ڪتاب جو نالو: دل جي خانه بدوشي
مصنف: فياض لطيف
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 03 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 2218 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 279 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
فياض لطيف هِڪُ سُڄاڻ ڪوي آهي ۽ سندس ڪوتائون، انهيءَ ڳالهه جي ساکَ ڀرين ٿيون. فياض لطيف جي شاعري عشق ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪيفيتن سان سرشار شاعري آهي. سندس هي ڪِتابُ ”دل جي خانه بدوشي“ اهڙي ئي اظهارَ جو تسلسل آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود شعرن ۾ سَمايل فياض لطيف جا جذبا ۽ احساس يقينا ً پڙهندڙن جي دلين کي ڇُهندا ۽ فياض جو هي سُهڻو ڪِتابُ پيار ڪندڙن جي هٿن ۾ مُرڪندي نظر ايندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • امڙ جي نالي
  • You Know!
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ ؛ ننڊ ڄڻ ڪائي ندي، خواب ڄڻ آهن اکيون
  • سدائين ڪوتا زخمَ ڀريا هِن
  • نظمَ

  • نظمن تي راءِ : ادل سومرو
  • پورهيت اکيون
  • فقير دل جي امير عادت
  • اسان جو موهه مجذوبي
  • ڪٿي آ سار کي ساحل
  • اچين جي جلد آ جانان!
  • دل جي خانه بدوشي
  • دشت جو سفر دل لڳي
  • حياتي آ ڪنڊي تي ماڪ جو قطرو
  • تون اچين ٿي...
  • اکين کي اوجاڳا ازل جا
  • تون امرتا! پر ڪٿي آن...؟
  • کڻون، جي نيڻ کڻئون ڪئن!
  • سدائين ڪوتا زخم ڀريا هن
  • تنهنجي ياد
  • ڪونج من جي بي قراري
  • رقصم رقصم
  • اکين ۾ خواب ٿو مهڪي
  • پرينءَ کي چئجو!
  • ڪاش اياڻا ڄاڻين تون!
  • دار تي دارا شڪو ھ
  • تون ڇا ڄاڻين!
  • اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
  • ڪيئن ڪري ڪوئي مسافر...!
  • تون سحر جون ڪي صراحيون
  • تنهنجي مهڪ اڃا به آ
  • ان کان اڳ ۾
  • تون جا اچڻي آهين
  • تون ئي مايا جو موتي
  • پوڄاگر جي پريم جو پٿر
  • هوا ۾ آ هڳاءُ تنهنجو
  • اڃايل هرڻ جان هردم
  • آزادي او آزادي
  • ڪو به نه ڄاڻي
  • تنهنجا نيڻ چمان
  • رات ڇڏيا هِن زلف وکيري
  • اسان جي تمنا
  • موت اهڙو آ سرڪش گھوڙو
  • ڪهڙي مَٽَ جي مي تون آهين؟
  • ساره شگفته جي نانءِ
  • آزاد نظم

  • آزاد نظمن تي راءِ : حبدار سولنگي
  • سرمد روح اسان جو
  • چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
  • شهرِ جانان
  • تون چوين ٿي!
  • آيتن جھڙيون اکيون
  • پياسو ساحل
  • محبتون ممنوع آهن
  • زلف پريشان ڪنهن لئه آتا….؟
  • پياس ساري زندگي آ
  • نديءَ جھڙي نگاهن ۾
  • پٿرن جي شهر ۾
  • سپنا به آواره ٿين ٿا
  • دوستي آ خواب جو زخمي بدن!
  • توکان جدا جيئان پيو
  • سروم دکم دکم
  • جيون مڌ جيان آ
  • تشنگي جو بدن
  • ڪوي جي خواب جھڙيون اکيون
  • پروميٿئس
  • دلين جا زخم ڀربا ناهن
  • تون جنم کان جيءَ ۾
  • پياسو من
  • غزلَ

  • غزلن تي راءِ : امر اقبال
  • عمر سموري عذاب ڀوڳيا
  • چڳون چڳون ٿي بهار وکريو
  • ستارا ستارا رهيون هنِ اکيون
  • چري دل تمنا ڪٿي ٻي ڪئي آ
  • سدائين سار جي موسم
  • اوهان جي ئي يادن ــ ڳهر ۾ رهياسين
  • سراپا سندرتا سکيءَ جون اکيون،
  • کوڙ ساريون ڄڻ نگاهون ٿي رهي آ
  • پاڻ کان پاڻ تائين پُڳيون هِن اکيون،
  • نه ٿو جيءُ ڀرجي، نه ٿا نيڻ ڍاپن،
  • لٿي آ رات نيڻن ۾،
  • هوائن ۾ هُلي ويو آ، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو؟
  • جيئڻ لئه ٿورڙو جيون، حياتي ڀوڳنا ساري،
  • اسان جي پياس کي پنڌ جا انوکا ماڳ وئي ڏيئي،
  • وڃائي پاڻ کي جانان! وري آ پاڻ ئي ڳوليو،
  • اکين ۽ خواب جي وچ ۾ بدن آ بي قراريءَ جو،
  • نظر جي جام ۾ جادو،
  • ساري رات ستارا جاڳن،
  • ڌرتتـــــي ڌرتتـــــــي،
  • دوکن جي هن جھنگ ۾ سرتا!
  • سدا خواب نيڻين ٻَکيون بس پرين هِن
  • کڻي نگاهون خمارَ اَرپي
  • رات سارون ۽ مان
  • تنهنجي حاصل دلبري آ ٿي وئي
  • بيتَ

  • بيتَن تي راءِ : حبيب ساجد
  • ڪهڙيون ڪهڙيون ساروڻيون، پوئي پويان يار،
  • 2010 ع واري مها ٻوڏ جي پس منظر
  • وايون

  • وائين تي راءِ : سعيد ميمڻ
  • تون جو آئي آن
  • تنهنجا گيت گلاب،
  • سارو لوڪ ستو،
  • ڪڪر ڪارونڀار،
  • ڪوتا جي ٽاريءَ مان،
  • بادل جو برسيا،
  • روز ٻُڏي تري پئي،
  • ڦُريو ڦوڙائي،
  • تنهنجي اوسيئڙي
  • تو جي ڏني مون
  • ڪنهن کي ڳولن ٿيون
  • دريءَ کان ٻاهر،
  • بيڪ پيج

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دل جي خانه بدوشي“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو ليکڪ، محقق ۽ شاعر فياض لطيف آهي.
    فياض لطيف هِڪُ سُڄاڻ ڪوي آهي ۽ سندس ڪوتائون، انهيءَ ڳالهه جي ساکَ ڀرين ٿيون. فياض لطيف جي شاعري عشق ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪيفيتن سان سرشار شاعري آهي. سندس هي ڪِتابُ ”دل جي خانه بدوشي“ اهڙي ئي اظهارَ جو تسلسل آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود شعرن ۾ سَمايل فياض لطيف جا جذبا ۽ احساس يقينا ً پڙهندڙن جي دلين کي ڇُهندا ۽ فياض جو هي سُهڻو ڪِتابُ پيار ڪندڙن جي هٿن ۾ مُرڪندي نظر ايندو.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    امڙ جي نالي

    جيڪا جسماني طور وڇڙي وڃڻ کان پوءِ به هر لمحي احساساتي طور مون سان گڏ آهي. مائرون مَرنديون ٿو روئي آهن، اُهي ته ميلي ۾ وڃائجي ويل معصوم ٻار وانگر هِن دنيا جي دشت مان بس گم ٿي وينديون آهن، جن کي دنيا جي ميلي توڙي دل جي ڪُنڊڙيءَ ۾ اڪيلي سِرِ زندگي ڀر ڳوليندو رهڻو پوندو آهي.

    ــــ فياض لطيف


    You Know!

    I miss my past. I miss all that was part of my past, but you are the one from that past, who is still the part of my present. When ever you contact me, I feel that I have something very much vauleable in my hands today from my past.
    I know what is love, I know what is fragrance of past, I know waiting that kills or nourishes the person, but some times I do not understand my self and I went on knowing you, I feel I have started to discover my self and when I read your eyes and verses, I feel what resides with in me.

    (A piece from beloved’s letter)


    پبلشر نوٽ

    فياض لطيف جي شاعري عشق ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪيفيتن سان سرشار شاعري آهي. فياض لطيف جو شمار پنهنجي ٽهيءَ جي اهم شاعرن ۾ ٿئي ٿو. نظم سندس اظهار جو اهم وسيلو آهي ۽ ساڳي ئي وقت هُنَ ٻين صنفن ۾ پڻ خوبصورتيءَ سان اظهاريو آهي. سندس هي ڪِتابُ ”دل جي خانه بدوشي“ اهڙي ئي اظهارَ جو تسلسل آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود شعرن ۾ سَمايل فياض لطيف جا جذبا ۽ احساس يقينا ً پڙهندڙن جي دلين کي ڇُهندا ۽ فياض جو هي سُهڻو ڪِتابُ پيار ڪندڙن جي هٿن ۾ مُرڪندي نظر ايندو.
    فياض لطيف هِڪُ سُڄاڻ ڪوي آهي ۽ سندس ڪوتائون، انهيءَ ڳالهه جي ساکَ ڀرين ٿيون. اداري ”پوپٽ“ کي، هِنَ ڪِتابَ مُتعلق اوهان جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مهاڳ ؛ ننڊ ڄڻ ڪائي ندي، خواب ڄڻ آهن اکيون

    زندگي هزارين روپ رکي ٿي، هر روپ جا نقش نگار، موڊ، مهانڊا، مطلب ۽ معنائون توڙي آثار ۽ آرکڻيون پنهنجون آهن. جيترا سندس حسين روپ آهن، اوترا ئي ڀيانڪ ٻهروپ.
    زندگي پيار جو گيت به آهي، ته درد جو قصيدو به، اميد جو ڏيئو به آهي، ته نراسائيءَ جي رکُ به، ٽهڪن جي ڇير به آهي، ته لڙڪن جو جلترنگ به، مٺي پاڻيءَ جو چشمو به آهي، ته کاري پاڻيءَ جو کوھ به ۽ اتساھ جي بانسري به آهي، ته درد جو نغارو به. زندگي واڌو، ڪاٽو، ونڊيان، ضربيان سميت آل جبرا جي حسابن واري پيچيده رياضي به آهي، ته ڄاڱري ٻير جي ڪَنڊن جھڙي چُڀندڙ به.
    زندگي ۾ ڪي حادثا اهڙا به ٿيندا آهن، جيڪي حياتيءَ جي سموري جاگرافي بدلائي ڇڏيندا آهن. اندر جي سر زمين تي نيون نيون رياستون، علائقا ۽ پرڳڻا ٺهڻ شروع ٿي ويندا آهن. جيتوڻيڪ انساني وجود پاڻ هڪ ڌار رياست آهي. دماغ جي جَڳمڳائيندڙ شهر ۾ جذبن جون تيز رفتار گاڏيون، خواهشن جي روڊن تي بنا بريڪ هلنديون آهن، جنهنڪري اڪثر خيالن ۽ خوابن جا خطرناڪ حادثا ٿيندا آهن. جگر جي لال بتيءَ ۾ سدائين احساسن جي ايمرجنسي رهندي آهي. گردي جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ اڪثر سڪون رهندو آهي، بس آبڪلاڻي واريءَ موسم ۾ ڪا ٻوڏ، ڪو سيلاب اچي ويندو آهي. اکين جي سامونڊي پٽيءَ ۾ وري هميشه جھڙالي موسم رهندي آهي، ڇپرن جي آڪاش تي بادلن جا ٽولا وڏڦڙي وسائڻ لاءِ آتا هوندا، چپن جي ٿر وارو ۽ وارياسو علائقو سدائين ٺوٺ سڪل ۽ سدائين پياسو، جيڪو سدائين پيار جي برسات لاءِ آتو ۽ اتاولو ۽ وري دل جو گاديءَ وارو هنڌ ته هميشه خواهشن، خوابن، جذبن، احساسن ۽ اڌمن جي بي پناھ آباديءَ جي دٻاءَ ڪري هميشه مصروف ۽ مشغول، جنهن ۾ ٽهڪن واري ريشم گلي سدائين خوشين ۽ رونقن سان روان دوان، ته ٻئي پاسي وري لڙڪن جي جيلس بازار ۾ سدائين مندي ۽ پيھه، هڪڙا سڏڪا مس ويندا ته وري ٻيا اچي ويندا. مطلب ته ماڻهو ئي هن ڪائنات ۾ سڀ کان وڏي رياست ۽ ملڪ آهي.
    فطرت، زندگيءَ جي ۽ زندگي، ماڻهوءَ جي تسخير ڪري ٿي ۽ ماڻهو وري پنهنجي اندر مان پنهنجي آدرشن جي هڪ نئين ڪائنات دريافت ڪري ٿو، اها ڪائنات، جنهن ۾ انيڪ دليون ڌڙڪي رهيون آهن ۽ ڪيتريون ئي زندگيون مرڪي رهيون آهن. تنهنڪري زندگي منجھان زندگي دريافت ڪرڻ جو سڀ کان وڏو معجزو، سڀ کان وڏو چمتڪار ۽ سڀ کان وڏو اسرار آهي ”شاعري“. شاعري اظهار جو اهو سرچشمو آهي، جنهن ۾ احساسن کي رقص ڪرڻ، لڙڪن مان آبشار ٿيڻ ۽ پنهنجي تقدير لکڻ جي بي پناھ شڪتي موجود آهي. جڏهن ته شاعري پنهنجي دَور جي نظماڻي تاريخ به هوندي آهي. شاعر ۽ تاريخدان ۾ اهو فرق آهي، ته تاريخدان ماضيءَ جي تاريخ لکندو آهي ۽ شاعر مستقبل جون پيشنگوئيون ڪندو آهي، شايد ان ڪري ئي ارسطوءَ کي به چوڻو پيو هو ته، ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪرانگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿيندي آهي.“
    شاعر هڪ ئي وقت خالق، مخلوق ۽ خلق هجڻ واري تثليث جوڙي ٿو. هن وٽ پنهنجي خدائي ۽ پنهنجو لوح و قلم ٿئي ٿو. هو فقط شاعري ئي نه ڪندو آهي، پر پنهنجي وقت جي تقدير به لکندو آهي ۽ تقدير لکڻ وارو ڪو ماڻهو، ملائڪ يا جِن نه، پر خالق، قادر ۽ خدا هجي ٿو.
    مون سنڌ ۾ گھٽ اهڙا شاعر ڏٺا آهن، جن وٽ هڪ ئي وقت شاعري ڪرڻ، نثر لکڻ ۽ شين بابت تخليقي انداز ۾ ڳالهائڻ جي مهارت هجي ۽ انهن ٿورڙن ماڻهن جي سٽاءَ ۾ فياض لطيف به شامل آهي. اندر ۾ بي پناھ تخليقي سگھه رکڻ باوجود بظاهر ماٺيڻي ۽ نرم لهجي واري هن شخص جي اندر ۾ مون کي ڪيترا ئي ائٽلانٽڪ نظر آيا آهن. سندس شاعريءَ جو مجموعو”دل جي خانه بدوشي“ منهنجي اڳيان آهي، جنهن جي مٿان سندس نظمن، آزاد نظمن، غزلن، وائين ۽ بيتن جا ڪيترائي ٽائٽانڪ تَري رهيا آهن، پر سندس تخليقي ساگر ۾ تارڻ سان گڏ ٻوڙڻ جي شڪتي به موجود آهي.
    فياض لطيف جي هن تخليقي فن پاري کي مون ڏاڍي ڌيان ۽ توجھه سان گڏ تمام گھڻي پيار ۽ پنهنجائپ سان پڙهيو آهي. سندس هن تخليقي پورهئي ۾ مون کي حيران ڪندڙ اظهار به مليا آهن. جتي مون سندس شاعريءَ ۾ حسين خيالن جي چپن تي مُرڪ کي رقص ڪندي ڏٺو آهي، اُتي ئي لفظن جي اندر ۾ لڪل بي پناھ درد جون دانهون به ٻُڌيون آهن. جتي سندس احساس ڪتڪتايون ڪڍندي شرارت وچان اکيون هڻن ٿا، اتي ئي سندس جذبا اسان کي پٽ تي ڪيرائي تيز ڌار وارو خنجر کڻي اسان جي سيني تي ويهي رهن ٿا.
    فياض جو هي شعري مجموعو نظمن، آزاد نظمن، غزلن، وائين ۽ بيتن تي مشتمل آهي. هن گھڻين صنفن جي ڀرمار کان پاسو ۽ پرهيز ڪندي، انهن ئي صنفن کي پنهنجي سيني سان لڳايو آهي، جيڪي سندس احساسن، جذبن ۽ دردن جو آواز بڻجي سگھيون آهن. اهڙو آواز، جيڪو اسان جي جسم کي چيري روح ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. ڇو ته شاعر تي لهندڙ هر خيال پنهنجو گھاڙيٽو پاڻ سان گڏ کڻي ايندو آهي. ائين بنھه ناهي ٿيو، ته شاعر غزل لکڻ چاهي ۽ وائي لکجي وئي هجي يا بيت لکڻ وقت گيت لکجي وڃي. هر خيال جي پنهنجي محڪات ۽ هر صنف جو پنهنجو مزاج هوندو آهي. جيڪڏهن شاعر جو رويو ان صنف جي برخلاف ۽ مزاج مخالف هوندو، ته اها صنف اشتعال ۾ اچي، تخليقي اظهار جو حسين ۽ هموار رستو ڇڏي، ڪچ ۾ لهي ويندي ۽ نيٺ به ابلاغ جي منزل وڃائي، اجائين ڳالهين ۾ اُلجھي پوندي. اهڙيءَ ريت فياض جي نظمن کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو، ته فياض پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ نظم جي چونڊ نه ڪئي آهي، پر نظمن پنهنجي حسين اظهار لاءِ فياض کي چونڊيو آهي. سندس نظمن ۾ کوڙ سارا لفظ، احساسن جو روپ وٺي لئه ۽ رڌم جي وهڪري ۾ تيزيءَ سان ترندا اچن ٿا. جيئن ڪو بتيلو ڪينجھر تي تري رهيو هجي، جيئن ڪنهن نديءَ جي تري ۾ سونَ ذرڙا تيز تر وهڪري ۾ وهندا ايندا آهن.

    آڱرين جي جانِ جان! آوارگي
    آرزوئن جي بدن تي
    ڏاڍي مدهم ٿي وئي آ.


    . . . .


    پٿرن جي شهر ۾
    ڪانچ جي چوڙين جِهو
    پنهنجي سپنن جو بدن
    هل تون ائين کڻي.


    . . . .


    ڪيتري خانه بدوشي
    دل به بادل جيان ڪئي آ
    پنهنجي پيرن جي سفر ۾
    ڌرتتـــي ســـــــاري رهـي آ

    سندس اڪثر نظمن ۾ تاڃي ــ پيٽي، اُڻت جي نفاست ۽ احساس جي بي پناھ شدت آهي، جيڪي اسان جي ساهن جي حرارت کي بي ترتيب ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ ڄڻ اسان مٿي وارو ڌڪ کائي، ٻئي هٿ دل تي رکي، وائـڙا ٿي ويهي رهون ٿا. نظم کي سگھاري ۽ شاندار انداز ۾ لکڻ جي ڪري، نظم جي حوالي سان سڃاتو ويندڙ فياض لطيف پنهنجي نالي جي پوئين اڌ ”لطيف“ هجڻ جي ڪري مون کي احساسن ۾ ڏاڍو غزلاڻو نظر آيو آهي ۽ اظهار ۾ نظماڻو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس غزلن جي فزڪس نظمن جھڙي آهي ۽ سندس نظمن جي ڪيمسٽري غزلن جھڙي، يعني سندس غزلن جو سٽاءُ ته نظماڻو آهي، پر نظمن جي نفاست ۽ ڪوملتا غزلن جھڙي. اڃا به هيئن ته غزلن جو طعام ته نظماڻو آهي، پر نظمن جو ذائقو غزلن جھڙو. انهن ۾ ترڪيبون ۽ تشبيهون ڏاڍي خوبصورتي ۽ سليقي سان نڀايل آهن، منجھن بي انتها مٺاڻ موجود آهي.
    فياض لطيف پنهنجي خيالن ۽ احساسن کي اوتڻ لاءِ نظمن جي جنهن رستي جي چونڊ ڪئي آهي، انهيءَ رستي جا سمورا نظارا، گھيڙ گھٽ، هوائون ۽ ڇانورا پنهنجا آهن. سندس نظمن جو نه رڳو پيچرو پنهنجو آهي، پر انهن جو ماحول ۽ موسمون به پنهنجون آهن. سندس نظمن جو صحرا به پنهنجو آهي، ته باراني به پنهنجي آهي. پوکي به پنهنجي آهي، ته لابارو به پنهنجو آهي. مطلب ته سندس نظمن جو سڄو ڊول ڊال، مُنهن مهانڊو، هڏ هاٺي، قد ڪاٺ، وت ۽ وزن توڙي مزاج ۽ لهجو نج پج پنهنجو آهي، جنهنڪري ئي هو نظمن ۾ پنهنجو الڳ اسلوب ۽ ڌار ڊڪشن رکي ٿو. نظم مان غزل جي خوشبو اچي ٿي ۽ غزل مان نظم جو هڳاءُ يعني سندس نظمن جو معروض ته نظماڻو آهي، پر موضوع غزلاڻو ۽ سندس غزلن جو ڏاڻءُ ته غزلاڻو آهي، پر اظهار نظماڻو، ته اهڙي فياضي، فياض کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪير ڪري سگھندو!
    سندس کوڙ ساترا نظم پنهنجي ڪلائميڪس ۾ هڪ ڀرپور تاثر ڇڏي ۽ هڪ خوبصورت قافيو ساڻ ڪري، پنهنجي پهرين سٽ ۽ قافيي سان ميچ کائي، اسان کان موڪلائڻ مهل، اسان جي دل ۽ دماغ تي هڪ زوردار ڌڪ هڻن ٿا ۽ اسان انهن جي اثر ۽ سحر ۾ ائين خاموش ۽ بتال ٿي وڃون ٿا، جيئن بندوق جي ٺڪاءَ کان پوءِ فضا خاموش ٿي ويندي آهي ۽ ٻُڌبي آهي ته فقط پکين جي ڦڙ ڦڙاهٽ. ڪجھه نظمن منجھان اهڙا ٽُڪرا اوهان جي اڳيان رکان ٿو.

    پنڌ ۾ هر پير هيٺيان،
    ڪيتريون چوڙيون ڀَڳل هِن.


    . . . .


    اڄ به چَڳَ جو هر تصور
    روح ساري کي ٿو واسي.


    . . . .


    کِڙيو آ چنڊُ اَمبر تي
    ستارا جڳمڳائن ٿا
    نديءَ کي ننڊ آهي پر
    ڪنارا ڪجھه ڪَنائن ٿا.


    . . . .


    پٺيان هُو سج پهاڙيءَ جي
    لهي ٿو روپ بيوھ جان
    لڳي ٿو رات جي ماٿي
    سُندر هُو چنڊ ڪنهن ڳھَ جان.


    . . . .


    ادائن جي گھٽائن جو سفر آهي
    غضب آ جو نگاهن جو سفر آهي
    حياتي آ ڪنڊي تي ماڪ جو قطرو
    سمندر جان اِڇائن جو سفر آهي

    مان ذاتي طور ڪشف ۽ ڪرامت جو قائل ته نه رهيو آهيان، پر شاعر جي لاءِ هي چوندي شايد نه گھٻرائيندس ته، شاعر ڪائنات جي ايتري ته طاقتور هستي آهي ۽ وٽس ايتري ته قدرت موجود آهي، جو سندس هڪ پير ڌرتيءَ تي هوندو آهي، ته ٻيو آڪاش تي، يعني هو هڪ ٻرانگ ۾ ڪائنات لتاڙي وڃي ٿو.
    فياض جي اندروني يا سهڪاري قافين جي ٻرانگ به ايتري ئي وڏي آهي. اهي پاڻ ۾ هم قافيا هوندي به ٻن ڌار ڌار خيالن کي پاڻ ۾ اهڙي ته نفيس ۽ مترنم معنويت سان اظهارين ٿا، جو ماڻهو قافين جي سرحد تي، نظم جي ڊگھي پنڌ ۾ بيهي ساهي پٽڻ بدران، ٿَڪَ کي پرتي اُڇلي، اڳتي وڌي وڃي ٿو.
    اڄ به منهنجا رنگ سارا
    روپ تنهنجي جو رَچن ٿا،
    نقش ڪوئي،
    ننڊ جھڙو،
    گِھنڊ جھڙو،
    جو وَڄي ٿو رات ڏينهن،
    روح منهنجي جي رَڳن ۾،
    تنهنجي زلفن جي چَڳن ۾،
    اڄ به منهنجي آڱرين جو،
    چين ٿو اُلجھي پوي.
    نيڻ تنهنجا،
    سحر وانگر،
    لهر وانگر،
    اڄ به ٻُوڙِن ٿا مِٺي!
    فياض جا ڪجھه نظم اهڙا به آهن، جن منجھان مثال لاءِ ڪو ٽُڪرو يا شعر ڪڍڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن سهڻي ۽ سالم جسم جو ڪو عضوو ڪٽي پيش ڪجي، تنهنڪري مان اهڙن خوبصورت نظمن کي اَپاهج ڪرڻ بدران اوهان کي صلاح ڏيندس، ته اوهان اهي پاڻ ئي پڙهو. سندس اهڙا سڀئي نظم احساسن جي حدت ۽ اندر جي پياس لاءِ پيئڻ جھڙا آهن، جيڪي مون کي ڪنهن مشروب جھڙي آسيس ڏين ٿا. انهن ۾ سندس نظم ”پياسو ساحل، تِشنگيءَ جو بدن، دشت جو سفر آ دل لڳي، دلين جا زخم ڀربا ناهن، اچين جي جلد آ جانان، آءٌ اڃايل آهيان ۽ چنڊَ هاڻي هُن کي چئجان“ شامل آهن.
    شاعراڻي اظهار جون ڳالهيون عجيب هونديون آهن. ڪڏهن نرم ته ڪڏهن گرم. نرم اُهي، جيڪي پيار جي آجيان لاءِ سندس مٿان پنکڙين جيان گھورجن، ڇو ته جڏهن اهي چپن مان اظهارجن ته هر ڏسا سرهاڻ سان واسجي وڃي، هر لفظ خوشبو خوشبو ٿي کڙي. ڳل ڳاڙها ٿي وڃن ۽ چپن تي مُرڪون ماکي ٿي رَسڻ لڳن ۽ وري گرم اهي جيڪي وڇوڙي جي موسم ۾ اکين مان لڙڪن ذريعي اظهارجن. هونئن به لڙڪُ ته اظهار جي اها شڪتي آهي، جيڪا سمورن احساسن ۽ جذبن ذريعي، سموري اندر جي نپوڙجڻ کان پوءِ اکين جا بند ڀڃي ٻاهر نِڪري، پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪري ٿي، تنهڪري لڙڪ نرم به آهي، ڇو ته ڪائنات ۾ پاڻي کان وڌيڪ نرم ۽ ڪُنئري ڪائي چيز ڪانهي ۽ لڙڪُ گرم به آهي، ڇو ته احساسن جي سموري آتش کان پوءِ اندرُ ٽهَڪڻَ جي درجهء حرارت تائين پهچڻ بعد ئي اکين جي آويءَ مان هڪ لڙڪ ٿي نِڪري ٿو.
    غزل جي اظهار جا پيچرا به اهڙا ئي هوندا آهن. وصل ۽ ميلاپ کان وٺي وڇوڙي ۽ جدائيءَ تائين، زندگيءَ جا سمورا پل، غزل جي آرسيءَ ۾ ڏسجن ٿا. ساڳئي ريت فياض لطيف به غزل جي فطرت ۽ سڀاءَ کي سمجھي ٿو ۽ کيس پاڻ ڏانهن پاٻوھ مان سڏي ڳراٽڙي پائي ٿو. موٽ ۾ غزل به ساڻس بي انتها پيار ڪري ٿو ۽ پنهنجو ڪنڌ هنج ۾ رکي، وسرام ڪرڻ چاهي ٿو ۽ وري فياض به کيس ننڊ مان جاڳائڻ بدران سندس مٿي تي پيار جا هٿڙا ڦيريندي، ڪجھه گنگنائي ٿو، تنهنڪري کيس ڪَنُ ڏئي ڌيان سان ٻُڌو ته ڪيڏو نه مِٺاس آهي، سندس آلاپ ۾، ڪيڏي نه نفاست آهي، سندس لفظن ۾ ۽ ڪيڏي نه حرارت آهي سندس خيالن ۾!
    پير پنهنجن ۾ رهيون هِن ڌرتتيون ئي،
    سانوري ڄڻ ڪي گھٽائون ٿي رهي آ.

    . . . .

    پاڻ کان پاڻ تائين پُڳيون هِن اکيون،
    خواب مجذوب جو هي رُڳيون هِن اکيون.


    . . . .


    درد جي دلبري به رهي آ عجب،
    درد سارو سفر ۽ جُھڳيون هِن اکيون.


    . . . .


    سمندر جان ڪٿي آهي، تمنا کي ڪنارو ڪو!
    جياپو نيڻ سپنن جا، مَسافت پنڌ آ واري.


    . . . .


    خدا جي مصوري فطرت،
    صبح ۽ شام ۾ جادو.

    نظم جي زمين موضوعاتي لحاظ توڙي فني حدن ۾، غزل کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڪشادي، وسيع ۽ گوناگون آهي. اُن جي زرخيز زمين ۾ ڪهڙو به فصل پوکيو ته لاڀ ڏيندو. نظم جو لباس ريشمي يا سوٽي ۽ ململ يا اطلس جو به محتاج ناهي. کيس جھڙو به لباس پارايو ته خوبصورت لڳندو. هو هر اوڍڻي ۾ پنهنجي جسماني وجاهت سان جلوه نما رهندو، ڇو ته نظم ۾ مستي به آهي، ته ماٺائي به، ولولو به آهي، ته ويراڳ به ۽ جمال به آهي، ته جلال به. ان جي ڀيٽ ۾ غزل جي پهر اوڍ، ڇنڊ ڦوڪ ۽ پائڻ پارائڻ جو گھڻو خيال رکڻو پوي ٿو ۽ سندس جسماني نزاڪت، بدني نفاست ۽ شائسته سڀاءَ لاءِ عمده، نفيس، نرم، ملائم ۽ رنگين اوڍڻن جي ضرورت پوي ٿي.
    غزل ۽ نظم ۾ فرق عورت ۽ مرد وانگر آهي. عورت زنانه ڪپڙا پائي توڙي مرداڻه هر روپ ۾ سهڻي لڳندي، شرط اهو آهي، ته ان ۾ عورتپڻو يعني نسوانيت هجي، پر جيڪڏهن ڪو مرد زنانه ڪپڙا پائيندو، ته يقينن بدنما ۽ بي وڙو لڳندو، شرط آهي، ته منجھس مرد پڻو هجي. مان ائين به چوندس ته فياض جي شاعريءَ جو سڀاءُ نظماڻي غزلن ۽ غزلاڻي نظمن جھڙو آهي. سندس نظم پاڻ کي رومانوي حصار کان گھڻي ڀاڱي ڪڍي نه سگھيو آهي ۽ ان ۾ به غزل جھڙي رنگيني آهي، ته وري غزل نظماڻي بساط تي بيٺل آهي ۽ ان ۾ اهو ئي ولولو ۽ ووڪ آهي.
    تشبيهون، ترڪيبون ۽ استعارا شاعريءَ جا زيور هوندا آهن، جن کي پائڻ کان پوءِ ڪوتا ــ ڪامڻي انتهائي حسين ۽ سُهڻي لڳندي آهي. جڏهن خوبصورت اظهار تشبيهن، ترڪيبن ۽ استعارن جا سونا ڳھه ڳٺا پائي ٿو، ته تخيل زندگيءَ سان ڀرپور ٿي ساھ کڻڻ لڳي ٿو ۽ ابلاغ جي تال تي پير ڌري نرت ڪرڻ لڳي ٿو. اصل ڳالھه احساس جي ناهي، پر اظهار جي آهي. تشبيهون، ترڪيبون ۽ استعارا ته اهي ريشمي ڌاڳا آهن، جيڪي اظهار جي ڪَرائيءَ ۾ راکي ٻَڌي کيس پنهنجو هم شير بڻائين ٿا. فياض جي شاعريءَ ۾ به اهڙين ئي خوبصورت تشبيهن، تازگي بخشيندڙ ترڪيبن ۽ اَمُلھه استعارن جي هڪ پوري پرٿوي، اظهار جي محور تي ڦري رهي آهي ۽ اسان ڄڻ ان جي مدار ڏانهن ڇڪجي، سندس چوڌاري ڦِري رهيا آهيون. ”سپي ۾ سمنڊ تاسارو“ جي خوبصورت عڪس جو ههڙو نڀاءُ هر ڪنهن وٽ ڪونه ملندو، جنهن ۾ عڪس، احساس ۽ اظهار گڏجي تخليقيت جو ثبوت ڏين ٿا.

    سمندر ۾ سپي پياسي
    سپيءَ ۾ سمنڊ تاسارو.
    هر شاعر وٽ تخيل جي پنهنجي رنگيني ۽ اظهار جو پنهنجو ڏانءُ آهي. هو پنهنجي تخليق ۾ ساھ وجھي، سندس دل کي ڌڙڪائي ٿو، کيس جيئدان عطا ڪري ٿو ۽ جِلا بخشي ٿو، جنهن مان لفظ جوالا ٿي اُڀرن ٿا. هڪ ٻيو شعر به اوهان کي ٻُڌايان ٿو، جيڪو فياض جي ذوق جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت قافيي جي سونهن، خيال جي گِھرائي ۽ احساس جي شدت آهي. جنهن جي مَٿيُن ٻن سِٽن ۾ تشبيھ ۽ هِيٺيُن ٻن سِٽن ۾ ترڪيب، ڪنهن سانوري ڳچيءَ ۾ سوني ڳھه جيان جرڪي رهيون آهن.
    عُقابن جي اکين وانگي،
    ستارن جون اکيون ڀاسن.
    ڪڪر جون سانوريون ٻانهون،
    اَمبر کي ٿيون ٻکيون ڀاسن.

    ان کان سواءِ فياض شاعريءَ جي منزل ڏانهن جيڪو تخليقي سفر ڪيو آهي، ان ۾ ڪيتريون ئي سُندر تشبيهون، ترڪيبون ۽ استعارا ساڻس هم سفر آهن. جڏهن اسان به ساڻن گڏجي سفر ڪرڻ لاءِ نڪرون ٿا، ته سندن سرهي ساٿ ۾، سفر جي ٿَڪَ کي وِساري وک وک آسيس محسوس ڪريون ٿا. تشبيهن، ترڪيبن ۽ استعارن جا اهڙا ئي ڪجھه عڪس اوهان جي اڳيان رکان ٿو.
    ’پٿر ــ شهر، سوال ــ شيشا، ديد ــ دارا، نيڻ ــ ڇپر، لُڙڪَ ــ چُئاڪا، ننڊ ــ بدن، چين جي چادر، خوشبو جو بدن، ياد جي دستڪ، سپنن جا نيڻ، تمنا تيز واچوڙو، درد ـ لامون، يادن جا ريشم، نصاب ڀوڳڻ، ننڊ جا ٽاڪا هڻڻ، اُلجھيل سُٽُ آدمي، خواب جو خون ٿي وڃڻ، ننڊاکو چنڊ، اکين ۾ کيپن جو مُرڪڻ، هينئين جي لهر تي سار جو تَرڻ، مُرڪ ــ چپن جو رقص، شاعري دل جي مزدوري، مَسافت پنڌ آ واري ۽ جياپو نيڻ سپنن جا‘ وغيره. سندس ڪيترن غزلن جي قافيي ۽ رديف جي وچ ۾ تخيل ۽ استعارا ڏاڍي معنويت سان نِڀايل آهن، پر ڪٿي ڪٿي استعاري جي معنويت ۾ ٿورو بار محسوس ٿئي ٿو ۽ اهو اَسڀاويڪ لڳي ٿو. مثال: ”درد جو پٿر“ ته ڏاڍو خوبصورت استعارو آهي، پر ان جو ”ڀُرڻ“ معنوي لحاظ کان ڌڪجي ٿو.
    منهنجي دل تان درد جـــو پٿر
    دوست! هڪڙو ڄڻ ته ڀُري ٿو.
    شاعريءَ ۾ خيال جي لاڳيتي مشق جي ڪري ڪجھه لفظ شاعر جو تڪيو ڪلام بڻجي ويندا آهن ۽ هو انهن کي پنهنجي اظهار ۾ بار بار دهرائيندو آهي. جيتوڻيڪ انهن جي ٽيسٽ ۽ اُتساھ پنهنجو پنهنجو آهي، پر لڳ ڀڳ انهن جي محاڪات ۽ موضوع ساڳيو آهي، تنهنڪري اهي ڪي قدر ورجاءُ ڏيکارين ٿا، انهن ۾ جانان، مجذوبي، سمندر، سمرتي، تِشنگي، اِڇائون، خانه بدوشي، جوڳي، ڇهائن، مِرگھه، ناکئو، مدهوشي، تمنا ۽ ڪجھه ٻيا.
    ڪتاب ۾ ڏنل وائيون به اڄوڪي دور جي مروج وائين واري اڪثريت جون آئينه دار آهن، جن ۾ اهي سڀئي عڪس ۽ اولڙا موجود آهن، جيڪي نئين ٽهيءَ جي خاص شبيهه کي ظاهر ڪن ٿا. مون اڳ به پنهنجي ليکن ۾ وائي تي تفصيل سان ڳالهايو آهي، پر هتي رڳو ايترو چوندس، ته سنڌي ادب جي موجوده دور ۾ لکيون ويندڙ وائيون، ڪنهن نئين منزل جي دريافت جي ڪڍ مسلسل سفر ۾ آهن. هاڻي ڏسجي ته انهن کي ڪا منزل به ملي ٿي يا لاڳيتو پنڌ ۽ ان پنڌ جي پياس. اهي پنهنجي سڃاڻپ جي ڀرپور ڳولا ۾ آهن، اها ئي ڳولا نئين ٽهيءَ جي حيثيت ۾ فياض جي حصي ۾ به اچي ٿي. فياض جي وائين ۾ هڪ تجربو به ملي ٿو. اهو تجربو ڏاڍو ڏکيو ۽ تڪڙو هضم ٿيڻ جھڙو ناهي. ايندڙ دور ان کي قبول ڪندو يا نه ۽ اڄوڪي ٽهي ان کي ڪٿي ٿي بيهاري، ان جو جواب ته وقت ڏيندو، مان ان جي فقط نشاندهي ڪندس، جنهن ۾ هن ٻئي سٽون 13ــ13 ماترائن جون رکيون آهن (جيڪي 12ــ11 هجڻ گھرجن) ۽ وراڻي به تيرهن جي آهي، جيڪا ته ٺيڪ آهي، يعني ٿلھه سوڌو 11 ماترائن واري سٽ غائب آهي ۽ وري قافيو به وراڻيءَ سان نڀايل آهي. هونئن ته وائي دوها ــ سورٺا ڇند جو ئي تسلسل آهي، جنهن ۾ اسان وٽ اصلوڪي وائي وراڻي سوڌو 13 ــ 11 ــ 13 ماترائن تي لکي وڃي ٿي. مثال لاءِ فياض جي ئي هڪ وائي 13 ــ 11 ــ 13 ماترائن تي آهي.
    پنڇي جيئن ويٺو اچي
    اُجڙيل ٽاريءَ جا،
    آتا نيڻ ٺري پيا.
    جڏهن ته ڇند وديا ۾ دوها ــ سورٺا ڇند کان سواءِ ٻيا به انيڪ ڇند آهن، تنهنڪري فياض جو هيٺيون تجربو ڄڻ ته پنهنجو الڳ ۽ جدا ڇند رکي ٿو. جيتوڻيڪ هيٺئين تجرباتي وائي ڏيڍي ناهي ۽ نه ئي عروضي آهي، پر لکيل ڇند تي ئي آهي ۽ ان کي ڇند کان ڇني نه ٿو سگھجي، پر ان ڇند جو نالو ڪهڙو آهي ۽ ائين ڇو آهي؟ اهو فياض کي ئي طئي ڪرڻو آهي. سندس تجرباتي وائي اِجھا هيئن آهي.
    ڪوتا جي ٽاريءَ مان،
    ٽٽو گل گلاب جو!
    ڏات ننگر ۾ ٿي ويو
    خون ننڊاکي خواب جو،
    ٽٽو گل گلاب جو!
    بيت جي نڀاءَ ۾ هڪ ئي وقت، مقرر ٿيل ڇند، تجنيس، معنى، خيال جي پختگي ۽ شاندار اظهار جي گھڻ رخي تقاضا رهي ٿي ۽ اها به انتهائي مختصر سٽن ۾، سندس وايو مختصر هجڻ ڪري يقينن مشڪل ۽ ڏکيو آهي. بيت اسان جي اوائلي، آڳاٽي ۽ ڪلاسيڪل صنف هجڻ باوجود اڄ ڏينهن تائين گھڻو ڪري منجھس مجموعي طور نواڻ ۽ جدت اچي نه سگھي آهي. جيتوڻيڪ نئين ٽهيءَ جي ٿورڙن شاعرن ان ۾ ڇندن، رديفن، صنعتن ۽ موضوع جا ڪجھه حسين تجربا به ڪيا آهن، پر بنھه گھٽ، جنهنڪري مجموعي طور بيت اڃا به ساڳئي روايتي انداز ۾ لکجي رهيو آهي.
    فياض جي بيت جو انداز به جيتوڻيڪ روايتي ۽ عام آهي، پر ان ۾ اظهار جي ڇڪ ۽ خيالن جي ندرت سان گڏ درد جي ڪيفيت بهرحال موجود آهي، جيڪي اسان کي پاڻ ڏانهن سڏين ٿيون ۽ انهن ۾ معنويت به آهي، مقصد به آهي، موضوعيت به آهي، ماحول به آهي، سرمستي به آهي، ته مِٺاڻ به، پر بيتن ۾ گھڻو زور تجنيس حرفيءَ تي آهي، جيڪا اسان جي ڪلاسيڪل بيت جي سونهن به آهي، ته جان به.
    جانان! هاڻي آءُ تون، ننڊ ٿا نيڻ گُھرن
    هينئين منجهه هُرن، هر پل وارن آڱريون.

    . . . .

    آئينءَ تون جو اوچتو، ٻانهن ۾ ٻيهار
    آرنڀ تنهنجي ارپيا، مون کي کوڙ خمار.
    ساجن! تنهنجي سار، هينئون هٻڪارون ٿيو

    شاعر پنهنجي دور جي حالتن کان اوس متاثر ٿيندو آهي، سماجي اڻ برابري ۽ معاشي توڙي معاشرتي استحصال کان ويندي، آفاقي آفتن تائين سڀ وارتائون سندس دل ۽ دماغ تي گھري ڇاپ ڇڏينديون آهن. انهن جي اظهار لاءِ سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ هوندي آهي ۽ هو اظهار لاءِ اتاولو به رهندو آهي، پوءِ ڀلي کيس موٽ ۾ سيج ملي يا سولي. جھوڪ واري جنگ کان ويندي کرڙيءَ جي ميدان تائين ۽ شاھ لطيف کان ويندي خليفي نبي بخش تائين يا وري ون يونٽ کان ويندي 2010ع جي مها ٻوڏ تائين ۽ شيخ اياز کان ويندي فياض لطيف تائين، سڀني جي اندر ۾ احساسن جي آوي ۽ جذبن جي جوالا ڀڙڪي ٻاهر نڪتي آهي، جيڪا سڀ ڪجھه ساڙڻ جي شڪتي رکي ٿي. جيئن وڻ جي هڪ ڏار مان لکين ماچيس جون تيليون ٺاهي سگھجن ٿيون، پر ٻيلي کي ٻارڻ لاءِ ماچيس جي هڪ تيلي ئي ڪافي آهي. فياض جي بيتن ۾ دردِ دل سان گڏ دردِ دنيا به آهي. قبائلي جھيڙن جي باھ ۾ سڙندڙ جانين کان ويندي، مها ٻوڏ جي هاڃن ۾ اُٿندڙ درديلي دانهن کي هن نه رڳو ٻُڌو آهي، پر انهن تي کيس جُھٻو به آيو آهي.
    ويڙها ويرين ڀيليا، جھيڙن جھوري جندُ،
    سُکِ نه سنڀري سنڌُ، اڌ صدي اتهاس ۾ !

    ڪڏهن اُجاڙيا سوڪهڙي، ڪڏهن اُجاڙيا ٻوڏ
    سنڌڙي سدا اوڏ، اڏيا مٽيءَ گھرڙا.

    فياض لطيف جو پورهيو هڪ اهڙي جاميٽري باڪس جيان آهي، جنهن ۾، شاعريءَ جا گول، اڌ گول، گونيائون توڙي پلڪارون ۽ پينسليون پنهنجون آهن، جن کي هو پنهنجي ئي طريقي ۽ انداز سان ڇُهندو، نج پج پنهنجي ئي لهجي ۽ لئه جا زاويا ٺاهيندو ۽ ليڪون ڪڍندو رهي ٿو. سندس خيالن جي هڪ کان ٻئي ڪهڪشان تائين پهچڻ لاءِ اسان کي روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪرڻو پوندو. مان هڪ اهڙو ئي سفر سوچن جي تيز ترين راڪيٽ تي پورو ڪري، اِجھو هاڻي ئي زمين تي لٿو آهيان ۽ هينئر وسرام جو سانباهو ڪري، ڪا ڊگھي ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿو، ته جيئن انهيءَ سهڻي سفر جون سموريون حُسناڪيون پنهنجي سپنن ۾ سهيڙي ڪا گھري ننڊ ڪري سگھان.

    لاڙڪاڻو عادل عباسي
    15 ڊسمبر 2012ع 0300-3430955
    abbasi.aadil@gmail.com


    سدائين ڪوتا زخمَ ڀريا هِن

    روز ٿو اُڊڙي پوان مان
    روز ٿي ٽاڪا هڻي هوءَ
    منهنجي دل آ چاڪ دامن
    ڄڻ سِبياري آ ڪويتا!

    آءٌ جڏهن پنهنجي ٽيهه سالا ماضيءَ جي راهن ۾ موٽ جي نظر ڦيرايان ٿو، تڏهن درد ۽ تنهائيءَ جون تاريڪ راتيون، ساٿ ۽ مسرتن جا سُندر لمحا، انيڪ شامن جي دلڪش سحر ۽ پن پن جيان وکيري ڇڏيندڙ پهرن جون سَمرتيون ڪنهن اُداس ڪتاب جي ورقن جيان اڄ به منهنجي دل جي بادل کي ڏاڍو بي چين ڪري ٿيون ڇڏن، نتيجي ۾ خانه بدوش نيڻن لاءِ ڏينهن تائين ننڊ جو آغوش ڪَنڊن جي سيج بڻجي ٿو وڃي.
    دل چوي ٿي، وقت جي صحرا ۾ وکريل پلن ۽ پهرن کي ميڙي، انهن مان آوارگيءَ جي بدن لاءِ ڪو آنند جو لباس اُڻجي، اوجاڳيل نيڻن لاءِ ڪو ننڊ جو آغوش ڳولجي، رُٺل راحتن جا ڪي پنڌ ۽ پيچرا پُڇائجن، ٽٽل خوابن جي زخمن کي وساري، روح کي ڪي گھڙيون چنڊ جي چانڊوڪيءَ سان ريجھائجي، پر ڇا ڪجي.....؟ وقت ۽ حالتن کي به سمنڊ جيان پنهنجون صداقتون ۽ سرڪشيون ٿيون هجن، جيڪي هزارين هيلن جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن حاصلات جي هٿن مان ڇڏائي، الائي ڪهڙي پار اُڏامي وڃن ٿيون ۽ پويان حيرتن ۽ حسرتن جو اَجھاڳ رڻ ڇڏي ٿيون وڃن، جيڪو دل کي اڪيلي سِرِ عرصي تائين ڏورڻو ۽ ڀُوڳڻو پوي ٿو.
    منهنجي لفظن سان پهرين آشنائي يا منهنجي آشنائيءَ جو انهن سان پهريون سُٻنڌ تڏهن جُڙيو هو، جڏهن سالن کان زبان جي زندان ۾ قيد اقرار جي پنڇي، خاموشيءَ جون سلاخون ٽوڙي خيالن ۽ خوابن جي آڪاش ۾ اُڏامڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر جڏهن اظهار لاءِ لفظن جو ساٿ سنڀاريو هيم، تڏهن زبان جي زنبيل ۾ موجود سڀئي لفظ بي زبان ڀاسيا هيم. خبر ناهي احساس جي گلدان مان لفظن جا گل ڪيڏانهن اڏامي ويا هئا.....اندر ۾ آنڌ ماند ۽ بي چينيءَ جا انبار هئا، خيال ٽٽل مالها جيان وکريل هئا، دل عجيب درد سان ڀريل هئي ۽ اکين ۾ عجيب اداسي هئي، پر لفظ نه ٿي مليا، جن سان اندر جي ڪيفيتن کي اظهاري سگھجي. نتيجي ۾ بي نانءُ خاموشي ۽ اداسي کڻي پنهنجي ڪمري جي ڀاڪر ۾ پاڻ کي ڪنهن وڃايل ٻار جيان اچي اُڇلايو هو. ڏينهنِ پُڄاڻان جڏهن لفظن جون موسمون مون تي بارشن جو بدن بڻجي لٿيون هُيون، تڏهن دل جي ديوانگي وري خاموشيءَ جي دشت ۾ ڀٽڪڻ تي بضد ٿي پئي هئي.... لفظن بابت ڪبير ڪيڏو نه سچ چيو آهي:
    شبد شبد سب ڪوئي ڪهي، شبد ڪي هاتهه نه پائون
    ايڪ شــبد اوشــده ڪــري، ايـــڪ شبــد ڪري گھـاو.
    (لفظن جو متلاشي ته هر ماڻهو هوندو آهي، توڙي جو لفظن کي نه هٿ هوندا آهن ۽ نه ئي پير، پر ڪي لفظ زخم ڀريندا آهن، ته ڪي وري زخم ڏيندا آهن.)
    اڻ اظهاريل لفظن جي اضطراب منهنجي پيرن ۾ آوارگيءَ جون اڻ کٽ مسافتون پٿاري ڇڏيون ۽ منهنجو جيءُ جوڳيءَ جي جاڳ بڻجي، ويراڳ جي واٽن ۾ آنند جا نيڻ ووڙيندو رهيو، پر ننڊ کان رُٺل نيڻ الائي ڪهڙي راهن جي ٻانهن ۾ وڃايل رهيا ۽ آءٌ بي نشان پيرن پٺيان تلاش جي تِشنگي کڻي عرصي تائين ڀٽڪندو رهيس. ان عرصي دوران منهنجي من جي ڪيفيت اڪثر بيدل سائينءَ جي هن شعر جھڙي رهي:
    هم عمر باتو قدح ڪشيم، و نه رفت رنج خمارما
    چه قيامتي ڪي نه مي رسي زڪنارما به ڪنارما.
    (عمر ڀر توسان پيالو پيتو، پوءِ به اسان مان رنج جو خمار نه ويو. ڪهڙي قيامت آهين، جو اسان جي ڀاڪرن کان اسان جي ڀاڪرن تائين نه ٿي پهچين!)
    خبر ناهي ڪڏهن ڪڏهن الائي ڪهڙي بي قراريءَ جي چڻنگ اچي منهنجي وجود جي دامن تي ڪِرندي آهي ۽ ڏينهنِ تائين منهنجون اکيون، اوجاڳن جو مضطرب بدن بڻجي وينديون آهن. آءٌ ڄاڻان ٿو ته، پٿرن جي شهر ۾، شيشي جھڙي دل رکي، ثابت قدم رهڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ ڪونهي، پر اهو به سچ آهي، ته سنگتراشن جي سنگ ۾ آئينه گرن کي، اهنجن ۽ زخمن جو بدن ئي پلئه پوندو آهي. صائب ڪيڏو نه درست چيو آهي:
    به نخل بار ور سنگ از دور ديوار مي بارد
    اگر اهل دلي آماده شو صائب! ملامت را.
    (هر ڦل دار وڻ کي پٿرن جو نشانو بنجڻو پوندو آهي. اي صائب! جيڪڏهن تون اهلِ دل آهين، ته ان لاءِ هر گھڙي تيار رھ.)
    دل ۽ لفظن جي ڪائنات جون رمزون مون لاءِ هميشه انوکي محبوبيت ۽ مجذوبيءَ جيان رهيا آهن، جن کي توڙي جو عمر ڀَرِ سُلجھائيندي ڪيئي ڀيرا خود ئي اُلجھي ويو آهيان، پر پوءِ به جيون جي مسافت ۾ لفظن ۽ دل جي مجذوبي ئي سدائين مون لاءِ روشني ۽ رهبريءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. ديوانگي جي دانشمندي ۽ دانشمنديءَ جي ديوانگي ئي هِن يزيد ــ جڳ ۾ هميشه منهنجي خانه بدوش دل ۽ معصوم محبتن جي حفاطت ڪئي آهي.....رستا ۽ راهون منهنجي جيون سفر لاءِ سدائين پرينءَ جي ٻانهن جيان رهيا آهن. مسلسل جدوجهد ۽ جستجو ئي مون لاءِ راحت جو باعث رهي آهي. سفر جو ٿَڪُ ئي مون کي آنند ۽ اُتساھ عطا ڪندو آهي. جُڙي ڀَڄَڻُ ۽ ڀَڄي جُڙڻ جي عمل ئي سدائين منهنجي زندگيءَ ۾ رنگ ڀريا آهن.
    راھ زين ديده وران ، پُرس ڪي در گرم روي
    جاده چُون نبض تپان، در تن صحرا بي نند.

    (غالب)
    (رستي جو پتو انهن ديده ورن کان پُڇو، جيڪي هڪ تتل نبض وانگر پنهنجي مسافت جي گس کي صحرا جي تن بدن ۾ پَسن ٿا.)
    تشنگي ۽ حاصلات جي حُسناڪي مون ۾ هميشه آنند ۽ آجپي جو اتساھ پيدا ڪيو آهي ۽ ان پويان مون پنهنجي نيڻن جون ڪيتريون ننڊون وڃايون آهن، اُنَ جو ڪاٿو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. مون جڏهن به پيچرن ۾ پنهنجي مسافت جا پيرا ووڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، وقت ۽ حالتن جي بدحواس هوائن جا هٿ، انهن کي مِٽائڻ ۾ اَڳرا رهيا آهن، پر پوءِ به منهنجي جستجو ۽ جاڳ جا نيڻ ٿَڪَا ڪونه آهن. آءٌ انيڪ واٽن تي پهرن تائين آوارگيءَ کان پوءِ، جڏهن به پنهنجي آشياني (پنهنجي ڪمري، جيڪو منهنجي وجود لاءِ پناھ گاھ ۽ آغوش جيان آهي) ڏانهن ورندو آهيان، اُتي هڪ عجيب آنند ۽ آجپو محسوس ڪندو آهيان. درد منهنجا دوست بڻجي ويندا آهن ۽ ديوارون مون سان ڳالهائينديون آهن. ڪمري ۾ چوطرف پکڙيل منهنجا ڪتاب مون کي تنها ٿيڻ نه ڏيندا آهن، انهيءَ ڪري آءٌ جڏهن به ٽُٽُو آهيان، ثابت قدم ئي ٽٽو آهيان.
    ماڻهوءَ کي پروڙڻ ۽ پُرجھڻ ڏاڍو اوکو آهي. انسان انيڪ روپ ۽ ٻهروپ ٿو رکي، جن کي سمجھڻ ۽ پرکڻ لاءِ وڏو تدبر ۽ تپسيا ٿي گھرجي. آدمي، جيڪو ڌرتيءَ تي هڪ اسرار جي گھري ساگر جيان آهي، جنهن جو ادراڪ آسماني وسعتن کي ويچاري هڪ مُٺِ ۾ سمائي سگھي ٿو، جنهن جي سوچ جي سرمستي سمنڊ کي مات ۽ جنهن جي آرزو جو تيشو پهاڙن کي به پرزا ڪري سگھي ٿو، ان ئي آدم ذات کي جڏهن ڪنهن سمي ڪو ننڍڙو ڪنڪر ئي ڀَڃي ڀُوري ٿو وجھي، تڏهن عقل ۽ فهم جون ڏهئي آڱريون اُلجھي ٿيون پون ۽ چپن تي خود بخود حافظ جون سِٽون تَري اچن ٿيون:
    اسرار ازل را نه تو داني و نه من
    وين صرف معما نه تو خواني و نه من
    هست از پس ما پرده من و تو
    چون پرده بُر افـتد نه تـو ماني نه من

    (ازل جي اسرار کي نه تو سمجھيو نه مون. هيءَ ڳجھه جي ڳنڍ انوکي آهي. تو ۽ مون جي وچ ۾ هڪ پردو حائل آهي، جنهن کي جيڪڏهن هٽائبو ته، نه تون رهندين، نه مان.)
    هيءَ دنيا، جنهن کي مون جڏهن به جاچنا جي جيءَ سان ڏٺو آهي، ان ۾ محبتن کان وڌيڪ نفرتون نظر آيون آهن، ايڪي کان زياده نفاق نظر آيو آهي، پر آءٌ ڄاڻان ٿو، ته ڪنول جو گل سدائين سينواريل ڍنڍ ۾ ئي ٽِڙندو آهي. تنهن ڪري مون کي جڏهن به خود غرضي ۽ لوڀ جي آڙاھ کان سواءِ هن سود خور سماج جي نيڻن ۾ ٻيو ڪجھه نظر نه آيو آهي، تڏهن برٽينڊ رسل جي هيٺين سِٽن جو پڙاڏو منهنجي من جي مسجد ۾ اميد ۽ نئين آجپي جي آذان بڻجي هميشه گونجڻ لڳو آهي.
    “The world in which we exist will pass away, burnt up in the fire of its own hot passions and from its ashes will spring a new and younger world, full of fresh hope, with light of morning in its eyes”.
    (هيءَ دنيا، جنهن ۾ اسان جِي رهيا آهيون، هڪ ڏينهن پنهنجي ئي ڪروڌ جي آڳ ۾ ڀسم ٿي ويندي ۽ ان جي خاڪ مان هڪ اهڙو نئون ۽ پُربهار جهان جنم وٺندو، جنهن جا نيڻ نئين امنگن ۽ صبح جي سندر روشنين سان منور ۽ سرشار هوندا.)
    سماج ۾اڪثر ڪري ماڻهن کي کوڙ شيون ورثي ۾ ملنديون آهن. هاري کان وٺي لوهار، موچي، واڍي، ڪوري، سرمائيدار، فنڪار، سرجڻهار، معلم، مڪينڪ ۽ زندگيءَ سان وابسته ٻين ڪيترن ئي شعبن جي ماڻهن جا مثال اسان اڳيان موجود آهن. صدين کان وٺي گھڻي قدر اها موروثيت منتقل ٿيندي رهي آهي، پر ان ئي طبقاتي سماج جو فرد هجڻ جي باوجود منهنجي قسمت جي ڪشڪول ۾ اهڙي ڪنهن به وکر جو سِڪو ڪونه ڪِريو آهي. انهيءَ لاءِ ڇا چئجي....؟ ڪڏهن ڪڏهن گھڻو ڪجھه چوڻ جي باوجود حصول جا هٿ خالي رهجي ويندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجھه به نه اظهارڻ کان پوءِ به، من کي هڪ عجيب تسلي ۽ تشفي ملي ويندي آهي ۽ مون پنهنجي باري ۾ به اڪثر ائين ئي محسوس ڪيو آهي.
    منهنجي وجود جي بنجر زمين مان شاعريءَ جو گلاب ڪيئن سرجيو؟ منهنجي ساڃاھ ۽ سرت کي اهڙن سُندر ۽ سُڳنڌ ڀرئي لفظن جو سُٻنڌ ڪيئن مليو؟ منهنجي نيڻن کي سپنن جون سندرتائون ۽ سندرتائن جا سپنا ڪنهن عطا ڪيا؟ منهنجي خيالن ۾ خوشبوئن جو بدن ڪنهن مهڪايو؟ منهنجي اداسين ۾ آجپي ۽ امنگ جا رنگ ڀري، منهنجي روح کي راحتن ۽ روشنين سان ڪنهن آشنا ڪيو؟ منهنجي تخيل کي تازگي ۽ تازگيءَ کي رنگن جون رونقون ڪنهن بخشيون؟ منهنجي چپن تي لفظ، نغمن جو رقص ۽ نغما محبتن جو گيت ڪيئن بڻيا؟ ان کي بيان ڪري سگھڻ مون لاء جهڙوڪر ناممڪن آهي....ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سرمدي احساس کي اظهار ۾ اوتڻ ڪيڏو نه اوکو ٿو هجي...!هڪ احساس جي سندرتا ۽ سندرتا جي سرمستي کي پُرجھڻ ۽ پرکڻ ڪيڏو نه اڙانگو آهي، ان جي حقيقي سُڌ ته صرف عارفن ۽ عشاقن کي ئي هوندي، پر مون جڏهن به ان سرت ۽ سندرتا جي سرمستيءَ جي احساس کي لفظن جي ساغر ۾ اوتڻ جي ڪئي آهي، مون جڏهن به ان خواب جھڙي حقيقت ۽ حقيقت جھڙي خواب جي خوبصورتيءَ کي لفظن ۾ اظهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مان سچ پچ ان ۾ سدائين ناڪام ئي رهيو آهيان.
    منهنجي شاعريءَ ڏانهن لاڙي ۽ رغبت جو سبب شايد منهنجو مزاج ۽ حساسيت ئي هجي، پر جيتري تائين ورثي ۽ ماحول جي اثر جو تعلق آهي، ته منهنجي سانڀر جي عمر تائين مون کي ان جي پيري ۽ نشان جو ڪو پرو ڪونه ٿو ملي. آءٌ نصابي ڪتابن جو ڪيڙو ضرور هوس، ايتري تائين جو لائيٽ نه هجڻ جي باوجود بتيءَ تي به ڪجھه نه ڪجھه پڙهڻ کان پوءَ ئي ننڊ جو آغوش نصيب ٿيندو هو، پر ادب ۽ شاعري سان منهنجي ڪائي شناسائي ۽ ويجھڙائي ڪونه هئي، پر پوءِ ڪوتا ــ ڪاڪ جي مومل سان منهنجي من جو مينڌرو، ڪهڙي پل موھ جي رنگن ۾ رَتو ۽ منهنجي خيالن جو خالي پاند، لفظن جي گلابن سان ڪيئن مهڪيو، ان لاءِ ڪبير جو هي دوهو پيش ڪرڻ ئي مناسب سمجھان ٿو، جيڪو منهنجي ڪوتا ــ سفر جي ڄڻ ته سربستي ڪٿا بيان ڪري ٿو.
    چندن اُگيو بن ڀيڙ ۾، روُنکي هُئي من آس
    مي ڀي چندن ٿيسان، چندن سُڳنڌي واس.
    (بن ۾ چندن جو وڻ پيدا ٿيو، جنهن جي سڳنڌ ۽ سندرتا پَسي، هڪ ننڍڙي ٻوٽي جي من ۾ چندن بنجڻ جي آس جاڳي.)
    محبت ۾ معجزاتي طاقت هوندي آهي. پيار جڏهن دل جي دوار تي دستڪ ڏني، تڏهن سارو روح سڳنڌون ٿي پيو ۽ خيالن جو خالي پاند ڪوتائن جي پنکڙين سان ڀرجي ويو.
    جيئن هن پوري ڪائنات جو مانڊاڻ، انيڪ ڪارڻن ۽ سببن جو سحر رکندڙ آهي، تئين ئي احساسن ۽ جذبن جي دنيا جو به هڪ پنهنجو جهان هجي ٿو، جنهن جي هر ساعت کي پنهنجي حقيقت ۽ حسناڪي ٿئي ٿي. ڪو وقت هو، جڏهن ڪنهن ڀڪشوءَ جي ڪشڪول وانگر منهنجا خيال لفظن جي سِڪن جا متلاشي هئا. منهنجون آڱريون لفظن جي نفاست ۽ وشالتا کان ناآشنا هيون. منهنجي اِڇائن ۾ لفظن جي معما ۽ محبوبيت کي پائڻ ۽ پُرجھڻ جي عجيب آرزو هئي. مون خيالن ۽ خوابن جي ان مسافت ۾ آنند ۽ اطمينان بدران رڳو زخمن جو بدن ڪمايو....پر پيار جڏهن پنهنجي زلفن جا ڇانورا ڇوڙي، آرزوءَ جي آغوش ۾ آيو، تڏهن نه ڄاڻ لفظن جا نفيس ٿانَ ڪيئن قالين بڻجي، ڪوتا ــ ڪامڻيءَ جي پيرن ۾ پٿارجندا ويا. ڪنهن انگريز شاعر چواڻي:
    “Love, divine spark, Love so rare, when it comes down to the earth wafted by eastern wind, men have spread the carpet of poetry beneath its tread.”
    (محبت، جيڪا اَمُلھه ۽ ڪائناتي جمال جو جلوو پَسائيندڙ هجي ٿي، جڏهن پورب جي هوائن سان ڌرتيءَ تي پير پڌاريندي آهي، تڏهن سندس قدمن ۾ ڪوتائن جو قالين پٿاري آجيان ڪئي ويندي آهي.)
    منهنجي خيالن جي بي چين آڱرين، جڏهن لفظن جي نفيس بدن کي ڇُهيو، تڏهن ڪاغذ جي ڪئنواس تي منهنجي احساسن جا عجيب خواب ــ رنگ پکڙجندا ويا. ان پل آءٌ خود به پنهنجي انهن ڪيفيتن تي حيران هوس، پر انهن حيرتن جھڙي حقيقتن ۽ حقيقتن جھڙي حيرتن، آهستي آهستي منهنجي من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گوشانشين گيڙو پوش ڪوتاڪار کي دريافت ڪري ورتو ۽ شاعري منهنجي اوجاڳيل ۽ بي چين آرزوئن لاءِ اهڙو حبيب هنج بڻجي پئي، جنهن کي آءٌ پنهنجي خيالن ۽ خوابن جون سموريون خوبصورتيون ارپيندو رهيس......وقت ۽ حالتن جڏهن به منهنجي راهن ۾ پٿر اُڇلايا آهن ۽ منهنجا پير پِٿون ٿي پيا آهن، تڏهن شاعري منهنجي زخمن جي بدن تي مرهم ــ پها رکيا آهن.
    مڃان ٿو، شاعري تخليقڪار جي هڏي جي مِکُ تي پلجندي آهي، پر مون لاءِ شاعري سدائين ان مهربان محبوبه جيان رهي آهي، جنهن جي سنگ ۽ ساٿ منهنجي جيءَ ۾ جياپي جو ولولو ۽ مجذوبيءَ جو روح بيدار پئي ڪيو آهي. شاعري مون لاءِ فقط لفظن جي مالهائن ۾ خيالن جا خوبصورت موتي پوئڻ جو نانءُ نه آهي، پر اها منهنجي آنند ۽ آجپي جو اهڙو جواز ۽ شناخت به آهي، جنهن جي بيان لاءِ سچ ته، منهنجي لفظن جي پوري سگھه ۽ اظهار جي سموري اميري اڻ پوري ٿي ڀاسي. شاعري حيرتن جو اهڙو جزيرو آهي، جنهن جي رازن ۽ رمزن، فهم ۽ فراست، حقيقتن ۽ حسناڪين کي پَسڻ ۽ پروڙن جو سُرور ئي پنهنجو آهي. الاهي ڀيرا مون کي ائين ڀاسيو آهي، ته شاعريءَ کي مون نه لکيو آهي، پر شاعريءَ مون کي لکيو آهي. شاعري منهنجي آجپي جو آنند، منهنجي خوابن ۽ خيالن جي پناھ گاھ ۽ منهنجي حيرتن ۽ حقيقتن جي محافظ آهي. تنهن ڪري اهڙي صداقت ۽ سرمستي، جيڪا مون سان هڪ ڏڍ ۽ احساس جي آٿت جيان رهي آهي، تنهن لاءِ مون وٽ بيان ۽ منطقي بحث بدران فقط اٿاھ اُنس ۽ پيار جو عجيب احساس ئي آهي، جيڪو اظهارِ بيان کان بهرحال بالا تر ۽ ممتاز آهي. ڀلا! خوبصورت ۽ آنند جھڙي سُرور کي ڪو بيان به ڪري سگھيو آهي ڇا؟
    محبتن جي سُرور ۽ سُرور جهڙي محبتن کي صرف محسوس ئي ڪري سگھبو آهي. محبوبن جي مسافت جي راهن ۾ ملاقاتي ٿيندڙ مه جبين جھڙي شاعريءَ لاءِ آءٌ ڇا لکان؟ جنهن مون جھڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي پيار جو ساٿ آڇي، آجپي جي انوکي احساس سان آشنا ڪيو. جنهن منهنجي تخيل ۾ تشنگي ۽ تشنگي ۾ تڙپ جو بدن بيدار ڪيو. حقيقت اها آهي، ته مون جڏهن به شاعريءَ جي جمال ۽ ڪمال بابت سوچڻ ۽ ويچارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مان حيران ئي رهجي ويو آهيان.
    مون جڏهن به شاعري ڇا آهي؟ ان جي سِرجڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ۽ اها ڪهڙو سماجي ڪارج ادا ڪندڙ ٿي هجي؟ جهڙن سوالن کي سُلجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن سچ ته منهنجي آگهيءَ جون سڀئي آڱريون سدائين اُلجھاءَ جي زلفن ۾ اُلجھي پئي ويون آهن. يقينن عالمن ۽ پارکو پُرشن وٽ انهن سوالن بابت ڪيترا ئي جواب ۽ جواز هوندا، پر ضروري ته ڪونهي، ته هر سوال جو جواب ۽ جواز، ان سوال ۾ موجود صداقت جو جمال ۽ جولان به پَسائي سگھي! ڪنهن سائنسي فارمولي جو جواب ۽ منطق ته آسانيءَ سان سمجھي ۽ سمجھائي سگھجي ٿو، پر ڪنهن گل جي سڳنڌ ۽ سندرتا جي سوال جي جواب لاءِ وضاحتن ۽ دليلن بدران هڪ حساس دل ۽ نيڻن جي پُرجمال بصيرت جي ضرورت هجي ٿي. شاعريءَ جي ڇو، ڇا، ڪيئن ۽ ڪٿي جي ڪارج بابت سوالن جا جواب ته سوين ٿي سگھن ٿا، پر ان جي هر جواب ۾ انيڪ وضاحتن جي باوجود هڪ عجيب تشنگي ۽ طلب جي ضرورت رهي ٿي، جيڪا هزارين حيلن جي باوجود بيان ٿي وڃڻ بدران اڻ بياني رهجي ٿي وڃي.
    ڇا ڪوئي ٻُڌائي سگھي ٿو، ته اداس راتين ۾ ڪينجھر جي پاڻيءَ تي رقص ڪندڙ چنڊ جي ڪرڻن جو ڪارج ڪهڙو آهي؟ گل جي پتين تي پوندڙ ماڪ ڦڙن لاءِ سدائين سج جا ڪرڻا ايترا منتظر ۽ پياسا ڇو ٿا هجن؟ ڪنول جو گل جڏهن سينواريل تلاءَ ۾ ٽِڙي ٿو، تڏهن تلاءَ جي گدلاڻ کي به تازگي ڇو ٿي ملي وڃي؟ سورج مکيءَ جا نيڻ سج جي سجدي لاءِ ايترا بي چين ۽ اوجاڳيل ڇو ٿا رهن؟ سپي، سمنڊ ۾ موجود هئڻ جي باوجود ايتري منتظر ۽ پياسي ڇو ٿي هجي؟ ڪنارن جي ڀاڪرن ۾ سدائين سمنڊ جو بدن هئڻ کان پوءِ به، انهن کي ڪهڙي تشنگي تڙپائيندي ٿي رهي؟ سنگتراش جي آڱرين ۾ ئي مورتيءَ جي تراش جو مقدر ڇو ٿو هجي؟ مصور جو برش ئي رنگن کي روح ۽ رونقون ڇو ٿو عطا ڪري؟ ڪنهن راڳيءَ جي آواز ۾ روح جي راحت ۽ راحت جو روح ڇو ٿو هجي؟ ڪوئي هڪ لمحي ۾ ئي اکين کي ايترو ڇو ٿو وڻي وڃي، جو ان کان سواءِ نيڻ ننڊ سان به نه ٿا ريجھن؟ ٻوٽيل اکيون جاڳندڙ خواب ڇو ٿيون ڏسن؟ هجومن ۾ به من هيکو ۽ هيکلائيءَ ۾ به دل هجومن جھڙا احساس ڇو ٿي رکي؟ اهڙا ۽ ٻيا اهڙي قسم جا انيڪ سوال، منطق ۽ دليل بدران صرف محبت جي احساس ۽ احساس جي محبت جا گھرجائو هوندا آهن، ڇو ته شاعري من جي ايڪانيت ۽ اڪيلائيءَ جو اهو محبوب ۽ سرمدي آواز آهي، جنهن کي خدائي صداقت جيان پنهنجي حُسناڪي ۽ حقيقت هوندي آهي، جنهن جي سحر ۽ ساحريءَ کي فقط اُهي دليون ئي پَسي ۽ پَرکي سگھن ٿيون، جيڪي موھ جي مجذوبيءَ سان سرشار ۽ زنده هونديون آهن.
    شاعري خوشبو جو بدن آهي. اها خواب ۽ خوبصورتيءَ جا نشيلا نيڻ آهي. شاعريءَ جي ڪلا ۽ ڪارج جو مفهوم، ان جي اظهار ۽ ادا جي حُسناڪي ۽ حقيقت ۾ سمايل آهي ۽ حُسناڪين جون حقيقتون، اهي نيڻ ۽ دليون ئي محسوس ڪري سگھنديون آهن، جن جي آرزو ۽ آجپي جو، عشق جي امرت سان وضو ساريل هوندو آهي.
    شعر برابر سِڪا ناهن، پوءِ به آهيون ڌنوان
    ڪوئل ڪنهن لئه ڳائي ٿي، سو ڇا سمجھن نادان!

    (ادل سومرو)
    جيتري تائين موضوعن جو تعلق آهي، ته هِن پوري سنسار جو حُسن ۽ حقيقت، اضطراب ۽ آجپو، منهنجي شاعري جي احساس ۽ اظهار جو موضوع آهن. مون لاءِ شاعري، لفظن ۽ جملن جي ڊکاڻڪي بدران مجذوب دل جي اُمنگن ۽ آرزوئن جي احساساتي اظهار جو نانءُ آهي. مٽي جي سُڳنڌ ۽ محبوب جي جمال، هميشه منهنجي جيءَ ۾ جذبن جي سمنڊ کي موجزن پئي ڪيو آهي. آءٌ شاعرن کي خيالي ۽ هوائي مخلوق سمجھڻ بدران ڌرتي ۽ زندگيءَ جي ڏکن، سکن جو عيوِضي ۽ حقيقي مصور سمجھان ٿو. منهنجو اهو ايمان آهي، ته شاعر ۽ آرٽيسٽ ئي خوابن جي تعبيرن جا امين ۽ قومن جي تقديرن کي تبديل ڪرڻ جي شڪتي رکندڙ هوندا آهن. داغستاني شاعر رسول حمزه توف چيو آهي:
    “Poets are not migratory birds. A poet with out native land and with out heart and home, is tree with out roots, a bird with out nest”.(Rasool Hamztav)

    (شاعر خانه بدوش پکين جيان نه هوندا آهن. اهي شاعر، جن کي ڌرتي، دل ۽ پنهنجو گهر نه هوندو آهي، اهي ائين هوندا آهن، جيئن بنا پاڙن جي وڻ ۽ بنا آکيري جي پکي هوندا آهن.)
    حقيقت ۾ شاعري، ذات جي ڪٿا هوندي آهي. اها ٻي ڳالھه آهي، ته ان ذات ۾ اجتماعي سچ ۽ صداقت جو روح سمايل هوندو آهي. مون پنهنجي آجپي جي گس ۾ شاعريءَ کي سدائين خود شناسيءَ جو اهڙو پيچرو ۽ ماڳ پئي محسوس ڪيو آهي، جنهن جي مسافت ۾، طالب کان مطلوب ۽ مطلوب کان طالب تائين جي آگهي ۽ حاصلات موجود آهي. مون کي شاعريءَ جي سحر ۾ ان حُسنِِ جانان جو جلوو ۽ عڪس جھلڪندي محسوس ٿيندو آهي، جنهن جي بدولت منهنجي دل جي ديد اڄ به آجپي ۽ امنگ جي روشنيءَ سان پُرنور آهي. اهو ئي سبب آهي، جو منهنجي شاعريءَ ۾، اکين جي اوسيئڙن، چنڊ جي وياڪلتا، روح جي رولاڪين، دل جي خانه بدوشين، من جي مجذوبي، تن جي تشنگي، سمنڊ جي سرڪشين ۽ فطرت جي حُسن ۽ حقيقتن جو ذڪر ڪثرت سان ملي ٿو. مون لاءِ اکيون اهڙي آرسيءَ جو استعارو آهن، جن جي ديد ذريعي روح جي گھرائين تائين لهي، وجود جا سارا راز ۽ اسرار پَروڙي ۽ پُرجھي سگھجن ٿا ۽ سمنڊ مون لاءِ مجذوبيت ۽ محبوبيت جي اهڙي علامت رهيو آهي، جنهن جي جوت ۽ جمال ۾ زندگيءَ جي سرت ۽ سرمستي موجود هجي ٿي.
    ڌرتي ۽ سرتي منهنجي شاعريءَ ۾ ائين موجود آهن، جيئن جسم سان روح ۽ روح سان جسم سنجوڳي هوندو آهي. منهنجي شاعري ۾ مٽيءَ ۽ محبوب جي خوشبو آهي. مون کي خبر آهي، ته منهنجي شاعري ۾ قومي، مزاحمتي ۽ انقلابي سڏ ۽ پڙاڏن جي پرچار کان وڌيڪ رومانوي رنگ موجود آهن، اهو انهيءَ ڪري آهي، ڇو ته محبت منهنجي نظر ۾ بذات خود وڏي مزاحمت ۽ وڏو انقلاب آهي. محبتون مون لاءِ اهڙي معجزاتي قوت رکندڙ آهن، جن جي دم سان ئي هن دنيا جو وجود نه صرف قائم آهي، پر هن بي حس سماج ۾ سندر جياپي جي آٿت جو احساس به ان جي بدولت ئي ميسر آهي.
    مون کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ ڪائي دعوى ڪونهي، ان ڪري آءٌ پنهنجي ڪوتائن لاءِ نه ڪنهن خوش فهميءَ جو شڪار آهيان، نه ئي وري انهن بابت مون کي ڪائي غط فهمي آهي. مون جيڪو ڪجھه لکيو آهي، پنهنجي داخلي ۽ خارجي حقيقتن کان متاثر ٿي لکيو آهي. منهنجي شاعريءَ جي هر سِٽ ۾ منهنجي آجپي، اوسيئڙي، آنند، بي چيني ۽ دل جي حضور جي شموليت سان گڏ ان خواب ۽ حقيقت جھڙي حُسنِ جانان جو احساس به شامل آهي، جنهن جي محبتن منهنجي آڱرين کي تخليق جي رعنائين سان روشناس ڪيو آهي.
    جياپي ۽ جاچنا جي پنڌ ۾، منهنجي آرزوئن جيتري به مسافت ڪئي آهي، منهنجون ڪوتائون ان جي سرگزشت آهن. تخليق جي سفر ۾ منهنجي دل جو جيڪو پورهيو ۽ پريت شامل آهي، ان جي اجوري لاءِ پيار کان سواءِ منهنجي ٻي ڪائي طلب ۽ طمع ڪونهي. منهنجي پورهئي جو بهترين اجورو خود منهنجون ڪوتائون ئي آهن.
    سواءِ گردِ راهِ شـــــوق، کيـا رکها هـي قصي مين
    هماري زندگي خـــــانه بدوشون کي کهاني هي
    کسي سي پوچهتي کيا هو، جبينون پر نظر ڊالــــــو
    لکيرين خود کهين گـــي، کس ني کتني خاک چهاني هي.

    (رفيع الدين راز)
    آءٌ ڏک، پيڙائن ۽ شديد مسرتن جي لمحن ۾ ڪجھه به لکي نه سگھندو آهيان، انهن ڪيفيتن ۾ منهنجي جيءَ جو بدن صرف ڀوڳنائون ڀوڳيندو ۽ منهنجو من مسرتن مان محظوظ ٿيندو آهي. اهي ڪيفيتون منهنجي خيال ۽ فڪر جي گَھڙي کي مسرتن ۽ پيڙائن جي پاڻيءَ سان ٽمٽار ڪنديون رهنديون آهن ۽ جڏهن مسرتن ۽ پيڙائن جا ڀريل بادل دل جي ويران رڻ تي برسي ويندا آهن. من آلي مٽيءَ جي خوشبو سان واسجي ويندو آهي. موسمن جا نيڻ مُرڪن سان ٻهڪي پوندا آهن، تڏهن منهنجي خيال ۽ تخيل جا پنڇي ڪاغذ جي آڪاش تي پرڙا ساهي اُڏامڻ لڳندا آهن.....شاعريءَ جون سموريون صنفون مون لاءِ پرينءَ جي آغوش جيان آهن، پر نظم منهنجي محبوب ۽ مرغوب صنف آهي، ڇو ته نظم جي ساغر ۾ آءٌ پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو امرت آسانيءَ سان اوتي سگھندو آهيان. نظم مون لاءِ ان رباب جيان آهي، جنهن جي هر تار ۾، آڱر جي ڇهاءَ سان روح جي آواز ۽ احساس کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
    سنڌ جي ڪوتا کيتر جي هيڏي وڏي قافلي ۾ منهنجي تخليقي مسافت جي وقعت ۽ حيثيت ڇا آهي يا پنهنجي هم عصر سرجڻهارن ۾ آءٌ ڪهڙي نمبر ۽ مقام جو مستحق آهيان؟ اهي سوال مون لاءِ ثانوي حيثيت جا حامل آهن، جن پويان مون ڪڏهن به پنهنجون قوتون ۽ صلاحيتون ڪونه وڃايون آهن. نالي ۽ ناموس جي طلب انسان جي فطري ڪمزوري آهي، پر مون شهرت کي سدائين سراب پئي سمجھيو آهي ۽ ان پويان اجائي ڊوڙڻ بجاءِ مون هميشه ڪوتائن لاءِ دل جي مزدوريءَ کي ترجيح ڏني آهي.
    منهنجون ڪوتائون منهنجي قلبي وارتائن جو عڪس ۽ آئينو آهن. منهنجي ڏک ۽ مسرتن جا احساس منهنجي ذات جي داخلي ڪيفيتن، ڪرب ۽ خارجي مشاهدن ۽ محسوسات جو نتيجو آهن، پر جيڪڏهن اهي ڪنهن پُرش جي دل تي ڪنهن آٿت جي ٿڌي ڇنڊي جيان پون ٿا يا منهنجي شعرن ۾ موجود ڪيفيتون ڪنهن لاءِ تبديلي ۽ تازگيءَ جي احساس جي دستڪ جو سبب بڻجن ٿيون، ته ان آنند ۽ پيار کان وڌيڪ مُلهائتو، مون لاءِ ٻيو ڪهڙو احساس ٿي سگھي ٿو!
    مان نه ٿو چوان، ته منهنجون ڪوتائون ڪو علاوالدين جو چراغ آهن، جن جي اڀياس سان دل جي انڌن کي به ديد جي روشني عطا ٿي ويندي، پر پنهنجي ڪوتائن جي حوالي سان مون کي ايترو وشواس ضرور آهي، ته اهي ڪنهن زنده دل انسان جي ياد جي بند دريءَ تي پيار جي دستڪ ۽ ڪنهن اداس متلاشيءَ لاءِ آٿت ۽ ڏڍ جو احساساتي سهارو يقينن ٿي سگهن ٿيون.
    مون لاءِ شعر و ادب جي دنيا، اهڙي دنيا آهي، جنهن ۾ ئي مون سدائين پنهنجو آنند ۽ آجپو محسوس ڪيو آهي. آءٌ ڄاڻان ٿو، ته ادب جي دنيا اهڙن ديوانن جي دنيا آهي، جنهن ۾ نوٽن بدران دل جي دولت جو ڪار وهنوار هلندو آهي. توڙي جو مان اهو به ڄاڻان ٿو ته، اسان جھڙي ملڪن ۾ ادب ڪنهن جو پيٽ نه ڀري سگھندو آهي، نه ئي اهو ڪنهن اگھاڙي انگ کي ڍڪي سگھندو آهي، پر اهو به سچ آهي، ته ادب، پيٽ بکين ۽ انگ اگھاڙن کي شعور ۽ آگهيءَ جي اهڙي سگھ عطا ڪندو آهي، جيڪا پيٽ بکين ۽ انگ اگھاڙن کي، ڪيترن ئي پو ڍاون ۽ پوشاڪين کان، وڌيڪ اتم ۽ ممتاز بڻائي ڇڏيندي آهي.
    اظهار ڪرڻ ۽ پنهنجن پيارن سان اندر اورڻ، انساني فطرت ۾ شامل آهي. آءٌ پنهنجي ڪوتائن جو هي ڳٽڪو، انهيءَ جذبي تحت ئي ادب ۽ شاعري سان اُنس رکندڙ انهن سُڄاڻ ۽ سُماني دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان، جن جون دليون اڄ به ڪنهن ديپ جيان، ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ اوجاڳيل آهن. جن جي اکين ۾ اڄ به خواب، خوابن ۾ حسرتون، حسرتن ۾ حُسناڪيون ۽ حُسناڪين ۾ محبتن ۽ مسرتن جو احساس موجود آهي. جن جا نيڻ اڄ به ڪنهن محبوب نظر ۽ حسين منظر جا متلاشي آهن. جن جي آرزوءَ ۾ اڄ به ڪنهن چنڊ جي تمنا بي چين آهي ۽ جن جي احساسن ۾ لفظن جي روح ۽ جذبن جي سرمستيءَ کي ساڃاهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي سُرت موجود آهي.
    آخر ۾ آءٌ انهن سڀني پرين پيارن، خاص ڪري احسان دانش ۽ رياضت ٻرڙي جو ٿورائتو آهيان، جن هن پيار جي پورهئي جي سهيڙ ۽ سنوار ۾ سهڪار ۽ محبتن جو ڀرپور هٿ ونڊايو آهي. پياري عادل عباسي جو پڻ احسان مند آهيان، جنهن انتهائي پيار سان هن ڪوتا ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي. رکيل مورائيءَ جا پڻ وڏا وڙ، جنهن ڪتاب جو بيڪ پيج لکيو. ڊاڪٽر ادل سومري، سعيد ميمڻ،
    امر اقبال، حبيب ساجد ۽ حبدار سولنگيءَ جا پڻ قرب، جن منهنجي شاعريءَ بابت پنهنجا قيمتي رايا تحرير ڪيا آهن، قربان منگيءَ، جنهن ڪتاب ڇپرائي پڙهندڙن تائين پهچايو ۽ آصف نظاماڻي، جنهن ڪِتابَ جي ڪمپوزنگ جو پورهيو ڪيو، جا پِڻ ٿورا. ايترا ئي قرب انهن پارکو پڙهندڙ دوستن جا، جن سدائين منهنجي تخليقن کي پيار سان پڙهيو، پروڙيو ۽ انهن جي محبت ڀري موٽ ڏني آهي.

    ليڪچرر ــ سنڌي شعبو فياض لطيف
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو 0300-3413275
    fayazlatif7@gmail.com


    نظمَ

    نظمن تي راءِ : ادل سومرو

    هر شاعر آزاد آهي ته، هو پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ ڪنهن به صنف جي چونڊ ڪري. ان ڏس ۾ هن تي ڪا به پابندي ناهي. ادبي دنيا ۾ هڪڙي راءِ آهي، ته ڪنهن ڳوڙهي فڪر يا ويچار کي مڪمل طرح بيان ڪرڻ لاءِ نظم بهترين صنف آهي. نئين ٽهيءَ جي سُڄاڻ شاعر فياض لطيف به پنهنجي فڪري اظهار لاءِ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ نظم کي اوليت ڏني آهي. سندس نظمن جي وڏي خوبي اها آهي، ته اهي پڙهندڙ کي هڪ سحر ۾ وڪوڙي ڇڏن ٿا ۽ پڙهندڙ خاموشيءَ سان لفظن جي لهرن ۾ لڙهندو ٿو وڃي ۽ آهستي آهستي هن تي خيالن جون دريون کُلنديون وڃن ٿيون. فياض لطيف پنهنجي شاعريءَ جي اُڻت ڪيترين ئي اهڙين اثرائتين تشبيهن، استعارن ۽ ترڪيبن سان ڪئي آهي، جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته فياض ۾ هڪ سٺي ۽ منفرد شاعر جون سڀئي خوبيون موجود آهن. سندس شاعريءَ ۾ نواڻ ۽ تازگي آهي ۽ اهو ئي تخليقي گس هن کي اڳتي وٺي ويندو.

    ـــ ادل سومرو


    پورهيت اکيون

    پورهيت اکيون

    عجب پورهيت اکيون پنهنجون،
    عمر پوري ڪماياسين،
    اسان سپنا رڳو جانان!

    عجب مجذوب دل پنهنجي،
    عجب هي آجپي ـــ ٻانهون!
    اوجاڳن جون هڙون ويچي،
    خريديون سِين سفر راهون!

    قرابت جي عجب دوري!
    غضب احساس قربت جو!
    سمندر ۾ سِپي پياسي،
    سِپي ۾ سمنڊ تاسارو!

    سندرتا ــ سانجھه جي پويان،
    حياتي ڀر رُليا آهن!
    نظر جا نيڻ ٿي پاڳل،
    هوائن سان گھُليا آهن!

    سدا بي چين ئي رهيو،
    بدن خانه بدوشيءَ جو!
    سدا سُڳنڌن پٺيان رُليو،
    هينئون پوپٽ جيان ماندو!

    نه پيرن جو پتو ڪوئي،
    نه راهن جي خبر ڪائي!
    اِڇائن جي مسافت ۾،
    رهيو بس روح سودائي!

    وصل جا ڪي ٻه ٽي لمحا،
    هِجر جون هِن ڊگھيون راتيون!
    اڪيلائي جي اَجگر ۾،
    رهيون آٿت رڳو يادون!
    رهيون آٿت رڳو يادون!











    فقير دل جي امير عادت

    فقير دل جي امير عادت

    بُتن جي پوڄا نه ٿي اسان کان،
    نه ديوتائن جو دشت ڀوڳيو.
    عبادتن ۾ عمر گذاري،
    رهيو ڌرم آ عشق پنهنجو.

    نه مسجدون، نا مُلان موراڻا،
    نه مندرن ۾ ڪيا ٺڪاڻا.
    بڻائي پنهنجي قلب کي ڪعبو،
    حُسن خدا کي ڪياسين سجدا.

    يزيد جڳ ۾ حُسين وانگي
    اسان سموري حيات ڪاٽي
    قنديل پنهنجو وجود ڪيوسين
    پتنگ جان پڄري آ رات ڪاٽي.


    قلندرن جان آ روح پنهنجو
    سرير وانگي سموري ڌرتي
    چَپُو چَپُو آ چميءَ جي چاهت،
    پرين جي خوشبو آ پوري ڌرتي.

    نه سياستن جي سُريت چاهي
    ضمير بدلي نه زر خريدي!
    فقير دل جي امير عادت
    جڏهن به چاهي فقيري چاهي!

    سدا سوالن ـــ صليب سامهون
    مسيح وانگي جواب مُرڪيا
    اسان گناهِ عشق ڪيو آ،
    ڏمرجي ڏوهه ۽ ثواب جاڳيا!
    ڏمرجي ڏوهه ۽ ثواب جاڳيا!




    اسان جو موهه مجذوبي

    اسان جو موهه مجذوبي

    اسان جي طلب ۾ ساحل
    ڪٿي آهي رهيو جانان؟
    اسان جي پياس کي گھرجي،
    سمورو سمنڊ ٿو جانان!

    اسان جي انتظارن جي
    ڪٿي موسم کُٽي آهي؟
    ملي آ روح ــ رولاڪي،
    جئين ئي اک کُلي آهي!

    خدا جان هيڪلايون ئي
    رهيون هِن پاڻ سان ساڻي!
    حياتي درد کان آجي،
    ڪٿي آ پاڻ ڪا ماڻي!

    اکين مان ٿو ليئا پائي
    ازل کان ڪوئي اوجاڳو!
    سدائين آرزو ـــ بن ۾،
    هينئون آ مِرگھه جان ڀٽڪيو!

    ستارن سان ڪيون آهن
    سدائين پاڻ سرگوشيون!
    ننڊاکي چنڊ سان اوريون،
    سدا هِن پاڻ مدهوشيون!

    اسان جو عشق امرت جان
    اسان جي پياس صحرائي!
    اسان لئه ڪُنڊ دل جي آ،
    اسان جي ساري خدّائي!

    سدائين هي هينئون بادل
    رهيو آ راھ ۾ آتو!
    چپن جي تِشنگي جانان!
    ڪٿي آ چِين ڪو پاتو!

    اسان جو موھ مجذوبي
    صليبن سان سَنگم پنهنجو!
    اسان جا خواب دنيا ۾،
    پروميٿئس سندو سپنو!

    سدائين لفظ ڪاغذ تي
    رڙي هِن روح مان نڪتا!
    سدائين دل جي ويراڳي،
    رنگن ۾ روپ هِن ٽاڪيا!


    اسان جو آجپو لهرون
    ڪٿي آ ناوَ جو اُلڪو؟
    اسان جي ديدَ ديواني،
    ڪٿي آ گھاوَ جو اُلڪو!

    مڃون ٿا لوڪ آ سياڻو
    ديواني دل جتي پنهنجي،
    سدائين پاڻ آ ڀوڳيو!
    سدائين پاڻ آ جھوڳيو!

    مگر سا ڀوڳنا پنهنجي
    اسان لئه راھ جان آهي.
    اسان جي عاشقي آذر،
    اسان لئه ساھ جان آهي!
    اسان لئه ساھ جان آهي!


    ڪٿي آ سار کي ساحل

    ڪٿي آ سار کي ساحل

    لٿو آ سج پهاڙي تي
    مهاڻي ناو ڪاهي آ.
    هنئين جي لهر تي تنهنجي،
    تري ڪا سار آئي آ!

    ڀنا هِن نيڻ مُکڙيءَ جا
    پَنن ۾ پياس ٿي تڙپي!
    هِجر جي راتـڙي هيکل،
    پئي ٿي ڀونر جان ڀٽڪي!

    کِڙيو آ چنڊ امبر تي
    ستارا جڳمڳائن ٿا!
    نديءَ کي ننڊ آهي پر،
    ڪِنارا ڪجھه ڪَنائن ٿا!

    پپر جو پيڙ ٿو سوچي!
    مسافر ڪيترا آيا؟
    تمنا تيز واچوڙو،
    گھڙي ڪنهن پيرڙا ساهيا!

    تتيءَ جو پنڌ آ جيون
    نه ڪوئي منڌ آ جيون؟
    پتڻ جو پُور هِن لمحا!
    سمورا سُور هِن لمحا!

    وُٺي جي واءَ جو جھونڪو
    حياتي ڇاهه؟ ڪو دوکو!
    نديءَ ۾ عڪس چانڊوڪي،
    محبت ڇاهه؟ او موکي!

    ڪٿي آ ننڊ نيڻن کي؟
    ڏهر ۾ ٿو ڏيئو ٽمڪي،
    مسافت دشت هي دنيا،
    جوڳيءَ جي جاڳ آ دلڙي!

    چنبيليءَ جي کڻي خوشبو
    گُھلي ڪا هير جو آهي!
    لڳي ٿو پنهنجي زلفن کي،
    ڇڏيو ٿئي واءَ ۾ ڇوڙي!

    تمنا جون تِکيون لهرون
    ڪٿي آ سار کي ساحل؟
    وڳي آ روح جي رڃ ۾،
    تنهنجي ئي پيار جي پايل!

    ڪٿي آ سار کي ساحل!
    ڪٿي آ سار کي ساحل!



    اچين جي جلد آ جانان!

    اچين جي جلد آ جانان!

    ڊسمبر آ ويو گذري
    مٿان آ جنوري آئي.
    پرينءَ کي چنڊ تون چئجان!
    اسان لئه سرد موسم هي،
    سياندا آ کڻي آئي،
    نِسورو درد موسم هي!

    پرينءَ کي چنڊ تون چئجان!
    ڏهاڳيل دل آ ڏينهن کان
    سِڪن ٿا نيڻ ننڊ جي لئه،
    مگر ڪا آس جاڳيل آ،
    پرين ڪا پياس جاڳيل آ.
    اندر جي هر ڪلي ۾ ٿو
    بهارن جو بدن ڀِٽڪي،
    ڇُهائن جي مگر موسم،
    ڪٿي آهين، ڪٿي آهين؟

    پرينءَ کي چنڊ تون چئجان!
    هينئون آ ڀور ٿيو هيکل،
    جِئين ڪو مور ٿي هيکل،
    تِشنگي ڊيل جان ماندي،
    بِرھ جون هِن ڀٽون ڀوڳيون.
    سمونڊن جان سِڪيا آهن،
    اسان جا نيڻ ساحل لئه،
    پرين! تنهنجي ئي پايل لئه،
    سماعتون منتظر آهن
    ۽ باتيون منتظر آهن!

    پرينءَ کي چنڊ تون چئجان!
    هجر جي رات هاڙهي جان،
    ڏياٽين جان ٻَريون آهن،
    اسان جون خواهشون ساريون.
    سڄڻ! تو لئه چريون آهن،
    اسان جون چاهتون ساريون.
    اسان جي دل دمِ عيسى
    صليبن جان رهيو آهي،
    اسان لئه درد يادن جو!

    پرينءَ کي چنڊ تون چئجان!
    ٿري دل تي ٻڪروالي،
    ڪڪر ٿي تون ڪڏهن ايندين؟
    ڇپر ٿي تون ڪڏهن ايندين؟
    ستارن سان سَنيهن جون
    مُڪيون هِن کوڙ مالهائون،
    اسان جون منتظر ٻانهون.
    پرين! پت جھڙ جي موسم آ،
    ڇڻڻ تي ڦول هِن سارا،
    جدائي بي وڙي موسم،
    زهر جان آ ڪڙي موسم،
    اچين جي جلد آ جانان!
    اچين جي جلد آ جانان!


    دل جي خانه بدوشي

    دل جي خانه بدوشي

    ڪيتري خانه بدوشي،
    دل به بادل جان ڪئي آ.
    پنهنجي پيرن جي سفر ۾،
    ڌرتتي ساري رهي آ!

    عمر جي هيءَ خود خيالي،
    صحرا رڻ ۾ ڄڻ سوالي؟
    ڪهڙي تــڙ جي تشنگي ۾؟
    ايتري ڊوڙي ڊڪي آ!

    پير هيٺيان هر سفر ۾،
    چڻنگ ڄڻ ڪائي جلي آ!
    چين پنهنجو ڪيئن چئجي؟
    ڪا چندرما وئي کڻي آ!

    ڪاڪ جي مانڊاڻ هن ۾،
    روح راڻو رات ڏينهان،
    نينهن ڪهڙي جي نشي ۾؟
    يار پوڄيندو رهيو آ!
    پيار پوڄيندو رهيو آ!



    دشت جو سفر دل لڳي

    دشت جو سفر دل لڳي

    ايتري آوارگي ناهي چڱي!
    مون چيو، ديواني دل جي ديد کي.
    دشت جو آهي سفر هيءَ دل لڳي،
    ايتري پاڳل نه ٿي، تون ايتري!

    رڃ هن رستا سمورا سار جا،
    گھاوَ آ سارو بدن ئي خواب جو!
    درد جي دلڪش مسافت زندگي،
    ايتري پاڳل نه ٿي، تون ايتري!

    بُتَ مٽيءَ تي ڪر نه بانور بي چئي!
    ناوَ نازڪ نينهن تنهنجي جي مِٺي!
    عشق آهي سمنڊ ڄڻ ساحل سوا،
    هر لهر ڇڙواڳ آ جنهن جي مِٺي!
    ايتري پاڳل نه ٿي، تون ايتري!

    ڪاڪلن جان رات ڪاري چوڏسا،
    چنڊ مندر جي ڏِيئي جان ٽمڪندڙ.
    آگمن جان نيڻ آلا ننڊ جا!
    سانت جو سارو سفر آ سرمدي،
    ايتري پاڳل نه ٿي، تون ايتري!

    هر صدا زخمي پرندي جي اِڇا!
    آڱريون بي چين ساريون آس جون،
    راحتن جا پيچرا سارا ڪَٺن،
    حسرتن جي هر گھٽي آ هيکلي،
    ايتري پاڳل نه ٿي، تون ايتري!

    دشت جو آهي سفر هيءَ دل لڳي
    ايتري پاڳل نه ٿي، تون ايتري!
    ايتري پاڳل نه ٿي، تون ايتري!



    حياتي آ ڪنڊي تي ماڪ جو قطرو

    حياتي آ ڪنڊي تي ماڪ جو قطرو

    حياتي آ ڪنڊي تي ماڪ جو قطرو!
    جواني آ گلابي ڪنهن ڪَلي وانگي.
    سدائين سار تنهنجي ٿي سڏي پيئي،
    اسان کي او پرين! تنهنجي ڳلي وانگي.

    سجيلي آ سراپا مينهن جي موسم،
    پهر جو آ سحر سنسار هي سارو!
    نشيلي آ سراپا نينهن جي موسم،
    قهر جو آ نسورو پيار هي سارو!

    عجب آ حُسن هي هير جو جھونڪو!
    سمندر جان اِڇائن جو سفر آهي،
    لهر جان ٿي لُڙهي بي چين هيءَ دلڙي،
    غضب آ، جو نگاهن جو سفر آهي!

    نرالي ئي خمارن جان نظر آهي،
    ادائن ۾ گھٽائن جو سفر آهي!
    حياتي آ ڪنڊي تي ماڪ جو قطرو!
    حَسين آ، جو وفائن جو سفر آهي!


    تون اچين ٿي...

    تون اچين ٿي...

    ننڊ ڄڻ ڪائي ندي،
    خواب ڄڻ آهن اکيون!
    لهر وانگي زندگي،
    ساحلن جھڙيون سکيون!

    عشق آهي سمنڊ جان
    ساھ آهي ساحري!
    ڄڻ امرتا لفظ هِن،
    آرزو آ شاعري!

    موھ آهي مَڌُّ جي
    ڪنهن پيالي پُر جيان.
    جو رچي ويو روح ۾،
    شاھ جي ڪنهن سُر جيان.

    راھ ۾ آ رات پئي،
    دل اسان جي بي چئي
    ڪنهن جي ڳولا ۾ هئي؟
    ڪنهن جي ڳولا هُن ڪئي!

    چنڊ اُڀريو ڪونه آ
    ڪٿ ڪنارا سار کي!
    هِن ستارا ننڊ ۾،
    چين ڪونهي پيار کي!

    چــــوطـرف اُمـــاس ۾
    ديد تنهنجي آس ۾،
    تو کي ڳوليندي رهي،
    پياس ڪائي پياس ۾!

    تون لڳين ٿي ايئن ڄڻ
    ٻانھن ۾ آن ٻکيل،
    ساھ کان ويجھي ڪٿي،
    روح منهنجي ۾ رچيل.

    ٿي ٻُڌڻ ۾ ڄڻ اچي
    تنهنجي چوڙين جي ترنگ،
    ڄڻ سڳنڌن جان هجين،
    تون ئي منهنجي سنگ سنگ!

    نيڻ منهنجا اڌ کُليل
    ٿا ڏسن توکي مِٺي!
    تون اچين ٿي، تون اچين،
    پير پيرن ۾ کڻي،
    ڪامڻي، او ڪامڻي!
    ڪامڻي، او ڪامڻي!



    اکين کي اوجاڳا ازل جا

    اکين کي اوجاڳا ازل جا

    اسان طلب تاتي سمونڊن جي سانئڻ!
    اوهان بوند لئه ڀي صديون آ سِڪايو.
    ”اوهان جي قرابت، نه ساحل نه ڪشتي،
    اسان پاڻ ٻوڙيو، ڪڏهن پاڻ تاريو!“

    اکين کي اوجاڳا ازل جا ڏناسون
    سدا ٿيون اِڇائون مسافت جون عادي،
    چپن کي ڏنيوسين چميون آٿتن جون،
    اسان رند روڳي، اسان آد ــ جڳادي!

    هجومن جي دنيا ۾ هيکل ئي هيکل
    ڪيونسين هميشه پنن سين پچارون،
    مٽي ۾ ئي صورت ڏٺي سون سدائين،
    مٽي ۾ ئي مورت پَسيون سين نهارون!

    خوابن جي خانه بدوشيءَ وانگر
    ڪڏهن جيءُ جوڳي، ڪڏهن من بهارون،
    اڙي عشق! توتي ڏيون ڇا ميارون!
    اڙي عشق! توتي ڏيون ڇا ميارون!


    تون امرتا! پر ڪٿي آن...؟

    تون امرتا! پر ڪٿي آن...؟

    آءٌ ساحر تنهنجو ساڳيو
    تون امرتا! پر ڪٿي آن؟
    جيءُ جنهن جي لاءِ ڀٽڪيو،
    تون اَجنتا، سا ڪٿي آن؟

    اڄ به منهنجا گيت سانئڻ!
    تنهنجي ساڳي آرزوءَ ۾،
    ڪيترو بي چين آهن!
    ڄڻ ته ڪائي سَينَ آهن!
    طلب جن ۾ تنهنجي ايڏي،
    ڪوئي ڪاٿو ڪونه آهي!
    مون ته ڄاتو ڪونه آهي،
    زندگي سان تو سوا ڪو،
    منهنجو ناتو ڪونه آهي!

    ڄڻ ته ڀڪشو دشت ۾ ڪي
    نيڻ پنهنجا جانِ جانان!
    تنهنجي تعاقب ۾ رهيا هِن،
    ڪيترا هي بي چيا هِن،
    پير پنهنجا جن جي جيءَ ۾،
    جاڳ جي ڪا آڳ آهي!
    ڪيتريون تنها سفر جون
    سرد ۽ بي سُرت راتيون
    پوءِ به ساڳي آڳ آهي!
    پوءِ به ساڳي جاڳ آهي!

    پنڌ تنهنجي جون پُڇائون
    هر قدم جي ٿيڙ تي ئي،
    اڄ به آتيون تنهنجون ٻانهون،
    منهنجي خيالن ۾ سدائين
    ڪيتريون تازيون لڳن ٿيون!
    پر ڪٿي آن، تون ڪٿي آن؟
    او امرتا! تون ڪٿي آن؟
    او امرتا! تون ڪٿي آن؟



    کڻون، جي نيڻ کڻئون ڪئن!

    کڻون، جي نيڻ کڻئون ڪئن!

    جفائن جو تِکو خنجر
    وفائن جو بدن زخمي!
    کڻون جي نيڻ، کڻئون ڪئن؟
    نگاهن جو بدن زخمي!

    اسان جي خواب ــ نيڻن ۾
    روهيڙي جا رتا گلڙا،
    خزائن جي مگر موسم،
    اِڇائن جو بدن زخمي!

    ڊگھو آ درد جو رستو
    پِٿون هِن پير پانڌيئڙا!
    ڪئين ڪو سڏ وراڪو ٿي؟
    پناهن جو بدن زخمي!

    چپن تي چينَ جون ڳالهيون
    اچن جي ڪئن اچن آخر؟
    اندر ۾ ٿيون چُڀن سارون،
    صدائن جو بدن زخمي!

    چوَنِ ٿا آ لٿي موسم
    هُڳائن جون چڳون ڇوڙي!
    پٿر جي شهر ۾ ليڪن،
    هوائن جو بدن زخمي!
    کڻون جي نيڻ، کڻئون ڪئن؟
    وفائن جو بدن زخمي!
    گھٽائن جو بدن زخمي!



    سدائين ڪوتا زخم ڀريا هن

    سدائين ڪوتا زخم ڀريا هن

    جمال تنهنجو ڪمال جانان!
    خيال تنهنجو خمار وانگي
    اُڃاري ٿر تي جئين ڪو آگم،
    ائين تو ڪاڪل قرار وانگي!

    سدائين دل آ رهي مسافر
    سدائين پاڳل رهيون پُڇائون.
    سمونڊ ۾ جيئن ساحلن جون،
    سدا اُڃاريون اسان جون ٻانهون!

    سدائين پيرن آ پنڌ جھاڳيو
    سدائين نيڻن آ ننڊ تياڳي.
    سدائين سارون، پرين ــ پچارون،
    سدائين دلڙي آ نينهن ــ واڳي.

    سدائين خوابن سندي خدائي،
    سدائين من جون عجب اِڇائون!
    سدائين راحت، اسان جي چاهت،
    اسان جي منزل، اسان جون راهون!

    سدائين ڪاغذ بدن رهيو آ
    اسان جي آڱر سندو جياپو!
    سدائين ڪوتا زخم ڀريا هِن،
    اسان جي دل آ سڄي ئي ٽاڪو!

    ائين ئي گذريو اسان جياپو
    سدائين خوابن سندي خدائي.
    سدائين پيرن آ پنڌ جھاڳيو!
    سدائين نيڻن آ ننڊ تياڳي!
    سدائين نيڻن آ ننڊ تياڳي!


    تنهنجي ياد

    تنهنجي ياد

    جنهن وقت ٿي آڌيءَ رات ٺري
    ۽ چنڊُ مٿان ٿو ڇانوَ ڪري،
    تنهن وقت هنئين جي ساگر ۾،
    ٿي تنهنجي ياد جي ناوَ تري.

    جنهن وقت به ڪوري ڪاغذ تي،
    ٿي ڪوتا ڪوسا چپ رکي.
    تنهن وقت اوهان جي نيڻن جي،
    ٿي مون کي ڏاڍي ياد اچي.

    جنهن وقت گھٽا گھنگھور ڪري
    ۽ بادل برسن شور ڪري،
    تنهن وقت مٽيءَ آغوش منجھان،
    ٿي مون کي تنهنجي مهڪ اچي.

    جنهن وقت شفق جي ساگر ۾،
    ٿو لهندڙ سج سنَان ڪري،
    پُور وهيءَ ۾ جوڀن جوڙو،
    ڪو سنڌوءَ ڀر ٿو شام ڪري،

    تنهن وقت هنئين جي ساگر ۾،
    ٿي تنهنجي ياد جي ناوَ تري!
    ٿي تنهنجي ياد جي ناوَ تري!



    ڪونج من جي بي قراري

    ڪونج من جي بي قراري

    ڪيتريون آيون ويون هِن
    ڪونج جھڙيون ڪامڻيون ڪي!
    پياس جان پنهنجي جواني،
    مڌ جيان هُون موهڻيون سي!

    ياد جا لمحا سمورا،
    ڪيترا پيارا لڳن ٿا!
    جاڳ جي لمبي سفر ۾،
    ڄڻ ته ڪي تارا لڳن ٿا!

    ٻار وانگي دل جنين سان
    راتڙيون ريجھي رهي آ.
    جيئن گل تي ماڪ قطرا،
    زندگي پنهنجي رهي آ!

    ڪا خبر ڪانهي ته پنهنجي
    آ ڪٿي منزل به ڪائي؟
    ڪو ٽڪاڻو، ڪا سهائي؟
    دل رڳي آ درد ڀائي!

    ديد پنهنجي آ ديواني
    پيار پنهنجو آ پتنگو.
    پنهنجي رقصم آ خدائي،
    نينهن سرمد وانگي ننگو.

    ڪيئن چئجي ڪنهن جي ڪارڻ؟
    هيءَ بدن جي بي قراري!
    ائين جُڳن کان منتظر ڇو؟
    هيءَ اکين جي انتظاري!

    روح پنهنجو لهر وانگر
    ساھ پنهنجو سحر وانگر،
    پر عمر ڀر لاءِ آتو،
    کوج ڪنهن جي ۾ رهيو آ؟
    موج ڪنهن جي ۾ رهيو آ؟



    رقصم رقصم

    رقصم رقصم

    سچل! تنهنجو سچ ته اڄ ڀي،
    ساڳي سورج وانگر آهي.
    جنهن جو ڪِرڻو ڪِرڻو ڄڻ،
    جنهن جو جھرڻو جھرڻو ڄڻ،
    ”اناالحق“ اقراري آهي،
    رقصم روپ هزاري آهي!

    تو جا ڪالھه درازن ۾ هئي،
    دولھه چڻنگ دکائي ڪائي.
    تجلا تنهن جا اڄ به ساڳيا،
    بيشڪ سائين! برحق آهن.

    سندءِ سنيهو سمنڊ سراپا،
    سرڪش جنهن جون ساريون لهرون،
    اڄ به ڪنارا ٻوڙن ٿيون، پر،
    تڙ تي ڪوئي تارون ڪونهي!

    ماڪڙ وانگر ڀيلي وئي آ،
    ننڊ ندوري ملڪ سڄي کي،
    ماڻهو ماڻهو ماس جو طالب،
    ڍونڍ دنيا تي مکين وانگر،
    ميڙو آهي، جھيڙو آهي!
    مٽي من ۾ مورت نوري،
    ڪو به نه ڄاڻي، ڪو به نه پُرجھي!

    سچل! تنهن جو سچ سنيهو،
    تنهن لئه پر سرمستي گھرجي!
    هڪڙي سائين! هستي گھرجي،
    ننڊ اُجھاڻل نيڻن کي جا،
    جاڳ جي ڪائي جوت ڏئي ڪا!
    ماڳ جي ڪائي ڳوت ڏئي ڪا!
    ماڳ جي ڪائي ڳوت ڏئي ڪا!


    اکين ۾ خواب ٿو مهڪي

    اکين ۾ خواب ٿو مهڪي

    پٺيان هُو سج پهاڙيءَ جي
    لڳي ٿو روپ بيوھ جان!
    لڳي ٿو رات جي ماٿي،
    سندر هُو چنڊ ڪنهن ڳھه جان!

    عقابن جي اکين وانگي،
    ستارن جون اکيون ڀاسن!
    ڪڪر جون سانوِريون ٻانهون،
    امبر کي ٿيون ٻَکيون ڀاسن!

    ٿڌي آ رات سياري جي،
    وسي ٿي ماڪ مُکڙين تي!
    سمرتين جي کڻي خوشبو،
    هينئون ٿو هير جو ڀِٽڪي!

    چُني آ رات جي ڦهلي،
    مٽيءَ جو ٿو بدن مَهڪي!
    ننڊاکا نيڻ ناريءَ جا،
    اکين ۾ عشق ٿو ٻَهڪي!

    اونداهيءَ ۾ ڪوئي پاڇو،
    ڇا لئه ٿو پاڻ کي رولي!
    هوائن ۾ هُڳائن جو،
    پتو هُو ڪير ٿو ڳولي؟
    پتو هُو ڪير ٿو ڳولي؟


    پرينءَ کي چئجو!

    پرينءَ کي چئجو!

    اسان جي جيون اُماس رڻ ۾،
    جڏهن به جلندي ڏيئو ڏسو ڪو،
    ڏکڻ ــ هوائون، ڏکڻ ــ هوائون!
    وڃي پرينءَ کي ته هيئن چئجو:

    ”اسان جي هينئڙي اڃا هُرن ٿيون،
    اوهان جون باتيون، اُماس ــ راتيون،
    اوهان جي ڀاڪر سندي آ ڳولا!
    اسان جون ٻانهون، اڃا به آتيون!

    ڪٿي به جانان! قرار دل آ،
    ڪڏهن نه پاتو، ڪڏهن نه پاتو،
    اسان جو من آهه راھَ ــ رمتو!
    اسان نه ڄاتو، اسان نه ڄاتو!

    رڳي رهيون هِن اوهان پچارون،
    اَتو ئي ڪونهي، پتو ئي ڪونهي!
    ڪٿي وساري، وجود ــ سارون؟
    اسان رُڳا هون، اسان پُڳا هون!

    اَجھاڳ پنڌ ۾ سدائين سرتي!
    رهيو آ تو لئه هي جوڳي جيئـڙو!
    متان تون سمجھين اکين اسان جي،
    ڪڏهن ڪو آهي اُجھو اوسيئِـڙو!
    ڪڏهن ڪو آهي اُجھو اوسيئِـڙو!“


    ڪاش اياڻا ڄاڻين تون!

    ڪاش اياڻا ڄاڻين تون!

    ڪوئي پنڇي جي پَرَ ساهي،
    پڃري مان آزاد ٿئي ٿو.
    منهنجي دل تان درد جو پٿر،
    دوست! هڪڙو ڄڻ ته ڀُري ٿو.

    جيئن خزان جي خنجر سان ڪو،
    ڪنهن ٽاريءَ مان گل ٽٽي ٿو.
    ان جي ساري پيڙا جو ڄڻ،
    منهنجي من ۾ درد چڀي ٿو.

    ڪنهن دکيءَ جي نيڻن مان جي،
    ڪوئي بيوس لڙڪ لڙي ٿو.
    ساري هن سنسار جو ان ۾،
    ڄڻ ته ڪوئي ٻول ٻُري ٿو.

    ڪوئي جي ڦٽ پاٿ تي ڦٿڪِي،
    تنها تنها دم ڏئي ٿو.
    ڪاش اياڻا! ڄاڻين، سو تون،
    انسانيت جو موت ٿئي ٿو!

    ڪوئي پنڇي، جي پَرَ ساهي،
    پڃري مان آزاد ٿئي ٿو،
    منهنجي ساري هستيءَ جو ئي،
    سوئي ڄڻ آواز ٿئي ٿو.
    سوئي ڄڻ آواز ٿئي ٿو.


    دار تي دارا شڪو ھ

    دار تي دارا شڪو ھ

    رسمِ وفا جي راھ ۾،
    ڪيئي ڪُٺا ڪوپا ڪوي.
    آ رات جي هر رَند ۾،
    اڄ رَت سندي تن روشني.

    هُو دار تي دارا شِڪوھ،
    ٺٽّي ۾ سرمد جي سِسِي.
    خوشبو تنين جي خونَ جي،
    تاريخ ٿي تنهن کي چُمي!

    آڪاش جي آغوش ۾،
    هُو چنڊ پيو آ آهلي.
    ڏيئي وساڻل جان لڳي،
    ٿِي جھوڪ جي هر ڪا ڳلي!

    ڇو ڀٽ ڌڻيءَ جي ديس ۾؟
    ڪا رات آ ڪاهي پَئي!
    ٿيون رت ڦڙا روئن اکيون،
    زخمي پَيو آ روح ٿِي!

    آ زندگي جي راھ ۾،
    ڄڻ زندگي رهجي وئي!
    ڪائي تمنا روح جي،
    آ روح ۾ رهجي وئي!



    تون ڇا ڄاڻين!

    تون ڇا ڄاڻين!

    ماڻهوءَ جي، جا مٽي ٿئي ٿِي
    ڳوڙهي ڳاڙهي چٽي ٿئي ٿِي.
    تو نه ڪٽي ڪا رات اکين ۾!
    تون ڇا ڄاڻين چاهت ڇاهي؟
    محبت ڇاهي، راحت ڇاهي؟

    تون ڇا ڄاڻين مورک ماڻهو!
    پريت پريم جي پيڙا ڇاهي؟
    تو نه گلابن ـــ ٻوٽا پوکيا!
    تون ڇا ڄاڻين، تون ڇا ڄاڻين؟
    من جي لئه ڪنهن مندر جان آ،
    يار جي جيڪا گھٽي ٿئي ٿِي!

    جڳمڳ جڳمڳ ڏور ستارا،
    آڪاش منجھان واجھائن ٿا،
    سار پرين جا لمحا سارا،
    تن من منهنجو تڙپائن ٿا!
    بي حسَ ڪهڙي ڪَلَ ته ڇاهي؟
    پيار جي جيڪا مِٺي ٿئي ٿي!

    جيون جي هِن ٻاٽ نگر ۾،
    عشق اُجالن وانگي آهي!
    ”هُن“ جي ساٿ جو خيال به ڄڻ ڪو،
    مڌ جي پيالن وانگي آهي!

    غمِ جدائيءَ ۾ هم رازو!
    زخمي دل لئه مرهم وانگر،
    محبوبن جي چِٺي ٿئي ٿِي!
    من جي لئه ڪنهن مندر جان آ،
    يار جي جيڪا گھٽي ٿئي ٿِي!
    يار جي جيڪا گھٽي ٿئي ٿِي!



    اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟

    اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟

    ڪارونجھر کي پٿر ماري
    اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
    موت نه جنهن کي ماري سگھيو،
    ان کي تون ٿو مارڻ چاهين!

    ناھ اڃا ڀي پوڙهي هڏڙن،
    پنهنجو رت ۽ ست وڃايو!
    گيت اڃا ڀي رت رتولا،
    اڃا نه راڳيءَ ڪت وڃايو!

    ڪنڌ اڃا ڀي اوچو ان جو،
    جنهن کي تون ٿو جُھڪائڻ چاهين!
    لفظ جوالا مُکي جنهن جا،
    تنهن کي تون ٿو اُجھائڻ چاهين!

    توکي ڪهڙي ڪَل او ڪانئر!
    جنهن تي ڀٽائي، ڇانوَ هجي ٿو.
    مور نه سوئي مِٽجي سگھندو،
    جيڪو سنڌڙيءَ، هانوَ هجي ٿو.


    ڪيسين بندش، ڪيسين پهرا؟
    چوٽي جابر چار ڏيهاڙا!
    مٽي تريءَ تي واءَ جو ڦوڪو،
    اوندھ پويان سج آ لوڪو!

    ڪوتا جي نگريءَ ۾ چوڏس،
    جنهن جي جوت جو سج جرڪي ٿو.
    مورک! ان جي جوت جلا کي،
    تريءَ هيٺان ٿو وارڻ چاهين!
    ڪارونجھر کي پٿر ماري،
    اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟
    اوءِ اياڻا! ڇا ٿو چاهين؟



    (سکر ۾ شيخ اياز جي لائبرري سان وردي وارن جي هٿ چراند کان متاثر ٿي لکيل)


    ڪيئن ڪري ڪوئي مسافر...!

    ڪيئن ڪري ڪوئي مسافر...!

    عمر ڀر جي آرزوءَ ۾،
    هڪ ئي سندر عاشقي آ.
    خواب ساگر جي سپن جان،
    ڄڻ ته موتي زندگي آ.

    هر سفر جو توڙ آهي،
    تند هڪڙي تار جي ڄڻ.
    من اندر جون موسمون سڀ،
    هر گھٽي آ يار جي ڄڻ.

    ڌنڌلي ڪنهن درسني جان،
    عقل جون سڀ آڱريون هِن!
    اُلجھيل سُٽُ آدمي آ،
    روح ۾ سڀ روشنيون هِن!

    طلب ٿي اُڻندي رهي ڪا،
    جسم ڪوئي تشنگي جو!
    ننڊ جو ليڙون لٽو ڪو،
    ڄڻ ڍڪي جاڳيل اکيون ٿو!

    پور آهي ڄڻ پتنگو،
    سور آهي سمنڊ وانگي.
    ناو وانگي دل جنهين ۾،
    پرتِ جو ساحل ٿي ڳولي!

    ڪيترا طوفان ئي ڄڻ،
    تَنهن جي تعاقب ۾ لڳل هِن!
    پنڌ ۾ هر پير هيٺان،
    ڪيتريون چوڙيون ڀڳل هِن!

    ڪِئن ڪري ڪوئي مسافر،
    ڇانو وڻ جي کي ڇپر ڪو!
    وقت آهي سمنڊ وانگي،
    جنهن کي ڪونهي, پر ڪپر ڪو!

    تيز پيو هر پل بدلجي،
    لهر جھڙو هي سفر آ،
    قهر جھڙو هي سفر آ!
    ڪِئن ڪري ڪوئي مسافر!
    ڪِئن ڪري ڪوئي مسافر!



    تون سحر جون ڪي صراحيون

    تون سحر جون ڪي صراحيون

    شبنمي جان تون او سانئڻ!
    آءٌ ڄڻ ڪو گل خزان جو!
    تون ڏکڻ جي هير وانگر،
    آءٌ ڄڻ ڪو پل سنجھا جو!

    تون صبح، تون سانجھه آهين،
    تون ئي جھرڻو، جانجھه آهين.
    سمنڊ تنهنجي آ سندرتا،
    تون ڪويتا آن سراپا!

    رنگ تنهنجا رت ــ بسنتي،
    روپ تنهنجو چاندني جان.
    تون وٺيءَ جو واءُ سرهو،
    من منهنجو تشنگي جان!

    مان صدا ڪا سانت جي ۽
    تون مڌر آلاپ جھڙي!
    مور ــ من ٿي منهنجو موهي!
    ٽور تنهنجي ڊيل جھڙي!

    مِرگهه وانگي جيءُ منهنجو
    تون سحر جون ڪي صراحيون.
    آءٌ راهي رات جو ۽
    چاندني سڀ تنهنجون راهون!

    مان مسافر دشت جو ۽
    تون سدائين آن گھٽائون!
    آتا چپ بي چين ٻانهون،
    چاندني سڀ تنهنجون راهون!
    چــاندني سڀ تنـهنجون راهـون!



    تنهنجي مهڪ اڃا به آ

    تنهنجي مهڪ اڃا به آ

    منهنجي من تي ياد سندءِ،
    شام چپن تي سج چمي!
    وينگس! تنهنجي ٻانهن جي،
    ڪيئن وساريان آڇ اُڃي!

    تنهنجي تن جي خوشبو جا
    وسريا ناهن واس اڃا!
    اچڻي آنهه اماوس ۾،
    اڄ به اٿم سا آس اڃا!

    تنهنجي جوڀن پيالي مان،
    موھ جو مڌ هو مون پيتو.
    اڄ به تازو خيالن ۾،
    تنهنجي مرڪن جو موتيو!

    روز تصور شيشي ۾،
    سامهون آهي سو چھرو.
    مون سان هاڻِ ملي وئي آن،
    سُڌِ ــ پڻي تي ڀاسي ٿو،
    تنهنجو پيرو ڄڻ تازو!

    ڪيئن مڃان تون هُئين سپنو!
    منهنجي اُپٽيل نيڻن جو.
    مهڪ اڃا ڀي تنهنجي آ،
    تازي منهنجي ساهن ۾!
    تڙپ اڃا ڀي تنهنجي آ،
    منهنجي آتي چاهن ۾!



    ان کان اڳ ۾

    ان کان اڳ ۾

    ڪڏهن جي تنهنجي تنهائين ۾،
    منهنجي ياد جا آتا پنڇي،
    پنهنجا زخمي پر ڦڙڪائي،
    سندءِ آسڻ اچن جي سانئڻ!
    ان کان اڳ ۾، ان کان اڳ ۾،
    پنهنجي پريت، پريم ــ نگر جون،
    سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!

    ننڊ ــ شهر جا لنگھه لتاڙي،
    سانت ــ ڳليءَ مان آڌي ويلي،
    ڪڏهن اچن جي منهنجا سپنا،
    ان کان اڳ ۾، ان کان اڳ ۾،
    پنهنجي نيڻن سپني ــ گھر جون،
    سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!

    ورق ورائيندي ماضيءَ جا،
    چِت چُڀيئي ڪا چُهنڊي جي،
    ان کان اڳ ۾، ان کان اڳ ۾
    پنهنجي ياد ــ سفر جون،
    سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!

    تنهنجي سونهن گلابن تي جي،
    جانان! اچانڪ اچن اُڏامي،
    منهنجي گيتن جا ڪي پوپٽ،
    ان کان اڳ ۾، ان کان اڳ ۾،
    پنهنجي جوڀن سونهن ــ شھر جون،
    سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!
    سڀّ دوار دريون ٻوٽي ڇڏجان!



    تون جا اچڻي آهين

    تون جا اچڻي آهين

    هن جھڙالي شام پهر ۾،
    ڪيڏو من آهي وسمئي ۾!
    تنهنجو ساٿ نه آهي سرتي!
    پوءِ به ڄڻ آهين سيني ۾!

    پوياڙيءَ جو لهندڙ سورج،
    آءٌ اڪيلو تنهنجون سوچون.
    ڪهڙي پار پرين تون آهين؟
    ڪهڙي پار پرين تو لوچون!

    ڪيڏي اُڻتڻ اوسيئڙو آ،
    آ تنهنجي دڳ ۾، ديد ٽنگيل!
    تون جا، منهنجو امرت آهين،
    ۽ تون جا منهنجي ڏات رٺل!

    تنهنجي اوسيئڙي ۾ سرتي!
    گل نه سي مرجھايا آهن!
    جي مون دل جي گلدستي ۾،
    تنهنجي لاءِ سجايا آهن!

    نيڻ ننڊاکا ٻوٽيا ناهن،
    اڃّا به ننڊ جي ڀاڪر ۾،
    تون جا اڄ آن اچڻي جانان!
    منهنجي ٻانهنِ جي آڳر ۾!

    اڄ جا آهين رچڻي جانان!
    منهنجي گيت گلابن ۾ تون.
    منهنجي موھ حجابن ۾ تون،
    منهنجي رات خوابن ۾ تون.

    اڄ جا آهين اچڻي جانان!
    ڪيڏو من آهي وسمئي ۾!
    ڪيڏو من آهي وسمئي ۾!



    تون ئي مايا جو موتي

    تون ئي مايا جو موتي

    تنهنجون راهون روز تڪيندي،
    منهنجا نيڻ پيا هِن ٿڪجي.
    ڀٽڪي رڃ وڇوڙي جي ۾،
    منهنجا پير پيا هِن ڦٽجي!

    ڪيسين تنهنجي اوسيئڙي ۾؟
    آس جا ديپ جلايان جيڏي!
    ڪيسين تنهنجي سپنن سان مان؟
    پنهنجو روح رِجھايان جيڏي!

    خواب ته ناهين نيڻن جو تون
    جنهن کي آءٌ ڀُلائي ڇڏيان!
    لڙڪ ته ناهين پلڪن جو تون،
    جنهن کي آءٌ وهائي ڇڏيان!

    تون منهنجي جيون ــ ٽاريءَ ۾،
    ڄڻ ته گلابن وانگر آهين!
    تون منهنجي تخيل ــ ڌرتيءَ تي،
    ساڀيان ـــ خوابن وانگر آهين!

    سو ڪئن آءٌ وساري ڇڏيان؟
    تو جنهن منهنجي جيون ـــ بن ۾،
    ڪا جوت جلا جي اوتي آ،
    منهنجي حياتي ــ سپ ۾ سانئڻ!
    تون ئي مايا جو موتي آن!
    تون ئي مايا جو موتي آن!



    پوڄاگر جي پريم جو پٿر

    پوڄاگر جي پريم جو پٿر

    موت جي جاڙي ڀيڻ جيان آ،
    هيءَ ننڊ جي ڪاري ڪانويلي!
    جا جيون موتي ــ داڻن کي،
    پنهنجي چهنب ۾ روز چُڳي ٿي!

    هن وقت جي سرڪش گھوڙي جي،
    ڪيڏي ٿي اُڏامي پير ــ پڻي!
    رات اوجاڳيل چنڊ تڪي ٿو،
    پنهنجا خمّاريل نيڻ کڻي!

    ڄڻ ٽُڪريون ٽُڪريون ٿي پيو آ،
    درد جي ڌڪ سان دل جو شيشو!
    ۽ وکريو پيو آ ڌرتيءَ تي،
    وشواسن جو پتّو پتّو!

    روشن جيڪا آ هيءَ رات،
    تنهن جي سيني منجهه چُڀي ٿو،
    هر پل سيّاهي جو خنجر،
    اي ڪاش اياڻا! ڄاڻين تون،
    پوڄاگر جي پريم جو پٿر!
    پوڄاگر جي پريم جو پٿر!



    هوا ۾ آ هڳاءُ تنهنجو

    هوا ۾ آ هڳاءُ تنهنجو

    تنهنجي دڳ ۾ ديد اسان جي،
    ائين ازل کان آتي آهي!
    جئن ٿر جي ڌرتيءَ جي هوندي،
    پياسي بوند لئه ڇاتي آهي!

    من اسان جو ميت اوهان لئه،
    ريتن جا سڀ ٽوڙي رشتا.
    تنهنجي در تي آيو آهي،
    گل کڻي ڪي رابيلن جا.

    سرتي! تنهنجي چوٽن جو ڄڻ،
    رات هڳاءُ هوائن ۾ هو!
    وئي ننڊ رُسي هئي نيڻن کان،
    هو چاھ چورائي چين ويو!

    سِٽ لِکي آ جيڪا سانئڻ!
    مون آڌيءَ ننڊ مان ڇرڪ ڀري.
    چنڊ جي چانڊوڪي ۾ تون ڄڻ،
    مون وٽ آئي آن پير ڀري!

    مون کي پڪ آهي ايندينءَ تون،
    آڌيءَ ويلي اوجاڳن سان،
    ۽ پنهنجي ڦوھ شبابن سان،
    تنهنجي آڌرڀاءُ لئه مون وٽ،
    اڄ به اڃ اَڄاتي آهي،
    اوسيئڙي جي راھ ۾ تولئه،
    منهنجي ساري حياتي آهي.



    اڃايل هرڻ جان هردم

    اڃايل هرڻ جان هردم

    دنيا جي دشت ۾ ڀٽڪي،
    اُڃايل هرڻ جان هر دم،
    پناهون پيار جون ووڙيون!
    نگاهون يار جون ووڙيون!

    اڻانگي ڪنهن سفر گس تي،
    ڪٿي ڪو پير جي ٿِـڙڪيو،
    پُڇائون پيار جون ووڙيون!
    ۽ ٻانهون يار جون ووڙيون!

    لٿو سج شام جي هنج ۾،
    سمرتيون سانجھه جيئن آيون،
    لڙي پيا لڙڪ نيڻن مان،
    صدائون سار جون ووڙيون،
    پناهون پيار جون ووڙيون!
    ۽ راهون يار جون ووڙيون!


    آزادي او آزادي

    آزادي او آزادي

    سج آ نيزي پاند او سرتي!
    ٿي پيرن هيٺيان باھ ٻَري،
    پنهنجي امرت اوت مان ڏي تون،
    ڪو مون کي هڪڙو جام ڀَري،
    او آزادي، او آزادي......!

    تنهنجي سُنت جي رستي تي،
    ٿي جڳمڳ جڳمڳ جوت جلي،
    هڪ روشن صبح جي خاطر،
    ٿو رات ڏيئي ۾ رت ٻَري،
    او آزادي، او آزادي......!

    ڪالهه ڪراڙ ڪنڌيءَ تي ويهي،
    جنهن باک جي ساک ٿي شاھ ڏني،
    اڄ ڏور انڌيرن جي ڪُکِ مان،
    ٿي وک وک تي هڪ لاٽ ٻَري،
    او آزادي، او آزادي......!

    جنهن وقت به ٿي سرِ طلب صنم!
    لال لهوءَ جو ريج لتاڙي،
    ها! اچبو اوچو ڳاٽ ڪري،
    پنهنجي امرت اوت مان ڏي تون،
    ڪو مون کي هڪڙو جام ڀَري،
    او آزادي، او آزادي......!


    ڪو به نه ڄاڻي

    ڪو به نه ڄاڻي

    ڇا دل جي پياسي هرڻيءَ جي،
    ڪو واڳ ورائي سگھيو آ؟
    ڇا ننڊ اُجھاڻل نيڻن جي،
    ڪو جاڳ ورائي سگھيو آ؟
    هيءَ ساري هستي ماڻهوءَ جي،
    گھري اونهي سمنڊ جيان آ.
    سمنڊ جنهين جي هر هڪ ڇولي،
    چوڏهين اُجري چنڊ جيان آ.

    سوچ به ڄڻ ته صراحي ٿئي ٿي،
    جنهن مان پوري پياس جو امرت،
    اڄ تائين ڪنهن پاتو ناهي!
    آ دنيا ديد آئيني جي،
    جنهن کي ڪنهن ڀي ڄاتو ناهي!
    هو چنڊ اڪيلو آڌيءَ جو
    ڪينجھر ڀر تي ڪنهن جي ڪارڻ؟
    اڀري اوسيئـڙو ٿو ڪاٽي!
    روز سياهي جي سيني مان،
    ۽ هو سورج ڪنهن جي ڪارڻ؟
    نڪري نروار ٿِئي ٿو پيو!
    ڪنهن جي ڪاڻ جِئي ٿو پيو؟

    ڪو به نه ڄاڻي، ڪو به نه ڄاڻي،
    ڳُجھه جي ڳنڍ انوکي آهي!
    موت جي مٽيءَ ۾ پر ڪنهن؟
    موھ حياتي پوکي آهي!
    موھ حياتي پوکي آهي!



    تنهنجا نيڻ چمان

    تنهنجا نيڻ چمان

    گِھنڊ وَڄن چوڌار اڃا ٿا
    موهي ٿي مهڪارِ اڃا ڪا
    دل چاهي ٿي ٻيهار اڃا
    نوري! تنهنجا نيڻ چمان مان.

    موت اڳي پوءِ اچڻو آهي،
    ميل نه ٻيهر مچڻو آهي،
    تنهنجي ڳل تي اڄ کان پو ڪو،
    رنگ نه منهنجو رچڻو آهي!

    ڇانوَ شفق ۾ تنهنجي ڊونڊي،
    ڪينجھر هنج تي هوندي ڀي جي،
    مان ته نه هوندس، مان ته نه هوندس!
    چنڊ ستارا ساکي هوندا،
    سونهن نظارا باقي هوندا،
    مان ته نه هوندس، مان ته نه هوندس!

    موھ آ پيالو مڌ جو اهڙو،
    ڪو به پياڪو پيتي ان مان،
    ڪڏهن به جانان! ڍايو ڪونهي!
    ٿوهر وڻ جان آهي حياتي،
    پيار بنا ڪو سايو ڪونهي!

    ائين الئه ڇو مون کي لڳي ٿو؟
    تنهنجو هي آغوش آهي جو،
    جنهن ۾ منهنجي ساري هستي،
    موتئي جي ڪنهن مکڙي وانگي،
    ٽڙي پئي آ، کڙي پئي آ،
    تنهن جو پل ئي ڪافي آهي،
    جنهن ۾ پيو ٿو آئون جيئان.

    ليڪن پياري! پو به الئه ڇو؟
    پياس ٿئي ٿي اڃا پيئان،
    دل چاهي ٿي ٻيهار اڃا
    نوري! تنهنجا نيڻ چمان مان.
    نوري! تنهنجا نيڻ چمان مان.


    رات ڇڏيا هِن زلف وکيري

    رات ڇڏيا هِن زلف وکيري

    رات ڇڏيا هِن زلف وکيري
    ڪيڏو ڇانيل سناٽو آ!
    تنهائي جي رڻ ۾ تنهنجي،
    سارنِ جو ئي وڻ گھاٽو آ!

    چنڊ جتي اڄ بيٺو آهي،
    ڪهڙو هي چَوواٽو آهي؟
    دل چاهي ٿي تو ساڻ هجان،
    ڪيڏو اوکو آٽو آهي!

    اجري جو آڪاش ۾ ڪوئي،
    آڌيءَ جو اونداھ ڪري ٿو.
    ڪهڙو هي راڪاس آهي جو؟
    سارو مٺ ۾ ساھ ڪري ٿو!

    ڪک پن ڏڪي پيو پاري ۾،
    ڪيڏي سارن ـــ سردي آهي!
    ڪوبه ته ڪونهي، ڪوبه ته ڪونهي،
    تنهائي بي دردي آهي!

    ڪير سُتو آ سانجھي ــ هنج ۾؟
    ڪنهن جو هي کراٽو آهي؟
    اوندھ جي اوڀڙ لئه اڄ ڀي،
    سورج ــ هٿ ۾ ڏاٽو آهي!
    سورج ــ هٿ ۾ ڏاٽو آهي!



    اسان جي تمنا

    اسان جي تمنا

    چـــــري دل چـــوي ٿي،
    وري دل چــوي ٿـــــــي،
    اوهان جي اکين جــي،
    مِٺي! ميڪدي مـــــان،
    ڀـــري چار سُرڪيون،
    وري يــــار سُـرڪيون!
    الئه ڇــــــا حيــــــاتي؟
    ڪـڏهن ڪا ملي ٿي،
    غــمِ زنــــدگــــيءَ کـي،
    دمِ آرزوءَ جـــــــــــــــي،
    گـــھڙي سا به هڪڙي!
    اوهـــــان جـي حجابي،
    گـــــلابي چپــــن تـــي،
    اســــــان جــي اڃـايل،
    تمنــــا او جـــــانــــان!
    ٿــــي تڪميل چاهي.
    سندءِ ڪـاڪلن جي،
    گھٽــــائـــن ۾ سـانئڻ!
    اســـان رنگ پنهنجي،
    جــــوانــــيءَ جــا سارا،
    لُٽـــــائــــڻ ٿا چاهيون،
    اوهـان کي اوهان کان،
    چـــــورائڻ ٿا چاهيون.



    موت اهڙو آ سرڪش گھوڙو

    موت اهڙو آ سرڪش گھوڙو

    هي جو موت آ، سرڪش گھوڙو،
    انڌو، گونگو، بي حس، ٻوڙو،
    جيڪو جيون ــ رَند لتاڙي،
    روز اچي ٿو شهر ــ جياپي،
    ڪيئي دل جا ديپ اُجاڙي!

    هُن جي پويان پيرا ـــ واڍو،
    پر نه ڇڏيائين پٺتي پيرو!
    جنهن پل آيو تنهن پل ٿي ويو،
    چوڏس ڄڻ ڪو گهگهه انڌيرو!

    ڇا به هجي پر سچ آ لوڪو!
    جيءُ ته ناهي ڪارونجھر ڪو!
    ڦوڪ هوا سان آھ ڊهي پيو،
    جيون، جڳ ۾ واريءَ ـــ گھرڙو!

    هي جو موت آ، سرڪش گھوڙو،
    انڌو، گونگو، بي حس، ٻوڙو،
    روز اچي ٿو شهر ــ جياپي،
    ڪيئي دل جا ديپ اُجاڙي!
    ڪيئي دل جا ديپ اُجاڙي!




    ڪهڙي مَٽَ جي مي تون آهين؟

    ڪهڙي مَٽَ جي مي تون آهين؟

    سڪ اسان جي سمنڊ سراپا
    درد ئي دل جو ساحل آهي
    پيار اسان جو پنج ــ ند جهڙو،
    پياس ئي پنهنجي پاڳل آهي.

    لهرون لهرون لمحا سارا،
    چنڊ ــ ڳليون هِن پنهنجا چارا
    ديد آ تنهنجي عيد اسان جي،
    نيڻ ئي تنهنجا ٽيھ سيپارا.

    سار به تنهنجي سنڌوءَ جھڙي
    تاري ٻوڙي، ٻوڙي تاري
    قرب به تنهنجو قاتل جھڙو
    ماري جياري، جياري ماري.

    صبح به تون آن، سانجھي تون آن
    من جي نيّا، مانجھي تون آن
    آر به تون آن، پار به تون آن
    سارو ئي سنسار به تون آن.

    دوري هوندي، ويجھي ڀاسين
    ويجھي هوندي، ويجھي ناهين!
    مون ۾ آهين، مون ۾ ناهين!
    آهين ناهين، ناهين آهين!

    ڇاهين آخر، ڇاهين ڇاهين؟
    سارا منڊَ ۽ چنڊَ تون آهين
    تنهنجو واسو، آسو پاسو
    ڪيڏو پيتو پوءِ به پياسو
    من اسان جو آ وارياسو
    ڪهڙي مَٽَ جي مي تون آهين؟
    ڪهڙي مَٽَ جي مي تون آهين؟




    ساره شگفته جي نانءِ

    ساره شگفته جي نانءِ

    ساره! دردُ سمندر جان آ
    جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي!
    درو اُفق ۾ تارا آهن
    تن جي هيٺيان چارا آهن
    ڪيڏا ڪُنَ ڪنارا آهن!

    اُڏريا پنک پکيڙي پنڇي
    آگم جان آواره اکڙيون
    نيڻ نديءَ جو پور پرانهون
    سار سفر جون صحرا راهون.

    من روڳي بنجارو آهي
    هِيڻا هنجّ اُٻهريون لهرون
    تڙ تڙ ئي تاسارو آهي
    جيون پياسو سارو آهي.

    بَر جي ڪيڏي ڪَيئي مسافت
    بُٺَ تي ڪيڏا گل ڇَٽيا تو
    آپگهات جا خواب ڏِٺا تو
    اَرمانن جا پوپٽ اُڏريا
    پن پن ٿي هِن لمحا وکريا.

    تو ته اکين جا ديپ جلائي
    سوچيو هوندو، لوچيو هوندو
    لوڪ پٿر ۾ ڪوئي هڪڙو
    ميڻ به هوندو، سيڻ به هوندو
    آس انهيءَ ۾، پياس انهيءَ ۾
    تو ته بدن جو بَرُ به جھاڳيو
    ٿوهر ٿوهر ٿَرُ به جھاڳيو.

    لوڪ نگاهون خنجر جھڙيون
    وک وک تي آ گهاءُ نئون ڪو
    هاءِ حياتي هيرن جھڙي
    جڳ سمورو جوئا خانو
    ديد ديد آ داءُ نئون ڪو.

    جيون سارو جوکو آهي
    دشت به آهي، دوکو آهي
    نيڻ ئي تنهنجا نڪتا ويري
    ڪهڙا پنڌ ۽ ڪهڙا پيري؟
    دنيا ساري هيرا ڦيري!

    جوڀن توسان جاڙ ڪري ويو
    موت به تنهنجي تاڙ ڪري ويو
    تنهنجا شعر قبر جو ڪتبو
    تنهنجون ”اکيون“ ئي تعارف تنهنجو.

    تو جنهن چنڊَ جو مَنڊُ ٿي چاهيو
    جوٺي جڳ ۾ سچ او سانئڻ!
    چنڊ ته ڇا پر تارو ڪونهي!
    ساره درد سمندر جان آ
    جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي!
    جنهن جو ڪو به ڪنارو ڪونهي!


    (ساره شگفته اردو جي ناموَر شاعره)


    آزاد نظم

    آزاد نظمن تي راءِ : حبدار سولنگي

    شاعري، پيار ڪندڙ دل جي احساسن جو رقص آهي. فياض لطيف جي شاعري پڙهندي اکيون عشق جي اسرارن کي پنهنجي وجود ۾ ڳولڻ لڳن ٿيون ۽ دل پيار جي پروڙ کي پاڻ ۾ پائي ٿي. مون کي فياض لطيف جا نظم ڪائنات جي ڪنهن ڪُنڊ مان اُڀريل ان صدا جيان ڀاسندا آهن، جيڪا ساري عالم جي سناٽي کي ڇِرڪائي ڇڏيندي آهي ۽ جنهن جي پڙاڏي ۾ پيار.... پيار...پيار....جا آواز رهجي ويندا آهن. خاص ڪري سندس آزاد نظمن ۾ محبت جي محسوسات جا انيڪ منظر آهن. هر منظر ۾ هڪ ڪائنات آهي ۽ هر ڪائنات ۾ ٻه اکيون آهن، جيڪي پيار ڳوليندي ڳوليندي تمام پري هليون وڃن ٿيون ۽ هڪ دل آهي، جيڪا محبت جي جستجوءَ ۾ جوڳياڻي بڻجي وڃي ٿي. فياض جي شاعري پنهنجي سفر ۾، پيار جون رنگين ڪٿائون تخليق ڪري ٿي ۽ اهي ڪٿائون جڏهن پيار ڪندڙ اکيون پَسنديون ته ضرور مُسڪرائينديون.

    ـــــ حبدار سولنگي


    سرمد روح اسان جو

    سرمد روح اسان جو

    اسان جي چاهت خدا ــ نگر ۾،
    مڃوسين جانان! آ مئڪشي جان.
    جياپي جڳ ۾ اسان جا سپنا،
    رودالي روحَ جي ڄڻ اِڇا ڪا!

    اکيون اسان جون ازل اڃايل،
    پيئڻ پڄاڻان به ڄڻ ته پياسيون!
    ڀرئي بزم ۾ اداس ٻالڪ،
    ڪڏهن ته سرمد اسان جو من آ!

    ڪڏهن ته جوڳيءَ جيءَ وانگر،
    ناهي به آهيون، آهي به ناهيون!
    ننگي ــ بدن تي لباس گيڙو،
    زخم زخم جي زبان آهي!

    سوال پنهنجا صليب ڳالهيون،
    قدم قدم تي مسيح ــ مرڪون،
    نظر نظر آ نماز پنهنجي،
    سجود پنهنجو وجود سارو!

    مٽي جي من ۾ حوا جي خوشبو،
    تلاش پنهنجي تندور وانگر،
    چِتا جي اک ۾ سُتي ڪٿي آ؟

    ادا اوهان جي خدا ٿو ڄاڻي،
    سمونڊ ڪهڙي جي سرڪشي آ؟
    سدائين مقتل جڏهن به سِر جي،
    ڪٿي او سانئڻ! صدا ڏني آ،
    اسان جي آذر هي عاشقي ئي،
    اُتي اُتي خود هلي وئي آ!
    اُتي اُتي خود هلي وئي آ!


    چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان

    چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان

    دل جي هِن خانه بدوشي،
    آ ڇڏيو رولي اسان کي،
    چنڊ هاڻي هُن کي چئجان
    ڪينڪي ڳولي اسان کي.

    چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
    ماڪ سان مجذوب دل جا
    نيڻ هر پل هي ڀِنا هِن،
    رات جون رولاڪ ــ راهون،
    هاڻِ ٿي ويون آشنا هِن.

    چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
    هينئين ــ بن ۾ هيکلائي،
    زرد شامون ٿي لٿي آ!
    سار جي هر پهر دل تي،
    درد لامون ٿي لٿي آ!
    جوڳي وانگي جاڳ پنهنجي،
    راھ ۾ ڀٽڪي مُئي آ!
    حسرتن جا لاش پُوري،
    دل رودالي ٿي پئي آ!
    چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
    دور هوندي دور ناهين،
    مون ۾ مون سان تون ئي آهين،
    پيار تنهنجو آ پناهون،
    تون ئي تون آن سڀ ڏسائون.

    چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
    شام جا هُو پهر پويان،
    ويل تنهنجي واپسيءَ جي،
    ۽ ولين جان چيلھه ــ وڻ ۾،
    ور وراڪا تنهنجون ٻانهون.
    مورناهن مون کان وسريون،
    تنهنجي زلفن جون گھٽائون!

    چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
    اڄ به ٻوڙن ٿيون مِٺي!
    حُسن تنهنجي جون ادائون!
    اڄ به جانان! جام وانگي،
    سانجھه ٿي هر ڪائي ڀاسي.
    اڄ به تنهنجو هر تصور،
    روح ساري کي ٿو واسي،
    پر او سانئڻ! وقت سان گڏ
    ٻار هوڏي دل جو هاڻي،
    کوڙ سمجھو ٿي ويو آ!
    ڪجھه قدر بي چين دل جون
    آرزوئن جي بدن تي،
    آڱريون مدهم ٿيون هِن!
    ڪجھه قدر آوارگي جو
    روح ڀي ريجھي ويو آ!

    چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
    ها! مڃون ٿا، موھ تنهنجو
    ئي سراپا مڌ جيان هو،
    سُرڪ جنهن جي جانِ جانان!
    ساھ کي مدهوشِين ۾،
    هو ڪڏهن ويڙهي ڇڏيو ۽
    سمنڊ جان هو سحر تنهنجو،
    سُرت جو ساحل نه ڪوئي،
    دلڪشي جي ديد هر ڪا،
    خواب ــ لمحا ها سڀوئي!
    چند ساعت کيپ نيڻن،
    جاڳ ساڳي، جوڳ جيون،
    هير جھونڪو سنگَ سارا،
    دشت پياسو من اهو ئي!

    چنڊ! هاڻي هُن کي چئجان
    دل نديءَ جو پُور آهي،
    سڀ اِڇائون لهر وانگي!
    ناکئي جان نيڻ ماندا،
    پياس سُرمئي سانجھه جھڙي.
    ساٿ تنهنجو سَوَ سُڳنڌون،
    پر او سرتي! عشق تنهنجي ــ
    کوڙ سُندر ڪائناتون،
    هِن ڇڏيون کولي اسان تي،
    چنڊ هاڻي هُن کي چئجان!
    ڪينڪي ڳولي اسان کي!
    ڪينڪي ڳولي اسان کي!


    شهرِ جانان

    شهرِ جانان

    چيوسين اکين کي
    کڻو پير سوچي،
    غضب شهرِ جانان،
    پٿر لوڪ سارو.
    هي جلوه ــ نمايون،
    هوائن جا جھونڪا،
    سدا ساٿ ڪنهن جو،
    ڏئي ڪيسين سگھندا!
    مڃي نيڻ ويا پر،
    مُڙي دل نه پاڳل!
    چيو بي چئي دل:
    ”مڃيوسين ته سارا،
    هي محبوب منظر،
    اکيون پوري پل لئه،
    وساري به ڇڏجن.
    مگر هو جو مهڪيل
    ڪي گيسو ــ گھٽائون،
    کڻي روز اينديون،
    رهيون هِن هُڳائون،
    هٿن تي حِنا سان
    لِکيل نينهن ناتا،
    حُسن جي چپن تي،
    هُو نغما سرايون.
    هجر جون هُو تنها
    ۽ تاريڪ راتيون،
    حَسين ساعتون ڪي
    وصالِ صنم جون.
    مينهوڳي جي موسم،
    مٽي جي بدن جون،
    هُو معطر هوائون،
    اوسيڙي ۾ آتيون،
    رهيون جي سدائين،
    ڏِيئن وانگي روشن،
    اهي بي قراريون،
    اهي انتظاريون...،
    ادا جي ڪيون سِين،
    سدا عابدن جان،
    اندر ئي اندر ۾،
    عبادت نمازون،
    ڪري ڪير ڪافر،
    فراموش تن کي“!
    امر سڀ اکين تي،
    مگر ها ڪجي ڇا؟
    هُو يادن جا ريشم،
    جوانيءَ بهارون،
    حُسن جانِ جان جو
    خدائي جو پرتوو،
    ڪري ڪير ملحد،
    ڪو انڪار تنهن کان
    ٿئي ڪير مرتد،
    ڪو منڪر انهيءَ جو!


    تون چوين ٿي!

    تون چوين ٿي!

    تون چوين ٿي،
    تڙپَ منهنجي عاشقيءَ ۾،
    اڄ رهي ناهي اُها.
    خواب منهنجي حسرتن جا
    سڀ هراسيل هرڻين جيان،
    سُرت جي صحرا ۾ ڪٿ،
    بي سبب ڀٽڪي ويا هِن!

    تون چوين ٿي،
    آڱرين جي جانِ جان! آوارگي ــ
    آرزوئن جي بدن تي،
    ڏاڍي مدهم ٿي وئي آ،
    منهنجي من جون موسمون سڀ،
    ٻار جي ڪنهن آر وانگر،
    ڏاڍيون مَٽجي هِن ويون!

    تون چوين ٿي،
    سڀ ڪٿائون قرب جون،
    ڪنهن مسافر جي قدم جان،
    پنڌ جي ڪنهن ڌُنڌ ۾،
    مون کان ڀٽڪي هِن ويون.

    جانِ جانان!
    ڇا به سمجھين تون مگر،
    ايئن ڪونهي،
    جيئن چوين ٿي.
    نيڻ منهنجا
    هڪَ به لمحي لاءِ سانئڻ!
    سچ پُڇين جي صبر سان،
    تنهنجي تصور کان سوا،
    ننڊ جي آغوش ۾،
    ڪين ٻوٽيا هِنِ ڪڏهن.
    اڄ به منهنجو مَوجزن آ،
    موھ ڪنهن مهراڻ جان،
    تَن تارون،
    من مانجھي،
    ساھ سارون،
    روح راڳي،
    ساز ڄڻ تنهنجي لگن آ.

    اڄ به منهنجي آس تون آن
    پياس تون آن،
    تون سراپا سمنڊ آهين،
    ڄڻ ته ڪوئي منڊ آهين،
    آڱريون منهنجي اِڇا جون،
    روز ڪنهن گوتم جيان،
    جاچنا جو جيءُ ڳولن،
    تِشنگي جو روح ڦولن.
    تون هميشه چنڊ وانگر
    منهنجي راتين ۾ رهي آن،
    هر ڪويتا ــ لفظ منهنجي،
    حُسن تنهنجي مان سدا،
    اڻ مئيو پيتو مٺِي آ.

    اڄ به منهنجا رنگ سارا
    روپ تنهنجي جو رچن ٿا،
    نقش ڪوئي،
    ننڊ جھڙو،
    گھِنڊ جھڙو،
    جو وڄي ٿو رات ڏينهن،
    روح منهنجي جي رڳن ۾،
    تنهنجي زلفن جي چَڳن ۾،
    اڄ به منهنجي آڱرين جو،
    چينُ ٿو اُلجھي پوي.

    اڄ به منهنجي راحتن جا
    چاهتن جا،
    سارا رستا،
    سونهن تنهنجي تي کُٽن ٿا،
    ۽ ڦُٽن ٿا،
    پِرھ ڪرڻا،
    مُرڪ تنهنجي مان مِٺي!

    نيڻ تنهنجا
    لهر وانگر،
    سحر وانگر،
    اڄ به ٻوڙن ٿا سَکي!
    پيار منهنجي جون پڇائون،
    توکي ڳولن ٿيون نگاهون،
    تنهنجون ٻانهون،
    منهنجي گردن چَوطرف
    اڄ به ڄڻ آتيون ڦِرن ٿيون،
    ڀَونر جان باتيون ڀِرن ٿيون.
    اڄ به منهنجي نينهن جون
    سڀ سيمائون،
    تنهنجون ٻانهون.
    اڄ به منهنجي عاشقي آ،
    آڳ وانگر، جاڳ وانگر،
    تون جنهين ۾،
    نيڻ آهين خواب جا!
    نيڻ آهين خواب جا!


    آيتن جھڙيون اکيون

    آيتن جھڙيون اکيون

    هن جي دستڪ لاءِ آتو
    اڄ به منهنجي دوار دل جو،
    هُن جي مُرڪن لاءِ ماندي،
    اڄ به منهنجي آ اماوس.
    منهنجي دل جي موسمن ۾،
    اڄ به تازو گل هُن جي،
    راحتن جو، چاهتن جو.
    اڄ به منهنجي پيچرن ۾،
    هُن جي پيرن جا نشان هِن،
    ٽمڪندڙ ڪنهن ديپ وانگي.
    مُور ناهن مون کان وسريون،
    اڄ به يونيورسٽي جون،
    چنڊ ـــ راتيون، سانت رستا،
    سُرَ مڌر ماريا ڪَري جا.
    خوشبُوئن سان واسِيل هُو
    خيرپور جون سرد شامون،
    موھ ـــ لمحا، ٽهڪ ـــ باتيون،
    بحث پيارا زندگيءَ تي.
    رقصان پاڻيءَ تي هُو پاڇا،
    چنڊ ــ چارا، هو ستارا،
    هُو سمرتيون، هُو سڳنڌون،
    ساٿ سندر ئي سمورا
    ۽ مهاڻي هُنَ سنديون جي،
    آيتن جھڙيون اکيون هُون،
    اڄ به ڄڻ منهنجي هنئين ۾،
    چنڊ جان جاڳن پيون ٿيون!


    پياسو ساحل

    پياسو ساحل

    ڪير ڄاڻي ڪاڪ دل جي،
    ننگي پيرين آرزو ٿي،
    ڪنهن جا پيرا پنڌ ڳولي؟

    ڪير ڄاڻي نيڻ ــ ننڊ جا،
    خواب ڪهڙي جي سفر ۾؟
    کوئجي ٿا ڪنهن کي ماڻن!

    ڪير ڄاڻي چپ سپي جان،
    ڪهڙي بارش جي بدن لئه؟
    ايترا بي چين ٿين ٿا!

    ڪير ڄاڻي هرڻي وانگر،
    دل هٺيلي ڪهڙي تـڙ لئه؟
    ايتري ڊوڙي ڊُڪي آ!

    ڪير ڄاڻي سمنڊ ۾ ڀي،
    آتيون ٻانهون ساحلن جون،
    ايتريون پياسيون رهن ٿيون!

    ڪير ڄاڻي هٿ لڪيرون،
    ڪهڙي مٽيءَ جو مقدر؟
    ڪهڙي نالي ۾ لِکن ٿيون!

    ڪير ڄاڻي ڪا چڪوري،
    آڌي ٽاڻي ايتري ڇو؟
    چنڊ لئه بي چين ٿئي ٿي!

    ڪير ڄاڻي پيار ماڻي،
    پو به دل ڇا لئه سدائين؟
    درد جو ٿي دشت جھاڳي!





    محبتون ممنوع آهن

    محبتون ممنوع آهن

    ڪيتريون ئي ڪائناتون
    تنهنجي بس هڪڙي نظر آ!
    مُرڪ تنهنجي آ بهارون،
    تون سراپا ڄڻ سحر آن!

    حُسن تنهنجو هيري وانگر
    هينئون پنهنجو آ حسينا!
    ديد ڪائي درسنيءَ جي،
    سُرت جون ساريون صراحيون،
    خيال تنهنجي تي کُٽن ٿيون،
    ڄڻ ڦُٽن ٿيون پِرھ باکون،
    تون جڏهن ٿي زلف کولين!

    سونهن تنهنجي خود مصور
    خيال سان آ ويهي ٺاهِي،
    تون دنيا جي دشت ۾ آن،
    بهشت جي ڪنهن اَپسرا جان!
    موسمون تنهنجي بدن جون،
    سڀ گلابن جي سمان هِن،
    تشنگي پنهنجي به آهي،
    رڃ ۾ پياسي هرڻ جان!
    پر ڪجي ڇا؟ جانِ جانان!
    ديس جي دستور ۾ ئي،
    محبتون ممنوع آهن!
    محبتون ممنوع آهن!



    زلف پريشان ڪنهن لئه آتا….؟

    زلف پريشان ڪنهن لئه آتا….؟

    ڪچي ڏوريءَ وانگر آهن
    پريت سوا سڀ ريت جا رستا!
    چِتِ ــ چُوليءَ تان ٽُٽي پون ٿا،
    هڪڙي سٽَ سان سڀئي ڌاڳا!
    رات اچانڪ ائين ٽِمي پيا
    نيڻ ــ ڇپر مان لڙڪ ــ چُئاڪا!
    دُکندڙ نيڻن جي زخمن تي،
    ننڊ رکيا ها مرهم ــ پها!
    دل جي در تي دستڪ هئي پر،
    خواب اکين تي کيپ هئا ڪي،
    ڇرڪ ڀري جو هوءَ آ جاڳي،
    ٽُٽي پيس سڀ سپنن ــ شِيشا!

    دل آ ساگر، سارون ڪشتي
    لهرون پاڳل نيڻ سفر جا!
    شام جي هنج ۾ سج لٿو آ،
    چوڏس پکڙيا رات جا پاڇا!
    ڪومل هٿ تي هير ٿي ووڙي
    زلف پريشان ڪنهن لئه آتا!
    حسنِ بدن ٿي خوشبو ويو آ،
    ٽاريءَ ٽاريءَ ڀَنوَرن ڀيرا!
    اونداهيءَ ۾ مِرگھه ــ اکي هوءِ
    ڪير ٿي ڳولي گس تي پيرا؟
    ڪير ٿي ڳولي گس تي پيرا؟


    پياس ساري زندگي آ

    پياس ساري زندگي آ

    ڪاڪ جي محلن ۾ ماندو،
    روح هن جو ساز جھڙو،
    آڱرين جي آسري ۾،
    اڄ به ائن ئي آهه آتو،
    جئن ڪليءَ جي آرزوءَ ۾،
    ڪائي موسم منتظر آ،
    لوڪ سارو بي خبر آ،
    ديد هر ڪا دربدر آ.

    ڪير ڄاڻي ڪنهن نظر لئه،
    ڪا دري ڇو مضطرب آ؟
    دل لڳي ڀي ديپ جان آ،
    لاٽ ٿي لرزي نه جنهن جي،
    دِيوَ ڪنهن ڀي واءَ جي کان،
    نيڻ آهن نهر وانگر،
    سرمدي ڪنهن سحر وانگر،
    وهڪرو جن جو سدائين،
    پيار جي ئي پار ڏي آ،
    يار جي ئي پار ڏي آ.
    چَوڏسا ئي چنڊ آهي،
    موھ آهي، منڊ آهي،
    شبنمي هر لڙڪ آهي،
    مُرڪ ڀي ڄڻ سُرڪ جيان آ،
    سُرڪ جنهن جي ئي سحر ۾،
    پاڻ ڪو پائي ڇڏي ٿو،
    گيت سو ڳائي ڇڏي ٿو،
    ڳالھه جنهن ۾ راز جي آ،
    ساز ۽ آواز جي آ.

    ڇا اهو ڄاتو ڪنهين آ؟
    ساز ۾ هڪ سوز ٿئي ٿو،
    سوز ۾ هڪ سرمدي آ،
    هٿ ـــ ڏِيا هِن روشنيءَ جا،
    پياس ساري زندگي آ!
    پياس ساري زندگي آ!


    نديءَ جھڙي نگاهن ۾

    نديءَ جھڙي نگاهن ۾

    اسان جي دل جي دامن تي
    ڪِري جو چڻنگ چاهت جي,
    ڀسم ٿي ويا ڀرم سارا
    رهي سالم نه ڪا اِڳڙي،
    وجودِ سِر اسان جي تي!

    اسان جي لاڏلي دل جو،
    چُورائي چينُ ويو ڪوئي!
    اسان جي ننڊ ــ نيڻن جي،
    اُڏامي وئي الئه ڪاڏي!

    اسان جي طلب ۾ هر پل
    الائي تات آ ڪهڙي؟
    رُني آ دل سدا پنهنجي،
    الائي بات ڪهڙي آ؟

    جُڳن کان جيءُ ٿو جاڳي،
    اسان جي روح کي واڳي،
    وئي ڪائي ولين وانگي،
    اڃايل مور جان من آ،
    ويڳاڻي ڊيل جان دلڙي!

    اڪيلي چنڊ جان ڀٽڪي
    پيو ٿو روح راهن ۾!
    وڃائي پاڻ ويٺاسين،
    نديءَ جھڙي نگاهن ۾!
    نديءَ جھڙي نگاهن ۾!



    پٿرن جي شهر ۾

    پٿرن جي شهر ۾

    ڪيتري آ بي چئي،
    دل جي هيءَ ديوانگي،
    مون چيو، ڏس او چري!
    ”ڪانچ جي چوڙين جِهو
    پنهنجي سپنن جو بدن
    هل نه تون ايئين کڻي.“

    ”لوڪ جي خنجر نظر
    ۽ ابابيلن جيان،
    عاشقي پنهنجي پرين!
    راهون ٿوهر جان رڳو،
    آ فريبي جڳ سڄو،
    ٿورڙو تون خيال ڪر،
    کڻ سنڀالي تون وکون
    تهمتون هِنِ بي نقاب،
    تنهنجي تعاقب ۾ مِٺي!“

    ”عمر تنهنجي آ اَلهڙ
    نيڻ تنهنجا بي خبر،
    ڪٿ نه اٽڪن او چري!
    تون ڪنول آ ڪاڪ جو
    تون آ قطرو ماڪ جو،
    چاندني تون چنڊ جي،
    پير تنهنجا پدمڙا،
    تون ڇا ڄاڻين ڄر منجھان،
    تون ڇا ڄاڻين بر منجھان،
    پنڌ اوکو پيار جو،
    نينهن نوتو دار جو!“
    پر هي هوڏي، ٻار جهڙي،
    دل هٺيلي،
    ڪجھه مڃي ئي ڪونه ٿي.



    سپنا به آواره ٿين ٿا

    سپنا به آواره ٿين ٿا

    خواب به چورن وانگر آهن
    سارا دُوريءَ پنڌ لتاڙي،
    روز اچن ٿا شهر ــ جياپي،
    آڌيءَ ٽاڻي،
    پريميڪا جا چپ چمڻ لئه.
    سانت جي ٻک ۾،
    لوڪ سمورو،
    رات سمي
    ننڊ جي چادر تاڻي ٿو.
    خيال جي گس ۾،
    ليڪن خوابَ،
    بنجارا ٿين ٿا،
    سپنا ڀي آواره ٿين ٿا،
    ڪنهن جي روڪي ڪونه مُڙن ٿا.
    ڪنهن جي روڪي ڪونه مُڙن ٿا.


    دوستي آ خواب جو زخمي بدن!

    دوستي آ خواب جو زخمي بدن!

    مون هو سمجھيو، دوستي آ
    درد جي درياھ ۾،
    ڪنهن سگھاري ناوَ جان،
    سڙھ جنهن جي ساٿ جا،
    ڪنهن طوفاني واءَ ۾ ڀي،
    ڪين ٿا ساڻا ٿين!

    مون هو سمجھيو، دوستي آ
    رڻ تتيءَ جي رڃ ۾ ڪنهن،
    بڙ جي گھاٽي ڇانو جان،
    جنهن جي ٽارين مان ڪڏهن،
    اُس جون ننگيون نگاهون،
    پار پئجي ڪين سگھنديون.

    مون هو سمجھيو، دوستي آ
    رات ــ رڻ ۾،
    دل جو روشن ڪو ڏيئو،
    جنهن جي جھيڻي لاٽ جو،
    ڪائي ٻيڻي ٻاٽ ڀي،
    سِرُ جُھڪائي ڪين سگھندي.

    مون هو سمجھيو، دوستي آ
    چينَ جو ۽ چاھ جو،
    روشنين جي راھ جو،
    خوبصورت ڪو سفر،
    جنهن جي راهن ۾ ڪڏهن،
    ڪا خزان، ڪائي سياهي ڪونه آ.

    مون هو سمجھيو، دوستي آ
    آئيني اُجري جيان،
    جنهن جي دل ۾،
    داغ ڪوئي ڪونه آهي.
    عڪس جنهن جا،
    رقص جهڙا،
    سڀ ڏسائون
    ڄڻ ڪي ڇانئون،
    جنهن جون ٻانهون.
    ڄڻ گھٽائون.

    مون هو سمجھيو، دوستي آ
    دل ــ نگر جي ديس جو،
    سرخ سندر ڪو گلاب،
    مهڪ جنهن جِي کي ڪڏهن
    موسمن جي بي وفائي،
    ڀي مِٽائي ڪونه سگھندي.

    مون هو سمجھيو، دوستي آ
    دل ــ مندر جي مورتي،
    سونهن جنهن جِي کي ڪڏهن
    بُت شڪن جي بدنظر،
    گھائي سگھندي ڪينڪي،
    ڊاهي سگھندي ڪينڪي.

    مون هو سمجھيو، دوستي آ
    جيءَ ــ گھر جي ڪنهن ٽٽل
    ڪام لئه،
    ڄڻ ڪلهي جيان،
    جنهن کي ڪڏهن،
    ڪا رواجن جِي اڏوهي،
    ڪين ٿي جھوري سگھي،
    ڪين ٿي پُوري سگھي.

    مون هو سمجھيو، دوستي آ
    ننڊ ـــ نيڻن جي وطن جو
    خوبصورت خواب ڪوئي،
    جنهن جي تعبيرن جي ڌرتي،
    چنڊ ــ تارا رات آهي،
    ۽ اها پرڀات آهي،
    سحر جنهن جِي ۾ قهر جي،
    ڄڻ ته ڪائي مرڪ آهي.
    مرڪ جيڪا،
    آهه مڌ جي سرڪ وانگي،
    جنهن مان پيتي پياس ڄڻ،
    پوري ٿيڻي ڪونه آ،
    دُوري ٿيڻي ڪونه آ.

    ها، مگر هُو جو بروٽس جي هٿن ۾،
    خون سان لت پت خنجر،
    تتل تئي جي تيز اک جان،
    تاڙ ۾ آهي سدائين،
    ٻاڙ ۾ آهي سدائين،
    تنهن جي حوَس جي حسرتن جو،
    بَکُ آ بڻجي ويو.
    منهنجي تخيل جو بدن،
    ها بدن، خوابِ عدن،
    جنهن ۾ هيو،
    سرمدي ڪو ساھ هڪڙو!
    سيزر جھڙو ويساھ هڪڙو!
    سيزر جھڙو ويساھ هڪڙو!


    توکان جدا جيئان پيو

    توکان جدا جيئان پيو

    سوچيو هيم،
    توکان سوا،
    جِي نه سگھندس،
    پل جدا،
    ليڪن پرين!
    هي وقت آ مرهم جيان،
    جيڪو ڇڏيندو آ ڀري،
    جيون جي هر گھاءَ کي،
    پل، پهر، ڏينهن، هفتا
    ۽ مهينا سال ڪي،
    تنهن پريت جي
    ڀوڳي سزا،
    آءٌ جيئان پيو،
    آءٌ جيئان پيو،
    توکان سوا،
    توکان جدا،
    توکان پري...!


    سروم دکم دکم

    سروم دکم دکم

    شاعر جي دل ئي،
    هُن جو ديس ٿئي ٿي،
    ويس ٿئي ٿي،
    جنهن ۾ ڍڪيل آ،
    اُن جي زخمن جو بدن،
    ۽ موجي من،
    ڪنهن سمنڊ جيان آ،
    سنسار سمورو جنهن ۾،
    ڪنهن لهر جيان،
    ڪنهن سحر جيان،
    رقص ۾ آهي.
    جيون ڇاهي؟
    نيڻ ڪويتا،
    ڪاغذ ڪشتي،
    ساحل سوچون،
    خواب هوائون،
    لمبي مسافت،
    صحرا راهون،
    قدم قدم تي زخم هزارين،
    لفظ مرهم،
    سروم دکم دکم!
    سروم دکم دکم!


    جيون مڌ جيان آ

    جيون مڌ جيان آ

    اڄ رات ستارا،
    چُور نشي ۾،
    ٿيڙ کائي ٿا،
    اوندھ جي دنڌلن،
    شيشن سان،
    پنهنجا اُجرا جام ٽَڪرائن،
    ۽ چنڊ پيتل مَدو مواليءَ جان،
    ڪڪرن جي تاڻي چادر،
    ڪي پل ويهي سوچي ٿو:
    ”هي جيون ڀي ڪنهن مڌ جيان آ،
    موت پياڪو جنهن مان،
    چُڪي چُڪي ٿو روز پيئي!
    چُڪي چُڪي ٿو روز پيئي!“


    تشنگي جو بدن

    تشنگي جو بدن

    سُرت جي ساري سفر ۾ سڀ وڃائي،
    پوءِ به مون کي ائين لڳو آ،
    زندگي ڄڻ ڪو سڳو آ.
    تند جنهن جي لمحي لمحي آ اُڻيو،
    آرزوئن جي بدن جو،
    ليڙون ليڙون ڪو لباس،
    ۽ پياس،
    دشت ۾ پاڳل هوائن جي پٺيان،
    چين پنهنجي چاھ جو خود ئي وڃائي
    خود ئي پيري ۾ رهي آ،
    هير جھڙي هيءَ وهي آ،
    خوشبو جنهن جي،
    خود بهارن جا بدن،
    ڪيترا بي چين ڪيا هنِ،
    پير واريءَ پيچري تي،
    ڪيترا وکريا پيا هنِ.
    نيڻ ڪنهن خانه بدوش،
    خوبصورت خواب وانگر
    هرڻ جان جن جي پٺيان،
    من ــ جياپو ڪيترو ماندو ڀَڳو آ!
    پو به مون کي ائين لڳو آ،
    زندگي ڄڻ ڪو سڳو آ،
    ريشمي ڪا تند جنهن جي،
    تشنگي جي ڄڻ بدن تي،
    ننڊ جا ٽاڪا هڻي ٿي!
    ننڊ جا ٽاڪا هڻي ٿي!


    ڪوي جي خواب جھڙيون اکيون

    ڪوي جي خواب جھڙيون اکيون

    ڪنهن ڪوي جي خواب جھڙيون،
    او پرين! تنهنجون اکيون.
    مرڪ تنهنجي مئڪشي جان،
    زلف تنهنجا ڄڻ گھٽائون،
    تون سراپا
    شاعريءَ جھڙي حسينا!
    تون اڪيلي او ڳهيلي!
    ڳوٺ جي ڪنهن ڀي ڳلي ۾،
    پئه نه ائين نڪري ڪڏهن،
    ڪيتريون پاڳل نگاهون،
    تنهنجي تعاقب ۾ وتن ٿيون ڀٽڪنديون،
    ڪنهن سمي ڪنهن باز جو
    چوڳو نه بڻجي پئين چري!
    پير پنهنجو کڻ سنڀالي،
    اوپري، او پوپري!
    ڇوڪري، او ڇوڪري....!
    ڇوڪري، او ڇوڪري....!


    پروميٿئس

    پروميٿئس

    پوڙهو چنڊ صدين کان هُو
    اُڀ جي ڪاري ڌرتي تي،
    سوڀ جي مشعل ساڻ کڻي،
    پنهنجي پوري هستيءَ سان
    ساري جڳ جي بستي مٿان،
    هر رات ٻَري ٿو،
    ساک ڀَري ٿو.
    هُو سج ازل کان،
    سياهي جي سوري تي،
    روز پيو لَٽڪي،
    ڪنهن گھايل پنڇيءَ جان.
    اڃا نه مُئو آ،
    اڃا نه مُئو آ،
    عيسى جڳ مان،
    دنيا ۾ جيئرو،
    اڃا به آهي پروميٿئس،
    جنهن جي جيءَ تي روزانو ڪا
    چُوٽَ لڳي ٿي،
    ڳوٽ ڀڄي ٿي،
    چاڪ چِڪن ٿا،
    رنگ رچن ٿا،
    ها، پر پوءِ به،
    چنڊ جي ريت اڃا به ساڳي!
    سج جي جيت اڃا به ساڳي!


    دلين جا زخم ڀربا ناهن

    دلين جا زخم ڀربا ناهن

    توکي گھنور ڇا گھرجي؟
    هڪڙي ڪوجھي ڪاري رات گھرجي!
    رات جنهين ۾،
    رنگ به آهن، سنگ به آهن،
    انگ به آهن، ڏنگ به آهن،
    ٿورا ڌنڌلا دنگ به آهن،
    جن مان تنهنجي ديد گھڙي کن
    پنهنجا نيڻ ته سيڪي سگھندي،
    تنهنجي طلب جي تات به شايد
    ڪجھه لمحن لئه ماٺي ٿيندي،
    پر او پيارا!
    ڪچا رنگ سدائين ان جا،
    ڪنهن به بدن جي ڪاغذ تي،
    ڪنهن رنگ رچڻ جي بدران
    هڪ گھاءُ رچيندا آهن!
    گھاءُ جنهين ۾،
    هڪ درد جو سور سدائين
    ڪُرندو رهندو آهي،
    هُرندو رهندو آهي!
    هڪ رات جنهين جي
    بي نور نيڻن ۾،
    آشا ڪانهي،
    ڀاشا ڪانهي،
    جنهن جي بدن ۾ گرمي بدران
    وئي بي حسي جي برف ڄمي آ،
    ان جي سرد انگن تي،
    نرم چپن جي،
    گرم چپن جي،
    جاڳ سمهارڻ
    جيڏيا! ڪيڏي اوکي آهي!

    توکي گھنور ڇا گھرجي؟
    هڪ پرھ ڦٽيءَ جي باک گھرجي؟
    باک جنهن ۾،
    ساک آ سورج رنگن جي.
    هڪ گل گھرجي؟
    گل جنهن جي،
    گرم چپن تي ماڪ چمين جان،
    چمڪي پئي آ.
    يا هڪ ناتو گھرجي؟
    جوڙ جنهن جي،
    تنهنجي ريشم سوچن ۾،
    هڪڙو سندر خواب اُڻيو آ،
    ۽ گلابن جھڙو،
    شباب اُڻيو آ،
    حجاب اُڻيو آ.
    توکي گھنور ڇا گھرجي؟
    توکي تنهنجو اندر گھرجي؟
    توکي تنهنجو ٻاهر گھرجي؟
    يا ڪو من جو مندر گھرجي؟
    جنهن ۾ تنهنجي چاهت جو،
    راحت جو،
    تنهنجي ئي اوسيئڙي ۾،
    هڪ بُت پيو آهي،
    بُت جنهن جي روح کي تون،
    روز ٿو لالو لال ڪرين،
    ڇو نه ٿو هڪڙو خيال ڪرين؟
    دل جا زخم ڪڏهن به دلبر!
    راتين جي تاريڪ مرهم سان،
    ناهن ڀربا، ناهن ٺرندا.

    توکي گھنور ڇا گھرجي؟
    چنڊ گھرجي، منڊ گھرجي؟
    يا ڪو هڪڙو گھنڊ گھرجي؟
    جنهن ۾ تنهنجي جيءَ جون تارون،
    جيئن گونجن،
    جنهن ۾ تنهنجي من جون مرڪون،
    جيئن مرڪن،
    جنهن ۾ تنهنجي خواب اکين جا،
    تنهنجي پيرن جو گس ٿين،
    ڏَس ٿين،
    توکي رات گھرجي يا روشني؟
    توکي گھنور ڇا گھرجي؟
    توکي گھنور ڇا گھرجي؟



    ( منهنجو دوست، گھنور خان جتوئي، جيڪو جوانيءَ جي بهارن ۾ ئي
    خودڪشي جي خزان جو بَکُ بڻجي ويو)



    تون جنم کان جيءَ ۾

    تون جنم کان جيءَ ۾

    مه جبين! تون اجنبي،
    ڪيئن چوان مون لاءِ آهين!
    ڇا ٿي چاهين؟
    ڏور تائين،
    جيئن ڏسان ٿو،
    ٿي ڏسائين
    منهنجي آهين.

    دور هوندي دور ناهين،
    ويجھڙي به مور ناهين،
    پو به من ۾ ڄڻ ته آهين،
    تون سڳنڌن واس وانگي،
    چين منهنجو ٿي چورائين.


    ڪيئن مڃان تون ڪا گھڙي
    ڪنهن سفر ۾،
    هم سفر آهين رهي!
    ۽ لهي ڪنهن موڙ تي،
    مون کان وڇڙي آن وئي.

    زندگي لمبو سفر آ،
    اجنبي ڪوئي شهر آ،
    ڪيترا جنهن ۾ مسافر،
    ٿا ملي وڇڙن وري،
    رُت انوکي هيءَ حياتي،
    روز جنهن ۾،
    گل ٽـڙي اُجـڙن وري،
    ديد آهي ڄڻ دري،
    پياس پنهنجي آ چري،
    ياد تنهنجي آ وري،
    روز نئين ڪنهن رنگ ۾،
    تون آن هر پل سنگ ۾.

    هن دنيا ۾،
    حافظي جي هٿ تريءَ تي،
    ڪيترو ۽ ڪير ٿو،
    ڪنهن کي ائين سانڍي رکي!

    پر او سانئڻ! چنگ وانگي
    تند تنهنجي طلب جي،
    چاھ منهنجي جي چپن تي،
    هر گھڙي بي چين آهي،
    دل ٿي چاهي،
    ساھ ۾ توکي سمائي،
    ڪٿ لڪائي آءٌ ڇڏيان.


    روز تنهنجي آرزو،
    نئين سِري سان ننڊ ۾،
    خواب ٿي ڪورا اُڻي.
    ۽ وڻي ٿي،
    روز مون کي،
    منهنجي دلڙي،
    طلب جنهن پل،
    تنهنجي مون کان ٿي ڪري.
    تون پري
    ڪاٿي مِٺي آن!
    تات تنهنجي منهنجي من جي،
    هر ڏسا ۾،
    ائين وڳي آ،
    ڄڻ لڳي آ،
    آشنائي منهنجي توسان،
    آ ازل کان،
    اڳ به ڪاٿي ئي رهي.

    هي سفر هو هڪ بهانو
    تون جُڳن کان منهنجي جيءَ ۾،
    هير وانگر ڄڻ گھُلي آن!
    وير وانگر ڄڻ ڇُلي آن!


    پياسو من

    پياسو من

    تو چيو هو:
    پيار تنهنجو،
    ڪنهن گھٽا گھنگھور جيان آ،
    مور جيان آ.
    پياسي من جون
    تل ــ ترايون،
    تون ٻُوڙي سڀ ڇڏيندينءَ،
    ائين گڏيندينءَ،
    ساھ پنهنجي سان،
    ساھ منهنجو،
    چاھ منهنجو،
    ڪا به دُوري ڪانه رهندي،
    اُڃ اڌوري ڪانه رهندي،
    پر جُڳن کان سِپَ وانگر،
    اڄ به تنهنجي ،
    پيار بارش لاءِ آهيان،
    آءٌ ماندو،
    آءٌ اڃايل.
    آءٌ پياسو


    غزلَ

    غزلن تي راءِ : امر اقبال

    جديد سنڌي غزل کي هاڻوڪي دؤر ۾ جيڪي شاعِرَ پنهنجي تازي تواني تخيل جي آڌار سونهن بخشي رهيا آهن، انهن ۾ فياض لطيف جو نالو به هڪ سُهڻي سڃاڻپ رکي ٿو. فياض لطيف نظم جي صنف ۾ به گهڻو اظهاريو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو مون کي هِنَ ڪتابَ ۾ شامل سندس غزلن مان به نظماڻو رنگ جھلڪندي نظر اچي ٿو. هنن غزلن ۾، جيڪا خيالن جي نُدرت، بي ساختگي، ترنم ۽ تغزل شامل آهي ۽ فياضَ جهڙي طرح انهن ۾ رديفن جو منفرد استعمال ڪيو آهي، اُهو هنن غزلن کي، ڪنهن به حوالي سان نظرانداز نه ٿي سگهجڻ جي سگهه عطا ڪري ٿو. فياض جا غَزَل، دل جي حَسين واديءَ ۾ مختلف ڪيفيتن ۾ سرشار هجڻ واري صورت ۾ مُرڪندي، ڏسي/ محسوس ڪري سگهجن ٿا. ”دل جي خانه بدوشي“ ۾ شامل، پنهنجي سهڻي شاعر دوستَ فياض لطيف جي غزلن کي پڙهي، مَنُ اِنهن غزلن ۾ موجود سڀني موسمن سان گَڏُگَڏُ سفر ڪرڻ لڳي ٿو. سچ ته فياضَ تخليقي ڪَمَ کان وٺي ترجمن تائين، پاڻ کي هِڪَ ذميدار ۽ ذهين لکاريءَ جي حيثيت سان مڃرايو آهي.

    ــــــــ امر اقبال


    عمر سموري عذاب ڀوڳيا

    عمر سموري عذاب ڀوڳيا
    خنجر خنجر جان خواب ڀوڳيا!

    پٿر شهر ۾ سوال شيشا،
    نظر نظر هِن سراب ڀوڳيا!

    زخم زخم ٿي ڪَنڊن جي وچ ۾،
    سدا زخم هِن گلاب ڀوڳيا!

    دنيا ڪٿان جو ڪٿي پُڳي آ،
    نسل اسان جي نصاب ڀوڳيا!

    بهار موسم لٿي بدن تي،
    ڪَلي ڪَلي پر حجاب ڀوڳيا!

    ڦـڙو ڦـڙو ٿـي رُنـي آ دلـڙي،
    پٿر پٿر جان جواب ڀوڳيا!

    نه نيڻ ڪجرا، نه گيسو گجرا،
    شهيد دل هِن شباب ڀوڳيا!













    چڳون چڳون ٿي بهار وکريو

    چڳون چڳون ٿي بهار وکريو
    نظر نظر ٿي خمار وکريو.

    جواني هُن تي لٿي جئين ئي،
    ڪَلي ڪَلي ٿي نِکار وِکريو.

    ڪنول بدن جو ٻَکيو ٻَکن ۾،
    چُمي چُمي ٿي آ پيار وکريو.

    اداس دل تي ڪڪر وڇوڙو،
    مِلي جو مُرڪي، غبار وکريو.

    ڪڪوھ ڪامڻ هُيون نِگاهون،
    کڻي ڏٺائين، قرار وکريو.

    فياض ڏاڍو اَڏول هو پر،
    پريت ــ پنڌ ۾ هو يار وکريو.













    ستارا ستارا رهيون هنِ اکيون

    ستارا ستارا رهيون هنِ اکيون
    عجب ئي نظارا، رهيون هن اکيون.

    ٻُڏاسين ٻَکن جي سحر ۾ سدا،
    ڪنارا ڪنارا، رهيون هِن اکيون.

    اسان جي عبادت ۽ رياضت عجب،
    سيپارا سيپارا، رهيون هِن اکيون.

    ڪٿي ساھ سرمد، ڪٿي جيءُ جوڳي،
    ڪٿي ديد دارا، رهيون هِن اکيون.

    نه ڪشتي، نه ساحل، بحر ــ عشق ۾،
    سدائين سهارا، رهيون هِن اکيون.













    چري دل تمنا ڪٿي ٻي ڪئي آ

    چري دل تمنا ڪٿي ٻي ڪئي آ
    پرين! آرزو بس اوهان جي رهي آ.

    ائين رات ڀر هِن ڀِنا نيڻ بادل،
    جِئين ماڪ مُکڙيءَ تي روئندي رهي آ.

    نه راهن ۾ رونق، نه شامن سُندرتا،
    کڻي واءَ ڪهڙي، خوشين کي وئي آ.

    مسافت کُٽي ٿي، نه ئي پير ٿَڪجن،
    عجب تنهنجي چاهت ۾ راحت رهي آ.

    اياڻي، هٺيلي، اسان دل آواره،
    سدائين حُسن جي ئي سجدي رهي آ.









    سدائين سار جي موسم

    سدائين سار جي موسم
    پرين جي پار جي موسم.

    هُڳائن جان لٿي هر دم،
    اسان تي يار جي موسم.

    گلن کي چئو نه ائن مَهڪن،
    چمن ۾ خار جي موسم.

    کُلي ڪا چڳ جي گيسوءَ جي،
    هُلي هُٻڪار جي موسم.

    چنبيلي واس ويو ويڙهي،
    نشو هئي نار جي موسم.

    سدا هُن سوڀ ٿي چاهي،
    ٿياسي هار جي موسم.









    اوهان جي ئي يادن ــ ڳهر ۾ رهياسين

    اوهان جي ئي يادن ــ ڳهر ۾ رهياسين
    پرين! سچ ته ڏاڍي سحر ۾ رهياسين.

    اوهان جو ”سڀاڻو“ ٿي سُولي ويو آ،
    اسان بس انهيءَ جي قهر ۾ رهياسين.

    ڪڏهن دشت دوري، ڪڏهن پيار ساگر،
    سدا عشق تنهنجي سفر ۾ رهياسين.

    پُڇو ٿا ته ڪِئن، زندگي پيئي گذري؟
    ٻُڏي توڙي اُپڙي لهر ۾ رهياسين.

    کُليل زلف ويڙهي، کِلي هوءَ گذري،
    اڃا تائين تنهن جي اثر ۾ رهياسين.

    ڪڏهن پياس پُورِي نه ساحل جيان ٿي،
    عمر توڙي پُورِي بحر ۾ رهياسين.














    سراپا سندرتا سکيءَ جون اکيون،

    سراپا سندرتا سکيءَ جون اکيون،
    ڪوي جي ڪويتا، سکيءَ جون اکيون.

    ڪٿائون مٿي ڪيئن ڪاغذ ڪٿيون؟
    نسوريون امرتا، سکيءَ جون اکيون.

    ڪڪر، سمنڊ، ساحل، ستارا، ڪَتيون،
    نيارا نياپا، سکيءَ جون اکيون.

    سوين گيت سرگم، ڪنول جون ڪَليون،
    مي، مهڪون، مڌرتا، سکيءَ جون اکيون.

    هُو آرس، هُو اُلڪا، اُهي مِرگھه ــ ڇالون،
    سحر هِنِ سراپا، سکيءَ جون اکيون.







    کوڙ ساريون ڄڻ نگاهون ٿي رهي آ

    کوڙ ساريون ڄڻ نگاهون ٿي رهي آ
    شاعري پنهنجون پناهون ٿي رهي آ.

    پاڻ تي پنهنجو ڪٿي آهي هليو وس،
    عاشقي تنهنجي ادائون ٿي رهي آ.

    پنهنجي پيرن ۾ رهيون هِنِ ڌرتتيون ئي،
    سانوري ڄڻ ڪي گھٽائون ٿي رهي آ.

    پاڻ کان ئي پاڻ ڄڻ وسري ويا هُون،
    هوءَ جڏهن کان پيار ٻانهون ٿي رهي آ.

    جڳ جفائون توڙي سارو، پر اسان لئه
    زندگي ڄڻ سڀ وفائون ٿي رهي آ.

    قطري ۾ مون سمنڊ جو ڳوليو بدن آ،
    تشنگي ساحل صدائون ٿي رهي آ.

    دل لڳي ڀي دشت جو آ ڪو مسافر،
    ساحري ڄڻ سيڻ راهون ٿي رهي آ.











    پاڻ کان پاڻ تائين پُڳيون هِن اکيون،

    پاڻ کان پاڻ تائين پُڳيون هِن اکيون،
    خواب مجذوب جو هي رُڳيون هِن اکيون.

    درد جِي دلبري ڀي رهي آ عجب،
    دشت سارو سفر ۽ جُھڳيون هِن اکيون.

    چَپ جتي ڀي نه ڪجھه هِن چئي جي سگھيا،
    راز دل جا اُتي هِي اُڳيون هِن اکيون.

    رڻ جي راهن ۾ ئي روح رمتو رهيو،
    دل رُني آ سدائين ڀِڳيون هِن اکيون.

    ڇا نه ڀوڳيو هميشه مِٺي! آ اسان،
    موڙ ڪنهن تي جي توکان ڇِڳيون هِن اکيون.










    نه ٿو جيءُ ڀرجي، نه ٿا نيڻ ڍاپن،

    نه ٿو جيءُ ڀرجي، نه ٿا نيڻ ڍاپن،
    اڃايل سمندر ڪِئين چپ آجھاپن!

    ڪٿي چين موسم ڪو پاتو آ جانان!
    رڳو زخم دل آ، اسان جي شبابن.

    وُٺيون بارشون پر ڀِڳو ئي بدن آ،
    هينئون مِرگھه وانگي لُٽيو آ سرابن.

    ڪيا ڪاغذن ۾ دفن لڙڪ پنهنجا،
    هي ”لفظن جو ماتم“، تڏو آهي خوابن!

    حُسن زندگي ۽ حُسن آ خدائي،
    ڪيو سونهن سجدا، نه ڀِيليو گلابن.

    اڃا چندُ لمحا ته ترسو ڪي جانان!
    اڃا چنڊ ـــ چهرو چمڻ ڏيو حجابن.








    لٿي آ رات نيڻن ۾،

    لٿي آ رات نيڻن ۾،
    پرينءَ جي تات نيڻن ۾.

    لِڪايون ٿا وتون لوڪان،
    اوهان جي بات نيڻن ۾.

    پُسيو آ پاند ڇو دل جو؟
    وُٺي برسات نيڻن ۾!

    خدا جو پَرتوو جانان!
    اوهان جي ذات نيڻن ۾!

    نهاريو هُن کڻي نظرون،
    ڦُٽي پرڀات نيڻن ۾!

    رکون سانڍي ڪِئين سرتي!
    اُلا جذبات نيڻن ۾!

    سَلي آ راز سارا وئي،
    اوهان جي سانت نيڻن ۾!









    هوائن ۾ هُلي ويو آ، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو؟

    هوائن ۾ هُلي ويو آ، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو؟
    پريشان ڀَونر هِن سارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    اکين ۾ کيپ ٿا مُرڪن، وئي مدهوش ٿي دلڙي،
    خماريل چنڊ ۽ تارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    هينئين تي هير جو جھونڪو بڻي ڪا ياد جي دستڪ،
    سنواريل زلف هُو ڪارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    گھڻو مانوس ٿو ڀاسي، لڳي ٿو روح ۾ رچيل،
    مِٽي جي مهڪَ جان پيارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    نظر جي بي قراري ۽ چپن جي تانگھه ٿي تـڙپي،
    چَريا هِن چاھ ۾ چارا، بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!

    ڀنل هِن ماڪ سان مُکڙيون، لٿي آ رات چانڊوڪي،
    اڙي او پوھ جا پارا! بدن هي ڪنهن جي خوشبو جو!









    جيئڻ لئه ٿورڙو جيون، حياتي ڀوڳنا ساري،

    جيئڻ لئه ٿورڙو جيون، حياتي ڀوڳنا ساري،
    پُڇي ڪوئي ڏسي چنڊ کان ڪَٽي آ رات جنهن ڪاري.

    سمندر جان ڪٿي آهي تمنا جو ڪنارو ڪو!
    جياپو نيڻ سپنن جا، مسافت پنڌ آ واري.

    هئي ڪنهن عاج جان اُجري، ڪلي معصوم جان ڪومل،
    ڪُٺي ناري وئي آهي ڪري جا ڪالھه هوءَ ڪاري!

    اڙي او لاڙڪاڻا! هُو گھٽيون تنهنجون ڪئين وسرن؟
    رُليون جي پاڻ سان گڏجي، جنم جن سان رهي ياري!

    جواني خواب ناکئي جان، بتيلي ـــ پُور جان دلڙي،
    سدائين عشق جي لهرن، ڪٿي ٻوڙِي ڪٿي تاري!

    انوکي چڻنگ چاهت جي، پتو مجذوب ئي ڄاڻن،
    هئي تِيلي ته هڪڙي پر وئي ٻيلو سڄو ٻاري!











    اسان جي پياس کي پنڌ جا انوکا ماڳ وئي ڏيئي،

    اسان جي پياس کي پنڌ جا انوکا ماڳ وئي ڏيئي،
    اسان جي طلب ۾ بارش مگر هوءَ آڳ وئي ڏيئي.

    چيوسين ”چنڊ“ کي ٿورو ڪڪر ڪاڪل ڇڏيو ڇوڙي،
    کنوڻ وانگي کِلي، خوشبو سندا هوءَ ڀاڳ وئي ڏيئي.

    اسان لئه هير جو جھونڪو، هئي جا موھ جي موسم،
    اسان جي خواب نيڻن کي ازل جي جاڳ وئي ڏيئي.

    گذر جو شام جو ٿيو آ، لٿي آ رات تنهائي،
    نظر جي ديد کي هر ڪا پهر آ داڳ وئي ڏيئي.

    هُئي جا خواب جي صورت، سدا ڪنهن ساز جو نغمو،
    اسان جي روح کي ڪيئي نوان سا راڳ وئي ڏيئي.

    سسئي جان پيار ٿيو پنهنجو، سونهان سڀ سوز جا پنڌ ٿيا،
    پنهون جي پار جي ساري حياتي واڳ وئي ڏيئي.










    وڃائي پاڻ کي جانان! وري آ پاڻ ئي ڳوليو،

    وڃائي پاڻ کي جانان! وري آ پاڻ ئي ڳوليو،
    پڙاڏن جي پٺيان پنهنجو سدائين روح آ روليو.

    تتل واري آ پيرن ۾، مٿان ڪوئي ڪڪر ڪونهي،
    اڙي محجوب او جانان! گھڙي کن زلف ئي کوليو.

    ڪٿي آ پاند ڪو آجو، بدن دل جو زخم آهي!
    ڏسيو ڪو گھاٽ ڌوٻيءَ جو، جتي ڪنهن دل کي ڇاڇوليو؟

    ٿي ڀٽڪي ننڊ نيڻن ۾، خمارن جو پتو ڪونهي،
    اڙي او دل جي مجذوبي! گھڙي آغوش ڏي پنهنجو.

    بهارن جون بهارون ئي ڪٿي هِن پاڻ ڪي طلبيون،
    اسان جي بي قراريءَ کي ملي ڪو چين ئي ٿورو.

    وسڻ جي مند ڪٿي آهي، وسن ٿا نيڻ ٿي بادل،
    هنئين جي هيکلائيءَ ۾ جلي جوڳي جيان جيئڙو.











    اکين ۽ خواب جي وچ ۾ بدن آ بي قراريءَ جو،

    اکين ۽ خواب جي وچ ۾ بدن آ بي قراريءَ جو،
    چپن تي تشنگي تڙپي، بدن آ بي قراريءَ جو!

    کڻي خوشبو ڪٿان آئي عجب موسم هي آواره؟
    سڄو ئي ساھ ويو مهڪي، بدن آ بي قراريءَ جو!

    نگاهن ۾ ادائن جي، ادائن ۾ نگاهن جي،
    انوکي سانجھه ٿي مُرڪي، بدن آ بي قراريءَ جو!

    تمنا چنڊ جي جنهن ۾، اڙي مجذوب سا دلڙي،
    ستارن سان ڪِئين سرچي، بدن آ بي قراريءَ جو!

    بهارن جو پتو ڪونهي، خمارن جي خبر ناهي،
    خزائن آ ڇڏيو ڀيلي، بدن آ بي قراريءَ جو!

    اندر ۾ ٿي اِڇائن جي انوکي آڳ پئي ڀڙڪي،
    اچو ڪا بوند ئي بڻجي، بدن آ بي قراريءَ جو!













    نظر جي جام ۾ جادو،

    نظر جي جام ۾ جادو،
    سکيءَ جي نام ۾ جادو.

    اسان دلڙي هئي پنڇي،
    پرينءَ جي دام ۾ جادو.

    گُذر هُن جو هتان ٿيو آ،
    هُلي ويو عام ۾ جادو.

    خدا جي مصوري فطرت،
    صبح ۾، شام ۾ جادو.

    پتيون وکرن ٿيون پيرن ۾،
    غضب آ گام ۾ جادو.









    ساري رات ستارا جاڳن،

    ساري رات ستارا جاڳن،
    چنڊ ٿو جاڳي، چارا جاڳن.

    ڪاٿي ننڊ نديءَ کي آهي،
    لهرون، ناوَ، ڪنارا جاڳن.

    ماڻهن جا هِن خواب سمهي پيا،
    ديوارن تي نعرا جاڳن.

    پنهنجو روح سدا سيلاني،
    جوڳ ٿا جنهن ۾ سارا جاڳن.

    رت ۾ لت پت آهي ڪراچي،
    گھر گھر ٿا اوسارا جاڳن.

    جوڳي جو آ ڀاڳ سمهي پيو،
    ٽٻڻي ۾ ٿا ڍارا جاڳن.




    ڌرتتـــــي ڌرتتـــــــي،

    ڌرتتـــــي ڌرتتـــــــي،
    زنـــــدگي زنــــدگي.

    ڇـــــــانورو ڇانـــورو،
    شــــــاعري شـــاعري.

    آرزو آرزو،
    مئڪشي مئڪشي.

    انــــــت اونــــداھ جو،
    روشــــنـــي روشــني.

    ديــس گيــــــڙوءَ رتـو،
    شــــــانتي شـــــانتي.

    آءُ آغــــــــــــــوش ۾،
    او ســــکي، او سکي!

    تيـــــز خنــجر جيان،
    بـــي رخــي بي رخي.

    دشــــت ۾ دلـڪشي،
    دوستــــي دوستــــي.





    دوکن جي هن جھنگ ۾ سرتا!

    دوکن جي هن جھنگ ۾ سرتا!
    خواب اُجاڙيا ويا اسان جا.

    وماس رڃّ ۾ جاڳي جاڳي،
    نيڻ اجهاڻا رات ننڊاکا.

    ڪالهه ڀٽائيءَ پير ڇهيا جن،
    کوليءَ بَک بڻيا سي رستا.

    تون جي وڇڙين يار اسان کان،
    لُڙڪ اکين ۾ ها ڦٿڪي پيا.

    خيالن جي کِڙڪي کُلندي ئي،
    لفظن کاڌا ڪيڏا ڀڙڪا!

    تو ئي هڪڙي ڪارڻ سانئڻ!
    نيڻ اسان جا در در ڀٽڪيا.

    من جي اجڙيل ڪاڪ جيان هِن،
    رات ــ شهر جا ڌنڌلا شيشا.

    وڃن ٿا ڇڻندا هڪ هڪ ٿي،
    جيون ـــ وڻ مان جوڀن پتا.


















    سدا خواب نيڻين ٻَکيون بس پرين هِن

    سدا خواب نيڻين ٻَکيون بس پرين هِن
    اسان پوڄيون تنهنجون اَکيون بس پرين هِن.

    اداسي ۾ تنهنجون چِٺيون آيتن جان،
    چپن تي چميون ڏئي رَکيون بس پرين هِن.

    سڄي دشت دنيا، سڄو من آ ٿر جان
    عجب آٿتن جان سَکيون بس پرين هِن.

    ڪڏهن ماڪ مُکڙيون، ڪڏهن مُرڪ موتيا
    ادائون اوهان جون بَکيون بس پرين هِن

















    کڻي نگاهون خمارَ اَرپي

    کڻي نگاهون خمارَ اَرپي
    وئي ڪا وينگس بهارَ اَرپي.

    هوا جو جھوٽو ڇُهي بدن کي
    ويو آ سُندر ڪا سارَ اَرپي.

    سڄو جُھڙالو ٿي من ويو آ
    وئي جو آلا آ وارَ اَرپي.

    سڄو زمانو ستم ظرف آ
    ٿي شاعري پو به پيارَ اَرپي.

    عجب سوداگر اوهان جي دلڙي
    گلن جي بدلي ٿي خارَ اَرپي.







    رات سارون ۽ مان

    رات سارون ۽ مان
    لڙڪ ــ لارون ۽ مان.

    ساٿ تنهنجو پرين!
    ڄڻ بهارون ۽ مان.

    تنهنجي راهن ۾ هِن
    اک ــ نهارون ۽ مان.

    مُند ميران بڻي
    تند ــ تارون ۽ مان.

    پيار پوپٽ جيان
    اُڀَ ــ اُڏارون ۽ مان!

    ڪاڪ دل جي ڀِني
    پل ــ پڪارون ۽ مان.

    ساڻ مومل هئي
    مڌ ــ خمارون ۽ مان.

    رات راڻي بدن
    من ــ ملهارون ۽ مان.
















    تنهنجي حاصل دلبري آ ٿي وئي

    تنهنجي حاصل دلبري آ ٿي وئي
    شاعري پيغمبري آ ٿي وئي.

    جام مُرڪن جو ڀري تو جو ڏنو
    ڄڻ نظر جي مئڪشي آ ٿي وئي.

    تنهنجي راهن ۾ اڙي او بانوري!
    ٿوهرن جان زندگي آ ٿي وئي.

    ويڙهي ڇڏيئي جو چڳون چوٽن سنديون
    ڇانوري ۾ ڌرتتي آ ٿي وئي.

    منهنجي گھر جي تو جڏهن دهليز تي
    پير رکيا، روشني آ ٿي وئي.


    بيتَ

    بيتَن تي راءِ : حبيب ساجد

    فياض لطيف جا بيت منهنجي آڏو آهن ۽ جيئن جيئن مان اهي پڙهندو پيو وڃان دل جا بي ترتيب بيٽس موسيقيءَ جي لهرن ۾ جهومڻ لڳا آهن. لفظ ناهن، هڪ سهڻي ۽ سجيل موسيقي جا تانَ ڄڻ گونججي رهيا هجن. ماڪ جا ڦڙا ڄڻ گلاب جي پتين تي تواتر سان ڪِري رهيا هجن ۽ ٽپ ٽپ جي ردم تي فطرت مي رقصم بڻجي وئي هجي. اگر اوهان جگجيت کي گهڻو ٻُڌو آهي، ته اوهان محسوس ڪري سگهندا، ته هر بيت ۾ موسيقيءَ جا ڪي نه ڪي ٽونس لڪل آهن. تان سين اگر شاعري لکي ها، ته اهڙي ئي شاعري لکي ها، ڇوته شاعري موسيقيءَ کان سواءِ ايئن آهي، جيئن ڪنهن ڇوڪريءَ جا هٿَ مينديءَ جي چِٽن کان سواءِ يا جيئن ڪنهن گلفام جو سونهري بدن چرپر بنا..... هر بيت پڙهڻ سان ذهن زندگيءَ جي ان دؤر ڏانهن هليو ٿو وڃي، جڏهن گلن ۾ تيز خوشبو هوندي هئي، ڳِٽن جا چُگهه دل تي سڌو اثر ڪندا هيا، ڪتابن ۾ گل ۽ خوشبوءَ وارا ٽشو پيپر پيل هوندا هيا ۽ جڏهن ڪنهن جي مُرڪي پوڻ تي کوڙ ساترا شعر لکي وٺبا هيا.
    فياض جا بيت پڙهي مان ڄڻ ته هڪ سفر ڪري واپس آيو آهيان. قاضي قادن، شاھ ڪريم، ڀٽائيءَ، سچل، اياز، آسيءَ، ادل، وسيم، سعيد، اسد عباسيءَ بعد فياض لطيف هڪ تسلسل جو هڪ سهڻو نالو ٿي اُڀري آيو آهي.... جنهن شاعر ههڙو بيت لکيو هجي، ڇا ان کي شاهه لطيف جو سهڻو تسلسل نه چوندا سي .... ؟
    تون جي منهنجي موھ جي، آهين مجذوبي،
    ٻيون به ڪيئي ڪامڻيون، مُنهنَ جون محبوبي،
    تو ۾ جا خوبي، ڪنهن ۾ پَسان ڪـيـنـڪي.


    ــــــ حبيب ساجد


    ڪهڙيون ڪهڙيون ساروڻيون، پوئي پويان يار،

    ڪهڙيون ڪهڙيون ساروڻيون، پوئي پويان يار،
    هيري موتي هار، تنهنجون ساريون ڳالهڙيون!

    تون ئي منهنجو آجپو، تون ئي آنهه امنگ،
    تو بن ڪهڙا رنگ، تو بن ڪهڙيون راحتون!

    آهن کوڙ اتاوليون، تو جيئن ڪائي ڪانهَ،
    سمنڊ سراپا جانَ، تـڙ جيان ٻيون ڪامڻيون.

    تو ريءَ مون کي ساءُ، ڪنهن ٻي مان اچي ڇو نه ٿو!
    واهوندي جي واءُ، مون گل ڪيئي گود ۾.

    تنهنجون سارون سانوري! مون من هٻڪارون،
    ڪيڏيون بهارون، تنهنجي آئي آئيون!

    تو جو اچي اوچتو، هٿين ڍڪيا نيڻ،
    مون هو توکي سيڻ! ڪيئن سڃاتو پل ۾!

    سارا رستا سُڌ جا، آهن اجايا،
    مايا ئي مايا، روپ نرالو نينهن جو.

    سدا منهنجي ساھ کي، آهي تنهنجي سار،
    هينئين مون هٻڪار، نيڻين ننڊ نه آئـڙي.

    اچ اچ منهنجي آرزو، تنهنجا نيڻ چمان!
    ڳلي لائي ڳالهڙيون، تو سان ڪي ڳرهيان،
    هينئون هنج ڪريان، مٺي! مون وٽ جي اچين.

    اونداهيءَ ۾ چنڊ، تيئن تون منهنجي آرزو،
    موهيو موهي منڊ، مون کي تنهنجي سونهن جو.

    جئن هو سَرَ تي هنج، ائن پڻ تنهنجي سونهن آ،
    موتي سپي منج، تئن تون من ۾ موهڻي.

    آهي سونهن سمونڊ، پياس انوکي پيار جي،
    اکين ننڊ اکنڊ، آٿت ريجھي ڪينڪي.

    تون جي نيڻ نينهن جا، آءٌ سراپا سوز،
    آءٌ سندءِ امروز، تون امرتا مون مٺي!

    تون جي منهنجي موھ جي، آهين مجذوبي،
    ٻيون به ڪيئي ڪامڻيون، مُنهنَ جون محبوبي،
    تو ۾ جا خوبي، ڪنهن ۾ پَسان ڪينڪي.

    ساجن، روپي سج جيان، نيڻين نينهن نکار،
    مون کي موهي يار، نيڻين ننڊ کڻي ويا.

    آهي هو آڪاش ۾، جيئن ننڊاکو چنڊ،
    ائن پڻ منهنجون اکڙيون، اٺئي پهر اُکنڊ،
    تون سراپا سمنڊ، آءٌ پياسو بوند جان!

    آهي انت نه پار ڪو، عشقَ اڻانگا پنڌَ،
    ڏورئي ڏکن هڏڙا، سُتي چِڪن سَنڌَ،
    ايءُ پروڙن رِندَ، روڳ جنين جي روح ۾.

    چانڊوڪي ۽ چنڊ تون، تون ئي چين چڪور،
    تون ئي هينئين هور، تون ئي راحت روح جي.

    تنهنجي سونهن سمونڊ مان، سپي ڪا سوجھان،
    اچ اچ منهنجي آرزو، تنهنجا نيڻ چمان،
    تو بن چندرمان، آءٌ اڌورو آهيان.

    تنهنجون ساروڻيون ائين، سَرَ تي اُجرا هنج،
    تو بن ڏينهَن اهنج، راس نه آيون راتڙيون.

    ڪڏهن تند ڪٽار جي، ڪڏهن قرب ڪڪوھ،
    ڪڏهن نيڻ ننڊ جا، ڪڏهن رمتو روح،
    ڪڏهن سج صبوح، سانجھه ڪڏهن آ آدمي.

    آهي انت نه پار ڪو، پياس انوکو پنڌُ،
    جيون ماٽيءَ ــ مَنڌُ، ازل پياڪو آدمي.

    جئن هوءَ گل تي ماڪ، تئن هي پل پريت جا،
    اکيون اوجاڳيل طاق، من آ پياسو مِرگھه جان.

    آئينءَ تون جو اوچتو، ٻانهن ۾ ٻيهار،
    آرنڀ تنهنجي ارپيا، مون کي کوڙ خمار،
    ساجن! تنهنجي پيار، هينئون هٻڪارون ٿيو.

    پهريان ڪرڻا پرھ جا، ساجن سنيها،
    مون کي موهي ويا، نوتو ڏيئي نينهن جو.

    سارون تنهنجون سپرين، ٿر تي ٿڌڙا مينهن،
    سِڪي راتو ــ ڏينهن، ساھ ٿو تو لئه سانوري !

    مون جي اڱڻِ پوکيا، مينديءَ رتا گُلَ،
    هيڏا ڇا لئه هُلَ، احمق لوڪ مچائيا!

    توڙي جيون ٽوھ آ، ڪَسو ڪَسارو،
    پوءِ به تَنهن جو مڌ جيان، پل پل آ پيارو،
    تون جي جانان سنگ آن، ساٿُ سُڳنڌ سارو،
    قربُ آ ڪنارو، سمنڊ جيان آ ساحري.

    جانان! جوٺو جڳ، تو سڱ هڪڙو سپرين،
    ازل کان ڀي اڳ، تو سان رشتو روح جو.

    جانان! آهي عشق ڇا، اڳ نه ڪڏهن ڄاتو،
    تو سان جو ناتو، سڀ پروڙيم سرمدي!

    جانان! هاڻي آءُ تون، ننڊ ٿا نيڻ گُھرن،
    هينئين منجھه هُرن، هر پل وارن آڱريون.

    جانان! هاڻي آءُ تون، دوري ٿي ماري،
    هينئون تو بن هر گھڙي، هنجھون ٿو هاري،
    سانئڻ! تو ساري، ڏکيا گذرن ڏينهڙا.

    آئون ڏاڍو رڃ ۾، ڀٽڪِي ٿڪو هان،
    آءُ گھڙي آغوش ۾، ٿورو ٿڪ ڀڃان،
    الئه پو جانان! جيئڻ گھڻا ڏينهڙا!

    جانان! تو بِن آهيان، ڄڻ ته اڌورو مان،
    ڳولا سندا ڏينهڙا، جي ٿو ساڃايان،
    آءٌ ائين ڀانيان، سپني تون ئي ساڀيان.

    جانان! جيون دشت جان، اڳ هو ائن ڄاتو،
    توکي جو پاتو، مهڪي راھ گلاب جيئن.

    جانان! رڻ ۾ جيئن ٿي، مٿان ڪڪر ڇانءُ،
    ائن پڻ تنهنجو نانءُ، مون لئه ڇپر ڇانورو.

    جانان! رڻ ۾ جئن هجي، هرڻ ڪو پياسو،
    مون پڻ هِردو آ ائين، وُٺيءَ ــ وارياسو،
    ونين وِماسو، درشن تنهنجي ديد جو.

    جانان! جيون آ ائين، گل تي ماڪ ڦڙا،
    تنهنجا قرب ڪڙا، ”پيار پناهون ڇانورا“.

    جانان! جئن ڪا رات، چنڊ بنا بي نور آ،
    تيئن پڻ منهنجي ذات، تو بن ٻُسي جڳ ۾.

    جانان! تنهنجو آرنڀ آ، موتئي مهڪارون،
    سرتي! تو سارون، وسري وسرن ڪينڪي.

    سرتي! راھ گلاب جئن، آئي تو مهڪي،
    مُرڪي هر مُکڙي، ٽـڙيا گل ٽانگر تي.

    سرتي! سُٻنڌ ڏينهڙا، سرهيون سمرتيون،
    تو سنگ صحبتون، وسري وسرن ڪينڪي.

    سرتي! ڀاسي اوپرو، تو ريءَ هر ڪو پنڌ،
    تون جان آهين سُڳنڌ، وِسريو وِسرين ڪينڪي.

    سرتي! سليان ڪيئن مان، تو سان جو رشتو،
    لمحا چند رفاقتون، خوشبو جو جھونڪو،
    تنهنجو هڪ جلوو، نانوَ هزارين نينڍ جا.

    سرتي! رُت بسنت جي، تو آئي ڀانيان،
    ڳلي تو پايان، ٻانهون موتئي هار جئن.

    سرتي! رات پڙهي پئي، مون تنهنجي شاعري،
    ڀانيم ڄڻ ساحري، منهنجي آس پاس هئي.

    جئن هُو صحرا گل آ، سرتي! تو سرهاڻ،
    تون جا نينهن نياڻ، منُ اُڃايل مِرگھه جان.

    نينهن نِسوري نينڍ، نيزي تي نروار جي،
    ڪُسڻ پڄاڻان ڪاپڙين، پوءِ به ڪيڏي ڪينڍ!
    سرتي! سُڳنڌ سينڍ، مام انوکو مامرو.

    سرتي! جئن هو سمنڊ آ، تئن هي پيار پڙاءُ،
    تو سان جيءَ ــ جڙاءُ، انت نه جنهن جي آر جو.

    رُتِ ڀِني رابيل جي، سرتي! تنهنجا رنگ،
    جھڙا تند ترنگ، تهڙا جوڀن ڏينهڙا.

    آئون ها نيڻ ننڊ جا، سرتي! تون آن خواب،
    تون ئي منهنجي جيءَ ۾، تون ئي مهڪ گلاب،
    تون ئي روح رباب، تون ئي راحت راڳڻي.

    سِڪي راتيون ڏينهن ٿو، منهنجو تو لئه ساهه،
    سانئڻ! ڪڏهن آءُ، اکئين ڍاپي تو ڏسان.

    سانئڻ! تنهنجي سار آ، هينئين هُٻڪارون،
    آيون بهارون، مون گھر آئي تو مِٺي.

    سانئڻ! تون نه امرتا، نه ئي آءٌ امروز،
    ها پر تنهنجو سوز، ساحر جان مون ساھ ۾.

    سانئڻ! منهنجي پياس ۾، اڻ ڄاتي آ آڳ،
    اکين ننڊ اَجھاڳ، پنبڻيون تـڙپن تات ۾.

    سانئڻ! چئه تون ڪيئن مان، اکيون هي اُپٽيان،
    صورت سڀ رنگَ سامهون، چوڏهين چندرمان،
    سپنو ۽ ساڀيان، ٻيئي مون آغوش ۾.

    سانئڻ! آر نه پار آ، سِڪ سراپا سمنڊُ،
    مون کي موهي مَنڊُ، سدا سندءِ سونهن جو.

    سانئڻ! چئه تون ڪيئن مان، اکيون هي پوريان،
    آهي تنهنجي ساڀيان، سندر سپني کان،
    تنهنجو پل اڳيان، عمر بهارون آجپو.

    سانئڻ! رنگ محل، جي جيون آ جَڳَ ۾
    موهت خود مصور آ، ماڻهو موتيو گل،
    پريت انوکو پل، ڄاڻو ڄاڻن ڪينڪي!

    آءٌ جي مٽيءَ مورتي، سانئڻ! تون هڳاءُ،
    لونءَ لونءَ منجھه لڳاءُ، تو سان آد جڳاد کان.

    هينئون نه منهنجي هٿ ۾، نه مون وس وِماس،
    آهي منهنجي روح ۾، رڳو تنهنجي تاس،
    چوڏس تنهنجو واس، مون من تڙپي مرگھه جان!

    سکي! روح رباب، سرير آڱر سوز جي،
    تند انوکو تاب، ساھ سراپا سرمدي.

    سکي! تو بن ڪيترو، اوکو آ جيوَن،
    سامهون جو درپن، تو ريءَ ڀاسي اوپرو.

    سکي! آءُ ته اوريان، تو سان اندر اُڪير،
    تون جا اتر هير، مون من ماندو مند جئن.

    سکي! تنهنجو روپ، ڳهڻو چنڊ آڪاش جو،
    موتئي مهڪِي ڌوپ، تو جي وار وکيريا.

    


    2010 ع واري مها ٻوڏ جي پس منظر

    2010 ع واري مها ٻوڏ جي پس منظر
    ۾ لکيل بيتَ

    سنڌوءَ ٻوڙي سنڌڙي، ڦورن ڦُريا ڌراڙ،
    ايڏي جوءِ ۾ جاڙ، سنڌ روئي ٿي رت ڦڙا.

    ڌراڙن جا ڀرجھلا، ڀاڳين جا ڀڳوان،
    مِهر ڪج مسڪينن تي، موج ڀريا مهراڻ،
    ڌرتيءَ جا ڌنوان، سنڌ سندءِ آ آسري.

    ٻوڏ سٽيل ماروئڙا، پَٽ تي پيا آهن،
    دهشت دم درياءَ ۾، ويرون تارِ وَهن،
    اَجھي ريءَ اُڀ هيٺ، واهر واجھائن،
    آسروند آهن، ماڻهو مالڪ مِهر لئه.

    صاحب! سُڻي سڏڙا، ٻوڏ مصيبت ٽار،
    اَڌر نِڌر ننگپال تون، اوکيءَ ويل اُڪار،
    ڌرتي شاھ لطيف جي، آهي تو آڌار،
    موج ڀرئي مهراڻ جي، بَــرَ ڏي مُوڙِ مَهار،
    واهر ڪر ولهار، سنڌڙي ٻُڍڙي ٿي ٻُڏي!

    ويڙها ويرين ڀيليا، جھيڙن جھوري جند،
    سُک نه سنبري سنـڌ، اڌ صدي اتهاس ۾.

    ڪڏهن اُجاڙي سوڪهڙي، ڪڏهن اُجاڙي ٻوڏ،
    سنڌڙي سدا اوڏ، اَڏيا مٽيءَ گھرڙا.


    ڀَرِي تُري سنڌڙي، ٻوڙي ويئي ٻوڏ آ،
    هاڃي هنيون ڪيتريون، هينئين هنئي هڪڙي،
    درد ڀري دلڙي، دُکي دردن دود ۾.

    سگهه بڻائي سورن کي، سانگي جي اُٿندا،
    ڀتر ٿِي ڀُرندا، دک سموري ديس جا.

    مٿان ماروئـڙن جي، هي جي ڏينهن ڏهاڳ،
    ڏورڻ ڏکيو هيڪلو، آهي پنڌ اَجھاڳ،
    وکان ويجھو ماڳ، جي تو جاڳ آ جيءَ ۾.

    وکان ويجھو ماڳ، جي تون ساٿي سچ جو،
    آهي تنهنجي وس ۾، تنهنجو ڀاڳ اَڀاڳ،
    جِيءَ ۾ تنهنجي جاڳ، آهي گس پرينءَ جو.

    سُکن پاڙون واءَ ۾، ڏکن پاڙون ڀونءِ،
    جندڙي سنڌڙيءَ سونءِ، سکن ڏينهڙا ٿورڙا.

    ٻُڏي لُڏي ٻارِ مان، پُڄي وڃبو پارِ،
    هينئڙو ڪين هارِ، ”ڏکن ڏينهڙا ٿورڙا.“

    اُٿو، ورنايو سڏ، مِڙي سڀ مُٺِ ٿيو!
    ڏوريو پنڌ ڏکن جو، گوندر کڻي گڏ،
    محبت آهي مَڏ، تَرِي پاڻ اُڪاريو.

    سنڌوءَ نه ٻوڙي سنڌ، ٻُوڙي ٻوگھلن،
    هاڃي هنيا ماروئـڙا، ڪنهن در دانهن ڏين،
    ”ڏئي ڏنڀ ڏڏن“، سُکي ٻوڙي سنڌڙي.

    


    وايون

    وائين تي راءِ : سعيد ميمڻ

    وائي سنڌ جي زرخيز مٽيءَ مان جنم ورتو آهي ۽ نج سنڌي شاعراڻي صنف آهي. شيخ اياز کان ادل سومري، آسي زميني، اياز جاني، فياض لطيف ۽ نئين نسل تائين خوبصورت شاعرن جي ڊگھي قطار آهي، جن ان تخليقي ميدان ۾ پنهنجي سهائي ڪئي آهي. فياض لطيف منفرد تخليقي سوچ رکندڙ شاعر ۽ خوبصورت نثر نگار آهي. فياص نظم به ڏاڍا دلڪش لکيا آهن، ساڳي نموني سندس واين ۾ به دلربا انداز ملي ٿو.
    منهنجي نظر ۾ وائيءَ جي حُسن يا دلڪشيءَ جو راز، ان جي خوبصورت وراڻي آهي. حسين وراڻيءَ جو پنهنجي بند سان سهڻو ڀِچاءُ وائيءَ کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي. فياض لطيف وائيءَ ۾ اَڇوتي وراڻي سِرجڻ ۾ مهارت رکي ٿو. سچ ته، فياض جي واين ۾، آڪاش ۾ جرڪيل چنڊ جهڙو جمال جَھلڪي ٿو.


    ـــــــ سعيد ميمڻ


    تون جو آئي آن

    تون جو آئي آن
    منهنجي جيون ۾،
    جوت ڏيئا جرڪي پيا.

    سوچن جي رڻ ۽
    جيڏي! جوڀن ۾،
    جوت ڏيئا جرڪي پيا.

    تنهنجي ايندي ئي،
    آتين ٻانهن ۾،
    جوت ڏيئا جرڪي پيا.

    اکيون جو اُپٽيون،
    منهنجي سپنن ۾،
    جوت ڏيئا جرڪي پيا.

    تنهنجي مُرڪڻ سان،
    منهنجي راهن ۾،
    جوت ڏيئا جرڪي پيا.


    تنهنجا گيت گلاب،

    تنهنجا گيت گلاب،
    خوشبو تن جي جڳ واسيا.

    تنهنجون ڪوتائون، ڪوي!
    تنهنجا ڏوھ ثواب،
    خوشبو تن جي جڳ واسيا.

    چارڻ، ٻيجل آهين تون،
    تنهنجو روح رباب،
    خوشبو تن جي جڳ واسيا.

    جرڪيا تنهنجي جوت مان،
    مينديءَ رتا خواب،
    خوشبو تن جي جڳ واسيا.



    (شيخ اياز جي ياد ۾ لکيل )


    سارو لوڪ ستو،

    سارو لوڪ ستو،
    چنڊ اڃا جاڳي ٿو!

    واءَ وسائي وئي،
    مندر جو ڏيئو،
    چنڊ اڃا جاڳي ٿو!

    ٿڪل نيڻن ۾
    آهليو اوسيئڙو،
    چنڊ اڃا جاڳي ٿو!

    سنڌوءَ جون لهرون
    ناکئي جو ٻيڙو،
    چنڊ اڃا جاڳي ٿو!

    رات جي ڀاڪر ۾
    سمهي پيو سونچو،
    چنڊ اڃا جاڳي ٿو!


    ڪڪر ڪارونڀار،

    ڪڪر ڪارونڀار،
    چوڏس وڄ وراڪا.

    اُٻن اوٻارون، مٿان-
    تاڙي جي آ تنوار،
    چوڏس وڄ وراڪا.

    آهن ڄڻ ڪي اوچتو،
    ويگنس ڇوڙيا وار،
    چوڏس وڄ وراڪا.

    اکڙيون آسرونديون،
    نڀ نهاري نار،
    چوڏس وڄ وراڪا.

    آئي آهي بانوري،
    ڪري هار سينگار،
    چوڏس وڄ وراڪا.


    ڪوتا جي ٽاريءَ مان،

    ڪوتا جي ٽاريءَ مان،
    ٽٽو گل گلاب جو!

    ڪُوڪيون ڪَوِيلڙيون،
    ٿيو روڄ رباب جو،
    ٽٽو گل گلاب جو!

    موت جي جهڙپ جھٽي وئي،
    آ آجپو عقاب جو،
    ٽٽو گل گلاب جو!

    ڏات ننگر ۾ ٿي ويو،
    خون ننڊاکي خواب جو،
    ٽٽو گل گلاب جو!


    (استاد بخاريءَ جي وڇوڙي تي لکيل)


    بادل جو برسيا،

    بادل جو برسيا،
    ٿر جي واريءَ جا،
    آتا نيڻ ٺري پيا!

    چَوڏس کيت ڦلاريا،
    هيڻي هاريءَ جا،
    آتا نيڻ ٺري پيا!

    پنڇي جئن ويٺو اچي،
    اُجڙيل ٽاريءَ جا،
    آتا نيڻ ٺري پيا!

    پاتئين لوڙهي کان ليئو،
    پياسي ناريءَ جا،
    آتا نيڻ ٺري پيا!


    روز ٻُڏي تري پئي،

    روز ٻُڏي تري پئي،
    جيون جي ٻيڙي،
    درد جي ساگر ۾!
    ڏور ڪنارا ها
    ساڀيان مون هڪڙي،
    روز ٻڏي تري پئي،
    درد جي ساگر ۾!
    آڌيءَ جو اُڀ ۾،
    چنڊ جي چانڊوڪي،
    روز ٻڏي تري پئي،
    درد جي ساگر ۾!
    صدين کان من ۾
    سانڍي هڪ گھڙي
    روز ٻڏي تري پئي،
    درد جي ساگر ۾!


    ڦُريو ڦوڙائي،

    ڦُريو ڦوڙائي،
    ڦورو ڪيئن ڦوليان!

    جيڏيون جيءُ جھريون
    لوڪان لڪائي،
    ڦورو ڪيئن ڦوليان!

    سُڌ نه مون سُٽ جي
    هينئين هورائي،
    ڦورو ڪيئن ڦوليان!

    منهنجي ويو آهي
    چِت ڪو چورائي،
    ڦورو ڪيئن ڦوليان!
    ڦورو ڪيئن ڦوليان!



    تنهنجي اوسيئڙي

    تنهنجي اوسيئڙي
    منهنجي جوڀن جو،
    سرتي! سج لهي ويو.

    پن ڇڻ موسم ۾
    ٽاريءَ پن پن جو،
    سرتي! سج لهي ويو.

    تنهنجي سپنن ۾
    منهنجي سوچن جو،
    سرتي! سج لهي ويو.

    تو بن منهنجي آ
    مڙني خوشين جو،
    سرتي! سج لهي ويو.



    تو جي ڏني مون

    تو جي ڏني مون
    ٻانهن سيراندي،
    سرتي! ننڊ اچي وئي!

    منهنجي سپنن کي
    تنهنجي پيراندي،
    سرتي! ننڊ اچي وئي!

    ساريندي توکي
    سوچن ۾ باندي،
    سرتي! ننڊ اچي وئي!

    ڪُنن جي ڪڇ ۾
    ايندي ئي آنڌي،
    سرتي! ننڊ اچي وئي!

    اهنسا ــ اڳواڻ
    گوليءَ سان گانڌي،
    سرتي! ننڊ اچي وئي!



    ڪنهن کي ڳولن ٿيون

    ڪنهن کي ڳولن ٿيون
    اڄ اکيون آتيون،
    ڪينجھر جي تڙ تي!
    جرڪيل چنڊ ــ آڪاش ۾
    ماڪ ڀنيون راتيون
    ڪنهن کي ڳولن ٿيون،
    ڪينجھر جي تڙ تي!
    پاڻيءَ تي پاڇا هيا
    لهرن جون ڇاتيون
    ڪنهن کي ڳولن ٿيون،
    ڪينجھر جي تڙ تي!
    پرھ ڦٽيءَ جو لام تي
    پکين جون لاتيون
    ڪنهن کي ڳولن ٿيون،
    ڪينجھر جي تڙ تي!
    مڃر مهڪارون هيون
    بتيلي ــ باتيون
    ڪنهن کي ڳولن ٿيون،
    ڪينجھر جي تڙ تي!


    دريءَ کان ٻاهر،

    دريءَ کان ٻاهر،
    جرڪيو چنڊ جوانيءَ جو!

    واءَ ۾ لهرايا
    ڪاڪل ڪاريهر،
    جرڪيو چنڊ جوانيءَ جو!

    تنهائي جي رڻ ۾
    ڀوڳي ٿو شاعر،
    جرڪيو چنڊ جوانيءَ جو!

    رات اوجاڳيل ۽
    تارن جي جھرمر،
    جرڪيو چنڊ جوانيءَ جو!


    بيڪ پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1361603
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 404130
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ