ڪتاب جو نالو: اَڃان سوچَ ۾ آهيان
مصنف: علي حسن سرڪي
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 28 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 2505 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 218 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • اَڃان سوچَ ۾ آهيان
  • POPAT BOOK NO: 77
  • اَرپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • علي حسن سرڪي ـــــــ جيون خاڪو
  • مُهاڳ
  • پنهنجي پاران
  • غزل

  • نِدامتَ جا ڳُوڙها اکين ۾، ڏسان ٿو
  • قرآن سڄُو، صفت، خدا جي.
  • مَرڻَ مهل مالڪ! چپن تي، هجي شل
  • سُهڻو نبيصه، سردار، نبيصه
  • اَنوکي رهي آ، شهادت، حُسين عه جي
  • ڪربلا جي سرزمين، توکي سلام
  • مٺي آ چوان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي
  • سَچَلَ رحه سَچَ جو سازُ، وڄايو
  • دوستيءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ
  • سُهڻي سَڀَ کان منهنجي، سجني
  • رُوئان ٿو پيو، تنهائيءَ سان
  • (نامياري شاعر اياز گل جي نالي)
  • سُونهن سندي سرهاڻ، اکين ۾
  • تنها رهجي ويا سين، تنهنجي شهر ۾
  • پيار مون سان ٿي ڪري، هڪ ڇوڪري
  • يادگيريون يَارَ، ٿيندي پئي وڃي
  • خوبصورت زندگي آ، ٿي وئي
  • (ڌيءَ پارس جي پيدائش تي)
  • (پُٽَ احمّد شهزاد جي پيدائش تي)
  • شاعري، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ
  • ڪيڏو جلدي ڌار، ٿي وياسين
  • (ايڪتا ڏينهن جي مناسبت سان)
  • جيڏي اُلفت، گھڻي ٿيندي
  • حسرتن جي دَامَ ۾، ڦاسي پيو
  • ياد جو توکي ڪيم، ڪلهه رات جو
  • پيار سان دل سجايم، ڀَلُو ئي ڪيم
  • هڪڙي ڏينهن مَري، ويندس مان
  • ڪَجُو معاف سائين اسان جي خطا کي
  • ڏئي لُڙڪَ تحفا، اکين کي هلي وئي
  • ڪين ٿي مون کان جدا، آ، شاعري
  • اَندرَ ۾ خيال، ڦتڪي ٿو
  • اسان سان ٺهيل هي، زمانو به ڪونهي
  • بَمَ ۽ گوليون آهن
  • گُل گُلزاري، واهه، واهه!
  • جيون ٽانڊا، ٽانڊا، سائين.
  • (ڌيءَ پرهه جي پهرين جنم ڏينهن تي)
  • پَتُو زندگيءَ جو نه هرگز پَوي ها
  • خبر پئي آ، خوش ٿي گھاري
  • قطارون ڪري گھر، وڃن ٿا پکيئڙا
  • هَلي، وَڃُ
  • همتون، حُوصلا، يَارَ، هاريو متان
  • حقيقت کان غافل
  • ڪنهن کي وسارڻ، سولو ناهي
  • سُونهن توکي ڏسي، شاعري ٿو ڪيان
  • ڪڏهن ڪين ڪنهن کان، گلاب مليا
  • زمانو چوي ٿو، جدا، ٿي ويا هُون
  • تنهنجو نه اهو مَاڳُ
  • ڀٽائيرح، سچلرح جو رسالو، چُمان ٿو
  • سُنسان ڳلين ۾، ڇاٿو ڳُولهين؟
  • مُستقبل جا معمار، اُٿُو
  • تُو پاڻ چيو هو مان ايندس، سَالَ نئي ۾
  • تنهنجي جُهولَ ۾، ٻَارَ جو منظر
  • منهنجي گھر ۾ ڪنهن جا، کڙڪا ها؟
  • پنهنجي ڪلهه تي، ڪنهن رُوئي ڏنو
  • جدائي، مقدر ۾ لکيل آ
  • دل جي وادي، تنهنجي آهي
  • لُڙڪَ ڪنهنجا ڏسي، ڪُو، روئي پيو
  • بهتر ٿيو جو هوءَ، بي وفا ٿي وئي
  • جيڏا خَوابَ، ڏٺاسين
  • بي وفا سان وفا، ڪهڙي ڪجي؟
  • هڪڙي شهر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي
  • ڪدورت ڪرڻ جي نه عادت، رهي آ
  • يادگيرن ۾ پيو تون سارجان
  • ڀِنلَ اکين جي مَاڪَ، ته ڏِسُ!
  • پنهنجا غيرن سان گڏجي ويا
  • هر هڪ جي ڪا ڪهاڻي ٿئي ٿي
  • قبر تي ڏيئُو ٻارڻ، ويندو آ
  • تُوڏي پيرُ وڌائڻ جي، غلطي ٿي وئي
  • ويڙهو هي ويران، لڳي ٿو
  • گُلن ۾، گُلن جي، نه خوشبو، رهي آ
  • (ڪاوش اخبار جي نانءُ)
  • زندگيءَ جي هر خوشي، تنهنجي ڪري
  • دل کي بيقرار، ڪندو رهندس
  • (سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌيءَ جي نانءُ)
  • رُوئان ۽ رَڙان ٿو، سڄي رات کٽ تي
  • تُو ڏني جيڪا خوشي، وسري نه ٿي
  • مُرڪَ چهري تي خوشي، ڏسجي نه ٿي
  • مارا ماري، چُوٽَ تي آهي
  • ڪڏهن دل لڳيءَ کان، لنوايو نه آهي
  • اِهي غَمَ اوهان جا، اسان جي اکين ۾
  • پَراون کان پيارا، وفا ڪا نه ٿيندي
  • سَدا سُونهن وارا، سلامت، هجن شَلَ
  • نفاست، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي
  • زمانو اسان کي نه سمجهي سگهيو
  • وقت ڏکيو بس ايندو، پيو وڃي
  • وَاٽَ ۾ ڪي محبتون، رهجي ويون
  • جڏهن کان اوهان هي، ڇڏيو شهر آهي
  • شاديءَ واري، رات پرين
  • اُهي يَارَ ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا
  • وفادار، آهيان، وفادار، رهندس
  • (پروفيسر عطا محمّد حامي جي ياد ۾)
  • هڪ وڏو احساس، آهي شاعري
  • مسافت وڏي آ، سَفرَ ۾، مان هوندس
  • جنهن کي ڏٺم، پريشان، ڏٺم
  • پهريان کان ڀي سُڌريل تقدير، ڏٺم
  • هيکل! سُوچَ ۽ تنها، شاعر
  • پنهنجي نگري پيار جي نگري
  • شَرابي مان ناهيان، نَشُو پيار جو آ
  • پَاڻَ پنهنجي ڪهاڻي مٽائڻي، پئي
  • تُوڙي سَڀُ ڪُجهه ظاهر آهي
  • تڏهن گيت، وايون لکياسين، سدائين
  • سُوچ کڻي اي جاهل، ماڻهو
  • تنهنجي پيار، بڻايو، صوفي
  • سَڀُ ڪُجهه ڄَاڻَ، سُڃاڻَ ۾
  • عشق مذهب، عشق، منهنجي ذات آ
  • دل، لڳائڻ جو پَتُو، پئجي ويو
  • حياتي اکين جي اَثرَ ۾، رهي ٿي
  • مَنَ ۾ اُڌما، جاڳن ٿا پيا
  • اِي يَارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان
  • وايون

  • (پنهنجي ادبي اُستاد اميد خيرپوري جي نالي)
  • (سائين ادل سومرو سان محبت جو اظهارُ )
  • کُٽڻ جو ناهي
  • ڌرتي اجڙي ويندي
  • وقت ڪُو گذري ويو
  • (سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جي مناسبت سان لکيل)
  • نظر جو نشانو
  • سنڌي آهيان
  • سُهڻي صورت لئه
  • ڪنهن کان ڳُجهو ناهي
  • (ڌيءَ پر يت ڪائنات جي پئدائش تي)
  • خُون شهيدن جو
  • مون وٽ تنهنجي ڪَمي
  • ختم ٿي محبت
  • (ڀائو قربان منگيءَ جي نالي)
  • لکيل شعرن ۾
  • سَهُولتَ به آهي
  • (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ياد ۾)
  • استاد محمد علي حداد کي لفظن جي ڀيٽا)

  • اَڃان سوچَ ۾ آهيان

    اِي يَارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان
    دلدارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان


    POPAT BOOK NO: 77

    POPAT BOOK NO: 77
    اَڃان سوچَ ۾ آهيان
    (شاعري )
    شاعِرُ: علي حسن سرڪي
    ڇاپو پهريون: نومبر 2015ع
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور.
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، سنڌ.

    ملهه220/- روپيا











    ANJAN SOCH’A ME AAHYAN
    (Poetry)

    Poet: Ali Hassan Sarki
    Edition 1st: November 2015
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Published by: Popat Publishing House, Khairpur.
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Sindh, Pakistan.

    Price: Rs. 220/-


    اَرپنا

    پنهنجي
    گهر واريءَ
    جي
    نانءِ
    ڪيان ٿو جنهن
    پرهه، پارس, پريت ڪائنات ۽ احمد شهزاد
    جهڙا گُل ڏئي ڪري
    مون کي
    جيئڻ جو اُتساهه ڏنو

    ــــــــ علي حسن سرڪي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڃان سوچ ۾ آهيان“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار حَسن سرڪي آهي.
    علي حَسنَ سرڪيءَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    علي حسن سرڪي خيرپور سان تعلق رکندڙ باشعور شاعِرُ آهي. سندس شاعريءَ ۾ فني پُختگي ملي ٿي، جڏهن ته هُو پنهنجي شعرن ۾ فڪري رنگ ڀرڻ جا به ڀَرپور جَتن ڪندو رهي ٿو. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو اوهان تائين پهچائيندي، اسان ان حوالي سان به خوشي محسوس ڪريون ٿا ته، پنهنجي شهر جي شاعرن جي همت افزائي ڪرڻ به اسان جي اداري جي سهڻي روايت رهي آهي. اسان کي اميد آهي ته اوهان پڙهندڙ سندس پهرين وِکَ جي ڀرپور آجيان ڪَندا ته جيئن هُو ايندڙ مستقبل ۾ پنهنجي فني سفرَ کي جاري رکندي، بهتر کان بهتر شاعري تخليق ڪري سگهي.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ


    علي حسن سرڪي ـــــــ جيون خاڪو

    علي حسن سرڪي ـــــــ جيون خاڪو
    ترتيب: وحيد علي سرڪي

    نالو: علي حسن سرڪي
    ولد: حاجي محمد سرڪي
    جنم: 10 مارچ 1974ع ـــ مير عالي بازار خيرپور.
    تعليم: ايم اي پوليٽيڪل سائنس (پرائيويٽ سال 1996ع)
    لکڻَ جي شروعات: 1990ع
    شاعريءَ جي شروعات: 1994ع
    شاعريءَ ۾ استاد: اُميد خيرپوري
    اَدبي سُڃاڻپ: شاعري، نثرنويس
    ٻيون سُڃاڻپون: ڪرڪيٽ پليئر، ريڊيو لسنر
    شاعريءَ جون صنفون: غزل، ڪافي، قطعو، وائي، نظم
    ڇپيل ڪتاب: اَڃان سوچَ ۾ آهيان (شعري مجموعو) 2015ع
    اَڻ ڇپيل ڪتاب: (1) سُڌ سَچل جي (ڪوئيز ڪتاب)
    (2) سَار سَچل جي (مضمون ۽ مقالا)
    (3) پِرهه، پارس، پريت (شعري مجموعو)
    (4) تون ڇا ڄاڻين قُرب اسان جو؟ (شعري مجموعو)
    ايوارڊ: بهترين شاعر جو سرٽيفڪيٽ، سال 1999ع عِلم دوست
    ادبي سنگت خيرپور.
    رهاڻيون: ٻه ـــ (1) سال 2000ع پاران علم دوست ادبي سنگت خيرپور.
    (2) سال 2002ع پاران علم دوست ادبي سنگت خيرپور.
    اولاد: هڪ پُٽ ” احمد شهزاد“ ۽ ٽي نياڻيون پرهه ، پَارس ۽ پريت ڪَائنات
    ايڊريس: سَرڪي موڙ نزد هاڪي گرائونڊ لقمان خيرپور ـــ سنڌ.
    رابطو: 0308-3629021 – 0313-5787110


    مُهاڳ

    هڪ سٺو سرجڻهار ــ علي حسن سرڪي
    جهڙيءَ ريت گلستان ۾ هر گل جي پنهنجي خوشبوءِ پنهنجو رنگ. پنهنجي سونهن ۽ خوبصورتي هوندي آهي. ائين شاعريءَ جي گلشن ۾ به هر شاعر جو پنهنجو پنهنجو مقام، حيثيت، ادبي قد بت ۽ پنهنجي شعري خوشبوءِ آهي.
    خيرپور ضلعو به سنڌ جي ٻين خطن وانگر ادبي لحاظ کان نهايت زرخيز خطو آهي، جيڪو اديبن شاعرن ۽ سُگھڙن جي تخليقي صلاحيتن سان واسيل ۽ ڀرپور رهيو آهي. خيرپور ضلعي جي ادبي کيتر ۾ ڪڏهن به ”جنريشن گيپ“ يا عمر وڇوٽي ناهي رهي. سينيئر شاعرن سان گڏ نوجوان شاعر به پنهنجي ڏانوَ ۽ ڏات جو ڀرپور مظاهرو ڪري رهيا آهن جن ۾ اسان جو سٻاجهڙو ۽ خاموش طبع شاعر علي حسن سرڪي به شامل آهي، جنهن جي ذهني ۽ تخليقي پورهئي تي ٻڌل هي پهريون ڪتاب اسان ۽ اوهان جي هٿن ۾ آهي. هونئن علي حسن سرڪي وٽ ڪيترن ئي ڪتابن جيترو مواد موجود آهي، ڇاڪاڻ ته سندس قلم سان ساٿ کي تقريبن ويهارو سال ٿي چڪا آهن ۽ حَسن خاموشيءَ سان لکندو رهيو آهي.
    حَسن سرڪي ۽ مان بلاشڪ هڪ ضلعي سان واسطو ٿا رکون، عمر ۾ مان کانئس گهڻو وڏو آهيان پر شاعر جي حيثيت ۾ هُو مون کان تمام گهڻو مٿانهون رهيو آهي هن جي شاعري سندس عمر کان به گهڻي پختي ۽ پاورفل آهي. ساڻس منهنجي واقفيت خيرپور ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ ئي ٿي ۽ ٿيندي رهندي آهي.
    سندس شاعريءَ ۾ جيڪا فڪري گهرائي ۽ فني پختگي آهي، اها مونکي بيحد متاثر ڪندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جنهن مشاعري ۾ مان موجود هوندو آهيان ته حَسنَ کي ٻيهر ٽيهر شعرُ پڙهڻ جي فرمائش ضرور ڪندو آهيان.
    حَسنَ جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سندس شاعري آهي. سندس فن ۽ فڪر آهي ۽ بس هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو پر غزل، ڪافي، وائي ۽ نظم سند س پسنديده صنفون آهن ۽ ها ڇاڪاڻ ته هو قطعي جي بادشاه ۽ سنڌ جي عمر خيام، رباعيءَ جي شهنشاهه سائين اميد خيرپوريءَ جو شاگرد آهي ان ڪري قطعو يا چؤسٽو به لکي ٿو، نه رڳو لکي ٿو، تمام ڀلو ٿو لکي. سندس تحريري قابليت کيس هم عصر شاعرن ۾ نهايت نمايان ۽ منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
    حَسن جي هن شعري مجموعي جي آغاز ۾ سندس لکيل حمديه ۽ نعتيه ڪلام ۽ منقبتون پڙهڻ سان سندس عقيدت جي اظهار جو رنگ ئي نرالو نظر اچي ٿو. اسان مان هر شاعر لطيف جي فڪر جو تسلسل آهي. اسان سڀ شاه، سچل، سامي ۽ پنهنجي ٻين مشاهيرن جي سخن جا پؤلڳ آهيون: لطيف سرڪار چيو:

    ”عدلين ڇٽان نه آءُ ڪرڪو ڦيرو فضل جو“

    اسان جي پياري ۽ نهايت سٻاجهي شاعر علي حسن سرڪيءَ چيو ته :

    ڪجان ڪوئي ڦيرو – فضل جو تون مالڪ
    گناهن جي دلدل ۾ ڦاٿل رهان ٿو.

    بنا مطلب، معنيٰ، مفهوم ۽ مقصد جي شاعري بلڪل بي معنيٰ ۽ فضول هوندي آهي. خالي تڪبنديءَ کي شاعري ناهي چئبو. شاعري آهي ئي اها جيڪا پيغام ڏئي ۽ ان کي پڙهڻ سان پڙهندڙن کي ڪجھه حاصل ٿئي، ڪجھه پلئِه پوي- حَسن سرڪيءَ جا هن مجموعي ۾ ڪيترائي اهڙا غزل ۽ وايون موجود آهن جن جي پڙهڻ سان خالي ذهن سرشار ۽ ڀرپور ٿي وڃي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ حوصلي ۽ همت ۽ اڳتي وڌڻ جو درس سمايل آهي. شاعر آهي به اهو جيڪو دڳ ٻڌائي واٽ جي نشاندهي ڪري حَسن جي هڪ غزل جا ڪجھه بند.
    دل شڪتو ٿي نه تون ڪنهن موڙ تي
    زندگيءَ جو قافلو اڳتي وڌاءِ.

    جستجو ۽ آرزو، جاري رکي
    شاعريءَ جو قافلو اڳتي وڌاءِ.


    ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ مون پڙهيو هو ته ڪانوَ کان ڪنهن پڇيو هو ته دنيا ۾ تو ڪٿي خوبصورتي ڏٺي آهي. ته ڪانوَ چيس هَل ته هلي مان تو کي حُسن ۽ خوبصورتي ڏيکاريان. ڪانءُ کيس پنهنجي آکيري تي وٺي آيو جتي سندس ٻه ٻچا ويٺا هئا. ڪانوَ پڇڻ واري کي چيو ته دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورتي ۽ حُسن منهنجي هنن ٻن ٻچڙن ۾ نظر ايندو آهي. مقصد جي ڳالهه ته انسان جنهن سان پيار ڪري ٿو، کيس اهو ئي سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان سهڻو ۽ حَسين - بلند و برتر محسوس ٿيندو آهي. حَسن به پنهنجي هڪ غزل ۾ پنهنجي پريتم کي دنيا جي سڀ کان سهڻي، حَسين ۽ خوبصورت وجود سمجهي اُن جو اظهار هن طرح ڪري ٿو ته:
    سهڻي سڀ کان منهنجي سجني
    اهڙي آهي تنهنجي سجني؟
    سمجهان ٿو مان جڳ ۾ اهڙي
    ڪونهي ڪائي ڪنهن جي سجني

    اڄ ڪلهه سنڌ ۾ تمام جَجھي مقدار ۽ تعداد ۾ شاعري سَرجي رهي آهي ۽ ڳڻڻ کان گهڻا شاعر ۽ شاعرائون طبع آزمائي ڪري رهيا آهن/ڪري رهيون آهن. ڪي سٺو ٿا لکن، ڪي بَس لکن ٿا ۽ ڪي تمام سٺو ٿا لکن جن ۾ تعداد به آهي ته معيار به. مان حَسن سرڪيءَ جي شاعريءَ کي ٻڌو به آهي ۽ پڙهيو به آهي ته هو انهن شاعرن ۾ شامل آهي جيڪي تمام سٺو ٿا لکن ۽ تمام معياري ٿا لکن. حَسن جي جيتري طبيعت سادي آهي اوتري ان جي شاعري بلند ۽ اعليٰ آهي. هو جيترو غريب آهي اوتري ئي شاعري امير ۽ شاهوڪار اٿس. حَسن جيترو گھٽ ڳالهائو ۽ خاموش طبع آهي اوتري ئي سندس شاعري ڳالهائيندڙ ۽ متحرڪ نظر اچي ٿي. سندس تخليق نهايت جاندار آهي.
    تشبيهون ۽ استعارا. شاعريءَ جو حُسن هوندا آهن. حَسن جي شاعريءَ ۾ به تشبيهون، ڀيٽون ۽ استعارا ڏاڍا بر مهل ۽ اثرائتا ڪتب آندل آهن. مثلن ڪجھه غزلن جون سٽون.

    گرم هوائون، من جي آويءَ مان
    ٻرندڙ جبل جيان ڪي ڀڙڪا ها

    يا
    لال لبڙن ۾ رَئي جي ڪنڊ ڏئي
    سامهون مهنجي ٿي کلي هڪ ڇوڪري

    يا
    سونهن سندي سرهاڻ اکين ۾
    خوابن جي آ، کاڻ اکين ۾.

    حَسن سرڪيءَ جي شاعري فني ۽ فڪري اعتبار کان ته شاهوڪار آهي ئي سهي پر موضوعن جي لحاظ کان به سندس شاعري گهڻ موضوعاتي آهي. سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ ۽ قوم سان محبت جو سبق سمايل آهي ته عشق جي اپٽار به آهي پيار جي پرچار به آهي ته محبت جو منشور به، بي وفائيءَ جو شڪوه شڪايت به آهي ته وفا جا ورلاپ به. انياءَ، ظلم ۽ ڏاڍ جي نندا به ڪيل آهي ته مظلوم سان محبت جو اظهار به. هونئن به شاعر محبت سان محبت ۽ نفرت کان نفرت ڪندڙ هوندا آهن. هو امن پسند ۽ پيار جا پرچارڪ هوندا آهن. ڪيني ڪدورت ۽ نفرت کي ختم ڪري پيار، پنهنجائپ، ميٺ، محبت جا نقيب ۽ امينَ هوندا آهن. حَسن سرڪي به پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي. سندس هڪ شاهڪار غزل جا ڪجھه بند.

    ڪدورت ڪرڻ جي نه عادت رهي آ
    اسان جي ته ٻولي محبت رهي آ
    محبت سوا ٻيو رکيو ڇاهي جڳ ۾؟
    محبت سڀن جي ضرورت رهي آ
    محبت کي گهٽ وڌ نه ڳالهاءِ سهڻا
    محبت اسان جي عبادت رهي آ.

    علي حسن سرڪي به هن سنڌ ڌرتيءَ جو ڄائو آهي. ۽ جنهن جو کائجي تنهن جو ڳائجي. وطن سان محبت ايمان جو حصو هوندو آهي. مان ته چوندو آهيان جنهن شاعر جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو هڳاءُ ۽ مٽيءَ جي خوشبوءِ ڪونهي. سنڌ جي سرهاڻ ڪونهي. ساڻيهه جي سڪ ڪونهي. وطن ۽ ديس سان محبت جو اظهار ڪونهي، ته اهو شاعر ڌرتيءَ جو تخم ئي ناهي. حَسن سرڪيءَ جو پنهنجي ديس سان پيار ۽ اُنسيت جي اظهار جو نمونو ئي نرالو ۽ انداز ئي پنهنجو آهي. پنهنجي انداز سان تمام وڏي ڳالهه چَئي وڃڻ حَسن سرڪيءَ جي شاعريءَ جي هڪ انفراديت آهي. مثلن؛

    سنڌ جو هر منظر تو وانگي پيارو
    هن ٿر، بر ۾ منهنجي جان رهي ٿي.

    ٻئي هنڌ چيائين:

    هي مستي رواني ۽ مهراڻ موجون
    سنڌوءَ جا ڪنارا سلامت هجن شل.


    اڃان ان کان به وڌيڪ ۽ گهڻو اڳتي. حسن سنڌ پرست شاعر آهي. سنڌ کي هو پنهنجي ماءُ ٿو سمجهي. ٻين شاعرن وانگر هن جي اکين ۾ به سنڌ جي آزاديءَ جا خواب سجايل آهن. شاعر هئڻ جي ناتي هُن جا پنهنجا آدرش آهن.
    سنڌ خاطر جي هلي هيءَ جان وڃي
    اشڪ اکڙين مان نه هرگز هارجان.

    سنڌ جي آزاد نغمي لاءِ هتي
    لوهه کان مضبوط سينو ڌارجان.

    هي دعائون ٿو ”حَسنُ“ رَبَ کان گهري
    سنڌ لاءِ جيئارجان بس مارجان.

    ڪيترو نه حوصلو، همت ۽ سنڌ لاءِ سچائي سمايل آهي حَسنَ جي ان غزل ۾.
    غيرن سان گڏجي ڪري پنهنجن جيڪا سنڌ واسين جي حق تلفي پئي ڪئي آهي. اها اسان کان ڳجهي ڪونهي. اهو سلسلو صدين سالن کان جاري آهي. تاريخ ۽ وقت شاهد آهي ته سدائين سنڌ سونهاريءَ تڏهن ڀوڳيو آهي ۽ رت جا ڳوڙها ڳاڙيا آهن جڏهن مفاد پرستن ڌارين غيرن سان گڏجي ڪري امڙ سنڌ کي گهاوَ ۽ زخم ڏنا آهن، جيڪي سالن تائين ناهن ڀرجي سگهندا. حَسنُ شاعر آهي ۽ شاعر ڪي ڊگها مضمون ۽ مقالا ناهي لکندو، هو ڊگهيون تقريرون ناهي ڪندو. هو ته وڏي ڳالهه ٻن سٽن ۾ ڪري، پنهنجو پيغام پهچائيندو آهي. حَسن هڪ غزل ۾ چوي ٿو.
    پنهنجا غيرن سان گڏجي ويا
    سڀ خواب اڌورا رهجي ويا.

    ٻئي غزل ۾ چيائين
    ٻئي کي نه ميار ڏي تون سنڌڙي
    پنهنجو دشمن ٿيندو پيو وڃي.

    شاعر جي نظر ڏاڍ ي تيز هوندي آهي هُن جو ذهن زرخيز هوندو آهي سندس معاشري جي هر چڱائي ۽ برائيءَ تي نظر هوندي آهي. اڄ ڪلهه مسجدن ۾ خود ڪش ڌماڪا، مسلمانُ، مسلمانَ کي ٿو پيو ماري. ڀاءُ، ڀاءُ جو دشمن آهي حَسن جي نظرَ ان المياتي حالت ۽ ڪيفيت مٿان به آهي ۽ چوي ٿو.

    نالي ۾ بچيا مسلم آهيون
    خطري ۾ ايمان لڳي ٿو.

    شاعر سچ جا پوڄاري ۽ پرچارڪ هوندا آهن ۽ ڪوڙ، دغا، دولاب، ٺڳيءَ کان سخت نفرت ڪندا آهن. هو سچ جا ساکي ۽ ساٿي هوندا آهن. حَسن سرڪيءَ ڪهڙي نه سهڻي ڳالهه سهڻن لفظن ۾ ڪئي آهي.

    سچ تان جان به قربان آهي
    ڪوڙ کان انڪار ڪندو رهندس.

    حَسنُ سنڌ ڌرتيءَ کي ته پنهنجي شاعريءَ ۾ ناهي وساريو پر انهن ڪردارن کي به نظر انداز نه ڪيو اٿائين جن سنڌ ڌرتيءَ کي ڳايو آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. جيئن سرمد سنڌي.

    سنڌ جي هُو چاهه ۾ گم ٿي ويو
    نانوَ جو رحمان هو، سرمد سنڌي
    مان شيدائي بڻيم هُن جو ”حَسن“
    سنڌ جي پهچان هو، سرمد سنڌي.

    چوندا آهن ته شاعري تلوار جي ڌار به آهي ته خنجر جو وار به آهي. شاعري سُونهن جو لباس آهي شاعري وشال آسمان وانگر آهي ۽ پياري علي حسن سرڪي ان ڏانهن پهرين اڏام ڪري هنن پنن تي جيڪا پالوٽ ڪئي آهي. اميد ته پڙهندڙن وٽان ان کي مانائتي موٽ ملندي. بنيادي طور شاعر سماج جا ترجمان هوندا آهن، لفظن سان تصويرون جوڙي سماجي حالتن جي ترجماني ڪندا آهن. پيارو حَسنُ به پنهنجي ان فرض ادائگيءَ ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهي. ان جو فيصلو به پڙهندڙ ڪندا. مان فقط اهو اعتراف ڪندس ته حَسن ۾ هڪ بهترين ۽ قابل شاعر واريون سڀ خوبيون موجود آهن. هن وٽ فن به آهي ته فڪر به، هُن وٽ خيال به آهي ته لفظ به، هُن وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به، هُن وٽ محبت به آهي ته محنت به، مان دعاگو آهيان مونکان عمر ۾ ننڍي پر شاعريءَ ۾ وڏي دوست حَسن سرڪيءَ لاءَ ته الله کيس وڏي ڄمار ڏئي جيئن هو سنڌ ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهي. مان هنن ڪچين ڦڪين سٽن جي پڄاڻي حَسن جي ئي پيغام ڀرين سٽن سان ڪندس جيڪي سندس لکيل هڪ وائيءَ مان کنيون اٿم.

    هر جا، هر هنڌ
    پڙهو ۽ لکو

    سنڌي ٻولي


     پهرين جون 2015ع ڪوثر ٻرڙو
    اسٽيشن ڊائريڪٽر
    ريڊيو پاڪستان ڪراچي


    پنهنجي پاران

    هڪ شاعِرَ جا شاعراڻا خيالَ

    دل جي دنيا ۾ جيڪي خواب ۽ خواهشون جنم وٺن ٿيون. انهن خوابن ۽ خواهشن جي ڳولها ۽ پُورائي لاءِ انسان کي وڏا جتن ڪرڻا پون ٿا. جستجو ۽ آرزو ئي آهي جيڪا انسان کي لاڳيتو لوڙائي ٿي ۽ ان لوڙ ۽ ولوڙ جي ڪري زندگيءَ کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پئي ٿو. زندگي به عجيب آهي ڪڏهن غمگين دنيا ۾ ته ڪڏهن خوشين جي تمنا ۾.
    زندگيءَ ۾ هر ڪو ماڻهو چاهيندو آهي ته هو جيڪو ڪجھه ڏسي يا جيڪو ڪجھه محسوس ڪري ان جي هر اها محسوسات يا ڳالهه پوري ٿي جيڪا هو چاهي ٿو مگر ڪي خواهشون ۽ خواب اهڙا هوندا آهن جيڪي پورا ٿيندي به ٿي ناهن سگهندا اهڙيون ضرورتون جيڪي ساري دنيا کان انمول ڀاسنديون آهن ۽ زندگيءَ لاءِ اهم ٿي وينديون آهن. ٻين لفظن ۾ جسم جو حصو بڻجي وينديون آهن.
    اهي ضرورتون ۽ اهم ڳالهيون رڳو ڳالهيون ئي رهجي وينديون آهن جن جو ذاتي زندگيءَ ۾ وڏو عمل دخل هوندو آهي. مون به ڪيئي ڀيرا پنهنجي منهن ويهي ڪري سوچيو آهي ته اهو آخر هڪ احساسي ۽ جذباتي ماڻهوءَ سان ائينءَ ڇو ٿو ٿئي؟ ڪيئي ڀيرا پاڻ سان ڳالهايو اٿم.
    ڪيئي من مان سوال اُڀريا آهن آرسيءَ اڳيان اچي ڪري پنهنجون محروميون چهري تي ڏسي ڪري رُوئڻ به ايندو آهي ۽ وري کل به ايندي آهي ان لُڙڪ ۽ مُرڪ واري ڪيفيت کي ڏسي ڪري پنهنجو پاڻ ۾ هڪ خلش پيدا ٿيندي آهي جيڪا ڀُڻ ڀُڻ ڪري چوندي آهي تون به ڪو يار اياڻو آهين جو ٻارن وانگي ٿوري ٿوري ڳالهه تي اڙجي ٿو بيهي رهين. جيڪو ٿيو سُو ٿيو. دنيا اڳتي پئي وڃي ۽ تون آهين جو اڃان پوئتي پيو ڏسين. واقعي زندگي هڪ جاءِ تي بيهڻ جو نانءُ ناهي. زندگي تبديلي جو نالو آهي. زندگي هڪ اسٽيج آهي جتي هر ڪو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار پيو ادا ڪري وقت جي رفتار ڏينهون ڏينهن تيز ٿيندي پئي وڃي. اُهي ئي ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻيندا آهن. جيڪي وقت جي رفتا کي ڄاڻي وٺندا آهن. يا وقت سان گڏ هلڻ سکي وٺندا آهن. ڪيئي ڏکيائون ۽ رُڪاوٽون زندگيءَ ۾ آيون مگر بنا ڪنهن همت هارڻ جي انهن سان مقابلو ڪيو اٿم . زندگي ڪيئي ڀيرا مايوس به ٿئي آهي پر پيار جي شڪتيءَ دل شڪتو ٿيڻ ناهي ڏنو پيار ڪنهن سايي جيان منهنجو نگهبان رهيو آهي. مان ڪٿي ڀُليو آهيان يا ڪنهن غلط رستي ڏي ويو آهيان ته محبت مون کي سنڀاليو آهي. منهنجو ساٿ ڏنو آهي. منهنجي وک وک تي رهنمائي ڪئي آهي. دلي احساس ئي انسان کي انسان بڻائي ٿو. ڪنهن ڀُليل کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو. مان به زندگيءَ کان ڀُليل ۽ اڻ وقف انسان انيڪ گهمرائين ۾ ڦاٿل رهيو آهيان. ڄڻ ڪنهن اوڙاهه ۾ جلندو، پڃرندو رهيو آهيان محبت ڪنهن ڏياٽيءَ وانگي انهن اونداهين، مان نرا سائين مان، غفلتن ۽ اوڙاهن مان مون کي ٻاهر ڪڍيو آهي. اصل دڳ لائي مون انڌي کي هڪ اهڙي لاٽ ڏني آهي جنهن ۾ مان هاڻي زندگيءَ جي بلائن کي شڪست ڏيڻ جي سگهه رکان ٿو. مون گهڻو ڪجهه وڃائي گهڻو ڪجھه حاصل ڪيو آهي جيڪي ماڻهو زندگيءَ ۽ محبت کي سمجهي وٺندا آهن انهن لاءِ دنيا ڪجهه به ناهي هوندي. ڪو به مسئلو انهن لاءِ مسئلو ناهي هوندو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هار کي هار ناهي سمجهيو بلڪه هار کي به پنهنجي جيت ڄاتو آهي. مسلسل محبت سان گڏ محنت ڪئي اٿم. زندگي جاڏي به وٺي وئي آهي تاڏي زندگيءَ جي ڪَڍَ ويو آهيان. ڪڏهن به محبت ۽ محنت کان ڪيٻايو ناهي. محبت ۽ محنت مون سان ائينءَ گڏ ، گڏ آهن جيئن دريا جا ٻه ڪنارا. محنت ۽ محبت مون لئه عبادت جيان آهي. پيار پوڄا بڻجي منهنجي نس، نس ۾ شامل رهيو آهي جنهن جي رڳ رڳ ۾ پيار ۽ محبت هجي اهو محبت جون ٻوليون نه ٻوليندو ته ٻيو ڀلا ڇا ڪندو؟ محبت ئي پنهنجو مذهب، دين ۽ ايمان آهي. هڪ محبتي ماڻهو محبت کان پري ڀلا رهي ٿو سگهي؟ هرگز نه! ظاهري محبت جا قائل کوڙ ئي هوندا. اسان ظاهربِينَ وارن مان هرگز ناهيون محبت ته هڪ خيال آهي هڪ اهڙو خيال، جيڪو عاشق ۽ محبوب جي وچ ۾ ڪنهن پُل جيان هوندو آهي تڏهن ته سچل سائينرح چيو ته :

    مين ته ڪوئي خيال هان
    مل سان نال خيال دي وچ

    هڪ ڏينهن پنهنجي والد محترم حاجي محمد سرڪيءَ کان پڇيم ته ڇا اسان جي خاندان ۾ اڳ ۾ ڪو شاعر هيو. تنهن ٻڌايو ته مون کي بچپن کان ڪتابن سان ڏاڍو چاهه هوندو هيو ۽ اسڪول واري دور ۾ هوشيار به ڏاڍو هوندو هيم. جواني ديواني مستاني ٿيندي آهي. جيئنءَ جوانيءَ ۾ پير پاتم ته مان به شاعري ڪرڻ لڳس اڪثر محفلن ۾ مولود ۽ نعتون به چوندو هيم. شاديءَ کانپوءَ ڪن محبورين سبب اهو شوق اڳي جاري نه رکي سگهيس زماني جي گردش ۾ سارا خواب لڙهي ويا. ساڳيا خيال، ساڳيون ڳالهيون اوهان اولاد ۾ ڏسي ڪري ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. اهي بابا سائين جون ڳالهيون مون لاءِ وڌيڪ لاڀائتون ثابت ٿيون. مون کان اڳ ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ گل حسن سرڪي تڪبنديءَ واري شاعري ۽ ڪي ٻاراڻيون اصلاحي ڪهاڻيون لکندو هيو. ۽ کيس ڳائڻ وڄائڻ سان به ڏاڍو شوق هوندو هُيو. مولود، نعت به بابا سائين وانگي چوندو هو. طرزيا ڌُهنن تي ڪلام لکي ڪري انهن کي پنهنجي آواز ۾ ڳائيندو هو. سرمد سنڌي جي وفات کان پوءِ ڀاءُ گل حسن جا سارا شاعراڻا خيال توڙي گائڪي ختم ٿي وئي. سرمد سنڌيءَ سان ادا گل حسن جو ڪُو روحاني ناتو هيو جو سرمد سنڌيءَ ڀاءُ گل حسن کي ”سرمست سنڌيءَ“ جو لقب به ڏنو هو. ڀاءُ گل حسن سرڪيءَ جو گائڪيءَ ۾ آواز هُو بهُو سرمد سنڌيءَ جهڙو هو. جو کيس هر ڪو سرمد سنڌي به چوندو هو. وقت انسان کي الائي ته ڪٿان کان ڪٿي ٿو پهچائي ڇڏي. جو انسان سوچي ڇا ٿو؟ ۽ ٿي ڇاٿو وڃي. ڪجھه اهڙي وارتا اسان سان به رهي آهي. اها محبت ئي آهي جيڪا لکرائي ٿي محبت سوا هوند مان سٽ به ناهيان لکي سگهندو. محبت ئي شاعر بڻايو. علم ادب جي سمجهه ڏني. محبتي ماڻهن سان ملڻ جو موقعو ڏنو انهن جي ڪچهرين ۾، محفلن ۾ وڃڻ جو اتساهه ڏنو.
    هڪ اهڙو محبتي ماڻهو جيڪو ادبي دنيا ۾ قطعي ۽ رُباعي جو شهنشاهه شاعِرَ طور مشهور هو. خيرپور جي جيئري جاڳندي تاريخ هيو. حافظو ايترو جو کيس ورهين جون تاريخون بزبان ياد هونديون هيون جنهن جي نانوَ کان نئين ٽهيءَ جا شاعر، اديب چڙ کائيندا هيا. ڇو جو هو علم عروض بحر وزن جو استاد الشعراءُ شاعر هيو. هُن کان ان ڪري به شاعر، اديب ونئون ويندا هيا جو هو سڀ کي سامهون حق سچ چوندو هيو. اهڙا سچا ۽ مُنهن تي چوڻ وارا شاعر، اديب مان گهٽ ڏٺا آهن.
    جيڪي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي وڏي واڪي ڪنهن کي حق سچ چون. برحال اڄ دنيا منافقن سان ڀري پئي آهي اگر ڪو سچو ماڻهو ڪنهن کي ڪٿي ملي به پئي ته غنيمت سمجھجو. اهڙو کرو محبتي ماڻهو منهنجو استاد، منهنجو مُحسن اميد خيرپوري آهي. جنهن جي محبت، خُلوص، پنهنجائپ، مٺڙين، ڳالهين، ڪچهرين ايڏو ته اثر ڪيو جو مان سندس شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيس. ۽ استاد اُميد ڏي پنڌ ڪندو رهيم ۽ استاد جي شخصيت ۽ محبت جو اهو اثر ٿيو جو مان شاعري ڪرڻ لڳس. ڪجھه استاد جي محنت ڪجھه پنهنجي محنت، ائينءَ منهنجو شمار به شاعرن ۾ ٿيڻ لڳو جو اڄ ڏينهن تائين شاعري کان ڪنارو ناهيان ڪري سگهيو.
    دلي احساسن ۽ جذبن جو نالو شاعري آهي شاعري کي الهام به چيو ويندو آهي هي هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جيڪا هر عام ماڻهوءَ کي نصيب ناهي ٿيندي شاعري ڪنهنکي ڪنهن کي، عطا ٿيندي آهي. هي هڪ پيغمبري رستو آهي. جتان خدا جي خدائي جو ڏس ملي ٿو. شاعري هڪ اهڙو آواز آهي جيڪو هڪ شاعر ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. نت نوان خيال ۽ احساس لفظن جو روپ وٺي ڪاڳر تي اچن ٿا ۽ لفظن جي مالها جُڙي پئي ٿي. شاعر ماڻهو جتي دلي ڪيفيتن جي اپٽار ڪري ٿو. اتي هو ٻين ماڻهن جي حالتن جو آئينو به چٽي ٿو. شاعر جي نظر عام ماڻهوءَ جي نظر کان مختلف ٿئي ٿي.شاعر ويٺي ويٺي پوري دنيا جا سيئر ڪري ٿو. احساسن ۽ جذبن جي آڌار تي اهڙا خيال لکي ٿو جنهن ۾ پيغام آهي ميٺ محبت، پيار خلوص، سڪ الفت، قربُ ۽ پنهنجائپ جو - مون جيڪو ڪجھه لکيو آهي.اهو منهنجي ذاتي زندگيءَ جو نچوڙ آهي. جيڪو ڪجھه مون پنهنجي آس پاس يا ماحول ۾ ٿيندي ڏٺو آهي يا جيڪو ڪجھه محسوس ڪيو آهي انهن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي. اهي لفظ ئي شاعر وٽ هوندا آهن جيڪو هو ٻين کي ارپي ٿو. مون به پنهنجا سادا سودا لفظ جوڙي شاعري جي ويسَ ۾ اوهان جي آڏو آندا آهن.اها منهنجي پنهنجي حالتن جي پيداوار شاعري آهي. جيڪي وقتي حالتن مون کي لکرايو آهي مون ان کي لکيو آهي ۽ مسلسل لکندو رهيو آهيان ڪڏهن به ٿڪو ناهيان جي ٿڪو به آهيان ته شاعري جي وڻ هيٺيان ڪجھه آسيسُ وٺي ٿڪ ڀڳو اٿم. ۽ لکڻ سان روحاني چين حاصل ٿيو اٿم.
    لکڻ جو ڪو هڪ وقت ڪونهي هوندو. مختلف وقتن ۾ مون شاعري ڪئي آهي. ڪڏهن قلم کڻي شاعري ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿم. لکرائڻ وارو لکرائيندو آهي ته لکي وٺندو آهيان نه ته مهينن جا مهينا ٿي ويندا آهن هڪ سٽ به لکي ناهيان سگهندو.
    شاعريءَ کي مون هميشه اولاد جيان سمجهيو آهي. اولاد لاءِ به ماڻهو ڪيئي سپنا دل ۾ سانڍي ٿو. انهن جي پرورش، پالنا، نشونما ڪري ڪنهن منزل تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ائينءَ ئي اڄ پنهنجي شاعريءَ جو ڪجھه حصو هن پهرين شعري مجموعي ”اَڃان سوچ ۾ آهيان“. ۾ ڏئي ڪري هڪ ته دلي سپنو پورو ٿيو آهي ٻيو ته ايتري خوشي ۽ راحت ملي آهي جو مان لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهان. ائينءَ سمجهيو. اڄ شعري مجموعو ”اَڃان سوچَ ۾ آهيان“ منظر عام تي آڻي ڪري ڄڻ ورهين جا ٿڪ لهي ويا هجن ۽ نيڻن کي اهڙي تراوت ملي آهي جو انگ انگ ٺري پيو آهي مَنُ خوشيءَ منجهان ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان چلولايون ڪندي ماضيءَ جي حسين شامن ۾ گم ٿي ويو آهي. هن محبت جي سفر ۾ جن به منهنجو ساٿ ڏنو آهي منهنجا حوصلا ۽ اردا وڌايا آهن، منهنجا ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. انهن مهربانن. سڄڻن، قربائتن، يارن دوستن، مٽن، مائٽن، پنهنجن توڙي پراون جالک قرب اڻ کٽ ٿورا.
    پر پوءِ به سمجهان ٿو ته انهن پرين پيارن جا ڪجھه نالا کڻي دل جو بار هلڪو ڪيان. سنڌي ٻوليءَ جي نالي واري ليکڪ، براڊ ڪاسٽر ۽ سهڻي شاعر محترم ڪوثر ٻرڙو جا تمام، تمام گهڻا ٿورا جو هو وقت به وقت مون ناچيز کي شعري مجموعي چپرائڻ لاءِ همٿائيندو رهيو ۽ پنهنجي مصروفيتن مان ڪجھه وقت ڪڍي ڪري مون کي ڪتاب لاءِ هڪ سهڻو ۽ پيارو مهاڳ لکي ڏنو.
    سائين ادل سومرو منهنجو هميشه مَنَ گُهريو شاعر رهيو آهي جنهن جي شاعري ۽ مٺڙي شخصيت منهنجي لاءِ راهه مشعل رهي آهي. ان من گهري سائينءَ منهنجي لاءِ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي لکيو آهي سچ ته مان پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز ٿو سمجهان. پنهنجي محبوب شاعِرَ پياري ادلَ سومري جا جيترا ٿورا مڃان تيترا گهٽ آهن.
    مٺڙي امر اقبال جا به وڏا وڙ جو هن ڪجھه تاثراتي سٽون لکي ڪري مون کي مان بخشيو آهي.
    ساجد جماليءَ جو ساٿ ڪتاب جي ڇپائيءَ تائين مون سان رهيو آهي ساجد کي مان هميشه استاد اميد خيرپوري واري نظر سان ڏسندو آهيان ڇو جو ساجد جمالي استاد اميد جو ادبي وارث آهي. استاد اميد زندهه هجي ها ته پنهنجي هن ادبي شاگرد تي ڪجھه لکي به ها ۽ هي شعري مجموعو ڇپل ڏسي خوش به ضرور ٿئي ها مگر اڄ هو اَبَدي دنيا ۾ آهي. مالڪ کيس پنجتن جي ڇانوَ ۾ رکي . آمين.
    ساجد جمالي مون کي تاثر ۾ لفظن جو جيڪو خراج بخشيو آهي اهو منهنجي لاءِ وڏي معنيٰ رکي ٿو. جنهنکي مان پنهنجي استاد اميد خيرپوريءَ جو ڏنل خراج ٿو سمجهان.
    پوپٽ اداري جي روح روان ۽ مشهور سفر نگار. سائين قربان منگيءَ جو جهڙو نالو آهي تهڙو ئي هي مڙس مٿيرو آهي. قربان منگيءَ جهڙا مرد پنهنجي قول فعل جا سچا مون گهٽ ڏٺا آهن.
    مون سان ڪتاب ڇپرائڻ جو واعدو ڪيائين ۽ اهو واعدو پنهنجو پورو ڪيائين. هن مولائي ماڻهوءَ جا ڪهڙا ڳڻ ڳايان. جنهن کان سدائين مون کي پنهنجن کان وڌ پنهنجائپ ملي آهي.
    پياري آصف نظاماڻي ۽ عرفان ڀُٽو جو به ٿورائتو آهيان جن منهنجي هِنَ پهرئين شعري مجموعي کي نِهايت پيار ۽ خلوصَ مان ڪمپوز ڪيو.
    شاعري ڪرڻ آسان ڪم ڪونهي جنهن لاءِ وڏي مٿا کوهه ڪرڻي پئي ٿي ڪي گهٽ وڌايون به هونديون. ڪٿي ڪي ڪچايون، ڦڪايون ضرور هونديون. شاعر به انسان ئي ٿيندا آهن. انسان ناتي ڪي غلطيون ڪي ڪوتاهيون به هونديون. منهنجي شاعري هاڻي منهنجي ناهي رهي اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي هي منهنجو پهريون شعري مجموعو آهي ان ۾ ڏنل شاعري اوهان کي ڪيئنءَ لڳي آهي.اوهان پڙهندڙ ئي بهتر ڄاڻو ٿا. اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.

    نه چاهيندي ڀي دل لڳي ٿي ويندي آ
    منهنجي گهرَ جي هُوءَ روشني ٿي ويندي آ
    خيالن ۽ خوابن ۾ رهندو مان آهيان
    ڪندو ناهيان، بس شاعري ٿي ويندي آ


    علي حسن سرڪي
    نزد سرڪي موڙ
    لقمان خيرپور ـــ سنڌ.
     25 جولاءِ 2015ع
    رابطو:
    0308-3629021
    0313-5787110


    غزل

    نِدامتَ جا ڳُوڙها اکين ۾، ڏسان ٿو

    نِدامتَ جا ڳُوڙها اکين ۾، ڏسان ٿو
    گناهن جي معافي مان مالڪ، گھران ٿو.

    ڪجان معاف ساريون، مدايون هي منهنجون
    مٺي مير مرسلصه جو، صدقو ڏيان ٿو

    رُوئڻ منهنجي قسمت ۾ لکجي ويو آ
    نه ڀلجي ڪڏهن ڀي، خدايا کلان ٿو

    ڪڏهن ڪين ڪنهن سان چڱائي ڪئي مون
    ڀَلائيءَ جو کاتو، ٻُــڙيءَ ۾ ڏسان ٿو

    بُــري جي سنگت ٿي، بُــرو بس بڻائي
    بُرائيءَ کان پاسو، مان پرور ڪيان ٿو

    ڪري ٿو حقيقت، هي قرآن سارو
    لهي مَــرُ ٿي مَــنَ جي، مان جيئنءَ، جيئنءَ پڙهان ٿو

    ڪجان ڪوئي ڦيرو، فضل جو تون مالڪ!
    گناهن جي دلدل ۾، ڦاٿل رهان ٿو

    زماني ستايو، ”حَسَنَ“ ڏاڍو آهي
    مان شعرن ۾ ساري، حقيقت لکان ٿو


    قرآن سڄُو، صفت، خدا جي.

    قرآن سڄُو، صفت، خدا جي.
    انسانُ سَڄُو، صفت، خدا جي

    وَڻَ، ٽِڻَ، ٻُوٽا، آڪاشُ، جَبلَ
    هي جهان سڄو، صفت، خدا جي

    هر ڪنهن گُلَ جي، پنهنجي خوشبو.
    گلدانُ سڄو، صفت، خدا جي

    هاٿي، ڀُولو، اُٺُ ۽ گُھوڙو
    حيوانُ سڄو، صفت، خدا جي

    چون ٿا عاشق، صادق هيو ڪو
    شيطانُ سڄو، صفت، خدا جي

    رحمت سمجهيو، ويندو آهي
    مهمانُ سڄو، صفت، خدا جي

    رنگ رنگيلا، نُور، نظارا
    ميدانُ سڄو، صفت، خدا جي

    تو ۾، مون ۾، هُنَ ۾ ”سرڪي“
    ايمان سڄو، صفت، خدا جي


    مَرڻَ مهل مالڪ! چپن تي، هجي شل

    مَرڻَ مهل مالڪ! چپن تي، هجي شل
    محمّدصه جو نالو لبن تي، هجي شل

    وصيعت هي منهنجي، ٻُڌو غور سان اَڄ
    نَبيءَصه جو ته ڪلمو ڪفن تي، هجي شل

    قبر ۾ هجان يا ڪٿي ڀي، هجان مان
    اڇو ويس منهنجي بدن تي، هجي شل

    عليءَرضه جي ته دَرَ جي غلامي ڪبي پَئِي
    هي جهنڊو حُسيني هٿن تي، هجي شل

    هُجي پاڪ پيارو، دلارو سلامت
    خدا جي ڪا رحمت وطن تي، هجي شل

    هُجي شاد هرڪو، زماني ۾ پيارا
    خزان جو نه پيرو چمن تي، هجي شل

    ڏسان پاڪ پياري جي تصوير هردم
    هي چهرو نوراني اکين تي، هجي شل

    خدا جي پوي مار ڪائي ڪوڙن تي
    خدا جي ڪا رحمت سچن تي، هجي شل

    لکي نعت ”سرڪيءَ“، نبيءَصه جي ته سِڪَ ۾
    نبيءَصه جي نگاهه ڪا ”حَسنَ“ تي، هجي شل


    سُهڻو نبيصه، سردار، نبيصه

    سُهڻو نبيصه، سردار، نبيصه
    مُحب مٺو، منٺار، نبيصه

    دنيا جنهن جي، ڪاڻ بڻي
    آهي ڪُلُ، سنسار، نبيصه

    سُهڻو نه اهڙو، ٻيو ڪوئي
    سهڻن جو سردار، نبيصه

    نُور خدا جو روشن ٿيو
    اکڙين جو آ، ٺار، نبيصه

    ڄاڻي رَبُّ ٿو، شان جنهن جو
    عظمت جو، مينار، نبيصه

    آدمعه کان عيسيٰعه تائين
    آهي مليو، پڳدار، نبيصه

    مسڪينن، لاچارن، لئه
    هينئي جو آ، هار، نبيصه

    ”حَسنَ“ پيو پڙهه، صلواتون
    هر حال ۾، آڌار، نبيصه


    اَنوکي رهي آ، شهادت، حُسين عه جي

    اَنوکي رهي آ، شهادت، حُسين عه جي
    وساري نه سگھبي، شجاعت، حُسين عه جي

    پُٺن تي سَواري ڪندي ٿيو جَوان هو
    نبيءَصه جي محبت، حقيقت، حُسين عه جي

    هُيو ڪَنڌُ سجدي ۾ مالڪ جي سامهون
    نيزن جي سايي ۾، عبادت، حُسين عه جي

    ڪُفرَ جي دلدل ۾، ڦاٿل هُيو جو
    حُسيني ٿيو حُرُ، قدرت، حُسين عه جي

    نَهرَ تي عباسعه، ڏيکاريا ٿي جُوهرَ
    ملي با وفا کي، اجازت، حُسين عه جي

    بچائي ويو دين ناني جو آهي
    پئي ياد رکبي، عنايت، حُسين عه جي

    ويا ڪيئي ڪُونڌر، سَچَ تان ته ڪُسجي
    هلي پئي دنيا ۾، صداقت، حُسين عه جي

    کڻائي قلم ۽ لکائي ٿي جيڪا
    ”حَسنَ“ سَا ته آهي، محبت، حُسين عه جي


    ڪربلا جي سرزمين، توکي سلام

    ڪربلا جي سرزمين، توکي سلام
    تو ڏنو سِڪَ، پيارُ، اُلفت جو پيام

    دين جو جهنڊُو، بُلند، اسلام ٿيو
    اِي نبيءَصه جا لاڏلا، تنهنجو مقام

    تو خدا جو راضپو، ظاهر ڪيو
    ٿيو عيان هو، راز ڪوئي عام، جام

    بُوندَ پاڻيءَ ڪاڻ، ٿي سڪندا رهيا
    ڪين ٻارن کي مليو، ڪوئي طعام

    جيستائين هيءَ حياتي آ، منهنجي
    زندگاني آ سموري، تنهنجي نام

    مَالُ، دولت، سڀ فدا تنهنجي مٿان
    مان عليءَ عه جي لال جو آهيان غلام

    مان حُسيني ٿي ”حَسنَ“ آهي لکيو
    تو وٽان آهي مليو ، جيڪو ڪلام


    مٺي آ چوان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي

    مٺي آ چوان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي
    تڏهن مان چُمان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي

    ٿيو خُونُ ناحق، پنجتن جو آهي
    صدين کان پڙهان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي

    حُسيني هي ماتم، تو ڪيو، آ، برپا
    اهو مان ٻڌان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي

    اُڃارن جو شامل، تو ۾ رَتُ رهيو آ
    تڏهن مان روئان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي

    پَڙاڏُو شهيدن جو، پيو ٿو گُونجي
    جاڏي ڀي ڏسان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي

    عجب ڪيفيت بس، ڇائنجي وڃي ٿي
    جڏهن ڀي لکان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي

    رهن منتظر ٿيون، هي اَکيون نماڻيون
    سَڄڻَ سي ڳُولهيان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي

    عقيدت منجهان جيڪو ”حَسنَ“ لکيو آ
    نَظرِ سُو ڪيان ٿو، ڪربلا جي ڌرتي


    سَچَلَ رحه سَچَ جو سازُ، وڄايو

    سَچَلَ رحه سَچَ جو سازُ، وڄايو
    رنديءَ وارو رازُ، ٻڌايو

    ڄَامَ تماچيءَ جي ڳالهه ڪري
    نُوريءَ وارو نياز، ٻڌايو

    خُوديءَ جي حالت مستيءَ ۾
    ڪيئنءَ ڪجي پرواز، ٻڌايو؟

    ٻُوڙ ٻيائي، خيال، اَجائي
    تون آن شاهه، شهباز، ٻڌايو

    منصور جيان، سُولي سجائي
    حَقَ سندو آواز، ٻڌايو

    وسريو روزو ياد، نماز نه
    مست پرينءَ جو ناز، ٻڌايو

    آدمعه کان ”حَسنَ“ اڳي ها سين
    انساني آغاز، ٻڌايو


    دوستيءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ

    دوستيءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ
    دل لڳيءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ

    تو چيو هو پاڻ مون کي اُو پرين
    عاشقيءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ

    دل شڪستو ٿي نه تون ڪنهن موڙ تي
    زندگيءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ

    جُستجو ۽ آرزو جاري رکي
    شاعريءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ

    جام الفت جو ڀري، مون کي به ڏي
    مئڪشيءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ

    نياز، نوڙت، ٿي رکي معنيٰ ڪائي
    عاجزيءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ

    ٻاٽ اوندهه ۾ ”حَسنَ“تون لاٽ ٿي
    روشنيءَ جو قافلو، اڳتي وڌاءِ


    سُهڻي سَڀَ کان منهنجي، سجني

    سُهڻي سَڀَ کان منهنجي، سجني
    اهڙي آهي تنهنجي، سجني؟

    سمجهان ٿو مان جَڳَ ۾ اهڙي
    ڪونهي ڪائي، ڪنهنجي، سجني؟

    مون کي اڪثر لڳندي آهي
    پنهنجن کان وڌ پنهنجي، سجني

    سُونهن نرالي، رُوپُ انوکو
    سمجهه کان ٻاهر، اهنجي، سجني

    پيار مان توسان ڏاڍو ڪيان ٿو
    چاهت مَنَ ۾، تنهنجي، سجني

    پيار جي منزل ڪنهن لاءِ ڪهڙي؟
    سمجهه وارن لئه، سهنجي، سجني

    جُوڙَ خُدا جي، ”حَسنَ“ ڏسان ٿو
    سُونهن ۾ سَرسُ ۽ سادي، سجني


    رُوئان ٿو پيو، تنهائيءَ سان

    رُوئان ٿو پيو، تنهائيءَ سان
    تڙپان ٿو پيو، تنهائيءَ سان

    ڪير آ دشمن، ڪير آ پنهنجو؟
    سمجهان ٿو پيو، تنهائيءَ سان

    يادن جي هندوري ۾ لُڏي
    کيڏان ٿو پيو، تنهائيءَ سان

    ڳُوڙها ڳاڙي پنهنجو وجود
    ڌوئان ٿو پيو، تنهائيءَ سان

    شعرن ۾ لفظن جي مالها
    پويان ٿو پيو، تنهائيءَ سان

    مَنَ ۾ لڪيل، رَازَ ڪيئي
    کوليان ٿو پيو، تنهائيءَ سان

    خيالن جي دنيا ۾ پاڻ کي
    روليان ٿو پيو، تنهائيءَ سان

    ”حَسنَ“ هجر جا گيت ڪي ڳائي
    ٻوليان ٿو پيو، تنهائيءَ سان


    (نامياري شاعر اياز گل جي نالي)

    (نامياري شاعر اياز گل جي نالي)

    سنڌي ٻُوليءَ جو شان، ايازگُلُ
    آهي ادب جو مان، ايازگُلُ

    سڀ کي ٿو گُلَ آڇي، خوشبوءَ وارا
    اهڙو آهي گلدان، ايازگُلُ

    پيار، وفا جا، گيت پيو ٿو ڳائي
    سِڪَ الفت جو سامان، ايازگُلُ

    بيداريءَ جا گيت لکي شعرن ۾
    پيو ٿو ڪري اعلان، ايازگُلُ

    مَهميرُ جوان، جُوڌو سنڌ جو سَپُوت
    دشمن جي لئه دهمان، ايازگُلُ

    ”حَسنَ“ ڪدورت کان ٿو، هُو پري رهي
    آهي محبتي انسان، ايازگُلُ


    سُونهن سندي سرهاڻ، اکين ۾

    سُونهن سندي سرهاڻ، اکين ۾
    خوابن جي آ، کاڻ، اکين ۾

    سالن کان ٿا جذبا جُهومن
    اُلفت جي مهراڻ، اکين ۾

    پيار جي ڪا ڀي صورت ڪُونهي
    احساسن کي آڻ، اکين ۾

    نازڪ چهري وارا سائين
    ڇا جي اٿئي آلاڻ، اکين ۾؟

    نيڻ ملائي نيڻن سان اڄ
    صورت پنهنجي ماڻ، اکين ۾

    ”حَسنَ“ حياتي ٿوري لڳي ٿي
    پيار جي آ، پيلاڻ، اکين ۾


    تنها رهجي ويا سين، تنهنجي شهر ۾

    تنها رهجي ويا سين، تنهنجي شهر ۾
    تنهنجي ڪاڻ رلياسين، تنهنجي شهر ۾

    توکي اپنائڻ جي، خواهش رکي
    ڳُوٺ ڇڏي آياسين، تنهنجي شهر ۾

    اَرمان اَڌورا، رهجي ويا سارا
    ڪيڏا خواب ڏٺاسين، تنهنجي شهر ۾

    هر ڏينهن، ڏهينءَ وانگي ٿو گُذري ڄَڻُ
    ڪارا ويس ڪياسين، تنهنجي شهر ۾

    خوشيون ساريون، توکي اَرپي سائين
    ڪيڏا سُورَ سٺاسين، تنهنجي شهر ۾

    پرچائڻ وارو، هڪ تون ئي ته هُئين
    ٻارن وانگي رناسين، تنهنجي شهر ۾

    تون سهيلن سان، ڏاڍو خوش ٿي گُهمين
    تو لئه دوست ڇڏياسين، تنهنجي شهر ۾

    ڪنهن درد نه سُڃاتو، اڄ تائين ”حَسنَ“
    تُوڙي جو تڙپياسين، تنهنجي شهر ۾


    پيار مون سان ٿي ڪري، هڪ ڇوڪري

    پيار مون سان ٿي ڪري، هڪ ڇوڪري
    مون تي ٿي ڏاڍو مري، هڪ ڇوڪري

    لال لبڙن ۾ رَئي، جي ڪُنڊَ ڏئي
    سامهون منهنجي ٿي کلي، هڪ ڇوڪري

    نَازَ، نخرا، خُوب ٿا هُن جا وڻن
    مُورَ وانگي ٿي ٽلي، هڪ ڇوڪري

    تو سوا سچ مان، مري ويندس مٺـا
    رُوز مون کي ٿي چوي، هڪ ڇوڪري

    يا خدا رکجان سلامت يار کي
    پئي دعائون ٿي گھري، هڪ ڇوڪري

    پيار تنهنجو آ، مون کي سڀ کان مٺو
    پئي ”حَسنَ“آهي ڳلي، هڪ ڇوڪري


    يادگيريون يَارَ، ٿيندي پئي وڃي

    يادگيريون يَارَ، ٿيندي پئي وڃي
    هُوءَ مونکان ڌار، ٿيندي پئي وڃي

    زندگيءَ جا رنگ ٿي بي رنگ ويا
    زندگاني خار، ٿيندي پئي وڃي

    دل سندو ميدان خالي ٿي ويو
    ڪا اَنوکي هار، ٿيندي پئي وڃي

    جيئنءَ جو هٿڙو ڇڏايو هُنَ مون کان
    سُرمئي ڪا سار، ٿيندي پئي وڃي

    دَارَ تي لٽڪيل ڏسان ٿو پاڻ کي
    ڪا تکي تلوار، ٿيندي پئي وڃي

    مَنُ تنبورو ٿي ويو آهي ”حَسنَ“
    شاعري ڄَڻُ تار، ٿيندي پئي وڃي


    خوبصورت زندگي آ، ٿي وئي

    خوبصورت زندگي آ، ٿي وئي
    ها جڏهن کان دل لڳي آ، ٿي وئي

    ڪر يقين منهنجي زبان تي اُو مٺي
    مون کي توسان عاشقي آ، ٿي وئي

    اڄ اَچانڪ پاڻ ئي تنهنجي اڳيان
    پيار پوڄا، بندگي آ،. ٿي وئي

    روشني ئي، روشني آ، هر طرف
    چنڊ جي هيءَ چاندني آ، ٿي وئي

    پرهه جي پُوئين پهر ۾ دلربا!
    جاڳندي ڏس شاعري آ، ٿي وئي

    سُونهن تنهنجي سادگيءَ جو، آ ڪمال
    سچ مُبارڪ هر گھڙي آ، ٿي وئي

    پاڻ کي مان پاڻ ۾ ڀانئيان نه ٿو
    زندگي منهنجي اهڙي آ، ٿي وئي

    دير سان مُوٽڻ ٿيو آهي ”حَسنَ“
    اڄ خوشيءَ ۾ مئڪشي آ، ٿي وئي


    (ڌيءَ پارس جي پيدائش تي)

    (ڌيءَ پارس جي پيدائش تي)

    ڀاڳن واري آئي، پارس
    ڏينهن ڀلي ۾ ڄائي، پارس

    منهنجي مَنَ ۾ مُونجهه هُئي جا
    اَچڻ سان مُونجهه مٽائي، پارس

    اهڙي ڪنهن جي نياڻي ڪونهي
    جهڙي مون آ، پائي، پارس

    رات وڌي آ، روشن ٿيڻ لئه
    اڌ رات جو آ، ڄائي، پارس

    سُرهو جيون آهي ٿي ويو
    مالڪ! پاڻ، ملائي، پارس

    جهڙو نالو امڙ ڇـٺيءَ جو
    اهڙي پَرورَ، بڻائي، پارس

    مون کي ڏاڍي پياري آهي
    ماکي، مصري، لائي، پارس

    سُونُ سراپا، پارس، بابا
    سونُو رُوپ ٿي، آئي، پارس

    مُولا کيس، حياتي بخشي
    بڻبي نيٺ ته، مائي، پارس

    سُرهي سَاوڪَ، وانگي ”سَرڪي“
    شاد هجي شل، سائي، پارس


    (پُٽَ احمّد شهزاد جي پيدائش تي)

    (پُٽَ احمّد شهزاد جي پيدائش تي)

    ڏسڻ ۾ سُهڻو، سٺڙو، احمّد
    رنگ جو پيارو، مٺڙو، احمّد

    رُوشن دل جي دنيا ٿي وئي
    چنڊ چوڏهينءَ جو، اهڙو، احمّد

    وڻندڙ گُلَ، گُلابيءَ وانگي
    ماکي، مصريءَ، جهڙو، احمّد

    بَازُو پنهنجا، ٻيڻا ڀانيان
    نيٺ ته ٿيندو، وڏڙو، احمّد

    مون کي ڏاڍو، وڻندو آهي
    گهر سڄي ۾، هڪڙو، احمّد

    ماءُ پيءُ جي، اکين جو تارو
    ٿيندو سَدورُو، پٽڙو، احمّد

    ”سَرڪي“ صورت، ساڳي سهڻي
    ننڍپڻ پنهنجو، تهڙو، احمّد





    شاعري، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

    شاعري، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ
    ڊائري، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

    دل جي ڌهڙڪن تي، رکي هَٿُ، تو چيو
    دل لڳي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

    دوست! تنهنجي دوستيءَ جو، آ، قسمُ
    دوستي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

    عاشقن جي ذات ڪا، ٿيندي نه آ
    عاشقي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

    تون چَريو، جنهنکي، چوين ٿي، اڄ هتي
    سُو چَري، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

    ڪُو شرابي، پاڻ، ٿيندو، آ، ڪٿي؟
    مئڪشي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ

    دلربا! توکان، وفا ٿيندي ڪڏهن؟
    دل سَچي، دل جي ڪٿا جو، نانءُ آ

    هوءَ جيڪا، سُونهن ٿو سامهون ڏسين
    سَا، سکي، دل جي ڪٿا جو، نانءُ آ

    جيئنءَ ڀي گُذري، گُذاري ڇڏ ”حَسنَ“
    زندگي، دل جي، ڪٿا جو، نانءُ آ




    ڪيڏو جلدي ڌار، ٿي وياسين

    ڪيڏو جلدي ڌار، ٿي وياسين
    تنها، تنها، يار، ٿي وياسين

    شاخون پَٽَ تي، پاڻ ڪريون ٿي
    ڪپيل وڻ جا ڏَارَ، ٿي وياسين

    جيت اسان جي، ٿي آ، ليڪن
    ماڻهن جي لئه هار، ٿي وياسين

    آٿت دل کي، چين، ملي ٿو
    سهڻي سڄڻ جي سار، ٿي وياسين

    سنڌ جي ڌرتي، معاف ڪجان تون
    پاڻ اسان اغيار، ٿي وياسين

    ڪاٿي هوشو، هيمون، ڪاٿي
    معصومڙا ٻار، ٿي وياسين

    تنهنجي سينڌ، سَنوارڻ خاطر
    جيئي سنڌ جي ڌَار، ٿي وياسين

    تون ئي، تون آن، سامهون منهنجي
    اهڙي ”حَسنَ“ نهار، ٿي وياسين


    (ايڪتا ڏينهن جي مناسبت سان)

    (ايڪتا ڏينهن جي مناسبت سان)

    ٽُوپي، اَجرڪُ ، شان، سنڌين جو
    اعليٰ هر هنڌ، مان، سنڌين جو

    جيڪي سنڌ جو، کائن، پيئن ٿا
    اُنهن تي احسان، سنڌين جو

    جنت کان وڌ آهي ڌرتي
    دوست اهو، ايمان، سنڌين جو

    هُوشو، هيمون، گهاتو ڀَائِرَ
    گُھوٽ ڀٽائي، خان، سنڌين جو

    مون ته هميشه، ڀانيو آهي
    شاهه لطيفرح، قرآن، سنڌين جو

    ڪُونڌر ڪيئي، ڪُسجي ويا هن
    سَنَ وارو، ڀڳوان، سنڌين جو

    سنڌ ۾ جيڪو، ڌاريو ماڻهو
    سُو، آهي، مهمان، سنڌين جو

    سنڌو ديش جي نعري سان ئي
    آزادي اعلان، سنڌين جو

    ٽوپي، اجرڪ آهي ”سَرڪي“
    سُونهن سندو سامان، سنڌين جو




    جيڏي اُلفت، گھڻي ٿيندي

    جيڏي اُلفت، گھڻي ٿيندي
    دل کي حسرت، گھڻي ٿيندي

    تون مان ڪاٿي به هُجئون ليڪن
    دوست ! ضرورت، گھڻي ٿيندي

    جي سِڪَ ۾ خُلوص، سچائي آ
    پيار جي رحمت، گھڻي ٿيندي

    اُلفت وارن جي مٿان اڪثر
    رَبَ جي قدرت، گھڻي ٿيندي

    هڪڙي ڏينهن تون ڏسجان توکي
    مون سان چاهت، گھڻي ٿيندي

    تون جي سَاڻُ، هوندين مون سان
    جسم ۾ طاقت، گھڻي ٿيندي

    پيارَ وارن کي، تنهائيءَ ۾
    حُسنَ تي حيرت، گھڻي ٿيندي

    مرد جي ڀيٽ ۾ ڏسجان ”سَرڪي“
    جڳ ۾ عورت، گھڻي ٿيندي




    حسرتن جي دَامَ ۾، ڦاسي پيو

    حسرتن جي دَامَ ۾، ڦاسي پيو
    ڪُو اکين جي دَامَ ۾، ڦاسي پيو

    ڳُوٺ جو سادو، سٻاجهو آدمي
    شهرتن جي دام ۾، ڦاسي پيو

    پيار جي ورکا ڪندي ٿڪجي پيو
    نفرتن جي دام ۾، ڦاسي پيو

    دَمَ، دلاسن تي رڳو، ڌوڪا مليا
    آسرن جي دام ۾، ڦاسي پيو

    سُونهن جي ديوي پَسي ڪو ڇُوڪرو
    چاهتن جي دام ۾، ڦاسي پيو

    راحتون ٻُوساٽجي، گُھٽجي مُئيون
    راحتن جي دام ۾، ڦاسي پيو

    مُشڪلاتون رَاهَه ۾ ڪنڊا رڳو
    آفتن جي دام ۾، ڦاسي پيو

    ڪُو اَچانڪِ، حُسنَ جو، جُوڀن ڏسي
    رونقن جي دام ۾، ڦاسي پيو





    ياد جو توکي ڪيم، ڪلهه رات جو

    ياد جو توکي ڪيم، ڪلهه رات جو
    دير سان ڏاڍو ستم، ڪلهه رات جو

    ڇِرڪُ نڪري ويو، اُٿي ويهي رهيم
    خواب ڪو اهڙو ڏٺـم، ڪلهه رات جو

    چنڊ سان ڳالهيون ڪري، ڪي پيار جون
    بس! پئي تارا ڳڻيم، ڪلهه رات جو

    پاڻ ويهي، جِتِ ڪيون سي ڳالهڙيون
    اُت خيالن سان ويم، ڪلهه رات جو

    پيار جي هرڪا گھڙي سامهون هُئي
    يادگيرين سان رنم، ڪلهه رات جو

    اڄ به دل، تو لئه چَري بيتاب آ
    مان ته تنهنجو ئي هيم، ڪلهه رات جو

    سَارَ جي گُهلندڙ هوائن سان ”حَسنَ“
    شِعرَ ڪي لکندو رهيم، ڪلهه رات جو





    پيار سان دل سجايم، ڀَلُو ئي ڪيم

    پيار سان دل سجايم، ڀَلُو ئي ڪيم
    نينهن ڪنهن سان لڳايم، ڀَلُو ئي ڪيم

    پَاڻَ پنهنجي هٿن سان ڏئي دل ڪنهن کي
    لُوڪَ وارا کلايم، ڀلو ئي ڪيم

    پاڻ مونکي ڇڏي، هو ته آهي ويو
    مان ته هُن سان نڀايم، ڀلو ئي ڪيم

    ڄاڻ پئجي وئي ڪير ڪنهنجو آهي؟
    ڪين پنهنجي هلايم، ڀلو ئي ڪيم

    راهه ويندي حياتي جي آساني لئه
    ڪا رڪاوٽ هٽايم، ڀلو ئي ڪيم

    دور ڪُلفت ڪري، ڪُوڙ، ڪيني منجهان
    جَانِ پنهنجي ڇڏايم، ڀلو ئي ڪيم

    پيار سان جڳ ٺهي ٿو، حياتي ”حَسنَ“
    پَيارُ هر جا ورهايم، ڀلو ئي ڪيم




    هڪڙي ڏينهن مَري، ويندس مان

    هڪڙي ڏينهن مَري، ويندس مان
    ڪائي ياد ڇڏي، ويندس مان

    خُوشيون ٻين کي، اَرپي ساريون
    جهان غمن جو کڻي، ويندس مان

    ڏاڍا اَرمانَ، پيا ٿيندا
    پنهنجو نانءُ ڪري، ويندس مان

    خاموشيءَ جو، سفر نرالو
    لَحدَ ۾ نيٺ لهي، ويندس مان

    ڪوئي ڳوڙها، هاري مَتان
    مُرڪ چپن تي رکي، ويندس مان

    شعرن ۾ پيا، ڏسجو مون کي
    پنهنجا شعر ڇڏي، ويندس مان

    شاعر ماڻهو، مرندو ناهي
    سڀ کي ائينءَ چئي، ويندس مان

    ”حسن“ اکين ۾ لُڙڪ لڪائي
    ٻين کي لڙڪ ڏئي، ويندس مان






    ڪَجُو معاف سائين اسان جي خطا کي

    ڪَجُو معاف سائين اسان جي خطا کي
    پيا ياد رکجو اسان جي وفا کي

    پرين ڪيترو مون خدا کان گُھر يو آ ؟
    ڏسان ٿو پَيو اڄ هٿن جي دُعا کي

    اکين تي رکيو مون سَويري اُٿي آ
    مٺا خيرپور جي مـٺي هن فضا کي

    جڏهن شهر منهنجو هميشه ڇڏين تون
    ڏجان ڪو نياپو تون گُهلندڙ هوا کي

    ڀَلي ڏي تون مونکي پرين پِٽَ پَاراتا
    دُعا ٿو مان سمجهان تنهنجي بد دعا کي

    هُجي شل سلامت، جتي ڀي هجي هُو
    مان چوندو رهان ٿو اهو ئي خدا کي

    ڪري ياد توکي پيو ٿو هي ”سَرڪي“
    وڃي چئجان ائين تون منهنجي صبا کي


    ڏئي لُڙڪَ تحفا، اکين کي هلي وئي

    ڏئي لُڙڪَ تحفا، اکين کي هلي وئي
    لڳي ٿو وڇوڙي جي، موسم اچي وئي

    ڪڏهن ڀي نه ملبو، چڱو مان هلان ٿي
    اهي لفظ سامهون آ، مونکي چئي وئي

    ورهين جي محبت تي تالا لڳي ويا
    اسان کي ڪيئي جي، سزا ڄڻ ملي وئي

    تلاشي، تلاشي، پيا نيڻ ٿڪجي
    خوشي موڪلائي، حياتي رسي وئي

    پَري ٿي پرينءَ کان، اَڌورا ٿي وياسين
    نظر ڪا زماني جي، اهڙي لڳي وئي

    رهيو پيار، پيارا، نه ڪاٿي به آهي
    هوا يَارَ ”سَرڪي“ ڪا، اهڙي گُھلي وئي




    ڪين ٿي مون کان جدا، آ، شاعري

    ڪين ٿي مون کان جدا، آ، شاعري
    رُوحَ منهنجي جي غذا، آ، شاعري

    ڇُو ڀَلا غمگين، دنيا ۾ ٿجي؟
    دوست! دردن جي دوا، آ، شاعري

    پيار تي پهرو نه ڪوئي، شل هجي
    پيار وارن جي صدا، آ، شاعري

    مان لکڻ کان ڪين واقف، اڳ هيم
    ٿي وئي اڄ، ابتدا، آ، شاعري

    مَامَ ۾ کُولي، بيان ڪوئي ڪري
    رَازُ لڳندو ڪو ادا، آ، شاعري

    ٿي اچي ڪاڏانهن، پتو ڪوئي نه آ؟
    لا مڪان ۾، لاپتا، آ، شاعري

    ڏينهن ڪافي ٿي ويا، آهن لِکي
    ٿي وئي اڄڪلهه خفا، آ، شاعري

    پاڻ مونکان، اڄ ”حَسنَ“ آهي پُڇُو
    هوندي آخر ڇا، ڀلا، آ، شاعري؟







    اَندرَ ۾ خيال، ڦتڪي ٿو

    اَندرَ ۾ خيال، ڦتڪي ٿو
    ماضي ۽ حال، ڦتڪي ٿو

    شَل ڪُو جاچي، چوي ڇا ٿو؟
    ڀت تي گھڙيال، ڦتڪي ٿو

    نفرت ۾ روز، واڌارو
    الفت جو قال، ڦتڪي ٿو

    مون وٽ ڪنهنجي امانت آ؟
    هٿ ۾ رومال، ڦتڪي ٿو

    ڇو نه وفا ٿي، ملي ڪاٿي؟
    سوچن ۾ سوال، ڦتڪي ٿو

    پيارا! ڪنجوسَ، ماڻهوءَ جي
    کيسي ۾ مال، ڦتڪي ٿو.

    ”حَسنَ“ نئي سال جون خوشيون
    ويندڙ ڪو سال، ڦتڪي ٿو


    اسان سان ٺهيل هي، زمانو به ڪونهي

    اسان سان ٺهيل هي، زمانو به ڪونهي
    جيئڻ لاءِ ڪوئي، بهانو به ڪونهي

    وَڏا کيڏ ڏسڻا پيا زندگيءَ جا
    اُهو وقت ساڳيو، سهانو به ڪونهي

    وڃي ميڪدي ۾، سُڪون ماڻبو هو.
    کُليل هاڻي ڪوئي، ميخانو به ڪونهي

    کڻي گَزُ، ڪَمان، مون سيکاريو هو جنهنکي
    سوا منهنجي ڪوئي، نشانو به ڪونهي

    اَلائي ته ڇا، ٿي ويو آهي هُن کي؟
    اَڳي جهڙو تازو، توانو به ڪونهي

    بنا ڪنهن فڪر جي، حياتي پئي گذري
    ”حَسنَ“ اهڙو ڪُو، آشيانو به ڪونهي





    بَمَ ۽ گوليون آهن

    بَمَ ۽ گوليون آهن
    رَتُ جون هوليون آهن

    ڪنهن معصوم کي خوف مان
    ماءُ جون لوليون آهن

    ڏينهن ڏٺي جو چُـؤنڪ تي
    ڦاٽيون چوليون آهن

    دهشت گردن جون رڳو
    وطن ۾ ٽوليون آهن

    بُک ۽ مهنگائيءَ جون
    وڌندڙ ڇوليون آهن

    تو وٽ نفرت واريون
    پيارا ڳالهيون آهن

    سمجهه وارن لئه، سِڪَ جون
    واٽون سوليون آهن

    ”حَسنَ“ اسان وٽ ڇڙيون
    پيار جون ٻوليون آهن





    گُل گُلزاري، واهه، واهه!

    گُل گُلزاري، واهه، واهه!
    دنيا ساري، واهه، واهه!

    ڏسڻ سان، مَنُ ٿي مُوهي
    عورت پياري، واهه، واهه!

    سُرهاڻ پئي، بخشي
    گُلن جي کاري، واهه، واهه!

    سنڌ جي هر منظر ۾
    آهي بهاري، واهه، واهه!

    خُوبُ ٿي سيئرَ ڪرائي
    پيار جي لاري، واهه، واهه!

    پاڻ ٻنهي جي وچ ۾
    هلندڙِ ياري، واهه، واهه!

    اڳتي ٿي نظر اچي
    اڄ جي ناري، واهه، واهه!

    ”حَسنَ“ حياتي پنهنجي
    اُلفت واري، واهه، واهه!




    جيون ٽانڊا، ٽانڊا، سائين.

    جيون ٽانڊا، ٽانڊا، سائين.
    گھاوَ ڏنا تو اهڙا، سائين

    تو ته وڇايا آهن، هٿ سان
    رستي ۾ هي ڪنڊا، سائين

    مون کي اڪثر لڳندا آهن
    ڪُوڪن کان وڌ طعنا، سائين

    نالي ۾ رڳو بچيا آهن
    پنهنجائپ جا رشتا، سائين

    ڌرتيءَ جي هر هڪ ڌاڙي ۾
    چورن سان گڏ پنهنجا، سائين

    ڪجهه غيرن جا، ڪجهه پنهنجن جا
    نانوَ کڻان مان ڪنهنجا، سائين؟

    ڪهڙا ڳائي، ڪهڙا ڳايان؟
    تنهجا آهن ٿورا، سائين

    هر ڪو پنهنجو، لڳندو آهي
    پيار جا رنگ نرالا، سائين

    ”سَرڪيءَ“ جهڙي، شاعر وانگي
    حال نه بدليا سنڌ جا، سائين


    (ڌيءَ پرهه جي پهرين جنم ڏينهن تي)

    (ڌيءَ پرهه جي پهرين جنم ڏينهن تي)

    پِرهَه اکين جو ٺار، بڻي
    منهنجو سڀ ڪجهه يار، بڻي

    هُونئنءَ ته سڀ کان آهي کٽيو
    هُن جي آڏو هار، بڻي

    مُکَ تي رابيل ٽڙيا
    مُرڪن جا انبار، کڻي

    بچپن جو عڪس ڏسان ٿو
    سُرهي، سُرهي سار، بڻي

    شاهه لطيف رحه جي وائيءَ جيان
    تنبوري جي تار، بڻي

    پهرين جنم ڏهاڙي تي
    بزم ڀريءَ جي بهار، بڻي

    جيون جو سرمايو ”حَسنَ“
    ماکي، مصري، لار، بڻي









    پَتُو زندگيءَ جو نه هرگز پَوي ها

    پَتُو زندگيءَ جو نه هرگز پَوي ها
    اگر پيار ڪنهن سان، ڪڏهن ڪين ٿي ها

    ڪيان پيار توسان، مان ڪهڙي خوشيءَ ۾
    اهي لفظ سامهون، نه مون کي چوي ها

    اَچي سيج منهنجي، سَجائي ها سائين
    مان سمجهان هان منهنجو، کُلي بخت پئي ها

    ڊگھي ڪنهن مسافت جي منزل ڏيکاري
    مسافر کي اڌ ۾، ڇڏي نه وڃي ها

    زماني ۾ هر ڪو ٿو مسرور گھاري
    اسان کي به جيڪر، خوشي ڪا ملي ها

    ڏسان ٿو چُمان ٿو، لڪيرن کي هر هر
    ”حَسنَ“ نانءُ پنهنجو، نه هٿ تي لکي ها




    خبر پئي آ، خوش ٿي گھاري

    خبر پئي آ، خوش ٿي گھاري
    مون کي وساري، مون کي وساري

    ياد جا گھرڙا، ڊاهي هٿ سان
    مون کي ڇڏيائين، جيئري ماري

    چاهت جي راهن تي اڄ ڀي
    دل ٿي منهنجي، هن کي پڪاري

    ظالم! کي ڀل، ظلم ڪرڻ ڏي
    نيٺ ته ٿڪبو، ماري، ماري

    پيار جي ڪُنَ ۾ ڦاٿل ڪوئي
    ڪيئَن اڪيلي، ٻيڙي تاري؟

    هُن جو ٿيندو، ڇا مان آهيان؟
    پُوءِ ڀلا ڇو، مون ڏي نهاري؟

    ”حَسنَ“ اَڪيلائيءَ جي بَنَ ۾
    دل ٿڪجي پئي، ڳوڙها هاري








    قطارون ڪري گھر، وڃن ٿا پکيئڙا

    قطارون ڪري گھر، وڃن ٿا پکيئڙا
    رَهُو پاڻ ۾ گڏ، چون ٿا پکيئڙا

    ڇڏيو يار نفرت، ڪيو سَڀُ محبت
    محبت جون ٻوليون، ٻولن ٿا پکيئڙا

    پکي پيار وارا، اُڏامن پَيا ٿا
    ڪيڏي لاتِ مـٺڙي، لَنونِ ٿا پکيئڙا

    سفر جا ڪشالا، ڪري پنڌ سجايا
    اَچي پاڻ ۾ پُو، ملن ٿا پکيئڙا

    پرهه جي پهر جون، پڪارون ڪري ڪي
    صُبح ٿي وئي آ، سڏن ٿا پکيئڙا

    ڏسڻ سان اکين کي، تراوت ملي ٿي
    ”حَسنَ“ لاَمَ تي ڏِسُ، لڏن ٿا پکيئڙا




    هَلي، وَڃُ

    هَلي، وَڃُ
    کلي، وڃ

    اَڱڻ تي
    ٽلي، وڃ

    پرينءَ ڏي
    پڄي، وڃ

    خوشيءَ مان
    ڪڏي، وڃ

    ڪا راحت
    ڏئي، وڃ

    غمن کي
    کڻي، وڃ

    پنهنجو اڄ
    چئي، وڃ

    ”حَسنَ“ سان
    ٺهي، وڃ








    همتون، حُوصلا، يَارَ، هاريو متان

    همتون، حُوصلا، يَارَ، هاريو متان
    جرئتون، حُوصلا، يَارَ، هاريو متان

    سنڌ گُھري ٿي جياپو، جيئڻ ڏيو مون کي
    راحتون، حوصلا، يار، هاريو متان

    لُوهَه کان وڌ ارادا، ڪري پيا هلو
    چاهتون، حوصلا، يار، هاريو متان

    پنهنجو ماضي، سُهڻو ۽ سُٺو، آ رهيو
    محبتون، حوصلا، يار، هاريو متان

    هڪ ٻئي سان حياتي گذاري ڇڏيو
    آٿتون، حوصلا، يار، هاريو متان

    خير سان، خير جو، خيرپور، هو ”حَسنَ“
    رونقون، حوصلا، يار، هاريو متان




    حقيقت کان غافل

    حقيقت کان غافل
    محبت کان غافل

    ڪمينو رهي ٿو
    شرافت کان غافل

    ڪوڙو آدمي آ
    صداقت کان غافل

    اَڄوڪُو زمانو!
    هدايت کان غافل

    محبت همِيشه
    عداوت کان غافل

    رهي شُومُ ماڻهو
    سخاوت کان غافل

    عداوت ۽ نفرت
    عبادت کان غافل

    ڇوري باز ماڻهو
    آ، عورت کان غافل

    ”حَسنَ“ جي حياتي
    ڪدورت کان غافل






    ڪنهن کي وسارڻ، سولو ناهي

    ڪنهن کي وسارڻ، سولو ناهي
    دل مان ڌڪارڻ، سولو ناهي

    وَسَ هلايا، ڏاڍا آهن
    نفس کي مارڻ، سولو ناهي

    سَڄڻَ سوا، سنسار ۾ سائين
    تنها گھارڻ، سولو ناهي

    تون به اڪيلو، گھاري ڏسجان
    ائينءَ گُذارڻ، سولو ناهي

    جيت به ٿيندي آهي جاني
    پيار ۾ هارڻ، سولو ناهي

    جذباتي لَهجي کي پيارا
    ايڏو ٺارڻ، سولو ناهي

    سَڀَ جي سامهون تنهنجو ”سَرڪي“
    نانءُ اُچارڻ، سولو ناهي





    سُونهن توکي ڏسي، شاعري ٿو ڪيان

    سُونهن توکي ڏسي، شاعري ٿو ڪيان
    ويهُه سامهون اچي، شاعري ٿو ڪيان

    محبتون، چاهتون، راحتون، قسمتون
    پَاڻَ آيون هلي، شاعري ٿو ڪيان

    جُستجو، آرزو، پيار جي سڀ دَيا
    پيار ۾ دل چري، شاعري ٿو ڪيان

    ٽَهڪَ هلڪا ڪڏهن، شال تنهنجا نه ٿين
    مُرڪَ خوشبو بڻي، شاعري ٿو ڪيان

    هير ٿڌڙي صبح جي، وڻي، ٿي وڻي
    ڪوُڪَ ڪويل ڪئي، شاعري ٿو ڪيان

    لُڙڪ منهنجا هُيا، مَاڪَ جا ڪي ڦُڙا
    رات مون سان رني، شاعري ٿو ڪيان

    پيار اُتساهه بڻيو آ، لکڻ جو ”حَسنَ“
    ڏات تو جو ڏني، شاعري ٿو ڪيان


    ڪڏهن ڪين ڪنهن کان، گلاب مليا

    ڪڏهن ڪين ڪنهن کان، گلاب مليا
    اسان کي رڳو بس، عذاب مليا

    ڀَلُو جنهن جو چاهيو هميشه مون
    انهيءَ کان اڳي پو، حساب مليا

    چَريُو ڪوئي پاگل، ديوانو آ
    زماني جي طرفان، خطاب مليا

    ملڻ جي نه ڪوشش، ڪجان هاڻي
    اهڙا يار هن کان، جواب مليا

    اَڪيلائيءَ سان، دل پيا بهلايون
    اسان کي اَدَبَ جا، ڪتاب مليا

    گناهن جي دلدل ۾ لاهي ويو.
    مون کي ڏُوههَ، هن کي، ثواب مليا

    جڏهن ڀي نگاهن، نهاريو آ
    اوهان جي مُکَ تي، نقاب مليا

    ”حَسنَ“ ميڪدي کان پري ٿياسين
    نه ڪي سُونهن، ساٿي، شباب مليا



    زمانو چوي ٿو، جدا، ٿي ويا هُون

    زمانو چوي ٿو، جدا، ٿي ويا هُون
    فنا کان اڳي ئي، فنا، ٿي ويا هُون

    ٻُڌايو ڪنهن توکي غلط آهي سڀ ڪجهه
    اسان يَرَ ڪٿي، بي وفا، ٿي ويا هُون

    اسان کي هميشه، مليون بددعائون
    اسان پر سڀن لئه، دعا، ٿي ويا هُون

    ڪيو يار محسوس پنهنجي جسم سان
    اسان اهڙي گُهلندڙ، هوا، ٿي ويا هُون

    حقيقت ۾ سڀ ڪجهه محبت ئي آهي
    اسان ابتدا، انتها، ٿي ويا هُون

    اچي ماڻِ ڪوئي مزو، زندگيءَ جو
    اسان کنڊ، ماکي، مٺـا، ٿي ويا هُون

    هيون ڪُجهه، ڪَسايون، ڦِڪايون اسان ۾
    اڳي کان به هاڻي، ڀلا، ٿي ويا هُون

    سُڃاڻي ”حَسنَ“ کي، ڪيو يَارَ پنهنجو
    اوهان بن اسان ڄڻ، سڃا، ٿي ويا هُون






    تنهنجو نه اهو مَاڳُ

    تنهنجو نه اهو مَاڳُ
    جاڳُ، مسافر، جاڳُ

    هَلُ ته هلي، ٻُڌئون ڪو
    شاهه لطيف جو راڳُ

    وقت اچي ويو آهي
    سنڌي ٿي تون سُجاڳُ

    منزل سامهون اٿئي
    اُٿُ، کڻئي نه نڀاڳُ

    سڀ کان بهتر آهي
    سائي سبزي ساڳُ

    عورت دانيهندي رهي
    ماريو ويو آ، سُهاڳُ

    تنهنجي دل ۾ هجان شل
    ڪاٿي آهي ڀَاڳُ

    منهنجي موت جي خبر جو
    پڙهجان ”حَسنَ“، مُهاڳُ




    ڀٽائيرح، سچلرح جو رسالو، چُمان ٿو

    ڀٽائيرح، سچلرح جو رسالو، چُمان ٿو
    محبت جو جنهن ۾ حوالو، چُمان ٿو

    وَئي سيئرَ وچ ۾ ، ڪري پيار امرت
    مان ميهار، سهڻيءَ جو نالو، چُمان ٿو

    ڀٽائيرح چيو آ، نڪي بيت آهن
    انهن آيتن جو اجالو، چُمان ٿو

    ڀَلي دُوست، دُشمن، چوي ڪوئي مون کي
    سچلرح جي سچائي جمالو، چُمان ٿو

    رَکي ماروي لَڄَ، ٿرين جي وئي آ
    مان عورت مثاليءَ جو نالو، چُمان ٿو

    ڪهاڻيون ڪي جڳ ۾، ٺـهن ۽ ڊهن ٿيون
    اَڙانگي سفر جو ڪشالو، چُمان ٿو

    ڏني سُرڪَ سُهڻيءَ مُرڪي هٿن سان
    رَکيل مان اُهو اڄ به، پيالو، چُمان ٿو

    ڏسان ٿو پڙهان ٿو، ”حَسنَ“ چَاهه َ منجهان
    ڇپيل پنهنجو هر، هر مقالو، چُمان ٿو










    سُنسان ڳلين ۾، ڇاٿو ڳُولهين؟

    سُنسان ڳلين ۾، ڇاٿو ڳُولهين؟
    بيجان ڳلين ۾، ڇاٿو ڳُولهين؟

    اَڄُ نه سڀاڻي، نيٺ ڇڏيندين
    مهمان ڳلين ۾، ڇاٿو ڳُولهين؟

    ڪنهن سان ڪين، نڀايو انهن
    شيطان ڳلين ۾، ڇاٿو ڳُولهين؟

    ايمان ڪٿي رهيو آهي؟
    بيمان ڳلين ۾، ڇا ٿو ڳُولهين؟

    ساڳي خوشبو، ساڳيا ماڻهو
    زندان ڳلين ۾، ڇاٿو ڳُولهين؟

    ”حَسنَ“ سَويري، سِجَ کان هَلئُون
    ويران ڳلين ۾، ڇا ٿو ڳُولهين؟






    مُستقبل جا معمار، اُٿُو

    مُستقبل جا معمار، اُٿُو
    ننڊ نڀاڳيءَ مان يار ، اُٿُو

    سنڌڙي پنهنجي سورن ۾ آ
    سنڌي سنڌ جا سينگار، اُٿُو

    پٽڪو، اجرڪ، ٽوپي پائي
    هٿ ۾ ڪهاڙي هالار، اُٿُو

    مايوسيءَ جا ڪڪر هٽائي
    هڪ طاقت ٿي ڪنڌار، اُٿُو

    جيئي سنڌ جا نعرا هوندا
    آزاديءَ جا آڌار، اُٿُو

    ٻَنيون، ٻَارا، سُڪن پيا ٿا
    گُلڙا ڦُٽن گلزار، اُٿُو

    ويري پاڻ ئي سنڌ ڇڏيندو
    اهڙي ڪَري گُونجار، اُٿُو

    دشمن سان جنگ جُوٽي آ ”سَرڪي“
    هُوش سنڀالي هيڪار، اُٿُو





    تُو پاڻ چيو هو مان ايندس، سَالَ نئي ۾

    تُو پاڻ چيو هو مان ايندس، سَالَ نئي ۾
    توکي درشن پنهنجو ڏيندس، سَالَ نئي ۾

    اُوسيئڙو تنهنجو پيڇو يار، ڇڏي ئي نه ٿو
    تنهنجي موٽڻ جي راهه ڏسندس، سَالَ نئي ۾

    ڪڏهن به رنجش جي ديوار نه ايندي وچ ۾
    توسان مُرڪي هاڻي ملندس، سَالَ نئي ۾

    ديسُ سُڃُو ٿي ويو آ، توبن منهنجا سائين
    سُڃَ ۾ مان ڪيئنءَ گُذاريندس، سَالَ نئي ۾

    هُونئَن ته توسان ڪڏهن، حساب نه ڪيو آهي پَرَ
    تو تان قربان مان ٿيندس، سَالَ نئي ۾

    ڪي سَالَ وئي ٿي ويا آهن توکي هتان
    واپس مُوٽُ، نه ته مري ويندس، سَالَ نئي ۾

    ”حَسنَ“ وساري ڇڏيان، يا توکي ياد ڪيان
    ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ سوچيندس، سَالَ نئي ۾






    تنهنجي جُهولَ ۾، ٻَارَ جو منظر

    تنهنجي جُهولَ ۾، ٻَارَ جو منظر
    مون لئه بڻيو، آزارَ جو منظر

    توکي جڏهن به ڏسندو آهيان
    لڳندو آهي، بهار جو منظر

    ٻُولَ مٺا ٿا رهن، زبان تي
    سُونهن سدائين، سار جو منظر

    جاڏي نظر ڪيان ٿو تاڏي
    سامهون آهي، يار جو منظر

    اُن ڏينهن مَري نه وڃان شايد
    ڏکيو هوندو، ڌار جو منظر

    چاهت وارا گيت، هُجن شل
    هرڪو ڀَاسي، پيار جو منظر

    ڳالهه لبن تي ڪيئن اَچي ”سَرڪي“
    آهي ڏکيو، اظهار جو منظر






    منهنجي گھر ۾ ڪنهن جا، کڙڪا ها؟

    منهنجي گھر ۾ ڪنهن جا، کڙڪا ها؟
    رات ڪٿي گُولين جا، ٽڙڪا ها؟

    هُن جو هر لفظ، رکي معنيٰ ڪا
    ڪير چوي ٿو ته اهي، دڙڪا ها؟

    اک لڳي نه هُئي، رات سُوچن سان
    تنهنجي يادن جا بس، ڪڙڪا ها

    گرم هوائون، مَنَ جي آويءَ مان
    ٻرندڙ جبل جيان ڪي، ڀڙڪا ها

    توسان گھاريل گھڙيون، گُذري ويون
    ڪڏهن وري ملنداسين، سڏڪا ها

    ڇا ٿيندو آخر، دل جي دنيا؟
    مَنَ ۾ ڪيئي وهم ۽، کٽڪا ها

    تنها جيون جي ڪمري ۾ ”حَسنَ“
    پنهنجي مُنهن اُوندهه سان، بڙڪا ها






    پنهنجي ڪلهه تي، ڪنهن رُوئي ڏنو

    پنهنجي ڪلهه تي، ڪنهن رُوئي ڏنو
    مستقبل تي، ڪنهن رُوئي ڏنو

    هُنَ جي عادت، ٻين کان مختلف
    کلندي کِلَ تي، ڪنهن روئي ڏنو

    ٻُڍڙي عورت پَارَ، ڪڍيا ٿي
    لاش ڪُٺلَ تي، ڪنهن روئي ڏنو

    دردن جي دوزخ سان گڏجي
    رُوڊَ تتل تي، ڪنهن روئي ڏنو

    ڏينهون ڏينهن، فراڊ ۾ تيزي
    مُوجَ اُٿل تي، ڪنهن روئي ڏنو

    سُک جي گھڙي ناهي ڏٺي
    ۽ مشڪل تي، ڪنهن روئي ڏنو

    سَندُون هَٿَ سان سَاڙي ”سَرڪي“
    ڀَاڳَ رُٺل تي، ڪنهن روئي ڏنو






    جدائي، مقدر ۾ لکيل آ

    جدائي، مقدر ۾ لکيل آ
    ڏکيائي، مقدر ۾ لکيل آ

    ڏهاڙي دردن سان گھارڻ
    اجائي، مقدر ۾ لکيل آ

    اسان جي سُوچن ۾ شُروع کان
    سٺائي، مقدر ۾ لکيل آ

    زمانا! سُوليءَ تي ڀلي چاڙهه
    سچائي، مقدر ۾ لکيل آ

    ميارون ڪنهن کي ڪهڙيون ڏيان؟
    گدائي، مقدر ۾ لکيل آ

    بگاڙي ڪجهه نه سگهندو منهنجو
    ڀلائي، مقدر ۾ لکيل آ

    صدين کان ڏُکَ، سُکَ جي ”سَرڪي“
    خدائي، مقدر ۾ لکيل آ





    دل جي وادي، تنهنجي آهي

    دل جي وادي، تنهنجي آهي
    ساري گادي، تنهنجي آهي

    منهنجي هوندي، گھٻرا نه پرين
    هيءَ آزادي، تنهنجي آهي

    ٻئي ڪا ڀي، گڙِ، ٻڙِ، ڪونهي ڪا
    وائي بادي، تنهنجي آهي

    رات ڏٺو مون، سپني ۾ ٿي
    مون سان شادي، تنهنجي آهي

    پاڻ وڇوڙي جو، غم ڏنئي
    سُوچَ فسادي، تنهنجي آهي

    ٿوري، ٿوري ڳالهه تي، رُسڻ جي
    فطرت عادي، تنهنجي آهي

    ”حَسنَ“ سچلرح تي، فخر، ڀَلي ڪر
    ڄَمَ اُترادي، تنهنجي آهي




    لُڙڪَ ڪنهنجا ڏسي، ڪُو، روئي پيو

    لُڙڪَ ڪنهنجا ڏسي، ڪُو، روئي پيو
    ڏور پنهنجا ڏسي، ڪُو، روئي پيو

    ڍيرُ سُوچن ۾، ايندڙ لمحن جا
    ڪٺن رستا ڏسي، ڪُو، روئي پيو

    سُونهن سان سفر ڪندين، نيٺ ٿڪو
    چُورُ سپنا ڏسي، ڪُو، روئي پيو

    ڀاڳ جو سٽيل، ڪيئن بچي ٻيڙي؟
    ڀڳل تختا ڏسي، ڪُو، روئي پيو

    خواهشن جي جذيري ۾ اضافو
    رُوز ڌوڪا ڏسي، ڪُو، روئي پيو

    زندگيءَ جا ڏهاڙي، رُوپ نَوان
    دوست سارا ڏسي، ڪُو، روئي پيو

    آبرن ڏي خدا شل خير ڪري
    چُورَ چُوکا ڏسي، ڪُو، روئي پيو

    جيئَنءَ سوچيو ”حَسنَ“ اُن جي اُبتڙ
    گُلَ ۾ ڪنڊا ڏسي، ڪُو، روئي پيو






    بهتر ٿيو جو هوءَ، بي وفا ٿي وئي

    بهتر ٿيو جو هوءَ، بي وفا ٿي وئي
    جَانِ ڇَڏائي پنهنجي، جدا ٿي وئي

    اُلفت کي ٺـُڪرائي، وَڏائيءَ ۾
    ڳالهه بنا سمجهڻ جي، خفا ٿي وئي

    ڪُجهه ته ڏسيو مئڪشَ کي جرم پنهنجو
    ڪهڙي نيٺ اسان کان، خطا ٿي وئي

    تنهنجي چاهت جا گيت ڳائيندي
    سَڄَڻَ عبادت هر ڪا، قــضا ٿي وئي

    سائينءَ جي صورت کان سوا پيارا
    دل جي بيماري، لا دوا ٿي وئي

    شَهرَ ۾ ايندي ديوي حُسنَ جي ڏسي
    ڪنهن سَادي ماڻهوءَ سان، دغا ٿي وئي

    هاڻي ”حَسنَ“ مَري هُوءَ، وَئي مون لئه
    هلندي جيڪا رَبَ جي، رضا ٿي وئي






    جيڏا خَوابَ، ڏٺاسين

    جيڏا خَوابَ، ڏٺاسين
    اُوڏو پَاڻَ، رُناسين

    هرڪا آس اَڌوري
    گڏجي توسان رلياسين

    پنهنجا سي، ٿي نه سگھيا
    جن جي ڪاڻ، مئاسين

    مجبوريون لُوڙهي ويون
    ڪيڏا عَهدَ، ڪياسين

    توکي اپنائڻ لئه
    پيرن تي به وياسين

    هڪ ٻئي ڏي اُو سائين
    ڪيڏا خَطَ، لکياسين

    تون ئي، ٻُڌاءِ کڻي؟
    ڪاٿي پاڻ، ملياسين؟

    ڪُو وقت هيو ”سَرڪي“
    گڏجي سَاهَه، کنياسين






    بي وفا سان وفا، ڪهڙي ڪجي؟

    بي وفا سان وفا، ڪهڙي ڪجي؟
    جَانِ پنهنجي فدا، ڪهڙي ڪجي؟

    زندگيءَ کان جيڪو پيارو هُجي
    اُنَ پرينءَ سان دغا، ڪهڙي ڪجي؟

    عيبَ تو ۾ گھڻا آهن مگر
    چنڊ! تنهنجي گلا، ڪهڙي ڪجي؟

    جُستجو، آرزو، ڪيڏي هئي
    آرزو توسوا، ڪهڙي ڪجي؟

    ويس پائي پيو هر ڪو نَوان
    عيد تُوبنِ ڀلا، ڪهڙي ڪجي؟

    مَسَ اها سُوچَ آئي آهي يَـرَ
    هر عبادت قضا، ڪهڙي ڪجي؟

    هُو سلامت هُجي، شل هر گهڙي
    حُسنَ کي بد دعا، ڪهڙي ڪجي؟









    هڪڙي شهر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

    هڪڙي شهر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي
    ڪنهن جي گھر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

    نيڻ جُهڪائي، ويتر مار نه سانئڻ!
    تنهنجي نظر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

    سنڌ جو هر منظر، تو وانگي پيارو
    هن ٿَرَ، بَرَ ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

    هر ڪو توکي ياد، ڪري ٿو اُٿڻ سان
    پرهه جي پهر ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

    آهُنِ کان اثر، ڀلا ڪيئن ڇڏائجي؟
    ڪنهن جي اَثرَ ۾، منهنجي جَانِ، رهي ٿي

    اکڙين کان منزل، ڏور نه ٿو ڀانيان
    مون سان سفر ۾، منهنجي جَانِ، رَهي ٿي






    ڪدورت ڪرڻ جي نه عادت، رهي آ

    ڪدورت ڪرڻ جي نه عادت، رهي آ
    اسان جي ته ٻولي محبت، رهي آ

    وڏن کان ملي واٽ، نوڙت، نيازي
    اِهائي اسان جي حقيقت، رهي آ

    محبت سوا ٻيو رکيو ڇاهي جڳ ۾؟
    محبت سڀن جي ضرورت، رهي آ

    محبت کي گهٽ وڌ، نه ڳالهاءِ سُهڻا
    محبت اسان جي عبادت، رهي آ

    ڪندو ياد ڏاڍو، مرڻ کان پو ڏسجو
    نه جنهن کي منهنجي اڄ ضرورت، رهي آ

    اميدن جا ڏيئا ڪنهن لئه دوست ٻَاريون
    جيئڻ جي نه ڪائي به حسرت، رهي آ

    ”حَسنَ“ حُوصلو ڪر، نه مايوس ٿي تون
    وسيع ڏاڍي مالڪ جي قدرت، رهي آ


    يادگيرن ۾ پيو تون سارجان

    يادگيرن ۾ پيو تون سارجان
    هر گھڙي مون سان سڄڻ تون گھارجان

    جي ڏسين منهجي مٿان دشمن گهڻا
    حُوصلي سان جيءُ، جا، جيئارجان

    سنڌ خاطر جي هلي، هيءَ جان وڃي
    اَشڪَ اکڙين مان نه هرگز هارجان

    مان اَمر بڻجي ويم تنهنجي ڪري
    قبر تي ڏيئو اچي تون ٻارجان

    سنڌ جي آزاد نغمي لاءِ هتي
    لُوهَه کان مضبوط سينو ڌارجان

    هي دعائون ٿو ”حَسنُ“ رَبَ کان گُھري
    سنڌ لاءِ جيئارجان بس مارجان


    ڀِنلَ اکين جي مَاڪَ، ته ڏِسُ!

    ڀِنلَ اکين جي مَاڪَ، ته ڏِسُ!
    اُجڙيل دل جي ڪاَڪَ، ته ڏِسُ!

    مجبور ڀلا، ڪاڏي وڃن؟
    حُسنَ جي هر هنڌ هَاڪَ، ته ڏِسُ!

    ميخاني ۾ پيا آهن
    ساقيءَ جا هيراڪ، ته ڏِسُ!

    حَقَ جا هُوڪا، خُوب هڻن
    ماڻهو هي بيباڪ، ته ڏِسُ!

    ڪيڏو رات، رُنا آهن
    ٿَڪل اکين جا ٿاڪ، ته ڏِسُ!

    دل جي دنيا، ڀُورا ٿي
    چِڪيلَ دل جا چاڪ، ته ڏِسُ!

    ”حَسنُ“ اَڪيلو، سالن کان
    تنهائيءَ جا تَاڪَ، ته ڏِسُ!


    پنهنجا غيرن سان گڏجي ويا

    پنهنجا غيرن سان گڏجي ويا
    سَڀُ خواب اڌورا رهجي ويا

    تنها جيون ڪنهن رِڻَ وانگي
    جيئڻ جا سهارا کسجي ويا

    لاَٽَ سڀاڳي، ڪاٿي ڳُولهيان؟
    اُوندهه ۾ سويرا رلجي ويا

    ماڻهو ساڳيا هن سنسار ۾
    رُوپ نَوان ڌاري مٽجي ويا

    ساٿ نڀائڻ لاءِ جنهن به چيو
    ٻٽڙي قدم هلي وٺجي ويا

    نانو لکياسين جنهن به شَجرَ تي
    وَڻَ اُهي سارا وڍجي ويا

    ”حَسنَ“ ڪئي ڇا ڪنهن سان اُلفت؟
    پاڙي وارا سَڀُ جَلجي ويا


    هر هڪ جي ڪا ڪهاڻي ٿئي ٿي

    هر هڪ جي ڪا ڪهاڻي ٿئي ٿي
    جيون نيٺ پڄاڻي ٿئي ٿي

    سامهون جيڪا بيٺي آهي
    منهنجي مَنَ جي راڻي ٿئي ٿي

    عشق عقل جي جنگ ازل کان
    شايد سُونهن سياڻي ٿئي ٿي

    تانگهه وَڌي ٿي رُوپ مٽائي
    چاهت جيئنءَ پراڻي ٿئي ٿي

    ڪنڊن جي سيج اٿئي الفت
    پيار ۾ دلڙي ڇاڻي ٿئي ٿي

    کٽڙو، مٺڙو، ذائقو حُسنَ جو
    دوست زبان ڀي پاڻي ٿئي ٿي

    ڌُوڪو ”سَرڪي“ ڇا ڄَاڻون اسان؟
    سادن جي لئه داڻي ٿئي ٿي


    قبر تي ڏيئُو ٻارڻ، ويندو آ

    قبر تي ڏيئُو ٻارڻ، ويندو آ
    باهه اندر جي ٺارڻ، ويندو آ

    ياد جا ديپ جلائي هو اڪثر
    آب اکين مَئُون هارڻ، ويندو آ

    زندگيءَ جا حال ڪري سائينءَ سان
    آس جي ٻيڙي تارڻ، ويندو آ

    ڪير ٿو ڪنهن کان ڪوئي حَالُ پُڇي
    ميڪدي ۾ وقت گذارڻ، ويندو آ

    شهر کان پري هڪڙي ماڻهو خاطر
    ڳوٺ جون مينهون چارڻ، ويندو آ

    حسرتون گڏ جيئڻ جون رهجي ويون
    وقت اُوکي کي ٽارڻ، ويندو آ

    واندڪائيءَ جي موسم ۾ ”سَرڪي“
    مُنهن ڪري جهنگ ڏي گھارڻ، ويندو آ


    تُوڏي پيرُ وڌائڻ جي، غلطي ٿي وئي

    تُوڏي پيرُ وڌائڻ جي، غلطي ٿي وئي
    دلبر توکي چاهڻ جي، غلطي ٿي وئي

    مَاٺِ ۾ وقت گذاريان هان جيڪر پيارا
    دل جي ڳالهه ٻڌائڻ جي، غلطي ٿي وئي

    رسمن کي ڀي ٺـُڪرايم تنهنجي ڪري
    توکي پنهنجي بڻائڻ جي، غلطي ٿي وئي

    سپنا گڏ جيئڻ جا ڪيڏا ڏيکاريئي
    اُنهن کي اَپنائڻ جي، غلطي ٿي وئي

    يادون عڪس ۽ انهن جائن جا منظر
    توسان نظر ملائڻ جي، غلطي ٿي وئي

    ڌاريو ته هُئين، پر ويتر ڌاريو ٿي وَئين
    بس پنهنجن سان ڦٽائڻ جي، غلطي ٿي وئي

    معاف ڪجانءِ پرين، تنهنجي نالي پويان
    پنهنجي نَانوَ لکائڻ جي، غلطي ٿي وئي

    سپنا سَاڀيان ”حَسنَ“ نه ٿي سگھيا آخر
    ٻن روحن کي ملائڻ جي، غلطي ٿي وئي


    ويڙهو هي ويران، لڳي ٿو

    ويڙهو هي ويران، لڳي ٿو
    توکان پُو زندان، لڳي ٿو

    ڌرتيءَ تي قتلام صدين کان
    ڪربل جو ميدان، لڳي ٿو

    انسانن جي هِنَ بستيءَ ۾
    ڇاجي لئه سنسان، لڳي ٿو؟

    مٺـڙا ٻُول ڀلي ٻولي پَرَ
    چهري ۾ بيمان، لڳي ٿو

    نالي ۾ بچيا مُسلمَ آهيون
    خطري ۾ ايمان، لڳي ٿو

    هينئڙو هٿَ تي، مَنَ ۾ ماتم
    هر لمحو شمسان، لڳي ٿو

    ”حَسنَ“ حياتيءَ جو هر پَهرُ
    ڪنڊن جو گلدان، لڳي ٿو


    گُلن ۾، گُلن جي، نه خوشبو، رهي آ

    گُلن ۾، گُلن جي، نه خوشبو، رهي آ
    پنهنجن ۾، پنهنجن جي، نه خوشبو، رهي آ

    اکين کي، اکين سان، ملائي ڪندس ڇا؟
    اکين ۾، اکين جي، نه خوشبو، رهي آ

    ڇِني ساٿ، هاڻي ٿو هٿڙا ملائين
    هٿن ۾، هٿن جي، نه خوشبو، رهي آ

    جواني سجائي، پري ڪر، لبن کي
    لبن ۾، لبن جي، نه خوشبو، رهي آ

    نڀائڻ جو واعدو، نڀائي نه سگهندين
    وچن ۾، وچن جي، نه خوشبو، رهي آ

    ڪڍي لاَهَه مذهب، ڇڏيا يَارَ آهن
    مُلن ۾، مُلن جي، نه خوشبو، رهي آ

    ”حَسنَ“ آدمي ٿو ماري آدميءَ کي
    ماڻهن ۾، ماڻهن جي، نه خوشبو، رهي آ


    (ڪاوش اخبار جي نانءُ)

    (ڪاوش اخبار جي نانءُ)

    آهي نانءُ نرالو، ڪاوش
    دشمن جي لئه ڀالو، ڪاوش

    دَرِ، دَرِ، پُهچي يار وڃي ٿي
    ظلم خلاف آ، تالو، ڪاوش

    ٻاٽ ۾ لاٽ جو ڏيئو بڻجي
    هر جا ڪري ٿي اجالو، ڪاوش

    لوڪ ادب جي آهي نگھبان
    هُمرچو ۽ هوجمالو، ڪاوش

    گيت لکي ٿي بيداريءَ جا
    سنڌو ديش حوالو، ڪاوش

    بَڙَ جي ڪنهن ٿڌڙي ڇانو مثل
    نٽهڻ اُسَ ۾ جهڙالو، ڪاوش

    پياسن جي پياس ڪري ختم ٿي
    پيار، پريم جو پيالو، ڪاوش

    ڇو نه اکين تي ”حَسنَ“ رکان مان
    شاهه جو آهي رسالو، ڪاوش


    زندگيءَ جي هر خوشي، تنهنجي ڪري

    زندگيءَ جي هر خوشي، تنهنجي ڪري
    زندگي آهي منهنجي، تنهنجي ڪري

    اَچُ ته اُوريون، حال ڪي دل جا ويهي
    زندگي آهي ملي، تنهنجي ڪري

    ٿي خفا نه مون مٺا مسڪين کان
    مان ڪيان پيو شاعري، تنهنجي ڪري

    چنڊ کي ڪيئن چنڊ چوان تنهنجي هوندين
    چنڊ جي هي روشني، تنهنجي ڪري

    ڏينهن تنهنجي ياد ۾ گُذري ويو
    رات جو هيءَ مئڪشي، تنهنجي ڪري

    پيار پُوڄا، ڄڻ عبادت ٿو ڪيان
    ٿي پري نه بندگي، تنهنجي ڪري

    آب اکڙين جو ”حَسنَ“ رُڪجي نه ٿو
    آ، اکين ۾ هيءَ نمي، تنهنجي ڪري


    دل کي بيقرار، ڪندو رهندس

    دل کي بيقرار، ڪندو رهندس
    تنهنجو انتظار، ڪندو رهندس

    ڪيڏو به پري ڇو نه هليو وڃين
    توسان مان پيار، ڪندو رهندس

    خيالن خوابن جي دنيا ۾
    تنهنجو ديدار، ڪندو رهندس

    اِنڪارُ ڀلي ڪر تون پيار کان
    توسان اظهار، ڪندو رهندس

    سچ تان جان به قربان آهي
    ڪوڙ کان انڪار، ڪندو رهندس

    راهه ويندين ڇاڪاڻ مليو هُئين؟
    ذهن ۾ ويچار، ڪندو رهندس

    پنهنجي دل کي هر پل ”سَرڪي“
    برهه ۾ بيمار، ڪندو رهندس


    (سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌيءَ جي نانءُ)

    (سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌيءَ جي نانءُ)

    گُل سَندُو گلدان هو، سرمد سنڌي
    سَازَ جو سلطان هو، سرمد سنڌي

    پيار جي هُو راهه تي نڪري پيو
    عشق جو ميدان هو، سرمد سنڌي

    سنڌ جي هُو چاهه ۾ گُمُ ٿي ويو
    نَانوَ جو رحمان هو، سرمد سنڌي

    نياز، نوڙت، ساڻ هو ملندو هيو
    سيبتو انسان هو، سرمد سنڌي

    ماءُ اهڙو شل وري پُٽڙو ڄَڻي
    خيرپور جو خان هو، سرمد سنڌي

    راهه ويندي نيٺ هُو وڇڙي ويو
    ڄَڻُ ته ڪُو مهمان هو، سرمد سنڌي

    مان به شيدائي بَڻيمُ هُنَ جو ”حَسنَ“
    سنڌ جي پهچان هو، سرمد سنڌي


    رُوئان ۽ رَڙان ٿو، سڄي رات کٽ تي

    رُوئان ۽ رَڙان ٿو، سڄي رات کٽ تي
    پيو مان لڇان ٿو، سڄي رات کٽ تي

    برهه جي بيماري نه ڪنهن کي ڏجان تون
    خدا کي چوان ٿو، سڄي رات کٽ تي

    اها سَارَ تنهنجي نه ڏيندي سمهڻ آ
    غزل ڪو لکان ٿو، سڄي رات کٽ تي

    هُجين شَلَ سلامت، کڻي هٿ مٿي ٻئي
    دُعائون گھران ٿو، سڄي رات کٽ تي

    ملي سَاڀيان ڪا، توکي يَار ڇاهي؟
    ڏسان خواب مان ٿو، سڄي رات کٽ تي

    ”حَسنَ“ پَهرُ پُويون، بچو آهي هاڻي
    چڱو مان سمهان ٿو، سڄي رات کٽ تي


    تُو ڏني جيڪا خوشي، وسري نه ٿي

    تُو ڏني جيڪا خوشي، وسري نه ٿي
    سُونهن تنهنجي سادگي، وسري نه ٿي

    مان ڪيان ٿي پيار توسان اُوپرين
    پيار واري سَا، گھڙي، وسري نه ٿي

    دُوستُ، دلبرُ، دادلو هُو، تُو چيو
    دلربا! هيءَ دل لڳي، وسري نه ٿي

    رُوبرو تنهنجن اَدائن تي مٺـي
    مون ڪئي جا شاعري، وسري نه ٿي

    تو نڀائڻ جي ڪئي، ڪُوشش گھڻي
    دوست تنهنجي دوستي، وسري نه ٿي

    نينهن وارا، ڏينهن ڪيڏا ها ڀلا؟
    تو چيو هو زندگي، وسري نه ٿي

    عشق جي مان نَانوَ تان صدقي وڃان
    تو ڪئي جا عاشقي، وسري نه ٿي

    جَامُ هٿڙن سان ”حَسنَ“ کي تُو ڏنو
    رات واري مئڪشي، وسري نه ٿي


    مُرڪَ چهري تي خوشي، ڏسجي نه ٿي

    مُرڪَ چهري تي خوشي، ڏسجي نه ٿي
    رُوحَ ۾ ڪا تازگي، ڏسجي نه ٿي

    بس رُڳو ٿيون نفرتون هتڙي ملن
    پيار واري ڪا گھڙي، ڏسجي نه ٿي

    ڪُوڙ، ڌُوڪو، ويو وڌي سنسار ۾
    ڳالهه ڪنهن ۾ ڪا سچي، ڏسجي نه ٿي

    جنهن گھٽيءَ مان روز ٿيندو هو گُذرُ
    سَا گھٽي اڄ ڪلهه مٺي، ڏسجي نه ٿي

    هن اڄوڪي دؤر ۾ منهنجا مٺا
    سُونهن ۾ ڪا سادگي، ڏسجي نه ٿي

    بي سَتُو جيون ڏسي تون ڇا ڪندين؟
    زندگيءَ ۾ زندگي، ڏسجي نه ٿي

    دل لڳيءَ جي درد کي ڪاڏي ڪيان؟
    دل لڳي ڪائي ڪٿي، ڏسجي نه ٿي

    ڇُو انڌيرو ئي انڌيرو آ، ”حَسنَ“
    رُوشني هِنَ جُوءِ ۾، ڏسجي نه ٿي





    مارا ماري، چُوٽَ تي آهي

    مارا ماري، چُوٽَ تي آهي
    دنيا داري، چُوٽَ تي آهي

    ترقي هاڻي ڏاڍي ٿيندي
    اَڄُ جي ناري، چوٽ تي آهي

    رُوح کڄي ويو آهي اَدبَ کان
    ڇو جو، ياري، چوٽ تي آهي

    رُوز مَرن ٿا ماڻهو، پُوءِ به
    ڀائيواري، چوٽ تي آهي

    ڇُو نهاري، ڪُوجهيءَ ڏي ڪوئي؟
    عورت پياري، چوٽ تي آهي

    سَڀُ ڪُجهه پئسو هوندو ناهي
    پهريداري، چُوٽَ تي آهي

    ڏُوهَه ڀَلا ڇو نه وڌن ”سَرڪي“
    ڪارو، ڪاري، چوٽ تي آهي


    ڪڏهن دل لڳيءَ کان، لنوايو نه آهي

    ڪڏهن دل لڳيءَ کان، لنوايو نه آهي
    اسان عاشقيءَ کان، لنوايو نه آهي

    اسان پيرَ پنهنجا، رکيا پنڌ ۾ هن
    پرينءَ جي گھٽيءَ کان، لنوايو نه آهي

    توڙي زندگيءَ کان، مليا ڏُکَ آهن
    پُو ڀي زندگيءَ کان، لنوايو نه آهي

    ڏنو مُنهن اسان هر مصيبت سان مُرڪي
    ڏُکي ڪنهن گھڙيءَ کان، لنوايو نه آهي

    مُنافق ماڻهوءَ سان نه لڳندي آ، پنهنجي
    سَچي آدميءَ کان، لنوايو نه آهي

    ”حَسنَ“ سِرُ وڃي پر دغا ڪانه ٿيندي
    چڱي دوستيءَ کان، لنوايو نه آهي


    اِهي غَمَ اوهان جا، اسان جي اکين ۾

    اِهي غَمَ اوهان جا، اسان جي اکين ۾
    پَلنِ بس پيا ٿا، اسان جي اکين ۾

    اهڙي چُوٽَ دل کي لڳي ڪا وئي آ
    رُڳو يار ڳوڙها، اسان جي اکين ۾

    لکيل هو اوهان جو ته نالو انهن ۾
    ڏٺو ڪو نه تُو ڇا، اسان جي اکين ۾

    زماني ٿي سمجهيو اسان خوش ٿا گھاريون
    مگر درد ڪيڏا، اسان جي اکين ۾

    ڏسڻ خَوابَ هاڻي ڇڏي مون ڏنا هن
    اڌورا ڪي سپنا، اسان جي اکين ۾

    اسان کان ڪڏهن ڀي پرين ڪين وسريا
    تنهنجي گھر جا رستا، اسان جي اکين ۾

    اميدن جو ڏيئُو اجهامڻ کان اڳ ۾
    ٻُڌي اَچُ صدا ڪا، اسان جي اکين ۾

    ”حَسنَ“ جي قبر تي ڇَٽي گُلَ ڪي وڃجان
    اها التجا آ، اسان جي اکين ۾


    پَراون کان پيارا، وفا ڪا نه ٿيندي

    پَراون کان پيارا، وفا ڪا نه ٿيندي
    خوشين جي ڪڏهن ڀي، عطا ڪا نه ٿيندي

    پِٽيندا رهيا جي اسان کي زمانا!
    پَڪَ آ، تنين کان، دعا ڪا نه ٿيندي آ

    وڇوڙي جون راتيون کُٽڻ جون ڪٿي هن
    هجر جي صُبح ۾، صبا ڪا نه ٿيندي

    ڀلي ڪر دغا تون، دغا ڪم، آ تنهنجو
    اسان کان ڪڏهن ڀي، دغا ڪا نه ٿيندي

    ڏئي دل ويٺا سين جو پهرين نظر ۾
    وري يار اهڙي، خطا ڪا نه ٿيندي

    اها ياد دل جي وندر جو سبب آ
    ڪڏهن ياد مون کان، جدا ڪا نه ٿيندي

    ”حَسنَ“ دل پنهنجيءَ کي جَهلي ڇڏ تون هاڻي
    غمن جي اُنهن کان، دوا ڪا نه ٿيندي


    سَدا سُونهن وارا، سلامت، هجن شَلَ

    سَدا سُونهن وارا، سلامت، هجن شَلَ
    اکين جا نطارا، سلامت، هجن شَل

    هي مستي، رواني، ۽ مهراڻ مُوجون
    سنڌوءَ جا ڪنارا، سلامت، هجن شل

    ڏسڻ سان ختم ٿي وڃن ٿا مُونجهارا
    جيئڻ جا سهارا، سلامت هجن شل

    لبن تي اهي ئي دعائون رهن ٿيون
    هر ڪنهن جا پيارا، سلامت، هجن شل

    وَڌي روشني ٿي وڃي پل گھڙيءَ ۾
    اکين جا ستارا، سلامت، هجن شل

    هي سُرهاڻ گُلڙن جي چُؤڏس پئي ڏسجي
    گلن جا هي کارا، سلامت، هجن شل

    ڏهاڙي اِضَافو آ، آلودگيءَ ۾
    حَسين هي نظارا، سلامت، هجن شل

    هُجن شاد مارو، سُکيا ۽ ستابا
    هي ٻنيون ۽ ٻارا، سلامت، هجن شل

    لڳي واءُ ڪُوسُو نه ڪوئي به ڪنهن کي
    ”حَسنَ“ ماڻهو سارا، سلامت، هجن شَلَ


    نفاست، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي

    نفاست، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي
    نزاڪت، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي

    اکين کي، اکين سان، ملائي ڇڏيائين
    عنايت، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي

    چُميون چاهه منجهان ٿي، هر، هر ڏنائين
    محبت، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي

    اِهي يار اکڙيون، نه ڪنهن ٻئي ڏي ڏسنديون
    صداقت، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي

    لُوڏي ڪُجهه اکين کي، اشارو ڪيائين
    شرارت، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي

    زبان مان نه ڪوئي به نڪتو حَرفُ هو
    اجازت، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي

    ”حَسنَ“ پَلَ گھڙيءَ ۾، مان هُنَ جو وَيمُ ٿي
    ڪرامت، اکين جي، اکين کي، وڻي ٿي


    زمانو اسان کي نه سمجهي سگهيو

    زمانو اسان کي نه سمجهي سگهيو
    اوهان جي نه ڄاتو ته ڇا ٿي پيو

    اوهان کان اسان کي مليا ڏُک جيڪي
    اسان تن کي سيني ۾ سانڍي ڇڏيو

    مٺا مُنهن نه مٽبو اوهان کان ڪڏهن
    اوهان ڀل اسان ڏي ڏسو نه ڏسو

    محبت جي دعويٰ گھڻن ئي ڪئي
    مگر ڪُو، ڪُو اُن تي آ، قائم رهيو

    اهي چنڊ، تارا، اکين جي اڳيان
    سَڄي رات کٽ تي مون آهي لڇيو

    لبن تي رهن ٿيون دعائون اهي
    خوشين ۾ هميشه اوهان ئي رهو

    ”حَسنَ“ سُور، صدما ٿي ناسور ويا
    اهڙو گھاءُ دل کي لڳي ڪُو ويو


    وقت ڏکيو بس ايندو، پيو وڃي

    وقت ڏکيو بس ايندو، پيو وڃي
    تنگ گُذارو ٿيندو، پيو وڃي

    بُکَ ۽ مهنگائيءَ تي يارو
    ماڻهو ڪُو سُوچيندو، پيو وڃي

    مَانيءَ بدران ٻُڪَ ۾ ظالم!
    خُشڪُ واري ڏيندو، پيو وڃي

    نٽهڻ اُسَ ۾، لڱين اُگھاڙو
    معصوم ڪو روئيندو، پيو وڃي

    ٻئي کي نه ميارُ ڏي تون سنڌڙي
    پنهنجو دشمن ٿيندو، پيو وڃي

    ”حَسنَ“ ڪري وَٺُ ڪُجهه تون هاڻي
    وقت هٿن مان ويندو، پيو وڃي


    وَاٽَ ۾ ڪي محبتون، رهجي ويون

    وَاٽَ ۾ ڪي محبتون، رهجي ويون
    گڏ جيئڻ جون حسرتون، رهجي ويون

    مون هميشه پيار جي ورکا ڪئي
    دل تنهنجيءَ ۾ نفرتون، رهجي ويون

    تو وڃي پاسو وتو سُکڙن سَندو
    منهنجي لاءِ بس تهمتون، رهجي ويون

    جُستجو ۽ آرزو ڪيڏي هئي
    خَاڪِ ٿيون سڀ خواهشون، رهجي ويون

    چين ۽ آرام حاصل ڪين ٿيو
    رُوح جون ڪي راحتون، رهجي ويون

    ٻَانهون لُوڏي تو جڏهن ڪيو اَلوداع!
    ڪي خوشين جون ساعتون، رهجي ويون

    هَا ”حَسنَ“هرڪو هتي مجبور آ
    پيار اڌ ۾ چاهتون، رهجي ويون


    جڏهن کان اوهان هي، ڇڏيو شهر آهي

    جڏهن کان اوهان هي، ڇڏيو شهر آهي
    تڏهن کان اسان تي، کليو شهر آهي

    مَٽي مُنهن اسان کان، اوهان ڇا ويا هو
    لڳي ٿو رُٺو ڄڻ، سڄو شهر آهي

    نه سپنا اُهي، رُونقون اڄ ڏسان ٿو
    سُڃُو ٿي اکين جو، ويو شهر آهي

    سوا تو اُو سائين اسان کي قسم تي
    هي ويران اڪثر، لڳو شهر آهي

    چَري دل روئڻ مان نه ٿيندئي ڪڏهن ڪجهه
    ڪري مَاٺِ هَلُ تون، چيو شهر آهي

    نه ساڳيون خوشيون هن نه ساڳيا ترانا
    ٿي موهن جو کنڊر، ويو شهر آهي

    پرينءَ جو سهارو، جيئڻ جو جياپو
    ”حَسنَ“ خيرپور جو، مليو شهر آهي


    شاديءَ واري، رات پرين

    شاديءَ واري، رات پرين
    پياري، پياري، رات پرين

    تنهنجي هوندي ٿي وئي
    روشن ساري، رات پرين

    چئوڏس ٿي خوشبو وئي
    گُلنِ هاري، رات پرين

    آغاز نئي سفر جو
    ڀاڳن واري، رات پرين

    ڳاڙهو بدن تي پائي وڳو
    ڪيئي پياري، رات پرين

    سُونهن ڀَري مُرڪَ مٺا
    هئي سونهاري، رات پرين

    اَڄُ تائين ”حَسنَ“ اُها ئي
    ڪين وساري، رات پرين


    اُهي يَارَ ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

    اُهي يَارَ ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا
    وفادار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

    حيا جو ذَرُو ڪونه ڪنهن ۾ ڏسان ٿو
    حيادار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

    پنهنجي جَانِ کان وڌ، حفاظت ڪندا ها
    پهريدار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

    ڪٿي ڀي مَزُو، چين، آرام ڪونهي
    مزيدار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

    ڏيندا قرب جيڪي هٿن سان سڏي ها
    سي قربدار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا

    نه سمجهي سگھيا دُوستَ دل جي ڪهاڻي
    سمجهدار ماڻهو، لڳي ٿو مري ويا


    وفادار، آهيان، وفادار، رهندس

    وفادار، آهيان، وفادار، رهندس
    تنهنجو يار، آهيان، تنهنجو يار، رهندس

    نگاهون جُهڪائي، هَلڻُ مون سکيو آ
    حيادار، آهيان، حيادار، رهندس

    خطا جي مٿان بس، خطا ٿي وڃي ٿي
    خطادار، آهيان، خطادار، رهندس

    وڏو مان ڪٿي ٿيو هان، ماءُ، پيءُ جي سامهون
    اَڃان ٻار، آهيان، اَڃان ٻار، رهندس

    اِها مُرڪَ اکڙين ۾، سَانڍي تون رکجان
    تنهنجو پيار، آهيان، تنهنجو پيار، رهندس

    ثوابن جي پويان نه هرگز لڳاسين
    گنهگار، آهيان، گنهگار، رهندس

    ”حَسنَ“ کي چَيو تُو اکين جو جياپو
    اکين ٺار، آهيان، اکين ٺار، رهندس


    (پروفيسر عطا محمّد حامي جي ياد ۾)

    (پروفيسر عطا محمّد حامي جي ياد ۾)
    هر فن مولا شاعر، حامي
    علم اَدبَ جو ماهر، حامي

    مسڪينن لاءِ وڙهندو رهيو
    ڪير چوي ٿو ڪائنر، حامي؟

    ٻول سُريلا، ٻولي ٿو هو
    احساسن ۾ ظاهر، حامي

    پيار، وفا جو پيڪر پيارا
    سهڻي سنڌ جو ڏاهر، حامي

    سچ جي ساگر جو ساٿاري
    ڪُوڙ، ڪُپت کان ٻاهر، حامي

    شعر شبابي، پُوپٽ جهڙا
    لفظن جو آ، ساحر، حامي

    مُولائي مڙس، مَٿيرو هو
    ”حَسنَ“، حُسينَعه جو زائر، حامي


    هڪ وڏو احساس، آهي شاعري

    هڪ وڏو احساس، آهي شاعري
    پيار جو وشواس، آهي شاعري

    رَتُ پياري ٿو، وڏو ڪَرڻو پئي
    ها! جگر جو ماس، آهي شاعري

    عَامُ ماڻهوءَ جي نَظرَ کان، آ مٿي
    ڪُو نَئون اتهاسُ، آهي شاعري

    تون ڏهاڙي ٿي انگل، آرا ڪرين
    ڪونه ڪيو ڪنهن قياس، آهي شاعري

    چنڊُ چُوڏهينءَ جو مٿان بيٺو آهي
    راتِ پُو ڀي داس، آهي شاعري

    بس! رڳو غمگين دنيا ٿي ملي
    بيبسيءَ جو واس، آهي شاعري

    رَازَ جيون جا سڀئي معلوم ٿيا
    هر خوشي ٿي ناس، آهي شاعري

    رُڃَ اکڙين جي اڳيان آهي ”حَسنَ“
    ٿُو لڳي بنواس، آهي شاعري


    مسافت وڏي آ، سَفرَ ۾، مان هوندس

    مسافت وڏي آ، سَفرَ ۾، مان هوندس
    مَرڻَ کان پُو جاني، قَبرَ ۾، مان هوندس

    نگاهون وڃي آرسيءَ ۾ تون ڏسجان
    مٺا ديد تنهنجي، نظر ۾، مان هوندس

    محبت سچيءَ جي حقيقت وڏي آ
    سَچي دل آ، سائين، جگر ۾، مان هوندس

    ڪڏهن ياد ڪنهن کان کسي ڪو سگھيو آ
    پَکي ٿي پرينءَ جي، پڌر ۾، مان هوندس

    مرڻ کان پو ڳالهيون پيون يار هلنديون
    صُبح، شام، سانجهي، ذڪر ۾، مان هوندس

    رهيو دين، مذهب، محبت آ، پنهنجو
    محبت جي مٺڙا اثر ۾، مان هوندس

    متان مُوت سمجهو ته ماري ويو آ
    لکيل شعرَ هر هڪ، اکرَ ۾، مان هوندس

    لکائي هي ڇڏجو، ”حَسنَ“ جي قبر آ
    مِٽي ويسُ منهنجو، پٿر ۾، مان هوندس




    جنهن کي ڏٺم، پريشان، ڏٺم

    جنهن کي ڏٺم، پريشان، ڏٺم
    هرڪو پاڻ ۾، حيران، ڏٺم

    انسانيت سِج، لَٿي وانگي
    پُوئتي هر ڪو، انسان، ڏٺم

    جنهن جي نيت ۾، ڪُو کوٽ نه هو
    ماڻهو سُوئي، بيمان، ڏٺم

    جيڪو ڪنهنجو، چمچو آهي
    خاني سُوئي هت، خان، ڏٺم

    سائين، سائين واهه، واهه، جاري
    ڀَڙوي ماڻهوءَ جو شان، ڏٺم

    غربت ڏينهون ڏينهن اڳي آ
    گُھرندي مسڪينُ دان، ڏٺم

    ماڻهو عيش ۽ عشرت پويان
    پُوئين پَهرَ ۾ ايمان، ڏٺم

    مذهب ڌنڌو، بڻجي ويو آ
    اڳتي هر، هر، شيطان، ڏٺم

    ٻَارَ وڪامن، پئسن تي اڄ
    مجبورين جو دُڪان، ڏٺم

    ڇِرڪُ ڀَري بس ويهي رهيمُ
    ڏاڍو ٿيو آ، نقصان، ڏٺم

    لُٽجي منهنجو گھر ويو ”سَرڪي“
    ڌُوڪيبازُ مهمان، ڏٺم




    پهريان کان ڀي سُڌريل تقدير، ڏٺم

    پهريان کان ڀي سُڌريل تقدير، ڏٺم
    جاٿي ڪاٿي يار جي تصوير، ڏٺم

    مون مسڪين جو ڪوئي ڏُوهه ئي ڪونهي
    سُونهن اڳيان جُهڪيل ڪيئي مير، ڏٺم

    زخمي دل جي ڪهڙي حالت ٻڌايان؟
    دوست! سِڌا نيڻن جا بس تير، ڏٺم

    اَمنَ اَمانَ سان تاريخ جي ورقن ۾
    ماڻهو سنڌ جا کنڊ ۽ کير، ڏٺم

    اُلڪا، کُٽڪا، وهم وڪوڙي ويا ها
    ٽُٽل انهن جا آخر زنجير، ڏٺم

    راحت، چينُ، سڪون آهي مليو دل کي
    سامهون گھڻي وقت کان پو هير، ڏٺم

    سيئرُ، سَفرُ به نصيبَ سان آهي پيارا
    گھُمي ڏاڍا اُلفت ۾ پِيرَ، ڏٺم.

    ڪهڙي دل جي ڳالهه ٻڌايان توکي؟
    پنهنجي نيڻن ۾ سدائين نير، ڏٺم

    ڀُوڳُ متان تون سِڪَ کي ڀانئين ”سَرڪي“
    سُهڻيءَ واري سيني ۾ سِيرَ، ڏٺم






    هيکل! سُوچَ ۽ تنها، شاعر

    هيکل! سُوچَ ۽ تنها، شاعر
    آڏو اکين جي دنيا، شاعر

    مسئلن جي هن دنيا ۾ اڄ
    لکي آخر، ڇا، ڇا، شاعر؟

    ڪهڙا ويهي، ويچار ونڊي؟
    سورن جو ستايل آ، شاعر

    فخر وچان پُٽُ چوڻ لڳو آ
    مُنهنجو آهي بابا، شاعر

    ڪڏهن اهو ڪنهن ناهي ڄاتو؟
    ڪيئنءَ ٿو پالي ٻَچا، شاعر؟

    غُورُ ڪري ڏس، اڻڄاڻَ ڪوي
    شعرَ لکي ٿو سَچا، شاعر

    نياز ۽ نوڙت، هٿ ٻڌ، سڀ سان
    ڪين ڪري ٿو، ڏَچا، شاعر

    سُونهن جي نگريءَ ۾ ويٺي ”سَرڪي“
    کُوڙ ڏسي ٿو سپنا، شاعر




    پنهنجي نگري پيار جي نگري

    پنهنجي نگري پيار جي نگري
    آهي مَنَ ۾ يار جي نگري

    ماري، جيئاري مرَضي ٿس
    آهي هيءَ، اعتبار جي نگري

    ياد جا پُوپٽَ اُڏري آيا
    صُبح سَويري سار جي نگري

    هر هڪ گهر جي، سُونهن ٿئي ٿو
    معصوم چهرو ٻار جي نگري

    سُوچ ۾ ساگر جهڙيون ڇُوليون
    نيڻن ۾ آ، نار جي نگري

    ٻُڌڻ ۾ ڪيئي سَازَ اچن ٿا
    تنبوري ۾ تار جي نگري

    توئي کٽيو آهي هميشه
    منهنجي مَنَ ۾ هار جي نگري

    پنهنجو پاڻ ۾ دنيا ”سرڪي“
    سُونهن سَڄي سنسار جي نگري


    شَرابي مان ناهيان، نَشُو پيار جو آ

    شَرابي مان ناهيان، نَشُو پيار جو آ
    مَزُو زندگيءَ کي، مليو پيار جو آ

    اهڙو مَڌُ، اکين جو مليو دوست آهي
    ڪڏهن ڀي خمار نه، لٿو پيار جو آ

    نه ٿو يار وسري، مليل گھاءُ گِهرو
    تماشو مون ڏاڍو، ڏٺُو پيار جو آ

    اڳيان حُسنَ آڏو، جُهڪيو سِرُ، سدائين
    هميشه وتو مون، چيو پيار جو آ

    سَرعام دنيا جي سامهون زمانا!
    ڏسو اڄ هي ميلو، رَچيو پيار جو آ

    سُوچي سُوچ هڪڙو ٿئي ڪجهه ٻيو ٿو
    ”حَسنَ“ ڏِسُ عَجبُ هي، لکيو پيار جو آ


    پَاڻَ پنهنجي ڪهاڻي مٽائڻي، پئي

    پَاڻَ پنهنجي ڪهاڻي مٽائڻي، پئي
    رَازَ دل ۾ رکي دل ڏکائڻي، پئي

    رَاهَه جي هر رڪاوٽ کي ٺُوڪر هنيم
    ڇُو جو مون کي اڳي وِکَ وڌائڻي، پئي

    معاملو ڪجهه اهڙو پاڻ سان هُو هتي
    سيج سورن جي سهڻا سجائڻي، پئي

    تير نيڻن سندا ڪجهه اهڙا لڳا
    حُسنَ جي نَانوَ تان جان لٽائڻي، پئي

    آرسيءَ ۾ ڏسي زندگي آ، رُني
    ڌُوڙ مُنهن ۾ ڪا مون کي به پائڻي، پئي

    دل چيو يَارَ جي، اڄ گھَٽيءَ ڏي هَلُ
    دل ڏکيءَ کان مگر اَک ڦيرائڻي، پئي

    داستان پيار جو اڄ کُلي ڇا ويو
    راڳڻي ڪا ”حَسنَ“ پاڻ ڳائڻي، پئي


    تُوڙي سَڀُ ڪُجهه ظاهر آهي

    تُوڙي سَڀُ ڪُجهه ظاهر آهي
    پُو ڀي سمجهه کان ٻاهر آهي

    ڪيئنءَ هلي ٿو وايو منڊل؟
    مالڪ! ملڪ جو ماهر آهي

    مون کي ظالم! ڇا لئه چئين ٿو؟
    رامُ رحيم به قاهر آهي

    دشمن سنڌ جو ڍيرُ تون ڏسندين
    هر ڪو سنڌي ڏاهر آهي

    سمجهي ڪونه سگھي آ، دنيا
    ماڻهو چون ٿا ساحر آهي

    سُهڻي صورت، رنگ رَبُوبي
    ديدَ تنهنجيءَ جو زائر آهي

    هُونئنءَ ته هوشو، هيمون آهيان
    تو ته بڻايو ڪانئر آهي

    هرڪو ڄَاڻُو ائينءَ چوي ٿو
    واهه جو! ”سَرڪيَ“ شاعر آهي


    تڏهن گيت، وايون لکياسين، سدائين

    تڏهن گيت، وايون لکياسين، سدائين
    محبت جي غمَ ۾ رهياسين، سدائين

    نه کائڻ وَڻي ٿو نه پيئڻ وَڻي ٿو
    ڪنڊن تي ننگي سِرِ ستاسين، سدائين

    زمانا! اهو اڄ اَچي سَمجهَه ۾ ٿو
    ڪنهنجي پيار ۾ ته رناسين، سدائين

    نه ٿا پِيرَ جهلجن رُوڪڻ سان ڪڏهن ڀي
    پرينءَ جي ته پَاڙي وياسين، سدائين

    ڪري ويا اڪيلو نه ڪانڌي ڪُلهي ٿيا
    اسان يَارَ جن لئه مئاسين، سدائين

    رهيو حال اهڙو حقيقت اها ئي
    پنهنجو پاڻ سان بس وڙهياسين، سدائين

    اِهو هاڻي ٿيندو ”حَسنَ“ خيال آهي
    پرين پاڻ ڪاٿي ملياسين، سدائين




    سُوچ کڻي اي جاهل، ماڻهو

    سُوچ کڻي اي جاهل، ماڻهو
    ڪجهه ته چوي پيو پاگل، ماڻهو

    ائينءَ لڳي ٿو جڳ ۾ پيارا
    هر ڪو آهي سائل، ماڻهو

    عيشُ، عَياشي زُورن تي آ
    مايا ڏي آ، مائل، ماڻهو

    پيار ۾ بڻجي ويندو آهي
    ديوانو ۽ پاگل، ماڻهو

    چقمقَ وانگي ڇڪجي ٿو پيو
    پيار جو آهي قائل، ماڻهو

    مُوتَ جي بِستَر تي سوچن سان
    ويٺو ڳُولهي ساحل، ماڻهو

    تڙپڻ جو احساس نه ڪوئي
    ڪونه رکي ٿو هي دل، ماڻهو

    دُوست! وَڃي ڏَسِ ڪاڏي آخر؟
    نظرن جو هي کاڌل، ماڻهو

    ”حَسنَ“ دُعائون بس ساڻ اٿئي
    ٿي پئين شل ڪُو، ڪامل، ماڻهو






    تنهنجي پيار، بڻايو، صوفي

    تنهنجي پيار، بڻايو، صوفي
    مون ڀي ويسُ، سجايو، صوفي

    پنهنجو پاڻ ۾ سڀ ڪجهه آهي
    کُولي صاف، ٻڌايو، صوفي

    پيار، اَمنَ سان وقت گُذاريو
    پيار جو گيت آ، ڳايو، صوفي

    انسانيت سان پيار ڪيو سَڀُ
    ڪنهن کي ڪين، ڏکايو، صوفي

    تون ڀي مان ۽ مان ڀي تون آن
    سارو فَرقُ، مٽايو، صوفي

    مالڪ! هر ڪنهن صورت ۾ آ
    مالڪ! کي ريجهايو، صوفي

    سُوليءَ تي منصور چڙهي ويو
    سڀ کي سَچُ، سڻايو، صوفي

    ڪنهن سان ڪين ڪري ٿو نفرت
    سِڪَ جو وَنڍُ، ورهايو، صوفي

    نوڙت واري. ٻولي ”سَرڪيَ“
    ڪنهن سان ڪين، ڦٽايو، صوفي


    سَڀُ ڪُجهه ڄَاڻَ، سُڃاڻَ ۾

    سَڀُ ڪُجهه ڄَاڻَ، سُڃاڻَ ۾
    حَاصلُ مطلبُ پَاڻَ ۾

    معلوم مڙيو ئي ٿيو
    وحدت واري ڄاڻ ۾

    هيرا، لعل، جواهر
    اُلفت واري کاڻ ۾

    اِسرُار وڏو ڪوئي
    چهري جي پيلاڻ ۾

    جَلندُو، پَچَندُو رَهُه تون
    گهايل مَنَ جي کاڻ ۾

    مالڪ! هوندو اٿئي
    نيڻن جي آلاڻ ۾

    ”سَرڪَي“ سنسارَ، سُرتَ
    سهڻي جي سرهاڻ ۾


    عشق مذهب، عشق، منهنجي ذات آ

    عشق مذهب، عشق، منهنجي ذات آ
    عشق بن، ڪا ٻئي نه مون کي تات آ

    شام، سانجهي، صُبح توڙي، اُو مٺي
    عشق ۾ ٿيندي، شروع هر رات آ

    ڪا خبر مونکي پوي ئي ڪانه ٿي
    تو ڏني اهڙي جو مون کي ڏات آ

    پيار پوجا، پيار جيون آ، پرين
    پيار جي ئي وائي، منهنجي وات آ

    تو جڏهن کان پيار سان مون ڏي ڏٺو
    ڪُوڙَ، نفرت کان ملي، نجات آ

    پيار جي ٻولي ”حَسنَ“ ڪُويل جهڙي
    تون به ڪر محسوس، جُو هي لات آ


    دل، لڳائڻ جو پَتُو، پئجي ويو

    دل، لڳائڻ جو پَتُو، پئجي ويو
    اَکِ، اڙائڻ جو پَتُو، پئجي ويو

    زندگي هر حال ۾ گُذري ويندي
    بس، نڀائڻ جو پتو، پئجي ويو

    دل هجر جي رُوگ کان واقف ڪيم
    روگ، لائڻ جو پتو، پئجي ويو

    تهمتون ۽ رنجشون دنيا ڏنيون
    جَڳُ، کلائڻ جو پتو، پئجي ويو

    يَارَ جي ڇا پَارَ کان آيم مُوٽي
    پيارُ، پائڻ جو پتو، پئجي ويو

    حُسنَ جي سرڪار تان صدقي وَڃان
    هَٿُ، ملائڻ جو پتو، پئجي ويو

    دل چيو اڄ ميڪدي ڏي هَلُ ”حَسنَ“
    جي، جلائڻ جو پتو، پئجي ويو


    حياتي اکين جي اَثرَ ۾، رهي ٿي

    حياتي اکين جي اَثرَ ۾، رهي ٿي
    اَندر جي ڪهاڻي اَندرَ ۾، رهي ٿي

    رهيو پيار ڪاٿي زماني ۾ آهي
    مگر ڇوڪري هڪ نَظر ۾، رهي ٿي

    سوا تُو سڄڻ جي لڳي ائين ٿو ڄَڻُ
    حياتي هي منهنجي قبر ۾، رهي ٿي

    جَلي ٿو اُجالو ڪيان زندگاني
    محبت اوهان جي جگر ۾، رهي ٿي

    سڄڻ سَارَ جو هڪ ته لمحو به ڪونهي
    اها ياد هر هڪ پهر ۾، رهي ٿي

    ڪٿي دل ٿي غافل محبت کان آهي
    صُبح، شام، سانجهي خبر ۾، رهي ٿي

    رهيو ڀاڳ پنهنجو نرالو سڀن کان
    تڏهن زندگاني قهر ۾، رهي ٿي

    هتي مان اَڪيلو، مگر جَانِ منهنجي
    ”حَسنَ“ خيرپور جي شهر ۾، رهي ٿي


    مَنَ ۾ اُڌما، جاڳن ٿا پيا

    مَنَ ۾ اُڌما، جاڳن ٿا پيا
    سُورَ ۽ صدما، جاڳن ٿا پيا

    ننڍ به جاڳ ۽ جاڳ به ننڍ آ
    پنڇي پيار جا، جاڳن ٿا پيا

    لاٽ به ٻاٽ ۽ ٻاٽ به لاٽ آ
    اکين ۾ سپنا، جاڳن ٿا پيا

    مُرڪَ به لُڙڪَ ۽ لُڙڪَ به مُرڪَ آ
    ٽَهڪَ نرالا، جاڳن ٿا پيا

    ڏينهن به رات ۽ رات به ڏينهن آ
    نيڻ جُهڙالا، جاڳن ٿا پيا

    نفرت، الفت، الفت، نفرت
    دوست حوالا، جاڳن ٿا پيا

    ڪهڙي، ڪهڙي ڳالهه ٻُڌايان؟
    مون سان ڇا، ڇا، جاڳن ٿا پيا

    سنسارُ سَڄُو، سڄڻ جو سَايُو
    ”سَرڪِي“ پارا، جاڳن ٿا پيا


    اِي يَارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان

    اِي يَارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان
    دلدارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان

    دهشتگردي، ڪارو، ڪاري
    سنسارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان

    بارودي دُونهين جا بادل
    هٿيارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان

    واهه! جو جڳ، بڻايو اٿئي
    معمارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان

    پيار کان وڌ ڪُو، رشتو ڪونهي
    منٺـارَ، اڃان، سوچ ۾ آهيان

    چَڪرُ مٿي کي آهي اچي ويو
    فنڪارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان

    تنهنجي هوندي، چُوري ڪيئنءَ ٿي؟
    پهريدارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان

    صُورت ڪاڻ، سِڪي ٿو ”سَرڪي“
    ديدارَ، اَڃان، سُوچَ ۾ آهيان


    وايون

    (پنهنجي ادبي اُستاد اميد خيرپوري جي نالي)

    (پنهنجي ادبي اُستاد اميد خيرپوري جي نالي)

    قطعي جو بادشاه هو

    اميد خيرپوري
    دُوست هُجي يا دشمن
    سڀ تي ڪندو ويساهه هو

    اميد خيرپوري
    مُنهن موڙيندو هُيس جو
    اُن سان ڪندو ٺاهه هو

    اميد خيرپوري

    ڌرتيءَ جو رکوالو
    سنڌ سان رکندو چاهه هو

    اميد خيرپوري
    بي جان جيون هو ڄَڻُ
    جسم منهنجي جو ساهه هو

    اميد خيرپوري
    شعر جو ”حَسنَ“ پتو پيو
    مون لئه بڻيو، اُتساهه هو

    اميد خيرپوري


    (سائين ادل سومرو سان محبت جو اظهارُ )

    (سائين ادل سومرو سان محبت جو اظهارُ )

    مَنَ گُهريو مَحبُوبُ!
    شاعر آهي خُوبُ !
    سائين ادل سومرو

    مڙني ڏات ڌڻين ۾
    منهنجو آ، مَرغُوبُ!
    سائين ادل سومرو

    وڻندڙ، شعرُ انوکو
    ۽ نرالو اَسلُوبُ!
    سائين ادل سومرو

    منصوري خيالَ وارو
    ڄَڻُ ڪوئي مَجذُوب!
    سائين ادل سومرو

    مان سندس جو طالب
    منهنجو آ، مَطلُوبُ!
    سائين ادل سومرو

    ”حَسنُ“ دُعاگو آهي
    ڪڏهن نه ٿي غُروبُ!
    سائين ادل سومرو






    کُٽڻ جو ناهي

    کُٽڻ جو ناهي
    اَڻُ کُٽ آهي

    سُوچن جو سفر.

    تون جي ناهين
    ڪجهه ڀي ناهي

    سُوچن جو سفر.

    جيون کي ٿو
    ٺاهي، ڊاهي

    سُوچن جو سفر.

    ڪُو ته ٻڌائي
    آخر، ڇاهي؟

    سُوچن جو سفر.

    آخر ”سَرڪي“
    ضد تان لاهي

    سُوچن جو سفر.






    ڌرتي اجڙي ويندي

    ڌرتي اجڙي ويندي
    سنڌ نه ساڳي رهندي
    ڪالا باغ جي ٺهڻ سان
    مُرڪون هليون وينديون
    ڪائي نه خوشي ايندي

    ڪالا باغ جي ٺهڻ سان

    واري پئي اُڏامندي
    سَاوڪَ هلي ويندي
    ڪالا باغ جي ٺهڻ سان
    پاڻيءَ ڪَاڻِ سڪبو
    ٻڪري کير نه ڏيندي
    ڪالا باغ جي ٺهڻ سان
    هرڪو سنڌي جاڳي
    هرجا سُڃَ سڏيندي
    ڪالا باغ جي ٺهڻ سان
    سنڌين کي سنڌ ”سَرڪي“
    ڏوراپو پُو ڏيندي
    ڪالا باغ جي ٺهڻ سان









    وقت ڪُو گذري ويو

    وقت ڪُو گذري ويو

    بي خياليءَ ۾
    ڪنهن چيو ڪاٿي آهين؟
    پَاڻُ به، وسري ويو

    بي خياليءَ ۾
    ڄَاڻُ اَچي ڪُوماڻو
    گُلُ ٿي نسري ويو

    بي خياليءَ ۾
    راهن ۾ ڌُوڙ مثل
    پَنُ ٿي وکري ويو

    بي خياليءَ ۾
    واءُ جُو جهوٽو بڻجي
    چين به اڏري ويو

    بي خياليءَ ۾
    ڪيڏو اڳتي ”سرڪي“
    اَڄُ آ، نڪري ويو

    بي خياليءَ ۾


    (سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جي مناسبت سان لکيل)

    (سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جي مناسبت سان لکيل)

    ڄاڻي، واڻي
    پُوئتي، نه ڪيو
    سنڌي ٻولي

    هرجا، هر هنڌ
    پڙهو ۽ لکو
    سنڌي ٻولي

    سچلرح ۽ سامي
    شاهه، رسالو
    سنڌي ٻولي

    رَبَ کي پياري
    قرآن، ڏسو
    سنڌي ٻولي

    قومي، ٻولي
    سڀئي هي مڃو
    سنڌي ٻولي

    چينلن ذريعي
    دنيا ۾ ڏسو
    سنڌي ٻولي
    ”سَرڪي“ آهي
    داستان وڏو
    سنڌي ٻولي





    نظر جو نشانو

    نظر جو نشانو
    محبت فسانو
    وساري نه سگھبو

    مٺي مُرڪَ، مُرڪي
    چيو تو، ديوانو
    وساري نه سگھبو

    ڪيڏيون رُونقون هون
    اُهو پل، سهانو

    وساري نه سگھبو

    اَڙي، عابدا جو
    تُو ڳايو، ترانو
    وساري نه سگھبو

    بڻيو حَالُ، ماضي
    ڪو گھاريل، زمانو
    وساري نه سگھبو

    محبت سندو بس
    ”حَسنَ“ آشيانو
    وساري نه سگھبو




    سنڌي آهيان

    سنڌي آهيان
    سنڌي رهندس
    جيسين آهي حياتي!

    ٽُوپي، اَجرڪُ
    پائي گُھمندس
    جيسين آهي حياتي!

    سنڌ جا نعرا
    خوش ٿي هڻندس
    جيسين آهي حياتي!

    ڌرتيءَ جي لَڄَ
    پيو مان رکندس
    جيسين آهي حياتي!

    ڪُلهي، ڪُهاڙي
    شان سان هلندس
    جيسين آهي حياتي!

    سنڌ لئه جئندس
    سنڌ لئه مرندس
    جيسين آهي حياتي!

    سنڌُ جا نغما
    ”حَسنَ“ مان لکندس
    جيسين آهي حياتي!




    سُهڻي صورت لئه

    سُهڻي صورت لئه
    مٺڙي مورت لئه
    اَڃان سوچَ ۾ آهيان!
    وَارَ اَڇا ٿي ويا
    پنهنجي چاهت لئه
    اَڃان سوچَ ۾ آهيان!
    ماٺ ۾ هرگز ناهيان
    ڪَيلَ حرڪت لئه
    اَڃان سوچَ ۾ آهيان!
    جَرُ ته ڪُجهه ڀي ڪونهي
    اکين جي عبرت لئه

    اَڃان سوچَ ۾ آهيان!
    شعر به چَاهَه نگر جا
    سِڪَ ۽ الفت لئه
    اَڃان سوچَ ۾ آهيان!
    دنيا جي تختي تي
    وڌندڙ نفرت لئه
    اَڃان سوچَ ۾ آهيان!
    ڪيئنءَ بڻايئي ”سَرڪي“ ؟
    انهيءَ عورت لئه

    اَڃان سوچَ ۾ آهيان!





    ڪنهن کان ڳُجهو ناهي

    ڪنهن کان ڳُجهو ناهي
    سڀ جي سامهون آهي
    سنڌ جو دشمن
    ڪوئي نه حيا اٿس
    ويٺو لاهي، پاهي
    سنڌ جو دشمن
    روز نوان ويٺو هتي
    منصوبا ٿو ٺاهي
    سنڌ جو دشمن
    صوبي جي گُھر ڪري
    سنڌ جو نقشو ڊاهي
    سنڌ جو دشمن
    ماڻهو ماري هٿ سان
    گھرن ۾ ٿو ڪاهي
    سنڌ جو دشمن
    سينو ساهي وڙهبو
    ٿيندو آخر ڇاهي؟
    سنڌ جو دشمن
    ڌاڙي ۾ گڏ پنهنجو
    دشمن سان ٿو باهي
    سنڌ جو دشمن
    ”حَسن“ حقن جي لَتاڙَ
    پنهنجو نظام ٿو چاهي
    سنڌ جو دشمن


    (ڌيءَ پر يت ڪائنات جي پئدائش تي)

    (ڌيءَ پر يت ڪائنات جي پئدائش تي)

    ڀَاڳ َ ڀلا، ٿي ويا
    خواب سچا، ٿي ويا
    پر يت، ٿي ڪائنات آئي
    پرهه ۽ پارس مٺي
    گَنجُ ٻچا، ٿي ويا
    پر يت، ٿي ڪائنات آئي
    تنهنجا گهڻا ئي
    ڪَرمَ خدا، ٿي ويا
    پر يت، ٿي ڪائنات آئي
    ڏکڙا جيون جا
    لاپتا ٿي ويا
    پر يت، ٿي ڪائنات آئي
    خُوشين پَرَ، کُوليا
    ٽهڪ وڏا، ٿي ويا
    پر يت، ٿي ڪائنات آئي
    اَڻ پيتيءَ جا اڄ
    ”حَسنَ“، نشا، ٿي ويا
    پر يت، ٿي ڪائنات آئي








    خُون شهيدن جو

    خُون شهيدن جو
    رائيگان نه ويندو
    لاڙڪاڻي جي مٽي
    هرڪو پيو چوندو
    جيئي، جيئي، ڀٽو
    لاڙڪاڻي جي مٽي
    تو ۾ سُتل آهي
    خاندان ڀٽي جو
    لاڙڪاڻي جي مٽي
    اعليٰ ماڻهن کي
    توئي آ، جنميو
    لاڙڪاڻي جي مٽي
    دَرسُ شهادت جو
    توکان ئي مليو
    لاڙڪاڻي جي مٽي
    گهڻو ڪجهه ”سَرڪيءَ“
    اَڄُ آهي ڏٺو

    لاڙڪاڻي جي مٽي









    مون وٽ تنهنجي ڪَمي

    مون وٽ تنهنجي ڪَمي
    ڪيڏي آهي مٺي

    تون ڄاڻين نه ٿي
    بُوندن جي صورت ۾
    ياد به آهي لٿي
    تون ڄاڻين نه ٿي
    جيون جو سفر هي
    ڪٽجي به نه ٿو سچي
    تون ڄاڻين نه ٿي
    هڪڙي ياد تون رکجان
    تُوڏي رهيل آ، چُمي
    تون ڄاڻين نه ٿي
    بي آرامي آهيان
    رات غمن ۾ ڪٽي
    تون ڄاڻين نه ٿي
    ”حَسنَ“ ڪهاڻي پيار جي
    آ، شعرن ۾ لکي

    تون ڄاڻين نه ٿي








    ختم ٿي محبت

    ختم ٿي محبت
    دنيا کي ڪدورت
    وَڪُوڙي وئي آ
    وئي سِڪَ، جهان مان
    دلين کي ته نفرت
    وَڪُوڙي وئي آ
    رُڳوُ ڪوڙ، ڌُوڪو
    اها ئي حقيقت
    وَڪُوڙي وئي آ
    اَنا جي نشي ۾
    اميرن کي دولت
    وَڪُوڙي وئي آ
    ڏسان ٿو ته سڀ کي
    مَايا جي محبت
    وَڪُوڙي وئي آ
    ”حَسنَ“ آدميءَ کي
    اَٽي جي ضرورت
    وَڪُوڙي وئي آ


    (ڀائو قربان منگيءَ جي نالي)

    (ڀائو قربان منگيءَ جي نالي)

    يارن جو يار، ڏٺم
    دِلي دلدار، ڏٺم

    قربان منگي

    پُوپٽ وانگي پيارو
    معصومُ ڪو ٻار، ڏٺـم

    قربان منگي

    سُوچن جي سَفرَ سان
    غمن ۾ غمخوار، ڏٺم

    قربان منگي

    خوشبوءَ جو احساسُ
    گُلڙن جو هار، ڏٺم

    قربان منگي

    هر فن مولا ماڻهو
    اعليٰ ڪردار، ڏٺم

    قربان منگي

    ڪنهن مُصور جو ڪوئي
    سُهڻو شهڪار، ڏٺم

    قربان منگي

    داتا دَرازيءَ جي
    دَرَ جو پينارُ، ڏٺم

    قربان منگي

    ”حَسنَ“ حقيقت اها
    برهه ۾ بيمار، ڏٺم

    قربان منگي




    لکيل شعرن ۾

    لکيل شعرن ۾
    ۽ تخليقن ۾
    مان زندهه رهندس
    لفظن ۾ سُجاڳي
    گيتن، غزلن ۾
    مان زندهه رهندس
    ڇا ته خيالَ هُيس
    مـٺڙن، ٻولن ۾
    مان زندهه رهندس
    ورسيون پيون ٿينديون
    ادبي ميڙن ۾

    مان زندهه رهندس
    ڪڏهن ذڪر نڪرندو
    ڳالهين، ڳالهين ۾

    مان زندهه رهندس
    ڏسجو پيا صورت
    پنهنجي ٻچڙن ۾
    مان زندهه رهندس
    آئينو ”سَرڪي“
    ڪنهن جي نيڻن ۾
    مان زندهه رهندس






    سَهُولتَ به آهي

    سَهُولتَ به آهي
    مُصيبت به آهي
    جَهانَ ۾ !
    ڪدورت به آهي
    محبت به آهي
    جَهانَ ۾ !
    جتي مرد آهي
    ته عورت به آهي
    جَهانَ ۾ !
    ذلالت به آهي
    ته شهرت به آهي
    جَهانَ ۾ !
    مٺا ڪُوڙ، ڌُوڪو
    حقيقت به آهي
    جهان ۾ !
    اميري جي آهي
    ته غربت به آهي
    جَهانَ ۾ !
    ”حَسنَ“ شاعريءَ جي
    ضرورت به آهي
    جَهانَ ۾ !


    (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ياد ۾)

    (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ياد ۾)

    مير واهه جا وَڻَ، پڇن ٿا
    مينهن جا ڪي ڌَڻَ، پڇن ٿا
    تنوير، ڪاڏي ويو؟
    گُهلندڙ، مست هوائون
    ماڻهن جا مَڻَ، پڇن ٿا
    تنوير، ڪاڏي ويو؟
    ”ٻي“ ”ٻي“ ڪنديون ٿيون وڃن
    ٻڪرين جا َٿڻَ، پڇن ٿا
    تنوير، ڪاڏي ويو؟
    هَانَو جي ٺار جا هُوڪا
    ۽ لسي، مَکڻَ، پڇن ٿا
    تنوير، ڪاڏي ويو؟
    ”حَسنَ“ اُداسي ڇانيل
    وَستي، وَاهُڻ، پڇن ٿا
    تنوير، ڪاڏي ويو؟

    (نامياري شاعر ادل سومرو جي هڪ مشهور دوهي
    ”ميرواهه جا وڻ پڇن ٿا“ کان متاثر ٿي لکيل)


    استاد محمد علي حداد کي لفظن جي ڀيٽا)

    استاد محمد علي حداد کي لفظن جي ڀيٽا)

    سرمست سچل رح جو مستانو
    دُولهه درازيءَ جو ديوانو
    محمد علي حداد
    نياز ۽ نوڙت سان ملندو هو.
    پيار، پريم جو پيمانو
    محمد علي حداد
    سرمست ڏيندو، ترتيب رهيو
    سچل شناسيءَ جو پروانو
    محمد علي حداد
    چَاهُه، ڪتابن سان ڏاڍو هيس
    هُيو ڪوئي ڪتب خانو
    محمد علي حداد
    هرفن مولا ليکڪ، اديب
    مُولائي مُڙسُ ميخانو
    محمد علي حداد
    ”حَسنَ“ پڙهي ڏس ببليو گرافي
    اظهار عقيدت جو سهانو
    محمد علي حداد


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375348
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406624
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ