ڪتاب جو نالو: خوشحال سنڌ
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 18 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 988 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 276 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي حيواني، معدني ۽ پيداواري وسيلن جي ڄاڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ قدرتي شاهوڪاريءَ جي تفصيلن سان ذڪر ڪيل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي.
هو منڍ ۾ لکي ٿو:
”سنڌ هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي. سنڌ جي معيشت هڪ تاريخي حقيقت آهي ۽ سندس عظمت فخر لائق آهي. مون ڏٺو آهي ته اسان جو نئون نسل ۽ نوجوان طبقو، پنهنجي جنم ڀوميءَ جي تاريخ سان محبت ڪرڻ ٿو چاهي، پر جيئن ته هي سائنسي ۽ معاشي د‌‌ور آهي ۽ هت هڪ هڪ سيڪنڊ ۽ هڪ هڪ منٽ جي پنهنجي اهميت آهي، ان ڪري وڏا وڏا ڪتاب ۽ ڊگها ڊگها مضمون پڙهڻ لاءِ وقت ملڻ مشڪل آهي، ويتر ٽي وي ۽ ڊش انٽينا جي ميسر ڪيل تفريح، واندڪائي ۾ پڙهڻ واري نظريي کي به گهٽائي ڇڏيوآهي. ان ڪري ئي مان نوجوانن لاءِ مختصر ۽ ننڍن مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي سموهي، پنهنجن ديس واسين آڏو پيش ڪريان ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • سنڌ سلامت پاران :
  • انتساب
  • منڍ
  • مهاڳ
  • باب پهريون : تعارف
  • باب ٻيون : زراعت
  • باب ٽيون : حيوانيات
  • باب چوٿون : پکي
  • باب پنجون : متفرقات
  • ڪتابن جي لسٽ

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خوشحال سنڌ“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي حيواني، معدني ۽ پيداواري وسيلن جي ڄاڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ قدرتي شاهوڪاريءَ جي تفصيلن سان ذڪر ڪيل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. هو منڍ ۾ لکي ٿو:
    ”سنڌ هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي. سنڌ جي معيشت هڪ تاريخي حقيقت آهي ۽ سندس عظمت فخر لائق آهي. مون ڏٺو آهي ته اسان جو نئون نسل ۽ نوجوان طبقو، پنهنجي جنم ڀوميءَ جي تاريخ سان محبت ڪرڻ ٿو چاهي، پر جيئن ته هي سائنسي ۽ معاشي د‌‌ور آهي ۽ هت هڪ هڪ سيڪنڊ ۽ هڪ هڪ منٽ جي پنهنجي اهميت آهي، ان ڪري وڏا وڏا ڪتاب ۽ ڊگها ڊگها مضمون پڙهڻ لاءِ وقت ملڻ مشڪل آهي، ويتر ٽي وي ۽ ڊش انٽينا جي ميسر ڪيل تفريح، واندڪائي ۾ پڙهڻ واري نظريي کي به گهٽائي ڇڏيوآهي. ان ڪري ئي مان نوجوانن لاءِ مختصر ۽ ننڍن مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي سموهي، پنهنجن ديس واسين آڏو پيش ڪريان ٿو.“

    هي ڪتاب 1988ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خوشحال سنڌ“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي حيواني، معدني ۽ پيداواري وسيلن جي ڄاڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ قدرتي شاهوڪاريءَ جي تفصيلن سان ذڪر ڪيل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي آهي. هو منڍ ۾ لکي ٿو:
    ”سنڌ هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي. سنڌ جي معيشت هڪ تاريخي حقيقت آهي ۽ سندس عظمت فخر لائق آهي. مون ڏٺو آهي ته اسان جو نئون نسل ۽ نوجوان طبقو، پنهنجي جنم ڀوميءَ جي تاريخ سان محبت ڪرڻ ٿو چاهي، پر جيئن ته هي سائنسي ۽ معاشي د‌‌ور آهي ۽ هت هڪ هڪ سيڪنڊ ۽ هڪ هڪ منٽ جي پنهنجي اهميت آهي، ان ڪري وڏا وڏا ڪتاب ۽ ڊگها ڊگها مضمون پڙهڻ لاءِ وقت ملڻ مشڪل آهي، ويتر ٽي وي ۽ ڊش انٽينا جي ميسر ڪيل تفريح، واندڪائي ۾ پڙهڻ واري نظريي کي به گهٽائي ڇڏيوآهي. ان ڪري ئي مان نوجوانن لاءِ مختصر ۽ ننڍن مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي سموهي، پنهنجن ديس واسين آڏو پيش ڪريان ٿو.“

    هي ڪتاب 1988ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    سنڌ جي تاريخ جي ابي،
    مرحوم و مغفور جناب
    رحيمداد خان ” مولائي شيدائي“ رحه
    جي نالي
    رتي جي رهاڻ، جيءُ اڙايه جت سين


    داداسنڌي


    منڍ

    سنڌ هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي . سنڌ جي معيشت هڪ تاريخي حقيقت آهي ۽ سندس عظمت فخر لائق آهي. مون ڏٺو آهي ته اسان جو نئون نسل ۽ نوجوان طبقو، پنهنجي جنم ڀوميءَ جي تاريخ سان محبت ڪرڻ ٿو چاهي، پر جيئن ته هي سائنسي ۽ معاشي د‌‌ور آهي ۽ هت هڪ هڪ سيڪنڊ ۽ هڪ هڪ منٽ جي پنهنجي اهميت آهي، ان ڪري وڏا وڏا ڪتاب ۽ ڊگها ڊگها مضمون پڙهڻ لاءِ وقت ملڻ مشڪل آهي، ويتر ٽي وي ۽ ڊش انٽينا جي ميسر ڪيل تفريح، واندڪائي ۾ پڙهڻ واري نظريي کي به گهٽائي ڇڏيو آهي. ان ڪري ئي مان نوجوانن لاءِ مختصر ۽ ننڍن مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي سموهي، پنهنجن ديس واسين آڏو پيش ڪريان ٿو.
    مان هن ڪتاب ۾ ٻن ڳالهين کي سامهون رکيو آهي. پهريون ٿورن لفظن ۾ مطلب جي ڳالهه بيان ڪرڻ ۽ ٻيو تاريخ سان گڏ ادبي چاشني ۽ سچا انگ اکر ڏيئي، پنهنجي نئين نسل کي سنڌ جي مڪمل بنيادي معلومات فراهم ڪئي آهي. ڏسان ته مان هن محنت ۾ ڪيترو ٿو ڪامياب ٿيان.
    هن ڪتاب تي مون لاڳيتو ويهه سال محنت ڪئي آهي ۽ ڪجهه مضمون روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جي ٻارن جي صفحي ۾ به ڇپيا هئا، جنهن کي ان وقت پڙهندڙن ڏاڍو ساراهيو هو. محترم سرواڻ انصاري پڊعيدن واري جو هڪ طويل خط ڇپيو هو، جنهن ۾ هن هڪ هنڌ لکيو ته: ” موجوده وقت ۾ هلال پاڪستان ۾ مٺو ۽ معياري مواد اچي رهيو آهي. جنهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. خاص طور تي داداسنڌي جا مضمون آهن، توهان کي گهرجي ته داداسنڌي جي مضمونن سان گڏ ٻيا سٺا مضمون گڏ ڪري، ڪنهن ڪتابي صورت ۾ پيش ڪريو.“
    بهر حال مون کي خاطري آهي، ته هن ڪتاب کي به منهنجن اڳين ڪتابن وانگر سنڌي نوجوان شوق سان پڙهندا. هڪ ڳالهه ڪندو هلان ته هن ڪتاب ۾ جيڪي مون لکيو آهي، اهو ٽيهن سالن جي مطالعي ۽ سوين ڪتابن ۽ مضمونن کي اڳيان رکي لکيو اٿم، پنهنجي طرفان مون صرف هڪ رايو پيش ڪيو آهي. هر مضمون ۾ حوالو، ان ڪري نه ڏنو اٿم جو مضمون جو ” بياني سلسلو“ ٽٽي پوي ها پهرحال هر ڪتاب، اخبار ۽ رسالي جا نالا، پٺيان طويل فهرست ۾ ڏنا اٿم ۽ هڪ امانت به آهي.
    اميد ته منهنجي هي محنت سنڌ واسين کي قبول پوندي، مان حافظ ارشد انڍڙ جو ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي مسودي کي نظر مان ڪڍيو ۽ عالمانه تعارف لکي، ڪتاب جي قدر ۽ قيمت ۾ اضافو ڪيو.

    داداسنڌي
    اٻاوڙو ضلع گهوٽڪي


    مهاڳ

    اسان جي پوتر ۽ پياري سنڌ، پراڻي زماني کان ئي امير ۽ شاهوڪار پئي رهي آهي. سنڌڙي کي ”سون جو ملڪ“ چوندا هئا. هندن جي پاڪ ڪتاب ”رگ ويد“ ۾ سنڌ جي خوشحالي جي تصوير اجهو هن طرح چٽيل آهي.
    ” سنڌ گهوڙن سان، ڍڳي گاڏين سان، سونن زيورن سان، کاڌي پيتي جي شين سان پتن ۽ وڻن سان مالا مال ۽ ڀرپور آهي“.
    موئن جي دڙي مان خبر پوي ٿي، ته هتان جا ماڻهو پڪين جاين ۾ رهندا هئا، سنهي ململ زيب تن ڪندا هئا. زالون سچن موتين ۽ سون جا والا پائينديون هيون. مرد ريشمي شال ڪلهي تي رکندا هئا. هتان جو واپار ساري دنيا سان هوندو هو. علامه ابن القيم لکي ٿو ته الله تعالى سنڌ کي هي خصوصيت بخشي آهي، جو منجهس هر قسم جون شيون جهڙوڪ: جواهرات،ياقوت، الماس، خوشبودار مصالحه، عنبر عاج، عمارتي ڪاٺ، ريشمي ڪپڙو، سوٽي ملمون ۽ ٻيا اهڙا قيمتي سامان ڌارين ملڪن ڏانهن وڪري لاءِ ويندا هئا.
    الڪتاب الثاني ۾ آهي ته ”هتان جي سمنڊ ۾ موتي ۽ عنبر آهن. انهن جي جبلن ۾ جواهر ۽ سون آهي. اتان جي چوپاين جي وات ۾ عاج آهي، ان جي زمين ابنوس، بقم، بيد، عود، ڪافور، لونگ، صندل ۽ ٻيون پاڪيزه ٻوٽيون پئدا ٿينديون آهن. پکين ۾ طوطي جهڙا خوشحال ۽ مور جهڙا جوشنما پکي آهن. پکين ۾ طوطي جهڙا خوشحال ۽ مور جهڙا خوشنما پکي آهن. ان جي زمين ۾ زباد ( هڪ خوشبودار پگهر وارو جانور) مشڪ وارو هرڻ ۽ اهڙي قسم جون ٻيون گهڻيون شيون موجود آهن“.
    ڪلداني بابلي ۽ اشو وارا سنڌ مان نير ۽ سنهي ململ گهرائيندا هئا. ڪلدياني قديم بندر، اونفير سنڌ جي پيداوار ڪري مشهور هئا. انهن بندرن تان سنڌ جا مور ۽ باندر حضرت عمر رضي الله تعالى عنه هڪ عرب سياح کان سنڌ بابت پڇيو ته هن جواب ۾ چيو ته ” سندس درياءَ موتي آهن، سندس پهاڙ ياقوت آهن ۽ سندس وڻ عطر آهن.“
    عربن 711ع ۾ سنڌ فتح ڪئي . محمد بن قاسم خزاني ۾ رکيل سون ۽ هڪ سونو بت حجاج ثقفي کي موڪليو. جنهن کي هن ڏسي چيو ته هاڻ اسان جو ڪاوڙ دور ٿي وئي، ڇو ته جنگ تي خرچ ٿيل رقم جو ٻيڻو انداز خزاني ۾ داخل ٿيو ۽ ڏاهر جو سر اسان کي نفعي ۾ مليو. مامون الرشيد کي جنگين جي انداز سنڌ جي گورنر سر دائود 12 هزار درهم روانا ڪيا. ان وقت سنڌ جي سالياني اپت 27 لک روپيا هئي. هڪ عرب سياح لکي ٿو ته ” کليل مارڪيٽ ۾ ٽيهه هزار مڻ اناج جي قيمت هڪ درهم آهي ۽ اصلي ماکي جا 30 سير هڪ درهم ۾ ملن ٿا. عرب جيڪو سامان واپار ۾ پنهنجي ملڪ نيندا هئا، ان ۾ هي شيون قابل ذڪر آهن. جواهرات، ياقوت، الماس، ڳنيڍا، هاٿي، مور، عنبر، سنبل، لونگ، دالچيني، ناريل، ڪارا مرچ، بيد، بانس، ڪٽور ۽ ساڳ جو ڪاٺ، هن واپار مان کين ڪيتري ڪمائي ٿيني هئي. ان جو هڪ مثال هي آهي ته هڪ عرب واپاري سنڌ مان هڪ تجارتي جهاز تجارتي سامان جو ڀري ويو، جنهن ۾لکين اشرفين جي مشڪ ۽ اوتري قيمت جا ريشمي ڪپڙا ۽ جواهرات نيان، هن ان سامان جو 5 لک دينار، عرب حڪومت کي محصول ادا ڪيو. بشاري المقدسي لکي ٿو ته سنڌ تجارت جو اهم مرڪز آهي. هتي سون، جڙي ٻوٽيون، دوائون، مصري، چانور گهڻي تعداد ۾ ٿين ٿا. شيون سستيون ۽ گهڻيون آهن. بازارن ۾ قسمين قسيمن سامان وڪامي ٿو. واپاري وڏو نفعو ڪماين ٿا. جنيد بن عبدالرحمان هڪ عرب گورنر، هشام بن عبدالمالڪ جي ڏينهن ۾ ساڍا ڇهه لک قيدي ۽ اٺ ڪروڙ درهم شاهي خزاني کي موڪليا ۽ اوترو خزانو قيدين ۽ فوج ۾ ورهايو.
    سومرن جي زماني ۾، سنڌ جو واپار سمنڊ رستي هرمز، قبرص، بحرين، عدن، گجرات، ملبار، ڪارومنڊل ۽ چين سان هلندو هو. سنڌ ۾ ڪپڙو هندستان جي بندرن تان نيڪال ٿيندو هو. مصر کان ريشمي ڪپڙو ۽ خوشبودار شيون ۽ سچا موتي قافلن رستي خراسان تائين پهچندا هئا. اهڙي طرح سنڌ ڪروڙين روپيه ڪمائيندي هئي جن ڏينهن ۾ لهري، سنڌ جو خاص بندر هو، جنهن جي سالياني آمدني ويهه لک دينار هئي. ڪي مورخ هڪ لک ٽيهه هزار روپيه لکن ٿا. مغلن جي دور ۾ سنڌ جي سالياني اپت 232010000 روپيه هئي. اناج 5 آنا في مڻ هو هتان جي ساڍا ڇهه لک ايڪڙ زمين آباد هئي، جنهن جي ڍل مان دهلي حڪومت کي 247 لک روپيا آمدني ٿيندي هئي. هڪ پئسي ۾ لوڻ جو مڻ، 4 پئسن ۾ ڳائو گوشت ۽ ٻي آني ٻڪرو گوشت سير ملندو هو. آئين اڪبري ۾ سنڌ جي پيداوار ۽ خوشحالي لاءِ لکيل آهي ته هت ڪيترن ئي قسمن جا ميوا آهن. چانور گهڻي انداز ۽ مقدار ۾ ٿين ٿا. ماڻهن جو خاص کاڌو چانور ۽ مڇي آهي.
    ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي سالياني پيدائس سٺ ڪروڙ روپيه هئي. زمين مان 2 ڪروڙ 56 لک مڻ اناج پيدا ٿيندو هو، جنهن جي سالياني ڍل هڪ ڪروڙ سٺ لک روپيه هئي. اناج جو اگهه 5 آنا في مڻ هو، ان وقت ٺٽي ۾ ٽيهه هزار آڏاڻا هئا. ان دور بابت انگريز واپاري لکن ٿا ته : هت هر قسم جون شيون جام آهن، هندستان جي ٻئي هر حصي جي ڀيٽ ۾ شيون تمام گهڻيون سستيون آهن. مڇيون ۽ ميوا جام آهن ۽ شيون ايتريون ته سستيون آهن جو اعتبار ئي نه ٿو اچي. ٽالپرن جي زماني ۾ مير فتح علي خان کي سنڌ مان 5 لک 13 هزار سالياني ڍل ملندي هئي . اناج ۽ کاڌي پيتي جا اگهه هن ريت هئا. گيهه 20 روپيا مڻ، ڳاڙها چانور هڪ روپئي مڻ، ڪڻڪ سوا روپئي سنڌ جي ان شاهوڪاري ۽ اميري کي ڏسي هر دور ۾ لٽيرن کيس ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. سڪندر مقدوني هتان ٻيو ته سڀ ڪجهه نيو پر پڇاڙي ۾ نيرا ڪبوتر ۽ هرڻ جو کلون به کڻي ويو. 1555ع ۾ پورچوگيزن ٺٽي تي ڪاهه ڪري ٻن لکن پائونڊن کان به وڌيڪ ملهه جون سونيون اشرفيون ساڙي ڇڏيون ۽سنڌ مان ايڏو ته سامان کڻي ويا، جو ايشيا کنڊ ۾ ٻئي ڪنهن لٽيندڙ قوم کي نه مليو. شاهه بيگ ارغون پورا يارنهن ڏينهن ٺٽي ۾ ڦر ڪئي. مدد خان پٺاڻ افغانستان مان اچي سنڌ ۾ ڦر ڪري گهوڙا ڀرائي پوئتي موٽي ويو. نادر شاهه ايراني 40 ڪروڙ سنڌ مان نيا ۽ 20 لک روپيه ساليانو ڏن مقرر ڪيو. احمد شاهه ابدالي 1747ع ۾ 14 لک، تيمور شاهه 1775ع ۾ 7 لک ۽ شاهه شجاع الملڪ ڏهه لک سنڌ مان ڍل اڳاڙي، افغانستان کي رنگ لاتو. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪري ڦرلٽ ڪئي تڏهن سونن زيورن ۽ جواهرن کان سواءِ کين ڏهن لکن پائونڊن جيترو خزانو قلعي مان هٿ آيو. فقط نيپئر کي ستر هزار پائونڊ حصي ۾ آيا.
    1947ع ۾ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو تڏهن سنڌ پنهنجي اميري ۽ شاهوڪاري جو ثبوت ڏيندي، نئين حڪومت ۽ نون مهمانن لاءِ پنهنجو دستر خوان وڇايو، جنهن تي بروقت هڪ لک کان به وڌيڪ نوان ڀائيوار اچي وارد ٿيا ۽ پاڪ حڪومت کي سنڌ پنهنجو ساهه ۽ صنعتي علائقو ڪراچي ڀيٽا طور ڏنو. جنهن کي گادي جو هنڌ بڻايو ويو. سنڌ ان وقت پنهنجن نون مهمانن کي آبادي لاءِ ساڍا 27 لک ايڪڙ زمين، 99 هزار 7 سئو ڏهه گهر ۽ 38 هزار 5 سئو 89 دڪان بخشش ڪيا. 1955ع ۾ جڏهن سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪيو ويو. تڏهن هن صوبي ٽيهه ڪروڙ روپيه روڪڙا ۽ پنجاهه ڪروڙ روپين جون جايون ۽ ٻيو دفتري سامان نئين حڪومت جي نذر ڪيو.
    سنڌ پاڪستان جو نهايت زرخيز ۽ پيداوار وارو صوبو آهي 53_ 1952 جي سالياني رپورٽ موجب سنڌ ۾ چانورن جي اپت 520000 ٽن ۽ ڪڻڪ جي اپت 235 هزار ٽن هئي. ڪپهه 85 هزار ٽن مڇي ٻاهر ويندي آهي. هتان هر سال 5 لک مڻ ٻارڻ وارا ڪوئلا ۽ 86 مڻ جلائو ڪاٺيون ڪراچي ۽ ڪوئٽا ڏانهن موڪليا ويندا آهن. چانور، ڪپهه ۽ ڪڻڪ کان سواءِ ساليانو 8 هزار ٽن چڻا، 37 هزار ٽن تيلي ٻج ساليانو ٿين ٿا. 1952ع ۾ سنڌ جي سالياني پيداوار 8 ڪروڙ 31 لک روپيه هئي. 69_ 1968 ۾ پاڪستان جي ڪل پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 30.440 هو، جيڪو پنجاب کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. 70_ 1970ع ۾ زرعي جنسن جي پيداوار ۾ ڪڻڪ 13.4 سيڪڙو چانور، 43.6 سيڪڙو ڪپهه، 26.5 سيڪڙو ۽ ڪمند 12.47 سيڪڙو ٿيو. هن وقت سنڌ جي مرڪزي شهر ڪراچي ۾ ڏهن لکن کان وڌيڪ پٺاڻ آفيسر ۽ مزدور ويهن لکن کان وڌيڪ پنجابي سرمائيدار ۽ آفيسر ڪم ڪن ٿا.
    بهرحال سنڌ پاڪستان جو ترقي يافته ۽ اهم صوبو آهي. جنهن جي تاريخ ۽ معيشت دنيا ۾ مڃيل مڃايل آهي ۽ مان هينئر چوندس ته پاڪستان جي شناس سنڌ سان ئي آهي. ان ڪري سنڌ جي تاريخ دنيا جي مکيه علمن مان رهيو آهي. الله تعالى جو آخري ڪتاب قرآن شريف تمام گهڻن علمن جو سرچشمو آهي، ان جو ڳپل حصو تاريخ تي مشتمل آهي. ڪلام الاهي تاريخ کي عبرت جو سبق ڏنو آهي.
    ” پڪ! انهن جي قصن ۾، عقل وارن لاءِ عبرت جون نشانيون آهن. “
    تاريخ جو علم خاندان ماڻهو حاصل ڪندا آهن جنهن ماڻهو جي پنهنجي ڪا تاريخ نه آهي، جنهن جو ڪو تاريخ سان سنٻڌنه آهي، اهڙو ماڻهو تاريخ جي علم کان بيزار هوندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ تاريخ جو علم ديو مالائي قصن ۽ اڌ تاريخي خبرن تي به مشتمل هوندو هو، پر اڄ جي دور ۾ تاريخ تحقيق جو حصو بڻجي وئي آهي. اڄوڪي زماني ۾ مورخ محقق به آهي، شاعر، اديب ۽ ڪهاڻيڪار بنجڻ آسان آهي انهن علمن لاءِ ڪنهن به پڙهائي ۽ ڪتابن جي مطالعي جي ضرورت ڪانه ٿي پوي. دنيا جي هر ٻولي جا وڏا شاعر اڻ پڙهيل يا ٿورو پڙهيل رهيا آهجان. اڄوڪي دور ۾ به سنڌ جا سگهڙ شاعر، تمام وڏا شاعر ڳڻجن ٿا. ڪهاڻي، افسانو ۽ شاعري ” تخليقي پر اهو علم جنهن ۾ تربيت ۽ جاکوڙ کي دخل آهي“. اهڙو علم لکڻ ۽ ان جا ڪتاب عوام آڏو آڻڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي. ڪنهن ملڪ ۾ نظر ڊوڙائي ڏسبو ته اديب ۽ شاعر ڪيئي نظر ايندا ۽ اڻ ڳڻيا نظر ايندا پر مورخ ۽محقق ڪو ورلي ملندو.
    اسان جي سونهاري سنڌ ۾ به تاريخ جي جاکوڙين جي اڻاٺ آهي. هن آساني جي دور ۾ ڪير ايڏا ڪشالا ڪڍي، سوين هزارين ڪتاب پڙهي، ماڳن ۽ مڪانن جو مشاهدو ڪري ۽ سالن جي محنت کان پوءِ ڪو ڪتاب پڌرو ڪري ان جي ڀيٽ ۾ صبح جو ننڊ مان اٿي ڪري شاعري ڪرڻ وارا اڻ ميا نظر ايندا.
    داداسنڌي تاريخ جي کوجنائن جي قافلي جو هڪ فرد آهي ۽ هن صاحب ڪشالا ڪڍي، محنت ڪري، تاريخ جي علم ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جو واڌارو ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ اڃان به اسان کان لڪيل نه آهي. ڪيترائي ماڳ مڪان اسان جي توجهه جا طالبو آهن ۽ آڳاٽي سنڌ جا ڪيترائي حڪمران ۽ انهن جا ڪارناما اڃان تائين سنڌين کان لڪل آهن.
    داداسنڌي صاحب جو هي ڪتاب ”خوشحال سنڌ“ سنڌ جي تاريخ جي هر دور جي سنڌ جي هر ميدان ۾خوشحالي ۽ سکيائي جي ساک ڀري ٿو. اميد ته اسان جو نوجوان نسل ٿوري وقت ۾ پنهنجي جنم ڀومي بابت مڪمل معلومات ڪري، ان بابت پنهنجي ڄاڻ وڌائيندو.


    حافظ ارشد انڍڙ
    سکر سنڌ
    16 آڪٽوبر 1995 ع


    باب پهريون : تعارف

    1 – سنڌ جو نالو:
    سنڌ جو نالو، سنڌ جي مٽي، سنڌ جي سر زمين، متبرڪ ۽ ڀاڳ ڀري آهي. هي اهو خطو آهي، جيڪو الله جي نبين، ولين ۽ بزرگن جي نالن ۽ سندس پاڪيزه ڪارنامن سان سڃاتو وڃي ٿو . سنڌ جي نامور مورخ مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفته الڪرام ۾ لکيو آهي ته ” سنڌ تي اهو نالو حام بن نوح عليه سلام جي پٽ، هنڌ جي ڀاءُ سنڌ جي نالي سان پٺيان پيل آهي.“ هي سڄي زمين جي ايڪهٺ ملڪن مان ٽيتاليهين ملڪ جو نالو آهي. پهرئين اقليم ( ولايت) سندس اتر کان ۽ ٻي ولايت سندس وچان لنگهي ٿي. هي ملڪ پهرين، ٻي، ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ولايت ۾ مشترڪ آهي. پر هن جو گهڻو ڀاڱو ٻي ولايت جي خط هيٺ آهي. تنهن ڪري مڪي مڪره ۽ مديني منوره جي پاڪ زمين سان هن جو حقيقي قرب آهي.
    شمس الدين قريشي آئينه قديم سنڌ ۾ لکي ٿو ته سنڌ جو نالو حضرت آدم عليه اسلام جو ٻيو نالو آهي جنهن کي تورات سيت جي نالي سان سڏيو آهي ۽ رگ ويد ورڻ ڪوٺيو آهي. جنهن جي معنى پاڻ جنهن ۾ سمنڊ ۽ درياءَ اچي وڃن ٿا. الله تعالى حضرت آدم عليه السلام جي انهيءَ پٽ کي اها عزت بخشي، جو زمين خواهه پاڻي، جتي هو رهيو، سڀ هن جي نالي سان سنڌ ڪوٺجڻ آيا. طوفان نوح کان پوءِ حضرت نوح عليه السلام جي نسل وارن سنڌ جي نالي کي عزت ڏني، حضرت نوح جي پٽن مان سام ۽ يافت، سنڌ ملڪ ۾ رهڻ کي پنهنجي عزت سمجهي ۽ حام جي پٽن ڪوش نسل وارن، سنڌ ملڪ ۾ رهڻ پنهنجو فرض ڄاتو.
    ڪاڪي ڀيرو مل قديم سنڌ ۾ لکيو آهي ته ” سنڌ تي اهو نالو سنڌو ندي جي ڪري پيو.“
    فقير غلام نبي سهتو ” سنڌ حضرت نوح جي نظر ۾“ لکي ٿو : ” سنڌ و نالو سنڌي ٻولي جو آهي ۽ هن جو بنياد آهي. “ سينڌ لفظ جيڪو ٺيٺ سنڌي ٻولي جو آهي. جنهن کي اڄ به عام ۽ اسان طرح اسان ورجائي رهيا آهيون. مثلاً اسان پنهنجي مٿي تي وارن مان سڌو ليڪي وانگر نشان ٺاهي، پوءِ ان کي ” سينڌ“ ڪوٺيون ٿا. سينڌ لفظ جي معنى آهي وهڻ، عجيب اتفاق اهو آهي جو حديث شريف ۾ سنڌوندي کي سيعون سڏيو ويو آهي، جنهن جي معنى آهي سدائين وهندڙ، جيڪا سنڌ جي معنى سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿي.
    بهرالحال سنڌ جو نالو به هڪ تاريخ آهي ۽ ان جي نالي سان ئي ڪيتريون تاريخي روايتون وابسته آهن. سنڌ جو نالو سنڌ جي عظمت ۽ اهميت کي نمايان ڪري ٿو ۽ هتان جي هر شئي هر پيداوار ۽ هر تخليق ان جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ايندڙ صفحن ۾ سنڌ جي جنهن به شيءَ جو ذڪر ڪيو ويندو، اهو سنڌ جي ” تشخيص“ لاءِ ڪافي آهي.

    2 – سنڌ جي جاگرافي
    هي حقيقت آهي ته انساني تاريخ ۽ سندس سماجي خواهه معاشي زندگي تي جاگرافي جو وڏو اثر آهي. فرينچ قانوندان مانٽيسڪو لکي ٿو ته : هر ملڪ جو قانون، ان ملڪ جي فطري حالتن مطابق جنم وٺي ٿو، مثلاً، ملڪ جي طبعي بناوت، موسمي حالت، قوم جو مذهبي اعتقاد ۽ سندس اخلاقي ۽ سياسي حالتون، اهو هڪ قدرتي عمل آهي. انسان جي تندرستي، صحت، سڀاءُ، اخلاقي قدرن، رنگ ۽ محنت جي طريقن تي جاگرافيائي حالتن جو گهاٽو اثر رهي ٿو. ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو ته انسان ماحول جو ٻالڪ آهي. ٻيٽن تي رهندڙ قومن ۾ سمنڊ جهاڳڻ جون صلاحيتون پيدا ٿين ٿيون ته سامونڊي ڪنارن کان پري رهندڙ سمنڊ جي نالي کان ئي ڊڄن ٿا. ڪچي جي علائقي جا ماڻهو پاڻي جا پتنگ ٿين ٿا ته ڪچي کان پري رهندڙ ماڻهو ترڻ ڄاڻن ئي ڪين، جابلو علائقي جا ماڻهو ڪٺن زندگي گذارڻ جا هيراڪ ته دريائن جي ماٿرين ۾ رهندڙ ماڻهو کيتي ڪرڻ جا شوقين. مطلب ته ملڪ جي سماجي، معاشي، سياسي ۽ اخلاقي ارتقاءَ تي جاگرافي جو اثر پوڻ هڪ لازمي امر آهي. قديم زماني ۾ ڌرتي جي سيني تي جن شهرن جنم ورتو انهن جي ڀاڙڻ جو ڪارڻ جاگرافيائي حالتون هيون، اهي اوائلي شهر نيل وادي، فرات، دجله ۽ سنڌو جي ماٿري هئي، جتي پاڻي جي گهڻائي ڪري ماڻهن رستن تي شهر اڏيا. جتان کاڌي ۽ ضرورت جون ٻيون شيون آڻي ۽ موڪلي سگهجن ڌ. ان ڪري وڏن شهرن جي وجود محنت جي ورڇ کي جنم ڏنو ۽ اقتصادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ شهر ۽ زندگي انسان کي فاضل وقت جي استعمال جو پورو پورو موقعو فراهم ڪيو، جنهن ۾ افرادي قوت ڪتب آڻي ملڪ کي خوشحال بڻايو ويو. سنڌ به جاگرافيائي طور انهن خاصيتن جي حامل آهي، جنهن جون خاصيتون هي آهن.

    الف : بيهڪ:
    سنڌ بيهڪ ۾ ٽڪنڊي جي شڪل جي آهي، اولهه ۾ خشڪ جبل ۽ ويران کيرٿر جبلن جي قطار اٿس اوڀر ۾ هندستان جو وڏي ۾وڏو رڻ پٽ ٿر اٿس، اتر ۾ سندس سوڙهي چوٽي پنجن دريائن جي ديس سان وڃي ٿي ملي ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ اٿس. ڪنهن وقت هن جون حدون اڀرندي ۽ اتر ۾ ڪشمير تائين ۽ الهندي کان ڪيڪان تائين پکڙيل هيون. هن وقت سنڌ اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 30 ۽ 35- 23 درجن جي وچ ۾ ۽ 66 – 42 ۽ 71- 15 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ آهي. اڄ هن پرڳڻي جي ڊيگهه اتر کان 360 ميل ۽ اڀرندي کان اولهه 170 ميل آهي. سندس ڪل پکيڙ 59166 چورس ميل آهي. سندس هيٺاهين ماٿري، سنڌو درياءَ جي ڪري هڪ وسيع ميدان جي شڪل ۾ وڇايل آهي. زمين زرخيز هجڻ ڪري انسان توڙي حيوان جي بقاءَ لاءِ ملڪ ۾ قديم زماني کان وٺي فطرت جون سڀ شيون موجود پئي رهيون آهن.

    ب : طبعي خصوصيتون :
    سنڌ جي طبعي ماحول جو هتان جي حالتن تي خاص ضابطو پئي رهيو آهي ۽ سنڌ جي سياسي توڙي اقتصادي زندگيءَ کي ٺاهڻ ۽ ڦٽائڻ ۾ گهڻي حد تائين طبعي حالتون ئي جوابدار آهن. سنڌ جي طبعي طور تي مرڪزي بيهڪ سندس اثنڪ ۽ دائمي طرح گهرجائو پاڙيسري، سندس نديون، سندس آبهوا، زرخيز ميدان، انهن سمورن جو سنڌ کي ” سنڌ“ بنائڻ ۾ وڏو هٿ آهي. سنڌ جي طبعي خصوصيت مان هڪ هي به آهي ته هت انسان ذات جي جياپي ۽ بچاءُ جو پورو پورو بندوبست ٿيل آهي. عالمن جي راءِ آهي ته انسان ذات جي آبادي سڀ کان پهرين کير ٿر جبل جي ڪڙ وٽ، منڇر ڍنڍ جي آسپاس وجود ۾ آئي هوندي. سندس طبعي خصوصيت ڪري هي ملڪ ايشيا ۽ يورپ جو مرڪز رهيو آهي. سندس سامونڊي بندر ڪراچي، هندوستان کان مغرب ڏانهن وڃڻ لاءِ ويجهو بندر هو. هي به سندس طبعي خاصيت مان هڪ آهي، جو پراڻي زماني ۾ تهذيب يافته دنيا سان سنڌ جا تمدني توڙي واپاري لاڳاپا تمام ويجها ۽ گهاٽا هئا. اها سنڌ ئي هئي جتان سڪندر اعظم هندوستان تي ڪاهه ڪرڻ کان پوءِ وطن ورندي اچي لنگهيو هو ۽ اها سنڌ ئي هئي، جتي عرب پهرين پهرين واپار سانگي آيا ۽ مسلمان ٿي حڪومت ڪيائون، سنڌ جي طبعي خصوصيت هر حمله آور کي حملي ڪرڻ لاءِ هرکايو، يونانين، مغلن، افغانن ۽ راجپوتن سڀني ان تي قبضي ڪرڻ ۽ ان کي ڦرڻ، لٽڻ لاءِ ڪاهون ڪيون پر اهي گهڻو وقت رهي نه سگهيا ۽ سنڌ ۾ملي جذب ٿي سنڌ واسي بڻجي ويا.

    ث: سنڌ جا طبعي حصا :
    جاگرافي جي علم مطابق سنڌ جا 5 حصا آهن، سرو، وچولو، لاڙ، ڪوهستان ۽ ٿرپاڪر
    1 – سرو : هن کي عام طور اتر سنڌ به چئبو آهي ۽ هتان جي ماڻهن کي اتراڌي چئبو آهي. هن وقت سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ خيرپور ضلعن وارا علائقا هن ۾ اچي وڃن ٿا.
    2 – وچولو : هن ۾ نواب شاهه ۽ حيدرآباد جا ضلعا اچي وڃن ٿا.
    3 – لاڙ : لاڙ واري علائقي ۾ بدين، ٽنڊومحمد خان ۽ ٺٽي ضلعن وارا سمورا حصا اچي وڃن ٿا.
    هي ٽيئي علائقا پراڻي زماني کان وٺي مهراڻ جي وجود ڪري آباد ۽ سرسبز هئا زندگيءَ جون سڀ سهولتون اڄ به موجود آهن ۽ صنعتي زرعي، تعليمي ۽ معاشي لحاظ کان سنڌ جي هي علائقا ترقي يافته سڏائين ٿا.
    سنڌ جو چوٿون طبعي حصو ڪوهستان آهي، جيڪو بي نقاب، سخت ۽ اجڙ مٽي جي بي ڪيف زمين آهي. هن جابلو علائقي جي ڪڇ ۾ ڪاڇو آهي. جيڪو ڪيترن هزار چورس ميلن جو خطرو آهي، سنڌ لاءِ هڪ قدرتي روڪ آهي. ڪوهستاني علائقي جو ٻيو حصو لس ٻيلو آهي. جيڪو سنڌ جي الهندي سرحد تي اٽڪل 3271 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. هن وقت سنڌ جو هي علائقو بلوچستان ۾ آهي، پر عربي دور حڪومت کان وٺي سمن جي حڪومت تائين لس ٻيلو جو ئي علائقو هو.
    سنڌ جو پنجون حصو ٿر آهي، هي علائقو ڪنهن زماني ۾ سمنڊ جي تري هيٺ هو، محمود غزنوي جي ڪاهه وقت سمنڊ جون ڇوليون ڪڇ جي رڻ تائين پهچنديون هيون. اڪبر اعظم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت بدين سمنڊ جي ڪناري تي هو، هن وقت ٿر ۾ ڇاڇرو، مٺي، ڏيپلو، ننگر پارڪر، عمرڪوٽ ۽ کپري جاشهر آهن. ٿر جا قدرتي چار ڀاڱا آهن. واري جي ڀٽن وارو حصو، ڪٺو، مهراڻو ۽ پارڪر، اتر واري حصي کي کائر ڏکڻ واري حصي کي پائر ۽ انهن ٻنهي ٿرن جي وچواري حصي سڄي ٽڪر کي ”ڍٽ“ سڏيو وڃي ٿو. هتان جو ڀٽون اولهه کان اوڀر طرف آهن. اڳ ٿر آباد هو، مها ڀارت جي زماني ۾ هاڪڙو عمرڪوٽ ۽ ٿر مان لنگهي ننگر پارڪر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.

    ج : آبهوا :
    سنڌ جي آبهوا جو به سنڌ جي اقتصادي زندگيءَ تي وڏو اثر پوي ٿو. آب هوا جو مطالعو به جاگرافيءَ جو خاص موضوع آهي.لئمبرڪ لکي ٿو ته ” سنڌ جي آبهوا جي خاصيت آهي، ته هتي ٿڌ به گهڻي پوي ٿي، ته گرمي به، ميداني حصن جي آبهوا اونهاري ۾ سخت گرم ۽ خشڪ آهي، سياري ۾ وري سخت سردي ٿئي ٿي. هت مينهن تمام ٿورو پوي ٿو ۽ اهو به پنهنجي مرضي جو مالڪ هوندو آهي. وڻيس ته وسي ۽ جي نه وڻيس ته نه وسي. ان ڪري سنڌ گرم علائقو آهي ۽ ان گرمي جو اثر اهو ٿيو آهي جو هتي جا رهواسي نستا ۽ سست آهن، جيتوڻيڪ بلوچي قبيلا اڃان تائين پنهنجي جنگجو خصوصيتن جي ڪري مشهور آهن. ان گرمي جو اثر اڄ به سنڌين تي آهي. ان ڪري هو ڏکيو ۽ سخت ڪم نه ٿا ڪري سگهن. سستي ۽ گرمي ڪري اسان کان پنجاب ۽ سرحد جا ماڻهو زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌيل آهن. سياري ۾ سنڌي ماڻهو اتر جي سرد هوائن ڪري سيءَ ۾ سڪي ساهه ڏين ٿا. لطيف رحه به چيو ته ” اتر ڊاهي ان جا، ته ڪنهن کي ڪارو ڪر.“
    سنڌو ندي جي جاگرافيائي حيثيت :
    سنڌ جي معاشي، تاريخي، جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن تي سنڌو نديءِ جو وڏو اثر آهي. ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ته ” اها ڳالهه بلڪل مناسب آهي، جو سنڌ جي سرزمين کي سر جيو ئي دريا شاهه آهي.“ ان سموري ڏيهه کي سنڌو جو پاڻي ڪڻو ڪڻو ڪري آڻي تهه مٿان تهه کري جوڙيو ۽ ٿانيڪو ڪيو آهي. هن ئي نديءَ جي موج ۽ مستي ڪري سنڌو هزارن چورس ميلن ۾ ساوڪ جو بي پناهه سمنڊ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هن ئي ندي جي پاڻي کي ڏسي هزارين ميلن کان پکي ۽ انسان هٿ اچي رهيا. سنڌو ندي ڪيترن ئي شهرن کي جنم ڏنو ۽ سنڌ جي ترقي جو راز هن تي ئي آهي. سنڌو ۾جڏهن سيلاب ايندو آهي، تڏهن ڪيترائي شهر، انسان، جانور ۽ مال ملڪيتون لڙهي وينديون آهن ۽ اهڙي طرح درياءَ وهڪرو ڦيرائي ۽ شهر پائي ويندو آهي. ان مان هڪ فائدو ٿيندو آهي، جو درياءَ جي پاڻي ۾ رءُ، واري ۽ لٽ گڏجي ويندي آهي، جيڪا زمين کي زرخيز بڻائيندي آهي. جڏهن سيلاب جو پاڻي لهندو آهي، تڏهن مليريا، ڪالرا ۽ ٻيون وچڙندڙ بيماريون ڦهلجنديون آهن.
    مطلب ته سنڌ جي جاگرافي ۽ طبعي حالتن صوبي جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي زندگي ٺاهڻ ۾ وڏو حصو ورتو آهي. سنڌ هندوستان جي الهندي ڪناري تي هڪ خاص جڳهه تي واقع آهي، جتان سندس ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپا تاريخ جو خاص موضوع آهن، جن سنڌ کي هر دور ۾ ” عظيم“ رکيو.

    3 – سنڌ جي تاريخ
    سنڌ سونهاري ايامن، لاڪون آهي، جڳن کان آهي، ڌرتي جي ٺهڻ سان ئي هي خطو وجود ۾ آيو، ڪائنات ۾ هن خطي جي تخليق آدم عليه السلام جي نزول جو سبب بڻي. پهريائين انسان، جنهن زمين جي ٽڪري تي قدم رکيو، اها ڀاڳن ڀري جاءِ ۽ مان وارو هنڌ سنڌ ئي آهي. هن ڌرتي کي جنم ڏيندڙ ٽيٿس سمنڊ هو، ڪروڙين سال اڳ ڪائناتي تبديلين ڪري هماليه کان اهڙا زلزلا آيا، جنهن ڪري پاڻي هٽي ويو ۽ طوفاني لهرن ۽ ڇولين جي جڳهه تي ڌرتي ظاهر ٿي. هي اهو شروعاتي دور هو، جو ڪائنات ۾ مختلف هنڌن تي طوفانن ۽ زلزلن ڪري سمنڊ هٽي پري ٿيو ۽ ڌرتي جو جنم ٿيو، اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌ جي موجوده ڌرتي جي پکيڙ جو دور لکين ورهيه پراڻو آهي. اٽڪل پنجويهه هزار سال ق – م ۾ موجود سنڌ جون سرحدون هن ريت هيون: اولهه ۾کير ٿر ۽ پٻ جبل جون چوٽيون، اوڀر ۾ سرسوتي، ڏکڻ ۾ سمنڊ ۽ اتر ۾ ميداني علائقا. عالمن جي چوڻ موجب سنڌ پراڻي زمين ۾ سڄي هندستان تي مشتمل خطو هو. آريت سنڌو کي هندو ۽ سنڌ کي هند سڏيو. مولانا گرامي لکي ٿوته ” اهو سنڌ لفظ تلفظ ۾ بدلجي انڊيا ٿي پيو. حالانڪ انڊيا جو ڪوبه وجود ڪو نه هو. “ سڪندر واري هيرو ڊوٽس ۽ ٻين يوناني مورخن لکيو آهي ته گنگا جي وادين کان پرتي ڪابه آبادي ڪانه هئي . گويا انهي سڄي سنڌ کي انڊيا ڪري سڏبو هو.
    ڊاڪٽر زمان شيخ لکي ٿو ته ” سڄي ڀارت ۾ پهريائين سنڌو ماٿري هئي، جنهن پنهنجي سڀيتا جي ڪري اهڙو ته نالو ڪڍيو، جو سڄي هندو جاتي ۽ سمورو هندوستان سندس نالي پويان سڏجڻ ۾ آيو، دراصل سنڌ مان ئي هند لفظ نڪتو آهي، نه ته اڳ سڄي علائقي کي سنڌ سڏبو هو. جناب قمرالدين احمد جو رايو آهي ته پراڻي زماني ۾ هند جي بحري تجارت ۽ بحري مهارت جو چوٻول هو، پر اهو هنڌ اڄوڪو ڀارت نه هو، پر اهو سمنڊ سان ويجهو ۽ قديم دنيا جي مهذب ملڪن سان متعارف سنڌ ئي هئي.“ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ان سنڌ جون سرحدون بيان ڪندي لکي ٿو ته ” اهو قديم سنڌ وارو ملڪ اتر سائبريا، ڏکڻ ۾ ڪرهندو، الهندي جي دجله درياءَ ۽ اڀرندي ۾ چين واري سمنڊ تائين پکڙيل هو، ان ڪري هي چوڻ ۾ واڌاءُ ڪونهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ ذري گهٽ سمورو ايشيا کنڊ، سنڌ جي نالي سڏيو هو.“ مسلمانن جي اچڻ وقت سنڌ جون سرحدون هن ريت هيون، اتر ۾ جهلم ندي تائين جنهن ۾ ڪشمير جا هيٺيان ضلعا، هندوڪش جبل، اتر ۾ هيلمند ندي تائين ڏکڻ اولهه ۾ ايران تائين، جن ۾ مڪران به هو، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا ۽ جيسلمير جي سرحد تائين سنڌ هئي.
    قديم زماني ۾ سنڌ جي عظمت جو اهڃاڻ موهن جو دڙو هو، پروفيسر احمد حسين مدني لکي ٿو ته : ڪنجهي واري دور جي قديم ترين سڀيتا موهن جو دڙو آهي، جيڪا پنج هزار سال اڳ سنڌو جي ڪناري تي ڦهليل هئي، جنهن جو زمين توڙي سامونڊي رستي، ميسو پوٽا مير سان گهرو ناتو هو. بلوچستان جي رستي، هنن علائقن درميان ماڻهن جي اچ وڃ ۽ قافلن سان واپاري تمدني، اثرات کي آڻڻ جو ذريعو هئا، فنون لطيفه ۽ هنرن ۾ هڪ جهڙائي، سڄي وادي کي لڙهيءَ ۾ پوئي رکيو هو، هنن جي زندگي نهايت ئي منظم ۽ ديني اعتقاد واري ۽ اشڪالي زبان قديم علم سکڻ جي جستجو جي نشاني آهي. موهن جي دڙي جي هاڻوڪي اوچائي جي ماپ مان حساب ڪري سڏبو ته سنڌو ماٿري جي اها سڀيتا ٻارنهن هزار ورهيه جهوني آهي. هتي جا رهاڪو پنهنجي راڃ ڀاڳ، هارپ، وڻج واپار جا مالڪ هئا ۽ سندن ايمانداري جو چرچو عراق، مصر، شام ۽ اٽلي ڦهليل هو.
    هن کان پوءِ دراوڙن جو دور اچي ٿو، جيڪي سنڌ جا اصلي رهاڪو هئا. سندس رنگ ڪارو، نڪ ويڪرو ۽ وار گهنڊيدار، ڪاريون اکيون ۽ قد ۾ بندرا هئا. دراوڙن جا 6 قبيلا هئا. ليبيا، ڌني، چوموري، پيپرو، ورچين ۽ سمبارا. دراوڙ صنعتي، تجارتي ۽ زرعي لحاظ کان وڏي ترقي جا مالڪ هئا. هو نهايت سڌريل هئا، سون ۽ چاندي جا زيور ٺاهي پهريندا هئا ۽ ٽامي جا سڪابه ٺاهيا هئا ۽ تجارت جي مقصد سان سمنڊن ۽ جهازن ذريعي سفر ڪندا هئا. اهي لکڻ به ڄاڻيندا هئا، ڪڻڪ، ڪپهه، جون ۽چانورن جي پوک ڪندا هئا. درزي ۽ ڀرت ڀرڻ ۾ ڪاريگر هئا. رگ ويد ۾ آهي ته ” داس ۾ چار راجا ڳئن، ڍڳن ۽ گهوڙن جا مالڪ آهن، وٽن انهن جا وڏا ڏڻ آهن. “ داس وڏا دولت وارا آهن ۽ سون ۽چاندي جا مالڪ آهن. داسن جي شهرن جا پناهه گاهه ايترا ته ڊگها آهن جو منجهن داخل ٿيڻ لاءِ سڌ سڌ دروازا آهن. ” دراوڙن کي آرين مات ڏيئي ڀڄائي ۽ پاڻ سنڌ جا مالڪ ٿي ويهي رهيا، آرين ۽ مقامي ماڻهن جي ميل ميلاپ ۽ شادين مرادين جو سلسلو عام ٿيڻ ڪري، ڪيترائي ان آڙ ۾ قبيلا ۽ غير آريائي قومون به آريائي قومن ۾ گڏجي ويون، آريائي ۽ ديسي ماڻهن جي اهڙي ميل ميلاپ مان هڪڙي نئين تهذيب اسرڻ لڳي. آرين مقامي ماڻهن کي پاڻ سان ملائي سنڌ جي فلاح ۽ بهبود ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هنن سنڌين جي قابليت، صلاحيت، فن ۽ ڪاريگري کي همٿائي سنڌ جي صنعت ۽ تجارت کي چار چنڊ لڳايا. آرين جي زماني ۾ سنڌ سرسبز ۽ شاهوڪار علائقو هو، رگ ويد ۾ آهي ته ” سنڌ گهوڙن ۾ شاهوڪار، اٺن ۾ شاهوڪار، ڪپڙي ۾ شاهوڪار، کاڌي پيتي ۾ شاهوڪار ۽ سدا تازي هوا ۾ شاهوڪار آهي.“ سلما ٻوٽا يعنى مڃ وغيره مان واڻ ۽ رسيون ٺهن ٿيون، سي ٻوٽا به سنڌ ۾کوڙ آهن ۽ سڀاڳي سنڌو جا ڪنارا ماکي ڏيندڙ گلن سان سينگاريل آهن.
    آرين کان پوءِ سنڌ تي ايران جي حاڪم دارا اعظم هستاسس 515 ق – م ۾ حملو ڪري ايراني شهنشاهيت سان ملائي ڇڏيو. ان کان پوءِ هت ايرانين جي اچ وڃ وڌي وئي. 380 ق – م ۾ بهمن بن اسفنديار سنڌوندي جي لوهاڻي شاخ تي بهمن آباد ۽ اقليم سنڌ ڪڇي صوبي ۾ قندا ڀيل شهر ٺهرايا. فردوسي شاهنامي ۾ لکي ٿو ته ” سنڌ اڻٽيهن ولايت آهي، دارا کي سنڌ مان ساليانو ڏن 260 مڻ سون ملندو هو. ايرانين جي دور ۾ سنڌ جو واپار عروج تي هو.“
    ايرانين کان پوءِ 325 ق – م ۾ يوناني حاڪم سنڌ تي ڪاهي آيو. هي سوات کان ٿيندو پنجاب۾ پهچي، راجا پورسد کي شڪست ڏيئي سنڌو ندي ذريعي لاڙ جي مرڪزي شهر پتالا پهتو ان وقت اتي جو حاڪم موئرس هو. جنهن آڻ مڃي . سڪندر حڪومت سندس حوالي ڪري، سنڌ ڇڏي حب ندي ٽپي روانو ٿي ويو، واپس ويندي هن بابل ۾ وفات ڪئي. سڪندر جي تاريخ نويس پلو ٽارڪ لکيو آهي ته سڪندر اعظم مهراڻ ندي جي ڪناري تي مالي قوم جي تيز انداز نوجوانن جي لشڪر ۾ اچي ويو ۽ شديد زخمي ٿي پيو. يونانين کان پوءِ هت سٿين آيا. هنن مغلستان کان نڪري شام جي شهر اسڪلان ۽ يورپ تائين ڪاهون ڪيون. هنن سنڌ تي 465ع ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان مالوا تي قبضو ڪيو، ٿوري وقت کان پوءِ هو هتي جا ٿي ويا. سنڌ تي گپت خاندان جي حڪومت 320ع کان 525ع تائين رهي جنهن جو پهريون حاڪم چندر گپت هو. زماني ۾ڪشن سنڌ تي حملو ڪيو. ڪشن بادشاهه ڪانيشڪا ٻڌ ڌرم پوئلڳ هو ان ڪري هتي ٻڌ ڌرم زور ورتو ۽ اها سرڪاري مذهب رهيو.
    450ع ۾ سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ سهاسي حڪومت جون واڳون سنڀاليون. هن دور ۾ سنڌ خوشحال ۽ سرسبز علائقوهو، ملڪ کي انتظامي لحاظ کان چئن صوبن ۾ ورهايو ويو ۽ هر صوبي تي هڪ گورنر مقرر ٿيو هو. سندس راڄ ڌاني ۾ ڪوبه ظالم ڪونه هو جيڪو ملڪ کي نقصان پهچائي سگهي. سندس گادي جو هنڌ اروڙ هو، جيڪو واپار جي لحاظ کان ديسان ديس مشهور هو. هن زماني ۾ ملڪ آزاد ۽ شاهوڪار هو، چچنامي ۾ آهي ته ” راءِ سيهرس وٽ تمام گهڻا خزانا ۽ بيحد پوريل ناڻا هئا.“ هن گهراڻي جي حڪومت کان پوءِ چچ برهمڻ سنڌ جي حڪومت جو سربراهه ٿيو. اهڙي طرح 632ع ۾ سنڌ تي برهمڻ گهراڻي جو بنياد پيو. چچ سخت برهمڻ حاڪم هو، هن هندو ڌرم جي بدنام ذات پات جي فرق واري اصول تحت عوام جي اڪثريت کي ” گهٽ ذات جي لقب“ جو ڦندو ڳچي ۾ وڌو، جنهن ۾ جت، چنا، سما، سهتا ۽ لوهاڻا شامل هئا. هن راءِ ساهسي جي زال سونهن ديوي جي مدد سان بدڪرداريت جي عمل تحت سازش ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. هن جي مذهبي پاليسي ٻڌ ڌرم وارن جي خلاف هئي، حڪومت جي نائبن مان ڪي ته رڳو صوبن جي دينوي معاملات مٿان حاڪم هئا، پر ڌرمي حيثيت ۾ به گرو جو درجو رکندا هئا.
    هن زماني ۾ سنڌ ۾ آسودگي هئي سلطنت جا خزانا ڀرپور هئا، ڍلون جنس ۽ نقدي اراڪين اڳاڙيندا هئا. هتي جا ڳوٺاڻا پنهنجي سادي زندگي تي قائم هئا. سنڌ جا راجا چار مهينا گرمي جا راودها ۾ چار مهينا برهمڻ آباد ۾ ۽ چار مهينا الور ۾ گذاريندا هئا. وزيرن ۽ درٻاري مشيرن جي صلاح مشوري سان حڪومت هلائيندا هئا. صلاحاڪارن مان جوتيش کي وڏو دخل هو، سندس چوڻ کان سواءِ ڪوبه ڪم نه ڪندا هئا. هن گهراڻي جي پوئين حڪمرانن راجا ڏاهر جي زماني ۾ 12- 711ع ۾ عربن محمد بن قاسم جي سربراهي ۾ سنڌ تي حملو ڪري پهرين ديبل ۽ پوءِ اروڙ کي فتح ڪري راجا ڏاهر کي شڪست ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اهڙي طرح سنڌ کي باب الاسلام جو شرف حاصل ٿيو. مسلمانن هتان جي رهاڪن سان رواداري جو سلوڪ ڪيو ۽ انهن جي وڏي تعداد اسلام قبول ڪيو. سڄي برصغير ۾ پهرين مسجد سنڌ جي سرزمين تي ديبل ۾ جڙي ۽ اسلام جو امن ۽ روحاني پيغام هتان ئي ٻين علائقن کي پهتو. هن دور ۾ عربي ٻولي ۽ تهذيب جو گهڻو اثر پيو. مقامي ماڻهن مان عربي ٻولي توڙي دينيات جا وڏا عالم پيدا ٿيا، جن جي مهارت کي سموري عالم اسلام ۽ توحيد جي نظرئي مذهبي ۽ طبقاتي منافقت ختم ڪري سماجي طرح معاشري ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪئي، جنهن ڪري سنڌ جي عوام کي ترقي ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيو. سنڌ ۾ عربن جو دور اٽڪل سوا سئو سال رهيو. سندس گاديءَ جو هنڌ پهرين اروڙ، پوءِ منصوره ۽ تنهن کان پوءِ ٺٽو ٿيو، منصوره تنهن زماني ۾ سنڌو جي ڪناري تي وڏو واپاري بندر هو ۽ تاريخ ۾ ان جي هاڪ هئي.
    سنڌ ۾ جڏهن مسلمانن جي حڪومت ڪمزورٿي، تڏهن سلطان عبدالرشيد بن سلطان محمود جي ڏينهن ۾ سومرن ٿرڙي ۾ گڏ ٿي سومرن نالي هڪ شخص کي 1051ع ۾ سنڌ جي حڪومت جون واڳون ڏيئي، سومرن جي حڪومت جو بنياد وڌو. هن گهراڻي جي ٽئين حاڪم دودي پهرين 24 سال حڪومت هلائي ۽ نصرپور تائين حڪومت وڌايائين. اهڙي طرح دودي جي پٽ سنگهار جي ڏينهن ۾ ڪڇ کان وٺي مالا ڪنڊي تائين سمورو ملڪ سومرن جي تابع هو. سومرن جو آخري حڪمران همير سومرو هو، جنهن کي قتل ڪري سمن حڪومت قائم ڪئي. هن دور ۾ سڄو ملڪ حصن ۾ ورهايل هو. گادي جي مرڪزي شهر يا سڄي ملڪ ۽ حڪومت کي اصلاحي طور ديهه سڏيو ويندو هو. تخت کي پيڙهي يا منجي سڏيندا هئا. ملڪ جي گادي جي شهر ۾ حڪومت جو شاهي دفتر هو. سنڌ جي اصلي زبان سنڌي هئي. سومرن جو دور سنڌ جو سونهري دور هو، هي مقامي مسلمانن جي پهرين وطني حڪومت هئي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي لکت موجب سومرن جو دور وطنيت جي جذبي ۽ خود قرباني جي لحاظ کان خاص اهميت وارو دور هو.
    سمن جي حڪومت جو بنياد 1351ع ۾ پيو ۽ سندس پهريون حاڪم ڄام انڙ هو . هن خاندان جا ڪل ارڙنهن حاڪم هئا. سما حڪمران معنى سردار هئا. هنن کان رعيت تمام گهڻو خوش هوندي هئي. ڄام نندو هن خاندان جو مشهور حڪمران هو، جنهن 48 سال حڪومت ڪئي. هو بهترين منتظم، عوام پرور ۽ سخي انسان هو. هن جي ڏينهن ۾ وڏي علمي ترقي ٿي. عالم صالح فقير ۽ سپاهي کائنس ڏاڍا خوش هئا. رعيت نهايت ڪمزور ۽ پرمتڙو هو، جنهن پنهنجي وزيراعظم دريا خان کي ڪڍي ڇڏيو ۽ قنڌار مان آيل مغلن ۽ ارغونن کي نوڪري ۾ رکيو. جن اندروني طور سازش ڪري، سمن جي حڪومت جو خاتمو آندو.
    سنڌ ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون 1521ع ۾ وڏي ڦرلٽ کان پوءِ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. هن کي بابر کان سدائين خطرو رهندو هو ۽ چوندو هو ته بادشاهه سنڌ ۾ اسان کي آرام سان رهڻ نه ڏيندو ۽ اڳي پوءِ سنڌ به اسان کان کسيندو ان ڪري هن جي مرڻ کان پوءِ، سندس پٽ شاهه حسن ارغون گادي تي ويٺو، ته هب خطبي ۾ بابر بادشاهه جو نالو کنيو. شاهه حسن جي وفات کان پوءِ سندس هڪ امير مرزا عيسى ترخان گادي تي ويٺو. مرزا جاني بيگ ترخان جي ڏينهن ۾ اڪبر جو سپهه سالار عبدالرحيم خان خاني سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو ۽ جاني بيگ سندس اطاعت قبول ڪري، مغلن جي غلامي جي ڳٽ وجهي نشي ۾ خوشيون ملهايون. اهڙي طرح مغلن جو اهو قبضو جيڪو 1592 ع ۾ شروع ٿيو، آهستي آهستي 1612ع ۾ پڪو ۽ پختو ٿيو. سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت 147 سال رهي.
    مغليه درٻار جو هڪ گورنر ميان يار محمد ڪلهوڙو هو، جنهن 1701ع ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو بنياد وڌو. سندس تختگاهه خدا آباد هو. 1718ع ۾ سندس پٽ ميان نور محمد گادي تي ويٺو جنهن لاڙ ۾ ڪڪرالو ۽ سري ۾ شڪارپور تائين قبضو ڪيو. 1736 ع ۾ دهلي درٻار بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽو سندس حوالي ڪيا. هن جي زماني ۾ نادرشاهه ڪاهه ڪري ميان کان ويهه لک روپيه ڦريا کائنس پوءِ ميان غلام شاهه سنڌ جي دٻدٻي سان حڪومت ڪئي . غلام شاهه کان پوءِ سندس پٽ ميان سرفراز تخت نشين ٿيو، جيڪو هن خاندان جو آخري حڪمران هو.
    ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ زراعت ۾ وڏي ترقي ڪئي خاص ڪري ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ هتان جو آبپاشي نظام سڌريل هو ۽ هن ڪيترائي واهه کوٽايا. سنڌ زرعي ۽ صنعتي لحاظ کان دنيا ۾ مشهور هئي. شيون، سستيون ۽ جهجهيون هيون. ماڻهو فارغ الباس ۽ خوشحال هئا. پئسي ۽ ان جي رواني هئي. 1783ع ۾ هالاڻي جي جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪست ملي ۽ سنڌ جا حاڪم ٽالپر ٿيا. هن گهراڻي جو پهريون حاڪم مير فتح علي خان هو. جملي ڇهن ميرن 1843ع تائين حڪومت ڪئي. هن سنڌ کي ٽن خاندانن ۾ ورهايو. جيڪي مير شهداد خان جي پيڙهي مان هئا، سي شهداداڻي سڏجڻ لڳا ۽ سندن تختگاهه حيدرآباد ٿيو. ماڻڪائي ٽالپورن جو ميرپورخاص، انهن ٽنهي رياستن جو نظام حڪومت هي هو ته جڏهن به ڪوبه دشمن انهن تي حملو ڪندو ته هو ٽيئي متحد ٿي ان جو مقابلو ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ تي پاڻ قبضو ڪندا هئا ته هو انصاف سان پاڻ ۾ ورهائيندا هئا. هنن حاڪمن، پنهنجي ٻڌي سان سنڌ جا اصلوڪا علائقا به واپس ورتا، جيڪي ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٻين جي قبضي ۾ هئا، مثلاً سبزل ڪوٽ کي نواب بهاولپور کان ڪراچي ۽ ان جي ٻين علائقن کي خان قلات کان ۽ ريگستان کي راجا جوڌپور کان واپس ورتو. اهڙي طرح هنن سنڌ جي حڪومت کي وسعت بخشي.
    ٽالپورن جي ڏينهن ۾ سنڌ جون صنعتي ۽ تجارتي حالتون بهتر هيون. مير فتح علي خان جي اپت 5113000 روپيه هئي. انتظامي لحاظ سان سنڌ پرڳڻن ۽ تعلقن ۾ ورهايل هئي. هر هڪ پرڳڻي مٿان مختيارڪار مقرر هئا. هاري گذريل دور کان آسودو گذاريندا هئا. ميرصاحبن جيڪي علمدار مقرر ڪيا تن کي وڏي پگهار ملندي هئي ۽ خانداني اشراف ماڻهو چونڊي عهدن تي رکندا هئا، چورن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي هئي. سنڌ تجارت ۽ صنعت ۾ ملڪان ملڪ مشهور هئي. خاص ڪري انگريز واپاري ڏاڍو ڪمائيندا هئا. تعليم مڪتبن، مدرسن ۽ مسجدن ۾ ڏني ويندي هئي ۽ باقاعدي نصاب تعليم مقرر هو. ذريعه تعليم سنڌي ٻولي هئي. دفتري زبان فارسي هئي. ان زماني ۾ سنڌي شاعري به خاص ترقي ڪئي ۽ ڪيتريون ئي نيون صنفون به ايجاد ٿيون، عورتن جي تعليم ڏانهن به ڌيان ڏنو ويو. انگريزن ميرن کي 17 فيبروري 1814ع ۾ دٻي ۽ مياڻي جي جنگين ۾ هار ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اهڙي طرح انگريزن سنڌ کي پنهنجي حڪومت بنائي سر چارلس نيپئر کي ان جو پهريون گورنر مقرر ڪيو. جيڪو 1847ع تائين گورنر رهيو. هن صوبي کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو، ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور، هر هڪ ضلعي مٿان هڪ ڪليڪٽر هو، جنهن جي هٿ هيٺ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ڪاردار هئا. 1847 ع کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي صوبي سان ملائي، مٿانئن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. هن جو پهريون ڪمشنر مسٽر پرنگل هو ۽ آخري ڪمشنر گبسن هو.
    انگريزن جو دور سنڌ ۾ نئين جاڳرتا جو زمانو هو، نئون دور نيون تقاضائون، نئين تعليم جو دور هو، سنڌ واسين به مغربي تعليم حاصل ڪري، معاشري ۾ نئون مقام حاصل ڪرڻ جو ن ڪوششون ڪيون، پر شروعاتي زماني ۾ انگريز حڪومت سنڌ جي جاگيردارن، زميندارن ۽ پيرن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو، جيئن هو پنهنجي مان ۽ مرتبي کي سلامت رکڻ لاءِ سرڪار جا خوشامدي ٿي رهن. انهن پاڻ کي سرڪار سان وفاداري جو ثبوت ڏيکارڻ لاءِ ڪي ئي طريقا اختيار ڪيا، جنهن ۾ آفيسر ن جون دعوتون، سرڪاري ڪامورن کي شڪار ڪرائڻ، تحفا ۽ سوغاتون پيش ڪرڻ هو، جنهن ۾جن جاگيردار ۽ زميندار خوددار ٿي ڏيکاري ته ان کي ڪچليو ويو. زميندار کي پنهنجي عزت رکڻ لاءِ سرڪاري ڪامورن جي آنڪي ڀرڻ ضروري هئي. مختيار ڪار ۽ ڪليڪٽر جي درٻار ۾ ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ علمدارن جي خوشامد ڪرڻ ضروري هئي. جنهن لاءِ ڪيترائي خرچ ڪرڻ شامل هو، جيڪو زميندار ۽ جاگيردار جي چنبي ۾ قابو هو، عدالتن جو نظام رائج هو، وڪيل ملزم جا مددگار ٿيا. پوليس ۾ رشوت جو رواج پيو ۽ ان سان گڏ انگريز حڪومت ۾ رشوت جو مرض وڌڻ لڳو، هي رشوعت عام راءِ، آزادي ۽ ايمانداري جي واڌاري ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿي. ڪوڙيون شاهديون شروع ٿيون. ڏوهي ۽ بي ڏوهي جي تميز مشڪل ٿي پئي. ڏوهه جي جانچ دوران ماڻهن جي زالن، ٻارن،ڌيئرن، ڀينرن ۽ مائرن تي به ظلم ٿيئڻ لڳو. سنڌ سرڪاري ڪامورن جي شڪار گاهه بڻجي ويئي جنهن ۾ سارو خرچ زميندار ڪندو هو ۽ عام ماڻهو رستا ٺاهڻ، تنبو کوڙائڻ، گاهه ميسر ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندا هئا. سرڪار پرست زميندارن، انگريز سرڪار جي خدمت ڪري، وڏا وڏا انعام لقب ۽ خطاب حاصل ڪيا. ڪاموري کي صاحب بهادر سڏيو ويو ۽ انگريز سرڪار کي فيل مست سرڪار جو تصور ڏنو ويو.
    هن زماني ۾ سنڌ جي عوام مغربي ۽ سائنس کان واقف ٿي اسڪول ۽ اسپتالون قائم ٿيون، روڊ ۽ ريلون، موٽر ۽ ڪارون وجود ۾ آيون، ڏورانهن علائقن ۾ رستا هئا، ٽيليفون ۽ ريڊيا وجود ۾ آيا انگريز عالمن سنڌي ٻولي سکي، سنڌي ادب ۽ شاعري جي وڏي خدمت ڪئي جنهن جو واضع ثبوت سنڌي ادب جون نيون صنفون فئنٽسي ڊرامه سانيٽ، ترائيل ۽ سنڌي ٻولي ۾ انگريزي لفظن جي گهڻائي آهن.
    14 آگسٽ 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، تڏهن سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿي . هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ پهريون صوبو آهي، جنهن آڪٽوبر 1938ع ۾ ڪراچي ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ پاڪستان جو مطالبو پيش ڪيو هو، جيڪو لاهور واري قرارداد پاڪستان کان ڏيڍ سال اڳ پاس ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ هندستان جي يارنهن صوبائي اسيمبلين مان سنڌ اسيمبلي پهرين ۽ اڪيلي اسيمبلي هئي جنهن 3 مارچ 1940ع تي آئيني طور پاڪستان جو مطالبو ڪيو پاڪستان کان اڳ سڄي هندوستان ۾ سنڌ ئي هئي، جتي 5 سالن کان مسلم ليگ جي حڪومت قائم ٿي. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو تڏهن سنڌ ئي مرڪزي حڪومت کي پنهنجي صوبائي سيڪريٽريٽ جون عمارتون پيش ڪيون ۽ پاڪ حڪومت کي پنهنجو صنعتي علائقو ڪراچي گادي لاءِ ڏنو. سنڌ پاڻ وٽ ايندڙ نون مهمانن کي ساڍا 27 لک ايڪڙ زمين آبادي لاءِ 99 هزار ست سئو گهر ۽ 38 هزار ۽ سنڌ جو پهريون گورنر سر غلام حسين هدايت الله کي مقرر ڪيو ويو. 1948 ع ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ٽوڙي فيڊرل ايريا ڪيو ويو. 1955ع ۾ گورنر غلام محمد جي ايام ڪاري ۾ اولهه پاڪستان جي سنڌ ۽ ٻين ٽن صوبن پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد کي گڏي يڪو صوبو بنايو ويو. جنهن کي ون يونٽ سڏيو ويو. سنڌي عوام ان جي ايڏي سخت مخالفت ڪئي جو 1958 ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي ون يونٽ ٽوڙڻ جو ٺهراءُ بحال ڪيو. تڏهن فوج جي چيف ڪمانڊر محمد ايوب خان مارشل لا لڳائي، اسيمبليون ٽوڙي، پاڻ صدر ٿي ويو . ون يونٽ کي جاري رکيو. 1968ع ۾ ايوب خان جي خلاف جڏهن زبردست تحريڪ هلي تڏهن هو فوج جي چيف ڪمانڊر جنرل آغا محمد يحى کي واڳون ڏيئي پاڻ هليو ويو. 28 نومبر 1969ع ۾ صدر يحى خان ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ 21 جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ ۾ ختم ڪيل صوبا قانوني طرح وري وجود ۾ اچي ويا ۽ انهن جي سيڪريٽرين پنهنجو ڪم شروع ڪيو. سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي ۾ رکيو ويو ۽ اهڙي طرح 1955ع ۾ سنڌ جو ختم ڪيل نالو وري زندهه ٿيو، نه ته اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد ريجن لکيو ويندو هو ۽ سنڌ لکڻ ڏوهه هو.
    هن وقت سنڌ پنج ڊويزنن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ سکر تي مشتمل آهي ۽ سنڌ ۾ 25 ضلعا ڪيا ويا ۽ 2002 کان ضلعي حڪومت جو نظام رائج ڪيو ويو آهي ۽ دعا آهي ته شل نظر بد کان بچي.

    سر ۾ پکي هيڪڙو، پارهيڙي پنجاهه
    سندي آس الله، لڏي لهرن وچ ۾
    شاهه رح

    4 – سنڌ جي ندي

    سنڌو ندي سنڌ جي سونهن آهي، سنڌ جي سوڀيا آهي، سنڌ جي سوغات آهي، سندس ذخيري ۽ خوشحالي جو ديوتا آهي. سنڌ جي زندگي سڌو سنڌو سان وابسته آهي. سنڌ جو پاڻي آب حيات آهي . امام سوطي کان روايت آهي ته ” جنت مان چار درياءَ بيل، فرات، جيحون ۽ سيحون نڪرن ٿا، جن مان سيحون سنڌو آهي.“ هي حقيقت آهي ته اهي چارئي درياءَ برڪت وارا آهن، جي مصر ۾ نيل نه هجي ۽ سنڌ ۾ سنڌو نه هجي ته هي ملڪ تهذيب، تمدن ۽ زرخيزي مان گهواره نه بڻجي سگهن ها. سنڌو ندي جي ساراهه ويدن جي ڏهين منڊل ۾ هن طرح ڪيل آهي. اي سنڌو! جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي، تڏهن بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي، تنهنجو پاڻي اتم
    آهي، اي سنڌو! تنهنجي وهڪ جو آوازا ڍڳيءَ وانگر آهي. جيئن ڍڳيون پنهنجن ڦرن کي کير پيارين ٿيون، تون هڪڙي سپهه سالار وانگر فوجون وٺي نڪرين ٿي، اي سنڌو! تنهنجي خوبصورتي جي ڀيٽا ڪجي ته تون ” عروس البحر“ آهين، تنهنجي چال ۽ سونهن هڪڙي نو عمر ڪنوار جهڙي آهي. اي سنڌو! تون عبادت گذارڻ لاءِ آستان آهين. تنهنجو پاڻي امرت آهي.
    قديم زماني ۾ هن ندي جو نالو سنڌو هو، جيڪو سنسڪرت لفظ آهي جنهن جي معنى وڏو سمنڊ، سينڍ لفظ جي آهي وهڻ يعني اها ندي جيڪا سدائين پئي وهي. آرين هن جو نالو ” سوشاما“ رکيو. آرين جڏهن پنجاب جي ستن دريائن واري ميدان ۾ بيٺڪون وڌيون تڏهن هن ديس تي سپت سنڌو نالو رکيو جنهن کي ايرانين پنهنجي لهجي ۾ هيت هندو ڪوٺيو. اهڙي طرح سنڌو بدلجي هندو ٿيو ۽ يونانين کيس انڊو سڏيو. مغربين وري انڊو مان انڊس ڪيو. عربن پنهنجي زماني ۾ سنڌو کي مهراڻ سڏيو، جيڪو اصل پارسين جي لفظ مهرا مان نڪتل آهي. عربي ۾ (ڻ) ڪونهي. ان ڪري اڄ سنڌو مهراڻ به سڏجي، چينين کيس ” سين“ سڏيو، ان کان سواءِ اٽڪ، نيل درياءَ ۽ شير درياءَ به سڏبو رهيو آهي. بهرالحال هن وقت مهراڻ ۽ سنڌو سندس پيارا نالا آهي.
    سنڌوندي جي نڪرڻ جي جاءِ سنگيڪاباد نالي اهو پاڪ صاف چشمو آهي، جيڪو مانسرو ڍنڍ وٽ هماليه جي اترئين پاسي، ڪيلاش پريت جي اتر اولهه ۾ آهي ۽ سمنڊ کان ان جي اوچائي 16946 فوٽ مٿي آهي. جڏهن اها ڪيلاش پربت جي چوٿين جي وڏي ميڙ منجهان نڪرندڙ جهرڻن مان ٻاهر اچي ٿي ته ٽن سرچشمن جو پاڻي کيس ڀرتي ڪري ٿو. اهڙي طرح سنڌو اتر ۾ لداخ جي پهاڙي سلسلن کان ڏکڻ ۾ هماليه جي مکي برفاني چوٽي زڪسار جي پهاڙن تائين 530 ميل طئي ڪري ٿي. ڏکڻ اولهه ڏانهن ٿوري مفاصلي کان سواءِ هي پنهنجي روايتي واٽ اتر اولهه ڏانهن وٺي هلي ٿي. پوءِ اها سموري گڏيل پاڻي سان راڪاپوشي چوٽي تي اچي ٿي سهڙي. اتي آخري ڀيرو ڏکڻ اولهه ڏانهن مڙي ٿي ۽ گلگت ۽ هنزا جبلن جي جبلن ۾ پيهي اوچتو پنهنجي 15000 فوٽن جي گهرائي تائين هيٺ ڪري ٿي. جلد ئي پوءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي کاهي مان اڀري گلگت جي درياءَ کي اچيو ڇهي. اهڙي طرح جبلن مان ٿيندي، اتر ڪشمير ۾ سنڌو 500 ميلن جو سفر ڪري ٿي. تورا ميل اڳتي وڌي ڪوهستان ۽ هزارا جي پهاڙن کي لتاڙِ، ٻنهي پاسن کان پاڻي وٺندي، اها آخري طرح پنجاب جي ميدانن ۾ داخل ٿئي ٿي. هتي اها پنهنجي جنم ڀومي کان 850 ميل پري وهي ٿي. اٽڪ وٽ ڪابل درياءَ، هندوڪش جبل مان پاڻي آڻي ٿو ۽ ڪرم، توچي، زوب ۽ گومل نديون وري سليمان جبل مان پنهنجو حصو آڻي پيش ڪن ٿيون . سمنڊ جي سطح کان ٻه هزار فوٽ مٿي هوندي هتي جهازراني جي قابل ٿيو پوي. 450 ميل اڃان به ڏکڻ تي پنجاب جو پنج نديون به ڊوڙيو اچيو سنڌو سان ملن. سنڌو هاڻي مان ۽ شان سان سوين ميلن تائين انيڪ پهاڙن ۽ آبشارن جي زرخيز مٽي ميڙي عطر ۽ عنبير جون سرهاڻيون کڻي سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿي. هتي اها اهڙي مستي سان وهي ٿي، جو سنڌي ماڻهو ان کي درياءَ چون، اڳتي ان ۾ ڪوبه پاڻي وڌيڪ نٿو گڏجي پر جيڪي هو پنهنجي سفر ۾ هر هنڌان ميڙيندي آئي آهي سا هتي وارن کي آڇيو ڇڏي. سنڌ ۾ هن جو پنڌ ٽي سئو ميل آهي، تان جو وڃيو عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. سنڌو درياءَ جي سڀني ندين وانگر هڪ حد نمايان خصوصيت آهي ته سنڌ منجهان وهندي وقت واريءَ جي ترائي مان نه پر چوٽي تان وهي ٿي. سندس ٻنهي ڪنڌين وٽان زمين جيئن پوءِ تيئن آهستي آهستي گهڻو هيٺائين لهندي وئي آهي. ريگستانن ۽ جبلن مان لگهندي اها ندي ندي تقريبن S شڪل وڃي ٿي اختيار ڪري ۽ سندس انهي شڪل ۾ وهڻ سان پاڻ صوبي جي زياده ايراضي کي پاڻي پهچي ٿو. جيڪڏهن اتر کان ڏکڻ ڏي، سڌو ئي سڌو وهڪرو هجيس ها ته تمام ٿوري ايراضي کي پاڻي پهچي سگهي ها. سنڌ جي اها نمايان خصوصيت آهي ته سندس زمين گهڻي ڪري درياءَ جي ڪنڌين وٽ تمام اوچي آهي ۽ جيئن جيئن هيٺ لهي ٿي، تئين تئين وڌيڪ هيٺاهين وڃي ٿي ۽ پوءِ جڏهن درياءِ لڳي ٿو ته سموري سنڌ ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃي ٿي . ان ڪري ڪيترائي شهر ڦٽي وڃن ٿا ۽ ماڻهو بي گهر ٿين ٿا. پر جڏهن پاڻي لهي ٿو ته انهن علائقن ۾ ٻيهر ساوڪ ۽ سبزي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو لئمبرڪ لکي ٿو ته ” هن ندي جي موج ۽ مستي ڪري سنڌ هزارن چورس ميلن ۾ ساوڪ جي بي پناهه سمنڊ ڏسڻ ۾ ايندي آهي .“
    سنڌو ندي نه صرف آبادي جو ذريعو آهي پر پرڏيهي واپار ۽ تجارت جو به اهم وسيلو آهي. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته ” سنڌو ندي ئي ملڪ جي قدرتي اڪيلائي کي ٽوڙي کيس هڪ اهڙي تجارتي اهميت بخشي ڇڏي، جنهن لاءِ ڪنهن وقت سنڌو ديسان ديس مشهور هئي. انهيءَ ندي جي ڪناري تي ئي سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾ الور، منصوره، برهمڻ آباد، بکر، ديبل،لهري، سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جهڙا ناميارا شهر آباد ٿيا. انهن مان گهڻا جيڪڏهن سنڌو نديءَ جا پراڻا تاجر جيڪو به واپار ڪندا هئا، سو هن درياءَ رستي ڪندا هئا. دارا سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي اميرالبحر سائيلاڪس کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي سروي لاءِ موڪليو. هن سنڌ ۾ اچي مهراڻ ۾ واپار جو معائنو ڪيو. هن مهراڻ جي وهڪري ۽ هندي وڏي سمنڊ جي رستن کي معلوم ڪيو هو. پهريون جهازران هو جنهن مهراڻ جي وهڪري کي اٽڪ کان سمنڊ تائين ڪاميابي سان معلوم ڪيو ته مهراڻ هڪ اهم تجارتي شاهراهه آهي، جنهن جي ذريعي دنيا جو مال ايراني نار ڳاڙهي سمنڊ رستي يونان تائين آسانيءَ سان پهچي سگهندو. هن سنڌو جي ڪپن تي نوان شهر تعمير ڪرايا، اچ، پٽالا، ڀنڀور ۽ سون مياڻي جي بندرن تي جهاز جي سهوليت لاءِ دڪان ٺهرايا ويا. سڪندر سنڌو درياءَ ۽ عربي سمنڊ جي ڪنارن سان رستا ٺهرايا ۽ سروي ڪرائي . راءِ دور ۾ اٽڪ کان مهراڻ رستي مال سنڌو ۾ ايندو هو. عربن جي دور ۾ اروڙ، ملتان، ويهند،منصوره سنڌو ندي
    تي لاڙي بندر رستي وڏو واپار ٿيندو هو. انگريزن، ٽالپرن جي زماني سنڌو درياءَ ۾ تجارت ڪرڻ جي اجازت گهري، ان سلسلي ۾ اليگزنڊر برنس ڊيلٽا کان وٺي اچ تائين سنڌو درياءَ جي ماپ ورتي ۽ پانٽيچر 8131ع ۾ ٽالپورن کان درياءَ ۾ واپار ڪرڻ جو اختيار حاصل ڪيو. اهڙي طرح هر هفتي 500 ٻيڙيون مال سان ڀريل بکر اينديون هيون. پانٽچر لکي ٿو ” هن 19 ڏينهن ۾ 341 ٻيڙيون مال سان ڀريل حيدرآباد کان راڄيدري ڏانهن لگهندي ڏٺيون. سنڌو رستي واپار کي وڌائڻ لاءِ سنڌ ۾ ” آگبوٽ سروس“ شروع ڪئي وئي . نمورڊ پهريون آگبوٽ هو جنهن 1847ع ۾ سڀ کان پهرين ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ سفر شروع ڪيو. هن واپار جي هيڊ ڪواٽر ڪوٽڙي هو. پنجاب جو مال جهازن وسيلي ڪوٽڙي کان ڪراچي موڪليو ويندو هو. ان کي فلاٽن ۾ ڀري جهازن رستي ڇڪيو ويندو هو. مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي آگبوٽ کي ٻارڻ لاءِڪاٺين پهچائڻ لاءِ اسٽيشنون هيون. 1851ع ۾ ملتان ۽ ڪراچي جي وچ ۾ آگبوٽ سروس شروع ٿي. اهڙي طرح سنڌوندي هڪ تجارتي شاهراهه بڻجي ويئي. جڏهن 1889ع ۾ لئنسڊائون پل ۽ 1900 ۾ ڪوٽڙي پل تيار ٿي تڏهن ڪراچي کان پنجاب مال ريلوي رستي وڃڻ لڳو ۽ سنڌو رستي واپار ختم ٿي ويو ۽ پنجاب ۾ ڊيمن ٺهڻ کان پوءِ سنڌو ندي جي هوڏ۽ هستي ختم ٿي وئي ۽ هاڻي ته هڪ ميربحر چوهاڻي ” سنڌو جي پيٽ مان ٻلو به اڪري وڃي ٿو. “

    5 – سنڌ جي تهذيب:

    سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي عظمت تي بجا ناز آهي. تاريخ جي وقتن ۾ هي حقيقت سمايل آهي ته سنڌ اصل کان ئي تهذيب ۽ تمدن، ادب، ڪلچر، صنعت ۽ حرفت، تجارت ۽ ڪاريگري جو مرڪز پئي رهي آهي. اها سنڌ جي زمين آهي، جنهن انسان ذات کي رهڻ سيکاريو ۽ زندگي گذارڻ جو فن سيکاريو. انساني تهذيب جي ارتقا هن ئي زمين تان ٿي. قديم آثارن جي ماهر مسٽر آر جي بير چيو آهي ت ه” تاريخ جي دور کان گهڻو اڳ هن ملڪ جي گود ۾ انساني تهذيب ۽ تمدن جنم ورتو.“ ڊاڪٽر نوحا ايس ڪريمر لکي ٿو ته ” بيشڪ تهذيب ۽ تمدن جو سرچشمو جنهن مان سڄي دنيا سيراب ٿي، علم ۽ عرفان جي وسعت ۾ قدم رکندي اڳتي وڌندي ويئي سا هن تاريڪ خاڪدان جي مرهون منت آهي، جنهن کي ” وادي سنڌ“ سڏيو ويندو آهي. “ قديم بابلي ادب ۽ تاريخ ۾ سنڌ کي ” سج اڀرڻ جو ديس“ سڏيو ويندو آهي. اخبار الحڪماءَ ۾ آيل آهي ته دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي ۽ سنڌ عدل ۽ سياست جو پهريون مرڪز آهي. اسان جي ملڪ کان پري هئڻ ڪري سنڌ جا ڪتاب اسان جي عالمن تائين گهٽ پهتا آهن. تان ته اسان وٽ جو ڪجهه به آهي اهو تمام گهٽ حصو آهي. حضرت علي رضه جو قول آهي ته ” سنڌ جي سرزمين اها علم ۽ برڪت واري زمين آهي جتان علم ۽ عرفان جو سج اڀريو“.
    هي صرف دعوى نه آهي پر حقيقت آهي به آهي ته جڏهن دنيا ۾ انسان غارن ۽ چرن ۾ رهندو هو تڏهن سنڌ جو ماڻهو اعلى معيار جي زندگي گذاريندو هو. سندس شهري نظام بهترين هو. مورخ سنڌ جي شهرن جي تصوير هن طرح چٽين ٿا ته ” هن شهر ۾ هر طرف سک سانت ۽ امن امان آهي، هتي ڪوبه طاقتور ڪنهن به ڪمزور کي ڪو اهنج رسائي نه ٿو سگهي . هتي ڪوبه پوڙهو پاڻ کي پوڙهو نه ٿو سڏائي ۽ هت ڪابه پوڙهي زال پوڙهي نه ٿي چوائي، هتي جون نينگريون گهٽين ۾ گندو پاڻي نه ٿيون هارين، هتي ڪو به يتيم ناهي، ڪابه بيوه زال نه آهي، هتي ڪوبه شخص بيمار نه ٿو گذراري،ڪنهن کي مٿي جو سور يا اکين جو آزار نه ٿو ٿئي، هت مرثيو پڙهڻ وارو ڪونهي، نڪي پروهت کي ميرا پائي ڳوڙها وهائڻا پون ٿا. نڪي ڪو ديوار جو سهارو وٺي فرياد ڪري ٿو. هتي مٺي پاڻي جا کوهه ۽ چشما آهن. هتي جون ٻنيون سرسبز فصل اپائن ٿيون. بيشڪ هي زمين بهشت جي سرزمين آهي. ڊاڪٽر ڪريمر جو رايو آهي ته هت ماڻهو وڏن پڪن گهرن ۾ رهندا هئا ۽ شهر جو نظام نهايت سڌريل، جڏهن ته سنڌي پنهنجي همعصر عراقين جي مصرين کان وڌيڪ سڌريل ۽ تمدن هئا. سنڌ جي هڪ ئي عالم اونيس ضلعي هارس پار سميرين ( عراق ۽ بابال) کي لکڻ، پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ، ٻيڙيون جوڙڻڻ، ٻڙيون هلائڻ، ٿانو ٿپا ٺاهڻ، ڪپڙو اڻڻ، اڇو اجرو اوڍي سکي زندگي گذارڻ لاءِ شهر اڏڻ جي سکيا ڏني. اهي ڳالهيون سامهون رکي نازمن برائون لکيو ته ” مصر فونيقيه ۽ عراق جون تهذيبون سڀني سنڌ جي ڪري ئي ترقي ڪئي.“
    ائڊورڊئڪن لکي ٿو ته ” مهراڻ وادي جي تهذيب ان طلسمي جنت جي خواب جو تعمير ڳولي لڌو هو جنهن ۾ دنيا امن ۽ آسودگي جو آدرش حاصل ڪري چڪي هئي. جنهن جي دولت جو ڪو ٿوروحصو به دفاع يا اڳرائي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪونه ٿيندو هو ۽ اها جنت ته آهي جنهن جي تصوير هر معقول انسان جي ذهن ۾ آهي.
    ڪروسر لکي ٿو ته ” جيڪڏهن اهڙو ملڪ هن ڌرتي تي آهي، جنهن لاءِ دعوى ڪري سگهجي ته اهو انسان ذات جو گهوارو آهي يا گهٽ ۾ گھٽ شروعاتي تهذيب جو مرڪز رهيو آهي. جنهن جي تهذيب وڌندي وڌندي ساري قديم دنيا جي تهذيب بڻجي وئي ۽ ان جو علم سڄي دنيا جو علم بڻجي ويو ته اهو ملڪ پڪ ئي پڪ سان سنڌ آهي.“
    پروفيسر جور لکي ٿو ته ” تهذيب اها آهي جنهن ۾ سهڻيون شيون ٺاهيون وڃن، خيالن جي آزادي هجي، سٺين شين جو تصور ڪيو وڃي ۽ ٻين سان گڏجي رهڻ جي اصولن تي هلجي ۽ جنهن معاشري ۾ اهي سڀ خصلتون هجن، اهو هڪ سڌريل تهذيب يافته ۽ پنهنجي ڪلچر جو ڌڻي معاشرو سڏبو آهي. هي سڀ خصلتون وادي سنڌ جي رهاڪن ۾ 5 هزار ق – م تائين هن ڌرتي جا رهاڪو اهڙي منزل تي پهچي چڪا هئا، جو کوجنا جي ماهرن ان کي سڌريل تهذيب ۽ سڌريل معاشري وارو انسان آهي. گورڊن لکي ٿو ته ” وادي سنڌ منڍ کان ئي جاگرافي نسلي، لساني، تهذيبي ۽ ثقافتي لحاظ کان هڪ مستقل وحدت رهي آهي ۽ وادي سنڌ جي تهذيب عراق ۽ مصر جي تهذيب کان وڌيڪ ترقي يافته هئي. هن ئي وادي کي اهو شرف حاصل آهي جو دنيا جي پهرين ۽ قديم تهذيب آهي.
    هنن بيانن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌو تهذيب پنهنجي اوج ۽ عروج واري زماني ۾ دنيا جي سڀني اتم ۽ مشهور تهذيبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ۽ تمام وسيع علائقي ۾ پکڙيل هئي. سنڌو تهذيب کي وجود خود ئي ڏنو. ايڇ جي ويلس لکي ٿو ته ” هندوستان ۾ هڪ تهذيب هئي، جيڪا منڍ کان وٺي پنهنجن پاڙن تي اڀري هئي ۽ جنهن کي پنهجون مخصوص خصلتون هيون. ان تهذيب جو مغرب ۽ مشرق جي تهذيبن سان بلند پهاڙن ۽ ريگستانن جي ڪري ڪوبه تعلق نه هو. آرين کي هن ملڪ ۾ اڳ ئي هڪ ٽڙيل پکڙيل تهذيب نظر آئي جنهن کي دراوڙي تهذيب سڏيو وڃي ٿو. سنڌو تهذيب وارو سماج هڪ منظم سماج هو، جنهن ۾نمي، ماحول، حالتن ۽ آبهوا جي ڪري ڪجهه نه ڪجهه ڦير گهير به ٿي. اهو سماج اقتصادي طور تي شاهوڪار هو، جنهن وٽ تمام گهڻا وسيلا هئا. جنهن ڪري تمام گهڻو تعداد پورهيتن ۽ هنرمندن جو هو. سنڌو سماج هڪ صاف سٿرو شاهوڪار فلاحي منظم ۽ موثر سماج هو.
    ان ۾ شڪ ناهي ته سنڌين جو رنگ سفيد هو فام قومن جي مقابلي سانورو، پر الله تعالى کين قديم قومن ۾ علم، حڪمت هنر، تهذيب، اخلاق ۽ سياست جي ڪري فضيلت عطا ڪئي هئي. سنڌي نجومين جو چوڻ آهي ته زحل ۽ عطارد سنڌ جي طبعي حالت تي حڪمران آهي. زحل جي ڪري سندس رنگ سانورو آهي ۽ عطارد جي ڪري سندس عقل ۾ صفائي ۽ ذهن ۾ لطافت پيدا ٿي آهي. کين مغلن ۾ رب طوبى نصيب ٿيو ۽ تهذيب ۽ تمدن جي دنيا ۾ سرفراز ۽ ڪامران ٿي اڳتي قدم وڌائيندا ويا رهيا.
    هن ڪتاب ۾ سنڌ واسين جي انهن ڪارنامن جو ذڪر جتي ڪٿي پڙهندڙن سان ڪيو اٿم، ته جيئن ماضي کي اڳيان رکي، حال کي سنواري مستقبل جي تعميرن ڪن.

    6 - سنڌ جي ٻولي
    هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته دنيا جي قديم ترين تهذيبن ۾ سنڌي ثقافت کي اوليت ۽ عظمت جو شرف حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻولي پنهنجي طويل ۽ پراڻي، اوائلي ۽ تاريخي ورثي کي سانڍيندي پنهنجي علمي، ادبي، لغوي ۽ تهذيبي سرمائي جي حيثيت سان پاڪستان جي سڀني علائقائي زبانن ۾ ممتاز ۽ منفرد، اوائلي، پختي ۽ زندهه ٻولي آهي. اهليت ۽ اهميت لحاظ کان سنڌي زبان پاڪستان جو قيمتي سرمايو آهي. علم اللغت موجب سنڌي زبان پاڪستان جي قديم ترين ٻولي آهي. پر ساري برصغير جي قديم ٻولين مان هڪ آهي. ڪن محققن جي چوڻ موجب ڀارت جي ڪلاسيڪي ٻولي سنسڪرت به سنڌي کان پوءِ جي پيداوار آهي . خود هاڻوڪي سنسڪرت ۾ ڪيترائي لفظ سنڌي جا آيل آهن. موهن جي دڙي واري ٻولي جا ڪيترائي آثار آوازانه، لفظن ۽ ويا ڪرڻي صورتن جي ويس ۽ روزمراهه واري ٻولي ۾ ملن ٿا.
    بين الاقوامي لحاظ کان سنڌي ٻولي قابل تعريف آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف دنيا جي قديم آرياني تمدن، مصري، بابلي ۽ عراقي تمدن جي ساٿي سنڌو تمدن جي ٻولي آهي ۽ ٻئي طرف دنيا جي هي واحد زبان آهي جيڪا تاريخ توڙي لغت جي لحاظ کان آريائي توڙي سامي خوبي جي پيداوار ۽ علمبردار آهي. اسلامي جهموريه رياست جو ته سنڌي ٻولي روشن چراغ آهي. ڪن عالمن هن کي الحامي زبان ۾ چيو آهي. حديث شريف جي ڪتاب ” مسند احمد بن حنبل “ ۾ آهي ته نبي اڪرمﷺ واپار جي خيال کان نبوت کان اڳ بحرين جي مشهور عالمي واپاري ميلي ۾ واپار لاءِ ويندا هئا. هڪ ڀيري پاڻ ﷺ ان ميلي ۾ بيٺا هئا ته پنهنجن ساٿين کي ڪنهن ماڻهن ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون ته ” اهي سنڌي واپاري آهن ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته هن زبان حضور ﷺ کان ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو شرف حاصل ڪيو. تابعين 7 تابع تابعين ڳالهايو،محدثن، عالمن، راوين ۽ سنڌ جي نيڪ عرب حاڪمن هن زبان جي خاص پرورش ڪئي. هي اها ڀاڳڀري ۽ متبرڪ زبان آهي. جنهن کي دنيا ۾ پهريون قرآن شريف جي ترجمي جو شرف حاصل ٿيو.
    سڄي برصغير ۾ هي پهرين زبان آهي جيڪا قديم زماني کان عربي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي . هن ئي زبان ۾ ڊاڪٽر سورلي جي لفظن ۾ دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف رح پنهنجي شاعري ڪئي. جنهن جو ڪلام هن وقت بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.
    سنڌي زبان هڪ سرمائيدار، علمي ۽ فني زبان آهي، جنهن ۾ نون لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هن ٻولي کي پنهنجي لغت ۽ پنهنجو گرامر آهي. جيڪو هر لحاظ کان مستقل ۽ پائدار آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي گرامر لاءِ لکي ٿو ته سنڌي ٻولي پنهنجي لاءِ گرامر جي اهڙي صورت اختيار ڪئي آهي جو هو پنهنجي سڀني انڊو، آرياڻي ڀينرن کان رسد ۽ ميٺاج توڙي علمي خوبين ۾ گوءِ کنيون بيٺي آهي. هن زبان ۾ ٻن لکن کان مٿي لفظ موجود آهن ۽ اصطلاحن خواهه محاورن جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. هيءَ زبان فني سائنٽيفڪ لحاظ کان تمام وسيع آهي . هن ۾ هر قسم جا فني ۽ علمي مسئلا بيان ڪري سگهجن ٿا. سائنس، نباتات، صحت، طب، تاريخ ۽ ادب تي خالص سنڌي لفظ ۽ محاوارا ملن ٿا، جيڪي هن زبان جي علمي بصيرت جي گواهي ڏين ٿا. سنڌي زبان کي پنهنجي تاريخي حيثيت سان گڏ ٻوليءَ جي ساخت، لساني تشڪيل، لغت جي ترتيب،حرف لهجي جي اصولن متعلق وڏو علمي ۽ تاريخي ذخيرو موجود آهي. سنڌي کان سواءِ جن ٻين ٻولين هندي، سنسڪرت، انگريزي ۽ پارسي ۾ علم الله متعلق جيڪي به ڪتاب گرامر تي علمي ڇند ڇاڻ ڪري کيس ساراهيو ويو آهي. هنن خوبين ۽ صلاحيتن جي ڪري هيءَ ٻولي صدين کان سنڌ جي تعليمي ۽ دفتري زبان ٿيندي رهي آهي.
    عربن جي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻولي مڪمل طور لکي ۽ ڳالهائي ويندي هئي. خود عربي حاڪم ۽ عالم سنڌي سکندا ۽ ڳالهائيندا هئا. پنهنجي دور ۾ عربن سنڌي کي ترقي ڏيڻ جي بيحد ڪوشش ڪئي ۽ ان کي عربي جي برابر جو درجو ڏنو. هنن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لفظن ۾ ” سنڌي ٻولي کي وڏي اهميت ڏني ۽ ان جي ترقي ۽ واڌاري جو باقاعدي انتظام ڪيو.“ عربي زبان جا اثر ڪري سنڌي زبان جي لغت ۾ واڌارو ٿيو ۽ سنڌ جي عالمن عرب ۾ وڃي سنڌي ٻولي جو نالو روشن ڪيو. عربن کان پوءِ سنڌ جا حاڪم سومرا ٿيا. هي پهرين وطني حڪومت هئي جيئن ته سومرا خود سنڌي هئا، ان ڪري هنن سنڌي زبان جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ وڏا ڪم ڪيا. هن دور ۾ سنڌي ٻولي پنهنجو جائز مقام حاصل ڪيو ۽ سنڌي سرڪاري ٻولي ٿي رهي. هي دور سنڌي زبان لاءِ جاڳرتا جو دور هو. هن زماني ۾ سنڌي زبان کي مذهبي تعليم ۽ ديني پرچار جو ذريعو سمجهيو ويو. ان مان ثابت ٿيو ته سنڌي زبان يارهين صدي عيسوي کان ذريعه تعليم رهي آهي. ان وقت سوين حاڪم سڀ سرڪاري ڪاغذ ۽ سمورو رڪارڊ سنڌي ٻولي ۾ رکندا هئا. سمن جي زماني ۾ سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪئي هن زماني ۾ زبردست عالم پيدا ٿيا، جن مدرسن ۾سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيئڻ شروع ڪئي . هن دور ۾ عام ماڻهن کان سواءِ خود حاڪمن جي مادري زبان به سنڌي هئي. ان ڪري سنڌي ٻولي کي سياسي قوت حاصل ٿي ۽ کيس درٻاري زبان بنجڻ جو شرف مليو. هتان جي حاڪمن جي علم پروري ڪري ڪيترائي عالم ٻاهران لڏي سنڌ ۾ اچي ويٺا. مدرسن ۾ مخدوم بلاول، قاضي قاضن، شيخ محمد، مولانا مصلح الدين ۽ ٻيا عالم سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ لڳا ۽ انهن مذهبي تعليم ۽ تدريس وارن مدرسن، سنڌي عالم و ادب جي ترقي ۽ سنڌي زبان جي ارتقا ۾ اهم ڪم ڪيو. ان وقت جا وڏا وڏا عالم، سنڌي ٻولي جا نامور شاعر به هئا. سمن کان پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جو زمانو آيو. هن زماني ۾ سنڌي جي جاءِ تي فارسي کي مٿي آندو ويو، پر عوام هن ٻولي کي جيءُ ۾ جايون ڏنيون ۽ سنڌي جي تحفظ جو چرچو وڌڻ لڳو. عوام کي پنهنجي خطي جو احساس ٿيو ۽ سنڌي عالمن سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ جو عزم ڪيو. شاهه ڪريم رحه، مخدوم بلاول، شاهه لطف الله قادري ۽ قاضي قاضن سنڌي ٻولي کي تقرير ۽ تحرير رستي زنده جاويد بڻائي ڇڏيو. بيان العارفين جهڙو ڪتاب هن زماني ۾ لکيو ويو. سنڌي ٻولي ان زماني ۾ خط نستعليق يا نسخ خط ۾ لکجڻ لڳي. مغلن جي راڄ جو آخري حصو ۽ ڪلهوڙن جي شروعات وارو دور سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ،نيون ڌارائون ۽ نوان ماپا کڻي آيو. هن زماني ۾ ٺٽي جي عالمن، سنڌي ٻولي کي رسم الخط ڏيئي ان کي هيمشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيو. مخدوم الحسن سنڌي ٻولي لاءِ نسخ خط مقرر ڪري ان ۾ ڪتاب لکيو. اهڙي طرح سنڌي ٻولي ۾ مڪمل طرح تعليم ڏني ويئي ۽ ڪافي لٽريچر لکيو ويو. جنهن کي ” سنڌيون“ چئجي ٿو. ڪلهوڙن جي دور جي شروعات واري زماني ۾ به سنڌي سرڪاري طور يا عوام جي پسند موجب مدرسن ۾ ذريعه تعليم طور استعمال ٿيندي هئي.
    ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ به مدرسن ۾ تعليم سنڌي زبان ۾ ڏني ويندي هئي. اعلي تعليم لاءِ عربي ۽ فارسي جي تعليم به ڏني ويندي هئي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هي تحريڪ هلي ته مدرسن ۾ سنڌي ۾ تعليم ڏني وڃي. ان ڪري سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان سنڌي کي ڪيو ويو. ان ڪري 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر هڪ آرڊر ڪڍيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ” سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي“ اهڙي طرح سڀني سول ڪامورن کي ارڙنهن مهينن جو مدو ڏنو ويو. جنهن ۾ هو سنڌي ٻولي ۾ امتحان پاس ڪن . اهڙي طرح سنڌي ٻولي سنڌ اندر مڪمل طور دفتري زبان تسليم ڪئي وئي. قانون جا ابتدائي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ٿيا. ٽائيپ ۽ ڇاپخانه وجود ۾ آيا ۽ 1852ع ۾ موجوده سنڌي رسم الخط جوڙي ويئي.
    آزاديءَ کان پوءِ سنڌي زبان ۾ هيڪاري وڌيڪ ترقي ٿي آهي ۽ سنڌي ٻولي جي وڌاري لاءِ 1947ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ويو. جنهن ۾ 1956ع ۾ هڪ بنيادي شڪل اختيار ڪئي جيڪا اڄ تائين ڪم ڪري رهي آهي ۽ موجوده وقت جي ادب کي ڏسندي ائين چئي ٿو گهجي ته سنڌي ٻولي دنيا جي ڪنهن به ترقي يافته ٻولي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهي ٿي. اڄ آمريڪا، يورپ ۽ رشيا جي عالمن جديد علم جي روشني ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو آهي. برطانيا جي لنڊن يونيورسٽي جي اسڪول آف اورينٽل اينڊ اسٽيڊيز فران جي پئرس يونيورسٽي، فيلسنڪي آمريڪا جي پينسلوانيا ۽ ٽئڪساس ۽ هارورڊ يونيورسٽي ۾ سنڌي زبان تي لسانيات جي جديد علم جا ماهر تحقيق ڪري رهيا آهن. جرمني جي باد يونيورسٽي جي مشهور ڊاڪٽر اين ميري شمل سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي تحقيقي مضمون لکي چڪي آهي. اهڙي طرح اٽليءَ ۾ ڊاڪٽر تربياتي، ماسڪو ۾ رايا ييگور ۽ پروفيسر گنڪو وسڪي سنڌي زبان جا ماهر ليکجن ٿا. بان، لنڊن، واشنگٽن، هونو لو، هارڊورڊ، ماسڪو، ٽوڪيو، بيجنگ، فرئنڪوٽ، هيلسنڪي وغيره ۾ انهن ملڪن ۽ شهرن جي اديبن ۽ شاعرن سنڌي زبان ۾لکيل افسانن ۽ شعرن جو ترجمو پڻ ڪيو آهي.
    انهن حقيقتن ۽ نقطن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي زبان جي علمي، ادبي، لساني حيثيت دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪري چڪي آهي. اڄ سنڌي ٻولي ۾ ڪيتريون ئي اخبارون ۽ سنڌي رسالا ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌي ٻولي پرنٽ ميڊيا سان گڏ هاڻي اليڪٽرانڪ ميڊيا طور به ظاهر ٿي آهي. 2002 کان وٺي هينئر تائين سنڌي ٻولي ۾ پنج چينل به ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي نمايان آهي ۽ هن زبان جو آئيندو روشن آهي پر شرط هي آهي ته اسان به پنهنجي ٻولي سان خلوص ۽ پنهنجائپ وارو رويو رکون.

    7 – سنڌ جي موسيقي
    انسان ذات جي تخليق هن ڌرتي جو اهڙو خوبصورت وجود آهي. جنهن ۾ هر شيءَ سان گڏ هڪ ترنگ ۽ ترن ۾ به آهي. انسان جو ذهن ۽ وجود، موسيقي جي ترنم ۾ مزو وٺي مدهوش ٿي وڃي ٿو. هوا ۾ پاڻي جي لهرن ۾، موڻن ٽڻن ۾، پکي پکڻ جي ٻولين ۾، ڳوٺاڻي ۽ شهري ماحول جي گوڙ ۽ شور ۾، مطلب ته هر هنڌ موسيقي موجود آهي. موسيقي جو واسطو آواز سان آهي، جتي آواز آهي اتي موسيقي آهي ۽ پهريون آواز جيڪو انسان جي ڪن تي پيو، اهو خود خالق حقيقي جو آواز ” الست بربکم “ هو ۽ اهو ايڏو ته سريلو، مٺڙو ۽ پيارو آواز هو، جيڪو انسان کان ڪڏهن به نه وسرندو ۽ ان نه وسارڻ ۾ ته انسانيت جو راز آهي. موسيقي ان سريلي آواز جو نالو آهي. اهڙو سريلو آواز الله جي نبي حضر ت دائود عليه السلام جو به هو، جيڪو زبور جون آيتون اهڙي ته مڌر ۽ مٺڙي آواز ۾ پڙهندو هو، جو پکي پکڻ به ماٺ ٿي ويندا هئا. موسيقي سريلي آواز جي آمد رفت جو ٻيو نالو آهي. هر قوم جي موسيقي پنهنجي پنهنجي ٿيندي آهي. ايڇ ايڇ پئري لکي ٿو ته ” ڏيک ويک رکندڙ قوم جي موسيقي تال سان ڀرپور، حقيقت پسند ماڻهن جي سڌي سادي ۽ وحشي ماڻهن جي جنگهلي ۽ ڊيڄاريندڙ، زنده دل ماڻهن جي خوشي جي جذبن سان ڀرپور، يا ادب ۽ سڌريل ماڻهن جي فضيلت ڀري، پروقار ۽ مذهب ٿئي ٿي.“ انهي راءِ کي اڳيان رکي محترم شيخ عزيز لکي ٿو ته ” سنڌ جي موسيقي به هڪ ڪري به درست چئي سگهجي ٿي ته سنڌ جا قديم رهاڪو سڌريل به هئا ته سنجيده به، محنت ڪش به هئا ڏيک ويک رکندڙ به ” سنڌ سنڌي موسيقي کي ڄڻيو ۽ نپايو. جيئن سنڌ ۾ هن هنر ۽ فن جي ٻين شعبن ۾ ترقي ٿي، تئين راڳ ۽ رقص جو فن پڻ عروج تي پهتو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ” سنڌ ۾ فن موسيقي جي روايت اوائلي زراعت پيشي سان شروع ٿي ۽ چار هزار سال کن اڳ موهن جي دڙي واري سنڌو تهذيب جي شهري زندگي واري دور ۾ اوج کي پهتي.“ ۽ ان کان پوءِ اها روايت مستقل هلندي رهي ۽ راڳ ۽ ساز ۾ ترقي ٿيندي رهي. موهن جي دڙي جا ماڻهو راڳ ساز جا شوقين هئا. هڪ مهُر تي ڍولڪ جي تصوير ملي آهي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته اتي ڍولڪ وڄائڻ جو رواج هو. هڪ مرداني شڪل واري مورت ملي آهي، جنهن جي ڳچي ۾ دهل يا مردنگ وڌل آهي، ان کان سواءِ بربط ۽ جنگ کڙتال جابه اهڃاڻ مليا آهن. بوڙينڊي جي نموني تي به هڪ موسيقي جوم ساز مليو آهي جنهن جي وچ ۾ هڪ ۽ ڪناري تي ٻه وڏا سوراخ آهن جيڪو اندران پورو ۽ خالي آهي.
    ويدڪ زماني ۾ سنڌ جا ماڻهو ساز وڄائڻ ۾ ڀڙ هئا. راڳ ٻن قسمن جا هئا. سامن، الاهي محبت جا راڳ هئا، ٻيا گاٿا، جنهن جو سنڌي ۾ اچار ڳاهه آهي. ڳاهن ڏيندڙن کي گاٿن چوندا هئا، ڳاهن جو مضمون ڌرمي هوندو هو. ڪي گيت تعريفي به هئا. آريه لوڪ جنگ مهل توڙي صلح سانت وقت هڪ قسم جو دهل يا نغارو وڄائيندا هئا، جنهن کي دندڀي چئبو هو. ٻيو ساز ملي وانگر هو، ڪنجهون جنهن کي آگهاٽي چئبو هو، سي به وڄايون وينديون هيون، جن مان جدا جدا قسمن جا سر نڪرندا هئا.
    ان کان پوءِ راڳ ترقي ڪئي . پيرومل آڏواڻي لکي ٿو ته ” هندو ماڻهو ورهيه ۾ ڇهه رتيون لکند آهن. هر هڪ رت يا موسم لاءِ خاص راڳ رٿيائون، انهن ڇهن راڳن جا نالا ڀيرو، هنڊول،مينگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس آهن . راڳ کي تمثيلي طور ديوتائون ڪري سڏيائون. هر هڪ ديوتا جي نالي ڄاڻايو ويو ته ان کي پنج زالون ۽ اٺ پٽ آهن ۽ انهن زالن کي راڳڻيون ڪري ڪوٺيائون.
    سڪندر مقدوني جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن سنڌين جي لشڪر ۾ راڳي به هئا. ميرو ڊوٽس لکي ٿوته ” سنڌين جنگي گيت ڳائي دهل وڄائي دشمن جي لشڪر تي حملو ڪيو.“ راءِ گهراڻي جي زماني ۾ هتان لولي ڳائيندڙ ماهرن جو ٽولو ايران ۾ويو، جتي هو ” لورا راڳيندڙ سڏجڻ لڳا.“ بهرام گور هتان اهڙا ٻارنهن راڳيندڙ گهرايا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته پنجين صدي عيسوي ۾ ايراني بادشاهه بهرام گور سنڌ مان شادي ڪئي . ان موقعي تي سمن سردارن هڪ هزار ڳائڻا ۽ فنڪار سندس استدعا تي کيس ڏاج ۾ ڏنا هئا. انهن سنڌي موسيقارن جو فن ۽ سنڌي لئي ايران ۾ ايڏي ته مقبول ۽ عام ٿي جو هي سندس نالي سان ” لورن جي موسيقي“ سڏجڻ لڳي. موسيقي جا جيڪي اٺ بنيادي الحان متعين ٿيا. تن مان عالباً هڪ سنڌي موسيقي مان ورتو ويو. جنهن کي سنڌستان يعنى سنڌي لحن سڏيو ويو. هن ئي زماني ۾ سنڌ ۾ ايراني سازن وڃائڻ جو رواج پيو جن مان شرناءِ، بينون، چنگ ۽ ڪماچو مشهور آهن. نڙ جو ساز به هن زماني ۾ ايران مان سنڌ ۾ آيو، جيڪو اصلي ترڪي جو ساز آهي جو زوتي يعني جت قبيلن سن۾ آندو. ان زماني ۾ هتان جا سنڌي مصر، جرمني، فرانس به پهتا. اتي کين جپسي سڏيو ويو جن سنڌي موسيقي کي وچ مشرق توڙي يورپ ۾ پهچايو. عراق ۾ انهن سنڌي راڳيندڙ کي قوليه سڏيو وڃي ٿو. رباب سندس وڄت جو خاص ساز آهي.
    عربن جي سنڌ آمد وقت هتي ڳائڻ وڄائڻ جو رواج هو. محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت سمن جي قبيلن موسيقي جو جشن ملهايو، جنهن ۾ دهل ۽ شرنايو استعمال ڪيون ويون. هن تي فوج جي هڪ سپاهه سالار خريم بن عمر الضري کين ويهه مغربي سونا دينار ڏنا. هن زماني ۾ سنڌ مان ٻه موسيقار بغداد ويا جتي هارون الرشيد جي درٻار ۾ رهيا. هڪ السنڌي بن علي الوراق ۽ ٻيو ابوالحسن علي بن ناقع. علي الوراق علم موسيقي ۾ مهارت رکندڙ هو جنهن ان موضوع تي هڪ ڪتاب ” ڪتاب اخبار الاغاني الڪبير“ ( نغمن بابت وڏو ڪتاب) لکيو. ابو الحسن علي بن نافع ”زرياب“ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ دنيا جي وڏن موسيقارن مان هڪ آهي. هن هڪ ساز عود ايجاد ڪيو. جنهن ۾ پنج تارون هيون، اهڙي طرح سنڌي موسيقي سنڌ مان بغداد ۽ اتان اندلس پهتي، ان کان متاثر ٿي عرب محقق مسعودي سنڌي موسيقي ۽ سازن جو احوال پنهنجي هڪ موسيقي جي ڪتاب ۾ لکيو آهي.
    وار موسيقي جي سنڌ ۾شروعات سومرن جي دور ۾ ٿي. اهو زمانو تاريخ جو رومانوي دور هو. جنهن ۾ عشقيه داستان ۽ سورهيائي جا ڪارناما هڪ خاص انداز۽ لئي ۾ بيان ڪيا ۽ ڳايا ويا. ڳائڻ واري حالت ۾ ڳالهه ۽ ان جو ڳائڻ هڪ ٻئي جا لازم ملزوم جز بنيا ۽ سرن جو بنياد پيو. يعني قصي يا ڳالهه ۽ ان جي مخصوص ڳائڻ کي ملائي ” سر سڏيو ويو“ ۽ اهڙي طرح سومرن جي دور ۾ سنڌي راڳ جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب يعني سروار موسيقي جو اضافو ٿيو. ستن قصن مان ست راڳ شروع ٿيا ۽ ست سرا بيت ڪچهرين ۾ ڳائجڻ لڳا. اهي ست قصا سسئي، سهڻي، مورڙو، سورٺ، ليلان، مارئي ۽ راڻو جدا جدا مخصوص سرن ۾ ڳائجڻ لڳا. سمن جي دور ۾ سروار موسيقي جي لحاظ کان وڌيڪ ترقي ڪئي. هر قصو ۽ هر داستان مخصوص سر ۾ ڳايو ويو. هن زماني ۾ مدح ۽ تعريف هئي يعني قصيده گوئي جو رواج به پيو.
    ارغون ۽ ترخان جي زماني ۾ سنڌي ٻولي ادب ۽ ثقافت تي فارسي زبان ۽ زبان جو اثر پيو ۽ سنڌي موسيقي ۾ ايمن، حسيني، ٽوڙي ۽ جهنگلو جهڙن راڳن جنم ورتو. ان وقت جا حڪمران پاڻ به راڳ جا شوقين هئا. امير علي شير قانع تحفته الڪرام ۾ لکي ٿو ته ” مرزا غازي بيگ ۽ سندس پيءُ مرزا جاني بيگ ٻنهي کي موسيقي ۾ ۽ خاص طور ٽوڙي راڳڻي جي ڳائڻ ۾ وڏو شعف ۽ پوري مهارت حاصل هئي. مرزا غازي بيگ پاڻ وڏو موسيقار ۽ پنهنجي دور ۾ موسيقي جو وڏي ۾ وڏو ڄاڻو هو.
    مغلن جي دور ۾ هندوستاني موسيقي جو اثر سنڌ تي به پيو. ڊاڪٽڙ بلوچ لکي ٿو ته ” سنڌ جي موسيقيءَ تي ان جو پاڇو پيو. بکر ۽ ٺٽي جي مغليه صوبيدارن جي ذريعي سنڌ ۾ هندوستاني موسيقي جو ذوق وڌيو ۽ هندوستاني موسيقي ۽ سنڌي موسيقي جا سلسلاهڪ ٻئي سان مليا.“
    ڪلهوڙن جو دور سنڌي موسيقي جو سونهري دور آهي. جنهن ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح سنڌي موسيقي ۾ نئون روح ڦوڪيو. شاهه صاحب کان اڳ سنڌ ۾ خالص سنڌي راڳ جي ورايت توڙي عوامي ڳائڻ جا سلسلا موجود هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي چوڻ موجب انهن جو پاڻ ۾ رابطو ڪونه هو. ڊاڪٽر بلوچ جي چوڻ موجب انهن جو پاڻ ۾ رابطو ڪو نه هو. شاهه عبدالطيف رح انهن مختلف سلسلن ۾ روايتن کي هڪ خاص فڪر هيٺ اداري جي صورت ۾ منظم ڪيو، جنهن کان پوءِ شاهه جو راڳ سڏيو ويو. هي راڳ اڄ تائين عوام ۾ مقبول آهي. شاهه صاحب هڪ موسيقي جو اوزار دنبورو به ايجاد ڪيو. اهو دنبورو شاهه صاحب ٺٽي ۾ پاڻ ويهي اتي جي سوٽهڙن کان ٺهرايو، جيڪي اڄ تائين فقير واري اوطاق ۾ رکيل آهي.
    ميرن جي دور ۾ سنڌي موسيقي جون محفلون متل رهيون. شاهه رح جي روايت ۽ موسيقي کي قائم رکندي ڪيترائي موسيقار هن مشغل کي جاري رکيو آيا، انگريز جي زماني ۾ به راڳ رهاڻيون ٿينديون رهيون. هن زماني ۾ ڀڳت جو رواج پيو. هي هڪ نج سنڌي موسيقي جو فن آهي،جنهن جهڙو مزيدار راڳ ۽ ناچ جو ڍونگ روءِ زمين تي نه ملندو. ڀڳتن اڪثر معياري مضمونن واريون ڪافيون ڳايون ۽ انهن کي سوز اثرائتي انداز کي ڪنور ڀڳت اوج تي پهچايو. ڀڳتن جو اهو وڏو ڪارنامو هو جو ڪافين ڳائڻ واري سنڌ جي روايت کي ڪنهن حد تائين قائم رکيائون.
    موجوده وقت ۾به سنڌ ۾ راڳ جون محفلون جاري آهن. يڪتارو، سرندو، نڙ، بيت، مرلي، ڪاني، بوڙيندو،گهاگهر، ڀير، دلو، ڪنجهيون، ڪٽوريون، کڙتال ۽ دهل هتان جا مشهور موسيقي جا ساز آهن. هتان جي ڪيترن ئي موسيقارن پنهنجي فن جو مظاهرو روس، چين، برطانيا، انڊونيشيا، سئٽزرلينڊ، آمريڪا، جرمني، هندوستان، افغانستان،دبئي عراق ۽ ايران ۾ ڪري داد حاصل ڪيو. ان کان سواءِ سنڌي ٽي _ وي چئنل ڪي ٽي اين گروپ سنڌي موسيقي جي واڌاري لاءِ ڪشش ٽيليويزن کوليو آهي. جيڪو سنڌي موسيقي جي واڌاري لاءِ جوڳو ڪم ڪري رهي آهي.
    اڄ جي زماني ۾ سنڌي موسيقي کي فلمي طرز جي موسيقي ۽ بازاري گوين کان وڏو خطرو آهي. مثال سنڌي ان کي ڀلائي پنهنجي روايتي ڪلاسيڪي موسيقي سان ناتو نڀائين.

    8 - سنڌ جي مٽي
    مٽي ۽ انسان جو هڪ ٻئي سان ازلي تعلق آهي، مٽي جو شان بلند ۽ بالا آهي. انسان اشرف المخلوقات آهي ۽ اهو اشرف وارو انسان جيڪو ” احسن تقويم“ جي درجي تي پهتل آهي، سو مٽي مان بڻايو ويو، ” لقد خلقا الانسان من سلالته من طين“ ۽ پوءِ مٽي جي ان بوتي کي فرشتن سجدو ڪيو. ان ڪري ئي اسان جي سرمست شاعر چيو ته” ملڪن ٿي سجدا ڪيا واهه مٽي تنهنجو مان“.
    مٽي جو ڪم آهي نوڙت ۽ نياز، هيٺاهين وٺڻ، نمي کمي نهارڻ مٽي ۽ باهه ۾ فرق اهو آهي ته مٽي کي مٿي اڇلبو ته اها هيٺ ايندي ۽ باهه کي جيترو دٻائبو ته اها مٿي ويندي. ان ڪري ئي رومي رحه چيو ته ” اي انسان تون مٽي ٿي، نرم ٿي، ڇو ته گل ۽ گلزار هيمشه مٽي ۾ ئي ٿين ٿا.“
    مٽي ۾ سونهن آهي مٽي ۾ سرهاڻ آهي، مٽي ۾ ئي سڳند آهي. مٽي انسان جو بستر آهي .چون ٿا ته آدم عليه السلام جڏهن آسمان مان زمين تي آيو تڏهن ڪيترو ئي وقت هو ڌرتيءَ سان مٽيءَ سان چنبڙيو رهيو. انسان مٽي مان آيو ۽ مٽيءَ ۾ ئي ويندو. ” اول آخرآهه هلڻ منهنجو هوت ڏي.“
    سنڌ جي مٽي به متبرڪ آهي، زرخيز آهي. مردم خيز آهي. هن جي مٽي ۾ سون آهي، هن جي مٽي پارس آهي. اها هڪ حقيقت آهي ڪا ٻٽاڪ نه آهي. هن جي مٽي مٺي آهي. ٿڌي ٿانئبري آهي.
    سنڌ جي زمين گهڻي ڀاڱي هموار ۽ هيٺائين آهي. سندس مٽي جا ٻه اصطلاح آهن، ندين، برساتين ۽ ٻين طبعي حالتن وسيلي جيڪا ٻاهران کڄي آيل مٽي اچيو گڏ ٿئي تنهن کي سيلابي مٽي چئجي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪا مٽي ٻاهران آيل لٽ لڙاٽ کان آجي آهي تنهن کي مقامي مٽي چئجي ٿو. سنڌ جيئن ته سنڌو جي سوغات آهي ۽ سنڌو ٻاهران لٽ آڻي ٿي ان ڪري هيءَ مٽي زرخيز آهي ۽ سنڌو ٻاهران لٽ آڻي سنڌ جي مٽي کي اسان ٽن قسمن ۾ ورهايو آهي.

    الهندي جابلو علائقي واري مٽي:
    جنهن ۾ کير ٿر جبلن وارو علائقو آهي، هتان جي مٽي مقامي آهي ۽ آبادي گهٽ ٿئي. ڪلراٺي مٽي ۾ لوڻ وڌيڪ هوندو آهي. هي خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ سکر ضلعن ۾ گهڻي آهي. ٻئي قسم ۾ سنڌو جي هيٺِين ماٿري واري مٽي آهي. جنهن ۾ سنڌ جو لٽ آهي. ان ڪري ان کي سيلابي مٽي چئبو آهي. هن جي ٽئين قسم ۾ واري وارو علائقو اچي وڃي ٿو. جنهن ۾ وارياسا ميدان ۽ ڀٽون آهن. ڪٿي ڪٿي ترايون آهن ۽ مٽي ۾ ڪجهه آبادي ٿئي ٿين.

    وارياسي مٽي :
    هن جي آبادي ڪانه ٿئي . هيءَ مٽي ٿرپاڪر واري علائقي ۾ آهي ۽ ڪجهه سکر،خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعا به هن ۾ اچي وڃن ٿا. ڪچي مٽي جنهن ۾ فصل ڀلا ٿين ٿا. اها نوابشاهه، حيدرآباد ۽ سانگهڙ جا علائقا والاري ٿي.

    چيڪي يا پڪي مٽي :
    درياءَ جي پاسن واري آهي هن ۾ گهڻو هوندو آهي. هتي ساريون، ڪڻڪ ۽ ٻيو فصل عام ٿيندو آهي. لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا ڪجهه علائقا هن تي مشتمل آهن.
    مٽي جي مٿين نمونن بابت سنڌ جو هڪ زرعي ماهر محترم محمد اسحاق کتري لکي ٿو ته ” چيڪي مٽيءَ جا ذرا تمام باريڪ ٿين ٿا، ته واري جا وڏا رواجي مٽي يا سلٽ جي ذرن جو مقدار انهن ٻنهي جي وچ تي آهي. جيڪڏهن واري جا ذرا، مٽي ۾ وڌيڪ آهن ۽ مٽي وارياسي آهي ته ان کي نرم مٽي ۽ رواجي مٽي جي ملاوٽ هوندي آهي. اهي ٻئي جڏهن خشڪ ٿينديون آهن ته تمام سخت ۽ پٿرائتيون بڻجي وينديون آهن ان ڪري انهن کي سخت مٽي چئبو آهي. واري رواجي مٽي ۽ چيڪي مٽي جي متوازن ملاوٽ کي وچولي يا معياري مٽي چئبو ٿو، جيڪا پوک لاءِ مفيد آهي.
    ماضي ۾ سنڌ جي مٽي زرخيز ۽ پوک لاءِ غذائي جزن ۾ تمام شاهوڪار هئي. پر هاڻي وقت بدلجڻ جي ڪري ڪيميائي صورتحال مختلف هنڌن تي ڌار ڌار آهي. ان ڪري هن وقت سنڌ جي مٽي کي سائنسي نقطه نگاهه کان پرکي زير ڪاشت آڻي سگهبو. ڪٿي مٽي ۾ نائٽروجن جي کوٽ آهي. ڪٿي فاسفورس جي ڪمي آهي ته ڪٿي پوٽاشم جي گهٽتائي آهي. گهڻي مٽي ڪلراٺي به آهي، بهرحال اسان کي پنهنجي مٽي جو مان رکي ان مان سون پيدا ڪرڻو آهي.
    پوک ۽ آبادي واري مٽي کان سواءِ سنڌ ۾ اهڙي به مٽي ملي آهي جنهن مان ڪيترائي اوزار، ٿانءَ ۽ ٻيا ڪيميائي سامان ٺاهي سگهجن ٿا. اهڙين مٽين مان هڪ سليڪا مٽي آهي. هي مٽي شيشي ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿي ۽ ان صنعت کي معراج تي پهچائي ٿي. هي حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ لڌي آهي. دادو ۽ جنگشاهي ۾ تمام وڏي مقدار ۾ ملي ٿي. 1970ع ۾ هي 11 هزار ٽن هئي. 1972ع ۾ ان جي پيداوار 13 هزار ٽن، 1973ع ۾ 18 هزار ٽن ٿي. 1974ع ۾ هن جي پيداوار 14 هزار ٽن، 1975ع ۾ 28714 ٽن ٿي. سنڌ ۾ سال 2003 ع دوران 397666 ڪلو گرام مٽي لڌي وئي جڏهن ته سال 2004ع جي سروي مطابق 3002735 ڪلو گرام لڌي وئي.
    ٻي چيرولي مٽي آهي، جيڪا سيمنٽ ۽ ڀاڻ ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي. هن مان ٻارن جا رانديڪا به ٺاهيا ويندا آهن. هي ٿاڻي بولا خان ۽ ڄام شوري ۾ ملندي آهي.
    ٽئين قسم جي ڪيميائي مٽي فلرسدارٿ آهي، جيڪا روهڙي ۾ لڀي ٿي، هن ٿانو ٺهن ٿا.
    ننگر پارڪر ۾ به بهترين مٽي آهي، جنهن مان ڪيتريون ئي ڪيميائي شيون تيار ٿي سگهن ٿيون، ارضيات جي ماهرن جو خيال آهي ته هن مٽي تي به هڪ ڪارخانو لڳائي سگهجي ٿو.
    ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان ۾ محنت جو گڻ پيدا ٿئي مٽي جي قدر ۽ قيمت کي سڃاڻي سگهون.

    9- سنڌ جي معدنيات
    بنيادي طرح سنڌ سمنڊ جي گود مان جنم ورتو آهي. ارضيات جي ماهرن جو رايو آهي ته ٽرشري پيرڊ ۾ اسان جي سنڌ ۽ اتر هندوستان جو ڳچ حصو ٽيٿس سمنڊ (Tethes sea) هيٺ آيل هو، پر پوءِ قدرتي حرڪتن جي ڪري هماليه طرف اهڙا ته خوفناڪ زلزلا آيا، جو سمنڊ هيٺ آيل زمين مٿي چڙهي آئي ۽ سمنڊ هٽي ڏيهان ڏور هليو ويو ۽ زمين ظاهر ٿي پيئي. اهڙي طرح ڇهه ڪروڙ سال اڳي اسان جي سنڌ سمنڊ هيٺ هئي ۽ پوءِ زلزلن جي ڪري سنڌ ۽ ان جي پاسي وارا حصا مٿي کڄي آيا ۽ سمنڊ پري هٽي ويو. اهڙي طرح سنڌ جي ڌرتي ظاهر ٿي پئي ۽ ان ڪري ئي هتي جابلو علائقا گهڻا آهن. سمنڊ مان جنم وٺڻ ڪري هتان جي ڌرتي پنهنجي سيني ۾ اعلى پائي جون قيمتي شيون سانڍيون آهن جن کي معدنيات چئجي ٿو. سنڌ معدنيات ۾ سڀ کا ن اڳرو علائقو آهي.
    سنڌ ۾ ٻن قسمن جا جبل آهن. پهريون قسم آتشي جبلن جو آهي. جيڪي زمين جي ٺرڻ سان ٺهيا. سنڌ ۾ هي جبل ننگر پارڪر ۾ موجود آتشي مادي (magma) ۾ آهن . هنن ۾ ڳاڙها ۽ اڇا ٽڪر آهن. جن مان عمارتون سٺيون ٺهن ٿيون . هنن جبلن مان قيمتي پٿر به ملن ٿا. ٻيو قسم تهي جبلن جو آهي. جيڪي کير ٿر ۽ لڪير جبلن جي نالي سان مشهور آهن. هنن جبلن ۾ چن جو پٿر، واري جو پٿر ۽ سليٽي ڪچو پٿر ملي ٿو. ان کان سواءِ رني ڪوٽ جا جبل به مشهور آهن جن مان قيمتي پٿر ملن ٿا.
    سنڌ جي انهن جبلن، ٽڪرن ۽ زمين جي اندر ڪيتريون قيمتي شيون دفن ٿيل هيون. جڏهن سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تن ڏينهن ۾ هتي اهڙي قسم جون ڪوليون هيون جيڪي ڌرتي کوٽي اندران سون ڪڍنديون هيون. ظاهر آهي ته انهن ڏينهن ۾ هتي ٽامو ۽ قلعي گهڻي انداز ۾ هوندو هو ۽ هتان جا رهاڪو انهن ٻنهي کي ملائي هڪ نئون ڌاتو ٺاهيندا هئا جنهن کي يورپي محقق براتر جو نالو ڏنو آهي.
    ڪلهوڙن ۽ مغلن جي دور ۾ هتان جي کاڻين مان شيهو لڀندو هو. ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪلمي شوري جي وڏي پيداوار هئي ۽ هتان انگريزي واپاري وڏي انداز ۾ ڪلمي شورو خريد ڪندا هئا. ٿاڻي بولا خان ۾ گندرف جون کاڻيون هيون . خيرپور ۽ ٿر چانيهي جي اپت ڪري مشهور هئا. روهڙي، خيرپور، حيدرآباد ۽ جهرڪن جي ٽڪرين ۾ ميٽ جون کاڻيون هيون. کيرٿر جون کاڻيون سرڪاري نگراني هيٺ هيون.ٺٽي جي ٽڪرين مان لوهه نڪرندو هو.
    انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هتي نئين تعليم ۽ کوجنا جي ڪري معدنيات ڏانهن ڌيان ڏنو ويو ۽ ان ڪري ئي انگريز حڪومت سنڌ ۾ روڊن ۽ ريلوي لائين جو ڄار وڇايو.
    پاڪستان جي حڪومت سنڌ جي معدنيات کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ٻاهرين ڪمپنين سان معاهدا ڪري زمين جي کوٽائي ڪرائي آهي. هن وقت اسان وٽ جيڪي معدبي شيون ملن ٿيون تن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو.

    چن جو ڀٿر:
    سنڌ ۾ هي پٿر تمام گهڻي انداز ۾ ۽ تمام سٺو ملي ٿو. هن مان چونو ۽ سيمينٽ ٺهي ٿو. هن مان سوڍا، ڪاسٽڪ (کار) ۽ بليچنگ پائوڊر به ٺاهيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ عمارتن ۽ رستن ٺاهڻ ۾به ڪم اچي ٿو. سنڌ ۾ 1970ع ۾ 21 لک 90 هزار ٽن ۽ 1972ع ۾ 16 لک 40 هزار ٽن، 1973ع ۾ 21 لک هزار ٽن، 1974ع ۾ 18 لک 2 هزار 85 ٽن ۽ 1975 ع ۾ 2186961 ٽن پيداوار ٿي.

    آڪر:
    هي لوهه جو هڪ قسم آهي جيڪو تمام نرم هوندو آهي. ٺٽي ۾ تمام گهڻو لڀي ٿو. هن مان مختلف قسمن جا رنگ ٺهن ٿا ۽ چمڙي رڱڻ جي ڪم ايندو آهي.

    بيلسائيٽ:
    هي ٿاڻي بولاخان وٽ لڀي ٿو، اسٽراسٽم ڌاتو ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي. هي عمارتي پٿر جي صورت ۾به ڪم ايندو آهي.

    واريءَ جو پٿر:
    هي جنگشاهي وٽ گهڻو ۽ سٺو ملي ٿو، هن مان چڪي جا پڙ ٺهن ٿا ۽ رستن ٺاهڻ ۾ به ڪم اچي ٿو.

    جپسم:
    هي سيمينٽ، ڪيميائي ڀاڻ، پلاسٽر آف پئرس ۽ ڪاغذ ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو. هن مان پالش به تيار ڪئي وڃي ٿي. 1971ع ۾ جپسم جي پيداوار صرف 1915 ٽن هئي، جنهن ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهيو. 1972 ع 2765 ٽن ٿي ۽ 1974ع ۾ 5697 ٽن ۽ سن 1975ع ۾ 6834 ٽن ٿي.

    لوڻ:
    سنڌ ۾ لوڻ هونئن ته ڍنڍن ۽ سمنڊ مان حاصل ڪيو ويندوآهي، پر هتي جابلو لوڻ به ٿئي ٿو جنهن کي سينڌو لوڻ چئبو آهي. هي ڳنڍن جي شڪل ۾ هوندو آهي. هي لوڻ پاڻي مان ملندڙ لوڻ کان وڌيڪ سوادي هوندو آهي.

    ڪوئلو:
    سنڌ ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا آهن. اڳي دادو ضلعي ۾ لاکڙا ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ميٽنگ ۽ جهمپير ۾ ڪوئلو گهڻي انداز ۾ هو. هڪ اندازي مطابق اتي اڍائي ڪروڙ ٽن ڪوئلو موجود آهي. لاکڙي مان مليل ڪوئلو پاڪستان ۾ ملندڙ ڪوئلي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن ڪوئلي جي ذخيري جو اندازً 24 ڪروڙ ٽن آهي. جيڪو پاڪستان جي ڪوئلي جي 50 سالن جي ضرورت پوري ڪري ٿو. هن ڪوئلي جي صلاحيت 5 هزار بي ٽي ويو آهي.
    تازو ٿر مان ڪوئلي جو وڏو ذخيرو مليو آهي. ماهرن مطابق اها دنيا اندر ڪوئلي جي وڏي ۾ وڏي فيلڊ آهي. هن ڪوئلي جا ذخيرا ڇاڇري تعلقي کان ڪڇ جي رڻ تائين پکڙيل آهن. ٿر ۾ بهتر معيار جي ڪوئلي جا 175 ٽن ۽ گهٽ معيار جا 11 ارب ٽن ذخيرا آهن. ڪوئلي جي مڪمل طور شروع ٿيل پيداوار ملڪ کي ايندڙ 50 سالن تائين 25000 ميگاواٽ بجلي ساليانو پيدا ڪري سگهجي ٿي. ٿر جي چئن بلاڪن ۾ موجود ڪوئلو 1000 ميگاواٽ جي ڇهن بجلي گهرن لاءِ 30 کان 50 سالن تائين خام مال مهيا ڪري سگهجي ٿو. بجلي جا اها پيداوار پاڪستان جي موجوده بجلي جي ذخيرن جي پيداوار برابر آهي. جيڪڏهن ٿر جو سمورو ڪوئلو ڪڍجي ته ساليانو 25000 ميگاواٽ 50 سالن جي عرصي تائين پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي .ٿر ۾ اهو ڪوئلو ملڻ بعد پاڪستان جي ڪوئلي جي موجودگي جي سمورن ذخيرن جو ڪل مقدار 184 بلين ٽنن تي پهتو آهي ۽ پاڪستان دنيا جي ڪوئلو پيدا ڪندڙ 12 مک ملڪن جي لسٽ ۾ ستين نمبر تي آهي.
    ٿر ۾ ڪوئلي جو انڪشاف پهرين ڀيرو هوئن ته سال 1988ع ۾ ٿيو ۽ سازدا ۽ برطانيا جي هڪ اداري پاران پاڻي جي کوٽائي دوران مٺي تعلقي جي ڳوٺ کاريو غلام شاهه ۾ ڪاربان جهڙو مادو مليو. پر بعد ۾ جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان سال 1992ع ۾ ٿر جي وڏي مقدار ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جي موجودگي جي پڪ ڏيندي انڪشاف ڪيو ته ٿر سنڌ ڌرتي جي پيٽ ۾ ڪل هڪ کرب 75 ارب 506 ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن ۽ ٿر ڪول فيلڊ ڪل 9 هزار چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي.
    ٿر ڪول فيلڊ ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي ڇاڇري ۽ ننگر پارڪر تعلقن تي ڦهليل آهي. جنهن جي ڊيگهه ڏکڻ اتر ۾ 140 ڪلوميٽر ۽ اولهه اوڀر ۾ 65 ڪلوميٽر آهي. ٿر ۾ دريافت ڪيل ڪوئلو لگنائٽ قسم جو آهي. جنهن ۾ گندرف ۽ ڇار جو مقدار گهٽ آهي. جنهن ۾ ٿر جي ڪوئلي کي ڪنهن حد تائين ماحول دوست چئي سگهجي ٿو. ٿر جي ڪوئلي ۾ گهم 46.77 سيڪڙو، ڇار 6.24 سيڪڙو، ڪاربان 16.66سيڪڙو، گندرف 1.16 سيڪڙو ۽ گرمي پيدا ڪرڻ جو مقدار 5774 بي ٽي يو آهي. اهڙي طرح اهو ڪوئلو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ نهايت مناسب آهي.
    ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي لاءِ 1994 ع ۾ پ پ حڪومت ڪوشش ورتي پر حڪومت ختم ٿيئڻ ڪري ڳالهه لئي مٽي ٿي وئي. هاڻي به وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي ڪوشش سان هڪ چيني ڪمپني جي ڪوششن سان کوٽائي لاءِ ڳالهيون جاري آهن.
    ياد رهي سنڌ پاڪستان جي 99 سيڪڙو ڪوئلي جي گهرج پوري ڪري ٿو.
    Pakistan Energy Year Book, Pakistan Hydrocarbon Companyحوالو؛

    قدرتي گئس:
    هن ڏس ۾ سنڌ سڀ کان اڳڀري آهي سون ۽ جواهرن کان قيمتي شيءَ گئس آهي. سنڌ مان ملندڙ گئس ۽ تيل ڪري ملڪ جي بجيٽ ۾ سنڌ جو حصو 82 سيڪڙو آهي. ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس جا ذخيرا سنڌ ۾ آهن. پهرين نمبر تي سنڌ، ٻئي نمبر تي ترڪمنستان ۽ ٽئين نمبر تي گئس ڪويت ۾ ملي ٿي. سنڌ ۾ هن وقت تقريباً سڀني ضلعن ۾ گئس جا وڏا ذخيرا لڌا آهن. گهوٽڪي، سانگهڙ، حيدرآباد، دادو، بدين، خيرپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۾ گئس جا ذخيرا مليا آهن. تفصيلن سنڌ ۾ گئس جا ذخيرا هن ريت آهن.
    (1) ماڙي 1957ع ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي (2) خيرپور 1957ع (3) ڪنڌڪوٽ 1957ع (4) هنڊي خيرپور 1971ع (5) ماتلي 1986 ع (6) ڌاٻي 1986ع (7) مخدوم پور 1986ع (8) پير _ 1 1988ع (9) ڪوراهه 1988ع (10) باگلا 1988ع (11) قادن واري (12) قادرپور 1990ع ( 13) گودوار 1991ع (14) نوڪري 1992ع (20) مياڻو 1993ع (21) بلند 1993ع (22) بدر 1994ع (23) سارا 1994 (24) مخدوم پورڊي 1995ع (25) چاچڙا 1995ع (26) جادو 1995ع (27) کورواهه 1995ع (28) زئور 1995ع (29) کپرو 1995ع.
    اهڙي طرح ڪي ٻيو پڻ جيڪي گذريل سالن ۾ کوٽايون ٿيون آهن اهي لڳ ڀڳ 15 فيلڊس آهن. سنڌ ۾ جتي به گئس ملي آهي اتي اڃا تائين گئس پريشر جي ذريعي ٻاهر اچي ٿي.
    سنڌ ۾ گئس ٻن قسمن جي ملي ٿي. ماڙي گئس فيلڊ ۾ 86 کوهه خيلو گئس جا آهن ۽ 12 ڊيپ ويل آهن. جيڪو ساڙڻ جي ڪم ايندو. شيلو گئس صرف اڍائي هزار فوٽن ٿي ملي ٿو. هن گئس جي کوٽائي هڪ هفتو هلندي آهي. هن گئس ۾ موجود بائٽروجن گئس جي کوٽائي هڪ هفتو هلندي آهي. هن گئس ۾ موجود نائٽروجن گئس هر هنڌ نه ملندي آهي. هن ۾ نائٽروجن گئس گهڻي مقدار ۾ آهي. تنهن ڪري هن مان پلاسٽڪ به ٺهي سگهي ٿي. سنڌ جي ٻن قسمن جي گئس مان هڪ قسم جيڪو اڍائي هزار فوٽن تي ملي ٿو ۽ بلڪل صاف آهي جنهن ۾3 سيڪڙو پاڻياٺ آهي. جيڪا معمولي خرچ سان صاف ٿيو وڃي. ٻيو گئس 5 هزار فوٽن کان 7 هزار فوٽن تائين ملي ٿو. جڏهن ته پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ گهٽ ۾ گھٽ 10 هزار فوٽن تي گئس ملي ٿي . سنڌ جو گئس ڀاڻ ۽ پلاسٽڪ ٺاهڻ جي ڪم اچي ٿو. سنڌ جي گئس جي آمدني اٽڪل هڪ سئو 67 کرب 41 ارب ڪعب فوٽ گئس آهي. جيالاجسٽ جا ماهر چون ٿا ته سنڌ ۾ يارنهن سئو کرب ايم ايم سي اين گئس جا ذخيرا مليا آهن. جيڪي ملڪ جا سڀ کان وڏا ذخيرا آهن. اهڙي طرح هن قدرتي گئس بجلي جي جاءِ ڀري آهي ۽ گهرن ۾ ٻارڻ لاءِ پڻ ڪم اچي ٿي. اخباري اطلاعن مطابق پاڪستان ۾ جيڪا توانائي يا انرجي ڪم اچي ٿي ان جي 35 سيڪڙو گئس مان پورت ٿئي ٿي.
    Daily Awami Awaz April 2004 حوالو:

    تيل :
    چون ٿا ته جتي گئس آهي ان جي هيٺيان تيل آهي.تنهنڪري سنڌ ۾ گئس جام هجڻ سان گڏوگڏ تيل به جام آهي. سنڌ ۾ تيل مختلف ضلعن جي 83 جاين تان ملي ٿو جيڪو باقي صوبن کان تمام گهڻو آهي ۽ پهرين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ تيل روزانو 56577 بيرل روزانو ملي ٿو. سنڌ ۾ سڀ کان پهرين ايوب خان جي دور ۾ آئل گئس ڊولپمن ڪارپوريشن ذريعي تيل جي ڳولا ڪئي وئي. بدين ضلعي ۾ تعلقي گولاڙچي ۾ اهو ڪم 1977ع کان 1981ع تائين هليو ۽ اهڙي طرح 16مئي 1981ع ۾ تيل نڪتو. ان کان پوءِ ڳوٺ لغاري ضلعي بدين مان تيل نڪتو جنهن مان روزانو 37031 تيل نڪري ٿو. ان کان پوءِ 1985ع ۾ ڏکڻ مزاري وٽ تيل جو ذخيرو مليو جنهن مان 346227 بيرل تيل نڪري ٿو. ان کان سواءِ سونو ( حيدرآباد) 888558 بيرل، لاشاري گوهه 683795 گهانگهرو 2353215 بيرل روزانو تيل ملي ٿو. ان کان سواءِ ٽنڊو آدم، قادرپور ( گهوٽڪي)، ڪنڌڪوٽ،بدين ۽ ٽنڊو غلام علي ۽ ٻين ڪيترين ئي جاين تان تيل ملي ٿو.
    سنڌ جو تيل پهترين ۽ ڪارائتو آهي. جنهن مان 26965 ٽن گهريلو استعمال لاءِ، 513507 ٽن فئڪٽرين لاءِ، 9386 ٽن زرعي استعمال لاءِ، 2190773 ٽرانسپورٽ لاءِ، 126281 ٽن پاور لاءِ ۽ 166778 ٽن ٻين حڪومتن جي ڪمن لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. تيل جي سنڌ اندر ساليانو آمدني 112 کرب آهي.
    پوري سنڌ ۾ جتي گئس مليو آهي اتي لوڪل ماڻهن کي روزگار گهٽ مليو آهي. ڇو ته انهن ڪمپنين جي سربراهي فوجي فائونڊيشن ۽ پرائيوٽ پرڏيهي ڪمپنيون هونديون آهن. جيڪي پنهنجي ماڻهن کي ترجيح ڏينديون آهن. جيڪو سنڌين سان سڌو سنئون تعصب پرستي آهي.
    Pakistan Energy Year Book 2007.حوالو

    لوڻ :
    ماهرن جو چوڻ آهي ته ننگر پارڪر جا پهاڙ تمام قيمتي آهن. ڇو ته اهي پهاڙ حيدرآباد دکن جي پهاڙن جهڙا آهن ۽ اتان هيرا، سون ۽ چيني مٽي کان سواءِ جيڪو لوهه مليو آهي، تنهن کي رڪ ٺاهڻ ۾ ڪم آندو ويو آهي. ننگر پارڪر به اهڙو پهاڙ آهي. پراڻي زماني جا ماڻهو هتان ڪچو لوهه ڪڍي ان کي پنهنجي هٿراڌو کوهن ۾ پگهاري ڳاڙهو لوهه ٺاهيندا هئا. هن پهاڙ مان اڄ به سون ۽ جواهر ملي سگهن ٿا پر ڪو ٿڌي سيني سان ان تي سوچي.
    ڪاش سنڌ دبئي بنجي پوي ۽ سنڌين کي در در جا ڌڪا نه کائڻا پون.

    10 – سنڌ جون تاريخي ذاتيون ۽ قبيلا
    ساري انسان ذات آدم عليه السلام جي نسل مان آهي ۽ اهڙي طرح ”وحدت نسل انساني“ جي ڌاڳي ۾ پيل موتين جي مالها آهي. هي ذاتيون پاڙا ۽ قبيلا صرف سڃاڻپ لاءِ آهن. قرآن شريف جي سورت الحجرات جي هڪ آيت موجب ” هي ذاتيون ۽ پاڙا ان لاءِ آهن، ته جيئن هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهجي. الله وٽ انهي جي عزت آهي، جيڪو نيڪ ۽ شريف آهي“. اصل ۾ انسان ذات هڪ ئي آهي. پوءِ جنهن جيڪو ڌنڌو ڪيو، اهو ان لحاظ کان سڃاتو ويو ۽ ان کي ذات ۽ قبيلو سڏيو ويندو آهي.
    جيتري تائين سنڌ جو تعلق آهي ته ملڪ ان وقت کان ئي وجود ۾ آيو. جڏهن ڌرتي تي نسل انساني جي تخليق ٿي ۽ جڏهن پورهئي جي ورڇ ٿي ته ذاتيون ۽ قبيلا وجود ۾ آيا. سنڌ جا اصل رهاڪو ڪولهي، ڀيل ۽ مهاڻا آهن. جن جون کوپڙيون موهن جي دڙي مان لڌيون ويون آهن. ماڻڪ پٿاوالا جو چوڻ آهي ته ” سنڌ ۾ رهڻ وارا اهي خانه بدوش آهن ۽ شڪار ڪندا هئا. مڇي سندس مکيه کاڌو هو. “ سيد سبطه حسن لکي ٿو ته ” سنڌو ماٿري جي رهاڪن جا قد ننڍا ۽ مٿا وڏا هئا.“ رنگ جا ڪارا ۽ گهونگهرن وارن، ويڪري نڪ ۽ ڀريل چپن وارا هئا.“ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس واسطو دراوڙ نسل سان هو. مولائي شيدائي لکي ٿو ته ” سنڌ جا اصل رهاڪو ڊرويڊي آهن، جن جو رنگ ڪارو، نڪ ويڪرو، وار ڪارا ۽ قدرتي گهنڊيدار، ڪارين اکين وارا ۽ قد ۾ بندرا هئا.“ سر پي آر ڪوڊيل جو چوڻ آهي ته ” سنڌ جا اصلي رهاڪو دراوڙ آهن.“ بهرحال تاج صحرائي جي لفظن ۾ ” سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو سنڌي هئا، جيڪي هن ڌرتي مٿان ڄميا، اسريا ۽ ارتقا جون منزلون طئي ڪري، مهر ڳڙهه، آمري، ڪوٽڏجي ۽ مهين تهذيبن جا خالق ٿيا، پوءِ انهن کي اوهان ائبروجنميزا چئو، رولو شڪاري چئو، مهاڻا چئو، ميمڻ چئو يا دراوڙ ۽ ڪولهي چئو، پر اصلي ۽ بنيادي طور سنڌي هئا ۽ جن جي جسماني اوم محنت ۽ مشقت سان ذهني آسودگي ۽ پختگي سان هن سرزمين تي دنيا جي قديم ترين، شاهوڪار ترين ۽ مهذب ترين تهذيب جي آبياري ٿي.“ جڏهن آريا سنڌ ۾ آيا، تڏهن هنن پورهئي جي ورڇ جي نظرئي تحت چار ذاتيون ٺاهيون. برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر جن مان اڳتي هلي برهمڻ مذهبي حيثيت حاصل ڪئي ۽ ٻين ذات وارن سان نسورو ظلم ڪيو. برهمڻ پاڻ کي ” ايشور جي مک مان“ پيدا ٿيئڻ جو نظريو ڏنو ۽ پاڻ کي اتم سمجهي، ننڊي ذات وارن سان وڏا ظلم ڪيا. سندن زمانو 1200 ورهيه کان شروع ٿئي. برهمڻ اڳتي هلي ايڏو زور ورتو، جو سنڌ تي سندن حڪومت قائم ٿي. جنهن جو وجود 622ع کان 711ع تائين رهيو. هن حڪومت جو بنياد وجهندڙ چچ بن سيلائج هو ۽ آخري حڪمران راجا ڏاهر هو. ان زماني ۾ نردازبه هندن ۽ ستن ذاتين جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي. 1 – شاکتري يا چتري، جيڪي راجائون آهن ۽ ماڻهو کين سجدو ڪن ٿا. 2- براهمن يا برهمڻ، جيڪي شراب پيئڻ کان پرهيز ڪن ٿا. 3 – کستري يا کتري جن مان برهمڻ شاديون ڪن ٿا. 4 – شودر هي ڪڙمت جو ڪم ڪن ٿا. 5 – بيشن يا وئش هي ڪرت يا پورهيو ڪن ٿا. 6 – شندال يا چنڊال ۽ 7 – ذنب يا ڊوم جيڪي ڳائين وڄائن ٿا.
    هن دور ۾ سنڌ ۾ ٻه مشهور ذاتيون جت ۽ ميد به هئا. جن جو تاريخ ۾ اهم مقام آهي . محترم اٽڪن لکي ٿو ته ” جت سنڌي قبيلو آهي، جيڪي اٺن جا وڳ ڌاريندا هئا. “ ڊاڪٽر هائينس نويسٽ فال جو چوڻ آهي ته ” جت قبيلو قديم سنڌ ۾ اسلام جي ظهور کان اڳ اڙ واري حصي ڪڇ ۽ راجستان ۾ آباد هو. هن جا مختلف قبيلا ۽ پاڙا اسلام جي سنڌ ۾ آمد کان اڳ سنڌ مان لڏي بلوچستان، لسٻيلي رياست، ايران، عراق، اردن، عربستان ۽ اڃان به اڳتي وڌي وڃي آباد ٿيا.“ جت جنگجو ۽ ويڙهاڪ هئا، ان ڪري ايراني فوج ۾ شامل ٿي مستقل طور ڪنارن وارن شهرن ۾ آباد ٿيا. عرب ۾ جتن جا وڏا مرڪز عراق، بصره، دجله ۽ ڏکڻ يمن هئا. بلاڌري لکي ٿو ته ” جڏهن حضرت علي رضه بصرو فتح ڪيو، تڏهن ستر جتن سندس خدمت ۾ پيش ٿي اسلام قبول ڪيو. انهن جنگ ”حمل، جنگ صفين، يوم مسعود ۽ يوم ربدهه ۾ حصو ورتو. عباسي حاڪم معتصمد الله جي ڏينهن ۾ سندس 17 هزار تعداد هو.“ ابن خلڪان لکي ٿو ته ” ڪنهن زماني ۾ سنڌ جا جت ڪابل ۾ آباد هئا. انهن مان ئي امام اعظم ابو حنيفه نعمان بن ثابت زوطي بن ماهه رخ پيدا ٿيو. هن وقت سنڌ ۾ جتن جو ڪافي تعداد رهي ٿو. جاتي شهر جتن سان ئي منسوب آهي. ڪي پاڻ کي ميرجت سڏائين. هندن ۾ ان ذات وارا ماڻهو ”جٽيا“ سڏجن ٿا ۽ پنجاب ۾جاٽ ڪوٺائين ٿا.“
    ميدن جو ذڪر مهاڀارت جي زماني کان ملي ٿو. هي جهازران هئا. هي اهو طاقتور قبيلو هو، جنهن مهاڀارت کان اڳ ايراني مٿانهين پٽ جي اتر الهندي حصي تي ميڊيا جي سلطنت جو بنياد وڌو هو، جنهن جون حدون آرمينه کان پري ايشيا مائنر جي اوڀر حصي تائين هيون .هنن ست صديون ق م کان اڳ اشور جي پرشوڪت شهنشاهه سائرس هٿان ميڊيا جو خاتمو ٿيو، ته اتان ٽڙي پکڙي مڪران ۽ سنڌ ۾ اچي رهيا ۽ مڇي مارڻ ۽ جهازراني جو پيشو اختيار ڪيائون. هو سامونڊي جهاز به ڦريندا هئا . ابن خرداز به لکي ٿو ته ” مهراڻ جي پهرين منزل کان سرڪش ڊاڪن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو ۽ ٻي منزل تائين پوري علائقي کي سندن نالي تي ميدن جو علائقو چيو ويندو آهي.“ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته ” ديبل بندر ميدن جو مرڪز هو.“ ايليٽ جي چوڻ مطابق ” ميد سنڌ مان لڏي پهريائين اچي ڪڇ ۾ ويٺا ۽ پوءِ اتان مڪران لڏي ويا. اهي ايراني نار کان وٺي ملبار تائين جهاز راني ڪندا هئا. عربن جا جهاز هنن ڦريا هئا، جنهن ڪري حجاج بن يوسف سنڌ تي حملو ڪيو هو. هن وقت ميد پاڻ کي ملاح سڏائين ٿا.

    راجا هرش :
    راجا هرش جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ راجپوتن زور ورتو. راجپوت کي راجائن جو اولاد سڏائين ٿا. اوائل ۾ هنن جا ٻه نسل هئا. سورج ونسي ۽ چندر ونسي. ڪي وري پاڻ کي آسمان، پاڻي ۽ نانگ جي نسل مان سڏائڻ لڳا. سندن چار ٻيون ذاتيون به آهن. پرمار، پرهار، سولنڪي ۽ چوهاڻ هي پاڻ کي اگني ڪل يعني باهه جي نسل مان سڏائين ٿا. سورج ونسي ڪل مان چار ذاتيون آهن. گهلوت، ميمڻ، ڪڇوا ۽ راٺوڙ چندر ونسي نسل مان يارو ڪل وارا اٺن شاخن ۾ آهن. يارو، ڀاٽي، جاڙيما، سمتيجا، مديحا، يدمن، بدا ۽ سوها سندس وطن ماروسٿل راجپوتانا آهي. يادو، دوارڪا جي راجا ڪرشن جو اولاد آهن. سنڌ جا سما، جاڙيجا ان نسل مان آهن. سنڌ ۾ رهندڙ راجپوت پاڻ کي ٺاڪر سڏيندا هئا، جيڪي 12 ۽ 15 عيسوي صدي جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. عمرڪوٽ تي هنن ڪيترائي سال حڪومت ڪئي. سومرن ۽ سمن جي لشڪر جا خاص سپاهي راجپوت هئا، جن پوءِ اسلام قبول ڪيو. سما اصل سنڌي ۽ هن ملڪ جا رهاڪو هئا ۽ ڇهين صدي عيسوي ۾ سنڌ جي هن مقامي قبيلي جي راءِ خاندان جي مستقل حڪومت قائم ٿي. سمن جي دور ۾ سيوهڻ سما نگر سڏبو هو. چچنامي موجب هو نيرون ڪوٽ ۽ ٻڌيا جا حاڪم هئا. هو برهمڻن جي خلاف هئا، ڇو جو برهمڻن سندن حڪومت کسي هئي. جناب مولائي شيدائي لکي ٿو ته ” سما چندرونسي راجپوت هئا، دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻي جامبوتي جي وڏي پٽ سامبا سنڌو ندي جي ٻنهي ڪٻن تي زابلستان تائين هڪڙي حڪومت جو پايو وڌو هو. جنهن جو تختگاهه سمانگر يا مينا نگر ساموئي وٽ هو. اها حڪومت سنڌ سما سڏبي هئي. ساميل هن خاندان جو راجا هو. جنهن سڪندر يوناني سان جنگ ڪئي هئي. جامبوتي جي پٽن مان هئڻ ڪري سندس ۽ سندس اولاد جو لقب ڄام هو. جاڙيجا پاڻ کي سنڌ جي سمن مان سڏائن ٿا. سماٽ جي ٻين ذاتين وانگر هي سنڌ جي ڪن علائقن ۾ مسلمان ته ڪن ۾ وري هندو سڏائن ٿا. سولنگي يا سولنڪي ۽ چوهاڻ راجپوت چندرونسي جي راجپوتن مان آهن. سولنگي ذات به ڪنهن زماني ۾ حڪمراني ڪندي هئي. مالوهه سوراشٽر ۽ ڪوڪن تي صدين تائين سندن راڄ رهيو. هنن ۾ ماڻڪ سندن رياست هئي. گجرات ۽ ڪوڪن ٻيئي سمنڊ جي ڪناري تي رهن. تنهن ڪري سولنگي ماهيگيري جي ڪم جا ماهر هئا. حڪومت وڃائڻ کان پوءِ هنن مڇي مارڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو.

    چنا:
    چنا ايوڌيا جي راجا سورج ونسي ڪل مان هئا، جيڪي عربستان کان سواءِ ڪڇي ۽ سيري تائين حڪومت ڪندا هئا. جڏهن عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هنن اسلام قبول ڪيو ۽ سنڌوندي جي اولهه وارو ملڪ جو ٽڪر سندن حوالي ڪيو ۽ کين ” مرزوق“ ڪري سڏيو. محمود غزنوي جي سنڌ ۾آمد وقت سنڌوندي علائقن ۾ ورهايل هئي، جنهن مان ٻه علائقا چنن جي حوالي هئا. هڪ ڄموستان جنهن جو حاڪم پنهون هو ۽ ٻيو ڀاڳياڙي جنهن جو حاڪم جان محمد چنو ۽ الهڏنو چنو هو. ان وقت سکر ۽ اپر سنڌ جا علائقا به چنن جي هٿ هئا ۽ ملتان سنڌ جي گادي جو هنڌ هو. چنا سنڌ جي حاڪم کي صدقه ۽ عشر ڏيندا هئا. چناب ندي به اصل ۾ چنن جي کوٽايل آهي. عربن سنڌ فتح ڪري ان جو انتظام چنن جي حوالي ڪيو. راءِ ڏياج هن ذات مان هو.

    گُجر
    گجر به هتان جي تاريخي ذات آهي. جنهن جو وجود پنجاب، راجپوتانا ۽ گجرات تائين موجود آهي. گجر سورت ونسي نسل مان راجا رامچند جي وڏي پٽ جي اولاد مان آهن. مالوه ۾ ڍونڍ ونڍار سندس رياست هئي جنهن جو تختگاهه راجپور هو. جيڪو الور رياست جي شهر راجڳڙهه کان 15 ميل اولهندي ۾هو. گجر راجائن 166 سال سوراشٽر تي حڪومت ڪئي. سندن ئي ڏينهن ۾ سوراشٽر تي گجرات جو نالو پيو. ميجر راورتي مکي سنڌ ۾ به گجرن جو وڏو اثر رهيو هو. راجا نند جيڪو ماٿيلي جو اڏيندڙ ۽ حاڪم هو. سو هتان جو هو، مومل سندس نياڻي هئي.

    ارغون :
    ارغون، ترخان ۽ مغل چنگيز خان جي اولاد مان هئا. هنن جو ڌنڌو ئي رت وهائڻ هو ۽ انسانن جو رت پيئڻ هو. شاهه بيگ ارغون، مير ذوالنون بيگ، پوئين تيمور، شهزادي هرات جي والي سلطان حسين بائقارا جو امير الا لاءَ ۽ سپاهه سالار هو ۽ سلطان حسين بائقاتا جي پٽن مان شهزاده بديع الزمان جيڪو سندس ناٺي هو، تنهن جو اتاليق هو. ارغون خان چنتيز خان جي پنجين پيڙهي آهي . سنڌ ۾ ارغون شاهه بيگ سان گڏ آيا. ترخان منگول نسل مان آهي جن جي پيڙهي به چنگيز خان سان ملي ٿي. مغل گورگان، هندستان جي مغلن جو ڏاڏو امير طاغوئي، برلاس جو پٽ هو، جيڪو 1333ع ۾ ڄائو. سندس وڏا چغتائي جي درٻار ۾ وزارت تي معمورهئا. قيشن شهر سندن جاگير هئي. هي 9 صدي جي پڄاڻي ۽ عيسوي 15 صدي جي شروعات ۾ تيموري شهزادا خراسان ۽ افغانستان ۾ نظر اچن ٿا. منجهائن ظهيرالدين بابر بن عمر شيخ مرزا بن ابو سعيد بن سلطان مرزا پٽ ميران شاهه بن امير تيمور گوگاني ڪابلو جو بادشاهه هو . جنهن 1526ع ۾ هندستان کي فتح ڪيو. سندس پوٽي اڪبر سنڌي کي 1591ع ۾ پنهنجي جاگير شاهي ۾ داخل ڪيو . ان کان پوءِ مغل سنڌ ۾ آيا ۽ هاڻي ” سنڌي قوم“ جا فرد آهن.

    عرب حڪمران :
    عرب حڪمرانن سان گڏ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون جيڪي سنڌي قوم ۾ ملي جلي ويون، جن مان مکيه هي آهن : موسى بن يعقوب ثقفي الور جو قاضي هو ۽ ان جي اولاد مان پشت به پشت الور ۽ بکر جا قاضي ٿيندا آيا. ٿگيم بني تميم جي اولاد مان آهن. بني مغبر جو اولاد هن وقت موريا سڏجي ٿو. عباسي حضرت عباس رضه جو اولاد آهي، جيڪي قضا جو ڪم يا مڪتب ۾ تعليم ڏيئڻ جو ڪم ڪندا هئا. صديقي، حضرت ابوبڪر صديق رضه جو اولاد آهي ۽ فاروقي حضرت عمر فاروق رضه جو اولاد آهن. بني حارث جي اولاد مان هن وقت پنهور آهن. منگي پاڻ کي نب تميم سان گنڍين ٿا. بنو حاڪم مان باجار ۽ جهانگار آهن. سنڌ جا سپيا پاڻ کي بنوجريمه مان سڏائين ٿا. انصاري مدينه مان انصارن سان پاڻ کي ملائين ٿا. سنڌ ۾ سيد جا مختلف پاڙا آهن. قريشي قريش سان پاڻ کي ملائين ٿا. اهڙي طرح جيلاني، بخاري وغيره سڀ عربستان مان آيا آهن.

    ڪلهوڙا :
    ڪلهوڙا سنڌي حڪمران ذات آهي، جيڪي سرائي به سڏجن ٿا. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جو خيال آهي ته اهي اصل ديرهه جات کان آيا. انهن جي اصليت مڪران جي ٻڌائي وڃي ٿي. اهو اصل جتن جي شاخ ڪلوڙا مان آهن. رچرڊ برٽن جو خيال آهي ته ڪلهوڙا اصل نو مسلم چنا قوم مان هئا. جن زور وٺڻ کان پوءِ پاڻ کي عباسي سڏائڻ شروع ڪيو. ڪلهوڙن جو ڏاڏو ميان اوڍاڻو الله وارو بزرگ هو جيڪو پيري مريدي ڪندو هو. هن جي پوٽي ميان چني بلال سمي جي ڌيءَ دهرا سان شادي ڪئي جنهن جي پيٽ مان محمد نالي پٽ ڄائو جيڪو ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جو ڏاڏو ڪوٺجي ٿو. محمد جي نائين پيڙهي مان ميان آدم شاهه بکري جي اولاد سياست ۾ حصو وٺي حڪومت قائم ڪئي. هن خاندان مان ميان يار محمد، ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاهه مشهور حاڪم آهن.

    ٽالپر :
    ٽالپر به سنڌ جو حڪمران قبيلو آهي. جيڪي اصل ۾ ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جي لفظن ۾ ايراني سيد آهن. اهي ڪلهوڙن جي صحبت ۾ رهي سنڌ ۾ آيا ۽ آهستي آهستي زور وٺي حڪومت تي قابض ٿيا. ٽالپر اصل ۾ ٽال + پور آهن، جنهن جي معنى آهي ٽال يا ٽالي خان جو اولاد ٽالپرن کي تالمر يا تنمير سان ملايو ويندو آهي، جنهن کي يوناني پالميرا سڏيندا هئا. جيڪڏهن ائين آهي ته ٽالپر عرب قبطي، يوناني، يهودي ۽ رومين جي مخلوت نسل مان آهن. ٽالپرن جي شڪل مشابهت اٿ ويهه، بدني بناوٽ ۽ پڻ سندن ٻولي مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي آريا آهن يا ته ڪردن جي جنگجو قبيلي جي هڪ شاخ آهن يا وري ميد آهن. ايران، خراسان ۽ آذر بائيجان جي علائقن تي ڪيترائي سئو سال حڪومت ڪئي. سندس اصل وطن مزندارن يا ڪسئپين سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر وارو علائقو آهي. مورخ سنڌ مولائي شيدائي جو چوڻ آهي ته ” ٽالپور ٻن بلوچي لفظن جو مرڪب آهي. ٽال جي شاخ پر معني وڍڻ، وڻ ڇاگيندڙ يا ڪاٺير ٽالپرن مان مير آلودوخان ۽ مير مسعود خان، ميان مير محمد جا مريد هئا. جن کي ميان يار محمد دعوت ڏئي، خدا آباد گهرايو. رچرڊ برٽن جو چوڻ آهي ته ” جڏهن هو سنڌ ۾ آيا تڏهن هنن ٻنهي سردارن کي ڪلهن تي ڪانڀو ۽ هٿ ۾ ڏاس جي ڍيري هئي، جا هو وٽيدا آيا. سندن پٺيان ٻڪرين جو ڌڻ هو، سندن ٻار ٻچا ۽ اٽالو گڏهن تي هو، اهڙي حالت ۾هو تختگاهه خدا آباد ۾ وارد ٿيا“. ٽالپرن جي ڏاڏي مير سليمان خان کي موراني ديري مان پنج پٽ هوتڪ، عالي، ماڻڪ، ميرڻ ۽ جيوڻ نالي هئا. وڏي پٽ هوتڪ کي ٻه پٽ شهداد خان ۽ شهڪ خان، شهڪ خان جي پٽ مير شاهد جو اولاد شاهاڻي آهن. مير عالي کي ٻه پٽ دريا خان ۽ مبارڪ خان هئا. مير ماڻڪ خان کي چار پٽ الهيار خان، ٺارو خان، ڇٽو ۽ سائينداد هئا. مبارڪ جي پيڙهي وارا خاناڻي سڏجن ٿا. حيدرآباد ۽ خيرپور وارا مير شهداداڻي آهن. ميرپورخاص وارا مير ماڻڪ خان جو اولاد آهن. ان ڪر ي ماڻڪائي سڏجن ٿا. مير شهداد خان کي دهلي درٻار مان سنڌ ۾ ”پٽ باران “ بطور جاگير مليو. مير شهداد خان سرائي ميان يار محمد جي عقيدن مندن مان هو ۽ مير صاحب جي فوجي لياقت ڪري، ميان صاحب هن کي پنهنجو سپهه سالار ۽ مدرالمهام مقرر ڪيو هو.
    ٽالپرن کان سواءِ ان وقت ٻيا به ڪيترائي بلوچ قبيلا ٺٽي کان وٺي بکر تائين پکڙيل هئا، جن وٽ مغل حاڪمن جو سندون هيون. سندن ڪن خاندان مان مير شاديون ڪيون. ڪن کي ميرن جاگيرون ڏنيون، ڪن کي ڪلهوڙن نوازيو. ڇو ته بلوچ حڪومت جا فولادي بازو هئا ۽ جنگ وقت فوج ڏيئڻ لاءِ ٻڌل هئا. مولائي شيدائي لکي ٿو ته” سنڌي ۽ بلوچ ٻه جدا جدا قومون نه آهن. حقيقت ۾ ٻروچ بهادر، جنگجو ۽ غيرمند قوم آهي. جنهن 1783ع کان 1843 ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي فطري طبيعت ڪري هنن هر وقت سنڌ ۾ بااقتدار حيثيت سان زندگي بسر ڪئي. ٽالپرن کان سواءِ ٻين بلوچن جو مختصر تعارف هن ريت آهي.

    رند:
    مير جلال خان کي 5 پٽ هئا رند، لشار، فرائي، جتوئي ۽ هن ڪڇ ۾ شوران سندس رياست هئي. مڪران کان وٺي پنجاب، سنڌ ۽ راجپوتانا تائين پکڙيل هئا. سنڌ ۾ ٽالپور کين وڏا عهدا ڏنا. سردار بهادر خان رند، قلات جي فوج ۾ علمدار هو. سندس پٽن مان دليل خان ۽ سندس پوٽو يار محمد خان، مير فتح علي خان وٽ رهندا هئا،جن کي مير گڏيل جاگير ڏني هئي. مير محمد علي خان رند جو پٽ بهاول خان، مير نور محمد خان وٽ چئن سپاهين جي دستي مٿان علمدار هو ۽ جهانگارن ۾ سندس جاگير هئي . سندن منٽگمري واري رياست تي 1810 ع ۾ رنجيت سنگهه قبضو ڪيو. رندن جا سيوي ۽ ڍاڍار ۾ مضبوط قلعا هئا.

    مگسي ؛
    هي اصل مگس جا آهن، جيڪو ايراني بلوچستان ۾ رنڪ جي ويجهو هڪ مضبوط قلعو هو. هنن جي رياست جهل کان غيبي ديري تائين هئي. پنجاب ۽ سنڌ ۾ سندن جاگيرون هيون، ٽالپرن جي دور ۾ هنن جي سرداري قائم هئي.

    جتوئي:
    مير جتوئيءِ جو اولاد آهن. ڪڇ ۾ ڀنر جتوئي سندن رياست هئي، شاهه بيگ ارغون سان مقابلو ڪيائون. ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي صاحبي ۾ جتوئين کي جاگيرون مليل هيون. 1857ع جي جنگ آزادي ۾ هنن اهم ڪردار ادا ڪيو. ان ڪري سندن سردار امام بخش خان جي جاگير ضبط ڪئي وئي.

    لاشاري :
    مير جلال خان جي پٽ لشار جو اولاد آهن. ٽيهن سالن جي ويڙهه ۾ پنهنجن ڀائرن کان شڪست کائي، سنڌ، پنجاب ۽ گجرات ڏانهن هجرت ڪري ويا. سمن جي دور ۾ مشهور سپهه سالار مير دريا خان هن قبيلي مان هو. ٽالپرن جي صاحبي ۾ سنڌ ۽ سندن سردار ۽ جاگير هئي. ڪڇ ۾گنج آبوا سندن رياست هئي. اڄ گندا واهه سڏجي ٿي.

    چانڊيا:
    چانڊيا هوت جي ٻن پٽن مير حسن ۽ مير جاجي جي اولاد مان آهن ۽ مير جلال خان سان حلب کان آيا. اصل ۾ سندس رياست ناڙي تي هئي، پوءِ ماڇين کي شڪست ڏيئي، سنڌ جي اتر الهندي ۾ چانڊڪا رياست قائم ڪيائون. سندن صدر مقام غيبي ديرو هو. مياڻي جي جنگ ۾ هنن ويهن هزارن جي فوج سان انگريزن کي مدد جي آڇ ڪئي، انگريزن سندن سردار کي نوابي جو خطاب ڏنو.

    لغاري:
    لغاري اصل ديره غازي خان جا ويٺل آهن، جن مان ڪجهه خاندان ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيا. انهن مان غلام محمد 1140هه ۾ سنجهوري تعلقي ۾ ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺو. مير بهرام خان ٽالپور جو درٻاري هو. سندس پٽ نواب ولي محمد لغاري، مير فتح علي خان کان وٺي مير غلام علي جي دور تائين سنڌ جو حقيقي معنى ۾ حاڪم رهيو. ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو ته ” نواب ولي محمد ۾ نه فقط اميرن جو ڪلي اعتبار آهي، پر عجب اهو ته عوام کي به سندس واسطي عزت ۽ احترام آهي. ” نواب ولي محمد جي وڏي ڀاءُ علمي محمد خان وٽ جاگير هئي. اختيار ان عيساڻي کي ٽالپورن شهدادپور، هالا ۽ ميهڙ ۾ جاگيرون هيون. جڏهن انگريزن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن سڀني لغارين قرآن شريف تي هٿ رکي قسم کنيو ته هو انگريزن سان مقابلو ڪندا، سڀني واعدو ڪيو ته هي ملڪ سنڌ اسان بلوچن لاءِ ماءُ برابر آهي جنهن جي ڇاتي مان اسان پشت به پشت ٿڃ پي پليا آهيون، ماءُ پيءُ تي اولاد جا وڏا حق آهن. اسان پنهنجي ماءُ تان جان نثار ڪنداسون ۽ تاريخ شاهد آهي ته دٻي ۽ مياڻي جي جنگين ۾ علي محمد خان، غلام محمد خان ۽ خان احمد خان لغاري ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهندا رهيا.

    کوسا:
    کوسا توراني نسل مان آهن ۽ سندن وطن ڪاسريگا ڪاشغر چينائي ترڪستان آهي. هي بلوچن جو بهادر قبيلو آهي. فوجي خدمتن جي ڪري کين مڪران کان وٺي پنجاب ۽ سنڌ ۾ جاگيرون مليون. صوبي سرحد، هانسي، حصا، کاڏل، پٽ نير، ٿرپارڪر کان سابرمتي تائين پکڙجي ويا. همايون کين سون مياڻي جاگير ۾ ڏني. ميان الياس ڪلهوڙي مير روهل خان کوسي کي مهراڻ جي اولهندي ڪپ تي جاگير ڏني. سمن کين ٿرپارڪر ۾ زمينون ڏنيون. غلام شاهه ڪلهوڙي کوسن جي مدد سان ڪڇ فتح ڪيو. مير حڪمران ٿر جي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ کوسن کي وظيفا ڏيندا هئا. شهداداڻي ٽالپورن، سندن جاگيرون بحال ڪيون. ان کان سواءِ گبول، لنڊ، پتافي، بوزدار، جمالي، جکراڻي، مري، بگٽي، مزاري، گرگيج وغيره بلوچن جا ڪيترائي پاڙا آهن، جن سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مهر به کوسن جو خاص قبيلو آهي، جيڪو ايران کان نڪري بلوچستان کان ٿيندو ساري هندستان ۾ پکڙجي ويو. پنجين صدي جي آخر ڌاري گپتا خاندان کي شڪست ڏيئي مهرن، اتر ڪاٺياواڙ جي علائقي تي قبضو ڪيو. ڪاٺياواڙ ۾ اڃان تائين مهر رهن ٿا. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي زماني ۾ کين جاگيرون مليل هيون. شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ ڌاريجن سان گڏجي بکر ۾ هنن سندس مقابلو ڪيو. مغلن جي زماني ۾ بکر ۽ ماٿيلي ۾ سندن اڪثريت هئي ۽ مغلن جي گورنرن سان ڪيترائي مقابلا ڪيائون. شڪارپور ۾ به سندن وجود دائود پوٽن جي ڏينهن ۾ هو. سندس اڪثريت ٿر جي علائقي ۾ ميرن جي زماني ۾ ٿي.

    ميمڻ:
    سنڌ جا ميمڻ اصل ۾ لوهاڻا آهن، جيڪي ايوڌيا جي راجا رامچند جي پٽ لو جي اولاد مان آهن. سنڌ ۾ لوهاڻن جو ڌار علائقو هو جتان وهندڙ درياءَ کي لوهاڻو درياءَ چوندا آهن. رئيس ضياءُ الدين ايس بلبل جو رايو آهي ته لوهاڻا آرين کان اڳ موهن جي دڙي جي تهذيب جا مالڪ هئا. لوهاڻن جو وڏو ملڪ جي چوراسي لک برادرين جو چڱو مڙس هو. جنهن سيد سيف الدين قادري رحه جي هٿ تي بعيت ڪئي. سندن مسلمانڪو نالو احمد هو. لوهاڻا اڪثر ڪري واپاري ذهن رکندڙ آهن، ان ڪري ڪاروبار کي ترجيح ڏين ٿا. هن وقت ميمڻن جو ڪڇ، ممبئي، گجرات، ڀڄ ۽ راجپوتانا ۾ به گهڻو تعداد آهي.

    ابڙا:
    ابڙا اصل ۾ راجپوت آهن. سلطان علاءُ الدين خلجي جي زماني ۾ ڪڇ جي کنڊ ڪلا پرڳڻي کان نڪري سنڌ ۽ ڪڇ تائين پکڙجي ويا.

    ڏهر:
    ڏهر راجا ڏاهر جي نسل مان آهن. وٽن اورنگزيب عالمگير جي سند هئي. اوٻاوڙو سندس جاگير هو. ٽالپرن سندن جاگير کي بحال رکيو. ڏهرڪي جو شهر سندن ٻڌايل آهي . هن وقت به وٽن ڪافي زمينون آهن ۽ سياسي اثر رسوخ رکن ٿا.

    چاچڙ:
    چاچڙ به سنڌ جي مشهور ذات آهي، هي ڄام چيوڙ جي اولاد مان آهن جنهن جو تعلق جادم سان ملي ٿو. راجا چيور جي ڪري هي خاندان ڄام، ارباب ۽ ڄاموٽ جي لقبن سان سڏجي ٿو. هي قبيلو سنڌ، ملتان، بلوچستان، سرحد، پٽ فيڊر ۽ لسٻيلي تائين پکڙيل آهي. هن خاندان مان شيخ محمد حيات السنڌي مديني جو ناميارو محدث ۽ عالم ٿي گذريو آهي. سندس ڪٽنب مان مولانا عبدالقادر السنڌي مسجد قبا جو پيش امام آهي.
    بهرحال هي سنڌ جي ذاتين جي بحر مان موتين جي هڪ مٺ آهي. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي نالي واريون ذاتيون آهن، جن پنهنجي خاندان، لياقت ۽ ذهني قابليت آهر سنڌ جي سياسي، علمي، ادبي ۽ تاريخي خدمت ڪئي آهي ۽ پنهنجي ماتر ڀومي جي خدمت ڪنديون رهنديون.

    11. سنڌ جون تاريخي رانديون:
    سنڌ جون تاريخي رانديون پهلواني، زور آزمائي، جسماني ۽ ذهني ڪاوشن جو نتيجو آهن. آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ پهلواني جو زور هو. پهلوانن جو شان شوڪت جاري هو. هڪڙا پنجاهيا پهلوان هئا جيڪي هڪ ٻئي سر پنجاهه ڄڻن جو مقابلو ڪندا هئا ته ٻيا ڏهيسر هئا، جيڪي ڏهن جو مٽ هئا. جسماني زور ۽ طاقت ۾ هڪڙا اڍائي ونگ ورنهه هئا جيڪي پنهنجن ڊگهن وارن کي هٿ تي اڍائي وڪڙ ڏيئي زور ڏيندا ته ته وارن ۾ پيل تيل ٽمي پوندوهو،ته ٻين ڌگ مڙسن وري پاڻ کي لوهه مروڙ ٿي چوايو. سنڌ ۾ اهڙيون ڪافي رانديون آهن جنخبر مان انسان جي جسماني سگهه جي خبر پوندي هئي. انهن مان چنبو ۽ پڃري مشهور آهن. هڪ پهلوان هو جيڪو آڱوٺي جي گهڪي سان اکر مٽائيندو هو يا سچين ڪوڏين جي مٺ ڀري زور ڏئي انهن کي پتاشن وانگر ڀوري ڇڏيندو هو.

    ملهه:
    ملهه سنڌ جي قومي راند آهي ۽ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ اڄ به کيڏي ويندي آهي. هي راند به زور آزمائي جو بهترين نمونو آهي. پڃري به سنڌ جي راند آهي. جنهن ۾ طاقت ۽ سگهه جو مظاهرو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ويدڪ زماني کان ئي اهڙا ميلا ملاکڙا ٿيندا هئا، جتي پهلوان اچي طاقت جو مظاهرو ڪندا هئا. شرطون لڳنديون هيون، تيز اندازي ٿيندي هئي ۽ پهلوان هڪ ٻئي سان ملهون وڙهندا هئا. ان وقت ملاکڙي جو جشن سڄو ڏينهن هلندو هو. هن مان جيڪو ساري ڪندو هو تنهن کي ڳچي ۾ شهزاديون هار وجهنديون هيون. راجائون ملهن مٿان جواهر هيرا ۽ لعل نڇاور ڪندا هئا. انهي قومي راند ڪري مادر وطن جا بلوان سپوت نه صرف حڪومت پر عوام کان به خراج تحسين وصول ڪندا هئا. هيءَ راند 4 هزار ق – م کان وٺي اڄ تائين سنڌين جي جسماني طاقت ۽ پهلواني جي نشاني رهي آهي. هن قومي راند سان اسان اڄ به پنهنجي نسل کي امن پسند، انصاف واري ۽ قربائتي تهذيب جي رنگ ۾ رنڱي سگهون ٿا.
    مٿي جي راندين جو ذڪر ڪيو اٿم، اهي آهن زور، سگهه ۽ جسماني طاقت جون رانديون، سنڌ ۾ اهڙيون به رانديون آهن جيڪي صرف ذهن ۽ دماغي صلاحيتن سان واسطو رکن ٿيون. جن چوڀڙ ۽ شطرنج جو ن رانديون مشهور آهن . ڍاري يا ڇڪي واري راند سنڌ جي پراڻي راند آهي. هي راند سنڌ ماٿري جي ماڻهن جي دل گهري وندر هئي. سندن ڇڪا مٽي ۽ پٿر جا ٺهيل مليل آهن. انهن جي ڇهن ئي پاسن کان جدا جدا عدد جا گول نشان ڏنل آهن. هي نشان هڪ کان ڇهن تائين آهن ۽ اهڙي طرح ڏنل آهن جيئن هڪ جي پٺيان ٻه، ٽن جي پٺيان چار ۽ پنجن جي پٺيان ڇهه آيل آهن. موهن جي دڙي مان هڪ اهڙي سر به لڌي آهي جنهن تي چئن چوڪنڊن خانن جون ٽي قطارون اڪريل آهن، جن مان هڪ خاني ۾ ڪنڊائتيون سڌيون ليڪون هڪ ٻئي کي آر پار ڪاٽيل موجود آهن يعني مسطتيل جنهن جون ٻه منهيون سامهون ڪنڊون ليڪن سان ڳنڍيل آهن. خيال آهي ته اها چسر راند جي تختي جو هڪ ٽڪر آهي. ويدڪ زماني ۾ به هي راند کيڏي ويندي هئي. ان وقت ڍارا عاج جا ٺهيل هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڍارن طور ٻهيڙن جو ن ککڙيون ڪم اينديون هيون. اهي ککڙيون رنگ جون ڀوريون هونديون هيون.ان ڪري کين بڀرو يعني ڀورو چوندا هئا. اها راند هڪ ميز تي کيڏي ويندي هئي. جنهن ۾ کڏ هوندي هئي. انهي ۾ ککڙيون وڃي پونديون هيون. راند جو اصول اڪي ٻڌي تي ٻڌل هوندو هو ۽ ٻڌي وارو کٽندو هو. اڄ ڪلهه به هن راند جو اسان وٽ رواج گهڻو آهي.
    مروج الذهب جي مصنف، سنڌ جي چوپڙ راند جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” چوپڙ راند روزگار حاصل ڪرڻ جو هڪ مثال آهي. جيڪو ان حڪمت ۽ تدبير سان هن دنيا ۾ حاصل ٿئي ٿو ۽ نه صنعت ۽ حرفت سان هي به بيان ڪيو ويندو آهي ته سڀ کان پهرين ارد شير بن باڪ هي راند ايجاد ڪئي. هن دنيا وارن سان دنيا جي انقلاب ۽ نيرنگي جو نقشو ڏيکاريو ۽ مهينن جي تعداد مطابق ان جا ٻار هنن برج ۽ مهيني جي ڏينهن جي تعداد موجب ٽيهه مهرون بنايون ۽ ٻه پڙا بڻايا. ڄڻ هيءَ راند تقدير ۽ انقلاب جو مثال آهي. جڏهن انسان اها کيڏي ٿو ته قضا ۽ قدر جي اعانت سان ان جي ذريعي پنهنجي مراد حاصل ڪري ٿو ۽ ماهر ۽ هوشيار ماڻهو کي به اها شيءَ حاصل نه ٿي ٿئي. راجا معمولي ماڻهو حاصل ڪري ٿو. بشرطيڪه قضا ۽ قدر انهي معمولي ماڻهو جو ساٿ ڏئي ته يعقوبي لکي ٿو ته ” راجا حشران وٽ تفلان نالي هڪ شخص آيو جو وڏو هوشيار ۽ قابل هو . هن هڪ نقشو ٺاهيو. ان ۾ 24 خانا رات جي ڏينهن جي ڪلاڪن جي لحاظ کان بنايائين، جيڪي 12 خانن جي هر ڪنڊ ۾ بنايل هئا. 30 ڏينهن ۽ ان جي برجن جي مثالن ۾ 30 ستارا بنايا ويا ۽ ڏينهن جي لحاظ کان ٻه نيايا ويا. هر ٻڙي کي ڇهه پاسا هئا ان ڪري جو هي ئي اهڙو مڪمل عدد آهي، جنهن جو اڌ ٽيون حصو ۽ ڇهون حصو ٿي سگهي ٿو. هر ٻڙي ۾ جڏهن هو مٿي کان هيٺ ايندو هو ته ست نقطا نظر ايندا هئا. ڇهن جي هيٺيان هڪ پنجن جي هيٺيان ٻه ۽ چئن جي هيٺيان ٽي، هي ستن سيارن ۽ ڏينهن جو مثال هو. ستن سيارن مان چنڊ، زحل، مشتري، مريخ، عطارد ۽ زهره مراد آهي . پوءِ ان کي آزمائش لاءِ ٻن ماڻهن جي آڌار رکيائين ۽ هر هڪ شخص کي هڪ هڪ ٻڙو ڏنائين ۽ چيائين ته جنهن شخص کي مون مٿين نقطن وارو ٻڙو ڏنو آهي، اهو پنهنجي ساٿيءَ کان شروعات جي لحاظ کان وڌيڪ آهي. ان ڪري ٻئي انگ گڏ ٿي ويا. هي ڄڻ مثال بيان ڪيائين ۽ ٻنهي انگن مان جيڪي ڪجهه ظاهر ٿيو ٿي، ان جي چوڌاري ستارا گردش ڪندا هئا. هي انهي نصيب ۽ قسمت جو مثال هو. جنهن کي فلڪ جي حرڪت عاجزي ڪندي آهي ۽ هي انهي بدقسمتي ۽ محرومي جو مثال هو، جنهن کي فلڪ جي گردش جي لحاظ کان هوشيار ۽ صاحب تدبير ماڻهو به دوچار ٿيندو آهي. جڏهن جي ڳالهيون بادشاهه جي آڏو آيون ته هن ان کي قبول ڪيو ۽ ملڪ ۾ ان جو رواج پئجي ويو.

    شطرنج:
    سنڌ جي مشهور راند شطرنج به آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ” سنڌين وٽ شطرنج آهي، جنهن لاءِ وڏي غور و فڪر ۽ اورچائي جي ضرورت رهي ٿي. جيڪا ٻي ڪنهن راند ۾ نٿي ڏٺي وڃي ته هن راند جا ثبوت موهن جي دڙي کان مليا آهن.“ محمد ادريس صديقي لکي ٿو ته ” هتان هاڻوڪي شطرنج جي پيادن جي شڪل جون مٽي، پٿر ۽ ٻين شين مان ٺهيل ڪيتريون ئي ڳوٽيون پڻ مليون آهن، جن مان ڪي ته سچ پچ ڏاڍيون سهڻيون آهن. اهي مقدار ۾ هڪ ٻئي کان وڏيون وڏيون آهن. سنڌ مان هي راند ساساني حاڪم نوشيروان (53-56ع) جي دور ۾ ايران پهتي. ماڻڪ پٽنا والا لکي ٿو ته ” هن درو ۾ سنڌ مان نه فقط موسيقار ۽ ٻيا فنڪار ايران پهتا، پر شطرنج جا کيڏاري به ايران جي درٻار ۾ پنهنجي مهارت جو ڌاڪو ڄمائيندا آيا. عربن جڏهن سنڌ فتح ڪئي تڏهن ستين صدي عيسوي ۾ هي راند عرب پهتي ۽ اتان يارهين صدي عيسوي ۾ يورپ پهتي.“ اهڙي طرح سنڌ جي سرزمين تان وجود ورتل هي راند اڄ بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري چڪي آهي. سنڌ ۾ شطرنج جا کيڏاري تمام سٺا ٿي گذريا آهن. سنڌ جي انهن راندين ۽ ٻين ملڪن جي راندين ۾ فرق رڳو هي آهي ته سنڌ جا رانديگر شطرنج کي راند ڪري کيڏندا آهن ۽ ٻيا ذريعا نام و نمود ڪري کيڏن ٿا. حضرت پير صبغت الله راشدي کي جڏهن ڦاهي جو حڪم ٻڌايو ويو، تڏهن هڪ انگريز جيلر ساڻن سڄي رات شطرنج ڪئي، پر هڪ به بازي نه کٽي سگهيو. خيال ڪريو جنهن ماڻهو کي صبح جو ڦاهي اچڻي هجي، موت پيو سندس اکين اڳيان ڦري انهي حالت ۾
    انهي انگريز جيلر کي هڪ به راند نه ڏني، جو اهو آزاد هوندو ته ڪيڏي نه اعلى پائي جي راند ڪندو هوندو. اهڙي طرح حضرت شهيد بادشاهه جي ڪري شطرنج راند کي به تاريخي حيثيت ڏني آهي.
    سنڌ ۾ ٻيون هلڪيون ۽ تفريحي رانديون گهڻيون آهن، ڏاندن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ کي ته تاريخي حيثيت حاصل آهي. ويدڪ زماني ۾ گهوڙن کي سونن زيورن سان سينگاري ڊوڙايو ويندو هو ڏاندن کي به آرين جي زماني ۾ وڏي اهميت هئي. ننڍن پکين جي شڪار سان پاڻ وندرائڻ به پراڻي مشغولي آهي، جنهن جو ثبوت موهن جي دڙي مان ملي ٿو. موهن جي دڙي مان هڪ تصوير ملي آهي، جنهن ۾ پکي هڪ ٻئي تي جهپڪو ڏئي رهيا آهن. جنهن مان سمجهجي ٿو ته اتي پکي ويڙهائڻ جو رواج هو. ڪڪڙن ويڙهائڻ جو رواج به پراڻو آهي. موهن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين هي مشغولي قائم آهي. سانڊ وڙهائڻ به سنڌين جي پراڻي راند آهي، جنهن جو رواج سومرن جي دور ۾ عام هو.
    بهرحال سنڌ ۾ ماضي ۾ ڊاڪٽر ڇٻلاڻي جي لفظن ۾ ته تفريح ۽ وندر جون شيون غريب توڙي امير، شاهه توڙي هاري، ٻنهي لاءِ گهڻو ڪري ساڳيون هيون. معاشري جي مختلف درجن ۾ رڳو انهن جون صورتون مختلف هيون. شڪار، ملهه، پتنگ بازي يالغڙ اڏائڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، گهوڙي ڊوڙ، شرطون، شطرنج، ڍارو، تاس ۽ ٻيون اهڙيون رانديون ۽ سڀ کان وڌيڪ راڳ، ناچ ۽ شراب لاءِ پيار، اهي هيون سنڌ جي ماڻهن جون مخصوص تفريحون.
    هن وقت نئين تهذيب ۽ مغربي معاشرت اسان سنڌين کان جيڪي قومي ۽ نج سنڌي ثقافت جون خصوصيتون کسي ورتيون آهن، اتي اسان جو اهي جسماني ۽ ذهني، تاريخي ۽ قومي رانديون به ختم ٿي رهيون آهن، جيڪي اسان جو قيمتي ورثو هيون.


    باب ٻيون : زراعت

    زراعت :
    سنڌ اقتصادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي. سنڌو درياءَ جي ڪري هتان جي زمين هر دور ۾ زرخيز رهي آهي. درياءَ جي لٽاسي مٽي جي ڪري هتي ڀلا فصل ٿيندا هئا. پراڻي زماني کان هتي پوک ڪئي ويندي هئي. دراوڙ قابل ۽ هوشيار ڪڙمي هئا، هو زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ بند ٻڌندا هئا ۽ لاباري لهڻ کان پوءِ جڏهن ان جا انبار لڳندا هئا، تڏهن خوشي ڪندا هئا، راڳ ڳائيندا هئا، سوم رسد پي نچندا هئا.
    موهن جي دڙي واري زماني جا ماڻهو ٻني آباد ڪندا هئا، ان زماني ۾ ڪڻڪ ۽ جون کان سواءِ ساريون ۽ دالين جا فصل پوکيا ويندا هئا ۽ انهن سان گڏ ڀاڄيون به چڱي انداز ۾ پوکيون وينديون هيون. ويدڪ زماني ۾ يعني آريرن جي دور ۾ سنڌ زراعت ۾ وڏي ترقي ڪئي، آريا جو ڌاتو آر معنى هر ڏيڻ آهي. هن زماني ۾ زمين کي هر ڏنو ويندو هو. وڏن جهنگلن کي ڪٽي اٺاس ۽ سورهاس ٽڪرا ٺاهيا ويندا هئا. جن کي کيت سڏبو هو. هر ڪنهن جي ٻني ڌار هئي ۽ شاهوڪار اهو ليکبو هو، جنهن کي پنهنجي ٻني هوندي هئي. زمين درياءَ جي ڀر واري ڪئي ويندي هئي کوهن جو رواج هو، کوهه ڪوپ مان نڪتل اهي اوٽ معنى اڏ، اهو لفظ به ويدڪ زماني ۾ ڪم ايندو هو. زمين کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ڳوٺاڻا گڏجي واهيون کوٽيندا هئا. ان زماني ۾ ست ان پوکبا هئا. داتر معنى ڏاٽو، ڏاٽي سان لابارو ڪندا هئا. ڳاهه ڳاهي ان ڀاڄ ۾ ڇاڻيندا هئا. زمينن کي مال جو ڀاڻ ڏيندا هئا. سڪندر جي آمد وقت سنڌ ۾ سال ۾ ٻه فصل ٿيندا هئا، ان زماني ۾ ڪٽنب جا سمورا ڀاتي گڏجي هارپو ڪندا هئا، اهي فقط سال لاءِ پاڻ وٽ ان رکندا هئا، باقي ناس ڪري ڇڏيندا هئا، سندس چوڻ هو ته گھڻي ان رکڻ ڪري ماڻهو سست ٿيو پوي.
    برهمڻن جي دور ۾ سنڌ زرخيز هئي، ملڪ جي آمدني جو خاص ۽ اهم جزو زراعت هو. زمين جي پيداوار جو ڇهون حصو ڍل طور سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائبو هو. هن زماني ۾ هارين کي زمين آباد ڪرڻ لاءِ سرڪاري ڀتو ملندو هو، زمينون هڪ هزار ايڪڙ تي ڦهليل هيون جن کي کيڙڻ لاءِ پنج سئو هر استعمال ٿيندا هئا. هر وزندار هوندا هئا، جن کي 24 ڍڳا ڪاهيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن هر ڪاهڻ لاءِ گهوڙن کي به ڪم آندو ويندو هو. ڏڪر کي منهن ڏيڻ لاءِ جارا جاين وٽ اناج جا گدام هئا.
    711 ع ۾ جڏهن عرب سنڌ ۾ آيا، تڏهن هندستان جي ڌرتي کي سائو ڏٺو، هنن سنڌ کي پنهنجو وطن بڻايو، محمد بن قاسم مختلف شهرن ۾ عربن جو ن آباديون قائم ڪيون، خليفي سليمان اموي حڪم ڪيو ته عرب سنڌ ۾ رهي کيتي ڪن، هر ڪاهين ۽ سکيا ستابا رهن. ان ڪري عربن سنڌ جي زراعت ۾ دلچسپي ورتي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ڪيترائي زرعي لفظ ۽ محاورا عربي ٻولي سان مطابقت رکن ٿا، جي فصل عرب مان آيا يا عربن هت آندا ڪي زرعي جنسون هتان عربستان ويون، فاري ۽ مجيري جا بنيادي لفظ عربي مان آيا، آئٽ لاءِ عربي ۾ ناعوره آهي، جتان نار نڪتو ۽ اتان ناري ٿيو، جيڪو اڄ هاري ناري سڏجي ٿو، مجيدي عربي لفظ بجير مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى محافظ يا سنڀال ڪندڙ آهي. عراق جي آباد زمين وانگر سنڌ جي زمين جي ماپ ٿي ۽ جريب جو آڳاٽو عربي لفظ سنڌ ۾ آهي، خليفي معتصم بالله جي ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنر موسى بن عمران زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هڪ بئراج يا بند ٻڌايو، جنهن کي سڪر الميد چئجي ٿو. واهن جي ڪنارن تي دڪا ٻڌا ويا، ته جيئن ماڻهو اچي وڃي سگهن، جن کي ورضهه يعني ڪچي پل سڏيو ويو. جيڪو سنڌي ۾ ڦر ٿيو. اهڙي طرح ان ماڻ جو نالو ڪاسو، عربي ٿانءُ ڪاسد مان نڪتل آهي، چوٿائي عربي لفظ ربع مان آهي ۽ خرار لفظ عربي جي ذريعي ڏنل فارسي ماڻ جو نالو آهي.
    پاڻي جي جانڊهن کان سنڌي اڻ واقف هئا، عربن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ان جو رواج وڌو جنهن ڪري آبپاشي اڳي کان ترقي ڪئي، عرب جانڊهن کي رحاالبطريق چوندا هئا، پاڻي جي جانڊاهن جا موجد يوناني هئا، جن پهريائين بغداد جي نهر صراط تي جانڊهه هنئي، پوءِ عربن جي معرفت سنڌ ۾ پهتي، سنڌ جا هاڻوڪا هرلا ۽ نار ايران جو نمونو آهن. عربن سنڌ ۾ نون زرعي جنسن کي به آندو، هن سنڌ ۾ مڪئي جو رواج وڌو، جنهن جو اصل وطن آمريڪا آهي، جتان يورپ وارن جي معرفت ايشيائي ملڪن ۾ پهتي، ماهه جي دال جو اصل وطن يمن هو، عربن جي معرفت ماڻهن کان نه رڳو سنڌ بلڪ ايشيا جا ٻيا ملڪ به واقف ٿيا. مينديءَ جو وطن عربستان آهي، جتان عرب جي وسيلي نه صرف سنڌ پر ساري دنيا ۾ پهتي، پالڪ جو اصل وطن عربستان آهي ۽ سنڌ ۾ ان کي عربن آندو. ياقوت جموي جو چوڻ آهي ته ” عربن مختلف موسمن ۾ ٻجن پوکڻ متعلق وڏي معلومات ڏني. هنن سنڌ ۾ غير ملڪي ڀاڄين جو رواج وڌو. واڱڻ جو اصل وطن ايران هو، جتان عربن سنڌ ۾ آندو ۽ پوءِ هندستان ۾ پکڙيو، ڀينڊيون مصر ۾ پوکبيون هيون، جتان عربن سنڌ ۾ آنديون، خسخس جو رواج عربن جي معرفت سنڌ ۾ پيو، جنهن ڪري هت آفيم جي پوک ٿيڻ لڳي. نيلوفر جا گل، عرب واپارين خراسان مان سنڌ ۾ آندا، يمن جي هڪڙي پوري دور سنڌ جي عربن سنڌ ۾ پوک ڪرائي، جنهن کي ڪر ڪم سڏبو هو، جنهن مان پيلو رنگ لهندو هو. عربن سنڌ جي زرعي جنسن کي عرب ۾ متعارف ڪرايو، هارون الرشيد جي زماني ۾ سنڌ جي ڪپهه کي عراق ۾ وڏي پئماني تي پوکيو ويو، نير، ڪمند، چانور، لاک، کوئنر سنڌ مان عرب پهتا. بابل مشرقي عربستان ۽ عراق ۾ سنڌي چانور پوکجڻ لڳا. سنڌ جي ڪمند کي عربن ايراني نار، شام، مصر ۽ اردن پهچايو، مصر ۾ چانورن کي روسن چوندا هئا. مصر کان ساريون، صقليه (سلي) انڊس پهتيون، عرب هتان نير شام کڻي ايندا هئا، جتان وينس جا جهاز ران يورپ جي ملڪن ۾ سنڌي نير جو نيڪال ڪندا هئا، عربن ئي سنڌ جي سڻي کي عربستان پهچايو جنهن کي ڪتاب الهند چوندا هئا. گدامڙي جو وڻ به سنڌ مان بصر پهتو، ڀنگ جو فصل سنڌ مان مصر پهتو، بڙ جو وڻ سنڌ مان يمن ۾ ويو، پان جي پوک عربن ذريعي عمان ۾ ٿيڻ لڳي. يمن وارا پان جي پتن کي تازي رکڻ لاءِ ماکي ۾ پسائي رکندا هئا. عرب پان کي تنبول سڏيندا هئا، کين معلم ٿيو ته پان چٻاڙڻ سان اعصاب ڪمزور ٿين ٿا، ان ڪري ان جو رواج گهٽجي ويو، پر حجاز وارا شوق سان کائيندا هئا. ٻاهرين ملڪن ۾ پان دوا لاءِ ڪم ايندو هو، سومرن سنڌ جي زراعت کي زور وٺرايو، سومرن حڪمرانن واهه ۾ ڪڙيا کڻايا ۽ آبادي کي وڌايو ۽ سنڌو درياءَ جي هاڪڙي ۽ پراڻ وارن وهڪرن جو پاڻي زمينن کي آباد ڪرڻ لڳو، نوابشاهه، سانگهڙ، ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي ايراضي ۾ فصل ڀلا ٿيندا هئا، ماڻهو سکيا ستابا هئا.
    مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ زمينون ٻن قسمن جون هيون، پهريون سيلاني جن تي چانور، جوئر ۽ ٻاجهري جي پوک ٿيندي هئي، ٻيو بوسي هئي، جنهن ۾ ڪڻڪ ۽ جوئر پوکي ويندي هئي، ڪپهه، نير، ڪمند ۽ تماڪ جي پوک به ضرورت آهر ٿيندي هئي. مغلن جي زماني ۾ هتي اَن ٿيندو هو، جو دهلي جي درٻار ڍل ۽ ڏن سان صورت ۾ کي زور وٺرايو ۽ ان زماني ۾ هتي زرعي جنسن کي ڪثرت هئي . پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به سنڌ جي زراعت پنهنجي حيثيت قائم رکي، اڄ به اسان جي قومي معيشت جو دارومدار زراعت تي آهي. صوبائي آمدني جيڪا 49- 1948 ع ۾ زراعت جو 32 سيڪڙو هئي اها 75-1974 ع ۾ وڌي 38 سيڪڙو ٿي. زراعت مان نه صرف کاڌ خوارڪ جو ضرورتون پوريون ٿين ٿيون، پر ڪيترن ئي صنعتن جو ڪچو مال به زراعت مان ملي ٿو. سنڌ ۾ 72- 1971ع انگن اکرن موجب ڪل زمين 3 ڪروڙ، 48 لک 48 هزار ايڪڙ آهي، جنهن مان 41 لک 63 هزار ايڪڙن ۾ جهنگ آهي. هڪ ڪروڙ 11 لک 73 هزار ايڪڙ زمين آبادي لائق نه آهي ۽ 45 لک 5 هزار ايڪڙ زمين بيڪار آهي. اهڙي طرح 14 هزار ايڪڙ زمين حال ۾ ڇڏيل ايراضي آهي، باقي 74 لک 35 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي وڃي ٿي. 71 لک ستر هزار ايڪڙن تي هڪ کان وڌيڪ دفعا آبادي ڪئي وڃي ٿي. اهڙي طرح ساري زمين 92 لک 5 هزار ايڪڙ آبادي هيٺ آهي. سنڌ ۾ 71- 1970 ۾ 47 لک ايڪڙ، 72 – 1971 ع ۾ 59 لک ايڪڙ ۽ 73 – 1972 ع ۾ 71 لک ايڪڙ زمين آباد هيٺ آئي. 05 – 2004 جي انگن مطابق سنڌ جي ڪل زمين 14091 هيڪٽرس جهنگ آهي. جنهن مان 6،161 هيڪٽرز آبادي لائق نه آهي ۽ 1346 هڪٽرس بيڪار آهي. اهڙي طرح 3294 هيڪٽرز زمين آبادي جي لائق آهي. جنهن مان 2451 هيڪٽرز زمين آباد ڪئي وڃي ٿي. جنهن مان 843 هيڪٽرز هڪ کان وڌيڪ دفعا آباد ڪئي پئي وڃي. (Sindh Statical Year Book 2005, 1 Hector = 2.471 acers)
    سنڌ ۾ هڪ سال ۾ 12 فصل ٿين ٿا. هتي خاص فصلن جو ذڪر ڪجي ٿو ۽ انهن جو تاريخي پسمنظر به بيان ڪجي ٿو.

    1- ڪڻڪ :
    ڪڻڪ سنڌ جو خاص اناج آهي ۽ هتان جي مکيه پيداوار آهي. سنڌ جي آبهوا ڪڻڪ لاءِ موزون آهي، ان ڪري سڀني فصلن کان وڌيڪ پوکي وڃي ٿي. ڪڻڪ جو فصل سرءُ ۾ پوکجي ٿو ۽ اونهاري ۾ پچي تيار ٿئي ٿو. سندس ٻوٽو ٽن کان چئن فوٽن تائين اوچو ٿئي ٿو، پتا سنها ۽ ڪانو لچڪدار ٿئيس، هڪڙي ٻوٽي ۾ گهڻيون ئي شاخون نڪرنس، شاخن جي مٿئين ڇيڙي وٽ ڪڻڪ جا سنگ نڪرن، جن ۾ داڻا پچڻ وقت سڄو ٻوٽو سڪي سونهري رنگ جو ٿيو پوي. ڪڻڪ جي فصل کي سالياني 15 انچن کان 14 انچن تائين برسات جي ضرورت آهي. ڪڻڪ جي في ايڪڙ پيداوار جو مدار آبهوا جي موزونيت ۽ کيتي جي طريقن تي آهي. ڪڻڪ مکيه کاڌو آهي، جنهن ۾ لمحيات وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوک قديم زماني کان پوکي وڃي ٿي . هڪ روسي عالم ويليسوف لکي ٿو ته ” دنيا ۾ ڪڻڪ جي پوک جي شروعات سنڌ ۾ ٿي، پراڻي سنڌي ۾ ڪڻڪ کي ڪيڪيه چوندا هئا.“ موئن جي دڙي واري زماني ۾ ماڻهن جي خاص خوراڪ ڪڻڪ هئي. مسٽر انگرکي لکي ٿو ” سنڌ ۾ پيدا ٿيل ڪڻڪ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. جنهن جا نشان موهن جي دڙي مان به مليا آهن. واڍڪ دور ۾ ڪڻڪ جنهن انداز ۾ پوکي ويندي هئي، ان زماني ۾ ڍڳن ۽گهوڙن سان هر ڪاهڻ ۽ ڏاٽي سان لابارو ڪرڻ جو رواج هو. درياءَ جي ڀر واري زمين زرخيز هئي، ان ڪري ڪڻڪ جا انبار ٿيندا هئا. چين ۾ ڪڻڪ جي پوک سنڌ کان گهڻو عرصو پوءِ 2 هزار 7 سئو ورهيه ق – م ۾ ٿي.“
    سلاطين دهلي جي ڏينهن ۾ هتي ڪڻڪ تمام گهڻي ٿيندي هئي ۽ ڪڻڪ جو في مڻ فقط ٻه آنا هو. ڪلهوڙن ۽ مغلن جي دور ۾ هتي ڪڻڪ عام پوکي ويندي هئي. پوسٽنس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بهترين فصل ٿئي ٿو ۽ جتي جتي ڪڻڪ پوکي ويندي هئي، اتي ملڪ ميلن جا ميل اناج جي حسين ڳهن سان سينگاريل هوندو هو. ان وقت ڪڻڪ جو مڻ 12 دام هو، انگريزن جي صاحبي ۾ بئراج جي واهن کان پوءِ 32- 1931ع ۾ڪڻڪ 449117 ايڪڙن تي پوکي ويندي هئي، جيڪا 35- 1934ع ۾ وڌي ٻيڻي ٿي ۽ اٽڪل 1074400 ايڪڙن تي پهتي. اهڙي طرح هتان جي ڪڻڪ انگريزن جي ساري شهنشاهيت جو پورائو ڪرڻ لڳي.
    پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ ڪڻڪ جي پيداوار تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. 52 – 1951ع ۾ سنڌ ۾ ٽي لک 35 هزار ٽن ڪڻڪ ٿي، ٽين پنج سالي رٿا 70 – 1968ع ۾ ڪڻڪ ۾ سٺو واڌارو آيو، 66 – 1965ع ۾ ڪڻڪ 540 ٽن ٿي، جيڪا 70 – 1969 ۾ وڌي ٻيڻي يعني 1120 ٽن ٿي، چوٿين پنج سال رٿا 75 – 1970 ۾ 45 سيڪڙو واڌارو ٿيو. 71 – 1970 ع ۾ 20 لک 49 هزار ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکي وئي. جنهن يارنهن لک ٽن پيداوار ڏني. 73 – 1972 ع ۾ 19 لک 15 هزار ايڪڙن مان 10 لک 27 هزار 4 سئو ٽن ڪڻڪ ملي. 75- 1974ع ۾ 18 لک 87 هزار هڪ سئو ايڪڙن مان 10 لک 27 هزار 4 سئو ٽن ڪڻڪ ملي. 79 – 1978 ع ۾ ساري پاڪستان ۾ ڏيڍ ڪروڙ ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکي ويئي. جنهن مان صرف سنڌ ۾ ڪڻڪ 19 لک 49 هزار 430 ٽن پيدا ٿي. تازي انگن اکرن مطابق سال 2000 ع ۾ 810.7 هيڪٽرن تي ڪڻڪ پوکي ويئي جنهن کان 2226.5 ٽن ڪڻڪ پيدا ٿي. ان کان علاوه سال 2001ع ۾ 875.2 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 21010 ٽن پيداوار، 2002ع ۾ 8617 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 21092 ٽن ۾ پيداوار، 2003 ۾ 787.2 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 2172.2 ٽنن ۾ پيداوار، 2004 ع ۾ 887.4 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 2508.6 ٽنن ۾ پيداوار ۽ سال 2005 ۾ 933.4 هيڪٽرن ۾ پوکي ۽ 27503 ٽن ۾ پيداوار ٿي.
    (Pakistan Agriculture Statics. 2005 – 06 federal buro of statistics Islambad ( حوالو؛
    هن وقت سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي فصل ۽ پيداوار کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ سفارش ڪيل ڪڻڪ جون جنسون مهراڻ 89، سرسبز سوغات ۽ پون آهن. ان کان سواءِ ٽنڊوڄام 83، سنڌ 81 ۽ زيڊ به آهن.

    2 – چانور
    چانور سنڌ جو مکيه فصل آهي. جيڪو اونهاري ۾ پوکبو آهي. هن لاءِ پاڻي گهڻو ۽ مٽي چيڪي گهرجي. ٻوٽي جو رنگ ميرانجهڙو پيلو ۽ پن وڏا ۽ ڳوڙها ۽ ڊگهيرا ۽ سنها ٿين ٿا. هن ٻوٽي کي گرم ۽ گهميل هوا جي ضرورت آهي، گرمي جو درجو 70 ۽ 80 سينٽي گريڊ هئڻ کپي . بارشن جو انداز 40 کان 60 انچ هجي. هي ٻوٽو سرءُ جي موسم ۾ لڻبو آهي. سنڌ جيئن ته هڪ گرم ملڪ آهي ۽ سنڌو درياءَ جي ڪري پاڻي به جام آهي، آبڪلاڻي جي مند ۾ گهم هئڻ ڪري هتي چانورن جي پوک ڀلي ٿئي ٿي. ان ڪري سنڌ وچ ۽ ڏاکڻ ايشيا ۾ چانورن جي پوک ڀلي ٿئي ٿي. ان ڪري سنڌ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾چانورن جي اپت وارو صوبو آهي ۽ سنڌي چينائين، برمين ۽ بنگالين وانگر چانور خور آهن. سنڌ جي سري ۾ اڇا چانور اتان جي ماڻهن جي مرغوب غذا آهي. سري وٺي لاڙ تائين مهراڻ جو ساڄو ڪپ ۽ لاڙ جتي سامونڊي هوائن ڪري گهم رهي ٿي، نيل جي ڊيلٽا وانگر چانورن جي پيداوار جا سٺا هنڌ آهن. سنڌ ۾ چانور پراڻي زماني کان پوکيا ويندا هئا. ويدڪ جي دور ۾ چانور هتان جي خاص پيداوار هئي. برهمڻن جي دور ۾ چانور هتان جو عام کاڌو هو. جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي تڏهن هتان جا چانور عراق پهتا. بابل ۽ مشرقي عربستان ۾ عربن جي معرفت ئي چانورن جي پوک ٿي. مصر ۾ سنڌي چانور اروسڌ سڏجڻ لڳا، مصر کان پوءِ سنڌي ساريون سسلي ۽ انڊلس پهتيون، ان زماني ۾سنڌ ۾ چانور کي اعلى نموني رڌو ويندوهو. ان بطوطا اهڙن لذيذ چانورن کي ڏاڍو ساراهيو آهي. سومرن جي درو ۾ لاڙ ۾ ڀليون ساريون ٿينديون هيون. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ چانڊڪا ۽ لاڙ جا پرڳڻا چانورن جي اپت کان مشهور هئا، انهن ڏينهن ۾ چانورن جو مڻ 5 ميتل ۾ ملندو هو. انگريزن جي دور ۾ سنڌ چانورن جي اپت کان مشهور هئي، پوسٽم لکي ٿو ته ” لاڙ ۾ ماڻهن جو خاص کاڌو چانور آهي ۽ ايتري انداز ۾ ٿين ٿا جو ان مان مالڪاڻي بچت ٿئي ٿي. سنڌ ۾ چانورن جا ڪيترائي قسم آهن جهڙوڪ : سڳداسي، باسمتي، ايري، ڪانگڙو وغيره، پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ چانورن جي پيداوار ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. 52 – 1951ع ۾ سنڌ ۾ چانورن جي پيداوار 520000 لک ٽن ٿي. 71 – 1970 ۾ سنڌ ۾ چانورن جي پوک 16 لک 59 هزار ايڪڙن تي ڪئي وئي، جنهن جي پيداوار 11 لک 4 هزار ٽن ٿي. 73 – 1972ع ۾ 17 لک 35 هزار ايڪڙن تي چانورن جي پوک ڪئي وئي، جنهن مان 12 لک 3 هزار ٽن چانور پيدا ٿيا. 74 – 1973 ع ۾ 17 لک 45 هزار ايڪڙن تي چانورن جي پوک ڪئي وئي، جنهن مان 12 لک 3 هزار ٽن چانور پيدا ٿيا. 75 – 1974 ع ۾ 16 لک 98 هزار 5 سئو ايڪڙن تي آبادي ڪئي وئي، جنهن مان 10 لک 32 هزار 4 سئو ٽن پيداوار ٿي. 74 – 1973 ع ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ چانور سنڌ ۾ ٿيا. جنهن جو مجموعي تناسب 549 آهي، سنڌ ۾ چانور سڀ کان وڌيڪ پيدا ٿين ٿا، ان ڪري پاڪستان حڪومت انهن مان وڌيڪ زرمبادو ڪمائي ٿي. 1973 ع ۾ اٽڪل 2119 ڊالرن جو زرمباد ڪمايو. 1974 ع ۾ پاڪستان 23557 ڪروڙ روپين جا چانور ٻاهر موڪليا. 1975ع ۾ روانگي جي مال ۾ چانورن جو تناسب 2243 سيڪڙو هو. هن وقت سنڌ ۾ سفارش ڪيل چانورن جون جنسون پي آر 83، ڊي آر 82، ايري 6، سدا حيات ۽ لطيفي آهن. جيڪي وڌيڪ پيداوار به ڏين ٿيون ۽ سوادي به آهن. هن وقت سنڌ ۾ 16 لک ٽڻ چانور پيدا ٿين ٿا. جنهن ۾ 90 سيڪڙو ايري، باقي ڏهه سيڪڙو ٻيون جنسون آهن.ملڪ اندر سارين جي پيداوار ۾ سنڌ 50 سيڪڙو فصل اپائي ٿي. هلندڙ سال دوران ايري 9 جنسن وارا چانور جيڪي سنڌ اندر ئي پوکيا وڃن ٿا. اهي 13 لک ٽن ايڪسپورٽ ڪيا ويا. جڏهن ته خوشبوءَ وارا باسمتي سپر ڪرنل ۽ ڊي 98 باسمتي واريون جنسون 6 لک کان 7 لک ٽن ڪرو ٿيون آهن. جڏهن ته 1996 ع دوران ايڪسپورٽ مان 04.07 ملين ڊالر، 1997ع ۾ 5068.68 ملين ڊالر، 1998 ع ۾ 533.57 ملين ڊالر، 1999ع ۾ 279.43 ملين ڊالر، 2000ع ۾ 525.55، 2001ع ۾ 448.23 ملين ڊالر، 2003ع ۾ 510 ملين ڊالر، 2004 ع ۾ 9232 ملين ڊالر، 2005 ع ۾ 1157.82 ملين ڊالر جا چانور ايڪسپورٽ ڪري ملڪي ناڻو ڪمايو. 2006ع ۾ پڻ 2005ع جيترو چانور ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمايو. جڏهن ته 2003 ع ۾ 551246 هيڪٽر ايراضي تي سارين جي پوک ڪئي وئي ۽ 1432835 ميٽرڪ ٽن چانور سنڌ ۾ ٿيا. جڏهن ته 2004 ع دوران سنڌ اندر 543853هيڪٽر ايراضي تي سارين جو فصل پوکيو ويو ۽ 1499656 ميٽرڪ ٽن چانور لٿا.
    سنڌ ۾ چانورن جي تحقيق لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر ۾ قائم نالي رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري ( ڪورس رائيس) يعني بغير خوشبوءَ وارن چانورن تي تحقيق ڪندڙ هڪ واحد ادارو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو 1967ع ۾ قائم ٿيو. رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري ڪافي ڪامياب تجربا ڪيا آهن. ياد رهي ته آءِ آر 8 چانورن جي جنس جيڪا انٽرنيشنل رائيس ريسرچ فلپائن مان گهرائي ان تي رائي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڏوڪري اداري وڌيڪ تحقيق ڪري 1978 ۾ رليز ڪيو ويو ته فلپائن کان به 10 مڻ وڌيڪ في ايڪڙ اها جنس نٿي. ساڳئي اداري آءَ آر 6 ( مهراڻ 69 پراڻي نالي سان) جنهن جي داڻي جي ڊيگهه 6.5 ملي ميٽر آهي ۽ ايري 6 کان کائڻ ۾ سٺي آهي.
    (Pakistan Agricultural Statical Year Book 2007) حوالو؛

    اهڙي طرح ايري 8، ڊي آر 83، ڊي آر 952 جنسون هن اداري جون ڏنل آهن. جڏهن ته ڊي آر 65، 66، 67 جنسون جاري ٿيئڻ جي فائنل اسٽيج ۾ آهن. ( حوالو؛ روزاني ڪاوش 22 جولاءِ 2007)

    3 – ڪپهه
    ڪپهه نقدي فصل آهي ۽ سنڌ جو مکيه فصل آهي. هي گرميءِ جو ٻوٽو آهي، اونهاري جي مهڙ ۾ پوکبو آهي ۽ سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين چونڊو ڪبو آهي. ڦٽي جو ٻوٽو ڊگهو ٿئي ٿو. جنهن ۾ ويڪرا پن ٿين. هن پوک لاءِ 70 ڊگري سينٽي گريڊ فارن هائيٽ گرميءَ جي ضرورت آهي. ڪپهه جي ٻوٽي لاءِ سردي نقصانڪار آهي. هن لاءِ ويهن کان چاليهن انچن تائين مينهن جي ضرورت آهي.
    سنڌ جي ڪپهه تاريخ ۾ اهم مقام والاري ٿي. هت تاريخ جي زماني کان به اڳ ڪپهه پوکي ويندي هئي. مورخ لکن ٿا ته دنيا ۾ ڪپهه جو پهريون ٻوٽو سنڌ ۾ پوکيو ويو. موهن جي دڙي واري زماني کان ئي سنڌ ۾ ڪپهه جي پوک جا آثار ملن ٿا. ايشوري شهنشاهه بيني پال سنڌ ۾ ڪڪڙا گهرائي پنهنجي ملڪ ۾ پوکايا. آرين جي زماني ۾ ڪپهه هتان جو مکيه فصل هو ۽ چرخن تي ڪپهه ڪتڻ جو رواج هو. ان وقت ڪپهه کان چتور جو شهر مشهور هو. سنڌ مان ڪپهه دنيا جي ٻين حصن جهڙوڪ؛ افغانستان، ايران، چين ۽ برما ڏانهن ويندي هئي.سڪندر مقدوني جي آمد وقت ڪپهه جو فصل تيار هو. يوناني ڪپهه جي پوک ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ اهڙا وڻ ٿين ٿا جن ۾ پشم ٿئي ٿي. سنڌي ان مان ڪپڙو ٺاهين ٿا، جيڪو پشم کان به نرم ٿئي ٿو ۽ زينن لاءِ گاديلا به ٺهن ٿا، اهو ان کي وار پيدا ڪندڙ ٻوٽو سڏي ٿو.“ ان زماني ۾ مينا ننگر بندر تان وڏي مقدار ۾ ڪپهه ٻاهر ويندي هئي. فرانس 287 ق – م ۾ لکي ٿو ته ڪپهه جي وڻ جا پن شهتوت جي پنن وانگر آهن، رگ ويد ۾ ڪپهه جو فصل عام هو ۽ ٻانڀڻ ڪپهه جا ڳانا پائيندا هئا. جڏهن عربن سنڌ کي فتح ڪيو تڏهن هنن هتان جي ڪپهه کي عربستان نيو. خليفي هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪپهه عراق ۾پوکجڻ لڳي جنهن کي ڪرسيف چيو ويندو هو. 12 صدي ۾ ڪپهه صلقيه مان نڪري انڊس ۾ پوکجڻ لڳي. ان کان پوءِ يورپ وارا ڪپهه مان واقف ٿيا، عربن هن مان پنهنجن جهازن لاءِ رسا تيار ڪيا جن کي حبل سڏيندا هئا. ڪپهه مان زينن لاءِ گاديلا به ٺاهيندا هئا. ان وقت ڪپهه جي پيداوار في ايڪڙ 76 مڻ هئي، ارغونن جي زماني ۾ جوڻ ( بدين جو علائقو) ڪپهه جي واپار کان مشهور هو، تغلقن جي ڏينهن ۾ ڪپهه جا ٻوٽا قدآور ۽ طاقتور هوندا هئا،تاريخ معصومي ۾ آهي ته ڪچي جي ميدان ۾ ڪپهه جا وڻ ايڏا ته وڏا هوندا هئا جو ماڻهو انهن تي چڙهي ڦٽيون چونڊيندا هئا. تحفته الڪرام ۾ آهي ته سنڌ ۾ وونئڻن جو ٻوٽو ٻير جيڏو هوندو هو. ابن بطوطه جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن هن ڪپهه لاءِ لکيو ته ” سنڌ ۾ ڪپهه جا وڏا وڻ ٿين ٿا، جن تي نانگ رهن ٿا.“ مغلن ۽ ڪلهوڙن واري دور ۾ ساليانو ستر هزار ڳٺڙيون اپت ٿيندي هئي. ان وقت سراسري طرح 25 سيڪڙو زرعي لحاظ کان ڪپهه جي پوک ٿيندي هئي.
    1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هنن ڪپهه جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ نوان تجربا ڪيا. 1846ع ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر گوتنگ پهريون تجربو سي انليد نالي روهڙي ۾ ڪپهه پوکائي ڪيو. 1860ع ۾ رتيديري ۾ مصري ڪپهه پوکي وئي. اهڙي طرح لاڳيتو ڪپهه جون سٺيون جنسون پوکيون ويون. 1921ع ۾ ميرپورخاص ۾ سينٽرل ڪاٽن ڪاميٽي قائم ٿي جنهن ۾ آمريڪي ڪپهه پوکڻ جو تجربو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ 11 مختلف جنسن جي ڪپهه سنڌ ۾ پوکي ويندي هئي، جيڪا ڪيترن ئي لکن ٽنن ۾ لهندي هئي. پروفيسر ايم جي ڀٽاوالا جو چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ ۾ سنڌ ئي واحد صوبو آهي جيڪو مصر وانگر سٺي ڪپهه پيدا ڪري ٿو. هتي عام ڪپهه جي ڀلي پيداوار آهي، پر عام ڪپهه گهڻي لهي ٿي، 37 - 1934 ع ۾ هت 22 پائونڊ ڪپهه في ايڪڙ لٿي، 42 – 1941ع ۾ 990027 لک ايڪڙن تي ڪپهه پوکي ويئي، جنهن ۾ 35 سيڪڙو آمريڪن ۽ 65 سيڪڙو ديسي ڪپهه هئي. 1947ع جي منڍ ۾ هت 62 لک ايڪڙن تي ڪپهه پوکي وئي، جنهن مان 15 ڪروڙ روپين جي آمدني ٿي. پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ ڪپهه تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. 1948ع ۾ 65 هزار ايڪڙن تي ڪپهه پوکي وئي، ان کان پوءِ ان جي ايراضي وڌڻ لڳي. 52 – 1951ع ۾ پاڪستاني حڪومت سنڌ ۾ ڪپهه جي پوکي کي سڌارڻ لاءِ 15 اسڪيمون تيار ڪيون. جن کي پاڪستان مرڪزي ڪاٽن ڪاميٽي منظور ڪيو، انهن مان ڪي هي آهن . ڊگهي ڌارا واري آمريڪي ڪپهه جي پوک ڪرڻ، لوئر بئراج ايراضي ۾ مصري ڪپهه پوکڻ، مهراڻ جي ساڄي ڪپ تي آمريڪي ڪپهه جي پوک ڪرڻ، ڪپهه ۽ ان جي مختلف قسمن جا ٻوٽا اپائڻ، ولائتي ڀاڻ ذريعي ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي تحقيقات لاءِ ميرپور خاص ۾ اسٽيشن کولي ويئي.
    71 – 1970 ع ۾ سنڌ ۾ ڏهه لک 45 هزار ايڪڙن تي ڪپهه پوکي وئي، جنهن مان 8 لک 19 هزار ڳٺڙيون ڪپهه ٿي. 73 – 1972ع ۾ ڏهه لک 60 هزار ايڪڙن مان 11 لک 18 هزار ڳٺڙيون ڪپهه ملي. 74- 1973 ع ۾ 11 لک 75 هزار ڳٺڙيون ڪپهه ملي ۽ ان سال ۾ سنڌ جي ڪپهه مان 3 لک 88 هزار 999 پائونڊ سوٽي ڌاڳو تيار ڪيو ويو. 75 – 1974ع ۾ 11 لک 89 هزار ايڪڙن مان 12 لک 59 هزار ڳٺڙيون ڪپهه ملي. سنڌ ۾ ڪپهه جي پيداوار ۽ پوکي جي تازن گذريل پنج سالن جي سراسري هي آهي ته ڪپهه 2000ع ۾ 5235 هيڪٽرز ايراضي تي پوکي ويئي ۽ ان مان 696 ڪلوگرام پر هيڪٽرز جي حساب سان پيداوار ملي. اهڙي طرح 2001 ع ۾ پوکي 547.7 هيڪٽرز ۽ پيداوار 759 ڪلوگرام پر هيڪٽرز، 2003ع ۾ 561.4 پوکي ۽ 680 ڪلوگرام پر هيڪٽرز پئداوار، 2004 ع ۾ 635.7 هيڪٽرز جي پوکي ۽ 808 ڪلوگرام پر هيڪٽرز پئداوار ۽ 2005ع ۾ 637.1 هيڪٽرز تي پوکي ۽ 707 ڪلوگرام پر هيڪٽرز جي حساب سان پئداوار ملي.
    (Pakistan Agricultural Statical Year Book 2006) حوالو ؛
    سنڌ ۾ ڪپهه جون نيون جنسون به پوکيون وڃن ٿيون، خيرپور ۾ ايم 4 ۽ ايم 100 جا ڪامياب تجربا ڪيا ويا، ٽنڊي ڄام ۾ به ديسي 1، سڪرنڊ ۾ 4/63 ۽ 19/10 پوکيون ويون. آمريڪي جنسن مان ايم 4 ۽ ايم 100، سرمست، قلندري، مهراڻ ۽ لطيف ڪپهه جون جنسون پوکيون ويون. هت ڊگهي ريشي واري ڪپهه حيدرآباد ڊويزن ۾ ۽ مصري ڪپهه ٺٽي ضلعي ۾ پوکي ويئي.

    4 – ٻيا اناج
    سنڌ ۾ هر سال ٻن قسمن جون پوکون ٿين ٿيون خريف ۾، جوئر، ٻاجهري، چانور، تر ۽ مڱ ربيع ۾ ڪڻڪ جوءَ، سرنهن،چڻا، مٽر ۽ توريون وغيره.
    جوءَ سنڌ جو خاص فصل آهي جيڪو ڪينسر ۽ ذيابطيس جي روڪٿام ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد ۽ ان جو خاص علاج آهي ته جو بورڪ ايسڊ کي جسم مان خارج ڪن ٿا. انسولين جو توازن برقرار رکن ٿا ۽ گٺل هڏن جي جاءِ ڀرين ٿا. سنڌ ۾ ڪڻڪ کان پوءِ جون جو پوک به پراڻي زماني کان پوکي وڃي ٿي. آريه ۽ ويدڪ زماني ۾ جو هتان جي خاص خوراڪ هئي جنهن کي جاوا چوندا هئا. برهمڻن جي دور ۾ جوءَ وڏي تعداد ۾ پوکيا ويندا هئا. هن وقت به سنڌ ۾ جوءَ پوکيا وڃن ٿا.
    جوئر خريف جو فصل آهي. عمدي زمين تي پوکيو ويندو آهي. غريبن جي خاص خوراڪ آهي، جنهن جو مغربي مورخن دل کولي ذڪر ڪيو آهي. هي فصل سنڌ ۾ پراڻي زماني کان پوکيو وڃي ٿو. ان وقت جوئر جي ڪاني جي ڊيگهه 16 فوٽ هوندي هئي، گهوڙي تي چڙهيل ماڻهو جوئر جي ٻني ۾ نظر نه ايندو هو. پوسٽنس لکي ٿو ته ” جوئر جو هڪ سنگ 12 کان 14 آئونس جو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ 1951ع ۾ 57 هزار ايڪڙن مان 92 هزار 6 سئو ٽن جوئر جي پيداوار ٿي. سنڌ ۾ 06 – 2005ع جوئر 66 هيڪٽرز تي پوکي ويئي ۽ ان مان 43.7 ٽن جوار ملي.
    مڪئي به هتان جو خاص فصل آهي، جنهن کي سخت گرمي گهرجي. 71- 1970ع ۾ 12 هزار ٽن، 73 -1972ع ۾ 11 هزار 4 سئو ٽن، 74 -1973ع ۾ 12 هزار 4 سئو ٽن ۽ 75- 1974ع ۾ 10 هزار 9 سئو ٽن پيداوار ٿي. سنڌ ۾ 06 -2005 ع ۾ 3.5 هيڪٽرز تي مڪئي پوکي ويئي جنهن مان 1.6 ٽن مڪئي ملي .
    ٻاجهري جوئر کان پوءِ غريبن جو کاڄ آهي .هن کي خشڪ آبهوا، سخت گرمي ۽ پاڻي گهرجي . 70 -1971ع ۾هڪ لک 29 هزار ٽن، 73 – 1972ع ۾ 100 ٽن، 74 – 1972 ع ۾ 94 هزار ٽن ۽ 75 -1974 ع ۾ 34 هزار سئو پيداورا ٿي. هي صوبي سنڌ جو مکيه اناج آهي جيڪو انسانن ۽ جانورن ٻنهي لاءِ ڪم اچي ٿو. 71 – 1970 ۾ 31 لک 88 هزار ٽن، 73 – 1972ع ۾ 28 لک 59 هزار ٽن، 74 -1973ع ۾ 37 لک 45 هزار ٽن، 75 – 1974ع ۾ هڪ لک 2 هزار 4 سئو ٽن پيداوار ٿي. سنڌ ۾ 05 – 2004ع ۾ ٻاجهري 73.3 هيڪٽرز تي ٻاجهري پوکي ويئي جنهن مان 12.7 ٻاجهري ملي .
    دال سنڌ جي خاص خواراڪ آهي. غريب غربو هن تي گذران ڪري ٿو، جڏهن ته دال جو اصل وطن يمن آهي ۽ سنڌ ۾ اها عربن پهچائي. ان کان پوءِ اها ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ پهتي. مغلن جي دور ۾ ماڻهن جي دال جو مڻ 5 جيتل ۾ ملندو هو، 52 – 1951ع ۾ دالين جي سنڌ ۾ پيداوار 37 هزار ٽن ٿي. سنڌ ۾ 71 – 1970 ع ۾ داليون 3 لک 49 هزار ايڪڙن تي پوکيون ويون، جيڪي 62 هزار 7 سئو ٽن ٿيون، 72 – 1971 ع ۾ 3 لک 28 هزار ايڪڙن مان 85 هزار 5 سئو ٽن پيدا ٿيون، 73 – 1972ع ۾ 3 لک 37 هزار 8 سئو ايڪڙن مان 48 هزار هڪ سئو ٽن دالين جي پيداوار ٿي، سنڌ ۾ 2005 ع ۾ 122.2 هيڪرز تي داليون پوکيون ويون ۽ ان مان 83.5 ٽن داليون مليون. انهن ۾ مڱ، مهري ۽ مٽرن جون داليون اچي وڃن ٿيون.
    گوار به سنڌ جي اهم پيداوار آهي. هي گهڻو ڪري چاري لاءِ ڪم ايندي آهي، پر يورپ ۽ جرمني ۾ هن مان نه صرف کاڌو تيار ڪيو وڃي ٿو، پر نانگن جي صنعت ۾ بنيادي ۽ اهم حيثيت رکي ٿي ۽ هن مان ٻيا به ڪيترائي ڪيميڪل تيار ڪيا وڃن ٿا.
    سنڌ ۾ تيلي ٻجن جي پيداوار به اهم حيثيت رکي ٿي، هي اناج جو اهم قسم آهي، جيڪو نه صرف اسان جي کاڌي ۾ ڪم اچي ٿو، پر هن سائنسي دور ۾ ڪيترن ئي ڪيميڪل شين ٺاهڻ ۾ به سندس ضرورت پوي ٿي. اسان وٽ توريون، ڄانڀو، سرنهن، سويابين، پواڙي ۽ سورج مکي خاص طور تيلي ٻج آهن. 1974 ع ۾ 122662 ايڪڙن تي ڄانڀو ۽ 132392 ايڪڙن تي سرنهن پوکي وئي. 1975 ع ۾ 19453 ايڪڙن تي ڄانڀو ۽ 115604 ايڪڙن تي سرنهن پوکي وئي، 71 – 1970ع ۾ تيلي ٻج جي پيداوار 4 لک 15 هزار 4 سئو ايڪڙن مان 87 هزار 7 سئو ٽن ٿي. 72 – 1971ع ۾ تيلي ٻج جي پيداوار 4 لک 15 هزار 4 سئو ايڪڙن مان 87 هزار ٽن پيداوار حاصل ٿي. هن وقت سنڌ ۾ تيلي ٻجن جي پوک 97 هزار هيڪٽرن تي ڪئي وڃي ٿي، جنهن مان 22 هزار ٽن تيل حاصل ٿئي ٿو. جڏهن ته اسان جي کپت ستر هزار ٽن آهي. مجموعي تيل جي پيداوار ستر سيڪڙو اسان ڪڪڙن مان حاصل ڪريون ٿا. بوهي مڱ 95 هزار ايڪڙن تي پوکيا وڃن ٿا، کاڌ خوراڪ ۾ اناج کان پوءِ ڀاڄين جا جو وارو اچي ٿو. ٿوم ۽ بصر تاريخي حيثيت رکن ٿا، جيڪي سنڌ مان ٻاهر ويندا هئا. قرآن شريف ۾ به فومها بصلها جو ذڪر آيو آهي. سنڌ ۾بصرن جي في سيڪڙو پيداوار ڏهه ٽن آهي. ٽماٽا اصل آمريڪا جا آهن، جتان ارڙهين صدي ۾ سنڌ آيا، ڇهه هزار هيڪٽرز تي پوکيا وڃن ٿا. جنهن مان 68 هزار ٽن کان وڌيڪ آمدني ٿئي ٿي. هت مرچ هڪ لک 19 هزار ميٽرڪ ٽڻ ساليانو پيدا ٿين ٿا. مطلب ته سنڌ هن سلسلي ۾ به تاريخ جي هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي.

    5 – ڪمند
    ڪمند سنڌ جي مکيه پوک آهي، جيڪا سال ۾ ٻه دفعا پوکي وڃي ٿي، هڪ سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ٻي فيبروري مارچ ۾ پوکي ويندي آهي. ڪمند سنڌ ۾ پراڻي زماني کان ئي پوکيو ويندو هو. ويدڪ دور ۾ سنڌ ۾ ڪمند جي پوک جام ٿيندي هئي، جنهن جي رس مان خاص قسم جو شربت ٺاهيو ويندو هو. سڪندر مقدوني جي حملي وقت يونانين هتي ڪمند جي پوک ڏٺي، هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” هت ڪمند جي پوک ٿئي ٿي، سنڌي ڪمند جي رس مان ماکي ٺاهيندا آهن ۽ هيون تسانگ چيني سياح، ٻڌ دور ۾ جڏهن سنڌ آيو، تڏهن هن لکيو ته ”اوڀر سنڌ ۾ ڪمند جي پوک ٿيندي هئي.“
    711 ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي حڪومت شروع ڪئي، تڏهن ڪمند هتان ايراني نار، آسام، مصر ۽ اردن تائين پهچايو ۽ اتي به سنڌي ڪمند پوکجڻ لڳو. ابن حوقل لکي ٿو ته ” مڪران ۾ ڪمند جام ٿئي ٿو.“ اسلامي سلطنت جي زوال کان پوءِ ڪمند جي پيداوار ۾ گهٽتائي اچي ويئي. انگريزن جي ڏينهن ۾ هت ڪمند جي پوکڻ جا نوان تجربا ٿيا. جڏهن سکر بئراج ٺهيو، تڏهن 3110 ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو. ڪمند جي گهڻائي جي ڪري 1934ع ۾ نوابشاهه ۾ هڪ کنڊ جو ڪارخانو لڳايو ويو، جتي 3 سئو ٽن کنڊ تيار ٿيندي هئي.
    پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪمند جي پوک ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ سندس پيداوار وڌڻ لڳي. 71 – 1970 ع ۾ هڪ لک 95 هزار اٺ سئو ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو ۽ پيداوار 31 لک 77 هزار 4 سئو ٽن ٿي. 73 – 1972ع ۾ هڪ لک 95 هزار هڪ سئو ايڪڙن مان 68 لک 49 هزار ٽن ڪمند پيدا ٿيو. 1974ع ۾ 6 لک 57 هزار 9 سئو ايڪڙن مان 27 لک 23 هزار 5 سئو ٽن ڪمند پئدا ٿيو. سال 2000 ع جي انگن اکرن مطابق 230.6 هيڪٽرز ايراضي تي ڪمند پوکي ويئي ۽ ان مان 12045.7 ٽن پئداوار ٿي. سال 2005 ع دوران پاڪستان ۾ 907.3 هيڪٽرن تي ڪمند پوکي ويئي تنهن مان 44665.5 ٽن ڪمند جي پئداوار ملي.
    سنڌ حڪومت ڪمند جي پوک کي ترقي وٺرائڻ لاءِ خاص ڪوششون وٺرايون آهن. زرعي تحقيقاتي مرڪز ٽنڊوڄام ڪمند جون ڪيتريون ئي نيون جنسون ايجاد ڪيون جن ۾ هيٺيون اچي وڃن ٿيون.
    PR 100 , CO 574, CO 658. CO 145, B14, B119, NC 0310
    هنن جنسن ۾ کنڊ جو سڪڙو گهڻو ٿئي ٿو ۽ پيداوار 12 کان 15 سئو مڻ في ايڪڙ لهي ٿي. اهي جنسون جيتن ۽ بيمارين کان محفوظ رهن ٿيون، کائڻ لاءِ CO0402,CO0436 پونڊيا، 2 ميڪسن، 10556 ۽ 2775 پوگ جنسون تيار ڪيون ويون آهن. ڪمند جي پوک کي همٿائڻ لاءِ سرڪار ٻه تحقيقي مرڪز ٺٽي ۽ نئون ديرو ۾ قائم ڪيا آهن.
    سنڌ حڪومت نئين تحقيق موجب هن وقت ڪمند جون ٻيون جنسون به ايجاد ڪيون آهن. اتر ۽ وچين سنڌ لاءِ L113,L116,B14,B119 جنسون آهن. جڏهن ته سنڌ جي ڏاکڻين علائقي لاءِ CO979,BL4,L113، وچولي علائقي لاءِ BL4,L116,1113 ۽ CO154، اتر سنڌ لاءِ BL6,BLI ۽ L116 موزون ڪمند جون جنسون آهن. BBF129 به هن ڏس ۾ سٺي جنس آهي. جنهن ۾ کنڊ جو سيڪڙو ٻين جنسن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ پيداوار ۾ به سٺي جنس آهي.
    پاڪستان هن وقت دنيا ۾ چوٿون نمبر ڪمند پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. هت ٽي سيڪڙو ٽن ڪمند پيدا ٿئي ٿو، 1978ع ۾ پاڪستان 2 ڪروڙ 74 سئو ٽن ۽ 1979ع ۾ ٻه ڪروڙ 77 لک 26 هزار 5 سئو ٽن ڪمند ٿيو. سنڌ ۾ 1978ع ۾ هڪ لک 20 هزار 3 سئو ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو ۽ 1979ع ۾ هڪ لک 23 هزار 3 سئو ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو، جنهن مان 1978ع ۾ 46 لک 60 هزار 4 سئو ٽن ۽ 1979ع ۾ 43 لک 77 هزار هڪ سئو ٽن ڪمند مليو.
    93 – 1992ع ۾ پاڪستان ۾ 21 لک 64 هزار ايڪڙن تي ڪمند پوکيو ويو، جنهن مان سنڌ ۾ 12 لک 45 هزار ايراضي هيٺ آئي ڪمند جي سنڌ ۾ ڪل پيداوار 12511 هزار ٽن آهي ۽ في ايڪڙ پيداوار ساڍا 5 سئو مڻ آهي. سنڌ ۾ سال 2001ع دوران 240.7 هيڪٽرز ايراضي تي پوکي ۽ پيداوار 11416.3 ٽن، 2002ع دوران 258.6 هيڪٽرز ايراضي تي پوکي ۽ 1379.6 ٽن پيداوار، 2004 ع دوران 214.9 هيڪٽرز ايراضي تي پوکي ۽ 9357.9 ٽن پيداوار تي جڏهن ته سال 2005ع دوران 183.2 هيڪٽرز ايراضي تي پوک ڪئي وئي. جنهن سان 11243.4 ٽن پيداوار ٿي. (Agricultural Statistics of Pakistan, 1st floor Buru of Statistics Islamabad)حوالو؛
    سنڌ ۾ ڪمند مان کنڊ ۽ مٺائي ٺاهڻ جو رواج به پراڻي زماني کان هلندو ٿو اچي. آرين جي زماني ۾ سکر کنڊ ۽ مٺائي جو مرڪز هو، ابن حوقل لکي ٿو ته ” ماسڪان، قزوار، مڪران ۽ طوران ۾ صاف ۽ داڻيدار کنڊ ٺهندي هئي. انگريزن جي ڏينهن ۾ پريتم آباد ضلع نوابشاهه ۾ کنڊ جو هڪ ڪارخانو آباد ڪيو ويو، جيڪو 1945ع ۾ بند ٿي ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٽنڊي محمد خان ۾ کنڊ جو ڪارخانو کوليو ويو. لاڙڪاڻي، روهڙي، خيرپور، دادو ۽ گهوٽڪي ۾به ملون ڪم ڪن ٿيون. سنڌ ۾ جمپي پئداوار جو 59 سيڪڙو ڪمند ڪارخانن ۾ ڪم اچي ٿو، باقي 41 سيڪڙو ڳڙ، کائڻ پيئڻ ۽ جانورن جي چاري لاءِ ڪم اچي ٿو.
    سنڌ ۾ کنڊ جي وڏي پئداوار وڏي آهي، جتي ڪمند گهڻو پوکيو وڃي ٿو. ان ايراضي ۾ حڪومت کنڊ جا ڪارخانا کولي رهي آهي ۽ نجي طرح به ماڻهن کي همٿائي رهي آهي. سال 74 – 1973 ع ۾ هڪ لک 97 هزار ٽن ۽ 80 – 1979ع ۾ 70 – 75 هزار ٽن کنڊ پيدا ٿي. سنڌ ۾ هن وقت اٽڪل 15 ڪارخانا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اميد آهي ته ان جو ڳاڻيٺو به سال به سال وڌندو رهندو.


    6 – سنڌ جا باغ
    قديم زماني ۾ سنڌ باغن کان مشهور رهي آهي. مهراڻ جي مٺي پاڻي ۽ سنڌ جي زرخيز ۽ پوتر مٽي سنڌ کي سونهن ۽ سرهاڻ بخشي. هت طرح طرح ۽ قسمين قسمين گل ميوا ٿيندا هئا، جن جي هٻڪار ۽ سواد دنيا ۾ ڌوم مچائي ڇڏي، ٻاهريون جيڪو به هت آيو، هن ٻين شين جي ساراهه ڪئي.
    هيون تسانگ لکي ٿو ته ” هتان جا ماڻهو گلن جو لباس پائيندا هئا.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته هتي باغ جام هئا، ويدڪ دور ۾ هتان جا رهاڪو وڻن جا ميوا کائي، انهن جي ڇانو هيٺيان سمهندا هئا، ان زماني ۾ مٺا ٻير جام هئا، جيڪي پکي به کائيندا هئا، آرين جي زماني ۾ سنڌ انبن کان مشهور هئي. برهمڻ جي زماني ۾ هت راجائن جي زمينن ۽ گهرن جي چوڌاري گلن ۽ ميون جا وڻ جام هئا. الور ان وقت باغن کان مشهور هو. چچ بن سيلاج باغن جو شوقين هو ۽ هن ساري سنڌ کي باغيچو بڻائي ڇڏيو . ديبل ۾ کجورن ۽ ناريلن جا باغات هئا. هيرو ڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ هڪ وڻ ٿئي ٿو، جنهن مان ريشم نڪري ٿو.“
    عربن جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو، تڏهن هنن باغن کي وڌايو، سنڌ جي ميون جو قدر ڪيو،هتان ڪي ميوا عرب کڻي ويا ۽ اتي پوکيائون ڪي عرب مان هت آڻي انهن جي پوک ڪيائون. عربن مختلف طريقن سان وڻن کي پيوند هڻي، طرحين طرحين لذيذ ميوا پيدا ڪيا، کين وڻن جي بيمارين ۽ علاجن جي خبر هئي. اعلى طبقن جي ماڻهن پنهنجي مزاج مطابق خوشبودار گل ۽ ٻوٽا باغن ۾ هڻايا.
    عربن جي دور ۾ ملتان ۽ نصورا باغن ۾ مشهور هئا، ابن حوقل لکي ٿو ” سنڌ ۾ صوف جي برابر هڪ ميوو ٿيندو آهي، جنهن کي ليمو چوندا آهن، هي ڏاڍو کٽو ٿيندو آهي، ٻيو ميوو انب ٿيندو آهي، جيڪو کائڻ ۾ ڏاڍو مزيدا رهوندو آهي، جنهن جي تعريف سنڌ جي عربي شاعر ابو ضلع به ڪئي آهي، هت ڪيلو به سٺو ٿيندو هو.“ جنهن جو اصل وطن ملايا ۽ مشرقي ٻيٽ آهن، جنهن جو ذڪر بشاري به ڪيو آهي. شريف الادريسي لکي ٿو ته ” منصورهه جي آبهوا گرم آهي، هتي ليمن ۽ نارنگين جا باغ گهڻا آهن، هتان جا انب ليمان مشهور آهن.“
    بشاري لکي ٿو ته ” سنڌ جي خاص پيداوار ٻه ميوا آهن هڪ جو نالو انب آهي ۽ ٻئي جو نالو ليمون آهي. انب آڙو وانگي آهي، جيڪو ڏاڍو سوادي آهي ۽ ليمون زردالو وانگر آهي، جيڪو ڏاڍو کٽو ٿيندو آهي.“ سودي لکي ٿو ته ” نارنگي ۽ ليمون هتان جي خاص پيداوار آهي، جيڪي اول عمان، شام ۽ پوءِ عراق پهتا ۽ اتان گهر گهر ڦهلجي ويا.“ سنڌي ليمان عراق ۽ مصر ۾ پوکجڻ لڳا. سنڌ جون تازيون نارنگيون عرب واپاري يورپ ۾ وڪڻڻ لڳا، ترنج ايران کان سنڌ ۾ آيو، زيتون عربن خراسان مان سنڌ ۾ آندو، گدامڙي مصر ۾ به هتان وئي، جتي ممين ٺاهڻ ۾ ڪم ايندي هئي. عربن ناريلن کي نارجيل سڏيو آهي. جيتوڻيڪ هنن جو اصل وطن سيلون آهي، پر ديبل ۾ به عام پوکيو ويندو هو جنهن مان سنڌي شراب ٺاهيندا هئا. هتان جون سپاريون حجاز ۽ يمن جا ماڻهو شوق سان کائيندا هئا. جن کي عربن سنڌ مان ئي عمان پهچايو. سنڌ ۾ عربن کان اڳ، انگور نه ٿيندا هئا. عباسي دور ۾ پهريون دفعو انگور سنڌ ۾ پوکيا ويا. انگورن جي ولين ۾ مختلف رنگن جا ڇڳا ۽ ذائقي ۾ مزيداري پيدا ڪئي ويئي. انگورن جي هڪ جريب جي ساليانو ڏهه درهم ڍل هئي، سنڌ ۾ ڊاک جا باغ به جام هئا ۽ ويهند شهر ۾ بادامن جا وڻ به هئا. الائچن، لونگ ۽ ڪارن مرچن کان ديبل مشهور هو ۽ هتان هي شيون ٻاهر وينديون هيون .عربن سفيد، هيڊا، خوشبودار گلاب ۽ نيلوفر جا گل سنڌ ۾ آندا. خسخس اصل مصر ۾ پوکي ويندي هئي، جنهن جو سنڌ ۾ رواج عربن وڌو، ميندي به عربستان مان سنڌ آئي. مطلب ته عربن جي دور ۾ باغباني جو فن عروج تي پهتو. ميون کي خوش رنگ ڪرڻ ۽ پچائي ذائقي دار ڪرڻ تي عربن زور ڏنو، هنن مختلف طريقن سان وڻن کي پيوند هڻي طرحين طرحين جا لذيذ ميوا پئدا ڪيا. مون کي کنڊ ۾ ملائي، عربن مربي جي صنعت جو سنڌ ۾ رواج وڌو. عربن جي دور ۾ سنڌ باغن کان مشهور هئي، مسعودي لکي ٿو ته ” منصوره جي چوڌاري باغ هئا، ويهند الور ۽ ڪير ڪانه جا شهري باغات ڪري مشهور هئا ۽ منصوره ميوي جي گهڻائي ۽ سستائي ڪري اسلامي ملڪن ۾ مشهور هو. “ سنڌ جي باغن مان عربي حڪومت کي وڏي آمدني ٿيندي هئي. حڪومت انگورن جي پيداوار جو پنجون حصو ۽ ٻئي باغات جو چوٿون حصو ڍل وٺندي هئي.
    عربن کان پوءِ سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ ميون کان مشهور هئي، ان دور ۾ ٺٽو، اگهيماڻي، ساموئي، درٻيلو، پاٽ، سيوهڻ، باغبان ۽ نصرپور ۾ به باغ گهڻا هئا.
    سيوهڻ ايشيا کنڊ ۾ باغن کان مشهور هو، سنڌ جي ننڊن توڙي وڏن شهرن ۾ باغ هئا. جڏهن شاهه بيگ ارغون سمن جي دور ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن ڪاهان ۽ باغان ڳوٺن مان هڪ هزار اهڙا اٺ هٿ ڪيا، جيڪي نارن کي وهائي، باغن کي پاڻي پهچائي رهيا هئا. جوڻ ۽ فتح باغ ٻه شهر، ريڻ درياءَ تي مرزا شاهه حسن ارغون تعمير ڪرايا هئا، جيڪي باغات جي ڪري مشهور هئا. هن جي زماني ۾ همايون دهلي کان ڀڄِي سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي. هو روهڙي جي ڀر واري ڳوٺ ٻٻرلوءِ جي چار باغ ۾ ٻن لکن فوجين سان ڇانوڻي هڻي ويٺو. هي باغ 17 هزار فوٽن تي پکڙيل هو. منجهس کجين ۽ انبن جا وڻ هئا. هتان جا باغ ڏسي همايون کان دهلي ۽ آگري جا باغ وسري ويا. همايون فوج جو هڪ نامه نگار بختيار خان لکي ٿو ته ” هت وڻ ميوا گل گهڻا ٿين ٿا ۽ گلبدن بيگم به هتان جي باغن جي تعريف ڪري ٿي. مير ابوالقاسم نمڪين اروڙ ۾ هڪ بهترين باغ رکايو هو. جتان روزانو وٽس تازو ميوو پهچندو هو.“ مغلن جي دور ۾ هتان جا گدرا مشهور هئا. سيوهڻ جي ايراضي ۾ گدرن جي پوک نهايت سٺي ٿيندي هئي، اتي جا گدرا لذيذ، مٺا ۽ غير معمولي وزن جا ٿيندا هئا. مغلن جي گورنر، مير نمڪين انهن جي پوک جو خاص اهتمام ڪيو هو غ ۽ ملڪان ملڪ اهي سوکڙيءَ طور موڪليندو هو. اڪبر بادشاهه ڏانهن به هن ڪيترائي دفعا اهي گدرا موڪليا هئا، جنهن ولائتي گدرن جي ڀيٽ ۾ هنن کي هر لحاظ کان پسند ڪيو ويو. جهانگير اتان جي گدرن تي ايترو ته اڪن ڇڪن ٿيو، جو پڇاڙي ۾ ان ايراضيءَ جا ٽڪرا خالصي ۾ آڻي ڇڏيا. اتان جا هنداڻا به مٺا ۽ سوادي هوندا هئا. جن کي جهانگير ڏاڍو پسند ڪندو هو.
    ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن جي زماني ۾ سنڌ باغن جي گهڻائي ۽ پئداوار کان مشهور هئي. هن زماني ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي وسيع ايراضي ۾ باغ هئا. ٺٽي، نصرپور، حيدرآباد، شڪارپور، سيوهڻ، ڀان، درٻيلو ۽ روهڙي ۾ باغ گهڻا هئا. روهڙي کي سنڌ جو چمن چوندا هئا. پاٽنجر لکي ٿو ته ” درياءَ جي اوڀر طرف، روهڙي ۽ حيدرآباد ۾ بهترين قسمن جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ تي سڄو ملڪ گلاب جي گلن سان ڍڪجيو وڃي. ملڪ جي هر طبقي جا ماڻهوءَ هندو مسلمان ٻئي زندگي جي هن پهلوءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا ۽ ان تي ڪافي پئسا خرچين ٿا.“ شڪارپوري تفريحي جاين تي ميوا ۽ گل پوکين ٿا ته هئملٽن لکي ٿو ته هتان جا باغ، ميون، گلن سان ٽٻ آهن . خاص ڪري ڏاڙهون ته اهڙا عاليشان ۽ لذت ڀريا آهن جو مون پنهنجي ڄمار ۾ اهڙا ڪين کاڌا. ڊيل هوسٽ لکي ٿو ” سنڌ ۾ گهڻي انداز ۾ انب، ٻير، توت ۽ ڊاک ٿئي ٿي.“ پوسٽن ميون ۾ ليمان، نارنگيون،ترنج، گدامڙي، ڄمون، پستا، هنداڻا، گدرا، بادام ۽ ڪيوڙا لکي ٿو.
    انگريزن جي زماني ۾ هت اعلى پائي جا باغ هئا ۽ ميوي جي گهڻائي ڪري اهو سستو به هو. پستا هڪ روپئي سير، باداميون 12 آناسير، کاڄا 4 آنا سير، انبن جو مڻ چئين آني، ڇانهين هڪ پئسي ۾ 4 داڻا، پپيتا هڪ روپئي جا ارڙنهن، انگور ۽ ڊاک ڇهين آني سير ۽ انناس جو چئي آني هڪ دٻو ملندو هو. پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ سنڌ جي باغن ڏانهن خاص توجه ڏنو ويو. 1947ع ۾ سنڌ ۾ باغن هيٺ ايراضي 16785 هيڪٽرز هئي ۽ پيداوار 59189 ميٽرڪ ٽن هئي جيڪا وڌي 66318 هيڪٽرز ۽ پيداوار 51828 ميٽرڪ ٽن ٿي. سنڌ ۾ هن وقت ميرپور خاص باغن جي ڪري مشهور آهي. کيس باغن جو شهر سڏيو وڃي ٿو. هي 129 ايڪڙن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ صرف باغ ئي باغ آهن. ان کان سواءِ سيڪشن بي سب اسٽيشن 1263 ايڪڙن تي، جيمس آباد 80 ايڪڙن تي، هوسڙي 104 ايڪڙن تي ۽ سرحد گهوٽڪي 80 ايڪڙن تي باغن تي مشتمل آهي. ميرپور خاص ۾ميون جو هڪ تحقيقي ادارو کوليو ويو آهي. هن وقت به سنڌ باغن ۽ ميون کان مشهور آهي. خاص ڪري انب،ڪيلو، زيتون، پپيتو ۽ ٻير سنڌ جي خاص پيداوار آهي.
    ڪيلي جو اصل وطن ملايا ۽ مشرقي ٻيٽ آهن، هن وقت سنڌ ۾ ڪيلا سڀ کان گهڻا پوکيا وڃن ٿا ۽ اهي به سٺي قسم جا.
    سنڌ ۾ هڪ لک 11 هزار 68 سئو ٽن ڪيلو ٿئي ٿو. 1968ع ۾ صرف ٺٽي ۾ سوا لک مڻ ڪيلو ٿيو. 1970ع ۾ 10 لک مڻ ڪيلو سنڌ ۾ ٿيون، سنڌ ۾ هن وقت 35 هزار ايڪڙن تي ڪيلو پوکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هن وقت 134.8 ٽن ڪيلو ٿئي ٿو. ٺٽي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ ڪيلو گهڻو پوکيو وڃي ٿو. ڪيلي کان پوءِ هن وقت سنڌ جو خاص ميوو انب آهي، جنهن کان ميرپور خاص مشهور آهي. 79 – 1980ع ۾ 33 هزار 7 سئو ايڪڙن تي انب پوکيو ويو، جنهن جي پيداوار 2 لک 69 هزار ٽن ٿي. 90 -1989 ع ۾ 24 هزار 4 سئو ستن هيڪٽرن تي انب پوکيو ويو. 89 – 1988ع ۾ پاڪستان 40- 35 سيڪڙو سنڌ جي انبن مان ڪمايو. سنڌ ۾ 2004ع ۾ 49.2 هيڪٽرز تي انب پوکيو ويو، جنهن مان 349.6 ٽن انب ٿيا جڏهن ته 06 – 2005 ع ۾ 50.0 هيڪرز تي انب پوکيو ويو جنهن مان 352.4 ٽن انب مليا. سنڌ ناريلن کان به مشهور آهي. اڄ کان 40 سال اڳ ڪراچي جو گارڊن ويسٽ علائقو ڏونگهي جي تيل پيڙڻ جو مرڪز هوندو هو. هاڻي به ناريل ڪراچي کان جاتي، گهوڙا ٻاري ۾ رحم ڪي بازار تائين ساحلي علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. نارنگيون به سنڌ ۾ گهڻي انداز ۾ پوکيون وڃن ٿيون.
    سنڌ جو عام ميوو سنڌي ٻير ۽ پينڊي ٻير آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿين ۽ غريب غربو کائي ڍئو ڪري ٿو. مطلب ته سنڌ ميون ۽ ڀاڃين کان مشهور آهي.

    7 – کجور
    کجور، هڪ مقوي غذا آهي، جنهن ۾ 49 پروٽين، 245 مٺاڻ، 347 پاڻي ۽ 42 حصا معدني لوڻ آهي. هي پنهنجي جاءِ تي مڪمل خوراڪ آهي. کجور سان گڏ کير جو استعمال سندس نائٽروجن چرٻي جي اجراءَ جي ڪمي پوري ڪري ٿو. کجور خون جي ڪمي کي ڀري ٿي. سونهن وڌائي ٿي، معدي، جگر ۽ عضون کي طاقت بخشي ٿي. پراڻي ميسو پوٽيميا ۽ مصري تهذيب کان وٺي ماڊرن عرب سوليزيشن تائين انسان ذات جي بقا جو راز کجور ۾ ئي آهي. هڪ روايت موجب حضرت آدم جي تخليق وقت جيڪا مٽي بچي تنهن مان کجور جي وڻ کي پيدا ڪيو ويو. کجور جو اصل وطن خليج فارس ۽ ان جي آسپاس وارا ملڪ جهڙوڪ عراق، ايران ۽ سعودي عرب آهن. مسلمانن سان کجور جي تاريخ ۽ مذهبي روايتون وابسته آهن. هر جهاد ۾ گهوڙن ۽ تيرن سان گڏ، کجور مسلمانن سان هوندي هئي. جنگ جي دوران هو روزو رکندا به کجور مسلمانن سان هوندي هئي. جنگ جي دوران هو روزو رکندا به کجور سان هئا ته افطاري به کجور سان ڪندا هئا. زخمين جي جسمن کان خون جي اخراج جي صورت ۾کجور جو حلوو ٺاهي کين کارائيندا هئا ته خون جي ڪمي پوري ٿي ويندي هئي. اسلام ۽ اسلام جي پيغمبر عليه الصلاولسلام سان کجور جو وڏو تعلق آهي . کجور جي هڪ سڪل ٿڙ جو پاڻ سڳورن ﷺ سان وڏو پيار هو. جيڪو سندن جدائي ۾ ڊاڍيون ڪري رنو هو. اسان جي لوڪ ادب ۾ ان موضوع تي خاص چيل شان آهن، جنهن کي کجي وارو معجزو چئجي ٿو. کجور پاڻ سڳورنﷺ جي مرغوب غذا هئي. فرمايائون ته ” کجور کائڻ ڪري ماڻهو قولنج ( آنڊي جي بيماري ) کان محفوظ رهي ٿو. پاڻ سڳورن ﷺ وٽ افطاري وقت ٽي شيون هڪيون حاضر هونديون هيون. پاڻي لوڻ ۽ کجور.
    حضرت عيسى جي ولادت وقت بي بي مريم جو خاص کاڌو کجور هو. ڇو ته پيٽ واري عورت جيڪڏهن کجور کائيندي ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته ” ان جو ٻار مستقل مزاج ۽ بردبار ٿيندو.“
    برضغير ۾ کجور جو وجود تاريخ کان به اڳ جو آهي. سنڌ ۾ پراڻي زماني کان کجور پوکي ويندي هئي. موهن جي دڙي مان کوٽائي ڪندي تمام گهڻي انداز ۾ کجور جو ککڙيون مليون آهن. جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ هتي کجور جا باغ عام هئا. رگويد واري دور ۾ هت ماڻهن کاڌي ۽ خوراڪ ۾ ٻين شين سان گڏ کجور به ڪم ايندي هئي. ان کان پوءِ سڪندر مقدوني جڏهن 327 ق – م ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن پاڻ سان گڏ هت کجور کي به هت آندائين. سڪندري فوج ان جون ککڙيون هت ڇڏيون، جنهن ڪري هت وڏي پئماني تي کجور جا باغ وجود ۾ آيا. يونانين جو سنڌين لاءِ هي تاريخي تحفو سدائين خاص ڌيان ڏنو. برهمڻ جي دور ۾ کجي کي فتح جي نشاني سمجهيو ويندو هو. چچ جڏهن 640 ع ۾ جاٽن ۽ لوهاڻن تي پاندين وجهڻ لاءِ مڪران پهتو تڏهن انهن تي فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن يادگار طور، اتي مڪران جي سرحد، ڪرمان مان وٽ کجي جا وڻ پوکيا.
    عربن جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن کجور کي هت عام پوکيو، ڇو ته هي وڻ سندس قومي نشان هو ۽ جتي هو ويندا هئا اتي اسلام سان گڏ کجور جي توسيع ڏانهن خاص ڌيان ڏيندا هئا. ان وقت سنڌ جي مڪران ۾ کجين جا وڻ جام هئا ۽ هت جل سئو قسمن جي کجور ٿيندي هئي. ان حوقل لکي ٿو ته ” مڪران ۾ کجيون تمام گهڻيون آهن، جنهن مان کنڊ ٺاهي وڃي ٿي منصوره به هڪ گرم شهر آهي. ان ڪري هتي کجيون جام آهن.“ بشاري المقدسي به هت کجين جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. مامون الرشيد جي دور ۾ سنڌ مان ويهه هزار رطل کجور سالياني ڍل ۾، ٻئي سامان سان گڏ ويندي هئي. عربن کجي وڻ کي سنڌ مان اندلس پهچايو.
    عربن سنڌ ۾ کارڪن مان بهترين حلوو تيار ڪيو، جنهن کي فانيذ چوندا هئا. اهو ڌارين ملڪن ۾ وڏي اگهه ۾ وڪامندو هو. مڪران ان حلوي جو مرڪز هو، جتان اهو وڏي انداز ۾ ٻاهر ويندو هو. بلڪ ساري دنيا ۾ مشهور هئي. ابن حوقل لکي ٿوته ” اها کنڊ صاف ۽ داڻيدار هئي. اها جلوار کنڊ نالي سان سڃاتي ويندي هئي.“ کارڪن کي سڪائي ڇوهارا ٺاهيا ويندا هئا. جن لاءِ بشاري لکي ٿو ته ” اهي عجيب ۽ شيرين هئا.“
    عربن کان پوءِ به هت کجور کي وڏي اهميت هئي ڪلهوڙن، مغلن ۽ ٽالپورن جي دور ۾ روهڙي جي درياءَ جي ٻنهي پاسن تي کجين جا وڏا وڻ هئا. خاص ڪري هتان جا ڇوهارا مسقط جي بهترين ڇوهارن وانگر هئا. ٺٽي، نصرپور، سيوهڻ ۽ حيدرآباد جي باغن ۾ کجور جا وڻ عام هئا. پاٽنجر هن زماني ۾ کجين جي وڻن جا جهڳٽا پري پري تائين ڏٺا هئا.
    پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ کجين جي حفاظت ڪئي وئي. سنڌ ۾ کجور روهڙي، سکر ۽ خيرپور جي اتر اولهه وارن علائقن ۾ گهڻي ٿئي ٿي. سڀ کان وڌيڪ باغ خيرپور ۾ آهن. 56 – 1955ع ۾ خيرپور ڊويزن ۾ ٽي هزار ايڪڙن تي کجور پوکي ويئي. 81 – 1980ع ۾ صرف خيرپور ضلعي ۾ 28682 لک ايڪڙن تي کجور پوکي ويئي. سنڌ ۾ 05 – 2004 ع دوران 26.4 هيڪٽرز تي کجي پوکي ويئي جنهن مان 318.2 ٽن کجي جي پئداوار ٿي جڏهن ته سال 06 – 2005ع دوارن 26.7 هيڪٽرز تي کجي پوکي ويئي جنهن مان 192.8 ٽن کجي جي پيداوار ٿي. هر ايڪڙ ۾ چاليهه ٻوٽا ٿين ٿا ۽ هر هڪ ٻوٽي ۾ چار مڻ کارڪون ٿين ٿيون يا ڏيڍ مڻ ڇوهارا ٿين ٿا. جنهن جي قيمت ٻه سئو روپيه في مڻ ٿئي ٿي. ان حساب سان في ايڪڙ پئداوار ٻارنهن هزار ٽن ۽ ڪل رقم 286.8 لک روپيه ٿئي ٿي. ڇوهارن جي مڻ قيمت هن وقت 4000 روپيا آهي ۽ کارڪن جي مڻ جي قيمت 5000 روپيا آهي.
    سنڌ ۾ کجين جا 25 قسم آهن، جن ۾ اصيل، توتيل، ٺوٺو، پنج ميل‏، پتاشو، ڪربلائڻ، ڏيڍي، اوطاقڻ، ٽوٽو، عيدن شاهه جو ڪپڙو ۽ ٻيون جنسون مشهور آهن. کارڪن جا وري 8 قسم آهن، جيڪي هي آهن: ڪچيون، ڏوڪا، لوڻيل، ڏنگ ۽ ڇهارا. بادام کجور ته بين الاقوامي شهرت ماڻي چڪي آهي. جڏهن ته سنڌ جو ڪاري ۽ اڇي رنگ جو ڇهارو دنيا جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ انڊيا، بنگلاديش، بيپال ۽ سريلنڪا ۾ وڪرو ٿئي ٿو. گذريل سال خيرپور ضلعي جو ڇوهارو ۽ کارڪون هڪ لک 35 هزار ميٽرڪ ٽن ايڪسپورٽ ڪيو ويو، ان کان سواءِ سنڌ جو کجور يورپ، سنگاپور ۽ آمريڪا ۾پسند ڪيو وڃي ٿو.
    بهرحال سنڌ ۾ کجور اڄ به پنهنجي پراڻي روايت قائم رکيون ٿي اچي. پوري پاڪستان ۾ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿئي ٿي جيڪا سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ ٿئي ۽ انهي جو فصل جولاءِ جي پهرين هفتي کان لهڻ شروع ٿئي ٿو جڏهن ته ٻئين هفتي ٻنهي ضلعن ۾ وڏي ايراضي تي پوکيل وڻن جي اسيل جنس جي واڍي شروع ٿيندي آهي. کجي لهڻ وقت انهي کي گڏ ڪرڻ ۽ ڇوهارا ٺاهڻ لاءِ 20 هزار ماڻهو روزگار لڳن ٿا. ڇوهارا ٺاهڻ لاءِ 5 لک مڻن کان وڌيڪ ڪاٺيون خريد ڪري باغن ۾ آڻي ڇوهارا ٺاهيا وڃن ٿا. ڇوهارا ٺاهيا وڃن ٿا. ڇوهارا ٻن قسمن جا ٺاهيا وڃن ٿا هڪ اڇو ۽ ٻيو ڪارو. اڇي ڇوهاري کي ٻن کان ٽي منٽ گرم پاڻي ۾ اٻاري سڪايو وڃي ٿو جڏهن ته ڪاري ڇوهاري کي ٺاهڻ لاءِ پاڻي ۾ رنگ ڪاٺو وجهي انهي کي 5 کان 6 منٽن تائين اٻاري ٺاهيو ويندو آهي . ( حوالو: روزاني ڪاوش جمع 10 آگسٽ 2007ع)

    8 – سنڌ جا ٻيلا
    ٻيلا ۽ وڻڪار نه صرف ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ ضروري آهن، پر انهن جو آبهوا ۽ انسان جي رهڻي ڪهڻي تي به وڏو اثر پوته پوي ٿو. ٻيلا زمين جي زرخيزي ۾ به واڌارو ڪن ٿا ته. ملڪ کي قدرتي حسن ۽ سونهن به بخشين ٿا. جيئن ته سنڌ آڳاٽي زماني ۾ چوماسي هوائن جي دائري هيٺ رهي آهي، ان ڪري هت مينهن گهڻو پوندو هو. ان کان سواءِ سنڌو درياءَ ۾ اٿل ايندي هئي، جنهن ڪري درياءَ جي ٻنهي پاسن کان ۽ علائقن ۾، جهنگ ۽ ٻيلا گهڻا هئا، جن ۾ بانس ۽ بيد جا ڊگها وڻ هئا، جن جي ڊيگهه ستر فوٽ هوندي هئي. 5 هزار سال ق – م۾ اڳ سنڌ ۾ 15 انچن کان 20 انچن تائين مينهن پوندو هو.
    يونانين سڪندر سان گڏ سنڌ ۾ تمام گهاٽا ٻيلا ڏٺا، جن ۾ اهڙا وڻ به هئا جن جون شاخون ڇٽي وانگر زمين ڏانهن جهڪيل هيون، جن کي هنن ڇٽي سان تشبيهه ڏني. ويدڪ دور ۾ هتان جي ٻيلن ۾ صندل جا وڻ هئا. وڻن مان گهر، گهرن جا ٿانو، گاڏيون ۽ ٻيڙيون ٺاهيون ويندون هيون. هن زماني ۾ مال لاءِ ٻيلا ۽ چراگاهه عام هئا. خود ڳوٺاڻا هر هڪ ڳوٺ جي چوڌاري وڻ پوکيندا هئا ۽ ايترو ته ڪاٺ ٿيندو هو، جو بٺن پچرائڻ لاءِ ٻيلا وڍرائيندا هئا. ڪلداني، بابلي ۽ اشوري هتان عمارتي ڪاٺ گهرائيندا هئا. برهمڻ جي دور ۾ ڳوٺاڻن کي ٻيلن مان ڪاٺين ڪرڻ ۽ مال چارڻ جي اجازت هوندي هئي. پر جن ٻيلن ۾ بانس ۽ بيد جا وڻ هئا، سي راجائن جي ملڪيت هئا. هندو واپارين بڙ جي وڻ کي يمن تائين پهچايو. عرب واپارين ۽ سياحن سنڌ ۾ وڻن جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. همداني لکي ٿو ته ” هت مصالحا، عنبر، عاج ۽ عمارتي ڪاٺ ۾ سنبل، بيد، بانس ۽ مساڳ جو ڪاٺ عام هوندو هو.“ ابن خرداز به لکي ٿو ته ” 9 صدي ۾ هتان بانس ۽ بيد عربستان ويندو هو.“
    سومرن جي دور ۾ هت وڏا ٻيلا هئا. درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي گهاٽن ٻيلن ۾ چنيسر ۽ ٻيا شهزادا شڪار ڪندا هئا ان وقت موجوده شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقن کان وٺي ڏکڻ طرف ماتلي تعلقي يا اڃان هيٺ لوهاڻي پرڳڻي جي حد هئي. اها سڄي صورتحال ايراضي، سنڌو درياءَ جي دو آبي واري علائقي ۾ هئي. جتان درياءَ جا مکيه ڦاٽ ٿي نڪتا. ان کان اڃان به هيٺ ڏکڻ هيٺ اوڀر طرف پراڻي ۽ هاڪڙي جي دوآبي وارن ڦاٽن ۽ شاخن جو سلسلو جاري هو. اهڙي طرح سومرن جي حڪومت جي ايراضي وارا علائقا جهنگ ۽ ٻيلن سان ڇانيل هئا. 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو تڏهن هن مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي بانس جا ۽ بيد جا گهاٽا ٻيلا ڏٺا هئا.
    ٽالپرن جي حڪومت جي زماني ۾ ٻيلن کي واڌايو ويو. مير حڪمران جيئن ته شڪار جا شوقين هئا، ان ڪري هنن ٻيلن کي وڌايو ۽ انهن جي حفاظت ڪئي. درياءَ جي ٻنهي پاسن جي زرخيز زمين ۾ وڻ پوکايا ويا. ديل هوسٽ جي لکڻ جي موجب ملڪ جي زمين جا ٽي حصا، ٻٻرن ۽ لئي جي وڻن سان ڍڪيل آهن. ان وقت 527 چورس ميل يعني 4343325 ايڪڙ زمين ٻيلن لاءِ وقف هئي، جن ۾ مير حڪمران شڪار ڪندا هئا.
    انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ٻيلن ڏانهن خاص توجه ڏنو. انگريز اسسٽنٽ سرجن هيڊل 1836ع ۾ هڪ رپورٽ ۾ لکيو هوته ” لاڙ واري حصي ۾ سنڌو جي ڪناري تي ڪنڊي، تمر‏، لئي ۽ ڪرڙ جا وڻ جام هئا. سيوهڻ، هالا ۽ حيدرآباد ۾ لئي ۽ ٻٻر جا وڻ هئا. ڊپٽي ڪليڪٽر ليفٽيننٽ جيمس چانڊڪا پرڳڻي لاءِ لکي ٿو ته 1847ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ واهڻن ۽ ڳوٺن جي ڪڙين ۽ رستن تي لاڳيتو لئي ۽ ڪنڊي وڻ هوندا هئا. شيشم ۽ ٻٻر جا وڻ به عام آهن انهن ۾ جانورن لاءِ گاهه به جام آهي.
    انگريزن ٻيلن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ هڪ ڌار کاتو فاريسٽ ڊپارٽمينٽ قائم ڪري، ٻيلن جون حدون مقرر ڪيون، 1886ع ۾ مسٽر ڪونمپل ٻيلن کي چئن ڊويزن سکر، نوشهرو، حيدرآباد ۽ جهرڪ ۾ تقسيم ڪيو. سنڌ جي ٻيلن مان انگريزن ڪيترو ئي زرمبادلو ڪمايو. هن دور ۾ سڀ کان وڏو مکي ٻيلو هو، جيڪو ڪيترن ئي سون ميلن ۾ پکڙيل هو. هن ٻيلي سان اسان جون ڪيتريون ئي تاريخي روايتون وابسته آهن.
    پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ٻيلن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا. 58 – 1957ع ۾ هڪ اسڪيم هيٺ سکر بئراج ۾ پنجاهه هزار ايڪڙ ٻيلا پوکيا ويا. 75 هزار ايڪڙ ڪوٽڙي بئراج ۾ ۽ ڏيڍ لک ايڪڙ زمين گڊو بئراج ۾ مخصوص ڪئي وئي. ان ايراضي ۾ چين ۽ آسٽريليا مان وڻ گهرائي پوکيا ويا. 61 – 1960 ع ۾ سکر بئراج ايراضي ۾ 4 هزار ايڪڙ ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ 22 سئو ايڪڙ ايراضي ۾ ٻيلا پوکيا ويا. انهن جي پوکائي تي سکر ۾ 85 لک ۽ ڪوٽڙي ۾ 6 لک روپيه خرچ ڪيا ويا. ان عرصي ۾ سنڌ جي ٻيلن مان هر سال 5 لک مڻ ڪوئلو ۽ 8 لک مڻ جلائو ڪاٺيون ڪوئيٽا ۽ پنجاب ڏانهن موڪليون ويون.
    ايوب خان جي دور تائين ٻيلي کاتي ۽ سنڌ جي ٻيلن جي بهترين ڪاڪردگي ظاهر ٿي. پر ان کان پوءِ يحى خان جي دور حڪومت ۾ ٻيلن طرف ڪوبه توجه ڪونه ڏنو ويو. 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جا ويجها ساٿي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٻيلن جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيا جن ٻيلن تي ڀيلي ڪيتريون ئي پنهنجون زمينون آباد ڪيون. جيڪي اڄڪلهه ڪيٽن جي نالن سان سڏيون وڃن ٿيون. ضياءَ جي مارشلا واري دور ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جنم ورتو تنهن ڪري ضياءَ الحق ڌاڙيلن خلاف هڪ وڏو آپريشن ڪرايو جنهن ۾ سنڌ جي ٻيلن جي پناهه گاهه طور استعمال ٿيندڙن ٻنهي ڪپرن تي آباد ٻيلن کي تباهه ڪيو ويو. بينظير جي ٻنهي دور حڪومت ۾ اها ڳالهه ساڳي نموني رهي. نواز شريف سنڌ ۾ آباد زمين کي تقسيم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع پاليسي جوڙي جنهن ۾ من پسند ماڻهن کي ٻيلن جو زمينون الاٽ ڪيون ويون.
    گذريل حڪومت ۾ سنڌ جي ڇهه لک کان به وڌيڪ ايڪڙ زمين با اثر وڏيرن ۽ ڪامورن جي قبضي هيٺ رهي ان کان سواءِ قبيلائي تڪرارن سبب ٻيلا قبيلائي تڪرارن جو پناهه گاهون بڻيل آهن. گذريل حڪومت ڪجهه آپريشن جي به شروعات ٿي پر ڪوبه بامقصد نتيجو ڪونه نڪتو.
    سنڌ ۾ ٻين قسمن جا ٻيلا ٿين ٿا. هڪ سامونڊي جيڪي ڪراچي سمنڊ جي ڪناري سان آهن ۽ ٻيا دريائي ٻيلا جيڪي سنڌو دريا جي ڪپن سان آهن.
    تازي گڏ ڪيل انگن اکرن مطابق سال 03 – 2002 ع دوران پوري سنڌ ۾ 126،350،21 هيڪٽرز ايراضي تي ٻيلن جي موجودگي ڏيکاري ويئي. جنهن مان 1630،836.58 هيڪٽرز تي عمارتي ڪاٺ جي ٻيلن جي موجودگي ۽ 1،112،300.05 هيڪٽرز تي ٻارڻ واري ڪاٺ جي موجودگي ڏيکاري ويئي.
    )Statical Year Book of Sindh 2005 – 06حوالو ؛ (
    هن وقت ٻيلن ۾ نوان وڻ به پوکيا وڃن ٿا، جن ۾ آئل پام ۽ بيد مشڪ جا وڻ به اچي وڃن ٿا. بهرحال ٻيلا اسان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. لطيف سائين چيو آهي ته :
    وڏا وڻ وڻڪارن جا، جت نانگ سجهن نيلا


    باب ٽيون : حيوانيات

    چوپايو مال :
    ايشيا کنڊ ۾ سنڌ هڪ گرم علائقو آهي. هتي پري پري تائين کليل ميدان موجود آهن، جيڪي چراگاهن جو ڪم ڏين ٿا. ان ڪري هتي چوپايو مال گهڻو ڌاريو وڃي ٿو. گرم ملڪن ۾ چوپائي مال لاءِ مکيه چار ذريعا آهن : هڪ سامونڊي ڪنارو، جتي ٻوڙا اڀرن ٿا. ٻيو وارياسا ميدان، جتي مينهن کان پوءِ ٿري گاهه ڦٽي ٿو. ٽيون جابلو سڌايون، جن ۾ برسات کان قسمين قسمين گاهه ٿين ٿا ۽ چوٿون ٻيلا ۽ ڪٽيون، جن ۾ درياءَ جي اٿل کان پوءِ سنها سنها گاهه پيدا ٿين ٿا.
    سنڌ ۾ اهي سڀ ذريعا موجود آهن. هتان جو سامونڊي ڪنارو 180 ميلن ۾ آهي. ٿرپاڪر جو وارياسو علائقو ڏهه هزار چورس ميلن ۾ آهي. ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ نيون آهن. درياءَ جي ٻنهي پاسن کنا چراگاهه آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ پراڻي زماني کان وٺي مال ڌاريو ويندو هو ۽ دولتمند به ان کي ليکيو ويندو هو، جنهن وٽ چوپايو مال جهجهو هوندو هو. ڌن لفظ جيڪو دولت لاءِ ڪم اچي ٿو. ان جي اصل معنى ڌڻ آهي. ڌڻي لفظ جي معنى به اهي ڌڻ وارو ۽ پوءِ ڌڻي معنى ڌن وارو يا شاهوڪار . ڌنار به اصل ڌن مان نڪتو آهي. جنهن جي معنى آهي ڌڻي وارو سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ” سون جي رتي کان رت جي رتي چڱي، ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي، فلاڻو ”ڀاڳيو آهي“ ڀاڳيو جي معنى به مال وارو آهي. لفظ ڳوٺ جو وجود به مال سان آهي. ڳوٺ جو وجود به مال سان آهي. ڳوٺ سنسڪرت جو لفظ گوشت مان نڪتو آهي،جنهن جي معنى آهي. ” ڳئن بيهارڻ جو هنڌ“ ڳوٺن کي چوپائي مال جي حفاظت لاءِ وٿاڻن کي ڍينگرن جا لوڙها ڏنل هوندا هئا.
    اسان جي معاشرتي زندگي ۾ مال کي جيڪا اهميت حاصل آهي، ان جو اندازو
    ” رزق“ لفظ مان لڳائي سگهجي ٿو. جنهن جي معنى آهي اهڙي شيءِ جنهن جي وسيلي ۽ جنهن سان زندگي گذاري سگهجي. سنڌ جي روايتن ۽ سماج ۾ خانداني خوشحالي کي ڳئن، مينهن ۽ ٻڪرين سان تعبير ڪيو ويندو آهي ۽ مال ڍڳي کي انساني ترقي ۽ اوسر جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. اسان جي ڳوٺاڻي زندگي ۾ خوشحالي ۽ خوشنصيبي ٻڌائڻ لاءِ چيو ويندو آهي. ته ” فلاڻي کي خدا کير ۽ پٽ ڏنو آهي.“ يعنى پٽ جهڙي اولاد سان کير جو لفظ استعمال ڪري، ڪنهن گهراڻي جي آسودگي بيان ڪبي آهي. سڃائي ۽ غربت لاءِ به چئبو آهي ته ” فلاڻي جي در تي ڍڳي به ڪانهي “ يا وري طعني طور چوندس ته ” ڪهڙيون ٿيون اڻ ڏڌيون آهرنس“ مطلب ته جيڪڏهن مال کي سماجي ۽ معاشي زندگي مان خارج ڪيو ويندو ته اسان جي اصلي اوصافن ۽ مخصوص ماحول کي ڌڪ لڳندو . دراصل سنڌ جي هن زنگيني ۽ شادابي ساوڪ ۽ سبزي ساري مال سان ئي وابسته آهي. سنگهار جهڙو پيار ۽ مٺڙو لفظ به مال سان ئي تعلق رکي ٿو. جنهن جي معنى به سنگهه معنى ڌڻ ۽ آر معنى ڌنار آهي . هي لفظ ڀٽ ڌڻي هن طرح ڪم آندو آهي. ” مکڻ ڀرن هٿڙا، سنگهاريون سايون“.
    سنڌ ۾ چوپائي مال پالڻ جي شروعات ڇهه سئو ق – م ڌاري ٿي. ان زماني ۾ هت 50 کان 60 سينٽي ميٽر مينهن پوندو هو. آرين جي زماني ۾ چراگاهن ۾ ڳوٺاڻن کي مال چارڻ جي عام اجازت هئي. هر هڪ جو مال گڏ چرندو هو. ان ڪري هو پنهنجي مال تي مخصوص نشان ڪندا هئا. ڌنارن ۽ ڀاڳين کي ان زماني ۾ گوپالڪا چئبو هو. مال کي روزانو ٽي دفعا چاريو ويندو هو ۽ ڪتا به پاڻ سان وٺي ويندا هئا. سنڌين وٽ ملڪيت فقط مال جي هوندي هئي. ان ڪري چاري سانگي ڪڏهن هت ته ڪڏهن هت ويندا هئا. جڏهن کيتي جو رواج پيو، تڏهن مال جي اهميت ويتر وڌي ويئي. هر ڏيڻ ۽ نارڪاهڻ لاءِ هو ڏاند، اٺ ۽ گهوڙا ڪم آڻڻ لڳا. ڳئون، مينهون، رڍون، ٻڪريون، کير، ڏڌ، گوشت ۽ چمڙي لاءِ ڪم اچڻ لڳيون. يونانين جي آمد وقت به هت وڏو مال ڌاريو ويندو هو. پير پيلس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ چوپائي مال جا وڏا وڏا ڌڻ آهن“. سومرن جي دور ۾چوپايو مال گهڻو هو، جنهن مان وڏي آمدني ٿيندي هئي ۽ ڌنار پنهوار، ٻڪرار ۽ ميهار ايڏا ته آسودا ۽ جانٺا جوان هئا جو هنن علاو الدين ترم شيرين جي لشڪر سان مقابلا ڪيا. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ به دولتمند ۽ عزت وارو ماڻهو مال جي گهڻائي واري کي ليکيو ويندو هو. انگريزن جي دور ۾ به سنڌ ۾ مال جهجهي انداز ۾ ڌاريو ويندو هو. پوسٽنس لکي ٿو ته ” سنڌ جا ماڻهو مال جا وڏا وڏا ڌڻ ڌاريندا آهن ۽ ان ئي ماڻهو کي دولتمند ڄاتو ويندو آهي، جنهن وٽ چوپائي مال جا ڍور هجن، پر جنهن وٽ هڪ ٻه ڍور نه هوندا آهن، ان جهڙو سڃو ٻيو ڪونهي.“
    پاڪستان جي دور ۾ به اسان جي معاشري ۾ مال جي اهائي حيثيت آهي ۽ اڌ آبادي جو گذران چوپائي مال تي آهي. اسان جي آمدني ۾ حيوانيات جي آمدني جو وڏو حصو آهي. 1949 ع ۾ 955 لک روپيا ٿيا، جيڪو 74 – 1973ع ۾ وڌي 10.336 لک روپيه آمدني ٿي. 5 سالن دوارن اٽڪل 8.23 سيڪڙو اضافو ٿيو.
    پالتو جانورن ۾ هن وقت سالياني آمدني جو 9 سيڪڙو ۽ زرعي آمدني جو 28 سيڪڙو حاصل ٿئي ٿو. سنڌ ۾ پاڪستان جي ڪل حيوانيات ۾ ڍڳيون 14 سيڪڙو، مينهون 18 سيڪڙو، رڍون 10 سيڪڙو ۽ ٻڪريون 13 سيڪڙو آهن. سنڌ کي قدرت اعلى نسل جي مينهن ۽ سرخ سنڌي ڍڳين سان نوازيو آهي. جيڪي گرم ۽ سرد هوائن جي باوجود پنهنجي کير جي پيداواري صلاحيت ۾ مشهور آهن. دنيا جي ٻاهرين ملڪن ۾ به انهن جي وڏي گهرج آهي. سال 2000ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ 3946 ٽوٽل مال پايو ويو. ( حوالو: سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006)
    بهرحال سنڌ ۾ چوپايو مال منڍ کان وٺي معيشيت، زراعت ۽ عام ماڻهن جي زندگي ۾ بنيادي ايڪي جي حيثيت رکي ٿو. هت هر جانورن جو تاريخ جي روشني ۾ ذڪر ڪجي ٿو.

    1. ڳئون
    هي سنڌ جو سهڻو ۽ پيارو جانور آهي عادتن جو به نيڪ ته سڀاءُ جو به شريف. ان ڪري سٺين عادتن واري ۽ سلڇڻي سڀاءُ واري ڇوڪري کي ” گونگي گانءِ“ چيو ويندو وڃي ٿو. ڳئون کير ڏي، جيڪو ننڊا وڏا شوق سان پيئن. ڳائي کير ۾ برڪت ۽ فائدو آهي. پيغمبر اسلام حضور اڪرم ﷺ فرمايو ته ” اوهان ڳئون جي کير سان علاج ڪريو، ڳئون جي کير تي گذارو ڪريو، ڇو ته ان ۾ شفا آهي.“چوندا آهن ته ڳائو کير بدن کي مضبوط ڪري ٿو ۽ قبضي ختم ڪري ٿو ڳئون گابا ۽ گابيون ڏئي، جيڪي وڏا ٿي هر ڪاهين، گاڏيون ڇڪين ۽ ڳاهه ڳاهين. سنڌي ۾ ڪيتريون ئي چوڻيون ڳئون سان وابسته آهن. جهڙوڪ: ڏندين ڏاند هجڻ، ڍڳي وانگر وهڻ، ٿڪل ڏاند هجڻ، ڏاند کي پنگوهه چون، جنهن جي معنى آهي پهلوان پٽ. ڏاند جي وڏي عزت آهي. ماءُ پٽ کي دعا ڪندي هئي ته منهن جو به ” پُڳ پٽ“ ڳئون اصل سنسڪرت جي گوهيني گانءِ مان نڪتل آهي. انگريزي جو ڪائو ۽ فارسي جو لفظ گائو هم معنى آهن. ڳاين جي مالڪن کي چون گوسائين جيڪو پوءِ ڦري ٿيو ڌڻي يا مالڪ.
    ڳئون سڀاويڪ جانور آهي . قرآن شريف جي هڪ سورت جو نالو البقره آهي، جنهن جي معنى ڳئون آهي. ان سورت ۾الله تعالى يهودين کي حڪم ڪيو ته ” منهنجي راضپي لاءِ هڪ متاري ڳئون قربان ڪئي وڃي.“ ان مان معلوم ٿيو ته ڳئون خدا جي راضپي جي علامت آهي. پراڻي زماني ۾ مصر ۽ ڪنعان ۾ ڳئون پرستي جو عام رواج هو. سامرين هڪ سونو گابو ٺاهي، ان جي پوڄا شروع ڪئي . جڏهن حضرت موسى عليه السلام کي خبر پئي ته پوءِ هن انهي ڳابي کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. حضرت يوسف عليه السلام کان پوءِ جڏهن بني اسرائيل پستي ۾ پيا ۽ هو قبطين جا غلام بڻجي پيا، تڏهن کان هنن هي عادت سکي، مصري ماڻهن جو گذران کيتي تي هو، ان ڪري هو ڍڳين کي قابل پرستش سمجهندا هئا. هندو مذهب ۾ ڳئون جو وڏو مان آهي. شو مهراج جي خاص سواري ”نندي“ نالي هڪ ڍڳو هو. مصر جا قديم رهاڪو هڪ خاص ڍڳي ” اپيس “ کي پوڃيندا هئا. يوناني وري ” سيراپيس“ ڍڳي جي پوڄا ڪندا هئا ۽ مندر کي سيراپيس چوندا هئا. نوشيروان جو سوٽ، مزندران جو حاڪم پاڻ کي گاويار سڏائيندو هو.
    سنڌ ۾ ڳئون پراڻي زماني کان پالي ويندي هئي. موهن جي دڙي جا ماڻهو ڳئون ڌاريندا هئا ۽ هڪ ٿوهي واري ڍڳي جي پوڄا ڪندا هئا. ويدڪ زماني ۾ ماڻهن وٽ ڍڳين سان ٽي دفعا پهرجي ويندا هئا. صبح، منجهند ۽ شام ڏهائي به ٽي ڀيرا ڪندا هئا. پهريون دفعو کير گهڻو ملندو هو، ان زماني ۾ ڳئون کي ڪٺو ڪونه ويندو هو، پر انهن جي قرباني جو عام رواج هو. ڳئون مارڪيٽن ۾ وڪامندي هئي. آرين جي اچڻ سان ڳئون جي اهميت وڌي ويئي. هو جيئن ته ايراني ۽ يورپي ماڻهن سان ميرو پربت ۾ رهيا هئا، ان ڪري کين ڳئن جي خبر هئي. هو کيتي ڪندا هئا، ان لاءِ ڳئون کي قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. دهقاني سگهڙ کي ان وقت جا حاڪم ڳئون دان چوندا هئا.
    رات جي وقت يا ڏينهن جو ڳوٺاڻا ڍڳين کي ٻڌي ڇڏيندا هئا، جيئن چورن ۽ گرمي جي تپش کان محفوظ رهن، باقي سمورو وقت کولي ڇڏيندا هئا، ان دور جا ڍڳا به طاقتور هئا، ڏاندن جي سڱن جون چهنبون تکيون هونديون هيون ۽ انهن ۾ زيور وجهندا هئا. ڍڳن کي گاڏين ۽ هرن ۾ ٻڌندا هئا. هن ئي زماني ۾ وڏي ماڻهو وٽ ڪو مهمان ايندو هو ته هو وڏو ڍڳو ڪهي مهماني ڪندو هو.
    راجا پورس ته ڍڳن جي مهماني کان مشهور هو، ان ڪري کيس اٿيئي گوار ( ڍڳا ڪهائيندڙ) چوندا هئا. شادين جي موقعن تي وهت گانءِ ( ڦر نه ڏيندڙ ڳئون) ڪهڻ جو عام رواج هو. برهمڻ دور ۾ ڳئون جي پوڄا شروع ٿي ۽ گئو ڪشي تي بندش وڌي ويئي. گوپال، گوبند، گوتم، گوپي وغيره نالن رکڻ جو واهپو وڌي ويو.
    712 ع ۾ جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن حجاج بن يوسف سنڌ ۾ مسلمانن کي ڳئون ڪهڻ کان ان ڪري منع ڪئي ته جيئن کير پيئڻ ۽ چوپائي مالا مان گهڻو ڪجهه ڪمائي سگهجي. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڳائي مال جو وڏو مان هو. کير واري ڳئون جي قيمت ٻارنهن روپيه ۽ ڦنڊر جي قيمت ڇهه روپيه هئي. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هڪ هاري وٽ اٺ جوڙا ڍڳن جا، هڪ ڳئون ۽ هڪ گابو ضرور هوندو هو. زميندارن وٽ ته هي مال ڳڻڻ کان به ٻاهر هو . انگريزن جي دور ۾ هتان جي ڍڳن جو وڏو مان هو ۽ سندس مشهوري ديسان ديس هئي. پرتاب نالي هڪ ڍڳو سنڌ جي گورنر ” سرلارنيسٽ گرهام“ پاڻ نيلام ڪيو ته ماڻهن هڪ هزار کان به مٿي واڪ ڏنو. هتان جو ڳائو مال تن ڏينهن ۾ ڄمون ڪشمير، مدراس ۽ فلپائين ٻيٽن ڏانهن اماڻيو ويندو هو. 1809ع ۾ افغان ويڙهه وقت انگريزن ڇهه هزار ڏاند ڪمسريٽ لاءِ خريد ڪيا.
    پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ ڳائي مال جي پرورش تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. هن وقت هت ٽن قسمن جون ڳئون پاليون وڃن ٿيون سرخ يا ڳاڙهي نسل جي ڳئون کير تمام گهڻو ڏي ٿي. هي بدين، ٺٽي، دادو ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ ڌارجن ٿيون. حڪومت جانورن جي پرورش جي کاتي جي سنڀال هيٺ هن نسل جي پالنا لاءِ ٻه فارم هڪ ڪراچي ۽ ٻيو ٽنڊي محمد خان ۾کوليو آهي . ٻيو نسل ٿري ڳئون آهي هي کير به سٺو ڏي ٿي پر هن جو ڏاند زراعت ۽ بار کڻڻ لاءِ ڪارائتو آهي. هي نسل ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ ملي ٿو. حڪومت هن جي پالنا لاءِ ضلعي ٿرپارڪر جي نبي سر روڊ شهر ۾ هڪ فارم قائم ڪيو آهي . ٽيون ڀاڳناڙي نسل آهي. هي کير ٿورو ڏي ٿي پر ڏاند تمام ڪارائتو آهي. هي نسل لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ عام آهي. ٿريلي ۽ لاڙي ڍڳن ته قيام پاڪستان کان پوءِ شهرت حاصل ڪئي . سندن پالنا لاءِ ٽنڊ ڄام زرعي يونيورسٽي سان گڏ هڪ فارم مقرر ڪيو ويو.
    مطلب ته ڳائو مال سنڌ جي سونهن ۽ ورونهن آهي. ٿر جي غريب ماروئڙن جي زندگي جو دارومدار هن تي آهي. ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو ته ” ٿري بنيادي طرح ڌنار آهي“ ان ميداني علائقي مان مال ڳهڻ ۽ پنهنجو مال يا مال جي پيدائش گيهه، مکڻ،کلون ۽ چمڙو ميدانن ۾ وڪڻڻ تي هميشه کان هريل هوندا آهن ۽ اڄ به آهن.
    ان ڪري ئي لطيف به سر سارنگ ۾ هن جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي. دعا جو اندازو ڏسو:
    وري وڏي رس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن
    سيد چئي سڀن، آهه تنهنجو آسرو
    ڏاندن ساٿ سيد، چئي ڪي پياريون پهچن
    گابا مٿي گس،ڏک نه ڪندا ڏٻرا

    2 – مينهن
    مينهن جنهن کي مورخن سنڌو جو ” ڪارو مال “ سڏيو آهي، سنڌ ۾ گهڻو پاليو ويندو هو. مينهن کي پاڻي جي ” پونئري“ چئبو آهي. جنهن کي پوسل ۽ پاڻي وارو علائقو وڻندو آهي. ان ڪري هي مال گهڻو ڪري سنڌو درياءَ جي ڪنارن وارن علائقن ۾ ڌاريو ويندو آهي. جنهن کي ڪچو سڏبو آهي. هت هر سال اونهاري ۾ چاڙهه ڪري علائقو ٻڏي ويندو آهي ۽ پاڻي لهڻ کان پوءِ انيڪ گاهه ڦٽندا آهن، جن کي مينهون مزي سان کائي پاڻي ۾ پيون تڙڳنديون آهن. مينهن کي سنڌ ۾ رزق سان تعبير ڪيو ويو آهي. هتان جي ڳوٺاڻي زندگي تي مينهن جو وڏو اثر آهي. اسان جو رومانوي داستان ” سهڻي ميهار“ مينهن سان واسطو رکي ٿو. ميهار کي سنڌ جي سماج ۾ انفرادي حيثيت حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي لاکيڻي لطيف ميهار جي منهن کي دعا ڪندي چئي ٿو.
    مينهون هن ميهار جو ن الا سڀ بچن
    وڇون جي ڪيرن سين، سدا ٿيون سونهن
    مون کي ماڻڪين، تاڻي هنيون تار ۾
    مينهن سنڌ ۾پراڻي زماني کان ڌاري ويندي هئي. سنڌ ۾ آر چوسيا ( ڪوئيٽه ۽ پشين) کان مينهون اينديون هيون . برهمڻ جي زماني ۾ هتان جو مينهون مشهور هيون. سندن بازارن ۾ گوشت عام وڪامندو هو. عربن سنڌ جي مينهن کي شوق سان پاليو ۽ ڌاريو . بشارالمقدسي لکي ٿو ته هتان جو مينهون سهڻيون آهن ۽ کير گهڻو ڏينديون آهن. منصوره جون مينهون ڀليون آهن احسن التقاسيم ۾ به منصوره جي مينهن جي تعريف ڪئي وئي آهي. آل مهلب وارن سنڌ جون مينهون عراق ۽ شام تائين پهچايون. شام ۽ زط قبيلي سنڌ جي مينهن کي پهچايو جيڪو حضرت ابوبڪر رضي الله تعالي عنه جو زمانو هو.
    سومرن جي زماني ۾ سنڌ ۾ مينهون تمام گهڻيون هونديون هيون. وڏي دودي جي گجر مينهن هئي، جنهن کي هنج ۾ کڻي باغ ۾ چاريندو هو. جوانن جي طاقت آزمائڻ لاءِ ميلا ٿيندا هئا، جتي پهلوان سانهن سڱ موڙيندا هئا. محمد سومري سانهن جا سڱ موڙيا هيا.
    مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ به هي مال جهجهي انداز ۾ پاليو ويندو هو. ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو ته ” مينهون هن ملڪ جي ماڻهن جو وڏو معاشي وسيلو آهن. هتي جا ماڻهو کير ۽ مکڻ جام کائين ٿا ۽ جيڪو کين بچت ٿئي ٿو، اهو وڪڻي زندگي جون ٻيون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. هتي جي ماڻهن جي کير ۽ مکڻ سان سٺي آمدني ٿئي ٿي.“ ان زماني ۾ هڪ هاري وٽ ڏاندن جي جوڙي سان گڏ مينهن به ضرور هوندي هئي. انگريزن جي دور ۾ به مينهن جي اهميت قائم رهي. انگريريز واپاري هن کي ” سنڌ جو ڪارو مال “ سڏيندا هئا.
    هئملٽن لکي ٿو ته ” مينهون سنڌ ۾ تمام گهڻيون آهن“. هر هڪ مان هڪ سئو پائونڊن تائين گوشت ملي ٿو. ائٽڪن لکي ٿو ته ” سنڌ جون مينهون، هندستان جي سڀني علائقن کان، کير جي لحاظ کان تمام ڀليون آهن.“ مارنق به لکي ٿو ته ” هن ملڪ ۾ مينهون تمام گهڻي انداز ۾ آهن.“ 1945ع ۾ انگريزن جي ڏينهن ۾ جيڪا مال جي ڳڻپ ڪئي وئي ان ۾ ” ماهو مال“ 702397 هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 12 هو.
    پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ، هن مال جي پالنا ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. 1957ع ۾ مينهن جو تعداد هڪ لک ٻارنهن هزار هو. 1960ع ۾ ماهو مال 16،00918 آهي. جيڪو مجموعي تعداد جو 21.6 سيڪڙو آهي. جيڪو سڀ کان وڌيڪ آهي. 73 – 1972 ع ۾ 128446 آهي. 1996ع ۾ سنڌ ۾ مينهن جو تعداد 6515 هيو. جڏهن ته 2000 ع جي انگن اکرن مطابق 4،222 آهي. ( حوالو؛ سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006).
    سنڌ جي صوبائي آمدني ۾ ماهي مال جو وڏو حصو آهي. سنڌ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون مينهون پاليون وينديون آهن. جن مان ڪنڊي نسل مشهور آهي. هي ساري سنڌ ۾ عام آهي. هن نسل جي پالنا ۽ واڌاري لاءِ روهڙي ۾ هڪ فارم به ان سلسلي ۾ قائم ڪيو ويو آهي. اڄ به سنڌ ۾ ماهو مال ڪثرت سان پاليو وڃي ٿو. جيئن آبادي ۾ اضافو ٿيندو آهي، تيئن ماهي مال جي پالڻ ۾ به واڌارو ٿيندو رهي ٿو. کير ۽ گوشت جي گهڻي حد تائين ضرورت ماهو مال پوري ڪري ٿو. اڄ به ڪچي واري حصي ۾ مينهن جا گهڻا ڌڻ نظر ايندا آهن جت تي ماروئڙن جو گذران آهي. لطيف سائين مينهن جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي.
    مينهون پاڻ مراديون، ٿڌا چرن ٿر
    وڏي اوهه آئيون، پٺي لاهي ڦر
    ساري اچيو سوا مينهن ڏين کير سڄو
    ساڻ وانڍين ور، پري پرچڻ جون ڪيون

    3 – رڍ
    رڍ سنڌ جو قيمتي ۽ املهه جانور آهي. جنهن جو اسان جي معيشت ۽ ٻولي تي وڏو اثر آيه. رڍ ڇا ڄاڻي رباب مان، جنهن جي ٻولي ” ٻي“ رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون ۽ موڳي رڍ سنڌي ٻولي جون مشهور چوڻيون ۽ محاورا آهن، جن ۾ معنى جامڻ سمايل آهن. رڍ غريب ماروئڙن لاءِ ڪارائتو جانور آهي. هن جي ان ۽ هن جي کل ۽ آنڊا ڪمائتا آهن. وڏا وڏا ڊنگ سيٺيون معصوم رڍ جي ننڍڙي ۽ ابهم ٻچڙي جي کلڙي لهرائي اچي ڪراڪلي پائي پنهنجي سونهن وڌائيندا آهن ۽ مامتا جو خون ڪري رڍ کي رئائيندا آهن. ڪيڏو نه پاپ جو ڪم آهي. ڀاڳيا رڍ جو کير به پيئن ۽ گوشت به کائين . رڍ جي کير ۾ 83.7 سيڪڙو پاڻي،5.30 سيڪڙو سڻڀ، 8.5 پروٽين، 16.6 سيڪڙو کنڊ ۽ 90 سيڪڙو معدني جزا موجود آهن. رڍ جيتوڻيڪ ننڍڙو ۽ نازڪ مال آهي تڏهن به ڪمائتو ۽ مفيد آهي. هن جي ان تمام قيمتي آهي. چوندا آهن ته ” ان ڌن آهي“ هن مان ڀاڳيا وڏو پئسو ڪمائيندا آهن.
    رڍ کي ” برهما“ کتري سان گڏ پئدا ڪيو . هي تمام قديم جانور آهي. جنهن جو اصلوڪو ماڳ روهه ولايت يا جابلو ملڪ آهي. ان کان پوءِ هي مال سنڌ ۾ آيو. قديم آريه لوڪ دنبي جو گوشت دل سان کائيندا هئا. ويدڪ زماني ۾ رڍن جو گوشت ٽانڊن تي پچائي کاڌو ويندو هو. ان زماني ۾ ئي رڍن جي اُن مان لوئيون، کٿا ۽ ڦرانسيون ٺاهيون وينديون هيون. موهن جي دڙي جا ماڻهو رڍون پاليندا هئا ۽ ان جي ٻاهر موڪليندا هئا.
    سومرن جي دور ۾ رڍون ڌاريون وينديون هيون ۽ سندن اُن ڪتري وڪرو ڪئي ويندي هئي. چنيسر کي ماءُ چيو ته ” ڪتو ڪتر هٿ ڪري تون وڏي واڙ وجهائي.“ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ رڍون گهڻيون ۽ سستيون هيون، ان ڪري خاص ۽ سٺي رڍ صرف اٺن آنن ۾ ملندي هئي. ان زماني ۾ ٿر جي علائقي ۾ رڍون گهڻيون پاليون وينديون هيون ۽ رڍن جي اُن ڪتري کٿيون ۽ ڏوڙا تيار ڪيا ويندا هئا. مولانا وفائي جي لفظن ۾ ” ديس پرديس اوڍيا ويندا هئا.“
    انگريزن جي ڏينهن ۾ هي مال هت گهڻو هوندو هو. پوسٽنس لکي ٿو ته ” اڀرندي طرف، ٿر جي رڻ ۽ الهندي طرف کير ٿر جبلن جي لاهين تي رڍون تمام گهڻي انداز ۾ ملن ٿيون .“ ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ماڻهن جو هڪ حصو رڍن پالڻ ۾ مشغول هوندو هو. اڄ تائين الهندي پاسي جي جابلو علائقي ۽ اڀرندي پاسي جي ريگستاني حصي جي مارن ماڻهن جو گذر گهڻو تڻو رڍن جي پيدائش تي آهي.“ انهن ڏينهن ۾ سئبرلئڪ هڪ سٺي رڍ هڪ شلنگ ۽ مانرق هڪ رڍ هڪ روپئي ۾ ورتي ويندي هئي. 1945ع ۾ جيڪا چوپائي مال جي ڳڻپ ڪئي ويندي هئي تنهن ۾رڍن جو تعداد 6381011 لک هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 10.90 سيڪڙو هو.
    پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ هن مال ۾ واڌ آئي. 1957ع واري ڳڻپ ۾ رڍن جو تعداد سٺ لک چاليهه هزار هو ۽ 1960ع واي ڳڻپ ۾ 12.30 سيڪڙو هو. جيڪو ساري حيوانيات جو 16.23 سيڪڙو هو. رڍ مان جيڪا اُن ملي ٿي ان جو 1965ع ۾ ايڪو نجاهه لک مڻ وزن هو، جنهن مان چوڏهن لک پائونڊ وٺي ڌاڳو ٺاهيو ويو. 1965ع ۾ ان جي واپار مان 5 ڪروڙ 87 لک روپيه ڪمايا ويا. پاڪستان ۾ اجي قيمت جو اندازو نو ڪروڙ روپيه ساليانو آهي. رڍن جي هڏن مان ساليانو 11 لک 88 هزار مڻ ڀاڻ فارم يارڊ مئنيوز ملي ٿو. رڍن ۽ ٻڪري جي آنڊن مان سرجري ۾ استعمال ٿيندڙ ڌاڳو ٺهي ٿو. 1965ع ۾ پاڪستان ۾ 84 لک 30 هزار مڻ گوشت رڍن مان مليو. 1972ع واري ڳڻپ ۾ رڍن جو تعداد سنڌ ۾ 667591 لک هو. 1996ع ۾
    سنڌ ۾ رڍن جو تعداد 3710 هيو.
    سنڌ ۾ هن وقت ٻن قسمن جون رڍون پاليون وڃن ٿيون. پهريون ڪاڪو نسل جو ن رڍون، جيڪي حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ پاليون وڃن ٿيون. 1975ع ۾ هن جو تعداد هڪ لک 40 هزار هو . 2000ع ۾ سنڌ ۾ رڍن جو تعداد 4،222 هيو. ( حوالو: سنڌ اسٽيٽيڪل بوڪ ايئر 2006) .سندس وز ن 60 يا 80 پائونڊ آهي ۽ ان جي پئداوار 5 پائونڊ في رڍ ساليانه آهي ۽ هي روزانو ٽي پائونڊ کير ڏي ٿي. رڍ جو ٻيو قسم ڪڇي آهي. جيڪو حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ هزارن جي تعداد ۾ رڍون پاليون وڃن ٿيون. هن جو وزن 70 يا 60 پائونڊ هوندو آهي. ان جي سالياني پيداوار 3 – 4 پائونڊ ۽ کير به 3 – 4 پائونڊ روزانه آهي.
    هن وقت به ٿري ماڻهو ۽ ٻيا رڍون شوق سان پاليندا آهن ۽ ان جي اُن مان کٿيون، لوئيون ۽ فراسيون ٺاهي پاڻ به اوڙهيندا آهن ته ڳري ملهه تي وڪرو به ڪندا آهن. هيٺين بيت ۾ شاهه لطيف رح انهي اُن جي ڌنڌي جو ذڪر ڪري ريڍي مال جي سنڌي سماج ۾ اهميت کي نمايان ڪيو آهي. مارئي جي زباني چوي ٿو ته :

    پنهوارن پاٻوهو، ڪي وس واهندن
    لٿو سي لطيف چئي، ٻڌو ڦڻ ڦرن
    اوءِ ٿا ڪورن ڪنئري، سرتيون مٿا سسن
    عمر ان گندري، پاسي ڪانڌ ڪتن

    4 – ٻڪري :
    ٻڪري سنڌ جو سينگار آهي خوش اخلاق ۽ خوش منظر جانور آهي. سراپا سون ئي سون آهي. سندس گوشت، هڏا، چمڙو، سصتر جو رت، ڏاس، کير ۽ آنڊا سڀ قيمتي آهن. ٻيو ته ٺهيو پر سندس ڦولهڙي به ڪمائتي آهي. ٻڪري مهمان نواز ۽ سخاوت جي سائنڻ آهي. پنهنجن مالڪن لاءِ گويا بئنڪ آهي. ناڻي جي خرزين آهي.
    ٻڪري مترڪ ۽ ڀاڳرو جانور آهي. جنهن کي الله جي نبين ۽ مولا پاڪ جي پيغبرن پاليو ۽ چاريو. ٻڪري چاريندڙ کي ٻڪرار چئبو آهي. ٻڪرار هڪ عظيم پيشو آهي. جنهن تي قومن ۽ سندن سردارن سدائين رسيون پئي ڪيون آهن. حضرت شعيب وٽ ٻڪرين جو ڌڻ هو. جڏهن حضرت موسى ع کي پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏنائون. تڏهن حق مهر اٺ سال ٻڪرين چارڻ جي مقرر ٿيو. حضرت موسى ع اٺن سالن جي بدران ڏهه سال ٻڪريون چاريون . ان کان پوءِ جڏهن حضرت موسى ع مصر آيا، تڏهن حضرت شعيب ع کيس پنهنجي نياڻي سان گڏ ٻڪرين جو ڌڻ به عنايت ڪيو. حضرت موسى ع جنهن لٺ سان ٻڪرين کي وڻن مان پن ڇاڻي ڏيندو هو، ان کي الله تعالى بعد ۾ اه قوت بخشي جو اها ازدهه ٿي، سڀني جادو جي نانگن کي هڙپ ڪرڻ لڳي. حضرت شعيب ع ۽ حضرت موسى ع کان سواءِ اسان جي پياري پيغمبر ۽ محسن انسانيت حضور اڪرم ﷺ به پنهنجي زندگي جي شروعاتي دور ۾ ٻڪريون چاريون، پاڻ هڪ ٻڪري جي چوڌاري ڦري هڪ قيراط وٺندا هئا.
    جيتري قدر ٻڪري جي تخليق جو سوال آهي ته ان لاءِ هندن جي ڪتاب برهمڻ گرنٿ ۾ اچي ٿو ته ” پرجاپتي ( برهما) ماڻهن ۾ پهرين برهمڻ خلقيا ۽ جانورن ۾ اول ٻڪريون پيدا ڪيون.“ هن مان ظاهر ٿيو ته انسان ۽ ٻڪري جو پاڻ ۾ ازل کان رشتو آهي. ڳانڍاپو آهي اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سماجي ۽ ادبي زندگي تي ٻڪري جو اثر آهي. سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي محاورا ۽ چوڻيون هن سان وابسته آهن. ٻٽي ٻڪري در تي نه هئڻ، ٻڪر ٻوساٽ ڪرڻ، ٻڪري بڻجڻ . سنڌي ٻولي ۾ چوڻي آهي ته ” اٺ چري ٽيهه، ٻڪري چري ڇٽيهه، جن ڌاريون ٻڪريون تن کي مهل تي پڪريون“. لوڪ ادب جو ٻول آهي ته گهر هجي جهوپڙي، مال هجي ٻڪري، پٽ هجئي ته پڪڙئي اسان جي لوڪ داستانن ۽ قومي روايتن ۾ ” مارئي“ جيڪا سنڌي عورت جو آدرشي ڪردار آهي سا به پنهنجن سرتين سان گڏ ٿر ۾ ٻڪريون چاريندي هئي ۽ شاهه لطيف رح مارئي سان گڏ ٻڪري کي ڳائي سنڌي ثقافت جو جزو بڻائي ڇڏيو.
    ٻڪر ٻاٻاڻا، پسان شال پر ڪهين
    ٻڪري جو کير دماغ کي تازو توانو ڪري ٿو. گوشت وڌائي ٿو، بدنما داغن کي مٽائي ٿو ۽ انسان کي خوبصورت بڻائي ٿو. ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺٻڪري جي کير کي نه صرف ساراهيو آهي، پر واپرايو به آهي. سندن ميزباني ۾ ٻڪري جي کير کي وڏي اهميت هئي. هڪ مهمان کي ستن ٻڪرين جو هڪ ئي وقت ٻڪري جو کير پياريائون. مهاتما گانڌي ٻڪري کي باداميون کارائيندو هو. جڏهن هو لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ ويو، تڏهن پنهنجي قومي غيرت کي قائم رکڻ لاءِ انگريزن جي کاڌي کائڻ کان انڪار ڪندي ٻڪري کي هوائي جهاز ۾ وٺي ويو، جتي صرف ان جي کير تي گذارو ڪندو هو.
    سنڌ ۾ دروڙن جي زماني کان ٻڪريون ڌاربيون هيون. ويدڪ دور ۾ ٻڪرين جو وجود ملي ٿو. آريا ٻڪري جي گوشت مٽي جي ٿانون ۾ رڌي ۽ ٽانڊن تي پچائي کائيندا هئا. ٻڪرين جي ڏاس مان ان وقت به کٿا، فراسيون ۽ خرزينون ٺاهيون وينديون هيون. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٻڪريون تمام گهڻيون هيون ۽ عام ٻڪري هڪ روپئي ۽ ڀلي ٻڪري چئن روپين ۾ ملندي هئي. ائٽڪن لکي ٿو ته ” بلا شبه ٻڪرين پالڻ لاءِ سنڌ هڪ موزون علائقو آهي.“ ان وقت ٻڪرين جي گهڻائي ڪري گوشت، کير مکڻ عام هو.
    انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي هر هڪ هاري وٽ ٻئي مال سان گڏ 15 کان 20 ٻڪريون به هونديون هيون . جيڪي به انگريز سياح هت آيا، انهن ٻڪرين جي ڌڻن جو ذڪر ڪيو. 1945ع ۾ جيڪا چوپائي مال جي ڳڻپ ڪئي وئي، تنهن ۾ ٻڪرين جو تعداد 14،14،167 هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 24.15 هو.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻڪرين جي پالنا تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو. خاص ڪري ٿرپارڪر، بدين، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي ريگستاني علائقن ۾ هي مالي عام آهي ڇو ته خشڪ علائقي ۾ ٻڪري کي ڦيٽ جي بيماري نه ٿيندي آهي پر وچولي سنڌ ۾ گهم جي ڪري ٻڪريون ڦيٽجي وينديون آهن. هن وقت سنڌ ۾ ٻڪرين جا ڪيترائي قسم آهن جهڙوڪ: بريون، ماڪڙيون، ڪاڇيڻيون، ڪاموريون، ٽاپريون، ڳاهيون، چانڻيون وغيره. انهن مان هر قسم جي ٻڪري جي پنهنجي پنهنجي خوبي آهي. 1957ع واري مال جي ڳڻپ ۾ ٻڪرين جو تعداد هڪ لک پندرنهن هزار هو. جيڪو مجموعي تعداد جو 15.94 سيڪڙو هو. 1972ع ۾ 9،34،777 هو، 1976 جي ڳڻپ موجب سنڌ ۾ 42،35،000 ٻڪريون آهن. 1996ع ۾ سنڌ ۾ ٻڪرين جو تعداد 9734، جڏهن ته 2000ع ۾ سنڌ ۾ ٻڪرين جو تعداد 8،913 ٿيو. ( سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006).
    اڄ به سنڌ ۾ ٻاڪرو مال جام پاليو ويندو آهي. خاص ڪري ٿر جي ماڻهن جي زندگي جو مدار هن تي ئي آهي. ڇاڪاڻ ته ٿر ۾ هن مال کي بيماري نٿي ٿئي. شاهه لطيف رح ٻاڪري مال جو هن طرح ذڪر ڪيو آهي.

    هن مند مارو سنرا، ويڙيين وڳ وارين
    ڇڇئا ڇيڪارئو ڇيلڙا، پٽين پهرائين
    نيڻ منهنجا ان کي، جهجهو جر هارين
    تاڙا تنوارين، مينهن وسندا موٽ تون

    5 – اٺ :
    اٺ سنڌ جو هڪ قديم، ڪمائتو ۽ پالتو جانور آهي . واري جي علائقي ۾ هي جانور بار ڍوئڻ ۽ سواري ڪرڻ جي ڪم ايندو آهي. ان ڪري کيس ” صحرا جو جهاز“ چوند آهن. هن جانور سان اسان جون تاريخي، تهذيبي ۽ معاشي روايتون وابسته آهن. اٺ هڪليندڙ کي جت چئبو آهي. جنهن جو تاريخ ۾ وڏو مقام آهي. هي سنڌ جي اها قديم ذات آهي، جنهن ايراني لشڪر سان گڏجي ” جنگ ذات السلاسل “ ۾ عربن سان جنگ ڪئي هئي. بعد ۾ هن جا سڀ افراد عربي گورنر حضرت ابو موسى اشعري سان گڏجي، حضرت عمر رضي الله تعالي عنه وٽ اسلام قبول ڪيو. هي قبيلو بهادر ۽ سورهيه هو. ان ڪري عربن هنن کي وڏا وڏا عهدا ڏنا. حضرت علي رضي الله تعالي عنه۽ حضرت امير ماويه رضي الله تعالي عنه جي ڏينهن ۾ هنن وٽ خزاني ۽ بحري فوج جا کاتا هئا. عرب مورخن کين زطه ڪري لکيو آهي. حديثن ۾ اچي ٿو ته هڪ جت پاڻ سڳورن جي هٿ مبارڪ تي بيعت پڻ ڪئي. مشهور اسلامي مفڪر، حضرت امام اعظم ابو حنيفه رضي الله تعالي عنه هن سنڌي ذات مان هو. جڏهن ڪلهوڙن ٽالپورن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو، تڏهن مير بجار خان ڪلهوڙي کي ٻه راجپوت سوڍا قتل ڪري،اٺ تي چڙهي جيسلمير ڏانهن فرار ٿي ويا. سنڌ جي ٽن رومانوي، نيم تاريخي ۽ تهذيبي داستانن سان اٺ جو تعلق آهي. عمر حاڪم مارئي کي ٿر مان اٺ تي کڻي مينهن واءُ ڪري اچي ڪوٽ ۾ بند ڪيو. سسئي جا ڏير پنهون کي ڀنڀور مان کڻي ڪيچ مڪران هليا ويا. همير حاڪم سومري جي وزير راڻي سوڍي کي اٺ، لڊائي
    ( جيسلمير ) مان کڻي ماٿيلي ( ضلعي گهوٽڪي) ۾ هڪ رات ۾ آڻيندو ۽ نيندو هو. شاهه رحه جي مشهور وائي: ” آءُ راڻا رهه رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان“ هن واقعي سان واسطو رکي ٿي. بلبل مهراڻ روبينه ۽ جيجي زرينه جو آيل لوڪ گيت ” ڏاچي واليا موڙ مهار“ به اٺ بابت چيل آهي. ” هو جمالو“ به سنڌي ثقافت جو آئينه دار ۽ سنڌي لوڪ ادب جو لافاني گيت آهي ۽ اسان جو قومي ناچ آهي اٺ سان ئي وابسته آهي. اٺ جيڏو، اٺ پيرو، اٺ پتڻ تي هئڻ، اٺ پير ٺاهڻ، اٺ جو سڱ، اٺ قطاري ڏيڻ، سئو ڏاڍي جو سردار هجڻ وغيره سنڌي ٻولي ۾ اٺ جا ڊزن کان به مٿي نالا آهن.
    تاريخ ۾ هي جانور آرين سنڌ ۾ آندو . جڏهن هو سنڌ ۾ آيا، تڏهن سندن اٺ مضبوط هاٺي وارا هئا، جن تي سندن ڳرو سامان رکيل هو. برهمڻ جي دور ۾ به هي جانور تمام گهڻو هو. 711ع ۾ جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هو سنڌي اٺ ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. هو اٺن جا مدع خوان هئا. هنن ٻن ٿوهن وارن اٺن کي بلخ ۽ فارس پهچايو. عرب جا امير انهن کي فالج سڏيندا هئا ۽ انهن تي شوق سان سواري ڪندا هئا. سنڌ ۾ انهن کي ” پالهه“ سڏيو ويندو هو.
    عربن جي دور ۾ سنڌ جو واپار، اٺن رستي هلندو هو. ان ڪري ڍل جو اگهه به اٺن تي مقرر هو. اٽي جي في اٺ تي ٻارنهن درهم ۽ هندستان جي تي في اٺ ويهه درهم محصول هو. 1521ع ۾ جڏهن شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي، تڏهن هڪ هزار اٺ بخشش طور ڏنا هئا. ڪلهوڙن جي زماني ۾ به نڌان علائقي جا اٺ مشهور هئا. هي علائقو مڪران جي آسي پاسي هو، جنهن جو لطيف سائين به ذڪر ڪيو آهي.
    مغلن جي دور ۾ سنڌ جي اٺن جي هاڪ هئي. آئين اڪبري ۾ آيل آهي ته ” سنڌ
    ۾ اٺن جو هڪ عاليشان نسل پيدا ٿئي ٿو ۽ هن وقت گهڻي کان گهڻا ملن ٿا. ڪيترن باشندن وٽ ڏهن هزارن کا ن به وڌيڪ اٺ آهن. اجمير جا اٺ تکي ۾ تکا آهن. بار برداري ۾ اٺ ٺٽي ۾ پاليا وڃن ٿا. درياءَ ۽ سمنڊ جي ڪنارن تي کجي وارن علائقن ۾ ليون، لاڻا ۽ ٻيا گاهه به جام ٿين ٿا، جن مان اٺن لاءِ سٺو کاڄ ملي ٿو“. هن دور ۾ اجمير، گجرات، جوڌپور، بيڪانير، جيسلمير ۽ ڀٽنڊا ۾ سنڌ جا اٺ وڪامندا هئا. ان وقت هڪ اٺ جي قيمت 25 روپيه هئي. ٽالپرن جي زماني ۾ جنگين ۾ لشڪر جي رسائي لاءِ تيز رفتار اٺ استعمال ڪيا ويندا هئا. جن جي معرفت هنگامي حالتن ۾ هزران جي فوج بنا دير ۾ گڏ ڪري سگهبي هئي.
    انگريز جڏهن هت آيا تڏهن هنن اٺن کي مال ڍوئيندي ۽ سواري لاءِ ڪم ايندي ڏٺو . ڪَرَو لکي ٿو ته ” صوبي ۾ هر هنڌ اٺ گهڻي انداز ۾ پاليا ويندا هئا ۽ اهي مال ڍوئيندا هئا.“ وليم پاٽنجر لکي ٿو ته ” هتان جو اٺ انهي نسل جو آهي، جنهن کي ٻه ٿوها ٿين ٿا، اهو فقط بار ڍوئڻ لاءِ ڪارگر آهي ڇاڪاڻ ته جسامت ۾ ڳرو، ڊگهن هڏن ۽ ڊگهن وارن سان ڀريل، کل ۽ حيرت انگيز طاقت وارو آهي. هڪ ٿوهي واري اٺ کي، اهي ماڻهو لڳاتار ڪيترن ئي ڏينهن تائين عجيب تيز رفتاري سان سفر ڪرڻ جي ترتيب ڏيندا آهن ۽ انهن جي کاڌي ۽ پاڻي کان سواءِ، رهڻ جي خاصيت سندن مالڪن جي ڇاپن هئڻ يا ڊاڪ زني وارين مهمن لاءِ بطور خاص موزون نٿي ٿئي. جنهن ۾ اٺن کي گهوڙن جي مٿان يقيني برتري حاصل آهي. هڪ ٿوهي وارا اٺ ظاهري ڊول ڊيل ۽ شڪل و صورت ۾ انهن علائقن جي آبهوا مطابق جنهن ۾ اهي پيدا ٿيندا ۽ رهندا آهن. متعجب حد تائين مختلف هوندا آهن، افغان ويڙهه وقت سيٺ نائو مل انگريزي لشڪر لاءِ ٽي هزار اٺ خريد ڪري، جنرل ناٽ ڏانهن امداد موڪلي، جوکين جي سردارن ڄام مهر علي سرجان ڪين کي هڪ هزار اٺ امداد طور ڏنا هئا. 1945ع واري ڳڻپ موجب اٺن جو تعداد 105469 هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 1.80 سيڪڙو هو.
    اٺ جي ڏاچين جو کير به ڀاڳيا شوق سان پيئندا آهن. اهو کير دوا لاءِ ڪم ايندو آهي. اٺ سنڌ ۾ بار کڻڻ، سواري ڪرڻ، نار ڪاهڻ، هر ڪاهڻ ۽ گهاڻي پيڙهڻ جي ڪم اچي ٿو. هن جي ڏاس مان کٿا، لوئيون ۽ فراسيون ٺاهيون ويندون آهن. اڄ به سنڌ ۾ ڪافي اٺ پاليا وڃن ٿا. پنجاب جو مشهور صحافي الطاف قريشي سنڌ ۾ ” اونڻون کي بڙي بڙي قطارين “ ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. ٻهراڙي جا رهاڪو اڄ به اٺن تي بار ڍوئي پنهنجو گذران ڪن ٿا. خاص ڪري وارياسين علائقن ۾ اٺ اڄ به معاشي ايڪي طور سڃاتو وڃي ٿو. اٺن کي سينگاري ان جو ناچ ڪرايو وڃي ٿو. ابوظهبي جي صدر زين بن سلطان النهيا خيرپور ضلعي ۾ اهڙن اٺن کي هزارين روپيه انعام ڏنا. سنڌ ۾ 1951ع جي انگن اکرن موجب هڪ لک سٺ هزار اٺ هئا. 1960 ع ۾ اٺن جو تعداد 95767 آهي. سنڌ ۾1996 ع ۾ انگن اکرن مطابق 225 اٺ هئا. جڏهن ته 2000 ع جي سروي مطابق 225 اٺ جڏهن ته 2000ع جي سروي مطابق 261 ڳڻپ ۾ اندا ويا. ( حوالو؛: سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006)
    اسان جي عوامي شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه اٺ کي ڏاڍو سارهايو آهي. هن سندس ڊويزن کان به مٿي عبدالطيف اٺ کي ڏاڍو ساراهيو آهي. هن سندس ڊزرن کان مٿي نالا ورتا آهن. هن هڪ بيت ۾ ڏسو ته هو اٺ لاءِ ڇا ٿو چوي

    لک لاکيڻو ڪر هو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهه
    ايلاچيون آهر ۾ ڀوڄ مئي کي پاءِ
    ڪٿ نه ڪندو ڪاءِ، جين پلاڻيو ڪاهه
    لطيف رح

    6 – گهوڙو
    گهوڙو، سنڌ جو پراڻو، سهڻو ۽ گهرو جانور آهي. سنڌي لفظ گهوڙ جو اچار سنسڪرت ۾ گهوٽڪ آهي. هي اصل ۾ دراوڙي لفظ آهي، جيڪو پوءِ سنسڪرت ۽ سنڌي ۾ عام ٿيو. هونءَ سنسڪرت ۾ گهوڙي کي اشو چون ٿا. سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو دراوڙ هئا ۽ ان دور ۾ سنڌو ماٿري گهوڙن کان مشهور هئي. دراوڙن جو گذران جيئن ته شڪار تي هو، ان ڪري گهوڙي تي چڙهي ان جي پٺيان پئبو هو. بجر ويد واري زماني ۾ دشمنن جي پيڇي ڪرڻ لاءِ به گهوڙن کي ڪم آڻبو هو. ان ڪري گهوڙن جو مان وڌڻ لڳو ۽ راجا پنهنجي سواري لاءِ گهوڙن کي ڪم آڻڻ لڳا. راجا ديوتائن تي ( اشو) جو نالو رکڻ لڳا. جهڙوڪ: اشو پتي ۽ اشوني ڪمار رگ ويد واري زماني ۾ سنڌ
    ۾ ڀلاڀلا گهوڙا هئا. عام طرح ماڻهو مٿن سوراري ڪندا هئا. جنگ مهل گاڏين ۾ ٻڌندا هئا. جنگي جوڌن جي سواري لاءِ گهوڙا ڌار هوندا هئا. جيڪي واچوڙي وانگر اڏامندا هئا. گهوڙن جو شرطون به رکيون وينديون هيون. ان وقت گهوڙن کي تڙ ڪرائي، سينگاري ميدان تي آندو ويندو هو. گاڏين ۾ گهوڙيون جوٽيون وينديون هيون. هندو گهوڙن جو گوشت کائيندا هئا. سنڌ ۾ گهوڙن جو واپار ٿيندو هو. اتر طرف سنڌ جي گهوڙن جا واپاري هوندا هئا. مصر ۾ به پهرين سنڌ جا گهوڙا وڪامندا هئا.
    جڏهن آريا سنڌ ۾آيا، تڏهن گهوڙن جي اهميت وڌي ويئي. هو گهوڙن جي قرباني ڪرڻ لڳا، جنهن کي سندن زبان ۾ ” اشو ميڌيگيت“ چئبو هو. سندن عقيدو هو ته ائين ڪرڻ سان منجهن گهوڙي جي رفتار ۽ طاقت پيدا ٿئي ٿي. هنن به گهوڙن کي جنگ ۾ ڪم آندو ۽ گاڏين ڇڪڻ ۽ هر ڪاهڻ ۾ به استعمال ڪيو. آرين گهوڙن کي چوگان بازي ۾ به ڪم آندو. 218 ق- م ۾ جڏهن قرطاجنه جي سپهه سالار، هني پال رو م تي چڙهائي ڪئي، تڏهن ان جي فوج ۾ 12 هزار گهوڙا هئا، جن لاءِ مورخ لکن ٿا ته ” اهي سڀ گهوڙا سنڌي هئا ڇو ته انهن ڏينهن ۾ تن ملڪن جي واپاري تعلق سنڌ سان هو. “ سنڌو ندي جا رهاڪو چچ بن سيلائج کي ڍل ۾ پنج سئو سنڌي گهوڙا ڏيندا هئا، انهن ماڻهن مان ڪرد ذات جا ماڻهو قابل ذڪر هئا.
    عربن 711ع ۾ سنڌ کي فتح ڪري گهوڙن جي واپار کي ترقي وٺرائي، حجاج بن يوسف گهوڙن جي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ جي صوبي سينان جي گادي زرنج ۾ گهوڙن جي پرورش جو انتظام ڪيو. هن خراسان ۽ ايران کان گهوڙا گهرائي، مقامي نسل ۾ ٻاهريون تخم پيدا ڪرايو. ان زماني ۾ ڪيڪان سنڌ جو هڪ سرحدي شهر هو، جتان جا اعلى نسل جا گهوڙا مشهور هئا، جيڪي ڪيڪاڻ سڏبا هئا. عربن هتان جا گهوڙا پنهنجي ملڪ ۾ نيا،انهن جو نسل وڌايو ۽ عربي گهوڙا دنيا ۾ مشهور ٿيا. جيڪي اصل ۾ اهي سنڌي گهوڙا هئا. سنڌ ۾ عراقي گهوڙو پنج سئو دينارن ۾ وڪاميندو هو. سنڌ جا گهوڙا مڪران جي بندر کان ٻاهرين دنيا ۾ موڪليا ويندا هئا.
    سومرن جي دور ۾ هرمز، قيس، بحرين ۽ عدن کان هر سال ڏهه هزار گهوڙا سنڌ ۾ وڪري لاءِ ايندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ في گهوڙي جي قيمت 220 دينار هئي. 1521ع ۾ جڏهن سمن ۽ ارغونن جي جنگ لڳي، تن ۾ سنڌي گهوڙا ڪتب آندا ويا. سنڌ جڏهن دهلي سلطنت جي قبضي هيٺ هئي، تڏهن محمد شاهه تغلق پنهنجي شاهي اصطبل ۾ سنڌي گهوڙن جي خاص پرورش ڪرائي. سنڌ جي گهوڙن جي تيز رفتاري کي ڏسي، هن گهوڙن جي معرفت ٽپال گهرائڻ جو بندوبست ڪيو. اهڙي طرح بصره ۽ ملتان جي وچ ۾ 15 ڏينهن ۾ ٽپال پهچندي هئي. اهڙي ٽپال کي ” اولاق“ چئبو هو. مرزا محمد باقي جي خاص وزير خميسي خان وٽ عراقي، ڪڇي، ترڪي، تازي، زهري ۽ ڪوهستاني گهوڙا هئا. سلطان فيروز شاهه تغلق نئون شاهي اصطبل ٺهرائي گهوڙن جي پرورش لاءِ هڪ علمدار آخوند بيگ مقرر ڪيو . هو هر سال ويهه هزار گهوڙا سنڌ مان خريد ڪندو هو. تغلق بادشاهه گهوڙن رستي خراسان کان تازا ميوا گهرائيندا هئا. علاوءُ الدين خلجي جي ڏينهن ۾ سنڌ جي والين نصرت خان احمد خان فوجين ۾ سنڌي سپاهي ڀرتي ڪيا، جيڪي پاڻ سان سنڌي جنگي گهوڙا به دهلي وٺي ويا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ به گهوڙن کي جنگ ۾ ڪم آندو ويندو هو. انهن ئي گهوڙن بابت فتح نامي ۾ آهي ته ؛

    چه گويم رفتار آڻ بادپا،
    که جو يه سراغش نيم ازحبا
    به شهباز فکرم هم آهنگ بود
    که بروي فضاءِ زمين تنگ بود

    ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ جڏهن انگريز سياح هتي آيا، تن سنڌ جي گهوڙن کي ڏاڍو ساراهيو. باربوسا لکي ٿو ” سنڌي گهوڙا جيتوڻيڪ سنها ۽ هڏاوان ٿين ٿا. پر ڏاڍا مضبوط، تيز رفتار ۽ غير معمولي ٿين ٿا.“ پاٽنجر لکي ٿو ته ” سنڌ ۽ بلوچستان جا گهوڙا ڏاڍا طاقتور، مضبوط، قد ڪاٺ جا ۽ وڏا ٿين ٿا پر اهي گهڻو ڪري انتهائي چالاڪ آهن. جيڪي گهوڙا انهي ملڪ کان هندستان ڏانهن آندا ويندا آهن تن مان اڪثر قلات جي ڏاکڻي علائقي ۽ ڪڇ گنڊاوا جا پاليل هوندا آهن. لس ۽ مڪران ۾ انهي جانورن جو نسل ننڍو ۽ گهٽ جوشيلو ٿئي ٿو. ريگستان جي الهندي طرف ڏانهن رهندڙ بلوچي پنهنجا گهوڙا گهڻو ڪري خراسان کان آڻيندا آهن ۽ اهي سردار جن وٽ نسل وٺڻ لاءِ گهوڙيون هونديون آهن سي کين عرب يا ايراني گهوڙن سان لڳ ڪرائيندا ۽ انهي جي ڪري اهي دم جي پختگي، ماٺائي ۽ سونهن ۾ اعلى قسم جا ٿين ٿا.“ ساڳئي طرح پوسٽس لکي ٿو ته ” سنڌ جو گهوڙو تمام مضبوط آهي ۽ طاقتور جانور آهي، جنهن کي خاص طرح بلوچي سردار ۽ جنگجو گهڻي تعداد ۾ استعمال ڪندا آهن ۽ انهن کي تربيت ڏيئي ڪيترائي ڪم ورتا ويندا آهن ۽ انهن کي تربيت ڏيئي ڪيترائي ڪم ورتا ويندا آهن. هت گهوڙن جا مالڪ پنهنجن گهوڙن کي نهايت سٺو کاڌو کارائيندا آهن ۽ شاهوڪار ماڻهو پنهنجن گهوڙن کي سهڻن ۽ قيمتي سنجن سان سينگاريندا آهن. انهن مان سٺي قسم جا گهوڙا خراسان مان پاڻ آڻيا ويندا آهن.“
    1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، هتان جي ٻئي مال سان گڏ گهوڙن کي ڏيساور موڪليو. 1945ع واري حيوانيات جي ڳڻپ گهوڙن جو تعداد 15. 789هو، جيڪو مجموعي تعداد جو 181 سيڪڙو آهي.
    پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 1960 ع واري ڳڻپ ۾ گهوڙن جو تعداد 88243 آهي جيڪو مجموعي تعداد جو 1.19 آهي. جڏهن 1996 ع جي ڳڻپ مطابق گهوڙن جو تعداد پوري سنڌ ۾ 63 آهي ۽ 2000ع مطابق سنڌ ۾ گهوڙن جو تعداد 49 آهي. ( حوالو:سنڌ اسٽيٽڪل ايئر بوڪ 2006) هي سڀ جانورن کان گهٽ آهي. جنهن جو خاص سبب هي آهي جو گهوڙي کي ٻاهر موڪلي زرمبادلو ڪمايو وڃي ٿو. هن وقت سنڌ ۾ ٽن نسلن جا گهوڙا پاليا وڃن ٿا. بلوچي، ڪاٺياواڙي ۽ عربي، بلوچي نسل جا گهوڙا گهڻو ڪري سري ۾ ۽ ڪاٺياواڙي نسل جا گهوڙا وچولي ۽ لاڙ ۾ملن ٿا. عربي نسل جا گهوڙا شوقين ماڻهو هر هنڌ پالين ٿا. اڄ به اسان جي سنڌ ۾ هن شانائتي جانور کي ڳوٺن ۾ وڏو مقام آهي. سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ گهوڙن جي نمائش ٿئي ٿي. جديد زماني جي تقاضائن ۽ سواري جي جديد سهولتن ڪري گهوڙن جي اهميت روزانو گهٽبي وڃي ٿي ۽ ڪو وقت ايندو جو هي شانائتو جانور ڪتابن ۾ ملندو. شاهه لطيف رح گهوڙي جو ذڪر هن سهڻن ۽ پيارن لفظن ۾ ڪيو آهي.

    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا

    7 – گڏهه ۽ خچر
    گڏهه سنڌ جو غريب ۽ ڪمائتو جانور آهي. جيڪو سواري لاءِ به ڪم ڏي ته بار ڍوئڻ لاءِ به ڪم اچي. پراڻي زماني کان وٺي غريب ڪمي ڪاسبي هن تي مال کڻي ٻاهر وڪري لاءِ ويندا هئا. ڪنڀر ۽ مهاڻا پنهنجا ٿانو ۽ مڇي کڻي پنهنجي آهتين کي پهچائيندا هئا. ان ڪري گڏهه جو اسان جي معاشرتي زندگي ۽ ٻولي تي به اثر پيو. بيوقوف ماڻهو کي گڏهه سڏيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي سڻي ۽ ٻئي کي لفٽ ئي نه ڏي ان کي ”خرمغز “ چئبو آهي. بي سري آواز لاءِ گڏهه جي هينگ محاورو ڪم آڻبو آهي. ” سونٽي هجي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري“ مشهور سنڌي پهاڪو آهي. باشتير گڏهه ضدي ماڻهو لاءِ ڪم آڻبو آهي. وتائي فقير جي ٽوٽڪن ۾ گڏهه ساڻس گڏ هوندو هو. پرمانند ميوارام لکي ٿو ته ” گڏهه جي شڪل ڪهڙي نه سهڻي چٽي آهي گڏهه شڪل جو سادو، ڪم جو جانٺو، ٿڪجڻ جو ئي نه آهي. هلڻ جو اهڙو تڪڙو ڪينهي پر يڪساهي پيو ٽرندو، سٽ هڻندو هلندو، منزل هڻي ايندو ته ليکيندو ئي ڪين“. کاڌو به سهنج سڀاءُ جو،جيڪي مليو سو واهه واهه، خير صلاح ڇاجي، ٽانءِ ڇا جو پٽڪو، ڇوڙي ڇڏيندس جيڪو به ڪک ڪانو مليس سو لنگهائي وجهندو پيٽ ۾، هاري ۽ ڪمي ماڻهو جن تي ملڪ تڳي ٿو تن جو ته ٻيلي آهي. ڇا باغين، ڇا پورهيتن، ڇا رازن، مطلب ته خلقت جي ٽين پتي جو نه ڄاڻان ڪهڙو حال ٿئي ها جي گڏهه نه هجي ها . اهو ويچارو گڏهه آهي، جو هيتري سٽ ٿو سهي ۽ هر دم حڪم ۾ ٻڌو بيٺو آهي. ڇا کير، ڇا ميوو، ڇا ڀاڄي ڀتو، ڇا ڪاٺيون، ڇا آڱر، ڇا پنجهون، ڇا سرون، ڇا چنڇا، پاڻ، سڀ گڏهه کڻي. مطلب ته سڀ کان جيڪو نيچ ۽ گهٽ ڪم سو گڏهه جي نصيب ۾ آهي.
    چوندا آهن ته گڏهه ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان ڇهه ڏينهن پوءِ پيدا ٿيو. مادي گڏهه جو کير ڳاڙهو ٿئي ٿو. جديد سائنسي دور کان اڳ هن جي کير کي حسن لاءِ ٽانڪ جو درجو حاصل هو. روم جي شهنشاهه نيرو وٽ 5 سئو ماديون پاليل گڏهيون هونديون هيون، جن جي کير سان ملڪئه پويا روزانو صبح جو سوير غسل ڪندي هئي.
    منڍ ۾گڏهه نيل ندي جي ماٿري ۾ رهندو هو. ان کان پوءِ هن جو نسل سنڌ ۾ آيو. سنڌ ۾ گڏهن جا ٻه نسل هئا جهنگلي گڏهه هت گهڻا هئا رڻ ڪڇ ۾ سندن تعداد گهڻو هو پوءِ ماڻهن ڪتن معرفت کين پڪڙي گهرن ۾ ڌاريو. هو ٽيهه کان پنجٽيهه ميل في ڪلاڪ ڊڪي سگهندا هئا. آرين جي دور ۾ هتان گڏهه هندستان جي ڪن حصن ڏانهن موڪليا ويندا هئا. خلجين جي زماني ۾ شهنشاهه هند علاءُالدين خلجي ڏانهن سنڌ جي گورنر نصرت خان 1276ع ۾ جيڪو مال غنيمت موڪليو هو، اهو سنڌ جي ٽن هزار خرچن تي موڪليو ويو. مغلن جي زماني ۾به هتان گڏهه ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندا هئا.
    خچر به گڏهه جو هڪ ترقي يافته نسل آهي.بابل کان اسڪندريه تائين جنهن گاڏي ۾ سڪندر اعظم جو لاش نيو ويو، ان گاڏي کي 64 خچرن ڇڪيو هو. مغلن جي دور ۾ خچرن جي قيمت هزارين روپيه هئي. عربستان ۾ سنڌي خچر گهڻي انگ ۾ وڪرو ٿيا. ابو العباس احمد ڪلڪشبندي جيڪو 8 صدي هجري ۾ سنڌ ۾ آيو سو هتان جي گڏهن ۽ خچرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” هتي گڏهه ۽ خچر جام ٿين ٿا. پر انهن جي سواري کي معيوب سمجهيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ عوام ڪڏهن ڪڏهن انهن تي سواري تي سواري ڪري به وٺندو آهي پر معززين ۽ اهل علم مان ڪوبه ڪڏهن خچر تي سوار نه ٿو ٿئي. گڏهه جي سواري کي ته هيڪاري سخت ذلت آميز ۽ باعث ننگ سمجهيو وڃي ٿو . اهو ئي سبب آهي جو اهي بار ڍوئڻ جي ڪم اچن ٿا.“فرانسيسي ماهر حيوانيات بفن لکي ٿو ته ” گهوڙن جو وجود دنيا ۾ نه هجي ها ته اڄ اسان جي دلچسپي جو مرڪز گڏهه هجي ها ڇو ته هو شرافت جو مسجمو آهي ۽فطري طرح هن کي گهوڙي تي اها برتري حاصل آهي، جو هن تي گرمي اثر نه ٿي ڪري، پر گهوڙو گرمي ۾ نڍال ٿي مري وڃي ٿو. انهن سڀني حقيقتن جي باوجود به گڏهه اسان وٽ برائي ۽ نفرت جي علامت آهي.“
    انگريزن جي زماني ۾ هت طاقتور گڏهه ۽ خچر هوندا هئا، جيڪي اٺ سان گڏ بار برادري لاءِ ڪم ايندا هئا. جڏهن 1945ع ۾ انگريز حڪومت حيوانات جي ڳڻپ ڪرائي، تڏهن ان ۾ هنن جو تعداد 125598 هو جيڪو جملي حيوانات جو 2.15 سيڪڙو هو. جڏهن ته 2000ع مطابق پوري سنڌ ۾ گڏهن جو تعداد 533 ۽ خچرن جو تعداد 10 آهي. ( حوالو: سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006)
    هن وقت پاڪستان جي ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ گڏهه عام نظر ايندا آهن. شهرن ۾ گڏهه گاڏا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ مال ۽ سامان ڍوئيندا آهن ۽ ڳوٺاڻي ايراضي ۾ چڙهيءَ لاءِ ڪم ايندا آهن. پر اتي اهو مال کڻندو آهي. هاڻي ڳوٺاڻن علائقن مان گڏهه گهٽبو وڃي ٿو. صرف اتي سٺي نسل جا گڏهه ڪن شوقين ماڻهن وٽ ڏسجن ٿا، جيڪي ڊوڙائڻ ۽ گاڏن ۾ ڪم اچن ٿا.

    8 – ڪتو
    ڪتو ڪنهن نه ڏٺو هوندو، انسان جو وفادار، دوست ۽ ڪمائتو جانور هر ڳوٺ، واهڻ، شهر ۽ وستي ۾ نظر ايندو. ڳوٺاڻن سان ته هن جو ازلي ناتو آهي. هي حيوان گهر کي پهرو ڏيندو رهندو آهي. سنڌي ٻولي تي ته هن جو وڏو اثر آهي. ان ڪري ڊزن کن محاوارا ۽ چوڻيون هن سان وابسته آهن. ڇتي ڪتي وارو چڪ، دفتر ڪتا کڻي وڃڻ، ڪتن هاب ٿيڻ، ڪتي جو وڙ نه هجڻ، ڪتو ڪڙم جو ويري، بڇڙو ڪتو ڌڻي پڻائي، نه ڪتو ڏسي نه ڀونڪي، ڪتو ڪتي کي نه سهي، دنيا آهي ڍونڍ ان جو طالب آهي ڪتو، سياڻن نفس کي ڪتي سان ڀيٽيو آهي. هنن چوڻين مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتي جو اسان جي روزاني معاشرتي زندگي تي وڏو اثر آهي . سنڌي ادب ۾ ڪتي تي خاص ڪهاڻيون لکيون ويون ۽ بيت چيل آهن. لطيف سائين سسئي کي ٻوٽيون ٿي ڪيچ جي ڪتن جو کاڄ بڻجڻ جي تلقين ڪئي آهي. ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون ته ڪتا کائنني ڪيچ جا. حمل فقير ته محبوب جي پاسي جي ڪاري ڪتي تائين قربان ٿو وڃي. رشيد ڀٽي جي بهترين ڪهاڻي ”بڻ“ ۽ اياز قادري جي ڪهاڻي ” ڪتي جو موت“ سنڌي ادب جو لافاني شيون آهن. جيڪي ڪتن سان تعلق رکن ٿيون.
    سنڌ ۾ ڪتو، پراڻي زماني کان ڌاريو ويندو هو. 15 هزار ق – م جي پراڻي شهر موهن جي دڙي جا ماڻهو ڪتا پاليندا هئا، جن سان هو شڪار به ڪندا هئا ۽ پنهنجو بچاءُ به ڪندا هئا ته هو مٿن ڪتن جي بڇ به ڪرائيندا هئا. ويدڪ دور جا ڪتا نهايت قدآور هوندا هئا ۽ ماڻهو مٿن ڪڏهن ڪڏهن بار به ڍوئيندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ مال ڌارڻ ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ جو رواج هو. ان ڪري ڪتن کان مال چارڻ ۽ گهر کي پهري ڏيڻ جو ڪم به ورتو ويندو هو. آريا شڪار جا شوقين هئا، ان ڪري اهي ڪتن کي وڏي شوق سان پاليندا هئا. ڪتن جي مدد سان هت شينهن، هرڻ، هاٿي ۽ چيتي جو شڪار ڪيو ويندو هو. سنڌ جا راجا شينهن ۽ مرون سان ڪتن جو ويڙهون به ڪرائيندا هئا. سنڌ جي ڪتن کي هاٿين وانگر جنگين ۾ اهم حصو وٺي تاريخ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو آهي. اٿينز واري جنگ ۾ سنڌي جوج پاڻ سان گڏ ڪتن کي به وٺي ويئي هئي، جن ان جنگ ۾ وڏي بهادري ڏيکاري. سڪندر مقدوني جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هتان جي ماڻهن هاٿين سان گڏ ڪتن کي به آندو هو، جن کي ڏسي يوناني اچرج ۾ پئجي ويا هئا. هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ان وقت ڪتا اهڙا بهادر ۽ طاقتور هئا جو اهي شينهن سان مقابلو ڪندا هئا. اهي جبرا ۽ طاقتور ڪتا سنڌ جا رهاڪو داردستان، ڪشمير، گلگت ۽ چترال مان گهرائيندا هئا. “ ايران جا رهاڪو ڪتا سنڌ مان گهرائيندا هئا ۽ ان لاءِ وڏي رقم ڀريندا هئا. سڪندر کي سنڌ جي راجائن ڪجهه ڪتا سوکڙي طور ڏنا هئا. ايران جي اشڪائي ڪسرائن سنڌ جي ڪتن حاصل ڪرڻ لاءِ بابل جي چئن ڳوٺن ۾ سنڌي ڪتن جو نسل جاري ڪيو. ستين صدي عيسوي برهمڻ چچ سنڌ تي قبضو ڪري لوهاڻي جي جتن سان سزا طور هڪڙو قانون اهو به لاڳو ڪيو هو ته ٻين خدمتن سان گڏ هو واٽن ۽ رستن جي حڪمرانن جي رهنمائي ڪن ۽ گهر کان ٻاهر نڪرن ته پاڻ سان ڪتو ڪاهين، جڏهن چچ ايران جي مدد لاءِ هڪ فوجي دستو موڪليو، تڏهن سنڌي پاڻ سان فوجي ڪتا به وٺي آيا.
    عربن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ٻي هر شيءَ وانگر هتان جي ڪتن کي به قدر جي نگاهه سان ڏٺو . هنن هتان جي تازي ڪتن جي نسل کي عرب ۾ آندو ۽ ان جي افزائش تي خاص ڌيان ڏنو. عرب حڪمران، سنڌ جي باغي قومن کان خراج طور ڪتا وٺندا هئا. عرب حاڪم عمران برمڪي جاٽن کي حڪم ڏنو ته هو جڏهن به وٽن اچن تڏهن پاڻ سان گڏ هڪ عمدي نسل جو ڪتو به آڻين. ان حڪم ڪري سنڌ جي ڪتن جي قيمت پنج سئو درهم ٿي وئي. سومرن جي دور ۾ ڪتن سان شڪار ڪيو ويندو هو. وڏي پٽ دودي کي جڏهن پڻس ديس نيڪالي ڏني، تڏهن هو پاڻ سان پنهنجا ٻه خاص ڪتا وٺي روانو ٿيو. تن جا نالا ڪڪر ۽ ڀوئرن يا موتي ۽ ڀوئنر هئا. ڪتن سان دودي کي ايڏو پيار هو جو ان وقت انهن لاءِ سونيون سنگهرون جوڙايون ويون، مال جي حفاظت لاءِ پڻ ڪتا ڌاريا ويندا هئا.
    ٽالپر حڪمران شڪار جا شوقين هئا، ان ڪري ڪتن کي لاڏ ڪوڏ سان پاليندا هئا. خاص ڪري مير فتح علي خان ۽ مير نصير خان اعلى نسل جا ڪتا ڌاريندا هئا ۽ انهن جي مدد سان هرڻن ۽ مرن جو شڪار ڪندا هئا. مير علي مراد خان وٽ اهڙا ڪتا به جيڪي شينهن سان مقابلو ڪندا هئا. ان دور ۾ ڪتا ڳوٺن جي حفاظت ڪندا هئا. هڪ انگريز سياح چارلس مئسن کي منڇر ڍنڍ جو سير ڪندي اچي ڪتن ورايو ته هن وڻ تي چڙهي ساهه پٽيو.
    سر هينري پاٽنجر لکي ٿو ” سنڌ ۾ ڪتا رڍن جي چوڪيداري جو ڪم ڪن ٿا. تازي ڪتن جو هت وڏو قدر ڪيو وڃي ٿو . اهي ڪتا تمام وڏا ۽ طاقتور ٿين ٿا. جڏهن اهي ڪاوڙ ۾ اچن ٿا، تڏهن انتهائي وحشي ٿي وڃن ٿا، پر عام حالتن ۾ اهي ايتري قدر ته غريب طبيعت ۽ ماڻيٺا هوندا آهن جو انهن کان وڌيڪ ماٺيڻن ڪتن جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي “. جهنگلي ڪتو انهي قسم جو ٿئي تو جو جيسين ماڻهو مسلح نه هجي. تيسين انهن مان ڪنهن به هڪ کي مٽائڻ خطرناڪ ٿيندو. اهي ڪتا ويهن ۽ ٽيهن جي ٽولن ۾ گڏجي شڪار ڪندا آهن ۽ اهي هڪ ڍڳي کي پڪڙي منٽن ۾ ماري ڇڏيندا هئا. سنڌ جي اهڙن ڪتن جو ذڪر سر رچرڊ برٽن به ڪيو آهي.
    اڄ به سنڌ ۾ ڪن وڏيرن ۽ زميندارن جي بنگلن تي ڪتن جي ماڻهن کان به وڌيڪ خدمت ڪئي ويندي آهي ۽ کين ست رڇيون کارايون وينديون آهن. هزارن لکن ۾ شرطون رکيو وڃن ٿيون. عام طور اڄ به ڪتا مالڪ جي درن جي حفاظت ڪندي نظر اچن ٿا ۽ هر وقت وفادار نوڪري ۽ زرخريد غلام وانگر پهرو ڏيندا رهن ٿا. لطيف رح ڏسو ته ڪيئن نه سندس سهڻن لفظن ۾ ذڪر ڪري، هن جي اهميت ۽ افاديت کي نمايان ڪيو آهي.

    ڪتو ڪوٺائين، ڪرين نه ڪار ڪتن جيئن،
    ٽڪر کائين سائين جو ڀوڪين ڀي ساڻين،
    سائين ڪين، سيبائين، الهڙا انهي عادتين.

    9 – هاٿي
    هاٿي، سنڌ جو قديم ۽ شانائتو جانور آهي. جنهن سنڌ جي تاريخ ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي سارو سون آهي. سندس هڏا عاج آهن، جيڪي ڪروڙن ۾ وڪامن ان ڪر ي ئي چوندا آهن ته ” هاٿي جيئرو ته لک، مري ته ٻه لک“، هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا“، مشهور سنڌي پهاڪو آهي . جيڪو ٻه روپي ماڻهو لاءِ ڪم ايندو آهي.سنڌ ۾ هاٿي جي موجودگي جا آثار موهن جي دڙي واري زماني مان ملن ٿا. ان زماني ۾ هت هاٿي گهڻي انداز ۾ پاليا ويندا هئا ۽ عاج جو وڏي پيماني تي ڪاروبار هلندو هو. سمير جيڪو دنيا جو قديم ترين شهر هو. سو سنڌ مان عاج گهرائيندو هو. حضرت موسى عليه السلام هڪ معاهدي هيٺ هتان سون ۽ عاج وٺندو هو. حضرت سليمان عليه السلام لاءِ هتان عاج جا ٻيڙا بيت المقدس پهچندا هئا. ڊاڪٽر ڪريم لکي ٿو ته ” عاج جي اصلي پيدائش هن ئي وادي ۾ ٿي.“ هي علائقو پراڻي زماني کان قدرت جي نعمتن سان مالا مال هو، هتي جهنگلن جي ڪثرت هئي. جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ هاٿي هوندا هئا. موهن جي دڙي جا مرد ۽ عورتون گهڻي انداز ۾ عاج جا زيور پائيندا هئا. ان وقت عاج مان بت به ٺاهيا ويندا هئا، جيڪي ٻاهرئين دنيا ۾ وڏي اگهه تي وڪامندا هئا.
    ويدڪ دور ۾ هتان جا رهاڪو پالتو هاٿين سان جهنگلي هاٿي ڦاسائي، کين پاليندا هئا. مٿن سواري به عام ڪئي ويندي هئي. وڏا وڏا راجا پنهنجن نياڻين کي ڏاج ۾ هاٿي ڏيندا هئا ۽ نياڻي لاءِ اهو وڏو اعزاز هو، جنهن تي هو ساري ڄمار فخر ڪندي رهندي هئي. ان وقت سنڌ جي هڪ راجا رشي ( ڳوٺاڻي شاعر) کي جڏهن پنهنجي نياڻي ڏني تڏهن ڏاج ۾ کيس هاٿي به مليو. آريه به هاٿي کي فخر سان پاليندا هئا. جن ماڻهن وٽ هاٿين جا رٿ هوندا هئا، تن جو ڪوبه مٽ ۽ ثاني ڪونه سمجهيو ويندو هو. سنڌ جي هاٿي جي خاص ڳالهه جيڪا تاريخ ۾ نمايان آهي سا آهي سنڌي هاٿي جو جنگين ۾ حصو وٺڻ، سنڌ جي بقا ۽ سالميت لاءِ جتي هتان جي رهاڪن، سر قربان ڪيا، اتي حيوان رت جو نذرانو ڏيئي پنهنجي مالڪ ۽ ملڪ تان خود قرباني جا اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن. 217 ق – م جڏهن يونان جي سردار پائرهس، سمنڊ ٽپي اطلاليه تي حملو ڪيو، تڏهن ان جي لشڪر ۾ به سنڌ جا هاٿي هئا. رومي حاڪم به سنڌ مان هاٿي گهرائيندو هو.
    388 ق – م سڪندر مقدوني سنڌ تي حملي آور ٿيو . هت کيس جنگ جي ميدان ۾ چئن ئي طرفن کان هاٿي نظر آيا. ملتان جي جنگ وقت 900 هاٿي سنڌي لشڪر ۾ هئا. ارجبل واري ميدان ۾ سنڌين چار هزار جنگي هاٿي آندا. سڪندري فوج جو هڪ آفيسر هيرو ڊوٽس لکي ٿو ته ” جنگ جي ميدان ۾ سنڌي راجائن، لشڪر جي هاٿين جون قطارون کڙيون ڪيون هيون. جنهن شهر تي يوناني ڪاهه ڪندا هئا، اتي سنڌي هاٿين کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏيندا هئا.“ جيڪي اسان جي ماڻهن کي گهڻو پريشان ڪندا هئا. اهي عجيب و غريب جانور يونانين ڪڏهن به ڪونه ڏٺا هئا. سڪندر هاٿين کي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ سنڌين کان مدد ورتي. اونيڪري ڊويس لکي ٿو ته ؛ هاٿي سڀني جانورن ۾ سياڻو آهي. سنڌي کيس هٿيار هلائڻ ۽ پٿر اڇلائڻ سيکارين ٿا. جيڪڏهن ڪو پهلوان جنگ جي ميدان ۾ مرندو هو ته هاٿي سندن لاش کي دفنائيندو هو .زخمين کي دشمن جي حملي کان به بچائيندو هو.
    409 ق – م ۾ جڏهن دارا اٿينز تي ڪاهه ڪئي هئي تڏهن هن جيڪا پاڻ سان گڏ سنڌي فوج هئي تنهن سان گڏ سنڌي هاٿي به هئا. دارا گشتا سپ اول، سنڌ جو اترين حصو فتح ڪري ايلان سان ڳنڍيو هو. جڏهن هن ايرا ن تي ڪاهه ڪئي، تڏهن پنهنجي فوجين سان گڏ سنڌي سپاهين کي به وٺي ويو، جن ميدان جنگ ۾ هاٿين کي به ڪتب آندو.
    635 ع ۾ ايران جي بادشاهه يزد جرد ۽ عربن جي وچ ۾ جنگ لڳي ان وقت سنڌ جي راجا ايران وارن جي مدد لاءِ هڪ فوج موڪلي جنهن ۾ جنگي هاٿي به هئا. هن ۾ عرب فوج جو سپهه سالار حضرت ابو عبيده رضي الله تعالي عنه هڪ اڇي سنڌي هاٿي هٿان شهيد ٿي ويو. طبري جي لکڻ موجب ” اهي سنڌي هاٿي عربن جي هڪ عجوبو هئا، جن مان ڪي هاٿي پڪڙي هنن عربستان نيا.“ برهمڻ جي دور حڪومت ۾ هاٿي سرڪاري طرح پاليا ويندا هئا. چچ وڏا چراگاهه قائم ڪيا هئا. جن ۾ سندن پالنا سان گڏ کين جنگي سکيا به ڏني ويندي هئي. 711 ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن راجا ڏاهر اروڙ واري جنگ ۾ هاٿين کي استعمال ڪيو. سٺ هاٿين جا دستا پيادل فوج جي اڳيان پٺيان هئا. راجا ڏاهر پاڻ به هڪ اڇي هاٿي تي سوار ٿي جنگ جي ڪمانڊنگ ڪئي. ان وقت هت هاٿين جو رواج هو. ڪتاب المسالڪ و الممالڪ وارو لکي ٿو ته ” سنڌ جا راجا قدآور هاٿي پالڻ جا ڏاڍا شوقين آهن. وڏيون وڏيون قيمتون ۽ ڪيترو سارو سون ڏيئي خريد ڪندا آهن. سڀ کا ن اوچي هاٿي جو قد نو هٿ آهي . البته سلون جا هاٿي 10 يا 11 هٿ ٿيندا آهن.“
    عربن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هاٿين جو وڏو انگ عربستان موڪليو. سنڌ ان جي حاڪم مامون الرشيد کي هڪڙو هاٿي سوکڙي طور موڪليو. مامون ان کان ايترو ته خوش ٿيو جو سنڌ جو سمورو علائقو سندن حوالي ڪيو . سنڌي ڇوڪرا عربستان ۾ پنهنجن چالاڪين ۽ اٽڪلن سان هاٿين جا ڪرتب ڏيکاريندا هئا. سنڌ ۾ منصوره ۽ ملتان جي عرب حاڪمن وٽ هاٿي هوندا هئا، جن تي هو سواري ڪندا هئا. منصوره جي عرب حاڪم وٽ اسي جنگي هاٿي هئا. جن مان ٻه اهڙا هئا، جن جي مشهوري ساري هندستان ۾ هئي. انهن مان هڪ جو نالو منفرقلس۽ ٻئي جو حيدره هو.
    سومرا حڪمران به هاٿي پالڻ جا شوقين هئا. ڀونگر بادشاهه وٽ ڀورو هاٿي هو. دودي جو مرڪنو هاٿي مشهور هو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾، سنڌ جا حڪمران شاعرن ۽ سخن ورن کي ٻين شين سان گڏ هاٿي به انعام ۾ ڏيندا هئا. سنڌ جڏهن تغلق گورنرن جي قبضي ۾ هئي، تڏهن هتان هاٿي دهلي موڪليا ويندا هئا. محمد شاهه تغلق هاٿي ڌارڻ جو شوقين هو. هن وٽ شاهي فيل خانه هئا، جن ۾ هزارين جي تعداد ۾ هاٿي پاليا ويندا هئا. فيل خاني جي علمدار کي شهنائي فيل چوندا هئا. هاٿين جي سوڍن ۾ ترارون ٻڌبيون هيون. مغلن جي زماني ۾ بادشاهن وٽ هاٿين جو وڏو قدر هو. بادشاهه جنهن تي راضي ٿيندو هو ته کيس هاٿي ڏيندا هئا. اڪبر سلطان محمود بکري کي خوش ٿي چار هاٿي ڏنا هئا. مرزا غازي بيگ ترخان، هڪ سنڌي شاعر کي پالڪي سوڌو هاٿي ڏنو هو. ڪلهوڙن جي زماني ۾ جنگ جي ميدان ۾ وقتي طور هاٿي کان ڪم ورتو ويندو هو.
    هاٿي جي هڏن کي عاج چوندا آهن. انگريزن جي زماني ۾ هت عاج جي صنعت عروج تي هئي. هئلملٽن لکي ٿو ته ” هاٿي جي ڏندن جو هت کاپو تمام گهڻو هو . زالون ڪلهن کان ٺونٺين تائين ۽ ٺونٺين کان ڪرائين تائين عاج جون ٻانهيون پائن ٿيون. ان کان سواءِ لاٽون، چمچا، عطردانيون، پيپروويٽ، چانهه دانيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سنهيون ٿلهيون شيون عاج مان ٺهن ٿيون.“ پوئين زماني ۾ پير حزب الله شاهه راشدي هڪ هاٿي مولانا بهائي کي سندس هڪ شعر کان متاثر ٿي انعام طور ڏنو هو. بهرحال هاٿي سنڌ جي تاريخ جو اهم باب آهي. لطيف رح سندس ذڪر هن طرح ڪيو آهي.

    ڏٺو ڪال ڪهين، جهنجهار ڪوجهيڙو
    هاٿين هڏ مچايا، ريلو رت نيئن،
    ڀائن سان سنئين، جئان جيءُ جوکو ٿئي

    10 – هرڻ
    هرڻ جو نالو ڀلا ڪنهن نه ٻڌو هوندو. سنڌ جو هي سهڻو ۽ سنهڙو جانور سڀني کي وڻندو آهي. هلڪڙو جسم، هلڪو ريحائون پيٽ، هلڪو ڀورو ڳاڙهو رنگ، ڊگها سنها سنها سڱ، نهايت سهڻو مهانڊو، ننڊا ڪن، هنسي ڳچي، ننڍڙو پڇ، سنهڙا ۽ ننڍڙا هلڪڙا نجملي وار، ڊگهيون مضبوط کڙيون، چست ٽنگون ۽ ننڍا کر هي آهي قدرت جي حسين سورکڙي، ٿر جو بي نظير تحفو، سنڌ جي انمول سوکڙي، جيڪو خالق ڪائنات پنهنجن سنڌي ٻانهن کي عنايت ڪيو آهي. هرڻ جي خاص ڳالهه آهي سندس حسين وڏيون ۽ ڪاريون گول اکيون، جنهن ڪري هرڻ شاعري جو خاص موضوع رهيو آهي. شاعر پنهنجي محبوب جي اکين کي هرڻ جي اک سان تشبيهه ڏيئي سندس حسن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ ان کي ” مرگهه نين “ چوندا آهن. شاعريءَ جي هڪ خاص صنف غزل به هن سان واسطو رکي ٿي. سنڌ جي مشهور شاعر عبدالجبار جوڻيجي جي شاعري جو مجموعو به ” مرگهه ترشنا“ آهي. حميد سنڌي جي ڪهاڻي هرڻي ۽ بردي سنڌي جو نظم هرڻي به مشهور آهن. حضور اڪرم ﷺ هڪ هرڻي جا ضامن پيا هئا. سنڌي لوڪ ادب ۾ هرڻي جو معجزو اهم حيثيت رکي ٿو. جنهن کي سنڌي جي عوامي شاعر رمضان واڍي سهڻي نموني ڳايو آهي. غزني ملڪ جو هڪ سپاهي ستگين هرڻي جي دعا سان بادشاهه ٿيو. ننڍڙا ٻار هرڻي جي ٻچڙي کي ڏاڍو پيار ڪندا آهن. ان ڪري شهر جي وڏن وڏن آفيسرن ۽ ڊنگ سيٺين کي ٻهراڙي جا غريب ماڻهو سوکڙي طور هرڻي جا ٻچا ڏيندا آهن.
    سنڌ ۾ هرڻ جو وجود ويدڪ زماني کان ملي ٿو. ان وقت سنڌ جا رهاڪو هرڻن جو شڪار گهوڙن تي چڙهي ڪندا هئا، ڇو ته هرڻ سڀني جانورن کان ڊڄڻو آهي ۽ خطرو محسوس ٿيندي ئي اڇلون ڏيندو ڀڄندو ويندو. سندس اڇلون ڊگهيون ۽ اوچيون ٿينديون آهن، ان ڪري گهوڙو ئي کيس پهچي سگهندو هو. آرين کڏون کوٽي هرڻ جو شڪار ڪندا هئا، جنهن کي مرگهه ڇالا چوندا هئا. ان پوشاڪ پائڻ جو رواج پوءِ ڪيترن ئي صديون جاري رهيو.
    عربن جي زماني ۾ سنڌ ۾ هرڻ تمام گهڻو هو، جنهن جو ذڪر سيرافي سياح به ڪيو آهي. سنڌ ۾ هڪ هرڻ جو قسم هو، جنهن مان مشڪ ملندو هو ۽ هت مشڪ ايتري ته گهڻي ٿيندي هئي جو عرب تاجر ان جو واپار ڪندا هئا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچندي هئي. حضور اڪرم ﷺجي سامهون جڏهن مشڪ جي ڳالهه نڪتي ته پاڻ فرمايائون ته ” ڇا اها سمورين خوشبوءَ وارين شين ۾زياده پاڪيزه خوشبو نه آهي.“
    ٽالپرن جي دور ۾ هرڻ تمام گهڻا هوندا هئا. مير حڪمران جيئن ته شڪار جا شوقين هئا، ان ڪري هنن هٿرادو ٻيلا رکائي هرڻن جي نسل کي بچايو. نئٽن ڪرو لکي ٿو ته ” مير فتح علي خان حيدرآباد جي ڀرسان هڪ ٻيلي ۾ ” ڪوٺاپي“ نالي نسل جي هرڻ جي حفاظت ڪئي جنهن جو هو شوق سان شڪار ڪندو هو. مير مراد علي خان سنڌ ۾ ڪارن هرڻن جو رواج وڌو، جيڪو ان کان اڳ سنڌ ۾ نه هو.“ مير حاڪم بازن، ڪتن، چيتن ۽ بندوقن سان هرڻن جو شڪار ڪندا هئا. سر رچرڊ برٽن سنڌ ۾ بازن سان هرڻ جي شڪار ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جو شهزادو شاعر مير سانگي به هرڻ جي شڪار جو شوقين هو. سندس هڪ شعر آهي.
    بندوقون هڻي ڪي، هرڻ مارجن، وري ڪجي ڪا ڏاڏاڻي ڪار
    هرڻ جي کل به ڏاڍي قيمتي آهي، جنهن مان بوٽ، نماز جا مصلا ۽ گاديليون ٺهنديون آهن. هن جا سڱ به سهڻا ٿين ٿا. جيڪي شوقين ماڻهو پنهنجن جاين ۾ بيهاريندا آهن. مير مراد علي خان وٽ هرڻ جا 16 انچ ڊگها سڱ هئا.
    اڄ به سنڌ جي ريگستاني علائقي ۾ ڪافي هرڻ ملن ٿا. جنهن جي شڪار تي عرب حڪمران ٻاهران اچي ڪروڙ ها روپيه خرچ ڪن ٿا. 2000 ع جي سنڌ ۾ جانورن جي ڳڻپ مطابق سنڌ ۾ 400 هرڻ هجڻ جي تصديق ڪئي ويئي.

    ( حوالو: روزاني ڪاوش پهرين جو ن 2007)

    11 – جهنگلي جانور
    اسان جي سنڌ ۾ آڳاٽي وقت ۾ جهنگ ۽ ٻيلا گهڻا هئا، جن ۾ ڪيترائي عجيب وغريب رهندا هئا. جن جو سڌو يا اڻ سڌو اثر اسان جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي تي پيو. هت انهن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن جي ڄاڻ ۽ تاريخ اسان جي نئين نسل جي معلومات ۾ سئو سيڪڙو واڌارو ڪندي.
    شينهن کي دنيا ج طاقتور جانور سڏيو ويندو آهي، هي سنڌ ۾ تمام گهڻو هوندو هو. موهن جي دڙي جا ماڻهو شينهن ۽ چيتن جو شڪار ڪندا هئا. ويدڪ زماني جا ماڻهو شينهن ۽ چيتن جي کلن ان ٺهيل پوشاڪون ڍڪيندا هئا. يوناني نيرڪوسن کي سنڌين چيتن جي کلن مان ٺهيل لباس پهرايو هو. آريه شينهن کي پنجوڙن ۾ ڦاسائيندا هئا ۽ ڪي وري ڪتن جي مدد سان به ماريندا هئا. سومرن جي زماني ۾ سنڌ جي ٻيلن ۾ شينهن رهندا هئا. وڏي ڀونگر هڪ شينهن ماريو هو. چنيسر لاءِ به لوڪ داستانن ۾ شينهن مارڻ جو ذڪر ملي ٿو. ٽالپرن جي دور ۾ هت شينهن جام هئا. مير غلام علي ٽالپر لاکاٽ جي جهنگ ۾ شينهن ماريو هو. انگريزن جي زماني ۾ شينهن جو ذڪر ملي ٿو.
    سنڌ ۾ ڪارا ۽ ڀورا رڇ به هوندا هئا. اهي ايڏا ته خطرناڪ هئا. جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو تي حملو ڪندا هئا، ته ان کي مارڻ کان سواءِ نه ڇڏيندا هئا. لاچار ماڻهو ڪنهن واهه يا ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيئي پاڻ کي بچائيندا هئا. هڪ عرب تميم بن عتبي به رڇ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هڪ ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻو پيو، جتان پوءِ نڪري نه سگهيو ۽ اتي ئي مري ويو. عرب اهڙين ڍنڍين کي ” مادر الجوايس“ چوندا هئا.
    مهراڻ جي گهاٽن ٻيلن ۾ ويدڪ واري زماني ۾ گينڊا رهندا هئا. جڏهن ابن بطوطه هت آيو، تڏهن هن جيڪي سنڌ ۾ گينڊا ڏٺا تن جوکان قد هاٿي ٿورو ننڊڙو ۽ مٿو هاٿي کان وڏو هو. سندن رنگ ڪارو هو .گينڊن جي سڱن کي عرب جا واپاري چين ۾ وڪڻي گهڻو ناڻو ڪمائيندا هئا. انهن جي سڱن مان جوڙيل صندوق ٽن هزارن روپين ۾ وڪامندي هئي . ٽالپرن جي دور ۾ به هت گينڊا هئا. ميرحسن علي خان وٽ هڪ گينڊي و سڱ هو، جن جي گولائي 36 انچ هئي. سنڌ ۾ گورخور به هونداهئا. يونانين سان جنگ وقت سنڌين هاٿين، گهوڙن ۽ ڪتن سان گڏ گورخور به استعمال ڪيا هئا. نڪولس وٿنگن لکيو آهي ته ” ٿر جون ڀٽون گورخرن جو هنڌ آهي.“
    هت باندرن جا ولر هوندا هئا. سنڌ جا باندر اوفير جي بندر تان حضرت سليمان ع بيت المقدس گهرايا هئا. يوناني جو بيان آيه ته جڏهن سنڌ ۾ باندرن جو ٽوليون شهرن ۾ اينديون هيون . تڏهن هندو کين اٻاريل چانور کائيندا هئا. شڪاري کين جيئرو ڦاسائي پاليندا هئا. هن وقت به پاڪستان مان هر سال ستر هزار ڀولڙا ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليا وڃن ٿا. هي ڀولڙا هندستاني ڀولڙن کان وڌيڪ صحتمند هوندا آهن.
    سنڌ جاڦاڙها به مشهور هئا. موهن جي دڙي مان ڦاڙهي جا سڱ به لڌا ويا آهن. ٽالپر حڪمرا ن ڦاڙهن جو شڪار شوق سان ڪندا هئا. مير علي مراد خان وٽ ڦاڙهي جا سڱ 26 انچ ڊگها هئا. هت مم جو وجود به ملي ٿو. جنهن جو شڪار ڪمشنر ليوڪس کير ٿر جبل ۾ ڪيو هو، چون ٿا ته هي ماڻهن جا سڀڪجهه چٽي ان کي اپاهج بڻائي ٿي ڇڏي. وڏي ڳالهه ته هت ڏائڻيون به هونديون هيون، جن لاءِ مشهور آهي ته اهي ماڻهن جا هيانءُ ڪڍي کائين ٿيون. اسان جي لوڪ ڪهاڻين ۾ ڏائيڻين جو ڪردار واضع چٽيل ملندو. برهمڻ جي دور ۾ اهڙيون ڏائڻيون چراغن تي چڙهي سواري ڪنديون هيون. هت واگهه به هئا.
    ڪشمور تعلقي جي هڪ جنگهل ۾ واگهه گهڻا هئا، جن جو مير مراد علي خان شڪار ڪندو هو. هن واگهن جي کلن مان هڪ تنبو به ٺهرايو، جيڪو پوءِ هڪ انگريز کي تحفي ۾ ڏنو هئائين. ڪبياس هڪ عجيب جانور جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن جو قد شينهن جيڏو ۽ منهن ماڻهو جهڙو هو. اهو جانور پڇ سان ڏنگ هڻندو هو. هي جانور يونانين،سنڌ جي ٽڪرين ۾ ڏٺو هو، جنهن کي پڪڙي ايران جي شهنشاهه جي خدمت ۾ آندو ويو. يوناني مورخ هيروڊوٽس جي بيان موجب سنڌ جي سيتان واري حصي ۾ هڪ قسم جون ماڪوڙيون هيون، جيڪي لومڙي جي قد جيڏيون هيون، اهي ماڪوڙيون سنڌ جي مٽي ۽ واري مان سون جا ذرڙا ڳولي پنهنجن ٻرن ۾ گڏ ڪنديون هيون.
    گدڙ سنڌ جو مشهور جهنگلي جانور آهي، جنهن جون ڪهاڻيون اسان جي عوامي ادب ۾ عام آهن. هي جانور پنهنجي چالاڪي ۽ ڏاهپ ڪري به مشهور آهي. پنهنجي مطلب لاءِ ڏاڍا ڪم ڪندو آهي. سنسڪرت ۾ هن کي وڏي اهميت آهي. هندي ادب جي مشهور ڪتاب ” ڪليه ۽ دمنه“ ۾ هن جي سياڻپ جون ڳالهيون لکيل آهن . هن ڪتاب جو فارسي ۾ ترجمو ” انورا سهيلي “ جي نالي سان ٿيو. بهرحال هي جانور سنڌ ۾ پراڻي زماني کان ملي ٿو. جڏهن پاٽنجر ڪراچي کان ٺٽي آيو، تڏهن هن هڪ گدڙ ڏٺو، جنهن سندن لفظن ۾ اسان کي خوب ڊوڙايو ۽ نيٺ هڪ کوهه ۾ ٽپ ڏيئي اسان کان ڀڄي ويو. هو لکي ٿو ته : ڪجهه ميل اڳڀرو ملڪ جي اندروني حصي ۾ اسان کي ڪافي تعداد ۾ گدڙ، لومڙ، جهنگلي سوئر، هرڻ ۽ مختلف قسمن جا ٻيا شڪاري جانور ملي پئي سگهيا. پاٽنجر سنڌ جي ڪن ٻين جانورن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” سنڌوندي جي ڪناري وارن گهاٽن ٻيلن سنڌ ۽ گجرات جي درميان واقع ريگستان جي ايراضي ۽ ٻين حصن ۾ شينهن ۽ چيتو ملي سگهندو.“ چراخ ۽ بهگڙ سڄِي ملڪ ۾ پکڙيا پيا آهن ۽ اهي هتان جي ڌڻن ۾ وڏي تباهي مچائين ٿا. چراخ کان سواءِ ٻيو ڪوبه جانور ماڻهو تي حملو ڪونه ڪندو آهي ۽ سو به ان مهل، جڏهن کيس سخت بک تنگ ڪندي آيه ۽ مخالف چڙي ائين ڪندو آهي.
    هندن خاص ڪري برهمڻن جي دور ۾ هت سوئر گهڻا هئا. هندو انهن کي پاليندا هئا ۽ شهرين ۾ سندن ڌڻ هوندا هئا ۽ شهرين ۾ سندن ڌڻ هوندا هئا. ان ڪري عرب فاتحن مسلمانن لاءِ ڌار شهر ٺهرايا. اڄ به سنڌ جي ٻيلن ۾ سوئر گهڻا ملن ٿا. جن جو وڏيرا ڪتن سان شڪار ڪندا آهن. هت واڳون ۽ مانگر مڇ به درياءَ ۾ گهڻا هئا.
    سنڌ ۾ نانگ به دلچسپ ۽ خطرناڪ هوندا هئا. جن مان ڪي زهريلا ته ڪي به ضرر. هر ڪنهن جو رنگ، صورت ۽ زهر جو اثر پنهنجو، يوناني مورخ لکن ٿاته ” مهراڻ جي ڊيلٽا تي وڏا ۽ خطرناڪ نانگ رهن ٿا.“ سڪندر مقدوني جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن کيس ٻه اهڙا نانگ ڏيکاريا ويا، جن مان هر هڪ جي ڊيگهه سٺ کان اسي فوٽ هئي. 1858ع ۾ هڪ پورچوگيز ٺٽي جي ٻاهران هڪ ايڏو وڏو نانگ ماريو، جيڪو هڪ ڍڳي کي ڳهي رهيو هو. هن وقت به سنڌ ۾ 389 قسمن جا نانگ آهن، جن مان 52 زهري قسمن جا نانگ آهن. مرحوم نواب احمد خان تاجپور وارو نانگن جو بادشاهه سڏبو هو، جنهن وٽ ٽن هزار قسمن جا نانگ هئا. جن سان هو مختلف بيمارين جو علاج ڪندو هو.ٿر ۾ هڪ عجيب قسم جو نانگ آهي. جيڪو سمهيل ماڻهو جي وات ۾ زهر وجهي کيس ماري وجهندو آهي. جنهن کي ” پيئڻ نانگ “ سڏبو آهي. واسينگ يا ڪارو نانگ به مشهور آهي، جيڪو مستي ۾ اچي ڦڻ کڻي انسان تي حملو ڪندو آهي. ڪي نانگ ناڻي تي به پهرو ڏيندا آهن. جن لاءِ اسان جي لوڪ ادب ۾ گهڻيون ڳالهيون وابسته آهن.
    بهرحال سنڌ ۾ عجيب و غريب جانور رهندا هئا ۽ رهن ٿا. جيڪي اسان جي تاريخ جو حصو آهن . سنڌ ۾ جهنگلي جانورن جو هڪ وڏو پارڪ کيرٿر نيشنل پارڪ آهي جيڪو ملڪ جي چئن وڏن پارڪرن مان هڪ آهي. جتي اڄ به ناياب جانور ملن ٿا.


    باب چوٿون : پکي

    وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا، پکي پکڻ زندگي جو اهڃاڻ آهن. ڌرتيءَ تي سونهن ۽ سوڀيا آهن. الله تعالى جي نعمت ۽ رحمت جا مظهر آهن. انهن شين جو قدر ڪرڻ اسان جو فرض آهي. پکين جي مٺڙين مٺڙين لاتين ۽ پيارن من موهيندڙ گيتن، اسان جي ڌرتي کي رونق ۽ سندرتا بخشي آهي. اهي پکي، قدرت جي عظيم اهڃاڻ جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ هر وقت ان جي مدح سرائي ۽ حمد ڳائين ٿا. اسان غافل انسانن جو ان طرف ڌيان ڇڪائين ٿا ۽ پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار کي ياد ڪري، ان جي بندگ ڪريون.
    پکي انسان ذات کي نه صرف وندرائين ٿا، کاڌ خوراڪ فراهم ڪن ٿا ۽ زندگي جي هر قدم تي ان جي رهنمائي ڪن ٿا. صفائي ۽ ماحول کي صاف سٿري بنائڻ ۾ به خاص ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌ پکين جو ڏيهه آهي. هي ٻيلا، ڍنڍون، نهرون،درياءَ ۽ ٿر پکين جا مسڪن آهن. هتي پراڻي زماني کان ڪيترن ئي قسمن جا پيارا ۽ ڪمائتا پکي آڳاٽي زماني کان ڌاريا ۽ پاليا وڃن ٿا. سڪندر جي زماني ۾ هتان طوطا ۽ ڪبوتر يونان ويندا هئا. عرب سياحن سنڌ جي پکين کي ساراهيو آهي. الڪتاب الثاني ۾ آهي ته سنڌ ۾ پکين مان طوطي جهڙا خوش الحسان ۽ مور جهڙا خوشنما پکي هوندا آهن ته ابو عطا سنڌي، سنڌ واري قصي ۾ سنڌ جي پکين کي ساراهيو آهي ته ابن حوقل به سنڌ ۾ پکين جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. اڄ به منڇر ۽ ڪينجهر ڍنڍون پکين جا گهر آهن. وڇڙيل ڪونج جا ورلاپ ٻڌي، مائٽن کان پري نياڻي جو نير وهائڻ به دل کي پاڻي ڪري ٿو وجهي. شاهه لطيف ڀٽائي رح پکين جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي ته :
    ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇڏين پاڻ ۾
    پسو پکيئڙن، ماڻوهان ميٺ گهڻو
    هت اهڙين پکين جو ذڪر ڪجي ٿو، جن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي ۽ سنڌ جي معيشت ۽ معاشرت ۾ سندن اهم مقام رهيو آهي.

    1 – ڪڪڙ
    ڪڪڙ انسان جو پراڻو ساٿي ۽ گهرو پکي آهي. جنهن اسان جي روزاني زندگي ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار اد ڪيو آهي. گهر ۾ پلجندڙ ڏکي سکي ۾ ڪم ايندڙ سندس گوشت ۽ آنا هر ويلي اسان جو منهن مٿي ڪندڙ آهن. سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ڪڪڙ سان ڪيترائي محاورا وابسته آهن. مثلا ڪڪڙ بڻجڻ، ڪڪڙون ڪو هجڻ، گهر جا ڪڪڙ مارڻ، مادي ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيئڻ، ڪڪڙ ڪوري جو نانءُ وڏيري جو اهڙا اصطلاح آهن، جيڪي اسان روزمراهه ڪم آڻيندا آهيون. لمحيات جي لحاظ کان ڪڪڙ جو گوشت وڌيڪ بهترين آهي. هن ۾ 2504 کان 3105 لمحيات اڄ کان 1.37 چرٻي آهي. ڪڪڙيون ملن ٿيون، جيڪي خطري وقت اڏي وڃن ٿيون. ڪڪڙين پالڻ جي شروعات گهرن ۾ برصغير هند ۾ ٿي. اڄ کان 5 هزار سالن جو اڳ جو انسان ڪڪڙين پالڻ جي فن کان واقف هو.
    سنڌ ۾ ڪڪڙين پالڻ جو رواج پراڻو آهي. ويدڪ دور ۾ سنڌ جا ماڻهو، گهرن ۾ ڪڪڙيون پاليندا هئا ۽ انهن جو گوشت ۽ بيضا شوق سان کائيندا هئا. آرين جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو تڏهن انهن سنڌ جي ڪڪڙين کي بلخ ۽ ايران تائين سنڌ ۾ پهچايا. هڪ هزار ق – م ۾ يوناني نسل جا ڪڪڙ، سيدن ۽ ايراننين سنڌ ۾ پهچايا . هڪ هزار ق – م ۾ يوناني نسل جا ڪڪڙ، سيدن ۽ ايرانين سنڌ ۾ پهچايا . عربن وٽ سنڌي ڪڪڙ جو وڏو قدر هو. عربي مورخن مان حافظ سنڌي ڪڪڙين کي انهن جانورن ۾ شمار ڪيوآهي. جن کي خاوند ڪريم هتان جي خاص خصوصيتن سان خلقيو آهي. عهد رسالت ۾ سنڌي ڪڪڙين جو عرب ۾ وڏو واهپو هو ۽ اهي اتي پاليون وينديون هيون. پاڻ سڳورن ﷺ سنڌي ڪڪڙين لاءِ پسنديدگي جا الفاظ ظاهر ڪيا. علامه رضوي لکي ٿو ته ” علامه محي ا لدين طبري روايت ڪئي آهي ته حضور ﷺ جن وٽ هڪ اڇو ڪڪڙ هوندو هو ۽ اصحاب سڳورا نماز جي وقتن معلوم ڪرڻ لاءِ سفر ۾ ڪڪڙ ساڻ کڻندا هئا.“ مسند احمد ابي دائود ۽ ابن ماجه ۾ هي حديث آيل آهي ته ” لاتسبو الديک فياند بوقت الصلوات “ يعني ڪڪڙ کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، جو هو نماز لاءِ اٿاريندو آهي ۽ اهي سنڌي ڪڪڙ، سنڌين جي وفد، جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو، ان وقت سوکڙي طور پيش ڪيا.
    عربن جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هنن سنڌي ڪڪڙين جو قدر ڪيو. هنن سنڌي ڪڪڙين کي عراق پهچايو ۽ انهن جي پالنا لاءِ مختلف هنڌن تي مرغي خانا کوليا. سنڌ جون ڪڪڙيون آل مهلب وارن،شام ۽ عراق پهچايون، جتي في درهم چوويهه ڪڪڙيون وڪامنديون هيون. تغلقن جي زماني ۾ جڏهن، ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن کيس ڀڳل ڪڪڙ پيش ڪيا ويا، جن جي شيريني جي هو ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هت ڪڪڙيون جام هيون ۽ هر هاري وٽ ڪڪڙيون جا ولر هوندا هئا ۽ هڪ روپئي ۾ ڏهه ڪڪڙيون ملنديون هيون .انگريزن واپارن هت ڪڪڙين جي گهڻائي ۽ سٺائي جو ذڪر ڪيو آهي. بئلبئنڪ لکي ٿو ته ” هت ڏهه ڪڪڙيون، ڏهن پئسن ۾ ملن ٿيون،مانرق سنڌ ۾ هڪ ڪڪڙ چئن پاين ۾ ورتي هئي.“ انگريز ن جي دور ۾ 1945ع ۾ حيوانيات جي جيڪا ڳڻپ ڪرائي ويئي، ان ۾ ڪڪڙين جو تعداد 803،740 هو جيڪو مجموعي تعداد جو 73، 13 هو.
    پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪڪڙين جي پرورش تي ڌيان ڏنو ويو ۽ هت مشين رستي ڪڪڙين جي پالنا ڪئي وڃي ٿي. 1960 ع ۾ ڪڪڙين جو تعداد 484، 17، 13 هو. ڪراچي ۾ ڪڪڙين جو تعداد 350، 21 هو .سيپٽمبر 1976ع ۾ 8 لک 86 ڪڪڙيون سنڌ ۾ پيدا ڪيون ويون، جڪي مقرر ڪيل حد کان 21 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان کان سواءِ ساڳئي سال ۾ هڪ لک ستر هزار آنا ڏيندڙ ڪڪڙيون پاليون ويون، جن مان هڪ لک 88 هزار آنا پيدا ٿيا. 1996ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ 11،861 ڪڪڙين جي ڳڻپ ڪئي وئي. ( سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006) .
    سنڌ جون ديسي ڪڪڙيون جيڪي اسان گهرن ۾ پاليون ٿا اهي آنا گهٽ لاهين ٿيون، انهن آنن جو وزن هڪ يا سوا آنو مس هوندو آهي. پاڪستان ۾ هڪ ماڻهو سال ۾ 302 ۽ ڪراچي ۾ 403 آنا کائي ٿو. سنڌ ۾ ڪڪڙين جي ڪل قيمت جو اندازو ٽي ڪروڙ روپيه آهي ۽ ڪڪڙيون پاليندڙ جي سالياني آمدني هڪ ڪروڙ 8 لک آهي. هن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ننڊڙو 7 بي ضرر پکي اسان لاءِ ڪيڏو نه ڪمائتو ۽ مفيد آهي . اسان جي معيشت ۾ هن پکي کي منڍ کان ئي اهميت رهي آهي. ڳوٺن ۾ اڄ به غريب ماڻهو وڏي تعداد ۾ ڪڪڙيون پالي، ان مان ڪمائي زندگي جو گاڏو گهلين ٿا، اڄ ڪلهه ٻهراڙي ۾ مرغي خانا به جام کلي ويا آهن. جيڪي شهرن لاءِ مرغيون فراهم ڪن ٿا. ڪڪڙ، گوشت ۽ آنا ٻي ساري خوراڪ کان وڌيڪ طاقتور آهن.منجهن وٽامن ۽ پروٽين جا سڀئي جزا موجود آهن، ان ڪري اهي ماڻهو شوق سان کائيندا آهن.
    اسان وٽ شوقين ماڻهو اعلى نسل جا نر ڪڪڙ ڌاري شرطون لڳائين ۽ وڏا وڏا ميلا لڳائيندا آهن. اهڙن ڪڪڙن کي هو مکڻ ۽ مصريون به کارائيندا آهن. اهڙي طرح اسان جي سنڌي معاشري ۾ هي به وندر هوندي آهي. رچرڊ برٽن به سنڌ ۾ ڪڪڙن جي راندين جو ذڪر ڪيو آهي.

    2 – باز
    باز سڀني پکين ۾ طاقتور ۽ فضا جو حڪمران پکي آهي. سهڻو طاقتور، باوقار ۽ غيور آهي. اڏامندڙ پکين جو شڪار ڪرڻ سندس مشغلو آهي. خاص ڪري چڪور، تتر، ٻٽير ۽ تلور سندس مرغوب غذا آهي. هن جي ڊيگهه 38 کان 46 سينٽي ميٽر آهي. وزن هڪ کان ٻه پائونڊ ۽ عمر ويهه سال ٿيندي. سندس کنڀ هڪ ميٽر ٿيندا، چهنب جي مٿين حصن ۾ ٻنهي طرفن کان ڏند هوندا آهن جيڪي ٻين سڀني پکين جي ڀيٽ ۾ عجيب آهن. سندس بدن مضبوط ۽ طاقتور هوندو آهي. سندس قوت رفتار تيز آهي. هو 1500 کان 2500 فوٽن جي اوچائي تان پنهنجي شڪار کي ڏسي سگهي ٿو. شڪار کي پڪڙڻ جي رفتار 270 کان 330 ڪلوميٽر جي رفتار سان آهي.
    بازپنهنجي خودداري ۽ اعلى خاصيتن جي ڪري، پشتو شاعر خوشحال خان خٽڪ، اردو شاعر اقبال ۽ سنڌي شاعر شاهه لطيف رحمته الله عليه جو پسنديده پکي آهي. خوشحال خان باز کي ڏاڍو ساراهيو آهي. هن باز جي ڪيترين خوبين کي ڄاڻايو آهي. هو عروج ۽ ارتقاءُ جي علامت آهي. هو پنهنجو شڪار پاڻ ڪري ٿو. هن کي لڳاتار جدوجهد، بهادري ۽ بي جگري سان عشق آهي. خوشحال خان باز جي بيمارين، عادتن ۽ علاج تي هڪ ڪتاب بازنامو به لکيو. علامه اقبال باز ۾ اسلامي فقر جون صفتون بيان ڪري ٿو. چئي ٿو ته باز غيرتمند ۽ خوددار آهي. بلند پرواز آهي. پنهنجو روزگار پاڻ ڳولي ٿو . خلوت پسند ۽ قناعت پسند آهي . اقبال جي شاعري ۾ باز هڪ اهڙي مسلمان جي تصوير پيش ڪري ٿو، جيڪو طاقتور، همت وارو، هوشمند، صحتمند
    ۽ ڪامران، مشڪلات کي منهن ڏيڻ جو حوصلو رکندڙ، حاضر دماغي ۽ خوش تدبيري جا جوهر موجود هجن. لطيف رح به باز کي ساڳئي مفهوم ۾ ڳايو آهي ته :
    تان نه آهي تند، جوران رون ڪري راز
    هڻندڙ سندا هٿڙا، سڀ ڪو چئي ساز
    سٽ ڏيئي شهباز، ٿي ته ٿوڪ پرائين
    انهن ئي خوبين ڪري باز اسان جي هوائي فوج جو نشان آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ باز ملي ٿو. منگولن ۾ مشهور هو ته باز ۾ چنگيز خان جو روح آهي. جڏهن هو آسمان ۾ مٿي اڏامندو هو ته اهي سمجهندا هئا ته چنگيز خان مٿانئن طرف اڏامي حفاظت ڪري ٿو. سنڌ ۾ به باز قديم زماني کان پاليو ويندو هو. خاص ڪري ويدڪ زماني جا ماڻهو باز ڌاريندا هئا، جنهن سان هو تتر، ڪونج ۽ ٻين پکين جو شڪار ڪندا هئا. آرين ۾ باز مقبول رهيو. آرين وٽ ڪٽنبي نظام هو ۽ پيءُ کي سربراهه جي حيثيت حاصل هئي ۽ پيءُ کي آسماني مخلوق سمجهندا هئا، ۽ باز کي اهي پيءُ جي سربراهه جي علامت سمجهندا هئا. باز جيئن ته هوا ۾ مٿي اڏامي ٿو ۽ چنبن ۾ نانگ هوندو آهي. وٽن باز به آسماني قوت مثل هو. سنڌ جي تاجرن باز کي عربستان جي مشهور تجارتي منڊي ” عڪاظ“ تائين پهچايو. ان زماني جا سنڌي هرڻ جو شڪار باز سان ڪندا هئا. هو باز کي تربيت ڏيئي هرڻ تي ڇڏيندا هئا، جيڪو سندس اکين ۾ چنبڙي پوندو هو ۽ هرڻ وائڙو ٿي ويندو هو ۽ شڪاري کيس پڪڙي وٺندا هئا.
    مغلن جي زماني ۾ سنڌ جا باز مشهور هئا ۽ سنڌ مان باز دهلي گهرايا ويندا هئا. خاص ڪري اڪبر بادشاهه بازن پالڻ جو شوقين هو. ٽالپرن جي زماني ۾ سنڌ ۾ باز تمام گهڻا هئا. مير حڪمران شڪار جا شوقين هئا. رچرڊ برٽن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ سنڌ ۾ پلجندڙ بازن جا پنج قسم لکيا آهن. جيڪي هي آهن شهباز، بحري، بانشو، شڪرو ۽ لغڙ ان زماني ۾ سنڌ مان تمام گهڻا باز يورپ به موڪليا ويا، جن کي اتي گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ وڏي رقم ۾ کين خريد ڪيو ويندو هو.
    سنڌ ۾ بازن جي تربيت تي دل کولي خرچ ڪيو ويندو هو ۽ تمام مهانگي اگهه ۾ انهن کي تربيت يافته بازن کي خريد ڪيو ويندو هو. ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو ته ” مير ڪرم علي خان وٽ مون هڪ باز ڏٺو، جنهن جي قيمت ٻه هزار روپيه هئي. مير صاحب مون کي به هڪ باز سوکڙي طور ڏنو“. چون ٿا ته سڀ کان سٺا باز ترڪستان ۽ ڪابل جي اتر واري علائقي مان گهرايا ويندا هئا. مير مراد علي خان وٽ هڪ باز هو جنهن کي ” بحري ٻچو“ چوندا هئا. هي سڀني بازن ۾ ننڍو هو، جنهن سان مير ڪونج ۽ تلور جيڏن وڏن پکين جو شڪار ڪندا هئا. هينري پاتنجر لکي ٿو ته ” بازن سان شڪار ڪرڻ جو الهندي علائقي ۾ رهندڙ ڪن بلوچي سردارن کي شوق هوندو آهي ۽ اهي پنهنجن پکين کي ڏاڍي احتياط ۽ وڏي خبرداري سان سکيا ڏيندا آهن. خصوصن کين جهنگلي پکين، ڪارن تترن ۽ ڪبوترن جي شڪار ڪرڻ لاءِ تربيت ڏيندا آهن.“
    هن وقت به سنڌ ۾ ڪيترن وڏن ماڻهن ۽ شڪار جي شوقينين وٽ باز آهن. ڪي ماڻهو بازن کي تربيت ڏيئي خليج ملڪن جي عربن کي وڪرو ڪندا آهن جن وٽ هڪ باز هڪ کان ٽن لکن تائين وڪامندو آهي. اهي عرب شيخ سنڌ ۾ اچي انهن بازن سان شڪار ڪندقا آهن ۽ اهڙي طرح هي قيمتي پکي اڄ به سنڌ ۾ پنهنجو ڌاڪو رکيو ٿو اچي. 2000ع جي ڳڻپ مطابق سنڌ ۾ هڪ به باز نه لڌو.

    3 – ڪبوتر
    ڪبوتر سهڻو، من مهڻو ۽ رنگ برنگي پکي آهي. هي ڪبوتر اصل ۾ سنسڪرت جي لفظ ” ڪبوتڪ“ مان نڪتو آهي. سنڌي ۾ کيس پاريهر، پاريهل ۽ پاريلو چون. سندس صنف آهي قاصد، پيغام پهچائيندڙ، حسين پاليندڙ کي ڪبوترائي يا ڪبوترباز چون. ڪبوتر اڏارڻ واري شغل کي ڪبوتربازي چون. ڪبوتر خانو معنى مسافر خانو ايندڙ ويندڙ ماڻهو ڪبوتر وانگر موٽڻ معنى جلدي اچڻ ۽ ڪبوتر يا ڪبوتر باز يا باز پهاڪي جو مطلب آهي ته هر ڪو پنهجي جنس سان سونهين يا هرڪو پاڻ جهڙن يا پاڻ جيڏن سان ٺهي ته ڪبوتر کي ان جو پيغامبر سڪ جو پانڌي سڏيو وڃي ٿو. ان ڪري اهو اقوام متحده جو قومي نشان آهي ۽ هر وڏي سياسي پارٽي جي جلسي ۾ امن ۽ سلامتي جي اظهار لاءِ ان پارٽي جو ليڊر فضا ۾ ڪبوتر اڏاري،جلسي جو آغاز ڪندو آهي.
    ڪبوتر پنهنجي جنم ڀومي کي ڏاڍو ڀائيندو آهي. هو پنهنجي آکيري کان سوين ميل کڻي پري هجي پر پنهنجي جاءِ تي پهچي دم پٽيندو. هڪ دفعي آمريڪا جي شهر اراس مان هڪ ڪبوتر کي ٽوڪري ۾ بند ڪري جهاز رستي ڀونچ سمنڊ اڪاري، هندستان مان چڪر ڏياري چين ۾ آندو ويو. اتي جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو ته هن گهر جو رستو ورتو ۽ ست هزار ٻه سئو ميل ڊگهو سفر طئي ڪري واپس اراس شهر پهچي، پنهنجي ڄمڻ واري هنڌ اچي ساهي پٽيائين. ڪبوتر جي هڪ خاص خوبي اڏامڻ جي سگهه ۽ تيز رفتاري آهي. ڪبوتر تکو به اڏامي ته سڌوبه، ان ڪري ڪبوتر پراڻي زماني ۾ پيغام رسائي جو ڪم ڪندو رهيو آهي. 5 هزار سال پهرين ڪبوتر اهو ڪم ڪندا هئا.
    مصر ۾ فرعون حڪمران هن کان پيغام رسائي جو ڪم وٺندا هئا. روس مورخ ڀلا ٿئي جي چوڻ مطابق 43 ق – م ڪبوتر کان پيغام رسائي جو ڪم ورتو ويندو هو. ان کان ڪجهه سال پوءِ سر گنيز ڪبوترن کان اهڙي طرح ڪم ورتو جو انگلينڊ جو حاڪم، شاهه رچرڊ اهو ڏسي اچرج ۾ پئجي ته هن جي فوج جي چر پر جي دشمنن کي ايتري ستت خبر ڪيئن پوي ٿي. مشهور بين الاقوامي خبر رسان ايجنسي رائٽر، 19 صدي ۾ خبرن موڪلڻ جو ڪم ڪبوترن جي مدد سان شروع ڪيو. پهرئين ۽ ٻيءَ جنگ عظيم ۾ ڪبوترن کان ڪم ورتو ويو. ان زماني ۾ ڪبوترن اڏامڻ جا مقابلا به شروع ڪيا ويا. ڪي ڪبوتر وني ميل في ڪلاڪ اڏامن ٿا. هڪڙي دوست پنهنجو خط لنڊن مان پنهنجي سنگتي کي موڪليو، جيڪو اتان ٻاهتر ميل پري رهندو هو ۽ کيس سمجهايو هئائين ته پوري نائين بجي ڪبوتر کي اتان ڇڏي. جنهن ويلي ڪبوتر اتان اڏريو، انهي دم سڌو روانو ٿيو ۽ ايترو ته مٿي ويو جو ڪڪرن کي وڃي پهتو ۽ اڍائي ڪلاڪن ۾ گهر رسيو. انهي ڪري ئي ڪبوتر کي پانڌي ۽ نياپو پهچائيندڙ پکي چيو وڃي ٿو. خاص ڪري عربي ۽ فارسي شاعري ۾ ڪبوتر کي ائين قاصد بنايو ويو آهي، جيئن اسان وٽ ڪانگ ۽ ڪبوتر جا پير ڳاڙها به ان ڪري آهن جو هڪ فارسي شاعر جي لفظن ۾ ته ڪبوتر جڏهن خط کڻي روانو ٿيو، ته مان سندس پيرن تي رت روئيندڙ، اکين کي ايتريقدر مهٽيو جو سندس پير رت هاڻا ٿي پيا، ته جيئن منهنجي محبوب کي منهنجي سڪ جو ڪو سماءُ پوي. ڪبوتر ته جيئن منهنجي محبوب کي منهنجي سڪ جو ڪو سماءُ پوي.ڪبوتر اورچ، جفاڪش، ايماندار ۽ فرض شناس پکي آهي. کيس رستي ۾ کڻي ڪيڏي به تڪليف اچي پر هو ٽپال ضرور رسائي ۽ اهڙي طرح پنهنجو سونپيل ڪم ضرور سر انجام ڏي. اهڙي هڪ خاص ڪبوتر جي ڳالهه ڪن ٿا ته هن جي پيٽ ۾ 9 انچ هڪ ڊگهي سنهي ڪاٺي پيٽ مان ٿي چيلهه وٽان 4 انچ ٻاهر نڪري آئي، ائين معلوم ٿي رهيو هو ته ڪنهن حادثي ۾ هي چهنبدار ڪاٺي ڪبوتر جي بدن ۾ داخل ٿي هئي. پر ڪبوتر نه صرف سهڻي نموني اڏاميو پئي پر داڻو ڪڻو به کاڌائين پئي ۽ اهڙي طرح پنهنجو سونپل ڪم سهڻي نموني ادا ڪيو. ڪبوتر اونداهه ۾ نه اڏامندو آهي، ڇو ته شام تائين لاڳيتو اڏامڻ ڪري رات جو بس آرام ڪرڻ ضروري هوندو آهي، ٻيو ته رات جو شڪرو ڪبوتر جي تاڙ ۾ هوندو آهي. ڪبوتر جي ڏڻ جي سگهه انسان کان وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ ڪبوتر پالڻ جو رواج قديمي ۽ تاريخي آهي. اڳئين زماني ۾ خاص ڪري سنڌ جا راجا شوقيه طور ڪبوتر پاليندا هئا، جن کان سرڪاري ٽپال پهچائڻ جو ڪم ورتو ويندو هو. اهي ڪبوتر ڪاغذ جو پرزو، جيڪو سندس پيرن ۾ ٻڌل هوندو هو. ڏورانهن صوبن تائين پهچائيندا هئا. چون ٿا ته سنڌ جا اهي ڪبوتر هڪ ڪلاڪ ۾ پنجاهه ميلن جو مفاصلو طئي ڪندا هئا، جڏهن سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهه ڪئي تڏهن کيس ڪي ڪبوتر سوکڙي طور ڏنا ويا. جن جو آواز مٺو ۽ وڻندڙ هو . انهن ڪبوترن جو رنگ پيلو هو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي زماني ۾ سنڌ جي رنگين ڪبوترن جو وڏو قدر هو. مغل شهزادا سنڌ مان ڪبوتر دهليءَ گهرائيندا هئا. شهنشاهه جهانگير ڪبوترن ڌارڻ جو شوقين هو. نورجهان سان عشق به ڪبوترن اڏاريندي ڪيو هئائين. عربن سنڌ فتح ڪرڻ وقت به سنڌ مان ڪبوتر عربستان نيا. هن وقت به سنڌ ۾ ڪبوترن ڌارڻ جو وڏو واهپو آهي. ڪيترائي شوقين هزارين روپين ۾ ڪبوتر خريد ڪري پالين ٿا. لطيف سرڪار ڪبوتر کي ياد ڪندي چئي ٿو ته :

    پرهه پکي آئيو، صبح سوارو
    روضي پاڪ رسول جي هنياءِ هوڪارو
    مانجهين ڪيو مارو، چڙهه مير محمد عربي

    4 – مور
    دنيا جو هي سهڻو، رنگ برنگي ۽ من مهڻو پکي آهي. سندس سونهن مثالي آهي. سنڌ ۾ مور سونهن، سونڀيا ۽ نزاڪت جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ ڪيتريون ئي چوڻيون مور سان وابسته آهن جهڙوڪ : ” سهڻو سهڻو مور، آهين به مور يا مور مکڻ جهڙي ڪنوار“ وغيره. نياز همايوني جو هڪ گيت مو ٿو ٽلي ته اسان جو عوامي گيت بڻجي وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي. هندو مور کي پوتر پکي سمجهندا آهن ۽ سندس شڪار ڪندڙ کي پاپي سمجهن. مور جا کنڀ ڏاڍا سهڻا ٿيندا آهن.مور جو پڇ تمام ڊگهو ٿيندو آهي. جنهن ۾ سهڻا ۽ گهاٽا رنگ برنگي کبڀ ٿيندا آهن، هر کنڀ جي ڇيڙي وٽ اک جيڏو گول نشان ٿيندو آهي. مور جڏهن ٽلندو آهي تڏهن پڇ کي کيڙي، وڃڻي وانگر وڏو ڪندو آهي. ان وقت اهي کنڀ ڏاڍا سهڻا لڳندا آهن . مور کي پنهنجي پڇ تي وڏو ناز هوندو آهي. مور ڇل شاهي وڃڻي جو نالو آهي، جيڪو مور جي ٽڪين مان رکيل هوندو آهي.
    سنڌ ۾ هي پکي قديم زماني کان ملي ٿو. موهن جي دڙي مان سمير جا رهاڪو، جيڪو مال گهرائيندا هئا، تن ۾ مور به هوندا هئا. حضرت سليمان ٻئي سامان سان گڏ سنڌ مان مور به گهرائيندا هو. سڪندر مقدوني سنڌ مان موٽڻ وقت ٻين شين سان گڏ پاڻ سان مور به وٺي ويو ۽ اتان اهي ولايت ملڪ ۾ پهتا، جتي ڪيترن ورهين تائين ڳري ملهه ۾ وڪامندا رهيا. اهي اهڙا ته عجيب، پيارا ۽ وڻندڙ پکي هئا، جو ڀر وارن شهرن جا ماڻهو کين ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. ايران جي مجوسي پروهتن کي مورن سان پيار هو، ڇاڪاڻ ته سيمرغ ۽ سيماغ سندن ثقافت تي ڇانيل رهيو. اهي سنڌ مان مور گهڻي انداز ۾ گهرائيندا هئا. سنڌ ۾ موريا خاندان جي باني چندر گپت جي ماءُ مورن مورن پالڻ جي ڪري مشهور هئي ۽ کيس سڏيندا به ” مورا“ هئا، اڄ به اسان وٽ موريا ۽ مورياڻي ذاتيون مور سان اسان جي ثقافتي ناتي کي ظاهر ڪن ٿيون. عرب سياحن سنڌ ۾ مور جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. همداني لکي ٿو ته ” هت هاٿي، مور، عود ۽ عنبر گهڻائي ۾ ملن ٿا. ان وقت عرب سوداگر سوٽي ڪپڙي، نير، جواهر،گرم مصالحن، دوائن، ناريل ۽ خوشبوئن سان گڏ مور ۽ تلورن جو به واپار ڪندا هئا.“ مسعود لکي ٿو ته ” سنڌ جي مورن کي عرب حاڪمن عراق تائين پهچايو، پر سنڌ ۾ عراق جي آبهوا ۾ فرق هئڻ ڪري، سندن رنگ ڦٽي ويو ته آريسي ۽ ٻين مورخن هڪ شاهاڻي لشڪر جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو عرب حڪامن ڪوفي ۽ بصري جي ماڻهن کان ڳريون رقمون وصول ڪري تيار ڪيو هو. ان لشڪر جو نالو پيڪاڪ آرمي رکيو هو. ان لشڪر جو سپهه سالار عبدالرحمان ابن محمد هو، جنهن 80 هه ۾ زنبيل سان جنگ ڪئي هئي. ان دور ۾ مور منصوره، الور ۽ ملتان جي باغن ۾ تمام گهڻا هئا. عرب سندن گوشت شوق سان کائيندا هئا. منصوره جو قاضي ابوالشوراب مور جي گوشت کائڻ جو دلدارو هو. شاهجهان مغل حڪمران جي تخت جو نالو طائوس هو.
    هن وقت به سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ مورن جي گهڻائي آهي. سنڌي ادب ۽ راڳ جي ڪيترن ئي صنفن جو واسطو مور سان آهي. اڄ به ڳوٺاڻا اٺن جي ڏاس ڪترڻ مهل مور جا چٽ اٺن جي ڳچين تي سونهن خاطر ٺاهيندا آهن. مور جا چٽ ڪاٺ جي شهتيرن،ڪٻٽن ۽ دروازن مٿان به سهڻي نموني گهڙيا ويندا آهن. جن مان پنهنجي مور جي ادبي، ثقافتي ۽ تاريخي حيثيت نمايان ٿئي ٿي.

    5 – مڇي :
    مڇي اسان جي خوراڪ جو اهم جزو آهي جنهن ۾ 60 کان 80 سيڪڙو پاڻي، 12 کان 20 سيڪڙو لمحيات، سڻڀ،روغنيات، وٽامن اي، ڪئلشم ۽ فاسفورس جا جزا آهن. مڇي جو اسان جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت تي وڏو اثر آهي. ميد، سولنڪي ۽ گندرا جيڪي هن وقت مڇي مارڻ جو ڌنڌو ڪن ٿا، تن ڪنهن زماني ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان حڪمراني ڪئي. ميدن مهاڀارت کان اڳ ايراني مٿانهين جي اتر الهندي حصي تي ميڊ جي سلطنت جو بنياد وڌو ۽ ان جون حدون، آريمينيا کان پري ايشيا مائنر جي اڀرندي حصي تائين هيون. 6 صدي ق – م ۾ ايران جي شهنشاهه سائرس هنن جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ پوءِ هو سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪري مڇي مارڻ لڳا. سولنڪي راجائن مهاراشٽر، ملابار ۽ سوراشٽر تي حڪومت ڪئي. عربن جي پوئين زماني ۾ ماڻڪ تازه رياست قائم ڪيائون. هن رياست جو حاڪم جيسر پٽ ججه ماڇي سولنڪي هو. گندرا به دولتمند قوم هئي ۽ گنڌرا ديس جا حڪمران هئا، جنهن تي 9 صديءَ ۾ پنجاب جي لورا شاهي هندن قبضو ڪري ختم ڪيو. هنن ذاتين جو ذڪر شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ جابجا ڪيو آهي. نوري ڄام تماچي ۽ مورڙو مير بحر اسان جي ادب جا رومانوي ۽ شجاعتي داستان آهن، جن لطيف رح جي شاعري ۾ جاذبيت ۽ رومانيت پيدا ڪئي آهي. سر سامونڊي ۽ مڇي جو ذڪر ملي ٿو.
    سنڌ ۾ مڇي پراڻي زماني کان ماري ويندي هئي. موهن جي دڙي جا ماڻهو مڇي ايڏي ته گهڻي ماريندا هئا جو اها ڏيساور به ويندي هئي. سنڌ جي اصلوڪي رهاڪن درواڙن ۾ اهڙيون ذاتيون به هيون، جيڪي مڇي تي گذران ڪنديون هيون. ماگر ذات تمام پراڻي آهي، جيڪو دراوڙي لفظ آهي جنهن جي معني ڄار رکندڙ يعني مهاڻو. مينانگر ۾ هي ذات تمام گهڻي رهندي هئي ۽ مڇي ماري هن بندر کان ٻاهر موڪلي ويندي هئي. سڪندر مقدوني جي آمد وقت هتان مڇي ٻاهر موڪلي ويندي هئي. ان وقت سنڌي ٻيڙين تي چڙهي مڇي ماريندا هئا. ميد مڇي ۽ پکين جو شڪار عام ڪندا هئا. ويدڪ زماني جا ماڻهو ڄار سان مڇي ڦاسائيندا هئا. جڏهن چيني سياح سنگ يون سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن هت خوب مڇي کاڌي. عربن جي زماني ۾ هت مڇي جو وڏو واپار هلندو هو. ابن حوقل سنڌ ۾ مڇي جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته ” پلي جهڙي مڇي دجله ۽ فرات ندين ۾ نه ٿي ملي . تغلق خاندان جو بادشاهه تغلق محمد شاهه تغلق جڏهن سنڌ ۾ آيو. تڏهن کيس پلو ايترو ته وڻي ويو جو هو کائي کائي بيمار ٿي پيو ۽ ان وگهي مري ويو. “
    مغلن جي زماني ۾ هت مڇي تمام گهڻي ٿيندي هئي. ڊاڪٽر چيلاڻي لکي ٿو ته ” مڇي جي لحاظ کان سنڌ هميشه هندستان جي مکيه مرڪزن مان هڪ مرڪز رهي آهي. “ سنڌ ۾ مڇي جو مقدار ايترو ته گهڻو هو جو مقامي کاپي کان پوءِ به ڪافي انداز ۾ بچي پوندو هو، جنهن کي لوڻي، دونهاٽي ۽ سڪائي ٻين ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو هو. آئين اڪبري ۾ آهي ته ڏکڻ سنڌ جا ماڻهو مڇي ۽ چانور کائڻ جا شوقين آهن ۽ اهي تمام گهڻي انداز ۾ مڇي سامونڊي بندرن تان ٻاهرين ملڪن ڏانهن برآمد ڪن ٿا. هتان جوپلو، لذت ۽ سواد جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
    ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪراچي ۽ سون مياڻي ٻه ننڊڙا بندر هئا، جتي مڇي ماريندڙ مهاڻن جا گهر هئا. هت بصره، مسقط، بندر عباس، لکپت، مانڊوي، ڊمن، بمبئ ۽ ڪالڪيٽ جي واپارين جا گماشتا رهندا هئا، جيڪي مڇي جو واپار ڪندا هئا. ان وقت مڇي جي واپار مان سرڪار کي چار هزار ساليانه آمدني ٿيندي هئي. ان وقت يورپي تاجر به هت آيا. هڪ پورچوگيز تاجر باريوسا لکي ٿو ته ” سنڌ ۾مڇي ايتري ته گهڻي ٿيندي هئي، جو ماڻهو سڪل مڇي گهوڙن کي کارائيندا هئا. هئملٽن لکي ٿو ته” سنڌو درياءَ ۾ مٺي پاڻي جي مڇي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. جن سڀني ۾ پلي جهڙي بهترين مڇي سڄي ڄمار ۾ نه مون چکي نه کاڌي.“ ٺٽي جي مارڪيٽن ۾ ڏهن سيرن کان به وڌيڪ تور جي مڇي پڻ ملي ٿي. پوسٽنس لکي ٿو ته ” ڪراچي کان گجرات ۽ مسقط ڏانهن برآمد ٿيندڙ شين ۾ سڪل مڇي به هڪ مکيه شيءَ آهي ۽ ڄرڪن جا هڏا ۽ ڪنهڙا ممبئي ڏانهن موڪليا ويندا هئا ته ان وقت مڇي مان تيل به ڪڍيو ويندو هو، جيڪو ٻيڙن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو.
    ٽالپرن جي دور ۾ مڇي مارڻ جو ڌنڌو عروج تي هو. مانرڪ لکي ٿو ته مهاڻا ٺڪر جي دلي تي تري سنڌو درياءَ ۾ پلي جو شڪار ڪن ٿا ته وقت هٿ مڇي گهڻي ۽ سستي هئي ۽ مڇي جو وڏو واپار ٿيندو هو. خواجه ۽ هندو واپاري مهاڻن کان ٺيڪي تي مڇي خريد ڪري سڪائڻ کان پوءِ ڏيساور رواني ڪندا هئا. مڇي جي واپار مان کين ساليانو ڏهه هزار روپيه آمدني ٿيندي هئي. ان زماني ۾ مڇي تي محصول اڳاڙيو ويندو . هڪ هڪ سئو مڻ مڇي ٻاهر موڪلڻ تي واپارين کي 10 – 9 – 13 روپيه ڍل ڏيڻي پوندي هئي.
    انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ مڇي جي لاءِ تحقيق ڪئي. حڪومت هند پاران سرجان ميجر فرئسر ڊي سنڌ ۾ مڇين جي شڪار ۽ قسمن جي جاچ ڪرڻ لاءِ آيو . هن هند سرڪار کي رپورٽ ۾ ڏيکاريو ته سنڌ جي برساتي نين مان 14 قسمن جي مڇي ماري وڃي ٿي. ان کان پوءِ انگريزن ٺيڪي جي رسم کي منسوخ ڪري مڇي جي شڪار لاءِ پروانا جاري ڪيا. 1855ع ۾ مڇي جون مياڻيون نيلام ٿيون. 1858ع ۾ ٻيهر پروانن جو رواج پيو. هن سال انگريزن کي مڇي جي واپار مان هڪ لک چار هزار 5 سئو اٺ روپين جي آمدني ٿي. 1941ع ۾ جڏهن ڪراچي جو بندرگاهه تيار ٿيو، تڏهن کان سنڌ ۾ ماهيگري جي صنعت ترقي ڪرڻ لڳي.
    پاڪستان قائم ٿيئڻ کان پوءِ سنڌ ۾ مڇي جي پئداوار ۾ ترقي ٿي. گانگٽ مڇي ٻاهرين ملڪن ۾ وڏي پيماني تي وڪامجڻ لڳي. عربي سمنڊ ۾ گانگٽن جي گهڻائي ڪري پاڪستان عالمي منڊي مان سئو زر مبادلو ڪمائي ٿو. هن وقت سنڌ ۾ مڇي جي پيداوار جاٻه ذريعا آهن. هڪ سمنڊ جو 175 ميلن تائين پکڙيل ڪنارو ۽ ٻيون ڍنڍون ۽ ڍورا.سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن. جن مان هزارين مڻ مڇي روزانو مري ٿي. ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍ مڇي جي پيدائش کان دنيا ۾ مشهور آهن. ڊاڪٽر ڊي سامونڊي مڇي جا 160 ۽ دريائي مڇين جا 64 قسم ڄاڻايا آهن. 1947ع ۾ سنڌ ۾ سامونڊي مڇي 24 هزار ميٽرڪ پڪڙي ويئي جيڪا 1950ع ۾ وڌي وڃي هزار ميٽرڪ ٽن ٿي. 1971ع ۾ اندروني ذريعن مان 947، 21، 9 ٽن مڇي پڪڙي ويئي. 73 – 1972 ع دريائن ۽ ڍنڍن مان 308، 100 ٽن ۽ سمنڊ مان 3185939 ٽن مڇي پڪڙي ويئي. سنڌ جي مڇي هن وقت ويهن ملڪن کي موڪلي زرمبادلو ڪمايو وڃي ٿو. پاڪستان سرڪار سنڌ جي مڇي مان 1972ع ۾ ويهه ڪروڙ ۽ 1973ع ۾ 35 ڪروڙ زرمبادلو ڪمايو. سال 2003 ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ ٽوٽل 3600 ميٽرڪ ٽن مڇي ماري ويئي تڏهن مان 270.5 سامونڊي ۽ 80.5 درياهي مڇي هئي. جڏهن ته 2004ع سال دوران ٽوٽل 355.5 ميٽرڪ ٽن مڇي ماري ويئي جنهن مان 270.5 سامونڊي ۽ 850 درياهي مڇي ماري ويئي.( حوالو : سنڌ اسٽيٽيڪل ايئر بوڪ 2006)
    سنڌ ۾ اڄ به مڇي جهجهي انداز ۾ مري ٿي. سمنڊ، ڍنڍ ۽ دريائن کان سواءِ اڄڪلهه ڳوٺاڻن علائقن ۾ به هٿراڌو مڇي جا تلاءُ ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪيترن لکن مڻن ۾ مڇي پالي وڃي ٿي. پر غريب مهاڻن لاءِ اڳ وانگر نسورو ناحق آهي. شاهه لطيف رح ڪيترن ئي بيتن ۾ مڇي جو ذڪر ڪري سنڌ جي هن مکيه اقتصادي ايڪي کي محفوظ ڪيو.

    ڄاريون کاريون ڇڄ ڇپريون، جن جي محبت مڇي ساڻ
    رهن وهن سر ٻانڌئين سڀئي بدبوءِ هاڻ
    لڌڙن جيئن لطيف چئي، پائي وجهن پاڻ
    تن ملاحن جو ماڻ، سمي سر ڪر پانهنجي


    باب پنجون : متفرقات

    سنڌ سوني جهرڪي ( سنڌ جو سون)
    سون قيمتي ڌاتو آهي جنهن کي نه ڪٽ کائي نه سرو لڳي ان ڪري هي ملڪ جي اقتصاديات ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، خاص ڪري پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا ۾ سندس وڏو ڪرادار آهي . اهو ئي سبب آهي جو اهو ملڪ وڌيڪ دولتمند سمجهيو وڃي ٿو جنهن ۾ سون گهڻو هوندو آهي. هيءَ تاريخي حقيقت آهي ته اسان جي سنڌ ۾ سون ايترو ته جهجهو هوندو هو، جو هتان ٻاهرين ملڪن کي موڪليو ويندو هو ۽ ان جهڙو خالص ۽ نج سون ٻيو ڪٿي به نه لڀندو هو. سمير جي ڪتبن ۾ آيل آهي ته ” هت سون جا جهاز سنڌ مان ڀرجي ايندا هئا.“ دارا اول 486 – 522 ق م۾ جڏهن سنڌ تي ڌاڪو ڄمايو ته هتان ڍل طور هر سال ٽي سئو ٽيلينٽ سون ( جيڪو اڄ پنج ڪروڙن جو ٿئي ٿو) ٻن صدين ڪين وصول ڪري ايران موڪليو هو. حضرت سليمان ع هڪ تجارتي معاهدي هيٺ هر ٽئين سال ٻين شين کان سواءِ سون به ڪافي انداز ۾ گهرائيندو هو. ملڪئه سبا سنڌ مان سون گهرائيندي هئي. حضرت موسى ع جي زماني ۾ اوفير جو شهر سون جي پيدائش کان مشهور هو جيئن ته اوفير سون جو هم معنى لفظ آهي ان ڪري محققن جو رايو آيهي ته ” اوفير سنڌ جو پورو نالو هو“. ويدڪ زماني ۾ سنڌ جو سڪو سونو هو، جنهن کي ” نشڪ “ چوندا هئا. هن جو وزن 16 ماسا يا سوا تولو هو. مرد ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ سونا هار پائينديون هيون.
    ايران جي حاڪم سائرس اعظم ( 858- 530 ق – م ) بابل کي فتح ڪري هندي وڏي سمنڊ تائين رهندڙ قومن تي قابض ٿي ويو ۽ اهڙي طرح مهراڻ جي سموري ماٿري سندن قبضي ۾ اچي وئي هن کي سنڌ مان ڏهن پائونڊن کان وڌيڪ ڍل ملندي هئي. هن جيڪو واپاري سڪو جاري ڪيو، ان ۾ نج سنڌي سون هو، جنهن جو وزن 130 گرين هو. ان ڪري ان سڪي جي دنيا ۾ وڏي عزت هئي. ايلم، ميڊيا ۽ بابل وارا سنڌ ۾ اچي سون خريد ڪندا هئا. سنڌ جو سون اڪتبانا، سوسا ۽ بابل جي خزانن ۾ جمع ٿيندو هو. دارا ٻئي جڏهن ايڪتبانا ( همدان ) تي قبضو ڪيو، تڏهن کيس شاهي خزاني مان 17 لک پائونڊ خالص سنڌي سون هٿ آيو. سڪندر مقدوني هيروڊوٽس جي رپورٽ کي نظر ۾ رکي، جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هتان کيس ايترو ته سون هٿ آيو، جو هن پنهنجي بادشاهي ۾ سونو سڪو جاري ڪيو. هيروڊوٽس پنهنجي رپورٽ ۾سنڌ جي اهڙين ماڪوڙين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي واري مان سون جا ذرڙا چونڊي پنهنجي ٻرن ۾ گڏ ڪنديون هيون ۽ سنڌي اهو سون ٻرن مان کڻي ايندا هئا. مئگٿينز سنڌ ۾ سون جي کاڻين جو به ذڪر ڪيو آهي. دراوڙ سون ۽ چاندي جي گهڻائي ڪري انهن جا زيور ٺاهي پائيندا هئا. هن زماني ۾ روم سنڌ مان ايترو ته مال خريد ڪندو هو جو اهو سنڌ کي هر سال پنجاهه لک ٽن سون جي صورت ۾ ڏيندو هو.
    عرب جڏهن سنڌ ۾ واپار جي خيال سان آيا تڏهن هنن پنهنجي ياداشتن ۾ سنڌ جي سون جو به ٻين قيمتي شين سان ذڪر ڪيو آهي. هڪ عرب سياح لکي ٿو ته ” عرب جا واپاري جدي کان سنڌ، ان ڪري ايندا هئا، جو چين ۽ هند جي پاڻي ۾ موتي ۽ عنبر هوندو آهي ۽ ان جي پهاڙن ۾ جواهرن۽ سون جون کاڻيون آهن.“ چوٿين صدي ۾ هتان موتي، سون، عطر ۽ جواهرات عرب ويندو هو. ڪارو منڊل جي هڪ راجا جي مرڻ کان پوءِ سندس هڪ مسلمان ڀائيوار کي جيڪي سون ۽ چاندي مليا، ان کي کڻڻ لاءِ 7 هزار ڏاندن جي ضرورت پئي. هي هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ڌارين ملڪن جا واپاري، غلامن سان جهاز ڀرائي، سنڌ جي مڪران واري استولا ٻيٽ ۾ سون جي کاڻين جي ڳولا ۾ ايندا هئا. نيئر ڪوس کي، سون جي کاڻين جي خبر هئي، ان ڪري هو فنيقي ۽ مصري ملاحن کي وٺي ٻيٽ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ پهتو هو، پر سندس ماڻهو ميدن مٿان مارجي ويا. ان وقت الور ۽ سيتان ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون.
    محمد بن قاسم جڏهن 711ع ۾ سنڌ تي حمله آور ٿيو تڏهن هن راجا ڏاهر جو سر، حسنه ڏاهر جي ڌيءَ، خزاني ۾ رکيل ٻارنهن ڪروڙ درهمن جو سون ۽ چتر شاهي، حجاج کي موڪليون. ( ملتان جيڪو ان وقت سنڌ جو هڪ حصو هو) جي هڪ برهمڻ کيس، مندر ۾ پوريل سون جو ڏس ڏنو. جڏهن عربن ان کي کوٽيو تڏهن هڪ سونو بت، ٻه سئو ٽيهه مڻ خالص سون ۽ چاليهه مٽ سون جي ٻوري جا نڪتا. ڪل سون هڪ هزار ٽي سئو ويهه مڻ ٿيو. جيڪو شاهي خزاني لاءِ عراق موڪليو ويو. ملتان جي آفتاب مندر ۾ سون جا انبار ڏسي، عربن جي واتان سنڌ لاءِ ” سون جي جهرڪي“ جا لفظ نڪري ويا. قاضي رشيد بن زبير ” الذخائر اولتحف“ ۾ لکيو آهي. ته ” خليفي واثق باالله جي زماني ۾ عمران بن موسى، والي سنڌ کي، سنڌ ۾ قتل ڪيو ويو. جڏهن واثق کي ان جي خبر پئِي، تڏهن عمران جي دولت تي قبضي ڪرڻ لاءِ بغداد ۽ سنڌ ڏانهن پنهنجا خاص ماڻهو روانا ڪيائين، جن عمران جي پٽ ۽ ان جي ڀيڻ کي، قيد ڪري ساري دولت هٿ ڪئي، جيڪا پنج ڪروڙ هئي. ان کان سواءِ 2 هزار عود جون ٽوڪريون پڻ هيون واثق کي سنڌ مان نج سون جيڪو هٿ آيو، ان مان هن دسترخوان ٺهرايو. عمران پنهنجي زندگي ۾ واثق کي سنڌ مان جواهرات، سون ۽ چاندي جا ٺهيل ٿانو، سون جا ٺهيل تاخ ۽ خالص چاندي ايتري مقدار ۾ موڪليا جو ان جي مجموعي قيمت ٻن ڪروڙن کان به وڌيڪ هئي.
    سلطان محمود غزنوي کي به سنڌ جي سون جي خبر هئي ۽ هو ان لاءِ سيوهڻ ۾ به پهتو. بعد ۾ هي کاڻيون زلزلن ڪري هميشه لاءِ ختم ٿي ويون. ترخانن جي دور ۾ جڏهن 1555ع ۾ پورچوگيزن ٺٽي کي باهه ڏني، تڏهن ان ۾ هنن 2 لک پائونڊن جون اشرفيون ساڙي ڇڏيون، پورچوگيزن هت سون جو واپار به شروع ڪيو. هڪ پورچو گيز واپاري ” ائنتينو بوڪار“ (1631) لکي ٿو ته ” سنڌ ملڪ تمام شاهوڪار آهي. پورچوگيزن جهاز، هتان هر هڪ 200000 پئٽڪاس موڙي جو سون ۽ چاندي کڻي وڃن ٿا. هت اهڙا ڪيترائي جهاز اچن ٿا.“ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ ۾ سون ۽ چاندي تمام گهڻو هو.ميرن وٽ سونا ٿانو هوندا هئا. ڪتابن کي ڪور به سونا ڏيندا هئا. پاٽنجر، جيمس برنس ۽ ٻيا جيڪي انگريز سفير وٽن آيا، تن ميرن وٽ سون جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انگريزن جي سنڌ تي چڙهائي جو ڪارڻ به اهوئي هو. ان ڪري 1843 ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هنن ميرن جي بيگمات جي بدن تان سونن زيورن لاءِ عورتون مقرر ڪيون ۽ اهڙي طرح هنن جيڪا ڦرلٽ ڪري مال گڏ ڪيو، تنهن ۾ سون جو تعداد تمام گهڻو هو. مورخ لکن ٿا ته انگريزن کي قلعي مان هت آيل سون جي قيمت ڏهه لک اسٽرلنگ پائونڊ هئي ۽ نيپئر کي ستر هزار پائونڊ جو سون مليو. سپاهين ايتري ته ڦرلٽ ڪئي جو سندن کيسن مان سون ۽ جواهر هيٺ ڪرڻ لڳا.
    هن وقت به سنڌ ۾ سون جو ڪافي ذخيرو آهي. ماڻهن جي گهرن ۾ به اڪثر ڪري انهي ڪري سون آهي ڇو ته هو پئسن رکڻ جي ڀيٽ ۾ سون سانڍڻ کي اهميت ڏيندا آهن. هت اڃان به سون جون کاڻيون آهن جيڪي کوٽائڻ جي خاص ضرورت آهي. سنڌو درياءَ جي واري مان به سون لڀڻ جا امڪان آهن. 1974ع ۾ هڪ اخباري رپورٽ موجب ” سنڌو ندي جي واري جي چونڊ ڪيل زرخيز تهن مان ڏهه لک واري جي جزن مان 15 جزا سون جا لڌا ويا، جن پنجن جماعتن، انهن علائقن جو جائزو ورتو، تن اڳ ۾ به 41 تولا سون لڌو هو.“
    سنڌ ۾ اڄ به هڪ ذات ” ڌوڙڌيا“ آهي، جيڪا مٽي کي پاڻي ۾ پسائي سون ڳوليندي آهي.“

    سنڌ جا ڪتاب :
    ڪتاب زندگي حقيقي تصوير آهي. ماحول جي عڪاسي آهي. ليکڪ جي خون جو نچوڙ آهي. مصنف جي سوچ ۽ فڪر جو آئينو آهي. بي بها خزانو ۽ املهه وٿ آهي. ڪلام پاڪ ۾ ڪتاب جو ذڪر آيو آهي ۽ ارشاد آهي ته ” حڪمت ۽ آهيو دانشمندي کان اڳ ڪتاب جو لفظ آهي. “ ڇاڪاڻ ته اهو ئي دانشمندي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. سيد غلام مصطفى شاهه جو چوڻ آهي ته ” ڪتاب رڳو، پنن ۽ ورقن جو مجموعو ۽ ميڙ نه آهي، پر اهو انسان جي فڪر وحوص ۽ دل جي احساس جو راز آهي. هر ليکڪ اهو فيض، جيڪو کائنس الله کان مليو آهي، اهو ٻين تائين پهچائڻ لاءِ لکي ٿو “ ته ان ڪري ئي ڪتاب کي اسرارالاهي سڏيو آهي. ڪتاب انسان لاءِ راهه هدايت آهي زاد راهه آهي خد ئي رستي سونهون آهي. انسان لاءِ باعث رحمت ۽ راضيه خداوندي جو ذريعو آهي. جيتري قدر سنڌ جو تعلق آهي، هي اها سر زمين آهي، جنهن ۾ڪتاب لکڻ جي شروعات ٿي. مولانا آزاد بلگرامي پنهنجي ڪتاب ” غزلان هند“ ۾ شيخ علي رومي جو هڪ فقرو ڏنو آهي ته ” اول موضع و ضعت وضعت فيه الڪتب والقجرت منه، ينابيع الحڪمته کان الهند“ يعني سڀ کان پهرين، جنهن سرزمين تي ڪتاب تصنيف ڪيا ويا ۽جتان حڪمت چشما نڪتا، اهو سنڌ (هند) آهي. سنڌ جي علمي عظمت جو اعتراف گهڻن عالمن ڪيو آهي. ابن عدي لکي ٿو ته ” سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت جو وڏو ذخيرو موجود آهي.“ مون کي معلوم آهي ته يونان ۾ اهو سارو ذخيرو سنڌ مان ويوته ابومعشر لکي ٿو ته ” سنڌ جي علم، فن، حڪمت ۽ فلسفي ۽ ان کان سواءِ ساري دنيا جي قومن کان وڌيڪ علم ڏانهن رغبت جو اعتراف دنيا جي سڀني قومن ڪيو آهي. اخبار الحڪماءِ ۾ آيل آهي ته ” دنيا جي سڀني قومن ۾سنڌ، علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي ۽ سنڌ عدل ۽ سياست جو پهريون مرڪز آهي. اسان جي ملڪ کان دور هئڻ ڪري، سنڌ جا ڪتاب اسان جي عالمن تائين گهٽ پهتا آهن. تاهم به اسان وٽ جيڪو ڪجهه به آهي، اهو تمام گهڻو آهي.“ حضرت علي رضه جو قول آهي ته ” سنڌ جي سرزمين اها علم ۽ برڪت واري زمين آهي، جتان علم وعرفان جو سج اڀريو .“ تاريخ شاهد آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو سلسلو نهايت پراڻو آهي. موهن جي دڙي مان هڪ وڏي درسگاهه جا کنڊرات مليا آهن، جنهن جي چئن پاسن کان ننڍا ننڍا ٻه ماڙ ڪمرا آهن، جنهن ۾ شاگرد رهندا آهن. اها جاءِ هڪ وڏو پاٺ شالا هو . ان زماني ۾ تعليم گهڻو ڪري زباني هئي. دراوڙن جي زماني ۾ هت عظيم تمدن ۽ سڌريل زبان هئي. هن زماني ۾ ڪيترائي رشي هئا جيڪي زباني طرح تعليم ڏيندا هئا ۽ زندگي جا اسرار و رموز سيکاريندا هئا. ان وقت مندرن پاٽشالائن جي پروهتن، ويدانيت، الاهيت، فلسفي، طب، نجوم، ادب ۽ اخلاقيات تي ڪيئي ڪتاب لکيا، ايامن کان سنڌ جي مندرن، ديبل، برهمڻ آباد، اروڙ ۽ نيرون ڪوٽ ۾ پڙهايا ويندا هئا. دراوڙن وٽ نورنگي ۽ اهاب نالي منتر هئا، جن پوءِ ڪتابي صورت اختيار ڪئي. آرين دراوڙي شين کي ڪوٺ ڏيئي کائنن وطن پرستي جا جملا لکيا.
    آرين جي زماني ۾ ڪتاب کي پستڪ چيو ويندو هو، جنهن جي معنى آهي کل: ان وقت ڪتاب ڍڳن جي کلن تي لکيا ويندا هئا. ان کان پوءِ وڻن جي پنن تي لکيو ويو. ڀوڄ وڻ جو ڇوڏو، پنن جي تهن مٿان رکي، ڇوڏي ۽ پنن جي آرپار ٽنگ ڪري انهي مان ڌاڳو ٽپائي، ڳنڍ ڏيئي ڪتاب ٺاهيندا هئا، جن کي گڙ چئبو هو. ان دور ۾ ڪتاب ٻن قسمن جا هئا پهريون سرتي، جنهن کي رشين الهام ذريعي لکيو. اهي ڪتاب آهن رگويد،يجرويد، سام ويد، اٿر ويد، برهمڻ گڙ ۽ آکاڻيون ۽ ڪٿائون ٻڌي لکيا. اهي آهن مهاڀارت، رامائڻ، منوشا، ستر ۽ ڀڳوت گيتا مورخ سنڌ مولائي شيدائي جو چوڻ آهي ته ” اهي ويد اوائل ۾ سنڌوندي جي ڪپ تي لکيا ويا، جڏهن آرين سرسونڊي کان وٺي سمنڊ تائين سنڌو ندي جي ميدان تي بيٺڪون وڌيون هيون.“ هي ويد ۽ ٻيا ڪتاب ان زماني جي عظيم تخليق هئا، جن جي اڄوڪي دور ۾ به اوتري اهميت آهي. ان زماني ۾ هڪ خاص ڪتاب منو شاستر آهي، جيڪو هڪ هزار سال کان 900 ق – م ۾ جڙي راس ٿيو. هن ۾ هندن کي ذاتين ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر هڪ فرقي جا فرائض بيان ڪيل آهن. هي قانون جو ڪتاب آهي . سڪندر مقدوني اچڻ وقت سنڌين وٽ علم هو ۽ هتي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا ويندا هئا. فلادلف، بطليموس جڏهن اسڪندريه ۾ ڪتخانو تعمير ڪرايو، تڏهن سندس گماشتا سنڌ مان ڪتاب خريد ڪري ويا. اهڙن واپارين کي ڪتاب آڻڻ تي وڏا وڏا انعام ملندا هئا. اهڙي طرح ٿور عرصي ۾ 54 هزار هڪ سئو ويهه ڪتاب هتان ويا. مولائي شيدائي لکي ٿو ته ” هن مان صاف ظاهر آهي ته ” سنڌين وٽ علم هو، جن کان تمندن قومون ڪتاب خريد ڪنديون هيون ۽ ڪتاب به برآمدي واپار جي قيمتي چيز هئي.“ سڪندر جڏهن سنڌ مان واپس آيو، تڏهن هو هتان ڪيترائي حڪيم ۽ فلسفي يونان وٺي ويو جن اتي سنڌي ڪتابن جا ترجما ڪيا. سنڌ جي تاريخ بابت پهريون ڪتاب دارا اعظم جي يوناني اميرالبحر سڪائلڪس ( 486 – 522 ع ) مهراڻ تي جهاز راني بابت لکيو.
    ٻڌو دور ۾ راجا ڪنشڪ ڪشمير ۾ هڪ علمي مجلس قائم ڪئي جتي سڄي دنيا جا هزارين عالم ۽ بکشو قديم ڪتاب پاڻ سان کڻي اچي شريڪ ٿيا. ڪتابن جي پيچيده حصن ۽ ڏکين مسئلن تي نهايت باريڪ بيني سان بحث ٿيا. پڇاڙي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا اهي ٽامي جي چادرن تي لکائي وڇا منشا نالي وڏو شاستر تيار ڪيو هو. واضع رهي ته ان وقت ڪشمير سنڌ ۾ هو. گپت خاندان به ڪتابن ارٿا مشاستر ( سياست نامو) هن دور جو آهي. جنهن ۾ سياست، حڪمت، طب، جهاز سازي، ملڪي تاريخ، حڪومتي انتظام، مردم شماري ۽ کاڻين کوٽڻ کان علاوه هندي معاشرت جي هر پهلوءَ تي نظر وڌي ويئي آهي. هن زماني ۾ ڀرت جو نٽ شاستر موسيقي جو ڪتاب، وشنو سرين جو هڪ ڪهاڻين وارو نصيحت آميز ۽ جڳ مشهور ڪتاب پنج منتر ابيات جو درسي ڪتاب هو. علم تلفظ، علم موسيقي، علم لغات،علم ڪيميا، علم نجوم ۽ علم بدن تي هن دور ۾ تمام عمدا ڪتاب لکيا ويا،جن جو انگ هزارين تائين ڄاڻايو وڃي ٿو. سنڌ جي عالمن طب تي به وڏا ڪتاب لکيا، جنهن ۾ سشرت سنگهتا، آيورويد، چڪتسا، گج آيور، ويداشوتسند ۽ ٻيا ڪتاب مشهور آهن.
    اسلام جي آمد کان پوءِ سنڌ جو وڏو ڪتابي ذخيرو، عرب ويو عباسين جي دور ۾، برمڪي خاندان جيڪي اصل سنڌي هئا، تن ڌار الترجمه ۾ هتان جي عالمن، ماهرن ۽ طبيبن کي گهرائي، اهي سنڌي ڪتاب ترجمو ڪرايا. ان دور ۾ جيڪي سنڌي ڪتاب ترجمو ٿيا تن مان ڪي هي آهن. سڌانت جي ڪتب جو ترجمو ابراهيم الفزاري ڪري ان جو نالو سنڌ هند رکيو. آريه ڀٽ جو کنڊيڪا ارجبر ۽ آرکنڊ نالي سان ترجمو ٿيو. طب جي ڪتاب شرٽ جو پڻ ترجمو ٿيو. پنڊت چوڪ جي ڪتاب جو پڻ ترجمو ٿيو. ڌنڻ جو سنڌ ستان، جيڪو ٺيٺ سنڌي زبان ۾ لکيل هو ۽ ماڻڪ جو جانورن جي مرضن تي ڪتاب جا ترجما ٿيا. موسيقي تي پڻ هڪ ڪتاب سنڌ مان ويو جنهن کي ترجمو ڪري ” نافر“ نالو ڏنو ويو. تاريخ جو ڪتاب ” مجمع التواريخ“ به سنڌ مان ويو. سياست ۾ ”ادب الملوڪ “ به سنڌي ڪتاب هو، جنهن ۾ مهاڀارت جي دور جي سياست جا راز ڄاڻايل آهن. اخلاقيات حڪمت ۽ دانائي ۾ پنج ” نستر“ مشهور ڪتاب آهن جن جو ترجمو ڪليله دمنه بالي ڪيو ويو. هي ڪتاب هڪ سنڌي پنڊت جو لکيل آهي . سنڌ جي عالمن عربي زبان ۾ به وڏو ڪتابي ذخيرو ڇڏيو آهي. امام اوزاعي السنڌي حديث جي وڏن امامن مان آهي، ابو معشر عبدالرحمان السنڌي حديث، رجال، فقه ۽ مغازي تي ڪيئي ڪتاب لکيا. عربن جي شروعاتي زماني ۾ قرآن شريف جو ترجمو راجا مهروگ لاءِ منصوره جي هڪ عالم سنڌي ٻولي ۾ ڪيو، جيڪو سنڌ لاءِ وڏو اعزاز آهي ۽ گواهي ڏئي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ ان وقت به ايڏي صلاحيت هئي جو ان کي قرآني تشريح ۽ ذريعو بڻايو وي. سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ سنڌ علم جو مرڪز هئي. ارغونن ۽ ترخانن جو دوربه سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف کان مشهور آهي. مخدوم جعفر بوبڪائي فن تعليم تي ڪتاب ” نهج العظيم“ لکيو، جيڪو اڄ به تدريس ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. بيان العارفين شاهه ڪريم جو لکيل آهي. منهاج المعرفت اگهم ڪوٽ جي هڪ عالم لکيو، جيڪو تصوف ۽ طريقت جر زمزن تي لکيل آهي. مخدوم نوح رح قرآن شريف جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو برصغير ۾ پهريون فارسي ترجمو آهي. مغل گورنرن جي زماني ۾ ٺٽي جي هڪ عالم عربي ۽ فارسي ۾ نعتون لکيون، جيڪي شاهجهان جي نالي سان منسوب ٿيل آهن. عربي فارسي لغت جو نالو ” منتخب اللغات شاهجهاني “ ۽ فارسي مان فارسي ” فرهنگ راشدي“ آهي. هن ئي زماني ۾ شهنشاهه هند اورنگزيب عالمگير عربي ۾ فقه تي هڪ مستند ۽ جامع ڪتاب لکرايو، ” فتوى عالمگيري“ ان ڪتاب ۾ سنڌ جي ٻن عالمن سيد نظام الدين ٺٽوي ۽ قاضي ابوالحيري ٺٽوي حصو ورتو. هي ڪتاب اٺن سالن ۾ ٻن لکن سان تيار ٿيو.
    ڪلهوڙن جو دور تصنيف ۽ تاليف جي لحاظ کان سونهري دور آهي. جنهن ۾ نسخ خط ۾ پهريون ڪتاب ” مقدمه الصلوات“ لکيو ويو، جنهن مان ٻن ڳالهين کي اهميت ملي ٿي. هڪ ته سنڌي زبان مدرسن ۽ تعليمي ادارن ۾ باقاعدي نصابي حيثيت ورتي ۽ سنڌي زبان لاءِ سنڌ جي سڀني مدرسن ۾ اصولي طور هڪ صورتخطي منظور ڪئي وئي ۽ ان ۾ عالمن تصنيف جو ڪم شروع ڪيو. اهڙي طرح ٻه سئو کن ڪتاب لکيا ويا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح ڏيڍ سئو ڪتاب لکيا.
    آخوند عزيز الله متعلوي قرآن شريف جو تحت لفظي ترجمو ڪيو، جيڪو 1877ع ۾ ممبئي مان ڇپيو ۽ هن زماني جي شاعري ۾ ڀٽ ڌڻي جو رسالو هڪ يادگار تصنيف آهي، جيڪو عالمي شهرت جو حامل آهي. مخدوم عبدالسلام شمائل ترمزي جو منظوم ترجمو ڪيو. ميان نورمحمد ڪلهوڙي منشو رالوصيت نالي ڪتاب لکيو جيڪو حڪمران طبقي جو پهريون ڪتاب آهي. ڪلهوڙن جي ئي زماني ۾ مير علي شير فاتح فختلف علمن تي 43 ڪتاب لکيا. سنڌ جو هڪ تاريخي ڪتاب فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو آهي. جيڪو اروڙ جي هڪ عالم عربي ۾ لکيو جنهن کي محمد بن علي بن حامد ڪوفي هٿ ڪري فارسي ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو پوءِ سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ٿيو. ٽالپر حڪمران پاڻ به صاحب تصنيف هئا ۽هنن جي زماني ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ نورنامو، سيف الملوڪ، ليلى مجنون، حڪايات الصالحين، لاڏاڻو، محراجنامو ۽ سئو مسئلا مشهور آهن.
    انگريزن جي زماني ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري زبان جو درجو حاصل ٿيو ۽ سرڪاري طرح ڪتابن لکڻ کي همٿايو ويو، ان ڪري انگريزي، فرينچ، جرمني، روسي، عربي، فارسي، هندي، بنگالي، سنسڪرت، گجراتي، اردو ۽ ٻين ٻولين مان ڪتاب ترجمو ٿيا. خود انگريز عالمن به سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب لکيا، ان کان سواءِ ايسپ جي آکاڻين جو سنڌي ترجمو ٿيو. ميجر ايف جي سنڌي گرامر ۽ سسئي پنهون جا بيت ڇپيا. ڊاڪٽر ٽرمپ شاهه جو رسالو ۽ سنڌي گرامر تي ڪتاب لکيو، ڪئپٽن هيگ سنڌو ماٿري تي هڪ تاريخي ڪتاب لکيو، هن ئي زماني ۾ هڪ سنڌي عالم مرزا قليچ بيگ ساڍا ٽي سئو ڪتاب لکيا. سنڌي ڪتابن جو ڪافي ذخيرو اڄ به لنڊن جي برٽش ميوزم، پئرس جي لوو لئبريري ۽ انڊيا آفيس ۾ موجود آهي.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي جي تاريخ، تحقيق ۽ لسانيات خواهه سائنسي ادب تي ڪافي ڪتاب لکيا ويا. سيد حسام الدين راشدي تاريخ ۽ تحقيق تي 45 ڪتاب لکيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب سان گڏ منو سئو ڪتاب لکيا. اسان جن هندو عالمن به سنڌي ٻولي ۾ ڪافي معياري ڪتاب لکيا ويا آهن. لطيف ۽ سچل جي آفاقي پيغامن تي به معياري ڪتاب لکيا آهن. لطيف ۽ سچل جي آفاقي پيغامن تي به معياري ڪتاب لکيا ويا آهن. لسانيات، ادب، تاريخ ۽ تحقيق تي لکيل ڪتابن جو تعداد گهڻو آهي.
    هن وقت ضرورت هن امر جي آهي ته اسان سنڌي ٻولي ۾ انسائڪلو پيڊيا تي بنيادي ڪم ڏانهن ڌيان ڏيون. ٻيو فني، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي ڪتابن لکڻ جي ڪوشش ڪريون. بقول مرزا مراد علي جي جيڪڏهن اسان جي عالمن، استادن ۽ ليکڪن جديد فني علومن تي جهڙوڪ، انجنيئرنگ،اليڪٽرانس، ڪمپوٽر، علم طبعي،علم ڪيميا، علم ارضيات، علم حياتيات، علم طب ۽ اهڙن ٻين عالمن تي،سنڌي زبان ۾ مواد پيش نه ڪيو ته سنڌي زبان اڳتي وڌي نه سگهندي ۽ اسان فقط شاعري ۽ افسانوي ادب تي لکيل چند ڪتابن کي زبان جي ترقي سمجهي، خوش فهمي ۾ رهجي وينداسين ۽ سنڌ ۾ سوين سنڌيدان انهن موضوعن جي استادن جي حيثيت ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مقرر ٿيل آهن. اهو انهن استادن جو فرض آهي ته پنهنجي روزمره جي مشغولين مان ڪجهه وقت هن طرف صرف ڪن ۽ مٿي بيان ڪيل علومن تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکن.
    بهرحال هن وقت به سنڌي ٻولي ۾ مختلف ادارا ڪافي ڪتاب ڇپرائي رهيا آهن جيڪي عالمي ادب جي معيار جا آهن ۽ سنڌي ٻولي جي معيار کي قائم ڪيو پيا اچن.

    سنڌ ۾ ڪپڙي جو هنر
    سنڌ ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جو هنر تمام پراڻو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن دنيا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو اگهاڙا گهمندا هئا، غارن ۽ چرن ۾ رهندا هئا، تڏهن سنڌ جا ماڻهو اهڙا ته نفيس ۽ ملائم ڪپڙو ٺاهيندا هئا جو ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي لکي ٿو ته ” جنهن زماني ۾ ڪيترن قومن کي اڃان پنهنجي بت ڍڪڻ جي به سڌ ڪانه هئي، تنهن زماني ۾ ئي سنڌو ماٿري جا رهاڪو، ايتري قدر ترقي ڪري ويا هئا جو شاهاڻيون پوشاڪون پهريندا هئا ۽ ٻين کي به خلعتون ڍڪائيندا هئا. موهن جي دڙي واري زماني ۾ گهر گهر ۾ سٽ ڪتيو ويندو هو ۽ اتان ڪپهه مان ٺهيل هڪ ڪپڙي جو ٽڪر به مليو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هت ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. لالالجپت راءِ جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ اول اول ڪپڙو موهن جي دڙي وارن ٺاهيو ۽ اهو ڪپڙو ململ جي نالي سان سڏبو هو. جنهن لاءِ سر جان مارشل لکي ٿو ته ” سنڌو ماٿر ۾ ان وقت بهترين ململ تيار ٿيندي هئي جيڪا سنڌ مان مصر، بابل ۽ ڀونچ سمنڊ وارن ملڪن ۾ سنڌو ململ ويندي هئي. بابل ۽ روم جا بادشاهه خواهه قسطنطنيه جون شهزاديون سنڌي ململ استعمال ڪنديون هيون. قرآن شريف جون لفظ ”سندن“ به سنڌي ململ جي معنى ڏيکاري ٿو. حضور اڪرمﷺ به سنڌي ململ ڪم آندي هئي. دراوڙن جي زماني ۾ به سنڌ ۾ سوٽي ڪپڙو خاص ڪري ململ سٺي ٺهندي هئي. آرين جي زماني ۾ پورهتين جو قدر ڪيو ويندو هو، يجر ويد ۾ ڪوري جو ذڪر اچي ٿو. ان زماني ۾ هت سوٽي ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. موريه گهراڻي جي زماني ۾ سنڌ ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، جتي بيواهه ۽ غريب ماڻهو اچي مزدوري ڪندا هئا. برهمڻ جي زماني ۾ به هت اعلى پائي جو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو ٺهندو هو.
    عربن هونئن ته فاتح جي حيثيت ۾ 711ع ۾ هت آيا، پر تجارت جي لحاظ کان سنڌ سان سندن ناتا پراڻا هئا. هنن جي بيانن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو يهودين ۽ عرب تاجرن جي معرفت سڄي دنيا۾ پهچي چڪو هو. انهن ڏينهن ۾ يمن سنڌ جي ڪپڙي جي منڊي هو، جتان اهو ڪپڙو عرب جي اندرين حصن حجاز، عراق ۽ شام پهچندو هو ۽ اتان اهو يورپ ويندو هو. هت نه صرف سوٽي ڪپڙو، پر ڇيٽون، شالون، ريشمي ڪپڙا، اوني فراسيون ۽ غاليچا به ٺهندا هئا. عربن سنڌ فتح ڪري ڪپڙي جي هنر کي زور وٺرايو. هنن چرخي جي رواج کي هٿي ڏني، هو ان کي ناعوره سڏيندا هئا. عباسي دور ۾ هر شهر ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا هئا، هنن نه صرف هتان جو ڪپڙو ٻاهر موڪليو پر ٻاهرين ڪپڙي کان به سنڌين کي متعارف ڪرايو، خاص ڪري سوسي جو ڪپڙو تيونس کان فاطمي دور ۾ هت پهتو.
    مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڪپڙي جي صنعت وڏي ترقي ڪئي . هت ٿلهي ۽ سنهي تند وارا سٽ، وڏي ڪاريگري سان ڪتيو ويندو هو، انهي ڪري تند هڪ ڪري هوندي هئي. سنڌي ڪپڙي جي ايڏي ته کپت هئي جو، ان ڪي ٺاهڻ لاءِ ڪڇ ۽ ننگا مان به ڪپهه گهرائي ويندي هئي. ان زماني ۾ سنڌ ۾ ڪيترن ئي قسمن جو عمدو ڪپڙو ٺهندو هو ۽ پري پري تائين ويندو هو. ڪشمير ۽ خراسان مان ڪچو ريشم گهرائي نهايت نفيس ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو. ٺٽي جون ملائم گلبدن اجرڪون ۽ بسترن جو خوبصورت چادرون ٻاهر وينديون هيون. ڪرمان جي نرم پشم مان شالون ٺهنديون هيون. روهڙي جي تسر ايراني واپاري وڏي شوق سان خريد ڪندا هئا. سکر ۽ روهڙي ۾ ان وقت وڏي تعداد ۾ ڪوري رهندا هئا ۽ سنڌ ڪپڙي جو مرڪز ۽ تجارتي منڊي هئي . يورپي واپاري هتان ڪپڙو خريد ڪري يورپ ۾ سٺ سيڪڙي منافعي سان وڪرو ڪندا هئا. ڊچن هت ڇيٽن جو رواج وڌو.
    انگريزن جي شروعاتي دور ۽ ٽالپرن جي آخري زماني ۾ ٺٽو، حيدرآباد، نصرپور، سيوهڻ، هالا، ڪنڊيارو، گمبٽ ۽ شڪارپور ڪپڙي جا وڏا مرڪز هئا. ٺٽي ۽ نصرپور ۾ ڪورين جا ٽي ٽي هزار ڪٽنب رهندا هئا. ٺٽي ۾ چونڪري کيس ڀلو ٺهندو هو جيڪو ترڪي ۽ ايران ۾ گهڻو وڪامندو هو. نصرپور جو بافٽو مشهور هو، جنهن جو بر ٻه وال هوندو هو، جيڪو ولايت ۾ ڏاڍو وڪامندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني ان جا ڇهه هزار وال خريد ڪيا. گمبٽ جو ڪپڙو ڪنڊياري کان بهترين هو ۽ ٿان جي ڊيگهه ساڍا ٻارنهن وال هئي، سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ جيڪو ڪپڙو ٺهندو هو، تنهن ۾ هرک،سادو ۽ ڇريل سنهو ۽ ٿلهو بافتو، ڇيٽ،ململ، سوسي ۽گربي، لونگيون، گيگم، حلواڻ، کيس، چنيون، تسر، سوڙيون، پٿراڻيون ۽ اجرڪ مشهور هئا. سنڌ جي ڪپڙي جو اوڄ گهاٽو ۽ سهڻو هوندو هو،ان ڪري سڄي مشرق ۾ ان کي گڏ ٿيندڙ مال جو ” گل “ سمجهيو ويندو هو ۽ کيس ٻئي هر ڪپڙي تي ترجيح ڏني ويندي هئي. هئملٽن لکي ٿو ته ” سنڌ جو سوٽي ڪپڙو، هڪ سادي ڊزائن وارو نهايت لسائي سان اڻيل هوندو هو ۽ سندس جوڙيون نه رڳو نرم ۽ نفيس هيون. پر ٻين هنڌن جي جوڙين کان وڌيڪ جٽاءُ دار به هيون. مئڪرڊو لکي ٿو ته درٻيلي ۽ ڪنڊياري جو سوٽي ڪپڙو سنهو هوندو هو، جيڪو يورپي منڊين ڏانهن ويندو هو، ڪنڊياري جون ململون مشهور هيون، جن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي مرد ۽ عورتون شوق سان پهريندا هئا. نصرپور جون ململون بر۾ وڏيون هيون، پر نفاست ۽ ڪنڊياري جو ڪپڙو سرس هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني 1653ع ۾ ڇهه هزار ٿان، 1656ع ۾ ويهه هزار ٿان، 1868ع ۾ ڇهه هزار ٿان سوٽي ڪپڙي جا خريد ڪيا. ان کان سواءِ ڪمپني 400250 ڳٺڙيون ڪپڙي، سٽ ۽ ڇيٽن جون ممبئي ۽ سورت روانيون ڪيون، اهو ئي سبب آهي جو ڪمپني جا علمدار لکن ٿا ته سوٽي ڪپڙي جي لحاظ کان ٻين سڀني ڪوٺين کان سنڌ جي ڪوٺي اطمينان جوڳي ۽ جاري رکڻ جهڙي آهي.
    سوٽي ڪپڙي کان سواءِ هت ريشمي ڪپڙو به سٺو تيار ٿيندو هو. روهڙي جي تسر ۽ ٺٽي جون لونگيون ملڪان ملڪ مشهور هيون، جيڪي عاليشان ۽ دلڪش هونديون هيون. انهن ۾ تاڃي ريشمي هوندي هئي ۽ پيٽو سٽ جو هوندو هو. ريشمي ڪپڙي تي سون ۽ چاندي جي ڌاڳن سان ڀرت ڀريو ويندو هو. سنڌ جون ريشمي لونگيون پرڏيهي مارڪيٽ ۾ هٿو هٿ کڄي وينديون هيون. هتان جو اوني ڪپڙو به مشهور هو، جنهن ۾ غاليچا، ڪمبل، کٿا، دوهران، فراسيون،لوئيون ۽ خرزينون اچي ٿيون وڃن. هالا ۾ سوسي ٺاهڻ جا پنج سئو آڏاڻا هئا، سانگهڙ ۾ کيس ۽سوسين ٺاهڻ ۾ ڇهه سئو ڪاريگر ڏينهن رات رڌل رهندا هئا.
    انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هت ڪپڙي جي صنعت تباهه ٿيڻ لڳي، ڇو ته انگريز حڪومت ولائتي ڪپڙو سستي اگهه تي فراهم ڪري، سنڌ جي ڏيهي هنر کي ڇيهو رسايو. ان دور ۾ ڪپڙي جو واپار هندن جي هٿ ۾اچي ويو، جن ٻڌي ڪري تمام سستي اگهه ۾ ڪورين کان ڪپڙو وٺي کين وڏي اگهه تي سٽ وڪرو ڪيو، ان ڪري هو مسڪين ۽ غريب ٿيندو ويو. اهڙي طرح هي هنر ختم ٿيندو ويو، پر ان هوندي به لاڙڪاڻي جو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو، روهڙي جي تسر، ٺٽي جون لونگيون، هالا جي سوسي، کپري جا غاليچا ۽ لوئيون مشهور هيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هت ڪپڙي جي صنعت زور ورتو آهي سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ ڪافي ڪپڙي جون صنعتون ڪم ٿيون ڪن .

    سنڌ جو لباس:
    هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته جڏهن دنيا ۾ انسان چرن ۽ غارن ۾ رهندو هو، ڪچو ۽ ڪنو گوشت کائيندو هو، اگهاڙو گهمندو هو، تڏهن سنڌ جو ماڻهو ايڏي ته نفيس ۽ ملائم ململ سان پنهنجو تن ڍڪيندو هو جو ان کي پوءِ ساري دنيا جي بادشاهن پسند ڪيو. سنڌي لباس ۽ پوشاڪ جون ٻه خوبيون آهن، پهريون ستر ڍڪڻ ٻيو خوشنمائي ۽ سونهن وڌائڻ. سنڌ جو لباس پنهنجين انهن خوبين ڪري اڄ به مشهور آهي. موهن جي دڙي جا ماڻهو اهڙو لباس ڍڪيندا هئا، جيڪو انسان جي ستر پوشي ڪري، عورتون عام طرح سان بدن جي هيٺئين حصي تي گوڏ جي نموني جهڙو ڪپڙو ( پڙو) ڍڪينديون هيون، جنهن جو هي ڪپڙو گوڏن تي اچي ختم ٿيندو هو. مرد معمولي ڪپڙا پهريندا هئا. وڏا ماڻهو ڀرت سان ڀريل چٽن ۽ گلن ٻوٽن وارا ڪپڙا استعال ڪندا هئا. هڪ سادي يا سبيل چادر، مرد اهڙي نموني سان ويڙهيندا هئا، جيڪا کاٻي ڪلهي کي ڍڪي، ساڄي ٻانهن جي بغل وٽان لنگهي پيٽ ڏانهن مڙندي هئي، ان کان سواءِ رڱيل ۽ ڀرت ڀريل شال به ڪم آندي ويندي هئي. ڪئنوس جي نموني جو ٿلهو ڪپڙو ۽ اوني ڪپڙو به ڪم آڻيندا هئا. اجرڪ جيڪو اسان جي ثقافت جو اهڃاڻ آهي، جنهن تي ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جا چٽ آهن، موهن جي دڙي جا ماڻهو اوڍيندا هئا. اهڙي طرح کهنبو، عورتن جي اوڍڻ جو پراڻو ڪپڙو آهي، جيڪو موهن جي دڙي جون عورتون ڪم آڻينديون هيون.
    آرين جي زماني ۾ ڀرت ڀرڻ جو رواج هو، ان زماني ۾ شاهوڪار ماڻهو جيڪي ڪپڙا پهريندا هئا‏، تن جتي ڪنارن تي زري جي پٽي هڻندا هئا، جا وقت تي لاهي رکندا هئا. ان زماني ۾ ڪن زالن جو ڌنڌو ڀرت ڀرڻ هو. ڀرت جو ڪم ايتري قدر اوچو هو جو ماڻهو خلعتون ٺهرائي ٻين کي سوکڙي طور ڏيندا هئا، سنڌ جي راجا سونيه ڀاويه پنهنجي ناٺي ڪاڪشون رشي کي خلعت ڍڪائي هئي. ان دور ۾ مرد ٽي ڪپڙا پهريندا هئا، هڪڙو ڪپڙو نيوي سڏبو هو، جيڪو چيلهه سان جڙيو پيو هوندو هو، ٻيو ڪپڙو هو ڌوتي ۽ ٽين چادر جنهن کي اوڌي واس يعني مٿان وجهڻ جو ڪپڙو چوندا هئا. اٿر ويد ۾ اشنيش جو لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنى آهي پٽڪو يا مٿي ڍڪڻ جو ڪپڙو . هن صاف ظاهر آهي ته پٽڪن ٻڌڻ جو رواج ويدڪ زماني ۾ پيو. عورتون ٻه ڪپڙا ڍڪينديون هيون. ساڙهي هيٺيان ۽ چادر مٿان. ٻاهر نڪرڻ مهل زريءَ جي ڪناري واري ساڙهي پائينديون هيون. سنڌ جا ڀرت ڀريل چوغا ساري دنيا ۾ مشهور هئا. دارا اول جي 5 سئو ق – م تاجپوشي واري سالگرهه جي موقعي تي سنڌ مان هڪ ڀرت ڀريل چوغو گهرايو هو، جنهن تي ڪاريگري سان اهڙو نفيس ڀرت ڀريل هو جو دارا، روم جي شهنشاهه ڏانهن جيڪي شاهي سوغاتون موڪليون، تن ۾ اهو سنڌي ڀرت ڀريل چوغو به هو. جنهن کي اتي اچرج ۽ خوشي سان ڏٺو ويو.
    سڪندر مقدوني جي ڪاهه وقت سنڌي سهڻو لباس پهريندا هئا. نيرڪوس سنڌين جي پوشاڪ بابت لکي ٿو ته ” اهي اڇا سوٽي ڪپڙا پهريندا هئا، سندن ڳچين ۾ سفيد انگوڇا ويڙهيل هئا، جن جا پلئو ڪلهن تي لڙڪائيندا هئا، سندن جتيون سفيد چمڙي جون هيون، جن تي ريشمي ڪم ٿيل هو. جتين جي کڙين کي نال هڻائيندا هئا، تنهن ڪري قد ۾ ڊگها نظر ايندا هئا. ان دور ۾ انگوڇو يا پوتڙو اوڍڻ جو عام ڪپڙو هو. يجر ويد ۾ هن کي يوپا وتيا چيو ويندو آهي. هي گهڻو ڪري هٿ جي ڪپڙي طور ڪتب ايندو هو.
    ٻڌ ڌرم واري دور ۾ ڪپڙن جو رنگ بدليل هوندو هو، ٻڌ جا پيشوا گيڙو رتا ڪپڙا پائيندا هئا ۽ اها سندن نشاني هئي. تاريخ ۾ کين محمره يعنى گيڙو ڪپڙن وارن سڏيو ويو آهي. برهمڻ دور ۾ سنڌ جي ماڻهن جو لباس ساڳيو ئي هو، البته ڌوتي کي خاص اهميت هئي ۽ ڌوتي جغرافيائي لحاظ کان سنڌ جو خاص ڪپڙو هو. ڪرنل ميڊوز ٽيلر ڌوتي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” ڌوتي کان وڌيڪ، ڪا ٻي سولي سهنجي پوشاڪ جنهن ۾ هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾ سولائي ٿيئي، جوڙڻ ئي ناممڪن آهي.“
    عرب جي دور ۾ سنڌي لباس جون سٺيون شيون عرب ۾ پهتيون ۽ مسلمان جي لباس جو سنڌ جي ماڻهن تي به اثر پيو. سنڌ جي مشهور ململ ” سندس“ لاءِ اچي ٿو ته يلقاءَ جي عامل فروه بن عمر الجن امي جڏهن اسلام قبول ڪيو، ته هن نبي ڪريم ﷺ جن کي جيڪي تحفا موڪليا، تن ۾ ”سندس“ جي قبا به هئي، جنهن تي سونهري ڪم ٿيل هو ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڪپڙا ۽ شيون به هيون جن کي پاڻ سڳورن ﷺ پسند فرمايو. لسان العرب ۾ آهي ته ” حضرت بي بي عائشه رضه جي جسم مبارڪ تي چار ڪپڙا سنڌ جا اوڍيل هئا. سنڌ جي هڪ پوشاڪ ڪڙتو آڳاٽي زماني کان عرب توڙي ايران ۾ رائج هو، جنهن کي عرب ” قرطن“ چوندا هئا. لسان العرب ۾ آهي ته قرطق قبا آهي، ان کي ڪڙتي جو معراب سمجهيو وڃي ٿو، سنڌ جي انهن ڪڙتن بابت سليمان تاجر لکي ٿو ته ” سنڌين جي ڪاريگري جو هي ڪمال آهي، جو هو اهڙو ڪڙتو تيار ڪن ٿا، جنهن ۾ ٻئي آستين، ڪليون ۽ کيسا اڻيل آهن. انهن ۾ سلائي جي ڪابه ضرورت نه آهي. لسان العرب وارو لکي ٿو ته ” گوڏ ۽ لونگي جا ڪپڙا به سنڌ مان عربستان ايندا هئا.“ ابو منصورجو چوڻ آهي ته ” مون ڪوفي ۾ اٺن وارا ۽ ٻيا ماڻهو ڏٺا جيڪي ڌاريدار چادرون خريد ڪري گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا.
    سنڌ جون جتيون به عرب ۾ مشهور هيون .امام احمد بن حنبل جو قول آهي ته ” سنڌ جو جتيون اهڙيون ته خوشنما ۽ ڀڀڪيدار هيون، جو سنجيده ماڻهو پائڻ پسند نه ڪندا هئا. اهي فقط شهزادن جي پائڻ جي قابل سمجهيون وينديون هيون.“ بشاري لکي ٿو ته ” بغداد ۾ سنڌ جي جتين جو وڏو قدر ٿيندو هو ۽ عربن جي اچڻ سان سنڌ ۾ ٻاهرئين پوشاڪ جو رواج پيو. اهڙن سبيل ڪپڙن مان ڪورمان جا نقاب ( طيالس) سنڌ ۾ وڪامڻ لڳا ۽ في نقاب جي قيمت ويهه دينار هئي، بمپور جون لونگيون به هت آيون، جيڪي صرف امير خريد ڪندا هئا، اهي ويهن سالن تائين هلنديون هيون. جبا عربن سنڌ ۾ آندا، سوسين جو رواج به سنڌ ۾ عربن وڌو، جيڪي تيونس مان هت آيون، عربن ڪوفي، يمن ۽ اسڪندريه جون رنگين چادرون هت وڪرو ڪيون. سنڌ جا رهاڪو جبا، چادرون ۽ ٽوپيون پائڻ لڳا. سنڌي زالون يمن جي چادر کي پسند ڪنديون هيون جيڪا ” رداءِ عربي“ جي نالي سان سڏبي هئي. عورتون اهي چادرون اوڍي بازار مان سودو سلف خريد ڪنديون هيون. عربن سنڌين کي قميص ۽ شلوار کان واقف ڪيو.قميص عربي لفظ آهي ۽ شلوار فارسي اهڙي طرح قميص ۽ شلوار پائڻ جو رواج ” عرب ايران ثقافت “ جو گڏيل اثر آهي. عربن ۽ هندن جي ميل جول جي ڪري لباس به هڪ جهڙو ٿي ويو. ابن حوقل لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندن جو لباس هڪ جهڙو آهي.“ اصطخري جو چوڻ آهي ته ” منصوره جي ماڻهن جو لباس عراق وارو آهي، البته حاڪمن جي وضع قطع ڊگها وار رکڻ، پهرياڻ پائڻ ۽ رهڻي ڪهڻي هندو راجائن سان ملندڙ جلندڙ آهي. عربن کان پوءِ سنڌين جي پوشاڪ تي اسلام جو اثر پيو، ان ڪري ڊاڪٽر ڇٻلاڻي جي لفظن ۾ ته هندستان جي عام ماڻهو جي برعڪس هن سرزمين سنڌ جي هر رهواسي اڳي توڙي هاڻي پنهنجي بدن کي ننهن کان چوٽي تائين ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهي ڪوشش سندس پوشاڪ کي رعبدار ۽ خوشنما بڻايو آهي. ان ڪري ئي ڊاڪٽر ائڊرن درت لکي ٿو ته سنڌتي مرد توڙي عورتون تمام خوبصورت لباس پهرين ٿا. مردن جا اجرڪ، ٽوپ ۽ لونگيون نهايت ئي خوبصورت آهن. جڏهن ته عورتن جون چنيون، ڀريل گج، گلابي ۽ بلو شالون، رنگين سوسيون ۽ گيگم جو سٿڻيون نهايت ئي خوبصورت هونديون آهن. انهن ڪپڙن کي ڏسندي معلوم ٿيندو ته سنڌ جا باشندا ڪيترا نه رنگين مزاج آهن.“
    هي ته هئي ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌين جي پوشاڪ جي جهلڪ، ميرن جي لباس لاءِ ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو ته ” درٻار ۾ ننڍن شهزادن ۽ اميرن جي لباس منجهان سندن پوشاڪ جو سٺو ذوق بکي رهيو هو ۽ گهڻو ڪري سڀ نهايت خوبصورت پوشاڪن ۾ ملبوس هئا. حاڪمن ۽ سندن درٻارين جي پوشاڪ ۾ گهڻو ڪري هيٺيون شيون هونديون هيون. هڪ سفيد ڪيمخواب جو صفائي سان ۽ سهڻو تيار ڪيل ڊگهو چوغو، هڪ ويڪري ريشمي شلوار، جنهن کي مُرن وٽ ٻڌي ڇڏبو هو، جا گهڻو ڪري گهري آسماني رنگ جي هوندي هئي، هڪ گلابي رنگ جي يورپي ريشم جي صدري، جنهن تي سون يا چاندي جو ڪم ٿيل هوندو هو ۽ ڊگهي گول ( اسطواني) ٽوپي جا ڪجهه ڊگهي ٽوپلي جهڙي لڳندي هئي ۽ سون جي ڪم سان يا ريشمي ڀرت ڀريل ڪيمخواب جي ٺهيل هوندي هئي، هڪ ڪمربند جنهن تي ريشم ۽ سون جو ڪم ٿيل هوندو هو ۽ هڪ ڪشميري شال جا عام طور سفيد رنگ جي هوندي هئي ۽ اڇاتري ڪلهي تي ورايل هوندي هئي. سندن لباس جي تڪميل هڪ ايراني خنجر يا تلوار سان ٿيندي هئي جا ڪمربند سان بڌل هوندي هئي، جنهن تي هيرا جواهر جڙيل هوندا هئا.“ رچرڊ برٽن لکي ٿو ته ” عام سنڌي جي پوشاڪ ڪڙتو، سوٽي ڪپڙي جي صدري، ويڪرن پانچن واي ڪانچ، ڪلهن تي گندي يا چادر، بوڇڻ ڪمربند ۾، سياري ۾ ڪپهه سان ڀريل ڪڙتو ياٺونٺ تائين نمتا پائيندا هئا. غريب ماڻهو ڌوتي يا گوڏ ٻڌندا هئا، گوڏ نيري رنگ جي هوندي هئي. پورهيت يا ڪڙمي، بافتي يا کدر جي گوڏ ٻڌندا هئا، مٿي جي ڪپڙي لاءِ هو لکي ٿو ته ” سنڌ جا ماڻهو مٿي تي ٽن قسمن جو ڪپڙو ڍڪيندا هئا، جو ململ جو ٺهيل هوندو هو. سرندي وارا ماڻهو پڳ ٻڌندا هئا، وچولو طبقو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ غريب ماڻهو فينٽر يعنى ڪپڙي جو ننڍو ٽڪر مٿي تي ويڙهيندا هئا.“ ٽيلر لکي ٿو ته ” سنڌين جي عمدي پوشاڪ ۾ چوغو، ڪڙتو، قرمزي گج، سوٽي ڪپڙو، رومال ۽ پٽڪو اچي وڃي ٿو.“ پاٽنجر جو چوڻ آهي ته ” سنڌي ماڻهو چورسي ڪپهه جي ٽڪرن جي ٺهيل ٽوپي پائيندا هئا.“ عورتن جي لباس بابت برٽن لکي ٿو ته ” ان زماني ۾ سرندي واريون عورتون رئي جي مٿان شالورو يا شال ڍڪينديون هيون . وچولو طبقو رئو ۽ ان جي مٿان هرک جي چادر ۽ غريب عورتن لاءِ ڪوبه مقرر اوڇڻ ڪونه هوندو هو. ڪنهن مهل گندي ته ڪنهن مهل بافتي جي چادر. ساڳئي طرح ائٽڪن لکي ٿو ته” هندستان جي سڀني علائقن کان سنڌي ماڻهو وڌيڪ خوبصورت بوٽ پائين ٿا، جن ۾ زميندار ۽ سرندي وارا رنگين جتيون پائين ٿا، جن کي سيم جي زري ۽ سون جي زري به لڳل هوندي هئي.عورتون گل سان جتي پائين ٿيون، جتي تي پڻ موتي ۽ سوني زري يا سيم جڙيل هوندي آهي. غريب ماڻهو کيٿڙا پائين ٿا، جيڪي سادا آهن.“ انگريزن جي اچڻ سان اسان جي پوشاڪ تي وڏو اثر پيو، ڪوٽ، سوٽ، ٽوپلو، بوٽ، بشرٽ ، ٽي شرٽ ۽ نيڪٽاءِ . مغربي لباس عام طور تي سنڌ جا ماڻهو استعمال ڪرڻ لڳا، پر اها پوشاڪ گهڻو ڪري مٿيون طبقو يا سرڪاري ماڻهو ڪم آڻڻ لڳا ۽ عام سنڌي ماڻهو لاءِ ڊاڪٽر سورلي جي لفظن ۾ ” ولايت کان ڪيترائي لباس جا نمونا سنڌ ۾ متعارف ٿيا، پر سندن طبع کي متاثر نه ڪري سگهيا. زناني لباس ۾ انگريزن يورپ جي ڇيٽن کي پيش ڪيو ۽ عورتون ان مان سلوار قميص ٺاهي ڪم آڻڻ لڳيون. مغربي تهذيب اسان جي پوشاڪ تي جيڪو وڏو اثر وڌو اهو آهي مرد جو پٽڪو ۽ عورت جو بوڇڻ، اهي ٻئي شيون اسان جي نئين نسل مان نڪري ويون آهن ۽ هن وقت رئو مٿي تان لهي اچي ڳچي ۾ پيو آهي ۽ مرد مٿي اگهاڙو ٿي پيو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جناح ۽ لياقت ڪئپ، مجيب جئڪيٽ، شيرواني ۽ شوبوٽ به سنڌي لباس ۾ پنهنجي جاءِ ڳولي لڌي پر هن وقت سنڌ ۾ اصلي سنڌي پوشاڪ نوجوانن ۾ مقبوليت حاصل ڪئي آهي، جنهن ۾ اجرڪ کي اوليت حاصل آهي، جنهن کي اڄ به مرد ۽ زالون ٻئي پائن ٿا. کهنبو به پراڻو اوڇڻ آهي جيڪو عورتن جي مٿي ڍڪڻ جو ڪپڙو آهي، جنهن کي لاڙ ۾ گربي چئبو آهي. اڄ ڪلهه فيشن طور هن جو گهڻو استعمال آهي، عورتون سٿڻ سان گڏ قميصون به ٺاهين. نوجوان شرٽون به سبرائين ٿا. سنڌي لونگي پٽڪي وانگر، ڪهي تي ٻڌي ويندي آهي. لونگيون ريشم مان ٺهنديون آهن ۽ ڪن ۾ زردي جا ڌاڳا به هوندا آهن. اها گهوٽ لاءِ مڱڻي يا پرڻي مهل ڪلهن تي وڌي ويندي آهي ۽ حڪمران طبقي طرفان انعام طور به ڏني ويندي آهي.
    بهرحال سنڌي پوشاڪ اڄ به پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي روايت جي آئينه دار آهي.

    سنڌ جا زيور :
    ڳهه ڳٺا هر ملڪ جي ثقافت جو حصو آهن. عورت مشرق جي هجي يا مغرب جي، سندس سونهن جو ڪارڻ زيور ئي آهن، پر تاريخ شاهد آهي ته م۾مشرق جي عورت جي زندگي ۾ زيور کي ۽ جو هڪ روايتي حيثيت حاصل رهي آهي. خوشي جو اهڙو ڪوبه موقعو نه آهي، جنهن ۾ زيور عورت سان شريڪ نه رهيو هجي. شروعاتي زماني ۾ جڏهن انسان جهنگلن ۾ رهندو هو، تڏهن به گلن ۽ پنن کي استعمال ڪري عورتن ڳهن جي پورائي ڪئي. زيون پنهنجي اهميت کي هر دور ۽ هر زماني ۾ مڃرايو آهي. ملڪ قلوپرطره کان نورجهان ۽ رضيه سلطانه تائين ڳهه زندگي جو بنياد رهيا آهن. سنڌ پاتا۾ ڳهن جو رواج تمام پراڻو آهي. هي ڳهه نه صرف پاتا ويندا هئا پر انهن جا شهه ڪاريگر به هئا، جيڪي ڳهه ٺاهيندا هئا، محمد سومار شيخ لکي ٿو ته ” اسان جي سنڌ جا سونارا حضرت عيسى کان ٽي هزار ورهيه اڳ ٽانڪي جو ڪم ڪندا هئا. اڳي راڻيون ۽ اميرن جون زالون قيمتي زيور پائينديون هيون. موهن جي دڙي واري زماني ۾مرد توڙي زالون عام طور زيور پائيندا هئا، جيئن هسي، ٻانهن، بازو بند، منڊيون وغيره. مردن کان سواءِ زالون وڌيڪ زيور استعمال ڪنديون هيون. منگليون، پازيب ۽ پنڙا، ڪي زالون ٺونٺ کان وٺي ڪلهن تائين ٻانهي چاڙهينديون هيون. موهن جي دڙي مان هٿ آيل مورتي ۽ ٻين مورتين کي پاتل زيورن ۾ هار، گلوبند، ڳچي پٽا، چوڙيون، ٻانهون، ٻانهونٽا، بازوبند، چيلهڪيون، نورا ۽ ڪڙيون ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جا سونارا ڪيڏا نه ماهر هئا جن سون ۽ چاندي مان اعلى قسم جا زيور ٺاهيا. سرجان مارشل تڏهن لکي ٿو ته ” سونا زيور اهڙي عمدي ريت گهڙيل آهن ۽ اوجر اهڙي اٿن جو ڄڻ ته لنڊن جي بانڊ اسٽريٽ ( سونارن جي گهٽي) مان هينئرئي گهڙجي آيا هجن ۽ پنجن هزارن ورهين جا ڀائنجن ئي ڪين ٿا. موهن جي دڙي جا ماڻهو، هيرن ۽ جواهرن جا هار به پائيندا هئا. ڀيرومل آڏواڻي لکي ٿو ته ” قديم سنڌ جا رهاڪو عقيق يا سنگ سليماني، نيلم، پيروز ۽ ٻيا قيمتي پٿر هار جي داڻن، توڙي زالون ڳهه پائينديون هيون، جيڪي ڇاتي تي پيا لٽڪندا هئا، جنهن کي نشڪ گديو يعني ڳچي جو گهڻو سڏبو هو. ٻيو ڳهه دري لڪي هو جنهن کي رڪم چئبو هو، ڪنن جو زيور ڪرن شوڀن هو، جيڪو در يا سونو ڳهه هوندو هو مرد به عام طور ڳهه پائيندا هئا، اهڙو هڪ هار مئي گريو هو، جيڪو مڻين مان ٺاهي ڳچي ۾ وڌو ويندو هو. گهوٽ پرڻجڻ ويلي سونا ڳهه پائي ويندو هو. موتين جا هار نه رڳو ماڻهو پاڻ به پائيندا هئا پر گهوڙن کي به موتين جو ن ڪنٺيون پارائيندا هئا.
    سڪندر مقدوني جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ان زماني ۾ به سنڌي مرد ۽ زالون زيور ڪم آڻينديون هيون. نيڪوس لکي ٿو ته ” سنڌين جي ڪنن ۾ عاج جا موڪرا والا پيل هئا جن جي ڪري خوبصورت لڳن پيا“. عربن جي اچڻ کان پوءِ مردن مان زيور پائڻ جو رواج نڪري ويو، جيڪو پوءِ مغلن ۽ ميرن جي زماني ۾ وري شروع ٿيو. ميرن جي دور ۾ ڪيترائي ڳهه پاتا ويندا هئا. مولائي شيدائي لکي ٿو ته ” زالون ننڍڙن ٻارن کي ڪنن ۾ در ۽ ٻانهن ۾ ڪنگڻ پارائينديون هيون، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ به ننڍين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي سنڌي سٻاجها ۽ڪنگڻ پارائيندا هئا، جڏهن انگريزن حيدرآباد قلعي تي قبضو ڪيو، تڏهن اميرزادن جي ٻانهن مان قيمتي ڪنگڻ به لاٿائون“.
    ٽالپر حڪمرانن جي عورتن جي ڪنن ۽ ٻانهن مان قيمتي زيور لاهڻ لاءِ نيپئر زنانو اسٽاف مقرر ڪيو. مغربي تهذيب جي پکڙجڻ جي ڪري انگريز دور ۾ زيورن پهرڻ جو رواج ختم نه ٿو، پر گهٽجي ضرور ويو. هن وقت به سنڌي ڳهه ڳٺا سندن معاشي، سماجي ۽ ثقافتي سڃاڻ آهن. هنن زيورن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي هزارين سال اڳ جي سماجي زندگي، لباس، مردن توڙي عورتن جي مزاج، پسند ۽ رواج، رنگن ۽ روپن، نقش نگاري، چٽ چٽڻ، نقش ڪڍڻ، ميناڪاري ۽ ڪاريگرن جي هنرمندي
    جي تاريخ ۽ تاريخي ثبوت پيش ڪن ٿا. اڄ به اسان وٽ ڳهن پائڻ جو رواج عام آهي. ڪي عورتون ڳهه نڪ ۾ پائن ته ڪي ڪنن ۾، ڪي ڳچي ۾ ته ڪي وري ڄنگهن ۽ پيرن ۾ . سنڌي سماج ۾ هيٺيان ڳهه ڳٺا پاتا ويندا آهن، اهي هن ريت آهن.
    1 – مٿي جا زيور: جهومر مشهور ۽ مهانگو زيور آهي، جيڪو سون ۽ چاندي ٻنهي مان ٺهي ٿو، ٽڪلو هندو توڙي مسلمان عورتون ڪم آڻين، چوٽي سماٽ ذاتيون ڪم آڻين، ان کان سواءِ ڪنڍو، چوٽي ڦل، آلي ۽ ڏاڻي به مٿي جا زيور آهن.
    2 – نڪ جا زيور: سنڌي تهذيب ۾ نڪ جي وڏي اهميت آهي ۽ نڪ کي عزت ۽ خودداري جي نشاني سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري ئي شايد نڪ جا زيور تمام گهڻا آهن جهڙوڪ نٿ، بولو، لوئنگ، ڦلي ۽ ڪوڪو مشهور آهن. وري هر ڳهه ٺاهڻ جا ڌار ڌار طريقا آهن.
    3 – ڪن جا زيور: ڪن جي زيورن ۾ پاپڙي زيورن پهرڻ جو مرڪز آهي. پاپڙي ۾ ايرنگ، جهومڪ، ڪن ڦل، مگر، جهالر، گل ڦل، والا، چنڊ واليون،در، سريون، ڏرگل، مومن ۽ ڪيوٽيون پاتا ويندا آهن. ڪن جي مٿين سري ۾ جهومٽيون،پنڙيون، پنڙا ۽ پوپٽ پاتا ويندا آهن. ڪن جي وچ ۾ گوڪون ۽ سبي ۾ نسبي زيور پاتا ويندا آهن.
    4 – ڳچي جا زيور: ڳچي ۾ جيڪي ڳهه پاتا وڃن ٿا، اهي هي آهن هار، چندن هار، ڪٺمال، تائيٿ، سريون، هسي، هانوڙي وارلو، هانسلي، ويلو، ماڪوڙي، دل پاڪ، مانڌريا، ڪنٺي، تعويذ، دهري، راڻي هار، گلوبند، لاڪيٽ ۽ نڪلس.
    5 – آڱرين جا زيور: هن ۾ منڊيون، ڇلا، ويڙهه يا ورڻا،کيرولون، آنيئرو ۽ چنبو وغيره اچي وڃن ٿا.
    6 – ٻانهن جا زيور: هن ۾ چوڙيون، هٿڙيون ڪتريا، چوڙا، ٻارکيون، پونچي، هٿ گجريون، دستيون، ٻانهون، پٽا ۽ ڪنڱڻ اچي وڃن ٿا.
    7 – پيرن جا زيور: هن ۾ڪڙيون، نورا، ڇير، پازيب، وڇوڻا، منڊيون، ورڻا، ڪڙا، پير ڇلا، پولڙيون، ڪاڍيا، ساٽا وغيره اچي وڃن ٿا.
    ڄاڻايل سڀ زيور سون ۽ چاندي جا هوندا هئا ۽ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ جيترا زيورن جا قسم آهن، دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ نه هوندا.
    مطلب ته اڄ کان هزارين سال اڳ سنڌو ماٿريءَ ۾ عاج، ڪوڏ، مٽي، سپي، هڏي، ڪنجهي، ٽامي، چاندي ۽ سون مان زيور ٺاهيا ويندا هئا. وادي سنڌ ۾ اڄ به سونارا انهن جهڙا ۽ اهڙا ٻيا زيور ٺاهيندا آهن. جن تي اهڙا ئي چٽ چٽين ٿا، انهن جي گهاڙيٽي جو اڄ به اهو ئي معيار آهي، جيڪو هزارن سالن کان هلندو اچي. اڄ به زيور انهن ئي شڪلين ۽ صورتن وارا نظر اچن ٿا. اڄ به زيورن تي جاميٽري جون انيڪ ڊزائينون، چٽ، گل، ٻوٽا، پکي، جانور ۽ جاندارن جو ن شڪليون ٺاهيون وڃن ٿيون. اهڙي طرح اسان جي سونارن ماضي جي روايت سان ڳانڍاپو رکي، اسان جي ثقافت جي حفاظت ڪئي آهي.

    سنڌ جا سِڪا:
    اقتصادي ڏي وٺ ۽ تجارتي وهنوار ۾ سڪو بنيادي حيثيت رکي ٿو. پراڻي زماني ۾ جنسن يا وکرن جي مٽا ۾ سٽا ٿيندي هئي، مگر جڏهن ملڪن ۾ تجارت وڌي، تڏهن سڪو وجود ۾ آيو، سنڌ ساري دنيا ۾ پنهنجي خوشحالي ڪري مشهور آهي، ان ڪري هت سدائين واپار ۽ تجارت عروج تي رهيو. دراوڙن جي دور ۾ هت ٽامي جا سڪا رائج هئا، جيڪي اندروني طور ڪم ايندا هئا.آرين جي زاماني ۾ هت ٽن قسمن جا سڪا هئا، هڪ سونو سڪو ” سڪته“ ۽ ٻيو منا نالي هو، هنن سڪن تي ڳئون جي شڪل هوندي هئي ۽ سندن ملهه به ڳئون جيترو هوندو هو. ٽيون چاندي جو سڪو هو، جنهن کي ” نيول“ چئبو هو. جڏهن ايرانين سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سنڌ مان کين ايترو ته سون مليو جو هنن جيڪي سڪا ٺهرايا، سي سڀ سنڌ جي نج سون مان هئا، جن جو وزن 130 گرين هو، جن جي هڪڙي پاسي کان تير ڪمان جي شڪل ۽ ٻئي پاسي تي شهنشاهه جي تصوير هئي، هن کي ” دريڪ“ سڏبو هو. دارا سنڌ لاءِ چوڪنڊا ۽ پنج ڪنڊا سيلگوئي سڪا چاندي جا به تيار ڪرايا هئا،جيئن مغربي دنيا سان به واپار چالو رهي . سڪندر مقدوني سنڌ ۾ واپار جي ترقي لاءِ جيڪي سڪا ٺهرايا اهي ٽڪنڊا، چوڪنڊا ۽ گول هئا، پلٽي دي ايقر لکي ٿو ته ” هن زماني ۾ سنڌ ۾ سون جي سڪن جو وڏو تعداد روم مان ايندو هو، جنهن جي بدلي روم ريشمي ڪپڙو ۽ ٻيون قيمتي شيون خريد ڪندو هو. ٻڌ ڌرم جي زماني ۾ سنڌ ۾ ٻن قسمن جا سڪا هئا، هڪ سونن سڪن جو قسم، جيڪي يورنا ۽ نشڪا نالن سان سڏبا هئا، ٻيو پتل ۽ ٽامي جي سڪن جو قسم هو، جيڪي سووانا، ڪماسا، پادماسا ۽ ڪاڪيشيا جي نالي سان سڏبا هئا. سڪن ۾ ڪوڏين کي به دخل هو، جيڪي ناڻي جي صورت ۾ هلنديون هيون.
    عربن جي اچڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ پنجن قسمن جا سڪا جاري هئا. 1 – گنڌاري، 2 – طاطري ( سوماترا جو سڪو)، 3 – ساساني سڪا، 4 – طبري، 5- مغربي. هنن مان گنڌاري، طاطري ۽ مغلي سڪن جو وڌيڪ رواج هو. احڪام السلطانيه وارو لکي ٿو ته” اسلام جي وقت ايران ۾ ٽن قسمن جا سڪا سنڌ تائين رائج هئا، جيڪي بغلي، طبري ۽ مغربي هئا. حضرت عمر رضه جيڪي درهم جاري ڪيا هئا، تن جو وزن بغلي ۽ طبري جي گڏيل قيمت جي اڌ جيترو هو. سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ عربن هت پنهنجا سڪا جاري ڪيا، ان زماني ۾ بلخ ۽ بصر ۾ ضرب خانه هئا. بنو اميه جي دور ۾ سنڌ ۾ چئن قسمن جا سڪا جاري هئا. 1 – حجاجيه: هي سڪا حجاج بن يوسف ضرب ڪرايا . 2 – هبيره: هي سڪا ابن هبير تيار ڪرايا. 3 – قسريه: هي خالد القسري جوڙايا ۽ 4 – يوسفيه : هي يوسف بن عمر جوڙايا. عباسي دور ۾ سنڌ ۾ دينار ۽ درهم خالص سون ۽ چاندي مان ٺهرايا ويا، ان ڪري ٻاهرين دنيا ۾ انهن جو وڪرو عام ٿيندو هو. سنڌ جي هڪ طلائي دينار جي قيمت هندستان جي شهرن ۾ اتي جي ٽن اشرفين جيتري هئي، سليمان تاجر ڄاڻايو آهي ته ” سنڌي دينار بنگال جي اپسمنڊ تائين وڪامندا هئا.“ هن زماني ۾ درهم جي قيمت چار آنا قتطار جي قيمت اٺ هزار چار سئو دينار هئي. 977ع ۾ جعلم بن شيبان سنڌ تي قبضو ڪري فاطمي سڪو رائج ڪيو، منصوره جي گورنر حڪم بن عفانه پنهنجو سڪو جاري ڪيو، ان وقت ملتان ۽ منصوره ۾ ضرب خانه هئا. سنڌ ۾ ان وقت جي رائج سڪن کي عرب مورخن قنڌار يا قاهريات لکيو آهي. ابن حوقل لکي ٿو ته ” هڪ قنڌاري سڪو پنجن درهمن جي برابر هو ۽ طاطري درهم جي اٺين حصي برابر هو. ٻين سڪن ۾ قهاريت جو ڏاڍو استعمال هو، هي قهاريت سڪو ڏيڍ درهم جي برابر هو. “ بشاري انهن سڪن کي قاهريان ڪوٺيو آهي. لکي ٿو ته ” ملتاني درهم، مصري درهمن جي نموني تي آهن. هتي غزني جا قهري درهم به ملندا هئا، جيڪي يمن جي قروض سان ملن ٿا، پر مقامي سڪا وڌيڪ قد آور آهن.“ ادريسي لکي ٿو ته ” هت چاندي ۽ ٽامي جا سڪا رائج آهن.“
    سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ سنڌ ۾ اسلامي دنيا جي هڪ روپئي جي قيمت سنڌ ۾ فقط چئن آنن جيتري هئي . سلاطين گجرات مان محمود بيگڙه جا چار روپيا لاڙي ۽ محمودي اشرفيون سنڌ ۾ چالو هيون. في محمودي روپئي جي قيمت سنڌ ۾ ٻارنهن آنا هئي، ان کان سواءِ بيجاپور ۽ گولڪنڊه جون اشرفيون پگوڊا به هت چالو هيون، انهن اشرفين جو سون خالص هو، ان ڪري گولڪنڊه ۽ بيجاپور تائين هئڻ گجراتي واپارين معرفت سنڌ تائين پهتيون . افغانستان ۽ ايران جا سڪا به هت هلندڙ هئا، هندستان جي مرڪزي حڪومت جا سڪا به جاري هئا.
    ارغونن جي دور ۾ تيموري روپيا، شاهه رخيون، جن جو وزن 80 گرين هو ۽ بابر جا چاندي جا سڪا رائج هئا. پورچوگيزي ٺپي واريون سونيون اشرفيون، چاندي جا سڪا، تنڪا ۽ لاري به ڪم ايندا هئا. تنڪو دهلي جي حاڪمن جو جاري ڪيل هو، لاري، عراق ۽ خراسان ۾ رائج هو، هي سڪو هڪ شلنگ جي برابر هو ۽ ايراني لار علائقي پٺيان لاري سڏبو هو. مرزا عيسى ترخان، ٺٽي جي ضرب خاني مان، هڪ ٽامي جو سڪو عيسائي نالي جاري ڪيو. مرزا محمد باقي ساڳين سڪن کي جاري رکيو، مرزا جاني بيگ ٺٽي ضربخاني مان ئي سڪا جاري ڪيا، پر انهن جو وزن گهٽائائين ۽ ميري نالو ڏنائين . جاني بيگ اڪبر جو سڪو ” اڪبر“ سنڌ ۾ جاري ڪيو، جنهن ۾ ٻارنهن ميريون اچي وڃن ٿيون، هن زماني ۾ پورچو گيرزن جو سڪو ڊالر ” تنگي“ نالي به سنڌ ۾ رائج هو.
    مغلن جي زماني ۾ سنڌ اندر جيتل ٽنڪا، روپيا ۽ اشرفيون هلنديون هيون. بکر ۽ ٺٽي ۾ سرڪاري ضربخانا هئا، روپين ۽ اشرفين جي چاندي ۽ سون کرا هئا، دام ٽامي جا هئا، اڪبري روپئي جو وزن 178 گرين هو ۽ اڪبري اشرفي جي قيمت نو روپيه هئي، عالمگيري اشرفي جي قيمت 14 روپيه هئي، اورنگزيب جي روپئي جي قيمت ٻه شلنگ ٽي پينس هئي. مغليه سڪن کان سواءِ ايراني سڪا جهڙوڪ: عباسي، محمدي ۽ صوفيه چالو هئا. ايراني سڪن جي قيمت چار آنا هئي.
    ڪلهوڙن جي زماني ۾ ٺٽي ۽ بکر مان مغل حاڪم محمد شاهه جي نالي سڪا ٺپجي سنڌ جي بازارن ۾ ايندا هئا. جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هن جي نالي تي سڪا ٺاهيا ويا، اهي سڪا سون ۽ چاندي جا هئا. بکر ۽ ٺهندڙ چاندي جي سڪي جو وزن 176 کان 178 گرين ۽ سون جي سڪو جو وزن 149 گرين هو. بکر مان جاري ڪيل، ٽامي جا سڪا به هن زماني جا مليا آهن، جن کي فلوس چئجي ٿو. ان کان پوءِ احمد شاهه ابدالي جي نالي سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا جاري ڪيا ويا. محمد مرادياب خان ڪلهوڙي جي سوني سڪي جو وزن 5-53 گرين آهي، جيڪو اريراني اشرفي جي برابر آهي. غلامي شاهه ڪلهوڙي جي سوني مهر جو وزن 168 گرين هو. تيمور جڏهن هتان جو ناظم مقرر ٿيو، تڏهن هن بکر جي ضربخاني مان سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا جاري ڪيا. جن جو وزن 172 گرين کان 177 گرين هو. هنن سڪن تي فارسي ۽ عربي رسم الخط رائج هئي، هنن سڪن کان سواءِ سنڌ ۾ هندستان، گجرات ۽ ڪڇ جا سڪا به رائج هئا.
    مير فتح علي خان ” ٽالپورن “ جي حڪومت جو بنياد وڌو، جنهن تي افغان حڪمران تيمور شاهه اهو شرط عائد ڪيوته سنڌ ۾ دراني سڪو جاري رهندو. ان وقت بکر ۽ حيدرآباد جي ضرب خانن مان سرڪاري سڪا جاري ٿيندا هئا، تيمور شاهه کان پوءِ، زمان شاهه جي نالي سان سڪا جاري ٿيا، جيڪي سون ۽ چاندي جا سڪا بکر جي ضربخاني مان جاري ٿيا. چاندي جي سڪي جو وزن 177 گرين هو. شاهه شجاع الملڪ جا سڪا بکر جي ضربخاني مان جاري ٿيا، جيڪي چاندي جا روپيا ۽ ٽامي جا فلوس هئا. ان کان پوءِ مير حڪمران حيدرآباد ضربخاني ۽ بکرمان ڌار ڌار سڪا جاري ڪرڻ لڳا، جيڪي اقتدار جي حاڪمن جي نالي هئا، انهن سڪن تي فارسي ۽ عربي عبارتن ۾ حاڪمن جا نالا هوندا هئا. پوئين حاڪمن جي سڪن تي پکين جون شڪليون ۽ گلن جون تصويرون هيون. ميرن جي حڪومت جو آخري سڪو 1259 هه يعني 1843ع ۾ جاري ٿيو، جنهن جي ساڄي پاسي سهو ۽ کاٻي پاسي مور ۽ نانگ جي تصوير اڪريل آهي. هي سڪو بکر جي ضرب خاني مان جاري ٿيو.
    انگريزن، جيڪي مير حاڪم سان معاهدا ڪيا تن ۾ هڪ هيءَ به هو ته انگريزي سڪو ۽ تيموري سڪو قيمت ۾ برابر آهن، ان ڪري ميرن جي حڪومت جو ضربخانو حيدرآباد جي اميرن لاءِ سڪا پرٽيندو رهندو، جن جي هڪڙي پاسي انگريز بادشاهه جي شبيهه يا جيڪي ڪجهه انگريز حڪومت لکرائڻ چاهي ۽ ٻئي پاسي حيدرآباد جي اميرن جي لکت هوندي. حيدرآباد جي اميرن لاءِ جيڪي سڪا پرٽيا ويندا انهن جي چاندي جي قيمت ۽ انهن جو وزن، انگريزي سڪي جي برابر هوندو، ان ڪري اميران حيدرآباد سڪن ٺاهڻ جو حق نه رکندا. اهڙي طرح خيرپور جي ميرن سان به اهڙو معاهدو ٿيو، ان کان پوءِ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو سڪو هلڻ لڳو، جيڪو ممبئي جي ضربخاني ۾ تيار ٿيندو هو. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن بکر جي ضربخاني مان شينهن جي ڇاپ وارو سڪو جاري ٿيو، هن سڪي جي وزن پوڻا ڏهه گرام هو. جڏهن سر بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو، تڏهن هن بکر جو ضربخانو بند ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ۾ ڪمپني جي سون، چاندي ۽ ٽامي جي سڪن جو رواج شروع ٿيو، جيڪي انگريزن جي قائم ڪيل ڪلڪتي، ممبئي ۽ مدراس جي ضربخانن مان جاري ڪيا ويندا هئا، ان کان پوءِ انگريزن جي جڏهن حڪومت مستحڪم ٿي، تڏهن ٽامي جا سڪا به جاري ٿيا.
    1948 ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ٽامي، پتل‏، نڪل ۽ مختلف ڌاتن سان گڏ ڪاغذن جابه قسم جا سڪا هلڻ لڳا. اهڙي طرح سنڌ جا سڪا سون ۽ چاندي مان ٿيندا اچي ڪاغذن تي پهتا. ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي.

    سنڌ جو پسارڪو وکر:
    سنڌ پراڻي زماني کان پسارڪي وکر جو مرڪز رهي آهي. سڄي دنيا کي حياتي جو مزو ماڻڻ ۽ زندگي جو لطف حاصل ڪرڻ جو راز سنڌ ئي ٻڌايو. صحت ۽ تندرستي جا راز سنڌين ئي سليا. هتان جي پهاڙن، جبلن، ٻيلن، جهنگلن ۽ ٻنين ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي جڙي ٻوٽيون ۽ پسارڪو وکر ملي ٿو جنهن ۾ شفا ۽ شباب جا خزانا لڪل آهن ۽ سنڌ جي ئي ماڻهن کان ٻاهرين فيض حاصل ڪيو.
    سمير جا قديم رهاڪو ڪيتريون ئي جڙي ٻوٽيون ڪم آڻيندا هئا. خشني ڪتبن ۾ سنڌ جي ڪن شين جو ذڪر ملي ٿو. ڊاڪٽر نوحا ايس ڪريمر لکي ٿو ته ” معدني مواد مان لوڻ ۽ شوري جو سنڌين وٽ واهپو هو، حيواني مراد مان کير، نانگ جي کل، دوا طور ڪتب آڻيندا هئا۽ نباتاتي مواد مان مختلف جڙين ٻوٽين، گاهن، وڻن جي ٻجن، پنن، پاڙن، رس، ڇوڏي ۽ کوئنر جو استعمال ڪندا هئا. هو دوائن کي خارجي ۽ داخلي طرح ڪم آڻيندا هئا. خارجي طرح دوائون ڪٽي ڇاڻي ماکي، شراب، پاڻي يا ڪنهن روغن ۾ ملائي ڪم آڻيندا هئا. داخلي طرح ڪٽي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري سفوف، شربت ۽ معجون طور ڪم آڻيندا هئا. موهن جي دڙي مان ماڻهو طب جا وڏا ڄاڻو هئا ۽ اهي پسارڪي وکر کي سٺي نموني ڪم آڻيندا هئا. اتان هي پسارڪيون شيون مليون آهن. سلاجيت، ڦاڙهي جا سڱ، سمنڊ نئين مرجان، مڇي جا ڪنڊا، نم جو وڻ، ڪانسي، ڪوڏ، عقيق، لاجورد، زمرد،ياقوت، سنگ يثب، انار، تلسي، سرمو، شنگرف، عاج، ڪلف، لوبان، ڪجل، ڪوئلو وغيره. ان کان سواءِ نير، ماکي، لاک ۽ پٻڻ جو گل به دوائن طور ڪم آڻيندا هئا.
    آرين جي زماني ۾ هت سپارڪو وکر عام هو ۽ جڙي ٻوٽين جي وڏي اهميت هئي. ان وقت جي هڪ گيت جو هڪ بند آهي ته ” اي جڙي ٻوٽيون اوهان جا ڪيئي طريقا ۽ ڪيئي روپ آهن ۽ اوهان پاڻي ۾ هزارين خاصيتون رکو ٿيون“ ان زماني ۾ سوڪراٽ نالي، هڪ جابلو قوم جو ڇوڪريون جڙي ٻوٽيون ۽ ٻيون دوائون ويدن وٽ آڻي وڪڻنديون هيون. ان وقت ٻوٽن تي ۽ جبلن جي وٽ سان جيڪي ماڻهو رهندا هئا، سي ٻوٽيون سڃاڻيندا هئا. انهن مان ڊڀ ۽ ڦڪيون ستيون ٺاهيون وينديون هيون. ان وقت جي ڪن ٻوٽين جا نالا هي آهن. اشو وتي، سوموتي، ارجنيتي، ادوجس، پرشني پرني وغيره.
    سڪندر جڏهن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن يونانين هت ڪيتريون ئي قيمتي جڙي ٻوٽيون ڏٺيون. هن لکيو آهي ته” هت قسمين قسمين جڙي زهري ٻوٽيون آهن.“ هڪ يوناني ارسطو بيلوس لکي ٿو ته ” سنڌي زهرن مان واقف آهن ۽ اهڙيون دوائون بيمارين تي استعمال ڪندا هئا. ڌارين کان علم حڪمت کي مخفي رکندا هئا.“ يونانين سنڌين کان نانگ جي ڏنگيل ماڻهو جو علاج سکيو، ٻڌمت جي زماني ۾ هت پسارڪي وکر جي گهڻائي هئي، دوائن لاءِ جيڪي جڙي ٻوٽيون گهربل هونديون هيون، تن جي يا ته سرڪاري طور هن ملڪ ۾ پوک ڪرائي ويندي هئي يا وري ٻاهران گهرايون وينديون هيون شفا خانن ۾ دواسازي جا شعبا هئا، جتي جڙي ٻوٽين کي پوکي انهن مان سستيون ڦڪيون ٺاهيون وينديون هيون. ان زماني ۾ نوشيروان پنهنجي وزير بروزويه کي سنڌ موڪليو، جنهن مان هتان ڪيترائي طبعي ڪتاب ۽ جڙي ٻوٽيون ايران کي پهچايون ۽ اتي انهن تي تحقيق ڪئي وئي.
    عربن جي زماني ۾ سنڌ جي پسارڪي وکر جي خاص مارڪيٽ عربستان هئي. ان کان اڳ به عرب واپاري هتان جي ڪيترن ئي جڙي ٻوٽين کي عربستان متعارف ڪرايو. چون ٿا ته حضرت سليمان عه سنڌ مان اگر، مشڪ ۽ عنبر گهرائيندو هو. مصري، لاک، نير ۽ کونئر هتان گهرائيندا هئا،جيڪي ممين ٺاهڻ ۾ ڪم آڻيندا هئا. اوفير وارا هتان جڙي ٻوٽيون واپرائيندا هئا، عرب واپارين ڪيترن ئي پسارڪين شين جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ مان جيڪو پسارڪو وکر ابتدائي زماني ۾ عراق ويو، تن خاص شيون ائورا، ايريو، ٻهيڙا، چندن، ڪافور، ليسوڙا ۽ هريڙون آهن. سنڌ مان جيڪي جڙي ٻوٽيون پوءِ عرب ۾ ويون تن جي هڪ طويل فهرست سيد سليمان ندوي، پنهنجي ڪتاب ” عرب و هند ڪي تعلقات“ ۾ ڏني آهي. جن مان خاص هي آهن. پان، سوپاري، نيلوفر، جافر، توتيو، ڪمالپٽ، گدامڙي، ريوند، مشڪ، ڪافور، ڪارا مرچ، سنڍ، ڦوٽا، اطريفل، پواڙي، لوبان، مشڪ، ڪافور، ڪارا، مرچ، سنڍ، ڦوٽا، اطريفل، پواڙي، لوبان، سرنهن وغيره. جناب ڊاڪٽر بني بخش خان چوي ٿو ته” سنڌ ۾ سپارڪي وکر جو واپار ايترو وڌيل هو جو هند جي ٻين ڀاڱن جون جڙي ٻوٽيون پڻ سنڌ مان ئي اولهه طرف ٻين ملڪن ڏانهن موڪليون وينديون هيون“. سنڌ جي انهي پسارڪي وکر مان ڪن شين جو ذڪر قرآن شريف ۾ به آيل آهي. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته قرآن شريف ۾ جنت جي تعريف دوران هن جنت نشان ملڪ جي خوشبودار شين مشڪ، سنڍ ۽ ڪافور جو ذڪر ڪيو ويو آهي“. اهڙي طرح احاديث نبوي ۾ به سنڌ جي ڪن پسارڪن شين جو احوال ملي ٿو. جنهن جو تفصيل سان ذڪر قاضي اطهر مبارڪپوري جي ڪتاب ” عرب وهند رسالت مين“ ۾ ملي ٿو. انهن ۾ مشڪ، ماکي، عنبر، عود، ڪافور، زنجيل، قسط يعني ڪني ڪاٺي، لونگ وغيره اچي وڃن ٿا.
    بهرحال عباسين جي دور ۾ جڏهن سنڌ مان طب تي ڪتاب ۽ طبيب عرب ۾ گهرايا، تڏهن سنڌ جي پسارڪي وکر جو عام چرچو ٿيو. ڇو جو سنڌي ڪتاب ۾ پسارڪي وکر جو وڏو ذڪر هو. ان وقت سنڌي جي جڙي ٻوٽين تي ماڻڪ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هڪ هڪ ٻوٽي جا ڏهه نالا ڏنل هئا. ان زماني ۾ سنڌ مان ڪيئي دوائون ۽ جڙي ٻوٽيون بغداد جي شفا خانن لاءِ گهرايون وينديون هيون. ڪيترن دوائن تي نئين سر تحقيق ڪري، انهن مان مرڪبات تيار ڪيا ويندا هئا.
    مطلب ته سنڌ هن ڏس ۾ هر دور ۾ زرخيز ۽ شاهوڪار رهي آهي. هن وقت به ماضي وانگر سنڌ ۾ ڪجهه حڪيم آهن، جيڪي جڙي ٻوٽين کي استعال ڪندا آهن، پر اهي اصلي شيون ڪونه ٿيون ملن.

    سنڌ ۾ کير، مکڻ ۽ گيهه
    کير، مکڻ ۽ گيهه اسان جي خوراڪ جا اهم جزا آهن. جنهن ۾ طاقت جا سڀئي عنصر موجود آهن. هڪ سير کير بالغ ماڻهو جي ڪئلشم جو سئو سيڪڙو، وٽامن اي جو 83 سيڪڙو، فاسفورس جو 63 سيڪڙو ۽ پروٽين جو 45 سيڪڙو ضرورتون پوريون ڪري ٿو. کير ۾ پاڻي جو مقدار اسي کان پنجاسي، پروٽين 3.8 کان 5.3 کنڊ 4.9 کان 5.1، معدني جزا 0.8 کان 0.9 تائين هوندا آهن. ان کان سواءِ کير ۾ وٽامن اي بي، بي 12، سي، ڊي ۽ اي به گهڻو موجود آهي. کير مڪمل غذا آهي. حضور اڪرم ﷺ جن جو فرمان آهي ته ” جنهن ماڻهو کي الله تعالى کير پياري، اهو ائين چوي ته اي الله هن ۾ برڪت وجهه ۽ اضافو ڪر، ڇوته کير کان سواءِ ٻي اهڙي شيءَ نه آهن، جيڪا کاڌو به هجي ۽ پيتو به هجي.“
    مکڻ به کير جو ڀاءُ آهي. جنهن ۾ پاڻي 16 سيڪڙو، سڻڀ 83.5 سيڪڙو، پروٽين 4.80 سيڪڙو، بيڪتوز 1.50 سيڪڙو ۽ معدني جزا 0.2 سيڪڙو موجود آهن. گيهه مکڻ مان نڪري ٿو، جنهن ۾ پاڻي کان سواءِ باقي سڀ جزا آهن. هنن ٽنهي شين جو اسان جي ٻولي ۽ ثقافت تي وڏو اثر آهي. مالدار ماڻهو مرندي مرندي ويندو پر کير مکڻ جو قسم نه کڻندو. ڏڌ ۽ پٽ جي سنڌي معاشري ۾ هڪ جهڙي حيثيت آهي. اسان جي ٻولي ۾ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ محاورا هنن شين مان وابسته آهن، جهڙوڪ: کير کنڊ ٿيئڻ، مکڻ جا محل اڏڻ، دڪي جي ننڊ ڪرڻ، مکڻ پئي مٿو سڙڻ، مکڻ جي ماڙي اڏڻ، جيڪي ڪري گيهه سو نه ڪري ماءُ نه پيءُ، باهه ۾ گيهه وجهڻ، ڏوئي ڍڪڻ گيهه هجڻ، پنجئي گيهه ۾ هجڻ، اهڙا محاورا آهن جن مان خبر پوي ٿي ته هي شيون اسان جي روزاني زندگي ۾ ڪيڏي نه اهميت رکن ٿيون. لطيف رح به چيو آهي ته ” مکڻ ڀرن هٿڙا سنگهاريون سائيون“ ته هي شيون ٻارن کي ڏاڍيون وڻن ٿيون. کير ۽ مکڻ
    سندن مرغوب غذا آهي. ان ڪري ئي ته سدائين چوندا آهن ته ” جهو جهو ماٽي، لسي پنهنجي گهاٽي، مکڻ سندي چاڻي امڙ پنهنجي سياڻي“.
    سنڌ ۾ پراڻي زماني کان هي شيون عام هيون. ويدڪ دور ۾ هت ڳائو مال تمام گهڻو هوندو هو، اهي ڳئون ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ڏهبيون هيون. پهرين ڏهائي سان کير گهڻو ۽ باقي ٻين سان ٿورو ملندو هو. آريه لوڪ ڳائي کير کي پسند ڪندا هئا. هر هڪ آڪهه کي پنهنجون ڳئون هونديون هيون، کير ڪاڙهي، ڄمائي ڏڌ ڪيو ويندو هو، کيرڻي به ٺاهي ويندي هئي، جنهن کي ڪشمير اورن چئبو هو. ڏڌ چئبو هو. ڏڌ کي ولوڙڻ لاءِ مانڌاڻي ڪم آڻبي هئي، هي ويدڪ ٻولي جو لفظ آهي. مکڻ ڪڍڻ کان پوءِ لسي کي ڪاڙهي پاکي ٺاهيندا هئا. مکڻ کي رجائي گيهه ٺاهيو هو، گيهه به سنسڪرت ٻولي آهي. چار سئو ق – م ۾ جڏهن يونانين سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تن ڏيندهن ۾ هنن کير ۽ مکڻ جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. چيني سياحن به هتان جي کير مکڻ جي تعريف ڪئي آهي. 1334 ع ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو تڏهن هن سنڌ ۾ ” کير ۽ جو ڪورون“ وهڻ جو ذڪر ڪيو . عربن به سنڌ ۾، کير ۽ مکڻ جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ چوپائي مال جي پرورش تي وڌيڪ ڌيان ڏنو.
    ڪلهوڙن ۽ مغلن جي زماني ۾ سنڌ ۾ دولتمند ماڻهو ان کي عام ليکيو ويندو هو، جنهن وٽ چوپايو مال عام هو. کير، ڏڌ، مکڻ عام ماڻهن جو کاڄ هو ۽ جيڪو گيهه مکڻ بچندو هو، سو وڪرو ڪيو ويندو هو. ان جي واپار مان وڏي بچت ٿيندي هئي. سنڌ جو گيهه هندستان جي شهرن ۾ ” ڪراچي گيهه “ جي نالي سان مشهور هو. سنڌي گيهه جو واپار اڪثر ڪري ميمڻ ڪندا هئا. ان وقت جي سياحن، سنڌ ۾ کير مان تيار ٿيندڙ ڪيترين ئي شين جو ذڪر ڪيو آهي. آئين اڪبري جو مصنف لکي ٿو ” سنڌ ۾ ڏڌ ۽ لسيون بهترين قسم جون تيار ٿين ٿيون، جيڪي چئن مهينن تائين رکي سگهجن ٿيون.“ هن ئي دور ۾ کير مکڻ ۽ گيهه جو ڪاروبار عام هو. انگريز ايجنٽ لکن ٿا ” ٺٽي، نصرپور، سيوهڻ ۽ بکر مان تمام گهڻو مکڻ، گيهه کڄِي اچي ٿو“. منوڪي لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ مکڻ تمام گهڻو ٿئي ٿو، جيڪو مسقط ڏانهن به موڪليو وڃي ٿو“. هئملٽن جو چوڻ آهي ته ” هتي جا ماڻهو گهڻي مقدار ۾ کير ۽ مکڻ ٻاهر موڪليو وڃي ٿو.“ بهرحال هن دور ۾ کير جي پيدائش جي فراواني هئي. غريب توڙي امير کي مکڻ، ڏڌ، لسي ۽ کير جام ملندو هو.
    ٽالپرن جي دور ۾به سنڌ ۾ ٻيلو ۽ شڪارگاهه گهڻا هئا ان ڪري مال جو چارو جام هو. اهو ئي سبب هو جو هن زماني ۾ کير مکڻ جهجهي انداز ۾ ملندو هو ۽ هن صوبي ۾ کير مکڻ جو نهرون وهنديون هيون. مورخ لکن ٿاته ” سياري جي موسم ۾، ڪچي مال مان مکڻ جون ٻيڙيون ڀرجي اينديون هيون ۽ روپئي ۾ مکڻ سورهن لپا ڪوڏر وڪامندو هو. مير سانگي هڪ غزل ۾ چيو آهي ته :
    تون پائلن ٿو ملي، هڪ سير پڪو کير جو
    ڏيڍ سير ۽ اٺ دُڪا، مکڻ ٿو ملي رپئي جو
    انگريزن جي ڏينهن ۾ کير مکڻ، گيهه عام هو. حيدرآباد ۾ سٺو کير هڪ آني سير ملندوهو. پنجن پئسن ۾ پاءُ ڏهي جي ملندي هئي. حيدرآباد چوڪ مان پندرهن آني سير گيهه ملندو هو. هت گيهه ٿر ۽ دادو کان ايندو هو. مارڪيٽ ۾ مکڻ عام جام هو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ چوپائي مال جي پرورش ڏانهن خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ سٺي نسل جو مال پاليو ويو. ان ڪري هت کير مکڻ ۽ گيهه جي فراواني ٿيڻ لڳي. هت ساليانو 24 ڪروڙ مڻ مکڻ پيدا ٿئي ٿو. جيڪو 56سيڪڙو مينهن مان ۽ 36 سيڪڙو ڍڳين مان 30 سيڪڙو کير ڪچو استعال ڪيو وڃي ٿو. 35 سيڪڙي گيهه ۽ باقي 35 سيڪڙي مان ٻيون شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون. هت روزانو کير جي کپت تي ماڻهو 3.5 آهي. پاڪستان ۾ سنڌي گيهه جي سالياني پيداوار 43 لک مڻ آهي. هت في ماڻهو 1.5 سر ساليانو گيهه کپي ٿو.
    مطلب ته کير مکڻ ۽ گيهه اڄ به ڳوٺاڻن ۽ ڪچي جي علائقي ۾ جام ٿئي ٿو ۽ هتان جي ماڻهن جي آمدن جو مکيه ذريعو آهي.

    سنڌ جي ماکي:
    ماکي قدرت جي عظيم نعمت آهي. الله تعالى جو پنهنجن ٻانهن تي خاص انعام آهي. بهشت جي سوکڙي آهي. هو مرض جي دوا آهي. قرآن شريف ۾ ماکي ماڻهن کي شفا ڏيندڙ آهي اهو فرمايو ويو آهي. انجيل ۾ ماکي جو ايڪيهه ڀيرا ذڪر آيل آهي. پيغمبر اسلام ماکي کي ڏاڍو ساراهيو آهي. فرمائين ٿا ته ” جيڪو ماڻهو هر مهيني ٽي ڏينهن لاڳيتو صبح جو مالي چٽيندو، ان کي ڪابه وڏي بلا يا حادثو پيش نه ايندو.“ وڌيڪ فرمايائون ته اوهان کي ٻن شفائن تي سدائين عمل ڪرڻ گهرجي. اهي آهن ماکي ۽ قرآن مجيد . پاڻ سڳورن روزانو ماکي کي پاڻي ۾ ملائي پيئندا هئا. فرمايائون ته ” جيڪو ماڻهو هر مهيني هڪ دفعو ماکي استعمال ڪندو، اهو ستر بيمارين کان محفوظ رهندو.“ ماکي هڪ بهترين ۽ مڪمل خواراڪ آهي. جنهن جي هر قطري ۾ ٽامو، لوهه، پوٽيشم، پروٽين ۽ وٽامن جا جزا موجود آهن. ماکي کاڌن ۾ عمدو کاڌو، شربتن ۾ عمدو شربت ۽ دوائن ۾ عمدي دوا آهي. هوءَ رت کي وڌائي ٿي، ان کي صاف ڪري ٿي، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏي ٿي. هاضمي کي قوت بخشي ٿي، پيٽ جو سور هٽائي ٿي، پيچش کي ختم ڪري ٿي، معجون ياقوتي، مربن ۽ گلقند ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿي. جيڪي مقوي غذائون آهن.
    ماکي جي مک پاڪ ۽ صاف آهي، نيڪ ۽ شريف آهي، چستي، چالاڪي ۽ پورهئي سان محبت جي علامت آهي. پنهنجو مفاد ڇڏي جڳ لاءِ جيئي ٿي. پنهنجو آرام ڦٽو ڪري ٻين لاءِ سرمايئه حيات ميڙي ٿي. خود قرباني جو سبق ڏي ٿي. خلق جي خدمت جو عظيم مثال پيش ڪري ٿي. ماکي ۾ پيار ۽ محبت جو ميٺاج آهي. انگريزي ۾ هن کي هني چون، جيڪو لفظ انتهائي محبت، خلوص ۽ پيار مان عزيز ترين ماڻهن لاءِ ڪم آڻبو آهي. ماکي مٺاڻ جي مرڪب شيءَ آهي ۽ ان جو ميٺاج عام کنڊ کان ٻيڻو آهي. پنهنجي ميٺاج ۽ اڪيچار فائدن ڪري ماکي سنڌي ۾ هڪ علامتي محاورو آهي. ملڻ ۽ ماکي، ماکي جهڙومٺو، اڪ جي ماکي سمجهڻ، اڪ تي ماکي هارڻ ۽ ماکي جي ادبي حيثيت ظاهر ڪن ٿا. حمل فقير جي هڪ ڪافي، سنڌ جو سدا حيات موسيقار استاد منظور علي خان به ڳائيندو آهي. جنهن ۾ ماکي جو علامتي انداز ڏسبو، جنهن هن فن کي مقبول ۽ عام بڻايو. ماکي مٺا جي سپرين،سامهان ٿيا سيئي.
    سنڌ ۾ ماکي پراڻي زماني کان ملي ٿي. موهن جي دڙي جا رهاڪو ماکي جا شوقين هئا، ان ڪري اهي ماکي جون مکيون پاليندا هئا. جيڪي سندس ذاتي ملڪيت هيون. تسانگ به لکيو آهي. ته ” هت ماکي جام لڀندي هئي.“ سڪندر مقدوني جي ڪاهه وقت به هتي رس مان ماکي تيار ڪندا هئا. ويدڪ دور ۾ مهراڻ جي ڪپ تي باغ هئا ۽ ڪناري وارن جهنگن ۾ ماکي عام ملندي هئي جيئن ته ماکي گهڻي انداز ۾ هوندي هئي، ان ڪري اها ٻاهر رواني ڪئي ويندي هئي. مصر ۾ هڪ شاهي دڙي جي کوٽائي مان سنڌ جي ماکي هٿ آئي. برهمڻن جي زماني ۾ سنڌ ۾ ايتري ماکي ٿيندي هئي جو جڏهن راجائن، بادشاهن ۽ وزيرن کي پٽ ڄمندا هئا، تڏهن رعايا ۽ نوري سوکڙي طور کنڊ ماکي پيش ڪئي ويندي هئي. غريب ۽ امير ٻئي طبقا ماکي
    شوق سان کائيندا هئا. منوشاستر ۾ ماکي جو تفصيل سان ذڪر ٿيل آهن. عربن جڏهن سنڌ تي حڪومت ڪئي تڏهن هنن سنڌ ۾ ماکي جي مکين پالڻ جي مزاج کي فروغ ڏنو. ان وقت تي ايتري ته ماکي ٿيندي هئي جو في درهم ٽي مڻ ماکي ملندي هئي. هڪ عرب سياح بشاري المقدسي لکي ٿو ته ” هت ماکي تمام جهجهي ٿيندي هئي ۽ ٻن سيرن جو ملهه هڪ درهم يعنى صرف چار آنا هو. “ ان زماني ۾ سنڌ جا ڪي صوبا عباسين جي خلافت کي سالياني ڍل طور مقرر انداز ۾ ماکي رواني ڪندا هئا ۽ ماکي جو حلوو سنڌ جي مشهور سوکڙي هئي، جيڪا عرب دنيا ۾ شوق سان واپرائي ويندي هئي. تغلقن جي زماني ۾ جڏهن عرب سياح ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن کيس ماکي به کارائي ويئي ۽ هن ان جي گهڻائي جو ذڪر ڪيو آهي. هن وقت به سنڌ ۾ ماکي عام آهي. هتان جي ماکي جا ٽي قسم آهن.
    1 – ماهي ماکي: هي ماکي ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ جي ٿيندي آهي. جنهن ۾ ميڻ گهٽ، ماکي جهجهي ۽ رس واري ٿئي ٿي. هي ماکي صرف گلابن جي گلن مان حاصل ٿئي ٿي.
    2 – ريڍي ماکي : هن جو رنگ ڳاڙهو ۽ ناسي ٿئي ٿو. هن جون مکيون هر گل ۽ ٻوٽي مان رس حاصل ڪن ٿيون. ماکي اڄ به پنهنجي خصوصيت ۽ انيڪ فائدن ڪري سنڌ جي عوام جي مرغوب غذا آهي ۽ ڪچي ۾ تمام گهڻي ٿئي ٿي. ٻهراڙي جا ماڻهو ٻيلن مان ماکي لاهي وڏي اگهه تي شهرن ۾ وڪڻي، پنهنجي زندگي جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. اهڙي طرح ماکي کي معاشي اهميت به حاصل آهي. اڄ ڪلهه معاشي طرح ماکي جون مکيون پاليون وڃن ٿيون ۽ انهن مان جهجهي انداز ۾ ماکي حاصل ٿئي ٿي.

    سنڌ جو طعام خانو :
    سنڌ سونهاري پنهنجي سرسبزي ۽ خوشحالي ڪري پراڻي وقت کان وٺي پنهنجي طعام خاني ۾ مشهور آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌين جو سڀ کان روشن ۽ تابناڪ ڪردار مهمان نوازي آهي . سک توڙي ڏک ۾ دوست توڙي دشمن کي، هو جيءَ ۾ جايون ڏيئي خنده پيشاني ۽ خوشي خلقي سان سندن خدمت ڪندا هئا.
    رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهو مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندا هئا. هو مهمانن کي ائين پوڄيندا هئا، جيئن ماڻهو اگن ديوتا کي پوڄي ٿو. مهمان خاني جي صف سخن جو دارومدار طعام خاني تي آهي. جيڪو سنڌ جي خوشحالي وانگر اصل کان ئي هر شيءِ سان سينگاريل هوندو هو. ويدڪ زماني ۾ ترن ۽ جون جا فصل ڏاڍا ڀلا ٿيندا هئا. ان وقت جا سنڌي جون جي ماني ۽ مڱن جي دال گهڻي ڪم آڻيندا هئا. مڱن جي دال کي ” مدگ ادن“ چوندا هئا. جون ڀڃي انهن جي آش ٺاهي، گيهه وجهي کائيندا هئا. انهي آس ۾ ڏڌ به گڏيو ويندو هو. هن قسم جي کاڌي کي ڪرنڀ چئبو هو. جون جي ٻُرکي گيهه ۾ گڏي، لولي پچائي ويندي هئي، جنهن کي ” اپوپ“ چئبو هو، کير ۾ جون جا داڻا وجهي کيرڻي ٺاهبي هئي جنهن کي ڪثير اودن چئبو هو. جون مان ستون ٺاهي، ان کي کير ۾ ڪاڙهيو ويندو هو. آڳاٽا سنڌي پنهنجي طعام ۾ ڳائي کير کي گهڻو ڪم آڻيندا هئا. کير ڪاڙهي، ڄمائي ڏڌ ڪندا هئا. ڏڌ ولوڙڻ لاءِ منٿا يعني مانڌاڻي ڪم آڻبي هئي. مکڻ بچڻ کان پوءِ جيڪا لسي بچندي هئي تنهن کي ڪاڙهي پاکي ٺاهيندا هئا. اٽي ۾ کير ۽ مکڻ گڏي به ماني پچائبي هئي. ان وقت جي طعام خاني ۾ گوشت باهه تي پچائي ڪم آڻبو هو، جڏهن ڪنهن وڏي ماڻهو وٽ مهمان ايندو هو ته هو وڏو ڍڳو ڪهي، سندس مهماني ڪندو هو. ان وقت جا ماڻهو ماسخور هئا. راجا ديوداس ڍڳن جي مهماني کان مشهور هو، ان ڪري کيس ” اٿيئي گوار“ ( ڍڳن ڪهائيندڙ) چئبو هو. شادين جي موقعن تي وهت گانءِ ( ڦر نه ڏيندڙ ڳئون) ڪهندا هئا. رڍن ۽ ٻڪرين جو گوشت به مٽي جي ٿانون ۾ رڌي يا ٽانڊن تي پچائي کاڌو ويندو هو. هن زماني ۾ مڇي به عام استعمال ڪئي ويندي هئي. پکين جو شڪار ڪري، سندن ڪباب بنائي کاڌو ويندو هو. ڪڪڙين جو گوشت به ڪم آڻبو هو. ان کان سواءِ ميوا، ماکي ۽ ڪمند جي رس جو به عام استعال هوو. سوما ۽ شورا جو شراب به ماني سان گڏ پيئبو هو.
    250 ق – م ۾ جڏهن آسوڪا سنڌ ۾ بنيادي جهموريتن جو بنياد وڌو، تڏهن سنڌ ۾ مهمان خانا عام هئا ۽ قافلا سرائن ۽ ڳوٺ جا مهمان خانن ۾ رهندا هئا، جتي سنڌين جي طعام خاني ۾ بهترين کاڌن سان سندن خدمت ڪئي ويندي هئي. 400 ق – م ۾ جڏهن يونانين سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هو سنڌين جي طعام خانو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. ڊيئڊورسن لکي ٿو ته ” سنڌين جي روزاني کاڌي ۾ چانور، جو، ترڪاريون، گوشت، کير، مکڻ ۽ ماکي عام هئي. سونين ٿالهين ۾ اٻاريل چانور، گوشت يا ڀاڃي سان گڏي کائيندا هئا.“ چيني سياح فاهين ۽ سنگ يون جڏهن سنڌ ۾ آيا سي لکن ٿا ته ” سنڌي ڀاڳين کير، مکڻ، ماکي، ماس، مڇي، ترڪارين، ڳڙ ۽ انگوري شرابن سان سندس خاطر تواضع ڪئي.
    عربن جي اچڻ وقت هت بهترين طعام تيار ٿيندا هئا. سنڌ جي مسلمان مسافر جي هڪ ڏينهن ۽ بيمار مسافر جي ٽي ڏينهن مهماني ڪندا هئا. مزي جي ڳالهه اها آهي ته جن ٿانون ۾ مهمانن کي کاڌو ملندو هو، اهي سمورا ٿانو وڃڻ مهل مهمانن جي حوالي ڪندا هئا. عربن هتان جا بورچي عرب جي سرزمين ۾ نيا، جن اتي چڱو نالو ڪڍيو. سندن ٻه پلاءُ تمام مشهور ٿيا هڪ ليمويه ۽ مهبيه . مهبيه پلاءُ گورنري نالي پٺيان سڏجي ٿو. انهن گورنرن جي نوڪرن اهو پلاءُ دمشق ۽ بغداد ۾ مروج ڪيو. سومرا وري ماهي گوشت جا شوقين هئا. اهي پنهنجن محفلن ۾ دعوتن ۾ پاڏن جي ڪباب جون سيخون پچرائيندا هئا ۽ ڪباب سان گڏ شراب به پيئندا هئا.
    تغلقي جي زماني ۾ 1334 ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن لکي ٿو ته ” سنڌ جي شهرن ۾ سرائن ۽ مسافرخانن ۾، مسافرن کي مفت کاڌو ملندو هو. اميرن کان وٺي درويشن تائين سڀئي مسافرن ۽ پرديسين جي سار لهندا هئا ۽ سندن عزت ڪندا هئا. سنڌي پرديسين کي ” عزيز “ چوندا هئا. سنڌين جي طعام خاني مان جيڪو کيس کارايو ويو، ان لاءِ لکي ٿو ته ” پهريائين چپاتيون ۽ ڀڳل سڄو ٻڪر ٽڪرا ٽڪرا ڪري اسان جي اڳيان رکيو ويو،تنهن کان پوءِ گهر ۾ تريل نان ۽ حلوه صابوني پيش ڪيا ويا. هر هڪ نان مٿان گيهه ۽ کنڊ ۾ ٻڏل مانيون رکيل هيون، جن کي جنتي چون پيا. بعد ۾ قيمي سان ڀريل سمبوسا کارايا ويا، جن ۾ پستا، بادام ۽ سنڍ گڏيل هئا. ان کان پوءِ ڀڳل چانور ۽ ڀڳل ڪڪڙ پيش ڪيا ويا، دسترخوان تي چاندي ۽ شراب جا پيالا شربت، گلاب سان ڀريل رکيل هئا. کاڌي مان فارغ کان پوءِ الاچيون، سوپاريون ۽ پان چٻاڙڻ لاءِ ڏنا ويا ته سيوهڻ جي مڇي جو به هن ذڪر ڪيو. ارغونن جي دور ۾ دسترخوان تي تترن جي گوشت سان قنڌاري ميوا پيش ڪيا ويندا هئا. مغلن جي زماني ۾ سنڌي طعام خاني جي رونق مٽجي ويئي. ان زماني ۾ خشڪ پلاءُ، زردهه، برياني، قورمو، ڪباب، شوربي، يخني، ڪوفتا، قيمو، دم پختو، حلوو، سنڌ ۾ نيون شيون آيون. ماني جا مختلف قسم ايجاد ٿيا. باقر خاني، چپاتي، ڪلچه، روغني، بسري نان، ڪوڪي ۽ آبي وغيره. مٺاڻ ۾ قلفيون، فالودو، بابو شاهي، قلاقند، برفي، گلاب، ڄمون سوهن حلوو، ميسو پاڪ، نقل، نان ختائي، شير مال مشهور آهن. هن زماني ۾ نادر شاهه ايراني ڪاهه ڪئي. سنڌ ۾ هو هڪ مهينو رهيو ۽ سنڌ جي طعام خاني ۾ هڪ ئي وقت شاهاڻو کاڌو تيار ٿي لکن جي لشڪر کي ملڻ لڳو. هئملٽن جڏهن ٺٽي ۾ آيو تڏهن اتان جي نوابشاهي دسترخوان تي هن آڏو پکين جو گوشت، مٺايون ۽ ميوا رکيا ويا. هن زماني ۾ جيڪي انگريز واپاري هت آيا، تن سنڌ جي طعام خاني جي ڏاڍي تعريف ڪئي. ٽيري لکي ٿو ته” اه پنيس پين ملائر ( آسماني روٽي) آهي. ماڻهو ماني جا ڊڳڙ ٺاهي ننڊين دانگين يا لوهي تون تي پچائيندا آهن. ماني سان گڏ هو ٻين شين جهڙوڪ : مکڻ ۽ پنير وغيره جي به گهڻائي آهي جو هنن وٽ ٻڪريون ۽ رڍون گهڻي تعداد ۾ آهن.
    ٽالپور حڪمرانن کاڌي پيتي جا شوقين هئا، جن جي دور ۾ سنڌ جو طعام خانو عروج تي هو. سندس دسترخوان تي اعلى قسم جا کاڌا تيار هوندا هئا. ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو ته ” روزانه ٻارنهن چاندي جا ڍاون قسمين قسمين طعامن سان ڀرجي ايندا هئا، جن تي سونا ورق هوندا هئا. سندس نوڪرن کي به شاهي مهمانن وانگر سمجهيو ويندو هو ۽ سندن مٺاين ۽ ميون سان خاطر تواضع ڪئي ويندي هئي. اليگزينڊر برنس جڏهن مير علي مراد خان جو مهمان ٿي آيو، تڏهن هن طعام ۾ روزانو ٻه ويلا مختلف قسمن جا کاڌا، ٻاهتر ڍاڪن ۾ سونن ورقن سان مڙهيل کيس موڪليا. چٽڻيون، مربا ۽ مفرح شربت ان کان سواءِ هئا. پاٽنجر جڏهن ميرن سان ملڻ آيو، تڏهن روزانو کيس شاهي دسترخوان تان ڏيڍ سئو طعامن جون رڪابيون ملڻ لڳيون ۽ انهن مان گڏ ڪابل جو تازو ميوو شربت ۽ مٺايون به کيس تناول فرمائڻ لاءِ مليون.
    مغربي اقتدار کان پوءِبه سنڌين جي طعام خاني ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه آئي. پوسٽنس لکي ٿو ته ” مسلمان رڍن جي گوشت کان ٻڪري جو گوشت وڌيڪ پسند ڪن ٿا. چانور، مڇي يا جوئر جي ماني پورهيت طبقي جو کاڌو آهي . ڌنار ۽ رولو قومون کير، ڏڌ ۽ ٿلهي اٽي تي گذران ڪن ٿا. سنڌ ۾ هر قسم جو شڪار عام آهي. آهين هت غريب طبقي جا ماڻهو خوشقسمت آهن جو کين گذارڻ لاءِ ٻه دفعا مڇي ۽ جهنگلي جانور عام جام حاصل آهن جن سان ڍنڍون ۽ تلاءُ ڀريا پيا آهن. ڳوٺاڻا پکي پالين ٿا ۽ ا نهن کي کاڌي طور ڪم آڻين ٿا.سنڌ جو هاري ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ماني کائيندو هو. نيرن ۾ ڪڻڪ، جوئر ي ٻاجهري جي ماني مکڻ سان ۽ لسي جو وٽو، منجهند جو اها ساڳئي ماني دال، سائي ڀاڃي ۽ لسي، رات جو دال ۽ ڪنهن وڏي ڏينهن تي گوشت، پلاءُ ۽ مٺائي کائيندو هو. رچرڊ برٽن سنڌ جي طعام خاني ۾ تيار ٿيندڙ کاڌي لاءِ لکي ٿو ته” هت مختلف طريقن سان اٽڪل 15 قسمن جا روٽ تيار ٿيندا هئا. انهن مان ڪي مٺا ۽ ڪي مکڻ لڳل ٽوسٽ وانگر مٿن ٿالهي خاڪي رنگ جي کنڊ ٻرڪي ويندي هئي. کير ۽ پاڻي قومي پيماني تي عام پيئڻ جون شيون هيون، پر انهن کي هڪ ٻئي ۾ ملايو نه ٿو وڃي. لذيذ پلائن ۾ ايراني طرز، توڙي تازي ۽ سڪل مڇي، گوشت، ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيون شيون ملايون وينديون هيون. سنڌين جو طعام خانو ملڪ ۽ ملڪ جي باشندن وانگر ايراني، هندستاني نمونن کي ملائڻ واري واٽ جي ڪڙي آهي. ڪارو تتر ڀڳل هجي ۽ ڪجهه پڪل واڱڻ هجن، انهيءَ کان بهتر طعام ڪو ورلي ملندو.
    اڄ به سنڌ ۾ بهترين کاڌا تيار ٿين ٿا. شهرن ۾، ڳوٺن ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي، البته ٿر ۽ ڪچي ۾ اڃان کير مکڻ تي گذارو ٿئي ٿو. اتي ٻاڪري لسي کي باهه تي ٽهڪو ڏيئي گهاٽو ڪري پيئندا آهن جنهن کي پاکي چوندا آهن. مشروبات ۾ اڄ به لسي جو عام رواج آهي. پر چانهه جنهن جو اڳ اسان جي تاريخ ۾ ذڪر ڪونه ٿو ملي، جيڪا هن وقت عام آهي.


    ڪتابن جي لسٽ

    ليکڪ ڪتاب جو نالو نمبر
    رحيمداد خان مولائي شيدائي تاريخ جنت السنڌ 1
    رحيمداد خان مولائي شيدائي تاريخ تمدن سنڌ 2
    رحيمداد خان مولائي شيدائي تاريخ سکر 3
    رحيمداد خان مولائي شيدائي بلوچستان جي مختصر تاريخ 4
    اعجاز الحق قدوسي سنڌ جي تاريخ ٽي جلد 5
    مولانا ابو ظفر ندوي تاريخ سنڌ 6
    سنڌ جي تاريخ عام جائزو 7
    ايڇ ٽي لئمبرڪ سنڌ جي تاريخ مسلمانن کان اڳ 8
    ڊاڪٽر ڇٻلاڻي سنڌ جي اقتصادي تاريخ 9
    مولانا غلام رسول مهر تاريخ سنڌ، عهد ڪلهوڙا 10
    غلام محمد لاکو سمن جي سلطنت 11
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چچ نامو 12
    مير علي شير قانع تحفته الڪرام 13
    سيد حسام الدين راشدي مڪلي نامو 14
    ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ 15
    ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ جامع سنڌي لغات پنج جلد 16
    ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي قديم سنڌ 17
    نياز همايوني سنڌ جي طبعي تاريخ ٻه جلد 18
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي موسيقي جي تاريخ 19
    ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سنڌ جون سياسي تحريڪون 20
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سنڌي ادب جي مختصر تاريخ 21
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي اسلام جو سنڌي ثقافت تي اثر 22
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق 23
    ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ 24
    ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻولي جو اڀياس 25
    ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي ڀٽ جو شاهه 26
    پروفيسر عبدالله مگسي سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو 27
    ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر شاهه لطيف ۽ سنڌي ثقافت 28
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ٿر هڪ مطالعو 29
    ناشاد اٺا مينهن ملير تي 30
    عبدالقادر منگي ٿر سيمينار 31
    عبدالله وريام منصوره سيمينار 32
    ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو 33
    محمد سومار شيخ سنڌ جا زيور 34
    محمد ادريس سنڌو سڀيتا 35
    ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپور سنڌ جا اسلامي درسگاهه 36
    بدر ابڙو سنڌو جو سير 37
    تاج صحرائي سنڌو تهذيب 38
    سيد حسام الدين راشدي هو ڏوٿي هو ڏينهن 39
    پير علي محمد راشدي اهي ڏينهن اهي شينهن (ٽي جلد) 40
    رچرڊ برائر سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون 41
    جيمس برنس سنڌ جي درٻار 42
    ٿنجر سنڌ ۽ بلوچستان جو سفر 43
    آخوند ظفرالله سنڌ جو سفر 44
    قادر بخش نظاماڻي مياڻي جي جنگ 45
    محمد اسماعيل عرساڻي سنڌ ۾ جانورن ۽ پکين جو شڪار 46
    محمد اسماعيل عرساڻي نياريون وٿون 47
    محمد اسماعيل عرساڻي سير ريگستان 48
    شمس الدين عرساڻي تاريخ آئينه قديم سنڌ 49
    مولانا دين محمد وفائي شاهه جي رسالي جو مطالعو 50
    سيد حسام الدين راشدي تاريخ معصومي 51
    سيد حسام الدين راشدي مير معصوم شاهه بکري 52
    سيد حسام الدين راشدي ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون 53
    سيد حسام الدين راشدي ڳالهيون منهنجي سنڌ جون 54
    مولانا دين محمد وفائي تذڪره مشاهير سنڌ 55
    عطا حسين شاهه موسوي ڪچ ڪوڏيون 56
    سيد سليمان ندوي عرب وهند ڪي تعلقات (اردو) 57
    قاضي اطهر مبارڪپوري عرب وهند عهد رسالت ۾ 58
    قاضي اطهر مبارڪپوري عرب وهند عهد خلافت راشده 59
    قاضي اطهر مبارڪپوري هندستان مين عربون ڪي حڪومتين 60
    قاضي اطهر مبارڪپوري تاريخ اقوام عالم ڀاڱو پهريون 61
    فقير غلام بني سنڌ حضرت نوح عليه السلام جي نظر ۾ 62
    سنڌ الاجي سه ماهي سنڌي ادب 63
    سنڌي ادبي بورڊ ٽماهي مهراڻ جا مختلف پرچا 64
    پاڪستان پبليڪيشن ماهوار نئين زندگي جا مختلف پرچا 65
    هلال مئگزين 66
    روزانه هلال پاڪستان جون مختلف ايڊيشنون 67
    روزانه عبرت ۽ ڪاوش 68
    پنهنجا ڇپيل ڪتاب خاص ڪري سنڌ جو پرڏيهي واپار 69
    سبط حسين پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقاءَ 70
    Statical Department Government of Sindh- 2005-2006 Development Statistics of Sindh 71
    Federal Beuro of Statistics Islamabad Agriculture Statistics, 2005 -2006 72
    Pakistan hydrocarbon development Institute of Pakistan Pakistan Energy Year book 2006 - 2007 73
    Daily Kawish 22 July 2007 74
    Daily Kawish 10 August 2007 75


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 742
    ڪتابن جو مشاهدو: 1153945
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 368740
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ