ڪتاب جو نالو: تون منهنجي ساهه ۾ آهين
مصنف: طارق خشڪ
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 12 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 770 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 213 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
طارق جي ٻولي پختي آهي، کيس جملن جي جوڙجڪ (Construction)جو ڏانءُ آهي، هو ڳالهه کي شروع ڪري ۽ پوءِ ان کي وڏي مهارت سان پُورو ڪرڻ ڄاڻي ٿو. طارق جي هن ڪتاب ۾ شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتب ايندڙ مخصوص لفظ ۽ اصطلاح پڙهندي، سچ ته هڪڙي مُرڪ منهنجي چپن تي تري پئي آئي آهي- ’پئسا چٽائڻ‘ (پئسا کارائڻ يا رشوت ڏيڻ)، ’اڦٽ ڪرڻ‘ (ٺُپ مارڻ يا اُڦٽ مارڻ) ’ٽيڪر ڏيڻ‘ (هُشي ڏيڻ) ’ٺِشي وڃڻ‘ (ڀڄي وڃڻ يا کِسڪي وڃڻ) – هي اُهي اصطلاح آهن، جيڪي جڏهن جڏهن به مون ڪنهن جي واتان ٻُڌا هوندا ته منهنجي ذهن ۾ شهدادڪوٽ جو شهر، ڪنهن خوشگوار خيال جيان اڀري آيو هوندو!
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • تون سچ ته منهنجي ساهه ۾ ئي آهين!
  • دل جي ڳالهه
  • ڪهاڻيون

  • موٽي آ غزل
  • تون منهنجي ساهه ۾ آهين ...!!!
  • مان توکي چانهه پياريندس
  • دل جي ڳالهه
  • مان تنهنجي لائق نه آهيان
  • بيورو ڪريڪ
  • اسان بين الاقوامي بيوس آهيون
  • سنڌو سڪندو
  • محافظ
  • جنهن چيو
  • ڳوٺ جا ڏينهن شهر جون راتيون
  • رهجي ويل رنگ
  • هڪ اديب جي خواب جي تڪميل
  • وکريل محبت
  • مان سڌرندس
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    BOOK NO: 8

    * تون منهنجي ساهه ۾ آهين
    * (ڪهاڻيون)
    * طارق خشڪ
    * اگسٽ 2015ع
    * ڪمپوزنگ: مرڪ پبليڪيشن
    * ڪيليگرافي: پريتم قاضي
    * ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن
    شهدادڪوٽ

    ائڊريس:آفيس مرڪ پبليڪيشن
    نئين آس مئگزين شهدادڪوٽ
    Murtaza.laghari9@gmail.com
    Murtaza.laghari@ymail.com
    Cell: 0300-5182494


    ملهه: 250 روپيه

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    بابا سائين ۽ امڙ جيجل جي نانءُ
    جن جي شفقت جو ڇانورو
    مون کي زندگي جي سفر ۾ نٽهڻ اُس کان بچائيندو رهي ٿو.
    پنهنجي سڀني ڀائرن
    لال بخش
    حمل خان
    حاجي عارف حسين
    ارشاد علي
    علي گل
    علي حسن
    جي نانءُ جن جي محبت، پيار، پنهنجائپ
    ۽ تربيت، مون کي به ڪو نانءُ ڏنو...!


    طارق خشڪ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تون منهنجي ساهه ۾ آهين“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ نوجوان ليکڪ طارق خشڪ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل گهڻيون تڻيون طويل ڪهاڻيون آهن، پر انهن طويل ڪهاڻين ۾ طارق خشڪ جي ٽيڪنڪ، خوبصورت ٻولي، سندس لهجو هڪ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿو. خالد آزاد لکي ٿو:
    ”طارق جي ٻولي پختي آهي، کيس جملن جي جوڙجڪ (Construction)جو ڏانءُ آهي، هو ڳالهه کي شروع ڪري ۽ پوءِ ان کي وڏي مهارت سان پُورو ڪرڻ ڄاڻي ٿو. طارق جي هن ڪتاب ۾ شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتب ايندڙ مخصوص لفظ ۽ اصطلاح پڙهندي، سچ ته هڪڙي مُرڪ منهنجي چپن تي تري پئي آئي آهي- ’پئسا چٽائڻ‘ (پئسا کارائڻ يا رشوت ڏيڻ)، ’اڦٽ ڪرڻ‘ (ٺُپ مارڻ يا اُڦٽ مارڻ) ’ٽيڪر ڏيڻ‘ (هُشي ڏيڻ) ’ٺِشي وڃڻ‘ (ڀڄي وڃڻ يا کِسڪي وڃڻ) – هي اُهي اصطلاح آهن، جيڪي جڏهن جڏهن به مون ڪنهن جي واتان ٻُڌا هوندا ته منهنجي ذهن ۾ شهدادڪوٽ جو شهر، ڪنهن خوشگوار خيال جيان اڀري آيو هوندو!“
    هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ / ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ پياري دوست، سنڌ سلامت جي همدرد پياري مرتضى لغاري جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    ڪهاڻي انساني ارتقا جي هم عمر آهي، ڇو ته ڌرتيءَ تي انساني وجود جي اچڻ سان هڪ ڪهاڻي جي شروعات ٿئي ٿي. توڙي جو ڪهاڻي لاءِ ڪهاڻي جي وڏن ليکڪن ۽ نقادن ڪهاڻي جي عمر، يعنى ڪهاڻي جي تاريخ هڪ صدي ڄاڻائي آهي. منهنجي خيال ۾ اها ڪهاڻي جي مستند تاريخ نه آهي. اها ٻي ڳالهه اهي ته ان دور جي ڪهاڻي ۽ جديد ڪهاڻي ۾ گهڻو تڻو فرق آهي. قديم دور جي ڪهاڻي کان هٽي ڪري، تاريخ جي ورقن ۾ سمايل ڪهاڻي جي صدي، واري ٽريڊ تي نظر وجهبي ته اهي به گهڻو ڪري قصن، داستانن ۽ ڏند ڪٿائن تي مشتمل ڪهاڻيون ملنديون. جن مان چند ڪهاڻين يا ڪهاڻيڪارن کان سواءِ باقي ليکڪن کي ڪا خاص پزيرائي نه ملي سگهي.
    ڪافي عرصو پير پير تي رکندي ڪهاڻي پنهنجو سفر جاري رکيو پر پوءِ به اهڙين چوڻين جنم ورتو ته سنڌي ڪهاڻي مري وئي آهي، يا سنڌي ڪهاڻي گهٽ لکي وڃي ٿي، سنڌي ڪهاڻي معياري نه آهي.... وغيره وغيره...
    پر 1990ع کان پوءِ وارو ڏهاڪو ڪهاڻي جو دؤر رهيو. سنڌي ڪهاڻي جي زمين تي ڪافي نوان تجربا ٿيا. تمام طويل ڪهاڻيون به لکيون ويون ته شاندار افسانا به لکيا ويا ۽ شاهڪار ناول پڻ لکيا ۽ ڇپايا ويا.! پر جتي طويل تر ڪهاڻيون پنهنجي فارميٽ ۾ شاندار لکيون ويون اتي تمام ننڍي ۾ ننڍيون ڪهاڻيون جن کي مختصر ڪهاڻي چيو ويو، جيڪا هڪ لائين جي ڪهاڻي به ٿئي ٿي، اها به تمام ججهي مقدار ۾ لکي وئي. جنهن دور ۾ ڪهاڻي کي ڪافي پذيرائي ملي، ان دور ۾ نوجوانن جي تمام وڏي انگ ڪهاڻي جي دنيا ۾ پير پاتو. اهي نوجوان اڄ به جديد ڪهاڻي جا روشن چراغ محسوس ٿين ٿا. جن جون ڪهاڻيون مختلف مئگزينن توڙي ڪتابن ۾ ڇپجن به ٿيون ته پڙهيون به وڃن ٿيون. انهن ليکڪن جي شوق، ذوق، جنون، ۽ ڪهاڻي جي سفر ۾ جاکوڙ گهٽ ۾ گهٽ ڪهاڻي تي لڳل ان الزام (ڪهاڻي مري وئي آهي) کي ٻيو روپ ڏنو. جنهن مان محسوس ٿيو ته سنڌي ڪهاڻي مُئي ڪو نه آهي. پر ڪهاڻي زنده آهي ۽ شاهڪار ڪهاڻي لکي وڃي ٿي. اهڙن نوجوان ڪهاڻيڪارن ۾ شهدادڪوٽ جي نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق خشڪ جو نانءُ پڻ سرِ فهرست آهي. جنهن سنڌي ادب کي پهريان به ٻه معياري ڪتاب ڏنا آهن.
    طارق خشڪ جو هي ٽيون ڪهاڻي ڪتاب ”تون منهنجي ساهه ۾ آهين“ جنهن ۾ ٽوٽل پندرنهن ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن جن ۾ (’* موٽي آ غزل‘ * ’تون منهنجي ساهه ۾ آهين‘ * ’مان توکي چانهه پياريندس‘ * ’دل جي ڳالهه‘ *’مان تنهنجي لائق ناهيان‘ *’بيورو ڪريڪ‘ *’اسان بين الاقوامي بيوس آهيون‘ * ’سنڌو سڪندو‘ *’محافظ‘ *’جنهن چيو‘ *’ڳوٺ جا ڏينهن شهر جون راتيون‘ * ’رهجي ويل رنگ‘ * ’هڪ اديب جي خواب جي تڪميل‘ *’وکري ويل محبت‘ * ’مان سڌرندس‘)شامل آهن.
    هن ڪتاب ۾ شامل گهڻيون تڻيون طويل ڪهاڻيون آهن، پر انهن طويل ڪهاڻين ۾ طارق خشڪ جي ٽيڪنڪ، خوبصورت ٻولي، سندس لهجو هڪ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ ’موٽي آ غزل‘ جيڪا ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ رومئنٽڪ انداز سان گڏو گڏ خوبصورت ۽ ڀرپور مزاح پڻ شامل آهي، جنهن جي ڪري سندس طويل ڪهاڻي به شاندار ۽ جاندار ٿي پوي ٿي، جو پڙهندڙ ڪٿي به ٿڪجي نه ٿو پوي. ”مان توکي چانهه پياريندس“ به سندس بهترين ڪهاڻي آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي ”تون منهنجي ساهه ۾ آهين“ پڻ هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ شامل ٻيون به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون آهن. جن ۾ ليکڪ جي تخليقي سگهه پڻ پنهنجي تخيل جي آڌار تي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ آهي. ڇو ته طارق خشڪ جي ڪهاڻين ۾ سندس ٻولي کان وٺي ڪهاڻين ۾ شامل ڪهاڻي پلاٽ، ڪهاڻي ڪردارن سميت ڪهاڻي جي شروعات کان وٺي اختتام تائين پنهنجي ئي ديس جي خوشبوءِ سمايل آهي، تمام سادڙا ڪردار، سادڙي ٻولي ۽ انهن ڪردارن جي رهڻي ڪهڻي ڪا اڻ ڏٺي ديس جي نه آهي بلڪه پنهنجي ئي آس پاس ۾ ٿيندڙ واقعا، حادثا، ۽ مسئلا سندس ڪهاڻين جو محور آهن، اها به هڪ خوبي ليکڪ جي بهترين روايت ۾ شامل ٿئي ٿي ته هو پنهنجي خوبصورت انداز ۾ ڪيترو نه لکڻين سان نڀاهه ڪري ٿو، جو پڙهندڙ سندس ڪهاڻي ۾ ايترو ته گُم ٿي ويندو جو ڄڻ کيس محسوس ٿيندو هجي ته هو به سندس ڪهاڻي جو ڪو ڪردار آهي، اهڙي طرح پڙهندڙ ڪهاڻي پڙهندي پڙهندي ڪٿي کلي کلي کيرو ٿي پوندو ته ڪٿي اکين مان لڙڪ روڪي نه سگهندو ۽ مسلسل جنهن به ڪهاڻي کي پڙهڻ ويهندو ته ڪهاڻي جي اختتام تائين هڪ ئي ساهي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪندو.
    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ پاران پنهنجن پڙهندڙن آڏو هي شاهڪار ڪهاڻي ڪتاب پيش ڪندي سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ وڌيڪ ڪتاب جو اضافو محسوس ڪريون ٿا ۽ ان روايت کي دهرايون ٿا ته سنڌي ڪهاڻي زنده آهي ۽ تمام معياري ڪهاڻي لکي وڃي ٿي.


    مرتضى لغاري

    Cell: 0300-5182494 - 0300-3429326


    تون سچ ته منهنجي ساهه ۾ ئي آهين!

    هي ٻيو ڀيرو آهي جو آءٌ طارق خشڪ جي لکڻين تي پنهنجي راءِ ڏئي رهيو آهيان، پهريون ڀيرو اڄ کان 10 سال اڳ 2005ع ۾ تڏهن، جڏهن طارق جو ناول ’مون کي هوائن ۾ ڳولجان‘ ڇپيو هو ۽ هِتان حيدرآباد مان تاج جويو، ڊاڪٽر ظفر عباسي، قربان شيخ ۽ آءٌ شهدادڪوٽ، طارق جي ان ناول جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت لاءِ نڪتا هئاسين- ۽ ان تقريب ۾ مون طارق جي ناول تي پنهنجو ڀرپور پيپر پڙهيو هو. اهو پيپر ته وري مون کي هٿ نه اچي سگهيو، البته طارق جي هن ٻئي ڪتاب جو مسودو اچي مون وٽ نڪتو. اڄ طارق جي هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين کي پڙهندي ۽ انهن تي لکندي، سچ ته يادگيرين جي هڪ جَهان جي کڙڪي کُلي وئي آهي ۽ مون کي منهنجو وجود شهدادڪوٽ جي روڊن رستن ۽ گلين گهٽين ۾ رُلندو محسوس ٿي رهيو آهي. شهدادڪوٽ، منهنجو يروشلم! جنهن جي در و ديوار ۽ گلين گِهٽين کان منهنجو اکيون ۽ منهنجا پير ائين مانُوس آهن، جيئن انڌي لاءِ روز جو رستو! آءٌ اڄ به اکيون ٻُوٽي جڏهن هن شهر جو تصور ڪندو آهيان ته مون کي منهنجو رُوح، مصري شاهه قبرستان کان وٺي غريب آباد جي گهٽين ۾- ۽ موچي محلي، هيرآباد ۽ ڪالي مڪان کان باقرآباد تائين گهِلي کڻي ايندو آهي. اڄ کان 10 سال اڳ_ 2005ع تي، جڏهن آءٌ طارق جي ناول ’مون کي هوائن ۾ ڳولجان‘ جي مهورتي تقريب ۾ پنهنجو پيپر پڙهي هيٺ لٿو هئس ته ٻاهر انتظار ۾ بيٺل ’قربان شيخ‘ ۽ آءٌ غريب آباد ۾ پهرين پنهنجي گهر ۽ پوءِ ’سرائي قربان‘ جي اوطاق تي هليا آيا هئاسين. اڄ نه ’قربان شيخ‘ آهي ۽ نه ’سرائي قربان‘- خبر ناهي ته اسان جڏهن طارق جي هن ڪتاب جو مهورت ڪري رهيا هونداسين ته اسان جون اکيون اُتي ڪنهن ڪنهن کي ڳولي رهيون هونديون!
    طارق خشڪ نوجوان ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار آهي. کيس ناول سان گڏ ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ جي به ڀرپور ڄاڻ آهي. هو ڄاڻي ٿو ته ڪهاڻيءَ جي اُٿڪ (Intro) ڪيئن ڪجي. کيس خبر آهي ته ڪهاڻيءَ ۾ مونجهارو (Conflict) ڪيئن پيدا ڪبو آهي، هن کي پتو آهي ته مڪالمن (Dialogues)کي واڪ جي نشانين (Quotes) ۾ ڪيئن بند ڪجي. ڳالهه کي ڪيئن کڻجي ۽ ان جو اختتام (Climax) ڪيئن ڪجي- طارق کي هڪ معياري ڪهاڻيءَ جي خدوخال جي مڪمل ڄاڻ آهي، ان ڪري اها ڳالهه برملا چئي سگهجي ٿي ته طارق ’ڪهاڻيءَ‘ جي سڀ کان پهرئين اصول يعني ٽيڪنڪ جي حوالي سان تمام گهڻو Sound آهي. ان ڪري ئي جڏهن سندس ڪهاڻيون پڙهجن ٿيون ته هُو پنهنجن پڙهندڙ کي هڪ تسلسل ۾ پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، پاڻ سان گڏ کِلائي ٿو ۽ پاڻ سان گڏ روئاڙي به ٿو، اها ئي هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار جي ثابتي آهي ۽ طارق خشڪ موجوده ٽهيءَ جو هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار آهي.
    سنڌ جو هڪ پورو ادبي نسل امر جليل کان متاثر آهي - ۽ نه رڳو متاثر آهي، پر امر جليل جو انداز (Style) اپنائڻ ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪري ٿو. ڪنهن ليکڪ کان متاثر ٿيڻ ۽ ان جو اسٽائيل اپنائڻ سڀاويڪ ۽ فطري به آهي ته اها ڳالهه ماڻهوءَ کي خوشي به ڏئي ٿي، پر ڇا اُن صورت ۾ هڪ ليکڪ پنهنجي انفراديت قائم رکي سگهي ٿو؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي نهايت اهميت وارو آهي. طارق خشڪ به امر جليل کان متاثر آهي- ۽ نه رڳو متاثر آهي پر ان جي رنگ ۾ ايترو ته رنگيل آهي جو سندس ڪهاڻين جا ڊگها ڊگها عنوان، ڪردارن جا منفرد نالا، مزاح مزاح ۾ تيز ۽ تِکا طنزيه مڪالما – بلڪل ائين ئي آهن جيئن امر جليل جون ڪهاڻيون! سچ ته طارق جون ڪهاڻيون پڙهندي، گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ته هڪ سو هڪ ڀيرا وساري ويٺو هوندس ته آءٌ ڪو طارق جون ڪهاڻيون پيو پڙهان، هو بهو ڄڻ امر جليل کي پڙهي رهيو هجان! پر طارق جي انفراديت اها آهي جو سندس لهجو ڀل ته امرجليل جهڙو هجي، سندس ڪهاڻين جي ڪردارن جا نالا ڀل ته امرجليل جي ڪهاڻين جي ڪردارن وانگيان منفرد هجن، هُن جي ڊائلاگن ۾ ڀل ته امر جليل وانگيان تيز ۽ تکو طنز هجي، پر ڳالهه طارق جي هوندي آهي. ڳالهه طارق جي آسپاس جي هوندي آهي، ڳالهه طارق جي ان شرميلي ۽ ماٺيڻي مزاج جي هوندي آهي ۽ اها ئي طارق جي انفراديت آهي.
    طارق جي ٻولي پختي آهي، کيس جملن جي جوڙجڪ (Construction)جو ڏانءُ آهي، هو ڳالهه کي شروع ڪري ۽ پوءِ ان کي وڏي مهارت سان پُورو ڪرڻ ڄاڻي ٿو. طارق جي هن ڪتاب ۾ شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتب ايندڙ مخصوص لفظ ۽ اصطلاح پڙهندي، سچ ته هڪڙي مُرڪ منهنجي چپن تي تري پئي آئي آهي- ’پئسا چٽائڻ‘ (پئسا کارائڻ يا رشوت ڏيڻ)، ’اڦٽ ڪرڻ‘ (ٺُپ مارڻ يا اُڦٽ مارڻ) ’ٽيڪر ڏيڻ‘ (هُشي ڏيڻ) ’ٺِشي وڃڻ‘ (ڀڄي وڃڻ يا کِسڪي وڃڻ) – هي اُهي اصطلاح آهن، جيڪي جڏهن جڏهن به مون ڪنهن جي واتان ٻُڌا هوندا ته منهنجي ذهن ۾ شهدادڪوٽ جو شهر، ڪنهن خوشگوار خيال جيان اڀري آيو هوندو! بجا طور تي چئي سگهجي ٿو ته اها به طارق جي هڪ واڌو خوبي آهي جو هو پنهنجي شهر ۽ آسپاس جي اصطلاحن ۽ لفظن کي به جياري ٿو، انهن ۾ ساهه وجهي ٿو، انهن ۾ رنگ ڀري ٿو- اهو رنگ، جيڪو هن شهر جو رنگ آهي، تيز، تِکو، پيار ڀريو، بي ڊپو ۽ متحرڪ!
    طارق بنيادي طور تي رومانوي ليکڪ آهي. سندس گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون ’محبت‘ ۽ ’بي روزگاريءَ‘ جي آسپاس ڦِرن ٿيون. امر جليل وانگيان هن جي لهجي ۾ مزاح سان گڏ جيڪو طنز آهي، سو سندس لکڻين ۾ دلچسپي پيدا ڪري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ سندس ئي شخصيت ۽ مزاج پڻ جهلڪندو نظر ايندو آهي. هو جيئن نظر ايندو آهي- ماٺيڻو ماٺيڻو، ٿورو ٿوروشرميلو، گهٽ ڳالهائو... ائين سندس ڪهاڻين جا ڪردار آهن، جيڪي طارق جي اندر جو اولڙو آهن. طارق جي هن ڪهاڻي – ڪتاب جو نالو، سندس اڳ ڇپيل ناول جي نالي ’مون کي هوائن ۾ ڳولجان‘ وانگر ائين ئي خوبصورت آهي، جيئن ڪنهن شعر جي سِٽ هوندي آهي، جهيلار ۽ موسيقيءَ سان ڀرپور، زندگيءَ سان ڀرپور- تيئن طارق جي هن ڪتاب جو نالو ’تون منهنجي ساهه ۾ آهين‘ ڪيڏو نه خوبصورت وڻندڙ آهي.
    طارق جون ڪهاڻيون- ’موٽي آ غزل‘، ’مان توکي چانهه پياريندس‘، ’دل جي ڳالهه‘، ’بيوروڪريڪ‘، ’تون منهنجي ساهه ۾ آهين‘، ’اسان بين الاقوامي بيوس آهيون‘، ’وکريل محبت‘، ’مان تنهنجي لائق نه آهيان‘– سڀ رومانوي ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ (Social Realism) تي ٻڌل آهن. طارق پنهنجي وضع قطع موجب، پنهنجي مزاج موجب، پنهنجين ڪهاڻين ۾ برملا نظر ايندو. هر ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙو ڪردار- هوبهو طارق جهڙو- اوهان کي نظر ايندو. اوهان جڏهن هن مجموعي ۾ شامل طارق جون ڪهاڻيون پڙهندؤ ته اوهان کي لڳندو ته اوهان امر جليل کي پڙهي رهيا آهيو، پر جڏهن اوهان طارق جي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪندؤ ته اوهان کي هڪ خوشگوار حيرت جو احساس ٿيندو، جو اسٽائيل يا انداز ته بلاشڪ ’امر جليل‘ جهڙو آهي، پر ڳالهه ’طارق خشڪ‘ جي آهي ۽ اها ئي طارق جي انفراديت آهي.
    طارق جون ڪي ڪهاڻيون گهڻيون طويل آهن. پڙهندي پڙهندي هڪ لمحي لاءِ، اوهان کان اُن ڪهاڻيءَ جو Theme وسري ويندو ۽ اوهان ڪنهن ٻي ڪهاڻيءَ ۾ گم ٿي ويندو- طارق ڪهاڻيءَ ۾ ٻيون ڪيئي ڪهاڻيون پيدا ڪري ٿو، پر تسلسل ۽ روانيءَ جو اهو ڪيڏو نه حَسين مثال آهي ته طارق جي ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس وري اُتي اچي، ان موضوع تي دنگ ڪندو، جتان کان اوهان ان ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ شروع ڪيو هو. اها طارق جي هڪ ٻي خوبي آهي- ۽ اها خوبي مون ’فاروق سولنگيءَ‘ جي ڪهاڻين ۾ پڻ ڏٺي. خاص طور تي سندس شاهڪار ناول ’وکريل ماڻهوءَ‘ ۾ ڪيئي ناول ۽ ڪيئي ڪهاڻيون آهن، پر آخر ۾ هن جيڪو ڪلائيميڪس ۾ ناول سان نڀاءُ ڪيو آهي، سچ ته اهو ڪمال آهي.
    طارق جي ڪهاڻي ’رهجي ويل رنگ‘ امر جليل جي ڪهاڻي ’اروڙ جو مست‘ جي هڪ ٻي شڪل آهي. موضوع به لڳ ڀڳ ساڳيو آهي ته theme به، رڳو مڪالما (Dialogues) تبديل آهن. شاعريءَ ۾ ته هڪ شاعر، ڪنهن ٻئي شاعر جي ’زمين‘ کڻندوآهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ ائين ٿيندو آهي يا نه، اهو پاڻ ايندڙ دور جي نقاد تي ٿا ڇڏيون، پر هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ عورت جي احساسن جي جيڪا ترجماني طارق ڪئي آهي، تنهن کي پڙهي سچ ته طارق جي هن لاشعوري غلطيءَ کي درگذر ڪري سگهجي ٿو. ساڳيو مسئلو طارق جي هڪ ٻي ڪهاڻي ’اسان بين الاقوامي بيوس آهيون‘ سان پڻ آهي، جيڪا پڻ امر جليل جي شاهڪار ڪهاڻي ’دل جي دنيا‘ جهڙو هوبهو تاثر ڏئي ٿي. اهڙيءَ ريت طارق جي ڪهاڻي ’هڪ اديب جي خواب جي تڪميل‘ کي پڙهندي اوهان کي امر جليل جي ڪهاڻي ’قربان علي ڪنگلي جو روح‘ ياد اچي ويندي. جيتوڻيڪ ٽنهي ڪهاڻين ۾ ڳالهه وري به طارق جي ئي آهي، پر کيس انهن ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي. ساڳيو موضوع، ساڳيو ماحول، ساڳي منظر نگاري – ليکڪ جي انفراديت کي هاڃو پهچائي سگهي ٿي.
    هن مجموعي ۾ شامل طارق جون ڪهاڻيون: ’جنهن چيو‘، ’سنڌو سُڪندو‘، ’محافظ‘، ’ڳوٺ جا ڏينهن ۽ شهر جون راتيون‘ ۽ ’هڪ اديب جي خواب جي تڪميل‘- اسان جي سماج ۾ گهر ڪري ويل بِدعتن- بُراين، مسئلن ۽ مُونجهارن جون ڪهاڻيون آهن. بي روزگاري ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ باصلاحيت پر غيرسفارشي نوجوانن جي احساسن، ڪاروڪاريءَ جي نالي تي گهر ۾ غيرت ۽ شهر ۾ بي غيرتي ڪندڙ ڪاٽن پوش ڪامريڊن، سياسي دڪانداريءَ جهڙي گورک ڌنڌي کان تنگ ٿي مورڳو سياست کي خراب سمجهندڙ سنڌي سٻاجهن جي سوچ جهڙن موضوعن تي طارق پنهنجن هنن ڪهاڻين ۾ زبردست طبع آزمائي ڪئي آهي. سماج جي نبض شناسي هر ليکڪ جي لکڻين جو بنيادي جز هوندو آهي، جنهن ۾ طارق گهڻي ڀاڱي ڪامياب ويو آهي، البته ڪِن ڪهاڻين ۾ طارق حقيقت کان ٿورو هٽي، جذباتيت جي وهڪري ۾ لڙهي ويو آهي. مثال طور طارق جي ڪهاڻي ’محافظ‘، سنڌ اندر پوليس گردي، ڏاڍ ۽ ظلم جي عڪاسي ته ڪري ٿي_ ۽ اها ڪنهن حد تائين حقيقت به آهي، پر بلڪل اهڙو ظلم به نه آهي، جيڪو ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. وقت بدلجي ويو آهي، ميڊيا جي ذريعن، سماجي سجاڳيءَ جي تحريڪن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن، انساني حقن جي بلند ٿيندڙ آوازن _ ملي ڪري هاڻي غريب کان غريب ۽ بي پهچ ماڻهوءَ کي ڪجهه نه ڪجهه همت ڏئي ڇڏي آهي، جو هُو ماٺ ڪري منڪر ٿي ويهڻ بجاءِ ڪُڇي ڪافر ٿيڻ کي ترجيح ڏيئي ٿو!
    طارق جون ٻه ڪهاڻيون ’مان توکي چانهه پياريندس‘ ۽ ’بيوروڪريڪ‘- هن مجموعي جون شاهڪار ڪهاڻيون آهن. ٻئي ڪمال جون احساساتي ڪهاڻيون آهن. ٻنهيءَ جا ڇا ته موضوع آهن، ڇا ته ڊائلاگ آهن ۽ طارق ڇا ته انهن سان نڀاءُ ڪيو آهي جو ڪهاڻين جي شروعات کان وٺي آخر تائين هڪڙو بيحد حسين تاثر پڙهندڙ جي من ۾ لهي وڃي ٿو. سچ ته اهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون پڙهي، اسان کي طارق جي دوستيءَ تي فخر به ٿئي ٿو ته سندس ڪمال جي ڪاريگريءَ تي رِيس به!
    سنڌ جو نوجوان ڏاڍو زبردست لکي پيو، ان ڪري سنڌ جي سينيئر اديبن کي دنيا جهان ۽ اولهه- اوڀر جا حوالا ڏيڻ بجاءِ، ٿورو وقت ڪڍي، سنڌ جي نوجوان کي پڙهڻ گهرجي – اهو اسان جو حق به آهي ۽ اوهان جو فرض به!!


    خالد آزاد
    حيدر آباد
    ¬¬¬¬


    دل جي ڳالهه

    دل جو ڦتڪڻ زندگي جي علامت..! دل جو بيهي وڃڻ... معنى موت.! منهنجي دل به هن وقت ڌڙڪي رهي آهي، مطلب مان به زندهه آهيان، پر مان زندهه ڇو آهيان ڪا خبر ڪونهي.
    ها پر...!
    ايترو ڄاڻان ٿو، ’تون منهنجي ساهه ۾ آهين‘...!
    سالن کان وٺي مرڻ جا ڪي موقعا وڃائي زندگي جي پيچري تي ڪنهن ڇانوري جي ڳولا ۾ ڊوڙندو رهيو آهيان، پر ساهه پٽڻ لاءِ جڏهن به بيٺم، ڏٺم! نٽهڻ اس ۾ بيٺو آهيان. ساهه سنڀالي وري پنهنجي ڊوڙ ...! هاڻ ته ان ڊوڙ ۾ ايترو پري نڪري ويو آهيان، يا ٿڪجي پيو آهيان، جو ڇانورا سڀ وسري ويا آهن، سوچيان ٿو ته ڪنهن جهڙالي موسم ۾ ئي پناهه وٺان خبر به آهي ته هر موسم عارضي هوندي آهي جهڙالي موسم ته اڃان به، بي اعتبار...! پر ڪڪر جيترو عرصو به هوندا آهن اس جو وجود ختم ٿي ويندو آهي، رڳو دل کي وڻندڙ ۽ ڇهندڙ ڇانورو ئي ڇانورو هوندو آهي پر ان کان اڳتي وڌي ڪڪر جڏهن پنهنجي من جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ وسڻ جي صورت ۾ روئيندا آهن ته اسان انهن جي ڳوڙهن کي وڻندڙ موسم سمجهي ’انجواءِ‘ ڪندا آهيون، مرجهايل چهرن تي رونقون اچي وينديون آهن. ويچارا ڪڪر...! جڏهن کين ڪٿان ڪا آٿت ملڻ بجاءِ سندن لڙڪن جي موٽ ۾ مرڪون ملنديون آهن ته اهي ويچارا پاڻ سان ٿيل ان ٽريجڊي تي وائڙا ٿي ڪڏهن خاموشيءَ سان ته ڪڏهن اڃان به وڌيڪ روڄ راڙو ڪري واپس هليا ويندا آهن. پوءِ به اسان جي رويي ۾ ڪا به تبديلي ناهي ايندي ۽ نه ئي وري اچڻي آهي...! پر هڪ ڳالهه آهي، فتح وري به ڪڪرن جي ئي ٿيندي آهي. دنيا ڪجهه به سمجهي سوچي يا نچي، پر ڪڪر ته پنهنجي اندر ۾ آيل زلزلي کي اڇلي هلڪا ٿي هليا ويندا آهن نه...! جيڪا ڳالهه ڪڪر به سمجهي ويا آهن ان ڪري انهن جي دل جڏهن به ڀرجي ايندي آهي هو وري وسڻ هليا ايندا آهن. ڪنهن جي به پرواهه کان سواءِ ...!

    مان به ته هڪ اهڙو ئي ڪڪر بڻجي ويو آهيان نه شايد...!
    ’مرڪ واري ڇوڪري‘
    ’مون کي هوائن ۾ ڳولجانءِ‘
    ’تون منهنجي ساهه ۾ آهين‘ ...!

    مون به هر ڀيري موٽ ڪئي آهي، وري ورندس به الاءِ جي نه....! نه ٿو ڄاڻان پر اها خواهش ضرور آهي.
    ناول کان پوءِ ڊگهو عرصو نه چاهڻ باوجود لکڻ کان پري رهيس اوهان کان پري رهيس، ايترو جو شايد 14_15 سال گذري ويا. ان وٿيءَ جو سبب شايد زندگي جي ڳولا: پر وري به اها پرولي ڀڃي نه سگهيو آهيان ته زندگي آخر آهي ڇا...!؟ جيڪا هوندي به ملي ئي نه ٿي..! ها پر ان عرصي دوران ايترو ضرور سمجهيو آهي ته: ” تون منهنجي ساهه ۾ آهين“ ...!
    سچ اهو آهي مان ناول کان پوءِ ڪوشش باوجود ڪجهه لکي نه سگهيو آهيان شايد واقعي به منهنجا ڪردار مون کان رسي ويا آهن، ڪهاڻيءَ جي راڻيءَ به ڏانءُ ۽ ڏات کسي ورتي آهي جو قلم هٿ ۾ ئي نه ٿو اچي. اڳ قلم ۾ ايتري رواني هئي جو جهڙي مهل چاهيندو هيس لکڻ جو سفر شروع ٿي ويندو هو، هاڻ لکڻ تي دل چاهڻ باوجود قلم هٿن مان ايئن ٿو کسڪي وڃي جيئن خواب اکين مان اڏري ويندا آهن. هاڻ ته خوابن جي پٺيان ڊوڙڻ جي به همت نه رهي آهي ان ڪري سوچيم ڇو نه پنهنجي گذريل زندگي جا ذرا جيڪي: (ڪي ڪٿ ڪريا، ڪي ڪٿ ڪريا) ميڙي چونڊي وٺجن. ان ئي ڪوشش جو نتيجو آهي: ”تون منهنجي ساهه ۾ آهين“ ان کان اڳ_ ’مرڪ واري ڇوڪري‘ (ڪهاڻيون) ’مون کي هوائن ۾ ڳولجانءِ‘ (ناول) منهنجي زندگيءَ جي وڻ مان ڇڻيل اهي پن آهن، جيڪي هن وقت اوهان جي دلين جي خوبصورت آڳر تي ويچارا بڻجي پيل آهن، اميد آهي ته منهنجي هن ڪاوش کي به اوهان پنهنجي من جي مهمان خاني ۾ جاءِ ضرور ڏيندؤ...!
    ’تون منهنجي ساهه ۾ آهين“ ڪتاب ۾ آيل منهنجون اڪثر ڪهاڻيون 2000ع کان اڳ واري دؤر جون لکيل آهن. ان دؤر ۾ مان ارڙهن ويهن سالن جو ادبي ٻار هيس، جنهن کي صرف لکڻ جو جنون هو. گهٽ مطالعي، مشاهدي باوجود مون ان دؤر ۾ ڏاڍو لکيو، پنهنجي وت ۽ وس آهر...!
    خبر نه آهي اها ڪهڙي قوت هئي جو تمام گهڻي مصروفيتن، معاشي ڀڃ ڊاهه، سماجي ريتن رسمن، جهالت ۽ غربت سان ويڙهه هوندي به اهڙي طرح قلم ڏيندي هئي جو سڀ دوست چوندا هئا: ”هن کي لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي“ پر مان لکندو رهيس اڄ جڏهن پنهنجي ماضي جا اهي ذرا ذرا ميڙي چونڊي ڪتابي صورت ۾ اوهان آڏو آندا آهن ته سچ پچ زندگي جا به سڀ ٿڪ لهندي محسوس ڪيا اٿم. ناول کان پوءِ نه لکڻ وارو غم وقتي طور ئي سهي پر منهنجي دل جي ميدان مان ايئن کسڪي ويو آهي، جيئن روئندڙ ٻار جي خواهش پوري ٿيڻ کان پوءِ هن جي اکين مان ڳوڙها ڳوليا نه لڀندا آهن ۽ هن جي چهري تي ڳوڙهن جي لڪيرن باوجود تازگيءَ ۽ مسڪراهٽ اچي ويندي آهي. مان به پنهنجو ماضي ميڙي ڄڻ تازو ٿي ويو آهيان.
    مان پنهنجي هنن لکڻين ۾ اصلاح جي آڙ ۾ ڪا به ردو بدل نه ڪئي آهي، ڪرڻ جو سوچيو هيم ته منهنجا ڪردار مون سان اٽڪي پيا، چيائون ٿي ”اسان جيئن آهيون، تيئن رهڻ ڏي... نه لکڻ واريون ڪسرون اسان مان نه ڪڍ...!“ اها ڳالهه مون کي به سمجهه ۾ اچي وئي، ۽ مون انهن شين کي اتي ئي رهڻ ڏنو.
    سو منهنجون هيءَ ڪهاڻيون پڙهندي ذهن ۾ اهو ضرور رکجو ته هي لکڻيون ان ٻار جون آهن، جنهن جي هڪ هٿ ۾ قلم ته ٻي هٿ ۾ مزدوريءَ جا اوزار هڪ اک ۾ پنهنجي تعليم پنهنجا خواب ۽ حسرتون ته ٻي اک ۾ پنهنجو ڪچو گهر ۽ ان جو چلهو...! دل جي دنيا ۾ رڳو ويراني ۽ پنهنجي وڃائجي وڃڻ جو ڊپ ۽ سوچن ۾ صرف اهي ڪردار جيڪي ٿورو کلائي ۽ پوءِ رلائي ويندا آهن...!
    منتشر ذهن ۾ جيڪو به آيو، مون ڪهاڻيءَ ۾ پناهه ورتي... يقينن ان سفر ۾ مون کان کوڙ ڪوتاهيون ٿيون هونديون، غلطيون به گنج... ڪٿي ڪريو هوندس ته ڪٿي اٿڻ مهل وري ڪرڻ جي خوف کان ٿڙيو هوندس. پر مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي، دل سان لکيو آهي، دل جي قلم سان لکيو ۽ دل جي زبان سان لکيو آهي، اوهان کي به دل آهي نه...؟! ته پوءِ منهنجي لکڻين کي ٻالڪپڻ جو ارمان ۽ معصوميت جو پوئٽريٽ سمجهي راءِ ڏجو.
    ها باقي جي منهنجي ڪا ڪهاڻيءَ يا ڪنهن افساني ۾ آيل ڪاسٽ، ڪو جملو، ڪو خيال، ڪو ڪردار، ڪو لفظ به، اوهان جي دل کي ڇهي وڃي ٿو ته، سچ اهو اوهان جو ئي آهي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي اوهان کي خوش ڏسي ۽ اوهان جي چهري تي اطمينان ڏسي.
    مون کي اميد آهي ته اوهان ’مرڪ واري ڇوڪريءَ‘، ’مون کي هوائن ۾ ڳولجانءِ‘ کان پوءِ هڪ ڊگهي وٿي واري منهنجي ڪوتاهي کي درگذر ڪري اڳ جهڙي ئي پنهنجائپ ۽ محبت ڏيندؤ...! پوري ڪوشش ڪندس ته ڪهاڻين جي هن مجموعي کان پوءِ جلد پنهنجي وجود جا رهجي ويل باقي ذرا به ميڙي چونڊي انهن کي ڪو نانءُ ڏئي جيئن جو تيئن اوهان جي آڏو آڻيان ڇو جو مان جهڙو آهيان، اهڙو ئي رهڻ ٿو چاهيان. مٿي ڏسڻ وارا هميشه ٿاٻو کائيندا آهن... مون اهو ئي سکيو آهي، هن وقت تائين جي زندگي مان...!
    آخر ۾ ٿورائتو آهيان هن ڪتاب جي پبلشر مرتضى لغاري جو، جنهن منهنجي هن ڪتاب آڻڻ ۾ پبلشر کان وڌيڪ هڪ دوست جو ڪردار نڀايو ۽ خوب محنت ڪئي، ڪمپوزنگ، پروف ريڊنگ کان ويندي، ڪتاب جي ٽائيٽل، بيڪ ٽائيٽل ۽ سڄي سيٽنگ تائين... هن جو ساٿ ۽ دلچسپي جيئن جو تيئن قائم رهي. مان ٿورائتو آهيان پنهنجي پياري دوست خالد آزاد جو جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان چند گهڙيون ڪڍي منهنجي ڪتاب تي اڀياسي تاثر لکيو. جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون نه هجڻ جي برابر آهن ته ان محنت ۾ گهڻو حصو منهنجي ويجهي دوست يار محمد عمراڻي جو آهي جنهن گهڻي مصروفيت باوجود وڻندڙ انداز ۾ منهنجي هن ڪتاب لاءِ وقت ڪڍيو.
    ٿورائتو پنهنجي ويجهي دوست پروفيسر عبدالرشيد چانڊيو (رشيد خانواهي) جو به جيڪو ادبي توڙي ذاتي زندگي جي لاهن چاڙهن ۽ سردي گرميءَ ۾ مون سان هڪ ڀاءُ جيان گڏ گڏ رهيو آهي.


    طارق خشڪ
    ليڪچرار گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
    شهدادڪوٽ



    03337509498
    03053493198


    ڪهاڻيون

    موٽي آ غزل

    ”ڪا ڪهاڻيءَ يا ڪو افسانو ٻڌاءِ...!“
    ”مان ٻڌائي نه سگهندو آهيان...!“
    ”پوءِ لکندو ڇو آهين..؟“
    ”شايد ان ڪري جو دل جي ڳالهه ڪنهن کي ٻڌائڻ جي سگهه مون ۾ ڪونهي!“
    ”پر مان توکان ڪهاڻي ٻڌڻ ٿي گهران...“
    ”وري سوچ مان شاعر نه ڪهاڻيڪار آهيان، پڇتائين نه ..!“
    ”مونکي به ڪهاڻيءَ سان دلچسپي آهي،غزل هڪڙو به ڏکيو لڳندو اٿم.“
    ”غلطيءَ پئي ڪرين.“
    ”نه تون ٻڌاءِ...!“
    ”مان ٻڌائڻ تي آيس ته تون ٻڌي نه سگهندينءِ...!“
    ”پوءِ ته ڏاڍو مزو ايندو...!“
    ”چڱو تيار ٿي...“ مون ڦل اسڪيپ پنن سان ڀريل فائيل آڏو رکندي چيو،
    هوءَ ڇرڪي پئي هئي،تارا ڦونڊاريندي چيو هئائين.
    ”توکان هڪ عدد ڪهاڻي ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي هيم ،ناول جي نه ..!“
    ”پڪ سمجهه هي ناول نه ڪهاڻي ئي آهي!!“
    ”وڏي ڪهاڻي جو به ڪو طريقو ٿيندو آ...!“
    ”ها...“ چيومانس ”پرگهڻن ڏينهن کان ڪو مونکي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي ٿيو، اڄ تون ئي ته ڦاٿي آهين...“
    ”مطلب..؟“
    ”سڀني جون ڪسرون تو مان ڪڍندس.“
    ”ٺيڪ آهي ٻيهر مان به نه چونديسانءِ“
    ”اڄ ته ٻڌندينءِ نه ..؟“
    ”ها ٻڌاءِ..!“
    مان ڪهاڻي پڙهڻ لڳو هيس، هو ٻڌڻ لڳي هئي ڪنهن مهل چور نگاهن سان هن جو جائزو وٺڻ لڳو هئس.بوريت جو عڪس سندس چهري تي ظاهر ٿيندي نه ڏٺو هيم . آخري سٽ پڙهڻ کان پوءِ ڏٺم، هوءَ سڏڪي پئي هئي اکيون آليون ٿي ويون هيس. منهنجي گهورڻ کان پوءِ لڙڪ لڪائڻ لڳي هئي. چيو هيومانس :
    ”ڪهاڻيءَ پڙهڻ ۾ ايترو وقت ٿورئي ورتو اٿم جو روئي پئي آهين، ٻيهر کڻي نه ٻڌجانءِ...!“
    ”ڳالهه وقت جي ڪونهي مٺا، جذبن روئاريو آهي ايڏو درد...!!!“
    ”مان ڪؤڙو آهيان مس، مٺو سمجهڻ جي غلطي نه ڪر....“
    ”مس مان به نه آهيان.!“
    ”پوءِ ته صفا مزو نه ٿيو...“
    ”ڪيئن.!؟“
    ”مسز....واقعي به مٺيون ناهن ٿي سگهنديون...“
    ”مان اها به نه آهيان...“
    ”پوءِ تون ڇا آهين.؟“
    ”غزل....!“
    ”پر اهو ته توکي ڏکيو لڳندو آهي..!“
    ”ٻين کي ته سٺو ٿو لڳي نه ...“
    ”تون پنهنجي ڳالهه ڪر“
    ”مونکي ڪهاڻي وڻندي آهي ...“
    ”ڪهاڻيڪار نه ...!؟“
    ”نه اهي به گهڻا سٺا ناهن لڳندا...“
    ”سچ مان گهڻو سٺو آهيان ،تون کڻي ٿورو سٺو چئو...“
    ”ها ان تي سوچي سگهجي ٿو...“
    ”سوچڻ ۾ به ڪنجوس پائي...!“
    ”مان ڪنجوس به ناهيان...“
    ”ڪجهه به نه هج، پر چئو نه ...!“
    ”ڇا.!؟“
    ”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين...“
    ”نه! تون گهڻو مٺو آهين“
    ”مٺو منهنجو ماروٽ آهي سو به وڪيل...!“ وضاحت ڪئي هيم .
    ”جيڪڏهن خبر پيس ته مان ڪؤڙي مان مٺو ٿي ويو آهيان ته ڪندو ڪيس....پهريائين بُک تي ويٺو آهي، مونتي ٿورو رحم ڪريو...“
    ”پوءِ توهان هيئن ڪيو...“ صلاح ڏني هئائين .
    ”نالا مٽائي ڇڏيو، تون مٺو ٿي پئو... هو ڪؤڙو...!“
    ”مٺو پاڻ وڪيل آهي... تون مشورو نه ڏي....“
    ”ڳالهه وڪيل جي نه، سمجهه جي آهي...“
    ”مطلب تون ٿورو سٺو نه چوندينءِ..؟“
    ”نه ...تون گهڻو مٺو آهين...!“
    ”اهو تڏهن ٿئي ها جڏهن تون ڊاڪٽر هجين ها...“
    ”ڊاڪٽر..؟“
    ”ها ...! مونکي سيڪرين جي سئي هڻين ها ته، مان مٺو ٿي پوان ها ۽ مٺي کي زهر جي، ته هو ڪؤڙو ٿي پوي ها...!“
    ٽهڪ نڪري ويو هيس. چيو هيو مانس:
    ”هاڻ ته چئو...!“
    ”ڇا...!؟“
    ”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين...“
    ”نه ...! تون گهڻو مٺو آهين...!“ هوءَ اٿي بيٺي هئي ...
    ”ڀل کَٽو به چئو پر ويهه ته سهي ...“
    ”اصل نه ...“
    ”مان قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيان... ته توکي ٻي ڪهاڻي نه ٻڌائيندس...“
    ”افسوس مان چاهڻ باوجود اها ٻڌي به نه ٿي سگهان...“ هن اداس مرڪ سان چيو هو.
    ”وري ڪو پل مهربان ٿيو ته پاڻ ملنداسين، نه ته هر ڪو وڇڙڻ لاءِ ئي ته ملندو آهي...“
    ”ٺيڪ آهي..!“ چيومانس: ”تون ملين يا نه ملين پر، مان توسان ضرور ملندس...هيڏي ساري ڪهاڻي ڪنهن کي مفت ۾ ٿورئي ٻڌائبي آهي. مان توکان چانهه جو سڄو سارو ڪوپ پيئندس...مُنو هوندو ته به مزو نه ٿيندو“
    ”چانهه به ڪا پيئڻ جي شيءِ آهي..؟“
    ”واقعي ....تنهنجي هٿن جي ٺهيل چانهه، پِي ڪٿي سگهندس اها ڏسڻ لاءِ ئي هوندي ...“
    ”ايڏي خراب به ناهيان ٺاهيندي پر ....“
    ”پر ڇا..؟“
    ”مان توکي ڪا وي آءِ پي آئسڪريم کارائينديس...“
    ”ان عنايت جو سبب..؟“
    ”بابا جو ڪولڊ ڊرنڪ جو دڪان آهي پر بوتلن کان سواءِ ٻيو ڪجهه هليس ئي ڪو نه ... آئسڪريم مُدي خارج ٿيڻ جي بلڪل ويجهو آهن، سو سوچيم ضايع ٿيڻ کان بهتر آهي ته اوهان کي آڇيان...“
    مونکان ٽهڪ نڪري ويو ، هوءَ هلي وئي هئي.
    غزل سان اها پهرين ملاقات هئي پر خطن ۾ ايترو ويجهو اچي ويا هئاسين، جو ان سان پهريون ڀيرو ملي ڪا اوپرائپ محسوس ئي نه ٿي هئي، هوءَ اڪثر خطن ۾ لکندي هئي ...!
    ”مان هڪ ڀيرو زندگي ۾ توسان ضرور ملنديس .“
    ڏُک ٿيندو هو، سوچيندو هيم:
    ” هڪ ڀيرو ڇو..؟وري وري ملڻ گهرجي....“
    پر ايئن لکي نه سگهندو هيومانس،شايد ان ڪري جو هوءَ صرف هڪ ڀيرو ملڻ جي ڳالهه ڪندي هئي ۽ اڄ اوچتو اچي وئي هئي. غزل کي سڃاڻڻ ۾ ڪا به غلطي نه ڪئي هيم. خوشيءَ جو ڪو ڪاٿو ئي نه هو، پر کيس پنهنجي سامهون ڏسي ٿوري پريشاني به ٿي هئي پر هن جي رويي ۾ ايڏي ته پنهنجائپ هئي جو محسوس پئي ٿيو ڄڻ مان مهمان هوءَ ميزبان هجي .ايندي ئي چيوهئائين: ”گهٻراءِ نه ... مان ڄاڻا ٿي ته ڪهاڻيڪار صرف ڪهاڻي تي حاوي هوندا آهن، ڪنهن کي جيارين ڪنهن کي مارين، اها ڪا ڳالهه ئي ڪونهي. باقي گهر ۾ گهڻي ڀاڱي ماني ملندي ئي ڪو نه اٿن... وقت تي مانيءَ به ڪنهن نصيب واري اديب کي ملندي آهي...!“
    الائي جي ڇو واڇون وڌي ويون هيون. چيو هيومانس: ”تو غلط ناهي چيو، پر اڄ ڪنهن جي صدقي ماني به سٺي ملندي ۽ وقت تي پڻ ...! موجون ڪندس....“
    ”سوري جناب...! ماني نه کائينديس. جلدي واپس وڃڻي آهيان، اوهان هڪ عدد ڪهاڻي ٻڌائڻ جي مهرباني ڪجو ....!“
    ”آهستي ڳالهاءِ...“ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيم:
    ”ڪٿي امان نه ٻڌي وٺي، اڳ ۾ ئي دير سان اٿڻ سبب نيرن ئي نصيب ناهي ٿي....تون ڀل مانيءَ نه کائجان، تو وارو حصو به چٽ نه ڪيم ته ڪهاڻيڪار ئي نه آهيان...صرف امان سان انڪار نه ڪجانءِ... نه ته بک مرندس...!“
    هوءَ کلي پئي هئي مان به مطمئن هيس ته اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ واهه جو ماني کائبي .
    امان ويچاريءَ نئين آيل مهمان لاءِ ڇا ڇا تيار نه ڪيو هو... توقع جي ابتڙ هن بس ئي نه ٿي ڪئي...ٽيڏي اک سان ڏسندو ئي رهيو هيومانس، هوءَ به سمجهي وئي هئي. مرڪندي چيوهئائين:
    ”توسان پڪائي ڪئي هيم ،آهيان مان به بُک تي...!“
    ”اڄ ڪبيون ٿالهيون صفا، پوءِ تون کٽين يا مان کٽيان...“
    مان به جذبات ۾ اچي ويو هيس، رڙ ڪئي هيم:
    ” فيصلو امان ڪندي.
    پهريان امان به اسان سان کائڻ ۾ گڏ هئي پر جج ٿيڻ کان پوءِ ماني کائڻ تان هٿ کڻي وئي هئي.ان بچت تي دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو هئس مقابلو اڃا به هلي ها، پر ڪا به ٿالهيءَ خالي نه بچي هئي اسان ٻئي فاتحانه انداز ۾ امان کي تڪڻ لڳا هئاسين.
    ”مقابلو ته ڏاڍو سخت ٿيو آهي...“ فيصلو ڏنو هئائين:
    ”پر تو ۾ کائڻ جي فضيلت ئي ڪونهي، غزل سليقيءَ سان کاڌو آهي، ان ڪري فاتح به اها آهي...“
    ”متان نه مڃين ...“
    غزل فاتحانه انداز ۾ مونکي تڪڻ لڳي هئي. جيڪا ڳالهه مون کي اصل نه وڻي هئي، واڇون مهٽيندي اعتراض ڪيو هيم:
    ”ڳالهه فضيلت جي ڪونهي امان، نه ئي ان ۾ سليقيءَ کي شامل ڪريو توهان صرف اهو ٻڌايو ته گهڻو ڪنهن کاڌو...ڇو ته مقابلو صرف کائڻ جو هو...“
    ”پوءِ ڳالهه ڍورن جي به ڪونهي، تون ته انهن جون سڪون ٿي لاٿيون ماڻهپو به ڪا شيءِ ٿيندي آهي، ان ڪري فاتح غزل ئي آهي...!“
    ”امان زنده آباد...“
    غزل خوشيءَ مان ڄڻ نعرو هنيون هو...مان چپ ٿي ويو هيس.
    هونئن اڪثر پنهنجي تخليقن تي کلندي ٽهڪ ڏيندي ڏيندي سڏڪي پوندو آهيان، پر اڄ غزل به ايئن ڪيو هو ڏاڍي پياريءَ لڳي هئي ان وقت ڏينڀوءَ کان پڇي ورتو هيم:
    ” غزل ڇو روئي پئي هئي..؟“
    ”هيڏي ساري ماني کي تپ ڏنائين، پوءِ ڀلا داد ڏيڻ ۾ به ڪنجوس پائي ڪري ها ڇا...!؟“
    ڏينڀوءَ جي بي سري جواب تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي ٿڦڙ وهائي ڪڍي هئي مانس. ڏوهه ڏينڀوءَ جو به نه هو هاڻ مان سياڻو ٿي ويو آهيان، پر اڳ جيڪو منهنجي ٿوري تعريف ڪندو هو مان ان کي چانهه پياريندو هئس، جيڪو مونکي گهڻو داد ڏيندو هو ان کي اوڌر تي به بوتل گهرائي پياريندو هئس. سو ڏينڀوءَ به اهو اندازو هنيو ته هن ماني کاڌي آهي ته کيس روئڻ ئي گهربو هو. ڇو جو ڪنهن به ليکڪ لاءِ ماني کارائڻ کان وڌيڪ قرباني ٿي نه ٿي سگهي، ۽ ان لاءِ روئڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو داد آهي ئي ڪو نه ..!
    ڏينڀوءَ کي ٿڦڙ ڇا لڳي هئي همراهه صفا چڙي پيو هو، چئي:
    ”مان ميم صاحبه کي چڪ پائيندس...“
    ”فضيلت سک...!“
    ”اصل نه ...هن جي ڪري مونکي ٿڦڙ لڳي آهي، اصل نه ڇڏيندو مانس..!“
    ”ٻيهر ايندي ئي ڪو نه ..!“
    ”مان ويندومانس...!“
    ”ڪٿي..؟“
    ”گهر...!“
    ”گهر ڏٺو اٿئيس ڇا ...؟“رازداريءَ واري انداز ۾ پڇو هيومانس.
    ”باقي ڏينڀو ڇو ٿو سڏجان...سڄي شهر جا دورا ڪندو آهيان...!“
    “ڪٿي اٿس...!؟“
    ”او....اُتي....!“
    ”نڀاڳا...! پڙهڻ بدران سڄو ڏينهن رلين پيو...!!“
    ٻي ٿڦڙ به وهائي ڪڍي هئي مانس.
    ٻي ٿڦڙ ڪا اهڙي لڳي هئس جو همراهه هٿن مان پئي ويو:
    ”ڏينڀو يار پاڻ ۾ آهيون چڙ ته نه ...“
    ”ٿڦڙ هڻين ٿو وري ايلاز به ڪرين ٿو...!“
    ”ڀائرن سان اهي ليکا ٿورئي ڪبا آهن ...“
    ”نه...مان چڪ پائيندومانس...“
    ”مونکي پاءِ پر هن جي ويجهو به نه وڃجانءِ...!!“
    ”تو ان سان گڏ ماني کاڌي...۽ مان ان جي ويجهو به نه وڃان...؟“
    ڏينڀو ضد ۾ اچي ويوهو. هوڏ کان لاهڻ لاءِ چيومانس:
    ”آئس ڪريم ٿو کارايائينءِ ، ان ڳالهه تان مڙي وڃ...“
    ”چڪ جو مزو پنهنجو آهي ...“
    ”مونکي پاءِ...“ ٻانهن ڏيندي چيومانس.
    هن ٿورو سوچيو، ۽ پوءِ پنهنجا ڏند منهنجي ڳل ۾ کُپائي ڇڏيائين. منهنجي رڙين جو به هن تي ڪو اثر نه ٿيو.امان اچي ڏينڀوءَ کي مونکان جدا ڪيو. ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هيس امان سمجهي وئي هئي، ڏينڀوءَ کي گهليندي ٻاهر وٺي وڃڻ لڳي هئي، ڏينڀوءَ جو رڙيون هجن:
    ”ڇڏ امان ...ادا کان آئس ڪريم جا ته پيسا وٺان...!“
    مون به سوچي ڇڏيو هو رڳو ڏينڀو هاڻ مون تائين پهچي ٻه ٽي ٿڦڙ وڌيڪ هڻي کيسي ۾ پيل خرچي به کسي وٺندومانس، پر هو مون ڏانهن نه آيو شايد امان ڏهن جو نوٽ ڌئي ٽاري چڏيو هئس.
    ڏينڀو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي، ٽئين درجي ۾ پڙهندو آهي، اچيس ٻڪي جو کوڙو به ڪو نه...! ضدي وري اهڙو جو جنهن تي ڏمرجي، اهڙو چڪ پائيندو اٿس جو اهڙو اثر ڪنهن اصل ڏينڀوءَ جي چڪ ۾ به نه هوندو آهي .ان ڪري کيس ڏينڀو چوندا آهيون. غزل ان ملاقات کان پوءِ وري نه ملي هئي. خط لکڻ به گهٽائي ڇڏيا هئائين هن جي هڪ خط جي جواب ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻه خط به لکي وٺندو هيومانس، شايد ان ڪري جو هوءَ مونکي ايترو سٺي لڳي هئي، جو ڄڻ منهنجو سڄو وجود ڏانهنس ڇڪجي ويو هو. نه ڄاڻ ڇو محسوس ڪندو هيم جو جيترو مان کيس چاهڻ لڳو آهيان، هوءَ ايتري ئي پري ٿي وئي آهي. سبب سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو، سوچي سوچي ٿڪجي پيو هيس خيال ايندو هو، هن هڪ ڀيرو ملڻ ٿي چاهيو ملي وئي ۽ بس، پر مان ته ساڻس گهڙي گهڙي ملڻ لاءِ سوچيندو هيم پر شايد ان جو هن کي احساس ئي نه هيو ان ڪري ته خط به نه لکندي هئي، ان ڏينهن گهڻن ڏينهن کان پوءِ فون ڪري پڇيو هيومانس:
    ”ناراض آهين... ؟“
    ”ها...!“
    ”ڇو...؟“
    ”تون ايئن ڇو لکندو آهين... ؟“
    ”ڇا لکندو آهيان ...!“
    ”محبت ڪندڙن کي تڙپائيندو آهين! ڪردارن کي ملائين ڇو ڪو نه ٿو...!؟“
    ”منهنجي وس ۾ هجي ته مان سڀني کي ملائي ڇڏيان ...“
    ”معنى ته تون صرف روئارڻ ئي سکيو آهين ...!“
    ”شايد ها...“
    ”ڇو...!؟“
    ”تون ۽ مان به ته الڳ آهيون...!“
    ”ڇا تون مونسان محبت ٿو ڪرين...؟“
    ”ان ۾ ٿورو به شڪ نه ڪجانءِ...“
    ”ڪيتري...!؟“
    ”اندازو لڳائڻ وارا محبت جي توهين ڪندا آهن غزل...!“
    هوءَ چپ ٿي وئي هئي ، پڇو هيومانس:
    ”تنهنجو منهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي...؟“
    ”ڪهڙي سلسلي ۾ ...؟“
    ”ڇا ڪو مونسان محبت ڪري سگهندو...؟“
    ”تون ايڏو خراب ٿورئي آهين....!“
    ”سٺو به ته نه آهيان نه ...!“
    ”نه... تون گهڻو مٺو آهين ....“
    ”ڇا توکي به مونسان ...“
    ”اڳتي نه وڌجانءِ...“منهنجو جملو ڪٽي ڇڏيو هئائين.
    ”ڇو...؟“
    ”تو ڪنهن کي ملايو آهي، جو تون ڪنهن کي ماڻي سگهندين...!“
    ”اهو وقت ئي ٻڌائيندو ...“
    ”اهو ئي ته مسئلو آهي توسان...“
    ”چڱو ڇڏ مسئلن کي، اهي حل ناهن ٿيندا، ٻڌاءِ ايترو عرصو ياد ڇو نه ڪيئي؟“
    ”مان توکي وسارڻ ٿي گهران مٺا...!“
    ”ڪيترا ڀيرا توکي ٻڌايان ته مان مٺو نه ڪؤڙو آهيان...“
    ”اهو زبان تي ئي نه ٿو اچي...“
    ”پوءِ کٽو چئو، مٺي کان بچاءِ...“
    ”تون منهنجي دل مان ڇو نه ٿو نڪرين!؟“
    ”تون ڪڍين ڇو ٿي...؟“
    ”بس ايئن ئي...“
    ”مان واقعي ئي ايڏو خراب آهيان...!“
    ”نه تون گهڻو مٺو آهين...“
    ”توکي ٿوري سٺي چوڻ ۾ ڇا ٿو ٿئي...!؟“
    ”ساڙ ٿو ٿيئي...! پر تون گهڻي مٺي تي ڇو ٿو چڙين؟“
    ”ڇو نه چڙان گهڻي مٺي شيءِ ڪنهن کي وڻندي آهي؟“
    ”تون ڪا شيءِ نه ... منهنجي پسند جو ليکڪ آهين...!“
    ”واهه جو پسند جي ليکڪ جو قدر ٿي ڪرين...“
    ”ڇو نه...! توکي ڪهڙي خبر ته ماڻهو مونسان ڳالهائڻ لاءِ آتا آهن پر ڪنهن سان ناهيان ڳالهائيندي سواءِ تنهنجي...“
    ”ڪهڙا ماڻهو..؟“
    ”رشتن وارا...“
    ”پوءِ مان رشتن وارو نه ٿيندس...!“
    ”ڇو...؟“
    ”تون جو نه ڳالهائيندينءِ...“
    ”پوءِ شڪايت به نه ڪر نه..!“
    ”ڪيئن نه ڪيان... تون اڃان تائين آئسڪريم به ته ناهي کارائي ...!“
    ”مدي خارج به کائيندين..!!؟“
    ”تنهنجي هٿ ۾ آيل ڪنهن مدي خارج شيءِ جو به مدو وڌي ويندو ...“
    ”ڊائيلاگ نه هڻ...!“
    ”آئسڪريم کاراءِ...“
    ”پوءِ شام اچ نه...!“
    ”مار کارائيندينءِ ڇا...؟“
    ”نه... آئسڪريم کارائينديسانءِ...“
    ”تون اچ... سچ ڏاڍي سڪ لڳي آهي...“
    ”مان توسان هڪ ڀيرو ملي هيس، ٻيهر تو وٽ شايد ئي اچي سگهان...“
    ”پر مان پولڪا نه ڇڏيندومانءِ ...“
    ”پوءِ شام اچ نه...!“
    ”ڏينڀو موڪليندوسانءِ...“
    ”ڏينڀو...!؟؟“
    هوءَ پريشان ٿي وئي هئي....
    ”ها ...! منهنجو ننڍڙو ڀاءُ آهي...“
    ”چڱو... مان پوءِ فون رکان...!“
    ”ايڏو جلدي...!“
    ”دل ته نه ٿي چوي پر... وڌيڪ ڳالهائي به نه ٿي سگهان...!“
    ”ڇو...!؟“
    ”ٻڌايانءِ ...!“
    ”ها...“
    ”تنهنجو منهنجو به افسانو آهي...!“
    ”واقعي...؟“
    ”ها پر... ان جي پڄاڻي کان پوءِ هڪ نئين شروعات ٿيندي... مان سمجهان ٿي ته ان کي سمجهڻ جي سگهه تو ۾ آهي...!“
    ”پوءِ چئو نه ...!“
    ”ڇا...؟“
    ”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
    ”نه... تون گهڻو مٺو آهين ...“ هن فون رکي ڇڏي هئي.
    شام جو ڏينڀوءَ کي چيو هيم،
    ”غزل ڏانهن وڃ ... هوءَ توکي آئسڪريم ڏيندي...“
    ”ڪهڙي غزل...!؟“
    ”او...اُها....!“
    ”ميم صاحبه...!!؟“
    ”ها ...“
    ”چڪ پائيندومانس...“
    ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي، ٿڦڙ وهائي ڪڍي هئي مانس.
    ”هاڻي ته مور نه ڇڏيانس...!“
    ”ڇا ڪندين...!؟“
    ”هن جي ڪري ٽي ٿڦڙون لڳيون آهن، چار چڪ پائيندومانس...!“
    ”تون ڪڏهن سڌرندين...؟“ ڪَن کي مروٽو ڏيندين چيومانس.
    رڙ نڪري وئي هيس، چيو هئائين:
    ” توبهه... ننڍو ڀاءُ ٿجي ئي ڪو نه... وڏي کي ڳالهه وڻي ته واهه واهه...نه ته رڳو چماٽون ۽ ڪن پيا مروٽجن...“
    ”ڪنهن چيئي ننڍو ٿي...؟“
    ”ان جو ته ڏک آهي، نه ته ٺونشا نه هڻانٰءِ ها...!؟“
    ”ادب سان ڳالهاءِ ڏينڀوءَ...!“
    ”مان ، امان کي چڪ پائيندس...“
    ”ان کي ڇو...!؟“
    ”روز پڇندو آهيانس، توکان ننڍو ڇو ٿيس ناهي ٻڌائيندي... اڄ چڪ پائيندومانس...!“ ايئن چئي ڏينڀو ٻاهر نڪري ويو.
    ڪجهه ئي گهڙين کان پوءِ، امان کيس گهليندي مون وٽ وٺي آئي هئي، سندس حالت ڏسي سمجهي ويو هيم ته امان به ڪٽڪو ڪڍيو اٿس. مونکي ساڻس همدردي پيدا ٿي وئي هئي، امان چيو:
    ”سنڀال هن کي ... تنهنجي مائٽيءَ جون ڳالهيون ٿيون هلن... هي وري مونکي چڪ ٿو پائي...!“
    امان هلي وئي هئي، مونکي پنهنجي رشتيءَ جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، انتهائي پيار مان ڏينڀوءَ کان پڇيم:
    ”ٻاهر ڪير آهن...؟“
    ”ڪراڙو ۽ ڪراڙي...!“ رخو جواب مليو.
    ”هڪڙو ڪم ڪندين...!؟“ التجائي انداز ۾ چيو هيومانس:
    ”ميم ڏانهن نه ويندم، موڪليندين ته چار چڪ پائيندومانس...!“
    ”نه ...! اوڏانهن نه وڃ ، مهمانن کي چڪ پاءِ...“
    ”نه با ...! هاڻ امان چماٽون هنيون آهن پوءِ ته چپل سان ماريندين...“
    ”آئسڪريم وارو سڄو پيڪيٽ وٺي ڏيندومانءِ....!“
    آئسڪريم جو نالو ٻڏي، ڏينڀوءَ اٿي بيٺو ۽ چپن تي زبان ڦيرائي ٻاهر نڪري ويو، جهٽ پل مس گذري جو ڏينڀو رحم جوڳيءَ حالت ۾ منهنجي آڏو بيٺو هو، امان جو هٿ اڃا ڪن ۾ هيس، هن ڀيري ٺاهوڪي مار ملي هيس. امان ڏاڍي ڪاوڙ ۾ هئي، مونکي چيائين:
    ” توکان ننڍو ڀاءُ نه ٿو سنڀالجي... زال ڪيئن سنڀاليندي...!؟“
    ”زالون زور آهن امان... مان شادي نه ڪندس...!“
    ”نه ڪر...! پر هن کي جهل مهمانن کي به چڪ ٿو پائي، ذري گهٽ نفيس صاحب جو ڪن ڪٽي وڌو اٿائين...“
    ”پوءِ اڃان نه ٿا اٿن ڇا...؟“
    ”اڇا ....!!! هاڻ سمجهه ۾ آيو ته ڏينڀوءَ کي تو مڇرايو آهي، ويچاري مفت ۾ موچڙا کاڌا آهن.اصل ۾ سڄي شيطان گيري تنهنجي ئي آهي...“
    ڏينڀوءَ ڏانهن ڏٺم:
    منهن سڄايون بيٺو هو، پنهنجائپ مان چيومانس:
    ” ڏينڀو تو وڏي قرباني ڏني آهي پر... ان اڃان پنهنجو رنگ نه ڏيکاريو آهي، تون نفيس صاحب جي ٻي ڪن تي به حملو ڪر، پوءِ جيئن چوندين تيئن ڪندس سياري لاءِ سوئيٽر به وٺي ڏيندوسانءِ...!“
    ”مهمانن سان ايئن ڪبو آهي...!؟“امان کي ڳالهه نه وڻي هئي.
    ”مونکي شادي ناهي ڪرڻي امان...! انهن کي چئو هليا وڃن...“
    ”خبر اٿئي نفيس صاحب ڪير آهي...؟“
    ”ڇوڪريءَ جو پيءُ هوندو...!“
    ”ها...پر اها ڇوڪريءَ خبر اٿئي ڪير آهي...؟“
    ”ڪير به هجي ....ان سان منهنجو ڇا...؟“
    ”نفيس صاحب نفيسه جو والد آهي...!“
    ”نفيسه...!!!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو...
    ”ها ...اها ئي تو واري شاعره...!“ امان ايئن چئي هلي وئي هئي...
    ڏينڀوءَ ڏانهن ڏٺم، هو نفيس صاحب جي ٻي ڪن تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار بيٺو هو، ڪن کان پڪڙي چماٽ وهائي ڪڍي هئي مانس:
    ”اڙي چنڊا...! تون نفيسه جي پيءُ ، نفيس صاحب کي چڪ پاتو آهي، بزرگن جو به خيال نه اٿئي...!“
    ڏينڀو ان ڳالهه لاءِ بلڪل تيار نه هو ... بخيل ٿيندي انتهائي ڪاوڙ ۾ چيائين:
    ”مان هاڻ ڪنهن کي نه ڇڏيندس... سڀني کي چڪ پائيندس... سڀ ننڍو سمجهي مارين ٿا.“
    ڏينڀوءَ جا تارا خراب هئا، صورتحال سمجهندي جلدي ۾ ٻاهر نڪري دروازو بند ڪري ڇڏيو هيم، ڏينڀوءَ جون رڙيون هجن:
    ”مان ڪنهن کي نه ڇڏيندس، سڀني کي چڪ پائيندس ...!“
    ٻاهر اچي ڏاڍي ادب ۽ احترام سان مهمانن سان مليو هيس، ڏينڀوءَ نڀاڳي ڪو نفيس صاحب کي اهڙو ته اثرائتو چڪ پاتو هو جو هو اڃا تائين ڪن کي مهٽي رهيو هو رسمي تعارف ۽ حال احوال کان پوءِ نفيس صاحب چيو هو:
    ”تون ڏاڍو سلجهيل ڇوڪرو آهين اميد ته اسان جو مانُ رکندين...!“
    مان چپ ٿي ويو هئس، نفيس صاحب وري چيو هو:
    ”تنهنجي خاموشيءَ کي ها سمجهون...؟“
    ”نه چاچا...!“
    ”پليز پُٽ انڪار نه ڪجانءِ... توڙي جو پاڻ غريب آهيون، پر نفيسه کي پٽن وانگي پاليو آهي، تون جيئن چوندين تيئن ڪنداسين..!“
    ”اها ڳالهه ڪونهين چاچا...!“
    ”پوءِ...!؟“
    ”نفيسه نصيب واري کي ملندي ۽ مان بدنصيب آهيان...!“
    ”غربت تي طنز ناهي ڪبو پُٽ...!!“
    ”ٻيهر ايئن نه چئجو چاچا... منهنجي جذبن جو امتحان نه وٺو، سچ ٿو چوان مان نفيسه لائق ناهيان...! هوءَ تمام سٺي ۽ گهڻي سٺي آهي توڙي جو مون نفيسه جي تصوير به ڪونهي ڏٺي، پر پوءِ به مان سمجهان ٿو ته مان ان آڏو بيڪار شخص آهيان ان ڪري ان سان شادي ڪرڻ ته ٺهيو پر ان جو سوچي به نه ٿو سگهان.“
    ”پر ڇو...؟“
    ”هن جو قدر قيمت منهنجي وت کان گهڻو وڌيڪ آهي... اوهان کيس اتي ئي پرڻايو جتي هُوءَ چاهي ٿي...“
    ”اهي تمام وڏا ماڻهو آهن...!“
    ”ڪيترا به وڏا هجن پر نفيسه جي هڪ غزل کان سندن قد وڌي نه ٿو سگهي ...“
    ” ڳالهه اها به ڪونهي پٽ...!“
    ”ٻي ڳالهه به سمجهان ٿو... توهان انهن سان ڳالهايو... ٻيو سڀ ڪجهه مون تي ڇڏيو...“
    ”ايڏي وڏي مهرباني... !!؟“
    ”نفيسه جي هر هڪ سٽ مون تي ان مهرباني کان گهڻو وڌيڪ مهربان آهي...!“
    ”تون ڏاڍو ڀلو آهين...“
    ”نه چاچا... مان ڪؤڙو آهيان...“
    نفيس صاحب وارا هليا ويا هئا.
    نفيسه نئين ٽهيءَ جي اهڙي پُختي شاعره هئي جو ان تي سينيئر ٽهي به رشڪ ڪندي هئي.گيت هجي يا غزل، وائي هجي يا نظم... جيڪي لفظ سندس شاعري ۾ اچي ويا سي ڄڻ امر ٿي ويا.
    هن ڪڏهن به پنهنجي تصوير ڪنهن مئگزين ۾ نه ڇپرائي هئي نه ئي ڪو ساڻس ملي سگهيو هو، پر پوءِ به سڀني کي اندازو هيو ته جنهن شخصيت جي شاعري ايتري خوبصورت هجي ته يقينن پاڻ ان کان به وڌيڪ سٺي ۽ سلڇڻيءَ هوندي. ڪجهه عرصو اڳ شايد غلطي وچان ڪنهن رسالي ۾ ائڊريس ڇپجي وئي هيس ته سندس ڏس پتي تي خطن جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو هو مان به سندس مداحن مان هڪ هيس، دل ته ڏاڍو چيو ته کيس خط لکي وٺان پر ايتري همت نه هئي سوچيندو هيم هوءَ الائي جي ڇا سوچي، جيڪڏهن غلط سمجهي ويٺي ته شايد منهنجي زندگي گهٽجي وڃي. پر الائي ڇو جذبن آڏو جهڪي پيو هيس خط لکي ورتو هيومانس ڏاڍي سٺي موٽ ڏيندي لکيو هئائين:
    ”خطن کان تنگ ٿي پئي آهيان، توهان جڏهن چاهيو فون ڪري وٺجو خبر ناهي ماڻهن کي خطن ۾ عجيب قسم جا ڊائيلاگ لکڻ ۾ ڇا ٿو ملي ائڊريس ڇپجڻ کان پوءِ ڏچي ۾ اچي وئي آهيان ڀئو ٿو ٿئي ڪٿي ذهني ٽارچر ۾ لکڻ به وساري نه ويهان...!“
    الائي جي ڇو مان چاهيندي به فون نه ڪري سگهيو هيومانس... صرف هڪ ڀيرو الائي جي ڪيئن ڪجهه گهڙيون فون تي ڳالهايو هيم. هوءَ ڪافي مايوس پئي لڳي کيس شڪايت هئي ته:
    ”ڇوڪريءَ هجڻ سبب کيس خواهه مخواهه مختلف بهانن، خطن ۽ فون تي ذهني اذيت ڏني پئي وڃي...“
    آخر ۾ ڏاڍي نرمي سان چيو هئائين:
    ”توهان لکندا رهجو“
    ان کان پوءِ وري ساڻس ڪو رابطو نه ڪري سگهيو هيس ڪافي وقت کان پوءِ هڪ ٻيو خط لکيو هيو مانس، جواب نه مليو هو، فون ڪئي هئي مانس چڙيل آواز آيو هو:
    ” نفيسه گهر ڪونهين پندرنهن ڏينهن کان پوءِ ايندي...!“
    محسوس ڪيو هيم ته ڳالهائڻ واري خود نفيسه هئي ڏاڍو ڏک ٿيو هو پر ڪاوڙ نه آئي هئي، ٻي ڏينهن تي منهنجي ٻي خط جو جواب به اچي ويو هو. ان ڪري اڄ تائين سانڻس ٻيهر ڳالهائي نه سگهيو آهيان ۽ نه ئي هن ڪا مهرباني ڪئي هئي، ايتري خبر پئي هئي ته فون ڪٽائي گهر مٽائي ڇڏيو هئائين، نئين رهائش جي ڪنهن کي خبر نه هئي. شايد انهي سبب هوءَ وري لکڻ ڏانهن موٽي نه آئي هئي مان کيس شوق سان پڙهندو هئس هوءَ مونکي ڏاڍي خوشنصيب محسوس ٿيندي هئي جو هن مداحن جي رابطي کان تنگ ٿي گهر مٽائي، فون ڪٽائي ڇڏيو هو. جڏهن تي مونڏي اڄ تائين ڪنهن خط نه لکيو هو، توڙي جو مان به پنهنجي پر ۾ لکندو هيس. پر لکڻي ايڏي ڀلي هوندي هئي جو جو اڄ تائين ڪو مداح ٺاهي نه سگهيو هئس، پوءِ ڀلا خط ڪير لکي ! ان ئي سبب ڪڏهن ڪڏهن احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي ويندو هئس. پر ان ڏينهن کان وٺي احساس برتري ۾ هئس جڏهن کان غزل خط لکڻ لڳي هئي نفيسه کي وسارڻ لڳو هئس اهو ڏکيو ڪم غزل جي خطن کان پوءِ سولو ٿيندو ٿي ويو، هونئن مان نفيسه کي دل ئي دل ۾ ڀانئيندو هئس خبر به هئي ته هن جي خوابن ۾ مان نه ٻيو ڪو شامل ٿي چڪو آهي پوءِ به دل اهو مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندي هئي پر مونکي ان جو به اندازو هو ته مان نفيسه جي نظر ۾ ڇا آهيان...!
    پوءِ به ڪنهن خوشفهميءَ ۾ مبتلا هئس، جو غزل ملي هئي، نفيسه کي وساري ڇڏيوهيم. اڄ اوچتو اها ياد اچي وِئي هئي۽ مان ڏاڍو خوش هئس جو هن جي ڪنهن ڪم اچي رهيو هئس نفيسه جي شاديءَ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، جو اوچتو غزل اچي نڪتي هئي بي ترتيب ڌڙڪندڙ دل ڄڻ وري ترتيب سان ڌڙڪڻ شروع ڪيو هو. پر پهرين ملاقات جيان هوءَ شوخ نه، پريشان هئي آئسڪريم جو پيڪيٽ ڏيندي چيو هئائين:
    ”تون ڪو نه آئين... مان ئي هلي آيس...“
    ”مهرباني...“ چيومانس: ”پر ڏاڍي دير ڪيئي...“
    ”آئي ته آهيان...!“
    ”ها... واقعي تو ته هڪ ڀيرو ملڻ لاءِ چيو هو ...“
    ”اڄ توسان ملڻ نه توکي ڏسڻ آئي آهيان... هڪ عدد فوٽو به ڏجانءِ...“
    ”رنگين ته سٺا ڪونهن ...!“
    ”ڇو...؟“
    ”اڄ ڪلهه اهڙيون ڪئميرائون اچي ويون آهن، جو جهڙا چهرا تهڙا فوٽو...!
    بليڪ اينڊ وائيٽ ڪئميرا جي ڳالهه ئي ٻي هئي. “
    هن مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر مرڪي نه سگهي هئي چيو هئائين:
    ”بليڪ اينڊ وائيٽ ئي ڏجانءِ ڀلا...!“
    ”هڪڙو نه ...اهي کوڙ ڏيندوسانءِ...“
    اوچتو ڏينڀو اچي ويو، ميم صاحب کي ڏسندي بلٽ ڦرڻ لڳا هئس، صورتحال کي سمجڻ ۾ گهڻي دير نه لڳائي هيم، ڏينڀوءَ کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر وٺي آيو هيس آئسڪريم ڏيندي چيو هيو مانس:
    ”هي وٺ ۽ کسڪ...!“
    ”نه...! مان ميم صاحبه کي چار چڪ پائيندس ...!“
    ”ڏاهو ٿي ...!“
    ”نه... هن جي ڪري ڏاڍي مار ملي آهي، مان کيس چڪ پائيندس ...!“
    ”وري ٿڦر هڻندوسانءِ...“
    ”پوءِ ڀلا چڪ پائڻ ڏيندين...!!!؟“ معصوميت سان پڇيائين
    سندس آواز ۽ انداز تي دل ئي دل ۾ کلي پيو هيم:
    ”اڙي صفا ڪو ضدي ٿي پيو آهين...!“
    ”ڪجهه به سمجهه، پر ٿڦڙ هڻ هٿ ڪڍ مان ميم صاحبه کي چڪ پائيندس...!“
    توائي وٺي وئي هئي، ٺاهوڪي ٿڦڙ هڻڻ وارو هيومانس جو غزل جو آواز ٻڌم: ”ڇڏينس..!“
    ”حڪم ملندي ئي هٿ ڪڍيا هيم...!“
    ”ڏينڀو مونکي چڪ پائيندين...!؟“ غزل پڇيس.
    ڏينڀو ڄڻ گونگو ٿي ويو هو. وري چيائينس:
    ”اچ پاءِ نه ...!“
    ڏينڀو وري به چپ رهيو.
    غزل گوڏن ڀر جهڪي، ٻئي هٿ ڪلهن تي رکندي چيو هئس:
    ”ڏينڀو پاءِ نه چڪ...!“
    ”ميه... ميم .... صاحبه... م... مون...“
    ”م... م... م... نه ڪر، تون چڪ پاءِ ...!“ غزل ڪلهن تي زور ڏنس.
    ”مون ادا سان ڀوڳ ٿي ڪيا...!“ ڏينڀوءَ ڄڻ وضاحت ڪئي هئي .
    ”وڏن سان ڀوڳ ناهن ڪبا تون چڪ پاءِ...!“
    ”تون ماريندينءَ...!!“
    ”اصل نه، تون چڪ پاءِ ...!“
    ”نه ... تون پاءِ...!“ ڏينڀوءَ چيس
    ”مان پايانءِ ...!؟“
    ”ها...!“
    ”ڇو...!!؟“
    ”اڄ تائين صرف امان پپي ڏني آهي، تون چڪ پاءِ ...!“
    غزل جي اکين ۾ بي انتها پيار لهي آيو هو. ڏينڀوءَ جي ٻنهي ڳلن تي وڏي مٺي ڏني هئائين، ڏينڀوءَ کي ايترو خوش ڏٺو هيم جو ايترو ڪڏهن آئسڪريم وٺي ڏيڻ تي به خوش نه ٿيو هو چُميءَ کان پوءِ ٻئي هٿ پنهنجي ڳٽن تي ڏئي امان ڏانهن ڊوڙندو ويو هو.
    ”ڏاڍو شرارتي آهي ...!“ واپس ڪمري ۾ اچي ويهندي چيو هئائين:
    ”ننڍي هوندي تون به اهڙو هئين...!؟“
    ”ها... پر اهڙي قسمت ڪٿي هئي...؟“ مان معنى خيز مرڪ مرڪي پيو هيم، هوءَ به کلي پئي هئي.
    ”ٻڌو اٿم نفيسه شادي پئي ڪري...!“ڪجهه گهڙين کان پوءِ ڳالهايو هئائين.
    ”تون نفيسه کي سڃاڻين ...؟“
    ”ها... ويجهي سهيلي آهي...!“
    ”پهريان ڇو نه ٻڌايو هيئي...؟“
    ”نياپا ڏئين ها ڇا ...!؟“
    ”نه...! ان لاءِ دعائون ڏيانءِ ها...!“
    ”توکي به سڃاڻيندي آهي...؟“
    ”ٿورڙو...!“
    ”ڪيئن...؟“
    ”خط لکيو هيومانس...“
    ”فون تي ڳالهائيندو آهينس...؟“
    ”نه...!!“
    ”ڇو...؟“
    ”هوءَ وڏي هستي آهي...“
    ”سچ ٿو چوين...!“
    ”نفيسه جي باري ۾ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندس...!“
    ”پر مان سمجهان ٿي، تون منهنجي ساهيڙيءَ تي طنز ٿو ڪرين...!“
    ”ٻيهر ساڳيا لفظ نه چئجانءِ... مان هن جي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڪندو آهيان.“
    ”هوءَ به توکي ياد ڪندي آهي...!“
    ”سچ...!!؟“
    ”ها...سچ...!“
    ”ان جو سبب...؟“
    ”تنهنجون لکڻيون وڻنديون اٿس...!“
    ”ڪيئن آهي هوءَ ...؟“
    ”ايڏي سٺي ته ڪونهي...!!“
    ”پوءِ به توکان ڀلي هوندي...!!“
    ”ڇا مونکان وڌيڪ تون ان کي پسند ڪندو آهين...؟“
    ”هن جو ڦوٽو به نه ڏٺو اٿم چري، پوءِ به محسوس ٿيندو آهي، هوءَ جيڪڏهن سامهون آئي ته مان ڏينڀوءَ وانگي نه... پر حقيقي گونگو ٿي ويندس، جڏهن ته توسان ڪچهري ڪندي ايئن لڳندو آهي، ڄڻ دنيا جو گهڻي ۾ گهڻو ڳالهائيندڙ شخص مان ئي هجان...!“
    ”ڪنهن کي ايترو ٿورئي چاهبو آهي، جو ماڻهو ان سان ڳالهائي به نه سگهي..!“
    ”توسان جو ڳالهائيندو آهيان...!“
    ”مونکي ڇڏ نفيسه جي ڳالهه ڪر ...!“
    ”ان جي شادي ٿيڻ واري آهي...!“
    ”ڪنهن سان ...!؟“
    ”توکي خبر ڪونهي ...!؟“
    ”نه ...تون ٻڌاءِ...!“
    ”هوندو ڪو خوش نصيب ...!“
    ”نفيسه جي شادي کان پوءِ تون جيء سگهندين ...؟“
    ” تون جو آهين...!“
    ”مان ڪجهه به نه آهيان...!“
    ”ڀل نه هج پر ... تنهنجي اچڻ کان پوءِ مان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي هونئن به مان نفيسه جو احترام ڪندو هئس، ان کان وڌيڪ ان جو احترام هاڻي به ڪندو آهيان، باقي مان ان جي لائق پاڻ کي ڪڏهن به نه سمجهيو هو، نه ئي هاڻ ڪڏهن اها غلطي ڪندس...!“
    ”تنهنجي پنهنجي به حيثيت آهي...!“
    ”نفيسه آڏو ڪجهه به نه آهيان ...!“
    ”هوءَ پاڻ توکي چاهي ٿي...!“
    ”پوءِ چئو نه ...!“
    ”ڇا...؟“
    ”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
    ”نه...!“ ڪنڌ جهڪي ويو هئس ”تون گهڻو مٺو آهين پر...“
    ”پر ڇا ...؟“
    ”تنهنجي دل ۾ نفيسه لاءِ ڪا به جڳهه ڪونهي...!؟“
    ”هن سان فون تي ڳالهائڻ ۾ ۽ ان جي ٻي خط ملڻ کان پوءِ محسوس ٿيو هو ته منهنجي اهميت ئي ڪهڙي آهي ۽ جن جي ڪا به اهميت نه هوندي آهي اهي چنڊ تائين پهچي ناهن سگهندا صرف ڏسي سگهڻ جي سگهه باقي هوندي اٿن. مون وٽ به نفيسه لاءِ خلوص کان سواءِ ڪجهه به ناهي زندگي ۾ جيڪڏهن سندس ڪنهن ڪم اچي ويس ته اهو به مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هوندو...!“
    ”پوءِ تو ان جي رشتي کان انڪار ڇو ڪيو ...؟“
    ”توکي وري ان جي خبر ڪيئن پئي...؟“
    ”هوءَ مونکان ڪا ڳالهه ڪونهي رکندي...!“
    ”ڇا چيو هئائين توکي...؟“
    ”ڪجهه به نه ...!“
    ”ڪجهه به نه ...!؟“
    ”بس هوءَ سڏڪي پئي هئي...!“
    ”ڇو...؟“
    ” الائي جي ڇو، پر تون انڪار ڇو ڪيو هو...؟“
    ”توکي ٻڌائي چڪو آهيان .“
    ”پر هوءَ توکي ڏاڍو چاهي ٿي...!“
    ”پوءِ چئو نه ...!“
    ”ڇا...!؟“
    ”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
    هوءَ چپ ٿي وئي هئي،
    چيومانس: ”ڳالهاءِ...“
    ”نفيسه ڏاڍو پڇتائي ٿي...! “
    ”ڇا تي ...؟“
    ”توسان اختيار ڪيل رويي تي...!“
    ”نه هن ايڏو خراب به نه ڪيو آهي...!“
    ”ڇا تون کيس معاف نه ڪندين...؟“
    ”هڪ شرط تي ...!“
    ”ٻڌاءِ...؟“
    ”چئو نه ...!“
    ”ڇا ...؟“
    ”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
    ”نه...! تون گهڻو مٺو آهين ...!“
    ”تون ايئن ڪڏهن به نه چوندينءِ...؟“
    ”چونديسانءِ...!“
    ”ڪڏهن...؟“
    ”جڏهن تون نفيسه جي ڳالهه ٻڌندين...!“
    ”روز پڙهندو آهيانس...!“
    ”ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ گهڻو فرق آهي...!“
    ”مان کيس ٻڌي نه سگهندس...!“
    ”خبر آهي...!“
    ”پوءِ...!“
    ”مان ئي هن جي دل جي ڳالهه توکي ٻڌائينديس...!“
    ”ٻڌاءِ...!“
    ”نفيسه کي اجائي خطن ۽ ٽِيليفونن تنگ ڪري ڇڏيو هو توڙي جو تو ان کي صرف ٻه خط لکيا هئا ۽ شايد هڪ ٻه ڀيرو فون ڪئي هئي پر تنهنجي نالي سان روز الائي جي ڪيترا خط ۽ ڪيئي ٽيليفونز اينديون هيون. تنهنجي نالي سان عجيب قسم جا ڊائيلاگ ٻڌي هوءَ تنهنجي سلسلي ۾ غلط فهميءَ جو شڪار ٿي وئي هئي. شايد ان ڪري نفيسه جيڪا تنهنجي پهريان تمام گهڻي عزت ڪندي هئي پر پوءِ تنهنجو نالو ٻڌڻ شرط چڙي پوندي هئي...!“
    ”مونکي منهنجي نالي سان خط ۽ فون ڪرڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي.!“
    ”نفيسه خود به پريشان آهي، هوءَ توکي ته سمجهي وئي آهي پر تنهنجي نالي استعمال ڪرڻ وارن کي سمجهي ناهي سگهي ته هنن ايئن ڇو ڪيو ...؟“
    ”تون ئي ٻڌاءِ... ؟“ غزل جي خاموش ٿيندي ئي ڳالهايو هيم:
    ”ساڙ سڙيا ماڻهو گهڻا آهن مٺا، هو ڄاڻيندا هئا ته تنهنجي پنهنجي به ادبي سڃاڻپ آهي ، ڪٿي نفيسه تنهنجي ويجهو نه اچي وڃي ...!
    ان ڪري انهن توهان جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ لاءِ اهو رستو اختيار ڪيو کين پڪ هئي ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ان سان نفيسه اوهان کي ويجهو نه ٿيندي ...!“
    ”جيڪڏهن ڳالهه واقعي اها آهي ته پوءِ نفيسه جو ڪو ڏوهه ئي ڪونهي.“
    ”هوءَ به سمجهي وئي آهي ته قصور وار تون به نه آهين...!“
    ”پوءِ چئو نه ...!“
    ”ڇا...؟“
    ”تون ٿورو سٺولڳندو آهين...!“
    ”نه تون گهڻو مٺو آهين...!“
    ”مان مٺو نه آهيان مٺو ته اهو آهي ...!!“
    ”ڪير...؟“
    ”جنهن کي نفيسه ٿي چاهي...!“
    ”اهو ته تون آهين...!“
    ”مون توسان ڪڏهن مذاق ڪئي آهي غزل...!“
    ”مان به سچ ٿي چوان ...!“
    ”مون توکي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته مان هن آڏو ڪجهه به نه آهيان ...!“
    ”اهو تنهنجو مسئلو آهي...!“
    ”باقي هن ته توڏي پنهنجا گهر وارا به موڪليا هئا کين اهو نه ٻڌايو هئائين ته تون ئي ان جي پسند آهين ...!“
    ”اهو به سٺو ٿيو غزل...! سچ مان نفيسه کي نفيسه نه رکي سگهان ها ...!“
    ”ٺيڪ آهي پر ڇا تون ان جي هڪ ڳالهه مڃيندين...؟“
    ”هڪ نه هزار چئو...!“
    ”تون هن جو لکيل ٻيو خط ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏ ...!“
    ”اصل نه ..! اهو مونکي منهنجي حيثيت ياد ڏياريندو رهندو...!!“
    ”اهو خط اجائي بڪواس کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ...!“
    ”ڇا تون ان جي مواد بابت ڄاڻين ٿي...؟“
    ”چيم نه مٺا ...نفيسه مونکان ڪجهه به ناهي لڪائيندي ...!“
    ”پوءِ تون منهنجي ويجهو ڇو آئينءِ ...؟؟“
    ”تو کي خبر آهي ته مان ڪجهه به نه آهيان ...!“
    ”نه تون ڏاڍو مٺو آهين...!“
    ”ايئن نه چئو نفيسه ماريندئي...!“
    ”مان به ماريانس...!“
    ”ايڏي حجت...!“
    ”باقي دل جي ويجهو ڇو آهي ...؟“
    ”پوءِ مان توکان پري ڀڄندس...!“
    ”خبر آهي...!“
    ”ڇا مطلب ...!؟“
    ”تون سچ پچ ڀڄي ويندين...!“
    ”ڪيترو به ڀڄان ساهه تو وٽ اچي پٽيندس...!“
    هوءَ لمحي لاءِ مونڏي ڏسي پوءِ ڄڻ ڀُري پئي هئي، جهري پئي هئي، ڳوڙهن ۾ سفر ڪندي چيائين:
    ”مان ئي نفيسه آهيان مٺا ...!!“ ۽ پوءِ سندس سِسڪيون ۽ سڏڪا وڄ ۽ گجگوڙ بڻجي منهنجي ڪنن ۾ وڄڻ لڳا. پنهنجي وجود اندر هائيڊروجن بم ڦاٽندي محسوس ٿيو هو مان ڄڻ ذرا ذرا ٿي ويو هئس. پنهنجي وجود جا ذرا ميڙيندي الاءِ جي ڪيئن ڳالهايو هيم:
    ”نه...! تون غزل آهين...!! صرف منهنجي غزل...!“
    ”تون يقين ڪر مٺا مان ئي نفيسه آهيان توکي ڏاڍو ڀائيندي هئس، پر پوءِ خبر ناهي ڪيئن... ڪنهن غلط فهمي ۾ اچي توکي خط ۾ ڇا ڇا لکي ويٺيس پر جڏهن خبر پئي ته تون صرف مٺوآهين، ته ان وقت شايد مان گهڻو اڳتي نڪري وئي هيس... سمجهي ڇڏيو هيم تون نفيسه سان ڪڏهن به نه ملندين ان ڪري غزل بڻجي تو وٽ آئي هيس... ۽ پنهنجي غلطي جو ازالو ڪرڻ ٿي گهريم پر ان ۾ ڪاميابي ناهيان ماڻي سگهي... توکي وڃائڻ کان پوءِ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وت آهر، وس ڪيم ... پر مٺا ماڻهو نصيب وارن کي ملندا آهن منهنجو نصيب ئي ٽٽل ڦٽل آهي... توکي چيو هيم نه پنهنجو به ڪو افسانو آهي ۽ افسانن ۾ تو ڪنهن کي ناهي ملايو، ته پوءِ تون ۽ مان ڪيئن ملون ها...!؟ شايد، ان ڪري هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي تي مون کي ڪا به حيرت ناهي ٿي پر ڏُک جو حق پاڻ وٽ محفوظ رکان ٿي... ڏس نه هي پنهنجو حقيقي افسانو به ٻين افسانن جيان هلندي کلندي ڪيئن نه اوچتو ڪنهن موڙ تي اچي ٽڙي پکڙي جدايون ڏئي ويو... فرق صرف ايترو آهي جو تو وارن لکيل افسانن جي اختتام تي پڙهندڙ سوچڻ لڳندا آهن ته ايئن ڇو ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو؟ جڏهن ته پنهنجي هن افساني تي تجسس جو شڪار تون ۽ مان ٿيا آهيون...! شايد هن افساني جو جادو تنهنجي ۽ منهنجي زندگي تي آخر تائين اثر انداز ٿيندو رهي ۽ شايد تون ۽ مان ٻئي ڀوڳيندا رهون ، ان ڪري جو افسوس مان غزل نه نفيسه آهيان ...!!!“
    ڏٺم هوءَ وري سڏڪڻ لڳي هئي، چيوهيومانس:
    ”روءِ نه غزل ...!“
    ”مان نفيسه آهيان، مونکي نفيسه چئو...!“ سڏڪا تيز ٿي ويا هيس ...
    ”اصل نه...! تون صرف منهنجي غزل آهين...!“
    ”ضرف هڪ ڀيرو چئو، صرف هڪ ڀيرو ...!!“ ٽشُوءَ سان ڳوڙها اگهڻ لڳي هئي پڇيو هيومانس:
    ” ڇا...؟“
    ”نفيسه...!“
    ”نه چوندس ...!!“
    ”توکي چوڻو پوندو...!“
    ”وڙهه نه... چوانءِ ٿو...!“
    ”تون نفيسه آهين صرف نفيسه ...!“
    ”مهرباني مٺا، سچ دل کي ڏاڍو سڪون مليو آهي...!“
    ”پوءِ چئو نه ...؟“
    ”ڇا...؟“
    ”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين...!“
    ”نه تون گهڻو مٺو ۽ ٿورو روئڻو آهين ...!“
    مان کلندي پنهنجا لڙي آيل لڙڪ اگهي ڇڏيا هئا ۽ چيوهيومانس:
    ”هاڻ ته چئو نه...!“
    ”ڇا...؟“
    ”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
    ”چيم نه تون گهڻو مٺو آهين...!!“
    ”هوءَ اٿي بيٺي هئي، مان کيس تڪڻ لڳو هيس چيوهئائين:
    ”معاف ڪجانءِ مٺا نفيسه به توکي ڏکايو ته غزل به...! ٻنهن تنهنجي اکين جو پاڻي اکين ۾ رهڻ نه ڏنو ...!“
    ”مونکي ڪهڙي خبر غزل...!“ چيوهيومانس:
    ”ته منهنجون لکڻيون منهنجي ذاتي زندگي کي به پاڻ جيان نه سمجهڻ واري پڄاڻي ڏينديون، نه ته يقينن مان ڪڏهن به نه لکان ها ...!“
    ”هاڻ لکندو رهجانءِ...!“
    ”۽ تون ..؟؟“
    ”مان به ڪوشش ڪنديس...!!“
    ”تون ويهه ته سهي...!“
    ”منهنجي شادي جون تياريون پيون هلن ...!“
    ”مون غزل کي ڏاڍو چاهيو آهي ...!“
    ”اها ان لائق نه آهي...!“
    ”ايئن نه چئو...“
    ”تون هميشه ياد رهندين مٺا...!“
    ”پوءِ چئو نه ...!“
    ”ڇا...؟“
    ”تون ٿورو سٺو لڳندو آهين ...!“
    ”نه... تون گهڻو مٺو آهين ...!“
    ”آخر ۾ به ايئن نه چوندينءِ...!؟“
    ”ڇو چوان...!؟ مان توکي پنهنجو نه ڪري سگهيس، تو غزل کي چاهيو... اها به تنهنجي نه ٿي سگهي ته پوءِ ايئن ڇو چوان...؟“
    ”پوءِ ڇاهيس تون چئو نه ...!!“
    هن ڪو به جواب نه ڏنو وڃڻ لڳي هئي مان ڄڻ رڙيون ڪرڻ لڳو هئس.
    ”چئو نه ... چئو نه ...آخر ۾ ته چوندي وڃ ... صرف هڪ ڀيرو غزل ...!!“
    هوءَ ويندي ويندي دروازي وٽ بيهجي وئي هئي، وري چيومانس :
    ”صرف هڪ ڀيرو چئو ...!!“
    اتي ئي بيٺي بيٺي منهن مون ڏانهن ڪري چيائين:
    ”ڇا...؟“
    ”تون ٿورو سُٺو لڳندو آهين...!“
    ” نه ...!“ هوءَ مرڪڻ لڳي هئي.
    ”تون گهڻو مٺو آهين ...!“
    پر آخري جملو ادا ڪندي، ڪنهن ٻار جيان سڏڪندي تيز تيز وکون کڻندي هلي ويئي هئي.
    ”رو نه ...! ميم صاحبه کي روڪ... سٺو تون نه ... سٺي ميم صاحبه آهي ادا...! مان کيس چڪ پائيندس...!!!“
    ڏٺم ڏينڀو دروازي جي اوٽ ورتيون بيٺو سڏڪي رهيو هو، پنهنجا لڙڪ اگهڻ وري به وسري ويا هئا وڌي وڃي ڏينڀوءَ جي اکين مان سندس جيان معصوم لڙي آيل لڙڪن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا هيم.
    غزل جي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه به ناهيان لکي سگهيو ڪافي ڀيرا ڪوشش به ڪئي اٿم پر هن سٽن کان اڳتي نه وڌي سگهيو آهيان.
    ”توکي شڪايت هئي نه مان ڪردارن کي ناهيان ملائيندو، کين تڙپائي تڙپائي جدايون ڏئي ماري ڇڏيندو آهيان، پر اڄ مان پاڻ مري رهيو آهيان، افسانه لکڻ به ڇڏي ڏنا اٿم...!!“
    ”تون موٽي آ غزل...! “
    ***


    تون منهنجي ساهه ۾ آهين ...!!!

    سڄڻ بيروزگار هوندي به ’صاحب‘ سڏائيندو هو.
    ان نالي سان ايترو مشهور ٿي ويو هو جو سندس اصل نالو ماڻهن کان وسرڻ لڳو هو پر ڪالهه شادي ٿيڻ جي ڇهين ستين مهيني کان پوءِ شيزان هوٽل تي چانهه پيئندي عجيب انڪشاف ڪيو هئائين.
    ”يار...!“ چيائين: ”اڳتي مون کي ’صاحب‘ نه صابو سڏيندو ڪر...!“
    ڏاڍو تعجب ٿيو هو، پڇيومانس:
    ”ڇو ڀلا صاحب...! صاحبه سٺي نه لڳي ڇا...!؟“
    ”نه اها سُريلي آهي...!“ وراڻيائين.
    ”پر مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته مان صاحب نه سئو فيصد صابو آهيان...!“
    مان کلي پيو هئس بلڪه ٽهڪ ڏيڻ لڳو هئس چڙندي چيو هئائين:
    ”ڏند نه ٽيڙ مان سنجيده آهيان...! اڄ کان وٺي پنهنجي نالي بدلائڻ واري تحريڪ شروع.... گهٽ ۾ گهٽ تون ان ۾ رُخنو نه وجهه ...!“
    ”مونکي ڪو اعتراض ڪونهي...!“چيومانس:”پر سبب ته ٻڌاءِ...! صاحب مان صابو ڪيئن ٿي وئين...؟“
    ”بيروزگاري ماري وڌو آهي يار...!“
    ”بيروزگار ته پهرين به هئين...!“
    ”ان مهل اڪيلو هيم...!“وراڻيائين:”هاڻ ٻه ٿي ويا آهيون... ممڪن آهي ڪجهه وقت کان پوءِ ٽي به ٿي وڃون پر شايد اسڪور اتي به نه رڪجي ۽ وڌندو رهي، ان ڪري صاحب مان صابو ته ٿيڻو آهي سو ڇو نه بسمِ الله هاڻ ئي ڪجي...!“
    ”امير گهراڻي جو آهين...!“ چيم: ”پوءِ به دانهون ٿو ڪرين...!“
    ”ڳالهه امير غريب جي ڪونهي...!“چيائين:”پر غيرت به ڪنهن شيءِ جو نالو آهي...! پهريان بابي تي اڪيلو بار هيم، پرواهه نه هئي هاڻ وري عشق جي شادي ڪري بابا جي خرچن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو اٿم...! في الحال ته مائي سڳوري فرمائشون ڪو نه ٿي ڪري پر شاديءَ کان اڳ جذبات ۾ اچي جيڪي هُن سان واعده ڪيا هيم، سي بغير چوڻ جي پورا ڪرڻا ٿا پون...! جنهن جي ڪري بابا منهنجي کيسي جي بجيٽ صفا گهٽائي ڇڏي آهي...! ان ڪري غيرت جو سوال آهي ته مان، صاحب نه، صابو سڏجان...!“
    منهنجي مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي هئي هن جي ڳالهين مان ايترو ته مزو ٿي آيو جو چانهه پيئڻ ئي وسري وئي هئي... ڪجهه گهڙين جي خاموشيءَ کان پوءِ چانهه جي سرڪ ڀري انتهائي مخلصاڻي انداز ۾ صلاح ڏنائين:
    ”في الحال تون شادي نه ڪجانءِ...!“
    ”ڪيان ته...؟“ چانهه جو ڪوپ چپن آڏو آڻيندي چيم.
    ”لوَ مئريج نه ڪجانءِ...!“
    ”ڪيان ته...؟“
    ”طاهر مان طارو ٿي سڏبين...!“
    چانهه جو ڍڪ نه ڀري سگهيو هيم، ڪوپ واپس ٽيبل تي رکي کلي پيس.
    ”هاڻ ته شادي ضرور ڪندس...!“
    ”ڇو...؟“
    ”مفت ۾ ’تارو‘ ٿي پوندس ڪو درياءَ سمنڊ ٻوڙي لوڙهي نه سگهندو..!“
    ”درياءُ بادشاهه اهو ڪم ڪري نه ڪري...! پر مائي توکي ٻوڙي ئي ٻوڙي ...!“
    ”سبب...؟“
    ”بيروزگار...! گهر وارن تي بار...!“
    ”مڃيم ته بيروزگار آهيان...! توکان ڇهه ڀيرا وڌيڪ سُڃو آهيان پر ڪنگلو نه آهيان... توکان وڌيڪ پيسا منهجي کيسي ۾آهن...!“
    ”صفا واحيات آهين...؟“ وراڻيائين:”شادي شده کي چئليج ٿو ڪرين...! شرم ڪر کيسا خالي ڏسي مَڳي نه ڪبي آهي، اڄ بابا ويهه رپيا ڏنا هئا نه چاهڻ باوجود پندرنهن روپيا پنهنجي محبت تي قربان ڪرڻا پيا...! باقي پنج روپيا پنهنجي چانهه لاءِ بچائي رکيا اٿم...! پر مان سمجهان ٿو ته شاديءَ کان پوءِ تون هڪ چانهه جا پيسا به بچائي نه سگهندين...! ۽ مون کي پنهنجي حصي جي چانهه مان توکي اڌ‏ ڏيڻو پوندو..! مان اها قرباني ضرور ڏيندس، تون فڪر نه ڪر طاهر...!“
    ”واقعي...!“کلندي چيومانس: ”اها وڏي قرباني آهي صابو...!“
    ”صابو...!“ همراهه کان خوشيءَ مان رڙ نڪري وئي:
    ”لڳي ٿو ته منهنجي نالي بدلائڻ واري تحريڪ رنگ لائيندي نظر پئي اچي...!ان خوشيءَ ۾ اڄوڪو بل مان ادا ڪندس...!“
    ”پر تو وٽ ته ڪل پنج روپيا آهن...!“
    ”بيشڪ مون وٽ پنهنجا صرف پنج روپيا آهن...!“چيائين: ”پر گهر واريءَ کي پندرنهن روپيا ڏيڻ کان پوءِ ڪنهن ڏکئي وقت ۾ ڪم اچڻ لاءِ پنج روپيا پرس مان ڪڍي ورتا هيامانس...!“
    ”چڱو ڇڏ انهن ڳالهين کي...!“ ڳالهه جو رُخ بدلائيندي چيم:
    ”تنهنجو ريشمان بابت ڇا خيال آهي...!؟“
    ”شاديءَ کان اڳ هر ڇوڪريءَ بابت سٺا خيال ۽ نيڪ جذبا هئا...!“ وراڻيائين: ”هاڻ ڪجهه نه ٿو چئي سگهان منهنجا ڀاءُ...!“
    ”مذاق ڇڏ...!“چيم: ”مان سنجيده آهيان...!“
    ”هوءَ سٺي ڇوڪري آهي...!“
    ”مان خراب آهيان...؟“
    ”نه تون به خراب نه آهين...!“ وراڻيائين:
    ”پر هوءَ توکان گهڻي سٺي آهي...!“
    ”اهو تنهنجو خيال آهي...!“ چيم.
    ”باقي هُن جي نظر ۾ مان هيرو آهيان...!“
    ”غلط فهميءَ جو شڪار نه ٿي...! اهو انڊين فلمن جو منهن ڪارو آهي..!“ اندر سڙي ويو هو، سندس ان جملي تي اهڙي ڪاوڙ آئي جو سوچيم: ’مُڪ هڻي ميڄالو ڪڍي وجهانس...!‘ پر ايئن نه ٿي ڪري سگهيس. هٿ ۾ سيخون نه آڱريون هيون.
    ”هوءَ فلمون ڏسندي ڪونهي معتبر...!“ برداشت کان ڪم وٺندي چيم.
    ”پوءِ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي...!“
    ”اسان هڪ ٻئي کي چاهيون ٿا...!“
    ”مان ڄاڻان ٿو...!“
    ”پوءِ به ڪجهه نه ٿو ڄاڻي...!“
    ”توهان شادي ڪرڻ ٿا چاهيو نه ...؟“ پڇيائين.
    ”وڏي ڄاڻ اٿئي...!“ (مان خوش ٿي ويو هئس)
    ”صاحب مان صابو... اجايو ٿورئي ٿيو آهيان...! علم ته اڳ ئي هو، هاڻ عملي تجربن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي...!“
    ”پوءِ تون ان سلسلي ۾ منهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهين ٿو...!؟“
    ”پهرين ڳالهه ته ريشمان توسان شادي ڪرڻ جي غلطي نه ٿي ڪري سگهي...!“
    ”ٻي ڳالهه ...!؟“ منهنجو بلڊ پريشر هاءِ ٿيڻ لڳو هو..!
    ”جيڪڏهن هوءَ اهڙي غلطي ڪري به ته تون ايئن نه ڪجانءِ...!“
    ”ڇو...؟“ بيزاريءَ مان پڇيومانس:
    ”ڏس...!“ سنجيده ٿي ويو هو:”محبت ڪرڻ ۽ محبت ماڻڻ ٻه الڳ الڳ شيون آهن... اهو ضروري ڪونهي ته محبت ڪجي ته ماڻجي به... تون بيروزگار آهين... محبت جهڙي مقدس رشتي کي سنڀالڻ جي سگهه هن وقت تو ۾ ڪونهي... ان ڪري پهريان نوڪريءَ ڏانهن توجه ڏي...!“
    ”نوڪريءَ ملڻ جو آسرو ڪونهي...!“
    ”ان ڪري ئي ته چوان ٿو جلد بازي نه ڪر...!“
    ”تون جو ريِس ڏياري آهي...!“
    ”تو ۾ ۽ مون ۾ فرق آهي طاهر...!“چيائين:”منهنجو پيءُ بينڪ مئنيجر آهي، نوڪري نه ملي ته به بابا جي بدولت بينڪ مان بغير وياج جي قرض کڻي ڪو ڪاروبار ڪري سگهندس...! پر پوءِ به مان هن وقت صاحب مان ’صابو‘ بڻجي ويو آهيان...!تون اڃان منهنجي ڪهڙي بگڙيل حالت ڏسڻ چاهين ٿو...!؟“
    مان خاموش ٿي ويوهئس، ڪجهه ڪڇي نه سگهيو هيم. ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين:
    ”مان توکي احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا ڪرڻ نه ٿو چاهيان پر ڇا شاديءَ کان پوءِ ريشمان جي هڪ ننڍڙي خواهش کي به پورو نه ڪري سگهڻ کان پوءِ جِي سگهندين...!؟ شايدڪڏهن به نه ...! ان ڪري محبت جي ماناري سان في الحال شاديءَ واري ڇيڙ ڇاڙ نه ڪر، نه ته...!!!
    مان وري به خاموش رهيو هئس، چاهڻ باوجود ڪجهه ڪُڇي نه سگهيو هيم.
    ”دير ٿي وئي آهي هلڻ گهرجي...!“ هو اٿي بيٺو هو‏.
    ”صابو...!“ اٿندي چيم :”تو وارين ڳالهين ماري وڌو آهي...!“
    ”اڄ مرندين...!“اڳتي وڌندي چيائين: ”سڀاڻي جيئندين...!“
    ڪائونٽر تي بل ادا ڪرڻ کان پوءِ اسان ٻئي ٻاهر نڪري وياهئاسين، گهر پهچندي محبت ماڻڻ ۽ شادي ڪرڻ تي سنجيدگي سان سوچڻ لڳو هئس، صابو جون ڳالهيون ڪافي نه ته به، گهڻي حد تائين درست ٿي لڳيون...! توڙي جو دل نه ٿي مڃيو پر دماغ فيصلو ڏئي ڇڏيو هو ته محبت ماڻڻ ۽ ڪرڻ ٻه الڳ الڳ شيون آهن، پنهنجي وس ۾ هن وقت صرف محبت ڪرڻ آهي، ان کي ماڻي سگهڻ جي سگهه پنهنجي وس ۾ ڪونهي...! ٻي ڏينهن خبر نه آهي ڇو... ريشمان ڏانهن ڇڪجي ويو هئس.
    ”ڇو آيو آهين...؟“ پڇيائين.
    ”چانهه پيئڻ...!“
    ”چانهه توکي ريسٽورينٽ ۾ ملندي، هتي نه...!“
    ”مان تنهنجي هٿن جي چانهه پيئندس...!“
    ”چانهه ڪنهن جي هٿن جي ناهي هوندي جناب...!“ چيائين:
    ”اها ته کير ۽ کنڊ پتي مان ٺهندي آهي...!“
    ”چانهه نه پيار ته نه پيار...!“چيم:”هرو ڀرو ايڏو رعب ته نه ڪر نه...!“
    ”رعب ڇو نه ڪيان...؟“وراڻيائين:
    ”آخر ايم. اي فرسٽ ڪلاس ۾ جو پاس ڪئي اٿم...!“
    ”سچ...!؟“
    ”مون ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو آهي توسان...؟“
    ”پوءِ به چانهه نه پياريندينءَ ڪنجوس...؟“
    ”مون هيڏو سارو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، تون ڪو به گفٽ نه ڪرائيندينءَ...!؟“
    اوچتو گفٽ جو ذڪر ايندي ٻُڏي ويو هيم، چيومانس:
    ”ٺيڪ آهي تون چانهه تيار ڪر مان گفٽ وٺي اِجهو آيس...!“
    ”موٽندي ته سهي نه...!؟“ مرڪندي چيائين.
    مان به کِلي پيو هيم. بازار مان سندس لاءِ گهڙي خريد ڪندي اوچتو خيال آيو:
    ’مار...!ريشمان ته ٽي ڀيرا انٽر ۾ فيل ٿي هئي...! سو بي. اي کي باءِ پاس ڪري ايم. اي ڪيئن ڪري ورتائين...!؟‘
    يقينن هن مونکي بيوقوف بڻايو هو ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي، پنهنجي اٻوجهائپ تي... ڪا قيمتي گهڙي خريدڻ بجاءِ پنجويهن روپين واري گهڙي خريد ڪري سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو هئس.
    ”منهنجي هيڏي ساري محنت جي بدلي ۾ تو هيءَ گهڙي آڻي ڏني آهي ڪنجوس مَکي چوس...!“
    ”تحفي جي ڪا به قيمت ڪونهي ٿيندي...!“ سندس سامهون ويهندي چيم: ”پر جيڪو انٽر، نه ڪري سگهي ان لاءِ اهو گفٽ به مهانگو آ...!“
    ٽهڪ نڪري ويو هيس، چيائين:
    ”هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ آئي اٿئي... ته مان انٽر بار بار فيل آهيان...!“
    ”ايڏو بيوقوف به نه سمجهه...!“چيومانس: ”مون تنهنجي دل رکڻ پئي چاهي...!“
    ”واهه جو دل رکي اٿئي...!؟“ گهڙي مون آڏو رکندي چيائين:”هي هاڻي ئي خراب ٿي پئي آهي، ٺاهي وٺينس ته مان چانهه کڻي ٿي اچان...!“
    مان گهڙي ڏسڻ بجاءِ ريشمان بابت سوچڻ لڳس، اڄ هوءَ ڏاڍي سٺي ٿي لڳي ايڏي سٺي جو واقعي ايترو سٺو مان به نه هئس...!
    چانهه جو هڪ ڪوپ مون آڏو رکي ٻي مان پاڻ سُرڪيون ڀرڻ لڳي هئي، مان چانهه پيئڻ بجاءِ کيس تڪڻ لڳس...!
    ”مون کي ڇا ٿو ڏسين...؟ چانهه پيءُ نه...!“
    ”ڪيئن پيئان...!؟“
    ”جيئن مان پئي پيئان...!“
    ”مان ڦڪي چانهه ناهيان پيئندو...!“
    ”توکي ڪنهن چيو چانهه ڦڪي آهي...؟“
    ”چانهه ئي چيو...!“
    ”مذاق ڇڏ چانهه ٺري رهي آهي...!“
    ”ٺرڻ ڏئيس...! مان ڦڪي چانهه نه پيئندس...!“
    ”تون سمجهين ڇو نه ٿو...!؟؟“ڪجهه نه سمجهندي چيائين: ”ته چانهه ڦڪي نه مِٺي آهي...! پنهنجي هٿن سان ان ۾ کنڊ وڌي اٿم...!“
    ”پوءِ به ڦِڪي آهي...! سُرڪ ڀري مِٺي ڪري ڏي...!“
    ڪومائجي وئي هئي شايد شرمائجي وئي هئي.
    مون ڏانهنس ڏانهن ڪوپ وڌائي ڇڏيو هو، هُوءَ ڪوپ وٺڻ بجاءِ ان کي تڪڻ لڳي چيومانس:
    ”تون يقين ڪر مان ڦِڪي چانهه ڪڏهن به نه پيئندس...!“
    هُن ڏڪندڙ هٿ سان ڪوپ ورتو هو، سرڪ ڀري، پڇيو هئائين:
    ”ڪڏهن کان ايترو ڇيڳرو ٿيو آهين...!؟“
    ”مون جهڙي ڇيڳرائپ ڀاڳ وندن کي نصيب ٿيندي آهي ريشمان...!“
    ”ڳالهائڻ جو انداز ۽ ادا اداڪارن واري اٿئي...! توکي ته اداڪار ٿيڻ کپندو هو...!“
    ”بيشڪ اداڪار ئي ٿيئڻو هو...!“ وراڻيم: ”پر پاڻ نه ٿيس...!“
    ”ڇو...؟“
    ”تون فلمون جو ناهين ڏسندي...!“
    ”چڱو چڱو...! وڌيڪ ڊائلاگ هڻڻ جي ضرورت ڪونهي...!“چيائين: ”تو پاڻ بابت ڇا سوچيو آهي...؟“
    ”سوچڻ وارا ڪجهه ناهن ڪري سگهندا...!“
    ”مان توڏانهن واجهايان ٿي طاهر...!“
    ”مان توکي چاهيان ٿو ريشمان...!“
    ساڳئي انداز ۾ ريشمان جي نقل ڪئي هيم،کلي پئي هئي .
    ”ڪڏهن ايندين...!؟“ڪجهه گهڙين جي خاموشيءَ کان پوءِ چيو هئائين. سُر سمجهي ويو هئم، چيومانس:
    ”ان بابت نه سوچ ريشمان...!“
    ”ڇو...؟“
    ”مان توکان بغير اڌورو رهندس...! پر اها اڌورائپ طاهر مان طاهرو ٿيڻ کان ڀلي آهي...!“
    ”ڇا مطلب...!؟“
    اکيون اڳتي نڪري آيون هيس، صابو واري ڳالهه ٻڌائي مانس، ٽهڪ نڪري ويو هيس، ڪافي دير تائين کلندي رهي. پوءِ نارمل ٿي پڇيائين:
    ”ڇا توکي مون تي اعتماد ڪونهي...!؟“
    ”توتي آهي پاڻ تي ڪونهي... ڇو ته مان پاڻ بي رنگ آهيان ته ٻي جي زندگي ۾ وري ڪهڙا رنگ ڀريندس...! مان تنهنجي خوابن کي پنهنجي هٿن سان چيڀاٽي محبت جهڙي مقدس رشتي جي توهين ڪڏهن به نه ڪندس...! ڇو ته محبت مقدس هوندي آهي ۽ ان کي سنڀالي سگهڻ جي سگهه هن وقت مون ۾ ڪونهي...!“
    ”اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي...!؟“
    ”اهو فيصلو نه ...!“چيم: ”منهنجي خواهش ۽ تمنا آهي ته تون جتي به هجين جرڪندي رهين، مرڪندي رهين، ڪڏهن به مايوسيءَ ۾ مبتلا نه ٿين...!“
    ”توهان مرد ڪيڏا نه خود غرض هوندا آهيو...!“وراڻيائين:
    ”توهان وٽ ٻين جي جذبن جو ڪو به قدر ڪونهي...! جيڪو پاڻ کي سمجهه ۾ ايندو اٿوَ اهو ئي ڪندا آهيو...!“
    ”مون کي تنهنجي جذبن جو چڱي طرح احساس آهي ريشمان...! پر پاڻ کي هن وقت حالتن جون هٿڪڙيون لڳل آهن...!“
    هوءَ ڪجهه ڪڇي نه سگهي هئي، شايد منجهي پئي هئي، چهري تي انڊلٺي رنگ اڀرڻ ۽ لهڻ لاڳ هيس، سندس هٿ پڪڙي چيوهيم:
    ”ريشمان...! توکي حاصل ڪيم ته به محبت سمجهي حاصل ڪندس...! ۽ جي دنيا جي دز ۾ وڃائي ڇڏيم ته به فقط محبت سمجهي وڃائي ڇڏيندس...! بيوفا ڪڏهن به نه سمجهجانءِ ۽ نه چئجانءِ...!“
    ”ايئن نه چئو...!“ پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو هئائين:
    ”مون کي تون هتان وٺي هل...! زندگي جي آخري ساهه تائين تنهنجو ساٿ ڏينديس... اهو منهنجو واعدو رهيو...!“
    ”گهران نڪرڻ کي محبت نه سمجهه ريشمان...!“ وراڻيم:
    ”سڀ گهر وارا توسان بي انتها محبت ڪن ٿا پوءِ ايئن گهران نڪري سڀني جون محبتون ٽوڙي مروڙي فقط هڪڙي محبت ماڻڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪجانءِ... منهجي نصيب ۾ جيڪڏهن تون آهين ته سڀني جون محبتون سلامت رهنديون... باقي جيڪڏهن تون منهنجي نصيب ۾ ناهين ته پوءِ مان قسمت جي ان ڪهاڻيءَ کي موڙي نه ٿو سگهان...! ڇو ته هي ڪا فلم ڪونهي، نه ئي مان اهو فلمي هيرو آهيان، جيڪو گولين ۽ بمن مان بچي محبوبه ماڻيندو آهي...! ڪجهه به ٿي پوي مرندو ڪونهي...! جڏهن ته مان پاڻ ئي روز مرندو روز جيئندو آهيان...!“
    ”تون آخر ايڏو مايوس ڇو ٿي ويو آهين...؟ حوصلو ڪر...!“چيائين: ”خانه بدوشن کي ڏس کين پنهنجو مستقل ڪو گهر ئي ڪونهي...! پوءِ به بي گهر هجڻ کي زندگي سمجهي جيئن پيا...! ۽ تون صرف نوڪريءَ کي ئي زندگي سمجهي ويٺو آهين...؟“
    شايد هوءِ سچ چئي وئي هئي، مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو. پڇيائين:
    ”ٻي چانهه ٺاهي اچان...؟“
    ”نه...!“ مان اٿي بيٺو هئس.
    ”وڃين پيو...!؟“ هوءَ به اُٿي بيٺي هئي.
    ”ها...!“
    ”وري ڪڏهن ايندين...؟“
    ”شايد ڪڏهن به نه ...!“
    ”ناراض ٿي ويو آهين...!؟“
    ”نه بي انتها خوش آهيان...!“
    ”چٿر ٿو ڪرين...!؟“
    ”تنهنجو قسم ان جو سوچي به نه ٿو سگهان...!“
    ”پوءِ ٻڌاءِ نه ڪڏهن ايندين...؟“
    ”تنهنجي لائق ٿيس ته ضرور ايندس، نه ته وساري ڇڏجانءِ...!“
    ”مون کي تنهنجو انتظار رهندو...! مان پاڻ کان توکي جدا ڪڏهن به نه ڪري سگهنديس...!“
    ”تون منهنجي ساهه ۾ آهين...!“ مان هلڻ لڳو هئس.
    ”طاهر...!“روڪي ورتو هئائين، هٿ پڪڙي آهستي بلڪل آهستي چيائين:
    ”مون کي توسان محبت آهي...!“ سندس هٿ کي زور ڏيندي وراڻيو هيم: ”تون ۽ مان هڪ آهيون، ان ڪري ساڳيو جملو نه ورجائيندس...!“
    منهن تي معصوم مرڪ تري آئي هيس، ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هئائين. مان ٻاهر نڪري آيو هئس.
    وقت گذري چڪو هو نوڪريءَ نه ملڻ سبب ’صابو‘ بئنڪ مان قرض کڻي هڪ عاليشان جنرل اسٽور کوليو هو. جنهن جو نالو رکيو هئائين، ’صابو ليڊيز اينڊ جنرل اسٽور‘ مان ان ئي جنرل اسٽور تي سيلز مين ٿي ويو هيم، پر تنها ٿي ويو هئس، بلڪل اڪيلو ٿي ويو هئس...! پر هاڻ ان کي ئي زندگي سمجهي قبوليو هيم. ڪاروبار جي ٽين سال صابو کي پيءُ جي ڪوٽا تي بئنڪ ۾ نوڪري ملي وئي هئي، جنهن جي ڪري منهنجي به ترقي ٿي ۽ مان سيلز مين بجاءِ ’صابو ليڊيز ۽ جنرل اسٽور‘ جو مئنيجر ٿي ويو هيم، پنهنجي خالي ڪيل سيٽ کي ڀرڻ لاءِ عورت توڙي مرد مان ڪنهن به هڪ موزون اميدوار کي ڀرتي ڪرڻ واري اشتهار ڇپرائڻ جي ٻي ڏينهن ريشمان منهنجي گهر آئي هئي، ڀروسو نه پئي آيو پر يقينن اها ريشمان ئي هئي...! پڇيائين:
    ”مون کي سيلز گرل لاءِ مناسب سمجهين ٿو...!؟“
    مان وائڙو ٿي ويو هئس. پاڻ سنڀاليندي چيومانس:
    ”مذاق ڇڏ ريشمان...! ٻڌاءِ ڪيئن آئي آهين...!؟“
    ”مذاق نه پئي ڪريان...!“ چيائين:
    ”مان واقعي سيلز گرل ٿيڻ چاهيان ٿي...!“
    ”پر ڇو...؟“ پڇيم.
    ”پيٽ پالڻ لاءِ ڪو ته ذريعو ڳولڻو پوندو آهي نه...!؟“
    ”مون ته ٻڌو هيو تنهنجي ڪنهن شاهوڪار سان شادي ٿي وئي آهي...!“
    ”ها...! صحيح ٻڌو هيئي پر هاڻ ان طلاق به ڏئي ڇڏي آهي...!“
    ”ڇا...!؟“ مون کان هلڪي رڙ نڪري وئي هئي .
    ”ها هاڻ طلاقيل آهيان طاهر...!“
    ”پر ان ايئن ڇو ڪيو...!؟“
    ”ڪامورا ايئن ئي ڪندا آهن...!“ طنزيه لهجي ۾ چيائين:
    ”مون مان دل ڀرجي وئي هيس ٻِي ساڻ محبت جو ڊرامو رچائي شادي ڪري ڇڏيائين...!“
    مان سندس لاءِ چانهه ٺاهي آيو هئس.
    ”ڇا تون مون کي سيلز گرل لائق سمجهين ٿو...؟“
    چانهه جي سُرڪ ڀري پڇيائين.
    ”مون کي هن وقت سيلز گرل کان وڌيڪ مئنيجر جي ضرورت آهي...!“ وراڻيم: ”مان توکي پنهنجي گهر ۽ دل جي مئنيجرياڻي ڪندس...!“
    ”ڇا توکي احساس آهي ته تون ڇا ٿو چوين...!؟ ۽ مان ڇا آهيان...؟“
    ”ها...!“ وراڻيم: ”مون کي چڱي طرح احساس آهي ته تون منهنجي ساهه ۾ آهين، تو کي سانڍڻ ٿو چاهيان...!“
    ”تون غلطي ٿو ڪرين...!“
    ”نه، زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي ٿو ماڻيان...!“
    ”زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي سڀ ڪنهن کي نه ملندي آهي، تو کي به نه ملندي ...!“
    ”نه مان ايڏو به بدنصيب نه آهيان توکي پنهنجو ڪري اها خوشي حاصل ڪندس ...!“
    ”نه ڪڏهن به نه...!“ ڪنڌ هيٺ ڪري چيائين: ”تون ۽ مان نه ٿا ملي سگهون...!“ خاموش ٿي وئِي هئي، ٻه لڙڪ ڪري پيا هيس...! جن کي ٽشو سان اگهي چيوهئائين:
    ”اڄ مان توسان وڇڙڻ لاءِ ملي آهيان...!“
    ”ڪاش تون ايئن نه ڪرين ها...!!“
    ”مون کي ان جو احساس آهي طاهر...!“وراڻيو هئائين:”تو ڪڏهن چيو هو نه ’تون منهنجي ساهه ۾ آهين‘ اڄ پاڻ کي تنهنجي ساهه ۾ ڳولهڻ ٿي چاهيم، ڏسڻ ٿي چاهيم سو ڏسي ورتم...!“
    ڪجهه لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ وري ڳالهائڻ لڳي هئي:
    ”هي ڪامورا، شاهوڪار، سرمائيدار وڏا وحشي اٿئي...! هنن جي هڪٻئي جي عورتن ۾ به بُکئي بَگهڙ واريون اکيون هونديون آهن...! موقعو ملندي ئي انهن جو شڪار ڪري وٺندا آهن...! ماس پٽڻ کان پوءِ کين کوکلو يا پراڻو رانديڪو سمجهي انهن کي ڦِٽي ڪري ڇڏيندا آهن...! مان به ڪنهن ڪاموري جي نظر ۾ هيس طلاق ملندي ئي هن شاديءَ جو پيغام محبت جي ليبل سان سينگاري موڪليو آهي پر اصل ۾ هو مون سان نئين راندڪي جيان کيڏندو پوءِ جڏهن دل ڀرجڻ لڳندس ته مون کي پراڻو رانديڪو سمجهي ڦِٽي ڪري ڇڏيندو...! مان به کيس ڪنهن رانديڪيءَ کان وڌيڪ اهميت ڪڏهن به نه ڏينديسانس. پنهنجي ويجهڙائي ۾ شاديءَ ٿيڻ واري آهي طاهر...!“
    هوءَ ڳالهائيندي رهي:
    ”مان هاڻي گهڻو پري نڪري وئي آهيان...! ايترو پري جو ڄڻ ڪو اصلي رانديڪو بڻجي وئي آهيان. ان ڪري رانديڪن ۾ ئي رهڻ ۽ انهن سان ئي کيڏڻ چاهيان ٿي...! تو ئي چيو هو طاهر ته ’جيڪڏهن توکي حاصل ڪيم ته به محبت سمجهي حاصل ڪندس جيڪڏهن وڃايم ته به محبت سمجهي وڃائيندس‘ سو اڄ مان به توکي محبت سمجهي وڃائي رهي آهيان...!
    الاءِ جي ڇو جيڪي محبت ڪندا آهن، سي ماڻي ناهن سگهندا...! ۽ جيڪي ماڻيندا سي محبت ڪري ناهن سگهندا...!“
    ”ٻي چانهه ٺاهي اچان...!؟“
    هُن جي خاموش ٿيندي ئي ڳالهايو هيم.
    ”نه...!“ هوءَ اٿي بيٺي هئي.
    ”وڃين پئي...؟“ مان به اٿي بيٺو هئس.
    ”ها...!“
    ”وري ڪڏهن ايندينءِ...؟“
    ”شايد ڪڏهن به نه ...!“
    ”وساري ڇڏيندينءِ...؟“
    ”نه...!“ وراڻيائين:
    ”تون منهنجي ساهه ۾ آهين...!!!“
    هوءَ وڃڻ لڳي هئي.
    ”ريشمان...!“ کيس روڪي ورتو هيم:
    ”مون کي توسان محبت آهي...!“ سندس هٿ پڪڙي آهستي چيو هيم.
    ”تون ۽ مان هڪ آهيون...!“ وراڻيو هئائين”ان ڪري ساڳيو جملو نه ورجائينديس...!“ سندس چهري تي معصوم مرڪ تري آئي هئي مان به کلي پيو هيم.
    هوءَ هميشه لاءِ منهنجي زندگي مان نڪري وئي هئي ۽ مان ڪامورن، شاهوڪارن، سرمائيدارن ۽ سيٺين تي سوچيندو رهجي ويو هئس. جيڪي پنهنجي خوشحاليءَ بدولت اسان جي مقدس محبتن سان رانديڪن جيان راند ڪري خوش ٿيندا آهن ۽ پاڻ ايترا ته بي وس ٿي پوندا آهيون جو اهو ئي جملو پنهنجي دل کي دوکو ڏيڻ لاءِ وس ۾ هوندو آهي ته:
    ’ تون منهنجي ساهه ۾ آهين...!!!‘
    ***


    مان توکي چانهه پياريندس

    عشق جي معاملي ۾ مان هميشه سنجيده رهيو آهيان ، بلڪه ان بلا سان پيچ پائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا اٿم. پر اڄ تائين ڪا محبوبه ناهي ملي، مار پوي مهناز کي واعدا ڪري ڦري وئي… سو مان هن وقت نه چاهڻ باوجود عشق کان آجو آهيان... جنهن جو سڌو سنئون فائدو منهنجي گهر واريءَ کي پيو آهي ڇو ته محبوبه جي حصي وارو پيار به مجبورن هن کي ڏيڻو پيو... جنهن سبب اصل مٿي تي چڙهي وئي آهي... غلطي به هن جي رُسي به پاڻ... پرچائڻو وري مونکي پوي...! رڌ پچاءَ ڪم هن جو پر اڪثر ڪيان مان... ته به چوي سٺي سانجڻ نه ٿو ڪرين...! هاڻ ته اصل اهڙو ڦاٿو آهيان جو پنهنجي ساءِ روئڻ جي ٻيو ڪجهه به منهنجي وس ۾ نه آهي رهيو...! پر جڏهن گهر واريءَ تي نظر پوندي آهي ته واڇون کلڻ واري انداز ۾ وڌي وينديون آهن... حالانڪه اندر ۾ ته پَڄرندو آهيان... پر واڇن کي کلڻ کان روڪڻ منهنجي وس ۾ ان ڏينهن کان وٺي نه رهيو آهي جڏهن پهريون ڀيرو رستم پهلوان جهڙي پهلواني ڪندي پنهنجي گهر واريءَ جي سامهون ٿيو هيس...! موٽ ۾ پري کان ئي ڏوئي اڇلائي هنئين هئائين... ڌڪ ته گهڻو ڪو نه هيس پر گرم ڏاڍي هئي...! اصل واڇون ئي سڙي پيون هيون... پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آئي هئي ته منهنجي رستم پهلوان واري للڪار انتهائي غلط هئي... ڀلا رستم پهلوان ڪڏهن پنهنجي گهر واريءَ جي سامهون ٿيو هو ڇا...!؟ ’نه ڪڏهن به نه...!‘ نه ته ڏند ئي نه هجنس ها... هاڻ اهو به سمجهيو هيم ته، رستم پهلوان سان گڏ سياڻو به هو... جو مون جيان اٻهرائپ نه ڪيائين نه ته زال کان شڪست کائي ڪهڙيون وري جنگيون فتح ڪري ها...! بس ان ڏينهن کان گهر واريءَ کي ڏسندي ئي واڇون ازخود وڌي وينديون آهن. شايد وڌيڪ سڙڻ جي سهپ نه رهي اٿن...! فيصلو ته ڪري ڇڏيو هيم ته صرف هڪ محبوبه ملي کيس سڀ ڪجهه ارپي پنهنجي گهر واريءَ کان انتقام وٺندس...! پر منهنجي اها خواهش اڃا پوري ناهي ٿي...! نوجوان آهيان خوبصورت آهيان...! پُر ڪشش چهرو اٿم پر پوءِ به ناڪام رهيو آهيان...! مون کي حيرت ته ان ڳالهه تي ٿيندي آهي ته ’فياضو ٽيڏو‘ هڪ ئي وقت تيرهين عشق ڪندو آهي...! ’ناصر نڀاڳو‘ ته سترهين عشق لاءِ به سنجيده ٿي ويو آهي... بقول منهنجي دوستن جي ته:
    ”تون هر ڳالهه ۾ اسان کان وڌيڪ ڦٽ آهين... پر تو ۾ عشق ڪرڻ واريون خوبيون ڪو نه آهن، اهي پيدا ڪر ففٽي هڻڻ ۾ دير نه ڪندين...!“
    ”مونکي ففٽي جي نه پر هن وقت هڪ رنس جي سخت ضرورت آهي...!“ چيو هيومانَ:
    ”اوهان مهرباني ڪري ڪجهه خوبيون مون کي به ٻڌايو...!“
    ”رستي ۾ هوشيار ٿي هلندو ڪر...!“
    ”هوشيار ته آهيان...! ضرف انٽر ڊي ٽاپ ۾ پاس ڪئي اٿم...!“
    ”مذاق ڇڏ...!“ فياضو ٽيڏي چيو
    ”ڪٿي به رستي ۾ ڪا به ڇوڪري هڪ پل لاءِ ڏسئي ته سمجهه ان ڇوڪريءَ جي دل ۾ تولاءِ محبت آهي...!“
    ”رستي ۾ ڇوڪرين کي چادريون پاتل هونديون آهن...!“ چيم
    ”پوءِ مون کي ڪيئن خبر پوي ته ڪنهن نظر مون تي وڌي آهي...؟“
    ”ڄٽ...!“ ناصر رڙ ڪئي هئي
    ”اڙي عشق آڏو چادر ڇا چارديواري به رڪاوٽ نه ٿي بڻجي سگهي...! منهنجو مثال وٺ، اَٺ ڦُٽ اونچي ڀت تان ٽپو ڏيندي دير ئي نه ڪئي هيم... ’محبوبه جا مالڪ جو اچي ويا هئا...!‘ منڊو ٿيندي ٿيندي بچي ويو هيم، شايد هُن جي دعائن جو اثر هو... پر تون ڪڏهن به عشق نه ڪري سگهندين...!“ ناصر نڀاڳي جو آخري جملو بلڪل نه وڻيو هو، ڇڙٻ ڏيندي چيو هيومانس:
    ”تون وچ ۾ نه ڳالهاءِ... مان فياضو ٽيڏي سان آهيان...!“
    ”ڏس يار...!“ فياضو ٽيڏي انتهائي ادب مان چيو:
    ”مون کي ٻيهر ٽيڏو نه چئجانءِ...! مان ڪو اصلي ٽيڏو ٿورئي آهيان، هڪ محبوبه کي شاپنگ ڪرائيندي ٻي محبوبه ڪامياب ڇاپو هنيو هو... جيستائين مان پنهنجي صفائي پيش ڪريان تيستائين هڪ وڏي کڙيءَ وارو سينڊل اک کان ٿورڙو هيٺ اچي لڳو هو...! شڪر آهي اک بچي وئي هئي... پر ان ڏينهن کان وٺي ٿورو ٽيڏو محسوس ٿيندو آهيان... ٻي ڪا ڳالهه ڪونهين، سمجهين ٿو نه...!؟“
    ”سمجهي ويم...!“ وراڻيم
    ”پر ڇوڪري جي گُهوري ڏسي ته ان کانپوءِ مان ڇا ڪريان...؟“
    ”ٿورو مرڪي پئو...!“
    ”پوءِ؟“
    ”هوءَ به مرڪي پوندي...!“
    ”ان کان پوءِ ڇا ڪرڻو پوندو ...؟“
    ”اک هڻينس...!“
    ”اها وري ڪيئن هڻانس...!؟“
    ”اک پڻهين جي پستول ۾ وجهي ٺڪاءَ ڪڍائينس...!“
    ناصر صفا چڙي ويو هو.
    ”اٿ فياض ڀاءُ ...! هل نه ته پاڻ به هن جيان پاڳل ٿي وينداسين...!“
    هو ٻئي ڪاوڙ ۾ هليا ويا هئا، دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو هيم ته انهن جي ڳالهين کي ضرور آزمائبو...! پر آزمائڻ واري نه ٿي ملي... سخت ذهني مونجهاري جو شڪار هئس...گهر واريءَ جون فرمائشون وڌنديون ٿي ويون... مان ها ۾ ها ملائڻ وارو... ڪڏهن ڪڏهن مونکي ٿڪل ۽ بور ڏسي ڏاڍي پيار سان چوندي هئي:
    ”ڏس مان توکان گهر جو ڪم ڪار اجايو نه ٿي وٺان... تون نه نماز پڙهين نه روزا رکين... نه ئي توکان ٻيو ڪو خير جو ڪم ٿئي... تنهنجي ڪم ڪري ڏيڻ سان جيڪو ٽائيم مون کي ملندو آهي... مان الله سائين جي عبادت ڪندي آهيان... پنج وقت نماز به پابنديءَ سان پڙهندي آهيان... رمضان شريف جا روزا به ڪڏهن نه گسايا اٿم...!“
    ”پر...!“ اعتراض ڪيو هيم...!
    ”گذريل رمضان جي سترهين تاريخ تي ٽاڪ مجهند جو تون منهنجي حصي جو سمبوسو ڳڙڪائي وئي هئين...!“
    ”تون چپ ڪر...!“ ڇڙٻ ڏني هئائين:
    ”ان ڏينهن بک تي روزو رکيو هيم ٽوڙڻو پيو...!“
    ”چڱو ...!“ نماڻائي سان چيم..تون ڳالهه ڪر...!“
    ”ها... مون چيو ٿي ته الله سائين جي عبادت ٿي ڪريان...اميد اٿم جنت ۾ وينديس... پر ايئن نه وينديس... توکي ساڻ ڪري پوءِ ئي بهشت ۾ داخل ٿينديس ...!“
    ”تنهنجي خيال ۾ مان دوزخ ۾ هوندس...؟“
    ”الله نه ڪري...! ڀلا جنتيءَ هجڻ جي ڪنهن کي پڪ آ...!؟“
    ”پر تون ته ايئن پئي ڳالهائين ڄڻ جنت ۾ داخل ٿي چڪي آهين، صرف مرڻ جي دير اٿئي...!“
    ”خيرگُهر مئا...!هي ڇا ٿو چوين؟منهنجي اڃان عمر ئي ڇا آهي؟
    ”چڱو ڀلا هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ...!؟“ ڳالهه جو رُخ بدلائيندي چيم
    ”پُڇ...!“
    ”ڀلا جنت ۾ چانهه ملندي...؟“ منهنجي ان بي ڍنگي سوال تي هوءَ مڇرجي پئي هئي چيائين:
    ”جنت ۾ چانهه نه، چانهه جا وڻ هوندا...! جن ۾ چانهه جا ڪوپ پيا لڙڪندا...! تون پٽيندو ڏوگهيندو وڃجانءِ...!“
    جنهن کان پوءِ اڪثر مون سان ناراض رهندي هئي پرچائڻ منهنجي فرضن ۾ شامل هو. مڃائي ورتو هيومانس هاڻي ان سان بحث به ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿم.
    ”تون الله واري آهين...!“ ڪجهه ڏينهن پهريان چيوهيومانس:
    ”دعا ڪر هڪ ڪم ٿئي...!“
    ”پهرين ڪم ته ٻڌاءِ...!؟“ ڪرڙيون اکيون ڪري چيوهئائين،
    ”منهنجو ته اصل ساهه ئي سڪي ويو. ويچارو ٿيندي چيومانس:
    ”جان...! منهنجي نيّت تي شڪ ٿي ڪرين ...!؟“
    ”نه چريا...! تو ۾ ته منهنجو ساهه آهي...!“ شايد مون تي رحم اچي ويو هيس.
    ”منهنجون نيڪ تمنائون ۽ دعائون ته هميشه توسان گڏ هونديون آهن .“ ”انهن تو وارين گڏ رهڻ وارين تمنائن ۽ دعائن ته ماريو آهي...!“
    ”ڇا...؟“
    اهڙي رڙ ڪيائين جو ڪرسيءَ تان ڪرندي ڪرندي بچيو هيس.
    ”نه نه ... مون کي توتي فخر آهي...!“ پاڻ سنڀاليندي چيوهيومانس.
    ”پر تو جهڙيون گهر واريون الله ڪنهن کي نه ڏي...!“
    ”واٽ...!“ هن ڀيري انگريزي ۾ ڦوڪٽ ڪيو هئائين مون مولائي تي رعب ڄمائڻ لاءِ ستن ڏينهن جي سخت محنت کان پوءِ ان لفظ تي عبور حاصل ڪيو هئائين.
    ”ها ...! مان صحيح پيو چوان..! “وراڻيو هيم.
    ”مون ۾ ڀلا ڪهڙي خامي آهي...؟“ پڇيو هئائين.
    ”مون خامين جو ڪڏهن چيو...!؟“پڇيم.
    ”لڳي ٿو تنهنجو مٿو خراب ٿي ويو آهي...!“چيائين
    ”جيڪو درست ٿيڻ کپي...!“
    ان خطرناڪ ڌمڪي تي عمل ٿيڻ کان اڳ وضاحت ڪندي چيوهيومانس:
    ”تون هروڀرو منهنجي ڳالهائڻ جو ابتو اثر ڇو ٿي وٺين...؟ جيڪڏهن سڀ عورتون تو جهڙيون ٿي وڃن ته پوءِ سڀ مرد جنت ۾ ويندا، رش ٿيڻ سبب پاڻ کي جڳهه به مشڪل سان ملندي...! يا وري ٻاهر پيا ڦيراٽيون کائينداسين...!“
    ٽهڪ نڪري ويو هيس... سيني ۾ مُڪ هڻندي چيوهئائين:
    ”بس ڪر...!“ حڪم ملندي ئي گونگو ٿي ويو هيس پر ٻي ڏينهن تي گهر واريءَ جي شايد دعا جو ئي اثر هو جو رستي ۾ ٻه اکيون گهورڻ لڳيون هيون. مان به گهوري ڏٺومانس هن مرڪي ڏنو مان به مرڪي پيو هئس، ان کان پوءِ مون کي ’اک‘ هڻڻي هئي سو هڪ نه ٻئي اکيون هيون مانس، جيئن محبت جلدي ٿي وڃي...! منهنجي ان انداز تي هُن جي مُرڪ اڃان وڌيڪ گِهري ٿي وئي هئي . جنهن سبب همٿ وڌي، اڳتي وڌي پڇيومانس:
    ”اوهان جو نالو...؟“
    ”اوهان ڇو ٿا پُڇو...؟“ اعتراض ڪيو هئائين،
    ”واقعي مون کي پُڇڻ نه گهرجي...!“ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي چيومانس:
    ”اوهان پاڻ ئي ٻڌائيندو...؟“
    ”تون مون کي غلط سمجهيو آهي...!“ ڪاوڙ مان چيائين
    ”نه ڪڏهن به نه...! مان پنهنجن دوستن طرفان ٻڌايل اصولن تي عمل ڪندي تو تائين پهتو آهيان ...!“ اطمينان سان چيم:
    ” توکي مون سان محبت ٿي وئي آهي...!“
    ”بڪواس بند ڪر...!“
    ”ڪيئن بند ڪيان...؟ “وراڻيم : ”مون کي به توسان محبت آهي...!“
    هوءَ منجهي پئي هئي، پريشانيءَ مان چيوهئائين:
    ” مان توکي ڏسنديس...!!؟“
    ”ڪٿي اچان ...؟“ لاپرواهي سان وراڻيم.
    ”بيوقوف...! ڇو پنهنجي جان جي پويان پيو آهين،کسڪي وڃ...!“
    ”يعني مون کي منهنجي دوستن غلط ڏس پنڌ ڪيو هو...!؟“
    ”کڏ ۾ پون تنهنجا دوست...! خدا جي واسطي کسڪي وڃ... هو سامهون...!“
    سمجهي ويو هيم ته هاڻ ڇا ٿيڻ وارو آهي...! عشق کي اتي اڇلائي فرار ٿي ويو هئس، مون کي ناصر نڀاڳي ۽ فياضو ٽيڏي تي بي انتها ڪاوڙ اچڻ لڳي هئي، جن جي صلاحن تي عمل ڪندي ذري گهٽ سِر ويوهو...! سوچيم:
    ’رڳو اهي ٻئي هٿ اچن اُڦٽ ڪندومانَ...!‘ پر ان ڏينهن فياضو ٽيڏي جي ڪا قسمت چڱي هئي جو هٿ نه آيو...! البته ناصر نڀاڳو شهر جي هڪ روڊ تي ناسون هڻندي ملي ويو...! ٻانهن کان جهلي سڄي حقيقت ڪري سختيءَ سان چيومانس:
    ”اهو سڀ ڪجهه توهان جي ڪري ٿيو آهي...!“
    ”مون سان عشق جي معاملي تي گفتگو نه ڪندو ڪر.،.!“
    ٻانهن ڇڏائيندي چيائين:
    ”اها تنهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي، اجايو پاڻ کي به خوار ڪندين ۽ اسان کي به ڪنهن ڏچي ۾ وجهندين...!“ ايئن چئي هو هليو ويو، ’نه ته ڪٿي ڇڏيانس ها.‘
    شايد ان ڏينهن کان عشق جي ديوي مون مٿان مهربان ٿي هئي. جو پنهنجي دل جي دريءَ مان مون مسڪين لاءِ محبت جي موسم کي آزاد ڪري ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن شهر جي سڀ کان وڏي شاپنگ سينٽر تي هوءَ نظر اچي وئي هئي، الاءِ جي ڇو ساڻس ڏانهن ڇڪجي ويو هيس، هن کان ٿورو پرڀرو بيهي خوامخواهه مختلف شين جا اگهه پڇڻ لڳو هيم. سيلز مين ويچارو حيرت مان مون ڏي ڏسي رهيو هو، هن مهل تائين ڪا به شيءِ جو نه ورتي هئي مانس. سامهون خوبصورت واٽر سيٽ پيو هو، سيلز مين کي اهو ڏيکارڻ لاءِ چيو هيم، جنهن کي کڻڻ لاءِ هو اڳتي وڌي ويو ته هوءَ منهنجي ويجهو سري آئي ۽ چيائين :
    ”هت به پهچي وئين...؟“ نظرون بدستور شوڪيس تي پکڙيل شين ۾ هيس.
    ”ها...!“ وراڻيم ”اهو سڄو خفو به تنهنجي ڪري ڪيو اٿم...!“
    ”چڱو تون سيلز مين کي گهڻو تنگ نه ڪر... ڪجهه وٺ ۽ کسڪي وڃ...!“ وراڻيو هئائين. ”مان سڀاڻي گرين پارڪ ۾ توسان ملنديس...! “
    ايئن چئي هوءَ ڪجهه پري هلي وئي هئي. مان ڏاڍو خوش ٿيو هئس ته مس وڃي ڪا محبوبه ملي آهي. ’هاڻ گهرواريءَ جون زيادتيون برداشت نه ڪندس.‘ چيو ته آهستي هيم پر سيلز مين شايد ٻڌي ورتو هو. خونخوار نظرن سان واٽر سيٽ مون ڏانهن وڌائيندي چيائين:
    ”هاڻ مان به تنهنجي وڌيڪ زيادتي قطعي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان...!“ همراهه صفا چڙي ويو هو...! واٽر سيٽ جي قيمت ادا ڪري آخري ڀيرو نظر هُن تي وڌي هيم، هن به چور نظرن سان مرڪي ڏنو هو. منهنجي لاءِ ته اهو ئي ڪافي هو. شاپنگ سينٽر تان لهي ويو هئس.
    مان پنهنجي ان اوچتي عشق تي ڏاڍو خوش هئس، پنهنجي ان ٻن اکين هڻڻ واري ڪامياب فارمولي تي به ناز هو. هڪ اک هڻڻ جي آسري ڀلا ايڏو جلدي ڪم ٿورئي ٿئي ها...! سوچيم: ’پنهنجي ان ڪامياب فارمولي جو ڏس ڪنهن کي نه ڏيندس...!‘
    ٻي ڏينهن گرين پارڪ ۾ هوءَ مونسان گڏ هئي، ڪافي ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ چيائين:
    ”تون منهنجو ٽيون عشق آهين...!“
    اندر ئي سڙي ويو... اٿندي چيم:
    ”آئون هلان ٿو...!“
    پڇيائين ”ڇو...!؟“
    ”ٻه عاشق هار کائي ويا...!“وراڻيم”مان وري ڪهڙو توکي فتح ڪندس.!“ ”تون ويهه ته سهي...!“ ٻانهن کان ڇڪيندي چيائين
    ”ڀلا...!“ ويهندي رازداري واري انداز سان پڇيوهيومانس:
    ”اهي ٻئي عاشق صفا سڃا ڪري ڇڏيا هُئي ڇا...؟“
    ”ٽهڪ نڪري ويو هيس چيوهئائين:
    ”نه اهڙي ڳالهه ڪونهي...! اصل ۾ هڪ ٻِي ڪنهن ڏانهن ڇڪجي ويو هو...! ٻيو وري مونکي سُڃو ڪرڻ لاءِ سنجيده ٿي ويو هو. ٽڪيٽ وٺرائي مانس...!“
    ”مان انهن ٻنهي مان ناهيان...؟“ پڇيم ”نتيجو ڇا نڪرندو..؟“
    ”اهو في الحال نه ٿو چئي سگهجي...!“ وراڻيائين
    ” ڀلا تون به عشق ڪيو آهي...؟“
    ”نه...!“ وراڻيم
    ”هي پهرين عشق جي شروعات آهي...!“
    ”سچ ٿو چوين...؟“
    ”جيڪڏهن تو به مون سان سچ ڳالهايو آهي ته يقين ڪر مان به سچو آهيان...!“
    ”ڀلا...! مهناز جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي..؟“
    ڇرڪ نڪري ويو هو پڇيومانس:
    ” تون ان کي ڪيئن سڃاڻين...؟“
    ”هوءَ مون سان گڏ پڙهي آهي...!“ وراڻيائين
    ”هڪ ڀيرو ان مون سان تنهنجو ذڪر ڪيو هو...! شايد هوءَ تو کي بيوقوف سمجهندي هئي...!“
    ”سادگي ۽ سچائي ئي سڀ کان وڏي بيوقوفي آهي ته پوءِ بيشڪ مان به بيوقوف آهيان...!“
    ”نه...!“ منهنجو هٿ پڪڙيندي چيو هئائين:
    ”تون منهنجو ٽيون عشق آهين...!“
    ان وقت خبر نه آهي سندس اکين ۾ ڪهڙي ڪشش اچي وئي هئي، جو مان ساڻس نظرون نه ملائي سگهيو هيم. ڪافي دير خاموش رهڻ کان پوءِ ڳالهايو هئائين:
    ”تون منهنجي گهر اچجانءِ...!“
    ”تنهنجي گهر جي ٻاهرين ڀِت ڪيتري اونچي آهي...؟“
    ”ڏهه فُٽ...!“ تعجب مان چيو هئائين:
    ”پر تون ڇو ٿو پڇين...؟“
    ”مان ناصر نڀاڳي جو رڪارڊ ٽوڙيندس...!“ وراڻيو هيم:
    ”هن اَٺ فُٽ جي ڀِت اُڪري هئي...! مان ڏهه فُٽ اونچي ڀِت چڙهڻ ۾ دير ئي نه ڪندس...! تون دعا ڪجانءِ...! باقي ڄنگهه ڀڄڻ جي مون کي به پرواهه ڪونهي...!“ ٽهڪ نڪري ويو هيس چيو هئائين:
    ”ڏاڍو صاف دل، سچو ۽ دلچسپ ماڻهو آهين پر ايئن نه ڪجانءِ...!“پڇيومانس:
    ”ڇو...؟“
    ”منهنجو ڀاءُ خطرناڪ کاتي ۾ آفيسر آهي...!“
    ”ڇا واقعي...!؟“ پريشان ٿي ويو هيم:
    ”ها... بلڪل...!“
    ”چڱو پوءِ مان هلان ٿو...!“ هڪ ڀيرو ٻيهر اٿي بيٺو هيم.
    ”ڇو...؟“
    ”مون توسان عشق ڪرڻ ٿي گهريو...! ’تيرنهن ڊي‘ ۾ چالان ٿيڻ جي ڪڏهن به تمنا نه ڪئي اٿم...!“
    ”تون ويهه ته سهي...!“ ٻيو ڀيرو ٻانهن کان ڇڪيندي چيو هئائين.
    ”ڏس...!“ ويهندي چيم:
    ”مون کي به خبر ڪو نه هئي ته تنهنجو ڀاءُ...!! نه ته مان ڪڏهن به توسان عشق جو نه سوچيان ها...!“
    ”تون هروڀرو پريشان نه ٿي...!“ مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي هيس:
    ”منهنجو ڀاءُ کليل ذهن جو مالڪ آهي...!توکي ڪجهه ڪو نه چوندو...!“
    ”ڪجهه ڪندس ته چوندو نه ...!“وراڻيو هيم:
    ”مان عشق ئي نه ڪندس...!“
    ”توکي ڪرڻو پوندو...!“ چيو هئائين:
    ”ڇو ته مونکي توسان محبت آهي...!“
    ”سچ ٿي چوين...!“ واڇون وڌي ويون هنيون.
    ”ها ...!“
    هوءِ اٿي بيٺي هئي، اسان ٻيهر ملنداسين، ايئن چئي هلي وئي .
    ان ڏينهن کان پنهنجي پُر خلوص محبت جو آغاز ٿيو هو، جيڪا ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي ٿي وئي. مان کيس پنهنجو پهريون ۽ آخري عشق سمجهي سڀ ڪجهه ارپي ڇڏيو هو. دل جي دنيا بدلجي وئي هئي، هڪ ڀيري چيو هئائين:
    ”لڳي ٿو ته تون منهنجو آخري عشق آهين...! نه ئي ڪڏهن مون تي شڪ ڪجانءِ نه ئي ڪڏهن مون تي خرچ ڪجانءِ...! نه ته مان ناراض ٿي ويندي سانءِ...!“
    ”پر...!“ اعتراض ڪيو هيم:
    ”محبت ماڻڻ يا جاري رکڻ لاءِ پيسي جي پُل صراط تان گذرڻو ئي پوندو آهي...! ان ڪري ته ناصر نڀاڳو هڪ ئي وقت سترنهن عشق ڪندو آهي...!“
    ”پيسي سان پنجاهه عشق به ڪري سگهجن ٿا پر... پيسن کان پري صرف ۽ صرف هڪ ئي عشق ڪيو ويندو آهي...!“ اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو هئائين: ”جيڪو مون توسان ڪيو آهي.“
    ”ٺيڪ آهي...!“ چيو هيم: ”پر جيڪڏهن تون مون تي خرچ ڪرڻ چاهين ته مون کي ڪو به اعتراض ڪونهي...!“ کلي پئي هئي ۽ چيوهئائين:
    ”الائي جي ڇو يقين ٿيندو ٿو وڃي ته تون ئي منهنجو آخري عشق آهين...!“
    هن جي ملڻ کان پوءِ زندگي بليڪ اينڊ وائيٽ مان بدلجي رنگين ٿي پئي هئي. مان بدلجي ويو هيس،گهر واريءَ بدلجي وئي هئي، هاڻ مون تي دهمان ڪرڻ بجاءِ سڄو ڏينهن گهر ۾ پريشان رهندي هئي، هڪ ڀيري اکيون جو ڏيکاريون هيون مانس، چيائين ٿي:
    ”مٿي ۾ سور آهي چانهه ٺاهي وٺ...!“
    شايد کيس خبر نه هئي ته مان هاڻ عشق ڪرڻ لڳو آهيان. چيو هيومانس: ”اهو تنهنجو ڪم آهي...!“
    ”چوين ڇا ٿو...؟“
    ”چوانءِ ٿو...!“ اطمينان سان وراڻيو هيم:
    ”اهو تنهنجو ڪم آهي... منهنجو نه ...!“
    ”جواب ٿو ڏين...؟“ ڪاوڙ مان چيو هئائين:
    ”جواب نه، حڪم ٿو ڏيانءِ...! جلدي چانهه ٺاهي وٺ...!“
    ”ڪڏهن کان وٺي ايڏو بهادر ٿيو آهي...؟“
    ”جڏهن کان وٺي عشق شروع ڪيو اٿم...!“
    ”واٽ...!!؟“ رڙ ڪئي هئائين.
    ”تون ڀلي رڙيون ڪر عشق انسان کي بهادر ٿو ڪري...! هاڻ تنهنجو دهمان نه هلندو...ڇو ته مان هاڻ ساڳيو ناهيان رهيو...! جنهن کان تون رڌپچاءُ ڪرائيندي هئين...!“
    ”ڪير آهي هوءَ...؟“
    ”تنهنجو ان ۾ ڇا...؟“ وراڻيم. ”تون چپ ڪري چانهه ٺاهه...!“
    ”تون هاڻ مٿي تي چڙهي ويو آهين...!“
    ”تنهنجو مٿو آهي يا ڪي. ٽو جي چوٽي، جو ان تي چڙهندس...؟“
    هوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي هئي، اهڙي حالت ۾ ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو هيو مانس، پر مون تي ان جو ڪو به اثر ڪو نه ٿيو، نظرون اخبار ۾ کُپائي ڇڏيون هيم، وقت گذرندو رهيو، پنهنجي عشق کي سال ٿي ويو هو. نه صرف گهر جي ڪمن مان پنهنجي جان آجي ڪرائي ورتي هيم، بلڪه حڪم به هاڻ منهنجو هلندو هو.گهر واري سڀ تلخيون ڇڏي مون کي چاهڻ لڳي هئي، پر هاڻ مان هن جي چاهت جو جواب بي رُخيءَ سان ڏيڻ لڳو هئس، ته به هوءَ مرڪندي هئي ڪڏهن شڪايت نه ڪئي هئائين، پر مان سڀ ڪجهه هُن جي نالي ڪري ڇڏيو هو.
    اڄ ڪافي ڏينهن کان پوءِ هوءَ ملي هئي، چيائين:
    ”مون تو بابت ڀاءُ کي ٻڌايو هو...!“
    ”ماري ڇڏيئي هاڻ ڇا ٿيندو...؟“
    ”ٻيو ته ڪجهه ڪو نه ٿيندو...!“ وراڻيائين: ”بس منهنجي شادي ڪنهن شاهوڪار سان ٿيندي...!“
    ”ڪنگال مان به ته نه آهيان...!“ ڪن ۾ چنبڙايل ٺڪريءَ جا ٻه روپيا ڏيکاريندي چيومانس:
    ”هي ڏس صفا سڃو ٿورئي آهيان...!“
    ”بيشڪ تون مون لئه بي بها آهين...!“ چيائين:
    ”پر منهنجي گهر وارن جي نظر ۾ ته ڪجهه به نه آهين نه...! منهنجو رشتو اُتي ئي ٿيندو جتي سڄي عمر مان دولت سان کيڏنديس ۽ منهنجي ڀاءُ جي به ترقي ٿيندي...!“
    ”مطلب ته پاڻ وڇڙڻ لئه مليا هئاسين...!؟“
    ”ها...!“ چيوهئائين: ”اڳتي به وڇڙڻ لاءِ ملنداسين...!“
    ”پر هاڻ مان توسان نه ملندس...!“
    ”ڇو...؟“
    ”هاڻ ملڻ سونهين ڪو نه ٿو...!“
    ”نه تون ملندين ۽ ضرور ملندين...!“ چيائين:”ڇو ته تون منهنجو آخري عشق آهين...!“
    ”عشق ملڻ تائين محدود ناهي هوندو...!“ وراڻيو هيم: ”عشق ملڻ سان ته گهٽجي ويندو آهي، وڇڙڻ سان وڌي ويندو آهي، مان عشق کي وڌائڻ گهران ٿو، ان ڪري توسان نه ملندس. پر تون منهنجو پهريون ۽ آخري عشق آهين.ان ڪري مون کان ڪڏهن به نه وسرندينءِ...!“
    ” تون ڇا ٿو سمجهين... مان توکي وساري ڇڏينديس...!؟“
    ”نه...! ايڏو بي سمجهه نه آهيان... پر مون کي وسارڻ جي ڪوشش ڪجانءِ...! جيڪڏهن هرو ڀروياد به ڪرڻ چاهين ته صرف پنهنجي غمن ڏکن ۾ ئي سنڀالجانءِ...!“
    ”مان هلان ...؟“ پڇيائين
    ”تنهنجي مرضي...!“
    ”ايندڙ جمعي تي منهنجي مڱڻيءَ جي تقريب ٿيندي...!“ پڇيائين:
    ”تون ايندين نه ...!؟“
    ”ڪارڊ ڪٿي آهي...؟“
    ”دل جي ويجهن کي ڪارڊ ناهن ڏبا...!“
    ”اها سياڻپ نه ڪر...! ڪارڊ نه هوندو ته اندر ڪيئن ايندس...؟“
    ”جيئن ٻيا ايندا...!“
    ”ٻين وٽ گيٽ پاس (ڪارڊ) هوندا، ڇا تنهنجو ان ڀلاري ڏينهن تي مونکي بڇڙو ڪرائڻ جو ارادو آهي...؟“
    ”ڇا منهنجي لاءِ اها قرباني به نه ڏيندين...؟“
    ”نه ڪڏهن به نه...! مون مان اهڙي قرباني جي اميد نه رکجانءِ...! باقي جيڪڏهن تون چوين ته ان ڏينهن ڏهن فُٽن جي ڀِت اُڪرڻ جي ڪيان توڪل...!“
    ”تون ايئن نه ٿو ڪري سگهين...!“ مرڪندي چيو هئائين:
    ”تون صبح جو ڏهين وڳي اچجانءِ...! گيٽ تي توکي ڪوئي به نه روڪيندو...!“
    ايئن چئي هوءَ اٿي هلي ويئي هئي. ڪڏهن به نه سوچيو هيم ته منهنجي پهرين ۽ آخري عشق جي پڄاڻي اهڙي ريت ٿيندي هوءَ ايئن مرڪندي هلي ويندي ۽ مان جيئن جو تيئن رهجي ويندس. پهريون ڀيرو سنجيدگي سان سوچ آئي هئي. ’پُر خلوص محبت به آخر ناڪام ڇو ٿيندي آهي.‘ ڇا محبت جي مٽيءَ کي اڻپوري پاڻي ۾ ڳوهيو ويو آهي...!؟ پر جيڪڏهن پنهنجي سوالن جو جواب پاڻ وٽ ئي هجي ها ته اهي اُڀرن ئي نه ها... اڄ پنهنجي جسم کي پاڻ کان وڌيڪ ڳرو محسوس ڪيو هيم... جبل جيڏي وجود کي گهليندو گهر پهتو هئس ته گهر واريءَ کي پنهنجو منتظر ڀانيو هيم:
    ”اڄ ايڏي دير ڇو ڪيئي...؟“ هلڪي مرڪ سان پڇيائين.
    ”مان ته روز هن مهل ئي ايندو آهيان...!“
    ”نه...!“چيائين: ”اڄ ڪجهه وڌيڪ دير ڪئي اٿئي...!“
    ان مهل گهر واريءَ جي مرڪ ڏاڍو وڻي رهي هئي. مان هِن ۾ هُن کي ڳولڻ لڳو هئس، جلدي ئي مونکي اهو سڀ ڪجهه پنهنجي گهرواريءَ ۾ نظر اچڻ لڳو جيڪو هُن ۾ هو. چيومانس:
    ”تون ئي منهنجو پهريون ۽ آخري عشق آهين...! ٻيا سڀ عشق وقتي هوندا آهن...! عذاب هوندا آهن...! پريشانيون ڏيندا آهن...! مايوسين ۾ مبتلا ڪندا آهن...! ۽ اهو ڪجهه ارپيندا آهن جو جيئڻ جنجال ٿي پوندو آهي، زندگي ڏچو بڻجي ويندي آهي...! پر تون اهو عشق آهين جيڪو زندگي جي لاهن چاڙهن ۾ به ساٿ ٿو ڏي ته مرڻ کان پوءِ به مقبول هوندو آهي ۽ ان سان رشتو ڪڏهن به نه ٿو ٽُٽي...ان ڪري مان توکي چانهه پياريندس...!“
    گهر واريءَ جي مرڪ اڃان گِهري ٿي وئي هئي پر الائي ڇو ٻه گرم لُڙڪ اکين مان ڪري پيا هيس، چيو هئائين:
    ”مونکي يقين هو ته تون ضرور موٽي ايندين...! ڇو ته تنهنجو منهنجو رشتو آسمان تي ٿيو هو...! عشق به ان تائين ڦهليل آهي... مون توکي لاشعوري يا شعوري طور تي تمام گهڻو تنگ ڪيو هيو...! جنهن ڪري تون مون کان گهڻو پري ٿي وئين هئين. پنهنجي ان بي رخي ۽ لاپرواهي تي ڏاڍو ارمان ٿيو هو...! ڇو ته غلطي به منهنجي هئي جو تنهنجو قدر نه ڪيو هيم...! پر هاڻ پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو آهي، ان ڪري مان ئي توکي چانهه پيارينديس...! ڇو ته تون منهنجو مجازي خدا آهين...!“
    مان سندس جرڪندڙ چهري کي تڪڻ لڳو هئس، پر شايد هوءَ منهنجي نظرن جو تاب نه سهي سگهي هئي، جو تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻندي بورچيخاني ۾ هلي وئي هئي...!!!
    ***


    دل جي ڳالهه

    غسل خاني مان فارغ ٿي پنهنجي ڪمري ۾ پهتس، فوزيا ڊيڪ ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ويٺي هئي، ڏاڍو حيران ٿي پڇيومانس:
    ”صبح ساڻ هت ڪيئن...؟“
    ”ڇو توکي ڪو اعتراض آهي...؟“
    تعجب ٿيو هيم لهجو ۽ رويو بدليل هيس، پڇيم:
    ”پريشان ٿي لڳين... ڇا ڳالهه آهي...؟“
    ”مان اڄ شام جو واپس پئي وڃان...!“
    ”نه وڃ...!“
    ”وينديس ڪيئن نه...؟“
    ”پوءِ پريشان به نه ٿي...!“
    ”مان توکي ڪجهه چوڻ چاهيان ٿي....!“
    ”چئو ...!“
    ” ڪيئن چوانءِ ...؟“
    ”نه تون گونگيءَ آهين...! نه مان ٻوڙو تون چئو مان ٻڌندس...!“
    کلي پئي هئي چيوهئائين:
    ”ڳالهائڻ سکي ويو آهين..!“
    ”تنهنجو ساٿ رهيو ته تار درياءَ مان تري نڪرڻ به سکي ويندس...!“
    ”جي ساٿ نه رهي ته ...؟“
    ” ته ٻڏي ويندس...!“
    ”سچ...!“ منهن ۾ سرهائي اچي وئي هيس:
    ”منهنجي ٻڏڻ تي توکي خوشي ٿي رهي آهي...!؟“
    ”نه نه...!“
    ”ته پوءِ سچ جو ڇا مقصد...!؟“
    ”مقصد...!“ هوءَ منجهي پئي هئي ”ڪجهه به نه ...ڪجهه به نه ....!“
    ”ڪجهه ته هوندو ....!“ چيو هيم ” ڪجهه ته ٻڌاءِ...!“
    ”مان پهريان ئي ڪافي پريشان آهيان...!“ سنجيده ٿي وئي هئي.
    ”مون کي تنگ نه ڪر...!“
    ”پريشاني جو سبب...!؟“
    ”چيم نه شام جو واپس پئي وڃان...!“
    ”پوءِ کڻي نه وڃ...!“ ڪجهه اهڙي طرح چيم، ڄڻ سندس پريشاني جو فوري حل ڳولي لڌو هيم.
    ”مان هت گهمڻ لاءِ آئي هيس...!“ وراڻيو هئائين: ”مستقل رهڻ لاءِ نه..!“
    ”پوءِ تون به هتان کِلندي خوشي سان وڃ...! منهن سڄائڻ جي ڪهڙي ضرورت...!؟“
    ”شام جو بس اسٽينڊ تائين مون کي ڇڏڻ لاءِ تون هلندين...؟“
    ”هلندس ضرور هلندس... جيڪڏهن شاهده چيو ته ...!“
    ”نه چوي ته...!؟“
    ” نه هلندس...!“
    ”ڇو...؟“
    ”مان هُن جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان، شڪ جي ننڍڙي لهر به هن جي اعتماد کي لوڙهي سگهي ٿي... جيڪو خطرو مان کڻڻ نه ٿو چاهيان...!“
    ”جيڪڏهن مان ضد ڪريان ته ...!؟“
    ”تنهنجو ضد تو تائين محدود رهندو...!“
    ”تون پٿر آهين...!“
    ”ڀُلي آهين...! انسان مٽيءَ جو ٺهيل آهي... اهو پٿر ٿي نه ٿو سگهي...!“
    ”اصل ۾ پٿر به مٽيءَ جي پيداوار آهن...! فرق صرف ايترو آهي مٽي پاڻ ئي ڀري پوندي آهي... جهري پوندي آهي... ۽ پٿر کي ڀوريو ويندو آهي...!“ هوءَ گهڻو سنجيده ٿي وئي هئي .
    چيومانس: ”تون يقين ڪر ته مان ... مان ...!“
    ”ها مون کي خبر آهي، تون مون کي ۽ منهنجين ڳالهين کي سمجهين ٿو، پر ان جو اعتراف ڪڏهن به نه ڪندين...!“
    منهنجو جملو ڪٽي چيو هئائين.
    ”اعتراف کان پوءِ اعتراف پنهنجي معنى وڃائي ويهندو آهي...!“
    هوءَ مونکي تڪڻ لڳي هئي، شايد ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو هيس.
    اٿندي چيو هئائين: ”مون کي يقين آهي ته تون...تون...!“
    وڌيڪ نه ڳالهائي سگهي هئي.
    ”تون...تون ڇا...؟“ پڇيم.
    ”بس اسٽينڊ تي ڇڏڻ لاءِ ضرور هلندين...!“
    ايئن چئي هوءَ هلي وئي، مان کلي پيو هيم.
    انهن ڏينهن ۾ مان ڪراچي جي هوزري ۽ گارمينٽس فيڪٽري ۾ بطور هڪ ڪاريگر ڪم ڪندو هئس.
    فيڪٽري ۾ ڪم دوران منهنجي ملاقات شاهده سان ٿي هئي، جيڪا تقريبن 45 سالن جي هڪ سٺي ۽ شريف عورت هئي. خراب مان به نه هئس، شايد ان ئي ڳالهه جي ڪري پاڻ ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا هئاسين. ايتري حد تائين جو مان شاهده جي ضد تي هڪ ٽن ڪمرن واري مسواڙي جڳهه ورتي هئي، جتي گڏ رهڻ لڳا هئاسين. هڪ ڪمرو منهنجي حوالي ٿيل هو هڪ ڪمري ۾ شاهده ۽ ان جو مڙس رهندا هئا. جڏهن ته هڪ ڪمرو مهمانن لاءِ مخصوص ٿيل هو. شاهده جو مڙس ڏاڍو ٽوٽي هو... ڪم ڪري ئي ڪو نه سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺو هوندو هو.
    شاهده جيڪو ڪمائي سو کائي، الٽو ڪڏهن ڪڏهن نٽ بلٽ ڦِري ويندا هئس ته شاهده تي مختلف قسمن جا الزام هڻي دهمان شروع ڪندو هو.
    پوءِ ڪڏهن هوءَ روئي پوندي هئي ته ڪڏهن وري ڳچيءَ کان پڪڙي ڌمال ڪڍندي هيس. مڙسهنس به وس ڪندو هئس، پر هلڪي قد هڻڻ جي ڪري هميشه رڙيون ڪندو رهجي ويندو هو.
    انگريزي اٺين مهيني جي اٺين تاريخ تي شاهده جي سڀ کان ننڍي ڀيڻ فوزيا ڪراچي گهمڻ لاءِ آئي هئي. پُر رونق چهرو باوقار انداز ڏسي دل جي عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي، ساڻس پنهنجو تعارف پاڻ به نه ڪرائي سگهيو هئس، شاهده منهنجو نالو ٻڌايو هئس ته مرڪي چيو هئائين:
    ”ادي ڇوڪري پسند آئي، ڏاڍي شرميلي آهي...!“
    شاهده کان ٽهڪ نڪري ويو هو اندر سڙي ويو هيم. تنهن هوندي به پنهنجي کِل تي مان به ضابطو نه آڻي سگهيو هيم ۽ واڇون وڌي ويون هيون، ان ئي ڏينهن محسوس ڪيو هيم ته فوزيه انتهائي شرارتي ۽ شوخ ڇوڪري آهي جڏهن ته مان ان جي ابتڙ هيم، جنهن سبب ان کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس پر هوءَ اڪثر مون کي تڪيندي رهندي هئي، ٿورن ڏينهن اندر محسوس ڪيو هيم ته هوءَ مون سان ڳالهائڻ چاهي ٿي، مان به ساڻس گفتگو ڪرڻ جو سوچيندو هئس جو اوچتو اڳيان شاهده جو ڪيل اعتماد پيار ۽ پنهنجائپ جي ڀت اچي ويندي هئي. جيڪا اُڪرڻ مون نه ٿي چاهي، ان ڪري دل جي ڳالهه دل ۾ رکيم. چوڏهين اگسٽ جي شام جو شاهده جي چوڻ تي فوزيه کي ڪراچي گهمائڻ وٺي ويو هئس. هن سان گڏ گهمندي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي پر شايد همٿ فرار ٿي وئي هئي جو کوڙ ساريون دل جون چاهڻ باوجود به کيس ٻڌائي نه سگهيس. سفاري پارڪ کان ٿيندا پاڻ عبدالله شاهه اصحابي جي مزار وٽ پهتا هئاسين. جتي هن ننگر کائڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، مان هڪ پلاسٽڪ جي ٿيلهي هٿ ڪري ڀَت وٺي آيو هئس. ڀَت کائيندي هن منهنجي هٿ وارو گرهه پاڻ ڳهي ڇڏيو هو. نه چاهڻ باوجود مان به ايئن ڪري ويٺس. ان وقت پنهنجون نظرون مليون هيون. هن جي اکين ۾ پنهنجي تصوير ڏٺي هيم. عبدالله شاهه اصحابي جي مزار کان ٿيندا ڪلفٽن تي پهتا هئاسين، هن سان گڏ گهمندي وقت گذرڻ جو احساس ڪو نه ٿيو هو. رات جا نوَ ٿي رهيا هئا، واپس ورڻ جو سوچي بس طرف وڌڻ لڳا هئاسين، هوءَ خبر نه آهي ڇو ٿورو مون کان پوئتي رهجي وئي هئي، شايد سندس دل اڃان گهمڻ کا ن نه ڀري هئي پر مون جلد گهر پهچڻ ٿي گهريو جو اوچتو خبر ناهي ڪٿان رولو ڇورن جو ٽولو اچي نازل ٿيو، فوزيه جو چهرو ڪومائجي ويو هو، مان به پريشان ٿي ويو هئس. ڇو ته ڪلفٽني غنڊن کي ڀلي ڀِت ڄاڻيندو هئس، هو مڙڻ وارا نه هئا ۽ هي ڪا فلم به نه هئي ۽ نه ئي مان سلطان راهي هئس جو منهنجي هڪل ٻڌي بدمعاشن جا حوصلا خطا ٿي وڃن ها...! ۽ سندن کڙيون ڪياڙي سان لڳن ها...! ان ڪري ذهني طور موچڙن لاءِ تيار ٿي تيزي سان اڳتي وڌيس ۽ فوزيه کي ٻانهن کان پڪڙي تقريبن ڊوڙندو بس ڏانهن وڌڻ لڳس. پوئتي ڇَک به نه هنيم. اهو الله ئي بهتر ڄاڻي ته بدمعاش ڇو بس ڪري ويا هئا. بهرحال مان الله جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن پنهنجي پناهه ۾ رکيو.
    بس تي چڙهندي ئي فوزيه هڪ زوردار مڪ وهائي ڪڍي هئي، چوڙيون به ڀڄي پيون هيس، چيو هئائين:
    ”ايڏو بيدردي سان ڇڪبو آهي...؟ٻانهن ڪڍي وڌي اٿئي...!“
    پيار ڀري ڪاوڙ آئي هئي، مرڪي چپ ڪري ويو هيم.
    حقيقت ۾ ان ڏينهن ئي مان پنهنجي دل کيس ڏئي ويٺو هئس پر مون اهڙي ڪا به حرڪت ڪرڻ نه ٿي چاهي جنهن سان منهنجو ڪردار شاهده جي نظرن ۾ مشڪوڪ ٿي وڃي، ان ئي ڪري مان فوزيه سان اظهار محبت نه ڪري سگهيو هئس، نه ئي کيس محسوس ڪرڻ ڏنو هيم ته مان کيس واقعي چاهڻ لڳو آهيان، پر اڄ جڏهن مهيني کان پوءِ هن واپس وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته ظاهري طور ته مون کي ڪجهه به ڪو نه ٿيو هو پر اندران ڀڄي پيو هئس، پنهنجو پاڇو پاڻ کان جدا ٿيندي محسوس ٿيو هو.
    واقعي فوزيه سچ چيو هو ته : ’پٿر ڀرندا نه آهن انهن کي ڀوريو ويندو آهي‘ مان به ته هڪ پٿر هئس جو فوزيا جي هزار ڪوششن جي باوجود کيس پنهنجي پيار جي پڪ نه ڏياري هيم پر هن جي واپس ورڻ واري ڳالهه اڄ مون کي ڀوري رهي هئي ۽ پنهنجي وجود جا ذرا ڪراچي جي هوائن ۾ اُڏندي محسوس ڪيا هيم. پنهنجي ماٺيڻي ۽ ڳنڀير طبيعت تي وڏو ناز هو. ان ڪري يقين نه ٿي آيو ته هڪ مهيني اندر مان فوزيه کي ايترو چاهڻ لڳندس جو هن کان بغير جيئڻ ناممڪن نه ته به... فضول ضرور محسوس ٿيندو...! جنهن سبب پريشان ٿي ويو هئس پر پريشاني ۾ پريشان رهڻ ئي سڀ کان وڏي بيوقوفي آهي. جيڪو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو اهو سوچي آهستي آواز ۾ ڊيڪ هلائي ڪتاب اکين آڏو ڏئي ڇڏيو هيم.
    شام جو مان ۽ شاهده، فوزيه سان گڏجي بس اسٽينڊ وٽ پهتاسين. انجڻ اوچتو خراب ٿي پوڻ جي ڪري گاڏي پنهنجي مقرر وقت کان دير رواني ٿيڻي هئي، جنهن ڪري شاهده ٿوري انتظار ڪرڻ کان پوءِ طبيعت خراب هئڻ ڪري واپس هلي وئي هئي، جڏهن ته مان فوزيه کي بس ۾ سوار ڪرڻ لاءِ رهجي ويو هئس. اسان ٻئي هڪ پاسي ويهي رهيا هئاسين.
    ’ڇا ڳالهايانس...!‘ منجهي پيو هيم.
    ”پريشان پيو محسوس ٿئين...؟“ چيوهئائين.
    ”ها...!“
    ”ڇو...؟“
    ”تنهنجي جدائي منهنجي پريشاني جو سبب آهي...!“
    ”سچ...؟! مرڪي چيو هئائين.
    ”منهنجي پريشاني تنهنجي خوشي جو سبب آهي...؟“
    ”نه ته...!“
    ”ته پوءِ سچ جو ڇا مقصد آهي...؟“
    ”ڪجهه به نه ... ڪجهه به نه ...!“ ڪنڌ جهڪي ويو هئس.
    ”فوزيه توکي خبر آهي ته مان ارڏو آهيان ...!“
    ”ها...!“ وراڻيوهئائين: ”معلوم اٿم ته تو هڪ ڀيرو اديءَ جي ڪري پنهنجي جان به جوکي ۾ وڌي آهي...! پر تون ايئن ڇو ڪندو آهين...؟“
    ”شاهده مونکي ڏاڍو ڀائيندي آهي، هن سان گڏ رهندي گهر کان پري رهڻ جو احساس ئي ناهي رهيو...پوءِ هن سان ڪو بدتميزي ڪري اهو منهنجي برداشت کان ٻاهر آهي...!“
    ”جيڪڏهن ايئن ڪرڻ سان توکي ڪجهه ٿي پوي ها ته پوءِ...؟“
    ”اهو زمان ڀاڙي آهي...!“
    ”مان زمان نه، تنهنجي ڳالهه پئي ڪريان...!“
    ”جذباتيت جي ڌوڙ ۾ ڪجهه به نظر نه ايندو آهي...!“
    هوءَ وري چپ ٿي وئي هئي، پهريون ڀيرو هڪ بيوقوفاڻي سوچ آئي، ’وقت بيهي رهي،گاڏي جي انجڻ وري ڪڏهن به ٺيڪ نه ٿئي...!‘ پر ان مان هڪ ڳالهه به نه ٿيڻي هئي وقت گذرڻ سان گڏ انجڻ به ٺيڪ ٿي رهي هئي، ان ڪري آخري لمحا ضايع ڪرڻ نه پر دل کولي فوزيه سان ڳالهائڻ ٿي گهريم.
    ”هڪ ڳالهه چوانءِ ...؟ “ پڇيم.
    ”چئو...! “ وراڻيائين
    ”ڪيئن چوان...؟“
    ”نه تون گونگو آهين... نه مان ٻوڙي، تون چئو مان ٻڌنديس...!“
    سندس آواز ۽ انداز تي کلي پيو هئم، هن به مسڪرائي ڏنو هو. پهريون ڀيرو سندس هٿ پڪڙي چيو هيم:
    ”مان توکي ڪجهه به نه چوندس...!“
    ”ان جي هاڻ ڪا به ضرورت نه آهي...!“ اکين سان پنهنجي هٿ ڏانهن اشارو ڪندي چيو هئائين، ڇرڪ نڪري ويو هو، پنهنجي غلطي ۽ اٻهرائپ تي بيحد ڪاوڙ آئي هئي، شرمساري مان چيو هيومانس:
    ”معاف ڪجانءِ...!“
    ”نه ڪيان ته...؟“
    ”هميشه پنهنجي ان هلڪڙائپ تي شرمساري رهندي...!“
    ”ڪيان ته...!؟“
    ”تنهنجو ٿورائتو رهندس...!“
    ”معاف ڪنديسانءِ... هڪ شرط سان ته ڪجهه چئو ۽ ڪجهه ٻڌاءِ...!“
    ”فوزيه...!“چيم. ”مان ذاتي زندگي ۾ ڏاڍو شرميلو رهيو آهيان پر تنهنجي اچڻ کان پوءِ، ٿورن ڏينهن ۾ اهو شدت سان محسوس ٿو ٿئي ته مون جهڙو ڪمزور دل به شايد ئي ڪو ٻيو هجي...!“
    ”اهو وري ڪيئن...؟“
    ”مان توکي چاهڻ باوجود ڪجهه چئي جو نه سگهيو آهيان...!“
    ”مان چوانءِ...؟“
    ”تون به نه چئي سگهندين...!“
    ”عورت بزدل نه ڪمزور هوندي آهي، جيڪا هاڻ مان نه رهي آهيان..! مون کي توسان محبت آهي...!“
    آخري جملو ادا ڪندي نظرون جهڪائي ڇڏيون هئائين، وڌيڪ ڳالهائڻ لاءِ مون به وس ڪيا پر ڳيتيون ڏيندو رهجي ويوهئس، ڊرائيور مسافرن کي هارون ڏئي ويهڻ لاءِ چئي رهيو هو، يقينن گاڏي جي انجڻ ٺيڪ ٿي وئي هئي، پاڻ ٻئي اٿيا هئاسين فوزيه جي حالت جي مون کي خبر نه هئي پر... پنهنجا قدم پاڻ کان وڌيڪ ڳرا محسوس ٿيا هئا جنهن ڪري هلڻ جي همت نه پئي ٿي پر هلڻو ته هر حال ۾ هيو نه...! هوءَ پنهنجي سيٽ تي ويهي رهي هئي، ان وقت سندس چهري تي آخري نظر وڌي هئم. لُڙڪ لڙي آيا هئس خبر نه ِآهي، مان به پنهنجين اکين آڏو ڇو بيوس ٿي پيو هئس ٻه گرم لُڙڪ منهنجا به ڪِري پيا هئا، ان وقت آهستي بلڪل آهستي چيو هئائين:
    ”هاڻ ته چئو نه ... پليز چئو نه ... صرف هڪ ڀيرو...!“
    ”نه چوندس...!“ مون ۾ اتي وڌيڪ بيهڻ جي همٿ نه هئي، بس مان لهي آيو هئس، جيڪا آهستي آهستي بس اسٽينڊ تان کسڪي رهي هئي. ان مهل کيسي ۾ هٿ هڻي فوزيه جي تصوير ڪڍي ڏٺم. هوءَ مرڪي رهي هئي، مان به پنهنجي اکين جي آلاڻ کي نظر انداز ڪري مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي کيس چيو:
    ’فوزيه مون کي توسان محبت آهي...!‘
    ***


    مان تنهنجي لائق نه آهيان

    آءُ زندگي جي ڦٽ پاٿ تي اکيون کولڻ کان اڳ ڏاڍو رنو هئس. جڏهن ته منهنجا عزيز منهنجي پيدائش تي ڏاڍو خوش ٿيا هئا، جنهن جي ان وقت مون کي ڪا به خبر نه پئي ته هو منهنجي ڄمڻ تي ايڏو خوش ڇو پيا ٿين. جڏهن آئون زندگي جي رن وي تي ڊوڙڻ لڳو هئس تڏهن خبر پئي ته منهنجي پيدائش تي منهنجا عزيز خاص ڪري والدين ان ڪري خوش ٿيا هئا جو کين پنهنجو وارث ملي ويو هئن پر آءُ پنهنجي پيدائش وقت ڇو رنو هئس، ان جي مون کي اڃا تائين خبر نه پئجي سگهي آهي، توڙي جو مون کي زندگي جي رستي سان موت ڏانهن ڊوڙندي هي ٻاويهون سال آهي، آئون ٻاويهه سال مسلسل ڊوڙندو رهيو آهيان. ان ڊوڙ ۾ مونکي ڪافي ڌڪ لڳا آهن ڪڏهن ٿاٻڙيو آهيان، ته ڪڏهن اڃ کان بيحال پنهنجي منزل تان ڀٽڪي ويل مسافر جيان تڙپيو آهيان ڪڏهن ڪنهن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ ۾ سج جي اڇلايل ٽانڊن جهڙي تيز ڪرڻن ۾ سڙي خاڪ ٿيڻ جي خوف کان پناهه وٺي جيئڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪڏهن وري منهنجون اکيون برسات بڻجي وسي ڪري منهنجي دل جي غيرآباد زمين تي رهندڙ ويران ڏڪار جي ماريل سوچن، سوالن، آرزوئن ۽ تمنائن کي آباد ڪري کين پنهنجي ئي موت مرڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن.
    ’آئون ڇا آهيان...؟ڪيئن آهيان...؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ آهيان...!؟‘
    مون کي ڪا به خبر نه آهي، هڪ ٻي ڳالهه مون کي ڏاڍي حيرت ۾ وجهندي آهي ته آئون آخر هن صدي ۾ ڇو جنم ورتو...!؟ ڇا آئون صديون اڳ ۾ نه پئي پيدا ٿي سگهيس...!؟ ڇا ايندڙ وقت ۾ نه پئي اچي سگهيس...!؟ ان سوالن جا جواب مون ڳولهڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي پر مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هو.
    ”بابا...! هيءَ دنيا ۽ هن دنيا ۾ رهندڙ مخلوق ڪيئن آهي...!؟“
    اهو سوال مون ڪجهه وقت اڳ بابا کان ڪيو هو، جنهن تي وراڻيو هئائين:
    ”پٽ هي دنيا مسافر بس جيان آهي...! ۽ هن دنيا ۾ رهندڙ مخلوق ان بس ۾ سوار ٿيل مسافر مثل آهي. پوءِ جڏهن به ڪنهن جي منزل آئي، ان کي ان مسافر بس مان خوشي، ڏک يا نفرت سان آخر لهڻو ئي پوندو آهي...!“
    وري چيو هيم:
    ”بابا...! پوءِ يقينن ان بس جو ڊرائيور به هوندو...!؟“
    ”ها پُٽ ان بس جو ڊرائيور خود الله پاڪ آهي، جيڪو پوري ڪائنات جي قدرت جو مالڪ آهي ۽ هر شيءَ تي وس وارو پڻ...! پوءِ چاهي اهو ديوَ هيڪل جبل هجي يا هڪ ننڍڙي ڪِول...!“
    ”بابا آئون گهڻو اڳ يا پوءِ ان بس ۾ سوار ڇو نه ٿيس...!؟“وري چيو هيم: ”ڀلا هاڻ ئي مون کي ان بس ۾ ڇو سوار ٿيڻو پيو...؟“
    ”هر ڪنهن شيءَ جو ڪو نه ڪو وقت مقرر ٿيل هوندو آهي..!“بابا چيو هو: ”ڪا به شيءِ پنهنجي مقرر ٿيل وقت کان اڳ ڪڏهن به جنم نه ٿي وٺي سگهي، ۽ نه ئي فنا...! ان ڪري تون به پنهنجي مقرر ٿيل وقت تي هن مسافر بس ۾ سوار ٿيو آهين ۽ منزل يعني موت تي ان بس مان ايئن لهي هليو ويندين جو ڄڻ ڪڏهن هن بس جو مسافر هئين ئي ڪو نه...!“
    ”بابا ڀلا آئون هن ئي گهر...! ۽ هن ئي ملڪ ۾ آخر ڇو پيدا ٿيس...!؟“
    پڇيم: ”ڇا آئون آمريڪا، فرانس، انگلينڊ، جاپان، برازيل، آسٽريليا يا سعودي عرب ۾ پيدا نه پئي ٿي سگهيس...!؟“
    ”صفا ڪو واحيات آهين...!“ ٿوري ڪاوڙ ۾ چيو هئائين:
    ”انسان اشرف المخلوقات آهي، هڪ انساني نظريو، هڪ انساني ايجاد، هڪ انساني عزم، هڪ انساني آواز، هڪ انساني سوچ، سڀني انسانن جي تڪليف دور ڪري سگهي ٿي ۽ سڀني انسانن جي خواهش کي عملي جامو پهرائي سگهي ٿي پر دنيا ۾ ڪجهه اهڙا مسئلا ۽ خواهشون به آهن، جو هن دنيا ۾ رهندڙ هر هڪ انسان جيڪڏهن هڪ ٻئي کان وڌيڪ سٺو سياستدان، سائنس دان، اٽل انسان، فلاسافر، دانشور ڇو نه بڻجي وڃي پر پوءِ به سڀئي گڏجي اهي مسئلا ۽ خواهشون ڪڏهن به پوريون ڪري نه ٿا سگهن، انهن مسئلن ۽ خواهشن مان پنهنجي پسند جي ملڪ ۽ گهر ۾ جنم وٺڻ به هڪ آهي...!“
    وري بابا کي چيم:
    ”بابا توهان منهنجي پيدائش تي خوش ٿيا هوندا...!؟“
    چيائين: ”ها...!“
    پڇيم: ”ڇو...!؟“
    ”ان ڪري جو تون اسان جو اڪيلو اولاد آهين...!“وراڻيائين:
    ”اڳتي هلي توکي ئي پنهنجو گهر سنڀالڻو آهي ۽ تون اسان جي پوڙهائپ جو سهارو آهين...!“
    ”بابا ڀلا آئون پنهنجي پيدائش وقت ڇو رُنو هئس...!؟“
    مون بابا کان پڇيو: ”جڏهن ته مون کي روئڻ بجاءِ خوش ٿي ٽهڪ ڏيڻ کپي ها...! ڇو ته اڳتي هلي آئون اڪيلو اوهان جي ملڪيت جو وارث ٿيندس...!“ ”صفا ڪو بد دماغ آهين...!“ هن دفعي بابا خفا ٿيندي چيو:
    ”اڙي ڀوڪ...! پيدائش وقت صرف تون ڪو نه رنو هئين پر سڀ ڪو روئيندي ئي پيدا ٿيندو آهي...!“
    ”پر ڇو بابا...!؟“
    هن ڀيري بابا ٿڌو ساهه ڀريندي چيو: ”احمق...! توڙي جو آئون يونيورسٽي جو پروفيسر آهيان منهنجو ڪم ئي سوالن جوابن توڙي علم ۽ ادب سان آهي پر پوءِ به مون کي تنهنجي عجيب و غريب سوالن جا جواب سمجهه ۾ ڪو نه ٿا اچن...! خبر ناهي تون الاءِ جي ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهين...!؟ مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ٿيندو آهي ته تون اسان جي پيريءَ جو سهارو بڻجڻ بجاءِ رهندو ئي اسان جي پريشاني جو سبب بڻجي ويندين...!“
    ايئن چئي بابا اٿي هليو ويو پر آئون سوچيندو رهيس ته بابا مون کي ان سوال جو جواب ڇو نه ڏئي سگهيو، بابا يونيورسٽيءَ جو هڪ ذهين ۽ اصول پسند پروفيسر آهي، بابا جي ذهانت ۽ اصول پرستيءَ جي ساراهه يونيورسٽيءَ جا سڀ پروفيسر، ليڪچرار ۽ شاگرد پڻ ڪندا آهن. بابا مونکي ڪافي سمجهايو هو ته تون ابتا سبتا ۽ عجيب و غريب سوال ڪرڻ بجاءِ محنت ڪري پڙهه ان ۾ ئي تنهنجي ڀلائي آهي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نالي جو ته ڀرم رک...! پر پوءِ به منهنجو پڙهڻ طرف گهڻو توجه نه ٿيو،آئون ته صرف پنهنجي ڪوري ذهن جي، ڪٽ چڙهيل ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل سوالن جا جواب ڳولي کين آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. (۽ هاڻ به ڪندو آهيان) جنهن تي بابا ڏاڍو پريشان رهندو هو ۽ اڪثر ڪري پنهنجي دوستن سان منهنجي شڪايت ڪندي چوندو هو ته ’منهنجو ڇوڪرو اصل ڪو نه سڌرندو...!‘ جنهن تي همدرديءَ خاطر بابا جي دوستن به مون کي ڏاڍو سمجهايو ته، ’بابا اهڙي مدي خارج ۽ بي ڍنگي سوالن جي ڄار ۾ پاڻ کي هرگز نه ڦاساءِ نه ته ان ڄار ۾ اهڙو ته جڪڙجي ويندين جو زندگي ڀر ان ڄار جي هڪ تند به نه ڪٽي سگهندين ۽ ان قيد ۾ ئي تنهنجو روح تنهنجي جسم کي بيوس بڻائي پاڻ اڪيلو آزاد ٿي ويندو.‘ پر انهن جي انهن ڳالهين مون تي ڪو به اثر ڪو نه ڇڏيو، الٽو مون کانئن اهڙا سوال پڇيا جو هو ويچارا ڏچي ۾ پئجي ويا.ان ڪري هاڻ بابا جي ڪنهن به دوست جي مون سان لڳي ئي ڪو نه...! هو مون کي ڏسندي ئي ڪجهه سمجهائڻ بدران منهن ڦيرائي ڇڏيندا آهن. بس منهنجو هڪ ئي دوست آهي، نالو اٿس مارنگ، آهي به صفا ٺٺينگ...!!
    سندس گهر وارا ۽ هي ويلن جا ويلا بکون ڪاٽيندو آهي، پر پوءِ به شاباس هجيس جو هي به مون وانگر ابتن سبتن سوالن جي ڊسڙ ۾ سسي تائين دفن هجڻ جي باوجود به ڏک درد ۽ تڪليفون سهي خبر ناهي ڪيئن تمام گهڻي محنت ڪري بي_اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي هئائين. جنهن کان پوءِ هيءَ پنهنجي اهليت مطابق ڪنهن سٺي نوڪريءَ لاءِ ڏاڍو رليو پر پوءِ به نوڪري نه مليس، سندس پاڙي جي هڪ ڪاموري هڪ دفعي رحم کائي چيس:
    ”بابا ماڻهو آهين پاڙي جو سو به غريب...! ان ڪري توتي رحم ٿو اچي ڪراچي ۾ منهنجو هڪ دوست ڏاڍي هلندي پڄندي وارو آهي، مان ان سان تنهنجو ذڪر ڪندس اميد ته هو توکي ماستريءَ يا ٻي ڪا نوڪريءَ ضرور وٺرائي ڏيندو پر ڪراچي جي ڪرائي ڀاڙي لاءِ تون مون کي صرف پندرنهن هزار رپيا ڏي، ٻيا مان پاڻ ئي برداشت ڪندس...! ڏس نه بابا ڪراچي جو سفر انتهائي ڊگهو ۽ ڏکيو آهي ۽ پاڻ ته اي سي واري ڪمري کان ٻاهر نڪرون ئي ڪو نه جيڪڏهن ڪاڏي نڪرڻو به پوي ته اي سي واري ئي گاڏي ۾ سفر ڪيون ۽ آرام به ڪنهن هاءِ ليول جي هوٽل ۾ ڪيون، ان ڪري مڙئي ڪجهه خرچ ته ايندو نه...!؟“
    اهو ٻڌي هن همراهه جون واڇون ٽڙي وڃي ڪنن سان لڳيون ۽ انتهائي ادب سان ان ڪاموري کي جواب ڏنائين:
    ”سائين سدائين سلامت هجو ...! پيسا ته کوڙ، جيڪڏهن مون پاڙي جون ٻه ٽي ڪڪڙيون به چورايون ته به پندرنهن ويهه هزار ٻاهر پر سائين ڪراچيءَ جو سفر واقعي تمام ڊگهو ۽ ڏکيو آهي...! ان ڪري ممڪن آهي اوهان کي ڪا تڪليف رسي، سو به منهنجي ڪري...! آئون اهو برداشت هرگز نه ڪندس، توهان صرف پنهنجي اي سي واري ڪمري تائين محدود رهو ۽ منهنجي لاءِ تڪليف نه ڏسو...!“
    ايئن چئي مارنگ ڪاموري کان موڪلائي هليو ويو. ان ڏينهن کان پوءِ مارنگ کي يقين ٿي ويو هو ته مون کي نوڪري ملڻي ئي ناهي ۽ اڄ تائين بي_ اي پاس بيروزگارن جي لسٽ ۾ شمار آ.
    حسبِ عادت اڄ به اسان شام جو ڀينگ پور هوٽل ۾ ويٺا سليماني چانهه جون سرڪيون ڀري رهيا هئاسون پر اڄ آئون مارنگ کي ڏاڍو وساميل وساميل محسوس ڪيو هو، ڪجهه گهڙيون اسان خاموش چانهه جون سرڪيون ڀريندا رهياسين، چانهه مان فارغ ٿيندي ئي مون مارنگ کان هڪ عجيب سوال پڇيو:
    ”يار مارنگ...! ڏي خبر ڀلا تو به ڄمڻ وقت مون وانگي رنو هئين...!؟“
    ”نه...! ”آئون رنو ئي نه هئس بلڪه گڏهه وانگر هينگون ڪيون هيم...!“
    ”سچ...!؟“
    ”ها...!“
    ”پر ڇو يار...!؟“
    ”مون کي ڪا به خبر ڪونهي...!“
    ”پر پوءِ به يار...! ڪجهه ته خبر هوندئي...!“
    ”مان ڪجهه نه ٿو ڄاڻان...!“چيائين:
    ”پر ايترو ضرور آهي، جو منهنجي ڄمڻ وقت هينگن مان منهنجي مائٽن اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته، وڏو ٿي آئون يا ته گڏهه ٿيندس يا پنهنجو گهڻو وقت گڏهن سان گذاريندس...!“
    ”تنهنجو مطلب ته مان گڏهه آهيان...!؟“ حيرت مان پڇيم.
    ”اها توکي خبر...!“ وراڻيائين:
    ”پر يار آئون پنهنجي مائٽن جي ان اڳڪٿي کي غلط ثابت ڪرڻ خاطر گهڻن مسئلن جي باوجود بي_اي فقط ان اميد سان پاس ڪئي ته جيئن مون کي سٺي نوڪري ملي ۽ مائٽ مون کي گڏهه نه پر هڪ سٺو انسان سمجهن...! پر مون کي ته نوڪري ملي ئي ڪا نه ٿي. مان هاڻ پنهنجي گهر جي بُک ۽ بدحالي کان ڏاڍو تنگ ٿي پيو آهيان. منهنجي ابتن سبتن سوچن جي ڪري ماڻهو مون کان ڪڪ آهن. ان ڪري مون کي ڪو مزدور رکڻ لاءِ به تيار نه آهي، جتي به وڃان ٿو منهنجي لاءِ ناڪامي نروار ٿيو استقبال لاءِ بيٺي آهي. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته آئون ڇا ڪريان...!؟“
    مون کي مارنگ جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ هلڪي رڙ ڪندي کيس چيم:
    ”يار تنهنجو مسئلو حل ٿي ويو...!“
    ”ڪيئن...!؟“
    ”اسان جي ئي شهر ۾ هڪ سخي دل ماڻهو بي_اي پاس بيروزگار نوجوانن کي گڏهه گاڏا هلائڻ لاءِ تمام گهٽ ڪميشن تي ڏيندو آهي...!“
    ”چريو ٿيو آهين ڇا...!؟“ ڪاوڙ ۾ چيائين:
    ”مون کي ته گڏهه لفظ کان ئي نفرت آهي...!“
    ”پر هاڻ توکي ان سان نڀاءُ ڪرڻو پوندو. پنهنجي گهر وارن جي بُک ۽ بدحالي دور ڪرڻ خاطر...!“
    ”هرگز نه...! آئون ايئن نه ڪندس...!“
    ”سوچي وٺ هيءُ سونهري موقعو اٿئي...!“
    جنهن کان پوءِ مارنگ سوچن جي گهري سمنڊ ۾ غوطا کائي کائي بيحال ٿي پيو، ڪجهه دير کان پوءِ آهستي ۽ انتهائي بيوسي وچان چيائين:
    ”يار پوءِ ڇا آئون پنهنجي مائٽن جي اڳڪٿي کي صحيح ثابت ڪريان...!؟“
    ”توکي ايئن ڪرڻ گهرجي...!“چيم:
    ”ڇو ته تون اها اڳڪٿي صحيح ثابت نه ڪئي پر توکان اها اڳڪٿي هن ظالم ۽ بي حس سماج زور ۽ زبردستي صحيح ثابت ڪرائي آهي...!“
    ”آئون ڪڏهن به ايئن نه ڪريان ها...!“چيائين:
    ”جيڪڏهن مون کي پنهنجي گهر مان بک جو ٻک نه لڳي ها...!“
    ”زبردست...! تو صحيح فيصلو ڪيو آهي...!“
    ”ڀلا ٻڌاءِ ته ان سخيءَ مرد جو نالو ڇا آهي...!؟جيڪو گڏهه گاڏا پيو ڏي...!“
    ” نالو نورنگ اٿس...!“
    ”واهه...!“ چيائين: ”نالو ته منهنجو ڊپليڪيٽ اٿس، اٿ ته ڀلا هلونس گڏهه گاڏو وٺڻ...!“
    ”انٽرويو جي تياري ڪئي اٿئي...!؟“
    ”ڇا جو انٽرويو...!“ حيرت مان پڇيائين.
    ”گڏهه گاڏي لاءِ به انٽرويو ڪيو ويندو آهي...!؟“
    ”تون مذاق پيو ڪرين...!“
    ”نه نه...! آئون مذاق نه پيو ڪريان، اها حقيقت آهي...!“
    ”يار عجب ڳالهه آهي...!“ مارنگ چيو:
    ”جيڪو گڏهه گاڏا ڪميشن تي پيو هلائي اهو وري ڪيترو پڙهيل هوندو...!؟جو مون کان انٽرويو ڪندو...!“
    ”يار...! اهو ايم_اي پاس اٿئي...! ڏاڍو رليو هو نوڪري لاءِ پر تو وانگي وريس ڪجهه به نه...! اتفاق سان هن جو ڏهن لکن جو انعام هڪ ڪمپني طرفان نڪتو، جنهن مان هن نه صرف پنهنجي گهرو حالت سڌاري، بلڪه سوين گڏهه گاڏا خريد ڪري تمام گهٽ ڪميشن تي گهٽ ۾ گهٽ بي_اي پاس، اهل اميدوارن لاءِ وقف ڪيا آهن...!“
    ”خدا کيس خوش رکي...!“ مارنگ چيو:
    ”اٿ ته هلون، آئون کيس انٽرويو ضرور ڏيندس...!“
    جنهن کان پوءِ اسان ٻن چانهين جا پيسا سيٺ گهنور خان عرف غريب نواز کي ڏئي سڌو سنئون نورنگ خان وٽ پهتاسين، جنهن کي مارنگ پنهنجو درد ڀرريو داستان ٻڌايو...! جنهن تي نورنگ سانڻس همدردي جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ کانئس بي_اي ليول جا کوڙ سوال ڪيائينس، جن جا مارنگ کيس مطمئن ڪندڙ جواب ڏنا جنهن تي نورنگ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان مهل ئي کيس هڪ تمام سٺو گڏهه ۽ گاڏو ڏنائين. مارنگ جي به خوشين جي ڪا حد نه رهي ۽ ان مهل ئي مون کان موڪلائي روزگار سان لڳي ويو...!
    مان به خوش خوش گهر پهتس ته گهر جي ڊرائينگ روم ۾ تقريبن اٺاويهن ٽيهن سالن جي هڪ خوبصورت ۽ پُر وقار خاتون ويٺل نظر آئي. جنهن تي سوچيم ته: ’پڪ هي بابا جي مهمان آهي ۽ بابا سان ملڻ آئي هوندي...!‘
    ان ڪري مان اتان ئي واپس ورڻ لڳس.
    ”ايڪس ڪيوزمي...!“
    ان عورت ڳالهايو جنهن تي منهنجا وڌندڙ قدم رڪجي ويا ۽ پوئتي مڙي کيس سواليه نگاهن سان تڪڻ لڳس.
    ”ڇا توهان پروفيسر هدايت الله جا فرزند منصور هدايت الله خان آهيو؟“
    ”جي ها...!“وراڻيم:
    ”پر منهنجو نالو منصور هدايت الله خان نه آهي...!آئون صرف مولائي سان ئي مشهور آهيان...!“
    ”ڇٺيءَ جو نالو ته منصور هدايت الله خان اٿئي نه...!“
    ”ها...!“چيم:
    ”پر اوهان کي اها ڪيئن خبر پئي...!؟“
    ”مون کي اوهان جي والد صاحب سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي...!“
    ”پر ڇو...!؟“حيرت مان پڇيم.
    ”اصل ۾ آئون يونيورسٽي ۾ پڙهائيندي آهيان...!“جواب ڏنائين:
    ”۽ هاڻ روز شام جو اوهان کي به پڙهائينديس....!“
    ”يعني اوهان بابا جي چوڻ تي مون کي پڙهائڻ آيون آهيو...!؟“
    ”ها بلڪل...!“ مختصر جواب ڏنائين.
    ”محترمه...! بابا جي پهريان به ڪافي دوستن مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو آهي. ان ڪري مان پڪ سان چوان ٿو ته توهان به مون کي ڪجهه سمجهائي نه سگهندؤ...!“
    ”مان ڪوشش ڪنديس...!“
    ”چڱو ڀلا ڇا توهان ٻڌائي سگهندو ته بابا جا دوست مون کي سمجهائي ڇو نه سگهيا...! ۽ مان سمجهي ڇو نه سگهيس...!؟“
    آئون سامهون پيل صوفي تي ويهي رهيس، هن چهري تي بلڪل هلڪي پر انتهائي پُر ڪشش مرڪ نمودار ٿي ۽ پوءِ انتهائي وڻندڙ آواز ۾ چيائين:
    ”آئون توهان جي هر سوال جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪنديس...! مان هن وقت تائين صرف يونيورسٽي ۾ ئي پڙهايو آهي پر آئون اوهان جي والد صاحب کي جواب نه ٿي ڏئي سگهيس. ان ڪري توهان کي پڙهائڻ جي حامي ڀري ورتم. منهنجو هڪ اصول آهي ته آئون جيڪو به ڪم ڪندي آهيان ان کي پورو ڪري پوءِ ئي ڇڏيندي آهيان، پنهنجي ان ئي اصول تحت مون کي اميد آهي ته توهان کي به سڌو ڪري ڇڏينديس...!“
    ”نه نه هرگز نه...! توهان مون کي ڪڏهن به سڌو نه ٿا ڪري سگهو محترمه...!“ کلندي چيم:
    ”ڇو ته آئون ٽيڏو يا ڦڏو ٿورئي آهيان...! پر آئون پيدائشي سڌو آهيان، ته پوءِ توهان سڌي کي سڌو ڇا ڪندو...!؟“
    ”آئون توهان جي جسم کي نه پر، سوچن کي سڌو ڪنديس...!“ هلڪي مسڪراهٽ سان چيائين.
    ”چيم نه، توهان ايئن به نه ٿا ڪري سگهو...!“
    ”ڇو...!؟“
    منهنجون سوچون ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي وانگر نه آهن، جو انهن کي جيڏانهن ڇڪجي اوڏانهن ڇڪجيو اچن...! پر منهنجون سوچون هڪ اهڙي لوهه جيان مضبوط ۽ اٽل آهن جنهن تي ڪٽ به نه چڙهندي آهي...!“
    ”پوءِ ڇاهيس...!“ پُر اعتماد لهجي ۾ چيائين:
    ”لوهه کي به باهه جي ڀنڀٽ ۾ وجهي ان کي تپائي سنوت ۾ آڻي ڇڏبو آهي...!“
    ”پر توهان هڪ عورت آهيو...!“ چيم:
    ” لوهار نه، جو منهنجي سوچن جي سيخن کي تپائي سنوت ۾ آڻيو...!“
    ”آئون هڪ عورت ضرور آهيان...!“چيائين:
    ”پر مون وٽ اهڙا علمي هٿيار آهن جيڪي اڄ تائين دنيا جي ڪنهن لوهار کي نصيب ئي نه ٿي سگهيا آهن...!ان ڪري...!“
    ”محترمه..! ڳالهين ڳالهين ۾ مون توهان جو نالو ئي ڪو نه پڇيو..!“ ڳالهه جو رُخ بدلائيندي پڇيم:
    ”اوهان جو نالو ڇا آهي...!؟“
    ”نرگس منهنجو نالو آهي...!“
    ”نالو ته ڏاڍو سٺو آهي اوهان جو..!“
    ”جيئن ته اڄ پهريون ڏينهن آهي...!“ نرگس منهنجي تعريف تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ چيو:
    ”ان ڪري آئون اوهان کان ڪجهه پڇنديس جيئن مون کي خبر پئي ته اوهان جو ذهني لاڙو ڪهڙي طرف آهي...!؟“
    جنهن کان پوءِ نرگس مون کان ڪافي سوال ڪيا، جن جا مون پنهنجي سمجهه آهر جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪافي دير کان پوءِ نرگس سوال پڇڻ بند ڪيا ۽ چيائين:
    ”اڄ ايترو ڪافي آهي، انشاءَ الله سڀاڻي کان وٺي آئون توهان کي باقاعدگي سان پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنديس...! باقي توهان جي ڳالهين مان مون کي محسوس ٿيو آهي ته توهان جو والد توهان جي اجايو شڪايت ڪندو آهي. توهان ته انتهائي درجي جا ذهين ۽ ٽيلينٽيڊ پيا لڳو..!!“
    ايئن چئي هوءَ اٿي هلي وئي.آئون دل ئي دل ۾ کيس چيو:
    ”آئون ڪيترو ذهين ۽ ٽيلينٽيڊ آهيان اها شايد اوهان کي خبر نه آهي هفتي جي اندر اوهان منهنجي باري ۾ پنهنجي اها سوچ تبديل ڪري مون کي پٽينديون ويندؤ...!“
    نرگس ٻي ڏينهن تي تقريبن شام جو ڇهين وڳي آئي ۽ رات جو اٺين تائين مسلسل مون کي پڙهائيندي ۽ سمجهائيندي رهي، هاڻ اهو هن جو معمول هو ته هوءَ روز ڇهين وڳي ايندي هئي ۽ ايستائين سمجهائيندي رهندي هئي، جيستائين آئون بور نه ٿيندو هئس. شروعات ۾ آئون هن کي اجنبي محسوس ڪندو هئس، پر آهستي آهستي اها اجنبيت ختم ٿي وئي. مون کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي ته جيڪي سوال پڇڻ تي بابا ۽ ان جا دوست مون کي بد دماغ سڏيندا هئا، انهن ئي سوالن جا جواب نرگس مون کي مسڪراهٽ ۽ ڏاڍي اطمينان سان ڏئي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، حالانڪه آئون سندس هر جواب مان مطمئن هرگز نه ٿيندو هئس، پر پوءِ به مون کي الاءِ جي ڇو محسوس ٿيندو هو ته نرگس صحيح پئي چوي. ان ڪري کيس ڪجهه چوڻ جي باجود ڪجهه چئي نه سگهندو هئس. پهريان ڪجهه ڏينهن آئون ڏاڍو اداس رهندو هئس، ڇو ته مارنگ کي روزگار ملي وڃڻ جي ڪري کيس واندڪائي نه ٿيندي هئي، هو مون سان تمام گهٽ ملندو هو. پر آئون ان ڳالهه تي ڏاڍو خوش هئس جو مارنگ جا گهر وارا هاڻ ٽي وقت پيٽ ڀري ماني کائيندا هئا. پرتمام ٿورڙن ڏينهن ۾ نرگس مون کان اها اداسي کسي ورتي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ الائي جي ڇو مون کي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳو ته نرگس مون ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺڻ چاهي ٿي. شايدان ڪري مان زندگي ۾ پهريون ڀيرو محسوس ڪرڻ لڳو هئس ته منهنجي به ڪا اهميت آهي. نرگس مون کي به ڏاڍي وڻندي هئي. هوءَ جڏهن به ايندي هئي ته آئون ايئن ئي محسوس ڪندو هئس ته وقت بيهجي ويو آهي پر اها منهنجي غلط فهمي هئي، وقت ڪنهن جي لاءِ ڪڏهن به نه بيهندو آهي .وقت جو وهڪرو هر شيءَ سيڪنڊن، منٽن، ڪلاڪن، ڏينهن، هفتن ۽ مهينن ۾ لوڙهي ڇڏيندو آهي. هاڻ مون کي پڙهائيندي نرگس کي هي پنجون مهينو هو پر انهن پنجن مهينن ۾ مون ايئن محسوس ٿيو هو جو ڄڻ نرگس کي آئون صدين کان سڃاڻيندو اچان. شايد ان ڪري ئي هفتو اڳ کانئس سوال پڇيو هيم:
    ”نرگس آئون ڇا آهيان...؟؟“ منهنجي ان عجيب سوال تي گهڙي کن مون کي گهورڻ کان پوءِ مسڪرائي چيائين:
    ”تون هڪ انساني وجود آهين...!“
    مون کي حيرت ٿي، ڇو ته نرگس منهنجي لاءِ پهريون ڀيرو ’تون‘ لفظ استعمال ڪيو هو پر اهو لفظ مون کي پنهنجي لاءِ ڏاڍو پيارو لڳو.
    ”نرگس...!“ چيم: ”ڀلا آئون ڪيئن آهيان...!“
    ”منصور...!“چيائين:
    ”انسان ۾ ته ڪجهه ڳالهيون هڪ جهڙيون هونديون آهن پر هر انسان پنهنجي وجود ۾، پنهنجي سوچن ۽ خيالن جا مختلف رنگ ڀريندو آهي ۽ پوءِ اهو انسان پنهنجي ئي ان سوچن ۽ خيالن ذريعي ئي سڃاتو ويندو آهي، تون ڪيئن آهين...!؟ اهي تنهنجون سوچون ئي ٻڌائن ٿيون...!!“
    ”نرگس...! ڀلا آئون ڪنهن جي لاءِ آهيان...!؟“
    ”تون هر هڪ انسان لاءِ آهين...!“ وراڻيائين:
    ”توکي خدا پاڪ انسان ذات جي خدمت لاءِ موڪليو آهي...!“
    ”پوءِ ڇا آئون انسان نه آهيان...!؟“چيم:
    ”يا وري خدا تعالى صرف مون کي ئي چونڊيو آهي. انسان ذات جي خدمت لاءِ...!“
    ”تون به انسان آهين...! الله صرف توکي نه پر هن دنيا جي هر هڪ انسان کي هڪ ٻي جي خدمت ۽ خيال رکڻ جو حڪم ڪيو آهي.ايئن ئي سمجهه ته زندگي رب پاڪ اسان کي امتحان لاءِ ئي عطا ڪئي آهي. جيڪو به ان ۾ ڪامياب ٿيو الله تعالى ان کي تمام وڏو انعام ڏيندو...!“
    ”الله تعالى انعام ڪڏهن ڏيندو...!؟“
    ”قيامت ۾...!“
    ”قيامت ڪڏهن ايندي...!؟“
    ”پنهنجي مقرر وقت تي...!“
    ايئن چئي نرگس اٿي هلي وئي.شايد ان ڏينهن کيس ڪجهه تڪڙ هئي ٻي ڏينهن تي به مون مولائي کانئس ڪافي بي ڍنگا سوال ڪيا، جن جا جواب هُوءَ حسبِ عادت هلڪي مسڪراهٽ سان ڏيندي رهي. ان جي اها عادت مون کي پاڻ وڌيڪ پياري لڳندي هئي پر ڪجهه ڏينهن کان وٺي آئون شدت سان محسوس ڪرڻ لڳس ته نرگس مون کان ڪجهه پڇڻ گهري ٿي، اهو محسوس ڪندي آئون ڏڪي ويندو هئس ته، خبر ناهي نرگس الائي جي ڇا مون کان پڇندي...؟ خبر ناهي آئون کيس صحيح جواب ڏئي سگهان به يا نه...! ان ڪري جڏهن به مان محسوس ڪندو هئس ته هاڻ نرگس مون کان ڪجهه پڇڻ واري آهي ته هڪ دم کانئس ابتا سبتا سوال ڪري کيس الجهائي ڇڏڻ جي ڪو شش ڪندو هئس. شايد ان ڪري ئي هوءَ اڃان تائين مون کان ڪجهه پڇي نه سگهي هئي. اڄ به آئون ڊرائينگ روم ۾ ويٺو هئس، انتظار ڪري رهيو هئس ته هوءَ ٺيڪ ڇهين وڳي ڊرائنيگ روم ۾ داخل ٿي. اڄ سائي لباس ۾ ڏاڍي سندر پئي لڳي. هوءَ منهنجي بلڪل سامهون رکيل صوفي تي ويهي رهي ۽ معمول خلاف عجيب عجيب نظرن سان مون کي گهورڻ لڳي. آئون سندس سان نظرون نه ملائي سگهيس ۽ ڪنڌ هيٺ جهڪائي ڇڏيم. ڪجهه گهڙين جي خاموشي کان پوءِ مون کيس چيو:
    ”نرگس...! ڇا اڄ ڪجهه پڙهائڻ جو ارادو نه آهي...!؟“
    ”نه...!“ چيائين:”اڄ توکان ڪجهه پڇڻو آهي...!“
    اهو ٻڌي ڇرڪي ويو هيم، پر پوءِ پاڻ سنڀاليندي چيم:
    ”ڇا...!!“
    ”ڇا توکي دل آهي...!؟“
    ”ها...!“
    ”ڇا ان ۾ تو ڪنهن کي جاءِ ڏني آهي...!؟“
    ”ها...!“
    ”ڪنهن کي...!؟“
    ”پنهنجي دل جي ڌڙڪن کي...!“
    ”ڌڙڪن...!!!؟“
    ”ها...! ڇو جو، اها منهنجي زندگي جي علامت آهي ۽ منهنجي زندگي مسلسل موت سان مقدمو وڙهي رهي آهي...!“
    ”ڇا...!“ چيائين:
    ”تنهنجي دل ۾ ٻي ڪنهن جي لاءِ ڪا به جڳهه ڪونهي...!؟“
    ”نه...! بلڪل نه...!“وراڻيم: ”ڇو ته منهنجي دل منهنجي ئي وجود جو بار کڻي ڏڪي رهي آهي ته پوءِ ڪيئن ان ۾ ٻئي ڪنهن جي جڳهه برداشت ڪندي..!؟“
    ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين...!“ نرگس چيو:
    ”تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ جڳهه آهي...!!“
    ”ت... ت... تنهنجي لاءِ...!!!“ حيرت ۾ چيم:
    ”ها منهنجي لاءِ...!!“
    ”نه...! اها ٻي ڳالهه آهي ته مون کي تنهنجي گفتگو وڻندي آهي...! ۽ تنهنجي لفظن سان پيار ڪندو آهيان...!“
    ”تون ڪجهه به چوين منصور...! پر آئون ڄاڻان ٿي، تون مون سان محبت ڪرين ٿو...!!ڇو جو، پهريان تون منهنجي لاءِ ’توهان يا اوهان‘ جو لفظ استعمال ڪندو هئين، پر اڄ تون منهنجي لاءِ ’تنهنجي‘ استعمال ڪيو آهي. ۽ اهو لفظ جيڪو پنهنجو گهرو ۽ دل جي ويجهو هوندو آهي، ان لاءِ ئي استعمال ٿيندو آهي، ان ڪري تنهنجي چوري پڪڙجي پئي آهي...!“
    مان خود حيران هئس خبر نه آهي ڪيئن مون کان نرگس لاءِ اهو لفظ نڪتو...!
    ”آئون گذريل ڪيتري ئي عرصي کان توکي ڳوليندي رهي آهيان...! مس وڃي مليو آهين... ڇا هاڻ تون منهنجو هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندين...!!!؟“
    اهو ٻڌي مون کي شديد جهٽڪو لڳو پاڻ سنڀاليندي کيس چيم:
    ”هي تون ڇا پئي چوين نرگس...!؟“
    ”ها مان صحيح پئي چوان مان تنهنجي ڳولا ۾ آهيان...! ڇا تون موسان شادي ڪندين...!؟“
    ”منهنجي ڳولا...! جيڪو پروفيسر جو پُٽ هوندي به بددماغن جي لسٽ ۾ شامل آهي...!“
    ”تون ٻين کي ڇڏ مون کي منهنجين ڳالهين جو جواب ڏي...!“
    ”مان هن وقت تائين پنهنجو پاڻ کي صحيح نموني سان سمجهي نه سگهيو آهيان ته پوءِ ٻي ڪنهن جي لاءِ ڇا سوچيندس، توڙي جو آئون ڪنهن کي دل وجان سان چاهيان به...! ته به منهنجو ضمير منهنجي افعالن بدولت مون کي هرگز اها اجازت نه ڏيندو ته ان کي هميشه لاءِ پنهنجو بڻائي سندس خوشگوار زندگي زهر ڪري ڇڏيان...!“
    ”تو سان شادي کان پوءِ منهنجي زندگي زهر نه ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي ٿي پوندي...!!“ نرگس چيو:
    ”بس تون مون کي صرف ايترو ٻڌاءِ ته ڇا تون مون سان محبت نه ٿو ڪرين...؟؟“
    ”ڪ... ڪ... ڪيان ٿو...!“ اهي لفظ ادا ڪندي آئون سڄو ڏڪي ويو هئس.“
    ”پوءِ شاديءَ کان انڪار ڇو ٿو ڪرين...!؟“
    ”محبت جي منزل رڳو شادي نه هوندي آهي...!!“چيم.
    ”پوءِ محبت جي منزل ڪهڙي هوندي آهي...؟“ نرگس پڇيو.
    ”محبت جي ڪا به منزل نه هوندي آهي نرگس...!“
    ”پر اسان جي محبت جي منزل آهي...!!“چيائين:
    ”شايد تون ان ڪري شاديءَ کان انڪار ٿو ڪرين ته، آئون توکان عمر ۾ سڄا سارا ڇهه سال وڏي آهيان ...!! پر ٻڌائي ٿي ڇڏيانءِ توکان ڇهه سال اڳ ۾ ان ڪري پيدا ٿيس جو مون کي ڊپ هو ته تون ڪٿي مون کان اڳ ۾ نڪري نه وڃين ۽ آئون تو تائين ڪڏهن به نه پهچي سگهان...! ان ڪري ڇهه سال پهرين کان تنهنجو اڳ جهليون بيٺي آهيان...! هاڻ توکي هٿان وڃڻ نه ڏينديس...!“
    ”نرگس...!آئون توکي چاهڻ جي باوجود به پنهنجو نه ڪندس...!“چيم: ”ڇو ته تون مون کان ڪافي مٿي بيٺي آهين. آئون تنهنجي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهيان...!“
    ”نه منصور...! تون ئي منهنجو سڀ ڪجهه آهين...! تو بن آئون ڪجهه به نه آهيان...!“
    ”نرگس مان ڪجهه به نه آهيان..! تون ته مون کي ويجهي کان پرکي ڏٺو آهي، پوءِ به غلط فهميءَ جو شڪار ٿي وئي آهين...! تنهنجي منزل مان نه آهيان. سچ پڇين ته آئون ڪنهن جي به منزل نه آهيان...!“
    ”منهنجي منزل تون آهين...!“ اکين سان اکيون ملائيندي چيائين.
    ”نه نه...! تون غلطي پئي ڪرين...! “
    ”ٺيڪ آهي جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو ڪرڻ نه ٿو چاهين ته ڀل نه ڪر...پر ڇا تون مون کي هميشه ياد رکندين...؟؟“
    ”نه...!“
    ”ڇو...؟؟“
    ”مان صرف پنهنجي سوالن کي ئي ياد رکندو آهيان ۽ انهن سوالن جي جوابن جي ئي ڳولا هوندي اٿم. ان ڪري جنهن کي جنهن جي ڳولا هوندي آهي اهو صرف ان کي ئي ياد رکندو آهي...!“
    ”پر آئون توکي زندگي جي آخري لمحي تائين نه وساري سگهنديس...! ڇو ته تون منهنجي ڳولا آهين...!“
    ”تنهنجي ڳولا سئو فيصد غلط آهي...!“چيم:
    ”مان تنهنجي لائق نه آهيان...!!“
    ”آئون زندگي ۾ فقط هڪ ڀيرو ڪنهن جي ڳولا ڪئي آهي منصور..!“ نرگس چيو: ” ان ڪري مون کي يقين آهي ته ’ڪولمبس‘ جيان غلط جڳهه کي پنهنجي منزل مقصود هر گز نه سمجهنديس...! تون مون کي صرف اهو ٻڌاءِ ته تون منهنجو ساٿ ڇو ڏيڻ نه ٿو چاهين...؟؟“
    ”ان جو سبب آئون توکي پهريان ٻڌائي چڪو آهيان نرگس...!“چيم: ”آئون ڪنهن به طرح سان تنهنجي لائق نه آهيان...! تون مون کان تمام گهڻو اڳتي آهين...! ايترو جيترو آسمان ۽ زمين...!!“
    ”اسان ۾ ايترو فاصلو نه آهي...!“ نرگس چيو:
    ”پر اسان جي وچ ۾ سائيڪل جي ٻن ڦيٿن جيترو مفاصلو آهي...!“
    ”پوءِ ڇا اهي گهٽ مفاصلو هوندي ڪڏهن پاڻ ۾ ملي سگهيا آهن...!؟“ ان تي هوءَ خاموش رهي، ڪافي دير تائين لفظ به ڪو نه ڪڇيائين.
    ”ٺيڪ آهي منصور مان مڃيو ته تون منهنجو نه ٿو ٿيڻ چاهين...!“ نرگس جي آواز ۾ عجيب لرزش هئي، جيڪا مون پهريون ڀيرو محسوس ڪئي هئي:
    ”تنهن هوندي به مون کي ڪو به ڏک نه آهي...! ڀلا اها مون کي ڪهڙي خبر ته منهنجي مقدر ۾ لکيل منزل اهڙي هوندي جنهن تائين پهچندي پهچندي مون کي سال لڳي ويندا ۽ اهي سفر جا سال مون ڪيئن گذاريا ان جو احساس صرف مون کي ئي آهي پر پوءِ به منهنجي لاءِ منزل راحت نه پر نٽهڻ اُس ثابت ٿيندي، جنهن جي تيز تپش منهنجي رهيل اميدن، حسرتن، خوابن ۽ آسن کي ساڙي هميشه لاءِ ڀسم ڪري ڇڏيندي، خير زندگي کي پنهنجو اهو رنگ به مون کي ڏيکارڻو هو سو مون ڏسي ورتو ...!“
    ايئن چئي هو خاموش ٿي وئي. سندس اکين لڙڪ ڳاڙڻ پئي چاهيا. جن کي هوءَ روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي.
    ”زندگي جو رنگ ...!“ مون پڇيو:
    ”ڇا زندگي کي به رنگ هوندا آهن...!؟“
    ”ها...!“
    ”ڪيئن...!؟“
    جنهن تي گهڙي پل جي خاموشي کان پوءِ چيائين:
    ”انساني زندگي ۾ به ڪجهه اهڙا واقعا رونما ٿيندا آهن، جن کي وسارڻ ۾ ئي ان جي بهتري هوندي آهي. پر پوءِ باوجود ڪوششن جي انهن واقعن کي ڪڏهن به پنهنجي زندگي مان نه ڪڍي سگهبو آهي. اهڙن ئي واقعن کي زندگي جو رنگ چئبو آهي. ۽ زندگي به اهڙن رنگن کان سواءِ بلڪل ٻاڙي، ڦڪي، ٻسي ۽ بي رنگ هوندي آهي...!“
    ايئن چئي هوءَ خاموش ٿي وئي.اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيس ۽ هن ڀيري ان ڳاڙهين اکين مان ٻه لُڙڪ ڳڙي پيا هيس. دل پئي گهريو ته اهي گرم لُڙڪ پِي پنهنجي دل جي بنجر ٿيل زمين کي آباد ڪريان...! پر ايئن به ڪري نه سگهيس. ڪجهه گهڙيون اسان ٻئي خاموش رهياسين. منهنجي ذهن ۾ هر وقت طوفان جيان اٿندڙ سوال ماٺ ۾ هئا. شايد نرگس جي لُڙڪن منهنجي ذهن جي ڊُسڙ ۾ کين ڄمائي ڇڏيو هو.
    ”منصور...!!“ نرگس سسڪندي ڳالهايو:
    ”منهنجي اميد ۽ دعا آهي ته تنهنجي منزل محبت جي اهڙي واديءَ هجي جتي سور ۽ صدمي کان ڪير واقف ئي نه هجي...! اتي پهچي مون کي ڪڏهن به ياد نه ڪجانءِ...! پر خدا نه ڪري جيڪڏهن تنهنجي منزل به مون جيان دردن جو درياءَ هجي ته پوءِ خدارا ان ۾ ٽُٻي نه هڻجانءِ ۽ مون ڏانهن موٽ ڪجانءِ...! مان تنهنجي انتظار ۾ هونديس...!!“
    ايئن چئي هوءَ اٿي وڃڻ لڳي ته پڇيومانس:
    ”نرگس...! ڪيڏانهن... اڄ نه پڙهائيندو ڇا...!؟“
    ”ڊگهي سفر کان بعد انسان جڏهن پنهنجي منزل تي پهچندو آهي ته پوءِ هو ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ آرام ڪرڻ پسند ڪندو آهي...!“ نرگس چيو:
    ”پر جڏهن ڪنهن انسان کي منزل ملندي به نه ملي ته پوءِ اهو ڪنهن کي سمجهائڻ يا پڙهائڻ لائق نه پر خود پڙهڻ ۽ سمجهڻ لائق هوندو آهي. هاڻ تون مون کي ڪڏهن به نه ڏسي سگهندين...! سواءِ خوابن جي...!!“
    ايئن چئي هوءَ هلي وئي. آئون سوچيندو رهيس ته ’آخر آئون نرگس جي لائق ڇو نه ٿي سگهيس..!؟‘ پر ان جو جواب مون وٽ ڪو نه هو.بس پنهنجي خشڪ اکين مان ٻه ڏٻرا ۽ مصيبت جا ماريل لُڙڪ ڪريا هئا...! جن مون کي ٻين ڳالهين جو جواب ته نه ڏنو پر هڪ سوال جو جواب ضرور ڏنو. جنهن جو جواب اڃان تائين مون ڪو به نه ڏئي سگهيو هو ته ’مان ڄمڻ وقت ڇو رُنو هئس...!!‘
    ***


    بيورو ڪريڪ

    امان مون کي ٽِفن باڪس ڏيندي چيو:
    ”پُٽ هي ماني پنهنجي چاچا کي ڏئي اچ، سندس گهر ڀاتي سڀ مائٽن ڏانهن گهمڻ ويا آهن...!“
    امان کان ٽفن باڪس وٺندي چيم:
    ”ناز ته گهر نه هوندي نه...!؟“
    ”نه چنڊا...!“ امان مرڪندي چيو:
    ”چيم نه ته ،گهر ۾ صرف ۽ صرف تنهنجو چاچو رهيل آهي...!“
    اهو ٻڌي اطمينان ٿيو ۽ پوءِ منهنجا قدم چاچي وارن جي گهر طرف وڌڻ لڳا. موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي، هلڪي برسات اڃان موسم کي وڌيڪ دلڪش ڪري ڇڏيو هو، چاچا جو گهر ته اسان جي گهر کان ڪافي پري هو پر پوءِ به سُٺي موسم جي ڪري مون کي ويجهو محسوس ٿي رهيو هو. ان ڪري آهستي آهستي وکون کڻندو، هلڪي هلڪي برسات مان لطف اندوز ٿيندو، اڳتي وڌڻ لڳو هئس. جو اوچتو نه چاهيندي به منهنجو ذهن ناز ڏانهن کڄي ويو هو، ’انتهائي شرارتيءَ ڇوڪريءَ هئي، ٿوري ٿوري ڳالهه تي به مون گهڻو تمام گهڻو تنگ ڪندي هئي. پوءِ چاهي اڪيلا هجون يا گهر ڀاتي گڏ هجن. هن جون شرارتون جيئن جو تيئن جاري رهنديون هيون. ڪافي ڀيرا بابا جهليو هئس چاچا به سمجهايو هئس پر پوءِ به هوءَ اهو چئي مون کي نه بخشيندي هئي ته هي اسان جو ذاتي مسئلو آهي، اوهان جو ان ۾ ڇا...!؟ موٽ ۾ بابا ۽ چاچا مرڪي پوندا هئا ۽ مان روئي پوندو هئس. منهنجي ان حالت تي چاچي کي هڪ ڀيرو رحم اچي ويو هو ۽ ناز کي ڏاڍي ڦيهه ڪڍي هئائين، مان ڏاڍو خوش ٿيو هئس، پهريون ڀيرو دل کي ڏاڍو سڪون مليو هو پر جڏهن امڙ کي ان قصي جي خبر پئي ته ناز کي منهنجي ڪري مار ملي آهي ته پوءِ گهٽ مونسان به نه ٿي هئي...! ان ڪري ان ڏينهن کان پوءِ ڪنهن سان به ناز جي شڪايت نه ڪئي اٿم. ان وقت ته منهنجي حالت رحم جوڳي ٿي ويندي هئي جڏهن موڪلن ۾ يونيورسٽي کان ڊگهو سفر ڪري گهر پهچندو ئي مس هئس، جو ناز اوچتو اچي نازل ٿيندي هئي، ان وقت مان پاڻ کي هڪ گگدام ڍور ۽ ناز کي ڪو بي رحم ڪاسائي محسوس ڪندو هيم، شايد ان ڪري جو مون ۾ هن سان ڳالهائڻ جي سگهه نه رهندي هئي. هوءَ جيڪو ڪجهه پڇندي هئي ته مان رڳو ”جي ها...!“ ”جي نه...!“ چئي سگهندو هيم ته وڌيڪ ٽِڙي پوندي هئي ۽ مان وڌيڪ پريشان ٿي ويندو هئس. جڏهن ته يونيورسٽي جهڙي وڏي تعليمي درسگاهه ۾ مون جهڙو ڌاڪو شايد ئي ڪنهن جو هوندو...! توڙي جو مان ڪو ڪامريڊ ناهيان پر ڪو ڪامريڊ مون سان ”ڪامريڊي“ ڪري نه سگهندو هو. بدمعاش به نه هئس، تنهن هوندي به يونيورسٽي جا نامي گرامي بدمعاش به چاهڻ جي باوجود منهنجو ڪجهه بگاڙي نه سگهيا هئا پر مان ناز آڏو ايندي ئي الاءِ ڇو بين الاقوامي بيوس ٿي پوندو هئس.‘
    برسات اوچتو ئي اوچتو تيز ٿي وئي هئي، ان ڪري پنهنجي آهستي هلڻ واري غلطيءَ جو شدت سان احساس ٿيو ۽ پنهنجي ان بيوقوفي کي محسوس ڪندي تيز تيز وکون کڻندو چاچي جي گهر جي دروازي وٽ پهتس. دروازو اندران بند هو. جيڪو زور سان کڙڪايم، تيز برسات سچ پچ مون کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، اندران آواز آيو :
    ”ڪير آهي...؟“
    ”مان آهيان...!“
    ”تون ڪير ...!؟“ وري آواز آيو، مان ڏڪي ويو هئس ڇو جو آواز مون سڃاڻي ورتو هو اها ناز هئي. امڙ مون سان دوکو ڪيو هو جنهن ڪري امڙ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي، مون کي ناز جي گهر هجڻ جو جيڪڏهن ٿورو به شڪ هجي ها ته شايد مان ڪڏهن به چاچي جي گهر اچڻ جي غلطي نه ڪريان ها. ان ڪري سوچيم هتان ئي فرار ٿي وڃان پر برسات مون کي اهو موقعو فراهم نه ڪيو ۽ مان وڌيڪ مِينهن جي مار کائڻ بجاءِ ناز جي لفظن جو وڏ ڦڙو سهڻ جو سوچي رڙ ڪيم:
    ”مان آهيان مان ...! وارو ڪر دروازو کول...!“
    ”پر...پر....تون آهين ڪير...!؟“ اندران ٽهڪ ڏيندي چيائين، مون کي يقين ٿي ويو هو ته هن منهنجو آواز سڃاڻي ورتو آهي پر هوءَ مون مولائي کي مِينهن ۾ پسائي خوش ٿي رهي آهي. بهرحال مان في الحال واپس گهر وڃڻ جي غلطي نه ٿي ڪري سگهيس. ان ڪري پنهنجي صفائي پيش ڪندي چيم:
    ”مان آهيان تو وارو بدنصيب سوٽ احسن...!“
    ”او... بيوروڪريڪ...!!“ اندران مصنوعي تعجب مان رڙ ڪيائين. ”اف...! مصيبت مٿان مصيبت...!“ دل ئي دل ۾ چيم:”وري هي نئين مصيبت...!“
    ڪجهه ڏينهن پهريان جڏهن ڪافي نارمل ٿي پڇيو هئائين:
    ”تنهنجو مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ جو ارادو آهي...!؟“
    وراڻيو هيم: ”بيورو ڪريٽ...!“
    ”بيورو ڪريڪ...!!!“ هوءَ کلي پئي هئي ۽ پوءِ ايترو کلي هئي جو مان روئي پيو هئس، هونئن به جڏهن هوءَ گهڻو کلندي هئي ته مان روئي پوندو هئس.
    ”تون بيورو ڪريٽ نه...! بيرو ڪريڪ ٿيندين...! بيورو ڪريڪ...!“ ٽهڪن تي ضابطو آڻيندي چيو هئائين:
    ”ان ڪري مان توکي ’بيورو ڪريڪ‘ سڏينديس... بيورو ڪريڪ...!“
    هوءَ هڪ ڀيرو وري کلي پئي هئي ۽ اڄ ان تي عمل ڪري منهنجي لاءِ هڪ نئين مصيبت پيدا ڪري ڇڏي هئائين. يعني: ’احسن مان بيورو ڪريڪ...!‘
    ڪجهه لمحن جي خاموشي کان پوءِ رڙ ڪيم:
    ”بيورو ڪريڪ ئي سمجهه...! پر دروازو کول...!“
    اندران وري هڪ ڀيرو شاندار ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ مان آپي مان ٻاهر نڪري ويو هئس.ڪاوڙ ۾ هڪ زوردار لت دروازي کي هيم پر لوهي دروازي کان وڏي رڙ مون کان نڪري وئي هئي، پير ۾ هوائي چپل هجڻ جي ڪري منهنجي پير جو مٿيون حصو زوردار نموني دروازي سان ٽڪرائجي ويو هو.
    ”مصيبت مٿان مصيبت ...! انهي مٿان وري هڪ نئين مصيبت...! آخر مان ڪيان ته ڪيان ڇا...!؟“
    پنهنجي ساءِ بيوسي مان ڀڻڪيم، اندران ٽهڪن جو آواز وڌندو ٿي ويو ۽ محسوس ٿي ڪيم ته مون تي صرف ناز نه ٿي ٽهڪ ڏئي، پر برسات به کِلي ٿي... هوا به چيٻاڙا ٿي ڪڍيا... ڀِتين به نه ٿي بخشيو... مان ٻُڏتر جو شڪار ٿي ويو هئس... مسئلو اهو نه هو ته سڀ منهنجي حالت تي کِلي رهيا هئا پر مسئلو اهو هو ته ان وقت ڪو مون سان همدرديءَ ڪرڻ وارو ڪو نه هو. مِينهن پنهنجي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ تيار نه هو. ان ڪري مون پنهنجي تڪليف وساري بيوسيءَ مان رڙ ڪئي:
    ”ناز...! مولا کي مڃ دروازو کول...! نه ته مان آندل ٽفن باڪس سان خودڪشيءَ ڪندس...!“
    ”ڀلا ماني آندي اٿئي ڇا...!؟“پڇيائين.
    مان حيران ٿي ويو هئس، منهنجي خودڪشيءَ واري ڌمڪي مٿس ڪو اثر ڪو نه ڪيو هو. رهندو ئي اهڙو سوال ڪيائين جو مان به دل ئي دل ۾ مرڪي پيو هئس.
    ”هونئن ...!“ چيم: ”تنهنجي سڪ لڳي هئي ڇا...؟“
    ”پهريان ڇو نه ٻڌايئي...!؟“ دورازو کوليندي چيائين:
    ”سچ ڏاڍي بُک لڳي آهي...!“
    گهر اندر داخل ٿيندي خيال آيو: ’ڏيانس گهٽو... ڪيانس پورو...!‘
    پر ڏٺم ته مون وانگي مِينهن ۾ هُوءَ به سڄي پُسي وئي هئي، ته به چهري تي هلڪي مسڪراهٽ هيس، مان پنهنجو ارادو تبديل ڪري تير جيان تيز پنهنجي نشاني ڏي وڌڻ لڳس، ٻي لمحي مان چاچي جي ڪمري ۾ ٽيبل اڳيان رکيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيو هئس ۽ ٽِفن باڪس ٽيبل تي رکي ٿڌا ساهه ڀري رهيو هئس جو ناز به ٻاهريون دروازو بند ڪري منهنجي سامهون رکيل ڪرسيءَ تي ويهي ٽِفن باڪس کي خطرناڪ نظرن سان گهورڻ لڳي هئي، مان سندس ارادو سمجهي ويو هئس، ان ڪري ٽِفن باڪس پنهنجي قبضي ۾ ڪندي چيم : ”چاچا ڪٿي آهي...؟ هن ۾ صرف ان جي ماني آهي...!“
    ”بابا ٻاهر نڪري ويو آهي...!“ وراڻيائين: ”ڄاڻ آيو پر مان ...!“
    ”توسان منهنجو ڪهڙو واسطو...!“
    ”واسطي جي ڳالهه نه ڪر بيورو ڪريڪ...!“ ( آخري لفظ ٻُڌي اندر ئي سڙي ويو هيم) ”اهو ٽفن باڪس منهنجي حوالي ڪر...!“
    ”نه بلڪل نه ...!“وراڻيم: ” اهو صرف چاچا جو آهي...!“
    ”تنهنجو چاچا، منهنجو بابا آهي، سمجهيئي...؟“
    ”پهريان منهنجي حالت ڏٺي اٿئي...؟“
    ”ها...!“ مسڪرائيندي وراڻيائين.
    ”ان ۾ گهڻو عمل دخل تنهنجو ئي آهي...!“چيم.
    ”مون ڏي ڏوهه نه ڏي بيورو ڪريڪ...!“ کلندي چيائين:
    ” اها قدرت ڪئي اٿئي...!“
    ”ٺيڪ آهي...!“ چيم: ”قدرت ئي سهي، پر هاڻ ته تون مهرباني ڪري، ڀاڻين جا ڪپڙا آڻي ڏي ڏاڍو سيءُ پيو ٿئي...!“
    ”هل...! ايڏو ڀلو آهين ڇا...؟“ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيندي چيائين:
    ”جو منهنجي سونَ جهڙي ڀاءُ جا ڪپڙا پائيندين...؟“
    ڏاڍو تعجب ٿيو هو: ’سونَ ۽ ناز جو ڀاءُ...!‘ جنهن کي ته هر ڪا ڇوڪريءَ پسند هئي پر ڪا اهڙي نه ٿي مليس جيڪا هُن کي به پسند ڪري ۽ ناز کي اهو سِهرو چوڻ جو موقعو ملي ته ادو منهنجو چوڏهين جو...!!“
    بهرحال مون وري کيس منٿ ڪندي چيو :
    ”ڀلا چاچا جا ڪپڙا آڻي ڏي...!“
    ”بابا جا...! اهو ته بنهه نا ممڪن آهي...!“ وراڻيائين:
    ”باقي جيڪڏهن تون چوين ته مان پنهنجا ڪپڙا آڻي ڏيائين...!“
    ”اُف... خدايا...!“ پنهنجي ٻنهي هٿن سان منهن لڪائيندي چيم:
    ”مان ڪٿي اچي ڦاٿو آهيان...؟ مصيبت مٿان مصيبت... انهي مٿان مصيبت، وري هي نئين مصيبت...!!!“
    مون کي ايئن ششدر، وائڙو ۽ وڦلجندو ڏسي هوءَ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳي هئي ۽ مان روئڻ لڳو هئس. ان وقت مان پاڻ کي اهڙي ٽارچر سيل ۾ محسوس ڪيو جتي ڪنهن قيدي تي بي انتها تشدد ڪيو ويندو آهي فرق صرف ايترو هو جو ان قيدي کي جسماني عذاب ڏنو ويندو آهي، هتي مون روحاني عذاب ٿي ڀوڳيو، جيڪو جسماني عذاب کان گهڻو... تمام گهڻو هوندو آهي. ڪجهه دير کان پوءِ هُن ٽهڪ ڏيڻ بند ڪيا، پهريون ڀيرو همت کان ڪم وـندي ليس ڪاوڙ مان چيم:
    ”بس ڇو ڪيئي ڏي نه وڏا وڏا ٽهڪ...! اڄ جيڪا مون سان ويڌن ٿي آهي...! ممڪن آهي ان ۾ تنهنجو ڪو قصور ڪو نه هجي، باقي ان سازش ۾ امان جو سئو سيڪڙو هٿ آهي... رڳو پهچان... پوءِ ڏسجانءِ منهنجي خلاف سازش جو منصوبو ڪيئن جوڙبو آهي...!“
    مون ڏٺو هوءَ وري کلڻ لڳي هئي، منهنجي ڪاوڙ مٿس ڪو اثر ڪو نه ڪيو هو... ان ڪري پهريون ڀيرو سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳو هئس ته: ’ڇا واقعي مان ڪو بيوقوف آهيان...؟يا ڪو ننڍڙو ٻار آهيان... جن جي ڳالهين تي ماڻهو ازخود کلي پوندو آهي...!‘
    ”چاچيءَ جو ڪو به قصور ڪونهي، بيورو ڪريڪ...!“
    کلندي سهڪندي چيائين:
    ”مان به واقعي مائٽن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار هيس پر اتفاقن رهجي ويس...!“
    ”ان تو واري اتفاقن ته ماريو آهي...!“
    ”اڃان ته اهڙا گهڻا اتفاق ٿيندا بيوروڪريڪ...!“
    ”پنهنجي پيارن جي صدقي...!“ ٻانهون ٻڌي کيس چيم: ”مون کي ’بيرو ڪريڪ‘ نه چئو مان اَحسن آهيان...!“
    ”ٺيڪ آهي...!“ هلڪي مسڪراهٽ سان وراڻيائين:
    ”اڳتي مان توکي احسن سڏينديس بيورو ڪريڪ...!“
    ”بيورو ڪريڪ ...! بيورو ڪريڪ...!“ اٿندي چيم:
    ”مان هلان ٿو...!“
    ”ڪيڏانهن ...؟“
    ”پنهنجي گهر...!“
    ”هي ڪنهنجو گهر آهي...!؟“
    ”تنهنجو...!“ (مايوس ٿي وئي هئي)
    ”ٻاهر تيز برسات ٿي پئي...!“
    ”مون کي خبر آهي...!“ وراڻيم:
    ”مان اها سهي ويندس پر تو واري گفتگو مون کي ماري وجهندي...!“
    ”چڱو ماشاءَ الله...!“ ٽِفن باڪس کوليندي چيوهئائين.
    ”ناز...!“ ويندي ويندي کيس چيم:
    ”هاڻ تون جيئن وڻئي تيئن ڪر...! پر ياد رک هڪ ڏينهن تون مون وٽ ضرور ايندينءَ...!“
    ”پوءِ ته اُڦٽ مري ويندينءَ...!“ اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو هئائين:
    ”نه ٿو ڄاڻين ته منهنجي زبان وانگر منهنجا هٿ به تيز... تمام گهڻو تيز هلندا آهن بيورو ڪريڪ...!!“
    مون ۾ وڌيڪ اتي بيهڻ جي همٿ نه هئي،گهر پهچندي پهچندي برسات ڪافي جهڪي ٿي وئي هئي پر منهنجي حالت رحم جوڳي ٿي وئي هئي. امان سبب پڇيو سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي مانس ته امان به کِلڻ لڳي، مون پهريون ڀيرو امان کي ايترو گهڻو کِلندي ڏٺو هو.
    ”ڏاڍي سٺي ڇوڪري آهي...! منهنجو ته ساهه اٿس... جڏهن هوءَ پنهنجي گهر ايندي آهي ته مان ان ڏينهن پنهنجي گهر کي دنيا جو خوشنصيب گهر سمجهندي آهيان...!“
    ”مون لاءِ مصيبت امان ۽ اوهان لاءِ خوشي...!؟“ ايئن چئي مان پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو هيم.
    وقت اک ڇنڀ ۾ گذري ويو هو، يونيورسٽي مان فارغ ٿي مان عنقريب بيورو ڪريٽ ٿيڻ وارو هئس جو هڪ نئين مصيبت منهن ڪڍيو، امان چيو:
    ”پُٽ...! تون هاڻي تعليم مڪمل ڪري چڪو آهين، ان ڪري توکي موڙ ٻڌڻ ٿي گهران...!“
    ”ضرور امان...! چيو هيم: ”پر ٿورو صبر ڪريو...!“
    ”نه...! ڪڏهن به نه...!“ امان فيصلا ڪن لهجي ۾ چيو:
    ”مان هاڻ وڌيڪ صبر نه ٿي ڪري سگهان، تنهن ڪري اڄ ئي تنهنجي چاچي وارن سان ڳالهه پڪي ڪري ٿي اچان..!“
    ”چاچي وارن سان ڇو...؟“
    ”ڇوڪري جو انهن جي آهي...!“
    ”توهان جو اشارو ’ناز‘ طرف آهي امان...!“
    ”ها بلڪل...!“ امان چيو:
    ”ڇا تون ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ کي پسند ٿو ڪرين...!؟“
    ”ڳالهه پسند يا نا پسند جي ناهي امان...!“وراڻيم:
    ”باقي مان ’ناز‘ سان شادي هرگز نه ڪندس... ڪڏهن به نه ڪندس...!“
    ”هي تون ڇا پيو چوين پُٽ...!!!؟“
    ”مان صحيح پيو چوين امان...!“
    ”تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آهي...!؟“
    ”ها بلڪل...!“
    ”پوءِ ڪهڙي خرابي آهي ’ناز‘ ۾...!؟“
    ”ڳالهه خامي، خرابي جي به نه آهي امان...!“ چيم:
    ”اسان ٻنهي جون طبيعتون مختلف آهن ...! مان هن جي سامهون ڪجهه ڪڇي به نه سگهندو آهيان، پوءِ ان سان شادي ڪري مان سڄي عمر گونگو ٿي گذارڻ نه ٿو چاهيان...!“
    ”هوءَ توکي ڏاڍو چاهي ٿي پُٽ...!“ امان نرميءَ سان چيو:
    ”ٻيو ته اوهان ننڍي هوندي کان...!“
    ”ڪجهه به هجي امان...!“ امان جو جملو ڪٽيندي چيم:
    ” مان ايئن نه ڪندس...!“
    ”پوءِ سمجهي ڇڏ تنهنجي هن گهر ۾ ڪا به جاءِ ڪونهي...!
    ”ڪا ڳالهه ڪونهي امان...!“
    ”ڇا تون اسان کي وساري سگهندين...؟“
    ”قيس ته خدا کي به وساري ڇڏيو هو امان...!“
    ” تون انڌو ٿي ويو آهين...!“
    ”اکيون هاڻ کليون آهن امان...!“
    ”ناز ۾ منهنجو ساهه آهي اَحسن...!“
    پهريون ڀيرو امان جي زبان مان پُٽ بدران ’احسن‘ جو لفظ ٻُڌي وائڙو ٿي ويو هيم. ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڇا ڪيان جو اوچتو ’ناز‘ اچي وئي هئي ته مان هميشه جيان خاموش ٿي ويو هيم، ڪنهن گونگي جيان...! لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا،ڳيتون ڏيڻ لڳو هيم، جو ’ناز‘ امان کان پڇيو:
    ”ڇا ڳالهه آهي چاچي... تون پريشان نظر پئي اچين...!؟“
    ”ناز هن جو مٿو ڦري ويو آهي...!“
    ”اها ڪا نئين ڳالهه ناهي چاچي...!“ ناز مون ڏانهن شرارتي نظرن سان ڏسندي چيو:
    ”چئي پيو ناز...!“ امان وري ڳالهايو:
    ”ته مان ناز سان شادي نه ڪندس...!!“
    مون ناز ڏي ڏٺو پهريون ڀيرو ڪنڌ جهڪي ويو هيس، خاموش ٿي وئي هئي، مون به ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو. پاڻ کي ان وقت ڦاهي تي ڦتڪندو محسوس ڪيو هيم. ڪجهه لمحن کان پوءِ ’ناز‘ جو آواز ڪنن تي پيو هو:
    ”چاچي تون ڇالاءِ ٿي پريشان ٿئين...؟ هن چِٻي سان شادي ڪندو ڪير...! مان ته اڄ اوهان کي صرف اهو ٻڌائڻ آئي هيس ته اوهان کي ان خوشفهمي ۾ نه رکان ته ڪو مان هن چرٻٽ سان شادي ڪنديس...!“
    اهو ٻڌي مان حيران ٿي ويو هئس. زندگي ۾ پهريون ڀيرو ايڏو وڏو تعجب ٿيو هيو. ان ڪري منهنجون اکيون پهريون ڀيرو ٽڪ ٻڌي ’ناز‘ جي چهري کي گهوري رهيون هيون سندس ڳالهائڻ وارو انداز ته ساڳيو هئس پر جملن ۾ اها جوت نه هئس، لفظن مان اها طاقت ڇڏائجي وئي هئس، جنهن جي سٽ مان نه سهي سگهندو هئس...!
    ”هي ڇا پئي چوين ناز...؟“
    امان شايد پوري قوت گڏ ڪري ڳالهايو هو:
    ”مان صحيح پئي چوان چاچي، مان صحيح پئي چوان...!“
    ناز امان کي ۽ امان ناز کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو. ناز سڏڪندي رهي هئي مان کلندو رهيو هئس، هن جي ويندي ئي مون امان کي چيو:
    ”ڏٺئي امان...! هن پاڻ ئي انڪار ڪري ڇڏيو...!“
    ”مان ڄاڻان ٿي احسن...! ته هوءَ توسان بي انتها محبت ڪري ٿي...!“ ”امان پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو هو:
    ”ناز توکي ايترو چاهي ٿي جو شايد ئي ڪنهن ڇوڪريءَ ڪنهن ڇوڪري کي ايترو چاهيو هجي...!“
    ”پوءِ هن انڪار ڇو ڪيو امان...!؟“ اٻهرائي مان پڇيو هيم.
    ”تون هن جي انڪار کي ڇا سمجهي سگهندين...!“ امان چيو هو: ”تون ته هڪ پٿر آهين...! اهڙو اڻ گهڙيو پٿر...! جيڪو ڌڪ هڻڻ سان به ناهي ٽٽندو... جيڪو به کيس کڻڻ، اپنائڻ يا گهڙڻ چاهيندو آهي ته هو ان جا به هٿ ٽُڪي وجهندو آهي ته پوءِ تون ڪنهن جي ڳالهه ڇا سمجهندين...؟ ۽ توکي ’ناز‘ جي پيار يا انڪار جو ڪهڙو قدر ٿيندو اَحسن...!!!“
    ايئن چئي امان منهنجي ڪمري مان نڪري وئي هئي. مان هڪ ڀيرو وري پريشان ٿي ويو هئس ’ناز‘ جا جملا مون کي گُهٽي رهيا هئا ته امان جي لفظن منهنجي تڪليف ۾ اڃان به اضافو ڪري ڇڏيو هو، مان اهڙي ٻُڏتر جي ور چڙهي ويو هئس، جيڪا ٻُڏتر کي به ٻُڏتر ۾ وجهي ڇڏيندي آهي. مان پنهنجي ئي دل جي درياءَ ۾ ٻڏڻ لڳو هئس آخر غوطا کائي کائي ساڻو ٿي بستر تي ڪري پيو هيم، هوش تڏهن آيو جڏهن گهر ۾ گوڙ ٿي ويو هو. مان حيراني مان ڪمري مان نڪتس ئي مس جو امان جو ڪنن تي آواز پيم، ڪافي پريشان هئي:
    ”ناز کي اوچتو خبر نه آهي ڇا ٿي ويو آهي...! هوش ئي وڃائجي ويا اٿس...!“
    امان خبر نه آهي ٻيو به الاءِ ڇاڇا چيو پر مان اهي پهريان جملا ٻُڌي، ٻيو ڪجهه ٻڌي نه سگهيو هئس.
    اها حقيقت هئي ته’ ناز‘ کي مون شدت سان ڪڏهن به نه چاهيو هو پر اڄ ان لاءِ منهنجي دل بي ترتيب ڌڙڪي رهي هئي، تيز...تمام تيز... ۽ گهڻو تيز...! مون کي پهريون ڀيرو اهو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو هو ته ’ناز‘ کي صرف مون نه چاهيو هو... منهنجي دماغ نه مڃيو هيو.... پر منهنجي دل ته شايد ازل کان هن کي چاهيندي آئي هئي...! ان جو سڀ کان وڏو ثبوت ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، ته جڏهن هوءَ ايندي هئي ته منهنجي دل احترامن خاموش ٿي ويندي هئي، دل آڏو دماغ به بيوس ٿي پوندو هو، جو ڪجهه ڳالهائي به نه سگهندو هيم. جڏهن ته منهجي اڪثر دوستن کي اها شڪايت هئي ته مان گهڻو ڳالهائيندو آهيان. اڄ اهو به احساس ٿي رهيو هو جو ’ناز‘ جيترو مون کي تنگ ڪندي هئي ان کان گهڻو وڌيڪ هن مون لاءِ پيار گڏ ڪري رکيو هو. اها هن جي چاهت ئي هئي جو هن منهنجي خوشي خاطر مون سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري گهاٽي محبت جو ثبوت ڏنو هو...! مان ڪافي وقت سوچيندو رهيس، هاڻ مون کي ’ناز‘ جو هر لفظ پاڻ کان وڌيڪ پيارو ٿي لڳو.
    مون ڊوڙ پاتي هئي ’ناز‘ جي گهر ڏانهن...! زندگي ۾ ايترو تيز ڪڏهن به نه ڊوڙيو هيم، امان وارا ته پهريان ئي اوڏانهن وڃي چڪا هئا... مان به ڊوڙندو سهڪندو ناز جي گهر پهتو هئس... جتي ننڍڙي ڊرائينگ روم ۾ چاچا ۽ ڊاڪٽر پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا شايد ٻيا سڀ گهر ڀاتي ’ناز‘ جي ڪمري ۾ هئا.
    ”ڊاڪٽر خدا جي واسطي ڪجهه ڪريو...!“ چاچي وڏي مشڪل سان ڳالهايو هو: ”نه ته مان مري ويندس...!“
    ”حوصلو رک ادا، الله ڀلي ڪندو...!“
    ”ڇا هاڻ ناز هوش ۾ نه ايندي...!؟“
    ”مان ٻڌائي چڪو آهيان ته کيس شديد دل جو دورو پيو آهي، ٻيو ته سندس دل پهريائين ڏاڍي ڪمزور هئي...!“
    ”پر پهريان ته نه اوهان، نه ئي ناز اهڙي ڳالهه ڪئي هئي...!“
    ”اسان توهان کي پريشاني ۾ وجهڻ نه ٿي چاهيو...!“ ڊاڪٽر ڳالهائڻ لڳي ٿو: ”پر اها حقيقت آهي ته ناز هڪ عورت هوندي به بي انتها بهادر آهي... جڏهن مون کيس اعتماد ۾ وٺي پهريون ڀيرو سندس دل جي عارضي بابت ٻڌايو هو ته هوءَ ڪجهه پريشان ٿي وئي هئي ۽ پوءِ اطمينان سان پڇيو هئائين:’ان جو ڪو علاج...!‘ ته وراڻيو هيم بي بي ان جو علاج ته الله ئي ڪري سگهي ٿو... باقي ڪنهن انسان جي وس جي ڳالهه نه آهي...!البته تون پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪر، مايوسين ۽ پريشانين کي ويجهو اچڻ نه ڏي... ٿوري ڳالهه تي به گهڻو خوش ٿيءُ....يعني ’تون جيترو عرصو خوش رهندينءَ اوترو عرصو زندهه...!!!‘ پوءِ هوءَ واقعي ئي خوش رهڻ لڳي هئي، ان ڪري محسوس ڪيو هيم ته هوءَ هڪ صحتمند انسان کان به گهڻو وقت زندهه رهندي پر اڄ يقينن کيس ڪو صدمو رسيو آهي...! هاڻ ڪا دوا نه... شايد دعا ئي اثر ڪري سگهي...! “
    مان وڌيڪ ڪجهه نه ٻڌي سگهيو هيم، ڊوڙندو ’ناز‘ جي ڪمري ۾ پهتو هئس جيڪا پنهنجي بستر تي گهري ننڊ ۾ محو خواب ٿي لڳي، سندس چوڌاري سڀ گهر جا ڀاتي موجود هئا مان ڪنهن پاڳل جيان ’ناز‘ جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي چيو هو:
    ”ناز...! ڏس مان اچي ويو آهيان... اکيون کول...!!“
    هوءَ بدستور خاموش هئي مان وڦلجڻ لڳو هئس روئڻ پئي چاهيم پر ڳوڙهن ساٿ ڇڏي ڏنو هو. هونئن به جڏهن دل روئيندي آهي ته اکيون ان ڪم مان فارغ ٿي وينديون آهن... ڪافي وقت خاموشي هئي، سڀ چپ هئا ڄڻ سڀني کي سڪرات هجي، مون وري ڳالهايو هو پر اڳ کان ڪافي تيز...اصل ڄڻ بيوسيءَ مان رڙيون ٿي ڪيم جو سڀئي ’ناز‘ کي ڇڏي مون کي گهورڻ لڳا هئا، جو اوچتو ’ناز‘ جي چپن ۾ گردش اچي وئي حيرت ٿي ان جي لفظ ۾ ڪا به لرزش نه هئي .
    ”ڪير...!“ اکيون بدستور بند هيس.
    ”مان... مان...!!!“ وڏي مشڪل سان ڳالهايو هيم.
    ”تون ڪير...!؟“
    ”مان تنهنجو بدنصيب سؤٽ احسن...!“
    ”بيورو ڪريڪ...!!“
    ”ها.... ها...! تون اکيون ته کول...!“
    هوءَ اکيون کولڻ لڳي هئي سڀ گهر جا ڀاتي ڪنهن گل جيان ٽڙي پيا هئا مون پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. مون ۾ ايتري جرئت ئي ڪا نه هئي جو ساڻس اکيون ملائي سگهان ها...!
    ”مون کي يقين هو تون ايندين ضرور ايندين...!“
    ”ناز ...! مون کي معاف ڪر...!“
    ”ناز کي... ناز آهي پنهنجي محبت تي...!“
    ”مان شرمندو آهيان...!“
    ”ايئن نه چئو بيورو ڪريڪ...!“
    ناز اکيون کولي ڇڏيون هيون.
    ”مان اڄ دنيا جون سڀ چاهتون، سڀ خوشيون کڻي خلوصِ دل سان تو وٽ آيو آهيان...!“
    ”هڪ ڳالهه چوانءِ بيورو ڪريڪ...!؟“
    ”هڪ نه ... هزار چئو...!“
    ”جڏهن مان تو وٽ ايندي هيس ته تون هلڻ جي ڪندو هئين...! اڄ تون مون وٽ آيو آهين مان به وڃڻ واري آهيانءِ...!!!“
    پويون جملو ٻڌي محسوس ڪيو هيم ته ڪنهن جيئري منهنجي دل منهنجي جسم مان ڪڍي ڦٽي ڪئي آهي ۽ مان ڪنهن ذبح ڪيل جانور جيان ڦٿڪي رهيو هئس پر خبر نه آهي پوءِ به ’زندهه‘ ڇو هئس...؟سموري قوت گڏ ڪري التجا ڪندي چيومانس:
    ”ناز...! ٻيهر ايئن نه چئجانءِ...!!“
    ”نه...ڪڏهن به نه...! مرڪندي چيو هئائين:
    ”خدا حافظ بيورو ڪريڪ...!!! خدا حافظ بيورو ڪري...!!!“
    مون ڏٺو سندس نظرون مون مان نڪري ڇِت ۾ کُپي ويون هئس منهنجي هٿ ۾ پڪڙيل سندس هٿ ٿڌو ٿي چڪو هو...! ۽ مان سچ پچ بيورو ڪريڪ ٿي ويو هئس شايد....!!!
    ***


    اسان بين الاقوامي بيوس آهيون

    ”يار خدارا...! مون کي گڏهه نه چئو...!“
    ڪاوڙ ۾ چيم: ”مان گڏهه نه آهيان...!“
    ”ته پوءِ ڇا آهين...!؟“ مجيد سُڃي پڇيو:
    ”گهوڙو، ڏاند، بگهڙ، گدڙ...! انهن کان سواءِ تو محسوس به ڇا ڪرايو آهي...؟“
    ”مان توهان کي جانور ٿو محسوس ٿيان...!؟ هلڪي رڙ ڪندي چيو هيم: ”پر شايد اوهان وساري ويٺا آهيو ته مان به اوهان وانگر ماڻهو آهيان...! نالو مولا بخش اٿم... توهان مونکي مولائي به چئي سگهو ٿا پر گڏهه يا ٻيو جانور نه...!!“
    ”ٺيڪ آهي ان ڳالهه تي سوچينداسين...!“ نبي داد ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيندي چيو: ”پر في الحال تون گڏهه آهين...!“
    ”پر مان گڏهه ڇو آهيان...؟“
    ”چيوسين نه ته ان ڳالهه تي سوچي پوءِ فيصلو ڪنداسين...!“
    مجيد سڃي مرڪندي چيو:
    ”پر ايستائين تون اسان جي نظرن ۾ گڏهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهين...!“
    ”توهان ڪير ٿيندا آهيو فيصلي ڪرڻ وارا...!؟“
    پنهنجي آڏو رکيل ميز تي مُڪ هڻندي چيم:
    ”جيڪڏهن اڄ کان پوءِ مون کي ڪنهن گڏهه سڏيو ته مان ان کي سچ پچ گڏهه،گهوڙو، ٺوڙهو ڪري ڇڏيندس...!“
    ”اڙي توهان جي بڪواس بند ٿيندي يا نه...!؟“ اسان جي سامهون جنرل مئنيجر جي آفيس جي دروازي ڀرسان ويٺل سينيئر ڪلارڪ پنهنجي نوريئڙي جهڙو منهن مٿي ڪري چيو:
    ”صبح کان وٺي بڪ بڪ پيا ڪريو...! هيءَ آفيس آهي ڪا تماشي جي جڳهه نه آهي...! خاموش ٿي ڪم ڪيو ۽ ڪم ڪرڻ ڏيو...! نه ته اوهان سڀني جون ٽڪيٽون ڪٽرائي ڇڏيندس...!“
    ”سائين...!“ هيڊ ڪلارڪ کي چيم: ”هتان کان گهڻيون رڙيون اسيمبلين ۾ اسان جو ملڪ هلائيندڙ حڪمران ڪندا آهن...! پر انهن کي ڪو چوڻ وارو ئي ڪونهي، رڳو آزار ئي اسان مولائن لاءِ آهي...! ڪهڙيون رڙيون ٿا ڪريون...!؟ بس هنن کي (مجيد سڃي ۽ نبي داد کي) سمجهائي رهيو هئس ته مون کي مولائي سڏيو، ان کان سواءِ ڪجهه به نه ...! پوءِ ان تي اوهان کي ڇو ٿي ڪاوڙ لڳي...! جو نوڪريءَ مان ڪڍرائڻ جون ڌمڪيون پيا ڏيو...!“
    ”اڙي...! تنهنجو ايترو من وڌي ويو آهي جو منهنجي سامهون پيو ٿئين...!“ هيڊ ڪلارڪ وراڻيو: ”بس رڳو مئنيجر صاحب کي اچڻ ڏيو...!“
    ”ڇڏيو سائين...!“ مجيد سڃو هيڊ ڪلارڪ سان مخاطب ٿيو:
    ”گڏهه جون ڳالهيون صرف گڏهه ئي دل ۾ ڪندا آهن...!“
    ”اڙي وري گڏهه...!“ ايئن چئي مون مجيد سڃي جي ٻانهن ۾ چڪ وڌو، موٽ ۾ مجيد سڃي جون آهون ۽ دانهون هيون، نبي داد کلي رهيو هو جڏهن ته هيڊ ڪلارڪ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو:
    ”هيءَ ڪهڙي بدمعاشي آهي...؟ مان سڀني کي ڊس مس ڪرائي ڇڏيندس...!“
    ”يار...! هاڻ ڇڏ مجيد سڃي کي... هُو ڏس سامهون مئنيجر صاحب جي ڪار پئي اچي...!“ نبي داد شيشي جي دري مان ٻاهر ڏسندي چيو:
    ”سڀني جي نوڪري هلي ويندي...!“
    پر مان سولائي سان مجيد سڃي کي ڇڏڻ وارو ڪٿي هيم...!
    ”مولائي...! مولا کي مڃ...!“ هيڊ ڪلارڪ چيو:
    ”مئنيجر صاحب پهچڻ وارو آهي، هو سڀني کي ڦٽ بال جيان لت هڻي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو...! جيڪڏهن توهان کي پنهنجو خيال نه آهي ته مون مسڪين تي مهرباني ڪيو... مان ٻارهين ٻار جو پيءُ ٿيڻ وارو آهيان پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو...؟“
    ”ها مولائي...! اهو اسان سڀني جي روزگار جو مسئلو آهي..!“
    وري نبي داد جو آواز آيو:
    ”ڇڏي ڏي هن کي...! اسان ته توکي مذاق ۾ گڏهه چيو تون ته مولائي آهين صفا مولائي...!“
    جنهن کان پوءِ مان مجيد سُڃي جي ٻانهن آزاد ڪئي ۽ پوءِ سڀئي جلدي نارمل ٿي پنهنجين پنهنجين ڪرسين تي ويهي رهياسين. ڇو ته مئنيجر صاحب هاڻي ڪار مان لهي آفيس ۾ داخل ٿي چڪو هو. حسب معمول هن سلام ڪيو ۽ اسان ادب مان اٿي بيهي سندس سلام جو جواب ڏنوسين پر مجيد سُڃي جو ڀيلو منهن... پَٽيل وات ۽ هڪ هٿ پنهنجي ڏوري تي ڏنل ڏسي مئنيجر صاحب کيس سواليه نگاهن سان تڪڻ لڳو ، جنهن تي مون سوچيو ته ’منهنجي نوڪري ته وئي پئي آهي...!‘ ان ڪري وائڙو ٿي ويو هئس جڏهن ته هيڊ ڪلارڪ ۽ نوجوان نبي داد جي حالت ڪنهن به طرح مون کان گهٽ نه هئي پر ان کان پهريان جو مجيد سُڃو ڪجهه چوي نبي داد مئنيجر صاحب کي انتهائي ادب مان چيو:
    ”سائين دراصل ڪالهه شام اوچتو مجيد سُڃي کي تيز بخار ٿي پيو هو پر بدقسمتي سان هي دوا لاءِ هڪ انڌي ۽ بلڪل اڻ تجربي ڪار ڊاڪٽر جي ور چڙهي ويو جنهن ڀُل ۾ کيس ڍورن واري ٿُلهي انجيڪشن هڻي ڪڍي، ان ڪري اڃان تائين ڏوري ۾ ڏاڍو سور اٿس...! جنهن ڪري ڪجهه اٻاڻڪو اٻاڻڪو آهي...!“
    اهو ٻڌي مئنيجر جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ ڇانئجي وئي ۽ پوءِ مجيد سُڃي کي چيائين:
    ”پوءِ اڄ کڻي آفيس مان موڪل ڪري آرام ڪرين ها...!“
    ”صاحب مان به ايئن چيومانس...!“
    مجيد سُڃي بجاءِ هيڊ ڪلارڪ مئنيجر کي جواب ڏيندي چيو:
    ”ته به چيائين سور معمولي آهي هرو ڀرو آفيس مان ڇو موڪل ڪيان...!؟ ڏاڍو محنتي آهي ويچارو...!“
    اهو ٻڌي مئنيجر صاحب بغير ڪجهه چوڻ جي پنهنجي آفيس اندر هليو ويو ۽ اسان وري پنهنجي ڪم کي لڳي وياسين پر مجيد سُڃو ڪم گهٽ ٿڌا ساهه وڌيڪ ڀري رهيو هو...! مان مختلف فائلون چيڪ ڪندو رهيس ۽ ڪجهه فائلون مئنيجر صاحب کي به پهچايم، تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ مجيد سُڃي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو:
    ”يار هاڻي ته مون کي يقين ٿي ويو آهي ته تون...تون...گ...گ...!!!“ مان ڪَرڙيون اکيون ۽ ڏند ڀڪوڙي ڏٺو مانس ته هو منجهي پيو. ان ڪري پڇيو مانس:
    ” ها ها...! ٻڌاءِ ڇا آهيان مان...!؟“
    ”تون...!“ چيائين: ”تون گگدام آهين...! غريب آهين... ۽ مولائي آهين...!“
    اسان وري پنهنجي ڪم ۾ لڳي وياسين. وچ ۾ ڪنهن به نه ڳالهايو شايد ان ڪري وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳ ڪم ختم ڪري ڇڏيوسين.
    مان مجيد سُڃو ۽ نبي داد، ملڪي سطح تي مشهور هڪ پلاسٽڪ فيڪٽريءَ ۾ جونيئر ڪلارڪ هئاسين، اسان جو مئنيجر بهترين ماڻهو هو پر هيڊ ڪلارڪ اسان کي ڏاڍا دڙڪا دهمان ڪندو هو. ان ڪري ان کان ڏاڍو لنوائيندا هئاسين شروع شروع ۾ ته اسان کي اهو نوريئڙيءَ جهڙو ڪلارڪ ڪنهن آفت شافت کان گهٽ محسوس ڪين ٿيندو هو...! ان ڪري سندس هر حڪم اکيون ٻوٽي پورو ڪندا هئاسين، ايتري تائين جو ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر ڀاڄي به پهچائي ايندا هئاسين. هڪ ڀيري جڏهن مان سندس گهر ڀاڄي ڏيڻ ويو هئس ته سندس گهر واريءَ کي ڏسي مون کي بخار چڙهي ويو هو، هوءَ بي انتها ٿُلهي ۽ بي ڊولي هئي...! ان ڪري سوچيو هيم ’جڏهن اها مائي مڇرجندي هوندي ته پاڻ واري دهماني ڪلارڪ جو ميڄالو ئي ڪڍي ڇڏيندي هوندي...!‘ ان وقت هيڊ ڪلارڪ کي يارنهن ٻار هئا پر مون کي پڪ هئي ته جيڪڏهن اهو لغڙي ڪٽ ڪلارڪ وقت کان اڳ نه مئو ته سندس گهر واري يارنهن ٻار ٻيا به ڄڻي ڏيندس...!
    مجيد سُڃي جو اصل نالو ’عبدالمجيد‘ آهي پر اسان کيس مجيد سڃو ڪري سڏيندا آهيون ڇو ته سندس کيسو اڪثر خالي هوندو آهي، ڪڏهن چانهه پيارڻ ته ٺهيو پر ان جي صلاح به نه هڻندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ گڏجي چانهه پيئندا به آهيون ته پنهنجي حصي جي چانهه جا پيسا به ڪُرڪندي ڏيندو آهي. هڪ ڀيري چيو هئائين:
    ”وڏي ڳالهه آهي يار...! منهنجي چانهه جيترا پيسا به نه ٿا ڀريو...! اڳتي هلي ڪهڙا پٽڪا ٻڌرائيندو...!؟“
    جنهن تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي، سوچيم: ’مُنڍيءَ کان وٺي فرش تي ڦيرائي هڻانس...!‘
    ”اسان تو پاري کي پٽڪا ته نه ٿا ٻڌرائي سگهون...!“
    نبي داد جواب ۾ چيو هئس: ”البته جيڪڏهن ضرورت پئي ته لاهڻ ۾ دير نه ڪنداسئي...!“ جنهن تي چڙندي چيو هئائين:
    ”يار توهان دوستيءَ جي لائق ئي نه آهيو...!“
    ”باقي دوستيءَ جو قدر توکي آهي پيارا...!“
    ڪاوڙ ۾ کيس چيو هيم:”جو اسان کي کيسا خالي ڏيکاري... وَر ڀَريون ٿو وتين...!“
    جنهن تي ڪاوڙجي اٿي هليو ويو هو پر ٻي ڏينهن تي ڪاوڙ ڪڍي ڇڏي هئائين.
    نبي داد بندري قد جو آهي...! پيٽ ٻاهر نڪتل اٿس... حالانڪه اڄ ڏينهن تائين رشوت نه ورتي اٿائين توڙي جو سندس ٺاهوڪا شهپر ڏسي ماڻهو ازخود خرچيءَ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا اٿس...!
    نبي داد ’سلطان راهيءَ‘ جون فلمون شوق سان ڏسندو آهي ۽ ان جو سچو عاشق ۽ پرستار آهي. سلطان راهي کي ”ماما“ ڪري سڏيندو آهي. جڏهن سلطان راهي جي قتل ٿيڻ جي خبر اخبار ۾ پڙهي هئائين ته اصل يقين نه ٿي ڪيائين ۽ (هاڻي به يقين نه ڪندو آهي) اڪثر چوندو آهي ته:
    ”ماما سلطان راهي...! مري نٿو سگهي، هو اوچتو وري نروار ٿيندو ۽ وري مار، ڌاڙ ۽ رڙين وارين فلمن کي جلا بخشيندو...! دشمنن جي رت جو درياءَ وهائي ڇڏيندو... هُو انهن کي به نه ڇڏيندو جن سندس مرڻ جون خبرون اخبارن ۾ هلايون آهن ...!“
    نبي داد جي شادي ٿيل آهي سندس گهر واري هڪ سُگهڙ عورت آهي هو کيس ڏاڍو ڀانئيندو آهي. هڪ ڀيري چيو هئائين:
    ”جيڪڏهن مون کي جنت نه ملي ها... (جنت سندس گهر واريءَ جو نالو آهي) ته مان هن دوزخ جهڙي دنيا ۾ شايد ڪِنو ٿي مران ها...!“
    کيس هڪ گلاب جي گل جهڙي معصوم ڌيءَ اٿس. جنهن کي هو ڏاڍو چاهيندو آهي. مان ڪڏهن ڪڏهن نبي داد جي گهر ويندو آهيان، هڪ ڀيري مان جڏهن سندس گهر ويو هئس ته سندس معصوم ڌيءَ مُرڪ مون کي چنبڙي پئي هئي، موٽ ۾ مون کيس پيار ڪيو ۽ کوڙ ساريون ٽاڦيون وٺي ڏنيون هيون مانس. جنهن تي سندس ماءُ چيو هئس:
    ”مرڪ...! پنهنجي چاچي کان ٽاڦيون نه وٺندي ڪر...! ڇو ته هو مولائي آهي...! ڪٿي هيڏانهن اچڻ ئي نه ڇڏي ڏي...!
    موٽ ۾ اسان سڀ کلي پيا هئاسين.
    منهنجو پورو نالو ’مولا بخش‘ آهي پر مان مولائي سان وڌيڪ مشهور آهيان منهنجو واسطو هڪ چڱي چوکي وڏي خاندان سان آهي جنهن جو مان اڪيلو ڪمائيندڙ آهيان، بابا ڪُراڙو آهي، ان ڪري ڪو ڪم نه ڪري سگهندو آهي، ماءُ ٽي بي جي ستايل آهي جنهن جو اڌورو علاج (يعني پيسي آهر)ڪرائيندو رهندو آهيان، ٻه ننڍا ڀائر آهن جن مان هڪ يارهين ۽ ٻيو انٽر جو شاگرد آهي. هڪ ننڍي ڀيڻ به اٿم جنهن تازو اٺين جو امتحان پاس ڪري اڳتي پڙهڻ کان جواب ڏيندي چيو هئائين:
    ”ادا مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ان ڪري اڳتي نه پڙهنديس..!“ خبر نه آهي ته هن ايئن ڇو چيو هو...! جڏهن ته هوءَ ڪافي ذهين هئي، پهرين کان وٺي اٺين تائين ڪڏهن پوزيشن ته ڪڏهن تمام سٺي نمبرن ۾ پاس ٿيندي رهي آهي. مان پنهنجي خاندان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ وسان نه ٿي گهٽايو. اڪثر اوور ٽائيم ڪندو رهندو هيس. موڪل واري ڏينهن به جيڪڏهن ڪا مزدوري ملي ويندي هئي ته ان کان به نه ڪيٻائيندو هئس.
    مان پنهنجو خيال گهٽ رکندو آهيان، اڪثر ڇڳل بوٽ ۽ پراڻن ڪپڙن ۾ ملبوس هوندو آهيان. پهرين تاريخ کان وٺي وڌ ۾ وڌ ويهين تاريخ تائين کيسي ۾ ڪجهه ڏوڪڙ هوندا اٿم. ويهين تاريخ کان بعد کيسي جو اسڪور ڪڏهن پنج ڪڏهن ڏهه روپيه ته وري ڪڏهن ٻڙي وڃي بيهندوآهي. تنهن هوندي به جڏهن اسان (مان، نبي داد ۽ مجيد سڃو) ڪنهن هوٽل ۾ چانهه پيئڻ يا سينيما ۾ فلم ڏسڻ ويندا آهيون ته پيسا مان ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جنهن تي اڪثر نبي داد ڇڙٻيندي چوندو آهي:
    ”اسان سڀئي مالي طور ڪمزور آهيون پر تون اسان سڀني کان سوايو آهين، ان ڪري تون اها حرڪت نه ڪندو ڪر...!“
    هڪ ڀيري ته هلڪي ٿڦڙ به وهائي ڪڍي هئائين پر پوءِ به مون تي اثر نه ٿيو.کيس چيو هيم:
    ”مولائي جيڪڏهن اهڙن حسابن تي سوچين ها يا توجه ڏين ها...! ته پوءِ شايد مولائي نه سڏائن ها...!“
    جنهن تي منهنجي دوستن رايو ڏنو هو ته تون گڏهه آهين...! ڇو ته گڏهن وانگر لوڙين ٿو پر پوءِ به نه پيسي جو خيال اٿئي نه پنهنجو...! پر مون پنهنجي لاءِ گڏهه جو لفظ مناسب نه سمجهو، ان ڪري احتاج ڪندي کين چوندو هيم ته مان گڏهه نه پر ’مولا بخش عرف مولائي‘ آهيان پر مون وارا يار ته به نه مڙندا هئا، ان ڪري اڄ مجيد سُڃي کي چڪ پائي شديد احتجاج ڪيو هيم.
    ”يار مولائي...! اڄ مجيد سُڃي سان ڏاڍي ڪئي اٿئي...!“
    ڪم کان فارغ ٿيندي ئي نبي داد، پنهنجي ڪرسي سوري منهنجي ڀرسان ويهندي چيو:
    ”اڃان ڪجهه نه ڪيو اٿمانس...!“وراڻيم:
    ”جيڪڏهن مئنيجر صاحب نه اچي ها ته ٻُوٽي پٽي ڪڍانس ها...!“
    ”اڙي هاڻ وري ڪهڙي رعايت ڪئي اٿئي...!؟“
    مجيد سُڃي ڳالهايو: ”پنهنجا گهوٻن جهڙا ڏند مون مسڪين جي ٻانهن ۾ اهڙا کُپائي ڇڏيئي جو اڃان پئي ٻانهن ڦٿڪي...! جيڪڏهن مون کي نئين شناخي ڪارڊ ٺهرائڻ جي ضرورت پئي ته يقينن تنهنجي ڏندن جا نشان مان شناخت طور تي لکرائيندس...!“
    ”اڙي وري توهان حوال شروع ڪيا...!؟“ هيڊ ڪلارڪ چيو.
    ”اسان ڪم ڇڏائي ويا آهيون مسٽر نوريئڙا...!“
    ڪافي ڪاوڙ ۾ کيس چيم:
    ”پوءِ حال احوال نه ڪريون ته هڪ ٻئي کي موچڙا هڻون...؟ اجايو اسان مولائن تي دهمان نه ڪر... اسان کي خبر آهي تنهنجي حيثيت جي...!“
    ”اڙي...اڙي...! مان نوريئڙو آهيان...!؟“
    هيڊ ڪلارڪ پنهنجي ڪرسي تان ڪاوڙ ۾ اٿندي چيو:
    ”نه نه سائين...! اوهان نوريئڙا نه آهيو...! هن ڀُوڪ کي ڪهڙي خبر...!؟“ نبي داد چيس:”اوهان ته ڄاهي کان مختلف نه پيا لڳو...!“
    ”توهان...! توهان...! هي ڪهڙي بڪواس پيا ڪريو...!“
    هن ڀيري ڪلارڪ ڪاوڙ مان ڏڪندي چيو.
    ”سائين احمقن جي ڳالهه دل ۾ ئي ناهي ڪبي...!“ مجيد سُڃي وڌي سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو:
    ”اوهان ته سينيئر ترين ۽ محنتي ڪلارڪ آهيو...! هيءَ آفيس هلي ئي اوهان جي سهاري پئي...! شابس آ اوهان جي حوصلي کي جو هيڏو سارو ڪم اڪيلي سر اڪلايو پيا...! سچ سائين، جيڪڏهن اوهان جون همدرديون اسان سان گڏ نه هجن ها ته، يقينن اسان رُلي وڃون ها...!“
    ”چڱو چڱو هاڻي گهڻيون ٽيڪرون نه ڏي...!“
    هيڊ ڪلارڪ واپس ڪرسيءَ تي ويهندي چيس:
    ”ڪم ڪجهه گهڻو آهي...! توهان ٽئي مون کي گڏجي هيءَ فائيل ڇڏائي ڏيو،..!“
    هيڊ ڪلارڪ مجيد سُڃي کي فائيل ڏئي پنهنجي ڪم سان لڳي ويو. مجيد سُڃي فائيل پنهنجي هٿن سان مٿي اُڀي ڪري ڏند ڀڪوڙي پوري قوت سان هيڊ ڪلارڪ کي هڻڻ وارو ئي هو جو هيڊ ڪلارڪ منهن مٿي ڪيو ته هي همراهه کسڪي اچي اسان جي ڀرسان ويهندي چيائين:
    ”سائين بسم الله ڪيو...!“
    ”يار...! توڙي جو مولائي آهيان...!“ فائيل جا ڪجهه پنا جاچيندي چيم: ”پوءِ به لڳي ٿو ته اهو نوريئڙيءَ جهڙو ڪلارڪ مون کان ڪڏهن مار کائيندو...!“
    ”توکان اڳ ۾ مان ڪُٽڪو ڏيندومانس...! ٿورو آرام سان ويهڻ ۽ ڳالهائڻ به نه ٿو ڏئي نڀاڳو...!“
    مجيد سُڃي ڪُرڪندي چيو:
    ”بس ڪڏهن موقعو ملي...! ڀاڳ به کُلي... مان اڪيلو هجان هو به تنها ملي...!“
    ”متان اهڙي غلطي ڪئي اٿئي سُڃا...!“
    نبي داد ڪجهه پنا ٽائيپ ڪندي چيس:
    ”پاڻ واري هيڊ ڪلارڪ جا حال و ري ڪهڙا آهن...! ممڪن آهي هڪ ئي ٿڦڙ سان آسمان ڏانهن اڏامي وڃي...! پوءِ تون ته ويٺو جيل ۾ پلٽا هڻندين پر هن جي ٻارنهن ٻارن تيرهين زال جو ڇا ٿيندو...!؟“
    ”او... چڱو جو اهو احساس ڏيارئي...!“
    مجيد سُڃي ڳالهايو:
    ”نه ته ڪٿي ڇڏيانس ها...!“
    اسان وري خاموش ٿي وياسين، وچ ۾ ڪنهن به نه ڳالهايو ان ڪري ويهن منٽن ۾ ئي سڄي فائيل جو خانو خراب ڪري، منهنجو مطلب آهي ته ٺاهي ٺيڪ ڪري واپس هيڊ ڪلارڪ کي ڏني سين. آفيس ٽائيم جا تقريبن اڃان چاليهه منٽ باقي هئا، ان ڪري اسان وري آهستي ڳالهائڻ شروع ڪيوسين، ڇو ته اسان کي ڊپ هو ته وري نه هيڊ ڪلارڪ ٻي ڪا فائيل کڻائي...!
    ”اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي...!؟“ پڇيم.
    ”اڄ خميس آهي يار...!“
    نبي داد وراڻيو:
    ”ان ڪري هر خميس جيان اڄ به نشاط سئنيما ۾ ’مامي سلطان راهيءَ‘ جي فلم ڏسنداسين...!“
    ”نه نه...! مهرباني ڪري اسان کي اها سزا نه ڏي...!“
    مجيد سُڃي منٿ ڪندي چيس:
    ”اسان ته تو واري مامي جون فلمون ڏسي ڏسي هاڻ ته خواب ۾ به رڙيون ڪندا آهيون...! جيڪڏهن اڃان به ٻه هفتا کن ان جون فلمون ڏٺيون سين ته پوءِ آفيس ۾ گوڏ پائي اچڻ سان گڏ اٿندي ويهندي رڙيون ڪنداسين...!“ ”ڪجهه به هجي پر اڄ مامي سلطان راهي جي فلم ’مولا بخش‘ نشاط سئنيما ۾ ضرور ڏسڻي آهي...!“
    نبي داد فيصلاڪن لهجي ۾ چيو:
    ”جيڪڏهن توهان به مون سان ان سلسلي ۾ ساٿ ڏنو ته توهان جون ٽڪيٽون مان ڀريندس...!“
    ”چڱو تون گهڻي ضد ٿو ڪرين ته ڀلا هلنداسين...!“مجيد سُڃي واڇون ٽيڙيندي چيو: ”نه ته...!“
    ”خاموش نڀاڳا...!“ ڇڙٻ ڏيندي چيومانس:
    ”مئنيجر صاحب پيو اچي...!“
    ”بابا...! جيڪڏهن ڪم ختم ڪري چڪا آهيو ته توهان وڃي سگهو ٿا...!“
    مئنيجر صاحب ايئن چئي هليو ويو.
    ”ڇا خيال آهي هلون...؟“ نبي داد پڇيو.
    ”ترسو...!“اٿندي چيم:
    ”مون کي ضروري ٽيليفون ڪرڻي آهي...!“
    ”پر ڪنهن کي ڀاڙيا...!؟“ مجيد سُڃي مسڪرائيندي پڇيو.
    ”هُن کي... هُن کي....!“ ايئن چئي مان مئنيجر صاحب جي آفيس ۾ هليو ويس، پويان مون کي ڪجهه ٽهڪ ۽ آواز ٻڌڻ ۾ آيا.
    ”اڇا ...! اڇا...! هن کي...!“
    مون نمبر ڊائل ڪري فون ڪن تي رکي ڇڏي هئي، ٿورڙي ئي دير ۾ هميشه وانگر پيارو آواز آيو:
    ”هيلو...! انٽر نيشنل کٽمٺڙا فيڪٽري...!“
    ”جي...! مون کي...!“ چيم:
    ”انٽرنيشنل کٽمٺڙا فيڪٽري جي ٽيليفون آپريٽر شائسته سان ڳالهائڻو آهي...!“
    ”او مولا بخش... تون...؟“
    ”ها مان...!“
    ”ڪٿان پيو ڳالهائين...؟“
    ”پنهنجي آفيس مان...!“
    ”ڪو خاص ڪم آهي...!؟“
    ”نه...! بس ايئن ئي فون ڪيم...!“
    ”هڪ ڳالهه چوانءِ ...!“
    ”ها چئو...!“
    ”تون واقعي مولائي آهين...؟“
    ”مان به هڪ ڳالهه چوانءِ...!“
    ”ها...!“
    ”تون ڏانئڻ آهين...!“
    ”پر اڃان ته تنهنجو رت نه پيتو اٿم...!“
    ”تون رت جي ڳالهه ٿي ڪرين چري...؟“
    پر تون ته پهرين ملاقات ۾ منهنجو ماس به پٽي وئي هئينءَ...!“
    ”ڇڱو هاڻ ڇڏ انهن ڳالهين کي...!“وراڻيائين:
    ”سچ ٻڌاءِ ٽيليفون ڇو ڪيئي...؟“
    ”تو سان ملڻ ٿي گهريم...!“چيم:
    ”منهنجو وس پُڄي ته جيڪر توکي پنهنجي دل ۾ قيد ڪري ڇڏيان ...! عمر ڀر لاءِ توکي...!“
    ”ٺهيو... ٺهيو...! هاڻ گهڻو رومانٽڪ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر...!“ منهنجو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين:
    ”تون شام جو ٺيڪ چئين وڳي هوشو پارڪ ۾ اچجانءِ ...!“
    ”هوشو پارڪ ۾ نه...!“ چيم: ”مان توسا مولائي پارڪ ۾ ملندس...!“
    ”مولائي پارڪ...!؟“ ڪجهه عجب وچان پڇيائين:
    ”ڪٿي آهي مولائي پارڪ...!“
    ”هو.... هو....! اسٽيشن وارو پارڪ...! تون اتي چئين وڳي اچجانءِ، مون کي تنهنجو انتطار رهندو...!ڇهين وڳي اسان نشاط سئنيما ۾ فلم ڏسڻ وينداسين...!“
    ”ٺيڪ آهي...!“ چيائين: ”مان پنهنجي قسمت وانگر اڌ ٽُٽل ڦٽل اسٽيشن پارڪ عرف ’مولائي پارڪ‘ ۾ شام جو چئين وڳي ضرور اينديس. منهنجوانتظار ڪجانءِ...!“ پوءِ اسان ٻنهي فون رکي ڇڏي هئي.
    شائسته سان منهنجي پهرين ملاقات به ٽيليفون تي ئي ٿي هئي، جڏهن اسان جي مئنيجر صاحب مونکي ’انٽر نيشنل کٽمٺڙا فيڪٽري‘ جي مئنيجر جو نمبر وٺڻ جو چيو هو...! جڏهن مون نمبر ڊائل ڪري ٽيليفون ڪَن تي رکي هئي، ٿوري ئي دير بعد هڪ وڻندڙ آواز آيو هو:
    ”هيلو...! انٽرنيشنل کٽمٺڙا فيڪٽري...!“
    مونسان پهريون ڀيرو ڪا ڇوڪري ٽيليفون تي مخاطب ٿي هئي، ٻيو ته مون کي ٽيليفون تي ڳالهائڻ جو ڪو خاص تجربو به ڪو نه هو.
    ”جي ها...! مولائي پلاسٽڪ فيڪٽري پيو ڳالهايان...!“
    منهنجي آواز ۾ ڏڪڻي (بي اطميناني) نمايان هئي.
    ”ڇا مطلب...!؟“ آواز آيو.
    ”مطلب هاڻ مان سمجهي ويو هئس... ان ڪري جلدي وراڻيم:
    ”منهنجو مقصد آهي ته مان ملڪي سطح تي مشهور پلاسٽڪ فيڪٽري مان مولا بخش جونيئر ڪلارڪ پيو ڳالهايان...! سينيئر ٿيڻ جي اميد ڪونهي... مونکي اوهان جي مئنيجر صاحب جو نمبر کپي، اسان جو صاحب ساڻس ڳالهائڻ چاهي ٿو...!“
    ”ڀوڪ...!“ ٽيليفون مان آواز آيو ”آئون اِجهو ئي اوهان کي صاحب جو نمبر ملائي ٿي ڏيان...!“
    اهو ٻڌي مان ٽيليفون پنهنجي صاحب کي ڏئي ٿڌا ساهه ڀريندو واپس اچي پنهنجي ڪرسي تي ويهي رهيو هئس.
    مونکي ان ڇوڪريءَ واتان پنهنجي لاءِ ”ڀوڪ“ لفظ ڏاڍو وڻيو هو. شايد ان ڪري پنهنجي ساءِ ڀڻڪيو هئم:
    ”يار مان ڀوڪ آهيان ڀوڪ...!“
    شايد اهو جملو مجيد سُڃي ۽ نبي داد به ٻڌي ورتو هو. ان ڪري پڇيائون:
    ”هي وري ڪهڙو چڪر آهي...!؟“
    مون کين حقيقت کان آگاهه ڪيو، هو ٻئي ڏاڍو کِليا هئا مون تي...! ٽوڪون ڪيائون چٿرون ڪيائون ...!
    ”اڙي صفا ڪو سادو آهين يار...!“ مجيد سُڃي چيو هو:
    ”خواهه مخواهه اسان جو ڪنڌ هيٺ ڪرائي ڇڏيئي...!خبر ناهي صاحب ڇو چيو توکي نمبر ملائڻ جو...! هاءِ... اتي مان هجان ته ان آپريٽر ڇوڪريءَ سان اهڙو ته ڳالهايان ها جو سندس وات ئي پٽجي وڃي ها...!“
    بس اها اسان جي پهرين ملاقات هئي، ان کان پوءِ به اڪثر صاحب مون کي ’انٽر نيشنل کٽمٺڙا فيڪٽريءَ‘ جو نمبر وٺڻ لاءِ چوندو هو. ان جي مئنيجر سان گهاٽي دوستي هئس. مان اُن بهاني ان ڇوڪريءَ سان ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائي وٺندو هئس يا جيڪڏهن منهنجو صاحب آفيس ۾ نه هوندو هو ته چوري چوري آءُ کيس ٽيليفون ڪري وٺندو هئس، ڇو ته ٿوري عرصي ۾ مون کي هن جي آواز سان تمام گهڻي محبت ٿي وئي هئي ۽ مونکي محسوس ٿيندو هو ته هوءَ به مون ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ منهنجي اجايو ٽيليفون تي ناراض به نه ٿي ٿئي. اسان ٽيليفون تي ئي هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايو هو، سندس نالو شائسته هو، هوءَ گذريل اڍائي ٽن سالن کان ’انٽر نيشنل کٽمٺڙا فيڪٽري‘ جي ٽيليفون آپريٽر هئي. ان کان علاوه هوءَ پنهنجي ڪمپني کي کٽمٺڙي جي ڊمانڊ وڌائڻ لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪندي هئي. ان ڪري کيس ڪافي سهولتون مليل هيون. هڪ ڀيري ٽيليفون تي چيو هئائين:
    ”مولا بخش مان توسان روبرو ملڻ چاهيان ٿي...!“
    ”پر ڪٿي...! “ پڇيو هيم.
    ”اڄ شام جو ستين وڳي پاڻ ڪراچي ريسٽورينٽ تي ملنداسين. منهنجو انتظار ڪجانءِ...!“
    ”پر...! اوهان مون کي يا آئون اوهان کي سڃاڻيندس ڪيئن؟“ حيرت مان پڇيم.
    ”مولا بخش...!“وراڻيو هئائين: ”مان ته تو کي آواز تي ئي سڃاڻي ورتو هو ته تون منهنجي... منهنجي...!“
    ڀانيم ٿي ته هوءَ منجهي پئي هئي:
    ”پوءِ ڇا...! روبرو اوهان کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪنديس...؟“
    ايئن چئي هن ٽيليفون رکي ڇڏي هئي.
    خبر ناهي ڇو ان باري ۾ به نه چاهڻ باوجود نبي داد ۽ مجيد سُڃي کي آگاهه ڪري ڇڏيو هيم، جن چيو:
    ”يار لڳي ٿو ته ان ۾ ضرور ڪو چڪر آهي...! ڇوڪري ۽ توسان ملڻ جو اظهار ڪري، ڪجهه مشڪوڪ ٿو لڳي، ضرور ڪا نه ڪا گڙ ٻڙ آهي...!“
    ”ڪا به گڙ ٻڙ ڪونهي...!“ کين چيو هيم:
    ”هوءَ مون کي بلڪل معصوم ٿي لڳي...! هونئن به مون مولائي هن جو بگاڙيو ڇا آهي جو ڪو چڪر هلائيندي...؟“
    ”چوين ته سچ ٿو پيارا...!“مجيد سُڃي چيو:
    ”پوءِ به هوشيار رهجانءِ...! ٿورو به پنهنجو ستارو گردش ۾ ڏسين ته ڀڄي وڃجانءِ....! ڪٿي مون وانگر ڦاسي نه وڃين ۽ پوءِ...!“
    ”تون بزدل هئين...! سندس جملو ڪٽيندي چيم:
    ”۽ مان مولائي آهيان، ڊڄي ڀڄي نه ويندس...!“
    ”ٺيڪ آهي بزدل ئي سهي...! پر عشق ۾ موچڙا ته ڪو نه جهليم...!“ وراڻيائين:”بس رڳو ٿورو شڪ پيو ته سِر هليو ويندو...! توبهه تائب ٿيڻ ۾ دير نه ڪيم ۽ پوءِ اڄ تائين ڪنهن سان عشق ڪرڻ بابت سوچيو به نه اٿم...!“
    مجيد سُڃو ڪاليج جي زماني ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق ڪري، وتندو هو ان جي چوڌاري ڦرندو...! کوڙ سارا خط لکيائينس، محبت جهڙو مٺو اظهار ڪندي مٿس جان به فدا ڪرڻ جو اعلان ڪيائين پر جڏهن کيس خبر پئي ته ان ڇوڪريءَ جو پيءُ جج آهي ته همراهه جون وايون بتال ٿي ويون ۽ پنهنجي ساءِ ڀڻڪي چيوهئائين:
    ”معنى ته اڄ يا سڀاڻي مان ڦاهي چڙهان ئي چڙهان...! کڏ ۾ پوي اهڙو عشق جيڪو ڦاهي تي ڦتڪائي ڦتڪائي ماري...!“
    ان ڏينهن کان پوءِ مجيد سُڃو ان ڇوڪريءَ کي ڏسي، رستو مٽائي ويندو هو.
    ”ٺيڪ آهي تون ضرور ملجانس...!“ نبي داد مون کي چيو: ”پر جي اها عورت ٿورڙي به مڪاريل محسوس ٿئي ته هڪدم ٺشي فرار ٿي وڃجانءِ...!“ بدقسمتيءَ سان ان ڏينهن منهنجي کيسي۾ صرف پنجين جو نوٽ پيو هو، ان ڪري مجيد سُڃي کي مدد جو چيم ته هن ورَ مان پنجاهه جو نوٽ ڪڍي ڏيندي چيو:
    ”اڄ پهرين ملاقات اٿئي ان ڪري توتي رحم ٿو اچي...! باقي آئنده مان تنهنجي عشق ۾ گهاري ته نه ٿو وجهي سگهان پر مون مان هاڻ هڪ پائي جي به اميد نه رکجانءِ...!“
    مان ان ڏينهن شام جوستين وڳي ڪراچي ريسٽورينٽ ۾ موجود هئس، پاڻ کي ڏاڍو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هيم، نبي داد کان صرف هڪ ڏينهن لاءِ بوٽ ورتو هيم، ڪپڙا پنهنجا ئي هئا پر استري جو مهٽو کين ڏئي آيو هئس. وارن کي به پنهنجي پر ۾ خوب ٺاهيو هيم، سرنهن جو تيل به مَکيو هو.
    مون کي بيٺي ٿورو ئي ٽائيم ٿيو هو جو هڪ حيرت انگيز ۽ پُرڪشش عورت منهنجي سامهون رکيل ڪرسي تي ويهي رهي هئي...! حيرت انگيز شايد مون کي ان ڪري محسوس ٿي رهي هئي جو مون ڪا نوجوان عورت ايڏي ويجهڙائي کان پهريون ڀيرو ڏٺي هئي...!
    ”توهان مولا بخش آهيو نه...؟“ ويهندي چيو هئائين:
    ”منهنجو نالو شائسته آهي...!“
    ”جي ها پر اوهان مون کي...!“
    ”مولائي پاڻ کي ڪيترو به ٺاهين يا لڪائين پر هو ماڻهن جي ميڙ ۾ پري کان پڌرا هوندا آهن...!“منهنجو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو هئائين.
    آئون کيس حيرت ۾ ڏسندو رهيس، هوءَ مون کي اعلى سوسائٽيءَ جي محسوس پئي ٿي...! ان ڪري دل چيو ته ’جيڪر هتان ڀڄي وڃان...!‘
    ”ايئن ڇا پيو ڏسين...؟“ پڇيو هئائين.
    ”شائسته...!“چيو هيم:
    ”اسان پارا مولائي جڏهن پاڻ کان گهڻو وڌيڪ اونچي ۽ اعلى طبقي جي ماڻهن کي ڏسندا آهن ته پڪ ڄاڻ ته هو کين ايئن ئي تڪيندا آهن جيئن مان اوهان کي ٿو ڏسان...!“
    ”مان ڪنهن امير گهراڻي جي عورت نه آهيان...!“ وراڻيائين:
    ”پر منهنجو واسطو به هڪ عام ۽ هيٺين طبقي سان آهي...!“
    ”مان ايئن نه ٿو سمجهان...!“چيم.
    ”توهان منهنجا ڪپڙا ۽ منهنجو رنگ ڍنگ ڏسي نه ڀُلجو...!“چيائين: ”منهنجو پيءُ رٽائرڊ پرائمري استاد آهي، مان پنهنجي ٻن ننڍڙين ڀينرن ۽ ماءُ پيءُ سان گڏ مسواڙي جڳهه ۾ رهندي آهيان...!“
    وچ ۾ بيرو اچي ويو جنهن کي شائسته ٻن چانهين آڻڻ جو چيو.
    ”جيڪڏهن واقعي ئي ايئن آهي ته پوءِ ايڏن مهانگن ڪپڙن پائڻ جي ڪهڙي ضرورت...!“بيري جي وڃڻ کان پوءِ کيس چيم:
    ”توهان ڪفايت مان ڪم ڇو نه ٿا وٺو...!؟“
    ”اها منهنجي مجبوري آهي...!“چيائين:
    ”اسان جي مئنيجر جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ کٽمٺڙن لاءِ ايندڙ گراهڪ کٽمٺڙن کان وڌيڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙن کي ڏسندا آهن.ان ڪري اوهان جو لباس توڙي انداز پُرڪشش ۽ وڻندڙ هجڻ کپي...!“
    ”پوءِ ته اوهان جي پگهار...! لباس ۽ بيوٽي پارلر جي خرچن ۾ پوري ٿي ويندي هوندي...!؟“ چيم.
    ”اسان جي لباس وغيره تي خرچ ايندڙ پيسا تقريبن اسان جي فيڪٽري ئي برداشت ڪندي آهي. البته ڪجهه رقم ماهوار اسان جي پگهار مان به ڪاٽي ويندي آهي، تنهن هوندي به مون کي اڍائي ٽي هزار مهينو ملي ويندو آهي...!“
    ”خير ڇڏيو انهن ڳالهين کي...!“ چيم:
    ”اوهان مون سان ڇو ٿي ملڻ ڇاهيو...!؟“
    ”ڇو توهان کي ڪو اعتراض آهي ڇا...!؟“
    ”اعتراض هجي نه هجي...! ملڻ جو ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي.“
    ”دراصل پهرين ڏينهن جڏهن توهان ٽيليفون ڪئي هئي ته شايد مان اوهان کي ’ڀوڪ‘ چيو هو...!“ وراڻيائين:
    ”ان ڪري اوهان کان روبرو معذرت ڪرڻ ٿي گهريم...!“
    ”شائسته...! هڪ ڳالهه چوانءِ...!؟“
    ”ها...! “
    ”توهان جو اهو لفظ مون کي پاڻ کان وڌيڪ پيارو لڳو هو...! دل پئي گهريو ته جيڪر اوهان اهو لفظ چوندا رهو ۽ مان ٻڌندو رهان، سچ مون کي اوهان جي ان لفظ سان ڏاڍو پيار آهي...!“
    ”ڏاڍو شرارتي پيو لڳين...!“ مرڪندين چيائين.
    هن جي مرڪ منهنجي وجود ۾ لهي وئي هئي .
    ”ڀُلي آهين شائسته...!“چيو هيم:
    ”مان شرارتي نه، صرف مولائي آهيان..!“ موٽ ۾ هلڪو ٽهڪ ڏنو هئائين.
    ايتري ۾ بيرو چانهه کڻي آيو. اسان سِپ سِپ ڪري چانهه جا ڪوپ کي خالي ڪري رهيا هئاسون. چانهه پيئندي ڪنهن به نه ڳالهايو، بس خاموش خاموش نظرن سان هڪ ٻئي کي تڪيندا رهيا هئاسين .
    ”شائسته...!“ چانهه کان فارغ ٿيندي ئي کانئس پڇيم:
    ”مون سان ملڻ کان اڳ توهان منهنجي باري ۾ ڇا سوچيو هو...!؟“
    ”ٻڌايائين...؟“ اکين ۾ اکيون ملائيندي چيائين.
    ”ها...!“
    ”ڪٿي ناراض ته نه ٿي ويندين...!؟“
    ”مولائي ڪنهن کان به ناراض نه ٿيندا آهن...!“
    ”توسان ملڻ کان اڳ به مون اهو ئي محسوس ڪيو هو جيڪو هاڻ آهين...!“
    ”ڇا آهيان مان هاڻ ...!؟“
    ”بلڪل سادو...! مولائي... ۽...۽...!“
    ”۽...۽ ڇا...!؟“
    ”ٻڌايائين...؟“
    ”ها...!“
    ”۽ ڀُوڪ...!!!“
    ”ڀوڪ...!“ مان کلي پيو هيم.”مان ڀوڪ نه مولائي آهيان...!“
    ”ٺيڪ آهي...!“وراڻيائين:
    ”اڄ کان پوءِ مان اوهان کي مولائي سڏينديس...!“
    ”پر مان اوهان کي ڇا سڏيان...؟“ پڇيم.
    ”شائسته...!“
    ”نه...! شائسته نه...!“
    ”ته پوءِ ڇا سڏيندين...؟“
    ”ٻڌايان...!“
    ”ها...!“
    ”توکي مان ’ڏانئڻ‘ سڏيندس...!!“
    ”ڏانئڻ...!“ هوءَ کلي پئي هئي، آئون سندس مرڪندڙ چهرو ڏسندو رهيس، ڪجهه دير کان پوءِ چيائين:
    ”مولا بخش...!هڪ ڳالهه چوانءِ...؟“
    ”ها چئو...!“
    ”توهان واقعي به مولائي آهيو...؟“
    ”۽ توهان...! ؟“
    ”مان...! مان ڏانئڻ...!“
    ايئن چئي هوءَ وري کِل ۾ ٻِٽ ٿي وئي هئي، ان وقت ڪو موسيقار جيڪڏهن شائسته جا ٽهڪ رڪارڊ ڪري وٺي ها...! ته کيس سرن جي تلاش ۾ دربدر ڀٽڪڻو نه پوي ها ۽ نه ئي وري ڌنن تي سوچي سوچي سندس مٿي جا وار ڇڻن ها... بلڪه شائسته جي ٽهڪن تي ٻڌل موسيقي، کيس دنيا جو عظيم موسيقار بڻائي ڇڏي ها...!
    پر شائسته جا ٽهڪ ٻڌڻ وارو مان ئي هئس، مان موسيقار نه پر مولائي آهيان، ان ڪري شائسته جا ٽهڪ رڪارڊ ڪري نه سگهيس البته سندس ٽهڪن کي مون پنهنجي دل جي دنيا جي فريم ۾ بند ڪري ڇڏيو...! پوءِ جڏهن به اداس ٿيندو هئس ته پنهنجي دل جي فريم مان سندس ٽهڪ ڪڍي انهن تي گيت غزل لکڻ جي ڪوشش ڪندو هئس (توڙي جو مان، شاعر نه پر مولائي آهيان) سندس ٽهڪن تي نچندو هئس.
    ان ڏينهن ڪافي دير ڪراچي ريسٽورينٽ ۾ ويٺا رهيا هئاسين، چانهه جا پيسا شائسته ڀريا هئا، ان ملاقات کان پوءِ اسان جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، هاڻ ته ايئن محسوس ٿيندو جو اسان کي هڪ ٻئي جي ڳولها هئي پر هاڻ تلاش جي تڙپ ختم ٿي چڪي هئي، اسان ڪائنات جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪ ٻئي کي ڳولهي ورتو هيوسين.
    ”مولائي ٽيليفون ڪري آئين...؟“ مجيد سُڃي پڇيو.
    ”ها...!“ وراڻيم: ”هاڻ پاڻ کي هلڻ گهرجي...!“
    پوءِ اسان ٽئي آفيس مان نڪرڻ لڳاسين، البته هيڊ ڪلارڪ اڃان ويٺو هو.
    ”خدا حافظ مسٽر نوريئڙا...!“ويندي ويندي کيس چيم. ان کان پهريان جو هيڊ ڪلارڪ ڪا ڇڙٻ ڏئي، اسان آفيس مان نڪري آياسين.
    اسان ٽئي هٿ هٿن ۾ ڏئي ٻارن وانگر روڊن تي پيل ٺڪرين، پٿرين کي لتون هڻندا اڳتي وڌندا رهياسين. اسان ٽئي هڪ ئي محلي جا رهواسي آهيون، ان ڪري تقريبن آفيس گڏجي ايندا ويندا آهيون پر اسان جا گهر هڪٻئي کان ڪجهه پري آهن. ان ڪري اسان ٽئي محلي جي مشهور ’مسڪين چوڪ‘ تي گڏ ٿيندا هئاسين ۽ ڌار به...!هاڻ به اسان ’مسڪين چوڪ‘ وٽ پهتا هياسين.
    ”يار...!“ نبي داد چيو:
    ”توهان پوڻين ڇهين وڳي هت پهچجو...! پوري ڇهين وڳي مامي سلطان راهي جي فلم شروع ٿيندي ته جيئن وقت تي هلي سئنيما پهچون...!“
    اسان هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، ۽ پوءِ جدا ٿي وياسين.
    چئين وڳي پوري، مان مولائي پارڪ (اسٽيشن پارڪ) ۾ موجود هئس، ساڍا چار ٿي ويا... پر شائسته نه پهتي هئي پوءِ پنج ۽ هاڻ سوا پنج به ٿي ويا هئا...!
    پر پوءِ به هوءَ نه پهتي. جڏهن انسان اڪيلو هوندو آهي، تنها هوندو آهي، مٿان وري ڪنهن جو انتظار، هوندو اٿس ۽ انتظار وارو پاڻ پهچڻ بدران صرف انتظار جي اذيت ڏيندو اٿس ته ان مهل ان ماڻهو مٿان وهم وار ڪندا آهن، سوچن جون سِرڻيون سندس ماس پٽڻ لڳنديون آهن خدشن جا خدا کيس کوکلو ڪري ڇڏيندا آهن. موٽ ۾ هو ڪجهه به نه ڪري سگهندو آهي، بس انتظار جي تيز اس ۾ هو اجايو هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو ٿاٻا کائيندو رهندو آهي. منهنجي به ان وقت ڪجهه اهڙي ئي ڪيفيت هئي، مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ’شائسته‘ مون کي اچڻ جو چئي پاڻ ڇو نه آئي...؟ مان سوچي رهيو هئس ته ’پهرين ته شائسته ايئن ڪڏهن به نه ڪيو آهي ته پوءِ اڄ هن ايئن ڇو ڪيو...؟ پڪ سان ڪو ڪم ٿي پيو هوندس، يا ڪا مجبوري...!‘ مان پنهنجي ئي دل جي درياءَ ۾ ٻڏڻ لڳس...! غوطا کائڻ لڳس...! پر هوءَ نه آئي...! پوڻي ڇهين وڳي تائين نه آئي...! مان مايوس ٿي ’مسڪين چوڪ‘ ڏي ڊوڙ پاتي، جتي اڳ ۾ ئي نبي داد ۽ مجيد سُڃو مون تي ڏمريا ويٺا هئا...!
    ”اڙي مولائي...!“ مون کي ڏسندي نبي داد ڪاوڙ ۾ چيو:
    ”اسان هتي پنجين کان تنهنجو انتظار پيا ڪيون...! هاڻ ڇهه ٿي ويا آهن، ڪيڏانهن گم ٿي ويو هئين...!“
    ”معاف ڪجو يار...!“ سهڪندي چيم: ”ٿورو ڪم ٿي پيو هو...!“
    ”ڪم ٿي پيو هيئي...!؟“مجيد سُڃي پڇيو:”يا عشق جو چڪر پئي هلايئي...!؟“
    ”ڪاش...!توکي ان ڇوڪريءَ هٿان پادر لڳن ها...!جنهن سان محبت ڪئي هُيئي!؟“ڪاوڙ ۾ کيس چيم:”ته عشق جا چڪر ئي وساري ويهين ها...!“
    ”مون کي ته موچڙن کان مولا بچايو...!“ مجيد سُڃي مرڪندي چيو:
    ”پر ڀانيان ٿو ته مون واري حصي جا پادر به توکي لڳندا...!“
    ”اڙي ڇڏيو حوال...! جلدي ڪيو مامي سلطان راهي جي فلم شروع ٿي چڪي هوندي...!“ نبي داد چيو.
    جنهن کان پوءِ اسان ٽئي تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻندا نشاط سئنيما وٽ پهتاسين ته نبي داد، مجيد سُڃي کي سيڪنڊ ڪلاس جي ٽن ٽڪيٽن جيترا پيسا ڏيندي چيو:
    ”يار جلدي موٽجانءِ ڀانيان ٿو ته مامي سلطان راهي جي فلم شروع ٿي چڪي آهي...!“
    پوءِ مان ۽ نبي داد سئنيما جي اندرين دروازي وٽ پهتاسين جتي هڪ ڪارو رڏو ٽڪيٽ چيڪر ويٺو هو. مون کي ته بدمعاش ٿي لڳو.
    ”جناب...!“ نبي داد ٽڪيٽ چيڪر کي چيو:
    ”اسان جو دوست سامهون سيڪنڊ ڪلاس جون ٽي ٽڪيٽون وٺي پيو پر اتي ڪجهه رش آهي، ان ڪري کيس ٽڪيٽون جلدي نه ملنديون توهان مهرباني ڪري اسان کي اندر ڇڏيو ڇو ته فلم شروع ٿي چڪي آهي...! اسان جو همراهه اجهو ٽڪيٽون وٺي اوهان وٽ پهتو...!“
    ”اوئي...! ناڙي... پهلي ٽڪيٽ دکائو... ڦِر اندر جائو...!“
    اهڙو رکو جواب ٻڌي اسان ٻنهي جا ڪن ٺري ويا.
    ”مجيد سُڃو خبر ناهي ڪهڙي مهل اچي...!؟“ نبي داد آهستي مون کي چيو.
    ”مامي سلطان راهي جا پهريان وارا خطرناڪ ايڪشن ئي هليا ويندا...!“
    ”ها...!“ چيم: ”پر ڇا ڪجي يار...! صبر ته ڪرڻو ئي آهي نه...!“
    ان مهل اوچتو سئنيما حال مان وڏي رڙ آئي هئي، شايد سلطان راهي ايڪشن ۾ هو...! ان ڪري نبي داد به ايڪشن ۾ اچي ويو ۽ ٽڪيٽ چيڪر کي گريبان مان پڪڙي کيس ڌڪو ڏيندي چيائين:
    ”اوئي منڊي..!مين تينو نهين ڇڊانگا...! سلطان راهي ميرا ماما هَئي...!“ موٽ ۾ ٽڪيٽ چيڪر بدمعاش وات ۾ هڪ اهڙو ته زوردار ٺونشو وهائي ڪڍيو هيس جو هي همراهه وڃي ڀت ۾ لڳو، ايتري ۾ مجيد سُڃو به پهچي ويوته کيس چيم:
    ”مان مولائي آهيان...! تون بروسليءَ جون فلمون ڏٺيون آهن... وارو ڪر نبي داد کي ان بدمعاش کان بچائي وٺ، ڪٿي اُڦٽ نه ماري وجهيس...!“
    ”اڙي چريو ٿيو آهين ڇا مولائي...؟“ مجيد سُڃي وراڻيو.
    ”هي بدمعاش...! ايڪشن جي بادشاهه سلطان راهي کان به نه مڙيو آهي ته بروسلي کيس ڇا ڪندو...!؟“
    ”جناب...! هي ٽڪيٽون وٺو...!“مون سٽ ڏئي مجيد سُڃي کان ٽڪيٽون وٺي ٽڪيٽ چيڪر بدمعاش کي ڏيندي چيم. جيڪو وحشي نظرن سان نبي داد کي گهوري رهيو هو، جڏهن ته نبي داد کانئس ڏاڍو ڊنل ۽ هيسيل هو.
    ”ٺيڪ هَئي جائو ڙي...!“ ٽڪيٽ چيڪر ٽڪيٽون جاچيندي چيو.
    ”جناب جائين...؟“ نبي داد هيسيل نظرن سان بدمعاش کان پڇيو.
    ”هان ڙي اب جائو...!“ بدمعاش چيو.
    ”ساله سلطان راهي ڪا ڀانجا هئي...!“
    جنهن کان پوءِ اسان سئنيما حال ۾ داخل ٿياسين.
    ”يار...! واهه جو ٺونشو هنيو آهي نڀاڳي...!“ نبي داد چيو:
    ”اصل وات ڇا نڪ ئي ڀڄي وڌو اٿائين پر پرواهه ناهي رڳو مامو سلطان راهي اچي اصل نه ڇڏيندو مانس...!“
    اسان هاڻ ٽن کالي پيل سيٽن تي ويهي رهيا هئاسين، اسان جون نظرون سامهون اسڪرين تي کُتل هيون البته منهنجي دل جون نظرون منهنجي دل جي ذاتي اسڪرين تي ڄميل هيون، جتي صرف شائسته جي تصوير کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.
    نبي داد ۽ مجيد سُڃو وڏي چاهه سان فلم ڏسي رهيا هئا، ڪنهن ڪنهن مهل ٻين فلم ڏسندڙن سان گڏ سيٽين ۽ تاڙين جو ڌڌڪو لائي ٿي ڏنائون، جڏهن ته منهنجي، فلم ۾ بلڪل دلچسپي نه هئي، ’شائسته ڇو نه آئي...؟ بس منهنجو ذهن ان سوال جي جواب جي تلاش ۾ هيو. اسان کي فلم ڏسندي هاڻ ڪلاڪ ٿي چڪو هو جو اوچتو مون کي شائسته نظر اچي وئي، جيڪا سئنيما حال جي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺي ڪنهن کي تلاش ڪري رهي هئي سندس نظرون فلم ڏسندڙن ۾ کتل هيون، اهو سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ حيران ڪندڙ هو.
    ”يار نبي داد...!“ ڪرسي تان اٿندي چيم:
    ”مان اجهو آيس...!“ پر جواب نه مليو، مجيد سُڃي ڏي نظرون ڊوڙايم ته هن جو به نبي داد وانگر وات پٽيل ۽ سندس پورو توجه فلم ۾ هو ان ڪري آئون خاموشيءَ سان اٿي شائسته وٽ پهتس ۽ پوءِ اسان ٻئي سئنيما هال مان نڪري ڪجهه پرڀرو هڪ ننڍڙي پر خوبصورت پارڪ ۾ پهتاسين .
    ”شائسته...!“ ڇٻر تي ويهندي کيس چيم:
    ”تون هيڏانهن ڪيئن آئي آهين...!؟“
    ”مون کي چئين وڳي ڪم ٿي پيو هو...!“ وراڻيائين. ”ان ڪري نه اچي سگهيس، هاڻ فارغ ٿي سڌو تو وٽ آئي آهيان...!“
    ”پر توکي سئنيما ۾ اچڻ نه کپندو هو...!“چيم:” تون هيڏانهن نه اچين ها...!“
    ”ڇو...؟“
    ”سئنيما ۾ گهڻا لوڦر ۽ بدمعاش قسم جا ماڻهو هوندا آهن...!“وراڻيم.
    ”هو عورتن کي سٺين نظرن سان نه ڏسندا آهن...!“
    ”سئنيما هال ۾ تو جهڙا مولائي به ته هوندا آهن...!“چيائين:
    ”مون کي توسان ملڻو هو، ان ڪري هيڏانهن آيس ڇو ته مون کي پڪ هئي ته تون هت ئي هوندين...!“
    ”اسان سڀاڻي به ملي پئي سگهياسين...!“چيم:”اڄ ڀلا ضروري هو ڇا...؟“
    ”ها ضروري هو...!“ وراڻيائين:”انتهائي ضروري هو...!“
    ”ڪا خاص ڳالهه آهي...؟“
    ”ها...! ايئن ئي سمجهه ...!“
    ”پو ٻڌاءِ ...!ڪهڙي ڳالهه آهي...؟“
    ”ٻڌايائين...؟“
    ”ها...!“
    ”تون واقعي مولائي آهين...؟“خبر ناهي ڇو نه چاهڻ باوجود کلي پيو هيم.
    ”شائسته...! مطلب جي ڳالهه ڪر...!“
    ڪجهه گهڙين جي خاموشي کان پوءِ چيائين:
    ”اسان جي فيڪٽري مئنيجر کي اسان جي باري ۾ خبر پئجي وئي آهي!“
    ”ڪهڙي خبر پئجي وئي اٿس...!؟“ تعجب مان کانئس پڇيم.
    ”ته اسان هڪ ٻئي سان ملندا رهون ٿا...!“ هٻڪندي چيائين.
    پوءِ ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي...؟“ پڇيم:
    ”ملڻ ۾ ته ڪو به عيب نه آهي...!“
    ”پر هو ايئن نه ٿو چاهي...!“
    ”ڇو هو توتي عاشق آهي ڇا...؟“
    ”وڏو ڪو بي حياءَ آهين...!“ منهن ڦيريندي چيائين.
    ”نه...!“چيم:”مان بي حياءَ نه مولائي آهيان....!“
    آهستي بلڪل آهستي کِلي پئي هئي .
    ”دراصل اسان جو مئنيجر صاحب...!“ ڳالهايائين:”فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين کي کٽمٺڙن کان وڌيڪ اهميت نه ڏيندو آهي...!“
    ”مان سمجهيس نه...!“چيم: ”صاف ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي...؟“
    هوءَ وري ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي وئي هئي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين:
    ”اڄ مئنيجر پنهنجي آفيس ۾ مون کي گهرائي چيو آهي ته شائسته..!
    مونکي خبر پئي آهي ته تون ڪنهن سان عشق پئي ڪرين...! ۽ ان سان اڪثر ملندي رهندي آهين، جنهن سان اسان جي فيڪٽري جي بدنامي پئي ٿئي، ان ڪري آئيندهه ايئن نه ٿيڻ کپي...!!“
    ”پوءِ تون ڇا چيس...!؟“پڇيم.
    ”مان گهڻو ڪجهه چيومانس...!“ مايوسي وچان وراڻيائين:
    ”ته اهو منهنجو ذاتي معاملو آهي، توهان هرو ڀرو ان کي فيڪٽري جو حصو نه بڻايو پر پوءِ به هو پنهنجي هوڏ تان نه لٿو، ان ڪري اسان ۾ تمام سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. جنهن سبب اسسٽنٽ مئنيجر ۽ ٻيا ڪي ملازم وچ ۾ پئجي ويا ۽ وڏي مشڪل سان گهڻي ٽائيم گذرڻ کان پوءِ معاملو ٿڌو ٿيو...!“
    ”پوءِ تون اها گهٽيا قسم جي نوڪري ڇڏين ڇو نه ٿي ڏين...؟؟“چيم.
    ”مان نوڪري نه...! توکي ڇڏڻ آئي آهيان...! ڇا تون مونکي وساري سگهندين...!؟“
    “موٽ ۾ مون کيس گهوري ڏٺو ته ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين، اکيون ڀرجي آيون هيس پر تنهن هوندي به پاڻ کي نارمل رکڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين.
    ”شائسته...!“چيم:
    ”مولائي پهريان ته ڪنهن کي ياد ناهن ڪندا...! جيڪڏهن ڪنهن کي ياد ڪيائون ته پوءِ پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيندا آهن...!“
    منهنجي ان جملي تي ڪنڌ مٿي ڪيائين پوءِ وري جهڪائي ڇڏيائين: ”مان مجبور آهيان مولائي...!مون کي هڪ خواب سمجهي حقيقت ڏانهن موٽي وڃ...!“
    ”تون منهنجي لاءِ نه ئي سهي...!“ چيم: ”پر پنهنجو پاڻ تي رحم ڪري اها واحيات نوڪري ڇڏي ڏي، جتي تنهنجي حيثيت هڪ کٽمٺڙيءَ جيتري آهي...!“
    ”مان مجبور آهيان مولائي...!“وراڻيائين:“اها نوڪري نه ٿي ڇڏي سگهان...!“
    ”پر ڇو...؟“ پڇيم.
    ”ٻڌايائين...؟“
    ”ها...!“
    ”تون واقعي مولائي آهين...!“مرڪندي چيائين.
    ”اهو منهنجي سوال جو جواب ناهي...!“الجهندي کيس چيم:
    ”پليز شائسته...! اجايو مسڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪر...! مون کي ٻڌاءِ ڪهڙي مجبوري آهي تنهنجي...!؟“
    ”مون تي فيڪٽري جو قرض آهي...! جيڪو مان لاهي نه ٿي سگهان...! نوڪري ڇڏي نه ٿي سگهان...!“
    ”تون فيڪٽري کان قرض ڇو ورتو هو...!؟“
    ”گذريل سال دهشتگردن بابا کي گولي هڻين ڪڍي هئي ...!“چيائين: ”ان جي علاج لاءِ فيڪٽري مان قرض کڻڻو پيو هيو...!“
    ”ڪيترو قرض آهي توتي فيڪٽري جو ...؟“
    ”ڇو اهو تون ادا ڪندين ڇا...!؟“کِلڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيائين.
    ”نه...! مان مولائي آهيان...! قرض ته ادا نه ٿو ڪري سگهان پر پُڇڻ ۾ ته ڪو عيب نه آهي...!؟“
    ”پندرهن هزار قرض اٿم...!“
    ”پندرهن هزار...!؟“ حيرت مان وراڻيم.
    ”ها...! پندرهن هزار جيڪي اسان لاءِ تمام وڏا آهن...!“
    ڏند ڀڪوڙيندي چيائين: ”مون وٽ ته ماهوار ٻه اڍائي سئو روپيا به بچت نه ٿيندي آهي...!“
    مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو، ته مان شائسته کي ڇا چوان سندس ڪهڙي مدد ڪيان...!
    ”شائسته...!“ خاموشيءَ جي ڪُک ۾ لت هڻندي چيم:
    ”مان مولائي آهيان...! توکي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه به ناهي...!“
    ”تو وٽ سڀ ڪجهه آهي...!“ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيندي چيائين:”تو وٽ سڀ ڪجهه آهي پر...پر مون وٽ هاڻ تنهنجي لاءِ ڪجهه به ناهي...! تون مونکي اها محبت ڏني جيڪا مرڻ مهل تائين مان نه وساري سگهنديس پر مان موٽ ۾ توکي جدائي ڏيان ٿي...!“
    ايئن چئي هوءَ خاموش ٿي وئي، مان به خاموش رهيس.
    ”جيڪڏهن مون اها رقم ايندڙ مهيني جي ٽئين تاريخ تائين ادا نه ڪئي ته هميشه لاءِ فيڪٽري جي ٿي رهجي وينديس، جتي منهنجي حيثيت کٽمٺڙي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندي...!“
    ڪجهه گهڙين جي خاموشي کان پوءِ چيو هئائين:
    ”اهو فيصلو منهنجي ۽ مئنيجر جي جهيڙي دوران اسسٽنٽ مئنيجر ڪيو هو...! ايئن سمجهه ته مولائي مان پندرهن هزارن ۾ فيڪٽري مئنيجر وٽ گروي ٿيل آهيان...! ۽ مون کي پڪ آهي ته مان ايندڙ مهيني جي ٽئين تاريخ ته ٺهيو پر ايندڙ ٽن صدين تائين به اهو قرض لاهي نه سگهنديس، ان ڪري مان صرف مئنيجر جي اشاري تي هلنديس ۽ ٽئين تاريخ کان پوءِ مان، مان نه رهنديس...! مان مجبور آهيان، مون کي وساري ڇڏجانءِ...!“
    شائسته هاڻي روئي پئي هئي اکيون اگهندي چيائين:
    ”عورت قربانيءَ جو ٻيو نالو آهي...! ان ڪري هر عورت کي ڪڏهن نه ڪڏهن قرباني ڏيڻي پوندي آهي پر پوءِ به کيس بدڪردار ۽ بيوفا جا لقب ملندا رهندا آهن...!“
    ”تون بدڪردار يا بي وفا ناهين...!“
    ”ته پوءِ تون مون کي ڇا ٿو سمجهين...!؟“
    ”ٻڌايائين...؟“
    ”ها ... ٻڌاءِ...!“
    ”تون ڏانئڻ آهين...!“کِلندي چيم.
    اها الڳ ڳالهه هئي ته اکيون منهنجون به آليون هيون.
    ”ها...! مان ڏانئڻ آهيان...!“ اٿندي چيائين:”ان ڪري مون سان هاڻ ڪڏهن به نه ملجانءِ...! نه ئي فون ڪجانءِ ...!“
    ”ڇو...؟؟“
    ”ٻڌايانءِ...؟“
    ”ها...!“
    ”تون مولائي آهين ۽ مان ڏانئڻ ...!!“
    ايئن چئي هوءِ هلي ويئي هئي پر مان ويٺو رهيس، ڪافي دير ويٺو رهيس پوءِ خبر ناهي ڪهڙي مهل گهر هليو ويو هيم.
    جيئن جيئن ٽين تاريخ ويجهو ٿيندي ٿي وئي، تيئن تيئن مان اندران پَورو ٿيندو ٿي ويس ۽ منهنجو وجود ذرو ذرو ٿي اڏامندو ٿي ويو، ايئن محسوس ٿيندو هو ته ’منهنجي دل، منهنجي جسم مان نڪري، کسڪي هيٺ ڪري، پرزا پرزا ٿي ويندي...!‘ منهنجي ان ڪيفيت تي نبي داد، مجيد سُڃو توڙي هيڊ ڪلارڪ ڏاڍو حيران هئا، ڪافي ڀيرا پڇيو به هئائون، پر هر ڀيري نٽائي ويو هئس پر ٽين تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ مان ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي رهيو هئس ڇو ته ’انسان مٽي جو ٺهيل آهي ۽ مٽيءَ تي ڪو به اعتبار ڪونهي ته هو ڪڏهن ٿي ڀري، ڪڏهن ٿي ڇڻي...!‘ پر ان ڏينهن منهنجي وجود جي مٽي ڀُري رهي هئي ان ڪري ڀانيم ٿي ته اڄ مان ڪنهن به لمحي مٽي سان ملي مٽي ٿي ويندم.
    ”يارمولائي...! اسان کي ٻڌاءِ ته ڪجهه ڏينهن ۾ هيءَ اوچتو ئي اوچتو توکي ڇا ٿي ويو آهي...؟“ نبي داد پڇيو پر مان خاموش رهيس.
    ” تون ٻڌائين ڇو نه ٿو آخر...!“ هن ڀيري نبي داد ٻانهن کان ڇڪيندي چيو:
    ”آخر توسان مسئلو ڪهڙوآهي جنهن جي ڪري ڪافي ڏينهن کان پريشان آهين...؟ تون ٻڌاءِ ته سهي جيڪڏهن اسان تنهنجي ڪا مدد نه ڪري سگهياسين ته گهٽ ۾ گهٽ تنهنجي ڏک ۾ شريڪ ته ٿينداسين...!“
    ”مان مري ويندس...!“ وراڻيم.
    ”مولائي ڪڏهن به ’مري‘ نه وڃي سگهندا آهن...!“مجيد سُڃي چيو:
    ”ان ڪري تون به ’مري‘ نه ويندين...!“
    ”ته پوءِ مان پيالا ڪري ويندس...!“ چيم.
    ”پر تون پيالا ڇو ڪندين...؟“ نبي داد پڇيو.
    موٽ ۾ مون کين سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.
    ”بس ڀاڙيا ايتري ڳالهه جي ڪري ٿو روئين...!؟“
    نبي داد ٽهڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيو پر ٽهڪ ڏئي نه سگهيو هو:
    ”۽ ايترو دل شڪسته ٿيو آهين جو مرڻ جون فضول ڳالهيون پيو ڪرين..؟“
    ”اها ڪا گهٽ ڳالهه ڪونهي...!“چيم:”جو شائسته جهڙي معصوم ڇوڪري صرف پندرهَنِ هزارن ۾ هميشه لاءِ فيڪٽري جي ٿي رهجي وڃي ۽ سندس حيثيت کٽمٺڙي جيتري به نه هجي، بس مان مري ويندس پر شائسته کي روز جيئندي مرندي ڏسي نه سگهندس...!“
    ”پر تون به مري نه سگهندين...!“ نبي داد وراڻيو: ”مان توکي مامي سلطان راهي جيان مرڻ نه ڏيندس...! تون جيئندين اڃان گهڻو جيئندين توکي ڪو ماري نه ٿو سگهي...!“
    ” زندگي موت آڏو بيوس آهي...!“چيم:
    ”اڄ تائين نپولين، هٽلر، چنگيز جهڙي ظالمن کان وٺي سپر پاور ملڪن جي بادشاهن تائين ڪو به موت کان پاڻ بچائي نه سگهيو آهي. اسان ته مولائي آهيون، سُڃا آهيون، بين الاقوامي بيوس آهيون، ڪنگال آهيون، اسين ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون...!“
    ”ها پر...! مان توکي صرف پندرهَنِ هزارن ۾ مرڻ نه ڏيندس...!“ نبي داد چيو: ”مان تنهنجي مدد ڪندس...!“
    ”مان پنهنجي مدد پاڻ نه ٿو ڪري سگهان...!“چيم:
    ” ته پوءِ نبي داد...! تون منهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهندين...!؟“
    ”مون کان جيڪو ٿي سگهندو مان ڪندس...!“ نبي داد وراڻيو:
    ”توکي ان ڌٻڻ مان آزاد ڪرائڻ ۾ وسان ڪين گهٽائيندس...!“
    اسان سڀ وري خاموش ٿي هڪ ٻئي ڏانهن سواليه نگاهن سان تڪڻ لڳا هئاسين. هونئن اسان جڏهن به ڳالهائيندا آهيون ته هيڊ ڪلارڪ ڪجهه نه ڪجهه ضرور چوندو آهي پر اڄ هو به اسان کي خاموش خاموش نگاهن سان تڪي رهيو هو. آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ ۾ باقي پنج منٽ هئا، هيڊ ڪلارڪ اسان کي پنهنجي پگهار وٺڻ لاءِ سڏيو، مجيد سُڃو ۽ نبي داد پگهار وٺي وري پنهنجين ڪرسين تي ويهي رهيا، هاڻ منهنجو نمبر هو. مان ٿڪل قدمن سان هيڊ ڪلارڪ وٽ پهتم،کانئس پگهار جا پيسا وٺي واپس ورڻ لڳس ته آواز ڏنائين:
    ”مولائي...! هي وٺ...!!“
    ”پر هي پيسا ڪنهنجا آهن...!“ حيرت مان پڇيم.
    ”منهنجي پگهار جا ٽي هزار آهن...!“ وراڻيائين:
    ”توکي ڏکئي وقت ۾ ڏيڻ لاءِ مسٽر نوريئڙيءَ وٽ هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي...!“ اهو ٻڌي مون کيس گهوري ڏٺو سندس هٿ مون ڏي وڌيل هو ۽ نظرون ٽيبل ۾ کتل هيس.
    ”وٺ مولائي...مون کان هي وٺ ...!“
    وري چيائين:
    ”مان توکي هي ڪو چندو ڪو نه ٿو ڏيان، نه تون ان کي قرض سمجهه، بس مون کي توسان همدردي آهي، ان ڪري تنهنجي پنهنجي وس آهر مدد ڪرڻ ٿو گهران...! ڏس انڪار نه ڪجان...!“
    اهو سڀ ڪجهه ڏسي ٻڌي دل پئي چيو ته ’جيڪر هيڊ ڪلارڪ کي ڀاڪر ۾ ڀري روئي پوان‘ پر ايئن ڪري نه سگهيس بس ڏڪندڙ هٿن ۽ ٻڏندڙ دل سان کائنس پيسا وٺي واپس پنهنجي ڪرسي تي ويهي رهيس.
    ”مولائي هيءُ وٺ...!“ نبي داد چيو: ”هيءُ منهنجو لاڪيٽ اٿئي ۽ ان سان گڏ پگهار جا ٻه هزار به تون لاڪيٽ کپائي شائسته کي بچائي وٺ ...!“
    ”مان ايئن نه ڪندس...!“ نبي داد کي چيم:
    ”تون به مون وانگي مسڪين مولائي آهين ...!“
    ”توکي ايئن ڪرڻو پوندو...!“ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين:
    ”توکي ايئن ڪرڻو پوندو...!“
    ”پوءِ سڄو سارو ميهنو ڪيئن گذرندئي...؟“پڇيم.
    ”ڦاڪا ڪٽيندي ڪيئي مهينا گذاري ڇڏياسين پيارا...!“وراڻيائين:
    ”هي مهينو به گذري ويندو...!ڀانيان ٿو ته لاڪيٽ جا ٽي هزار ملندئي، ٽي هزار هيڊ ڪلارڪ جا ۽ تنهنجي پگهار جا، ٽوٽل ڏهه هزار ٿي ويا ۽...۽ باقي...!“
    هو منجهي پيو هو سندس نظرون مجيد سُڃي ۾ کُپي ويون هنيون مان به مجيد سُڃي کي گهورڻ لڳس.
    ”نه مولائي نه...! مان توکي عشق جي شروعات ۾ ئي چئي چڪو هيم ته اڳتي مون ۾ ٽڪيءَ جي به اميد نه رکجانءِ...!“
    ايئن چئي مجيد سڃو تيز تيز قدم کڻندو آفيس مان نڪري ويو.
    ”پرواهه ناهي پيارا...!“ نبي داد دلداري ڏيندي چيو:
    ”تون کٽمٺڙا فيڪٽري جي مئنيجر کي ڏهه هزار روڪ ۽ باقي پنج هزار ايندڙ مهيني جي ضمانت ڏيندين، اميد ته هو مڃي ويندو...!“
    ”ٺيڪ آهي...!“چيم: ”جيڪڏهن مئنيجر ڏهه هزار وٺڻ ۾ راضي به ٿي وڃي ته پوءِ ايندڙ مهيني پنج هزار ڪٿان ايندا...!؟“
    ”الله مالڪ آهي...!“وراڻيائين:
    ” تون ڳڻنتي نه ڪر، رڳو مامي سلطان راهي کي پهچڻ ڏي...!“
    ”سلطان راهي ڪڏهن به نه ايندو..!“چيم:”هو هاڻي ڪڏهن به نه ايندو..!“
    ”ايندو...!“اٿندي چيائين:
    ”ضرور ايندو...! تون ٽين تاريخ کان پهرين کٽمٺڙا فيڪٽري وڃ...!“
    ايئن چئي نبي داد به هليو ويو. مون پهريون ڀيرو سندس آواز ۾ ڏڪڻي محسوس ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ مان به آفيس مان نڪري ويس. رستي ۾ هڪ سوناري کي سونو هار وڪيم جنهن ايڪٽيهه سوَ ڏنا، هاڻ مون وٽ ڏهه هزار هڪ سئو روپيا هئا ۽ منهنجو رُخ انٽرنيشنل کٽمٺڙا فيڪٽري ڏي هو. مان سوچي رهيو هئس ته جيڪڏهن شائسته آفيس ۾ موجود هوندي ته مان واپس هليو ويندس، جڏهن شائسته به هلي ويندي ته پوءِ اڪيلائي ۾ سندس مئنيجر سان ملندس ته جيئن کيس ڪڏهن به خبر نه پوي ته منهنجو قرض ڪنهن ادا ڪيو. اڃان کٽمٺڙا فيڪٽري ڪافي پري هئي ته اوچتو خيال آيو ته ’ڇو نه جيڪر نبي داد کي به پاڻ سان گڏ وٺيو وڃان، هو مئنيجر سان ڳالهائڻ ۾ مدد ڪندو‘ اها سوچ ايندي ئي مان واپس وريس، هاڻ منهنجو رُخ نبي داد جي گهر طرف هو . مان سوچن جي گهري سمنڊ ۾ غوطا کائي ايترو ته ساڻو ٿي پيو هئس جو نبي داد جو در به کڙڪائي نه سگهيس ۽ اندر داخل ٿي ويم، ۽ ورانڊي ۾ بيٺو ئي رهجي ويس. ڪمري مان سندس گهر واريءَ جو آواز ڪنن تي پيم.
    ”نبي داد...! مون توکي پنهنجو لاڪيٽ گُم ڪرڻ لاءِ نه...! کپائڻ لاءِ ڏنو هو ته جيئن مان پنهنجي ’مُرڪ‘ جو آپريشن ڪرائي سگهان...!“
    ”مان ڄاڻي واڻي سونو لاڪيٽ گُم نه ڪيو آهي..!“ نبي داد جو آواز آيو: ”بس ايئن ٿيڻو هو، پنهنجي قسمت ئي ٽٽل ڦٽل آهي پياري...!“
    ”پر هاڻي ڇا ٿيندو..؟“سندس گهر واريءَ جي آواز ۾ ڏڪڻي نمايان هئي: ”ڊاڪٽر چيو هو ته جيڪڏهن هفتي اندر مرڪ جو آپريشن نه ڪيو ويو ته مرڪ...! مرڪ...!!“
    ايئن چئي شايد سندس گهر واري سڏڪا ڀرڻ لڳي هئي،
    ”مان تنهنجي دل جي ڪيفيت ڄاڻان ٿو...!“ نبي داد جو آواز آيو:
    ”۽ مرڪ جي تڪليف جو به احساس آهي...! پر مان ڇا ڪيان مجبور آهيان، جيڪڏهن تنهنجو گم ٿيل لاڪيٽ لڀي به وڃي ته به مرڪ جي آپريشن لاءِ ناڪافي آهي...!“
    ”تون هن ڏکئي وقت ۾ دوستن کي ڇو نه ٿو آزمائين...!“ سندس گهر واريءَ چيو.
    ”هو منهنجا آزمايل آهن...!“ نبي داد چيس:
    ”هو مون کان پائي به نه رکندا...! پر هو به اسان وانگر مجبور آهن، بيوس آهن... پر تون يقين ڪر جنت...! مان مرڪ کي مرڻ نه ڏيندس... مرڪ مري نه ٿي سگهي....! مرڪ مري نه ٿي سگهي...! مرڪ ڪائنات جي وجود تائين زنده رهندي...!“
    مان وڌيڪ بيهي نه سگهيس ۽ اندر سندن ڪمري ۾ داخل ٿي ويس. مون کي ايئن اوچتو ئي اوچتو پنهنجي سامهون ڏسي نبي داد توڙي سندس گهر واري حيران ٿي ويا، نبي داد جي گوڏي مٿان ’مرڪ‘ ستي پئي هئي يا شايد هوءَ بيهوش هئي جڏهن ته سندس گهر واري کٽ جي پيراندي کان ويٺي پنهنجا ڳوڙها ٿي اگهيا...!
    ”نبي داد توکي ايئن ڪرڻ نه گهربو هو...!“چيم:
    ” تو مون سان دوکو ڪيو آهي...!!“
    ”اڙي يار...! تون ... تون...! هي ڇا پيو چوين...؟؟“نبي داد چيو.
    جيڪو هاڻ مرڪ کي وهاڻي تي ليٽائي منهنجي سامهون اچي بيٺو هو.
    ”مون سڀ ڪجهه ٻڌي ورتو آهي نبي داد...!“چيم:
    ”مرڪ منهنجي هوندي مري نه ٿي سگهي...!“
    ”او...! ته اها ڳالهه آهي...!“ مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين: ”اڙي مون کي خبر هئي تنهنجي اچڻ جي...! ان ڪري توسان ڊرامو ٿي ڪيوسين...! مرڪ بلڪل ٺيڪ آهي...!“
    ”مان ڄاڻان ٿو ان ڊرامي کي...!“چيم:
    ”ڇو ته ان ڊرامي جو لکندڙ مان ئي آهيان...! تو اهو ڪيئن سمجهي ورتو...ته مان پنهنجي مرڪ کي هميشه لاءِ ماري، ڏانئڻ کي آزاد ڪرائيندس، اڙي مان ته مرڪ لاءِ پاڻ کي به ماري سگهان ٿو پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهان ٿو...! صرف هڪ ڀيرو تون مون سان ڳالهه ته ڪرين ها...! ڇو ته مان صرف ’مولائي‘ تائين محدود نه آهيان پر مان تنهنجو دوست ۽ مرڪ جو چاچو به ٿيان پر تو مونسان ويساهه گهاتي ڪئي آهي نبي داد...! مان توکي ڪڏهن به معاف نه ڪندس...!“
    ان تي هميشه کلندڙ ۽ کلائيندڙ نبي داد ٻارن جيان روئي پيو هو، لفظ به نه ڪڇيائين...! بس مون کي ڀاڪر ۾ ڀري روئيندو ئي رهيو...! ڪافي دير کان پوءِ شايد پوري قوت گڏ ڪري چيائين:
    ”يار...! مرڪ ڪافي وقت کان بيمار آهي، ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق سندس آنڊي ۾ ڪا خرابي آهي، ان ڪري سندس علاج آپريشن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي... نه ته ... نه ته... هوءَ مري ويندي...!!“
    ”مرڪ ڪڏهن به ناهي مرندي...!“چيم: ”ان ڪري هاڻ به نه مرندي...! ڇو ته مون تنهنجو گُم ٿيل لاڪيٽ وڃائڻ کان اڳ ڳولهي لڌو آهي...!“
    ايئن چئي مان پنهنجي کيسي جا سمورا پيسا ڪڍي سندس کيسي ۾ وجهي ٻاهر نڪري آيس ڇو ته مون ۾ وڌيڪ اتي بيهڻ جي همٿ نه هئي.
    آئون شهر جي مختلف روڊن رستن تي ايئن اجايو ئي رلندو رهيس.گهڻو وقت آواره گردي ڪندو رهيس، ڇو ته مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو، ذهن به ڪافي منجهيل هو. هاڻ شام ٿي چُڪي هئي، سج لهڻ وارو هو مون ان ڪري پنهنجي گهر ۾ پناهه وٺڻ ٿي چاهي ۽ گهر پنهنجي ڪمري ۾ پهچي دل گهريو ته ’جيڪر ڀتين سان ڳالهائي اندر جو آڙاهه ٻاهر ڪڍي ڦٽي ڪيان پر مون کي ايئن ڪرڻ جي ضرورت نه پئي، منهنجو ننڍو ڀاءُ منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ هڪ لفافو ڏيندي چيائين:
    ”ادا هي ڪجهه دير پهريائين هڪ ماڻهو اوهان جي نالي ڏئي ويو آهي، ڪافي پريشان ٿي ڀانيومانس...!“
    ايئن چئي منهنجو ڀاءُ هليو ويو، مان جلدي لفافو کولي ان مان ڪاغذ ڪڍي پڙهڻ لڳس لکيل هو:
    ”پنهنجي دوست مولائي ڏانهن مجيد سُڃي طرفان ڪجهه سٽون...!
    پيارا دوست...! مون کي معاف ڪجو، مان ڪڏهن به اوهان جي ڪم نه اچي سگهيو آهيان، ۽ اوهان تي هميشه بار رهيس، موٽ ۾ اوهان به سُڃو سڏيندا هُئو ان ۾ اوهان جو ڪو به قصور ڪونهي ڇو ته شايد اوهان نه ٿي ڄاتو ته ’منهنجي ماءُ کي ڪينسر هو ان ڪري پائي پائي گڏ ڪري سندس علاج ڪرائيندو هئس اڄ سندس آپريشن ٿيڻو هو، سوچيو هيم ته اوهان کان ۽ نبي داد کان پگهار جا سڀ پيسا ڦُري وٺندس پر ايئن ڪري نه سگهيس، ڇو ته توهان به مجبور هيو...! مان ٻه هزار پگهار جا ۽ ٻيا به اڍائي هزار جيڪي مان ٽڪو ٽڪو ڪري امڙ جي علاج لاءِ گڏ ڪيا هئا...! کڻي اسپتال پهتس پر جيئن ته ساڍن چئن هزارن ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض جو ڪٿي ٿو آپريشن ٿئي، ان ڪري مان سندس آپريشن نه ڪرائي سگهيس ۽ اڄ شام اوچتو ئي اوچتو امان مٿي آسمان ڏي هلي وئي...! مون کي امان سان بي انتها محبت هئي پر هاڻ هوءَ به نه رهي آهي، هاڻ هيڏي ساري دنيا ۾ ٻيو منهنجو ڪو به نه رهيو آهي...!
    ان ڪري مان توهان کان، دنيا کان تمام گهڻو پري هليو ٿو وڃان جتي مان پنهنجو پاڻ کي به نه سڃاڻي سگهان، ٿي سگهيوَ ته مون کي معاف ڪجو ۽ وساري ڇڏجو ...!!!“
    فقط مجيد سُڃو...!
    هاڻ سج لهي چڪو هو هر طرف ڪاري راڪاس جهڙي رات پنهنجا خون خوار پر پکيڙي شڪار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو الاءِ جي ڇو ان وقت محسوس ٿيو ته ’جيڪر اسان به ان راڪاس جهڙي رات هٿان شڪار ٿي ويا هئاسين ۽ آهستي آهستي ان ۾ جذب ٿيندا ٿي وياسين...!‘ هاڻ ته مون کي منهنجو وجود به ڌنڌلو ڌنڌلو محسوس ٿي رهيو هو ۽ آءُ پنهنجو پاڻ کي نظر نه ٿي آيس، ان وقت خبر ناهي ڪيئن مان پنهنجي سائي ڀڻڪيم:
    ”نه نه...! مجيد تون سُڃو ناهين...! سُڃيون ته اسان جون سوچون آهن سُڃي ته خود دولت آهي، سُڃا ته اسان جا ڪامورا ۽ مئنيجر آهن پر اسان سُڃا نه آهيون، ڇو ته لڙڪ لڪائي مرڪ ڏيڻ وارا سُڃا نه شاهوڪار هوندا آهن...!!!“
    ***


    سنڌو سڪندو

    مان ڪافي وقت کان هوٽل تي ويٺو هئس، ذهن ڪافي منجهيل هو اخبار اکين آڏو هئي چانهه جو به ڪافي وقت اڳ بيري کي چيو هيم پر هن مهل تائين ظاهر نه ٿيو آهي. جنهن تي ڪافي ڪاوڙ آئي هئي،بيزاري مان اخبار مان نظرون ڪڍي هيڏانهن هوڏانهن نهاريم، هوٽل تقريبن سڄو ڀريل هو سڀ ماڻهو هڪٻئي سان حال احوالي هئا خاموش هئس ته مان هونءَ به ڳالهايان ته ڪنهن سان منهنجي سامهون واري ڪرسي خالي هئي ان ڪري هڪ ڀيرو وري نظرون اخبار ۾ کپائي ڇڏيم.
    ”صاحب... چانهه...!“
    ڪجهه گهڙين کان پوءِ بيرو چانهه مون آڏو رکي اڳتي وڌي ويو.چانهه جي سرڪ ڀريندي هوٽل جي مک دروازي ڏانهن ڏٺم هڪ نوجوان اخبار هاڪر اخبار جون مکيه خبرون زور سان پڙهندي هوٽل اندر داخل ٿيو.
    ”وزير اعظم سرڪاري طور تي ڪالاباغ ڊيم اڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو...!“ هاڪر اهي هوڪرا ڪوڪرا ڪندو هوٽل مان نڪري ويو صرف هڪ اخبار کپي هيس!مان چانهه جو ڪوپ خالي ڪري چڪوهئس جو هڪ ٻيو هاڪر رڙيون ڪندو هوٽل اندر آيو.
    ”قبي ڀرسان قبائلي جهيڙو تفصيل اڄوڪي هن اخبار ۾ پڙهو ...!“
    ان سان گڏ هو جهيڙي بابت ڪجهه هٿ ٺوڪيا جملا به چوڻ لڳو. ٿوري ئي وقت ۾سندس ڪافي اخبارون کپي ويون ماڻهن جي ڳالهين جو موضوع هڪدم تبديل ٿي ويو سڀ جهيڙي بابت ڳالهائڻ لڳا هر ڪنهن جهيڙي بابت ڪنهن خانداني نجمومي جيان اڳڪٿيون ٿي ڪيون اڻ پڙهيل، پڙهيل کي وات پٽيون ٻڌي رهيا هئا. ڪجهه اڻ پڙهيلن ته ڪمال ڪري ڇڏيو اخبار خريد ڪري پڙهيلن کي منٿون ڪرڻ لڳا ته وارو ڪريو سائين پڙهي ٻڌايو ته قبائلي جهيڙو ڪٿي پهتو هڪ همراهه مون کي به پاسو ڏنو کائنس اخبار وٺي جهيڙي بدران ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي کي وڌيڪ اهميت ڏيندي هن بابت خبرون پڙهڻ لڳس ته ڪرڪندي چيائين:
    ”ڪالاباغ ڊيم وري ڪهڙي بلا آهي ادا ...!“
    ”ڪالاباع ڊيم اصل ۾ ڪارو نانگ آهي وراڻيم.“
    ”جيڪو سنڌو مٿان اڏي رهيا آهن جنهن جي ٺهڻ سان اسانجي فصلن کي پاڻي ملڻ ته ٺهيو پر پاڻ پاڻي پيئڻ لاءِ به سڪنداسين..!“
    ”اڙي بابا...! هي وري ڪهڙا وائي حال احوال ٿو ڪرين ..!مونکي صرف اهو ٻڌايو ته جهيڙي واري زمين ڪهڙي ڌر کي ملندي ۽ان تي ڪير آباد ٿيندو...؟“
    ”چاچا...!“ چيم: ”جيڪڏهن ڊيم ٺهي ويوته پوءِ شايد الله ئي ان زمين کي آباد ڪري باقي اها ڪنهن به ڌر جي وس ڳالهه نه رهندي، ان ڪري اوهان پهريان ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاج ڪري ان کي ٺهڻ نه ڏيو پوءِ ڪنهن ڌر جي زمين آباد ڪرڻ جي ڳالهه ڪريو...!“
    ”وڏو ڪو بد دماغ آهين...!“ سٽ ڏئي اخبار کسيندي چيائين:
    ”رڳو ڪالاباغ ...ڪالاباغ ڪيون ويٺو آهين، ڄٽ اهوئي ڄٽ...!“
    ائين چئي هو اٿي هليو ويو مان وري اخبار پڙهڻ لڳس
    ”معاف ڪجو جناب...!“
    ڪجهه دير کا پوءِ ڪنهن اخبار کي ڇڪيندي چيو ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺم تقريبن پنجويهه سالن جو هڪ نوجوان بيٺو هو.
    ”ٻه منٽ اخبار پڙهڻ لاءِ ڏيندئو...؟“
    مون کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ڇو ته اخبار مون کان پهريان ئي وٺي چڪو هو. مان سمجهي ويو هئس بلڪه افسوس ٿي رهيو هو ته هي نوجوان به مفت خور آهي پر وري خيال آيو ته شايد هن همراهه کي ڪالاباغ ڊيم جي نقصانن جو پورو پورو علم هوندو! اخبار پڙهڻ کان پوءِ آئون سندس سان ان باري ۾ گفتگو ڪندس ۽ کانئس راءِ به وٺندس پر مون کي ان وقت سخت مايوسي ٿي جڏهن نوجوان اخبار جي فرنٽ پيج جيڪو اڌ کان وڌيڪ ڪالاباغ ڊيم جي نقصانن خطرن انديشن ۽ خبرن تي مشتمل هو ان تي توجه ڏيڻ بجاءِ، ٻي ڪا خبر ڳولهڻ لڳو .
    ”او...هو...اها خبر ته ڳولهيان پيو...!“
    خوشي وچان اخبار کي ابتو چنبو هڻندي چيائين ۽ پوءِ منهنجي سامهون رکيل ڪرسي تي ويهي رهيو هو.
    ”ڪهڙي خبر پيو پڙهين...!“ خفا ٿيندي کانئس پڇيم.
    ”اهائي جهيڙي واري...!ڇو توهان نه پڙهي آهي ڇا...!؟“حيرت مان پڇيائين ”ڪيڏا نه زبردست بيان آهن ميرن پيرن وڏيرن جا...!“
    ”ان کان اهم خبرون مٿي لڳل آهن...!“ چيم
    ”ڇا انهن جي ڪابه اهميت ڪونهي...؟“
    ”مٿي سڀ بڪواس آهي...!“ هڪ لمحي لاءِ نظرون اخبار مان ڪڍي وري نظرون اخبار ۾ کپائيندي چيائين:
    ”اخبار وارا به وڏا نالائق آهن جو اهڙيون خبرون هيٺ ننڍين سرخين ۾ هلائين ٿا ۽ ڪالاباغ ڊيم جهڙي پاروٿي مسئلي کي هر ڀرو مٿي موڪيلن...! اڙي بابا ڪالاباغ ڊيم ٺهي يا نه ٺهي اسان جي گهران ڇا ويندو جو اسان وچ ۾ پئون... پاڻ کي ته هن ئي علائقي ۾ رهڻو آهي نه...! ميرن پيرن وڏيرن سان گڏ...!“
    ”اهي به تڏهن امير رهندا..!“ چيم:
    ”جڏهن پاڻي هوندو فصل ٿيندو اَنَ لهندا... بهاري ٿيندي... ساوڪ هوندي... خوشي هوندي...!“
    موٽ ۾همراهه ڪوبه جواب ڪونه ڏنو خاموش رهيوسوچيم يقينن منهنجي آخري جملن ڪجهه اثر همراهه مٿان ڇڏيو هوندو پر مان غلط هيس هن منهنجا جملا ٻڌا ئي نه هئا يا اهميت نه ڏني هئائين جهيڙي بابت مڪمل خبرون پڙهڻ کان پوءِ ڪجهه اداڪارائن جا بيان به چاهه مان پڙهي اخبارکي اندارن کوليائين ايڊيٽوريل جي پاسي ۾ هڪ ٻئي هيٺان ڪالاباغ ڊيم بابت ٻه ڪالم ڇپيل هئا ۽انهن جي پاسي ۾ لاڙڪاڻي جي ڊائري ۾ ان قبائلي جهيڙي بابت مٿاڇري نگاهه وڌي وئي هئي جيڪا ڳالهه به همراهه کي ڏاڍي وڻي خوشي مان کڳيون ڏيندي شايد پنهنجو پاڻ کي ئي چيائين:
    ”وات ڳاڙها ڇورا...! ڪالاباغ ڊيم جهيڙي ڪِروڌي موضوع تي وڏا وڏا ڪالم لکي عوام کي بيوقف بڻائي پاڻ کي وڏا ڏاها ۽ دانشور ٿا سمجهن ٿا...اڙي توهان کي لکڻو آهي ته سنڌ جي حقيقي مسئلن تي لکو جيئن هن لاڙڪاڻي وارو ڀائو لکيو آهي .. شال ٻچا جيئنس ...!“
    ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي هڪ مفت خور ٻيو وري دانشوراڻي انداز ۾ دهمان پيو ڪري سوچيم اخبار ڦري وٺانس، مان ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيس پرافسوس ائين به نه ڪري سگهيس هن ڊائري پڙهي پوري ڪئي ۽ پوءِ اخبار مون حوالي ڪندي مهرباني چئي هليو ويو مون الله جو شڪرادا ڪريو جنهن هن عجيب آفت مان سهڻي نموني جان ڇڏائي هئي مون اخبار ۾ڪالاباغ ڊيم بابت ڏنل سمورو مواد پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي آڏو رکيل خالي پنن تي ڪجهه لکڻ وارو ئي هيس جو مون کان ٿوري ئي پري رکيل ڪرسي تي (اهو هاڪر جيڪوڪجهه گهڙيون پهريان جهيڙي واريون سرخيون زورسان پڙهي رهيو هو ) ويهي رهيو اخبار هڪ به نه هيس شايد سڀ کپائي آيوهو ۽ هاڻ پيسا پئي سنڀاليائين ان کي ويٺي ٿوري ئي دير نه گذري هئي جو هڪ ٻيو هاڪر جيڪو ڪالاباغ ڊيم بابت ماڻهن کي آگاهي ڏيئي رهيو هو ڪافي اخبارون اڃان به هٿ ۾ هيس ڇو يار...! پهرين هاڪر پيسا ڳڻيندي پڇيس:
    ”اڃان به اخبارون بچائي آيو آهين ڇا...؟“
    ”ها يار...!“
    ”پنجويهه کن...!“
    ”ڪل گهڻيون کنيون هئي...!“
    ”پنجاهه ڪاپيون...!“
    ”پوءِ اهي به هن مهل تائين نه هلائي سگهيو آهين ...؟“ (حيرت مان)
    ”نه يار ...! (بيوسي مان) رڙيون ته وڏيون ڪيون هيم، اهو سوچي ته ڪالاباغ ڊيم جي ڪري اخبارون اڄ جلدي ختم ٿي وينديون ... پر..! “
    ”تون ڄٽ آهين...!“ پهرين هاڪر جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيس.
    ”ڄٽ نه آهيان ...!“ ٻي وضاحت ڪئي.
    ”انٽر پاس آهيان... !“
    ”تو کي دماغ آهي ...!“ پهرئين چيس:
    ”پر عقل الله ڏئي...! تون اخبارون هيڏي ڪر اڌ ڪلاڪ ۾ٿو کپائي ڏيانءِ ۽ ها باقي ٻيهر مون مان اهڙي قسم جي اميد نه رکجانءِ...!“
    ائين چئي هن ڳڻيل پيسا پنهنجي کيسي ۾ وڌا ۽ پوءِ کائنس اخبارون وٺي وڏي واڪي چوڻ لڳو:
    ”اچي وئي...سائين اڄوڪي تازي ۽ ڌماڪي واري اخبار...! قبائلي جهيڙو نئون رخ اختيار ڪري ويو...ٻئي ڌريون جديد هٿيارن سان مورچا بند ٿي ويون... پوليس ناڪام... وڏي جهيڙي جو امڪان.... اچي وٺو... وڌيڪ تفصيل هن تباهي واري اخبار ۾ پڙهو...!“
    مون ڏٺو هو ڪجهه اخبارون هوٽل ۾ئي کپائي ساڳي قسم جون رڙيون ڪندو اڳتي نڪري ويو... ويٺل هاڪر کيس حيراني مان ڏسندو رهيو... الائجي ڇو مون کي يقين ٿي ويو ته اهو هاڪر اڌ ڪلاڪ کان به اڳ ۾اخبارن جو صفايو ڪري ايندو... مان حيران هئس ... پريشان هئس ته ... هي اسان جا ماڻهو... اُف خدايا... هي اسان کي ڇا ٿي ويو آهي ... اسان ڪهڙي مستقبل ڏانهن وڃي رهيا آهيون... اسان جو آئيندو ڇا ٿيندو..! مڃيم ته اهي جهيڙا به توجهه گهرن ٿا... پر انهن جي ڪري اسان ٿوري وقت لاءِ به ڪالاباغ ڊيم جهڙي زندگي ۽ موت واري مسئلي کي هڪ پاسي نه ٿا رکي سگهون اگر ڊيم ٺهي ويو ته پوءِ يقينن اسان جو مستقبل ڊهي پوندو.... پوءِ هي جهيڙا ڪرڻ ڪرائڻ وارا... توڙي ڊيم کان لاتعلق رهڻ وارا... پاڻ به بک مرندا... اُڃ مرندا... پر ٿيندو ڇا ڪجهه به ته نه... پوءِ به اسان ....! مون کي ڪجهه به سمجهه ۾نه ٿي آيو... پنهنجو ئي سوچون گهٽي رهيو هيون مان سچ پچ ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو هئس... حواسن کي قابو ۾ رکندي بيري کي ٻي چانهه آڻڻ جو چيم:
    ”ٻي چانهه به آڻيان سائين...؟“
    ڪجهه تعجب ۾ پڇيائين بيري جو ڪو به قصور ڪونه هو، اڪثر ته مان چانهه پيئندو ئي ڪونه هئس، ان ڪري اڄ ٻي چانهه جو ٻڌي بيري کي يقينن حيرت ٿي هئي. وراڻيم:
    ”ها پر جلدي...!“
    بيري جي وڃڻ کان پوءِ مون هڪ اڇي پني تي ڪجهه لکي لفافي ۾ رکي ڇڏيو. بيري چانهه آندي... مان پيئڻ لڳس.
    ”اڙي ڪوپ ته خالي آهي ...!“
    مون پنهنجي دوست جو آواز ٻڌو جيڪو هاڻ منهنجي سامهون خالي پيل ڪرسي تي ويهي رهيو هو.
    ”پوءِ گهڙي گهڙي ان کي ڇا لاءِ پيو چپن تي آڻين...!!؟“
    دوست جو آواز ٻڌي ڪوپ تي هڪ نظر وڌم واقعي خالي هو.
    ”يار ...!“ وراڻيم
    ”اصل ۾ ڪوپ خالي نه ... پر منهنجي دل خالي ٿي وئي آهي...! “
    ”هي پڙهه... ڏسان ته سهي تون وري ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن ...!“
    ائين چئي هن منهنجو لفافو کڻي ورتو..! مون سندس ڏنل لفافو کولي ورتو. هڪ اڇي پني تي صرف هڪ جملو لکيل هو. مون ڏانهس ڏٺو. هو به مون کي طنزيه مرڪ سان گهوري رهيو هو. شايد هن به منهنجو لکيل جملو به پڙهي ورتو هو. اصل ۾اسان ٻئي ٻن مختلف اخبارن سان لاڳاپيل ٻه گهرا دوست هئاسين ان لاءِ ڪالاباغ ڊيم تي پنهنجي پنهنجي اخبار ۾ پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي تاثرن ۽ راين جي روشني ۾ هڪ ڪالم... ’سنڌو وهندو ڊيم نه ٺهندو...!‘ جي عنوان سان لکڻو هو پر اسان ٻئي خبر ناهي ڇو...! اتفاق سان فقط هڪ جملي کان اڳتي نه وڌي سگهيا هئاسين ته...!
    ”شايد سنڌو سڪندو ڊيم به ٺهندو...!!!“
    ***


    محافظ

    ڇڙواڳ شهپر، نرڙ تي ٽوپي، بوسڪي جي قميص، اڇي ويڪري شلوار، ڳاڙهيون اکيون، وات ۾ گگون، شايد شراب حد کان وڌيڪ پيتو هئائين، ان ڪري ڏاڍو خوفائتو لڳي رهيو هو. جتان پئي لنگهيو، اتان ماڻهن جو وڃي سسي ۾ ساهه ٿي بچيو. ڇو ته هو ان حليي ۾ جنهن کي به وٺندو هو اصل بيک ئي ڪڍي وجهندو هئس. ڪو سندس سامهون نه ٿيندو هو، شايد ان ڪري جو هڪ پوليس وارو ٻيو تر جي اهم شخصيت جو مٿس هٿ ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو سندس ڏاڍمڙسي خلاف اٿي کڙو ٿئي. سڀ ڪو سندس ها ۾ ها... ۽ نه ۾ نه ملائڻ وارو هو...
    هڪ ڀيري جڏهن هن نشي جي حالت ۾ بيگناهه خدابخش عرف خدن خان جي ڳچيءَ ۾ اچي هٿ وڌا هئائين ته خدن پهريان ته هن آفت کان پاڻ ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي، پر جڏهن هي همراهه نه مڙيو ته خدن به گهٽ نه ڪئي هيس ۽ ڪنهن ريسلر جيان کيس کڻي کڻي ٿي اڇلايائين ... ايڏو ماريو هئائينس جو همراهه رت سان ريٽو ٿي ويو هو اهو پهريون ڀيرو هو جو هو ماڻهن جي سامهون خدن خان جهڙي عام ماڻهو هٿان موچڙا کائي رهيو هو، جنهن تي ماڻهو دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش هئا، پر سندن چهرن تي خوف نمايان نظر اچي رهيو هو. کين اهو به خدشو هو ته سڀاڻي گهڻو ڪجهه ٿيندو...!!! ۽ واقعي ٿيو به...! جڏهن ان واقعي کان ڪجهه ڏينهن ئي پوءِ خدن (جيڪو هن وقت تائين ان واقعي سبب روپوش هو) ڌاڙو هڻندي هن جي ئي پوليس پارٽي هٿان مارجي ويو هو. سندس سڄي جسم تي تشدد جا واضح نشان هئا، بقول هنن جي ته اهي گولين جا گهاءَ هئس پر ماڻهن کي ان ڳالهه تي به تعجب نه پئي ٿيو، هو ته ان ڳالهه تي حيران هئا ته خدن جنهن کي ٻارهن ئي مهينا ٻوريون ڪلهي تي هونديون هيون، ان جي ڪلهي ۾ رائيفل ۽ گوليون ڪيئن آيون ۽ هو ڌاڙو هڻندي ڪيئن مئو..! ان کان علاوه هن خدن جي گهر تي ڪامياب ڇاپو هڻي بغير لائسنس جي ڪافي تعداد ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا هئا، جنهن ڪري سندس پيءُ کي به چالان ڪيو ويو هو. ان حيرت انگيز واقعي کان پوءِ سندس دهشت حقيقت جو روپ ڌاري وئي هئي. هاڻي سندس نالو وٺندي به ماڻهو ڳيتون ڏيڻ لڳندا هئا.
    اڄ به خبر نه هئي ته ڪنهن جي قسمت ٽٽڻي ۽ ڦٽڻي هئي جو هو ٿڙندو
    ٿاٻڙندو شهر جي هڪ مشهور هوٽل طرف وڌڻ لڳو، هوٽل ۾ويٺل سڀ ماڻهو وائڙا ٿي ويا هئا ڪجهه ته هيڏانهن هوڏانهن کسڪي ويا... ڪن کان چانهه پيئڻ وسري ويئي هئي... ۽ ڪن کان بوتلون اڌ ۾ رهجي ويون هيون... خود هوٽل جو مالڪ جيڪو سدائين ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي مزدورن تي ڏمرجي پوندو هو، کين خوب دڙڪا دهمان ڏيندو هو، بي انتها ٿلهو هجڻ جي ڪري سندس چهڙي ۾ڏاڍو رعب ۽ دٻدٻو هوندو هئس، لڳندو ته ائين هو جو هو ڪنهن کي مڪ هڻي وجهي ته اهو همراهه ڪجهه لمحا هوش ئي وڃائي ويهي، سو اڄ هن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ڪرسي تي ئي اهڙي طرح آهلجي پيو هو جو ڄڻ اگهور ننڊ ۾ هجي، بس گهونگهرن مٿان گهونگهرا ٿي هنيائين. هو هاڻ هوٽل جي دروازي وٽ پهچي چڪو هو آس پاس مڪمل خاموشي ڇانيل هئي، هر ڪو حد کان وڌيڪ پريشان ٿي ويو هو.
    ”اڙي تو کي گهڻا ڀيرا سمجهايو اٿم ته منهنجي سامهون نه ايندو ڪر...!“ اوچتو هن جو گرجدار آواز گونجيو، هو انتهائي حقارت ۾ هوٽل جي دروازي جي ڀرسان ’تندور‘ تي ماني پچائيندڙ هوٽل جي هڪ مزدور سان مخاطب هو، ”پوءِ به تون نه پيو مڙين...؟ لڳي ٿو ته توکي منهنجي حيثيت جي ڪابه خبر ڪونهي...!!“
    ”رحم سرڪار رحم ...!“ هوٽل مزدور ڏڪندي وراڻيس سندس لفظن ۾ التجا نمايان هئي.
    ”سرڪار جا پٽ...!!!“ هو وري ڳالهائڻ لڳو:
    ”تون ڏاڍو ذليل آهين جيڪڏهن ٻيهر توکي هتي ڪٿي ڏٺم ته مون کان بُرو حشر ٻيو ڪو به نه ڪندئي...!“
    ائين چئي هو وڦلجندو اڳتي وڌي ويو ته ڪنهن ماڻهو مزدور کي طنزيه لهجي ۾ چيو:
    ”اڙي رحيم تون وري ڪڏهن کان ذليل ٿيو آهين...؟“
    ”بس ادا...!“ رحيم ٿڌو ساهه ڀريندي چيو:”غربت ئي سڀ کان وڏي ذلالپ آهي ...!“
    ”اڙي توکي هو بيگناهه هيڏو سارو ڳالهائي ويو ته به سائين سائين پئي ڪيئيس...!“ هڪ ٻئي تماشائي چِٿر ڪندي چيس:
    ”ها ڀائو...!“ رحيم وراڻيو: ”هو حڪومت سڳــوري طرفان اسان جو محافظ مقرر ٿيل آهي، هن هڪ کي پادر هنياسين ته بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي آڪهه ڪُٽبي...!“
    سندس لفظن ۾ بيوسي نمايان هئي
    ”اڙي ڇڏ هاڻي گهڻي ڳالهائڻ کي...!“ هوٽل مالڪ رڙ ڪري رحيم کي چيو شايد ننڊ مان هاڻ سجاڳ ٿيو هو.
    ”خبر ناهي ڇو توسان صاحب جي لڳي ئي نه ٿي، پر‎‎‎‎ ٻيلي مان پنهنجي هوٽل کي ڦٽائڻ يا وڃائڻ جو خطرو نه ٿو کڻي سگهان.ان ڪري مهرباني ڪري تون سڀاڻي ئي پنهنجو ٻئي هنڌ بلو ڪر، مان توکي وڌيڪ نه ٿو رکي سگهان...!“
    ”حاضر جناب...!“ رحيم تندور مان ماني ڪڍندي چيو:
    ”مون کي سڀاڻي اوهان هتي نه ڏسندئو...!“
    رات ڪافي گذري چڪي هئي، رحيم پنهنجو ڪم ڇڏائي گهر طرف وڌڻ لڳو هو، سندس ذهن ۾ هزارين خدشا پريشانيون گهر ڪري چڪيون هيون. هو سوچي رهيو هو ته سڀاڻي وري هو ڪنهن ڪم لاءِ ڪنهن کي ايلاز منٿون ميڙ ڪندو، ڪير کيس مزدور رکندو به الائي نه سڀ کان وڌيڪ پريشان ته هو ان ڳالهه تي هو ته سندس نوجوان ڀيڻ جي شادي ڪيئن ٿيندي، ڏاج ڪٿان ايندو، وري خيال آيس ڪالهه ئي امڙ پنهنجا زيور کپائي اديءَ لاءِ ڏاج خريد ڪيو آهي، بس ٻيو جيڪو ڪجهه کُٽو، ابو کٽون واڻي پوري ڪندو، الله مالڪ آهي، ڏکيو سکيو وقت گذري ويندو. رحيم ائين سوچيندو پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيندو جيئن پنهنجي گهر ويجهو پهتو ته کائنس ڇرڪ نڪري ويو هو... رڙ نڙي ۾ اٽڪجي پئي هئس، سندس گهر جو دروازو ٻن هٿياربند نقاب پوشن جي قبضي ۾ هو. هن اهو سڀ ڪجهه ڏسي سمجهڻ ۾ ٿوري به دير نه ڪئي ۽ ڊوڙندو سهڪندو ٿاڻي تي پهتو، اتفاق سان ان مهل هُن جي ڊيوٽي هئي جيڪو آفيس اندر اهڙي طرح ويٺو هو جو ڄڻ اها ڪا سندس ذاتي اوطاق هئي جنهن کي ڏسي رحيم ڇرڪي ويو پر پوءِ تيزي سان ڳالهائڻ لڳي ٿو.
    ”سائين وارو ڪريو منهنجي گهر ڌاڙو لڳي رهيو آهي...!“
    ”تنهنجو گهر ڪٿي آهي...؟“
    ”موسى محلي ۾...!“
    ”ڦورو ڪيترا آهن...؟“
    ”گهڻا ناهن سائين صرف ٻن پاڇن تي نظر اٿم...!“
    ”توکي ڪيئن خبر پئي ته اُهي ڌاڙيل آهن...!“
    ”سائين آڌيءَ رات جو هٿيارن سان پرائي گهر ۾ ٻيو ڪير ٿو گِهڙي سگهي....؟“
    ”پوءِ تو کي ڌاڙيلن ڀلا ڇو ڇڏيو...؟“
    ”سائين مان گهر ۾ نه هئس شهر کان اچي رهيو هئس جو ڪجهه پري کان ئي نظر پئجي ويئي...!“
    ”اڙي تو هن مهل تائين شهر ۾ ڇاپئي ڪيو...!“
    ”سائين مان هن مهل تائين شهر ۾ ڌوڙ پئي پاتو...!!!“ رحيم آپي کان ٻاهر نڪرندي چيو:”توهان پنهنجو ڪم ڪيو، ڪٿي ڌاڙيل نڪري نه وڃن...!“
    ”مون کي پهريان ئي شڪ هيو ته تون ڏِنگو ماڻهو آهين، هاڻ ته يقين ٿيڻ لڳو آهي. تنهنجي انداز مان لڳي رهيو آهي ته تون ڪو ڊرامو ڪري رهيو آهين ۽ غلط اطلاع ڏئي ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿو...!“
    ”سائين ڪهڙو شريف ماڻهو ان قسم جو ڊرامو ڪندو ...؟ مان مجبور آهيان ....منهنجي مدد ڪريو...!“
    ”تون ڪير آهين، اها ته بعد ۾ خبر پوندي ان ڪري في الحال تو کي هتي ئي ويهڻو پوندو مان وڃي جاچ لهي ٿو اچان، جيڪڏهن ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ مان ...!“ ايئن چئي هن جمعدار کي گاڏي ۾ تيل وجهرائي اچڻ جو چيو ۽ پاڻ ڪپڙا بدلائڻ لاءِ ٻي ڪمري ۾ هليو ويو..!!
    رحيم کي هاڻي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي آئي،کيس هن جي افعالن جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي پر پوءِ به هو ڀيڻ جو ڏاج بچائڻ جي آس کنيون ٿاڻي تي پهتو هو، پر هاڻ پاڻ کي فريادي نه پر ڪو ڏوهي محسوس ٿي ڪيائين رحيم کي هاڻي اهو به ياد اچي رهيو هو ته هو پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ کان اڳ ڌاڙا هڻندو هو . هاڻ به ڪڏهن ڪڏهن اها ڊبل ڍيوٽي ڪري وٺندو آهي، ان ڪري کيس يقين ٿي ويو هو ته مان غلط جڳهه تي اچي پهتو آهيان. هُن ويندي ويندي رحيم جي نگراني لاءِ هڪ سپاهي ڇڏيو، جنهن کيس شهنشاهي حڪم ڏيندي چيو:
    ”اڙي جيستائين صاحب جاءِ واردات تان موٽي اچي تيستائين خاموش ٿي ويهي رهه... نه ته کل لاهي ڇڏيندوسانءِ ...!“
    تقريبن اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هو واپس پنهنجي آفيس ۾ پهتو، سندس اکيون ڳاڙهيون هيون، منهن تي وحشت هيس ، اچڻ سان ڪرسيءَ تي ويهندي رحيم کي چيائين:
    ”واقعي تنهنجي گهر ڌاڙو لڳو آهي... پر ڌاڙيل منهنجي پهچڻ کان پهرين فرار ٿي ويا آهن...!“
    ”سائين اهي ملائڪ نه آهن جو اُڏري وڃن اهي هتي ڪٿي ئي موجود هوندا، اوهان ناڪا بنديءَ ڪرائي وٺو...! “
    ” نه ....اُهي ڌاڙيل ايئن آساني سان هٿ نه ايندا... !“
    ”ڇو نه ايندا....؟“
    ”بس ڪم ڪجهه ڏکيو آهي ...!“
    ”ڌاڙيل کي پڪڙڻ ڏکيو آهي سائين...!“
    ”ها....!“
    ”ڀلا تون انهن مان ڪنهن کي سڃاڻين ...؟“
    ”نه...!“
    ”ڪنهن سان دشمني...!!!“
    ”نه...!“
    ”ڪنهن تي شڪ..!؟“
    ”نه...!“
    ”پوءِ تنهنجي گهر ڌاڙو ڪيئن لڳو...؟“
    ”مان نه ٿو ڄاڻان...!“
    ”تون ڄاڻين ٿو رحيمون..! پر جيستائين مان ڪنهن نتيجي تي پهچان تيستائين خاموش رهجان، ٻِڙڪ به ٻاهر نه ڪڍجانءِ نه ته توتي پهريان ئي گهڻا ڪيس آهن، رهندو هي به ڪيس تو مٿان مڙهي اهڙو اندر ڪندوسانءِ جو سڄي عمر جيل ۾ گذري ويندئي ...!“
    ”ڇا...!؟؟“
    ”ها...! مان صحيح پيو چوانءِ خاموش رهڻ ۾ ئي تنهنجي ڀلائي آهي، مان ڪوشش ڪندس ڌاڙيلن تائين پهچڻ جي، نه ته به توکي ٻيو ڏاج مان خريد ڪري ڏيندس. فقط اها ڳالهه توتائين محدود رهي ...!“
    اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ رحيم بغير ڪنهن جواب ڏيڻ جي گهر طرف هلڻ لڳي ٿوسندس ذهن في الحال سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. بس هو بي جان بت جيان لڳي رهيو هو گهر پهچندي ئي هن جو سڄو ذهن گردش ۾ اچي وڃي ٿو ، دل اندر زلزلو مچي ويو هيس، اکيون پنهنجي نوجوان ڀيڻ ۾ کپي وڃنس ٿيون، جيڪا گوڏن ۾ منهن ڏئي روئي رهي هئي، هو ڪافي وقت بيوس بڻيو رهيو جو اوچتو سندس ماءُ جا سڏڪا لفظن جو روپ اختيار ڪري سندس سيني ۾ ڪنهن خنجر جيان کپندا ويا.
    ”پُٽ...! اسان جو سڀ ڪجهه وڃائجي ويو ...ڌاڙيلن ته صرف سامان لٽيو ڦريو ....پر انهن ظالمن پوليس وارن ...ته ...تنهنجي ڀيڻ ....!!!“
    سندس ماءُ جا لفظ وري سڏڪن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ هو مسلسل روئيندي رهي، ڪجهه لمحن کان پوءِ رحيم هڪ وڏي رڙ ڪري اونده ۾ غائب ٿي ويو هو . سندس رڙ ۾ اُڀ کي ڦاڙڻ جبل کي ڏارڻ جي طاقت سمايل هئي. پر هن جي رڙ هن بي حس سماج کي ڪجهه نه ڪري سگهي، صرف راڪاس جهڙي رات سندس رڙ تي ٿورو رُني ...۽ پوءِ ان کي هضم ڪري ڇڏيائين ...!!!
    ***


    جنهن چيو

    شمائله کي مون ان وقت چاهيو هو_ جڏهن مون کي اها به خبر نه هئي ته چاهت ڇا ٿيندي آهي! بس ايترو سمجھي سگھيو هيم ته هن کان بغير مان اڻپورو آهيان. هڪ ڀيري موقعو ملندي سڏيو مانس:
    ”شمائله...!“
    ”هون...!“
    ”مون ڏانهن ڏس...!“
    ”ڇو ڏسان...؟“
    ”تون ڏس ته سهي...!“
    هوءَ تڪڻ لڳي هئي. مان سندس نظرن جو تاب نه سهي سگهيو هيس ۽ منهنجو ڪنڌ جھڪي ويو هو.
    ”منهن مٿي ڪر موڳا...!!“
    ”ڇو...؟“
    ”تون ڪنڌ مٿي ته ڪر...!“ منهنجو نقل ڪيو هئائين کلي پيو هيم.
    ”مون توکي کلڻ لاءِ نه، منهن مٿي ڪرڻ لاءِ چيو هو...!“
    مان ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڏسڻ لڳو هئس، هن نظرون جھڪائي ڇڏيون هيون.
    ”شمائله...!“
    ”جيءُ...!“
    ”پاڻ ڪيترو هڪٻئي کان نظرون لڪائينداسين...!“
    هوءَ ڪجھه نه ڪڇي هئي.
    ”تون ڪوبه جواب ڪونه ڏنو...!“ کيس تنگ ڪندي چيو هيم.
    ”ڪن سوالن جو ڪو به جواب نه هوندو آهي...!“ آهستي چيو هئائين.
    ”سمجهان ٿو پر مون کي جواب کپي...!“
    ”تون بيو قوف آهين...!“
    ٽهڪ نڪري ويو هو.
    ”چڱو مان هلان ٿي پر...!“
    ”پر... کي ڇڏيس....!“ چيو هيم
    ”مان تو کان بغير اڌورو آهيان...!“
    ”ته پوءِ هميشه اڻپورو رهندين...!“
    ”ايئن ته نه چئو...!“
    ”چوڻو ٿو پوي...!“
    ”مان تو کي هميشه لاءِ پنهنجو ڪرڻ ٿو گهران...!“
    ”ايڏي وڏي ڳالهه ايڏو جلدي چئي وئين...!“
    ”مان جلد باز آهيان شمائله...!!“
    ”ان تو واري جلد بازيءَ ته ماريو آهي ...!“
    ”ڇا مطلب...؟“
    ”گهر وارن کي پنهنجي خبر پئجي ويئي آهي...!“ منهن سڄائيندي چيو هئائين.
    ”پوءِ ڇاهيس!!!؟“
    ”منهنجي جلدي شادي ڪرائڻ ٿا چاهين...!“
    ”ايئن نه ٿو ٿي سگهي...!“
    ”ڪجهه ڏينهن ۾ ائين ٿي ويندو...!“
    ”مان مري ويندس...!“
    ”مون تو کي روڪيو آهي ڇا...؟“
    ”يعني تون به راضي آهين...!“
    ”ظاهر آهي...!“
    ”پر ڇا تون مون کي وساري سگهندينءَ...؟“
    ”مون تو کي ياد ئي ڪڏهن ڪيو آهي...!“
    ”اندرنه ساڙ شمالي...!“
    ”شمالي.....!“ٽهڪ نڪري ويو هئس کلندي چيو هئاهين وري چئو.
    ”شمالي مون کي يقين آهي تون مون سان محبت ڪرين ٿي...!“
    ”بيشڪ....!“وراڻيو هئائين.
    ”پر هاڻ منهنجي رشتي جون ڳالهيون پيون هلن. ان ڪري ٻيهر ملڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ...!“ هوءَسنجيده ٿي ويئي هئي ۽ مان رنجيده ٿي ويو هئس.
    ”مان تو کي نه وساري سگهندس...!“
    ”مجبوري آهي، دل مان ڪڍي ڇڏ اهو ئي بهتر رهندو...!“
    ”اهو ته ناممڪن آهي شمالي، پر ڇا تون مون کي اهو ٻڌائيندي ته تنهنجي رشتي جون ڳالهيون ڪنهن سان پيون هلن...!“
    ”اهو ٻڌائڻ ضروري آهي...؟“
    ”ها...!“
    ”ڇو...؟“
    ”مان ان کي ڏسي وٺندس...!!“
    هڪ ڀيرو ٻيهر ٽهڪ نڪري ويو هئس. وري به کلندي چيو هئائين:
    ” تون ايئن نه ٿو ڪري سگهين...!“
    ”ڇو تون مون کي بزدل سمجهيو آهي ڇا...؟ مان ته صرف رات جو گهر ويندي رولو ڪتن کان لنوائيندو آهيان ۽ بس...!!“
    وري ٽيون ٽهڪ نڪري ويو هئس مسڪرائيندي چيو هئائين:
    ”مون کي خبر آهي..! پر تون منهنجي خوشين خاطر ائين نه ٿو ڪري سگهين.“
    ”ٺيڪ آهي شمالي ائين نه ڪندس پر ٻڌاءِ ته سهي هو ڪير آهي...؟“
    ”گهر وارا، پنهنجي ئي برادريءَ جي ڪنهن سٺي ڇوڪري جي ڳولا ۾ آهن، پر اڃا تائين ڪو ...رشتو سمجھه ۾ ڪونه آيو اٿن...!“
    ”پر پوءِ به ڪو نه ڪو ته نظرن ۾ هوندن...!؟“
    ”ها هڪ ڇوڪرو نظر ۾ اٿن...!“
    ”اهو ئي ته مان به پڇان پيو...!“
    ”صرف تون پنهنجا گهر وارا موڪل...!“
    ”ڇا ...!؟“ هڪ زودار ڌماڪو ٿيو هو، جنهن جي شدت ايتري هئي جو جيستائين منهنجا حواس بحال ٿين، تيستائين شمالي منهنجي نظرن کان گم ٿي ويئي هئي.
    ٿورن ڏينهن کان پوءِ اسان جي شادي ٿي ويئي هئي، زندگي جا اهي پل ۽لمحا ڏاڍو وڻندڙ هئا. چنڊ کي پنهنجي هٿن ۾ محسوس ڪيو هيم، ان کان وڌيڪ منهنجي لاءِ ٻي ڪهڙي خوشي جي ڳالهه هئي. مان بي اي پاس بيروزگار هئس، محنت مزدوري ڪري شام جو جڏهن گهر پهچندو هئس ته هميشه شمالي کي پنهنجو منتظر ڏسندو هئس، سندس هڪ مرڪ منهنجي سڄي ڏينهن جو ٿڪ لاهي ڇڏيندي هئي مان ايترو ڪمائيندو هئس جو گهر جوگاڏو مڙئي پيو گهلبو هو. ڪڏهن ڪڏهن غريب هجڻ جو احساس مايوس ڪندو هو ته شمالي سهارو ڏيندي مايوسيءِ جي ڪن مان ڪڍي وٺندي هئي. هڪ ڀيري مون کي گهڻو پريشان ڏسي چيو هئائين:
    ”غربت ته پنهنجي وڏي خوشي آهي چريا. ڏس پاڻ ان حال تي ڪيڏو نه خوش آهيون، جڏهن ته امير ماڻهن کي هڪ لمحو به حقيقي خوشيءِ جو نه ملندو آهي. هو ته ننڊ به پيسن تي خريد ڪندا آهن...!“
    شمالي جي واتان اهي لفظ ٻڌي مطمئن ٿي ويو هئس، شاديءَ کان پوءِ جڏهن شماليءِ نئين مهمان اچڻ جي خوشخبري ٻڌائي هئي ته ڏاڍو خوش ٿيو هئس، زندگي کي هڪ نئون رخ ملي ويو هو. پنهنجي اولاد جي باري ۾ مون ۽ شمالي وڏا وڏا خواب ڏٺا هئا، کوڙ ساريون خوشيون ۽ تمنائون لڪائي رکيون هيون سي.ان شام جو جيئن ئي گهر پهتو هئس ته امان پريشانيءَ مان چيو:
    ”پٽ شمائله کي ڏاڍي تڪليف آهي... وارو ڪر ڪنهن نرس يا ڊاڪٽر کي وٺي اچ...!!“
    مان پريشان ٿي اسپتال ڏي ڊوڙ پاتي هئي. اسپتال ۾ هڪ نرس کي روڪي پنهنجو مسئلو ٻڌائي مدد جو چيو هو مانس جنهن وراڻيو هو:
    ” هي ڊليوريءَ ڪيس آهي. اوهان اسپتال انچارج سان رابطو ڪيو...!“
    مان تڪڙو اسپتال انچارج جي آفيس پهتو هئس جتي پٽيوالي واتان خبر پئي ته . صاحب ننڊ ۾ آهي اٿارڻ تي ناراض ٿيندو. تعجب ٿيو هو، ان ڪري جو ٻڌو هيم ته وڏن ماڻهن کي رات جو به ننڊ وڏي مشڪل سان ايندي آهي پر هي همراهه ته ڏينهن جو به اسپتال جهڙي گوڙ ۽ گمسان واري ماحول ۾ ستو پيو هو. مجبورن مون هڪ ٻي نرس کي روڪي پنهنجي مجبوري ٻڌائي. جنهن چيو:
    ”پنهنجي گهر واريءَ کي منهنجي پرائيويٽ اسپتال کڻائي اچ، پيسن جو بندوبست ڪيون اچجانءَ ڪافي خرچ ايندو...!“
    ڪافي خرچ جو ٻڌي تمام گهڻو پريشان ٿي ويو هئس. غربت جو ڦندو پنهنجي ڳچيءَ ۾ محسوس ڪيو هيم جيڪو سوڙهو ٿيندو پئي ويو، ان وقت پاڻ واري سيٺ ڏي ڊوڙ پاتي هيم. سيٺ کي هڪٻندي سهڪندي پنهنجي مجبوري ٻڌايم جنهن چيو ته:
    ”پيسا ته هن وقت مون وٽ ڪونهن باقي تون ڊاڪٽر سرفراز کي منهنجي نالي چئو اميد ته هو تنهنجي ضرور مدد ڪندو...!“
    مان ڊوڙندو ڊاڪٽر سرفراز وٽ پهتس جنهن چيو ته:
    ”حاضر بابا ڪجهه مريض ويٺا آهن انهن کي ڏسي وٺان ته هلون ٿا....الله ڀلي ڪندو...!“
    انتظار منهنجي مجبوري هئي خاموشيءَ سان خالي پيل ڪرسي تي ويهي رهيو هئس، منهنجي دل جي دنيا ۾ صرف ۽صرف شمالي سمايل هئي جيڪا هن وقت تڙپي رهي هئي.شمالي جنهن جي لفظ لفظ سان مون کي پيار هو اڄ ان جي ئي جملي تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي ته:
    ”غربت ئي پنهنجي وڏي خوشنصيبي آهي...!“
    اڄ اها ئي خوشنصيبي کيس تڙپائي رهي هئي مان اڃان اتي ئي ويٺو هئس جو هڪ همراهه ڪار مان لٿو، جنهن سان ڊاڪٽر سرفراز گرم جوشيءَ سان مليو ۽ اوچتو اچڻ جو سبب پڇيائينس جنهن ٻڌايس ته:
    ”صائمه جو چانهه ڪاڙهيندي هٿ سڙي پيو آهي، سندس ملم پٽي ڪرائڻ لاءِ توهان وٽ حاضر ٿيو آهيان...!“
    جنهن تي ڊاڪٽر چيس: ”ڪوبه مسئلو ناهي هاڻ ئي هلون ٿا ...!“
    ”سائين منهنجي گهر واري جي حالت سيريس آهي.“ ڊاڪٽر کي ليلا ئيندي چيو هيم: ”هوءَ مري ويندي...!“
    ڊاڪٽر وراڻيو:
    ”ڪجهه ڪونه ٿيندو بابا ڏسين نه ٿو صاحب پاڻ آيو آهي ، مان اجھو آيس...!!“
    مان زهر جو ڍڪ ڀري ويو هئس. ڊاڪٽر واپس آيو، مان کيس ساڻ ڪري پنهنجي گهر طرف وڌڻ لڳو هئس، دل ۾ اميدن جنم ورتو هو، پر منهنجون اميدون ان وقت فرار ٿي ويون جڏهن سيٺ نبي داد جي بنگلي وٽ ڊاڪٽر گاڏي روڪي چيو:
    ”سيٺ صاحب ڪجهه ٽائيم اڳ فون ڪئي هئي. ان جي طبيعت به ڏسندا هلون.“
    ”ڊاڪٽر خدا جي واسطي ٿورو سوچيو...!“ ڪنهن حد تائين پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪندي چيو هيم:
    ”ڊليوري جهڙو نازڪ ڪيس آهي، ٿوري به دير منهنجي گهر واريءَ جي موت جو سبب ٿي سگهي ٿي...!“
    ڊاڪٽر منهنجي ڳالهه ڏي ڌيان نه ڏيندي سيٺ صاحب جي گهر جي گهنٽي وڄائڻ شروع ڪئي ته مان بيوسي وچان ڳيتون ڏيندي چيومانس:
    ”توهان جيئن ئي سيٺ صاحب کان فارغ ٿيو ته هليا اچجو...!“
    ”ٺيڪ آهي تون هل مان اجهو آيس...!“
    ”ٿڪل قدمن سان گهر پهتم ، امڙ ڊاڪٽر جو پڇيو...چيومانس:
    ”ها امان ڊاڪٽر اچي پيو...!“
    ”شمائله...!کي ڏاڍي تڪليف آهي، هو گهڙي گهڙي تو کي سڏي پئي...!“ امان ٻڌايو...
    مان ڪمري ۾ پهچي شمالي جي سيرانديءَ کان بيهي رهيس.تڪليف جي شدت مان گذرندي مون کان پڇيائين:
    ”ايتري دير ڇو ڪيئي...؟“
    ”ڊاڪٽر کي ڪجهه مريض ڏسڻا هئا، هاڻ ان کي وٺي آيو آهيان...!“
    ”ڊاڪٽر ....ڊاڪٽر....ڪٿ.... ڪ...!“ زوردار سور جي سٽ اڀري هئس.
    ”ڊاڪٽر نبي داد جي گهر لڙي ويو آهي شمالي...!“
    ”هون...!“ مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هئائين:
    ”ڊاڪٽر ته هوندا ئي انهن لاءِ آهن...!“ سندس هٿ پنهنجي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيندي چيو هيم:
    ”پريشان نه ٿي شمالي الله ڀلي ڪندو...!“
    هوءَ ڪجهه نه ڪڇي هئي سندس نظرون مسلسل مون ۾ کتل هيون...مان دل ئي ۾ پڄري ڳري رهيو هئس، هن سان نظرون ملائڻ جي همت مون ۾ ڪونه هئي. ڪجهه گهڙين جي خاموشيءَ کان پوءِ شمائلا چوڻ لڳي:
    ”منهنجي رڳ رڳ ۾ زهر ڦهلجي چڪو آهي، جيڪو مون کي وڌيڪ جيئڻ ڪونه ڏيندو... متان تون سمجهين ته مان ان تڪليف ۽ موت جي خوف کان روئي پئي آهيان...منهنجا ڳوڙها ته پنهنجي بيوسي سبب نڪتا آهن پر مان سمجهان ٿي ته بيوسيءَ تي روئڻ اجايو آهي. ان ڪري آخر ۾ ٿورو کل ته سهي...!“
    ”مون هن ڏانهن ڏٺو ، مسڪرائي رهي هئي ان جي ان همت تي مون به مرڪي ڏنو هو پر اوچتو کيس هڪ زوردار جهٽڪو آيو هو، هوءَ سڪيءَ تي اڇلايل مڇيءَ جيان لڇي ۽ ڦتڪي پئي هئي ۽ پوءِ ٿڌي ٿي، مهمان سوڌو موڪلائي ويئي هئي. ان وقت پنهنجو پاڻ کي ڌرتيءَ جي سڀ کان هيٺاهين ڪنڊ ۾ ڪريل محسوس ڪيو هيم. چنڊ منهنجي هٿن مان کسڪي ويو هو، دل کان ان جو سبب پڇيو هيم... جنهن چيو:
    ”غريب، امير کان وڌيڪ سڪون واري زندگي گذاري ٿو ...! وارو فلسفو نسورو ڪوڙ ۽ بڪواس آهي. اهو ته اميرن جو ڦهلايل ڄار آهي جيڪو هنن غريبن کي غريبي ۾ خوش رکڻ لاءِ اڏيو آهي، ته جيئن هو باغي نه ٿين ، بکن ۽ ڏکن ۾ به خوش رهن، نه ته امير ماڻهو غريب کان هڪ نه هزار ڀيرا وڌيڪ سکي ۽ سٺي زندگي گذاري ٿو، جيڪر ايئن نه هجي ها ته پوءِ شايد شمالي تڙپي تڙپي ڪڏهن به نه مري ها!!!“
    ***


    ڳوٺ جا ڏينهن شهر جون راتيون

    ”هوءَ ڪاري هئي، ان کان سواءِ ڪجهه به نه ڪجهه به نه....!“
    نبو سڄو ڪاوڙ وچان، باهه ۾ پيل لوهه جيان تپي ڳاڙهو ٿي ويو هو، پر سندس خشڪ نڙيءَ مان کهرو آواز نڪري رهيو هئس:
    ”هن منهنجي اعتماد کي ڳڀا ڳڀا ڪيو... ڪيڏو چاهيندو هيس مان هن کي...پر موٽ ۾ هن مون کي اهڙو زخم ڏنو جيڪو شايد زندگي ڀر نه ڇٽندو...ذليل ڪميڻي... واقعي تو ڪڏهن بلڪل سچ چيو هو ته دنيا جي هر عورت، عورت ٿي سگهي ٿي پر باوفا نه...!“
    ”نه نه...نبو هوءَ ڪاري نه هئي...!“ مون نبو جو هٿ زور سان پنهنجي هٿن ۾ دٻائيندي چيو:
    ”ته هوءَ ڇا هئي...!؟“طنزيه لهجي ۾ چيائين: ”شريف...وفادار...!“
    ”هوءَ ته هڪ اهڙو گل هئي، جنهن جو ڪم خوشبو ڏيڻ کانسوءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي چاهي پوءِ ڪو اُن کي سيني تي سجائي يا مٺ ۾ ئي مروڙي ڇڏي پر هو ڪنهن سان به شڪايت نه ڪندو آهي.“
    ”تون بڪين ٿو نواب...!“ نبو مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”فوزيه منهنجي عزت هئي، پوءِ جيڪڏهن هوءَ ڏوهي نه هجي ها ته مان هن کي اهڙو ڪڌو الزام ڏيئي ماريان ها...!؟“
    ”دولت انسان کان سڀ ڪجهه ڪرائي وٺندي آهي نبو...!“
    اکين سان اکيون ملائي چيو مانس، جنهن تي پهريون ڀيرو هٻڪندي چيائين:
    ”اها ڪهڙي بڪواس ٿو ڪرين...؟ تون سمجهين ٿو ته مان پنهنجي گهرواري فوزيه کي سندس دولت ڦٻائڻ لاءِ ماريو آهي...؟“
    ”ها يقينا...! “ وراڻيم
    ”ڇو ته تون دولت جو پوڄاري آهين...!“
    ”نواب...!!“ نبو هيبتناڪ نظرن سان مون کي ڏسندي چيو:
    ”مون کي تو مان قطعي اها اميد ڪو نه هئي ته ڪو تون منهنجي غيرت کي دولت جي تارازيءَ ۾ توريندين... تنهنجي جڳهه ته جيڪڏهن ٻيو ڪو هجي ها ته هن مهل....!!“ نبو پنهنجو جملو اڌ ۾ ڇڏي تيز تيز قدم کڻندو هوٽل کان ٻاهرهليو ويو هو.
    نبو جو پورو نالو نبي بخش هو، اسان ٻئي پهرين کان وٺي يونيورسٽي تائين گڏجي پڙهيا هئاسين، نبو جو پيءُ اسان جي ڳوٺ جو ٺاهوڪو زميندار هو. کيس نبو کان سواءِ ٻي ڪا به اولاد ڪا نه هيس. شايد ان ڪري ئي نبي بخش عرف نبو کي هر سهولت ميسر هئي. ضرورت کان به ڪجهه وڌيڪ... سندس خيال وڏيرڪا هئس ۽ وڏا شوق به جام ڪندو هو. ان ڪري پيءُ جي جيئري ئي ڪافي زمين کائي کپائي ڇڏيائين، نبو پڙهائيءَ ۾ به ڪافي ذهين هو، مون کان به گهڻو اڳتي هو پر افسوس هو محنتي نه هو. هو اڪثر پنهنجو گهڻو ٽائيم ائين فضول گهمڻ ڦرڻ ۾ وڃائي ڇڏيندو هو. اسان اڃان يونيورسٽيءَ ۾ ئي هئاسين ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو، ان ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي اچي پنهنجون زمينون سڀناليائين. پوءِ الائي جي ڇو ۽ ڪيئن اهڙو ڀوت سوار ٿيس ته ڳوٺ ۾ مون کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به زمين نه هجي، ان ئي پنهنجي سوچ هيٺ هن ڳوٺ جي مختلف هارين کي جن وٽ ڪجهه ايڪڙ زمين هئي، ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو هو، پر بابا کي اها زمين ڏيڻ لاءِ تنگ نه ڪيائين، شايد منهنجي ڪري.
    چاچي جمن کان هن سورهن ايڪڙ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ وس ڪيا، پر چاچي جمن هر ڀيري کيس کتو جواب ڏنو ، چاچو جمن اسان جي ڳوٺ جو خوشحال هاري هو، کيس صرف هڪ ڌيءَ هئي فوزيه، جنهن کي هو پاڻ کان وڌيڪ چاهيندو هو، پٽ هئس ئي نه، فوزيه کي مون ڀيڻ ڪري سڏيو، ڇو ته مون کي سڳي ڀيڻ ڪو نه هئي، جيڪڏهن هجي به ها ته شايد فوزيه کان وڌيڪ نه چاهيانس ها.
    هڪ ڏينهن اهو ئي ٿيو جيڪو ٿيڻ نه کپي ها، نبو خبر ناهي ڪيئن فوزيه جو سڱ پنهنجي لاءِ چاچي جمن کان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، مون چاچي جمن کي ڪافي سمجهايو ته:
    ”چاچا سائين نبي بخش (نبو)مون سان ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين گڏ پڙهيو آهي، هو ڪڏهن به فوزيه کي خوشيون ڪو نه ڏيندو، ڇو ته هو عياش، رولو ۽ وڏيرڪي ذهن جو مالڪ آهي، بهتر آهي توهان پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪريو.“
    پر منهنجي هڪ به نه ٻڌائين، چيائين:
    ”نبي بخش پيءُ جي وفات کان پوءِ ڪافي سڌري ويو آهي،آئون پنهنجي ڌيءَ کي خوش ڏسڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ نبي بخش کان سواءِ ٻيو ڪو موزون رشتو آهي ئي ڪو نه...! “
    مون فوزيه ڏانهن ڏٺو ته چيائين:” جيڪڏهن بابا مونکي درياهه ۾ گهڙي وڃڻ جو چئي ته به مان هن جي حڪم جي خوشي سان تعميل ڪنديس...!“ مون کي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي. ان فيصلي تي سوچيم وڃي نبو کي چوان ته فوزيه جي زندگي مان نڪري وڃي نه ته مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو...! پوءِ وري خيال آيو ته جيڪڏهن فوزيه ۽ سندس پيءُ ان فيصلي ته خوش آهن ته پوءِ مان ڪير ٿيندو آهيان وچ ۾ پوڻ وارو...؟جنهن کان پوءِ مان خاموشيءَ سان يونيورسٽي هليو آيس، پر اتي به مون کي آرام نه ٿي آيو، ڇو ته مون کي نبوءَ جي نيت ٺيڪ نه ٿي لڳي، ان ڪري فوزيه تي ڏاڍو ترس اچي رهيو هو پر آئون ڇا ٿي ڪري سگهيس.
    ائين نبو ۽ فوزيه جي شادي جي تاريخ به اچي ويئي، شادي کان صرف ٻه ڏينهن اڳ نبي بخش مون وٽ آيو ڏاڍا ايلاز ڪيائين ته ڳوٺ هلي منهنجي شاديءَ ۾ شريڪ ٿي پر مون کي نه وڃڻو هو سو انڪار ڪيم ته چيائين:
    ”ٺيڪ آهي تون منهنجي ڪري نه هل پر چاچي جمن توکي ڏاڍو ياد پئي ڪيو. مون کي چيو هئائين ته ڪيئن به ڪري وٺي اچجائينس...!“
    ته به انڪار ڪندين چيم:
    ”منهنجو هتي سيمسٽر پيو هلي.ان ڪري مان توهان کان ۽ چاچي کان معذرت ٿو گهران...!“
    جنهن کان پوءِ مون کيس شادي جي تحفي ۾ هڪ خوبصورت گهڙي خريد ڪري ڏني هئي. ان کان علاوه ڪجهه جوڙا ڪپڙن جا فوزيه لاءِ به خريد ڪري ڪجهه ڏينهن پهرين ڳوٺ موڪلي ڇڏيان هيم.
    شاديءَ کان تقريبا ڏيڍ مهيني بعد فوزيه جو خط مليو هو، پڙهي دل ڀرجي ويئي هئي. لکيو هئائين:
    ”پياري ادا کي سلام...!!!“
    ”ادا توهان ايڏا ڪاوڙيا آهيو جو شاديءَ تي به ڪو نه آيو، گهٽ ۾ گهٽ شاديءَ واري ڏينهن ته اچو ها... ۽ رخصتي مهل پيار مان پنهنجي سيني سان لڳائي دعا ڏيو ها....سهارو ڏيو ها....۽ موٽ ۾ مان ايترو روئان ها جو اوهان جي ناراضگين کي پنهنجن ڳوڙهن ۾ لوڙهي ڇڏيان ها، پر توهان ڪو نه آيو، ٻيو ڀاءُ به ڪونهي... بابا ته هو نئن ئي پوڙهو آهي، هو مون کي ڪهڙو سهارو ڏي ها، ان ڪري ادا آئون رخصتي مهل بلڪل ڪو نه رني هيس... ادا اوهان جي ڪاوڙ مَن هاڻي ڪجهه ڍري ٿي هجي... مون کي ته نبي بخش مان ڏاڍو ڀئو ٿيندو آهي، الائي جي ڇو هو اندر جو ڪارو ۽ شڪي قسم جو مرد پڻ محسوس ٿيندو آهي، حالانڪه ان جو رويو اڃان تائين مون سان ٺيڪ ٺاڪ آهي، پر پوءِ الائي جي ڇو مون کي ان کان خوف ٿو ٿئي...ان ڪري ادا توهان صرف هڪ ڀيرو ته اچو ته من ڪٿي ڪو دل کي سڪون ملي...!!“
    ”مان ضرور ايندس فوزيه...مان ضرور ايندس...!“ خط ختم ڪندي ئي مون بي اختيارچيو هو ۽ پوءِ ٻي ڏينهن تي ئي مان ڳوٺ ڏي روانو ٿي ويس، پر رستي ۾ هڪ اهڙي خبر ملي جو هوش ئي ڪجهه لمحن لاءِ خطا ٿي ويا هئا، پهريون ڀيرو مون کي ڌرتي ڌُٻندي محسوس ٿي هئي، پر پوءِ به پاڻ سنڀاليندو ٿڙندو ٿا ٻڙندو چاچي جمن جي گهر پهتو هئس جتي معصوم فوزيه جو لاش پيو هو، پر روئڻ وارو مٿس اڪيلو پيءُ هو ٻيو ڪو به نه...! ڇو ته وڏيري نبي بخش عرف نبو کيس ’ڪاري‘ جو لقب ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو هو... هڪ وڏيري جي گهرواري ٻيو ڪاري..؟ ان ڪري ڪير سندس لاش جي ويجهو ئي نه ٿي آيو... مان فوزيه جو لاش ڏسي هڪ لمحي لاءِ ته سُن ٿي ويس. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته هيءُ سڀ ڪجهه ڇا آهي، پر وري همت ڪري فوزيه جي کٽ تي پيل لاش ڏانهن وڌڻ لڳس. قدمن ۾ ساهه بلڪل نه هو. پاڻ کي ڪک کان وڌيڪ ڪمزور ٿي ڀانيم. مون ڪپڙو مٿي ڪري فوزيه جو چهرو ڏٺو، رڙ نڪري وئي هيم. ڪنڌ ذري گهٽ ڌڙ کان جدا هيس. شايد ڪنڌ ۾ ڪهاڙي هنئي هئائونس، پر سندس چهري تي مون کي هڪ تازي مرڪ ٿي محسوس ٿي. ان وقت خبر ناهي ڇو اهو محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ فوزيه مسڪرائي مون کي ڏوراپو ڏيندي هجي ته:
    ”ادا توهان اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي...!“ مان ڪجهه گهڙيون سندس معصوم چهري کي تڪيندو رهيس، پوءِ مٿس ساڳئي طرح ڪپڙو ڏئي چيم:
    ”فوزيه مان توکان ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪاوڙجي ويو هيم پر تون ته هميشه لاءِ ناراض ٿي هلي وئينءَ...!“
    اهو چوندي منهنجي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا هئا.
    ”نه رو پٽ نه رو...!“
    چاچي جمن مون کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو:
    ” نه ته ڀوتار(نبو) توکي بي غيرت چوندو ته ڪاريءَ لاءِ پيو روئين...!؟“
    ائين چئي چاچو جمن روئڻ ۽ سڏ ڪڻ ۾ ٻِٽجي ويو. جيڪڏهن ان مهل مان سهارو نه ڏيانس ها ته شايد پٽ تي ڪري پوي ها.
    ”پٽ تو واري يار ڀوتار نبي بخش قهر ڪري ڇڏيو آهي، رات اوچتو ئي اوچتو فوزيه کي ڪاري جو الزام ڏيئي قتل ڪري ڇڏيائين...!“
    اوچتو بابا جو آواز ٻڌم جيڪو شايد ڪفن دفن جو بندوبست ڪري آيو هو.ان مهل منهنجي اکين ۾ ڳوڙهن بجاءِ رت ڀرجي آيو هو ان ڪري چهري مان وحشت ٿي اڀري، اها شايد بابا به محسوس ڪري ورتي هئي، جنهن مون کي سنڀالي ورتو، نه ته نبي بخش ۽ مون مان شايد ڪو هڪ هجي ها.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مان واپس يونيورسٽي هليو آيس، پر آرام نه ٿي آيو، فوزيه کي ياد ڪري روئي پوندو هئس، ماني بنهه نه وڻندي هئي، بک مهل چانهه ۽ بسڪيٽ ڪم آڻيندو هئس. دل ۾ پڪو پهه ڪيو هيم ته وقت اچڻ تي نبو کان فوزيه جي رت جي ڦُڙي ڦُڙي جو حساب وٺندس...وقت گذرندو رهيو.آئون آهستي آهستي نارمل ٿيندو ويس. ان واقعي کان پوءِ ڳوٺ وڃڻ لاءِ دل ئي ڪو نه چوندي هئي...ان ڪري يونيورسٽيءَ ۾ رهي پيو هئس.اڄ جڏهن ٺيڪ ان واقعي کان سال پوءِ نبو تي نظر پئي هئي ته زخم وري اڀري آيا هئا، آئون کيس ٻانهن کان وٺي هوٽل تي آندو، پهريان رسمي حال احوال پئي ڪياسين پر جڏهن مون فوزيه جي ڳالهه ڪڍي ته همراهه آپي کان ٻاهر نڪتو پئي ويو، مون کي سندس گفتگو مان معلوم ٿي ويو هو ته فوزيه بلڪل بي قصور هئي. اصل مسئلو سورنهن ايڪڙ زمين ڦٻائڻ جو هو، جيڪا هاڻ نبوءَ جي ملڪيت هئي، ڇو ته شادي وقت چاچي پنهنجي سموري ملڪيت فوزيه جي نالي ڪري ڇڏي هئي ۽ نبو فوزيه سان شادي فقط ئي فقط زمين لاءِ ڪئي هئي.
    نبو جي اٿڻ کان پوءِ مون دل ئي دل ۾ چيو:
    ”نبو تون حقيقت کان ڪيترو ڀڄندين...؟“

    وقت جي وهڪري مون کي يونيورسٽيءَ مان ايم بي اي جي ڊگري ڏيئي ڪراچي جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل جو مئنيجر ڪري ڇڏيو هو.
    ”هيلو مسٽر نواب...!“
    ”هاءِ مس بابرا...!“ مون سامهون مرڪندڙ ڇوڪريءَ کي جواب ڏنو.
    ”دراصل اسين هتي (ڪراچي ۾) هني مونَ ملهائڻ آيا آهيون..!!“چيائين:
    ”ان لاءِ هفتي جي لاءِ روم کپي اهو به....!“
    ”ايٽي ايٽ...!“مون سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
    ”او...هو...ڏاڍا عقلمند آهيو...!؟“مرڪندي چيائين:
    ”ان ۾عقلمنديءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي...؟“چيم
    ”توهان اڳئين سال به...’هني مون‘ ملهائڻ لاءِ هتي ئي ته آيا هئوَ...؟“
    موٽ ۾ بابرا هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين:
    ”ها مسٽر نواب...!اوهان ياد داشت جا ڏاڍا پڪا آهيو... هيءَ دنيا آهي ئي کائڻ، پيئڻ ۽ عيش ڪرڻ جي... پر هاڻ هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ... هن ڀيري منهنجو مڙس ڪجهه شڪي قسم جو ماڻهو آهي... وڏي مشڪل سان ڦاسايو اٿمانس... ان ڪري ان جي آڏو ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪجانءِ... ته جيئن وقت کان اڳ ئي ڪا گڙ ٻڙ پيدا نه ٿي وڃي...!“
    ”نه نه... مس بابرا...! اوهان ڪو به فڪر نه ڪريو، هونئن به اسان کي توهان جهڙن گراهڪن جو ڏاڍو قدر آهي...!“
    ائين چئي مون هڪ ملازم کي ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري جون چاٻيون ڏيندي چيو:
    ”توهان پهريان ڪمري جي صفائي ڪيو بعد ۾ محترمه جو سامان کڻي مٿي پهچايو...!“
    بابرا هاڻ سامهون پيل صوفي تي ويهي رهي هئي.
    مان بابرا کي چڱي ريت سڃاڻان، هوءَ ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ پيسي واري نوجوانن جون دليون پنهنجي ادائن ۽ مرڪن ذريعي کسيندي آهي ۽ اهڙن نوجوانن سان اڪثر هوءَ گڏ اسان جي هوٽل تي ئي هڪ ٻه راتيون رهڻ ايندي آهي ۽ سندس کيسا خالي ڪرڻ کان پوءِ کين الودع چئي اڏامي ويندي آهي، اگر ڪو ٺاهوڪو نوجوان هٿ آيس ته ان سان شادي ڪري خوب عيش ڪندي آهي، پر جڏهن سندس گهوٽ کي اصل معاملي جي خبر پوندي آهي يا سندس هلت چلت تي’شڪ‘ پوندي اٿس ته هو ان مهل اڌ کان وڌيڪ ملڪيت وڃائي ويهندو آهي...ٺيڪ ان وقت بابرا ان کان موڪلائڻ بغير رفو چڪر ٿي وري نئين ’شڪار‘ لاءِ ڄار وڇائيندي آهي. اهو ئي سندس ڌنڌو آهي. هن ڀيري به لڳي پيو ڪو ٺاهوڪو ’نوجوان‘ ڦاسايو هئائين، ڇا ڪاڻ ته اڄ هوءَ بيحد خوش نظر پئي آئي.
    آئون وري ٻين گراهڪن ۽ ڪمن ڪارن ۾ مصروف ٿي ويس. پوءِ خبر ناهي ڪهڙي مهل سندس ور آيو، ۽ هو ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري ۾ منتقل ٿي ويا هئا، تقريبا رات جو نائين وڳي بابرا مون وٽ آئي ۽ چيائين:
    ”منهنجي مڙس جي طبعيت ڪجهه خراب آهي، ان جو خيال رکجو مان ڪنهن پارٽيءَ ۾ پئي وڃان، ممڪن آ دير ٿي وڃين...!“ ائين چئي هوءَ هلي ويئي.
    ان رات تمام گهڻي برسات ٿي پئي، ان ڪري مان گهر نه وڃي سگهيس ۽ ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري جي ڀرواري خالي پيل ڪمري ۾ هليو ويس. تقريبا رات جو ساڍي ٻارهين وڳي اوچتو بابرا منهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ چيائين:
    ”معاف ڪجو اوهان کي ڊسٽرب ڪيم...! دراصل آئون پارٽيءِ مان هاڻي پئي اچان، ڪمري جو دروازو کليل ڏسي اوهان وٽ آئي آهيان، هن وقت چانهه پيئڻ تي ڏاڍو موڊ آهي. پليز اوهان ٻن چانهين جو بندوبست ڪريو...!“
    مان ان وقت ڪتاب پڙهي رهيو هئس، ڪتاب بند ڪندي کيس چيم:
    ”اوهان هلو پنهنجي ڪمري ۾ آئون اجهو چانهه تيار ڪري کڻي آيس...!“
    ”مهرباني...!“ ائين چئي بابرا هلي ويئي. آئون ٿوري دير بعد ٻه چانهيون تيار ڪري ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري جي ڀرسان پهتس ته مون کي ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيو، آواز ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو، ڇو ته مون آواز سڃاڻڻ ۾ ٿورو به غلطي کان ڪم نه ورتو هو، اهو آواز نبوءَ جو هو .
    ”پياريءَ بابرا...! تون هيترو ٽائيم ڪيڏانهن هلي وئين هئينءَ...! ائين اڪيلو گهمڻ ڦرڻ توکي سونهين ڪونه ٿو...! ماڻهو ڇا سمجهندا ان ڪري ڪجهه احتياط ڪندي ڪر...!“
    ”ڊرالنگ...!“
    هن ڀيري بابرا جو دلڪش آواز ٻڌم: ”اجايو وهمي نه ٿي، هي ماڊرن دور آهي، پارٽيون، محفلون اٽينڊ ڪرڻيون پون ٿيون، ماڻهن سان اٿڻو ويهڻو پوي ٿو. جيڪڏهن هاڻ ئي تون اعتزاض ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ته پوءِ شايد پاڻ وڌيڪ...!“
    ” نه نه چري...! اهي ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين...!؟“
    نبوءَ سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو:
    ”تو جهڙي نيڪ گهر واري ته قسمت وارن کي ملندي آهي ...!“
    اهو ٻڌي مون کي بي انتها ڪاوڙ آئي سوچيم:
    ”نبو ڳوٺ ۾ ته ڏاڍو غيرتي آهي، ڏينهن جو به بنگلي تي ڏهه ڏهه چوڪيدار بيٺا اٿس، پوءِ به معصوم فوزيه کي ’ڪاري‘ ڪري ماريائين، پر هتي شهر ۾ سندس پياري گهرواريءَ رات جو به آزادي سان ٻارهين هڪ تائين محفلون پئي ملهائي، ڪيڏانهن ويئي هن جي غيرت...!؟؟“
    ”ٻڌ...!“ بابرا جو آواز آيو
    ”ڇوڪري ڪيئن هئي...؟“
    ”ڪهڙي ڇوڪري...؟“ نبو تعجب مان پڇيس:
    ”جيڪا تو وٽ يارهين وڳي آئي هئي...؟“
    ”پر ان جي تو کي ڪيئن خبر پئي...؟“
    ”موڪليو ئي مان هيومانس...!“
    ”ڏاڍي شرارتي آهين...!“
    ”هاڻ ان ڇوڪريءَ مان مالڪ توکي ’ڪارو‘ ڪري ماريندا...!“
    ”ڇا...!“
    نبوءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو.
    ”ڏس...!ڊڄي وئين نه...!“ بابرا چيس:
    ”پر هيءَ ڪراچي آهي...هتي اهو سڀ ڪجهه فيشن (جائز)آهي...!“
    ”ڏاڍي بي شرم آهين...!“
    ”ڏس...! جهڙي طرح مان تنهنجي گهر واري آهيان اهڙيءَ طرح اها ڇوڪري به ڪنهن جي گهرواري آهي...!“
    بابرا معنى خيز انداز ۾ چوڻ لڳس...
    ”پر پوءِ به هن تي ’ڪاريءَ‘ جو الزام نه لڳندو... اهو آهي ڪراچي ۽ ڳوٺن جي ماحول ۾ فرق...! توکي به هاڻي شهري ٿيڻو پوندو... سمجهين ٿو نه منهنجي ڳالهه جاني...!“
    ”ڇڏ ان فضول ڳالهين کي چري ...!“ نبوءَ جو آواز آيو...
    ”منهنجي خوشي توسان آهي. تون خوش ته مان خوش...!“
    اهو سڀ ڪجهه ٻڌي آئون وڌيڪ بيهي نه سگهيس ۽ ’ايٽي ايٽ‘ ڪمري ۾ داخل ٿي ويس، جنهن جو دروازو پهريان ئي کليل هو.
    ”او... نواب...تون...!!!“ نبوءَ حيرت مان چيو.
    ”جي ها... مان...!“چانهه ٽيبل تي رکندي چيم.
    ”هت وري ڪيئن...؟“
    ”تنهنجي ڳولا هئي...!“ چيم
    ”پر مون کان اڳ ۾ توکي بابرا ڳولي ورتو آهي... هاڻ مون کي تنهنجي گهرج ناهي، بابرا ئي توکي چڱي ريت سنواريندي...!“
    نبو منهنجو جملو قطعي نه سمجهي سگهيو هو، ان ڪري حيرت مان پڇيائين:
    ”تون وري بابرا کي ڪيئن سڃاڻين...!؟“
    ”شريف... وفادار... ۽ عزتدار هجڻ جي ڪري...!“ ائين چئي ٻنهي کي غور سان ڏٺم ۽ پوءِ تيز تيز قدمن سان ڪمري مان نڪري ويس. هو ٻئي مرڪي رهيا هئا، شايد هڪ ٻئي جي مرڪ کي نه ٿي سمجهيائون، ڇو ته ٻنهي جي مرڪڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو...!!!
    ***


    رهجي ويل رنگ

    موڪل واري ڏينهن دل چوندي آهي ته جيڪر دير تائين ستو پيو هجان. منهنجي آرام ۾ ڪو خلل وجهڻ وارو نه هجي، پر ائين ٿيندو گهٽ آهي ڇو ته منهنجي گهر واريءَ مون کي گهڻي دير تائين سمهڻ اصل نه ڇڏيندي آهي، ڪافي ڀيرا ائين نه ڪرڻ جي لاءِ التجا ڪندي چيو هيومانس ته:
    ”بيگم صاحبه...! هفتي ۾ صرف هڪ ڏينهن ته آرام ڪرڻ لاءِ ملندو آهي پر اهو به ٺيڪ طرح سان گذارڻ نه ٿي ڏين...!“
    ان تي ٺهه پهه جواب ڏيندي چيائين:
    ”موڪل وارو ڏينهن صرف آرام ڪرڻ لاءِ نه هوندو آهي جناب...! پر ان ڏينهن گهر جي ضرورتن تي به توجهه ڏيندو ڪر...! سڄا سارا ڇهه ڏينهن ته آفيس ۾ ڪم ڪرڻ جو بهانو هوندو اٿئي... ان ڪري ٽوٽين وانگر گهر جي ڪمن کان نٽائيندو وتندو آهين، پر هفتي ۾ صرف هڪ ڏينهن ته گهر جي صفائي ۽ ان جي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ ٽانڪي کي به صاف ڪندو ڪر...! ڇو ته اهو تنهنجو ڪم آهي، منهنجو نه...!!“
    اهو ٻڌي واڇون ٽڙي وينديون هيون، چوندو هيومانس:
    ”بيگم صاحبه...! اڄوڪو ڏينهن ڇڏيو باقي ايندڙ هفتي موڪل واري ڏينهن سڀ ڪم ڇڏائي ڏيندو سانءِ...!“
    ته به هوءَ نه مڙندي هئي، ٻانهن کان ڇڪي ته ڪڏهن وري گلاس پاڻي جو مٿان هاري چوندي هئي:
    ”هر ڀيري تون ائين چوندو آهين پر اڄ نه ڇڏيندين سانءِ...!“
    جنهن تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي، سوچيندو هيم ته جيڪر مان به ايڪشن ۾ اچي وڃان ته کيس خبر پئجي وڃي ته ميونسپل ڪلارڪ جي آرام ۾ خلل ڪيئن وجهبو آهي... پر وري ٻي لمحي خيال ايندو هو ته منهنجي ايڪشن ۾ اچڻ کان اڳ هن کي ري ايڪشن ٿي ويندو... ۽ پوءِ هوءَ هڪدم ڏوئي کڻي وٺندي... اها سوچ ايندي ئي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي، ڇو ته ڏوئي جي ڌڪن جا احوال مون وارو يار ’بادل بيوس‘ مون سان اوري سڏڪي پوندو هو، جيڪو مون وانگر ميونسپل ۾ ڪلارڪ هو پر هاڻ شايد سندس گهر واريءَ جي سورن کيس شاعر به بڻائي ڇڏيو هو، پنهنجا درد ۽ دانهون شاعري ذريعي ڪڍي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو هو. ان ڪري مان ايڪشن ۾ اچڻ بجاءِ هڪدم اٿي بيهي رهندو هئس، پوءِ جيڪو حڪم بيگم صاحبه ڪندي هئي ته هڪدم بغير ڪنهن پِٽڪي يا ڪِر ڪِر جي ڪنهن مشين جيان پورو ڪندو هئس.
    اڄ به آچر هو، آفيس مان موڪل هئي ان ڪري مان ڪافي دير ستو رهيس، پر سج هاڻي ڪافي مٿي چڙهي آيو هو جنهن جي تيز تپش مون کي وڌيڪ سمهڻ نه ڏنو (ڇو ته اسان اونهاري جو گرمي کان بچڻ لاءِ رات جو گهر جي آڳر ’پڌر‘ تي سمهندا آهيون) ان ڪري مان اکيون مهٽي اٿيس، منهنجي گهر واري ان وقت ڪپڙا پئي ڌوتا، ان موقعي کي غنيمت سمجهي تڪڙ ۾ کٽ پُٺيءَ تي رکي ڪمري ۾ کڻي آيس ۽ فل اسپيڊ تي پکو هلائي بي فڪر ٿي سمهي رهيس، ڪافي دير کان گهر واريءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
    ”سائين...! هاڻ اٿو به سهي، ڏسو نه پيا... يارنهن به ٿي ويا آهن...!“
    مون اکيون کوليون سامهون ڀِت تي لڳل گهڙيال ۾ نظر وڌم، واقعي يارنهن ٿي ويا هئا، ان تي ڏاڍو حيران ٿيس ته موڪل واري ڏينهن هوءَ مون کي وڌ ۾ وڌ نائين ساڍي نائين تائين سمهڻ مشڪل سان ڏيندي آهي.پوءِ اڄ ڀلا ڪيئن مهرباني ڪئي اٿائين. جو يارهين تائين سمهڻ ڏنائين، ٻيو ته اڄ سندس لهجو به ماشاءَالله ڏاڍو پيارو هئس. مان ان ئي تعجب ۾ اٿي ورانڊي ۾ رکيل هڪ ڀڳل ڪرسيءَ تي ويهي رهيس ته هوءَ منهنجي لاءِ برش کڻي آئي. مون کانئس برش ورتو، پر هوءَ مسلسل مونکي سواليه نگاهن سان تڪڻ لڳي، جنهن تي چيو مانس: ”بيگم صاحبه...! ڪا ڳالهه آهي ته کڻي ٻڌايو... حڪم جو بندو برش کڻي پوءِ ئي ڪندو...!“
    ”نه...نه...ڪا خاص ڳالهه نه آهي...!“ وراڻيائين ”تون برش ڪري وٺ..!“ ائين چئي هوءَ کٽ سوري منهنجي ڀرسان ويهي رهي.
    ”ڇپر...! ڏس آخر اسان ڪيستائين بي اولاد رهنداسين...!“
    برش ڪرڻ کان فارغ ٿيندي ئي گهر واريءَ جو آواز ٻڌم
    ”هاڻ اسان جي شادي کي شايد ست سال به ٿي ويا آهن...!“
    (منهنجو نالو ڇپر آهي. ڪيڏو نه عجيب نالو آهي، شايد عجيب سان گڏ ڪجهه غريب به...! منهنجي ڄمڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ بابا سان خبر ناهي ڪٿي ۽ ڪيئن هڪ دٻدٻي زميندار ’ڇپر ‘ نالي سان مليو هو. جنهن جي هشمت، دهشت ۽ تقريبن ٺونٺ جيترا شهپر ڏسي بابا دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو هو ته جيڪڏهن مون کي ڇوڪرو ڄائو ته سندس نالو ’ڇپر‘ ئي رکندس. جيئن ماڻهو کائنس لنوائين...! ماشاءَ الله ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي پيدائش ٿي. ۽ منهنجو نالو ڇپر ئي رکيو ويو. جڏهن وڏو ٿيس ته ان سڄي معاملي جي خبر پئجي وئي ۽ پنهنجي نالي تي پڻ ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پر هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي... تنهن هوندي به مون دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ان زميندار جيان مان وڏا شهپر هرگز نه رکرائيندس، پر سدائين ڪلين شيوَ هوندس. جنهن تي بابا ڏاڍو ڏمريو هو، پر تنهن هوندي به اڄ تائين پنهنجي فيصلي تي قائم آهيان...!) ”جيسيتائين الله راضي ٿئي پياري...! پنهنجي گهرواريءَ کي جواب ڏنو هيم.
    ”پر الله راضي ڪڏهن ٿيندو...!“ پڇيائين..!
    ”الله جي پرچڻ ۾ دير ناهي چري.!“وراڻيم ”بس تون ٿورو صبر ڪر.“
    ”آخر ڪيستائين صبر ڪريون...؟“ تنگ ٿيندي چيائين:
    ”الله اسان تي مهر ڇو نه ٿو ڪري...؟“
    ”شايد ان ڪري جو الله تعالى اسان کي نيڪ ۽ صالح اولاد عطا ڪرڻ ٿو چاهي...!“ چيم ” تون هرو ڀرو تڪڙ نه ڪر... جو ڪٿي الله سائين اسان کي تيز ۽ تڪڙو اولاد نه ڏئي وجهي ته پوءِ ويٺا پڇتايون...!“
    ”پر هاڻ مان وڌيڪ انتظار نه ٿي ڪري سگهان...!“ فيصله ڪن لهجي ۾ چيائين:
    ”سڀاڻي اسان ڪنهن پِير وٽ هلنداسين ۽ ان کان اولاد پننداسين..!
    ”ڇا ٿي بڪين...!“ ڪاوڙ ۾ کيس چيم:
    ”ڇا پِيرن وٽ اولاد پيو آهي...؟“
    ”پِير وڏي پهچ وارا آهن پيارا...!“ وراڻيائين...”من انهن جي صدقي الله سائين اسان تي راضي ٿئي...!“
    ” هرو ڀرو احمقاڻيون ڳالهيون نه ڪر...!“ چيم
    ”جيڪڏهن الله پاڪ اسان جي نصيب ۾ اولاد لکيو هوندو ته پاڻ ضرور اولاد وارا ٿينداسون... جيڪڏهن نه ته پوءِ اهي پِير فقير ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن...!“
    ” تنهنجو مٿو خراب ٿي ويو آهي...!“ چيائين
    ”تون پيرن فقيرن کي نه ٿو مڃين، شايد خدا ان ڪري اسان کان ناراض ٿي ويو آهي، جو اسان کي اولاد نه پيو ٿئي...!“
    ”مان پيرن فقيرن جو انڪاري نه آهيان...!“ وراڻيم
    ”پر اهي پير فقير اولاد ڏيڻ لاءِ نه ايندا آهن... هو ته ماڻهن کي سنوارڻ سڌارڻ توڙي حق جي تلقين ڪرڻ لاءِ ايندا آهن... پر بدقسمتيءَ سان اڄوڪا پِير ته رهندو ئي اٻوجهه ماڻهن جا لاهه ئي ڪڍيو ڇڏين ته پوءِ ... الله سائين انهن جي ڪيئن ٻڌندو...؟“
    ”آخر...آخر... تون پِيرن جي پُهچ جو انڪاري ڇو ٿو ٿئين...؟ “ڪاوڙ ۾ چيائين: ” هزارين لکين ماڻهو سندن زيارتن، مزارن ۽ مقبرن تي حاضري ڀرين ٿا ته پوءِ ڇا اهي سڀ بيوقوف ۽ چريا آهن...؟“
    ”اها انهن کي خبر...! “ اطمينان سان چيم: ” باقي منهنجي ڪنهن پير فقير سان نه لڳي... بس ’حاڪم شاهه پَٽ‘ واري سان ڪجهه دل آهي... ان ڪري سندس ميلي تي ڪڏهن ڪڏهن حاضري ڀري ايندو آهيان...!“
    ”تون انتهائي گستاخ آهين...!“ انتهائي ڪاوڙ ۾ چيائين:
    ”تون پِيرن جو پِٽيل آهين...! مونکي هاڻ يقين ٿي ويو آهي ته تنهنجي ڪري ئي اسان کي اولاد نه پيو ٿئي...!“
    ايئن چئي هوءَ روئي پئي هئي پر مون تي ان جو ڪو به اثر نه پيو .
    ”مان پيرن جو پٽيل ئي سهي...!“ کيس چيم:
    ”پر تون پِيرن جي پوڄاري آهين ته پوءِ هو توتي ته رحم ڪري ۽ مونکي نظر انداز ڪري... توکي الله سائين کان اولاد ڇو نه ٿا وٺي ڏين...؟
    پر هوءَ روئندي رهي، مونکي ڪو به جواب نه ڏنائين.
    ”چڱو هاڻ ڇڏ روئڻ کي...!“ ڪجهه گهڙين کان پوءِ کيس چيم:
    ”مونکي ماني آڻي ڏي ڏاڍي بُک لڳي آهي...!“
    ”ماني نه ملندئي...!“ ڳوڙها اگهندي وراڻيائين، اهو ٻڌي مان ڇرڪي ويم، پڇيم:
    ”ڇو نه ملندي...؟“
    ”جيستائين تون مونسان ڪنهن پيِر تي هلڻ جو واعدو نه ٿو ڪرين تيستائين ماني جي هڪ گرهه ڪاڻ به سِڪائيندي سانءِ... ته جيئن خبر پوئي ته پِيرن سان ڪيئن ڦٽائبو آهي...!“
    مونکي پنهنجي گهرواريءَ جي ضد جي چڱي ريت خبر هئي ته هوءَ پنهنجي ڳالهه مڃائي پوءِ ئي ڇڏيندي آهي.ان ڪري سندس سان بحث ڪرڻ بلڪل فضول هو.
    ”ٺيڪ آهي...! “ چيم: ”ايندڙ هفتي پاڻ ڀٽائيءَ تي هلنداسين...!“
    ”ڀٽائيءَ تي نه...!“ وراڻيائين
    ”ڇو...؟ ان ڪري جو هو سنڌي آهي...!“
    ”اسان وري ڪهڙا مهاجر آهيون...؟“ وراڻيائين
    ” اڄ ڪلهه اسان پنهنجي ذات يا قوم وارن کي گهٽ سمجهندا آهيون، ان ڪري ممڪن آهي اسان جي نظر ۾ اسان جي قوم جا پير فقير به گهٽ هجن...!“
    ”نه...نه اها ڳالهه هرگز نه آهي...!“ وراڻيائين ”پر اسان ڀٽائيءَ تي نه هلنداسين...!“
    ”ته پوءِ قلندر تي مان به نه وٺي هلندوسانءِ...! “
    ”نه اوڏانهن به نه هلنداسين...!“
    ”ته پوءِ ڀلا هاڻي ڪهڙو پير تاڙيو اٿئي...!؟“ خفا ٿيندي کائنس پڇيم. ”پاڻ ڪرامتي شاهه تي هلنداسين...!“ چيائين: ” ڏاڍي پُهچ وارو پِير آهي...!“ ”ڪرامتي شاهه...!!! اهو وري ڪهڙو پِير آهي...!؟“ تعجب مان پڇيم.
    ”مون ته اڄ تائين سندس نالو به نه ٻڏو آهي...!“
    ”تون صحيح پيو چوين...! “ وراڻيائين
    ”گهڻا ماڻهو سندس نالي کان اڻواقف آهن...ڇو ته ڪرامتي پِير جي خبر هاڻي پئي آهي ته هو ڪيڏي نه پُهچ رکي ٿو...!“
    ” پر توکي ان جي پُهچ جي خبر ڪيئن پئي...؟“
    ” پاڙي واري مائي بچلان سندس حاضري ڀري آئي آهي...!“ چيائين
    ”هاڻ ته ان جي باس به پوري ٿي آهي...! ڄاڻ اولاد واري ٿي وئي... ان ڪري ڪجهه ڏينهن ۾ توکي به... هڪ عدد ڇيلي سان سندس مزار تي حاضري ڀرڻي پوندي...!“
    ” پر اهو ڪرامتي پِير آهي ڪٿي ۽ ڪيئن ظاهر ٿيو ...؟“
    ”ان بابت ماسي بچلان سندس درگاهه تي ويٺل ڪنهن فقير کان پڇيو هو، جنهن ٻڌايس امان اهو پير هتان جو نه اصل ايران يا عراق جو آهي... جڏهن سندس وفات جو وقت ويجهو آيو ته هي اُڏري هتي پهتو...ڇو ته هي سنڌ جي مٺڙن ماڻهن جي ملندڙ موٽ کان چڱي ريت واقف هو ...۽ پوءِ هتي ئي سندس ساهه پرواز ڪري نڪري ويس... سندس جسم مبارڪ ازخود هتي دفن ٿي ويس، پر ان بابت هتي جي ڪنهن به ماڻهو کي خبر ڪا نه پئي... پر ڪجهه عرصي بعد هڪ لائق فقير (جيڪو هاڻي ڪرامتي پير جو گادي نشين آهي) سندس قبر مبارڪ ڳولي لڌي ۽ اهڙي طرح جتي پهريان صفا ويراني ئي ويراني هئي، اڄ اُتي ڪرامتي شاهه جي ڪرامتن جي ڪري ميلو ئي ميلو آهي...!“
    منهنجي گهر واري ڏاڍي ادب و احترام سان اهو سڀ ڪجهه چئي وئي.
    ”ٺيڪ آهي...!“ جان ڇڏائڻ لاءِ چيم:
    ”پاڻ ايندڙ هفتي ڪرامتي پِير جي مزار تي هلنداسين...! مونکي هاڻي ماني کارائي ڏاڍي بُک لڳي آهي...!“
    ”ها...ها کوڙ ماني، اجهو ٿي گرم گرم ماني تيار ڪري ڏيانءِ...!“
    ايئن چئي هوءَ بورچي خاني ۾ هلي وئي. ۽ مان واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن اچي الماڙي مان هڪ فريم ۾ بند ٿيل تصوير کڻي غور سان ان کي ڏسڻ لڳس.آءُ اڪثر موڪل واري ڏينهن اها يادگار تصوير ڏسندو آهيان جنهن ۾ مان ۽ منهنجا گهرا دوست جمن ۽ شمن بيٺل آهيون، اسان ٽنهي جون ٻانهون هڪٻئي جي ڪلهن تي رکيل آهن ۽ اسان ٽئي ان تصوير ۾ ويهن ٻاويهن سالن جا ڳڀرو نوجوان آهيون... ڇو ته اها تصوير اڄ کان تقريبن ويهه سال اڳ جي هئي. جڏهن اسان ٽئي ڪاليج ۾ گڏ پڙهندا هئاسين، جمن ڏاڍو کلڻو ملڻو ۽ پيارو نوجوان هو اڪثر اسان کي چوندو هو ته:
    ”يارا توهان مونکي جمن ڪري نه سڏيو پر ...’ڊبل شاهه ‘ چئو، ڇو ته مان نه صرف جمعي تي ڄائو هيم پر اهو ڏينهن حج جهڙو ڀلارو ڏينهن به هو، يعني هڪ ئي وقت ٻه ڀلارا موقعا، ان ڪري مان بنا ڪنهن شڪ جي ’ڊبل شاهه‘ آهيان. جنهن تي هڪ ڀيرو هن کي چيو هيم:
    ”يار جمعي تي پيدا ٿيڻ وارا شاهه نه ٿي ويندا آهن اجايو ماڻهو نفرت ڪندئي...!“
    ”پپو شاهه به ته ... شاهه ناهي...!!“ وراڻيو هئائين ”ان جو پيءُ پريل پنجابي هو جيڪو مئل توڙي ذبح ٿيل جانورن جون کلون کپائيندو هو پر پپو پنجابي جمعي تي پيدا ٿيڻ سبب اڄڪلهه شاهه ٿو سڏائي... کوڙ سارا مريد به ٺاهي ورتا اٿائين... حرامخور تازو شادي به شاهن مان ڪئي آهي... پر ڀانيان ٿو ته اهي به ان جهڙا ئي شاهه هوندا، پوءِ جيڪڏهن پنجابي جمعي تي پيدا ٿيڻ جي ڪري شاهه سڏائن ٿا ته پوءِ اسان وري ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي... بس توهان مونکي ’ڊبل شاهه‘ سڏيو، جمن نه ...!“
    جڏهن ته شمن مولائي قسم جو ماڻهو هو، اڪثر خاموش رهندو هو، بس ضرورت مهل ئي ڪجهه ڳالهائي وٺندو هو. سندس ماءُ پيءُ مري ويا هيس چاچن ۽ سؤٽن سان هن جي بنهه نه لڳندي هئي بس سڄو ڏينهن اسان سان گڏ هوندو هو، البته رات جي راڪاس کان بچڻ لاءِ هو پنهنجن چاچن جي گهر پناهه وٺندو هو.
    جڏهن اسان انٽر ڪري بي. اي ۾ داخلا ورتي سين ته ان وقت حالتن ڦيرو کاڌو ۽ وقت، جنهن جي آڏو جيڪا شيءَ آئي ان کي لوڙهي ڇڏيندو آهي، پنهنجن کان پري ڪري ڇڏيندو آهي ان وقت مان به وقت جي تيز لهرن جي ور چڙهي ويو هيم ۽ هن مونکي پنهنجي شهر (جتي مون هلڻ سکيو کلڻ سکيو) توڙي جمن، شمن کان تمام گهڻو پري حيدرآباد جي هڪ ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. شروعات ۾ اسان هڪ ٻي ڏي ڏاڍا خط لکندا هئاسين پر آهستي آهستي اهو سلسلو جهڪو ٿيندو ٺپ ٿي ويو ۽ ان ۾ اسان ٽنهي جون ڪوتاهيون هيون پر سڀ کان گهڻيون شايد منهنجون...!!
    حيدر آباد ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ تقريبن پنجن سالن بعد مونکي ميونسپل ۾ ڪلارڪي ملي وئي هئي ۽ ان کان تقريبن ٿوري ئي وقت کان پوءِ مون زرينه سان شادي ڪئي هئي، جيڪا پنج درجا پاس هئي ۽ پِيرن فقيرن تي حد کان وڌيڪ ويساهه رکندڙ هئي، پر مان ان جي ابتڙ هيم. ان ڪري اڪثر مونکي چوندي هئي تنهنجو حشر خراب ٿيندو.
    جمن جي مسڪرائيندڙ تصوير ڏسي مان ڳوڙها روڪي نه سگهندو آهيان، ڇو ته هو هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي.کيس ايڏو ته بيدردي سان قتل ڪيو ويو جو پوليس پنهنجي بدنامي جي ڪري سندس لاش به ظاهر نه ڪيو. ڇو ته چوڻ وارا چون ٿا ته کيس مڇريل پوليس وارن منهن ۾ ايتريون ته گوليون هنيون هيس جو هو پنهنجي شناخت ۽ پوليس انسانيت وڃائي ويٺي هئي، شايد ان ڪري سندس لاش کي يا ته ساڙيو ويو هو يا وري سنڌ جي ڪنهن اهڙي ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو هو، جتان سندس وار به واپس نه ٿئي. مونکي ته پهريان ڏاڍي عبرت ٿي هئي هن جي ڌاڙيل ٿيڻ تي... پر جڏهن اصل معاملي جي خبر پئي ته سوچيو هيم جيڪڏهن جمن جي جڳهه تي مان هجان ها ته به يقينن ڌاڙيل ئي ٿيان ها، اصل ۾ جمن گهر ۾ کاٽ هڻندڙ هڪ چور کي ماري وڌو هو، ان ڏوهه ۾ کيس ڏهه سال سزا لڳي هئي، پر هو اڃان جيل ۾ ئي هو ته مارجي ويل چور جي ساٿين ۽ مائٽن سندس پيءُ کي سرِعام بيعزتو ڪري بيدردي سان ماري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ هو جيل مان فرار ٿي ڌاڙيل بڻجي ويو هو. جڏهن ته شمن به اوچتو اوچتو ئي ڪيڏاهن گُم ٿي ويو هو. بي انتها ڪوشش جي باوجود به اڄ تائين کيس ڳولي نه سگهيو آهيان.
    ايندڙ آچر تي اسان سفر جون سڀ اذيتون ڀوڳي نيٺ ’ڪرامتي شاهه ‘ جي مزار تي پهتاسين. مزار ڪافي وڏي هئي ۽ سندس پڌر به تمام ڪشادو هو، جتي ڪافي ماڻهو موجود هئا پڌر جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ملنگ ويٺو هو، جيڪو زيارتين کي پنهنجو ديدار ڪرائڻ سان گڏ کين دعائون ڏئي رهيو هو کوڙ سارا پانڌيئڙا هن سان ملڻ لاءِ آتا هئا ۽ قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ٿي ڪيائون ملنگ هر زيارتيءَ کي... ڪنهن کي ڪلهي تي... ڪنهن کي پٺاڙن تي... ۽ ڪنهن کي ڀاڪر پائي...ڪنهن کي ڇاتيءَ تي... ڪنهن کي مٿي تي هٿڙو گهمائي سندن حق ۾ خدا کي التجا ڪري رهيو هو. مونکي حيرت ان ڳالهه تي ٿي رهي هئي ته ان ماڻهن جي ميڙ ۾ عورتون به جام هيون پر اهو فقير (ملنگ) سندن سان به اهڙي طريقي سان ملي رهيو هو، جيئن ڪنهن مرد سان ٿي مليو... يعني ڪنهنجي ڪلهي تي هٿ... ڪنهن جي پٺاڙن تي ته ڪنهن کي وري ڇاتي تي هٿ...! مان ته ان وقت آپي کان ٻاهر نڪري ويس جڏهن هڪ نوجوان عورت مستي ۽ عقيدت ۾ اچي ملنگ کي چنبڙي وئي... موٽ ۾ ملنگ به کيس مايوس نه ڪيو ۽ ڪجهه لمحن کان پوءِ پاڻ کان پري ڪندي چيائينس: ”الله آباد ڪندئي بابا... الله آباد ڪندئي...!“
    اهو سڀ ڪجهه پنهنجين اکين سان ڏسي سوچيم بس هاڻ هتان ئي واپس ڪوچ ڪجي، پر ايتري ۾ گهر واريءَ جو آواز ٻڌم:
    ”ڀانيان ٿي ته اهو ملنگ (ڪرامتي پِير) جو گادي نشين آهي اهو به ڪافي پهچ رکي ٿو، اچ ته پهريان ان کان دعا پِنون...!“
    ايئن چئي هوءَ منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ملنگ سان ملڻ وارين عورتن جي قطار ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳي، جڏهن ته مان هڪ پاسو وٺي بيهي رهيس، منهنجون نظرون ان ملنگ جي ٻَچي ۾ کُتل هيون جنهن تي مونکي ڏاڍي بُڇان پئي آئي، سوچيو هيم:
    ”جيڪڏهن هن فقير دعا ڏيڻ بهاني منهنجي گهر واريءَ سان ٿورو به بي ادبي سان مليو ته اتي ئي اُڦٽ ڪندو مانس...! ذليل ڪٿان جو...!“
    هاڻ منهنجي گهر واريءَ جو نمبر هو..! جنهن تي به مونکي تمام گهڻي ڪاوڙ اچي رهي هئي ته وڏو شوق هيس ’ڪرامتي پِير جي حاضري ڀرڻ جو‘ رڳو گهر پهچون...! چڱيءَ طرح خبر وٺندومانس... مان سڄو ڦونڊارجي ويو هئس، اکيون آپي کان ٻاهر نڪري آيون هيون، ڪاوڙ ۾ سڄو تپي لال ٿي ويو هئس، مان پنهنجي اکين کي بغير ڪنهن حرڪت ڏيڻ جي ملنگ ۽ پنهنجي گهر واريءَ ۾ کُپائي ڇڏيون هيون. ٺيڪ ان مهل ملنگ جون نظرون مون تي پيون ۽ مان محسوس ڪيو ته اهو ملنگ پنڊ پهڻ ٿي ويو آهي يا ٿيڻ وارو آهي...!
    هاڻ هن جون نظرون مون ۾ کُتل هيون ان مهل الائي جو ڇو مونکي پنهنجي ڪلين شيوَ ٿيڻ تي ڏُک ٿيو، نه ته مڇن کي تاءُ ڏيان ها...!
    ”سائين مان پري کان ڪهي آئي آهيان، دعا ڏيو ته من جي مراد پوري ٿئي...!“
    ملنگ کي ايئن ششدر ڏسي منهنجي گهر واري کيس زور سان چيو: ”امان...! الله سائين مرڻ گهڙيءَ تائين ڏکيو ڏينهن نه ڏيکاريندئي...!“
    موٽ ۾ ملنگ سندس مٿي تي هٿ رکندي چيو:
    ”شال سدائين سُکي هجين مولا ڪندو تنهنجي من جي هر مراد پوري ٿيندي...!“
    ايئن چئي ملنگ خاموش ٿي ويو پر سندس نظرون بدستور مون ۾ کُتل هئس. شايد منهنجو داٻو ۽ ڪاوڙ ڏسي تمام گهڻو هيسجي ويو هو. ڇو ته، سندس چهري تي خوف جون لڪيرون نمايان نظر اچي رهيون هيون .
    ڪجهه دير کان پوءِ مان پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ ’ڪرامتي شاهه‘ جي مقبري جي پيرانديءَ کان بيٺو هئس، اسان سان گڏ ٻيا به کوڙ سارا ماڻهو عقيدت ۽ احترام سان دعائون گهري رهيا هئا ۽ هر عقيدت مند آهستي آهستي ’ڪرامتي شاهه‘ جي مقبري جي چوڌاري ڦرندو ٿي رهيو... زيارتين ۾ گهڻو انگ عورتن جو هو. البته مرد به ججهي تعداد ۾ هئا... مان به هوريان هوريان مقبري جي چوڌاري ڦرندو رهيس، هاڻ مان ’ڪرامتي شاهه‘ جي قبر جي سيراندي کان بيٺو هئس ۽ دعا لاءِ هٿ مٿي هئا ته اوچتو مون سڄي دنيا گردش ۾ محسوس ڪئي ۽ دعا پِنندو ئي رهجي ويس. واڇون وڌي ويون ۽ مٿو ڦيراٽيون کائڻ لڳو... ’ڪرامتي شاهه‘ جي سيراندي کان سنگِ مَرمَر جي پٿر تي لکيل هو ’جمن عرف ڊبل شاهه‘ ڪرامتي ولد...!
    مان وڌيڪ نه پڙهي سگهيس شايد مون ۾ وڌيڪ پڙهڻ جي همٿ بنهه نه رهي هئي، ان ڪري پنهنجي ساءِ ڀڻڪيم ته:
    ”ڪٿي هي پاڻ وارو يار جمن ته نه آهي...!“
    ٺيڪ ان لمحي ڪنهن منهنجي وات تي هٿ رکيو، مون ڏٺو هو اهو ئي ملنگ هو جنهن کان ٻاهر زيارتي دعائون پِني رهيا هئا...! هو مون کي منهنجي ٻانهن کان ڇڪيندي ماڻهن کان ڌڪا ڏيندو هڪ طرف گهليندو ٿي ويو.
    مون ان وقت گهر واريءَ ڏي نظرون ڊوڙايون هو اکيون ٻوٽي هٿ ٻڌي ڏاڍي احترام سان ’ڪرامتي پير‘ جي سيراندي کان بيٺي هئي،کيس ڪا خبر ڪو نه هئي ته ڇا ٿي رهيو آهي...!
    ”تون ڇپر آهين نه...!؟“
    ملنگ مونکي هڪ ننڍڙي پر صاف ڪمري ۾ هڪ کٽ تي ويهڻ جو اشارو ڪندي پڇيو اهو ٻڌي منهنجون اکيون حيرت ۾ ڦاٽي پيون ڏاڍو تعجب ٿيو ته اهو ملنگ وري مونکي ڪيئن سڃاڻي...!؟ پر ٻي لمحي مونکي گهر واريءَ جو اهو جملو ياد آيو ته ’اهو ملنگ وڏي پهچ وارو آهي‘ اهو جملو ياد ايندي ئي مون کي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو ته مون اجايو کيس گُهوري ڪاوڙ ۾ ڏٺو هو... ۽ کيس اُڦٽ ڪرڻ جو سوچيو هيم، هاڻ مونکي پنهنجي غلطيءَ جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو هو.
    ”تو ڪو جواب ڪو نه ڏنو...!؟“
    ملنگ مون کي خاموش ڏسي وري چيو...
    ”جي...جي..! مان ڇپر ئي آهيان...پراوهان مون کي ڪيئن سڃاڻو..!؟“ هٻڪندي کيس چيم:
    ”مون کي غور سان ڏس ڇَپر...! ملنگ چيو:
    ”تون به مون کي سڃاڻي وٺندين...!“
    اهو ٻڌي مان سڄو ڇِرڪي ويم رت جسم ۾ ڦُل اسپيڊ سان ڊوڙڻ لڳو دل کي تيز ڌڙڪڻ کان روڪڻ لاءِ ڏاڍيون بريڪون هيم پر هر ڀيري ناڪام رهيس اوچتو رت هڪدم برف جيان ڄمي ويو ۽ دل ڪجهه لمحن لاءِ بلڪل پٿر جيان بي جانَ ۽ سخت ٿي وئي...!
    ”شمن تون...!؟“ مون وڏي رڙ ڪئي
    ”ها پيارا مان شمن ئي آهيان...!“ ملنگ جواب ڏنو.
    ٻي لمحي اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو، هونئن به شمن پهرين وارو نه رهيو هو جيڪو مونسان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندو هيو، وڌيل ڏاڙهي ۽ ڇُڙواڳ شهپرن جي ڪري شايد مان کيس نه سڃاڻي سگهيو هئس پر هن شايد مون کي پهرين نظر ۾ ئي سڃاڻي ورتو هو.
    ڪافي دير اسان هڪ ٻئي کي چنبڙيا رهياسين پوءِ پڇيومانس:
    ”هي سڀ ڇا چڪر آهي...؟ “
    ”اهو هڪ راز آهي جاني...!“
    ”مان ان راز کي گهڻي حد تائين سمجهي ويو آهيان...!“چيم:
    ”پر وري به تون ٻڌاءِ اهو ڪهڙو چڪر آهي...؟ ’ڊبل شاهه ڪرامتي‘ وارو؟“
    ”جڏهن پنهنجو جگري يار جمن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو...!“
    شمن ٻڌائڻ لڳو: ”اتفاق سان ان مقابلي ۾ مان به هڪ سپاهي جي حيثيت سان شامل هئس، پر مون کي اها خبر بلڪل نه هئي ته اسان جو مقابلو جمن جي ٽولي سان آهي، ڇو ته اسان اوچتو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويا هئاسين. جڏهن ميدان صاف ٿي ويو ۽ فتح اسان جي ٿي ته صاحب هڪ لاش طرف مون کي اشارو ڪندي چيو:
    ”هي حرام خور جمن جو لاش اٿئي...!“
    شايد صاحب کيس چڱي ريت سڃاڻيندو هو، مون لاش طرف ڏٺو ذري گهٽ بيهوش ٿي ويو هئس سندس چهرو ته ڇا پر سندس مٿي جو وار به صحيح سلامت نه هئس کيس تمام گهڻيون گوليون هنيون ويون هيون. پهريان ته مون کي يقين نه ٿي آيو ته هي جمن ٿي سگهي ٿو پر پوءِ سندس سڄي ٻانهن تي پيدائشي نشان ڏسي سمجهي ويو هئس ته هي واقعي ئي جمن آهي. پوءِ انسپيڪٽر صاحب حڪم ڏيندي مون کي چيو، تون هڪ ٻن سپاهين کي ساڻ ڪري هن جو لاش سنڌوءَ جي اهڙي ڪنڊ ۾ اڇلاءِ جو اهو ڪنهن کي به هٿ نه اچي، پر يار ڇپر... توکي ته خبر آهي ته مان جمن کي ڏاڍو ڀائيندو هئس ان ڪري پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي جمن جو لاش کڻي وجهه وٺي فرار ٿي ويم. پوءِ ان مقابلي واري هنڌ کان ڪوهين ڏور هتي رڻ پٽ ۾ دفنائي ڇڏيو هيم ان ڪم ۾ جيڪا تڪليف مون کي پهتي سا مان بيان ڪري نه ٿو سگهان پوءِ سندس قبر تي ڪاٺ واري تختيءَ تي سڃاڻپ لاءِ لکرائي ڇڏيو هيم ’جمن عرف ڊبل شاهه‘ مان اڪثر سندس قبر تي ايندو هئس ته اسان جا پِير پرست ماڻهو ان کي پهچ وارو پِير سمجهي سندس قبر تي دعائون پيا گهرندا هئا. جنهن سبب مون هڪ ڏينهن هڪ فقير وارو روپ ڌاري هُلايو ته اهو ڏاڍو پهچ وارو پِير آهي لکين سندس ڪرامتون آهن. هو اصل هتان جو به نه آهي سندس تعلق ايران يا عراق سان آهي... موٽ ۾ ماڻهو منهنجي ڳالهين ۾ اچي ويا ۽ پوءِ جتي ڪالهه ويراني هئي اڄ اتي ميلي جو ڏيک آهي...! سوين ماڻهو روز ايندا ويندا آهن، مان به ڪافي وقت اڳ پوليس جي نوڪري ڇڏي چڪو آهيان، هتان ايترو ڪجهه ملي وڃي ٿو جنهن مان، آئون نه صرف جمن جي قبر پڪي ڪرائي سندس نالي جي سنگ مرمر جي تختي هڻايم، بلڪه پنهنجي شهر ۾ هڪ عاليشان گهر به ٺهرايو اٿم.“
    اهو ٻڌي مان ڪجهه گهڙيون شمن کي تڪيندو رهيس ۽ پوءِ تيزيءَ سان اٿي جمن جي قبر جي چوڌاري پکڙيل زيارتين ۾ پنهنجي گهر واريءَ کي ڳولهڻ لڳس...!!!
    ***


    هڪ اديب جي خواب جي تڪميل

    آپگهات ڪرڻ کان اڳ ماڻهو کائنس تنگ هئا. پر هن کي ان جي ڪا به پرواهه نه هئي، هونئن به جيڪو ماڻهو پاڻ مان ئي تنگ هوندو آهي ان کي ٻين جي بيزاري محسوس نه ٿيندي آهي، ان ڪري ئي شايد هو سڀني سان کلي ملندو هو توڙي جو سندس سامهون ڪجهه ماڻهو کيس اهو ڪجهه چوندا هئا، جيڪو اڪثر ماڻهو برداشت نه ڪري سگهندا آهن پر هو مرڪي چوندو هو:
    ”مون کي خوشي آهي ته اوهان کي ياد آهيان، البته اها الڳ ڳالهه آهي ته منهنجي باري ۾ اوهان جا احساس ۽ جذبا ڪهڙا آهن...؟ مون تي ان جو ڪو به اثر نه ٿو پوي. مان جوئي آهيان سو ئي آهيان ...!“
    موٽ ۾ ماڻهو اڃان وڌيڪ چٿرون ڪندا هئس.
    ”هي سئو فيصد پاڳل آهي...!“
    ”دماغي توازن ٺيڪ ڪو نه اٿس...!“
    ”اديب هوندا ئي بد مغز آهن...!“
    پر هو ٺيڪ هو صفا گهڻو ٺيڪ...! جيڪڏهن هو واقعي بد مغز، چريو ۽ بيڪار ماڻهو هجي ها ته يقينن پاڻ تي ڇٿرون ڪندڙن سان اٽڪي پوي ها پر هن ائين ڪڏهن به نه ڪيو هو ... پنهنجي مٿان الزام ٻڌي مرڪي پوندو هو.
    ’ڪي ٽو‘ جي چوٽيءَ تائين انسان پهچي چڪا هئا پر هن جي برداشت جي مادي کي ڪو اڪري نه سگهيو هو... چنڊ تان به ته ماڻهو پٿر لاهي آيا هئا پر هن کان ڪو به مرڪ کسي نه سگهيو هو.
    بي_اي ڪرڻ کان پوءِ اڪثر هو هٿ ۾ ڪجهه ڪتاب کنيو گهمندو وتندو هو. پيءَ کي ڪپڙن جو ننڍڙو دڪان هئس پر ان تي به پيءَگهٽ ويهاريندو هئس، شايد کيس خطرو هو ته متان مون وارو پٽ سخاوت ڪندي سڀ ڪپڙا مفت ۾ ورهائي نه ڇڏي. ڇاڪاڻ ته هو انتهائي حساس هو، هن جي نظرن آڏو ٿيل ننڍڙو واقعو به هن کي وڏو محسوس ٿيندو هو. بظاهر معمولي ڳالهه تي به هو هڪ زبردست ڪهاڻي لکي وٺندو هو، ڪافي ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون هيس، سندس هر ڪهاڻي معيار جي مينار جي چوٽيءَ تي هوندي هئي. ادب سان وابسته ماڻهو ته ٺهيو پر هڪ عام ماڻهو به سندس لکڻيءَ مان متاثر ٿيندا هئا، ڪافي همعصر دوستَ هن جي فني ۽ پختي خيال واري مضبوط ڪهاڻيءَ ۽ ان جي ڊائيلاگن کي هضم نه ڪري سگهندا هئا، ان ڪري کيس مايوس ۽ دل برداشته ڪرڻ لاءِ چوندا هئس:
    ”هي ڇا پيو لکين...؟“
    ”لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه کپي...!“
    ”احمقن واريون ڳالهيون نه لکندو ڪر. ..!“
    ”ڪهاڻي لکڻ تنهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي...!“
    ”وقت وڃائڻ بدران ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪر...!“
    ”پوڙهي پيءُ جو سهارو بڻج...!“
    ”سٺو ليکڪ ۽ اديب ٿيڻ جا خواب ڇڏي ڏي بيوقوف...!“
    ”مون ڪڏهن چيو آهي ته مان ڪو وڏو اديب يا ليکڪ آهيان...!“
    موٽ ۾ اڪثر چوندو هين:
    ”منهنجي اندر جيڪي احساس جنم وٺندا آهن يا جيڪو ڪجهه مان محسوس ڪندو آهيان اهو لکي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندو آهيان، جيڪڏهن ائين نه ڪيان ته جيڪر ڦاٽي پوان ... مري پوان... ان ڪري مون کي ڪنهن جي ڪا پرواهه ڪونهي... مون کي ڪير پسند ڪري يا نه مان پنهنجي ڪم سان ڪم رکندس...!“
    سندس هڪ ئي ادبي دوست هوندو هئس، ’احسان‘ جنهن تي هو پاڻ کان وڌيڪ اعتماد ڪندو هو. سندس سان دل جا احوال اوري جهري پوندو هو. ڪڏهن روئي پوندو هو ته ڪڏهن کلي پوندي هو. پاڻ مارڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پنهنجي ان دوست کي چيو هئائين:
    ”ماڻهو مون کي چريو چون ٿا چريو...!“
    ”سقراط تي به ساڳيو الزام لڳو هو...!“
    ”سقراط ...! پر مان سقراط هئڻ جو دعوى ناهي ڪئي...!“
    ”ڪو دعوى ڪرڻ سان سقراط نه ٿوٿي سگهي...!“
    ”ڪجهه به هجي پر مان ڪجهه ناهيان...!“
    ”پر مان چريو ناهيان...!“
    ”اهو تون به چوين ٿو. مان به مڃان ٿو باقي ماڻهن کي ڇڏي ڏي...!“
    ”ڪيئن ڇڏي ڏيان...؟ يارخدا جي واسطي ڪجهه ڪر...! جيئن ماڻهو مون کي بيوقوف نه سمجهن... اجايا الزام هڻي تماشو نه ڪن!“
    ”اهو ڏکيو ڪم آهي. ماڻهن کي ڪير روڪيندو...؟“
    ”پوءِ مان ڇا ڪريان...؟“
    ”سهندو رهه...!“
    ”ڪيترو برداشت ڪيان يار...! ماڻهو ته جبل کي به ٽُڪي ٽُڪي پورو ڪري ڇڏيندا آهن، مان ته انسان آهيان...!“
    ”مڃيم ته جبل انسان آڏو بيهي نه سگهندو آهي، پر اهو نه وسار ته جبل کي مات ڏيڻ وارا به انسان ئي هوندا آهن... انسان آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل کان به وڌيڪ گهڻو وڌيڪ طاقتور آهي...! ان ڪري همٿ ڀريئي انسان کي ڪو ڪيرائي نه ٿو سگهي...!!“
    ” مان ڪرندس، مون مان همٿ موڪلائي رهي آهي...! پر مان مرڻ کان اڳ ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو...!“
    ”ڇا ٿو ڪرڻ چاهين...!؟“
    ” مان پنهنجي سڀني تخليقن کي ساڙي ڇڏيندس...!!“
    ”سبب...!؟“
    ”جن لکڻين مون تي پاڳل جو ليبل لڳايو آهي، مان انهن کان انتقام وٺڻ جو پورو حق رکان ٿو ...!“
    ” تون ايئن نه ٿو ڪري سگهين ...!“
    ”مان ايئن ئي ڪندس، مونکي ڪو روڪي نه ٿو سگهي ...!“
    ”پر مان توکي روڪيندس ...!“
    ”ڪهڙي تعلق سان...؟“
    ”توکي خبر آهي ته مان هڪ ئي وقت ٽي محبتون ڪندو آهيان، پنهنجي لکڻين سان...توسان...۽ فوزيءَ سان...! مان انهن ٽنهي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهان ٿو...!“
    ”پر منهنجي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندين شايد...!“
    ”سڀ ڪجهه ڪري وٺندس...!“
    ”ڇا ماڻهون مونکي مانُ ڏيندا...؟“
    ”تون عام ماڻهن جي ڳالهه ٿو ڪرين توکي سري عام نازيه به خراجِ تحسين پيش ڪندي ...!“
    ”اهو ناممڪن آهي...!“
    ”اڄڪلهه ناممڪن ويچاري، پنهنجا پهريان ٻه اکر وڃائي ڇڏيا آهن يا فرار ٿي ويا اٿس، ان ڪري هر شيءَ ممڪن ٿي وئي آهي دوست...!“
    ”پر مان نٿو سمجهان...!“
    ”سڀ ڪجهه سمجهي ويندين...پر ان لاءِ هڪ ڳالهه جو خيال رکجان، مان جيڪو ڪجهه ڪندس تنهنجي خواهش جي پورائي ڪرڻ لاءِ ڪندس ان ڪري توکي منهنجي ڪنهن به ڳالهه تي ڪو اعتراض نه هئڻ گهرجي ۽ نه ئي منهنجي نيت تي ڪو شڪ...! ٻين لفظن ۾ ايئن ئي سمجهه ته مان جيڪو ڪجهه ڪندس اهو پاڻ نه پر تنهنجي خواهش ۽ رضامنديءَ سان ڪندس... جيڪڏهن اهو شرط منظور اٿئي ته مونکي تون پنهنجو ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل سمورو مواد آڻي ڏي، ٻيو سڄو ڪم منهنجو آهي...!“
    ”مونکي توتي پاڻ کان وڌيڪ اعتماد آهي احسان...!“
    هن پنهنجو سمورو مواد احسان حوالي ڪندي چيو هو:
    ”تنهنجي هر ڳالهه کي پنهنجي ڳالهه سمجهندس...!“
    جنهن کان پوءِ احسان سندس سان ڪيل واعدو نڀائڻ ۾ لڳي ويو هو، جو اچتو هن خودڪشيءَ ڪري ڇڏي هئي، بقول ڊاڪٽر جي ته:
    ”هن ننڊ جون گوريون حد کان وڌيڪ کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو آهي...!!!“
    بهرحال خودڪشي ڇا ڪيائين ڄڻ ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪري ورتيون هئائين، اهي ماڻهو جيڪي ڪلهه هن جا مخالف هئا اڄ سندس همدرد بڻجي آخري سفر ۾ گڏ هئس. سندس موت کانپوءِ وڏا وڏا تعزيتي ميڙاڪا ٿيا هئا. هر هڪ ادبي توڙي سماجي گڏجاڻي ۾ سندس لاءِ دعا مغفرت گهري پئي وئي، سڀ ڪو همدرد ٿي پيو هئس پر هو واپس نه اچي سگهيو هو...!“
    البته سندس پهرين ورسي اچي وئي هئي جيڪا هڪ وڏي هال ۾ ملهائي پئي وئي، وڏن وڏن ماڻهن کي دعوت ڏني وئي هئي جن لاءِ اسٽيج تي خوبصورت ڪرسيون ۽ ٽيبلون رکيون ويون هيون جڏهن ته ٻيو سڄو هال عام ماڻهن ۽ شهرين سان ڀريو پيو هو، هال جي هڪ ڪنڊ ۾ پيل بيڪار ۽ ڀڳل ڪرسيءَ تي هن جو روح به موجود هو... هو ايترو حيران شايد پنهنجي موت تي به نه ٿيو هو جيترو اڄ پنهنجي ورسيءَ تي ايڏو وڏو ميڙاڪو ڏسي ٿي رهيو هو، هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو. هو سوچي ٿو:
    ’جڏهن مان زنده هئس ته ڪو ويجهو نه ٿي آيو، اڄ جڏهن مئلن ۾ شمار ٿي رهيو آهيان ته هر ڪو ياد ٿو ڪري...!‘
    پروگرام جو آغاز ٿي چڪو هو، تلاوتِ ڪلام پاڪ کانپوءِ ميزبان واري واري سان ادب سان لاڳاپيل نوجوانن کي سڏي رهيو هو، جيڪي ڏاڍي جذباتي انداز ۾ سندس شخصيت بابت مقالا پڙهي رهيا هئا، سندس روح ان وقت ته تڙپي رهيو هو، جڏهن سندس ڪجهه ڄاتل سڃاتل چهرا، جن هن کي زندگيءَ ۾ مايوسين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو هو اڄ سندس تعريفي تقريرن جو طوفان مچائي ماڻهن کان داد وصول ڪري رهيا هئا...ان ڪري سندس کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو جو ڄڻ کيس مارڻ کان پوءِ وري مارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي پئي وڃي... هن جي روح ان وقت ته پاڻ کي سخت پيڙاءَ مان گذرندي محسوس ڪيو هو جڏهن اسٽيج تي ويٺل ڪاليج جي استادياڻي (نازيه جنهن کي هن زندگي ۾ ڏاڍو چاهيو هو ) ڊائيس تي اچي سندس جي باري ۾ پنهنجا خيال بيان ڪرڻ لڳي هئي.
    ”جهڙاليءَ موسم جهڙو پيارو ماڻهو هو... هن کي ڏسي زندگيءَ جو احساس ٿيندو هو...! هن سان ملي سچائيءَ جو احساس ٿيندو هو... هن جون لکڻيون پڙهي اميدون جاڳي پونديون هيون... مايوسيون ڀڄي وينديون هيون... پر افسوس هو وڌيڪ زندهه نه رهي سگهيو... اسان جون محبتون به کيس روڪي نه سگهيون ۽ هو اسان کان وڇڙي ويو...! ان کان وڌيڪ هن جي باري ۾ چوڻ منهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي... نه ئي مون وٽ ٻيا ڪي لفظ بچيا آهن سواءِ ان جي ته پيارا ماڻهو ... اسان کان وڌيڪ الله کي ئي پيارا هوندا آهن...!!“
    ”ڪهڙي محبت جي ڳالهه ٿي ڪرين...؟“
    سندس روح پنهنجي ساءِ ڀُڻڪي پوي ٿو:
    ”مان توسان هڪ ڀيرو مليو هئس نه چاهيندي به دل جي ڳالهه ڪئي هيم. موٽ ۾ تو اهڙي ڇنڊ ڪڍي هئي، جو مان ان وقت زندهه هوندي به مري ويو هئس... ۽ اڄ وري منهنجي باري ۾ نيڪ جذبا... واه...!!؟“
    نازيه کان پوءِ هڪ ٻيو مشهور اديب به اچي سندس شان ۾ قصيده چوڻ لڳو.
    هو ڪجهه به نه سمهجندي سوچي ٿو ’هي... هي... سڀ ڪجهه ڇو... ۽ ڇالئه ٿي رهيو آهي...!؟ جيڪي ماڻهو منهنجي زندگي ۾ منهنجا دشمن هئا ... جن مون کي رڳو سور ۽ صدما ڏنا... اڄ اهي منهنجا همدرد ڇو ٿي پيا آهن؟ ۽ منهنجي ورسيءَ جي مو قعي تي کين ڇو وڏي عزت سان اسٽيج تي ويهاريو ويو آهي...!‘
    ان کان پوءِ تڪ جي ايم. پي. اي کي دعوت ڏني ويئي هئي، اسٽيج تي ڳالهائڻ جي، جنهن سياسي انداز ۾ تقرير شروع ڪئي هئي، هٿ ٺوڪي تعريف ۽ لٻاڙ...! هن جو روح برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ڪجهه لمحن لاءِ هال کان ٻاهر نڪري ويو هو. زندهه هوندي هڪ ڀيرو هن جو نوڪريءَ لاءِ ان ايم. پي. اي وٽ وڃڻ ٿيو هو جنهن ڏاڍو بيرُخيءَ سان چيو هئس:
    ”مون ڪو نوڪرين جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا...؟ جو ڀڳا ٿا اچو...!“ همراهه مايوس ٿي موٽيو هو پر ٻن مهينن کان پوءِ خبر پئي هئس ته جنهن نوڪري لاءِ ايم. پي. اي کي هن عرض ڪيو هو. اتي هن رئيس جمن خان جو پٽ ڀرتي ڪرائي ڇڏيو هو... ڪجهه گهڙين کان پوءِ جڏهن هن جو روح واپس هال ۾ آيو ته ايم. پي. اي صاحب فخريه انداز ۾ چئي رهيو هو:
    ”مون کي هي اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته سندس جو سمورو ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد پنهجي خرچ تي سندس دوست احسان جي مدد سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائيندس ته جيئن هتان جا اديب، ليکڪ ۽ شاعر پاڻ کي نڌڻڪو نه سمجهن...!“
    هال مان زوردار تاڙيون ڪافي وقت تائين وڄنديون رهيون، ايم. پي. اي کان پوءِ اوچتو اسٽيج تان احسان کي سڏ ٿئي ٿو. جنهن کي اسٽيج تي ايندو ڏسي سندس روح به شايد هوش وڃائي ويهي ٿو.
    ”ذليل... ڪميڻا... ڪتا انسان... تو مون سان دوستيءَ ۾ دغا بازي ڪئي... ڪيترو اعتماد ڪيو هيم توتي... پر تو ته آخري سفر ۾ به مون کي خوار ڪرايو... مون کي ماريئي ته خير هو... پر پنهنجي ان چالاڪيءَ کي آپگهات جي ويس سان ته نه ڍڪين ها...تنهنجي ڪري منهنجي ميت رلي... جنازو به ڀٽڪيو... ڪافر جو به لقب مليو... مولوين جنازي نماز پڙهائڻ کان انڪار ڪيو...ان ڪري قبر ۾ اڄ تائين هڪ لمحو به سڪون سان نه گذريو اٿم...! اڄ وري ڪهڙي منهن سان منهنجي ئي ورسي جي موقعي تي اسٽيج تي ٿو اچين...!؟ مڪار انسان... مان توکي جيئرو نه ڇڏيندس... تو مون کي آخري سفر ۾ تڙپايو... مان توکي سڄي زندگي تڙپائيندس...!“
    ائين چئي هو اٿڻ جي ڪري ٿو پر اوچتو اهو احساس ٿيندي ڍرو ٿي ٿو وڃي ’ته هاڻ مان زندهه نه رهيوآهيان... پنهنجي وس به به نه رهيو آهيان... ڪجهه چاهڻ باوجود ڪجهه ڪري به به نه ٿو سگهان...!‘
    سندس دوست احسان ڳالهائڻ لڳي ٿو.
    ”اڄ منهنجي دوست جي پهرين ورسي آهي...ان موقعي تي مان اهو چوندس ته هو جسماني طور اسان کان الڳ ته ضرور ٿي ويو آهي پر روحاني طور اسان جي دلين ۾ اڄ به زندهه آهي... مون کي اهو شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته منهنجي مرحوم دوست جو روح به هن هال جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويڳاڻن جيان ضرور ويٺو هوندو...! ان ڪري کيس، اهو ٻڌي ۽ ڏسي خوشي ٿيندي ته سندس خواهش پوري ٿي وئي آهي... اهي ماڻهو جيڪي ڪالهه سندس مخالف هئا (پهريان اسٽيج تي ويٺلن ۽ پوءِ هال وارن ڏي نهاريندي) اڄ اهي کيس خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن... ان ڪري مان به ڏاڍو خوش آهيان ته جيڪو ڪم جيڪا خواهش تو مون کي پوري ڪرڻ لاءِ چئي هئي، اڄ مان تنهنجي اها تمنا پوري ڪري ڇڏي آهي دوست...! مون توکي چيو هو نه ته مان هڪ ئي وقت ٽي محبتون ڪندو آهيان... انهن ٽنهي مان ڪنهن جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهان ٿو... ان ڪري مون جيڪو ڪجهه ڪيو پنهنجي محبت جي خوشيءَ لاءِ ڪيو... مان سمجهان ٿو توکي ان تي ڪو به اعتراض يا ڏک نه ٿيو هوندو... هونئن به مان توکان ان جي اجازت به ورتي هئي. مان توکي اهو به ٻڌائيندو هلان تو جنهن خواهش جو اظهار ڪيو هو... اها تنهنجي زندگي ۾ پوري ٿيڻي نه هئي. ان جي تڪميل لاءِ توکي مري وڃڻو هو ۽ تون مري وئين...! ڇو جو اسان مري ويل ماڻهن سان پيارڪندا آهيون... زندهن سان لڳي ئي نه.!“
    ”تون صحيح هئين...!“ سندس روح اٿندي چوي ٿو:
    ”مان غلط هئس... تون کٽي وئين، مان هارجي ويس... ڇو ته مان واقعي اهو قطعي نه سمجهي سگهيو هيم ته اسان وٽ مرڻ کان پوءِ ئي محبت ملندي آهي...!!!“
    ***


    وکريل محبت

    ”خوب مهانگا نه هوندا آهن پر_ انهن جي تعبير ڏاڍي مهانگي هوندي آهي...!“ لطيف کي چيائين:
    ”ان ڪري تون اجايو خوابن جي تعبير پٺيان نه ڊوڙ نه ته وقت کان تمام گهڻو اڳ دنيا جي وهڪري ۾ وهي ويندين...!“
    ”پر مان ته خواب ڪو نه پيو ڏسان...!“لطيف الجهندي چيس:
    ”يونيورسٽيءَ جي ٽن سالن کان وٺي هن وقت تائين اسان هڪ ٻئي کي چاهيندا آيا آهيون ۽ هاڻ هُن مون سان ٽيليفون تي به ڳالهايو آهي پوءِ ڇا اهو خواب آهي...!؟ ڇا تون مون کي ايڏو بيوقوف سمجهيو آهي...!؟جو آئون جاڳندي اکين سان خواب ڏسندس...! تون يقين ڪر سڪندر ته دردانه مونکي چاهي ٿي، اهو خواب نه حقيقت آهي...!“
    ”ڪراچي اهڙو شهر آهي، جتي صرف توپارا اهڙن خوابن کي حقيقت سمجهڻ لڳندا آهن نه ته ڪراچي جو تقريبن هر نوجوان اهڙي پيار کي ’خواب‘ (جيڪو ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿو) کان سواءِ ڪجهه به نه سمجهندو آهي..!“ ”نه نه...! دردانه هڪ حقيقت آهي، توکي مڃڻو پوندو ته مان خواب نه پيو ڏسان...!“
    لطيف کي ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو بس ايترو چئي خاموش ٿي ويو.
    ”اهو وقت ٻڌائيندو يار...!“سڪندر مسڪرائيندي چيس:
    ”پر تو ڪڏهن سوچيو آهي...! ته دردانه يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ کوڙ سارن پيسي ۽ بئنڪ بيلنس رکندڙ ڇوڪرن کي ڇڏي تنهنجي چونڊ ڇو ڪئي...! آخر تو ۾ اهڙي ڪهڙي خوبي آهي...!؟جو دردانه جيڪا ڪراچيءَ جي هڪ امير گهراڻي جي ڇوڪريءَ هوندي تو ڏانهن مائل ٿي...!“
    ”ڇا تون مون کي اهو احساس ڏيارڻ ٿو چاهين ته آئون هڪ غريب هاريءَ جو پُٽ آهيان ...!؟“ لطيف ڪاوڙ ۾ چيس:
    ”پر مان ان احساس ڪمتري ۾ ڪڏهن به مبتلا نه ٿيندس...! غريب ڳوٺائي آهيان ته ڇا ٿيو، پنهنجي محنت سان هت پهتو آهيان. محبت محبت هوندي آهي، ان کي غريب ۽ امير جي فرق سان ڦيرائي نه ٿو سگهجي...!“
    ”منهنجي ذاتي خيال مطابق ته تون هجين يا اندروني سنڌ جو ڪو ٻيو ڇوڪرو...! جڏهن به ڪراچي جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ايندو آهي ته جلدي ان جي رنگينين ۾ گم ٿي ويندو آهي...!“
    سڪندر ساڳي انداز ۾ کيس چوندو رهيو، شايد لطيف جي ڪاوڙ مٿس ڪو اثر نه ڪيو هو:
    ”۽ ان جي رويي ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي ويندي آهي...! هو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڳوٺائي مٽن مائٽن توڙي دوستن کان تمام گهڻو بالا تر محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ۽ انهن سان ملڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ به عيب محسوس ڪندو آهي وري جڏهن ڪراچي جي ڪا ڏانئڻ کيس مرڪي ٻه ٻول ٻوليا ته همراهه مٿس جان فدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي ڇو ته ڪراچي جون ڏانئڻيون ڏاڍيون خطرناڪ هونديون آهن هو ته اهڙن ڇوڪرن کي ڳولينديون آهن جيڪي جلدي خواب کي حقيقت سمجهڻ لڳن...! جنهن جي ڪري انهن جو يونيورسٽي ٽائيم ڏاڍو سٺو گذرندو آهي. يقين ڄاڻ لطيف تون به دردانه جي روپ ۾ هڪ ڏانئڻ جي ور چڙهي ويو آهين ۽ ڏانئڻيون صرف خوابن ۾ ئي نظر اينديون آهن. حقيقت ۾ نه ...! ان ڪري هوءَ تنهنجي دل ڪچي چٻاڙي ڦٽي ڪري ڇڏيندي ۽ توکي ڦٿڪڻ جو موقعو به نه ملندو...!!“
    ”هوءَ ڏانئڻ نه آهي...!“ لطيف ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو.
    ”تون دردانه کي ڪجهه به سمجهه...!“ سڪندر وري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيس:
    ”پر دردانه شايد تنهنجي ان الفت کي ’ايڪسٽرا ايڪٽوٽي آف يونيورسٽي‘ کان وڌيڪ اهميت نه ڏئي...! ان جي خبر توکي جلدي پئجي ويندي. ڇو ته هاڻ يونيورسٽي ٽائيم نه پر سروس ٽائيم آهي. تون ڄاڻين ٿو ته يونيورسٽي ۽ سروس ٽائيم ۾ ڪيترو فرق هوندو آهي...!“
    ”تنهنجي خيال ۾ دردانه مون سان شادي کان انڪار ڪندي...!؟“
    لطيف جڪ کائيندي چيس.
    ”او...! يعني تون ايتري حد تائين سوچڻ شروع ڪري ڏنو آهي...!“
    سڪندر کان ٽهڪ نڪري ويو، چوڻ لڳس:
    ”اڙي ڀوڪ...! جيڪڏهن تو هُن کي شاديءَ جو چيو ته سڃاڻڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيندي ۽ ممڪن آهي مفت ۾ اڻڳڻيا موچڙا به جهلين...!“
    لطيف کي هاڻ پهريون ڀيرو پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي ته آخر مون پنهنجي دل جي ڳالهه سڪندر سان ڇو ڪئي...!؟ هن کي ته اميد هئي سڪندر هميشه جيان هن مسئلي ۾ به منهنجي مدد ڪندو...! مان ۽ دردانه هميشه لاءِ هڪ ٿي وينداسن پر هن رهندو ئي کيس توائي ڪري ڇڏيو هو.
    ”آخر مون کي هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي...!“
    لطيف بيزاري مان سڪندر کان پڇيو.
    ”اهو ئي...!“ سڪندر چيس: ”جيڪو مان توکي پهرين چئي چڪو آهيان ته ڀاڳڀريءَ سان شادي ڪري ڇڏ ڇو ته اها ئي توکي حقيقي پيار ڏئي سگهي ٿي..!“
    ”پر يار...!“ لطيف وڦلجندي جواب ڏنس:
    ”هوءَ ڳوٺاڻي، اڻ پڙهيل، جاهل ۽ ڄٽ آهي...! جڏهن ته مان پڙهيل لکيل آهيان...! تازو سترهين گريڊ جي نوڪري به ملي اٿم، پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته ڀاڳڀري مون سان گڏ هلي سگهندي...! ڇا هوءَ خالص ڳوٺاڻي ٿي ڪري پنهنجو پاڻ کي ڪراچي جي جديد ماحول ۾ ضم ڪري سگهندي...!؟ شايد ڪڏهن به نه ...! اجايو هوءَ مون تي ماڻهو کلائيندي...!“
    ”مان ته توکي پهريائين چئي چڪو آهيان ته ڳوٺان پڙهڻ لاءِ ايندڙ اڪثر ڇوڪرا جلد ڪراچي جي گوڙ ۾ گم ٿي ويندا آهن ۽ پويان سڀ ڪجهه وساري آسمان ڏانهن اڏام ڪندا آهن...!“
    سڪندر هن ڀيري هلڪو داٻو ڏيندي چيس:
    ”شايد هاڻ وساري ويٺو آهين ته تون به ڪو ڳوٺائي آهين...! ڪراچي جي ڪجهه سالن ۾ تون هاڻ پنهنجو پاڻ کي اعلى تر محسوس ٿو ڪرين، ڀاڳڀري پڙهي نه سگهي ته ان ۾ ان جو ڪهڙو ڏوهه...! هوءَ ته توسان محبت ڪري ٿي ۽ بقول تنهنجي مان به ان سان آخري دم تائين باوفا رهڻ جو واعدو ڪيو هو...! پر هاڻ ايڏو جلدي ان کي وساري ويٺين...!جيڪڏهن ڀاڳڀريءَ پنهنجو پاڻ کي ڪراچي جي ماحول کي ضم نه ڪري سگهي ته يقين ڄاڻ لطيف...! اها ئي هن جي اهڙي خوبي هوندي جنهن تي تون سڄي عمر فخر ڪري سگهين ٿو...!“
    ”پر يار...! تون آخرڪار منهنجي ڳالهه کي سمجهڻ جي...!!!“
    ”مان تنهنجي ڳالهه سمجهان ٿو...!“
    سڪندر لطيف جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو:
    ”پر شايد توکي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي يا سمجهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪرين...! مون کي هرو ڀرو تنهنجي ذاتي معاملن ۾ عمل دخل ڏيڻ جي ضرورت ناهي پر هڪ دوست جي حيثيت سان مان وري به توکي اهو چوندس ته جيڪڏهن تون خوش رهڻ چاهين ٿو ته خوشيون توکي رڳو ڀاڳڀريءَ وٽان ئي ملنديون، ان ڪري بهتري ان ۾ اٿئي ته ’دردانه‘ کي هڪ خواب سمجهه ۽ ان جي پُٺيان ڊوڙڻ ڇڏي ڏي ڇو ته خواب هوندا ئي ٽٽڻ لاءِ آهن...!“
    ”ڪجهه به هجي...!“ لطيف فيصلاڪن لهجي ۾ چيو:
    ”منهنجي زندگي ۾ هاڻ دردانه کان سواءِ ٻيو ڪو به داخل نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته هن مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي...!“
    ”هُن توکي اڃان ڪجهه به نه ڏنو آهي دوست...!“سڪندر چيس:
    ”هوءَ ته ڪڏهن اهو ڪجهه ڏئي اڏامي ويندئي جيڪو تون ان کان وٺڻ به نه چاهيندين...!!“
    ”يار خدارا خاموش ٿي...!“
    لطيف ڪافي ڪاوڙ مان ڪرسيءَ تان اٿندي چيس:
    ”۽ بهتر آهي ته تون هتان هليو وڃ..! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي...!“
    ”ٺيڪ آهي پيارا جنهن ۾ تون راضي...! مون ته توکي سمجهائڻ خاطر اهو ڪجهه چيو...! پر لڳي ٿو ته تون ناراض ٿي ويو آهين...!“
    ايئن چئي سڪندر هليو ويو، جنهن کان پوءِ لطيف ڪجهه ذهني سڪون محسوس ڪيو، سڪندر لطيف سان ڇهه سال اڳ ۾ مليو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس همراز ۽ پيارو دوست بڻجي ويو هئس.
    لطيف کي چڱي ريت ياد هو ته جڏهن هن ڪراچي جي هڪ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو يونيورسٽي ۾ قدم رکيو هو ته هڪ سينيئر شاگرد ٽولي سندس استقبال ڪندي چيو هو:
    ”يو آر ويلڪم...!“
    جنهن تي لطيف ڏاڍو حيران ٿيو هو ڇو ته کيس خبر هئي ته وڏي تعليمي ادارن ۾ نئين آيل شاگردن جو استقبال ڪيئن ٿيندو آهي...!؟ پر ٻي لمحي هڪ زوردار فولادي ٺونشو سندس منهن ۾ لڳو ۽ ڦهڪو وڃي هيٺ ڪيائين، رت جي هلڪي لهر سندس نڪ مان نڪري ڌرتي ۾ جذب ٿيڻ لڳي ۽ هن پاڻ ۾ اٿڻ جي همٿ نه ساري.
    ”مسٽر...! اسان جو ساٿ ڏيندين ته اڳتي اهڙا ٺونشا ٻين کي هڻندين نه ته اهي ٺونشا تنهنجو ئي مقدر آهن...!“
    خبر ناهي ان ٽولي مان ڪنهن شاگرد ڌاري ٻوليءَ ۾ ڪنهن فلمي ڊائلاگ جيان چيو هئس پر هي خاموش رهيو هو ڪجهه چوڻ جي همٿ هنن جي سامهون نه ساريائين، ڇو ته لطيف انهن آڏو بلڪل بيوس ٿي لڳو...!
    ”ڪيئن پيارا اسان جو ساٿ ڏيندين نه...!؟“
    لطيف ڪجهه گهڙين کان پوءِ اٿيو ئي مس هو جو هڪ ٻي شاگرد سندس ڪلهي تي هٿ سان زور ڏيندي چيو هئس:
    ”مان توهان جي...! يا ڪنهن ٻي تنظيم لاءِ ته نه آيو آهيان...!“
    خبر نه آهي ته لطيف کان ڪيئن اهو جملو نڪتو، جيڪو کانئس نڪرڻ نه کپي ها ڇو ته ٻي لمحي هڪ زوردار لت سندس پيٽ ۾ لڳي هئي ۽ هو ٻه ٽي وکون پوئتي هٽي سور جي شدت کان پنهنجا ٻئي هٿ پيٽ تي ڏئي ڇڏيا هئا. ”اسان پڙهندا به آهيون ۽ ’ڪم‘ به ڪندا آهيون. توکي به ايئن ڪرڻو پوندو...!“ لطيف کي لت هڻندڙ شاگرد داٻو ڏيندي چيو.
    ٺيڪ ان لمحي هڪ هلڪن شهپرن ۽ وڻندڙ ڏاڙهي وارو ڇوڪرو وٽن پهتو هو ۽ ايندي ئي کانئن پڇيو هئائين:
    ”هي ڇا ٿي رهيو آهي...!؟“
    ته ان ئي شاگرد ٽولي مان ڪنهن جواب ڏنو هئس:
    ”سڪندر ڀاءُ...! پريشان نه ٿي، هي نوجوان نئون آيو آهي ان جو استقبال پئي ڪيوسين...!“
    ”خدارا يار...! ڪڏهن ته ڪنهن تي رحم به ڪندا ڪريو...! هن معصوم کي ماري اوهان کي ڇا مليو...؟“
    سڪندر ڪافي ڪاوڙ ۾ کين چيو ۽ پوءِ لطيف جي ڀر ۾ اچي کانئس سنڌي ۾ پڇيو هئائين:
    ”يار گهڻا ڌڪ ته ڪو نه لڳا اٿئي...!؟“
    جڏهن گهڻي تڪليف ۽ مصيبت ۾ ڪوئي همدرد ملي ويندو آهي ته ماڻهو ازخود روئي پوندو آهي، ان ڪري ان وقت لطيف جي اکين مان به ڳوڙها ڪري پيا هئا پر پوءِ پاڻ سنڀاليندي سڪندر کي چيو هئائين:
    ”نه ادا...! ڪجهه وڌيڪ ڌڪ نه لڳا آهن پر نڪ ۾ ڏاڍو سور پيو محسوس ٿئي ۽ شايد مٿيون چپ به ٽُڪجي پيو آهي...!“
    ”هي ڇوڪرا ڏاڍا ڏنگا آهن...!“
    سڪندر لطيف جي ناس مان وهندڙ رت صاف ڪندي چيو هو.
    ”هو ڪنهن کي ڌڪ هڻندي دير ناهن ڪندا...! خير هاڻ هو ٻيهر تنهنجي ويجهو نه ايندا...!“
    جنهن کان پوءِ سڪندر لطيف کي پنهنجي گهر وٺي ويو هو. سندس گهر هڪ خوبصورت بنگلو ٿي لڳو، جتي سندس هلڪي پٽي ڪندي سڪندر چيو هئس:
    ”خبر اٿئي مون کي توسان ايتري همدردي ڇو آهي...!“
    لطيف انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ته سڪندر چيس:
    ”ان ڪري ته تون به مون وانگر سنڌي آهين...! مون توکي شڪل مان سڃاڻي ورتو هو...!“
    ”پر تون ته مون کي سنڌي نه ٿو لڳين...! ڪٿي تون به ته انهن مان ناهين جو مون کي سنڌي هجڻ واري چڪر ۾ ڦاسائي...!؟“
    ”جلدي ڪنهن جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري نه وٺبي آهي...!“
    سڪندر مسڪرائي چيو هئس:
    ”مان سنڌي آهيان، انهن سان يا ٻي ڪنهن تنظيم سان، منهنجو ڪو به واسطو ناهي، مان پيدا ڪراچي ۾ ٿيو آهيان البته منهنجا والدين گهڻو وقت اڳ حيدرآباد جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. جتي اسان جي ڪافي ملڪيت ۽ زمينيون هنيون، بعد ۾ بابي اهي سڀ کپائي ڪراچي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي ۽ هن وقت ’لِي مارڪيٽ ۽ طارق روڊ‘ تي اسان جو ٺيڪ ٺاڪ ڪاروبار آهي. منهنجي تعليم توڙي تربيت ڪراچي ۾ ٿي آهي، ان ڪري شايد مون کي تون سنڌي محسوس نه ٿو ڪرين...! ۽ شايد منهنجو لهجو به خالص سنڌي نه هجي ڇو ته اسان وڌ ۾ وڌ گهر ۾ ئي سنڌي ڳالهائيندا آهيون. ٻاهر ته سنڌي ڳالهائڻ وارا ملندا ئي گهٽ آهن...!“
    ان کان علاوه ان ڏينهن سڪندر لطيف کي پنهنجي ۽ ڪراچي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌايو هو، موٽ ۾ لطيف به پنهنجو تعارف ڪرائي ڇڏيو هئس. بس انهي ڏينهن کان هنن جي دوستي جي شروعات ٿي ۽ هڪ سال ۾ ئي هو هڪٻي جا همراز دوست بڻجي ويا. شروعات ۾ ته لطيف کي رهڻ لاءِ هاسٽل به نه ٿي مليو پر سڪندر باآساني کيس هاسٽل وٺرائي ڏنو هو. ان کان علاوه سڪندر لطيف جي هر مسئلي ۾ ڪافي مدد ڪئي هئي لطيف جي انڪار باوجود سندس کوڙ ڀيرا مالي مدد به ڪئي هئائين، جڏهن لطيف پهرين سال ۾ هو ته سڪندر ان سال ٽئين سال جو شاگرد هو. هڪ ٻي ڳالهه تي لطيف کي ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي ته جتي يونيورسٽي جا عام ڇوڪرا سڪندر جي عزت ڪندا هئا ته اتي يونيورسٽي جا نامي گرامي بدمعاش به کيس ’سڪندر ڀائي‘ ڪري سڏيندا هئا. ان کان علاوه هو ڪراچي جي رنگين ماحول ۾ رهندي به بليڪ اينڊ وائيٽ هو. عشق جي معاملي ۾ صفا پوئتي ۽ تعليم ۾ تمام گهڻو اڳتي هو، هن اڄ تائين ڪنهن کي لفٽ نه ڪرائي هئي حالانڪه يونيورسٽي جون ڪافي ڇوڪريون کيس چاهينديون هنيون پر هو ڪنهن جي چڪر ۾ نه آيو هو ڇو ته هو ڇوڪرين کان ڏاڍو لنوائيندو هو ۽ اڪثر لطيف کي به انهن کان پاڻ بچائڻ جي تلقين ڪندي چوندو هو:
    ”يار انهن ڏانئڻن کان هوشيار رهجانءِ نه ته ٻيڙو وچ سير ۾ ئي غرق ٿي ويندئي...!!“
    ان ڏينهن لطيف ۽ سڪندر ٻئي گڏجي يونيورسٽي جي گيٽ ڏانهن وڌي رهيا هئا ته اوچتو انهن آڏو هڪ ڇوڪري نمودار ٿي ۽ سڪندر کي تيز ۽ کهري لهجي ۾ چائين:
    ”آخر تون پنهنجو پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو...! جو سڌي منهن ڪنهن سان ڳالهائين به نه ٿو.. ڇا اسان عورتون نه پر جنڙيون ۽ ڏانئڻيون آهيون...!؟ جو توکي کائي ختم ڪري ڇڏينديون سين...!“
    پر سڪندر چُپ رهيو هوءَ وري ساڳئي لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳي هئي:
    ”پر اڄ توکي ڳالهائڻو پوندو مسٽر...! اهو به سڀني جي سامهون، مان ڪنهن کان ڪو نه ٿي ڊڄان...! ۽ اڄ توکي اهو به ٻڌڻو پوندو ته مان توکي چاهيان ٿي...! مون کي توسان محبت آهي...!“
    لطيف کي اها ڇوڪري ڏاڍي جنوني پئي محسوس ٿي، ان تي ڪجهه ڇوڪرا ۽ ڪجهه ڇوڪريون گڏ ٿي انهن جي ڀرسان بيهي رهيا هئا. جنهن ڪري لطيف ڏاڍو گهٻرائجي ويو هو. پر سڪندر ڪافي پر اعتماد ٿي لڳو ۽ انتهائي مودباڻي لجهي ۾ ان ڇوڪريءَ کي جواب ڏنائين:
    ”ها مس ماريا...! مان به توکي بي انتها چاهيان ٿو ۽ مون کي توسان ايتري محبت آهي جيتري ڪو ڀاءُ پنهنجي سڳيءَ ڀيڻ سان محبت ڪندو آهي...! مون کي ٻڌاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو پيار ۽ رشتو آهي...!؟“
    ان جواب کان پوءِ سندن ڀرسان بيٺل سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون واڇون ٽيڙيندي ٽڙي پکڙي ويا هئا. ماريه ويچاري جيڪا پهريان تتل لوهه جيان پئي لڳي هاڻ ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ ان لوهه کي کڻي ڪنهن ٿڌي يَخ پاڻيءَ ۾ اڇلايو ويو هجي. ان ڪري سندس چهري تي لمحي لاءِ هزارين رنگ اڀريا ۽ غائب ٿي ويا. هو سڄي ڪاراٽجي وئي هئي، شايد هن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته هوءَ هاڻ ڇا چوي پر ٻي لمحي ۾ هوءَ تيز تيز وکون کڻندي مين دروازي کان ٻاهر نڪري وئي هئي.
    ان واقعي تي لطيف، سڪندر کان گهڻو ڪجهه پڇڻ ٿي گهريو پر لفظ به نه ڪڇي سگهيو هو. جڏهن لطيف، يونيورسٽي جو ٻيو سال اڪري ٽين سال ۾ داخل ٿيو ته ان وقت سڪندر يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪو هو پر تنهن هوندي به هو تقريبن روزانو هڪٻئي سان ملندا رهندا هئا، ڪڏهن لطيف، سڪندر جي گهر ويندو هو ته ڪڏهن سڪندر، لطيف جي هاسٽل تي ايندو هو. شايد ان جي صحبت جي ڪري لطيف ڪنهن کي چاهيو، نه ئي لطيف سان ڪنهن محبت جو اظهار ڪيو هو. هونئن به لطيف کي محبت جي ضرورت نه هئي ڇو ته هن جي پهرين محبت ’ڀاڳڀريءَ‘ جي صورت ۾ موجود هئي. ڀاڳڀري ڏاڍي معصوم ۽ پياري ڇوڪريءَ هئي. ان ڪري لطيف کي يونيورسٽي ۾ ڏاڍو ياد ايندي هئي. لطيف يونيورسٽي اچڻ مهل ڀاڳڀريءَ کي اداس ڏسي واعدو ڪري آيو هو ته يونيورسٽي مان فارغ ٿيندي ئي توکي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيندس. سڪندر جي فارغ ٿيندي جڏهن لطيف جي ٿرڊ ايئر ۾ پهتو ته خبر ناهي ڪيئن سندس زندگي ۾ ’دردانه‘ داخل ٿي هئي. جنهن کانئس سندس پهرين محبت ڀاڳڀري به کسي ورتي هئي. دردانه سان ملڻ جي ٿوري ئي عرصي کان پوءِ لطيف، ڀاڳڀريءَ کي وساري ويٺو هو،کانئس اهو به وسري ويو هو ته ڀاڳڀري نه صرف سندس محبت آهي پر مڱ به ٿئي. هن کان ته هاڻ اهو سڀ ڪجهه وسري ويو هو. هن جي نظر ۾ هاڻ ڀاڳڀري اڻپڙهيل ۽ صفا سادي ڇوڪري هئي بس هن جي دل ۾ هاڻي دردانه ئي دردانه هئي...! حالانڪه يونيورسٽي ۾ ملاقاتن دوران هنن هڪٻئي سان کليل لفظن ۾ اظهار به نه ڪيو هو، البته لطيف کي ايئن محسوس ٿيندو هو ته اسان ٻئي هڪ ٻئي کي چاهيون ٿا. ان ڪري ٻئي هڪٻئي جي ويجهو آهيون. پر لطيف ان جو ذڪر دردانه سان بلڪل نه ڪيو هو. يونيورسٽي کان فارغ ٿيڻ بعد جلدي لطيف کي هڪ سٺي نوڪري به ملي وئي هئي، جنهن تي هو ڏاڍو خوش هو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد لطيف دردانه کي فون ڪري کانئس پڇيو هو:
    ”يونيورسٽي کان بعد هاڻ ڇا پيا ڪريو...!؟“
    ”يونيورسٽي ڇڏڻ بعد ڪافي بوريت محسوس ڪندي هيم، ڇو ته يونيورسٽي هڪ عجيب زندگي هئي جيڪا اک ڇنڀ ۾ گذري ويئي، البته ان جون يادون باقي آهن. هاڻ گهر ۾ رهڻ جي عادي ٿي وئي آهيان سڄو ڏينهن گهر ۾ ئي هوندي آهيان...!“ دردانه ٻڌايو هيس.
    ”دردانه توهان مون کي ڪٿي وساري ته نه ڇڏيو آهي...؟“
    وري لطيف پڇيو هئس:
    ”نه بلڪل نه ...! توهان وسارڻ جهڙا نه آهيو...!“دردانه چيو هيس.
    لطيف ٻيو به کانئس گهڻو ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيو پر پڇي نه سگهيس ۽ ٽيليفون رکي ڇڏي هئائين. هن کي الاءِ جي ڇو محسوس ٿي رهيو هو ته دردانه کيس بي انتها پيار ڪري ٿي. ان ڪري هن دل ئي دل ۾ هڪ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ ٻي ڏينهن جڏهن لطيف سان سندس والد ۽ وڏو ڀاءُ ملڻ آيا هئا ۽ کيس ڳوٺ هلي ڀاڳڀريءَ سان شادي ڪرڻ جو زور ڀريو هو ته کين رخو جواب ڏنو هئائين:
    ”ته بابا...! مان ڀاڳڀريءَ سان شادي نه ڪندس...!“
    اهو ٻڌي سندس پيءُ ۽ ڀاءُ کان ڇرڪ نڪري ويو. لطيف پيءُ سان نظرون نه ملائي سگهيو هو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هئائين.
    ”هي... هي تون ڇا پيو چوين...!؟“ سندس پيءُ انتهائي ڪاوڙ ۾ چيو هئس:
    ”ڇا تون وساري ويٺو آهين ته هوءَ تنهنجي مڱ آهي...!؟“
    ”خبر آهي بابا...! پر مڱڻيءَ ٽٽي به سگهي ٿي...!“
    ”لطيف ڀاءُ آخر هي توکي ڇا ٿي ويو آهي...!؟ ۽ تون ڇا ڳالهائي رهيو آهين...!“
    هن ڀيري سندس ڀاءُ چيو. پر لطيف خاموش رهيو لطيف جي پيءُ پنهنجي ڪاوڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيس:
    ”اڙي...! جڏهن تون ڳوٺ ۾ هئين ته ڀاڳڀريءَ سان شادي نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ مارڻ جي ڌمڪي ڏني هيئي، جنهن جي ڪري اسان پٽڪا ميڙ ڪري تنهنجي لاءِ ڀاڳڀريءَ جو سڱ وڏي مشڪل سان ورتو هيوسين...!!“
    ”بابا اها منهنجي غلطي هئي...!“ لطيف ڳالهائڻ لڳو:
    ”هاڻ زمانو بدلجي چڪو آهي، مان ڪو عام ماڻهو نه رهيو آهيان، هن وقت ڪراچي ۾ سترهين گريڊ جو آفيسر آهيان ان ڪري هوءَ مون سان هلي نه سگهندي. آئون ساڻس شادي هرگز نه ڪندس...! بس اهو منهنجو آخري فيصلو آهي...! ان باري ۾ آئون وڌيڪ ڪجهه ٻڌڻ يا ڳالهائڻ نه ٿو گهران...!“
    اهو ٻڌي سندس پيءُ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو. ڪجهه چوڻ ٿي چاهيائين پر چئي نه سگهيس.
    ”بابا...! پاڻ وارو يار لطيف صحيح پيو چوي...!“
    لطيف جي وڏي ڀاءُ ڳالهايو:
    ”هاڻ هو آفيسر ماڻهو آهي ان ڪري کيس اهڙي گهر واري کپي جيڪا ڪراچي ۾ بغير پردي جي گهمي سگهي ۽ اوپرن ماڻهن سان بنا تڪلف جي ڳالهائي سگهي...! بابا اسان ته ڳوٺائي آهيون...! ان ڪري لطيف سان گڏ نه ٿا هلي سگهون...! پاڻ کي هاڻ هلڻ گهرجي...!!“
    ۽ پوءِ هو هليا ويا، لطيف کين روڪي به نه سگهيو هو. پيءُ ۽ ڀاڻس جي وڃڻ کان پوءِ لطيف ڪيترائي ڏينهن انهن سان اختيار ڪيل رويي تي پريشان رهيو ۽ پوءِ آهستي آهستي نارمل ٿي ويو. کيس هاڻي يقين ٿي ويو ته بابا وارا هاڻ سندس ڪنهن به معاملي ۾ ڪا به مدد نه ڪندا، ان ڪري لطيف، سڪندر جي معرفت دردانه جي گهر وارن کان دردانه جو سڱ وٺڻ ٿي گهريو، جنهن جي ڪري هن سڪندر کي پاڻ وٽ گهرائي کيس سڄي حقيقت ٻڌائي، جنهن کي پهريان ته سڪندر ڀوڳ ٿي ڀائنيو. پر لطيف سيريس هو جنهن ڪري انهن ٻنهي ۾ بحث شروع ٿي ويو خبر ناهي هڪ ٻئي کا ڇا ڇا ٿي چيائون. سڪندر کي دردانه تي يقين نه ٿي آيو ان ڪري لطيف تي زور ٿي ڀريائين ته هو ڀاڳڀريءَ کي ئي پنهنجو ڪري. اها ڳالهه لطيف کي نه پئي وڻي، ان ڪري لطيف سڪندر کي هليو وڃڻ جو چئي ڇڏيو.
    سڪندر جي وڃڻ کان جلدي پوءِ هڪ جهٽڪي سان لطيف کي خيال آيو ته سڀاڻي مان پاڻ دردانه کان راءِ وٺي سندس والدين سان ڳالهائيندس.اهو خيال ايندي ئي هي ڪافي پرسڪون ٿي ويو ۽ ٻي ڏينهن تي هي پنهنجي آفيس جي ڪم مان فارغ ٿي بس اٿڻ وارو ئي هو جو دردانه سندس آفيس ۾ داخل ٿي، سندس آفيس ۾ دردانه پهريون ڀيرو آئي هئي، توڙي جو لطيف کيس پنهنجي آفيس جي ائڊريس نوڪري ملڻ شرط ڏني هئي پر اڄ اوچتو ئي اوچتو دردانه کي پنهنجي سامهون ڏسي لطيف کي ڏاڍي خوشي ۽ حيرت ٿي ۽ پوءِ کيس پنهنجي سامهون رکيل ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪندي چيائين:
    ”دردانه توهان اڄ اوچتو هيڏانهن ڪيئن...!؟“
    ”اڄ هيڏانهن پنهنجي هڪ ساهيڙي سان ملڻ آئي هيس، سوچيم ان بهاني اوهان وٽان به ٿيندي وڃان...!“
    دردانه ڪرسي تي ويهندي ئي جواب ڏنس.
    ”مهرباني...! ڀلا چانهه پيئبي يا...!؟“
    ”ڪجهه به نه...!“ لطيف جو جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين:
    ”توهان ٻڌايو ڪيئن پئي گذري زندگي...؟“
    ”ڏاڍي سٺي...!“ لطيف ڳالهائڻ لڳو:
    ”يونيورسٽي کان فارغ ٿيندي جلدي نوڪري ملي وئي اٿم...! ان ڪري ڪا به پريشاني محسوس نه پئي ٿئي...! توهان ٻڌايو ته توهان ڪا نوڪري جوائن ڪئي آهي يا نه...!؟“
    ”لطيف...! آئون ذاتي شوق خاطر يونيورسٽي ۾ پڙهي هيس، نوڪريءَ لاءِ نه...!“ کلندي لطيف کي چيائين:
    ”اسان وٽ الله جي مهرباني سان گهڻو ڪجهه آهي، پوءِ نوڪريءَ جي ڪهڙي گهرج...!!“
    ”پوءِ توهان جو ڇا ارادو آهي هاڻ...!؟“ لطيف پڇيس:
    ”بس ايئن گهر ۾ فضول ويهي رهندو...!؟“
    ”منهنجو ته اهو ئي خيال آهي...!“ دردانه هلڪي مرڪ مرڪندي لطيف کي جواب ڏنو.
    ”پر گهر وارن جا ارادا ٺيڪ نه ٿا لڳن...! انهن ايندڙ هفتي منهنجي مـڱڻيءَ جو رٿيو آهي...!! ممڪن آهي پوءِ جلدي شادي به ٿي وڃي...!!!“
    ”ڇا...!؟؟؟“ لطيف کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ها لطيف صاحب...! مان صحيح پئي چوان...! پر ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي...! شادي ته سڀ ڪو ڪندو آهي...!!!“
    ” اهو ته ٺيڪ آهي پر اوهان ڪنهن سان پيا شادي ڪريو..!؟؟؟“
    لطيف هن ڀيري تمام تعجب ۾ پڇيس:
    ”مون کي ڪا به خبر ڪونهي...! سواءِ ان جي ته ايندڙ هفتي منهنجي مڱڻي ٿيندي...!!“ دردانه چوڻ لڳس:
    ”ڇو ته اهو رشتو منهنجي والدين ڪيو آهي ۽ انهن کي ئي خبر آهي ته هو ڪير آهي...! ڪيئن آهي...!؟ مان ان جي باري ۾ ڪجهه نه ٿي ڄاڻان...!!!“
    ”توهان پڙهيل لکيل هوندي...! زندگي جي ان اهم ترين فيصلي تي بغير سوچ ويچار جي رضامند ٿي ويا آهيو...!؟؟“
    ” چيم نه...! اهو فيصلو مون نه پر منهنجي والدين ڪيو آهي...!“
    دردانه چيس:
    ” ۽ والدين پنهنجي اولاد لاءِ هميشه سٺا فيصلا ڪندا آهن، ان ڪري مون کي ان تي نظر ثاني يا اعتراض ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي...!!“
    ” پر...! پر...! مون کي ته اوهان سان...!! اوهان سان...!!“
    لطيف وڌيڪ نه چئي سگهيو، ڇو ته هو سڄو اندران ئي اندران ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيو هو. سندس وجود ڪنهن تيز طوفان جي ور چڙهيل سامان وانگر ٽڙي پکڙي ويو هو، جنهن کي هو ميڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    ”ها...ها...! ڇا آهي اوهان کي مون سان...؟؟“
    لطيف کي ايئن ششدر ۽ وائڙو ڏسي دردانه تعجب مان پڇيس.
    ”مون کي اوهان سان همدردي آهي...!“ لطيف بمشڪل ڳالهايو:
    ”ان ڪري اوهان کي زندگي جواهڙو اهم ترين فيصلو جلدي اڪلائڻ نه گهرجي...!“
    ”مان پنهنجي والدين جي فيصلي کي چئليج نه ٿي ڪري سگهان...!!“
    دردانه اطمينان سان چيس:
    ”مان کانئن گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هو اسان کي يونيورسٽي وڃڻ جي آزادي ان ڪري ڪو نه ڏيندا آهن، جو اڳتي هلي اسان سندن آڏو پسند يا نا پسند جو اظهار ڪريون پر هو اسان تي اعتماد ڪري گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهن. مان ڪڏهن به اهو نه چاهينديس ته آئون پنهنجي والدين جي اعتماد کي ڇيهو رسايان، هونئن به مون کي پوري اميد آهي ته جتي منهنجا والدين منهنجي شادي ڪرائڻ چاهين ٿا اتي مون کي توقع کان وڌيڪ خوشيون ملنديون...!“
    ”خدا ڪري ايئن ٿئي...!!!“
    لطيف پنهنجي وجود جا وکريل ٽڪرا ميڙيندي چيو:
    ”جيڪڏهن توهان کي ان اڻ ڏٺي رشتي تي خوشي آهي ته پوءِ يقين ڪريو مان به ڏاڍو خوش آهيان...! منهنجي دعا آهي ته توهان جتي به هجو خوش هجو...! ۽ اوهان جي هميشه واري مرڪ سلامت هجي...!!“
    ايئن چئي لطيف خاموش ٿي ويو، دردانه ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي هئي:
    ”لطيف، مون کي به توهان سان همدردي آهي...!“
    ايئن چئي هوءَ هلي وئي ان وقت لطيف کي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳي هئي ۽ سوچيائين ته: ’مان به ڪيڏو بيوقوف آهيان‘ جو دردانه کي پنهنجو بڻائڻ جو خواب ٿي ڏٺم... هوءَ ته مون سان گڏ پڙهندي هئي پوءِ جيڪا ڇوڪري محبت ۽ خلوص سان پيش اچي ته اسان ان کي خوابن ئي خوابن ۾ همسفر بڻائي ڇڏيون...!؟ پيار صرف پيار هوندو آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ۽ محبت شادي جو ٻيو نالو هجي ها ته خبر ناهي ماڻهو ڪيتريون شاديون ڪن ها، ڇو ته انسان کي هر موڙ تي پيارا ماڻهو ملندا آهن، جن کي هو چاهڻ لڳندو آهي جڏهن مان ڳوٺ ۾ هئس ته مون کي ڀاڳڀري پياري لڳندي هئي وري جڏهن يونيورسٽي ۾ پهتس ته دردانه کي چاهيو هيم...! وري جڏهن سروس ٽائيم ۾ ڪا ڇوڪري ملي ته شايد دردانه کي وساري ويهان...! پر هاڻ لطيف کي دردانه پوئتي ڌِڪي ڇڏيو هو...! جيڏانهن ڪجهه وقت اڳ هن نه ٿي وڃڻ چاهيو ۽ هن کي هاڻ سڪندر جا اهي جملا شدت سان حقيقت جو روپ ڌاري ياد اچڻ لڳا ته:
    ” ڳوٺن مان ايندڙ ڇوڪرا جلدي ڪراچي جي گوڙ ۾ گم ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ جلدي پويان سڀ ڪجهه وساري آسمان ڏانهن اڏامندا آهن ...!!“
    پر هاڻ لطيف جي آسمان ڏانهن اڏام ختم ٿي چڪي هئي، سندس پَر پرزا پرزا ٿي ويا هئا، جنهن جي ڪري هو منهن ڀر ڪريو هو، ان ڪري پنهنجو پاڻ کي ڌرتيءَ جي ڌڌڙ ۾ گُم ٿيندي ڏٺائين پر ان جي کيس ڳڻتي نه هئي نظرون مٿي آسمان ڏانهن جو هئس، جتي هن کي سندس والدين، مائٽ ۽ ڀاڳڀري ستارن جيان چمڪندي نظر اچي رهيا هئا...!!!
    ***


    مان سڌرندس

    مون کوڙ انٽرويو ڏنا هئا نوڪري لاءِ پر نوڪري نه ملڻي هئي سا نه ملي پر پوءِ به همٿ نه هاري اٿم ۽ بي_اي جي ڊگري کنيون ٿاٻا کائيندو وتندو آهيان. جيتوڻيڪ اها به خبر اٿم ته اڄ ڪلهه حڪومت نوڪري ڏيڻ بجاءِ نوڪري کسڻ ۾ مصروف آهي پر پوءِ به دل کان مجبور آهيان، ان ڪري ڪنهن به اخبار ۾ خالي جاين جو اشتهار پڙهندو آهيان ته ان اداري کي پنهنجي درخواست موڪلي ڏيندو آهيان. پر اوڏانهن موٽ تمام گهٽ ملندي آهي. هڪ ڀيري هڪ انٽرويو ڪال آئي هئي، جنهن ۾ مون کي ’ٽيليفون آپريٽر‘ جي عارضي پوسٽ لاءِ ڪراچي ۾ ٿيندڙ انٽرويو جي تاريخ ۽ ٽائيم بابت ٻڌايو ويو هو. پر منهنجي بدقسمتي اها هئي جو جنهن ڏينهن مون کي انٽريو ڪال صبح جو يارهين وڳي ملي، ان ئي ڏينهن تي صبح جو ڏهين وڳي ڪراچي ۾ انٽرويو ٿيڻو هو..!!!
    جيڪڏهن مان ان وقت ئي ڪراچي لاءِ نڪري پوان ها ته پورن ڏهن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ ئي ڪراچي ۾ قدم رکان ها...! ان ڪري هڪ ٿڌو ساهه ڀري چُپ ڪري ويو هيم. ان تي مون واري يار ذوالفقار بس ئي نه ٿي ڪئي چيائين ٿي ته:
    ”مون توکي گهڻا ڀيرا سمجهايو آهي ته اجايو درخواستن تي خرچ نه ڪندو ڪر... پاڻ کي نوڪري ناهي ملڻي ته پوءِ روز روز ڪهڙيون ٿو درخواستون ڪرين، اڙي ٽيليفون آپريٽر واري درخواست تي گهڻو خرچ ڪيو هُئي...؟پنهنجي ڊگري جون نقل ڪاپيون، ٻه عدد پاسپورٽ سائيز تصويرون، لفافو پوسٽ ٽڪليون، ڊوميسائل ۽ پي آر سي جون نقل ۽ وقت...! موٽ ۾ ڇا مليئي...؟ هڪ اهڙي انٽريو ڪال جنهن توکي ڪجهه ڏيڻ بجاءِ تنهنجو مذاق اُڏايو آهي. جيڪڏهن تون اهي پيسا ايئن ضايع نه ڪرين ها ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ويلو ته ٽارين ها...!؟“
    هو خبر ناهي ڇاڇا چوندو رهيو پر آئون ٻڌڻ کان سواءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس. ڇو ته هو اهڙين درخواستن کي فضول خرچي ۾ ليکيندو هو. پر پوءِ به مان نه مڙندو هئس ڇو ته مون کي اميد هئي ته مان ڪنهن نه ڪنهن اداري ۾ ضرور ضم ٿي ويندس پر اڄ الاءِ جي ڇو محسوس ٿي رهيو هو ته ذوالفقار صحيح پيو چوي. انهن سکڻين درخواستن مان ڪجهه ڪين ورندو..!!
    ذوالفقار منهنجو گهاٽو دوست آهي، ٻئي گريجوئيٽ آهيون، فرق صرف اهو آهي جو هُن بي. ايس. سي پاس ڪئي آهي جڏهن ته مون وٽ بي. اي جي ڊگري آهي هو عجيب آهي، مان غريب آهيان، هو لکندو گهڻو آهي مان پڙهڻ ۾ تيز آهيان، هو ڪفايت شعار آهي جڏهن ته مان، فضول خرچي ڪجهه وڌيڪ ڪندو آهيان. شايد ان ئي سبب جي ڪري هن جي حالت مون کان ڪافي بهتر هئي.
    اڄ به آءَ حسبِ عادت ’خدمت خلق‘ هوٽل تي پراڻيون توڙي تازيون اخبارون جاچي رهيو هئس ته اوچتو ذوالفقار آيو، منهن صفا لٿل هئس،ان ڪري ڪجهه پڇڻ وارو ئي هيومانس جو هن پاڻ ئي منهنجي سامهون رکيل ڪرسي تي ويهندي چيو:
    ”يار اڄ زندگي ۾ پهريون ڀيرو هار ملي آهي...!“ اهو ٻڌي ٽهڪ نڪري ويو ۽ کيس چيم:
    ”نيٺ ڦوٽي واري ڌيءَ راحيلا هٿان موچڙا کاڌئي...! ڪيترا ڀيرا سمجهايو هيومانءِ ته ٻيلي مڙي وڃ...! اها ڇوڪريءَ سرڪاري اسپتال ۾ نرس آهي هوءَ تو پاري بيروزگار کي کنگهندي به ڪو نه اجايو ڪا خطرناڪ سوئي هڻي ڪندئي پورو...! ته به نه پيو مڙين ته پادر ته جهليندين نه...!“
    اهو ٻڌي همراهه هڪدم بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو ۽ خوشگوار لهجي ۾ چيائين:
    ”مان ته راحيلا جي ڇڙٻن لاءِ ئي سڪان پيو چريا...! پر جيڪڏهن هن مون کي پادر هنيا ته ان ڏينهن مان خوشحال ٿي ويندس...!“
    ”ڇا مطلب...!“ حيران ٿيندي کانئس پڇيم.”راحيله جي پادرن سان تون خوشحال ويندين..؟“
    ”ها بلڪل...!“ چيائين. ”ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي...!“
    ”سو وري ڪيئن...؟“ واڇون ٽيڙي رازداري واري انداز ۾ پچيومانس.
    ”يار توکي ته خبر آهي...!“ وراڻيائين. ”عشق جي شروعات ۾ هُن هڪ دفعو مون کي ڪاوڙ ۽ حقارت ۾ ڏٺو هو ... ان ئي ڏينهن شام جو منهنجو پنجاهه هزار جو انعامي بانڊ نڪتو هو...!ان ڪري مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن هن ڪڏهن مون کي مار ڏني ته ان ئي ڏينهن سمجهه ته منهنجو ڀاڳ کليو...! ۽ مان لکاپتي بڻجي ويندس...!“
    ”سچ ٿو چوين...!“
    ”ها...! هاڻي هڪ ڳالهه توکي راز جي ٿو ٻڌايان ته مون عشق جي آڙ ۾ راحيلا کي اجايو تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي...! خبر اٿئي ڇو...؟“
    ” نه...!“
    ”ان ڪري...!“ وراڻيائين: ”جو هوءَ مون کي ڪُٽڪو ڪڍي ۽ مان امير ٿي وڃان...! اهو سڀ ڪجهه ذوالفقار اهڙي طرح چئي ويوجو ڄڻ کيس يقين هجي ته راحيلا جي موچڙن سان هن جا چڱا ڏينهن شروع ٿي ويندا.
    ”چڱو ڀلا ڇڏ انهن ڳالهين کي...!“چيم ” تون اهو ٻڌاءِ ته پهريان ڇو منهن خراب ڪيون آيو هئين...؟“ اهو ٻڌي همراهه وري پريشان ٿي ويو ۽ چيائين: ”دراصل ڳالهه اها آهي جو ڪجهه ڏينهن پهريان جيڪي ماستري جي لاءِ انٽرويو ڏنا هئاسين نه...!“
    ”ها...!ته پوءِ انهن مان هاڻي ڪنهن کي به ڀرتي نه ڪندا...!“
    سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيم. ”ڇو ته هاڻ هر اداري مان ملازم ڇانٽي پيا ٿين ته پوءِ نون ماسترن کي ڀرتي ڌوڙ ڏانهن ڪندا...؟ ان ڪري تون پريشان نه ٿي، توسان گڏ مون به انٽرويو ڏنو هو، صرف مان نه پر ماستري جي يارنهن سيٽن لاءِ سوين ماڻهن انٽرويو ڏنا هئا...! هاڻ انهن سڀني آسرو لاهي ڇڏيو آهي ته پوءِ تون ڇالاءِ ٿو ڳڻتي ڪرين...؟“
    ”اڙي مان انهن آرڊرن جي رد ٿيڻ جي ڪري ٿورئي ٿو پٽيان...!“
    پاڻ تي ضابطو رکندي چيائين: ”صرف اهي آرڊر رد ٿين ها ته خير هو...! پر انهن آرڊرن سان گڏ مون مسڪين جا ڏهه هزار به لڙهي ويا...!“
    ”ڏهه هزار...!!!“ حيرت مان پڇيم.
    ”ها مان صحيح پيو چوان، مون ماستري جي سيٽ وٺڻ لاءِ ’ماستر وزير‘ سان پنجٽيهن هزارن ۾ سودو طئه ڪيو هو. جنهن ڏهه هزار ايڊوانس طور ورتا هئا...! ۽ باقي پنجويهه هزار آرڊر وٺڻ کان پوءِ ڏيڻا ڪيا هيامانس...!“
    ”پر تو ته مون سان پهريان ان باري ۾ ذڪر نه ڪيو هو...!“ تعجب ۾ کانئس پڇيم.
    ”ها يار...!“ ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين ”دراصل مون اوچتو آرڊر وٺي توکي حيرت ۾ وجهڻ ٿي گهريو... پر اڄ خبر پئي آهي ته پنهنجي قسمت ئي ٽُٽل ڦِٽل آهي. ان ڪري آرڊر وٺڻ بجاءِ ڀيلو منهن ڪري تو وٽ پهتو آهيان..! هاڻ تون ئي ٻڌاءِ مان ڇا ڪيان...؟“
    ”ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي...؟“ چيم.
    ”تون ماستر کان پنهنجا پيسا واپس وٺ...!“
    ”اڙي اهو ئي ته مسئلو آهي...!“چيائين.
    ”ماستر پيسا ئي واپس نه ٿو ڏئي...! چوي ٿو ڪجهه پيسا مون کپائي ڇڏيا آهن ته ڪجهه مٿين کي چٽايا اٿم، ان ڪري هاڻ پائي به نه ملندئي...! مون توکي زور ڪيو هو ڇا...؟ ڏهه هزار ڏيڻ لاءِ...! تو ته رضا خوشي سان منهنجي حوالي ڪيا هئا...! هاڻ اجايو دهمان نه ڪر... ها باقي اهي يارهن ماستريءَ جا آرڊر جاري ٿيا ته پڪ سمجهه ته انهن مان هڪ تنهنجو به هوندو.
    پر يار هاڻ ڀانيان ٿو ته ماستريءَ جا آرڊر ڪڏهن به نه نڪرندا...! ان ڪري منهنجا ته ڏهه هزار ويا ئي ويا...!“
    ”ايئن وري ڪيئن ويا...!؟“ چيم.”وٺيس ڳچيءَ مان ڪڍيس ڏهه هزار.!“ ”اڙي چريا...! تون ڳچيءَ جي ٿو ڳالهه ڪرين...؟“ جڪ کائيندي چيائين.
    اڄ ته ذري گهٽ پٽڪو لاٿو هيومانس...! وچ ۾ ماڻهو اچي ويا ته به چيائين ٿي ته: ”پيسن جو آسرو نه ڪجانءِ... جيڪي مو ن کي ڦٻيا انهن کان وڌيڪ تون منهنجي بيعزتي ڪئي آهي، ان ڪري حساب برابر ...!“
    ”يار...!“چيم. ”ماستر به صحيح پيو چوي...!“
    ”ها...!“ وراڻيائين. ”هو به ڪنهن حد تائين درست آهي، ان ڪري تون ٻڌاءِ ته هاڻ مان ڇا ڪيان...؟“
    ”پهرين ڳالهه تو غلط ڪم ڪيو آهي...!“ اعتماد سان کيس چيم.
    ”آخر مون به ته ڪنهن سان ماستري جي سيٽ لاءِ ٽيهه هزارن ۾ سودو طئه ڪيو هو...!“
    ”ڇا...!؟“ تعجب ۾ چيائين ”پر تو پهريان ته مون کي ان باري ۾ نه ٻڌايو هو...!“
    ”واقعي مون توسان ان باري ۾ ذڪر نه ڪيو هو، فقط ان ڪري جو توکي حيرت ۾ وجهڻو هو...! پر مون سودو طئه ڪرڻ باوجود ان ڪم ڪندڙ ماڻهو کي صرف ٻه هزار چٽائي چيو هيو، باقي ’اٺاويهه هزار‘ تڏهن ملندئي جڏهن آرڊر وٺي ڏيندين...! هاڻ ٻڌاءِ عقل مند ڪير...! تون يا مان...؟“
    ”آهيون ته ٻئي بيوقوف...! “ ڪجهه سوچيندي چيائين.
    ”پر پوءِ به تون هن دفعي مون کي منجا هڻي وئين...! ان ڪري ئي پٽيان ٿو ته زندگي ۾ مون پهريون ڀيرو مار کاڌي آهي... هار کاڌي آهي... ان ڪري هاڻ توکي صحيح صلاح ڏيڻي پوندي...! نه ته اُڦٽ ڪندومانءِ، اصل ماستر واريون ڪسرون هڪ جون ٻيڻيون تو مان ڪڍندوسانءِ...!“ ايئن چئي هن ڀرسان پيل خالي ڪوپ کڻي ورتو، اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڇرڪي ويم ۽ ڇرڪان به ڇو نه اصل ’ڀوتارن واريون ڪسرون يارن مان ڪڍڻ‘ وارو حساب لڳو پيو هو پر پوءِ به کيس ٽارڻ لاءِ چيم:
    ”تڪڙ نه ڪجانءِ ذلفي...! تڪڙ نه ڪجانءِ متان مارائي وجهين چريا..! ”تون ڪجهه ڏينهن صبر ڪر، متان آرڊر نڪري اچن ...!“
    ”آرڊر ڪڏهن به نه نڪرندا...!“ تارا ڦوٽاريندي چيائين.”ٻي ڳالهه ڪر...!“
    ”ٻي ڳالهه اها آهي جو ماستر وزير کي هلي مهذب طريقي سان سمجهائي پيسا واپس ڪرڻ جو چونداسين...!“
    ”پوءِ ڇا ٿيندو...؟“ پڇيائين.
    بدستور ڪوپ هن جي هٿ ۾ هو.
    ”پوءِ ڳالهيون ٿينديون ٻه...!“ وراڻيم. ”يا ته هو سڀ پيسا واپس ڪندو يا ٺپ جواب ڏيندو بس معاملو ئي صاف...!“
    ”مزو نه ڪيُئي...!“
    ايئن چئي هو تيز تيز قدم کڻندو هليو ويو. جنهن کان پوءِ مون ايئن محسوس ڪيو جو ڄڻ ڪنهن وڏي مصيبت مان جان آجي ٿي هجي. هونئن به جڏهن ذوالفقار جو بلڊ پريشر هاءِ هوندو آهي ته پوءِ ڪنهن آفت شافت کان گهٽ محسوس نه ٿيندو آهي.
    ٻي ڏينهن مان پنهنجي زندگي سنوارڻ جي فارمولي تي عمل ڪرڻ لاءِ سرڪاري اسپتال جي مين دروازي وٽ راحيلا جو انتظار ڪري رهيو هئس. جو هوءَ مون کي پاڻ ڏانهن ايندي نظر آئي، ان ڪري هوشيار ٿي ويم، جيئن ئي منهنجي ڀرسان آئي ته کيس چيم:
    ”راحيلا...! مهرباني ڪري مون کي ٻه ٽي پادر ته هڻ...!“
    جنهن تي حيران ٿي وئي ۽ اکين ۾ اکيون ملائيندي چيائين:
    ”قلندر بخش...! هي ڇا پيو چئين...!!!؟“
    ”مان صحيح پيو چوان....تنهنجي مار سان من ڪو ڀاڳ ڏي ڀيڙو ۽ مان ذوالفقارکان اڳ ۾ امير ٿي وڃان...!!!“
    ”ڇا مطلب...!!!؟“ انتهائي حيرت مان پڇيائين.
    ”مطلب توکي نه ٻڌائيندس...!“ چيم. ”بس تون منهنجي اها خواهش پوري ڪر...!“
    ”ڪٿي تنهنجو دماغ ته خراب نه ٿيو آهي...؟“ منهن ڦيريندي چيائين. ”مون کي ته تون ڏاڍو وڻندو آهين، ٻيهر ايئن نه چئجانءِ...!“
    ”ڇا...! مان توکي وڻندو آهيان...؟“ڪجهه وڌيڪ ئي پريشان ٿيندي کيس چيم.
    ”ها سچي...!“ وراڻيائين. ”باقي تو وارو اهو بي سُرو دوست ذوالفقار، مون کي ڏاڍي ٿو ڪاوڙ ڏياري...! صرف ايترو نه پر هو مون کي هاڻ خواهه مخواهه تنگ ۽ اجايو پريشان ڪري رهيو آهي...!“
    ان تي دل ئي دل ۾ کيس چيم: ’محترمه...! هو اجايو اوهان کي تنگ ۽ پريشان نه ٿو ڪري پر ان ۾ به ڪو راز رکيل آهي...!‘
    راحيلا ڳالهه جاري رکندي چيو:
    ”يقين ڄاڻ قلندر بخش جيڪڏهن مون کي تنهنجو خيال نه هجي ها ته مان يقينن ڪڏوهڪو بابا هٿان ذوالفقار جي اهڙي ته سنوارت ڪرائي ڇڏيان ها جو هو وري ڀلجي به منهنجي منهن نه چڙهي ها...!“
    ”توهان ذوالفقار جي ڪنهن کان به سنوارت ڪرايو...!“چيم.
    ”اهو اوهان جو مسئلو آهي پر مون تي اوهان پاڻ اها مهرباني ڪيو...!“ ”تون اهي ڪهڙيون احمقن واريون ڳالهيون پيو ڪرين...!؟“ هن ڀيري صفا پريشان ٿيندي چيائين.
    ”مان توسان محبت ڪيان ٿي ۽ تون منهنجو مذاق ٿو اڏائين...!“
    راحيلا جي واتان اهو ٻڌي سوچيم: ’جيڪڏهن راحيلا ڪا ڇڙٻ ڏئي ها يا کڻي گهٽ وڌ ڳالهائي ها ته ممڪن هو ڪجهه ترقي ٿي وڃي ها...! پر هن ته رهندو ئي اظهار محبت ڪيو آهي. يعني ته منهنجي ترقي جو فارمولو ۽ حساب ڪتاب ئي ابتو... رهندو ئي تباهي... جيڪو آهي سو به هليو ويندو... ان ڪري ڦٽ هتان...!‘ جنهن ڪري اتان کسڪي آيس.گهر پهتس ئي مس جو ٽپاليءَ آيو ۽ ايندي ئي چيائين:
    ”قلندر...! هيءَ تنهنجي انٽريو ڪال آئي آهي، الله ڪندو نوڪريءَ به ملي ويندئي، خرچي ته ڏيار نه...!“
    ”اهو ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سوچيم: ’اڄڪلهه زمانو اهڙو آهي جو دل گهرڻ تي ڪو موچڙا به نه ٿو هڻي ۽ هي همراهه هليو آهي خرچي وٺڻ...!‘
    ان ڪري کيس چيم:
    ”منهنجو نالو قلندر ضرور آهي پر مان قلندر وانگر سخي مرد نه آهيان... نه ئي في الحال ان جو ارادو آهي...! ان ڪري مون وٽ توکي ڏيڻ لاءِ ڪي فالتو پيسا ڪونهن... ٻيو ته نوڪريون ملن ئي ڪو نه ٿيون زور آهي رڳو انٽرويو ڪال پهچائڻ تي...!“
    منهنجو اهڙو جواب ٻڌي ٽپاليءَ ويچارو سوچ ۾ پئجي ويو پر چئي ڪجهه به نه سگهيو بس پنهنجين ڳاڙهين ڳاڙهين اکين سان مون کي ڪاوڙ مان ڏسي هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ الاءِ جي ڇو مونکي يقين ٿي ويو هو ته:
    ’جيڪڏهن منهنجي ٻيهر ڪا انٽرويو ڪال آئي ته اهو ٽپالي ان کي اتي جو اتي ڦاڙڻ ۾ دير نه ڪندو...!‘
    مون انٽرويو ڪال کولي پڙهي جنهن ۾ مون کي ڪنهن نوڪريءَ جي سيٽ لاءِ حيدر آباد ۾ ٿيندڙ انٽرويو جو ٻڌايو ويو هو. مان مقرر تاريخ تي صبح جو سوير ئي ڄامشوري پهچي چڪو هئس. جتان حيدر آباد وڃڻ لاءِ ڪنهن سواريءَ جو انتظار ڪري رهيو هئس پر ڪافي ٽائيم گذرڻ باوجود مون کي ڪائي گاڏي هٿ ڪو نه آئي، البته هڪ ٻه سوزڪيون ڪراس ضرور ڪري ويون هيون پر اهي پهريان ئي ماڻهن سان سٿيل هيون، ان ڪري انهن ۾ چڙهڻ مون مناسب نه سمجهيو. مان اڃان اتي ئي بيٺو هئس جو مون کي هڪ ڪار پاڻ ڏانهن ايندي نظر آئي. جنهن ۾ ڊرائيور کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو. ان ڪري سوچيم ڇو نه ان ڪار واري کان لفٽ وٺي، حيدر آباد ٺٺ سان پهچان، ان ڪري ڪار جيئن ئي ويجهو پهتي ته هٿ ڏئي کيس روڪي ڊرائيور کي چيم:
    ”سائين مون کي حيدرآباد وڃڻو آهي، ڇا ايستائين وٺي هلڻ جي عنايت ڪندو...؟“ موٽ ۾ ڊرائيور هڪ نظر مون تي وڌي ۽ پوءِ ڪار جي اڳئين دري کوليندي چيائين:
    ”اچ ميان ويهه...تون به ڇا ياد ڪندين...!“
    ”مهرباني...!“ چئي سندس ڀرسان واري سيٽ تي ويهي رهيس ته ڪار روڊ تي ڊوڙڻ لڳي.
    ”ها ميان...! توهان ٻڌايو ڪير آهيو...؟“ حيدرآباد ڇو پيا وڃو..؟ موٽ ۾ مون حيدرآباد وڃڻ جو سبب کيس ٻڌائي ڇڏيو. ٻيو سوال ڪيائين.
    ”تعليم ڪيتري اٿئي...؟“
    ” بي_اي پاس آهيان...!“ چيم: ”پر پوءِ به ڪنهن نوڪري لاءِ رُلي رُلي ٿڪجي پيو آهيان...!“
    ”ڪمال آهي يار..! بي_اي جي ڊگري هوندي به توکي ڪا نوڪري نه ٿي ملي...!؟“
    ”جناب...! اڄ ڪلهه اهليت جو ڪير ٿو پڇي...!“چيم: ”بس جنهن وٽ پيسو ۽ سفارش آهي ته نوڪري به ان لاءِ آهي، باقي سکڻين ڊگرين وارن جي قسمت ۾ صرف ڌڪا ۽ ٿاٻا آهن...!“
    ” نه...! هرو ڀرو ايئن به نه آهي...!“ بحث واري انداز ۾ چيائين: ”ڊگري ۽ اهليت جي به اهميت آهي، جيڪڏهن تون واقعي بي_اي جي ڊگري جو اهل آهين ته توکي ڪا نه ڪا نوڪري ضرور ملي ويندي...!“
    مان سندس جملو سمجهي ويو هئس. ان ڪري ڳالهه ڦيرائيندي چيم: ”سائين مان اهل هجان نه هجان... باقي پيسي ۽ سفارش جهڙي لعنت هوندي... اسان کي پنهنجو حق ناهي ملڻو... ٻيو ته اڄ ڪلهه اسان جي هر شيءَ تي ڌاريا ڌاڪو ڄمايون ويٺا آهن...ان ڪري هو اصل ديس ڌڻين کي ڪٿي خوش ڏسڻ چاهيندا...!!؟“
    ”پيسو، سفارش ۽ ڌارين جو لفظ اسان جي ڀٽڪيل نوجوانن جو آخري سهارو آهي...!“ وري چيائين.
    ”جنهن سان هو پاڻ کي بيگناهه ۽ معصوم ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. مڃان ٿو ته انهن شين جو به ڪنهن حد تائين عمل دخل موجود آهي پر مان پڪ سان چوان ٿو ته جيڪي نوجوان پنهنجي حاصل ڪيل ڊگري جو مان رکن ٿا ته انهن کي نوڪريءَ لاءِ دربدر ڀٽڪڻو نه ٿو پوي، باقي جيڪي ڇوڪرا ڪاليج مان ڪاپي ڪري پاس ٿيا هجن يونيورسٽين ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بجاءِ ٺلهي نعريبازي، جشن ملهائڻ ۽ غنڊاگرديءَ ۾ گذاري داٻي جي زور تي ڊگري ورتي هجي ته پوءِ انهن کي ڇا ايندو...؟ سواءِ ان جي ته هاءِ... ڌاريا اسان جو حق کائي ويا... هاءِ...! وڏيرن ميرن پيرن اسان سان ظلم ڪري ڇڏيو. پيسي ۽ سفارش جي ئي ڪري اسان کي نوڪري نه ٿي ملي...!
    مان توکان پڇان ٿو، ڇا ان روڄ راڙي سان اسان کي پنهنجا حق ملي ويندا...؟ڇا مير، وڏيرا، پِير ۽ ڌاريا اسان جو حق کائڻ ڇڏي ڏيندا...؟ ڇا انهن رڙين سان پيسي ۽ سفارش وارو موذي مرض ختم ٿي ويندو...؟ ڪڏهن به نه...!! انهن سڀني مسئلن جو حل صرف ۽ صرف تعليم ۽ اهليت آهي ۽ ان تي ئي اسان کي زور ڏيڻو پوندو...! اسان جا قومپرست اڳواڻ اسان جي نوجوانن جي دلين ۾ اها ڳالهه ويهاري رهيا آهن ته اسان کي پنهنجو حق نه ٿو ڏنو وڃي ان ڪري جدوجهد ڪيو...! پر مان چوان ٿو ته اسان جا حق نه ڪو کائي سگهي ٿو... نه ڪو ڦٻائي سگهي ٿو...! پر پوءِ به اسان کي حق نه ٿا ملن ته فقط ان ڪري جو اسان کي پنهنجا حق وٺڻ جي اهليت ۽ طريقو به ڪونهي...! ظاهر آهي سڀ حق سکڻن حوالن، نعرن ۽ جلوسن سان ته ناهن ملندا پر ان لاءِ ذهن کپي، عملي ڪم کپي، تعليم کپي، اهليت کپي...! پر افسوس اسان جي توجه ان طرف آهي ئي ڪو نه نتيجي ۾ اسان جا نوجوان لائبريرين ۾ وڃڻ بجاءِ روڊن ۽ رستن ۽ هوٽلن تي ويهي پنهنجو وقت برباد ڪري رهيا آهن. ته پوءِ هو اڳتي هلي ڪهڙي ڪميشن، سي. ايس. ايس يا ٻيو ڪو اعلى امتحان پاس ڪري ڪنهن سٺي منزل تي پهچي پنهنجو يا سنڌ جو نالو روشن ڪندا يا پنهنجي حقن جو ڪيس وڙهندا...! ڪيئن مان صحيح پيو چوان نه...!؟“
    ”ها بلڪل...!“ ڪنڌ جهڪائيندي چيم. ڇو ته مون به يونيورسٽي ۾ بي. اي ڪرڻ دوران ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بجاءِ ان وقت جي سوچ مطابق، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلي لاءِ جدوجهد ڪندو هئس. هر روز نيون گڏجاڻيون نوان نعرا بس تعليم طرف ڪو توجه ئي ڪو نه هو. هونئن به مان هر سيميسٽر ۾ پاس ٿي رهيو هئس ته پوءِ ڳڻتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه هئي... پر اڄ اهو شدت سان محسوس ڪرڻ لڳو آهيان ته مان هاڻ انهن ليڊرن جي نظر ۾ ڪا اهميت نه ٿو رکان. جيڪي يونيورسٽي دور ۾ مون کان وڏا وڏا ڪم وٺندا هئا...! مون کي سنڌ جو جوڌو ۽ دودو سڏيندا هئا... هاڻ اهو به احساس ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن مان يونيورسٽي ۾ فضول ٽائيم نه گذاريان ها ۽ محنت ڪري پڙهان ها ته اڄ مان ڪنهن منزل تي پهچي ضرور سنڌ جي ويرين سان حقيقي عملي ۽ قلمي ويڙهه وڙهان ها پر ان وقت مان جوش ۾ هئس ۽ جوش ۾ هوش نه هوندو آهي...! هاڻ جڏهن هوش ۾ آيو آهيان ته هوش ۾ هوندي به بيروزگاري ۽ بيوسيءَ بيهوش ڪري ڇڏيو آهي...! بيهوش به ڇو نه ٿيان... منهنجي انهن نعرن، احتجاجن سان نه ئي سنڌ کي حق مليو ۽ نه ئي ان جدوجهد مان منهنجي ذاتي زندگي سنوري سگهي...!
    ”ڪهڙين سوچن ۾ گم ٿي ويو آهين ميان...؟“ ڊرائيور مون کي خاموش ڏسي چيو.
    ”بس سائين...! مان ماضي ۾ گم ٿي ويو هئس...!“
    ”ڇڏ ماضي کي...!“ وراڻيائين: ”حال جا احوال ڏي... انٽرويو جي تياري ڪئي اٿئي...؟“
    ”ها...!“ وراڻيم: ”منهنجي انگريزي ته سٺي ڪونهي، باقي جي سنڌي ۾ سوال ڪيائون ته ٺهه پهه جواب ڏيندومان...!“
    ”چڱو ڀلا ٻڌاءِ...!“ پڇيائين: ”محمد بن قاسم سنڌ ۾ ڪڏهن آيو هو...؟“
    ”سائين...! پڙهيو ته ڪٿي ضرور هيم...!“ڪجهه سوچيندي وراڻيم:
    ”پر ڪجهه ياد ڪو نه ٿو اچي...! باقي هڪ ڳالهه واضع ۽ اٽل حقيقت آهي ته محمد بن قاسم سنڌ ۾ آيو ضرور هو...!“
    ”او ...واهه...! ڏاڍو ذهين ٿو لڳين...!“ طنزيه لهجي ۾ چيائين: ”ان ڪري تون اهو چئي سگهين ٿو ته بيشڪ تنهنجو حق، پيسو، سفارش ۽ ڌاريا کائي ويا...! نه ته تون گهٽ ۾ گهٽ استاد ٿيڻ جي لائق ضرور آهين ۽ تنهنجا شاگرد تنهنجي اهليت ۽ ذهانت مان پرائي سنڌ جي تقدير ئي بدلائي ڇڏين ها.!!“
    اهو ٻڌي مان ڪجهه چوڻ جي باوجود ڪجهه چئي نه سگهيس. ڊرائيور به خاموش ٿي ويو، ڪجهه ٽائيم گذرڻ کان پوءِ ڪار کي هڪ پاسي بيهاريندي چيائين:
    ”ميان...! جيڪڏهن منهنجون ڳالهيون خراب لڳيون اٿئي ته ان لاءِ معذرت...! هاڻ تون لهي سگهين ٿو...! هِن سامهون واري بلڊنگ ۾ تنهنجو انٽرويو ٿيندو...!“
    ”نه معذرت جي ڪا به ڳالهه نه آهي...!“ وراڻيم: ”پر توهان کي هن انٽرويو واري جڳهه جي ڪيئن خبر پئي...! ڇا توهان به ڊرائيور مان ڦري ڪنهن نوڪريءَ جا خواب پيا ڏسو...؟ جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته پوءِ ٻيلي مڙي وڃو...! توهان کان وڌيڪ ان نوڪريءَ جو حقدار مان آهيان، ڇو ته مون وٽ بي_اي جي ڊگري آهي، توهان وٽ ڊرائيونگ لائيسنس...!“ ايئن چئي مان ڪار مان لهڻ لڳس.
    ته مرڪي چيائين:
    ”ڀليو آهين ميان...! منهنجو ڪو انٽرويو ناهي، مان جتي آهيان اتي ئي ڏاڍو خوش آهيان...!“ ايئن چئي هو ڪار ڊوڙائيندو اڳتي هليو ويو. انٽرويو شروع ٿيڻ ۾ باقي اڌ ڪلاڪ هو، ان ڪري مان بلڊنگ جي ننڍڙي پارڪ ۾ پلٿي هڻي ويهي رهيس. منهنجي دل تي ڊرائيور جي گفتگو ڏاڍو اثر ڇڏيو هو ۽ ماما جا به اهي لفظ ياد اچي رهيا هئا ته: ’پيسي ۽ سفارش جهڙي بيماريءَ اسان جي نوجوانن پاڻ ئي پيدا ڪئي آهي. ظاهر آ تو وٽ بي_اي جي ڊگري آهي پر ان جيتري ذهانت بلڪل ڪو نه اٿئي ته پوءِ نوڪري ڪيئن ملندئي...؟ پر پوءِ به تون گهڻي وقت تائين بيروزگاريءَ جو بار سهي نه سگهندين ۽ گهر جا ٽپڙ ٽاڙيءَ وڪڻي به نوڪري حاصل ڪندين. ڇا تنهنجي ايئن ڪرڻ سان ڪنهن ٻي اهل نوجوان جو حق نه مرندو...؟ جيڪڏهن مري ٿو ته پوءِ ان جا ذميوار اسان ئي ته آهيون...! ان ڪري اسان پنهنجو ٻيڙو پاڻ ئي ٿا ٻوڙيون ٻي ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي...!‘
    مان اهو سوچيندو ئي رهيس ته انٽرويو جو ٽائيم ٿي ويو، مون پهريون ڀيرو ڪنهن انٽرويو ۾ رش نه ڏٺي هئي. بس مون سان ڪُل ٻارهن اميدوار هئا. هر اميدوار پنهنجي نمبر تي انٽرويو روم ۾ ويو ٿي ۽ واپسي تي هڪ سواليه مرڪ کنيون ٿي آيو، جنهن جو جواب نه اسان وٽ هو نه هن وٽ...! آخري نمبر منهنجو هو مان به کوڙ سارا خدشا ۽ اميدون کڻي انٽرويو روم ۾ داخل ٿيس پر داخل ٿيڻ سان ذهن کي هڪ شديد جهٽڪو لڳو، جنهن جي ڪري وڌندڙ قدم رڪجي ويا...! ڇو ته انٽرويو ڪندڙن ۾ اهو ساڳيو ڪار ڊرائيور سڀني کان نمايان ڪرسيءَ تي ويٺو هو... جنهن مون کي ڄامشوري کان کڻي هت پهچايو هو. ان ڪري ان آڏو ويهڻ جي پاڻ ۾ همت نه ٿي ڀانئيم. جنهن جي ڪري اتان ئي واپس ورڻ لڳس ته آواز ڏنائين:
    ”ڇو ميان...! انٽرويو ڪو نه ڏيندين ڇا...؟“
    ”نه...!“ وراڻيم.
    ”ڇو...؟“
    ”ان ڪري جو منهنجو حق نه پيسي کاڌو آهي نه سفارش ۽ نه ئي ڪنهن ڌارئي...!“ وراڻيم: ”پر مون پنهنجو حق پاڻ کاڌو آهي...! پنهنجو پاڻ سان ئي ويساهه گهاتي ڪئي اٿم ان ڪري مان ڪنهن به نوڪري، نه ڪرڻ جوحق ايستائين پنهنجو پاڻ وٽ محفوظ رکان ٿو، جيستائين مان پنهنجي حاصل ڪيل ڊگري جو اهل نه ٿو ٿيان...!“
    ايئن چئي مان بغير پوئتي نهارڻ جي آفيس مان تيز تيز قدم کڻندو نڪري ويس...!!!
    ***


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 690
    ڪتابن جو مشاهدو: 917561
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 310950
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ