ڪتاب جو نالو: آرسِيءَ آڏو
مصنف: ڪلا پرڪاش
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 23 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 388 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 131 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”آرسيءَ آڏو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪا ڪلا پرڪاش جو لکيل ناول آهي.
ڪلا پرڪاش جي لکڻين بابت، هند توڻي سنڌ جي نقادن وٽ اهو قبول ڪيل آهي ته؛ سندس ڪنهن به لکڻيءَ ۾ نفي/ نيگيٽوِ ڪردار نه آهن ۽ اهڙي مثال مان سندس اندر جي اُجرائيءَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ناول

  • (الف)
  • (ب)
  • (ٻ)
  • (پ)
  • (ڀ)
  • (ت)
  • (ٺ)
  • (ٽ)
  • (ث)
  • (ٿ)
  • (ف)
  • (ڦ)

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو : آرسِيءَ آڏو
    موضوع : ناول
    ناول نگار : ڪلا پرڪاش
    تعداد : هڪ هزار
    ڇاپو پهريون (سنڌ۾) : ماهوار نئون نياپو جون 2005
    ڇاپو ٻيون (سنڌ ۾) : مئي 2012ع
    ڪمپوزنگ: سرمد آڪاش

    پاران:
    نئون نياپو اڪيڊمي،
    D-1 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811

    Rs. 80/=


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آرسيءَ آڏو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪا ڪلا پرڪاش جو لکيل ناول آهي.

    ڪلا پرڪاش جي لکڻين بابت، هند توڻي سنڌ جي نقادن وٽ اهو قبول ڪيل آهي ته؛ سندس ڪنهن به لکڻيءَ ۾ نفي/ نيگيٽوِ ڪردار نه آهن ۽ اهڙي مثال مان سندس اندر جي اُجرائيءَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو.
    هي ڪتاب 2005ع ۾ ماهوار نئون نياپو پاران ڇپايو ويو، ٻيو ڇاپو 2012ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورا انعام عباسي جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ناول

    (الف)

    مان رات جو ٻين وڳي گهر پهتس. بيڊ روم ۾ گهڙڻ سان محسوس ڪيم ته سبيتا اڃا جاڳي رهي آهي. هوءَ ڀت پاسي منهن ڪري سُمهي پيئي هئي. هن پيرانڌيءَ کان منهنجي لاءِ الڳ بلئنڪيٽ رکي ڇڏيو هو. مان سندس ڀر ۾ ليٽي بلئنڪيٽ سان پاڻ کي ڍڪي رهيو هوس ته سبيتا مون طرف منهن ڪيو. چيائين، ”منوج توکان پرميلا لاءِ پڇيو سو توکي سُٺو لڳو؟“
    ”ڇا چيائين... مون کي ته ياد ڪونهي“ مُنجهندي وراڻيم.
    ”توکان پڇيائين ته تون پرميلا کي پروگرام تي وٺي ٿو وڃين ڇا– هاڻي ياد پيئه؟“ سبيتا جي آواز ۾ سخت ڪاوڙ هئي
    ”ها ...ياد پيم...“
    ”ته هاڻي جواب ڏي ...“ سبيتا بلئنڪيٽ هٽائي اُٿي ويٺي.
    ”ڇڏ سبيتا... ڀڳوان جي واسطي... روي شنڪر جي ستار ٻڌي موٽيو آهيان ... اَڃا ستار من ۾ وڄي رهي آهي توکي جيڪو جواب کپي سو مان توکي صبح جو ڏيندس.“
    ”مون کي هينئر ئي جواب کپي. مون کي اَڄ هڪ هڪاڻي ڪرڻي آهي توسان.“
    مون کي بلئنڪيٽ پري ڪري اُٿڻو پيو. سبيتا جي اکين ۾ اَکيون وجهي چيم، ”هڪ هڪاڻي ٿي نه سگهندي. اَسان کي تيسين گڏ رهڻو پوندو جيسين پٽڙو ويهن کن سالن جو ٿئي. مان منوج کي ڀڳل گهر جو بيگانو ٻار ٿيڻ نه ڏيندس.“
    منهنجو جواب ٻڌي سبيتا جي ڪاوڙ ڪاپار تي وڃي پهتي. هن جو ساهه تڪڙو کڄڻ لڳو. جنسي سهڪندي چيائين، ”۽ مان نٿي چاهيان ته پُٽ توسان رهي، تو جهڙا لڇڻ پرائي ... تون ڇا ٿو چاهين ته هو تو جهڙو بڻجي؟ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئي، آواره ٿئي– تو وانگر پنهنجو گهر نه ڪري؟ وڏو Pycho analyst ٿيو آهين... تو جهڙي پيءُ جو پُٽ ڪهڙو ٿيندو، ٻڌاءِ؟“
    سبيتا هي ڇا چيو؟... روي شنڪر جي ستار جو نشو ته ٽٽي ئي ويو پر مون اَندر جيڪو هڪ سچو صادق پيءُ آهي تنهن کي هن ههڙو چهنبدار پٿر هڻي ضربي ڇڏيو! ڳالهائڻ مهل سبيتا جو بدن ڏڪي رهيو هو پر منهنجو ته هن روح ڪنبائي ڇڏيو آهي...مان هن کي بيڊروم ۾ اَڪيلو ڇڏي هال جي بالڪنيءَ ۾ اَچي بيٺو آهيان. مون کي خبر آهي ته هوءَ اَڃا تائين ڪاوڙ ۾ آهي. شايد بليئنڪيٽ ۾ ويڙهجي روئندي هجي ... مون کان جواب طلبيندي هجي. مان کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟ کيس ٻڌايو اَٿم ته پرميلا سان منهنجي ساڌارڻ سنگت آهي. بس جيئن ڊاڪٽر سڪسينا منهنجو دوست آهي، تئين پرميلا منهنجي ساهيڙي آهي. اِهي ٻه متر ئي ته آهن جن دبئيءَ جي ٻُسي حياتيءَ ۾ رونق آندي آهي ...
    منوج مون کان پروگرام تي وڃڻ مهل پرميلا بابت پڇيو هو برابر. ته اِن ۾ سٺو لڳڻ نه لڳڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هو جيڪو چاهي سو مون کان پڇي سگهي ٿو. مان کيس سڌو، صاف جواب ڏيندس. هو منهنجو پُٽ آهي، منهنجو ننڍڙو سنگتي آهي، منهنجي جند جان آهي.
    مون کي منهنجو پيءُ ٿو ياد اچي، مان هڪ پُٽ جي حيثيت ۾ ڏاڍو بدنصيب رهيو آهيان. مان نٿو چاهيان ته اَهڙي بدنصيبي منوج جي پلئه پوي. سبيتا جو خيال آهي ته هوءَ منوج کي مون کان پري رکي جيئن هو مون جهڙا لڇڻ نه پرائي. مان سُلڇڻو آهيان يا ڪُلڇڻو اِن باري ۾ سبيتا جي فتويٰ ڀل ڪهڙي به هجي پر مان ڪڏهن نه چاهيندس ته منوج پيءُ جي پيار کان وانجهيل رهي. پيءُ جو پيار نه ملندو آهي ته ٻار مٿان ڇا گذرندي آهي اِن ڏک کي مون کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي؟
    مون کي پنهنجي پيءُ جي ياد ايندي ئي اِهو به ياد ايندو آهي ته هن جي سڀاءَ ۾ غضب جو ڪروڌ هو. منهنجيءَ ماءُ مون کي ٻڌايو هو ته جڏهن اسين پنهنجي وطن ملتان ۾ رهندا هئاسين ۽ مان اڃا اڍائي ٽن سالن جو هوس، تڏهن منهنجي پيءُ ڪاوڙ ۾ اَچي مون جيتامڙي کي پهرين مٿي کڻي پوءِ زور سان زمين تي سٽيو هو. منهنجيءَ ساڄيءَ ٻانهن جي ٺونٺ ۽ ڪلهي وٽ ڪا هڏي ٽٽي پئي هئي. اُها هڏي پوءِ ڪيئن جُڙي، اُها ته خبر ڪانهيم پر بابي جي ڏنل اِن سوغات سبب ساڄيءَ ٻانهن ۾ وِڏ اَڄ به آهي هينئر به ساڄي هٿ سان ڪُلهي کي ڇُهڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان پر ڇُهي نٿو سگهان. مون کي خبر آهي ته مان اِئين ڪري به نه سگهندس پوءِ به هر دفعي خيال ايندي ئي ساڄي هٿ سان ساڄي ڪُلهي کي ڇُهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ڄڻ بابي جي اُن مار کي ياد ڪندو آهيان، جنهن جي مون کي سانڀر به ڪانهي. مار کي ياد ٿو ڪريان يا بابي کي، سو سمجهي نٿو سگهان ڇو ته پيءُ کي هونءَ ياد ڪريان به ڪيئن؟ بابو معنيٰ مار. پنهنجيءَ سانڀر ۾ مون بابي جون بيشمار مارون کاڌيون. بابي نسبت اهڙيون ڳالهيون ياد ڪري اَڄ منهنجو من ڪوڙو نٿو ٿئي...صرف سوچيان ٿو ته آخر بابي جي اهڙي ڪروڌي سڀاءُ جو ڪارڻ ڪهڙو هو؟
    بابا جو هڪ ٻيو روپ به ذهن ۾ ڇپيل آهي.
    ورهاڱي بعد، ملتان مان لڏي آپور رهياسين. پوءِ دهليءَ مان ڀٽڪندا آخر بمبئيءَ نگر جي ڪوليواڊا جي هڪ غريب بستيءَ ۾ اَچي ٺڪاڻو ڪيوسين. تڏهن بابي روزي، روٽي ڪمائڻ لاءِ ڪوليواڊا اِسٽيشن جي ڀرسان ڀاڄين ۽ ميون جو ٻڌو واپار ڪرڻ لاءِ ڪوٺي ورتي. اُهو ڪاروبار هلائڻ لاءِ کيس ڏينهن رات هڪ ڪري پورهيو ڪرڻو پوندو هو. بابو ڏاڍو شريف، محنتي ۽ ايماندار ماڻهو هو. اَڄ بابا جي اُنهن گڻن جو قدر ٿيندو اَٿم. سوچيندو آهيان ته بابا کي ڪيترين مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو پيو پر ڪهڙين به ڏکين حالتن ۾ هن حياتيءَ ۾ اَپنايل پنهنجا اُصول نه ڇڏيا.
    ڏاڍو سيءُ پيو پوي. ڊسمبر جو مهينو آهي ۽ رات جا 3 وڳا وقت ٿيو آهي. ننڊ بلڪل ڪانه ٿي اَچي. من ايڏو جاڳي پيو آهي، جو سرير تي قابو پائي ويو آهي. مون کي اِئين لڳي ئي نٿو ته رات آهي. پر آسمان ۾ کڙيل اَڌ چنڊ چتائي رهيو آهي ته رات آهي. چنڊ ڏانهن نهاريندي خيال ٿيو اَٿم ته منهنجو وجود سدائين اَڌ کڙيل رهيو آهي. چنڊ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو اُڀرندو آهي. مڪمل! مون ڪڏهن پاڻ کي مڪمل نه ڀانيو آهي. هميشه هڪ اڌورائپ جيءَ کي کائيندي آهي.
    سيءَ سبب بدن ۾ ڏڪڻي ٿي ٿئي. بالڪنيءَ ۾ بيهي نٿو سگهان. اَندر هال ۾ اچي سوفا تي ويهي ٿو رهان. بلئنڪيٽ جي ضرورت ٿي محسوس ٿئي پر بيڊروم ۾ وڃڻ تي دل نٿي ٿئي.
    پنهنجو ڪوليواڊا وارو گهر پيو ياد اَچي. اُهو گهر منهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جو مرڪز آهي! اَڄ ته اَعتبار ئي نٿو اَچيم ته اُهو مان ئي آهيان جيڪو اُن گهر ۾ رهندو هوس! هڪ ڪمرو ۽ هڪ ورانڊو هو. ورانڊي جي هڪ ڪنڊ ۾ رنڌڻو هو ۽ ٻيءَ ڪنڊ ۾ بنا نل حوض هو. پاڻي ٻاهران عام نلڪي تان ڀرڻو پوندو هو ۽ ٽائليٽ به گهر کان ٻاهر عام هو، جيڪو اُن بستيءَ ۾ رهندڙ 6 ڪٽنب ڪم آڻيندا هئا. اُن ننڍڙي سوڙهي گهر ۾ مان پنهنجن ننڍن ڀائر ڀينرن ۽ ماءُ پيءُ سان ٻاويهه سال رهيس! اَمڙ اَبو اَهڙا اَٻوجهه هئا جو هيڏيءَ مفلسيءَ ۽ تنگدستيءَ ۾ گذاريندي به هر ٻئي سال اولاد جي عدد ۾ واڌ آڻيندا هئا، هنن جو ويساهه هو ته اولاد پرماتما جي دين آهي ۽ بندو اِن ڳالهه ۾ بيوس آهي. منهنجو ٻال من اُن وقت ڪڙهندو هو. جڏهن به خبر پوندي هئي ته اَمڙ هڪ نئين پراڻيءَ کي جنم ڏيڻ واري آهي تڏهن رڙيون ڪندو هوس پر اَندر ۾. منهنجون اُهي بي آواز رڙيون ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ نه آيون.
    منهنجا ٻه اَبهم ڀائر معصوم عمر ۾ ئي اَڻ هوند ۽ اَٻوجهائيءَ جي ڪفن ۾ ڍڪجي دنيا ڇڏي ويا. هنن جي موت جو نظارو هينئر به منهنجي اکين اڳيان آهي. هو ڪالرا جو شڪار ٿيا هئا. هنن جو علاج هڪ آيرويد جي حڪيم ڪيو . بابا جو آيرويد ۾ ۽ خاص اُن حڪيم ۾ ايڏو ويساهه هو جو ٻه ٻارڙا ڪالرا وگهي مرندي مري ويا پر ڊاڪٽر نه بدلايو ويو. بابا جا هر هڪ ڳالهه ۾ پنهنجا اُصول ۽ عقيدا هئا.
    ٻئي طرف اَمڙ هئي جيڪا ڪجهه چوندي ڪين هئي. منهنجي ڀائرن جي موت وقت اَمان ڪنڊ وٺي ڏاڍو رني هئي. علاج لاءِ ته ڪجهه نه چيائين پر منهنجي ڀائرن جا بي جان بت بدبوءِ ۾ پيا هئا ۽ اَمڙ هنن جي ڪا صاف صفائي نه پيئي ڪري صرف رني پئي اُن تان مون کي ڏاڍي چڙ آئي هئي ته هيءَ ڪهڙي قسم جي ماءُ آهي...هاڻي اِن چڙ ۾ ڪوڙاڻ ڪونهي. مان ماءُ جي اِن قسم جي وهنوار کي سمجهي نه سگهيو هوس ۽ تيسين معاف به نه ڪري سگهيو هوس، جيسين مون ڪلينڪل سائڪالاجيءَ جي وشيه سان ايم. اي. پاس ڪئي. اُن بعد بئنگلور جي نئشنل اِنسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ اَئنڊ نيورو سائنس مان ڊپلوما حاصل ڪيم. تنهن بعد وڃي منهنجي اَک پٽي ته اَمڙ جيجل مانسڪ طرف سگهي نه هئي. هن کي مايوسيءَ جا دوئرا پوندا هئا ۽ هوءَ پنهنجو سر هڪ بيوس شخص هئي.
    مان سمجهان ٿو ته رت ڪا وڏي شئي آهي! پنهنجن ابهم ڀائرن جي موت وقت من ۾ شايد ڪا اَهڙي باهه ٻري هجي جنهن ۾ جلندي اِهو پرن ڪيو هجيم ته وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندس. ڊاڪٽر بڻجڻ جو مقصد مون پاڻ ئي پنهنجي لاءِ ٺاهيو. اُهو مقصد حاصل به ڪيم، پر اِها ڪهڙي نه ڪٺور حقيقت آهي ته پنهنجي پروفيشن کان ڪٽجي هتي دبئيءَ ۾ هڪ دڪاندار بڻجي ويٺو آهيان! حال في اِلحال ته...
    سبيتا جيڪر سامهون ئي ويهي ته جيڪي ڳالهيون ياد اَچي رهيون آهن سي سڀ کيس ٻڌايان...سڄو ماضي اَندر ۾ اُٿلي پيو آهي ۽ سنڀالي نٿو سگهان پاڻ کي. پر سبيتا کي منهنجي ننڍپڻ جي ڳالهين ۾ ڪابه دلچسپي ڪانهي. هن وقت هن جي دل ۽ دماغ مٿان صرف پرميلا ڇانيل آهي. جيڪڏهن سبيتا ٻڌڻ چاهي ته مان کيس پرميلا بابت سربستي ڳالهه ٻڌايان ته منهنجي پرميلا سان واقفيت ڪيئن ٿي ۽ اسان جي دوستيءَ جي سيما ڪهڙي آهي...
    ٻه سال اڳ جي ڳالهه آهي...
    پرميلا اسان جي دڪان ”گرين گراس“ تان پنهنجي ٻارن لاءِ اِسڪول يونيفارم خريد ڪرڻ آئي هئي هڪ رواجي گراهڪ جيان. هڪ دلچسپ ڳالهه پوءِ ٻڌائي هئائين ته جيڪڏهن اسان جي دڪان جو نالو ”گرين گراس“ نه هجي ها ته شايد هوءَ يونيفارم خريد ڪرڻ هرو ڀرو اسان جي دڪان تي نه اَچي ها. ڪٿان به خريد ڪري ها. کيس اسان جي دڪان جو نالو ”گرين گراس“ ڏاڍو آرٽسٽڪ لڳو هو. هن جنهن ڏينهن يونيفارم خريد ڪيا، تنهن جي ٻئي ڏينهن فون ڪيو. مون فون جو رسيور کڻي عادت موجب چيو، ”گرين گراس“
    ”مان ڪالهه توهان وٽان ٻارن جا يونيفارم وٺڻ آئي هئس...“ ”ييس“ مون فارمل نموني چيو.
    ”توهان کي اَعتراض نه هجي ته توهين مون کي ٻڌائيندا ته توهين ڪٿان جا آهيو؟“
    ”مان بمبئيءَ جو آهيان.“
    ”بمبئيءَ جا آهيو؟“ هوءَ نراس ٿي ويئي هئي.
    ”توهان ڇا سمجهيو ته مان ڪٿان جو هوندس؟“
    ”مون سمجهيو توهان دهليءَ جا آهيو.“
    ”دهليءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويو هوس. اُتي چار پنج سال رهيو آهيان.“
    ”توهين ڇا اُتي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ آيا هئا؟“
    ”ها...“
    ”۽ رهندا مامي وٽ هئا؟“
    ”ها– پر توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“
    ”مون کي خبر آهي. هاڻي اِهو ٻڌايو ته توهان جو مامو دهليءَ ۾ ڪٿي رهندو هو؟“
    ”سبزي منڊيءَ ۾.“
    منهنجي پڦي به سبزي منڊيءَ ۾ رهندي هئي. مان اَڪثر ماءُ سان گڏ اُتي ويندي هئس. مون کي پڪ آهي ته مون توهان کي ڏٺو آهي. توهان کي ڪالهه ڏسڻ سان لڳو ته توهان جو چهرو سڃاتل آهي.“
    ”سچ پچ؟“ مان تپرس ۾ پئجي رهيو هوس.
    ”توهان جو نالو؟“ هن اُتساهه مان پڇيو.
    ”ڊاڪٽر اگروال“
    توهان جو فرسٽ نيم انوپ آهي؟“
    ”ها...پر توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“ مان عجب ۽ خوشيءَ وچان ديوانو بڻجي ويو هوس.
    ”بس مون کي خبر آهي. مان ڪالهه کان سوچي رهي آهيان ته مان توهان کي سڃاڻان ، ضرور سڃاڻان. توهين اَنوپ آهيو پر نالو ياد نه پئي آيو. هينئر توهان سان ڳالهائيندي ياد اَچي ويو!“
    ”توهان ته مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پنهنجي به ته سڃاڻپ ڏيو مان توهان سان ملڻ چاهيندس. جيڪڏهن توهان کي اَعتراض نه هجي ته...“
    ”مون کي ته اَعتراض نه ٿيندو هيڪاري خوشي ٿيندي.
    مون کي اِئين ٿو لڳي، اَنوپ، ڄڻ مون کي ڪو وڇڙيل متر مليو آهي. مان پنهنجي گهوٽ کان پڇنديس ته هو ڪهڙي ڏينهن واندو آهي پوءِ اُن ڏينهن توهان کي گهر گهرائينديس.“
    ”اِها توهان جي وڏي عنايت ٿيندي... پنهنجو نالو ۽ فون نمبرٻڌايو جيڪڏهن ... ”مان پرميلا آهيان فون نمبر آهي 3 0 8 1 2 4 ... لکيئه؟ چڱو اَنوپ باءِ!“
    هن فون رکي ڇڏيو...
    ٻيو ڪير مون کي ههڙي ڳالهه ٻڌائي ته مان جيڪر سمجهان ڪا من گهڙت ڪهاڻي آهي. پر اِهو سڀ ائين ٿيو سا حقيقت آهي سڄي. فون رکڻ بعد مون دماغ تي ڏاڍو زور ڏنو ته هيءَ پرميلا ڪير آهي جا مون کي هيڏيءَ پنهنجائيءَ سان اَنوپ ڪري ٿي سڏي!! ۽ مون بابت هيترو ڪجهه ڪيئن ڄاڻي؟ پر مون کي ڪجهه به ياد نه آيو. هر هر منهنجن ڪنن ۾ سندس لفظ ٻرڻ لڳا:
    ”توهان جو فرسٽ نيم اَنوپ آهي؟“
    هن جي پنهنجائيءَ واري نوع منهنجي اَندر ۾ اُڻ تڻ پئدا ڪري ڇڏي...چاهيان پيو جلدي گهر گهرائي. سڄو وقت سوچيندو هوس ته ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي جو سبزي منڊيءَ جو نالو وٺڻ سان مون کي جهٽ سڃاڻي ويئي. جيسين هن فون ڪري گهر گهرايو تيسين من ۾ عجيب بيچئني محسوس ڪئي هئم.
    پهريون دفعو جڏهن پرميلا گهر گهرايو هو تڏهن ٻڌايو هئائين ته دهليءَ ۾ هڪ لڱا هوءَ پنهنجيءَ ماءُ سان سبزي منڊيءَ وڃڻ لاءِ رڪشا ڳولهي رهي هئي ته جيڪا رڪشا کيس ملي تنهن جو ڊرائيور مان هوس. مون رڪشا اِسٽارٽ ڪندي ئي کيس چيو هو، ”سبزي منڊيءَ تائين ست رپيا لڳندا آهن، ڀاڙو مون کي توهين هينئر ئي ڏيئي ڇڏيو، جيئن اُتي مون کي منٽ به ترسڻو نه پوي.“ مون ساڻس انگريزيءَ ۾ ڳالهايو تنهن ڪري هن ڀاڙو ڏيندي مون کان پڇي ورتو ته مان پڙهيل ڳڙهيل ٿو لڳان پوءِ رڪشا ڇو ٿو ڪاهيان وغيره...مون کيس ٻڌايو هو ته دراصل مان ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهيان.
    .B.I.M.S (Bachelor of Integrated Medicine and Surgery )
    جي ٽئين سال ۾ پڙهي رهيو آهيان. گهر جي مالي حالت سقيم آهي، تنهنڪري واندي وقت ۾ رڪشا هلائي فيون ڀرڻ جيترا پئسا ڪمائيندو آهيان.
    باقي ماني مامي جي مهربانيءَ سان ملي ويندي آهي. پنهنجي مامي ۽ پيءُ کان هيءَ ڳالهه لڪل رکڻي اَٿم. کين خبر پوندي ته دکي ٿيندا ۽ ڏاڍي گهٽتائي لڳندن. منهنجو هي قصو ٻڌي پرميلا ايڏي متاثر ٿي هئي، جو چوي ٿي ته مون کي دل ئي دل ۾ دعا ڪئي هئائين ته مان ڊاڪٽر بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿيان. رڪشا ۾ ڳالهيون ڪندي مون کان نالو به پڇي ورتو هئائين.
    دهليءَ ۾ مون گهڻيون ئي نوڪريون ڪيون هيون. رڪشا به هلائي هئم. ڪڏهن ڪڏهن بابو پئسا موڪليندو هو ته هاسٽل وڃي رهندو هوس نه ته اڪثر ڪاليج مان ڇٽڻ بعد ڪا ننڍي وڏي ڪرت ڪندو هوس اُتان فارغ ٿي سڌو ويندو هوس روشن آرا گارڊن ۾. اُن گارڊن جي وڏن شاهي وڻن مون کي پناه ڏني. ڪهڙيءَ به موسم ۾ اُهي گهاٽا وڻ ڇانو ۽ ٿڌڪار ڪيو اُڀا بيٺا هوندا هئا. اُتي وڃي پڙهندو هوس...شام جو ڇهين وڳي ڌاري باغ جون بتيون ٻرنديون هيون. اوندهه ٿيڻ کان پوءِ اُنهن بتين جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي. تڏهن به رات جو نائين وڳي تائين اُتي ويٺو هوندو هوس...مامي جو گهر ننڍو هو. اُتي پڙهڻ جي سهوليت بلڪل نه هئي. مامو، مامي ٻئي هئا به ڏاڍا تنگدل شخص. مان هنن وٽ چار سال رهيس. جڏهن بابو پئسا نه موڪلي سگهندو هو تڏهن هٿ ڏاڍو تنگ ٿيندو هو. هڪ دفعو ماما کان رڳو پنج رپيه اوُڌارا گهريم ته اِنڪار ڪيائين. وري مون کانئس ڪڏهن ڪجهه به نه گهريو. تنهن ڪري ڪڏهن رڪشا هلايم ته ڪڏهن فوٽو اسٽوڊيو ۾ نوڪري ڪيم. هڪ وئڪيشن ۾ اسٽيشنري جي دڪان تي سيلسمئن ٿيو هوس. هڪ دفعي ته اَٽي پيسڻ جي چڪيءَ تي به ويٺو هوس پر محنت جي ڪمائيءَ مان پورت نه پوندي هئي، تنهنڪري ڪئش مان پئسا لڳائڻ جي عادت پئجي ويئي. مامي ماميءَ جا کيسا به ڪڏهن ڪتريا هئم.
    درحقيقت پئسا تڳائڻ جي عادت جي شروعات پنهنجي گهر سان ئي ٿي هئي... تڏهن مان ڏهن سالن جو هوس...پهريون دفعو پنهنجي پيءُ جي سيرانڌيءَ کان رکيل هڪ اَنگوڇي ۾ ٻڌل سڪن جي هڙ کولي هئم ۽ صرف هڪ پائلي تڳائي هئم. وري اُها هڙ جيئن جو تيئن واپس رکي ڇڏي هئم. هن هڙ ۾ ڪيتريون ئي چانديءَ جون پائليون ۽ آڌيون هيون. بابي شايد اُهي سڪا ملتان کان آندا هئا ۽ خرچڻ نه پئي چاهيا. چانديءَ جي هڪ پائليءَ جي بدلي ۾ 6 ست آنا مليا هئم. اُن ڏينهن اُسڪول گسائڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو هو. سيان ۾ ٽڪي ڊٻروٽي ۽ ڀِيل وغيره کاڌي هئم پوءِ سڄو ڏينهن ٽڪريءَ واري باغ ۾ گذاريو هوم. شام جو جيئن اِسڪول بند ٿيڻ جو وقت ٿيو، تيئن ڪتابن جو ٿيلهو ڪلهي ۾ وجهي گهر هليو ويس. اُن ڏينهن منهنجي چوري ڪانه پڪڙي، پر جڏهن ستون اٺون دفعو اِئين ڪيم تڏهن پڪڙجي پيس! اُن ڏينهن بابي جي اَنگوڇي واري هڙ مان وڌيڪ پئسا تڳايا هئم ۽ روپم ٿئيٽر ۾ فلم ڏسڻ ويو هوس. فلم ختم ٿيڻ سان جيئن سنيما هال مان ٻاهر نڪري رهيو هوس، تيئن ئي چاچي گلاٽيءَ جي مون تي نظر پئجي ويئي. هو اُتي ئي مڱ۾ ڦلي وڪڻي رهيو هو. چاچو گلاٽي اسان جو پاڙيسري هو. هو به منهنجي پيءُ وانگر شريف ۽ ايماندار ماڻهو هو. اِهو ڪيئن سهي ته هڪ شريف پاڙيسريءَ جو پُٽ هيئن کرجي پوي ۽ اِسڪول گسائي فلمون ڏسي! هو رات جي وقت اسان جي گهر آيو ۽ جيئن ئي منهنجي پيءُ کي حقيقت ٻڌايائين، تيئن بابي مون کي چاچي گلاٽيءَ جي سامهون ئي پهرين هٿن سان ۽ پوءِ پنهنجي جتيءَ سان خوب ڪٽيو. چاچي گلاٽي گهڻي ئي آزي نيزاري ڪري بابي جي وڌيڪ مار کان ڇڏايو. پاڙيسريءَ جي حجت سان بابا کي چيائين، ”ڇوڪري کي جان کان ماري وجهندين ڪيئن؟“ تنهن تي بابي سائينءَ وراڻيو هو، ”سائين توهان کي خبر ڪانهي ته هن ڇوري ڪيئن منهنجي نڪ ۾ دم آندو آهي. اِسڪول وڃي ئي ڪين ٿو. مون کي هن جون روز ٿيون دانهون ملن.“
    بابي جي مار کائڻ رواجي هئي پر اُن رات واريءَ مار جو اَثر اڄ به محسوس ٿو ڪريان.
    اڄ جيڪڏهن منوج اسڪول وڃڻ کان نٽائي يا مون وانگر چوريءَ اِسڪول گسائي ته مان ڇا ڪريان؟ ڌڻي ڪري ائين نه ٿئي ته مان جيڪر کيس مارڻ بجاءِ ڪارڻ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريان. سندس اُستاد سان ملان. منوج کان پيار سان پڇان ته توکي اِسڪول ڇو نٿو وڻي. پر بابا کي ڪڏهن اِهو خيال ڪونه آيو جو مون کان کڻي پڇي ته مون اوچتو اسڪول گسائڻ ڇو شروع ڪيو. مان شروع کان گوسڙو شاگرد نه هوس. جيڪي چار درجا ميونسپل جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيس سي نيم سان اسڪول ويندو هوس. مون کي ياد ڪونهي ته ڪو مون هڪ ڏينهن گسايو هو ۽ اُن اِسڪول ۾ ذهين شاگرد طور اُستادن جو پيارو رهيو هوس.
    اُن بعد پنجون درجو پڙهڻ لاءِ سيڪنڊري اِسڪول ۾ داخل ٿيس اُتي جو مون کي هڪ واقعو ياد آهي. هڪ ڏينهن اسان جي استاد بورڊ تي حساب سيکاريندي غلطي ڪئي. اِن تان منهنجي کل نڪري ويئي هئي. اُستاد کان منهنجي کل سٺي نه ويئي. هن مون کي ڀر ڪري چماٽ هنئي. مون اُستاد جي لپاٽ جي پرواهه نه ڪري رسيس مهل اُهو ئي حساب درست نموني بورڊ تي لکي ڇڏيو. منهنجي اُستاد حسابن ۾ هوشيار هجڻ جي اِنعام طور ٻي اهڙي لپاٽ هنئي جو ڳل ئي سڄي پيو. اُن هڪ واقعي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ياد نٿو اچيم. اڄ سوچيان ٿو ته ضرور اهڙيون ڪي ٻيون به ڳالهيون ٿيون هونديون، تنهن ڪري اسڪول تان ارواح کڄي ويو هوندم. ٻه ڏينهن ڳل سڄيل هو پر ڪنهن به گهر ۾ ڪين پڇيو ته منهنجو ڳل ڇو سڄيل آهي!
    اِسڪول گسائڻ تان جنهن رات چاچي گلاٽيءَ جي سامهون مار کاڌم، اُها سڄي رات مان ڪنجهيو ڪرڪيو هوس. ماني به نه کائي سگهيو هوس. ماءُ ڳوڙها ڳاڙيندي سمهي پيئي هئي. وڏيءَ ڀيڻ ڳراٽڙيون پائي ماني کائڻ لاءِ چيو پر مون کي بابا منهن تي ايڏيون چماٽيون هنيون هيون جو سڄو منهن سور ڪري رهيو هو ۽ ماني کائڻ مون لاءِ ممڪن ئي نه هئي. سرلا به بکي سمهي پيئي...
    بابا نيم مطابق پرڀات جو چئين وڳي ڌونڌاڙي اُٿاريو. چيائين، ”اَنوپ! پاڻيءَ جون بالٽيون ڀري اَچ. سنان ڪري جلد وڃڻو اَٿم.“
    مان چپ چاپ اُٿيس پر من بغاوت ڪئي. بابو جيئن ئي ٽائليٽ ۾ ويو تيئن ئي هن جي ڪوٽ جي اَندرئين کيسي مان نوٽن جي ٿهي ۽ پنهنجو هڪ وڳو کڻي گهر مان ڀڄي نڪتس ۽ ڊڪندي ڊڪندي ڪوليواڊا اِسٽيشن تي پهتس جتان لوڪل ٽرين پڪڙي وي. ٽي. اِسٽيشن تي پهتس. منهنجو بک ۽ اُڃ ۾ ساهه نڪري رهيو هو، سو ريلوي جي ٽي اِسٽال تان ٻه ٽي بن وٺي کاڌم ۽ چانهه جو ڪوپ وٺي پيتم. اُن بعد هڪ ميل ٽرين ۾ وڃي ويهي رهيس. مون کي خبر ڪانه هئي ته ڪهڙي سفر تي اسهيو آهيان. منهنجي من ۾ ڪا رٿ نه هئي. رٿون رٿڻ جي منهنجي عمر به نه هئي. اِها به خبر نه هئم ته ٽرين ڪيڏانهن ويندي. جيئن ئي ٽرين ڇٽي تيئن مون کي ننڊ کڻي ويئي. جڏهن اک کليم تڏهن خبر پيم ته لوناوالا اِسٽيشن ويجهي آهي، جن مسافرن کي لوناوالا تي لهڻو هو، سي پنهنجو سامان سنڀالي دروازي طرف وڃي رهيا هئا. مون کي به ريچڪ اچي ويو، سو لوناوالا تي لهي پيس. ٽڪيٽ نه هجڻ طرف پڪڙجي نه پوان تنهنڪري ڪوليءَ جو روپ ڌارڻ ڪيم. پنهنجي ڪپڙن جو وڳو ڪڇ ۾ سنڀالي هڪ پارسي جوڙي جو سامان کنيم. هنن سان اٺن آنن جي مزوريءَ جي ٻول ڪيم. کين سندن بنگلي ٻاهران ڇڏيم تڏهن پارسي عورت کي مون تي قياس پئجي ويو. اٺي آنن جي بجاءِ هڪ رپيو ڏيڻ جي ڪيائين پر مون انڪار ڪيو. اَٺ آنا وٺي رفو چڪر ٿي ويس ۽ سڄو ڏينهن لوناوالا ۾ خوب ٺينگ ٽپا ڏنم، کاڌم پيتم. منهن اونداهي ٿي ته ٿڪجي فنا ٿي پيس. ٻي ڪا جڳهه نه سجهي. اُن ئي پارسي جوڙي جي بنگلي ٻاهران لان ۾ هڪ ڪنڊ وٺي سمهي پيس...ڏاڍي گهري ننڊ آئي هئي پر پرڀات جو چئين وڳي اک کلي پيئي هئي...
    ٻن ٽن سالن کان چئين وڳي اُٿندو آيو هوس. بابا هر روز پاڻيءَ جون بالٽيون ڀري اَچڻ لاءِ جاڳائيندو هو. هن جي هدايت هئي ته اَڇين جست جي بالٽين کي نل تي وڃي چڱي طرح ملي ڌوئي بلڪل صاف ڪري بالٽيون سندس سنان لاءِ ڀري اَچان. گرمي هجي يا سردي پر بابي جو اِهو ڪم ڪرڻو ئي پوندو هو...بابي سائينءَ کي وس وس ڏاڍي هئي. هڪ ڏينهن بالٽي نه ملجي اهو ٿي نٿو سگهي. هو تمام ڌرمي ويچارن جو ماڻهو هو ۽ صفائيءَ کي شايد ڌرم جو حصو سمجهندو هو...اڄ جي بابا جي صفائي واريءَ ڳالهه تي منطقي نموني ويچار ٿو ڪريان ته منهنجي من ۾ سوال ٿو پئدا ٿئي ته بابا جيڪڏهن بالٽيون روز ملڻ ضروري سمجهندو هو ۽ پنهنجي ڪپڙي لٽي توڻي جسم کي هر طرح اَڇو اُجرو ۽ پوتر رکڻ ضروري سمجهندو هو ته ڪوليواڊا وارو ننڍڙو سوڙهو گندو گهر کيس راس ڪيئن آيو؟ هو سالن جا سال اِن جهوپڙيءَ جهڙي گهر کي چنبڙيو رهيو. ههڙي گندگيءَ ۾ رهڻ کان کيس بڇان ڇونه آئي؟ پاڙو به ڪيڏو گندو هو! پاڙيسري...اشوڪ جو پيءُ رستي تي پڙي ڪڍي ڀاڄي وڪڻندو هو. تلسي جي پيءُ کي ننڍڙو درزڪو دڪان هو. اجيت جو پيءُ گهر گهر مان جهونو سامان خريدي وڪڻندو هو. ٻئي هڪ پاڙيسريءَ کي پان ٻيڙيءَ جو دڪان هو...گلاٽي چاچو روپم ٿئيٽر جي ٻاهران مڱيرا وڪڻندو هو... هڪڙو ٻه ڪٽنب ٿورا پئسي وارا ٿيا ته ڪوليواڊا ۾ ئي سنڌ سيوا سمتي نگر ۾ وڃي گهرڙا ورتائون. اُن وقت سنڌ سيوا سمتي نگر جي گهرڙن کي پري کان حسرت ڀري نظر سان ڏسندو هوس. اُهي به بئرڪ ٽائيپ گهر هئا پر رڌڻو حوض وغيره ته گهر ۾ هو...اُنهن ٻنهي ڪٽنبن جي ٻارن اسان سان گڏجڻ مسجڻ ئي ڇڏي ڏنو. هنن مائٽن جي چوڻ تي اسان جي دوستي ٺڪرائي ڇڏي هئي...کين ائين سمجهايو ويو ته اَسين گهٽ ذات وارا آهيون ۽ هنن کي اسان گهٽ ذات وارن سان ملڻ جلڻ نٿو سونهين. اِهو ڄاڻي اُن وقت دل ۾ جيڪو مفلسيءَ جو ڪنڊو اَڳي ئي چڀيل هو تنهن جي چهنب ڄڻ تکي ٿي ويئي هئي...هيءَ ڳالهه ياد آئي آهي ته اُن ڪنڊي جي چڀ چڀ اڃا به اَندر ۾ محسوس ٿي ٿئيم.
    چاهيان ٿو هي سڀ ننڍپڻ جون ڳالهيون تفصيلن سان سبيتا کي ٻڌايان. پر هن جي منهنجي ننڍپڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانهي. جيڪڏهن هوءَ ڪجهه به ڄاڻڻ ٿي چاهي ته صرف اِهو ته سلڪشڻا ... ۽ ٻيون عورتون جيڪي منهنجي زندگيءَ ۾ آيون آهن تن سان منهنجو ڪهڙو تعلق رهيو آهي. سچ اِهو آهي ته مون پنهنجي حياتيءَ جي ڪنهن به حصي کي، ڪنهن کان به لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.


    (ب)

    هال ۾ سوفا تي ويٺي ويٺي اَڌ رات گذاري اَٿم. ڀرڀات جا چار وڳا وقت ٿيو آهي. ايترو ته ماضيءَ جي گهٽين ۾ ڀٽڪيو آهيان، جو اڄ جي حياتي مٿيا ٿي لڳي. پاڻ کي اڄ کان ايترو اوپرو ۽ الڳ پيو سمجهان جو لڳي ٿو ته روي شنڪر جي ستار رات نه پر ورهيه اڳ ٻڌي هئم... ڄڻ مان دبئيءَ ۾ نه آهيان. هي گهر منهنجو نه آهي. مان ”گرين گراس“ جو مالڪ نه آهيان. ڄڻ مان ننڍڙو بڻجي ويو آهيان...
    هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن ڏهن يارهن ورهين جو هوس. بابا جي مار کائي گهر مان رفو چڪر ٿي ويو هوس. اُها منهنجي گهر مان ٻي ڀاڄ هئي. ڪوليواڊا ۾ ئي هڪ ننڍيءَ بيڪريءَ تي وڃي نوڪري ڪئي هئم. ماهوار ٽيهه رپيه پگهار جي ٻول ٿي هئي. بيڪريءَ جا ڪيڪ ۽ ڊٻروٽيون سويل صبح کان شام تائين گهر گهر وڃي وڪڻندو هوس...رات جي وقت ٻه ڪيڪ ٻه ڊٻروٽيون کائي بيڪريءَ جي ڪئبن ٻاهران هڪ ڪاٺ جي تختي تي سمهي پوندو هوس. بابا کي خبر به پيئي پر مون کي پرچائڻ، پرڀائڻ ڪين آيو...مهينو نوڪري ڪرڻ بعد جڏهن بيڪريءَ واري مون کي ٽيهن جي بدران پنجويهه رپيا پگهار ڏنو تڏهن اهو اَنرٿ سهي نه سگهيس ۽ هن جي ڊٻروٽين جو ڇٻو کڻي ڀڄي ويس. بيڪريءَ واري پوليس ۾ رپورٽ ڪري مون کي چوريءَ جي اِلزام ۾ پڪڙايو...پوءِ پوليس اِسٽيشن تي بابا کي سوئ رپيه ڏنڊ ڏيڻو پيو ۽ مون کي جيل نه اُماڻين تنهن لاءِ پوليس اڳيان بابي جيڪي آزيون نيزاريون ڪيون! بابا جو اهو لاچار ۽ بيوس روپ ياد ڪري اڄ به دکي ٿو ٿيان. مون بابي کي ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ مان هڪ Problem Child هوس...پر اِهو دک اڃا تائين آهي ته بابا مون تي ڪڏهن ويساهه نه ڪيو. اُن وقت بابا رڳو مون تي ويساهه ڪري ها ته بيڪريءَ واري مون سان ڊوهه ڪيو هو...مان چور نه هوس. مون کيس گهڻو ئي چيو پر بابا اِهو نه مڃي نه مڃيو ته ڪو مان سچ تي هوس. جيڪر منهنجي چوڻ تي اِعتبار ڪري ها ته بابا جو اُهو ويساهه منهنجيءَ حياتيءَ ۾ روشني ڦهلائي ڇڏي ها. مان محنت مزوري ڪندو رهان ها. سچ جي راهه تي هلندو رهان ها. ڌڻيءَ مون کي غريب گهر ۾ پئدا ڪري هڪڙو سراپ ته ڏنو ئي هو پر ٻيو سراپ هو بابا جو اَوشواس.
    قدرت مون کي تيز دماغ ۽ حالتن سان ٽڪر کائڻ جي اَٿاهه شڪتي بخشي آهي. ننڍپڻ کان ، لڙاڪو ۽ نڊر رهيو آهيان. غريبيءَ سان ننڍپڻ ۾ ئي انيڪ نموني لڙيو هوس. مون ستن اَٺن سالن جي عمر ۾ بمبئيءَ جي لوڪل ٽرين ۾ کٽمٺڙا وڪيا آهن، رومال ۽ ڦڻيون وڪيون آهن. اهي سڀ راهون راس نه آيون پوءِ وڃي ابتين راهن تي پيس. ٻه ٽي سال ته زندگيءَ جي روشنيءَ کان بلڪل الڳ ٿي ويو هوس. پوءِ جڏهن بابا کي خبرون ملنديون هيون ته سندس پُٽ ڦلاڻي جا رپيه چوري ڪندي پڪڙجي پيو...يا سيان اِسٽيشن جي پٺيان ٽڪريءَ واري باغ جي هيٺان هڪ پاڪيٽ مار غنڊن جي ٽوليءَ ۾ شريڪ ٿي ويو آهي...ته اِهي سڀ ڳالهيون ٻڌي منهنجو اخلاق پسند پيءُ مون جهڙي بدڪار پُٽ کي ڏمرجي مار نه ڏئي ته ڇا ڪري؟ هو ڪو مون وانگر Psycho Analyst ته ڪونه هو، جو منهنجي بدڪاريءَ جا ڪارڻ کوج ڪري.
    ننڍپڻ جون اِهي سڀ ڳالهيون مون هڪ ئي سانئڻ سان ونڊيون آهن ۽ اُها آهي پرميلا. هوءَ ڏاڍي چاهه سان منهنجون ڳالهيون ٻڌندي آهي. پهرين دفعي ملڻ سان ئي من سان ايڏي نزديڪي محسوس ڪئي هئم ڄڻ سالن کان سڃاڻانس جيتوڻيڪ پهريون دفعو سندس گهر هٻڪي هٻڪي ويو هوس. پر وڃڻ وقت هڪ عجيب راحت به محسوس ڪئي هئم. اِئين پيو سمجهان ڄڻ حياتيءَ جي اَفساني ۾ هڪ نئون باب شروع ٿي رهيو آهي. جڏهن سندس گهر پهريون دفعو وڃي رهيو هوس تڏهن مون کي ته سندس چهرو به خيال ۾ نه هو. صرف فون تي آواز ٻڌل هو. هن جي گهر جو ڊوربيل وڄائڻ مهل دل جي عجيب حالت هئي. اُهو جمعي جو ڏينهن هو. پرميلا جا ٻئي ٻار العين جو Fun City ڏسڻ ويا هئا. سندس گهوٽ ارجن به آفيس ويو هو. مون ڊوربيل وڄايو ته در هن پاڻ ئي کوليو. مون کي سوفا تي ويهاري پاڻ منهنجي سامهون واري سوفا تي ٿي ويٺي. مون کي ڏسندي ئي اِئين ڳالهائڻ شروع ڪيائين ڄڻ مدت کان ڪي ڳالهيون چوڻ لاءِ منتظر هجي. چيائين ”اَنوپ! تنهنجي مامي ۽ تنهنجي پيءُ کي اِها گهٽتائي پيئي لڳي ته تون رڪشا هلائين ... پر تون جيڪو اُن وقت ويهن ايڪويهن سالن جو هئين...۽ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ هئين توکي گهٽتائي نه پئي لڳي رڪشا هلائڻ! تنهنجي اِها ڳالهه ٻڌي مون کي اِئين لڳو هو ڄڻ تون ڪنهن آرٽ موويءَ جو نائڪ آهين ... يا منشي پريمچند ... ڪرشنچندر جي ڪنهن ناول جو نائڪ آهين!“
    ملندي ساڻ ئي هن مون کي ستين آسمان تي پهچائي ڇڏيو. مون کي پنهنجي ساراهه ڏاڍي وڻي پيئي. پر سداچار جي خيال کان ٻه ٽي سوال سندس باري ۾ پڇيم ته هوءَ اُن زماني ۾ ڇا ڪندي هئي.
    پنهنجي باري ۾ ٻڌايائين ته اُن وقت هوءَ تيرهن سالن جي هئي ۽ ڊگري ڪاليج جي پهرين سال ۾ هئي. سندس وشيه لٽريچر هو. پاڻ لاءِ چيو هئائين، ”اَلائي ڪهڙيءَ دنيا جي رهواسڻ هئس، سمجهندي هئس آسمان جا چنڊ ستارا ڌرتيءَ تي لاهڻ لاءِ ڪا جادوگر شهزادي بڻجي دنيا ۾ آئي آهيان.“
    پر ٻاويهن سالن جي عمر تائين اُها شهزادي اَلوپ ٿي ويئي جڏهن سندس مائٽن کيس ارجن سان پرڻائڻ جو فيصلو ورتو تڏهن هوءَ نه شاديءَ کان انڪار ڪري سگهي ۽ نه خوش ئي ٿي سگهي هئي. چپ چاپ شادي ڪري دهليءَ کي الوداع ڪري دبئيءَ ۾ هلي آئي هئي...
    سندس باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿوري دير هلي. هوءَ وري مون کي پڏائڻ لڳي. تڏهن مون کيس چيو، ”سو توهين مون کي ائين سڃاڻو ته مان هڪ رڪشا ڊرائيور آهيان.“
    ”نه...، صرف رڪشا ڊرائيور آهين ان طرح نه سڃاڻان توکي، اَنوپ! تنهنجي من اندر جيڪو اوچ انسان هو، تنهن سان منهنجي سڃاڻپ ٿي هئي. اُها روح جي سڃاڻپ هئي ۽ روح جا رشتا ڪڏهن نه ٽٽندا آهن.“
    ”اوچ انسان...۽ مان! مون کي ڪنهن به اوچ انسان ڪري نه سمجهيو آهي. پنهنجي ڪٽنب ۾ ته رواجي اِنسان به نه سمجهندا آهن...ڊاڪٽر بڻجڻ بعد مٽن مائٽن ۾ ٿورو مانُ ٿيو هو ۽ يار دوست به ٿورو ليکيندا آهن پر اوچ اِنسان؟ هن نئين، نرالي لقب کي دل جي ڪهڙي تهخاني ۾ سانڍي رکان؟“ پرميلا ڏانهن نهاري مرڪي پيو هوس ۽ چيو هوم، ”مون کي هيڏو مان ڏيئي رهيا آهيو، تنهن لاءِ گهڻي مهرباني.“
    اُمالڪ وراڻيو هئائين، ”تون اُن مان جي لائق آهين...اَنوپ! Earn and Learn جو اُصول اڄ عام ٿي چڪو آهي پر ڪهڙو به ڪم ڪرڻ ۾ عار نه ڪجي...تون ملئين ته Dignity of Labour واريءَ ڳالهه جو بهترين مثال لڳو هئين تون.“
    هوءَ ڪجهه وقت لاءِ رنڌڻي ۾ ويئي ته مان هنن جي هال جي سجاوٽ ۽ فرنيچر ڏسي سمجهي ويس ته هوءَ اَمير ماڻهوءَ جي پتني آهي. هال ۾ هڪ بوڪ شيلف به هو...مان بوڪ شيلف وٽ وڃي بيٺس ۽ شيشي مان ئي ڪتابن جا نالا پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس...گهڻا ڪتاب هندي شاعريءَ جا هئا. هرونش راءِ بچن جو ”مڌو شالا“ ته مان جلد ئي سڃاڻي ويس. ٿورڙا هندي ناول به هئا. مان اُتي بيٺو هوس ته فون جي گهنٽي وڳي. پرميلا جي گهوٽ ارجن جو فون هو. هن چيو ته کيس گهر ۾ اچڻ ۾ اڃا ڪلاڪ کن لڳندو. ”پرميلا کيس چيو، ”هي ڇا ٿو ڪرين. ڪيئن به ڪري پاڻ ڇڏائي اَچ. پليز ارجن...ڊاڪٽر اگروال پهچي ويو آهي.“
    مون کي ان ڳالهه تان عجب لڳو ته پرميلا سامهون مون کي پيار پاٻوهه مان اَنوپ...اَنوپ سڏي رهي هئي پر گهوٽ سان فون تي ڳالهائيندي مون کي ڊاڪٽر اگروال ڪري سڏيائين...
    پرميلا سنگترن جي رس جا ٻه گلاس کڻي آئي. اسان جوُس پيئڻ شروع ڪيو ته پرميلا چيو، ”مون کي توکان گهڻا ئي سوال پڇڻا آهن. پهرين ته تون اِهو ٻڌاءِ ته تو ڊاڪٽر بڻجڻ کان پوءِ هن دبئيءَ ۾ اچي دڪان ڇو کوليو آهي؟“
    پرميلا جي هن سوال منهنجو من گائون مائون ڪري ڇڏيو. ڪير به مون کان پڇندو آهي ته ڊاڪٽر بڻجڻ کان پوءِ هت دبئيءَ ۾ اچي مان دڪاندار ڇو بڻيو آهيان ته مان ڏاڍو بي چين ٿي ويندو آهيان. مان خود پاڻ کان ڪنهن مهل اهو سوال پڇندو آهيان ته مون ڇو ڇڏي بمبئي؟ صبح واري ڪلنڪ ۽ شام واري ڪنسلٽنسيءِ ۾ پرئڪٽس ڌيري ڌيري وڌي ها...
    مون پرميلا کي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي ته ڪيئن مجمودار نالي هڪ شخص سان ملاقات ٿيڻ سبب منهنجي زندگي اوچتو بدلجي ويئي. هن جي پتني مانسڪ مرض ۾ مبتلا ٿي پيئي هئي، هو کيس منهنجي ڪنسلٽنسيءَ ۾ علاج لاءِ وٺي آيو هو... منهنجي اِها ڳالهه اڃا ختم نه ٿي هئي ته ارجن اَچي ويو. اوچتو ارجن جي اَچڻ سبب پنهنجو داستان ٻڌائڻ بند ڪيم.
    اَرجن ايندي سان پنهنجي خوش طبع انداز سان هٿ ملائي چيو، ”هيلو ڊاڪٽر صاحب. معاف ڪجو مون کي موٽڻ ۾ دير ٿي ويئي. نالي ۾ مئنيجر آهيان. پر حقيقت ۾ سيٺ جو ڪلارڪ به مان ئي آهيان ته ٽائيپسٽ به. ٽيليفون به مان سنڀاليان ته ٽيليڪس به مان آپريٽ ڪريان. هن جي پٽيوالي به مون کي ڪرڻي پوي. هفتي ۾ هڪ جمعو به سڄي موڪل نٿي ملي...“
    اَرجن اَچڻ سان وايو منڊل ئي بدلائي ڇڏيو. هن جي پرپٺ مون ۽ پرميلا ڳنڀير ڳالهيون پئي ڪيون. پر اَرجن ڳنڀير ڳالهين مان ڄاڻي ئي ڪونه. هن اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون جو ڄڻ محسوس ٿيو ته زندگي معنيٰ جيئڻ ۽ دوست معنيٰ کل خوشي ورهائڻ. هن منهنجي ڏاڍي خاطرداري ڪئي. پنجن منٽن جي اندر سوفا اڳيان رکيل ميز تي بيئر جا دٻا اچي ويا ۽ سڄي ميز کاڌي جي شين سان ڀرجي ويئي. کاڄا پستا...گانٺيا.. پاپڙي.. چيز بالس، ويفرس... ۽ هو ٻاهران ڪباب وٺي آيو هو سي اوون ۾ گرم ڪري کڻي آيو. پوءِ بس کائڻ پيئڻ ۽ کل ٽهڪڙو هو. پرميلا بابت چيائين، ”منهنجيءَ شريمتيءَ کي شل نه ڪو دهليءَ جو ماڻهو گڏجي. مان ته کيس چيڙائيندو آهيان ته ٻن ٻارن جي ماءُ ٿي ويئي آهين اڃا تائين دهلي ۽ پيڪا ائين ٿي ياد ڪرين ڄڻ دبئيءَ ۾ نٿي رهين! هن جو اڃا من دهليءَ ۾ آهي. توهين ئي ٻڌايو، ڊاڪٽر اگروال! جيڪڏهن منهنجي سڪيلڌي زال جو اِهو حال رهيو ته مون غريب جو ڇا ٿيندو؟“
    اَرجن جي زنده دلي ۽ بي حجابيءَ واري وهنوار مون کي ايڏو متاثر ڪيو جو من ۾ جيڪو کٽڪو هوم ته پرميلا جو گهوٽ الائي ڪهڙي قسم جو ماڻهو هوندو...نه ڄاڻ هو سڪ ڏيندو يا نه، سو کٽڪو لهي ويو. هو منهنجي جواب لاءِ به نه پئي ترسيو. ويو پئي صرف ڳالهائيندو. مان صرف کلي رهيو هوس. بيئر جو ٻيو دٻو کوليندي چيائين، ”پرميلا کي توهان جي دڪان جو نالو ”گرين گراس“ ڏاڍو آرٽسٽڪ لڳو.“
    تنهن تي مون چيو هو ته ”مسز پرميلا خود آرٽسٽڪ طبيعت جي هوندي...“
    مونکي اڌ ۾ ئي ڪٽي چيو هئائين، ”هوندي، يار...“ هو ڏاڍي چاهه مان بيئر پي رهيو هو ۽ ڪباب کائي رهيو هو. ڪباب وات ۾ وجهندي چيائين، ”پاڻ ته آرٽ وغيره مان نه ڄاڻون. هاڻي شام ٿيندي ته هن بوڪ شيلف مان ڪوتا جو ڪو ڪتاب ڪڍي ويهي پڙهندي. مون کي چوندي تون به ويهه ته توکي ڪوتا ٻڌايان. مون کي ڪير ڪوتا ٻڌائي معنيٰ رڍ اڳيان رباب ٿو وڄائي...“
    هن جي ان ڳالهه تان ته مان کل ۾ اونڌو ٿي ويو هوس.
    پرميلا ميز تي ماني رکي ته اَرجن هلڪو ميوزڪ هلائي اچي ماني کائڻ ويٺو. مون پهريون گرهه وات ۾ وجهندي چيو، ”هي جيڪو ميوزڪ هلايو اٿوَ ان مان ته لڳي ٿو توهين به آرٽسٽڪ سڀاءُ جا آهيو.“
    ”اَري نه يار نه– ميوزڪ پوئٽري وغيره مان نه ڄاڻان.
    بمبئيءَ ۾ جنهن اِسڪول ۾ پڙهندو هوس نه...اُن اِسڪول جو پرنسيپال شاعر هو. هن جون ڪوتائون ڇپبيون هيون ته صرف اُن خيال کان پڙهندو هوس جو اُنهن جو لکندڙ اسان جو پرنسيپال آهي.“
    اَرجن جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجي بدن جا وار کڙا ٿي ويا...ڪٿي هو سائين هر چنداڻيءَ جي ڳالهه ته نٿو ڪري؟ مون يڪدم کانئس پڇيو، ”بمبئيءَ ۾ توهين ڪهڙي اِسڪول ۾ پڙهيا هئا؟“
    ”ڪي. جي. کلناڻي هاءِ اِسڪال مهيم ۾ پڙهيو آهيان.“
    ”سچ پچ؟“ مون اَرجن جي منهن ۾ غور سان نهاريو. اَرجن به منهنجي منهن ۾ چتائي نهارڻ لڳو.
    مون کانئس پڇيو، ”توهان ڪهڙي سال مئٽرڪ پاس ڪئي؟“
    ”2 5 9 1 ۾“
    ”او...ساڳئي سال ساڳئي اِسڪول مان مون به...“
    اَرجن بانولو بڻجي ويو. چيائين، ”تون اُهو ئي اَنوپ آهين ڇا جيڪو پرنسيپال جو لاڏلو هو؟“
    اُن کن مون به کيس سڃاتو. کيس چيم ته تنهنجي گروپ جا ڇوڪرا مون کي پرنسيپال جو چمچو ڪري سڏيندا هئا...
    پوءِ هو اُٿي بيٺو ۽ ٻانهون ڦهلائي چيائين، اَچ ڳلي لڳ يار. مان اجايو تو کي وڏو ماڻهو سمجهي رهيو آهيان ڊاڪٽر اَنوپ اگروال ... گرين گراس جو مالڪ... ۽ مون کي اِئين کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين ڄڻ مان ڪو سندس ڀاءُ آهيان.
    اُها منجهند ڏاڍي سُٺي گذري. پر رات پاسا ورائيندي گذاري هئم. حياتيءَ جا اُهي ڏينهن اکين آڏو ڦري ويا هئا جن ڏينهن ڪي. جي. کلناڻي اِسڪول ۾ پڙهندو هوس. اُن اِسڪول ۾ داخل به عجيب نموني ٿيس. اڄ به مان اُن ڳالهه کي قدرت جو ڪرشمو ٿو سمجهان. جيڪڏهن قدرت اُن اِسڪول جي پرنسيپال وٽ نه پهچائي ها، ته مان شايد اَڻ پڙهيل رهجي وڃان ها...
    هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن مان يارهن ٻارهن سالن جو هوس. منهنجو پڙهڻ تان اَرواح کڄي ويو هو. پيءُ جي نظرن ۾ ايڏو ڪِري پيو هوس جو هن کي اِهو چوڻ ۾ شرم ايندو هو ته مان سندس پٽ آهيان. هڪ ڳنڍي ڪپ ٽوليءَ ۾ شامل ٿي ويو هوس. بمبئيءَ جي لوڪل ٽرين ۾ يا بس اِسٽاپ تي. جتي به ڀيڙ هجي اُتي...ماڻهن جا کيسا ڪتري شام جو ٽولي جا سڀ ميمبر سيان جي ٽڪريءَ تي اَڏيل باغيچي ۾ ملندا هئاسين ۽ سڄي ڏينهن جي پڪ پاڪيٽ ڪيل رقم ونڊيندا هئاسين. ڳنڍي ڇور بڻيس ته ٻِيون به ڪيتريون بريون علتون پرايم. پان ٻيڙي...مارا ڪُٽي ڪرڻ ته اسان جو مرڪُ هو. جيڪو پٺتي پوي سو گيدي سڏائي.
    ٺيڪ اُنهن ڏينهن هڪ ڪرشمو ٿيو. بابا کي اَلائي ڪيئن خبر پيئي ته مهيم ۾ هڪ اِسڪول آهي اُن جو پرنسيپال هڪ قابل اُستاد آهي ۽ هڪ خدا ترس ماڻهو آهي. هڪ تمام کريل ڇوڪري کي سڌاري ڇڏيو هئائين. بابا مون کي ائڊريس هٿ ڪري ڪي. جي. کلناڻي اِسڪول مهيم ۾ وٺي هليو.
    مون کي اڄ به اِهو نظارو چٽو ياد آهي. بابا پرنسيپال جي پيرن تي ڪِري پيو هو. کيس روئي چيو هئائين، ”منهنجو پٽ صفا هٿن مان نڪري ويو آهي. توهان جي حوالي ٿو ڪريان.“
    اُن فرشتي سمان اِنسان مون ڏانهن نهاري پڇيو، ”نالو ڇا اَٿيئي؟“ چيم ”اَنوپ“
    خوش ٿي چيائين، ”ههڙي سٺي نالي وارو ڇوڪر ڪيئن خراب هوندو؟“
    پوءِ مون کي ڀر ۾ سڏيائين. پيرن کان مٿي تائين جاچيندي چيائين، ”تون ڏاڍو صاف سٿرو نينگر آهين جهڙو گُل گُل...تنهنجا ڪپڙا ڪير ڌوئندو آهي؟“
    مون ٻڌايومانس ته مان پاڻ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو آهيان ۽ استري به پاڻ ڪريان تڏهن خوش ٿي مون سان هٿ ملايائين. اُن بعد مون کي ٻه حساب ڪرڻ لاءِ ڏنائين. مون پنجن منٽن ۾ ٻئي حساب درست ڪري ڏيکاريامانس. هو اُتساهه ۾ ڀرجي ويو. منهنجي پيءُ کي چيائين، ”سائين...توهين بي فڪر ٿي وڃو. توهان جو ڇوڪر پڙهي ڳڙهي وڏو ماڻهو ٿيندو. منهنجو صرف هڪ شرط آهي ته هن کي صبح جو اَٺين وڳي اِسڪول موڪلجو. مان هن کي سڄو ڏينهن اِسڪول ۾ وهاريندس. شام جو اٺين وڳي کيس گهر موڪليندس.“
    منهنجي پيءُ کي اُهو شرط منظور هو...
    مون کي حال پنجين درجي ۾ داخلا ملي. صبوح جو اٺين کان هڪ تائين پنهنجي ڪلاس ۾ هوندو هوس. اُن کان پوءِ پرنسيپال مون کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائيندو هو ۽ پنهنجي ٽفن مان ماني کارائيندو هو. ماني کائڻ بعد مون لاءِ وري ڪم شروع ٿيندو هو. پهرين پنهنجو هوم ورڪ ڪندو هوس پوءِ اِسڪول جا ننڍا وڏا ڪم ڪندو هوس. سائين هرچنداڻيءَ جي پرسنل لئبرريءَ جا ڪتاب ڇنڊي ڦوڪي رکڻ...سائينءَ جي آفيس جو فرنيچر صاف ڪرڻ...ستين درجي ۾ ويس ته نقشن جي چارج به مونکي ملي. سائين منٽ به واندو ويهڻ ڪين ڏيندو هو. ڪن ننڍن ڪلاسن جي ٻارن کي ٽيوشن به ڏنم.
    شام جو ٿڪجي فنا ٿي اَٺين وڳي گهر پهچندو هوس. بک ۾ پاهه ٿيندي به پهرين يونيفارم ڌوئيندو هوس، ٻئي ڏينهن لاءِ ڪتاب ٺاهيندو هوس. پوءِ ماني کائي سمجهندو هوس ته اَلوٽ ننڊ کڻي ويندي هئي.
    نماز جو آواز ڪنن تي ٿو پوي ته ڇرڪ ٿو ڀريان. اوچتو ياد اچي ٿو ته دبئيءَ ۾ آهيان. نه ته ڪيتريءَ دير کان ڄڻ بمبئيءَ پهچي ويو هوس مهيم ۾ ڪي. جي. کلناڻي اِسڪول ۾.
    مان سيءَ ۾ ڏڪندي سوفا تي ليٽي ٿو پوان پر ننڊ ڪٿي ٿي اچي. ٻوٽيل اکين سان ڏسي رهيو آهيان ڪي. جي. کلناڻي اِسڪول جي عمارت!
    هڪ غير رواجي واقعو ٿو ياد اچي. مان تڏهن اَٺين درجي ۾ هوس. هڪ ڏينهن هڪ ڪلاس جي هڪ ڇوڪري سان گڏ مان نقشن جي ڪمري ۾ ويو هوس. نقشا ترتيب ڪندي اسان کي ڪلاڪ کن لڳي ويو. اُن بعد اسان کي اَلائي ڇا سجهي جو ڪمري جو در اندران بند ڪري اُتي ويهي رهياسين. ٿوريءَ دير بعد پرنسيپال کي مون ۾ ضروري ڪم پئجي ويو. مون کي ڳولهيندي پنهنجي چاٻيءَ سان نقشن وارو ڪمرو کوليائين ته ڏٺائين اسين ٻئي ڪپڙن بنا زمين ۾ ليٽي هڪ ٻئي کي چهٽيا پيا آهيون.
    اُن ڏينهن سائينءَ مون کي ڏاڍي بيدرديءَ سان مار ڏني. هن ٻئي ڇوڪري کي به مار ملي پر هن جو پيءُ هيڪاري پرنسيپال تي ڏمريو ته توهان اَنوپ جهڙي لفنگي کي اِسڪول ۾ داخلا ڇو ڏني آهي...هو اسان جهڙن شريف خانداني ڪٽنبن جي ٻارن کي بگاڙي ڇڏيندو. هن کي اِسڪول مان رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو. اِسڪول ۾ ڏاڍو چوٻولو ٿيو هو. ڪن مائٽن پرنسيپال کي ڌمڪي ڏني ته هو پنهنجا ٻار اسڪول مان ڪڍائي ويندا پر پرنسيپال هنن کي سمجهائي ٻجهائي ڳالهه ٽاري ڇڏي هئي.
    پرنسيپال جي اڳيان منهنجو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. هن جا مون تي ڪيترا اَحسان هئا! پر سائينءَ جي اُن ڏينهن جي وهنوار کي ياد ڪري اڄ به هن جي اڳيان سر ٿو نوايان. پاڻ مون کي مار ڏنائين، پر بابا جي مار کان بچايائين.مان ته خوف کان اُن ڏينهن گهر ئي نه وڃان ها...شايد وري وڃي ڳنڍي ڪپ يارن وٽ پهچان ها...ڇاڪاڻ ته ڊپ ورائي ويم ته جيڪڏهن بابا کي منهنجيءَ هن حرڪت جي خبر پوندي ته منهنجو ڪهڙو حشر ٿيندو. پر پرنسيپال مون کي اُن ڏينهن پنهنجي گهر وٺي هليو. بابا کي چوائي موڪليائين ته اَنوپ سڀاڻي گهر ايندو. پرنسيپال پنهنجي گهر ۾ مون سان بلڪل ساڌارڻ وهنوار ڪيو. سمهڻ کان اڳ رڳو ايترو چيائين ته تنهنجو ڏوهه مون معاف ڪيو. صرف انجام ڪر ته وري اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪندين. منهنجيءَ دل ان گهڙيءَ جيڪي ٽپا ڏنا هئا...منهنجي ڏوهه جي سزا اها ته سائينءَ مون کي پنهنجي گهر هلي رهايو. مون پرنسيپال سان واعدو ڪيو ته وري ڪڏهن به ائين نه ڪندس. ٻئي ڏينهن ائين اسڪول ويس ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو!
    ان کان به ننڍي هوندي جو هڪ واقعو ٿو ياد اچي. مان تڏهن ستن سالن جو مس هوندس! اسان جي ڪوليواڊا واري گهر جي ڀرسان هڪ مٺائيءَ واري جو دڪان هو. هو کوپي جي مٺائي ٺاهيندو هو. مون کي هن جي مٺائي ڏاڍي سوادي لڳندي هئي. هڪ دفعي مٺائي کائي پوري ڪيم ته دڪاندار پڇيو، ”ٻي به مٺائي کائيندين؟“ مون کيس چيو ته مون کي ٻيا پئسا ڪونهن. هن مون کي مٺائيءَ جو ٻيو دونو مفت ڏنو هو ۽ چيائين ته پيٽ ڀري مٺائي کاءُ. ڀلي پئسا نه ڏجانءِ. رڳو مٺائي کائڻ کان پوءِ ٿوري دير اندر هلجانءِ. مان مٺائي کائي رهيو هوس ته هو مون ڏانهن نهاري مشڪي رهيو هو. جڏهن مون دونو خالي ڪيو ۽ اُهو اُڇلڻ تي هوس ته دڪاندار منهنجو هٿ پڪڙي پنهنجي دڪان جي پٺئين ڪمري ۾ وٺي ويو. اُهو اونداهو ڪمرو هن دڪاندار جو گهر هو. ڪمري ۾ پهچندي ئي هن پهرين مون کي ننگو ڪيو پوءِ پاڻ کي...ان بعد ڇا ڪيائين اُهو ياد ٿو اچي ته سمجهان ٿو ته ڪنهن ٻرندڙ سگريءَ تي ويٺو آهيان. اُن وقت سمجهه ۾ ڪين آيم ته ڇا ٿي رهيو آهي. گهر پهتس ته وائڙن وانگر پٽ تي ليٽي پيس بابا جي تيز نظر سڀ ڀانپي ويئي. هن مون کان سچي ڪرائي ته ڪيڏانهن ويو هئين ۽ حقيقت ٻڌڻ بعد بابا جيڪا مار ڏني...بابا جي اُها مار ياد ڪري هينئر اکين مان پاڻي پيو ڳري.
    حقيقت ۾ مان پنهنجي قسمت تي روئي رهيو آهيان. مفلسيءَ ۽ مار بنان مون کي مليو ئي ڇا هو؟...اڄ پنهنجو مقدر مٽائي چڪو آهيان. دبئيءَ ۾ پهريان ٻه سال ڏاڍا ڏکيا گذريا پر پوءِ ڌنڌو ڄمي ويو. هاڻي ته پئسو ئي پئسو آهي. پوءِ به ستن سالن جي عمر ۾ غريب هجڻ ڪري جيڪو مٺائيءَ واري جو وحشي روپ ڏٺم سو ڪٿي ٿو وسري؟
    هال مان نڪري منوج جي بيڊروم جي دروازي وٽ اچي بيٺو آهيان. پنهنجي اونداهي ماضيءَ کي وسارڻ لاءِ پنهنجي روشن مستقبل کي ڏسڻ چاهيان ٿو. در وٽ بيهي پٽڙي کي جيءُ ڀري ڏسان ٿو. مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته منهنجو پٽ ڪنهن غريب پيءُ جو پٽ ڪونهي.
    منوج ٽن ساڍن ٽن سالن جو هو تڏهن کان مون کيس الڳ ڪمري ۾ سمهڻ سيکاريو آهي. منهجي پٽ کي ايڏڙي ننڍڙيءَ عمر کان ئي الڳ بيڊروم آهي. سبيتا اعتراض ورتو هو ته اڃا ننڍو آهي، ڀلي اسان سان سمهي...پر مون پيءُ بڻجڻ وقت قسم کائي ڇڏيو هو ته جيڪي دک مون پاڻ ڀوڳيا آهن ۽ جيڪي ذلتون مون سٺيون آهن...اُنهن کان پٽ کي پري رکندس. مان ته ويهن سالن جي عمر تائين اُن ساڳئي ڪمري ۾ سمهندو هوس، جنهن ۾ منهنجا ماءُ پيءُ سمهندا هئا...
    ڪوليواڊا جي هڪ گندي بستيءَ ۾ هڪ ئي ڪمري مان منهنجا ڀائر ڀينر ماءُ پيءُ سڀ سمهندا هئاسين. رات جي وقت جڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ جو جسماني ميلاپ ڏسندو هوس تڏهن جلي خاڪ ٿي ويندو هوس. مون اندر جيڪو شخص آهي تنهن کي زندگيءَ ڪيڏا ڳجها چهبوڪ هنيا آهن. ننڍپڻ ۾ منهنجي معصوم من تي اُنهن چهبوڪن جيڪي نيل ڪيا، سي ڪٿي ٿا ميسارجن؟


    (ٻ)

    سبيتا گهر مان نڪرڻ مهل دروازو کوليو ته ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. پوڻي ڇهين وڳي تائين مان جاڳيس پئي پوءِ شايد جهوٽو اچي ويو. واچ ۾ نهارڻ کان سواءِ ئي سمجهيم ته پوڻا ست ٿيا هوندا ڇو ته سبيتا پوري پوڻي ستين وڳي گهر مان نڪرندي آهي جيئن ستين وڳي راشد هاسپيٽل ۾ ڊيوٽيءَ تي پهچي. وقت جي ڏاڍي پابند آهي هوءَ. جنهن مهل هوءَ گهر مان نڪري رهي هئي، تنهن مهل سوچيم ته جيڪر کيس روڪيان. چوانس، سبيتا! اڄ موڪل ڪر. سامهون ٿي ويهه جيڪي چوڻو هجئي سو هڪ مهل چئي ڇڏ. جيڪي پڇڻو هجئي سو پڇ...پر وري من ۾ آيو ته ان مان ڪوبه فائدو ڪونهي. اسين هڪ ٻئي سان پنج منٽ به شانتيءَ سان ڳالهائي نه سگهندا آهيون، ان ڪري اڪثر خاموش رهندا آهيون. جي ڳالهايوسين ته سخت جهڳڙو ٿيندو ۽ وڙهندا به ائين آهيون ڄڻ بلڪل ئي اَڻ پڙهيل، جاهل آهيون. اُن وقت ڇاجي سبيتا ڊاڪٽر مسز سبيتا اَگروال...
    (Gynaecologist and Obstetrician) M. B. B. S. D. G. O. ۽ ڇا جو مان ڊاڪٽر اَنوپ اَگروال...B. M. I. S., D. M. S. سڀ ڊگريون سمنڊ ڦٽي ڪري پوءِ وڙهندا آهيون. ها! باقي ”گرين گراس“ تان موٽڻ مهل فون ڪري پڇندو آهيانس ته ڪا شئي شڪل کپيئي...يا منوج ڪلب مان اچي ويو آهي يا مان وٺڻ وڃانس ته اهڙن ڳالهين بابت اسان وچ ۾ ساڌارڻ گفتگو ٿيندي آهي.
    سبيتا منهنجي لاءِ سامهون رکيل ننڍڙي ميز تي چانهه جو ٿرماس ۽ اَخبار رکي ويئي آهي. صبح جو ننڊ مان اک کلڻ سان جيڪڏهن اهي ٻئي شيون ملن ته ڄڻ اَ• مليو. منهن ڌوئي چانهه پيئڻ سان گڏ ”خليج ٽائيمس“ پڙهڻ ٿو لڳان.
    ساڍا ست لڳي ويا آهن! اخبار ڇڏڻ کان اڳ هڪ دفعو اخبار وري ٿو اُٿلايان . اهو ڏسڻ لاءِ ته ڪنهن وڏي هستيءَ جو ڦوٽو هجي ته منوج کي ڏيڻ لاءِ اَخبار مان ڪٽي رکان. پٽڙي وٽ هڪ آلبم آهي جنهن ۾ دنيا ڀر جي مشهور معروف هستين جا فوٽا رکندو آهي. هن جي آلبم ۾ گانڌي، نهرو، راجيو، اندرا گانڌي ... پرنسيس ڊائنا...مارگريٽ ٿئچر... گهڻين ئي وڏين هستين جا فوٽا آهن. يونائيٽيڊ عرب ايمريٽس جي ستن ئي حاڪمن جا فوٽا به اُن آلبم ۾ اَٿس ۽ سڀني جا نالا کڻي ويندو آهي. 8 آڪٽوبر جڏهن دبئيءَ جي اڳوڻي حاڪم شيخ راشد جي چالاڻي جي خبر ڦهلي، تڏهن شوڪ ۾ سڄي دبئي بند ٿي ويئي. منوج جو اِسڪول به اڌ ۾ بند ٿيو هو. منجهند جي وقت گهر موٽيو ته پهرين وڃي پنهنجو آلبم کوليائين ۽ شيخ راشد جو فوٽو ڳولهيائين. مون کي اهو فوٽو ڏيکاري چيائين، ”پپا! تون ته چوندو آهين شيخ راشد تمام سٺو ماڻهو آهي. دبئي هن ئي ٺاهي پوءِ هو ڪيئن مري ويو؟“...هن جي سوال جو ڪو جواب نه سجهيو هوم. هن جي مٿي تي هٿ رکي چيو هوم، ”دبئي سدائين هن کي ياد ڪندي.“
    اَڄوڪيءَ اخبار ۾ ڪوبه اهڙو فوٽو نٿو ڏسان جيڪو ڪٽي منوج کي ڏيان ته آلبم ۾ رک. اَخبار ڇڏي پٽڙي جي بيڊروم طرف ٿو وڃان. پوڻا اٺ لڳي ويا آهن. هن کي جاڳائڻ جو وقت ٿيو آهي.
    سچ ته صبح جو اَٺين کان نائين تائين جيڪو هڪ ڪلاڪ منوج سان گهر ۾ اڪيلو هوندو آهيان سو هڪ ڪلاڪ پوريءَ ريت جيئندو آهيان. هو بيشمار ڳالهيون ٻڌائيندو آهي ۽ سوين سوال پڇندو آهي. منٽ منٽ بعد موضوع بدلائيندو آهي. هن جي هر نئين سوال جو جواب مان نئين اُتساهه سان ڏيندو آهيان. ننڊ مان سجاڳ ٿيندي ئي فرمائشون به شروع ڪندو آهي. صبح جو نويڪلائي ۽ اسين ٻئي پيءُ پٽ پاڻ ۾. هڪ عجيب عالم هوندو آهي.
    کيس ننڊ مان جاڳايان ٿو ته اکيون مهٽيندي چوي ٿو، ”پپا اڄ تون مون کي هڪ رٻڙ هڪ پينسل، هڪ ڊرائنگ بوڪ وٺي ڏجانءِ.“ ”او–ڪي باس. مدن چاچا جي گهر ڀرسان جيڪو دڪان آهي اُتان توکي ٽيئي شيون وٺي ڏيندس.“
    مدن چاچا جو نالو ٻڌندي ئي هو ٽپ ڏيئي بستري تان لٿو. مان روز اَٽڪل ڪري ڪنهن نه ڪنهن نموني مدن جو نالو وٺندو آهيان، ڇو ته مدن چاچا جو نالو ٻڌندي ئي منوج ۾ ڦڙتي اچي ويندي آهي ۽ وقت سر پوڻي نائين وڳي تيار ٿي ويندو آهي.
    ڀاءُ ڀاڄائيءَ جي دبئيءَ ۾ هجڻ ڪري منوج لاءِ وڏو سک ٿي پيو آهي. مان کيس نائين وڳي کن هنن وٽ ڇڏي وڃي دڪان کوليندو آهيان. جيسين اِسڪول بس اچي. شايد ٻارهين وڳي ڌاري بس ايندي اَٿس...اِهي ٽي ڪلاڪ اَنيتا کيس سنڀاليندي آهي. منوج کي چاچو چاچي ڪيتري قدر وڻن ٿا سا خبر ڪانهيم باقي سوئٽ مرليءَ ۾ ته ساهه اٿس. مرلي کانئس صرف ٻه اَڍائي سال ننڍو آهي پر منوج سمجهندو آهي ته پاڻ مرليءَ کان ڏاڍو وڏو آهي.
    ڏند صاف ڪندي پٽڙو چوي ٿو، ”پپا، تون مون کي ٻه ڊرائنگ بوڪ، ٻه پينسلون ۽ ٻه رٻڙ وٺي ڏجانءِ. مان هڪ هڪ شئي مرليءَ کي ڏيندس.“ مان کيس چوان ٿو، ”ها پٽ ها. مدن چاچا جي گهر ڀرسان جيڪو اِسٽيشنري جو دڪان آهي اُن کان توکي سڀ شيون وٺي ڏيندس.“
    منوج ۽ مان نيرن پيا کائون. پٽڙو کير جو ڍڪ ڀريندي چوي ٿو، ”پپا! مميءَ مون کي تنهنجي هڪ ڳالهه ٻڌائي آهي.“ اِها ڳالهه هن اهڙي نموني چئي ڄڻ مون بابت ڪو وڏو راز ڄاڻي ويو آهي. مون پڇيومانس ”ڪهڙي ڳالهه؟“
    چيائين، ”مميءَ چيو ته تون به ڊاڪٽر آهين.“
    مون چيو مانس، ”ها سو ته آهيان ئي.“
    يڪدم پڇيائين، ”پوءِ تون مميءَ وانگر هاسپيٽل ڇو نٿو وڃين؟“
    مون چيو، ”مون کي دڪان مان گهڻا پئسا ٿا ملن. اُهي پئسا جمع ڪري مان بمبئيءَ ۾ پنهنجي وڏي شاندار هاسپيٽل کوليندس.“
    ”تون مميءَ کان وڏو ڊاڪٽر آهين تنهن ڪري وڏي اِسپتال کوليندين، راشد هاسپيٽل کان به وڏي؟“
    مان پٽ جي ان سوال تي ايڏو کلان ٿو جو پنهنجي کل ٻڌي سوچيان ٿو اُهو ڪهڙو اَنوپ هو جيڪو سڄي رات پنهنجي گذريءَ تي سوچي وياڪل ٿيو هو؟
    ڪار ڊرائيو پيو ڪريان. منوج ۽ مان شيخ راشد ڪالونيءَ طرف مدن جي گهر وڃي رهيا آهيون. منوج آهستگيءَ سان منهنجو هٿ ڇهي چوي ٿو، ”پپا! مرليءَ کي فون ٿو ڪريان.“
    ”ضرور ضرور“ مان ڏانهس نهاري چوان ٿو.“
    جڏهن کان ڪار ۾ فون لڳايو اٿئون، تڏهن کان منوج جو نيم ٻڌجي ويو آهي. صبح شام، جنهن به وقت مون سان ڪار ۾ هجي ته مرليءَ کي فون ڪري.
    پٽڙي کي مدن جي گهر ڇڏڻ بعد دل اُداس ٿي ويئي آهي. هونءَ مون کي اڄ ”ستواهه“ وڃڻو آهي پنهنجي لوڪل پارٽنر سان ملڻ لاءِ. پر دل نٿي ٿئي. ڪار مان مدن کي فون ٿو ڪريان ته تون لوڪل پارٽنر وٽان ٿي پوءِ دڪان تي اچجانءِ. حال مان دڪان وڃي ٿو کوليان.
    مدن منهنجو سچيءَ معنيٰ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو آهي. سٺو ٿيو جو مجمودار سان ڌنڌي ۾ ڀائيواري ٽوڙڻ کان پوءِ ڀاءُ کي گهرائي ورتم...حياتيءَ ۾ ڪي ڪي واقعا ڏاڍا عجيب ٿا ٿين. اُن وقت اَزخود خيال ٿو اچي ته تقدير وڏي شئي آهي. تقدير ۾ لکيو هو تنهنڪري مان دبئيءَ آيس نه ته مون کي هتي اچڻ جو خواب خيال به ڪين هو. مون کي هتي آڻڻ وارو شخص هو مجمودار. هن مون تي ايڏو وشواس ڪيو جو مون کي سڄو ڪاروبار سونپي واپس هليو ويو ڇو ته سندس پتني بيمار ٿي پيئي هئي. هوءَ چاق ٿي ته ساڳيو مجمودار مون سان اهڙو ڦري بيٺو، جو مون کي دبئي مان تڙڻ جي ڪيائين. پر قسمت ساڻس ڦري بيٺي. ٿيو ائين جو هو پاڻ دبئيءَ مان تڙجي ويو...مان پاڻ ته ٺهي ٺڪي ويٺس پر سبيتا کي به گهرائي سگهيس ۽ پوءِ وري مدن کي به!
    ”گرين گراس“ تي پهتو آهيان. سوا نوَ اچي ٿيا آهن. پارڪنگ نه ملڻ ڪري روز ڏهه پندرهن منٽ دير ٿيو وڃي. منهنجي به اها عادت نٿي وڃي جو پهرين دڪان جي آس پاس پارڪنگ ڳولهيان پوءِ نه ملي ته نراس ٿي لاچار مينا بزار جي پٺيان پارڪنگ ايريا ۾ ڪار پارڪ ڪريان.
    ”گلف نيوز“ پڙهڻ ٿو لڳان. حقيقت ۾ خبرون ته ”خليج ٽائيمس“ جهڙيون ئي آهن، باقي ٻيو مئٽر نرالو هوندو آهي. بمبئيءَ ۾ به گهر واريءَ ڪلنڪ ۾ ”ٽائيمس آف انڊيا“ گهرائيندو هوس ۽ کار واريءَ ڪنسلٽنسيءَ ۾ ”انڊين ايڪسپريس“ گهرائيندو هوس.
    فون جي گهنٽي ٿي وڄي. رسيور کڻي چوان ٿو، ”گرين گراس.“
    ”اَنوپ...“ پرميلا آهي، ”تو چيو هو ته تون اڄ جمعيرا، ستواهه، وغيره ويندين. مون کي ڊپ هو ته نه ملندين فون تي...
    ”وڃڻو ته هوم پر موڊ نه ٿيو؟“ تنهنڪري مدن کي موڪلي ڏنم.“
    ”تنهنجي موڊ کي ڇا ٿيو؟“ پرميلا جو فڪر مند آواز.
    ”فون تي توهان کي بور ڪرڻ نٿو چاهيان. توهان کي روبرو ٻڌائيندس.“
    ”نه...نه...هينئر ئي ٻڌاءِ نه ته مون کي منجهند جي ماني به زهر ٿي لڳندي.“
    چيم، ”توهين ماني نه کائو اهڙو ظلم نه ڪجو مسز پرميلا...چڱو ٻڌو. اڄ منوج مون کان پڇيو ته مان ڊاڪٽر آهيان ته پوءِ سبيتا وانگر هاسپيٽل ڇو نٿو وڃان. دڪان تي ڇو ٿو وڃان.“
    ”تو کيس ڪهڙو جواب ڏنو؟“
    ”اهو ئي ته پئسا جمع ڪري بمبئيءَ ۾ هڪ وڏي شاهي هاسپيٽل کوليندس.“
    ”تو کيس ٺيڪ چيو. اِها ته حقيقت آهي. اَنوپ! دڪان داري ڪرڻ منزل تي پهچڻ لاءِ هڪ پيچرو آهي نه، تو لاءِ.“
    ”اُهو ته آهي پر منوج جيڪو اڄ سوال پڇيو آهي، تنهن مون کي مامي جي ياد ڏياري آهي. مسز پرميلا، مامي مون کان زندگيءَ جا پنج سال کسي ورتا.“
    ”سو ڪيئن؟“
    منهنجي پيءَ جو منهنجي مامي ۾ ڏاڍو موهه هو.بابا بمبئيءَ ۾ رهندو هو ۽ ماما دهليءَ ۾ پر هنن جا ويچار ساڳيا هئا ۽ دليون به ڳنڍيل هئن. مون جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي تڏهن مامي بابا کي لکي موڪليو ته اَنوپ کي ڊاڪٽري پڙهڻ جي مرضي آهي ته کيس دهليءَ موڪلي ڏيو. هتي جي Tibya Medical College ۾ کيس داخلا وٺي ڏيندس.
    هن جي رهائش تي جيڪو خرچ ٿيندو سو مون تي باقي فيءَ لاءِ توهين کيس پئسا موڪلجو...بابا جي ته اَ• ٻڌي. مئٽرڪ تائين پرنسيپال جي حوالي هوس پوءِ وري پنج سال کن ماما جي ضابطي ۾ رهندس ته اِن ۾ منهنجي ڀلائي آهي.
    اِهو سوچي بابا مون کي دهليءَ موڪلي ڏنو. پر طبيا ميڊيڪل ڪاليج مان جيڪا بي. ايم. آءِ. ايس. جي ڊگري ورتم تنهن جو بمبئيءَ ۾ گهڻو مان ڪين هو.“
    ” اَنوپ اُن بعد تو گهڻيون مان واريون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. بئنگلور جي نئشنل انسٽيٽيوٽ مان جيڪا
    Diploma in Medical and Social Psychology
    ڊپلوما حاصل ڪئي آهي سا ته سائڪياٽري جي کيتر ۾ ڪن ٿورن ڊاڪٽرن کي آهي نه...هاڻي ته پي. ايڇ. ڊي. به ڪئي اَٿيئي. سائين هاڻي ڊاڪٽر اَگروال ڪير سڏائي...“
    دڪان تي هڪ گراهڪ اچي ويو. تنهن ڪري فون ڊسڪنيڪٽ ڪرڻو پيو... پرميلا سان اندر اورڻ ۾ ڏاڍو سڪون ٿو ملي. هوءَ هر ڳالهه ڏاڍي چاهه سان ٻڌندي آهي. ڳالهه پوريءَ ريت ٻڌڻ بعد دل وٺڻ لاءِ يا ته ڪا ڪوتا ٻڌائيندي آهي يا ته اهڙي ڳالهه چوندي آهي جيڪا ڪوتا مثل هجي...هن جي ڳالهائڻ جي نوع ۾ به عجيب نزاڪت آهي.
    هڪ گراهڪ ويو ته ٻيو آيو. منجهند جو ٻارهين وڳي تائين ڪافي مشغول رهيس. گراهڪن کي منهن ڏيندي به ڄڻ اندر ۾ پاڻ سان پيو ڳالهايان. من وگيان جي علم جو اَڀياسي رهيو آهيان ۽ ٿيسز به اهڙيءَ وشيه تي لکي اٿم.
    ”A Psychological Study of Life Events in Neurotics and Normals “
    جنهن جو اِنسان جي اندروني دنيا سان واسطو آهي. ان ڪري پنهنجي اندروني دنيا جو ڪافي علم اٿم.

    بابا جي وفات کي پنج سال گذري ويا آهن پوءِ به هو منهنجي زندگيءَ ۾ ڄڻ جيئرو جاڳندو موجود آهي. منهنجي اندرينءَ دنيا تي ٻه جيو ڇانيل آهن. هڪڙو آهي منهنجو بابو ۽ ٻيو آهي منوج. هڪ منهنجو ماضي آهي ٻيو منهنجو مستقبل. هينئر به دل ئي دل ۾ ڄڻ منوج بابت سوچي رهيو آهيان ۽ ساڻس ڳالهايان به پيو. کيس چوان ٿو: منهنجا پٽ، مان توکي مامي يا چاچي يا ڪنهن جي به صلاح ڏيڻ تي ڪيڏانهن نه موڪليندس. تون جيڪي ڪرڻ چاهيندين، مان توکي اُن ڏس ۾ هر قدم تي ساٿ ڏيندس. مان توکي سدائين پيار ڪندس...توتي ويساهه ڪندس منهنجا پٽ تنهنجي ڪاميابين ناڪاميابين کي ڳلي لڳائيندس...
    سبيتا کي منهنجي جذبن جو قدر ئي ڪونهي. رات ته هن منهنجي سيني ۾ سل ڪري ڇڏيا. هوءَ چاهي ٿي منوج مون کي، مون کان، مدن کان الڳ ڪري پالي نپائي وڏو ڪري.. جيئن هو مون وانگر نه بڻجي. پاڻ مون کي بدچلن، آواره ٿي سمجهي اها پنهنجي ليکي الڳ ڳالهه آهي. اِها ڳالهه منوج ۽ منهنجي رشتي وچ ۾ ڇو اچڻ گهرجي؟ مان ته چاهيان ٿو ته جيسين منوج ويهن ورهين کن جو ٿئي، تيسين سندس ويجهو رهان. هو هڪ دفعو سڏ ڪري: ”پپا!“ ته مان ڏهه دفعا وراڻيان: ”جيءُ منهنجا پٽ...“

    فون جي گهنٽي!
    بمبئيءَ مان ٽرنڪ ڪال هو سبيتا جي ماءُ جو. چيائين ته رات ٽرنڪ ڪال بُڪ ڪيو هئائين سو هينئر مليو اٿس... سمجهيائين ته سبيتا هوندي ڊيوٽيءَ تي، سو آپريٽر کي ”گرين گراس“ جو نمبر ڏنائين. سس جي ڳالهه ٻڌي دماغ ئي خراب ٿي ويو آهي. چوي ٿي وزٽ ويزا موڪليو ته ٽي مهينا اتي دبئيءَ ۾ اچي آرام ڪريان. سبيتا کي نياپو ڏيندس ته ڏاڍي بي صبر ٿي ويندي. چوندي يڪدم مميءَ جي ويزا ڪڍائي ڏي.
    سبيتا ماءُ جي ڇتر ڇايا ۾ پلي آهي، تنهنڪري ماءُ جي وڏي ڀڳتياڻي آهي. پيءُ جو پورو پيار نه ملڻ سبب سندس شخصيت اڌوري آهي اِهو اِحساس هن کي ڪونهي. جيتوڻيڪ اِهو سچ آهي ته هوءَ جيڪي آهي سو ماءُ جي ڪري. ڊاڪٽر بڻجي سگهي ته ماءُ جي بدولت ۽ جي مون سان ٺهي نه سگهي آهي... پنهنجو گهر اڌورو ٺاهيو اٿائين ته اُهو به ماءُ جي ڪري.
    مون کي هڪ ڳالهه تان ڏاڍو عجب لڳندو آهي ته سبيتا جي ننڍي ڀيڻ سُجاتا به ساڳئي ڪُک مان ڄائي آهي پوءِ به هوءَ بلڪل هن کان توڻي ماءُ کان مختلف آهي. هوءَ ساهرن ۾ اهڙيءَ طرح سمائجي ويئي آهي جو سندس نالو نڪتو آهي ته هن ساهرو گهر سرڳ بڻائي ڇڏيو آهي. ٻه سال اڳ هن جي شادي ٿي هئي. سبيتا کيس ڌيءُ ڪري پرڻايو هن جو ڏاج ڏيوڻ دبئيءَ مان کڻي ويئي هئي. اڳيئن مهيني اُها ڀيڻس سجاتا گهوٽ سان گڏ اسان وٽ آئي هئي ٽرانزٽ ۾. هوءَ سبيتا جيتري پڙهيل ڪونهي پر سياڻپ ۾ وڏي آهي. گهوٽ جي دل تي اهڙو راڄ هٿ ڪيو اٿائين، ڀانءِ ته ڪا مهاراڻي آهي... هتي به جيڪي ڏهه ڏينهن رهي تن ۾ هن جي آبرودار وهنوار منهنجي دل تي گهري ڇاپ ڇڏي. سبيتا کيس گهڻيون ئي شيون وٺي ڏيڻ پئي چاهيون پر هن صاف انڪار ڪيو. ڏاڍي خوددار آهي هوءَ. سبيتا کي چيائين، ”نه ديدي! تنهنجو پيار ئي مون لاءِ ڪافي آهي. جيجاجي ۽ تون اسان کي ايڏو قرب ٿا ڏيو... اسين توهان سان ملڻ ۽ دبئي گهمڻ آيا آهيون ۽ نه توهان کي خرچ ڪرائڻ... اِئين به چيائين ته منهنجي شاديءَ ۾ توهان جو گهڻو ئي خرچ ٿيو... ڏاڍي سٺي نموني مون کي پرڻايو. هن جي شڪرگذاريءَ جي ڀاونا ڏسي دل پئي ٿي ته هن تي ڀلي خرچ ٿئي.
    سجاتا جي هڪ ڳالهه ته مون کان ڪڏهن نه وسرندي. اسين جڏهن کيس ايئرپورٽ تي اُماڻڻ وياسين، تڏهن سبيتا ڀيڻ کي الوداع ڪرڻ وقت چيو هو، ”مميءَ جو خيال رکجانءِ. هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو وٽس ضرور ويندي ڪر.“ ته سجاتا وراڻيو هو، ”ديدي! ڪوشش ڪنديس. پر پنهنجي گهر جي سهوليت پهرين ڏسڻي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته مهينو به نه وڃي سگهندي آهيان.“
    ايئرپورٽ تان موٽندي ڪار ۾ سبيتا ۽ منهنجي وچ ۾ سخت جهڳڙو ٿيو هو. مان اهو چوڻ کان رهي نه سگهيو هوس ته سبيتا توکي ننڍيءَ ڀيڻ کان سبق سکڻ گهرجي. تو ڪڏهن مڙس کي ۽ ساهرن کي اهڙو سمجهيو آهي؟ سبيتا ڏاڍي پڄري ويئي هئي. چيو هئائين ته سجاتا بي عقل آهي. هن کي مميءَ جي مهربانين جو قدر ڪونهي.
    سبيتا پاڻ ته اڃا تائين ماءُ جي مهربانين هيٺان دٻيل آهي. هن سال مارچ جي مهيني ۾ سبيتا ماءُ کي ٽرانزٽ ويزا تي گهرايو هو. ماڻهنس ايڏو خرچ ڪرايو هو جو ڪاٿو ئي ڪونهي. هوءَ هتان ٽي. وي.، ويڊيو، فرج ۽ الائي ڇا ڇا کڻي ويئي هئي. مون کي اِها ڳالهه بلڪل نه وڻي هئي. سبيتا کي ورجايم به ته چيائين، پنهنجي ڪمائيءَ مان ماءُ کي خريداري ڪري ڏنم نه. توکان ته هڪ دراهم به ڪين ورتم..
    هاڻي سس صاحبا وري اچڻ ٿي چاهي سو به ٽن مهينن لاءِ. جڏهن چوڏهن ڏينهن رهي هئي ته منهنجو دم گهٽجڻ لڳو هو. سبيتا کي سمجهائيندس ته تنهنجي ماءُ سان مان بلڪل پاڻ کي ٺهڪائي نٿو سگهان ته چوندي هوءَ ڏکن ڏڌي عورت آهي. منهنجي پيءُ جي موت کان پوءِ جيڪڏهن هوءَ مون کي پڙهڻ ڇڏائي نوڪري ڪرائي ها ته وس واري هئي. مان اڄ ڊاڪٽر نه پر وڏي ڀاءُ وانگر هڪ ٽڪي واري ڪلارڪ هجان ها. هوءَ ماءُ لاءِ ڳالهائيندي ٿڪبي ڪانهي. مان ته هن جي ماءُ بابت لفظ ٻڌڻ نه چاهيندو آهيان.
    منهنجي جڏهن سبيتا سان سنگت ٿي هئي تڏهن هوءَ ڪنهن ڪنهن ڏينهن مون کي پنهنجي گهر وٺي هلندي هئي. هن جي ماءُ اُن وقت مون سان ڏاڍي فراخدليءَ سان ورتاءُ ڪندي هئي. مان به سوچيندو هوس ته واقعي ئي هوءَ عزت جي لائق آهي ڇو ته مڙس جي چالاڻي بعد گهڻي محنت ۽ جفاڪشي ڪري هن ٻار پاليا. پر شادي ڪري جڏهن سندس ناٺي بڻيس، تڏهن خبر پيئي ته سندس مون سان فراخدليءَ وارو وهنوار رڳو ڏيک هو. حقيقت ۾ هوءَ بيحد هوشيار عورت آهي. سندس هوشياريءَ کي اڄ به سلام ڪريان ٿو.
    هو ريلوي ڪوارٽرس ۾ رهندا هئا. بائڪلا ۾. مڙس جي گذرڻ بعد اُهو ڪوارٽر سلامت رکڻ لاءِ هن وڏي پٽ کي پڙهڻ ڇڏائي کيس ريلوي ۾ ملازمت ڪرڻ لاءِ مڃايائين. ٻين سڀني ٻارن جي پڙهائي جاري رکيائين. ٻارن کي پاڙهڻ لاءِ هن کي جيڪو طريقو هٿ آيو. اُن طريقي هن پئسو ڪمايو. ٽيوشن ڏنائين، ڀرت ڀريائين، baby sitting ڪيائين. ان سڀ لاءِ هوءَ سچ پچ عزت جي حقدار آهي. پر ٻار پڙهي لائق ٿيا اُن کان پوءِ جو هن جو رخ مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي. سبيتا ڊاڪٽر بڻجي ڪمائڻ لڳي، ته هن جي ڪمائيءَ مان ننڍي پٽ کي مدراس اِنجنيري پڙهڻ لاءِ موڪليائين. سبيتا شاديءَ بعد به ڀاءُ کي فيون ۽ هاسٽل جو خرچ موڪليندي رهي. اِن ڳالهه لاءِ به مون اعتراض نه ورتو...
    پر هڪ ڳالهه هن اهڙي ڪئي جو مان کانئس صفا جدا ٿي ويس. جنهن وقت هن جا سڀ ڀائر ڪمائيءَ کي لڳي ويا هئا تنهن وقت جي ڳالهه آهي. مون ضرورت پئي کانئس پنج هزار قرض گهريو. هن قرض ته نه ڏنو اُها ڪا اَرمان جي ڳالهه ناهي پر اِهو کڻي هُلايائين ته شاديءَ مهل مون ڏيتي ليتي نه ورتي هئي سو اُها ڪسر ڪڍڻ لاءِ مان چالاڪي ڪري کانئس پنج هزار ڦرڻ ٿو چاهيان. قرض وٺي ڪو ناٺي موٽائيندا آهن ڇا؟ اها ڳالهه ٻڌي منهنجا ته تاڪ ئي لڳي ويا هئا. وڌيڪ چوٽ ان ڳالهه پهچائي جو سبيتا، ماءُ کي ان بيهودي ڪوڙ کي ڦهلائڻ لاءِ ڪجهه نه چيو. پنهنجي ليکي سبيتا مون سان سدائين ڪاوڙيل رهندي آهي پر ايترو ته هوءَ مون کي سڃاڻي ته مان اهڙو ڪِريل نه آهيان، جو چالاڪي ڪري هن جي ماءُ کان يا ڪنهن کان به پنج هزار ڦريندس. سبيتا جي ماءُ هن لاءِ ڀڳوان آهي! بس اُهو ڏينهن، اُهو شينهن، مون ته ساهرن وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو.
    منجهند جو هڪ ٿيو آهي. آس پاس جا دڪان بند ٿيڻ لڳا آهن. هڪ کان چئين وڳي تائين هتي ڪڪڙوڪو لڳي پيئي هوندي آهي. دبئيءَ جي جيون جي اها نعمت آهي جو هڪ يا ڏيڍ کان ساڍي ٽين چئين تائين سڀڪو گهر وڃي منجهند جي ماني کائي ۽ آرام ڪري... مون کي اڄ گهر وڃڻ تي دل ئي نٿي ٿئي. جيڪر ”اِنڊيا هائوس“ مان ستن دراهمن ۾ هڪ ٿالهي کائي هتي ئي دڪان تي اچي ويهي رهان. پر بيئر جي طلب پيئي محسوس ٿئي. گهر وڃي بيئر ٿو پيئان. ڪلاڪ ڏيڍ شانتيءَ ۾ گذرندو. گهر ۾ اڪيلو هوندس، ڇو جو سبيتا اَڍائي وڳي ايندي آهي.


    (پ)

    بيئر جو هڪ دٻو خالي ڪيو اٿم. ٻيو کڻان يا نه، دل من پيو هڻان. هونءَ جيڪو سرور بيئر پيئڻ مان حاصل ٿيندو آهي، سو اڄ ڪٿي ٿو ملي؟ من ڏاڍو ڪسارو ٿي ويو آهي. تنهنڪري شايد بيئر پيئڻ ۾ به مزو ڪونه ٿو اچي.
    صبح کان وٺي مامي جي ڪيل زيادتيءَ تي سوچي ڪڙهيو آهيان. هن کي ”آير ويدڪ“ ۾ وشواس هو اِن ڪري هرو ڀرو مون کي بي. ايم. آءِ. ايس. پاڙهي اِهو هن ڇو چيو؟ ڇو ڪيائين ظلم مون سان اِهو؟
    طبيا ميڊيڪل ڪاليج مان ڊگري وٺي بمبئيءَ موٽيس ته ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر هئڻ جي باوجود به نوڪريءَ لاءِ ڪيڏا ڌڪا کائڻا پيا هئا! اِها ڊگري سڀني اِسپتالن ۾ recognised ڪانهي، مون کي ته اها ڄاڻ ئي نه هئي. پهريون دفعو واڊيا هاسپيٽل ۾ اِنٽرويو لاءِ ويو هوس، تڏهن خبر پيئي ته اُتي صرف ايم. بي. بي. ايس. ڊاڪٽر رکندا آهن. مان منهن لٽڪائي گهر آيو هوس، نه ڪلنڪ کولڻ لاءِ هڙ ۾ پئسو هو نه ئي ڪا نوڪري ملي رهي هئي. چار پنج مهينا ائين لنگهي ويا... ايڏي نراسائي ويڙهي ويئي جو صحت ئي جهري پيئي. روز بخار ايندو هو ۽ سڄو ڏينهن اجهر ڪندي گذرندو هو...
    صبح جو وقت گهر جي ڇت تي چڙهي ويندو هوس. اُها ڇت چورس هئي. ان جي هڪ ڪنڊ ۾ پپر جي وڻ جي ڇانوَ هوندي هئي اُتي وڃي ويهندو هوس ۽ اخبار پڙهندو هوس. نوڪريءَ جا اِشتهار ٻه ٻه ٽي ٽي ڀيرا ڏسندو هوس. اُن کان پوءِ ڪجهه سجهندو ئي ڪين هو ته ڇا ڪريان. پپر جي پنن ڏانهن نهاريندو رهندو هوس ڄڻ اُهي منهنجا ڪي مٽ لڳن. ٻيو ته ڪير پنهنجو لڳندو ئي ڪين هوم.
    اُنهن ڏينهن ۾ ڊائري لکڻ جي عادت پيئي. جيڪي من ۾ ايندو هو سو رهڙيندو هوس. اُها ڊائري اَڃا تائين سانڍي رکي اٿم. سامهون ڪنڊ ۾ بار آهي. اُن جي هيٺان هڪ ننڍڙو خانو ٺهرايو اٿم. پنهنجون ڪي پرسنل شيون اُن ۾ رکيون اٿم. جهوني ڊائري... سلڪشڻا جا ڪي فوٽا آهن...
    بيئر جو ٻيو دٻو ٿو کوليان ۽ آُها ڊائري به ڪڍي اٿم. سال ٿيا آهن مون ڊائري نه پڙهي آهي. اُن ڪري خاص ڪجهه ياد ڪونهيم ته ڇا لکيو هوم. ڊائري اُٿلائيندي ڏسان ٿو ته ڪافي نراسائيءَ واريون ڳالهيون لکيل آهن. هڪ صفحي تي لکيل آهي:
    غريب جي قسمت سدائين غريب ٿئي ٿي. ڊاڪٽر بڻجڻ بعد ڪا رڪشا ڪاهڻي پوندم يا سيلسمئن ٿيڻو پوندم... خبر نه آهي ڇا ٿيندو.
    ڪن صفحن تي ڪوتائون به لکيل آهن. تنهن وقت سمجهڻ لڳو هوس ته سٺي شاعري ٿو ڪريان. ڪي ڪوتائون مخزن ۾ ڇپجڻ لاءِ موڪليون هئم پر ڇپيون ڪين هيون... هاڻي اُهي ڪوتائون پڙهي سمجهان ٿو ته ادبي معيار جون نه آهن ۽ مون کي ڇپجڻ لاءِ موڪلڻ ئي نه کپنديون هيون. پر پنهنجون اُهي ڪوتائون پڙهڻ ۾ هاڻي به مزو پيو اچيم.
    هڪ هنڌ لکيو اٿم:

    پيار نه مليو جنهن کي سو ڀٽڪيل پراڻي آهيان آءٌ ...
    ٻران ٿو ڏيئي وانگر
    پر وٽ سينهه جي تيل ۾ ٻڏل ڪانهي
    بنا تيل تر تر ڪري مٽجي رهي آهي وٽ
    ڇا سندم جيون سندو ڏيئو
    ٻرندو رهندو هن ريت؟
    پيار نه مليو جنهن کي، سو ڀٽڪيل پراڻي آهيان آءٌ...

    عجيب ٿو لڳيم ته سال اڳ ۾ لکيل ڪوتا مان جيڪا من جي اِسٿتي ظاهر آهي اڄ به ساڳي آهي. اڄ به لڳيم ٿو ته مون کي پيار نه مليو آهي ۽ مان هڪ ڀٽڪيل پراڻي آهيان. مرندس، ته شايد ڪير منهنجي لاءِ ٻه ڳوڙها به نه ڳاڙيندو.
    ڊائريءَ جا پنا ٿو اُٿلايان. هڪ ٻي ڪوتا لکيل آهي:

    حقيقت ڪڏهن پنهنجو اَفسانو پڙهندي
    دلاسا ڪڏهن اوءَ ڪتابن ۾ ڏسندي!

    ڪڏهن ڪري بستري تي آهون ڀريندينءَ
    ڪڏهن نمي وهاڻي تي روئي تون وجهندينءَ
    اُداسي چنڊ جي جڏهن ستائيندي تو کي
    فضا جي خاموشي ڏکوئيندي توکي
    آسمان ڏي ڏسندينءَ نظرون خالي کڻي
    ڪڏهن نه جيڪي سوچيئه سو سوچي ئي رهندينءَ!
    ياد ٿو پويم ته هيءَ ڪوتا ڪنهن کي ڌيان ۾ رکي لکي هئم. پاڙي ۾ هڪ سسيءَ نالي ڇوڪري رهندي هئي. مون کان گهڻي ننڍي هئي. پندرهن سورهن سالن جي مس هوندي ۽ مان هوس اَٽڪل ٻاويهن سالن جو! سسيءَ کي خيال ۾ رکي هيءَ ڪوتا لکي هئم. ڏاڍو سڪندو هوس ته هوءَ مون ڏانهن ڌيان ڏي... نهاري... مرڪي!
    ڪوتائن کان سواءِ ڪن صفحن تي وڏن ماڻهن جون چوڻيون لکيل آهن. ضرور ڪن ڪتابن مان پڙهندي اِهي وڻيون هوندم تڏهن ڊائريءَ ۾ لکيون هوندم. اُن وقت ۾ مهاتما گانڌي جي آتم ڪٿا پڙهي هئم ۽ سوامي وويڪانند جو هڪ ڪتاب پڙهيو هوم. ٻنهي ڪتابن منهنجيءَ دل تي گهرو اثر ڪيو هو. اُنهن ڪتابن مان ڪي ٽڪرا ڊائريءَ ۾ لکيل آهن.
    ڊائري پڙهندي ماضيءَ ۾ کوهجي ٿو وڃان. توڻي جو بيروزگاريءَ ۽ مفلسيءَ جي ڪري ڏاڍا ڏکيا گذريا اُهي ڏينهن پوءِ به چاهيان ٿو ته جيڪر اُهي ڏينهن وري ملن...
    طبيعت فيلسوفاڻي بڻجي ويئي هئي!
    سبيتا چاٻيءَ سان در کولي اَندر ٿي گهڙي. هن کي ڏسڻ سان مون کان منهنجو ماضي ڇڏائجي ٿو وڃي. هونءَ جيئن ئي ايندي آهي تيئن ئي مان رنڌڻي ۾ وڃي ماني گرم ڪندو آهيان. هوءَ ڪپڙا مٽائي هٿ منهن ڌوئي ايندي آهي تيسين مان کاڌو ميز تي رکي وٺندو آهيان. پر اڄ اِهو سڀ ڪرڻ نٿو پڄيم.
    پوڻا ٽي وڳا وقت ٿيو آهي. ٿانوَ کڙڪڻ جي آواز مان سمجهان ٿو ته سبيتا ماني ميز تي رکي رهي آهي. مان هٿ ڌوئي ميز تي اچي ماني کائڻ ٿو ويهان. هونءَ چپ چاپ ماني کائي هال ۾ سوفا تي وڃي ليٽان ها پر سبيتا کي سندس ماءُ جو نياپو ڏيڻو هو سو ڳالهائڻو ٿو پوي.
    مانيءَ جو گرهه وات ۾ وجهندي سبيتا کي چوان ٿو، ”تنهنجي ماءُ جو ”گرين گراس“ تي ٽرنڪ ڪال آيو هو.“
    سبيتا منهنجي منهن ۾ نهاريو پر ڪڇيو ڪين. چپ چاپ ماني کائي اُٿي. سندس منهن مان پڌرو آهي ته راتوڪي ڪاوڙ گهٽي نه اٿس. هيڪاري وڌيڪ ڪاوڙيل ٿي لڳي.
    ميز تان اُٿڻ مهل پڇيائين، ”ڇا چيو مميءَ؟“
    مون وراڻيو، ”چيائين ته وزٽ ويزا موڪليو. ٽي مهينا دبئيءَ اچي آرام ڪرڻ ٿي چاهيان.“
    ”مميءَ جي پاسپورٽ جا تفصيل تو وٽ آهن نه؟“
    ”ها... اُهي ته ”گرين گراس“ تي رکيا هوندا...“
    ”ته ڪڏهن اَپلاءِ ڪندين ويزا لاءِ؟“
    ”مان چاهيان ئي نٿو ته تنهنجي ماءُ هتي اچي.“
    ”تون ڪيئن چاهيندين؟ منهنجيءَ ماءُ تنهنجي ٻلي ماري آهي نه! “
    ”ڪانه ماري اَٿائين، ٻلي؟ مارچ ۾ آئي هئي ته اسان جو ڪهڙو حال ڪيو هئائين؟“
    ”مميءَ ڇا ڪيو؟ اسان جو اڳي ئي حال خراب آهي.“
    ”ته هن جي اچڻ سان وڌيڪ خراب ٿو ٿئي.“
    ”Nonsense “ ، سبيتا وڏي واڪي چوي ٿي، ”مان توکي چئي ٿي ڇڏيان. مان مميءَ کي وزٽ تي ضرور گهرائينديس.“
    ”ڀلي گهرائينس“ ، مون پاڻ تان ضابطو وڃائي چيو، ”تون مون کي ڇڏيندينءَ پر ماءُ کي ڪانه ڇڏيندينءَ... ماءُ کي ڇڏي الائي مون سان شادي ڪيئن ڪيئي“
    ”اَلائي ڇو ڪيم شادي توسان. تنهن کان ته ڪنواري ويٺي هجان ها.“
    ”ته ويٺي هجين ها. پنج سال بمبئي ڇڏي هليو ويس تڏهن به منهنجي پچر ڪانه ڇڏيئي...“
    ”مان تو کي ڇڏيان ها ته تون خوش ٿي هان جيڪر... ڪرڻال ۾ سلڪشڻا سان شادي ڪري ويهي رهين ها...“
    ”سچي ڳالهه آهي.“
    ”منهنجو ڀاڳ ڦٽو...“ سبيتا روئيندي روئيندي ميز تان ٿانوَ کڻي رنڌڻي طرف ويئي. مان هال ۾ هليو آيس. جڏهن هن جي روئڻ جو آواز بند ٿيو تڏهن سمجهيم ته بيڊروم وڃي سمهي هوندي. مان باٿ روم ۾ وڃي گرڙي وغيره ڪري واپس هال ۾ اچي مان سوفا تي ليٽي ٿو پوان. نه مٿن کان رکڻ لاءِ وهاڻو آهي نه پاڻ کي ڍڪڻ لاءِ بلئنڪيٽ. پر اَهي شيون بيڊ روم مان وڃي کڻي اچان اِهو اصل نٿو پڄي. سوچان ٿو ته آخر وارو ننڍو ڪمرو جيڪو پٺين در سان لڳو لڳ آهي اُن ۾ وڃي ٺڪاڻو ڪريان. سبيتا ڀلي ماءُ کي گهرائي. کيس پاڻ سان بيڊ روم ۾ سمهاري. جيئن وڻيس تيئن ڪري. مان پٺيئن در کان ئي ايندس ويندس ۽ وس پڄندي هنن ماءُ ڌيءُ جي منهن ئي نه چڙهندس!
    سوفا تي ليٽئي اَک لڳي هئم. فون جي گهنٽيءَ تي جاڳي ٿو پوان.
    ”اَنوپ هيئر“ رسيور کڻي چوان ٿو.
    ”ڀائو...“، مدن جو فون آهي. چوي ٿو، ”اڄ چئين وڳي توهين وڃي دڪان کوليو. مون کي صبح جو لوڪل پارٽنر ڪين گڏيو. هينئر ساڻس ملڻ لاءِ وري ”جمعيرا“ وڃڻو اٿم.“
    ”ٺيڪ آهي“ چئي مان جيئن رسيور رکڻ تي آهيان تيئن بيڊ روم واري فون جي رسيور رکڻ جو آواز ٻڌان ٿو. سو سبيتا بيڊ روم وارو فون کنيو هو. هن وقت به بيڊ روم ۾ ئي آهي ۽ گهنٽي ٻڌي شايد ننڊ ڦٽي هجيس پر جيڪڏهن رنڌڻي ۾ هوندي آهي ته به ڪم ڇڏي ڊڪون پائيندي وڃي بيڊ روم ۾ فون کڻندي آهي. مان ڪنهن سان ٿو ڳالهايان ڇا ٿو ڳالهايان سو سڀ ٻڌندي آهي. اسان سهوليت لاءِ ٻه ڪنيڪشن رکيا آهن جيئن هال مان توڻي بيڊورم مان ٻنهي هنڌان ٽيليفون تي ڳالهائي سگهجي پر هيءَ سهوليت منهنجي ۽ سبيتا جي وچ ۾ جهڳڙي جو ڪارڻ ٿي پيئي آهي.
    ٿورا ڏينهن اڳ پرميلا جو فون آيو هو... هن ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي هئي سا سبيتا بيڊ روم واري فون تان ٻڌي. پرميلا جون ڳالهيون ٻڌي سبيتا ايڏي جلي پڄري هئي جو ڏاڍو گوڙ ڪيو هئائين. مان به مٿس خوب ڏمريو هوس ته هن طرح مون تي جاسوسي رکڻ جو ڪهڙو حق آهي؟
    هيءَ ڳالهه ڪنهن سڀيا ماڻهوءَ جي منهن تي پوي ٿي؟
    ؟Isn,t it rubbish really
    پرميلا جي ڳالهين جو سبيتا ايڏو اونڌو مطلب ڪڍيو هو جو سمجهڻ لڳي ته دهليءَ کان وٺي منهنجو هن سان اَفيئر آهي. پرميلا جي ڳالهائڻ جو ڪير به شايد اِهو مطلب ڪڍي پر جيڪو کيس سڃاڻندو هوندو اهو صرف ائين سوچيندو ته ڏاڍي معصوم آهي هوءَ. اُن ڏينهن فون تي ڳالهائيندي ڪاليج جي زماني جون ڳالهيون ڪڍي ويٺي ته ڪيئن سپنن جي دنيا ۾ رهندي هئي. حقيقي دنيا سان ڄڻ ڪو واسطو ئي نه هوس! اهڙيون ڳالهيون ڪندي چيائين، ”اَنوپ... جيڪڏهن تون مون کي دهليءَ ۾ ٻيو دفعو گڏجين ها ته منهنجا جذبا شايد لفظن جو روپ وٺن ها... شايد توکي چوان ها ته تون منهنجي خوابن جي سونهن آهين...“
    پرميلا جون ان قسم جون ڳالهيون منهنجي من ۾ ڪابه هلچل پيدا نه ڪنديون آهن. مون کي خبر آهي هوءَ ناول ۽ ڪوتائن جا ڪتاب خوب پڙهندي آهي ۽ پاڻ کي ڪنهن ناول يا ڪهاڻيءَ جو ڪردار سمجهندي آهي. شاعراڻي نموني گفتگو ڪرڻ سان کيس سڪون ملندو آهي.
    پرميلا بابت هي سڀ ڳالهيون سبيتا کي ڪيئن سمجهايان؟


    (ڀ)

    ”گرين گراس“ تي پهچي يڪدم ڀرواريءَ ڪئفي ۾ فون ڪري چانهه ٿو گهرايان. مٿو ڏاڍو ڳورو ٿي پيو آهي. چانهه سان ٻه پئناڊال جون گوريون وٺي مٿو وال يونٽ مٿان ڍرڪائي ٿو ڇڏيان. اِئين ٿو چاهيان ته مون کي ڪوبه خيال نه اچي. ڳالهيون ڳڻي ڳڻي مٿو گهٻجي ويو آهي. پر سوچ ويچار تي ضابطو هجي ته اِنسان هوند سونو ٿي پوي. مٿي کي وال يونٽ تي ڍرڪايان يا هٿن ۾ جهليان يا ڀلي ريشمي نرم وهاڻي تي رکان پر مٿي کي ماٺ ڪانهي. هلي ئي هلي پيو!
    سوچيان ٿو جيڪر ڊائري لکڻ جو نيم ٺاهيان. ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي ويجهي ۾ ويجهي متر کي ٻڌائي نٿيون سگهجن. پر ڊائريءَ جا پنا سانتيڪا متر بڻجي سگهن ٿا. اُنهن تي ڪجهه به لکڻ ۾ هٽڪ محسوس نه ٿيندي.
    اڄ سڄو ڏينهن جيڪو ڪجهه سوچيو اٿم ۽ جيڪو ڪجهه ياد آيو آهي، اُهو سڀ پنن تي لکان ته شايد منهنجي آتم ڪٿا ٺهي پوي. اڄ حال کان وڌيڪ ماضيءَ تي سوچيو اٿم ڄڻ ماضي موٽي آيو آهي. گذريل زندگيءَ جا ڪي ڪي نظارا اِئين ٿا اکين اڳيان ڦرن، ڄڻ اُهي ڳالهيون ڪالهه ٿيون آهن.
    بي روزگاريءَ واري زماني جو هڪ صبح ٿو ياد اچيم!

    گهر جي اُها ڇت جتي صبح جي پهر ۾ ويهي اخبار پڙهندو هوس ۽ ڊائري لکندو هوس، اُن ڇت کان موڪلائڻو پيو. اُن صبح جو ڇت تي ويٺو هوس. پنهنجي ئي پورن ۾غلطان... اوچتو بابا کي مٿي آيل ڏسي ڇرڪي ويس. پاڻ سنڀالي بابا طرف نهاريم. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته بابا ڇا لاءِ مٿي آيو آهي... مون کي ڇا چوڻ وارو آهي! سوچيم شايد چوندو نوڪري اڄ نه سڀان ملي پوندي. هيڏو مايوس ڇو ٿي ويو آهين. ڏس ته ڪيڏو ڪمزور ٿو لڳين! پر نه، بابا اُن جي ابتڙ ئي ڪجهه چيو، ”گهڻا ڏينهن اِئين بيڪار ويٺو هوندين؟ ويٺو ويٺو کائيندين؟“
    بابا کي خبر ڪانه پيئي ته هن منهنجي سيني ۾ ڪهڙو گهاءُ ڪيو. هن جي خيال موجب هن ڪا خاص بري ڳالهه ڪانه چئي هئي. هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ پٽ کي ايترو چوڻ جو کيس حق هو! ننڍي هوندي بابا جون مارون کائي گهڻائي دفعو گهر مان ڀڄي ويو هوس. پر وري موٽي ايندو هوس. اُن صبح جو بابا جي لفظي مار جو منهنجي دل تي اهڙو اثر ٿيو جو قسم کائي ڇڏيم ته بابا جي ڪمائيءَ مان هڪ ويلو به کائڻ زهر آهي. اُڄ بک مري ويندس پر بابا کان هڪ پائي به ڪانه وٺندس. اُن مهل ئي ٻه وڳا کڻي خالي کيسن سان پيءُ جي گهر کي هميشه لاءِ الوداع ڪيم؟
    اُهو ڏينهن ڪو وسري ٿو؟ مان بيروزگار ته هوس ئي پر اُن ڏينهن بي گهر به ٿيو هوس. هونءَ ڪوليواڊا وارو گهر مون کي نرڪ سمان ئي نه، جنسي نرڪ لڳندو هو پر جڏهن اُن گهر جي ڇت ڇڏڻي پيئي تڏهن پنهنجو مٿو اُگهاڙو ڀانيم. مٿو لڪائڻ لاءِ نيري آسمان کان سواءِ ڪا ڇت نه هئي.
    ڪوليواڊا اِسٽيشن طرف ويندي مون کي بمبئيءَ جي مهانگر ۾ ٻيو ڪير ڪين سجهيو صرف وڏيءَ ڀيڻ جوآسرو هوم. سرلا بامبي سينٽرل تي رهندي هئي. مون وٽ کيسي ۾ پائي به ڪانه هئي. سوچيم ٽرين ۾ بنان ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جون گهڻيون ئي اَٽڪلون ڄاڻان. ڪوليواڊا تان هاربر لائين جي ٽرين ۾ وي. ٽيءَ وڃي پوءِ وري مين لائين جي ٽرين ۾ چڙهندس ۽ بائڪلا تي لهي پنڌ بامبي سينٽرل هليو ويندس. وي. ٽي. تائين پهچي ويس. پر وي. ٽيءَ تان بائڪلا ويندي پوليس جي چنبي ۾ ڦاسي پيس. منهنجا ٻه ڏوهه هئا. هڪ ته ٽڪيٽ ڪانه هئم ٻيو ته ليڊيز گاڏي ۾ چڙهيو هوس. مسجد اِسٽيشن تي پوليس واري ٽرين مان لاٿو اُتي سوين ماڻهو موجود هئا. ڪجهه گاڏين ۾ ته ڪجهه پلئٽفارم تي ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته پوليس وارو جنهن نوجوان کي ڳٿر کان جهليو جيل نيو پيو وڃي سو ڊڪٽر اَنوپ اگروال آهي! مون کي لاڪ اَپ ۾ بند ڪيو ويو. اُتي پهچڻ سان مون کي سخت سيءَ ۽ ڏڪڻيءَ سان تپ اچي ورايو. جسم ڍڪڻ لاءِ اوڇڻ ڏيڻ يا دوا ڏيڻ ته پوليس جو ڪم هو ڪين. هو صرف مون کان ڪنهن مٽ مائٽ جو پتو پڇي رهيا هئا. جيڪو منهنجي ضمانت ڏئي. مون پنهنجي ڀيڻويئي ڪلديپ جي اَئڊريس ڏني. هو ناير هاسپيٽل ۾ ڪمپائونڊر هو.
    مون کي پنهنجي ڀيڻويئي ڪلديپ لاءِ بلڪل عزت نه هئي. هو گهٽ سمجهه ۽ ننڍيءَ دل وارو شخص آهي. حقيقت ۾ جڏهن سرلا جي مائٽي ٿي هئي، تڏهن ئي ڪلديپ مون کي سرلا لائق ور نه لڳو هو. مون کي پنهنجيءَ ڀيڻ تي ڏاڍو ناز هو. هوءَ ننڍي هوندي کان ڏاڍي محنتڻ آهي. ٽيونشنس ڏيئي پنهنجي فيءَ لاءِ پئسا پاڻ ڪمائي بي. اي. تائين پڙهي هئي. ڏسڻ وائسڻ ۾ موهيندڙ ۽ دل توڻي دماغ جي روشن آهي. وڏي ڳالهه ته هوءَ منهنجي اَناٿ ننڍيڻ جي ساٿڻ هئي. مون کي بابا جي مار کان بچائڻ لاءِ سوين جتن ڪندي هئي. منهنجي کاڌي پيتي جو به خيال رکندي هئي. سو منهنجيءَ ذهين ۽ ننڍپڻ جي ساٿڻ ڀيڻ کي ڪلديپ جي حوالي ڪرڻ وقت منهنجو من ڏاڍو رنو هو. پر اِتي به غريبيءَ منهنجي روئيندڙ من کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو هو.
    ڪلديپ هونءَ ڪهڙو به آهي پر منجهس هڪ گڻ آهي. هو مهل جو ماڻهو آهي. اوکيءَ سوکيءَ ۾ ڪم اچڻ وارو... ان ڪري ئي لاڪ اَپ ۾ بند ٿيڻ تي مون سندس اَئڊريس ڏني. اُن بعد ڪپڙن جي ڳوٿريءَ مٿان سر رکي جيئن سمهيس تيئن بلڪل غش پيو هوس. جڏهن اک پٽيم تڏهن پاڻ کي ناير هاسپيٽل ۾ ڏٺم. ڪلديپ مون کي لاڪ اپ مان ڇڏائي هاسپيٽل داخل ڪرايو هو.
    جيسين هاسپيٽل ۾ هوس، تيسين هر روز شام جو بابا پوري چئين وڳي ايندو هو. هو روز صوف، سنگتڙا، ڏاڙهون وغيره کڻي ايندو هو. ميوي جو ته بابا واپار ڪندو هو تنهنڪري ميوو آڻڻ هن لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي پر ميوي جي ڀريل ڳوٿري کڻي ڪوليواڊا کان هرروز نائر هاسپيٽل اچڻ هن ٻڍڙي سرير لاءِ ڪيڏو اوکو هوندو... اِهو سوچي دل ڀني هئي. پاڻ کي چيو هوم ته اِئين ڪونهي ته بابا جو مون ۾ موهه ڪونهي. پوءِ به چاق ٿيڻ بعد مون گهر وڃڻ نه قبوليو. مون پرن ڪيو هو ته هاڻي پنهنجو گهر ٺاهيندس.
    مان سرلا وٽ به صرف هڪ ڏينهن رهيس. هوءَ مون کي ماءُ وانگر آهي پوءِ به ڪلديپ جي ڪري مون کي وٽس رهڻ سٺو نه لڳو... جڏهن کانئس موڪلايم پئي تڏهن هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو. هن ڪلديپ کان لڪائي مون کي پنجاهه رپيا ڏنا هئا ۽ هڪ لفافو ڏيندي چيائين ، ”هن پني ۾ ڊاڪٽر ملهوترا جي اَئڊريس لکيل اَٿيئي. تون ساڻس بامبي هاسپيٽل ۾ وڃي مل. ڪلديپ هن سان ڳالهائي ڇڏيو آهي. اُتي Externee جي جاءِ خالي آهي.“
    منهنجو ڀيڻويو ڪنهن طرح سبيتا کي سڃاڻيندو هو. سو ڀيڻيوئي صاحب جي سفارش ۽ سبيتا جي مهربانيءَ سان بامبي هاسپيٽل ۾ نوڪري ملي ويئي!
    مس سبيتا ملهوترا... ڪيئن ٿي هن سان ملاقات! پهريون دفعو جنهن ڏينهن هن سان مليو هوس سو ڏينهن پيو ياد اچي. هن کي واڱڻائي رنگ جي سلڪ جي ساڙهي پيئي هئي. هوءَ بامبي هاسپيٽل ۾ ٽئين ماڙي تي گائناڪالاجي وارڊ ۾ رائونڊ تي هئي. اُن مهل... مون کيس پني ٽڪريءَ تي ڪلديپ جو نالو لکي موڪليو. وارڊ بواءِ کان اُها پني ٽڪري وٺي، نالو پڙهي پنهنجي اَئپرن جي کيسي ۾ وڌائين. وارڊ بواءِ هٿان چوائي موڪليائين ته وزٽنگ روم ۾ وڃي ويهه. مان اچان ٿي.
    هوءَ ڏهن منٽن بعد وزٽنگ روم ۾ آئي هئي. مون ڏانهن نهاري مرڪي ۽ ڊاڪٽر اَنوپ اَگروال چئي مون سان مخاطب ٿي. مون کيس چيو هو، ”ڊاڪٽر پوءِ سڏجوم، جڏهن جاب ملي، حال ته ڊگري مون تي ٺٺولي ڪري رهي آهي.“
    هن چيو هو، ”جاب ملي ويندي. مون بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. توهين هيڏا مايوس ڇو ٿا لڳو؟ ڪلديپ ته ٻڌائيندو آهي توهان ۾ غضب جو آتم وشواس آهي.“
    ”آتم وشواس جڏهن ڪم اچي...“
    ”هيلتائين جيڪي حاصل ڪيو اٿوَ. سو سڀ آتم وشواس سبب. هاڻي به آتم وشواس نه ڇڏيو. حقيقت ۾ دهليءَ مان موٽڻ بعد توهان کي هر هڪ هاسپيٽل ۾ درخواست ڪري ڇڏڻ کپندي هئي...
    بامبي هاسپيٽل ۾ نوڪري ملي ته سبيتا سان گڏ ڪم ڪرڻ جو وجهه مليو. اُتي ڪم ڪندي خبر پيم ته سبيتا جو ڪافي نالو آهي. هاسپيٽل ۾ هن جي سڀاءُ توڻي ڪم کان هر ڪو متاثر هو... ۽ مون کي ڏسڻ کان اڳ ئي منهنجي عزت ڪندي هئي. ڪلديپ کيس مون بابت گهڻو ئي ڪجهه ٻڌايو هو ته ڪهڙين حالتن مان گذرندي مان ڊاڪٽر بڻيو آهيان.
    سبيتا ۽ مان جلد هري مري وياسين. هاسپيٽل جي ميس ۾ لنچ گڏ کائيندا هئاسين. ڪافي پيئندي.. رڪريئيش روم ۾ ٽيبل ٽينس ڪندي، اسين ڪيتريون ڳالهيون ڪندا هئاسين. هم عمر ۽ هم پيشيور هئاسين سو اسان جي سنگت سڀاويڪ هئي. پر اسان کي شاديءَ جو ويچار اچي ئي اچي تنهن کان اڳ ساٿي ڊاڪٽرن سوچي ڇڏيو ته اسين همسفر ٿينداسين... هڪ ڏينهن ته ڪمال ٿي ويو. گائناڪالاجي وارڊ ۾ رائونڊ پورو ڪرڻ کان پوءِ کلندي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ديشيءَ سبيتا کان پڇيو هو:
    So young Lady, when are you getting married?
    سبيتا ڏاڍو نروس ٿي ويئي هئي. هن شام جو مون کي ٻڌايو هو ته شاديءَ جو سوچي به نٿي سگهي جيسين سندس ننڍو ڀاءُ لائقيءَ لڳي تيسين تائين هوءَ شاديءَ بابت بلڪل ئي نه سوچيندي. سندس ننڍي ڀيڻ سجاتا به اڃا تنهن وقت اِسڪول ۾ هئي. هن جو اِهو فيصلو ته هوءَ ڪجهه سال شاديءَ لاءِ نه سوچيندي بلڪل صحيح هو. مون سندس ان فيصلي جي عزت ڪئي هئي.
    اَسين اُن مهل هاسپيٽل جي ڪئنٽين ۾ چانهه پي رهيا هئاسين. مون چانهه پيئندي سبيتا کي پنهنجو حال ٻڌايو ۽ کيس اِئين به چيم ته اَسين ٻئي ساڳين حالتن مان گذري رهيا آهيون. مان به پنج سال کن ته شاديءَ لاءِ سوچي به نه سگهندس.
    اُن بعد اسين هتان هُتان جون ڳالهيون ڪري خوب کليا هئاسين. زبان سان اسان هڪ ٻئي کي ڪجهه به نه چيو هو پر اَڳالهايو اَنجام ڏنو هئوسين هڪ ٻئي کي ته... پنجن ڇهن سالن کان پوءِ حالتون سڻايون ٿينديون... اُميد ته پوءِ جيون ڀر جا ساٿي ٿينداسين...


    (ت)

    مدن اچي ويو آهي. هن کي ڏسي ياد ٿو اچيم ته مان ”گرين گراس“ تي ويٺو آهيان. هن جي اچڻ سان منهنجي سوچ ويچار ۾ رخنو ٿو پوي ۽ ڏاڍي بي آرامي ٿو محسوس ڪريان. هن کان لوڪل پارٽنر جي باري ۾ ڪجهه نٿو پڇان. لائسنس رنيو ٿيڻ جي ڪڏهن اُميد آهي ان ڳالهه ۾ به منهنجو ڪو چاهه ئي ڪونهي. مان مدن کي چوان ٿو، منهنجي طبيعت ٺيڪ ڪانهي، مان وڃان ٿو. دڪان سندس حوالي ڪري نڪري ٿو پوان.
    اِئين پيو محسوس ٿئيم ڄڻ قيد مان آزاد ٿيو آهيان. مدن کي ضرور عجب لڳو هوندو ته مان کانئس خبرچار ڇو نٿو پڇان. ڊسمبر جي مهيني ۾ ٽريڊ لائسنس رنيو ڪرائڻ لاءِ لوڪل پارٽنر جي پٺيان رلڻو پوندو آهي. اسان جو لوڪل پارٽنر خدا ترس ماڻهو آهي. سڄي سال ۾ مشڪل هڪ ٻئي جو منهن به ڏسندا آهيون. رڳو ڊسمبر جي مهيني ۾ هن سان ملون. هو لائسنس رنيو ڪرائي ڏئي ۽ اسين کيس سالياني ٻول ڪيل رقم ڏيون. وري سال لاءِ خدا حافظ!... هن وقت منهنجي من جي حالت اهڙي آهي جو نه مون کي ”گرين گراس“ مٺو ٿو لڳي نه دبئي... ڪجهه پنهنجو به نٿو لڳيم. پنهنجو پاڻ کان به پري هليو ويو آهيان...
    جنرل پوسٽ آفيس وٽ اچي ڪار بيهاري اٿم. روزاني عادت آهي ”گرين گراس“ تان نڪري ٽپال ڏسي پوءِ گهر وڃان. ڪڏهن پوسٽ آفيس اچڻ نه پڄندو آهي ته بمبئي ياد ايندي آهي. اُتي ڪيئن ٽپالي گهر ۾ خط ڏيئي ويندا آهن. هتي پوسٽ باڪس وٺڻ لاءِ سالياني مسواڙ ڀرڻي پوي ۽ ٽپال کڻڻ لاءِ پاڻ اچڻو پوي. هونءَ ته شايد مان هفتي ۾ هڪ اڌ دفعو ٽپال کڻڻ اچان پر بزنيس ليٽرس جي ڪري روز ايندو آهيان. متان ڪو اهم تڪڙو ليٽر هجي...
    عجب آهي اڄ بزنيس ليٽرس نه آهن. پرسنل خط آهن! هڪ خط ڪرڻال مان پڦڙ جو آهي ۽ ٻيو سجاتا جو. پڦڙ ته ڪڏهن به مون کي دبئيءَ ۾ خط نه لکيو آهي... سجاتا جو خط ڪوٽ جي کيسي ۾ ٿو رکان. ڪار ۾ ويهي پڦڙ جو خط تمام اُڻ تڻ وچان کوليان ٿو. هن لکيو آهي...
    اَنوپا...
    تنهنجي پڦي موڪلائي ويئي... منهنجو هتي اَڪيلو رهڻ ممڪن ڪونهي. جيءُ گهٻرائي ٿو. جيڪو زمين جو ٽڪر اٿم سو وڪڻڻ جي ڪوشش ۾ آهيان. جيڪي چار ڏوڪڙ مليا سي هڙ ۾ ڪري بمبئيءَ وڃي رهندس. بمبئيءَ ۾ سڌير کي اِطلاع ڏنو اٿم ته حياتيءَ جا باقي ڏهاڙا وٽس رهڻ ٿو گهران. تون هيل بمبئيءَ اچين ته منهن ڏيکارجانءِ. ڪرڻال اچڻ جو توکي وري وقت نه مليو. تنهنجيءَ پڦيءَ آخر تائين تو کي ياد ڪيو. تو کي لک آسيسون ڪندي هئي. ڪنوار کي به ڏاڍو ياد ڪيائين. تنهنجو ٻچو ته هن ڏٺو ئي ڪين.
    تنهنجو پيءُ جهڙو...
    ايڪناٿ
    Oh! No, ،... خط اسٽيئرنگ سان ٽڪرائي، پنهنجو مٿو مٿيس ٿو رکان. هي ڇا ٿيو؟ پڦي هلي ويئي؟ هاءِ هاءِ... پڦي پڦڙ بي اولاد هئا. هڪ ڌرم جو پٽ ڪيو هئائين.. سڌير، جيئن ئي سڌير ساماڻو تئين ئي هن ڪرڻال ڇڏي بمبئيءَ ۾ وڃي ٿاڻو ٺڪاڻو ڪيو. اُن وقت پڦي پڦڙ ڏاڍا اڪيلا ٿي پيا هئا.
    پڦڙ ۽ پڦيءَ جو سوچيندي دل ڀرجي ٿي اچيم. بي دليو ڪار اِسٽارٽ ڪريان ٿو.
    هاڻي پڦيءَ جو درشن ڪڏهن نه ٿيندو اِهو ويچار اکين ۾ پاڻي آڻي ٿو ڇڏي. پڦيءَ مون کي ڏاڍو پيار ڪيو آهي اَصل ڄائي ڄم کان. مان جڏهن ڄائو هوس تڏهن اَمان جو من ڏاڍو ڊنل هو ڇو ته مون کان اڳ کيس ٻه ٻار ٿيا هئا. اُهي ٻئي ڪين بچيا هئا. تنهنڪري منهنجي جنم وقت جوتشيءَ کي گهرايو ويو هو، هن چيو هو اَمڙ ٻه سال پاڻ کان مون کي دور رکي ته مان بچي پوندس. ان انڌيءَ مڃتا جي وس ٿي اَمان مون کي ٻه سال پڦيءَ جي حوالي ڪيو هو. ملتان ۾ پڦي اسان جي گهر ڀرسان ئي رهندي هئي. هن خوشيءَ سان مون کي نپائڻ جو ذمو کنيو. مون کي ٻن سالن جو ڪري پوءِ اَمان کي ڏنائين. هميشه چوندي هئي ته ڄڻڻ وارن کان نپائڻ وارن جو موهه وڌيڪ ٿيندو آهي. اِن حقيقت جو ثبوت به مليم. پڦيءَ جي ممتا مون کي ڪرڻال ڇڪي ويئي هئي...
    پڦي پڦڙ جي ڌرم جو پٽ سڌير جڏهن ڪرڻال مان لڏي بمبئي وڃي وسائي تڏهن اڪيلائي جي اَسهه پيڙا وچان هنن مون کي خط لکيو هو. دل ئي دل ۾ مون کي به پنهنجو پٽ سمجهندا هئا. هنن مون کي لکيو ته جيڪڏهن ڪرڻال ۾ اچي پرئڪٽس ڪرڻ چاهين ته ڪلنڪ شروع ڪرڻ لاءِ توکي هڪ ڪمرو ڏينداسين ۽ ٻي به جيڪا پئسي ڏوڪڙ جي مدد ٿي سگهندي سا ڪنداسين.
    اُهي ڏينهن ياد اچي رهيا آهن.
    پڦڙ شايد خط لکڻ مهل اُميد به نه ڪئي هجي ته ڪو مان ڪرڻال وڃي پرئڪٽس ڪندس. هنن جي اڪيلائيءَ جو سوچي ڪرڻال ويو هوس اِئين ڪونهي مون کي منهنجين پنهنجين حالتن اِهو فيصلو ڪرايو. هفتو کن ٻڏتر ۾ پيو هوس ڇو ته اُن وقت جيڪا نوڪري هئم تنهن ۾ job satisfaction ڏاڍو هو.
    بامبي هاسپيٽل ۾ ٻه سال ايڪسٽرني جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو هئم، ان آزمودي جي ڪري بمبئيءَ ۾ گهاٽڪو پر جي سرووديه هاسپيٽل ۾ R. M.O (ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسر) جي نوڪري ملي هئي. اُتي نه رڳو قابل ڊاڪٽر طور پر هڪ قابل سرجن طور به مان مرتبو حاصل ڪيو هوم. ان لاءِ مان بامبي هاسپيٽل جي آنرري سرجن ڊاڪٽر جان جو سڄي عمر ٿورائتو رهندس. هن جهڙي قابل سرجن ۽ سچي ماڻهوءَ جي رهبريءَ هيٺ ٻه سال ڪم ڪرڻ سان مون بيحد گهڻو سکيو. ان جي بدولت ئي مون سرووديه هاسپيٽل ۾ خوب نالو ڪمايو. سال سوا جي عرصي ۾ ٽانسلس، هرنيا، هائبرلس، ڪڊني، اِسٽون وغيره جا بي حساب آپريشن ڪيم. سرو وديه جي ڊاڪٽر مهتا... جيڪو اُتي جو آنرري سرجن هو، تنهن جو مون ۾ ايڏو ويساهه ٿي پيو هو جو ڪافي اِختياري ڏيئي ڇڏي هئائين... اُتي جو ماحول ۽ job satisfaction ... منهنجي پروفيشن توڻي پرسنلٽيءَ جي خيال کان اُهو سڀ ڇڏڻ واجب نه هو پر پوءِ به ڪرڻال ويس. اهو فيصلو به مون کان غريبيءَ ڪرايو. پگهار هوم ٽي سو رپيه. بس اهائي تڪليف هئي. باقي ڪوارٽر سٺو هو، کاڌو پيتو به سٺو ملندو هو ... جڏهن ڊاڪٽر مهتا منهنجي اِستيعفا جو ٻڌو ته يڪدم پاڻ وٽ سڏائي چيائين، ”اَگروال، تو کي هتي ڪهڙي تڪليف آهي؟“
    مون کيس وراڻيو هو، ”سر! مون کي هتي ڪابه تڪليف ڪانهي. پر ٽي سو رپين مان ڇا ٿو ٿئي سر...“
    ڊاڪٽر مهتا صرف ڪنڌ ڌوڻيو هو. هن جو وس پڄي ها ته مون کي پگهار ٻيڻو ڪري ڏئي پر سرڪاري هاسپيٽل جا پنهنجا قاعدا هئا. اُتي گهوڙي گڏهه جو ڪوبه فرق نه هوندو آهي. ڪير ڪيترو به قابل هجي يا ناقابل، پگهار کيس ايترو ئي ملندو جيترو اِسڪيل مقرر ٿيل هوندو... موڪلائڻ وقت هن دلي شڀ ڪامنائون ڏنيون هيون ۽ اِهو به چيائين، ”شاديءَ ۾ گهرائيندين يا وساري ڇڏيندين.“
    مون کي خبر هئي ته منهنجي شاديءَ جي ڳالهه ڪندي ڊاڪٽر مهتا کي سبيتا ياد آئي هوندي. مون ئي کيس سبيتا سان واقفيت ڪرائي هئي. مون کيس چيو هو، ”سر! ڪرڻال ايتري سٺي پرئڪٽس ٿئي جو گهر سنڀالي سگهان تڏهن شاديءَ جو سوچيان.“
    سرو وديه مان جيڪي ٽي سوئ ملندا هئا تن مان هڪ سوئ هر مهيني بابا کي پهچائيندو هوس باقي ٻه سوئ رپيه... نه گهر نه گهاٽ... سو بمبئيءَ ۾ ته شاديءَ جو سوچڻ ئي عبث هو! تنهنڪري بمبئيءَ کي الوداع ڪري ڪرڻال هليو ويو هوس... اِها اُميد کڻي ته من اُتي مالي حالت سڌري!
    اوچتو ڌيان ٿو اچيم ته گهر کان ڪافي دور نڪري آيو آهيان. سامهون جيڪو ”يو“ ٽرن آهي اُتان واپس ٿو وران گهر طرف... ڪار دبئيءَ جي رستن تي ڊڪي رهي آهي. منهنجا هٿ ئي ڪار هلائي رهيا آهن پر مان هتي نه آهيان.
    مان ماضيءَ جي وڪڙ ۾ آهيان سوچيان ٿو ڪيئن غريبيءَ جا چهبڪ کائيندو ڀٽڪندو رهيس هڪ اسپتال کان ٻيءَ اسپتال تائين. هڪ شهر کان ٻي شهر تائين.
    شروع ۾ ڪرڻال سرڳ مثل لڳو هو. پڦڙ ايڪناٿ ڇا ته فخر وچان منهنجي واقفيت هر ڪنهن سان ڪرائيندو هو. هيءُ منهنجي سالي جو پٽ ٿئي اَنوپ اَگروال... وڏو ڊاڪٽر آهي. بامبي هاسپيٽل ۾ سرو وديه هاسپيٽل ۾ وڏو سرجن ٿي رهيو آهي... منهنجي چٺي ملندي ئي نوڪري ڇڏي هليو آيو... پڦي پيار مان اَنوپا ڪري سڏيندي هئي. قسمين قسمين طعام ٺاهي کارائيندي هئي. کيس يا سندس سڃاڻپ واريءَ کي سردي زڪام ٿيو ته دوا ڏيڻ لاءِ چوندي هئي ۽ سوئ سوئ آسيسون ڏيندي هئي. هن کي مون تي ڏاڍو ناز هو ڄڻ ته ڀريءَ دنيا ۾ سندس ڀائٽيو ئي آهي جيڪو ڊاڪٽر آهي...
    بمبئيءَ جي مهانگر جي ڏيک ۽ نقاب واريءَ حياتيءَ کان مڪتي ملي هئي، ان ڪري به ڄڻ سک جو ساهه کنيو هوم. بمبئيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪرڻال ڪيڏو ننڍو نگر آهي. هتي ماڻهو شهرين وانگر اندر هڪڙا ۽ ٻاهر ٻيا ڪين هئا. بمبئيءَ ۾ منهنجي پيءُ جهڙا ماڻهو جهوپڙ پٽيءَ ۾ اِنسان جهڙي ته نه پر جانورن کان به بدتر زندگي ٿا گذارين...
    اُن سڀ جي ابتڙ ڪرڻال... سادو سانتيڪو ڳوٺ. سرل سڌا ماڻهو. کيتي ٻاري ڪن، ننڍا وڏا دڪان هلائين، گانيون مينهون پالين. بمبئيءَ ۾ ٽريفڪ جو ڪيڏو گوڙ آهي پر ڪرڻال ۾ ڪي بسون ٻين ٽين ڪلاڪين شهر مان گذرن نه ته ماٺ. ماڻهو ميلن جا ميل پنڌ هليا وڃن. ڪي ڳاڻ ڳڻيا رهواسي هئا جن کي سائيڪل هئي ۽ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهوءَ کي اسڪوٽر هوندو هو. سال ڏيڍ اُتي پرئڪٽس ڪرڻ کان پوءِ مون به اسڪوٽر ورتو هو.. مون کي شهر جي معتبر شخصن مان ڳڻيو ويندو هو ۽ روٽري ڪلب جي آنرري ميمبر شپ به ڏني هئائون. اڃا تائين سمجهندو آهيان ته جهڙو پڦي ۽ پڦڙ جو تهڙو ڪرڻال جي زمين جو قرضدار آهيان... ڏيڍ سال بعد آمدني ايتري ٿي هئي جو بابا کان ڪوليواڊا واري جهوپڙي ڇڏائي سگهيس. کيس لکيم ته هر مهيني چار پنج سوئ رپيه مسواڙ بلي موڪلي سگهان ٿو. توهين ڪو گهر ڳولهيو. مان ڏاڍو خوش ٿيو هوس جڏهن بابا جوابي خط ۾ لکيو... پيارا پٽ... اسان سيان ۾ ٻن ڪمرن وارو گهر ڳولهيو آهي. ٽي سوئ رپيه مسواڙ آهي ۽ هزار رپيه گڊول آهي. تون پئسا منُج ته اسين شفٽ ڪريون.
    جنهن ڏينهن بابا کي پندرهن سوئ رپيه مني آرڊر ڪيا هئم تنهن ڏينهن سمجهيو هوم ڄڻ ته آسمان کي ڇهيو اٿم... پوءِ سڄو وقت تصور ڪندو هوس ته ڪهڙو هوندو سيان ۾ اسان جو ٻن ڪمرن وارو گهر!
    پڦي منهنجيءَ خوشيءَ ۾ ڪيئن نه شريڪ ٿي هئي! چيو هئائين، اَنوپا... تون جُڳ جُڳ جيئندين. تو منهنجي مسڪين ڀائڙي کي سک ڏنا آهن... تنهنجو اولاد به شل تو کي سک ڏيندو...


    (ٺ)

    فون جي گهنٽي ٿي وڄي. پرميلا جو فون هوندو. مان هر روز شام جو پنجين وڳي کيس فون ڪندو آهيان. اَڄ مون ڀيرو ڀڳو آهي. اِسٽيئرنگ کاٻي هٿ ۾ سنڀالي، ساڄي هٿ ۾ فون جو رسيور کڻي چوان ٿو، ”اَنوپ هيئر“
    ”اَنوپ ڊيئر تون آهين ڪٿي؟“ ، پرميلا پڇي ٿي.
    ”جمعيرا طرف وڃي رهيو آهيان، مسز پرميلا– ڪم اٿم.“
    ”سو ته ٺيڪ. پر تنهنجو موڊ هاڻي ڪيئن آهي؟“
    ٺيڪ آهي. جنهن کي توهان جهڙو همدرد متر هوندو اُن جو موڊ گهڻو وقت خراب ڪيئن رهندو؟“
    ”سچ ٿو چئين، اَنوپ؟“
    ”سچ ٿو چوان، مسز پرميلا... صبح جو توهان سان اَندر اورڻ کان پوءِ دل هلڪي ٿي ويئي...“
    ”او ونڊرفل... اَنوپ! هينئر هتي اچين ته جيڪر تنهنجي دل اڃا به وڌيڪ هلڪي ٿي وڃي. خبر اٿئي ته ڪهڙو سٺو جهڙ ٺهي آيو آهي. منهنجي گهر جي هال جي دري جيڪا ”ڪريڪ“ جي سامهون آهي، اُن مان نظارو ڏاڍو خوبصورت ٿو لڳي! دبئيءَ ۽ ديرا وچ ۾ جيڪي ٻيڙيون پيئون هلن سي ته ڄڻ سڏ پيئون ڪن! اچ نه اَنوپ! اسين به ٻيڙيءَ ۾ ويهي ديرا هلون.“
    مون مزي سان هن جون ڳالهيون ٻڌيون. جواب ڏيڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. پرميلا جيڪي چئي رهي هئي سو صرف چوڻ خاطر... هوءَ اَبري (ٻيڙي) ۾ مون سان گڏ هرگز نه چڙهندي ڇو ته ارجن کيس اهڙيءَ ڳالهه لاءِ اِجازت ئي نه ڏيندو. هوءَ ارجن جي اِجازت کان سواءِ ڪجهه به نه ڪندي آهي. هن جون اهڙيون ڳالهيون صرف ٻڌڻ لاءِ هونديون آهن.
    جمعيرا بيچ تي وڃڻو هوم. پر اوڏانهن نه وڃي ”ڪريڪ“ وٽ اچي پهتو آهيان. ”ڪريڪ“ جي ڪناري تي برٽش بئنڪ آف مڊل ايسٽ واري بلڊنگ جي ڀر ۾ ئي پارڪنگ به ملي ٿي وڃي. صرف لفٽ ۾ چڙهي ڇهين ماڙيءَ تي وڃڻ جي دير آهي. ٻن منٽن ۾ پرميلا جي گهر پهچي سگهان ٿو. پر پاڻ کي روڪيان ٿو. پرميلا ڪڏهن زبان سان چئي مون کي منع نه ڪئي آهي ته ارجن جي پرپٺ تون اسان جي گهر نه اچ... پر هر ڪا ڳالهه زبان سان چوڻ جي ضرورت به ته نه ٿيندي آهي. مان سمجهي ويو آهيان ته مون کي پرميلا جي گهر وڃڻو آهي ته ارجن جي حاضريءَ ۾. معنيٰ صرف جمعي ڏينهن!
    ُُُُُُُُُُُُُُُُُُُُڪار جي چاٻي هٿ آڱر ۾ جهلي ”ڪريڪ“ جي ڪناري اچي بيٺو آهيان. جهڙ ڇانئجڻ سبب سڀ ڪجهه ڌنڌلو نظر اچي رهيو آهي تنهنڪري نظارو وڌيڪ خوبصورت ٿو لڳي. ”ڪريڪ“ جي هن پار ديرا ۾، ”ڪريڪ“ سنئين رستي تي ٽويوٽا، هونڊا، مزدا، بي. ايم. ڊبليو وغيره موٽرون ڊوڙي رهيون آهن ۽ ديرا دبئيءَ وچ ۾ هلندڙ ”اَبرا“ مسافرن کي کنيو ”ڪريڪ“ جي پاڻيءَ ۾ اچ وڃ ڪري رهيا آهن. نه ڄاڻ دل جي خوشي ڪنهن کي وڌيڪ حاصل آهي.
    هو جيڪي موٽرون ڊوڙائي رهيا آهن تن کي، يا هي سفيد پوش مسافر، جيڪي پنجاهه فلس ڀاڙو ڀري ”اَبري“ ۾ چڙهي ديرا يا دبئيءَ پيا وڃن، تن کي؟ مان دبئيءَ ۾ نئون آيو هوس ۽ اڃا ته رڳو ڪار خريدي نه هئم پر خريدڻ جو خواب خيال، به ڪين هئم، تڏهن ڪم سانگي ”ديرا“ ويندو هوس ته ”اَبري“ ۾ ئي ويندو هوس. اُن وقت دل ۾ عجيب قسم جو سڪون هوندو هو. اڄ ”مرسيڊيز“ جو مالڪ آهيان پر دل جو سڪون؟ ڳوليندو آهيان صبح کان رات تائين.
    کاٻي پاسي ٻه ٽي وڏا ٻيڙا ۽ هڪ ٻه پاڻيءَ جو جهاز بيٺو آهي. ائين ٿو وسهان ڄڻ مان به حياتيءَ جي سمنڊ ۾ بيٺل هڪ ٻِيڙو آهيان. وس پڄي ته جيڪر من ماني ڪريان. هڪڙي بيٺل ٻيڙي ۾ ويهي اُهو مان پاڻ هاڪاريان. جيڏانهن وڻيم ”ڪريڪ“ ۾ ساڄي، کاٻي پاسي... اڳيان پٺيان... پورٽ راشد طرف. اُن کان به گهڻو دور، جيڏانهن منهنجو من چاهي.
    پنهنجيءَ حياتيءَ جي ٻيڙي کي جنهن طرف چاهجي تنهن طرف ڪاهي سگهجي ٿو؟ اڪثر اِنسان کي اهڙي آزادي ڪانه ٿي ملي. پر زندگيءَ کان هڪ دفعو آزادي ورتي هئي. ٺهيل ٺڪيل زندگيءَ جو ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيم.
    هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن ڪرڻال ۾ منهنجي پرئڪٽس سٺي هلي رهي هئي. آمدني ڏينهون پوءِ وڌي رهي هئي. اُن وقت ٿيڻ ته اِئين کپندو هو ته سبيتا سان شادي رچائي هميشه لاءِ ڪرڻال وسائي ٿانئيڪو ٿي ويهان. پر اُتي ٻه سال پريڪٽس ڪرڻ کان پوءِ سک ڦٽي پيو. هڪوار وري پنهنجي بي. ايم. آءِ. ايس. جي ڊگريءَ تي چڙ اچڻ لڳي. سوچڻ لڳس ته ڊاڪٽريءَ جي پروفيشن جي سلسلي ۾ منهنجي هتي ڪهڙي ترقي ٿيندي؟ ڪنهن ڏس ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو وجهه نه ملندو. ڪڏهن M. S. ڪرڻ چاهيان ته داخلا نه ملندي. سڄي عمر هينئن جنرل فزيشن بڻيو رهندس؟
    ڪلنڪ هلائڻ ڄڻ دڪانداري ڀاسڻ لڳي.
    ڪي مريض اهڙا مليا هئم جن جو جسم دوا وٺڻ جو عادي بڻجي پيو هو... اُهي بار بار ايندا هئا ته پريشان ٿيندو هوس ته کين هميشه لاءِ ڇٽائي ڇو نٿو سگهان؟
    خاص ڪري هڪڙو ننڍڙو ٻالڪ جنهن کي سائي ٿي پيئي هئي تنهن جو علاج ڪندي منهنجي ننڊ ئي ڦٽي پيئي. مهينو کن هر ڪو حيلو هلايم پر هن کي رتيءَ ماتر به فائدو نه ٿيو. هڪ ڏينهن پڦيءَ سان اُن ٻالڪ جي ڳالهه ڪيم. پڦي هن جي سڄي ڪٽنب کي سڃاڻندي هئي. ڳالهه ٻڌي چيائين، ”اَنوپا ٻالڪ پاڻ کي نڌڻڪو ٿو سمجهي. ماڻهنس ويم ڪيو آهي سو نئين ڄاول ٻار ۾ پوري آهي. پيءُ صبح کان شام تائين ڪم تي وڃي. ٻالڪ جي ماسيءَ کي خاص مٿرا مان گهرائي رهايو اٿن، هن ٻار جي سار سنڀال لاءِ ۽ گهر جي ڪم هاج لاءِ. پر اُها ڏاڍي تيز سڀاءَ جي آهي. سڄو ڏينهن پيئي هن ٻالڪي کي ڇڙٻي. هن ويچاري سان ڪوبه لاڏ ڪوڏ ڪونه ٿئي ٿو . ويچارو رلي ويو آهي. جنهن کي من جو گهُڻو لڳي تنهنجو تن ڪيئن چاق ٿئي؟
    پڦيءَ جي اِها من جي گهُڻي واري ڳالهه منهنجي من ۾ گهر ڪري ويئي. پڦي پاڻ ته اَڻ پڙهيل هئي پر هن ڳالهه اهڙي چئي ڄڻ منو وگيان جي ڄاڻو آهي. هن جي اها ڳالهه ٻڌي سڄو وقت سوچيندو هوس ته اِنسان جي من جو علاج پهرين ٿيڻ گهرجي. اِهو ويچار سوداءُ بڻجي پيو ۽ اُهو سوداءُ مون کي نيٺ ڪروکشيتر يونيورسٽيءَ ۾ وٺي ويو!
    ڪروکشيتر يونيورسٽي ڪرڻال کان ٽيهه کن ڪلوميٽر پريان آهي. اُتي ايم. اي. ۾ داخلا ورتم. Clinical Psychology جي وشيه کنيم. هڪوار وري شاگرد بڻجي ويس. اڌ ڏينهن ڪلينڪ هلائيندو هوس ۽ اڌ ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر اٽينڊ ڪرڻ ويندو هوس.
    ڪروکيشتر يونيورسٽي!
    يونيورسٽيءَ جي عمارت... ڪلاس روم... لئبرري... وچ ۾ ٺهيل لان... سڀ اکين اڳيان پيو ڦريم. سڀ کان وڌيڪ ياد ٿي اچي سلڪشڻا! حقيقت ۾ هن جي ياد اچڻ جو سوال ئي ڪونهي، ڇو ته هوءَ ڪڏهن مون کان وسري ئي ناهي.
    سلڪشڻا جو ميل قدرت جو کيل نه هو ته ڇا هو؟ هن مون کان هفتو کن اڳ ڪلنيڪل سائڪالاجي واري يونٽ ۾ داخلا ورتي هئي. هن سوڌو ڪيل نوَ شاگرد هئا ڏهون مان وڃي داخل ٿيس. 6 ڇوڪرا هئا چار ڇوڪريون... تن ۾ ڊاڪٽر مان هڪڙو ئي هوس. اِن ڪري مان ڄڻ خاص شاگرد هوس. ڪلاس ۾ پروفيسر کان جيڪي سوال پڇان، تن کان پروفيسر ڏاڍا متاثر ٿيندا هئا... ٻيا شاگرد به. پر سڀني کان وڌيڪ سلڪشڻا.
    شروعات ۾ سلڪشڻا ۽ منهنجي ذهني سنگت هئي. اسان ٻنهين گڏ لئبرريءَ ۾ ڪيترن من وگيان جي ڪتابن جو اڀياس ڪيو. هڪ هڪ ٽاپڪ پورو ڪرڻ بعد، اسين پاڻ ۾ بحث ڪندا هئاسين. ۽ آخر ۾ نوٽس تيار ڪندا هئاسين مان چوندو ويندو هوس ۽ سلڪشڻا لکندي ويندي هئي. هن کي لکڻ جو ڏاڍو هنر هو. سلڪشڻا جي ان لکڻ جي هنر جي ڪري سٺا نوٽس تيار ٿيا. اسان شاگردن ۽ پروفيسرن جا سيمينار پڻ ٿيندا هئا، جن جا به سلڪشڻا اهڙا سٺا نوٽس تيار ڪيا هئا، جو اُهي پاڻ پروفيسرن لاءِ سٺا ريفرنس نوٽ بڪ ٿي پيا...
    پروفيسر چترويدي جيڪو ڪلينيڪل سائڪالاجيءَ جو هيڊ هو، تنهن هڪ ڏينهن چيو ته جيڪڏهن ههڙا ٻه شاگرد... اَنوپ ۽ سلڪشڻا جهڙا ملندا رهيا ته اسانجي يونيورسٽيءَ جو ڪلينيڪل سائڪالاجيءَ جو يونٽ ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ منهنجو ڳاٽ اوچو ٿي ويندو.
    اِن طرح اها ڳالهه اُتي مشهور ٿي ويئي ته اسين ٻه ذهين ۽ روشن دماغ شاگرد آهيون... ۽ اسان جي پاڻ ۾ سنگت به آهي... پهرين سنگت پوءِ افيئر... اهو سڀ ٻيا چوندا رهيا ۽ آخر اهو به سڀني هُلائي ڇڏيو ته اسين هم سفر ئي بڻباسين.
    مون کي اِهو خيال ڪڏهن به نه آيو ته مان سلڪشڻا سان شادي ڪريان. ماڻهن کي اِئين چوڻ جو حق هو ڇو ته اڀياس مان فارغ ٿي پوءِ اسين لان ۾ ويهي خوب ڳالهيون ڪندا هئاسين. اندر ڪو سنٻنڌ بڻجي رهيو هو، گهٽ ۾ ڳهٽ مون کي ته اُن جي سُڌ به ڪانه پيئي... ها ايترو ضرور آهي ته ڪرڻال جي ٻُسيءَ حياتيءَ ۾ رونق اچي ويئي هئي...
    ايم. اي. جو پهريون سال الائي ڪيئن اُڏامي ويو اَصل پتو ئي نه پيو. پهرين سال جي فائينل اِمتحان بعد، ڇهن هفتن جي موڪل ملي هئي. سڀ جيئن ٿيو هو تيئن ياد اچي رهيو آهي...
    مان ۽ سلڪشڻا لان ۾ ڦرندي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين جو مون چيو هو، ”هي 6 هفتا صبح شام ڪلنڪ اَٽينڊ ڪندس. ڏوڪڙ ڪمائيندس. آمدنيءَ ۾ ڪتر پئجي ويئي آهي. بجيٽ ئي ڊانوان ڊول ٿي ويئي آهي.“
    سلڪشڻا جواب ئي نه ڏنو. هن ڄڻ منهنجي ڳالهه ٻڌي ئي ڪانه. هوءَ مٿي آسمان طرف نهارڻ لڳي. ڏاڍي اُداس ۽ کوهيل کوهيل لڳي رهي هئي... مون کيس هٿ کان پڪڙي هيٺ گاهه تي ويهاريو. بس ڄڻ منهنجي هٿ پڪڙڻ جي دير هئي. سلڪشڻا منهنجو هٿ زور زور سان پڪڙي رکيو... سندس اکين مان برسات وسڻ لڳي. مون عجب مان پڇيو هو... ”ڇا ٿيو سلڪشڻا؟“
    ”مان توکي نٿي ڇڏڻ چاهيان.“ هوءَ سڏڪا ڀري رُني هئي.
    ”مطلب؟“
    ”تون سڄيءَ عمر لاءِ منهنجو هٿ پڪڙي رک...“
    ”پر مون ته تو کي ٻڌايو آهي ته مان مڱيل آهيان.“
    ”تڏهن به...“
    ”تڏهن به ڇا... سلڪشڻا... تڏهن به ڇا؟“
    ”جيسين هتي آهين تيسين...“
    مان هن جو مطلب سندس نهارڻ مان سمجهي ويس. مون ڳالهه صاف ڪندي چيو هو، ”سلڪشڻا، منهنجي شادي سبيتا سان ئي ٿيندي. هوءَ پنجن سالن کان مون لاءِ ترسي ويٺي آهي. باقي جيسين هتي گڏ آهيون مون کي سنٻنڌ رکڻ ۾ اَعتراض ڪونهي. پر ڀڳوان جي واسطي ڪڏهن به اهو نه سوچجانءِ ته مان سبيتا کي ڇڏي زندگيءَ ڀر جو رشتو توسان جوڙيندس .“
    سلڪشڻا کي عارضي سنٻنڌ به قبول هو! اُن شام يونيورسٽيءَ جي لان ۾ جيئن اسان هڪ ٻئي جا هٿ جهليا تيئن اسين مرد عورت جي سنٻنڌ ۾ جڪڙجي وياسين... اسان ان ڏينهن هڪ رشتي جي شروعات ڪئي جيڪو ڀلي دنيا کي قبول نه هو پر اسان جي انتر آتما کي منظور هو. سماج ڀلي اخلاق جا ڪهڙا به قانون ٺاهي پر هر هڪ اِنسان جا اخلاق جا پنهنجا قانون هوندا آهن. اُهي ڀلي سماج سان ٺهڪن نه ٺهڪن.
    سبيتا ڏاڍي ياد آئي هئي اُن ڏينهن. هوءَ نرالي نموني جي آهي. سماج جي بڻايل قاعدن جي پڪي پابند. جڏهن بامبي هاسپيٽل ۾ گڏ ڪم ڪندا هئاسين، تڏهن ڊاڪٽرن جي پڪنڪ ٿي هئي. مئٿيران ۾. اُتي مون سبيتا کان ان سنٻنڌ جي طلب ڪئي هئي. پر هن اِنڪار ڪيو هو. ڏاڍيءَ فهميدگيءَ سان چيو هئائين، ”اَنوپ! شاديءَ کان اڳ هي سنٻنڌ رکڻ مون کي پاپ ٿو لڳي.“ مون کلي چيومانس... ڊاڪٽر ماڻهو ٿي ڪري ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪرين؟... پر هوءَ پنهنجي اِرادي تي محڪم رهي. رات جو دير تائين مون سان ڳالهيون ڪندي رهي پوءِ وڃي پنهنجي ساٿياڻين سان سمهي پيئي.
    مان هن سان ناراض ڪين ٿيو هوس. هن جي عزت ڪئي هئم. اَڄ به هن جي ويچارن جي عزت ڪريان ٿو پر مان هن جهڙو نه آهيان.
    سلڪشڻا سان سنگ ٿيو ته سوچيندو هوس ته سبيتا سان شاديءَ جو قول آهي ته به هن جسماني سنٻنڌ اِنڪاريو... ۽ سلڪشڻا کي صاف چيو اٿم ته ساڻس شادي نه ڪندس... ٻيو به ڪو لوڀ لالچ ڪو پئسو ڏوڪڙ... ڪا مڻئي ڪپڙي جي اُميد هن کي مون مان نه هئي. هن کي خبر هئي ته مان مسڪين ماڻهو آهيان ۽ کيس ڪجهه به ڏيئي نه سگهندس... پوءِ به هن مڪمل طرح پنهنجو پاڻ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو... هڪ اُميد شايد اَندر ۾ هجيس ته ممڪن آهي ته مان اڳتي هلي فيصلو بدلايان... سبيتا کي ڇڏي کيس هميشه لاءِ اپنايان... ڪجهه به هو... مون سلڪشڻا جي به عزت ڪئي هئي ۽ اَڃا تائين هن جي عزت ڪندو آهيان. ڪير چريتر جو ڪهڙو به مفهوم رکي... ڪير ڪنهن کان ننڍو وڏو نٿو بڻجي.
    ۽ سلڪشڻا ڪا پهرين عورت نه هئي جنهن سان مون سرير جي اُڃ مٽائڻ لاءِ سنگ جوڙيو هو. مان رولاڪ شخص آهيان. جيئن پاڻيءَ جي پياس مٽائڻ لاءِ مان جنهن به هنڌ هوندو آهيان اُتي پاڻي پيئندو آهيان، تئين سرير جي اساٽ مٽائڻ لاءِ جنهن به نديءَ ۾ ٽٻي هڻڻ جي روڪ نه هوندي آهي... مان اُن وٽ ويندو آهيان. مون کي ڪڏهن به محسوس نه ٿيو آهي ته مان ڪو پاپ ٿو ڪريان. آهي به ڇا ان ڳالهه ۾؟ هڪ مرد ۽ هڪ عورت هڪ ٻئي سان ڪهڙي به قسم جو سنٻنڌ رکڻ ۾ راضي آهن ته اُن ۾ ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ جو ڇا وڃي؟
    جڏهن ڊاڪٽري پڙهندو هوس تڏهن لئبارٽريءَ ۾ اِنساني بدن کي چيريندو هوس. اُهو چاهي مرد جو جسم هجي يا عورت جو... اُها وڍ ڪٽ ڪرڻ مهل اِنسان جو جسم مون کي ڪي ڪم... ڪريائون ڪرڻ لاءِ هڪ مشين ڀاسندو هو...
    باقي آتما بلڪل ٻي شئي آهي... بنهه الڳ! سبيتا کي هيءَ ڳالهه سمجهائي نٿو سگهان ته منهنجي آتما نرليپ آهي... جسم به مون کي آهي. ان جون پنهنجون گهرجون آهن، طلبون آهن. جيڪڏهن جسم آزاد گهمڻ چاهي ٿو ته ڀل گهمي. آتما به ته ڪڏهن آزاد گهمڻ چاهيندي آهي. سرير ۽ آتما جي آزادي ۽ مڪتي! ڪيتري نه وچتر اوستا آهي. جيڪڏهن ڪي رشي مُني اُها اوستا...


    (ٽ)

    جمعيرا بيچ تي اچي پهتو آهيان. دبئي ڪريڪ کان ڪار ڊرائيو ڪري هيستائين ڪيئن پهتس مون کي هوش ئي ڪونهي. ايڏي مڪئنيڪل نموني ڊرائيو مون ڪڏهن نه ڪئي هوندي!
    سمنڊ ڏانهن نهارڻ سان فرحت اچي ٿي وڃي. قدرت جي آغوش اِنسان لاءِ وڏي آٿت آهي. مون کي خاص ڪري پپر جا وڻ ۽ سمنڊ ڏاڍا پنهنجا لڳندا آهن.
    اَڄ سمنڊ جو موڊ ماٺيڻو آهي. بي آواز لهرون ڪناري وٽ اچي پنهنجو وجود وڃائي ٿيون ڇڏين. وري ٻيون لهرون ڪناري طرف ٿيون اچن. اِهو جاچڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ته لهرون جنم ڪهڙي هنڌ ٿيون وٺن پر پتو نٿو پوي. سمنڊ ۽ لهرون پاڻ ۾ مليا هڪ ٿيا پيا آهن.
    جڏهن به هتي ايندو آهيان جهول ۾ خوشي کڻي ويندو آهيان. هي بيچ ڏهن ٻارهن ميلن تائين پکڙيل آهي. ڪيترا به ماڻهو هجن پر هن جي لنبائي ايڏي آهي، جو ماڻهو ٽڙيو پکڙيو وڃن تنهنڪري ڪنهن به هنڌ ماڻهن جو اَنبوهه نه هوندو آهي. هن وقت منهنجي آس پاس پنج ست ماڻهو مس آهن. شايد ٿڌ جي موسم جي ڪري به گهٽ ماڻهو آهن. هيڏانهن هوڏانهن نهاريان ٿو. صفائي لاجواب آهي. حق تي جيڪي به tourists ايندا آهن سي ساراهه جا ڍڪ ڀريندا آهن خاص ڳالهه جيڪا ياترين کي متاثر ڪندي آهي اُها اِها ته هتي ڪوبه ڊپ ڊاءُ ڪونهي.
    واچ ۾ وقت ٿو ڏسان. ساڍا 6 لڳا آهن. پٽڙو ٿو ياد اچيم. هينئر اِسڪول مان موٽيو هوندو. شايد ڪلب ۾ وڃڻ لاءِ سنڀرندو هوندو. جيڪڏهن هن کي ٻڌائيندس ته ”جمعيرا بيچ“ ويو هوس ته جهڳڙو ڪندو. چوندو، مون کي ڇو نه وٺي هلئين. مان کيس جمعي ڏينهن اڪثر هتي وٺي ايندو آهيان. گرميءَ جي موسم ۾ ته صبح جي وقت اچي هتي سنان به ڪندا آهيون.
    ”جمعيرا، جو نالو ٻڌندي ئي پٽڙو ٺينگ ٽپا ڏيندو آهي. هتي بيچ کان سواءِ ٿوري مفاصلي تي هڪ شاندار پارڪ به آهي. تنهن سواءِ zoo به آهي. سو پٽڙو به وسپت ڏينهن ئي مرليءَ کي فون ڪري ڇڏيندو آهي ته هيتري وڳي سنڀري ويهجانءِ. اسين توکي ڪار ۾ کڻندا جمعيرا هلنداسين.
    اوچتو خيال ٿو اچيم گهر وڃي سبيتا کي پڦڙ جو خط ڏيندس ته پڦيءَ جي چالاڻي جو پڙهي هوءَ روئي پوندي. ساهري ڪٽنب ۾ پڦي پڦڙ ئي ٻه جيو آهن جيڪي سبيتا جي دل ۾ جاءِ جوڙي سگهيا آهن. منهنجي ٻئي ڪنهن به مٽ مائٽ سان هن جي نه پوندي آهي. پڦي پڦڙ لاءِ پيار ۽ عزت هئڻ جو کيس وڏو ڪارڻ آهي.
    هو ٻئي اِن حد تائين سندس گهڻگهرا هئا جو منهنجي سلڪشڻا سان سنگت هنن کان سٺي نه ويئي. هنن مون کان لڪائي کيس سلڪشڻا بابت لکيو هو. سبيتا مون سان ايڏي ناراض ٿي هئي جو خط پٽ لکڻ ئي بند ڪري ڇڏيائين. مان کيس نيم موجب هر هفتي خط لکندو هوس جڏهن ٻه مهينا خطن جو جواب نه ڏنائين ڏاڍي چنتا ورائي ويئي هئم سو هڪ مزي وارو خط کيس لکيو هوم جيئن جواب ڏئي. بلڪل مذاقي نوع ۾ لکيوهوم اهو خط. اُن جو مضمون ڪجهه هن طرح هو:
    ڊيئر، ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏيئي رهي آهين؟...
    پنهنجي روٽين سان خوب نباهيندي هوندينءَ. ڊاڪٽر اُديشيءَ کي توسان ڪا شڪايت نه هوندي ڇو ته تون مقرر وقت کان اڳ ئي آپريشن ٿئيٽر ۾ توڻي وارڊ ۾ پهچي ويندي هوندينءَ... تنهنجي ڪم سان لگن قائم هوندي. مان سوچيندو آهيان ته موت به ايندءِ ته چوندينءَ ٿورو ترس ڪال ڀڳوان! مون کي پنهنجو وارڊ روب ٺاهڻو آهي... فرنيچر ڊسٽ ڪرڻو آهي... فلاڻي ۽ فلاڻي مريض کي ڏسڻو آهي. هن جي سرجريءَ جي تاريخ مقرر ڪئي اَٿم ڪيئن ٿي مري سگهان... ۽ ها... شايد ٿورو وقت موت کان مهلت وٺي بيوٽي پارلر به وڃڻ چاهيندينءَ... اَري يار مون غريب کي خط لکڻ به ته تنهنجي روٽين جو هڪ حصو آهي نه؟ ڪنهن ٻئي ته منهنجي جاءِ نه والاري آهي؟...
    خط جي پوئين سٽ تير وانگر سبيتا جي دل کي چڀي ويئي. هن جواب ۾ زبردست ڪاوڙ ڀريو خط لکيو. سلڪشڻا کي ۽ مون کي خوب ننديو هئائين ۽ اِئين به لکيو هئائين، ”
    ”مون کي ڇا پاڻ جهڙو ٿو سمجهين جو تنهنجي جاءِ ٻئي ڪنهن کي والارڻ ڏيندس؟ مون دل ۾ جنهن تخت تي تو کي ويهاريو آهي سو ڪير به ڇهي نٿو سگهي...
    ڪاڳر تي سندس ڳوڙهن جا نشان هئا. ڏاڍو ڏک ٿيو هوم ۽ ڊپ به لڳو هوم ته شايد هوءَ شاديءَ کان اِنڪار ڪندي. عمر ڀر ڪنواري رهڻ جو سنڪلب نه ڪري...
    چوندا آهن حقيقت اَفساني کان به وچتر ٿيندي آهي. اِها چوڻيءَ منهنجي حياتيءَ سان ڏاڍي ٺهڪي ٿي اچي.
    شايد مون وانگر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي اِئين محسوس ٿيندو هوندو ته هن جي حياتي غير رواجي واقعن سان ڀريل آهي.
    ڪروکيشتر يونيورسٽيءَ مان ايم. اي. جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ منهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڏاڍي اُٿل پٿل هئي. بلڪل غير رواجي ٿيو ڪجهه...
    اَڄ به ياد اَٿم. پروفيسر چترويديءَ کان موڪلائڻ ويو هوس. مان ٻه سال سندس شاگرد ٿي رهيو هوس اُن دوران هن منهنجو ڏاڍو قدر ڪيو هو. هو منهنجو گهڻگهرو هو. مان صرف موڪلائڻ جي اِرادي سان نه پر هن کان آسيس وٺڻ لاءِ سندس آفيس ۾ ويس، هن منهنجي لاءِ خاص ڪجهه سوچي رکيو هو. چيائين، ”اَگروال! هاڻي ڪهڙو پروگرام اَٿئي؟“
    ”سر! ڪرڻال ۾ پرائيويٽ پرئڪٽس ڪندو آهيان. ڪلنڪ کي ڌيان ئي نه ڏئي سگهيو آهيان. ٻه اَڍائي هزار ڪمائيندو هوس. هاڻي ته هڪ هزار به مس ٿو ڪمايان.“
    هو منهنجي ڳالهه ٻڌي ڳنڀير ٿي ويو هو. پڇيائين، ”مان توکي هڪ صلاح ڏيان؟“
    اُتساهه مان چيو هوم، ”ها سر“
    هن چيو، ”بئنگلور جي نئشنل اِنسٽيٽيوٽ ۾ ”ڊپلوما اِن ميڊيڪل ائنڊ سوشل سائڪالاجي“ لاءِ داخلا وٺين ته تنهنجي لاءِ ڏاڍو سٺو ٿيندو. اِها ڊپلوما به حاصل ڪيئي ته پوءِ ميڊيڪل توڻي سائڪياٽري جي دنيا ۾ تمام گهڻو scope به اَٿيئي ۽ ڏاڍو مان ملندءِ.“
    مون کيس ترت وراڻيو، ”سر! مان سڀاڻي تي ئي ٿو بئنگلور وڃان.“
    اڄ به خوشي اٿم جو مون پروفيسر چترويديءَ جي صلاح مڃي. سچ ته ڪي سُٺا اُستاد ملن ٿا ته حياتي سنواري ٿا ڇڏين. جيئن بمبئيءَ جي مهيم اِسڪول جو پرنسيپال ۽ بامبي هاسپيٽل جو ڊاڪٽر جان. اهي ٻئي منهنجي جيون ۾ فرشتا بڻجي آيا. پروفيسر چترويدي ٽيون اهڙو فرشتي سمان اُستاد ۽ رهبر مليو جنهن منهنجيءَ حياتيءَ کي روشن موڙ ڏنو.
    ڪجهه پروفيسر چترويديءَ جي سفارش جي ڪري ۽ ڪجهه پنهنجيءَ قابليت جي ڪري بئنگلور انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا ملي ويئي! خوشيءَ ۾ بائولو ٿي ويو هوس. جيتوڻيڪ اُتي اڀياس ڪرڻ لاءِ مون کي گهڻو ڪجهه قربان ڪرڻو پيو. ڪرڻال واري ڪلنڪ نيڪال ڪرڻي پيئي. اُهو سمورو پئسو بابا کي ڏنم جيئن ٻه سال جيڪي مان بئنگلور ۾ پڙهان اُن دوران کيس گهر جي مسواڙ ڏيڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.
    هڪوار وري هٿين خالي ٿي ويس. بئنگلور انسٽيٽيوٽ ۾ هر هڪ شاگرد کي 6 سو رپيه stipend ملندو هو بس اُن مان پورت ڪرڻي هئم.
    ڪرڻال کي الوداع ڪيم. ڪرڻال جو شهر وڌيڪ پئسو ڪمائڻ لاءِ نه پر وڌيڪ علم پرائڻ لاءِ ڇڏيم. بئنگلور وڃڻ کان اڳ ڏهه ڏينهن کن بمبئيءَ ويو هوس، جڏهن بمبئيءَ وڃي رهيو هوس، تڏهن ٻن ڳالهين جي ڪري ڏاڍو خوش هوس.
    هڪ ته پهريون پنهنجو نئون سيان وارو گهر ڏسندس... ۽ ٻيو ته سبيتا ملندي هن کي ڏٺي ٽي سوا ٽي سال ٿي ويا هئا!
    بمبئيءَ پهچڻ سان پهرين سبيتا ئي ملي. هوءَ اِسٽيشن تي ملڻ آئي هئي. ملندي سان چيائين، ”اَنوپ مبارڪون... تون نهايت لگن ۽ جرئت وارو آهين. نه ته ٺهي ٺڪي پرئڪٽس ڇڏي پڙهڻ ڪير وڃي... توکي Knowledge جي ايڏي پياس آهي جو 2 3 سالن جي عمر ۾ وري شاگرد بڻيو آهين.
    I am proud of you...،
    هن جا ِاِهي لفظ اڄ به ياد اٿم. ڏاڍو اتساهه بخشيو هو اِنهن لفظن. جيتوڻيڪ پوءِ مون محسوس ڪيو ته هوءَ ان ڪري به خوش آهي جو مون ڪرڻال ڇڏيو معنيٰ سلڪشڻا ڇڏي. ان ڳالهه سبيتا جي من کي ڏاڍي شانتي ڏني هئي.
    هن هڪ ڳالهه ٻيِ به سوچي رکي هئي ته پنهنجي پريمي پکيءَ کي قيد ڪريان مڄاڻ وري سلڪشڻا ڏانهن اُڏامي نه وڃي. سو ٻئي ڏينهن شاديءَ جي ڳالهه ڪيائين. مون کي سندس رٿ پهرين نه آئڙي. سياڻپ ته اُن ۾ هئي ته جتي پنج سال ترسيا آهيون اُتي ٻه سال ٻيا به ترسون. بئنگلور مان ڊپلوما وٺي موٽان پوءِ ڪيون شادي... پر سبيتا کي مون واري ڳالهه منظور نه هئي.
    اسان سول مئريج ڪئي! اُن کانپوءِ مان بمبئيءَ ۾ صرف هڪڙو هفتو هوس. اُن بعد بئنگلور اُسهيس.
    اِئين ٿو تصور ڪريان ڄڻ سبيتا هتي بيچ تي آئي آهي. منهنجي ڀر ۾ اچي ويٺي آهي. بلڪل ڀر ۾ واريءَ تي. مان کيس چوان ٿو: سبيتا! شاديءَ کان پوءِ جيڪو هفتو گڏ رهياسين اُن وقت جون يادگيريون اَٿيئي؟ تو مون کي ڪيترو پيار ڏنو... اُن دوران توکي سلڪشڻا صفا ياد نه آئي. تو سمجهيو هو تون سلڪشڻا کي هميشه لاءِ وساري سگهندينءَ پر تون هن کي وساري نه سگهي آهين. مان ڄاڻان ٿو سلڪشڻا تنهنجي هنياوَ تي چڙهي ويٺي آهي.
    گهڻو ئي ڪجهه سبيتا سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. پر ڪٿي آهي هوءَ؟ هوءَ ته گهر جي رنڌڻي ۾ رات جي ماني رڌيندي هوندي. کيس جيڪڏهن فون ڪريان ته اڄ رڌڻ جي چنتا نه ڪر. ٻاهران ماني گهرائيندس. تون پنهنجي ڪار کڻي هينئر هتي هلي اچ ته پوءِ ايندي؟ نه... اِنڪار ڪندي چوندي مون کي اهڙين فالتو ڳالهين لاءِ وقت ڪونهي.
    هڪ ڳالهه ٿي ياد اچيم. هڪ رات جو بستري ۾ مان سبيتا کي پاڻ طرف ڇڪي رهيو هوس ته هوءَ مون کان پاڻ ڇڏائي ڀت طرف سرندي پئي ويئي. مون کانئس پڇيو هو ته ڪهڙي ڳالهه آهي؟ What is the problem ته هوءَ روئي پيئي هئي... سڏڪندي چيو هئائين ته ائين ٿو لڳيم تنهنجي منهنجي وچ ۾ ڪو ٽياڪڙ آهي... مان سمجهي ويو هوس ته منهنجي ۽ سبيتا جي وچ ۾ سلڪشڻا کڙي آهي ديوار وانگر!
    رات سبيتا چيو وڏو psychoanalyst ٿيو آهين... اِهو جملو هوءَ هر جهڳڙي ۾ چوندي آهي... ته psychoanalyst آهين صرف ٻين لاءِ، گهر لاءِ نه! پر هوءَ صحيح نٿي سوچي. مان هن جي شخصيت جا به سڀ پهلو ويچاريندو آهيان. هن جي من جو ڇيد ڪندو آهيان. هن جا ڏک به سمجهان ٿو پر پوءِ به مان ڪري ڇا ٿو سگهان؟ منهنجو من ڇا مون ٺاهيو آهي؟ سبيتا جو من ٻيءَ طرح ٺهيل آهي. هن جا جيئڻ جا پنهنجا ”مُلهه“ آهن. زال مڙس جي رشتي جي باري ۾ هن جو پنهنجو مفهوم آهي. اِهو سڀ سمجهان ٿو پر اِها سمجهه ڪهڙي ڪم ٿي اچي؟ ڪير psychoanalyst بڻجڻ سان ا• ته نٿو بڻجي وڃيِ جو سڀ مسئلا حل ڪري سگهي...


    (ث)

    اوندهه ٿي ويئي آهي. ڪڪر به گهاٽا ٿي ويا آهن سيءُ به ڏاڍو ٿو پوي. پر مون کي بيچ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي ٿئي.
    هاڻي ته آس پاس ۾ هڪ به ماڻهو ڪونهي. مان اڪيلو آهيان. اَڪيلائي دل کي وڻي ٿي. هٿن جي ترين جو آڌار ڇڏي واريءَ ۾ پُٺيءُ ڀر ليٽي ٿو پوان. واري ڏاڍي ٿڌي آهي. پٺيءَ جي ڪنڊي مان ڄڻ سيسراٽ ٿو اُڀري پر ٿوريءَ دير ۾ ئي واريءَ جي ٿڌاڻ سان ٺهي ٿو وڃان.

    مون کان ڪير پڇي ته مون زندگيءَ جو بهترين عرصو ڪٿي گذاريو آهي ته مان چوان بئنگلور ۾. بئنگلور... گارڊن سٽي! اُن جي رام باغ ايراضيءَ ۾ آهي
    National Institute of Mental Health and Nehro Science
    Hospital for Neurological Diseases مکيه عمارت کان ٿورڙو پرڀرو آهي. مون ٻه سال اِنهن ٻنهين عمارتن جي اندر ئي زندگي گذاري. اُها ئي اسان شاگردن جي دنيا هئي. ڏينهن جو پل پل سجايو گذرندو هو. سڄو ڏينهن ڳتيل پروگرام هو. صبح جو ستين کان نائين تائين پهرين بيٺڪ ٿيندي هئي. اُن بيٺڪ ۾ ”من وگيان“ جي تازين ڇپيل مخزنن ۾ جيڪي اهم مضمون هوندا هئا، تن بابت راين جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. پوءِ نائين کان هڪ وڳي تائين هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن وارڊ ۾ ڊيوٽيءَ تي هوندو هو. هڪ وڳي اسين سڀ ڪچن هال ۾ اچي گڏ ٿيندا هئاسين. اُن وقت اُتي ڏاڍو گوڙ ٿيندو هو اسين سٺ ستر شاگرد ۽ شاگردياڻيون هڪ ۽ ٻئي جي وچ ۾ اُتي منجهند جي ماني کائيندا هئاسين.ٻين کان ٽين تائين هر ڪو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرامي ٿيندو هو. وري پوري ٽين وڳي ڄڻ اِنسٽيٽيوٽ جاڳي پوندو هو. ٽين کان پنجين تائين ٿيئري ڪلاسز ٿيندا هئا ۽ پنجين کان ستين تائين ”ڪيس هسٽري“ واري بيٺڪ. سڄو ڏينهن ذهني پورهيو هوندو هو پوءِ به مجال آهي جو ٿڪ ٿئي. اُهي ڏينهن به ڏينهن هئا... ٻه سال اَلائي ڪيئن گذري ويا. ڄڻ دنيا کان دور ڪنهن تپسيا ۾ مگن هئاسين.
    اُنهن ٻن سالن ۾ به وري هڪڙا 6 هفتا خاص نموني گذاريا. اُهي 6 هفتا، سمجهندو آهيان، ڄڻ قدرت طرفان تحفو مليو هو. هڪ نرالي قسم جو اَنڀو ٿيو...
    اِنسٽيٽيوٽ ۾ ويانا نالي هڪ عورت آئي هئي. هوءَ ”American Psychologist “ مخزن جي ايڊيٽوريل بورڊ تي هئي. کيس
    American Psychological Association طرفان ڇهن هفتن لاءِ موڪليو ويو هو ته انسٽيٽيوٽ جي ڪاروبار ۽ حاصلاتن بابت رپورٽ تيار ڪري. جنهن ڏينهن هوءَ اِنسٽيٽيوٽ ۾ پهتي هئي، تنهن ڏينهن سندس سڊول گوري جسم، موهيندڙ اکين ۽ گهائيندڙ چال جي هاڪ سڄي انسٽيٽيوٽ ۾ ڦهلجي ويئي... هن کي ليڊيز هاسٽل ۾ هڪ ڪمرو ڏنو ويو هو.
    هوءَ صبح جو نائين وڳي کن آئي هئي. مان اُن ڏينهن هاسپيٽل فار نيورا لاجيڪل ڊزيز ۾ ڊيوٽيءَ تي هوس. هڪ وڳي ڊيوٽيءَ تان فارغ ٿي، لنچ کائڻ بنان پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو هوس ڇاڪاڻ ته اُن ڏينهن منجهند جو ٽين وڳي مون کي پيپر پڙهڻو هو. اِنسٽيٽيوٽ جي دستور موجب مون کي اڳواٽ رٿيل وشيه تي پيپر تيار ڪرڻ لاءِ ٽي مهينا وقت ڏنو ويو هو... ڪچن هال ۽ سيمينار هال جي پوءِ واري ڪاريڊار ۾ لڳل بورڊ تي ٽن مهينن کان منهنجو نالو لکيل هو. اَڪثر ان قسم جي پيپر ۾ منوõوگيان تي نڪتل نئين (Latest) ڪتاب تي سمالوچنا ڪبي هئي– مون تياري ڪئي هئي پر مڪمل نه. اِن ڪري ڏاڍو گهٻرائجي رهيو هوس. خاص ڪري جو ٻڌم ته نئين آيل مهمان ويانا به اُن بيٺڪ ۾ شريڪ ٿيندي، سو منجهيل هوس.
    پر پيپر پڙهيم ته حاضرين کي ڏاڍو پسند پيو. هنن جي ذهن کي ڪافي جهنجهوڙيائين. ڪيترن ئي پروفيسرن، ڊاڪٽرن ۽ شاگردن مون کان سوال پڇيا. ويانا سوالن جوابن ۽ بحث مباحثي ۾ شرڪت ڪئي. مان سڀني سوالن جا سٺا ۽ سلجهيل جواب ڏئي سگهيس. منهنجيءَ اِن ڪاميابيءَ کي چار چنڊ لڳايا ويانا. جڏهن فارمل بيٺڪ پوري ٿي تڏهن هوءَ مون طرف وڌي آئي. هن پهرين ”ههڙو لاثاني پيپر پڙهيو اَٿيئي“ چئي مبارڪون ڏنيون پوءِ منهنجي پيشاني چمي چيائين، ”تون سائڪ ائنلسيز ۽ سائڪو ٿيرپي جي کيتر ۾ ڏاڍو چمڪندين، مون کي پڪ آهي.“
    مون کي اُن گهڙيءَ پاڻ تي عجب لڳو ڏاڍو... ويانا جهڙي سهڻيءَ عورت جي ڇهاءَ منهنجي سرير ۾ ڪو سرگم ئي نه ڇيڙيو، هن جي ڇهاءَ سان مون کي پنهنجي روح ۾ ڪو راڳ آلاپجندو محسوس ٿيو. ويانا کان اڳ جيڪي به عورتون منهنجي زندگيءَ ۾ آيون هيون... هنن جي ڇهاءَ سان سرير ۾ ٽانڊا تپي پوندا هئا. مان ته مرد ۽ عورت جي وچ ۾ اِن هڪ ئي رشتي کي سڃاڻندو هوس... پر ويانا؟ هن منهنجي دل جون کڙڪيون کولي ڇڏيون. هن منهنجي آتما کي ڇهيو هو...
    هوءَ اِنسٽيٽيوٽ ۾ 6 هفتا رهي. 6 هفتا ئي مون کي سندس ڪافي صحبت نصيب ٿي. هوءَ نيرن، منجهند ۽ رات جي ماني مون سان گڏ کائيندي هئي. ساڳيءَ ميز تي ويهي. ڪنهن ڪنهن ڏينهن هوءَ سويل تيار ٿي ويندي هئي ته ساڍي ڇهين کن مون وٽ هاسٽل جي ڪمري ۾ هلي ايندي هئي. ڪاغذ ۽ ڪپڙا جيڪي بي ترتيب پيا هوندا هئا، سي ٺاهي رکندي هئي. ڪتاب سهيڙيندي هئي. ڪمري کي اهڙي ترتيب ڏيندي هئي، جو ڪمرو چمڪي پوندو هو... پوءِ پوڻي ستين وڳي ڪچن هال ۾ وڃي نيرن کائيندا هئاسين. ٺيڪ ستين وڳي ڏينهن جي پهرين بيٺڪ ۾ وڃي حاضر ٿيندا هئاسين.
    ويانا کي مينٽل هاسپيٽل جا عام توڻي خاص ۽ نيورالاجيڪل هاسپيٽل جا سڀ وارڊ وزٽ ڪرڻا پوندا هئا. هن پنهنجي ڇهن هفتن جي عرصي کي ٽن حصن ۾ ونڊيو هو.
    سائڪياٽري– سائڪو ائنلسز ۽ سائڪو ٿيرپي.
    هوءَ ڊائريءَ ۾ سڄو اَحوال تفصيلن سان لکندي هئي. سندس ٿيئري ڪلاسز ۾ چاهه گهٽ وڌ هو. ڪن ڏينهن تي هوءَ ٽين کان پنجين تائين ٻاهر هلي ويندي هئي پر پنجين کان ستين واري ”ڪيس هسٽري“ واري بيٺڪ هن هڪ ڏينهن به نه گسائي. ڪن ڪن ڏينهن تي جيڪا ڊاڪٽرن جي جماعت ”ڪيس هسٽري“ پيش ڪندي هئي، ڊاڪٽرن کي پنهنجي مريضن کي به گهرائڻو پوندو هو. ويانا اُن مريض کي ڏسندي هئي ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هوس... ڏاڍي نرم دل هئي هن جي!
    شام جو ستين وڳي کان پوءِ هرڪو آزاد هو. ڪي بئڊمنٽن کيڏندا هئا ته ڪي ٽيبل ٽينس... ڪي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڪجهه پڙهندا هئا يا خط پٽ لکندا هئا... مان ۽ ويانا جيڪو مينٽل هاسپيٽل ۽ نيورالاجيڪل هاسپيٽل جي عمارتن وچ ۾ گاهه جو ٽڪنڊو لان هو، اُتي وڃي ويهندا هئاسين. ڪنهن ڪنهن ڏينهن لائبرريءَ جي ڏاڪن تي ويهي رهندا هئاسين. اَڪثر چپ چاپ آڪاس تڪيندا هئاسين يا آکيرن طرف موٽندڙ پکين کي ڏسندا هئاسين. منهن اونداهي ٿيندي هئي ته فضا ڏاڍي سانت ۽ سرهي لڳندي هئي. اُنهن گهڙين جي سڳنڌ اَڃا ساهه ۾ سمايل آهي...
    ويانا اُهي 6 هفتا مون کي سنگ ساٿ ڏنو اُهو سندس مون تي اَحسان آهي. پر پوءِ هڪ ٻيو به اَحسان هن مون تي ڪيو!
    بئنگلور مان جڏهن ڊپلوما حاصل ڪرڻ بعد بمبئيءَ وڃڻ وارو هوس تڏهن خبر هئم ته پئسي ڏوڪڙ جو حال وري به ساڳيو هوندو جيڪو دهليءَ مان پڙهي بمبئي موٽڻ وقت هو... تن ڏينهن سبيتا پنهنجي اَڌ پگهار ماءُ کي ڏيندي هئي. مون کي بمبئيءَ پهچي نوڪري ڪرڻ جو اِرادو ڪين هو. مون اِئين رٿيو هو ته سيان واري گهر جي اڳئين حصي ۾ بالڪني ۽ ڪمرو گڏي ڪلنڪ ٺاهيندس. رات جو اُن ڪلنڪ کي بيڊروم ۾ بدلائي سبيتا ۽ مان اُتي سمهي پونداسين. اِن طرح جي تياري ڪري ڇڏي هئم. ٻيو اِرادو اِهو ڪيو هوم ته شام جو ڪنهن پالي ڪلنڪ ۾ مسواڙ تي هڪ ڪمرو وٺي سائڪو ائنلسٽ ۽ ٿيرپسٽ جي حيثيت ۾ ڪنسلٽنسي شروع ڪندس. پر اُن ڪنسلٽنسيءَ لاءِ ڏوڪڙن جو بندوبست ڪٿان ڪريان اِهو سمجهه ۾ نه پئي آيو.
    اِهي پور پچائيندي ويانا جي يادگيري آئي هئم. مون کيس بئنگلور مان ئي خط لکي پنهنجي حال کان واقف ڪيو هو. جيئن ئي بمبئيءَ پهتس هن جو 5 2 هزار رپين جو ڊرافٽ مليو ۽ هڪ خط به لکيو هئائين...
    اَگروال!
    هي ڊرافٽ مون طرفان تحفو سمجهين ته تحفو سمجهه، جي توکي هرو ڀرو قرض کپي ته قرض سمجهه. هڪدم ”ڪنسلٽنسي“ شروع ڪر. هڪ ڪامياب سائڪو اَئنلسٽ بڻجي وڃ... جلدي کان جلدي. مون کي اُن ڏينهن جو انتظار رهندو جڏهن مان بمبئيءَ اينديس ۽ اچي ٻڌنديس ته بمبئيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو عمدي کان عمدو من– وگيان جو ڊاڪٽر آهي ته اي. اي. اَگروال.
    ويانا
    هن جي شڪر گذاري ڪيئن مڃان؟ هن جا موڪليل پنجويهه هزار مون کي دعا ٿي لڳا هئا... ڪنسلٽنسي شروع ڪئي هئم ۽ چڱي هلي رهي هئي جو اُتي مجمودار سان ملاقات ٿي! ڪيئن مجمودار معرفت دبئيءَ هليو آيس ۽ دڪاندار بڻيس اِها خبر ويانا کي ڪانهي.
    ويانا جي ياد آئي آهي ته ڄڻ دل ۾ ڪا ڪوتا پيو رچيان... سڀاڻي هن کي خط لکندس... پر کيس ڇا لکندس؟ خط نه لکندس، ڪوتا لکندس... جهڙي به لکڻ ايندي، لکندس...

    ويانا!
    تنهنجيءَ پيشانيءَ تي ”پريت“ لفظ لکيل آهي تنهنجي اکين ۾ ”انسانيت“ جي شمع ٿي ٻري. تنهنجا هٿ نازڪ اَحساس جيان نرم آهن تنهنجا پير پسڻ سان دل پوتر ٿئي ٿي او اِنساني گڻن جي زبورن سان جهنجهيل ويانا، توکي ڏسي ڪرتار ۾ ويساهه ڪرڻ تي دل ٿي ٿئي.
    ۽ سوچيان ٿو پنهنجيءَ تقدير کي بي درد سڏڻ ڇڏي ڏيان!


    (ٿ)

    وڏ ڦڙو مينهن ٿو وسي تنهن ڪري لاچار جمعيرا بيچ کي اَلوداع ٿو ڪريان. ڪار اِسٽارٽ ڪرڻ مهل سوچيان ٿو جيڪر گهر نه وڃان. هتي شڪاگو بيچ هوٽيل ۾ اڄوڪي رات رهي پوان. پر مان به ڪي ڳالهيون صرف سوچڻ خاطر سوچيندو آهيان. عمل ڪرڻ لاءِ نه.

    شڪاگو بيچ هوٽيل گهڻو پٺيان رهجي ويئي.
    مينهن زور وٺي رهيو آهي. اسان بمبئيءَ جي رهاڪن لاءِ ته دبئيءَ جو مينهن ڪجهه ڪونهي. ڊسمبر جنوريءَ ۾ ٿورا وسڪارا پوندا آهن. ڪجهه سال اڳ هڪ عجيب ڳالهه ٿي هئي. اَپريل جي مهيني ۾ رات جي وقت اوچتو ڳڙا وسيا هئا. سبيتا ۽ مان اُن وقت رنڌڻي ۾ هئاسين. مان کيس رات جي ماني رڌڻ ۾ مدد ڪري رهيو هوس. هيءَ اُن وقت جي ڳالهه آهي جڏهن منوج اڃا اچڻ وارو هو... اسين ٻئي رنڌڻو ڇڏي بالڪنيءَ ۾ آيا هئاسين ۽ ٻاراڻي خوشيءَ وچان برف جا ٽڪرا مٺين ۾ ڀريا هئاسين.
    بس اُهي ئي شروعات وارا ٻه ٽي سال هئا دبئيءَ ۾ جيڪي اسان ٻنهي پڪن گرهسٿين وانگر گذاريا... اُن کان پوءِ وري بمبئيءَ جهڙا اَنوپ ۽ سبيتا ٿي پيا آهيون. بمبئيءَ ۾ ته اسان جو رشتو جڙيو ئي ڪين. نالي ۾ اسان پيار جي شادي ڪئي هئي پر اسان جي حياتيءَ ۾ پيار جو پاڇو ئي نه هو. اهڙو ڪو ڏينهن نه گذرندو هو جنهن ڏينهن اسان جو جهڳڙو نه ٿئي.
    جهڳڙي جا مول ڪارڻ هئا ٻه جيو! هڪ سلڪشڻا ۽ ٻي منهنجي سس. ڪڏهن ڪڏهن سلڪشڻا جو خط ايندو هو ته سبيتا جلي خاڪ ٿي ويندي هئي. چار چار ڏينهن ڳالهائيندي ڪانه هئي... ۽ پهرين تاريخ ته جهڳڙو ٿيندو ئي هو. سبيتا پگهار ملندي ئي بامبي هاسپيٽل مان موٽندي اڌ پگهار ماءُ کي ڏيئي ايندي هئي، مون کي ان ڳالهه تان سخت ڪاوڙ لڳندي هئي. سبيتا جو ڀاءُ جيسين پڙهيو پئي تيسين مون ان ڳالهه تان اعتراض نه ورتو پر هن جي ڀاءُ جي پڙهائي پوري ٿي ويئي پوءِ به هيءَ اڌ پگهار ماءُ کي ڏي اِها ڳالهه منهنجي سهڻ کان ٻاهر هئي. هڪ دفعي ته رات جي وقت جڏهن سبيتا مون کي باقي اڌ پگهار ڏني پئي، ته مان پاڻيءَ مان نڪري ويس. مون نوٽ زور سان کڻي پٽ تي ڦٽا ڪيا. چيو مانس، ”اهي به ماءُ کي ڏيئي اچ. تنهنجيءَ ماءَ کي وس پڄي ها ته توکي حق بخشائي ويهاري ڇڏي ها. پر سمجهيو هوندائين ته مون جهڙو ناٺي وري مفت ۾ هٿ نه ايندس.“
    سبيتا به موٽ ۾ زهر اوڳاڇيو هو. چيو هئائين، ”توسان وري ڪير شادي ڪري ها؟ اَڄ به جيڪڏهن ماڻهن کي ٻڌايان ته تون پاپي دشٽ آهين... ڪنهن به عورت کي چڱيءَ نظر سان نٿو ڏسين ته جيڪر تنهنجي ڪهڙي عزت رهي؟ڪلنڪ به بند ٿي وڃيئي...“
    اِهو هوءَ سالن کان چوندي آهي ته مان پاپي، دشٽ آهيان. تنهنڪري رات چيائين پٽڙي کي مون کان پري رهي پالڻ ٿي چاهي.
    ٿڌو ساهه ڀرجي ٿو وڃي. دل ئي دل ۾ چوان ٿو سبيتا تو اِهو سوچيو به ڪيئن؟
    برسات ۾ ڪار ڊرائيو ڪرڻ ۾ ٿوري ڏکيائي پيئي ٿئي ۽ ٿڪو به ڏاڍو پيو آهيان پر گهر وڃڻ تي صفا دل نٿي ٿئي. رستن تي بي مقصد ڀٽڪي رهيو آهيان. اڌ مني ڪلاڪ ۾ ذري گهٽ مُني دبئيءَ کي پرڪرما ڏيئي چڪو آهيان. ٽريڊ سينٽر جي اوچي عمارت جيڪا پري کان ائين لڳندي آهي ڄڻ دبئيءَ تي پهرو پيئي ڏيئي تنهن جي سامهون هٿرادو طرح اَڏيل ساوڪ ڇانئيءَ گول ٽڪريءَ جي چوئ طرف ڪيتريون ڦيريون پاتيون اٿم. اِنڊين اِسپورٽس ڪلب ۽ اَلناصر ليشر لئنڊ طرف ٻه دفعا ويو آهيان.
    اوچتو خيال ٿو اچي ڊاڪٽر سڪسينا جي گهر وڃان! هينئر اٺ وڳا وقت ٿيو آهي. هونءَ به گهر ساڍي نائين کان اڳ نه پهچندو آهيان. ڪلاڪ ڏيڍ به سڪسينا جي سنگ ۾ گهارڻ مون لاءِ وڏي نعمت آهي.
    دبئيءَ ۾ ٻه ئي ته متر مليا آهن. مسز پرميلا ۽ ڊاڪٽر سڪسينا! پرميلا پاڻ ٻڌايو آهي ته منهنجي دڪان جو نالو ”گرين گراس“ نه هجي ها ته هوءَ شايد ٻارن جا يونيفارم خريدڻ اسان جي دڪان تي نه اچي ها. ڪنهن به دڪان تان خريدي ها. هن کي اسان جي دڪان جي نالي ڇڪيو. پنهنجي دڪان جو نالو ”گرين گراس“ رکڻ لاءِ پاڻ کي شاباس ڏيندو آهيان. ڇو رکيو هوندم اهو نالو؟ مون کي سائو گاهه ڏاڍو وڻندو آهي. سائي ڇٻر ڏسان ته دل چاهي پيرن اُگهاڙو اُتي پنڌ ڪريان...
    سڪسينا جهڙو دوست ملائڻ لاءِ وري سبيتا جي مهرباني مڃيندو آهيان. هو منهنجو دوست سبيتا جي ڪري بڻيو. هو سبيتا جو ڪليگ آهي! هونءَ ته سبيتا جو سڀاءُ خاص رلڻو ملڻو ڪونهي. راشد هاسپيٽل ۾ کيس ڪم ڪندي پنج سال ٿيا آهن پر ڪنهن ساٿي ڊاڪٽر يا ڊاڪٽرياڻيءَ سان هن جي گهري مترتا نه ٿي آهي. ڊاڪٽر سڪسينا سان سبيتا جي پروفيشنل گهرائي هڪ مريض جي بدولت ٿي.
    هڪ عورت کي ٻه هفتا گائنڪالاجي وارڊ ۾ رکيو ويو هو پر پوءِ کيس سائڪياٽري وارڊ ۾ رکيو ويو. مون ئي سبيتا کي اها صلاح ڏني هئي ڇو ته سبيتا سندس آپريشن ڪيو پوءِ به هن جي تڪليف دور نه ٿي هئي. اُن عورت کي چاق چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ سبيتا ۽ ڊاڪٽر سڪسينا گڏجي جاکوڙ ڪئي هئي. هنن جي گڏيل محنت هڻي وڃي هنڌ ڪيو. جنهن ڏينهن اُن عورت کي اِسپتال مان موڪل ڏني ويئي تنهن ڏينهن ڊاڪٽر سڪسينا خوشيءَ ۽ ساٿيپڻيءَ جي ڀاونا جو اظهار ڪرڻ لاءِ سبيتا جي آفيس ۾ ويو هو. سبيتا جي مهرباني مڃيائين ته سبيتا کيس چيو هو، ”مهرباني مڃڻي هجيوَ ته منهنجي گهوٽ جي مڃو. هو ئي مون کي گائيڊ ڪري رهيو هو...“
    اُن طرح ڊاڪٽر سڪسينا کي خبر پيئي هئي ته مان اصل ۾ دڪاندار نه پر سائڪو اَئنلسٽ آهيان. سبيتا کيس اهو به ٻڌايو هو ته بئنگلور جي نئشنل اِنسٽيٽيوٽ مان ڊي. ايم. ايس. پي. حاصل ڪئي اٿم. اها ڳالهه ٻڌي ته هو مون سان ملڻ لاءِ بيحد اتاولو ٿي ويو هو.
    هن سان پهريون دفعو جڏهن مليو هوس اُهو ڏينهن ٿو ياد اچي. صبح جي پهر ۾ ”گرين گراس“ هليو آيو هو. ايندي سان چيائين، ”مان ڊاڪٽر اَگروال سان ملڻ ٿو چاهيان.“ مون ساڻس هٿ ملائيندي چيو هو، ”مان ئي آهيان اَگروال.“ هن پنهنجي واقفيت ڏيندي چيو هو، ”مان ڊاڪٽر سٻوڌ ڪانت سڪسينا. راشد هاسپيٽل.“
    مون کي هن جي واقفيت سبيتا معرفت ملي چڪي هئي. مون خوشيءَ ۾ ڀرجي چيو هو، ”سائڪياٽري ڊپارٽمينٽ مان؟“
    بس پوءِ ته اسين ائين ڳالهين ۾ جنبي ويا هئاسين ڄڻ ته سالن کان هڪ ٻئي کي سڃاڻون. سالن بعد ڪو هم پيشيور مليو هو. پهرين ملاقات ڏاڍي دلچسپ رهي هئي. هن موڪلائڻ مهل هٿ وڌائي چيو هو، ”مان تو طرف دوستيءَ جو هٿ ٿو وڌايان.“
    مون سندسن هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڀيڪوڙيندي چيو هو، ”اَسين دوست ٿي رهنداسين. زندگيءَ ڀر!“
    اسان جي دوستي ڏينهون پوءِ گهاٽي ٿيندي رهي آهي. پيشو ساڳيو هئڻ کان سواءِ هڪ ٻئي به اسان ۾ ساڳيائي آهي جنهن اسان جي دوستيءَ کي مضبوط بڻايو آهي. اُها ساڳيائي آهي سنگيت جو شوق! ۽ گهڻي قدر اسان جي پسند به ساڳي آهي. اسين جڏهن به رات جو ڊنر لاءِ ملندا آهيون تڏهن وسڪي پيئندي پنهنجا من پسند گانا ٻڌندا آهيون. اسان جا من پسند ڪلاڪار به ساڳيا آهن. پر سڪسينا پبلڪ پروگرامن ۾ صرف تڏهن هلندو آهي، جڏهن ڀاڀي ريکا هتي نه هوندي آهي. هوءَ دبئيءَ ۾ هجي ته سڪسينا زال سان ٻڌو ويٺو هوندو آهي. هوءَ سنگيت جا پروگرام پسند ڪانه ڪري. رات به روي شنڪر جي پروگرام تي اِن ڪري هلي سگهيو ڇو ته ڀاڀي پيڪي ويل آهي. دهليءَ...
    ڀاڀي ريکا ڏاڍي نراس رهندي آهي تنهنڪري سال ۾ ٻه دفعا پيڪن وڃي ۽ ٻه ٻه مهينا اُتي رهيو پوي. هن کي وهم ٿي ويو آهي ته کيس ٻار نه ٿيندو. حقيقت ۾ سڪسينا ۽ ڀاڀيءَ ٻنهي ڊاڪٽري تپاس ڪرائي آهي. اُن رپورٽ مطابق ٻنهي ۾ ڪوبه جسماني نقص ڪونهي. سڪسينا ته سمجهي ٿو ته کين اولاد نه ٿيڻ جو ڪارڻ منوگيانڪ آهي پر ڀاڀيءَ کي سمجهائي نٿو سگهجي. هوءَ سدائين گهوٽ تي ملامت وجهندي رهندي آهي يا ڪن ڏينهن تي سندس موڊ اهڙو ٿي ويندو آهي جو روئي روئي پاڻ کي بيمار ڪري وجهندي آهي. سڪسينا کي سندس نراسائي دور ڪرڻ جو ٻيو ڪو علاج نه سجهندو آهي سواءِ اِن جي ته کيس دهليءَ پيڪن موڪلجي.
    ڏاڍو افسوس ٿيندو اٿم جو مان سائڪو اَئنلسٽ هوندي سڪسينا جهڙي پياري دوست جي مدد نٿو ڪري سگهان. اسين ٻئي ميڊيڪل ۽ سائڪياٽري دنيا جو حصو آهيون. پر هن معاملي ۾ بيوس ٿي پيا آهيون. ڀاڀيءَ جو ساٿ سهڪار اصل ڪونهي. سبيتا هن جو ڪيس کڻڻ لاءِ راضي آهي پر ڀاڀي هن وٽ به وڃڻ لاءِ راضي ڪانهي.
    هڪ دفعي سڪسينا ٻڌايو هو ته ريکا جو پنهنجي پيءُ ۾ ڏاڍو موهه آهي. موهه ئي نه هن کي Father Fixation آهي. هوءَ هر وقت ۽ هر ڳالهه ۾ گهوٽ کي پيءُ سان ٿي ڀيٽي. سڄو وقت اهو پيئي ياد ڪري ته سندس پيءُ سندس ماءُ سان ڪيڏو محبت ڀريو وهنوار ڪندو آهي. هن جي نظر ۾ سندس پيءُ هڪ آدرشي پتي آهي. سڪسينا کي چوندي آهي ته مميءَ جي ٿوري بيمار ٿيڻ تي پپا آفيس مان موڪل وٺندو آهي... سندس دوا درمل ڪندو آهي ۽ ڏاڍو خيال رکندو اٿس. جڏهن آفيس مان موٽي تڏهن به پپا هرروز مميءَ جي پسند جون کائڻ جون شيون آڻيندو آهي. هر هڪ موڪل جي ڏينهن مميءَ کي گهمائڻ وٺي ويندو آهي. ممي ڏاڍي خوشنصيب آهي جو پپا جهڙو پتي مليو اٿس!
    ريکا ڀاڀيءَ جي من جي اَڌ حصي ۾ سندس پيءُ ٿو رهي. باقي اڌ حصي ۾ رهي ٿو ويچارو سڪسينا! اهو سڪسينا جنهن کي پتي ٿيڻ جو ڄڻ ته ڏانوءُ ئي ڪونهي. سڪسينا هڪ ڏينهن پتنيءَ جون ڳالهيون ڪندي مون کان پڇيو هو، ”اَگروال! هڪ ماڻهوءَ جي پيار ڪرڻ جو نمونو يا پيار جي اِظهار جو نمونو ساڳيو ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جي نموني ۽ اِظهار جهڙو ٿي سگهي ٿو ڇا؟“
    مان کيس جواب ڏيان ئي ڏيان تنهن کان اڳ ئي وري چيائين، ”دوست! مان سڀاءُ جو لڄارو آهيان. ريکا جي پيءُ وانگر مون کي پيار ظاهر ڪرڻ نٿو اچي. تنهن جو مطلب اهو آهي ڇا ته مان کيس نٿو چاهيان؟“
    اُن بعد اسان اِن بابت گهڻو ئي ڳالهايو.
    سڪسينا جي گهر ٻاهران اچي ڪار پارڪ ڪئي اٿم. مينهن چڱو وسي رهيو آهي تنهنڪري تڪڙيون وکون کڻندو اچي ٿو سڪسينا جي گهر جو ڊور بيل وڄايان. سڪسينا در کولي عجب مان چوي ٿو... اَري تون؟ اَچ يار، اَچ. توکي ڏاڍو ياد پئي ڪيم.
    ”سچ پچ؟“
    ”ها... برسات پيئي وسي نه... ڏاڍي اَڪيلائي پيئي محسوس ٿئي.“
    ”تنهنجي اَڪيلائيءَ جو علاج... ڀاڀي ڪڏهن ايندي؟“
    ٻئي هفتي تائين اچي ويندي. سندس پيءُ کي بخار آهي تنهنڪري ترسي پيئي نه ته هن هفتي اچڻي هئي.“
    اسين ٻئي ڊرائنگ روم ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿي ويٺاسين. سڪسينا سيٽيءَ تي، مان سوفا تي. اسان جون جايون ڄڻ ته مقرر ٿيل آهن. ويندي سان مون سڪسينا کي چرچي ۾ چيو، ”يار تون هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ، ڀاڀيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ عورت وٽ ويو آهين؟“
    هن کان ڇرڪ ڀرجي ويو. چيائين، ”ريکا منهنجي زندگيءَ ۾ پهرين عورت آهي.“
    مون کلندي چيو، ”ڀاڀي به پاڻ کي سڪوڙي رکي ۽ تون به حجاب ڪرين پوءِ مسئلو حل ڪيئن ٿيندو؟ منهنجي صلاح مڃ. سنڪوچ دور ڪرڻ لاءِ ٻيءَ ڪنهن عورت جو سنگ ڪر.“
    سڪسينا ڏاڍي ڏک وچان چيو، ”دوست! تون هي ڪهڙي صلاح ٿو ڏين مون کي. اَسين هندستاني...“
    مون خوب ٽهڪ ڏيئي کليو. چيم، ”ها اسين هندستاني اهڙا احمق آهيون جو گهٽجي مرنداسين پر...“
    هن مون کي سٽ پوري ڪرڻ نه ڏني. چيائين، ”تون ڀلي مون تان کل، منهنجا دوست! مان مرد ۽ عورت جي رشتي کي بلڪل پاڪ رشتو ٿو سمجهان. اِهو رشتو گهر کان ٻاهر ڪنهن سان رکڻ نه گهرجي. اِئين ڪرڻ سان اِن رشتي جي پاڪيزگي ناس ٿي ويندي.“
    مون کيس چيو، ”پوءِ مان تنهنجي نظرن ۾ ڏاڍو ناپاڪ ماڻهو آهيان. پنهنجيءَ پتنيءَ کان سواءِ ڏهن عورتن وٽ ويو آهيان.“
    ڄڻ هراسجي ويو سڪسينا، پڇيائين، ”توکي ٻين عورتن وٽ وڃڻ جو ڪهڙو ضرور پيو هو، اَگروال!“
    مون گهڻيءَ هوڏ وچان وراڻيو، ”ضرورت ڪيئن پئدا ٿي اُن لاءِ ڇا چوان. ٻالپڻ ۾ ڪنهن مرد عورت جو جسماني ميلاپ سوين دفعا ڏٺو هوم. اَٺن سالن جو هوس ته ڪنهن غريب جو ٻار ڄاڻي ڪنهن پنهنجي حوس جو شڪار بڻايو. بالغ ٿيس ته بدن ۾ باهه ٻري رهي هئي. هم جنس دوستن سان تعلق ٿيڻ لڳو. اَڪيلائيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ريجهائڻ جي عادت پئجي ويئي هئي... پوءِ اچي من ۾ وسوسا ۽ اَنومان جاڳيا ته هاءِ! سڄو ختم ٿي رهيو آهيان. جيسين شادي ڪندس تيسين شايد مرد ئي نه رهندس. اِنهن اَنديشن جي اَنڌيرن ۾ ڪيستائين رهان؟ جيڪڏهن ڪن عورتن جو سنگ ملي ويو ۽ پنهنجي ضرورت پوري ڪيم ته ڪهڙو گناهه ڪيم؟“
    سڪسينا کن پل لاءِ خاموش ٿي ويو. پوءِ چيائين، ”اَگروال تو مون کي سلڪشڻا جي ڳالهه ته ٻڌائي آهي. سا ته ٿي شاديءَ کان اڳ جي ڳالهه. پر تون ڇا شاديءَ کان پوءِ به ٻين عورتن وٽ ويندو رهيو آهين؟“
    مون بي پرواهيءَ سان وراڻيو، ”ها... شاديءَ کان پوءِ به ٻين عورتن جو سنگ ڪيو اٿم.“
    ”توکي guilt ڪين محسوس ٿئي؟“
    ”بلڪل نه سڪسينا! ان ۾ گناهه ڪهڙو آهي؟ مون ڪڏهن ڪنهن عورت سان زبردستي ڪانه ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي رضا خوشيءَ سان آڇي ٿي ته...“
    سڪسينا صفا چپ ٿي ويو. اهڙو ڪُڇي جهڙو ڀت. ٿوري دير چپ رهڻ بعد اُٿي وسڪيءَ لاءِ گلاس کڻي آيو. تنهن وچ ۾ مون بوتل بار مان ڪڍي. پاڻ وري گانٺيا، پاپڙي، پستا وغيره کڻي آيو. اهي ڪم اسين مڪئنيڪل نموني ڪندا آهيون. ڪير ڪنهن کي ڪجهه چوندو ڪونهي.
    وسڪيءَ جا گلاس ٺاهي مون پنهنجو گلاس کڻي سڪسينا کي ”چيئرس“ چيو. هن تمام جهيڻي آواز ۾ ”چيئرس“ چئي پيئڻ شروع ڪيو. هن جو ههڙو موڊ ڏسي مون کان رهيو نه ٿيو. مون کيس چيو، ”ڪجهه چئه نه. چپ ڇو آهين؟ تون به مون کي ٻين وانگر چريتر هيڻ چئه.؟
    هو اُمالڪ منهنجو هٿ کڻي پنهنجي هٿ ۾ ٿو جهلي. پوءِ چوي ٿو، ”نه اَگروال نه ... چريتر جي ڳالهه ڪانهي پر سماج جا ڪي نيم ٿيندا آهن جيڪي پالڻ ...“
    مان سماج لفظ ٻڌي تپي باهه ٿي ٿو وڃان. کيس چوان ٿو، ”ڪهڙو سماج، ڪهڙا نيم؟ اسان جي سماج ۾ ڪو اهڙو نيم آهي ته ڪچڙيءَ عمر ۾ ٻارن کي دڳ لائجي؟ اسان جا مائٽ ۽ اُستاد صرف اُپديش ڏيئي ڄاڻن. مارون ڏيئي ڄاڻن ... ٻهروپي ... مڪار!“
    سڪسينا منهنجو هٿ آهستگيءَ سان ڇڏي ٿو. پوءِ منهنجي اَکين ۾ اَکيون وجهي چوي ٿو، ”سماج کي ڇڏ ... ڀلا پنهنجو ضمير به ته ڪا شيءِ ٿيندي آهي.“
    مان اَڃا به وڌيڪ ڀڙڪي ٿو وڃان. چوان ٿو، ”ضمير؟ ضمير به سنسڪارن مان ٿو ٺهي ۽ سنسڪار به سماج نه ڏنا آهن اَسان کي؟ اُهي ڇا آسمان مان ٽپڪيا آهن؟“
    منهنجي ڪاوڙ ڏسڻ وٽان آهي ۽ سڪسينا جو ڌيرج به ڏسڻ وٽان آهي. هو بيحد سنجيدي نموني چوي ٿو، ”سڀ ڳالهيون ڇڏ. هڪ self ٿيندو آهي. نجو ... مڪت! اُن کي سماج اَثر نه ڪندو آهي. سنسڪار به نه ڇهندا آهن. حالتون به اَثر نه ڪنديون آهن. حالتن جي دٻاءَ سبب اُهو self ٽٽي پوندو آهي، پر بدلجندو ڪونهي.“
    سڪسينا جي هن ڳالهه اَلائي ڇو مون کي چپ ڪرائي ڇڏيو. مون کي خبر آهي ته هو هڪ ڳوڙهو ويچارڪ آهي. هن جون ڳالهيون به ذاتي اَنڀو تي ٻڌل هونديون آهن. مان جيتوڻيڪ ساڻس سوئ سيڪڙو سهمت نه هوس ڇو ته منهنجي خيال موجب self جو به هر ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجو اَلڳ اَلڳ concept هوندو آهي. پر مون کي چوڻ تي دل نه وري. بحث ڪرڻ جو موڊ اُڏي ويو اوچتو... مان شانتيءَ سان وسڪي پيئڻ لڳس.
    وسڪيءَ جو ٻيو گلاس هميشه سڪسينا ٺاهيندو آهي. ٻيو گلاس مون کي هٿ ۾ ڏيندي هُو مرڪي ٿو. ڪيڏي دير ڳنڀير بڻيو ويٺو هو. هاڻي مرڪندي چوي ٿو، ”اسين ٻئي من õ وگيان جا ڊاڪٽر آهيون. جسم توڻي من جون تڪليفون ۽ ضرورتون سمجهڻ ... اِهو اسان جو فرض آهي. اُنهن جو اونهو ڇيد ڪرڻ اسان جو پروفيشن آهي. تنهن ڪري ڪنهن به اِنسان تي چڱي بري جو ليبل لڳائڻ ته اسان کي سونهي نٿوõ جي اِئين ڪريون ته پوءِ رواجي ماڻهوءَ ۽ اسان ۾ فرق ئي ڪهڙو رهي؟“
    هو گلاس ميز تي رکي پنهنجي اَڌ ۾ چيل ڳالهه پوري ٿو ڪري، ”پر اَگروال، منهنجا دوست! هڪ ڳالهه ٻڌ. مان هڪ طرح بدنصيب آهيان تون ٻيءَ طرح بدنصيب آهين. تنهنجي صرف جسم جي اُساٽ لٿي آهي. پر دل تنهنجي اُڃايل آهي. دل ۽ جسم ٻئي ملن ته اهو نشو ئي نرالو آهي. تون اهو ته مڃيندين ته عورت ۽ مرد کي سريرڪ سک تڏهن ملندو آهي جڏهن من به مليل هجن.“
    سڪسينا سچ ٿو چوي ... ائين سمجهان ٿو توڻي کيس زبان سان ڪجهه نٿو چوان.
    سو ائين نائين وڳي سڪسينا جي گهر مان نڪتس. جيتوڻيڪ هو به منهنجيءَ صحبت جو ڏاڍو چاهڪ آهي ته به دير تائين ويهڻ لاءِ نه چوندو آهي. ڪن ڳالهين ۾ سبيتا جو ڀاءُ لڳي. هن جو ويچار آهي هر ڪنهن پتيءَ کي وقت سر وڃي گهر ڀيڙو ٿيڻ کپي. اهو غلط آهي ته دوستن جي ڪمپنيءَ ۾ ويهي رهجي ۽ پتني گهر ۾ ويٺي اِنتظار ڪري.
    گهر طرف رخ رکيو اٿم. هڪ عجيب ويچار ٿو من ۾ اچيم. پاڻ کان پڇان ٿو ته من õ وگيان جي کيتر ۾ ڊپلوما ... پي. ايڇ. ڊي. سڀ حاصل ڪرڻ بعد به ڇا اِنسان جي اَندر ۾ جيڪي وهي واپري ٿو سو مان ڄاڻي ٿو سگهان؟ يا خود پنهنجو اَندر پڇاڻي ورتو اَٿم ڇا؟ پاڻ وٽان ئي جواب ٿو مليم õ نه! اَڀياس ۽ پرئڪٽس سان صرف اِنسان جي اَندر ۾ جيڪو اَجهاڳ سمنڊ آهي اُن کي ڦولهڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي. پنهنجي پيشي کان ڪٽجڻ سبب اُها ڦولهه به ته سنجيدي نموني جاري رکي نٿو سگهان.
    ڪاش! جيڪر گهر نه وڃي سڌو ايئر پورٽ وڃان. اُتي جيڪو به ايئر ڪرافٽ بمبئيءَ لاءِ تيار بيٺو هجي اُن ۾ چڙهي بمبئيءَ هليو وڃان. اُتي وڃي پنهنجي ڪنسلٽنسي هلايان ۽ پنهنجي پيشي جي مشغولين ۾ اڳي وانگر گم ٿي وڃان.
    بمبئيءَ ۾ هوندو هوس ته آرتوار ڏينهن به گهر ۾ نه وهندو هوس. هر آرتوار تي ميڊيڪل ڪائونسل بمبئي يا مهاراشٽر ائسوسئيشن آف ڪلنيڪل سائڪالاجسٽ جي شرڪت ڪندو هوس. اهڙو ڪو Psychologists جو اِدارو نه هو، جتي مان talk ڏيڻ نه ويو هوندس. پيشي جي خيال کان ترقيءَ جي ڏاڪڻ چڙهي رهيو هوس پر پئسي ۾ حال وري به برو هوم. غريبي پنهنجو لڪڻ اولاريندي رهندي هئي.
    کار پالي ڪلنڪ ۾ ڪل نَوَ اِسپيشلسٽ هئا. هنن سڀني وٽ ڪار هئي. هڪ مان ئي هوس جيڪو اسڪوٽر تي ويندو هوس. جڏهن اسڪوٽر تي سوار ٿي ڪلنڪ پهچندو هوس تڏهن اَحساس ڪمتري ماري وجهندي هئي. ائين چاهيندو هوس ته ڪير به مون کي اسڪوٽر تي نه ڏسي. ٻين ڊاڪٽرن ۾ ٺاٺ باٺ ۽ دٻدٻي واري رهڻيءَ سبب غضب جو آتم õ وشواس هو. هو سوئ رپيه في وٺندا هئا. مان پنهنجي قابليت مڃرائي چڪو هوس پوءِ به مون کي سوئ رپيه في وٺڻ جي ڪڏهن همٿ نه ٿي.
    غريبيءَ جي چهبوڪن منهنجي آتم وشواس کي نيل ڪري ڇڏيا هئا. ننڍي هوندي کان اَڻ هوند جو اهو ڪنڊو سيني ۾ ڇپيل هو ته مان هڪ مفلس، تنهن ڪري تڇ ماڻهو آهيان. ڪڏهن به ڪٿي اوچي ڳاٽ بيهي نه سگهيو هوس ...
    اهو ئي ڪارڻ هو جو جڏهن دبئي جو ٽڻ ٺهي آيو ته ٺهي ٺڪي پرئڪٽس ڇڏي نڪري پيس. سمجهيم وديش وڃي متان غريبيءَ جي ذلت کان ڇٽي سگهان.
    تمام وچتر نموني موقعو مليو. زندگيءَ کي اَفسانو نه چئجي ته ڇا چئجي؟ زندگيءَ جو هرهڪ واقعو اَفساني جيان لڳندو اٿم. الائي هي جيون اَفسانو ڪنهن لکيو آهي ...
    مجمودار مهينو کن لڳاتار پنهنجيءَ مريض پتنيءَ کي کار واري ڪنسلٽنسيءَ ۾ علاج لاءِ وٺي ايندو رهيو. هڪ ڏينهن رات جي وقت هو منهنجي سيان واري گهر ۾ اچي پهتو. هو ڏاڍو منجهيل هو. مون کي روئي چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب مان اَڃا دبئي وڃڻ جي ڳالهه ٿو ڪريان ته منهنجيءَ زال کي وري اَٽئڪ ٿو ٿئي. ڪا صلاح ڏيو ڪو سجهاءُ ڏيو. مان دبئيءَ نه ويندس ته برباد ٿي ويندس. بمبئيءَ ۾ پنهنجو دڪان وڪڻي دبئيءَ ۾ پئسو سيڙايو اٿم.“
    مان ڊاڪٽر ماڻهو ... هن کي ڪهڙو سجهاءُ ڏيان؟ پر هن منهنجو پيڇو نه ڇڏيو. ڏينهن جو زال کي وٺي ڪلنڪ ۾ اچي ۽ رات جو وري اڪيلو سيان ۾ گهر اچي. نيٺ هڪ ڏينهن مون کيس چيو، ”هڪڙو سجهاءُ آهي. تون دبئيءَ وارو ڌنڌو مون کي سنڀالڻ لاءِ ڏي. مان تنهنجي ڪوڏي به ڪاري ڪونه ڪندس.“
    مون ته ائين ئي کڻي کيس اها ڳالهه چئي پر هن يڪدم اهو سجهاءُ قبول ڪيو. ان طرح دبئيءَ اچي پهتس. هتي مجمودار جو ريڊي ميڊ گارمينٽس جو دڪان هو. ”مهاراڻي اِسٽورس“ اهو اچي سنڀاليم.
    شروع وارا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذريا. مجمودار مون کي ڇڏي پاڻ واپس بمبئيءَ هليو ويو. اِئين سمجهندو هوس ڄڻ ڪن پهريدارن جي نگرانيءَ هيٺ زندگي پيو گذاريان. پهريون پهريدار هو مجمودار. هو منهنجو اِسپانسر هو. هن جي هرهڪ هدايت مون لاءِ حڪم هو. ٻيو هو لوڪل پارٽنر. هن جي حيثيت مجمودار کان به وڌيڪ هئي. هو ڪنهن ڳالهه تان بگڙي ته ڌنڌو ئي چوئپٽ! تنهن کان سواءِ اِميگريشن. ليبر ميونسپالٽيءَ جي سدائين محتاجي آهي. شروعات ۾ ته اُن محتاجيءَ ماري وڌو هو. هڪ قيديءَ وانگر وقت گذاريو هوم.
    اَلفهيدي روڊ تي چوئٿرام سپر مارڪيٽ جي لڳو لڳ بلڊنگ ۾ پهرئين ماڙيءَ تي فلئٽ نمبر 3 0 1 ۾ مجمودار مون کي رهائي ويو. هڪ ڪمرو سڄو دڪان جي مال سان سٿيل هو. ٻئي ڪمري جي اڌ ۾ هڪ درزي وهندو هو جيڪو صبح جو اَٺين کان رات جو اَٺين تائين مشين هلائيندو رهندو هو. حالانڪ اِهي ڳالهيون بي قاعدي هيون جن جي مون کي خبر ڪانه هئي ته قاعدي موجب رهائش واريءَ جاءِ ۾ ڌنڌي جو سامان نٿو رکي سگهجي يا درزي نٿو ويهاري سگهجي. مجمودار کي قاعدن جي خبر به هئي پر هن انهن ڳالهين کي ليکيو ئي ڪين. پاڻ وڃي بمبئيءَ سکيو ٿيو.
    مون کي اُهو درزي ڏٺو ڪين وڻندو هو. مٿان وري مجمودار هدايت ڪري ويو هو ته مون کي پاڻ سان گڏ هن جي ماني به رڌڻي پوندي. باسڻ ملڻ ۽ ڪارپيٽ وغيره صاف ڪرڻ جو ڪم به مون کي پاڻ ڪرڻو پوندو هو. ڏهه ڪلاڪ دڪان تي وهڻ جو ڪم ته هوئي ... هو درزي رات جو جڏهن روانو ٿيندو هو پوءِ ڏهين وڳي ڌاري اَڌ ڪمري ۾ رکيل پلنگ تي سمهندو هوس ۽ پاڻ کي چوندو هوس ... هي ڇا ٿيو؟ اوچتو سائڪو اَئنلسٽ مان ڦري سيلسمئن ڪم ڪُڪ، ڪم ڪلينر بڻجي پيو آهيان. اَندر ڇڄڻ لڳو. شايد پکيءَ وارا پر ڪري دبئيءَ مان اُڏامي هندستان هليو وڃان ها ... پر هوائي جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزا وغيرهه گهربل هئا سي اِميگريشن ۾ هئا ... مجمودار مون لاءِ ايمپلائمينٽ ويزا لاءِ درخواست ڪري ويو هو ... منهنجا پر ڪيٽل هئا ... ڪيئن وقت گذريو اهو، هڪ ڌڻي ٿو ڄاڻي. پر وقت گذرندي اِها پڪ ٿيندي ويئي ته پئسو ٺاهڻو آهي ته اهو ئي موقعو آهي.
    منهنجي پڪي ويزا ٺهي ويئي اُن بعد سڄو ڌنڌو مون اڪيلي سر سنڀالي ورتو. مجمودار سال ۾ ٻه ڀيرا آيو. هن جو چاهه صرف ان ڳالهه ۾ وڃي رهيو ته گهڻي ۾ گهڻو پئسو هتان ڇڪي. هن جو اهو رخ ڏسي مون ساڳئي لوڪل پارٽنر جي مدد سان پنهنجي نالي ٽريڊ لائسنس جي لاءِ درخواست ڪري ڇڏي هئي. حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو، جو اَڄ به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن ٿيو اُهو سڀ! مجمودار جي غير حاضري ۽ ڪن بي قاعدي ڪمن جي ڪري هن جي نالي وارو ٽريڊ لائسنس ڪئنسل ٿي ويو ...
    ڌڻيءَ جي مهرباني چوان يا لوڪل پارٽنر جي مدد چوان ... لوڪل پارٽنر تي منهنجي اهڙي سنت ٿي ويئي جو هن منهنجي نالي لائسنس وٺي ڏيڻ ۾ ته مدد ڪئي پر مجمودار جو سيڙايل پئسو يڪدم ڏيڻو پيو تنهن لاءِ بئنڪ مان قرض ملڻ ۾ به مدد ڪئي.
    دڪان ساڳيو ئي ”مهاراڻي اِسٽورس“ ... مون نالو بدلائي ”گرين گراس“ رکيو. مان مالڪ بڻجي ويس!
    دبئيءَ ۾ ڏکن جا ڏينهن پورا ٿيا. مان پاڻ ”گرين گراس“ جو مالڪ بڻيس ته اِئين محسوس ڪيو هوم ڄڻ سالن جي قيد بعد رهائي ملي هئي. پنهنجو پاڻ اِسپانسر بڻيس ته دبئي وڌيڪ پنهنجي لڳڻ لڳي. سال کن پوءِ به پئسي جي تنگي ڏاڍي هئي. ”گرين گراس“ جو مالڪ هوس ته مزدور به. دڪان جي صفائيءَ کان وٺي وڏا وڏا ڪارٽن کڻي مٿي رکڻ ۽ اُتان لاهڻ هر ڪو ڪم پاڻ ڪندو هوس ... سال کن جي محنت مزوريءَ کان پوءِ جيئن آمدني وڌڻ لڳي تيئن وڌندي رهي آهي ... هاڻي ته ڀڳوان جي مهرباني آهي.

    ”بليپ تي آواز ٿو ٿئي. مون کي پڪ آهي ته پٽڙي ياد ڪيو آهي. بليپ تي گهر جو نمبر ئي ٿو ظاهر ٿئي. هڪ هٿ ۾ اسٽيئرنگ سنڀالي ٻئي هٿ سان گهر جو نمبر ٿو ڊائل ڪريان. منوج يڪدم فون کڻي چوي ٿو، ”پپا! تون ڪٿي آهين؟ مان توکي ڳولهيان پيو. دڪان به بند ٿي ويو آهي ...“
    ”باس! مون کي ٿورو ڪم ٿي پيو. بس هاڻي ڪار پارڪ پيو ڪريان. ٻن منٽن ۾ پهچان ٿو.“
    ”پپا! مميءَ جي ڪار D.H.L. جي بلڪل سامهون پارڪ ٿيل آهي. تون مميءَ جي ڪار ڀرسان ئي پنهنجي ڪار پارڪ ڪجانءِ.“
    ”او õ ڪي õ پٽ او õ ڪي“ رسيور رکي سبيتا جي ڪار ڳولهيان ٿو ۽ اُتي ئي پنهنجي ڪار پارڪ ٿو ڪريان. پٽڙي کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ته سبيتا ۽ منهنجي ڪار لڳولڳ پارڪ ٿيل آهي ... ڪيڏو معصوم آهي هن جو موهه!


    (ف)

    پهچي ويس گهر نيٺ ...
    سوفا تي اچي ويٺو آهيان. منوج ٽپ ڏيئي منهنجيءَ هنج ۾ اچي ٿو ويهي. چوي ٿو، ”پپا تون اڄ naughty boy ٿيو آهين. بوٽ لاهڻ بنان هتي اچي ويٺو آهين. ڪارپيٽ خراب ٿي ويندو.“
    کيس چمي ڏيئي چوان ٿو، ”او ... بوٽ لاهڻ وسري ويو. هينئر ئي لاهي ٿو اچان.“
    هو جهٽ هيٺ ڪارپيٽ تي لهي ٿو ويهي. چوي ٿو، ”پپا، مان ٿو تنهنجو بوٽ لاهيان.“
    منٽ ۾ منهنجو بوٽ جوراب لاهي شو رئڪ تي رکي ٿو اچي. پوءِ منهنجو منهن تڪي چوي ٿو، ”تنهنجو منهن ههڙو ڇو ٿي ويو آهي؟“ چيم، ”پٽ مٿي ۾ سور آهي.“
    ته مميءَ کان گوري وٺ نه ... کن ۾ پئناڊال پاڻي ... وسڪيءَ جي بوتل ... گلاس ... کاڄا سڀ اڳيانآڻي رکيائين. سچ ته سڀ وسري ٿو وڃيم. ماضيءَ جا ڦرڻا ... مستقبل جا فڪر õ ڪجهه نه آهي. صرف اهو ئي سچ آهي ته منوج منهنجو پٽ آهي ۽ مان سندس پيءُ آهيان ۽ هيءَ دنيا ڏاڍي سٺي آهي.
    هڪ ٻه ڍڪ وسڪيءَ جي پيئڻ بعد پڦڙ ايڪناٿ ۽ سبيتا جي ڀيڻ سجاتا وارا خط منوج کي ٿو ڏيان ته ماءُ کي ڏئي. هوءَ ويڊيو تي هندي فلم ڏسي رهي آهي.
    هر روز رات جو ڪلاڪ ڏيڍ اسان جي گهر ۾ هي ماحول هوندو آهي. مان گهر پهچڻ سان هٿ منهن ڌوئي وسڪي پيئندو آهيان. سبيتا منهنجي ماني رنڌڻي جي ٻاهر رکيل پئسيج ۾ ڊائننگ ٽيبل تي وارمر ۾ رکي ڇڏيندي آهي اُن بعد رنڌڻو صاف ڪري پوءِ ويڊيو تي هندي فلم ڏسندي آهي. اهو ئي ڪلاڪ ڏيڍ منوج کي مان ۽ سبيتا ٻئي ملندا آهيون. هو خوب ٺينگ ٽپا ڏيندو آهي. اسان سان لاڏ ڪوڏ ڪندو آهي. مان کيس وسڪي آڇيندو آهيان ته هو ڊڪي وڃي پنهنجي لاءِ فرج مان ”ڊڪسي“ کڻي ايندو آهي. ڊڪسيءَ جي دٻي کي کولي خاص انداز سان چوندو آهي. پپا چيئرس ... پوءِ اسين پيءُ پٽ وسڪي ß ڊڪسي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندا آهيون. منوج ڪنهن مهل ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي ويڊيو تي هلندڙ فلم جي اَئڪٽرß ائڪٽريس جو نالو پڇندو آهي ته ڪنهن مهل مون کي چنبڙي پڇندو آهي ته منهنجو فيورٽ هيرو ڪير آهي سنجي دت يا انيل ڪپور õ سبيتا ۽ مان کيس سوالن جا جواب ڏيندا آهيون. کلندا آهيون ۽ پٽڙي سان پيار ونڊيندا آهيون. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن منوج کي پور پيو ته اسان کي هال ۾ ڇڏي پنهنجي بيڊروم ۾ وڃي ويڊيو تي ڪارٽوني فلم ڏسندو آهي ... هن جي پرپٺ ته سبيتا ۽ مان خاص ڪجهه ڪين ڳالهائيندا آهيون.
    اتفاق سان ڪنهن ڏينهن رات جي وقت اهو منظر ڦريل هوندو آهي ته منوج منجهي پوندو آهي. جيئن رات ٿيو ... اٽڪل نائين وڳي ڌاري مان روي شنڪر جي ستار جي پروگرام تي وڃڻ لاءِ سنڀري رهيو هوس ته منوج منهنجي پٺيان ڦري رهيو هو. مون بوٽ پئي پاتو ته پڇيائين، ”پپا! تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
    ”مان ”حيات ريجنسيءَ“ ۾ ٿو وڃان، پٽ! روي شنڪر جي ستار جو پروگرام آهي.“
    ”روي شنڪر ڪير آهي، پپا؟“
    ”هو هڪ وڏو ڪلاڪار آهي.“
    ”ڪلاڪار جي معنيٰ ڇا؟“
    ”ڪلاڪار جي معنيٰ مان توکي سڀاڻي ٻڌائيندس منهنجا شهزادا õ هاڻي مون کي دير ٿي ٿئي.“
    مان جيئن سندس پيشاني چمي گهر مان نڪرڻ وارو هوس تيئن هن پڇيو، ”پپا ... تون پرميلا آنٽيءَ کي وٺي ويندين حيات ريجنسيءَ ۾؟“
    ”نه بابلا مان پنهنجي دوست ڊاڪٽر سڪسينا سان ٿو وڃان.“
    مان هليو ويس. مون کي ڪهڙي خبر ته منوج جو پڇيل معصوم سوال ته مان پرميلا کي پاڻ سان وٺي ٿو وڃان ڇا، سبيتا کي ايڏو پريشان ڪندو! سوچيو هوندائين ته منوج کي به سڻس پئجي ويئي آهي ته پرميلا سان منهنجو ڪو سنٻنڌ آهي. اهو سوچي سوچي ديواني ٿي پيئي هوندي شايد.
    مان مزي سان وڃي روي شنڪر جي ستار ٻڌڻ ويهي رهيس. هو سڪسينا جو توڻي منهنجو محبوب ڪلاڪار آهي هن جي سامهون ويهي ستار ٻڌندي اسين ٻئي هڪ علحدي دنيا ۾ پهچي ويا هئاسين ... مون کي ڪل ڪانه هئي ته جڏهن ستار جي سرور ۾ ٽٻ گهر پهچندس تڏهن سبيتا چوندي ... مون کي توسان هڪ هڪاڻي ڪرڻي آهي. پٽڙي کي توکان الڳ رهي پالڻو آهي ... تو جهڙي پيءُ جو پٽ ڪهڙو ٿيندو؟
    سبيتا سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. کيس چوڻ چاهيان ٿو سبيتا! تو مون کي هڪ ڪريل ماڻهو ڪري ليکيو آهي هميشه ... هتي دبئيءَ ۾ پرميلا سان سنگت ٿي ويئي آهي تنهن ڪري تنهنجي نظر ۾ مان هڪ اَڻ لائق پتي آهيان. پر مان پيءُ ڪهڙو آهيان اِهو فيصلو منوج تي ڇڏ ...


    (ڦ)

    منهنجو جسم ته سوفا تي آرامي آهي پر اَندر ڏاڍو بي آرام آهيان ڄڻ ڊوڙان پيو هيڏانهن هوڏانهن ... اَڳيان پٺيان پيو وڃان. گول گول پيو ڦران ...
    دنيا ليکي مون جهڙو ڪو خوشنصيب ماڻهو نه هوندو. سبيتا لاءِ به سڀڪو ائين سمجهندو هوندو ته هوءَ ڏاڍي قسمت واري آهي جو مون جهڙو پتي مليو اٿس. ٻاهران ڇا ته اسان جو شان آهي ...
    شيخ راشد بلڊنگ ۾ پنجين ماڙ تي هي ڪشادو شاندا ر گهر اسان جو ... سبيتا دبئي آئي هئي ته ڪيئن اسان شوق سان هن گهر کي سجايو، سينگاريو هو. ڪارپيٽ ... پردا ... اِٽالين بيڊس ۽ جرمن گلاس واريون درلڀ ڊريسنگ ٽيبلس ۽ ڊائننگ ٽيبل ... ويڊيو، ٽي. وي.، اي. سي.، فرج، ڊش واشر ... ڇا ڇا نه خريديوسين. جڏهن سبيتا هت آئي ته ڄڻ اسان نئين سر حياتي شروع ڪئي. اسين ماڻهو ئي ٻيا ٿي پيا هئاسين. اسان کي بمبئيءَ وارو گهر وسري ويو هو. اُتي سڄو ڏينهن پورهيو ڪري رات جو ڪلنڪ کي بيڊ روم بڻائي سمهي پوندا هئاسين. زندگيءَ ۾ ڪيڏي محدودگي هئي. هتي ڄڻ اسين هڪ لامحدود، آزاد دنيا جا رهواسي ٿي پيا هئاسين. مان انهن ڏينهن ۾ ايترو مطمئن هوس جو سمجهندو هوس ته اسڪول جي پرنسيپال، اسڪول ڇڏڻ وقت جيڪو منتر ڏنو هو ته:
    ”تون پنهنجي مقدر جو پاڻ بادشاهه آهين“، تنهن کي عملي روپ ڏنو اَٿم. پاڻ کي ۽ پنهنجي ڪٽنب کي اڻ هوند جي اونداهيءَ دنيا مان ته ڪڍي سگهيو آهيان ... پر سبيتا ۽ مون جيڪو هي خواب گهر ٺاهيو اُن کي ته ڄڻ ڪنهن جي نظر لڳي وئي. اسان گهر جي ته سونهن سجاوٽ قائم رکي آهي پر اَسان جي هڪ ٻئي سان رُکي وهنوار جي ڪري هيءَ سجاوٽ بي معنيٰ لڳندي آهي.
    اَڙي! پٽڙو اکيون مهٽيندو هال ۾ گهڙي ٿو. مون ته سمجهيو شايد سمهي پيو هوندو. پر ڇو سمجهيم ائين؟ مون کي گڊنائيٽ چوڻ کان سواءِ هو سمهندو ئي ڪونهي. منهنجي ڀر ۾ ويهي هٿ ۾ جهليل لفافو ڏيندي چوي ٿو، ”پيا! هي سجاتا ماسيءَ جو خط وٺ. مميءَ ڏنو آهي.
    مان کانئس خط وٺي پڇان ٿو، ”توکي ننڊ ٿي اچي؟“
    ”ها پپا! پر ممي مون کي نٿي سمهاري. چوي ٿي پاڻهي وڃي سمهه.“
    ”مان ٿو سمهاريان پنهنجي بابلي کي.“ ائين چوندي ٻک وجهي کيس کڻي اچي ٿو سندس بيڊروم ۾ هنڌ تي ليٽايان. کيس بلئنڪيٽ سان ڍڪي رهيو هوس ته چيائين، ”پپا! تون هتي گهڻي دير ويهندين؟“
    ”جيسين توکي ننڊ ايندي، تيسين ويهندس.“
    ”پر توکي بک لڳي ته جلدي هليو وڃجانءِ. مان پاڻهي سمهي پوندس.“
    ”ٺيڪ آهي. مون کي بک لڳندي ته هليو ويندس.“
    پٽڙي جي ڳالهه ٻڌي دل ڀرجي آئي. هن تڏڙي کي منهنجي بک جو خيال ٿيو ...
    هن جون اکيون ٻوٽيل آهن. مان سندس وارن ۾ هٿ ڦيرائي رهيو آهيان. هو ڏاڍو ننڊاکڙو آهي.
    ”پپا! توکي خبر آهي صادام حسين ڪير آهي؟“ هو اوٻاسي ڏيندي پڇي ٿو.
    ”هو عراق جو پريزيڊنٽ آهي.“ مان کيس جواب ٿو ڏيان.
    ”پپا هو ڪنو ماڻهو اٿئي. هن جي ڪري شايد جنگ لڳندي. اسان جي ٽيچر ٻڌايو.“
    ”اَڇا ... توهان جي ٽيچر توهان کي ايڏيون خبرون ٻڌائيندي آهي؟“
    ”ها پپا! اسان جي ٽيچر ڏاڍي هوشيار آهي. چيائين ٻئي سال اسين يو õ اي õ ئي õ ڊي تي ...“
    هن کي ننڊ اچي ويئي!
    هال ۾ اچي سجاتا جو خط ٿو پڙهان لکيو اٿائين،
    ”ديدي!
    جهڙي دبئي پيئي ياد اچي تهڙا توهين پيا ياد اچو. خاص ڪري شام جي وقت تون يا جيجاجي ڊرائيو لاءِ وٺي هلندا هئا اُن وقت ڏاڍو مزو ايندو هو. ڇا نه صاف ۽ ڪشادا رستا آهن ... خاص الغرود وارو پاسو اَبو دابي روڊ وغيره. رستن جي ٻنهين پاسي وڻڪار ... گل ڦل ۽ تيزيءَ سان ڊوڙندڙ ڪار. اُن سان گڏ وري پنهنجي دل پسند گانن جي ڪئسيٽ وڄندي هجي ته ڇا کپي؟ مون کي جيجاجي جي ڏاڍي مهرباني مڃڻي آهي جو هيڏيون مهانگيون ٽڪيٽون خرچي اَسان کي اَلناصر ليشر لينڊ ۾ عابده پروين جي پروگرام تي وٺي هليو ... عابده پروين لاشڪ سٺو ٿي ڳائي. خاص ڪري ”خدا ڪنون مئن ڏر دي“ وارو ڪلام ته بلڪل ملتاني راڳ هو ... اُن وقت هوءَ منهنجي سموري دل جيتي ويئي ڄڻ هوءَ رڳو سنڌين جي نه پر اَسان ملتانين جي به گلوڪاره آهي ...
    سالي صاحب جو خط ڏاڍو دلچسپ آهي. پڙهندي وسڪي پيئڻ جو مزو ٻيڻو ٿي ويو آهي. آخر ۾ لکيو اٿائين:
    هاڻي ڪم جي ڳالهه لکان. مميءَ جي طبيعت جي خبر اٿئي، ٺيڪ نٿي رهي، هوءَ وزٽ تي توهان وٽ اچڻ ٿي چاهي. هونءَ وڏي ڀاڀي ۽ ننڍي ڀاڀي پاڻ ۾ نه ٺهنديون هيون. هاڻي هو ٻئي پاڻ ۾ ٻٽ ٿي ويئون آهن ... ۽ مميءَ کي بلڪل نه ٿيون پڇن. حقيقت ۾ مان هيءَ ڳالهه مميءَ جي گهڻي چوڻ تي پيئي لکان. سچ پڇين ته مان نٿي چاهيان ته تون مميءَ کي گهرائين. ڇو ته اِهو سندس مسئلي جو حل ڪونهي. وري به مميءَ کي ڪس ڪسر کائي، نهرن سان ئي گذر ڪرڻو آهي.
    آخر ۾ هڪ ڳالهه چوان؟ ديدي ... هڪ ڏک به پاڻ سان کڻي آئي آهيان. جيجاجي ۽ تون خوش نه پئي لڳا. ڪهڙي ڪمي آهي توهانجي زندگيءَ ۾؟ توهين ٻئي رڳو هڪ ڳالهه ڳنڍ ڪريو. جيجاجي جهڙو به آهي گڻن اَوگڻن سوڌو تنهنجو آهي جيجاجي به سمجهي تون هن جي آهين جهڙي به آهين ... جيئن به آهين. مون ته شاديءَ جي ٽن سالن ۾ پيار جو اهو منتر سکيو آهي. بس خوشي ئي خوشي آهي. مسئلا هوندي به ڄڻ نه آهن.
    لکڻ ۾ ڪا غلطي ڪئي هجيم ته معاف ڪجانءِ.
    منوج لاءِ پيار. جيجاجيءَ لاءِ پرڻام.
    تنهنجي ڌيءُ جهڙي ڀيڻ
    سجاتا
    مان خط پڙهي سامهون واريءَ ميز تي ٿو رکان ۽ دل ئي دل ۾ سجاتا کي سلام ٿو ڪريان. هوءَ مون کان 0 1 سال کن ته واهه جي ننڍي هوندي. هيڏيءَ ننڍيءَ عمر ۾ هيڏي سياڻپ! هوءَ صرف بي . اي . پڙهي آهي ۽ سندس گهوٽ ته اِنٽر به پاس ڪيل ڪونهي. پئسي ۾ به اسان کان گهڻو پٺتي آهن پر خوشيءَ جي خزاني ۾؟ پيار جو ڪهڙو نه سولو منتر ٺاهيو اَٿن. تون جهڙو به آهين منهنجو آهين، مان جهڙي به آهيان تنهنجي آهيان.

    فون جي گهنٽي ٿي وڄي. رسيور کڻي چوان ٿو، ”انوپ هيئر“ ”انوپ ... ڪٿي هئين سڄو ڏينهن؟ مون نائين وڳي دڪان تي فون ڪيو هو پر تون نه ملئين“
    ”مسز پرميلا ... مون پاڻ هينئر سوچيو پئي ته توهان کي فون ڪريان پر وري وقت ڏٺم ته يارهن وڄي ويا آهن. سوچيم اَرجن اچي ويو هوندو ۽ توهين بزي هوندا.“
    ”نه اَنوپ! اَرجن اڃا نه آيو آهي. هينئر فون ڪيائين ته اڄ ٻارهين وڳي ڌاري ايندو.“
    ”سو اڃا ڪلاڪ اِنتظار ڪرڻو اٿوَ.“
    ”ها ... پر اِنتظار ۾ پنهنجو مزو آهي ...“
    کن سانت. هوءَ وري ڳالهائي ٿي، ”اَنوپ! تون اڄ پريشان ٿو لڳين. تنهنجو آواز ڏاڍو اُداس آهي.“
    ”پريشان ته آهيان برابر.“
    ”ته مون سان پريشاني ڇو نٿو ونڊين؟“
    ”توهان سان هميشه پريشانيون ته ونڊيون اٿم ... توهين آخر ڪيستائين منهنجا داستان ٻڌندا رهندا؟“
    ”جيستائين تون دوست سمجهي ٻڌائيندو رهندين.“
    مان کلي ٿو پوان. پرميلا سمجهي ٿي وڃي ته سبيتا بيڊ õ روم واري فون تان اسان جي گفتگو ٻڌي رهي آهي. کيس سبيتا جي اِن عادت جي خبر آهي پر هن کي اِهو برو نه لڳندو آهي ... هن منهنجي پريشان هئڻ جي ڳالهه ڇڏي ڏني. ڳالهه مٽائي چيائين، ”اَنوپ! تو صبح جو مون کي روي شنڪر جي پروگرام بابت ڪجهه نه ٻڌايو. تون ڪهڙو نه خوشنصيب آهين جو ههڙي مهان ڪلاڪار جي سامهون ويهي تو سندس ستار ٻڌي. ڏاڍو مزو آيو هوندءِ.“
    ”توهين به مون وانگر خوشنصيب ٿي سگهو ها. مان ته توهان جي به ٽڪيٽ وٺي آيو هوس.“
    پر مان ڪيئن هلي سگهان ها؟ اَرجن کي اهڙي قسم جي ڳالهين جو بلڪل چاهه ڪونهي.“
    ”مسز پرميلا ... مون کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي توهين پڃري ۾ قيد ٿيل پکيءَ وانگر آهيو.“
    ”نه ... نه، اَنوپ. مون کي اِئين اصل نه لڳندو آهي. اَرجن مون کي پيار جي پڃري ۾ قابو ضرور ڪيو آهي. پر اُن پڃري جون شيخون لوهه جون نه آهن.“
    ”پيار جي شيخن ۽ لوهي شيخن جي پڃري ۾ ڪهڙو تفاوت آهي ڀلا؟“
    ”او ... اَنوپ! تون ٿو هي سوال پڇين؟ اَرجن پيار جي نازڪ نفيس ڀاونائن جي شيخن سان ٺاهيو آهي هي پڃرو õ هنن شيخن ۾ پٽ اُڻيل آهي پيار جي ڌاڳن جو ...“
    ”ته اُنهن پيار جي ڌاڳن صدقي توهان کي ڪمپني ڏيڻ خاطر هلي ها نه ...“
    ”نه نه ... اَنوپ! روي شنڪر جي ستار ٽي چار ڪلاڪ ٻڌڻ اَرجن لاءِ ته سزا ٿي پوي ها ... مان جيڪر کيس اهڙي سزا ڏيڻ به نه چاهيان. سڄي ڏينهن جي پورهئي کان پوءِ هو گهر ۾ جنهن به نموني relax ڪرڻ چاهي ٿو، تيئن ڪري. اهو سندس حق آهي.“
    مان ڳالهه ڦيرائي ويس. نه ڄاڻ ڇو پرميلا جي ڳالهين تان چڙ اچي رهي هئي. پر مان ڪڏهن به سندس دل ڏکوئڻ نه چاهيندو آهيان. مون کي سندس ڳالهيون ڪتابي لڳنديون آهن. دل ۾ اچي پيو ته جيڪر چوانس ... رومانٽڪ شاعري پڙهي پڙهي ڪلپنا جي دنيا جا رهواسي ٿي پيا آهيو. ورنه ڇا جو پيار جو پڃرو ... ڀاونائن جا ريشمي ڌاڳا ... سڀ ڪوڙ آهي. ارجن کي اٽڪل اچي ويئي آهي ته پرميلا جي من جي اُڏامندڙ پکيءَ جا پر ڪيئن ڪٽي.
    اِها ڳالهه دل ۾ ٿو رکان. فون تي پرميلا کي چوان ٿو، ”مسز پرميلا هڪ ڳالهه مڃڻي پوندي اَرجن هڪ ڪامياب پتي آهي. گهر گرهسٿي هلائڻ جو ڏانوءُ اٿس.“
    پرميلا کلي پيئي. مون کي اهو ئي کپندو هو. هوءَ کلندي رهي ...
    فون رکيم ته بيڊروم واري فون جي رکجڻ جو آواز ٿيو. سبيتا فون رکي هال ۾ ڪاهيندي آئي. ايندي سان چوي ٿي، ”اڃا ڪيڏي مهل ماني کائيندين؟“
    مان چوان ٿو، ”جڏهن وڻندي.“
    ”يا ٻارهين وڳي تائين بکيو ويهڻو اٿئي جيسين تنهنجي مهاراڻيءَ پرميلا جو مڙس گهر اچي ... شايد هن جو وري فون اچي اِن اُميد ۾ اتي ويٺو رهندين.“
    سبيتا جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو آهي. مان کيس ڪوبه جواب نٿو ڏيان. هوءَ ڳالهائيندي رهي ٿي. پرميلا جي فون تي چيل ڳالهه دهرائيندي چوي ٿي، ”اَنوپ مون سان پريشاني ڇو نٿو ونڊين. وڏي آئي آهي تنهنجون پريشانيون ونڊڻ واري همدرد. تنهنجو آواز اُداس هجي يا نه هن چنڊيءَ جو ڇا ٿو وڃي؟“
    ”زبان سنڀالي ڳالهاءِ.“ منهنجو آواز ڏاڍيان ٿي ويو. چيم، ”هڪ ته بيڊروم وارو فون کڻي مان ڪنهن سان به ڳالهايان تون اُهو ٻڌين ٿي. اُها تنهنجي بيهودگي برداشت ڪري رهيو آهيان.“
    ”ڇو نه ٻڌنديس، هزار دفعا ٻڌنديس. مان تنهنجي زال آهيان. مون کي حق آهي. مان توکي چئي ٿي ڇڏيان ...
    I am an Indian wife. I shall not Share, my husband with any other woman.
    سبيتا جي حالت رات وانگر ٿي ويئي. هن جو سڄو بدن ڏڪي رهيو آهي. هن جي حالت ڏسي پنهنجي ڪاوڙ تي قابو ٿو پايان. کيس هٿ کان جهلي پنهنجي پاسي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪندي چوان ٿو، ”هڪ ڳالهه ٻڌ.“
    هوءَ منهنجو هٿ زور سان پريان ڦٽو ڪري چوي ٿي، ”مون کي تنهنجي ڪابه ڳالهه نه ٻڌڻي آهي. ٻڌاءِ پرميلا اهو سهندي ته سندس گهوٽ ٻين عورتن سان دوستي رکي؟ تنهنجي پياري دوست سڪسينا جي زال اهو سهندي ته سڪسينا ...“
    مون سبيتا کي اڌ ۾ ئي ڪٽي چيو، ”توکي ڪنهن جي شخصي زندگيءَ جي ڪهڙي خبر؟ هينئر رات جو ساڍي يارهين وڳي اَرجن آفيس ۾ ويٺو آهي يا ٻئي ڪنهن هنڌ، توکي خبر آهي ڇا؟ سڪسينا ٻئي قسم جو ماڻهو آهي برابر õ ڇڏ، سبيتا! نه مون کي ڪنهن سان ڀيٽ نه پاڻ کي ڪنهن سان.“
    هوءَ جواب ڏيڻ لاءِ اُتاولي هئي. اِهي ٻه جملا به الائي ڪيئن ٻڌائين. چيائين، ”نه ... مان توکان اهي نانگڻيون ڇڏائي رهنديس. مجمودار چئي ويو هو توکي هر ڪنهن شهر ۾ سريت آهي. مان اُن شهر شهر کي باهه ڏينديس جنهن ۾ تنهنجي سريت رهندي هوندي.“
    هوءَ جيئن ڪاهيندي آئي هئي تيئن ڌوڪيندي هال مان نڪري ويئي. مان مٿي تي هٿ رکي ويهي ٿو رهان. مٿو ڏاڍو ڏکي رهيو آهي.
    خيال ٿو اچيم ته ويچاريءَ پرميلا کي مون سان سنگت رکڻ مان ڇا هڙ حاصل ٿي آهي؟ سبيتا کيس چنڊي õ نانگڻ جهڙا لقب لائي ويئي.
    ڪميڻي مجمودار ته هن کي منهن تي منهنجي سريت سڏيو. اهو ڏينهن ٿو ياد اچيم جنهن ڏينهن صبح جو سوا ڏهين وڳي کن هو ”گرين گراس“ تي آيو. مون ۽ پرميلا اُن مهل چانهه پئي پيتي. مجمودار کي ڏسي عجب ڪين لڳم ڇو ته ٻڌو هوم هو ٽرازٽ تي آيل آهي. مان چاهيان ها ته سندس گهڻو ئي پئسو هڙپ ڪري سگهان ها پر مون سچائيءَ جو دامن نه ڇڏيو. پر هو ڪم بخت منهنجي خوشحالي سهي نه سگهيو. قانوني طور هن سان قطع تعلقات ٿيڻ بعد سمجهيو هوم ته هن مان آزاد ٿيس پر هن آخر ۾ اهڙي حرڪت ڪئي جو بمبئيءَ ۾ سامهون گڏجي ويو ته کانئس حساب وٺي ئي رهندس ...
    هو جڏهن اُن ڏينهن دڪان تي آيو تڏهن دل ئي نه وري جو سندس آڌرڀاءِ ڪريان پر وري پاڻ کي چيم هو مون وٽ هتي لنگهي آيو آهي ... اُن ساڳئي دڪان تي جيڪو شروع هن ڪيو هو. مون اُهو لحاظ رکيو. کيس ڪرسي آڇيم ۽ پرميلا کي سندس واقفيت ڏنم õ ”مسز پرميلا! مسٽر مجمودار سان ملو. مون کي دبئيءَ ۾ آڻڻ وارو هي شخص اٿوَ.“
    اِن جي موٽ ۾ پاڻ چيائين، ”مون کي خبر آهي اَگروال! هيءَ تنهنجي سريت آهي. مان تو وٽ ان لاءِ ئي آيو آهيان ته پنج هزار درهم جو ڊرافٽ هر مهيني مون کي بمبئيءَ موڪل نه ته مان تنهنجي سريت جي باري ۾ مسز اَگروال کي ٻڌائيندس ۽ پرميلا جي مڙس اَرجن کي به سڀ ٻڌائيندس.“
    اِنسان ايڏو ڪِري سگهي ٿو!
    پرميلا جو ٻڌو ته هو کيس منهنجي سريت ٿو سڏي سو ڏاڍو رنائين. سندس سڏڪن جو آواز اهڙو هو ڄڻ شيشو ٽرڪ ٽرڪ ڪري ٽٽي رهيو آهي. سچ ته مان مجمودار کي مار ڏيڻ لاءِ اُٿيس. سوچيم کيس ماري ڪٽي پرميلا جي قدمن ۾ ڦٽو ڪندس ته هن کان معافي وٺ ... پرميلا جهڙي اَٻوجهه عورت کي ڪير منهنجي سريت سڏي؟ هن جي پوترتا تي ڪوڙو داغ لڳي ۽ مان هٿ ٻڌي ويهي رهان؟ جوش ۾ هوش وڃائي رهيو هوس ... پر پرميلا هٿ کان پڪڙي واپس ڪرسيءَ تي ويهاري ڇڏيو. چيائين، ”نه اَنوپ نه. هن کي هٿ نه لڳائجانءِ. هوءَ روئندي سڏڪا ڀريندي به منهنجي چنتا ڪري رهي هئي. چيائين، ”تون هن تي هٿ کڻندين ته هو پوليس ۾ شڪايت ڪندو. حال ته پوليس توکي جيل اُماڻي ڇڏيندي. ڀڳوان جي واسطي ماٺ ڪري ويهه. ڏس اَنوپ! توکي عربيءَ ۾ هڪ لفظ به ڳالهائڻ نٿو اچي ۽ مجمودار عربي ڳالهائي ڄاڻي. پوليس حال ته کيس سچو سمجهندي.
    پرميلا ٺيڪ چئي رهي هئي ... اُن ڏينهن شدت سان اَحساس ٿيو ته پرديس نيٺ پرديس آهي!
    مجمودار مون کي ڀڙڪيل ڏسي ”گرين گراس“ کان تڪڙو تڪڙو کسڪي ويو. هن جي حرڪت اتي به پوري ڪانه ٿي. هو منهنجي پرپٺ منهنجي گهر ويو هو. هن جاسوسي ڪري پرميلا جا سڀ ڏس پتا هٿ ڪيا هئا ... سبيتا کي وڃي چيائين، ”اَنوپ کي هتي دبئيءَ ۾ پرميلا نالي سريت آهي وشواس نه اچيوَ ته هي وٺو هن جو پتو ۽ فون نمبر ...
    پر سبيتا هن جي اهڙي لاک لاٿي هئي جو عمر ڀر ياد رکندو. هن کيس چيو هو، ”هڪ سريت رکي يا ڏهه تون ڇو ٿو چنتا ڪرين؟ هو ڇا تنهنجو ناٺي ٿئي؟ هو منهنجو مڙس آهي مان ڄاڻان هو ڄاڻي.“
    منهنجي اکين مان پاڻي پيو ڪري ...
    اوچتو فضا ۾ وڌيڪ ٺار پئجي ويو آهي. بالڪنيءَ ۾ وڃڻ لاءِ اُٿان ٿو. اڃا در تائين به نه پهتو آهيان ته اوچتو هوا جا گهوگهاٽ ٿو ٻڌان. وايو منڊل ۾ زبردست گوڙ گهمسان ٿو پئدا ٿئي. وڏ ڦڙو مينهن. پڙدو اُڏامي ائين اچي منهن سان لڳو ڄڻ ڪنهن منهن وارو زوردار ڌڪ هنيو هجي. مان تڪڙائيءَ سان هال جو شيشي وارو دروازو بند ڪري پٽڙي جي ڪمري ڏانهن ڀڄان ٿو. سبيتا اڳي ئي اُتي شيشي وارو دروازو بند ڪري رهي آهي. مان دري ٿو لاڪ ڪريان ۽ پنهنجي بيڊ روم طرف ٿو ڀڄان. اُتان ڄڻ ڪجهه ڀڄڻ ٽٽڻ جو آواز آيو. بيڊ روم جي بالڪنيءَ ۾ وڃي ڏٺم ته Plants ٽٽي ٽڪر ٽڪر ٿي پکڙي ويا آهن. تمام تڪڙائيءَ سان دروازو لاڪ ڪري پوءِ آخر واري ڪمري ڏانهن ڀڄان ٿو. اُتي ته دريءَ جي ڄاري به کليل هئي. ڪمري ۾ ڪافي پاڻي هلي آيو آهي. اُن ڪمري جا ٻئي در ۽ دريون بند ڪري رنڌڻي ۾ ٿو اَچان. سبيتا اُتي دري بند ڪري رنڌڻي ۾ آيل پاڻي برش سان پيئي ڪڍي. مان باٿ روم مان برش کڻي آخر واري ڪمري ۾ وڃي پٽ ٿو سڪايان. اُن مهل کنوڻ اِئين چمڪي جو کن لاءِ ڪمرو بيحد روشن ٿي ويو. گهر جو مکيه دروازو لاڪ ٿيل آهي ته به ايڏي ٺڪ ٺڪ پيئي ٿئي ڄڻ ڪير ٻاهران زور زور سان لتون هڻي رهيو آهي.
    سبيتا ۽ مان رنڌڻي ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ آيا آهيون. Exhaust Fan جي زون زون جو آواز مغز ۾ کڙ کڙ ٿو پئدا ڪري. هوا جي گهوگهاٽن سان گڏ ٻيا به آواز ايڏا پيا اچن، ڀانءِ ته وڻ ٽڻ پيا ڪِرن. سڀ ڪجهه ڀڄي ٽٽي پيو.
    سبيتا چوي ٿي، ”منوج آواز تي جاڳي نه پوي.“
    مون چيومانس، ”مان منوج جي ڪمري ۾ ڪارپيٽ تي سمهان ٿو. تون چنتا نه ڪر.
    پٽڙي جي ڪمري ۾ ڪارپيٽ تي وهاڻو رکي، بلئنڪيٽ ۾ ويڙهجي ليٽيو آهيان. سوچيان ٿو هيڏي گوڙ گهمسان ۾ سبيتا کي اڪيلي ڪمري ۾ ننڊ نه ايندي. هن کي گجگوڙ ۽ وڄ کان ڊپ لڳندو آهي. جيڪر هتي گاديلو وڇائي کيس ڀر ۾ سمهاريان.
    اِئين سوچيان ئي پيو ته سبيتا پنهنجو وهاڻو ۽ بلئنڪيٽ کڻي اچي پهتي. سمجهيم ڪاوڙيل آهي ضرور مون کان ٻه فوٽ پري ٿي سمهندي پر هوءَ منهنجي وهاڻي جي لڳو لڳ وهاڻو رکي، مون کي ڀاڪر پائي سمهي پيئي.

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 558
    ڪتابن جو مشاهدو: 658045
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 231258
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ