ڪتاب جو نالو: چنڊ جهڙا پرين
مصنف: صابر سيدپوري
ڇپائيندڙ: سڀيتا پبليڪيشن ميهڙ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 14 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 2230 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 207 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • لک ڪلڪ تون لک..!! (مهاڳ)
  • ٻه اکر: ڇا ته شاعري آهي !
  • پنهنجي پاران: لک به لهان – ڪک به لهان.!
  • غزلَ

  • پنهنجي اکين م پيارا، هاڻي ويهار مونکي،
  • ڪوئي اگر ڪري ته ڪا، دعا ڪري،
  • محبوب سنڀارن کي، صدين کان سنڀاريان ٿو،
  • گلابي گلن تي ڀونئر ٿا ڀرن،
  • امر پيار آهي، امر پيار وارا،
  • سدا ڀاڳ واري، سدائين سونهاري،
  • ڪا رات رهي وڃجان،
  • باب آهيون درد جو ڇا ٿو پڇين،
  • آءُ اسان کان پيار وٺي وڃ،
  • هي گيت ئي منهنجو ميت اٿئي،
  • تنهنجي نيڻن ۾ منهنجو جڳت آ پرين،
  • عشق جي واٽ ٿو نهاريان مان،
  • اسان جي يار، پيار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا،
  • اکڙيون جي آگمن ته پو!
  • منهنجون هي ٻئي اکيون خالي،
  • اُجرو سانڍيل هي خيال ماڻين تون،
  • غم جو آغاز هان، غم جو انجام هان،
  • اکين جا، مينهن وسندا ڏس،
  • ديدار يار آهي، نئين زندگيءَ جو مرڪڻ،
  • دلبرين تي ڇو ڪات تاني ٿو،
  • زندگيءَ جي قريب ٿيو آهيان،
  • غضب جي خوديءَ ۾ خدا ۽ سچل،
  • مونکي خوابن رُلايو روهن ۾،
  • سڄو ئي چاق ٿي ويو هان،
  • تنهنجو عشق پڙهان ٿو ڏسجان،
  • هڪڙي هڪڙي آهه پويان، ٿو ٻري آڙاهه ڏِسُ،
  • چنڊ مهمان ٿو ٿئي منهنجو،
  • هن عشق سان ڪير حساب ڪري،
  • ابتدا، انتها مٺا منهنجي،
  • منهنجو هي پيار ڇو، وسارين ٿو،
  • توکي هڪڙو شخص گهري ٿو،
  • محبوب زماني ۾ محبوب ڏٺم ماڻهو،
  • خون هاڻا سڀ پَلوَ احساس جا،
  • محبوب! رسڻ جي مند نه هئي،
  • ڪيڏيون تنهنجون سهڻيون اکيون،
  • هاڻ هن ۾ حجاب ڪونهي ڪو،
  • ڪنهن پار نئين ڏي اُڏري وڃجي،
  • پيار جو پيار تو ڏٺو ناهي،
  • زندگيءَ جا نصيب ڪاٿي آن،
  • زندگي جي بقا اکيون تنهنجون،
  • تنهنجي گهور رريشم، تنهنجو پيار ريشم،
  • عجب عاشقي آ،
  • نه ڪا جيت پنهنجي، نه ئي هار پنهنجي،
  • حسن آ، ڪائنات جو اوڀر،
  • منهنجي محبوب جون اکيون آهن،
  • چار گهڙيون هي زندگاني آ،
  • اسان جي ڀاڳ جا تارا، ڪڏهن کڙندين، ڪڏهن کڙندين،
  • وڃن ٿيون آپي مان نڪتيون چريون،
  • آ هلي هڪ وار، دلبر آ هلي،
  • اسان لاءِ ڄڻ ڪي نظارا نه ها،
  • ڏاڍو ساهه اُساٽيل آهي،
  • اسان ڪنهن جا طالب نه مطلوب آهيون،
  • تو به نه ڄاتي، منهنجي جهاتي،
  • هي بي ٿاڪ اکيون هي رولاڪ اکيون،
  • هن درد مئي جو مان درمان ڪٿان آنيان،
  • وائيُون

  • سنڌڙيءَ جو سرواڻ،
  • ڪرڻو ڪرڻو پيار،
  • ساهه کان تنهنجو پيار،
  • اڄ به تنهنجي راهه،
  • هئر هئي هيءَ حيات،
  • ڳاءِ ته ڳايون پيار،
  • گهوگهي ٿو ويراڳ،
  • ويٺي رنڍا روڙ،
  • لڱ اڃا ڀي لوهه،
  • باک جي ڄڻ راڳڻي،
  • دنيا ساري سُور،
  • ٿيندي ڪا ويڙهاند،
  • تنهنجي اعلا جوڙ،
  • ناهي پنهنجو ڏينهن،
  • پيار کان بس پيار تائين،
  • مانجهاندي جو ماڳ،
  • صابر توکي پيار،
  • ڪرهل! ڪاهي آءُ،
  • گيتَ

  • موسمون ويون هليون، يار آئين نه تون.
  • ڪنهن ڏي دل جي اُڏرڻ چاهي،
  • پنجڪڙا

  • وسي ٿي ڀينگ ڀاڻن ۾،
  • اکين جي ڀونءِ تي پوکيم،
  • ڪڏهن تون باک ٿي ايندين،
  • بهارون ٿيون ڏنگن جاني،
  • اسان جو پيار ساريندين،
  • سدائين سار تنهنجي آ،
  • ڪڏهن ورندين پرين پيارا،
  • اسان جو عشق آوارا،
  • پيار جو عنوان تنهنجا نيڻ ٻئي،
  • هوائون بي چيون آهن،
  • اسان ٿر جي تتل واري،
  • اسان کي ڪير ساريندو،
  • سان جي سوچ پنهنجي آ،
  • چوسٽا

  • عشق پارس ڪري، عشق موتي ڪري،
  • راهه تنهنجي ڏسي سمهي پيئي،
  • رنگ ڪيڏا کڻي شام آهي لٿي،
  • منهنجي علم هنر کي،
  • تنهنجي نگاهه خنجر،
  • هائيڪا

  • ڪوئي اڻائو واءُ،
  • اي درد ڏيڻ وارا،
  • تو پيار ڏنو آهي،
  • تو سار نه ڪا ساري،
  • ڪاٿي ته وڃي لاتئي،
  • مخمور نگاهن جي،
  • هر بازي اٿم هاري،
  • اکڙين ۾ آلاڻ،
  • سينگار به تون آهين،
  • ويران اکين ۾ ڪو،
  • بندوق هنئين ظالم،
  • اوَ پيار ڪٿي آهين،
  • اڄ ڀي منهنجا پار،
  • اکڙين جا الماس،
  • منهنجي توکي تات،
  • تو سان ڪنهن جو پيار،
  • ٻيرن اُڪريا ٻِيرَ،
  • وڻ وڻ تي وسڪار،
  • پنهنجو ڪهڙو بخت،
  • پنهنجو ورندو بخت،
  • ماريءَ ماريو هنجه،
  • ڪونهي ڪوبه سُڪون،
  • پئسي لئه انسان،
  • آءُ پياررل آءُ،
  • آءُ پيارل آءُ،
  • آءُ پيارل آءُ،
  • توکي جو وڻيو آهيان،
  • هر رات ڏنگيندي آ،
  • مان ڪونج جيان تنها،
  • اچُ شاهه عنايت اچُ،
  • اچُ شاهه عنايت اچُ،
  • اچُ شاهه عنايت اچُ،
  • ڪيڏو ڪيو سينگار،
  • ڪيڏا سُرها ساهه،
  • من ۾ جنهن جي مير،
  • ايندي نيٺ بهار،
  • تنهنجي هڪڙي جهات،
  • ماڻهو سارا مور،
  • سهڻي به نه ٿي بڻجين،
  • ڪي گهڙيون هوائون هن،
  • ڪنهن تان ته فدا ٿيندين،
  • منهنجي جيجل سنڌ،
  • هُو مرڪي هتان گذري،
  • ٻه دوها هڪ سرائڪي ڪافي ۽ غزل

  • دوها
  • سرائيڪي ڪافي
  • سرائيڪي غزل

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چنڊ جهڙا پرين“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب صابر سيدپوري صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. احمد شاڪر لکي ٿو:
    ”صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.“
    هي ڪتاب 2018ع ۾ سڀيتا پبليڪيشن ميهڙ پاران ڇپايو ويو آهي. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ڪتاب
    گهر جي سڀني ڀاتين جي نانءُ
    ۽
    اُن سان گڏ سنڌ جي وڻن ۽ پکين جي نانءُ
    صابر سيدپوري


    اداري پاران

    ادب قومن جو اثاثو هوندو آهي ۽ ادب ئي جهڙوڪ قومن جو آ.ينو هوندو آهي. سنڌي ادب پنهنجي جوهر ۾ جيترو جاندار آهي، اوترو ئي شاندار آهي.
    اسان جي پهرين وِکَ دوستي سٿ. سنڌ هئي ۽ اسان جي ٻي وِکَ سڀيتا-پبليڪيشن آهي ۽ اسان جو هڪ ئي مقصد آهي ۽ اُهو اِهو آهي ته، سماج ۾ جيڪا لاشعوري اُونداهي آهي، اُن اونداهه ۾ ميڻ بتي ٻارڻ يعني شعورَ جو مٺو ميوو مٽيءَ هاڻن ماڻهن آڏو رکڻ آهي.
    سڀيتا-پبليڪيشن جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي ۽ اهو ڪتاب اسان جي پياري شاعر دوست صابر سيدپوري جو آهي. هيءُ شعري مجموعو “چنڊ جهڙا پرين” اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ اسان لاءِ منزل ماڻڻ برابر آهي!
    -ادارو


    لک ڪلڪ تون لک..!! (مهاڳ)

    هر دور پنهنجي اندر هڪ درد کي کڏ کڻي هلندو آهي. ۽ اُن دور جي درد جي ڄاڻ هڪ شاعر کي ئي هوندي آهي.
    اهي شاعر ماضيءَ ۾ ڇو جيئڻ چاهيندا آهن؟
    شايد حال شاعرن جي حال کان لاتعلق رهيو آهي. اُن ڪري اهي ماضيءَ ۾ جيئندا آهن ۽ مري به ماضيءَ ۾ ئي ويندا آهن. ان ڪري جو جڏهن انهن کي ياد ڪيو ويندو آهي يا سمجهيو ويندو آهي. تڏهن اهي ماضي ٿي چڪا هوندا آهن. ايئن اهي ماضيءَ جو حصو بڻجي ويندا آهن. هُونءَ به هر آرٽ جو ڳُر ماضي ۾ لڪل هوندو آهي. ادب به آرٽ جو حصو آهي، بلڪ آرٽ ئي آهي. ان ڪري اسان ان جي پرک به ماضيءَ تي ڇڏي ٿا ڏيون. پر تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن کي ڪنهن نه ڪنهن جي ڪم تي ڪجهه نه ڪجهه چوڻ جو موقعو ملي ٿو ته اِهو ان تي پنهنجي ضرور راءِ ڏئي به ٿو پوءِ اها ڪنهن کي وڻي ٿي يا نه ٿي وڻي اهو الڳ معاملو آهي.
    ادب آرٽ جو اهو شعبو آهي جنهن جي اُڀ تي سهسين چنڊ، ستارا جڳمڳائي رهيا آهن. ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪهاڻي چمڪي پنهنجو ڌيان ڇڪائي رهي هوندي آهي ته ڪٿان ناول اک ڀڃي پاڻ ڏي سڏي وٺندو آهي. ڪٿان آپ بيتيون، ڊراما، سفرناما پيا تڪيندا آهن ته ڪٿان شاعريءَ جا ٽيڙو، ڪتيون پيون اشارا ڪنديون آهن.
    ۽ اڄ اسان شاعريءَ جي سفر تي روان آهيون ان ڪري ڳالهه شاعريءَ جي ڪنداسون، جهڙي ريت ٻوليءَ جو حسن ان جي گرامر ۾ آهي اهڙي طرح شاعريءَ جو حسن ان جي موزونيت آهي. ۽ انهي موزونيت سان گڏجي تشبيهون، تجنيسون ۽ استعارن، ڪناين جي ڳهڻن ان جي حسن ۾ جيڪو نکار آندو آهي. ان هن کي پنهنجي باقي ساهيڙين کان مٿڀرو مقام بخشو آهي. ۽ هن جي ٻي جيڪا خوبي آهي اُها ٻن ڌڙڪندڙ دلين کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڪرڻ جي آهي. ۽ اها ئي اصل خوبي آهي.
    شاهه عبداللطيف هجي، شيڪسپيئر هجي، غالب هجي يا رومي انهن جي شاعري مٿئين خوبيءَ جي ڪري ديس پرديس پڳي آهي. ۽ اها به شاعري جي اضافي قوت آهي ته هو پنهنجي ذاتي پيڙاءُ ۽ تڪليف کي دنيا جي درد ۽ تڪليف ۾ تبديل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. جنهن ڪري سندس ڳالهه دنيا ۾ ٻڌي به وڃي ٿي ۽ ورنائي به وڃي ٿي. جنهن ڪري هي دنيا جو دادلو بڻجي وڃي ٿو. ۽ دنيا هن سان پيار ڪري ٿي.
    جيستائين سنڌي شاعريءَ جو تعلق آهي ته اِها پنهنجو ماضي رکي ٿي، هن کي پنهنجو حال آهي ۽ مستقبل به هن جو شاندار ئي آهي. ن جو ماضي جيڪو ڀٽ ۽ ڀانن کان شروع ٿي شاهه، سچل ۽ سامي جهڙن شاعرن جي چين ۾ پوتل آهي جڏهن ته هن جو حال امداد حسيني، اياز گل، علي دوست عاجز، اسحاق سميجو جهڙن شاعرن جو اسانکي مُک درشن ڪرائي ٿو ته اتي گلزار، احمد سولنگي، ذوالفقار گاڏهي سميت ڪيترائي شاعر آهن جيڪي اسان جي آئيندي جو درپن آهن ۽ انهن ۾ هڪڙو نالو صابر سيدپوري به آهي.
    صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي. ۽ انهي شاعري هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. “چنڊ جهڙا پرين” هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي. هُو جهڙا سهڻا غزل لکي ڄاڻي اهڙيون سهڻيون وايون به لکي ڄاڻي.
    چنڊ تارا ڇو ڏسان مان،
    يار جي ديدار تائين.
    زندگي گذري اٿم.
    جهڙي سهڻي وائي آهي تهڙي ئي سندس وراڻي آهي ۽ جنهن شاعر وٽ اهڙا شعر هجن، ان کي ڪير نظر انداز ڪري سگهي ٿو-؟
    ۽ نظر انداز به ڇو ڪري؟!
    صابر جي شاعري جو استعارو پيار آهي، تنهن ڪري سندس شاعري پيار ئي پيار آهي. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ پيار جو گردان گهڻو آهي. ان جو سبب ڪٿي هن جي جيون ۾ پيار جي ڪا کوٽ ته نه آهي. جي آهي ته ان جي ڳولا به اسان کي سندس شاعريءَ ۾ ڪرڻي پوندي.
    پاڻ هڪڙي ڪهاڻي ٿي ويندڙ،
    ڪهڙي ويٺو لکين ڪهاڻي ٿو.
    هي شعر جنهن غزل جو آهي، اهو سڄو غزل تغزل ڀريو آهي. ۽ صابر جي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيئي شعر لعلن ۽ جواهرن جيان جرڪي رهيا آهن.
    ڪرهل ڪاهي آءُ،
    چنڊ به ترسايو اٿم.
    وڻ وڻ ٻهڪي ٻور ۾،
    چوڏس سُرهو ساءُ.
    چنڊ به ترسايو اٿم.
    هيءَ وائي هڪ مثالي وائي آهي ۽ هيءَ وائي نه رڳو شاعرَ جي شاعريءَ جو هڪ اعليٰ نمونو آهي پر، هيءَ وائي سنڌي شاعريءَ جي معيار جو به هڪ نمونو آهي.
    چنڊ ۾ تون آن، چنڊ پڻ تو ۾،
    تون به ٻرين ٿو، هُو به ٻري ٿو!
    تقريبا هر شاعر محبوب کي چنڊ جي تشبيهه ڏني آهي ۽ خود صابر به ڏني آهي.
    چنڊ مهمان ٿو ٿئي منهنجو،
    پورو ارمان ٿو ٿئي منهنجو.
    پر، هنن سٽن ۾ اظهار انوکو آهي؛
    چنڊ ۾ تون آن، چنڊ پڻ تو ۾،
    تون به ٻرين ٿو، هو به ٻري ٿو.

    اِهو خيال ٻين خيالن جي اُبتڙ ته آهي ئي آهي پر، منفرد به آهي.
    منهنجي پگهر جي دم سان آباد آ زمانو،
    وک وک تي روشني آ، وک وک تي آشيانو.
    ۽ اهو ئي آرٽ آهي جو، جنهن ڪردار تي اوهان لکو ۽ ان ڪردار جو جيڪو آواز هجي اُهو ايترو ته نرالو هجي جو ڪٿي به ان ڪردار کي مبهم نه ڪري ڇڏي بلڪ ان جي حُسن ۾ نکار آڻي ۽ ان جي اڀار جو سبب بڻجي. صابر جو هي شعر اسان جي موجوده دور جو الميو آهي.
    دوستيءَ کي پيو وڌايان ڏس،
    دشمني جي قريب ٿيو آهيان.
    -
    غم جا ڀاڻا وڃان ڀريندو ٿو،
    هر خوشيءَ جي قريب ٿيو آهيان.
    مٿي ڏنل ٻن شعرن وارو سمورو غزل هڪ عجيب غزل آهي. نه ابهام آهي هن غزل ۾ ۽ نه ئي وري ڪو فلسفو پر، ان جي باوجود به جيڪڏهن ڪو شاعر، پارکو يا نقاد هن غزل جي تهه تائين هڪ عاشقانه نگاهه رکندو ته اِهو ئي محسوس ڪندو ته هيءُ غزل ڪيترو نه وڏو آهي. هر سِٽ ٻي سِٽ جو ضد آهي. زندگي خودڪشي، دوستي دشمي، غم خوشي، اونداهه روشني، موت زندگي ۽ اها شاعرَ جي ڪماليت ئي چئي سگهجي ٿي ته، فلسفانه موضوع ۾ هڪ ننڍڙي پنجن شعرن جي غزل جي گرفت ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان ۽ سهڻي نموني سان قلم بند ڪيل هجي.
    گهڻن ئي شاعرن سنڌ جي نظارن، سنڌوءَ جي ڪنارن، کيرٿر جي جابلو قطارن کي ڪنهن نه ڪنهن سهڻي حوالي سان پنهنجي ڪويتائن م ڳايو آهي. پر صابر جو اهو انداز بيان بنهه منفرد آهي سنڌ سان عشق جي حوالي سان ته، صابر؛ سنڌ جي انهن تمام گهٽ شاعرن مان هڪ شاعر آهي، جنهن سنڌ کي سڳي ماءُ سڏيو آهي.
    سدا ڀاڳ واري، سدائين سونهاري،
    سڳي ماءُ جهڙي، مٺي سنڌ پياري.
    ڪيڏي نه سهڻي ۽ سليس وائي آهي هي:
    تنهنجي آهيان نُور سان،
    جيسين منهنجي ٽوڙ.
    آءُ آهيان ڇا پرين!
    سندس شاعريءَ جو هڪ هيءُ به پاسو آهي ۽ اُهو پاسو ڏاڍو وڻندڙ ۽ اثر ڇڏيندڙ آهي ۽ اُهو پاسو سندس شاعريءَ ۾ گيڙو رنگ آهي ۽ اُهو گيڙو رنگ شيخ اياز جي غزلن جي “گيڙو ويس غزل” کان گهڻُ مختلف ۽ صُوفيت جي رنگ سان رڱيل آهي. اِها صابر جي ڪمال ڪاريگري چئجي ته، هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ گيڙو رنگ کي ايترو ته سهڻو ۽ حسين نموني سان آندو آهي جو، سندس شاعريءَ جو اصل رنگ پنهنجو الڳ ٿلڳ نظر اچي رهيو آهي، نه ته گهڻن شاعرن اِن گيڙو رنگَ کي پنهنجي شاعري ۾ استعمال هيٺ آڻيندي پنهنجي شاعريءَ جو اصل رنگ ڦٽائي ڀتو ڪري ڇڏيو آهي.
    جوانيءَ جي جذبن کي ميندي لڳي،
    رڳو هڪ گهڙي ئي ڏسي هو کلن.
    هيءُ خيال خواهشيات جي خزانن جو هڪ انمول موتي آهي ۽ اهو خيال نه صرف نئون آهي پر، اِن خيالَ کي پوئڻ جي ادائگي به نئين آهي. جوانيءَ جي جذبن کي ميندي لڳڻ ۽ اها جوانيءَ جي جذبن کي ميندي لڳڻ ئي ته سڦلتا آهي!
    هيٺ مختلف غزلن جا وڻندڙ شعرَ ۽ پهريان اِهي وڻندڙ شعرَ ۽ پوءِ انهن تي راءِ؛
    اگر پيار پنهنجو نٿو ڏيڻ جي چاهين،
    کلي ڏي اِهو ئي تون آزار ريشم.
    -
    عشق کي تون مذاق ٿو ڀائين،
    شينهن جو وار تو ڏٺو ناهي.

    هي ڀي تڏهين سڏائي سهڻي ٿي،
    هن جو ميهار تو ڏٺو ناهي.
    -
    محبوب زماني ۾ محبوب ڏٺم ماڻهو،
    هن چنڊ کان ڀي سهڻا وڌ خوب ڏٺم ماڻهو.
    -
    اڪيلا نه آهيون اسان جا ٿي ساٿي،
    پکي، وڻ، ڪڪر ۽ هي سهڻا ستارا.
    هي مٿيان ترتيب وار غزلن جا جيڪي شعرَ مون ڏنا آهن اهي سڀ پنهنجي پسند جا شعرَ آهن، جيڪي هن مجموعي جا انتهائي خوبصورت شعرَ آهن. جنهن ۾ فرد جي اندر جي پيڙاءُ انتهائي طاقتور انداز ۾ اظهاريل آهي جن ۾ اندرين ٻاهرين جماليات به آهي. ان سان گڏ لساني جماليات پڻ، سو چئي سهجي ٿو ته سندس خيالن کي پوئڻ جو سليقو آهي. تنهن ڪري اسان چونداسين ته هن جي شاعريءَ ۾ پنهنجو رنگ، رس، چس آهي. ۽ جنهن شاعر کي پنهنجو رنگ، رس، چس آهي، اهو ڪامياب شاعر ئي چئي سگهجي ٿو.
    صابر جي سرائڪي غزل جو هڪ شعر آهي ته،
    انگ انگ تيڏا چنڊ دي ڪرڻين،
    سونهن اي سينگار ڪيا آکان.
    اظاهر جو هي ڪيڏو نه سهڻو پيرايو آهي.
    جتي غزل جي پنهنجي اُڏام آهي ته، اُتي هر هڪ صنف جي پنهنجي پنهنجي اُڏام آهي. صنفي صطح جي اڏام کي جيڪا اوچي اُڏام ٿو ڀرائي اُهو وري خيال آهي. هڪ هائيڪي ۾ هيڏي وڏي ڳالهه ڪرڻ کي ئي ته ڪمال چئبو آهي؛
    ڪونهي ڪوبه سُڪون،
    پوءِ به جيئڻ جو اٿم،
    ڏاڍو يار جُنون!
    ۽ اِهو جيئڻ جو ئي جُنون هڪ جُستجو کي جنم ڏي ٿو ۽ وري اُها جُستجو منزل تي رسائي ٿي. ۽ هي هائيڪو جيڪو هاڻ هيٺ ڏيندم اُهو به ايترو ئي وڏي خيال سان پُر آهي، جيترو ئي مٿي ڏنل هائيڪو؛
    مان ڪونج جيان تنها،
    ڪُرلايون وڃان ٿو پيو،
    سِر تي ته کنيون ڇا ڇا!
    ڪجهه مختلف غزلن جا شعر آهن هي شعر به پنهنجي جوهر ۾ ايترا ئي اُوچي پَدَ جا آهن، جيترا ٻيا ڳڻائي آيو آهيان.
    پنهنجي نالي جي ڳولا جي آهيان پٺيان،
    نانءُ هوندي زمانن کان گمنام هان.
    -
    روح تنهنجي اچي گهر جو گولو بڻيو،
    منهنجو مون وٽ صرف خالي بُت آ پرين.
    -
    هينئڙو لوڻ جيان ڳري ويو آ،
    پو به توکي نه ٿو وساريان مان.
    -
    ڏم ٿو ڏيل ڏکائي منهنجو،
    ڪاٿي آن ميهار وٺي وڃ.
    -
    ڳالهيون لکن جون ڪن ٿا جي،
    سيئي ٽڪي کپن ته پو!
    -
    ٿورو اکيون ته کول پو، توکي
    ڏات ڏسبي ڏيئا ڏيئا منهنجي.

    صابر سيدپوريءَ جو هي شعري مجموعو مختلف صنفن سان ڳتيل هڪ سهڻو گلدستو آهي. “چنڊ جهڙا پرين” جهڙي سهڻي نانءُ جهڙو سهڻو مک رکندڙ هي شاعري مجموعو اوهان جي هٿن ۾ آهي هن ۾ هڪڙي ڇڪ ضرور آحي ۽ جيڪا شاعري پاڻ طرف ڇڪي ته اهو سمجهڻ گهرجي ته ان ۾ دم آهي. ۽ جنهن تحرير ۾ دم هجي ان کي ئي دائميت هوندي آهي.
    آرٽ سان پُر هي شعر ڪيئن ٿا لڳن اوهان کي؛
    هڪڙي هڪڙي آهه پويان ٿو ٻري آڙاهه ڏس،
    پيو ايامن کان ته پڄري هڪ ويچارو ساهه ڏس.
    -
    ٻين جي ڏسڻ کي هوندو ڏٺو تو،
    توکي ڪئن مان ڏسان ٿو ڏسجان.

    ٻيهر جيئڻ، جيئڻ خاطر،
    نئين سِر يار مران ٿو ڏسجان.
    احمد شاڪر
    ميهڙ، دادو. سنڌ
    03473230193


    ٻه اکر: ڇا ته شاعري آهي !

    ڏسجي ته فطرت جو سڄو وايومنڊل سونهن تي آڌاريل آهي. هر عمل، هر شيءِ، هر ڪرت، هر علم ۽ هر فن ۾ سونهن کي هڪ اهم حيثيت حاصل آهي. جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ ۾ سونهن ناهي ته اها معيار، وزن ۽ زندگيءَ کان محروم آهي. جنهن ۾ اهي خوبيون نه هجن ته پوءِ اها ڪهڙي ڪم جي؟ اڪثر چيو ويندو آهي ته عشق جو سبب سونهن آهي پر مون کي ته ڪائنات جو سبب به سونهن لڳندي آهي ۽ عشق به سونهن جي لاءِ خلقيو ويو.جڏهن سونهن ۽ عشق جو پاڻ ۾ سنگم ٿيندو آهي، تڏهن انهن جي روح مان شاعري جنم وٺندي آهي. شاعريءَ جو تعلق انساني جذبن ۽ احساسن سان آهي. جتي موسيقي انسان جي روح جي غذا آهي، اتي شاعري سندس دل جي تسڪين آهي. تنهنڪري ئي لطيف فن ۾ موسيقيءَ وانگر شاعريءَ کي به هڪ خاص اهميت حاصل آهي، جنهن کي دل جي ڌڙڪن سان محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    پاڻ وٽ هر دور ۾ شاعري رهي آهي ۽ ان پنهنجي پنهنجي دور جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. شاعري هڪ اهڙو وهڪرو آهي، جيڪو نه ڪڏهن بند ٿيو آهي ۽ نه وري ڪڏهن بند ٿي ٿو سگهي. موجوده وقت ۾ به شاعري سرججي رهي آهي ۽ اها پنهنجي وقت جو پڙاڏو بڻجي فضائن ۾ گونجي رهي آهي.
    ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ ۾ تمام گهڻي شاعري ٿي رهي آهي. هونئن ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ شاعر، شاعري ڪن پيا پر دادو جي شاعرن جي پنهنجي هڪ انفراديت آهي. ڇاڪاڻ ته جتي وٽن فن آهي اتي فڪر به آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ٻين شاعرن وٽان فڪر جي نالي ۾ ڏينهون ڏينهن فن موڪلائيندو وڃي پر دادو جي شاعرن پنهنجي هٿان فن وڃڻ نه ڏنو آهي. کانئن شاعري ٻڌندي ائين لڳندو آهي ڄڻڪه فطرت پنهنجو سرگم ڇيڙي رهي هجي.
    منهنجي لاءِ اهو چوڻ انتهائي ڏکيو بلڪه ناممڪن آهي ته دادو جو فلاڻو شاعر پنهنجي پنهنجي ٽهيءَ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. استاد بخاريءَ کان ويندي احمد شاڪر تائين هر شاعر وٽ پنهنجي ڏات آهي. پنهنجو ڏانءُ آهي. واهه ! ڇا ته ڏات آهي ۽ ڇا ته ڏانءُ آهي. اها ئي ته آرٽ آهي.
    دادو ۾ شاعرن جي هڪ اهڙي انڊلٺ آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجو هڪ رنگ آهي. هر رنگ ۾ هڪ مزو آهي ۽ هر مزي ۾ زندگي آهي. ان انڊلٺ ۾ هڪڙو رنگ شاعر صابر سيدپوريءَ جو به آهي. صابر سيد پوري سنڌي شاعريءَ ۾ نئون نالو ناهي. هو پراڻو نالو آهي پر بدقسمتيءَ سان شاعريءَ ۾ شاعرن جو ناني ويڙهو ٺهڻ سبب کيس اهو مقام نه ملي سگهيو آهي، جيڪو کيس ملڻ گهرجي ها. هو شاعريءَ جو هڪ اهڙو سج آهي، جيڪو پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي ادب ۾ روشني پکيڙي رهيو آهي. اها روشني زندگي آهي، جنهن ۾ سونهن کان ويندي عشق ۽ انقلاب کان ويندي مزاحمت تائين جو درس آهي.
    صابر جي شاعري گهڻ موضوعاتي شاعري آهي، جنهن ۾ فطرت، سونهن، عشق، ڌرتي، انقلاب، مزاحمت ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا اچي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ مان صابر سيدپوريءَ جي شاعريءَ کي ننڍپڻ کان مختلف رسالن ۾ پڙهندو اچان پر جڏهن سانگيءَ جي دوست پروفيسر عبدالجبار شيخ کان سندس پهريون شعري مجموعو ” ڪڏهن ورندين“ پڙهڻ لاءِ مليو ته سندس شاعري پڙهندي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ زبان مان بي ساختا اهي لفظ نڪتا ته ” ڇا ته شاعري آهي.“
    صابر سيدپوريءَ جي شاعريءَ ۾ فن کان ويندي فڪر تائين هر خوبي آهي. سندس ” ڪڏهن ورندين“ کانپوءِ ” چنڊ جهڙا پرين“ ٻيو شعري مجموعو آهي. ”ته پوءِ“ شعري مجموعي جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن ايمانداراڻي ڳالهه ڪجي ته پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته صابر سيد پوريءَ جي شاعري هڪ اهڙو گل آهي، جنهن جي واس سان سڄي سنڌي شاعري واسجي رهي آهي...!!
    امتياز دانش _ڪراچي


    پنهنجي پاران: لک به لهان – ڪک به لهان.!

    1971ع ۾ شمس الدين ولد قادر بخش چانڊيو جي غريباڻي گهر ۾ ڄايُس. منهنجو ڳوٺ سيدپُور تعلقه ميهڙ ۾ واقع آهي، جيڪو سهڻي سنڌڙيءَ جي ٻين سهڻن ڳوٺن جيان به ڏاڍو سهڻو آهي. منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو مٺڙا ۽ محبتي آهن، هن ڳوٺ جا رهواسي صدين کان پاڻ ۾ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان رهندا اچن پيا. هن جا ڳوٺاڻا هڪ ٻئي جي اگهي سگهيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيندا آهن. هن ڳوٺ جا ڳوٺائي تقريب پڙهيل لکيل ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ آهن.
    هن سيدپُور جا ماڻهو مونکي ڏاڍي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا آهن، ڇو جو آءُ شاعراڻي ڪرت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ ڄاتو سُڃاتو وڃان ٿو. اها منهنجي عزت سڃاڻپ هُو پنهنجي عزت سڃاڻپ سمجهندا آهن.
    هن سهڻي سيدپُور سان منهنجو ازلي ۽ فطري چاهه آهي، جيڪو مرڻ گهڙيءَ تائين اوس رهڻو آهي. شاعري منهنجي وجود ۾ گجي ۽ وسي رهي آهي ۽ مان سڄي جو سڄو شاعر آهيان. هي شاعراڻي ڪرت منهنجي عبادت آهي. هن عبادت ۾ مون ڪڏهن به شرڪ نه ڪيو آهي. پنهنجي شاعريءَ سان عشق ۽ ايمان جي لاحد تائين اُنس رکان ٿو ۽ سنڌ جي ٻين سهڻن شاعرن سان به دلي همدردي ۽ محبت رکان ٿو.
    مونکي پنهنجي محنت تي ناز آهي، آءُ بلاشبه دلين ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعر آهيان. مونکي هروڀرو ڪنهنجي شاباس جي ضرورت به ڪونهي. هيل تائين جا به شاعري لکي اٿم، ڏاڍي جوش ۽ ولولي سان لکي اٿم. منهنجي پهرين شاعريءَ جي مجموعي “ڪڏهن ورندين” کي سهڻين اکين ۽ محبوب دلين وٽان ڏاڍي مانائتي ۽ شانائتي موٽ ملي آهي. هاڻ به اميد اٿم ته سچن سُخنورن ۽ شاعريءَ سان پيار ڪندڙن وٽان سهڻي ۽ سيبتي موٽ ملندي.
    درد ۾ ئي سچي خوشي آهي، جيڪا مون به ماڻي آهي. مون مٿي عرض ڪيو ته مان سڄي جو سڄو شاعر آهيان، تنهنڪري مان ڪنهن به ايري غيري جي خوشامد نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪڏهن ڪندس. آءُ غريبن، يتيمن ۽ مسڪينن جو يار آهيان. سنڌ ڌرتيءَ جي هندُن، باگڙين، ڀيلن، مينگهواڙن، ڪولهين، هڏواڙن سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهيان! آءُ شاعراڻي ڪرت جي ڪري پاڻ کي وڏو امير سمجهندو آهيان، چو ته منهنجي سوچ، منهنجو انداز، منهنجو اٿڻ، ويهڻ پنهنجي حساب سان ڪافي نرالو آهي.
    آءُ وڏي دل ۽ وڏي ٿانءُ وارو ماڻهو آهيان. منهنجي باري ۾ ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن هيئن چيو، ڪنهن هونئن چيو کي ٻڌي ٽاري ڇڏيندو آهيان. آءُ پنهنجي ذات ۾ خود دار طبيعت جو مالڪ آهيان. جيڏو آسان آهيان، ايڏو ئي ڳنڀير آهيان. بحرحال پوءِ ڀي مان جوئي آهيان-سوئي آهيان! اِهو ئي آهيان-لک به لهان، ڪک به لهان! احمد شاڪر جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جي سڀني مشڪلن ۾ ساٿ ڏنو، سندس جا وڏا وڙَ جيڪي هميشه ياد رهندا ۽ ٿورا اُنهن محترمن جا جن هن منهنجي ڪتاب لاءِ ڪجهه لکيو.
    صابر سيدپوري
    ڳوٺ سيدپُور تعلقه ميهڙ، ضلعه دادو. سنڌ
    موبائل نمبر؛ 03423255799


    غزلَ

    پنهنجي اکين م پيارا، هاڻي ويهار مونکي،

    پنهنجي اکين م پيارا، هاڻي ويهار مونکي،
    پنبڙين ۾ ڇڏ لڪائي هڪ وار، يار مونکي.

    چمندو رهان شفق کي، اُڏندو رهان مان اُڀ تي،
    ڀر رنگ مون ۾ اهڙو، ساجن نکار مونکي.

    ڏيان مات موت کي مان، هر پهڻ کي پگهاريان،
    ڏي ساٿ ٿي مسيحا، هر دم جيار مونکي.

    گُهرجيم ڪونه ساقي، هي جام تنهنجو هاڻي،
    آهن چڙهيل هزارين هُن جا خمار مونکي.

    جئن ڌوپجي وڃن سڀ، صابر گناهه منهنجا،
    کڻ پاڪ نيڻ پنهنجا، ٿورو نهار مونکي.
    *


    ڪوئي اگر ڪري ته ڪا، دعا ڪري،

    ڪوئي اگر ڪري ته ڪا، دعا ڪري،
    مظلوم پيار جي نه ڪو گلا ڪري.

    منهنجو نه ٿئي نه ٿئي، نه ٿئي ڀلي نه ٿئي،
    ٻئي جو به ڪين هُو ٿيئي، خدا ڪري.

    هي راند عشق جي گهڻي ڏکي اٿئي،
    هن عشق هت ڇڏيا، گهڻا فنا ڪري.

    منهنجو ته پيار يار کي گهري پيو،
    صابر جي جا رضا، ڀلي اُها ڪري.
    *


    محبوب سنڀارن کي، صدين کان سنڀاريان ٿو،

    محبوب سنڀارن کي، صدين کان سنڀاريان ٿو،
    ڪن خاص بهارن کي، صدين کان سنڀاريان ٿو.

    ترتيب وڃائي جن، منهنجي ته حياتيءَ جي،
    خوش روءِ نطارن کي، صدين کان سنڀاريان ٿو.

    ڪي نيڻ نياپا ٿي، منهنجي ڀر مان پئي گُذريا،
    تن نغمه نهارن کي، صدين کان سنڀاريان ٿو.

    ڪا ڳڻتي نه ٿي ڪڏهين، ڪنهن لهندي نه اُڀرئي جي،
    اهڙن ته سهارن کي، صدين کان سنڀاريان ٿو.

    جيون جي اُماوس ۾، ها، چنڊ جيان صابر،
    تڏهين ته پيارن کي، صدين کان سنڀاريان ٿو.
    *


    گلابي گلن تي ڀونئر ٿا ڀرن،

    گلابي گلن تي ڀونئر ٿا ڀرن،
    لڳي ٿو ته منهنجا سڄڻ ٿا اچن.

    گهڻا سال ٿيا، ها، ڏٺا ڪونه ها،
    جي ڪارا ۽ بگڙا، ڪڪر ٿا وسن.

    ڀنڀورين سان کيڏان، وڃي شام ٿي،
    اُهي پل پيارا، اکيون شل پسن.

    جوانيءَ جي جذبن کي ميندي لڳي،
    رڳو هڪ گهڙي ئي ڏسي هُو کلن.

    اسان جو به صابر وڏو مُلهه ٿئي،
    کڻي نيڻ نرمل جي هيڪر ڏسن.
    *


    امر پيار آهي، امر پيار وارا،

    امر پيار آهي، امر پيار وارا،
    گواهي ڏين ٿا هي نچندڙ نظارا.

    رڳو عشق واريون، بهارون سڃاڻون،
    ٻيا ڪونه ڄاڻون، سيارا، اونهارا.

    سموري دنيا جو، ازل کان ۽ اَڄُ ڀي،
    ڏسو سنڌ کڻندي اچي پيئي بارا.

    اڪيلا نه آهيون، اسان جا ٿي ساٿي،
    پکي وڻ ڪڪر ۽ هي سهڻا ستارا.

    ڪڏهن ڇانو ٿيندا، مون صابر لئه سائين،
    گهنڊيدار، تنهنجا، اهي وار، ڪارا.
    *


    سدا ڀاڳ واري، سدائين سونهاري،

    سدا ڀاڳ واري، سدائين سونهاري،
    سڳي ماءُ جهڙي، مٺي سنڌ پياري.

    اُهي ناس ٿي ويا ۽ بي آس ٿي ويا،
    ڪئي توسان جنهن جنهن به جيجل غداري.

    انهن کي ڏنو تو وڏو، مانُ آهي،
    ڪئي تنهنجي! رت ساڻ جن آبياري.

    جيڪي تنهنجي سڏ ۾ ڏئي سڏ ڪُسي ويا،
    سدا، تن تي تاريخ خوشبو آ هاري.

    وري چنگ چرندا، وري رنگ رچندا،
    نه رهندي نه رهندي سدا، رات ڪاري.

    وڌو ڪجهه وڙهو ڪجهه بقاءِ نسُل لئه،
    متان ٿيو وطن جا، سپوتو مياري.

    جئان جي ته سنڌ لئه، مَران ڀي ته سنڌ لئه،
    جڏهن کان هي صابر، اٿم سُرت ساري.
    *


    ڪا رات رهي وڃجان،

    ڪا رات رهي وڃجان،
    جيئدان ڏئي وڃان.

    وسندينَ تي وسڻ وارا،
    ويراني وسي وڃجان.

    جي توکي ڏسي جيئندان،
    تن ڏي ته وري وڃجان.

    مرڻو ته اٿئي هون ئي،
    ڪنهن ملهه سان مري وڃجان.

    محبوب مٺي جي گهر،
    اي هِيرَ جهڪي وڃجان.

    جيڪو به جيئين صابر،
    انسان ٿي جي وڃجان.
    *


    باب آهيون درد جو ڇا ٿو پڇين،

    باب آهيون درد جو ڇا ٿو پڇين،
    ساهه بڻيل زرد جو ڇا ٿو پڇين.

    ڄائو آهي ته ڪڏهن مرڪيو نه آ،
    ٽهڪ ڏيندڙ فرد جو ڇا ٿو پڇين.

    هر فضيلت هن اڳيان جهڪندي ڏٺم،
    هِن قلندر مرد جو ڇا ٿو پڇين.

    مان ته ٿو توکي سڄڻ پڙهندو وتان،
    عشق واري ورد جو ڇا ٿو پڇين.

    جنهنکي صابر ذات جو ناهي پتو،
    اُن کان تون چوء گرد جو ڇا ٿو پڇين.
    *


    آءُ اسان کان پيار وٺي وڃ،

    آءُ اسان کان پيار وٺي وڃ،
    جوڀن جو هر آر وٺي وڃ.

    گلڙن کان وڌ، خوشبوءَ کان وڌ،
    ناز، نياز، نهار وٺي وڃ.

    منهنجو سڀ ڪجهه تنهنجو آهي،
    جيت وٺي وڃ، هار وٺي وڃ.

    ڏم ٿو ڏيل ڏکائي، منهنجو
    ڪاٿي آن، ميهار وٺي وڃ.

    سنڌڙي، جندڙيءَ جا، او! دشمن
    ڪچي مونکان گار وٺي وڃ.

    بُت جو بُت ايئن صابر ڇا لئه،
    نفرت ڏي يا، پياروٺي وڃ.
    *


    هي گيت ئي منهنجو ميت اٿئي،

    هي گيت ئي منهنجو ميت اٿئي،
    منهنجي يار، نرالي پريت اٿئي.

    منهنجو يار جو گهر، ايئن پاڪ اٿئي،
    جئن ڪعبو اٿئي، جئن مسيت اٿئي.

    ٻي ڪرت ۾ هار ئي، هار اٿئي،
    هڪ عشق ۾ حاصل جيت اٿئي.

    جو سونهن جو ويري آ، صابر
    سو اندران، ٻهران پليت اٿئي.
    *


    تنهنجي نيڻن ۾ منهنجو جڳت آ پرين،

    تنهنجي نيڻن ۾ منهنجو جڳت آ پرين،
    پيار تنهنجو حياتيءَ لئه ست آ پرين.

    مان ڪڏهن ڀي اڪيلو نه آهيان رهيو،
    منهنجي دردن سان گهاٽي سنگت آ پرين.

    روح تنهنجي اچي درد جو گولو بڻيو،
    منهنجو مون وٽ صرف خالي بُت آ پرين.

    زيان جيڪي چون عشق کي وقت جو،
    هي چوڻ تن سندو ته غلط آ پرين.

    ايندي آهي جڏهن اوکي جا ڀي گهڙي،
    ڀونءِ جي ڳاٽ لئه وهندو رت آ پرين.

    چنڊ تارا، جئن پاڻ ۾ آهن جڙيل،
    منهنجي صابر ائن تو تي پت آ پرين.
    *


    عشق جي واٽ ٿو نهاريان مان،

    عشق جي واٽ ٿو نهاريان مان،
    زندگيءَ کي پيو پڪاريان مان.

    آڏو ڀت ۽ پٺيان کان دوزخ آ،
    زندگي ائن پيو گذاريان مان.

    روز جيئڻ جي واسطي جيڏيون،
    پاڻ کي پاڻ پيئي ماريان مان.

    هينئڙو لوڻ جان ڳري ويو آ،
    پو به توکي نه ٿو وساريان مان.

    چنڊ منهنجي اڱڻ اچي ٿو پيو،
    تنهنڪري گهر پيو سنواريان مان.

    درد صابر هي سونهون آ، سک جو
    درد کي دل مان ڇو ڌڪاريان مان.
    *


    اسان جي يار، پيار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا،

    اسان جي يار، پيار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا،
    نگاهه نو بهار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

    عذاب ئي عذاب آ، حيات جي اڳيان پٺيان،
    سڪون ۽ قرار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

    رڳو ئي تنهنجي سوچ آ، رڳو ئي تنهنجو خيال آ،
    حَسينَ هن سنڀار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

    اڃا به هڪڙي پير تي، ڪنڌيءَ تي بيٺو آهي ڏس،
    او سهڻي هن ميهار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

    پئي جا توتان گهور ٿئي، ۽ توکي جا سدا گهري،
    اي محب اُن نهار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

    جُڙي جا تنهنجي ذات سان، مٺي سا ڪائنات کان،
    حضور تنهن ڄمار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.
    *


    اکڙيون جي آگمن ته پو!

    اکڙيون جي آگمن ته پو!
    ٽهه ٽهه ٽمي پون ته پو!

    ڳالهيون لکن جون ڪن ٿا جي،
    سيئي ٽڪي کپن ته پو!

    توکي انڌو ته عشق ڪيو،
    باهيون لڳي وڃن ته پو!

    ڪنهن اوپري تي شهر ۾،
    ماڻهو سڀئي کلن ته پو!

    مرڪون جي جڳ کي ڏين ٿا پيا،
    کلڻا اُهي روئن ته پو!

    جن کي ڏسي جيئون پيا،
    سيئي ئي وري ڪُهن ته پو!

    صابر تون جن تي گهور گهور،
    پنهنجو سڄڻ نه ڪن ته پو!
    *


    منهنجون هي ٻئي اکيون خالي،

    منهنجون هي ٻئي اکيون خالي،
    تنهنجون اکيون ساغر پيالي.

    منهنجون اکيون جهڙيون صحرا،
    تنهنجون اکيون مند جهڙالي.

    منهنجون اکيون درد پراڻو،
    تنهنجون اکيون مرڪ جي ٿالهي.

    منهنجون اکيون زخمي ڳيرا،
    تنهنجون اکيون ڄڻ دونالي.

    منهنجون اکيون جهڙيون ٽانڊا،
    تنهنجون اکيون گل جي لالي.

    منهنجون اکيون ڄڻ بي معنيٰ،
    تنهنجون اکيون يار مثالي.
    *


    اُجرو سانڍيل هي خيال ماڻين تون،

    اُجرو سانڍيل هي خيال ماڻين تون،
    پيار جو، پيار شال ماڻين تون.

    اوءِ انسانيت جا، رکوالا!
    عمر صديون ۽ سال مانين تون.

    عشق منهنجو ڪنگال ٿئي ڀل ٿئي،
    جاهه وارو، جمال ماڻين تون.

    هجر جي آڳ ۾ جلڻ وارا،
    شال سُرهو، وصال ماڻين تون.

    ڪوڏ، سپين کي، عمر ڏيڻ وارا،
    لال سڏبين جي لعل ماڻين تون.

    زندگيءَ جي جواب، جو صابر،
    رڱجي ويندين جي سوال ماڻين تون.
    *


    غم جو آغاز هان، غم جو انجام هان،

    غم جو آغاز هان، غم جو انجام هان،
    پنهنجي انداز ۾، خاص هان خام هان.

    پنهنجي نالي جي ڳولا جي آهيان پٺيان،
    نانءُ هوندي زمانن کان گمنام هان.

    سڀ کي ويجهو رهان، سڀ کان آهيان جدا،
    عشق آهيان مگر ڪا، وڏي مام هان.

    ڪوئي مونکان پڇي، ڪوئي مونکي ڏسي،
    پيار جو سونهن جو، ازلي پيغام هان.

    عشق منهنجي حُسنَ جون نگاهون چميون،
    هاڻ صابر سراپا، ٿيو گلفام هان.
    *


    اکين جا، مينهن وسندا ڏس،

    اکين جا، مينهن وسندا ڏس،
    صدين جا، خواب ٻُڏندا ڏس.

    لهڻ تي سج ٿيو آهي،
    پکي ۽ مال ورندا ڏس.

    وڇوڙيل پُٽَ کي گهر ڏسندي،
    امڙ جا، نيڻ ٺرندا ڏس.

    اُنهن تي حوصلا مرڪن،
    غمن ۾ ڀي جي کلندا ڏس.

    تنهنجي پيرن جي پايل ۾،
    منهنجا سڀ شعر جهڪندا ڏس.

    اسان وٽ عشق آ صابر،
    اسان جا نيڻ پچندا ڏس.
    *


    ديدار يار آهي، نئين زندگيءَ جو مرڪڻ،

    ديدار يار آهي، نئين زندگيءَ جو مرڪڻ،
    سينگار يار آهي، نئين زندگيءَ جو مرڪڻ.

    جهومي پون ٿيون هيرون، جاڳن ٿيون سمنڊ ويرون،
    کيڪار يار آهي، نئين زندگيءَ جو مرڪڻ.

    جئن آئينو ڏسان ٿو، خود کي وڻي وڃان ٿو،
    چين و قرار آهي، نئين زندگيءَ جو مرڪڻ.

    سڀ ڪجهه نئون لڳي ٿو، وجدان ۾ آ دلڙي،
    اظهار يار آهي، نئين زندگيءَ جو مرڪڻ.

    هڪ پيار جي عبادت ۾ آ، سُڪون صابر،
    بس پيار پيار آحي، نئين زندگيءَ جو مرڪڻ.
    *


    دلبرين تي ڇو ڪات تاني ٿو،

    دلبرين تي ڇو ڪات تاني ٿو،
    کير ۾ ڇو ملائين پاڻي ٿو.

    پاڻ هڪڙي ڪهاڻي ٿي ويندڙ،
    ڪهڙي ويٺو لکين ڪهاڻي ٿو!

    هر گهڙي او، کلڻ ٽلڻ وارا،
    اڄ ڇو اکڙين پاڻي آڻي ٿو.

    مان ته توکي سڃاڻان ڄاڻان ٿو،
    ڇا تون مونکي به ڏس سڃاڻي ٿو.

    سنڌ جي هيڻي حال کان ڏاها،
    مُنهن تون موڙين ڇو ڄاڻي واڻي ٿو.

    پيار تي تهمتون جو، ڏين ويٺو،
    ڇائي مُنهن ۾ اجائي چاڻي ٿو.

    توسان صابر جڙيو مون جِي آهي،
    توڙي جو، تون جفا اُماڻي ٿو.
    *


    زندگيءَ جي قريب ٿيو آهيان،

    زندگيءَ جي قريب ٿيو آهيان،
    خودڪشيءَ جي قريب ٿيو آهيان.

    دوستيءُ کي پيو، وڌايان ڏس،
    دشمنيءَ جي قريب ٿيو آهيان.

    غم جا ڀاڻان وڃان ڀريندو ٿو،
    هر خوشيءَ جي قريب ٿيو آهيان.

    پيار اونداهه سان گهڻو منهنجو،
    روشنيءَ جي قريب ٿيو آهيان.

    موت جي ڄاڻ پيس ٻکين صابر،
    زندگيءَ جي قريب ٿيو آهيان.
    *


    غضب جي خوديءَ ۾ خدا ۽ سچل،

    غضب جي خوديءَ ۾ خدا ۽ سچل،
    وفا جي گليءِ ۾ خدا ۽ سچل.

    جو مظلوم جي ٿو حمايت ڪري،
    اُنهن جي ٻڌيءَ ۾ خدا ۽ سچل.

    ٿئي ٿو پو، اثبات پهرين مگر،
    ملن ٿا نفيءَ م خدا ۽ سچل.

    سدا ذات صوفين ۾ ڏسجي پئي،
    عجب جي مڳيءَ ۾ خدا ۽ سچل.

    دعا آهي منهنجي سنڌو ماءُ جي،
    رهن رهبريءَ ۾ خدا ۽ سچل.

    هميشه کان صابر رهيا ساٿ مون،
    غمي ۽ خوشيءَ م خدا 7 سچل.
    *


    مونکي خوابن رُلايو روهن ۾،

    مونکي خوابن رُلايو روهن ۾،
    سهڻو جيون وڃايو روهن ۾.

    ڪيڏو پاڳل، چريو، اياڻو مان،
    سونهن جو گيت ڳايو روهن ۾.

    ڪنهنجو ڪِڙ واهه ئي نه ٿو ٻُڌجي،
    ڏاڍو آهي ڪنايو روهن ۾.

    مان ئي آهيان ۽ منهنجي دنيا آ،
    ٻئي جو ناهي ڪو سايو روهن ۾.

    اِن تي سوچان ٿو ڪنهن ته ڪنهن جي لئه،
    پاڻ هوندو ملهايو روهن ۾.

    منهنجي هر آس کي هُو آٿيندو،
    جنهن آ صابر پڄايو روهن ۾.
    *


    سڄو ئي چاق ٿي ويو هان،

    سڄو ئي چاق ٿي ويو هان،
    لحاظا خاڪ ٿي ويو هان.

    کڻي جئن نيڻ گهوريو تو،
    ته پاڪن پاڪ ٿي ويو هان.

    حُسن بنجي سماڻس جِت،
    واپارين واڪ ٿي ويو هان.

    ڇڏي ويا جئن سهارا سڀ،
    تڏهن بي ٿاڪ ٿي ويو هان.

    ڪري ٿو عشق بي صابر،
    وڏي ڪا، هاڪ ٿي ويو هان.
    *


    تنهنجو عشق پڙهان ٿو ڏسجان،

    تنهنجو عشق پڙهان ٿو ڏسجان،
    اُڀَ ڏي ڄاڻ اُڏان ٿو ڏسجان.

    ٻين جي ڏسڻ کي هوندو، ڏٺو تو،
    توکي ڪئن مان ڏسان ٿو ڏسجان.

    ٿورو مرڪي، مرڪي بس هو،
    ڪيڏي ٺار، ٺران ٿو ڏسجان.

    ٻيهر جيئڻ، جيئڻ خاطر،
    نيئين سِر يار مران ٿو ڏسجان.

    ٻين جا گيت ُٻڌا ٿي صابر،
    منهنجو شعر پڙهان ٿو ڏسجان.
    *


    هڪڙي هڪڙي آهه پويان، ٿو ٻري آڙاهه ڏِسُ،

    هڪڙي هڪڙي آهه پويان، ٿو ٻري آڙاهه ڏِسُ،
    پيو ايامن کان ته پڄري هڪ ويچارو ساهه ڏس.

    او! اهو ٿي ڳوٺ منهنجو، جِت ڄميس، کيڏيس، وڌيس،
    جنهنجي ڏاڍي، سهڻي ڏاڍي ڇا ته آ وڻ راهه ڏس.

    جنهن ۾ ڪوئي ظرف ڪونهي، ۽ نه ڪوئي طرف ڪو،
    پوءِ به اهڙي لڄ لٿي جي، ٿي هلي ساراهه ڏس.

    تنهنجي ئي تخليق جو، دم گهٽيو هت ٿو وڃي،
    جڳ جا پالڻهار منهنجا او! مٺا الله ڏس.

    جت جهڪن ٿا روح سڀ جا، جت ملي ٿي دائميت،
    ٻيون ڇڏي درگاهون سڀئي، حُسن جي درگاهه ڏس.

    بهشت لئه ڀي پيار وارن کي ئي صابر سڏ ڪبو،
    مت جا موڙها هڪ دفعو تون هي ڪري ويساهه ڏس.
    *


    چنڊ مهمان ٿو ٿئي منهنجو،

    چنڊ مهمان ٿو ٿئي منهنجو،
    پورو ارمان ٿئي منهنجو.

    سيئي سامهون ٿيڻ لڳا جن تي،
    روز احسان ٿو ٿئي منهنجو.

    ڪلهه ڀي مقتل ملهائي موٽيو هان،
    اڄ ڀي اعلان ٿو ٿئي منهنجو.

    مان ته اُجڙيو هان، سو ته اُجڙيو هان،
    ڪنهنکي ارمان ٿو ٿئي منهنجو.

    جنهن اڳيان سونهن سِر جهڪائي ٿي،
    جانِ جانان ٿو ٿئي منهنجو.

    ويڙهي وارا رڳو ڏسو ويٺا،
    ويڙهو ويران ٿو ٿئي منهنجو!
    *


    هن عشق سان ڪير حساب ڪري،

    هن عشق سان ڪير حساب ڪري،
    ۽ ڪير سوال جواب ڪري.

    هي چاهي ڪنهنکي ڪنگال ڪري،
    هي چاهي ڪنهنکي نواب ڪري.

    جنهنجي سٽ لاشو لاشو آ،
    اهڙو ڪير خريد ڪتاب ڪري.

    متان عشق سان لانئُنَ جو سوچين،
    متان ويهين حياتي عذاب ڪري.

    هر ساهه کي ڀڙڪو ڏيڻو آ،
    ڀلي ڪيڏو کڻي ڪو ڇا به ڪري.

    بس صابر جيئڻو آ، جيئان ٿو،
    نه ڪي ڏوهه ڪري نه ثواب ڪري.
    *


    ابتدا، انتها مٺا منهنجي،

    ابتدا، انتها مٺا منهنجي،
    تنهنجي نيڻن ۾ آ دنيا منهنجي.

    ٻين جا تعويذ ڀي اٿئي پاتا،
    آزمائي به ڏس دعا منهنجي.

    جنهن ۾ هڪڙو، ڪو رڱ ئي ناهي،
    ڪهڙي آهي دنيا! خدا منهنجي.

    ٿورو اکيون ته کول پو توکي،
    ڏات ڏسبي ڏيئا ڏيئا منهنجي.

    ڪوئي مونکي خريدي ٿيان خوش مان،
    جيتري ڀل ٿئي بَها منهنجي.

    عشق صابر ڪيو اٿئي هاڻي،
    زهر فتوا اجهو سزا منهنجي.
    *


    منهنجو هي پيار ڇو، وسارين ٿو،

    منهنجو هي پيار ڇو، وسارين ٿو،
    سچو ڏس يار، ڇو وسارين ٿو.

    جاتي جيونَ کي کوڙ معنائون،
    عشق سنسار. ڇو وسارين ٿو.

    مُرڪ بدلي ڪو سِر پيو گهورئي،
    اهڙو واپار، ڇو وسارين ٿو.

    عشق ۾ عاشقن جو ٿيو آهي،
    سولي سينگار، ڇو وسارين ٿو.

    پنهنجي لائي ته سوچ ڪجهه صابر،
    پنهنجو معيار، ڇو وسارين ٿو.
    *


    توکي هڪڙو شخص گهري ٿو،

    توکي هڪڙو شخص گهري ٿو،
    توتي جئي ٿو، توتي مري ٿو.

    ڪلهه جي شينهن نه ڊڀَ چريا ها،
    اڃُ جو شينهن ته ڪل چري ٿو.

    چنڊ ۾ تون آن، چنڊ پڻ تو ۾،
    تون به ٻرين ٿو، هو به ٻري ٿو.

    گهاڻي ۾ ٽڙڪاٽ ٻڌڻ سان،
    اُڀ به هڪڙي آهه ڀري ٿو.

    عشق سڱي ٿو، جاٿي جنهن کي،
    لوهه مان واري سون ڪري ٿو.

    مون کي ارپي ڇڏ، تون صابر،
    خواب جو تنهنجي اک ۾ تري ٿو.
    *


    محبوب زماني ۾ محبوب ڏٺم ماڻهو،

    محبوب زماني ۾ محبوب ڏٺم ماڻهو،
    هن چنڊ کان ڀي سهڻا وڌ خوب ڏٺم ماڻهو.

    سِر ساهه ڇڏين گهوري، ۽ ماس ڏين ڪوري،
    ٿيل عشق جي جهٽڪي ۾ مجذوب ڏٺم ماڻهو.

    اظهار ڪري نه سگهيا، ڪنهن سان پيار ڪري نه سگهيا،
    اهڙا به هزارين هت محجوب ڏٺم ماڻهو.

    طالب نه ٿيو ڪنهن جو هي سيدپوري صابر،
    پر ذات جي سحر ۾ ها، مطلوب ڏٺم ماڻهو.
    *


    خون هاڻا سڀ پَلوَ احساس جا،

    خون هاڻا سڀ پَلوَ احساس جا،
    ڪنهن رَسا ڇوڙي ڇڏيا، راڪاس جا.

    گيڙو لهجي ۾ گهري پئي زندگي،
    دانَ، در، درد تي وڃي آساس جا.

    باهه رشتن کي لڳي اهڙي وئي،
    ويري بڻجي ويا سڀئي هن ماس جا.

    پُڇ ٻڌا مهري، اڃا ناهيون بڻيا،
    پاڻ سڏجون ڪونه ٿا ڪنهن خاص جا.

    آس آهي نيٺ لهندا سنڌ تان،
    پاڇا صابر هي سڀئي حيراس جا.
    *


    محبوب! رسڻ جي مند نه هئي،

    محبوب! رسڻ جي مند نه هئي،
    هي پنهنجي روئڻ جي مند نه هئي.

    ڇو جلدي ايڏو آيو آن،
    اي! موت مرڻ جي مند نه هئي.

    تو ٺاهي ٺاهي ڊاهي چڏيو،
    افسوس! ڊهڻ جي مند نه هئي.

    ڪڪرن جي بنا ڀي برسن ٿيون،
    اکڙين جي وسڻ جي مند نه هئي.

    ڪو ننڊون حرام ڪري ويو آ،
    تڙپڻ ۽ لڇڻ جي مند نه هئي.

    اڳ عشق کان صابر سيدپوري،
    خوابن جي ڏسڻ جي مند نه هئي
    *


    ڪيڏيون تنهنجون سهڻيون اکيون،

    ڪيڏيون تنهنجون سهڻيون اکيون،
    ماٺيون ماٺيون گهريون اکيون.

    مون ڏي اهڙو گهور نه جانا،
    روڪ هي پنهنجون تکيون اکيون.

    ڪئن کڻان مان توڏي پنهنجون،
    بي رنگ منهنجون موڳيون اکيون.

    ڪئن ڇڏايان آهن اهڙيون،
    منهنجون تو ۾ ڦاٿيون اکيون.

    اڄُ ڇو سُرمي بدران ڳوڙها،
    ڪاٿي تنهنجون ڏکيون اکيون.

    صابر جون ۽ هن جون آهن،
    مرڪي مرڪي ٻکيون اکيون.
    *


    هاڻ هن ۾ حجاب ڪونهي ڪو،

    هاڻ هن ۾ حجاب ڪونهي ڪو،
    کيس ساڳيو شباب ڪونهي ڪو.

    چهرو چهرو گناهه ٿو ڀاسي،
    ڪنهن جي اک ۾ ثواب ڪونهي ڪو.

    حُسن آڏو فقير آهيون سڀ،
    خان ڪوئي نواب ڪونهي ڪو.

    جيڏي مفتوي شراب لئه فتويٰ،
    ايڏو ليڪن خراب ڪونهي ڪو.

    بس مڙيئي جئون پيا جڳ ۾،
    باقي پنهنجو ڪو خواب ڪونهي ڪو.

    ڪير صابر ڀلا قبوليندو،
    جنهن جو جيون گلاب ڪونهي ڪو.
    *


    ڪنهن پار نئين ڏي اُڏري وڃجي،

    ڪنهن پار نئين ڏي اُڏري وڃجي،
    ڪڪرن وانگر گذري وڃجي.

    توکي جيئن مان ياد پوان نا،
    اهڙو توکان وسري وڃجي.

    موسم کان ڀي اڳ ۾ جيڪر،
    بهتر آهي اُڪري وڃجي.

    جهڙي پار به وڃجي صابر،
    وڃجي پر ڪجهه سنبري وڃجي.
    *


    پيار جو پيار تو ڏٺو ناهي،

    پيار جو پيار تو ڏٺو ناهي،
    ڪنهنجو ڪو يار، تو ڏٺو ناهي.

    عشق کي تون مذاق ٿو ڀائين،
    شِينهن جو وار، تو ڏٺو ناهي.

    هي ڀي تڏهين سڏائي سهڻي ٿي،
    هن جو ميهار، تو ڏٺو ناهي.

    هن جو انڪار جيئن ڪافر آ،
    تيئين اقرار، تو ڏٺو ناهي.

    جنهن ڀي آهي ڏٺو انهيءَ کان پُڇ،
    ڇاهي آزار، تو ڏٺو ناهي.

    منهنجي هي سادگي اٿئي صابر،
    منهنجو سينگار، ڏٺو ناهي.
    *


    زندگيءَ جا نصيب ڪاٿي آن،

    زندگيءَ جا نصيب ڪاٿي آن،
    درد دل جا طبيب ڪاٿي آن.

    ٻين کان لکڻيون لکائيندو آهين،
    پاڻ ڏس تون اديب ڪاٿي آن.

    ڏاڍي ويڳاڻي ٿي رهي توبن،
    منهنجي حُب جا حبيب ڪاٿي آن.

    ڏسُ مٺا ڏسُ هي پيار جو سُنهن ٿي،
    اوءِ صابر سچي به ڪاٿي آن.
    *


    زندگي جي بقا اکيون تنهنجون،

    زندگي جي بقا اکيون تنهنجون،
    زاهدن جي دعا، اکيون تنهنجون.

    ڪائي ازلي صدا، اکيون تنهنجون.
    ابتدا، انتها، اکيون تنهنجون.

    باحيا، با وفا، اکيون تنهنجون،
    دلربا، دلربا، اکيون تنهنجون.

    عشق جي لادوا مريضن لئه،
    او! مسيحا شفا، اکيون تنهنجون.

    ساري دنيا جي سونهن جون رهبر،
    ٺاهيون صابر خدا، اکيون تنهجون.
    *


    تنهنجي گهور رريشم، تنهنجو پيار ريشم،

    تنهنجي گهور رريشم، تنهنجو پيار ريشم،
    تنهنجي هر ادا جو آ وهنوار ريشم.

    تڏهن به زماني قبوليو نه ڪڏهين،
    رهيو آهي جڏهن ته ڪردار ريشم.

    اچي عشق مهمان ٿيو آ، جڏهن کان،
    تڏهن کان ٿو ڀانيان هي سنسار ريشم.

    اگر پيار پنهنجو نٿو ڏيڻ جي چاهين،
    کلي ڏي اِهو ئي تون آزار ريشم.

    الائي ڇا صابر طبيعت جو ٿيندو،
    ڪرايو نه پنهنجو جي ديدار ريشم.
    *


    عجب عاشقي آ،

    عجب عاشقي آ،
    غضب عاشقي آ.

    طبيعت جو بگڙڻ،
    سبب عاشقي آ.

    ازل کان ئي منهنجو،
    مذهب شاعري آ.

    ڇا سنڌي، ڇا هندي،
    عرب عاشقي آ.

    ٻُڌان ٿو ته منهنجو،
    نسب عاشقي آ.

    سيکاريو مون صابر،
    ادب عاشقي آ.
    *


    نه ڪا جيت پنهنجي، نه ئي هار پنهنجي،

    نه ڪا جيت پنهنجي، نه ئي هار پنهنجي،
    حياتي هي ٻاڙي رهي يار پنهنجي.

    اُٿي گهوٽ پنهنجي نشو ڀي ٿئي ڪو،
    نه هيڻائي ڪنهن کي تون ڏيکار پنهنجي.

    حياتيءَ جو سورج لهڻ کي پُڳو آ،
    مڃيو ڪونه ڪڏهين ڪو سرڪار پنهنجي.

    سڀاڻي اسان کي هتي ڪونه ڏسندين،
    سڀاڻي تياري آ، ٻئي پار پنهنجي.

    اسان جو فقيري ٿي مسلڪ اي صابر،
    اسان ڀي رکون ٿا دنيا ڌار پنهنجي.
    *


    حسن آ، ڪائنات جو اوڀر،

    حسن آ، ڪائنات جو اوڀر،
    ڪنهن ته لاريب ذات جو اوڀر.

    تنهنجي هڪڙي مرڪ تان گهوريم،
    پنهنجي پوري ته ڏات جو اوڀر،

    ڪونه اڀريو، نه اڀرندو شايد،
    درد کان ڪو نجات جو اوڀر.

    ساري جڳ کي مليو صبح وارو،
    مونکي مليو آ، رات جو اوڀر.

    ڪونه ٿيندو غُروب هي صابر،
    دل مان ساجن جي تات جو اوڀر.
    *


    منهنجي محبوب جون اکيون آهن،

    منهنجي محبوب جون اکيون آهن،
    هي جي تارن سنديون بتيون آهن.

    آءُ هاڻي گهڻو ٿيو جاني،
    منهنجون اکيون گهڻو رنيون آهن.

    پيار تان هٿ کڻي وڃن ٿيون جي،
    سي ته دليون چلوليون آهن.

    ٽهڪ تنهنجا نصيب ٿيا جن کي،
    ڀاڳ ونديون سي زندگيون آهن.

    شال اگهجن حضور صابر جي،
    جنهن جون هر پل ڪيون بندگيون آهن.
    *


    چار گهڙيون هي زندگاني آ،

    چار گهڙيون هي زندگاني آ،
    توته سوچيو اڃا نه جاني آ.

    حُسن جي جنهن تميذ سيکاري،
    عشق جي سا ته مهرباني آ.

    پيار کي ئي بقا ٿي حاصل آ،
    باقي دنيا سموري فاني آ.

    توسان جڏهين اکيون اڙيون منهنجون،
    خاڪ ٿي منهنجي وئي ته خاني آ.

    تنهنجي سامهون گهڙي جا گذري ٿي،
    مون لئه صابر وڏي سُهاني آ.
    *


    اسان جي ڀاڳ جا تارا، ڪڏهن کڙندين، ڪڏهن کڙندين،

    اسان جي ڀاڳ جا تارا، ڪڏهن کڙندين، ڪڏهن کڙندين،
    جلائن روز انڌيارا، ڪڏهن کڙندين، ڪڏهن کڙندين.

    ٻُسا سڀ رنگ جيون جا، سڙي ويا باغ سپنن جا،
    فنا ارمان ٿيا سارا، ڪڏهن کڙندين، ڪڏهن کڙندين.

    اسان جا نيڻ اڄُ ڀي پيا، ڏسن رستا اُنهن جا ٿا،
    وڃي جي ٻين کي ٿيا پيارا، ڪڏهن کڙندين، ڪڏهن کڙندين.

    قبولي ڪير ٿو تن کي، وسايو جن مٺا بَن کي،
    ازل کان ئي جي ويچارا، ڪڏهن کڙندين، ڪڏهن کڙندي.

    اڃا ڀي آس صابر کي، پرين تنهنجي اچڻ جي آ،
    پيو تنهنجا ڏسي چارا، ڪڏهن کڙندين، ڪڏهن کڙندين.
    *


    وڃن ٿيون آپي مان نڪتيون چريون،

    وڃن ٿيون آپي مان نڪتيون چريون،
    اوهان جي صحبت ۾ جيڪي کريون.

    رهن سلامت قيام تائين،
    اي! ديس تنهنجون هي حورون، پريون.

    اوهان پڄاڻان ته ڪنهن ڀي منظر،
    اسان جون خالي نه اکيون ڀريون.

    نه پنهنجي لائق نه ٻئي جي لائق،
    حيات اهڙي چئو ڪاڏي ڪريون.

    مسافتن ۾ حيات گذري،
    ڀلي ڪو پيرن جون پرکي تريون.

    اداس مون جان ته منهنجي گهر جا،
    رهن ٿا صابر هي در ۽ دريون.
    *


    آ هلي هڪ وار، دلبر آ هلي،

    آ هلي هڪ وار، دلبر آ هلي،
    آ ٻُڏيءَ کي تار، دلبر آ هلي.

    منهنجي لالي منهنجي سُرخيءَ جا ڌڻي،
    تنهنجي آءُ ڪنوار، دلبر آ هلي.

    حسن آهي، مال آهي، ذر به آ،
    ڪونهي تنهنجو پيار، دلبر آ هلي.

    ڏس جوانيءَ جون پيون ڪونجون اُڌن،
    ٿورو ڪر ويچار، دلبر آ هلي.

    تنهنجي نفرت جو نه ماري ڏم وجهي،
    سهڻي جا ميهار، دلبر آ هلي.

    ٿي ڪنن ۾ هٿ وجهي معافي وٺان،
    مون مڃي هر هار، دلبر آ هلي.

    پاڻ کان ڀي ٿي رُٺي صابر وتان،
    لوڪ ڍوڻيو ڌار، دلبر آ هلي.
    *


    اسان لاءِ ڄڻ ڪي نظارا نه ها،

    اسان لاءِ ڄڻ ڪي نظارا نه ها،
    رُکا ڀي ته ڪنهن جا اشارا نه ها.

    نه سورج به پنهنجو ڏنو ساٿ ڪو،
    ستارا ته پنهنجا ستارا نه ها.

    پرينءَ ساڻ جيڪي به گذريون گهڙيون،
    بهارن جان گذريون سيارا نه ها.

    ڇڏئي دل جو جن کي به ڪارو ڪري،
    اڇا ڏاڍا دل جا ها ڪارا نه ها.

    هو جن کي به صابر مون همدم سڏيو،
    سي سج جا ها، پاڇا نه ها.
    *


    ڏاڍو ساهه اُساٽيل آهي،

    ڏاڍو ساهه اُساٽيل آهي،
    رڳ رڳ گهايل گهايل آهي.

    گيت پکيئڙا ڳائن ٿا ڄڻ،
    موسم پايل پايل آهي.

    ڪنهن آ وڃايل جي ڄڻ پويان،
    پاڻ به ڄڻ ته وڃايل آهي.

    اڄُ ڀي منهنجو تولئه گهرڙو،
    گلڙن ساڻ سجايل آهي.

    صابر اڄُ ڀي ڪالهه جيان ئي،
    تنهنجي سِڪ جو سڪايل آهي.
    *


    اسان ڪنهن جا طالب نه مطلوب آهيون،

    اسان ڪنهن جا طالب نه مطلوب آهيون،
    چڱو ئي ٿيو جو ته مجذوب آهيون.

    نه حاجي نه غازي نه زوار، مفتي،
    اسان جو به آهيون، اُهو خوب آهيون.

    اسان ڀي ته ڪنهن کي ازل کان ٿا چاهيون،
    کڻون نانءُ ڪنهن جو ڪئن محجوب آهيون.

    هي دنيا ۽ عُقبا سندءِ نانءُ صابر،
    اسان نانءُ جنهنجي ٿيا منسوب آهيون.
    *


    تو به نه ڄاتي، منهنجي جهاتي،

    تو به نه ڄاتي، منهنجي جهاتي،
    مون به نه ڄاتي، تنهنجي جهاتي.

    اکڙيون پنهنجون پڪڙي ورتئون،
    قيدڻ ٿي پئي پنهنجي جهاتي.

    آهي ڪُٺي وئي ڪاريءَ وانگر،
    بالغ ٿئي ٿي جنهنجي جهاتي.

    ڪنهن کي پتو ڇا اوسيئڙي ۾،
    پڄري ٿي پئي ڪنهن جي جهاتي.

    آ ته وٺي ڪي چنڊ جون اوٽون،
    پنهنجي بڻايون سهنجهي جهاتي.

    ڏاڍي سولي هوندي هئي جا،
    ڪئن ٿي صابر اهنجي جهاتي.
    *


    هي بي ٿاڪ اکيون هي رولاڪ اکيون،

    هي بي ٿاڪ اکيون هي رولاڪ اکيون،
    خبر ناهي ڪاٿي ڪنديون ٿاڪ اکيون.

    ڪئي آبشارون آيون هن لتاڙي،
    مگر سڀ کان ٿينديون آيون عاق اکيون.

    ڏنا منظرن هن پئي ڌوڪن تي ڌوڪا،
    ڪيون منظرن هن هي چيڙاڪ اکيون.

    ننگيون ٿي هلن ٿيون، ٻرن ٿيون سڙن ٿيون،
    اجهي ڄر ۾ پهچي بڻيون خاڪ اکيون.

    اوري ڪر ته جنت جو معراج ماڻيان،
    چمي تنهنجون جانان اهي پاڪ اکيون.

    ڪئن ڏور ٿينديون وٽان تنهنجي صابر،
    پلي به پليان ڪئن هي هيراڪ اکيون.
    *


    هن درد مئي جو مان درمان ڪٿان آنيان،

    هن درد مئي جو مان درمان ڪٿان آنيان،
    هن درد کي جو ٽاري لقمان ڪٿان آڻيان.

    مون سارو سجايو گهر، خوشبو ۽ بهارن سان،
    گهر کي ته سجايو ٿم مهمان ڪٿان آڻيان.

    مان پيار کي سمجهي خدا، سجدا ٿو ڪيان واعظ،
    تو وارو ڀلا ڏس مان ايمان ڪٿان آڻيان.

    اغوا مان ٿيل دلڙي موٽايان ڪيئن هاڻي،
    موٽي ڀي ملي ليڪن تاوان ڪٿان آڻيان.

    سگريٽ اٿئي مون وٽ پيئين ته ڪيان حاضر،
    هن مهل اويلي ۾ مان پان ڪٿان آڻيان.

    تون سهڻو آهين صابر، من مهڻو آهين صابر،
    هن کان ٻيو وڌ تولئه مان بيان ڪٿان آڻيان.
    *





    وائيُون

    سنڌڙيءَ جو سرواڻ،

    سنڌڙيءَ جو سرواڻ،
    هڪ ئي آهي ڀٽ ڌڻي.
    ٻين جي ڪڍڻي ڪين آ،
    ڪنهن پر ڪائي ڪاڻ.

    ڏکيءَ، سکيءَ ۾ سدا،
    آهه رهيو جو ساڻ.

    سنڌڙيءَ سندو آجپو،
    سُجهي سا، اهڃاڻ.

    جنهن تي ڪري ناز ٿو،
    صابر هي مهراڻ.
    هڪ ئي آهي ڀٽ ڌڻي.
    *


    ڪرڻو ڪرڻو پيار،

    ڪرڻو ڪرڻو پيار،
    سهڻو تنهنجي سونهن جو.
    تنهنجي نيڻن مان پرين،
    مليو خوب خمار.

    ڏاڍو مٺڙو ٿو لڳي،
    وهم بنا ويچار.

    سولو ناهي، هيءَ سڄڻ،
    دلين جو واپار.

    لڪ نه رهي لوڪ کان،
    نينهن ڪيم نروار.

    صابر سائين ڇا ته ڪيم،
    دل تي اڄ ديدار.
    سهڻو تنهنجي سونهن جو.
    *


    ساهه کان تنهنجو پيار،

    ساهه کان تنهنجو پيار،
    ڏاڍو پيارو آ الا.

    ٿورو ٻيهر تون اهو،
    ساڳيو گيت اچار.

    جاٿي منهنجو آ پرين،
    سوئي مونکي پار.

    سهڻو آهين چنڊ پر،
    توکان منهنجو يار.

    تحفو ڏيندين پيار جو،
    صابر ڳل جو هار.
    ڏاڍو پيارو آ الا.
    *


    اڄ به تنهنجي راهه،

    اڄ به تنهنجي راهه،
    روئي نهارن ٿيون اکيون.
    ڪئن وساريئي وائڙا،
    منهنجو چندن چاهه.

    مون هي ڄاتو ڪونه هو،
    ٿيندين بي پرواهه.

    توکي ڪونهي قياس ڪو،
    منهنجو تڙپي ساهه.

    غم ٿا دل کي روز ڏين،
    صابر ڪيئي ٽاهه.
    روئي نهارن ٿيون اکيون.
    *


    هئر هئي هيءَ حيات،

    هئر هئي هيءَ حيات،
    پاڻيءَ ڦوٽي جيان هئي.

    ڏسندي ڏسندي وئي هلي،
    جوڀن جي بارات.

    تنهنجي منهنجي پيار جي،
    سانول هر هڪ بات.

    ساري جڳ ۾ با خدا،
    منهنجي صابر ذات.
    پاڻيءَ ڦٽي جيان هئي.
    *


    ڳاءِ ته ڳايون پيار،

    ڳاءِ ته ڳايون پيار،
    جنهن جي دم سان آ دنيا!
    هار به جنهن جي جيت آ،
    هار نه جنهن جي هار.

    سارا مذهب پيار جي،
    ڪن ٿا ڏس پرچار.

    پيار جو ويس نه ديس ڪو،
    پيار ئي خود سنسار.

    صابر مونکي ماڻهپو،
    پيار سيکاريو يار.
    جنهن جي دم سان آ دنيا!
    *


    گهوگهي ٿو ويراڳ،

    گهوگهي ٿو ويراڳ،
    ڪاٿي آهين دلربا.
    ميري ٿي ويم سينڌڙي،
    ميرا ٿيم مساڳ.

    روز جلائي ٿي پئي،
    جوڀن واري آڳ.

    ننڊ به توتان گهوريم،
    صدقي توتان جاڳ.

    توبن صابر زندگي،
    ڀانيان جهڙي ڊاڳ.
    ڪاٿي آهين دلربا.
    *


    ويٺي رنڍا روڙ،

    ويٺي رنڍا روڙ،
    جيسين آن تون جوت ۾.
    سيني لائج سچ کي،
    ڪچ جو ڪنڌ مروڙ.

    جاتي پوند پيار جو،
    تاتي خيما کوڙ.

    لهنوارو وڃ تن وٽان،
    مذهب جن جو گوڙ.

    جيڪي توکان ٿا ڇنن،
    صابر تن سان جوڙ.
    جيسين آن تون جوت ۾.
    *


    لڱ اڃا ڀي لوهه،

    لڱ اڃا ڀي لوهه،
    ڌرتيءَ جي اولاد جا!

    آخر پوندا ڪنڌ ۾،
    توکي تنهنجا ڊوهه.

    تو ڪئن لاٿا چت تان،
    هيڏا هي پاٻوهه.

    پلجن صابر ٿا سڀئي،
    تنهنجي گهر ۾ ڏوهه.
    ڌرتيءَ جي اولاد جا!
    *


    باک جي ڄڻ راڳڻي،

    باک جي ڄڻ راڳڻي،
    هي پکيئڙا ديس جا.

    امن جو پيغام ڏين،
    پيا اُڏامن ۾ کڻي.

    اُڀ جو سينگار هي،
    ۽ وڻن جا ڀي ڌڻي.

    ڄڻ پرينءَ جي مرڪ هن،
    ڄڻ سندءِ زلفن ڦڻي.

    پنهنجي ٽوڙي جستجو،
    ڪٿ نه ويٺا ڇپ هڻي.
    هي پکيئڙا ديس جا.
    *


    دنيا ساري سُور،

    دنيا ساري سُور،
    گهر گهر پٿر ٿو ڏسان!

    ڳاڙهي ٿيڻ جي مند ۾،
    ڪاري ٿي ڪا حُور!

    ايندين تڏهن مون اڱڻ،
    هوندا انگ هي جهور.

    اڄ ڀي تنهنجي هان پُنهون،
    توڙي تون وهلور.

    صابر تنهنجي عشق ۾،
    ڀڙڪان جئن تندور.
    گهر گهر پٿر ٿو ڏسان!
    *


    ٿيندي ڪا ويڙهاند،

    ٿيندي ڪا ويڙهاند،
    ٻيهر مياڻيءَ ماڳ تي!

    گهوگهي ويٺا ديس جا،
    ڪانئر کان ته پلاند.

    ٻيهر ٿيندا سُرخرو،
    شيدي ها، يا ساند!

    ڀڀڪيون ڏئي کيڏندا،
    مڙس لهوءَ جي راند.

    ڪبو صابر پاڪ هي،
    ڌرتيءَ سندو پاند.
    ٻيهر مياڻيءَ ماڳ تي!
    *


    تنهنجي اعلا جوڙ،

    تنهنجي اعلا جوڙ،
    آئون آهيان ڇا پرين.

    مون لئه تون ئي تون مٺا،
    تولئه ٻيا ئي کوڙ.

    رهنڊون اينديون روح کي،
    منهڙو ايئن نه موڙ.

    تنهنجي آهيان نور سان،
    جيسين منهنجي توڙ.

    پنهنجي ٻڌرا پيار جا،
    صابر دل کي موڙ.
    آئون آهيان ڇا پرين.
    *


    ناهي پنهنجو ڏينهن،

    ناهي پنهنجو ڏينهن،
    پنهنجي آهي راتڙي!

    سج سان ڪونهي ساٿ ڪو،
    چنڊ سان پنهنجو نينهن.

    پنهنجي نماڻي ديس تي،
    نيٺ ته وسندا مينهن.

    پرچي صابر سان پئو،
    ڏئي نه جدائي پِنيهن.
    پنهنجي آهي راتڙي
    *


    پيار کان بس پيار تائين،

    پيار کان بس پيار تائين،
    زندگي گذري اٿم.

    دين منهنجو ماڻهپو،
    هڪڙي هن ڪردار تائين.
    زندگي بس گذاري اٿم.

    چنڊ تارا، ڇو ڏسان مان،
    يار جي ديدار تائين.
    زندگي گذري اٿم.

    ڪونه صابر کي وڻيس مان،
    توڙي جو هر دار تائين!
    زندگي گذري اٿم.
    *


    مانجهاندي جو ماڳ،

    مانجهاندي جو ماڳ،
    جنهن کي ڀائين ديس ٿو.

    تون ئي پنهنجو ڀاڳ آن،
    تون ئي پنهنجو اَڀاڳ.
    جنهن کي ڀائين ديس ٿو.

    ننڊ ٿي رولي راهه تان،
    جاڳ سدائين جاڳ.
    جنهن کي ڀائين ديس ٿو.

    عشق جي صابر ٿي ٻري،
    من ۾ هر دم آڳ.
    جنهن کي ڀائين ديس ٿو.
    *


    صابر توکي پيار،

    صابر توکي پيار،
    ڪنهن کان ملڻو ڪونه آ!

    پن ڇڻ سان رک پيچ تون،
    ناهي تنهنجي بهار.
    ڪنهن کان ملڻو ڪونه آ!

    حُسناڪين جي هيج کي،
    ڳوليم ڪُل ڄمار.
    ڪنهن کان ملڻو ڪونه آ!

    ڪنهن جي سهڻي ڪين ٿيس،
    ماڻيم ڪين ميهار.
    ڪنهن کان ملڻو ڪونه آ!

    جهڙي تهڙي حال ۾،
    صابر يار گذار.
    ڪنهن کان ملڻو ڪونه آ!
    *


    ڪرهل! ڪاهي آءُ،

    ڪرهل! ڪاهي آءُ،
    چنڊ به ترسايو اٿم!

    وڻ وڻ ٻهڪي ٻُور ۾،
    چوڏس سرهو ساءُ.
    چنڊ به ترسايو اٿم!

    چاري چاري امن آ،
    آهه سڻائو واءُ.
    چنڊ به ترسايو اٿم!

    آءُ ته توکي هجر جو،
    ڏسيان هر هڪ گهاءُ.
    چنڊ به ترسايو اٿم!

    سنبري تنبري آءُ اڄ،
    ڪونهي ڪو غوغاءُ.
    چنڊ به ترسايو اٿم!
    *


    گيتَ

    موسمون ويون هليون، يار آئين نه تون.

    موسمون ويون هليون، يار آئين نه تون.
    سڀ خوشيون ويون هليون، يار آئين نه تون.

    مينهن بي ها اُٺا، رنگ ها ڪي رچيا،
    پئي پکين بي الا، گيت ڄڻ ڪي چيا،
    ڇا گهڙيون ويون، هليون يار آئين نه تون.

    کير جهڙو اڇو، کنڊ جهڙو مٺو،
    ڳوٺ پاڻي وهي ڇا ته آيو هيو،
    راحتون ويون هليون، يار آئين نه تون.

    چنڊ جي اوٽ ۾ آ نهارئين پيو،
    هٿ ۾ صابر کنيو گل ڪي سارئين پيو،
    روشنيون ويون هليون، يار نه آئين تون.
    *


    ڪنهن ڏي دل جي اُڏرڻ چاهي،

    ڪنهن ڏي دل جي اُڏرڻ چاهي،
    ڪنهن جي دام ۾ ڦاسڻ چاهي،
    پوءِ ڙي سرتيون ڪئن ڪيان مان.

    سهڻا سهڻا نيڻ سڏن جي،
    پل ۾ ڪي جي پنهنجا لڳن جي،
    پوءِ ڙي سرتيون ڪئن ڪيان مان.

    خيال جي ڪنهن جي خيال ۾ گم ٿئي،
    سوگهو ڪنهن ۾ هي جي دم ٿئي،
    پوءِ ڙي سرتيون ڪئن ڪيان مان.

    ڪوئي مون تي مرڻ جي چاهي،
    صدقو مون تان ٿيڻ جي چاهي،
    پوءِ ڙي سرتيون ڪئن ڪيان مان.

    آئيني ۾ ڀي ڪو جي نظرجي،
    انگ انگ منهنجي سان ته جڪڙجي،
    پوءِ ڙي سرتيون ڪئن ڪيان مان.

    صابر جنهن جو نانءُ پيارو،
    تنهن تي دل جو ٿئي جو آرو،
    پوءِ ڙي سرتيون ڪئن ڪيان مان.
    *


    پنجڪڙا

    وسي ٿي ڀينگ ڀاڻن ۾،

    وسي ٿي ڀينگ ڀاڻن ۾،
    الئه ڪاڏي ويا ڀاڳيا،
    الئه ڪنهن موهه هي داڳيا،
    رڳو هن روڄ راڻن ۾.
    وسي ٿي ڀينگ ڀاڻن ۾.

    *


    اکين جي ڀونءِ تي پوکيم،

    اکين جي ڀونءِ تي پوکيم،
    پرينءَ جي پيار جا موتيا،
    سندءِ سينگار جا موتيا،
    چپن جي ڀونءِ تي پوکيم.
    اکين جي ڀونءِ تي پوکيم.

    *


    ڪڏهن تون باک ٿي ايندين،

    ڪڏهن تون باک ٿي ايندين،
    اسان جي سياهه جيون ۾،
    پرين بي واهه جيون ۾،
    ڪڏهن ڏس واڳ موڙيندين.
    ڪڏهن تون باک ٿي ايندين.

    *


    بهارون ٿيون ڏنگن جاني،

    بهارون ٿيون ڏنگن جاني،
    سِرءُ جهڙو جيئڻ پنهنجو،
    ۽ هوندو ڇا مرڻ پنهنجو،
    وليون غم جون ونگن جاني.
    بهارون ٿيون ڏنگن جاني.

    *


    اسان جو پيار ساريندين،

    اسان جو پيار ساريندين،
    جڏهن جڳ ۾ نه ڏسندين تون،
    جي ڪنهن دڳ ۾ نه ڏسندين تون،
    ڇني هارن کي هاريندين.
    اسان جو پيار ساريندين.

    *


    سدائين سار تنهنجي آ،

    سدائين سار تنهنجي آ،
    سدا رانهون ڏسان تنهنجون،
    پيو آنهون ڀريان تنهنجون،
    فقط درڪار تنهنجي آ.
    سدائين سار تنهنجي آ.

    *


    ڪڏهن ورندين پرين پيارا،

    ڪڏهن ورندين پرين پيارا،
    قرارن بن وهي گذري،
    وئي اَڌ زندگي گذري،
    جلائن سانوڻيون سيارا.
    ڪڏهن ورندين پرين پيارا.

    *


    اسان جو عشق آوارا،

    اسان جو عشق آوارا،
    هزارين در پيو ڀٽڪي،
    ڪڏهن ٿر بر پيو ڀٽڪي،
    هڻي جئن باز لامارا.
    اسان جو عشق آوارا.

    *


    پيار جو عنوان تنهنجا نيڻ ٻئي،

    پيار جو عنوان تنهنجا نيڻ ٻئي،
    مرڪ تنهنجي زندگي منهنجي مٺا،
    بندگي ئي بندگي منهنجي مٺا،
    دينَ ۽ ايمان تنهنجا نيڻ ٻئي.
    پيار جو عنوان تنهنجا نيڻ ٻئي.

    *


    هوائون بي چيون آهن،

    هوائون بي چيون آهن،
    نه ٿيون پيغام ڏين توکي،
    نڪي ڪي دام ڏين توکي،
    صفا ڪي بي وڙيون آهن.
    هوائون بي چيون آهن.

    *


    اسان ٿر جي تتل واري،

    اسان ٿر جي تتل واري،
    پرين آهن گهٽائون ڄڻ،
    ٿڌيريون ڪي هوائون ڄڻ،
    اسان جي آس اڃياري.
    اسان ٿر جي تتل واري.

    *


    اسان کي ڪير ساريندو،

    اسان کي ڪير ساريندو،
    اسان گذري ويل پل جيان،
    لٿل جي ته هون دل تان،
    پکي ڇو ڪو نهاريندو.
    اسان کي ڪير ساريندو.

    *



    ا


    سان جي سوچ پنهنجي آ،

    سان جي سوچ پنهنجي آ،
    اوهان جو خيال پنهنجو آ،
    لڇڻ ۽ حال پنهنجو آ،
    اسان جي لوچ پنهنجي آ.
    اسان جي سوچ پنهنجي آ.
    *




    چوسٽا

    عشق پارس ڪري، عشق موتي ڪري،

    عشق پارس ڪري، عشق موتي ڪري،
    ٽانڊاڻي جهڙي ٿو جوتي ڪري.
    عشق يابر وجودن کي، ڌوڏيو ڇڏي،
    عشق جَتيِ سَتيءَ جي ٿو پوتي ڪري.
    *


    راهه تنهنجي ڏسي سمهي پيئي،

    راهه تنهنجي ڏسي سمهي پيئي،
    ٿڪجي هڪ زندگي سمهي پيئي.
    درد جاڳيا جڏهن کان ئي دل ۾،
    خوف کائي خوشي سمهي پيئي.
    *


    رنگ ڪيڏا کڻي شام آهي لٿي،

    رنگ ڪيڏا کڻي شام آهي لٿي،
    ڍنگ ڪيڏا کڻي شام آهي لٿي.
    ڇا چُمي، ڇا چُمان سونهن جي پار جا،
    انگ ڪيڏا کڻي شام آهي لٿي.
    *


    منهنجي علم هنر کي،

    منهنجي علم هنر کي،
    آ مفلسي منجهايو.
    دشمن ڏکيا ڪٿي هن،
    آ دوستي منجهايو.
    *


    تنهنجي نگاهه خنجر،

    تنهنجي نگاهه خنجر،
    هر دل کي سِيرَ ڏئي ٿي.
    بِسمل ڪري ٿي سوچون،
    اهڙي ڪا جهير ڏئي ٿي.


    هائيڪا

    ڪوئي اڻائو واءُ،

    ڪوئي اڻائو واءُ،
    لڳڻو ناهي ديس کي،
    هانءُ وڏو ڪر ڀاءُ.
    *


    اي درد ڏيڻ وارا،

    اي درد ڏيڻ وارا،
    ڇا پاند ۾ وئين پائي،
    مغرور ٿيڻ وارا.
    *


    تو پيار ڏنو آهي،

    تو پيار ڏنو آهي،
    محبوب نظارن جو،
    سنسار ڏنو آهي.
    *


    تو سار نه ڪا ساري،

    تو سار نه ڪا ساري،
    ڄڻ لاش هيم زندهه،
    مون عمر ائين گهاري.
    *


    ڪاٿي ته وڃي لاتئي،

    ڪاٿي ته وڃي لاتئي،
    ڪو پيچ نئون ڪنهن سان،
    جو جهاتي نه ڪا پاتئي.
    *


    مخمور نگاهن جي،

    مخمور نگاهن جي،
    رب پاڪ هجئي پارت،
    سنڌ ديس جي راهن جي.
    *


    هر بازي اٿم هاري،

    هر بازي اٿم هاري،
    اي عشق اڳيان تنهنجي،
    مون زاري ڪئي زاري.
    *


    اکڙين ۾ آلاڻ،

    اکڙين ۾ آلاڻ،
    موڳو موڳو ٿو رهين،
    آخر ڇا جي ڪاڻ.
    *


    سينگار به تون آهين،

    سينگار به تون آهين،
    منهنجي ته حياتيءَ جو،
    ڪردار به تون آهين.
    *


    ويران اکين ۾ ڪو،

    ويران اکين ۾ ڪو،
    منظر نه ڪڏهن مرڪيو،
    سُنسان اکين ۾ ڪو.
    *


    بندوق هنئين ظالم،

    بندوق هنئين ظالم،
    ڪلهه شام جو ڪونجن کي،
    پر ويو هو گُسي ظالم.
    *


    اوَ پيار ڪٿي آهين،

    اوَ پيار ڪٿي آهين،
    تنهنجي ئي رڳو آهي،
    درڪار ڪٿي آهين.
    *


    اڄ ڀي منهنجا پار،

    اڄ ڀي منهنجا پار،
    منهنجي دل درياءَ جا،
    ساڳيا ڏي آر.
    *


    اکڙين جا الماس،

    اکڙين جا الماس،
    گهوريم تنهنجي پيار تان،
    اُجرا ڪُل احساس.
    *


    منهنجي توکي تات،

    منهنجي توکي تات،
    نيٺ ته لڳندي پيارڙي،
    توکي! جيئن ذات.
    *


    تو سان ڪنهن جو پيار،

    تو سان ڪنهن جو پيار،
    ڪنهن کي چاهين ٿي ڀلا،
    توکي ڪنهن جي سار.
    *


    ٻيرن اُڪريا ٻِيرَ،

    ٻيرن اُڪريا ٻِيرَ،
    تو پر، ڏاڍي او پرين،
    دير الا ڪئي دير!
    *


    وڻ وڻ تي وسڪار،

    وڻ وڻ تي وسڪار،
    پن پن موتي آ بڻيو،
    تون پر ڪاٿي يار.
    *


    پنهنجو ڪهڙو بخت،

    پنهنجو ڪهڙو بخت،
    ساٿ ڏنو ئي ڪونه آ،
    پاڻ سان ڪڏهين وقت.
    *


    پنهنجو ورندو بخت،

    پنهنجو ورندو بخت،
    ساٿ ته ڏيندو پاڻ سان،
    نيٺ ته ڪڏهين وقت.
    *


    ماريءَ ماريو هنجه،

    ماريءَ ماريو هنجه،
    منهنجي دلڙيءَ کي مگر،
    ڏاڍو پهتو رنج.
    *


    ڪونهي ڪوبه سُڪون،

    ڪونهي ڪوبه سُڪون،
    پوءِ به جيئڻ جو اٿم،
    ڏاڍو يار جنون.
    *


    پئسي لئه انسان،

    پئسي لئه انسان،
    روز کپائي ٿو پيو،
    اُجري پنهنجي جان.
    *


    آءُ پياررل آءُ،

    آءُ پياررل آءُ،
    ويڙهي ويا هن جيءَ کي،
    توبن سو، سوداءُ.
    *


    آءُ پيارل آءُ،

    آءُ پيارل آءُ،
    ڀانءِ نه آيم چيٽ جو،
    هيلو ڪو به هُڳاءُ.
    *


    آءُ پيارل آءُ،

    آءُ پيارل آءُ،
    آءُ ڪڏهن ڪو پيار جو،
    مون لئه بڻجي واءُ.
    *


    توکي جو وڻيو آهيان،

    توکي جو وڻيو آهيان،
    هن لوڪ سموري لئه،
    مان ٽوهه بڻيو آهيان.
    *


    هر رات ڏنگيندي آ،

    هر رات ڏنگيندي آ،
    تنهنجي به مٺا سائين،
    پئي تات ڏنگيندي آ.
    *


    مان ڪونج جيان تنها،

    مان ڪونج جيان تنها،
    ڪُرلايون وڃان ٿو پيو،
    سِر تي ته کنيون ڇاڇا!
    *


    اچُ شاهه عنايت اچُ،

    اچُ شاهه عنايت اچُ،
    ڪا جهوڪ نئين جوڙيون،
    جا ٻاري نوان ڪي مچُ!
    *


    اچُ شاهه عنايت اچُ،

    اچُ شاهه عنايت اچُ،
    توکي ٿو سڏي هر هر،
    هن ديس جو تنها سچُ!
    *


    اچُ شاهه عنايت اچُ،

    اچُ شاهه عنايت اچُ،
    هن ديس جي هينئين جو،
    هر روز ڳري ٿو ڳچُ!
    *


    ڪيڏو ڪيو سينگار،

    ڪيڏو ڪيو سينگار،
    نيري اچ آڪاس آ،
    ڏس هُو پنک اُڏار.
    *


    ڪيڏا سُرها ساهه،

    ڪيڏا سُرها ساهه،
    منهنجي اوتيا ساهه ۾،
    سهڻن سندي شاهه.
    *


    من ۾ جنهن جي مير،

    من ۾ جنهن جي مير،
    جو نه سڃاڻي ديس کي،
    سو ڇا مڙس مٿير؟
    *


    ايندي نيٺ بهار،

    ايندي نيٺ بهار،
    سُرهي ٿيندي ديس جي،
    ڳلي ڳلي هي يار.
    *


    تنهنجي هڪڙي جهات،

    تنهنجي هڪڙي جهات،
    ڏيندي آ هر درد کان،
    مونکي محب نجات.
    *


    ماڻهو سارا مور،

    ماڻهو سارا مور،
    پو ڀي ڀانيا ڪين مون،
    توکان سانول اور!
    *


    سهڻي به نه ٿي بڻجين،

    سهڻي به نه ٿي بڻجين،
    ميهر به نه ٿي چاهين،
    پو ڇالئه پئي ڳڻجين.
    *


    ڪي گهڙيون هوائون هن،

    ڪي گهڙيون هوائون هن،
    وهلور نه وڃ صابر،
    پويون ته هُڳائون هن.
    *


    ڪنهن تان ته فدا ٿيندين،

    ڪنهن تان ته فدا ٿيندين،
    ڪنهن جي ته هٿن جي تون،
    لائُن جي حنا ٿيندين.
    *


    منهنجي جيجل سنڌ،

    منهنجي جيجل سنڌ،
    توتان گهوريان ماءُ پي،
    ۽ جڳت واري جند.
    *


    هُو مرڪي هتان گذري،

    هُو مرڪي هتان گذري،
    سُرهاڻ سان پاڙي مان،
    اک ڇنڀ ۾ ويئي اُڏري.
    *
    سي گيت اسان جا ها،
    فنڪار پئي ڳاتو جن،
    سي ميت اسان جا ها.
    *


    ٻه دوها هڪ سرائڪي ڪافي ۽ غزل

    دوها

    دوها

    اسان جي عمر جا سورج، اوهان بن ڪئن لٿا اُڀريا،
    سدائين پل سُڳنڌن جا، اسان کان دور ٿي گذريا.
    *
    منهنجي پگهر جي دم سان، آباد آ زمانو،
    وک وک تي روشني آ، وک وک تي آشيانو.
    *


    سرائيڪي ڪافي

    سرائيڪي ڪافي

    نينهن دا لايا، ٿيا نه سجايا،
    مئن تان ڀوري ڪجهه نه ڪمايا!

    سال گذر ڳهءِ، سج اُڪر ڳهءِ،
    پر نه پنهل ڪو، ليئا پايا.

    ايهَه جو جيوڻ، کاوڻ پيوڻ،
    ميڏي ڪنهن پر ڪم نه آيا.

    قبلا ڀي سي ڀُل ڳهءِ صابر،
    جنهن جنهن دل وچ عشق سمايا.
    *


    سرائيڪي غزل

    سرائيڪي غزل

    تيڏي نيڻ نهار ڪيا آکان،
    تيڏا پيارا پيار ڪيا آکان.

    انگ انگ تيڏا، چنڊ دي ڪرڻين،
    سورنهن اي سينگار ڪيا آکان.

    عشق ٿي ميڏا، پُختا ويندئه،
    يار دا رُخ مين يار ڪيا آکان.

    سوئي ميڏا، جاني صابر،
    جنهن تون فدا سنسار ڪيا آکان.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 690
    ڪتابن جو مشاهدو: 916851
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 310756
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ