ڪتاب جو نالو: واڪا منهنجي وس
مصنف: قريشي نعيم الله ”صابر“
ڇپائيندڙ: NAQ ڊجيٽل پبليڪيشنز
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 22 ڊسمبر 2017 ع
پڙهيو ويو: 1020 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 235 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • عرض حال
  • نعيم الله صابر ــ غزلن جي رنگينين ۾ 
  • تاثرات
  • حمد باري تعالى
  • نعت شريف
  • نعت 2
  • نعت 3
  • معراج واري رات
  • آيو رمضان آ تڙيو شيطان آ
  • الوداع اي ماهِ رمضان، ماهِ مهمان الوداع
  • ڪيو مولا عبادت لاءِ پيدا هڪ حرم آهي
  • ڪربلا
  • هر ڪو چوي ٿو منهنجو رهبر حسين آ
  • جاڳ ڀٽائي
  • سدا سائي سنڌڙي تنهنجو الله نبي وارث
  • واهه واهه جو ڀٽ تي دلبر عبد اللطيف آهي
  • قلندر لعل سيوهاڻي ٿيو مشڪل ڪشا باني
  • مست قلندر مست قلندر مست قلندر لعل
  • رحلت بابا عبدالرحمٰن مست (22 مارچ 1971ع)
  • پهرين ورسي - بابا عبدالرحمٰن مست
  • ٻئين ورسي - بابا عبدالرحمٰن مست
  • امڙ مٺڙي
  • هڪ شهيدِ ڪربلا آ، هڪ جمهوريت جو شهيد 
  • بڻيو نونهالن لاءِ گلشن ادب
  • ديوان شوق
  • استاد
  • هاري
  • راءِ بهادر اوڌا داس دل ۾ رکي هئي جيڪا آس
  • حيدر بخش جتوئي
  • ڏينهون ڏينهن في نه وڌاءِ
  • ڇا مليو تعبير آ اظهار پاڪستان جو
  • موهن جو دڙو
  • پنهنجي گهر ۾ سکي ٿي گذارين
  •   منظوم خط : سعيد اختر قريشي مسقط ڏانهن
  • پياري سنڌ او پياري سنڌ
  • سنڌ جي مون گهري آزادي آ
  • اباڻن ڪکن کان ڪيون ڇو ڪنارا
  • سنڌ سان پيار ڪيو- اَهڙو اقرار ڪيو
  • ڇو ڪُٽِيو ڇو لٽيو ٿا توهان
  •   انصاف ڪر
  • حڪومت جي دعوى ٿا ڊاهيون اڏا
  • ملڪ جا آهيو محافظ قوم جا قاتل نه ٿيو
  •   عيد مبارڪ
  • بيت
  • چئو سٽو
  • او قاتل ويٺو ڪهندو رهه قربان هزارين ٿي ويندءِ
  • علم پرايو آن وڌايو شان وڌايو مان وڌايو
  •   ٿر واسي
  •   نظم - مٽيءَ جو مانُ
  • هن گاري مان ٿا ڪوٽ ٺهن
  • جنهن جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا آهن تن جا چريا سياڻا
  •   جيجل
  •   غريب جو گذارو
  • زندگيءَ جي صدا آهيان، ڇو ٿيو بي بقا آهيان
  • تنهنجو آهيان تنهنجو آهيان
  •   روز هنن رستن راهن کان تنهنجا پڇايان پار
  • هيءَ ڳالهه آ پر ڪيف دلفريب نظارن جي
  • وائي (مالهي)
  • منهنجي مسڪن اڳيان تون اڳهاڙي وئين
  • اڃا تون نه آئين وري عيد آئي
  • غم آهي تنهنجو گهڻو مونکي مٺا منٺار
  • ڇاتي ڇلڪئي ڇو ٿي ڇوري
  • ڇو مون کان منهنڙو موڙين ٿو
  • ڇو اڃان ٿو ڪرين حجاب سڄڻ
  • سنگدل آهين ته دل تي مان به ٿو پٿر رکان
  • ڏنگا ڏير مونسان ڏاڍي ڪري ويا
  • تهذيب ثقافت جي بي مثل ڪهاڻي آ
  • دوست ڀي رکڻو اٿم پر دوست ئي ڪن ٿا دغا
  • پهتس جو ڪنهن وٿاڻي منظر ڏٺو مون هي
  • منهنجو عشق آ اکين جو ٻڌ تون منهنجي زباني
  • جا چاش ملي تنهنجي چاهه منجهان
  • توسان مان پيار ڪيو، ٻيو نڪو يار ڪيو
  • ٻڌايان ٿو ڳالهيون ڳڻن واريو ڳچ
  • ناتو نينهن نڀايون
  • بغير نقطي ڪلام
  • تڪيان تنهنجون راهون ورن ڪڏهن وارا
  • عاشقن لاءِ يار جو ديدار ئي بس عيد آ
  • خزان جو خاتمو ٿي ويو چمن ۾ تازگي آئي،
  • ڏس ديد ملي ديد سان ٿو پيار ٿي وڃي
  • من مندر ۾ آڳ مچائي روڳ لڳائي ويندي آهي
  • دلربا دلدار دلبر ناز نخرا ڏي ڇڏي
  • ڇو مون کان رُسي تون وئين يار پيارا
  • لٽيري جو چهرو چتائي آ ڏسڻو
  • آمدِ راحت جا آهن ڏينهڙا
  •   ياد آ
  • قربان ٿيا ڪيئي حسين مست قدم تي
  •   پيدا ڪيو جهان ۾ هڪ اضطراب ٿي
  • ڏس ڏينهن ختم ٿي سارو ويو سج جو به نشان آ ڪونه رهيو
  • اڄ يار جي چشم ۾ خونمار بيٺو آ
  • سيٽ وارن جا ناهيون سنگتي، قرب وارن جي قدمن ۾
  • درد وارن کي دلاسو ڏيو مٺا دلدار جو
  • منهنجو توسان پيار آ ڪيئون اقرار آ
  • مٺا تو سوا مان وساريو زمانو
  • ڀڃي ڀورا ڪرين ڇو ٿو جڏهن تڪميل تون آهين
  • حسينن جي هجي بازار ديوانه لڀي پوندا
  • ٿيو دل جو توسان سودو ساري عمر پيو گذارجاءِ
  • امانت
  • غير آ غير ته پنهنجو به پرايو يارو
  • حالات ناسازگار
  • تنهنجي دنيا جو نقش ٻيو آهي
  • قطعا ۽ بيت
  • اقوال زرين

  • آزمايو ويندو
  • دوستي نه ڪجي
  • ظاهر نه ڪجي
  • ڀڄ پري
  • ڀروسو نه ڪجي
  • شڪايت نه ڪجي!
  • ضروري ته آهي!
  • نه کائجي
  •   قبول ڪجي
  • هار (شڪست) مڃجي
  • حماقت جي نشاني آهي!
  • اچي ٿي!
  • وٺون ڀاڄي ڪا ڀلي
  • اشارن جي ڳالهه ڪر
  • هاڻي ته نه نڪي هار نه سينگار ٿو گهرجي
  • نثر

  • سنڌي زبان جا مسئلا
  • استاد جا فرض ۽ ذميواريون مضمون (نثر)
  • بزم گلشن لطيف شڪارپور
  • ڪهاڻي : ”ڀورل خان جي بستي“
  • چاهه جي چهنڊڙي
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    واڪا منهنجي وس
    (شاعري ۽ مضمون)

    شاعر: قريشي نعيم الله ”صابر“
    ڇاپو پهريون: 2017ع
    ڪمپوزنگ: نصرالله
    ڇپائيندڙ: NAQ ڊجيٽل پبليڪيشنز-
    پاڪستان 03313051325-


    WAKA MUHINJY WAS
    (POETRY AND ESSAYS)

    By: QURESHI NAEEMULLAH “SABIR”
    First Edition: 2017
    Composing & Design: NASRULLAH
    Published by: NAQ Digital Publications- Pakistan.


    عرض حال

    بسم الله الرحمٰن الرحيم

    محترم ناظرين ۽ ادب دوست ساٿيو!
    السلام عليڪم:-
    مون پهريون دفعو پنهنجي ادبي پورهئي کي پڌرو ڪيو آهي، ۽ پيڙا جو پيغام پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان. ماضي قريب ۾ سنڌ جي حالتن تي گهري نظر وجهبي ته بد امني، دهشتگردي ۽ لاقانونيت جو راڄ رهيو. جيڪي به دل ڏاريندڙ واقعا پيش آيا اڄ تائين به ان جو ڪو ڏوهاري گرفتار نه ٿي سگهيو، ان ڪري مون هي ننڍڙو شعري مجموعو ”واڪا منهنجي وس“ لکڻ جو فيصلو ڪيو،جنهن جو سبب اُهي جُٺيون ۽ بيگناهه عوام تي گولين جا وسڪارا ۽ لاشن جا تحفا آهن. شاعر جيئن ته حساس طبع عوام جو نمائندو سڏيو ويندو آهي، انڪري منهنجا جذبا به اوهان جا جذبا آهن، اوهان پاڻ محسوس ڪندا.
    جيڪا دل ڏاريندڙ واقعن جي مون عڪاسي ڪئي آهي سا شعرن جي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    منهنجو ناتو شاعريءَ سان گهڻي عرصي کان ڳنڍيل آهي جنهن ڪري ڪيترن مهان شاعرن ۽ اديبن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا نصيب ٿيا آهن، ان هوندي به آئون پنهنجي استاد محترم مرحوم مولانا امان الله ”مفلح“ جن کي نه وساريندس جنهن مونکي ادبي زندگيءَ ۾ رهنمائي فرمائي ۽ مشاعرن ۾ روشناس ڪرايو.
    منهنجو مقصد هن ڪتاب لکڻ جو اِهو ئي آهي ته اسان کي سنڌ جا گذريل واقعات نه وسارڻ گهرجن، جنهن ۾ جاني ۽ مالي نقصان بي انداز پهتو. مگر افسوس جو ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو، ڪو به داد رسيءَ ۽ حال پُرسانيءَ لاءِ نه پهتو.
    انڪري هاڻي پاڻ پتوڙڻ واري جذبي کي جاڳائڻ لاءِ جيڪي آهي سو پيش ڪريان ٿو يعني ”واڪا منهنجي وس“
    پڙهندڙ ساٿين کي گذارش آهي ته هن ڪتاب متعلق پنهنجا رايا ۽ تنقيد، پنهنجا تاثرات به دل کولي لکندا.


    مصنف
    قريشي نعيم الله ”صابر“


    نعيم الله صابر ــ غزلن جي رنگينين ۾ 

    نعيم الله صابر ــ غزلن جي رنگينين ۾ 

    وفا منطور علي چوهاڻ

    شاعرن جي سر زمين سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر شڪارپور کي اهو شرف حاصل آهي تي هن شهر اسان کي هر دؤر ۾ وڏا وڏا شاعر پيدا ڪري ڏنا آهن، جن هن شهر جي ادبي قدم ۾ واڌارو ئي پئي ڪيو آهي، سامي، لطف الله بدوي، حبيب الله ڀُٽي کان ويندي شيخ اياز، نياز همايوني، ارباب علي عادل، ضياء شاهه وغيره تائين سڀني سنڌي ادب جي پنهنجي وس آهر خدمت پئي ڪئي آهي. اهڙن ئي مهان شاعرن ۾ هڪڙو نالو نعيم الله ”صابر“ جو به اچي ٿو.
    نعيم الله ”صابر“ ولد مولوي اصغر علي قريشي 25 آگسٽ 1952ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي پاڙي جي اسڪول مهر شاهه قبو ۾ ورتي. صابر ننڍي هوندي کان ئي ذهين هو ۽ حافظو به سندس ڏاڍو تکو هو، جا ڳالهه ڪٿان ٻڌندا هئا ته اها جلدي ذن ۾ جهٽي وٺندا هئا. تنهن ڪري پڙهائي ۾ ڏاڍو هوشيار هو. پاڻ پنجين ڪلاس کان وٺي اٺين ڪلاس تائين اسڪالرشپ به کڻندو رهيو جيئن ته سندس وڏن جو مذهبي گهراڻي سان تعلق هو. ان ڪري مٿن به گهِرو اثر پيو. پاڻ دنوي تعليم سان گڏ ديني تعليم به حاصل ڪندو رهيو. مئٽرڪ جو هن امتحان 1969ع ۾ ڪنڌڪوٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو. ان کان پوءِ 2 مئي 1972ع تي هڪ ڊسپينسري جي عهدي تي، هيلٿ ڊپارٽمينٽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ هن وقت به ڊسپينسر جي عهدي تي آر.بي.يو.ٽي سول اسپتال شڪارپور ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
    شاعريءَ جو شوق کين ننڍي هوندي کان هئن. ڇو ته سندن والد به پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي حد تائين ادبي ذوق رکندا هئا ۽ ان جا شاعر مولوي امان الله مفلح سان دوستيءَ جا گَهِرا ناتا هئا. صابر به ننڍي هوندي کان پنهنجي پيءُ سان مشاعرن ۾ وڃڻ لڳو هو، مشاعرا ٻڌي ٻڌي آخر پاڻ به سورهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. مولوي امان الله مفلح شاعري سيکارڻ ۾ سندن وڏي مدد ڪئي ۽ کين قابل بڻائي ڇڏيو جو هو پاڻ کي ”صابر“ چوائڻ لڳو. اڳتي هلي آغا عبدالنبي ”عليگ“ ۽ رحمت الله ”شوق“ جي طرحي مشاعرن کين عروضي شاعريءَ ۾ پختو شاعر بڻائي ڇڏيو. ان کان پوءِ گلشن لطيف شڪارپور جو بنياد 23 فيبروري 1982ع تي رکيائون. جنهن جا پاڻ هن وقت تائين سيڪريٽري ۽ نائب صدر ٿيندا رهيا آهن. بزم گلشن لطيف کي تحرڪ وٺائڻ ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو آهي. سندن بزم گلشن لطيف شڪارپور طرفان ”شوق“ سان گڏجي ”آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جماڻي هال“ شڪارپور 1973ع ۾ ڪرائڻ هڪ يادگار ڪارنامو آهي.
    پاڻ هن وق تائين سون جي تعداد ۾ شاعري ڪري چڪا آهن ۽ سندن شاعري سنڌ جي ڪيترن اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. پر اهو سڀ سست رفتار سان شايع ٿي آهي. کين پاڻ کي شاعري شايع ڪرائڻ جو شوق گهٽ نظر اچي ٿو. جڏهن مون سندن ڪيل شاعريءَ جا ٽي وڏا دفتر 1985ع تائين ڏٺا ته منهنجو ڇرڪ نڪري ويو ته صابر ايڏي شاعري ڪئي اهي. جڏهن ڏٺو وڃي ته ان جي ڀيٽ ۾ شايع گهٽ ٿيو آهي. جڏهن ڪو کين ڪنهن رسالي يا اخبار ۾ شاعري شايع ڪرائڻ لاءِ اچي ٿو ته پاڻ انهن کي شاعري ڏين ٿا. صابر صاحب جي اها سندس سستائپ کين گمنام شاعرن جي لسٽ ۾ وٺندي پئي وڃي. هاڻي صابر صاحب کي پنهنجي اها حالت بدلائڻ گهرجي ۽ باقاعدگيءَ سان اخبارن ۽ رسالن ڏانهن پنهنجي شاعري موڪلي شايع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، اها سندس سنڌي ادب لاءِ وڏي خدمت هوندي.
    صابر جي شروعاتي دفترن ۾ شاعري ڪجهه ڪچي ڦڪي نظر اچي ٿي، پر خيال سندن وزنائتا آهن، عام طور تي هن هر موضوع تي لکيو آهي پر غزل سندس پسنديده صنف آهي. غزلن ۾ معاشري جي اوڻاين جي ڳالهه به آهي ته عشق ۽ محبت جو فسانو به آهي. پر ڪجهه غزل ته صابر جا جدت ۽ نواڻ جي رنگين انڊلٺي پٽي ۾ سمايل نظر اچن ٿا.
    جيئن هن غزل ۾ دردن ۽ پيڙاهن جي ڳالهه ڪهڙي نه جيت جي رنگ ۾ ڪئي آهي:
    جيئرو جوڀن ساهه نه آهي
    چئه ته انهيءَ سان ٺاهه نه آهي
    هڏڙن جو آ پڃرو ماڻهو
    جنهن تي کل ۽ ماهه نه آهي
    ٿين ٿا گجگوڙ به ٿر ۾
    وسڻ تي ويساهه نه آهي

    هي غزل ته بس صابر جي جدت جو لازوال مثال آهي، جنهن ۾ پاڻ غزل جو پورو حق ادا ڪيو اٿن:
    تو بن جڏهن بهارون آيون
    نيڻن مان ڇو لارون آيون
    ايڏا ويڇا وجهبا ناهن
    تنهنجون ياد پچارون آيون
    عيد کڻي خوشيون ايندي آ
    منهنجي ڀاڳ ميارون آيون

    هو زندگيءَ مان نا اميد نه آهي. زندگي کي پنهنجو مقصد بڻائي جيئڻ ٿو چاهي، ان لاءِ چئي ٿو:
    زندگي جي صدا آهيان، ڇو ٿيو بي بقا آهيان
    موت منزل نه آ منهنجي، موت جو رهنما آهيان
    هو هن غزل ۾ همٿ ۽ مردانگي جو سبق ڏيندي چئي ٿو ته ٻين جي آسرن تي ڪجهه نو ورندو، جي توکي ڪم ڪرڻو آهي ته هت پنهنجو
    ٻوٽو پوک:
    ڇو نه گاڏي خاص پنهنجي ڪاهجي
    پنهنجي ساٿين کي به ات پهچائجي
    هل هلي تهذيب جا آثار ڏس
    تو کي موهن جو دڙو ڏيکارجي
    ڪونڌرن جا ڪنڌ اوچا ڀل ڪرن
    جوت ٿي جوڌن جيان ڌارجي

    هو پيار ۾ خيانت ڪرڻ پسند نه ٿو ڪري، هو پيار کي مقدس امانت سمجهي سنڀالڻ چاهي ٿو.
    ساٿ پنهنجو سدائين سلامت رهي
    ڀل دنيا سان اسان جي عداوت رهي
    پيار صابر ڪيو پيار تو ڀي ڪيو
    سانڍي سڪ سان رکو سا امانت رهي

    هو محبوب کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي ٿو ۽ پنهنجا خواب به ان ڏانهن ارپي ٿو. ان لاءِ چئي ٿو:
    تنهنجو آهيان تنهنجو آهيان
    توسان ڪهڙو سينو ساهيان
    مون تي تنهنجي مهر نظر آ
    تنهنجا ٿورا ڪيئن مان لاهيان

    اڳتي هلي لکي ٿو ته:
    پيار تي هوندا آهن پهرا
    دوکي جون ديوارون ڊاهيان
    خواب به پنهنجا توکي سونپيان
    ٻيو ڪجهه ”صابر“ ڇا لاءِ چاهيان

    بهر حال ”صابر“ صاحب جا غزل جدت جي رنگينيءَ ۾ رچيا پيا آهن.
    سندس غزلن ۾ روانيءَ جي چاشني به آهي ته موسيقي جي ستن سرن جي راڻِ به موجود آهي. سندس غزل اعلى پائي جي غزلن کان گهٽ نه آهن. سندس غزلن م موضوع جي ڪمي نه آهي. عشق کي وٺجي ته ڪيئي صفحا لکي سگهجن ٿا. معاشري جي براين تي ويهي لکجي ته چڱو خاصو هڪ مقالو تيار ٿي سگهي ٿو. بهر حال هن مختصر مضمون ۾ ڪجه ڳالهيون سمائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. آخر ۾ سندس هنن سٽن سان مضمون کي پورو ڪجي ٿو ته:
    مان سڪ جو آهيان سوداگر
    ڪو ماڻهو مون کي مُرڪ ڏئي
    پر حال ڏسي هي خيال ڪيم
    هت بي ملهه ڪو لڙڪ ڏئي

    نوٽ: هي مضمون لطيف سماجي ادبي سنگت شڪارپور طرفان قريشي نعيم الله ”صابر“ سان ملهايل ادبي رهاڻ ۾ پڙهيو ويو.
    روزانه سمبارا، ڪراچي، 17 مئي 1996ع


    تاثرات


    ”واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.“

    دعاگو
    نذير احمد ”نذير“ ڊيهو شڪارپور
    24 جنوري 2017ع


    حمد باري تعالى


    اي ڌڻي تو در جهڪن شاهه وگدا
    تنهنجي نالي سان شروع آ التجا

    تون ئي رب العالمين عرض وسما
    خالق خلقت به آهين مالڪِ روزِ جزا

    فرض تنهنجا پنج ٿيا منهنجي مٿان
    صوم صلوٰتون حج ۽ زڪواة ڪلمو قائما

    يا خدايا عاقبت بالخير ڪر
    هن جهان وارن ڏنا آهن ڏجها

    ****


    نعت شريف


    مديني جي مومن آ وستي نرالي
    جتي آهي موجود هستي نرالي

    مُنارا پسان مير جا دل چوي ٿي
    مگر حال هيڻو آ پستي نرالي

    چئون جنهن کي ٿا رحمت العالمين
    سا وابستگي آ الستي نرالي

    ٻڌان ٿو عجب روح پرور نظارا
    اندر اٿل کائي ٿي مستي نرالي

    روئي نير هاري دعا اُت پني جو
    ٿي مقبول ”صابر“ سا سستي نرالي

    10 سيپٽمبر 1984ع


    نعت 2

    مرحبا صلي على خير الورى پيدا ٿيو،
    لک مبارڪ مؤمنو اڄ مصطفى پيدا ٿيو،

    حمد صلوٰتون پڙهئون ٿا عيد آ ميلاد جي،
    جو اسان جي ديس رب جو دلربا پيدا ٿيو،

    ”لک مبارڪ مومنو، اڄ مصطفيٰﷺ پيدا ٿيو“
    لک سوا پيغمبرن جو، پيشوا پيدا ٿيو،

    ظلم زوري جي زماني ۾ جنم جنهن جو ٿيو
    سو اسان جو ئي نبي نور الهديٰ پيدا ٿيو

    جنهن نئون دستور دنيا کي ڏنو اي مومنو،
    دينَ ڪاملَ جو آ رهبر، رهنما پيدا ٿيو،

    قول ان جي تان اسان، قربان پنهنجو سر ڪيون،
    جيئين چيو آ تيئن ڪيو ، نائب خدا پيدا ٿيو،

    زندگي نياڻين نماڻين جي به جنهن رحمت چئي،
    سو نبي خير البشر خير الوريٰ پيدا ٿيو،

    رحمت اللعالمين آ رحمدل، صادق، امين،
    آسرو عاصين اٻوجهن، جو ادا پيدا ٿيو،

    ڪيتريون سختيون سَٺيون جنگ و جدل ”صابر“ ڪيا،
    حق جو حامي حبيبِ ڪبرياﷺ پيدا ٿيو،

    20 جنوري 1981


    نعت 3

    بعد موليٰ جي مٿي عظمت رسول الله جي،
    ساري دنيا ۾ وڏي امت رسول الله جي،

    جنهن جي آئي بت ڀڳا، ۽ دور انڌارو ٿيو،
    ظلم جون پاڙون پٽيون، انصاف جو وارو وريو،
    حق پرستيءَ ۾ وڏي همت رسول الله جي،

    دور آقا ۽ غلاميءَ جو هليو ويو دُور ٿي،
    امن جو منشور نئون، اهڙو مليو منظور ٿي،
    دين ڪامل ٿي ويو نسبت رسول الله جي،

    ڪيترا راجا ڪري ويا راڄ تخت و تاج تي،
    هي هئا فرشِ نشين جيڪي ويا معراج تي،
    ڇا چئي سگهندو ڪوئي رفعت رسول الله جي،

    ڇا ڪري سگهندو ثنا ”صابر“ هتي ڪوئي بيان،
    ڪوبه هن جي مٽ نه ڪوئي مٽ قرآن،
    خود خدا آهي ڪئي مدحت رسول الله جي،


    معراج واري رات

    معراج واري رات جو آ شب قدر کان شان وڌ
    مولا ڪيو سڀ راتين مان رات هن جو مان وڌ

    پاڪ رب مٺڙي محمد کي گهرايو هو جڏهن
    موڪليا جبريل ۽ برّاق عاليشان وڌ،

    نور جي پوشاڪ پهري تيار سواريءَ لاءِ ٿيا،
    مرسل مٺو مدني روانو ٿي ويو ذي شان وڌ،

    هو هليا بيت المقدس منتظر جت انبياء
    جِنَّ حورون، ۽ پريون جت منتظر غلمان وڌ،

    پهتو جڏهن مرسل اُتي سڀني سلامي ڪئي وڌي،
    آيا ملڻ لاءِ انبيا پيغامبر، اُن آن وڌ،

    جبرئيل اُت آذان چئي آيا مِلي (مِڙي) سڀئي نبي،
    مسجد سڄي ڀرجي وئي ڀرجي ويو ميدان وڌ،

    محمد سڀن جي هو اڳيان سڀئي نبي تنهن جي پٺيان،
    ات ادا نفلات ٿي ۽ پڻ پڙهيؤن قرآن وڌ،

    پوءِ هليا مدني اتان محبوب پڻ سواري ڪري،
    ٿي ويا اڳتي جتي ٿيڻا هئا مهمان وڌ،

    پاڻ سڀني آسمانن تي نبين سان مليا،
    مرحبا صد مرحبا آواز ٿيا هر آن وڌ

    منهنجو هتڙي ماڳ آ اڳتي اوهان جو ڀاڳ آ،
    ٿيو جدا جبرئيل سدره تي ڪري ارمان وڌ

    ۽ اڪيلا ويا جتي الله سان ملڻا هيا،
    ٿورو جو ڪجهه دور ها گفتا ٿيا درميان وڌ،

    خود پسيئون الله کي محبوب ربُّ پنهنجو ڏٺو،
    ۽ ٿي فرمايو خدا صد مرحبا فرمان وڌ

    پوءِ اتان واپس وريا پهتا اچي مسجد حرام
    جاءِ سا جاچي ڏٺئون جت اڳ هيا گهمسان وڌ

    گهر اچي ڇا ٿا ڏسن زنجير در جو ٿو لڏي،
    بسترو ڀي آ گرم ”صابر“ ٻڌو اعلان وڌ


    آيو رمضان آ تڙيو شيطان آ

    آيو رمضان آ تڙيو شيطان آ،
    مومن روزا رکو اهڙو فرمان آ،

    بهشت جو در کليو، نيڪي هر دم ڪريو،
    ريجهايو رب کي جيڪو رحمان آ،
    آيو رمضان آ تڙيو شيطان آ،

    بکئي جي لهه خبر، ڏکي تي ڪر مهر،
    تون ماري نفس کي ڪندو احسان آ،
    آيو رمضان آ تڙيو شيطان آ،

    نمازي ٿيءُ سدا، تراويح ڪر ادا،
    پورو آخر ڪبو ٻڌي قرآن آ،
    آيو رمضان آ تڙيو شيطان آ،

    هليو ويندين هتان، نه ٿئي ميلو متان،
    نڀائي هيل وڃ مهينو مهمان آ،
    آيو رمضان آ تڙيو شيطان آ،

    ٿيندي مقبول آ، ”صابر “ هر التجا،
    خدا ڏيندو جزا اهو ايمان آ،
    آيو رمضان آ تڙيو شيطان آ،


    الوداع اي ماهِ رمضان، ماهِ مهمان الوداع


    الوداع اي ماهِ رمضان، ماهِ مهمان الوداع
    تنهنجي آئي مؤمنن کي ٿي هئي چاهت گهڻي،
    ورد هر جاءِ هو وظيفو، روح کي راحت گهڻي،
    روزيدارن کي ٿيو آ تنهنجو ارمان الوداع،
    الوداع اي ماهِ رمضان.....

    روزو شب هئي، تات تنهنجي لات ڀي نعمت هئي،
    قدر واري رات ۾ هر ذات تي رحمت هئي،
    ذڪر هو مسجد اندر تا فجر فرقان الوداع،
    الوداع اي ماهِ رمضان.....

    ڪن تراويحون نمازون ٿي پڙهيون،
    ڪن کڻي تسبيح تي ڦيريون ڪڻيون،
    هٿ دعا جي لاءِ کنيا ٿي هر مسلمان الوداع،
    الوداع اي ماهِ رمضان.....

    معتڪف ويٺا اچي ڪيئي ڏهي پوئين اندر،
    التجا صدقي محمد ﷺ جي خدا مقبول ڪر،
    ڪر خطائون معاف موليٰ پنهنجي طرفان الوداع،
    الوداع اي ماهِ رمضان.....

    سَوَ سلامن ۽ درودن ساڻ صلواتون هيون،
    حمد ۽ نعتون، مداحون ۽ مناجاتون هيون،
    آيتون اهڙيون ٻڌيون ٿيو تازو ايمان الوداع،
    الوداع اي ماهِ رمضان.....

    شل ملي اهڙو مهينو بخشجي هر ڪو وڃي،
    مغفرت جي راه آهي ٻي نه ڪنهن دَرِ ڪو وڃي،
    ماه اهڙو مؤمنن تي آ مهربان الوداع،
    الوداع اي ماهِ رمضان.....

    هو وڃي ٿو پوءِ به هيڏي عيد ٿو ڏيندو وڃي،
    پنهنجي آئنده اچڻ جي ديد ڏيندو ٿو وڃي،
    ڪو وساري ڪيئن ”صابر“ تنهنجو احسان الوداع،
    الوداع اي ماهِ رمضان.....


    ڪيو مولا عبادت لاءِ پيدا هڪ حرم آهي


    ڪيو مولا عبادت لاءِ پيدا هڪ حرم آهي،
    ۽ پڻ امت محمد جو هي اسلامي ڌرم آهي،

    ٻه ٽي آ ڏينهن هي دنيا هميشه هت نه ڪو رهندو،
    ڪندو سڀ سان چڱائي رهه ڀلائيءَ جو ڀَرم آهي،

    حياءُ کان ويو زمانو اڄ زماني کان چڱو ٿي ڀڄ،
    نه ڪوئي خيال آ ڪنهن جو نه ڪنهن کي ڪو شرم آهي،

    ڪيو مولا ڪري پيدا حوالي والدين وٽ آ،
    اهو پيارو پدر منهنجو مهربان مادرم آهي،

    نه ”صابر“ نا اميدي ڪر ڪڏهن ايندي خوشي تو در،
    پنهيون من جون مرادون ڪافي مولا جو ڪرم آهي،

    5 آڪٽوبر 1970ع


    ڪربلا

    ڪربل جو ٻڌي واقعو صد بار چوان ٿو
    قدرت جو ڪرشمو آ اظهار چوان ٿو

    جو دين جي حفاظت خاطر ٿيو شهيد
    آهي قضا جو ڪوئي اسرار چوان ٿو

    سجدي ۾ سر ڪٽائڻ نيزي مٿان نچائڻ
    اسلام جي عظمت جو هي معيار چوان ٿو

    حق کي ڪڏهين به ڪوهيسائي نه سگهيو آ
    سختيون سوين ڪنديون ڇا نروار چوان ٿو

    آخر آ فتح حق جي ڪو آزمائي ڀل
    ڪائنات جنهن جي لاءِ ٿي غمخوار چوان ٿو

    تَنهن کي شهيد اعظم ”صابر“ نه چئون ڇو
    ظلم وستم سر تي سهي ڪيو سر ڌار چوان ٿو

    4 سيپٽمبر 1985ع


    هر ڪو چوي ٿو منهنجو رهبر حسين آ


    هر ڪو چوي ٿو منهنجو رهبر حسين آ
    ظالم يزيد بدتر، بهتر حسين آ
    سختيون سوين سٺائون ٻاهر نه ٻاڦ نڪتي
    هي شير دل بهادر ”صابر“ حسين آ


    جاڳ ڀٽائي

    اڄ ته اسان لاءِ جاڳ ڀٽائي
    ڀلو ٿئي ڪو ڀاڳ ڀٽائي

    سورن ۾ آ سنڌڙي ساري
    محبت جو هو ماڳ ڀٽائي

    تون ته دعائون دل سان ڏنيون
    ڳايان ٿو سو راڳ ڀٽائي

    بيڏوهي ٿا ڪونڌر ڪُسجن
    سورهيه ٿيا نه سجاڳ ڀٽائي

    خون جي هولي آهي هر هنڌ
    گهر گهر ۾ آ آڳ ڀٽائي

    مارون تنهنجا مُرڪن ڇَا تَي؟
    فرقت جو آ داڳ ڀٽائي

    تنهنجا پير پون گهَٽَ گهَٽَ تي
    جود وري سي جهاڳ ڀٽائي

    تو ته چيو سنسار سنورجي
    مٽجي ويو آ ماڳ ڀٽائي

    امن، عدل خوشحالي ايندي
    ڪنهن کي ملندي واڳ ڀٽائي

    مون کي ايڏا سک نه گهرجن
    دال ملي يا ساڳ ڀٽائي

    موت نه آهي مِهڻو ”صابر“
    لُٽجي روز سُهاڳ ڀٽائي


    سدا سائي سنڌڙي تنهنجو الله نبي وارث

    سدا سائي سنڌڙي تنهنجو الله نبي وارث
    توتي لطف لطيف جو تون پنۡوهارن پارسُ
    تن جوڌن کي آ جَسُ، جن توتان سِر صدقي ڪيا


    واهه واهه جو ڀٽ تي دلبر عبد اللطيف آهي

    واهه واهه جو ڀٽ تي دلبر عبد اللطيف آهي
    بيشڪ بلند بر تر عبد اللطيف آهي

    دنيا ۾ ٿيا هزارين ڪامل وليءَ ڪيئي
    صاحب ڪرامتن جا منزل رسيا سڀيئي
    مڙني ۾ اعلى اڪبر عبد اللطيف آهي

    در تان لطيف جي سَوَ ڪنگال لعل ٿي ويا
    هر دم آ فيض جاري توڙي جو سال ٿي ويا
    هي راهه ڀُلِيَنِ جو رهبر عبد اللطيف آهي

    ڪنهن کي ڇڏي نه خالي جيڪو اچي سوالي
    شفقت لطيف جي آ سڀ کان سدا نرالي
    سهڻو سخي سراسر عبد اللطيف آهي

    نالائقن تي ڀي ٿو ”صابر“ ڪري هي لائق
    هنڌ سنڌ کان اچن ٿا شاعر اديب شائق
    بين الاقوامي شاعر عبد اللطيف آهي


    قلندر لعل سيوهاڻي ٿيو مشڪل ڪشا باني


    قلندر لعل سيوهاڻي ٿيو مشڪل ڪشا باني،
    ٿئي شل شاد دل منهنجي وٺي وئي آهه ويراني،

    اسين فاسق ۽ فاجر هون تڏهن تو در گداگر هون،
    ڪيو ڪو خير خيراني قلندر لعل سيوهاڻِي،

    آهن دل ۾ اميدون جي ٿين پوريون سموريون سي،
    ڪريو ڪائي مهرباني، قلندر لعل سيوهاڻِي،

    سهڻو سيوهڻ ۾ اوتارو ڏٺم پريان الم ڪارو،
    اها پهچڻ جي نيشاني، قلندر لعل سيوهاڻِي،

    آيم درگاهه تي پيهي گهران ٿو مان دعا ويهي،
    مٽايو داغ دل جاني، قلندر لعل سيوهاڻِي،

    حسيني لعل مروندي ڪيو ڪائي درد مندي،
    آ ”صابر“ هي دنيا فاني، قلندر لعل سيوهاڻِي،


    مست قلندر مست قلندر مست قلندر لعل

    جهولي لعل قلندر جهولي لعل قلندر
    مست قلندر مست قلندر مست قلندر لعل

    هند سنڌ ۾ آتنهنجو نعرو
    آهين غريبن لاءِ سهارو
    تنهنجي عزت نرالي تون آن سنڌ جو والي
    مست قلندر مست قلندر مست قلندر لعل

    مَٽ تنهنجي ڪو نه مَروند وارا
    مسڪينن جا لاهين مونجهارا
    مؤمن ڏسن موالي تنهنجي جوت جلالي
    مست قلندر مست قلندر مست قلندر لعل

    تو در دنيا اچي ٿي قلندر
    دل جون مرادون وٺي ٿي قلندر
    موٽيو ناهي سوالي تنهنجي در تان خالي
    مست قلندر مست قلندر مست قلندر لعل

    سائين تون ئي آهين سيوهاڻي
    هر ڪا دعا هت پيئي آ اگهاڻي
    تو آ ڏات سنڀالي تنهنجي قوت ڪمالي
    مست قلندر مست قلندر مست قلندر لعل

    7 آگسٽ 1983ع


    رحلت بابا عبدالرحمٰن مست (22 مارچ 1971ع)

    هاءِ حسرت مست بابا موڪلايون ويو هليو
    بي بقا هن باغ مان برقعو مٽايون ويو هليو

    پنهنجي مئخاني کي ساجن پنهنجو ئي مرقد ڪيو
    پنهنجو روضو راز سان قائم ڪرايون ويو هليو

    حافظ قرآن هو ۽ هو حڪيم هڪ لاجواب
    حڪم ربيءَ سان عجب حڪمت هلايون ويو هليو

    سڀ ڇڏي سڀ کي ڇڏي ڪيئن هو هٿين خالي ويو
    هٿ ٻه ٽي پنهنجو ڪفن پهراڻ پايون ويو هليو

    راز هن جو ڪنهن نه سمجهو هن ٿي سمجهو سڀ جو سوال
    رنج ڪري ڪيئي روئاري ڪي ستايون ويو هليو

    ڪل نه پئي تقدير جي ڪيئن ٿي ويو جاني جدا
    موت کي لبيڪ چئي واري وڄايون ويو هليو

    مرڻ تائين ياد ان جي دل تي هوندي دائما
    پنهنجي سڪ جو هو سڪو دل تي ڄمايون ويو هليو

    سڀ تي وارو موت جو ايندو تون ”صابر“ صبر ڪر
    هي ته ٻيڙو سِير مان پنهنجو ٽپايون ويو هليو

    1 مئي 1971ع بسلسله چهلم


    پهرين ورسي - بابا عبدالرحمٰن مست

    مست بابا جي عقيدت جو آ سامهون سوال ٿيو
    جنهن کان وڇڙي اڄ اسان کي آهي پورو سال ٿيو

    مرتبو منزل انهيءَ جي سمجهه منهنجيءَ کان مٿي
    هن جي همسر ڪو نه ڪو اوتاد يا ابدال ٿيو

    مام مستن جي نه ڄاڻي عام جو ناقص عقل
    منڪشف ڪنهن تي نه تن جو اڄ تائين احوال ٿيو

    جن سندس خدمت ڪئي ڏس سي ويا مخدوم ٿي
    ڪو سدا خوشحال ٿيو ڪو صاحب اقبال ٿيو

    جو به دامنگير ٿيو تنهنجي کلي ويا دل جا در
    فيض جي رنگ ۾ وڃي رنگجي ڪوئي آ لال ٿيو

    جن جي دل آ چوٽ کاڌي تن کان پڇ ”صابر“ خبر
    هوش کان بيهوش ڪو، ڪو حال کان بيحال ٿيو

    بسلسله پهرين ورسي 1972ع


    ٻئين ورسي - بابا عبدالرحمٰن مست

    هو بوستانِ عشق جو هڪ باغبان مست
    نالو جنهين جو عام ٿيو عبدالرحمٰن مست

    شاگرد هو ٻڍل جو ڏاڍو ٻڍل کي پيارو
    آ آشيانو انهيءَ جو گلستان مست

    مرقد مهرشاهه قبي وٽ جنهن جو آهي قائم
    ميئخانو ڀي آ ان جو آ آستان مست

    مونکي ته هر بلا کان ڏيندو امان مولا
    در تي آ سوال منهنجو آ پاسبان مست

    منهنجو هي حال سارو ڄاڻي خدا ٿو بهتر
    شل ٿئين دوار جي در تون دربان مست

    ”صابر“ سندي صدا کي پورو ته ڪر پنهل تون
    تون ڀي خدا جو پيارو آنۡ مهربان مست

    بسلسله ٻي ورسي 11 مارچ 1973


    امڙ مٺڙي

    نه ڪو ڌيءَ پٽ جو ڪرين امتياز
    عجب تنهنجي آهي عدالت امڙ
    رکي تنهنجي قدمن جي هيٺان جنت
    ڏني رب توکي امانت امڙ

    لهين سار ٻارن جي تون بار بار
    دعائون ٻچن کي ڏئين سو هزار
    تون پالين انهن کي ڏئي خوب پيار
    ٿي سمجهين انهيءَ کي عبادت امڙ

    سدا ڏين تون اولاد تي پنهنجو ساهه
    هنيو تو نه دنيا جي دولت تي داءُ
    نه گورو ڪرين گهٽ نه ڪو ڪم سياهه
    هي ممتا جي آهي علامت امڙ

    ٻچن جو نه تون پيٽ بکيو سهين
    گرهه وات پنهنجي جو تن کي ڏئين
    نه ڪوسو لڳي واءُ تن کي چئين
    اها تنهنجي آهي شرافت امڙ

    ٻچن جي پڙهائيءَ تي تنهنجو ڌيان،
    نه تن جي ڪرين وقت جو تون زيان
    نصيحت ڀريو آهي ”صابر“ بيان
    مٺا ٻول تنهنجا مهارت امڙ


    هڪ شهيدِ ڪربلا آ، هڪ جمهوريت جو شهيد 

    هڪ شهيدِ ڪربلا آ، هڪ جمهوريت جو شهيد
    هڪ کي ڦاسائيو ڦندي ۾، ٻيو قيد شدت سان شديد

    حق مٿان ٿا شير دل قربان ڪن اهل وعيال
    حق کي هٿ ۾ رکيئون ٿا ڪين باطل جا مريد

    سختيون شهادت جون سهڻ ڀي ناز آ انداز آ
    نا گهٽائڻ ٿا گهرن اڳتي وڌائن ٿا مزيد

    ديس واسي اڄ اداسي ۽ پياسا ٿو ڏسان
    رنج آ دل ۾ گهڻو ۽ خوشيون آهن بعيد

    انداز آسڻ جو ڏٺم پانڌين سندا هُيَڙا هجوم
    قل پڙهن ختما هزارين ڪي پڙهن قرآن مجيد

    هي نه نقشا ڪنهن ڏٺا ها خواب ۾ يا جاڳ ۾
    سچ چوڻ تي ڏيو سزا ڪنهن جو نه ٿيل آهيان خريد

    صبر جو ڦل آ مٺو ”صابر“ سدا ايئن ڏٺو
    هي فيصلو جابر ڪيو، هُو فيصلو ڪيو هو يزيد

    5 جنوري 1981ع


    بڻيو نونهالن لاءِ گلشن ادب

    بڻيو نونهالن لاءِ گلشن ادب
    نکاريو نَنۡوَن آ نظارن ادب

    هي ٻولي ٻاجهاري آهي امڙ واري
    فرض آ ڪنداسي يقينن ادب

    پينگهي ۾ جا لوڏي ملي آهي لولي
    ڪيو منهنجو تنهن مست آ من ادب

    جڏهن اٿڻ ويهڻ جي لائق ٿيم
    مِٺيون ٻوليون ٻولي ڪيوروشن ادب

    پڙهڻ لاءِ جڏهن مان مڪتب ويم
    وڏن جي وڌايو ڪهاڻين ادب

    بچايون ادب کي ٿيا جوان آهيون
    هي اخلاق آهي نه فيشن ادب

    چوان ڇو نه خدمت جي لاءِ بار بار
    ادب يارُ شاعر آ ضامن ادب

    هي تخليق جي لاءِ ميدان وسيع
    وڌايو آ رونق ۾ سگهڙن ادب

    اوهان جي آ بي لوث خدمت او ساٿي
    منهنجي من کي موهيو محنتن ادب

    هي اياز پاٽولي مالهي بڻيو آ
    ته ”صابر“ آ ان سان تعاون ادب

    5جولاءِ 1972ع


    ديوان شوق

    مرحبا صد مرحبا ديوان شوق!
    توکي ساريون پيا سدا، ديوانِ شوق!

    عيد رمضان ڄڻ ملهائي آهي مون،
    تنهنجي آئي دلربا ديوانِ شوق!

    مان جڏهن ڀي ٿو ڪريان توسان ڪلام،
    ٿو ڪرين موزون نواء ديوانِ شوق!

    تون اهو پيغام ٿو پهچائين بس،
    آهي جو جائز، روا، ديوانِ شوق!

    ڇا ته آهي تنهنجو جلوو ۽ جمال،
    خوشنما راحت فزا، ديوانِ شوق!

    حسن تنهنجي جا ئي آهن باغ ۾،
    بلبلن جا چهچها، ديوانِ شوق!

    در ڌڻي ”صابر“ دعائون ٿو گهري،
    شاد هوندين دائما، ديوانِ شوق!

    5 مارچ 1986ع


    استاد

    ننڍا ٻار ٿو قوم جا تون پڙهائين
    انهن کي وڏي اوج تي ٿو رسائين

    علم ۽ ادب جو خزانو ورهائين
    سڏن توکي سڀئي ٿا سائين سدائين

    ڇڏي ماءُ جي گود اسڪول پهچن
    هنن کي مٺا ٻول اهڙا ٻڌائين

    نه توکي سهولت رعايت ڪا آهي
    ملازم حڪومت جو آنۡ جيستائين

    ڏسي حال تنهنجو هي افسوس ٿي ٿو،
    غريبيءَ ۾ اهڙو ڏکيو ٿو گذارين

    اسين تنهنجي سائين حمايت ڪريون ٿا
    طلب تنهنجي پوري نه ٿي تيستائين

    27 اپريل


    هاري

    هاري هر ڏيئي هر وار هن ڌرتيءَ کي خوب سنوار،
    مٽيءَ مان ٿو سون بنائين ڪيمياگر آهين ڪمدار،

    پوک سان تنهنجو پيار سدائين،
    ريج ڏئي زرخيز بڻآئين،
    داڻو داڻو ٻج ڇٽين تون ان اپائين ٿو انبار،

    مڻيا موتن ان ڪڻا ٿيا
    سنگ به سونهن ڀريا سهڻا ٿيا،
    ديس ۾ هر ڪو اناج کائي ملڪان ملڪ ٿين واپار،

    تتيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪاهين ٿو،
    ڏنگيءَ ڦِڏِيءَ کي ٺاهين ٿو،
    پاڻ کڻين ٿو ان گنديءَ ۾ ڏئين ٻين کي ان خرار،

    عظمت جو مينار تون آهين،
    عزت جو اظهار تون آهين،
    هر موسم ۾ تنهنجي محنت لائيندي آ رنگ هزار،

    ملڪ ۾ تنهنجو مان سوايو،
    ”صابر“ پيدا وار وڌايو،
    قلت ڪڻڪ جي ختم ٿي آهي سارين ڪَيَڙا سَوَ سينگار،

    18 جون 1981


    راءِ بهادر اوڌا داس دل ۾ رکي هئي جيڪا آس


    راءِ بهادر اوڌا داس دل ۾ رکي هئي جيڪا آس،
    سول اسپتال جي صورت ۾ آخر سا ٿي ويئي راس،

    اوڌا داس حوالي خاطر، تارا چند جي نالي خاطر،
    اعلى اسپتال جو نقشو انجنيرن کان ٿي ويو پاس،

    صحت لاءِ ويجهو هئي نه سهوليت، سفر به مشڪل هئي مصيبت،
    شهر شڪارپور ۾ هي عمارت،ليکي ويندي آهي خاص،

    چندي ڏيڻ ۾ شريڪ ٿيا جي،نيڪ مخير سيٺ گهڻا،
    عبدالله هارون ۽ ليڊي نصرت هيمن، لڇمڻداس،

    تار ذريعي مليو خزانو، لائلپور مان ٿيل روانو،
    دنپت مل جانۡ جوان جوانو ماڻهو هُيڙا درد شناس،

    سال اڻويهه سؤ پنجٽيهه تي عملو پهچي ويو هتي،
    فبروريءَ ٻي تاريخ تي شروع مريضن جي ٿي تپاس،

    اوڻويهه سؤ ٽئيتاليهه سال اٺارهينءَ جنوريءَ وصال،
    ويس ممبئيءَ ۾ مٽيو بهادر اڄ سو آهي سرڳواس،

    کليل شفا جا در هميشه وڃن ٿا خوش ٿي گهر هميشه،
    جيڪي آپريشن ۽ علاج ويا ڪرائي عوام الناس،

    عملي جو اندازو سؤ سٺ، آهي نه هاڻي هن کان گهٽ،
    ڪالوني آ هاسٽل نرسن لاءِ جڙيل هڪ فرسٽ ڪلاس،

    سؤ بستر جي آهي گنجائش، ميسر مهمانن جي رهائش،
    کاڄ مريض مطابق خواهش بيمارن لاءِ خاص لباس،

    ليبارٽري، آپريشن ٿئيٽر، ايڪسري ۽ پمپ جو واٽر،
    بجليءَ جو به نمونو بهتر، گندي پاڻيءَ جو آ نڪاس،

    ويم گهر ڏينهن ۽ رات کليل آ، هر ڪا ايندي اڙيل منجهيل آ،
    ڌيئر ڄڻن ڪي پٽ ڄڻن ڪي جاڙن ٻارن جو اجناس،

    آفيس هن جو هيڊ ڪلارڪ، ڪيش رڪارڊ جو ڪري تدارڪ،
    ڊينٽل سرجن حاضر آهي ڪري ڏندن جي سدا چڪاس،

    سول سرجن شيخ رياض احمد جنهن تي آهي ناز،
    موجوده آفيسر اعلى اٿس عليلن جو احساس،

    ضلعي جي آ هيڊ ڪواٽر، هن جي ٿي آ حالت بهتر،
    ڪن ٿا ڪوشش ترقيءَ خاطر ”صابر“ تون نه ٿيءُ اداس،


    حيدر بخش جتوئي

    جتوئي تو جيڪا آهي جوت ٻاري
    نئين واٽ تنهن هارين کي ڏيکاري

    وٺي رهبو خود اختياريءَ جو حق
    بنا وياج جي قرض ڀي ٿيندا جاري

    بکي پيٽ جنهن جا ٻچا جهوپڙين ۾
    انهن جي آ جاري اڃان آه وزاري

    ملي بيدخل ڪرڻ جو ڇو ٿو دڙڪو
    اسان جي ٻنهي آ اسان جي آ ٻاري

    اڃا ٿي ورهاست نه پاڻيءَ جي پوري
    وهي خون جي ٿي نندي هت نياري

    ڏٺا دور ڪيئي نه بدلي معيشت
    خزان شل ختم ٿي اچي ڪا بهاري،

    هٿن ۾ آ ڏاٽو ڪلهي تي پانڃاري
    اسان جي آ ڪڙميءَ کي جوڙي اڌاري

    ٻڌي بوسڪيءَ جو ٿو پٽڪو وڏيرو
    انگين آ اگهاڙو اڃان تائين هاري

    رهي ڏڪر کان ڏور هي ڏيهه ”صابر“
    نه ٿا ڊيم گهرجن آ جن جي تياري


    ڏينهون ڏينهن في نه وڌاءِ


    ڏينهون ڏينهن في نه وڌاءِ
    او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

    اڳي هئي نبض ڏساڻي ويهه
    وڌائي تنهن کان پوءِ ڪيئي ٽيهه
    وٺين ٿو هاڻي پنجاهه- او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

    ڪڏهن ڪو قياس به دل ۾ ڌار
    مريضن جو آهين آڌار
    غريبن کي نه کڻي رنجاءِ - او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

    چئون ٿا توکي اعلى انسان
    لياقت خاص مٿاهون مان
    ڪري همدردي ڏي دلجاءِ - او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

    دوائون دوستن جي لاءِ جام
    مٽن ۽ مائٽن جي لاءِ عام
    ليبل اَين اَي(N.A) جو عوام جي لاءِ - او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

    رهي ٿو خالي سدا دفتر
    وسائي ويهين ٿو چيمبر
    چوي ٿو نائڪ سڀاڻي آءُ- او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

    مٿي ۾ لٺ لڳهءِ جي هڪ
    ڪئي تو مارشل لا تائين ڇڪ
    تڏهن به ٿيئي نه بچاءُ - او ڊاڪٽر ايئن نه ڏکاءِ

    خاص ڊاڪٽر عبدالقيوم ”طراز“ شيخ لاءِ

    1 ڊسمبر 1983ع


    ڇا مليو تعبير آ اظهار پاڪستان جو

    ڇا مليو تعبير آ اظهار پاڪستان جو
    هر جوان خوش آ ٻڍو ۽ ٻار پاڪستان جو

    هي وطن اسلام خاطر ملسلمانن کي مليو
    دؤر نئون جاري ٿيو نروار پاڪستان جو

    هيءَ ڌرتي آ سونهاري جنهن جي مٽيءَ مٽ نه ڪو
    ساري دنيا ۾ بلند معيار پاڪستان جو

    تيز ترقي ٿو ڪري ۽ اوج تي ايندو وڃي
    قدرتي نعمت سان پُر ڪوهسار پاڪستان جو

    ڪونڌرن جا ڪنڌ آهن سرحدي ديوار ۾
    جان نـثــارن آ ڪيو سينگار پاڪستان جو

    هيءَ طرح ”صابر“ ڏني آ ڪنهن وري
    قائد اعظم هيو معمار پاڪستان جو

    11 سيپٽمبر 1985ع


    موهن جو دڙو

    ڇو نه گاڏي خاص پنهنجي ڪاهجي
    پنهنجي ساٿين کي به ات پهچائجي

    هل هلي تهذيب جا آثار ڏس
    توکي موهن جو دڙو ڏيکارجي

    اڄ ڪري اتحاد سنڌي سڀ اچو
    زندگي هيڪل نه ٿي هينئن گهارجي

    ڪئي مهم هن کي بچائڻ جي شروع
    ٻارڙن ساٿي سنگت ساراهِجي

    ڪونڌرن جان ڪنڌ اونچا ڀل ڪَرِن
    جوت ٿي جوڌن جيان ڏيکارجي

    ڇو وٺون بيروني ملڪن کان مدد
    هڪڙي هڪڙي سِرَ هڻي بيهارجي

    اڻويهين آ آڪٽوبر ڏينهن جمعو
    ڇو نه سيمينار ۾ هي ڳائجي

    سورڀي انسانيت کان وڌ سٺا
    ٻيو نه”صابر“ ڪو ته ٻوٽو ٻارجي

    19 آڪٽوبر 1984ع


    پنهنجي گهر ۾ سکي ٿي گذارين

    پنهنجي گهر ۾ سکي ٿي گذارين
    متان پنهنجا اباڻا وسارين

    سس پنهنجي سمجهجاءِ ماءُ
    پنهنجي سوهري جو رکجاءِ سماءُ
    پنهنجي ڏيرن کي ڀانئجاءِ ڀاءُ
    تن سڀن سان گڏجي ٿي گهارين

    نه ڪي ڏيراڻين کي ڏکائج
    نه نڻاڻن ڏي ئي تون نهارج
    پنهجون ڀينر انهن کي ئي ڀانئج
    پنهنجي مڃتا ڪري تون ڏيکارين

    گهوٽ پنهنجي سان گڏجي رهج تون
    جيئن چوَئي اهو سو مڃج تون
    ڏينهن ڏکيا سکيا ڀي سهج تون
    جيئن گذارن ٿيون زالون هزارين

    30 اپريل 1982
    نعيمه جي شادي تي چيل ڪلام


      منظوم خط : سعيد اختر قريشي مسقط ڏانهن


    بسم الله الرحمٰن الرحيم

    ڪريان پيش آداب سان ابتدا
    سلامن بعد ٿو لکان هي صدا

    اسان کان پئي آهي ڪهڙي خطا
    ڀلا معاف ڪريو جا ٿي آ ادا

    مهيني کان ڪائي خبر ناهي آئي
    لکو حال خيريت جو جلدي جُدا

    فڪر انتظاري وڌي ٿي وڃي
    اوهان کي رکي خوش سدائين خدا

    قبوليندا سڀني مٽن جا سلام
    هتي خوش آهن سڀ عزيز اقربا

    روانو پنجين اپريل ٿيو آ سيلم
    پهچَ جو به احوال آيو نه آ

    سليم جِي جَي ائڊريس اوهان وٽ هجي
    روانو ڪندا لکي جلد سا

    شميم احمد ڄائو آ اپريل ڏهين
    سڏيون ٿا امين ان کي سڀئي سدا

    خدا بخشي ساره کي نياڻي ڏني
    جهين کي سڏيون ٿا سڪ سان طيّبا

    اَبُو آ ڪراچيءَ ٿو لکندو رهي
    اتي سڀ رهن خوش ٿا ٻار ۽ ٻچا

    اميد آهي هاڻي نه محروم ٿيندس
    لکي خط جوابي نه ٿيندا خفا

    ٿيو آهي نادر به وِتَ ۾ سَگهو
    ڪري ٿو هون هون سان اگا ۽ اگا

    اسان سڀ پريشان آهيون هتي
    هي پرديس آهي يا آهي سزا

    انهيءَ کان ته هت خوش گذاريون پيا
    هي ڪهڙين گهڙين جو ڏسون ٿا لقا

    اسان کي ٿو اُلڪو ٻنهي جو رهي
    انهيءَ لاءِ خط جلد ئي لکندا

    چڱو هاڻي خط کي ختم ٿو ڪريان
    مئي اڻٽيهن ڏهه لڳا رات جا

    نه ڪر ڀاءُ ”صابر“ کي هيئن منتظر
    لکي خط ملاقات ڪر اڌ ڀلا

    29 مئي 1981ع


    پياري سنڌ او پياري سنڌ


    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ
    توتان قربان هر ڪو سنڌي، ڪامورو ڇا هاري سنڌ

    تولاءِ سڀ کي پيار آ سنڌڙي ڪيئي قربان ڪري ويا جندڙي،
    تولاءِ سڪندا وياسوين ئي لعل لطيف ۽ مارئي سنڌ
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ

    تو ۾ عاشق نپيا گهڻائي ذڪر تنين جو ڪرڻ اجائي،
    راڻو، چنيسر، عمر، ميهر، منصور سچل ۽ آري سنڌ،
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ

    تو ۾ هوائون جهولا لڳن وڻ ٽڻ لامان سڀ لڏن،
    اچي خزان ۽ پن ڪرن هيکل ٿي ٿي ٽاري سنڌ،
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ

    تنهنجا ميوا گل ڀاڄيون سايون، باغن ۾ ٿيون ڄمن ۽ ڄايون،
    ڪوئل چيها چتون، چمن ۾ بلبل کي آبهاري سنڌ،
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ

    هر جا نظر توکي ايندي چوياري ڦيري ڏس تون منهن چوڌاري،
    هر هڪ ٻار رڌل تون ڏسندين ٻارن ۾ آ ٻاري سنڌ،
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ

    تو ۾ پوکون نين ٿيون ظاهر ان ٿئي ٿو ٿئي تي ٻاجهر،
    جو جوار مٽر تِر ڄانڀو، ڪڻڪ سرنهه ۽ ساري سنڌ،
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ

    رستا سنڌ ۾ صافي آهي پرديسي ڀي ڪافي آهن،
    سفر ٿا ڪن بيل گاڏين ۽ ڪي طلبن موٽر لاري سنڌ،
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ

    ظلم گهڻا ٿيا توتي زوريون سنڌين حق لاءِ جانيون گهوريون،
    تن جوڌن کي جس هجي جن جانيون ڏيئي جياري سنڌ،
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ

    سنڌ صوبو ٿيو وري بحال، پهرين جولاءِ ستر سال،
    اربع تي ٿي خوشي سڀن کي، هندن ملهائي ڄڻ ڏياري سنڌ،
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ

    تو ۾ جيجل جندڙي جالي، صابر پنهنجو لاش سمائي،
    وڏڙا ڄميا نپيا هتڙي، سڀني عمر گذاري سنڌ.
    پياري سنڌ او پياري سنڌ، مٺڙي ۽ موچاري سنڌ.


    سنڌ جي مون گهري آزادي آ

    سنڌ جي مون گهري آزادي آ
    ڇو وئي هي وڌي بربادي آ

    هت خون خرابو آ ڇو ٿيو، ڦر لٽ ۽ قتل ڪنهن آهي ڪيو
    دهشت جو وڄي وارو آ ويو، ويران ٿي وئي آبادي آ

    سياست جو ڇڙيو آهي چَرچو، هرڪو ٿو ڪڍي پنهنجو پرچو
    ڏئي ساٿ سنڌي پاڻهي سرچو، دشمن به ٿيو اتحادي آ

    جت مارون اسان جا پيا مرڪن، ات جاري حملا روز ٿين
    گهر گهاٽ ڇڏي ڪيمپن ۾ رهن، هي ڪهڙي ملي امدادي آ

    17 جولاءِ 1990ع


    اباڻن ڪکن کان ڪيون ڇو ڪنارا


    اباڻن ڪکن کان ڪيون ڇو ڪنارا
    سڄڻ ساٿ ڏيو هي ڏسو ٿا نظارا

    ڀلا ڏاڍ اهڙو اسان تي ئي ڇو آ
    اڳي ڀي ته گڏجي ڪيا ها گذارا

    مِٺي ماٺ هئي سا مُٺي ماٺ ٿي پئي
    هڻين هاڻي هر ڪو ٿو نروار نعرا

    نه ڪو يار پنهنجو مددگار آهي
    سڃاڻي ڏٺاسون صفا هي سهارا

    مٺو ٻول ڪوئي امن جو نه ٻولي
    اسان کي ته پنهنجا پراوا به پيارا

    ڏيڻ سِر زمين تي روايت اسان جي
    ڪٺا ڪيئي ڪونڌراسان جا ڪنوارا

    اٿو مال مڏيون لُٽائي به ”صابر“
    بچايو سنڌي سنڌ کي سڀ خدارا

    30 جولاءِ 1990ع


    سنڌ سان پيار ڪيو- اَهڙو اقرار ڪيو


    سنڌ سان پيار ڪيو- اَهڙو اقرار ڪيو
    ڇو نه دشمن به ڏِسن - نينهُن نِروار ڪَيو
    سنڌ سان پيار ڪيو

    رت جي راند هَلي - ڪا نئين چال چَلِي
    ڪو ڦٻائي ڇالاءِ - حق جي ڳالهه ڀَلِي
    ڇو ٿا تڪرار ڪيو
    سنڌ سان پيار ڪيو

    ڇو ستايو ظالم - ڇو مٽايو حاڪم
    سنڌي رهندا سدا- قيام تائين قائم
    سوچ سؤ بار ڪيو
    سنڌ سان پيار ڪيو

    صدقي مان ساهه ڪندس ٻي سان ڇو ٺاهه ڪندس؟
    جنهن جو حق آهي هتي تنهن سان مان چاهه ڪندس
    اهڙو وهنوار ڪيو
    سنڌ سان پيار ڪيو

    مان چوان ٿو ”صابر“ گڏ ٿي آيا جابر
    فيصلو ڪير ڪندو، ڪو ڏسي هي تاثر
    پنهنجو سردار ڪيو
    سنـــــــــــــڌ ســـــان پيار ڪيو

    7 جولاءِ 1990ع


    ڇو ڪُٽِيو ڇو لٽيو ٿا توهان

    ڇو ڪُٽِيو ڇو لٽيو ٿا توهان،
    هن ڌرتيءَ جا وارث اسان
    آزمايو اڃا، آزمايو اڃا

    سڀ سنڌ جي حفاظت ڪندا، حرف آڻڻ نه ڏيندا ڪڏهن
    حق جي هي حمايت ڪندا، پنهنجي ظاهر شرافت ڪندا
    پُو،کڻي ڏاڍ ڪيو ڀَل بيداد ڪيو، ٿيندي آخر فتح اڄ سڀان
    آزمايو اڃا، آزمايو اڃا

    ڇو وڌو آ خلل ظالمن، هن ڌرتيءَ جا دودا ڏسو
    بي سهارا پڪارون ٿا ڪن، بي گُناهن تي گوليون وسن
    پير ڪر تون پري غير ڪيئن ڀي ڪري، تنهنجو پاڇو نه قاتل پسان
    آزمايو اڃا، آزمايو اڃا

    ڪا پڇا آ نه دهشت وڌي، حق جيئڻ جو به ويو آ کسيو
    آهي قانون جي اک انڌي، ڪيو ”صابر“ سنڌي اڄ ٻَڌي،
    ڪجهه کڻي اک پٽيو، کاڌو آ ڪنهن کٽيو، پنهنجي کولي ٻڌايو زبان
    آزمايو اڃا، آزمايو اڃا

    1 جولاءِ 1990ع


      انصاف ڪر

    روز ٻڌائن حال مٺا، اَمن امان بحال مٺا
    پوءِ به اسان ڏي لاش اچن ٿا مچي وڃي ڪهرام
    انصاف ڪر انصاف ڪر

    ڇا مهمانن کي مان ڏيڻ، ڇا بي گهر تي احسان ڪرڻ
    ڪو ايڏو ڏوهه ته ناهي مٺا، جو ڌوتن ڪيو دهمان ڪرڻ
    هي ووٽ جي موٽ ملي آهي يا جيءُ جي ڦوٽ ملي آهي
    انصاف ڪر انصاف ڪر

    ڇو گهر ڌڻي بي گهر ٿيا، هت دهشت گردن قهر ڪيا
    مان سچ چوڻ کان ڪيئن رهان، هو ”صابر“نور نظر هيا
    هي ڪمزوري آ حاڪم جي، يا بيدردي آ ظالم جي
    انصاف ڪر انصاف ڪر

    ڪنهن جيئري محشر آهي ڏٺو پٽ پيءُ جي اڳيان آه ڪٺو
    زالن جا ويا وَر وَرِ چڙهي، ڪٿ ڀيڻ جي سِرَ تان رئو لٿو
    هر گهر برباد ۾ آبيواه، تو ڪا نه ڪميڻا ڪئي سانڃهه
    انصاف ڪر انصاف ڪر

    سڀ رت ولوڙي ڏينداسي ۽ زهر پيالو پيئنداسي
    هن ڌرتيءَ خاطر مقتل تي ير هر هر حاضر ٿينداسي
    تو مال غنيمت آ سمجهو، پر ”صابر“ عظمت آ سمجهو
    انصاف ڪر انصاف ڪر

    8 جون 1990ع


    حڪومت جي دعوى ٿا ڊاهيون اڏا

    حڪومت جي دعوى ٿا ڊاهيون اڏا،
    نشي جا ۽ اسلح جا، جاتي کڏا،

    لڳو ڪرفيو ۽ شروع جاچ ٿي،
    اٿيو هڪڙو ٽولو ڪيا جنهن ڦڏا،

    هلائي وڏي زور سان بلڊوزر،
    پٽايئون حريفن جا آخر ٿڏا،

    وهيو خون ناحق آ بيروت جانۡ،
    ٿيا خاندانن ۾ ڪيئي جڏا،

    جڏهن جنگ جون مون هي خبرون ٻڌيون،
    شهيدن جا لبنان کان انگ وڏا،

    نه ڪنهن قياس معصوم ٻارن تي ڪيو،
    سڙيو ماس ڪنهن جو بچا ڪي هڏا،

    هي ماحول ڪهڙو آ بڻجي ويو،
    جتي هر گهٽيءَ ۾ ويا پئجي تڏا،

    هتي هر ڪنهين قوم وارو اچي،
    نوان ٿا لهن روز هتڙي لڏا،

    نه بندش آ ڪنهن تي اچڻ ۽ رهڻ جي،
    اچي ٿا ويهن پنهنجا ٽيڙي چڏا،

    بڻائن ٿا اقليت ۾ سوچو اوهين،
    ائين ئي ته ”صابر“ ٿي ويهندا وڏا،

    5 نومبر 1987


    ملڪ جا آهيو محافظ قوم جا قاتل نه ٿيو


    ملڪ جا آهيو محافظ قوم جا قاتل نه ٿيو،
    جيترا آهيو بهادر اوترا بزدل نه ٿيو،

    ڇو ڪريو ٿا روڪ رستن تي اوهان نا جائزي،
    گهوٽ ٿا گولين سان گهايو ايترا سنگدل نه ٿيو،

    ملڪ جا معمار آهن قوم جو سرمائيو،
    تن کي مارڻ ۾ اوهين اي شير دل شامل نه ٿيو،

    حڪم جي فرمانبرداري به ڪنهن حد تي هجي،
    وک وڌائي ويڪري اهڙا اوهين قابل نه ٿيو،

    شهر جي رونق ڏسي لاهي لڏو ويٺؤ اوهين،
    سرحدن جي سار لهندو ڪير هيئن ڪاهل نه ٿيو،

    روز شهرن جا شهر ۽ ڳوٺ ٿا ويران ڪيو،
    اوچتا حملا ڪري ۽ موت جان نازل نه ٿيو،

    عزم ڪريو ياد آ جيڪو وفاداريءَ سندو،
    پنهنجي واعدي کان به ”صابر“ ڪا گهڙي غافل نه ٿيو،

    17 سيپٽمبر 1984ع


      عيد مبارڪ

    اڄ ديس ۾ آئي عيد عجب
    جو سڀني ساري عيد ڪئي

    مان وهم مٽائي ماضيءَ جا
    سڀ سور وساري عيد ڪئي

    مومن مڙئي گڏجي پيا هلن
    هن سهڻي سهاني ساعت ۾ڪئي

    ڪنهن جو کلندي کلندي وقت ڪَٽيو
    ڪنهن ڳوڙها هاري عيد ڪئي


    بيت

    سڏيو سنڌ توکي اٿي آ ڀٽائي
    الائي ڇو قسمت ڦِٽي آ ڀٽائي


    چئو سٽو

    مان سڪ جو آهيان سوداگر
    ڪو ماڻهو مونکي مرڪ ڏئي
    پر حال ڏسي هي خيال ڪيم
    هت بي ملهه هرڪو لڙڪ ڏئي


    او قاتل ويٺو ڪهندو رهه قربان هزارين ٿي ويندءِ

    او قاتل ويٺو ڪهندو رهه قربان هزارين ٿي ويندءِ
    ڪر روز روانه لاش ڀلي ميدان هزارين ٿي ويندءِ

    هيءَ آهي ڄاين جي ڌرتي پر آين کي ڇو آ پرتي
    ڪر پير پليد پري پنهنجا نقصان هزارين ٿي ويندءِ

    هيءَ ناهي ننگري حاڪم جي ڪنهن بالم جي ڪنهن ظالم جي،
    آهي ڀونءِ ڀلاري ڀائرن جي نگران هزارين ٿي ويندءِ

    هي ماڳ محبت سان ڀريل تون کوٽا آهين اصل کريل
    نڪي تنهنجو ديس نه تنهنجو نسل نيشان هزارين ٿي ويندءِ

    تنهنجو مقصد رهندو اڻپورو ٿيندو کيل ختم جلدي پورو
    هيءَ جُوءِ نه ڏيندءِ جاءِ ذري فرمان هزارين ٿي ويندءِ

    2 آگسٽ 1990ع


    علم پرايو آن وڌايو شان وڌايو مان وڌايو


    علم پرايو آن وڌايو شان وڌايو مان وڌايو
    هن لاکيڻي لوءِ جي خاطر پنهنجو پاڻ کي هاڻ ملهايو

    هاڻي وٺن تعليم ٿا بالغ ڪاڪا چاچا تون به پڙهي وٺ
    ٿيو داخل جلدي ۽ اوهان مفت ۾ پنهنجو مان ڪرايو

    جيجل جو جنسار ڏسو ڪيئن جڳ مڳ جڳ مڳ آ
    رونق هن جي رڻن پٽن تي بر ٿر ٿان اڏايو

    ڏسو علم جي شمع جلي ٿي ڪرڻا جنهن جا روشن روشن
    راهيءَ کي ٿا راهه ڏيکارن منزل کي آسان بنايو

    اخبارن ۾ پنهنجي اشاعت پنهنجا گيت ۽ مٺڙا مضمون
    افسانا آکاڻيون پنهنجا جلدي هاڻ ڇپايو

    مڪتب ۽ اسڪول ۾ ڇا ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾
    آفيسن ريڊئي ٽيليويزن تي طوفان مچايو

    ادبي ڪتابن اخبارن کي خوب خريديو خوب خريديو،
    پاڻ پڙهي جي پڙهي نه سگهو ٻي کان اهو پڙهايو

    21 مئي 1973ع


      ٿر واسي

    جئرو جوڀن ساهه نه آهي
    چئه ته انهيءَ سان ٺاهه نه آهي

    هڏڙن جو آ پڃرو ماڻهو
    جنهن تي کَلَ ۽ ماهُه نه آهي

    ڪين گهرن ٿا واهه ۽ ننديون
    ڪنهن ڀي چؤڪ تي چاهه نه آهي

    ٿين ٿا گجگوڙ به ٿر ۾
    وسڻ تي ويساهه نه آهي

    ڪو نه ملِي امداد اٻوجهن
    ڪنهن کي پيو ڪهڪاءُ نه آهي

    ڪڏهن ته ڪرندو مينهُن مَنَهَنِ تي
    ڍؤر ڍڳا هن گاهه نه آهي

    ڏڍُ ڏبو آ يار ڏکين کي
    چنڊن کي ڪو چاهه نه آهي

    رزق جو مالڪ خدا آ ”صابر“
    بک ۾ مئو ڪو ساهه نه آهي


      نظم - مٽيءَ جو مانُ

    هن مٽِيءَ جو ٿو مان چوان،
    اڄ اهڙو هڪ اعلان چوان،

    غم کان هڪڙي عورت گهايل،
    ڇتا ڇڙيل ۽ منهن ڪوماڻيل،
    ويٺي پيئي ڌوڙ وسائي،
    پار ڪڍي ارمان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    ڪنهن شخص کي ڪاوڙ جو آئي،
    تنهن چيو پيَهءِ منهن ڇائي،
    هن طرح غصي کي گهُٽي ويو،
    ڪيئن ڪاوڙ ٿي قربان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    هن کي ننڍڙا ٻالڪ ڀانئن،
    ڳوهي مٽي روح ريجهائن،
    واه واه جا رانديڪا ٺاهن،
    هوش ٿئي حيران چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    ڪٿي سنواريل لاش ڏٺم،
    ڪٿ الحد جي به تلاش ڏٺم،
    مڻ مٽيءَ جي هيٺان لٽِبو،
    ڪو هڪڙو اڄ انسان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،


    هن گاري مان ٿا ڪوٽ ٺهن


    هن گاري مان ٿا ڪوٽ ٺهن،
    جي ڪوٽ ڪرن ٿا ڍير ٿين،
    انسان به پتلو خاڪي آ،
    هن مٽيءَ جو ڇا شان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    ڪو چوي ته خاڪ شفا آهي،
    شايد ڪو ان کي بقاء آهي،
    ڪو ان ۾ راز لقاء آهي،
    هيءَ مٽي مهربان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    هڻي گليلا ڪن شڪار،
    وجهي ڪمان ۾ هڪلن جهار،
    هيءُ ته عجب آهي هٿيار،
    هن جو ڇا ميزان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    هن مٽيءَ جي خوشبوءِ وڻي،
    جا مُشڪ وعنبر کان به گهڻي،
    ڪنهن مٺ ڀري چو (چيو) قسم کڻي،
    منهن جو سرهن تان قربان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    پيرن جي پئي ڪو بڻجي پَڻي،
    ڪٿ خاڪ نشيمن جي چوڻي،
    ڪي سرمو سمجهي ٿا پائن،
    هي سونهن ڀريو سامان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،


    هيءَ مارئيءَ جي مينڍن ۾ ڀري،
    ڪنهن سَرِتيءَ سينڌ ۾ وڌي وري،
    ڪي سانڍي رکن سوغات ذري،
    هي الفت جو عنوان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    هي بڻجي ڪڏهين ڇپ ڪري،
    ٿي ڇاپڙ ڇاپڙ ڀرندي ڳري،
    هي پوک پچائي ان ڪري،
    ٿو رب ڪري احسان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    هي منهنجي ديس جي آ ڌرتي،
    هيءَ سجدي خاطر آ ورتي،
    هيءَ ڌارين کي ڇو آ پرتي،
    هي مونکي آ ارمان چوان، هن مٽيءَ جو ٿو مان چوان،

    چيڪي مٽيءَ مان ٿو ڪنڀر
    ٺاهي ٿانوَ ڪم آڻيون گهر گهر
    ڇنڊيون گُسَ غُبار چوان

    گارو ۽ گچ ڀي ٿا لنبيون
    ڄائونٺ ٺاهيون سهڻيون پختيون
    جي آهن پهريدار چوان

    27 ڊسمبر 1971


    جنهن جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا آهن تن جا چريا سياڻا


    جنهن جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا آهن تن جا چريا سياڻا
    ڪي ڪي ماڻهو پنڻ هاڻا، ڪي ڪي شوق ڪرن شاهاڻا

    ڪي ڪي ماڻهو يار نماڻا، ڪي ڪي ماڻهو ال اياڻا
    ڪي ڪي ماڻهو سگهڙ سياڻا، ڪي ڪي ماڻهو راڄن راڻا

    ڪي ڪي ماڻهو نوان پراڻا، ڪي ڪي ماڻهو اڄ ساماڻا
    ڪي ڪي ماڻهو مکڻ چاڻا، ڪي ڪي ماڻهو اڏائن ناڻا

    ڪي ڪي ماڻهو ساهه سيباڻا، ڪي ڪي ماڻهو سورن ساڻا
    ڪي ڪي ماڻهو موتيءَ داڻا، ڪي ڪي ماڻهو پٿر پاڻان

    ڪي ڪي محلن ۾ ويڳاڻا، ڪي ڪي ڀانئن ڀٽون ڀاڻا
    ڪي ڪي مَڇِن مار مهاڻا، ڪي ڪي کائن للر لاڻا

    ڪي ڪي وڪڻن چونڪيون ٿاڻا، ڪي ته وٺن ٿا طول ويهاڻا
    ڪي ڪي ماڻهو مان به سڃاڻان، ڪي ڪي شهري ڪي ڳوٺاڻا

    ڪي ڪي ماڻهو انڌا ڪاڻا، ڪي ڪي ماڻهو اورن اوراڻا
    ڪي ڪي ٻول ڪرن ٻاراڻا، ڪي ڪي ”صابر“ ڪن ٿا ماڻا


      جيجل

    سوچ جو آهي عقل سان واسطو
    سو توهان جيجل امڙ کان آ پڇو

    ۽ ختم ٿيو روزگاريءَ جو ڏچو
    عقل واريءَ هوڙ جو مليو پتو

    خيال آهي خام ۽ هڪ خال آ
    خيال سان ئي سوچ ۾ ٿي چو پچو

    ٿو مبارڪ پيش ڪريان پئي قبول
    اي جفا ڪش تون ڪيو آهي سُٺو

    مختصر آهي اوهان سان ملڻ ٿيو
    ”سوچ“ وارو اڄ پڙهيو آ مون حصو

    آ سٺي ترڪيب ۽ ترتيب آهه
    طرزءِ تحرير ۽ مضمون ۾ آهي مزو

    پنهنجي ڪوشش کي سدا قائم رکو
    سوچ لاءِ لوچي اوهين سڀ ڪجهه لکو

    ٿا ڪريو ڪاوڙ ۾ ڪجهه برتن زيان
    پر اٿَوَ دشمن عقل جو ئي غصو

    ما پڇان ڪنهن کان نه هت منهنجي امڙ،
    آ ٻٽيهي وات ۾ ان هوڙ جو ڪهڙو ڪٿو

    ”صابر“ ٻه ٽي دل سان اکر آهن لکيا
    رنج جي پهچيوَ ڪو معافي ڏجو

    بنام
    جناب نذير چنا صاحب
    ايسوسيئيٽيڊ ايڊيٽر روزانه ”ناظم“ شڪارپور
    ڪالم نويس”سوچ“ 1981ع


      غريب جو گذارو

    غريب جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيو آهي
    ڪاڏي وڃي ويچارو ٽنگجي پيو آ ڦاهي

    پيٽ نه پالي ٻارن جو انگ اگهاڙو آ اڪثر
    پيادو سفر ڪري ٿو هن کي کاڌو نه آهي ميسر

    ڪٿي هو وڃي ٻار پنهنجا پڙهائي
    سدائين آ خوش هو پيو ڍور چاري

    وڃي ڪاڏي آخر هو بيمار ٿيندو
    ڦڪيون پيو ڦڪيندو تڏهن تيار ٿيندو

    بار وڏو ڪم ڪار جو هن تي چستي هردم چاهي
    غريب جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيو آهي

    ملي ڪڪڙ کان مڇي مهانگي، گوشت نه ڪوئي کائي
    ميوي جي لاءِ ماندو هر ڪو ويٺو ساهه سِڪائي

    پچي دال ماني ڀلو ڀاڳ آهي
    ڪُني ۾ پَلِي ۽ سِرنهَن ساڳ آهي

    چڙهي چوٽ اَگهه هر شيءِ جو ويو آ
    خبر ناهي ڪهڙو اهو در کليو آ

    ڪٿان اچي هن ڏيهه ۾ هاڻي ڏڪر پيو آ ڪاهي
    غريب جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيو آهي

    ملهه نه آ محنت جو پورو پورهئي تي آهي پهرو
    ظالم جي صورت ۾ آهي ڏاڍو سهڻو چهرو

    عدل ڀي نه هن کي پلهءِ پئي سگهي ٿو
    مري هو تڏهن ئي بکن جي وگهي ٿو

    نظر ۾ نه آيو ڪو هن کي سهارو
    الائي ڇو پنهنجا ڪري ويا ڪنارو

    ڏکيءَ سکيءَ ۾ هو ته وڃي ٿو ”صابر ساٿ نباهي
    غريب جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيو آهي

    18 جولاءِ 1990ع


    زندگيءَ جي صدا آهيان، ڇو ٿيو بي بقا آهيان

    زندگيءَ جي صدا آهيان، ڇو ٿيو بي بقا آهيان
    موت منزل نه آ منهنجي، موت جو رهنما آهيان

    درد دل ۾ پيا دکندا،
    بي وس بي خطا آهيان

    ساهه جي ڏور آهي جتي
    پيار جي ات پڇا آهيان

    پور پل پل پون مونکي
    توکان جانب جدا آهيان

    مل وري يار ڪر محفل
    ڇا ڀلا بي وفا آهيان

    مونکي اهڙي خبر هئي نه ڪا
    مان به ٿي ويو گدا آهيان

    دل جو سودو ڪيو ”صابر“
    سو ته سمجهو صفا آهيان


    تنهنجو آهيان تنهنجو آهيان

    تنهنجو آهيان تنهنجو آهيان،
    توسان ڪهڙو سينو ساهيان،

    مونتي تنهنجي مهر نظر آ،
    تنهنجا ٿورا ڪيئن مان لاهيان،

    وک وچڙي ٿي واٽ نه وسري،
    قدم وري ڀي تو ڏانهن ڪاهيان،

    پيار تي هوندا آهن پهرا،
    دوکي جون ديوارون ڊاهيان،

    جيءُ جڙيل آ توسان جاني،
    مان ڀي واپس ورڻو ناهيان،

    تنهنجي جدائيءَ جانب جهوريو،
    تو بن هرپل سال ٿو ڀانئيان،

    خواب به پنهنجا توکي سونپيا،
    ٻيو ڪجهه ”صابر“ ڇا لاءِ چاهيان،

    22 مارچ 1987


      روز هنن رستن راهن کان تنهنجا پڇايان پار

    وائي

    روز هنن رستن راهن کان تنهنجا پڇايان پار،
    مون کان نه ٿي تون ڌار، او سهڻا سائين

    ڪيئن ڪيان مان هاڻي، ڪاڏي وڃان مان هاڻي،
    روز روئان ٿو زارؤن زار.....سهڻا سائين

    ڪنهن کي ڏسيان ڪهاڻي، سنگت نٿي سڃاڻي
    تون به کائين ٿو خار.....سهڻا سائين

    ريت رسڻ جي ڇڏ تون، هاڻي پرچڻ جي ڪر تون
    وري ملون منٺار.....سهڻا سائين

    وڃ قرب ڪري، توکان سوا نه سري
    دم وڃئي ٿو يار.....سهڻا سائين

    سگهو وري ملي تون، سامهون اچي کلي تون
    ”صابر“ جي لهه سار..... سهڻا سائين


    هيءَ ڳالهه آ پر ڪيف دلفريب نظارن جي

    هيءَ ڳالهه آ پر ڪيف دلفريب نظارن جي
    ڪاڪل ۾ ڪيهءِ قيد آ دل، سوچ سهارن جي

    ابروءَ جي ڪمانيءَ مان ڏسو ڪان ٿا ڪيئن نڪرن
    پنبڻن جا پسي ڪوئي پيڪان ٿا ڪيئن نڪرن
    ظاهر آ اها حالت نيڻن جي نهارڻ جي

    واسينگ ڏٺم زلف جنين مونکي ڏنگيو آ
    واهه واهه مروڙي تو تنين کي به ٽنگيو آ
    ڪيئن سينڌ سنوارين ٿي خوشقسمتي وارن جي

    گڏجن ٻه جنوانيون ته هو بدنام ٿين
    هي يار ته سهڻو آهي الزام ڏين
    پرواهه ڪبي ڪهڙي مهڻن ۽ ميارن جي

    سنبرڻ به ته سولو نه آ نڪرڻ به آ مشڪل
    نڪري ته هلي مون وٽ پهچڻ به آ مشڪل
    ٿي واعدو وفا جيڪر مهرباني آ پيارن جي

    خاموش ڏٺم خار ۾ خونمار ڏسان ٿو
    چشمن جا به چمڪار اکيون چار ڏسان ٿو
    ”صابر“ ٿيو بيتاب لڳي آهي اشارن جي

    4 فيبروري 1973ع


    وائي (مالهي)

    ڀنورا ٿا رس چوسن، مالهي گل ڇڏي ٿو ٽوڙي

    هي حالت ڪيئن هاڻي سهبي، ڏيو ته جواب ڪو جوڙي
    مالهي گل ڇڏي ٿو ٽوڙي

    آئي مند بهار جي ڏيندس، ولين رت ولوڙي
    مالهي گل ڇڏي ٿو ٽوڙي

    جت بلبل ڀي مسرور هئي، ات ڪانگ رڙن ٿا ڊوڙي
    مالهي گل ڇڏي ٿو ٽوڙي

    ڇا رونق مشهور هئي، سڀ وڻ وڍن ٿا ووڙي
    مالهي گل ڇڏي ٿو ٽوڙي

    هر ڪنهن جا دعا لاءِ هٿ کڄن، رکوال ويو منهن موڙي
    مالهي گل ڇڏي ٿو ٽوڙي

    خدمت ٻوٽن جي ڪئي ”صابر“ بيٺا پير سي کوڙي
    مالهي گل ڇڏي ٿو ٽوڙي


    منهنجي مسڪن اڳيان تون اڳهاڙي وئين

    منهنجي مسڪن اڳيان تون اڳهاڙي وئين
    مان به زنده هيس ڇو لتاڙي وئين

    مون خطا ڪا نه ڪئي تون سزا ڇو ڏني
    ڏينهن ڏٺي جو وري دل اجاڙي وئين

    ڇو نه توکي چوان بي رحم بي وفا
    راهه ۾ ڇو رُڪي مون کي تاڙي وئين

    تون رواج ۽ رسم کان اڃا ٿو ڊڄين
    قرب وارن ڪتابن کي ڦاڙي وئين

    مان ته خاموش ”صابر“ ٿي ويٺو رهيس
    تو به ڪجهه نه ڪڇيو هِن ڏهاڙي وئين

    12 مئي 1985ع


    اڃا تون نه آئين وري عيد آئي

    اڃا تون نه آئين وري عيد آئي
    پائي ڏس تون جهاتي ٺهيئي ڪيئن جدائي

    اسين روز راهون نهاري ٿڪاسين
    ڀلي تون ڀلائج وعدي وفائي

    اڱڻ کي اجاري ٻهاري ڇڏيو آ
    نئون ڪو به ايندي ڏٺو ڪونه راهي

    گهمين ٿو گهڻا در اسان ڏي به کڻ ڪَرَ
    رهين رات ڪٿ آ پلڪ لاءِ پڪائي

    ملڻ لاءِ ڪيو ٿي مون سان به واعدو
    ڏٺي سي ڪچائي ڏٺي سي سچائي

    ڪندو ڪير واعدي تي اعتبار ٻيهر
    اها ئي ته آهي اسان جي ڍرائي

    اجهو عيد وارو ”صابر“ ڏينهن آيو
    ڏسي مان ڀليس چنڊ جي روشنائي

    (1972ع)


    غم آهي تنهنجو گهڻو مونکي مٺا منٺار


    غزل

    غم آهي تنهنجو گهڻو مونکي مٺا منٺار
    قيد قربن ۾ ڪيو ماڻن مونکي دلدار

    لات ٿو هر دم لنوان ۽ تات تنهنجي دم بدم
    هو هو ڪريان ٿو هر گهڙي آهي اها پڪار

    آهين مون کان دور ڇو؟ هر دم رهان مجبورٿو
    چپ ڪريان جي مان ٿو کائين تون ٿو ڇا کئون خار

    مون کان جي ڪجهه آ ٿيو سو معاف ڪر نالي خدا
    مان ته تنهنجو آهيان پر تون کڻين ڇو ٿو ميار

    عشق تنهنجي ۾ اچي پنهنجي وڃائي زندگي
    رحم ڪر مونتي مٺا ڇو ٿو ڏئين آزار

    باغ تنهنجي ۾ مٺا گلڙا سدا ٽڙندا رهن
    ڏي ٻه ٽي گلڙا پٽي ٺاهي مان پايان هار

    آهي سمجهو مون نه ڪو جانيون جدا آهن جگر
    تنهنجو مان ۽ منهنجو تون پر آهي قسمت ڌار

    سڻج ڪا ”صابر“ سندي سهڻا صدا آهي ڪئي
    ڇو ڪرين ٿو تون حجاب سامهون اچ هڪوار

    (1971ع)


    ڇاتي ڇلڪئي ڇو ٿي ڇوري

    ڇاتي ڇلڪئي ڇو ٿي ڇوري
    پوءِ به نه پائين پوتي ڇوري

    آکيري جانۡ وار ويهاري
    چڳ چَهُو ڪيهءِ چوٽي ڇوري

    ڪپڙا سوڙها پائين ڇا لاءِ
    ڪهڙي توکي کوٽي ڇوري

    گهمين ايئن ٿي لڏين ايئن ٿي
    سنهڙي آن ڄڻ سوٽي ڇوري

    پٻ هڻين ٿي کڙي کڻين ٿي
    وک ۾ پور وڇوٽي ڇوري

    لبڙا تنهنجا لعل برابر
    ڏند به تنهنجا موتي ڇوري

    ڪير نه چوندءِ شرم کڻي ڪر
    نيت ٿيندي کوٽي ڇوري

    2 جولاءِ 1981


    ڇو مون کان منهنڙو موڙين ٿو


    ڇو مون کان منهنڙو موڙين ٿو، ڇو ايڏو مون کان ڊوڙين ٿو
    ڇو لائي ياري ٽوڙين ٿو، اچ اوري تنهنجي آس اٿم

    اچ اوري تنهنجي آس اٿم، اڄ ڏاڍي دل کي پياس اٿم
    ٿي آس نه ڪا به نراس اٿم، جا تو کي ساري سانڍي آ

    جا تو کي ساري سانڍي آ، سا اُڪري آس ٿي ڏانڍي آ
    جا تولاءِ جوڙي لانڍي آ، ان پکڙي پيهي آءُ پرين

    ان پکڙي پيهي آءُ پرين، ڇو هيڏي ۽ هوڏي ٿو ڦرين
    جي منهنجي راهه تي اچي رسين، دل دردن کان اڄ واندي ٿي

    دل دردن کان اڄ واندي ٿي، ڇو ايئن اجايو ماندي ٿي
    تون سائين تنهنجي باندي ٿي، تنهنجي خدمت ۾ شل پيش هجي

    تنهنجي خدمت ۾ شل پيش هجي، پئي سور سهي توکي عيش هجي
    دل حاضر جو سنديس هجي، تون پنهنجي ڀر کان ڪر نه پري

    تون پنهنجي ڀر کان ڪر نه پري، ڇاڪاڻ سوا تو ڪين سري
    ڪجهه انهيءَ تي ڏي ڌيان ڌَري، ڇا اڃا رسڻ ٿو ڪرين روا

    ڇا اڃا رسڻ ٿو ڪرين روا، تون درد منهنجي جي آهين دوا
    ٻيو درمل ناهي تو کان سوا، ڀل تون به حڪيم گهرائي ڏس

    ڀل تون به حڪيم گهرائي ڏس، ڪجهه مال وري به ڦُرائي ڏس
    سَوَ ڦڪيون ڀل ڀرائي ڏس، ڪا ڪانه طبيعت فرق ڪندي

    ڪا ڪانه طبيعت فرق ڪندي، پر تون بن سڀ ڪجهه ترڪ ڪندي
    ”صابر“ کي دغا ئي فرق ڪندي، تون واعدو پاڙي آءُ پرين

    جولاءِ 1985ع


    ڇو اڃان ٿو ڪرين حجاب سڄڻ


    ڇو اڃان ٿو ڪرين حجاب سڄڻ
    دل رنجائڻ نه آ ثواب سڄڻ

    مان سٺو هر ستم آ تنهنجو مٺا
    مونکي ايڏا نه ڏي عذاب سڄڻ

    تنهنجي درشن لهءِ تڙپي ديوانو
    اڄ ته نقلي نه ٿي نواب سڄڻ

    دل به آخر ته چيز آ ڪائي
    ان کي دڙڪڻ جو ڏي جواب سڄڻ

    ڇو پريشان تو ڪيو ”صابر“
    ڪهڙو رهيل اٿي حساب سڄڻ

    23 مارچ 1986ع


    سنگدل آهين ته دل تي مان به ٿو پٿر رکان


    سنگدل آهين ته دل تي مان به ٿو پٿر رکان
    منهنجو تون محبوب آهين ٻيو نه ڪو دلبر رکان

    ڀل تون مون کي آزمائي مشڪلاتن ۾ به وجهه
    شرط آهي آزمائڻ ٻيو نٿو ٽڪر رکان

    تون نه مجبوريءَ جو وٺ ناجائزيءَ سان فائدو
    سمجهه مان انسان آهيان ڪهڙو ٻيو وکر رکان

    ڪين ڪر ڪو فيصلو هڪ پل ۾ اي پيارا پرين
    ڄاڻ توکي آ چڱي پهريون به ٿو هڪ گهر رکان

    راهه ناهي ايتري مشڪل کڻي وک کي وڌاءِ
    رهنما آهي شناسا ڇا اڃا رهبر رکان

    بس ٿئي ديدار دم دم اهڙي خواهش آ گهڻي
    پيار تنهنجي ۾ پرين ڪو مان نٿو چڪر رکان

    7 ڊسمبر 1984ع


    ڏنگا ڏير مونسان ڏاڍي ڪري ويا

    غزل

    ڏنگا ڏير مونسان ڏاڍي ڪري ويا
    کڻي پنهل پيارو مون کان پري ويا

    ڀلا هيءَ نماڻي سورن لاءِ ساماڻي
    ڏکن جي ڪهاڻي ڪيڏي ڀري ويا

    ڏسي ننڊ ۾ ماريا ڌاڙو هڻي ويا ڌاريا
    جاڳي مون نهاريا ظالم ذري ويا

    ڀانيا مون ته مهمان هيا خوش وڏا خان
    ڪيان ڪهڙا ارمان فريبي ڦري ويا

    7 فيبروري 1988ع


    تهذيب ثقافت جي بي مثل ڪهاڻي آ

    تهذيب ثقافت جي بي مثل ڪهاڻي آ
    هن ديس جي ڌرتيءَ جي تاريخ پراڻي آ
    مارئيءَ جي محبت آ نوري به نماڻي آ
    ڇا شاهي شان اڳيان مشهور مهاڻي آ
    سورهيه ٿا جوان سڏجن هيءَ هاڪ هُلاڻي آ


    دوست ڀي رکڻو اٿم پر دوست ئي ڪن ٿا دغا

    دوست ڀي رکڻو اٿم پر دوست ئي ڪن ٿا دغا
    اهڙا واقعا ڪيترا آهن ڏٺا آهن ٻڌا

    هڪ چڱو ۽ مَٺو ناهي لکيل ڪنهن نرڙ تي
    ڪيئن ڪجي تن جي سڃاڻپ ڪير ڪوڙا ۽ سچا

    ڪي چون نظرون ئي انهيءَ نازنين جون هن عجب
    مان چوان ٿو ڪجل ڪاري جي اها آهي عطا

    وار ڏس ڪهڙا وٽيل سينگاريل سهڻا اٿس
    يار هي ڌاريا اٿس جو چيلهه تي پهچي چڪا

    چپ سنها ڏس لعل لب جنهن کي چون
    هي به آهي لپ اسٽڪ جو يا ته لاليءَ جو لقاءُ

    ڇو وري رخسار کي چريا چون ٿا گل گلاب
    پر مليل ٿس پاؤنڊر ميڪ اپ جو ڪر تون ڀل پڇا

    ڪي وري ايئن ٿا سمجهن ويس ٺاهوڪا ڏسي
    اندر ڪارا هو سدا آهن ۽ ٻاهر جا اڇا

    هٿ رنڱيل ڳاڙها ڏسي هرڪو ائين چوندو رهيو
    آهي ڪو خوني مگر آهن هي هٿ مينديءَ رتا

    ڪي ته خوش هن پيار سان جي پيار ويو بيمار ٿيا
    ڪي محل ساڙي هليا محبوب جن کان ٿيا جدا

    جي مليو مانجهي سڄڻ پو هو ڪندو آ جان فدا
    ڪي رسيا رڻ ۾ اڃا ڪي ٿا پڇائن پيچرا

    ڪوپسي معصوميت چهري تي جا ڇانيل اٿس
    خار چئي خونمار چئي پر بي رخيءَ جي آ ادا

    مان ته هن حالات ۾ ممڪن به سمجهان ڪين ٿو
    اهڙي سان ياري رکڻ مان ڪڏهن ڪا ٿيندي وفا

    آهي هي مشڪل نڀائڻ پر نڀاهي ڀي متان
    آزمائڻ ۾ به ڇا هي آزمائي ڏس ڀلا

    يار اهڙي ساڻ ”صابر“ دل اڙائڻ جي نه ڪر
    پوءِ متان دَلبا دلاسا ۽ رهئي ڏيندو ڏٽا

    16 فيبروري 1973ع


    پهتس جو ڪنهن وٿاڻي منظر ڏٺو مون هي

    پهتس جو ڪنهن وٿاڻي منظر ڏٺو مون هي
    ڪنهن گل پٽيو ته ان کي واتان چيو مون شه شي

    بيشڪ نشان ظلم جا ڏسجڻ ۾ اڄ به آهن
    ظالم نه زنده هوندو پر هوندو ظلم ئي

    منهنجي به زندگي تو گل وانگيان ختم ڪئي
    پر ڏوهه ان ڪيو ڇا تون پٽين پئي

    هئي مام مقناطيسي جنهن مونکي تنهنجو ڪيو
    تون منهنجو چاهيو بڻجڻ تنهنجي رضا هئي

    تو کنئين نظر نماڻي دل ٿي وئي اياڻي
    ان کي ڏئين تون پاڻي پو ڪهڙي ٻي خوشي

    ظالم اگر جي آهين ڪنهن ٻي تي ظلم ڪر
    ناراض ٿي نه ”صابر“ سان ٿئين ته مشڪي ٿي

    28 نومبر 1971ع


    منهنجو عشق آ اکين جو ٻڌ تون منهنجي زباني


    منهنجو عشق آ اکين جو ٻڌ تون منهنجي زباني
    آهي پيار منهنجو توسان دلڙي رهي ديواني

    تو کي زندگيءَ ۾ ساريان توکي ڪيئن مان وساريان
    منهنجي دل ڪري ٿي دانهون هردم پيو پڪاريان
    تون آ قدم ڀري يا منجهه تون مون ڏي نشاني

    منهنجي دل ۾ تون وسين ٿو ڪاٿي مٺا رسين ٿو
    آهين سدائين آڏو ڇالاءِ تون رسين ٿو
    ڪيئن ڌار مان گذاريان ڪر تون ڪا مهرباني

    آهي دل جو هي فسانو ”صابر“ جي لاءِ سهانو
    منهنجي زندگيءَ جو مقصد تنهنجو رهان مان ٻانهو
    ڪجهه سمجهه ڌار سهڻا دنيا هي آهي فاني

    23 اپريل 1986ع


    جا چاش ملي تنهنجي چاهه منجهان


    جا چاش ملي تنهنجي چاهه منجهان
    سا ملندي سَوَ نه پنجاهه منجهان

    ڇو پرت جو پيالو ٿي خالي
    ڀر تنهن کي ناز نگاهه منجهان

    ڇڏ واڳ وڇوڙي جي ٽوڙي
    ڪر ڳالهه ڪڏهن ڪا ڏاهه منجهان

    مون سڏڪي سڏڪي ساريو آهي
    پوئين هڪ پساهه منجهان

    مان سوچو تنهنجو ٿيان ساٿي
    تون ڳالهه ڪرين ها ٺاهه منجهان

    هر واٽ نه آهي وسنديءَ ۾
    هر راهه نه آ درگاهه منجهان

    ڪا رستي ويندي لاٽ ڏٺي
    هئي تنهنجي گهر جي راهه منجهان


    توسان مان پيار ڪيو، ٻيو نڪو يار ڪيو

    توسان مان پيار ڪيو، ٻيو نڪو يار ڪيو
    پوءِ به تون مون سان رسڻ، ڇا لئه اختيار ڪيو

    مان ڪندو رهيس وفا، تو ڪئي ڪا نه غذا
    مون سڏيو توکي سڄڻ، تو ڪنايو نه صفا
    ڪهڙو غمخوار ڪيو

    ياد تنهنجي آ صنم، دل ۾ آ درد ۽ غم
    تو سان مان ساڻ رهان، هر قدم ۽ هر دم،
    اڄ هي اقرار ڪيو

    نيڻ ٿا راهه تڪن، دور ناهي درشن
    اڄ نڀائي واعدو، پنهنجو پورو ڪيو وچن
    مون نه واپار ڪيو

    7جولاءِ 1976ع


    ٻڌايان ٿو ڳالهيون ڳڻن واريو ڳچ


    ٻڌايان ٿو ڳالهيون ڳڻن واريو ڳچ
    پرائي نه تون دهل تي دوست نچ

    ڪرين تون جي همت مدد ڏيندو مولى
    برن ڪار بد بي حيائن کان بچ

    ادا پير مردن بزرگن ۾ ويهه
    انهن جي هر هڪ لفظ ۾ آهي سچ

    حقارت نه ڪر ڪين نفرت ڪڏهن
    محبت جو منِ رک مچائيندو مچ

    مصيبت ۾ جيڪو به ماڻهو ڏسين
    مدد ان جي لاءِ بيهه ٿي مرد مچ

    نه ديرو دغا جو تون دل تي ڄماءِ
    سدا صاف ”صابر“ چئه نه ڪوڙ ڪچ


    ناتو نينهن نڀايون


    تون به مسافر مان به مسافر گهڙي پلڪ جا آهيون
    ناتو نينهن نڀايون
    ناتو نينهن نڀايون

    سوچين اڃا ڇا ٿو سڄڻ، سوري قدم اچ تون ملڻ
    ڀاڪر ڀري اڄ پايون
    ناتو نينهن نڀايون

    ڪجهه خوف ڪر منهنجا صنم، ايڏا ڪرين ڇو ٿو ستم
    خوش ٿو ٿئين تڙپايون
    ناتو نينهن نڀايون

    سڀ ڪجهه اکين سان ٿو چئين، ڪنڌ کي ورائي ڇو وئين
    آپيچ پرت جو پايون
    ناتو نينهن نڀايون

    واسينگ سان تنهنجي وندر، ڏسي آهه ڪئي ”صابر“ اندر
    واهه واهه تنهنجون ادائون،
    ناتو نينهن نڀايون

    25 ڊسمبر 1989ع


    بغير نقطي ڪلام

    سهڻو دل کسڻ دور گهارڻ ۾ ماهر
    هو اعلى اداڪار مارڻ ۾ ماهر

    ڪرڻ وعده معمول معلوم آ
    سدا آ سرا سر وسارڻ ۾ ماهر

    سهارو سگهو ڪو ملڻ آ محال
    سدا داد رس آ روئارڻ ۾ ماهر

    ملڻ لاءِ ڪر سور سو سو عطا
    آ راڻو رساڻو وسارڻ ۾ ماهر

    گهڻا دار در در ۽ گهر گهر ۾ گهاڻو
    آ ”صابر“ سدا سِر سَهائڻ ۾ ماهر


    تڪيان تنهنجون راهون ورن ڪڏهن وارا


    تڪيان تنهنجون راهون ورن ڪڏهن وارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا

    نه سيڪنڊ ۽ منٽ جا هون اٻهارا، ڪلاڪن کان ڪندو رهيس مان ڪنارا
    گهڙي پلڪ جي نه خبر آ خدارا، ڏکن ۾ ڳرن ٿا اڃا ڏينهن سارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    خوشي جهٽ ۾ کامي غمن جا غبارا، پهر کان پري ڪيا آهن چاهه چارا
    اٺئي پهر بيتابي دل تي مونجهارا، روئي رات گهاريان ڳڻيندي ستارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    نه آئين صبح جو منجهند جو ٿيو سعيو، اجهو شام شايد آهي سر نوايو
    شفق جو به ڏس آ وري وقت آيو، ڪاري رات هاڻي ورائيندي وارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    اسر ڏي ٿو تنهنجي اچڻ جي گواهي، اجهو وقت پرڀات ڀي لنو لڳائي
    وري سحر سرندي جو آذان آئي، صبح ٿيو لڪا آسمانن ۾ تارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    جي آچر تي ايندين ته انجام موڪل، جي سومر تي پهچين ته پيغام موڪل
    اڱاري جي ڏينهن جو ئي انعام موڪل، ايئن ڀي ته ٿيندا نه آهن گذارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    اربع جي ڏينهن لاءِ ئي آرام موڪل، خميس تي خلاصو پروگرام موڪل
    جمعي تي ڀري ڪو نئون جام موڪل، ته ڇنڇر تي هي نيڻ ڪن ڪي نظارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    فڪر ئي نه ويو هفتو پهرون ويو، نه ٻي هفتي وعده جو پاڙڻ ٿيو
    ويو هفتو ٽيون ڀي نه ڪنهن کي چيو، اچي چوٿون هفتو به پهتو ڀلارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    اچي سال آخر ته مهمان ٿيو، مهينو شروع جنوري ڄاڻ ٿيو
    اجهو فبروريءَ جو به فرمان ٿيو، ڏسو مارچ ڀي ڪيئن هڻين ٿو لامارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    اپريل اجڙيل گلستان ٿيو، مئي ۾ ملڻ لاءِ مهربان ٿيو
    وري جون ۾ ڪهڙو مانڌاڻ ٿيو، اوهين انهيءَ مدت ۾ ڪندؤ پسارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    جولاءِ لاءِ آهيان قدردان ٿيو، نه آگسٽ ۾ ئي ڪو احسان ٿيو
    نه ڪي سيپٽمبر ۾ سامان ٿيو، اجهو آڪٽوبر ڪري ٿو اشارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    نومبر ويو ڪونه امڪان ٿيو، هي گذريو ڊسمبر نه درمان ٿيو
    ويو ڙي ويو سال اعلان ٿيو، نه ديدار حاصل ٿيو دهمان وارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    سرءُ ڀي وڃي ٿي ته آخر هلي، بهارون اچن شل ڪنديون سي ڀلي
    اچن ٿا اونهارا وسايون ڳلي، سمهي سوڙ هيٺان گذاريا سيارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    ڀلا ايئن ٿيندا گذر سال ”صابر“، ته ڪهڙا اسان جا ٿيندا حال ”صابر“
    خدائي ڪندو شل ڀلا ڀال ”صابر“، وري نيڻ پسندا اهي ئي نظارا
    مگر تون نه آئين ڪريان ڪيئن پيارا...

    25 فيبروري 1981ع


    عاشقن لاءِ يار جو ديدار ئي بس عيد آ

    بلبلن لاءِ بوستان جو خار ئي بس عيد آ،
    عاشقن لاءِ يار جو ديدار ئي بس عيد آ،

    جنهن جي خاطر روز شب آهون ڀريان دانهون ڪريان،
    هڪ دفعو ان جو کلڻ کيڪار ئي بس عيد آ،

    گل ۽ بلبل جي طرح معشوق ۽ عاشق رهن،
    ٿا چون هو ٻئي اهو هٻڪار ئي بس عيد آ،

    جي گهري سر ڀي سڄڻ انڪار عاشق کي نه آ،
    عشق اڳيان حسن جو اقرار ئي بس عيد آ،

    عشق وارن کي نه لالچ نا طمع تر جيتري،
    هن جي لاءِ دلدار جو جنسار ئي بس عيد آ،

    لک شڪر لائق سدا آ قرب ڪافي يار جو،
    اي دل نه تڪ ٻي ڪنهن طرف ڀوتار ئي بس عيد آ،

    جي وري ”صابر“ حقيقت ۾ ڪرين هڪڙي نظر،
    جڳ سڄو آهي خوشي سنسار ئي بس عيد آ،

    1981ع


    خزان جو خاتمو ٿي ويو چمن ۾ تازگي آئي،

    فڪر جي اڄ ڦندن کان جند ڇڏائي زندگي آئي،
    بهاري جي هوائن سان خوشي ڀي مرڪندي آئي،

    سڪل پن جي وڻن تان سڀ ڇڻيا ڇڻ ڇڻ ڪري آخر،
    انبن ڀي ٻور آ جهليو عجب آسودگي آئي،

    سلا ساوا وري اڀريا اجهو ڪي سنگ ڀي نسريا،
    مهڪندا ماڳ مارن جا ڦري فرخندگي آئي،

    پکي پيارا مٺيون ٻوليون لنون ٿا آشيانن ۾،
    چتون چو ٻول ۾ ڪوئل ڪٿان ڪُو ڪُو ڪندي آئي،

    گلن تي خوڀ ڀنورا ٿا گهمن ڀون ڀون ڪندا ڪارا،
    وڌي آ واهه جي رونق هتي تابندگي آئي،

    اچو اي دوستو نڪرو ڪريون ڪو سير گلشن جو،
    ”خزان جو خاتمو ٿي ويو چمن ۾ تازگي آئي“،

    ڪندا گجگوڙ ٿا بادل اچن برسات برسائڻ،
    سنگهارن سانگ ڪيا ”صابر“ ڪڻي سارنگ جي آئي،

    29 مارچ 1974


    ڏس ديد ملي ديد سان ٿو پيار ٿي وڃي


    ڏس ديد ملي ديد سان ٿو پيار ٿي وڃي
    اکڙين جي اشارن سان ٿو اقرار ٿي وڃي

    چپ بند دل خموش اکين جوش ۽ مدهوش،
    ڪيئن گوشهءِ تنها ۾ ٿو تڪرار ٿي وڃي،

    هيءَ دل نماڻي ڏس ته ڪيئن ڪسجي ٿي بي هٿيار،
    بيدرد ان خونمار جو ٿو وار ٿي وڃي،

    زخمي جگر ٿئي ته به ڪوئي رکي نه مرهم،
    هر ڪو ٿو لوڻ ٻرڪڻ لاءِ تيار ٿي وڃي،

    تنهنجي اگر مسيحا هڪڙي ٿي ديد حاصل،
    پوءِ چاڪ هي بره جو بيمار ٿي وڃي،

    آيو اجهو اچي ٿو تسڪين هڪ ته ڏيو،
    ٻيو ڇا کپي جو يار جو ديدار ٿي وڃي،

    ”صابر“ کي هاڻي ڪوئي دلبر دلاسو ڏي،
    ڏسو دم لبن تي آ متان فرار ٿي وڃي،

    22 اپريل 1972ع


    من مندر ۾ آڳ مچائي روڳ لڳائي ويندي آهي


    من مندر ۾ آڳ مچائي روڳ لڳائي ويندي آهي،
    هڪڙي هستي اهڙي آهي تن تڙپائي ويندي آهي

    سوچيان ٿو هي رشتو ڪهڙو منگتو ناهيان ڪشتو ڪهڙو
    سوال به آهي سستو ڪهڙو، روح رنجائي ويندي آهي

    پيار ڪري ڇو پري وڃي ٿي تنهن بن منهنجي ڪين سري ٿي،
    آخر ڇو هوءَ ايئن ڪري ٿي جو ترسائي ويندي آهي،

    ڪڏهن ته ٻولي ٻوليون مٺڙيون، ڪڏهن منجهي خط ڪڏهن چٺڙيون
    ويجهو ايئن جيئن ريل جون پٽڙيون ايئن رلائي ويندي آهي،

    ريت پريت جي ڪو ڪو ڄاڻي ”صابر“ سمجهه ڪٿان سا آڻي،
    رمز ڇڏيو آ جنهن جي راڻَي، هُجَ هلائي ويندي آهي،


    دلربا دلدار دلبر ناز نخرا ڏي ڇڏي

    دلربا دلدار دلبر ناز نخرا ڏي ڇڏي،
    اچ اڱڻ هاڻي اکين جا تون اشاري ڏي ڇڏي،

    عشق آخر ڏوهه ناهي حق سمجهي ٿا ڪريون،
    پاڻ پاتا پيچ پيارا خوف خطرا ڏي ڇڏي،

    هي جسم تنهنجو اسم آهي جدا گانه قِسم،
    چاهه پنهنجي جا چيم نرمل نظارا ڏي ڇڏي،

    مان مٽائي پاڻ پنهنجو تو مٿان قربان ڪيو،
    تون به مونکي ياد ڪر ٻيا سڀ سهارا ڏي ڇڏي،

    تو ڪيا واعدا وفا جا سي به پورا وڃ ڪري،
    ڇو ڪيا هِن تو رساما اڄ خدا را ڏي ڇڏي،

    مان وفا تي سر ڏئي توکي ڪندس حاصل ضرور،
    پرت جي آ ريت ڀل پرڪاش پارا ڏي ڇڏي،

    10 مارچ 1990


    ڇو مون کان رُسي تون وئين يار پيارا


    ڇو مون کان رُسي تون وئين يار پيارا
    نه جاني جدا ٿيءُ جيءَ جا جيارا

    پرين پرت جو پيچ مون آهي پاتو
    ملڻ لاءِ مٺڙا اڃان آهيان آتو

    جدائيءَ جو جانب نه ڪو جور ڄاتو
    اچين جي لهي ويندا من جا مونجهارا

    لڳو منهنجو آهي توسان نينهن ناتو
    اڃا ڀي نه پنهنجو تو عاشق سڃاتو

    رڳو تات تنهنجي آهي ڏينهان راتو
    هڻان نينهن جا ٿو مان نروار نعرا

    نه ڏي بيوفائيءَ جو الزام مونکي
    مليا مهڻا طعنا به هرگام مونکي

    ڪيو ساٿ تنهنجي آ بدنام مونکي
    ڏسون آءُ ”صابر“ اڇا ڪير ڪارا

    28 آگسٽ 1987


    لٽيري جو چهرو چتائي آ ڏسڻو


    لٽيري جو چهرو چتائي آ ڏسڻو
    لٽيل دل کي هيڪر وسائي آ ڏسڻو

    ڏسو ڀل ته هي ديد ٿو ڪير ڊاهي
    ڏسڻ ڀي اسان کي پيو نيٺ ٺاهي،
    نماڻا کڻي نيڻ ڦاهي آ ڏسڻو

    جتي روشني هئي اتي هو چراغ
    جڏهن جهاتي پاتم ڏٺم دل جو داغ
    سمائي وري دل ورائي آ ڏسڻو

    نه ويٺو اگر آهي هو ڪڏهن مون وٽ
    ڀلا انهيءَ ۾ ڳالهه ٿي ويئي ڇا گهٽ
    انهيءَ کي ته پوءِ ترسائي آ ڏسڻو

    چلن جنهن جي مستاني عاشق ڪهين ٿو
    ائين ناز نخرا ڪندي جو گهمي ٿو
    سو ڇڙواڳ سر کي ڦاسائي آ ڏسڻو

    هي ”صابر“ ڀلا ڪيسين انڌير رهندو
    ڪڏهن خبر ايندي ته اڄ خير رهندو
    حسن عشق کي ڀي ملائي آ ڏسڻو

    18 اپريل 1972


    آمدِ راحت جا آهن ڏينهڙا


    آمدِ راحت جا آهن ڏينهڙا
    ڇو ڪيا ايڏا اٿئي اوسيئڙا،
    راهه تي ٻاري رکيا ٿي ڏيئڙا،

    خوش رهڻ جا خواب هر ڪو ٿو ڏسي،
    پر ڏکيا هن ڏيهه ۾ ڏو ٿيئڙا،

    واٽ هر ڪا آهي پنهنجي واسطي،
    ڇو لڪي پائي هلين ٿو ليئڙا،

    ملڪ جا مارون نهارن ٿا مٿي،
    ويٺا سارن ٿا وسن ڪي مينهڙا،

    آسمان تي اڄ به بادل ٿا ڀَڄن،
    جهمر ٿا جوڌا هڻن جهانگيئڙا،

    سور سانڍيا هر سِسيءَ آهن سوين،
    ڇا اڃا سهندا رهن سانگيئڙا،

    ڇو خوشيون خاموش ٿي آهن ويون،
    ڪو پتو توکي به آ پانڌيئڙا،

    هي ٻڌو پيغام ”صابر“ آ هتي،
    ”آمدِ راحت جا آهن ڏينهڙا“

    27 مارچ 1986


      ياد آ

    زندگيءَ جو ڪو زمانو ياد آ،
    وقت جو هر هڪ فسانو ياد آ،

    ڪهڙا ڪهڙا ڪِيس ٿيا ڪنهن کي چوان،
    درد جو هر داستانو ياد آ،

    ظلم زوري ۽ زبردستيءَ ٿيو،
    خون جو ناحق نشانو ياد آ،

    بي سرو سامان ڪي بي گهر ٿيا،
    ڪنهن جو لٽجي ويو خزانو ياد آ،

    دل ٽٽي ڪنهن جي جگر ڪنهن کان ڇڳا،
    ۽ جليو ڪٿ آشيانو ياد آ،

    لاش هر هڪ شهر واهڻ ۾ ويا،
    سو حشر تازو توانو ياد آ،

    نور چشمن جو نظر اڳيان ڪسڻ،
    تن جو هر دم تازيانو ياد آ،

    هيئن ته بيدردي اڳي اهڙي نه ٿي،
    بي حسي اي حڪمرانو ياد آ،

    ڪيئي ڪونڌر ويا ڪپائي ڪنڌَ پر،
    خواب ڏيئي ويا سهانو ياد آ،

    ديس جي ڌرتيءَ سان رکجي ٿو پيار،
    اهڙو ئي هر دم ترانو ياد آ،

    سڀ اداسي ديس واسي ڇا ٿيو؟
    دورُ ٿيو اهڙو ديوانو ياد آ،

    هاڻي غور وفڪر جي آهي گهڙي،
    هي ڏنو آهي بيعانو ياد آ،

    قيد ۾ ڪو ۽ ڪڙيون ڪنهن کي لڳيون،
    قافلو ڪيئن ٿيو روانو ياد آ،

    جنهن کي اسلح سو بڻيو قانون دان،
    هي تحفظ جو بهانو ياد آ،

    ظلم هو انڌير هو ”صابر“ سڄو،
    ڪيئن کسيو ويو آستانو ياد آ،

    15 اپريل 1991ع


    قربان ٿيا ڪيئي حسين مست قدم تي


    ڪنهن کي ڪو لڳو پاسو ته ڪو ويٺو آ لم تي،
    بس خالي ٿين کيسا ٿا هن ريت رسم تي،

    زيبائشي سامان حڪومت ته ڪري بند،
    سينگار سڄا راڄ ٿا ڪن ڪنهن جي رقم تي،

    ڪري لعل وري لب کي لپسٽڪ جو هڻن ٿا،
    پوءِ بوسي ڏيڻ ڪاڻ دلاسي تي ڪو دم تي،

    ڇا ڌار ڪجل ڪاري جي ڏس ڪيئن ٿا ٺاهن،
    تلوار کي ڇا آهي مجال ان سان قسم تي،

    وري واهه جي رنگت ٿا سڄي منهن کي مکن،
    ڄڻ ٽانڊا ٿا جرڪن ڏسو ڪنهن جي چلم تي،

    واهه واهه ڦڻي آهي گهڻي هن جو کڻي،
    وارن کي هڻي ٺاهي اڻي ڪنهن جي عِلم تي،

    وارن ۾ هي ڀرون تي ڇا چمڪاٽ ٿا ڏسجن،
    شرمايو ستارن آ ڏسي چنڊ جسم تي،

    ڇا ننهن جي مٿان سونهين ٿي ناخون جي پالش،
    ڪري مهندي رتا هٿڙا هلي ڪنهن جي رسم تي،

    ڏسي پير به هٿڙن جي نزاڪت جيان ”صابر“،
    ”قربان ٿيا ڪيئي حسين مست قدم تي“

    16 آگسٽ 1972ع


      پيدا ڪيو جهان ۾ هڪ اضطراب ٿي

    منهنجا مٺا مون آ ڏٺو هڪ رات خواب ٿي،
    چهرو آ ڄڻ ڪه تنهنجو هڪڙو حباب ٿي،

    منهنجو جڏهن کان واسطو توسان پرين پيو،
    تو پڻ ڪيو آ وقت ئي ان کان حجاب ٿي،

    بيڪار جي ڦرين تون ته به ڪار ٿو ڪرين تون،
    قاتل آ نام تنهنجو قتل ئي ڪساب ٿي،

    تنهنجو نظريو ناز آ پر نياز ڇو نه آ،
    تنهنجي ادا به ٺيڪ مهربان شتاب ٿي،

    تنهنجي روش مون آ ڏٺي تنهنجي چلن ڏٺي،
    ”پيدا ڪيو جهان ۾ هڪ اضطراب ٿي“،

    ”صابر“ کي ديد تنهنجي دائم ڪيو مريض،
    آئين پڇڻ نه ڪڏهين ڪهڙو عذاب ٿي،

    1972ع


    ڏس ڏينهن ختم ٿي سارو ويو سج جو به نشان آ ڪونه رهيو


    ڏس ڏينهن ختم ٿي سارو ويو سج جو به نشان آ ڪونه رهيو
    او وعده شِڪن! تنهنجي واعدي جو باقي ٻيو گمان آ ڪونه رهيو

    هڪ راز هيو تو وٽ منهنجو ٻيو حال ڪندس ڪنهن سان دل جو
    رقيب ٿيا سڀ هت منهنجا تنهنجو به مهربان آ ڪونه رهيو

    هڪ واعده وصل جو توئي ڪيو، ليڪن آ سبب وچ ڪهڙو ٻيو
    يا دل ۾ هيُئي ڪو ٻيو رايو ڪنهن ڪنهن کان پڇان آ ڪونه رهيو

    مان تنهنجي راهه نهاريان ٿو، هر واٽ اچڻ جي ٻهاريان ٿو
    اٿي وقت اچڻ جو هاڻي مٺا باقي ٻيو زمان آ ڪونه رهيو

    بيتاب ڪئي ڇا لئه دل ٿي آ پهچ سگهو ڏي ڪائي خوشي
    بس خيال وهم ٻيو ڪهڙو ڪيان ڪهڙو مان ڪيان آ ڪونه رهيو

    تون منهنجي تصور ۾ آهين اچ مهر مونتي ڪري ڪا سائين
    اڄ جهڙو پريشان ”صابر“ ٿي ٻيو اهڙو پريشان آ ڪونه رهيو.


    اڄ يار جي چشم ۾ خونمار بيٺو آ

    اڄ يار جي چشم ۾ خونمار بيٺو آ
    ڪري خير خدا يار سان اغيار بيٺو آ

    پنهنجي ته دل انهيءَ کي چاهي نه اڄ ڏسڻ
    پر ڇا ڪريان جو ان کي اعتبار بيٺو آ

    ڏسي روپ يار جو بس ڳوڙها وهن اکين مان
    مان اڄ ايئن ٿو سمجهان بيزار بيٺو آ

    زخمي ڪري ڪي ڪيئي ماري ڇڏيا اٿائين
    ان جو پسي ڪو جلوو هر بار بيٺو آ

    کڻي ڀيلو دل هلي آ سهڻي جان ملڻ لاءِ
    ڇا ڪاڻ جو پرينءَ ڀر ڀوتار بيٺو آ

    هٽ جلد اِتان يار ڪو جلاد اٿيئي
    ”ننگي ڪيو اکين جي تلوار بيٺو آ“

    ”صابر“ تون بڻجي بلبل يا مثل ڀونر جي
    هتان اڏر جلد گلڙن سان خار بيٺو آ

    23 اپريل 1972ع


    سيٽ وارن جا ناهيون سنگتي، قرب وارن جي قدمن ۾


    سيٽ وارن جا ناهيون سنگتي، قرب وارن جي قدمن ۾
    يار سچي تان گهوريون سر کي عمر گذاريون ادبن ۾

    ڪڏهن ڪندو هو روح رهاڻيون
    ڪڏهن ڪندو هو مٺڙيون ڳالهيون
    ياد اچن ٿيون اهي ڪهاڻيون، جيڪي ڪندو هو قربن ۾

    مون کان وڇڙي ويو آ هاڻي
    نيٺ ته ملندو اڄ نه صبحاڻي
    موهيو مونکي جنهن جي ماڻي، دارون آ سو دردن ۾

    ٺاهي هنيائين ڪان ڪا پاري
    وٺي لڳي آ اهڙي بيماري
    عمر گذر هيءَ ٿيندي ساري، ”صابر“ جي هاڻي صدمن ۾

    تاريخ؛ 1973ع


    درد وارن کي دلاسو ڏيو مٺا دلدار جو


    درد وارن کي دلاسو ڏيو مٺا دلدار جو
    ڇو ڀلا ڪنهن نا پڇيو آ حال هن بيمار جو

    ڏس ته ڪيئن رڙندو ڇڏن ٿا هي دنيا وارا مريض
    بيرحم ظالم ٿيو هر فرد هن سنسار جو

    گر تڙپ ۾ ٿا ڏسن ڦتڪي تڀي ڪجهه نه ڪڇن
    ڪو نه ٿيو احساس آهي ڪنهن کي هن آ راز جو

    ڪين بيتابي پڇن بي جان ٿا توڙي ڏسن
    بس ڇڙو ويٺا چون آهي اثر اسرار جو

    ڏس مرڻ تي هان پيو ته به ڪو نه ٿو دارون ملي
    مرض محبت لاءِ مٺا دارون آ هڪ ديدار جو

    ”صابر“ صرف هڪڙي جهلڪ ديدار دلبر جو پسيو
    پر دوباره هر گهڙي غم ٿو ستائي يار جو

    1972ع


    منهنجو توسان پيار آ ڪيئون اقرار آ


    منهنجو توسان پيار آ ڪيئون اقرار آ
    هلي آ او سهڻا، توسان ڪهڙو تڪرار آ

    مٺو ٻول تنهنجو ماري، سدا ساهه توکي ساري
    سکيو رهه سدائين تون، ملڻ هڪ وار آ،
    منهنجو توسان پيار آ

    پتو ناهي تنهنجو پورو، رليم رات ڏينهن سمورو
    نڪي ياد نالو تنهنجو، نشان نروار آ،
    منهنجو توسان پيار آ

    ماندو آهي منهنجو من، ڪيو آهي تو ڏي ڪن
    ڪڏهن پنهنجي ”صابر“ جي، لهڻ ڪائي سار آ،
    منهنجو توسان پيار آ

    1 آگسٽ 1985


    مٺا تو سوا مان وساريو زمانو


    مٺا تو سوا مان وساريو زمانو
    ڪري اچ ملاقات لاءِ ڪو بهانو

    لٽائي هي تن من مٿان تو ڇڏيو آ
    چريو هت دنيا وارن مونکي سڏيو آ
    کپائي ڇڏيو مون خوشيءَ جو خزانو

    نه مک تي وري مرڪ موٽي اچي ٿي
    رڳو تات تنهنجي اندر ۾ مچي ٿي
    سڄو مان صبر جو ويم پي پيمانو

    وڻي مونکي تنهنجي وئي آهي صورت
    ڀلا مان ڪندس ڇا ٻئي ڪنهن جي مورت
    ڪندو ڇا ڏسي خواب ”صابر“ سهانو

    8 جنوري....ع


    ڀڃي ڀورا ڪرين ڇو ٿو جڏهن تڪميل تون آهين


    ڀڃي ڀورا ڪرين ڇو ٿو جڏهن تڪميل تون آهين
    ڪرين ٿو مختصر مونکي جڏهن تفصيل تون آهين

    وڇوڙي ۾ ورهيه گذريا، ڪيهءِ جانب جدائي ڇو
    وساري ڪيئن ويهان تو کي مٺا تحصيل تون آهين

    ڏسان ڇا ڏيهه ۾ ڏوري کنيو توکي تڪي توري
    هليو آ اڄ وري اوري ٿيو کڙپيل تون آهين

    ڀلي جانۡ يار ڪر ماڻا، اسان جا عرض ويڳاڻا
    الائي ڪٿ اٿي ٿاڻا ڪندو تبديل تون آهين

    وڇوڙي ۾ ورهيه گذريا، ڪيهءِ جانب جدائي ڇو،
    وساري ڪيئن ويهي ”صابر“ مٺا تحصيل تون آهين.


    حسينن جي هجي بازار ديوانه لڀي پوندا


    حسينن جي هجي بازار ديوانه لڀي پوندا
    ڪندين شمع اگر روشن ته پروانه لڀي پوندا

    نه ظاهر سي ڪڏهن ٿيندا سدائين سور پيا سهندا
    ڪٿي محوِ محبت ۾ به مستانه لڀي پوندا

    نه ڪر مئي نوش ڪوئي غم اجايو ٿو رلين هردم
    ڪندين ڳولها جي ڳوٺن ۾ به مئخانه لڀي پوندا

    اهو آتڻ پسان مان شل جتي محبوب ڪئي محفل
    نشان تنهنجا به ظاهر هن سي ويرانه لڀي پوندا

    اداسي تون نه ٿي ”صابر“ پچر پيارن جي ٻُڌ هر هر
    انهن ڳالهين اندر پنهنجا به افسانه لڀي پوندا

    7 سيپٽمبر 1990ع


    ٿيو دل جو توسان سودو ساري عمر پيو گذارجاءِ


    ٿيو دل جو توسان سودو ساري عمر پيو گذارجاءِ
    ڪيو جيڪو آ تو واعدو اهو توڙ تون نڀائجاءِ

    منهنجي دل تي بڻجي ويو آ تنهنجي پيار جو نشانو
    ڪنهن ڪنهن کي مان ٻڌايان دل جو اهو فسانو
    سڀ سورتون وساري هيءَ دوستي نڀائجاءِ

    جنهن لاءِ ٿي مان تڙپيم سو چونڊي آ کنيم
    رهي ڳالهه باقي ڪهڙي توسان اچي مليم
    مونکي وڏي اميد آ ساٿي نه تون ستائجاءِ

    دنيا ڀلي ڏي مهڻا سڪ ۾ اهي ٿيا سهڻا
    هڪ پل نه تون جدا ٿي رهه ساڻ مونسان سهڻا
    هليو آءُ بي ڌڙڪ ٿي پوئتي نه پير پائجاءِ

    24 سيپٽمبر .......ع


    امانت

    ساٿ پنهنجو سدائين سلامت رهي
    ڀل دنيا سان اسان جي عداوت رهي

    ڇو ڇنون پاڻ کي ڏيهه ڏهڪاءَ کان
    پنهنجا واعدا نڀايون رفاقت رهي

    تون به منزل تي پهچڻ جي ڪوشش ته ڪر
    هٿ هٿن ۾ وفا جي علامت رهي

    ڇو نه تنهنجو قدم منهنجي وک سان وڌي
    فاصله سڀ ختم ٿين نه خيانت رهي

    ڇا ائين اڳ نه ٿيو جيئن اسان ٿا ڪريون
    سوڀ حق جي آ ثابت صداقت رهي

    پيار ”صابر“ ڪيو پيار هر ڪو ڪندو
    سانڍي سڪ ٿا رکون سا امانت رهي


    غير آ غير ته پنهنجو به پرايو يارو


    غزل

    غير آ غير ته پنهنجو به پرايو يارو
    هي حالات ڏسي هوش سنڀاليو يارو

    ڪين ٿا ڏک کان ڏڪون بک کان ڇو بيزار ٿيون
    اسان فاقن ۾ به اڳ آهي گذاريو يارو

    جاگرافي ڪٿي کان ڪٿ آ اسان جي تاريخ
    سي ورق کول انهن کي نه وساريو يارو

    همتِ مرد ته آ مددِ خدا
    پوک تي پوک ڪري پوک پچايو يارو

    ها ڏٺيون ملڪ جون موجون به سرؤن سر
    هاڻي بد تر هن خدشات نهاريو يارو

    پنهنجي هن ديس جي دامن کي وٺو
    ديس آ ديس اسان جو نڪي ڌاريو يارو

    زور هڪ جو نه هلي سگهندو ٻه ٻارهن آهن
    ملي هڪ ٻي سان وري زور لڳايو يارو

    نه ڪي آرام نه راحت نه ڪوئي چين کپي
    ڪجهه پاڻ پتوڙي به ڪمايو يارو

    ويهي ايئن نه اڃا وقت وڃايو ”صابر“
    جو قدم اڳتي آ ان کي ئي وڌايو يارو

    1 فيبروري 1973ع 


    حالات ناسازگار

    جاڳي جاڳي رات انڌاري گذري ٿي،
    ڏينهن ڏٺي جي پهر نه ڪائي وسري ٿي،

    هر پل آهي خبر ته چوري ڌاڙو آ،
    اغوا _ ڦر قتل جي نوبت نڪري ٿي،

    پنهنجون راتيون مان سپنن کي ٿو سونپيان،
    نفرت جي هيءَ آگ هتي ڇو اٻري ٿي

    پيار به پيدا ٿيندو آهي، پيار منجهان،
    ويرن جي وک ويڙهه اندر ڇو نبري ٿي،

    ويل نه واپس ايندي آهي ڄاڻ اها،
    ماڳ تي ماڻهو ايندو آس ته اڀري ٿي،

    امن امن هر روز گهري هت باشندو،
    ڪنهن وٽ امن جي مهڻي مورت اڪري ٿي،

    نيڻن مان ٿو نير وهايان پر ”صابر“
    قوم اسان جي ڇو نه اڃا ڀي سڌري ٿي،


    تنهنجي دنيا جو نقش ٻيو آهي

    تنهنجي دنيا جو نقش ٻيو آهي
    منهنجي دنيا ته گول آ ساٿي

    توکي منهنجي وڻي نٿي صورت
    پر مٺو تنهنجو ٻول آ ساٿي

    منهنجي وس واڳ ناهي ڇا ڪريان
    تون رهين دور ٿو بي ڊول آ ساٿي

    ديد دلبر آ تنهنجي درشن لاءِ
    ويهه تون اڄ ته ڪول آ ساٿي


    قطعا ۽ بيت

    ٻڌي ٻول تنهنجا اي مٺا ٿيو مونکي اندازو
    خوشين جي توکي ناهي خبر آهين جنازو
    رڳو تن اٿي تازو نه ته اندر ۾آزار ٿي

    27 سيپٽمبر 1984ع

    ***

    شرم وحياء جو پتلو آ سڀڪو سڃاڻي
    عورت ذات عجيب آ، جا ڄاڻي ۽ واڻي
    ٿي راڻن کي راڻي ريهي رکي ريب ۾

    10 آڪٽوبر 1984ع

    ***

    تو سوا محبوب مان ڪاڏي وڃان ڪنهن سان ملان
    ڪير ايندو مونڏي دلبر ڪنهن کي کيڪاري کلان
    ڪي نظارا منهنجي نيڻن ڀي ڪيا محفوظ هن
    تنهن ڪري اويار ڪڏهين ڪين ٿو روئي سگهان

    12 آڪٽوبر 1984ع

    ***

    قطعو

    محبت مٺڙين ڳالهين سان آ نفرت بد ڪلاميءَ کان
    جو ڪنڌ جهڪي سو ڪنڌ ڪپيو ڪنهن جابر جي ته سلاميءَ کان
    هي ديس جي ڌرتي هاڻي دليرن شهزورن کي پرتي آ
    غيرتمند انهيءَ کي سانڍي رکندا غير غلاميءَ کان

    ***

    قطعو

    اي ڌڻي تو در جهڪن شاهه وگدا
    با ادب مان ڀي ڪريان ٿو التجا

    يا خدا يا عاقبت بالخير ڪر
    هن جهان وارن ڏنا آهن ڏجها

    تنهنجي قدرت ڪنهن نه سمجهي آ سگهي
    معاف ڪر منهنجون خطائون يا خدا

    ***

    قطعو

    ڪي سوڍا سيج سجائي ويا
    ڪي جوڌا جڳ جياري ويا
    ڪي ماڻڪ موتي ميڙن ٿا
    ڪي هيرا هيرا ڏاري ويا

    25 جنوري 1987ع

    ***

    واسينگ جيان زلف جنين مونکي ڏنگيو آ
    واهه واهه مروٽي تو تنين کي به ڏنگيو آ

    ابروءَ جي ڪمانيءَ مان پنبڻن جا ڪڍين ڪان
    اکڙين جي اشارن کي به تو ڪين کنگهيو آ

    ***
    سڄڻ سور ايڏا ڏئي ڪر نه ساڻو
    اوهان کي هي منهن عرض آ نماڻو

    مان انسان آهيان ڪيو پيار آهي
    هوس حرص تي مان به ناهيان وڪاڻو

    ***

    قطعو

    اهو تو نه ڄاتو مون ڪيئن ڏينهن گذاريو
    الائي به ڇا کئون تو واعدو وساريو
    ڪيهءِ پاڻ انجام ايندس سڀاڻي
    مٺا ڏينهن سارو مون ويٺي گذاريو

    17 سيپٽمبر 1984

    ***

    بيت

    ظالم ٿو ڪرين ظلم تون ڇاڪاڻ سدائين
    پر واحدِ قهار به آ تنهنجي مٿاهين

    19 سيپٽمبر 1984ع

    ***

    قطعو

    اڄ اڳڻ تي محب منهنجو مرڪندو ايندو وري
    چاهه پنهنجي ۾ ڪئي جنهن دل کڻي منهنجي چري
    دم اگر هڪڙو پري ٿي بيقراري ٿي وڌي
    ننڊ ۽ آرام ڪونهي جان ڀي پئي آ ڳري

    5 سيپٽمبر 1985ع

    ***

    قطعو

    اڄ ڪيو آ تو سڄڻ واعدو وفاداريءَ جو
    تو کنيو اهڙو قدم آهي قربداريءَ جو
    هي نه آ واپار جنهن ۾ ڪو نفعو نقصان ٿئي
    ڪنهن جي دل راضي ڪرڻ آ ڪم رضاڪاريءَ جو

    16 سيپٽمبر 1984ع

    ***

    قطعو

    مُنهن اگهاڙيون مينڌريون ڏسي ڪير چوي
    رئو ته رکيل آ ڳچيءَ ۾ سو مٿي ڪين پوي
    چارو ناهي چوڻ جو پر روح به نه ٿو رهي
    شل تن کي شرم پوي جو پردي ۾ ٻيهر پسان

    5 آڪٽوبر 1989ع

    ***

    قطعو

    جهڙا گل گلاب جا تهڙا پهرن ويس
    اڇن وارن واريون هڻن ڪارا ڪيس
    لُڏن لمن ڪيئن ٿيون مارن نٿيون ميس
    لڏي ويا درويش ڪيئن ڏسن ها منهن اگهاڙيون

    16 آڪٽوبر1984ع

    ***

    قطعو

    ڌڻِي تنهنجي دنيا گهڻي آ نرالي
    شهنشاهه گداگر به تو وٽ سوالي
    غريبن جو تون ئي نگهبان آهين
    تون بخشيندين بندا مُلان ۽ مَوالي

    25 سيپٽمبر 1984ع

    ***

    اچين جي اڱڻ منهنجي لال وڳو پائي
    چميون ڏيئي چاهه سان توکي ڳل لائي
    سيني ۾ سمائي درد سمورا دور ڪيان

    3 نومبر 1984ع

    ***

    عشق وارن جي اکين ۾ اشڪ نت جاري ڏٺم
    انڪري تصوير تنهنجي مون بنائي ڪانه آ
    مسڪرائڻ تنهنجو ٽڙندڙ گل جيان
    ٻين کي کلندي ملي خواري ڏٺم

    ****

    ڇو نه ڇاتين کي ڪيو ڇاڻيون ڇلي
    ته به اسان جورت ست سنڌ جي بلي
    منهنجو مارن کي اهو پيغام آ
    ڀل اسان جو لاش مٽيءَ ۾ مِلي

    9 ڊسمبر 1984ع

    ***

    نگاهون تيز خنجر جان هڻين ٿو گھوري گڙ پائي
    اهو انسان ڪهڙو خوش ٿئي جو ٻئي کي تڙپائي

    8 ڊسمبر 1984ع

    ***

    واهه جي رونق واهه جي محفل
    واهه جو ماضي واهه مستقبل
    لوڏا لهرون لڙهي لڌو آ
    اسين به پنهنجو ساحل


    اهڙي منزل تي اچي چڪو آهيان،
    پوئتي هٽڻ لاءِ ضمير اجازت نٿو ڏئي،
    اڳتي وڌڻ کان دل مجبور آهي،

    ****

    ورائي ويرن کي ڏيڻ ويڻ آئي،
    سڀئي چئو اسان جي اها ڀيڻ آئي،
    نه ڪي بند جو ڀئو سزا جو ڪو خوف،
    نياپي نئين سان ڀري نيڻ آئي.

    ***

    قطعات

    ڇا پڇو ٿا مان ڪهاڻي ڇا ڪريان
    عيد تي آيو نه جاني ڇا ڪريان
    ڪو شريڪِ غم نه دنيا ۾ رهيو
    ڪا نه آئي آ نشاني ڇا ڪريان

    ڪجهه غور ڪر غريب جي تنهنجي هٿ آ حياتي
    سيني ٿڌي سان سوچ نه ٿي جانب جذباتي
    ڇو پيار ڏئي ايڏو ٿي پر ڀرو بيٺين
    ههڙي ڪا منهنجي ٿيندي حالت نه سڃاتي

    11 نومبر 1984

    ***

    اکين کي اڄ مون چيو ڏسي چپ ڪيو
    هي دنيا جو ڌنڌو آهي ايئن هلندو پيو
    هر ڪو بي وفا ٿيو آهي هت هن دؤر ۾

    7 جولاءِ 1985

    ***

    وستيءَ وستيءَ ويراني شهرن ۾ دهشت گردي آ
    اوٽ امن جي وٺي ڪري ٿو حملو تنهن کي وردي آ
    ڏينهن ڏٺي جو چوريون ڌاڙا اغوا ڦرلٽ جاري آ
    هن موسم ۾ منهنجا سائين آئي ڪٿان بي دردي آ

    ***

    باغ جو باني هيو سو باغبان ڪاڏي ويو،
    مالڪِ محفل هيو سو پاسبان ڪاڏي ويو،
    ان شِوالي ۾ اها محفل اها رونق نه آ،
    سنت چترو رام هو سو مهربان ڪاڏي ويو،

    20 جون 1973

    ***

    وري ڀي حسرتون رهنديون ڇڏيو ڇاهي دنيا وارن،
    انهن کان ڪنهن پڇيو ڀي آ سڏيو ڇاهي دنيا وارن،
    اسان زر جي ته زنجيرن کان مَس آزاد ٿيا آهيون،
    اسان راهي رڻن جا هون گڏيو ڇا هي دنيا وارن،

    1981ع

    ***

    ليڊرن جا ٻار ٿا ٻاهر پڙهن، حاڪمن جا ٻار ٿا ٻاهر پڙهن،
    هت به آ تعليم جو چرچو وڏو داخلا لاءِ مسئلا ٿا منهن چڙهن،
    ٻار هاريءَ جو اگهاڙي انگ آ جاءِ تنهن کي ڀي تڏي تي تنگ آ،
    ٻار واپاريءَ جي پٽ جا ٿا وڻن، ليڊرن جا ٻار ٿا ٻاهر پڙهن،

    20 جنوري 1986ع


    اقوال زرين

    آزمايو ويندو

    1. بهادر مقابلي جي وقت
    2. مستقل مزاج (بردبار) مصيبت جي وقت
    3. امير مفلسيءَ جي وقت
    4. عورت جي محبت بک (فاقه) جي وقت
    5. دوست ضرورت جي وقت
    6. بهادر (بردبار) ڪاوڙ جي وقت
    7. شريف وعده خلافيءَ جي وقت


    دوستي نه ڪجي

    1. لالچيءَ سان
    2. بدڪار ۽ مڪار سان
    3. دوست جي دشمن سان ۽ دشمن جي دوست سان
    4. مغرور سان
    5. اڻ ڄاڻ ۽ بخيل سان
    6. بيوقوف ۽ ڪوڙي شاهدي ڏيندڙ سان
    7. جنهن شخص کان والدين منع ڪن


    ظاهر نه ڪجي

    1. ڪنهن جو عيب
    2. دل جو راز
    3. پوري طاقت
    4. امانت
    5. سفر جو طرف
    6. واپار جو نفعو ۽ نقصان
    7. زياده ضرورت


    ڀڄ پري

    1. بري صحبت کان
    2. الزام لڳڻ جي جاءِ تان
    3. جهيڙي ۽ ڪيس کان
    4. نشئيءَ جي مجلس کان
    5. غيبت ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کان
    6. فحش ناولن ۽ رسالن کان....
    7. وڏيري کان جڏهن سُڃو ٿئي
    8. ڪميني کان جڏهن دولت مند ٿئي


    ڀروسو نه ڪجي

    1. ڪڪر جي ڇانوَ تي
    2. ڌاري عورت جي پيار تي
    3. خوشامدي جي تعريف تي
    4. مطلب پرست جي دوستي تي
    5. جواريءَ جي مالداريءَ تي
    6. کاڌي پيتي جي دوستيءَ تي
    7. تندرستي ۽ زندگيءَ تي
    8. دولت تي


    شڪايت نه ڪجي!

    1. پنهنجي قسمت جي
    2. زماني جي
    3. اولاد جي سامهون پنهنجي وڏن جي
    4. پنهنجي (ذاتي) گهر کي تنگ سمجهڻ جي
    5. غلطيءَ ۾ به ماءُ پيءُ ۽ استاد جي
    6. غير جي سامهون دوست جي
    7. زال جي سامهون ساهرن جي
    8. موڪلائڻ وقت (کان پوءِ) پنهنجي مهمان جي


    ضروري ته آهي!

    1. جهڙيءَ صحبت ۾ رهجي اهڙو ئي ٿجي
    2. هرڪم ۾ جلدي ڪجي ۽ نقصان نه پهچي
    3. دنيا سان دل لائجي ۽ پشيمان نه ٿجي
    4. همت ۽ مردانگي کي شعار بنائجي ۽ گوشه نشين ٿجي ٻي سان پڄي نه سگهجي
    5. گهڻو ڳالهائجي ۽ ڪوفت نه ٿئي
    6. عورت جي صحبت ۾ ويهي ۽ رسوا نه ٿي
    7. ٻي جي جهڳڙي ۾ پوي ۽ مصيبت ۾ نه ڦاسيي


    نه کائجي

    1. گهڻي خوراڪ
    2. هر ڪنهن جي سامهون
    3. گهڻيءَ بک کان سواءِ
    4. بازار ۾ بيهي
    5. حرام جو مال
    6. هر ڳالهه تي قسم


      قبول ڪجي

    1. نصيحت واري ڳالهه چاهي ڪوڙي هجي
    2. ڀاءُ جو عذر چاهي دل نه مڃي
    3. دوست جو تحفه چاهي حقير (گهٽ) هجي
    4. غريب جي دعوت توڙي تڪليف اچي
    5. والدين جو حڪم چاهي ناگوار هجي
    6. پنهنجي غلطي چاهي ذلت ٿي
    7. نيڪ زال جي محبت چاهي اها(زال) بد صورت هجي.


    هار (شڪست) مڃجي

    1. علم ۽ هنجر جي اظهار ۾ استاد کان
    2. زبان هلائڻ ۾ عورت کان
    3. وڏي آواز سان ڳالهائڻ ۾ گڏهه کان
    4. بحث ڪرڻ ۾ جاهل کان
    5. کائڻ پيئڻ ۾ ڀيٽيءَ (ساٿيءَ) کان
    6. مال خرچ ڪرڻ ۾ وڏائي خور (هٺيلي) کان
    7. وڙهڻ ۾ زال کان


    حماقت جي نشاني آهي!

    1. بنا نيڪيءَ ۽ عبادت جي آخرت ۾ ثواب ۽ جنت جي اميد رکڻ
    2. پاڻ بي وفائي جي عادت هوندي ٻين ۾ وفا جي اميد رکڻ
    3. بد اخلاقي يا بخل هوندي سچي دوستي جي اميد رکڻ
    4. آرام طلبي ۽ سستي سان گڏ مراد حاصل ڪرڻ
    5. زال سان روز وڙهڻ جي باوجود گهر ۾ راحت ۽ سڪون جي اميد رکڻ
    6. اولاد جي مذهبي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ باوجود نافرمان ٿيڻ جي اميد رکڻ
    7. بيماريءَ ۾ بد پرهيزيءَ سان تندرستيءَ جي اميد رکڻ


    اچي ٿي!

    1. فضول خرچي ڪرڻ سان مفلسي
    2. محنت ۽ ديانت ۽ ڪفايت شعاريءَ سان دولت
    3. بي ادبي ڪرڻ سان بد نصيبي
    4. يتيم جو بيوه جو ۽ واقف ڪار جو مال ناحق کائڻ سان بي برڪتي
    5. بزرگن (وڏن) جي ڪچهريءَ ۾ ادب ۽ سمجهه
    6. غيبت (گلا) ڪرڻ ۽ ٻڌڻ سان بيماري
    7. مصيبت ۽ تڪليف ۾ صبر ڪرڻ ۽ شڪر ڪرڻ سان راحت


    وٺون ڀاڄي ڪا ڀلي

    ڇلي ڙي ڇلي کڻِي بازار هلي وٺون ڀاڄي ڪا ڀلي،
    گهرئون چون ٿا گوشت ڏي آڻي،
    مڇي مهانگي چيو مهاڻي،
    کائون ساڳ يا پلي، وٺون ڀاڄي ڪا ڀلي،


    اشارن جي ڳالهه ڪر

    ڪوڙن قصن فسانن نه اشارن جي ڳالهه ڪر،
    مون سان وري به منهنجي پيارن جي ڳالهه ڪر،
    سارو جهان سمهي ته به نيڻن کي ننڊ ناهي،
    تارا اٿي گواهه ستارن جي ڳالهه ڪر،


    هاڻي ته نه نڪي هار نه سينگار ٿو گهرجي

    هاڻي ته نه نڪي هار نه سينگار ٿو گهرجي
    محبوب به واعدي جو وفادار ٿو گهرجي
    ڇا کئون وڃي ڇڄي ٿي ياري ٻڌائجو
    نسخو اهو ڇپائڻ نروار ٿو گهرجي


    نثر

    سنڌي زبان جا مسئلا

    ٻه ماهي اسٽوڊنٽ نيوز ويوز، آڪٽوبر

    اسان جي سنڌي زبان/ ٻوليءَ کي ائين ته نظر انداز ڪيو ويو، جو معلوم پئي ٿيو ته ڄڻ هن جو ڪو وجود ئي ڪونه هيو، مگر وري به همٿ ڪري اسان جي تعليمي ادارن ۾ ان کي ڪجهه نه ڪجهه جاءِ ملي ۽ بنيادي طور هيءَ ٻولي مستحڪم ٿيندي نظر آئي.
    اسان جي ٻين ادارن، اهي کڻي ڇپائيءَ جا مرڪز هجن، يا سماجي، جنهن ۾ بزمون، ادبي انجمنون ۽ سنڌي ادبي سنگت هجي، انهن هن ٻوليءَ کي جاڳرتا بخشي. مگر اڄ ڏينهن تائين اسان جي ٽيليويزن تان اسان لاءِ ڪو به تعليمي پروگرام نشر نه ڪيو ويو آهي. جن جي اڄ ڪلهه اشد ضرورت آهي.
    هونئن ته تعليم کي عام ڪرڻ، سنڌي زبان کي ترقي وٺرائڻ لاءِ وڏا وڏا اعلان ٻڌجن ٿا، مگر ٽيليوزن وارو ذريعو اسان لاءِ الائي ڇو گونگو فلم آهي.
    تعليم جو معيار: اسان جي تعليمي ادارن ۾ درسي ڪتابن جا ته انبار آهن، ۽ ٻار جو هنن ڪتابن جو بار به ڪونه کڻِ سگهن، ته اهي پڙهي وري ڇا سگهندا؟ تعليم کي مفت جاري ڪيو وڃي ها، مگر! هتي فنن جي ڀرمار آهي، روزانه خرچ ۾ تعليم جو خرچ به شمار ٿيڻ لڳو آهي جيڪڏهن ڀاڄيءَ جو خرچ ڏهه روپيا آهي ته پڙهائيءَ جو خرچ وري ڏهن روپين کان به مٿي ضرور هوندو، پوءِ اهو به هڪ ٻار يا ڪنهن ڪتاب وغيره تي ڇو نو هجي، هن کان اڳ سال ۾ هڪ دفعو ڪتابن جو خرچ هوندو هو، سو به برداشت جي اندر هوندو هو.
    سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڊائجسٽ وغيره ته ڇپجن ٿا مگر اسان جو طبقو غريب هجڻ ڪري خريد به نٿو ڪري سگهي، پر فرصت نه هجڻ ڪري هو لائبريريءَ ۾ به پڙهڻ لاءِ نٿو پهچي سگهي. اسان جي زندگيءَ کي ايترو ته مصروف رکيو ويو آهي جو ماڻهو سک جو ساهه به نٿو کڻي سگهي. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي آهي ته علم کان سواءِ معاشي طرقي ٿيڻ ناممڪن آهي مگر گهٽ ۾ گهٽ غريب کي علم جي زيور سان ته آراسته ڪيو وڃي.
    سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ڏني وڃي، اسان وٽ پهرين نمبر تي انگريزي ٻي نمبر تي اردو آهي، ۽ ٽئين نمبر تي سنڌي ٻولي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ اعلى امتحان لاءِ سنڌي کي لازمي مضمون جو درجو ڏنو وڃي.
    سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ دفتري درجو ڏئي سرڪاري ادارن ۾ استعمال لاءِ لازمي قرار ڏنو وڃي.
    ”سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ جا درسي ڪتاب اڪثر غير سنڌي ماڻهن کان ترجمه ڪرايا وڃن ٿا ۽ ڪمپوز ڪرايا وڃن ٿا نتيجي ۾ غلطين سان ڀريل ڪتاب بازار ۾ وڪرو ٿين ٿا، تنهنڪري اسان جي ماهر استادن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.
    اسان جي ٻوليءَ کي اهو به اعزاز آهي جو بر صغير ۾ ”قرآن مجيد“ جو ترجمو به پهريون سنڌيءَ ۾ ڪيو ويو، ان کان علاوه ڪيترائي ڪتاب ۽ ترجما آهن جيڪي اهڙين اهڙين خاصيتن ۽ صنعتن سان ڀرپور آهن جو دنيا ڏسي دنگ رهجيو وڃي. ان تي اسان کي فخر آهي.
    تعليم حاصل ڪرڻ کان ته اسان کي انڪار نه آهي، مگر اسان غريبن کي ان ميدان ۾ اهڙي ته هار ڏني وڃي ٿي جو اسين پاڻ ئي ميدان ڇڏي وڃئون ٿا.
    اسان جي ٻوليءَ ۾ تحقيقات ڪندڙن کي همٿايو وڃي. ايم ايڊ، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي تحقيقاتي مضمون کڻندڙن جا مقالا شايع ڪرايا وڃن، جيئن ايندڙ شاگردن لاءِ رهنمائي به ٿئي ۽ ٻي طرف ادب ۾ تحقيقات ڪندڙن کان ادبي سرمايو وڌندو وڃي. اسڪولن مان گائيڊيون ختم ڪيون وڃن. ذهين ۽ غريب شاگردن ۽ استادن جي همٿ افزائي ڪئي وڃِ. قديم ۽ جديد ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ ڊڪشنريون ڇپائي مناسب اگهه سان مارڪيٽ ۾ آڻڻ گهرجن، آخر ۾ ان ڳالهه جو افسوس سان ذڪر ڪرڻ کان نٿو رهجي سگهجي ته سنڌي ٻوليءَ کي جائز مقام نه ڏنو ويو آهي.
    *****


    استاد جا فرض ۽ ذميواريون مضمون (نثر)

    ٻه ماهي اسٽوڊنٽ نيوز ويوز

    استاد ورڊ بينڪ (قيمتي الفاظ) جو مئنيجر آهي ان سان گڏ اسڪول ۾ قوم جي قيمتي امانت يعني ٻارن کي تهذيبي، تمدني، جسماني خواه روحاني تعليم به ڏئي ٿو سٺي استاد جو فرض آهي ته هو پنهنجو ڪم محنت ۽ انساني خدمت جي جذبي سان ادا ڪري ۽ ضروري آهي ته هو شاگرد جي نفسيات کان واقف هجي، تدريس جي طريقي جي اهليت رکندو هجي ۽ شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪري سگهي، پنهنجا خيالات چڱيءَ طرح سان بيان ڪري سگهي.
    شاگردن جي سنڀال هڪ مشڪل مرحلو آهي مگر نظرداري ڪرڻ استاد جي ذميواري آهي ان کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته ماءُ جي هنج ٻار جو پهريون مڪتب آهي، پر ان کان پوءِ استاد ئي آهي جيڪو ٻار کي انسان بنائي ٿو.
    سٺي استاد لاءِ لازمي آهي ته شاگردن جي مسئلن کان مڪمل واقف هجي ۽ انهن کي سهڻِ نموني حل ڪري.
    استاد بردبار، جفاڪش، خوش مزاج هجي،
    خوش اخلاق ۽ خوش مزاج استاد ئي عوام ۾ پنهنجو اعلى مقام حآصل ڪري سگهي ٿو.
    استاد معاشري جي معزز شخصيت آهي، جنهن کي هر هنڌ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ حڪومت جا اعلى عملدار پنهنجي عزت ئي انهيءَ ۾ سمجهندا هئا جو هو سفر وقت وڃي ڪنهن نه ڪنهن استاد وٽ رهندا هئا انهن جي نظرن ۾ استاد کان وڌيڪ ميزز ۽ مهمان نواز ڪو ٻيو شخص نه هو ۽ هو ان ڳالهه کي فخر سان چوندا هئا ته اسين استاد وٽ مهمان ٿي آياسين.
    اُهي با اخلاق، رلڻا ملڻا، محبتي ۽ وهنوار جا سچا، لالچ کان بالاتر ۽ حرص کان پري هئا. انهيءَ سببن جي ڪري استاد کي مقبول شخصيت مڃيو ويندو هيو.
    استاد کي وقت جو پابند رهڻو پوي ٿو جيڪڏهن پاڻ وقت جي پابندي نه ڪندو ته ان جو اثر شاگردن تي به پئجي سگهي ٿو، اهو استاد ئي آهي جيڪو عالم، فاضل، ڊاڪٽر، انجنيئر، صدر، وزير اعظم ۽ ٻيا ڪيترائي عملدار پيدا ڪري ٿو. ”قوم جي هر فرد جي تقدير آهي استاد“ ٻيا ته سڀ هنرمند پنهنجو فن ڳجهو رکندا آهن پر ويچارو استاد ايڏو ته سخي آهي جو هو پنهنجو علم ته سيکاري ٿو پر ٻين کان علم سکي به ٻارن کي سيکاري ٿو.
    سٺي استاد هجڻ لاءِ هو پاڻ اسڪول اندر يا ٻاهر اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي جي طور طريقن ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪري جيئن پاڻ مثالي نمونو هجي جنهن مان شاگرد به سبق حاصل ڪري سگهن پر اڄ جا استاد نهن سڀني ڳالهين کي وساري حرص ۽ لالچ جي پويان پيل آهن، معاشرو به انهن چند استادن کي حقارت جي نظر سان ڏسي ٿو.
    جيڪڏهن استاد پنهنجي عظمت جو پاڻ محافظ نه آهي ته سندس هٿ ۾ جيڪا معمارن جي واڳ آهي اها ڍلي ٿي پوندي، انڪري مستقبل جي معمارن جو محافظ ٿي پنهنجو حق ادا ڪري جيئن شاگرد به ان جي پيروي ڪن.
    حضرت علي ڪرم الله وجهہٗ جو قول آهي ”شاگرد استاد جو اهڙو ته گرويده ٻانهو آهي جنهن جي ڳچيءَ مان غلاميءَ جو ڳٽ موت کان سواءِ نٿو نڪري.“


    بزم گلشن لطيف شڪارپور

    جناب صدر مجلس! معزز سامعين،السلام عليڪم!
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو،
    شاهه
    اها ته سڀني کي سڌ آهي ته سنڌي ادب قديم ادب آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هر حصي ۾ ڪيتريون ئي ادبي جماعتون، سوسائٽيون ۽ بزمون، انجمنون قائم ڪيون ويون آهن. جتي ادب جا متوالا ادب جي پرچار ڪري اهو ٻڌائيندا آهن ته اسان جو ادب جيئن قديم آهي تيئن اسان جي ثقافت به!
    اسان جي ادب ۾ لوڪ ڪهاڻيون، گيت، غزل، ڏهيڙا، آکاڻيون، مضمون، تقريرون، بيت ۽ پهاڪا چڱيءَ طرح چٽا آهن. اگرغور سان ڏسبو ته ان ادب کي اوسر ڏيڻ ۾ شاعريءَ جي حصي گهڻي کان گهڻي مدد ڏئي اسان تائين پهچايو آهي. اوهين قرآن شريف کي پڙهو ۽ هوڏانهن شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيو ته ڇا تِر جيترو به فرق ڪڍي سگهندؤ، نه! ان لاءِ ته شاهه صاحب خود فرمايو آهي؛
    جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين،
    نيو من لائين پريان سندي پار ڏي،
    شاهه
    ڪٿي تقرير هلندي ته ايترو ڌيان ڏئي ڪونه ٻڌبو جيستائين ان ۾ شعر يا بيت موجب مثال نه چيا وڃن مطلب ته هر منجهيل مسئلي کي شاعريءَ ۾ آسانيءَ سان سمائي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته نظم ڳائڻ ۾ سولو، سمجهڻ ۾ آسان آهي ٻڌڻ وارو غور سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڪڏهن به تقرير ٻڌڻ واري وانگر بيزاريءَ جو اظهار نه ڪندو، ان لاءِ آءٌ چوندس ته نظم جو نثر کان اتم درجو آهي.
    انهيءَ ئي مقصد خاطر شڪارپور شهر ۾ هڪ نئين بزم ”بزم گلشن لطيف“ جو اڄ بنياد رکيو وڃي ٿو. 23 جنوري 1973ع افتتاحي مشاعره به ”سيرت النبيﷺ“ جي موضوع تي منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن جو سمورو انتظام محترم رحمت الله شوق جن ڪيو اهڙن جوانن کي جس هجي، هن مشاعري ۾ ڪيترن شاعرن، پنهنجي نڪور نظمن ۽ غزلن کي پيش ڪيو.
    رهبرن جا پتا پيچرا منزل تي پهچائڻ لاءِ هوندا آهن مگر سچ کان هرڪو سرندو ٿو وڃي ۽ ڪوڙ ڏانهن ڪڏندو ٿو وڃي جيئن ته هن بزم جو نالو ”بزم گلشن لطيف“ رکيو ويو آهي، اِن مناسبت سان مان هڪ راءِ پيش ڪندس ته سهڻي لطيف جي رسالي مان هر سڏايل مشاعري ۾ منڍ کان وٺي هر بيت جو نمبروار ترجمو سمجهاڻيءَ سميت پيش ڪرڻ جو پروگرام بنايو وڃي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو عزم ڪريون. متان اسان جو مهربان رب جل جلالہ اسان کي هن ڪوڙي دنيا جي ڪلورن کان بچائي پنهنجي پناهه ڏي.
    اميد آهي اسان جا دوست ادبي خدمت ۾ ساٿ ونڊائي بزم گلشن لطيف سان ساٿ ڏئي همدرديءَ جو ثبوت ڏيندا.

    قريشي نعيم الله ”صابر“


    ڪهاڻي : ”ڀورل خان جي بستي“

    هڪ ڏينهن مون شهر کان، واهڻ طرف وکون کنيون، هر ڪنهن چيو هي بستي آهي، بستي ڀورل خان جي، ڀلا هت ڪهڙو آهي انتظام، مون پڇيو ۽ جواب ۾، سڀ ٿي ويا خاموش! پر هڪ پير مرد اٿي چيو، خاموشيءَ کي ٽوڙي، هت، بادشاهي آ بادشاهي، مگر ڪنهن جي؟ هت ته يونين ڪائونسل جي آفيس به نه آهي، پوءِ هيءَ بادشاهي ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آهي اسان ته تاريخ ۾ به نه پڙهيو ۽ نه جاگرافيءَ ۾ ڪنهن نقشي تي نظر آئي.
    بزرگ وراڻيو!
    هت پوليس جو پهرو نه آ هت عملدار جو آکيرو نه آ، عدالت جو ڪمرو نه آ، اونڌاهين جو گهر آ اونڌاهين جو، سانجهيءَ تائين سويرو آ، پر ان کان پوءِ انڌيرو آ، محنت به اسان جي آهي مڃيل خلقت به ڳوٺن ۾ آ گهڻي، پر تڏهن به نه ڪو آ داد نه ڪو فرياد اسان جو، اسڪولن جي خبر نه آهي ٻارن کي اسپتالون ٻڌندا آهيون، مگر اسان لاءِ نه نه؟؟ روڊ به ٻڌندا آهيون جن تي موٽر ڪارون هلنديون آهن، رات سڄي زوزاٽ ڪري پر اسان وٽ واٽ (رستو) ڪچي آ، جنهن تي هلندي اڃان به آهي بيل گاڏي، هيءَ ڀورل خان جي بستي آ.

    *****


    چاهه جي چهنڊڙي

    جيون ۾ جوڀن جي جوت جرڪندي آهي ته جوانيءَ جو جوش جاڳندو آهي، اهڙيءَ عمر ۾ انسان کي ارتقائي طور عمل جو آسرو ئي امداد مهيا ڪري ٿو.
    زندگيءَ جي انهيءَ زينه تي پير پهچڻ شرط تنهائيءَ جي طوق کي ٽوڙڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي ڪوشش ڪندي ڪنهن به ساٿيءَ جي سوچ سيني ۾ سمائجي ٿي، مگر ساٿي ڪهڙو ۽ ڪٿي هوندو آهي، ان جي لاءِ اکين جون عادتون وڃي هڻي هنڌ ڪن ٿيون. پنهنجي پسند جي پياري ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ ئي پريت جو پيچ پائي، سڄڻ سمجهي ساهه ۾ سانڍي سڪ ۽ سور جو سمو اچي ٿو، ۽ آهسته آهسته اهڙو اظهار ڪنهن نه ڪنهن نموني نروار ڪري نينهن جو نياپو پنهنجي پياري تائين پهچائڻ جي پوري پوري ڪوشش ۾ قدم کڄي ٿو.
    جڏهن اشارن جي عبارت سان اندر جو احوال اڳين کي معلوم ٿئي ٿوته محبت جي منزل ڏانهن همسفر بڻجي هلڻ شروع ڪجي ٿو.
    بچپن جي بي سمجهه ۽ بي مراد بيانن ۽ ننڍڙن نظارن جو نمونو جڏهن جيءَ ۾ جهاتي پاتي ته پنهنجي عمر اٺاويهه سال ۽ ساٿي به ستاويهن سالن کان ننڍو نه هو، نينهن جي ننڍي هوندي واري ناتي کي نباهڻ جو عمل ته ڄڻ امر آهي، انڪري پنهنجي جدا جدا پيچرن تان هلندي هلندي هڪڙي اهڙي هنڌ اچي هڪ ٿياسين، اسين وري موٽ کائي درد جو ڌوڌ دُکائي ويٺاسين ۽ وري وري ملاقاتين سان اسان جي چاهه کي چهنڊڙي پئي ۽ جذبا جاڳي پيا.


    9 مئي 1987ع


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1360703
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 404039
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ