ڪتاب جو نالو: روپ سُندرتا
مصنف: سومار سنگم مڱڻهار
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 08 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 517 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 188 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو ”روپ سُندرتا“، مجموعي طور سندس بهترين ڪوششن جو نتيجو آهي، هڪ اهڙو ثمر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جو پورهيو سمايل آهي، هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڀوڳنائون، هن جي اندر جي لوڇ پوڇ ۽ حساس جذبن جو اظهار ٿيل آهي،
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ل
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : رُوپ سُندرتا
  • ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ شاعر
  • روشني جي سفر ڏانهن پهرين وک
  • ”سنگم“، سونهن ۽ سُرت جو شاعر
  • روپ سندرتا ۽ معياري ادب
  • جي تند برابر توريان
  • مرتبو ماڻيائين
  • جيون ساگر ڏينهڙا
  • السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان
  • السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان ميمبر شپ فارم
  • ليکڪ جو تعارف
  • شاعري

  • حمد باري تعاليٰ
  • نعتِ رسول مقبول
  • شانِ امام حُسين عه
  • گيت
  • وائي
  • غزل
  • نظم
  • چئوسٽا
  • بيت
  • نثري نظم

  • ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ل

    ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : روپ سُـــنــدرتـــا
    ليکڪ جو نالو : سومار “سنگم” مڱڻهار
    موضوع : شاعري
    ايڊيشن : پهريون
    تعداد : 1000 هڪ هزار
    قيمت : 200 سئو روپيا
    سال : جنوري 2016ع
    ڇپائيندڙ : سنڌي ادبي سنگت، ٽنڊو محمد خان
    سهڪار : السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان
    خصوصي تعاون : اعظم ڀٽي ضلع رابطه سيڪريٽري
    ڪمپوزنگ / ٽائيٽل /لي آئوٽ : جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽر اينڊ پبلشر حيدرآباد
    03332634650


    ڪتاب جي ملڻ جا هنڌ
     مڱڻهار هائوس پيپلز ڪالوني ٽنڊو محمد خان
    فون نمبر : 3613354-0342
    8672045-0312
     عاشق علي ڳاهو اسپير پارٽ
    واپڊا گرڊ اسٽيشن چوڪ ٽنڊو محمد خان
    0313-3589472

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    جيجل سنڌ سڳنڌ
    سنڌي ٻوليءَ
    ۽
    پيارين ڌيئرن
    فوزيا ”سنگم“
    نازيا ”سنگم“
    ۽
    وارث پوٽن
    عبداللطيف ۽ عبدالڪريم مڱڻهار
    جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”روپ سندرتا“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار سومار سنگم مڱڻهار آهي.
    سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو ”روپ سُندرتا“، مجموعي طور سندس بهترين ڪوششن جو نتيجو آهي، هڪ اهڙو ثمر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جو پورهيو سمايل آهي، هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڀوڳنائون، هن جي اندر جي لوڇ پوڇ ۽ حساس جذبن جو اظهار ٿيل آهي،
    هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي محمد خان پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبلشر حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين سومار سنگم جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ : رُوپ سُندرتا

    درد جون ڌنوڻيون جڏهن دُودا دُکائينديون آهن تڏهن شاعر جي من ۾ هڪ اُڄاتي اُڇل پيدا ٿيندا آهي، جيڪا ڪوتا جو جو روپ ڌاري وٺندي آهي، اهو درد انسان جو ازلي ۽ ابدي ساٿي آهي.
    شاعري جذبن، احساسن ۽ سوچن جي اظهار جو ذريعو ته آهي پر اُنهيءَ جي لوازمات ۾ فني پهلوءَ کي به اهم حيثيت حاصل آهي، جنهن شاعر وٽ ڏات ۽ ڏانءُ آهي سو سٺي شاعري تخليق ڪري سگهي ٿو، سومار ”سنگم“ سان ذاتي ڏيٺ ويٺ تڏهن ٿي جڏهن هو آبادگار شوگر ملز ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي رهيو هئو جنهن پاران هڪ مشاعرو به ڪرايو ويو هو.
    سومار ”سنگم“ مون کي سندس ڪمپوز ٿيل شاعري مهاڳ لکڻ لئه ڏني (جيڪو اعظم ڀٽي لکي چڪو آهي) جنهن ڪم کان آئون اڪثر لهرائيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مهاڳ لکڻ هڪ ذميواري جو ڪم هوندو آهي، جنهن ۾ شاعر سان انصاف ڪرڻ لئه گهڻو ويچارڻو پوندو آهي، شاعريءَ جي مڙني پاسن يعني مواد، رواني، تشبيهن، ٻولي ۽ انداز يا اسلوب سان گڏ بحر وزن جي چڪاس پڻ ڪرڻي پوندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي بيجا ساراهه ڪبي ته ايمانداري نه ليکبي ۽ ڪنهن جي ڪچاين ڦڪاين جي اوک ڊوک ڪبي ته واسطيدار ماڻهوءَ کي ڏکي لڳندي، انهيءَ ڪري
    “سنگم جي ڪتاب ”روپ سُندرتا“ تي مهاڳ ته نه لکي رهيو آهيان پر پنهنجي راءِ ۽ تجويزن جو مختصر اظهار ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته سومار نهايت پيار سان هيءَ سندس پيار جو پورهيو منهنجي حوالي ڪيو آهي.
    هن ڪتاب ۾ مختلف صنفن تي مشتمل شاعري آهي جن ۾ حمد، نعت، غزل، نظم، وايون، گيت، چئوسٽا نثري نظم اچي وڃن ٿا، فني لحاظ کان کيس اڃا به محنت ۽ رياضت جي ضرورت آهي، ٻوليءَ تي دسترس حاصل ڪرڻ لئه ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعريءَ جي گهڻي اڀياس جي گُهرج آهي، جيتري قدر مواد جو تعلق آهي ته هن وٽ دل جي ڪربلا جي درد کان وٺي سنڌ ڌرتيءَ جي غلامي جي پنجوڙن جو اظهار موجود آهي، جنهن مان سندس حساسيت پڌري ٿئي ٿي شاعري ۾، سنڌ هِن لئه ڪعبو به آهي ته ڪاشي به،
    دولـــــت نه شُـــهرت، توکان گهران ٿو،
    بخــشش نه جـــنـــت، توکان گهران ٿو،
    گهــرجــي ٿي ”سنگم“، اُو اڙي آسمـان،
    سنڌوءَ ديش ڌرتي جي، مهلت گهران ٿو.

    سنڌي عوام جا دک درد به هن کان ڏٺا، سَٺا نٿا ٿين، تڏهن ئي هو چوي ٿو:
    حقن پنهنجن ڪنا غافل، رهڻ وارا سنڌي ناهن،
    ڇنڻ وارن ڇڇورن کي، ڇڏڻ وارا سنڌي ناهن.
    هڻڻ ڌاڙا وسيلن تي، سندان غيرن سندي عادت،
    ٿين هيڻن مٿان ڪاهون، ڏسڻ وارا سنڌي ناهن.
    هراسا قوم ساريءَ کي، حرامي ٿا ڪريو ڇالاءِ،
    ڪليشن جيل ٿاڻن کان، ڊڄڻ وارا سنڌي ناهن.

    اهڙي طرح سومار ”سنگم“ جي شاعري هڪ احتجاجي آواز به آهي ته همت ۽ جُرئت جو اعلان به، ”سنگم“ جي شاعريءَ ۾ رومانيت جو رنگ به رچيل آهي جيڪو دل کي ڇُهي وڃي ٿو.
    منهنجي کيس گذارش آهي ته هو مشق سُخن کي جاري رکندي لکندو رهي ۽ لکڻ سان گڏ مطالعو به ڪندو رهي !

    -غلام حسين رنگريز
    2 فيبروري 2015ع


    ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ شاعر

    محترم سومار “سنگم” جي شاعري جو مسودومنهنجي هٿن ۾آهي. سائين جيڪو ڪجهه ڏٺو ،پڙهيو،۽ محسوس ڪيو آهي اُهو سندن شاعري ۾ چٽو نظر اچي رهيو آهي. هڪ سٺي شاعر لاءِ ضروري به آهي ته هُن جي نظر جي اڳيان جيڪو سٺو يا خراب ٿي رهيو هجي ته اهو ان کي پنهنجي قلم سان اظهاري . سائين سومار ”سنگم“ جي شاعري ۾ روايتي رنگ به آهي ته جدت به آهي اُن جو سبب شايد هي هوندو ته هِن مسودي ۾ سائين جي شروعاتي شاعري ۽ هاڻوڪي شاعري گڏي رکي وئي آهي جيڪا سٺي ڪوشش آهي سائين جي شاعري ۾ مظلوم جي دانهن به آهي ته ظالم سان جهيڙي جو اعلان به ،ڌرتي سان محبت به آهي ته غدارن سان بغاوت ۽ نفرت به آهي جيڪا ڪرڻ گهرجي فِڪري حوالي سان سائين جي شاعري تمام بهترين آهي، پر فني حوالي سان ڪٿي ڪٿي اوڻايون به نظر اچن ٿيون مسلسل لکڻ ، پڙهڻ سان انهن تي ڪنٽرول ڪري به ٿو سگهجي.
    سائين جو هي ڪتاب (روپ سندرتا) سنڌي ادب ۾ بهترين واڌاروآهي. اميد آهي ته سائين جو قلم ۽ قدم انسانيت جي ڀلائي ۽ ڌرتي سان محبت لاءِ اڳي کان اڳڀرو رهندو


    عاشق علي ڳاهو
    مرڪزي نائب صدر
    السنگم ادبي سٿ
    ٽنڊو محمد خان
    11نومبر 2015ع


    روشني جي سفر ڏانهن پهرين وک

    شاعريءَ پيار جو اهو پورهيو آهي، جنهن جي اگهامجڻ لاءِ هر شاعر محبت جي من ۾ جهاتي پائي رنڊا روڙيندو آهي ۽ هر شاعر جي اها خواهش هوندي آهي ته هن جي پيار جو پورهيو اگهامجي پئي! منهنجو ذاتي خيال آهي ته ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ جي جيڪڏهن هڪ سٽ مان به سماج کي ڪو لاڀائتو پيغام ملي ٿو ته اها ان شاعر جي ڪاميابي ليکجڻ گهرجي. باقي احساساتي طور هر شاعر توڙي تخليقار جي اها آس هوندي آهي ته دنيا امن ۽ آشتي جو گهوارو بڻجي، مظلوم ماڻهن کي انصاف پلئه پئي، حق ۽ سچ جي فتح ٿئي سو شاعر جي هن ڪتاب ”روپ سُندرتا“ جو ليکڪ سومار ”سنگم“ سنڌ ڌرتيءَ جي لاڙ واري زرخيز خطي سان تعلق رکي ٿو، جنهن خطي ۾ سنڌي شاعريءَ ٻوليءَ ۽ ادب جي آبياري لاءِ سوين سالن جو اهڙو سفر ڪيوآهي، جنهن سفر نه رڳو سنڌي ٻوليءِ، ادب ۽ شاعريءَ کي نوان لاڙا ۽ گس ڏنا آهن پر هن کي هڪ اهڙي مهانتا ارپي آهي، جيڪا تاقيامت قائم ۽ دائم رهڻي آهي، سنڌي ٻوليءَ خوش قسمت ٻوليءَ آهي. جنهن سوا لک کان وڌيڪ شاعرن کي جنم ڏنو آهي، انهن سمورن شاعرن جي من اندر ۾ وطن سان محبت ۽ عشق جو فطري جذبو سمايل آهي، وطن تان قربان ٿيڻ جي سڀاويڪ احساس سان گڏ انهن شاعرن وطن سان محبت جو درس ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. ڌرتيءِ جي سڳنڌ، مٽيءَ جي خوشبوءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سونهن کان متاثر ٿي سومار ”سنگم“ شاعريءَ جي ڪنوار سان نيڻ اٽڪائي 24سالن جو سفر طئه ڪيو آهي. ان سفر ۾ هن جيڪي به سختيون تڪليفون تعجب پرستيون ۽ مشڪل مرحلا پار ڪيا آهن، اهي هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهن، هو جتي سنڌ وطن ۽ ٻوليءَ جي حفاظت جي ضرورت تي زور ڏئي ٿو، اتي جبل، ٻيلا، ڀٽون ۽ واري بچائڻ جي به گهر ڪري ٿو.
    جبل ٻيلا ڀٽون واري بچاءُ تن جو ڪرڻ گهرجي،
    بچائڻ سنڌ وطن ٻوليءَ حفاظت جي ضرورت آ.

    هو قوم جي بهادريءَ واري عمل کان ڪنهن به صورت ۾ غافل ناهي، هو سمجھي ٿو ته ڪيڏيون به اُرهه زورايون هجن پر اسان جي پوري قوم کي هيسائي، ڌمڪائي زير بار نٿو ڪري سگهجي، چاهي انهن تي هٿيار ٿاڻي انهن کي جيلن ۽ ٿاڻن ۾ واڙيو ڇو نه وڃي.
    هراسان قوم ساريءَ کي، حرامي ٿا ڪريو ڇا لاءِ،
    ڪليشن جيل ٿاڻن کان، ڊڄڻ وارا سنڌي ناهن.

    وطن جي مارو ماڻهن جي نوڙت، نماڻائي، عاجزي کي شاعر انهن جي ڪمزوري نه پر انهن جي حڪمت ۽ ڏاهپ ڪوٺي ٿو، مارو ماڻهو جنهن سان به نوڙت جو ناتو رکن ٿا، اهو خوب نڀائي به ڄاڻن ٿا، اهي ناتا اڄڪلهه جا نه پر صدين جا پراڻا ناتا آهن، جن کي شاعر هن ريت بيان ڪري ٿو.
    اسين مارو مٺڙا، نماڻا ٿا سڏجون،
    وطن سنڌ جا سمجھو سياڻا ٿا سڏجون.
    رکون ناتا جن سان نڀايون ٿا تن سان،
    سندا پنهنجن ساڻ ”سنگم“ پراڻا ٿا سڏجون.

    خوشين کي پنهنجي ڌرتيءَ سان سلهاڙڻ، ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ، تحفن جي مٽا سٽا جي روايت کي زنده رکڻ ۽ مُرڪون وکيرڻ واري ريت کي هن ڪيڏي نه خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن مان شاعر جي زنده دليءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ٽهڪ ڏئي کلڻ جون ڪيڏيون نه حسرتون سانڍيو ويٺو آهي.
    سنڌوءَ جي ڪناري ملڻ يار اچجان،
    ملڻ عيد سهڻا سڄڻ يار اچجان.
    اجرڪي رنگن تي وڳو نئون پهري،
    وٺڻ گل ۽ تحفا ڏيڻ يار اچجان.
    اڃان سُرن مُرڪون وکيريان پيو هت،
    ڏئي ٽهڪ مون سان کلڻ يار اچجان.

    هو زندگي جي سفر ۾ توڪل جي ٻيڙي کي تاري
    طوفانن سان ٽڪر کائي، ڪنارن تي واپس ورڻ جو حوصلو نٿو وڃائي، پٿرن کي تراشي، ڪاشي تي رنگ ڀري، ڌرتيءَ جي وارثي ڪري آزاديءَ جو سج اُڀارڻ لاءِ پُر اميد آهي، جنهن خاطر هو رت سان غزل ۽ گيت لکي، اُميدن جا ڏيئا ٻاري پيو.
    لکجن رت سان ”سنگم“ غزل گيت سنڌ لئه،
    اميدن جو ڏيئڙو ٻري پيو اڃان.

    ڪنهن به شاعر جي اها بنيادي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ڏات کي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ۽ ڪنهن به شاعر کي وطن دوست يا محب وطن قرار ڏيڻ لاءِ مٿئين پهلوئن کي نظر ۾ ضرور رکڻ گهرجي ته ڪير ڪيتري حد تائين پنهنجي ڌرتيءَ، ڌرتيءَ جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي سٻاجھڙي ٻوليءَ سان وفادار ۽ سچو آهي، اسان جي دوست سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو اڪثر حصو حب الوطني جي مدار ۾ گهمي ٿو، اهڙن جذبن جو اظهار هن مختلف جڳهين تي مختلف حوالن سان ڪيو آهي.

    سومار ”سنگم“ سنڌ جي وڏيرا شاهي واري نظام ۾ جرڳن جي ڪُڌين رسمن کي انهن ئي سواليه نظرن سان ڏسي ٿو، جنهن نظر سان اهل علم، روشن خيال ۽ ترقي پسند ماڻهو کي ڏسڻ گهرجي، ڏنڊ چٽي ۾ نياڻيون جرڳن وسيلي ڏيڻ کان وٺي نياڻين جو پاڪ ڪتاب سان لانئون لهڻ تائين، ڀُڳڙن مُٺ نياڻيون وڪرو ڪرڻ کان وٺي، پيرين اڳهاڙي ٽانڊن تي هلائڻ واي ڪُڌي رسم تائين، هر ڪُڌي قدم تي سندس قلم سواليه تلوار جي شڪل ۾ اُڀو آهي، سندس قلم سنڌ جا ميلا به گهمائي ٿو، مدارين جا کيڏ به ڏيکاري ٿو، درگاهن جا تبرڪ طور پاڻي پياريندي به نظارا پسائي ٿو ته راڳين جا سُر وکيريندڙ سوز به ارپي ٿو، هو پنهنجي ڌرتيءَ تي دهشتگردن ۽ قاتلن جي قهري ڪاررواين کان پڻ چڱي طرح واقف آهي، ويڪائو وڏيرن جي ڪردار کي به ننديندو رهي ٿو. مثال طور:
    دهـشـتــگرد قاتـل قـهاري نه گهرجن
    مقتل گهـر ۽ مُنـڪر مڪاري نه گهرجن.

    ٻئي هنڌ چوي ٿو ته :
    وڪــيا سنڌ وسيلا وڪي ڌرتي ٻولي،
    وڏيرا پير واپاري نه گهرجن.

    سومار ”سنگم“ گهٽڪي، مين پڙي، پان، سگريٽ جھڙين سماجي بُراين کي مٺو زهر قرار ڏيندي، پنهنجي صحت کي سنڀارڻ جي صلاح ڏئي ٿو، هو قوم کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اوهان جي زندگي قيمتي آهي، ان کي دنيا جي دوکي ۾ ضايع نه ڪريو.
    سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو انداز بلڪل عوامي انداز آهي، جنهن ان کي تمام آسان لهجي ۾ سمجهه ۾ اچڻ جھڙو بڻائي پيش ڪيو آهي، جيڪا شاعراڻي خصوصيت آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جو هي شاعر هر وقت عوامي ميل جول جو قائل آهي، سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي نج ٻهراڙي جا لفظ ڪتب آندل ٿا ڏسجن ته ڪٿي وري ٺيٺ سنڌي هاريءَ جي ٻوليءَ استعمال ڪيل ٿي ڏسجي، جيڪا سندس فني خوبي چئي سگهجي ٿي، هن ڪتاب ۾ سومار “سنگم” غزل، گيت، وائي، نظم، نثري نظم، چئوسٽن ۽ بيتن سان تمام سٺو نڀاءَ ڪيو آهي، سندس نثري نظم ”دل جي ڪربلا“ هن ڪتاب جو شاهڪار نثري نظم قرار ڏئي سگهجي ٿو.
    سومار ”سنگم“ جي شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو ”روپ سُندرتا“، مجموعي طور سندس بهترين ڪوششن جو نتيجو آهي، هڪ اهڙو ثمر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جو پورهيو سمايل آهي، هڪ اهڙو سفر آهي، جنهن ۾ سومار ”سنگم“ جي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ڀوڳنائون، هن جي اندر جي لوڇ پوڇ ۽ حساس جذبن جو اظهار ٿيل آهي، اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي ته ان مان ڪهڙو پيغام حاصل ڪن ٿا، ۽ ان کي ڪيترو پسند ڪن ٿا؟ بحرحال آئون سومار ”سنگم“ جي ماٺيڻي مزاج، حساس طبعيت ۽ سادگيءَ کي ڏسندي سندس تخليق کي به حساسيت ۽ سادگيءَ جي رُوپ ۾ سندرتا محسوس ڪندي اهو سمجھان ٿو ته هي مجموعو سندس درد جي دانهن آهي، هي مجموعو روشنيءَ جي سفر ڏانهن پهرين وک آهي…..!!


    اعظم ڀٽي
    ضلع رابطه سيڪريٽري
    ٽنڊو محمد خان
    19 نومبر 2015ع


    ”سنگم“، سونهن ۽ سُرت جو شاعر

    دوست سومار ”سنگم“ سان منهنجو واسطو22 نومبر 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ آبادگار شگر مل پاران ڪرايل غيرطرحي مشاعري ۾ ٿيو،سندس خاموش طبيعت ۽ سنجيده شخصيت، سچائي، وفاداري هئڻ جي ڪري منهنجي ساڻس دوستي ٿي، مون ۽ ”سنگم“ تمام ڳچ عرصو گڏجي ادبي سفر ڪيو آهي،.
    “سنگم” پنهنجي فيصلي تي اٽل رهڻ ۽ هار نه مڃڻ، منهن تي سچ چوڻ ۽ ڪنهن جي خوش آمد نه ڪرڻ وارو اڇو اُجرو شخص آهي، سندس شاعريءَ جو مجموعو ”روپ سنڌرتا“ منهنجي اکين جي سامهون هٿن ۾ آهي جنهن ۾ ”سنگم“ الله ۽ رسول کي راضي ۽ محبت ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي چيو آهي ته،
    مرسل مديني جو مٺا ديدار درشن ٿو گهران
    حاضري در حضور جي حاجت هجتن ٿو گهران

    ٻئي هنڌ وري اسان جي سماج ۾ وڏيرن ۽ سردارن جي بنگلن جي بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ ڪاروڪاري تي جرڳا سسٽم سنڌ جي لڄائتي نياڻين جي عزتن کي ڪاروبار ڪري هلائيندڙن خلاف ”سنگم“ پنهنجي شاعريءَ ۾ بغاوت ۽ ساڻن سخت نفرت ڪرڻ جو ثبوت ڏنو آهي نياڻين کي تعليم جهڙي زيور کان پري رکڻ پنهنجي جائيداد کي حصن کان بچائڻ جي لالچ ۾ نياڻين جا حق بخشرائڻ، قرآن سان لائون ڏيارڻ جهڙي ڪڌين رسمن خلاف بهترين جذبن کي وڏي دليري سان ڪاغذ جي ڪينواس تي اتاريندي چيو آهي ته
    ڏنڊن چٽيون، ڏيندڙ نياڻيون جرڳا ڇو.
    هنجن کسجن جي گهر، ڌڃاڻيون جرڳا ڇو،
    ڪرڻ مصلي پرڻو ڏين ڪتاب سان لائن
    رَتڙا روئن ٿيون سنڌ ۾ راڻيون جرڳا ڇو.

    ”سنگم“ پنهنجي قوم لاءِ ايڪو ٻڌي محبت ۽ پيار ننڍين وڏين ڳالهين کي ختم ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهڻ جو سبق پڻ ڏنو آهي.

    وسارڻ سڀ کپن ويڇا عزازت جي ضروت آ،
    اسان جي قوم کي ايثار و الفت جي ضرورت آ.

    سندس شاعريءَ ۾ سچ به آهي ته سونهن به ۽ انقلاب جا حقيقي رنگ رمزون ”بحر وزن“ ۽ پختگي آهي، ”سنگم“ سنڌ جي پڙهيل ۽ اڻپڙهيل طبقي ۾ هڪ جيتري مقبوليت رکي ٿو، هن شاعري کي زندگي جي مشاهدن متاثر ٿيندڙ حساس جذبن، حادثن کي محسوس ڪندي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي، سنڌ مٽيءَ جي ماڻهن سندن سياسي، سماجي حق تلفين، ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويڌن استحصالي قوتن جي ڏاڍ خلاف پڻ ذهني سوچ کي قلم وسيلي شاعري جي انداز ۾ گڏ ڪري پنهنجي شاعري مجموعي ”روپ سندرتا“ ۾ لفظن کي تشبيح ڏيئي پيش ڪيو آهي، پنهنجي شاعريءَ ۾ وک وک تي سچ جون صدائون ۽ لفظن کي ڪيتريون ئي معنائون ڏنيون آهن، وٽس لفظ قطار ڪيو ۽ حڪم جا غلام ٿيو بيٺا هوندا آهن، ”سنگم“ سونهن ۽ سُرت جو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ گلابن جي خوشبوءَ ڌرتي سان پيار ۽ زندگي جو حسين عڪس شامل آهي.

    لالڻ سٺيو
    مرڪزي سينيئر نائب صدر
    هاري حقدار تحريڪ، سنڌ
    8 ڊسمبر 2015ع


    روپ سندرتا ۽ معياري ادب

    اڄ دنيا ۾ هر ٻوليءِ ۾ادب وڏي پئماني تي لکيو ۽ ڇپيو پيو وڃي، ان نسبت سنڌي ٻوليءِ ۾ هڪ ته ادب جي لکجڻ جي اُها رفتار ناهي جيڪا هئڻ کپي ۽ ڇپجي به گهٽ ٿو ۽ جيڪو ڇپجي ٿو ان مان معيار جي ڪسوٽيءِ تي تمام گهٽ لکڻيون ئي لکجن ٿيون، منهنجي خيال ۾ ادب/شاعريءَ جي ڇپجڻ جي لاءِ اهو لازمي شرط هئڻ کپي ته اُهو ”معياري“ هجي ڀلي ان جو تعداد گهٽ ئي هجي.
    سومار“سنگم” سان ادبي شناسائي ان وقت کان آهي جڏهن اسان اڃا مس لکڻ شروع ڪيو هو ۽ سومار “سنگم” جو شمار پراڻن لکڻ وارن ۾ ٿيندو هو، مختلف جاين تي کيس پڙهيو ۽ ٻڌو آهي، سندس شاعريءَ ۾ ماروئڙن جودرد ۽ مٽيءَ جي خوشبوءَ محسوس ڪري سگهجي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ ڪافي جاين تي نهايت ئي خوبصورت خيال پڙهڻ لاءِ مليا، ليڪن اهو پڻ محسوس ٿيوآهي ته انهن خوبصورت خيالن کي سومار “سنگم” فني لحاظ کان جوڙجڪ جو لباس نه پارائي سگهيو آهي، انهيءَ مان محسوس ٿئي ٿو ته “سنگم “ جو تجربو طويل مشاهدو اونهو پر مطالعو گهٽ آهي، کيس ان طرف ضرور توجهه ڏيڻ گهرجي ته هڪ سگهارو ادب لکجي ۽ سٺيون لکڻيون/شاعريءَ پڙهندڙن/ٻڌندڙن تائين پهچي ۽ هڪ معياري ادب، ڇپجي آڏو اچي، سندس ادبي سفر ۾ ڪاميابين لاءِ دعاڳو آهيان.


    خيرانديش

    عبدالستار آڪاش ٽکڙائي
    10-01-2015


    جي تند برابر توريان

    سومار “سنگم” مڱڻهار جي شاعري جو مجموعو روپ سُندرتا محمد اسحاق لغاري سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد کڻي آيو. اهو 1989-90ع جو زمانو هو آئون مڊل اسڪول سعيد خان لنڊ (آبادگار شوگر ملز) اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس شروعات ٻاراڻي ادب لکڻ سان ڪيم سنڌي ادبي بورڊ پاران ماهوار گل ڦل، سليلسوار سنڌي ٻارڙا پبليڪشن ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن لکڻيون ڇپيون هيون، هڪ ڏينهن سنگم مليو جنهن چيو عاجز تون سنگت جوائين ڪرين ته بهتر ٿيندو پوءِ آئون سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون اٽينڊ ڪندو رهيس ميمبر بعد ۾ جوائينٽ سيڪريٽري چونڊيو ويس. مون تي استاد پروفيسر قادر بخش مگسي جو تخيلقي زندگيءَ تي وڏو اثر هيو بيشڪ سنگم جي سرپرستي هيٺ ڪافي شاعرن ۽ اديبن جي رهنمائي حاصل ٿي سنگم سان زندگي جي سفر ۾ ڪجهه وقت گڏ هلڻ سان پروڙ پئي ته هن جي اندر ۾ ويٺل پريت جو پکي جيڪو ٻولي ٻوليندو هو سو اڄ هن روپ سُندرتا ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر آهي سنگم جي شاعري سندس زندگي جي آرسي ظاهر ڪري ٿي.
    سنگم مدرسي جو طالب هئڻ ڪري دنياوي اثر کان علاوه مذهبي رنگ ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ معاشرتي اوڻاين، جبر ۽ نا انصافين خلاف جهاد ڪيو آهي سنگم شاعري ذريعي بيان ڪيل خيالن ۾ معاشري جي حقيقي تصوير چٽي آهي. شاعر جي ذاتي زندگي جي هلچل کان وٺي ڌرتي تي ٿيندڙ هر ظلم وستم جي تصوير کي پنهنجي شاعري ۾ بلڪل ظاهر ڪري ان کي ننديو آهي سنگم واقعه ڪربلا ۽ حضرت امام حسين عليه سلام جي شان ۾ لکيل مرثيو،
    ملعون جي آڻ مڃي ارڏو حسين ڪيئن؟
    رسول الله * هو، نبي مظهر حسين جو.

    هڪ اهڙو عظيم سچ آهي جنهن باطل کي هميشه لاءِ ذليل ۽ خوار ڪيو آهي مطلب ته سنگم هر موضوع تي شاعري ڪري هر پاسي نڀائيندي نظر اچي ٿو سندس شاعري تي نظر وجهڻ سان پروڙ پوي ٿي ته شاعر ڪيترو ارادن جو پختو آهي ۽ سندس شاعراڻه انداز ڪيترو مضبوط آهي. سنگم جي شاعري مان مشاهدو ڪري سگهجي ٿو ته هن جي شاعري فقط ۽ فقط ڌرتي سان پيار ۽ نڀاءَ جو ثبوت آهي.
    سنگم جي شاعري جي مطالي کانپوءِ آئون ان راءِ تي بيٺو آهيان ته سنگم جيڪو ڪجهه لکيو آهي سندس ذاتي مشاهدو آهي پاڻ شاعري جي جيڪا عمارت اڏي اٿس ان جي پيڙهه پختي ۽ منفرد انداز رکي ٿي پنهنجي قوم، ٻولي ۽ سماجي مسئلن جو اپٽار آهي جيڪا قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪندي، جيڪو رنگ سنگم جي شاعري ۾ نظر اچي ٿو تنهن کي نه وقت جا طوفان لوڏي سگهن ٿا نه وري زلزلا ۽ ٻوڏون ٻوڙي سگهن ٿيون پنهنجن جون نا انصافيون پراون جون بي واجبيون، طبقاتي اونچ نيچ، محبت ۽ نفرت کي محسوس ڪندي بغاوت جو رستو به ڏسي ٿو، سنگم سونهن ۽ سچ جو شاعري آهي آئون سنگم مان پر اميد آهيان ته هو نئين ٽهيءَ جو اُسريل شاعر آهي سندس شاعري قوم لاءِ هڪ اتساهه آهي سندس شاعري جو هي ڪتاب سنڌي شاعري جي گلابن ۾ گلابي گل ثابت ٿيندو.
    سنگم جي شاعري جي گلدستي ۾ هر گل جي خوشبوءَ سمايل آهي جيڪا هر پڙهندڙ کي محسوس ٿيندي سنگم جي هي تخليق اسان لاءِ ڪنهن تحفي کان گهٽ نه آهي مسقبل ۾ به اهڙي قسم جي توقع آهي ته هو پنهنجي قلمي پورهيئي کي جاري رکندو.


    دعاڳو

    ايڊوڪيٽ عاجز لغاري
    هاءِ ڪورٽ آف سنڌ حيدرآباد
    18 جنوري 2015


    مرتبو ماڻيائين

    تنهنجي تند تنوار، مون من موهيو مڱڻا (شاهه)

    سنڌ ڌرتي جي سڳنڌ مٽي تي صدين کان رهندڙ مڱڻهار ذات جنهن جي سڃاڻپ هن ريت آهي ته سردار همير سنگهه جنهن جا ست پٽ هئا جن ۾ هڪ جو نالو مڱڻ هو جيڪو ٻين سڀني ڀائرن کان ننڍو هو، مڱڻ پنهنجي والد کان سندس جاگير مان پنهنجو حصو گهريو جنهن تي سندس ٻيا ڀائر مٿس ڪاوڙجي پيا هئا پر سردار همير سنگهه، مڱڻ جي هن جرئت، بهادري ۽ سچائي کي ڏسي کيس جاگير مان سندس حصو ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجو حصو پڻ عطئي طور ڏيئي مڱڻ کي سردار مقرر ڪري کيس مڱڻهار جو مرتبو ڏنو جنهن کانپوءِ پاڻ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيا جنهن ڪري سندن سڃاڻپ امر بڻي ان مان ثابت ٿيو ته مڱڻهار جي معنيٰ پنندڙ نه پر پنهنجو حق گهرندڙ آهي جيڪو حق کيس حاصل ٿيو. مڱڻهار سنڌ جي وفادار، پورهيت، نهايت ئي ايماندار ۽ سماٽ ذات آهي. مڱڻهارن جا سڄي سنڌ ۾ پنهنجا ڳوٺ، وسنديون ۽ شهر ۾ ڪالونيون موجود آهن ۽ پاڻ زميندار ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ گهڻا ئي خوشحال آهن. مڱڻهارن جو تعلق ساز ۽ آواز سان هجڻ ڪري پاڻ سنڌ ۾ ڪيترائي وڏا راڳي جن ۾ محمد يوسف، منظور سخيراڻي مائي ڀاڳي ۽ علڻ فقير ٿي گذريا آهن. مڱڻهار خوشيون وکيريندڙ پنهنجا ڪيترائي ڏک درد سيني ۽ اکين ۾ لڙڪ لڪائي ٻين جي روحن کي راحتون ۽ انيڪ دلين کي خوشيون بخشيدا رهيا آهن مڱڻهارن جا سنڌ ۾ مختلف پاڙا ۽ سڃاڻپون آهن جن ۾ ختنگ پاڙي جي بزرگاڻي سڃاڻپ آهي هيءَ نهايت ئي اصول پرست، سادا سٻاجهڙا، جلالي طبيعت ۽ صوفياڻي شخصيت رکندڙ فقرا ماڻهو آهن . جن ۾ اسان جو بزرگ ڀاءُ سومار ”سنگم“ پُڻ آهي پاڻ ڪتاب روپ سُندرتا تخليق ڪري سنڌي شاعرن جي قطار ۾ بيهڻ جي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي جيڪو سچ سنڌي ٻولي ءَ جي تاريخي ڪُنڊ ۾ ضرور لکيو ويندو. مڱڻهار سنڌ ۾ ڪيترائي عالم ولي، روحاني شاعر، بزرگ ۽ درويش جن ۾ عاشقِ رسول * ۽ روحاني شاعر حضرت عبدالرحيم گرهوڙي ۽ الله جو ولي حضرت ختنگ فقير ٿي گذريا آهن. ختنگ فقير جيڪو هڪ دفعو شهر ميرپور ساڪرو (هاڻ تعلقو ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو )لڳ ڄام سلطان جي دربار ۾ آيو ۽ پاڻ ماني کائڻ لاءِ سوال ڪيائين ته ڄام سلطان ختنگ فقير کي چيو ته سدائين گهرو ٿا پر اڄ آئون ٿو گهران ته مون کي پٽ ڏيو ۽ پوءِ مون کان جيڪو وڻي سو گهرجو. ختنگ فقير الله تعاليٰ جي بارگاهه الاهي ۾ هٿ کنيا ۽ دعا گهري ۽ پوءِ ختنگ فقير ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ جي بغير روانو ٿيڻ لڳو ته ڄام سلطان چئيس ته مون کي پٽ ٿيو ته آئون توکي سون جي ناڪيلي سان ڀلو اٺ ڏيندس ختنگ فقير چيو ڄام تو کي پٽ الله تعاليٰ نشاني سان ڏيندو. ختنگ فقير جي دعا قبول ٿي ۽ ڄام سلطان کي الله تعاليٰ پٽ عطا فرمايو جنهن جي جسم تي (گُل جي شڪل ۾) نشاني ظاهر هئي ختنگ فقير سال کان پوءِ آيو ته ڄام سلطان ڪجهه ڏينهن لاءِ مسافري ۽ شڪار تي ويل هو ۽ ڄام دربانن کي چئي ويو هو ته هيٺين پارن سان ختنگ فقير ايندو ان کي سون جي ناڪيلي وارو اٺ ڏئي موڪلجو. جڏهن ختنگ فقير ڄام سلطان جي دربار ۾ آيو ته ٻيا فقير ڄام جي پٽ جو ٻڌي سوالي بڻجي آيل هئا جن ماني ويٺي کاڌي جنهن تي دربانن چيو ته هن فقير کي به ماني کارايو جنهن تي ختنگ فقير ماني کائڻ کان اڳ ويٺل فقيرن کي هڪ ڏور ڏنو جيڪو هن ريت هو.
    گهڻا ڌڙا ڌرتي، گهڻا پاڻيءَ پاءُ.
    ڪٿي سرجي سيءُ ٿو، ڪٿي رهي ٿو واءُ.
    ماني پوءِ کاءُ پهرين، جواب ڏيو فقير کي.

    جنهن تي ڪنهن به جواب نه ڏنو ۽ پاڻ ماني کائڻ لاءِ ويٺو ته ڄام سلطان جي دربارين کيس نانگلي جي ماني ۽ گجرن جو ٻوڙ ڏنو جنهن تي ختنگ فقير ماني کائڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي نوڪر کيس چيو ته هن وقت تولاءِ ڪڪڙ جو پلاءُ ڪٿان آڻبو. جنهن تي ختنگ فقير جلاليت ۾ اچي چيو ته اوهان ڄام سلطان کي منهنجو هي نياپو ڏئي ڇڏجو پاڻ ڏور چئي روانو ٿيو.
    سڙهه ماني نانگلي، سڙهه گجرن جا گزران.
    سڙهه سارا ساڪرا، سڙهه سارڙا سلطان.
    ڄيرو لڳئي ڄام، وڃي سڙنئين ڪپ ڪلري جا.

    ختنگ فقير ڏور ڏئي هليو ويو پويان ڪلري جي پوري وسندي ۽ ڄام سلطان جي دربار کي چؤطرف کان باهه جو ڪڙو چڙهي ويو هو ان وقت ڄام سلطان واپس پهتو ته نوڪرن سڄي ڳالهه چئي ٻڌايائونس ڄام سلطان کي خبر هئي ته ختنگ پيڙهي در پيڙهيءَ جا شاعر آهن جيڪي پاراتن جا ڏور نه ڏيندا آهن پر ڪنهن جي ايذائڻ ۽ ناانصافي ڪرڻ تي جلاليت ۾ اچي ڪو اهڙو ڏور ڏئي واپس ڪندا ته پاڻ ساهه جو صدقو ڏئي دنيا مان رخصت ٿيندا آهن. جنهن تي ڄام سلطان چيو ته توهان قرآن شريف ۽ هڪ ديڳ چانور ۽ هڪ ڇيلو ڪاهي اُٺن تي ختنگ فقير جي پويان وڃو ۽ جتي ملي اتي قرآن پاڪ جو واسطو ڏئي ڏور واپس ڪرائجو ته باهه وسامي ويندي پر ختنگ فقير دم ڌڻي حوالي ڪري ته اوهان اتي ئي ڪفن دفن ڪري واپس اچجو درباري نوڪر چاڪر اٺن تي نڪري پيا جيڪي ختنگ کي ٻُهارن جي ويجهو پهتا ۽ ختنگ فقير کي قرآن پاڪ جو واسطو ڏئي ڏنل ڏور واپس ڪرائڻ جو چيو جنهن تي ختنگ فقير پاڪ ڪلام کي چمي الله جي رضا تي راضي ٿي ڏور واپس ورتائين ته:
    وس ماني نانگلي، وس گجرن جا گزران
    وس سارا ساڪرا، وس سارڙا سلطان
    ڄيرو لهنئي ڄام، وڃي وسن ڪپ ڪلري جا

    ختنگ فقير ڏور واپس ڏئي دنگ ڪيو ته ڄام سلطان جي ڪلري کي لڳل باهه مٿان هلڪي برسات پوڻ شروع ٿي جنهن سان باهه وسامي وئي جيئن ئي ختنگ فقير قرآن پاڪ واپس ڪري ڪرڙ جي ننڍڙي وڻ سامهون پيشاب ڪرڻ لاءِ ويو ته اتي ڪرڙ ۾ ويٺل تخت نانگ کيس پير ۾ چڪ هڻي ڏنگي وڌو هو ۽ پاڻ ڪلمون پڙهي الله کي پيارو ٿي ويو جنهن تي نوڪرن ڄام سلطان جي هدايت تي کوهه کڻي ختنگ فقير کي غسل ۽ ڪفن ڏئي اُتي ٻُهارن جي ويجهو دفن ڪري واپس موٽيا ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ ڄام سلطان ختنگ فقير جي آرامگاهه کي پڪو ڪرايو . جيڪا اڄ ”يوسي“ ٻُهارن ۾ ختنگ فقير جي آرامگاهه موجود آهي.


    امير “جان” سفير
    مرڪزي سيڪريٽري
    السنگم ادبي سٿ
    ٽنڊو محمد خان
    6 نومبر 2015ع


    جيون ساگر ڏينهڙا

    مٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هئن ڪپار.
    ته واري واري وڍيان، سِسيءَ کي سؤ وار.
    ته پڻ تند تنوار ،تنهنجي مٿانئين مڱڻا. (شاهه)

    شاعري مون ڪنهن حسينا جي پيار ۾ دوکو کائي ۽ خوش آمدي قصيده لکي شاعر بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي پر سنڌ ڌرتيءَ جي سڳنڌ مٽيءَ جي خوشبوءَ ۽ سنڌي سٻاجهڙي ٻوليءَ ۽ سنڌ راڻيءَ جي پوشاڪيل سونهن کان متاثر ٿي شاعري ذريعي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. جنهن ۾ منهنجي ذاتي پسند، ناپسند، من اندر جي لوڇ پوڇ ۽ زندگيءَ جون ڪجهه ڀوگنائون ضرور چٽيل آهن.8 آگسٽ 1988 تي فاليج دوران دل، دماغ ۽ گڙدن جي مسلسل تڪليف جي ڪري شاعري سان ذهني ۽ روحاني نڀاءُ نه ڪري سگهيو آهيان. زندگي، قوم ۽ دوستن کان شڪايت ناهي، چاهتن جو تسلسل مرڻ کان اڳ نه ختم ٿيندو، مون کي فيمليءَ جو هر فرد ۽ سنڌي ماڻهو پيار ڪندي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪا خوشي آهي. آئون جيون ساگر ڏينهڙا سنڌ لاءِ وقف ڪري لکندو رهندس. انشاءَ الله تعاليٰ منهنجو 24 سال شاعريءَ جو سفر ڪافي مشڪلاتون ۽ ڪيترائي مرحلا پار ڪري هاڻ حقيقي طرح ننڍڙي ڪتاب ”روپ سُندرتا“ جي شڪل ۾ اوهان سڄڻن جي هٿن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪا منهنجي خوابن جي تعبير آهي. جيڪو سندم پورهيو قبول پوندو. هن پوري سفر ۾ جن اهلِ ادب ڀائڻ وارن جو ساٿ رهيو تن ۾ اعظم ڀٽي جنهن تمام نثري مواد کي درست ڪيو ۽ عاشق علي ڳاهو شاعري کي درست ڪيو. جنهن لاءِ آئون خاڪ سار سندن تاحيات احسانمند رهي کين هميشه دعائن ۾ ياد ڪندو رهندس.

    قابل احترام غلام حسين رنگريز صاحب ڪافي اهم ذميوارين مان وقت ڪڍي منهنجي ڪتاب تي تجويزون ۽ مختصر رايو (مهاڳ) لکيو آهي جيڪا سائين جي مهر نظر مون لاءِ وڏو اعزاز آهي. پاڻ شاعري لاءِ مونکي غزل بحر وزن تي لکڻ جو ڏانءُ ڏسيو هوائين جنهن کان پوءِ آئون ڪجهه صنفن تي ڪتاب روپ سندرتا تخليق ڪري سگهيو آهيان. سائين جا وڏا وڙ ٰ. منهنجو ننڍڙو ڀاءُ امير ”جان“ مڱڻهار جيڪو منهنجو ادبي دوست ۽ سٺو ساٿي رهيو آهي، جنهن منهنجي سموري ادبي پورهئي کي سهيڙيو آهي، جيڪو اڄ ڪتاب ”روپ سندرتا“ جي شڪل ۾ موجود آهي، امير ”جان“ السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان قائم ڪرڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ ڪجهه ادبي پروگرام پڻ ڪرايا ۽ ذات تي تحقيقي رايو لکي پنهنجو قومي فرض پورو ڪيو آهي، محترم عاشق علي ڳاهوجنهن منهنجي شاعري تي چند لفظ لکي منهنجي حوصلا افزائي ڪندي شاعريءَ ۾ ڪجهه اوڻاين جو احساس ڏياريو، جيڪا سندن سچائيءَ ۽ سٺائي آهي، آئون عاشق علي ڳاهو جو ٿورائتو آهيان.
    محترم اعظم ڀٽي منهنجي ننڍڙي ۽ ٿورڙي ڪتاب ”روپ سُندرتا“ تي تفصيلي ۽ تحقيقي رايو (روشنيءَ جي سفر ڏانهن پهرين وک) ڄڻ مهاڳ لکي منهنجي تخليقي ڪاوشن کي ساراهيندي تمام گهڻو شانائتو بڻايو آهي، اعظم بنا ڪنهن ساڙ، حسد ۽ فرق جي مون جھڙي ذات، شڪل ۽ تخليق جي غريب کي اهميت ڏيندي جيڪو مان بخشو آهي سا اعظم ڀٽيءَ جي سچائي، انسان پرستي ۽ مخلصي آهي، اعظم پاڻ اهِل ادب هئڻ، قومي جذبورکندڙ، ۽ پنهنجي عمل ۾سچو رهڻ جيڪو سندن شخصيت مان ثابت آهي، آئون سائين اعظم جو نهايت احسان مند آهيان ۽ لالڻ سٺيو، آڪاش ٽکڙائي ، عاجر لغاري ۽ اسلم ڀٽي جو پڻ ٿورائتو آهيان جن منهنجي ڪاوش تي پنهنجا پل پريتڙا نڇاورڪيا آهن آئون تمام دوستن، احبابن ۽ پرهندڙن جو مشڪور آهيان

    سومار ”سنگم“ مڱڻهار
    باني السنگم ادبي سٿ
    ٽنڊو محمد خان


    السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان

    دستوري عمل Consitituion
    تنظيم جو وجود ۾ اچڻ جو سن جمادي الثاني (9) اربع جو ڏينهن 1427 هه جولاءِ 2006 ع
    تنظيم جي قائم ٿيڻ جو هنڌ: ضلعوٽنڊو محمد خان
    تنظيم جي مرڪزي آفيس: پيپلز ڪالوني ٽنڊو محمد خان
    تنظيم جو متن: هيءَ تنظيم غير سياسي ۽ غير فرقيوارنه ۽ خالص ادبي تنظيم هوندي.
    هي تنظيم سماجي ڀلائي جي تنظيمن سان الحاق ڪري سگهندي، جيڪي سماجي ڀلائي تنظيمن جي رجسٽريشن ۽ ڪنٽرول آرڊينس 1961ع تحت رجسٽرڊ ٿيل هجن.
    تنظيم جو مقصد: ماڻهن ۾ تعليمي ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ هر ماڻهو کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ثقافت ڪلچر ۽ ٻوليءَ تي ليڪچر ڏيڻ ۽ ورڪشاپ ڪرائڻ هوندو تنظيم کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڳوٺ شهر هر هڪ تعلقي ضلعي ۽ سڄي سنڌ ۾ ادبي سٿ جون شاخون کولڻ هوندو.
     فقره نمبر 6:ميمبر شپ جي اهليت بابت ڄاڻ.
     ”الف“ تنظيم جو ميمبر ٿيڻ جي اهليت.
    ادبي ذوق رکندڙ ڪوبه شخص هيٺ ڄاڻايل بنيادن تي السنگم ادبي سٿ جو ميمبر ٿي سگهندو، جيڪو 18 سالن جو/جي يا ان کان وڌيڪ عمر جو/جي ادبي سٿ جو هجي تنظيم جو/جي ”علائقي اندر رهندڙ هجي.
     باادب باڪردار ۽ سالم دماغ هجي.
    جيڪو تنظيم جي آئين جي پابندي ڪري ۽ مول متا مقصدن ۽ بايولاجي حمايت ڪندو هجي.
    جيڪو ماهوار مقرر ڪيل في ڏيڻ قبول ڪري سو ميمبر ٿي سگهندو.


    السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان ميمبر شپ فارم

    ميمبر شپ فارم

    مرڪز _______________ شاخ _____________________
    سيريل نمبر__________________تاريخ_______________
    پورو نالو _________________ادبي نالو________________
    تاريخ پيدائش__________تعليم__________ڪرت___________
    موجوده پتو _____________________________________
    آئون السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان جي متن ۽ مقصدن سان سهمت آهيان ۽ ان جو/جي ميمبر ٿيا ٿو/ٿي ۽ ان جي مقرر ڪيل ماهوار فيس ادا ڪريان ٿو/ٿي

    صحيح ميمبر____________ تصديق ڪئي وئي __________

    منظور ڪئي وئي__________ نامنظور ڪئي وئي __________


    صحيح مرڪزي صدر صحيح مرڪزي سيڪريٽري
    ____________________ ____________________


    ليکڪ جو تعارف

    تعريف صرف خالق جي، ۽ مخلوق جي دنيا ۾ ڪنهن ڪردار جي ڪري سڃاڻپ ڪرائبي آهي تيئن تخليقار.
    سومار ”سنگم“ مڱڻهار جنهنجو تعلق ختنگ پاڙي جي بزرگ گهراڻي سان آهي پاڻ01 جنوري 1963ع ۾ ڳوٺ الهڏنو ”ختنگ“ مڱڻهار (يوسي لاکاٽ) ۾ جنم و رتو شروعاتي ديني تعليم مولوي محمد عيسيٰ زئور، مدرسو، سيري ۽ مولوي سليمان جتوئي وٽ قرآن پاڪ ناظرا ۽ 6 سيپارا ياد پڙهي پورو ڪيو ۽ سال1982ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري، 20 آڪٽوبر 1984ع. شاهه مراد شگر ملز ۽ 25 جنوري 1986ع سنڌ آبادگار شوگر ملز ۾ پهرين ليب بواءِ ۽ پوءِ ليب ايناليٽيڪل آفيسر پروموٽ ٿيو.
    14 اپريل 1987ع شادي. 16 آگسٽ 1987ع تي مڱڻهار قومي يڪجهتي سنڌ جو صدر رهيو.
    18 جنوري 1990ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري محترم غلام حسين رنگريزجي سهڪار سان سنگت شاخ آبادگار قائم ڪري سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري عاجز واحد ”گل“ لغاري، آڊيٽر وڪيو ”وفا“ مهيري، خزانچي حبيب الله شاهه،ڪائونسلر دلدار ”انجم“ ڄامڙو، ڪميٽي تي ”حبدار“ بلوچ، لالڻ سٺيو، طفيل ”تبسم“ جلالاڻي، محمد علي مهر ۽ شبير احمد لنڊ، محمد حنيف چنا، گل حاجاڻو، عثمان ”عاجز“ جماري، احمد علي ناهيون، ابراهيم منصور ٻٻر، ممتاز علي ملاح، غلام سرور لانگاهه، امير جان، داد محمد سٺيو، محمد صالح لنڊ، غلام رسول شاهه ميمبر رهيا.
    14 آگسٽ 1990ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس ڪوٽ بنگلو خيرپور ۾ محترم تاج جويو الحاق سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سان گڏ سندس نالي سومار سان ٺهڪندڙ تخلص “سنگم” تجويز ڪيو.
    22 نومبر 1991ع ۾ شاخ پاران مشاعرو ڪرايو جنهن جي صدارت محترم غلام حسين رنگريز ڪئي مهمان خاص ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، اعزازي مهمان منصور سوراج ۽ سارنگ شاهه هئا ۽ ڪمپيرنگ ميان مير خان چانڊيو ڪئي، شاخ جي بهتر ڪارڪردگي تي ضلع رابطا سيڪريٽري محترم سارنگ شاهه سومار “سنگم” کي ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ڏنو .
    20 مارچ 1993ع ۾ روزانه ڪاوش ۽ هنڱوراڻا سنڌ ۾ صحافت ڪئي. 16 جولاءِ 1993ع ۾ سندس پهرين شاعري هفتيوار سنڌو ۾ ۽ هيل تائين مختلف ميگزينن، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپندي رهي آهي.
    24 آگسٽ 1999ع ۾ بزم ادب جيلاني سنڌ تي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو .
    سال 2005ع ۾ محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ شاخ ٽنڊو محمد خان جو ، 5 سال صدر رهيو جولائي 2006ع ۾ امير جان، عاشق علي ڳاهو جي سهڪار سان السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان قائم ڪري سٿ ۾ باني جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي 2007ع کان سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ميمبر آهي.
    7 مارچ 2012ع ورڪر يونين (CBA) آبادگار جو اليڪشن ذريعي چونڊيل جنرل سيڪريٽري ۽ 26 مارچ 2013ع ۾ مزدور دوست يونين طرفان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ريفرنڊم ۾ ٻيهر يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي رهيو. آڪٽوبر 1984ع کان جنوري 2016 تائين 32 سال شوگر انڊسٽري ۾ ملازمت ڪئي ”سنگم“ جون سياسي ۽ سماجي سرگرميون ۽ ادبي ذوق جو ڦل روپ سندرتا ڪتاب جو تحفو جنهن کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي.


    ڪامريڊ اسلم ڀٽي
    شهر ماتلي
    آگسٽ 2015


    شاعري

    حمد باري تعاليٰ

    حمد باري تعاليٰ

    لَا اِلٰهَ اِللهَ جو، سڀ کان افضل ذڪر آ،
    محمد رسول الله اسلام جو فڪر آ.

    ايمان جو رڪن، ڪلمون آهي پهريون،
    سوا دين جي دنيا، سارو سڀ ڪفر آ.

    توريت انجيل جن، وساريو قرآن کي،
    قيامت جي نه، تن کي ڪائي خبر آ.

    محل هِت خيالي اڏڻ سڀ ڇڏي ڏيو،
    اصل جاءِ انسان جي، ڌرتي لهد قبر آ.

    ڪري جو رَبۡ نَغۡفِرۡلَنَا، سو جنت گهري ڀل،
    نمازون جهن وٽ، صلواةُ ثمر آ.

    يٰاَيّهَا الّذين اٰمنُؤ اَطِيۡعُو اۡلله وَاطِيۡعُواۡلرَسُولَ،
    آسان ٿيندي منزل، محبوب هم سفر آ.

    سيد تي صلواةُ ”سنگم“ پڙهه سدائين،
    اللّٰهُمۡ صَلِيۡ اَلله جو، زبان تي ذڪر آ.


    حمد باري تعاليٰ

    رات آئي قدر، جاڳي گهرو،
    دعاءِ مغفرت جي، داڳي گهرو.

    سڏي مخلوق کي، خالق سدان،
    اچي واليءَ وٽان، واڳي گهرو.

    گهرڻ تي رب ٿئي، ٿو خوش گهڻو،
    کڻي هٿڙا سڀئي، لاڳي گهرو.

    تلاوت قرآن، نفلُون ذِڪر،
    غزل نعتون چئي، راڳي گهرو.

    ملن جنتو، ڌڻي، جنهن در اڳيان،
    بخت وارا اُتي، ڀاڳي گهرو.

    عرش حورون ملا، ئڪ پُڻ گهرن،
    ڏيڻ وارو الله، ساڳي گهرو.

    وسن رحمتون ”سنگم“، بارش ربي،
    سجدن ۾ سر رکي، ماڳي گهرو.


    حمد باري تعاليٰ

    عرش جهرڪن رات، تارن جا سنگم
    فرش تي ايمان، وارن جا سنگم

    روز افطارين جا، دستر ٿا سجن،
    رمضان ۾ روزي، دارن جا سنگم.

    طُراويون وِتر، پڙهن تصبي سنت،
    وڃن مسجد وڏا، ٻارن جا سنگم.

    ڪري نيعت سُتا، تهجد جي وري،
    وڳا سهري لاءِ، سارن جا سنگم.

    گهُرن بخشش فجر، جو ٿا هٿ کڻي،
    ٻُڪن جهليل اوڇ، گارن جا سنگم.

    سوارڻ آخرت کي، ٿا سب گهرن،
    رات جاڳي گُنهه، گارن جا سنگم.

    امن سان شل عيد، چنڊ عالم ڏسي،
    ٿين ملا وري، يارن جا ”سنگم“.


    نعتِ رسول مقبول

    نعتِ رسول مقبول *

    مرسل مديني جو مٺا، ديوار درشن ٿو گهران.
    حاضري در حضور* جي، هاجت هجتن ٿو گهران ،

    غافل گهري پيو تو ڪنا، بخش گناهن جي وري.
    در تنهنجي دلبر اڳيان، سيس سجدن ٿو گهران

    ورد وحدت جو زبان تي، ذڪر ذُوالجلال تون،
    لکين صلواةُ سيد مٿي، نفل تهجدن ٿو گهران

    راهه سولي رازق وٺاءِ، راضي جنهن ۾ رهبر تون،
    اوجهل ۾ اُلجهل عاجز آئون، قادر ڪرمن ٿو گهران.

    ڏينهن لڳي هِت سال ٿو، سؤ سال زندگي ڇا ڪندي،
    جو پل گذرن تنهنجي قدمن، سوئي پل کن ٿو گهران.

    سبز گُنبذ جو طواف، ڪر ”سنگم“ کي نصيب،
    اَللُّھُمۡ لَبَيۡڪَ لَا شَرِيڪۡ لَڪۡ لَبَيۡڪَ وردن ٿو گهران.


    نعتِ رسول مقبول *

    احمد منور ڄمندي ئي، نه ڄام ٿئي ها،
    نازل رسول الله * تي، نه ڪلام ٿئي ها
    .
    ٿئي مشڪل دين انسان لاءِ جيڪر،
    اسلام جو نالو محمد *، نه عام ٿئي ها.

    حسين عالي مڪان، پنهنجي امت جي خاطر،
    شهيدِ ڪربل ائين، نه امام ٿئي ها.

    عيسيٰ، موسيٰ، ۽ قيد ابراهيم خليل،
    يوسف بن يعقوب، نه غلام ٿئي ها.

    فاطمه، عائشه، مريم، ۽ حليمان کي،
    صِدۡرَةَ الۡمُنۡتَهيٰ ڪڏهن، نه انعام ٿئي ها.

    بلال نه ڏي بانگ ميمبر تي چڙهي جي،
    اڀري سج ”سنگم“، صبح نه شام ٿئي ها.


    شانِ امام حُسين عه

    تاريخ خُد ڏٺو پئي، منظر حسين جو،
    يزيد جي ڪٺو پئي، اڪبر حسين جو.

    ڪربل سندو قهر، قاتبن لکيو رت سان،
    سڏڪي ڏنو جتي ساهه، اصغر حسين جو.

    افـسـوس بـي ردا، رڻ ۾ ســيـدياڻيـون،
    ڪوفي ۾ قيد هيو لشڪر حسين جو.

    ملعون جي آڻ مڃي ارڏو حسين ڪيئن،
    رسول الله * هو، نبي مظهر حسين جو.

    نَصۡرُمۡنِ اللهِ ذِکۡرُوۡ فَتۡحُنَ قريب جنهن،
    ناهي جهان ۾ ڪو، ٻيو هم سر حسين جو.

    اِنالِاۡللهِ وَاِنۡا اِلهۡہِ رَاجِعُوۡنَ ربي بس،.
    بڻيوآ، جنت ”سنگم“ ڪوثر حسين جو.


    گيت

    گيت

    وٺا سانوڻ وري مينهڙا، وطن سرها ٿيا وانگي،
    کڙي گلڙن ڪيا گلشن، سکن سرها ٿيا سانگي.

    لُلر لُوڙڪ ڇڃن وليون، ڦُٽا گاهن ڀٽن باکون،
    منگها ڳاگيون ڇڳن گولون، پڪا ڏينا ڏنگن شاخون،
    ونڊي ورڇي ڏين سڀ کي، سچن سرها ٿيا سانگي.

    بهارن رنگ ڀري پيلا، سُڳنڌ ڌرتي سنواري آ،
    وڻن ڪوئل ڪري ڪوڪون، لڳي تاڙن تنواري آ،
    چڙن چالا رچڻ ڀڻ چمن، سرها ٿيا چانگي.

    پپر پينگهون ٻڌي جهولا، لڏن لي هار لامن جي،
    مٿن ٻوڪون ٻڌل چنڙي، ”سنگم“ سينگار مارن جي ،
    هلي باغن گهمن جوڙ اجهڳن، سرها ٿيا جهانگي

    گيت

    منهنجي پل نه، سري توري،
    من اوري آ، من اوري.

    ڪلهه آشا، لڙي شامون،
    گل ورکيا، هئا تو مون،
    رکي چپ ڳلن، هوري.

    دک درد، ڀري دلڙي،
    سوا تو سڄڻ، جندڙي،
    اکيون گهٽ ڏسن، گهوري.

    ڳوڙها واٽون، ڪري ٿا وهن،
    ڳل لارون، سهڻا توبن،
    توکي ڏينهن لڳا، ڇوري.

    ”سنگم“ ساري، فٽو سکڙو،
    ماندو من پرين، ٿيو منهڙو،
    ڏاڍا ڏک ويٺس، ڏوري،
    من اوري آ، من اوري.


    وائي

    وائي

    مـــــيـــنـــهـــن وســـــڪــــــارن ۾،
    ڀـــــــرجـــــي پـــــيـــــا هــــــن ڇـــــن.
    موٽي آ تون من.

    وڻــــــن گـــــهـــڻـــــا هـــــوائـــــن ۾،
    ڇـــــڻــــجــــي پــــيــــا هــــت پــــن.
    موٽي آ تون من.

    بـــــونـــــدون بـــــهـــــــــارن ۾،
    کــــــڙجـــــي پـــيــــا هــــت چــمـــن.
    موٽي آ تون من.

    جــــــــوڙا ســـــــــڀ بــــــاغـــــن ۾،
    گـــــڏجـــي پــــيــا جــــو گـــهــمــن.
    موٽي آ تون من.

    ”ســــنـــگـــم“ اڄ وڇــــــــوڙن ۾،
    لــــــــــڙجــــــي پــــيـــــا لــــــڙڪــــن.
    موٽي آ تون من.

    وائي

    ڪومل جذبا، ماري ناري،
    گنگهر ڏينهڙا، گهاري ناري.

    ليک لکين جا، سمجھي ويٺي،
    ڳڻتين جوڀن، ڳاري ناري.

    مرڪ لبن تان، کسيل جنهن کان،
    لڙڪن لڙيون، پئي هاري ناري.

    ڏور وڇوڙا، ڏاج مليو جنهن،
    ڏسڪيو اندر، ڏاري ناري.

    ڪانگل ڳارا، ”سنگم“ پچارون،
    سانگي پنهنجا، ساري ناري.


    وائي

    لفظ تو جي چيا ڀيڻ، وسرن نٿا،
    سخت ڪاوڙ سخي ويڻ، وسرن نٿا.

    زخم تازا اڃان روح، تڙپي پيو،
    ذرب دلي تي لڳل ڏيڻ، وسرن نٿا.

    چڻگ نفرت ٻري بڀڙ، بڙڪي اُٿي،
    ڏنڀ ڳريل بتي ميڻ، وسرن نٿا.

    وڃان پاڙو ڇڏي ڪٿي، پيءُ جو هلي،
    رات جاڳي رنان نيڻ، وسرن نٿا.

    رڻن جهاڳي ”سنگم“ پير فٽجي پيا،
    لوڏ لولي ڏنل سيڻ، وسرن نٿا.


    وائي

    ٿر ٿاري ليون، سُندر ناريون،
    وطن ڇڏيو هو، وڃن ويچاريون.

    ڏيهه ڏُلي پيو، بک بيماريون،
    وطن ڇڏيو هو، وڃن ويچاريون.

    قوت ڪارڻ، ڪونجون قطاريون،
    وطن ڇڏيو هو، وڃن ويچاريو.

    راهن رتڙا، روئندي ساريون،
    وطن ڇڏيو هو، وڃن ويچاريون.

    سرتي ڏکن جون، ”سنگم“ کاريون،
    وطن ڇڏيو هو، وڃن ويچاريون.


    غزل

    غزل

    وسارڻ سڀ کپن ويڇا، عزازت جي ضرورت آ،
    اسان جي قوم کي ايثار، و اُلفت جي ضرورت آ.

    جبل ٻيلا ڀٽون واري بچاءُ، تن جو ڪرڻ گهرجي،
    بچائڻ سنڌ وطن ٻولي، حفاظت جي ضرورت آ.

    ڦُٽن ڌرتي مٿي باغن، سنڌوءَ پاڻي مٺن ميون،
    ڇنڻ ٻوٽن سندا گلڙا، اجازت جي ضرورت آ.

    ڏکويل سنڌ گهري جيجل، امن جون ٿي دعائون هِت،
    ختنگ پارا هجن حاتم، شفاعت جي ضرورت آ.

    گهڻو فيشن لَبن لالي، ڪري نخرا هلي ناري،
    سهاڳڻ سنڌ سُگهڙ راڻي، مهارت جي ضرورت آ.

    ٻرون نانگن هجن نيتون ونگڻ، پنهنجن ڏنگڻ پنهنجن،
    کُپر پيرن چپڻ گُهرجن، ڪرامت جي ضرورت آ.

    کڻو حق جا علم غازي، هلو اڳتي وڌو اڳتي،
    علم دارن علي مولا، امامت جي ضرورت آ.

    ايازن سان اچو گڏجي، سُرن تارون وجهون ڇيڙي،
    سچل وايون ”سنگم“ ڀڳتون، لطيفت جي ضرورت آ.

    غزل

    روپ سُندرتا رنگ، سارا اجرڪ،
    آسمان تي جهرڪن، تارا اجرڪ.

    سُڳنڌ مکڙين جهڙي، ڌرتي سنڌ،
    سون ڪنارا سا، ڌارا اجرڪ.

    ويس اڌورا ڄڻ، سنڌين سارا،
    جي نه پهرين تو، پارا اجرڪ.

    ڪڪراڻي چنڙي، پهري ناري،
    سُنبل لڳي سا گُل، زارا اجرڪ.

    اچو ته گڏجي، ايڪتا ملهايون،
    مٺي کان مڪلي، وارا اجرڪ.

    مندر بچا يون، مسجدون مُسلم،
    ڀلا ري ڪتابن، وارا اجرڪ.

    اڳواڻ عليءَ سان، گڏجي هڻبا،
    ”سنگم“ حقن جا سڀ، نعرا اجرڪ.

    غزل

    ڀتا خوري وٺڻ زوري سنڌي، فٽجن هندو سنڌ جا،
    جهلي تن جا چڱا ٿاڻن ٻڌي، ڪُٽجن هندو سنڌ جا.

    کڻي ناري رات ساري ڪيو، ويڌن وڏيرن هو،
    وڳو جهيرون جسم چڪ چڪ لڄن، لُٽجن هندو سنڌ جا

    اڱڻ ويهي ٿلي خوشيون ڪيون، ٻچڙن اسان گڏجي،
    سِلو تِن کي ملي نفرت هُجت گهٽجن هندو سنڌ جا.

    هلالي پُٽ لڃا داري امڙ، سنڌ جون سچون ڌيئرون،
    رسم اسلام جي بدلي سڄڻ، سَٽجن هندو سنڌ جا.

    اقليت قوم ويچاري ڪري، ڇا ڏاڍ جي اڳيان،
    جتي حاڪم هجن جابر زبان، پَٽجن هندو سنڌ جا.

    عقل ويرو، وتايو سچ هجي، ٿر جو روپ لوجي،
    ڪکن لتجي نه واڻيا لغڙ، جهٽجن هندو سنڌ جا.

    ڇڏي سنڌ کي وڃڻ ويلي رنون، بُزرگ هيو ڀڳتن،
    مهاجر لوڌ جي بدلي ”سنگم“، مٽجن هندو سنڌ جا.

    غزل

    ناز ور نازو ادا، نورِ نظر آهي ڪٿي،
    چنڊ تارن کان پُڇيم، قلبُ و قمر آهي ڪٿي.

    رات پنهنجا پر پکيڙي، اوجهل ڪيو مون کان پرين،
    گُگهه انڌيرا مٽجي وڃن، ٿيندو سحر آهي ڪٿي.

    ڏس ڀلا مون کي صبا، دلبر ويو ڪهڙي طرف،
    مڪلي منڇر ڪشمور ڪينجهر، سو شهر آهي ڪٿي.

    جهنگ جبل ڳولي ٿڪس، هيڪل کٽي سڀ دڳ ويا،
    زندگي آهي سفر پر، هم سفر آهي ڪٿي.

    پپر ڇائن هير هوائن، آج هندورا ڇا ڪندا،
    گل سنبل سارا مگر، منهنجو ثمر آهي ڪٿي.

    زلفن هڳاءُ رخسار چس، لبن مئي ٻيو مزو،
    شَرَابً طَهُوۡره جي گلاسن ۾، اهڙو اثر آهي ڪٿي.

    رڻ حياتي هاڻ ”سنگم“، ويران ڀٽون واري بڻيو،
    ٿر اڱڻ تي شل وسي، ڪارو ڪڪر آهي ڪٿي.


    غزل

    سبب ڪهڙي سڄڻ سائين، وسارڻ ٿو چڱو سمجهين،
    گذاري گڏ عمر ساري، ڌڪارڻ ٿو چڱو سمجهين.

    لڳي ڪنهن جي چوڻ جو زنگ، ڪٽي تنهنجي ويو دل کي،
    مٽي منهڙو مٺا منور، ڏکارڻ ٿو چڱو سمجهين.

    جيئڻ تو بن ڀلا ڪهڙو، مرڻ سانول ٿيو هاڻي،
    رسي مون کان رهي هيڪل، گذارڻ ٿو چڱو سمجهين.

    ڪنگڻ ٻانهن، بلڪل وارن، ٽٽي پيئڙا ڪندي خينچل،
    رسي پرچڻ لڪي ڇرڪڻ، نهارڻ ٿو چڱو سمجهو.

    ڇڄي واڳون ساهه جون جي، ٿيڻ ڌرتي دفن پوندو،
    رنگي تن تي لٽا گل ڦل، اجارڻ ٿو چڱو سمجهين.

    وجهي ڇو دنگ وڏا ويٺين، ڪرڻ تڪبُر ڪفر آهي،
    ڪري ڪاوڙ ڪڙو ٻولي، اٿارڻ ٿو چڱو سمجهين.

    جدا جيون سندا ڏينهڙا، ڪٽڻ مشڪل ”سنگم“ ٿيندا،
    تتل رڻ جو سفر سڏڪا، رئارڻ ٿو چڱو سمجهين.


    غزل

    سنڌوءَ جي ڪناري، ملڻ يار اچجان،
    ملڻ عيد سهڻا، سڄڻ يار اچجان.

    اجرڪي رنگن تي، وڳو نئون پهري،
    وٺڻ گل ۽ تحفا، ڏيڻ يار اچجان.

    هلي ٻيٽ درياءَ، ڏسون مست لهرون،
    کُلي راز دل جا، چوڻ يار اچجان.

    سمن جي زيارت، ڪجي لاڙ گڏجي،
    ڀٽائي تنبو را، ٻُڌڻ يار اچجان.

    اڃان سُرن مرڪون، وکيريان پيو هِت،
    ڏئي ٽهڪ مون سان، کلڻ يار اچجان.

    سفر رڻ اڪيلي، تشنگي لڳي آ،
    لبن جا جام ساقي، ڏيڻ يار اچجان.

    هلي اڄ مندر ڪجي پيار پرڻو،
    سدان ٿي ”سنگم“ جو، رهڻ يار اچجان.


    غزل

    سوچن جي پهر، ڪا لات پئي جاڳيءَ،
    ڪاغذ تي قلم سان، ڏات پئي جاڳيءَ.

    چٽيم ديوار تي، تصويرون رنگ سان،
    تنهنجون هر طرف اڄ رات پئي جاڳيءِ.

    آغاز هر صبح سان ناءُ زبان تنهنجو،
    سينگار اُٿي ڳايم، نعت پئي جاڳيءِ.

    گيتن مون وري، اڄ ڪيو روح تازو،
    راڳيءَ جي سرن، ورکات پئي جاڳيءَ.

    لکيو مون نثر ٿي، نيل گگن چونڊي،
    لفظن جي اُتي، شروعات پئي جاڳيءَ.

    شاعر جو لکي سو، غزل شرڪ سڏجي،
    فتوى سا ڏيڻ هر، ذات پئي جاڳيءَ.

    جيون جا ”سنگم“، اچ پڪا يار ٻڌجن،
    نفرت جي متان، جزبات پئي جاڳيءَ.


    غزل

    وڻ وڻ ڪرٽيون، وڙئڻ ٿو سمجهان،
    چنچل تنهنجو، چڙئڻ ٿو سمجهان.

    سرهين گل پيلا، تپي سج ٽامون،
    سُنبل گل سهڻا، کڙئڻ ٿو سمجهان.

    منهنجي اکين جا، تارا ۽ نور ڀي تون،
    سوا تنهنجي زندگي، سڙئڻ ٿو سمجهان.

    منهنجي روح جي غذا، درشن آ تنهنجو،
    توکي چنڊ ٿي چوڏس، چڙئڻ ٿو سمجهان.

    منهنجو جسم جلاءِ، ڪري رک ڇڏ تون،
    تنهنجي ئي ته لڙڪن، ۾ لڙئڻ ٿو سمجهان.

    منهنجي خاڪ جي اڏار، جو واچوڙو ڏس،
    بلند ٿي عشق پنهنجو، چڙئڻ ٿو سمجهان.

    وفا جا چراغ ”سنگم“، ٿي روشن جي پون،
    شمع جي لبن تي ٿي پتنگ، سڙئڻ ٿو سمجهان.

    غزل

    نرگس ڏسي اسان کي، حيران سڀ ٿيا جي،
    گلزار گل پرين مون، ساڻ گڏ هيا جي.

    نوڙت نياز نيڻن، نرمل هيو گهڻو جو،
    ڪڪر ڇاءُ ڪومل، بيهندا رهيا جي.

    مکڙين چميا ٿي هٿڙا، سانول پير پتڙن،
    وڻ جهڪيا ٿي جهولون، نظر جنهين پيا جي.

    پوپٽ رنگ پهريل، سڄڻ کي هئا سڀ،
    ڇوڙيل وار وينگس، ورندا ويا جي.

    ٻاٻيحل ٻول ٻاتا، ٻوليا ٿي مٺا هُن،
    ها ڪار هاها هر هر، مون ڀي ڪيا جي.

    چپ ڳلن جي ڄڻ، ڀڻ ڀورل ڀڻڪا ڀڻ ڀڻ،
    کولي راز دل جا، دلدار سڀ چيا جي.

    جهڪيل جهول چنڊ هو، ٻڪن آسمان،
    سهڻل هنجھه ۾ ”سنگم“ سمهندا رهيا جي.

    غزل

    هلندي راهون، گس کٽي پيا،
    جيون سارا، وس کٽي پيا.

    سج سکڙن جو، سڀران ڪين،
    چوڏس راتيون، چس کٽي پيا.

    جهور ڪراڙا، هٿ هڻان پيو،
    ڏيئڻ وارا، جس کٽي پيا.

    سڏڪن ڳڙڪون، ٽوهه ڪڙو ڄڻ،
    ماکيءَ لارون، رس کٽي پيا.

    فيضي ڪامل، ڪين مليا ڪٿ
    ڌاڳا فيڻا، ڏس کٽي پيا.

    پاپي جيڪي پوڄا مون سي
    منڪر ماڻهو، مس کٽي پيا

    ساهه ته ”سنگم“، هڏڪيون باقي
    پڇڻ وارا، بس کٽي پيا


    غزل

    ساجهر سويلو، سارا گڏجي،
    پرهه چنڊ، ۽ تارا گڏجي.

    کائين صبح جو مکڻ ماني،
    کير ميهو ڏارا گڏجي.

    اسڪول وڃن، پيا دل سڀ،
    ڳورا ڀورا، ڪارا گڏجي.

    وانجھي ٽاپون، راند ڪڏن،
    ملهه ڇڪين، سندرا گڏجي.

    کلندا ڪڏندا، خوش رهن ٿا،
    گهر گهر گلڙا، پيارا گڏجي.

    ڌرتي امن جو، جهول بڻائين،
    مٺڙا محبت، وارا گڏجي.

    پريت ٻارن کان سکو وڏڙا،
    ڳنڍين ”سنگم“ سارا گڏجي.

    غزل

    ٺرو چوري نه آڪڙو، بند ٿيندو،
    وٺڻ رشوت نه کاٽڙو، بند ٿيندو.

    جهلي پوليس ٿي ننڍا، جي ڇورا،
    سوا سهڻن نه لاڪڙو، بند ٿيندو.

    زنان زوري اڃان جنس، خوري ڇو،
    بُجر کدڙن نه خاصڙو، بندو ٿيندو.

    لڳل هرڪو ٽارگيٽ، تي ماڻهو،
    ڌماڪو بم نه فاٽڙو، بند ٿيندو.

    ٿيا ايوان واپار، جي منڊڙي،
    لڳڻ ٻولي نه واڪڙو، بندو ٿيندو.

    ڪراچي لُر لُٽي ويا، گهوڙا ڙي،
    ٽُٽل سنڌ جو نه ٽاڪڙو، بند ٿيندو.

    چوڻ سچ تي ”سنگم“ لڳي، ٿي ڪاوڙ،
    ڪرڻ ڪڙ ڪڙ نه ڪاڪڙو، بند ٿيندو.

    غزل

    وجهي هٿڙا ٻئي کيسن، سڪا گولي،
    پرس پيءُ جون پيو، ذر ذر زپون کولي.

    اچن هٿ نوٽ سي ڦاڙي، ڇڏڻ سارا،
    ڪري ٽڪڙا وڃي گلين، پيو رولي.

    گٽر نالي گنديءَ مان، جي لڀي چيزون،
    کڻي ساگر مٽي ٿائون، وجهو گهولي.

    مرض موزي لڳن احهڙا، غلازت مان،
    گرف تن جي ڪري زندگي، زهر رولي.

    نظر ڪرڙي رکڻ والد، اڃان گهرجي،
    چون ٻارن چٽو تاڙي، پکيءَ ٻولي.

    علم لازم هنر سٺڙو، سکو ننڊ پُڻ،
    رهن ساٿي سچا هر پل، عمر ٽولي،

    انگل ڇورن جيان ڇو ٿا ”سنگم“ ڪريو،
    ٺهو هاڻي نٿا بلڪل يڪي چولي.

    غزل

    وٺڻ رشوت سندي عادت، ڇڏڻ سکيو هنن ناهي،
    ڦرڻ هيڻن وٽان ڏوڪڙ، رهڻ سکيو هنن ناهي.

    وجهي وردي وڃي گهر گهر، لتاڙين ننگ سانگين جا،
    ڏئي دڙڪا دسڻ ڄاڻن، ڏسڻ سکيو هنن ناهي.

    جهلي رستن چڱا ماڻهو، بهارين سڀ قطارن سان،
    پيل لاشا هجن گاڏيءَ، پڇڻ سکيو هنن ناهي.

    هجي ڪوئي پيو جيڏو ڪندا تنهن جي ڌوڙ پٽڪي،
    ڪري منٿون ڀلي ڏاڏو، مڃڻ سکيو هنن ناهي.

    چوڻ ڀوتار جي هلندي، ٻڌل کي ٿا هڻن گولي،
    بچي سو ڪيئن سگهندو، گسڻ سکيو هنن ناهي.

    ٺري ٺاري ڇڏي غيرت، سڃاڻن ڪين ٿا ڪنهن کي،
    لڳن ڀونڊا ٿڪون لعنت، ٺهڻ سکيو هنن ناهي.

    لکي اهڙن پليتن تي، ”سنگم“ ليکا سندن لاهي،
    ڪنان ڪرقوت ڪارن جا. هٽڻ سکيو هنن ناهي.

    غزل

    حقن پنهنجن ڪنا غافل، رهڻ وارا سنڌي ناهن،
    ڇنڻ وارن ڇڇورن کي، ڇڏڻ وارا سنڌي ناهن.

    هڻڻ ڌاڙا وسيلن تي، سدا غيرن سندي عادت،
    ٿين هيڻن مٿان ڪاهون، ڏسڻ وارا سنڌي ناهن.

    هراسا قوم ساريءَ کي، حرامي ٿا ڪريو ڇالاءِ،
    ڪليشن جيل ٿاڻن کان، ڊڄڻ وارا سنڌي ناهن.

    جهڪائڻ سر اڳيان سرڪش، ڏني جيجل نه لولي جن،
    جهڪن احمق اشارن تي، جهڪڻ وارا سنڌي ناهن.

    پگهر پورهيت سندي اجرت، ملي ٿي ڪين پوري هت،
    ڦرڻ هارين سندا حقڙا، ڏيڻ وارا سنڌي ناهن.

    لکي ليکا پليتن جا، چٽو سڀ کي ڪرڻ گهر جي،
    منافق تن مڪارن کي، سهڻ وارا سنڌي ناهن.

    سنڌوءَ ڌرتي اسان جي آ، سنڌوءَ درياب زم زم آ،
    سنڌي ٻولي ”سنگم“ جيجل، ڇنڻ وارا سنڌي ناهن.

    غزل

    ڏنڊن چٽيون ڏيندڙ، نياڻيون جرڳا ڇو،
    هنجن کسجن جي گهر، ڌڃاڻيون جرڳا ڇو.

    ڪرڻ مصلي پرڻو، ڏيڻ ڪتاب سان لائن،
    رتڙا روئن ٿيون سنڌ ۾، راڻيون جرڳا ڇو.

    ڏوڪڙ عيوض ڀيڻ ڏين اڃان ڀاڙي ڏس،
    ڀڳڙن مٺ تي وڃن. وڪاڻيون جرڳا ڇو.

    صليـــبن تي ٽنگــــــيل، ارمــــان عــــــورت جا،
    زندگيون مفلوج تن، اياڻيون جرڳا ڇو.

    اسلام سيکاري، سڀ سان اخلاقِ محبت ،
    نفرتون ڪن ايمان پڄاڻيون جر گاچو.

    ساخ ٽانــــــڊن تي، پـيــــر اگهــــاڙن پير وٺي پيو،
    شرڪي رسمون هت اکين، ڪاڻيون جرڳا ڇو.

    شڪن تي ماريو ماڻهون ڀوتار سڏائين عادل،
    ظلم جون ”سنگم“ لکجن ڪهاڻيون جرڳا ڇو.


    غزل

    ڀلي پنهنجا تير و، طبر آزمايو،
    اڃان قهري قاتل، ڪُفر آزمايو.

    وسن سر تي پٿرن، وري مينهن ڪيڏا،
    دل زبان تي قرآن، جو ذڪر آزمايو.

    ڏسو چيري سينا، اسان جا غاصبو،
    ڪري ٽڪڙا جسمن، جگر آزمايو.

    جهلي شامون جن کي، اجها جي ڏناسين،
    اُهي ساڳيا ويري، ولهر آزمايو.

    اسان ذرفي احهڙا، گهڻا آزمايا،
    اڃان ڇو ٿا غيرن جا، پگهر آزمايو.

    ڦُري ڪار ٻوٿن ڇڏي، سنڌ سٻاجهي،
    اڃان ڌرتي دشمن، دلر آزمايو.

    ”سنگم“ بدلا ساري، وٺو سڀ سنڀاري،
    سنڌي پنهنجا هاڻي، اکر آزمايو.


    غزل

    توڪل جو ٻيڙو، تري پيو اڃان،
    زندگي جو سفر سو، ڪري پيو اڃان.

    طوفانن سان ٽڪري، اچي وير سامهون،
    ڪنارن تي واپس، وري پيو اڃان.

    ٻگڙن گڏ هنجڙو، چُڱي روز موتي،
    سمنڊ ٻيٽ سينون، ڌري پيو اڃان.

    پٿرن تراشي، ڳوليندي پارس کي،
    ڪاشيءَ تي رنگ هو، ڀري پيو اڃان.

    ڌرتيءَ جو وارث، ڌڪي غير وريءَ،
    سنڌوءَ جي آزادي، گهُري پيو اڃان.

    چوڏس چنڊ اُڀري، ٿيندو سج روشن،
    آسمان تي گولو، فري پيو اڃان.

    لکجن رت سان ”سنگم“، غزل گيت سنڌ لئه،
    اُميدن جو ڏيئڙو، ٻري پيو اڃان.

    غزل

    عيد ڪهڙي ڪري هاري، ڏُکايل سو وري هاڻي،
    مري جو پُٽ ويو هُن جو، بُخايل سو وري هاڻيئ

    زال چولو هيو ڦاٽل، ڇنل ڪپڙا هيا ٻارن،
    وڏيرن جي ظلم جو بس، ستايل سو وري هاڻي.

    وڃي مجبور لڏيو ٿو، ڇڏي جو پڊ پراڻن کي،
    گهرن ڳولي وڏن ڦوٽو، وڃايل سو وري هاڻي.

    ملي حقدار هاريءَ کي حصو هر سال جي پورو،
    رهي سرڙيو نه ڪو قرضي، ڀڄايل سو وري هاڻي.

    ختم غربت ڪرڻ وارا، ٿين امير پيا تر هو،
    چُڪي پاڻي سِڪي تڙپن اُڃايل سو وري هاڻي.

    ملڻ انصاف مشڪل، ڏياري سو عمر ناهي،
    روح جابر بُخل چهرا، ٺرايل سو وري هاڻي.

    لڳو آ پورهيتن جو، ڀٽائي تي ”سنگم“ ميلو،
    هڻن نعرا حقن وارا، وڃايل سو وري هاڻي،

    غزل

    بنان لالچ ڪري شفقت، شفا هستي اڃان جيجل،
    چمڻ ڳڀرو ٻچن ڳلڙا، اها مستي اڃان جيجل.

    رکي بُکيو پيٽ پنهنجو، اول اولاد کي ڏي ٿي،
    رضا رب جي رهي راضي،رزق الستي اڃان جيجل.

    لبن مرڪون ڏئي ٽهڪن، امن، آشا اچي لکندي،
    پپر بڙ جي ڇپر ڇائون، برن، بستي اڃان جيجل.

    ٽُڳي رليون ڀري ڀرتن، صلي جوڙا ڏئي ڌئيرن،
    رنگي هٿڙا پٽن ورجا، کلي خصتي اڃان جيجل.

    ڪري ورکا پئي گلڙن، سڄي سرگس مٿان درتي،
    لهي لائون گهرن پُٽڙا، دُعاءِ سستي اڃان جيجل.

    عزت تي آڇ ڪا ايندي ڏسڻ سکيو نه آ عورت،
    رکي ٿي لڃ ڏسو رنڙي، وڏن وستي اڃان جيجل.

    رنجايو ڇو پيا رهزن، ”سنگم“ مقدس روح سارا،
    امڙ موٽي نه سا ايندي، قبر قصتي اڃان جيجل.

    غزل

    رِدا لاهي گُهمي جا رن، لڳي عطڙي،
    ڃُنڊا جهڙا کجيءَ جا پن، لڳي عطڙي.

    ڏئي ٺينگن اڳيان مڙدن، هلي تڪڙي،
    لنگهي سارا وڃي ليڪن، لڳي عطڙي.

    اُٺڻ وانگر وات ڦاڙي، وتي رڙندي،
    ڏيڻ ڦوڪون ڌوڻ دوڌن، لڳي عطڙي.

    ڪري ڪالون پئي ڪنهن کي، لڪي پيءُ کان،
    رکي هٿڙا ٻئي چَپ ڪن، لڳي عطڙي.

    هلي پارڪ پُسي بارش، وڃي ڊُڪندي،
    ڏسن جهونان جوان جوڀن، لڳي عطڙي.

    جسم ٽاوز رمان ڇوريءَ، وڻي سڀ کي،
    لُڏن بُبڙا ٻُڍڻ هرٻن، لڳي عطڙي.

    نڪا ٻاگهل ”سنگم“ روپا، نه سنڌ راڻي،
    هجي عورت سُڪل ڪک پن، لڳي عطڙي.


    غزل

    اسين مارو مٺڙا، نماڻا ٿا سڏجون،
    وطن سنڌ جا سمجهو، سياڻا ٿا سڏجون.

    مٺي ماکيءَ جهڙي، اسان جي آ ٻولي،
    ڪانئرن جي وات ۾، ڪڻاڻا ٿا سڏجون.

    گجن گهير سوهن ٿا، چنڙيون مٿن تي،
    ڪينجهر جا ماڇي، مُهاڻا ٿا سڏجون.

    سنڀالي جيجل جي، رکون لڄ پوتي کي،
    ننگي سنڌ وارا، نڀاڻا ٿا سڏجون.

    نپايو غيرن کي اسان، هو نيڻن منجھه،
    تنهين جي اکين ۾ اياڻا ٿا سڏجون.

    رکون ناتا جن سان، نڀايون ٿا تن سان،
    سدا پنهنجن ساڻ، ”سنگم“ پراڻا ٿا سڏجون.

    غزل

    دهشتگرد قاتل، قهاري نه گهرجن،
    مقتل گهر ۽ مُنڪر، مڪاري نه گهرجن.

    ڦاڙي وات واڳُن، وڌا چڪ ڪتُن جيئن،
    زهري نانگ، ڪارا نيڪاري نه گهرجن.

    لاشن روز ماتم، ڪري سنڌ ٿي جيجل،
    مهاجر بنگالي، هتي بهاري نه گهرجن.

    وڪيا سنڌ وسيلا، وڪي ڌرتي ٻولي،
    وڏيرا، پـير واپـاري نه گهرجن.

    وٺڻ سنڌ جو نالو، ٿئي ڏوهه قصدن،
    حُڪم اهڙا حاڪم، زرداري نه گهرجن.

    نجاتِ ”سنگم“ سنڌ، لئي هڻو هاڻ نعرا،
    لڳل وات تالا، تلهاري نه گهرجن.


    غزل

    ظُلمت جي خلاف نعرو، مُقرر لطيف آهي
    مظلومن جو آواز، بهتر لطيف آهي.

    ماڳن سنڌ جي مالڪي، ولين جو سٿ جيڪو،
    درتي وارث ڀٽ ڌڻي، دلبر لطيف آهي.

    ناريءَ جي ست سونهن کي، صوبر سڏيو آ جنهن،
    پرکي سوئي پار کو، پرور لطيف آهي.

    سُرڪيڏارو سچ لکي، حسيني سڏجي عالم،
    ڪربل جو هو مشاهد، مظهر لطيف آهي.

    گرهوڙي، اقبال، احمد، راشد ۽ رنگريز،
    دنيا جي شاعرن جو رهبر لطيف آهي.

    مُخلص گهرجن ٿا ”سنگم“ سنڌ کي سپوت ليڊر،
    قومي ڏس اڳواڻ سو، اڪثر لطيف آهي.

    غزل

    امڙ ميڙي ٿڪي ٿيليون، ٺري جون اڄ
    پٽن وسري ويون گوريون ٻري جون اڄ.

    پٽي پوٽا کڻي ڀرڙيون، اچي ٿي گهر،
    پئي سيڪي هٿن لفڙيون، ڀري جون اڄ.

    هيُس چولي لڳل چتڙيون، مٿي مس رئو،
    ڏکن سورن سهڻ سختيون، وري جون اڄ.

    گهُري پاڻي سُتي پوڙهي، ڪندي سڏڙا،
    نڪين داهون ٻُڌن، نوهرون، ذري جون اڄ.

    وٽي مُڇيون ڀڃن ڪرسيون، مڙس هوٽل،
    ڪري زالون اچن ڪاٺيون، پري جون اڄ.

    ندا رت اُن نڀاڳن، پئي، وسي لعنت،
    ٿُڪون تن کي ”سنگم“ لڳڙيون، سري جون اڄ.

    غزل

    سُخن ڪو ڪو ڏکن، ڦاٿل گهڻا آهن،
    سوا سوچن بچا، ماڻهو ڪڻا آهن.

    ڀرڻ پنهنجو پيٽ، دوزخ ٿيو شڪل،
    بصر ڀاڃون نڪين، دالون چڻا آهن.

    بکايل ٻار ٿو، دوڻي ٻير جيڪو،
    هرک ڪپڙا وري تنهنجا ڦاٽڻا آهن.

    وٺي ڪپڙا عيد، چانور ڪهڙا غريب،
    اڃان رهيل قرض پيسه ڏيڻا آهن.

    مُهاڻي آڙيون، جهليون نه ڪانهيرا،
    لڳل رڇ ڪي رڳو، اڄ فاٻڻا آهن.

    رونون هن حال تي ”سنگم“ آهي،
    ٿيا جزبات مجرو، جهڻ جهڻا آهن.

    غزل

    سنڌ وطن جي قوم بهادر،
    منهنجي مٺڙي ڌرتي مادر.

    اجرڪ وارو جهرڪي پرچم،
    آزادي جي پائي چادر.

    گيت خوشين جا گڏجي ڳايون،
    ڏات ڏني جا پاڻ کي ڏاتر.

    الله اڪبر جو نعرو هڻبو،
    ڪوئي نه ايندو سامهون ڪافر.

    دودا جوڌا طاقت اسان جي،
    سنڌي سڀ آهيون سپر پاور.

    سنڌوءَ خاطر ”سنگم“ سارا،
    هڪ ٿي ڪيو يارو صادر.


    غزل

    گهٽڪو پڙيون، زهر مٺو ڄڻ،
    جيڪو سمجهي، پان سٺو ڄڻ.

    گونگن وانگي، وات چٻاڙون،
    سگريٽ سوٽو، هر دفعو ڄڻ.

    منشي عادت، وجهو ڇو ٿا،
    جهنم جنهن، سان وٺو ڄڻ.

    شوگر ڪينسر، ايڊز هن سان،
    اوهان تنهن کان، ڏور ڀڄو ڄڻ.

    رکجان پنهنجي، صحت سنڀاري،
    رهندا نه پوءِ، نوٽ سڪو ڄڻ.

    زندگي قيمت، ”سنگم“ سمجهو،
    دنيا ساري، هتي، دوکو ڄڻ.

    غزل

    ماڻهو بنهين، بيڪار آهيان،
    نالي ڪنون، نيڪار آهيان.

    فطنت خوري، ڪم سڄو ڏينهن،
    ڦيٽاڙ وڏو، فيڪار آهيان.

    ذات منهنجي، ڄڻ گار وڏي آ،
    لعنتي وڏو، ليڪار آهيان.

    مڃو زال جو، امڙ سڏي ٿي،
    مڙس ڪڏهن، ڏي کار آهيان.

    ڪم وارن سان، نه لڳي پنهنجي،
    ٽوٽي هر ڪنهن، جو يار آهيان.

    اهڙن پارن، ”سنگم“ سڄاڻن،
    خلق سڄي ۾، خوار آهيان.


    غزل

    لکڻ ورق ڊائريءَ، تي نه وس هلي ٿو،
    ڪرڻ عشق شاعريءَ، تي نه وس هلي ٿو.

    جسم لباس جا، مڙس اسين ڏُٻرا وري،
    ملي زال ماهيريءَ، تي نه وس هلي ٿو.

    پئيڻ سان نه ڪو قرار، روح کي مليو رُگي،
    وڌي تيئن بي قراريءَ، تي نه وس هلي ٿو.

    سڌارڻ بنان تخليقون، ڦاڙي ڏنيون تنهن،
    بحر وزن جي ڪاريءَ، تي نه وس هلي ٿو.

    بجا تنقيد جي ڪو لکي، گيت وٺجي سٺو،
    عقل هاڻ ڏاهيريءَ، تي نه وس هلي ٿو.

    روپ ماڻهپو ٿو ڏسجي، “سنگم” اجرو رُڳي،
    ظلم ڪهر ظاهريءَ، تي نه وس هلي ٿو.


    غزل

    ڇرڪڻ ڇڏ تون، تِتر وانگي،
    واريءُ جي ڄڻ، ڀِتر وانگي.

    وکرن ڇو رنگ، پيا تنهنجا،
    ماضيءَ جي ڪنهن، چِتر وانگي.

    رسمون ٽوڙي، قيد هل تون،
    شيشي اڳيان، پَٿر وانگي.

    هاڻي تون ڀي، کل ته ريکا،
    مون سان گڏجي، نَثر وانگي.

    هل پر کا، هُن پار هلجي،
    چنڊ جي چوڏس، چَڪر وانگي.

    جيون سارا، ”سنگم“ جوڙي،
    منهنجي ٿي اچ، ثَمر وانگي.


    غزل

    نازن ساڻ تنهنجو، نهارڻ وڻيو،
    زلفن کي ته مرڪي، سنوارڻ وڻيو.

    اکين ڪجل سهڻو، لڳو دل منهنجي،
    جهولڻ پينگهه لوڏون، جهونگارڻ وڻيو.

    رخسار ڪن چلڙا، ڳچيءَ تر سونهن،
    هيرا سون ڦليون، سينگارڻ وڻيو.

    ريکا لبن مرڪون، ماڻيلا پرين،
    ميگهار مُند مٺڙا، ملهارڻ وڻيو.

    ٽهڪن جا سڳنڌل، ڪڪر ڄڻ ڀرجي،
    دلدار ايئن دليون، ڌتارڻ وڻيو.

    سرهين رنگ پيلا، کڙي گل سُنبل،
    سهڻا ”سنگم“چهرو، ڏيکارڻ وڻيو.


    غزل

    ڊڀن تي ڊوڙڻ، هاڻ سکيو سين،
    رُکن کي موڙڻ، پاڻ سکيو سين.

    پير پنهنجي تي، هڻي ڪُهاڙو،
    لاهه کي ڦوڙڻ، هاڻي سکيو سين.

    ڪوڙ جي منهن، تي ڌڙ آ پوڻي،
    مِڪر کي ٽوڙڻ، هاڻ سکيو سين.

    نظر جا ڪاري، جهلي گوتي لا،
    سُڪي تي ٻوڙڻ، هاڻ سکيو سين.

    مُنافق جهلبا نڙيءَ کان سارا،
    نانگن نپوڙڻ هاڻ سکيو سين.

    نفرتون ويڇا، ”سنگم“ جي اُب تڻ،
    دلڙيون جوڙڻ، هاڻ سکيو سين.

    غزل

    گُگهه ويهاڻي، تنهنجي ڪاڻ،
    ٻاٽ انڌيرا، جيون هاڻ.

    رات جي هنجهه ۾، آئون هيڪل،
    چنڊ کڙي پيو، تارن ساڻ.

    وياڪــــــل مـــــــــن، ويـــــــــڳاڻو آ،
    لڳي تن اندر، تنهنجي تاڻ.

    ســــــــــور حــــيــــاتي، آســــــراپا،
    جيءُ جلي پيو ، جيئري ڄاڻ.

    ڏور وساري، ويٺـــــو هــين،
    هلي سڄڻ، اچ جلدي پاڻ.

    سري نه پئي، ”سنگم“ توکان پل،
    پري پرين ٿئين، ڇا لا پاڻ.


    غزل

    گهمندي ميلو، يار مليا سين،
    ڀاڪر پائي، ساڻ هليا سين.

    رڇ مداري، راند وڻي وئي،
    ٽهڪن ڏيئي، پاڻ کليا سين.

    ڪار کوهي تي، ڪرتب ڏسندي،
    ناري مٿان جي، نوٽ جهليا سين.

    درگاهه تبرڪ، پيئندي پاڻي،
    دل جا جاني، راز سليا سين.

    راڳي سرڙا، وکيريندا رهيا،
    غزل واين، روح رليا سين.

    شاهه بخاري، تنهنجي نگري،
    ”سنگم“ اچڻ جو، چئي هليا سين.

    غزل

    سانوڻ وٺو سنڌ تي ڀڄندي ڀٽون روپا ڏٺم
    چاڳلين جون چنڙيون پُسيل چندن سندا چوٽا ڏٺم

    هارين ڇڪيا هر پاڻ نارين هٿ ناريون هيون
    جهول جهانگين ٻج کڻي واريءَ مٿي پوکا ڏٺم

    ڇر ڇنون ڀرجي وهيون ڪٿ گهر ماروئن خالي ڪيا
    مينهن جي پاڻي اندر ڪي اڌ ٻڏل جهوپا ڏٺم

    وسڪارن ۾ وڄ ڪري ڪن ويرن مٿان واڪو ڪري
    وڻ ڪريا گسن مٿان ڇڄندي ڇتر ڇوڏا ڏٺم

    مهراڻ پلٽون موج درياءَ ڪپر ڪڙڪي ڪر کڻي
    سمنڊ سپون وير چڙهي ڪنڪر مٿي ڪوڏا ڏٺم

    راکي ٻڌڻ رامڻ هليون لڇمڻيون ڪي لاڏ مان
    مندر اندر مورتيون ”سنگم“ ڪندي پوڄا ڏٺم


    غزل

    واڪ تولا ڏنم، ڀرت چولا کڻي،
    وڃي گهر گهر ڪيم، پرين ڳولا گهڻي،

    پتو تنهنجو سڄڻ، ڪٿي ناهي پيو،
    ڪيا مون وس وڏا، ڪئي ڪارون هڻي.

    رات جي ڪر بلا، ڪيئن گُذري ڀلا،
    جوٽ تنهنجو نرم، نه هٿ تنهنجا ڦڻي.

    رهان رولاڪ ٿو هتي، آئو وري،
    ڪٿي تون ٿي رهين، هڪڙي ڄڻي.

    هلي هاڻي پرين، وسايون جهنگ ٻئي،
    جتي وڻيو رڳو پئي تون جي وڻي.

    ڳوڙهن ٻُڪ ۾ چنڊ، لڪي جي ٿو ”سنگم“،
    لڪون تئين سج جيان، پاڻ ڪڪرن ڪڻي.

    غزل

    ڪاٽن جوڙو پائي ٽوپي، ويٺو جهلي گهرجي ڪُنڊ،
    کٽ چڙهي ٿو خرچي گهري، مڙس وجهو منهن ۾ گُهنڊ.

    لسي ماني لُلر ڄانڀو دال، نه کائي ٿو دالو پٽ،
    گوشت فرائي گانگٽ ڪيمون، گجرن حلوو گهرجي کنڊ.

    ٻوٻاچٽي ٻاهر نکتو، ٻانهون هڻندي ٻالو بس،
    ماڻهو ڪنهن کي ڪين ٿو ليکي، ڪنڌ ۾ جنهن کي سوئر ڳنڍ.

    ڀاڙيو گڏجي ڀڙون سان شهر، گهمي پيو شودو ڏس،
    ڪار ٻوٿڙ ڪلها هڻندو راهن، وجهي پيو ويندي رنڊ.

    چڱن تڪي نياڻيون لوفر، موبائل ڪڍن تصويرون ويٺا،
    چوڪ جهليندڙ ماڻهو چوهڙن، ڃُنڊن جهلي ڪڊجي ڇنڊ.

    ضمير ماڻهن جا، گرهه جي ويا ڇو ”سنگم“ آهن،
    لڳي ٿي جيئن سج ۽ گرهڻ چنڊ.


    غزل

    تنهنجون راهون تڪي، ٿيا ڏينهن مون کي،
    موٽ هاڻ سگهي، آءُ لهرون لنگهي.

    نيڻ نيهاري ٿڪا، ٿي آ شام مٺا،
    تو پئي دير لڳي، آءُ لهرون لنگهي.

    پلي روح پاڻ، ويهان ڪيئن هاڻ،
    نٿي دل کڄي، آءُ لهرون لنگهي.

    تنهنجي ديد بغير، ڀانيان عيد زهر،
    توسان اڱڻ سجي، آءُ لهرون لنگهي.

    منهنجا پيارا صنم، ڪندين ياد ”سنگم“،
    وڇو ڙا ڇو پيو وجهي، آءُ لهرون لنگهي.

    غزل

    ڪڏهن تنهنجو اچڻ ٿيندو، اسان جي آشياني تي،
    اڱڻ ماهي لڪا مون وٽ، مٺا مسڪين خاني تي.

    ڪرڻ ديدار دلبر تو، عبادت کان نه گهٽ هوندو،
    چمي هٿڙا سُنبل سُهڻا، ڪجي درشن بهاني تي.

    سڄڻ سامهون هُجن ويٺل، مزو محفل تڏهن ڏيندي،
    ڀري جامون ڏين ساقي، پرين پرڪش پيماني تي.

    نراسائي لڳي نيڻن، تڪي راهون مٺا تنهنجون،
    لياپائي لٿو سجڙو، ڏسن اکڙيون آسمان تي.

    ترن توڪل سندا ٻيڙا، ”سنگم“ پنهنجو سخانون جهل،
    بدلجي هِت ويو هر ڪو، ڪجي ڇو ڏُک زماني تي.

    غزل

    نظر ڪرڙي زماني جي، بچائي ڪونه سگهياسين،
    لڪائيندي به جذبن کي، لڪائي ڪونه سگهياسين.

    کلن ٿا دل جلا ماڻهو، ڪبو جهيڙو وڏو تن سان،
    نٽايم لوڪ کان ليڪن، نٽائي ڪونه سگهياسين.

    لِڪوٽي لِڪ ڪُڏي راديون، عمر ننڊپُڻ گُذاري گڏ،
    ٻُڌائڻ يار کي يادون، ٻُڌائي ڪونه سگهياسين.

    سڄڻ سان اڄ زُبان کولي، ڪيم اظهار اُلفت جو،
    لڳائڻ وات کي تالو، لڳائي ڪونه سگهياسين.

    ڪيا فِرڪن رسم ڪُڌين، جُدا رِستا عزازت جا،
    ملائڻ ”سنگم“ دلين کي، ملائي ڪونه سگهياسين.

    غزل

    پلنگ هاڻي سُتل ڇوري، ڊگهيڙي پير ٿي سُڏڪي،
    ٻَکن مان جي اُٿي اڄ پوڙهي، سا دير ٿي سُڏڪي.

    گذارڻ رات مردن کي، ننڍي ڇوري ننگي گهرجي،
    حيا غيرت رهي ناهي، نياڻي ڪير ٿي سُڏڪي.

    وڏا ڇورن ڪري شادي، وٺي پنج ست ڏين زالون،
    رات لائُن رُنا جوڙا، چُنيءَ گڏ ڇير ٿي سُڏڪي.

    ڄڻي راڻي نه ڏي وارث، خُلا ان کي ملي جهٽ ٿو،
    چڱو چمڙن چوي ڪوئي، عزت تي مير ٿي سُڏڪي.

    رسم ريتن ڪُٺو ڪومل، وري معصوم جزبن کي،
    ”سنگم“ روئي مري ناري، مٽيءَ جو ڍير ٿي سُڏڪي.

    غزل

    سُتل ذهن ننڊ مان سڀ اُٿارن کپن،
    ننڌي قوم جا ضمير اُڀارڻ کپن.

    پئي رات ڪاري گُگهه ٿيندي وڃي،
    اُجهاميل ڏيئا هاڻ ٻارڻ کپن.

    ڏئي سال ڏکڙا جي ڊسمبر ويو،
    اُهي ڪهت ڏينهڙا اڄ وسارڻ کپن.

    کڻي شال چوڏس خوشحالي اچي،
    ڪري نيهن شامون وچن پارڻ کپن.

    وهن نيل ڀرجي سونهن ساوڪ سنڌوءَ،
    هلي ڏينهن “سنگم” گڏ گُذارڻ کپن.

    غزل

    سهارا سارا، ڳولڻ ڇڏي ڏي،
    روئڻ ۽ پاڻ کي، رولڻ ڇڏي ڏي.

    مــــقـــــدر ۾ وڇـــــــــوڙا، جــــــــي آهن،
    آزمائڻ پــــيارا، ڏولـــــــڻ ڇڏي ڏي.

    تعصبن ۽ تاقبن جي، محفل متي آ،
    رقيبن سان راز دل جا، کولڻ ڇڏي ڏي.

    جن ٻڌيون آهن، تنهنجون هڏڪيون،
    هڪ ٻول ڀي تن سان، ٻولڻ ڇڏي ڏي.

    پٽ جي ڏور جا، ٽٽي ”سنگم“ جي پون،
    ڏورا تن سان نازڪ، ڏولڻ ڇڏي ڏي.

    غزل

    بنان مو ڪلاءِ ائين، وڃڻ ٿو روئا ڙي،
    جدا هاڻي جاني، ٿيڻ ٿو روئا ڙي.

    لبن تي تو آڻي، ڇڏيا لفظ رو ڪي،
    اکڙين ساڻ سانول، چوڻ ٿو روئا ڙي.

    رکي راز دل ۾، سهڻا جي هليو وين،
    ويڳا ڻپ سان ويندي، ڏسڻ ٿو روئا ڙي.

    سڄڻ تو سواءِ، زندگي زهر عذدا،
    ڀٽون ڊوڙ يادون، ڏنگڻ ٿو روئا ڙي.

    وڇو ڙن جا ”سنگم“، ڪڏهن ڏينهن کٽندا،
    ڪڏهن ٿيندو گڏجي، رهڻ ٿو روئا ڙي.

    غزل

    ڏسڻ ساڻ دل، بهاري ڪئي،
    کلي ڳالهه تو، ساري ڪئي.

    پرين يادن، تنهنجي اچي،
    اسان جي دل، فگاري ڪئي.

    ڏٺم توکي، ننڊ، ۾ ٿي صبح وئي،
    اکڙين مون اشڪ، باري ڪئي.

    ڀري نيڻ ساگر، ٿي رنان،
    زور اڳيان مون زاري ڪئي.

    سڄڻ اچ، ”سنگم“ جوڙيون،
    پئي اوهان، انڪاري ڪئي.

    غزل

    نه بند رکجو ڪڏهن، در غيرن وانگي،
    پرين مون کان پنهنجو، گهر غير وانگي.

    ڳوا هي ديوارون، هن رقيب سارا،
    ڏٺو پنهنجن ٿي منظر غيرن وانگي.

    ڪکي جيڪو زهري، ان جيوت کان وڌ،
    نفرتن جو ڪاري، هر غيرن وانگي.

    رات ساري لڙڪن، گوتا لڙيو جي،
    لڳي سُڏڪن جي ٻُڏ، تي غيرن وانگي.

    رهيون يادون ”سنگم“، بس جيون ساٿي،
    ڪيئن وسرن تو دل، بر غيرن وانگي.

    غزل

    جاڳي رات اکيون، هاڻي سُتيون هِن،
    مليو جوٽ جيجل، ڄاڻي سُتيون هِن.

    لهرن وير اُڇلون، هنجڙو وڻيو هو،
    ٻانهن لوڏ لولي، لاڻي سُتيون هِن.

    هٿڙا چمڻ سائين، رحمتون وٺيون ٿي،
    مليون پير جنتون، ماڻي سُتيون هِن.

    ماکي، کير، شربت، حورون ڏٺيون جِت،
    پيتا جام ساقي، ڇاڻي سُتيون هِن.

    امبر مُشق سڏڙا، ممتا جا مٺڙا،
    نوري ”سنگم“ نظرون، تاڻي سُتيون هِن.

    غزل

    مِٺا ڳِلڙا چُمڻ، ڪين وِسرن،
    مُرڪ ريکا کِلڻ، ڪين وسرن.

    ڪُڏي پيتو کير، هيو هنجهه ۾،
    لَبن چُسڪيون ڀرڻ، ڪين وسرن.

    جلي جيئڙو پيو، اڃان جيجل،
    امان تنهنجو چوَڻ، ڪين وسرن.

    گُلن جي پوشاڪ، ۾ تون لِڪجي،
    رُسي مونکان وڃڻ، ڪين وسرن.

    ڏِسي تصوير کي، روئن اکيون،
    ”سنگم“ توکي سڏڻ، ڪين وسرن.

    غزل

    پرين تون جي ڪرين، موسان چاڳ وري،
    کُلي احهڙا پون، منهنجا ڀاڳ وري.

    چڙن مٺڙو رِڌم، ٽليون شام ٻُڌون،
    ڌراڙن ڌڻ ڌِڪا، رون سڏ راڳ وري.

    مکڻ ماکي گڏي، لسيون جام پيون،
    عمر ماري ڪوٽ، ڏسجن ماڳ وري.

    ڦُلا ڳانڱي پٽي، گُرگالون کُنڀيون،
    هلي ٿر جا چکون، سرهين ساڳ وري.

    اُڃان جاڳن اڃان، ساڳي مور ”سنگم“،
    ڪري کِيڙون نچن، فيرا لاڳ وري.

    غزل

    وار تنهنجا ڪُڏن، ٻُڪڙن ڇلڙا،
    لام جي ٿا لُڏن، ٻٻُرن پلڙا.

    ٻور جهليو نمن، ڪانهون سر نسرن،
    کُلي لاڻيءَ کڙن، ڇٻرن گلڙا.

    چيچ پهري صنم، هلجان ٻئي،
    وٺي سونا ڏنم، تو کي چلڙا.

    هير ٿڌڙي اُتر، آهي لڳڙي،
    شام مون ٿي مٺا، چميا ڳلڙا.

    رات پرٿي ”سنگم“ دلبر ڇڏيو،
    بنان بستر گرم، تنهنجا لِڱڙا.

    غزل

    ڪُهاڙي ڏانٽا، ٺپرائي هاري،
    ڇڊڙيون بانٺون، ڪٽرائي هاري،

    چيٽ پوکي جي، آ موسم اچڻي،
    مسوري ڪڻڪون، ڇٽرائي هاري.

    ڪٽايون پاڻي، ٻج ڀريندو پيسا،
    کيڙيون کانٽي، ڪڍرائي هاري.

    سِرڙيو سالون، ئين رهندو قرضي،
    خرچ ڪهڙا بي لکرائي هاري.

    وڏيرو سنڌ جو، هرڪو وياجي،
    ”سنگم“ سوجند ڪيئن، ڇڏرائي هاري.

    غزل

    ثقافت ڏيهاڙو، سنڌ ملهايون،
    ننڍا وڏڙا مردن، گڏجي مايون

    جهنڊا بينر نعري، سنڌ نعري سنڌ،
    سنڌي وارث سنڌ جا، سارا آهيون.

    صحافي هِت شاعر، صوفي فُقرا،
    نظم سنڌ جا راڳي، سهرا ڳايون.

    ويس سارا دنيا، وارا ڏسندا،
    گربيون هي گجڙا، چنڙي ورايون.

    ”سنگم“ جهومن، جوان جهونا،
    وڄن واڄا دهل، دس شرنايون.


    نظم

    نظم

    تنهنــــــجو جـــــــــوڀن ڪــــــــورو پـــــــــن،
    منـــــــهنجو موهــــــيو مـــــومــــــل مــــــــن.

    گـــل کـــــيڙ ادائــــــون رُوپ سُـــــــــندرتا،
    تــــــــون مــــــن جــــــي راڻـــي ڄــــڻ ڪويتا،
    جهـــــــڙ رنـــــگ ويـــــس ۾ سهـــڻي سڀــــيتا،
    تنـــــهنجو صنــــــوبــر هــــي سهڻـــــو پـــن.
    منـــــــهنجو موهــــــيو مـــــومــــــل مــــــــن.

    چنــبيــلي مــُـک تـــي پيـــاريون مــــرڪون،
    ڳاڙهـــا ڳـلــــڙا ذُلـــــفن سرڪــــــــون،
    چــــوٽ ۾ جهـــڳــــٽا جڳــــن لڙڪـــون،
    ڏاڙهـــــــــن فاخـــــــــون ڏيــــــــول پــــــــــــن.
    منـــــــهنجو موهــــــيو مـــــومــــــل مــــــــن.

    ســــاوڻ ميـــنهـــڙا ڪــــڪر قـــــطارون،
    بونــــد وســـــي پــــئي جــُـهــــڙ ملهـــارون،
    ڀنــــــــل ڪـــــپڙا ”سنــــگم“ ستـــــارون،
    ڇوهــــي پيـــــــو ڇــــــاتي چــــولو تــــــن،
    منـــــــهنجو موهــــــيو مـــــومــــــل مــــــــن.

    نظم

    منهنجي دل سهڻا، ٽوڙي ڇو وڃو پيا،
    مون کان محب منهڙو، موڙي ڇو وڃو پيا.

    لهي سج راتيون، پون ٿيون پيارا،
    سڄي آسمان تي کڙن، ٿا جي تارا.
    ڀنل وار ڪارا، ڇوڙي ڇو وڃو پيا،

    ڪري گهور ڪاوڙ، ٻيڻا گهنڊ وجهو ٿا،
    گذريو ڇا مون تي، مونکان نه پڇو ٿا.
    اکين تير دل ۾، کوڙي ڇو وڃو پيا،

    سدا هڪ جهڙو، هجڻ آهي مشڪل.
    جوڀن سونهن جواني، رهندي ناهي هرپل،
    خوابن جي پويان، توڙي ڇو وڃو پيا.

    جهلي سينڌ چڳڙيون، وچن تو ڪيا هئا
    ”سنگم“ ڪين ڇنبا، قسم تو کنيا هئا
    پلهه نينهن ڳنڍڙيون، ٽوڙي ڇو وڃو پيا

    نظم

    تنهنجي هيڪل راتين ۾ منهنجا سنبل سپنا آهن،
    منهنجن ڪومل گيتن ۾ منهنجا رابيل رچنا آهن.

    تنهنجن هٻڪيل حجابن ۾ منهنجا هبل هجنا آهن،
    منهنجن وياڪل واين ۾ تنهنجا وڃايل وڄنا آهن.

    تنهنجي چوريل چپڙن ۾ منهنجا چنچل چونا آهن،
    منهنجن سڳنڌل سازن ۾ تنهنجا سيتل سرنا آهن.

    تنهنجن وراپيل وارن ۾ منهنجا وانجهيل ورنا آهن،
    منهنجن جيول جياپن ۾ تنهنجا جياريل جرنا آهن.

    تنهنجن جيتل بازين ۾ منهنجا هارايل هرنا آهن،
    منهنجن مڃيل مڃتائن ۾ تنهنجا مڃايل مڃنا آهن.

    تنهنجي سلجهل سوچن ۾ منهنجا ”سنگمل“ سرچنا آهن،
    منهنجن پيناريل پريتن ۾ تنهنجا پيارل پرچنا آهن.

    نظم

    حسن سينگار، گـهڻون،
    سڄــڻ پرچــار، مڻيون،
    دلربا نيـهار، جـهـل ڪا،
    ڏئي مرڪ، پيــنار ڪـا،
    ماڻيـلا جانان، سگهو،
    هاڻـي پــرچــي، پئو.

    ڀــــــڏر پيرن ۾، جهڪيل،
    آڪاش جذبا، ڪومل،
    هر جتنان، وانـگيان،
    اورانـگي نه، وڃجان،
    رُڪ اماس، آسن کي،
    ڄڻ عيد چنڊ، باسن کي.

    شام جي، پرٿن پويان،
    ليئا پائينــدي، ٿو ڳولهيان،
    ماڻيلا اوجاڳيل، نيڻ،
    ماکي مرڪ، لب ميڻ،
    اچ اونهارا، پرين،
    ٻانهيارا سڄڻ، پرين.

    سرچڻا سرچي، پئو،
    پرچڻا پرچي، پئو،
    پرچڻا پرچي، پئــو.

    نظم

    مُــــــــڙس ڪــــونهين هُن جو مٽ ڪو،
    قـــــــــوم ٻـــــــــــــڌايو هُن کــي پٽ ڪو.

    گڙگڙ گاريــــــــون بــــــــــــڪي بيــــٺو،
    وجــــود زبــــان ســــــان لـــڪي بيٺو،
    چٽڪار ڪتي جيئن لاٿو چٽ ڪو،
    قــــــــوم ٻــــــــڌايو هــُــــــن کي پٽ ڪو.

    اثــــــــر اويــلـــــــو صبـــــــــح ســـــــــويلو،
    ڏينــــــــــهن ڏســـــــــي نه وچـــــون ويلو،
    پـــڪ پــــينونءَ جو آهي پُــــٽ ڪو،
    قــــــــوم ٻــــڌايو هُن کي پـــــٽ ڪو.

    ســـــــچ ”سنـــــگم“ کي مـــــــچ لــــــڳي ٿو،
    لونـــــگي ڄڻ ڪـــــــــو مرچ لـــــــڳي ٿو،
    ڀاڙيــــــــو بنهـــــين آهـــــي ڀــــــٽ ڪو.
    قـــــــــوم ٻـــــڌايو هُن کي پــــــــــٽ ڪو.

    نظم

    والدين جي، حـقن جو،
    بزرگن جي، پڳن جو،
    ڀائرن سڀ، سڳن جو،
    قدر ڪنهن، وٽ ناهي.

    اباڻن جي، ڪکن جو،
    سنڌوءَ جي، لــڪن جو،
    جـيجل ننگ، لڃن جو،
    قدر ڪنهن، وٽ ناهي.

    سڄڻ يار، پيارن جو،
    دلبر دل، وارن جو،
    سنڌي هت، سچارن جو،
    قدر ڪنهن، وٽ ناهي.

    سنڌ جي نظارن جو،
    ڀٽ جي نگارن جو،
    ”سنگم“ جان نثارن جو،
    قدر ڪنهن، وٽ ناهي.

    نظم

    جيجل جي لوليءَ تي بندش،
    درياءَ جي ڇوليءَ تي بندش،
    سنڌي مٺڙي ٻوليءَ تي بندش،
    پيارنَ جي ٽوليءَ تي بندش،
    پينار جي جهوليءَ تي بندش،
    جوڳي جي مرليءَ تي بندش،
    گيڙو رتن چوليءَ تي بندش،
    هندو جي هوليءَ تي بندش،
    سنگم جي پروليءَ تي بندش،
    اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ.

    ڪانگ جي گينگي تان ڪاوڙ،
    ملاح جي جهينگي تان ڪاوڙ،
    دوٻيءَ جي لينگهي تان ڪاوڙ،
    مڙس جي رينگي تان ڪاوڙ،
    ٻارن جي پينگهي تان ڪاوڙ،
    نه لهڻي آ، نه لهڻي آ، نه لهڻي آ.

    نظم
    جمهوريت جا نعرا جلال پرستي،
    دوکو فريب دلال پرستي،
    لٻاڙي چئو ليڊر تن کي ته،
    منڪر سڏيو ويندين.

    لوفرن قرآني چنڊا ٽولا،
    ورسيون شامون چندا ٽولا،
    وائيڙو چئو ولهر تن کي ته،
    منڪر سڏيو ويندين.

    ٿلها پيٽا بڀر ڀانڊا،
    ڦڏا ٽيڏا سڪل سانڊا،
    چُغل چئو چتر تن کي ته،
    منڪر سڏيو ويندين.

    چرس چلمون ڀريل ڀنگ جا ڪونڊا،
    ٺرو پي ڏين هڪ ٻئي کي ڀونڊا،
    موالي چئو مڇر تن کي ته،
    منڪر سڏيو ويندين.

    جواري جڳن تي رکيو ڪپڙا ويٺا روئن،
    گهر ٻچا پيا رکن گروي جوئن،
    پليت چئو پٿر تن کي ته،
    منڪر سڏيو ويندين.

    بي ادب بي هدا جن لکڻيون،
    ادب ٻولي تان کنيون اڳڙيون،
    ڏڦير چئو ڏچر تن کي ته،
    منڪر سڏيو ويندين.

    والي وارث سيد سنڌ جا،
    عالم قاري ”سنگم“ سنڌ جا،
    ڪارو چئو ڪلر تن کي ته،
    منڪر سڏيو ويندين.

    نظم

    ڪري قهر انسان پيو انسان مٿان،
    ڪُسي روز ڪونڌر پيو قاتل هٿان،
    وهي رت ريلا پيو ڌرتيءَ مٿان،
    الله خلق تنهنجي ٿو توکان پڇان،
    اڙي آسمان او اڙي آسمان.

    ناري کي ننگو ڏس نچايو وڃي پيو،
    لوئي لڄ برڪو لڄايو وڃي پيو،
    ڪومل ماس ڪتن پٽايو وڃي پيو،
    ملامت جو جشن ملهايو وڃي پيو،
    هيڻن تي حاڪم ڪري ٿو هلان،
    اڙي آسمان اوا ڙي آسمان.

    جهلي سينڌ چوٽيون ڄُنڊا جي پٽيا هت،
    عورت کير عُضوا ڪمينن جي ڪٽيا هت،
    چيري ٻار ويڇون ڇُرن جي وڍيا هت،
    ڀري لاش ٻوريون رستن جي ڇڏيا هت،
    پوري پُٽ پيو پيءَ کي ڪفن جي بنان،
    اڙي آسمان او اڙي آسمان.

    وڳــــا گــــهنـــڊ ديـــپــل ٻـــُــڌو کيـــس ناهـــــي،
    دربــــارون دريـــــافت رهـــــيو ديـــس ناهــــي،
    ڪــــري پهـــــل ڪـــــــوئي پــــيو پــيش ناهي،
    ساڳـــــي سُـــــن سُکـــن رهـــيو ويـــس ناهـــي،
    پيــــل سيـــس سِـــرڪڻ لـــڳي ڇـڪ ڇڪان،
    اڙي آسمان او اڙي آسمان.

    ايمـــان، انصـــاف، اخــــــلاق ويـــــــو ســــــــڀ،
    حــــــديثون هدايـت قــــــــــــــــــرآن آهي چپ،
    ولي قل عالم مڃڻ ناهــــــي هــــت،
    هوا باهي پاڻي نه ڌرتي ڪُڇي جت،
    ”سنگم“ ڇا لکجن ڪرقوت ڪاروان،
    اڙي آسمان او اڙي آسمان.


    چئوسٽا

    جرڳا ٽولا، جهانگي سنڌ،
    وڳر ڳراٺيون، وانگي سنڌ،
    ميڙ مارؤڙن، عيدون ميلا،
    ”سنگم“ سٻا جها، سانگي سنڌ.

    دولت نه شُهرت، توکان گهران ٿو،
    بخشش نه جنت، توکان گهران ٿو،
    گهرجي ٿي ”سنگم“، اُو اڙي آسمان،
    سنڌوءَ ديش ڌرتي جي، مهلت گهران ٿو.

    ناري ڪومل، ناري ڪوتا،
    ناري ڪليون، ناري پوجا،
    ڌرتي تنگ ڇو، تنهن لئه ”سنگم“،
    ڪاري سڀ ڇو، ناري چئو ٿا.

    ترازن ۾ رت، توري ڏٺو سين،
    ماس هڏن تان، ڪوري ڏٺو سين،
    گهري وقت ڀيٽا، ”سنگم“ جڏهن،
    سر پنهنجن تان، گهوري ڏٺو سين.

    وقت وڇوٽيون، ڪٽيون آهن،
    گگهه اونڌايون، مٽيون آهن،
    هاڻ نه سهبا ويڻ، ڪنهن جا ”سنگم“،
    سختيون ڏاڍيون، سٺيون آهن.

    ڳالهه اندر جي، ڳولي چئو،
    امبر مُشڪون، کولي چئو،
    چئو جيڪيئن، چوڻ چاهين،
    ٻول ٻاٻيحل، ٻولي چئو.

    هرڪو ٻولي، هر ڪا ٻولي،
    تون ٻولين، هڪڙي ٻولي،
    اچ پکيئڙا، اُوري اچ،
    مون کي گڏ، پنهنجي ٽولي،

    ٻڌڻ ڌاڳن ملي دلبر، ٻڌي وٺجو،
    صفا سهڻو هجي پرور، ٻڌي وٺجو.
    هلي جت وس نه ڪو پنهنجو، اُتي بهتر،
    وهن لڙڪن ”سنگم“ ساگر، ٻڌي وٺجو.

    مٺڙي خوشبوءِ، موتي گل ۾،
    تولئي پيار آ، منهنجي دل ۾،
    چنڊ وئي نه، مون کي ”سنگم“،
    سڀ حسن آ، تنهنجي ڳل ۾.

    سوا تنهنجي جيجل، گهر سُڃ ٿو لڳي،
    اڱڻ اڄ اسان کي، رڻ ۽ رُڃ ٿو لڳي،
    گل موتي مٺا ”سنگم“، ماڻهو گهڻا مگر،
    محل تو بنان، مومل مُڃ ٿو لڳي.

    ڌرتي تي نه ڪو سدا رهندو،
    شاهوڪار نه ڪو گدا رهندو،
    سر سنگيت جون ”سنگم“ محفلون،
    ڪنهنجو ڪو نه ڪو مدا رهندو.

    روز مارن جون، چوريون، ڏاريون،
    غريبن کان ٿين، ڦريون، ماريون،
    پوليس پاٿاري دارن، جي پاسي،
    ڀاڳين تي وٺيون، لٺيون گاريون.

    ڪاري ڏاڙهي، سائو پٽ ڪو،
    سائين سجدي ۾، کائي گهٽ ڪو،
    هجري اندر هنجهه، ۾ ڇوڪر،
    استاد ڪري پيو، چمي چٽ ڪو.


    بيت

    پرهه جا پيغام ڏنا، ڪاري رات ڪڻڇي،
    هارين هر ڪاهيا، جوٽي ڏاند ڪڇي،
    ٻرڪي ٻج ڇٽين، محنت ساڻ مچي،
    ”سنگم“ سڀ سرچي، سائو ڪن سنڌ کي.

    پيوند پيچ پريت جا، پاءِ پيارا اچن،
    چوري لال چپڙا، ڳالهيون مٺيون ڪن،
    مرڪي مٺا پرين، هجتان حال پُڇن،
    ”سنگم“ مون سرچن، اچي سيني اوڏ ڙا.

    وطن وچن ويري، ۾ وساريج،
    ڌاريان ڌڪاري ڌرتي، تان ترت تڙيج،
    پوءِ پهريج اجرڪ، آجاپن جي.

    وطن وچن سڄڻ م و ساريج
    ساهه سڀاڻا سپوت سداپيو ساريج
    گڏجي گذاريج ”سنگم“ سپرين سان

    چهنب وجهي چنبن ۾، چڳئين پاءِ چڪ،
    پکي پيتئي پڪون، سرڪ ڀري سڪ،
    پينار توکي پرک، پوندي پاپ پنڃري ۾.

    ڏيندي ڪين ڏوراپا، موٽي توکي ماءُ،
    سور سمورا ساڻ کڻي، وئين گهايل پنهنجا گهاءَ،
    سڏڪندي ساهه ”سنگم“، ڏنائين سڪرات ۾.


    نثري نظم

    نثري نظم
    دل جي ڪربلا


    زندگي ٺري جو اُڳرو ڍُڪ
    پيٽرول کي ڏنل چڻنگ
    موبائل تي ايندڙ مس ڪال
    ۽ شاعر تي ٿيندڙ
    تنقيد زندگي آهي
    واپاري جو واڪ
    فقير جو سوال
    بخيل جي چڙ
    ۽ ٻار جو انگل زندگي آهي
    هانا چڻي بلڪل ائين
    جيئن مرد لاءِ
    عورت زندگي آهي
    اڃان زندگي ڇا آهي رئيس
    ناچڻي جي دل جي ڪربلا ۾
    زندگي جي تتل رڻ جو
    مقتل نظر اچڻ لڳو هو
    ۽ پاڻ لوٽي تي ٺڙ ٺڙ ڪندي
    موڏي خماريل
    نيڻن سان ڏسندي
    ساڳيو جملو ورجائيندي
    زندگي جي باري ۾ وري پڇڻ لڳي ته
    ٻڌاءِ زندگي ڇا آهي سانول
    ميلي جي هوٽل ۾
    تماش گير ماڻهن جو
    هجوم وڌندو ڏسي
    مون ناچڻي کا نالو پڇندي
    هٿ تي نوٽ رکي
    وڃڻ کان اڳ مختصر
    جواب ڏيندي چيم
    هاريشم زندگي گل آهي
    صرف هڪ دفعو
    کڙي مرجهائڻ لاءِ
    زندگي جو ڀن ڏيئو آهي
    ٻري وسامڻ لاءِ
    زندگي ميلاپ آهي
    ملڻ کانپوءِ هميشه
    جدا ٿيڻ لاءِ
    جئين تون ۽ مان
    ملي وري ٽٽڻ لاءِ
    چپ چمڻ جي آس ۾
    گڏ رهڻ جي تمنا ۾
    جيڪا نه پوري ٿيڻ کا اڳ
    جدا ٿيندي ئي
    پنهنجي منزل جو
    رُخ ڪرڻ آهي
    ۽ تون دل جي ڪربلا ۾
    زندگي ڳولهيندي رهه
    زندگي ڳولهيندي رهه

    نثري نظم
    سڄڻ زلفن ڇٽ


    ماڪ منهنجي دلدار جي
    گل جهڙن ڳلن تي
    نه ڪرندي ڪر
    منهنجو من پرين
    سندي رخسارن تي
    منهنجون مٺيون ئي
    نه سهي سگهندي
    سندا ريکائن لبڙا
    منهنجن لبن ساڻ ملاءِ
    منهنجي جوٽ تي
    اهلي پوندو آهي
    ۽ سڄڻ زلفن ڇٽ
    منهنجن ٻڪن مان
    وکري ڪري
    سندس رنگريز جسم کي
    لڪائڻ جي
    ڪوشش ڪندو آهي
    ۽ ان رات کڙندڙ چنڊ به
    اسان ٻنهين جون
    مرڪ هجتون
    ڏسڻ کان گهڻو ڪجهه اڳ
    پنهنجي ٽڪ روشني کي
    ڪڪرن ۾ لڪاءِ
    اوهان ويل گهڙي پل کن
    ڇپي ويندو آهي
    تون؟ پر تون!!
    روز روز
    ٿي پوسل ڪرين
    منهنجي دلدار جا ڳل


    نثري نظم
    يادن جو ڪوهيڙو


    سرد موسم جي سياٽ ۾،
    اتر جي هوا کي سامهون ويندي،
    ننڊايل نيڻن جا خمار ٽٽي پيا هئا،
    نائٽ ڊيوٽي
    شفٽ جي بس جو اوسيئڙو،
    ۽ رات جي ڪوهيڙي ۾
    پرٿجي ويل چنڊ،
    ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن،
    ڪکائن گهر ۾ آس جو ڏيئو،
    هاها ڊم لائٽ
    ڪمري جي هلڪي روشني،
    جيئن تون ذلفن جي ڇڄ ۾،
    پوشاڪجي ويندي آهين تمنا،
    فيڪٽري جو گيٽ اِن ڪندي،
    حاضري ڪارڊ ڏيندي ئي،
    غلامي جي اٺ ڪلاڪي پنجوڙ ۾،
    نااهل ٻهروپ جي اڳيان
    قيد ٿي ويندو آهيان،
    ۽ منهنجن هٿن ۾،
    تنهنجن آسيس ڏيندڙ هٿڙن بجاءِ،
    گولڊ فش جي پينسل آهي،
    ليب جي اسٽول تي ويهڻ کان، اڳ
    جو س جي ڪيل
    سيمپل جي ڪلڪيوليشن ۾ ،
    ڪليريڪل مسٽيڪن کي
    درست ڪرڻ لاءِ،
    ڊوڪس جي ربڙ سان مٽائيندي،
    پنهنجا ڪئين سپنا
    واش ڪري ويهندو آهيان،
    ها سک جي آس ۾
    زندگي کي ڳولهيندي،
    غمن جي ڪوهيڙي ۾
    پرٿجي ويندو آهيان،
    اڪيلو وياڪل
    ننڍڙي ٻار جيان،
    جهور ڪراري جند جيان،
    لڳي ٿو يتيم سنڌ جيان،
    سنڌي ٻولي سڳنڌ جيان،
    اڪيلو رهجي ويو آهيان،
    يادن جي ڪوهيڙي ۾،
    اڪيلو رهجي ويو آهيان.


    نثري نظم
    ماکيءَ جي رس جو ٻُڪ


    ٻڪريون چاري گهر اچڻ تي
    سج لهي چڪو هو
    عيدالفطر چنڊ جي رات
    ۽ ناني جي جيءُ جي گهر
    حڪو آيل هئي
    جيڪا همشه وانگي روندي
    منهنجا ميرڙا ڳل
    ۽ ڏٻڙا هٿ چمندي رهي
    ماءُ سڏڻ لاءِ
    چوندي رهي
    مون پنهنجو منهن سندس
    چولڙي ۾ لڪائيندي
    نيٺ امان چئي ڏنو هو
    ۽ منهنجي زبان تي
    عجيب مٺاس جي
    نواڻ جو چس لڳو هو
    ڄڻ ته جنت جي سمنڊ سنڌو مان
    مصراڻي ماکيءَ جي رس جو
    ٻُڪ ڀري پيتو هجي؟؟
    ۽ حڪو جي ٿاري لي دل تي
    سانوڻيءَ جو ڪڪر وسي پيو هو
    مون جيجل جي بڙ ڇاءُ ۾ جنت جي هوا
    ۽ بوند ۾ پاڻ کي
    پسندو محسوس ڪيو هو
    ان ويل امڙ چوڻ لڳي ته
    آئون تنهنجي سڳي ماءُ آهيان منٺار
    تنهنجي والد ٻئي شادي لاءِ
    تو کي مو کان کسڻ وقت
    ست ڪوهاڙيون هڻي ماري چڪو هو پر
    ربي جليل توسان ملائڻ لاءِ
    وري ب زنده رکيو آهي
    تڏهن پيرن تي ڪري روند رهيس
    قدمڙا چمندو رهيس
    پيرن ۾ جنت پسندو رهيس.


    نثري نظم
    رات ڇو رُنين


    صنوبر گڏي
    هٿڙن ۾ ڪڏي
    کلندي روئيندي
    روئيندي کلندي
    ٿي آهي جا وڏي
    اڱڻ آئيندي ۾
    وهندي پينگهي ۾
    مون ڏي ڏسندي
    ۽ مون کان پڇندي
    چوندي رهي
    پڇندي رهي
    بابا او بابا
    مون کي ته ٻڌاءِ
    رات ڇو رنين
    مون ڏي ڏسي ڏسي
    ۽ مون کان رسي
    رات ڇو رنين
    رات ڇو رنين
    ماءُ کانپوءِ ڌيءَ
    ماءُ جيجل ڏيءَ
    اکين جو آر نه پڇ
    والدين جو پيار نه پڇ
    راڻي بڻجڻ محل
    تون گهر ڇڏڻ محل
    مون ڏي ڏسجان
    ۽ مون کان پڇجان
    ان ويل ته پڇجان
    ۽ پوءِ چئجان
    رات ڇو رنين
    رات ڇو رونين


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 758
    ڪتابن جو مشاهدو: 1275989
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 389481
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ