ڪتاب جو نالو: ريشم جهڙا خواب
مصنف: جميل سومرو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 10 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 1634 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 203 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ريشم جهڙا خواب“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو شاعر جميل سومرو آهي. سنڌي شاعريءَ جي سفرَ ۾ جيڪي شاعِرَ مسلسل لکي رهيا آهن ۽ پنهنجو اظهار فنائتي ۽ اثرائتي نموني ڪري رهيا آهن، انهن ۾ جميل سومري جو نالو پنهنجي سُڃاڻَ رَکي ٿو. جميل سومرو سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي دؤرَ ۾ پنهنجي جذبن جي سَچائي ۽ شاعريءَ جي مسلسل تخليقَ وَسيلي پنهنجي پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن جو هِڪُ وڏو حلقو جوڙيو آهي. جميل سومري جي غزلن جو هي مجموعو ”ريشم جهڙا خواب“ اوهان کي ريشم جهڙا احساسَ ئي ارپيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • POPAT BOOK NO: 46
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • ريشم جهڙا خوابَ نه موڪل نيڻن ڏي
  • غزلَ

  • ڪمري ۾ واس آهي
  • روح نيڻن جي نميءَ ۾ تر هيو
  • سڀ سلسلا اچانڪ ڪَٽبا نه هئي خبر ڪا
  • شام سمو جوڳڻ جو پاڇو
  • سگهارا ساهه پيدا ڪر
  • ڀونءِ جي هر ڀتر کي چمبو
  • توکان وڌ هي ماءُ مِٽي آ
  • پنڌ آ، جاڳ آ راند ناهي چري
  • نظر جا گل کڻي آئي، سکي سرهاڻ ڏيندي وئي
  • اوهان ته آهيو گلاب جانان
  • صدين جي پياس بڻجي آ
  • سونهن غضب جي کڻي گهمي ٿي
  • دونهين، چنڊ ۽ چيٽ سان ڳالهيون
  • ديد اڏامي دڳ ۾ اٽڪي
  • نظر ۾ نينهن جون اڃا ڪي مورڻيون نچن پيون
  • تون ته هليو وئين ٽاري سائين
  • نسريو آهي، ٻور ته ٿيندو
  • اکين جا فسانا دلين جون ڪهاڻيون
  • حيات جي ڪو پڇاڙ ۾ آ
  • تنبوري جي تار جيان هو
  • ساز وڳو راز کُليو ٻول ٻُري پيو
  • آڱرين ۾ جڏهن تو ڏنيون آڱريون
  • آ، لڙي شام جو
  • فاصلا فرقتون سڀ ڀسم ڪر خدا
  • منڊيءَ تي هو ٽڪ لڳي ٿي
  • رخ تان پردا هٽيا ٿي پيون قيامتون
  • ڳوڙها ڌرتيءَ ساري ٿي وئي
  • سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو
  • ماڻهپو ، مانُ ٿي جيئون جڳ ۾
  • ڪڏهن ماکيءَ جي لار جهڙي آن
  • قربت جو سنسار وڃي ٿو گم ٿيندو
  • عشق جي آڳ ۾ جو سڙي ٿو جيئي
  • هُو جو ڪوٺي تي سنوري چڙهيا شام جو
  • گمشده ٻار جهڙي رُليل زندگي
  • پاڻ سان گڏ رکون صبح جي نينهن کي
  • ڪنهن چيو زندگي ڪنهن چيو موت آ
  • بارشن ۾ بُت ڀڳا ٿڌڪار ٿي
  • هن انگ ۾ ڪيڏا رنگ وڌا
  • گوڙ نما هي دور وڃايو
  • مان ڪريس خود ڳل مٿان رخسار ٿي
  • هر گهٽيءَ ۾ ديس جي هاڻي اجالو ٿيڻ کپي
  • لڙڪ لاڙي جيئڻ سکيا ناهيون
  • ٿوهر رهياسين ٿر جا ڪونپل نه ٿي سگهياسين
  • درد جو مرهم ڪيو
  • سڏڪا ۽ لڙڪ لارون جيون ڪٿا اسانجي
  • جي دشمن ڪوٺيان ڪافر ٿيان جي دوست سڏيان ايمان وڃي
  • قربت قضا تي ماتم ڪيسين ڪندين اياڻا
  • مرڪ ڦهلاءُ مان ڦول ڦولاريا
  • ڀيڄ ڀنيءَ جي ماڪ ڦڙن ۾ توکي ڳوليان ٿو
  • زمان گم آ مڪان گم آ
  • قوم جو جنهن وٽ به غم آ
  • دربدر لئه گهر نه کوليا
  • چنڊ ناهي ڏٺو، عيد ڪهڙي ڪجي
  • ڦول چهرا، ڄڻ ٽڙيا آهن ڪنول
  • چنڊ آڪاش کان سئو دفعا مٿڀرا رنگ مهراڻ جا
  • درد وندي هن دل جو الائي ڇا ٿيندو
  • درد هي اڻ ڳڻيا دوستيءَ جو صِلو
  • سرڪ هڪڙي گهريم علم جي باب مان
  • اکين جون ادائون خطرناڪ توبه
  • ڪا ته سهڻي ٿئي ڪو ته ميهار ٿئي
  • بانسريءَ جو ڪو جڏهن آواز ڦهليو رڃ ۾
  • جڙيا منظر ڪي اکڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين
  • ليڙون ليڙون ڦاٽل چولي
  • ڀلي جو اڄ ڪلهه جهان ڪونهي
  • ڪي راز ۽ ڪي دلڪشيون نيڻن جي نديءَ ۾
  • ڄاڻ تاريخ کي سمجهه تحرير کي
  • آڳ اندر جي ٺري ته سُمهجهي
  • ٻرن پيا سج نيڻن ۾ ڏسڻ وارن جو ڇا ٿيندو
  • من جوڳي آ ويراڳي آ
  • سرمئي شامون ٽهڪ ۽ روح رهاڻيون ياد ڪر
  • ڪنهن سونهن جي سنگت ۽ احساس جي ڪتڪائي
  • ٿڪل اکين ۾ خواب مرڪيا
  • مئل آس من جي جيارين نٿي اڄ
  • اکين کي دل ۾ ٽڪاءُ گهرجي
  • ڪا راهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ
  • وارن جي گهٽا ۾ گم ٿي ويو
  • جبل جهاڳي سسئي جئن ڪشالا ڪبا
  • حسرتون سڀ هوا ۾ وکريون اسان هلون ٿا
  • ساڻ نڪو ساٿ، سکي پاڻ اڪيلا
  • تو اماڻي سونهن مونڏي مون اماڻيا چنڊ
  • جگر تئي تي تري جيئون ٿا
  • تنهنجي ايندي ئي محفل مچي ٿي پوي
  • اوهانجي نيڻ بتيءَ مان اسانکي روشنيون گهرجن
  • حساس سوچون جوان جذبا وڃي به ماڻهو وڃي ته ڪاڏي
  • برباد ڪيو آ تو موئن جي دڙي وانگي
  • هٿن تي مينديءَ جا خواب پوکي
  • عذاب هر پل اڃا به آهي
  • ڪا ياد تري رات وري نيڻ ڀڄي پيا
  • مان مڃان ٿو کڻي چنڊ تارا نه ها
  • تنهنجي در کانسواءِ پير ڪاڏي وڃي
  • شخص هڪڙو اڃا تائين وسري نٿو
  • وار ڇوڙيا وڻن ۽ هوائون رُنيون
  • آڪاش آهي ڳاڙهو بي ڏوهه ڪُٺي هوندي
  • نيڻن ۾ خوابن جا ڪيئي لاش پيل آهن
  • هن هنج ۾ ويهي جو اڄ ڪنڌ لڏايو پئي
  • هو هلڪي مينڍ ڏئي مرڪي چپن تي چنگ جهومي پيا
  • بڻي هر دور جو ڀڻڪو صدائن مان جنم وٺبو
  • سکي جي مرڪ انڊلٺي نڪوري خيال وانگي آ
  • اکيون جو اوچتو اٽڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو
  • ڀڳي جيئن جو مٽي مينهن ۾ سڀئي سنسار مهڪي پيا
  • آواز اٿيا آهن، اڀ تائين پڄن شايد
  • سرد جيون جا سال ماٺيڻا
  • ڪين ڪڏهن هي کُٽي ٿي شاعري
  • ڇو نه سوچن ۾ سجايون روشني
  • هڪڙي پل ۾ پهر گذري ٿا وڃن
  • لِيڙ لِيڙان، لِيڙ لِيڙان زندگي
  • حُسن جي جيڪو اسيريءَ ۾ رهيو
  • وکريل سوچون ساغر ڌنڌلا
  • ڳاڙها ڳاڙها ويس ٿي پايان سپنن جا
  • درد گهٽجي نه ٿو وڃان ڪاڏي
  • وقت سِر آهي سنڀاليو پاڻ کي
  • جوڀن هٿ مان نڪري ويو آ
  • سال گذريا اکيون سُتيون ناهن
  • ٻرڻ کان سوا ڪي سويرا نه ٿيندا
  • شاعريءَ لئه ڏات گهرجي ڏانءُ گهرجي
  • ڏاڍ جي ٿي انتها ناهي ته ڇا هي
  • پرين ! اک جي ڪنارن کي خماريو ٿا ته ماريو ٿا
  • وير تي وار ٿي سگهي ناهي
  • عشق آويءَ ۾ جو جُکيو آهي

  • POPAT BOOK NO: 46

    ريشم جهڙا خوابَ
    (شاعري )
    شاعِرُ: جميل سومرو
    ڇاپو پهريون: جنوري 2014ع
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور.
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، سنڌ.

    ملهه:200/- روپيا













    RESHAM JEHRA KHAWAB’A
    (Poetry)

    Poet: Jameel Soomro
    Edition: 1st – January 2014
    Title Design: Saeed Mangi
    Composing Lay’out: Asif Nizamani
    Published by: Popat Publishing House, Khairpur.
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Sindh, Pakistan.

    Price: Rs. 200/-


    ارپنا

    پنهنجي وکريل وجودَ
    جي نانءِ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ريشم جهڙا خواب“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار ناميارو شاعر جميل سومرو آهي.
    سنڌي شاعريءَ جي سفرَ ۾ جيڪي شاعِرَ مسلسل لکي رهيا آهن ۽ پنهنجو اظهار فنائتي ۽ اثرائتي نموني ڪري رهيا آهن، انهن ۾ جميل سومري جو نالو پنهنجي سُڃاڻَ رَکي ٿو. جميل سومرو سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي دؤرَ ۾ پنهنجي جذبن جي سَچائي ۽ شاعريءَ جي مسلسل تخليقَ وَسيلي پنهنجي پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن جو هِڪُ وڏو حلقو جوڙيو آهي. جميل سومري جي غزلن جو هي مجموعو ”ريشم جهڙا خواب“ اوهان کي ريشم جهڙا احساسَ ئي ارپيندو.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    شاعري اندرَ جي احساسن، جذبن ۽ امنگن جي اظهارَ جو مؤثر ذريعو آهي. سنڌي شاعريءَ جي سفرَ ۾ جيڪي شاعِرَ مسلسل لکي رهيا آهن ۽ پنهنجو اظهار فنائتي ۽ اثرائتي نموني ڪري رهيا آهن، انهن ۾ جميل سومري جو نالو پنهنجي سُڃاڻَ رَکي ٿو. جميل سومرو سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي دؤرَ ۾ پنهنجي جذبن جي سَچائي ۽ شاعريءَ جي مسلسل تخليقَ وَسيلي پنهنجي پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن جو هِڪُ وڏو حلقو جوڙيو آهي.
    اوهان جي هٿن ۾ موجود جميل سومري جي غزلن جو هي مجموعو ”ريشم جهڙا خواب“ اوهان کي ريشم جهڙا احساسَ ئي ارپيندو. اسان جي اِها ڪوشش رهي آهي ته اُهي قلمڪارَ جن جا ڪِتابَ پڙهندڙن تائين نه پهچي سگهيا آهن، اُنهن کي ڇَپائي اُنهن قلمڪارن جي سوچن جي سرهاڻ کي دور دور تائين ڦهلايون.
    جميل سومري جا هي خوابَ اوهان جي آڏو آهن ۽ اسان کي اوهان جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور


    ريشم جهڙا خوابَ نه موڪل نيڻن ڏي

    جيڪڏهن مونکي تخليق جو ساٿ نصيب نه ٿئي ها ، ته آءُ يقين سان چوان ٿو ته آءُ پنهنجي نج تلخ فطري مزاج کي ڪڏهن به ٿڌو نه ڪري سگهان ها ، ۽ اها به حقيقت آهي ته تخليق کي ڪنهن نه ڪنهن خوبصورت محرڪ جي ضرورت هجي ٿي ، مون پنهنجي زندگيءَ جا پورا ٽي ڏهاڪا بنا محرڪ ۽ بغير تخليق جي گذاريا ، جيون جي چوٿين ڏهاڪي ۾ قدرت پاران فطري حسن جو هڪ طرفو ساٿ نصيب ٿيو ، سونهن به ڪا سونهن !؟ نه جنهن کي ڪنهن سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ، نه استعاري طور ڪم آڻي سگهجي ، نه ئي اظهاري ۽ اوري سگهجي . اهڙي سونهن جيڪا رڳو اندر ۾ جرڪا ڏيندي رهي ، اهڙي سندرتا جنهن جي آڏو خود حسن به پنهنجي هيئيت سوڌو صفا پتڪڙو ڀاسندو هجي ، جيڪا پنهنجي وجود ۾ ڪروڙين حسين ڪائناتون رکندي هجي . جنهن جي ڏسڻ ، کلڻ ، ڳالهائڻ ۽ مرڪڻ جو ڪو مثال ئي نه ڏيئي سگهجي . جنهن کي رڳو ڏسندو ئي رهجي وڃجي . ۽ ان سونهن جي صدقي ئي آءُ اڄ شاعر آهيان . تخيل جي حسين ڪائنات وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اندر جي اوناهين منجهان نڪرندڙ سٽون ئي منهنجي زندگيءَ جو ڪل اثاثو آهن . مون شعر سرجڻ وقت ايئن پئي ڀانئيو آهي ڄڻ وشال اڀ مٿان اڏامندڙ سهڻن پکين جي خوبصورت اڏار کي پنهنجي شعرن ۾ اوتيندو هجان ، ڄڻ پولار ۾ وکري ويل صدائن کي سهيڙيندو هجان ، اهڙا احساس ۽ انداز جن کي عشق جي پئماني کان سواءِ ڪنهن به شاعراڻي پئراميٽر سان ڪَٿي نه سگهجي . مون ٻولي کي سادي کان سادو رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان کي فني تاڃي پيٽن ۾ لاهڻ لاءِ ڪٿي به ڪنهن خيال يا فڪر جي قرباني ڏيڻ کان پاڻ بچايو اٿم ، نتيجي ۾ خوبصورت تخليقن جا خداداد تحفا ئي ملندا رهيا اٿم ، وقت بوقت اٿندڙ جذبن ۽ ڪيفيتن کي تڪي توري پنهنجي نج فطري انداز ۾ اورڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ، تخيل جي زبان کي سمجهي پرجهي لکڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي .آءُ ان مزي مان لطف اندوز ٿيندو رهيو آهيان سخن جي 6 کان 8 مهينا لاڳيتي مشق ۽ رياضت دوران فن ۽ فڪر کي شاعريءَ ۾ لاهڻ جا اهنجا سهنجا ۽ دلچسپ تجربا به ٿيندا رهيا . ڪڏهن ڪڏهن خيال هيڪاندو اوڙڪون ڪري ٿئي لٿا ته ڪڏهن وري تخيل جي اوپرائپ ۽ اڻ سونهائپ کي به منهن ڏيڻو پئجي ويو . ڪي موڙ اهڙا به آيا جتي مون پاڻ کي هر حوالي سان با اختيار محسوس ڪيو . نت نئين خيال جي استعمال ، لفظن جي چونڊ ۽ خوبصورت ترتيب انتهائي آسان ڪم پئي لڳا مون پنهنجي مواد ۾ ان ڳالهه کي ترجيح ۾ رکيو آهي ته اهڙو ڪجهه لکجي ، جيڪو ذاتي احساسن جي ترجماني سان گڏ عام پڙهندڙن جي احساسن جي پڻ نمائندگي ڪندڙ هجي . پڙهندڙن جي درجا بندي ڪندي مختلف طبقن ، خيالن ۽ مزاجن کي ذهن ۾ رکي لکيو آهي . دقتن کان پاسيرو ٿي عوامي لهجي ۾ ڳالهه کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم . هونئن به شاعري جو پهريون ۽ آخري مقصد اهو ئي هجڻ گهرجي ته پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي داخلي ۽ خارجي مونجهارن جو وڻندڙ ۽ متوازن حل منظوم صورت ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي انداز سان ڏجي ، ته جيئن محظوظيت ذريعي يا وري ٺوس ۽ مدلل انداز سان مستقل نه ئي سهي پر ڪجهه لمحن لاءِ پڙهندڙ کي تازگين جا تحفا ڏيئي سگهجن . جهڙي طرح تخليقڪار پنهنجي لکڻين ذريعي پڙهندڙن جي نفسيات تي اثر ڇڏي ٿو ، اهڙي طرح موٽ ۾ پڙهندڙ به ليکڪ جي لکڻين جي موضوعن ، انداز ، لهجي ۽ اسلوب کي اونهائين سان محسوس ڪندي ان جي ادبي معيار ۽ قد ڪاٺ جو تعين ڪندو رهي ٿو جيڪو اڳتي هلي مثبت يا منفي راين جي شڪل ۾ سامهون اچي ٿو . پڙهندڙن جي راين جي روشنيءَ ۾ ئي هر ڪوي جي هيٺاهين ، وچٿري ، مٿاهين يا سطحي غير سطحي يا معمولي ۽ غير معمولي يا وري معياري ۽ غير معياري شخصي توڙي ادبي ساک جُڙي ٿي منهنجي شاعريءَ جي هن پهرين مجموعي”ريشم جهڙا خواب“ جي موٽ ئي منهنجي بنيادي سڃاڻپ بڻجندي . تخيل جي تخصيص ئي تخليقڪار کي امرتا بخشيندي آهي ، يڪسانيت جي ڪُن ۾ ڦاٿل ڪلاڪار ڪڏهن به مڃتا ماڻي نه سگهندو آهي . ورجاءُ جا عادي شاعر تڪ بندين جي لذت ۾ لڙهي پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ تان نه رڳو هٿ کڻي ويهندا آهن پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي سموري تخليقي وجود کي جمود ۾ اڇلي جهڙوڪر خودڪشيءَ ڪري ڇڏيندا آهن . مون پنهجي خيالن کي ورجاءُ کان بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي خيالن جي خاتمي جون قربانيون ڏنيون آهن ته جيئن پنهنجي ادبي وجود ۽ تشخص کي تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٻوليءَ جي سلاست هلندڙ دؤر ۽ هلندڙ نسل جي بنيادي گهرج ٿي چڪي آهي ، هرو ڀرو ايئن به ناهي جو ايترو سليس ٿي وڃجي جو تخليق منجهان ادبي رنگت ڇڏائجڻ لڳي ۽ خالي لفظن جو ميڙ ئي پڙهندڙ آڏو رکي ڇڏجي ان سان ٻوليءَ جي تحفظ وارو مقصد سخت متاٿر ٿيڻ جو انديشو لاحق رهي ٿو تخليقڪار کان وڌ ٻوليءَ جو ٻيو ڪير محافظ يا خدمتگار ٿي سگهي ٿو . قلمڪار جڏهن لکي رهيو هجي ٿو تڏهن هڪ تاريخ به لکجي رهي هجي ٿي . تنهنڪري سرجڻهار کي گهرجي ته هو پاڻ کي هڪ حساس ادبي محاذ تي بيٺل محسوس ڪري جتي بيهي ان کي ٻولين جي ڪيترين ئي ڌارين يلغارن سان مهاڏا اٽڪائڻا آهن ۽ غازي ٿي ماڳ ڏانهن موٽڻو آهي . ڇاڪاڻ ته هي دؤر مخلوط تهذيب ۽ مخلوط لسانياتي چٽا ڀيٽيءَ جو دؤر آهي . اهڙي سائنسي دؤر ۾ مادري ٻوليءَ جي دفاع جا هڙيئي هنر سکڻ مادري ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن تي فرض بڻجي وڃي ٿو . مون پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي جي آڌار تي انهن شين جو خيال رکندي هڪ يادگار قلمي پورهيو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اندر ۾ اٿندڙ سڀني احساسن کي پنهنجي پوري پُني جاءِ ڏيئي مختلف صنفن ۾ اظهارڻ ، انهن سان انصاف ڪرڻ ، انهن لاءِ معياري ۽ متوازن شاعراڻا لفظ ڳولڻ به هڪ مشڪل ترين عمل آهي ، پر جڏهن فطرت مهربان ٿيندي آهي ته پوءِ ڪشادگين جا سمنڊ اٿلي پوندا آهن ، وسعتن جا آسمان پيار مان پنهنجون ٻانهون پکيڙي وڏي گرم جوشيءَ سان تخليقڪار جو آڌر ڀاءُ ڪندا آهن . خيال ڀلي ڪيترا به مٿانهان ڇونه هجن پر شاعر جي هٿ جي تريءَ تي نچڻ لڳندا آهن . آءُ جڏهن شاعريءَ جا ابتدائي مرحلا طئي ڪري رهيو هيس ته مون کي نه ٿئي لڳو ته آءُ ڪو شاعري ڪري سگهندس ، هن حسن جي ديويءَ ۾ ڪيترائي ٻک وڌم پر هڪ به نه ڦٻيو ، موٽ ۾ ڦڪايون ئي نصيب ٿينديون پئي رهيون ، پر پوءِ هڪ سمو اهڙو به اچي پهتو ، جيڪو مون کي عشق جي روپ ۾ ڪيئي حسناڪيون ڏيئي هليو ويو ، اڄ آءُ جيڪي ڪجهه ۽ جهڙو به سرجي رهيو آهيان ان سمي جي رهجي ويل خوشبو منجهان سرجي رهيو آهيان ، ۽ ايئن ٿو ڀانئيان ته هاڻ ان سمي جي خوشبو منهنجي رڳ رڳ ۾ ڦهلجي چڪي آهي ، هاڻ آءُ جيترو چاهيان ۽ جهڙو چاهيان لکي ٿو سگهان . يا ته سمورو ان سمي ۾ لهي چڪو آهيان يا اهو سارو سمو مون ۾ ضم ٿي چڪو آهي . اهو سمو عام سمي کان گهڻو مختلف ۽ نيارو سمو آهي، اهو سمو عشق جي ڪک منجهان جنميل سمو آهي ، مون ان سمي جي واس کي سانڀي رکيو آهي ، شايد آءُ ان کان ۽ اهو مونکان جدا نه ٿي سگهي.
    دنيا ۾ تنقيد جو اعلي معيار جڙي چڪو آهي ، وقت سان گڏ تنقيد جي تاڃي پيٽي ۾ پڻ ڪيتريون ئي تعميري ۽ اصلاحي تبديليون اچي چڪيون آهن ، هاڻ تنقيد پنهنجي جوڙ جڪ ، هيئيت ۽ حالت مَٽائي چڪي آهي . هي دؤر تعميري ، تهذيبي ، اخلاقي ۽ نج ادبي تنقيد جو دؤر آهي . دنيا تڪڙين تبديلين واري تيز تر مرحلي منجهان گذري رهي آهي ، مشيني دؤر اسان جي ذهن ۽ سوچ مٿان پنهنجا زوردار اثر ڇڏي رهيو آهي ، سماجي انداز ۽ رخ بدلجي رهيا آهن ، ادب جو پڻ داخلي ۽ خارجي طور فطري ڀڃ ڊاهه جهڙي حساس مرحلي مان گذر ٿئي پيو ، اهڙي ٽوڙ ڦوڙ جا اثر هر فرد مٿان نمايان نظر اچي رهيا آهن ، جنگيون ، ناڻي جي ريل ڦيل ، ماحولياتي تباهڪاريون ۽ ٻيو بي انداز مادي مواد اسان جي ثقافت ، تهذيب ۽ اخلاقيات کي تبديلين ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي . جتي هر پاسي تبديلين وارو ماحول سرگرم نظر ايندو هجي اتي ادبي جمود کي ٽوڙڻ وارو مثبت ڪردار تخليقڪار ۽ نقاد کان سواءِ ٻيو ڪو به ادا نٿو ڪري سگهي . سنڌي ادب خاص ڪري شاعري وڏي تيزيءَ سان خود ساخته ارتقا جو سفر طئي ڪرڻ ۾ مصروف عمل نظر اچي رهي آهي ،آءُ چاهيندس ته صاف سٿري ، صحتمند ۽ اڻ ڌري تنقيد جا وسڪارا منهنجي تخليق مٿان به ٿيڻ گهرجن ته جيئن ايندڙ ڪوتائن ۾ اجرائپ جا واضح ۽ کليل عڪس پسي سگهجن .
    مون ادبي حلقن يا پڙهندڙن مٿان ڪا فني يا فڪري ڇاپ ڇڏڻ لاءِ نه لکيو آهي ، يا ڪا مخصوص ادبي حيثيت ماڻڻ لاءِ قلم کنيو اٿم ، مون ته اندر ۾ اٿندڙ آنڌ مانڌ کي رڳو لفظن جو روپ ڏيئي ٻاهر آندو آهي ، پنهنجو ساهه بچائڻ لاءِ لکڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ نه آهي ، مون ساهه جي ٽٽندڙ تند کي بچائڻ جي جاکوڙ ڪئي آهي ته جيئن اڃا ڪجهه جِي سگهان ، سونهن تي ۽ سنڌ تي اڃا ڪجهه لکي سگهان ، ڇا اهي ڪيفيتون جيڪي اندر ۾ اوٿر ٿي اٿن ٿيون ، ڀنڀڙ ٿي ڀڙڪن ٿيون ، آڳ الا ٿي روح جي جسي کي جلائي رک ڪن ٿيو ن ڇا اهي ڪيفيتون جڏهن سٽن جا روپ ڌاري ٻاهر اچن ٿيون ته ڇا اهي آڳ نه لڳائينديون ، منهنجو ايمان آهي ته اندر جي وارتائن منجهان ڀڙڪي اٿيل باه ضرور ٻاهر اچي پنهنجو تک ۽ تاب ڏيکاريندي . آءُ به احساسن جي بٺيءَ منجهان سڙي نڪتل شخص آهيان ، عشق جي آويءَ جو پڪل وجود آهيان منهنجي وجود منجهان به رچي ريٽو ٿيل ڪجهه جذبا شعر جي شڪل ڌاري غزل جي صنف ۾ پيٽجي هن ڪتاب جي شڪل ۾ اوهان دوستن جي آڏو آهن . شايد آءُ جذباتي ٿي رهيو آهيان ، ۽ محسوس پيو ڪيان ته پنهجي پاران به ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ لکي ويٺو آهيان ، بهتري ان ۾ آهي ته هاڻ پنهنجي پاران جو پنڌ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچائجي ، احوال کي سهيڙيندي پڇاڙيءَ ۾ ايترو چوندس ته منهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙيون شخصيتون به آيون جن جي ڪچهرين ۽ صحبتن مان مون بي پناه اتساهه وٺي لکيو انهن همه گير شخصيتن ۾ سائين مفتون ڪورائي ، استاد عبدالغفور سومرو ، ڀيڻ روبينه ابڙو ، مسافر امير حمزه ميراڻي ، شڪيل سومرو (منهنجو وڏو ڀاءُ) جيڪو هينئر ڪي ٽي اين نيوز ڪراچي جو رپوٽر آهي . انهن شخصيتن کان سواءِ منهنجا ڪيترا ئي ويجها ساٿي مون سان هن ادبي سفر ۾ سدائين گڏ رهيا انهن ۾ پريم پتافي، عطا قاضي، سريچند منڌاڻ، مشتاق گبول، امر کهاوڙ، امام دين ڇڄڻ ، ملزم سومرو ، ايم ڊي راڄڙي ۽ فدا ملڪ جا نالا سڀ کان نمايان آهن. آءُ سمورن ساٿين جو بيحد ٿورائتو آهيان . پوپٽ پبليڪيشن خيرپور جي ساٿين سائين قربان منگي صاحب، سائين محترم امر اقبال صاحب ۽ ننڍڙي ساٿي انتهائي قربدار دوست سائين آصف نظاماڻي جن جا خاص ٿورا جن مون جهڙي نئين ليکڪ جو شعري مجموعو هند سنڌ ۾ ڀرپور ساک رکندڙ اداري پوپٽ پبلشنگ هائوس مان شايع ڪرڻ جو جوکم کڻي مون کي مانُ ۽ محبتون ڏنيون.

    ــ جميل سومرو

    • ڏهرڪي
    20 سيپٽمبر 2013ع
    0333-7242432




    ششڪارپورEnglish


    غزلَ

    ڪمري ۾ واس آهي

    ڪمري ۾ واس آهي
    ماڻهو ڪو خاص آهي

    مرڪون نه ساڻ مينا
    خالي گلاس آهي

    چهرن تي هيڊ ڇانيل
    اک اک نراس آهي

    اڄ شام ڀي ته اوڍيو
    گيڙو لباس آهي

    ٻيئي ڪنڌيون نديءَ جون
    دريا اداس آهي

    ايڏو نه ڄاڻ ڇا جو
    گهر گهر هراس آهي










    روح نيڻن جي نميءَ ۾ تر هيو

    روح نيڻن جي نميءَ ۾ تر هيو
    موڪلاڻي موت جو منظر هيو

    پاڻ رمزون، راز سڀ پرکيا اٿم
    ساٿ ۾ ساٿي نه ڪو رهبر هيو

    سار جا اوٿر هيا راڙو هيو
    رات منهنجي من اندر محشر هيو

    مون مڃيو ٿئي حسن کي مؤمن جيان
    جنهن ڪيو انڪار سو ڪافر هيو

    آس جو احساس جو قتلام ٿيو
    ڪربلا هو يا هي منهنجو گهر هيو

    سچ تنها تيل ۾ ٽڙڪيو پئي
    لوڪ سارو ڪوڙ واري ڀر هيو











    سڀ سلسلا اچانڪ ڪَٽبا نه هئي خبر ڪا

    سڀ سلسلا اچانڪ ڪَٽبا نه هئي خبر ڪا
    ايئن چاهتن جا دريا لَٽبا نه هئي خبر ڪا

    ٽهڪن جي سونهن نگر مان اڄ بيدخل ٿياسون
    لُڙڪن ۾ ٽهڪ سارا مَٽبا نه هئي خبر ڪا

    رستن تي نانگ نظرون جھٽ ۾ ويون سراپي
    ٻَئي نيڻ ڪنهن نظر ۾ جھَٽبا نه هئي خبر ڪا

    هڪ درد دلربا هو ٻيو درد لا دوا هو
    هي درد ڪنهن نه صورت گھَٽبا نه هئي خبر ڪا

    ڪنهن چاهه ۾ مئاسين ويساهه ۾ مئاسين
    روح پاڙَ کان اکيڙي پَٽبا نه هئي خبر ڪا

    نيڻن کي انتظاريون جيون ۾ بيقراريون
    اوکا ثواب ايڏا کَٽبا نه هئي خبر ڪا










    شام سمو جوڳڻ جو پاڇو

    شام سمو جوڳڻ جو پاڇو
    جيون پنهنجو رِڻ جو پاڇو

    نٽهڻ من تي ڪونه پيو ڪو
    سائين يا سانئڻ جو پاڇو

    شالَ ٿيان هر سال مان تنهنجي
    سالگرهه جي ڏِڻ جو پاڇو

    بد بختيءَ ۾ رات ٻُڏي ويو
    قسمت جي قيدڻ جو پاڇو

    بدامني ۽ دهشتگردي
    ڌرتيءَ تي ڏائِڻ جو پاڇو

    ڪو ڪو منظر ايئن لڳي ٿو
    ڪاري ڄڻ ڪامِڻ جو پاڇو









    سگهارا ساهه پيدا ڪر

    سگهارا ساهه پيدا ڪر
    نوان اتساهه پيدا ڪر

    اداسين جو ڳلو ڪاٽي
    ڪا روشن راهه پيدا ڪر

    ڀٽائي گهوٽ سان گڏجي
    اندر ۾ شاهه پيدا ڪر

    بڻائي جوش کي دودو
    جبر تي ڪاهه پيدا ڪر

    ستارا ڀي جهڪي ملندئي
    اکين ۾ چاهه پيدا ڪر

    سدا پيو سوڀ ماڻيندين
    ڏکن سان ٺاهه پيدا ڪر












    ڀونءِ جي هر ڀتر کي چمبو

    ڀونءِ جي هر ڀتر کي چمبو
    وري وري سنڌ نگر کي چمبو

    اسان لئه مهراڻ آب زم زم
    سنڌو نديءَ جي ڪپر کي چمبو

    ڪراچي، موري، پني، پٿوري
    نوابشاه ۽ سکر کي چمبو

    سعيد ميمڻ لکي يا راشد
    غزل جي هر هڪ اکر کي چمبو

    اي سنڌ تنهنجي سڪار خاطر
    پهاڙ، صحرا، سفر کي چمبو


    توکان وڌ هي ماءُ مِٽي آ

    توکان وڌ هي ماءُ مِٽي آ
    سرتي ! توسان ڳالهه چٽِي آ

    تو ۾ سنڌ جي ناهي سانئڻ !
    جيون ڀر توساڻ ڪِٽي آ

    محبوبن جو سارو پاڙو
    هر هڪ پوتر پاڪ گِهٽي آ

    اک ۾ ڪا تصوير ٿي جاڳي
    روز اول کان ننڊ ڦِٽي آ

    ذري هجر جي ذري وصل جي
    ساجن جي اڄ سار ٻِٽي آ


    پنڌ آ، جاڳ آ راند ناهي چري

    پنڌ آ، جاڳ آ راند ناهي چري
    عشق آ، آڳ آ، راند ناهي چري

    ڄڻ ڪو راڻي کي ٺمرين ۾ ڇيڙي پيو
    شاهه جو راڳ آ راند ناهي چري

    تون ڇا سگهندينءَ سهيڙي ذريون ذات جون
    هي ڦٽل ڀاڳ آ راند ناهي چري

    مون آلاپن مان پرکيو ۽ سمجهيو نه تو
    سر سريراڳ آ راند ناهي چري

    جت فرشتا به آدم کي سجدو ٿا ڪن
    سو پري ماڳ آ راند ناهي چري


    نظر جا گل کڻي آئي، سکي سرهاڻ ڏيندي وئي

    نظر جا گل کڻي آئي، سکي سرهاڻ ڏيندي وئي
    پراڻي سوچ کي سَرتي، نوان پهراڻ ڏيندي وئي

    هوءَ پوپٽ جي پرن جهڙا وکيري رنگ مُرڪن جا
    سڄي ماحول کي واسي خوشين جي کاڻ ڏيندي وئي

    چُڪي هڪڙي هٿن سان هن پياري مُحبتن واري
    قسم سان مون ته ايئن ڀانئيو سڄو مهراڻ ڏيندي وئي

    نه هئي سورج نه ئي هوءَ چنڊ چوڏهينءَ جو
    مگر چهري جي رنگت مان شفق ڳاڙهاڻ ڏيندي وئي

    ڪري سينگار سئو سهڻا اچي ڀر ۾ جڏهن ويٺي
    ته مڌ سان ٽٻ ڀري پيالا هوءَ پنهنجو پاڻ ڏيندي وئي

    گلابن جي ڪلين جهڙي ملائم، نرم ۽ نازڪ
    رکي لب سرخ، نيڻن تي نئين لالاڻ ڏيندي وئي


    اوهان ته آهيو گلاب جانان

    اوهان ته آهيو گلاب جانان
    اوهان جو ناهي جواب جانان

    پڙهو يا اڇلي ڇڏيو رديءَ ۾
    اسان ته آهيون ڪتاب جانان

    چپن کي چوريو ته جلترنگ يا
    وڄن ٿا ڄڻ ڪي رباب جانان

    ٿُڏي ڇڏيو يا لڳايو سيني
    اوهان سان ڪهڙا حساب جانان

    نه حور بيهي سگهي ڪا ڀر ۾
    هڻو جڏهن ٿا نقاب جانان

    ڏسڻ سان جهٽ ۾ دليون جهٽن ٿا
    جهليو اکين جا عقاب جانان


    صدين جي پياس بڻجي آ

    صدين جي پياس بڻجي آ
    نئون احساس بڻجي آ

    مان توکي روح ۾ اوتيان
    گلن جو واس بڻجي آ

    وري ڪنهن عشق ۾ رڱجي
    پڪو وشواس بڻجي آ

    نيون حسناڪيون تاڻي
    اکين جي آس بڻجي آ

    نوان ڏي حوصلا دل کي
    سکي! شاباس بڻجي آ

    رڳو مخصوص ٿي مون لئه
    تون مون لئه خاص بڻجي آ

    مان جوڳي ٿي رلان بن ۾
    اهڙو بنواس بڻجي آ


    سونهن غضب جي کڻي گهمي ٿي

    سونهن غضب جي کڻي گهمي ٿي
    چوٽيءَ ۾ گل هڻي گهمي ٿي

    پيار ۾ هوءَ ناڪامي کانپوءِ
    زرد پتن جيئن ڇڻي گهمي ٿي

    شايد ساٿ ٽُٽو ٿس تڏهن
    ساحل تي هڪ ڄَڻِي گهمي ٿي

    واءُ به هن جا وار ڇُهي ايئن
    وارن ۾ ڄڻ ڦڻِي گهمي ٿي

    هاٺيءَ ۾ هو ايڏي هلڪي
    مينهن جي ڄڻ ڪا ڪَڻِي گهمي ٿي

    حُورن کان ڀي سُندر سهڻي
    خيالن ۾ پدمڻي گهمي ٿي


    دونهين، چنڊ ۽ چيٽ سان ڳالهيون

    دونهين، چنڊ ۽ چيٽ سان ڳالهيون
    شاعر جون سگريٽ سان ڳالهيون

    ڏينهن سڄو مانيءَ جي پويان
    پورهيت جون بس پيٽ سان ڳالهيون

    تنها، ڏور شهر کان ٻاهر،
    ساحل، سمنڊ ۽ ٻيٽ سان ڳالهيون

    جذبن کي تو ڪو نه سڃاتو
    تو به ڪيون اَک ٽيٽ سان ڳالهيون

    پنهنجا اُجرا، خالص جذبا،
    دنيا آنديون ڦيٽَ سان ڳالهيون



    ديد اڏامي دڳ ۾ اٽڪي

    ديد اڏامي دڳ ۾ اٽڪي
    ڳل تي ڪرندڙ چڳ ۾ اٽڪي

    ڇوري ٺاٺ تي هرکي پيئي
    نيٺ وڃي ڪنهن ٺڳ ۾ اٽڪي

    تنهنجي، منهنجي ياد نٿو پئي
    ڪنهنجي اک هئي اڳ ۾ اٽڪي

    تو جو نظر جا برسٽ هلايا
    هر هڪ گولي رڳ ۾ اٽڪي

    ڳوٺ وڏيري جي آ ساري
    ڪوڙي عزت پڳ ۾ اٽڪي



    نظر ۾ نينهن جون اڃا ڪي مورڻيون نچن پيون

    نظر ۾ نينهن جون اڃا ڪي مورڻيون نچن پيون
    اندر ۾ اڄ به عشق جون ڪي باهڙيون بکن پيون

    منڊن ٿا ماڻا يار جا پکا پرينءَ جي پار جا
    دليون قرار کان پري پرار تي رڙن پيون

    ٻريو نه ديپ ڪو وري اميد جو ۽ آس جو
    هي حسرتون اماس ۾ انڌير ۾ مَرن پيون

    ڪُٺو ويو جو مقتلن ۾ ڪات سان ڪٽار سان
    انهي جي رت جون روشنيون ڪنهن چنڊ جيئن رسن پيون

    گلاب ڇو اُداس ٿي ٻوساٽجي مرن پيا
    ڪلين جون تيز رنگتون ڇو اس ۾ اُڏن پيون

    ترار هئي نظر تکي ڳڀا ڳڀا ڪري وئي
    اکين جون ماڻڪيون ملي ذرا ذرا کڻن پيون

    چپن جا چنگ چوريو ڀلي پو ڪنڌ ڪوريو
    وڄي وڄي ڪنهن تند جيئن وري اکيون تَپن پيون


    تون ته هليو وئين ٽاري سائين

    تون ته هليو وئين ٽاري سائين
    دل کي ڪير سنڀاري سائين

    اکڙين ۾ انڌيارا آهن
    اوندهه هانءُ ٿي ڏاري سائين

    تو ته چيو هو تنهنجي ڀاڳ جي
    ڇڏبي سينڌ سنواري سائين

    ڏَس ته ڀلا تون ايندين مون وٽ
    ايندڙ سال سياري سائين

    ساٿ نه ڪو سرواڻ سريلو
    پهچان ڪيئن ڪناري سائين

    اس ۾ ڪانءُ جي اک نڪري پئي
    ويل ڪيو اونهاري سائين

    تنها ناري آپگهات تي
    روز پئي ويچاري سائين



    نسريو آهي، ٻور ته ٿيندو

    نسريو آهي، ٻور ته ٿيندو
    عشق آهي، مشهور ته ٿيندو

    سونهن هجي ۽ روح نه وِسڪي،
    ماڻهو آ، مجبور ته ٿيندو

    سال پڄاڻان چاهه چکي پيو
    ماندو من مخمور ته ٿيندو

    پيار پرڻبو، لائون لهندو،
    سينڌ سندو سينڌور ته ٿيندو

    نيڻن منجهه اَلُوپ وَيو ٿي،
    جذبو هو، ڪافُور ته ٿيندو

    پٿر دل سان دل اَٽڪي آ،
    دل جو شيشو چُور ته ٿيندو




    اکين جا فسانا دلين جون ڪهاڻيون

    اکين جا فسانا دلين جون ڪهاڻيون
    اسان کان نه پڇجو چرين جون ڪهاڻيون

    نه سانوڻ نه سيارو نه ڪي پوهه پارا
    اڪيليون اڌوريون ڪَتين جون ڪهاڻيون

    پڙهي ڪير ڪنهن وٽ ڀلا وقت آ!
    اوجاڳن سان ٽاڪيل اکين جون ڪهاڻيون

    ڪڏهن ايڪتا ۾ ڪڏهن ڇڙوڇڙ سڀ
    نه سمجهي سگهياسين ڪوين جون ڪهاڻيون

    سوڪهڙي جي موسم پُٺا پيٽ فاقا
    مهاڻن جي مُک تي ندين جون ڪهاڻيون

    سڄي رات ماڻهو رڳو فيس بوڪ تي
    پڙهن ۽ لِکن ٿا سکين جون ڪهاڻيون


    حيات جي ڪو پڇاڙ ۾ آ

    حيات جي ڪو پڇاڙ ۾ آ
    سموري جڳ جي لتاڙ ۾ آ

    اتر جي مٽي مان جنميو پر
    لڳو وڃي من هي لاڙ ۾ آ

    اکين جي آڳر تي ڊڀ ڄمي ويا
    وجود سارو اجاڙ ۾ آ

    تپش تنين کي ڪندي ڀلا ڇا؟
    جنين جو مسڪن پهاڙ ۾ آ

    جهان سارو آ رونقن ۾
    هي سنڌ ڌرتي ڇو ڌاڙ ۾ آ

    اياز ڌرتيءَ جو روح آهي
    جُسو به جنهن جو ڪراڙ ۾ آ


    تنبوري جي تار جيان هو

    تنبوري جي تار جيان هو
    وڻجارو وڻڪار جيان هو

    وائي جي آلاپن جهڙو
    گيتن جي گونجار جيان هو

    مان ڀنڀور جي شهزادي هو
    ڪيچي هو ڪوهسار جيان هو

    لوئي لڄ جو رکوالو هو
    گهر جي ڪنهن ديوار جيان هو

    خوب ڪيائين کيٽا مون سا
    هن جو من ڀي ٻار جيان هو

    ڳالهيون ان جون مٺڙيون مصري
    ڪوئل جي ڪوڪار جيان هو

    ڪجهه شرميلو ڪجهه نخريلو
    پهرين پهرين پيار جيان هو


    ساز وڳو راز کُليو ٻول ٻُري پيو

    ساز وڳو راز کُليو ٻول ٻُري پيو
    تند سندو تاءُ وري ڪنڌ گهُري پيو

    مُرڪ منجهان موهه ڦُٽا نينهن نچي پيا
    چَپ چُريا خوف ڀُريا چاهه چُري پيو

    سانجهه سمي جهانجهه وڳِي پير رمِي پيا
    يار بنا رات کان هيءَ جيءُ جهُري پيو

    رهبرو ! ويساهه مٿان ساهه به واريو
    تاريخ ۾ هر شخص جو ڪردار تُري پيو

    کُوهه ، کُنڀيون ، کيت اڱڻ ، چنڊ ، کٽولا
    هانوَ مٿان ڳوٺ جو ماحول هُري پيو

    ڀاءُ ڏنو گهاءُ هو جو غير سان گڏجي
    سنڌ سندي سينڌ ۾ سو ڦَٽ ڪُري پيو

    للڪار ۾ ڪا آڳ ڀري ضرب هڻو ڪا
    ڄاڻ ڪريو ڏاڍ جو هي ڪوٽ ڀُري پيو

    هي ديس دُکي درد مان شل آجپو ماڻي
    ماڳ ڏي ڪو پير پٺيان پير سُري پيو


    آڱرين ۾ جڏهن تو ڏنيون آڱريون

    آڱرين ۾ جڏهن تو ڏنيون آڱريون
    منهنجون ڪوجهيون به جرڪي پيون آڱريون

    تنهنجي چهري جي چٽڙي پڌر تي پرين
    ڪنهن رقاصه جيان ٿئي نچيون آڱريون

    ڄڻ ته ڪڪرن ۾ گم ٿي ويون اي سکي!
    تنهنجي وارن ۾ جنهن پل لٿيون آڱريون

    ڇو نه تن کي عقيدت سان چمندو رهان
    جيڪي اوندهه ۾ آهن ٻريون آڱريون

    گيت ڌرتي ۽ سرتيءَ جا لکنديون رهن
    شال پوڙهيون نه ٿين رنگ رتيون آڱريون

    ڪالهه استاد جون هاڻ امداد جون
    مون محبت مان آهن چميون آڱريون

    ڳُت کان پڪڙي مُئيءَ جو ڪٽيائون ڳلو
    بي حِسن رات ، رَت ۾ رڱيون آڱريون




    آ، لڙي شام جو

    آ، لڙي شام جو
    ڪا گهڙي شام جو

    شهر جي چؤنڪ تي
    اک اڙي شام جو

    گهر ڏي ويندي ڏٺم
    ڦل جَهڙي شام جو

    پنهنجي ڪوڪيءَ ۾ هن
    دل جڙي شام جو

    غم لڙي ٿو اچي
    هر لڙي شام جو

    ڇو خوشي پئي سکي!
    تو تڙي شام جو



    فاصلا فرقتون سڀ ڀسم ڪر خدا

    فاصلا فرقتون سڀ ڀسم ڪر خدا
    موت جهڙو وڇوڙو ختم ڪر خدا

    سوچ ۾ لوچ ۾ پنهنجو منظر ڀري
    منهنجي هر خيال کي تون صنم ڪر خدا

    چنڊ کي چاهه ڏيان سارو ويساهه ڏيان
    شوق منهنجو اڃا ڀي اتم ڪر خدا

    هر ڏسا ۾ پسان يار کي پاڻ سان
    دل انڌيءَ تي ڪو اهڙو ڪرم ڪر خدا

    مان به اکرن ۾ اٽڪڻ نه ٿو چاهيان
    عشق ئي دين منهنجو ڌرم ڪر خدا

    ماس ماڻهوءَ جو ماڻهو پٽي ٿو پيو
    ٿوري آدم جي مٽي نرم ڪر خدا


    منڊيءَ تي هو ٽڪ لڳي ٿي

    منڊيءَ تي هو ٽڪ لڳي ٿي
    مقناطيسي ڇڪ لڳي ٿي

    ملندي ڀي جي الائي نه هوءَ
    ڏاڍي ان جي سڪ لڳي ٿي

    شهر جي هر هڪ سندر ناري
    سونهن ۾ سچ پچ هڪ لڳي ٿي

    لبڙن جي آلاڻ رسيلي
    ماکيءَ مصريءَ پِڪ لڳي ٿي

    ڀر ۾ ويٺي هانءُ ٺري پيو
    جنت جي ڪا ڀڪ لڳي ٿي



    رخ تان پردا هٽيا ٿي پيون قيامتون

    رخ تان پردا هٽيا ٿي پيون قيامتون
    وار ڳل تي ڪريا ٿي پيون قيامتون

    ڄاڻ اڻڄاڻ ۾ چار ڀاڪر هڻي
    منهنجي سامهون مليا ٿي پيون قيامتون

    ڪوٺ ڪانون کي ملندي رهي قرب جي
    مور ڪُرندا رهيا ٿي پيون قيامتون

    جهوڪ آباد دل جي نٿو ڪو ڪري
    خواب ڀورا ٿيا ٿي پيون قيامتون

    عاشقيءَ جو اڃا شوق آ چوٽ تي
    هانوَ ٽانڊا ٻريا ٿي پيون قيامتون

    ايئن سکي جي روش ڄڻ تتل ريت تي
    نيڻ پئي ٽچڪيا ٿي پيون قيامتون


    ڳوڙها ڌرتيءَ ساري ٿي وئي

    ڳوڙها ڌرتيءَ ساري ٿي وئي
    گهوڙا! اڄ هوءَ ڪاري ٿي وئي

    مڪتب کان ڪلهه گهر ڏي ايندي
    رستي تان گم ناري ٿي وئي

    بيڏوهيءَ تي الزامن جي
    آهي مارو ماري ٿي وئي

    مقتولا جي ماءُ مٿان هئي
    جهٽ ۾ قيامت طاري ٿي وئي

    ڀيڻ کي مارڻ کان پوءِ هن جِي
    ڳوٺ ۾ ناماچاري ٿي وئي

    غير سنڌي کي جيءَ ۾ جايون
    پنهنجي ڇوڪر ڌاري ٿي وئي

    انڌي هن دستور جي آڏو
    پنهنجي توبهه زاري ٿي وئي


    سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو

    سنگيت ۽ سُر تار تي پهرا نه لڳايو
    فطرت سان کُليل پيار تي پهرا نه لڳايو

    هر شوخ ڪلي واءُ ۾ آزاد ڇڏي ڏيو
    احساس تي اظهار تي پهرا نه لڳايو

    نيڻن ۾ رکي خواب سنهرا جو وڌي پيو
    مسڪين جي هن ٻار تي پهرا نه لڳايو

    پئِي امن محبت سڄي دنيا ۾ پکيڙي
    صوفيءَ جي سوچ سار تي پهرا نه لڳايو

    ماڻهن جا مئل روح ڪلا ساڻ جياري
    راڳيءَ تي ، ڪلاڪار تي پهرا نه لڳايو

    هي شاهه ، سچل پيار جي پيغام جا داعي
    ڪنهن بيت جي جهونگار تي پهرا نه لڳايو


    ماڻهپو ، مانُ ٿي جيئون جڳ ۾

    ماڻهپو ، مانُ ٿي جيئون جڳ ۾
    آءُ انسان ٿي جيئون جڳ ۾

    جيڪو هر ڏاڍ سان پوي الجهي
    اهڙو ايمان ٿي جيئون جڳ ۾

    سنڌ جوڙيون نئين سري سان وري
    هڪ جند جان ٿي جيئون جڳ ۾

    ساري دنيا مثال ڏي پنهنجو
    قوم جو شان ٿي جيئون جڳ ۾

    جڏهن هر چيز آ فنا ٿيڻي
    ڇو نه مهمان ٿي جيئون جڳ ۾

    جنهن ۾ آ آدمي اُتم اعليٰ
    سو ته قرآن ٿي جيئون جڳ ۾



    ڪڏهن ماکيءَ جي لار جهڙي آن

    ڪڏهن ماکيءَ جي لار جهڙي آن
    ڪڏهن ٿوهر ۽ خار جهڙي آن

    ڪڏهن وسڪار ٿي وسي پئين ٿي
    ڪڏهن ٿر جي ڏڪار جهڙي آن

    ڪڏهن تون موت جئن مئل آهين
    ڪڏهن اوچي اڏار جهڙي آن

    ڪڏهن موکيءَ جي مَٽ جيان آهين
    ڪڏهن سکڻي خمار جهڙي آن

    ڪڏهن بيچين بي چسي آهين
    ڪڏهن دل جي قرار جهڙي آن

    ڪڏهن درياهه دم ۽ دهشت آن
    ڪڏهن سهڻي ميهار جهڙي آن


    ڪڏهن سورج جيان ٿي ٽهڪين ۽
    ڪڏهن رم جهم ملهار جهڙي آن

    ڪڏهن شاطر، شرير، شوخيلي
    ڪڏهن معصوم ٻار جهڙي آن

    ڪڏهن شيرين سخن مٺي مصري
    ڪڏهن چاقوءَ جي ڌار جهڙي آن

    ڪڏهن راڻي جيان رُسي ٿي وڃين
    ڪڏهن مومل جي پيار جهڙي آن

    ڪڏهن تون ڇڙ وڇڙ خيالن جئن
    ڪڏهن ڪونجن قطار جهڙي آن

    ڪڏهن محبت کان خوب بيزاري
    ڪڏهن ٻانهن جي هار جهڙي آن

    ڪڏهن ڀاسين ٿي ٽوهه وانگر ۽
    ڪڏهن خالص ڪنهن پيار جهڙي آن

    ڪڏهن ڪنهن ڍنڍ جي ڪنول جهڙي
    ڪڏهن ڪيري ۽ ڇار جهڙي آن

    ڪڏهن مٺڙي آن ڪوڪ ڪوئل جي
    ڪڏهن تاڙي تنوار جهڙي آن

    ڪڏهن تُز، تيز، تکي، تار نظر
    ڪڏهن تون نينهن نهار جهڙي آن

    ڪڏهن سنگيت، گيت ڇيڙين ٿي
    ڪڏهن ماضيءَ جي سار جهڙي آن


    ڪڏهن ڪو سمنڊ ٿي ڇلين پيئي
    ڪڏهن درياهه جي پار جهڙي آن

    ڪڏهن سوڙهي اڱڻ جي ڇاتيءَ تي
    ڪڏهن اُڀ تي پسار جهڙي آن

    ڪڏهن واري جيان تتل آهين
    ڪڏهن برکا بهار جهڙي آن



    قربت جو سنسار وڃي ٿو گم ٿيندو

    قربت جو سنسار وڃي ٿو گم ٿيندو
    ڌيري ڌيري پيار وڃي ٿو گم ٿيندو

    ساڳي فطرت ڪا نه رهي آ ٻارن جي
    ٻارن مان ڀي ٻار وڃي ٿو گم ٿيندو

    دور مشيني خوب ڀري آ ٽوٽائپ
    ماڻهن مان ڪم ڪار وڃي ٿو گم ٿيندو

    نوٽ بنا هڪ لفظ نه ٿا ڳالهائن اڄ
    سهڻن ما ن سهڪار وڃي ٿو گم ٿيندو

    هر هنڌ تي آ ذات پرستيءَ جو چرچو
    قومي هر وهنوار وڃي ٿو گم ٿيندو

    پير وڃن پيا اڻ ڄاتي ڪنهن منزل ڏي
    ڇيرين جو ڇمڪار وڃي ٿو گم ٿيندو

    پيشانيءَ تي هٿ رکيو تو پيار منجهان
    هاڻي بس آزار وڃي ٿو گم ٿيندو


    عشق جي آڳ ۾ جو سڙي ٿو جيئي

    عشق جي آڳ ۾ جو سڙي ٿو جيئي
    موت کان پوءِ ڀي هر گهڙي ٿو جيئي

    ان جو نالو امر ان جو پاڇو امر
    جنگ ڌرتيءَ جي جيڪو لڙي ٿو جيئي

    دل جي ڌڙڪن کي قائم رکڻ ٿو گهري
    من نگاهن ۾ ڪنهن جي اڙي ٿو جيئي

    آ ته توکي ڏسيان دل جا پٿر صنم
    خواب ڳوڙهن منجهان ڪيئن ڳڙي ٿو جيئي

    جو سڀن جي اکين جو ستارو هيو
    اڄ اُهو دم حياتي ڪڙي ٿو جيئي

    اڄ جو انسان ماده پرستيءَ ۾ گم
    زندگي بي تُڪي بي وڙي ٿو جيئي


    هُو جو ڪوٺي تي سنوري چڙهيا شام جو

    هُو جو ڪوٺي تي سنوري چڙهيا شام جو
    چنڊ تارا به ان ڏانهن لڙيا شام جو

    سرخ ڦهلاءُ آهي شفق جو يا ڪي
    نيڻ نيڻن ۾ آهن اڙيا شام جو

    خون آلود ٿي ويا افق ۽ زمين
    جيئن اکين مان ڪي ڳوڙها ڳڙيا شام جو

    سر نگون آهي سورج ، اڳيان سونهن جي
    تو نظر جا نگينا جڙيا شام جو

    ساري ويڙهي ۾ خوشبو ويئي ڦهلجي
    ڪنهن جو چانور اڱڻ تي ڇڙيا شام جو

    مون ڏٺو ، اڄ هوائن وڏي چاهه سان
    منهنجا جاڙا غزل پئي پڙهيا شام جو


    گمشده ٻار جهڙي رُليل زندگي

    گمشده ٻار جهڙي رُليل زندگي
    منهنجي ڀاڱي ۾ آئي ڀليل زندگي

    هاڻ ٿڪجي پئي آهي پَٽ تي ڪِري
    پيار جي پينگهه تي هي جهليل زندگي

    مان ته وارن جي ونگن ۾ ڦاسي پيس
    تون وڃي گهار جڳ سان کليل زندگي

    وقت جي وير ۾ پئِي ٻڏي ۽ تري
    سمنڊ ڇولين جيان ڪا ڇليل زندگي

    هي جا خوشبو هوائن ۾ آهي رچيل
    واس ان ۾ اٿئي ڪا گهليل زندگي

    نئِين صبح جو نئين سج وانگر اُٿي
    منهنجي مجبور، اجڙيل، الهيل زندگي

    ڇا چڱي، ڇا مَٺِي يار ! گهاريون پيا
    عشق گاڏڙ مليل ۽ جُليل زندگي


    پاڻ سان گڏ رکون صبح جي نينهن کي

    پاڻ سان گڏ رکون صبح جي نينهن کي
    آءُ کوٽي ڪڍون رات مان ڏينهن کي

    يا خدا پيار جي ايتري پياس ڏي
    پوءِ به تاسو رهان جي پيان مِينهن کي

    حسن جي پوئتان آ اڃا پنڌ ۾
    ڪيئن ٻَڌان تون ٻُڌا شوق جي شينهن کي

    سونهن منهنجي پرينءَ جي ڏسي ٿو جڏهن
    لڄ ويڙهيو وڃي چنڊ چوڏهينءَ کي

    هوءَ به 17 ڊسمبر تي آهي ڄمي
    مان به پيدا ٿيو آهيان سترهينءَ کي


    ڪنهن چيو زندگي ڪنهن چيو موت آ

    ڪنهن چيو زندگي ڪنهن چيو موت آ
    عشق مغرور کي ڳڻ نه ڪا ڳوت آ

    هر گهٽي، گام کي هاڻ روشن ڪندي
    ننڍڙي ڏِ يئي منجهان جا جلي جوت آ

    پير پنهنجا اجايو پٿون پئِي ڪرين
    ڳول خود ۾ چري! تو ۾ ئي هوت آ

    نينهن نوخيز ۽ سمنڊ ساغر اکيون
    عشق ۾ عشق جي پئٽ آ اوت آ

    ٿي نه حاصل سگهي زندگي خير آ
    پنهنجي ڪوشش مڪمل ڪئي تو ته آ

    روز ايڏا غزل ٿو لکين اي جميل
    تنهنجي تخليق تحرڪ پٺيان ڪو ته آ


    بارشن ۾ بُت ڀڳا ٿڌڪار ٿي

    بارشن ۾ بُت ڀڳا ٿڌڪار ٿي
    آڳ تي ڄڻ آب جي وسڪار ٿي

    گرم لهجا ڀي ٺري پارو ٿيا
    سانوڻين جي حسن ۾ ٽٻٽار ٿي

    خودڪشين مان آ ڪڍي تون پاڻ کي
    جنتن کان وڌ حسين سنسار ٿي

    تون نڀائين ڇو نه ٿي سسئي جيان
    بيوفا ڇا لئه لڄايو پيار ٿي

    هي حياتيءَ ياد رکجان سنگدل
    عشق جي اُڻ تڻ بنا بيڪار ٿي

    مان ٿو خود کي آدمي بهتر لڳان
    تون وڃي فرعون ٿي اوتار ٿي






    ننڊ سهاني خواب جان جاڳي پئِي
    من مٿان اُس آب جان جاڳي پئِي

    دل ته ڌيرج سان پتوڙيو پنڌ پئي
    پيار ـــ پيڙا تاب جان جاڳي پئِي

    سوچ ماضيءَ ۾ گِهڙي جو جهٽ گهڙيءَ
    ڪربلا جي باب جان جاڳي پئِي

    مون اونداهين کي جڏهن للڪاريو
    روشني ماهتاب جان جاڳي پئِي

    خوشبو خوشبو ٿي پئِي هر ڪا ڳلي
    پنکڙي گلاب جان جاڳي پئِي

    اڃ جون ساريون اميدون خاڪ ٿيون
    سونهن ڪا سراب جان جاڳي پئِي

    جستجو هر موت کي ڏئِي مات وئِي
    جيت ڪنهن عذاب جان جاڳي پئِي

    منهنجي نيڻن جي نميءَ جي عرق مان
    مئڪشي شراب جان جاڳي پئِي


    هن انگ ۾ ڪيڏا رنگ وڌا

    هن انگ ۾ ڪيڏا رنگ وڌا
    ٻانهن جا ورائي ونگ وڌا

    نيڻن سان ملائي نيڻ ٻئِي
    ڄڻ من ۾ تير تفنگ وڌا

    بي ساز هيس بي ڪيف هيس
    چوري تو چپن جا چنگ وڌا

    آ ماڻهو ماڻهو نانگ جيان
    هر ماڻهو مون ۾ ڏنگ وڌا

    سر نسري پيا هن او سرتا !
    موسم به ٻنين ۾ سنگ وڌا

    جت سهڻا هنج پکي تڙڳيا
    تنهن ڍنڍ ۾ ڪنهن هي ڪنگ وڌا

    هُئي شيشي جهڙي دل پنهنجي
    پر لوڪ انهيءَ ۾ زنگ وڌا


    گوڙ نما هي دور وڃايو

    گوڙ نما هي دور وڃايو
    سانت ۾ سارا شور وڃايو

    ايئن نه ٿئي ڪينجهر جو پاڻي
    ڪارونجهر جي ڪور وڃايو

    ڀٽ ، متان هي ٽهڪ ٽهوڪا
    ٿر جا موهڻا مور وڃايو

    سنڌ جا واسي سنڌ بچايو
    ڇا لاءِ ٿا ڀنڀور وڃايو

    سي سڀ ٿي نابود هليا ويا
    جن ڀي خود تي غور وڃايو

    ڌرتيءَ جا رکوالا اڻ لڀ
    ممڪن آ ٿر ڇور وڃايو


    مان ڪريس خود ڳل مٿان رخسار ٿي

    مان ڪريس خود ڳل مٿان رخسار ٿي
    رات هن جي جيت منهنجي هار ٿي

    ڏي گهڙو تانگهيان وري وچ سير ۾
    وڃ ڀلي ٻئي پار تون ميهار ٿي

    هو شفق ۽ شام جي منظر جيان
    سج وانگر ٿو لهي ڪا سار ٿي

    بي رخيءَ کي پوئتي اڇلي پرين!
    تون ڪڏهن ايندين اسان وٽ پيار ٿي

    پاڻ ئي ڦاهي ٿو چاڙهيان حسرتون
    پاڻ پنهنجي لاءِ پنهجي دار ٿي

    من ! بلوغت کي ڇڏي ڏس هڪ دفعو
    هڪڙي لمحي لاءِ ننڍڙو ٻار ٿي

    اي ! هٺيلا پُٽ ڌرتيءَ سنڌ جا
    دشمنن جي سازشن تي وار ٿي

    ٻن ڍڪن مان ڪير ڍاپيو آ ڪڏهن
    آءُ مون مان پيءُ مون مان تار ٿي

    وڪڻندس مان ڪين پنهنجو هي ضمير
    تون ڀلي سئو سئو دفعا بازار ٿي

    لک او شاعر! قوم تي ۽ سنڌ تي
    قلم کڻ هن ديس جو هٿيار ٿي



    هر گهٽيءَ ۾ ديس جي هاڻي اجالو ٿيڻ کپي

    هر گهٽيءَ ۾ ديس جي هاڻي اجالو ٿيڻ کپي
    غمزده ڌرتيءَ مٿان ڪو هو جمالو ٿيڻ کپي

    کوڙ ڀوڳيو آهي ڌرتي ڏاڍ کي ڏهڪاءُ کي
    زيادتين جو اي خدا ! هينئر ازالو ٿيڻ کپي

    جيئن ماضي اهنسا ۾ آهي گذريو قوم جو
    هاڻ ڀي تيئن امن جو هر هنڌ حوالو ٿيڻ کپي

    پاڻ اُلري ، جي ڪڏهن دشمن ڪِري ڪو ڪنڌ تي
    پوءِ سموري قوم کي ئي بم ڀالو ٿيڻ کپي

    ويو وڪوڙي آهي ڌرتي غير هر پاسي وٽان
    ٻار کي هر نار کي هاڻي سلالو ٿيڻ کپي

    تنهنجي پيرن مان ڇڪن ڌرتي پيا او بي خبر !
    ڄاڻ ۾ اڻڄاڻ ٿي ايڏو نه ٻالو ٿيڻ کپي

    عالمِ اقوام ۾ قائم نشان رهجي وڃي
    عالمي نقشي مٿان ڪو نام نالو ٿيڻ کپي


    لڙڪ لاڙي جيئڻ سکيا ناهيون

    لڙڪ لاڙي جيئڻ سکيا ناهيون
    پاڻ توڙي کلڻ سکيا ناهيون

    نيڻ اوري ته ڪر او محبوبا !
    ڪير ٿو چئي ؟ چمڻ سکيا ناهيون

    ڏي ڀري ڏي، اڃا ڀري ساقي !
    جام هلڪو پيئڻ سکيا ناهيون

    قول پاڙيون ٿا پوءِ ڇا به ٿِئي
    يار ! پوئتي هٽڻ سکيا ناهيون

    پيار سان ڪو ڳلو ڪپي ته ڪپي
    ڏاڍ ڪنهن جو سهڻ سکيا ناهيون

    ڌار دنيا کان ٿي چڪا آهيون
    ڌار توکان ٿيڻ سکيا ناهيون


    ٿوهر رهياسين ٿر جا ڪونپل نه ٿي سگهياسين

    ٿوهر رهياسين ٿر جا ڪونپل نه ٿي سگهياسين
    پٿر مزاج پنهنجا، ڪومل نه ٿي سگهياسين

    گذري ويون گهڙيون سڀ گمنام وهڪرن ۾
    جو پل املهه امر هو سو پل نه ٿي سگهياسين

    بي جوڙ ساٿ ۾ ڄڻ لڙهندا رهياسين تنها
    هڪڙي به مسئلي جو ڪو حل نه ٿي سگهياسين

    ڪوريو سدا جدائي آ ماس پئي هڏن جو
    افسوس ڪات آڏو ڪا جهل نه ٿي سگهياسين

    محدود زندگيءَ کي محظوظ ڪيئن ڪجي ها
    سادا سچا رهياسين ڪا ٽل نه ٿي سگهياسين

    حالات جي هٿن ۾ مجبور ٿي مئاسين
    بابي امان جي لاءِ ڪو ٻل نه ٿي سگهياسين


    درد جو مرهم ڪيو

    درد جو مرهم ڪيو
    ڪجهه ته مونتي دم ڪيو

    مرڪ ڏيو يا مون جيان
    نيڻ پنهنجا نم ڪيو

    جڳ سموري جون اکيون
    حسن مون ۾ ضم ڪيو

    غم پيو اي عاشقو!
    روح کي پرنم ڪيو

    جنت الفردوس سنڌ
    ڇو پيا جهنم ڪيو؟

    موت ڏيو يا زندگي
    ڪو ته هڪڙو ڪم ڪيو



    سڏڪا ۽ لڙڪ لارون جيون ڪٿا اسانجي

    سڏڪا ۽ لڙڪ لارون جيون ڪٿا اسانجي
    ڄڻ ڪي لٽيل بهارون جيون ڪٿا اسانجي

    اڀ کي ڇهڻ جون آسون آسون رهيون هميشه
    اڌڪيون ٿڪل اڏارون جيون ڪٿا اسان جي

    ڪا ڪاڪ ڪونهي پنهنجي نه ڪو مينڌرو نه مومل
    مايوس ڪن نهارون جيون ڪٿا اسان جي

    هي دل به گودڙيءَ ۾ ويڙهي رکي ڇڏي ٿم
    خالي فقط پسارون جيون ڪٿا اسان جي

    ٻي ڳالهه پنهنجي لب تي ترندي نه ئي تري آ
    تنهنجون رهيون پچارون جيون ڪٿا اسان جي

    جيون جي هن اڱڻ تي ڪيئن ها ٽڙي ڪنول ڪو
    ڪاوَن سنديون اڀارون جيون ڪٿا اسان جي

    ڀڻڪن جيان رهياسين واڪا نه ٿي سگهياسين
    بي سود سڀ الارون جيون ڪٿا اسان جي


    جي دشمن ڪوٺيان ڪافر ٿيان جي دوست سڏيان ايمان وڃي

    جي دشمن ڪوٺيان ڪافر ٿيان جي دوست سڏيان ايمان وڃي
    ڇو موسم وانگر مٽجي ٿو هي اڄڪلهه جو انسان وڃي

    هر رشتو پاڪ پوتر آ ڪو مسجد آ ڪو مندر آ
    جو خوشبو ۾ ٿو زهر ڀري سو بڻجي ٿو شيطان وڃي

    هت ماڻهو ڪو مجبور نه ٿئي شل ڪنهنجو پٽڪو ڌوڙ نه ٿئي
    هن ڌرتيءَ جو مزدور جيئي ٿي اوچو ان جو شان وڃي

    ڪلهه رات ڪميني بي ڏوهي ڪاتيءَ سان ڪٺو آ نياڻي کي
    ڪنهن دوست ٻڌايو سامهون ڏس هو ماڻهو ٿو حيوان وڃي

    مان چنڊ ستارا لاهيندس ۽ سرهي سيج وڇائيندس
    محبوب اچي مون ڪمتر جو جي بڻجي اڄ مهمان وڃي

    هي ڪوپا ڪنڌ ڪپائيندا هن ڌرتيءَ کي ورسائيندا
    هن ديس جو مانُ وڌائيندا جي ويندي آ ڀل جان وڃي



    قربت قضا تي ماتم ڪيسين ڪندين اياڻا

    قربت قضا تي ماتم ڪيسين ڪندين اياڻا
    مهر و وفا تي ماتم ڪيسين ڪندين اياڻا

    تعذير ديپ تي اڄ آهي لڳي ٻرڻ جي
    اهڙي سزا تي ماتم ڪيسين ڪندين اياڻا

    هوءَ زلف ڳل مٿان جو ڪيري هلي وڃي ٿي
    چنچل هوا تي ماتم ڪيسين ڪندين اياڻا

    تاريڪين کي ميٽي ڪر پنڌ روشنين جا
    ڪاري ڪٿا تي ماتم ڪيسين ڪندين اياڻا

    عنوان هر صديءَ کي ڪرب و بلا جو ڏيئي
    سڏڪيل صدا تي ماتم ڪيسين ڪندين اياڻا

    هر مامري ۾ الجهيل آهن ٻيئي ازل کان
    آدم هوا تي ماتم ڪيسين ڪندين اياڻا



    مرڪ ڦهلاءُ مان ڦول ڦولاريا

    مرڪ ڦهلاءُ مان ڦول ڦولاريا
    شبنمي واءُ مان ڦول ڦولاريا

    عشق موصوف سَنڌ سَنڌ وڍيندو رهيو
    روح جي گهاءُ مان ُُُڦول ڦولاريا

    حسن جي جوت مان سڀ ڦٽيون روشنيون
    سونهن جي تاءُ مان ڦول ڦولاريا

    تو جڏهن وصل جو گيت ڳاتو سکي
    ڪونج ڪرلاءُ مان ڦول ڦولاريا

    ياد ماضيءَ جي ڏاڍي تلخ هئي مگر
    وقت اٿلاءُ مان ڦول ڦولاريا

    ڪالهه سن مان اٿيو جيڪو آواز هو
    ان جي پڙلاءُ مان ڦول ڦولاريا



    ڀيڄ ڀنيءَ جي ماڪ ڦڙن ۾ توکي ڳوليان ٿو

    ڀيڄ ڀنيءَ جي ماڪ ڦڙن ۾ توکي ڳوليان ٿو
    ڀٽ ڌڻيءَ جي ساز، سُرن ۾ توکي ڳوليان ٿو

    ڪاڪ ڪلا جي مومل آن تون توکي ڇا معلوم ؟
    تخليقن جي ديس دڳن ۾ توکي ڳوليان ٿو

    .نيڻ نگر جون ڳڙکيون کولي هيڏي ڀي ته نهار
    تنهنجي ديد جي باغ عدن ۾ توکي ڳوليان ٿو

    گهاءُ اکيليان ڪير ڀريندو ويڄ نه ڪو وارث
    پيڙا پيڙا پاپ بدن ۾ توکي ڳوليان ٿو

    ڪنڌيءَ ڪنڌيءَ ڪانهن اڀا ٿيا سر نسري پيا
    جنت جهڙي آءُ وطن ۾ توکي ڳوليان ٿو

    چپَ چمين لئه آتا اڀريل پر تون مون کان ڏور
    صحرا صحرا ٿر جيون ۾ توکي ڳوليان ٿو

    سانجهه سويلي ڪونج ٿي ڪرڪي ، تون به اچين ٿي ياد
    آءُ اتر جي آرانڀن ۾ توکي ڳوليان ٿو

    جام هٿن ۾ جيئن جَهلن ٿا موکيءَ جا متوارا
    موکيءَ جي مخمور هٿن ۾ توکي ڳوليان ٿو

    ڪڪريون جهڙ ڦڙ چنڊ نه تارا گهُگهه گگن گهُوگهاٽ
    تنهنجي روشن چنڊ ڳلن ۾ توکي ڳوليان ٿو

    مان وڻجارو ٽيڙن هيٺيان رات ٽڪان هر رات
    گهنگهرو گهنگهرو گونج گهٽين ۾ توکي ڳوليان ٿو

    چئنوري چئنوري چاهه ڦٽو آ عشق کڙيو آ کوڙ
    ٻوڪيا آهن ٻور انبن ۾ توکي ڳوليان ٿو



    زمان گم آ مڪان گم آ

    زمان گم آ مڪان گم آ
    اسان جو اڄ ڪلهه جهان گم آ

    ازل ابد ۾ ابد ازل ۾
    وجود جو هر نشان گم آ

    ٻه چپ ڪونپل ڪچا ڪنول جا
    اکين جي آڏو ڌيان گم آ

    اڇاڻ انگ جي ڏسي اڀاميو
    اِڇا سان ريڌيو ايمان گم آ

    ڪنهن ڪامڻيءَ جا ٻه چنڊ اُرها
    تڪن ٿا توڏي گمان گم آ

    ڪبير، ميران، اياز، نانڪ
    پڙهيم جڏهن کان گيان گم آ


    قوم جو جنهن وٽ به غم آ

    قوم جو جنهن وٽ به غم آ
    وڌ کان وڌ سو محترم آ

    سچ کي پرکي سگهي ڪو
    ايترو ڪاٿي فهم آ

    لفظ ٿورا سخت آهن
    ميڻ وانگر دل نرم آ

    ذات جا بنياد اکڙيا
    ها، انا هاڻي ختم آ

    موت جو منظر ڏسو هي
    زلف ۾ ڪيڏو نه خم آ

    ڀٽ ڏڻيءَ جو آستانو
    سنڌ ڌرتيءَ جو حرم آ

    زندگيءَ جي مقبري تي
    روشني اڄ ڪلهه مڌم آ

    اڄ جي ماڻهوءَ جو سدائين
    انتهائن ڏي قدم آ

    هي پراڻي چوٽ ناهي
    ڪنهن ڏنو تازو زخم آ

    هت حسينائن جا ميڙا
    اک ته ناهي آشرم آ



    دربدر لئه گهر نه کوليا

    دربدر لئه گهر نه کوليا
    هُن اکين جا در نه کوليا

    پرت ۾ اُڏندي رهيس مان
    ڪنهن به پنڇي پر نه کوليا

    تو اسان تي زندگي ڀر
    ڀاڪرن جا ڀر نه کوليا

    هو تڪيندو ئي رهيو هن
    نيڻ منهنجا تر نه کوليا

    تنگ سوچن جي رسيءَ جا
    هن ڪڏهن ڀي ور نه کوليا

    مون وڄايا گهنڊ ڪيئي
    من جا ڪنهن مندر نه کوليا

    رات بڻجي چنڊ آيس
    پوءِ به تو منظر نه کوليا



    چنڊ ناهي ڏٺو، عيد ڪهڙي ڪجي

    چنڊ ناهي ڏٺو، عيد ڪهڙي ڪجي
    ڀاڳ پنهنجي تي تنقيد ڪهڙي ڪجي

    پيا تماشو ڏسون ڏُور کان کوڙ آ
    انڌي مذهب جي تقليد ڪهڙي ڪجي

    هر ڏسا ۾ ڏسان عڪس تنهنجا پيو
    ٻيو اڃا پاڻ ۾ ديد ڪهڙي ڪجي

    هر غزل، گيت توکي ئي ارپيان پيو
    ان کان وڌ ٻي ڪا تمهيد ڪهڙي ڪجي

    تون ئي تون، تون ئي تون، تون ئي تون آن پرين!
    ٻيو بيان تنهنجي توحيد ڪهڙي ڪجي

    هر خواهش تان آهن کنيا هٿ مون
    ٻيو طبيعت ۾ ترديد ڪهڙي ڪجي


    ڦول چهرا، ڄڻ ٽڙيا آهن ڪنول

    ڦول چهرا، ڄڻ ٽڙيا آهن ڪنول
    سڀ ڀڳا بارش ۾ هڪڙو مان سُڪل

    زندگيءَ هُئي موت جيئن ماٺار ۾
    آ پئي جاڳي جو ٿي آ جل ٿل

    نيٺ اُڀ ڀي لڙڪ هاريا لوڪ جيئن
    آب جي ڌرتيءَ مٿان ساڳي اُڇل

    تون اچين هان جي چري ! هن مند ۾
    زندگيءَ جو پنڌ ٿئي ها ڪجهه سڦل

    بارشن جان نيڻ آلا ٿا رهن
    درد جاري ٿا رکن پنهنجو عمل

    تون اچي ريجهاءِ اکڙين کي چُمي
    بس نه ٿيون ڪن اي سکي ! هڪڙو به پَل



    چنڊ آڪاش کان سئو دفعا مٿڀرا رنگ مهراڻ جا

    چنڊ آڪاش کان سئو دفعا مٿڀرا رنگ مهراڻ جا
    ڪين ڪمزور ٿين، شل سلامت رهن دنگ مهراڻ جا

    لاڙ ڪاڇو اتر، ڏهرڪي ۽ سکر، سنڌ جا سڀ شهر
    وانڍ واهڻ نگر، ٿاڪ اڻٽٽ آهن انگ مهراڻ جا

    پاند آجا ڪبا خواب ساڀيا ڪبا پنهنجا راجا ڪبا
    ٽوپي اجرڪ منجهان هي جو نسرن پيا سنگ مهراڻ جا

    شال اجري رهي سينڌ ميري نه ٿئي، منهنجي ماتا سندي
    هند ۽ سنڌ ڇا، پوري دنيا ٻڌي چنگ مهراڻ جا

    رنگ ڪارا ڪنا شڪل جا ڪوجهڙا عادتون بي سُريون
    پو ڀي بي انتها يار! پيارا لڳن ڪنگ مهراڻ جا

    ڪنهن به تاريخ ۾ اڄ انهن جو ڪٿي ڪو به نالو نه آ
    جن هلائون ڪندي ها لٽيرن تڪيا ننگ مهراڻ جا



    درد وندي هن دل جو الائي ڇا ٿيندو

    درد وندي هن دل جو الائي ڇا ٿيندو
    محبت جي منزل جو الائي ڇا ٿيندو

    جاڏي ڪاڏي هاڪ هلي پئي چٻرن جي
    مور پکي، ڪوئل جو الائي ڇا ٿيندو

    پاڻي تار، نه ٻيڙا، هوڙا سنڌوءَ ۾
    سنڌ نديءَ، ساحل جو الائي ڇا ٿيندو

    خون سان جنهنجي روز رڱي ٿي هٿ پنهنجا
    سو ٿو پُڇي، قاتل جو الائي ڇا ٿيندو

    ڄاڻي واڻي شعرن تي ٿو وار ڪري
    سوچ! انهي جاهل جو الائي ڇا ٿيندو

    جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي جي مصداق
    بي حس ۽ سنگدل جو الائي ڇا ٿيندو

    نور نچوئي مچ مچايا آهن مون
    مون کان پو محفل جو الائي ڇا ٿيندو


    درد هي اڻ ڳڻيا دوستيءَ جو صِلو

    درد هي اڻ ڳڻيا دوستيءَ جو صِلو
    دل چريءَ کي مليو دل لڳيءَ جو صِلو

    ڪالهه شاعر کي ماڻهن ٿئي پٿر هنيا
    شاعريءَ کي مليو روشنيءَ جو صِلو

    خود کي ماري انهن کي حياتيون ڏنيون
    ڪنهن به ناهي ڏنو هڪ رتيءَ جو صِلو

    گوڙ گهمساڻ ۾ پيار دٻجي ويو
    لوڪ آهي ڏنو هي نفيءَ جو صِلو

    هڪ خدا کان سوا ڪير آهي هتي
    جيڪو ڏيئي سگهي سٽ سچيءَ جو صِلو

    اک هي ٽچڪي اڃا ٻيا ڀي ٽانڊا رکو
    ڏيو نظر کي ڏِيو عاشقيءَ جو صِلو


    سرڪ هڪڙي گهريم علم جي باب مان

    سرڪ هڪڙي گهريم علم جي باب مان
    شيخ اوتي ڏنو عشق جي آب مان

    مان اڪيلو ئي رستن تي ڀٽڪان پيو
    ڪنهن ڏنو ڪو نه ڪو ساٿ احباب مان

    جو ڏسي سو سڙي، ڪو مري ڪو کري
    ڪين آهي بچيو هن تکي تاب مان

    سڀ ستارن ملي رات جو چنڊ سان
    چاندني پئي کنئي منهنجي ماهه تاب مان

    هاڻ هرگز نه زلفن ۾ ڦاسائبي
    دل مسين مون ڪڍي آهي گرداب مان

    هي اوجاڳيل اکيون ننڊ جي ناوَ ۾
    ڪين نڪري ڪڏهن ڀي سگهيون خواب مان


    اکين جون ادائون خطرناڪ توبه

    اکين جون ادائون خطرناڪ توبه
    تکيون ڄڻ ترارون خطرناڪ توبه

    وري حسن زاديون نقابن سان نڪتيون
    جُڙي پيا ڪي منظر المناڪ توبه

    خدا شل حسينن کي ساڃاهه ڏي ڪا
    هي دنيا گهڻي آ دردناڪ توبه

    هلي آ حياتي جو ڪونهي پتو ڪو
    ڏنگي پيو وڇوڙو ڪربناڪ توبه

    مسيحا نه ٿيو پاڻ قاتل بڻيو هو
    حبيبن جي حرڪت شرمناڪ توبه

    سکي آرسيءَ ۾ ڏٺو پئي ڏٺو مون
    سندس ڏيک هر هڪ هو حسناڪ توبه


    ڪا ته سهڻي ٿئي ڪو ته ميهار ٿئي

    ڪا ته سهڻي ٿئي ڪو ته ميهار ٿئي
    ڪو ڀٽائيءَ جي بيتن جو ڪردار ٿئي

    مان سرابن جي پويان ڊڪان ٿو پيو
    پو زمانو ڀلا ڇو نه بيزار ٿئي

    روز انڪار آهي ٻُڌو دل سڙيءَ
    اڄ آ ممڪن متان ڪوئي اقرار ٿئي

    پير اجرا اکين تي رکان ڇو نه مان
    تن تتل آ گهڻو من ڪا ٿڌڪار ٿئي

    موت جي منهن منجهان مان ٿو موٽي سگهان
    شرط آهي پرينءَ جو ڪو سهڪار ٿئي

    راز دل ۾ دفن جو ڪري تنهن کي ڏي
    حرف سلجي نه تنهن سان جو اخبار ٿئي



    بانسريءَ جو ڪو جڏهن آواز ڦهليو رڃ ۾

    بانسريءَ جو ڪو جڏهن آواز ڦهليو رڃ ۾
    جهوپڙن مان زندگيءَ جو راز ڦهليو رڃ ۾

    ڏور ڀٽ تي ڪونج هڪڙيءَ جو ٻڌي ڪرلاءُ ڪو
    ايئن لڳو ڪنهن نرتڪيءَ جو ناز ڦهليو رڃ ۾

    مائي ڀاڳيءَ جي صدائن جا پڙاڏا ريت تي
    تن پڙاڏن جي پٺيان ڪو ساز ڦهليو رڃ ۾

    اوٺي آيا ڪاهي توڏا ريگزارن جي مٿان
    سادگيءَ جو سونهن جو انداز ڦهليو رڃ ۾

    فطرتي سو حسن هاڻي حسن ئي ناهي رهيو
    ها جڏهن کان بک جو آ باز ڦهليو رڃ ۾



    جڙيا منظر ڪي اکڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين

    جڙيا منظر ڪي اکڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين
    پڪا پيرون به کبڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين

    جوانيون ڪر کڻي نڪتيون سڄو ماحول مَٽجي ويو
    پيا ٽاڪوڙ پڳڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين

    پتنگ بازن هوائن ۾ لڳايا نينهن جا پيچا
    لغڙ وچڙيا پئي لغڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين

    ڪچيون ڪونئريون ڪليون جهوميون اوهانجي ياد جهومي پئي
    نظر اٽڪي آ مکڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين

    ڏنا لوڏا جو لامن کي ڪري پيا ٻير ڪئي ڳاڙها
    اسان توريا سي ٽڳڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين

    مِٽي سيراب ٿي جل ٿل اٿل مهراڻ آ کاڌي
    پُڳا پاڻي به پڇڙين ۾ الائي تون ڪٿي آهين



    ليڙون ليڙون ڦاٽل چولي

    ليڙون ليڙون ڦاٽل چولي
    ڪهڙي پنهنجي عيد ۽ هولي

    ڪيڏا گهر اجاڙي وئي آ
    گن مان نڪتل انڌي گولي

    آدم جي مٽيءَ مان آهيون
    ڇاجو ڀنگي ڇاجو ڪولهي

    سنڌي توکي ڪيئن مڃان مان
    گهر ۾ ٻولين ڌاري ٻولي

    پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ پراڻي
    ڪوڏر، ڏاٽو، ڪيڻ، وهولي



    ڀلي جو اڄ ڪلهه جهان ڪونهي

    ڀلي جو اڄ ڪلهه جهان ڪونهي
    وفا جو نالو نشان ڪونهي

    گهٽي گهٽي ۾ نچي پئي دهشت
    ڪٿي به جيءَ کي امانُ ڪونهي

    مٽي ازل کان مهان آهي
    ذري برابر گمان ڪونهي

    شقون به تنهنجون، قانون تنهنجو
    نٿو مڃان مان قرآن ڪونهي

    اي سنڌ توتي پڙهون ٿا ڪلمو
    متان چوي ڪو ايمان ڪونهي


    ڪي راز ۽ ڪي دلڪشيون نيڻن جي نديءَ ۾

    ڪي راز ۽ ڪي دلڪشيون نيڻن جي نديءَ ۾
    نيڻن ٿئي ڪيون خودڪشيون نيڻن جي نديءَ ۾

    ڪنهن لاش جيان سير ۾ لڙهندا ئي رهيا سڀ
    جن رات ڪيون مئڪشيون نيڻن جي نديءَ ۾

    ڇڏ، ترڪ انا ڪر وڃي اي يار جهڪي پئه
    اٿ ٻوڙ پنهنجون سرڪشيون نيڻن جي نديءَ ۾

    تارن به ڪيا هيٺ اچي تو ۾ ٽڪاڻا
    ۽ چنڊ ڪيون دلنشيون نيڻن جي نديءَ ۾

    هي ڌيان، نظر، هوش هڙئي سوچ جون ٻيڙيون
    ايئن ٻوڙ نه هيڏيون شيون نيڻن جي نديءَ ۾

    پاڇن جي پٺيان ڊوڙندي ٿڪجي پيو جميل
    پر ڪين مليون ڪي خوشيون نيڻن جي نديءَ ۾


    ڄاڻ تاريخ کي سمجهه تحرير کي

    ڄاڻ تاريخ کي سمجهه تحرير کي
    ٻيو نه بدلائيندو پنهنجي تقدير کي

    پنهنجا وڏڙا غلاميءَ ۾ گهاري ويا
    پاڻ ٽوڙيون غلاميءَ جي زنجير کي

    سوچ ۽ لوچ سان ٿورو تدبير سان
    روڪ دشمن سندي هر تکي تير کي

    قوم متحد ڪري منهن مقابل ٿيون
    ڪهڙي طاقت آهي پير کي مير کي

    پنهنجي ڌرتي جي هوندي پنون ٿا پيا
    ڏاڍ جو سر وڍيون آڻ شمشير کي

    آب مهراڻ جو قوم پيئندي رهي
    اٿ کرڻ کان بچايون نجي کير کي


    آڳ اندر جي ٺري ته سُمهجهي

    آڳ اندر جي ٺري ته سُمهجهي
    من جي اُڻ تڻ مري ته سُمهجهي

    سندر سندر ٻانهون کولي
    ڀاڪر ۾ ڪو ڀري ته سُمهجهي

    ٿڌڙي ٿڌڙي هير ڏکڻ جي
    واهوندن ڏي وري ته سُمهجهي

    اوسيئڙي جي نانگ بلا هي
    هيڏي هوڏي ٽري ته سُمهجهي

    اڀ تائين پولارن جيڏا
    خال اچي ڪو ڀري ته سُمهجهي

    هوءَ نه اچي ڀل، هڪڙو ڀيرو
    هي اک هلڪي ڦري ته سُمهجهي

    نيلي پيلي آس امنگ جو
    ٽائيٽينڪ هي تري ته سُمهجهي


    ٻرن پيا سج نيڻن ۾ ڏسڻ وارن جو ڇا ٿيندو

    ٻرن پيا سج نيڻن ۾ ڏسڻ وارن جو ڇا ٿيندو
    چپن مان باهه ٿي ڀڙڪي چمڻ وارن جو ڇا ٿيندو

    اڀا ڪاوا رڳو ڪنڊا وڇايا واٽ تي دنيا
    خبر ناهي الائي جي اچڻ وارن جو ڇا ٿيندو

    سڀئي ٿيا سرڪ ۾ سوگها وڃائي هوش سڀ ويٺا
    اڃا ساقي پياري پيو پيئڻ وارن جو ڇا ٿيندو

    نرم نازڪ بدن گورو جهڙوڪر پشم جو ڦورو
    ڪنوارو جسم ڀاڪر ۾ ڀرڻ وارن جو ڇا ٿيندو

    لڱن ۾ لوهه وانگر آ هتي هر پٽ ڌرتيءَ جو
    ڪٽاريون ڪرٽ بي معنيٰ ڪٽڻ وارن جو ڇا ٿيندو

    اکين کان ٺپ هي انڌا سڀئي مسند نشين ٻوڙا
    خبر ناهي بنيادي حق گهرڻ وارن جو ڇا ٿيندو

    ڏين پرڏيهه ۾ تمغا، هتي جيلون رڳو ڦٽڪا
    غزل، ڪالم ۽ گيتن جي لکڻ وارن جو ڇا ٿيندو


    من جوڳي آ ويراڳي آ

    من جوڳي آ ويراڳي آ
    مون مايا موهه تياڳي آ

    سئو بار چميو ٿم نيڻن کي
    پر پوءِ به تپسيا ساڳي آ

    تو پنڌ ڪٽيا پرماڻن جا
    مون پنهنجي مٽيءَ جهاڳي آ

    هر وقت رهي ٿو رياضت ۾
    هي روح گوَيو راڳي آ

    آلاپ ڏيئي دل روئي ٿي
    دل ٿر جي مائي ڀاڳي آ

    ڪو ويڻ جميل کي ڇا ڏيندو
    هي شاعر آ بيراڳي آ


    سرمئي شامون ٽهڪ ۽ روح رهاڻيون ياد ڪر

    سرمئي شامون ٽهڪ ۽ روح رهاڻيون ياد ڪر
    باک ويلي پيار پوکيون جي ڪهاڻيون ياد ڪر

    تو نديءَ ۾ پير ٻوڙي ڪيئن ڪيون ٿئي کيچلون
    پئي شفق ۾ اڀ مٿان ڪونجون اڏاڻيون ياد ڪر

    ڳوٺ جي اسڪول جا استاد ۽ صورتخطيون
    ڀوڳ ۾ هڻنديءَ هُئينءَ ڳاڙهيون منڌاڻيون ياد ڪر

    شام جو پپرين جي پويان ٻير ڀرسان پوک ۾
    ڳوٺ جي سرتين سان تاڙيون ۽ کانڀاڻيون ياد ڪر

    موڪلن ۾ شهر کان آيو هيس جيئن ڳوٺ ڏي
    تو پَڪل ڪيئن مُڱَ ڦريون مون ڏي اماڻيون ياد ڪر

    ڪنهن ڊگهي ديوار پويان قيد اڄ ڪاٽين پئي
    ويڪرا گهر جا اڱڻ ڳالهيون پراڻيون ياد ڪر


    ڪنهن سونهن جي سنگت ۽ احساس جي ڪتڪائي

    ڪنهن سونهن جي سنگت ۽ احساس جي ڪتڪائي
    من هاڻ گهري ٿو بس مرڪن جي مسيحآئي

    سڏڪن جا پيا گونجن پڙلاءُ پري تائين
    افسوس سکي ڪوٺيو تو ڪوڪ کي شهنائي

    سچ سونهن تي تنقيدون ڪچ ڪوڙ جون تعريفون
    منصف تي اُڀي آڱر کوٽن جي پذيرائي

    هڪ چنڊ هيو ٻيو مان ٽيون چنڊ جي چانڊوڪي
    تارن جي جهرمٽ ۾ ٿي رات شناسائي

    اڄ شام اچانڪ جو ڪمري ۾ هلي آئي
    چهري تي غمي تاڻي کسڪي وئي اڪيلائي

    ڪا واٽ نٿي نڪري ڪنهن ريت وفائن جي
    هر چونڪ تي بيٺي آ ڄڻ تاڙ ۾ هرجائي


    ٿڪل اکين ۾ خواب مرڪيا

    ٿڪل اکين ۾ خواب مرڪيا
    وري اسان لئه عذاب مرڪيا

    سکي اُرهن تي پلئهُ ورايا
    هٿن ۾ هڪدم حجاب مرڪيا

    ڪنول بدن تي ڀنور جا ڀيرا
    چپن تي آهن گلاب مرڪيا

    نظر جا بوسا دلين جا ڀاڪر
    گناهه پويان ثواب مرڪيا

    گھِٽين ۾ آندو جو عشقَ ڦيرو
    شهر ۾ ڪيئي نقاب مرڪيا

    پيار ڇاهي؟ جڏهن پڇيائون
    سوال سان گڏ جواب مرڪيا


    مئل آس من جي جيارين نٿي اڄ

    مئل آس من جي جيارين نٿي اڄ
    اي موکي! مٽن مان پيارين نٿي اڄ

    اوجاڳن جو ماريل ٿڪل ڪن جڳن جو
    مٿان ٻانهن پنهنجي سمهارين نٿي اڄ

    پهاڙن کان پڇندي وتي ٿي پنهونءَ جو
    مئيءَ کي گهڙي کن ويهارين نٿي اڄ

    ڪنارن تي بيٺل بدن جي نديءَ مان
    امنگن جون ٻيڙيون اڪارين نٿي اڄ

    لڳي ٿو ته دل ۾ سمائي ڇڏيو ٿئي
    تڏهن نانءُ منهنجو اچارين نٿي اڄ

    پکيءَ پيار جا نيڻ آڳر تي ويٺل
    ڏسي مون ڏي تن کي اڏارين نٿي اڄ


    اکين کي دل ۾ ٽڪاءُ گهرجي

    اکين کي دل ۾ ٽڪاءُ گهرجي
    نظر کي اهڙو نڀاءُ گهرجي

    چپن سان ڳل تي غزل لکان مان
    نئون نڪورو سٽاءُ گهرجي

    ٿڪل نگاهن جي قافلي کي
    اوهانجي هنج ۾ پڙاءُ گهرجي

    اڱر، اُلا ٿي اٿي جواني
    جوان بدن جو هڳاءُ گهرجي

    نڌڻڪيون آسون ننڌڻڪا سپنا
    انهن يتيمن کي ماءُ گهرجي

    ڏسي هٿن ۾ پنا چيائين
    ته شاعريءَ کان بچاءُ گهرجي


    ڪا راهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ

    ڪا راهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ
    نگاهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ

    ڪچي گهڙي تي ڪا سهڻي ٻوڙيان
    درياهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ

    دنبور دل جا اکين سان ڇيڙي
    ها شاهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ

    مان ساهه پنهنجو مٿس هي واريان
    هي ساهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ

    رڳن رڳن ۾ ٿي عشق ڀڙڪان
    ڪا باهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ

    ثواب سمجهي رکي چپن تي
    گناهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ

    جو روح تائين وفا کي سمجهي
    ڪو چاهه ڪنهنجي تلاش ۾ آ


    وارن جي گهٽا ۾ گم ٿي ويو

    وارن جي گهٽا ۾ گم ٿي ويو
    هڪ شخص ادا ۾ گم ٿي ويو

    معصوم نظر جي نيهن نگر
    ڪنهن شهر وفا ۾ گم ٿي ويو

    ڪو شاعر جا احساس کڻي
    ٻالڪ جي صدا ۾ گم ٿي ويو

    بي ديد جي ديد ۾ ڦاسي پيو
    ديدن جي دغا ۾ گم ٿي ويو

    هڪ ڦول ڪنول جهڙو چهرو
    اڄ خون بها ۾ گم ٿي ويو

    هڪ گهنگهرو رقص ۾ سرگردان
    پيرن جي ڪلا ۾ گم ٿي ويو

    هن شهر جي ماڻهن ڪو نه ٻڌو
    آواز خلا ۾ گم ٿي ويو

    بي درد جي دردن ۾ ڦتڪي
    احساس هوا ۾ گم ٿي ويو


    جبل جهاڳي سسئي جئن ڪشالا ڪبا

    جبل جهاڳي سسئي جئن ڪشالا ڪبا
    توکي ساري سڄڻ نيڻ آلا ڪبا

    مون مڃيو عشق کائي رڳو ماس ٿو
    ماس عضون سندا سڀ نوالا ڪبا

    تنهنجي حسناڪين سان سراڻي سڀئي
    پنهنجا جذبا پرين سورنهن سالا ڪبا

    چپ چورڻ جي زحمت رڳو ڪر پرين
    تنهنجا الفاظ سارا مقالا ڪبا

    هر هلاڪو ۽ چنگيز سان جهيڙبو
    ديد بندوق ۽ هٿ ڀالا ڪبا

    پنڌ آهي پري دير آ خير آ
    پير پنهنجا پٿون پير ڇالا ڪبا

    لاٽ ٻاري ڀٽائي جي بيتن سندي
    سنڌ تنهنجي گهٽين ۾ اُجالا ڪبا



    حسرتون سڀ هوا ۾ وکريون اسان هلون ٿا

    حسرتون سڀ هوا ۾ وکريون اسان هلون ٿا
    خوشيون زمانا ! اوهان کي پرتيون اسان هلون ٿا

    لکيل هيو جو نصيب ۾ سو مليو اسان کي
    اداس شامون اُلا ٿي برسيون اسان هلون ٿا

    سَٺو ڪٿي جڳ ڇڏيائون ڀوري ڪي خواب اجرا
    دلين جون نگريون گهڙي ۾ اجڙيون اسان هلون ٿا

    ڪٺن هي جيون اڳيان به صحرا پٺيان به صحرا
    سراب سامهون، نديون نه نظريون اسان هلون ٿا

    مسيح وانگر صليب تي ڄڻ ٽنگيل هجان مان
    سنڀال پنهنجون انڌير نگريون اسان هلون ٿا



    ساڻ نڪو ساٿ، سکي پاڻ اڪيلا

    ساڻ نڪو ساٿ، سکي پاڻ اڪيلا
    ڪيئن پڄن آس جا ٻئي پار بتيلا

    لڙڪ لڙيا لار جيان پاند پسي پيا
    ڀانءِ ڪڏهن ڪين پيا سانجهه سويلا

    هوش، هڙئي ڌيان کڻي ساڻ هليا ويا
    شهر مڪا ڳوٺ ڏي جو سونهن جا ريلا

    وقت يا بي وقت لٿا درد اکين ۾
    سور سدا دل ۾ گهڙيا يار اويلا

    مون وٽ ته ٽٽل آس ڪيا خوب انڌيرا
    توساڻ صبح شام ستارن جا جهميلا


    تو اماڻي سونهن مونڏي مون اماڻيا چنڊ

    تو اماڻي سونهن مونڏي مون اماڻيا چنڊ
    مار! سي سڀ آڱرين تي تو نچايا چنڊ

    ماڻڪين ۾ موهه جا الماس ٽاڪي تو ڇڏيا
    کوڙ نظرن سان اکين مان تو اڀاريا چنڊ

    جسم جي ڀوري اڱڻ تي حسن جا جهولا اڏي
    رات جي وڳڙي ۾ گوريءَ پئي جهلايا چنڊ

    چاندنين جا ريج ڏيئي پيار کي پوکيان پيو
    دل جي بنجر سرزمين تي مون اپايا چنڊ

    من اڱڻ تي ديپ ٻاريا پوپري ڪي پيار جا
    بدخواهن ساڙ ڌاري سي اجهايا چنڊ


    جگر تئي تي تري جيئون ٿا

    جگر تئي تي تري جيئون ٿا
    اکين ۾ ٽانڊا ڀري جيئون ٿا

    صفا اڪيلا صفا ننڌڻڪا
    نه ڄاڻ ڪنهنجي ڪري جيئون ٿا

    ضمير چئي ٿو جيئڻ نه گهرجي
    مگر اوهان کان پري، جيئون ٿا

    اميد ڪونهي، ڪا آس آهي
    متان ڪڏهن هو وري، جيئون ٿا

    ذهن جي اوندهه ختم ٿئي من
    ڪو ديپ دل ۾ ٻري، جيئون ٿا

    نظر کي هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڏيئي
    نگاهه توتي ڌري جيئون ٿا


    تنهنجي ايندي ئي محفل مچي ٿي پوي

    تنهنجي ايندي ئي محفل مچي ٿي پوي
    دل چري هي تِريءَ تي نچي ٿي پوي

    مان ته پيئڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو مگر
    پو به تنهنجي حصي جي بچي ٿي پوي

    هر ڪچي، ڪونئري، نرم، نازڪ ڪلي
    عشق آويءَ ۾ ڪيڏو پچي ٿي پوي

    سِر تريءَ تي کنيو ٿا وتون يار لئه
    هوءَ به جيڪر اسان سان سچي ٿي پوي

    ٻئي جي تن تي چُني جا ٺهي ڪين ٿي
    تنهنجي تن تي سا ڪيڏو جچي ٿي پوي

    پنهنجي مرضي جي مختيار آهي مٺي
    هوءَ اچانڪ جو هنج ۾ اچي ٿي پوي

    ماٺ ڌڙڪن ڪٿي ڪو ٻڌي نه وٺي
    ڳالهه نڪري متان ڪا ڪچي ٿي پوي



    اوهانجي نيڻ بتيءَ مان اسانکي روشنيون گهرجن

    اوهانجي نيڻ بتيءَ مان اسانکي روشنيون گهرجن
    سکي! رنگين چنريءَ مان اسانکي روشنيون گهرجن

    ڪنوارو رس ڀريو جوڀن لڳي ڏاڙهونءَ جيان ڳاڙهو
    انهيءَ نوخيز عمريءَ مان اسانکي روشنيون گهرجن

    ڪنول جو گل سجايو تو لٿو ڄڻ چنڊ وارن ۾
    سندءِ وارن جي چوٽيءَ مان اسانکي روشنيون گهرجن

    سڀن جي ديد جو محور بڻي آهي ڦلي نڪ جي
    ان ئي انمول موتيءَ مان اسانکي روشنيون گهرجن

    اسان ليکڪ اسان شاعر کرو سوچيون کرو ٻوليون
    سدائين سوچ اجريءَ مان اسانکي روشنيون گهرجن



    حساس سوچون جوان جذبا وڃي به ماڻهو وڃي ته ڪاڏي

    حساس سوچون جوان جذبا وڃي به ماڻهو وڃي ته ڪاڏي
    هٿان حسينن رهياسين لٽبا وڃي به ماڻهو وڃي ته ڪاڏي

    گهٽي گهٽي ۾ نقاب پوشن دليون هزارين لٽيون ڦريون هن
    اسان به دل سان رهون ٿا ڦربا وڃي به ماڻهو وڃي ته ڪاڏي

    چپي چپي تي چپن کي اڄ ڪلهه اکيون چمن پيون
    مزا سمورا نظر سان جهٽبا وڃي به ماڻهو وڃي ته ڪاڏي

    کلي ڳالهايون تڏهن به ڏوهي روئي ڳالهايون تڏهن به ڏوهي
    معيار ڪيڏا وڃن ٿا مٽبا وڃي به ماڻهو وڃي ته ڪاڏي

    پيون جيون پيا، جيون پيون پيا شراب اک مان
    هي شوق پنهنجا ڪڏهن نه گهٽبا وڃي به ماڻهو وڃي ته ڪاڏي

    ڪڏهن نه جنهن آ سڏي ويهاريو سفاڪ ڀر ۾
    وري به ان جا ئي مانَ رکبا وڃي به ماڻهو وڃي ته ڪاڏي



    برباد ڪيو آ تو موئن جي دڙي وانگي

    برباد ڪيو آ تو موئن جي دڙي وانگي
    پر پوءِ به توسان جيءَ زنجير ڪڙي وانگي

    ڳل ڳاڙهي تي ڪارو آڪاش مٿان تارو
    چمڪي ٿو پيو ڪو تر جهمڪيءَ ۾ ٻڙي وانگي

    ڪي نيڻ نديءَ جهڙا ٻي پار جي لاري تي
    وچ سير ۾ ٻوڙي ويا سهڻي جي گهڙي وانگي

    ڪا مرڪ نچائي وئي من مور پکي ٿر جو
    ڏينهن رات وڄي ٿو پيو ڪنهن چنگ چڙي وانگي

    ڪلهه رات حجابن جا سڀ بند ٽٽا هڪدم
    هن نانءُ کنيو منهنجو جيئن، اوءِ اڙي! وانگي

    هر ڳالهه تي ٽوڪين ٿو ڇو پيار کان روڪين ٿو
    بيرحم! روش تنهنجي ڪڙڪي پئي ڳڙي وانگي


    هٿن تي مينديءَ جا خواب پوکي

    هٿن تي مينديءَ جا خواب پوکي
    هروڀرو پئي عذاب پوکي

    پٿر جي نيڻن مٿان اياڻي
    نظر جا ويٺي گلاب پوکي

    ادب جا کيتر وري کڙي پيا
    نئين ٽهي پئي ڪتاب پوکي

    چپن جي رپڙين مٿان اوهان لئه
    چميون ڇڏيون بي حساب پوکي

    نقابي چهرن دليون جهٽڻ لئه
    ڇڏيا اکين ۾ عقاب پوکي

    ڪلين جيان هُو ڪوماڻجي ويو
    بدن ۾ بيحد حجاب پوکي



    عذاب هر پل اڃا به آهي

    عذاب هر پل اڃا به آهي
    رڳن ۾ هلچل اڃا به آهي

    سکي جي ويندي وڌا ها ڀاڪر
    بدن ۾ جل ٿل اڃا به آهي

    خيال پنهنجا بڻيا نه غالب
    بغل ۾ بوتل اڃا به آهي

    پيار ساقي قرار ماڻيون
    شراب گهربل اڃا به آهي

    زمين سنڌ جي لهو لهو ٿي
    گهٽين ۾ ڪربل اڃا به آهي

    ڪري جو ڌرتيءَ جي ڳالهه تنهن لئه
    تيار مقتل اڃا به آهي

    حسين چهرا پڙهي وڃي ڀل
    اکين کي موڪل اڃا به آهي



    ڪا ياد تري رات وري نيڻ ڀڄي پيا

    ڪا ياد تري رات وري نيڻ ڀڄي پيا
    محبوب سوا ڪا نه سري نيڻ ڀڄي پيا

    بيتاب نظر تاب حسن منجهه هٿيڪي
    هن چڻنگ منجهان باهه ٻري نيڻ ڀڄي پيا

    آ موج ۾ موسم ۽ ٿڌي هير گهلي پئي
    ۽ تون به پري رات ٺري نيڻ ڀڄي پيا

    آڪاش مان هُو سج به شعلا پيو اڇلي
    آويءَ ۾ سڙيا خواب ڳري نيڻ ڀڄي پيا

    سڀ درد پڳا ڪرب پڳا فرقتون پهتيون
    پهتي نه مگر قُرب ذري نيڻ ڀڄي پيا

    اڄ لوڪ جا محبوب وريا مان ئي اڪيلو
    ڀلجي به ڪڏهن اک نه ڦري نيڻ ڀڄي پيا


    مان مڃان ٿو کڻي چنڊ تارا نه ها

    مان مڃان ٿو کڻي چنڊ تارا نه ها
    گيت ايڏا به منهنجا ڪسارا نه ها

    مان به ساحل تي پهچي وڃان ها مگر
    حسن جي جل نديءَ کي ڪنارا نه ها

    نور آهي اکين جو نچوڙي لکيو
    منهنجون لکڻيون نقل يا اُتارا نه ها

    پڪ پڪاڻيون ڪيونسين پٿاري نظر
    چاهه ٿي پيو چٽو اڄ اشارا نه ها

    پاڻ کي پدمڻي مون حوالي ڪيو
    رات سکڻا اسان وٽ گذارا نه ها

    هن پراڻي مَٽن مان پياريو جڏهن
    پو ته موکي هئي پر متارا نه ها

    هو بخاري جو سهڻو غزل پئي لڳي
    لفظ پورا پنا ڪي واڌارا نه ها



    تنهنجي در کانسواءِ پير ڪاڏي وڃي

    تنهنجي در کانسواءِ پير ڪاڏي وڃي
    تون ٻُڌا اي سکي! هير ڪاڏي وڃي

    تو ته ٽوڙي ڦِٽي ڪئي ڳِليءَ ۾ مِٺي!
    هاڻ هي نڌڻڪي ڇير ڪاڏي وڃي

    سا اڱڻ تي اڃا تائين موجود آ،
    تو ڇڏيو ڳوٺ کي ٻير ڪاڏي وڃي

    روپ سج ڌج سان سنوَري سَگهي ٿو مگر
    من ۾ رهجي ويل مير ڪاڏي وڃي

    چودڳي تي گڏياسين اچانڪ ٻيئي
    سوچ ۾ سج لٿو، ڪير ڪاڏي وڇي

    تو ته اُڇلي ڇڏيا سڀ بنا سوچَ جي
    تنهنجي ويڻن سندو ڍير ڪاڏي وَڃي



    شخص هڪڙو اڃا تائين وسري نٿو

    شخص هڪڙو اڃا تائين وسري نٿو
    جنهن بنا پنڌ جيون جو نبري نٿو

    رت جگر جو ڏنو آ مگر پوءِ ڀي
    عڪس ڌنڌلو آهي نقش نکري نٿو

    اي سکي نيڻ پنهنجا ڪٽورا ته کڻ
    ديد کي ڏي اڇل ساهه نڪري نٿو

    ڪنهن مسيحا ڏسي نار هڪدم چيو
    موت ويجهو اٿس پو به سڌري نٿو

    هن دغا جي ڪِني دور ۾ ڀي جميل
    جي ڪو وعدو ڪري پوءِ مڪري نٿو



    وار ڇوڙيا وڻن ۽ هوائون رُنيون

    وار ڇوڙيا وڻن ۽ هوائون رُنيون
    منهنجِي حالت ڏسي ڪهڪشائون رُنيون

    سنڌ جي سينڌ ميري ۽ اڻڀي ڏسي
    ڪاڳرن تي ڪويءَ جون ڪلائون رُنيون

    ڪِيس ڪيڏا ستمگر ڪيا دل مٿان
    سينا ڪُوبي ڪري اڄ هلائون رُنيون

    بيوفا تُنهنجو ارمان ڪهڙو ڪجي؟
    هٿ مٿي تي هڻي پئي وفائون رُنيون

    تو ڏٺو تُنهنجون پنهنجون سموريون پرين!
    رات محفل ۾ قاتل ادائون رُنيون


    آڪاش آهي ڳاڙهو بي ڏوهه ڪُٺي هوندي

    آڪاش آهي ڳاڙهو بي ڏوهه ڪُٺي هوندي
    بدقسمت نياڻيءَ کان تقدير رُٺي هوندي

    بندوق جي فائر کان پهرين هو ورانڊي ۾
    ڪيڏو نه رڙي هوندي ڪيڏو نه ڊُڪي هوندي

    جا پَٽ تي پيئي آ بيهوش نڌڻڪن جيئن
    سا ڀيڻ نه ڪا ماسي سا ماءُ مُٺي هوندي

    تو لاءِ ته ڪاري هئي هوءَ کير جهڙي اُجري
    ڪجهه سوچ ته ڪر ظالم ڪنهن لاءِ سُٺي هوندي

    ڇا ڪنهن نه ٻڌو هوندو ڇا ڪو نه اٿيو هوندو
    جنهن مهل اَسُر ڌاري بندوق ڇُٽي هوندي


    نيڻن ۾ خوابن جا ڪيئي لاش پيل آهن

    نيڻن ۾ خوابن جا ڪيئي لاش پيل آهن
    تڏهن ته مٺي منهنجا هي نيڻ ڀنل آهن

    لکڻين جي وڻن مان اڄ شاخون ٿي ڦٽا جملا
    هر لام تي لفظن جا زيتون جهڪيل آهن

    ڪنهن ڦوهه جواني جا اکڙين ۾ ٿيا آرا
    پنبڻين جي ڪنارن تي ڄڻ ديپ ٻريل آهن

    سؤ ساٿ مليا ليڪن هڪ ساٿ نٿو وسري
    اڄ تائين خيالن ۾ سي شخص ستل آهن

    ڪڏهن به اسان سان هوءَ گوڏو نه گڏي ويٺي
    ديدن جي عبادت ۾ ڪيڏا نه خلل آهن

    منزل تي رسڻ کان اڳ ڇو پير پساريا ٿئي
    اٿ پنڌ ڪيون جيڏا ڪي پنڌ ڳپل آهن

    ڪر شوق کنيا، قاتل ! ڪر دير نه وڍ انگڙا
    هي سنڌ سندا نعرا جذبن جي اٿل آهن



    هن هنج ۾ ويهي جو اڄ ڪنڌ لڏايو پئي

    هن هنج ۾ ويهي جو اڄ ڪنڌ لڏايو پئي
    مون پنهنجي جهوليءَ ۾ ڄڻ چنڊ جهلايو پئي

    ڪلهه سمنڊ ڪناري تي ڪن ڦوهه جوانيءَ ۾
    ڇولين جيئن ڇال ڏيئي ڇاتين کي ڇلايو پئي

    ماکيءَ کان گهڻي مٺڙي ڪوئل جي مڌر ٻولي
    آواز سريلو ڪو اڄ واءُ گهلايو پئي

    ڪي گيت سکين ڳاتا شاديءَ جي موقعي تي
    ڄڻ اڀ مٿان گڏجي ڪونجن ڪرلايو پئي

    مون پيار مان هئي پاتي هڪ وار رڳو جهاتي
    ماڻهن ته الائي ڇا مون لاءِ هلايو پئي

    ڪم ڪار ڇڏي سارا هڪ عمر رهيس هن سان
    رُلڻو ته نه هو شايد تقدير رلايو پئي

    واريءَ تي لکيل نالو مان ڪو نه هيس سانئڻ!
    تو ڪيئن سکي مونکي يادن مان ڀلايو پئي


    هو هلڪي مينڍ ڏئي مرڪي چپن تي چنگ جهومي پيا

    هو هلڪي مينڍ ڏئي مرڪي چپن تي چنگ جهومي پيا
    نظر سان جيئن نظر اٽڪي بسنتي رنگ جهومي پيا

    صدين کان جا هئي پياسي ڏسي محبوب کي سامهون
    اڃايل دل جي ڌرتيءَ جا هڙيئي انگ جهومي پيا

    وڇوڙي داغ فرقت جا ڏنا بي رحم ها اهڙا
    وصل ويلي جدائيءَ جا جسم تي ڏنگ جهومي پيا

    وٺو سانوڻ ڦٽي ميندي خوشين جي رُت وري آئي
    سکين سُر سان چيا لاڏا سڀيئي سنگ جهومي پيا

    وري جو ديس جا دودا وٽي شهپر اٿي بيٺا
    ته ٻاگهل ساڻ گڏ سارا اسانجا ننگ جهومي پيا

    هتان هو روپلو ڪولهي بلاول، هوش ۽ دولهه
    هنيائون سنڌ جا نعرا وطن جا دنگ جهومي پيا


    بڻي هر دور جو ڀڻڪو صدائن مان جنم وٺبو

    بڻي هر دور جو ڀڻڪو صدائن مان جنم وٺبو
    ٻُري ڪنهن گيت وانگر پيو ڪلائن مان جنم وٺبو

    پرهه جو پيار ٿي ڦٽبو نئون اقرار ٿي اٿبو
    جفائن جا مروڙي ڪنڌ وفائن مان جنم وٺبو

    اکين کي آب ۾ ٻوڙي جگر ۾ تير ڪي کوڙي
    اڪاري عشق جو درياهه گهٽائن مان جنم وٺبو

    امرتا ماڻبي اهڙي جو ريسون پئي ڪندي دنيا
    رُتن کي رقص ۾ آڻي فضائن مان جنم وٺبو

    اسان جا خواب چيڀاٽيو اميدن کي ڀلي ماريو
    بڻي ڪو آڳ جو شعلو چتائن مان جنم وٺبو



    سکي جي مرڪ انڊلٺي نڪوري خيال وانگي آ

    سکي جي مرڪ انڊلٺي نڪوري خيال وانگي آ
    ادا معصوم البيلي نئين ڪنهن سال وانگي آ

    کڻي پنبڙيون کنون کنوڻيون ڪڪر ڄڻ ڪر پيا موڙن
    سندس لهجو موسيقيءَ جي لئي سرتال وانگي آ

    طبعيت شوخ نخريلي ٽهڪ ٽيڙو جيان ڀاسن
    نظر جي هر اڇل واضح هرڻ جي ڇال وانگي آ

    بظاهر سادڙي سودي رکي تارن ۾ ٿي تبرون
    روحاني پهچ به هن جي قلندر لال وانگي آ

    هٿن ۾ هٿ وٺي جنهنجو انهيءَ کي خوب ڳل لائي
    ڪري حملا مٿس جيڪو انهيءَ لاءِ ڍال وانگي آ

    ڪچهريون قرب جون قائم رکي مولا سدائين شل
    وٽس هڪڙي گهڙي گهارڻ لڳو سؤ سال وانگي آ

    ملون رويون ڇڄون تڙ پون نه هيئن راضي نه هونءَ راضي
    اسان جي عشق جو قصو سهڻي ماهيوال وانگي آ



    اکيون جو اوچتو اٽڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو

    اکيون جو اوچتو اٽڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو
    دليون ٻئي ڪيف ۾ ڌڙڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو

    پهر پويان پهر گذريا ملاقاتون ويون وڌنديون
    بدن جون خواهشون ڀڙڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو

    درن کي ٻيڪڙي ڇڏ ۽ هليو آ هنج منهنجي ۾
    کليل رهجي ويون کڙڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو

    زماني جي روش پنهنجا ڪي رشتا هيئن ٽوڙيندي
    کنوڻ جيئن سازشون ڪڙڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو

    ڪيا تو مان ملي جيڪي سفر سارا اجايا ويا
    دڳن ۾ ڪاوشون ڦتڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو

    ٻئي گم سم رهياسين ۽ سموري لوڪ جون نظرون
    مٿان تلوار ٿي لٽڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو

    گهرائي ڪرب جون فوجون گڏائي درد جا لشڪر
    جدايون دل مٿان ڪٽڪيون نه تو سوچيو نه مون سوچيو


    ڀڳي جيئن جو مٽي مينهن ۾ سڀئي سنسار مهڪي پيا

    ڀڳي جيئن جو مٽي مينهن ۾ سڀئي سنسار مهڪي پيا
    ٿيون هر جاءِ سرهايون پرين جا پار مهڪي پيا

    هوا جي تال تي تانون ۽ پلٽا پئي هڻي بارش
    ٿرين جا ڀاڳ جاڳي پيا، وري ڪوهسار مهڪي پيا

    گهٽائن جون ڏسي مستيون جوانيون جوش ۾ آيون
    اڀا ٿيا وار نارين جا ٻڍا ۽ ٻار مهڪي پيا

    خلا ۾ روز دونهن جا جتي دنيا ڇڏيا گولا
    دونهاٽيل واءُ اجرو ٿيو، سڄا پولار مهڪي پيا

    ڇڏيا ساڙي ها سوڪهڙي پنن ۾ ساهه پئجي ويو
    ويون ڌوپي پتيون گل جون وڻن جا ٽار مهڪي پيا

    ملهائڻ مند جي ڪارڻ ٽٽل ناتا به ڳنڍڻا پيا
    ٿيا ميلاپ هڪ ٻئي سان پراڻا پيار مهڪي پيا

    سکر، مورو، مٺي، ميهڙ، سجاول، ڄامشورو ۽
    دڙو، دادو، ٽندوآدم، پنو، تلهار مهڪي پيا

    صدين جا ٿڪ لٿا جهٽ ۾ وڄي پيا ساز قربت جا
    کلي هڪدم کيڪاريو تو دٻيل اظهار مهڪي پيا


    آواز اٿيا آهن، اڀ تائين پڄن شايد

    آواز اٿيا آهن، اڀ تائين پڄن شايد
    گجگوڙ گهٽائن جا، ٻوڙا هي ٻُڌن شايد

    مون خواب سجايا جي، اکڙين جي اشارن تي
    شل سونهن جا سپنا هي، مون ساڻ هُجن شايد

    هر موڙ تي ماڻهن آ، مون لاءِ سِٽي سازش
    هي پير ٿڪل آهن، منزل تي پُڄن شايد

    ڪنهن آه هنئي اهڙي، سڪرات وٺي ويئي
    ڪنهن شوخ حسينا جو، پورو ٿيو سُخن شايد

    هر آس جي پويان ڇو؟ نئين آس کڻي ٿي ڪر
    هينئڙي ۾ هزارين ٿا، ويساهه هُڳن شايد

    اکڙين کان اڃا تائين، ڇو ننڊ رٺل آهي
    احساس جي لامن تي، ٿا خيال لُڏن شايد

    مون راهه مٿان جيڪي، گلنار آهن پوکيا
    بي ذوق جي پيرن ۾، ڪنڊا ٿي چُڀن شايد

    هر شعر جي هر بند ۾، جذبا جي ڀريان ٿو پيو
    ممڪن آ انهن مان، ڪي طوفان اُٿن شايد

    خاموش هوائن جا، سرٻاٽ سڻان ٿو پيو
    ماحول پيو مَٽجي، پيا مچ مَچن شايد

    پن ڇڻ جي مند ڏسي، مايوس نه ٿي شاعر
    آئندهه بهارن جا پيغام هجن شايد





    سرد جيون جا سال ماٺيڻا

    سرد جيون جا سال ماٺيڻا
    ٻول! ٻهڪن خيال ماٺيڻا

    لفظ سڀ بي زبان ، گونگا ڄڻ
    تنهنجي آڏو ڪمال ماٺيڻا

    سار چرخا ڪتي پئي ماضيءَ جا
    ڳوٺ، منظر ۽ حال ماٺيڻا

    مرڪ پلٽيا ترنگ محفل ۾
    سر سنگيت تال ماٺيڻا

    چنڊ اڀريو ته ماٺ ويڙهي وئي
    سونهن ، حسن و جمال ماٺيڻا

    تنهنجو هڪڙو جواب نهڪر ۾
    منهنجا سارا سوال ماٺيڻا


    ڪين ڪڏهن هي کُٽي ٿي شاعري

    ڪين ڪڏهن هي کُٽي ٿي شاعري
    روح منهنجي مان ڦٽي ٿي شاعري

    نت نيون سوچون ٿي اوتي شعر ۾
    سونهن لفظن جي لُٽي ٿي شاعري

    خيال جا بارود بندن ۾ ڀري
    دُونَ دشمن جا چُٽي ٿي شاعري

    ڪا حسينا هت سماجي خوف کان
    روز نڙگهٽ ۾ گُهٽي ٿي شاعري

    رات جو پوئين پهر جي سانت ۾
    ڄڻ ستارا ٿي ٽُٽي ٿي شاعري

    سوچ منهنجي صبح توڙي شام جو
    ذهن ـــ اُکريءَ ۾ ڪُٽي ٿي شاعري



    ڇو نه سوچن ۾ سجايون روشني

    ڇو نه سوچن ۾ سجايون روشني
    اُٿ ! انڌيرن ۾ ورهايون روشني

    سوجهرن جي آ ضرورت سنڌ کي
    گهر ، گهٽي ، واهڻ پڄايون روشني

    روشنين جو شهر اوندهه ۾ ٻڏو
    نئين سري سان اچ گڏايون روشني

    درسگاهن ۾ انڌن جو راڄ آ
    آءُ مڪتب جي بچايون روشني

    علم جون ٻاري ڏياٽيون ڏيهه ۾
    روح پنهنجي ۾ رچايون روشني

    ديس اوندهه ۾ ٻڏي پيو دوستو !
    چنڊ تارن جي چورايون روشني



    هڪڙي پل ۾ پهر گذري ٿا وڃن

    هڪڙي پل ۾ پهر گذري ٿا وڃن
    سوچ مان سئو شهر گذري ٿا وڃن

    سهپ جي رستن مٿان مغرور ٿي
    ڪيترائي قهر گذري ٿا وڃن

    خواب جي اجري نگر ۽ نينهن مان
    هوش ڌاري ڳهر گذري ٿا وڃن

    عشق جي انجام کان سڀ باخبر
    پوءِ به ان مان دَهر گذري ٿا وڃن

    شاعريءَ جي رقص ۾ مدهوش ٿي
    ڄڻ ڀٽن جا ڏهر گذري ٿا وڃن

    رنگ ڪليون نازڪ لتاڙي روز ئي
    باغ ڀيلي نَهر گذري ٿا وڃن



    لِيڙ لِيڙان، لِيڙ لِيڙان زندگي

    لِيڙ لِيڙان، لِيڙ لِيڙان زندگي
    پيڙ پيڙان، پيڙ پيڙان زندگي

    ڪا گهڙي هن ساهه کي ساهي نه آ
    ڀيڙ ڀيڙان، ڀيڙ ڀيڙان زندگي

    پن جي ٻيڙي جيان ٻرندو وتان
    ٻيڙ ٻيڙان، ٻيڙ ٻيڙان زندگي

    گهاءُ جا گُهوڻا ڏنگيندا ٿا رهن
    ڪِيڙ ڪِيڙان، ڪِيڙ ڪِيڙان زندگي

    ڪُوڪ ڪُوڪان، ڪُوڪ ڪوڪان آ ابوهه!
    ريڙ ريڙان، ريڙ ريڙان زندگي

    چيڙهه جيئن چهٽي پوي ٿي چاهه کي
    چيڙ چيڙان، چيڙ چيڙان زندگي


    حُسن جي جيڪو اسيريءَ ۾ رهيو

    حُسن جي جيڪو اسيريءَ ۾ رهيو
    ڪجهه نه هوندي ڄڻ اميريءَ ۾ رهيو

    من هي فاسق ۽ نه دَهريو عشق جو
    عمر ساري آ فقيريءَ ۾ رهيو

    پيار جا پيغام ورڇيندي سدا
    من محبت جي سفيريءَ ۾ رهيو

    نقش جي مِٽجي وڃڻ کان پوءِ ڀي
    شخص هڪڙو يادگيريءَ ۾ رهيو

    من جوان جذبن سان جيئرو آ اڃا
    ڇا ٿيو جي جسم پيريءَ ۾ رهيو

    هوءَ اکين جي آستان ۾ ايئن رهِي
    ڄڻ ڪنول ڪو ڍنڍ نيريءَ ۾ رهيو

    ڪو مسافر قافلي کان جو ٽُٽو
    زندگي ڀر راهگيريءَ ۾ رهيو

    سو نه ڀٽڪيو راهه کان تِر جيترو
    جو به تُنهنجي دستگيريءَ ۾ رهيو

    هُو وڏو شاعر اڪابر هو مگر
    زندگي ڀر بي ضميريءَ ۾ رهيو


    وکريل سوچون ساغر ڌنڌلا

    وکريل سوچون ساغر ڌنڌلا
    ماٽ اکين ۾ منظر ڌنڌلا

    پيٽ گرهه جي گردش ، لُڇ پُڇ
    سونهن جا اجرا ساگر ڌنڌلا

    ميت پڄاڻان ڏات اجهاڻي
    ساهت ڌنڌلي ڪاڳر ڌنڌلا

    ساجن آڏو رت جا رشتا
    مِٽ ۽ مائٽ، مادر! ڌنڌلا

    چنڊ، ستارا، سورج ماٺو
    عڪس به آهن اڪثر ڌنڌلا

    يار بنا سينگار سمورا
    چوڙيون، بُولا، بينسر ڌنڌلا


    ڳاڙها ڳاڙها ويس ٿي پايان سپنن جا

    ڳاڙها ڳاڙها ويس ٿي پايان سپنن جا
    ڪيئن مان ڪاڪ محل هي ڊاهيان سپنن جا

    سرها سرها خيال سجائي نيڻن ۾
    سپنن جهڙا شهر ٿي اڏيان سپنن جا

    پوءِ به اکيون هر وقت رهن ٿيون خوابن ۾
    ڪيڏا ڀاري ڀُنگ ٿي ڀريان سپنن جا

    سنڌوءَ جي ميرانجھين ڇلندڙ ڇولين کي
    نيرا نيرا نيڻ ٿِي ارپيان سپنن جا

    گيڙو گيڙو رنگ رتو احساسن جو
    سهڻا سندر رنگ ٿي چاهيان سپنن جا

    ريشم جهڙا خواب نه موڪل نيڻن ڏي
    دل ٿي چاهي هنڌ وڇايان سپنن جا




    درد گهٽجي نه ٿو وڃان ڪاڏي

    درد گهٽجي نه ٿو وڃان ڪاڏي
    وقت ڪٽجي نه ٿو وڃان ڪاڏي

    انگ انگ ۾ اٿل پٿل آهي
    گهاءُ ڀرجي نه ٿو وڃان ڪاڏي

    حادثو هو مڃيم ويو گذري
    ڌيان مَٽجي نه ٿو وڃان ڪاڏي

    من جي ميَت اڃا ڪلهن تي آ
    لاش لٽجي نه ٿو وڃان ڪاڏي

    عشق سڏڙا ڪري ٿو پيريءَ ۾
    مونکان وڃجي نه ٿو وڃان ڪاڏي

    هن تي آهن هزار ٿورا پر
    هڪ به مڃجي نه ٿو وڃان ڪاڏي


    وقت سِر آهي سنڀاليو پاڻ کي

    وقت سِر آهي سنڀاليو پاڻ کي
    هو ذري گهٽ مون وڃايو پاڻ کي

    پٿرن تي ڪو اثر ئي ڪا نه ٿيو
    روز توڙي مون جلايو پاڻ کي

    خودڪشيءَ جي مان هيس گهيراءُ ۾
    شاعري سرجي بچايو پاڻ کي

    پنهنجي جيون سان ڪري مون پيار خود
    پاڻ ئي آهي سجايو پاڻ کي

    يار جي ئي ذڪر ۽ اذڪار سان
    روح تائين آ رچايو پاڻ کي

    با وفا سان بي وفايون پئي ڪري
    آ سدائين تو لڄايو پاڻ کي



    جوڀن هٿ مان نڪري ويو آ

    جوڀن هٿ مان نڪري ويو آ
    جيون هٿ مان نڪري ويو آ

    مضبوطيءَ سان کوڙ جهليم پر
    دامن هٿ مان نڪري ويو آ

    اجري اجري ڦول ڪنول جو
    پن پن هٿ مان نڪري ويو آ

    سونهن سندي سرهاڻ تي هرکِي
    تن من هٿ مان نڪري ويو آ

    ساٿ بنا هي ساهه منجهي ٿو
    ساجن هٿ مان نڪري ويو آ

    پنهنجي هٿ سان رات سمهاري
    رانجهن هٿ مان نڪري ويو آ




    سال گذريا اکيون سُتيون ناهن

    سال گذريا اکيون سُتيون ناهن
    تو جي ٻاريون بتيون اجهيون ناهن

    اڄ به تنهنجي اڱڻ ڏي ڪاهن ٿيون
    ٿاڪ پنهنجا چَريون ڀُليون ناهن

    تنهنجي آغوش جي پناهن ۾
    رات ڀر هِي رهيون رُليون ناهن

    تون ئي چئُه تو مٿان هي ويچاريون
    هير بڻجي هُليون گُهليون ناهن ؟

    توکي لوريون ڏيئي سمهارن ٿيون
    ان کان پهرين لٿيون اُلهيون ناهن

    ڪنهنجي سڪ سار ۾ ٿيون آليون
    سمنڊ وانگي جُهليون ڇُليون ناهن ؟


    ٻرڻ کان سوا ڪي سويرا نه ٿيندا

    ٻرڻ کان سوا ڪي سويرا نه ٿيندا
    ٻري جي پئون پوءِ انڌيرا نه ٿيندا

    پنهنجي سنڌ ۾ راڄ پنهنجو جي هوندو
    لٽا ڪنهن به نياڻيءَ جا ميرا نه ٿيندا

    پياريون پيا کير نانگن کي اڄ ڀي
    ڪڏهن نانگ ڪارا هي ڳيرا نه ٿيندا

    ٿيون جي غلاميءَ مان آزاد ساٿي !
    پَرايا ڪنهن هاريءَ جا ديرا نه ٿيندا

    گهٽائي وڇوٽيون ٿيون ٿا جي متحد
    رياست هٿان جسم ٻيرا نه ٿيندا

    اتم شاهه جو آ رسالو اسان وٽ
    تنهنجا سون پارس مٿيرا نه ٿيندا


    شاعريءَ لئه ڏات گهرجي ڏانءُ گهرجي

    شاعريءَ لئه ڏات گهرجي ڏانءُ گهرجي
    سمنڊ جيڏو ويڪرو ڪو هانءُ گهرجي

    خيال جنهن ۾ اڻ ڇهيا پيا لاهجن
    صنف جو اهڙو نڪورو ٿانءُ گهرجي

    ذهن جي اصلاح گهرجي ڪا نه ٿي
    ليکڪن کي ڇو فقط ٿو نانءُ گهرجي

    ڪا نه ٿيون هاڻي پڄن رولاڪيون
    روح کي ڪنهن ساٿ جي ٿي ڇانءُ گهرجي

    جو وڃي نياپا کڻي افلاڪ تي
    برق کان ڀي تيز ڪوئي ڪانءُ گهرجي



    ڏاڍ جي ٿي انتها ناهي ته ڇا هي

    ڏاڍ جي ٿي انتها ناهي ته ڇا هي
    سنڌ اڄ ڪلهه ڪربلا ناهي ته ڇا هي

    لونءَ ٿي ڪانڊارجي هر ڪوڪ تي
    قوم تي قائم قضا ناهي ته ڇا هي

    سنڌ جو هر شهر ڀڙڪِي باهه ٿيو
    روز جِي قيامت بپا ناهي ته ڇا هي

    لڄ، لوئي جو تقدس ڪين آ
    ملڪ هي ماتم ڪدا ناهي ته ڇا هي

    جو سسيون ٿو لوڪ جون لُڻندو وتي
    سو زماني جو خدا ناهي ته ڇا هي

    ڀائپي ۽ ميزباني جي ڏني
    تو اسان کي هي سزا ناهي ته ڇا هي

    منحرف ٿي بيهه رهين ٺهراءُ جو
    اي مسلمان ! هي دغا ناهي ته ڇا هي


    پرين ! اک جي ڪنارن کي خماريو ٿا ته ماريو ٿا

    پرين ! اک جي ڪنارن کي خماريو ٿا ته ماريو ٿا
    نظر کي نينهن ۾ ٻوڙي اڀاريو ٿا ته ماريو ٿا

    هٽائي زلف چهري تان متان آڻيو قيامت ڪا
    رڳو محبوب ! وارن کي سنواريو ٿا ته ماريو ٿا

    اسان جي نانءُ ۾ آهي رواني ۽ نه ڪا جدت
    مگر آواز پنهنجي ۾ اچاريو ٿا ته ماريو ٿا

    نچن ٿيون نانگڻيون ڄڻ ڪي هوائن ۾ فضائن ۾
    هوا ۾ وار ڪارا جئن اڏاريو ٿا ته ماريو ٿا

    اوهان شاعر نظارن جا زمين ۽ چنڊ تارن جا
    اوهان ڪوتا کي ڪاڳر تي اتاريو ٿا ته ماريو ٿا

    اسان مشتاق، ماڻن تي ڪُسڻ وارا مرڻ وارا
    رڳو خالي نگاهن کي اُلاريو ٿا ته ماريو ٿا


    وير تي وار ٿي سگهي ناهي

    وير تي وار ٿي سگهي ناهي
    قوم بيدار ٿي سگهي ناهي

    جيڪا ڌرتيءَ تي آجپو آڻي
    سوچ سا تيار ٿِي سگهي ناهي

    مان جي محبت ڪا ٿِي سگهيو ناهيان
    هوءَ به ڪو پيار ٿي سگهي ناهي

    کوڙ ڪوشش ڪيائين ڪَٽجڻ جي
    پاڻ کان ڌار ٿي سگهي ناهي

    منهنجي طبيعت شروع کان سنجيده
    کيچلي ٻار ٿي سگهي ناهي

    لوڪ رهڙيو لتاڙيو هن کي
    موٽ ۾ خار ٿي سگهي ناهي


    عشق آويءَ ۾ جو جُکيو آهي

    عشق آويءَ ۾ جو جُکيو آهي
    حسن ان جي اڳيان جُهڪيو آهي

    ڪيئن ماٺو ڪيان مان يادن جو
    يار! اوٿر وري اُٿيو آهي

    دل کي سيني منجهان ڪڍي ٿو سگهان
    توکي منُ مان ڪڍڻ ڏکيو آهي

    ويهه! سڪ هي صدين جي لاهيان مان
    روح هن سونهن جو بُکيو آهي

    قُرب ، اخلاص آ ڪٿي اڄ ڪلهه
    دين ايمان ڀي رُپيو آهي

    سچ جو ملهه ٽڪو آ ماڻهن وٽ
    ڪوڙ سوني جيان تُريو آهي

    ڪيئن آهين، چريا اَياڻا ”جميل“
    حال هُن طنز مان پُڇيو آهي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 690
    ڪتابن جو مشاهدو: 917560
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 310950
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ