ڪتاب جو نالو: خالي هنج جو ڏک
مصنف: شبنم گل
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 04 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 365 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 104 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شبنم گل جو تخليقي ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. ڪهاڻي، ناول، ڪالم، شاعري ۽ ٻيون صنفون. هُنَ جنهن صنف ۾ به قلم کنيون آهي، سندس لکڻيون تخليقَ ۽ ڏاهپ جو حسين سنگم بڻجي سامهون آيون آهن.
شبنم گُل جون ڪهاڻيون ڏاڍيون موهيندڙ آهن. هوءَ زندگيءَ ۽ سماج جي بظاهر ننڍڙن موضوعن کي اهڙو ته حسناڪ انداز ۾ ورتائي ٿي جو اُهي ڪهاڻيون مَنَ ۾ پيهي وڃن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردارَ به اسان جي ئي آس پاس مان چونڊيل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مُهاڳ: شوڪت حسين شورو
  • سهڻن رنگن جو خوبصورت امتزاج : تنوير جوڻيجو
  • ڪهاڻي پرچي پوي ته: شبنم گل
  • ڪهاڻيون

  • پنهنجي لڙڪن ۾ اڃايل منڇر
  • چهري تي سهميل چانڊوڪيءَ جو عڪس
  • رنگين پَرَ هوا بنان اڌورا آهن!
  • ڪاش مان الباٽراس هجان!
  • منجھند جو هڪ پل
  • مور ٿو ٽِلي راڻا
  • هڪ مشروط محبت جو ڏيک
  • سرد خانو بڻجي ويل احساس
  • درد جو چهرو
  • هڪ لمحي جي خوشي
  • ڳاڙهو وڳو
  • خالي هنج جو ڏک
  • ڪلر بلائنڊ
  • سينگار ميز
  • ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي
  • خوف
  • ٻوراني
  • عورت جو نالو برسات هجي ها!
  • هڪ مرد ۾ ورهايل ٽي عورتون
  • آمان
  • چنڊ جي ڪرڻن جو زهر

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO. 106

    خالي هنج جو ڏک
    (ڪهاڻيون)
    ڪهاڻيڪاره: شبنم گل
    ڇاپو پهريون: 2017ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ، خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 300/- روپيه



    KHAALI HANJ JO DUKH
    (Stories)
    By: SHABNAM GUL
    First Edition: 2017
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 300/-

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2017ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    انتساب

    پنهنجي ڌيءَ ”عرين انصاري“ جي نانءُ
    جنهن جو وجود، زندگي ۽ تخليق لاءِ
    اُتساهيندڙ آهي


    ـــــ شبنم گل


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خالي هنج جو ڏک“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪا شبنم گُل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    شبنم گل جو تخليقي ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. ڪهاڻي، ناول، ڪالم، شاعري ۽ ٻيون صنفون. هُنَ جنهن صنف ۾ به قلم کنيون آهي، سندس لکڻيون تخليقَ ۽ ڏاهپ جو حسين سنگم بڻجي سامهون آيون آهن.
    شبنم گُل جون ڪهاڻيون ڏاڍيون موهيندڙ آهن. هوءَ زندگيءَ ۽ سماج يج بظاهر ننڍڙن موضوعن کي اهڙو ته حسناڪ انداز ۾ ورتائي ٿي جو اُهي ڪهاڻيون مَنَ ۾ پيهي وڃن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردارَ به اسان جي ئي آس پاس مان چونڊيل آهن.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    شبنم گل جو تخليقي ڪَمُ گَهڻَ پاسائون آهي. ڪهاڻي، ناول، ڪالم، شاعري ۽ ٻيون صنفون. هُنَ جنهن صنف ۾ به قلم کنيون آهي، سندس لکڻيون تخليقَ ۽ ڏاهپ جو حسين سنگم بڻجي سامهون آيون آهن. شبنم گُل هِڪَ گَهڻَ پڙهئي ليکڪا آهي، سندس مُشاهدي واري اک به ڪمال جي آهي. گهڻو مطالعو ۽ ڳُوڙهو مشاهدو سندس تحريرن کي هِڪُ نئون حُسن بخشين ٿا.
    شبنم گُل جون ڪهاڻيون به ڏاڍيون موهيندڙ آهن. هوءَ زندگيءَ ۽ سماج يج بظاهر ننڍڙن موضوعن کي اهڙو ته حسناڪ انداز ۾ ورتائي ٿي جو اُهي ڪهاڻيون مَنَ ۾ پيهي وڃن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا ڪردارَ به اسان جي ئي آس پاس مان چونڊيل آهن.
    شبنم گُل جو هي ڪهاڻي ڪتابُ ڇاپيندي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ پَڪَ اٿئون ته هي ڪِتابُ، سندس ٻين ڪتابن وانگر گهڻو مانُ ۽ مڃتا حاصل ڪندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور، سنڌ


    مُهاڳ: شوڪت حسين شورو

    شبنم گل موجوده دور جي ٽهي جي اهم ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻيون پڙهي منهنجي ذهن ۾ ڪجھه سوال اڀريا. سندس ڪردار گهڻو تڻو عورتون آهن. اهو هڪ پراڻو ادبي بحث آهي ته مرد ليکڪن جي ڀيٽ ۾ هڪ عورت ليکڪ ئي، عورتن جي مسئلن ۽ خاص طور هنن جي من جي ڪيفيتن کي وڌيڪ فطري ۽ حقيقي نموني لکي سگهي ٿي. اها مڃيل حقيقت آهي ته اسان جو معاشرو مرداڻو آهي. اسان جي قدامت پسند جاگيردار نه سوچ واري ماحول ۾ مرد کي مالڪ ۽ عورت کي ملڪيت واري حيثيت مليل آهي. سنڌي عورتن جي گهڻائي رڳو گهرن تايئن محدود آهي، سنڌي مرد جو جهان وڏو آهي. هو دنيا ۾ پنهنجي مرضي موجب زندگي گذارڻ جو پيدائشي حق رکي ٿو. عورت هن جي لاءِ جسم آهي يا وري خدمتگذار ٻانهي آهي. اها هڪ اهڙي پڪي پختي سوچ آهي جنهن کان هڪ اڻ پڙهيل مرد ته آجو هوندوئي ڪونهي، پر پڙهيل لکيل مردن جي ذهن ۾ به ڪنهن حد تائين اها سوچ موجود هوندي آهي. ان صورتحال ۾ هڪ لبرل يا روشن خيال سنڌي مرد ليکڪ، عورت جي ڪردار کي همدردي سان ته پيش ڪري سگهي ٿو، پر عورت جي احساس ۽ ڪيفيتن جي ڪيتري قدر حقيقي نموني عڪاسي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو، اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم سوال آهي.
    يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ان سوال تي بحث ٿيندو رهيو آهي ته هڪ مرد ليکڪ پنهنجي ڪهاڻي يا ناول ۾ عورت جي نقطئه نظر سان ڪيتري قدر ايمانداريءَ سان لکي سگهي ٿو. ان بابت ائلن وليمسن جو چوڻ آهي ته
    “Certain emotions, certain basic human motives (including ………… narcisstic display, intense awareness of one’s own body, tender self surrender, vulnerability) are typed by our culture as feminine, Do the man who experiences them – or, especially, who finds them predominant in his own psychic make up may face a crisis of gender identity”.
    عورت جي زندگي جا تجربا مرد جي زندگيءَ کان الڳ هوندا آهن. مرد ليکڪ عورت جي ڪردار کي ڀلي هڪ انسان جي حيثيت سان ڏسندو ۽ پيش ڪندو هجي، پر عورت جن تجربن مان گذري ٿي، مرد انهن مان نٿو گذري سگهي. مردن جي بالادستي واري معاشري ۾ عورت جنهن ذهني ويڌن ۽ پيڙا مان گذري ٿي، انهن ڪيفيتن کي فقط عورت ئي محسوس ڪري سگهي ٿي.
    شبنم گل جون ڪهاڻيون پڙهندي مون کي لڳو ته هن عورتزاد جي حيثيت سان، عام عورتن جي مسئلن ۽ سندن من جي ڪيفيتن کي پنهنجن احساس ۾ شامل ڪري ڪردار تخليق ڪيا آهن. ”چهري تي سهميل چانڊوڪي جو عڪس“ ڪهاڻيءَ جي ثانيه رات جو 2:00 وڳي تائين جاڳندي سوچي ٿي ته پنهنجي مڙس کي ننڊ مان جاڳائي، کيس پنهنجي ڪيفيتن ٻڌائي. هن گهڻيون ڳالهيون دل ۾ سانڍي رکيون آهن. پر کيس موقعو ئي نٿو ملي. سندس مڙس سڄو وقت بزنيس ۾ مصروف رهي ٿو. تانيه پاڻ کي اڪيلو ٿي سمجهي. ”هاڻ هوءَ ڪنهن غير مرد لاءِ سوچڻ لڳي آهي. هوءَ ائين نٿي ڇاهي، پر دل جي اڪيلاين کيس مجبور ڪري وڌو آهي. روحل جي اداس اکين ۽ چهري جي گنڀيرتا ۾ پنهنجو پاڻ کي وڃائي ويٺي آهي. جيئڻ لاءِ ڪو ته اتساهه هجي! پر روحل هن جي ان احساس کان بيخير آهي. ثانيه سوچي ٿي ته ”محبت لاءِ اهو ڪافي آهي ته جنهن سان محبت ڪجي ان جو تصور زندگي ڏيندو رهي.“ ثانيه ان نتيجي تي ان ڪري پهتي آهي ته ٻن طرفن واري محبت سدائين قائم نٿي رهي. پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندڙ، هڪ منجهيل ڪردار واري عورت جي ڪردار تي ڪهاڻي لکيل آهي.
    ”رنگين پر هوا بنان اڌورا آهن“ هڪ خوبصورت پوپٽي جي ڪهاڻي آهي. آزاد فضائن ۾ اڏامندڙ پوپٽي انسانن کان ڊنل آهي. باغ ۾ هڪ سخت چهري وارو ماڻهو ريان پوپٽ ڦاسائي کڻي وڃي ٿو. هو پوپٽن کي محفوظ ڪري فريمن قيد ڪرڻ جو شوقين آهي. هڪ ڏينهن هو ان خوبصورت پوپٽي کي به ڦاسائي کڻي وڃي قيد ڪري ٿو. ريان جي محبوبه شينا کي سندس اهو شوق اڻ وڻندڙ لڳي ٿو. پر ريان جو چوڻ آهي ته ”خوبصورت شيون قيد ڪرڻ رکڻ لاءِ ٿين ٿيون“. هيءَ مرد جي اها ئي پراڻي ذهنيت آهي، جنهن موجب عورت کي ذاتي ملڪيت سمجهي گهرن ۾ قيد ڪري رکيو وڃي ٿو. ”انسانن جا هٿ ڪيڏا نه سخت ۽ بي رحم آهن، شايد ان ڪري هو پنهنجن هٿن سان ايڏو ظلم ڪن ٿا. ايڏي بي رياءُ سندن دل آهي. ڪاش سندسن دل پوپٽ جي پرن جهڙي نرم ۽ رنگين هجي ها.“ ڪهاڻي ۾ پوپٽي عورت جي علامت آهي. سخت ۽ بي رحم چهري وارا انسان اهي مرد آهن جن جون دليون بي رياءُ آهن.
    ”ڪاش مان البا ٽراس هجان ها!“ به هڪ عورت جي اڪيلائي جي ڪهاڻي آهي. مرڪ ذهني طور منتشر آهي. لامحدود سمنڊ ۾ جهاز تي پنهنجن ٻن ننڍڙن ٻارن سان سوار مرڪ، مڙس جي غير واجبي هلت سبب بد دلي ۽ ڊپريشن جي شڪار آهي. هوءَ جنيد کان الڳ ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿي. هن جي خيال ۾ تعلق بار بڻجي وڃي ٿو. هو مرڪ جي اڪيلائي کي محسوس ڪري کيس چئي ٿو: ”اڪيلائي فقط انسان جي ذهن جي پيداوار آهي. اڪيلائي هڪ ڪيفيت آهي. حقيقت نه“ الباٽراس نالي سان سمنڊ جا پکي محبت جي علامت طور ڪهاڻي جا ٻه ڪردار آهن. اليڪس مرڪ کي ٻڌائي ٿو ته ”الباٽراس زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيرو محبت ڪندو آهي. جيڪڏهن جوڙي مان ڪو هڪ مري وڃي ته سدائين اڪيلو رهندو آهي.“ ڳالهه ٻڌي مرڪ اداسي وچان سوچي ٿي: ”ڪاش مان به الباٽراس هجان ها ۽ مون کي اهڙي محبت نصيب ٿئي ها.“ اليڪس هن کي مرد جي نفسيات سمجهائي ٿو ته ”مرد گهري ۽ سچي محبت ڪري ئي نٿو سگهي، هو فقط محبت ڪري ٿو گهڻي ڀاڱي عورت جي جسم سان يا ذهانت سان“.
    پنهنجائپ ۽ پيار جي رشتن جا بنياد به ڪڏهن لُڏي ويندا آهن. لالچ جي بنياد تي بيٺل رشتا ته هوندا ئي ڪچا آهن. شبنم گل جي ڪهاڻي ”منجهند جو هڪ پل“ ۾ عورت ۽ مرد جي رشتي جو بنياد محبت نه پر دولت آهي. منجهند جي ان پل کي شبنم گل خوبصورتيءَ سان چِٽيو آهي. ڪهاڻي جي مُک ڪردار نادره جي خوابن جي تعبير جمشيد نه پر سندس بي تحاشا دولت هئي. شادي جي ڪجھه سالن کان پوءِ جڏهن محبت جو خمار لهي ٿو وڃي ته جمشيد جون ڪاروباري مصروفيتون وڌي وڃن ٿيون. هاڻي هن وٽ نادره جي لاءِ ايترو وقت ڪونهي. نادره جيتوڻيڪ هن جي دولت ڏسي ساڻس شادي ڪئي هئي، پوءِ به هوءَ چاهي ٿي ته جمشيد جو ڌيان هميشه هن ڏانهن رهي. شام جو جڏهن تيار ٿيندي هئي ته ڪو به کيس ساراهڻ وارو نه هوندو هو. نادره کي لڳي ٿو ته سندن رشتو ٻن انسانن جي وچ ۾ ساهه کڻندڙ ڪوڙ تي مبني هو.
    ”هڪ مشروط محبت“ ڪهاڻي عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين بابت ئي آهي. انهن وڇوٽين جا ڪارڻ ڪي عورتون ئي آهن. رخسانه جو مڙس فيضان، هن جي اڳيان ماءُ جي تعريف ڪري ٿو يا وري فون تي ڇوڪرين سان ڳالهائي ٿو. انهن ڳالهين کي کڻي ٻنهي جي وچ ۾ جهيڙا ٿيندا رهن ٿا.
    مڙس جي رويي رخسانه کي بيمار ڪري وڌو آهي ۽ هوءَ ڊپريشن جو شڪار ٿي وئي آهي. واڪ جي دوران رخسانه جي سوچن تي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪهاڻي جي اُڻت ٿيل آهي. ڊاڪٽر هن کي ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ واڪ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. واڪ ڪندي هوءَ سڄو وقت فيضان جي رويي بابت سوچي تي داخلي خود ڪلامي عام طور فرسٽ پرسن واري ڪهاڻي ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي، پر شبنم گل ٿرڊ پرسن ۾ لکيل ڪهاڻيءَ ۾ ان کي ڪاميابي سان آندو آهي. رخسانه جي سوچن دوران وچ ۾ هن جو ڌيان پاڻ سان گڏ واڪ ۽ جاگنگ ڪندڙ مردن ۽ عورتن ڏانهن به ويندو رهي ٿو. ڪي مرد هن کي وڻن ٿا ته هن کي پنهنجي سوچ تي عجب لڳي ٿو. شبنم گل ڊپريشن جي زندگي گذاريندڙ عورت جي من جي بدلجندڙ ڪيفيتن کي نفسياتي ڇيد جيان بيان ڪيو آهي.
    عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ ڪڏهن اڻ چاهيل ٻار جي ڪري به وڇوٽيون پيدا ٿي وينديون آهن. ”هڪ لمحي جي خوشي“ ڪهاڻي ۾ آشا جو مڙس کي ٻن ٻارن کان پوءِ ٽئين ٻار جي ضرورت ناهي. اهو اڻ چاهي ٻار آهي، جن هن کي ڪيرائڻ لاءِ آشا کي زور ڀري ٿو. ٻنهي جي وچ ۾ پيدا ٿيل ذهني تاڻ ۽ پوءِ الميي بابت هڪ اثرائتي ڪهاڻي آهي.
    ”خالي هنج جو ڏک“ ڪهاڻيءَ ۾ وري گهر ٻارن کان خالي آهي. صوفيه کي گهر جو خالي پڻو محسوس ٿيندو رهي ٿو. گهر ۾ هر طرف اداسي وکريل آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به صوفيه ۽ سندس مڙس جي وچ ۾ ويڇا وڌاندا وڃن ٿا. صوفيه ٻار کي گود وٺڻ چاهي ٿي، پر منان ڳالهه نٿو مڃي. صوفيه گهر ۾ طوطو پالي، ان کي ”امان امان“ چوڻ سيکاري ٿي ته سندس سڪايل مامتا کي ڪجھه سڪون ملي ٿو. ڪهاڻي ۾ ٻار کان محروم عورت جي نفسيات کي سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
    زال ۽ مڙس جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جا ڪيئن ڪارڻ آهن جن کي شبنم گل پنهنجن ڪهاڻين ۾ ڦولهيو آهي. ”سينگار ميز“ ڪهاڻي ۾ حميد جي مرحوم ماءُ جي پراڻي سينگار ميز سان، مهرالنسا جون تڪليف ڏيندڙ يادون لاڳاپيل آهن. حميد اها سينگار ميز ڏسي ماءُ کي ياد ڪندو رهي ٿو، جنهن تي مهرالنسا جک کائي ٿي. هن جي خيال ۾ جيستائين گهر مان پراڻو فرنيچر نه نڪرندو.تيستائين حميد حال جي لمحن ڏانهن موت نه کائيندو. مهر النسا سينگار ميز ڪمري مان ڪڍڻ چاهي ٿي، اها ڳالهه حميد کي ڏکي لڳي ٿي. نتيجي طور گهر ۾ جهيڙا وڌي وڃن ٿا. هيءَ ڪهاڻي گهرو مسئلي جي هڪ بنهه الڳ موضوع تي لکيل آهي.
    ”عورت جو نالو برسات هجي ها“ ۾ ٽن عورتن جو ڏک سمايل آهي. ڪهاڻيءَ جي مُک ڪردار مشڪبار پنهنجي مڙس سان گڏ سري لنڪا گهمڻ آئي آهي. حسين واديءَ جي خوبصورت ماحول جو مزو ماڻيندي هن جي ذهن ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو: ”ڇا هي سڀ ائين خوبصورت رهندو! جيئن اڄ محسوس ٿي رهيو آهي. خوشيون، بيخودي ، ۽ هي احساس ڪڏهن به نه بدلبو....“ انهن سوالن جو پس منظر سندس وڏي ڀيڻ مهرين جو الميو آهي جنهن کي شاديءَ جي ڇهن مهينن ۾ طلاق ٿي وئي هئي. مشڪبار جي جنهن گهر ۾ شادي ٿي آهي اهو به روايتي گهراڻو آهي. هوءَ خوف وچان مصلحت ۽ سمجهوتي کي ترجيح ڏئي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ٽين عورت مڌو سري لنڪن آهي، جنهن سان گهمڻ دوران مشڪبار ملي ٿي ۽ ٻئي دوست بڻجي وڃن ٿيون. مڌو جو مڙس فقط ٽي سال ساڻس گڏ رهيو. پٽ پيدا ٿيڻ کان پوءِ هو ٻاهر هليو ويو ۽ اتي ٻي شادي ڪري ڇڏيائين. مڌو کي انتظار آهي ته شايد هو موٽي اچي. ”ڇا عورت جو نصيب هر هنڌ ساڳيو آهي!“
    ”هڪ مرد ۾ ورهايل ٽي عورتون“ ڪهاڻي جي شروعاتي ان جملي سان ٿئي ٿي: ’حل عورت کي ڳولڻو آهي‘. ٽن عورتن ۾ ورهايل مرد علي حيدر آهي. ڪهاڻيءَ جي مُک ڪردار ياسمين هن جي ٽين زال آهي، جنهن کي پندرهن سال اڳ طلاق ملي هئي. علي حيدر دولتمند آهي. هن ٽنهي زالن کي الڳ الڳ گهر وٺي ڏنا آهن. شبنم گل هن ڪهاڻيءَ ۾ مرد ۽ عورت جي رشتي جي وچ ۾ سوچ جو فرق ظاهر ڪيو آهي. عورت چاهيندي آهي ته مرد فقط هن جو هجي، پر مرد جي سوچ هڪ عورت تائين محدود نه هوندي آهي. هو ٽي زالون رکي يا چار ۽ انهن سان گڏ گرل فرينڊز الڳ رکي، پر هو عورت جي پيار ۾ ورڇ برداشت نه ڪندو آهي. مرد ورهائجي سگهي ٿو. هن لاءِ عورت اهڙي ملڪيت آهي جيڪا ورهائجي نٿي سگهي. ”ڪلر بلائنڊ“ ڪهاڻيءَ ۾ صفيه هڪ شادي شده شخص افتخار جي عشق ۾ مبتلا آهي. افتخار زال کي طلاق ڏئي ساڻس شادي ڪرڻ جا آسرا ڏيندو رهي ٿو. اهڙا واقعا اسان جي معاشري ۾ روزمره جي زندگيءَ ۾ اڪثر ٿيندا رهن ٿا. مرد، شادي شده هوندي به عشق ڪري سگهي ٿو ۽ عورت ان عشق ۾ سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائي ڇڏي ٿي.
    اها چاهيل ٻار بابت هڪ ٻي ڪهاڻي ”امان“ آهي. الٽرا سائونڊ ۾ ڌيءَ جي خبر پوڻ سان نرجس جي مڙس ۽ ساهرن جا رويا بدلجي وڃن ٿا. مڙس جي زور ڀرڻ تي به نرجس ٻار کي نٿي ڪيرائي. طلاق جي صورت ۾ مرد جي جبر جو نشانو بڻيل نرجس کي پنهنجي معذور ڌيءَ سان گڏ اڪيلي زندگي گذارڻي پئي ٿي. ان جبر کي سهڻ کان پوءِ هن جي هڪ ئي حسرت آهي جنهن کي شبنم گل بيحد درد منديءَ سان بيان ڪيو آهي.
    سموريون ڪهاڻيون عورت ۽ مرد جي رشتي جي چوڌاري ڦرن ٿيون، پر انهن ۾ يڪسانيت ڪانهي. هر ڪهاڻي ان لحاظ کان منفرد آهي، ته عورت جو مُک ڪردار هڪ الڳ تناظر ۾ جيئندي، پنهنجي پنهنجي نفسياتي مسئلن کي منهن ڏيندي نظر اچي ٿو. شبنم گل جي ڪهاڻين ۾ عورتون شهري وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ آهن . هن جي مشاهدي ۾ ڳوٺاڻي عورت نه آئي آهي. پر هروڀرو زبردستي لکڻ ضروري نه ڪونهي. پر شهرن ۾ رهندي هيٺئين پيڙيل طبقي جي عورت کان اڻ ڄاڻائي عجيب لڳي ٿي. ٻي ڳالهه اها به آهي ته عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کان سواءِ ٻيا به ڪيترا وڏا مسئلا آهن، جيڪي اسان جي سماج ۾ عورتزاد لاءِ ناسور بڻيل آهن. ڇوڪرين کي موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا تي ڌتارڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ ماڊرن ٽيڪنالاجي جو اهم مسئلو آهي. عورتن جي اغوا ۽ زوري زنا جا واقعا روز اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. جيڪا عورت ان جهنم مان گذري هوندي، تنهن جي ذهني ڪيفيت هن جا نفسياتي ۽ سماجي مسئلا سندس زندگي کي زهر بڻائي ٿا ڇڏين. طلاق يافته توڙي بي سهارا زندگي گذاريندڙ عورتون، زوريءَ جون شاديون ...... اهڙا ڪيترائي موضوع ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. ضروري ناهي ته شبنم گل ئي انهن سڀني موضوعن تي لکي ۽ جيڪڏهن نٿي لکي ته ان سان سندس ڪهاڻيڪار هجڻ واري حيثيت تي ڪو فرق نٿو پئي.
    شبنم گل جي هن مجموعي ۾ ڪي اهڙيون ڪهاڻيون به آهن جن ۾ منفرد موضوعن جي اپٽار ڪيل آهي. ”پنهنجن لڙڪن ۾ اڃايل منڇر“، ”مور ٿو ٽلي راڻا“، ”ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي“ ۽”ٻوراني“ اڻ ڇهيل موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون آهن.
    ”پنهنجن لڙڪن ۾ اڃايل منڇر“ ماحولياتي الميي بابت ڪهاڻي آهي. خوبصورت تشبيهن واري ٻوليءَ ۾ لکيل شبنم گل جي هن ڪهاڻي ۾ منڇر جي تباهي جو درد سمايل آهي. ”ڪڏهن منڇر جي ڪناري تي ٻيڙين جون قطارون ڪنول جيان جهومنديون هيون“. پر هاڻي ”ائين ٿي لڳو ڄڻ منڇر ڪاريهر وانگيان وراڪا ڪري رهي هجي. ڏنگڻ لاءِ، ڪيترن کي پنهنجي زهر سان سٽي رکيو هئائين“.
    منڇر ۾ ايندڙ زهريلو پاڻي ڪاري ڪامڻ (هيپاٽائٽس سي) جو ڪارڻ بڻجي ويو آهي. منڇر جي خوشحال مهاڻن جي رت ۾ هاڻي اهو زهر داخل ٿي چڪو آهي. ان ڪري ئي مڇين جا ڪيترا اهم قسم ختم ٿي ويا آهن. بيمارين ۾ ورتل منڇر جا مهاڻا بک ۽ بدحالي سبب سمنڊ تي ڪمائڻ ويا ته انهن مان ڪن کي انڊيا جي نيوي وارا کنڀي کڻي ويا. اهي مسڪين مهاڻا سالن کان وٺي گجرات جي جيلن ۾ سڙن پيا. منڇر جا ڪجھه مهاڻا لڏي پنجاب پيا وڃن. باقي جيڪي بچيا آهن سي ”صبح شام منڇر کي لڙڪن جي ڀيٽا ڏين ٿا“.
    ٿر ۾ فطرت جي سونهن جا انيڪ رنگ روپ آهن، جن ۾ مور به شامل آهن. بيماري وگهي مورن جو مرڻ هڪ الميو آهي. ان موضوع تي شبنم گل ڪهاڻي لکي آهي، پر اها ڪهاڻي گهٽ رپورتاج وڌيڪ لڳي ٿي.
    ”ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي“ موضوع جي لحاظ کان منفرد ڪهاڻي آهي. ڪلثوم جي گهر جي هڪ حصي ۾ نم جو وڻ آهي، جيڪو سندس ڪمري جي دريءَ مان نظر اچي ٿو. ڪلثوم کي نم جي وڻ سان بيحد لڳاءُ آهي. ان جي چڪي سندس والد ڏني هئي، جيڪو ٻيلي کاتي ۾ ڪم ڪندو هو. ڪلثوم کي نم مان پيءُ جي خوشبو اچي ٿي. اهم گهاٽو وڻ کيس جيئڻ جو اتساهه ڏئي ٿو. ڪلثوم جي سهري جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ملڪيت جي ورهاست ٿئي ٿي. نم جو وڻ ڪلثوم جي ڏير جي پلاٽ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ هو ان وڻ کي وڍائي پٽ لاءِ ڪمرو ٺاهڻ چاهي ٿو. ڪلثوم جو نم جي وڻ سان والها نه لڳاءُ جو ڪهاڻيءَ ۾ اثرائتو بيانيه آهي. ڪهاڻي جي پڄاڻي البت وڌاءُ واري لڳي ٿي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا نه وسهندڙ واقعا به ٿي گذرندا آهن.
    دهشت گردي وسيلي بم جي ڌماڪن سان عام ماڻهن کي مارڻ هن دور جو هڪ موتمار مسئلو آهي. ”سرد خانو بڻجي ويل احساس“ ان اهم موضوع تي لکيل ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي جي پڇاڙي غير ضروري طور وڌائي وئي آهي. ڌماڪي کان پوءِ وڌيڪ ڪجھه لکڻ بدران پڙهندڙن جي محسوسات تي پڄاڻي کي ڇڏيو وڃي ها ته ڪهاڻي جو مجموعي تاثر وڌيڪ چڀندڙ هجي ها.
    نرالي ۽ اڻ ڇهيل موضوع واري هڪ ٻي ڪهاڻي ”ٻوراني“ آهي. ڍنڍ ۾ ٿيندڙ پن جي گاهه جي سنگن مان نڪتل، هئڊي رنگ جي اٽي جهڙي ٻور ۾ کنڊ ملائي موريون ٺاهي، ٻاڦ تي اوٻاري جيڪا شيءَ ٺهندي آهي ان کي ’ٻور‘ يا ’ٻوارني‘ سڏيو ويندو آهي. شبنم گل ٻوراني وڪڻندڙ هڪ غريب ۽ خود دار شخص جي ڪهاڻي لکي آهي. بيماري ۽ غربت جي لاچاري واري زندگي گذارڻ جي باوجود، هو خودداري وچان فقط پنهنجي حق حلال جي روزي ڪمائڻ چاهي ٿو. شبنم گل جي هن مجموعي جون سموريون ڪهاڻيون ٿرڊ پرسن ۾ لکيل آهن. فقط ٻوراني ۽ ”درد جو چهرو“ ٻه اهڙيون ڪهاڻيون آهن جيڪي فرسٽ پرسن ۾ آهن. ”ٻوراني“ ڪهاڻي ۾ سنڌ جي هڪ ثقافتي اسم کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ، سماج جي مسڪين ڏتڙيل ماڻهن جي عڪاسي ڪيل آهن.

    شوڪت حسين شورو


    سهڻن رنگن جو خوبصورت امتزاج : تنوير جوڻيجو

    شبنم گل جي شخصيت پنهنجي نالي جيان نازڪ نفيس، خوشبو ۽ سهڻن رنگن جو خوبصورت امتزاج آهي. سندس طبيعت ۾ بردباري رک رکاءُ ۽ سنجيدگي غالب آهي. قدرت واري کيس ڏات سان گڏ ڏانو سان به نوازيو آهي ته گهر گرهستيءَ جي فن کان به آگاهه ڪيو آهي ۽ زندگيءَ جي ساٿ لاءِ هڪ معتبر معزز ادبي گهراڻو به عطا ڪيو آهي. جنهن باعث سندس فن ۽ فڪر ۾ پختگي ۽ بلاغت وڏي آهي.
    شبنم جي خوش قسمتي جو ادب جي هڪ سگهاري نانءُ ”انيس اڪيڊمي“ جو اهم فيصله ساز رڪن ۽ حصو آهي، سال 2015ع ڪهاڻيءَ جي سو ساله سالگرهه ملهائي وئي. جنهن ۾ ”انيس اڪيڊمي“ پاران سمورو سال مختلف تقريبات جو اهتمام ڪيو ويو. جتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ۽ ميڙاڪا ڪوٺايا ويا ۽ ڪهاڻيڪار عورتن جون گڏجاڻيون پڻ منعقد ڪيون ويون. انهن جي آرگنائيزر ۽ روح روان شبنم گل ئي هئي. هنن گڏجاڻين ۾ مختلف عمري گروهن جي ڪهاڻيڪار خواتين شرڪت ڪئي. نه رڳو ڪهاڻيون پڙهيون ويون پر انهن تي تنقيد ۽ تبصرا به ڪيا ويا ۽ ساڳي وقت ٻن ڪتابن جو مهورت به ڪرايو ويو.
    شبنم جي فن جي حوالي سان ذڪر ڪبو ته ان ۾ به گهڻا پاسا نظر ايندا. چوندا آهن ته ڪن جو ڳالهائڻ به راحت ته ڪن جو خواري. شبنم جي ڳالهائڻ ۾ هڪ طرف آواز ۾ مٺاس ته ٻئي طرف لهجي جو اتار چڙهاءُ، لفظن جي چونڊ، موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان ادائگي قابل ستائش آهن. انهن خاصيتن جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته شبنم ڳالهائڻ جي فن کان به آشنا آهي.
    قلم جي حوالي سان به شبنم مختلف رخن سان سامهون اچي ٿي. شاعري ــ ڪهاڻي ــ ناول ــ ساروڻيون ــ مضمون ــ ڪالم ــ ڊراما. 1995ع ۾ سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو شايع ٿيو هئو ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ ۽ هينئر سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”خالي هنج جو ڏک“ اوهانجي هٿن ۾ آهي. اڳيئن ڳٽڪي ڀيري شبنم جو چوڻ هئو ته هن هر ڪهاڻي هڪ سٽنگ ۾ لکي آهي، پر هن مجموعي جي ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿو ٿئي ته ڪهاڻيون، نهايت سوچ ويچار کان پوءِ مڪمل ڪيون ويون آهن. لفظن جو سٽاءُ، جملن جي بيهڪ ۽ لب وَلهجي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. لفظن جي چونڊ ۽ ٻولي سوچ ويچار سان ڪتب آندي وئي آهي. موضوعن جي لحاظ کان، مختلف پس منظرن ۾ زال ۽ مڙس جي نفسياتي تعلق ۽ لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن مجموعي ۾ هونئن ته سڀ ڪهاڻيون لاجواب آهن پر ڪن بهترين ڪهاڻين جو تذڪرو هن ريت آهي.
    ”پنهنجن لڙڪن ۾ اڃايل منڇر“ ڀيري ۾ رهندڙ ملاحن جي زندگي ۽ اشوز جو احاطو ڪري ٿي. ملاحن جي ڏک ۽ ڪيفيتن کي فوڪس ڪندڙ ڪهاڻيءَ ۾ ڀارت ۾ قيد ملاحن جي ڏک جو تذڪرو آهي. منڇر جي منظر ڪشي به لاجواب آهي.
    ڀنڀرڪي ويل زينا جي اک کلي ته مهاڻي رات جو پوکيل ڄار ڪڍڻ لاءِ نڪري رهيا هئا ٿوري دير ۾ سرمئي ڪوهيڙي پٺيان نارنگي سج نڪري آيو. ڄڻ پتاشن ورهائڻ وارو وڏو ٿالهه هجي. منڇر جي آس پاس وڻ ۽ ٻوٽا ختم ٿي چڪا آهن. پر منڇر جي خالي پڻي ۾ به هڪ وقار نظر اچي ٿو. جڏهن منڇر اوج تي هئي ته ان جي پاڻيءَ ۾ طرهين طرحين ٻوٽا ۽ گاهه پيا ترندا هئا. هر قسم جي مڇي هئي.
    موراکو، ڄرڪو، ڪرڙو، گندڻ، سينگاري ۽ ٻيا ڪيترائي قسم، زينا هڪ ڊگهو ساهه کنيو. خوبصورت منظر نگاري کانسواءِ هيءَ ڪهاڻي جذبات نگاريءَ جو به اعليٰ شاهڪار آهي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ٻن لڙڪن آلن تي ٿئي ٿي. ۽ اهي ٻه لڙڪ ڪنهن ٻئي جا نه پر ڪهاڻي پڙهندڙ جي اکين جا هجن ٿا!
    ”رنگين پر هوا بنا اڌورا آهن“ مشاهداتي قوت رکندڙ هڪ علامتي ڪهاڻي، جنهن جو مرڪزي ڪردار ڪو عام انسان نه پر هڪ پوپٽي (تتلي) آهي. جيڪا هڪ واپاري انسان جي ور چڙهي ٿي ۽ اهو هن سان ڇا سلوڪ ڪري ٿو؟
    ”هو اينٽا مالاجسٽ ريان هئو جيڪو پوپٽن کي قيد ڪري کڻي ويندو هو. هڪ خاص عمل تحت کين محفوظ ڪري فريم ۾ قيد ڪري ڇڏيندو هئو. هو هڪ سئي پوپٽن جي ٻنهي پرن جي وچ واري حصي ۾ هڻندو آهي. ڪجھه ڏينهن کانپوءِ جڏهن هنن جا پر سڪي وڃن ٿا ته هو سئي ڪڍي هڪ ٻئي عمل تحت کين محفوظ ڪري فريم جي زينت بنائي ٿو“.
    ”ڪاش مان البا ٽراس هجان“ هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار هڪ سامونڊي پکي البا ٽراس آهي. سامونڊي سفر جي پس منظر ۾ لکيل هيءَ ڪهاڻي نهايت اثر انگيز آهي.
    ”البا ٽراس آسمانن جو شهزادو آهي. آسمان جي پنهنجي هڪ لامحدود دنيا آهي. سمنڊ جيان آسمان به اليڪس جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. سمنڊ جي اها خوبي آهي ته هو آسمان جي مختلف رنگن کي پنهنجي اندر جذب ڪري ٿو ۽ سمنڊ، آسمان جي مختلف منظرن ۾ کيس سدائين پرڪشش لڳندو آهي“.
    ”مشروط محبت جو ڏک“ هڪ مڊل ڪلاس جوڙي جي ڪهاڻي آهي جيڪا، هڪ ڪلب جي پس منظر ۾ لکيل آهي. اتي ايندڙن جي زندگي جو به مشاهدو سهڻي انداز ۾ ڪيل آهي. زال ۽ مڙس جي نفسياتي تعلق جو اڀياس ڪيو ويو آهي. ٻنهي جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو آهي. زال ۽ مڙس جي تعلق ۾ ڪيتريون به روڻيون ڇو نه هجن پر انهن جي وچ ۾ هڪ مضبوط رشتو آهي جو هروڀرو ٽٽي نه ٿو سگهي.
    ”چار سو ميٽر جي واڪنگ ٽريڪ تي چوڌاري ماحول جي چر پر کي محسوس ڪندي هوءَ مستقل هلي رهي آهي. ڊاڪٽر کيس ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ واڪ جو مشورو ڏنو آهي. مڙس جي رويي کيس ذهني طور تي بيمار ڪري وڌو آهي. مرد آخر زالن جي ڳالهه ڇو نه سمجهندا آهن؟ هو ٻاهرين دنيا، روزگار جي مسئلن ۽ خوب کان خوب تر جي ڳولا ۾ وڃائجي ويندا آهن“.
    ”خالي هنج جو ڏک“ ان عورت جي ڏُک جي ڪهاڻي آهي جيڪا ماءُ نه بڻجي سگهي آهي. ۽ هوءَ انهيءَ ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ هڪ طوطو پالي ٿي. هن ڪهاڻي جي پڄاڻي نهايت دلچسپ آهي.
    ”منان صوفي تي ويهي خبرون ڏسڻ لڳو. طوطي جي اچڻ کانپوءِ صوفيه جي دنيا بدلجي وئي ڪجھه ئي ڏينهن ۾ طوطو هن سان هري مري ويو. طوطو ڏاڍو سيکاريل ۽ سمجهدار هئو. جيڪو لفظ هن جي سامهون ڳالهائبو هو، طوطو اهو لفظ ورجائيندو هو. صوفيه ڪاليج مان موٽندي هئي ته طوطو کيس هڪ خاص اشاري سان ٻڌائيندو هو ته کيس بک لڳي آهي. صوفيه کيس کائڻ لاءِ ڪجھه ڏيئي ڪپڙا تبديل ڪري طوطي جو پڃرو کولي ڇڏيندي هئي ائين صوفي تي ٿوري دير آرام ڪندي هئي. طوطو هنجي ڪلهي تي اچي ويهندو هئو. ”ڪاشف مما کي پيار ڪر“ صوفيه لاڏ مان چوندي هئي ۽ طوطو سندس ڳلن تي چنهب رکندو هئو.
    ”سينگارميز“ سس ننهن جي رشتي جي روايتي ڪهاڻي جنهن ۾ مڙس جو ڪردار سينڊ وچ وارو آهي. پر ننهن جي پر سيپشن (Perception) موجب مڙس پنهنجي ماءُ طرف مائل آهي. سينگار ميز جيڪا هڪ سس جو علامتي ڪردار ادا ڪري ٿي.
    ”هي ڪمرو به ڪنهن زماني ۾ هاجره جو هوندو هو. هوءَ سينگار ميز آڏو بيهي هار سينگار ڪندي هئي. ميز کي ڏسي سس جون ڪاوڙيل اکيون ياد پونديون اٿس. اهي ڏکوئيندڙ لفظ، دڙڪا ۽ مهميز ٻيهر تازا ٿي پون ٿا. پر اها ميز، حميد کي گهڻي پياري آهي. هو اڪثر آئيني جي سامهون ڦڻي ڏيندي ماضي ۾ وڃائجي وڃي ٿو“.
    ”ٻوراني“ مڪلي ۽ ڪينجهر جي پس منظر ۾ رچيل هڪ ڪهاڻي آهي. هيمنگوي جي مشهور ڪردار سنتياگو جو سنڌي ورزن (Version) پنهل هن ڪهاڻيءَ جو هيرو آهي.
    ”سنڌي سنتياگو زندگيءَ جون مس پنجاهه بهارون ڏنيون هونديون پر لڳندو سٺ ورهين جو هئو، ڏکن ۾ عمر جو ميڻ تيزيءَ سان رجي ٿو. پوءِ به هي ماڻهو هر وقت مرڪندو رهي ٿو. اڇي اجري زندگيءَ سان ڀرپور مرڪ، اتساهه ورهائيندي هئي، هر وقت مرڪندڙ ماڻهوءَ جي روح ۾ گلاب ٽڙاند آهن“.
    ”هڪ مرد ۾ ورهايل ٽي عورتون“ هڪ مختلف نوعيت جي ڪهاڻي پر اسانجي معاشري جي موجوده حالتن جي عڪاسي ڪندڙ آهي. ڪهاڻي جيئن نالي مان ظاهر هڪ مرد ٽن عورتن کي مطمئن ڪرڻ جو ڏانو رکي ٿو. علي حيدر هڪ ئي وقت ياسمين نازيه ۽ رخشنده سان زندگي گذاري ٿو.
    ”مرد به ته عورت جي پيار ۾ ورڇ برداشت نه ڪندو آهي ٽي زالون رکي يا چار يا ان کان علاوه گرل فرينڊس الڳ هجنس ڀلي کيس ديوتا سمجهي پوڄينديون ڀي رهنس پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ موجود ڪنهن به عورت کي هيڏي هوڏي ڏسڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. هو انهن جي چوڌاري مسئلن جا اهڙا ڄار وڇائي ٿو جو هو انهن کي حل ڪرڻ ۾ هڪ دائري جي چوڌاري ڦرندي پنهنجو سک وڃائي ويهن ٿيون“ پڇاڙي ۾ ڪجھه تذڪرو ٻوارنيءَ جو جيڪا کائڻ ۾ نهايت خسته لذيز ۽ منفرد شي آهي. سنڌ جي ڍنڍن ۾ ٿيندڙ پن جي گاهه مان ٺاهي ويندي آهي. پن جو گاهه مکڙين وانگري ٻور جهليندو آهي جيڪو اَٽي جهڙو پيلي رنگ جو هوندو آهي انهن کي موڙين ۾ ويڙهي ٻاڦ تي اٻاري ٺاهيو آهي. شبنم گل جي هيءَ ٻوراني جنهن ۾ پستن بادامن سان گڏ ڪارن مرچن جي به آميزش ڪيل آهي ۽ انهن سڀني جو ذائقو هن ٻوراني ۾ موجود آهي.

    تنوير جوڻيجو


    ڪهاڻي پرچي پوي ته: شبنم گل

    منهنجو ڪهاڻن سان ناطو گهڻو پراڻو آهي. ڪالم مون 2006ع کان لکڻ شروع ڪيا. جڏهن ته ريڊيو ڊراما اسي واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ . منهنجي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب اڻڄاتل شهر جو نقشو ڊسمبر 1995ع ۾ ڇپيو ۽ هاڻ تقريباََ ٻاويهن سالن جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ٻيو ڪهاڻين جو ڪتاب ”خالي هنج جو ڏک“ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    هر چهرو هڪ ڪهاڻي آهي، انڪري ڪهاڻين جي تخليق تائين پهچڻ ڪو ڏکيو عمل نه آهي. پر اها حقيقت آهي ته ڪهاڻي کي پرچائڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪهاڻي، ادب جي منفرد پر ڏکي صنف آهي، ڪهاڻي، سرجهڻار کان فني مهارت گهري ٿي. موضوع کان ٻولي ۽ ڪردار نگاري تائين، ڪهاڻي جي جوڙجڪ کي مڪمل توجهه گهرجي.
    مختصر ڪهاڻي هزار کان ست هزار يا پنج سو لفظن تي مشتمل ٿئي ٿي. جڏهن ته ناول ست هزار پنج سو لفظن کان ويهن هزار لفظن تائين مشتمل هوندو آهي. ناويلا ۾ پنج هزار لفظ ٿين ٿا. ان کان علاوه سو کان ٽن سون لفظن تائين به ڪهاڻي لکي وڃي ٿي، جنهن کي ڊريبل اسٽوري يا فليش ڪهاڻي سڏيو وڃي ٿو. دنيا جي ادب ۾ شاهڪار ڪهاڻيون مختصر لفظن ۾ بيان ڪيون ويون آهن جيئن ورجينيا وولف جي ڪهاڻي A haunted house تقريباََ 710 لفظن تي ٻڌل آهي. مارڪ ٽوئن جي Atelephonic Conversation جا لفظ 810 کن هوندا.
    گارشيا مارڪيز جي ڪهاڻي One of these days 994 لفظن تي مشتمل آهي. يا موپاسان جي ڪهاڻي Dowry 1862 اکرن تي مبني آهي. ائين دنيا جي ادب جون اڪثر بهترين ڪهاڻيون ٻن کان ٽن هزار لفظن تايئن مشتمل آهن. ڊگهي ڪهاڻي ۾ دلچسپي جو عنصر برقرار رکڻ مشڪل ٿيو پوي. مون کي بذات خود موپاسان، ڪرشن چندر، البرٽو موراويا جون ڪهاڻيون پسند آهن. جيئن موپاسان جي ”نيڪلس“، ڪرشن چندر جي ”تائي ايسري“ بهترين ڪهاڻيون آهن.
    منهنجي سامهون ڪو واقعو يا ڪردار آيو ته ان مون کان ڪهاڻي لکرائي. اها حقيقت آهي ته وقت گذرڻ سان تخليقار جي لکڻين ۾ پختگي اچي ٿي. پر سٺي ڪهاڻي، شعوري ڪوشش جو نتيجو هرگز نه ٿي ٿي سگهي.تخليقي ڪهاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٿي ٺاهي. شعوري ڪوشش سان، لکڻين ۾ بناوٽ محسوس ٿئي ٿي.
    دنيا جي بهترين ادب جي ڪهاڻين جي ٻولي ۽ بيان ڪرڻ جو انداز نرالو آهي، ٻولي جي سونهن، فطري پڻو ۽ جملن جي بيهڪ سان ڪهاڻي ۾ اثر پيدا ٿئي ٿو. ڪهاڻي ۾ ڊائلاگ گهٽ ۽ مختصر هجڻ سان ڪهاڻي جو تاثر ڀرپور جڙي ٿو.
    ڪهاڻي کي فني گھاڙيٽي جي سخت قيد ۾ بند نه ٿو ڪري سگهجي. ڪن ڪهاڻين جو پلاٽ سگهارو هوندو آهي ته ڪن ۾ ڪردار نگاري ڀرپور نظر ايندي آهي. سٺي ڪهاڻي اها آهي، جيڪا دل جي گهرائي کي ڇهي وٺي ۽ پڙهندڙ کي ان ۾ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي خوابن جو عڪس نظر اچي.
    سنڌي ۾ تخليقي ڪهاڻي جو سفر جاري آهي. ڪهاڻيڪار، ان صنف تي سنجيدگي سان طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. هو نون ۽ مختلف موضوعن تي ڪهاڻيون لکي رهيا آهن. تخليقي ڪهاڻي سرجڻ لاءِ دنيا جي ڪهاڻين جو مطالعو ڪرڻو پوي ٿو. اهو مطالعو سکيا جي عمل جو اهم حصو آهي. ڪتاب وڌ ۾ وڌ پڙهڻ سان ٻولي تي به عبور حاصل ٿئي ٿو. وقت گذرڻ سان ٻولي ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي. انڪري لکت واري ٻولي ۾ نوان تجربا ٿيڻ گهرجن. خوبصورت ٻولي خدا داد صلاحيت آهي.
    يوناني مفڪر لنجائي نس چواڻي ته ”ٻولي، خوبصورت ۽ اُتم سوچ جو عڪس ٿئي ٿي“. جيڪو ماڻهو مستقل پاڻ سان ڳالهائيندو رهي ته لکت واري ٻولي تي سهڻو اثر پوي ٿو. ليکڪ جو انر ڊائلاگ، ٻولي تي اثر انداز ٿئي ٿو. انڪري ڪهاڻيڪار جو سفري مشاهدو، روزمره زندگيءَ سان ويجهڙائي، ماحول ۽ فطرت سان رابطو ضروري ٿيو پوي.
    ڪهاڻيون معاشري جو عڪس ٿين ٿيون. ضروري نه آهي ته انهن سمورين ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار جو پنهنجو عڪس هجي. ٿوري جهلڪ ضرور هوندي پر جيڪڏهن ليکڪ جو پنهنجو رنگ هر جڳهه نمايان آهي ته پوءِ لکڻيون يڪسانيت جو شڪار ٿي وڃن ٿيون.
    ڪو زمانو هو جڏهن ڪهاڻين ۾ پلاٽ کي اهم سمجهيو ويندو هو ۽ پلاٽ کان وانجهيل ڪهاڻين کي، ڪهاڻي جي دائري کان ٻاهر ڪڍي ڇڏبو هو. پر جديد ڪهاڻي، هڪ لمحي جي وارتا تي به اڻي وڃي ٿي. روزمره جا ننڍا واقعا، مشاهدا ۽ تجربا جن ۾ سوچ جو انداز بدلجي وڃي. يا خيال جو نئون رستو نروار ٿئي جديد ڪهاڻي جو موضوع بڻجي سگهي ٿو.
    جديد ڪهاڻي اندر جي وارتا يا حساسيت جو رد عمل ليکي وڃي ٿي. ڪهاڻي جو موضوع ڪهڙو ڇو نه هجي ان کي بيان ڪرڻ جو ڏانءُ، ڪهاڻي کي دلچسپ ۽ سگهارو بڻائي ٿو. جديد ڪهاڻي ۾ تجربن لاءِ دروازا سدائين کليل رهيا آهن. مون هڪ دور ۾ تصوراتي رجحان تي مشتمل ڪهاڻيون لکيون. جن جو انداز افسانوي هو. ان دور جي حوالي سان سندن اهميت هئي ڇو ته ائين هرگز نه چوندس ته مان انهن ڪهاڻين کي پنهنجو ڪرڻ کان قاصر آهيان. ڇو ته هر دور جو پنهنجو اثر ٿئي ٿو. ڪڏهن مطالعي جي نوعيت به لکڻين تي اثر ڇڏيندي آهي. توڙي جو مان ڪنهن به ڪهاڻيڪار کان ايترو متاثر نه آهيان جو، لاشعوري طور تي منهنجو احساس سندس ڏانءُ ۾ رنڱجي وڃي. انڪري منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته هر ڪهاڻيڪار کي پنهنجو رستو پاڻ چونڊڻ گهرجي. ڇو ته ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ليکڪن تي پاولو ڪوئلو جو اثر محسوس ٿئي ٿو. بانو قدسيه جو اثر اردو جي نون ناول نگارن تي ضرور پيو آهي. ساڳيءَ ريت سنڌي جي نئين ناول نگار جو ناول پڙهي مون کانئس سوال ڪيو ته ڇا تون عميره احمد جا ناول پڙهندي آهين ته جواب ڏنائين ته ها. ڇو ته سندس ناول تي عميره احمد جو واضع اثر نظر آيو ٿي. ليکڪ تي ڪنهن جي اثر کي پاڻ تي حاوي ڪرڻ بدران، پنهنجي لکڻين جو انداز خالص رکڻ گهرجي. کيس پنهنجي پڙهندڙن کي ڪا نئين شيءِ ڏيڻ گهرجي. فن وهندڙ پاڻيءَ جيان هئڻ گهرجي، هر وهڪري جو پنهنجو الڳ رخ ۽ رواني هجي. مون اهو به ڏٺو آهي ته چند سٺيون تخليقون ڏيئي، مڃتا ماڻي ليکڪ جي جستجو ختم ٿي وڃي ٿي.
    پيسي يا شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ سرجيل ادب، خالص ۽ تخليقي لکڻين جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي. تخليق، تخليقار جو نجي معاملو آهي. خالص تخليق نواڻ جو ٻج آهي، جنهن کي ٻوٽو ۽ پوءِ وڻ بڻجڻ لاءِ سال لڳي وڃن ٿا. تخليقي ادب ريڊي ميڊ نه ٿو ٿي سگهي. ته ماڻهن جي پسند مطابق لکجي. اهو فيصلو تخليقار جو ذاتي معاملو آهي ته هن کي ڪهڙي موضوع تي قلم کڻڻ گهرجي. جنهن سان هو مڪمل نڀاءُ ڪري سگهي.
    خالص ادب ذات جي کوجنا کان شروع ٿي، ڪائنات جي وسعت تي وڃي دنگ ٿو ڪري، پر پڄاڻي تي نه ٿو پهچي. ذهن ۾ موجود کربين نيورونز، هر وقت نين دريافتن ۾ رڌل رهن ٿا. ڇو ته انساني ذهن هڪ معجزاتي تخليق آهي. بايولاجي جا ماهر چون ٿا ته زندگي ماليڪيولز جي Chaos مان جاڳي، ذاتي تنظيم ۾ مگن ٿي وئي.
    ائين ڪهاڻيڪار به زندگي ۽ ڪائنات جي انتشار مان، سوچ جي وحدت پيدا ڪري ٿو. هڪ ماکي جي مک وٽ ست هزار نيونز آهن. جيڪي کيس تخليقي سگهه عطا ڪن ٿا. خوشبو، رنگ، سج، گلن کان فاصلو، رخ ۽ تخليق جو جوهر عطا ڪن ٿا. انسان جي ذهن ۾ کربين نيورونز کيس تخليق لاءِ اتساهين ٿا. فطرت جي هر شيءِ تخليقي جوهر سان مالا مال آهي. انڪري ڪهاڻيڪار جو فطري زندگي سان رابطو انتهائي ضروري ٿيو پوي. تخليقي ڏانءُ اهو آهي ته هڪ عام منظر، رويي يا ردعمل مان، خيال جا نوان رخ دريافت ڪجن ۽ انهن نون رخن تي سبب ۽ اثر جي تاڃي پيئي جي مهارت سان اڻت ڪجي. ائين خيال، ارتقائي مرحلن مان گذرندي اصليت تائين وڃي ٿو توڙ ڪري. اهو رابطي جو ڏانءُ آهي. شيون متوازي ۽ متضاد رستن تي سفر ڪن ٿيون. جن مان ڪهاڻيڪار تعلق جو هنر ڳولي ٿو لهي.
    مستقل انتشار جتي منفي اثر رکي ٿو اُتي اها ڪيفيت تخليق جي سرجڻ جو سبب بڻجي ٿي. پر گوڙ، تخليق جو دشمن آهي. اهو فرد کي شعوري حالت ۾ متحرڪ رکي ٿو. هر وقت ليکڪ، سجاڳي جي حالت ۾ رهي نه ٿو سگهي. ڇو ته تخليقڪار جو لاشعور وڌيڪ متحرڪ هئڻ گهجي. جنهن کي تنهائي جي طاقت گهرجي. ڪهاڻي، گوڙ ۾ سرجڻهار کان رُسي وڃي ٿي. ڪهاڻي کي پرچائڻ لاءِ ذهني يڪسوئي جي ضرورت پوي ٿي، جيڪا فقط اڪيلائي ۾ حاصل ٿي سگهي ٿي.


    شبنم گل
    ـــــ 2 مارچ 2017ع
    حيدرآباد ـــ سنڌ.


    ڪهاڻيون

    پنهنجي لڙڪن ۾ اڃايل منڇر

    شام سمي منڇر جو پاڻي ڄڻ اداسين ۾ ويڙهجي ويو هجي. ڪڏهن منڇر جي ڪنارن تي ٻيڙين جون قطارون ڪنول جيان پيون جهومنديون هيون. ان وقت منڇر جو مٺو پاڻي آب حيات مثل هو، زندگي بخشيندڙ...
    پاڻي جي لهرن مٿان مهاڻن جي اکين جا خواب جرڪندا هئا. زينا، سانول جي راهه پئي تڪي.شهر وڃي الاءِ ته ڪٿي وڃائجي وڃي ٿو. اڄ ٻارن جا ڪپڙا ۽ شيون وٺي ايندو. ٻارڙن جي چهرن تي به اوسيئڙو ڦهليل آهي. شام جو وقت سڀني لاءِ گهر واپس ورڻ جو ٿئي ٿو. سج لهڻ کان اڳ منڇر جي ننڊاکڙي زندگي ڄڻ ٻيهر جاڳي پئي هجي. آسمان تي پکين جا لامارا وڌي ويا. ڄڻ آکيري جو گهرو سڪون کين سڏيندو هجي. زينا بخار ۾ لڇندي جسم ۾ تيز سور جون سٽون محسوس ڪندي پاسو ورائي ٿي. زينا جي عمر ٽيهه سال کن هوندي، چهرو سانورو پر من موهڻو اٿس، اکين ۾ منڇر جهڙي گهرائي، جنهن ۾ من ٻڏندو ترندو رهي، ڪمزور وجود ڄڻ ساهه به ڏکيائيءَ سان کڻندي هجي.
    منڇر جي برباديءَ کانپوءِ ڪيترن مهاڻن ٻيڙين جي رهائش ڇڏي، وڃي ڳوٺن اندر جهوپا اڏيا پر زينا کي پنهنجو گاليو پسند هو. جنهن ۾ آسمان جو منظر صاف نظر اچي ٿو.
    هر طرف وسعت جو احساس هجي ته اندر جي مونجهه کي ساهه کڻڻ جو رستو ملي وڃي ٿو.
    هن ڪشادي ٻيڙي جي ڇت آسمان آهي. سندس گاليو منڇر جي ٻين ٻيڙين کان مختلف آهي. اها سکن واري دور جي يادگار آهي. جنهن ۾ رهڻ جا مختلف حصا آهن. جيئن هڪ طرف سمهڻ وارو ڪمرو، ڪنڊ ۾ رنڌڻو آهي. فرش تي ڀرت واريون چادرون ۽ رليون وڇايل آهن. جيڪي گهر ڌياڻي جي سليقي جي ترجماني ڪن ٿيون. اهي چادرون ۽ رليون سندس سس بختاور جي ياد ڏيارين ٿيون. سندس سهرو مٺل به سکيو ستابو ۽ وڏي دل وارو انسان هو.
    ”بابا اچي ويو.... بابا اچي ويو“ ٻارن جي گوڙ تي هوءَ ڇرڪي اٿي ويٺي. گهڙي پل لاءِ اک لڳي وئي هيس. سڄي پگهر ۾ وهنجي وئي هئي. هوا جي تيز جهوٽي سان سيءَ ۾ وڪوڙجي ڪنبڻ لڳي. ٻار ڀڄندا آيا ۽ پيءُ کي ماکيءَ جي مک جيان وڪوڙي ويا. جيئن ئي سانول جي زينا جي هيڊ هاريل چهري تي نظر پئي ته پريشان ٿي ويو.
    ”اڃا بخار اٿئي ڇا؟“ هن زينا جي مٿي تي هٿ رکي چيو، زينا جو مٿو ٽامڻيءَ جيان تپي رهيو هو.
    ”دوا کاڌي اٿئي؟“ سانول پريشان ٿي پڇيو.
    ”ها کاڌي اٿم“ زينا جهيڻي آواز ۾ وراڻيو.
    سانول کيس ٿيلهيون ڏنيون، زينا شيون ڪڍي ٻارن کي ڏيڻ لڳي ته ٻارن جي ڪوماڻيل چهري تي سرهائي وکري وئي.
    سندس ڌيءَ زينت ڪنڊ ۾ خاموش ويٺي هئي، هن پيءُ جي اچڻ تي ڪنهن به قسم جي خوشي جو اظهار نه ڪيو. زينا سندس طبعيت جي باري ۾ فڪرمند ٿي وئي.
    زينا کي زينت جي خاموشي دل ۾ ڪنڊي جيان چڀڻ لڳي.زينا جي بيماري جي صورت ۾ گهر جو سڄو ڪم ڪار زينت ڪندي هئي.
    منڇر تي ڏکين ڏينهن جا پاڇا هئا. زينا رليون ٺاهيندي هئي. شهر مان هڪ بيگم صاحبه رلين جا پئسا موڪليا هئا. انهن ئي پئسن مان ٻارن جا ڪپڙا ۽ شيون گهرايون هئائين. پاڻ کي به ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻو هيس. پر پاڻ کي ڇڏي ٻارن جي خوشيءَ کي اهم سمجهيائين. منهنجو ڇا هي! مان ته روز بيمار ٿيو پوان.بيماري به پئسو ٿي کائي، دوا وري ڪهڙو چاڪ ٿي ڪري. زينا ٻارن ڏانهن ڏٺو، جتي گلو، منو ۽ ننڍڙي مومل مزي سان کٽمٺڙا چُوسي رهيا هئا. اندر ۾ ٿورو اطمينان لهندي محسوس ڪيائين. گاليو به ممتا جي روشنيءَ ۾ ڪرڻا ڪرڻا ٿي جرڪي اٿيو.
    منڇر تي ڪيتريون اين جي اوز ڪم ڪري رهيون هيون. ڪيئي ماڻهو منڇر مان ڪمائي لک پتي بڻجي ويا هئا. سندن نصيب جاڳي پيا پر مهاڻن جو نصيب ستل رهيو. زينا کي مٿي ۾ سور وڌندو محسوس ٿيو. سانول کي زينت چانهن ٺاهي ڏيڻ بعد ماءُ آڏو به هڪ ڪوپ آڻي رکيو.
    اڄڪلهه سندس گهر ۾ جهيڙو متل هو. سانول سمنڊ تي وڃي ڪمائڻ جا سانباها ڪري رهيو هو. سمنڊ جو نالو ٻڌڻ سان زينا کي اچي ٿو بخار ورائي. اهو ڏينهن ٿو ياد اچيس جڏهن مهاڻا صدوري (سانول جي ننڍي ڀاءُ) کي هوڙي سميت سمنڊ ۾ ڳوليندا رهجي ويا. بعد ۾ کين اطلاع مليو ته صدوري ۽ ٻين مهاڻن کي انڊيا جا فوجي کنڀي ويا هئا. چانهن جو آخري ڍڪ ڀري زينا ٿڌو ساهه ڀريو. مٿو ڳرو ٿيڻ لڳس، جيئن لاٽون گول گول ڦرندو هجي، ٿوري دير لاءِ ليٽي پئي. ليٽندي ئي ننڊ اچي ويس. ننڊ جاڳ ۾ رات ٿي وئي. اکيون کولي آسمان ڏانهن ڏٺائين، جتي ستارن جون ڏياٽيون ٻري رهيون آهن. ٻوڙ جي پچڻ جي خوشبو منڇر جي ککيءَ جهڙي تن سان ملي فضا ۾ تري ٿي. هر طرف ٻارن جو گوڙ ۽ رانڀاٽ لڳا پياآهن، ڪي ٻار اوندهه ٿيڻ کانپوءِ گهڻو روئين ٿا، منڇر جو پاڻي وهه ٿيڻ بعد مهاڻن ۾ بيماريون وڌيون آهن.
    ٻيڙين ۾ ٽنگيل لالٽين جي روشني ڇڻي پاڻيءَ تي پوي ٿي. چنڊ بنان، منڇر جون راتيون هيبتناڪ لڳن ٿيون. وقت به هوريان هوريان گذرڻ لڳو، سلهه ورتل ڪنهن مريض جيان.
    زينت، ڀيڻ، ڀائرن ۽ پيءَ کي ماني کارائڻ مهل ماءُ کي به ڪافي سڏ ڪيا پر زينا جواب نه ڏنس. پاڻ ماني کائي ڪم ڪار مان واندي ٿي اچي ماءُ جي مٿي کي زور ڏيڻ لڳي.
    ڄڻ نٽهڻ اس ۾ ٿڌي ۽ گهاٽي ڇانوري جو احساس زينا جي اندر ۾ لهي آيو.
    ڀنڀرڪي ويل زينا جي اک کلي ته مهاڻا رات جو پوکيل ڄار ڪڍڻ لاءِ نڪري رهيا هئا. ٿوري دير ۾ سرمئي ڪوهيڙي جي پٺيان نارنگي سج نڪري آيو. ڄڻ پتاشن ورهائڻ وارو وڏو ٿال هجي. منڇر جي آس پاس وڻ ۽ ٻوٽا ختم ٿي چڪا آهن، پر منڇر جي خالي پڻي ۾ به هڪ وقار نظر اچي ٿو. جڏهن منڇر اُوج تي هئي ته پاڻي ۾ طرحين طرحين جا ٻوٽا ۽ گاهه پيا ترندا هئا، هر قسم جي مڇي هئي، موراکو، ڄرڪو، ڪرڙو، گندڻ، سينگاري ۽ ٻيا ڪيترائي قسم. زينا هڪ ڊگهو ساهه کنيو.
    پاڻي کاري ٿيڻ کانپوءِ مڇيءَ جا چند قسم وڃي بچيا آهن. هر سٺو دور الاءِ ته ڇو هڪ ياد بڻجي وڃي ٿو.
    ٻئي پاسي منڇر جا وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ گاهه به لوڻياٽي پاڻيءَ جي زهر ۾ ختم ٿي ويا آهن،
    ”هاءِ ڙي منڇر تنهنجا جوڀن ڏينهڙا“ زينا جي اکين۾ لڙڪ تري آيا. لڙڪن جي اولڙي ۾ منڇر به ڌنڌلي ٿيڻ لڳي. لڙڪ لڙي ڳلن تي ماڪ ڦڙن جيان وکري ويا.
    مهاڻا ائين صبح شام منڇر کي لڙڪن جي ڀيٽا ڏين ٿا.
    ”زينا... او زينا.....“ سانول رڙ ڪئي ۽ هوءَ خوفزده ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي.
    ”ڪهڙين سوچن ۾ گم ويٺي آهين، اٿ اٿي نيرن ٺاهه. خبر نه ٿئي ته مون کي اڄ ساجهر نڪرڻو آهي.“
    زينا اٿي چانهه تيار ڪري سانول کي ڏني ۽ پوءِ نيرن ٺاهڻ لڳي. هڪ ننڊاکڙو ٿڌو جهوٽو منڇر جي گهرائي کي ڇهي زينا جي من ۾ هرڻ لڳو، مامتا جي جهوليءَ جهڙو هڳاءُ...
    سانول چانهن پيئندي ڀڻڪيو ٿي. هاڻ هو پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو هو. منڇر کي گهٽ وڌ پيو چوندو هو. هن جو من کوري جيان کامڻ لڳندو هو. ڪڏهن چوندو ته ”مڇي ته منڇر ۾ ملي نه ٿي ڇا لاءِ ڪم تي نڪران!“
    نيرن ختم ڪري سانول چيو ”جي اڄ مڇي نه ملي ته مان سڀاڻي کان ڪم تي نه ويندس.“
    ”مان سڀ سمجهان ٿي، توکي ڪو نه ڪو بهانو گهرجي سمنڊ تي وڃڻ لاءِ.“ زينا روئڻهارڪي ٿي وئي.
    ”ٻيا مهاڻا جيڪي لانچن تي ڪمائڻ ويا آهن، سي سکيا ستابا ٿي ويا آهن، رڳو تون ڪر ڪر لائي ويٺي آهين، سڄي راڄ ۾ پڙهو ڏنو اٿئي ته ڪا واهر ڪريو. سانول وڃي ٿو لانچ تي ڪمائڻ.“
    سانول ڏند ڪرٽيندي چيو ته زينا اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، ”بس ڪر ٻيلي روءِ نه...“ سانول نرم ٿيندي چيو.
    ”اهو سمنڊ نه پر هڪ وڏو واڳوآهي، ڪيئن صدوري کي ڳهي ويو، هاڻ ڇڏائي اچنيس نه هندستان جي جيل مان...“
    گاليي ۾ هر طرف اداسي وکري وئي، سانول به بددلي سان اٿي ٻاهر نڪري ويو.
    سج جا ڪرڻا منڇر جي تن تي جرڪڻ لڳا ته هر طرف روشني وکري وئي. ٻيڙين ۾ زندگي جاڳي پئي آهي، ٻارن جو روئڻ فضا ۾ گونجي اٿيو، مهاڻا مڇي مارڻ لاءِ نڪري چڪا آهن. اکين ۾ انيڪ خواب سجائي هڪ ٻيڙيءَ ۾ ڇوڪرين جا ٽهڪڙا گونجيا ته زينا جي من ۾ سرهائي وکري وئي. کل به هڪ اتساهه آهي، خوابن کان خالي اکين لاءِ.
    نيرن جو واس هر طرف ڦهليل آهي. جڏهن گهرن ۾ چلهيون ٻرن ٿيون ته اها باهه زندگيءَ جي گرمي بڻجي رڳن ۾ٿي ڊوڙي. چانهن جي تيز خوشبو ننڊاکڙي احساس کي جاڳائي رهي هجي ڄڻ. زينا هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو. منڇر به ڄڻ سندس ساهن جي ڇڪ ۾ ڇُلي ٿي. هن جون اڃايل اکيون منڇر جي لهرن جو درشن ڪندي نه ٿيون ٿڪجن. هن جي ننڍپڻ کان عادت هئي منڇر جي ڇولين سان راند ڪرڻ جي.
    سانول ڀائرن سان ٿو ريس ڪري، اباڻن ڪکن کي پٺي ڏيڻ وارو جي سون ۾ تورجي ته به ڪک نه لهي. جي بابو مٺل جيئرو هجي ها ته منهنجو پاسو کڻي ها. سوچي ٿڌو ساهه ڀري ٿي.
    ڪم ڪار مان فارغ ٿي ڀرٿ ڀرڻ لڳي. منڇر جي ماحول ۾ عجيب هلچل مچي وئي. وڏيون گاڏيون اچي بيٺيون هيون. ٻار گاڏين جي شيشن مان اندر جهاتي پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڪي ٻار ٻاهران آيل ماڻهن کان پئسا گهرندا آهن. اهي پينو ٻار ڏسي زينا کي ڏک ٿيندو آهي. ڊرائيور ٻارن کي دڙڪا ڏئي ڀڄائي ڇڏيو. سندس سوٽ موسيٰ سان گڏ ڪجهه شهري ڇوڪريون ساڻ هيون.
    ”ادي زينا هي شهر مان آيون آهن، ڀينرون اخبارن ۾ ڪم ڪن ٿيون شهر ۾. چون ٿيون ته انٽرويو ڪرڻ آيون آهيون.“
    ”ها ها اچو“ زينا جو چهرو خوشي مان ٻهڪڻ لڳو.
    ڇوڪرين پنهنجو تعارف ڪرايو ڪنول ۽ رخسانه جيڪي پنهنجي اخبار جي ميگزين لاءِ مهاڻن جي زندگي ۽ عورتن جي مسئلن تي رپورٽنگ ڪرڻ آيون هيون.
    ”هتي توهان کي سهولتون ناهن پوءِ به ٻيڙين ۾ رهيا پيا آهيو؟“ ڪنول حيرت منجهان چوڌاري ڏسي پڇيو.
    ”هي اسان جا اباڻا اَجھا آهن، اسان ڄاوا ۽ نپنا هتي آهيون، انڪري اسان کي هي گهر پيارو آهي. هتي اسان پنهنجا پاڻ ۾ آهيون ڏک سور ۾ هڪٻئي کي ڪم پيا اچون.“
    ”مڇي مارڻ کان علاوه روزگار جا ٻيا ڪهڙا ذريعا آهن؟“ رخسانه پڇي ٿي.
    ”اسان جو گذر سفر مڇي مارڻ تي آهي، ڀرت ۽ رليون به ٺاهيون ٿا. پر رڳو پنهنجي ڪاڻ، ان ڪم لاءِ به ته پئسو گهرجي.“
    ڇوڪرين گاليي جا فوٽو ڪڍيا، هي زندگي هنن لاءِ نئين هئي، نئين ۽ خوبصورت.
    زينا کي چيائون ته ڀرت ڀريل ڪپڙا ۽ رليون ڏيکاري.
    زينا ڪپڙا ڪڍيا ته ٻئي حيران ٿي ويون.
    ”هي ته تمام خوبصورت ڪم آهي، توهان چاهيو ته هٿ جي هنرن جو ڪم ڪري سگهو ٿا.“
    رخسانه چيو.
    ”هن ڪم ۾ گهڻي محنت آهي، پر اجورو گهٽ آهي“ زينا ٿڌو ساهه ڀري چيو.
    ها زينا تون ٺيڪ ٿي چوين، شهر ۾ ڀرت ڀريل ڪپڙا ۽ رليون گهڻيون مهانگيون ملن ٿيون.“
    ڪنول هزار جو نوٽ زينا ڏانهن وڌائيندي چيو
    ”هي پئسا رکي ڇڏ.“
    ”نه نه مان پئسا نه وٺنديس.“ هوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي. ڪنول کي احساس ٿيو ته ڄڻ زينا جي عزت نفس مجروح ٿي هجي، هن جي ان عمل سان.
    مون کي غلط نه سمجهه زينا مون تنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ سوچيو.
    ”توهان پاڻ منڇر جي ماڻهن کي هٿ ٽنگڻ تي هيرايو آهي.“
    ”ڀلا جيڪڏهن هي رلي وٺون ته پوءِ پئسا وٺندينءَ.“ رخسانه چيو.
    زينا رلي کڻي رخسانه کي ڏيندي چيو.
    ”هيءَ منهنجي طرفان سوکڙي سمجهي کڻي وڃو پر پئسا نه وٺنديس.“
    ٻئي ڄڻيون هڪٻئي کي حيرت منجهان تڪڻ لڳيون. ڪنول ۽ رخسانه سندن ٿورا مڃيندي موڪلايو.
    زينا به سندن وڃڻ کانپوءِ ڪم ڪار ۾ لڳي وئي.
    شام ٿيندي ئي سانول گهر موٽيو ۽ ٻنهي ماءُ ۽ ڌيئرن کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو. زينت کي بخار ۽ مٿي کي ڦيري رهڻ لڳي هئي، کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هئائين. ڊاڪٽر ٻنهي جي تپاس ڪري کين سائي ٻڌائي.
    ”ڪاري ڪامڻ؟“ زينا جي اکين ۾ خوف لهي آيو.
    زينا محسوس ڪيو ته سانول جي اکين ۾ ڏکياري ڪيفيت هئي.
    رات جو ڪم ڪار لاهي هرڪو آرامي ٿيو ته زينا اچي روئڻ ۾ پئي. سانول به تمام گهڻو پريشان هو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ منڇر ڪاريهر وانگيان وراڪا ڪري رهي هجي ڏنگڻ لاءِ. ڪيترن کي پنهنجي زهر وگهي سٽي رکيو هئائين.
    ”ماڻهو پنجاب ڏانهن لڏيندا پيا وڃن. گهڻا مهاڻا تربيلا، منگلا ۽ سمنڊ تي وڃي آباد ٿيا آهن. هاڻ وڌيڪ هتي نه رهنداسين، زينا.“
    سانول جون اکيون ڳاڙهيون هيون. ڄڻ روح ۾ باهه جا اُلا ڀڙڪي رهيا هيس.
    ”منڇر منهنجي امڙ جهڙي آهي، هنن ڇولين ۾، امڙ ابي جي آسيس ٿي اچي.“
    زينا سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ٻاهر چوڏهينءَ جو چنڊ چمڪي رهيو هو. لهرن تي چانڊوڪي ٻڪ ڀري ڀري ڪرڻن جي ورکا ٿي ڪئي، چانڊوڪي زينا جي ڏک کان بي خبر هئي.
    ”جي زينا هتان نه نڪتا سين ته اسان جا نسل چُڙي چُڙي مري ويندا! جيئڻ ڪاڻ ته جتن ڪرڻا آهن سامهون ڌٻڻ هجي، ڇا گپ چڪ ۾ ڦاسي مرڻ قبول ڪندينءَ؟“ تون اهو رستو ڳوليندينءَ نه زينا، جنهن ۾ تنهنجي پيڙهيءَ جو جياپو هجي.“
    لفظن، زينا جي دل ۾ گهر ڪري ورتو، جي ٻارن کي ڪجهه ٿي پوي ته هن جي حياتي ڪهڙي ڪم جي! موت ته کٽ تي به ايندو پوءِ سمنڊ کان ڪهڙو ڀو ڪجي!
    ٻئي ڏينهن سانول ڪراچي هليو ويو، هڪ مهيني ۾ ايترو ڪمائي ورتائين جو منڇر مان مهينن ۾ به نه ڪمائي سگهي ها.
    دنيا منڇر تي ته ختم نه ٿي ٿئي!
    زينا سامان ٺاهي رکيو هو. سانول کيس وٺڻ آيو ته هيانءُ لاهي وڌائين، ڄڻ گهر ۾ مرتيو ٿيو هجي. سڀني سان روئي موڪلائڻ لڳي. پوءِ ائين لڳس ته ڄڻ پنهنجو بار کڻي ڪناري تي پهتي هجي.
    سوزوڪي ۾ سمورو سامان سٿجي ويو. پر زينا ڊوڙي وڃي منڇر جي لهرن ۾ ڪري ڄڻ کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي هجي.
    ”منهنجي امڙ، منهنجي جيجل...“ چوندي رهي.
    سانول به پنهنجا لڙڪ جهلي نه سگهيو ۽ منڇر به ڄڻ ته پنهنجي ئي لڙڪن ۾ ٻڏي وئي.


    چهري تي سهميل چانڊوڪيءَ جو عڪس

    وقت جي چهري تان رات جو پلئه کسڪي رهيو آهي. هرطرف خاموشي آهي. دل کي زخمي ڪندڙ خاموشي. ثانيه جون اکيون گهڙيال ۾ کتل آهن. رات جا ٻه ٿيا آهن. اڃان رات گذرڻ ۾ ڊگهو وقت باقي آهي. سندس مڙس الطاف گهري ننڊ ۾ آهي، هوءَ سڄو ڏينهن بزنس جي سلسلي ۾ مصروف رهي ٿو. هو چاهي ٿي ته الطاف کي ننڊ مان جاڳائي، کيس پنهنجي ڪيفيت ٻڌائي. هن گهڻيون ڳالهيون دل ۾ سانڍي رکيون آهن پر کيس موقعو ئي نٿو ملي. ننڊ مان اٿاري کيس ٻڌائي ته هوءَ پاڻ کي اڪيلو ٿي سمجهي، هن کان ڏينهون ڏينهن پري ٿي رهي آهي. پر هوءَ اها ڳالهه پنهنجي مڙس کي ڪئين ٻڌائي سگهندي ته ڪو ٻيو تصور هن جي احساس ۾ جذب ٿي رهيو آهي.
    هاڻ هوءَ ڪنهن غير مرد لاءِ سوچڻ لڳي آهي. هوءَ ائين نه ٿي چاهي پر دل جي اڪيلاين کيس مجبور ڪري وڌو آهي. روحل جي اداس اکين ۽ چهري جي گنڀيرتا ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺي آهي. جيئڻ لاءِ ڪوته اتساهه هجي!
    هن جنهن بينڪ ۾ نئون اڪائونٽ کوليو آهي، روحل اتي سيڪنڊ آفيسر طور، ڪجهه ڏينهن اڳ بدلي ٿي آيو آهي. هو ڪم جي معاملي ۾ تمام گهڻو ذميدار آهي، تڏهن هن جو هر ڪم جلدي ٿي وڃي ٿو.
    هو خاموش طبع ۽ لاتعلق لڳي ٿو. سندس اکين ۾ مردن واري هوشياري ۽ تجسس ناهي پر وڻ جي گهاٽي ڇانو جهڙو احساس آهي.
    اهو احساس، جنهن جي پائڻ جي تمنا هر انسان کي ٿئي ٿي، ڪڏهن ڪنهن جي اکين ۾ پنهنجي ذات جو اولڙو نظر ايندو آهي.
    چهري جي اداسيءَ ۾ پنهنجي اداسي ڌڙڪندي محسوس ٿيندي آهي.
    يا ائين لڳندو آهي کيس ان ماڻهو جو انتظار هو. هوءَ پنهنجي ويجهي سهيلي نرمل سان به دل جو حال نه ٿي اوري سگهي، نرمل ڇا سوچيندي هن جي باري ۾....!!!
    هوءَ پنهنجي احساس کان پاڻ ئي خوفزده آهي، نرمل ئي کيس ٻڌايو هو، روحل جي زال جيتري بد مزاج آهي اوترو ئي چاهيندو اٿس.
    اهو ٻڌي ثانيه ٿڌو ساهه ڀري خاموش ٿي وئي.
    ثانيه جيتري خوبصورت ۽ سلجهيل آهي، سندس مڙس الطاف اوترو ئي بدمزاج آهي. هو معمول کان وڌيڪ تيز لهجي ۾ ڳالهائي ٿو. اها ڪاوڙ ۽ بي صبري ڏينهن رات مصروفيت ڪري آهي. الطاف جو سافٽ ويئر جو ڪاروبار آهي، فائدو لڪائي نقصان وڌائي ٻڌائيندو آهي. ثانيه هڪ پرائيويٽ فرم ۾ نوڪري ڪري ٿي. شروع ۾ هوءَ الطاف کي سمورا پئسا ٻڌائيندي هئي. سندن جوائنٽ اڪائونٽ آهي. الطاف پئسي جي معاملي ۾ ڪنجوس آهي. انڪري لڪي الڳ اڪائونٽ کوليو اٿس. ان ڪري اڪثر اڪيلي پئسا ڊپازٽ ڪرائڻ ايندي آهي.
    ڪڏهن ضرورت بنا به بينڪ وڃڻ تي دل چوندي اٿس. ان ڏينهن بينڪ وئي ته هڪ خوبصورت ڇوڪري، روحل سان ويٺي هئي. ثانيه جي اکين جي جوت وسامي وئي. بينڪ ۾ موجود ماڻهو ان ڇوڪريءَ جو آواز ڪنائي رهيا هئا. سندن بي باڪ اکيون ڇوڪريءَ جي وجود ۾ کتل هيون. هڪ ڌيان ڇڪائيندڙ خوشبو ڇوڪريءَ جي سوڙهن ڪپڙن مان آزاد ٿي، اتي موجود مردن جي خواهشن کي آزمائڻ لڳي هئي.
    پر روحل جي نظر ۾ سادگي هئي، هو ان خوبصورتيءَ کان لاتعلق هو.
    ان لاتعلقيءَ ته کيس موهيو هو. هن پنهنجي اندر اطمينان جي ٿڌاڻ کي لهندي محسوس ڪيو، ڄڻ هوءَ روحل سان ڪنهن تعلق جي ڏور ۾ ٻڌل هجي.
    ڇوڪري جي وڃڻ بعد بينڪ ۾ موجود ماڻهو سندس وجود جي خوشبو کي محسوس ڪري ٿڌا ساهه ڀري رهيا آهن. فون وڳي ته روحل فون تي ڳالهائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. ڪو سخت لهجو فون ۾ گونجي اٿيو. شايد سندس زال آهي، ٿورو گهٻرايل لڳو.
    هوءَ روحل جي چهري تان نظرون هٽائڻ نه ٿي گهري. پر کيس لڳي ٿو، بينڪ ۾ موجود هر ماڻهو کيس طنزيه نظرن سان گهوري رهيو آهي.
    هوءَ گهٻرائجي روحل جي چهري تان نظرون هٽائي، سندس آواز ٻڌڻ لڳي. هڪ ڌيمو خوبصورت آواز آهي. سانوڻي مند ۾ وسندڙ خاموش برسات جيان....
    بعض آواز ۽ لهجا ڪيڏا وڻندڙ ٿين ٿا. اڃايل احساس کي سيراب ڪندا رهن ٿا.
    گهڙيءَ پل لاءِ ٻڌندڙ تي وجد جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي.
    پوءِ وري خاموشيءَ جي هڪ گهري ڪُن ۾ احساس ڦرڻ لڳي ٿو. وري ڪنن کي انتظار رهي ٿو ان آواز جو....
    روحل جي سامهون ويهندي کيس تحفظ جو احساس ٿيندو آهي، پر روحل بي خبرآهي هن جي اکين جي اُڻ تڻ کان...
    هن جي جذبي جي تپش ۾ ڪو اثر ناهي شايد...
    هوءَ اداسيءَ سان سوچي ٿي.
    روحل پئسا ڊپازٽ ڪري ڏاهنس ڏٺو. اڄ هو ڪجهه اداس لڳي ٿو. هن جي اداسيءَ ۾ هڪ گهري ڪشش آهي. ان ڪشش ۾ وڃائجي ثانيه کي پنهنجي هئڻ جو احساس ٿيڻ لڳو.
    ثانيه جي دل نه ٿي چوي اٿڻ لاءِ. هوءَ گهڻو ڪجه ٻڌڻ ٿي چاهي، چهري جي اداسي ۽ اکين جي ڳاڙهاڻ جو سبب معلوم ڪرڻ ٿي گهري. پر روحل ازل کان لاتعلق لڳي ٿو.
    هوءَ نه چاهيندي به اٿي ٿي، روحل ڪنڌ جهڪائي لکڻ ۾ مصروف آهي.
    گاڏي اسٽارٽ ڪندي سوچي ٿي، هوءَ ايترا دفعا بينڪ آئي آهي، پر روحل هڪ دفعو به نه مرڪيو آهي. هو مرڪندي سهڻو لڳندو هوندو، ائين جيئن ڪڪرن مان اوچتو سج نڪري اچي...
    هو چاهي ٿي روحل جي باري ۾ نه سوچي پر پوءِ به سوچڻ کانسواءِ رهي نه ٿي سگهي، شايد زندگيءَ جا مسئلا سوچي ٿڪ محسوس ڪرڻ لڳي آهي.
    هن جي دل ۾ شديد خواهش آهي، روحل سان فون تي ڳالهائڻ جي. فون تي هو خاموش محبت جو اظهار ڪري سگهندي شايد...
    وڻن واري رستي تي دير تائين هن سان گڏ خاموشيءَ سان هلندي رهڻ جي...
    يا شام جي ڪنهن هوٽل ۾ آرڪسٽرا جي ڌن ٻڌندي گڏ چانهن پيئڻ جي. ٻيو نه ته ڪو هڪ جملو کيس چئي سگهان!
    عورت ڪنهن کي تصور ۾ سوچيندي به خوفزده ٿيندي آهي. پر منهنجو اظهار جيڪڏهن مون کي روحل جي نظر ۾ ڪيرائي ڇڏي ته اهڙي اظهار جو ڪهڙو فائدو! هڪ شادي شده عورت کي محبت ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي. هن جواب ۾ ڪا سخت ڳالهه چئي ته مان پنهنجي ئي نظرن ۾ڪري پوندس.
    حساس عورت جو پيار شيشي کان به وڌيڪ نازڪ ٿئي ٿو. مون ته ڪڏهن يونيورسٽيءَ ۾ به ڪنهن ڇوڪري کي دل ڀري نه ڏٺو، هاڻ منهنجون نظرون هر وقت روحل جي چهري جو طواف ڪرڻ ڇو ٿيون چاهين! منهنجي ذهن ۾ هر هر هن جو خيال ڇو ٿو اچي!!! شايد هو ٻين مردن کان مختلف آهي.
    هن جي نظر ۾ خواهش پرستي بدران عورت لاءِ احترام جو جذبو آهي. شايد منهنجي خوابن ۾ جيڪو تصور مون سان گڏ هلندو هو، روحل ان تصور جي حقيقت آهي.
    هن جو تصور خواب جو حصو آهي، پر روحل ان خواب جي تعبير آهي. عورت گفتگوءَ ۾ نرم ۽ سٻاجهو لهجو چاهيندي آهي. پنهنجو گهر ڇڏي جڏهن ساهري گهر ۾داخل ٿيندي آهي ته پوئتي ڇڏي آيل محبتن جهڙي محبت پائڻ جي تمنا ڪندي آهي.
    هڪ گهرو ڇانورو، جيڪو زندگيءَ جي سختين کان کيس پناهه ڏئي سگهي.
    پر عورت جي حصي ۾ روين جي تيز اُس ايندي آهي. ڪنهن جي حصي ۾ گهٽ ته ڪنهن جي حصي ۾ وڌيڪ...
    هوءَ مشين بڻجي زندگي گذاري ٿي. شايد هڪ ضرورت بڻجي. هوءَ ڏيڻ ۽ ارپڻ لاءِ آهي، هرڪو هن کان توقع رکي ٿو، پر هو ڪنهن ڏانهن اميد ڀرين نظرن سان ڏسي...!!!
    جيئن هوءَ چاهي ٿي ماءُ جي گهر وڃي رهي، گهر جي هر هڪ ڪنڊ کي محسوس ڪري، ان ۾ لڳل وڻن ۽ ٻوٽن سان ڳالهائي. ماءُ پيءُ جي چهرن کي دير تائين تڪيندي رهي. الاءِ ته ڪهڙو اتساهه ملندو آهي انهن چهرن کي ڏسي. ڄڻ ته گهايل رُوح تي آٿت جا پها رکندا هجن اهي چهرا. احساس سان جڙيل، اهي محبتون ٻيو ڪير ڏيندو!
    اهي وڃائجي ويل ٽهڪ ۽ مرڪون ڳولي، جتي هاڻ ماءُ پيءُ جا ٿڌا ساهه وڃي بچيا آهن. سندس ماءُ ڪينيڊا ويل ڌيءَ لاءِ خاموشيءَ سان لڙڪ ڳاڙيندي آهي ۽ اکين کان پري رهندڙ پٽن جي اوسيئڙي ۾ وقت گذرندو اٿس.
    هوءَ بي چين ٿي پاسو ورائي ٿي.
    محبت هڪ لمحي ۾ٿي ويندي آهي، هڪ پل ئي هوندو آهي، الهام جو...
    ڪاش! اڳ ۾ روحل سان ملي ها! پوءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ها کيس پائڻ لاءِ...
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هوءَ بينڪ وئي ته روحل کيس غور سان ڏسندي چيو.
    ”ايترن ڏينهن کانپوءِ آيا آهيو؟“ کيس لڳو ڄڻ هن جو انتظار روحل جي لهجي ۾ منتقل ٿي ويو هجي.
    پنهنجي خوشفهمي تي دکي ٿي پئي.
    ”بس ڪجهه مصروف هيس.“ اداس ۽ وکريل لهجي ۾ فقط ايترو چئي سگهي.
    ”توهان اڳي کان ڪمزور ٿا ڏسجو، طبعيت ته ٺيڪ آهي نه توهان جي؟“ روحل جي لهجي ۾ اوسيئڙو هو، هن جي نظر ۾ ثانيه کي ڪا تبديلي محسوس ٿي. ڄڻ هو ثانيه جي چهري جي اداسي جو سبب ڄاڻڻ چاهيندو هجي، اڄ هو خاموش ۽ لاتعلق نه ٿي لڳو.
    حالات جي سختين مون کي وهمي ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ پنهنجي غلط فهميءَ تي دل ئي دل ۾ مرڪي پئي.
    ”پريشان ٿا ڏسجو؟“ روحل کيس غور سان ڏسندي چيو.
    کيس لڳو اکين جي گُهور سان سندس احساس ميڻ جيان رجي پوندو. هوءَ ثانيه مان لڙڪن جو سمنڊ بڻجي پوندي.
    سندس سڏڪا بينڪ ۾موجود سمورا ماڻهو ٻڌندا. پوءِ طرح طرح جون ڳالهيون ڪندا.
    ثانيه جون اکيون لڙڪن سان ڀريل آهن، روحل جي چهري تي پريشاني وڌڻ لڳي.
    ”مان ٺيڪ آهيان“ ڪجهه لڙڪ ڳلن تي لڙي آيس، هوءَ خاموشيءَ سان ٻاهر نڪري آئي.
    همدرديءَ جي ٻن ٻولن سندس وجود جي مضبوط ديوار ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هجن ڄڻ ته... روحل جون سواليه اکيون ۽ چهري جي حيرت پوئتي رهجي ويا.
    انهن چند جملن ۾ مڪمل احساس موجود هو. ضروري ناهي ته هو به مون لاءِ ائين ئي سوچيندو هجي، جيئن مان هن لاءِ سوچيان ٿي. يڪطرفه محبت ۾ ٺهراءُ آهي.
    ٻن طرفن واري محبت غلط فهمين ۽ جهيڙن جي نذر ٿيو وڃي، محبت جي چاشني زهر بڻجي پئي ٿي.
    ٻن طرفن واري محبت کي بقا نه آهي. يڪطرفه محبت امر آهي، محبت لاءِ اهو ڪافي آهي ته جنهن سان محبت ڪجي ان جو تصور زندگي ڏيندو رهي.
    پر هوءَ روحل کي سندس سوال جو جواب ڇو نه ڏئي سگهي! پنهنجي خوشفهمي جو ڀرم قائم رکڻ لاءِ هن پنهنجو اڪائونٽ ٻي بينڪ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو.


    رنگين پَرَ هوا بنان اڌورا آهن!

    هوءَ آزاد فضائن ۾ وڻن مٿان اڏامندي رهي ٿي، اڏامڻ ۾ هڪ وڻندڙ احساس لڪل آهي، جيڪو لهرن ۾ ترندي محسوس ٿيندو آهي. وقت لهرن جي دائري ۾ قيد آهي، پر فضا لامحدود آهي.
    زمين جي حدن کان ٻاهر هر شيءَ مختلف آهي.
    زندگيءَ سان ڀرپور...
    هوءَ هڪ انتهائي خوبصورت پوپٽي آهي. حسين رنگن واري، سندس انڊلٺ ورنا رنگ، اُس ۾ گهرا لڳن ٿا. ڇانو ۾ هوءَ وڌيڪ حسين لڳي ٿي. اهو هڪ خوبصورت باغ آهي. گهاٽا وڻ قطار در قطار پريمين جيان، هڪٻئي جي ڳچين ۾ ٻانهون وجهي راز و نياز ۾ مصروف نظر ايندا آهن. باغ ۾ ڇٻر جو هڪ چهچ سائو گلم وڇايل، جنهن مٿان انيڪ گل ۽ ٻوٽا هوائن جي سرن تي رقص ڪندا رهن ٿا. هوا جي هر جهوٽي سان ساهه، گلن جي لطيف خوشبوءَ سان معطر ٿي وڃن ٿا. پوپٽي گلن جو مٺو رس پنهنجي وجود ۾ اوتي فضا ۾ اڏامي ٿي. جنهن رنگ جي گلن جو رس پيئي ٿي ته گهڙي پل لاءِ اهي رنگ سندس پَرن مان جرڪڻ لڳن ٿا.
    هوءَ فضا ۾ ائين اڏامي ٿي ڄڻ لهرن ۾ ترندي هجي. اڏامڻ سمي سندس پرن مان نڪرندڙ مڌر آواز ڪنهن ساز کان وڌيڪ دلڪش آهي.
    آزادي جي نغمي جيان...
    شاخن مان ڇڻيل پيلا پن، هڪ غير محسوس اداسيءَ ۾ ويڙهيل آهن ۽ مٿي روشن فضا ۾ پوپٽي وجد جي ڪيفيت ۾ اڏامي رهي آهي.
    ڪڏهن ٿڪجي ڪنهن سائي ٻوٽي تي ويهڻ مهل ساون پنن جي جهرمٽ ۾ ڪو گل لڳي ٿي.
    فضا ۾ پکين جي ٻولين جا سر وکريل آهن، سج جي روشنيءَ جي عڪس ۾ باغ جو هر منظر حسين لڳي ٿو.
    روشنيءَ جو ساوڪ سان هڪ گهرو سنٻنڌ آهي،
    جئين دل جو محبت جي ڪشش سان هوندو آهي.
    سج جا ڪرڻا پوپٽي جي اکين کي ڳرا لڳڻ لڳا، ٻارن جو هجوم هن ڏانهن ڊوڙي آيو، هوءَ مرڪي ٻيهر اڏامي وئي. هن جي پرن ۾ گلن جي سڳنڌ آهي، ٻار هن جي پٺيان ڊوڙندا رهيا ۽ هنن کان خائف ٿي هوءَ گل تان ڇرڪي اٿي وئي.
    اڃايل رهجي وڃي ٿي، گلن جي خوشبوءَ جو نشو کيس پاڻ ڏانهن ٿو ڇڪي، پر پڪڙجڻ جي خوف کان هوءَ ان امرت کان محروم نظر اچي ٿي.
    مٿي تمام مٿي اڏامي ٿي، جتي بادل هوائن سان ڪچهرين ۾ مشغول آهن. هوءَ فضا ۾ ترندڙ رنگن سان کيڏڻ لڳي ٿي.
    بلندي کان باغ هڪ گلدستي جيان لڳي ٿو، تيز هوا ۾ هوءَ بنا پرن چورڻ جي اڏامي ٿي.
    خاموشي ۽ سرشاريءَ سان...
    گلن جا نيرا، پيلا، ڳاڙها ۽ واڱڻائي رنگ کيس پاڻ ڏانهن ڇڪن ٿا.
    پر خوف، سيراب ٿيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو آهي. جڏهن ٻار هليا ويا ۽ ماڻهن جو تعداد گهٽ ٿي ويو ته هوءَ هيٺ لهي آئي. گلن جي رنگ ۾ پوپٽن جو ويساهه جيئي ٿو، هوءَ هڪ گهري ڳاڙهي گل سان چهٽي ان جو رس مزي سان پي رهي آهي، جيئن مڌ پيئندي هجي.
    ساوڪ سان پوپٽي کي پنهنجو رشتو مضبوط ٿيندي محسوس ٿيو.
    ساوڪ برسات بنا اڌوري آهي، پوپٽي گلن جا خواب ڏسي ٿي. ساوڪ بادلن جا.
    شين جي تعلق ۾ هڪ عجيب سونهن آهي. پوپٽي ٽيڏي اک سان ان گل ڏانهن ڏسي ٿي، جنهن کي ماکيءَ جون مکيون چهٽي ان جو رس مزي سان پي رهيون آهن.
    پوپٽي بي چين ٿي گل مٿان ڦيرا پائڻ لڳي، ان گل جو رس باغ جي تمام گلن کان وڌيڪ مٺو آهي.
    ماکيءَ جي مک چالاڪ هئڻ ڪري پوپٽي کي وارو نه ٿو ملي. هوءَ دير تائين انتظار ڪري ٿي پنهنجي واري اچڻ لاءِ.
    پوپٽي، ماکيءَ جي مکين سان حسد محسوس ڪرڻ لڳي. انهن کان ڊڄي ٿي. ماکيءَ جون مکيون رس پي وينديون ته پوءِ گل جو رس ڦڪو ۽ بي مزي ٿي پوي ٿو.
    ان رس مان ماکي ٺهندي. انڪري گل تي ماکيءَ جي مک جو وڌيڪ حق آهي. پوپٽي پاڻ کي سمجهائي ٿڌو ساهه ڀريو. ماکيءَ جي مکين جي جيئڻ جو ڪو مقصد آهي.
    هوءَ وڻن جي پناهه ۾ هلي وئي، جتي جهرڪيءَ جي آکيري ۾ ٻچا کاڌي لاءِ واجهائي رهيا آهن. سمورا وڻ پکين سان ڀريا پيا آهن، کيس طرح طرح جا پکي نظر آيا.
    منهنجي زندگيءَ جو به ڪو ضرور مقصد هوندو. هڪ وڻ جي پن تي هوا جي آڌار تي لڏندي کيس ننڊ اچي وئي. ڪانءَ جي ڀوائتي آواز تي ڇرڪي، جاڳي پئي. کيس لڳو ڄڻ ڪنهن تيز سٽ سان سندس پر ٽٽي هوا ۾ وکري ويا هجن...
    هوءَ ڪرڻ واري انداز ۾ وڻ تان هيسجي لهي آئي ۽ هڪ سڪل پن تي ويهي مٿي ڏسڻ لڳي. روشني وڻ جي وٿين مان جهرمر ليئا پائي رهي آهي. ڪانءُ وڻ تي مستقل بي سري آواز ۾ ڪان ڪان ڪري پيو. سمورن پکين ۾ هوءَ ڪانءُ کان خوف محسوس ڪندي آهي.
    ماکيءَ جو مکيون گلن تي لامارا ڏيڻ لڳيون.
    وڻ وٽ هڪ سخت چهري وارو شخص بيٺو هو، جيڪو هن اڳ نه ڏٺو هو. ان شخص جي هٿ ۾ سفيد ڄاري هئي. جنهن ۾ ڪجهه پوپٽ ڦٿڪي رهيا هئا. پوپٽي خوف وچان ڏڪڻ لڳي ۽ اڏامي ٻوٽن جي جهرمٽ ۾ لڪي وئي.
    هو Entomologist ريان هو. پوپٽن کي قيد ڪري کڻي ويندو هو. ايئن هڪ خاص عمل تحت کين محفوظ ڪري، فريم ۾ قيد ڪري ڇڏيندو هو. هو هڪ سئي پوپٽن جي ٻنهي پرن جي وچ واري حصي ۾ هڻندو آهي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن هنن جا پر سڪي وڃن ٿا ته هو سئي ڪڍي، هڪ ٻئي عمل تحت کين محفوظ ڪري فريم جي زينت بڻائي ٿو. هنجي ان منفرد فن جي ملڪي توڙي غير ملڪي مارڪيٽ ۾ وڏي گهرج آهي. هو ماڻهو هليو ويو، پر پوپٽيءَ جو ڄڻ ته سک ڦٽي ويو. هوءَ باغ جي سڀ کان خوبصورت مخلوق هئي. کيس عجيب خوف دل ۾ محسوس ٿيندو هو ته ڪٿي هو انسانن جي ظالم هٿن جي ور نه چڙهي وڃي. هوءَ ته انسانن کان خوفزده هئي. هن انسانن کي پوپٽن سان به برو سلوڪ ڪندي ڏٺو هو. هن ڪيترا دفعا شاخن کان جدا ٿيندڙ گلن جون ڪيهون ٻڌيون هيون. جڏهن انساني هٿ شاخن کان کين الڳ ڪندا هئا.
    جڏهن کان ان سخت چهري واري شخص باغ ۾ اچڻ شروع ڪيو آهي ته پوپٽي ان جڳهه کان پري اڏامندي آهي. باغ جي هڪ اهڙي حصي ۾ جيڪو ويران ۽ خاموش آهي. جتي ڇٻر خشڪ ۽ بي جان آهي. اڪثر ٻوٽا به سڪل آهن. زمين تي هر طرف پيلا پن وکريل هوندا آهن. هڪ عجيب اداسي هوندي آهي، باغ جي ان حصي ۾. ان ڪري پوپٽي کي باغ جو اهو حصو اڃايل لڳندو آهي. سيراب ٿيڻ کانپوءِ، شايد هتان جي رٺل بهار واپس موٽي آئي. پوپٽي کي ساوڪ سان پيار آهي پر هاڻ کيس خزان وگهي سٽيل خشڪ ٻوٽن ۽ اجڙيل وڻن سان انسيت ٿي وئي آهي. هتي هوءَ پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿي. ان حصي ۾ هڪ ٻيو پوپٽ به خاموشيءَ سان اڏامندو رهندو هو.
    پوپٽي خاموش رهندي هئي پر پوءِ به پوپٽ همت نه هاري. هو به ڪافي عرصي تائين پوپٽي جي خاموش لمحن جو ساٿي بڻيل رهيو. پوپٽي کي پوپٽ جي اها خاموش ادا وڻي وئي، هڪ ڏينهن ٻئي سٺا دوست بڻجي ويا.
    ان ڏينهن پوپٽي خاموش ۽ اداس هئي. پڇڻ تي هن پوپٽ کي پنهنجي انديشن کان آگاهه ڪيو.
    ”اهو تنهنجو وهم آهي.“ پوپٽ پرڙا پکيڙي ٻوٽن مٿان اڏامڻ لڳو.
    ”هو ماڻهو روز پنهنجي ڄار ۾ پوپٽ ڦاسائي کڻي وڃي ٿو.“
    ”پر تون هڪ هوشيار پوپٽي آهين، توکي ڪو نه پڪڙي سگهندو.“ پوپٽ شرارت سان چيو.
    ”مون وڏن کان ٻڌو آهي ته جنهن شيءَ جو گهڻو چاهه ٿئي ٿو، اها کسجي وڃي ٿي.“
    پوپٽي جي لهجي ۾ اداسي هئي.
    ”توکي ڪنهن شيءَ جو چاهه آهي؟“ پوپٽ تجسس مان پڇيو.
    پوپٽي هوريان، باغ ۾ ٽڙندڙ هڪ خوبصورت نيري گل تي لهي ان جو رس چوسڻ لڳي.
    ”تو منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو “ پوپٽ هن جي ڀر سان ويهندي چيو.
    ”مون کي آزاد فضائن ۾اڏرڻ جو چاھ آهي ، هي باغ مون کي پسند آهي. هتي جي ساوڪ، گلن جي سرهاڻ ۽ وڻن جي ڇانو منهنجي روح ۾ سمائجي وئي آهي.“
    ”ان جو مطلب ته تون رڳو بي جان شين جي چاهه ۾ مبتلا آهين“ پوپٽ جي لهجي ۾ مايوسي هئي.
    ”ها شايد“
    پوپٽ ڪاوڙ مان گل تان اڏامي ويو.
    ان ڏينهن پوپٽي خماريل ڪيفيت ۾ آزاد هوا ۾ اڏامندي رهي. هوءَ پوپٽ سان گهري محبت ڪرڻ لڳي هئي.
    کيس ايئن لڳو، ساوڪ جي ڪشش سان گڏ، پوپٽ جو چاهه به هن جي اکين ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ هو به هن سان گڏ خاموشيءَ سان اڏامي رهيو هجي.
    اڏامندي اڏامندي رات ٿي وئي، رات هن کان اڏامڻ جي سگهه کسي وٺي ٿي. انڪري پوپٽي کي ساوڪ سان گڏ سورج سان به پيار آهي. صبح جو هن جي ٿڌي ۽ بي جان وجود ۾ ان وقت ساهه پوندو آهي، جڏهن سج جا ريشمي ڪرڻا هن جي پرن تي پوندا آهن. ايئن کيس ٻيهر اڏرڻ جي سگهه موٽي ملندي آهي. هوءَ هڪ سائي ٻوٽي جي اندر پنهنجي بستري تي سمهي رهي، جيڪر سج ڪڏهن به نه لهي! هوءَ سج جي روشن ڪرڻن کي ياد ڪري سڏڪي پئي. هو چاهي ٿي ته ڪاش رات جو به اڏامي سگهي. هو ان وقت اڏرڻ چاهي ٿي، پر بي ستي وجود ۾ هڪ اداسي کي محسوس ڪري صبر جو ڍڪ ڀري ٿي. رنگين پَر پنهنجي سگهه وڃائي ويٺا آهن.
    صبح جو هوءَ ساڳي طاقت ۽ زندگيءَ جو احساس پرن ۾ سموئي اڏامڻ لڳي. ڪڏهن وڻن کان تمام گهڻو مٿي اڏامڻ لڳي ٿي. نيري آسمان ۾ ڇانو جهڙو سڪون ڀريل آهي. سج هلڪن ڪڪرن سان اکٻوٽ کيڏي رهيو آهي. تمام گهڻو مٿي بادلن جي ڀرسان پکي پر پکيڙي اڏامي رهيا آهن.
    هوءَ حسرت سان مٿي ڏسي ٿي. هن جي دل ۾ آسمان کي ڇهڻ جي تمنا آهي.
    پوپٽي کي پنهنجي نرم، رنگين ۽ ريشمي پرن سان پيار آهي. هوءَ جنهن وقت چاهي زمين جي حدن مان نڪري آسمان جي رنگن ۾ اڏامندي رهندي آهي. هن کي آسمان سان پيار آهي. جنهن جي هنج ۾ اڏامندي هوءَ هوائن کان سک ۽ آزاديءَ جا گيت ٻڌندي آهي. هوا سندس ويجهي سرتي آهي. جيڪا کيس پيار سان پنهنجي ٻانهن ۾ سنڀالي رکي ٿي. جڏهن ڪاوڙ مان گهلندي آهي تيزيءَ سان ته، پوپٽي هن جي ڀرسان وڃڻ کان پاسو ڪري ٿي.
    پوپٽ ڪيترن ڏينهن کان ناراض آهي، هو خاموشي سان پري اڏامندو آهي. ان ڏينهن به هوءَ پوپٽ جي خيالن ۾ هئي ته ان ظالم شخص جي ڄار ۾ ڦاسي پئي.
    ساوڪ، گل، هوا ۽ سج جا نرم ڪرڻا هن لاءِ محض خواب بڻجي ويا. سندس سهڻن پرن جي خوبصورتي ڪنهن مرجهايل گل جيان باسي لڳڻ لڳي.
    رنگن جي جوت جهڪي ٿي وئي.
    سندس پَر ڪيڏا بي معنيٰ ٿي پيا آهن آزاد فضا کسجي وڃڻ کانپوءِ.
    شين جي خوبصورتي تعلق جي روشنيءَ ۾ آهي، ان تعلق جي نوعيت بدلجي وڃي ته سرشاري جي ڪيفيت هڪ مستقل ڪسڪ ۾ بدلجي وڃي ٿي.
    سرشاري ظاهري سچ آهي يا ڪسڪ ۾ زندگيءَ جي سموري حقيقت پوشيده آهي. ان ڳوڙهي فلسفي کي پوپٽي جي ننڍڙو ذهن سمجهڻ کان قاصر آهي.
    پوپٽي، جاڳي ٿي ته قيد جي بدصورتيءَ ۾ سندس پر سڏڪندا رهن ٿا. سمهي ٿي ته خوابن ۾ ساڳي آزاد فضا آهي. موسم جي هڳاءُ ۾ واسيل هوا جي هنج ۾ هوءَ دير تائين ترندي رهي ٿي.
    ڪاش! پوپٽ سان سچ ڳالهايان ها، کيس پنهنجي محبت جو يقين ڏياري سگهان ها!
    هڪ اڌوري جملي جو ڏک زهر بڻجي هن جي جسم ۾ ڊوڙڻ لڳو.
    ان پڃري کي ڦيٿا لڳل آهن، جنهن ۾ پوپٽي قيد آهي. اهو ظالم شخص ڏينهن جو پڃري کي ٻاهر باغ ۾ رکي ٿو، جيئن سج جا ڪرڻا پوپٽ جي پَرن کي ڇهي کين تازگي ڏئي سگهن. رات جو پوپٽن جا پَر باسي گلن جهڙا ٿي وڃن ٿا. ڏينهن، انهن پرن کي مکڙيءَ مان تازي ڦٽل گل جيان سهڻا رنگ عطا ڪري ٿو. ريان کي خبر آهي ته مسلسل ڇانو ۾ رکڻ ڪري پوپٽن جا پَر بي رنگ ۽ بي جان ٿي ويندا آهن. پوپٽ کي گهڻو وقت قيد نه ٿو ڪري سگهجي. انڪري هو جيئن پوپٽ پڪڙي اچي ٿو ته هنن کي هڪدم ”اسٽائي روفوم“ تي ليٽائي پوپٽ جي وچ جسم ۾ پن هڻي ٿو پوءِ کين فريزر ۾ ڪيترا ڏينهن رکي ٿو ڇڏي. پوپٽ جا پر جڏهن هڪ اسٽل فوٽرگراف جو ڏيک ڏين ٿا ته هو سئي پوپٽي جي جسم مان ڪڍي کين فريم ۾ سينگاري ديوار تي لڳائي ٿو ڇڏي. نمائش ۾ اهي تصويرون سٺن اگهن تي وڪامجي وڃن ٿيون. انڪري پوپٽي کي احساس ٿي ويو آهي ته هن جي زندگي جا باقي ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن.
    پڃري مان هڪ هڪ ڪري سمورا پوپٽ فريم ۾ قيد ٿي ديوارن جي زينت بڻجي ويا. هاڻ پوپٽي جو وارو هو. ان ڏينهن ريان جي محبوبه شينا کيس چيو
    ”ريان تون پوپٽن جي زندگي وٺڻ بدران ڪو ٻيو ڪم ڇو نه ٿو ڪرين؟ مون کي فريم ۾ قيد انهن پوپٽن کي ڏسي سخت وحشت ٿيندي آهي.“
    ”خوبصورت شيون قيد ڪرڻ لاءِ ٿين ٿيون.“
    اها ڳالهه ٻڌي پوپٽي اکيون بند ڪري اذيت سان سوچي ٿي
    ”ڪاش! مان خوبصورت نه هجان ها! ايئن قدرت مونکي ڪمزور مخلوق بدران هڪ خوفناڪ جانور ٺاهي ها، جنهن کان انسان ڊڄي پري ڀڄي وڃي ٿو.“
    هن ڀت تي لڳل فريم ۾ قيد پوپٽن کي غور سان ڏسڻ لڳي، ”اها خوبصورتي سان وڏي زيادتي ناهي جو کيس قيد ڪري رکيو وڃي.“ شينا احتجاج ڪندي چيو.
    ”پوپٽن کي قيد ڪرڻ منهنجو پسنديده مشغلو آهي، ننڍپڻ ۾ کين ڪتابن ۾ قيد ڪندو هيس، هاڻ فريم ۾ کين محفوظ ڪري ٿو ڇڏيان.“
    ريان خبر ناهي ڇو پوپٽي کي اذيت پسند لڳو. خدا انسانن کي سڀ ڪجهه ڏئي ها پر خوبصورت شين کي قيد ڪرڻ لاءِ هٿ نه ڏئي ها!
    پوپٽي اداس ٿي سوچيو.
    پوپٽ آزاد فضا ۾ اڏامندو هوندو. سج جا ريشمي ڪرڻا سندس پرن کي ڇهندا هوندا. هو منهنجي پسنديده گل تي ويهي ان جو رس مزي سان پيئندو هوندو. نئين موسم جي هڳاءُ سان مهڪندڙ هوا جي هنج ۾ لڏندي کيس پل ڀر لاءِ به منهنجو خيال نه آيو هوندو!
    هوءَ آزاديءَ جي نشي ۾ ٻڏل آزاد فضا ۾ اڏامندو هوندو شايد ڪنهن ٻي پوپٽيءَ سان. اهو سوچي پوپٽي لڙڪن ۾ ٻڏي وئي.
    پوپٽي پنهنجي بي جان پَرن کي ڏٺو، جن جا رنگ جهڪا پئجي چڪا هيا. هوائن سان تعلق ختم ٿيڻ سان پَرن جي اهميت به اها ساڳي نه رهي هئي.
    ”پوپٽي ڏٺو پڃرو خالي ٿي چڪو هو، هاڻ هن جو وارو هو، پڃري ۾ بند هن جا ساٿي پوپٽ فريزر ۾ قيد ٿي چڪا هئا.
    پوپٽن جا پَر ڪيڏا نه سهڻا ۽ رنگين ٿين ٿا.“ شينا پڃري ۾ هڪ ننڍي ڪونڊيءَ ۾ ٽڙيل نارنگي گلن تي ويٺل پوپٽي کي ڏسي چيو.
    ”انڪري مان انهن پَرن جي سونهن ۽ رنگن کي هميشه لاءِ امر ڪري ٿو ڇڏيان.“
    ”پَر اڏامندي سٺا لڳندا آهن.“ شينا سراپا احتجاج بڻيل لڳي ٿي.
    ”پر انهن کي هر ماڻهو نه ٿو ڏسي سگهي، ماڻهن باغن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. موجوده دور جا ٻار هاڻ پوپٽن کي فقط فريمن ۾ بند ڏسي خوش ٿيندا.“ ريان هٿ وڌائي پوپٽي کي آڱرين ۾ جهلي ٻاهر ڪڍيو.
    پوپٽي خوف وچان ڏڪڻ لڳي. سندس اکين ۾ ساوڪ جي يادگيري لهي آئي، بهار جي موسم جي سڳنڌ سان واسيل هوا جو جهوٽو هن جي احساس ۾ هرڻ لڳو. اڏرڻ سمي پَرن جو آهنگ سندس يادن ۾ ڦٿڪڻ لڳو. پوپٽ جي سنگت جي سونهن ڀريل لمحن کيس آواز ڏنو.
    باغ ۾ ٽڙندڙ پسنديده ڳاڙهي گل جي ڪشش کيس بيچين ڪري وڌو ۽ هوءَ هڪ بي رحم انسان جي سخت هٿن مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڦٿڪڻ لڳي.
    ”مون زندگيءَ۾ ڪڏهن اهڙي خوبصورت پوپٽي نه ڏٺي آهي. فريم ۾ قيد ٿي هڪ شاهڪار فن پارو ٿي پوندي.“ ريان غور سان پوپٽي جي رنگين پرن کي ڏسي چيو.
    ”ها هيءَ انتهائي خوبصورت پوپٽي آهي.“
    شينا پوپٽي جا پر ڇهي چيو، پَرن جي نرمي سندس روح ۾ لهي آئي.
    انسان جا هٿ ڪيڏا نه سخت ۽ بي رحم آهن، شايد ان ڪري هو پنهنجي هٿن سان ايڏو ظلم ڪن ٿا، ايڏي ئي بي رياءِ سندن دل آهي. ڪاش! سندن دل پوپٽ جي پَرن جهڙي نرم ۽ رنگين هجي ها!
    ريان پوپٽي کي ڦاسي گهاٽ جهڙي Styrofoam تي ليٽائي ڇڏيو. پوپٽي جي جسم جا سهڻا رنگ، ڳوڙها بڻجي هوا جي آهن ۾ جذب ٿي ويا.


    ڪاش مان الباٽراس هجان!

    سمنڊ جي لهرن تي سج جا ڪرڻا جرڪي رهيا آهن، ڊيڪ تي مسافر ڪچهري ۾ رڌل آهن. پاڻي جو هي جهاز مسافرن کي هڪ خوبصورت جزيري ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. اڪثر ماڻهو پنهنجي خاندان سان اونهاري جون موڪلون گذارڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. انهن ۾ ڪي فوجي به شامل آهن. ٽوئرسٽ گائيڊ اليڪس، دوربين سان آسمان جو نظارو ڪري رهيو آهي. ٻاهٺ سالن جو اليڪس زندهه دل انسان آهي. جهاز تي موجود هر ماڻهو سندس ڪمپني ۾ پاڻ کي خوش ۽ پرسڪون محسوس ڪري ٿو. مٿي آسمان تي ٻه الباٽراس پکي اڏامي رهيا آهن.
    دوربين ۾ الباٽراس جا سفيد کنڀ ڪپهه جي پوڻين جيان لڳن ٿا. انگلينڊ جا اهي جزيره پوري دنيا جي سياحن جي توجهه جو مرڪز آهن. جهنگلي جيوت سان پيار ڪندڙ ماڻهو سي گل ۽ الباٽراس جهڙن پکين جي خوبصورت اڏام سان محفوظ ٿين ٿا. انهن ساحلي علائقن ۾ زندگي، خوبصورت نظارن جي حسن ۾ وڃائجي وڌيڪ بامعنيٰ لڳي ٿي.
    انهن پکين مان اليڪس کي، الباٽراس پسند آهي. هنجي دل ۾ الباٽراس وانگر اڏام جي خواهش آهي. الباٽراس کي ڇهي ڏسڻ جي تمنا. نيري آسمان جي پس منظر ۾ الباٽراس جو جوڙو اڏامي رهيو آهي.
    پنهنجي اڻپوري تمنا تي دل ۾ کلي پوي ٿو. ڪٿي الباٽراس ۽ ڪٿي هو.
    الباٽراس آسمانن جو شهزادو آهي. آسمان جي پنهنجي هڪ لامحدود دنيا آهي، سمنڊ جيان آسمان به اليڪس جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. سمنڊ جي اها خوبي آهي ته هو آسمان جي مختلف رنگن کي پنهنجي اندر جذب ڪري ٿو. سمنڊ آسمان جي مختلف منظرن ۾ کيس سدائين پرڪشش لڳندو هو.
    سمنڊ هڪ سهڻو عڪس آهي. عڪس حقيقت کان وڌيڪ دلفريب ٿئي ٿو. اليڪس کي حقيقتن کان وڌيڪ خواب وڻن ٿا. خواب کيس لکڻ لاءِ اتساهين ٿا، سفر ڏانهن ڇڪن ٿا ۽ هو اڻ ڏٺل دنيائون، دريافت ڪندو رهي ٿو.
    هن ڌرتي تي جيترا انسان وسن ٿا، اوتريون ئي دنيائون آهن، هر انسان ۾ هڪ مختلف دنيا وسي ٿي.
    ”تون آسمان ۾ ڇا ڏسي رهيو آهين؟“ مرڪ هن جي ويجهو اچي چيو.
    ”تون پاڻ ڏس“
    دور بين وٺي هو آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    ”فقط آسمان نظر اچي ٿو.“
    ”آسمان ۾ گهڻو ڪجهه آهي هو ڏس اتر طرف الباٽراس اڏامن ٿا.“
    ”ها هو ٻه پکي“ مرڪ دوربين جو رخ بدلائي ڏسي ٿي.
    ”ها هو ٻه پکي آسمان ۾ اڏامندي ڪيترا نه سهڻا لڳن ٿا!“
    ”ها تمام گهڻا، خوبصورت آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته بلڪل گڏ اڏامي رهيا آهن، ڄڻ هڪٻئي سان جڙيل هجن.“
    مرڪ حيرت مان چيو.
    ڪي پل دوربين ۾ آسمان ڏانهن ڏسندي رهي ٿي پوءِ اليڪس کي دوربين ڏيندي چيائين،
    ”هي ڪهڙو پکي آهي؟“
    ”الباٽراس“ اليڪس پيار سان چيو.
    ”الباٽراس!“
    ”هي پيار جي علامت آهي“
    ”مون اڳي ان پکي جو نالو نه ٻڌو آهي“
    ”هي منهنجو پسنديده پکي آهي.“
    ”هن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟“ مرڪ تجسس سان
    ”هن جا پَر يارهن فوٽ کن ويڪرا ٿين ٿا.“
    ”واقعي!“ مرڪ حيرت مان چوي ٿي.
    ”هيءَ سمنڊ تي اڏامندو آهي، ڪيترا هزار ميل بنا پرن چورڻ جي اڏامندو آهي“.
    تعجب جي ڳالهه آهي، مرڪ حيرت مان چيو.
    "Albatrass is a Miracle of Nature"
    اليڪس آسمانن ڏانهن ڏسي چيو جتي الباٽراس اڏامي رهيا آهن. مرڪ مٿي ڏٺو، نيرو آسمان هن جي اکين ۾ سڪون ڀري ٿو ڇڏي. آسمان جي وسعت کي روح ۾ لهندي محسوس ڪري ٿي.
    ”مان الباٽراس کي ويجهو کان ڏسڻ چاهيان ٿي“ ننڊ اکڙي لهجي ۾ مرڪ چيو.
    ”هي پکي ڪڏهن جهاز تي اچي پسار ڪندا آهن. پوءِ ويجهو کان ڏسجانءِ“.
    اليڪس اٿي ڪيبن ڏانهن وڃڻ لڳو.
    سونهن ۽ سارس هن جي ڀرسان اچي ويٺا. سونهن تيرهن سالن جي آهي ۽ سارس پندرهن سالن جو. هن ڀيري جنيد ملائيشيا ۾ پنهنجي ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ مصروف هئڻ سبب هنن سان نه آيو. هوءَ ٻارن سان اڪيلو سفر ڪري رهي هئي. هن ڀيري هوءَ ذهني طور منتشر هئي، هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ جنيد کان الڳ ٿي ويندي. تعلق بوجهه بڻجي وڃي ته ان کي ٽوڙي ڇڏجي ته بهتر آهي.
    هو ان مصلحت جي ڪُن مان ٻاهر نڪرڻ ٿي چاهي.
    ٻنهي زال مڙسن کي سنڌ کان موڪلائي ڏهه سال ٿيا آهن. مرڪ سڄي دنيا گهمي، ڪيترا ملڪ ڏٺا، پر سنڌ جهڙو مزو ۽ ماحول ڪٿي به نظر نه آيس.
    ملائيشيا ۾ به اڪثر اداس رهندي هئي، ان ڳالهه تي جنيد وڙهندو هيس.
    ”ماڻهو جنهن مستقبل جي تمنا ڪندا آهن، جنهن منزل تي پڄڻ جا خواب ڏسن ٿا، اهي سموريون آسائشون توکي مليون آهن، اڃان توکي ٻيو ڇا کپي مرڪ.“
    پر مرڪ قائل نه ٿي. هن جي زندگي مڪمل احساس کان وانجهيل هئي. جنيد هڪ عام مرد هو، هن کي هڪ سٺي زندگي ڏني هئائين. دنيا جي هر سهولت کيس ميسر هئي پر هو هڪ ورهايل مرد هو. رنگين مزاج ۽ عورتن جي ويجهو رهڻ وارو. مرڪ چوندي هيس ٻاهر جيڪو وڻيئي ڪر پر پنهنجي گرل فرينڊس کي گهر ۾ نه آڻ. گهر جو پنهنجو تقدس ٿئي ٿو، پر هو ڪجهه ڏينهن باز اچڻ کانپوءِ وري ساڳيون اڻ وڻندڙ حرڪتون ڪرڻ لڳندو هو. مرڪ مغربي تهذيب جي اثر کان ٻارن کي بچائي رکيو هو، پر جنيد جي معاملي ۾ بي وس هئي، سونهن او ليول ۾ هئي ته سارس اي ليول.
    ٻئي ٻار ماءُ کي سمجهائيندا هئا. الاءِ ڇو مرڪ کي اهو گهر پنهنجو نه لڳو. بسترن تان عورتن جا سونهري وارا کڻندي يا ڪڏهن سندن وساريل شين کي ڏسي اندر وڍجي پوندو هيس.
    کيس گم صم ڏسي اليڪس هن ڏانهن ڏٺو ۽ ڏسندو ئي رهيو. پنجاهه سالن جي سنڌي عورت جي نقشن ۾ پراڻي سنڌ ساهه کڻي رهي هئي. توڙي کيس مغربي لباس پهريل هو. وار پرم ٿيل هيس، گولڊن ڪلر جا. هن پاڻ کي پنهنجي مڙس جي پسند مطابق بدلائي ڇڏيو هو.
    ”ڇا پئي سوچين؟“ اليڪس هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو، جتي هڪ گهري اداسي لڪل هئي.
    ”مشرقي عورت جو الميو سندس گهر جي چوڌاري ڦري ٿو.“
    ”تون انکي الميو سڏين ٿو.“
    ”ها ڇو ته مشرقي عورت جي پنهنجي ڪابه زندگي نه ٿي ٿئي.“
    ”تون مون کي فيمينسٽ ٿو لڳين.“
    ”چئي سگهين ٿي. ڇو ته مان عورت کي هڪ انسان سمجهان ٿو.“
    سندس ڳالهه ٻڌي مرڪ ٿڌو ساهه ڀريو. هو کيس پنهنجو سالن جو وڇڙيل دوست لڳو. اهڙو دوست، جيڪو بنان لفظن جي احساس سمجهي وٺندو آهي.
    ”تنهنجي سوچ به ته فقط مڙس جي چوڌاري گهمندي هوندي ته هو ٻاهر ڇا ٿو ڪري، ڪٿي وقت گذاري ٿو وغيره وغيره...“
    اليڪس کلي چيو.
    ”ائين ته آهي“ قائل ٿيندي مرڪي وراڻيو.
    ”پوءِ تون پنهنجي زندگي جيئڻ بدران ٻئي جي منفي اثر هيٺ وقت گذاري رهي آهين.“
    ”منفي اثر ڇا مطلب؟“ مرڪ حيرانيءَ مان سوال ڪيو. ان وقت سندس اکيون وڌيڪ خوبصورت ٿي ويون. گهريون ۽ بامعنيٰ.
    ”بي يقيني هڪ منفي رويو آهي“ اليڪس ٿڌو ساهه ڀري چيو.
    ”شايد تون ٺيڪ ٿو چوين. منهنجي ذهن ۾ هن حقيقي دنيا کان هٽي ڪري هڪ الڳ دنيا آهي، جنهن ۾ مون پناهه ورتي آهي. اڻ وڻندڙ روين کان....“
    ”يورپ جي عورت جي زندگي، سنڌي عورت کان مختلف نه آهي. ايشيا جي هر ملڪ ۾ مون عورت کي تڪليف ۾ ڏٺو آهي. يورپ جي عورتن جي خوشنما چهرن جي پٺيان محرومين ۽ تنهاين جون بي شمار ڪهاڻيون لڪل آهن.“
    مرڪ جي اداسي، اليڪس کي دل ۾ لهندي محسوس ٿي.
    ”اليڪس، تون اهي ڳالهيون مرد جي حيثيت ۾ ڪري رهيو آهين. پاڻ کي عورت جي جڳهه تي رکي مون کي ٻڌاءِ ته ڇا تون پاڻ تي زوري مڙهيل زندگي گذاري سگهين ٿو!“
    ”ها گذاري سگهان ٿو“ اليڪس مرڪي وراڻيو.
    ”اهو ڪيئن ممڪن آهي“ مرڪ بي يقينيءَ سان کيس ڏٺو.
    ”زوري مڙهيل زندگي مڪمل ته نه هوندي، مثال ٽيهه فيصد فيصلا مرد جي اختيار ۾ هوندا يا پنجاهه سيڪڙو کيس اختيار جو حق هوندو.باقي بچيل حصو ته عورت جو پنهنجو هوندو. جتي هوءَ بااختيار آهي. ان حصي کي به مرد جي محدود محڪوميت جي اثر هيٺ تباهه ڪري ڇڏي ٿي.“ اليڪس ساهه پٽي وري ڳالهايو.
    ”ها زندگي جا انيڪ پهلو آهن ۽ سوچ جا بي شمار رخ آهن، اسان فقط ذهن جي مخصوص نظرين جي قيد خاني ۾ پاڻ کي بند ڪري ويٺا هوندا آهيون.“ مرڪ سندس اکين ۾ ڏسڻ کان لنوائيندي چيو، ڄڻ هو سندس من جو ڳجهه پرکي وٺندو. اڃان هو ڳالهائي رهيا هئا ته اوچتو سامهون ٽيبل تي ويٺل ماڻهن ۾ گوڙ پئجي ويو. نشي ۾ ٻڏل هڪ مسافر هوائي فائر ڪيا، چوپاسي خاموشي ڇائنجي وئي.
    هڪ گولي جهاز جي ڀرسان اڏامندڙ الباٽراس کي وڃي لڳي ۽ هو قلابازيون کائيندي اچي عرشي تي ڪريو، اليڪس ڊوڙندو ويو.
    ”اوهه منهنجا خدا هي ڇا ٿي ويو!“ ڦٿڪندڙ پکيءَ کي ڀاڪر وڌائين، سندس ڪپڙا رت ۾ تر ٿي ويا.
    مرڪ خوف وچان چهرو هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو. الباٽراس، اليڪس جي ٻانهن ۾ دم ڏنو.
    الباٽراس جو ٻيو ساٿي جهاز تي ڦيرا پائيندي ميڪون ڪري رهيو هو.
    اليڪس ڊوڙي وڃي ان ماڻهو کي ڳچي کان جهليو.
    ”ظالم انسان هي تو ڇا ڪري ڇڏيو. هن معصوم پکي تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو.“
    اليڪس ماڻهوءَ مٿان ڪاوڙجي پيو، جهاز جي سيڪيورٽي عملو پهچي، ان ماڻهو کي کنڀي اندر کڻي ويا.
    مسافر پنهنجي ڪرسين تي ويهي رهيا.
    اليڪس جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. مرڪ سندس ڪلهي تي هٿ رکيو کيس آٿت ڏيڻ لاءِ.
    پر هو ڪمري ۾ هليو ويو. مرڪ آسمان ڏانهن ڏٺو، جتي مري ويل الباٽراس جو ساٿي لامارا هڻي رهيو هو.
    هوءَ اداس ٿي ايٽلانٽڪ سمنڊ جي لهرن ڏانهن ڏسڻ لڳي. جن ۾ آسمان جو نيرو رنگ بيخودي سان تري رهيو هو.
    الباٽراس کي گولي لڳڻ بعد جهاز ۾ موجود هر ماڻهو ساڳيو هو، سواءِ اليڪس جي. هاڻ هو خاموش ويٺو هوندو هو. دوربين ڀرسان پئي هوندي هيس پر آسمانن ڏانهن نه نهاريندو هو. سمنڊ ساڳيو ئي هو پر اهو به هن لاءِ بي معنيٰ ٿي ويو هجي. مرڪ بور ٿيندي هئي. اليڪس کانسواءِ ڪو ٻيو هن جي ويجهو نه هو. الباٽراس کي گولي هڻڻ وارو ماڻهو ڊيوڊ فوج سان تعلق رکندو هو. ٻي ڳالهه تي هن وٽ جواز هو ته هو نشي ۾ هو.
    ٿوري دير ۾ ماحول ئي بدلجي ويو. آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ تيز هوائون هلڻ لڳيون. سمورن ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي ڪيبن ڏانهن وڃن. مرڪ، ٻار ڪيبن ۾ موڪلي ڇڏيا، پاڻ ٻاهر ويهي رهي.
    ”تون اندر وڃي ويهه“ اليڪس چيس.
    ”نه مان طوفان کي ڏسنديس“ مرڪ چيو.
    ماڻهو عرشي تي ويٺا هئا، هو ڪچهري ڪرڻ ۾ مگن هئا.
    ”منهنجي خيال ۾ طوفان ڪو ايترو تيز نه آهي، مان فطرت جي ڪاوڙ کي محسوس ڪرڻ ٿي چاهيان.“
    هڪ ڪراڙو ماڻهو سامهون دعا ۾ مشغول هو. ٿورو ذهني طور تي کسڪيل ٿي لڳو. فرانسيسي هو، اڪثر پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو هو.
    ”هي فطرت جو انتقام آهي، طوفان ايندو ۽ هي جهاز لڙهي ويندو، ها، ها، ها، معصوم پکي جو خدا توهان سڀني کان بدلو وٺندو..... ها ها ها... خدائي قهر نازل ٿيڻ وارو آهي. توهان تي خدا جي مار پوي، توهان هي عذاب آندو آهي.“
    هو نشي ۾ هو ٿاٻڙجي وڃي ٽيبل تي ڪريو، هڪ فوجي کيس بغلن کان جهليو ته ٻئي ٽنگن کان ۽ کيس هيٺ سمهاري ڇڏيو ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا. هوا جي وهڪرو تيز کان تيز تر ٿي رهيو هو. لهرن جو چاڙهه وڌي رهيو هو. هو به طوفان کان خوفزده لڳي رهيون هيون. جهاز لهرن تي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. هڪ عجيب صورتحال هئي.
    ”مرڪ تون اندر هل خوامخواهه پريشان ٿيندينءَ،“ ائين چئي اليڪس مرڪ ڏانهن ڏٺو، جنهن جي چهري تي هاڻ تشويش جا آثار نظر اچڻ لڳا هئا. مرڪ اٿي پنهنجي ڪيبن ۾ آئي، سونهن ۽ سارس به پريشان هئا.
    هوءَ ٻنهي جي وچ ۾ سمهي رهي، ٻنهي کي ٻانهن تي سمهاري.
    ”مون کي ڊپ ٿو ٿئي مما، سونهن کيس ڀاڪر پائيندي چيو.
    ”طوفان به ته زندگي جي حقيقت آهي.“
    ”سمنڊ ناقابل يقين آهي“ سارس چيو.
    ”پرسمنڊ خوبصورت به ته آهي.“
    مرڪ لهجي ۾ خوش مزاجي پيدا ڪندي چيو. هو سندن خوف ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ ساڻن ڳالهائيندي رهي. ٿوري دير ۾ سونهن ۽ سارس گهري ننڊ ۾ سمهي رهيا.
    الباٽراس هن طوفان ۾ ڪٿي هوندو؟
    هوءَ الباٽراس جي باري ۾ سوچڻ لڳي. هو آسمانن ۾ اڏامندو هوندو، طوفان کان بي نياز پنهنجي انجام کان بي خبر. اهو فقط انسان آهي، جيڪو وهمن ۽ وسوسن ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. جهاز لهرن تي ڇلي رهيو هو. هڪ عجيب چاڙهه هو بي چين لهرن ۾. سمنڊ جي زندگي ۾ ڪيتري بي چيني آهي، انساني زندگي وانگر. طوفان ۾ سمنڊ ڪيترو نه ڀوائتو لڳي ٿو. سمنڊ جي سطح ڏسي ڇا ڪير اندازو ڪري سگهي ٿو ته ان جي اندر ڪيتري دهشت لڪل آهي. هوءَ مسلسل سوچي رهي هئي، کيس طوفان جي شدت کان وحشت ٿيڻ لڳي. ٻاهر نڪتي ته اليڪس ۽ ڪافي ماڻهو دعا گهرڻ ۾ مصروف هئا.
    مسافرن ۾ هڪ پوڙهو پادري به هو، هو دعا ڪري رهيو هو ”اي رب! اسان کي معاف ڪر، اسان تنهنجا گنهگار آهيون، گناهه چاهي ڪنهن جو به هجي پر سزا گهڻن کي ملي ٿي. گناهه جو منفي اثر زمين به محسوس ڪري ٿي ۽ آسمان جا تاثرات به بدلجي وڃن ٿا. پر اسان دل جي گهرائي سان پنهنجي گناهن جي معافي گهرون ٿا. اسان کي معاف ڪر.“
    مرڪ جڏهن عرشي تي وئي ته اتي هر شيءَ وکريل هئي. جهاز جي عملي جا ماڻهو ان بي ترتيبي کي ٻيهر سهيڙي رهيا هئا. هن مٿي آسمان ڏانهن نهاريو، جتي بادل ڇڙ و ڇڙ ٿي چڪا هئا. ٿڌي هوا هلي رهي هئي، نيري آسمان جو عڪس لهرن تي ڇلي رهيو. اليڪس به ماڻهن سان ڪم ۾ رڌل هو. مرڪ ٻيهر سمنڊ ڏانهن ڏٺو. سمنڊ پرسڪون هو. هن ان کان اڳ پنهنجي اندر اهڙي ڪيفيت محسوس نه ڪئي هئي. هر سفر انسان کي ڪجهه نه ڪجهه سيکاري ٿو. هن سفر دوران کيس زندگيءَ جي اهميت جو اندازو ٿيو هو. هوءَ ڪجهه ڏينهن تنها رهي هئي. سمنڊ جي ڀرسان رهي هن تي زندگيءَ جا انيڪ اسرار کليا هئا. انسان زندگيءَ جي معمولي مسئلن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي. جذباتي حادثن کان خوف کائي ٿو پر دنيا ۾ ان کان به وڏيون تباهيون ٿين ٿيون. جن کي منهن ڏئي وٺي ٿو، مرڪ اندر ڪيبن ۾ اچي ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
    ٻئي ڏينهن جڏهن عرشي تي وئي ته هڪ روشن ۽ خوشگوار ڏينهن سمنڊ جي سموري سونهن سميت هن جي آڏو هو.
    ”ڏاڍو خوفناڪ طوفان هو“ اليڪس هن جي ڀرسان ويهندي چيو.
    ”ها تمام گهڻو ڊيڄاريندڙ به“ مرڪ طوفان ياد ڪري ٻيهر وحشت ۾ ويڙهجي وئي.
    ”طوفان جي ڪابه اڳڪٿي نه هئي، هي اوچتو آيو ۽ سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيانين.“
    ”ڇا طوفان الباٽراس جي ڪري آيو هو“ مرڪ پڇيو.
    ”ممڪن آهي ته ائين هجي“ اليڪس چيو،
    ”ڇا ٿي سوچين.“
    ”سمنڊ جي باري ۾ ٿي سوچيان.“
    ”سمنڊ هڪ انوکو موضوع آهي، اليڪس سمنڊ ڏانهن ڏسندي چيو، پري آسمان تي اڪيلو الباٽراس اڏامي رهيو هو.
    مرڪ دل ۾ اداسي کي لهندي محسوس ڪيو.
    ”مٿي ڇا ٿي ڏسين؟“
    ”الباٽراس اڪيلو رهجي ويو“ مرڪ اداسي مان چيو.
    ”هو آسمانن ۾ تنها آهي ۽ تون زمين تي“ اليڪس جي لهجي ۾ درد هو.
    ”ها واقعي جيئن عمر گذرندي پئي وڃي، اڪيلائي جو احساس وڌي رهيو آهي.“
    ”اڪيلائي هڪ ڪيفيت آهي حقيقت نه“ اليڪس مرڪ ڏانهن ڏسي چيو.
    ”ڇا مطلب اڪيلائي فقط انسان جي سوچ ۾ رهي ٿي.
    ”ها جيڪو پاڻ کي تنها سمجهندو اهو اڪيلو آهي.“
    ”اهو ڀلا ڪيئن.“
    ”ڏس تنهنجا ٻار آهن، گهر آهي پوءِ تون اڪيلي ته نه آهين“
    مرڪ ڪنڌي ورائي ڏٺو، سونهن ۽ سارس ڏانهن نهاريو جيڪي، سمنڊ ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
    ”هون“ مرڪ گهري سوچ ۾ پئجي وئي.
    ”هن وقت اڪيلو فقط الباٽراس آهي، هن جي اڪيلائي حقيقت آهي.“
    ”شايد تون ٺيڪ ٿو چوين، اڪيلائي فقط اسان جي ذهن جي پيداوار آهي.“
    مرڪ قائل ٿيندي چيو.
    ”انسان ۾ هڪ مڪمل دنيا وسي ٿي پوءِ هو تنها ڪئين ٿو ٿي سگهي!“
    ”بشرطيڪه انسان ان دنيا سان رابطي ۾ هجي.“
    مرڪ اداس ٿي چيو. هن جي اکين ۾ ماضيءَ جا لمحا هئا.
    ”رابطن کي محسوس نه ڪرڻ بدقسمتي آهي.“
    ”ها اڄ جو انسان بدقسمت آهي، اليڪس.“
    ”شايد ائين هجي.“
    اليڪس ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويو.
    ”رات جو الباٽراس ان ساڳي جڳهه تي اچي ويهندو آهي، جتي سندس ساٿي دم ڏنو هو.“
    اليڪس اداس ٿي چيو.
    ”واقعي“ مرڪ حيران ٿيندي اليڪس ڏانهن ڏٺو.
    ”ها پرهه ڦٽيءَ مهل هو، واپس آسمانن ڏانهن اڏامي وڃي ٿو.“
    ”مان ته سمجهندي هيس ته پکي وڇوڙي جي درد کي محسوس نه ڪري سگهندا هوندا!“
    مرڪ ٿڌو ساهه ڀري چيو.
    ”پکين وٽ اظهار جو ڏانءُ ناهي، شايد ان ڪري هو انسانن کي لاتعلق لڳن ٿا پر حقيقت ۾ پکين وٽ انسان کان وڌيڪ خوبصورت احساس ٿئي ٿو.“
    ”شايد انڪري ته پکي نفرت نه ڪندا آهن. يا هنن ۾ حسد يا انتقام جو جذبو نه هوندو.“
    ”مون کي به پکي وڻندا آهن. ڳوٺ ۾ منهنجي اک به صبح جو پکين جي مٺڙين لاتين تي کلندي هئي.“
    اچانڪ آسمان تي ڪڪر ڪارونڀار ڪري آيا ۽ برسات پوڻ لڳي. سمورا ماڻهو پنهنجي ڪيبنز ۾ هليا ويا، ڪي ڊائنگ هال ۾ ويهي تاش کيڏڻ ۾ لڳا. مرڪ به اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي پر کيس ننڊ نه آئي. کيس عجيب خوف اندر ۾ محسوس ٿي رهيو هو. جنيد ياد اچي ويس. ٻارن جا چهرا نظرن آڏو ڦرڻ لڳا. اليڪس صحيح چوي ٿو. مان انا جي ڪوٽ ۾ بند آهيان، خاميون ته هر انسان ۾ هونديون آهن. ڀلا ڪنهن کي مڪمل زندگي ملي آهي! پوءِ سمنڊ جي باري ۾ سوچڻ لڳي، هن ڪڏهن سوچيو به ته هو ته سمنڊ جي زندگيءَ ايتري خوبصورت ٿي سگهي ٿي.
    ٻئي ڏينهن هوءَ ڊيڪ تي ويٺي هئي ۽ اليڪس دوربين سان آسمان ۾ نهاري رهيو هو جتي تنها الباٽراس اڏري رهيو هو.
    ”هي سدائين تنها رهندو.“
    ”ڪير“ مرڪ سوچن مان ڇرڪي اليڪس ڏانهن نهاريو.
    ”الباٽراس“ اليڪس اداسي سان چيو.
    ”هن کي ڪو ٻيو ساٿي نه ملندو؟“ مرڪ پڇي ٿي.
    ”هن کي ڪيترا ساٿي ملي سگهن ٿا پر الباٽراس زندگي ۾ فقط هڪ ڀيرو محبت ڪندو آهي. جيڪڏهن جوڙي مان ڪو هڪ مري وڃي ته سدائين اڪيلو رهندو آهي.“
    مرڪ حيرت سان مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو جتي الباٽراس وڇوڙي جو ڏک ساهه ۾ سانڍي سمنڊ مٿان اڏامي رهيو آهي.
    ڪاش مان به الباٽراس هجان ها! ۽ مون کي اهڙي محبت نصيب ٿئي ها. اداسيءَ سان سوچي ٿي.
    عورت هڪ دفعو محبت ڪري ٿي.
    الباٽراس وانگر....
    عورت الباٽراس آهي.
    ”محبت ۾ ڪامليت نه هوندي آهي. محبت هڪ اڻپورو لفظ آهي، زندگي جي لغت لاءِ“. اليڪس چيو.
    ”مون کي انساني محبت هڪ گهري ڪُن وانگر لڳي ٿي. مون کي ان ڪُن کان وحشت ٿئي ٿي“. مرڪ چئي سمنڊ ڏانهن ڏٺو، جتي لهرون پرسڪون آهن، جن ۾ نيري آسمان جو عڪس آهي. آسمان، زمين کان پري نه آهي، پر لهرن جو اڻمٽ حصو آهي.
    آسمان سچ آهي يا لهرن ۾ آسمان جو عڪس .................
    ”جڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ محبت نه هئي ته مان پرسڪون هيس. پر جڏهن محبت ڪرڻ لڳس ته وهمن ۽ وسوسن ۾ ورهائجي ويس. هڪ مرد جي بدلجندڙ روين جو ڳجهه پرکڻ جي چاهنا، مون کي پنهنجي وجود کان ڌار ڪري ڇڏيو.“
    ”تون ان مرد سان مشروط محبت ڪرين ٿي، انڪري بي سڪون آهين.“
    اليڪس جي ڳالهه ٻڌي هوءَ سوچ ۾ ٻڏي وئي.
    ”ڇاٿي سوچين؟“ اليڪس مرڪي کيس ڏٺو.
    ”اهو ته ڪمي منهنجي محبت ۾ آهي.“
    ”نه ڪمي تنهنجي ذات ۾ آهي، جيڪا هڪ عورت جي حيثيت ۾ توکي ماحول ڏني آهي، پوئتي پيل سماج ۾ جڏهن عورت سان تفريق ڪئي وڃي ٿي ته هوءَ اڃايل رهجي وڃي ٿي، پوءِ جڏهن هڪ مرد هن جي زندگيءَ ۾ اچي ٿو ته هوءَ هن کان گهري ۽ سچي محبت چاهي ٿي.“
    ”ڇا عورت غلط آهي، پنهنجي گهرج ۾“ مرڪ حيرت سان کيس ڏسي ٿي.
    ”ها ڇو ته مرد گهري ۽ سچي محبت ڪري ئي نه ٿو سگهي. هو فقط محبت ڪري ٿو، گهڻي ڀاڳي عورت جي جسم سان. يا ذهانت سان- مرد جي محبت مشروط آهي. اهو سچ آهي ۽ ان سچ کي قبول نه ڪري وقت نه وڃاءِ“ ائين چئي اليڪس اٿي ڊيڪ تي ويٺل هڪ گروپ کي ايٽلانٽڪ سمنڊ جي باري ۾ ٻڌائڻ لڳي ٿو.
    سمنڊ تي لهندڙ سج جا رنگ وکريل آهن. جهاز پنهنجي منزل تي پهچڻ وارو آهي. سورنهن ڪلاڪن جو اهو سفر مرڪ لاءِ اهميت رکي ٿو. زندگيءَ ۾ ڪوته ماڻهو اهڙو مليو جيڪو هن کي سمجهي ٿو، ڪجهه گهڙين لاءِ ئي سهي.
    محبت ڪجي پر ان کي ڪنهن پيماني تي نه پرکجي پر انسان جي گهرج وسيع آهي. کيس دريا ملي يا سمنڊ پر هو اڃايل ئي رهندو.
    منهنجي سوچ فقط هڪ شخص جي چوڌاري ڦري ٿي، اها زندگي سان زيادتي آهي.
    مان به هڪ محور جي چوڌاري ڦران پئي، پر مان چاهيان ٿي ته اهو محور مون سان گهري محبت ڪري الباٽراس وانگر. پر اهو ممڪن نه آهي.
    هوءَ مٿي ڏسي ٿي.
    آسمان تي تنها الباٽراس اڏامي رهيو آهي.


    (انگريزي جي مشهور شاعر سيميوئل ٽيلر ڪولرج جي
    مشهور نظم Ancient Mariner کان متاثر ٿي لکيل ڪهاڻي)


    منجھند جو هڪ پل

    ڊائنگ ٽيبل تي مختلف قسمن جا کاڌا پيا هئا. جمشيد برياني پليٽ ۾ وجهي نادره کي ڏٺو. هوءَ بنٽي ۽ بلوءَ کي پيالن ۾ سويٽ ڊش وجهي ڏيئي رهي هئي. سندس ڳلن تي خوشين جو گلابي عڪس جرڪي رهيو هو. وڏين ۽ سحر انگيز اکين ۾ زندگيءَ سان ڀرپور چمڪ هئي، اهڙي چمڪ جيڪا زندگيءَ کان زبردستي پيار جا پل چورائڻ کانپوءِ پيدا ٿيندي آهي. شاديءَ جي ڏهن سالن کانپوءِ به هوءَ سدا بهار گل جيان دلڪش هئي. هن وٽ دنيا جي هر نعمت هئي. شاندار بنگلو، پورچ ۾ بيٺل قيمتي گاڏيون، پائڻ لاءِ هڪ کان هڪ بهترين لباس، زندگيءَ جي انهن آسائشن سندس چهري تي گلاب جي پنکڙين جهڙي تازگي بخشي ڇڏي هئي.
    بلو ۽ بنٽي ڊائنگ ٽيبل تان اٿي پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا.
    ”پوءِ تون ڇا سوچيو؟“ جمشيد کانئس پڇيو.
    ”ڇا جي باري ۾!“
    ”آمريڪا ۾ سيٽل ٿيڻ جي باري ۾، اڄڪلهه تون ڳالهيون وسارڻ ڇو لڳي آهين...!“
    ”رات ۾ ڪيل ڳالهيون خوابن جي گهٽين ۾ ڪٿي وڃائجي وينديون آهن.“
    ”اڃان به خواب ڏسندي آهين ڇا؟“ لهجي جي شرارت کي محسوس ڪري هوءَ مرڪي پئي.
    خوابن جو اکين سان اهڙو ئي تعلق آهي، جهڙو گل جو خوشبوءَ سان. خواب ته انسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائين ٿا. تڏهن ته مون کي خوابن جي ساڀيا ايترو جلد ملي وئي، تنهنجي روپ ۾.“
    ائين چوندي سندس اکيون جهڪي ويون، ڪوڙ ڳالهائيندي سندس لهجو ٿورو ڏڪيو پر جلد هوءَ نارمل ٿي وئي. زندگيءَ ۾ ظاهر نظر ايندڙ حقيقت پٺيان لڪل سچ ڪو ٻيو هوندو آهي. انسان ته رڳو گمان جي وجود کي ڇهي مطمئن ٿي ويندو آهي. ڪي سپنا ساڀيا ٿي به اڻپورا رهجي ويندا آهن. ڪي خواهشون تڪميل جي لهرن کي ڇهي به اڃايل رهجي وينديون آهن. انسان ڪلر بلائنڊ ٿي ويندو آهي. سچ جي رنگن کي سڃاڻي ئي نه سگهندو آهي. نادره جي خوابن جي تعبير جمشيد نه پر سندس بي تحاشا دولت هئي.سچ ته اهو هو ته هن جمشيد سان نه پر جمشيد جي بينڪ بيلنس سان محبت ڪئي هئي. جمشيد جي ٻانهن جي هار کان وڌيڪ هن لاءِ گلي ۾ پيل ڊائمنڊ جو نيڪلس وڌيڪ اهم هو.
    جمشيد کيس هڪ پارٽي ۾ ڏٺو هو. بهار جي گلابي شام ۾ روشنين، رنگن سان ڀريل وڏي هال ۾، هوءَ پنهنجي ذات جي حصار مان نڪري ڪٿي وڃائجي وئي.
    هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي پنهنجي وجود ۾ ڪنهن ٻئي جو وجود ڌڙڪڻ لڳندو آهي.
    ساڳيو حال جمشيد جو هو، نادره کي ڏسي کيس محسوس ٿيو. تاريخ جي ڪوهيڙي مان جهاتي پائي ڄڻ هيلن مرڪي رهي هجي، مارلو جون سٽون پاڻمرادو سندس ذهن جي وسيع ساحل تي لهر بڻجي رقص ڪرڻ لڳيون.
    Sweet Helen Make me immortal with a kiss.
    ۽ ساعتون ڄڻ ته امر ٿي ويون.
    جمشيد بنان ڪنهن دير جي هن لاءِ رشتو موڪليو. هوءَ ننڍپڻ کان پنهنجي سوٽ سان مڱيل هئي. پر جيئن ئي جمشيد اڳتي وک وڌائي، هوءَ ان راهه تي ثابت قدم ٿي بيهي رهي. گهر وارا سندس ضد آڏو هارائجي ويا، ماڻهن ان کي سندس محبت جي فتح سمجهي پر حقيقت ۾ اها سندس خواهشن جي فتح هئي.
    شاديءَ جي ڪجهه سالن تائين ته هوءَ جمشيد جي محبت کي شدت سان محسوس ڪندي رهي. جڏهن محبت، خوشي ۽ آسودگي هوندي آهي ته وقت کي ڄڻ پَـرَ لڳي ويندا آهن، وقت انساني زندگيءَ جو بي رحم نقاد آهي. وقت هڪ نه هڪ ڏينهن انسان کي سچ جي آئيني اڳيان اچي بيهاريندو آهي. پر ان کان اڳ اڻڄاڻائيءَ وارو دور انسان جي زندگيءَ جو سونهري دور هوندو آهي، جيڪو جيترو اڻڄاڻ آهي، اهو اوترو خوش ۽ مطمئن آهي.
    وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جمشيد جون ڪاروباري مصروفيتون وڌڻ لڳيون. بزنس جي ڦهلاءُ سان گڏ هن پنهنجي پاڻ کي به وساري ڇڏيو. نادره کي محسوس ٿيندو هو، وقت گذرڻ سان گڏ، ڏينهن جي روشني ميري ۽ راتين جي سرهاڻ پاروٿي ٿي وئي هجي. جسماني ضرورتن جي تڪميل روح ۾ نا آسودگي جي احساس کي وڌائي ڇڏيو هو. شام جو جڏهن هو تيار ٿيندي هئي ته ڪوبه کيس ساراهڻ وارو نه هوندو هو.
    ساراهه، جيڪا عورت جي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي آهي، ساراهه جي آڪسيجن نه هجي ته اڪثر عورتن جو دم گهٽجي وڃي. ساراهه جو هٿيار کڻي مرد، محبت جي ميدان جو فاتح سڏرائيندو آهي. عورت جي انا، عورت جي خودداري سان راند ڪندو آهي.
    آئيني ۾ پنهنجو تنها عڪس ڏسي، هوءَ هراسجي ويندي هئي. سندس سڄو حسن تنهائيءَ جي تپش ۾ ميڻ ٿي رجي پوندو هو. حسن جي اداسيءَ کي مهربان رفاقتن جي مضبوط حصار جي ضرورت هئي.
    اهڙي رفاقت جنهن ۾ ڪنهن ڪوڙ، ڪنهن مصلحت جي ملاوٽ نه هجي. پر ڪوبه سندس تنهائين کي خوبصورت ساٿ ڏيڻ وارو نه هو.
    ڪڏهن کيس محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته هوءَ ميڊاس هجي، جنهن جي هٿ لڳائڻ سان هر شيءَ سون جي ٿي پوندي هئي ۽ هاڻ هوءَ سون جي ان مقبري مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ واجهائڻ لڳي آهي.
    هڪ ڏينهن خوشين جي منتظر فهرست، اهڙي لمحي اڳيان رڪاوٽ جو اڻ وڻندڙ بورڊ هٽائي ڇڏيو.
    اهو احتشام هو جنهن کيس زندگيءَ جي بند ڪوٺڙيءَ مان ڪڍي، جذبن جي سرهاڻ سان مهڪندڙ هوائن ۽ روشن فضائن ۾ آڻي بيهاريو هو.
    هو جمشيد جو گهرو دوست هو، جيڪو تازو ئي يورپ مان موٽيو هو.
    ”توهان ايڏو خاموش ڇو رهندا آهيو؟“
    ”بس ائين ئي“ سندس مرڪ ۾ سرنهن جي ڦلهار جهڙي اداسي هئي.
    ”ائين ٿو لڳي ڄڻ توهان کي ڪنهن جو انتظار هجي.“
    ”توهان اهو ڪيئن ٿا چئي سگهو.“ حيران ٿيندي نادره پڇيو. ڄڻ ڪنهن هن جي اندر جي ڳجهه کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.
    ”توهان جي خاموشيءَ ڪيترا ڀيرا مون سان ڳالهايو آهي.“
    ”جي...!!!“ پنبڻن جي ريشمي جهالر تي حيرت جا ڦڙا جرڪڻ لڳا.
    ”ڪي اڻ چيل ڏک، ڪي اڻ چيل ڳالهيون خاموشيءَ ۾ اظهار ڳولهي وٺنديون آهن، جڏهن خاموشيءَ کي زبان ملي ويندي آهي، تڏهن ڪوبه راز، راز نه رهندو آهي.“
    احتشام کيس قائل ڪري ورتو ۽ بند ڪتاب جا ورق کلڻ لڳا...
    ”مون کي هميشه اهو محسوس ٿيندو رهيو آهي، ڄڻ ته مون کي ڪنهن جو انتظار هجي، ان انتظار ڪيترا سال اڳ منهنجي اکين جو رستو ڏسي ورتو هو. جڏهن به منهنجي ڪا خواهش پوري ٿي، ڪنهن خواب کي تعبير ملي ته لڳندو هو ڄڻ انتظار جو سفر پڄاڻيءَ تي پهچي ويو هجي، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اکين ۾ وري انتظار جي اکٻوٽ شروع ٿي ويندي هئي. شايد انتظار جي سفر جي ڪا پڄاڻي نه هوندي آهي.“ نادره جي لهجي ۾ زندگيءَ جو سوز محسوس ڪري احتشام مرڪي چوڻ لڳو.
    ”دراصل انسان کي ان ڏينهن جو انتظار هوندو آهي ته ڪو اچي هن کي دريافت ڪري“
    احتشام جي ڳالهه ٻڌي هوءَ ڇرڪي وئي. تڏهن کيس لڳو ڄڻ هو زندگيءَ ۾ ڪيل غلط فيصلن جي بي ترتيب رستن تي بيٺل رائٽ مين هجي.
    هن نادره جي روحاني بيماريءَ کي ڳولهي لڌو هو.
    هو دوست هو، محبوب هو يا مسيحا! نادره کي گمنام رشتي جو ڪوبه سرو هٿ نه ايندو هو.
    هو سندس ننڍين ننڍين خوشين جو تمام گهڻو خيال رکي ٿو. اهي ننڍيون خوشيون ئي ته انسان کي متحرڪ رکنديون آهن نه ته جيون ته جيڪر اونداهي رات هجي، سندس سالگرهه يا خوشيءَ جي ڪنهن لمحي ۾ وش ڪرڻو جو دلڪش انداز.
    آبشارن جي تسلسل جهڙو نرم لهجو...
    جسم ۽ جان جي عذابن تي پيار جا پها رکندڙ ڪومل لفظ.
    ۽ انهن سڀني عنايتن جي جواب ۾ نادره جي اکين ۾ بيخودي جي ڪيفيت لهي ايندي هئي. جذبن جي ردم تي رڳون رباب ٿي پونديون هيون ۽ هن جي لبن تي چمپا جهڙي مرڪ ڦهلجي ويندي آهي.
    جمشيد جڏهن به ڪنهن ڊگهي بزنس ٽور تي ويندو هو ته هوءَ آزاديءَ سان احتشام سان ملندي هئي.
    ”تون روشني آهين!“
    ”نه مان اونداهي جو اڻٽٽ حصو آهيان، تيز هوائن ۾ رکيل ديپ آهيان.“
    هوءَ هئڻ ۽ نه هئڻ جي ٻڏتر ۾ مايوس لهجي ۾ چوندي هئي.
    ”خوشبو هوا ۾ وکري وڃي ته خوشبو ئي رهندي نه جنهن کي ساهه ۾ سانڍي رکي سگهجي ٿو.
    چنڊ پاڻي ۾ لهر لهر بڻجي وکري وڃي ته به چنڊ ئي رهندو
    روپ ته ساڳيو رهندو عنوان بدلجي وڃي ته ڇا آهي“. احتشام لفظن جو بازيگر هو.
    روح جي ساز تي ڇڙيل گيت جي آلاپ ۾ هڪ ئي آواز، هڪ ئي صدا آهي.
    نادره جي وجود ۾ گهري خوشي اٿل کائي غم جي ساحلن جا ڪنارا ڇهي ايندي هئي. سندس سڄو وجود اوسيئڙي جي اُوڙاهه ۾ جلي رک ٿي پوندو هو.
    هوءَ يادن مان نڪرڻ نه چاهيندي به حال جي جيئرن جاڳندن لمحن ۾ موٽي آئي.
    ”مان ڪيڏو نه خوشقسمت آهيان، جو تو جهڙي مخلص ساٿي ملي اٿم“ سچ نادره، جي تون نه ملي ها ته زندگي ڪيڏي نه اڌوري هجي ها!“
    نادره کي جمشيد جي ڳالهه اُس جي ان ڪرڻي جيان لڳي، جنهن ۾ دل جو سورج مکي ٽڙي پوندو آهي.
    خبر نه آهي ڇو ڪوڙ ڳالهائيندي. جمشيد کي پهريون ڀيرو عجيب قسم جي وحشت ٿي، نادره ته هن لاءِ محض شوپيس هئي، جنهن سندس گهر جي سجاوٽ ۾ شاندار اضافو ڪري ڇڏيو هو، محبت جو جام خالي ڪري هاڻ هو رڳو دنياداري نڀائي رهيو هو.
    اها انسان جي فطرت آهي ته هو هر شيءَ مان جلدي اڪتائجي ويندو آهي. هو جيتري شدت سان محبت جي تصوير ۾ رنگ ڀريندو آهي، ايتري تيزيءَ سان ڪينوس جا سمورا رنگ جهڪا پئجي ويندا آهن. سو محبت جو پيالو جيڪڏهن کيس امرت جيان لڳو هو، سمنڊ جي کاري پاڻي ۾ بدلجي چڪو هو. هونئن غرض جي بنياد تي قائل ڪيل رشتن ۾ ڪڏهن به هم آهنگي پيدا ٿي نه سگهندي آهي. هو محبت کي واپرائڻ جي ڪا شيءِ سمجهڻ لڳو هو، جنهن کي هڪ خاص عرصي تائين پنهنجو ڪري سگهجي ٿو. هن جي هڪ ئي وقت ۾ ڪيترين عورتن سان دوستي هئي. محبت جي ڪتاب ۾ هر ڀيري هڪ نئون عنوان ڳوليندڙ جمشيد اندر ۾ اهو ئي ساڳيو روايتي مرد هو، پر کيس يقين هو ته نادره جي محبت صرف ۽ صرف هن لاءِ آهي. هن کانسواءِ ڪو ٻيو نادره جي توجهه جو مرڪز نه ٿو ٿي سگهي.
    پر ڪڏهن ڪڏهن نادره تي پنهنجي محبت جي سچائيءَ جو احساس ڏياريندي هو من جي آئيني ۾ پنهنجو اصلي روپ ڏسي شرمسار ٿي ويندو هو. ان جرم ۾ مان اڪيلو ته شامل نه آهيان. زندگيءَ جي عمارت ئي ڌوڪي ۽ بي وفائيءَ جي بنيادن تي بيٺل آهي. ڪير به ڪنهن سان سچو نه آهي.
    اندر جو آواز خود غرضي جي آلاپ ۾ گم ٿي ويندو هو.
    ايڪيهين صديءَ جي حدن ۾ داخل ٿيندڙ انسان، جرم کي پنهنجو حق ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ ڪيترائي جواز ڳولهي ورتا آهن.
    اوچتو فون جي گهنٽي وڳي، فون تي ڳالهائي هو واپس اچي پنهنجي جڳهه تي ويهي رهيو.
    ”ڪنهن جي فون هئي.!“
    ”ادا فاروق جي وفات ٿي وئي آهي“ جمشيد نارمل انداز ۾ چيو.
    ”اڇا! ”نادره کيس حيرت مان ڏٺو“ ٻه ٽي ڏينهن اڳ ته بلڪل ٺيڪل ٺاڪ هو، مون کي ته يقين نه ٿو اچي“.
    فاروق، نادره جو وڏو ڀاءُ آهي
    ”موت اٽل آهي، ان کان ڪير به فرار حاصل ڪري نه ٿو سگهي“ نادره جو چهرو پرسڪون هو.
    ”پوءِ ڇا خيال آهي هلجي!“
    ”پري اوري جا مائٽ ايتري جلدي ته نه پهچندا ان ڪري شام جو هلنداسين“
    ”جيئن تنهنجي مرضي.“
    خاموشيءَ جي ٿوري وقفي کانپوءِ جمشيد کانئس پڇيو.
    ”سال جي آخر تائين، اسان کي آمريڪا شفٽ ٿي وڃڻ گهرجي. ڇا خيال آهي تنهنجو؟“
    ٻيو نه ته ڇا... ڇا رکيو آهي هتي نه زندگي نه رونق ۽ نه ئي ڪا مصروفيت، ٻارن جو مستقبل ٺهي پوندو ۽ مان به بيوٽيشن جو ڪورس ڪري وٺندس. هونئن به آمريڪا منهنجي خوابن جي سر زمين آهي.“
    ”نادره ڊارلنگ! تون ڪيتري نه سٺي آهين، مون کي تنهنجي ان ادا ئي ته موهيو آهي ته تو وٽ منهنجي راءِ جو ڪيترو احترام آهي.“ جمشيد سندس خوبصورت چهري کي پيار سان ڏسي چيو.
    ”جتي محبت هوندي آهي اتي هڪٻئي لاءِ سمجهه پاڻهي پيدا ٿي پوندي آهي.“
    نادره مرڪي چيو ۽ پيالي ۾ سويٽ ڊش وجهڻ لڳي.
    ٽيبل جي ٻنهي ڪارنرز تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺل ٻن انسانن جي وجود ۾ ساهه کڻندڙ ڪوڙ، هڪٻئي جي اکين ۾ اکيون ملائي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو!


    مور ٿو ٽِلي راڻا

    برسات کانپوءِ ٿر جي ساوڪ تي ڄڻ ننڊ جا کيپ لهڻ ڪري، ٻوٽن جا ساهه به خماريل ٿي پيا آهن. ساهه کڻندي احساس ۾ جهنگلي ٻوٽن جو هڳاءُ ڀرجي وڃي ٿو. شهر جي زندگيءَ جا ٿڪل قافلا ٿر جي سونهن پسڻ لاءِ ٿر ڏانهن روانا ٿي چڪا هئا. رستن جي رونق ڏسڻ وٽان آهي. اٺن جون قطارون روڊ تان گذري رهيون هيون، سندن ڳچن ۾ ٻڌل چڙن جا آواز سحر انگيز ٿي لڳا. ان سانت ۾ هر آواز متحرڪ لڳي ٿو. ڀنڀورين جي پرن جو آهنگ، پکين جون ٻوليون، هوائن جا سُـر، ڀٽن جو مانائتو وجود جيڪو ساوڪ سان جهنجهيل هو. عورتون مٿي تي دلا کڻي روڊ جي ڪناري کان وڃي رهيون هيون.
    حسان گاڏي روڪي ۽ بسمه تڪڙ ۾ هيٺ لهي عورتن جا فوٽو ڪڍڻ لڳي، پر هنن پنهنجا چهرا رئي جي پلئه سان ڍڪي ڇڏيا. بسمه مايوس ٿي گاڏي ۾ اچي ويٺي ته حسان جا ٽهڪ ٻڌي تهائين ڪاوڙجي وئي.
    ”بسمه توکي چيو هيم نه ته ٿر جون عورتون فوٽو ڪڍرائڻ پسند نه ڪنديون آهن.“
    ”حسان! هنن جو لباس ڪيڏو خوبصورت آهي، مون کي به هن دفعي مٺي مان اهڙي ڊريس وٺي ڏجان ۽ اهڙيون چوڙيون به.“ بسمه اُتساهه مان چيو.
    ”ها ها ڇو نه“ حسان گاڏي اسٽارٽ ڪندي مرڪي ڏنو.
    ٿوري دير ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري آيا، هوا تهائين ٿڌي ٿي وئي. برسات کان اڳ گهلڻ واري هوا ڪيڏي نه نشيلي ٿئي ٿي ٿي. سموري وجود تي ڇانئجي وڃي ٿي. ڄڻ ته بادلن جي خوشبوءَ ۾ واسجي وڃي ٿي. ٿوري دير ۾ بارش پوڻ لڳي. روڊ ڪناري ويندڙ عورتون وڻ جي ڇٽيءَ هيٺ گڏ ٿي بيهي رهيون، بسمه ڏٺو ته ٻار خوشي وچان ڊوڙي رهيا هئا. هر چهري تي مرڪ هئي.
    ”اَڄ ٿر جو خوشقسمت ڏينهن آهي.“ حسان چيو.
    ”ها ڪافي عرصي کانپوءِ برسات پئي آهي نه، هي هن موسم جو چوٿون وسڪارو آهي“
    حسان مرڪي بسمه ڏانهن ڏٺو.
    ”منهنجي دل ٿي چوي جيڪر هميشه لاءِ هتي ئي رهي پوان.“
    بسمه، ونڊ اسڪرين تي بارش جون بوندون ڪرندي ڏسندي رهي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ ڀٽون به رقص ڪري رهيون هجن. ٿر جا وڻ، ٻوٽا، پن ۽ سمورا گل جهومي رهيا هئا. اڃايل واري بوندن سان اڃ اجهائي رهي هئي.
    انهن لمحن ۾ هر شيءَ متحرڪ هئي. برسات پوندي رهي، حسان ۽ بسمه، ٿر جي هر پل کان محفوظ ٿيندا رهيا. بارش بيهي رهي، پنن تي بارش جا قطره موتين جيان جرڪي رهيا هئا.
    ٿڌي هوا ۾ هڪ گهرو احساس هو، ماڪ ڀنل احساس.
    هڪ اهڙي خوشي، جيڪا بسمه ان کان اڳ محسوس نه ڪئي هئي.
    وڻ جي لام تان هڪ مور ٽپو ڏئي هيٺ زمين تي ٽلڻ لڳو.
    ”حسان هو ڏس مور“ بسمه جلدي ۾ ڪئميرا کي مور تي فوڪس ڪري تصوير ڪڍي خوشيءَ وچان رڙ ڪئي.
    مور ڊوڙندي وڻن ۾ غائب ٿي ويو.
    ”هي ڏس مور جي تصوير“
    حسان ڪئميرا جي اسڪرين تي تصوير ڏانهن ڏٺو، جتي مور جا رنگ جهومي رهيا هئا.
    ”مور ڪيڏو نه سهڻو پکي آهي، حسان.“
    بسمه غور سان تصوير کي ڏسندي چيو.
    ”تنهنجي شخصيت جا رنگ به سهڻا آهن، هن مور جيان تنهنجي مرڪ جا رنگ، ڪاوڙ جو رنگ ته ڪڏهن اداسي جا رنگ، بسمه ڪڏهن تون پنهنجي رنگن جي باري ۾ غور ڪري ته ڏس.“
    بسمه هلڪو مرڪي ٿي.
    ”هن منظر کان وڌيڪ تنهنجي مرڪ آهي“ ايئن چئي حسان سندس تصوير ڪڍي ورتي. پوءِ ڏيکاريندي چوڻ لڳو.
    ”ڏس مور وڌيڪ خوبصورت آهي يا تنهنجي مرڪ“.
    تصوير ۾ هوءَ واقعي حسين لڳي رهي هئي. حسان کيس پيار مان تڪي رهيو هو.
    حسان جي اکين کان خائف ٿيندي بسمه چيو،
    ”هن وقت مان مور جي ڳالهه ٿي ڪيان.“
    ”پر تون مون کي مور کان به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهي آهين.“
    ”حسان ڪا نئين ڳالهه ڪر“ بسمه کيس مصنوعي ڪاوڙ مان ڏٺو.
    ”هر عورت پنهنجي تعريف تي ايترو ته خوش ٿيندي آهي، ڄڻ کيس قارون جو خزانو ملي ويو هجي. هڪ تون آهين جو.“
    ”مون کي تعريف نه وڻندي آهي.“ بسمه سنجيدگي سان چيو.
    ”چڱو ٻڌاءِ مور جي باري ۾ ڇا چئي رهي هئين.“
    ”ٿر جا مور هڪ هڪ ڪري مري رهيا آهن، حسان! مورن جو مرڻ ڪو سٺو اهڃاڻ نه آهي. ڪوبه خوبصورت پکي بيماري وگهي مرڻ لڳي ته ان جي موت جي پٺيان ڪانه ڪا ڳالهه ضرور هوندي.“
    ”اهي اجايون توهم پرستي جون ڳالهيون آهن.“ حسان ڀَٽ جو فوٽو ڪڍندي چيو.
    ”نه حسان اها توهم پرستي ناهي، اها هن دور جي بي حسي آهي، تون مور جي رنگن کي غور سان ته ڏس. هن جي ناسي رنگ ۾ ڌرتي جو ڏيک اچي ٿو. هن جو نيرو رنگ آسمان تي حڪمراني ڪري ٿو. ۽ هي سائو رنگ پوري فطرت جي سونهن ۾ سمايل آهي.“
    بسمه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
    ”حسان مون مورن کي ويجهو کان ڏٺو آهي. بابا کي مور پالڻ جو شوق هو، هي به پيار ڪرڻ وارو پکي اٿئي. اڄ ٿر جا مور بيمار آهن، ته سمجهه ڌرتيءَ تان پيار جا پاڇا لڙي چڪا آهن.“
    هڪ جيپ اچي بيٺي، وائلڊ لائف لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم جا ميمبر هيٺ لٿا. جيڪي مور جي بيماري تي تحقيق ڪرڻ آيا هئا. انهن سان ڊاڪٽر ۽ مقامي گائيڊ پڻ هو. ٽيم ۾ شامل هڪ ڇوڪري ثانيه هٿ لوڏي کيڪاريو، بسمه جي مرڪ به کيس جواب ۾ ڀليڪار چيو.
    شام جو ڊرائينگ روم ۾ سڀ چانهن پي رهيا هئا. وائلڊ لائف جي ٽيم جا ميمبر اتي موجود هئا ۽ مورن جي بيماري تي ڳالهائي رهيا هئا. بسمه دلچسپي سان گفتگو ٻڌي رهي هئي. هوءَ مورن جي باري ۾ گهڻي فڪرمند هئي، ٿر ۾ اچي کيس احساس ٿيو ته مورن جي بيماري ڪيڏو سنگين مسئلو بڻجي چڪي آهي.کيس مور وڻندو هو، انڪري هوءَ اداس هئي، پر پنهنجي اداسي کي ظاهر نه ٿي ڪيائين.
    ”ثانيه مورن جو ڇا ٿيندو؟ ان باري ۾ ڪا تازي خبر چار!“ بسمه جي لهجي ۾ تشويش هئي.
    ”ها ٿر جي ٽي سو ڳوٺن جو سروي ٿي چڪو آهي، ۽ تقريبن ٽيهه هزار مورن کي ويڪسين لڳايا ويا آهن.“
    ”ٻڌو آهي ته هڪ سو ٻارنهن مور مري چڪا آهن.“
    بسمه اداسي سان کانئس پڇيو.
    ”نه ائين ناهي، اهي افواهون آهن، حقيقت ۾ هيل تائين پنجاهه کن مور مري چڪا آهن، يارنهن مورن جو علاج ٿي رهيو آهي.“
    ثانيه جي ڳالهه ٻڌي بسمه سڪون جو ساهه کنيو.
    ”شڪر آهي ته باقي مور خيريت سان آهن، ڀلا انهن مورن کي ڪهڙي بيماري لڳي آهي.“
    بسمه چانهن جو سپ ڀري ثانيه ڏانهن ڏٺو.
    ”راني کيت نالي ڪا بيماري آهي، پر گهڻي ڀاڳي مور سخت گرمي گهٽ برسات ۽ غذا جي کوٽ ڪري بيمار ٿي رهيا آهن.“
    ”ٿر ڪيترو نه خوبصورت آهي پر هتان جا مسئلا ڪيڏا نه گنڀير آهن.“ بسمه ٿڌو ساهه ڀري چيو.
    ”ها ائين ته آهي“ ثانيه سوچ ۾ ٻڏل هئي.
    چانهن پي بسمه ۽ حسان گڊي ڀٽ تي هليا آيا. جتان سڄي مٺي شهر جو نظارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
    لهندڙ سج جي پاڇن ۾ مٺي شهر سورج مکي جي گل جيان لڳي رهيو هو.
    جهنگلي ٻوٽن کي ڇهي ايندڙ هوا ۾ تازگي هئي. بسمه کي لڳو اها هوا سندس من اجارڻ لڳي آهي. رابيل جهڙي گل جهڙو پويتر احساس سندس من ۾ هرڻ لڳو. ٿر سان کيس عشق هو. ان سون ورني واريءَ کي ڏسي اندر ۾ عجيب ڇڪ محسوس ڪندي هئي. سندس والد ڪيترا سال اڳ مٺي ۾ مختيارڪار جي حيثيت ۾ رهي ويو هو. هو به موڪلن ۾ اچي مٺي ۾ رهندا هئا. هنن ٿر جو چپو چپو ڏسي ڇڏيو هو.
    ”ڇا پئي سوچين“ حسان کي خاموش ڏسي پڇيو.
    ”ياد اٿئي حسان ته اسان جي شادي ۾ آنٽي تحسين مور ٿو ٽلي راڻا وارو سهرو ڳايو هو.“
    ”ها کيس اهو سهرو گهڻو پسند آهي. سندس آواز به ته پيارو آهي. تون به ته اهو سهرو ڳائيندي آهين. اڄ ته ڳائي ٻڌاءِ.“
    ”نه حسان اڄ نه ..... اڄ منهنجي ڳائڻ تي دل نه ٿي چوي. اڄ ٿر جي پنجاهه مورن جي مرڻ جي خبر پئي اٿم، سو گانو ڪئين ڳائنديس.“
    سندس ڳالهه ٻڌي حسان به اداس ٿي ويو. رات ٿي ته آسمان تي ستارن جون ڏياٽيون ٻري پيون. زمين تي هڪ هڪ ڪري گهرن ۾ بلب ٻرڻ لڳا. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ زيوس ديوتا زمين تي لهي آيو هجي، روشني ورهائڻ. هن زمين کان آسمان تائين روشنين جي جهرمر برکا وسي رهي هئي. ان اونداهيءَ ۾ جتي هوءَ بيٺي هئي، هڪ تيز هوا جو جهوٽو واريءَ جي خوشبوءَ کڻي آيو ۽ هوءَ پاڻ کي انهن لمحن جو حصو سمجهڻ لڳي. حسان فوٽوگرافي ڪري رهيو هو. واچ ٽاور مان مٺي شهر جو نظارو کيس پرين جي ديس ۾ وٺي ويو، جتي هر شيءَ حسين هئي.
    رات جو پنهنجي ڪمري ۾ هوءَ دير تائين جاڳندي رهي. مور هن جي تصور ۾ ٽلي رهيا هئا. اهي ٻيلا ۽ جهنگلي جيوت ڪنهن به ملڪ جو قيمتي سرمايو ٿين ٿا. پر هتي شيون بدلجي رهيون آهن. وڏن شهرن ۾ باغ ۽ وڻن وارا علائقا ڪٽي اتي پلازه ٺاهيا ويا آهن. وڻن جي ته اسانجي ماحول کي سخت ضرورت آهي. شهرن ۾ زندگي ڪيتري نه مصنوعي ۽ غير محفوظ ٿي چڪي آهي. ماحولياتي آلودگي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي.
    پر هتي ٿر ۾ ڪيترو نه سڪون آهي. اهڙو سڪون جيڪو يوگيءَ جي ڌيان ۾هوندو آهي.
    ٻئي ڏينهن گهمڻ نڪتا ته ڀٽن جي سونهن ڏسڻ وٽان هئي، هوا نج ۽ هر خوف کان آجي ٿي لڳي. اوچتو بسمه جي نظر ڀرسان وڻن جي هيٺان مور تي وڃي پئي، جيڪو پرڙا پکيڙي رقص ڪري رهيو هو،
    ”حسان... حسان...“ بسمه خوشيءَ وچان رڙ ڪئي.
    حسان کيس چپ رهڻ جو اشارو ڪيو.
    مور جهومي رهيو هو، بسمه کي لڳو ڄڻ پوري ڪائنات رقص ڪري رهي هئي. مور جا سهڻا پر ساوا، نيرا، ڪٿي هلڪا ته ڪٿي گهرا، وجد جي ڪيفيت ۾ هئا.
    مور سان گڏ، سڄو سنسار ۽ جهنگلي ٻوٽا به نچي رهيا هئا. تڏهن هن سوچيو مور ڪو عام پکي نه آهي. هن پکي جي من ۾ صوفي رقص ڪري ٿو.
    ديوانگي رقص ڪندي آهي.
    محبت ڦيرا پائيندي آهي.
    هن پکيءَ وٽ الهامي ڪيفيت آهي. ڪو هن جي من ۾ ڳالهائي ٿو.
    اٿ.... اٿي رقص ڪر.
    جيئن تنهنجي رنگين ۽ سهڻن پَرن سان هي سموري ڪائنات به جهومي اٿي.
    هي ئي ته آهي ٿر جو اصلي جوڳي. ڪير ٿو چوي ته خالق ڪائنات جي محبت رڳو انسان جي من ۾ وسي ٿي.
    ڪير ٿو چوي ته محبت رڳو انسان جي ميراث آهي!
    هن جي ساهن ۾ به ڪا سٽ سري ٿي، انسان کان ڪيترا نه مٿانهان آهن. انسان زندگيءَ ۾ بي ترتيبي پيدا ڪري ٿو ۽ هي انسان جي سوچ کي توازن عطا ڪن ٿا. پنهنجي اڻمٽ سونهن ورهائي، ڀٽن مان هڪ خوبصورت احساس کڻي واپس اچي ٿي. مور جي رقص مان تحرڪ مليس ٿو. زندگي خوبصورت آهي. زندگي کي پکي جاندار بڻائين ٿا.
    جيڪڏن اهي پکي نه هجن ته جيڪر زندگي کي ڪو محور به نه هجي.
    زندگي بي رونق هجي، سوچ اڃايل ئي رهجي وڃي.
    هن خوبصورت پکيءَ کي ايئن نه مرڻ کپي.
    هن جي بقا لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي.
    ٻئي ڏينهن وائلڊ لائف جي اعزاز ۾ ان شهر ۾ ڪم ڪندڙ سندن ميمبرن هڪ ننڍڙو پروگرام ترتيب ڏنو. جنهن ۾ حسان ۽ بسمه به شامل آهن. چند ڏينهن ۾ سڀ هڪٻئي سان رلي ملي ويا آهن، ڄڻ ته گهرڀاتي هجن. ثانيه کي خبر هئي ته بسمه جو آواز سٺو آهي. حسان کيس فخر مان ٻڌايو هو ته هوءَ لوڪ گيت سٺا ڳائيندي آهي. پوءَ هوءَ مور جو تصور اکين ۾ ڀري ڳائي ٿي.
    ٻاهر آسمان تي بادل ڇانيل آهن ۽ هلڪي برسات وسي رهي آهي. بسمه جي آواز جو سر فضائن ۾ جادو جاڳائي رهيو آهي.
    مور ٿو ٽلي راڻا
    مور ٿو ٽلي راڻا
    پوءِ اوچتو بيمار مورن جو تصور بسمه جي اکين ۾ هرڻ لڳو.
    خوبصورت رنگن وارا مرندڙ مور سندس تصوير ۾ اچي ويا. ثانيه جي آواز ۾ سوز وڌندو رهيو.
    ”دهري جوڻايم لک ڏيئي راڻا
    راڻا تو مان راڄ ٿيندا
    راڻا تو مان لک ٿيندا.
    جيڪو مامن جي ڪلهي
    جيڪو چاچن جي ڪلهي
    هو راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽلي گجر جو
    مور ٿو ٽلي راڻا
    مور ٿو ٽلي راڻا“
    هڪ گهرو ڏک اکين مان سمنڊ جيان اٿلي پيو. سر وکري ويا ۽ هوءَ گيت ڳائيندي بي اختيار روئي پئي. ڇو ته ثانيه کيس ٻڌايو هو ته مور لاعلاج بيماري ۾ ورتل آهن.
    ماحول تي گنڀيرتا ڇانئجي وئي، اتي ويٺل سمورا ماڻهو اداسي ۾ وڪوڙجي ويا. ثانيه به اکين ۾ آيل لڙڪ روڪي نه سگهي. آسمان تي ڇانيل بادل به ٿر جي مورن جو جوڀن ياد ڪري ڄڻ روئي رهيا هجن.


    هڪ مشروط محبت جو ڏيک

    آسمان تي هلڪي واڱڻائي رنگ جي روشني ڦهليل آهي. چنڊ جا ريشمي ڪرڻا، وڻن جي سائي ريشمي جهالر مان ڇڻي هيٺ پئجي رهيا هئا. واڪنگ ٽريڪ تي مختلف ماڻهو واڪ ڪري رهيا هئا. رخسانه به انهن ماڻهن سان گڏ هلي رهي هئي. هن آسمان ڏانهن ڏٺو، چنڊ آسمان جي نرڙ تي بنديا وانگر چمڪي رهيو هو. آسمان جي پنهنجي هڪ الڳ دنيا آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته آسمان کي اڄ تائين ڪوبه ڇهي نه سگهيو آهي. ڪڏهن هوءَ پنهنجي ڪنهن سهيلي کي فون ڪري آسمان جو احوال ٻڌائيندي هئي ته هو جواب ۾ کيس مسئلن جي ڄار ۾ ويڙهي منجهائي مارينديون هيون.
    ”هتي مسئلا کٽڻ جا ئي ناهن، چنڊ کي ڏسڻ جي ڪنهن کي فرصت آهي.“
    پوءِ هو مڙسن ۽ ساهرن جي گلا ڪرڻ لڳنديون هيون. يا وري آفيس جا مسئلا ۽ ڪوليگس جا منفي رويا، مهنگائي کي روئڻ لڳنديون هيون. تڏهن کيس محسوس ٿيندو هو ته هرڪو پنهنجي ذات جي غرور ۾ مبتلا آهي. رڳو اهو احساس اٿن ته ساڻن ڪيترو غلط ٿي رهيو آهي.
    هو پاڻ ٻين سان ڪيترو غلط ڪري رهيا آهن، ان جو ڪو حساب ئي نه آهي.
    چار سئو ميٽر جي واڪنگ ٽريڪ تي چوڌاري ماحول جي چرپر کي محسوس ڪندي هوءَ مستقل هلي رهي آهي.
    ڊاڪٽر کيس ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ واڪ جو مشورو ڏنو آهي. مڙس جي رويي کيس ذهني طور تي بيمار ڪري وڌو آهي. مرد آخر زالن جي ڳالهه ڇو نه سمجهندا آهن؟ هو ٻاهرين دنيا، روزگار جي مسئلن ۽ خوب کان خوب ترجي ڳولا ۾ وڃائجي ويندا آهن، ڀلا پئسو ئي ته سڀ ڪجهه ناهي.
    روين جي آلودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ هوءَ روز شام جو ڪلب ايندي آهي.
    هڪ جوڙو تيزيءَ سان هن جي ڀرسان لنگهي ٿو. هنن زال مڙس ۾ ڪيتري نه هم خيالي آهي! هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ٿي. هو ٻئي پهريون بيڊ منٽن کيڏندا آهن، پوءِ گڏ چهل قدمي ڪندا آهن. اڪثر کلندا، ڳالهائيندا ۽ ٽهڪ ڏيندا هلندا آهن. سندن چار ٻار به بيڊ منٽن يا ٽينس کيڏڻ کانپوءِ ساڻن گهمندا آهن يا لان ۾ ڊوڙندا رهندا آهن. کيس اهو جوڙو ماورائي لڳي ٿو. هنن ۾ محبت آهي يا انڊر اسٽينڊنگ؟ محبت کانسواءِ به انڊر اسٽينڊنگ ٿي سگهي ٿي!!
    ٻنهي جي فطرت به هڪ جهڙي لڳي ٿي. شايد ڪو معجزو ئي آهي. نه ته شادي شده زندگي ڪجهه سالن ۾ بيٺل پاڻيءَ جيان ساڪن ۽ بدبودار لڳڻ لڳندي آهي. رومينٽڪ ڳالهيون اڻپورو سهانو سپنو بڻجي وينديون آهن.
    ماڻهن کي محبت ڪرڻ ئي نه ٿي اچي، هو پنهنجي غرض سان محبت ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن.
    محبت ته غير مشروط آهي. ڪا ضرورت، ڪاروبار، واپرائڻ جي شيءَ يا خود غرضي ناهي.
    هن جي زندگي ۾ ايندڙ مرد به هن سان شرطن واري محبت ڪئي آهي، تڏهن ته هوءَ ڊپريس رهندي آهي ۽ ڊاڪٽر کيس واڪ لاءِ چيو آهي.
    سمورا مرد، عورتن سان مشروط محبت ڪندا آهن. هوءَ اداسيءَ سان سوچي ٿي.
    نه سمورا مرد نه....
    هوءَ سمورا خيال ذهن مان ڪڍي تيز هلڻ لڳي ٿي. تيز.... اڃان تيز....
    هوا، وڻن جي خوشبو ۽ سندس تکا ساهه ٽڪنڊو بڻجي دل جي ڌڙڪڻ ۾ گونجڻ لڳن ٿا.
    مشروط ئي سهي پر محبت ئي ته آهي نه...
    گهڻن کي ته زندگي ۾ محبت ئي نصيب ناهي ٿيندي...
    محبت کانسواءِ زندگي ڪيتري نه اڌوري آهي! کيس پنهنجي انهن سهلين جا چهرا ياد اچڻ لڳا، جن جي شادي يا ته حالات جي غير موافق هئڻ ڪري نه ٿي يا سندن معيار ايترو ته اوچو هو جو ڪوبه سندن توقعات تي پورو نه لٿو.
    پوءِ سندن اکين ۾ رڃ پئي ليئا پائيندي هئي، ڪوڙن ٽهڪن جي پڙاڏن ۾ سندن خواب ننڊاکڙي اداسيءَ ۾ ويڙهجي ويڳاڻا نظر ايندا هئا.
    ڪا مشروط محبت به سندن زندگيءَ جو حصو نه بڻجي سگهي!
    ماڻهو پنهنجي ذات جي تسڪين لاءِ محبت ڪندا آهن، ان محبت ۾ ڏيڻ گهٽ پر وٺڻ جي لالچ وڌيڪ هوندي آهي.
    محبت ته بس محبت آهي.
    هڪ ماڻهو تيزي سان ڊوڙندو سندس ڀرسان لنگهي ٿو. هن جي سوچ پکي جي ٽٽل کنڀن جيان فضائن ۾ وکري وڃي ٿي. اهو ماڻهو گهڻي دير تائين
    وارم اپ کانپوءِ جاگنگ ڪندو آهي. هو مختلف وقتن تي ڪلب ايندي آهي. اهو ماڻهو اتي موجود هوندو آهي. شايد هن ماڻهوءَ کي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گهڻو پيار آهي جو هو صحتمند رهڻ ۽ گهڻي عرصي تائين جيئڻ چاهي ٿو.
    جيئڻ جو اتساهه فقط محبوبه ئي ڏئي سگهي ٿي.
    ممڪن آهي زال جي ڪر ڪر کان ڀڄي ڪلب ايندو هجي، مرد آخر گهرن ۾ شام جي وقت تي ايترو بيزار ڇو ٿيندا آهن؟
    کين گهرن ۾ ويهڻ ڇو نه ايندو آهي...؟ شايد زالن جو ڏوهه هجي، هو شام جو ٿڪجي آيل، پنهنجي مڙسن سان پيار ونڊڻ بدران مسئلن جي لسٽ کي ورجائينديون آهن.
    هتي زالن ۽ مردن جي لاءِ سکيا جو ادارو هئڻ گهرجي، جتي بهترين زال ۽ سمجهدار مڙس جي هڪ سٺي کيپ تيار ڪري سگهجي. اهي معاشرا ترقي ڪندا آهن، جتي پرسڪون گهر هوندا آهن.
    اهڙو ڪو ادارو کليو ته سڀ کان پهريائين مان داخلا وٺندس. جيئن پنهنجي مڙس جي اجائي ڪاوڙ ۽ غصي جو ڪو حل ڪڍي سگهان.
    هن جي ڪاوڙ جو سبب بزنس جا مسئلا، ماءُ جون بي جا پابنديون، قائدا ۽ قانون يا مستقبل جا خواب ئي ڇو نه هجن. مان اهو گُـر ضرور سکندس ته ڪهڙو به طريقو اختيار ڪري مان کيس پرسڪون رکي سگهان. گهر جو مرد پرسڪون آهي ته زال ۽ ٻار به سڪون ۾ آهن.
    ڪٿي مرد سٺا هوندا آهن ته سندن زالون عذاب هونديون آهن پر جي مرد گهر ۾ سکيو ناهي ته اهو بدلو ٻين کان وٺندو آهي. چاهي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عملو ئي ڇو نه هجي.
    ماڻهو گهرن جا مسئلا آفيسن ۾ ڇو کڻي ويندا آهن؟ هوءَ پنهنجي ئي سوچن کان ڇرڪي پئي، جڏهن اهو ماڻهو وري هن جي ڀرسان کان لنگهي ٿو. هي هڪ دفعو زال کي وٺي ڪلب آيو هو، زال گهريلو ۽ ان ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ شڪل جي پوري پني هئي.
    پر هي زال کان وڌيڪ اسمارٽ ۽ هينڊسم آهي. پوءِ کيس خيال اچي ٿو ته هوءَ هڪ غير مرد جي باري ۾ ڇو پئي سوچي. ڪٿي اخلاقي قدرن جي ڀت هن تي نه اچي ڪري ۽ هوءَ حال کان به نه پوئتي هلي وڃي. ڪٿي ڊپريشن کان نڪري اينگزائٽي ۾ نه هلي وڃي. غير مرد لاءِ سوچيندس ته ماڻهو ڇا چوندا. توبهه مان هتي تفريح لاءِ آئي آهيان يا فضول قسم جون ڳالهيون سوچڻ...
    هوءَ لان ۾ کيڏندڙ ٻارن ڏانهن ڏسي ٿي. رنگ برنگي ڪپڙا پهريل خوبصورت ٻار مرڪن ۽ ٽهڪن سان هڪٻئي پٺيان ڊوڙي رهيا آهن. ڪن جي هٿن ۾ بال آهن ته ڪي سائيڪل هلائي رهيا آهن. ٻارن جا چهرا ڪيترا نه پرسڪون آهن، سندن چهرن تي مرڪون آهن. هن ڪٿي پڙهيو هو، ٻار ڏينهن ۾ سو دفعا ۽ وڏا چاليهه دفعا مرڪندا يا کلندا آهن. هن ٻارن کي ته مرڪندي کلندي ڏٺو هو. پر وڏا يا ميچوئر ماڻهو هڪ دفعو به نه مرڪندي يا کلندي ڏٺا هئا. هن چوڌاري ڏٺو هر ماڻهوءَ جي چهري تي ٿڪ ۽ بيزاري آهي. ڪجهه عورتون ڪرسين تي ويهي ڪچهري ڪري رهيون آهن، هو يقينا ڪنهن جي برائي ڪنديون هونديون. هنن جي چهرن تي مرڪ بدران حسد يا ساڙ جون ريکائون آهن. توبهه....
    هوءَ آسمان ڏانهن ڏسي ٿي. ڪڪر چنڊ سان اکٻوٽ کيڏي رهيا آهن. هوا جو تيز جهوٽو آيو، سامهون ويندڙ عورت جي مختصر قميص مٿي اڏامي وئي. پر کيس ڪابه پرواهه نه هئي. توڙي جو هوءَ مٿي تي اسڪارف پائي ايندي آهي. پر هلڻ وقت سندس سينو کليل هوندو آهي. ان عورت جو جسم ڪنهن انڊين ايڪٽريس کان گهٽ قيامت خيز نه آهي. هن جي چيلهه جا ور وڪڙ ۽ ڇلڪندڙ ارهه ڪنهن به شريف مرد جو ايمان خراب ڪري سگهن ٿا. ان کان ته بهتر آهي هيءَ ٽريڪ سوٽ پائي پر منهنجو ڇا وڃي...
    جي مردن جي جمالياتي ذوق جي تسڪين ٿئي ٿي، ته ٿيندي هجي.
    هڪ پوڙهو بيورو ڪريٽ ان خوبصورت حسينه جي پٺيان هلندي کيس معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندي ٿڌو ساهه ڀري ٿو. رخسانه هوريان مرڪي ٿي، ان پوڙهي جي بي وسيءَ تي.....
    تيز هلڻ جي باوجود به هوءَ محسوس ڪري ٿي سندس ساهن جي وهڪري ۾ اها تازگي نه آهي جيڪا هئڻ کپي، چڱي نموني ساهه کڻڻ به هڪ فن آهي. ڊاڪٽر کيس چيو هو ته ماڻهو ان ڪري بيمار ٿين ٿا جو هنن جي ساهه کڻڻ جو طريقو غلط آهي. پوءِ ڊاڪٽر پاڻ هڪ ڊگھو ساهه کڻي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ساهه روڪي هڪ ٻه ٽي چار ڳڻي ساهه ٻاهر ڪڍيو هو ۽ کيس تاڪيد ڪئي هيائين ته هوءَ ان انداز سان ساهه کڻي، جيئن دماغ تائين صحيح مقدار ۾ آڪسيجن پهچي سگهي. هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته هوءَ ڊاڪٽر جي ٻڌايل طريقي مطابق ساهه کڻي سگهي. پر کيس ان مشق ۾ ڪا خاطر خواهه ڪاميابي نه ٿي سگهي. سندس ساهه سهميل، منجهيل ۽ گهٽيل ئي رهيا. ان کانپوءَ هوءَ ماڻهن جي ساهه کڻڻ جي طريقن کي نوٽ ڪرڻ لڳي هئي، ڪن جا ساهه جهڪا جهيڻا هئا، ڪي ڊنل انداز ۾ ساهه کڻي رهيا هئا. ڪي ته فقط نالي ماتر ساهه کڻي رهيا هئا. رات جو به سندس ساهه ننڊ ۾ منجهندو هو. جنهن جي ڪري بار بار سندس اکي کلي ويندي هئي. پوءَ هوءَ ان نتيجي تي پهتي ته اڄ جو انسان سک سان ساهه نه ٿو کڻي سگهي. ساهن ۾ ڀريل خوف، بي يقيني ۽ انديشا کين بيمار ڪري وجهن ٿا. کين هر وقت ڪجهه وڃائجي وڃڻ جو خوف آهي. اهي سندن جسم جا عضوا هجن يا محنت سان گڏ ڪيل قيمتي شيون...
    هاڻ هوءَ ڪجهه بهتر محسوس ڪري ٿي. واقعي گهمڻ سان انسان جي صحت تي مثبت اثر پوي ٿو.
    هو ڊپريشن جي ڪيفيت مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي. هوءَ ذهن ۾ سوچن کي اچڻ کان روڪي ٿي. ڪجهه دير ته بنان سوچڻ جي هلندي رهي ٿي. پر وري هڪ بي چين ڪندڙ سوال سندس ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳي ٿو.
    آخر هوءَ عام ماڻهن جيان زندگي ڇو نه ٿي گذاري سگهي؟ اها زندگي جيڪا ماڻهو سوچڻ بنان گذاري ڇڏيندا آهن. مطمئن ۽ خوش رهندا آهن، جي گهڻا خوش نه به کڻي هجن پر پوءِ به ڪنهن حد تائين مطمئن هوندا آهن. ڇو ته هو بنا محسوس ڪرڻ جي زندگي گذاريندا آهن. شايد ذهني و جذباتي گهرجن جا ڪاٿا اسان کي پنهنجي ذات ۾ ويڳاڻو بڻائي ڇڏين ٿا. زندگي ته خوش رهڻ ۽ جيئڻ لاءِ آهي.
    هڪ اڌڙوٽ عمر جو شخص، پنهنجي پندرهن سالن جي ايبنارمل ڌيءَ سان هوريان هلندي سندس ڀرسان لنگهي وڃي ٿو. تڏهن کيس احساس ٿئي ٿو ته، هن هلڻ جي رفتار ڪيتري نه گهٽ آهي.
    هوءَ نه ڄاڻ ته ڇو ڇرڪي ان ايبنارمل ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسي ٿي. ڇوڪريءَ جو پيءُ اداس ۽ خاموش آهي، هميشه جيان...
    هو شايد سوچيندو هوندو ته هن کانپوءِ ڪير سندس ڌيءَ جو خيال رکندو؟ ڪير کيس ڪلب وٺي ايندو! اها ڇوڪري اڄ ڪجهه بهتر ٿي ڏسجي. اڄ سندس زال نه آئي آهي، ٻئي زال مڙس پاڻ ۾ سئوٽ هوندا.
    خاندان ۾ شادين ڪري اڪثر معذور ٻار پيدا ٿيندا آهن. ڇو ته هتي گهڻن خاندانن ۾ ٻاهر شاديءَ کي عيب سمجهيو ويندو آهي. ذاتيون ته انسان جي سڃاڻپ لاءِ آهن نه ڪي ٻين کي ڪمتر سمجهڻ لاءِ.
    موبائيل جي رنگ وڄي ٿي. نمبر ڏسي نفرت جا آثار سندس چهري تي لهي اچن ٿا. ڪالهه رات وارو جهيڙو ياد ٿو اچيس.
    فيضان جا نفرت ڀريا جملا ياد ڪري اداس ٿي وڃي ٿي.
    فون کي Silent تي رکي ٿي ڇڏي. مان فيضان سان گڏ هاڻ وڌيڪ نه رهندس. مان اڄ ئي کيس پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪندس. هو ڀلي ٻار مون کان کسي وٺي. عورت ٻارن جي خاطر ئي ته هر ظلم برداشت ڪندي آهي. سمجهوتو ڪري هوءَ جيئڻ بدران مرڻ لڳي ته اهڙي زندگيءَ جو ڇا فائدو! مان ٻارن کان بغير زندگي گذاري ڇڏيندس...
    اڪيلي سڪون سان رهندس. آخر منهنجي به ڪا عزت آهي. مان به هڪ انسان آهيان. نه مان فقط هڪ عورت آهيان. يا شايد نه مان هڪ زال آهيان، زال بڻجي عورت کي پنهنجي حيثيت جو اندازو ٿو ٿئي. ڪئين هڪ مرد مسلسل هن جي ذات جي نفي ڪندو ٿو رهي.
    هن جي عزت نفس کي مجروح ڪندو ٿو رهي. هن جي هر عمل تي نظر رکي ٿو. هن جي اکين جو تعاقب ڪندو ٿو رهي. Over possessive مرد ڪڏهن به سٺا مڙس ثابت نه ٿيندا آهن. هو ته مون کي ڪلب به نه پيو ڇڏي نه ئي هن وٽ ايترو وقت هو جو کيس ڪلب وٺي اچي ها. پوءِ هڪ ڊگهي بحث مباحثي کانپوءِ کيس ڪلب اچڻ جي اجازت ملي هئي.
    يقين انسان کي ڪڏهن به ناهي ڀٽڪائيندو، کيس شڪ غلط رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي.
    اها محبت جنهن ۾ ويساهه هجي، انسان کي پنهنجي ذات ۾ مضبوط بڻائيندي آهي، ويساهه هڪ خود اعتمادي آهي.
    هڪ آئيني مثل آهي، جنهن ۾ انسان کي ڏنل ويساهه جو عڪس چٽو نظر اچي ٿو.
    ويساهه جو مان رکڻو پوندو آهي....
    شڪ بي يقيني آهي...
    بي يقيني انسان کي ڀٽڪائيندي آهي. پرفيوم جي تيز خوشبو سندس ساهن ۾ ڀرجي وئي. سامهون سٺ سالن جو شخص متوالي، چال سان وڃي رهيو آهي. اڪثر شوخ رنگن جون ٽي شرٽس پاتل هونديون اٿس.
    خضاب لڳل ڪارن وارن کي ڏسي هوءَ سوچي ٿي، هن قداور شخص ۾ ڪيڏي نه زندگي آهي. ڪڏهن پيو سوئمنگ ڪندو ته ڪڏهن بيڊمنٽن پيو کيڏندو، ٻه ٻار هر وقت گڏ هوندا اٿس. جاگنگ ٽريڪ تي انهن سان ڪچهري ڪندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هلندو آهي.
    اڄ ٻار نه آيا اٿس. شايد امتحانن ۾ مصروف هوندا. اڄ هي پاڻ کي آزاد محسوس ڪري رهيو آهي. تڏهن ويجهو کان گذرندڙ هر عورت کي ٽيڏي اک سان ڏسندو پيو هلي.
    هي معاشرو ٽيڏي اکين وارن ماڻهن جو معاشرو آهي. پر ائين ڪنهن کي ڏسڻ ڪيڏو عجيب لڳي ٿو.
    ڇو عجيب لڳي ٿو. هر ماڻهوءَ جو حق آهي ته هو ٻئي کي جيئن وڻي تيئن ڏسي.
    پر اهو حق فقط مردن لاءِ مخصوص آهي، عورتن کي نظرون جهڪائي هلڻ گهرجي. پر عورتون به انسان آهن، انهن کي به ڪو چهرو يا ڪنهن جو انداز متاثر ڪري سگهي ٿو.
    توبه توبهه مان ڇا پئي سوچيان. کيس محسوس ٿيو ڄڻ اخلاقي قدرن جا ماهر کيس پٿر اُلاري رهيا هجن.
    هوءَ پنهنجي سوچن کان خوفزده ٿي وڃي ٿي.
    مان اڄ فيضان کي ٻڌائيندس ته مان طلاق چاهيان ٿي.
    تڏهن اهي لفظ ٻڌي هن جو چهرو ڪيڏو نه لهي ويندو.
    شايد انا جو بت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پويس. مان هن جي چهري تي غرور بدران بي وسي ڏسڻ چاهيان ٿي. مان کيس ٺڪرائي اهو ثابت ڪندس ته هن جو وجود مون لاءِ نه هئڻ برابر آهي. مرد پنهنجي مردانگي جي ٽيڪ تي عورت جي نازڪ احساس جو مذاق اڏائي ٿو. پر هاڻ مان پاڻ سان وڌيڪ مذاق ٿيڻ نه ڏيندس. مان اهو ثابت ڪندس ته مان هڪ انسان آهيان، عورت ٿيس ته ڇا ٿيو. رڳو زال ٿورئي آهيان، مان هڪ ماءُ به ته آهيان.
    نه مان فقط مسز فيضان آهيان.
    منهنجو ڪوبه نالو نه آهي. منهنجي سڃاڻپ فيضان آهي. پر هاڻ مان پنهنجي نالي جي زور تي جيئڻ ٿي چاهيان.
    مان رخسانه اعواڻ.
    اها ئي ساڳي ٻارهن سال اڳ واري رخسانه...
    ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيندڙ زندگيءَ سان ڀرپور...
    جڏهن هو منهنجي ڳالهه نه ٿو سمجهي ته. پوءِ گڏ رهڻ جو ڪهڙو فائدو...
    فيضان جي مون کي طلاق نه ڏيندو ته مان ڪورٽ ۾ هلي ويندس...
    ثنا هن جي ڀرسان لنگهندي سلام ڪري ٿي. هوءَ نه چاهيندي به سلام جو جواب ڏئي ٿي.
    ”خير ته آهي، اداس ٿي ڏسجين؟“ ثنا هن سان گڏ هلڻ لڳي ٿي.
    ”بس ڪجهه طبعيت ٺيڪ نه اٿم.“ رخسانه هيڻي لهجي ۾ وراڻيو.
    ثنا دنيا جهان جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي. توبهه هن عورت کي ڳالهائڻ جو ڪيترو نه شوق آهي. سندس ڳالهين ۾ رڳو سو فيصد پنهنجي، ٻارن ۽ مڙس جي تعريف هوندي اٿس. شايد ڪجهه ماڻهو دنيا ۾ فقط ”مان“ ”مان“ ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. کيس ثنا کان وحشت ٿيندي آهي. اهي ماڻهو ذات جي محبت ۾ مبتلا هوندا آهن. پاڻ کان سواءِ کين ٻيو ڪوبه نظر نه ايندو آهي. پنهنجي سوچ هروڀرو پيا ٻين تي مڙهيندا.
    اهڙا ماڻهو هڪ ڏينهن اڪيلا رهجي ويندا آهن.
    ثنا جي ڳالهين جو جواب هان هون ۾ ڏيندي هوءَ ڄاڻي واڻي رفتار گهٽائي ٿي. ثنا هن کان اڳتي نڪري وڃي ٿي.
    ثنا جو مڙس، ڪئين رهندو هوندو هن سان. اهڙين عورتن سان مرد به سڌا هوندا آهن. زبان جو پٽو مڙسن جي ڳچين ۾ ٻڌي جتي ڪٿي کين گهلينديون وتنديون آهن.
    سندس هٿ ۾ جهليل موبائيل وڳي ٿي، فون تي سندس سس روئي رهي آهي.
    ”رخسانه جلدي پهچ فيضان کي دل جو دورو پيو آهي، مان کيس طبه اسپتال کڻائي وڃي رهي آهيان. تون به اتي پهچ جلدي.“
    رخسانه کي لڳو زمين گول گول ڦري رهي آهي، چنڊ کي باهه لڳي وئي هجي، هوائن جا سر نوحن ۾ بدلجي ويا. ساوڪ جو رنگ ڪارو ٿي ويو. زندگيءَ جي خوشبو مرجهائجي وئي. هوءَ ڊوڙندي گاڏيءَ ڏانهن آئي. ڊرائيور به گاڏيءَ جي ڀرسان بيٺو آهي.
    کيس پريشان ڏسي گهٻرائجي ويو. ”علي محمد جلدي ڪر، طبه اسپتال پهچ، صاحب کي.“
    سڏڪن ۾ سندس جملو اڌورو رهجي ويو. ڊرائيور جلدي سان دروازو کولي ٿو. هوءَ اندر ويهي منهن تي هٿ رکي ٿي. سڏڪن کي روڪڻ لاءِ.
    گاڏي تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳي ٿي.
    هاڻ هفتو اڳ منهنجي سالگرهه تي فيضان ڪيترو نه خوش هو. پهريون ڀيروهن ايڏي شان سان سالگرهه ملهائي هئي. کيس تحفي ۾ قيمتي واچ ڏني هئي. ڪينڊل ڊنر تي وٺي ويو هو. ڪي رومينٽڪ جملا به چيا هئائين. هوءَ ذهن تي زور ڏيڻ لڳي. جملا کيس ياد نه آيا.
    جهيڙي ۾ چيل فيضان جي هر هڪ ڳالهه کيس زباني ياد هئي پر پيار جو ڪوبه ٻول کيس ياد نه هو. زندگي ڪيتري نه مختصر آهي. انسان کي اهو احساس ئي نه ٿو ٿئي.
    محبت جي سونهن ۽ مٺاس کي محسوس ڪرڻ بنا مري وڃون ٿا.
    سوچ جي ٻٽي معيار ۾ڪٿي ڦاسي پئون ٿا.
    ڪاش پنهنجي ذهن جي قيدخانن مان ٻاهر نڪري رشتن جي سونهن کي محسوس ڪري سگهون. ان کان اڳ جو وقت گذري وڃي.
    رخسانه جي ڳلن تي ڳوڙها ترڪڻ لڳا.
    الله سائين فيضان کي وڏي زندگي ڏجانءِ. هن کي پنهنجي خاندان جي انهن بيواهه عورتن جا چهرا ياد اچي ويا، جيڪي تنها گهر ۽ ٻارن جون ذميواريون کڻي شگر، هاءِ بلڊ پريشر۽ دل جون مريضائون بڻجي زندگيءَ جو ڳرو گاڏو بي ستي وجود سان گهلي رهيون آهن.
    مان فيضان سان ڪڏهن به نه وڙهندس. ڀلي هو ماءُ جون تعريفون ڪري يا ڇوڪرين سان پيو فون تي ڪچهريون ڪري.
    مان هن جي ڪاوڙ کي به نظرانداز ڪري ڇڏيندس، مان بنا محسوس ڪرڻ جي زندگي گذاري ڇڏيندس. هو دل ئي دل ۾ آيتن جو ورد ڪرڻ ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳي.
    گاڏي اسپتال جي حدن ۾ داخل ٿي چڪي آهي،کيس محسوس ٿئي ٿو، پلنگ جو هڪ حصو خالي ٿي ويوهجي ڄڻ ته...!!!


    سرد خانو بڻجي ويل احساس

    عباس اي ٽي ايم سامهون موٽرسائيڪل پارڪ ڪري هڪ پاسي بيهي رهيو.
    ”وڃ! ڪيڏي نه ڊگهي قطار آهي، منهنجو وارو ڪڏهن ايندو؟“ هو ماڻهن جي پيهه ڏسي پريشان ٿي ويو. سوچ، نرجس ڏانهن هلي ويس. هوءَ اسپتال ۾ داخل هئي. رات ٻارهين بجي سندس سيزر ٿيندو. سيزر جو سوچي سندس دل معمول کان وڌيڪ ڌڙڪڻ لڳي. جي نرجس کي ڪجهه ٿي ويو ته هو ڪئين جيئرو رهندو، نه نه نرجس کي ڪجهه نه ٿيندو، اڄڪلهه سيزر ته عام جام ٿي رهيا آهن. ڏهن سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ کين اولاد جي نعمت ميسر ٿي رهي هئي. انڪري هن شهر جي مشهور گائناڪالوجسٽ کان ڪيس ڪرائڻ جو سوچيو هو. ان ڊاڪٽر جي فيس نه فقط تمام گهڻي هئي، پر جنهن خانگي اسپتال ۾ ڪيس ڪندي هئي، اها به خرچن ۾ عام ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر هئي. هن کي فقط نرجس ۽ ٻار جي زندگي ۽ جو اُونو هو. سو پٽ سٽ ڪري صبح جو نرجس کي خانگي اسپتال ۾داخل ڪرايو هئائين. هينئر اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائڻ آيو هو. ڊاڪٽر جي في کيس ڏهين بجي جمع ڪرائڻي هئي.
    عباس ۽ نرجس کي ٻار ڏاڍا وڻندا هئا. عباس کي ڌيئون وڻنديون هيون. هُو ماءُ سان ڏاڍو پيار ڪندو هو. ماءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ هن جي دل ۾ ڌيءَ جي خواهش اڃان شدت اختيار ڪري وئي هئي. هو اڪثر رب کي ٻاڏائيندو هو، ته جي ڌيءَ ڏئيس ته هوبهو ماءُ زينت جهڙا نقش هجنس. جيئن کيس لڳي ته سندس ماءُ ٻيو جنم وٺي موٽي آئي آهي، جڏهن پهريون دفعو ڌيءَ کي جهولي ۾ کڻندو ته کيس ڇا محسوس ٿيندو. هڪ ننڍڙو نرم گرم وجود سندس هٿن کي محسوس ٿيڻ لڳو. هو ان لمحي جي سونهن ۾ وڃائجي ويو....
    آخري ماڻهو ٻاهر نڪتو ته هو تڪڙ۾ اندر ويو، هڪ ٻه دفعو ڪوشش ڪيائين پر پئسا نه نڪتا مايوس ٿي ويو.
    ڊاڪٽر فيس جمع ڪرائڻ بنا آپريشن نه ڪندي، نرجس جو بلڊ پريشر معمول کان ڪجهه وڌيڪ هو. دير ٿيڻ سان ٻنهي جي جان کي خطرو ٿي پوندو. پر اڄڪلهه ڊاڪٽرن کي مريضن جي جان کان وڌيڪ فيس عزيز آهي.
    نرجس کي هن پهريون ڀيرو ايترو خوش ڏٺو هو. سڄا سارا نو مهينا ٻار جي تياريءَ ۾ رڌل رهي. ٻار جا ڪپڙا، رلڪا، گدا، رانديڪا ۽ ننڍڙو پينگهو سڀ گڏ ڪري رکيا هئائين. اڪثر هوءَ ننڍڙو وهاڻو پينگهي ۾ رکي مٿان ڪپڙو وجهي، پينگهو لوڏيندي هئي. عباس ڳالهائيندو هو ته خفا ٿي چوندي هئي.
    ”عباس زور سان نه ڳالهاءِ، مدثر جاڳي پوندو، مس مس ته ستو آهي.“
    عباس جون اکيون نه ڄاڻ ته ڇو آليون ٿي وينديون هيون. هو نرجس کي ويجهو ڪري زور سان ڀاڪر ۾ ڀري ڪنن ۾ چوندو هيس.
    ”جي ڌيءَ پيدا ٿي ته ڇا ڪندينءَ!“
    نرجس کيس هلڪو ڌڪ هڻي پري ڪندي هئي.
    ”جيڪا رب جي رضا.“ نرجس جي چهري تي مامتا جو روپ جرڪڻ لڳندو هو.
    ”پر مون کي ڌيءَ کپي. اڇي ڪپهه جهڙي، گول ڀريل ڳٽن واري، جهڙي مينا جي گڏي آهي نه“ مينا سندس ننڍي ڀاءُ جي ڌيءَ هئي.
    ”پوءِ توهان پيءُ ڌيءُ ٻڌي ڪري مون کي تنگ ڪندا.“
    ”وري پٽ به ڄڻجانءِ نه جيڪو تنهنجو بدر کڻي سگهي.“ عباس شرارت مان چوندو هيس. نرجس شرم مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندي هئي.
    ”نرجس! تون ڪجهه به چئه پر مون کي ڌيءَ کپي، جيڪا صفا امڙ جهڙي هجي، امان جون سڪون لاهي، جنهن کي ڏسي اکين سان گڏ روح به ٺري پوي، جيئن امڙ کي ڏسي محسوس ٿيندو هو.“ عباس لڙڪ کي اکين ۾ واپس ڌڪڻ جي ڪوشس ڪندو هو.
    هڪ وياڪل سڏڪو نڙيءَ ۾ گهٽجي ويندو هيس. هن ٻيهر ڪوشش ڪئي ته پئسا مشين مان ٻاهر نڪري آيا. هن سک جو ساهه کنيو. پئسن کي پرس ۾ وجهي هن احتياطي نظرن سان هيڏي هوڏي ڏٺو. ڄڻ ٻاهر ڪو ڦورو هن جي انتظار ۾ بيٺو هجي. ائين ممڪن ٿي سگهيو ٿي، ڇو ته هن شهر ۾ اڪثر اي ٽي ايم مشينن ۽ بينڪن جي ٻاهران اهڙا واقعا ٿيندا رهندا هئا. کيس اطمينان ٿيو ته ٻاهر ڪوبه اهڙو ماڻهو نه هو، هو ٻاهر نڪري آيو.
    سج لهڻ بعد ڪراچيءَ جي سڄي رونق جاڳي پئي هئي. هر طرف بتيون جهرمر ڪري رهيون هيون. ماڻهو آفيسن مان موٽڻ بعد گهرن مان تازا توانا ٿي هاڻ زالن کي شاپنگ ڪرائڻ آيا هئا. سندن زالن جي چهرن تي چمڪ هئي. سندن اکين مان قيمتي خواهشون ليئا پائي مرڪي رهيون هيون. هر ماڻهوءَ جي چهري تي خواهشن جو اڻ کٽ سمنڊ ڇلي رهي هيو.
    هڪ طرف سموريون مادي خواهشون ته ٻئي پاسي رڳو نرجس جي مرڪ هئي.
    اها مرڪ انهن قيمتي شين کان وڌيڪ مٿانهين هئي.
    شايد ان مرڪ جو ڪو ملهه ڪونه هو.
    پر پوءِ به هن جي دل چيو ته اڄ هو سڄو بازار کڻي نرجس جي قدمن ۾ رکي. ڇو ته اڄ هوءَ کيس اها خوشي ڏيڻ واري هئي جنهن جو نعم البدل شايد ئي ڪو هجي! هن جي کيسي ۾ اضافي پنج هزار هئا، جيڪي هن اهڙي موقعي تي نرجس کي تحفي ڏيڻ لاءِ بچائي رکيا هئا. اها بچت هن پنهنجن ڪيترين ضرورتن کي ترڪ ڪري ڪئي هئي. هن نرجس لاءِ سون جا ايئرنگ وٺڻ لاءِ سوچيو. عورت کي وڌ ۾ وڌ سون جا زيور ئي پسند ايندا آهن.
    سامهون عزيز جيولرز جو دڪان هو، جيڪو کيس دوست ٻڌايو هو. هو دڪان ۾ داخل ٿيو، سندس اکيون جرڪڻ لڳيون. دڪان ۾ ڪجهه عورتون شوق سان زيور ڏسي رهيون هيون. ڪاش! اڄ مان هي سمورا زيور خريد ڪري نرجس جي اڳيان وڃي رکان! هو پريان سون جو سيٽ کيس ڪيڏو نه ٺهندو! بلڪل مغليه دور جي شهزادي لڳندي. هي چوڙين جو سيٽ، جهومر، هو ٽڪو ۽ هيءَ سوني پائل.
    ”جي سائين! توهان کي ڇا گهرجي؟“ کيس منجهيل ڏسي دڪاندار هن ڏانهن متوجهه ٿيو.
    ”مون کي ايئرنگ گهرجن“ هن خشڪ چپن تي زبان ڦيري نارمل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سان گڏ دوست جو وزيٽنگ ڪارڊ به کيس ڏنائين ڪارڊ ڏسي ڇوڪري مرڪي ڏنو.
    ”ها سائين ارشاد صاحب ته اسان جا پراڻا گراهڪ آهن، توهان هن پاسي اچو مان اوهان کي نئين شيءِ ٿو ڏيکاريان.“
    ڇوڪري کيس آخري رکيل خالي ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ۽ ايئرنگس جو هڪ وڏو دٻو آڻي هن جي اڳيان رکيائين.
    ”توهان پسند ڪيو تيستائين مان ڪجهه گراهڪن کي فارغ ڪري وٺان.“
    ڏاڍا خوبصورت ايئرنگ هئا. هڪ کيس پسند آيو.
    نرجس جي ڪنن ۾ سهڻا لڳندا. هن جي دل ۾ڪتڪتائي نڪرڻ لڳي. نرجس ته ڪڏهن ڪا فرمائش ئي نه ڪئي.
    هو گهر ۾سڀ کان وڏو ٻار هو، ڀائرن کي پڙهايائين، ڀيڻن جون شاديون ڪرائي فارغ ٿيو ته ماءُ بيمار ٿي پئي. سندس دل جي بيماريءَ جو ڊگهو علاج هليو. پر چاڙهو ڪونه ٿيس، کيس ڏاڍو ڏک هو ته هو ماءُ کي حج نه ڪرائي سگهيو. جنهن جي سندس ماءُ کي شديد خواهش هئي. هاڻ پيءُ بيمار رهيس ٿو. پر حالات اڳي کان بهتر آهن. نرجس سگهڙ عورت آهي، ٿوري مان پورت ڪري ڏکيءَ ويل لاءِ ڪجهه بچائي به رکندي آهي. هن جيڪي ايئرنگ پسند ڪيا آهن سندس پهچ کان ٻاهر هئا. هن ٻئي نمبر تي پسند ڪيل ٽاپس خريد ڪيا. پر کيس پنهنجي دل وسامندي محسوس ٿي. هن اهم موقعي تي به هن وٽ پنهنجي پسند جو تحفو ڏيڻ لاءِ چونڊ جو اختيار نه هو. هن ٿڌو ساهه ڀريو. ممڪن آهي اسپتال ۾ ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهڻا پون. اڃان وڌيڪ قرض کڻڻو پوي، ممڪن آهي ڪي زيور به کپائڻا پون. شايد هي ٽاپس به.
    دل ۾ سور جون سٽون اڀرڻ لڳس، هن صبح کان ڪجهه به نه کاڌو هو.
    دڪان کان ٻاهر نڪتو ته رانديڪن جي دڪان کان لنگهندي گڏيءَ تي نظر پيس. اڇي گول ڳٽن واري سهڻي گڏي هئي. دل سٽ کاڌس ته جيڪر زينت لاءِ وٺي، پر هوءَ پنهنجي هوش ۾ نه هوندي گڏيءَ سان ڪيئن کيڏندي. کيس پنهنجي سوچ تي کل آئي. آخر ته وڏي ٿيندي. وقت گذرڻ ۾ دير ڪهڙي ٿي لڳي. هو دڪان ۾ اندر داخل ٿيو. گڏيءَ جي قيمت پڇيائين. هزار کان گهٽ دڪاندار گڏي ڏيڻ تي راضي نه ٿي ٿيو. هو به ٻڏتر ۾ هو ته ڇا ڪري. آخر دل جو چيو مڃيائين ۽ گڏي خريد ڪري ٻاهر نڪري آيو. کيس محسوس ٿيو ڄڻ زينت سندس ڪڇ ۾ آهي. هوءَ به ائين هوندي اڇڙي ڪپهه جهڙي گول ڀريل ڳٽن واري.
    ”منهنجي امڙ منهنجي زينت“ اکيون آليون ٿي ويس.
    اسڪوٽر تي ويهي بي اختيار گڏيءَ کي ڏسندو رهيو. امڙ کي به منهنجي اولاد کي پنهنجي جهولي ۾ کيڏائڻ جي ڪيڏي نه سڪ هئي. اهو ڏک کڻي هوءَ دنيا مان هلي وئي. پوءِ کيس اوچتو خيال آيو ته کيس دير ٿي رهي آهي. هن جئين ئي اسڪوٽر اسٽارٽ ڪيو ته ڌماڪو ٿيو. گهڻي پل ته کيس سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿي رهيو آهي. هو به هڪ پاسي وڃي ڪريو. هر طرف انساني عضوا پکڙي ويا. باهه، دونهين ۽ رت جي عجيب باس فضا ۾ وکري وئي. هر طرف رڙيون، سڏڪا ۽ سسڪيون گونجي رهيون هيون. هڪ عجيب ڀوائتو منظر هو. اکين ۾ خوف ڀري ماڻهو ڀڄي رهيا هئا، پوليس جون گاڏيون ۽ ايمبولينس سائرن وڃائينديون اچي پهتيون.
    ”نرجس... نرجس...“ هن رڙ ڪئي پر سندس آواز ڳلي ۾ ئي ڦاسي پيو. کيس محسوس ٿيو، نرجس بي وسيءَ مان کيس سڏي رهي آهي. وڃڻ وقت سندس هٿ پڪڙي التجا ڪئي هئائين
    ”عباس! نه وڃ... مونکي الاءِ ڇا محسوس ٿي رهيو آهي. دل ٻڏندي محسوس ڪري رهي آهيان.“
    ”چري! ڪجهه به نه ٿيندو، تون دلجاءِ ڪر مان پئسا ڪڍرائي اجهو ٿو اچان.“ نرجس جي ان نظر ۾ اداسي سان گڏ ڪجهه ٻيو به هو، هوءَ کيس هڪ ٽڪ گـُهوري رهي هئي. ڪا بي يقيني هئي هن جي خوبصورت اکين ۾ ڪجهه وڃائڻ جو خوف...
    هن جون ٻئي ٽنگون زخمي هيون. پينٽ ليڙون ليڙون ٿي وئي هيس. سور جي شديد سٽن ساهه ٻوساٽي ڇڏيو هيس. هن محسوس ڪيو ته پئسا ۽ ٽاپس الاءِ ڪهڙي پاسي اڏامي ويا هئا. پر گڏي اڃان تائين سندس ٻانهن ۾ ڦاٿل هئي. هن اونداهيءَ ۾ زمين جانچي پئسا ۽ ٽاپس ڳولهڻ لاءِ پر سندس هٿ رت سان ڀرجي ويس. هرطرف انساني عضوا پيا هئا. اکيون، نڪ، چپ، ٽنگون، ٻانهون ۽ گوشت جا لوٿڙا انسانيت جي بي حسي تي ماتم ڪري رهيا هئا. سندس ذهن هڪدم اسپتال ڏانهن هليو ويو. ڊاڪٽر جي فيس جمع نه ٿي ته آپريشن ڪيئن ٿيندو!
    امدادي ڪارروايون زور و شور سان جاري هيون پر جنهن پاسي هو زخمي پيو هو، ان ڪنڊ ڏانهن ڪنهن جو ڌيان نه هو.
    مون کي ڪجهه ٿي ويو ته گهر جو خرچ ڪيئن هلندو! بابا جي پينشن ته سندس دوائن جو کاڄ بڻجي وڃي ٿي. شايد نرجس نوڪري ڪرڻ لڳي. ٻار جو ڇا ٿيندو! هو احساس محرومي جي سائي هيٺ پلبو. سٺن ڪپڙن، کاڌن ۽ رانديڪن کان محروم هوندو. جي ضد ڪندو ته نرجس کيس مار ڪڍندي. اهڙيون مائرون پنهنجي محرومين جي باهه اولاد مان ڪڍنديون آهن.
    شايد نرجس ٻي شادي ڪري ڇڏي. نه نه هوءَ ائين نه ڪندي، هوءَ منهنجي يادن کي ساهه ۾ سانڍي رکندي.
    مان ڪيڏو نه خود غرض آهيان. مون کانپوءِ به کيس پنهنجي نالي سان جڙيل ڏسڻ گهران ٿو. کيس گهڻو ڪجهه ياد اچي ٿو. گهر جو سک، نرجس جو پيار، ٻار لاءِ ٻنهي جو انتظار، سڄو ڏينهن ٻاهر رهي شام سمي گهر موٽندي نرجس کي ڏسڻ جي خوشي.
    شاديءَ جي تيرهن سالن ۾ به نه بدليا هئا، سندن سڪ ۽ پيار ساڳيو هو. اهڙي زندگي ته نصيب وارن کي ملندي آهي.
    شايد خوشين کي ماڻهن جي نظر لڳي ويندي آهي.
    ڪوشش ڪري ٿو رڙهڻ جي پر سور جون سٽون بيحال ڪري ٿيون وجهنس.
    جي بچي به ويس ته شايد معذور بڻجي زندگي گذاريندس. اهڙي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو!
    کيس محسوس ٿيو، ذهن ۾ محفوظ خوبصورت احساس سردخانو بڻجي چڪو هو.
    کيس نه امڙ زينت جي ورڻ جي آس هئي، نه نرجس جي خوبصورت چهري کي ٻيهر ڏسڻ جو ارمان. سندس جذبا رت جي رنگ ۾ وڪوڙجي ويا هئا.
    ٽارچ جي روشني کيس پنهنجي چهري تي محسوس ٿي، هن گڏيءَ کي زور سان پنهنجي اندر ۾ سموئڻ جي ڪوشش ڪئي، گڏي رت ۾ آلي ٿي چڪي هئي.
    ”شايد مري چڪو آهي.“ ڪنهن سندس نبض تي هٿ رکيو.
    ”نه اڃان ساهه باقي اٿس، جلدي کڻوس.“
    کيس اسٽريچر تي رکي ماڻهو ايمبولينس ڏانهن کڻي وڃن ٿا.
    لاشعور ۾ اوسيئڙي جي شدت کيس حواسن ۾ رکيو هو.
    هن هوش وڃائڻ کان اڳ آخري دعا گهري.
    اي خدا مون کي نياڻيءَ جو اولاد نه گهرجي، مان الاءِ بچان يا نه... پر نرجس کي مدثر جي روپ ۾ مون کي موٽائي ڏجانءِ، ڪو ته هجي جنهن مان منهنجون سڪون لاهي سگهي!


    درد جو چهرو

    ٻالڪپڻي جي هڪ عجيب دنيا ٿئي ٿي. خوبصورت ۽ طلسماتي اثر رکندڙ. هڪ بي ساخته خوشيءَ جي دنيا، جنهن ۾ کل هروڀرو ايندي آهي. بنا جواز ۽ پاڻمرادو ٽهڪن جا گلاب پيا ٽڙندا آهن. ٻارنهن يا تيرهن سالن جي عمر، پوپٽ جي رنگن جهڙِي سندر ٿيندي آهي. خيال پرين جيان پيو آسمان کي ڇهندو آهي، سو ان ئي دور ۾ ٽپهري ڌاري سائين علاوالدين اسان کي پڙهائڻ ايندو هو. اهو سنڌ جو پوئتي پيل شهر هو، چوڌاري ننڍن ڳوٺن ۾ وڪوڙيل. ان ڳوٺ ۾ گرمي به قهر جي پوندي هئي. ٽاڪ منجهند جو جڏهن پکي پکڻ پناهه جي ڳولا ۾ هوندا هئا، تڏهن سائين علاوالدين اچي نڪرندو هو. ڪلاڪ جي ان پڙهائيءَ ۾ نه مون کي دلچسپي هئي ۽ نه منهنجي ڀيڻ کي ڇو ته اسان جو ڌيان راند ۾ لڳل هوندو هو. سائين علاوالدين جو، پڙهائيندي ننڊ پئجي وڃڻ اسان کي دلچسپ ڳالهه لڳندي هئي.
    مان ۽ منهنجي ڀيڻ کلڻ لڳندا هئاسين ۽ سائين ڇرڪ ڀري جاڳي پوندو هو. اجنبي نگاهن سان گهوريندو هو، ڄڻ پڇندو هجي ته مان ڪٿي آهيان؟
    سائين علاو الدين ڊگهو ۽ سنهڙو هو. قميص جي اندر هڏائون پڃرو پيو لچڪندو هو. ويڪري قميص سندس غربت جو ڀرم رکي ويٺي هئي. سندس سلهه ورتل وجود ڏٻرو ۽ قابل رحم هو. ڪرسيءَ تي ويهي جڏهن سبق ڏيندو هو ته اڪثر اُڀ ساهي ورائي ويندي هيس. سهڪي سهڪي بيحال ٿي پوندو هو.
    وڏا ساهه کڻندو هو ته وات مان گگ لار ڪري ڳڙڻ لڳندي هيس. پوءِ هيٺ جهڪندو ويندو هو ۽ ٻيڻو ٿي ٽيبل تي مٿو رکي ڇڏيندو هو. مان ۽ منهنجي ڀيڻ خوفزده ٿي ويندا هئاسين. ڊوڙندي وڃي بابا کي ٻڌائيندا هئاسين. بابا اسٽيٿسڪوپ ۽ بلڊپريشر جو آلو کڻي اچي کيس تپاسيندو هو. پوءِ کيس دوا ڏيندو هو. آهستي آهستي سائين ڪجهه سامت ۾ ايندو هو.
    ”سائين طبيعت ٺيڪ نه اٿو ته کڻي ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪيو.“ بابا چوندو هيس
    ”نه نه آئون ٺيڪ آهيان، موڪل ڪندس ته ٻارن جي پڙهائيءَ جو نقصان ٿيندو.“
    هو بيماري ۾ به ڪم ڪرڻ چاهيندو هو. سنڌ جي پوئتي پيل ٻهراڙيءَ جو سلهه ورتل خود دار ماستر، جنهن وٽ علاج جا پئسا نه هئا. مون کي به انهن ڏينهن ۾ احساس ٿيو هو ته زندگي رڳو بادلن ۽ پوپٽن سان راند جو نالو نه آهي.
    زندگيءَ جو سچ ڪڙو ۽ جيءَ جهوريندڙ آهي. زندگي ۾ بک، بيماري ۽ بيوسي آهي. ان وقت جاگيرداري نظام جي ڳري پهاڙ هيٺان ساهه کڻندڙ سنڌ هيڻي حال ۾ هئي. درد جي چهري سان شناسائي، ان عمر جو هڪ انوکو تجربو هو. ان دور ۾ احساس ٿيو هو ته زندگي ڏاڍي ڏکي آهي ۽ جيئڻ تهائين هڪ وڏي آزمائش.
    سائين علاوءُ الدين منهنجي معصوم ۽ بي خبر ذهن ۾ درد جو ٻج پوکيو هو. جيڪو وقت سان پروان چڙهندو رهيو ۽ وڌي وڻ ٿيو. اهو ڏک جيڪو اجتماعي شعور سان سلهاڙيل هو. جنهن ڏينهن سائين علاو الدين نه ايندو هو ته لڳندو هو زندگي ڪٿي پري ٿڪل جهڪا ۽ جهيڻا ساهه کڻي رهي آهي. سائينءَ جا ساڻا تکا ساهه ۽ سهڪندي ٻيڻو ٿي اڳيان جهڪڻ، کليل وات مان گگ جو لار ڪري وهڻ، ننڊ جا ٻه ٽي جهوٽا کائي ڇرڪ ڀري جاڳي پوڻ، منهه مان اڪثر اها باس ايندي هيس، جيڪا لنگهڻ ڪٽڻ سبب ايندي آهي.
    ”سائين ماني کڻي اچان؟“ مان کيس اکين ۾ همدردي ڀري پڇندي هيس.
    ”نه نه ماني ڍءُ ڪري کاڌي اٿم، تون رڳو پاڻي ڍڪ پياريم.“
    ڊوڙي پاڻي کڻي ايندي هيس، جيڪو هو هڪ ساهي پي ويندو هو. مان کيس جاچيندي رهندي هيس. غور سان ڪڏهن اکين ۾ لڙڪ به هوندا هيس. کلندو بنهه نه هو. نه ڪا اضافي ڳالهه ڪندو هو.
    ”کوليو ڪتاب ۽ پڙهو اڄ جو نئون سبق“ رعبدار آواز ۾ چوندو هو ۽ اسان سبق پڙهڻ لڳندا هئاسين. سبق پڙهائي ختم ڪري موڪلائي روانو ٿيندو هو. ٿڙندو ۽ ٿاٻڙندو هليو ويندو هو ته ڪمري ۾ درد سان ڀريل خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. هڪ ڏينهن نه آيو ته خوش ٿياسين. ان ڏينهن باغن ۾ پوپٽن پٺيان ڊوڙندا رهياسين. گڏين راند کيڏيسين ۽ ڦر ڦر سوٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي واري راند ۾ مصروف ٿي وياسين. سائين ٻئي ڏينهن به نه آيو، ان ڏينهن بلور راند کيڏڻ ۾ مگن ٿي وياسين. ان کانپوءِ لڪ لڪوٽي راند کيڏندا رهياسين. اسان سوچيو، سائين کي بخار ٿي پيو هوندو. ٽئين ڏينهن خبر پئي ته سائين علاوالدين گذاري ويو.
    امان سندس موت جي خبر ٻڌي روئڻ لڳي. ”ڏاڍو ڀلو انسان هو، الله جنت ۾ جايون ڏيس.“ موت جو تصور انهن ڏينهن ۾ اوپرو لڳندو هو. آخر ماڻهو هلندي ڦرندي ڪيڏانهن گم ٿي وڃي ٿو. وري سوچيندا هياسين آخر جنت ڪهڙي جڳهه آهي، جتي هرڪو وڃڻ جو خواهشمند آهي.
    درد جو چهرو جنهن کي روز ڏسندا هئاسين، هڪ ڏينهن وقت جي ڌنڌ ۾ وڃائجي ويو. دلين ۾ هڪ خلش رهجي وئي ته . ڇا هاڻ سائين علاو الدين ڪڏهن به نه ايندو.
    هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ کيس ڳولڻ لاءِ نڪتاسين. هڪ اميد کڻي ته شايد سائين گهر ۾ موجود هجي. سندس گهر گهڻو پري هو. نٽهڻ اس ۾ پنڌ ڪرڻ محال ٿي لڳو. تيز گرميءَ ۾ اسان جا ڳل ٽامڻي هڻي ويا. مٿي کي ڦيري اچڻ لڳي، نڙي سڪي وئي،
    ”مار سائين ايترو پري کان پنڌ ڪري بيماريءَ جي حالت ۾ ايندو هو!“ مون پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو.
    هلندي هلندي سامهون ٻن ڪمرن وارو ڪچو گهر نظر آيو، جنهن جي اڱڻ ۾ مٽيءَ جو واچوڙو گول ڦري رهيو هو. گهر کي چوڌاري ڪنڊن جو لوڙهو ڏنل هو. اڱڻ خالي ۽ اداس هو، واچوڙي رکي رکي ماتم ٿي ڪيو. هر طرف اڻ چيل اداسي هئي.
    خاموشي به رانڀاٽ ڪري روئي رهي هئي. هوا جا تيز گهوگهٽ هئا، ڄڻ اها به نوحو پڙهندي هجي.
    هڪ اداس رنل چهري واري مائي نڪتي، ”سائين علاوالدين آهي؟“ وڏي اميد سان پڇيم.
    ڄڻ موت ڪو مذاق هجي، ڪو وهم يا ڪوڙ هجي.
    ”علاوالدين مري ويو، هاڻ ڪونه ايندو.“
    ائين چئي اچي سڏڪن ۾ پئي.
    ”آخر سائين ڪهڙي ملڪ ويو آهي جو موٽي نه ايندو؟“ منهنجي ڀيڻ سوال ڪيو.
    ”هن زندگيءَ ۾ گهڻيون تڪليفون ڏٺيون هيون، ان ڪري جنت ۾ هوندو.“ سڏڪندي اميد سان وراڻيائين.
    جنت جو تصور کڻي موٽياسين، سائين علاوالدين جنت ۾ هليو ويو.
    ”سائين جنت ۾ خوش هوندو، جنت دنيا کان بهتر جڳهه هوندي.“ مون ڀيڻ کي چيو ته هن ڪنڌ ڌوڻيو. هن کي نه ڏکن جي خبر هئي، نه ئي موت جي راڪاس جي، پر ايتري خبر ضرور هيس ته جنت هڪ خوبصورت جڳهه جو نالو آهي.
    سائين علاو الدين جنت ۾ بيمار نه هوندو نه کيس اتي گرمي لڳندي هوندي. بادلن جي ڇانوري ۾ سرسبز واديءَ ۾ رهندو هوندو. نديءَ ڪناري وڏو گهر هوندس. ان گهر جي چوڌاري ڪنڊن جي لوڙهي بدران گلن سان مهڪندڙ ديوار هوندي، هو اتي خوش هوندو. هتي زندگيءَ ۾ڪڏهن به نه کليو هو، پر اتي هو ضرور مرڪندو هوندو.
    هيءَ دنيا ڏکن جو گهر آهي، هو روز ايندو هو ته سندس اهميت نه هئي. اسان کي راند جو فڪر لڳو پيو هوندو هو. هڪ ڏينهن نه آيو ته ان ڏينهن سندس وجود جي اهميت کان واقف ٿياسين، اهو به احساس ٿيو ته هتي ماڻهو مري اهم ٿيندو آهي.
    اهميت به فقط چند ڏينهن جي پوءِ سڀ پنهنجي دنيا ۾ مگن ٿي ويندا آهن. پر نه ڄاڻ ته ڇو درد جو چهرو يادن ۾ سدائين پيو احساس کي ڏنڀ ڏيندو آهي.


    هڪ لمحي جي خوشي

    هوءَ فارينه جي ڊريس تبديل ڪري رهي هئي ته سميع پويان رڙ ڪئي.
    ”آشا! مان ليٽ پيو ٿيان، ميٽنگ ۾ پهچڻو اٿم.“
    فارينه کي تيار ڪري، هوءَ کيس ڊائننگ ٽيبل وٽ ڇڏي. ڊوڙندي بورچيخاني ۾ وئي، نيرن جو سامان ٽري تي رکي ڊائننگ ٽيبل تائين پهتي، فارينه ۽ فهد کي سلائس تي مکڻ ۽ جيم لڳائي ڏيئي وري بورچيخاني ۾ وڃي يڪدم چانهه تيار ڪري کڻي آئي. جيستائين سميع نيرن ختم ڪئي. ان وقت تائين هوءَ سندس بريف ڪيس ۽ ڪوٽ کڻي آئي.
    ”اڄ فون جي بل جي آخري تاريخ آهي.“ سميع کيس ياد ڏياريو.
    ”ها ياد اٿم، ان ڪري ته ڪاليج مان موڪل ڪئي اٿم، جيئن اڄ ئي سمورا ڪم ڪري وٺان.“
    هوءَ سميع، فارينه ۽ فهد کي ڇڏڻ دروازي تائين آئي ۽ مرڪي کيس خدا حافظ چيائين واپس مڙي هن گهر ڏانهن ڏٺو. ڪابه شيءَ پنهنجي جاءِ تي نه هئي. پهرين هن بيڊروم کي ٺيڪ ڪيو. ڊرائنگ روم ۾ گدا زمين تي پيا هئا، رسالا ۽ اخبارون الڳ وکريل هيون. سڀ کڻي ترتيب سان رکي. بورچيخاني ۾ موٽي آئي. مختصر نيرن کان پوءِ ڪپڙا بدلائي ٻاهر وڃڻ جو سوچي رهي هئي ته اوچتو چڪر اچي ويس. گهڙيءَ پل لاءِ هوءَ صوفي تي ويهي رهي.
    پنهنجي اها حالت ڏسي کيس ٻاهر جا سمورا ڪم ختم ڪرڻا پيا. گهر ۾ ويهي ڇا ڪنديس. هوءَ بوريت جي احساس کان گهٻرائجي ويئي. کيس مونا جو خط ياد آيو، هوءَ مونا جو خط کڻي کولي پڙهڻ لڳي، لکيل هو:
    ”ڊيئر آشا!
    ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم ته پابندين ۾ ساهه ٻوساٽجي ويندو. الڳ گهر جا ڪيڏا نه خواب ڏٺا هئم پر تعبير جي ڪنجي منهنجي سس جي هٿ ۾ آهي. ان ڪري في الحال رڳو خوابن سان دل بهلايان پيئي. گڏيل خاندان به هڪ عذاب آهي. انسان پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. خالد منهنجو ايترو خيال ناهي رکندو، جيترو پنهنجي گهر وارن جو. ان ڪري جيئڻ جنجال آهي. جيڪڏهن احتجاج ٿي ڪيان ته خالد منٿ ميڙ ڪري مون کي چپ ڪرائي ٿو ڇڏي.
    آشا! سوچان ٿي، تون ڪيڏي نه خوش قسمت آهين، جو هڪ خودمختيار آزاد زندگي گذاري رهي آهين، ڪراچيءَ جهڙي خوبصورت شهر ۾ رهين ٿي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته سمنڊ ڪناري هڪ خوبصورت فليٽ ۾ الڳ رهين ٿي. نه سس جو جهڳڙو نه نڻان جي ڪر ڪر. سميع ۽ توکي هڪ ٻئي سان احساس ونڊڻ جو ڪيڏو نه وقت ملندو هو! هڪ خالد آهي، جو سڄي خاندان کي منهن ڏيئي رڳو رات جو ڪجهه گهڙيون ئي مون کي ڏيئي سگهندو آهي ۽ هونئن اها به ڪا زندگي آهي، جنهن ۾ تعلق رڳو خواهش پرستيءَ جو انڌو کوهه بڻجي وڃي. ائين ٿو لڳي شادي ڄڻ ته جنس جو سودو هجي.
    اسان ٻنهي ۾ ضرور پيار جو ڪو جذبو هوندو پر ان پيار ۾ ڏاڍي اڃ اُساٽ آهي، جيئن ڪنهن اڃ ۾ مرندڙ ماڻهوءَ کي ڍڪ ڍڪ ٿي پاڻي ملندو هجي. خير، پنهنجا ڏک ٻڌائي توکي تنگ ڪرڻ نه ٿي چاهيان.
    تنهنجي خط جو انتظار رهندو.
    فقط تنهنجي مونا.
    خط پڙهي هوءَ مونا جي انداز تحرير تي مرڪي پئي. مونا سندس ويجهي سهيلي هئي. حد کان وڌيڪ جذباتي ۽ کرو سچ ڳالهائيندڙ بيباڪ ڇوڪري، پر ساهرا اهڙا مليس، جيڪي ڪافي حد تائين پراڻي سوچ جا هئا. جڏهن ته سندس پرورش آزاد ماحول ۾ ٿي هئي. هوءَ سوچڻ لڳي ته ماءُ پيءُ اولاد جي زندگيءَ جو فيصلو ڪرڻ وقت کين مختلف ماحول ۾ موڪلي، اهو نه ٿا سوچين ته ان گهٽيل ماحول ۾ سندس اولاد کي جيئڻ لاءِ ڪيترا نه جتن ڪرڻا پوندا!
    ”ڇا مان واقعي خوش قسمت آهيان!“ آشا پنهنجي وکريل وارن کي سنواريندي سوچيو.
    کيس ياد آيو، شاديءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سميع هن کي ڪيڏو نه خوش رکيو هو. هر ڪم سميع هن کان پڇي ڪندو هو، هن آشا جي اسرار تي سمنڊ ڪناري فليٽ ورتو، جنهن کي هن پنهنجي مرضيءَ سان سينگاريو هو.
    شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چوڏهينءَ جي رات هو سمنڊ ڪناري خاموش ويٺا هئا، نه ڳالهائڻ جي باوجود به هو هڪ ٻئي جي موجودگيءَ جي احساس ۾ گم هئا. ڪيترا ڪلاڪ هو ان ڪيفيت ۾ ويٺا رهيا، پوءِ خاموشيءَ کي ٽوڙيندي آشا چيو هو.
    ”هاڻ گهر هلون!“
    ”مان سڄي رات هتي گذارڻ ٿو چاهيان.“
    ”ائين ويهي“ آشا کلي پئي.
    ”ها ائين، هڪ ٻئي جي هٿن ۾ هٿ ڏيئي خاموش رهي سڄي رات جاڳندا رهنداسين.“
    ”ائين بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي؟“ آشا چنڊ کي ڏسندي چيو.
    ”جذبا لفظن جا محتاج ٿيندا آهن ڇا!“
    سميع جي ڳالهه ٻڌي سندس دل ۾ ڪنارن جهڙو سڪون لهي آيو.
    محبت اندر جي دنيا جي تڪميل آهي. هن کي محسوس ٿيو، ڪائنات جو هر رنگ تڪميل جي ان پُر نور روشنيءَ سان گڏ رقص ڪري رهيو هجي ۽ اڄ هن چوڌاري ڀتين کي ڏٺو. سڀ ڪجهه ڪيڏو نه بدلجي چڪو آهي. شايد اهو دنيا جو دستور آهي ته جيڪو ڪلهه هو اهو اڄ نه هوندو، جيڪو ڪجهه اڄ آهي، اهو سڀاڻي نه رهندو. انساني مزاج، روين ۽ رشتن کي ڪو استحڪام نه آهي.
    هوءَ پنهنجي زماني جي ذهين ۽ متحرڪ ڇوڪري هئي. انڪري هن جلد ئي گهر جي هر ذميداري سنڀالي ورتي. گهر جا سمورا ڪم سنڀاليندي بجلي، سوئي گيس، ٽيليفون جا بل هوءَ جمع ڪرائڻ لڳي. گهر جو سيڌو سامان يوٽيلٽي اسٽور تان وٺي ايندي هئي، پهريون ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ جو ڪم سميع جي حوالي هو. اهو به هن پاڻ سنڀالي ورتو، ٻارن کي اسڪول ڇڏي پاڻ ڪاليج هلي ويندي هئي. سميع کي گهر جي طرفان ڪوبه فڪر نه هو.
    پر آخر ڪيستائين؟هوءَ زندگيءَ جي يڪسانيت کان جلد گهٻرائجي ويئي. هاڻ هو هڪ تورتڪ واري مشيني زندگي گذاري رهيا هئا. سميع شام جو ڇهين وڳي واپس ايندو هو. ڪپڙا تبديل ڪري چانهه پي ويهندو هو ته سندس ڪونه ڪو دوست اچي نڪرندو هو. سميع ڪافي يار ويس هو. سندس دوستن جو حلقو انتهائي وسيع هو. اها ڳالهه آشا کي ڏاڍو بيزار ڪندي هئي. هن جي شديد تمنا هئي ته سميع زندگيءَ جي هر معاملي کي هن سان برابر ونڊي، ڪڏهن سندس حال پڇي. اهي ساڳيون ننڍيون ننڍيون رنجشون، اهي ڳالهه ڳالهه تي رساما موٽي اچن، جن سان پيار جي جذبي ۾ شدت ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي. پر انهن سڀني ڳالهين لاءِ وقت گهربل هو، جنهن جي آشا جي زندگيءَ ۾ کوٽ هئي.
    ٻارن جو اسڪول مان موٽڻ جو وقت ٿي ويو هو. هن سميع جي آفيس فون ڪئي ته سميع هڪ اهم ميٽنگ ۾ مصروف هو. هاڻ ڇا ٿيندو! هوءَ پريشان ٿي وئي. آخرڪار پنهنجي وکريل قوت کي گڏ ڪري هن پاڻ ٻارن کي وٺي اچڻ جو فيصلو ڪيو. هوءَ جلدي جلدي تيار ٿي گاڏي کڻي ٻاهر نڪري ويئي.
    رات جو هوءَ اسپتال مان چڪاس ڪرائي موٽي ته سميع جو موڊ سخت خراب هو. ٻارن کي پنهنجي ڪمري ۾ سمهاري واپس بيڊروم ۾ موٽي ته سميع خلاف توقع جاڳي رهيو هو. جڏهن ته هوءَ ڏاڍي خوش هئي. کيس ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هوءَ اندر جي گهٽ کان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي هجي. سندس وجود خلائن ۾ هلڪو ڦلڪو ٿي اڏامي رهيو هو. چانڊوڪي سندس ٻانهن ۾ هئي ۽ ڪيترا ستارا هن مٺ ۾ جهلي رکيا هئا. هڪ ٻيو اڻ ڏٺل وجود سندس اندر ۾ گردش ڪري رهيو هو. زندگيءَ جي يڪسانيت ختم ٿي رهي هئي. هن محسوس ڪيو، سميع بي چين هو.
    ”ڇا ڳالهه آهي، ڇو پريشان آهيو؟“
    ”اسان کي ٽئين ٻار جي ڪا به ضرورت نه آهي.“
    سميع جي ڳالهه ٻڌي کيس صدمو رسيو. هن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪو سميع ان انداز ۾ سوچي سگهي ٿو. هن غور سان سميع کي ڏٺو. هن کي سميع جو چهرو ڏاڍو اوپرو لڳو. کيس لڳو ته اندر ۾ ڪا شيءَ ڀڄي پيئي هجي، شايد ويساهه جو نازڪ شيشو ڀڄي پيو هو. هو هڪ ٻئي جي ويجهو هوندي به هزارن ميلن جي فاصلي تي هليا ويا هئا. هو نرم ۽ نازڪ جذبا رکندڙ سميع ته نه هو. هو ماحولياتي آلودگيءَ ۾ ساهه کڻندي پنهنجي اندر جي سونهن کي وڃائي ويٺو هو. هو ڪمپيوٽرايج جو مشيني انسان هو. يا خدا، انسان ايڏو جلدي به بدلجي سگهي ٿو! سمورا احساس ۽ جذبا ائين مري به سگهن ٿا! ڪاش! هوءَ سميع سان وڙهي سگهي ها. پر هن ته وڙهڻ، رسڻ ۽ پرچڻ جو حق به کسي ورتو هو.
    ”پر اها قدرت جي ڳالهه آهي.“ آشا خار کائيندي چيو،
    ”ٻار جو Abortion به ٿي سگهي ٿو.“
    ”سميع...!“ آشا سڪتي ۾ اچي ويئي.
    ”ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي.“ هو کيس سخت مزاج ۽ اُوپرو لڳو.
    ”اهو گناهه آهي“ هوءَ هراسجي ويئي.
    ”توکي ايئن ڪرڻو پوندو“ سميع سختيءَ سان چيو.
    ”تون هڪ خود غرض انسان آهين“ آشا جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
    ”آشا! نئين دور جي تقاضائن کي سمجهڻ جي ڪوشس ڪر، اسان ٻن ٻارن جو خرچ ۽ صحيح تعليم ڏياري نه ٿا سگهون. ٽئين جي لاءِ وسيلا ڪٿا آڻينداسين!“
    ”مان ڪجهه به ٻڌڻ نه ٿي چاهيان.“ ڳوڙها آشا جي اکين مان ماڪ ڦڙن جيان ڳلن تي وهندا رهيا.
    ”تون سڀاڻي ڊاڪٽر شمع سان ملي پنهنجو مسئلو حل ڪرائي ڇڏ.“
    ائين چئي هو پاسو ورائي سمهي رهيو.
    زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن کي سميع جي وجود کان نفرت محسوس ٿي. هوءَ وهاڻو کڻي ڊرائنگ روم ۾ هلي آئي. صوفي تي وهاڻو رکي ليٽي پيئي ۽ سوچڻ لڳي ته شادي شده زندگيءَ ۾ ٻار، عورت لاءِ سڀ کان وڏو سهارو هوندا آهن. هڪ اهڙو مظبوط سهارو جيڪو عورت جي ڏکن ۽ محرومين جي وچ ۾ هڪ توازن پيدا ڪندو آهي. عورت ماءُ آهي ۽ اهو ئي سندس سڀ کان وڌيڪ خوبصورت روپ آهي. هوءَ انسان جي روپ ۾ هڪ ڪائنات کي خلقي ٿي. جيڪو تخليق جي سگهه رکي ٿو، اهو ڪڏهن به تخريبي نٿو ٿي سگهي.
    ”نه، نه مان ائين ٿيڻ نه ڏيندس.“ هوءَ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
    ان کانپوءِ ان موضوع تي هن جو سميع سان ڪيترا ڀيرا جهڳڙو ٿيو. آخرڪار هن سميع سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. ڪجهه ڏينهن خاموش رهي. هوءَ جڏهن سميع سان ڳالهائڻ لڳندي هئي ته وري ساڳئي موضوع تي بحث ٿيندو هو. ٻه ٽي مهينا هن شديد اذيت ۾ گذاريا. هوءَ منجهيل رهڻ لڳي. ذهني اذيت کيس بيمار ڪري وڌو. هڪ ڏينهن هوءَ ڏاڪڻ تان تِرڪي پئي، کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. سندس ٻار ضايع ٿي ويو. ان صدمي سندس دماغ سن ڪري ڇڏيو، هفتو اسپتال ۾رهڻ کانپوءِ هوءَ گهر موٽي آئي.
    هو هڪ اڻ چاهيل ٻار هو. تڏهن ته دنيا ۾ نه اچي سگهيو. هوءَ اهو سوچي روئي پوندي هئي، سميع کي ڏسڻ سان ئي سندس چهري تي نفرت جا آثار لهي ايندا هئا. هوءَ لاشعوري طور تي ان واقعي جو ذميوار سميع کي سمجهڻ لڳي هئي.
    هوءَ جن حالتن کان گذري رهي هئي، انهن ۾ ٻار جي خوشخبري کيس نجات جو رستو لڳو هو. سندس وجود ۾ هلڪي درد جي احساس ۾ هڪ عجيب مٺاس شامل ٿي وئي هئي. ڄڻ ته سندس رشتو هڪ اڻ ڏٺل پر نور دنيا سان جڙي ويو هجي.
    ان رات هوءَ بستري تي خاموشيءَ سان ستي پيئي هئي. اوچتو دريءَ جو پردو تيز هوا سان لڏڻ لڳو. کيس ڪمري ۾ آسماني روشني محسوس ٿي. هن جي تصور ۾ ٻار دريءَ مان اڏامندو، هن کان ڪجهه فاصلي تي اچي بيهي رهيو.
    ”تون مون کي ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو آهين!“
    ”مما! مان پنهنجيءَ دنيا ۾ تمام خوش آهيان.“
    ”پر مان توکان سواءِ خوش نه آهيان.“
    ”مما! مان توهان کان پري نه آهيان. جيڪڏهن محسوس ڪيو ته توهان جي وجود جو اڻمٽ حصو آهيان.“
    ”مون کي تنهنجي سخت ضرورت هئي. توکان سواءِ اڪيلي ٿي پئي آهيان.“
    ”سٺو ٿيو ته مان دنيا ۾ نه آيس! توهان جي دنيا ۾ گهري اونداهي ۽ ڏاڍي برائي آهي. هر ماڻهوءَ جي من ۾ کوٽ آهي، هرڪو خواهش جي پڃري ۾ بند آهي. اهڙيءَ دنيا ۾ اچي ڇا ڪيان ها، جتي چهرن تي منافقت جو نقاب چڙهيل آهي، جتي سچن رشتن جي ڪا سڃاڻپ ڪانهي. مصلحت ۽ بناوٽ جي ڏور سان ٻڌل رشتن جي وچ ۾ رهندي مان ڪوڙ جي ان ڌنڌ ۾ وڃائجي وڃان ها. پنهنجي وجود ۾ اوپرو ٿي جيئڻ مان ڪهڙو فائدو!.“
    ”منهنجي ويجهو اچ، جيئن مان توکي پيار ڪري پنهنجي اندر جي اونداهيءَ ۾ روشني ڪري سگهان.“
    ٻار سندس اکين جي ويجهو آيو، هن جيئن ٻار کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس هٿ هوا ۾ مٿي اٿي هيٺ جهڪي ويا. هن اکيون کولي چوڌاري ڏٺو ته ڪمري ۾ هوءَ اڪيلي هئي. هو چهرو هٿن ۾ لڪائي روئڻ لڳي.
    سمنڊ جي لهرن ۾ ڏاڍو چاڙهه هو، ان چانڊوڪي ۾ رات ۾ هوءَ اڪيلي دير تائين سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي رهي. لهرن، چنڊ ۽ هوائن ۾ هڪ عجيب هم آهنگي هئي. سندس دل جي ڌڪ ڌڪ منتشر ٿيڻ لڳي. کيس چڪر اچي ويو. هوءَ زمين تي ويهي رهي.
    ”آشا! اهو ڪهڙو مذاق آهي؟“
    هن ڪنڌ مٿي کنيو، هن جي اڳيان سميع بيٺو هو. سندس چهرو ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو هو. هن ڏٺو ته ٻار ڪجهه فاصلي تي بيهاريل گاڏيءَ ۾ پريشان ويٺا هئا.
    ”ڇا ڪيو آهي مون“ هوءَ اتي بيهي رهي.
    ”مان توکي ڪيتري دير کان ڳوليندو ٿو رهان ۽ تون بنا ٻڌائڻ جي هتي هلي آئين آهين!“
    ”تون مون کي سڄي زندگي ڳوليندو رهندين. پر مان توکي ڪٿي به نه ملندس.“ هوءَ لهرن ڏانهن منهن ڪري بيهي رهي.
    ”آشا! مان تنهنجي رويي کي ڇا سمجهان!“
    ”تون ڪڏهن مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي.“
    سميع کي خبر هئي ته ٻار واري حادثي کان پوءِ هوءَ ذهني طور تي پريشان ٿي ويئي هئي. ان ڪري هو ڪاوڙ جي باوجود لهجي ۾ نرمي پيدا ڪندي چيو.
    ”ڇا مون کان ڪا ڪوتاهي ٿي آهي؟“
    آشا کيس حيرت سان ڏٺو، هو ڪيڏونه اڻڄاڻ بڻجي رهيو هو، ڄڻ ته ڪجهه به نه ٿيو هو.
    ”توکي ياد آهي، سميع! شاديءَ کانپوءِ هڪ رات اسان دير تائين سمنڊ تي ويٺا هئاسين.“
    ”ها ياد آهي.“
    ”اها رات تو مون کان کسي ورتي آهي، ان رات کانپوءِ ايندڙ ڪنهن به رات ۾ وري ڪڏهن چنڊ نه اڀريو آهي، مون کي اها رات موٽائي ڏي.“
    هوءَ سميع جي گريبان ۾ هٿ وجهي کيس جهنجهوڙي رڙيون ڪرڻ لڳي.
    ”آشا! پليز آشا! ڪجهه ته هوش ڪر.“ سميع کيس سنڀاليندي چيو.
    ”مون کان اها رات وڃائجي ويئي آهي، مون کي ٻيو ڪجهه به نه گهرجي، فقط اها رات گهرجي جنهن جي خاموشيءَ ۾ جذبن ڳالهايو هو. مون کي اها رات موٽائي ڏي. خدا جي واسطي مون کي اها رات موٽائي ڏي.“
    هوءَ ٻارن وانگر روئي رهي هئي. هو ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻجي رهيا هئا. تماشي ٿيڻ کان بچڻ لاءِ هو آشا کي ٻانهن کان وٺي گهليندو ڪار تائين وٺي آيو. گهر اچي هن آشا کي زوري ننڊ جي دوا کارائي سمهاري ڇڏيو. وقت گذرڻ سان گڏ آشا حالتن سان سمجهوتو ڪري ورتو، هاڻ هن سميع کان اميدون رکڻ ڇڏي ڏنيون هيون. اها ئي ساڳي مشيني زندگي وري موٽي آئي.
    هڪ رات سميع دير تائين دوستن سان ويٺو رهيو ۽ هوءَ بي چين سڄي گهر ۾ گهمندي رهندي، پنهنجي ڪمري ۾ دريءَ مان لهرن مٿان چانڊوڪيءَ جي ڪرڻن جي جهرمر ڏسندي رهي، ۽ پوءِ ٿڪجي سمهي رهي.
    ننڊ جاڳ جي ڪيفيتن ۾ هن سميع جي موجودگيءَ کي محسوس ڪيو هو، سندس ڀر ۾ ويهي سندس چهري کي غور سان ڏسي رهيو هو. جيڪو هلڪي روشنيءَ ۾ ڦڪو ۽ بيمار ٿي لڳو. هن کيس سڏ ڪيو.
    ”آشا!“
    ”جي“ هن اکيون کوليون.
    سميع سندس وار چهري تان هٽائيندي چيو:
    ”آشا پنهنجو خيال رکندي ڪر، ڏس ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي اٿئي؟“
    سميع سندس ڳل تي پيار سان هلڪو ڇهاءُ ڏيئي وڃي سمهي رهيو. آشا کي محسوس ٿيو ته سندس من جي اونداهيءَ ۾ ڪو ديپ ٻري پيو هجي. جيون ڪرڻا ڪرڻا ٿي جرڪي پيو هجي. ڪنهن ڏورانهين سفر تان ايندڙ ٻيڙيءَ ساحل کي ڇهيو هجي، ڄڻ مري ويل جذبا ٻيهر جيئرا ٿي پيا هجن. ڄڻ هر طرف روشني وکري وئي هجي. من ۾ به ته روح جي گهرائين ۾ به، هڪ لمحي جي ان خوشيءَ اڳيان هو پنهنجي ذات ۾ گلاب بڻجي مهڪي پئي ڪيترين راتين کان اوجاڳيل اکين ۾ ننڊ جا سپنا بڻجي لهي آيا.
    ڇا سڄي زندگي محرومين جي اونداهين ۾ ائين لمحو لمحو ٿي لاٽ ٻرندي رهندي. سندس اکين جي ڪنارن کان هڪ لڙڪ لڙي وهاڻي ۾ جذب ٿي ويو. ٿوريءَ دير ۾ هوءَ سمهي رهي، سندس چهري تي اهو هڪ لمحو عارضي خوشيءَ جو گلابي عڪس بڻجي جرڪي رهيو هو!


    ڳاڙهو وڳو

    هن ڪنڌ مٿي ڪري اڀ ڏانهن نهاريو. جون جو ڪرندڙ سج آسمان مان باهه جا اُلا وسائي رهيو هو. سندس ڪپڙا پگهر ۾ شل هئا ۽ اکيون گرميءَ سبب ڳاڙهيون. منجهند جي سمي جڏهن پکي پکڻ وڃي وڻن جي ٽارين ۾ پناهه وٺندا آهن، سمورا مزدور روڊ تي پٿر ڪٽي رهيا هئا. وريام به انهن مزدورن مان هڪ هو زندگيءَ جي پيڙا ۾ پيڙجندڙ انهن بدنصيب انسانن ۾ شامل هو، جن جو مقدر به سج جي ان ماريندڙ تپش جيان گهايل ڪندڙ هوندو آ. هو ان ڪري محنت ڪري رهيو هو، جيئن سندس معصوم ٻارن کي ڪو سڻڀو ٽڪر نصيب ٿي، جيڪي سدائين رُکي سڪي مانيءَ تي گذر ڪندا هئا ۽ اڪثر لنگهڻ ڪاٽيندا هئا. خاص ڪري ڪرفيو جي ڏينهن ۾ سندن حالت رحم جوڳي ٿي ويندي هئي. اڪثر جڏهن شهر ۾ وڳوڙ اٿندو هو. ماڻهن جي چهرن تي موت جهڙي ويراني ڇائنجي ويندي هئي ۽ سندن اکين ۾ خوف ۽ انديشا جاڳي پوندا هئا. تڏهن ويران رستن تي فوجين جي ڳرن بوٽن جا پڙلاءُ ٻڌي، بک ۾ پاهه ٿيندي وريام سوچيندو هو. ڇا بک کان وڌيڪ به دنيا ۾ ڪو ڏک ٿي سگهي ٿو...! دنيا ۾ انسان جي بقا جو مسئلو هميشه گنڀير رهيو آهي، ان ڪري وريام به ٻن هنڌن تي ڪم ڪري ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو پائي پائي ڪري پئسا بچائي رکندو هو ۽ جڏهن به عيد براد ٿيندي هئي ته هو پنهنجن ٻارڙن کي نوان ڪپڙا اوڍائيندو هو ۽ سندس گهر مان اوٻاريل پٽاٽن بدران ڀڳل گوشت جي خوشبو ايندي هئي. هو اهو سڀ ان ڪري ڪندو هو، جيئن ان گڏيل خوشيءَ جي موقعي تي پنهنجي ٻارن کي احساس ڪمتريءَ کان بچائي سگهي. اهو ڏسي وريام ڏاڍو اداس ٿي ويندو هو جڏهن سندس زال مريم پنهنجن ميرن سيرن ڪپڙن ۾ ڪم ڪندي وتندي هئي. مريم ۽ سندس ساٿ ڏهن سالن جو هو. انهن سڄن سارن ڏهن سالن ۾ ڏک سک، تتيءَ ٿڌيءَ ۾ مريم ساڻس گڏ هئي ۽ هن وريام سان گڏ زندگيءَ جي سختين کي ڀوڳيندي ڪڏهن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي هئي. کيس حيرت لڳندي هئي ته مريم آخر ڪهڙي عورت آهي، جنهن اڄ ڏينهن تائين پنهنجي لاءِ ڪابه فرمائش نه ڪئي هئي. هو ڪم ڪار لاهي جڏهن گهر واپس موٽيو ته سج سڄو ڏينهن قهر وسائي افق جي ٻئي پار وڃي چڪو هو. ٿڌي هوا گهلي رهي هئي. هو پنهنجي سوچن ۾ گم گهر جي چائنٺ ٽپي اندر آيو ۽ هٿ منهن ڌوئي کٽ تي ويٺو ته مريم سندس آڏو ماني آڻي رکي، هن جڏهن ماني کائي بس ڪئي ته مريم کيس پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي چيو.
    ”هڪ ڳالهه چوانءِ، ڪاوڙبين ته نه.“
    مريم ان وقت ڪنهن معصوم ٻار جيان لڳي رهي هئي.
    ”ها ها چئه.“
    پر مريم جي وات مان هڪ اکر به نه اُڪليو ته وريام کي پهريون ڀيرو مريم جو اهو انداز ڏاڍو اُوپرو لڳو.
    ”مون کي ڪاوڙ ڇو ايندي! ڪڏهن تنهنجي ڳالهه تي ڪاوڙ لڳي آهي ڀلا!“
    پنهنجي لهجي ۾ پيار سموئيندي وريام چيو ته مريم هٻڪندي کانئس پڇيو.
    ”ان ڏينهن پريل جي زال پنهنجي ڏير جي شادي جو سڏ ڏيڻ آئي هئي نه...“
    ”ها ها، ته پوءِ ڇا...؟“
    ”ته تون ان کي ستارن وارو ڳاڙهو وڳو پهريل ڏٺو هو...؟“
    ”تون آخر چوڻ ڇا ٿي چاهين.“
    وريام ڪجهه سمجهندي، ڪجهه نه سمجهندي، مريم ڏانهن نهاريو.
    ”مان... مان چاهيان ٿي، ته... ادا نواز جي شاديءَ تي مان به اهڙو ڳاڙهو وڳو پايان.“
    ائين چئي هن وريام کي اهڙين نظرن سان ڏٺو، جن ۾ ڪيترا انديشا لڪل هئا. مريم ڏهن سالن ۾ پهرين فرمائش ڪئي هئي، ڪيڏي اميد، ڪيڏي حسرت لڪل هئي، سندس لفظن ۾! وريام کي خوشيءَ سان گڏ هڪ عجيب قسم جو ڏک ٿيڻ لڳو. ڪيڏي نه دل گهرندي هئي. وريام جي ته هو جڏهن گهر موٽي ته سهڻا سهڻا رانديڪا سندس هٿن ۾ هجن، جن کي ڏسي خوشين جا انيڪ رنگ مٺو ۽ زينت جي مک تي لهي اچن ۽ مريم لاءِ ته سندس دل چوندي هئي ته هو دنيا جهان جون خوشيون آڻي سندس قدمن ۾ ڍير ڪري ۽ سندس اهو هر خواب پورو ڪري جيڪي اڪثر سهاڳڻن جي بند اکين ۾ سانجهيءَ شام لهي ايندا آهن. ريشمي ڪپڙا، خوبصورت زيور ۽ هڪ سندر گهر جا خواب. پر بکايل وجود ۽ غريبن جي اکين ۾ رڳو مانيءَ جا خواب لهندا آهن.
    ”ها ها ڇو نه، مون کي ڪجهه ڏينهن ۾ پئسا ملڻا آهن، مان توکي اهو وڳو آڻي ڏيندس.“
    ائين چئي هو سوچن جي گهري سمنڊ ۾ گم ٿي ويو ۽ مريم کيس چپ ڏسي اتان اٿي وئي. پريل سندس پاڙيسري هو. زندگيءَ جي سکن ۽ آسائشن لاءِ واجهائيندڙ هڪ عام انسان پر اوچتو سندس مالي حالت سڌرڻ لڳي. اڳي جڏهن پريل جي زال سندن گهر ايندي هئي ته سندس وجود مان پگهر، ٿوم ۽ بصرن جي مليل جليل بانس ايندي هئي، هاڻ نوان ۽ ريشمي ڪپڙا پائي سندن گهر ويندي هئي ۽ مريم جو ننڍڙو گهر سندس وجود مان اٿندڙ قيمتي عطرن جي خوشبوءَ سان واسجي ويندو هو. وريام کي خبر هئي ته پريل جي اوچتو مالي حالت سڌرڻ جا ڪهڙا سبب هئا. پريل کيس پنهنجي ڪاروبار ۾ شامل ڪرڻ جا ڏاڍا وس ڪيا هئا پر هو ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ضمير جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. پريل نوجوان نسل کي گمراهيءَ جي راهه ڏانهن وٺي وڃي رهيو هو. اهو سڀ ٿيندي ڏسي ڪيترائي سوال سندس ذهن ۾ اڀري ايندا هئا. مسئلن کان فرار جو طريقو ڇا رڳو نشي واپرائڻ ۾ ئي آهي. هو گمراهيءَ جي حالت ۾ پيل هر نوجوان کي ڌونڌاڙي پڇندو هو. جواب ۾ سدائين نشي ۾ ڳاڙهيون اکيون کيس گهورينديون هيون. ڪيڏي نه گهري اونداهي هوندي هئي، انهن اکين ۾! اها سموري اونداهي سندس روح جي پاتال ۾ لهي ايندي هئي.
    مريم جي ڀاءُ نواز جي شادي به سر تي اچي بيٺي هئي ۽ وريام چاهيو پئي ته هو ڪيئن به ڪري مريم جي اها فرمائش پوري ڪري. ڳاڙهي وڳي ۾ مريم ڪيڏو نه ٺهندي. هن ڪنڌ ورائي مريم کي ڏٺو، جنهن جي مک تان ڳاڙهاڻ وقت جي ستم ظريفيءَ سبب غائب ٿي چڪي هئي. اڄ کان ڏهه سال اڳ هن پهريون ڀيرو مريم کي پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ڏٺو هو ته چنڊ جهڙي سندر چهري جو جمال پسي هو ڪيتريءَ دير تائين بي يقينيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو ته ڪٿي هو ڪو خواب ته نه ٿو ڏسي! کيس اهو ڏک ستائڻ لڳو هو ته ڪٿي ڏک۽ پريشانين جي ڌوڙ ان چنڊ جي حسن کي لٽي نه ڇڏي، پر وقت گذرڻ سان گڏ کيس احساس ٿيو ته هوءَ ڏاڍي سٻاجهي عورت هئي، پيار جا فقط ٻه ٻول سندس نيڻن ۾ خوشين جا ديپ جلائي ڇڏيندا هئا.
    مريم، زينب ۽ مٺوءَ کي سمهاري ڇڏيو ۽ پاڻ به سمهي رهي هئي، پر ننڊ ڄڻ ته وريام جي اکين کان رسي وئي هئي. ستارن وارو ڳاڙهو وڳو سندس دل ۾ ڪنهن ڪنڊي جيان چڀي رهيو هو. آسمان تي ستارا ائين جرڪي رهيا هئا جيئن ڪنهن جي سندر مک تي چنري پيل هجي. ٿڌڙي هير ۾ موتئي جي هٻڪار هئي. هن وٽ ايترا پئسا به نه هئا، جو هو مريم جي فرمائش پوري ڪري سگهي. مريم وٽ سمورن زيورن مان چانديءَ جا جهومڪ ئي وڃي بچيا هئا. اهي به هن مجبور ٿي کپائي ڇڏيا هئا. ڪجهه ڏينهن اڳي جڏهن هن مريم جي ڪنن مان جهومڪ غائب ڏٺا ته حيران ٿي کانئس پڇيو هئائين.
    ”مريم! تو پنهنجا جهومڪ ڪاڏي ڪيا.“
    ٿوريءَ دير لاءِ منجهي پئي، گهڙي رکي هن نظرون جهڪائي چيو هو. ”مٺوءَ جا پيءُ! توکي خبر آهي ته زينب جي بيماريءَ ۾ ڪيترو پئسو لڳي ويو، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ان ڪري مجبور ٿي جهالا کپائي ڇڏيم.“
    لفظ نه هئا ڄڻ ته تير هئا، جيڪي پنهنجي تيزيءَ سان وريام جي دل ۾ کپي ويا، ڳوڙهن ۾ ڀنل آواز ۾ هو رڳو ايترو چئي سگهيو هو:
    ”تو... تو... هي ڇا ڪيو... مان توکي ڪجهه ڏيئي ته نه سگهيس.... رهندو به توکي مائٽن طرفان ڏاج ۾ مليل سمورا زيور کپائڻا پئجي ويا...“
    ”ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ ڀلا مون کي زيور توکان يا ٻچن کان وڌيڪ آهن ڇا!“
    هوءَ سندس پريشانيءَ تي مرڪي پئي هئي، ان گهڙيءَ وريام کي ائين لڳو هو ڄڻ مريم جو قد کانئس گهڻو اوچو ٿي ويو هجي، سوچن مان ڇرڪي هن چوڌاري ڏٺو ته اڃا ڏينهن ٿيڻ ۾ ڪي گهڙيون باقي بچيون هيون.
    اڄ به هميشه جيان خالي هٿين موٽندس ته مريم ڇا سوچيندي! رکي رکي اها سوچ کيس پريشان ڪري رهي هئي، جيئن تيئن ڪري رات وهامي ۽ سج جا سونهري ڪرڻا ڌرتيءَ تي لهي آيا. وريام به تيار ٿي گهر کان ٻاهر نڪتو. وڃڻ کان اڳ هو مريم کي عجيب نظرن سان تڪيندو رهيو. کيس چپ ڏسي مريم پڇيو ته
    ”ڇا ڳالهه آهي، تون ڪجهه پريشان ٿو ڏسجين، لڳي ٿو رات ننڊ ڪا نه ڪئي اٿئي.“
    ”ها سڄي رات نه سمهي سگهيو آهيان.“ وريام ٿڌو ساهه ڀريو.
    ”چڱو مون کي دير پئي ٿئي.“ هو دروازي ڏانهن وڌيو.
    ”وريام!“ مريم کيس سڏيو.پر هوءَ ڪجهه به نه ڪڇي سگهي.
    وريام اڳتي وڌي ٻنهي هٿن سان منهن مٿي ڪيس.
    ”ايڏي پريشان ڇو آهين.“
    ”اڄ کڻي نه وڃ، ائين نه ٿئي ته وڌيڪ طبعيت خراب ٿي وڃئي.“
    ”ڪير ٿو چئي ته طبعيت خراب اٿم.“
    ”پوءِ پريشان ته آهين نه؟“
    ان سوال جي جواب ۾ وريام چپ ٿي ويو.
    ”چڱو، مون کي دير پئي ٿئي، تون پريشان نه ٿجانءِ. اڄ شايد مان دير سان موٽان.“
    هو کيس اتي ئي پريشان ڇڏي ٻاهر نڪري ويو.
    وريام جي وڃڻ کانپوءِ مريم کي هڪ گهڙي به چين نه آيو. ٻار اٿيا ته هن ٻارن کي نيرن ڪرائي کين قرآن پڙهڻ لاءِ مسجد روانو ڪيو ۽ گهر جي صفائيءَ کي لڳي وئي. رکي رکي سندن نظرن ۾ وريام جو تصور پئي آيو. جيڪر وڳي جو وريام کي نه چوان ها. ڪيئن ويچاري جو منهن لهي ويو هو. مان به ڪيتري چري آهيان، اهو ته خيال ئي نه ڪيم ته هو ايڏو قيمتي وڳو ڪٿان آڻيندو.
    هوءَ رکي رکي پاڻ تي جک کائي رهي هئي. انهن ئي سوچن ۾ منجهند ٿي، پوءِ شام ۽ شام کانپوءِ جڏهن رات جا ڪارا پاڇا سندس ننڍڙي اڱڻ تي لهي آيا ته کيس طرح طرح جا وسوسا ستائڻ لڳا. ٻار الڳ ڪنڊ ۾ ڊنل ويٺا هئا ۽ مريم در تي بيهي ڪيتري دير کان وريام جي واٽ نهاري رهي هئي. هوءَ جڏهن در تي بيهي بيهي ٿڪجي پئي ته گهڙي کن لاءِ اندر هلي آئي.
    در تي کڙڪو ٿيو ته مريم دروازو کوليو. وريام اندر داخل ٿيو. گهٻرايل ٿي لڳو. هٿ ۾ ٿيلهي هيس.
    ”مريم تنهنجي لاءِ وڳو آندو اٿم.“
    وڳو مريم کي ڏيندي چيائين. وڳو ڏسي مريم جي چهري تي خوبصورت رنگ وکري ويا.
    ”مون جنهن وڳي جي فرمائش ڪئي هئي ان کان گهڻو سٺو آهي.“
    مريم هٿ لائي وڳي کي ڏٺو. ڄڻ ڪو خواب ڏسندي هجي. اوچتو ٻاهر پوليس جي گاڏيءَ جو سائرن وڳو. ڳرن قدمن جي آواز سان زور زور سان در کڙڪيو.
    ”هن وقت ڪير هوندو“؟ مريم جي آواز ۾ حيرت هئي. هوءَ اڳتي وڌي در کولڻ لاءِ.
    ”نه نه در نه کولجانءِ“ وريام کيس روڪيو ته هوءَ انديشن ڀري نظرن سان کيس ڏسڻ لڳي. وريام جي چهري تي ڄڻ هيڊ هارجي وئي!


    خالي هنج جو ڏک

    هوءَ گهر ۾ چوڌاري ڏسي ٿي، جتي ڪشادا ڪمرا، جديد فرنيچر ۽ ضرورت جو هر سامان موجود آهي. ٻاهر هڪ ننڍڙو باغيچو آهي. ديوارن تي نارنگي، ڳاڙهي ۽ پيلي گلن واريون وليون هوا جي هلڪن جهوٽن تي جهومي رهيون آهن، نم جي وڻ تي جهرڪين جا آکيرا آهن. پر پوءِ به گهر صوفيه کي خالي لڳي ٿو. ڄڻ ڪنهن به منظر ۾ ساهه نه هجي. گهر ٻارن کان خالي آهي. جتي ٻار نه آهن، اتي خالي پڻو ٿئي ٿو. هڪ نه بيان ڪندڙ اداسي هر طرف وکريل محسوس ٿيندي رهي ٿي.
    صوفيه جي شاديءَ کي پندرنهن سال ٿيا آهن. شاديءَ جي ٻن سالن کانپوءِ کيس فائبرائڊ ٿي پيو هو، جيڪو ٻار نه ٿيڻ جو سبب بڻيو هو. انڪري گائناڪولوجسٽ کي سندس آپريشن ڪرڻو پيو، پر کيس ٻار پوءِ به نه ٿيو. سرجري کان پوءِ کيس صحت جا ٻيا مسئلا شروع ٿي ويا. ان کانپوءِ هوءَ ڪيترن ڊاڪٽرن ڏانهن وئي، جن کيس ٻڌايو ته هن کي آپريشن نه ڪرائڻو هو. هڪ ڊاڪٽر جي ڳالهه تي ڇو لڳي، ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کان به صلاح وٺي ها. ڪي ڊاڪٽر ڪيڏا لاپرواهه آهن، لمحي ۾ غلط فيصلا ڪري وٺندا آهن. انسان وٽ پنهنجو عقل به هئڻ گهرجي. وڏا وس ڪيا ته ڪو ٻار هنج وٺي پر سندس مڙس عبدالمنان هن جي هڪ نه ٻڌي. سندس چوڻ هو ته اهو هڪ غير اسلامي فعل آهي. ڌيءَ مرد لاءِ ۽ پٽ عورت لاءِ غير محرم ٿيندا آهن. اڄڪلهه پنهنجو اولاد نه ٿو پڇي سو پرائو اولاد ڪهڙي ڪم ايندو! جي يتيم خاني مان وٺنداسين ته ڪهڙو جائز ٻار ملندو!
    ”منان ٻار ته معصوم ٿيندا آهن، کين دنيا جي براين جي ڪهڙي خبر.“
    صوفيه ڪنهن به ٻارکي جهول وٺڻ لاءِ آتي هئي اصل ساهه پيو ويندو هيس.
    ”چري، ڪنيءَ ول جا پتا به ڪِنا هوندا اٿئي، سو متان ڪڏهن ڀلجي به يتيم خاني مان ٻار وٺي اچين.“
    صوفيه کي منان جي ڳالهه تي ڪاوڙ لڳندي هئي. سوچيندي هئي، منان آخر ڪهڙي قسم جو انسان آهي، ڇو کيس احساس ناهي ته منهنجي خالي ممتا ڪيڏي نه اڃايل آهي.
    صوفيه ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ٻيو نه ته پنهنجي ئي خاندان مان ڪٿان ٻار ملي وڃيس. ساهرن مان به جواب مليس. شايد منان دلچسپي نه ڏيکاري. جي زور ڀري ها ته ڪنهن ڀاءُ يا ڀيڻ کي رحم اچي وڃي ها. صوفيه جو هڪ ئي ڀاءُ هو. کيس چار ٻار هئا. ڀاءُ پنهنجي دنيا ۾ گم هوندو هو. ڀاڄائيءَ جو مزاج الڳ ستين آسمان تي هو. سو ساڻس ڳالهه ڪرڻ اجائي آهي. متان چڙي نه پوي ته منهنجي اولاد ۾ نظرون وڌيون اٿس. ائين نه ٿئي جو ٻار بيمارٿي پيا ته مون لاءِ مصيبت ڪري ڇڏيندي. چوندي هئي ته ٻارن کي صوفيه جي نظر ٿي لڳي. پوءِ ٻارن کي مولوين وٽ موڪليندي هئي نظر ڏنڀائڻ لاءِ. اهڙي آزار کان بس ڀلي. صوفيه اهي ڳالهيون سوچي دل تي پٿر رکي صبر ڪيو. عبدالمنان جي عمر پنجونجاهه سال هئي. هو ڪاروبار ڪندو هو. صوفيه کانئس نو سال کن ننڍي هئي. ڪاليج ۾ ليڪچرر هئي. منان سڳو سئوٽ هيس. طبعيت جو سادو هو پر مڙس جي روپ ۾ هو کيس سدائين ارڏو لڳندو هو. شل نه ڪا عورت ڪنهن جي نڪاح جي ڪاڳرن ۾ سندن ملڪيت ۾ اچي. پوءِ ته ڪنڌ کي به ڪَلف لڳي ويندو اٿن. هونئن ته عبدالمنان، صوفيه جو خيال رکندو هو. نه ئي زال کي نظر انداز ڪري ٻاهرين دنيا جي ميڙن ۾ رڌل هو. طبيعت ۾ نهٺائي هيس پر صوفيه کي لڳندو هو ته ٻارن جي ڪمي کي هو به محسوس ڪري ٿو، ان ڪري اڄڪلهه ڳالهه ڳالهه تي چڙي پوي ٿو. ڪاروبار ۽ ٻاهرين مسئلن کي گهر کڻي اچڻ تي صوفيه کانئس خفا ٿيندي. هر وقت حساب ڪتاب ۽ دڪانداري کيس سٺي نه لڳندي هئي. صوفيه هن کان ٻاهرين قصن ۽ مسئلن کي وري وري بيان ڪرڻ واري عادت ڇڏرائي هئي. پر ائين ڪري هوءَ نقصان ۾ اچي وئي. منان خاموش رهڻ لڳو. هونئن به هن وٽ ڳالهائڻ لاءِ گهڻا موضوع ڪونه هئا. هوءَ سوچيندي هئي، منان هن سان ائين کلي ڳالهائي جيئن ڀينرن سان کلي ڳالهائيندو آهي.
    ڀينرون تنقيد نه ڪنديون هيس شايد ان ڪري، هوءَ گهڻي ڪوشش ڪندي هئي ته اڻ وڻندڙ ڳالهين تي خاموش رهي.
    خاموش رهي هڪدم اونهو ڪُن بڻجي پوندي هئي. جيڪا ڀاڄي يا سودو سلف سمجهائيندي هيس ان بدران ٻي وٺي ايندو هو. لکي ڏيندي هيس ته سامان کٽل آڻيندو هو. گوشت يا ڪڪڙ جو ٻوڙ چاڙهڻو هوندو هيس ته ٿوم۽ ادرڪ وساري ايندوهو. هن جي عادت نه هئي پاڙي وارن کان گهرڻ جي.
    عبدالمنان جي سادگيءَ مان اڪثر پنهنجا پراوا غلط فائدو وٺندا هئا. پوءِ موقعو ملندي ئي صوفيه اچي کيس ورائيندي هئي ته چڙي چوندو هو.
    ”ڇو؟ ڇوڪرين ڪاليج اچڻ ڇڏي ڏنوآهي ڇا جو مون کي پئي ليڪچر ڏين.“
    صوفيه جک کائي پاڻ کي نارمل رکڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. هروڀرو ڳالهه مان ڳالهه وڌندي. هونئن به منان هر ڀيري ڪو هڪ جملو دل ۾ رکي مهينن جا مهينا کيس طعنا ڏيندو رهندو هو. مڙس ٿي سندس هر ڳالهه ۾ مداخلت ٿو ڪري پر هن جي ڳالهه نه ٿو ٻڌي.
    ڀلي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي پر ٻار ته وٺڻ ڏئي. پر کيس منهنجي ڏک جي ڪهڙي خبر! پاڻ ته ٻاهر جي دنيا ۾ مگن آهي، کيس ڪهڙي خبر ته منهنجو وقت گهر ۾ ڪيئن ٿو گذري؟
    رات جو هوءَ ان وقت ننڊ مان اٿي منان سان وڙهڻ لڳي. جڏهن هن سڄي سَوڙ سوري پنهنجي چوڌاري ويڙهي ڇڏي ۽ هوءَ سَوڙ بنا سيءَ ۾ ڏڪڻ لڳي. ٻه ٽي ڀيرا کيس سيني جو انفيڪشن به ٿي چڪو هو. ننڊ ۾ به مون سان ٻيائي، ڏند ڪرٽيندي هوءَ سوڙ ڇڪڻ لڳي.
    ”هان هان ڇا ٿي ڪرين....“ ڳاڙهيون اکيون کولي منان کيس ڪاوڙ مان ڏٺو.
    ”هيڏي ڪر سَوڙ سڄي ساري پاڻ کي ٿو ويڙهي ڇڏين.“
    پوءِ منان سَوڙ جو هڪ حصو کيس آڇيندو هو، هوءَ اندر ٿيڻ جي ڪوشش ۾ وٽجي سٽجي اڌ ٻاهر پئي هوندي هئي.
    ”ٿوري سَوڙ هيڏي ڪيو.“
    ”نه، تون پنهنجو وزن گهٽاءِ.“ منان مرڪي کيس چيڙاِئيندو هو. وڙهي جهڙي سوڙ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي هئي. جيئن آرام سان سمهي سگهي. ٻه ٽي ڏينهن کان فاصلا اڃان وڌي ويا آهن. منان سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر هوندو هو، گهر اچڻ بعد وهنجي سهنجي چانهه پي پيو ٽي وي ڏسندو هو. رات جون گهڙيون هيون جو ٻنهي کي ايتري ويجهڙائي نصيب ٿيندي هئي. سندس ڏاڏي چوندي هئي ته زال مڙس هڪ سوڙ ۾ سمهن، ٻه سوڙيون دلين ۾ جدائي وجهنديون آهن. ٻيو چوندي هئي ته جي ننڍا ٻار هجن ته مرد ٻئي ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ پيو واجهائيندو آهي. کيس ٻئي ڪمري ۾ نه سمهڻ ڏجي، نه ته ٻارن کان پري ٿي ويندو. هوءَ فقط پهرين ڳالهه تي عمل ڪري سگهي. ٻار ته سندس قسمت ۾ نه هئا. ٻار به زال مڙس جي وچ ۾ تعلق جي پل ٿين ٿا.
    ٻار هجن ها ته مان انهن سان گڏ سمهان ها. پوءِ مڙس سان به ايترو نه وڙهان ها. عورت جي سوچ ٻارن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. صوفيه کي اولاد نه هئڻ جو ڏاڍو ڏک هو. هڪ ڏينهن سندس سهيلي شازيه کيس پنهنجي گهر وٺي وئي. گهر ۾ ٻوٽا ۽ وڻ پوکيل هئا. شازيه جا ٻه ٻار هئا. ٻارن طوطا پاليا هئا. طوطن جون ٻوليون ٻڌي هوءَ اندر ۾ ٻارن جهڙي خوشي محسوس ڪرڻ لڳي.
    گهر اچي سوچيندي رهي ته هوءَ طوطو ضرور پاليندي. منان زمين تان موٽڻ بعد وهنجي ماني کائي لائونج جي صوفي تي آهلجي ٽي وي ڏسڻ لڳو.
    صوفيه به ڀرسان اچي ويٺي. ”ريسلنگ ڏسڻ جو شوق ٿيو اٿئي ڇا؟“ منان کيس چڙ ڏيارڻ لاءِ چيو.
    ”هن قسط ۾ الاءِ ڇا ٿيو هوندو. چينل بدلايو ته ڊرامو ڏسان.“
    ”سڀاڻي منجهند جو ٻيهر هلندو. پوءِ ڏسجانءِ.“
    منان جون اکيون ريسلر جي داءُ ۽ پيچن ۾ کتل هيون.
    ”منجهند جو مان ماني ڪندي آهيان، ٽائم ڪٿي هوندو اٿم ٽي وي ڏسڻ لاءِ.“
    هنن جي اڪثر ٽي وي چينلز تي به ويڙهه ٿيندي هئي، بلڪل ٻارن وانگر.
    ”منهنجي ڳالهه ٻڌو.“
    ”ها چئه“
    ”مون کي طوطو آڻي ڏيو.“
    ”هان!“
    منان حيرت مان صوفيه کي ڏٺو.
    ”ها مان طوطو پاليندس.“
    منان کلي ڏنو.
    صوفيه روئڻ لڳي ته منان ڪجهه سنجيده ٿيو.
    صوفيه جي ڳلن تان لڙڪن جون لارون وهڻ لڳيون.
    ”توهان مون کي ٻار ته نه پالڻ ڏنو، هاڻ مان طوطو پالينديس. طوطن ۾ محرم يا غير محرم جو چڪر نه هوندو آهي. نه ٻارن وانگر جائز يا ناجائز جي مهر هوندي اٿن.“
    هڪ عجيب درد هو. صوفيه جي لهجي ۾، منان ان وقت بازار ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ شام تائين کيس طوطو آڻي ڏنائين. ننڍڙو طوطو هو. صوفيه کي بي اختيار طوطي تي پيار اچي ويو. ”ٻن هزارن جو طوطو آهي. ماڻهوءَ واري سمجهه اٿس.“
    منان خوش ٿي کيس ٻڌايو. طوطو پڃري ۾اداس ويٺو هو.
    ”هيءُ چپ ڇو آهي؟“ صوفيه طوطي کي پيار مان ڏسي چيو.
    ”نئون ماحول اٿس. ٻن ٽن ڏينهن ۾ هري مري ويندو. پر ڪٽيل اٿس. پڃري کان ٻاهر ٿوري دير ۾ ڪڍي ڇڏجانئس.“
    منان صوفي تي ويهي خبرون ڏسڻ لڳو. طوطي جي اچڻ کانپوءِ صوفيه جي دنيا بدلجي وئي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ طوطو هن سان هري مري ويو. طوطو ڏاڍو سيکاريل ۽ سمجهدار هو. جيڪو لفظ هن جي سامهون ڳالهائبو هو، طوطو اهو لفظ ورجائيندو هو. صوفيه ڪاليج مان موٽندي هئي ته طوطو کيس هڪ خاص اشاري سان ٻڌائيندو هو ته کيس بک لڳي آهي. صوفيه کيس کائڻ لاءِ ڪجهه ڏيئي ڪپڙا تبديل ڪري طوطي جو پڃرو کولي ڇڏيندي هئي. صوفي تي ٿوري دير آرام ڪندي هئي. طوطو هنجي ڪلهي تي اچي ويهندو هو.
    ”ڪاشف مما کي پيار ڪر.“ صوفيه لاڏ مان چوندي هئي ۽ طوطو کيس ڳلن تي چنهب رکندو هو. ڄڻ کيس خبر هجي ته ماءُ کي پيار ڪيئن ڪبو آهي.
    هوءَ طوطي کي ڪاشف سڏيندي هئي. شاديءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سوچيندي هئي. پٽ ڄمندو ته ڪاشف ۽ ڌيءَ کي رابعه نالا رکندي. اهي ٻه نالا سالن کان سندس من ۾ سڏڪندا رهيا آهن. پر طوطي جي اچڻ کانپوءِ هوءَ ڪافي بدلجي وئي هئي. هن جي اچڻ تي طوطو پَــرَ کنڊيري خوشيءَ جو اظهار ڪندو هو. هوءَ ايندي هئي ته ”امي“ ”امي“ ڪري ٻوليندو هو. هن چڱي مغز ماريءَ کانپوءِ طوطي کي سيکاريو هو ته هو کيس امي سڏي.
    پر منان کانئس خفا رهڻ لڳو. شايد هوءَ طوطي کي وڌيڪ وقت ڏيندي هئي. طوطي ٻه ٽي ڀيرا منان جي ڪلهي تي پنهنجا تکا پير هڻي سندس پهرياڻ ڦاڙي ڇڏيا هئا. منان جڏهن به تکي لهجي ۾ صوفيه سان وڙهندو هو ته طوطو گول ڦري، ڪاوڙ جو اظهار ڪندو هو. پڃري جي در کي چنبا هڻي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    ”امي.... امي... امي...“
    ”هن طوطي کي ته خدا جي واسطي ڪڍ گهر کان ٻاهر، اصل آزار ۾ ڪري ڇڏيو اٿائين.“ منان ڏند ڪرٽيندي چوندو هو.
    هوءَ بي اختيار وڃي طوطي کي پڃري مان ڪڍي پيار ڪرڻ لڳندي هئي.
    ڪوته آهي منهنجو بدر کڻڻ وارو، سمجهي ته سڀ ڪجهه ٿو نه...
    صوفيه جي اکين مان لڙڪ ڪري پوندا هئا، طوطو هن جي ڳلن تي چنهب رکي پيار ڪري وٺندو هو. طوطي جي گلي مان ٽين ٽين جو آواز نڪرندو هو، ڄڻ لڳندو هو ته طوطو کيس پرچائيندو هجي. طوطي جي سياڻپ تي هوءَ دنگ رهجي وئي. هن ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته پکين وٽ به ڪا ايتري وسيع پيار جي دنيا ٿئي ٿي. جيڪا انسانن کان گهڻي مٿانهين آهي. منان چپن ۾ ڀڻڪندو گهر کان ٻاهر نڪري ويندو هو.
    اڄ جهيڙي جو سبب ڪَلف جو اهو وڳو هو، جيڪو اڄ منان کي پائڻو هو. هن ٻيا ڪپڙا ڪَلف ڪري استري ڪرائي رکيا هئا. اڄ کيس اهو وڳو ڇو پائڻو هو. مڙئي مون تي رعب ڪري هيسائڻو جو هيس. مرد جي مزاج جي ڪابه خبر نه ٿي پوي، کيس ڪاوڙ جا بهانا گهرجن، هڪ هيڻي عورت کي ڌمڪائي پنهنجي مردانگيءَ جو مان وڌائيندا آهن.
    هوءَ صوفي تي ويهي سڏڪڻ لڳي. طوطو سندس ڳل تي چهنب رکي کيس پرچائي ٿو. مامتا جو احساس محسوس ڪري، هن کيس هٿن سان ڇهيو، آڱر رکي سندس نرم کنڀ وکيري ڇڏيائين. طوطو اکيون بند ڪيون ته، هوءَ ٿڌو ساهه ڀري سوچي ٿي. ڪاش! انسانن وٽ پکين جيان محبت ڪندڙ دل هجي ها. طوطي کي پڃري ۾ واپس بند ڪري هوءَ گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي وئي، پر کيس پنهنجي دل وساميل لڳي ٿي. جڏهن کان طوطو گهر ۾ آيو آهي، منان بدلجي ويو آهي. ڳالهه ڳالهه تي وڙهي ٿو پوي. هوءَ ڪم ڪار ۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿي ڇڏي، ماني ٽڪي، ڪپڙو لٽو ۽ هر ضرورت جي شيءَ وقت تي ٿي ڏئيس پر پوءِ به ڪا نه ڪا وڏ ڪڍي اجايو پيو هن جي دل ساڙيندو. صوفيه جو ڀاءُ پنهنجي دنيا ۾ مگن هو. هن کي فرصت نه هئي جو ڀيڻ جو حال پڇي. ماءُ الڳ بيمار رهندي هيس. پاڙي ۾ هن جو ايترو اچڻ وڃڻ نه هو. پوءِ ڪنهن سان دل جو حال اوري، انڪري اڪثر بيمار رهندي هئي. بيمار اهي ماڻهو رهندا آهن جن جي دل ۾ اڪيلائيءَ جي ميخ کتل هوندي آهي. ڪنهن جي گڏ رهڻ سان دل کي اهو ساٿ ڪٿي ٿو نصيب ٿئي، دل ته پنهنجائپ جي احساس سان ڀربي آهي. عورت جي دل به شايد پکين جي دل جهڙي ٿئي ٿي. پکيءَ کي نرميءَ سان ڇهبو ته خاموش ۽ سڪون ۾ هوندا. هٿ جو ٿورو زور وڌائبو ته دل تيز ڌڙڪڻ لڳندي اٿن. جيئن منان جي رڙ تي هوءَ ڊڄي ويندي هئي. هاڻ هوءَ طوطي سان دل جو حال اوريندي آهي. ڀاءُ نه ٿو پڇي، ڀاڄائي جو رويو، مڙس جي لاپرواهي، پنهنجي ڪاليج جا مسئلا...
    ۽ دل جي اڪيلائي...
    طوطو پَــرَ کنڊيري ساڻس لاڏ ڪري آگاهه ڪندو هو ته هو اڪيلي نه آهي.
    هڪ ڏينهن طوطو بيمار ٿي پيو، هوءَ ڏاڍي پريشان ٿي. ڇو ته طوطي کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هو. هن جانورن جي ڊاڪٽر لاءِ گهڻيون پڇائون ڪيو پر ڪٿي به اهڙي ڊاڪٽر جو ڏس نه مليو. ڪاليج ۾ به طوطي لاءِ پئي سوچيندي هئي، هڪ ڏينهن کيس وٽنري اسپتال جو ڏس مليس، ان ڏينهن پرنسپل کيس آفيس ۾ ويهاري ڇڏيو.
    هن جي ڪلاس ۾ پڙهندڙ ڇوڪري يونيفارم بدلائي رنگين ڪپڙا پائي ڪاليج مان ٻاهر پئي نڪتي ته پٽيوالي کيس پڪڙي ورتو ۽ پرنسپل وٽ وٺي آيو. ڇوڪريءَ جي چهري تي ذرو به پريشاني نه هئي. هوءَ خوداعتماديءَ سان بهانا گهڙي رهي هئي. هر ڪو نصيحتون ڪندي ڇوڪريءَ تي ملامت ڪري رهيو هو.
    الاءِ ته ڪيتريون ڇوڪريون اهو سڀ ڪجهه ڪنديون هيون، شوقيه يا ڪنهن مجبوريءَ سبب هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ٿي. کيس پنهنجي طوطي جو فڪر آهي. طوطو بيمار آهي. سڄي شهر ۾ الاءِ ڪيترا وٽنري ڊاڪٽر هوندا پر کيس ڏس نه ملي سگهيو آهي. هڪ اسپتال جو پتو مليو آهي، هتان جان ڇٽي ته وڃان.
    ”ميڊم مون کي طوطي کي اسپتال کڻي وڃڻو آهي، جي اجازت ڏيو ته وڃان.“ هٻڪندي هن چيو، باقي عورتون معنيٰ خيز انداز ۾ هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳيون.
    ”هتي انسان پيا مرن وارثن هوندي، توکي طوطي جو ايترو اونو آهي.“ هڪ ڪرڙوڍ ماسترياڻي چوڻ لڳي.
    ميڊم کيس اجازت ڏني ته هوءَ جلدي گهر پهتي، طوطو پڃري ۾ هيڻو پيو هو. کيس کڻي اسپتال پهتي. اسپتال ويران پئي هئي. گيٽ تي چوڪيدار ننڊ پيو هو، اندر پهتي ته ڪمپائونڊر مليو. ڊاڪٽر ڪيترن ڏينهن کان موڪل تي هو. ڪمپائونڊر طوطي جي چڪاس ڪري کيس دوا پياري ڪجهه دوائون لکي پرچو صوفيه ڏانهن وڌائيندي چيو. ”هيءَ دوا ٽي ڏينهن پياريوس، ٺيڪ ٿي ويندو.“
    واپس ايندي منان لاءِ سوچيندي رهي. واپس گهر پهتي ته منان صوفي تي آهليو پيو هو ۽ کيس ڪاوڙ ۾ گهوري رهيو هو، هوءَ گهٻرائجي وئي. طوطي جي بيماريءَ ۾ هوءَ منجهند جي ماني نه ٺاهي سگهي هئي. طوطي کي پڃري ۾ وجهي محسوس ڪيائين ته هو هاڻ ڪافي بهتر هو. جلدي ماني ٺاهي منان جي اڳيان رکيائين پر پاڻ خاموشيءَ سان هڪ پاسي ويهي رهي.
    ”ڇو ماني نه ٿي کائين؟“ منان کانئس پڇيو.
    ”الاءِ ڇو بک ناهي.“ هوءَ اداس هئي.
    ”پٽهين ته چڱو ڀلو ٿو ڏسجي، اجايو ٿي پريشان ٿين.“ منان جي لهجي ۾ طنز کي محسوس ڪندي ڏکاري ٿي پئي. طوطا انسانن کان هزار درجا بهتر آهن، هو نه مطلبي ۽ خود غرض آهن، نه ئي کين نفرت جي خبر آهي. پر هوءَ اهو جملو چئي نه سگهي، نه ته منان سمجهي ها، هو هن کان وڌيڪ طوطي کي اهميت ڏيڻ لڳي آهي.
    ماني کائي، منان ڪم سان ٻاهر نڪري ويو. هوءِ سوچي ٿي مان ۽ طوطو پاڻ ۾ انڪري هري مري ويا آهيون جو اسان جون دليون هڪجهڙيون آهن. باقي منان وٽ هڪ باز جي دل آهي، اهڙيون ئي سندس ڳالهيون آهن.
    تڏهن ته طوطو منان کان پري ڀڄندو آهي، جيئن ٻار بخيل پيءُ کان لنوائيندا آهن. ماءُ جي دل ٻارن جي دل کي سمجهي سگهي ٿي. پر پيءَ ٻار جي دلين کي دماغ سان سمجهندو آهي.
    تڏهن ٻارن ۽ پيءُ ۾ احساس جي وڇوٽي رهي ٿي ۽ ٻار ماءُ جو يا ماءُ ٻارن جو عڪس ٿين ٿا.
    ماءُ جي دل هڪ اونهو درياهه آهي، جيڪڏهن ماءُ نه ٿي بنجي سگهي ته به اهو درياهه سندس من کي سيراب ڪندو رهندو آهي.
    طوطو ڪجهه ڏينهن ۾ چڱو ڀلو ٿي ويو. هاڻ پر وڏا ٿي ويا هيس. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ سهڻي مادي ڀت تي اچي ٻوليندي هئي. طوطو کيس ڪنائيندو هو. ڪجهه ڏينهن ۾ طوطو به طوطڻ کي جواب ڏيڻ لڳو. طوطڻ هاڻ ڀت سان لهي اچي طوطي سان گڏ کائيندي هئي. ٻئي چنهبون ملائي الاءِ ته هڪٻئي کي ڇا چوندا هئا. صوفيه جيئن رڌڻي مان ايندي هئي طوطڻ اڏامي وڃي ڀت تي ويهندي هئي. هڪ ڏينهن صوفيه ٽي وي ڏسي رهي هئي ته طوطڻ اچي ڀت تي ويٺي، طوطو به اڏامي وڃي ڀت تي ويٺو.
    ”ائي منهنجو ڪاشف...“ صوفيه جي اکين آڏو انڌاري ڇانئجي وئي. صوفيه هڪدم اٿي بيٺي. ٻنهي چنهب سان چنهب ملائي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه چيو ۽ اڏامي ويا.
    صوفيه رڙيون ڪرڻ لڳي.
    جيئن ئي دروازي ڏانهن ڀڳي، پير ٿڙي ويس، ڪرڻ کان بچڻ لاءِ صوفي جو سهارو ورتائين، پر پير مان نڪرندڙ سور جي سٽن بيحال ڪري وڌس. ان وقت منان اندر داخل ٿيو. ڊوڙي اچي صوفيه کي سڌو ڪيائين.
    ”ڇا ٿيو، خير ته آهي؟“ منان جي دل تيز ڌڙڪڻ لڳي.
    ”پير مڙي پيو اٿم.“ صوفيه سڏڪا ڀري روئي رهي هئي، منان کيس سهارو ڏئي صوفي تي ويهاريو.
    ”ڪاشف جا پيءُ...“ صوفيه جي چهري تي هيڊ هارجي وئي. ”ها ها چئه، ڇا ٿيو طوطي کي، مري ويو ڇا...!!!“ منان کيس غور سان ڏٺو، ظاهري طور تي پريشاني ڏيکاري ڄڻ منان هن تي ٿورو ڪيو.
    ”منهنجو ڪاشف اڏامي ويو...“
    صوفيه اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي ۽ منان کان بي اختيار ٽهڪ نڪري ويو.
    صوفيه سڏڪن ۾ کيس شڪايتي نظرن سان ڏٺو، هو کيس پنهنجي رويي ۾ انتهائي خود غرض لڳو.
    ”توهان ٽهڪ ٿا ڏيو!؟“
    صوفيه شڪايتي لهجي ۾ چيو.
    ”نه ته ٻيو ڇا ڪيان... مٿي تي خاڪ وسايان. زمين تي ليٿڙيون پايان... سڌي سنئين ڳالهه آهي، طوطي کي پر نڪتا ته هو اڏامي ويو، طوطو نه اڏامندو ته ڇا مان اڏامندس.“
    ”منان...!؟“ صوفيه اذيت مان رڙ ڪئي.
    ”ڪاش مان به طوطو هجان ها. ڪڏهن جو اڏامي وڃان ها. هن ظلم نگريءَ مان...“
    ڊپ کان منان مرڪ کي چپن ۾ اندر ڌوڪيندي ڪمري ڏانهن ڊوڙ پاتي.
    طوطي جي اڏامي وڃڻ کانپوءِ صوفيه خاموش ٿي وئي. منان کي هان هون ۾ جواب ڏيندي هئي. رات جو سوڙ بنا وٽجي سٽجي پئي هوندي هئي پر کيس سيءُ جو احساس نه ٿيندو هو. نه ئي منان سان وڙهندي هئي. منان ريسلنگ پيو ڏسندو هو. پر صوفيه چينل بدلائڻ تان ساڻس ڪر ڪر ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي. ماني به نالي ماتر کائيندي هئي. ڪاليج مان واپس اچي ماني پچائي خاموشيءَ سان هڪ پاسي ويهي سوچيندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن طوطو ۽ طوطڻ اچي ڀت تي ويٺا. طوطي کي ڏسي صوفيه جي چهري تي رونق اچي وئي.
    ”منهنجو ڪاشف...“
    هن اڱڻ ڏانهن ڊوڙ پاتي ته ٻئي طوطا اڏامي ويا. صوفيه اکين ۾ لڙڪ ڀري واپس صوفي تي اچي ويٺي.
    ان کانپوءِ هوءَ اڱڻ ۾ طوطن لاءِ پاڻي ۽ کائڻ جو سامان رکڻ لڳي ۽ طوطا روز اچي کاڌو کائڻ لڳا. هو پري کان کين کائيندي پيئندي ۽ چنهبون ملائيندي ڏسي پئي خوش ٿيندي هئي. طوطي جي وڃڻ کانپوءِ وري ٻئي ڏينهن جو انتظار ڪيڏو ڏکيو لڳندو هيس. وقت ئي نه گذرندو هو. ٻه ڏينهن گذري ويا پر طوطو نه آيو. صوفيه جي حالت خراب ٿي وئي. انتظار ڪندي ٽن ڏينهن کان پوءِ طوطا آيا ته سندس من گل جيان ٽڙي پيو. هن گهڻو ئي طوطي کي سڏيو.
    ”ڪاشي ڪاشي...“
    ”مٺو پٽ....“
    ”مون کي امي چئه جيئن چوندو هئين“
    ”امي.... امي... امي...“
    پر طوطي سندس هڪ نه ٻڌي، پنهنجي سندر طوطڻ سان چنهبون ملائي ٽين ٽين ڪندو رهيو.
    ”ڏائڻ اها طوطڻ نه اچي ها ته منهنجو طوطو به اڏامي ڪڍ نه لڳيس ها.“
    هن وڏي آواز سان چيو.
    ڪمري کان ٻاهر نڪري منان اهو جملو ٻڌي ٽهڪ ڏنو.
    ”چڱو ٿيو جو اسان کي اولاد ناهي. سڀ پٽ ان طوطي جيان طوطين پٺيان اڏامي ويندا اٿئي. ويچارا ماءُ پيءُ پڇاڙيءَ ۾ اڪيلا رهجي ويندا آهن.“
    ”تنهنجي دل ۾ دل نه، پر پٿر آهي.“ صوفيه خار وچان چيو.
    ”شڪر آهي تنهنجي دل وانگر ميڻ جي ٺهيل نه آهي جو بار بار رجي هلاڪ ٿيندي رهي.“ منان هميشه جيان چڙ ڏياريندڙ انداز ۾ وراڻيس.
    چئي ته جائي ٿو منان، الله سائين تو عورت جي دل ميڻ جهڙي ڇو ٺاهي! هو سوچي ٿي.
    اڱڻ ڏانهن ڏسي ٿي، ٻئي طوطا چڳي رهيا آهن، طوطڻ تي خار ٿي اچيس، جيئن سس کي ننهن تي ايندي آهي.
    جيڪو پٽ هن جي اختيار ۾ هوندو آهي، زال اچڻ کانپوءِ ورهائجي ويندو آهي. دل ٿي چئيس طوطو اچي سندس ٻانهن تي ويهي، چولي جي بٽڻن کي چنهب هڻي ۽ هوءَ ٽڪ ٽڪ جي آواز تي خوش ٿئي.
    وري هوءَ چئيس. ”ڪاشي اميءَ کي پيار ته ڪر.“
    صوفيه کي پنهنجي اندر هڪ گهري اڃ جو احساس ٿيو. ڳلن تي ڳوڙها ڪرڻ لڳس. ان کانپوءِ وري طوطو نه آيو، ڪيترائي ڏينهن انتظار ڪندي رهي. ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري جاڳي پوندي هئي. کيس محسوس ٿيندو هو. طوطو پنهنجي طوطڻ سان اڱڻ ۾ داڻو چڳي رهيو آهي. اٿي ڏسندي هئي ته اڱڻ خالي هوندو هو. طرح طرح جا وسوسا تنگ ڪندا رهيس. طوطي کي ٻيهر ڪو شڪاري نه پڪڙي ويو هجي. ڪٿي شرارتي ٻارن غليل هڻي زخمي نه ڪري وڌو هجيس. الائي جيئرو به آهي يا نه. اي پروردگار تون منهنجي ٻچي کي پنهنجي امان ۾ رکجانءِ.


    ڪلر بلائنڊ

    صبح سان ئي سفينه کيس فون ڪيو، سندس آواز ڳرو ڳوڙهن سان ڀريل هو.
    ”شينا! منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي، جلدي اچ.“
    ”يا الاهي خير.“ شينا سندس اوچتي فون تي پريشان ٿي وئي. جلدي جلدي تيار ٿي صدر جو رخ ڪيائين. روڊ تي گاڏين جي ڏاڍي رش هئي. چوراهي وٽ گاڏي موڙيندي ذري گهٽ حادثو ٿيندي بچيو. جلدي جلدي سفينه جي گهر پهتي. هوءَ بستري تي بخار ۾ ٻري رهي هئي. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون.
    پليز شينا! ڪجهه ڪر نه ته مان مري وينديس.“
    ”ڪير به ڪنهن جي لاءِ نه ٿو مري.“
    ”بٽ آءِ ول ڊاءِ فار هم.“ لڙڪ سندس اکين مان ڪرڻ لڳا.
    هوءَ شادي شده شخص افتخار احمد جي عشق ۾ مبتلا هئي، جيڪو سامهون واري فليٽ ۾ رهندو هو. هو سول ايويئشن اٿارٽي ۾ هڪ اهم عهدي تي فائز هو. سندس زال ٿلهي بي ڊولي ۽ انتهائي ڪرڙوڍ قسم جي عورت هئي. جيئن ته هو هڪ انتهائي مالدار فيملي سان تعلق رکندي هئي، انڪري افتخار سندس اشارن تي ڪنهن ڪٺ پتليءَ وانگر نچندو هو.
    ”ڪٿي پڙهيو هيم ته عشق ڪرڻ به دلچسپ قسم جي ان ڊور گيمز مان هڪ آهي، جڏهن برسات جي موسم ۾ ماڻهو ٽينس نه کيڏي سگهي يا سرديءَ جي ڪري سوئمنگ پول ۾ ٽپي ڏيڻ جي همت نه هجي يا اخبار پڙهندي دل ڀرجي وڃي ته وقت گذارڻ لاءِ عشق هڪ سٺي تفريح ٿي سگهي ٿو.“
    شينا، سفينه کي مرڪندي چيو، پر هوءَ قائل نه ٿي سگهي.
    ”هن جي محبت ۾ ڪا کوٽ نه آهي.“ سفينه جي اکين مان لڙڪ ڪرڻ لڳا.
    ”اڄ جي دور جو عشق محض وقت گذاري جو ذريعو آهي.“
    ”ڏس سفينه! مرد وٽ پنهنجي دفاع لاءِ ڪيترائي هٿيار ٿي سگهن ٿا. پر عورت ان معاملي ۾ ڏاڍي ڪمزور هوندي آهي. مرد هميشه عشق جي ڪوڙي آڙ وٺي عورت کي تباهه ڪيو آهي.“
    ”هن سال جون تائين هو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو.“
    ”هو ائين ڪڏهن نه ڪندو.“
    ”ڏس هن کي اولاد به ته نه آهي. هو اولاد خاطر ٻي شادي ڪري سگهي ٿو.“
    ”اولاد کان وڌيڪ هن لاءِ پنهنجي زال جي دولت اهم آهي ۽ ها ٻڌ افتخار سان ٻاهر ڪٿي به نه ملجانءِ!“
    ”مون کي هن تي انڌو اعتماد آهي.“
    ”هونهن اعتماد! محترمه اهي مرد وڏا چالاڪ هوندا آهن، سويٽ ڊش طور هڪ عدد محبوبه پاڻ سان ضرور رکندا آهن.“
    ”هو انهن مردن مان نه آهي!“
    ”هو واقعي انهن مردن مان ئي آهي!“
    ”اهو تون ڪيئن ٿي چئي سگهين؟“
    ”مان اکيون رکان ٿي، مردن جي ٺاهيل هن سماج ۾ رهان ٿي، جتي عورت جي حيثيت محض هڪ جسم کانسواءِ ڪجهه نه آهي، ايتري قدر جو اهي پڙهيل لکيل مرد، جيڪي اسان سان گڏ ڪم ڪن ٿا. اهي به اسان کي ڪوليگ سمجهي نه، پر عورت سمجهي ورتاءُ ڪندا آهن.“
    ”تون خبر نه آهي ڇو مردن جي خلاف آهين!“
    ”مان مردن جي خلاف ناهيان، پر انهن جي ننڍڙي ذهنيت جي خلاف آهيان.“
    ”ڇا سمورا مرد هڪجهڙا هوندا آهن؟“
    ”عورت جي معاملي ۾ سندن سوچ ساڳي سطح تي اچي بيهندي آهي.“
    ”مون کي توسان اختلاف آهي.“
    ”توکي اختلاف ڪرڻ جو حق آهي.“
    ”تون انتها پسند آهين!“
    ”نه سفينه، ائين نه آهي، ڳالهه رڳو ايتري آهي ته مان انهن ماڻهن منجهان آهيان، جيڪي پنهنجي روايتن، پنهنجي سماجي قدرن جي دائري کان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪري سگهندا آهن. اسان جا سماجي قدر تباهه ٿي رهيا آهن. اسان جي معاشري ۾ اخلاقي پسماندگيءَ وڌي رهي آهي“.
    ”پر منهنجو انهن سڀني ڳالهين سان ڪهڙو تعلق!“
    ”چڱو ڀلا اهو ٻڌاءِ ته اشفاق جي پروپوزل جو ڇا ٿيو؟“ شينا ڳالهه مٽائي ٿي.
    ”گهر وارا چڱا خاصا سنجيده آهن، پر مان انڪار ڪري ڇڏينديس.“
    ”اها تنهنجي سڀ کان وڏي بي وقوفي ٿيندي.“
    ”هو ته اجايو هٿ ڌوئي منهنجي پويان پيو آهي.“
    ”هو توکي پسند ڪري ٿو.“
    ”پر منهنجي پسند جو به ڪو معيار آهي.“
    ”مڃان ٿي ته شڪل صورت جي لحاظ کان ايترو سٺو نه آهي پر ڪردار جي لحاظ کان هڪ بهترين انسان آهي.“
    ”مان شادي ڪنديس ته صرف افتخار سان ۽ بس.“
    ”۽ ان چڪر ۾ تون ايڏو سٺو رشتو وڃائي ويهندينءَ“
    ”منهنجي لاءِ رشتن جي ڪمي آهي ڇا؟“
    ”هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ اڄڪلهه ماڻهپي جي ڏاڍي ڪمي ٿي وئي آهي.“
    ”ڇا مون توکي انڪري گهرايو جيئن تون منهنجي زخمن تي لوڻ ٻرڪين.“ سفينه وري روئڻ لڳي.
    سفينه يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڇوڪري کي لفٽ نه ڪرائي هئي، جيڪي سندس ڊگهن وارن ۽ بادامي اکين جا ديوانه هئا. ان زماني ۾ سفينه جا ڏاڍا سٺا رشتا آيا. ڪن جو تعلق سندس ذات سان نه هو، ڪن جو گهراڻو گهٽ هو، ڪي شڪل و صورت جي لحاظ کان مات کائي ويا. ائين سندس گهر وارا اکيون ٻوٽي رشتا ٺڪرائيندا رهيا. هاڻي سفينه هڪ عجيب قسم جي محروميءَ ۽ تنهائي جو شڪار هئي. اهو ئي سبب هو جو هوءَ افتخار جي چڪر ۾ اچي وئي هئي.
    ”ڇا پئي سوچين!“ سفينه کانئس پڇيو.
    ”تنهنجي باري ۾ پئي سوچيم.“
    ”سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪيان.“
    ”اشفاق لاءِ ها ڪري ڇڏ.“
    ”اوهه شينا! اهو منهنجي مسئلي جو ڪو حل ته نه آهي.“
    ”چڱو تون ٻڌاءِ افتخار ڪڏهن ٿو پنهنجي زال مان جان ڇڏائي.“
    ”ڪلهه هن زال کي خوب شاپنگ ڪرائي، رات جو ماني ڪنهن هوٽل ۾ کاڌائون، واپس آيا ته سڄو ورانڊو سندس ٽهڪن سان گوجندو رهيو،” سفينه جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
    ”آخر هوءَ سندس زال آهي.“
    ”مون سان هن سڄو هفتو نه ڳالهايو آهي.“
    ”تون ڪلر بلائنڊ آهين.“
    ”ڇا مطلب....!“
    سفينه! تو ۾ رشتن جي سڃاڻپ ڪانهي بلڪل ائين جيئن ڪلر بلائنڊ ماڻهو ڪجهه رنگن کي سڃاڻي نه سگهندا آهن.
    ”مون تنهنجي ڳالهه نه سمجهي.“
    ”هڪ طرف ته تون هن تي ايڏو اعتبار ڪرين ٿي ٻئي طرف هن کي شڪ جي نگاهه سان به ڏسين ٿي.“
    ”انتظار جي ڪا حد نه هوندي آهي.“
    ”گهر وارا جلد از جلد مون مان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ هو آهي جو ان ڳالهه کي سمجهي نه ٿو.“
    ”ڇا ٿو چئي.“
    ”چئي ٿو انتظار ڪيان.“
    ”هوءَ تو سان ڪڏهن به شادي نه ڪندو.“
    ”هو مون کي دل جي گهرائين سان چاهي ٿو، هن جو چوڻ آهي ته مان سندس خوابن جي خوبصورت تعبير آهيان، هو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.“
    ”هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو پر پنهنجي مالدار زال جهڙي موٽي آسامي کي نه ٿو ڇڏي سگهي.“
    “تون ايڏو حقيقت پسند ڇو آهين شينا!“
    ”مان خوابن جي حقيقت کان واقف آهيان، خوابن جو مٺو زهر انسان کي ماري ڇڏيندو آهي.“
    ”ائين هجي ته جيڪر ڪوبه ماڻهو خواب نه ڏسي.“
    ”خواب خود فريبي جو ٻيو نالو آهي، جڏهن ته هي حقيقتن جي صدي آهي.“
    ”ته ڇا محبت محض خود فريبي آهي.“
    ”اڄڪلهه محبت جي آڙ ۾ جيڪي تماشا ٿي رهيا آهن، انهن تي خود انسانيت شرمسار آهي.“
    ”محبت ته انسان جي اهم ضرورت آهي.“
    ”هن مشيني دور ۾ محبت جو تصور محض هڪ خود فريبي آهي. محبت جي آڙ ۾ لڪي مرد هميشه عورت جي جذبن سان کيڏندو رهيو آهي.“
    ”اسان جي محبت مثالي آهي، هو جلد ئي پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو پوءِ اسان جي راهه ۾ رڪاوٽ نه هوندي.“
    شينا لاهور ۾ سئوٽ جي شادي مان ٿي واپس آئي ته کيس سفينه جي بيماريءَ جي خبر ملي، سفينه اسپتال داخل هئي.
    ”هي پنهنجا ڪهڙا حال ڪيا اٿئي!“
    ”مون کي سچ پچ مري وڃڻ گهرجي.“
    ”آخر ٿيو ڇا آهي؟“
    ”مون کي خبر نه هئي ته هو محبت جي آڙ ۾ مون سان ڪو شيطاني ناٽڪ رچائي رهيو آهي.“
    ”صاف صاف ڳالهه ڇو نه ٿي ٻڌائين.“
    ”شينا! هن مون کي برباد ڪري ڇڏيو.“
    سفينه هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪڻ لڳي. شينا کي ائين لڳي ڄڻ ڪنهن زمين هن جي پيرن هيٺان کسڪائي ورتي هجي. گهري صدمي جي ڪري لفظ سندس نڙي ۾ اٽڪي پيا. هوءَ ڪجهه به نه چئي سگهي.
    ”مون کي احساس به نه ٿيو ته خوبصورت ڳالهين جي آڙ ۾ ڪوڙا، منافق ۽ بي عمل ماڻهو لڪي سگهن ٿا.“
    ”هاڻ ڇا ٿو ٿي سگهي“. شينا کي پنهنجا لفظ اوپرا لڳن ٿا.
    ”مون به کيس معاف نه ڪيو، مان سندس سمورا خط ۽ ڪارڊ سندس زال جي منهن تي اڇلائي آيس. تڏهن کان سندس زال رسي وڃي پيڪن ۾ ويٺي آهي. ٻڌو آهي هن طلاق وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.“
    ”ايتري ڳالهه تي هن جو ايڏو سخت ردعمل! هن معاشري ۾ مرد ڇا نه ٿا ڪن، هو وفاداريءَ کان سواءِ زال کي زندگيءَ جي هر سهولت مهيا ڪري ڏيندا آهن، پوءِ ڇو عورتون سمجهوتو نه ٿيون ڪن!“
    شينا کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌي حيرت ٿي.
    ”دراصل هن کان هڪ غلطي ٿي وئي. هن پنهنجي ڪجهه خطن ۾ زال کي ٿلهي، بي ڊولي ۽ بدشڪل سڏيو هو. ڪابه عورت ايڏي توهين برداشت نه ٿي ڪري سگهي.“
    ”انسان کي پنهنجي غلط عملن جي سزا ضرور ملندي آهي.“
    ”مون اشفاق جي رشتي لاءِ ها ڪري ڇڏي آهي.“ شينا کي حيرت جو ٻيو جهٽڪو لڳو.
    ”واقعي خواب، خود فريبي جو ٻيو نالو آهي.“
    سفينه جي بادامي اکين مان لڙڪ ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿيڻ لڳا. خبر نه آهي هو ڇو روئي رهي هئي. خوابن جو مان ٽُٽڻ تي يا اهي لڙڪ حقيقتن جي دنيا ۾ واپسيءَ جي خوشيءَ جي نالي هئا!


    سينگار ميز

    مهرالنساءِ سينگار ميز جي سامهون بيهي، پنهنجو اداس چهرو ڏسي سوچي ٿي ته ڪيترا سال گذري ويا آهن.
    ماڻهو روز آئيني ۾ شڪل ڏسي اندازو نه ٿو ڪري سگهي ته سندس نقش بدلجي رهيا آهن. هن جو چهرو به وقت گذرڻ سان بدلجي ويو آهي. هن جا رنگ اڳي جيان جرڪندڙ نه رهيا آهن. چهري تي هڪ اڻ چيل ڏک صاف محسوس ٿئي ٿو.
    پر آئيني جي جوت اڄ به ساڳي آهي.
    سينگار ميز جو ڪاٺ، وقت سان گڏ بد رنگ ٿي چڪو آهي. اها هڪ پراڻي ويڪري ۽ ڪاري رنگ جي بي ڊولي سينگار ميز آهي. ان ميز جو شمار نوادرات ۾ ڪري سگهجي ٿو. پراڻيون شيون الائي ڇو پياريون ٿين ٿيون. شايد انهن سان ماضيءَ جون يادگيريون سلهاڙيل هونديون آهن. ڪارو رنگ مهر النساءَ کي بنهه نه ٿو وڻي. اهو رنگ ڏسي وحشت طاري ٿي وڃيس ٿي. ڊريسنگ ٽيبل جي ڀرسان بيڊ رکيل آهي. ساڄي پاسي پراڻي رائٽنگ ٽيبل پئي آهي. جنهن تي سندس مڙس حميد آفيس جو ڪم ڪندو آهي.
    حميد لاءِ گهر ۾ ٻه شيون اهم آهن. هڪ لکڻ واري ميز ۽ ٻي اها بد رنگ سينگار ميز جنهن سان مهر النساءِ جون تڪليف ڏيندڙ يادون لاڳاپيل آهن.
    اها سندس سَس هاجره جي نشاني آهي.
    هي ڪمرو به ڪنهن زماني ۾ هاجره جو هوندو هو. هوءَ سينگار ميز آڏو بيهي، هار سينگار ڪندي هئي. ميز کي ڏسي سس جون ڪاوڙيل اکيون ياد پونديون اٿس. اهي ڏکوئيندڙ لفظ، دڙڪا ۽ مهمينرون ٻيهر تازا ٿي پون ٿا. پر اها ميز، حميد کي گهڻي پياري آهي. هو اڪثر آئيني جي سامهون بيهي ڦڻي ڏيندي ماضيءَ ۾ وڃائجي وڃي ٿو.
    مهر النساءَ، جک کائيندي رهي ٿي. اهو وقت مهر النساءَ جو آهي پر حميد اهي گهڙيون به ماءُ جي يادن کي ارپي ٿو ڇڏي ۽ هوءَ هڪ بي جان شيءَ بڻجي وڃي ٿي. هڪ غير محسوس هستي.
    گهر جي غير ضروري سامان جيان.
    ڦڻي ڏيئي حميد ٿڌو ساهه ڀري ٿو. ڄڻ ٿڌو ساهه چوندو هجي.
    ”او امان...!!!“
    پوءِ رائٽنگ ٽيبل ڀرسان ڪرسي تي ويهي آفيس جي فائلن ۾ وڃائجي ويو. حال جي لمحن کان فرار جو هن وٽ فقط اهو ئي ذريعو آهي.
    سندس گهر به پراڻو ۽ قديم ڏيک ڏئي ٿو. حالانڪه پاڙي جا سمورا گهر ڊهي ٻيهر ٺهي ويا آهن. ڪنهن کي به ابن ڏاڏن جي نشاني سان ڪو پيار ناهي رهيو. ڪجهه پراڻن گهرن ۾ ٿوري ڦير گهير سان جدت اچي وئي آهي. مهر النساءِ گهڻي ڪوشش ڪئي ته يا گهر بدلائجي يا ان کي جديد روپ ڏجي پر حميد کي ابن ڏاڏن جي ان قديم يادگار سان دلي لڳاءُ هو.
    مهر النساءَ سوچي ٿي ته جيستائين گهر مان پراڻو سامان نه نڪرندو، ان وقت تائين حميد حال جي لمحن ڏانهن موٽ نه کائيندو. اهو پراڻو فرنيچر هن لاءِ ماضيءَ جي ڳانڍاپي جو واحد ذريعو آهي. دور بدلجي وڃي ته انسان کي به پنهنجو پاڻ بدلائڻ گهرجي، اهو سوچي ٿڌو ساهه ڀري ٿي.
    وقت جو گذرڻ هڪ حقيقت آهي، پر پوءِ به الائي ڇو ماڻهو ماضيءَ ۾ رهي سڪون محسوس ڪندا آهن.
    ماضيءَ کي ياد ڪرڻ وارو هر ماڻهو مهر النساءِ کي اذيت پسند لڳي ٿو. ويل وقت کي سارڻ جو مطلب پاڻ کي ڏک ڏيڻ آهي.
    سندن گهر جو ڊرائنگ روم به پراڻي ۽ قديم فرنيچر سان سٿيل آهي. هن نه ڄاڻ ته ڪيترن مهمانن جي تنقيد ٻڌي هوندي.
    اهي جملا جڏهن حميد کي ٻڌائيندي هئي ته ڏند ڪرٽيندي چوندو هو.
    ”اسان سان ملڻ ٿا اچن يا فرنيچر پسند يا ناپسند ڪرڻ، گهر نه ٿو وڻين ته پوءِ اچڻ جي زحمت به نه ڪن.“
    اهو رکو جواب ٻڌي هو خاموش ٿي وئي. پر پوءِ به همت نه هاريائين. گهڻي ضد ۽ ڪروڌ کانپوءِ حميد ڊرائنگ روم مان پراڻو فرنيچر ڪڍي کيس جديد سامان آڻي ڏنو.
    نون پردن کانپوءِ ڪمرو سهڻو ڏيک ڏيڻ لڳو. رنگ کان پوءِ ڀتيون به بدلجي ويون.
    هوءَ تمام گهڻي خوش هئي. ڊرائنگ روم کيس پنهنجو لڳڻ لڳو. هر شيءَ سندس پسند مطابق هئي.
    هڪ ڏينهن حميد کيس چيو:
    ”هاڻ تنهنجا مهمان پراڻي فرنيچر تي تنقيد نه ڪندا نه.“
    حميد جي لهجي ۾ اداسي هئي.
    ان ڏينهن حميد کي لڳو ته سندس ذات جي اڪيلائي ۾ اضافو ٿي ويو هجي. سندس اکيون لڙڪن سان آليون هيون.
    ان رات هو ماني کائڻ بنا سمهي رهيو.
    پر مهر النساءَ تمام گهڻي خوش هئي. سندس دل پکيءَ جيان بادلن جي ڀرسان رقص ڪرڻ لڳي.
    پنهنجي پسند جو آسمان وسائڻ جهڙي ڪا ٻي خوشي عورت لاءِ نه ٿي ٿي سگهي.
    عورت کي احساس جي مڃتا گهرجي، هوءَ پنهنجي پسند جو ماحول چاهي ٿي پر اهي ننڍيون ۽ بي ضرر خوشيون به هن لاءِ مهانگيون ٿيو پون.
    هر اڻپوري خواهش قيمتي ٿئي ٿي.
    ڪجهه ڏينهن بعد مهر النساءِ ٻيهر ڪر ڪر لائي ڏني. پر حميد سخت ڪاوڙيو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. انهن رڙين ۾ ماضيءَ جي وڇوڙي جو خوف شامل هو.
    ان مهل حميد کيس هوش و حواس کان وانجهيل لڳو.
    هوءَ به ڊڄي ماٺ ڪري ويهي رهي. رڙ مرد جو هڪ ڪارائتو هٿيار آهي. عورت جي گلن جهڙي نازڪ دل لمحو لمحو وکرڻ لڳي ٿي، ان پل....
    هوءَ به گل جيان خوفزده رهي ٿي وکرڻ جي ڀوءَ کان.
    پر گل جو وکرڻ فطري عمل آهي.
    عورت جو احساس به منتشر ٿيڻ اڻٽر آهي.
    ڪيڏو ئي پاڻ کي ڇو نه سميٽي ۽ سهيڙي رکي پر هڪ خوفناڪ رڙ کيس ذات ۾ وکيري ڇڏيندي آهي.
    هوءَ به حميد جي رڙين جي خوف کان جلدي هٿيار ڦٽا ڪري ٿي ڇڏي.
    ڪجهه ڏينهن ۾ حميد کي چيلهه ۾ سور شروع ٿي ويو.
    ڊاڪٽر پلنگ تبديل ڪرڻ جي صلاح ڏني ته مهر النساءِ جي دل جي مکڙي ڄڻ ته ٽڙي پئي.
    ”مان هن کان وڏو بيڊ وٺنديس، نئين ڊزائن جو هن تي ته سمهڻ ۾ سوڙهه ٿئي ٿي.“
    ”جڳهه ڪٿي اٿئي مائي جو ڪمري ۾ وڏو بيڊ رکندينءَ.“
    حميد ناسون ڦوٽاريندي رڙ ڪئي.
    ”اها سينگار ميز ڪڍڻ کانپوءِ ڪمري ۾ وڏي جاءِ ٿي پوندي“ ڊنل لهجي ۾ چوڻ کان نه رهي سگهي.
    اها بيجان ميز نه هجي پر هن جي پهاڄ هجي ڄڻ ته هڪ ڏکوئيندڙ ماضي ان ميز سان واسطو رکي ٿو.
    جبر جا اُهي ڏينهن جڏهن سندس مرضيءَ جا سمورا موسم ڊنل رهندا هئا. خواهش، ضرورت ۽ پسند جهڙا لفظ هن جي زبان تي اچي نه سگهندا هئا. کائيندي پيئندي ۽ پائيندي سس جي مرضيءَ جو هئي.
    هوءَ انسان نه پر محض هڪ ڪٺ پتلي هئي.
    ”خبردار جو ان سينگار ميز جو نالو ورتو اٿئي، اها امڙ جي نشاني آهي.“
    حميد ڪاوڙ مان اکيون ڦوٽاريندي کيس گهوريو.
    ”پوءِ جڳهه ڪٿان ٿيندي بيڊ لاءِ“ مهر النساءِ روئڻهارڪي ٿي وئي.
    ”مان پنهنجي لکڻ واري ميز ٿو ڪڍي ڇڏيان.“ حميد مسئلي جو حل ڪڍيو. نئون بيڊ آيو پر سينگار ميز اتي ئي رهي.
    سس جيئري نه هئي پر سس جون ڏکوئيندڙ يادون موجود هيون، هن جي هيانءُ تي مڱ ڏرڻ لاءِ...
    ڪمري مان رائيٽنگ ٽيبل نڪتي ته حميد جي آفيس واري ڪم ۾ رخنو پئجي ويو.
    رات جو هوءَ دير تائين جاڳندي رهي. پراڻو پلنگ پاسا ورائيندي چيڪٽ ڪندو هو، پر پوءِ به سڪون سان سوڙهه سنگهوڙ ۾ پئي هوندي هئي. پر هاڻ ڪشادي پلنگ تي به ننڊ نه ٿي اچيس.
    پلنگ جو سوڙهه ۾ حميد هن جي ويجهو ٿي سمهندو هو، پنهنجائپ جي احساس ۾ ويڙهجي سمهي رهندي هئي. هاڻ ته ٻئي الڳ ۽ پري ٿا سمهن. هڪٻئي جي ويجهو ٿي سمهڻ جو جواز ئي ختم ٿي ويو. پاسو ورائي ڊريسنگ ٽيبل ڏانهن ڏٺائين.“ تو سمجهيو ته منهنجي مرڻ کانپوءِ سک وٺندينءَ پر مان آهيان نه اڄ به تنهنجي زندگيءَ ۾ زهر ڀرڻ لاءِ.“
    سس جون اکيون آئيني مان کيس گهورڻ لڳيون. مڙس کان جيڪو احساس يا مڃتا نه ملي ته عورتون اهو ڪجهه پٽن ۾ ڳولينديون آهن.
    سينگار ميز جي آئيني مان سندس سس جي اکين جهاتي پائي کيس گهوريو ته هوءَ پاسو ورائي ڀت ڏانهن منهن ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
    ٻيهر ڪمري ۾ جيئن رائٽنگ ٽيبل آئي ته مهر النساءِ جي ذهني ٻوسٽ ۾ اضافو ٿي ويو.
    گهر ۾ جهيڙا وڌي ويا. هڪ ڏينهن حميد سينگار ميز پراڻي فرنيچر جي دڪان واري کي ڀڳڙن مٺ ڏئي آيو. واپس آيو ته هو مهر النساءَ کي اڪيلو ۽ ويڳاڻو لڳو. هارايل جواري جيان، ٿڪل قدم کڻندو اچي پاڻ کي پلنگ تي ڦٽي ڪيائين، اکين مان لڙڪ وهي وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا.
    پر مهر النساءِ سک جو ساهه کنيو، سس کان وڌيڪ سندس تصور خطرناڪ هو. اڄ به سندس خوشين جو پيڇو ڪندو رهي ٿو.
    پر اڄ ڪمرو ڪشادو ۽ پنهنجو لڳي رهيو هيس، عورت کي فقط پنهنجائپ گهرجي. اها رشتن جي هجي يا ڀتين جي. هاڻ هوءَ محسوس ڪري ٿي ته حميد هن سان کلي ڳالهائي ٿو. دل جو حال اوري ٿو. ائين کيس احساس ڏياري ٿو ته مهر النساءِ به ڪو وجود رکي ٿي.
    ماڻهو موجود هوندي به ڪنهن لاءِ وجود نه رکي ڪيڏو نه وڏو الميو آهي زندگيءَ جو! نظرانداز ڪرڻ ڪنهن ماڻهوءَ جي احساس کان ورتل هڪ انتقام آهي. احساس آلي ڪاٺيءَ جيان بي حسي جي دونهين ۾ لڙاٽجي وڃي ٿو.
    پر هاڻ حميد ڏينهون ڏينهن بدلجي رهيو هو. هر ماڻهو زندگيءَ ۾ ضرور تبديلي جي عمل مان گذري ٿو. پر اها تبديلي سندس جوانيءَ جا حسين ڏهاڙا هڙپ ڪري پوءِ آئي هئي. ان تبديلي لاءِ هن سالن جا سال انتظار ڪيو هو. هوءَ وقت جي چانئٺ تي سالن کان بيٺي هئي، بهار جي انتظار ۾. هوءَ خوشقسمت هئي جو بهارن اچي هن جو در کڙڪايو هو. جيئن سينگار ميز نڪتي ته حميد منجهيل رهڻ بدران حال جي حقيقي دنيا ڏانهن واپس موٽي آيو آهي.
    هو حال جي لمحن کي محسوس ڪرڻ لڳو آهي. ڪاوڙ ۽ سختي چهري جي گهنجن مان غائب ٿي وئي اٿس. چهري تي سٻاجهائپ ۽ نرمي واپس موٽي آيا آهن.
    جيئن هو شاديءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن تي مهربان هوندو هو.
    حميد جي اکين ۾ اُوپرائپ بدران هن لاءِ اتساهه جا رنگ ڇلڪڻ لڳا آهن.
    پلنگ ڪشادو آهي پر هوءَ حميد سان چهٽي سمهي ٿي. هن جو روح سالن جو سڪايل آهي. ان محبت جي اڃ اساٽ کي صديون گهرجن سيراب ٿيڻ لاءِ. اڃان ڪيترو وقت بچيو آهي! شايد زندگيءَ جا چند سال! ان ڪري وقت جو ڦڙو ڦڙو آب حيات سمجهي پيئڻ لڳي آهي.
    لمحو لمحو محسوس ڪري گذاري ٿي.
    حميد ڀرسان ستو پيو آهي، هن جي چهري تي سڪون جو ڇانورو مرڪي رهيو آهي. سوچي ٿي سندس ننهون ڪيتريون نه چالاڪ آهن. شادي جي شروعاتي ڏينهن ۾ پٽن تي منڊ منڊي وڃي الڳ دنيا وسايائون.
    پر هوءَ ڪيتري نه سٻاجهي آهي جو سس جي تصور مان جان ڇڏائڻ ۾ ڪيترا سال لڳي ويس!


    ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي

    ڪلثوم جي ڪمري جي دريءَ مان نظر ايندڙ، نم جو گهاٽو وڻ کيس جيئڻ جو اتساهه ڏئي ٿو. ڪلثوم دريءَ مان ٻاهر ڏٺو، نم جي گهاٽي وڻ ۾ جهرڪي پنهنجي آکيري ۾ ٻچن کي داڻو چڳائي رهي آهي، هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ٿي. سائي وڻ جون وسيع شاخون هوا جي مست جهوٽن تي رقص ڪن ٿيون. وڻ جي تازگي کي محسوس ڪري هوءَ پنهنجي اندر زندگيءَ کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. وڻ ۾ پکين جا آکيرا ۽ سندن سريلا ٻول هن جو دل بهلائين ٿا. وڻ سان سندس زندگيءَ جون بهترين يادون وابسته آهن.
    اهو نم جو وڻ، هن جي ڪنهن پراڻي سرتيءَ جيان آهي، جنهن کي ڏسي کيس آٿت ملي ٿي. هن جون سهيلون پنهنجي دنيا ۾ مگن آهن، ڪي دنيا ڇڏي چڪيون آهن. فقط هڪ نم جو وڻ آهي، جنهن کي ڏسي يا ان جي هيٺان ويهي ساڻس دل جو حال اوريندي آهي.
    وڻ سندس ميڻ جهڙي دل جي اڪيلائي جو اکين ڏٺو گواهه آهي.
    جڏهن هوءَ شادي ڪري هن گهر ۾ آئي هئي ته، اهو وڻ موجود نه هو سندس والد کي ٻوٽن ۽ وڻن پوکڻ جو شوق هو. جنهن کيس نم جي وڻ جي چڪي آڻي ڏني هئي. جيڪا هن وڏي پٽ احسن کان هڻائي هئي. جيڪو ان وقت ٻن سالن جو هو. وڻ مان کيس احسن جي خوشبو پڻ ايندي هئي. ڪجهه سالن ۾ وڻ وڌي ڊگهو ۽ گهاٽو ٿي ويو. پوءِ هوءَ اڪثر شام جو چانهن وڻ هيٺان پيئندي هئي. سندس گهر وارو مراد ڪڏهن آفيس کان سوير موٽندو هو ته هو به ساڻس گڏجي چانهن پيئندو هو. ڪي خاموشيءَ ۾ ڳالهائيندڙ پل کيس حوصلو ڏيندا هئا. ڪلثوم هڪ گڏيل ڪٽنب ۾ رهندي هئي. مراد آفيس کان موٽڻ کانپوءِ ويجهن رشتن ۾ ورهايل هوندو هو. ڪلثوم جي دل جون ڳالهيون دل ۾ رهجي وينديون هيون.
    تنها وڻ هيٺان ويهي به کيس تنهائي جو احساس نه ٿيندو هو. وڻ جي شاخن مان نيري رنگ جي آسمان کي ڏسندي رهندي هئي. ڪڏهن وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لڏندي هئي. وڻ جي ٿڌي ڇانو کيس ماءُ جي هنج جهڙي لڳندي هئي. هڪ گهرو، ٿڌو ۽ ننڊ ڀريو سڪون هو، ان ڇانوري ۾.
    پوءِ سندس ئي ٻار احسن، اسد ۽ ثوبيه ان پينگهه ۾ لڏندي وڏا ٿيا. احسن ۽ ثوبيه جي شادي ٿي وئي. ننڍو اسد ڪراچي هليو ويو. تيئن هن جي دل جي اڪيلائي وڌي وئي.
    هڪ مسئلو سندس دل ۾ ڪنڊي جيان چڀندو هو. اهو خوف، سندس ذهن تي ايترو ته حاوي هو جو هوءَ اڪثر رات جو ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي پوندي هئي. سامهون مراد جي وڏي ڀاءُ سجاد جو گهر هو.
    هونئن ته سندس سهرو چڱي نموني ملڪيت ورهائي ويو هو. پر سجاد جي گهر جو هڪ حصو مراد جي گهر ۾ اچي ويو هو، جنهن تي نم جو وڻ لڳل هو. اهو زمين جو ٽڪرو تقريباً ستر گز تي ٿيندو، جنهن تي نم جو خوبصورت وڻ ڪَرُ کنيو بيٺو هو. حالانڪه سجاد جي حصي ۾ هڪ ٻيو گهر ۽ چڱيون خاصون ٻنيون پڻ هيون. هو پاڻ به هڪ سڻڀي پوسٽ تي هو. کين پئسي جي ڪا ڪمي نه هئي، پر هو ضد ڪري بيٺو ته اهو پلاٽ هن جو آهي. اتي هو پٽ لاءِ ڪمرو ٺهرائيندو، جنهن جي شادي جا سانباها ڪري رهيو هو. يا سندس گُهر هئي ته کين پنج لک ڏنا وڃن. مراد وٽ به پئسي جي ڪا ڪمي نه هئي. ڪيترا دڪان ڪرائي تي ڏنل هيس. زمين الڳ هئي. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هو پرائيويٽ نوڪري ڪري ٿو. پر مراد کي ان پلاٽ جي ٽڪري ۽ وڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي.
    آخر ڪلثوم رهي نه سگهي، هڪ ڏينهن پنهنجا زيور آڻي مراد کي ڏنائين.
    هي زيور کپائي پلاٽ جا پئسا ڏيو پر اهو وڻ ڪٽڻ نه ڏيندس.
    مراد کي هن جي دماغي حالت تي شڪ ٿيڻ لڳو.
    ”زيور کپائڻ ڪو سٺو سوڻ نه آهي، مان توکي زيور کپائڻ نه ڏيندس.“
    ”پوءِ توهان ان پلاٽ جا پئسا ڏيو.“
    ”پر ڇو؟ اسان کي ڪهڙي ضرورت آهي، ان پلاٽ جي، اسان ٻه ڄڻا ايڏي وڏي گهر ۾ رهون ٿا.“ هو ڪلثوم کي حيرت سان ڏسي چوي ٿو.
    ”جيڪڏهن ادا سجاد وڻ ڪٽرايو ته مان جيئري نه رهنديس.“
    هو سڏڪي پئي.
    سندس والد ٻيلي کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. ڪلثوم جو گهر ٻوٽن، ولين، گلن ۽ وڻن سان ڀريل هو. والد چوندو هو، اهي ٻوٽا ۽ وڻ اسان جي اولاد وانگر آهن. هو وڻن جو ڪٽڻ جي سخت خلاف هوندو هو. ڀلا ڪير پنهنجي اولاد کي هٿ سان قتل ڪري سگهي ٿو؟ سندس والد هاڻ دنيا ۾ ناهي رهيو. ان وڻ جي چڪي والد ڏني هيس، ڪلثوم کي وڻ مان پيءَ جي خوشبو پڻ اچي ٿي. ڌيءَ لاءِ پيءُ جو پيار وڻ جي گهاٽي ڇانوري جهڙو هوندو آهي، نم جو وڻ هن جي ڪل ڪائنات آهي.
    وڇڙي ويل سمورن رشتن جي آسيس هن کي ان وڻ مان ملي ٿي.
    سندس ڌيءَ ثوبيه هڪ ڏينهن هن وٽ ٻئي ٻار مومنه ۽ سعد ڇڏڻ آئي ته کيس هلڪو بخار هو ۽ هوءَ بستري ۾ ليٽيل هئي. ثوبيه ۽ سندس ور نياز ٻئي ڊاڪٽر هئا. ٻار اسڪول نه ويندا هئا، انڪري اسپتال ويندي هوءَ ٻار ماءُ وٽ ڇڏيندي هئي.
    ٻارن ۾ هو بهلجي ويندي هئي. هو ٻئي ٻار نانيءَ سان اڪثر وڻ هيٺان اچي ويهندا هئا. پينگهه ۾ لڏندا هئا ۽ ڪلثوم کين پکين جون آکاڻيون ٻڌائيندي هئي. آچر جي ڏينهن ٻار نه ايندا هئا ته هوءَ پنهنجي دل کي گهر جيان خالي محسوس ڪندي هئي. پر اڄ ثوبيه جڏهن ماءُ کي ٻڌايو ته کيس ميڊ سرونٽ ملي وئي آهي ته ڪلثوم جو هيانءُ ڄڻ ته جهري پيو. دل ويڳاڻپ جي ڪُن ۾ ٻڏڻ لڳي.
    بيٺل وقت ۾ درد ۽ اوسيئڙي جي انوکي دنيا سمويل آهي، جيڪا فقط ماءُ جي دل جي دنيا آهي. ثوبيه کي خبرنه پئي ته ڪيئن ڪلثوم جون اکيون آليون ٿيون ۽ ڪيئن هن اهي لڙڪ واپس دل ڏانهن ڌڪيا.
    تڏهن ته ماءُ جي دل سدائين زرخيز رهي ٿي، لڙڪن جي پاڻي سان.
    ڪلثوم ٿڌو ساهه ڀري خاموش ٿي وئي. ٻار وڏا ٿي پنهنجي دنيا ۾ مگن ٿي وڃن ٿا، ڪنهن مشڪل ۾ ماءُ پيءُ ياد پوندا اٿن. خاص ڪري ماءُ جون دعائون، آمريڪا مان وڏي پٽ احسن جو فون ايندو آهي.
    ”امان منهنجا امتحان ٿيڻ وارا آهن، دعا ڪر منهنجي لاءِ.“
    هو بي تحاشا دعائون ڏئي ٿي. فاصلي جي ڪال چند منٽن لاءِ آهي، مهانگي الڳ ٿئي ٿي، سو ڪلثوم جي من جي اڃ تهائين وڌي وڃي ٿي.
    ٻوسٽ هجي ۽ ڀريل ڪڪر رڳو چند ڦڙا وسائي گذري وڃن ته زمين جي اڃ جي ڏک کي ڪير محسوس ڪري سگهندو! ساڳي ماءُ جي ويڳاڻي ڪيفيت ٿئي ٿي. پنهنجي اڌورين رهجي ويل ڳالهين جي نراسائي تي. احسن شروع کان ماءُ سان گهڻو پيار ڪندو هو. هر وقت هن جي اڳيان پويان پيو ڦرندو هو. هاسٽل مان به ڏينهن ۾ ٽي چار دفعا فون تي ماءُ سان ڳالهائيندو هو.
    جيئن شادي ٿيس. ذميوارين ۾ ورهائجي، ماءُ کي به وساري ويٺو. وڏا ٿي پٽ تجربن ۽ خواهشن جي ڪشش ۾ وڃائجي ويا. هوءَ هڪ گهرو ٿڌو ساهه ڀري ٿي.
    احسن جي وڃڻ کانپوءِ ڪلثوم جي نم جي وڻ سان جذباتي وابستگي اڃان وڌي وئي. اڪثر وڻ جي هيٺان ويهي کيس پنهنجي تنها لمحن جي باري ۾ ٻڌائيندي هئي. تيز هوا لڳڻ تي، وڻ جا ڪي سڪل ته ڪي ساوا پن برسات جيان وسڻ لڳندا هئا. جيڪي ڪلثوم کي وڻ جي اکين مان ڪريل لڙڪ لڳندا هئا. اڪثر کيس محسوس ٿيندو هو، وڻ به انسان جيان احساس رکندو هجي. پنهنجي زبان ۾ ڳالهائيندو هجي، جنهن جا لفظ هو سمجهي سگهي ٿي. آفيس مان مراد آيو ته هن کيس چانهن آڻي ڏني. سڀاڻي سجاد وارا وڻ ڪٽرائي رهيا هئا. ڪلثوم جو چهرو انتهائي زرد هو. اکين ۾ خوف جي ڪيفيت هيس، پر مراد سندس اها ڪيفيت محسوس ڪري نه سگهيو.هو هڪ رواجي مرد هو، احساس جي دنيا سان هن جو ڪوبه تعلق نه هو.
    ڪلثوم کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڳالهه ڪئين شروع ڪري، ٻيهر انڪار ڪيائين ته سندس دل ڪٿي هميشه لاءِ بيهي نه رهي، هڪ انتها جي اميد ۾ انسان ڊڄڻو ٿي پوي ٿو.
    انڪار هن جي اميد جي نازڪ آئيني کي پٿر جيان ڀوري ڇڏيندو.
    پوءِ هن لاءِ خواب ڏسڻ ۽ جيئڻ جو جواز باقي نه ٿو رهي.
    انڪري ڪلثوم جي دل بي اختيار ڌڙڪي رهي هئي. مراد چانهن پيئڻ سان گڏ ٽي وي تي خبرون ٻڌي رهيو هو.
    کيس دنيا جي ڪيتري فڪر آهي پر منهنجو ڏک ۽ دل جي تڙپ کان ڪيترو بي خبر آهي!
    ڪلثوم جي اکين جي اڻ تڻ کان هو غافل آهي، تڏهن ڪلثوم کي لڳي ٿو ڄڻ هن هڪ اجنبيءَ سان زندگيءَ جا ايڏا سال گذاري ڇڏيا!
    لمحي جي ان انڪشاف ۾ هڪ عجيب پيڙا هئي، وقت جي رفتار بيهي رهي هجي ڄڻ ته.
    ”سائين.“ هن هٻڪندي چيو.
    ”ها چئه“ مراد هن ڏانهن ڏٺو.
    ”ادا سجاد وارا سڀاڻي وڻ ڪٽيندا“ ڪلثوم لڙڪ پيئندي چيو.
    ”پوءِ-؟“ مراد جي سواليه نظرن ۾ تکائي هئي، ڪلثوم جي دل ميڻ جيان ان بي رخيءَ جي ڄر تي رجڻ لڳي.
    ”اهو وڻ احسن پنهنجي هٿن سان پوکيو هو. اهو وڻ بابا جي نشاني آهي، ان جي پينگهه تي اسان جا ٻار لڏيا آهن.“
    ”ماڻهو ته اڪثر وڻ ڪٽي ڇڏيندا آهن، پر ايترو نه سوچيندا آهن.“ مراد ڪاوڙ ضبط ڪندي چيو.
    ”ان وڻ ۾ ڪيترن پکين جا آکيرا آهن. اهي سمورا پکي بي گهر ٿي ويندا.“ ڪلثوم ڏک وچان چيو.
    ”هت انسان بي گهر لڳا پيا آهن، انهن لاءِ ڪو نه ٿو سوچي، توکي پکين جي بي گهر هئڻ جي ڳڻتي اچي لڳي آهي.!“
    ”انسان هجن يا پکي پر گهر هنن لاءِ پناهه جو آسرو آهن.“ ڪلثوم ٽٽل لهجي ۾ چيو.
    ”تون چوڻ ڇا ٿي چاهين آخر!“ آخري ڍڪ ڀري مراد ڪوپ سامهون ٽيبل تي رکيو.
    ”مان اهو چاهيان ٿي ته اهو وڻ نه ڪٽيو وڃي.“ ڪلثوم جي لهجي ۾ التجا هئي.
    ”چڱو ادا سجاد سان ڳالهائي ٿو ڏسان“ مراد سوچ ۾ پئجي ويو.
    ڪلثوم جي دل ۾ وسامندڙ اميد جي ڏياٽي ٻيهر ڀڙڪي اٿي. تيار ٿي مراد ته ڪنهن دوست ڏانهن هليو ويو. ڪلثوم ٻاهر وڻ هيٺان اچي ويٺي. وڻ به اداس هو، سندس پن مرجهايل ٿي لڳا. شايد هن انسانن جي سازش کي پرکي ورتو هو.
    هن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو وڻ کي اداس ڏٺو. وڻ جا چهچ ساوا پن ڪومائجي ويا هئا ۽ سندس ٽارين رقص نه ٿي ڪيو.
    اڄ ڪلثوم وٽ وڻ سان ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه نه هو. هوءَ ۽ وڻ خاموشيءَ ۾ به هڪٻئي سان هم ڪلام هئا.
    وڻ جي ٿڌي ڇانو ۾ هڪ گهرو سڪون هو، جيڪو کيس ڪڏهن به انسانن مان نه ملي سگهيو. اها ٿڌي ڇانو فقط کيس ماءُ پيءُ مان محسوس ٿي. وڻ جي ڇانو جيان ماءُ پيءُ جو پيار غير مشروط آهي.
    اڄ کيس پيءُ جو مهربان چهرو ياد پيو. ”بابا“ بي اختيار هن پيءُ کي سڏيو. پري پري تائين تنهائي کان سواءِ ڪير به نه هو. بابا ڪيڏو خيال رکندو هو. منهنجي خاموشي کي محسوس ڪري وٺندو هو.
    بلڪل هن وڻ وانگر...
    هوءَ بي اختيار سڏڪي پئي. ان لمحي کيس لڳو ڄڻ ننڍڙو احسن پينگهه ۾ لڏي رهيو آهي. پوءِ ثوبيه، اسد، مومنه ۽ سعد به لڏندا رهيا. هوءَ ٻارن جا ٽهڪ ٻڌندي رهي.
    هڪ سائي وڻ کي ڪٽڻ هڪ جيئري جاڳندي انسان جو خون ئي ته آهي. هن جي پيءُ زندگي ۾ بي شمار وڻ لڳرايا، هو وڻ ڪٽڻ جي سخت خلاف هوندو هو.
    وڻ به ته اسان جي ٻچن جهڙا آهن. رشتن جيان پيارا ۽ دوستن وانگر عزيز آهن. وڻ فقط محبت سان ڇانو نڇاور ڪري ٿو. وڻ انسان کان هزار درجي بهتر آهي. ٻئي ڏينهن ان وقت ڪلثوم جي اميد تي پاڻي پئجي ويو جڏهن هن وڻ تي ڪهاڙين جا آواز ٻڌا.
    اهو آچر جو ڏينهن هو، مراد گهر ۾ هو. هوءَ بي چين ڦرندي رهي، ڪيترا ڀيرا فرج کولي پاڻي پيتائين. جيترو پاڻي پيتائين ٿي اوترو اڃ وڌندي محسوس ٿيس. چپ صفا اڇا ٿي ويس. ڄڻ ته اڃ جو صحرا بڻجي پئي هئي. دل معمول کان انتهائي تيز ڌڙڪي رهي هيس. احساس جو ڇانورو کسجڻ وارو هو.
    پکين جا آکيرا وکرڻ وارا هيا.
    پکين جا ٻچا زمين تي ڪري پيا هئا. ٽاريون ڪٽجڻ تي ٻاهر پکي چرڙاٽ ڪري رهيا هئا، وڻ کيس سڏي رهيو هو.
    ”امان مون کي بچاءِ، امان هو مون کي ماري رهيا آهن.“ ڪلثوم کي لڳو ڪو هن جي دل کي ڪپي ۽ ڪوري رهيو هجي، ”هنن کي جهليو، هو منهنجي ٻچي کي ماري رهيا آهن.“ هڪ انتهائي سوز ۾ ٻڏل رڙ هئي.
    مراد گهٻرائجي ننڊ مان جاڳي پيو، ڪلثوم پيلي ٿي چڪي هئي، هوءَ ڏڪي رهي هئي.
    هڪدم ٻاهر ڊوڙ پاتائين.
    ”ڪلثوم..!“
    مراد کيس رڙ ڪري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ان لمحي وڻ آخري ڀيانڪ ٽڙڪاٽ ڪري ۽ ڌڌڪي سان اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو. آکيرا اچي زمين تي ڪريا، پکين جو گوڙ وڌي ويو. هر طرف ڌوڙ ڇانئجي وئي.
    ڪلثوم ڊوڙي اچي وڻ تي ڪري.
    مراد اچي سڌو ڪيس، ڪلثوم جو بي ستو وجود ڪنهن بوتي جيان پيو هو.


    خوف

    ڪريم پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ ويٺو هو ته اوچتو آسمان ۾ جهاز جو تيز گڙگاٽ ٻڌڻ ۾ آيو. جهاز جو ڀوائتو آواز ٻڌي ڪريم کي ائين محسوس ٿيو جهاز اجهو سندس ڪمري مٿان ڪري پوندو.
    ”امان....!!!“ هن خوف مان رڙ ڪئي، هو سڄو ڏڪي رهيو هو. هن جي دل سيني ۾ گهائل پنڇيءَ جيان ڦٿڪڻ لڳي. نرڙ تي پگهر لار ڪري وهڻ لڳو. ماءُ ڊوڙندي ڪمري ۾ داخل ٿي، هو صوفي تي جهڪي، سهڪي رهيو هو. زاهدان سڌو ڪري کيس ڌانڌولا ڏنا.
    ”ڪريم... ڪريم...“
    ”جي...!!!“ ڪريم جون اکيون ڳاڙهيون ۽ خوف وچان ڦاٽل هيون. ماءُ جلدي سان پاڻي آڻي ڏنس. پاڻي پيئڻ کانپوءِ ڪجهه سامت ۾ آيو.
    هو ننڍپڻ کان جهازن کان خوف کائيندو هو. جيئن جهاز جو آواز ٻڌندو هو، ڊوڙندو اچي صوفي جي پٺيان يا ڪڏهن پلنگ هيٺان لڪي ويندو هو. ماءُ گهر ۾ ڪٿي به هوندي هئي، ڊوڙندي اچي کيس مٿي کڻندي هئي. ڪجهه دير ۾ هو ٺيڪ ٿي ويندو هو. هاڻ به ماءُ جي مهربان ڇهاءُ کانپوءِ پاڻ کي ڪجهه بهتر محسوس ڪري رهيو هو. جهاز جو خوف ذهن جي ڪنڊ ۾ ويهي رهيس. ٻالڪپڻي کان جواني تائين ان ڊپ سندس راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. نوڪري به اهڙي مليس جو جهازن ۾ اڪثر سفر ڪرڻو پوندو هيس. ان خوف کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سائيڪالوجسٽ کان علاج ڪرائڻ لڳو. ڊاڪٽر فهميده کي به ان خوف جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو.
    هو ننڍپڻ کان جهازن کان خوف کائيندو هو. ڳالهه رڳو ايتري هئي جو ننڍپڻ ۾ سندس ماءُ ڏٺو ته هو جهازن کان ڊڄي ٿو ته جڏهن به هو کيس تنگ ڪندو هو. يا پڙهائي ۾ دلچسپي نه هوندي هيس ته کيس ڊيڄارڻ لاءِ چوندي هئي ته ”اچئي ٿو جهاز“ ۽ هو ڊڄي ڪتاب کڻي ويهندو هو.
    وقت گذرڻ سان اهو خوف هن جي ذهن ۾ پختو ٿي ويو. ان ڪمزوري سبب هن کي سندس سمورا هم عمر چيڙائڻ لڳا. وقت گذرڻ سان گڏ سندس ماءُ محسوس ڪيو ته اهو ڊپ ڪريم جي ذات ۾ هڪ عجيب قسم جي ڀڃ ڊاهه پيدا پيو ڪري. ان ڪيفيت ۾ هو گم صم ۽ پريشان رهڻ لڳو هو. ننڍپڻ جا ڏينهن هڪ عجيب قسم جي اداسيءَ ۾ ويڙهجي ويا. زاهدان کيس پيرن فقيرن تي به وٺي وئي. ڪيترائي ڇنڊا ڦيڻا رکرايائنس، گهڻن ڪشالن ۽ نظرن وڍرائڻ بعد به اهو خوف ڪريم جي دل مان نه نڪري سگهيو.
    هو اڪثر رات به جهاز جهاز چئي رڙيون ڪري جاڳي پوي ٿو. وقت سان گڏ اهو خوف پختو ٿيندو رهيو.
    ”ان خوف کي Acrophobia چوندا آهن.“ فهميده کيس معلومات ڏيندي چيو. هو خاموشيءَ سان کيس ٻڌي رهيو هو.
    ”ان خوف ۾ سڄي دنيا جا اڪثر ماڻهو مبتلا آهن، آمريڪي ته خاص طور تي. 11 سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ جهازن ۾ چڙهڻ کان خوف کائين ٿا ۽ سندن نفسياتي علاج هلي ٿو.“
    ان وقت اهو ٻڌي ٿورو بهتر محسوس ڪرڻ لڳو ته ان ذهني عارضي ۾ مبتلا هو اڪيلو ماڻهو نه آهي،
    ”خوف زندگيءَ جي حقيقت آهي. ڪريم، هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شيءَ کان ڊڄي ٿو، ڪي ماڻهو خوف کي ظاهر نه ٿا ڪن، ڪي ماڻهو ان ڊپ تي ڪوشش سان قابو پائين ٿا.“
    ”پر مون کي نه ٿو لڳي ته ڪو مان ان خوف مان ٻاهر نڪري سگهندس.“ هو مايوسي سان چوي ٿو.
    ”نه مايوس نه ٿي اڃان ڪافي سيشنز هلندا. تڪڙو نتيجو نه ٿو ملي سگهي. ڪابه ذهني ڪيفيت مستقل نه ٿي رهي، اڄ لاءِ ايترو ڪافي آهي، وڌيڪ ٻئي سيشن ۾ ان معاملي تي گفتگو ڪنداسين.“
    فهميده مرڪي چيو ته هو ٻاهر نڪري آيو. ان شام جڏهن هو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هو ته جهاز جو تيز آواز ٻڌي خوفزده ٿي ويو. ماءُ بورچي خاني ۾ هن لاءِ چانهن ٺاهي رهي هئي. پر هن اڄ ايترو خوف نه محسوس ڪيو، جيڪو سدائين جهاز جو ڪڙڪو ٻڌي ٿيندو هيس. ماءُ ڊوڙندي ڪمري ۾ آئي پر هو نارمل ويٺو هو. ماءُ دل ۾ اطمينان لهندي محسوس ڪيو.
    گهڻا ڏينهن اڳ يونيورسٽيءَ ۾ دوستن جي سامهون جهاز کان ڊنو هو. سندس سمورا دوست پريشان ٿي ويا. پر پوءِ جڏهن هو نارمل ٿيو ته سندس مذاق اڏائڻ لڳا. سندس ويجهي دوست سمن کل ۾ ٻيڻي ٿي وئي ته ڪريم جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
    ڪاوڙ مان اٿي گهر جو رخ ڪيائين، سمن پويان سڏيندي رهجي وئي. چار پنج ڏينهن يونيورسٽي نه ويو. سمن کيس موبائيل تي ڪيترا ميسيج ڪيا، پر هن جي ڪاوڙ جهڪي نه ٿي. ماڻهن کي شل نه ڪنهن جي ڪمزوري جي خبر پوي پوءِ ان کي ذهني عذاب ڏيندا رهندا. کل ڀوڳ، مذاق ۽ چرچن جي صورت ۾.
    هن اذيت پسند دنيا ۾ جيئڻ ڪيترو نه مشڪل آهي. ماڻهو جنهن تڪليف جي ڪُن ۾ پيو ڦري ان عذاب کي ٻيو ڪوئي نه ٿو سمجهي سگهي. سمجهي فقط اهو ماڻهو سگهي ٿو، جنهن کي ساڳيو تجربو ٿيو هجي.
    يونيورسٽي واپس ويو ته ڪيترين منٿن ميڙن ۽ معافين بعد هن سمن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    سمن کيس وڻندي هئي، انڪري هن دوستي کي دائمي رشتي ۾ بدلائي ڇڏيو. شادي کانپوءِ شروعاتي ڏينهن ۾ هو ان خوف کي وساري ويٺو، پر خوابن جو سحر ختم ٿيندي ئي زندگيءَ جي يڪسانيت موٽي ته مسئلي جي شدت به ٻيهر اڀري آئي. سمن ماءُ جي گهر ويل هئي. اڄڪلهه گهر ۾ خاموشي وڌيڪ محسوس ڪري ٿو. ماءُ چانهن کڻي آئي ته چانهن جي گرم ڍڪ سان هن حواسن کي جاڳندي محسوس ڪيو. ان ڪيفيت ۾ هو جڏهن به گرم چانهن جو ڍڪ ڀريندو هو ته هو تازگي جو احساس، دوستن جي قرب کان وڌيڪ پنهنجو لڳندو هيس.
    تڏهن ته ذهني پيڙا جو شڪار ماڻهو اڪثر نشي جي عادت ۾مبتلا ٿي وڃن ٿا. نشو کين سهارن کان وڌيڪ پرڪشش لڳي ٿو. فهميده کيس سائيڪاٽرسٽ ڏانهن به موڪليو هو. هن کيس ذهني سڪون ۽ ننڊ آڻڻ واريون دوائون ڏنيون هيون. انهن دوائن جي واپرائڻ بعد هو پاڻ کي ڪجهه بهتر محسوس ڪرڻ لڳو هو. جهاز گذرندو هو ته هاڻ خوف ظاهر نه ڪندو هو. پر فهميده چيو هيس ته اهي دوائون گهڻي عرصي لاءِ استعمال ڪرڻ سان صحت جا ٻيا مسئلا پيدا ٿي پون ٿا. هن لاءِ ڪائونسلنگ وڌيڪ بهتر آهي.
    اهو فهميده سان هن جو چوٿون سيشن هو، خوف ۾ ڪجهه ڪمي ٿي هيس، فهميده کيس چيو ،
    ”ذهن ۾ ڪوبه مضبوط تصور جيڪڏهن پختو ٿي ويندو ته اهو سچ ٿي سگهي ٿو، حادثا زندگيءَ ۾ اسان پاڻ کڻي ايندا آهيون. تون ڪا مثبت ڳالهه سوچ جنهن جي ٿيڻ سان تنهنجي زندگي ۾ خوشگوار تبديلي اچي سگهي.“
    اڄ ڳاڙهن ڪپڙن ۾ فهميده، حسين لڳي رهي هئي. اڌ بيماري ته سندس سونهن پسي غائب ٿي وڃي ٿي. فهميده ۽ هن جي وچ ۾ شيشي جي ديوار آهي، جنهن جي دريءَ مان هو جواب ڏيندو آهي، ان جو سبب فهميده کيس اهو ٻڌايو هو ته هڪ نشي جي عادي ذهني مريض هن تي حملو ڪري ڏنو هو. ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي، سائيڪلوجسٽ جو، خاموشي سان مسئلا ٻڌڻ ۽ ذهني مونجهارن جو حل ڳولهي ڏيڻ، هو سوچيندو رهيو مستقل.
    ”ڇا ٿا سوچيو؟“ فهميده پڇيو.
    ”منهنجو سوچون منتشر آهن، اڄ الائي ڇو؟“
    ”مان توکي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيان ته منفي سوچ جيڪا ذهن ۾ پختي ٿئي ٿي، اها هڪ ڏينهن حقيقت ۾ بدلجي وڃي ٿي، پوءِ بهتر نه آهي ته سٺا تصور ۽ خواب ذهن ۾ آڻي انهن کي پختو ڪجي.“
    ”جي توهان بلڪل ٺيڪ ٿا چئو، پر مان جهاز ۾ چڙهي نه ٿو سگهان. هفتي کانپوءِ منهنجي ميٽنگ آهي. اسلام آباد ۾.سوچي سوچي چريو ٿي پيو آهيان، اڪثر جهاز جي ڪريش ٿيڻ جا خيال اچن ٿا.“ هن بي وسيءَ مان وراڻيو.
    ”هون!“
    فهميده گهري سوچ ۾ هئي.
    ”ٻئي دفعي سمن کي گڏ وٺي اچجان. مون کي هن کان ڪجهه سوال ڪرڻا آهن.“ فهميده چيو.
    ”جي بهتر مان کيس وٺي ايندس.“
    گاڏي ڊرائيو ڪندي ٻيهر سوچڻ لڳو. سمن جيڪا ڪلهه تائين هن جي ڪيفيت تي کلندي هئي، اڄ هن جي زندگي جي همسفر بڻجي کيس هر مسئلي ۾ ساٿ ڏئي ٿي. هن جي زندگي ۾ سڀ ڪجهه آهي، سٺي نوڪري ۽ پيار ڪرڻ واري زال. سمن کي به نوڪري ملي آهي. اڃا ڇا گهرجي زندگي ۾. سندس نوڪري جي خراب ڳالهه اها آهي ته کيس ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جهاز ذريعي سفر ڪرڻو پوي ٿو. هاڻ مٿئين مهيني ۾ آفيس طرفان جرمني ويندو، ڊگهي سفر جو سوچي ساهه بند ٿيڻ ٿو لڳيس.
    جيڪڏهن امان ننڍپڻ ۾ جهاز جو ڀو نه ڏئي ها ته هو به ٻين ماڻهن وانگر نارمل هجي ها! نه ان ۾ امان جو ڪوبه ڏوهه ناهي. هر ماءُ ڀو ڏئي ٿي پر سڀ ٻار هن جهڙا ڊڄڻا ته نه ٿا ٿين.
    پيءِ جيئرو هجي ها ته شايد ايڏو ڊڄڻو نه هجان ها! پر مامن به ڪيترو نه پيار ڏنو. پيءَ جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏنائون. ڪنهن به مسئلي جا ڪيترا نه جواز ٿين ٿا، ان جو سبب ٻين جي ذمي ڪري اسان پنهنجي ذميواري کان ڪئين آجا ٿيڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. ڪڏهن مسئلا بنا سبب به ٿين ٿا، هو پاڻ سان مستقل ڳالهائيندو رهي ٿو. ڪڏهن پاڻ کي سمجهائڻ لڳي ٿو.
    ڪيترا ماڻهو روشني کان خوف کائين ٿا ۽ ڪي اوندهه ۾ رهي نه ٿا سگهن، پر اهي پنهنجا خوف ظاهر نه ٿا ڪن.
    ميڊيم فهميده چوي ٿي ته منهنجو مسئلو ماحول کان وڌيڪ موروثي آهي. بابو به وهمي ۽ ڊڄڻو هو. هڪ نسل جون بيماريون ۽ خوف ٻيءَ نسل کي ڀوڳڻا پون ٿا.
    آخر ڇو ائين ٿئي ٿو؟؟؟ جيءَ کي جهرندي محسوس ڪيائين. گهر ۾ داخل ٿي گاڏي پورچ ۾ بيهاري ٿڪل قدمن سان اندر داخل ٿيو. سمن هن جو انتظار ڪري رهي هئي. ماءُ دروازي تي مليس، ”ابا اڄ دير ڪيئي؟“ ماءُ جي اکين ۾ پريشاني هئي.
    ”ها امڙ اڄ ٽريفڪ ۾ گاڏي ڦاسي پئي، انڪري دير ٿي وئي.“ آواز ۾ ٿڪ هيس.
    رات جو سمن ۽ هو ٻاهر ڊنر ڪرڻ لاءِ نڪتا. اڄ ڪريم خوشگوار موڊ ۾ هو. سمن جي چهري تي به مرڪ اچي وئي. دير سان گهر موٽيا. هو به ٿڪل هو، اچڻ سان سمهي رهيو. رات جو گهري ننڊ مان ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيو، سمن به گهٻرائجي ويهي رهي. هن جي رڙ تي اک کليس.
    ”ڇا ٿيو ڪريم تون ٺيڪ ته آهين نه؟“ سمن جي لهجي ۾ پريشاني هئي. ڪريم جا ساهه بي ترتيب ۽ اکيون خوف سبب ڦاٽل هيون.“
    ”خواب ۾ ڏٺو اٿم ته جنهن جهاز ۾ سفر ڪيان پيو اهو ڪريش ٿي ويو. منهنجو جسم پرزا پرزا ٿي وکري ويو. اوهه خدا! مون کي بچاءِ مان اهڙي ڀوائتي موت مرڻ نه ٿو چاهيان“. گهري اذيت ۾ رڙيون ڪري رهيو هو.
    سمن کيس آٿت ڏيندي روئي پئي. هوءَ به ڪريم جي خوف جي ڪيفيت محسوس ڪري جهري پوي ٿي.
    ان خواب کانپوءِ هو بدلجي ويو. وڌيڪ خاموش رهڻ لڳو. سوچي سوچي آخر ان نتيجي تي پهتو ته هو اها نوڪري ڇڏي ڏيئي. سمن سان ڳالهه ڪيائين ته هوءَ خاموش ٿي وئي.
    ايڏي سٺي نوڪري ۽ پگهار ڪير چريو ئي ڇڏي سگهي ٿو.دل ۾ سوچڻ لڳي. سيشن لاءِ فهميده وٽ ويو ته هن به سمجهائي اها ڳالهه ذهن مان ڪڍڻ لاءِ چيس، قائل ٿي واپس موٽيو. ڪجهه دفعا وڌيڪ فهميده کي وزٽ ڪرڻ بعد بهتر محسوس ڪرڻ لڳو. جهازن ڪرڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنائين. آسمان تي جهاز زوزٽ ڪري لنگهندو هو، ته حالت خراب نه ٿيندي هيس. جرمني مان به ٿي آيو ته ڪٿي ذرو به خوف نه محسوس ڪيائين. ڏاڍو حيران ٿيو. پوءِ ٻئي زال مڙس سائيڪولوجسٽ کي ڪيڪ به ڏئي آيا. ان کانپوءِ زندگي نارمل ٿي وئي.
    خوف دائمي ڪيفيت نه آهي، خوف فريب آهي، محض ذهن جي ڪيفيت آهي. ڪيفيت ڪنهن وقت به بدلجي سگهي ٿي. ڏک ۽ خوشي به فريب آهن. ماڻهو فريب کائي خوشي محسوس ڪري ٿو، نه ته هو رڳو مسئلا ڇو سوچي! ٽي سال ڄڻ ٽي پل هيا. هاڻ سندن گهر جو اڱڻ ٻن ٻارن جي مٺڙن ٻولن سان گونجڻ لڳو. زندگي پرسڪون ۽ مطمئن هئي. محبت جي ٿڌي ڇانوري ۾ وقت گذرڻ لڳو.
    ڪڏهن دل چوندي هيس ته ميڊم فهميده سان ملي اچي. وڃي سندس ٿورا مڃي، جنهن هن کي خوف جي ڪُن مان ٻاهر ڪڍيو.
    نفسياتي ماهر فهميده اڄ به ڪلينڪ ۾ مريضن جا ذهني مونجهارا حل ڪري ٿي. کيس پنهنجا ڪجهه مريض سدائين ياد رهن ٿا. انهن ۾ ڪريم به شامل آهي. ڪريم الاءِ ڪٿي هوندو. ڪيئن هوندو. ذهن ۾ ڪريم جو پريشان چهرو ڦرڻ لڳس. باقي آخري مريض وڃي بچيو آهي.
    سمن اندر داخل ٿي، هوءَ ٿڪل ۽ پريشان لڳي رهي هئي، ڪرسي تي ويهڻ سان روئڻ لڳي. فهميده سندس حالت ڏسي پريشان ٿي وئي.
    ”ڇا ٿيو؟ خير ته آهي نه؟ ڪريم ڪٿي آهي؟ فهميده هڪ ساهيءَ ۾ گهڻا سوال ڪري وئي. سمن تمام گهڻي ڏکويل هئي. ڪوشش جي باوجود به هڪ لفظ نه ڳالهائي سگهي.سسڪين ۽ آهُن ۾ فقط ايترو چئي سگهي.
    ”ميڊم مهينو اڳ ڪريم جو جهاز ڪريش ٿي ويو هو، هو دنيا ۾ ناهي رهيو، پنهنجي خوف جو کاڄ بڻجي ويو.“
    فهميده حيرت ۽ سڪتي ۾ سمن کي تڪڻ لڳي!


    ٻوراني

    ٻوراني وارو!
    ٻاهر هوڪو ٻڌڻ ۾ آيو. ڪاٺ جي ڄارين مان ٻاهر ڏٺم ته پنهل گڏهه تي سوار سنڌ جي فطري مٺائي کڻي اسان جي گهر ڏانهن وڌي رهيو هو. ٻارن جو ميڙ گڏ هيس. سڀني کي ٻوراني ڏيندو پئسا وٺندو پئي ويو. ٻار هڪ هڪ ڪري ويندا رهيا ته دروازي جي سامهون اچي بيٺو.
    ”اچي ويو ٻوراني وارو...“
    مون دروازو کوليو ته روشن مرڪ سميت پنهل بيٺو هو، ننڍي قد جو پيرسن ماڻهو هو. رنگ جو اڇو، چمڙي اُس ۾ گلابن جو ڏيک ڏيندي هئي، اکيون گهريون نيريون هيس. هيمنگوي جي لافاني ڪردار سنتياگو جهڙيون، ظاهري شڪل و صورت ۾ انگريز لڳندو هو.
    ”اچي ٽيهن رپين جي ٻوراني ڏي.“
    مون پئسا ڏيندي کيس چيو ته خوشي خوشي ٻوراني تورڻ لڳو. ان زماني ۾ سو روپئي جي اهميت هئي. اڄ هزار به سو برابر وڃي ٿيو آهي. مون کي اها خبر هئي ته هو تمام گهڻو غريب آهي. گهڻو پري کان ميلن جا ميل لتاڙي سنڌي مٺائي کپائڻ ايندو آهي. ڪڏهن بهه، لوڙهه، پٻڻ ۽ ساوا ڦوٽا به آڻيندو هو. اخبار ۾ ٻوراني رکي مون ڏانهن وڌائيندي مرڪندو هليو ويو.
    ٻوراني مزيدار هئي، اندر هلي آيس، امان کي مٺائي نه وڻندي هئي.
    مان پاڻ به کائيندي هيس ۽ پاڙي جي ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيندي هيس. ان زماني ۾ اسان مڪلي تي رهندا هئاسين. اسان جي گهر جي سامهون ليڊي ڊاڪٽر ۽ ان کانپوءِ سول سرجن جو بنگلو هو. اسان جي گهر جي پٺيان، اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جا گهر هئا. هڪ ننڍڙي ۽ پرسڪون ڪالوني هئي. مڪلي ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. گرمي جي ڏينهن ۾ به آسمان تي بادل ڊوڙ پڄائيندي نظر ايندا هئا.
    هوائن جي گهوگهٽن ۾ ماضيءَ جا نوحا فضائن مان ٻڌڻ ۾ ايندا هيا. انگريزن جي زماني جو ٺهيل گهر هو، هڪ ڪمري ۾ آتشدان هو. ورانڊي ۾ ڪاٺ جي ڄارين واريون دريون ۽ دروازو گهر کي خوبصورت ۽ قديم حسن عطا ڪندا هئا. ورانڊي مان ٻاهريون منظر صاف نظر ايندو هو. سامهون لڳل وڻ، نيرو آسمان ۽ ان تي اڇا اجرا بادل پيا ترندا هئا. بادلن جي ڀرسان پکي پيا جهومندا هئا. هوائن جي لهرن تي.
    ”اڄ به ايتري ساري ٻوراني ورتي اٿئي.“
    امان پڇيو.
    ”بچي پئيس ها. غريب ماڻهو آهي، دوا جا پئسا کٽي پونس ها.“ مون همدرديءَ مان چيو. سندس ماءُ بيمار هئي، هو ان جو علاج ڪرائيندو هو. جيڪڏهن هو ٻوراني جي جاءِ تي پيرون ۽ ٻير وڪڻي ها ته امان به شوق سان خريداري ڪري ها. پيرون فقط امان جي سرسبز ۽ سائي ڳوٺ ۾ پچندا هئا، ٻيرن لهڻ ۾ اڃان ڪجهه وقت باقي هو.
    سنڌ جي ڍنڍن ۾ پن جو گاهه جام ٿئي ٿو. اهو گاهه وري سارياليءَ مند ۾ لاڙ وارن علائقن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. پن جو گاهه مکڙين وانگر ٻور جهليندو آهي، جنهن منجهه اٽي جهڙو پيلو ٻور ٿئي ٿو. اهو ٻور گڏ ڪري ان کي موڙين ۾ ٻاڦ تي اوٻاري ڳنڍا ٺاهيندا آهن.
    پنهل به ڪينجهر جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندو هو. هن جون اکيون ڌيان ڇڪائيندڙ هيون، جن ۾ خوشيءَ جا ڪرڻا رقص ڪندا هئا. هڪ غريب ماڻهو ايترو خوش ڪيئن ٿو ٿي سگهي! پنهل ۽ سندس گهر وارن جو ڪم هر وقت پاڻي سان رهندو هو. بهه، لوڙهه، پٻڻ يا ٻوراني جي ڪم ۾ گپ چڪ سان واسطو پوي ٿو، خاص طور تي پنهل سارو ڏينهن پن جو گاهه روڙڻ بعد انهيءَ کي خشڪ ٿيڻ لاءِ ڇانو ۾ رکندو هو.
    هيمنگوي جو سنتياگو به پاڻيءَ سان پريت ۾ رڌل هو. هن جون اکيون سنتياگو جي اکين جيان خوابن سان ڀرپور آهن. سندس حوصلو به سنتياگو جهڙو آهي. سنتياگو روز مڇي مارڻ سمنڊ ۾ ويندو هو، نراش موٽي به رات جو ٻيهر سندس اکيون مڇي پڪڙڻ جا خواب اڻينديون هيون. هڪ دفعي پنجاسي ڏينهن سمنڊ ۾ اڃيو بکيو رهي، مارلن مڇي کي ڪناري تي پهچائڻ جي جدوجهد ۾ مصروف رهيو. پر سمنڊ جي خطرناڪ شارڪ مڇين مارلن جو ماس پٽڻ شروع ڪيو. ٻيڙيءَ سان ٻڌل مارلن جڏهن واپس ڪناري تي پهتي ته رڳو سندس هڏائون پڄرو وڃي بچيو هو.
    هي به سڄو ڏينهن گپ چڪ ۾ ٿاڦوڙا هڻي بهه ۽ ٻوراني وغيره هٿ ڪري، پوءِ نٽهڻ اس ۾ گڏهه جي پٺي تي کڻي ميلن جا ميل سفر ڪري ٿو. آخر ۾ اسان جي گهر جو در کڙڪائيندو هو. پوءِ بچيل سچيل پٻڻ، لوڙهه يا ٻوراني مان وٺي ڇڏيندي هيس. ڏهين يا پندرهين ڏينهن ايندو هو. اهي مڪليءَ جا جوڀن ڏينهن هئا. گهر جي ڀرسان مڪليءَ جو تاريخي قبرستان هو.
    چوندا آهن ته مڪلي ڪنهن پهتل عورت جو نالو هو.
    مائي مڪلي....
    سنڌي سنتياگو زندگيءَ جون مس پنجاهه بهارون ڏٺيون هونديون. پر لڳندو سٺ ورهين جو هو. ڏکن ۾ عمر جو ميڻ تيزيءَ سان رجي ٿو. پوءِ به هي ماڻهو هر وقت مرڪندو رهي ٿو. اڇي اجري زندگيءَ سان ڀرپور مرڪ اتساهه ورهائيندي هئي. هر وقت مرڪندڙ ماڻهوءَ جي روح ۾ گلاب ٽڙندا آهن.
    درياهن جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهو روح ۾ به سرسبز ۽ ساوا ٿين ٿا. هو درياهن کان ڪيترا هنر سکن ٿا، درياهه پنهنجي اندر گهرائي رکي ٿو. وهڪري ۾ مستقل مزاج ٿئي ٿو. ورهائڻ جو ڏانءُ رکي ٿو. هر ميري شيءَ کي شفاف بڻائڻ ئي هڪ وڏو ڏانءُ آهي. پوءِ ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو به درياهه جهڙا ٿي پون ٿا. پنهل به درياهه جو دادلو ٻار آهي. درياهه زندگي ڏئي ٿو ته بيمار به ڪريو ڇڏي. هر وقت گپ چڪ ۾ ڦاٿل ماڻهو چمڙيءَ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. هڪ دفعي مهيني کانپوءِ آيو. ٻڌائڻ لڳو ته بيمار هو. هٿن ۽ ٻانهن تي ڪارا نشان هيس. جن کي رکي رکي کنهي رهيو هو. چهري تي تڪليف جا آثار هيس، اکيون ڏرا ڏئي ويون هيس، ڄڻ راتين جو اوجاڳا ڪندڙ ماڻهوءَ جون ٿڪل اکيون هجن، جن ۾ روح جا اولڙا به محسوس ٿين.
    ”هي ڇا ٿيو اٿئي؟“ مون همدردي مان پڇيو. ”آلي مٽيءَ ۾ سڄو ڏينهن ڪم ڪيون ٿا، اتي جيت جڻيا به جام ٿين ٿا، پوءِ خارش وٺيو وڃي...“
    سادگيءَ سان وراڻيائين.
    اڇي ململ ۾ ٻوراني ڏسي منهنجي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
    ”پٻڻ به آندي اٿئي.؟“
    نه رڳو ٻوراني آهي، مايوس ٿي وراڻيائين، شايد ٻوراني به گهٽ هيس، فقط ويهن رپين جي. سو مان ٽيهه رپيا ڪٽي باقي رپيا مون کي واپس ڏيڻ لڳو.
    ”نه نه تون رکي ڇڏ، اهي پئسا.”
    مون همدرديءَ مان چيو.
    ”ڇو رکان وڌيڪ پئسا!“ نرڙ تي گهنج پئجي ويس.
    ”علاج ڪرائجان پنهنجو، خرچي سمجهي رکي ڇڏ.“ مرڪي مون جواب ڏنو.
    اهو ٻڌي چهري تي ڪاوڙ جون ريکائون تري آيس، اکين مان باهه جا الا وسڻ لڳس.
    ”غريب ضرور آهيان، پر اکين ۾ حياءَ باقي اٿم، محنت مزدوري ڪري مانيءَ ڳڀو کائيندو آهيان. ڪو پينو نه آهيان.“
    ساهه ۾ ڪينجهر جي گهرائي جي اٿل هيس.
    جيءُ جهري پيو هجيس ان سمي.
    اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس، ڄڻ روح جو گلاب مرجهائجي ويو هجيس، پئسا هٿن مان ڪري پيس. گڏهه تي چڙهي اِٽَ جو هيائنس ته گڏهه به خوف وچان ڊوڙڻ لڳو.
    ”ٻوراني وارا!!!“ مون کيس سڏيو پر لڳو آواز ڄڻ خلائن ۾ گونجي رهيو هجي.
    ان کانپوءِ وري ٻوراني وارو در تي نه آيو.
    يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ بعد حيدرآباد ۾ رهڻ لڳس، جڏهن به گهر وڃڻ ٿيندو هو ته در کوليندي ئي امان کان پڇندي هيس.
    ”امان ٻوراني وارو آيو هوندو ؟“
    امان ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي هئي، ته ناقابل بيان خلش جو ڪنڊو دل ۾ چڀندي محسوس ڪندي هيس. مون سندس دل ڏکايو هو. خود داري سندس ڪل ڪائنات هئي. انڪري ته خوش رهندو هو. ضمير تي ڪو بوجهه جو نه هوندو هيس.
    ڄارين واري در جي پويان اڪثر سندس انتظارڪندي هيس.
    ڪيترا سال گذري ويا، ۽ هو وري نظر نه آيو. لمحن جي پڇتاءُ سان گڏ هن جي نيرين اکين جو سمنڊ جهڙو اتساهه ياد رهجي ويو!


    عورت جو نالو برسات هجي ها!

    مها ويلي گنگا ندي ساوڪ سان ڀريل پهاڙن جي وچ مان وهندي خوبصورت لڳي رهي هئي. مشڪبار بلندي تان ڏٺو وڻن ۽ ٻوٽن جي جهرمٽ ۾ نيرو پاڻي آسماني عڪس سموئي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. ٿوري دير اتي ترسي فطرت جو حسن اکين ۾ اُوتي واپس گاڏي ۾ ويٺا. گاڏي مٿانهين تي چڙهڻ لڳي. سريلنڪا جي هي حسين وادي ڇهه هزار ميٽر اوچائي تي آهي.گاڏي وروڪڙ رستن تي سفر ڪندي ڪينڊي شهر ۾ داخل ٿي ته هلڪي برسات پوڻ لڳي. سرمئي پهاڙن مٿان ڪارا بادل تري رهيا هئا، گاڏي چوٽي تي اڏيل هوٽل ڏانهن وڌڻ لڳي. هي هوٽل ايبٽ آباد واري هوٽل جهڙو لڳس. گاڏي ٻنهي پاسي لڳل وڻن جي ڇانوري مان ٿيندي هوٽل وٽ بيٺي ته سڀ لهي پنهنجي ڪمري ڏانهن روانا ٿيا. ڪائونٽر تي موجود مڌو کين خوش آمديد چيو. وڏين اکين واري مڌو، جنهن جي مرڪ ۾ کيس عجيب اداسي محسوس ٿي.
    هن بالڪوني مان ڏٺو پوري وادي انتهائي حسين لڳي رهي هئي. پهاڙن ۽ ٻوٽن ۾ گهيريل ماٿريءَ جا ڳاڙها گهر ساوڪ جي وچ ۾ گلن جيان لڳي رهيا هئا. هتي سندن ٻن ڏينهن جو قيام هو. ٻئي هني مون ملهائڻ آيا هئا. ڪپڙا وغيره تبديل ڪري ميز آڏو ميڪ اپ ڪرڻ لڳي.
    ”ڇٽيون کڻڻ نه وسارجانءِ“ عفان چانهن جو آخري ڍڪ ڀري ڪوپ واپس ٽيبل تي رکندي کيس ياد ڏياريو.
    مشڪبار ڇٽيون بيگ مان ڪڍي هٿ ۾ کنيون. ٻئي ٻاهر نڪري آيا. ڏاڪڻين کان هيٺ لهندي مشڪبار محسوس ڪيو ته زندگي خوبصورت ۽ متحرڪ آهي. هر طرف خوشي وکريل آهي، فقط ٽهڪن جا گهنڊ وڄن ٿا.
    چاٻي رسيپشن تي جمع ڪرائيندي مڌو جون اداس اکيون ۽ ڀنل مرڪ ڏسي منجهي پئي.
    زندگي لڙڪن جي آلاڻ به ته آهي، پاروٿي مرڪ جا گل، مڌو جي چپن تي ڄڻ سڏڪي پيا هجن. هن هڪدم نظرون مڌو جي چهري تان هٽائي ڇڏيون. عفان ۽ هو جڏهن دروازي ڏانهن وڌي رهيا هئا ته هن محسوس ڪيو مڌو جون اکيون، کين حسرت مان تڪي رهيون هيون.
    ندي ڪناري ويهي ٻئي لهرن کي ڏسي رهيا هئا. بينچ ڀرسان بيٺل وڻ انتهائي حسين هو. سندس خالي شاخون دعائن جيان آسمان ڏانهن کڄيل هيون. ڪي ٽاريون اڃان ساون پتن سان مهڪي رهيون هيون. ڪٿي ڪٿي ڳاڙها گل خوابن جو اهڃاڻ ڏيئي رهيا هئا. ڄڻ چوندا هجن.
    زندگي خوبصورت آهي.
    دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل سياح مندر ۾ اندر وڃي رهيا هئا. عورتن جي هٿن ۾ ڪنول جا گل هئا. هلڪي برسات پوڻ لڳي. هرطرف رنگين ڇٽين جي بهار وکريل هئي. ڄڻ قسمين قسمين گل ٽڙيل هجن. هو ٻئي ڇٽي هٿ ۾ جهلي پاڻيءَ تي پوندڙ برسات جا قطرا ڏسڻ لڳا. جن جي پوڻ سان لهرون گول رقص ڪرڻ لڳن ٿيون.
    ڇا هي سڀ ڪجهه ايئن خوبصورت رهندو! جيئن اڄ محسوس ٿي رهيو آهي، خوشيون، جواني ۽ هي احساس ڪڏهن به نه بدلبو. هڪ ٿڌو ساهه چپن کان وڇڙي سرمئي رنگن ۾ وڃائجي ويو.
    مهرين جي زندگي به خوبصورت هئي. پر شادي جي ڇهن مهينن ۾ طلاق جو بدنما داغ پيشاني تي سجائي گهر واپس موٽي آئي.
    مهرين سندس وڏي ڀيڻ هئي. ضروري نه آهي ته جيڪو هن سان ٿيو اهو مون سان به ٿئي.
    ها نه اي خوبصورت ڳاڙها گل!“ هن خالي شاخ تي چند پتن جي وچ ۾ جهومندڙ حسين گل کي مخاطب ٿي چيو.
    ”ڇا ٿي چئين“ عفان پڇڻ لڳو.
    ”هي منظر ڪيترو نه خوبصورت آهي، ڄڻ خوابناڪ زندگيءَ جو حصو هجي.“ ذهني خوف مان جان ڇڏائيندي چوي ٿي
    ”ها واقعي“ عفان سر شاريءَ سان ٿڌو ساهه ڀريو هو به منظر جي حسن ۾ مڪمل طور تي وڃايل هو.
    ”تون به منهنجي زندگيءَ جو طلسم آهين، مشڪبار“
    اهو طلسم وکري به ته سگهي ٿو. پر چئي نه سگهي، بس عفان ڏانهن نهاري مرڪي پئي. هوءَ ڪنهن ٻئي کي پنهنجي ذهني پيڙا جو حصو ڇو بنائي؟ ٻئي ڄڻا اٿي، ٽيمپل آف ٽوٿ، ڏانهن هلڻ لڳا. هنن سان گڏ يورپين سياح به هئا. گائيڊ کين مندر بابت ڄاڻ ڏيئي رهيو هو. هي مندر ڪينيڊين بادشاهه جي حڪومت دوران سورهين صدي ۾ ٺهيو. هن مندر ۾ گوتم ٻڌ جو مقدس ڏند رکيل آهي. هر دور حڪومت ۾ حڪمران مندر جي حفاظت ڪندا رهيا ڇو ته سندن عقيدو هو ته جيڪو حڪمران هن ڏند کي ڇهندو ته سندس حڪومت مضبوط ٿيندي. عفان سندس هٿ پڪڙي هڪ پاسي وٺي آيو. جتي ڪنول جا گل وڪرو ٿي رهيا هئا. ٻه گل وٺي هڪ سندس هٿ ۾ ڏيندي چيائين.
    ”هي سڀ ماڻهو گلن جي ڀيٽا ڏيندا. اسان کي به هن عظيم روحاني رهنما کي مقدس گل ارپڻ گهرجي.“
    ائين چئي هو اڳتي وڌيو ۽ هو هڪ اهڙي جڳهه تي پهتا، جتي ڊگهين ميزن تي ڪنول جا گل ۽ ميڻ بتيون ۽ ڏيئا رکيل هئا. ماڻهو گل رکندي ميڻ بتي ٻاري رهيا هئا. فضا ۾ ڪنول جي پنکڙين ۽ اگربتين جي مهڪ وکريل هئي، جڏهن ته پوئلڳن جي چهري تي روحاني آسودگي ۽ سرور هو.
    ٻنهي ميڻ بتيون ٻاريون ۽ گل رکيا. ٻنهي دعا گهري ۽ اهو طئي ڪيائون ته شام جو هڪٻئي کي ٻڌائيندا ته هنن ڪهڙي دعا گهري. اهي لمحا امر هئا، جنهن ۾ محبت جي احساس ۾ هم آهنگي هئي.
    ثقافتي شو ۽ مندر ڏسي واپس موٽيا. رستي ۾ ڪيتريون عورتون ڇٽيون کڻي ٻارن سان مندر مان نڪري رهيون هيون. هنن عورتن جي چهري تي ايترو سڪون ڪيئن آهي؟ اهو سڪون کيس پنهنجي ملڪ جي عورتن جي چهرن تي نظر نه ٿو اچي. واپس هوٽل ۾ داخل ٿيا ته مڌو جي اداس مرڪ کي محسوس ڪري هوءَ اتي ئي بيهي رهي. مڌو سان ڪچهري جو خيال هيس. ان وقت مڌو ڪائونٽر تي اڪيلي هئي.
    ”توهان انڊيا کان آيا آهيون؟“ مڌو پڇيو.
    ”نه پاڪستان کان“
    ”پاڪستان ۾ ته ڏاڍا حالات خراب آهن.“
    هوءَ پاڪستان جو نالو ٻڌي خوفزده ٿي وئي.
    ”هاڻ ته بهتر آهن“ مشڪبار مرڪي وراڻيو.
    ”هني مون تي آيا آهيو؟“ مڌو پڇيو.
    ”جي“ هوءَ مرڪي پئي ته مڌو جي اکين جي حسرت تهائين وڌي وئي. مڌوُ چاليهن سالن جي تمام متحرڪ عورت هئي، کلڻي ڳالهائڻي ۽ تمام ذميوار، هر وقت چست ۽ فعال پر سندس اکين ۾ هڪ وساڻل چڻنگ خاموشيءَ سان دکندي پئي ليئا پائيندي هئي.
    ”توهان کي گهڻا ٻار آهن؟“
    ”هڪ پٽ آهي“ مڌو وراڻيو.
    ان وقت سياح جوڙو سامان کڻي ڪائونٽر ڏانهن وڌيو ته هوءَ به ڪمري ڏانهن رواني ٿي وئي. ڳالهه اڌوري رهجي وئي. مڌو جون حسرت ڀريون اکيون ڪنڊي جيان سندس احساس ۾ چڀي رهيون هيون.
    رات جي ماني کانپوءِ هو ٻئي هوٽل جي ٻاهران روڊ تي چهل قدمي ڪرڻ لڳا. آسمان ۾ ستارن جون ڏياٽيون حسين لڳي رهيوهيون.
    ”تو مندر ۾ ڏيئو ٻاريندي ڪهڙي دعا گهري“ عفان کانئس پڇيو.
    پر هوءَ خاموش رهي، پنهنجي خوف جو اظهار نه ڪري سگهي.
    ”تو ڪهڙي دعا گهري؟“ مشڪبار پڇڻ لڳي.
    ”تنهنجي ملڻ کانپوءِ دعائون گهرڻ ڇڏي ڏنيون اٿم.“
    ”هاڻ ٻڌاءِ تو ڇا گهريو هو خدا کان.“
    ”مون احساس جي نه بدلجڻ جي دعا گهري هئي.“
    ”ڇا مطلب“
    ”هڪٻئي لاءِ اهو احساس ساڳيو رهي.“ مشڪبار جي لهجي ۾ انيڪ انديشا لڪل هئا.
    ”سچو احساس ڪڏهن به نه بدلبو آهي.“
    عفان يقين سان چيو.
    واپس ڪمري ۾ آيا ته عفان ڪتاب پڙهڻ لڳو. هوءَ هيٺ لهي آئي.
    مڌو صوفي تي ويٺي هئي. سندس چهري تي ٿڪ نمايان هو. هوءَ سندس ڀرسان اچي ويهي رهي.
    مان تنهنجي اکين جي اداسي جو سبب ڄاڻن ٿي چاهيان، پر چاهيندي به اهو جملو چئي نه سگهي، ٿوري ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن مان کيس خبر پئي. ته مڌو جو مڙس ٻاهرين ملڪ ۾رهي ٿو، هوءَ ماءُ ۽ پٽ سان رهندي آهي.
    هوٽل جي گاڏي اچي وئي هئي، جيڪا هوٽل جي ملازمن کي گهر ڇڏڻ ويندي آهي.
    مڌو کانئس موڪلائي ٻاهر دروازي ڏانهن وڌي ته هوءَ ڪمري ۾ موٽي آئي. رات جو دير تائين سوچيندي رهي. مڌو جي اکين ۾ جيڪا حسرت ليئا پائيندي محسوس ٿي ته اها حسرت مهرين جي اکين ۾ پڻ محسوس ٿيندي آهي. هر عورت مڪمل ساٿ ۽ احساس جو خواب ڏسي ٿي. ان خواب جي ساڀيان پائڻ کي مڪمل نه ٿي سمجهي پر جيڪڏهن اهو خواب اڻپورو رهجي وڃي ٿو ته سڄي زندگي عجيب احساس ڪمتري ۾ مبتلا رهي ٿي. چاهي پاڻ کي ڪيترو ئي خوش ڇو نه ظاهر ڪري. سندس ڀيڻ مهرين جي شادي هڪ روايتي خاندان ۾ ٿي هئي. غلطي کي غلط چوڻ جي جرئت هن جي ذات ۾ هئي. جنهن جي ڪري کيس ڀوڳڻو پيو. مشڪبار گهڻي خوفزده ٿي وئي. شادي کانپوءِ اهو خوف کڻي نئين گهر ۾ داخل ٿي ته پنهنجي راءِ جو اظهار نه ڪندي. گهٽ ڳالهائيندي جيئن مسئلا پيدا نه ٿين. هي به هڪ روايتي گهراڻو آهي. پر هوءَ مصلحت ۽ سمجهوتي سان هلڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. عفان هڪ تقريب ۾ ڏسي کيس پسند ڪيو هو. هو کيس ڪٿي به اوپرائپ جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي. پر هوءَ ويڳاڻي احساس ۾ ويڙهيل، ڊنل رهي ٿي. خبر نه آهي ڪيستائين هراسيل رهندي. ڳالهائيندي اڪثر خاموش ٿي وڃي ٿي. شادي کي مهينو مس ٿيو آهي. شروع ۾ هر ڪنوار ائين هوندي آهي، جيستائين نئون ماحول سمجهه ۾ اچيس. عفان کيس خاموش ڏسي دل ۾ سوچي ٿو.
    ڪجهه ڏينهن ۾ هن جي مڌوءَ سان سٺي دوستي ٿي وئي. شام جو مڌو جي گهر وڃڻ کان اڳ ڊرائنگ روم ۾ سندن ڪچهري ٿيندي هئي. جيڪو رسيپشن جي بلڪل سامهون هو. اتي اڪثر اخبارون ۽ رسالا پيا هوندا هئا. اهو ڪمرو خالي پيو هوندو هو. ڇو ته ماڻهو گهڻي ڀاڱي مٿي بار ۾ ويهندا هئا. ان ڏينهن مڌو خاموش هئي. پڇڻ تي جواب ڏنائين.
    ”امان ڪافي عرصي کان بيمار آهي، ان ڪري پريشان آهيان.“
    ان کان علاوه به ڪا پريشاني اٿئي مڌو؟“ مڌو جي اکين جي حسرت کيس پريشان ڪرڻ لڳي.
    ”ها“ مڌو جي اکين ۾ حسرت وڌي وئي.
    ”هڪ اهڙو ڏک جنهن کي ڪنهن سان ونڊي نه ٿي سگهان.“
    ”مان پڇي سگهان ٿي ته ان ڏک جي باري ۾“
    ”ڌڪار جو هڪ اهڙو ڏک اٿم، جيڪو هر پل زخمي ڪندو ٿو رهي.“ اهو ڏک مرد جي جبر سان وابسته هوندو. مشڪبار سوچڻ لڳي.
    ”منهنجو مڙس فقط ٽي سال مون سان رهيو. پٽ جيئن پيدا ٿيو ته ٻاهر هليو ويو، اتي ئي ٻي شادي ڪري ڇڏيائين. وري واپس نه موٽيو.“
    ”پوءِ تو طلاق ڇو نه ورتي؟“ ڪمري ۾ فضا ڳري ٿي وئي. مشڪبار جي لهجي ۾ همدردي هئي.
    ”هتي طلاق وٺڻ ڏکيو عمل آهي، امان مون کي طلاق لاءِ چوندي هئي پر مون کي يقين نه ٿي آيو ته ڪو ماڻهو ايڏو پٿر دل به ٿي سگهي ٿو؟ مون کي يقين هو ته هو موٽي ايندو. مون لاءِ نه سهي پر پنهنجي پٽ لاءِ!“
    مڌو جي اکين ۾ ٽٽل سپنن جي ڀور جهلڪڻ لڳي.
    ”ڇا توکي اڃان به هن جو انتظار آهي؟“
    مشڪبار پڇيو.
    ”شايد!“ مڌو جي جواب ۾ بي يقيني هئي.
    ”تو سڄي زندگي اجائي انتظار جي نذر ڪري ڇڏي!“
    مشڪبار لهجي ۾ حيرت ڀري چيو.
    ”ان ڏک امان کي جهوري وڌو، ماءُ لاعلاج بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي.“
    ”ها هر ماءُ، ڌيءَ جي گهر ڦٽڻ تي جهري پوندي آهي.“
    کيس پنهنجي ماءُ جو ويڳاڻو چهرو ياد اچي ويو. مهرين جي گهر ڦٽڻ کان پوءِ اداس رهڻ لڳي هئي.
    دل تي بوجهه کڻي هوءَ ڪمري ۾ واپس آئي.
    شام جو هوٽل کان ٻاهر نڪري عفان ۽ هو روڊ ڪناري گهمندا رهيا. ٻئي ڏينهن ڪولمبو واپس وڃڻو هين. پوءِ وري پنهنجي ملڪ واپس ورندا.
    رات جو دير تائين جاڳندي رهي. پاڙي واري سڪينه ياد آيس. جنهن سان ساڳي ويڌن ٿي هئي. مڙس چار ٻار سندس ڳچيءَ ۾ وجھي ٻي شادي ڪري ڇڏي هئي. وري پوئتي موٽي نه ڏٺائين ته ڪهڙي حال ۾ آهن.
    عورت جو نصيب هر هنڌ ساڳيو آهي. هنن عورتن جي زندگي اڃايل آهي. پر سندن وجود غم جي بارش ۾ پيو سيراب ٿيندو آهي. عورت جو نالو عورت بدران جيڪر برسات هجي ها!


    هڪ مرد ۾ ورهايل ٽي عورتون

    حل عورت کي ڳولڻو آهي.
    سو ياسمين ٻن زالن ۾ ورهايل مرد سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿي وئي. پندرهن سال اڳ کيس طلاق ملي هئي، ان کانپوءِ ڪيترائي رشتا آيا، پرهوءَ شادي لاءِ تيار نه ٿي. هن وقت سندس عمر اٺٽيهه سال هئي. ماءُ جي وفات کانپوءِ اڪيلي ٿي پئي. علي حيدر خان کيس پارٽي ۾ ڏٺو هو. کيس خوبصورت ۽ نزاڪت واريون عورتون وڻنديون هيون. جن جي گفتگو کان وٺي لباس، چال ۽ ادائن ۾ دلفريبي هجي. لچڪدار جسم رکنديون هجن، رنگ چانڊوڪيءَ جهڙو روشن هجي ۽ هو سندن ادائن مان ڇلڪندڙ شراب پيئندي هوش کان غافل ٿي وڃي.
    عورت سندس ڪمزوري هئي. جيئن اڪثر مردن جي هوندي آهي. پر گهڻو ڪري مرد ان ڪمزوري کي لڪائيندا آهن، هو لڪائڻ بدران کين شاديءَ جي آڇ ڪندو هو. ياسمين سندس زندگيءَ ۾ ايندڙ ٽين عورت هئي، جنهن لاءِ هن شاديءَ لاءِ سوچيو. علي حيدر کي پهرين زال نازيه مان ڇهه ٻار هئا، نازيه خوبصورت گهريلو عورت هئي. هن کيس شاندار بنگلو ٺهرائي ڏنو هو، جنهن ۾ دنيا جي هر آسائش موجود هئي. علي حيدر جڏهن رخشده سان ٻي شادي ڪئي ته نازيه ٿورو گهڻو احتجاج ڪري چپ ٿي وئي. هوءَ علي حيدر جي مامي جي ڌيءَ هئي. خاندان ۾ وڏي عزت هيس. ساهرا به ساهه ڏيندا هيس.
    علي حيدر جي ٻي زال رخشنده ڊاڪٽر هئي. کيس الڳ گهر وٺي ڏنو هئائين. رخشنده مان ٻه ٻار هيس، ڌيءَ ۽ پٽ، جيڪي سٺن اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. علي حيدر، رخشنده کي هر سهولت مهيا ڪري ڏني. کيس ڪڏهن به شڪايت جو موقعو نه ڏنائين. انڪري رخشنده هن جو گهڻو خيال رکندي هئي. ٻي شاديءَ جي اجازت ڏيندي پهرين زال نازيه هڪ شرط رکي هئي ته هو رات هن سان رهندو، ڀلي هو سڄو ڏينهن رخشنده وٽ هجي پر شام جو گهر موٽي ايندو. اها شرط رخشنده کي ڏاڍي ڏکي لڳي هئي.
    پر هوءَ ڪوشش جي باوجود علي حيدر کي قائل نه ڪري سگهي. هوءَ ان وقت تائين رات جو پاڻ کي اڪيلو سمجهندي هئي جيستائين ٻار نه ٿيا هيس.
    عورت وٽ صبر کان علاوه ڪو ٻيو چارو ڪونه آ. پر هر عورت جي آخري تمنا اها هوندي آهي ته مرد فقط هن جو هجي، هن لاءِ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم پنهنجي مردکي ڪنهن ٻيءَ عورت سان ونڊڻ آهي. اها عورت هن جي مڙس جي محبوبه هجي يا زال. پر کانئس زندگي جو اهو ڪڙو سچ نڙيءَ مان هيٺ نه لهي سگهندو آهي.
    مرد به ته عورت جي پيار ۾ ورڇ برداشت نه ڪندو آهي. ٽي زالون رکي يا چار يا ان کان علاوه گرل فرينڊز الڳ هجنس پر سڀ کيس ديوتا ڪري پوڄينديون رهنس. پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ موجود ڪنهن به عورت کي هيڏي هوڏي ڏسڻ جي اجازت نه ٿو ڏيئي. هو انهن جي چوڌاري مسئلن جا اهڙا ڄار وڇائي ٿو، جو هو انهن کي حل ڪرڻ ۾ هڪ دائري جي چوڌاري ڦرندي پنهنجو سک وڃائي ويهن ٿيون. رخشنده به سوچيندي هئي. ڪاش هن جي زندگيءَ ۾ اهڙو مرد هجي ها، جيڪو فقط کيس چاهي ها. پوءِ هوءَ پاڻ کي ڪيڏو نه محفوظ سمجهي ها. هينئر سڀ ڪجهه هوندي به هوءَ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري ٿي.
    پر شاديءَ جي پنجن سالن کانپوءِ علي حيدر کي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ياسمين پسند اچي وئي.
    ياسمين خوبصورت هئڻ سان گڏ ذهين هئي. جڏهن رخشنده کي خبر پئي ته هن شديد احتجاج ڪيو. علي حيدر سان گهڻو وڙهي، کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين. علي حيدر پوءِ به ياسمين سان شادي ڪري ڇڏي. رخشنده چار مهينا حسد جي باهه ۾ سڙندي رهي، علي حيدر ڪيترا دفعا هن سان فون تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن نه ڳالهايو، ٻار پيءَ کي ياد ڪندا رهيا. کيس منٿون ڪندا رهيا ته هو بابا سان ملڻ چاهين ٿا ته پوءِ وڃي رخشنده کي ڪو احساس ٿيو.
    چئن مهينن کانپوءِ جڏهن علي حيدر هن وٽ آيو ته کيس ذرو به احساس نه ٿيو ته ڪا ٻي عورت به هنن جي وچ ۾ آهي، ساڳيو پيار، ساڳيا خوبصورت جملا ۽ ساڳي تڙپ هئي علي حيدر جي پيار ۾، مرد هڪ وقت ۾ ايترين عورتن سان ڪيئن پيار ڪري سگهي ٿو.!!!
    عورت جو هڪ ئي محور آهي. تڏهن هن جي پيار ۾ گهرائي آهي، هن وٽ لفاظي ناهي پر اوسيئڙو آهي.
    هوءَ پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪر جيان اندر ئي اندر روئيندي رهي ٿي. مرد هوا جو جهوٽو بڻجي اچي ٿو ته وسڻ لڳي ٿي. هوا آزاد ۽ بي لغام آهي، هن کي قيد نه ٿو ڪري سگهجي. ڪڪرن جي چرپر هوائن جي محتاج آهي.
    هوا زندگيءَ جو پيغام کڻي اچي ٿي.
    ۽ جي نه گهلي ته ٻوسٽ ۾ ساهه گهٽجيو وڃي، انڪري حق تلفي جي باوجود مرد جو وجود عورت لاءِ اڻٽر آهي.
    هوءَ ڪڏهن به ڀرپور زندگي نه گذاري سگهندي. رخشنده اداس ٿي سوچيو.
    هن جي جيئڻ ۾ احساس جون چهنڊڙيون آهن، سيراب ٿيڻ ۾ هڪ اڃ اساٽ آهي، وصل ۾ هڪ عجيب ڪسڪ هجي ٿي.
    مرد هن کي سدائين اڌورو ئي رکندو، مرد کي اڌوري عورت جو گم صم حسن موهي ٿو. مڪمل احساس ملي ته عورت هن جي اختيار مان نڪري ويندي، ان ڪري عورت کي اڃايل رکڻو آهي.
    احساس ڦڙو ڦڙو ڪري ورهائڻو آهي، جيئن زندگيءَ ۾ موت کي محسوس ڪندي رهي. ڀلي احساس ۾ اڌوري ۽ گهايل رهي، تڏهن به محور جي چوڌاري داسي ٿي دان ڏيندي رهندي.
    مڪمل ٿي وئي ته مرد جي ڪهڙي حيثيت رهندي!
    هن جي مضبوط حيثيت، عورت کي اڃايل رکڻ ۾ آهي. اهو احساس ڏيڻ ۾ ته تون گهڻو ڪجهه هوندي به ڪجهه ناهين.
    فقط هڪ پيمانو آهين، اڃان ڪيترائي پيمانا آهن، شراب سان ڀريل مٽ ۽ هڪ پيماني ۾فرق آهي.
    ايئن هوءَ ويچاري مٽ سان برابري ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهندي آهي. اڃان ڪيترا جتن ڪندي!!!
    اڄ به علي حيدر جي اچڻ کان اڳ پارلر مان تيار ٿي آئي هئي. ٻارن کي ڀيڻ جي گهر موڪلي ڇڏيو هئائين. علي حيدر کيس ڪيڏو نه ساراهيو. ڪيڏو نه چاهيو ۽ ڀاڪرن ۾ ڀري پيار ڪيائين. هوءَ سڄي اڃ وساري ويٺي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ علي حيدر جي زندگيءَ ۾ هن کان علاوه ڪا ٻي عورت نه آئي آهي. هن جي سوچ، احساس ۽ جسم تي فقط هوءَ ڇانيل رهي ٿي.
    اهو پل جو سيراب ٿيڻ به عورت لاءِ ڪيڏي نه معنيٰ رکي ٿو. ان پل گذري وڃڻ کانپوءِ وري بي يقيني جي مند موٽي ايندي. هتان اٿي ياسمين ڏانهن ويندو. ساڳي انداز ۾ کيس ساراهيندو. اوتاولي بادل جيان وسندو ۽ ياسمين ان يقين جي برسات ۾ لڙهندي ائين ئي سوچيندي ته فقط هوءَ ئي آهي علي حيدر جي پيار جو محور. هوءَ سچ آهي ۽ باقي سڀ ڪوڙ آهي. هوءَ انتها آهي، باقي سڀ آغاز جون مختلف ڪڙيون آهن.
    انتها آخري حد آهي. ان کانپوءِ ٻي شروعات نه ٿي ٿي سگهي. شاديءَ جي اجازت ڏيندي رخشنده، علي حيدر سان اها شرط رکي هئي ته منجهند جو وقت هو ساڻس گذاريندو. آفيس کان موٽي هن ڏانهن ايندو، ڇهين بجي نئين ڪنوار ڏانهن ويندو.
    هو ياسمين وٽ ڇهين کان ڏهين بجي تائين هوندو هو. رخشنده ۽ ياسمين کي پنج پنج ڪلاڪ ڏيندو هو. پر پهرين زال نازيه سان يارهن ڪلاڪ گڏ هوندو هو. شادي کي سال ٿيڻ وارو هو، پر کيس اولاد نه ٿيو هو. ان عمر ۾ اولاد ٿيڻ جو امڪان گهٽ ٿئي ٿو. پر پوءِ به هوءَ مايوس نه هئي. ڇهه مهينن کان شهر جي مشهور گائناڪالوجسٽ کان علاج هلي رهيو هيس. هن جي حصي ۾ شام جا پل آيا هئا. اهي هوا جي جهوٽي وانگر گذري ويندا. ياسمين چاهيندي هئي ته رات، علي حيدر هن وٽ هجي، رات جو کيس ڊپ لڳندو هو. پر گهڻي ڪوشش جي باوجود به هوءَ علي حيدر کي راضي نه ڪري سگهي.
    پر شايد ائين نه هجي، هو ٽن مختلف عورتن جي خوبصورتي ۽ جسمن کي چاهي ٿو. هو سندن ذهن ۽ روح کي سمجهي نه سگهيو آهي. عورت جي ذهن ۽ روح کي سمجهڻ هڪ وڏو خفو آهي. اها سمجهه مرد لاءِ قيدخانو آهي. هو پابندي ۽ ذميداري کان ڀڄندو آهي، انڪري هن جي سوچ جا محور بي شمار آهن. پر عورت جو محور هڪ هجڻ گهرجي. ورهائجي هوءَ فنا ٿي ويندي. هن وٽ مرد وانگر محبت جي شڪتي ناهي. هو محبت نڇاور ڪري خالي نه ٿي سگهندو آهي.
    پر هڪ ورهايل مرد سان محبت ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي! جڏهن سندس ساٿ جي ضرورت هجي ته هو ڪنهن ٻئي وٽ هجي. ڪا ڳالهه ٻڌائڻ تي دل چوي ته اها اڌوري رهجي وڃي. ان شام علي حيدر وڃڻ لڳو ته هوءَ ضد ڪرڻ لڳي.
    ”علي اڄ نه وڃو. اڄ رات مون وٽ ترسي پئه.“
    علي حيدر کي ڪاوڙ لڳي.
    ”توکي ته خبر آهي، مون پهرين زال نازيه سان اهو واعدو ڪيو هو ته ڀلي شاديون ڪيتريون به ڪيان پر رات هن وٽ رهندس.“
    ”پر نازيه وٽ ٻار آهن، هوءَ ماڻهن سان ڀريل گهر ۾ رهي ٿي.“
    ”ڏس ياسمين منهنجي ٻي زال رخشنده ڪڏهن به اهو ضد نه ڪيو. هو حال ۾ راضي رهي.“
    ”علي حيدر، رخشنده جي گهر ۾ ٻارن جي رونق آهي.“
    ”مان جو هر وقت تو سان گڏ هوندو آهيان، پري ڪٿي آهيان چري.“
    علي حيدر لفظن سان کيس بهلائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سندس دل ۾ تنهائي سڏڪندي رهي.
    ”علي رات جو مان اڪيلي نه ٿي رهي سگهان. پلنگ جو اهو حصو خالي هوندو آهي جتي توهان هوندا آهيو، مون کي وسوسا ورائڻ لڳندا آهن.“
    ”فليٽ ۾ ڪهڙو ڊپ آهي، ياسمين. سامهون پاڙي ۾ تنهنجي ڀيڻ رهي ٿي.“
    ”ڀيڻ نوڪري ڪري ٿي، گهر ۽ ٻارن ۾ مصروف هوندي آهي، رات جو ڪئين در کڙڪائي، کين چوان ته ڊپ ٿو لڳي، اڪيلي نه ٿي سمهي سگهان!“
    ياسمين روئڻ لڳي.
    ان گفتگوءَ کان پوءِ علي حيدر ٻه ٽي ڏينهن هن وٽ نه آيو. ياسمين کي کيس پرچائي معافي گهرڻي پئي. ڇو ته هو هڪ ورهايل مرد هو.
    محبت ۾ ورڇ ناممڪن آهي. مرد لاءِ به ته عورت لاءِ به.
    محبت کي هڪ مرڪز هئڻ گهرجي.
    محبت جا گهڻا محور نه ٿا ٿي سگهن. پر علي حيدر هڪ ورهايل مرد هو. سڀني زالن سان هڪجهڙو هلندو هو. سڀني کي هڪجهڙيون سهولتون مهيا ڪري ڏنيون هيائين. پوءِ به زالون خوش نه هيون. هر ڪنهن جي دل ۾ هڪ ڪنڊو کتل هو. هو علي حيدر کان وڌيڪ هڪٻئي لاءِ سوچينديون هيون.
    رات جو هر هڪ پل صدين تي حاوي هوندو هو. ياسمين جي پهرين شادي ساهرن جي جهيڙن جي نذر ٿي وئي. ان زماني ۾ پاڻ به جذباتي هوندي هئي. سندس پهريون مڙس کيس ڏاڍو چاهيندو هو. ڪي خاميون به هيس جيئن سمورن انسانن ۾ هونديون آهن. آفيس مان موٽندي اڪثر هن لاءِ گل آڻيندو هو. سندس سالگرهه هجي يا شاديءَ جي تاريخ ڪينڊل ڊنر تي وٺي ويندو هيس، ڳالهه ڳالهه تي سندس ساراهه. هن جي اڳيان پويان ڦرڻ پر سس ۽ نڻاڻن ملي ياسمين لاءِ آزار ڪري ڇڏيو هو. صبر ڪري وقت گذاري ها ته اڄ ڪيڏي خوش هجي ها. ٻڌو هئائين ته سندس اڳين مڙس نويد به ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي. چار ٻار به اٿس. نويد جي ماءُ الله کي پياري ٿي وئي. نڻاڻن جون شاديون ٿي ويون، ڪڏهن سوچيندي هئي نويد سان ڳالهائڻ لاءِ.
    غير محرم سان ڪيئن ڳالهائيندس!!
    شايد اڄ به مون کي ياد ڪندو هجي، پر اها حقيقت آهي مان کيس نه وساري سگهي آهيان. ايڏو خوبصورت احساس ڪنهن کان وسرندو! ڪاش ڀينرن جي ڳالهين ۾نه اچان ها! سهيليون نه ڀڙڪائين ها ۽ جي صبر ڪري وقت گذاريان ها ته اڄ زندگي ڪيڏي مختلف هجي ها!
    هڪ وڃائجي ويل محبت جي ڪسڪ زهر بڻجي هن جي وجود ۾ ڊوڙڻ لڳي.
    ياسمين هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته علي حيدر فقط هفتي ۾ ٻه راتيون هن وٽ هجي پر سندس اهو خواب پورو نه ٿي سگهيو. البته ڪڏهن شهر کان ٻاهر ميٽنگ جو بهانو ڪري ياسمين وٽ ٻه ٽي ڏينهن رهي پوندو هو. پهرين زال نازيه ۽ سندس ٻارن جا فون ايندا هيس. ياسمين اندر ۾ پئي لڇندي هئي. دل جون ڳالهيون دل ۾ رهجي وينديون هيس. لمحن جي خوبصورتي زهر بڻجي پوندي هئي. اڃان نازيه جي فون مان فارغ ٿيندو هو ته ٻي زال رخشنده جو فون اچي ويندو هو. رخشنده ۽ ٻارن سان ڪلاڪ ڏيڍ مغز مار ڪري علي حيدر وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچندو هو. هوءَ به منهن سڄائي ويهي رهندي هئي. علي حيدر ڳراٽڙي پائي پرچائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس.
    ”جي فون نه کڻان ته شڪ ڪنديون ته مان شهر ۾ آهيان.“
    ”پوءِ مون وٽ ڇو آيا آهيو؟ هي ته فقط منهنجو وقت آهي، ان ۾ ڪنهن ٻئي جي مداخلت ڪيئن برداشت ڪندس.“
    ”ٻئي دفعي ميٽنگ جو بهانو ڪري ڪوهه مري هلنداسين، برف باري ڏسڻ.“
    علي حيدر جي ڳالهه ٻڌي سندس ڪاوڙ وسامي ويندي هئي.
    علي حيدر پنهنجي واعدي جو پڪو هو، انڪري هوءَ هڪدم حسد وار ڪيفيت مان نڪري ڪوهه مري پهچي ويندي هئي.
    ”مان ان ڏينهن جو خواب ڏسندي آهيان، جڏهن توهان هر گهڙي هر پل مون سان گڏ هوندا.“
    هوءَ جذبي سان چوڻ لڳي.
    ائين وقت گذرندو رهيو. ٽن عورتن ۾ورهايل مرد پاڻ منظم رهيو پر هڪ مرد ۾ورهايل ٽئي عورتون پنهنجي ذات ۾ منتشر هيون. مڙس کان وڌيڪ پهاڄن کي سوچين ٿيون، زندگي عذاب بڻجي وئي هين. ٽئي بيمار رهڻ لڳيون ۽ اڪثر ڊاڪٽرن جي ڪلنيڪس جا چڪر لڳائينديون هيون.
    علي حيدر کين بهلائي وٺندو هو. پوءِ انهن لمحن کي ڪل ڪائنات سمجهنديون هيون، انهن لمحن گذرڻ کانپوءِ ٻيهر اڪيلائيءَ جو نانگ سندن تنهائي کي ڏنگيندو هو.
    ان شام ياسمين گهر جي ڀرسان وڏي اسٽور ۾ شاپنگ ڪرڻ پهتي. اوچتو سندس نظر نويد ٿي پئي، هو هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا. نويد زال ۽ ٻارن سان گڏ هو. سندس زال تمام گهڻي خوش هئي. ياسمين دل ۾ ڪنهن مرجهايل گل جيان وکرڻ لڳي پن پن ٿي. نويد هڪ پاسي اڪيلو بيٺو هو. ياسمين محسوس ڪيو ته هو بار بار هن ڏانهن ڏسي رهيو هو. کيس سامهون ايندي ڏسي بي اختيار اڳتي وڌيو، ياسمين سندس اکين ۾ پاڻ لاءِ پيار جون ريکائون ۽ اکين جي خماريل ڏورن ۾ انتظار جي تڙپ محسوس ڪري ورتي. قيمتي ڪپڙن ۾ هو مرجهايل گلاب لڳي رهي هئي.
    ”ياسمين! تون خوش ته آهين نه؟“
    ياسمين جي چهري کي غور سان ڏسندي نويد پڇيو.
    ”ها مان تمام گهڻي خوش آهيان.“
    ائين چوندي سندس اکين ۾ آلاڻ ڦهلجي وئي.
    ”مون سدائين تنهنجي خوشي لاءِ دعا ڪئي. اُها خوشي جيڪا مان توکي نه ڏئي سگهيس.“
    اهو ٻڌي ياسمين ڇرڪي سندس اکين ۾ نهاريو، جتي ياسمين سان گهاريل محبتن ڀريا لمحا سڏڪي رهيا هئا.


    آمان

    نرجس ٿڌو ساهه ڀري پنهنجي ڀرسان کٽ تي ستل پرهه ڏانهن نهاريو. پرهه عمر جي لحاظ کان ارڙهن سالن جي هوندي به اٺن سالن جي لڳي ٿي. ذهني و جسماني واڌ ويجهه نه ٿيڻ ڪري هوءَ پنهنجي اصلي عمر کان پوئتي رهجي وئي آهي. هوءَ ٽنگن ۾ سَتُ نه هئڻ سبب هلڻ کان قاصر آهي. چهري تي اڻڄاڻائي جو هڪ تاثر ڦهليل اٿس. هوءَ نه ماءُ کي سڃاڻي سگهي ٿي، نه ماحول کي سمجهي ٿي. نرجس کيس گهڻن ئي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو آهي پر سندس حالت ۾ ڪا بهتري نه آئي آهي.
    پرهه هڪ اڻ چاهيل ٻار آهي...
    نرجس جي اکين مان لڙڪ ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا. نرجس کي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن هوءَ الٽراسائونڊ ڪرائڻ وئي هئي. سندس مڙس بار بار ڊاڪٽر کان ٻار جي جنس معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڌيءَ جي خبر پوڻ تي نياز جو منهن لهي ويو. نرجس پنهنجي وجود ۾ خوف کي لهندي محسوس ڪيو.
    گهر موٽيا ته ڳوٺان آيل ساهرن جو رويو به بدلجي ويو. سڀ ڀاتي ائين خاموش هئا ڄڻ ڪو مرتيو ٿيو هجي. ڪجهه ڏينهن جي خاموشيءَ کانپوءِ نياز کيس چيو.
    ”مون کي ڌيءَ نه گهرجي.“
    ”نياز اهو ته قدرت جو فيصلو آهي. ان ۾ ڀلا منهنجو ڪهڙو ڏوهه!“
    هوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي.
    ”منهنجو خيال آهي ته ٻار جو اَبارشن ڪرائي ڇڏ.“
    اهو ٻڌي نرجس محسوس ڪيو ته هوءَ ڄڻ گهري کاهيءَ ۾ ڪري رهي آهي.
    ”نه مان اهو ڏوهه جو ڪم نه ڪندس.“ انڪار کانپوءِ مسلسل روين جو زهر پيئندي رهي. ان ئي اڻ تڻ ۾ ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿيو. ڪجهه عرصي ۾محسوس ڪري ورتائين ته ٻار ايب نارمل آهي. مڙس ۽ ساهرن جا رويا ڏينهون ڏينهن ڏکوئيندڙ ٿيندا ويا. هوءَ به اڪيلي سر ٻار جو علاج ڪرائيندي رهي هئي، پرهه جڏهن ٻن سالن جي ٿي ته هڪ ڏينهن نياز کيس چيو.
    ”پرهه کي يتيم خاني ۾ داخل ڪرائي ڇڏ. اهڙي معذور ٻار جو علاج ڪير ڪرائيندو!“
    اهو ٻڌي نرجس ڏک وچان پنڊ پهڻ ٿي وئي. ڄڻ هو احساس کان وانجهيل پٿر جي مورتي هجي.
    حيرت سان نياز جي چهري کي تڪيندي کيس لڳو ته هن شخص ۾ ڪٿي به انسانيت جا آثار نه آهن.
    ”ڇو مون ڪا غلط ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟“
    نياز کيس نفرت مان گهوري چيو.
    ”خدا جي واسطي خاموش ٿي وڃ، مان ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿي ٻڌي سگهان.“
    ڪجهه عرصي ۾ ٻنهي زال مڙسن جا اختلاف وڌي وڃڻ ڪري نوبت طلاق تائين وڃي پهتي. نرجس جي گهر وارن پڻ هن سان رابطو ڪٽي ڇڏيو.
    پر نرجس جي دل مطمئن هئي. پرهه جو چهرو ڏسي جي پوندي هئي. سمورا ڏک وساري ويهندي هئي. توڙي جو ڏوهه نياز جو هو. ساهرن جا رويا الڳ ڏکوئيندڙ هئا. پر سمورن الزامن جي زد ۾ نرجس جو بي گناهه وجود اچي ويو. انهن ڏکن ۽ احساس محرومين جي اکٻوٽ ۾ ارڙهن سال گذري ويا. ڪاليج ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ هوءَ سرڪاري رهائشگاهه ۾ رهڻ لڳي. پرهه کي صبح جو ملازمه وٽ ڇڏي مطمئن ٿي ڪاليج هلي ويندي هئي. هڪ ڏينهن صبح جو ڪاليج ۾ پريشان هئي.
    ”ڇو خير ته آهي؟ اڄ پريشان ٿي ڏسجين!“ رضوانه، هن جي ڀرسان ويهندي چيو ته هن جي وڏين ۽ خالي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
    ”پرهه لاءِ پريشان آهيان.“
    ”تون پريشان نه ٿي، ڏسجانءِ هڪ ڏينهن پرهه بلڪل ٺيڪ ٿي ويندي. هي پرهه لاءِ ڪجهه تصويرون آنديون اٿم.“
    رضوانه، تصويرون نرجس ڏانهن وڌائيندي چيو.
    تصويرن ۾ فطرت جا مختلف منظر آهن، سج، چنڊ، ستارا، بادل ۽ دريا...
    نرجس جي دل ۾ درد جون لهرون ڇلڻ لڳيون.
    ”پرهه ڪڏهن اهي منظر ڏٺائي ناهن، ارڙهن سالن کان هوءَ هڪ ڪمري ۾ قيد آهي.“
    رضوانه جو مضمون نفسيات هئڻ ڪري هوءَ نرجس کي اڪثر سٺيون صلاحون ڏيندي آهي.
    ”اڳي پرهه کي اڪثر ڀينرن يا ڀائرن جي گهر وٺي ويندي هيس ته سندن منهن لهي ويندا هئا. هڪ ڏينهن ڀيڻ چئي ڏنو ته پرهه کي نه آڻيندي ڪر، منهنجي ٻارن کي مونجهه ٿئي ٿي.“
    نرجس گهر موٽي ته هن کي ڏسي معمول مطابق پرهه جي چهري تي ڪوبه تاثر نه اُڀريو ته هن دل ۾ سور جي سٽ اڀرندي محسوس ڪئي. هڪ ويڳاڻو احساس هن جي اکين مان صاف نظر اچڻ لڳو، نرجس، پرهه جا وار سنواري حسرت سان چيو
    ”تون الاءِ ڪڏهن مون کي اَمان چوندينءَ.“
    ”بيگم صاحبه اڄ پرهه ڪجهه به ناهي کاڌو، ڏاڍا وس ڪيا اٿم.“
    ماسي فاطمه بي وسيءَ مان چيو.
    ”اڇا!“ هن جي تشويش وڌي وئي. ڪمن ڪارين مان فارغ ٿي تصويرون کڻي هوءَ پرهه جي ڀرسان ويهي. هڪ تصوير کڻي پرهه کي ڏيکارڻ لڳي. جنهن ۾ سرسبز ٻنين جي پس منظر مان روشن سج اڀري رهيو آهي. سج تي هٿ رکي چوڻ لڳي.
    پرهه! هي سج اٿئي. سج روشني ورهائيندو آهي.“ پر پرهه جو چهرو ڪنهن به تاثر کان خالي محسوس ٿئي ٿو. سج وجود رکي ٿو پر پرهه لاءِ بي اهم آهي، اونداهي يا روشني ٻئي هن لاءِ بي معني آهن.
    نرجس جي دل وڍجي وئي، ان اوپري نظر تي...
    ”پرهه هڪ ڀيرو مون کي اَمان چئه.
    سالن کان اهو لفظ ٻڌڻ لاءِ سڪي رهي آهيان. خالق ڪائنات کي ٻاڏائي ٿڪي آهيان.“
    پر پرهه اکيون ٻوٽي ڇڏيون، ان هڪ لمحي ۾ نرجس ڄڻ ته پنهنجي وجود ۾ اوپري ٿي وئي هجي.
    پرهه! يقين اٿم ته تون ضرور هڪ ڏينهن ٻئي ٻانهون ڦهلائي امان چئي اچي منهنجي وجود ۾ لڪندينءَ....
    فقط ان ڏينهن جي آس ۾ جي رهي آهيان....
    هو پاڻ سان ڳالهائيندي روئيندي رهي.
    دريءَ مان ماڪ ڀنل ننڊاکڙو جهوٽو اندر اَچي ڪمري ۾ هرطرف تازگي وکيري ويو، نرجس به درد جي ٻانهن مان نڪري ننڊ جي سڪون ۾ سمائجي وئي.
    نرجس کي هڪ نئين ڊاڪٽر جو ڏس مليو ته پرهه کي ان ڏانهن وٺي آئي.
    ڊاڪٽر مختلف سوال ڪندو رهيو.
    ”توهان زال مڙس پاڻ ۾ مائٽ آهيو؟“
    ”جي منهنجو مڙس منهنجو سئوٽ هو.“
    ”خاندان ۾ شادين ٿيڻ جي صورت ۾ معذور ٻار پيدا ٿين ٿا. جيڪڏهن خاندان ۾ شادي ڪجي به ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻنهي جي رت جا ٽيسٽ ٿيڻ گهرجن.“
    ”ڇا ان سان ايب نارمل ٻار نه پيدا ٿيندا.“
    ”ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪجي ته هو خاندان ۾ شادي ڪرڻ کان پاسو ڪن“.
    اها ڳالهه ٻڌي هوءَ گهري سوچ ۾ ٻڏي وئي. ڊاڪٽر رپورٽس ڏسي پرهه جو چيڪ اپ ڪري نسخي تي دوائون لکي نرجس کي ڏيندي چيو.
    ”فزيو ٿيراپي پابندي سان ٿيندي، البته دوا هڪ مهيني تائين ڏيندا رهو. اميد ته سندس حالت ۾ بهتري ايندي.“
    ڊاڪٽر جي لفظن جو يقين کڻي هوءَ پرسڪون ٿي گهر واپس موٽي.
    ڪجهه ڏينهن ۾ هن پرهه ۾ تبديلي محسوس ڪئي. جئين هوءَ اڳي ماحول کان بلڪل لاتعلق لڳندي هئي، هاڻ آوازن تي سندس چهري جو تاثر بدلجي ويندو هو. اڪثر ماءُ جي چهري کي ڏسي مرڪڻ لڳي هئي. نرجس لاءِ اهو احساس سج جي پهرين روشن ڪرڻي جيان هو. هڪ ڏينهن پرهه ماءُ جو سهارو وٺي اٿي بيٺي. پر جلدي ڪرڻ لڳي، هن پرهه کي سنڀالي کيس کٽ تي ويهاريو. خوشي ۽ ڏک جي مليل جليل ڪيفيت ۾ سندس سڄو وجود ڏڪي رهيو هو.
    در تي گهنٽي وڳي، هن دروازو کوليو، ٻاهر مجتبيٰ بيٺو هو. هن جي چهري تي وحشت جا آثار ڏسي مجتبيٰ پنهنجي هٿ ۾ جهليل سامان کيس ڏيندي چيو.
    ”امان توهان لاءِ ڪجهه موڪليو آهي.“
    نرجس سامان وٺي در بند ڪرڻ واري هئي ته مجتبيٰ تڪڙ ۾ اندر داخل ٿيو.
    ”ڪجهه دير ويهڻ لاءِ نه چوندينءَ“
    مجتبيٰ جي اکين ۾ هڪ گهري التجا هئي. چانهه لاءِ پڇڻو پيس... خبر ناهي ڇو مجتبيٰ جي نظرن جي تپش سان هن جي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا جرڪڻ لڳا.
    ”چانهن پيئندس....“ مجتبيٰ هن کي گهري نظر سان ڏسندي چيو. هوءَ بورچي خاني ۾ اچي چانهن ٺاهڻ لڳي.
    ڪجهه گهٻرايل هئي. مجتبيٰ، ماسي زهره سان گڏ ايندو هو. اڄ اڪيلو ڇو آيو آهي! ٽري ۾ چانهن جو ڪوپ۽ بسڪٽ رکي هوءَ ٻاهر آئي. مجتبيٰ اخبار ڏسي رهيو هو. چانهن ڏيئي سامهون ويهي رهي.
    توهان پنهنجي لاءِ چانهن نه ٺاهي؟“
    مجتبيٰ مرڪي چيو.
    ”دل نه چيو“
    هرطرف خاموشي ڇانئجي وئي، نرجس کي لمحا ڳرا لڳن ٿا. مجتبيٰ جي نظرن جي تپش چهري تي محسوس ڪري پريشان ٿي وئي.
    ”خاموش ڇو آهين نرجس!“
    ”مٿي ۾ سور آهي، آرام ڪرڻ چاهيان ٿي.“
    هوءَ چاهي ٿي مجتبيٰ جلدي اٿي وڃي.
    ”ڪا دوا وغيره وٺي ڇڏ“
    ”جي بهتر“ نرجس بي زار ٿي چيو.
    ”هڪ سوال پڇان؟“ مجتبيٰ کيس گهري نظر سان ڏسندي چيو.
    ”مان هن وقت ڪنهن به سوال جو جواب نه ٿي ڏيڻ چاهيان.“
    سخت لهجو ٻڌي مجتبيٰ جو منهن لهي ويو، چانهن پي خاموشي سان ٻاهر نڪري ويو.
    نرجس کي پنهنجي رويي تي شرمندگي محسوس ٿي. سندس وجود غير محسوس اداسيءَ ۾ ويڙهجي ويو.
    ٻئي ڏينهن رضوانه کيس باغ ۾ وٺي آئي.
    هن جو خيال هو ته پرهه کي هڪ نئين دنيا ڏيکارجي. پرهه وهيل چيئر تي لاتعلق ويٺي هئي. بهار جا شروعاتي ڏينهن هئا. ماحول ۾ گلن جي سرهاڻ ڦهليل هئي. ساوڪ پنهنجي تازگي کي محسوس ڪري ڄڻ ته رقص ڪندي هجي.
    زندگي جي چرپر ۽ ٻارن کي راند ڪندي ڏسي نرجس ٿڌو ساهه ڀريو. ٻار رانديڪن سان نه کيڏي سگهي!
    پوپٽ ۽ پکي هن لاءِ غير اهم هجن...
    ماءُ جي پيار کي محسوس نه ڪري سگهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. دنيا ۾...
    پرهه کي ماسي فاطمه وٽ ڇڏي نرجس ۽ رضوانه سائي ڇٻر تي هلڻ لڳيون.
    ”مان سمجهان ٿي پرهه اڳي کان بهتر آهي.“ رضوانه جي ڳالهه ٻڌي نرجس هڪ ٿڌو ساهه ڀريو، ڄڻ کيس رضوانه جي ڳالهه تي يقين نه آيو هجي.
    ”خبر ناهي هوءَ مون کي ڪڏهن سڃاڻيندي ته مان هن جي ماءُ آهيان.“
    نرجس جي لهجي جي حسرت کي محسوس ڪري رضوانه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
    دنيا ۾ هر شيءَ، آسائش ۽ سک موجود آهي، پر هڪ ماءُ جي دل جي خواهش ايڏي مهانگي ڇو آهي؟ اداس ٿي سوچي ٿي
    ”رضوانه“
    ”جي“ رضوانه ڇرڪي کيس نهاريو.
    ”ڪڏهن سوچيندي آهيان، مون کي ڪجهه ٿي ويو ته پرهه جو ڇا ٿيندو!“
    ”چري ائين نه سوچ.... الله خير ڪندو... پرهه به ٺيڪ ٿي ويندي ۽ تون به هڪ خوش زندگي گذاريندينءَ.“
    رضوانه يقين سان چيو. آٿت ڀريا روشن لفظ نرجس کي دل جي گهراين ۾ لهندي محسوس ٿيا.
    ”هڪ ڳالهه چوان!“ رضوانه هٻڪندي چيو.
    ”ها ها... چئه...“
    نرجس تجسس مان کيس ڏسڻ لڳي ته هوءَ کيس ڇا چوڻ واري آهي.
    ”مجتبيٰ لاءِ تو ڇا سوچيو آهي؟“
    ”رضوانه جي ڳالهه ٻڌي نرجس هڪدم خاموش ٿي وئي.
    ”شايد هن وقت مون کي اهو سوال نه پڇڻ کپي“.
    ”نه نه.... تون مون کان ڪوبه سوال پڇي سگهين ٿي، دراصل مان ٻي شادي نه ٿي ڪرڻ چاهيان. ڊاڪٽر به مون کي ٻڌايو هو ته خاندان ۾ شادي ڪرڻ سان ايبنارمل ٻار پيدا ٿين ٿا ۽ مجتبيٰ منهنجو ماسات آهي.“
    ”نرجس! اسان جي خاندان ۾ اڪثر شاديون پنهنجن ۾ ئي ٿيون آهن پر ڪوبه ٻار ايب نارمل پيدا نه ٿيو آهي؟“
    ”ڪجهه به هجي پر مان پرهه کي نه ٿي ڇڏي سگهان.“
    ”ڇا هن ڪا شرط وڌي آهي.“
    ”نه هن ڪجهه به نه چيو آهي. پر جڏهن سڳو پيءُ پرهه کي قبول نه ڪري سگهيو ته ڪو غير ماڻهو ڪيئن هڪ معذور ڇوڪري کي پنهنجو ڪندو!“
    ”پر وري به نرجس انڪار ڪرڻ کان اڳ ضرور سوچجانءِ.“
    نرجس کي باغ ۾ گهمندي هڪ نئين زندگيءَ جو احساس ٿيو.
    نرجس گهر اچي ماني وغيره کائي پرهه جي سامهون اچي ويٺي. پرهه کي اسپيچ ٿيراپي ڪرائيندي ڊاڪٽر چيو هيس ته هو پرهه سان گهڻو ڳالهائي. خاص طور تي ”اَمان“ لفظ بار بار ورجائي.
    هن پاڻ تي آڱر رکي ۽ ٻئي هٿ سان پرهه جو چهرو جهلي چيو.
    ”پرهه! مان تنهنجي ماءُ آهيان، ماءُ کي اَمان چئبو آهي.
    مان تنهنجي اَمان آهيان.
    اَ...... مان !
    ڪافي دفعا لفظ دهرائڻ کانپوءِ پرهه چيو..... ا..... ا... آ....
    نرجس جي خوشي جي انتها نه رهي هئي. هن ڪافي عرصي کانپوءِ پنهنجي اندر بهار جي تازگي کي لهندي محسوس ڪيو.
    ان رات نرجس دير تائين روئيندي رهي.
    پرهه کي غور سان ڏسي ٿي، جنهن جي چهري تي زندگي جي رونق ڇانيل آهي، دل ۾ اطمينان کي لهندي محسوس ڪيائين.
    هڪ مصروف ڏينهن گذاري شام جو هوءَ چانهن پي رهي هئي ته دروازي تي گهنٽي وڳي. ماسي فاطمه در کوليو ته زهره ۽ مجتبيٰ اندر داخل ٿيا. زهره جي هٿ ۾ مٺائي جو دٻو هو. کيس چاهه مان ڳراٽڙي پائي چيائين.
    ”امڙ مبارڪ هجي مجتبيٰ زمينن جو ڪيس کٽي ورتو آهي.“
    ”توهان کي به مبارڪ هجي ماسي“ هن زوري چهري تي مرڪ آڻيندي چيو.
    مجتبيٰ، ماءُ کي ڇڏي ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪري ويو ته زهره هن جي پاسي ۾ اچي ويٺي. ”ڏاڍا وس ڪيا اٿم پر مجتبيٰ ڪٿي به شادي لاءِ ها نه ٿو ڪري. هڪ ئي پٽ اٿم، جي انڪار ٿي ڪرين ته سچ مان ڦاهو کائي مرنديس.“
    ماسي زهره ڳالهه پوري ڪرڻ کان اڳ سڏڪن ۾ پئجي وئي.
    نرجس کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا جواب ڏئي.
    ”ماسي مون کي مجبور نه ڪر، مان اڳ ئي پرهه جي ڪري پريشان آهيان.“ نرجس جي ڳلن تي لڙڪ ڪرڻ لڳا.
    ”پوءِ امڙ تون پاڻ مجتبيٰ سان ڳالهائي ڏس متان مڃي وڃي، منهنجي ڳالهه نه ٿو ٻڌي.“
    ”ٺيڪ آهي مان پاڻ ڳالهائيندس مجتبيٰ سان“
    نرجس جي ڳالهه ٻڌي زهره ڪجهه مطمئن ٿي.
    صبح کان نرجس کي هلڪو بخار هو، شام تائين تيز ٿي ويو. مجتبيٰ آيو ته هن کي زبردستي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو. ڊاڪٽر ٽيسٽ ۽ دوائون لکي ڏنيون. مجتبيٰ هن جي هڪ نه ٻڌي، ليبارٽري وٺي ويس جتي سمورا ٽيسٽ ٿيا. واپسي تي کيس جوس پياريو.
    ”تو پنهنجي پاڻ کي صفا وساري ڇڏيو آهي نرجس!“
    نرجس چهرو مٿي ڪري مجتبيٰ جي اکين ۾ حيرت منجهان نهاريو، ڄڻ هن ڪا انوکي ڳالهه ڪئي هجي.
    ”ها نرجس تون پنهنجو خيال رکندي ڪر، اهو سوچي ته هن دنيا ۾ ڪو آهي جنهن لاءِ تون انتهائي اهم هستي آهين.“
    نرجس پهريون دفعو مجتبيٰ کي ڌيان سان ٻڌو ۽ پنهنجائپ ڀري لهجي جي سحر ۾ وڃائجي وئي. گهر واپس موٽي ته بخار هلڪو ٿي چڪو هو. پر پوءِ به احتياطاً ماسي زهره رات ترسي پئي. جلد ئي چنڊ ڪڪرن جي پناهه هليو ويو. وڄ جي تجلن ۽ گجگوڙ سان تيز بارش پوڻ لڳي.
    اهو منظر ڏسي نرجس گهٻرائجي وئي. تيز بارش سبب مجتبيٰ اتي ئي ترسي پيو. اڌ رات تائين زهره کيس سنڀاليو، نرجس جو بخار جهڪو ٿيو ته زهره صوفي تي ليٽي پئي، نرجس ننڊ ۽ جاڳ جي ڪيفيتن ۾ مجتبيٰ جو هٿ نرڙ تي محسوس ڪيو. سندس هٿ جي ترين جي ٿڌاڻ پنهنجي تپندڙ مٿي تي ڇانوري جيان محسوس ٿيس. بخار ۾ تيزي محسوس ڪري مجتبيٰ هن جي نرڙ تي برف جون پٽيون رکڻ لڳو.
    نرجس لاءِ اهو هڪ اڻڄاتل احساس هو. ڪنهن به هن جو اهڙو خيال ئي نه رکيو هو. ڪنهن جنگلي گل جيان هوءَ اڪيلي سر موسمن جون سختيون سهندي رهي هئي. تڪليف جي شدتن ۾ نرجس لاءِ اهو لمحو يقين جي روشني کڻي آيو. ٿوري دير لاءِ هوءَ سمهي رهي. برسات بيهي رهي هئي. مجتبيٰ ڪرسي تي سمهي رهيو هو. هوءَ مجتبيٰ کي خاموشيءَ سان ڏسندي رهي. دريءَ مان تيز هوا جو جهوٽو اندر آيو ۽ هر طرف برسات جي خوشبو وکري وئي.
    ٻوسٽ کانپوءِ بارش جي قطرن جي اهميت ٿئي ٿي، اڃايل ڌرتي ۽ ٻوٽن لاءِ....
    ٻئي ڏينهن هوءَ جڏهن ڪاليج وئي ته رضوانه کي ڪافي بدليل لڳي. زندگيءَ جو گهرو رنگ نرجس جي ڳلن تي جرڪندي محسوس ڪيائين. پنهنجائپ جي احساس هيٺ زندگي بوجهه نه ٿي محسوس ٿئي. ڪو حال اورڻ وارو هجي ته لمحا پکيءَ جي پرن جيان هلڪا ڦلڪا ٿي اڏامڻ لڳندا آهن...
    مجتبيٰ جي ذڪر تي هن جي اکين ۾ وحشت بدران هڪ وڻندڙ احساس هو. چهري تي نه چاهيندي به سج جي ڪرڻن جهڙي مرڪ ليئا پائڻ لڳي هئي. رضوانه کي هوءَ تمام خوش ۽ مطمئن لڳي.
    هڪ بيجان چهرو هڪدم ايترو خوبصورت ڪيئن ٿي سگهي ٿو! رضوانه حيران ٿي سوچي ٿي.
    ”ڇا ٿي ڏسين؟“ نرجس مرڪي پڇيو.
    ”تون مرڪندي ڏاڍي سٺي ٿي لڳين نرجس..“
    ”اڇا!“
    رضوانه جي ڳالهه ٻڌي نرجس رابيل جيان ٽڙي پئي.
    ”خدا ڪري ائين مرڪندي رهه سدائين.“
    هوءَ رضوانه کي اڄ تمام گهڻي مختلف لڳي، نارمل ماڻهن وانگر کلندي، ڳالهائيندي...
    شام جو مجتبيٰ آيو ته هن لاءِ ڪافي شيون آندائين، ڪجهه ڪتاب، هڪ خوبصورت سوٽ، پرفيوم ۽ ڪجهه اهڙيون ٻيون شيون...
    ”مهرباني“ نرجس جي چهري تي انيڪ رنگ وکري ويا.
    ”ڪيترن سالن کان توکي خاموشي سان چاهيندو رهيو آهيان، نرجس! ان وقت کان جڏهن اڃان تنهنجي شادي به نه ٿي هئي، مون رشتو به موڪليو هو پر تنهنجي والد انڪار ڪري ڇڏيو، ائين پنهنجي ڀاءُ جي پٽ سان تنهنجي شادي ڪرائي ڇڏيائين.“ نرجس هن کي حيرت سان ٻڌي رهي هئي.
    ”ڪيترا سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، انهن ڏينهن ۾ مان توهان جي گهر عيد جي ماني ڏيڻ آيو هيس، تو در کوليو هو. ان ڏينهن توکي گلابي سوٽ پاتل هو، اکين ۾ گهرو ڪجل ۽ هٿن ۾ مهندي لڳل هئي. پهريون دفعو توکي ايترو تيار ڏٺو هو. ياد آيو ڪجهه!“ مجتبيٰ هن جي اکين ۾ جهاتي پائي چيو.
    ”ها“ هوءَ ماضي جي وروڪڙ رستن ۾ ڀٽڪڻ لڳي.
    ”خاموش ۽ يڪطرفه محبت ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ ٿئي ٿي نرجس.“
    هڪ حسرت هئي مجتبيٰ جي لهجي ۾.
    نرجس جي وجود کي هن جي اکين جي ڄر ساڙڻ لڳي. مجتبيٰ جي وڃڻ کانپوءِ هوءَ دير تائين ماضيءَ ۾ ڀٽڪندي رهي. اهو وسريل لمحو ٽانڊاڻي جيان ٽم ٽم ڪرڻ لڳو.
    اوندهه ۽ روشني جي اکٻوٽ شروع ٿي وئي...
    زندگيءَ سان ڀرپور پنهنجون ڪجليون اکيون ياد آيس، جن ۾ خوابن جا ستارا جرڪندا هئا.
    مهندي جي خوشبو کيس دل وٽان ايندي محسوس ٿي. اهي خوبصورت ڏينهن هئا، ايندڙ زندگيءَ جي ڏکن کان بي خبر....
    اڄ ڪسڪ بڻجي ذهن ۾ سڏڪي پيا آهن، گذري ويل يادن جي صورت ....
    ڪيڏا خوبصورت ڏينهن هئا، ماءُ جي محبتن جي ڇانو ۾ گذرندڙ. پيءُ جو آٿت ڏيندڙ وجود ڪنهن پناهه گاهه جهڙو لڳندو هو. اڱڻ ۾ اکٻوٽ کيڏندڙ ڀائر ۽ ڀينرون، سندن ٽهڪ ۽ مرڪون سڀ ڪجهه ڪئين وقت جي ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويا. سمورا ڀائر ۽ ڀينرون خوش آهن، پنهنجي دنيا ۾، سواءِ هن جي... نرجس جي اکين مان لڙڪ ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا.
    هوءَ زندگي کي محسوس ڪرڻ لڳي هئي دل جي گهراين سان. کيس رنگ پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳا هئا. پنهنجو خيال رکڻ لڳي هئي.
    هلڪن رنگن بدران شوخ رنگن جا ڪپڙا پائڻ لڳي. ميچنگ جي جيولري ۽ هلڪو ميڪ اپ پڻ هن جي شخصيت جو حصو بڻجي ويا. هوءَ بدلجي وئي هئي.
    محبت کيس بدليو هو. پنهنجي هئڻ جو احساس ڏنو هو. ان کان اڳ هن کي ڪڏهن پنهنجي وجود جي هئڻ جو احساس ئي نه ٿيو هو. محبت کيس نواڻ جو احساس ڏياريو هو.
    چوڌاري سڀ ڪجهه ساڳيو رهي پر انسان اندر ۾ بدلجي وڃي. سندس احساس ئي ماڪ ڦڙن جهڙو بڻجي وڃي ۽ زندگي جي گل کي تازگي ملندي رهي.
    اها شام هن جي زندگيءَ جي خوبصورت شام هئي، جڏهن هوءَ مجتبيٰ سان ٻاهر وئي هئي. شفق جا پاڇا سنڌوءَ تي لڙي آيا هئا. ٿڌي درياهه جي تن کي ڇهي ايندڙ هوائن جي نمي ۾ هڪ عجيب مدهوش ڪندڙ مهڪ هئي، مجتبيٰ سان گڏ ويهي لهرن کي غور سان ڏسي رهي هئي.
    لهرون کيس درياهه ۾ اڃايل لڳيون، بي چينيءَ مان هڪ ٻئي پٺيان ڊوڙندي.
    زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هوءَ ڪنهن مرد سان درياهه تي گهمڻ آئي هئي. زندگي جي مسئلن ۾ ڪڏهن وقت ئي نه مليس جو تفريح جو سوچي سگهي.
    ”ٻيڙي ۾ چڙهندينءَ نرجس؟“ مجتبيٰ پنهنجائپ سان چيو.
    ”نه مون کي ڊپ لڳندو“ هوءَ خوفزده ٿي پاڻي کي ڏسڻ لڳي.
    ”چري! پاڻي کان ڪهڙو ڊپ، اچ اچ...“
    مجتبيٰ کيس زوري ٻيڙي ۾ ويهڻ لاءِ آماده ڪيو، ٻيڙي ۾ ويهي هن مٿي ڏٺو ۽ آسمان جي رنگن ۾ وڃائجي وئي. درياءَ جي مست ڪندڙ هوا جي جهوٽي نرجس کي هن دنيا کان پري ڪري ڇڏيو. هوءَ گهرا ساهه کڻڻ لڳي، خوف ۽ انديشن بنان...
    خوشي سان نرجس جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
    مجتبيٰ کيس محبت ۽ اتساهه سان ڏٺو.
    ”نرجس، زندگيءَ جا هي سمورا سهڻا منظر تنهنجا پنهنجا آهن، هيءَ زندگي هاڻ تنهنجي گهڻو ويجهو هلي آئي آهي. جنهن کي تون پنهنجي مرضيءَ سان گذاري سگهين ٿي.“
    نرجس جي چهري تي پرسڪون مرڪ ڦهلجي وئي، هنن رات جي ماني ريسٽورينٽ ۾ کاڌي، جڏهن رات جا اٺ ٿيا ته نرجس گهر واپس هلڻ لاءِ بي چين ٿي وئي.
    ”امان آهي پرهه وٽ تون پريشان نه ٿي.“ مجتبيٰ کيس دلاسو ڏيندي چيو.
    ”پر....!!!“ هوءِ پرهه جو سوچڻ لڳي. هن کي ڪجهه به سٺو نه ٿي لڳو. کيس گم صم ڏسي مجتبيٰ اٿي بيٺو.
    هوءَبه هن ساڻس گڏ هلڻ لڳي، گاڏي ۾ ويهندي نرجس لهرن ڏانهن ڏٺو، هاڻ چانڊوڪي لهرن تي رقص ڪري رهي هئي.
    ”مان توکي روز هتي وٺي ايندس. ايندينءَ نه؟”
    نرجس مرڪي نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ مجتبيٰ گاڏي هلائڻ لڳو.
    ”امان شادي جي شاپنگ شروع ڪري ڏني آهي، امان تمام گهڻي خوش آهي.“
    نرجس ڪوبه جواب نه ڏنو، خاموشي سان ڪجهه سوچيندي رهي.
    گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت ٿوري پريشان هئي. اندر ڏٺائين ته ماسي زهره صوفي تي گهري ننڊ ۾ هئي ۽ پرهه گندگي ۾ بي چينيءَ سان ٿاڦوڙا هڻي لڇي رهي هئي. ڪمري ۾ ڪنهن بدبوءَ کي محسوس ڪري مجتبيٰ جي چهري تي ناگواري جا تاثرات اڀري آيا.
    نرجس ڇرڪي مجتبيٰ ڏانهن نهاريو ۽ هن جي چهري تي اڻ وڻندڙ ريکائون ڏسي کيس محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ پڇتاءُ جي گهرين کائين ۾ ڪري رهي هجي. ندامت جو بي چين ڪندڙ احساس هن جي وجود کي گهايل ڪرڻ لڳو، هن زخمي نظرن سان مجتبيٰ کي ڏسندي چيو.
    ”مجتبيٰ تو ته چيو هو ته امان پاڻ ئي پرهه جو خيال رکندي پوءِ هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟“
    مجتبيٰ جواب نه ڏنو ۽ ماءُ کي اٿارڻ لڳو، زهره به ڇرڪ ڀري جاڳي پئي.
    ”اچي ويا توهان“ پٽ کي ڏسي سندس چهرو ٻهڪي اٿيو. وري پرهه جي حالت تي نظر پيس ته چوڻ لڳي.
    ”هاڻ مس وڃي ڪا اک لڳي هئي، سڄو وقت پرهه سان ويٺي هيس.“
    نرجس جي چهري تي ڪاوڙ ڏسي مجتبيٰ وڌيڪ ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو ۽ خاموشيءَ سان ٻاهر هليو ويو.
    نرجس ڪمن مان فارغ ٿي جڏهن رات جو پلنگ تي ليٽي ته جسم ۾ سور جي تيز سٽن کي محسوس ڪرڻ لڳي. سندس سمورو جسم احساس جرم جي اذيت ناڪ ڀنور ۾ ٻڏڻ لڳو هو، ڄڻ ته ...
    لڙڪ بي اختيار اکين مان ڪرندي وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هوءَ پرهه جي فرض کان غافل ٿي هئي. اڄ پنهنجي وجود کان نظرون چورائي رهي هئي. ڪابه ماءُ ايتري خود غرض نه ٿي ٿي سگهي ته هوءَ پنهنجي سک ۽ خوشي کي اولاد تي ترجيح ڏئي!
    پوءِ هن ٿوري دير لاءِ ئي اهڙي ماءُ ٿيڻ ڇو گوارا ڪيو هو!
    نرجس کي پنهنجي وجود کان ڪرڀ اچڻ لڳي. ذهن ۽ دل ۾ هڪ عجيب جنگ شروع ٿي وئي.
    محبت جي ٿوري احساس هن کي فرض کان غافل ڪري ڇڏيو هو. شادي کانپوءِ ته الاءِ پرهه جو ڇا حال ٿئي ها. نه نه مان شادي نه ڪندس.
    ٻئي ڏينهن مجتبيٰ کي گهرائي هن شاديءَ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
    ”پر نرجس“ مجتبيٰ ڪجهه چوڻ چاهيو پر نرجس سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    ”مان ڪجهه به نه ٿي ٻڌڻ چاهيان، مون کي مجبور نه ڪر ڇو ته شادي هڪ وڏي ذميداري آهي، پرهه جي موجودگي ۾ مان اهڙو ڪوبه قدم نه ٿي کڻڻ چاهيان، جنهن جي ڪري هن کان غافل ٿي وڃان.“
    مجتبيٰ حيرت مان کيس ڏسي رهيو هو. نرجس محسوس ڪيو مجتبيٰ جون اکيون بادل جيان آليون هيون، ڄڻ وسڻ لاءِ آتيون هجن پر هن چوڌاري صبر جا بند ٻڌي ڇڏيا هئا.
    ”جيئن تنهنجي مرضي“ ائين چئي مجتبيٰ خاموشي سان ٻاهر نڪري ويو. نرجس جا ڪجهه لڙڪ ڳلن تي ڪريا ۽ ڪجهه من جي بي رنگ موسمن ۾ جذب ٿي ويا. هوريان هلندي پرهه جي ڀرسان اچي ويٺي. ڪي پل خاموشيءَ سان سندس چهرو تڪيندي رهي، هن روح جي سانت ۾ ساوڪ جي تازگي کي وکرندي محسوس ڪيو، کيس پنهنجي فيصلي تي ڪوبه پڇتاءُ نه هو. رات حسب معمول دير تائين جاڳندي رهي. وقت گذري وڃڻ کانپوءِ خوبصورت يادون به اڪثر درد جو روپ ڌاري وٺنديون آهن....
    ان کانپوءِ نرجس زندگيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي وئي، هن مرڪ جو مصنوعي خول چهري تي چاڙهي ڇڏيو. پر رضوانه هن جي مرڪن پٺيان گهري اداسي کي محسوس ڪري وٺندي هئي. نرجس جي طبيعت خراب رهڻ لڳي، هن کي مستقل بخار رهڻ لڳو هو، رضوانه گهڻو ئي چيس ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ پر هوءَ کلي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي. نرجس ڪجهه ڏينهن ڪاليج نه آئي ته رضوانه هن سان ملڻ گهر وئي. نرجس کيس اڳي کان ڪمزور لڳي پر هوءَ اڳي کان خوش هئي.
    ”پرهه هاڻ ڪجهه وڏي لڳي ٿي.“ رضوانه پرهه کي ڏسي چيو.
    ”پرهه جي طبعيت هاڻ ڪافي بهتر آهي، رضوانه بس ان ڏينهن جو انتظار اٿم ته هوءَ نارمل ٻارن وانگر گهمي ڦري سگهي.“
    نرجس جي لهجي ۾ حسرت هئي.
    ”رب کيس صحت ياب ڪندو.“ رضوانه هميشه جيان کيس حوصلو ڏيندي چيو.
    ”اٿ ته توکي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي هلان“ رضوانه کيس زور ڀريندي چيو.
    ”نه نه مان ٺيڪ آهيان، گذريل مهيني ته سمورا ٽيسٽ ڪرايا اٿم، تون فڪر نه ڪر، معمولي بخار آهي، ٺيڪ ٿي ويندو.“
    رضوانه جي دل پوءِ به مطمئن نه ٿي، هڪ بي نام اداسي کڻي هوءَ گهر موٽي آئي. ٻئي ڏينهن ڪاليج وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهي هئي ته کيس نرجس جي اوچتي موت جو اطلاع مليو. بي اختيار روئي پئي. سڄو جسم صدمي جي ڪيفيت ۾ ڏڪي رهيو هيس. جيئن تيئن ڪري نرجس جي گهر پهتي. نرجس جي وڇوڙي جو ڏک پنهنجي جڳهه پر اهو منظر ڏسي حيران ٿي وئي ته خاموشيءَ جي چادر پائي ستل نرجس جي ڀرسان پرهه بيٺي هئي. ماسي فاطمه جو سهارو وٺي. نرجس جي چهري تي هڪ عجيب سڪون ڇانيل هو، ڄڻ هن زندگيءَ جي حقيقت سمجهي ورتي هجي.
    ان وقت رضوانه کي سخت تعجب ٿيو جڏهن هن پرهه جي درد ۾ ٻڏل رڙيون ٻڌيون.
    اَ.... ما .... ن....!!!
    رضوانه ڇرڪي بي اختيار نرجس جي چهري ڏانهن ڏٺو. ائين لڳو ڄڻ نرجس اهو لفظ ٻڌي ورتو هجي، جنهن کي ٻڌڻ جي کيس شديد آس هئي!


    چنڊ جي ڪرڻن جو زهر

    چنڊ جي راتين ۾ سندس ڪيفيت بدلجڻ لڳي ٿي. پوري چنڊ جي راتين ۾ ذيشان ته گهري سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو هجي. عجيب ڪشمڪش ۾ سندس وقت گذري ٿو. کيس هيجاني دؤرا پوڻ لڳا آهن. احساس گهرو ڪُن بڻجي پيو اٿس. سيمي سان وڙهي پوي ٿو. ان سمي سيمي کيس سنڀاليندي بيزار ٿي پوندي هئي. سندن شاديءَ کي پنج سال ٿيا هئا. ٻنهي جي پيار جي شادي هئي. هُوءَ ذيشان سان گڏ يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي. سندن ڊپارٽمينٽ الڳ هئا. پر جسم جي ڪيميسٽري هڪ ٻئي جي ويجهو وٺي آئي. ذيشان جي چهري تي عجيب اداسي ڇانيل هوندي هئي. جيڪا مردن جي چهرن تي گهٽ نظر ايندي آهي. مردن جي چهرن تي اڻ کٽ خواهشن جو ڄار وڇايل نظر ايندو هيس. پر ذيشان مختلف هو. پنهنجي دنيا ۾ گم، سحر انگيز اداسيءَ ۾ ويڙهيل. اها اداسي سيمي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي هئي. ٻئي پاسي ذيشان کي سيمي جون اکيون وڻنديون هيون. گهريون، احساس جي روشنيءَ سان جرڪندڙ. سيمي سوچيندي هئي کلڻ ته پري جي ڳالهه، هي ته مرڪي به نه ٿو. ذيشان خاموش ۽ الڳ الڳ رهندو هو. سيمي کي اڳتي وڌي ساڻس ڳالهائڻو پيو. ڳالهيون ڪندي هڪ ٻئي جا سٺا دوست بڻجي ويا. دوستي محبت ۾ بدلي ته شاديءَ جو سوچڻ لڳا. ذيشان دنيا ۾ اڪيلو هو. سيمي به هاسٽل ۾ رهندي هئي.
    تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ذيشان کي پرائيوٽ فرم ۾ سٺي نوڪري ملي وئي. شاديءَ کانپوءِ کيس ذيشان جي ذهني ڪيفيتن جو اندازو ٿيو. ذيشان کي اونداهيءَ کان خوف محسوس ٿيندو هو. سيمي کي بلب جي روشني ۾ مونجهه ٿيندي هئي. ”مون کي روشنيءَ ۾ ننڊ نه ٿي اچي“. هُوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي هئي. ”مون کي اوندهه ۾ ننڊ نه ايندي آهي. خبر به اٿئي. پوءِ به روز ساڳيو مسئلو ........“ ذيشان ڪاوڙ مان چيو.
    ذيشان بيڊروم مان نڪري لاؤنج جي صوفي تي وڃي سمهي پيو. سيميءَ کي اڪيلائيءَ ۾ به ننڊ نه ايندي هئي. هُوءَ اُٿي لاؤنج ۾ آئي.
    ”شاني .......... اوشاني........ اُٿي بيڊروم ۾ هل نه. مون کي ننڊ نه ٿي اچي ......“ هُوءَ سندس ٻانهن لوڏي ٿي.
    ذيشان ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پيو. ڳاڙهيون اکيون چهري تي وحشت، سڄو ڏينهن باس جا دڙڪاکائڻ ۽ آفيس ۾ مٿو کپائڻ کانپوءِ رات جو به سُک نه هو. ڪاوڙ ۾ اُٿي ويهي رهيو.
    ”بهتر آهي ته تون ۽ مان الڳ ٿي وڃو. ٻيو ڪو حل ناهي ان مسئلي جو“. ذيشان رڙڪندي چيو.
    ”مان ڪيڏانهن ويندس. منهنجو ڪير آهي دنيا ۾ تو کانسوءِ ........ “ سيمي روئڻ ويهي رهي. مڙس جي بي رخي محسوس ڪري سندس من ۾ برفباري ٿيڻ لڳي. مرد جي لاتعلقي ماري ٿي، جڏهن ته عورت کي سندس مڪمل موجودگيءَ جو احساس گهرجي. سيمي واپس بيڊروم ۾ هلي وئي. ننڊ جاڳ جي ڪيفيت ۾ رات گذري وئي. پوءِ سڄو ڏينهن بي چين رهندي گهڻو ڪجھه سوچيندي رهندي هئي. پر حل نه ملي سگهيو هيس. ذيشان کي نفسياتي ماهر آفتاب ڏانهن به وٺي وئي. آفتاب چيس ته ”جڏهن پورو چنڊ، زمين جي ويجهو اچي ٿو ته کيس سج جي ڪشش تقل اندر ڇڪي ٿي. هوا ۽ ذرن جو هڪ تهه زمين کي ڍڪي ٿوڇڏي. فضا ۾ موجود منفي جزا، زمين جي ويجهون مثبت جزن سان ملي غير متوازي ٿي وڃن ٿا. جنهن ڪري انسان جي ذهني ۽ جسماني صحت اثر انداز ٿئي ٿي. ان دوران ٿڪ ۽ بيماريءَ جو به اهوئي سبب آهي“.
    ڳالهه سيما کي سمجهه ۾ نه آئي پر ذيشان وڌيڪ پريشان ٿي ويو ۽ هن جي دل ۾ چنڊ جو خوف اڃان وڌي ويو. پر سيما کي ڪو به حل نه ملي سگهيو.
    چنڊ هڪ انتها جي خوبصورتي آهي. جيڪو زمين سان گڏ سمنڊ کي به پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. فطرت جون متحرڪ قوتون دائرو ٺاهن ٿيون. ذيشان به شايد ان دائري ۾ ڪٿي ڦري رهيو هو. هو ٻئي پريشان هئا. گهر وکريل هو. محبتن جو سحر ٽٽي چڪو هو. انسان کي سوچ ۽ جسم جي ايڪتا سک جي ڪيفيت ۾ رکندي آهي. ذهن، جسم ۽ روح جي وحدت جي دائري کان ٻاهر نڪري وڃن ته هر طرف وڳوڙ ڦهلجي وڃي ٿو. سيمي پاڻ اندر ۾ وکريل هئي. ذيشان جو ذهن الڳ منتشر هو. انتشار ٻنهي پاسن کان هجي ته حل ملڻ مشڪل آهي. ٻنهي کي پناهه جي ڳولها هئي. ڪو هڪ ته اهڙو هجي، جو ٻئي کي مڪمل پناهه ڏيئي سگهي . بي گهر جذبا سدائين پناهه جي ڳولها ۾ ڀٽڪندا رهندا آهن. هڪ سج هجي ته ٻيو ڇانورو. ٻئي تپش ۾ جهرندا هجن ته فنا ٿيندا. سيمي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ڪيئن به ڪري ذيشان کي ان ڪيفيت مان ٻاهر ڪڍي اچي. پنجن سالن کان هو گڏ رهي رهيا هئا. پر هُوءَ اڃان تائين ذيشان جي ان مسئلي جو سبب معلوم نه ڪري سگهي هئي. هو گهٽ ڳالهائيندو هو. پنهنجي دل جي ڳالهه بيان نه ڪري سگهندو هو. شاديءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ سيمي هن سان گهڻو وڙهندي هئي. پوءِ هو آهستي آهستي ذات جي خول ۾ بند ٿيندو ويو. سيمي هڪ حد کانپوءِ ان گهرائيءَ ۾ اندر داخل نه ٿي سگهندي هئي. کيس ذيشان سمنڊ وانگر لڳندو هو. انسانن ۾ به فطرت جون خاصيتون هجن ٿيون. جيئن چنڊ، سمنڊ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. تيئن ذيشان کي به بي چين ڪري ٿو وجهي. هو ڪڏهن چنڊ جي خوف مان نڪري مون کي محسوس ڪندو....!
    هو فقط مون سان زندگي گذاري رهيو آهي. هو مون کي محسوس نه ڪري سگهيو آهي. هو جڏهن مون کي محسوس ڪرڻ لڳندو ته شايد هن جو چنڊ جو خوف ختم ٿي وڃي!
    اسان ٻئي مختلف آهيون. هڪ ٻئي جي احساس کي نه ٿا ڇُهي سگهون. هن کي روشنيءَ سان پيار آهي. ۽ مان اونداهي ۾ لڪڻ چاهيندي آهيان. هو ميڙ ۾ وڃائجي ويندو آهي. ۽ مان اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي پائڻ چاهيندي آهيان ............
    سوچي سوچي سيمي جي مٿي ۾ سور ٿيڻ لڳو. هو ٻئي شروع ۾ هڪٻئي سان محبت ڪندا هئا. تڏهن کين لڳندو هو، هو ٻئي هڪجهڙا آهن. سندن سوچون، ذهني، جذباتي گهرجون ۽ جسماني خواهشون سڀ هڪجهڙيون آهن. پر وقت سان گڏ کين محسوس ٿيڻ لڳو ته هو بنهه مختلف آهن. هڪ اونداهي آهي ته ٻيو روشني، هڪ سمنڊ آهي ته ٻيو چنڊ آهي. سيمي چنڊ آهي.
    جڏهن ته ذيشان هڪ سمنڊ وانگر آهي. سمنڊ جي گهرائي ۾ ٻڏڻ جو خطرو هوندو آهي. سمنڊ پراسرار آهي. اڻ حل ٿيل اسرار آهي، رنگن کان هٽي ڪري خوف جي گهرائي به آهي. مرد، سمنڊ آهي. سمنڊ بي يقيني آهي. عورت چنڊ آهي جنهن وٽ پنهنجي روشني ناهي. اڌاري ورتل روشني ۾ به خوبصورت آهي. چنڊ اتساهه آهي. چنڊ جي سونهن تعميري آهي، پر ان جو اثر تخريبي آهي. هڪ ڄار جيان ....... مرد فقط خوبصورتيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ چاهيندو آهي، کيس ڄار ۾ ڦاسڻ کان نفرت آهي.
    سيمي سوچي ٿي ته هاڻ هُوءَ روشنيءَ ۾ سمهڻ جي ڪوشش ڪندي ائين هُوءَ اڪيلي ته نه هوندي. هر خواهش يا ضرورت پوري نه ٿيندي آهي. اڌوري پڻي ۾ به هڪ خوبصورتي آهي. سڀ ڪجھه مڪمل هجي ته جستجوئي ختم ٿي وڃي. ذيشان به دنيا ۾ اڪيلو هو. سيمي جو به ڪو ويجهو مٽ مائٽ نه هو. ٻنهي جا پري جا عزيز هين، جن سان خوشي يا غمي ۾ ملاقات ٿيندي هين.
    ٻن طرفن کان تنهائين جو ٽڪراءُ هو. پر حل وري به نه نڪري سگهندو هو. رات جو وري ساڳيو جهيڙو.
    ”ذيشان مون کي روشنيءَ ۾ ننڊ نه ٿي اچي. پورو هفتو جاڳندي رهي آهيان. هاڻ برداشت نه ٿو ٿئي“.
    ”مان ٻئي ڪمري ۾ ٿو وڃان ..... “ ذيشان اٿي وڃڻ لڳو.
    ”پليز شاني! مان اڪيلي نه سمهي سگهندس“ــ هُوءَ کيس ٻانهن کان جهلي منٿ ڪري ٿي. اکين ۾ ويڳاڻو احساس.
    ”پنهنجي ذهن جو علاج ڪراءِ“، ذيشان سندس هٿ جهٽڪندي چيو.
    ”۽ تنهنجي پنهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“ سيمي تيز لهجي ۾ چيو.
    ذيشان آپي مان ٻاهر نڪري ويو. هڪ جنون جي ڪيفيت هيس. سمنڊ جو نه بيهندڙ چاڙهه هو. پهريون دفعو هن سيمي تي هٿ کنيو. ان جنوني ڪيفيت ۾ کيس گهٽا ڏنائين. سيمي کي لڳو اها هن جي زندگيءَ جي آخري رات هجي. اُها پوري چنڊ جي رات هئي. ذيشان کي هوش آيو ته سيمي زمين تي بيهوش پئي هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو هوءَ سوٽ ڪيس ٺاهي وڃڻ لاءِ تيار ويٺي هئي. سندس چهرو املتاس جي گلن جهڙو زرد ٿي لڳو.
    ”ڪيڏانهن ويندينءَ“. ذيشان جي چهري تي پڇتاءُ هو.
    ”جتي سڪون هوندو“. سيمي جي لهجي ۾ اداسي هئي.
    ”توکي سڪون ڪُٿي به نه ملندو. سڪون ڳولهڻ جي ڪوشش فضول آهي“.
    ”بي سڪوني ۾ به موت آهي“.
    ”ڪن جو مقدر فقط سڪون آهي. ۽ ڪي فقط بي چيني لاءِ پيدا ٿيا آهن“. ذيشان کيس ائين چوندي اذيت پسند لڳو.
    ”مان انهن حالتن ۾ نه ٿي رهي سگهان ......!!!“ سيمي روئڻ لڳي.
    ”سيمي تون هلي ويندينءَ ته مان بلڪل اڪيلو رهجي ويندس“. ذيشان جو چهرو خوف وچان پيلو ٿي ويو.
    ”تون بلب جي روشني ۾ آرام سان سمهي سگهندين. ڪير تو سان وڙهڻ وارو نه هوندو“. سيمي ٽٽل لهجي ۾ چيو.
    ”تون ڀلي مون سان وڙهه، پر مون کي ڇڏي نه وڃ“. ذيشان کيس منٿون ڪرڻ لڳو.
    ”مون کي پنهنجي جان پياري آهي. ڪلهه تو مون کي ذري گهٽ قتل ٿي ڪيو“. سيمي کي اڃان گلي ۾ سُور هو.
    ”مون کي الائي ته ڇا ٿي ويندو آهي“. ذيشان جي لهجي ۾ بي وسي هئي.
    ”مان توسان نه رهي سگهان“. سيمي نفرت سان چيو.
    ”مان توکي نه ٿو ڇڏي سگهان“. ذيشان محبت ۽ مان سان وراڻيو.
    ”پر تون مون کي نه روڪي سگهندين“. هن ڀيري سيمي جو فيصلو برف بڻجي پگهرجڻ لڳو.
    ”ڪاڏي ويندينءَ؟“ ذيشان گهري نظر سان کيس ڏسندي چيو.
    ”اهو منهنجو مسئلو آهي“. هُوءَ ذيشان جي ويڳاڻيءَ نظر هٿان گهائل ٿي وئي. پوءِ خاموشي ڇائنجي وئي.
    چنڊ ۽ سمنڊ جو جهيڙو هلندو رهندو. چنڊ جي سڪون ۾ انتشار آهي. سمنڊ هونئن ئي منتشر آهي. پر چند جي راتين ۾ جهنگلي بڻجي پوندو آهي.
    سمنڊ هڪ مرد وانگر آهي .............
    هن جي خواهش جو ڪو انت ناهي ..........
    سمنڊ ۾ بي يقيني آهي.
    بي يقيني انسان کي ماري وجهندي آهي ...........
    سيمي کي لڳو هن جي زندگيءَ جا ڏينهن ٿورا بچيا آهن. هڪ مرد جي ذهن جو طوفان کيس ماري ڇڏيندو. تڏهن ته کيس اڃا تائين ٻار نه ٿي سگهيو. هڪ ٻه ابارشن ٿي ويس. سندس سوچ هر وقت چنڊ جي راتين جي خوف ۾ گذرندي هئي. خوف ۾ وڪوڙيل عورت ماءُ نه ٿي بڻجي سگهي. جي بڻجي به ٿي ته اڌوري ماءُ! ڪڏهن سيمي کي چانڊوڪي وڻندي هئي. کيس لڳندو هو، چنڊ زمين جي هر شيءِ سان رومانس ٿو ڪري. چنڊ جي ڇهاءُ سان هرشيءَ حسين ٿي پوندي آهي. کيس چانڊوڪيءَ جي منفي اثر جي باري ۾ ڪا ڄاڻ نه هئي. کيس فطرت سدائين مهربان لڳندي هئي. پر فطرت جا ٻه روپ آهن. اها خبر ذيشان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي پئي هيس. فطرت منفي به ٿي سگهي ٿي
    انسان وٽ به ٻه روپ آهن.
    محبت ۽ نفرت .............
    نفرت، فطرت جي منفي روپ جيان آهي. فطرت به نفرت ڪري ٿي. طوفان، ٻوڏون، زلزلا سڀ نفرت جو اظهار آهن. کنوڻ، گجگوڙ ۽ برساتيون فطرت جي بد صورتيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون.
    پر بهار فطرت جي محبت آهي. ساوڪ، ڇانو ۽ برسات فطرت جي پيار جو اظهار آهي.
    سمنڊ جيان مرد تخريبي آهي. عورتون جنگون نه ٿيون وڙهن، هٿيار نه ٿيون کڻن. استحصال نه ٿيون ڪن. پئسو ۽ طاقت سندن ترجيح ناهي. عورت تعميري آهي. پيار ڪري ٿي، ڏک ونڊي ٿي. تڪليف سهي ٿي. بي وفائي جي، ڌڪار جي. روين جو زهر من ۾ اوتي ٿي. سمنڊ جيان غرق نه ٿي ڪري. پر زمين جيان هر طرف ساوڪ وکيري ٿي.
    گهري سوچ ۾ پاسو ورائي ٿي پر ننڊ کانئس رٺل آهي. چنڊ سندس حريف هو ڄڻ ذيشان جي محبوبه هجي انڪري چانڊوڪي سان وڙهندي رهي ٿي. گهر ڇڏي ڪيڏانهن ويندي! ڪير آهي هن جو دنيا ۾ ....... هوءَ به اڪيلائي جي خوف ۾ مبتلا هئي. ذيشان، روشنيءَ تايئن هن سان گڏ هو. اونداهي ۾ سندس ساٿ ڇڏي ويندو هو.
    مرد شايد روشنين جو ساٿي آهي.
    نفسياتي ماهر ٻڌايو هو ته پورنيما جي راتين ۾ ڏوهه وڌي وڃن ٿا. وڌيڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ٿين ٿا. ۽ انسان جي اندر جو لڪل وحشي ٻاهر نڪري ٿو اچي.
    پر مون کي چنڊ جو چاڙهه ڇو نه ٿو اثر ڪري؟
    هوءَ سوچي ٿي.
    شايد مان زمين آهيان.
    هوءَ سائيڪو ٿراپسٽ آڏو نراش ويٺي آهي. ”مان ٿڪجي پئي آهيان ڊاڪٽر صاحب!“
    ”توهان جي محبت ۽ حوصلي وارو رويو ذيشان کي نارمل ڪري سگهي ٿو“. آفتاب جي ڳالهه ٻڌي هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ٿي.
    ڪو پريشان ماڻهو سک جو آکيرو ڪيئن ٿو بڻجي سگهي؟ ڪو اهو نه ٿو سوچي ته ذيشان جو اهو رويو مون کي به ايبنارمل ڪري سگهي ٿو!
    شايد زمين کان هر ڪو ساوڪ ۽ ڇانوري جي آس رکندو آهي.
    نفيساتي ماهر جو مشورو مڃڻ کانپوءِ هن جي زندگيءَ ۾ ٺهراءُ پيدا ٿي ويو.
    روشنيءَ ۾ سمهڻ تي ذيشان سان وڙهڻ ڇڏي ڏئي. بلب جي روشني ۾ سمهڻ جي عادي ٿي وئي. اڪيلائي جي خوف تي به قابو پائي ورتائين.
    پر پوءِ به ذيشان نه بدليو. سندس خوف، دوراءِ ذهني ڪيفيت ساڳي رهي.
    ذيشان کيس ٻڌايو هو ته ننڍپڻ ۾ سندس پيءُ کيس ڏاڍو ماريندو هو. ساڳيءَ ريت هن جي ماءُ تي به جسماني تشدد ڪندو هو. ذيشان جي اداسي، ماحول جي پيداوار هئي. ٻارن کي ننڍپڻ ۾ جيڪو ماحول ملي ٿو، وڏو ٿي اُهو معاشري کي موٽائي ڏئي ٿو. هو حالات جي ڏهڪاءُ ۾ خود رحمي جو شڪار ٿي ويو. سيمي، کيس انهن ڪيفيتن ۾ ڪافي حد تائين ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. سيمي کي لڳندو هو ته ذيشان جي اندر ڪافي شين کي محسوس ڪرڻ جي سگهه ناهي. مرد جي محسوسات وسيع نه آهن. هو زندگي کي محسوس ڪري ٿو پنهنجي ضرورتن جي حد تائين.
    هو جسم سان سوچي ٿو پر عورت احساس سان. جسم، عارضي رويو آهي جڏهن ته احساس لافاني آهي. مرد سمنڊ وانگر پنهنجي خواهش جي گوڙ ۾ گم فقط پنهنجي آواز ٻڌي ٿو. هوءَ چاهي ٿي ته هو کيس آواز، لفظن، اکين جي ڪيفيتن ۽ محبت سميت محسوس ڪري.
    هن ڀيري سيمي کي مَسي ڪو به ٻار پنهنجو ڪرڻ جي صلاح ڏيئي ٿو. اها ڳالهه ٻڌي هوءَ ڇرڪي پئي. بي ستي وجود ۾ زندگيءَ جا آثار محسوس ڪرڻ لڳي. پوءِ هوءَ جلد ئي يتيم خاني مان گول ڳٽن واري سڳنڌ کڻي آئي. پوءِ هوءَ سڳنڌ ۾ مصروف ٿي وئي.سڳنڌ جي روئڻ، کلڻ، رسڻ ۽ پرچڻ ۾ عجيب سونهن هئي. ذيشان ۽ هن ملي ٻارڙي لاءِ خريداري ڪئي. هن لاءِ ڪپڙا، رانديڪا، بسترو ۽ هڪ ننڍڙو پلنگ ورتائين، بيڊروم ۾ رنگ، روشني ۽ زندگيءَ سان ڀرپور آواز هئا. سڳنڌ کي پلنگ تي ويهاري کيس رانديڪا ڏيئي ڇڏيندي هئي. پوءِ سندس معصوم چرپر کي ڏسي ٽهڪ ڏيندي هئي. سڳنڌ جي خوشي، مرڪ ۽ حيرت جيڪا سندس چهري تي رانديڪن کي ڇهڻ سان ڦهلجي ويندي هئي. سڳنڌ جي هلڪي ناسي اکين جي شرارت ۾ کيس جيئڻ جو اُتساهه ملندو هو. جڏهن هوءَ مرڪي سيمي ڏانهن نهاريندي هئي ته هر طرف يقين جي روشني وکري ويندي هئي. سڳنڌ جا والدين هڪ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. ڪنهن سٺي خاندان جو ٻار هئي. شروع ۾ ذيشان، سڳنڌ کان پري رهندو هو پر سندس معصوميت کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو.
    هو اڳي کان خوش رهڻ لڳو. سيمي به سک جو ساهه کنيو. هاڻ سندس سوچ، سڳنڌ جي چوڌاري ڦرڻ لڳي. حالات ساڳيا هوندا آهن پر انسان جو ذهن بدلجي وڃي ٿو. کيس پنهنجي سوچ کي حالتن جي نئين فريم ۾ فٽ ڪرڻو پوي ٿو. گهر ۾ هر طرف زندگي هئي. ٽهڪ، مرڪون ۽ اطمينان هو. ذيشان، چانڊوڪي راتين ۾ بيچين ٿي ويندو هو پر اڳي وانگر ايبنارمل نه لڳندو هو. پر پوري چنڊ جي راتين ۾ کيس پنهنجي اندر هڪ گهرو ڪن ڦرندي محسوس ڪندو هو. وقت سان گڏ کيس پنهنجي ڪيفيتن کي پرچائڻ اچي ويو هو. سيمي به سڳنڌ ۾ مصروف هوندي هئي. اڄ به سندن جھيڙو ٿي پوي ٿو.
    ”ذيشان بلب بند ڪر مون کي روشنيءَ ۾ ننڊ نه ٿي اچي“
    ”مون کي اونداهي ۾ ننڊ نه ايندي“ ذيشان ڪاوڙ ۾ وراڻيو سندس رڙ تي سڳنڌ جاڳي روئڻ لڳي.
    گهٽ ۾ گهٽ هن ٻار جي حال تي رحم ڪر“.
    اهو ٻڌي ذيشان ڀڻڪندو ٻاهر نڪري ويو. پر سيمي اڳي جيان هن جي پٺيان نه وئي. سڳنڌ جي ڪري کيس اڪيلائي جو احساس نه هو.
    دريءَ کان ٻاهر چنڊ جي ڪرڻن جون لهرون ماحول کي خوابناڪ بڻائي رهيون هيون. نه ڄاڻ ته ڪڏهن ذيشان چنڊ جي سحر مان آزاد ٿي مون ڏانهن موٽندو! جيڪر چنڊ نه هجي ها ته ڇا هي دنيا نه هلي سگهي ها! کيس چنڊ کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي ٿي.
    چنڊ نه هجي ها ته سمنڊ به اڌورو رهجي وڃي ها!

    * * *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 558
    ڪتابن جو مشاهدو: 658089
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 231280
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ