ڪتاب جو نالو: چوڏس مينگهه ملهار
مصنف: فياض منصور
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 19 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 543 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 161 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شاعريءَ جي هن گڏيل مجموعي جو مرتب فياض منصور آهي جڏهن ته عزيز سولنگي، فياض منصور، عمران انجم، حافظ عبيد چنه، وفا گل محمد جمالي، ذاڪر سيتائي ۽ سرويچ ناٿن شاهي جي شاعري هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • چوڏس مينگهه ملهار
  • سنڌ سلامت پارا
  • ارپنا
  • ڪتاب جا شاعر
  • پنهنجي پاران
  • عطر اهو آهي (مهاڳ)
  • عزيز سولنگي

  • تعارف
  • غزل
  • وائي
  • فياض منصور

  • تعارف
  • غزل
  • وائي
  • نظم
  • چوسٽا
  • انجم ناٿن شاهي

  • تعارف
  • غزل
  • حافظ “ عبد ” چنه

  • تعارف
  • غزل
  • نظم
  • وفا گل محمد جمالي

  • وفا، عشق ۽ محبت
  • غزل
  • وائي
  • نظم
  • ذاڪر سيتائي

  • تعارف
  • غزل
  • نظم
  • آزاد نظم
  • سرويچ ناٿن شاهي

  • تعارف
  • غزل
  • نظم
  • آزاد نظم

  • چوڏس مينگهه ملهار

    ڪتاب جو نالو: چوڏس ميگهه ملهار
    موضوع: گڏيل شاعري
    مرتب ؛ فياض منصور
    ڇاپو: پهريون2015ع
    ڪمپوزنگ ؛ فياض منصور
    موبائل نمبر 03332982152
    ڇپائيندڙ ؛ سنڌي ادبي سنگت ( شاخ ) سيتاروڊ
    ڇپيندڙ ؛ ڪنول پبلڪيشن
    ٽائيٽل ؛ سعيد سومرو
    قيمت: 300


    سنڌ سلامت پارا

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چوڏس مينگهه ملهار“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن گڏيل مجموعي جو مرتب فياض منصور آهي جڏهن ته عزيز سولنگي، فياض منصور، عمران انجم، حافظ عبيد چنه، وفا گل محمد جمالي، ذاڪر سيتائي ۽ سرويچ ناٿن شاهي جي شاعري هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
    ٿورائتا آهيون نوجوان شاعر فياض منصور جا، جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلِي.
    هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتا روڊ پاران ڪنول پبليڪيشن وٽان 2015ع ۾ ڇپايو ويو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپنا
    محترم بشير سيتائي
    استاد پيرل پرديسي سيتائي
    علي دوست عاجز
    اسحاق سميجو
    منصور سيتائي
    جي نانءِ
    جن جي ذات ۽ ڏات
    منهنجي جيون جي دڳن ۾ هميشه
    مشعلِ راهه رهي آهي


    ڪتاب جا شاعر

    عزيز سولنگي
    فياض منصور
    عمران انجم
    حافظ عبد چنه
    وفا گل محمد جمالي
    ذاڪر سيتائي
    سرويچ ناٿن شاهي


    پنهنجي پاران

    سنڌي شاعرن جي گڏيل شاعريءَ جا مجموعا تڪڙا تڪڙا اچڻ ڪري من ۾ خيال آيم ته ڇو نه مان به سنڌ جي نوخيز نوجوانن جي شاعريءَ جو گلدستو آڻيان، اهو خيال ايندي ئي پنهنجن همعصرن دوست شاعرن سان رابطو ڪري شاعري گڏ ڪيم ۽ اُن مان چونڊ ڪري “ چوڏس مينگهه ملهار ” اوهان جي آڏو آڻي رهيو آهيان، جيڪا منهنجي پهرين ادبي وِک آهي.
    ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪـ ناهي ته سنڌ ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا شاعر به موجود آهن جن کي نه وزن بحر، ۽ نه ئي قافي رديف جي ڄاڻ آهي اُنهن جا به ڪيترائي مجموعا اچي چڪا آهن، اُنهن کي نظر ۾ رکندي ئي اهو خيال کڻي اوهان اڳيان آيو آهيان ته “ ٿورا ڪڻا ٿاليءَ ۾ گهڻا ” جي مصداق مون جن نوجوان شاعرن کي هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي اُهي پنهنجي عمر ۽ تجربي جي لحاظ کان گهڻو اڳتي آهن سندن شاعريءَ ۾ فني پختگيءَ سان گڏ خيالن جي ندرت ۽ نواڻ آهي.
    وڌيڪـ اوهان پڙهندڙ ئي حقيقي راءَ قائم ڪري سگهو ٿا.
    دوستن جو ساٿ رهيو ته اهڙا انيڪـ خوبصورت ڪتاب اوهان اڳيان آڻيندا رهنداسين.
    آئون نهايت ئي شڪر گذار آهيان پنهنجي ادبي استاد ۽ والد محترم منصور سيتائيءَ جو جن منهنجي وِک وِک تي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي.
    آئون احسانمند آهيان محترم ڊاڪٽر اسحاق سميجو جو جن انتهائي مصروفيت باوجود مون کي بيڪـ پيج لِکي ڏنو.
    آئون مشڪور آهيان استاد الشعراءُ بزرگ شاعر محترم سائين بشير سيتائي جو جن بيماري ۽ ضعيفي واري حالت ۾ به پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪتاب جو مهاڳ لکيو ۽ اسان جي رهنمائي ڪئي.
    آخر ۾ آئون عمران انجم، سرويچ ناٿن شاهي ۽ ذاڪر سيتائيءَ جو به ٿورائتو آهيان جيڪي مون سان ڪتاب جي ڇپائيءَ جي آخري مرحلي تائين گڏ رهيا.
    اوهان جي فيڊ بيڪـ جي اوسيئڙي ۾
    فياض منصور سيتاروڊ دادو سنڌ
    03332982152
    Email : fayaz.mansoor@yahoo.com


    عطر اهو آهي (مهاڳ)

    فارسي ۾ هڪـ چوڻي آهي ته “ عطر آنست که خود ببويد نه که عطار گويد ” ( عطر اهو آهي جو پاڻ پنهنجي خوشبو ڏئي، عطر وڪڻندڙ ان بابت ڪجهه نه چوي ) اها ساڳي ڳالهه شاعري سان پڻ لاڳو ٿئي ٿي. شاعري اُها هجي جيڪا خود ٻڌائي ته مون ۾ دم آهي. اُها فني ۽ فڪري حوالي سان دل کي ڇُهندڙ ۽ وڻندڙ هجي. اڄ ڪلهه اسان وٽ اهو رجحان زور پڪڙي رهيو آهي ته شاعري ۾ ڀل ڪجهه نه هُجي، پنهنجي ڪنهن دوست يار بلڪـ ڏهن کان ويندي پندرهن دوستن کان مُهاڳ ۽ نوٽ لکرائي لفظي خيرات وٺجي ۽ وڃي وڏي شاعر ۾ پاڻ کي فِٽِ ڪجي.ادب ۾ جڏهن اهڙيون ياريون باشيون، دوستيون ۽ دوست نوازيون جنم وٺنديون آهن تڏهن معياري ادب جي رستا روڪـ ٿي ويندي آهي ۽ عاميانه ادب جنم وٺندو آهي. “ من تُرا حاجي بگويم، تُو مرا قاضي بگو ” وارو دستور عام ٿي ويندو آهي.اها هڪـ اهڙي روايت آهي جنهن ۾ معياري ۽ غير معياري ادبي وٿن جي تميز ختم ٿي ويندي آهي. ٻولي جي موثر واڌ ويجهه ، اوسر کي هڪـ پاسي ڌڪـ لڳندو آهي، ٻئي پاسي فن ۽ فڪر موڪلائي ويندو آهي. اها هڪـ اهڙي ڳالهه آهي جيڪا هر هڏ ڏوکي اديب ۽ شاعر جي ذهن ۾ سواليه نشاني بڻيل آهي.
    شاعري هُونءَ به هڪـ ڊگهي رياض، مسلسل مشق آزمائي، تجربي، مشاهدي، فن ۽ فڪر جو نانءُ آهي مگر هتي سهل پسندي، سکڻ ۽ پرائڻ کان ڪن لاٽار خود پسندي ۽ پذيرائي جو مرض وڌي رهيو آهي. هر اُسرندڙ شاعر پنهنجي سَستي شهرت وٺڻ جي پويان آهي ۽ جلدي ۾ “ صاحب ڪتاب ” ٿيڻ جو جُنون سندس سِرَ تي سوار آهي. هر شئي لاءِ وقت ضروري هوندو آهي. هر ميوو پچڻ ۾ وقت کائيندو آهي ۽ جڏهن اُهو پچي راس ٿيندو آهي تڏهن ئي لذيذ ۽ مزيدار ٿيندو آهي. بقول سعدي شيرازي
    “ انگور نو آورده ترش طعم بُوَد،
    روزي دوسه صبر کن که شيرين گردد ”
    ( انگور نئون نئون کائڻ ۾ کٽو هوندو آهي، ٻه ٽي ڏينهن صبر ڪر ته جيئن شيرين ٿئي ) ان ئي ڳالهه جي تائيد ۾ فارسي جو هڪـ ٻيو شعر آهي ته ؛
    “ سالها بايد که تايک سنگ اصلي ز آفتاب
    لعل گردد در بدخشان يا عقيق اندر يمن.
    عمرها بايد کي تايک کودکي ازدوئي طبع،
    عالمي گردد نکو يا شاعر شيرين سُخن. ”
    ( ان کي سال کپن ته هڪـ پٿر سج جي تَپش ۾ بدخشان ۾ لعل بڻجي يا يمن ۾ عقيق بڻجي اهڙي ريت هڪـ عمر کپي ٿي ته ڪو ڇوڪر پنهنجي طبيعت جي حساب سان عالم بڻجي يا شيرين سُخن شاعر بڻجي )
    هڪـ ڀيري هڪـ نوجوان دوست پنهنجي ڪچي ڦِڪي شاعري جو مسودو کڻي مون وٽ پهتو چوڻ لڳو “ سائين هن تي ڀرپور مهاڳ لکي ڏيو ” مون هن کي عزت سان ويهاريو، خاطر تواضع ڪئي، ايتري ۾ مون هُن جي شاعري تي به هڪـ طائرانه نظر ڦيرائي ورتي. هُن جي شاعري هڪـ خام مواد وانگر لڳي جنهن ۾ نه ڪو وزن بحر هيو نه ئي فڪر !! مون هُن کي چيوته ادا اوهان جي شاعري وزن بحر کان وانجهيل آهي، هيءَ اڃا رياض ۽ پختگي گُهري ٿي. اوهان عروض ۽ ڇند وديا جي پوري ڄاڻ حاصل ڪيو ڪنهن قابل سينئر شاعر وٽ وڃو يا عروض تي لکيل ڪتاب غور سان پڙهو. پاڻ ۾ فن سان گڏ فڪري سگهه پيدا ڪيو. ههڙي ڪچي ڦڪي شاعري تي آئون ڪهڙو مهاڳ لکان جنهن ۾ نه وزن آهي نه بحر ، نه قافي ۽ رديف جو درست استعمال، نه سليق نه سباق !! آخر ته شاعري جون ڪي فني ۽ فڪري ضرورتون به آهن ههڙي ڪچي ڦِڪي شاعري جو ڪتاب ڇپائڻ سان اوهان جو ڪو به قد ڪاٺ نه اُڀرندو.هُو منهنجي مُنهن ۾ چِتائي نهارڻ لڳو ته مون وري به نهايت شفقت ۽ پيار سان هُن کي چيو ته “ آئون اوهان جي دلشڪني ڪرڻ نه ٿو چاهيان. اوهان کي شاعر بڻجڻ جو اشتياق آهي، جا سُٺي ڳالهه آهي. منهنجون به اوهان لاءِ اهي ئي نيڪـ خواهشون آهن ته اوهان هڪـ سُٺا شاعر ٿيو پر شرط آهي ته شاعري جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪيو ۽ مسلسل رياض جاري رکو ” . نوجوان کي اِها ڳالهه نه آئڙي پنهنجو مسودو کڻي روانو ٿي ويو بلڪـ ان ڏينهن کان وٺي دوستن ۾ مون بابت چوندو رهيو ته بشير مغرور آهي پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجهي وغيره وغيره !! افسوس جو اُن نوجوان کي منهنجو سَچُ گِران گُذريو. ڳالهه جي تَههَ تائين وڃڻ ۽ منهنجي ان نيڪـ مشوري کي هِنئين سان هنڊائڻ بجاءِ پنهنجي ضد ۽ انا تي قائم رهيو ۽ قائم آهي. اوهان ٻڌايو ته ان ۾ نقصان ڪنهن جو ٿيو ؟
    اڄ ڪلهه جي ڪن نوجوانن ۾ سهپ ۽ سنجيدگي گهٽ آهي. ڪنهن جو ڪو مشورو ، ڪا صلاح ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. هُو جا به شاعري ڪن ٿا اُها حرفِ آخر سمجهن ٿا ٻيو ته اسان وٽ اهڙن رسالن جي گهڻائي آهي جيڪي ادبي گهٽ ۽ ڪمرشل زياده آهن ۽ غير معياري شاعري شايع ڪن ٿا. ڪنهن نوجوان جو هڪـ اڌ شعر شايع ٿئي ٿو ته ڄڻ کيس شاعر هجڻ جي سَندَ حاصل ٿي وڃي ٿي. ۽ هُو پڙهڻ پِرائڻ جي ويجهو نه ٿو وڃي. مٿي ذڪر ڪيل نوجوان جي ڳالهه تان اچانڪـ هڪـ ڳالهه ياد اچي وئي آهي جيڪا مون هڪـ فارسي ڪتاب “ هزارويک حکايات تاريخي ” جلد 1 ۾ پڙهي، دل چاهي ٿي ته اوهان کي به ٻڌائي ڇڏيان.
    فتح علي شاهه قاچار جيڪو 1797ع کان 1834ع تائين ايران جو بادشاهه رهيو، سو شاعري به ڪندو هو سندس شاعرانه تخلص “ خاقان ” هيو. هڪـ ڀيري شعر لکي پنهنجي دور جي مشهور معروف شاعر صباڪاشاني جيڪو “ ملڪـ الشعرا ” جي خطاب سان نوازيل هو، جي اڳيان پڙهيائين ۽ اُن کان پُڇيائين ته هي شعر ڪيئن آهي ؟ ملڪـ الشعرا ، بادشاهه جو شعر ٻُڌي چوڻ لڳو ته “ اهو شعر مضمون کان خالي، بيڪار ۽ بي اثر آهي ” بادشاهه کي ان ڳالهه تي ڏاڍو غصو آيو ، سو ويچاري ملڪـ الشعرا لاءِ حڪم ڏنائين ته هن کي گهوڙن جي تنبيلي ۾ وٺي وڃو، سندس ڳِچيءَ ۾ رَسو وِجهي هڪـ آهوري جي اڳيان ٻڌي ڇڏيو ۽ ڪجهه گاهه اڳيان رکي ڇڏيوس.
    ڪجهه وقت کان پوءِ وري جڏهن بادشاهه ٻيو شعر ٺاهيو ته حُڪم ڏنائين ته ملڪـ الشعرا کي وٺي اچو. جڏهن هُو ملڪـ الشعرا کي وٺي آيا ته بادشاهه هن کي ويهاري پنهنجو اهو نئون تازو ٺهيل شعر هُن اڳيان پڙهي ۽ راءِ طلب ڪئي. مَلڪـ الشعرا بنا ڪجهه چوڻ جي اُٿي ۽ وڃڻ لڳو. بادشاهه پُڇيس “ ملڪـ الشعرا ڪيڏانهن ٿو وڃين ” چوڻ لڳو حُضور! گهوڙن جي تنبيلي ڏانهن !! بادشاهه کِلي ڏنو ۽ وري ڪڏهن پنهنجو شعر مَلڪـ الشعرا جي اڳيان نه پڙهيائين.
    تنقيد سهڻ، نه سهڻ جا ڪيئي تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهن. مون کي نوجوانن لاءِ عزت آهي آئون انهن لاءِ نرم گوشو.( Soft (soft corner )
    رکندو آهيان. انهن جا احساس ۽ جذبات ڏاڍا نازڪـ ۽ ٽاڪئان ٿيندا آهن. آئون انهن جي دل ٽوڙڻ نه چاهيندو آهيان، ڇو ته آئون انهن نوجوانن کي ئي پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو آئنده جو وارث سمجهندو آهيان. انهن مان ئي اڳتي هلي سُٺا اديب ۽ شاعر ٿيڻا آهن. انهن جون ننڍيون هلڪيون ادبي غلطيون نظر انداز به ڪرڻ کپن ۽ ڪجهه ادبي رعايتون به کين ڏيڻ گهرجن. اُنهن تي سخت ادبي لوازما ۽ قاعدا به اٿندي ئي نافذ نه ڪجن جو هو شاعريءَ تان ئي دِل کڻي وڃن. شاعري پوري عمر جو رياض آهي ۽ اهو علم آهي جو سڄي ڄمار مانهو سِکندو رهي ٿو ۽ پنهنجي غلطين جي وقت سان گڏوگڏ اصلاح به ڪندو رهي ٿو. هڪـ مولوي صاحب هڪـ ڀريل مجلس ۾ واعظ ڪري دين جا سخت احڪامات ٻڌائيندو رهيو، قبر منڪر ، نڪير، حشر، نشر جا خوف طاري ڪندڙ عذاب بيان ڪندو رهيو ته اُن ڀريءَ مجلس مان هڪـ همراهه اٿي بيهي چيو ته “ سائين قبلا اوهان جي مسالين ۽ اسان جي افعالين ته بهشت ۾ پو رڳو ڪنگ ئي رڙندا ” يعني سولي زبان ۾ ته دين جا گهرا مسئلا ايڏا وڏا ۽ دشوار آهن ۽ اسان جا افعال به اهي ساڳيا آهن ته پوءِ بهشت خالي پيو هوندو، اسان مان ڪير اتي وڃي ڪو نه سگهندو. سو ادب ۾ ايتري سخت گير پاليسي کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. غلطيون لاشعوري به ٿينديون آهن جي قابل تلافي هونديون آهن، ڪي شعوري طور ڪيون وينديون آهن جن جي تلافي ڪرڻ ڏکي ٿي ويندي آهي. زندگي ۽ زمانو بهترين استاد آهي بقول محمد رمضان ثاقب
    “ دل ! درس آ حياتي، استاد ٿيو زمانو ”
    “ تعليم ڪاڻ قدرت، عمدو ڪتاب آهي ”
    انگريزي ۾ چوڻي آهي
    (Proper study of mankind is man)جنهن جو مطلب آهي انسان جو بهترين مطالعو انسان ئي آهي ان ڪري انسانن جي درميان رهي شاعر کي انسانن ۽ انهن سان لاڳاپيل هر شي جو مطالعو ڪرڻو آهي ۽ پنهنجو مشاهدو مضبوط ڪرڻو آهي. هر ماڻهو کي قابل ۽ ماهر ٿيڻ ۾ به وقت لڳي ٿو ان ڪري وقت جو انتظار ڪرڻ ضروري آهي ۽ هر شي جو بنياد به محڪم ۽ مضبوط رکڻ کپي ۽ جيئن اها پائدار ۽ شاندار رهي. مولانا رومي به چوي ٿو
    خشت اول تا نهد معمار کج،
    تاثريا مي رود ديوار کج.
    ( جيڪڏهن معمار ( اوستو ) پهرين ئي سِرَ ٽيڙِي رکي ٿو ته اها ديوار هُو چاهي ثريا ستاري تائين ٺاهي ٽيڙي رهندي )
    جتي اسان وٽ اهي نوجوان جيڪي سِکڻ پِرائڻ بنا ئي شاعري ڪن پيا ۽ جو لکن پيا اُن کي پنهنجي پر ۾ حرفِ آخر سمجهن پيا، اُتي ڪي اهڙا نوجوان به آهن جيڪي شاعري کي شاعري سمجهي ڪن ٿا، قابل استادن ۽ پنهنجي ماهر همعصرن مان هم وقت پِرائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن، مطالعو ڪن ٿا، پنهنجو مشاهدو به جاري رکن ٿا. شاعري جي سمورين صنفن ان جي هيئتن ۽ بنيادي قاعدن ۽ قانونن جي پڻ ڄاڻ رکن ٿا ۽ وٽن سٺي ڏات ۽ اندر جي اظهار جو ڏانءُ آهي اهڙا ئي نوجوان اسان جو حقيقي ادبي سرمايو آهن، جيڪي اڳتي هلي اسان جي شعر و ادب جي مقداري نوعيت کي معياري نوعيت ۾ تبديل ڪندا ۽ اسان جي شعر و ادب ۾ پنهنجي پوري سُونهن ۽ سوڀيا سان پنهنجو سفر جاري رکي سگهاري سوچ جا ساکي بڻبا. تازو ستن نوخيز شاعرن جي گڏيل شاعري جو مجموعو مهاڳ لاءِ کڻي فياض منصور منهنجي غريب خاني تي پهتو، جنهن جي مهاڳ لِکڻ جي مون هامي به ڀري. هي مجموعو اهڙن شاعرن تي مشتمل آهي جن ۾ فن ۽ فڪر جو امتراج موجود آهي بلڪـ ڪِٿي ڪِٿي انهن نوجوانن خيال جي گوناگونيت سان گڏ بهترين تشبيهون محاورا ۽ ترڪيبون ڪم آنديون آهن ۽ ٻولي جو ڀرم پڻ رکيو آهي. سندن محنت ۽ رياض مان لڳي ٿو ته اهڙا شاعر ئي اسان جي ايندڙ دور جا ادب جي اُفق تي جڳمڳائيندڙ ستارا ٿي اُڀري ايندا ۽ اسان جي وقت ۽ حالتن کي پُرجهي پروڙي سرجڻهاري وسيلي پنهنجي دور جي تاريخ مرتب ڪندا. هنن جي ڪلام ۾ جتي دل کي ڇُهندڙ رومانيت آهي، اُتي خيال جي ندرت ۽ ويرائٽي به موجود آهي. جڏهن انهن ۾ گهرو وڃي سوچجي ٿو تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته انهن جي نو عمري ۾ هن جي ٻولن ۾ ڪافي پُختگي ۽ معنيٰ خيزي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون ۽ عصري تقاضائون هر پاسي کان لياڪا پائيندي نظر اچن ٿيون ۽ اهڙن جي حوصلا افزائي اسان تي فرض ٿئي ٿي.
    اڄ ڪلهه سنڌ ۾ گڏيل شاعري جا مجموعا ڇپائڻ جو جيڪو رجحان پکڙيو آهي انهن اسان جي نوجوان شاعرن جي تخليقي اُتساهه کي ڀڙڪائي وڌو آهي ۽ انهن جي لِڪل صلاحيتن کي عام ڪرڻ ۾ قابل قدر هَٿي ڏني آهي. جتي پنهنجا جُداگانه مجموعا ڇپرائڻ جو ساهس ناهي اُتي اهي نوجوان پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي گڏيل مجموعا ڇپرائي پنهنجي دور جي ادبي تاريخ مرتب ڪري رهيا آهن. سنڌ ته وسيع آهي پر جيڪڏهن فقط دادو ضلع تي نظر وجهبي ته هيئنر تائين ضلع دادو جي مختلف ڳوٺن شهرن مان ڏهاڪو کن اهڙا گڏيل شعري مجموعا ڇپجي چُڪا آهن.
    سيتاروڊ مان هن کان اڳ گڏيل شاعري جو مجموعو “ ڏهر منجهه ڏيئا ” حصو پهريون وسيم آڪاش سيتائي ڇپائي پڌرو ڪيو جنهن ۾ سترهن شاعرن جو منفرد ڪلام آندل آهي اڃا اُن جو حصو ٻيو تيارين جي مرحلن ۾ آهي ته اُتان جي نوجوان شاعر فياض منصور گڏيل شاعري جو مجموعو “ چوڏس مينگهه ملهار ” منظرِ عام تي آندو آهي. هِن مجموعي ۾ جيڪي ست شاعر شامل ڪيا ويا آهن سي سڀ جو سڀ سيبتا ۽ سُريلا شاعر آهن ۽ سندن سرجيل سُرهي ڏات مان فياض منصور چُونڊ ڪري نموني طور ڪلام ڏئي هڪـ خوبصورت گُلدستي جي روپ ۾ سينگاري اسان سڀن اڳيان پيش ڪيو آهي. سندن ڪلام جي گَهري اڀياس کان پوءِ آئون هِتي انهن جو فردا فردا ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.
    هن مجموعي جو پهريون شاعر عزيز سولنگي آهي. عزيز سولنگي فن ۽ فڪر جي حوالي سان پُختو ۽ مضبوط بيٺل نظر اچي ٿو. هن جو چُونڊ ڪلام هن مجموعي جي زينت بڻيل آهي سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو عڪس پيش ڪري ٿو. هن جي غزل جو انداز نئون نڪور آهي ۽ منجهس داخليت جو عنصر نمايان آهي.
    دل جي اُجري ديس تي آخر جهان،
    ڇو ٿو اُڇلائي پيو آلودگي.

    واءَ جا جهونڪا جهليان ٿو.
    جهول ۾ ٽانڊا جهليان ٿو.
    وٽس تشبيهون به نيون آهن جهڙوڪـ خواب جا پنڇي ۽ اکين جا بيد مشڪـ
    لهن ٿا خواب ٿي پنڇي،
    اکين جي بيد مشڪن تي.
    سندس موضوع اسان جي عمري تقاضائن مطابق آهن جن ۾ اسان جي سماجي ۽ اجتمائي مسئلن جي اُپٽار آهي. سندس واين ۾ وقتائتن موضوعن سان گڏ نئون اسلوب آهي.
    دل کي گدري جيان،
    وقت ڪيون ڦاڪون،
    ڪنهن تي ڏوهه ڏيان.

    پٿر جي گهر ۾،
    سپنن جو شيشو،
    نيٺ ڀڄي پوندو.
    هي وائي ڇند جي عيوض عروض تي بيٺل آهي جو سندس الڳ شعري تجربو لڳي ٿو “ فاعلاتن فاعلن ” جي وزن تي آهي.
    ٿَرَ جيان منهنجو بدن،
    بارشون طلبي پيو،
    تون ڪڪر ٿي اچ پرين.
    عزيز وٽ موضوعن جي گوناگوني ۽ گلوڪاري قابلِ ديد آهي جيڪڏهن هي نوجوان ان انداز ۽ رفتار سان شعري فن جي ڀرپور مطالعي ۽ پنهنجي سماج جي ڳُوڙهي مُشاهدي سان تخليقي عمل کي جاري ساري رکيو ته هو پاڻ کي ادبي حلقن ۾ جلد مڃرائي سگهندو ڇو ته وٽس هيئنر کان ئي قابلِ رشڪـ اظهار جي جرئت موجود آهي، رومانس ۽ سماجي عڪاسي جو به وٽس ڏانءُ موجود آهي جيڪو دلنشين به آهي ته دلفريب به !!
    هن مجموعي جو مرتب شاعر فياض منصور جتي پنهنجي دوستن جو نفاست ۽ نزاڪت سان ڀريل ڪلام هن مجموعي جي زينت بڻايو آهي اُتي پاڻ به پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت خيال کڻي شامل ٿيو آهي. فياض منصور ۾ جيڪا تخليقي عمل ۾ اڳڀرائي ڏسجي ٿي سا ڏاڍي حيرت انگيز به آهي ڪافي اُميد افزا به !! ۽ ان مان ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ۽ چوڻ ۾ ڪا به هچڪچاهٽ نه ٿي رهي ته هي اڳتي هلي غزل جو سٺو شاعر ثابت ٿيندو _ هن عمر جي شاعرن ۾ فني ڪچايون هونديون آهن ۽ عاميانه نوعيت جا ڪچا ڦڪا شعر چوندا آهن، مگر فياض منصور جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته هن وٽ هاڻي کان ئي بي پناهه تخليقي ۽ فڪري سگهه موجود آهي. هن جا موضوع رومانيت سان گڏ هن ڌرتي ۽ سماج سان لاڳاپو رکن ٿا، جن ۾ مِٽيءَ جي مهڪـ ۽ ثقافتي هُڳاءُ آهي ۽ پنهنجي عهد جو احساساتي پهلو آهي. سندس خيال جي اثرائتي جهلڪـ هن جي غزلن ۾ وڌيڪـ عيان آهي.
    ٿو اُجهائين ديپ جنهن جي آس جا،
    سو ته سڀ ڪجهه تنهنجي خاطر پيو ڪري.

    درد جاڳي پون ننڊ مان ٿا تڏهن،
    سار جا ساز جڏهين ڇِڙي ٿا پون.
    درد جو ننڊ مان جاڳڻ، سار جا ساز ڇڙڻ انوکيون شعري ترڪيبون آهن. فياض منصور وٽ ٻولي ۽ لفظن سان ورتاءُ گهڻو سڀاويڪـ ۽ سلوڻو آهي. سندس غزل کي پوري فني بندش ۾ رکڻ جو ڏانءُ به وٽس موجود آهي.
    تنهنجا ٿورا پري نه ويو آهين،
    درد ! تون همسفر رهيو آهين.
    نينهن ! ننگو هُيس مان توکان اڳ،
    تو ڍڪيو، منهنجو تون وڳو آهين.

    نه اجرڪـ ڪُلهن تي اڃا آس پاتو،
    نه ئي ميندي سپنن هٿن تي آ لاتي.
    هلي آءُ ساهن جا سرواڻ هاڻي،
    ڊگهي درد جي ٿي وئي آ حياتي.
    انجم ناٿن شاهي وٽ خوبصورت ۽ موثر لهجو آهي. وٽس اظهار جي جرئت ۽ انوکو ابلاغ موجود آهي. سندس شعر ۾ جتي رواني به آهي اُتي سلاست به آهي هُن جي شعري ڪئنواس تي قافين ۽ رديفن جو به نرالو رچاء ۽ رنگ نظر اچي ٿو. غزل جي ٻولي دل ۾ پيوسته ٿيندڙ ۽ بهترين رديفن جهڙوڪـ “ آهي سا آهي ” “ انجم کي ” ۽ “ ٽاڪي پئي ” جي چونڊ هن جي شاعرانه مهارت جي ساک ڀري ٿي.
    اڃا تو ۾ انا آهي سا آهي،
    اسان جي دل ڳڀا آهي سا آهي.

    هر گهڙي تنهنجي سار انجم کي،
    اڻ ڳڻيا انتظار انجم کي.

    لائي ڇاتي سان بٽڻ ٽاڪي پئي،
    پاڻ کي مون ساڻ ڄڻ ٽاڪي پئي.
    فڪري حوالي سان سندس سماج تي به عقابي نظر کُتل آهي جيڪا هن جي حسناڪي جي ضامن آهي، ماحول ۽ معاشري جي مسئلن ڏانهن پاڻ کي متوجهه رکڻ به هو پنهنجي شاعرانه ذميواري سمجهي ٿو.
    ماس يا آڱر جو وڍجڻ ٺيڪـ آ،
    دل جو پر وڍجڻ ڏکيو، ڏاڍو ڏکيو.

    جي منصوري سڏ ٿيو ڪو،
    سوري ڏي مان سنبري ويندس.
    آزاديءَ جو نعرو آهيان،
    ڀٿر تي ڀي اُڪري ويندس.
    پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن مُتوجهه ڪندڙ موضوع ، هن جي ادبي مستقبل کي تابناڪـ ۽ روشن بڻائڻ ۾ سون تي سهاڳي وارو ڪم ڏيندا. ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته جمالياتي تخيل ۽ سماجي مسائل کي هو ڪهڙي طرح امتزاجي رنگ ۾ بهترين لفظن ۽ لهجن سان سموهي سگهي ٿو. اهو جذبو ۽ محرڪـ کيس ادبي مڃتا ڏيارڻ ۾ مرڪزي حيثيت جو حامل رهندو ۽ اڳتي هلي موضوعن جي حوالي سان کيس هم گير شاعر بڻجڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو
    حافظ “عبد ” چنه جيڪو هن پوري مجموعي جي شاعرن ۾ ڪم عمر نظر اچي ٿو، جيتوڻيڪـ هن مجموعي ۾ شامل ٻن شاعرن جي جنم تاريخ نه ڄاڻائي وئي آهي تاهم اندازو آهي ته هو سڀني ۾ ڪم عم آهي پر پنهنجي فڪري ڄمار ۾ پنهنجي طبعي ڄمار کان مٿاهون نظر اچي ٿو جيئن فارسي ۾ چوڻي آهي “ بزرگي به عقل است نه به سال ” ( وڏائي عقل سان ليکي ويندي آهي نه عمر سان ) حافظ عبد چنه جي خصوصا غزل جي صنف ۾ گهرائي به آهي ته گيرائي به . فني حوالي سان به لفظن جي عروضي صوتيات، حرڪات ۽ سڪنات جو هر ممڪن خيال ڪيو اٿائين. وزن بحر قافيه ۽ رديف جي بندش ممڪن حد تائين برقرار رکي اٿائين. موضوعي حوالي سان به سندس غزل ۽ تغزل جو رنگ ڏاڍو واضع، موثر، دلڪش ۽ دلنشين نظر اچي ٿو. جنهن ۾ حيرت انگيز گلڪاريون ۽ منظر نگاريون آهن.
    تنهنجي يادن جي جنڊ ۾ جانان !
    جيءُ منهنجو ڏري ٿي چانڊوڪي.

    هُوءَ نه آئي سَرء سياري ۾،
    ڪجهه نه سوچيائين منهنجي باري ۾.

    ماس ڪوري رهي آ تنهائي،
    جيءُ جهوري رهي آ تنهائي.

    آئون مِٽيءَ جي مُورتي آهيان،
    مون کي ڀوري رهي آ تنهائي.
    سندس شعرن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جا موثر زاويا سمايل آهن. هو غزل کي جديد رنگ ڏيڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
    آهي اوهان وسايو، هُت شهر روشنين جو،
    هن ڳوٺ ۾ ڳهيلا، هاءِ اسان اڪيلا.
    هن عشق جي سفر ۾، ۽ نينهن جي نگر ۾،
    آهيون نوان نويلا، هاءِ اسان اڪيلا.
    ترڪيبن ، تشبيهن جو وڻندڙ استعمال، پنهنجي دور جي مختلف سماجي رخن جي عڪاسي هن کي سنڌ جي بهترين غزل گُو شاعرن جي صِف ۾ شامل ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندي. شعري رياض ۽ مشق آزمائي، فن ۽ فڪر سان قريبي وابستگي هن کي مستقبل جي سُٺي شاعر هُئڻ جي ضامن ۽ امين آهي.
    وفا گل محمد جمالي جو غزل روايت ۽ جدت جو خوبصورت سنگم آهي. هن جي غزل، وائي ۽ نظم تي يڪسان دسترس آهي. موضوعاتي حوالي سان هو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان بي انتها محبت ڪندڙ ماڻهو لڳي ٿو هن جي دلي جذبات ۽ ڪيفيات جو رنگ غزل ۾ به چٽو پٽو آهي ته ٻين شعري صنفن ۾ به !!
    سُونهن جو سامان ٿي آ عيد تي،
    او پرين ! مهمان ٿي آ عيد تي.
    تو بنا گهر ۽ گهٽيون ويران سڀ،
    مون مٿان احسان ٿي آ عيد تي.
    وائي ۾ به سندس رومانٽڪـ پهلو نمايان نظر اچي ٿو. سندس وائي ڇند بجاءِ عروضي وزن “ مفعول فاعلاتن ” تي رچيل آهي.
    محبوب جي گهٽيءَ ۾،
    ۽ سنڌ جي مٽيءَ ۾.
    آ موهه مٽي پنهنجي. !!
    هن پنهنجا دلي جذبا، دلي ڪيفيتون ۽ پرخلوص محبتون ۽ قربتون شعرن ذريعي پنهنجي ڌرتي واسين کي ارپيون آهن وٽس ڀرپور سماجي ۽ سياسي شعور موجود آهي ان ڪري هن پنهنجي محبوب ۽ مطلوب شخصيت ۾ به سنڌ ئي ڳولي لڌي آ.
    سنڌ تنهنجي اکين جي نهارن ۾ آ،
    نيڻ کڻ مان ڏسان ديس پنهنجو مٺي !
    ديس جنهن ۾ سوين جنتون ٿيون وسن،
    بهشت جو ڀي آهي تنهنجي نيڻن ۾ آ.
    ڪو چٽو چنڊ تنهنجي برابر نه آ
    نيچ تارا ڪتيون تنهنجي آڏو لڳن
    سارو عالم چُني جي ستارن ۾ آ.
    سنڌ تنهنجي اکين جي نهارن ۾ آ.
    هي چوسٽو به ان جي سنڌ سان بي لوث محبت جي عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿو سنڌ جا دُکي به آهي سوڳ ۾ ورتل به آهي جا مذهبي جنونيت ۽ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي.
    امن اڄ آهي سوالي ، سنڌ سموري سوڳ ۾،
    ڏينهن ناهي ڪو به خالي ، سنڌ سموري سوڳ ۾.
    روز دهشت ، بم ڌماڪا، قتل و غارت آ هتي،
    ڪو ولي ناهي ڪو والي ، سنڌ سموري سوڳ ۾.
    سندس نظم “ عشق مظلوم آ عشق ظالم به آ ” سڄو سارو تصوف جي رنگ ۽ انداز ۾ چيل آهي. هُن ان نظم ۾ عشق کي اڻ ڳڻيون معنائون ڏنيون آهن جي پُرجهڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهن.
    ذاڪر سيتائي سيتا جي شاعراڻي مِٽي جي پيداوار آهي. سندس شعري تربيت ۽ سيرابي به اهڙي ئي خِطي ۾ ٿي آهي جيڪو سڄو سارو علم، ادب، ثقافت ۽ سنڌيت جو محور آهي.هي دوست به حسن و جماليات سان گڏوگڌ سماجي شعور رکندڙ محبتي ۽ ملنسار شخصيت جو مالڪـ آهي. علم ۽ ادب سان گَهري وابستگي منجهس انيڪـ گُڻ ۽ سُڀاء پيدا ڪيا آهن. شعري حوالي سان به هو پخته ڪلام شاعرن جي صف ۾ بيٺل آهي ۽ پنهنجي وس ۽ وت، علم ۽ آگاهي آهر شعر جي فني لوازمن ۽ ضابطن جي پابندي ڪندڙ آهي. خاص طرح غزل هن جي پسنديده صنف آهي جنهن ۾ هو پنهنجو مافي الضمير چٽو پٽو بيان ڪري ٿو.
    مور ماڻهو مرن پيا ٿر ۾،
    آه و زاري وڌي وئي آهي.
    ڪو نه ٿيو امن حال ساڳيا هن،
    مارو ماري وڌي وئي آهي.

    جڏهن سار تنهنجي ٿي سوڙهو ڪري،
    تڏهن درد ٿو ڀاڪرن ۾ ڀري.
    سدا ساهه سُرهو تنهنجي سار سان،
    تنهنجي ياد جو دل ۾ ڏيئو ٻري.
    سندس شاعري ۾ ڪم آندل ڪنايه ۽ استعارا ، ترڪيبون ۽ تلميحون نج پنهنجي ٻوليءَ جون آهن، جن مان پنهنجي مِٽي جي مهڪـ اُڀري ۽ پڙهندڙ جو دماغ معطر ڪري ٿي.
    اڄ به ذاڪر جي صحرا سندي من مٿان،
    تون ئي برسات وانگر وسين پيو اڃا.

    جنهن گهڙي تنهنجي بدن کي مون چُميو،
    ائين لڳو، ڄڻ جنتن کي مون چميو.
    لڳاتار رياض ۽ مشق آزمائي هن جي بهترين شاعر هئڻ جي ضمانتدار ثابت ٿيندي ڇو ته وٽس اهو شعري لهجو آهي جو روح کي تازگي ۽ طراوت بخشيندڙ آهي ۽ پنهنجي اندر جي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جو ماهرانه ڏانءُ رکي ٿو.
    سرويچ ناٿن شاهي جي شاعري جي اڀياس کان پوءِ ان چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿو رهي ته هو سماجي شعور رکندڙ ۽ ڀلوڙ لهجي جو شاعر آهي. وٽس ڀرپور تخليقي صلاحيتون موجود آهن. هو پنهنجي منفرد لهجي جو مالڪـ آهي. ننڍڙن وزنن ۾ وڏي خيال کي سموهڻ جو وٽس آرٽسٽڪـ ڏانءُ موجود آهي.
    تنهنجي ئي پيار ۾ هان،
    هر پل خمار ۾ هان.
    مشڪل ٿِئي رِهائي،
    تنهنجي نهار ۾ هان.
    هن وٽ به پنهنجون مخصوص تشبيهون ۽ ترڪيبون آهن. اسلوب جي نفاست ۽ اظهار جي نزاڪت سندس شاعري ۾ موجود آهي. جدت ۽ جديت کان هي نوجوان هر زاويه کان آشنا نظر اچي ٿو. سندس نظم ڪارو ڪاري جي رسم جا اسان جي سماج جي چهري تي بدنما داغ مثل آهي، تي رچيل آهي جيڪو پرتاثير ۽ وقت آميز آهي ان جون هي چند ابتدائي سِٽون پڙهڻ سان ئي هڪـ دردمند دل گهڻو ڪجهه محسوس ڪري ٿي.
    تون ڇالئه مون کي مارين ٿو،
    ڇا ڄاڻين ٿو مان ڪاري هان.
    مان توتي ور ور واري هان،
    ۽ تنهنجي ڀيڻ به پياري هان.
    هي ڄاڻين پو به وسارين ٿو،
    مان تنهنجي جيجل ڄائي هان،
    ڇا ان لاءِ جڳ ۾ آئي هان،
    جو اهڙو مون تي وار ڪرين،
    ۽ سر سِسيءَ کان ڌار ڪرين.
    سرويچ کي اسان جي سمورن معاشرتي مسئلن جي آگاهي آهي. هُو سماج جي سمورين بي اعتدالين ۽ سفاڪين جاگيرداڻي نظام جي ڪُڌين رسمن ۽ ريتن ۽ عام انسان تي جيڪو وهي واپري ٿو ان کان باخبر آهي. سرويچ کي پنهنجي فني رياضت ۽ مسلسل محنت سان سنڌ جي سگهاري ۽ سيبتي شاعر بڻجڻ ۾ دير نه لڳندي ڇو ته هو اهڙي ماڳ ماڻن ۾ تڪڙيون وکون کڻي رهيو آهي.
    مجموعي طرح فياض منصور جي هن ترتيب ڏنل شعري گلدستي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سندس هي ننڍڙي پروقار ڪاوش ادبي حلقن ۾ بارآور ۽ ڪارآمد ثابت ٿيندي.اُن ۾ سهڙيل شاعري پنهنجي عهد جي عڪاسي ڪندڙ آهي ۽ منجهس سنڌي سرجڻهارن جي دل جي ڀاون ، سڀاون، احساسن ۽ جذبن جي مُرصع ڪاري ڪيل آهي جا ايندڙ دور ۾ به پنهنجو دوام حاصل ڪندي. ان لاءِ آئون هن ڪتاب جي سهڙيندڙ فياض منصور کي دادِ تحسين ڏيان ٿو. اميد ته هُو آئنده به پنهنجون توانائيون سنڌي ادب جي فروغ لاءِ وقف ڪندو رهندو.



    بشير سيتائي
    شاهه آباد محلو دادو سنڌ


    عزيز سولنگي

    تعارف

    نالو ؛ عزيز الله
    والد جو نالو ؛ حاجي محمد عيدن سولنگي
    ادبي نالو ؛ عزيز سولنگي
    جنم جو هنڌ ؛ سنڌ ڪالوني مورو
    جنم جي تاريخ ؛ 02 مارچ 1985ع
    ادبي وابستگي ؛ ممبر سنڌي ادبي سنگت ( مورو )
    ڇپيل ڪتاب ؛ ڪو به نه
    اڻ ڇپيل ڪتاب ؛ 1 مٽيءَ جا غزل 2 اڌوريون ڪوتائون
    تعليم ؛ ايم اي ( سوشيالاجي )
    ڌنڌو ؛ ٽيلر ماسٽر
    ايڊريس ؛ الک ٽيلرز مَلڪـ بازار مورو
    0301_ 2629548
    0314 5818617


    غزل

    وارجــي وڃڻ تي دل چاهيو،
    مارجــي وڃڻ تــي دل چاهيو

    مان وفا جو واعدو آهيان،
    پارجي وڃڻ تي دل چاهيو

    شرط شوق مان رکي هن سان،
    هارجي وڃڻ تي دل چاهيو

    دردناڪـ وقت جو پل هان،
    گهارجي وڃڻ تي دل چاهيو

    سوجهرو جهان کي ڏيندي،
    ٻارجي وڃڻ تي دل چاهيو

    ****************

    قرب مون سان ڪرڻ ڇڏي ويندي،
    دل جي ڦرڻي ڦرڻ ڇڏي ويندي.

    هُوءَ بيٺي کڻي آ کانڀاڻي،
    زندگاني چُڳڻ ڇڏي ويندي.

    آس منهنجي تڏهن ٿي روئي پئي،
    ڇو ته ٻيهر رُئڻ ڇڏي ويندي.

    هٿ سان جي پٽي ڇڏيندي پَرَ،
    دل جي جهرڪي اُڏڻ ڇڏي ويندي.

    دل جا آٽا نه جي ڪندي پورا،
    ڪيئن چوان دل ڀنڻ ڇڏي ويندي.

    قرب جو مينهن جي وسائيندي،
    آڳ تن جي ٻرڻ ڇڏي ويندي.

    ****************

    بي خودي ديوانگي آوارگي،
    روح سان لايو وتي ٿي زندگي.

    چاهه جي بُک ٿي چٻاڙي چنڊ کي،
    ۽ ستارن کي پيئي ٿي تشنگي.

    سوچ جا سڀ سمنڊ آهن سوچ ۾،
    رب ڪري انسان جي پيو بندگي.

    گلستان جا گُل اُنهيءَ کي ڪيئن وڻن،
    جنهن پسي آ عشق ! تنهنجي تازگي
    .
    شعر شهرت جا چُمن رُخسار ڪيئن،
    وقت جي لهجي ۾ آ بيدادگي.

    دل جي اُجري ديس تي آخر جهان,
    ڇو ٿو اُڇلائي پيو آلودگي.

    ****************


    رات عذابن واري آهي،
    دردن ڪئي بم باري آهي.

    تنهنجي يادن جي پاڻيءَ سان،
    پنهنجي دل آگهاري آهي.

    منهنجا لڙڪـ نه رنگ ڇڏيندا،
    مُلهه مُڪا مختياري آهي.

    وقت کان اڳ ئي ڦاٽي ويندو،
    جنهن ڪپڙي ۾ گهاري آهي.

    هڪڙي اک آسودي جڳ جي،
    ٻي اکڙي ويچاري آهي.

    ڪوڙ نه ڪجهه چَورائي سگهندو،
    سچ جي چوڪيداري آهي.

    دل جي کُڏ مان چين اُڏائي،
    ڳڻتي جيون ڌاري آهي.

    تون مان گڏجي ديپ جلايون،
    اچ اچ رات ڏياري آهي.


    سپنو سپنو ڀُنگ ڀريندو،
    اک اک ۾ پاٿاري آهي.

    چنڊ وفا جو آيو اُڀري،
    چانڊوڪي چوڌاري آهي.

    ****************

    بارشون وسي رهيون آهن،
    بي وسيون پُسي رهيون آهن.

    ڇانئجي وڃي ٿي اُونداهي،
    ۽ بتيون وسي رهيون آهن.

    ڇو الائي توبِچي نظرون،
    وار سڀ گسي رهيون آهن.

    مارجن ٿا چنڊ روزانو،
    ۽ ڪتيون پُسي رهيون آهن.

    وقت جي سليٽ تي پينون،
    ڪيتريون گَسي رهيون آهن.

    واڌ درد کائيندا رهيا،
    ۽ خوشيون سُسي رهيون آهن.

    پيار جي پُلاءَ مان اکڙيون،
    اڄ ڀري بسي رهيون آهن.

    ****************

    واءَ جا جهونڪا جهليان ٿو،
    جهول ۾ ٽانڊا جهليان ٿو.

    ٽهڪـ ٿڌڙا سڀ ورهائي،
    لڙڪـ مان ڪوسا جهليان ٿو.

    تون سچا موتي کڻي وڃ،
    مان سِڪا کوٽا جهليان ٿو.

    پين جي بندوق تاڻي،
    ڏاڍ جا ڏاگها جهليان ٿو.

    سُکَ هٿن مان ويا ڇڏائي،
    سُور سڀ سوگها جهليان ٿو.

    آهيان مُورک عزيز،
    سج اڳيان شيشا جهليان ٿو.


    ****************

    قرب جي ڪائنات کان پاسي،
    روح آهي نجات کان پاسي.

    دل کان تخليق ٿي آ اونداهي،
    چنڊ آهي جو رات کان پاسي.

    پيار بخشي آ زندگي اهڙي،
    درد آ دل جي ذات کان پاسي.

    شعر نابين ٿي پيا آهن،
    ڏانءَ جوڙيا جو ڏات کان پاسي
    .
    سو سُڪل پن جيان ڇڻي ويندو،
    جيڪو آهي ثبات کان پاسي.

    سُڌ توکي نه منهنجي سورن جي،
    تون رهينءَ بات بات کان پاسي.

    انت ٿيئڻو آ وقت تي سڀ جو،
    ڪو به رهندو نه مات کان پاسي.

    تنهنجي ئي ورد آ رکي منهنجي،
    زندگي مشڪلات کان پاسي.
    ****************

    تون ٻُرڪين لوڻ زخمن تي،
    تڏهن ڀي منهنجي نيڻن تي.

    جفا تنهنجيءَ جا سڀ پٿر،
    قبوليان دل جي شيشن تي.

    وفا جي آب سان ڌوئين،
    وڇوڙا داغ ڪپڙن تي.

    هجر جو وقت ڪاٽيان ٿو،
    نچائي نانگ رستن تي.

    ٻرن ٿا تو بنا ٻاڙا،
    ستارا من جي ماڳن تي.

    پِيا بن منظرن کي ڏِس،
    هجن ٿا داغ چهرن تي.

    لهن ٿا خواب ٿي پنڇي،
    اکين جي بيد مُشڪن تي.

    ****************


    وائي

    دل کي گدري جيان،
    وقت ڪيون ڦاڪون !
    ڪنهن تي ڏوهه ڏيان.

    ڪنهن وٽ ڪاتي آ،
    ڪنهن وٽ آ چاڪون !
    ڪنهن تي ڏوهه ڏيان.

    منهنجي ڀاڳن جون،
    اُجڙيون اوطاقون.
    ڪنهن تي ڏوهه ڏيان.

    اڄ به دلا دُکَ جا،
    ڍوئن ٿيون ڍاڪون.
    ڪنهن تي ڏوهه ڏيان.
    هڪڙي آدم جون،
    سهسين پوشاڪون.
    ڪنهن تي ڏوهه ڏيان.
    ****************

    پٿر جي گهر ۾،
    سپنن جو شيشو،
    نيٺ ڀڄي پوندو.

    اکڙين آ جوڙيو،
    نازڪـ ڪو سپنو.
    نيٺ ڀڄي پوندو.

    سوچي ٿو شوڪيس،
    ڪاشيءَ جو تحفو.
    نيٺ ڀڄي پوندو.

    ڳڻتيون ٿيون گهوٽن،
    جيون جو ڪُونڊو.
    نيٺ ڀڄي پوندو.

    آڇ نه عرياني،
    نيڻن جو روزو.
    نيٺ ڀڄي پوندو.

    ****************


    گلڙا گهائي ٿو،
    وحشي چيلاٽو،
    خوشبو روئي ٿي.

    پنڇڻ آهه ڏنو،
    پن پن کي ساٽو.
    خوشبو روئي ٿي.

    مُلهه نه ماڻيندو،
    ٻارو پاڇاٽو.
    خوشبو روئي ٿي.

    ڪنڌ لُڻي ٿو پيو،
    لالچ جو ڏاٽو.
    خوشبو روئي ٿي.

    نيٺ ويو وڍجي،
    گلشن ڪو گهاٽو.
    خوشبو روئي ٿي.
    ****************


    ٿر جيان منهنجو بدن،
    بارشون طلبي پيو.
    تون ڪڪر ٿي اچ پرين.

    چاهه منهنجو باهه جيان،
    آتشون ڀڙڪي پيو.
    تون ڪڪر ٿي اچ پرين.

    سار جي تندور ۾،
    روح ٿو پڄري پيو.
    تون ڪڪر ٿي اچ پرين.

    جنوريءَ جي جوءِ مان،
    جون ٿو گذري پيو.
    تون ڪڪر ٿي اچ پرين.
    ****************


    ڍاٽي ڍوءِ نه ڏُکَ
    ڳوڙها اَٿئي ڳورا.
    ڪاري منجهند ڪاهي،
    آئي آهي لُکَ.
    ڍاٽي ڍوءِ نه ڏُکَ.
    ڳوڙها اَٿئي ڳورا.
    مور نه ڍوئي سگهندين،
    اوسيئڙي جي بُکَ.
    ڍاٽي ڍوءِ نه ڏُکَ.
    ڳوڙها اٿئي ڳورا.
    ٺوڪيل جيءَ جي کٽ مان،
    نڪري ويندئي چُکَ.
    ڍاٽي ڍوءِ نه ڏُکَ.
    ڳوڙها اَٿئي ڳورا.
    ميرا هوندا سجدا،
    ميري ناهي نُکَ.
    ڍاٽي ڍوءِ نه ڏُکَ.
    ڳوڙها اَٿئي ڳورا.

    ****************


    اُڇلائي مان ڇڏيان،
    سڀ خواب کڏ ۾،
    دنيا سهي نه ٿي.

    کاٽي کنئي ڏُکن،
    جيون جي اَڏَ ۾.
    سڀ خواب کڏ ۾،
    دنيا سهي نه ٿي.

    ٺوڪي پيو ڊکڻ،
    ڪوڪا ڪي هڏ ۾.
    سڀ خواب کڏ ۾،
    دنيا سهي نه ٿي.

    اوٺي لڏي ويو،
    لڙڪن کي لڏ ۾.
    سڀ خواب کڏ ۾.
    دنيا سهي نه ٿي.
    ****************



    سپني جو سپنو،
    آهي سپني ۾.
    رات ڍلي ٿي پئي.

    نيڻ لُڏن ٿا پيا،
    ننڊ جي پينگهي ۾.
    رات ڍلي ٿي پئي.

    تو وٽ آيو هان،
    توسان ڪمري ۾.
    رات ڍلي ٿي پئي.

    ڀاڳن وارو هان،
    پيار جي ليڪي ۾.
    رات ڍلي ٿي پئي.


    فياض منصور

    تعارف

    نالو ؛ فياض علي سولنگي
    ادبي نالو ؛ فياض منصور
    ولديت ؛ منصور سيتائي
    جنم تاريخ ؛ 1991 06 26
    جنم هنڌ ؛ سيتاروڊ
    تعليم ؛ بي اي
    ادبي ابتدا ؛ 2005ع کان
    ادبي سڃاڻپ ؛ شاعر، نثر نويس
    ادبي استاد ؛ منصور سيتائي
    ادبي وابستگي ؛ جوائنٽ سيڪريٽري 2010 کان 2014 تائين 2014 کان ميمبر سنڌي ادبي سنگت ( شاخ ) سيتاروڊ
    مستقل پتو ؛ سيتاروڊ وارڊ نمبر 4
    فون نمبر ؛ 03332982152


    غزل

    هُو پُڇن ٿا ڇا ٿو شاعر پيو ڪري ؟
    اُلفتن جا گل نڇاور پيو ڪري.

    ٿو اُجهائين ديپ جنهن جي آس جا،
    سو ته سڀ ڪجهه تنهنجي خاطر پيو ڪري.

    اڄ منهنجو ايمان مشڪل سان بچي،
    هُو کڻي اکڙيون ته ڪافر پيو ڪري.

    تون اجايو ٿو لڪي چوري ڪرين،
    عشق خود ئي توکي ظاهر پيو ڪري.

    ڪين آ فياض هُن کان وسريو،
    ياد هُن کي اڄ به ڀاڪر پيو ڪري.


    ***************

    آس جا گُل هزارين کِڙي ٿا پون،
    لفظ سُورج مُکي جيان ٽِڙي ٿا پون.

    در خيالن جا ٽوڙي اچن ٿا ۽ پو،
    گيت ڪاغذ اڱڻ ۾ گِهڙي ٿا پون.

    وار ڇوڙي اڱڻ تي اچين ٿي جڏهن،
    چنڊ تارا مٿان تو مِڙي ٿا پون.

    درد جاڳي پون ننڊ مان ٿا تڏهن،
    سار جا ساز جڏهين ڇِڙي ٿا پون.

    ڇو ٿو فياض روڪين سڄو ڏينهن تون،
    لُڙڪـ منهنجا ئي مون سان چِڙي ٿا پون.

    ***************

    لُڙڪـ اُگهي ڳل لائي ٿي پئي،
    تنهائي پرچائي ٿي پئي.

    پل پل تنهنجي سارَ به سِڪــَ جي،
    سُوليءَ تي لٽڪائي ٿي پئي.

    تارا تارن منجهه اٿس ۽،
    چنڊ سان دل وندرائي ٿي پئي.

    ڳوڙهن ساڻ اُجهايان سا ڪيئن،
    پريت جا آڳ لڳائي ٿي پئي.

    ڪيئن فياض قضا ٿيندي جا،
    سُونهن نماز پڙهائي ٿي پئي.
    ***************

    درد گهاڻي ۾ پيا ٿا پيڙائن،
    پنهنجي پورن کي چئه نه تڙپائن.

    روڪـ نيڻن کي پنهنجي او جانان !
    ائين نه منهنجي اکين کي هيرائن.

    توسوا سانوڻيءَ جا بادل ڀي،
    مون تي شعلا پيا ٿا برسائن.

    چنڊ آٿت ڏئي ٿو پل پل پيو،
    لائي تارا ڳلي ٿا پرچائن.

    تون جي آهين ته هو جمالا هِن،
    گيت ڪيڏارو توسوا ڳائن.

    خيال تنهنجا هي خيال ساڙولا،
    خيال ۾ خيال ڪيئن ٿا بدلائن.

    ***************

    پو باهه جيان ٿيون جلن اکيون،
    جي پل نه توکي ڏسن اکيون.

    ڇڏي اوهان جو، جي در ويون،
    پيون سي در در، رُلن اکيون.

    جُهڪي وڃن پير مير سڀ،
    پرين جي پنهنجون کڻن اکيون.

    ڪڏهن به تومان نه ڍاپيون،
    پيون ٿيون سڪـ ۾ سڪن اکيون.

    ٽِڙي پون ٿيون گُلاب جيان،
    تنهنجو جي سپنو ڏسن اکيون.

    فياض جي تون اڱڻ تي آ،
    ته پير تنهنجا چُمن اکيون.

    ***************

    تنهنجا ٿورا پري نه ويو آهين،
    درد ! تون همسفر رهيو آهين.

    منهنجي دل جي ته طُور سينا تي،
    تون تجلي ئي ٿي لٿو آهين.

    آئون تاسو رهيس نه پياس لَٿي،
    نيٺ ڪنهن لئه ٿڌو گهڙو آهين ؟

    نِينهَن ! ننگو هُيس مان توکان اڳ،
    تو ڍڪيو منهنجو تون وڳو آهين.

    سنڌ جا سُور تون به لکندي ڪوي !
    پنهنجي گيتن سان گڏ رُنو آهين.

    ٺار فياض آهين اکڙين جو،
    ڪير ٿو چئي ته تون بُرو آهين.


    ***************
    اکيون کڻي ڏسانس ٿو،
    ڏسيو پيو ٺرانس ٿو.

    نه ٿي اچي ڪڏهن لڙي،
    گهڙي گهڙي وڃانس ٿو.

    نه سمجهي ٿي بندو مون کي،
    خدا ڪري مڃانس ٿو.

    ٻُڌي ٿي اڻ ٻُڌي ڪري،
    مان سڏَ سان ورانس ٿو.

    چوي ٿي ڪُجهه نه ٿو لڳين،
    ٿِيانءِ ڇا، پُڇانس ٿو ؟

    سمورا غم لڪائي ۽،
    کِلي اچي ملانس ٿو.


    ***************
    خزائن ۾ بهارون مون لئه آڻيندا يا ايئن هوندس...؟
    ۽ سپنا منهنجا ساڀيائن کي ماڻيندا يا ايئن هوندس...؟

    ازل کان ٿو پيو سوچان، تنهنجا جي پيارَ آهن سي،
    منهنجي دل جي ڇِنل کَٽَ کي به واڻيندا يا ايئن هوندس...؟

    رُڳو هي روح مُنهنجو پيو فقط تولاءِ تاڻيندو،
    اوهان جا نيڻ منهنجي لئه به تاڻيندا يا ايئن هوندس...؟

    ڇڏي ڏيندا ڪرڻ چٿرون، منهنجا همراز ٿي پوندا،
    ڏِسي هي حال تارا نيٺ ڄاڻيندا يا ايئن هوندس...؟
    ***************

    درد جيڪي به ڏين ته ڏي مون کي،
    هاڻي روئڻ نه ٿو اچي مون کي.

    گيت آهيان ا گر ٻڌي ڪوئي،
    ڪا ڪهاڻي هان ڪو پڙهي مون کي.

    بڻجي گل شاخ تي ٽِڙان ٿو جيئن،
    هو هٿن سان اچي پٽي مون کي.

    ڪهڙي ڪوشش ڪيان مان اُڏرڻ جي،
    ڪو اُڏاري ٿو پر ڪَٽي مو ن کي.

    هار گُلڙن جو ڪين بڻيس مان،
    جو هُو پائي پنهنجي ڳلي مون کي.

    آئون فياض ڪورو چولو هان،
    ڀرت وانگر اچي ڀري مون کي.

    ***************


    منهنجي هر آس جو ئي قاتل ٿئين،
    توکي حاصل ڪيم نه حاصل ٿئين.

    ڇاهي دنيا ۽ زندگي ڄاتم،
    تون جو رڳ رڳ ۾ عشق ! شامل ٿئين.

    چاندني بيکَ ۾ ملي توکي،
    چنڊ ! جيئن هُن جي در جو سائل ٿئين.

    توکي پل پل چُمي ٿي موٽيس پئي،
    مان ٿِيس سمنڊ ۽ تون ساحل ٿئين.

    توکي فياض ڪيئن چوان انسان،
    تون ئي چئه پيار کان جو غافل ٿئين.


    وائي

    تون جو رُٺين يار،
    چنڊ به تارن کان رُٺو.

    سپنن جو پيو هانءُ ڇِڄي،
    سُڏڪي پيئي سار.
    چنڊ به تارن کان رُٺو.

    وڇڙي ڏات ڪَويءَ کان،
    راڳيءَ کان سُر ڌار.
    چنڊ به تارن کان رُٺو.

    ڪاڏي ويئي سان گُفتگو،
    جهڙي ماکيءَ لار.
    چنڊ به تارن کان رُٺو.
    دل جي ڀت ۾ ڪيئن پيا،
    نفرت جا هي ڏار.
    چنڊ به تارن کان رُٺو.
    ڪين مُڙن فياض ٿا
    نيڻ به ڄڻ ڪي ٻار.
    چنڊ به تارن کان رُٺو.

    ******************

    جيءَ ۾ ڏي ڪا جاءِ،
    سيني ساڻ لڳاءِ.
    توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.


    منهنجي محبت جو ڪڏهن،
    لٽڙو لِڱڙن پاءِ.
    توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.


    جيسين ساهه سرير ۾،
    تيسيتائين نڀاءِ.
    توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.

    بهتر ورسيءَ کان اَٿئي،
    ڪنهن سان شام ملهاءِ.
    توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.

    لکي نانء فياض جو،
    ميندي هٿڙن لاءِ.
    توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.


    نظم

    ( نچي ٿو غم )
    ستارن ٿي ڀڳا آرس،
    ڏنيون پئي رات اوٻاسيون،
    سُمهي پيو چنڊ ڀي رولُو،
    تنهنجي پر ياد جا ڏيئا،
    ٻرن پيا من جي مندر ۾،
    خيالن کان، خيالن مان،
    اڃا تائين لٿي ناهين،
    اڃا اکڙين جي شيشي ۾،
    ڏسان ٿو پيو چِٽي آهين،
    آ ٺاهيو دل ۾ آکيرو،
    نظر تنهنجي پَکيءَ جي ئِي،
    اُميدن جا اڃا پوپٽ،
    پيا اُڏرن ٿَڪا ناهن،
    جڏهن توکي ڏسي ٿو غم،
    ٻڌي ڇيرون نچي ٿو غم.


    چوسٽا

    ڏينهن مدهوش آ مون جيان،
    رات ڇيرون ٻڌي ٿي نچي.
    تو اچڻ جو چيو آ سکي،
    ڏات سُرخي هڻي ٿي نچي.








    توسوا ڪيئن دل ڪُڏي ڪنهن تي،
    منهنجي اک ئي نه ٿي ٻُڏي ڪنهن تي.
    منهنجي دل جو پکي ڪُٺو پيو آ،
    پَرَ نه ٿَس دوست ! ڏَسِ اُڏي ڪنهن تي.


    نه اجرڪـ ڪُلهن تي اڃا آس پاتو،
    نه ئي ميندي سپنن هٿن تي آ لاتي.
    هلي آءُ ساهن جا سرواڻ هاڻي،
    ڊگهي درد جي ٿي وئي آ حياتي.


    انجم ناٿن شاهي

    تعارف

    نالو ؛ عمران سومرو
    ادبي نالو ؛ انجم ناٿن شاهي
    ولديت ؛ غلام حيدر سومرو
    جنم تاريخ ؛ 1987 02 25
    لکڻ جي شروعات ؛ 2003
    تعليم ؛ ايم اي _ ايل ايل بي
    ادبي استاد ؛ گلزار سيال ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور ناٿن شاه


    0333296754


    غزل

    هُن کي چئجو ته دل نه ايئن ٽوڙي،
    هُن کي چئجو ته ربطه ڪي جوڙي.

    هن کي چئجو ته رات ٿي ويندي،
    ڏينهن ۾ وار هُو متان ڇوڙي.

    هن کي چئجو ته ڇا نه ٿي ڄاڻي...؟
    زندگي موت ڏي پئي ڊوڙي.

    هن کي چئجو ته دل جي دنيا ۾،
    ڪا خوشي پير ئي نه ٿي کوڙي.

    هن کي چئجو ته ٿا چون سپنا،
    ساڀيائن جا شهر ڪي ووڙي.

    هن کي چئجو ته ڏسي انجم کي،
    ڪيتريون فرقتون اڃان چوڙي.

    **************
    دنيا سوني ساري آ،
    دل جي چاهت واري آ.

    هڪـڙي صورت آ جيڪا،
    مون کي مون کان پياري آ.

    خودڪش حملن جو ڪارڻ،
    ذهنن جي بيماري آ.

    چوري ٿيل جاگيرن جي،
    ڪهڙي چوڪيداري آ.

    سڀ خوشيون توساڻ ويون،
    هاڻي دنيا داري آ.

    عشق ڪئي جڳ ۾ توئي،
    ڪيڏي ناماچاري آ.

    **************

    انجم دنيا ساري ۾،
    محبت جو پرچاري آ.

    اڃان تو ۾ انا آهي سا آهي،
    اسان جي دل ڳڀا آهي سا آهي.

    زهر هوندي به ماکي وانگي لڳندڙ،
    حياتي بي وفا آهي سا آهي.

    مُحبت ۾ ٿُلهي ليکي جي ڏسجي،
    وڇوڙن جي وبا آهي سا آهي.

    سڏن ٿا عاشقي جنهن کي اُها من،
    ازل کان ئي عزا آهي سا آهي.

    ٿئي جا روز توکان درگذر ٿي،
    اُها منهنجي ڪٿا آهي سا آهي.

    اڃان انجم تي ساڳي ڪُلفتن جي،
    روان تنهنجي عطا آهي سا آهي.

    **************

    هر گهڙي تنهنجي سار انجم کي،
    اڻ ڳڻيا انتظار انجم کي.

    سور تنهنجا ۽ ڪجهه زماني جا،
    ڏُکَ تلخين جا ڌار انجم کي.

    هجر تنهنجو ڏئي ويو آهي،
    درد جا شاهڪار انجم کي.

    تون نه هونديئنَ ته ڪيئن ٿي ڄاڻين...؟
    ڪيئن ڦَرندا بهار انجم کي.

    ڇا ڀلا توکي ڏيڻ سُونهين ٿا...؟
    ايترا انتظار انجم کي.

    آءُ هڪوار تون هلي جانان،
    پاءِ ٻانهن جا هار انجم کي.

    هيئن هيڪل ڇڏي وئي آهين،
    ڪنهن جي لئه اشڪبار انجم کي.

    **************
    وڃي ڪاڏي ذري نه ٿو هاڻي،
    در ٿئي ئي پري نه ٿو هاڻي.

    پيار مون کي نه ايڏو ڏيندي ڪر،
    پيار مون کي ڦَري نه ٿو هاڻي.

    درد پنهنجو ڪيو آ اهڙو جو،
    ڪو به پنهنجو ڪري نه ٿو هاڻي.

    ڪاڏي ويئي ٻروچڪي تنهنجي،
    “ توسوا پل سري نه ٿو هاڻي”

    منهنجي ويران من جي ڪمري ۾،
    ڪو به ڏيئو ٻري نه ٿو هاڻي.

    چين هوندو هو هڪڙو انجم جو،
    سو به مون ڏي وري نه ٿو هاڻي.

    **************


    توري تنها تنها آهيون،
    واريءَ تي ڄڻ ليڪا آهيون.

    مُکَ تي مُرڪـ سجايل آهي،
    اندران ٽُڪرا ٽُڪرا آهيون.

    ساڀيائن جي رڻ ۾ ڀٽڪيل،
    سُندرتا جا سپنا آهيون.

    تنهنجي وڇڙڻ کان پو جانان!
    حيرت آهي زنده آهيون.

    پاڻ کي بس اعزاز اهو آ،
    تنهنجا تنهنجا تنهنجا آهيون.

    انجم تنهنجو ساٿ نه آهي،
    صحرا ۾ ڄڻ سُڏڪا آهيون.
    **************


    آس جو اگهجڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو،
    يار جو پرچڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.

    پيار ۾ ميلاپ آ سوغات پر،
    پيار ۾ وڇڙڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.

    ماس يا آڱر جو وڍجڻ ٺيڪـ آ،
    دل جو پر وڍجڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.

    محب سان مرڪڻ نه ٿيو مشتاق پر،
    تانگهه ۾ تڙپڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.

    يار جي ڇاتي تي انجم روئجي،
    روز شب سُڏڪڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.

    **************


    هر گهڙي درد جو نزول آهي،
    توسوا زندگي فضول آهي.

    عشق جا فلسفا ئي پنهنجا هِنِ،
    عشق جو پنهنجو هر اُصول آهي.

    پيار جيڪو ڏنو اکين تي آ،
    پيار جو ڀي ڏنو قبول آهي.

    وصل جيڪو قرار ڏيندو آ،
    هجر مرڪي ڪندو وصول آهي.

    عشق ئي پنهنجو رب رهيو آهي،
    عشق پنهنجو رهيو رسول آهي.

    **************

    لائي ڇاتي سان بٽڻ ٽاڪي پئي،
    پاڻ کي مون ساڻ چڻ ٽاڪي پئي.

    ازل تائين جو ڪڏهن ٽُٽڻو نه آ،
    مون سان ڪو اهڙو ٻنڌڻ ٽاڪي پئي.

    وصل واري ياد جي تعويذ ۾،
    هوءَ مشِنِ جو ميٽجڻ ٽاڪي پئي.

    زندگي هن ساڻ مرڪي آ ملي،
    زندگي هوءَ مون ۾ ڄڻ ٽاڪي پئي.

    هوءَ انجم جي جيئڻ جي آرزو،
    مونسان ڄڻ جيئڻ مرڻ ٽاڪي پئي.

    **************

    عشق لڳو آ اُجري ويندس،
    سورج وانگر اُڀري ويندس.

    او سانولڙا ! ڇا ٿو ڀانئين،
    توکان سولو وسري ويندس.

    جي منصوري سڏ ٿِيو ڪو،
    سوري ڏي مان سنبري ويندس.

    آزادي جو نعرو آهيان،
    پٿر ٿي ڀي اُڪري ويندس.

    پيار جي ڪائي سرحد ناهي،
    هر حد کان مان گذري ويندس.

    انجم پيار پکيئڙو آهيان،
    آخر ڀڙڪي اُڏري ويندس.

    **************

    پيار هن پاسبان نيڻن جا،
    نيڻ ئي ترجمان نيڻن جا.

    ڪير دل جي زبان کي سمجهي،
    نيڻ سمجهن بيان نيڻن جا.

    روز تولاءِ دڳن ۾ هِن ديدون،
    روز هن امتحان نيڻن جا.

    تنهنجي پاڙي ۾ مون ڏٺا آهن،
    کوڙ زخمي جوان نيڻن جا.

    روح تي ڇاپِيا پَيا آهن،
    آءُ ڏِسُ ني نشان نيڻن جا.

    او ڙي ! انجم بچي به ڪيئن سگهندين،
    ڏاڍا اوکا ٿئي ڪان نيڻن جا.

    **************

    سورن جو ڪو ساگر آهي منهنجي دل،
    آهه و صدا جو اوٿر آهي منهنجي دل.

    ڪنهن مظلوم جي ڪُوڪڻ تي ٿي تڙپي پئي،
    پيار سندو ڪو پيڪر آهي منهنجي دل.

    شهر جي گُهٽيل ديوارن ۾ ڦاسي پيل،
    ڳوٺاڻي ڪا ڇوڪر آهي منهنجي دل.

    پيار ڪرڻ جي يار ڪُفر آ پو ته ٻُڌو!
    ڪافر آهي ڪافر آهي منهنجي دل.

    هر دم جنهن ۾ رهندو آهين تون انجم،
    تنهنجي ياد جو دفتر آهي منهنجي دل


    حافظ “ عبد ” چنه

    تعارف

    نالو ؛ عبدالله
    ادبي نالو ؛ حافظ “ عبد ” چنه
    ولديت ؛ غلام مصطفيٰ چنه
    ادبي استاد ؛ معصوم بخاري
    ڪِرت ؛ شاگرد
    جنم تاريخ ؛ 1995 12 08
    جنم جو هنڌ ؛ جمع ناريجو ٿرڙي محبت تلعقو ميهڙ ضلع دادو
    فون نمبر ؛
    03073162313


    غزل

    آئون وکريل هان پاڻ ميڙيان ٿو،
    پنهنجون يادون پيو سهيڙيان ٿو.

    دل ۾ دردن مچائي هل چل آ،
    پنهنجي دل جا بکيا اُڊيڙيان ٿو.

    هاڻ خوشين جو فصل پوکيندس،
    دل جي ڌرتيءَ تي کيت کيڙيان ٿو.

    وَصل جو وقت آ وريو جانان !
    هجر تنهنجي جو هنڌ ويڙهيان ٿو.

    واءُ بڻجي مان عبد گيتن جيان !
    پيار پل پل پيو پکيڙيان ٿو.

    ***********

    ڪِيس ڪيڏو ڪري ٿي چانڊوڪي،
    چين دل جو ڦُري ٿي چانڊوڪي.

    تنهنجي يادن جي جنڊ ۾ جانان !
    جيءُ منهنجو ڏري ٿي چانڊوڪي.

    اُڀَ مَنَ کي پيو ٿو موهين اڄ،
    تنهنجي ٻَکَ ۾ ٻَري ٿي چانڊوڪي.

    چَنڊُ محبوب تنهنجو ڳَلُ آهي،
    تنهنجي ڳل تان ڪِري ٿي چانڊوڪي.

    ڄڻ ته آڪاس جو سِتارن سان،
    سهڻو چولو ڀري ٿي چانڊوڪي.

    رات جاڳي لِکيم غزل حافظ،
    ۽ غزل ۾ تري ٿي چانڊوڪي.
    ***********

    هُوءَ به جيون ۾ ائين آئي وئي،
    سانوڻي برسات هُئي گذري وئي.

    رات منهنجي مَن اندر تنهنجي سکي !
    ياد جي بارات هئي گذري وئي.

    زندگي جو ائين سفر ڪٽجي ويو،
    ڪاڪـ جي محلات هئي گذري وئي.

    هُن سان گهاريل هر پهر ۽ هر گهڙي،
    سُونهن جي سوغات هئي گذري وئي.

    چنڊ تارا ۽ ڪتيون ٽيڙو ٽڙيل،
    ڪيڏي روشن رات هئي گذري وئي.

    شاعريءَ سان عڪس پنهنجا پئي چٽيم،
    ڏينهن جهڙي ڏات هئي گذري وئي.

    عبد منهنجي عڪس ۾ اکين اڳيان،
    هي سَڄي ڪائنات هئي گذري وئي.

    ***********

    هُوءَ نه آئي سَرَءَ سياري ۾،
    ڪجهه نه سوچيائين منهنجي باري ۾.

    رات ! توکي به غم مليو آ ڇا ؟
    آهين صدين کان ويس ڪاري ۾.

    جُهو جُهو آواز اَسر ويلي جو،
    ڪا وِلوڙي ٿي کير پاري ۾.

    نَڪَ هُنَ جي جِي ڄڻ ڦُلي آهي،
    آ ڪشش ڪيڏي هُن ستاري ۾.

    هوءَ کيتن ۾ ساڻ سکين سان،
    ساڳ سوئي رهي آ کاري ۾.

    هوءَ منهنجو نصيب آ حافظ،
    مون کي جوڳي ڏسيو آ ڍاري ۾.

    ***********

    ماس ڪوري رهي آ تنهائي،
    جيءُ جهوري رهي آ تنهائي.

    آئون مِٽيءَ جي مورتي آهيان،
    مون کي ڀوري رهي آ تنهائي.

    من مُنهنجي جي ڄڻ ته صحرا ڏي،
    سُورَ سوري رهي آ تنهائي.

    ياد ڏياري وري وري هُن جي،
    چاهه چوري رهي آ تنهائي.

    عبد هِن وقت جي ترازيءَ ۾،
    مون کي توري رهي آ تنهائي.

    ***********

    مان جڏهن عشق ۾ اڙيو آهيان،
    سُور صدمن ۾ ئي سڙيو آهيان.

    هيءَ دنيا درياهه دردن جي،
    جنهن جي هر دور ۾ لُڙهيو آهيان.

    ڄڻ ته اُڀَ جو ٽُٽَل مان تارو هان،
    ڪين چمڪيو ڪڏهن کِڙيو آهيان.

    ڄڻ ته ڪنهن راهه جو مان پٿر هان،
    ٿيڙ کائي پئي ٿڙيو آهيان.

    دل تنهنجيءَ جي بهشت مان جانان !
    آئون آدم جيان تڙيو آهيان.

    پاڻ کان ڌار ڪيئن ڪري سگهندينءَ،
    جيءَ تنهنجي سان جو جڙيو آهيان.

    دانهن دل جي نه ڪنهن به ورنائي،
    عبد ڪيڏو رنو رڙيو آهيان.

    ***********

    چنڊ جاڳي ٿو رات جاڳي ٿي،
    هي سڄي ڪائنات جاڳي ٿي.

    هيءُ ته انسان ننڊ غفلت ۾،
    پاڪـ هڪـ رب جي ذات جاڳي ٿي.

    پياس اصغر جي ساري ساري ۽،
    ڪربلا ۾ فُرات جاڳي ٿي.

    رااهه وٺڻي پوي ٿي گوتم جي،
    جيڪڏهن ذات پات جاڳي ٿي.

    مان مدينو ڏسي رهيو آهيان،
    منهنجي لبڙن تي نعت جاڳي ٿي.

    من منهنجي ۾ آ هِڪـَ ته تنهائي،
    ٻي سَکي تنهنجي تات جاڳي ٿي.

    عبد شاعر لکي رهيو آهي،
    ۽ سندس ڀر ۾ ڏات جاڳي ٿي.


    ***********

    عشق جو هڪـ نام آهي ڪائنات !
    حُسن جو ئي جام آهي ڪائنات !

    هير وانگي آهي سُرهي هُو سدا،
    صبح آهي شام آهي ڪائنات !

    مون عبادت نانءُ هُن جو آ رکيو،
    منهنجو سجدو قيام آهي ڪائنات !

    هُن جي خوشبو سان مُعطر ڳوٺ آ،
    ڄڻ گلن جي گام آهي ڪائنات !

    عشق هُن وٽ آ سلامي روز شب،
    سُونهن جنهن جي سام آهي ڪائنات !

    عبد هُن کي ڪين ڪو ڄاڻي سگهيو،
    معرفت جي مام آهي ڪائتات !

    ***********

    دور مون کان ٿا رهو پيا چنڊ جيان !
    پوءِ ڀي سهڻا لڳو پيا چنڊ جيان !

    مان اُماوس رات جيان روئان پيو،
    ۽ اوهان هر دم کلو پيا چنڊ جيان !

    سَڀُ سکيون تنهنجون ستارن جي مثل،
    خوب تر تن سان ٺهو پيا چنڊ جيان !

    ساڻ ناهيو سار بڻجي پو به روز ،
    من سندي اُڀ تي کڙو پيا چنڊ جيان !

    ڄڻ هوائن جي هندوري ۾ پرين !
    رُت جوانيءَ ۾ جهلو پيا چنڊ جيان !

    ڪنهن پڇو اي عبد ائين اڌ رات جو،
    راهه ۾ ڪنهن لئه رُلو پيا چنڊ جيان.

    ***********

    آهي اوهان وسايو ، هُت شهر روشنين جو،
    هِنَ ڳوٺ ۾ ڳهيلا ، هاءِ اسان اڪيلا.

    من کي چُٽن پيا ٿا ، هر دم پرين اوهان جي،
    يادن سندا گُليلا، هاءِ اسان اڪيلا.

    هِنَ دل سندي شهر ۾ ، بازار برهه جي ۽ ،
    تنهائين جا ميلا، هاءِ اسان اڪيلا.

    هن عشق جي سفر ۾ ۽ نينهن جي نگر ۾،
    آهيون نوان نويلا، هاءِ اسان اڪيلا.

    جنمن کان پيا ٿا ڀٽڪون بن بن جا آهيون جوڳي،
    ٿر جا ڪي ڄڻ ٿريلا هاءِ اسان اڪيلا.

    گمنام عبد آهن خوشين جا شهر مون کان،
    چوطرف درد ٻيلا، هاءِ اسان اڪيلا.


    ***********

    ستم سڀ سٺاسين مگر چپ رهياسين،
    ڪنڊن تي هلياسين مگر چپ رهياسين.

    شمع جيان اسان ڀي سدا سوجهرا ڪيا،
    پئي وگهريا جلياسين مگر چپ رهياسين.

    اسان ڄڻ ته ڀٽڪيل ڪڪر جيان هوا ۾،
    پئي ڀٽڪيا رُلياسين مگر چپ رهياسين.

    اسان عشق آويءَ ۾ دل جي دلي ساڻ،
    ها پڄريا پڪاسين مگر چپ رهياسين.

    اسان روز دردن جي دلدل ۾ دلبر،
    ها لهندا وياسين مگر چپ رهياسين.

    کڻي حسرتن جا ڪي انبار من ۾،
    اوهان سان رَلياسين مگر چپ رهياسين.
    ***********


    تون وسارين ته ڀل وساري ڇڏ،
    پنهنجي دل مان مون کي ڌڪاري ڇڏ.

    مان ٽٽل ڄڻ ته آرسي آهيان،
    دل جي ديوار تان اُتاري ڇڏ.

    آئون ڪنهن رات جو انڌيرو هان،
    دور مون کان ٿي خود اُجاري ڇڏ.

    چنڊ بنديا سندور تارن جي،
    سينڌ پنهنجيءَ ۾ تون سنواري ڇڏ.

    هڪڙو ڀيرو ڀلا ئي نفرت مان،
    نيڻ مون ڏي کڻي نهاري ڇڏ.

    لڙڪـ پوپٽ جيان سکي ڳل تان،
    مُرڪـ جي ميڇ سان اُڏاري ڇڏ.
    ***********

    اوهان جو ئي سارون سنڀارون رهيون،
    ۽ اکڙين ۾ لڙڪن جون لارون رهيون.

    اسان جو نه ڀلجي به نالو کَنئيون،
    مگر تَن جون تَنَ ۾ تنوارون رهيون.

    هُيو پنهنجو جيون به ڏُونگر جيان،
    غمن جو رڳو جنهن ۾ غارون رهيون.

    ڪپي ڪنهن جي يادن جي ڪاتي وئي،
    پنهنجي دل جون ڦارون ئي ڦارون رهيون.

    هُيو وقت استاد حافظ تڏهن،
    مقدر ۾ جنهن جون ٿي مارون رهيون.

    ***********

    ڪا ڳالهه اڌوري رهجي وئي،
    هڪـ آس اڌوري رهجي وئي.

    سنڌوءَ جي ڪنارن جيان سانئڻ !
    بس پاڻ ۾ دوري رهجي وئي.

    ڪو ڄام نه آيو ڪينجهر تي،
    ڪا نينهن ۾ نوري رهجي وئي.

    بس سار اوهان جِيءَ سان ڇڙندي،
    هِيءَ دل به دنبوري رهجي وئي.

    هوُ وَرُ نه وريو ۽ آس ۾ هِڪـَ ،
    ڪا سينڌ سندوري رهجي وئي.

    ڪي واس هوائن جا وٺندي،
    پيرن ۾ ڀنڀوري رهجي وئي.

    اي عبد اسان جي شعرن ۾،
    خيالن جي کٿوري رهجي وئي.


    نظم

    ڪاش منهنجو تون پيار سمجهين هان !
    تون به سُڏڪين پوين هان ساحل جيان،
    او سکي منهنجي من جي صحرا تي،
    تون به برسين پوين هان بادل جيان !



    ڪاش منهنجو تون پيار سمجهين هان !
    تون به اُجڙي وڃين هان مُوهين جيان !
    درد جي هڪـ صدا، سدا بڻجي،
    تون به گونجي پوين هان نُوحين جيان !



    ڪاش منهنجو تون پيار سمجهين هان !
    تون به وکري وڃين هان خوشبو جيان،
    پاند پوتيءَ جا ڏئي اکڙين کي،
    تون به اُٿلي پوين هان سنڌوءَ جيان!
    ڪاش منهنجو تون پيار سمجهين هان


    وفا گل محمد جمالي

    وفا، عشق ۽ محبت

    وفا گل محمد جمالي بنيادي طور تي عشق، محبت، سماج ۽ سنڌيت جو شاعر آهي، سندس شاعريءَ جي ڪئنواس تي حياتيءَ جي بي سوادگي ۽ ڦڪاين توڙي بي رنگينين جا خوبصورت عڪس چٽيل آهن، هن جون منظر نگاريون دل جي صحرا ۽ روح جي ساگر تائين وسيع چُهاءُ رکن ٿيون، وفا وٽ خيالن جي گوناگوني سان گڏ نت نيون تشبيهون، ترڪيبون، استعارا، ڪنايا ۽ پنهنجو اسلوب آهي، جيڪو ڏاڍو خوبصورت آهي، سندس غزلن ۾ ادبي ٻوليءَ جي لفظن جي چونڊ به شانائتي آهي. ۽ مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته جي “وفا” انهيءَ تسلسل سان لکندو رهيو ته مڃتا جي منزل سندس قدم ضرور چُمندي.
    وسيم آڪاش سيتائي

    ****
    نالو ؛ گل محمد جمالي
    ادبي نالو وفا گل محمد جمالي
    ايڊريس: وفا گل محمد جمالي T/o گورنمينٽ اردو بوائز اسڪول شهدادڪوٽ
    موبائل نمبر ؛ 03337504137


    غزل

    ديد ۾ ديد ڏئي ديپ ٻاري ملون
    آ سکي اڄ نديءَ جي ڪناري ملون

    جت هجن پيار جا ڪي پکي اُت هلي
    گيت ڪي شاهه جا گڏ جهونگاري ملون

    تون به آ گڏ کڻي ڪات ڪي قرب جا
    سرُ اڏيءَ تي رکي ساهه واري ملون

    جي اچي ڪا گهڙي موت کان ڇو ڊڄون؟
    موت مهڻو نه آ نينهن اجاري ملون

    ميل ٿي نه سگهيو ڪوششون کوڙ ٿيون
    پيا هوائن جي هاڻي سهاري ملون

    سرد ڪنهن رات جو آءُ اڌ رات جو
    لوڪ کي ننڊ ۾ آ سمهاري ملون

    ****************


    سونهن جو سامان ٿي آ عيد تي ،
    اچ پرين مهمان ٿي آ عيد تي .

    تو بنا گهر ۽ گهٽيون ويران سڀ ،
    مون مٿان احسان ٿي آ عيد تي .

    تو سوا ڪنگال آهيان اي سکي ! ،
    آءُ اڄ ڌنوان ٿي آ عيد تي .

    سخت تڪليفن ۾ آهيان تو پٺيان ،
    دل سندو درمان ٿي آ عيد تي .

    سڀ مِلن پِيا تون به مون سان مل اچي ،
    هڪڙو ڀيرو دان ٿي آ عيد تي .

    مون وفا توبه پڙهي هن پيار کان ،
    تون رڳو انسان ٿي آ عيد تي .
    08 03 2015
    08 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان....


    ****************

    نئين اظهار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان،
    ها پهرين پيار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

    ذهن تي کيپ گفتن جا اڃا تائين سُتل آهن،
    اکين جي آر جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

    چپن جا بند دروازا چمين سان تو ئي کوليا ها،
    اهي مهڪار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

    لڪي تو لوڪ کان جيڪي جيئاپا ها ڏنا مون کي،
    ڀلا سهڪار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

    نوازش ۽ محبت جا وسايا مينهن تو مون تي،
    اهي وسڪار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

    وفا جو ڪم نڀائڻ آ مرڻ تائين نڀائيندس،
    صنم ديدار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

    **********

    ڪٺن آ گهڻو ئي سفر يادگيريون،
    ڇڏيون ٿو وڃان مان شهر يادگيريون.

    کڻي رک سنڀالي کپن ڪين مونکي،
    حصي ۾ ڏنيون ٿئي وَڳَر يادگيريون.

    اکين ۾ اچن ٿا تري عڪس تنهنجا،
    وڻي ڪجهه نه، ٿيون هي زهر يادگيريون.

    ڊڄان ٿو کسن نه احساس مونکان،
    ڪري دل ڇڏيندئي، پٿر يادگيريون.

    ڇُريون تنهنجي سارن جون ڏاڍيون ڏکيون هن،
    ڪپن روز ڪورين اندر يادگيريون.

    وسن ڪاش ڳوڙها ٿِي منهنجي اکين مان،
    مٿان ساهه جي هن ڇَمر يادگيريون.
    **********

    سار ڇيڙي پيئي درد سنگيت کي
    ڪو ٻڌائي وڃي هِي منهنجي مِيت کي

    هُو به ماحول جي ور چڙهي آ ويئي
    مات ڏيئي سگِهي نه ڪڌي ريت کي

    مون کَٽي آ وري هڪڙي دل داءُ ۾
    پيار ناهي ته پوءِ ڇا ڪبو جيت کي

    تون ڪٿي ٿي رهين تون ڪٿي ٿي وسين
    هي ته چئجان وڃي اي پکي ! پريت کي

    مند ڳالهيون ٻُڌا يار جي پار جون
    اي هوا ، اي فضا ڇيڙ سنگيت کي.


    **********


    دردن جي تدفين ته ڪر تون،
    زخمن جي تدفين ته ڪر تون.

    روز جيئن ٿا روز مرن ٿا،
    سپنن جي تدفين ته ڪر تون.

    سي ته پڇن ٿا تنهنجو هر هر،
    رستن جي تدفين ته ڪر تون.

    سالن کان هي پياسا آهن،
    نيڻن جي تدفين ته ڪر تون.

    مون کان هر ڪا آس کسي وٺ،
    جيون جي تدفين ته ڪر تون.


    **********

    اجرڪ سنڌي ٽوپي پايون ايڪتا ڏينهن تي
    سنڌ سڄي کي سيني لايون ايڪتا ڏينهن تي

    جيڪي ڏور رهن ٿا توکان مون کان ساٿي
    آءُ انهن کي اڄ پرچايون ايڪتا ڏينهن تي

    متحد ٿي دنيا کي هي پيغام ڏيون اچ
    سڀئي سنڌي گڏ گڏ آهيون ايڪتا ڏينهن تي

    ماروئڙن جي موهه ۾ دلڙي جهومي پيئي
    گيتن تي ڪو رقص رچايون ايڪتا ڏينهن تي

    سونا سونا کيت رهن آباد سدا
    مٽيءَ کي من ۾ مهڪايون ايڪتا ڏينهن تي

    سهڻي سهڻي سنڌ سدائين شاد رهي
    دعائن لاءِ هٿ ڦهلايون ايڪتا ڏينهن تي

    موئن ، مڪلي ، ڪوٽڊجي آ ورثو منهنجو
    دنيا کي تاريخ ٻڌايون ايڪتا ڏينهن تي

    سچل سائين ، شاهه عنايت ، ڀٽ ڌڻي کي
    چپڙي يڪتاري تي ڳايون ايڪتا ڏينهن تي

    سنڌي آهيان سنڌي رهندس سنڌ تي مرندس
    آءُ وچن اهڙو ورجايون ايڪتا ڏينهن تي

    وستي وستي واهڻ واهڻ هر هڪ شهر کي
    ڳاڙهن جهنڊن ساڻ سجايون ايڪتا ڏينهن تي


    وائي

    ڌرتي آزادي،
    تنهنجِي چاهيان ٿو.

    مٽي آيل ڙي!
    دردن کان آجهي،
    تنهنجِي چاهيان ٿو.

    ويري دشمن جَي،
    ڪنڌ مٿان ڪاتي،
    تنهنجِي چاهيان ٿو.

    ساڳيا کير مکڻ،
    جُهوجُهو، جُهو ماٽي،
    تنهنجِي چاهيان ٿو.

    دودل جهڙي او امان!
    ساڳي ارڏائي،
    تنهنجِي چاهيان ٿو.

    هٿ تي مهنديءَ ۽،
    لب تي لالائي،
    تنهنجِي چاهيان ٿو.

    **************

    محبوب جي گهٽيءَ ۾ ،
    ۽ سنڌ جي مٽيءَ ۾ ،
    آ موهه مهڪ پنهنجي.

    چوٽيءَ ۾ گل ٻري ٿو ،
    تصوير هن چِٽيءَ ۾ ،
    آ موهه مهڪ پنهنجي.

    پاڙي ۾ عيد تي ۽ ،
    چنڊ رات جو سٽيءَ ۾ ،
    آ موهه مهڪ پنهنجي.

    ڪرڪيٽ کيڏجي پر ،
    ڪاٺي ڏڪر اِٽيءَ ۾ ،
    آ موهه مهڪ پنهنجي.

    مرڪڻ نه ٿو پڄي بس ! ،
    خود ذات سان ڪٽيءَ ۾،
    آ موهه مهڪ پنهنجي


    نظم

    (عشق)


    عشق مظلوم آ عشق ظالم به آ
    عشق مجذوب به آ عشق عالم به آ
    عشق بيدار ۽ عشق ڪاهِل به آ
    عشق منجهدار ۽ عشق ساحل به آ
    عشق منڪر به آ عشق قائل به آ
    عشق محبت جي منزل ۾ حائل به آ
    عشق والي به آ عشق سائل به آ
    عشق اوکو به آ عشق سوکو به آ
    عشق سچو به آ عشق دوکو به آ
    عشق اڻڀو به آ عشق سڻڀو به آ
    عشق تسبيح به آ عشق مڻڪو به آ
    عشق عظمت به آ عشق درجو به آ
    عشق ننگو به آ عشق پردو به آ
    عشق پابند به آ عشق آجو به آ
    عشق تولو به آ عشق ماسو به آ
    عشق حاضر به آ عشق غائب به آ
    عشق مومن به آ عشق راهب به آ
    عشق گمراهه آ عشق راغب به آ
    عشق مڪتب به آ عشق ڪاتب به آ
    عشق نوڪر به آ عشق صاحب به آ
    عشق ڏوهي به آ عشق زاهد به آ
    عشق ملزم به آ عشق شاهد به آ
    عشق آهي جمع عشق واحد به آ
    عشق باطن به آ عشق ظاهر به آ
    عشق ليکڪ به آ عشق شاعر به آ
    عشق اڻڄاڻ آ عشق ماهر به آ
    عشق مطهر به آ عشق طاهر به آ
    عشق دودو به آ عشق ڪانئر به آ
    عشق قاسم به آ عشق ڏاهر به آ
    عشق اندر به آ عشق ٻاهر به آ
    عشق اول به آ عشق آخر به آ
    عشق مسلم به آ عشق ڪافر به آ
    عشق منظر به آ عشق ناظر به آ
    عشق محتاج آ عشق قادر به آ
    عشق سودو به آ عشق بازر به آ
    عشق محبوب آ عشق عاشق به آ
    عشق بيزارپو عشق شائق به آ
    عشق فتنو به آ عشق فائق به آ
    عشق آ راڳڻي عشق گائڪ به آ
    عشق پنڊت به آ عشق نائڪ به آ
    عشق منهنجي سمجهه کان مٿي آ گهڻو
    عشق ابتو به آ عشق سبتو به آ
    عشق ابتو به آ عشق سبتو به آ


    *************

    صدا جي پٺيان ڪا صدا ٿي رهي هُئي .
    نه ورناءُ هو ۽ نه ئي ڌيان ڪنهن جو ،
    شهر جي اکين تي پَٽيون ۽ پَها ها ،
    ڪٿي ڪو به احساس تڙپيو نه جهوميو ،
    نگاهن جا ٽڪرا ڪريا چيپجي وِيا ،
    بي ترتيب ديدن جي اجڙيل اڱڻ تي ،
    به تحرير دل جي ڪٿا ٿي رهي هُئي .

    .......

    وفا وفا تي جفا ڄمي وئي .
    ذري ذري تي زهر چڙهي ويو
    گهٽي گھٽي ۾ غرور جهوميو
    نظر نظر ۾ ٿو ڪوڙ کَٽڪي
    پهر پهر کي پٿر ئي چئبو
    شهر شهر ۾ منافقي آ
    سچائي پويون پساه کڻي پئي
    حساس دل تي سزا ڄمي وئي .

    .......

    سنڌ تنهنجي اکين جي نهارن ۾ آ .
    نيڻ کڻ مان ڏسان ديس پنهنجو مٺي !
    ديس جنهن ۾ سوين جنتون ٿيون وَسن ،
    بهشت جو ڀي آهي تنهنجي نيڻن ۾ آ ،
    ڪو چٽو چنڊ تنهجي برابر نه آ ،
    نيچ تارا ڪتيون تنهنجي آڏو لڳن ،
    سارو عالَم چُنيءَ جي سِتارن ۾ آ .
    سنڌ تنهنجي اکين جي نهارن ۾ آ .
    ......

    ڪا نه مکڙي ٽڙي هنج خالي رهي ،
    روڳ دل جا اندر ۾ ٿي ناسور وِيا .
    مون مان ڪيئي اڃارا ٿي مخمور وِيا .
    ساهه اجرا ٿڌيرا ٿي تندور ويا .
    سونهن سپنن جا ميلا ٿي ڪافور ويا .
    خواب سارا اکين جا ٿي چڪچور ويا .
    ڪا نه ڪا اک اڙي هنج خالي رهي .
    ڪا نه مکڙي ٽڙي هنج خالي رهي ،

    ......

    نگاھ کي اڄ قرار آهي،
    سکي ڏٺو آ بهار وانگي،
    اکين چميو آ نهار وانگي،
    رڳون وڄن پيون سِتار وانگي،
    ٿي مُند مهڪي ملهار وانگي ،
    هِيءَ دل سجي آ ڪنوار وانگي ،
    انهيءَ کي چئبو ته پيار آهي،
    نگاھ کي اڄ قرار آهي.

    ************
    امن جِِي آھي سوالي ، سنڌ سموري سوڳ ۾ ،
    ڏينهن ناهي ڪو به خالي ، سنڌ سموري سوڳ ۾.
    روز دهشت ، بم ڌماڪا ، قتل و غارت آ ھتي ،
    ڪو ولي ناهي ڪو والي ، سنڌ سموري سوڳ ۾.


    سنڌ جي سريلي راڳي صادق فقير جي نانءُ

    درد ، آھون ، غم حوالا ئي رهيا ،
    آھ و زاري ۾ مقالا ئي رهيا ،
    ساٿ مان صادق به وڇڙي وِيو هليو،
    سنڌ تنهنجا نيڻ آلا ئي رهيا ،


    توکان پري مان ڪيئن جيان اي دلربا
    شال تنهنجو ٿي مران اي دلربا
    زندگي جا درد سڀ سهبا مگر
    هيءُ وڇوڙو ڪيئن سهان اي دلر


    ٻانهن کي سکي ڦهلاءِ اڄ چار دڳيءَ وانگر
    مونکي به وڪوڙي ڇڏ وارن ۾ سڳيءَ وانگر
    هن پنهنجي جماليءَ کان ڇا لاءِ پري ٿئين ٿي
    دل دل سان ملائي ڇڏ دل دل جي لڳيءَ وانگر



    درد جو اڀياس منهنجي شاعري ،
    ٿر جي آهي پياس منهنجي شاعري .
    ٿا پکيءَ ڪي پيار جا اڏري اچن ،
    قرب جو ڪئنواس منهنجي شاعري.



    ڪٿي به تنهنجي ذات جو اتو پتو مليو نه ڪو ،
    ڪڪر به تنهنجي راهه کي ڏِسي ڏِسي ٿڪي پَيا .

    پنهنجي سمجھ کان ٻاهر ماڻهو،
    ڪنهن کي سمجهي ڪنهن کي سمجهون.


    ڪين مڃبو اهڙو مذهب جو ڪري توکان جدا،
    ساڻ هُج هڪ تون ئي دلبر! جڳ ڀلي ڪافر سڏي.

    لوڪ جي آٿت ڪهڙي ڪم جي،
    درد کي تنهنجو ٽيڪو گهرجي.

    مان وفا کي باوفا چوندو رهيس،
    هُو وفا کي بي وفا چوندو رهيو.

    هر سال اڪيلائي هيءَ ڳالهه نئين ناهي،
    هر عيد حياتيءَ جي هيڪل ته گذاري آ.


    ذاڪر سيتائي

    تعارف

    نالو ؛ ذاڪر حُسين سولنگي
    ادبي نالو ؛ ذاڪر سيتائي
    ولديت ؛ غلام شبير سولنگي
    جنم تاريخ ؛ 1980ع 4 5
    جنم جو هنڌ ؛ سيتاروڊ
    ادبي استاد ؛ منصور سيتائي
    ادب ۾ ابتدا ؛ 2013ع کان
    ڇپيل ڪتاب ؛ ڏهر منجهه ڏيئا ( گڏيل شاعري )
    اڻ ڇپيل ڪتاب ؛ هڪـ ڪتاب جو مواد
    ادبي وابستگي ؛ آڊيٽر سنڌي ادبي سنگت سيتاروڊ
    فون نمبر ؛ 03442525478


    غزل

    پنهنجي مُنهن تان نقاب پاسي ڪر،
    اڄ ته سارا حجاب پاسي ڪر.

    پنهنجي نيڻن مان ڏي پيئڻ مون کي،
    ٻيا سمورا شراب پاسي ڪر.

    جيڪي تنهنجي ڪري گناهه ڪيم،
    سي اکين تي،ثواب پاسي ڪر.

    هُو اچي ٿو چُمڻ ڏي رندن کي،
    قاضيا هي ڪتاب پاسي ڪر.

    عشق ۽ پيار ۾ ڪجن ڪهڙا،
    ليکا چوکا حساب پاسي ڪر.

    تنهنجو ذاڪر پگهر آ کستوري،
    موتيا ۽ گلاب پاسي ڪر.

    *****************

    بي قراري وڌي وئي آهي،
    انتظاري وڌي وئي آهي.

    تنهنجي هڪڙي ئي بوسي ڀاڪر سان،
    ڇو خُماري وڌي وئي آهي.

    مور مارو مرن پيا ٿر ۾،
    آهه زاري وڌي وئي آهي.

    ڪو نه ٿيو امن حال ساڳيا هِن،
    مارو ماري وڌي وئي آهي.

    هيڪلائي ۽ درد سان اڄ ڪلهه،
    يار ياري وڌي وئي آهي.

    ساٿ تنهنجو مليو ته ذاڪر جي،
    سوچ ساري وڌي وئي آهي.

    *****************


    رُسي تون اجايو آن ويٺو پري،
    مٺا ڪجهه ته ڳالهاءِ هينئڙو ٺري.

    جڏهن سار تنهنجي ٿي سوڙهو ڪري،
    تڏهن درد ٿو ڀاڪرن ۾ ڀري.

    وئي زهر ٿي زندگي توسوا
    جڏهن کان ويو آن اڪيلو ڪري.

    سدا ساهه سُرهو تنهنجي سار سان،
    تنهنجي ياد جو دل ۾ ڏيئو ٻري.

    اکيون ٻُوٽيان يا پٽيان تون ئي تون،
    سوا پل به ذاڪر نه توريءَ سري.

    *****************

    پايل ۾ هن ساز هزارين،
    ۽ سازن ۾ راز هزارين.

    منهنجو من معصوم ڪبوتر،
    جنهن کي چچرن باز هزارين.

    ڪهڙا ڪهڙا يار کڻان مان،
    تنهنجا نخرا ناز هزارين.

    مُرڪي درد سهڻ جا مليا،
    مون کي ئي اعزاز هزارين.

    تنهنجو ڪو نه ٻڌڻ ۾ آيو،
    چوڏس هئا آواز هزارين.

    ذاڪر جو همدم نه هُيو ڪو،
    تنهنجا هئا همراز هزارين.

    *****************

    ڳوڙها ۽ ڳاراڻو آهيان،
    عشق ۾ پو به اياڻو آهيان.

    هر ڪو پنهنجي پر ٿو پيهين،
    ڄڻ ڪو اَنَ جو داڻو آهيان.

    جيڪو ايندو پيڙيو ويندو،
    عشق چيو مان گهاڻو آهيان.

    پل پل پيڙائن ۾ پڄران،
    ورهين کان ويڳاڻو آهيان.

    پاڇن پويان ڊڪندي ڊڪندي،
    ڪيڏو ٿي پيو ساڻو آهيان.

    سچ پچ ذاڪر پاڳل آهيان،
    ڪير چوي ٿو سياڻو آهيان.

    *****************


    صفا آزار ٿي پئي آ،
    حياتي بار ٿي پئي آ.

    چپن تي بوسي جي خواهش،
    وري هڪـ وار ٿي پئي آ.

    تنهنجي هڪـ مُرڪـ جيون لئه،
    اکين جو ٺار ٿي پئي آ.

    سڀن لئه سُونهن تنهنجي ئي،
    وڇايل ڄار ٿي پئي آ.

    ٿِيو مان بار هان جنهن تي،
    ڳچيءَ جو هار ٿي پئي آ.

    نه نبري ڳالهه ڪا ذاڪر،
    وڌي تڪرار ٿي پئي آ.

    *****************

    ساهه منهنجي ئي دل مان کڻين پيو اڃا،
    روح منهنجي ۾ تون ئي رهين پيو اڃا.

    سج اُڀرڻ تي آ، باک ويئي ڦُٽي،
    رات گذري وئي تون اچين پيو اڃا.

    هُن کي اچڻو نه آهي ڀلي ڪجهه به ٿئي،
    تون سُڪل ڏار جيان هِتِ سُڪين پيو اڃا.

    مون کي اِن جي اڃا ڪنهن نه مڃتا ڏني،
    درد ايڏا سهي ٿو کلين پيو اڃا.

    دل جي اُجڙيل محل کي سجائين پيو،
    عشق ! منهنجي رڳن ۾ رچين پيو اڃا.

    اڄ به ذاڪر جي صحرا سندي من مٿان،
    تون ئي برسات وانگر وسين پيو اڃا.
    *****************



    کڻي نظرون مٺي مون ڏي نهارين ٿي ته مارين ٿي،
    انهن زلفن کي تون هر هر سنوارين ٿي ته مارين ٿي.

    رهين ٿي ماٺ تون مون سان وڃين پرپُٺ وري جانان،
    سهيلين سان منهنجون ڳالهيون پچارين ٿي ته مارين ٿي.

    ڪري تون ياد هِن دل مُئل کي جيئرو ڪرين ٿي پر،
    گهڙي هڪـ پل به تون مون کي وسارين ٿي ته مارين ٿي.

    ڀري محفل اڳيان پنهنجي انهن سهڻن چپن سان تون،
    منهنجو نالو وٺي مون کي پُڪارين ٿي ته مارين ٿي.

    تون مالڪـ آهين مرضي جي، وڻئهِ جيڪي سو ڪر، ليڪن،
    رقيبن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهارين ٿي ته مارين ٿي.

    اُٿن ٿيون ياد جون لهرون ٻڏي ٿو من جو هي ٻيڙو،
    مگر ذاڪر کي ٻانهن سان نه تارين ٿي ته مارين ٿي.

    *****************

    اکڙين منجهه خمار اٿس،
    ڪنهن لاءِ ايڏا پيار اٿس.

    سڳڙيءَ کي ڦيرائيندي،
    چپڙن تي جهونگار اٿس.

    خاموشيءَ جو عالم آ،
    وکريل وکريل وار اٿس.

    خود سان خود ڳالهائي ٿي،
    اک ۾ ڳوڙها ڌار اٿس.

    ڪهڙا نخرا ناز ڪري،
    گهر جا سارا بار اٿس.

    پوپٽ ڀونئرا آيا مِڙي،
    ذاڪر ڇا مهڪار اٿس.



    *****************
    مون کي هُو ياد ٿي ڪري ٻيهر،
    ڇالئه برباد ٿي ڪري ٻيهر.

    آئون ڦاٿل اڃان هان هڪڙي ۾،
    درد ايجاد ٿي ڪري ٻيهر.

    جو هو اُجڙي ويو زماني کان،
    باغ آباد ٿي ڪري ٻيهر.

    پنهنجي زلفن ۾ مون کي ڦاسائي،
    پاڻُ آزاد ٿي ڪري ٻيهر.

    هُن سوا ڪيڏو شاد هو ذاڪر،
    هوءَ ناشاد ٿي ڪري ٻيهر.



    *****************

    جنهن گهڙي تنهنجي بدن کي مون چميو،
    ائين لڳو ڄڻ جنتن کي مون چميو.

    سڀ خوشيون ٺُڪرايون جيڪي رب ڏنيون،
    تو ڏنا جي، تن ڏکن کي مون چميو.

    شيخ جي هر سِٽَ رکي اکڙين مٿان،
    شاهه جي واريءَ ڀٽن کي مون چُميو.

    مون کان تنهنجو ئي پڇيائون پئي پرين،
    باغ ۾ جڏهين گلن کي مون چميو.

    ڪنڌ ڦيري تو ڇڏيو مون کي ڏِسي،
    ۽ ڏسڻ سان ئي اکين کي مون چميو.

    سو ته ذاڪر ذائقو آهي اڃا،
    هو جڏهن هُن جي چپن کي مون چميو.

    *****************

    تنهنجو چهرو چنڊ جهڙو هو وڻيو،
    ۽ محبت جو مزو ڏاڍو وڻيو.

    تنهنجي ساهن جي مٺي سُرهاڻ تي،
    پوپٽن جو هو متل ميلو وڻيو.

    موج مستيءَ ۾ سنڌوءَ جي جَرَ مٿان،
    جهوپڙي ٺاهيل مون کي ٻيڙو وڻيو.

    چنڊ تارا جهوميا جنهن ڀرت تي،
    سو سکي تنهنجو مون کي چولو وڻيو.

    تنهنجي خاطر پاڻ سان مون جو ڪيو،
    ها ! اُهو پنهنجو ڪيل دوکو وڻيو.

    آهي ذاڪر کي نه تو سمجهيو اڃا،
    آوڻيو، تنهنجي ڪري جيڪو وڻيو.


    نظم

    گُلن سان ساريون گهٽيون سجايان،
    اچين جي هيڪر اکيون وڇايان.

    پکين به مٺڙي آ لات لائي،
    اڃا نه آئين بهار آئي،
    ٿي درد سان پئي اڃا نڀايان.

    اڪيلي رڻ ۾ ٻي رات ڪاري،
    ۽ خيال تنهنجو مٿان مون طاري،
    هي خيال ڪيئن مان ڀلا ڀُلايان.

    نه ڪا سهيلي نه ڪائي سرتي،
    نه ننڊ نيڻن سان آهي پرتي،
    هي سور ڪنهن کي ڀلا ٻڌايان.

    مان وار ڪهڙا سنواريان ذاڪر،
    ۽ هار ڪهڙا مان پايان ذاڪر،
    اکين ۾ ڪهڙا مان سُرما پايان.
    اچين جي هيڪر اکيون وڇايان.


    آزاد نظم

    ( خدا جو هُجڻ )
    تنهنجي ٽهڪن، ۽ مسڪراهٽن،
    تنهنجي ادائن، ۽ عشون،
    تنهنجي جمال ۽ جلون،
    منهنجي،
    بي رنگ جيون کي،
    رنگين بڻائي ڇڏيو آ،
    ۽ خدا جي هُجڻ جو،
    يقين پڻ ڏياريو آ،
    نه ته،
    منهنجو ڪافر عشق،
    ڪڏهن به مسلمان نه ٿئي ها.


    ( من جي ٻيڙي )
    منهنجي من جي ٻيڙي،
    جنهن جو نه ملاح آهي،
    نه پتوار،
    نه آر، نه پار،
    جا آهي،
    فقط،
    هوائن جي آڌار !!
    تنهنجي نيڻن جي سمنڊ ۾،
    هميشه ٻڏڻ لاءِ آتي آهي.





    ( اڌورو خواب )
    حَسين ايڏي ڄڻ،
    ڪنهن جنتي حُور جو ٻيو روپ،
    هُن جي شوخ لفظن ۾ به،
    ايڏو ته مٺاس ، ميٺاج،
    ڄڻ ته وهندڙ ، ماکيءَ جي ندي،
    جي چپ چوري ته،
    خزائن ۾ بهارون ٿي وڃن،
    نٽهڻ جهولو ٿڌڙي هير لڳي،
    ۽ اُن هير جي سُڳنڌ ڇُهي،
    گلاب، موتيا، چنبيليون به شرمائڻ لڳن،
    ۽ هُن جي ٽهڪن مان،
    دنيا جي سڀني لذتن،
    جنم آ ورتو،
    جڏهن اکيون اکين ۾ وجهي،
    مُسڪرائڻ لڳي ته،
    اچانڪـ اکيون کُلي ويون،
    ۽ منهنجي چهري تي،
    عجيب قسم جي مايوسي،
    سان گڏوگڏ،
    خوشي ڇانئجي وئي،
    ۽ اُهو خواب،
    اڌورو ئي رهجي ويو.


    سرويچ ناٿن شاهي

    تعارف

    نالو ؛ صدام حسين
    ولديت ؛ غلام سرور
    ذات ؛ لاکير
    ادبي نالو ؛ سرويچ ناٿن شاهي
    جنم جو هنڌ ؛ ڳوٺ صفر لاکير تعلقو ميهڙ ضلعو دادو سنڌ
    تعليم ؛ بي،اي ۽ ( سنڌي ادب سال ٽيون هلندڙ )
    ادبي ابتدا ؛ 2014
    ادبي سڃاڻپ ؛ شاعر، ڪهاڻيڪار
    ادبي استاد ؛ محترم فياض بلوچ
    اڻ ڇپيل ڪتاب ؛ هڪـ عدد ڪهاڻيون
    ايوارڊ ؛ ناٽ ٽو چائلڊ ميريج 2014 سجاڳ سنسار جوهي طرفان
    فون نمبر ؛ 03332730533


    غزل

    اجهو چنڊ آيو ۽ تارن قطارون،
    وري دل جي در تي پُڳيون تنهنجون سارون.

    اوهان ريءَ سپنا قرنس جي پکين جيان،
    نه جن جون ڪي آسون نه جن جون اُڏارون.

    رهيو ڪو نه هٿ ۾ تنهنجو هٿ آ ساجن،
    وري مون کي ڏينديون ميارون بهارون.

    او سوشل ورڪـ جي سهڻي سانوري تون،
    ڪڏهن شل ٻڌين منهنجون پيڙا پچارون.

    سوا تنهنجي منهنجي اڌوري حياتي،
    تون سرويچ جي آن دوا درد دارون.

    ****************


    دهر ۾ يزدان ڏئي ڪو ڳولي ؟
    انسان ۾ انسان ڏئي ڪو ڳولي ؟

    جنت جي ئي لالچ ۾ ٿا ماريون ماڻهو،
    ڪنهن کي چئون شيطان ڏئي ڪو ڳولي ؟

    مقصد جي اوليت کي اوليت آهي،
    ڪنهن جي در جو درمان ڏئي ڪو ڳولي ؟

    هوءَ دل جي ڳالهه تان هٽي وئي آهي،
    هن سور جو سامان ڏئي ڪو ڳولي ؟

    سرويچ خدائي آ درد سان پرنم،
    هن پيار جو مهمان ڏئي ڪو ڳولي ؟


    ****************

    ڪاغذ تي ڪوئي تنهنجي تصوير ٺاهيندو هو،
    پنهنجي رنگن ۾ تنهنجو انگ انگ سمائيندو هو.

    هُن جي غزل جي هر هڪـ بند مان ائين لڳي ٿو،
    توکي هُو رول شاعر ڪيڏو نه چاهيندو هو.

    راتين جي روشنين ۾ اميد جي ڏيئن سان،
    ٻرندو هو رات ڀر ڪو، دل پنهنجي ٻاريندو هو.

    رُسوا نه ٿي پئي ڪِٿِ، معصوم ڪا محبت،
    تنهنجا ڏنل هو تحفا سيني سمائيندو هو.

    هُونئن ته هُن جي هئي جڳ ساري سان شناسي،
    سرويچ کي الئه هو ڇالئه نه ڀانئيندو هو.

    ****************


    بي وفائيءَ جون ڪاتيون جو هيون،
    شوق ۾ ڇوريون ڇاتيون جو هيون.

    عشق پرهيزگار ڪيئن ٿئي هان،
    پاتيون در کان تو جهاتيون جو هيون.

    شهرِ جانان ۾ روح رُلندو رهيو،
    حُسن جون بي بها ذاتيون جو هيون.

    مون گهڻو ئي جهليو اکين کي پر،
    ٿي پيون تنهنجي لئه آتيون جون هيون.

    پيار سرويچ ٿي پيو پڌرو،
    توڪيون ننڊ ۾ باتيون جون هيون.

    ****************



    ڇير ڇمڪائي هلي هن پار وئي،
    مون کي تڙپائي هلي هن پار وئي.

    منهنجي جيون کي ڏکن جا ڏنڀ ڏئي،
    ڪنهن جو هٿ پائي هلي هن پار وئي.

    عمر ساري مون کي پنهنجي هجر جا،
    ويس پارائي هلي هن پار وئي.

    دل جي گلشن تي رُڳو گهاوَن مٿان،
    گهاوَ ئي گهائي هلي وئي.

    ٿي پيا سرويچ سڀ سپنا ٻُسا،
    ڪنهن کان چورائي هلي هن پار وئي.


    ****************

    تنهنجي ئي پيار ۾ هان،
    هر پل خمار ۾ هان.

    مشڪل ٿئي رِهائي،
    زلفن جي ڄار ۾ هان.

    دشمن آ لوڪـ سارو.
    تنهنجي نهار ۾ هان.

    اي وصلِ يار سچ پچ،
    جنت جي پار ۾ هان.

    پيو عشق مان اُڏامان،
    تنهنجي اُڏار ۾ هان.

    سرويچ جڳ کٽيو آ،
    تون چئه نه هار ۾ هان.

    ****************

    نه ڪاٿي به اهڙي ڪا راحت ملي آ،
    پرين کان جا مون کي محبت ملي آ.

    اڳي توکان ڪجهه ڀي هُيس ڪو نه جانان،
    ها تنهنجي ڪري مون کي شهرت ملي آ.

    مليو چاهه ڪنهن جي چپن جو نه آ ڪو،
    رڳو هن زماني کان نفرت ملي آ.

    ڪڏهن ڀي مٺي مان ٿيو ناهيان فارغ،
    تنهنجي ياد کان پل نه فرصت ملي آ.

    آ سرويچ لاءِ ڄامشورو ئي جنت،
    مگر پو به هن کي نه راحت ملي آ.

    ڪياسين هتان جي هوائن کي سجدا،
    عبادت کي ڇالئه نه عظمت ملي آ.

    صدا جون صدائون سڀئي بي اثر ٿيون،
    ڏکن جي وظيفي کي برڪت ملي آ.

    ****************

    تنهنجي نيڻن ۾ زندگي آهي،
    ديد درشن ۾ زندگي آهي.

    پاڻ کان ڏور ائين نه ڪر ڇو جو،
    تنهنجي زلفن ۾ زندگي آهي.

    پيار ۾ جيڪي تو ڏسيا آهن،
    تن ئي سپنن ۾ زندگي آهي.

    سارا انمول عهد چاهت جا،
    ڄڻ ته قسمن ۾ زندگي آهي.

    آءُ سرويچ ناٿن شاهي ڏي،
    جنهن جي دامن ۾ زندگي آهي.
    ****************

    تون ئي هر درد جي دوا سائين،
    سُونهن تنهنجي ۾ آ شفا سائين.

    هر گهڙي هن خمار پيتي جا،
    عشق ۾ آهيون لاپتا سائين.

    تون رُسين ٿو ته ٿي لڳي مون کي،
    زندگي ڀي خفا خفا سائين.

    ڪيڏو مدهوش ٿي پيو آهيان،
    سُرڪـ پياري اٿئي مٺا سائين.

    آئون سرويچ ٿي پيو آهيان،
    توتي ٿيو آهيان جو فدا سائين.

    ****************


    نظم

    ڇا پيار سنگيت آ،
    سونهن سڄي ڪائنات آ.
    هوءَ مرڪي ٿي ڇا ؟
    ڪنهن پري پاتي جهات آ.
    سونهن سڄي ڪائنات آ.
    مون سان ملندي آ،
    روز ڪندي مون سان بات آ.
    سونهن سڄي ڪائنات آ.
    ٿي اک اک سان پئي اڙي،
    سڀني کي ڪندي مات آ.
    سونهن سڄي ڪائنات آ.
    خوشبو هُن جي آ هُلي،
    وڻندڙ سڀ کي ذات آ.
    سونهن سڄي ڪائنات آ.
    *************



    سا ياد وري آئي،
    سا ياد وري آئي.
    هن هاءِ حياتي ۾،
    محبت نه سهي جنهن ۾،
    نفرت ئي سهي تنهن ۾،
    تنهنجو نه کلڻ جنهن ۾،
    نفرت سان ڏسڻ جنهن ۾،
    چاهت جو سرمايو،
    تو پاران سُڪل گُل کي،
    ۽ گذري ويل پل کي،
    سا ياد وڇوڙي جي،
    اکڙين مان ڳڙيل ڳوڙها،
    ڳوڙهن سان گڏيل سُڏڪا،
    جنهن ويل سرويچ جي تو،
    هٿ هٿ مان ڇڏايو هو،
    تقدير وٺڻ قيمت،
    خوابن جي ڳري آ،
    سانوڻ ۾ وري سانئڻ،
    سا ياد وري آئي.

    *************

    تون ڇالئه مون کي مارين ٿو،
    تون ڇالئه مون کي مارين ٿو.
    ڇا ڄاڻين ٿو مان ڪاري هان،
    مان توتي ور ور واري هان،
    ۽ تنهنجي ڀيڻ به پياري هان،
    هي ڄاڻين پو به وسارين ٿو.
    مان تنهنجي جيجل ڄائي هان،
    ڇا ان لئه جڳ ۾ آئي هان،
    جو مون تي اهڙو وار ڪرين،
    ۽ سر سِسيءَ کان ڌار ڪرين،
    غيرت جي نالي تي ٻيجل،
    تون ڀيڻ سندو واپار ڪرين،
    تون احساسن کان عاري ٿي،
    ۽ وحشت تي سوڀاري ٿي،
    اڄ ننڍڙي ڀيڻ کي مارين ٿو،
    ۽ ڌيان نه تن جو ڌارين ٿو.
    تون ڇالئه مون کي مارين ٿو،
    تون ڇالئه مون کي مارين ٿو.


    آزاد نظم

    ( ڪفر )
    تنهنجي چپڙن جي،
    تبسم جو قسم،
    پيار جي پوچا،
    ڪفر ناهي سکي !
    پيار جيڪو،
    زندگي جو آ بنياد،
    پيار ئي جڳ ۾،
    اسان جي لئه جهاد،
    پيار جيڪو،
    تنهنجو منهنجو،
    اعتماد ،
    پيار جيڪو
    توکي ناهي،
    هوندو
    ياد____








    ( خواب )
    اڌ رات جي،
    انڌيري ۾،
    تنهنجي صورت،
    خواب ٿي آئي آهي،
    تو مون کي،
    ايئن چيو،
    ڇو ٿو سوچين،
    مون لاءِ،
    هان !!
    من ۾ اقرار،
    ۽ انڪار،
    منهنجي وارن تي،
    هٿ ڦيري،
    پُڇيئي ڇا ٿو،
    لکين قلم مان،
    چيومانءِ ته
    لکان ٿو مان،
    پنهنجي ٿر جي،
    ڏُڪار سٽيل ۽ بکايل،
    ماروئڙن لاءِ،
    جتي مارو بُک اُڃ ۾،
    ٻار مرن جن جا،
    بُکَ وِگهي،
    مائرن ۾ ٿڃ ناهي،
    مارن جي جي بُک اُڃ کي،
    واپار بڻايو ويو آهي،
    ٿر ته سون اُپائي ٿو،
    سڄي ملڪـ لاءِ،
    خواب سونهري بڻجي ويو آهي،
    مگر مارن لئه، قبرستان بڻجي ويو آهي،
    تن کي آٿت ڏيڻ،
    لاءِ وڃڻو آهي،
    توکي ڇڏڻو آهي،
    توکي ڇڏڻو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 690
    ڪتابن جو مشاهدو: 916854
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 310757
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ