ڪتاب جو نالو: ٻيڙيءَ ۾ چنڊُ
مصنف: ياسر قاضي
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 16 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 732 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 241 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جي هن مجموعوي جو تخليقڪار ناميارو شاعر، ڪمپيئر، مصور ۽ ليکڪ ياسر قاضي آهي. ٻارن لاءِ لکڻ ۽ خاص ڪري ٻارن لاءِ سهڻي ۽ سليس لهجي ۾ شعر لکڻ ياسر قاضي جي تخليقي ڪَمَ جو اهم حوالو آهي. سندس هي ٻال ـــ ڪويتا ڪتاب انهيءَ جو اهم ثبوت آهي. ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ ۾ موجود سنڌ جي ٻارن لاءِ تخليق ڪيل سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب، سندس سهڻن خيالن ۽ گڏوگڏ سندس ئي ٺاهيل خوبصورت اسڪيچن سبب يقيناً هِڪُ منفرد ۽ اهم ڪتاب ثابت ٿيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مُهاڳ : ٽافين جو مينهنُ
  • چمڪ چمڪ تُون چنڊ مشعال
  • شاعِرَ پاران : شُڪر گُذاري
  • نظم

  • تُون ئي مولى
  • نعت
  • معصُوم التجا
  • ڀلارو ڀٽائي رحه
  • سنڌڙي مُنهنجو ديس
  • مُنهنجو بابو
  • مُنهنجي امان
  • ڪوهيارِيءَ جِي ڇيلِي
  • گھُگھُو گھوڙو
  • چنڊَ ماما!
  • آءٌ وڃان اسڪُول
  • اُجرو ٻار
  • اسڪُول جو گھنڊ
  • ٽافيُن جو مِينهُن
  • روئڻو راجُو
  • نوريئڙو ۽ نسوار
  • ڪينگرُو
  • هيليڪاپٽر
  • بجلِي
  • ڀانڊارو
  • نئِين اِرچڪ مِرچڪ
  • سَوادِي سنڌ
  • دٻلَي ۾ دٻلو
  • مور جِي شادِي
  • شهرن جا پُراڻا نالا
  • مِينهَن کي مِنٿَ
  • سُهڻِي صلاح
  • لال ڦيرِي ـــــــــ گُل ڦيرِي
  • ڏکڻ ڏَيهِي
  • عيد عيد مشالو
  • تلور
  • Animal Planet
  • ڪاميابيءَ جو ڪتاب
  • آوازَ
  • نوڪريءَ جو اشتهار
  • سنسار جِي سُونهن
  • بيڪ ڪور

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO. 31

    ٻيڙيءَ ۾ چنڊُ
    (ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعري)
    شاعِر: ياسر قاضي
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2012ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: فتاح هاليپوٽو (شرجيل)
    ڪمپوزنگ ۽ اسڪيچ: ياسر قاضي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور.
    ملهه: 100/- روپيه

    BERI’A MEIN CHAND
    (Poetry for Children’s)
    By: Yasir Qazi
    First Edition: December 2012
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Fatah Halepoto (Sharjeel)
    Composing & Sketches: Yasir Qazi
    Lay out: Asif Nizamani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road Khaiprur.
    Price: Rs. 100/-


    ارپنا

    صحافت جِي دنيا جي گمنام ٿي ويل ستاري
    مرحوم حسام سُومري جي نالي
    جنهن1988ع مُنهنجو پهريون نظم روزاني ”هلالِ پاڪستان“ جي ٻارڙن لاءِ ترتيب ڏنل صفحي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ ۾ ڇاپي مُنهنجِي همت افزائي ڪئي هئي ۽ پوءِ به مسلسل مُنهنجيُون ڪچيُون ڦڪيُون تخليقون اهميت سان ڇاپيندو رهيو.
    افسوس! جو سڄي زندگي صحافت کي ارپيندڙ هي مخلص ۽ مسڪين صحافي اڄ ڪنهن کي به ياد ناهي.
    .
    (ياسر قاضي)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جي هن مجموعوي جو تخليقڪار ناميارو شاعر، ڪمپيئر، مصور ۽ ليکڪ ياسر قاضي آهي.
    ٻارن لاءِ لکڻ ۽ خاص ڪري ٻارن لاءِ سهڻي ۽ سليس لهجي ۾ شعر لکڻ ياسر قاضي جي تخليقي ڪَمَ جو اهم حوالو آهي. سندس هي ٻال ـــ ڪويتا ڪتاب انهيءَ جو اهم ثبوت آهي. ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ ۾ موجود سنڌ جي ٻارن لاءِ تخليق ڪيل سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب، سندس سهڻن خيالن ۽ گڏوگڏ سندس ئي ٺاهيل خوبصورت اسڪيچن سبب يقيناً هِڪُ منفرد ۽ اهم ڪتاب ثابت ٿيندو .
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    ياسر قاضيءَ جو تعلق سنڌ جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي. شعر ۽ ادب جي دنيا کيس ورثي ۾ ملي آهي. هُو هِڪُ سُڄاڻ شاعِرَ جي حيثيت ۾ سنڌي شاعريءَ جي سفر ۾ شامل رهندو پئي آيو آهي. ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اسٽيج جي هِڪَ هردلعزيز ڪمپيئر واري سڃاڻ به سندس شخصيت جو حصو آهي. ٻارن لاءِ لکڻ ۽ خاص ڪري ٻارن لاءِ سهڻي ۽ سليس لهجي ۾ شعر لکڻ پڻ سندس تخليقي ڪَمَ جو اهم حوالو آهي. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هي ٻال ـــ ڪويتا ڪتاب انهيءَ جو اهم ثبوت آهي. ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ ۾ موجود سنڌ جي ٻارن لاءِ تخليق ڪيل سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب، سندس سهڻن خيالن ۽ گڏوگڏ سندس ئي ٺاهيل خوبصورت اسڪيچن سبب يقيناً هِڪُ منفرد ۽ اهم ڪتاب ثابت ٿيندو ـــ گڏوگڏ سنڌ جي ٻين ڪويتا ڪارن لاءِ انهيءَ انسپائريشن جو سبب به بڻجندو ته هُو به سنڌ جي ٻالڪن لاءِ پنهنجيون تخليقي توانايون خرچ ڪن.
    اوهان جي موٽَ جو اداري پوپٽ پبلشنگ هائوس کي هميشه وانگر اوسيئڙو رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس ـــ خيرپور


    مُهاڳ : ٽافين جو مينهنُ

    اسان جڏهن مشهُور ادبي تنظيم ”گلن جهڙا ٻارڙا“ جا ميمبر هوندا هئاسين، ته وڏو اتساهه ملندو هو. اسٽيج تي اچي تقريرُون ڪندا هئاسين، ڪهاڻيون لکندا هئاسين، شاعري تخليق ڪندا هئاسين. تنظيم جي رسالي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ جا اوهان پراڻا پرچا ڏسندا ته انهن ۾ اوهان کي هڪ ڪردار ”آچر“ جُون مختلف ڪهاڻيون ”آچر جا احوال“ جي نالي سان ملنديُون ۽ ٻاراڻا ٻول ۽ ٻي شاعري پڻ ڇپيل نظر ايندي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻي ادب جِي تخليق جو اهو هڪ شاندار دؤر هو، جنهن کي صرف هاڻي ياد ئي ڪري سگھجي ٿو. اهي اتساهه جا وسيلا هاڻي نه رهيا آهن، نه ئي اسان جِي اها پهچ رهي آهي جو ٻارن لاءِ اڳ جهڙا گيت ۽ نظم تخليق ڪري سگھُون. اڄ ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ ۽ ان جِي اشاعت لاءِ انفرادي سطح تي ڪوششُون ٿي رهيون آهن ۽ جيڪي به فرد انهن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، انهن کي جس هجي.
    اسان جي نوجوان شاعر دوست ياسر قاضيءَ جو ٻارن لاءِ تخليق ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. ياسر قاضي اڄ سڄيءَ سنڌ ۾ ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. خاص طور تي ميڊيا جِي نسبت سان هن کي گھڻي شهرت ملِي آهي. هن جي اها به خوشنصيبي آهي، جو هن جو جنم هڪ علمي، ادبي گھراڻي ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو، قاضي عبدالحئي ”قائل“ صاحب ۽ والد، مقصود گل صاحب سنڌي ادب ۾ پنهنجِي ڌار سڃاڻپ رکن ٿا. ياسر قاضيءَ کي مان سندس ٻالڪپڻ کان سُڃاڻان. هن جِي ذهانت ۽ ڦڙتائيءَ، شروع کان ئي اهو محسُوس پئي ڪرايو ته هُو ڏات جَي ڏيهه ۾ پنهنجِي مڃتا ضرور ڪرائيندو. هن ٻاراڻي وهيءَ ۾ ئي ادب ڏانهن دل لڳائِي ۽ اڄ هُو هڪ سُڄاڻ تخليقڪار ۽ آرٽسٽ جي رُوپ ۾ اُڀري آيو آهي.
    ياسرقاضيءَ جِي ٻارن لاءِ ڪيل هن شاعريءَ ۾ مُون کي هن جو ٻالڪپڻ لياڪا پائيندي نظر اچي ٿو ۽ هن پنهنجِي ڏات وسيلي انهن ڪيفيتن کي لفظن ۾ پينٽ ڪيو آهي.
    ٻارن جي ذهني سطح مطابق هيٺ لهِي انهن لاءِ نظم ۽ گيت تخليق ڪرڻ ڪو معمولي ڪم ناهي.
    ياد نه ٿو ٿئي ٽِن جو کوڙو
    جھُومي جُهُولي گھُگھُو گھوڙو
    ٭
    کڙڪائڻ سان ڀانڊارو
    آهه خوشيءَ ۾ واڌارو
    ٭
    ارچڪ مرچڪ، گھُومڻ گھمچڪ
    ڦول پتاشا، راڻِي باشا
    ٭
    مولى مُنهنجو عرض اگھاءِ!
    ٽافين جو اڄ مِينهُن وساءِ!
    ٭
    ياسر قاضيءَ جي هن ٻارن جِي شاعرِيءَ واري ڳٽڪي ۾ انهن مٿين ٻولن جهڙا ٻيا به ڪيترا ئي شعر آهن، جيڪي پڙهڻ کانپوءِ ذهنن تي ياد رهجِي وڃڻ جهڙا آهن. سندس نظم ”هيليڪاپٽر“، ”چنڊ ماما“، ”نوريئڙو ۽ نسوار“، ”ڀانڊارو“، ”نئين ارچڪ مرچڪ“، ”دٻلي ۾ دٻلو“، ”مور جِي شادي“ ۽ ”ٽافين جو مِينهُن“ پنهنجَي مواد ۾ ٻارڙن جِي نفسيات جي بلڪل ويجھو آهن. نظمن جا عنوان اهڙي انداز جا آهن، جو ٻارڙن جو ڌيان پنهنجو پاڻ انهن ڏانهن ڇڪجِي وڃي. ٻارن جَي ادب جو بنيادي مقصد به اهو ئي آهي ته ٻار ڪتاب جَي ويجھو اچي ۽ هن ۾ مطالعي جو رجحان پيدا ٿئي. ان ڪري ضروري آهي ته ٻارن لاءِ تخليق ڪيل نظمن ۽ گيتن ۾ مواد گھڻو ڳوُڙهو، ناصحاڻو ۽ پيچيده ٻوليءَ وارو نه هئڻ گھرجي.
    ياسر قاضي به انهن ڳالهين کي سامهُون رکندي، ٻارن لاءِ نظمن ۾ سادو مواد ۽ آسان ٻولي استعمال ڪئي آهي. هن پنهنجي طرفان ڀرپُور ڪوشش ڪئي آهي ته نظم ۽ گيت ٻارڙن جي ذهني سطح تي پُورا لهن ۽ انهن کي پسند اچن. پنهنجي ايندڙ نسل جي معصُومن کي ڪتاب ارپڻ هڪ شاعر طرفان تمام اهم تحفو آهي. هُونئن ته سنڌيءَ ۾ شاعرِيءَ جا مجموعا وڏي تعداد م ڇپجن ٿا، پر ٻارن لاءِ ڪتاب بوڪ اسٽالن تي اوهان کي نظر نه ايندا. اهڙيءَ صُورتحال ۾ ياسر قاضيءَ جو هي ڪتاب، گھڻي اهميت رکي ٿو ۽ اهڙي ڪاوش تي هُو ساراهه ۽ جَسُ جو مستحق آهي.

    ادل سُومرو
    واريءَ ــ تڙ، سکر


    چمڪ چمڪ تُون چنڊ مشعال

    اسان جا سنڌي ٻوليءَ جا وڏا اديب بهانو ڪندا آهن ته ٻاراڻو ادب سرجڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، تنهن ڪري هُو ٻارن لاءِ ادب ڪونه ٿا لکي سگھن. اها ساڳئي ڳالهه مُون سنڌي ٻوليءَ جي ٻن ناميارن استاد شاعرن ۽ وڏن اديبن کان پڇي هئي. انهن جي طرفان مليل جواب مان جيئن جو تيئن هتي لکان ٿو.
    استاد بخاريءَ کان مُون پڇيو هو ته: ”ڇا ٻارن جي لاءِ لکڻ واقعي ڏکيو ڪم آهي؟ جيئن اسان جا وڏا اديب چون ٿا.“ استاد وراڻيو هو ته ”ڪم جنهن به شئي جو نالو آهي، اهو ضرور محنت طلب ۽ ڏکيو هُوندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻاراڻو ادب سرجڻ به ڏکيو ڪم ضرُور آهي، پر ايڏو ڏکيو به ناهي جو لکجي ئي نه، يا لکي ئي نه سگھجي.“
    ساڳئي سوال جو جواب ڊاڪٽر عطا محمد ”حاميءَ“ هن طرح ڏنو هو ته”ابا! ڏکئي يا سکئي ڪم جي مُون کي خبر ناهي، پر ٻارن جي لاءِ لکڻ مُون کي ڏانءُ نه ٿو اچي.“
    ساڳئي سوال جي لاءِ مُنهنجِي ذاتي راءِ اها آهي ته ٻارن جي لاءِ لکڻ ڏکيو هجي يا نه هُجي، پر محنت طلب ضرُور آهي. جيڪو اديب ٻارن جِي اهميت ۽ احساسِ ذميوارِيءَ کان واقف هُوندو، اهو ضرُور ٻارن جي ادب لکڻ لاءِ ٽائيم بچائيندو. اهو آهي ته لفظن جو ورجاءُ، پر لکڻو ئي پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻار اسان جي قوم ۽ وطن جي مستقبل جا معمار آهن، ان ڪري انهن جِي ذهني اوسر ۽ فڪري فراوانيءَ لاءِ ضرور توجهه ڏيڻ گھرجي.
    سجاڳ قومُون پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ ۽ سِينگارڻ جي لاءِ هميشه پاڻ پتوڙِينديُون آهن. يورپي ملڪ، مغربي قومُون پنهنجي ٻارن جِي وندر ۽ سکيا لاءِ ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري ڪارٽُون ۽ ڪهاڻي فلمون تيار ڪن ٿيون. ان کانسواءِ انهن وٽ ننڍڙن، نؤآموز ٻارڙن جِي نشوونما لاءِ وڏا عاليشان اسڪُولَ، اڪيڊميون ۽ ادارا ڪم ڪن ٿا، ڪمپيوٽرائيزڊ پروگرامن وسيلي هُو پنهنجي مستقبل جي معمارن جِي ذهني پرورش ڪن ٿا. مونٽيسوري کان وٺي ”اَي ليول“ ۽ ”او ليول“ تائين جهڙا سسٽم وٽن نهايت اثرائتي انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. جڏهن ته اسان وٽ ڪم ان جي اُبتڙ آهي. ٻار اسان جي ترجيحات ۾ شامل ئي ناهي، جنهن ڪري اسان سندس تعليم توڙي تربيت طرف توجهه نٿا ڏيُون ۽ موٽ ۾ اسان جا نسل صحتمند سوچن کي ذهنن ۾ پالڻ کانسواءِ ئي جوان ٿين ٿا ۽ معاشرو ڏوهن ۽ منفي سرگرمين جو ڳڙهه بڻجي ٿو.
    اسان پنهنجي ماضيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسنداسين ته گذريل وقت جي وڏن شاعرن پنهنجي دؤر جي ٻارڙن لاءِ شاعريءَ توڙي نثر ۾ ڀرپُور لکيو آهي. ورهاڱي کان اڳ مرزا قليچ بيگ، محمد صديق ”مسافر“ ۽ ڪشنچند ”بيوس“ جهڙن شاعرن ۽ ورهاڱي کان پوءِ استاد بخاري، امداد حسيني، ادل سُومري، اياز گل، اختر درگاهيءَ، پرواني سيوهاڻيءَ،
    نصير مرزا، مختيار ملڪ، مختار گھمري ۽ مُون سميت ٻين کوڙ سارن شاعرن ۽ اديبن ٻارن لاءِ دل سان لکيو آهي ۽ لکندا رهن ٿا.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا لوڪ ادب اسڪيم وارا، لوڪ ڪهاڻين جا جلد به ٻاراڻي ادب ۾ شامل ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ پکين، جانورن ۽ ديون پريُن جُون ڪهاڻيون ٻارن جِي وندر ۽ سکيا جو مواد مهيا ڪن ٿيُون.
    زيرِ نظر ڪتاب ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ ۾ اسان جي نؤجوان لکاريءَ ۽ شاعر ياسر قاضيءَ به پنهنجي صلاحيتن تي ٻارن جو حق سمجھندي، ٻارن لاءِ شاعري ڪئي آهي. هن ڪتاب جي خوبصورت نالي هيٺ خوبصورت ٻاراڻا نظمَ، سهڻن عنوانن سان ٻارن کي ٽهڪ ۽ مرڪُون آڇڻ لاءِ پنهنجا پاندَ پکيڙيو آتا بيٺا آهن. نه صرف وندر، پر هنن نظمن ۾ سکيا ۽ تربيت جُون به کوڙ ساتريُون ڳالهيُون موجود آهن، جيڪي جھرمر جھاتيُون پائي سَڏن ٿيون.
    مان نه ياسر جِي شاعريءَ تي ڪو تبصرو ڪندس، نه شاعر جي خُوبين ۽ صلاحيتن تي ڪجھ ڳالهائيندُس، ڇاڪاڻ ته هُو منهنجو تسلسل آهي ۽ سندس تعريف ڪندي ايئن لڳندو ته ڄڻ آءٌ پنهنجِي تعريف ڪري رهيو هجان. وڌيڪ ٻارڙا پاڻ پڙهي فيصلو ڪندا ته ”ٽافين جو مِينهن“، ”ڪوهياريءَ جِي ڇيلِي“، ”ڪينگرو“، ”هيليڪاپٽر“، ”مور جي شادي“، ”ڀانڊارو“، ”لال ڦيرِي ــ گل ڦيرِي“، ”تلور“، ”عيد عيد مشالو“ ۽ هن ڪتاب جا ٻيا نظم کين ڪيترا وڻيا ۽ ٻارڙن جي ادب جا پارکُو به پرک، پرُوڙ ڪري هن ڪتاب بابت ضرُور پنهنجِي راءِ جو اظهار ڪندا.
    آخر ۾ مان ٻارن جي ڪويءَ ڪشنچند ”بيوس“ جي هنن سٽن سان هن ڪتابَ جي شاعر ۽ سندس ڪلا لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿو:
    چمڪ چمڪ تُون چنڊ مشعال!
    چوکِي تُنهنجِي چنچل چال !!


    مقصود گل
    رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو


    شاعِرَ پاران : شُڪر گُذاري

    منهنجو ٻالڪپڻ ڏاڍو مزيدار گذريو آهي. جنهن ۾ تعليم ۽ تربيت کان وٺي، وندر، راند رُوند توڙي هم نصابي سرگرميُن تائين هر ڪم ڪار ڏاڍي ڀرپُور نمُوني ۾ ٿيو آهي. مُون کي زندگيءَ ۾ پهريون ٻاراڻو نظم ”نه مار مُنهنجَي ڪُڪڙ کي...“ منهنجِي ڏاڏي قاضي عبدالحئي ”قائل“ ياد ڪرايو هو. اسان جو ڏاڏا بابا اسان سان ڏاڍو پيار ڪندو هو. جڏهن اسان پرائمريءَ جا شاگرد هئاسي ۽ جنهن ڏينهن اسان جو امتحان ٿيندو هو (تڏهن شروع وارن ڪلاسن ۾ ”پڪو امتحان“ به زباني ئي ورتو ويندو هو) ته امتحان ۾ پاس ٿيڻ کانپوءِ گھر اچڻ کان اڳ بابا اسان کي (مُونکي توڙي مُنهنجَي ٻين ڀينرن ڀائرن کي) نوٽن وارا هارَ (ڪنڍيُون) پارائي پيڙن جو اڌ ڪلو وٺي، شانائتي نمُوني سان گھر وٺي ايندو هو ۽ خوشيءَ توڙي فخر سان اسان جِي اميءَ کي مخاطب ڪري چوندو هو ”ٻچن ماءُ! مبارڪ هجئي... تُنهنجا ٻارَ پاس ٿي آيا ٿئي...“ ٻالڪپڻ ۾ ڏاڏا بابا جي ان همت افزائيءَ واري رويي پڪ سان مُنهنجِي شخصيت ۾ وڏو اُتساهه ڀريو.
    اميءَ جِي ننڍپڻ ۾ اسان کي ڏنل لولِي به ڏاڍي شاعراڻِي هُوندِي هئي. اها جنهن انداز ۾ لوليءَ ۾ اسان ٻارن جا نالا شامل ڪندِي هئِي، ته اسان کي ايئن لڳندو هو ته اها لولي اسان لاءِ ئي ڪنهن لکِي آهي. مان اڄ به جڏهن ٻارن لاءِ لکڻ ويهان ٿو ته مُونکي ڪنن ۾ اميءَ جي لوليءَ جو آواز سندس ئي ترنم ۾ ٿو گُونجي:
    ”الله.... الله.... مُنهنجي ياسر جو به آهي الله.... مُنهنجي ٻچڙي جو به آهي الله.... “
    ننڍي لاءِ علم توڙي ادب سان چاهه، پنهنجي ڌرتِيءَ سان سڪ ۽ سنگھارن سان اُڪِير جو جذبو جاڳائڻ ۾ مُنهنجِي ڏاڏِيءَ (رضيه بيگم)، مُنهنجِي نانيءَ (زبيده خاتُون)، مُنهنجي پَڙ نانيءَ (ناني سونڻ)، ابُوءَ جي سڪَ واري ماءُ، ”امان ڪُراڙي سيتان واريءَ“ (امان نصيبان ماڇياڻي) ۽ اسان جِي پاڙي جي ”آئِي بانرياڻيءَ“ (آئِي خانزاديءَ) جي ٻُڌايل قصن ۽ آکاڻين جو وڏو عمل دخل آهي، جن ”ست پُٽ بادشاهه کي، اٺين لال جَتي...“، ”چالاڪ درزي“، ”عقلمند خليفي“، ”سون پري“، ”مورڙي“ وغيره جهڙا اڪيچار قصا ٻُڌائي مُنهنجي اندر لاشعُوري طور ئي ادب ۽ پنهنجي ثقافت جِي سڪ کي جاڳايو. مان پنهنجيُن انهن سمُورين ڏاڏيُن نانيُن ۽ ڏاڏا بابا ۽ اميءَ جو شڪر گذار آهيان، جيڪي مُنهنجي اندر موجود رنگن منجھان گھڻن رنگن کي منهنجي شخصيت ۾ منتقل ڪندڙ آهن.
    اسان جي گھر ۾ ٻارڙن جا رسالا ”گل ڦل“ ۽ ”نونهال“ ته پابندِيءَ سان ايندا ئي هئا، پر ابُو ان دؤر جو ٻارڙن لاءِ سرجيل هر ڪتاب (توڙي اهو نثر جو هجي، يا نظم جو) گھر ۾ آڻيندو هو ۽ پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ مُون جن شاعرن ۽ اديبن جا ٻارڙن لاءِ لکيل ڪتاب پڙهيا، تن ۾ ادل سُومري، اياز گل، اقبال شينَي، نصير مرزا، مختيار ملڪ، اختر درگاهيءَ، مختيار مڱڻهار، پرواني سيوهاڻيءَ ۽ استاد بخاريءَ جا ڪتاب شامل آهن. اوهان اهو پڙهِي حيران ٿيندا ته موُنکي سائين مختيار مڱڻهار جي ڪتاب جو نظم

    پاڙي وارو ڪاڪو ڪنڊو
    اک کان ڪاڻو، ڄنگهه کان مَنڊو
    ڪلهه صبح جو ٺوڙهه ڪرائي
    تنهن کي ڏاڍو تيل لڳائي
    ڇولن جو هڪ ٿالهه رنڌائي
    تنهن کي ٽانگي ۾ وجھرائي
    ڪلهه جو جيئن اسڪُول ۾ آيو
    ٻارن ڏاڍو شور مچايو
    ڪنهن ٿي مَسُ سان لِيڪو پاتو
    ڪنهن ٿي ٺوڙهه تي ٺونگو لڳايو


    يا نصير مرزا جو نظم

    سنهڙي جو نالو هو سيِپڪَ
    ٿُلهڙي جو نالو هو منٺار

    مُونکي اڄ ڏينهن تائين ازبر آهن.
    مان مٿي ذڪر ڪيل سمُورن شاعرن ۽ اديبن جو شڪرگذار آهيان، جن منهنجَي نسل لاءِ لکيو ۽ اسان سندن لکيل ٻولن جَي بدؤلت سٺو ڳالهائڻ توڙي سٺو لکڻ سکياسي. مُون چاهيو پئي ته مُنهنجَي هن پهرين ڪتاب جو مهاڳ ۽ بيڪ ٽائيٽل واري راءِ لکندڙ شخصيتُون انهن شاعرن منجھان ئي هجن، جن کي پڙهِي مُون پڙهڻ سکيو ۽ پڙهڻ سکِي مُون لکڻ سکيو.مُون لاءِ اها ڳالهه خوشيءَ کان وڌيڪ آهي ته محترم ادل سُومري مُنهنجي هن ڪتاب جو مُهاڳ لکيو آهي، جنهن جو ڪتاب ”پوپٽ جهڙا گيت“ مُون ننڍپڻ ۾ نه ڄاڻ ڪيترا دفعا پڙهيو هو. مُنهنجَي هن ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل راءِ سائين نصير مرزا لکي آهي، جنهن سان مُنهنجِي ويجھڙائپ جا کوڙ حوالا آهن. انهن منجھان هڪ حوالو هڪ ٻالڪ جي آئيڊيل ليکڪ وارو پڻ آهي. مان پنهنجِي عزت افزائيءَ لاءِ انهن ٻنهي محبُوب ليکڪن جو احسانمند آهيان.
    اسان جي گھر ۾ هڪ وڏو پينگھو هُوندو هو، جنهن ۾ جڏهن اونهاري ۾ ٽاڪ منجھند جو اوچتو بجلي هلي ويندي هئي ته امي اسان سڀني ڀائرن ڀينرن کي ان پينگھي ۾ قطار ۾ سمهاري پينگھو لوڏي ننڊ ڪرائيندي هئي، ۽ اسين سڀ پينگھي جي لُڏڻ سبب هوا لڳڻ ڪري ننڊ ڪري ويندا هئاسِين. ان ئي پينگھي ۾ شام ڌاري بجلي وڃڻ جِي صُورت ۾ آءٌ، مُنهنجي ڀيڻ گُڏي (نائله) ۽ مُنهنجو ڀاءَ ناصر، ويهي گيت ڳائي بجليءَ اچڻ تائين وقت گذارِيندا هئاسِين. انهن گيتن تي مُنهنجِي ڀيڻ گيهه جو پنج سيرِي دٻو، دُهل ڪري وڄائيندِي هئي، جڏهن ته مان يا ناصر ٻاراڻِي کنجري (ڊفلي) وڄائي شامل ٿيندا هئاسِين. اسين ڪي فلمي گيت نه ڳائيندا هئاسين، بلڪه پنهنجي ابُوءَ ۽ سنڌ جي مشهُور شاعر مقصود گل جا ۽ استاد بخاريءَ جا گيت ڳائيندا هئاسين. ابوءَ جِي شاعريءَ جِي اڌ کان وڌيڪ ڊائري اسان کي برزبان ياد هُوندي هئي ۽ استاد بخارِيءَ جا به ان وقت ڪيسيٽن ۾ وڄندڙ بي شمار گيت اسان کي ازبر هوُندا هئا، جيڪي آءٌ سجاڳ ٻار تحريڪ جي گڏجاڻين ۾ به ڳائي داد وصُول ڪندو هئس. ان ئي دؤر ۾ بابا جو ٻاراڻي شاعرِيءَ وارو ڪتاب ”ڪرڻا ڪرڻا“ تازو ڇپيو هو. ان ڪتاب جا به ”ريل راند“، ”ڇولن وارو“، ”پالش وارو، ۽ ”پريم پري ۽ ڪاڻو ديو“ سميت ڪيترا ئي نظم ۽ گيت اسان کي ياد هُوندا هئا. يا بابا جا مختلف ڳائڻن جي آواز ۾ ڪيسيٽن ۾ ڳايل گيت به اسان کي حفظ هُوندا هئا، جيڪي اسان انهن ئي ڌُنن ۾ جيئن جو تيئن ڳائيندا هئاسِين.
    هڪ رات ايئن ئي بجلي نه هئي، امي رنڌڻي ۾ رات جِي ماني پچائي رهِي هئي ۽ اسان ٽئي ٻار ايئن ئي پِينگھي ۾ لُڏندي ابُوءَ جو گيت ڳائي رهيا هئاسين:

    اچ يار ! پريم، پيار جِي پُوڄا ڪري وٺون
    سڪ، سُونهن کي سلام ۽ سجدا ڪري وٺُون

    جڏهن اسان ان گيت جو آخري بند پئي ڳاتو ته اُن جِي پهرِين سٽ هئي:
    ”مقصود“ ! موت ساڻ ملاقات ٿي سگھو
    اسان جيئن ئي اها سٽ ڳائي ئي رهيا هئاسِين ته امان رڌڻي مان رڙ ڪئي ته ”اهو گيت نه ڳايو... يا اها سٽ نه چئو...“ اميءَ جِي رڙ سان ئي اسان جو گانو بند ٿي ويو. چند لمحن ۾ مُون اها ئي سٽ پنهنجي ذهن ۾ تبديل ڪري ورتِي ۽ هيئن جھُونگارِي:
    ”مقصود“ ! سُونهن ساڻ ملاقات ٿي سگھو
    شايد اها مُنهنجي اندر جي شاعر جِي پهرِين قلابازي هئي، جيڪا ان لمحي وقتائتي اظهار سان ٻاهر نڪتي ۽ هڪ اهڙي سٽ جُڙِي پئِي، جو اميءَ جو اعتراض به ختم ٿي ويو ۽ ان سٽ اسان کي هن سُهڻي گيت کي بنا ڪنهن رنڊروڪ جي ڳائڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو. مان سمجھان ٿو اها منهنجِي سرجيل زندگيءَ جِي پهرين سِٽَ هئي. مان اُن پينگھي توڙي اُن لمحي جو شڪرگذار آهيان، جنهن مُونکي شاعر طور مُون سان متعارف ڪرايو.
    مُنهنجو پهريون لکيل باضابطه نظم هو:
    دل لڳائي پڙهندو آهيان
    ڌيان ڪم تي ڏيندو آهيان
    اهو نظم مُون 1988ع ۾ لکيو هو، جڏهن آءٌ پاڻ ٻار هئس ۽ پنجين ڪلاس جو شاگرد هئس. اهو نظم سُٺو ته ڪونه هو، پر ابوُءَ مُنهنجِي همت افزائيءَ لاءِ اهو نظم روزاني ”هلال پاڪستان“ جي ٻارڙن جي صفحي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ کي اشاعت لاءِ موڪليو، جنهن ۾ اهو نظم ڇپيو ۽ مُونکي پنهنجي پهرين شعر ڇپجڻ جِي جيڪا خوشي ملِي، ان جو بيان لفظن ۾ ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. ستت ئي مُون بابا جِي صلاح سان ان ئي اخبار جي ان ئي صفحي ۾ ”شاعرن ۽ اديبن جا ادبي ۽ اصلي نالا“ جي عنوان سان هڪ سلسلو شروع ڪيو، جنهن تحت هر هفتي لڳ ڀڳ15 شاعرن ۽ اديبن جا ادبي ۽ مائٽاڻا نالا ترتيب ڏئي موڪلبا هئا ۽ اهي اخبار جي هن صفحي ۾ شايع ٿيندا هئا. ان سلسلي کي ترتيب ڏيڻ ۾ مُون سان بابا جو گھڻو سهڪار رهيو. ان سلسلي تحت لڳ ڀڳ 25 قسطين ۾ ٽن چئن سَوَن شاعرن ۽ اديبن جا نالا شايع ٿيا. اها ان نوعيت جي پهرين ڪوشش هئي، جيڪا اديبن پاڻ به ڏاڍي پسند ڪئي. ان کانپوءِ مُون پبلڪ اسڪُول ميرپورخاص ۾ نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين واري شاگرديءَ واري دؤر (1991ع کان 1995ع تائين) ۽ ان کانپوءِ وارن ٽن چئن سالن ۾ مختلف اخبارن جي ٻاراڻن صفحن توڙي ٻارڙن لاءِ شايع ٿيندڙ مختلف رسالن ۾ نثر توڙي نظم ۾ تمام گھڻو لکيو. هن ڪتاب ”ٻيڙيءَ ۾ چنڊ“ ۾ ان دؤر جا به ڪجهه نظم شامل آهن، جن ۾ ”مِينهن کي مِنٿ“ ۽ ”روئڻو راجُو“ وغيره اچِي وڃن ٿا.
    آءٌ مرحوم اڪبر جسڪاڻيءَ (ان وقت جي ”گل ڦل“ رسالي جي ايديٽر)، چاچا پرواني سيوهاڻيءَ (ان وقت ”سرهاڻ“ رسالي جي ايڊيٽر)، مرحُوم حسام سُومري (ان وقت جي روزاني ”هلالِ پاڪستان“ جي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ صفحي جي سهيڙيندڙ، جنهن کي مُون هي ڪتاب ارپيو پڻ آهي)، سڪندر سرواڻ (ان وقت ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”مُرڪ“ رسالي جي ايڊيٽر)، مرحُوم عبدالرحمان ”نقاش“ عرف ”چاچو عوامي“ (ان وقت جي روزاني ”عوامي آواز“ جي ”جوت“ صفحي جي سهيڙيندڙ)، عاجز جمالي (”چاچي عواميءَ“ کانپوءِ”جوت“ صفحي جي ايڊيٽر)، مسعود لوهار (ان وقت جي حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالي ”ارچڪ مرچڪ“جي ايديٽر)، همسفر گاڏهيءَ (ان وقت جي روزاني ”جاڳو“ جي ”جاڳو ٻارڙا“ صفحي جي سهيڙيندڙ)،ادا علي گوهر کهاوڙ (چاچي حسام سُومري کانپوءِ روزاني ”هلالِ پاڪستان“ جي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ صفحي جي سهيڙيندڙ) سميت انهن سمُورن سڄڻن جو ٿورائتو آهيان، جن مُنهنجي اندر جي ليکڪ کي اُسرڻ ۾ مدد ڏنِي ۽ مُونکي اُتساهيو.
    هن ڪتاب ۾ جيڪي ٻارن لاءِ لکيل نظم شامل آهن، اهي اڪيچار ٻاراڻن نظمن منجھان چُونڊيل آهن. ان چُونڊ ۾ جيڪي نظم هن ڪتاب ۾ شامل ناهن ٿيا، اهي مُنهنجي ايندڙ ڪتابن ۾ اوهان کي پڙهڻ لاءِ ملِي ويندا. مُنهنجي نظر ۾ مئٽرڪ ڪلاس (ڏهين ڪلاس) تائين جو شاگرد، ٻالڪپڻي جِي حد ۾ اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ نظمن ۽ انهن جي موضُوعن جِي چُونڊ اهڙيءَ ريِت ڪئي وئي آهي جو هن ۾ صفا ننڍڙي ٻار جِي دلچسپيءَ وارا نظم به آهن، جيڪي کيس پڙهي ٻُڌائجن ته هُو جھُومڻ لڳي، ته ”ڪينگرُو“،”شهرن جا پراڻا نالا“، ”هيليڪاپٽر“، ”تلور“ توڙي ”ڀلارو ڀٽائي“ جهڙا نظم به آهن، جن ۾ هلڪِي ڦُلڪِي معلُومات به آهي، جيڪا وڏن ٻارن لاءِ ڄاڻ ۾ واڌاري جو سبب بڻبِي. اميد ڪجي ٿِي ته هر عمر جو ٻالڪ هن ڪتاب مان ڪجهه نه ڪجهه ضرُور حاصل ڪندو.
    آءٌ ڀاءُ قربان منگيءَ جو بي حد شڪر گذار آهيان، جنهن مُنهنجي پهرين ڪتاب جي خواب کي ساڀيان جو رُوپ ڏنو ۽ ”پوپٽ“ پاران هن ڪتاب کي ايڏي سُهڻي انداز ۾ ڇپائي اوهان جَي هٿن تائين پهچايو. اسان جي پُوري خاندان جي آرٽ جي اُستاد ۽سنڌ جي تمام وڏي مُصور، سائين فتاح هاليپوٽي (شرجِيل) جا ٿورا مڃڻ لاءِ مُون وٽ لفظ ڪونهن. هُو مُنهنجا اُبتا سُبتا انگل بنا اَرهي ٿيڻ جي قبُوليندو رهندو آهي ۽ پنهنجِيءَ نه پر مُنهنجِيءَ مرضيءَ سان ڪم ڪري ڏيندو آهي. هن ڪتاب جو سُهڻو ٽائيٽل ڊزائن ڪري سائينءَ مُنهنجي هن پهرين ڪتاب کي يادگار بڻائي ڇڏيو آهي. باقي آءٌ پنهنجَي پياري ابُوءَ (جنهن کي هند سنڌ جو ادبي جهان، ”مقصُود گل“ جي سُهڻي نالي سان سُڃاڻي ٿو) جو شڪريو ادا ڪرڻ جي همت ئي نه ٿو رکان. هُن مُونکي جيڪو ڪجھ ڏنو آهي، مان ان جو ڳاڻيٽو ڪرڻ جو به اهل ڪونه آهيان ۽ ان ڏس ۾ مُنهنجو لفظ لفظ معنى رکي ٿو. هُو نه چاهي ها ته اڄ آءٌ شاعر ته پري جِي ڳالهه، هن معاشري جو هڪ مُهذب شهري ئي نه هُجان ها. اڄ به مُنهنجو ابُو مُنهنجِي سِٽَ سِٽَ جِي اصلاح ڪندو آهي. هُن تنقيد ڪرڻ به سيکاري آهي ته تنقيد سَهڻ به. اڄ به اسان ٻئي هڪ ٻئي جا هن دنيا ۾ وڏي ۾ وڏا نقاد آهيُون. اسان جي وچ ۾ طويل تعميري علمي ادبي بحث ٿيندا آهن. اسان ٻنهِي جو رشتو جيڪڏهن ڪو پُرجھِي وٺي ته جيڪر رِيسَ ڪري. اها حقيقت آهي ته مُنهنجي والدين جهڙا امان، بابو جنهنجا هُجن، اُهو دنيا جو هر مُثبت ڪم اورچائيءَ سان ڪري سگھي ٿو. مُنهنجو ابُو واقعي ”مُنهنجو محبُوب“ آهي. اسان زندگيءَ جا کوڙ انتهائي اذيت ناڪ پلَ گڏ ڪاٽيا آهن. هُو مُنهنجي ويجھن ترين دوست مان هڪ آهي. اُن جو ٿورو نه مان لاهي ٿو سگھان، نه ئي ڳائي ٿو سگھان. مُون زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجھه لکيو آهي، يا اڳتي لکندس، اُن جو لفظ لفظ سندس ۽ منهنجي امان مهربانيءَ جا ڳُڻَ پيو ڳائِيندو. الله پاڪ مُنهنجي ابُوءَ توڙي اميءَ کي سالم صحت سان خوبصُورت حياتي عطا ڪري، جنهن ۾ رڳو سُک ئي سُک هجن. (آمين!)
    مان انهن سمُورن پيار لائق پڙهندڙن، ٻارڙن توڙي وڏن جو بي حد ٿورائتو آهيان، جيڪي مُنهنجِي شاعريءَ کي پسند ڪندا رهيا آهن. جيسين سسِيءَ ۾ ساهه آهي ۽ ڏاتر ڏات ڏني، تيسين هي قلمي سفر جارِي رهندو ۽ ٻارن لاءِ به لکبو رهبو.

    ياسر قاضي
    ”منزلِ مقصُود“، ڪراچي
    djyasirqazi@yahoo.com


    نظم

    تُون ئي مولى

    سنسار کي سارين ٿو
    ڪنهن کي نه وسارين ٿو

    پالين ٿو ڪروڙن کي
    مارِين ٿو، جيئارين ٿو

    هڪ مان ته نه پر سارِي
    مخلُوق سنڀارين ٿو

    هر روز تُون سونهري
    نئون سّجُ اُڀارين ٿو

    تُون چنڊ جي چانڊوڪي
    هر واٽ تي هارين ٿو

    گجگوڙ ۾ کنوڻين ۾
    بس تُون ئي پڪارين ٿو

    برسات جي بُوندن سان
    ٿربر کي بهارين ٿو

    مهراڻ جي مؤجُن مان
    پوکن کي پيئارين ٿو

    بي انت پکين کي تُون
    آزاد اُڏارين ٿو

    تُون ئي ٿو ڪرين ناخوش
    تُون ئي ته اُٿارين ٿو

    تنهنجو آ شڪر مالڪ!
    ڏئي علم اُجارين ٿو

    ”ياسر“ جي دُعائن کي
    هرگز نه ڌڪارين ٿو

    (27 جُولاءِ 2012ع)


    نعت

    عظمت ۽ شان وارو
    سُهڻو نبيِصه سُونهارو
    انسان ذات ۾ آ
    سڀني کان مان وارو
    پيغمبرن جَي اُڀَ تي
    تارن ۾ چنڊُ پيارو
    هُنصه لاءِ سڀ برابر
    گورو هُجَي يا ڪارو
    دشمن، سڄڻ جِي خاطر
    آ امن جو اشارو
    جنهن کي هُوصه مان بخشَي
    ماڻِيندو ڇوٽڪارو
    عظمت نه جنهن سُڃاتِي
    تنهن لاءِ آ خسارو
    مُنهنجَي مٺَي مُحمَّدصه
    جو اسم آ ڀلارو
    ”احمد“، ”بشِير“ هُن جو
    هر نانءٌ ناميارو
    پڙهجَي مٺَي نبِيءَصه تي
    دل سان درُود ٻارو!

    (3 سيپٽمبر 2012ع)


    معصُوم التجا

    مُنهنجو تون عقل علم وڌائج مولى
    رحمت جوسدا مِينهن وسائج مولى!

    ڳڻتيءَ ۽ گُمانن کان سدا رک آجو
    شيطانَ جي ياريءَ کان بچائج مولى!

    انسان جِي عظمت جو رکان آءٌ ڀرم
    ماڻهُن جي محبَّت سان نوازج مولى!

    اَوَگُڻ ۽ سڀئي عيبَ ڪڍي ڇڏ مُون مان
    چاهت جا هڙئي رنگ پسائج مولى!

    ڪهڙِي آ ڀلي راهه ۽ ڪهڙِي آ ڪَسِي
    هر دم تُون اِهو راز ٻُڌائج مولى!

    جا واٽَ سنئين توڏي وٺِي مُونکي اچي
    بَس واٽ اُها مُونکي وٺائج مولى!

    اُوندهه ۾، اُجالي ۾، خُوشيءَ ۾، غمَ ۾
    همراهه ۽ رهبر تُون سدا ٿج مولى!

    ڏَي سگھه زماني ۾ ڪري آءٌ سگھان
    چاهت جِي هر هڪ رِيت کي رائج مولى!


    (29آگسٽ 2012ع)


    ڀلارو ڀٽائي رحه

    ڀٽ شاهه ۾ نروار ڏسو شاهه ڀٽائيرحه
    سچ پچ ته سڄيءَ سنڌ جو آ ساههُ ڀٽائيرحه

    ٽي سئو کان مٿي سال ٿيا جنهن جي ڄمڻ کي
    تنهن پاڻ عبادت ٿي سَڏيو پنهنجي سُخن کي

    ”ڀئِين پور“ جي هُئي ڀُونءِ ۽ ”هالا جِي حويلي“
    ڄائو ته رهي ڪانه بنهه سنڌ اڪيلِي

    هُو ”شاهه حبِيبڻ“ جو هو فرزند سدورو
    توڙي جو پڙهيو ظاهري اسڪُول ۾ ٿورو

    پر پو به سندس دل ۾ هيو علم ــ اُجالو
    ٻارن ۾ عجب ٻار هُيو نيڪ نرالو

    هُو هِند گھميو، سنڌ گھميو، شعر چيائين
    الله جا اسرار، عجب راز لڌائين

    ماڻهن تي، مڪانن تي سوين بيت چيائين
    هن ديس جي هر درد جو اظهار ڪيائين

    پيغام سڄو پيار جو آ جنهن جو رسالو
    هر بيت ڀٽائيءَ جو آ ڀرپُور اُجالو

    ”تنبُور“ جي نالي سان ڏنئين ساز بڻائي
    جنهن تي ٿا پڙهن بيت ۽ وايوُن به وڄائي

    سيرن ۽ سفر منجھه سڄي عُمر گذاري
    وهنوار ۽ ڪردار کي سوچُن ۾ سنواري

    پو شاهه اچي نيٺ اُها ڀِٽَّ وسائِي
    آ هاڻ دفن پاڻ جتي شاهه ڀٽائيرحه

    الله کي خاموش عبادت ۾ سنڀاري
    هڪ ڏينهن ويو نيٺ هُو دنيا مان گذاري

    اڄ پريت ــ نگر شاههرحه جو ”ڀٽ شاهه“ ٿو سڏجي
    جنهن شهر ۾ چاهت مان سڄي سنڌ ٿي گَڏجي

    هر سال صفر منجھه هتي عُرس لڳي ٿو
    ماڻهن جو عقيدت مان وڏو ميڙمچي ٿو

    آئينو سڄيءَ سنڌ جو آ شاهه ڀٽائيرحه
    تاريخ ۽ تهذِيب جو ويساهه ڀٽائيرحه

    (آگسٽ 2012ع)


    سنڌڙي مُنهنجو ديس

    عظمت جو آهي اُهڃاڻ
    سنڌ اسانجِي آهه سُڃاڻ

    سنڌ اسانجو ديس مهان
    جنهن ۾ ڪاڇو، ڪوهستان
    ٿر جو سُهڻو ريگستان
    هر پاسو آ عاليشان
    1هاڪڙ، 2”سنڌي سمنڊ“،3 پُراڻ
    سنڌ اسانجِي آهه سُڃاڻ

    سُهڻو سنڌُو، ”شِينهُن درياهُه“
    جنهن ۾ هر سنڌِيءَ جو ساهُه
    4”انڊس“ سان آ عشق اٿاهه
    5”اباسِين“ سان چؤُڻو چاهه
    مؤج ۾ مهڪَي شلَ مهراڻ
    سنڌ اسانجِي آهه سُڃاڻ

    ڀريا، بهمڻ، ڀولارِي
    رُڪَ، پڊعيدن، مٽيارِي
    ڪُنبَ، ڪراچِي، ڪنڊيارِي
    سنڌ سڄِي آ سُونهارِي
    مَٽُ بڻِي آ پنهنجو پاڻ
    سنڌ اسانجِي آهه سُڃاڻ

    شالَ 6”مُهين“ جو ماڳ جيِئي
    سُهڻو سنڌي راڳ جِيئي
    چاهه وندن جو 7 چاڳُ جِيئي
    هر سنڌِيءَ جو ڀاڳ جيئي
    شاهه ڀٽائِي رحه آ سرواڻ

    سنڌ اسانجِي آهه سُڃاڻ

    (5 نومبر 2012ع)

    ...............................................................................................................

    (1 ۽ 3 ”هاڪڙو“ ۽ ”پُراڻ“ سنڌو درياهه جا ٻه پُراڻا وهڪراآهن. 2 سنڌ سان لڳندڙ سمنڊ ”عربي سمنڊ“ سڏجي ٿو، پر تحقيق ڪندڙن جو خيال آهي ته ان سمنڊ جو نالو به ”سنڌي سمنڊ“ هُوندو، ڇاڪاڻ ته عرب سنڌ ۾ ڪافي عرصو پوءِ آيا.4 سنڌو درياءَ کي انگريزيءَ ۾ ”انڊس“ سڏجي ٿو.5 سنڌوندِيءَ جو هڪ ٻيو نالو6 سنڌ جي پنج هزار سال قديم تهذيب جو نشان اُجڙيل شهر ”مُهين جو دڙو“7 ناز، نخرو، ماڻو)


    مُنهنجو بابو

    ٻُڌو سڀ باغَ ! موتيا! ۽ گُلابو!
    سڄي جڳ کان ڀَلو آ مُنهنجو بابو

    سندس نالو بڻيو مُنهنجِي سُڃاڻپَ
    ادب، اخلاق، سيکاريئِين سياڻپَ

    وٺي آڱُر سندس هلندو هيُس مان
    سهاري سان سندس وڌندو رهيس مان

    رَسايئِين عِلم ڏيئي اؤج تائين
    نه ڪو انگل ڪڏهن ڀي ٽاريائِين

    ٻُڌاييئِين ڪُوڙَ سان نفرت ڪرڻ ڀي
    صداقت جَي ڏسيئِين ترهَي ترڻ ڀي

    سدا پنهنجِي پُٺيءَ تي جنهن کنيو ٿي
    ڪڏهن گھوڙو ڪڏهن هاٿي بڻيو ٿَي

    ڪُلهن تي جنهن کڻِي هَر هَر گھمايو
    سدائين ساهه سان سانڍي نِپايو

    چميُون ڏيئِي اکين تي ٿيَ کنيائِين
    نظر جو نُور ڀِي مُونکي چيائِين

    چڱائِيءَ لاءِ بابلَ جُون چماٽُون
    ڏَسِينديُون ٿَي رهيُون ڏاهپ جُون واٽُون

    چڱو چوکو سدا اوڍيئِين اسان کي
    غلط هر ڳالهه کان روڪيئِين اسان کي

    ابو آ ڇانوَ ڀي، مُنهنجو ڇپر ڀِي
    ڏَسيندڙ پيارَ جو پهريون اکر ڀِي

    دُعا مُنهنجِي اگھائجُ، ڪر عنايت
    الاهِي! مُنهنجو بابو رک سلامت

    (5 نومبر 2012ع)


    مُنهنجي امان

    جنهن مُنهنجو سُور سُڃاتو آ
    ها! جنهن سان پُختو ناتو آ
    جنهن مُونکي سِيني لاتو آ
    جو پيار جو اڻ کُٽ کاتو آ
    جنهن پاليو آ پاٻوهه منجھان
    سا مُنهنجِي مِٺڙي آهه امان



    جنهن مُونکي پيٽ ۾ سانڍيو هو
    ۽ هن سنسار ۾ آندو هو
    جنهن اوجاڳن ۾ گھاريو هو
    ۽ ڳالهائڻ سيکاريو هو
    جنهن تاتيو مُونکي موهه منجھان
    سا مُنهنجِي مِٺڙي آهه امان

    جنهن پنهنجِي مٺڙِي لوليءَ ۾
    ۽ سُهڻِي سنڌي ٻولِيءَ ۾
    جو چاهه وِڌو آ چولِيءَ ۾
    سو ڇُلڪي من جِي ڇوليءَ ۾
    تَنهن هستيءَ تان مان گھور وڃان
    جا مُنهنجِي مِٺڙي آهه امان

    جنهن سُرت ڏنِي، ساڃاهه ڏني
    جنهن سچائِيءَ جِي راهه ڏنِي
    جنهن پيار ڏنو، جنهن چاهه ڏنو
    جنهن پل پل مُون تي ساهه ڏنو
    مان ٿورا تَنهن جا ڇو نه مڃان!
    جا مُنهنجِي مِٺڙي آهه امان


    تُون شال! هزارين سالَ جِيئين
    ۽ مُور نه تُون بِيمار ٿئين
    خوشحال هُجين ۽ شاد ايئين
    جيئن مُرڪي گل گلاب، تيئين
    مان توکي ڏسندي شاد ٿيان
    تُون مُنهنجِي مِٺڙي آنهه امان

    (19ڊسمبر 2012ع)


    ڪوهيارِيءَ جِي ڇيلِي

    ڪوهياريءَ هڪ ڇيلِي ڌارِي
    ڪُونئرن ڪُونئرن وارن وارِي
    ٿورِي ڀُورِي، ٿورِي ڪارِي
    پوء به لڳي ٿي ڏاڍِي پيارِي
    فوج مِڙَي ٿي ٻارن وارِي
    ڦيرائن هُن کي چوڌارِي
    عينِي، پارس، ٽنڪُو، بارِي
    هُن سان کيڏن وارِي وارِي
    ٻارن جَي لئه باغ بهارِي
    مُور نه ٿئَي تِن کي بيزارِي
    گھر ۾ هردم ڌمچر جارِي
    آڪهه آ آزارَ ۾ سارِي
    ڪوهيُو ٻڪرِيءَ تان ٻلهارِي
    ”ٻَي... ٻَي...“ جنهن جِي ٻولِي پيارِي
    مستِي ٿئي جي هُن تي طارِي
    ڪڍَ ڊُڪَي هُن جَي ڪوهيارِي
    ڇيلِي ڊوڙَي ٿِي ويچارِي
    سهڪِي چئي ٿي ”زارِي... زارِي...“

    (10 سيپٽمبر 2012ع)


    گھُگھُو گھوڙو

    جھُولي جھُومي گھُگھُو گھوڙو
    ياد نه ٿوٿئي ٽِن جو کوڙو
    ڪاٺ جو گھوڙو بابي آندو
    هاڻي ناهيان ويهندو واندو
    اڳتي پُٺتي جھُولي جھُوٽي
    سير ڪريان ٿو اکڙيُون ٻُوٽي
    ٽمبڪٽُو کان دادُو، مورو
    سيوهڻ، ٿر کان اڳتي ٿورو
    گھُگھُو گھوڙو سير ڪرائيَ
    مُون کي سارو ڏيهُه گھمائي
    رنگ به سهڻو گَهِرو ناسي
    چال چلت ڀي خُوب ۽ خاصي
    ڪنڌ تي بُشڪُون، پُڇ ڊگھيرو
    ”هڻ... هڻ...“ هڻڪِي ڏئيَ ٿو ڦيرو
    هينڊل نڪتل آهه ڪَنن کان
    ويهي پڪڙيان کيس ٿو جن کان
    روز ڪريان ٿو سير گھڙي کن
    ڪانه گھڻي ڪا دير، گھڙي کن
    پوءِ رکِي پاسي تي گھوڙو
    ياد ڪريان ٿو ٽِن جو کوڙو
    آچر تائين ياد وڃي ٿي
    خوش منهنجو اُستاد وڃي ٿي
    راند ۽ رُوند به آهه ضرُوري
    علم سان رکڻِي ناهي دوُرِي

    (15 جُولاءِ 2012ع)


    چنڊَ ماما!

    چنڊَ ماما! نئون زمانو آ
    مُون کي پائِي نٿي کپي هاڻي
    پائِي ليکي ۾ هاڻي ڪجھه ڪانهي
    مُون کي ڏي نوٽ هاڻي ڳاڙهو تُون
    پائِي ڪوئي نٿو وٺي اڄڪلهه
    ڳالهه هر ڪو پيو اها ڄاڻَي
    ”پائلي“ ۽ نه ٿِي هلي ”آڌيِ“
    ناهه پنجين، ڏهين جِي شئي ساديِ
    چپس ۽ چاڪليٽ لائيءَ جي
    هاڻ قيمت وَڌِي ملائيءَ جي
    ڪون، قُلفي به قيمتي ٿِي وئي
    ٻن روپين، ٽن کان ڳالهه ٻي ٿِي وئي
    تُون اڳي ئي رهِين پري ڏاڍو
    تنهن تي ڪڪرن ۾ ٿو لڪِين اڪثر
    تُون ڪڏهن وار کان سنهو آهِين
    ۽ ڪڏهن چانورن جي مانيءَ جيان
    توسان ملجَي، ته ڪيئن ملِي سگھجي!!
    ڪاٿي ايڏو مٿَي اچِي سگھجَي
    تنهن ڪري توکي عرض آ ماما!
    توتي، سمجھين ته قرض آ ماما!
    مُون ڏي پائِي نه موڪلج ٻيهر
    مُون کي ڳاڙهو ڪو نوٽ گھرجي ٿو
    چنڊَ ماما! نئون زمانو آ...

    (1 سيپٽمبر 2012ع)


    آءٌ وڃان اسڪُول

    آءٌ وڃان اسڪُول...
    او ٻارو! روز وڃان اسڪُول...

    رات سويري آءٌ سمهان ٿو
    صُبح جو ساجھر پاڻ اُٿان ٿو
    منهنجو آ معمُول، او ٻارو...!
    روز وڃان اسڪُول...

    لکڻ پڙهڻ سان چاهُه رکان ٿو
    ڪوشش ۾ ويساهُه رکان ٿو
    محنت ۾ مشغُول، او ٻارو...!
    روز وڃان اسڪُول...

    مُرڪي سڀ سان آءٌ مِلان ٿو
    کلندي سڀ جو خيال رکان ٿو
    ڪونه سُڄايان ڊُول، او ٻارو...!
    روز وڃان اسڪُول...

    حاصل وڏڙن جِي آ شفقتَ
    يارن جِي موُن ساڻ مُحبّتَ
    مڙني ۾ مقبُول، مان ٻارو...!
    روز وڃان اسڪُول...

    ڪاڇي، ڪوهستان، اُتر سان
    پيار آ ساري سنڌ ــ نگر سان
    اُلفت آهه اصُول، او ٻارو...!
    روز وڃان اسڪُول...

    (20 آگسٽ 2012ع)


    اُجرو ٻار

    هڪ... ٻه... ٽي...
    امان لولو آڻي ڏي...
    لولو بدڪ ٿِي کائَي
    ڪِيئن مَک ڪِريِ مائَي؟

    چار... پنج... ڇهَه...
    ڪيڏا ڌرتيءَ جا تَهَه...
    سُٺا ساوا وڻ ٽِڻَ
    پويان رات جي ڏِڻَ...

    سَت ۽ اَٺ...
    ڏسو راجُوءَ جا ٺَٺَ
    کائَي کنڊُ ــ پتاشا
    ڪري روز تماشا

    نَوَ... ڏههَ... يارنهَن...
    کٽيُون انب جُون ڦاران
    مٺو گدرو گول
    ڀر ٻيرن جو جھول...

    نوانوي... سئو...
    مُونکي بابي جو ڀَئه...
    هڻَي متان چماٽَ
    ڪڍي ڪَنَ مان ڪُوڪاٽَ...

    لڱا لڇَڻَ نه ڌار...
    ٿيءُ اُجرو ٻار...

    (27 جُولاءِ 2011ع)


    اسڪُول جو گھنڊ

    ٽِن...ٽِن...ٽِن...ٽِن... گھنڊ وڄي ٿو
    هوريان هوريان پير کڄي ٿو
    ليٽ ٿيڻ جَي ڀَوَ کان ليڪن
    هر ڪو جھَٽ اسڪُول پُڄي ٿو

    ”ٽِن...“ بس هڪڙو گھنڊ وڄي ٿو
    پهريو پيرڊ هاڻ لڳي ٿو
    ٻار ڀلي هوشيار هُجي ته به
    هوريان هوريان حاضر ٿئي ٿو

    ٽِن...ٽِن...ٽِن...ٽِن... گھنڊ وڄي ٿو
    هاڻ رسيسِي رنگ رچي ٿو
    کائڻ، کيڏڻ ويلي هرڪو
    ٻالڪ خوش ٿِي خُوب کِلي ٿو

    ٽِن...ٽِن...ٽِن...ٽِن... گھنڊ وڄي ٿو
    وقفَي جو جيئن وقت پُڄي ٿو
    هر ڪو زورِيءَ يا چاهِيندَي
    جلد ڪلاسن منجھه اچي ٿو

    ٽِن...ٽِن...ٽِن...ٽِن... گھنڊ وڄي ٿو
    موڪل جو اعلان ٿئي ٿو
    ”قلم سليٽِي ــ موڪل ٿئي ٿِي“
    چوندَي هر ڪو ٻار ڀڄي ٿو

    آچر جو جِيئن ڏِينهُن اچي ٿو
    هر ڪو مؤجن منجھه رهي ٿو
    جاڳڻ جِي ڪا جلدِي ناهي
    هر ڪو ٻالڪ عيش ڪري ٿو

    ٽِن...ٽِن...ٽِن...جو گھنڊ وڄي ٿو
    مقصد وارِي ڳالهه سَلي ٿو
    وقت وهَي ٿو پاڻِيءَ وانگي
    هر ڪنهن کي هوشيار ڪري ٿو

    ڏينهن اچي ٿو، ڏينهن وڃي ٿو
    گھنڊ تي سارو وقت ڦِري ٿو
    سست هميشه راند وِڃائي
    چُست سدائين گوءِ کٽي ٿو

    (10 نومبر 2012ع)


    ٽافيُن جو مِينهُن

    مولى! مُنهنجو عرض اگھاءِ!
    ٽافين جو اڄ مِينهُن وساءِ...!

    کٽمٺڙن جا کوڙَ ٿين شلَ!
    کنوڻيُون ۽ گجگوڙ ٿين شل!
    بنٽيُون گڏ ڪروڙ ٿين شلَ!
    اهڙو ڪوئي عيش ڪراءِ!
    ٽافين جو اڄ مِينهُن وساءِ...!

    جھول ڀرَي مان ڍَير لڪايان
    سڀنِي ۾ مان خُوب ورهايان
    سنگتين کي هر روز چکايان
    مُنهنجو سپنو سچ بڻاءِ!
    ٽافين جو اڄ مِينهُن وساءِ...!

    امِي ٿورِي خرچِي ڏئي ٿِي
    ٽافيُون کائڻ کان روڪَي ٿي
    لالِي پاپ تي پڻ ٽوڪي ٿِي
    پابندين کان جندُ ڇڏاءِ!
    ٽافين جو اڄ مِينهُن وساءِ...!

    قِسمين قِسمين ڳاڙهيُون، نِيريُون
    ٽافيُون برسن رنگَ رنگِيليُون
    گول، گُلابِي، سايُون، پِيليُون
    رنگن سان هر راهه سجاءِ!
    ٽافين جو اڄ مِينهُن وساءِ...!

    سارو مُلڪ مٺائِي ڪر تُون
    برفِي، چاش، ملائي، ڪر تُون
    کنڊُ پتاشا، لائِي ڪر تُون
    ميٺ مُحبَّت ديس بڻاءِ!
    ٽافين جو اڄ مِينهُن وساءِ...!

    (7 سيپٽمبر 2012ع)


    روئڻو راجُو

    راجُو! منهنجا جِيءَ جيارا!
    هر ڪنهن جَي اکڙين جا تارا!
    روئڻو ٻالڪ ٿِي پيو آهين
    هر هر ٿو تُون نِير وهائِين
    سمجھه، عقل ڪو ڌار او ٻالڪ!!
    وڏڙو ٿِي ڏيکار...
    او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!

    ڇو ٿو جلدِي ڪاوڙ کائِين؟
    جلدِي جلدِي ڊُول سُڄائِين
    راندِيڪي لئه روئِين ڇوٿو؟
    لڙڪن سان مُنهن ڌوئِين ڇوٿو؟
    ڪنهن سان راڻا! رِيسَ نه ڪر تُون
    ڪُوڙ، ڪروڌ کي پاسَي ڪر تُون
    کاءُ نه ڪنهن تي خارَ...
    او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!

    ڀوڳُ به ڪنهن جو ڪونه سَهِين ٿو
    سنگتيُن سان ڀي روز وڙهِين ٿو
    هر پل هيڪل تُون ٿو گھارِين
    ڪونه پيو ڪنهن کي کِيڪارِين
    يارن کي اِيئن ڌار نه ڪر تُون
    هيڪل هِينئن سنسار نه ڪر تُون
    يارن جو ٿِي يار...
    او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!

    پنهنجِي مرضِي خُوب ڪرِين ٿو
    ڳالهه نه ڪنهن جِي مُور مڃِين ٿو
    ڪاوڙ ۾ وِسرئِي ٿِي مانِي
    مٺڙا ماڻِين شال جوانِي
    گھر وارن سان گڏجِي رهه تُون!
    سار سڀن سنگتين جِي لهه تُون!
    ٻيڙا ٿِيندءِ پار...
    او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!

    مُنهنجا راجُو! روشن تارا!
    سُرها! سُهڻا! پيارا پيارا!
    مُستقبل جا ساٿ سهارا!
    تُنهنجا روشن رستا سارا
    مُنهنجِي اک کان ڏُور نه ٿِين شل!
    مُشڪل ۾ مجبُور نه ٿِين شل!
    توسان مُنهنجو پيار...
    او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!
    او ٻالڪ!! وڏڙو ٿِي ڏيکار...!

    (جُولاءِ 1998ع)


    نوريئڙو ۽ نسوار

    نوريئڙَي نسوار جو کاڌي
    ڏاڍي ٿي مسڪين سان * تعدي

    بولاٽيوُن ٿي کاڌئين هرهر
    اوسَي، پاسي، سامهُون، مُنهن ڀر

    دنيا گولئُون گول گھُميس ٿي
    ميڄالو چئوڦير ڦريُس ٿي

    وڻ سان ٻُوڙن ساڻ لڳوٿَي
    لَمندي پنهنجو پاڻ لڳوٿَي

    جھرڪِيءَ هُن کي ٿي چيڙايو
    طوطي ويتر کيس تپايو

    ٻڪريءَ ”ٻَي... ٻَي...“ شور مچايو
    گھيٽَي زورئُون زور مچايو

    گھوڙَي ”هِڻ... هِڻ...“ هڻڪِي ٽوڪيُس
    ڪنهن به ڪِرَڻ کان ڪونه ٿي روڪيُس

    چيڙائڻ لئه هر ڪو تڪڙو
    همدرديءَ لئه ڪو به نه هِڪڙو

    نيٺ سَهو اَڌراتِي آيو
    هُن جي گھر جو ڀاتي آيو

    جلدي نوريئڙي کي پڪڙي
    اهڙو مضبُوطيءَ سان جڪڙي

    وڻ جَي هيٺان ليٽايائين
    ننڊ جِي گوري کارايائين

    نوريئڙي کي ننڊ اچي وئي
    سمهندي سمهندي شام به ٿي وئي

    شام جو جاڳيو تيز توانو
    سمجهه ۾ آيُس هاڻ زمانو

    ٺينگَ ڏنائين هيج مان سورنهن (16)
    آئيندي نسوار کان توبهه!!!

    (20 آگسٽ 2012ع)
    ...............................................................................................................
    * (پيارا ٻارو! ”تعدي“ اصل عربيءَ جو لفظ آهي ۽ اُن جي صحيح صُورتخطي به اها ئي آهي، پر هاڻي اُن کي سنڌيءَ ۾ ”تادي“ به لکن ٿا. ان لفظ جي معنى آهي: ”جُٺِ“، ”بُري حالت“ يا ”زيادتي“)


    ڪينگرُو

    آسٽريلِي جانور هي ڪينگرُو
    جنهن کي ڏسندي خُوب ٿي حيرت وٺي

    ملڪ پنهنجي جي سڃاڻپ آ بڻيو
    هر ڪوئي هُت ”ڪينگرُو“ ٿو ڪوٺجي

    هُو ڪٿي آ جھنگ واسي ۽ ڪٿي
    پالتُو بڻجي گھرن ۾ ٿو رهي

    آ سراسر عمر هُن جي ويهه (20) سال
    پالتُوءَ کان جھنگلي ٿورو جيئي

    گاهُه کائيندو آ توڙي عام جام
    پو به ڪڏهِين گوشت خوري ٿو ڪري

    ڪينگرُو ماديءَ کي قدرت آ ڏني
    ڳوٿرِي هڪڙِي نرالي پيٽ تي

    ماءُ بڻجڻ بعد ٻچڙي کي اُها
    ڳوٿرِيءَ پنهنجيءَ ۾ سانڍيو ٿي وتي

    ٿورڙو ٻچڙو وڏو ٿي ٿو ته پو
    ماءُ کان تڪڙا قدم هُو ٿو کڻي

    تيز رفتاريءَ ۾ آهي بيمثال
    ايئن ڏئي ٿو ٺينگ، جيئن گھوڙو نچي

    تيز ڊوڙڻ جي ڪري هِي جانور
    پنهنجي دُشمن کان فٽافٽ ٿو بچي

    بي ضرر هُونئن ڪينگرُو آهي مگر
    جي ڪو ڇيهو ڏيس، اُن سان ٿو وڙهي

    ڪيترا ٿا جانور هِن کان ڊڄن
    هِي به ٿو ڪجھه جاندارن کان ڊڄي

    ڪيترو سهڻو آ قدرت جو نظام
    جنهن ۾ پنهنجي ڍنگ سان هر ڪو جيئَي

    (20 آگسٽ 2012ع)


    (ٻارڙن جَي رِسالي ماهوار ”گل ڦل“۾ شايع ٿيل)


    هيليڪاپٽر

    آ عجب اِيجاد هيليڪاپٽر
    اُڏرندَي اڪثر جو ايندو آ نظر
    آهي ڀنڀورِيءَ جِي صورت تي ٺهيل
    جنهن مٿان ڦِرڻي پَرن جِي آ لڳل
    ٽِن پَرَن جِي گول ڦرڻي ٿي ڦرَي
    جنهن ڪري جھُومِي هوا ۾ ٿو اُڏَي
    ”پال ڪارنو“ آهه سائنسدان سو
    جنهن اُوڻيهه سئو سَتَ ۾ اِيجاد ڪيو
    آ سوارِيءَ لئه هوا وارو جهاز
    پر لڪل هيلِيءَ ۾ آهي خاص راز
    ڀل کڻي هيلِي اُڏي، توڙي لهَي
    ڪانه ”رن ــ وي“ جِي ضرُورت ٿِي پوي
    ڪنهن ننڍَي ميدان تي يا روڊ تي
    هِي لهِي، ٻيهر اُڏامِي ٿو سگھَي
    هن سان ممڪن آهي هيٺاهِين اُڏامَ
    ڪم اچي ٿو هِي مدد لئه عام جام
    ٻوڏ، ڪو طُوفان، يا ڪو زلزلو
    ٿِي اچي هيلِي مدد لئه ڀرجھلو
    باهه ۾، پاڻيءَ ۾ ڦاٿل آدمي
    سؤلڙائيءَ سان بچائي آرمِي
    فوج جا، نيوِيءَ جا هيليڪاپٽر
    جنگ ۾ ڏاڍا ٿين ٿا ڪارگر
    ”ايئر ايمبولنس“ هيلِيءَ کي چون
    جنهن ۾ مُشڪل ۾ مريضن کي نِيَن
    هِيءَ سهُولت پيسي وارن لاءِ آ
    ڪٿ غرِيبن جِي هتي ٿي جاءِ آ!
    ٿورڙا ماڻهُو ٿا هيليءَ ۾ چَڙهن
    ڪن ۾ سَت اَٺ، ڪن ۾ پندرنهن ٿا اچن
    لوهِي ڀنڀوري عجب اِيجاد آ
    مُون ڪتابن ۾ پڙهِي ڪيو ياد آ

    (21 آگسٽ 2012ع)
    .................................................................................................
    (ٻارڙن جَي رِسالي ماهوار ”گل ڦل“ جي آڪٽوبر 2012ع جي شماري ۾ شايع ٿيل)


    بجلِي

    بجلِي ڪيڏِي آهه ضرُوري
    سَڀَ جِي بڻجي وئي مجبُوري
    بلب، گلوب ۽ راڊُون، سَيورَ
    روشن، روشن، رستا ۽ گھرَ
    فرج، پکا ۽ اي سِي، هِيٽرَ
    جن تي ڊوڙن ٿا سڀ مِيٽرَ
    ٽي وي، ڪيبل، واٽر ڪُولر
    چُلهو، موٽر، گِيزر، جُوسر

    هاڻي سڀ ڪجھ بجلِيءَ تي آ
    تَنهن بن چارو هاڻ ڪٿي آ!
    ڪمپيُوٽر تي چَيٽ هلي ٿِي
    سرفنگ، انٽرنَيٽ هلي ٿِي
    سي سڀ بجلِيءَ ساڻ هلن ٿا
    فرحت انسانن کي ڏين ٿا
    پر جا لوڊ جِي شيڊنگ ٿئي ٿي
    انسانن کي ڏنڀ ڏئي ٿِي
    هر انجڻ، هر پُرزَي توڙي
    هر مِل ۾ ٿِي بجلي ڊوڙي
    هِن سان هر وهنوار هلي ٿو
    ملڪ جو ڪاروبار هلي ٿو
    بجليِءَ مان نقصان به آهن
    هِن کان سڀ ٿا پاڻ بچائن
    * وهندڙ بجلِي آهي خطرو
    مارَي ماڻهُو تازو تڪڙو
    بجليءَ سان دنيا جِي زينت
    هر ڪنهن جِي آ هِيءَ ضرُورت
    جَڳ مَڳ جَڳ مَڳ... روشن روشن...
    بجلِيءَ سان ڀرپُور آ جِيون

    (15 جُولاءِ 2011ع)
    ......................................................................................................................
    (* پيارا ٻارو!”وهندڙ بجليءَ“ کي انگريزيءَ ۾ ”ڪرنٽ“ چئبو آهي. اهو لفظ اوهان اڪثر ٻُڌو هُوندو)


    ڀانڊارو

    ڀانڊارو هِي ڀانڊارو
    مُون کي پيارو ڀانڊارو
    مُنهنجِي ننڍڙي بئنڪ سمان
    جنهن کي ڏسندَي آءٌ ٺَران
    خرچي مُون وٽ جا به بچَي
    جنهن کان، مُونکي، جِا به ملي
    ڀانڊاري ۾ آءٌ وجھان
    تنهن کي پئسن ساڻ ڀريان
    کڙ... کڙ... کڙ... کڙڪايان ٿو
    پنهنجِي دل وندرايان ٿو
    کڙڪائڻ سان ڀانڊارو
    آهه خوشيءَ ۾ واڌارو
    هڪ، پنجَن ۽ ٻِن وارا
    مُون وٽ ڍيرسِڪَا سارا
    کوڙ ڪري گڏ پئسا مان
    ڀانڊارَي جي ڀرجڻ سان
    اُن مان ڪڍندو آهيان مان
    اُن کي ڀَڃندو ناهيان مان
    ٽَلَ سان ان جي وات منجھان
    سُهڻا سِڪَّا ڪڍندو هان
    ڀانڊارَي سان يارِي آ
    مهلَ ۾ هُو ساٿاري آ
    خُوب بچت سيکاري ٿو
    خرچ اجايا ٽاري ٿو
    ناهي ڪجھه بيڪار ادا!
    سهڻو آ سنسار ادا!
    منهنجو ننڍڙو ڀانڊارو
    ماکيءَ جو ڄڻ مانارو

    (27 جُولاءِ 2011ع)


    نئِين اِرچڪ مِرچڪ

    اِرچڪ مِرچڪ
    گھُومڻ گِھمچِڪ
    چَهرِي چُورِي
    نُورِي ڀُورِي
    رَوشُو رَوچو
    قُلفِي پوچو
    ڪِـــتـــڪــــتــاڙِي
    جِنُّ، بلاڙِي
    ڀُوت ڀيانڪ
    آءُ اچانڪ
    ڦُول پتاشا
    راڻِي باشا
    ڪمندَ ــ ڳنڍَيرِي
    ڍِينگو ڍيرِي
    واهه وتايو
    * ڪاٺِيءَ ڄايو
    مائِي مَڪلِي
    ڇيلِي هَڪلِي
    ڪانءٌ ڪُڄاڙو؟
    ڍُونڍَي پاڙو
    نانَو نُورو
    ٿِي ويو پُورو

    (13 سيپٽمبر 2011ع)
    ....................................................................................................................................
    (* پيارا ٻارو! وتايي فقير جي ڳوٺ جو نالو ”پِير ڪاٺِي“ آهي، جيڪو ٽنڊَي الهيار ويجھو آهي. وتايي جِي قبر به اُتي ئي آهي)


    سَوادِي سنڌ

    سکر جو سانڌاڻو، دادُوءَ جِي آ دال
    ڪِينجھر نُورِيءَ ڄام جو، ميهر جو آ مالُ
    نُختِي آ نئين ڪوٽ جِي، سانگھڙ جو سنڱر
    ڪُنبَ، بٺورو، گھوٽڪِي، ننگر، نارا ٿر
    مورَي جِي ملائِيءَ ۾، ميهڙ جو مائو
    خيرَي ديرَي کارڪُون، خَيرن سان کائَو
    سڳيُن وارو ساڳ ۽ گمبٽ جو گُلقندُ
    دادُوءَ، درساڻَي، دڙَي، هر ڪو آ دلبند
    جوهِيءَ وارو جُوس ۽ ٿرڙِيءَ جِي ٿاڌل
    هٽڙيءَ، هالا، هُوسڙِي، هر جاء آ هلچل
    رتيديرَي ريوڙيُون، هالاڻِيءَ حلوو
    جاتِيءَ کان جھمپِير آ، جوت سندو جلوو
    سنڌڙيءَ جو هر شهر آ، سونو ۽ سُهڻو
    ڪِينجھر کان ڪشمور هر، ماڻهُو مَنَ ــ مُهڻو

    (12 اپرَيل 2011ع)


    دٻلَي ۾ دٻلو

    ڳاڙهِي مُنهنجِي ڳوٿرِي، سائِي آ صندُوقَ
    بابَي آندِي بُوبڪان راندِيڪو بندُوقَ
    چئِن رُوپين جا چورسا، ورتا مُون بسڪُوٽَ
    رانجھُوءَ ساڻ رسَيس ۾، کيڏِي مُون اکٻُوٽَ
    شِيشَي جي دُوڪان ۾، چِلڪن چَمڪن بُوٽَ
    ”ڪِيلين“ وارِيءَ فوج ۾ ڀرتِي ٿيا رنگرُوٽَ
    ٽانگَي ڦاٿِي ٽنگَ ۽ رَڪشَي اَٽڪِي رانَ
    خرچيُون ملنديُون خُوب گھر، آيا هن مهمان
    نانِيءَ جِي نسوار ۾، ماڪوڙَي جِي ماءُ
    بَيل وڄائي مان ڀڄان، دڙڪا کائَي ڀاءُ
    پيٽ آ صُوبَيدار جو، مٽڪو يا لملَيٽ
    وهنجُون وارهه واهه ۾، لائَي لڱڙن ميٽُ
    چورائِي مُون خواب ۾، سونَ ــ پرِيءَ جِي لٺ
    سکرَ وارِيءَ پُلِ ۾، دروازا ڇاهَٺِّ
    ڪڻڪ جو وڻ ڏيکار ۽ بصرن وارو ساڳُ
    رات سُمهِي پئه مهلَ سان، صُبح سويري جاڳُ

    (8 جنورِي 2011ع)


    مور جِي شادِي

    ڪُونجُن ڊَم... ڊَم... دُهل وڄايو
    هنجُ خوشيءَ مان نچندو آيو
    پکين سارو جھنگ سجايو
    ڪويل مٺڙو گِيت ٻڌايو
    جھرڪِيءَ سهڻو ڪارڊ ڇپايو
    گُونجِي ڪاڄ ــ مَنادِي آهي
    مور ۽ ڊيلَ جِي شادي آهي...

    سهڻو گھوٽ آ سُونهن سراسر
    ڪنوار نماڻِي ڊيلَ برابر
    خُوب خوشِي ٿي گھر گھر دردر
    آهه ڪبُوتر، مورَ جو آنر
    جنهن سان ٿيڻِي تعدِي آهي
    مور ۽ ڊيلَ جِي شادي آهي...

    ڪُڪّڙُ آهي نيڪ نمازِي
    بانگ به ڏيندو تازِي تازِي
    تنهن جَي لاءِ بڻيو آ قاضي
    مور ۽ ڊيل به آهن راضي
    هر ڪنهن کي آزادِي آهي...
    مور ۽ ڊيلَ جِي شادي آهي...

    ڪانءَ ٻڌو آ گھوٽ کي ڳانو
    موڙُ اٿس اڳواٽ سُهانو
    ٽِيٽِيهر آ مور جو نانو
    بُلبل خوش ٿي ڳائي گانو
    محبت سَرس سوادِي آهي
    مور ۽ ڊيلَ جِي شادي آهي...

    جھُوميو مور جو هرڪو ساٿِي
    1”ڪنگرِي“،2”ڪِينو“، سڀ گھرــ ڀاتي
    طوطو، مينا پڻ باراتِي
    نچندَي3”کنڀو“ ٿيو جذباتِي
    جھُوميو هر نَر، مادِي آهي
    مور ۽ ڊيلَ جِي شادي آهي...

    جھنگلَ ۾ هو مَنگل، ميلو
    ڪوبه رهيو گھر ڪونه اڪيلو
    کاڌو سڀنِي رات جو ويلو
    گھوٽ ٽَهُوڪيو جو البيلو
    مهڪِي جھنگلَ ــ وادِي آهي
    مور ۽ ڊيلَ جِي شادي آهي...

    (5 سيپٽمبر 2012ع)
    ...........................................................................................................................................
    (1، 2 ۽ 3 منڇر ڍنڍ جي آسپاس رهندڙ مختلف پکي)


    شهرن جا پُراڻا نالا

    اڄ اچو ٻارو! شهر پنهنجا گھُمون
    سنڌ کي ماضيِءَ جِي ڳڙکيءَ ۾ ڏسُون

    هي ڪراچي مورڙَي جو آ وطن
    سو سڏائِيندو ”ڪلاچِيءَ“ جو هو ڪُن

    نانءٌ ”اَربِي“ آهه ”عربِي“ بحر جو
    ”چانڊڪا“ هو لاڙڪاڻَي شهر جو

    آهه جو ڀنڀور تارِيخي شهر
    دؤر ڪنهن ۾ سو هُيو ”ديبل بندر“

    ”برهمڻ آباد“ منصُوره هُيو
    سنڌ جِي گادِي وڏو عرصو رهيو

    جو لبِ مهراڻ تي آهي سکر
    آ پُراڻو نانءٌ اُن تَرَ جو ”بَکر“

    نانءٌ ٺٽي جو پُراڻو ڳولهبو
    شهر 1سرمد جو هو ”ننگر“ ڪوٺبو

    سنڌ جِي گادِي ڪڏهن مُلتان هو
    پهرِين سيوهڻ شهر ”سَيوستان“ هو

    ”هالڪنڊِي“ نانءٌ هالن جو هُيو
    شهر هِي سنڌُوءَ جَي ڪپ سان ٿي لڳو

    هو ”اَمَر“ جو ”ڪوٽ“ جو پهرِين نگر
    اڄ عُمرَ جو ڪوٽُ سڏجَي ٿو شهر

    حيدرآباد آ رهيو گادِي جڏهن
    ڪوٽ سو ”نيرُون“ سڏبو هو تڏهن

    ڪيئن 2”ڪلهوڙآباد“ ٿِي وارِي وئِي
    ۽ ”مَٽَن وارِي“ ٿِي ”مٽيارِي“ وئي

    نانءٌ جيڪب باد جو هو ”خان ڳڙهه“
    غور سان تاريخ جو هر باب پڙهه!

    هر شهر، هر ڳوٺ آهي بي مثال
    سنڌ سارِي آهه بيحد باڪمال

    ياد جيڪو پنهنجَي ماضيءَ کي رکَي
    سوئي مستقبل کي ٿو لوچَي لھَي

    (5 سيپٽمبر 2012ع)
    ..............................................................................................................................................
    1سرمد شهِيد2تعلقَي مورَي ۾ ”ڪلهوڙن جَي مقبرن“ وارو اُهو ماڳ، جتي مشهُور ڪلهوڙا حڪمران ميان نُور مُحمّد ڪلهوڙَي جو مقبرو به آهَي. ان ماڳ کي ”ڪلهوڙا آباد“ چيو وڃَي ٿو. اهو ڪڏهن سنڌ جِي گادِيءَ جو هنڌ به رهيو آهي.


    مِينهَن کي مِنٿَ

    ڪارا بادَلَ... پيارا بادَلَ...!
    گاج، کنوڻ، چمڪارا بادل...!
    خالِي بِيٺو ڇوٿو چمڪِين؟
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!

    اُونهاري آ خُوب ستايو
    گرمِيءَ آهَي ساهُه سُڪايو
    جُون مهِيني جِيءُ جلايو
    برپَٽَ هِن تاسارا بادَلَ!
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!

    تُون جَي وسندَين، ڌرتِي ٺرندِي
    وڻ جِي ٽارِي ٽارِي کِلندِي
    گرمِيءَ جِي هِيءَ باهه ته وِسندِي
    مِٽبا سڀ مُونجھارا بادَلَ!
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!

    ٿَربَر توسان ٽَهڪِي پوندا
    ڍنڍُون ڍورا ڀرجِي پوندا
    تُنهنجَي آئَي مُرڪِي پوندا
    مارُو جِيءَ جيارا بادَلَ!
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!

    پکِي گھرن مان نڪرِي ايندا
    سُورَ سمُورا وسرِي ويندا
    اولهه پاسَي اُڀرِي اِيندا
    انڊلٺ جا رنگَ سارا بادَلَ!
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!

    تُون جَي برسِين، راند رچايان
    ڪاغذ جِي مان ٻيڙِي ٺاهيان
    تنهن کَي پاڻِيءَ منجھ هلايان
    ملندا پاڻ ڪنارا بادَلَ!
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!


    بارش ۾ انگَوشا کڻبا
    هر ڪنهن گھرَ مان پئسا وٺبا
    خُوب خُوشيءَ مان تولئه هڻبا
    گھٽِيءَ گھٽِيءَ ۾ نعرا بادَلَ!
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!

    امڙ مِٺڙو ڀَتُ رنڌِيندِي
    باجي مُونکَي خرچِي ڏِيندِي
    مُونکَي وهنجڻَ کان نه جھلِيندِي
    ٿِيندا عيش قرارا بادَلَ!
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!

    گُلَ گُلَ تي اڄ مُرڪِي پئه تُون!
    ٻاجھه ڪرَي اڄ برسِي پئه تُون!
    هفتو ڏيڍ ته ترسِي پئه تُون!
    ٻَهڪن ٻنيُون ٻارا بادَلَ!
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!

    مالڪ سائِين! مِينهنُ وسائج!
    گوڏَي جيڏِي گَپَ ڪرائج!
    ٻالڪَ جو هِي عرض اگھائج!
    تيز وهن نيسارا بادَلَ!
    آڻ سِگھو وسڪارا بادَلَ!!

    (24 جُولاءِ 1998ع)
    ...........................................................................................................
    (روزانِي ”جاڳو“ ڪراچي جي ٻارڙن لاءِ شايع ٿيندڙ صفحَي ”جاڳو ٻالڪ“ ۾ ڇپيل)


    سُهڻِي صلاح

    ٻارو! جيڪو خُوب پڙهَي ٿو
    محنت سان سو کيپَ کٽَي ٿو

    ٻارو! جيڪو سچُّ ڳالهائي
    سوٿو هر هنڌ عزَّت پائَي

    ٻارو! جيڪو ڪُوڙ ڳالهائَي
    هر ڪنهن آڏو سو شرمائَي

    ٻارو! جيڪو صاف رهي ٿو
    هر ڪنهن کي سو خُوب وڻَي ٿو

    نيڪِيءَ جِي جو راهه وٺَي ٿو
    بدِيءَ کان جو ٻار بچَي ٿو

    سنگتيُن جو، جو مان رکي ٿو
    هر ڪنهن سان جو پيار ڪري ٿو

    سوئِي ٻالڪ پيارو آهي
    سوئِي اک جو تارو آهي

    سوئي جِيءَ جيارو آهي
    هرڪنهن کي سو پيارو آهي

    (1992ع)
    ...................................................................................................................
    (ٻارڙن جَي رِسالن ماهوار ”گل ڦل“ ۽ ماهوار ”اِرچڪ مِرچڪ“ ۾ شايع ٿيل)


    لال ڦيرِي ـــــــــ گُل ڦيرِي

    لال ڦيرِي ــ گُلَ ڦيرِي
    ڀُڳڙا، توشا، ڳُڙهه، ڳنڍيرِي
    ٻيرَ مٺا ۽ کٽّي چَيرِي
    سنڌڙِي، انورٽول، دُسَيرِي
    سُڳداسِي ۽ ڪرنل، ايرِي
    چنگ چِي، رڪشو، ويگن، ڪيرِي
    چانگ، چنا، لاکَيرَ، ڪليرِي
    چانڊيا، جوکيا، مهرَ، مغيرِي
    بُلبل، ڪويل، جھرڪِي، ڳيرِي
    مور آ ڇا لئه نانگ جو ويرِي؟
    لٺ کڻَي ٿِي نانِي خيرِي
    دِيدَ اٿس هر روز جَھڪيرِي
    محنت آهي مانَ ــ مٿيَرِي
    علم سان محبت آهه گھڻَيرِي
    دِيد وطن لئه جنهن جِي مَيرِي
    اُنَ جَي منهن ۾ ڌُوڙ جَھجھيرِي
    لال ڦيرِي ــ گُلَ ڦيرِي
    لال ڦيرِي ــ گُلَ ڦيرِي

    (17 سيپٽمبر 2012ع)


    ڏکڻ ڏَيهِي

    آءُ کڻي تُون ڏکڻ ڏيهِي
    ڀڃُ اچي مڇرن جِي پيَهِي
    نانِي آکاڻِي ٿِي اورَي
    ٻار ٻُڌون ٿا گڏجِي ويهِي
    اُٺ رهَي ڪي ڏِينهن بُکارو
    ڳالهه نه آ هيءَ حيرت جَيهِي

    ڪُونج ڏي رشتو ڪانءَ اُماڻيو
    ڳالهه نٿو ڪنهن ساڻ سلَي هِي
    ٽنڪُوءَ کي سا ڪاپِي گھُرجَي
    جَيهِي مُون وٽ آهَي، تيهِي
    سجَّ کي روشن ڪير ڪري ٿو؟
    ڇونه ڪڏهن وِيچار ڪجَي هِي!
    چنڊ امان جو ڀاءُ ته ناهي
    ڇالئه ٿو ”ماما“ سڏجَي هِي
    اُڀَ ۾ تارا آهن ڪيڏا
    ڪوبه سگھيو آ ڪونه ڪَٿَي هِي
    ٻارَ سڀئِي معصُوم ٿين ٿا
    توڙي ڏيهِي يا پرڏيهِي
    محنت جو ڦل ماکِيءَ جهڙو
    ماکِيءَ جِي مک ڳالهه ڏَسَي هِي

    (17 سيپٽمبر 2012ع)


    عيد عيد مشالو

    عيد عيد مشالو
    پيهُن جو پيالو
    سَيُون سَوايُون
    عيد تي پچايُون
    کِيرَ ڇُنهارا
    ويڙهَي ورهايُون

    عيد عيد مشالو
    مَينهن جو ميڄالو
    کائُون ٿا خوش ٿي
    نيرن ۾ سڀ ڪِي
    اُٺن جِي اوجھرِي
    ڪُنَي ۾ ٻَڙڪِي

    عيد عيد مشالو
    مَڇِيءَ جو والو
    ٻلِيءَ جو ڪنگڻ
    لڳو آ چمڪڻ
    ڇيلِيءَ جون ڇيريُون
    سکِي ويُون ڇمڪڻ

    عيد عيد مشالو
    سيهڙ جو سالو
    ڄاهو حوالِي
    شڪل نرالِي
    شِينهن جِي ماسِي
    اسان آ پالِي

    عيد عيد مشالو
    جھُومي جمالو
    باغن بهاريُون
    پچن ٿيُون ساريُون
    محنت ارپي
    سنڌڙِي سنواريُون

    عيد عيد مشالو
    علم جو اُجالو
    چئنِي پاسي چمڪَي
    جڳ سڄو جرڪَي
    پَلو پچايو
    کڳي ۽ ڄرڪَي

    (5 سيپٽمبر 2012ع)


    تلور

    هنجُ نه هُدهُد، ڪانگ نه مور
    نالو مُنهنجو آهه تلور

    اسپينِي مان ٻارَ! پکي
    ايندو آهيان آسَ رکي

    سنڌ جي ڌرتيءَ کي سارَي
    آءٌ اچان ٿو هر سيارَي

    آءٌ وسايان ريگستان
    يا پوء ڪاڇو، ڪوهستان

    اڇڙي ٿر ۾ آءٌ اچان
    رِيءَ آکيري آءٌ رهان

    ڊيلُن سان گڏ ڊوڙان ٿو
    ڪُونجُن سان گڏ اُڏران ٿو

    سنڌ ۾ مُنهنجِي مادي آ
    ڏِيندِي سالؤن سال ٻچا

    پر هت مارِن ٿا مارِي
    پَرمٽ ماڻي سرڪارِي

    کوڙ شڪارِي، شاههَ، امِيرَ
    عربَ، تونگرَ، داداگيرَ

    واٺن، راکن ساڻ ملِي
    تن کي رشوت پيسا ڏئي

    مُونکي ٿا مارِين هتي
    ڪونه جِيئڻ ٿا ڏِين هتي

    پنج مهِينا ترسن ٿا
    گوليُون بڻجِي برسن ٿا

    اهڙو مُنهنجو آڌرڀاءُ؟
    هرگز ڪونهي ڪو ڪهڪاءُ!

    ماڻهُو هِي مهمان نواز
    ڇا لئه ٿي پيا بُڇڙا باز؟

    نسل ختم ٿيڻ تي مُنهنجو
    هاءِ! جِيئڻ ٿي پيو اَهنجو!!

    روز کُٽي ٿو هِيءُ نسل
    ڪنهن کي ڳڻتِي ڪانه اصل

    مُونکي جيئڻ ڏيو، آءٌ جِيئان
    سنڌُوءَ ــ امرت آب پِيئان

    (5 نومبر 2012ع )


    Animal Planet

    ڪرڙيءَ ڪنَ سِبايا آهن
    والا ڪالهه گھُرايا آهن

    ڪنگ جِي دعوت مورَ جھلي آ
    ڍوڍا ڊيلَ پچايا آهن

    چُوسي روز ڳنڍيريُون ڳيرو
    چيگمَ ڪانگَ چٻايا آهن

    ٻلِيءَ کي گُرَ رانڀُوٽن جا
    ڀاڻيجَي سمجھايا آهن

    رڇُ، ڪُتي سان عيد مليو آ
    مولى ميلَ ملايا آهن

    ڪالهه لڳو جو ڳوٺ ۾ ميلو
    باندرَ نوٽَ ڪمايا آهن

    اڄُ مڇر ۽ مَک وڙهڻ لئه
    آمهُون سامهُون آيا آهن

    سرڪس ۾ اڄ توپ تي ويهِي
    طوطي بمَ هلايا آهن

    ڪڇُونءَ درزن بيضا لاهَي
    وارِيءَ منجھه لڪايا آهن

    گُرڙ پکِيءَ جي آکيري مان
    آنا چٻَ چورايا آهن

    ڇيلِي آ ماسات هرڻَ جِي
    پاڏو، اُٺ پَرايا آهن

    گورَي اٺَ سان ٻِي شادِيءَ لئه
    ڏاچِيءَ ڏندَ وجھايا آهن

    چمڙو چنڊَ تي پهچڻ وارو
    چاهَه چڪورَ وڃايا آهن

    راڻي باغ ۾ عيد ڏهاڙي
    ڪويل گيتَ ٻُڌايا آهن

    سڀني گڏجِي عيدَ ملهائي
    گيتَ خوشيءَ جا ڳايا آهن

    (27 آڪٽوبر 2012ع )


    ڪاميابيءَ جو ڪتاب

    سبق پهريون: سڀن سان پيار رکجي
    سبق ٻيو: ديس کي دلدار رکجي
    سبق ٽيون: ماڻجَي محنت سان منزل
    سبق چوٿون: خدا جو آهه گھر دل
    سبق پنجون: سدائين سچ چئجي
    ڇهون: هر وقت لئه هوشيار رهجي
    سبق ستون: بُرِي آهي برائي
    سبق اٺون: سڀن سان ڪر ڀلائي
    سبق نائون: گُذارج ساڻ نوڙت
    ڏهون: آ ماءُ جي پيرن ۾ جنت
    سبق سڀ ياد ڪر تُون ماڻهپي جا
    مُصيبت ڪانه پوء توتي اچي ڪا

    (11 نومبر 2012ع )


    آوازَ

    ڪنهن دٻي ۾ ڀتر وَڄن کڙ...کڙ...
    ڪوئي ڪائو ڪرِي ڀَڄَي ٽَڙ...ٽَڙ...

    ڇَڄَّ ۾ انُ ٿئي صفا ڇَڙ...ڇَڙ...
    تيل، گھاڻو ڪڍَي ڪري گَھڙ...گَھڙ...

    ٻوڙ ٻَڙڪَي ڪُنِيءَ ڪڏهن ٻَڙ...ٻَڙ...
    ۽ پريشر ڪُڪَر ڪري سَڙ...سَڙ...

    مَينهن جا ٿا چَڙا وڄن چَڙ...چَڙ...
    ڪوئِي هَڪلَي ٿو جانورَ هَڙ...هَڙ...

    مِينهن ۾ ٿا ڪَڪر گجن ڌَڙ...ڌَڙ...
    تيز بجلِي کنوَي منجھن ڪَڙ...ڪَڙ...

    پِيرسن سِيءَ ۾ ڏڪَي ٿَڙ...ٿَڙ...
    واءَ ۾ ڦڙڪندڙ جھنڊو ڦَڙ...ڦَڙ...

    نانِي نُورِي رُسِي ڪَري بَڙ...بَڙ...
    گپَ مان ٿِي ڪندِي اچي شَڙ...شَڙ...

    پيار، نفرت، ڪروڌ يا ڪاوڙ
    هر ڪو هر حالَ ۾ ڪَري ٿو رَڙ

    (22 آڪٽوبر 2012ع)


    نوڪريءَ جو اشتهار

    جو هلي اکيُون ٻُوٽي، سو سوار گھرجي ٿو
    ڪوئي اُٺ هلائيندڙ بي مُهار گھرجي ٿو

    شيِنهن جِي حجامت لئه جھنگ ۾ حجم ڪونهي
    ڪوئي زُلف ٺاهيندڙ هوشيار گھرجي ٿو

    جانور ڪلب جو ٿيو افتتاح جھنگل ۾
    اُن کي ڪو سنڀاليندڙ چوڪيدار گھرجي ٿو

    چنڊ تي امُن قائم ڪرڻ لئه بڻيو ٿاڻو
    جنهن جي لاءِ ڦُڙتِيلو ٿاڻيدار گھرجي ٿو

    آ پکين جي ڏندن جو ڊاڪٽر اگر ڪوئي
    ڏاٺ جو ڪڍِي ڄاڻَي، هاسڪار گھرجي ٿو

    ميَنهن پنهنجي ميڪ اپ مان مطمئن بنهه ناهي
    پارلر سندو مالڪ، ڪو ڌنار گھرجي ٿو

    روزگار لئه آتو ڪو گڏهه ڪري دانهُون
    ڪو پُٺيءَ تي ڍوئڻ لئه کيس بار گھرجي ٿو

    جنهن ڪڏهن نه مَک مارِي، سو شڪار تي نڪتو
    تنهن کي پاڻ آڇِيندڙ ڪو شڪار گھرجي ٿو

    جو ٻليءَ کي پارائي ڪنڌ ۾ وڃي گھنٽِي
    اهڙو ڪو ڪُوئو جانٺو، رعبدار گھرجي ٿو

    ڏيڍ سئو مريضن کي جو ڪري سگھي راضي
    راڄ کي شفا ڏيندڙ سو *انار گھرجي ٿو

    هر ڪوئي رُڌل ٻارو! آهه پيٽ پالڻ ۾
    ڪُجھه نه ڪُجھه جيئڻ جي لئه روزگار گھرجي ٿو

    (28 آگسٽ 2012ع)
    ...............................................................................................................................
    * پيارا ٻارو! هڪ چوڻي آهي: ”هڪ انار ــ سئو بيمار“ (معنى: علاج ڪندڙ هڪ ۽ بيمار سوين... ته اُهو هڪڙو ڪيڏانهن وڃي، ڪيڏانهن وڃي؟)


    سنسار جِي سُونهن

    سُونهن سنسار جِي، ڦُولَ مهڪار جا
    آهيُون ٻالڪَ اسان، سلسلا پيار جا...

    مُسڪرايُون جڏهن، خُوب گلڙا ٽڙن
    باغ ــ مُکڙين جيان، سلسلا پيار جا...

    مُرڪ معصوم آ، چاهه مفهُوم آ
    ٿا ورهايُون اسان، سلسلا پيار جا...

    چاهتُون شل جيئن، ڪِين ڪڏهِين کُٽن
    شالَ دلين منجھان، سلسلا پيار جا...

    (28 آگسٽ 2012ع)
    .......................................................................................................................
    (پيارا ٻارو! هي گيت مُنهنجي ئي آواز ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي، اوهان ٻارڙن جي مقبُول پروگرام ”روشن تارا“ لاءِ 2005ع ۾ رڪارڊ ٿيو. جنهن جي موسيقي شاهد ڀُٽَي ڏنِي، جڏهن ته پروڊيُوسر حُسين خانزادو هو)


    بيڪ ڪور


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1376082
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406736
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ