ڪتاب جو نالو: سون سريکيون عورتون
مصنف: عثمان راهوڪڙو
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 25 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 1480 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 251 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ : سنڌ جي عورت جي دردن جي اڻ لکيل تاريخ
  • هڪ سدا بهار ڪتاب
  • نثر ۾ شاعري جهڙو ڪتاب
  • ادب جو جوڳي عثمان راهوڪڙو
  • عثمان راهوڪڙو سنڌ جو فقير منش ۽ جاکوڙي قلم ڌڻي
  • پنهنجي پاران
  • امر ڪردار

  • راڻي ٻانهياري
  • سهند اڍيجو
  • آمي ابڙو
  • حاجران ڦلڻ
  • مسمات نورل
  • راڻي ٺڪر
  • سليمت هاليپوٽو
  • سوني لنڊ
  • شهناز راهو
  • سهائي ابڙو
  • طاهره شاهه
  • ڀرمي ڪولهي
  • ملوڪان ڪنڀار
  • ڀاڳي ڀيل
  • مينا ڀيل
  • امينه ۽ فاطمه مهيري
  • تعليم، نثر ۽ شاعري

  • مرکان شيخڻ
  • نورالهديٰ شاهه
  • خيرالنساءِ جعفري
  • آپا انيتا غلام علي
  • ڊاڪٽر عابده طاهراڻي
  • ڪلا پرڪاش
  • سلطانه وقاصي
  • مريم مجيدي
  • سحر امداد
  • گلبدن جاويد
  • نجمه پنهور
  • ثمينه ميمڻ
  • امر سنڌو
  • راڌا ڀيل
  • روبينه ابڙو
  • مريم راهو
  • پروين جوکيو
  • جمعيت ٻائي
  • آسو ٻائي
  • عائشه لغاري
  • الهه بچائي چانهيو
  • ڪرشنا ڪولهي
  • ثنا ملوڪاڻي
  • نيم تاريخي داستان

  • صابل ۽ ونگي جو ماڳ
  • راڄسين سومراڻي ۽ نورهين يا (نوري) شڪارڻ
  • سنڌ راڻي ۽ ٺري جو ماڳ
  • محمد طور يا مهاتم طور جو ماڳ ۽ ليلان
  • شهيد دودو سومرو، ستيون ۽ روپا جي ڪهاڻي
  • مائي سنڌو پاتڻي جو پتڻ، لاڄان جتڻ، مياڻيون ۽ وڻجارا
  • لوڪ داستان

  • موکي متارا
  • سيرئين ۽ مورڙي جا گهاتو ڀائر
  • راڻو چندن ۽ ڀٽياڻي
  • پرماڻ ۽ توت
  • ڍولو مارو ۽ مارئل
  • صالو ۽ بچي سامڻ
  • صابل ۽ بهرام
  • ڇتو ۽ کيرئين
  • ڪماري پدمڻي ۽ ڪنور ڪرني سنگهه
  • فنڪارائون

  • جيوڻي ٻائي
  • الهه وسائي
  • مائي ڀاڳي
  • جيجي زرينه بلوچ
  • نوربانو گوپانگ
  • عابده پروين
  • مائي ڌائي
  • شازيه خشڪ
  • مائي سوني
  • قبيلا

  • نوري ۽ ملاح قبيلو
  • سورٺ ۽ ميگهواڙ قبيلو

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: سون سريکيون عورتون
    موضوع: مضمون/تحقيق
    ليکڪ: عثمان راهوڪڙو
    ڇاپو: پهريون
    سال: 2017ع
    ڪاپيون: هڪ هزار
    ڪمپوزنگ : غلام شبير لغاري
    ٽائيٽل/لي آئوٽ: پرڪاش ڪرمواڻي
    ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪشن، ٿرپارڪر
    0333-3173584
    قيمت: 350 روپيا

    [Mazmoon]
    By: Usman Rahookro
    Edition: First
    Quantity: 1000
    Published By: Samroti Publiction Tharparkar
    Price Rs. 350-00
    ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
    شاھ لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
    مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-
    ٿر ڪتاب گهر، مٺي-ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
    عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ-مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
    مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-سنڌ ڪتاب گهر ، شڪارپور-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
    سچل ڪتاب گهر، درزا-ڪنول ڪتاب گهر، مورو-
    سارنگ ڪ تاب گهر ڪنڊيارو


    ارپنا

    جيجل امڙ مرحومه رڪيت
    ۽ مرحومه ماسي حاجران
    جي نالي


    عثمان راهوڪڙو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سون سريکيون عورتون“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو صحافي عثمان راهوڪڙو آهي.

    ”سون سريکيون عورتون“ سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي.

    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرمواڻي ۽ عثمان راهوڪڙي صاحب جا جن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    اها حقيقت وڏو اتساهه ڏياريندڙ آهي ته هلندڙ دؤر تخليقي ۽ تحقيقي تيز رفتاريءَ جو زمانو آهي. سنڌي علم ۽ ادب لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ٿي رهيو آهي. سنڌي ٻولي ججهي ڪتابن کي جنم ڏئي رهي آهي. اهي ڪتاب سنڌ جي سمورن خطن ۾ سرجي رهيا آهن. سامروٽي پبليڪشن جو هي پنجون ڪتاب آهي. هن کان اڳ نثر ۽ نظم جا اسان ڪتاب پيش ڪري پنهنجي حصي جو ڪم رهيا آهيون.
    “سون سريکيون عورتون” سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ ۽ محقق عثمان راهوڪڙي جو ڏاڍو اهم ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي سدا حيات عورتن جي ڪردار کي دل سان اجاگر ڪيو آهي. هُن هڪڙي نئين تاريخ هن ڪتاب ذريعي قلمبند ڪئي آهي. هن قسم جو تحقيقي ڪم تمام گهٽ نظر اچي ٿو. عثمان هي ڪتاب نهايت خوبصورتي ٻوليءَ ۾ متسند حقيقتن جي آڌار تي لکي پاڻ ملهايو آهي. اسان هي ڪتاب پيش ڪندي دلي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون.
    سامروٽي پبليڪشن جو مقصد به معياري ڪتابن کي سنڌ واسين تائين پهچائڻ آهي. ان سلسلي ۾ اسان کي جيڪا مانائتي موٽ ملندي رهي آهي. اها اسان لئه ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي.
    اوهان جي مانائتي راءِ جو اسان کي انتظار رهندو.

    پرڪاش ڪرمواڻي
    0333-3173584
    سامروٽي پبليڪشن، ٿرپارڪر


    مهاڳ : سنڌ جي عورت جي دردن جي اڻ لکيل تاريخ

    سنڌ جي عورت ئي سنڌ جي اها سگهه آهي، جنهن سان سنڌ جي سموري سونهن ۽ سڃاڻپ وابسته آهي.پر ان سگهه کي اڃا سنڌ واسين سڃاتو ناهي. ان جي پنهنجي دردناڪ سماجي صورتحال تي جنهن گهري سنجيدگي ۽ سچائي سان ويچارڻ ۽ ان جي اهميت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان اڃا تائين ان طرف ڌيان ئي نه ڏنو ويو آهي، جيڪا گهڻي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي. هونئن ته اڄڪلهه جي ميڊيائي دور ۾ چينلن، اخبارن ۽ ادارن اندر عورت بظاهر ڇانيل نظر اچي ٿي، پر ان جو سڀ کان وڏو سبب دنيا جي ميديا توڙي بين القوامي امدادي ادارن پاران جينڊر بئلينس وارو سلوگن آهي، نه ڪي وري ڪو سنڌ جي عورت ڏانهن سماج جا رويا بدلجڻ ان جو ڪارڻ آهي. سنڌ جي عورت اڄ به ڪاريءَ واري ڪهاڙيءَ جي پاڇي هيٺ ساهه کڻي رهي آهي. ان جي باوجود بظاهر ئي سهي سنڌ ۾ عورت جي مختلف فورمز تي اڳيان نظر اچڻ پونيان خود عورت جي جدوجهد ۽ ان پاران ان لاءِ چٽيون ۽ ڏنڊ ادا ڪرڻ کي نظرانداز ڪرڻ نا انصافي ٿيندي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻي سنڌ جي عورت کي پنهنجي وجود جو شدت سان احساس ٿيو آهي ته هوءَ هڪ جيئرو جاڳندو وجود آهي، جيڪا ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ، زال ۽ محبوبه کان سواءِ پاڻ به وجود رکي ٿي، جنهن جون ضرورتون ۽ خواهشون آهن، هو جيڪا هميشه سراپا فرض ئي فرض رهندي آئي آهي، ان جا پنهنجا به ڪي الڳ انساني حيثيت ۾ توڙي عورت هجڻ ناتي ڪجهه حق آهن. اهو احساس ئي جڏهن کان سندس اندر جاڳيو آهي، تڏهن کان وٺي هن جو مزاحمتي آوازسگهارو ٿيڻ شروع ٿيو آهي. ٿوري تعداد ۾ ئي سهي، پر هن مختلف ادارن ۽ فورمن تان توڙي اڪيلي سر پاڻ تي ٿيندڙ سماجي جبر ۽ ڏاڍ خلاف پنهنجي وس آهر ته ڪڏهن وس کان به وڌيڪ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ ان جون ڳريون قيمتون پڻ ادا ڪيون آهن. هن ڪڏهن قديم دور ۾ سسئي بنجي جبل جهاڳيا آهن، مارئي بنجي حاڪم جي جبر کي للڪاريو آهي، سهڻي بنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ درياه پار ڪندي سازشن جو شڪار ٿي ٻوڙي ويئي آهي، ته ڪڏهن ليلا، سورٺ، نوريءَ ۽ مومل بنجي ڏاگهه چڙهي پنهنجي پريت جي ريت نڀائي آهي. جديد دور ۾ جيجي زرينه بلوچ ۽ اختر بلوچ بنجي قوم تي ٿيندڙ جبر خلاف وڙهندي قيد ڪاٽيا ۽ سزائون سٺيون آهن، هن پنهنجي مرد کي ڪڏهن ڪنهن ويڙه ۾ اڪيلو نه ڇڏيو آهي. هميشه هر حال ۾ هن ساٿ نڀايو آهي، پر مرداڻي سماج ۾ سندس ان وجود جي ويڙهه جي تاريخ کي مورخ لکڻ کان نابري واريندي سندس وجود کي تسليم ڪرڻ کان اڳي جيان انڪاري رهندو آيو آهي. هن ڪتاب جو مصنف ان تاريخدان جي تعصب بابت هن ريت رقمطراز آهي ته،”انگريزن جي سڌارن ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ پڪن رستن ۽ درياءَ تي اڏيل بئراجن سميت هاڪڙي ۽ سنڌو درياءَ جي ڇاڙهن ۽ ڍورن جا نشان باقي رهجي ويا آهن پر انهن پتڻن ۽ پاتڻين ۽ مٿي ڏيکاريل پتڻن تي قافلا ٽڪائيندڙ ۽ پنهنجي دور ۾ انوکا ڪردار ادا ڪندڙ انهن عظيم عورتن جي عظيم ڪردارن بابت ثناخواهن تاريخ نويسن هڪ لفظ به نه لکيو آهي. مون جڏهن آمريڪا جي انتهائي مالدار ۽ ڪنجوس عورت هيٽي گرين جو نالو ڪنجوس پائي سبب گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل هئڻ بابت پڙهيو تڏهن منهنجي پيرن هٿان زمين نڪرندي محسوس ڪيم، ته مائي سهند اڍيجو ۽ ٻين عظمتن جا ڪوٽ اڏيندڙ عظيم عورتن جي ڪردارن بابت اسان جي ديسي تاريخدانن هڪ به اکر سندن عظمتن جي حوالي سان تحرير نه ڪيو آهي پر اڄ به انهن جي چڱاين جون ڳالهيون راڄن جي ماڻهن زبانن تي ڪنهن ڪنڀارڪي دلي تي چٽن جيان چٽيل آهن. “عورت غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، جتي غلام جي حيثيت ۾ نه سندس چڱايون ليکيون وينديون آهن، نه ئي کيس ڪنهن غلطي ڪرڻ جو ڪو حق آهي، ڇو ته سندس انسان هجڻ واري حيثيت هزارين ورهين کان وٺي هن جديد انساني آزادين واري دور ۾ به تسليم نه ڪئي ويئي آهي. ها! البت جتي عورت کي هن مرداڻي حاڪميت واري سماج پنهنجي فائدي لاءِ ضروري ڄاتو، اتي کيس پنهنجي مٿڀرائي ثابت ڪرڻ لاءِ بلڪل ايئن استعمال ڪيو آهي، جيئن حاڪم محڪومن کي استعمال ڪري پوءِ ڦٽي ڪري ڇڏيندا آهن. ان جو هڪ مثال سنڌ جون سياسي پارٽيون آهن، جن وٽ عورتن جون ونگز قائم ٿيل آهن، پر اهي محض پارٽي اليڪشن ۾ سندن ووٽن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ۽ جلسن جلوسن ۾ ميڊيا کي اهو ڏيکارڻ لاءِ ته عورتون به ساڻن گڏ آهن، باقي اڄ سوڌو سنڌ ۾ عورتن تي ڪير ڪيترو به ظلم ۽ ڏاڍ ڪري، ان تي انهن پارٽين ۽ اڳواڻن جا چپ سبيل هوندا آهن. نه ڪڏهن اهي ان ظلم جي مذمت ڪندا آهن ۽ نه ئي وري سندن پارٽين ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڪا ايجنڊا هوندي آهي. جڏهن اهڙن روين کي ڏسندي ڪجهه سڄاڻ عورتون اڳيان اچي عورتن جي مسئلن تي الڳ سان ڪا جدوجهد ڪنديون آهن ته، انهن کي به مرد دشمن چئي ننديو ويندو آهي ۽ ڪئين الزام لڳائي، انهن جي جدوجهد کي بي اثر بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ان منافقاڻي روش کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ ڇا ان مان ڪنهن به طرح اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان هن ماڊرن ايج ۾ پنهنجي سوچ ۽ عمل کي تبديل ڪري نئين ۽ تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ داخل ٿيا آهيون؟ جتي آمريڪا جهڙي سپر پاور جي صدارتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ڊونالڊ ٽرمپ جي عورت مخالف روين خلاف سمورو آمريڪا اٿي بيهي ٿو، اتي اسان وٽ اڄ سوشل ميڊيا جهڙي فورم کي عورتن کي گار گند ڪرڻ لاءِ سموري نام نهاد سول سوسائٽي ۽ جيالا توڙي گوريلا خريد ڪري ڇوٽ ڇڏيا وڃن ٿا ته سڀني جي وات ۾ مڱ پئجي ٿا وڃن ۽ اخلاقيات جا درس ڏيندڙ دانشور انهن سان گڏجي بيهن ٿا. اگر سنڌ هن دور ۾ به ايترا عورت دشمن رويا پنهنجي وجود ۾ سنڀالي ٿي ته پوءِ اسان وٽ ڪهڙي سماجي تبديلي آئي آهي؟ بلڪه هن جديد دور ۾ مون کي چوڻ ڏيو ته سنڌي سماج ڦيٿو پوئتي ڦرندي محسوس ٿئي ٿو. اسان ته اڄ به ان درٻاري انتهاپسند سان گڏ بيٺا آهيون، جيڪو ڇوڪرين جي اسڪولن کي مسمار ڪرڻ ۽ عورت کي سنگسار ڪرڻ جون فتوائون صادر ڪري ٿو ۽ عورت جي حڪمراني کي حرام سمجهي ٿو. ان سموري صورحال ۾ ٿورو دل تي هٿ رکي سوچيو ته اڄ عورت جي وجود جي بقا جي ويڙهه ڪيتري سنگين کان سنگين تر ۽ خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ۽ ان ۾ عورت کي پنهنجي مرد جي ساٿ جي ڪيتري ضرورت آهي. پرڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته اهو ترقي پسند انساني توڙي عورتن جي حقن جا نعرا هڻندڙ دانشور هر اهڙي موقعي تي عورت کي هميشه هيڪلو ڇڏي ڏئي ٿو ۽ ان تي ٿيندڙ سنگباري ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. چون ٿا ته منصور حلاج تي سنگباري ٿي رهي هئي پر هو خاموش هو، پر جڏهن سندس دوست شبلي هڪ گل هٿ ۾ کڻي کيس هنيو هو ته منصور کان رڙ نڪري ويئي هئي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته تون پٿر لڳڻ مهل خاموش هئين ۽ شبلي گل هنيو ته تو رڙ ڇو ڪئي؟ ته هن وراڻيو هو ته لوڪ جي پٿر هڻڻ جي مون کي ان ڪري تڪليف نه ٿي جو اهي غير هئا، پر شبلي منهنجو دوست هو، ان ڪري سندس گل هڻڻ سان به مون کي تڪليف رسي ۽ مون کان رڙ نڪري وئي. بلڪل ساڳي طرح مرد ۽ عورت هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. هڪ وجود جا ٻه حصا آهن، انهن کي پنهنجي توانائي هڪٻئي خلاف نه پر هڪٻئي جي حمايت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، ته جيئن حق ۽ انصاف تي مبني انساني برابري واري خواب جي ساڀيان ممڪن بنجي سگهجي.
    هي ڪتاب”سون سريکيون عورتون” عورت کي سنڌي ادب ۾ مڃتا ڏيڻ جي هڪ اها ڪوشش آهي، جيڪا گهڻو دير سان ئي سهي پر هڪ قسم جي تلافي جي شروعات پڻ آهي، ان زيادتي جي، جنهن تحت عورت جي هر بهترين صلاحيت ۽ ان جي اظهار کي ڊي گريڊ ڪيو ويندو رهيو آهي. توڙي جو اها ڪنهن هڪ فرد جي پاران نه پر پوري سماج پاران ٿيندڙ غلطي يا زيادتي آهي، پر ان کي اگر ڪو هڪ فرد به پنهنجي طرفان درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اها بهترين شروعات آهي. اهو هڪ جرئتمنداڻو قدم آهي، جيڪو اسان جي ڀاءُ سينيئر صحافي ۽ بهترين ليکڪ عثمان راهوڪڙو صاحب جي حصي ۾ آيو آهي. آئون کيس ان سهڻي ڪم تي سلام پيش ڪريان ٿي.
    هن ڪتاب ۾ قديم دور جي سنڌي سورمين کان وٺي ڪري هن جديد دور جي سجاڳ، باعمل عورت ڪردارن تي به مختصر روشني وڌي ويئي آهي. جنهن ۾ اهي سڀ سنڌ جون سڄاڻ ۽ سجاڳ باعمل مثالي عورتون شامل آهن، جن پنهنجي سونهن، سچ ۽ ڏات وسيلي سنڌ کي هڪ خوبصورت سڃاڻپ بخشي آهي، جن جي آئون بذات خود معترف هجڻ سان گڏ پرستار به آهيان، انهن کان مون گهڻو سکيو آهي. جن ۾ مانائتي سانئڻ نورالهدي شاهه صاحبه کي پڙهي سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت ۽ درد کي محسوس ڪرڻ ۽ ان کي جرئت سان اظهارڻ جي بغاوت جو علم اوچو ٿيو. ايئن ئي جيجي زرينه بلوچ، عابده پروين، جيوڻي ٻائي، شازيه خشڪ، مائي ڌائي، نوربانو، مائي ڀاڳي ۽ مائي الله وسائي جهڙين املهه ماڻڪ ڪلاڪار عورتن بابت سندن مختصر سوانحي خاڪا لکي سندن سونهن پرور ڪردارن کي تازو ڪيو آهي، اتي ليکڪ سنڌ جي معتبر نالي وارين ليکڪائن ۽ شاعرائن کي مرکان شيخڻ کان وٺي مريم مجيدي، خيرالنساءَ جعفري، ڪلا پرڪاش، سحر امداد، سلطانه وقاصي، روبينه ابڙو، نجمه پهنور، گلبدن جاويد ۽ ثمينه ميمڻ کي به هڪ خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جن پنهنجي ڪلا ۽ قلم وسيلي پنهنجي سماج اندر متعين ڪيل محدود ڪردار کي تسليم نه ڪندي انهن حدن کي چئلينج ڪيو ۽ پنهنجي ڏات ۽ قلم جا ڏيئا ٻاري بغاوت جو علم بلند ڪيو ۽ ان ناانصافي تي معاشري جي ماٺار کي ٽوڙڻ جو فرض ادا ڪيو. آئون پاڻ کي انهن سڀني هستين جي عظمت جي محرابن ۾ سجده ريز محسوس ڪريان ٿي، ڇو ته انهن سڀني اڳواڻ ڪردارن جي پوئين صفن ۾ ڪٿي پاڻ کي بيٺل سمجهان ٿي، جنهنجو سمورو ڪريڊٽ آئون انهن هستين کي ڏيان ٿي. منهنجي خيال ۾ اڃا ڪيترائي ڪردار هن ڪتاب جي صفحن ۾ سمائجڻ کان رهجي ويا آهن، جنهن بابت ادا عثمان راهوڪڙي صاحب يقين ڏياريو آهي ته هن ڪتاب جو ٻيو حصو به اچڻو آهي، جنهن ۾ باقي رهجي ويل ڪردارن کي به شامل ڪيو ويندو. هونئن به هن کان اڳ سندس ٻه ڪتاب اچي چڪا آهن.
    راهوڪڙي صاحب هن ڪتاب ۾ جيڪوبيحد تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي، اهو سنڌ جي تاريخي لوڪ ڪردارن، لوڪ قصن ۽ علائقي جي اهم وسري ويل ماڳن بابت شاندار ڄاڻ شامل ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ منهنجو خيال آهي ته اهو هڪ الڳ موضوع هجڻ ۽ پنهنجي وسعت سبب هڪ الڳ ڪتاب جو گهرجائو پڻ آهي. ان جي باوجود آئون سچ پچ بيحد ٿورائتي آهيان، راهوڪڙو صاحب جي، جنهن جي علم ۽ قلم سبب مون کي لاڙ، ٿر ۽ پراڻ جي قديم قصن، ڪهاڻين ۽ ماڳن جي ايتري اهم معلومات نصيب ٿي آهي، جن کان پنهنجي ڪم علمي سبب اڻڄاڻ هيس يا انهن بابت پيرائتي ڄاڻ نه هيم. اڃا به منهنجي دل محسوس ڪري ٿي ته اها پراڻ هاڪڙي جي گمشده تاريخ جيڪا اڻلکيل آهي، ان تي نهايت باريڪ بيني سان ڪم ڪرڻ جي بيحد شدت سان ضرورت آهي. راڻي ريٻارڻ، ٻانهياري ڀٽ، سنڌ راڻي جي سونهن نگري ٺري، راڻو چندن ۽ ڀٽياڻي، وهڻائي جو ويران ٿيل قديم ماڳ ۽ ٻيا ڪيترائي قصا معلومات سان ٽمٽار هجڻ سان گڏ ليکڪ جي خوبصورت طاقتور لاڙي لهجي واري سنڌي ٻوليءَ سان هن ڪتاب تي ڄڻ ته ميناڪاري ڪيل لڳن ٿا ۽ سندس ئي لکڻ موجب مون کي سندس لهجي ۽ لکڻيءَ مان سڳداسي چانورن جي خوشبو اچي رهي آهي ۽ سچ پڇو ته مون کي پنهنجي لاڙپٽ سان تعلق رکندڙ ڏاڏي ۽ ان جا اباڻا ياد اچي رهيا آهن، جن وٽ رڳو قرب ئي قرب هو، ٻي ڪا مايا ڪانه هئي. ادا جي ان جرئت تي به آئون بيحد حيران آهيان ته، هن پنهنجي انساني هيڪڙائي جي اسٽينڊرڊ تي عمل پيرا ٿيندي پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي بين القوامي شهرت يافته عورتن ۽ لوڪل سطح تي ناماچاري رکندڙ علائقائي ڪردارن سان انصاف ڪندي، انهن کي ساڳي اهميت ڏيندي هڪ ئي فهرست ۾ رکيو آهي. اها جرئت صرف لاڙ جو ليکڪ عثمان راهوڪڙو ئي ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ ادا اوهان کي منهنجو سلام آهي. هن ڪتاب ۾ ملاحن بابت مضمون ۾ راهوڪڙي صاحب ملاحن جا پاڙا ۽ ذاتيون جيڪي لکيون آهن، سي يقين ڄاڻو ته نه رڳو منهنجي لاءِ پر پڙهندڙن لاءِ پڻ بيحد قيمتي ڄاڻ جو خزانو ۽ راهوڪڙي صاحب جي بهترين محقق هجڻ جو ثبوت آهن. سندس رڳو اهو هڪ ڪم ئي لک لهي. ڪمال ڏسو... ”ملاح، ميد، مير بحر يا مهاڻن جا ڪيترائي پاڙا آهن، انهن ۾ آبڙاڻي، عاقباڻي، بچاڻي، باغاڻي، باجاڻي، بارا، باريجا، بٿرا، ڀاڳل، بورا، ٻڌڙ، ڇيڙ، چالڪا، چاريجا، ڊاڀا، ڊڀاڻي، ڊاميجا، ڏيپراڻي، ڏاڍا، ڏانڊيا، آدماڻي، اٽلاڻي، بڇيرا، باگڙا، ٻلهڙا، بڙڇ، بورا، ٻيلائي، بگرا، بوڌاڻي، بوهيرا، ڇاڳيندو، چن، چوٻٽ، ڊاڀلا، ڏپر، دند، ڏرها، ڏکڻ، ڏهريا، آجايا، عزيزاڻي، باداڻي، بهلم، بلواڻي، بارهرا، ڀٽ، باديلا، ڀولگائي، بودراڻي، ٻرڙا، چاڪي، چانڊاڻي، چونڊ، ڊڀراڻي، ڊاگبا، دندا، ڏيرا، ڌنڌل، ڌوڪي، ڍوليا، دوداڻي، ڏنڀر، گڏڙ، گنجڻ، گيگلاڻي، گهونگهٽ، گدڙ، گوجيرا، هالاڻي، حسنناڻي، جهازئي، جاريڪو، جال جائي، ڪاهيا، ڪان راڻي، ڪاريڄا، ڪاٺير، ڪاڇڙي، خديجا، ڪاڪواڻي، خاق پرا، خاداڻي، کڏائي، ڪونچي، قوم واڻي، ڪونجيرا، لاکاٽي، لارائي، لياراڻي، لودائي، لٽير، ڌنداهي، ڏوڪي، گڊا، گانڀاڻي، گاگھم، گھوگھرا، ڇڄڙا، گھوگھير، غلام، هولائي، آبواڻي، جکراڻي، جسراڻي، جوڻاڻي، ڪنڌرا، ڪان ويرا، ڪاسائي، قراق، ڪاڌا، ڪڪڙا، خال ناڻي، خاراڻي، خمينائي، ڪهريجا، ڪونا، ڪونهگئي، قطريا، لالاڻي، لاڙڪ، لونگائي، لولا، مکڙا، ڏيلاسيا، ڍولا، گڏيجاڻي، گدارا، ڳاڙهيا، گهوٽا، گنگاڻي، گجيرا، گنا، هوت خاناڻي، انعامي، جابير، جوڻيا، ڪانهيرا، ڪارا، قاسم پوٽا، ڪيڪائي، ڪاڌترا، کهڙا، خميرائي، کتري، کوپرا، ڪوچاڙا، ڪوٽائي، ڪونگهٽيا، لاکاڻي، لارا، ليارا، لونٺيارا، لوٿرا، مڪڙا،ملحانان، مندارا، مانجواڻي، ماٽي، ميرگاڻي، موريا، مڇيرا، موڪا، مورگل، ناهيا، پکڙا، پنجابي، پارها، ڦوليا، پوپائي، را، رام نائي، روڌيا، سهتا موهاڻا، ساموٽ، سانگيا، سانجهيجا، ساٿياڻي، سکرا، شيلهياڻي، سيال، سوڀ پوٽڙا، ٽالاڻي، ٽينگا، ٿينگا، ولاهري، ويسراڻي، ظهرا، منارا، منگريا، مرائي، ميري، ميسائي، موريائي، مگرا، مولاڻي، موسوائي، نرائي، پکيار، پنجارا، پاريري، پنيار، ڦودڙا، رباني، ريلاڻي، صفراڻي، سکيرا، سانداڻي، سانگي، سانجهوجا، ساٽي، سيا، سرگول، سوڍر، سپرا، ٽانڊيا، ٿهيم، ٽوپياڻي، وساڻا، وونگرا، اسراڻ، منڇري، مانجهواڻي، متار، ميساوا، مٺاڻي، موٽٽاڻي، مهاڻا، مراپورا، ناهيجا، اوٻاڙا، پالڪيا، پارائي، پارسي، پوپرائي، پوريجا، راکيا، روڌ، شارا، سميجا، سنگراسي، سانجاڻي، ساسيائي، ساکٽيا، شاهپورائي، سيريا، سونڙا، طاهراڻي، ٽانرا، ٿاهي موري، ٽويا، ويلاسا، ظاهارا، مورڙا شامل آهن.“ آخر ۾ آئون ادا عثمان راهوڪڙي جي هن ڪتاب ۾ شامل ”روپا جي ڪهاڻي“ مان هڪ ٽڪرو شامل ڪندي اوهان پڙهندڙن کان هٿ ٻڌي اهو چئي اجازت چاهينديس ته هن ليکڪ جي محنت ۽ سچائي کي ضرور مان ڏيو، ڇو ته هي سنڌ جي سچن تاريخدانن منجهان هڪ آهي، جيڪي درٻاري ڪلچر کان دور آهن. هن ٻنهي اکين سان جيڪو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، اهوئي ايمانداري سان لکيو آهي.” تاريخ لکي ٿي ته دودي سومري جي شهادت کان اڳ ان جنگ ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچو ڌارين سان وڙهيو هو، ۽ پوءِ ريٻاري قبيلي جي عورتن، ٻارن ۽ مردن صدين تائين دودي جي شهادت جي ڏک ۾ پنهنجي شادين ۾ به ڪارا ويس پاتا، جن کي اها سوڳ ولي ڀائي سومري 70 واري ڏهاڪي ۾ ٽنڊي باگي اچي سنڌ جي ريٻارين جو ڪٺ ڪٺو ڪري، ڪارا ويس ۽ سوڳ ختم ڪرايو، پر ان ڪٺ ۾ ننگر پارڪر جا ريٻاري شريڪ نه ٿيا ۽ انهن اڄ به سوڳ ختم نه ڪئي آهي. ريٻارين جيان دودي جي شهادت کان پوءِ سومرين به سوڳ سبب پنهنجي نڪ ۾ وري بولا نه پاتا آهن. روپا ماڙي واري بستي اڄ به ساڙيل نظر اچي ٿي. تازو شرپسندن سنڌ جي هن قديم آثار روپا ماڙي جي آثار کي نامعلوم شرپسندن مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان حرڪت تي سومرا اتحاد پاڪستان جا اڳواڻ سراپا احتجاج بنجي ويا آهن، پر آرڪيالاجي کاتو ننڊ مان اڃان به سجاڳ نه ٿيو آهي. روپا ماڙي ۾ دودو سومرو جي مزار سامهون هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي تپو چور هڏي تعلقو بدين ۾ چنيسر جي قبر به موجود آهي.“ (اهو چنيسر، جنهن رڳو ماءُ کان پڇڻ جو ڏوهه ڪيو هو.) بيشڪ تاريخ کي ٻئي اکيون کولي لکڻ جي ضرورت آهي.


    گلشن لغاري
    اسلام آباد
    4 مارچ 2017


    هڪ سدا بهار ڪتاب

    اڄ جي جديد سنڌيءَ شانائتي عورت علم ۽ شعور جو نئون ويس پائڻ کان پوءِ اُن ترقيءَ يافته دور ۾ ساهه کڻي رهي آهي، جيڪو ترقيءَ سان گڏ هڪڙو ڀيانڪ باروديءَ دور به آهي، پر هوءَ اڳتي وڌي رهي آهي. چيلينجن کي قبول ڪري همٿ سان پاڻ مڃائي رهي آهي. اڄ هوءَ ٽچ اسڪرين موبائل کان ويندي ليپ ٽاپ تائين استعمال ڪري ٿي، مادر علمين ۾ پڙهي ٿي، نوڪريءَ کان عهدي تائين جي رسائي ماڻي ٿي، تنظيمن جو حصو بڻجي ٿي، اسٽيجن تان پنهنجو آواز بلند ڪري ٿي، شاعري ءَ جا ڪتاب ارپي ٿي، مطلب اهو ته هوءَ جاڳيل آهي، هُن پاڻ تي جهالت جي واريءَ ورڻ ناهي ڏني. اهوترقي يافته روپ هُن کي ڪو سولائي سان حاصل ناهي ٿيو، پر اهو اڻٿڪ اڻ جهل پيش قدميءَ جو ثمر آهي. هن بهار ۾ اهي گُل ائين ڪونهي ٽِڙيا، ڪيئي خزائون پيرن سان چيڀاٽي پوءِ انهن پنهنجيءَ خوشبوءِ کي پاتو آهي. صدين جي اِن مسافريءَ ۾ هوءَ رت ڳاڙيندي اتي پهتي آهي. ڏسو! اهو تصوير جو هڪڙو رُخ آهي. تصوير جو ٻيو رُخ اهو آهي جو اڄ به سنڌ جي پٺتي پيل نگرين ۾ ٻهراڙين ۾ اُها ولوڙجندڙ عورت موجود آهي جنهن کي حالتون روز لسيءَ وانگي پيئن ٿيون. ٻن وڳن ۾ ڪيئي سال ڪٽين ٿيون. ڇڄ ڇڙيندي عمريون وڃائين ٿيون. لابارو ڪندي جواڻن مان پوڙهيون ٿي وڃن ٿيون، پر ڀرم جون ڀتيون نٿيون ڊهڻ ڏين. اها صورتحال صدين کان تبديل ناهي ٿي ! مون ڪنهن مطالعي ۾ “عورت” جي معنى “رت ڏيندڙ ، قرباني ڏيندڙ” پڙهي آهي. اها معنى ڪيتري قدر درست آهي سو ته نٿو ڄاڻان، پر اها سُڌ ضرور آهي ته عورت درد ۽ رت جو درياهه ضرور پار ڪيو آهي!
    بنا شڪ جي “ڪائنات جي عورت” ته ساڳي ئي آهي، پر “اولهه جي عورت” ۽ “اوڀر جي عورت يعني سنڌ جي عورت” تاريخي ارتقائي حقيقت ڏسجي ته اُها ڪا گھڻي جدا ڪونه آهي ۽ جُدا آهي به سهي ! جُدا ڪونه آهي جو مطلب هي ٿيو ته ٻنهي جي اوسر ذري گھٽ ساڳين رُخن ۾ ٿي آهي. اهو اونداهيءَ کان روشني ۾ ظاهر ٿيڻ جو مرحلو ساڳيو آهي. جُدا آهي به سهي، جو مقصد اهو آهي ته دنيا جي ٻي عورت جي تاريخ محققن ڪافي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي عورت جي گھڻي تاريخ گمناميءَ جي ور چڙهيل آهي. سماجي پابندين کان مذهبي ضابطن، ريتن تائين جدا نفسياتي انداز ۾ سنڌ جي عورت ساهه کنيو آهي. دنيا جي عورت جي سفر ۽ تاريخ کي اسان ڪڏهن هيروڊوٽس جي ڪتابن ۾، ڪڏهن ول ڊيورانٽ جي ڪتابن ۾، ڪڏهن رچرڊبرٽن جي تحريرن ۾، ڪڏهن برٽينڊرسل جي مضمونن ۾، ڪڏهن رجنيش اوشو جي ليڪچرن ۾، ڪڏهن اينگلس جي ڪتاب “ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست” ۾، ڪڏهن سبطِ حسن جي ڪتاب “ماضي ڪي مزار” ۾، ڪڏهن علي عباس جلال پوري جي ڪتاب “رسوم القوام” ۾، ڪڏهن “تاريخ انسان” ۾، ڪڏهن افلاطون جي راين ۾ ، ڪڏهن ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪتاب“عورت تاريخ ڪي آئني ۾” پڙهي ڄاڻي وٺون ٿا. پر سنڌ جي عورت جي تاريخ اسان کي گھٽ ملي ٿي.
    اُن جا بنيادي سبب هي آهن ته، سنڌ ۾ هن وقت قديم سنڌي ماڻهن سان گڏ پوئين هڪ هزار سالن ۾ نسلي طور ٻاهران آيل قومن ۽ قبيلن جون شاخون به موجود آهن. ان ڪري سنڌي عورت جي مڪمل تاريخ جي ڄاڻ حاصل هئڻ يا سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي!
    ٻيو اهم سبب هي به آهي ته بنيادي طور تي سنڌ حياءُ جي سرزمين آهي، جتي بقول ڀٽائي جي “حياءُ جي حُسن کان سواءِ هلي به نٿو سگھجي.” ان ڌرتيءَ تي کنيل عورت کي به “ٻانهن کڄي وڃڻ” جي مهذب لفظن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. حياءُ برقرار رهڻ واري نظريي ۾ ٿيو ائين آهي جو لڄادار عورتن جي هڪڙي زبردست تاريخ به گم ٿي رهجي وئي آهي. جنهن جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو کاهوڙي پير کڻي ڪو ورق لکي ٿو ته واه، نه ته مڙئي ماٺ آهي.
    منهنجي انتهائي پياري عثمان راهوڪڙي پنهنجي نئين لکيل ڪتاب “سون سريکيون عورتون” تي ويچار ونڊڻ جي نينڊ ڏني آهي، جيڪو هُن ڪجھه سالن جي لڳاتار محنت کانپوءِ مڪمل ڪيو آهي. ڪتاب جا ورق پڙهي اهو احساس جاڳيو آهي ته هِن ڪاپڙيءَ وڏو اهم تحقيقي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. هي ڪتاب ويساهه آهي ته ڪڏهن به ڪونه پوڙهو ٿيندو، نه ئي مرندو، هي جيئرو رهڻ وارو پورهيو آهي. هِن کي ڪابه اُڏوهي ڪونه کائي سگھندي.
    سوچيان ٿو هِن سماج ۾ ڪو پئسي جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪري ٿو، ڪو عهدي لاءِ واچوڙي وانگي سرگرم رهي ٿو، ڪو ڪنهن انسان کي پٿر هڻڻ لاءِ ٻانهُون کُنجي ٻاهر نڪري ٿو، ڪو ڦُر لاءِ هٿوراڙيون هڻي ٿو، ته ڪو وري اقتدارين جون وڃي زبان سان جُتيون چٽي صاف ڪري ٿو، پر ورلي ڪو ماڻهو ڪنهن ڪتاب کي ڳولي ٿو يا لطيف ۽ سچل کي دل ۾ رکي ٿو، يا پنهنجي ڌرتيءَ جي گُم ٿيل ڪردارن کي ڳولڻ لاءِ پيرن کان پنڌ ڪرائي ٿو ۽ ان ڳولا ۾ پنهنجي مُوڙيءَ سيڙائي ٿو!
    آئون جڏهن لاڙ جي بيباڪ کاهوڙي انسان، سيڪيولر سنڌ دوست سُريلي ليکڪ ۽ جلد نروار ٿي متاثر ڪندڙ محقق عثمان راهوڪڙي کي ڏسان ٿو مون کي شيخ اياز جي شاعريءَ ياد اچي ٿي، اياز 1965ع ڌاري هڪڙي شاهڪار غزل ۾ اهو سوال ڪيو هو ته : ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    پير پٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ،
    رستي مان نڪتا سئو رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

    هي سئو رستن جي مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيل عثمان راهوڪڙي جو پنڌ ۽ قلم اسان کي اِن سوال جي جواب ۾ ڄڻ ٻُڌائي ٿو ته : “آئون هن رستن ۾ سون ڪونه ٿو ڳوليان، پر سنڌ جي محبوب مٽيءَ مان جُڙيل اُنهن عظيم عورتن جي ڪردارن کي ٿو ڳوليان، جن اهو ويساهه ارپيو آهي ته وجود ۾ ساهه کڻڻ جو سبب به آهي، انسانيت ۽ عشق کي ڪا خوشبوءِ به آهي. ”
    ڏسو هن کاهوڙي کان وڌيڪ سرمائيدار سنڌي ته ٻيا به ويٺا آهن، پر انهن ڪڏهن به دودي سومري تي گل ڪونه اچي ڇٽڪاريا آهن، انهن ڪڏهن ڪاهوءِ جي دڙي کي اچي ڪونهي نهاريو! هن سيلاني جيڪڏهن انهن ماڳن ۽ ڪردارن جي مالڪيءَ ڪئي آهي ته اهو هن جي عشق جو ڪمال آهي. ڌرتيءَ سان عشق جو اهو دلبر مثال آهي. عثمان راهوڪڙو سنجيده نثرنگار ٿي نشانبر ٿيو آهي، ٻه ڪتاب اڳي به لکيا اٿس، پر هي ڪتاب انهن جي ڀيٽ ۾ گھڻو وزني ۽ شاندار آهي. هي ڪتاب چٽو ڪري ٿو ته ، ٿر جي وڏي ڀٽ تي راڻي ريٻارڻ ڪيئن وڃي هڪ قبر ۾ تبديل ٿي هئي! هي ڪتاب ڄاڻائي ٿو ته، لاڙ جي نياڻي سهند اڍيجو ولرن ۽ وڻجارن کي ڪهڙو مان ڏيندي هئي، ۽ ڪيئن غريب نياڻين جي ڪاڄ ۾ لوڪ گيت اُڏاريندي هئي! هي ڪتاب پڌرو ڪري ٿو ته آمي ابڙو ڇا هئي؟ ۽ لاڙ جي حاجران ڦُلڻ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي ڪيئن راڄن جا نبيرا ڪندي هئي! هي ڪتاب انهن بهادر عورتن جي سدا حيات ڪردارن تي روشنيءَ وجھي ٿو، جن حُر گوريلا تحريڪ ۾ پنهنجو رت ست شامل ڪيو هو.انهن مانائتي عورتن ۾ ڪا راڻي ٺڪر به هئي، جنهن جي هاڻ قبر جو به ڪنهن کي پتو ناهي! هي ڪتاب اهو به اوري ٿو ته سنڌ جي تهذيبي ساز بوڙينڊو کي جواڻ رکندڙ امر سازندي ميرمحمدلُنڊ هڪ سيبتي عورت سونيءَ لُنڊ مان جنم ورتو هو، جيڪا سگھڙ هئي، سخي هئي، هي پيار سان لکيل پيارو ڪتاب اها ڄاڻ جي کٿوريءَ به اسان تائين پهچائي ٿو ته، لطيف جي ڳايل مائي موکيءَ جو آستانو جنهن رستي تي هو، ان ئي رستي تان سسئي جي رتائين پيرن به پنڌ ڪيو هو! اهائي واٽ لاهوتين جي گذرگاهه به رهي آهي، هن ڪتاب سنڌ جي نئين سنبارا سُهائي ابڙو کي به ياد ڪيو آهي، ته ان سان گڏوگڏ هن ڪتاب جو ڪارائتو حصو تعليم ، نثر ۽ شاعريءَ جي ميدانن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ عورتن جي ڪردار، فن ۽ فڪر کي به نروار ڪري ٿو. جنهن جو سنڌ جي پهرين شاعره مرکان شيخڻ به حصو آهي. عثمان راهوڪڙي هن ڪتاب ۾ سنڌ جي نيم ڪلاسيڪي داستانن کي ڪافي سنواري ۽ ڇنڊي ڦوڪي پيش ڪيو آهي. صابل کان راڄسين سومراڻي ۽ نوريءَ شڪارڻ جي عشق تائين، سنڌ راڻي کان ليلان جي جلون تائين، روپاراڻي جي حُسناڪيءَ کان دودي جي شهادت تائين، لاڄان جتڻ کان سنڌ جي مياڻين ۽ پتڻن تائين، راجا تُوت جي وحشيءَ نظرن کان هيسيل حسين ڇوڪريءَ پرماڻ جي نگاهن تائين، عشق جي الستيءَ آواز پويان شرط ۾ ڪوٽ اڏيندڙ ڇتي جي سگهارن هٿن کان کيرئين جي مستان مُرڪ تائين، عشقيا توڙي اهم داستانن کي هُن پوري جذبي ۽ گھرائي سان لکيو آهي. اهم ڳالهه اها آهي ته هُن ڪيئي اهم ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پڌرا ڪيا آهن. جيڪي اڳ ڪڏهن به ناهن لکيا ويا. عثمان راهوڪڙي نئين معلومات کي اسان سان ونڊيو آهي. هُن پنهنجي هن جاکوڙي ڪتاب ۾ سنڌ جي انهن بهترين فنڪارن جو به ذڪر دل سان ڪيو آهي، جن غريب فنڪارائن ڪڏهن به پنهنجو فن ۽ آواز پئسن تي ڪونه وڪيو! انهن مشهور فنڪارائن جي اڪثريت جا پونير اڄ به سنڌ ۾ ڏکي زندگي گذاريندڙ آهن. هتي اهو به چوڻ چاهيندس ته سنڌيءَ ۾ هن کان اڳ به ڪيئي ڪتاب سنڌ جي عورتن جي تاريخي ڪردارن تي لکيا ويا آهن. انهن گھڻو ڪري اهم ۽ تعليم يافته، علم، ادب، فن سان لاڳاپيل عورتن کي فوڪس ڪيو آهي. پر هن ڪتاب جي خاصيت ۽ انفراديت اها آهي جو هن ڪتاب ۾ ليکڪ عام عورتن ۽ گمنام رهيل عورتن کي پوري اهميت سان پيش ڪيو آهي. ليکڪ جي ٻولي جي چس ۽ خوبصورتي جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگھجي.
    دل اهو تسليم ڪري ٿي ته، هي سڄاڻ ڪردارن جي تاريخ، انهن وحشي حملي آورن، تهذيبن کي تاراج ڪندڙ فاتحن جي ورقن کان وڌيڪ معتبر آهي، ڇو جو انهن دنيا کي درد کانسواءِ ڪجهه ڪونه ڏنو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو شيڪسپيئر جھڙي بلند شاعر کي به پنهنجي ڊرامي هيمليٽ ۾ اهو لکڻو پئجي ويو ته “شهنشاهه قيصر مري ويو ۽ سندس هڏا به مٽي ٿي ويا، اها مٽي جيڪر هينئر شايد هڪ سوراخ بند ڪرڻ جي ڪم اچي ته جيئن هوا کي روڪي سگھجي. ڪاش ! ڌرتيءَ جي انهن جوڌن جي مٽي جن دنيا ۾ ڌاڪو ڄمايو هو، ايتري ميسر ٿئي ها جو ان مان ديوار اُڀي ڪري سياري جو اولو ڪري سگھجي ها.”
    عثمان راهوڪڙي سنڌ جي ڪيئي صدين ۾ به جھاتي پائي موتيءَ ميڙيا آهن، ته جديد دور مان به مشڪ کي ڳولي هٿ ڪيو آهي. اهائي هِن ڪتاب جي اهم ڪاميابيءَ به چئي سگھجي ٿي.
    اسان جي سماج زمانن کان عورت کي غلام ۽ جاهل رکيو، پر تاريخ جو پلاند ته ڏسو عورت جي غلامي خود سماج کي صديون پوئتي اُڇلي ڇڏيو آهي. اسان کي اڄ تاريخ جي ان مغرور فيصلي تي ڪابه اچرج نه اچڻ گھرجي ته ڪلهه هن سماج ۾ ماءُ کان راءِ وٺڻ عيب سمجھيو ويندو هو. ۽ اڄ عورت جي راءِ معتبر ليکي وڃي ٿي.
    هي ڪتاب پڙهي آئون عظيم انگريز شاعر شيڪسپيئر جي هِن جملي تي ڳاڙهيءَ مارڪر جي ليڪ ڏيڻ پسند ڪندس ته : “عورت تنهنجو ٻيو نالو بي وفائي آهي” (شيڪسپيئر)
    عثمان راهوڪڙي جي نواڻ سان واسيل هي ڪاوش بيحد اهم ۽ ساراهه لائق آهي. ويساهه آهي ته هي ڪتاب مان ماڻيندو .


    ايوب کوسو فيبروري 2017ع


    نثر ۾ شاعري جهڙو ڪتاب

    سنڌي عورت جيڪا هاڻي جاگيرداري ۽ سرداري وهنوار جي ور چڙهڻ کان پوءِ ڪاروڪاريءَ جي رسم ۾ جڪڙجي ڪهاڙين سان ضربجڻ جي ڪري سنڌو جي پاڻي ۾ بي جان سهڻي جيان ڇولين ۾ لڙهندي رهي ٿي. ڪهاڙين سان ڳڀا ٿيل انهن ڳاڙهين جي لاشن جو ڳاڻيٽو ڀوتارن جي پٽڪن جي ورن جيان اڻڳيو رهيو آهي، پر اها ساڳي عورت هڪ زماني ۾ سنڌ جي خودمختيار عورت رهي آهي. سنڌ جي عظيم تهذيب موهن جي دڙي جي آبياري ڪندڙ سنڌو درياءَ تي جڏهن بئراجي نظام نه جڙيو هو ته هي درياءَ پنهنجي مرضي سان وهندو هو. سنڌ ۾ کيتي ٻاڙيءَ واري ايراضي به هن جي وهڪري جي پابند هئي. ان کان سواءِ باقي پوٺن ۾ سنڌ جو هڪ مالوند معاشرو موجود هو، جنهن جي معيشت جي موڙيءَ کير، مکڻ عورت جي هٿ هيٺ هو. عثمان راهوڪڙي وڏيري سهند اڍيجي کان وٺي، ڀرمي ڪولهڻ تائين ان وساريل ڪردارن تي لکيو آهي، جيڪي مالوند ان مالوند معاشري جون وڏيون مانائتيون عورتون هيون. ڀٽائي جي سر سامونڊي جيئن سنڌ جي حصي ۾ آيل سمنڊ جي پٽي تي سماجي وهنوار جي اڻبرابري ۾ رهندڙ وڻجارن جي اهنجن تي لکندي هن نثر ۾شاعري ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ عثمان لاڙ جي ان قديم ماڳن، مڪانن، ڪوٽ ۽ قلعن تي وري ويل وقت جي واريءَ تي به پنهنجي قلم کي حرڪت ڏني آهي. اُتي مرکان شيخڻ کان وٺي، مريم مجيدي جهڙين عورت شاعرائن تي به لکيو آهي. حويلي جي رازن تان پردو کڻندڙ ليکڪه نورالهديٰ شاهه جو به پروفائيل لکيو آهي، جنهن جون ڪهاڻيون ۽ ڊراما جديد سنڌي سماج جي پيڙهه ۾ حصيدار رهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ماسٽر ڪرڻ کان پوءِ ادب سان چاهه هجڻ ڪري هن فقير شير محمد بلالاڻي کان پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ جو آرڊر ان ڪري نه کنيو ته آئون سنڌي جو ليڪچرار ٿيندس، اهو مونکي وٺي ڏيو. پر نوڪرين جي ورهاست واري وهنوار ۾ هن کي ليڪچرشپ جي نوڪري نه ملي سگهي. جاگيرداڻي هن سنڌي سماج جي اڀن ڪنڊن واري واٽن تان پنڌ ڪندي هن پنهنجون وکن کي اڃان تائين روڪيو ناهي. OBJECTIVE صحافت جي نظريي تي ڪرڻ ڪري هن جي اولاد سميت اسين سڀ گهر وارا وقت جي وس وارن جي نظرن ۾ رهيا آهيون. پير سائين پاڳاري جي شڪارگاهه ڦوسڻان ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي موجود ڳوٺ متو راهوڪڙو ۾ رهندڙ عثمان، ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي روح ۾ پيهي ويندڙ آواز جي مالڪياڻي جيوڻي ٻائي حياتي ڪٿا کي ڏاڍي خوبصورت انداز سان بيان ڪيو اٿس. عثمان هن ڪتاب ۾ ٻين اهڙين مهان عورت ڪردارن تي قلم کنيو آهي. جيڪي ڏاکڻي سنڌ جي لوڪ ڪچهرين جو ته محور رهيا پر ليکڪن انهن کي ليکيو ئي ڪون ٿي.

    الهه بچايو راهوڪڙو
    8 مارچ 2017


    ادب جو جوڳي عثمان راهوڪڙو

    عثمان راهوڪڙي کي سڄي سنڌ جو پڙهيل لکيل ۽ باشعورطبقو سڃاڻي، صحافت جي واٽن تي اڀن ڪاون تان گذري سچ لاءِ سوريءَ تي به چڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندڙ هن جاکوڙي صحافي ۽ کاهوڙي ليکڪ ادب جي جهنگ ۾ ڀٽڪي انهن پيچرن تان سفر ڪيو آهي. جن رستن تي اسهندڙ ڪيئي مسافر صفحي هستيءَ تان مٽجي ويا. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاهڪار شاعري يا مضمون ڇپبا هئا. ٻه ٽي سال پهرين سندس ڪتاب “سڪو سنڌو ڪنارا رُنا” ڇپيو . جنهن ۾ هن ڳولا جو رڻ جهاڳي ٽنڊي باگي جي تاريخ جا پيرا هٿ ڪيا. جن بابت ڪنهن به اڳ ۾ نه لکيو هو. سڪو سنڌو ڪنارا به سندس نظم جي هڪ سٽ هئي. ان کان پوءِ به هن کاهوڙي هڪ نئين جستجو سان سنڌ جي 133 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل “مٽي جا مور ماڻهو” ڪتاب پڙهندڙن کي ڏنو. جيڪو به ريفرنس بوڪ بنجي ويو آهي. عثمان راهوڪڙي سان منهنجي ويجهڙائپ ان ڪري به رهي آهي جو هو نيت جو نيڪ ماڻهو آهي. هي محبوب ماڻهو سنگت تي سر ڏيڻ وارو آهي ته بنا ڪنهن رکاءُ جي هر ڪنهن کي سچ چئي ڏيڻ به سندس عادت رهي آهي. جڏهن عثمان ۽ مون سنڌ جي عظيم عورتن بابت ڪتاب “سون سريکيون عورتون” بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته اسان کي ٽنڊي باگي ۾ ڪتاب جي ڪمپوزنگ بابت ڪافي ڏکيائي محسوس پي ٿي. جنهن ڪري اهو ذمو مون کنيو. ۽ کيس چيم ته جيڪي مضمون تيار ٿيندا، اهي آئون ڪمپوز ڪندس ته جيئن ڪتاب جي ڪمپوزنگ بابت پريشاني ۽ اجايو وقت زيان نه ٿئي. ڪتاب “سون سريکيون عورتون” سنڌ ۾ عورتن بابت ڇپيل سڀني ڪتابن کان منفرد آهي. هي عثمان راهوڪڙي جي تمام بهترين ڪاوش آهي. ڪتاب ۾ امرڪردارن واري حصي ۾ عثمان انهن عظيم عورتن بابت تحقيق ڪري لکيو آهي. جن بابت اڳ ۾ ڪنهن به قلم نه کنيو. سهند اڍيجو ۽ حاجران ڦلڻ جا ڳوٺ منهنجي ڳوٺ ڀرسان آهن. سنڌ جي انهن سخي، مهمان نواز ۽ بهادر عورتن جون ڳالهيون اڄ به ڳوٺن ۾ ڳائجن ٿيون. پر ڪنهن به ڪتاب ۾ سندن ذڪر نٿو ملي. سنڌ جي مشهور دائي ڀاڳي ڀيل هجي يا موجوده دور ۾ به ٽنڊي باگي جي وچ شهر ۾ پٽڪو ٻڌي هلندڙ مينا ڀيل، حر تحريڪ جي گوريلي راڻي ٺڪر هجي يا پنهنجي اوطاري تي مسافرن کي کير، مکڻ، لسي سان سڳداسي چانورن جو مانيون به کارائيندڙ مهمان نواز آمي ابڙو. عثمان اهڙين سون سريکين عورتن تي لکيو آهي. جن کي زمانا وساري ناهن سگهندا. ڪتاب ۾ تعليم جي خوشبو لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي نياڻين آسو ٻائي، الهه بچائي چانهيو تي قلم کڻي عثمان نئين عزم کي خراج پيش ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اهي مضمون مختصر آهن پر ڏاڍا دلچسپ ۽ نرالا آهن. عثمان راهوڪڙو ادب جو اهڙو جوڳي آهي، جيڪو سدائين پنڌ ۾ رهيو آهي. هن ڪڏهن به هڪ موضوع تي بسيرو ناهي ڪيو. تنهن ڪري مونکي يقين آهي ته سون سريکيون عورتون کان پوءِ به هي ڪنهن نئين موضوع تي تحقيق ۽ کوجنا لاءِ پنڌ ۾ ئي هوندو.


    غلام شبير لغاري
    مارچ 2017ع


    عثمان راهوڪڙو سنڌ جو فقير منش ۽ جاکوڙي قلم ڌڻي

    علم ۽ ادب جي سمنڊ مان سپون سوجهيندڙ عثمان راهوڪڙو لاڙ جو هڪ تاريخي ڪردار آهي. طبعيت ۾ کرائي سبب ڳالهين ۾ رک رکائي ڪرڻ بجاءِ منهن تي چئي ڏيندو آهي ۽ ادبي تنقيد اهڙي گرجدار انداز سان ٿو ڪري، ڄڻ اجھو ٿو جهيڙو ٿئي؟ پر گھڻو ڪري سڄو ادبي لڏو هن کان چڱي ريت واقف آهي ته، هن جو من کير جهڙو اڇو ۽ مهاڻي ٻار جهڙو سادڙو آهي. هي تمام محبتي، شفيق، حساس، نازڪ ۽ نفيس انسان آهي. هي زماني جي آوي ۾ پچي راس ٿيل ماڻهو آهي. طوفانن ۾ ٻيڙيون تارڻ واري لاڙ جي هن ارڏي ڪردار جو ٻالڪپڻ حسن درس جي نظمن جھڙو آهي. هي لاڙي ٻار شاگردي واري زماني ۾ جيميسٽ ڪامريڊن جي صحبت ۾ اچي ويو. لاڙ سميت سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۾ مسڪين، مظلوم ۽ اٻوجھه ماڻهن کي سجاڳي ۽ جاڳرتا جي سفر ۾ هن اوجاڳن جا ڪيئي رڻ جھاڳيا. هن جي پيرن ڌرتي تي ڪيئي اڙانگا پنڌ ڪيا آهن پر انهن پنڌن ۽ پيچرن جي مشڪل مسافرين ۾ به هي کاهوڙي ٿڪو ناهي. ڪنهن به مسڪين سان ڪا بي واجبي ٿئي ته عثمان راهوڪڙو جو قلم جنبش ۾ اچي ويندو هو. جڏهن ٽنڊي باگي جي پوليس بي گناهه رفيق کوسي کي شهيد ڪيو ۽ پوءِ عارب لوهار ۽ ٻين جيڪا جدوجهد ڪئي، ان ۾ هن جو قلم تکي تلوار جيان ظالمن کي گهائي وڌو. هن جي گھڻ رخي شخصيت جا کوڙ سارا پاسا آهن پر سنڌ ۾ هن جي سڃاڻپ هڪ باصلاحيت ۽ بي باڪ صحافي ۽ ليکڪ طور آهي. سائنس جي جديد ٽيڪنالوجي واري تيز ترين دور جي ميڊيا سان لاڳاپيل هي نج ڳوٺاڻو ماڻهو ان فيشني چمڪ ڌمڪ جي طوفان ۾ لڙهڻ بجاءِ پنهنجي ماروئڙن، جھانگيئڙن جي اباڻي لوڏ ۾ نظر ايندو آهي. هن جو قلم وقت جي وڏن ماڻهن جي ثناخواني ڪرڻ بجاءِ هن معاشري جي ڌڪاريل طبقن ڏکوئل ماڻهن جي دردن جو درمان آهي. هن ڪيترائي نوجوان ميڊيائي ميدان ۾ متعارف ڪرايا آهن. هن جي صحافتي حس جتي تمام گھڻي شاطر، تيز ۽ پٿر جھڙي سخت آهي اتي هن جو قلم ڏتڙيل انسانن لاءِ نازڪ مزاجي سبب نرم گوشو رکندي هڪ وڏو سهارو به آهي. لاڙ جي هن قلم ڌڻي ۽ يگاني انسان عثمان راهوڪڙي جي حياتي جو هر پل سخت محنت، جفاڪشي، جستجو، جدوجهد ۽ کوجنا ۾ گذري ٿو. هر سمي علم جي ڳولا، تاريخ جي ڇنڊڇاڻ جو جنون، تحقيق لاءِ ڪتابن کي ڦلهورڻ، پنا ڪارا ڪرڻ، ملڪي توڙي عالمي سياست تي بحث مباحثا، صحافت ۾ نواڻ، مذهب ۽ انقلابن جي ماضي حال ۽ مستقبل جي تواريخ تي سنجيدگي سان وزنائتي راءِ رکڻ، قديمي ٻولين کي لاحق خطرا، تهذيبن جو ٽڪراءُ، پُراڻا ماڳ، مڪان، قلعا، ڀِڙا، هڙاپا، موهن جو دڙو، ٽيڪسيلا، ڪاهو جو دڙو، جھڏو گدام، ٻرڙائي ڪوٽ، روپا ماڙي، ديبل بندر، ڀنڀور، نهٽو، راڄ پار جو راڄ، مومل جي ماڙي جي حقيقت سميت ثقافت جي رنگن روپن جي اصليت کي منظر تي آڻڻ لاءِ ڪوششون، محفل، موسيقي، رڻن جو رولاڪيون، پرده پوش تاريخي ڪردارن جي ڳولا، آثار قديمه جي رکوالي، ڊهي پٽ پيل ۽ غرق ٿيل شهرن جا پنڌ پُڇائڻ، وڃائجي ويل پيچرن جا پيرا کڻڻ، پاڻي جي فطري گسن، رخ موڙي ويل يا سڪي تباهه ٿيل پاڻي جي قديمي وهڪرن ۽ گذرگاهن، ساڱرو، نيرو، پراڻ، هاڪڙو، پٽيهل درياهه جا پيرا کڻڻ، ونگو پتڻ ڍنڍون ڍورا، جھنڊي پاتڻي جو پتڻ، لاڙ جي ساموندي پٽي جي بربادي جا داستان، قاتل سم نالو ايل بي او ڊي جا قهر، 99 وارو طوفان، 2011ع واري مها برساتي ٻوڏ جا احوال هن جي عملي جدوجھد، گفتگو، ڪچهرين، تقريرن ۽ تحريرن جو موضوع رهيا آهن. عثمان راهوڪڙو عورتن جي سورن کي پنهنجي قلم جي شاعراڻي نثري ٻولي ۾ بيان ڪري ٿو ته نازڪ مزاج ۽ حساس ماڻهن جي اکين مان نير وهيو پون ٿا. هُن جو قلم جڏهن هن بي حس سماج ۾ جُرت ۽ همت سان جيون گھاريندڙ مائي مينا ڀيل جي زندگي جا رنگ رچي ٿو ته حيرانگي جي حد نٿي رهي. هو جڏهن مذهبي مت ڀيد، اوچ نيچ ۽ انساني اڻبرابري جي تفرقي کان آجي ۽ بالاتر تاريخ جي لڪيل عشقيه داستان بچي سامياڻي ۽ صالو کوسي جي پيار ڪهاڻي کي پنهنجي منفرد لاڙي ٻولي ۾ منظرعام تي آندو آهي. سندس قلمي پورهيي “سون سريکيون عورتون” واقعي جس لائق تاريخي علمي پورهيو آهي. سنڌ جي باذوق پڙهندڙن کي هي ڪتاب پسند ايندو. ان ۾ ڪيترائي ڪردار حقيقي طور وڏا ڪردار هئڻ جي باوجود گمنام رهيا آهن. عثمان انهن ڪردارن کي وڏي محنت سان تحقيق ڪري پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، اها جس لائق تاريخي علمي خدمت آهي.

    محب ڀيل
    فيبروري 2017ع


    پنهنجي پاران

    مون جڏهن ڪتاب سڪو سنڌو ڪنارا رُنا ۾ لازوال ڪردارن ۽ لوڪ داستانن کي روايتي پڻي کان هٽي ڇنڊي ۽ ڇاڻي لکيو. ان کان پوءِ مٽي جا مور ماڻهو ڪتاب ۾ 133 اهم شخصيتن جي ڪردارن تي خاڪا لکيم. ان دوران اهڙا انيڪ لڪل عورتن جا ڪردار سامهون آيا. جن جي سون سريکن ڪردارن تي مونکان اڳ ڪنهن به قلمڪار جي هڪ سٽ به لکيل ڪون هئي. ائين ئي ادب جي ميدان ۾ قلم جي گهوڙي تي جڏهن پنڌ ڪيم ته ڪيئي اهڙا ڪردار سامهون آيا. انهن سون سريکين عورتن جي ڪردارن کي آئون نظرانداز ڪري نه سگهيس. مون جڏهن ڪاوش مڊوويڪ ۽ ڪاوش دنيا مئگزين ۾ سهند اڍيجو، سليمت هاليپوٽو، حاجران ڦلڻ، بچي سامڻ، راڻي ڀيل، راڄسين سومراڻي ۽ نورهين ( نوري) شڪارڻ، سنڌو پاتڻي، آمي ابڙو، مهاتم طور ۽ ليلان جي تاريخي، نيم تاريخي ۽ لازوال ڪردارن تي تحريرون لکيون. جيڪي مٿي ڄاڻايل مئگزينن ۾ سائين انور ابڙو ڇپيون. ۽ ٻيون ڪافي تحريرون پڻ ڇپيون. تڏهن هڪڙو خيال آيو ته ڇو نه انهن سون سريکين عورتن جي عظمتن بابت مواد ڪٺو ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪجي. ان ڪري مون ڳولا جي رڻ ۾ ڪتاب ۾ شامل عظيم ڪردارن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ ماڳن، مڪانن سميت زنده عورتن جي پونئيرن ۽ ساڻن خود ملاقاتون ڪري مواد ڪٺو ڪيو. موناليزا جي مرڪ کان وٺي، مرحوم امان رڪيت جي هنج واري سڪون، ڪائنات کان وٺي مرحوم شريڪ حيات فاطمه عرف ڦاپو، معصوم خيرالنساءِ جي آخري هڏڪي کان وٺي، نازبو جي خوشبو جهڙي ڇوڪري تائين مونکي سون سريکين عورتن جي عظمتن ۽ ادا ڪيل ڪردارن تي اهڙو ناز آهي. جنهن جي آئون ڪا تصوير ۽ ڪا لفظي معنيٰ ڏيکاري نٿو سگهان.
    سون سريکين عورتن جا ڪردار لکڻ دوران لفظ لفظ تي محتاظ ان ڪري به رهڻو پيو. جو عورتن جي ڪردارن تي لکڻ دوران وک وک تي سماجي اڻبرابري واري سماج جا جوڙيل هٿراڌو قانون قلم جي رستا روڪ ڪندا رهيا. تمام گهڻين عورتن جي ڪردارن جي اپٽار ڪرڻ لاءِ انهن جي وارثن کان اجازت وٺڻي پئي.
    مون هن ڪتاب ۾ انهن انيڪ سخاوت جي مينار عورتن جي ڪردارن تي قلم کنيو آهي. جن تي زماني ۽ اتهاس کي فخر آهي ۽ رهندو. اسان جي معاشري ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن جي آهي پر عورتن جي ڪردارن تي ڇپيل ڪتاب اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. منهنجي دلبر دوست عباس علي ميمڻ مونکي عورتن تي لکيل تمام گهڻا ڪتاب فراهم ڪيا. ان سميت ليکڪ ابوبڪر شيخ، ايوب زاهد اسحاق سومرو، علي ڀاء ادريس لنڊ، علي گل کوسو، نهال ڪمار، ميوو مل“مجروع”۽ محمد صديق راهوڪڙو، در محمد، فقير گُل محمد کوسو، غلام رسول ڀان، محمد يوسف ملاح، اظهار الحق، لکاڏنو، انور اڪبر سان گڏجي ڪيترائي ڀيرا قديم ماڳن تي ويس. سوين ڪتاب ۽ رسالا پڙهيم، جن جو ذڪر تحريرن ۾ آيل آهي. ڪيتريون فلمون به ڏسڻيون پيون، ڪيترن ئي جهونن ۽ جهونين کان عظيم ڪردارن بابت معلومات ورتي وئي. منهنجو خيال هو ته ڪتاب ۾ ڪوبه روايتي ڪردار نه هجي ان حساب سان مون جيڪا ڪاوش ڪئي آهي. ان ۾ ڪهڙيون ڪميون ۽ کوٽون رهجي ويون آهن. ان تي راءِ نقاد ۽ پڙهندڙ ئي قائم ڪري سگهن ٿا. مون هن ڪتاب ۾ سڪو سنڌو ڪنارا رنا ۽ مٽي جا مور ماڻهو ۾ آيل سون سريکين عورتن جا لازوال ڪردار شامل نه ڪيا آهن. مون پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ جي هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ متڀيد کان پاسو ڪيو اٿم. ان ڪوشش دوران ڪتاب ۾ آيل مواد غلام شبير لغاري ڪمپوز ڪيو ۽ پروف منور علي راهوڪڙو چيڪ ڪيا. ٿورائتو آهيان ادي گلشن لغاري جو جنهن مهاڳ لکيو، ٻه اکر مانواري دوست ايوب کوسو لکيا، الهبچايو راهوڪڙو، غلام شبير لغاري، محب ڀيل ، ڀارومل امراڻي، شهاب نهڙيو، نصرالله جروار، سيد جڙيل شاھ بخاري ڪتاب بابت ويچار لکيا آهن. آئون سندن ٿورائتو آهيان.

    ادب جو شاگرد
    عثمان راهوڪڙو
    ٽنڊوباگو اصل ڳوٺ متو راهوڪڙو

    0331 3834738
    0346 3397779


    امر ڪردار

    راڻي ٻانهياري

    ريٻارڻ راڄ ۾، پهلوان پيدا ٿي، ڀري مٽ مٿي تي، سڌي پار پئي،
    چڙهي چوٽي وئي، “مجاهد” مڙي نه موت کان.
    واري بيت بابت جيڪا ڪهاڻي آهي. سا ضلعي ٿرپارڪر ايٽ مٺي جي تعلقي ڏيپلو ديهه ڏنگاريو يوسي ٻولهاڙي جي ڳوٺ ڳڀڻ جي ان راڻي ريٻارڻ سان تعلق رکي ٿي. جيڪا ڪيئي پيڙهيون اڳ هتي رهندي هئي. ساڻس سندس ڏير جنجهه عرف جهانجهل شرط رکي ته، جيڪڏهن تون ٽي دلا پاڻي سان ڀريل کڻي ڀٽ جي چوٽي تي پهتين ته، توکي عاج جي چوڙن جي ٻانهين الهي ڪلهي پارائيندس. اهڙي شرط تحت جوڀن رُت ۾ 7 مهينن جي ڳورهاري راڻي ريٻارڻ پنهنجي ڏير سان طئه ڪيل شرط عاج جي ٻانهين تحت ٽي دلا پاڻي جا ڀٽ واري ڪاٺ جي کوهه تان ڀري کنيا. نٽهڻ اُس ۾ هو دلا کڻي جڏهن ٿر جي ٽيو نمبر اُوچائي واري ڀٽ جي چوٽي تي چڙهي ته، آهستي آهستي اڀي ڀٽ جي چوٽي تي چڙهي رکيل شرط ته کٽي وئي، پر چوٽي تي چڙهي پساهه پورا ٿي ويس. کيس ڀٽ جي چوٽي تي دفنايو ويو. سندس ڏير جنجهه اٺ تي ڀڄ وڃي پنهنجي ڀاڄائي راڻي لاءِ عاج جي ٻانهين به آندي ته، پڪيون سرون به وٺي اچي راڻي جي قبر پڪي ٻڌرايائين. عاج جا چوڙا سندس قبر تي رکيائين. راڻي جي وفات بعد ان ڀٽ تي نالو ٻانهياري ڀٽ پئجي ويو ۽ چوڙن جي ڪري ڳوٺ تي نالو ڳڀڻ پئجي ويو. روايت ۾ اچي ٿو ته، ان وقت ڳڀڻ ڳوٺ ۾ ريٻاري، گوهيل، ميگهواڙ ۽ جت رهندا هئا. علائقي جو چڱو مڙس لياقت جت هو. هن وقت به ڏيپلي تعلقي جي ديهه ڏينگاريو جي زرعي رڪارڊ موجب جنجهه جي ٽوڙي به آهي ته، زرعي زمين به سندس نالي سان رڪارڊ ۾ موجود آهي.
    هن وقت ڳوٺ ڳڀڻ ۾ ٻانهياري جو قبرستان سن ( لوڻ کاڻ) ڀرسان اهو پراڻو ڪاٺ وارو کوهه به موجود آهي. پر نه آهن ته هاڻي هتي جت، ريٻاري ۽ گوهيل ميگهواڙ. هن وقت ڳڀڻ ڳوٺ جا 3 ڳوٺ ٿي ويا آهن. هڪ ۾ نهڙيا نک آري، ٺڪر ۽ راهمان رهن پيا. ڳوٺ تائين ارباب غلام رحيم پڪو رستو ۽ بجلي جي سهولت به مهيا ڪرائي ڏني آهي. ٿر ۾ هڪڙو جنجهه نالي وڻ آهي. جيڪو به ڳوٺ ڳڀڻ ۽ ٻانهياري ڀٽ تي ٿئي ٿو. ڳوٺاڻي محمد هاشم نهڙيو جو خيال ٻانهياري جي قصي بابت هن طرح آهي ته، اسان هتي ست پيڙهين کان آباد آهيون. اسان پنهنجي وڏن کان راڻي ۽ جنجهه جي شرط واري ڪهاڻي ٻڌندا رهيا آهيون. پوري ٿر ۾ ٻانهياري مشهور آهي. هتان ٿريلي عورتن کي ٻانهياري جي پهلواني تي اڄ به ناز آهي. هن لوڪ روايت بابت شاعري ڪري راڻي جي پهلواني کي چار چنڊ شعرن ۾ لڳائيندڙ استاد محمد بخش “مجاهد” نهڙيو جو چوڻ آهي ته، ريٻاري ۽ جت ڪيڏانهن لڏي ويا. ان قصي بابت هڪڙي روايت آهي ته، ڪنهن جنگ دوران جت پنهنجا سونا زيور کوهه ۾ ڦٽا ڪري هتان هليا ويا. ريٻاري ڪيڏانهن ويا ڪا ڄاڻ نه آهي. باقي گوهيل ميگهواڙ هن وقت ڏيپلو شهر ۾ رهن پيا. “ريگستان جو سير” ڪتاب ۾ محمد اسماعيل عرساڻي ٻانهياري ڀٽ جي اُوچائي بابت هن ڀٽ کي ٿر جي ٽيون نمبر ڀٽ لکيو آهي. ڳڀڻ ڳوٺ وارو ڪاٺ وارو کوهه لوڻ کاڻ جي وچ ۾ آهي. پر صدين کان اڄ ڏينهن تائين کوهه جو پاڻي مٺو آهي. مون به کوهه وڃي ڏٺو. ڌنار ڍڳين کي کوهه تان پاڻي پياري رهيا هئا. مال جا وڳ پنهنجي وٿاڻن ڏانهن وريا پي. کوهه تي گڏهه، ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون پاڻي پيئڻ لاءِ آيا هئا. مون کوهه ۽ ڳوٺ ڏانهن نظر وڌي پري پري تائين مونکي اُٺ نظر نه آيا. مورن جا ٽهوڪا به ٻڌم ته هٺيلا هرڻ به اکين آڏو آيا. وٺل ٿر جي منظرن، گاهن، وڻن جي ساوڪ، ٻاجهر، جوئر ۽ ترن جا سنگ به لڏندي لمندي ڏٺم ته، مونکي ڳڀڻ ڳوٺ جي شاعر محمد بخش “ مجاهد” ٻانهياري تي ڪيل سندس شاعري پي ٻڌائي.
    ٻانهياري ڀٽ تي سج لٿو پي، آئون الهه بچايو ساحل راهوڪڙو، فقير لکاڏنو جت، محمد بخش مجاهد، غلام شبير لغاري ۽ ربڏنو نهڙيو راڻي جي کٽيل شرط ۽ ٻانهياري بابت ڪجهه ڪلاڪن کان مسلسل پي ڳالهايو. کٽيل شرط ۽ هارايل زندگي جا عڪس ٻانهياري واري ڀٽ جي واريءَ مان اڏامندي محسوس ٿيڻ لڳا. اسان ڀٽ تي آخري نهار وڌي ۽ پنهنجي ڳوٺ ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ محمد بخش کان موڪلايوسين.

    


    سهند اڍيجو

    مائي سهند اڍيجو ٿر جي جهاٻا تڙ جي رهواسي وڏيري حاجي جي ڌيءُ هئي. وڏيري حاجي کي پٽ جو اولاد ڪون هو. جڏهن کيس سهند ڄائي ته، هن خوشيون ملهايون ۽ ڇٽي تي ديڳون طعام جون رڌي ماڻهن کي کارايون. وڏيري حاجي جي مالدار ڀاڳئي طور پنهنجي علائقي سميت سڄي سنڌ ۾ هاڪ هئي. چوپايو مال جا ڌڻ وٽس هئا. ٿر ۾ سندس زمين پڻ هئي. کيس قدرت واري اهڙو نوازيو هو، جو ڪنهن شيءَ جي ڪمي ڪان هئس. پر کيس پٽ جو اولاد نه هو. جنهن لاءِ هو سڪي رهيو هو پر قدرت واري کيس سهند سميت ٻن نياڻين جو اولاد عطا ڪيو. جنهن ڪري هن پنهنجي ڌيئرن کي پٽن جيان پاليو. جن سان بي انتها محبت ڪندو هو. جيڪي سندس ڪل ڪائنات هيون. جن کي پالڻ ۽ سندن خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ وڏيري حاجي ڪابه ڪمي ڪان ڇڏي. کين اهڙي تربيت ڏنائين، جو جڏهن سهند جوڀن رُت ۾ آئي ته، ڪنول جي گل جيان ٽڙي پئي. وڏيري سندس شادي لاڏ ۽ ڪوڏ سان ٽنڊي باگي لڳ ليلان ۽ چنيسر جو چيو ويندڙ ليهور يا نقشي موجب ليئر ڀرسان ڳوٺ احمد اڍيجي جي رهواسي گاجي ولد احمد اڍيجو سان ڪئي. سهند ۽ گاجي جي ڄڃ اُٺن ۽ گهوڙن ذريعي جهاٻي تڙ کان ڳوٺ احمد اڍيجو پهتي. وڏيري ڌيءُ کي ڏيج ۾ ڳئون، رڍون، ٻڪريون، اُٺ، گهوڙا ۽ سون سميت ڳوٺ احمد اڍيجو ڀرسان ست سئو ايڪڙ زمين به خريد ڪري ڏني. جڏهن سهند ساهراڻي ڳوٺ اچي رهي ته نار، پراڻ جي جهڏو پتڻ ۽ باغ پتڻ، هاڪڙي جي وانڪل پتڻ ۽ ڄار پتڻ تان گذرندڙ پيادل قافلا اچي سندس ڳوٺ وٽان نار ڍوري واري پتڻ تان گذرندا هئا. سهند ايندڙ ۽ ويندڙ پيادل قافلن کي پنهنجي اوطاق تي ٽڪائي کين کير، لسي، مکڻ ۽ ماکي سان مانيون ۽ چانور کارائيندي هئي. ۽ قافلن ساڻ وهٽن کي به گاهه داڻو ۽ پاڻي ڏيندي هئي. ان سمي ٽنڊوباگو، بدين، ٺٽو، ڪراچي ۽ حيدرآباد انهي ئي رستي تان قافلا ايندا ۽ ويندا هئا. مائي سهند وٽ اوطاق تي ملازم رکيل هئا، جيڪي اڻ واقف قافلي جي پانڌيئڙن جو اهڙي نموني استقبال ڪندا هئا ڄڻ ته، اهي سهند جا ئي دعوتو هجن. نه رڳو اهو پر مائي سهند اوسي پاسي جي سوين ڳوٺن جي بيمار عورتن ۽ ٻارڙن جو علاج پنهنجي خرچ تي ڪرائيندي هئي. مسڪينن کي مفت ۾ اناج ڏيندي هئي ۽ غريب نياڻين جون شاديون پڻ پنهنجي خرچ تي ڪرائيندي هئي. اهڙي ادا سبب مائي سهند اڍيجي جي سخا جي هاڪ ٿرن ۽ برن ۾ ٿيڻ لڳي. سندس ڳوٺائي حاجي شاهه چواڻي ته سهند اجرڪ اوڍي مرداڻا ڪپڙا ۽ جتي پائي، گهوڙي تي هٿ ۾ ڪهاڙي کڻي پنهنجون زمينون گهمڻ ويندي هئي. ۽ اوسي پاسي جي راڄن ۾ وڃي فيصلا پڻ ڪندي هئي. ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ ريا نه ڪندي هئي. کيس گاجي مان سردار، عالم پيدا ٿيا. مائي سهند ۽ سندس مڙس گاجي جي اوطاق تي سگهڙ گڏ ٿيندا هئا ته، ڏور بيتن ۽ ڳجهارتن جو محفلون به ٿينديون هيون. مائي سهند غريب نياڻين جي شادين ۾ رسيلا گيت به ڳارائيندي هئي. ان سميت هن جي ادا ڪيل ڪردارن جي انڊلٺي رنگن کي وقت جا پنا ۽ دلين وارا وساري نٿا سگهن. سندس فيصلا، مهمان نوازي ۽ غريبن سان همدردي جون ڪهاڻيون زمانن تائين پيون ڳائبيون. هي تڏهن جي ڪهاڻي آهي، جڏهن سنڌو درياءَ تي بئراج ڪون اڏيو هو، تڏهن سنڌو جو پاڻي بي لغام گهوڙن جي ٽاپولين جيان جتان ڪٿان پيو وهندو هو. جنهن جو مثال انڊس ڊيلٽا ۾ درياءَ جا ڦاڪ ۽ ڇاڙون اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. ان سمي دريائي ڍورن ۽ ڦاڪن تي پتڻن جي وڏي اهميت هئي. دريائي ڦاڪن واري ڪنارن تي، جهنگن ۽ جهنگلي جانورن جي گهڻائي ڪري ماڻهو قافلن جي صورت ۾ گذرندا هئا. انهن قافلن کي ٽڪائڻ ان دور جي وڏي ڳالهه هئي. لاڙ ۽ ٿر جي پٽ ۾ نه رڳو سهند پر بچي کاڙڪ، راستي اوٺو، مشهور بوڙينڊي نواز ذوالفقار لنڊ جي ڏاڏي سوني لنڊ، آمي ابڙو به اهڙيون سخي عورتون ٿي گذريون آهن، جيڪي جتي قافلن کي ٽڪائينديون هيون، اتي هنن پنهنجي گڻن ۽ ادا ڪيل ڪردار سبب مرداڻي سماج ۾ پنهنجو نالو ۽ نيڪ نامي پيدا ڪئي، تنهن جا گڻ انهن جي پڄاڻا به هرڪو پيو ڳائي ۽ ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ سندن نالا مثال ڏيئي پيا ورجائبا آهن. وقت وقت جي ڳالهه آهي انگريزن جي سڌارن ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ پڪن رستن ۽ درياءَ تي اڏيل بئراجن سميت پراڻي ناري هاڪڙي ۽ سنڌو درياءَ جي ڇاڙهن ۽ ڍورن جا نشان باقي رهجي ويا آهن. پر انهن پتڻن ۽ پاتڻين ۽ مٿي ڏيکاريل پتڻن تي قافلا ٽڪائيندڙ ۽ پنهنجي دور ۾ انوکا ڪردار ادا ڪندڙ انهن عظيم عورتن جي عظيم ڪردارن بابت ثناخواهه تاريخ نويسن هڪ لفظ به نه لکيو هو. مون جڏهن آمريڪا جي انتهائي مالدار ۽ ڪنجوس عورت هيٽي گرين جو نالو ڪنجوس پائي سبب گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل هئڻ بابت پڙهيو، تڏهن منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪرندي محسوس ٿي ته، مائي سهند اڍيجو ۽ ٻين عظمتن جا ڪوٽ اڏيندڙ عظيم عورتن جي ڪردارن بابت اسان جي ديسي تاريخدانن هڪ به اکر سندن عظمتن جي حوالي سان تحرير نه ڪيو آهي. پر اڄ به انهن جي چڱاين جون ڳالهيون راڄن ۾ ماڻهن جي زبانن تي ڪنڀارڪي دلي تي چٽن جيان چٽيل آهن. جيڪي وقت گذرڻ جي باوجود گاهي به گاهي پيون دهرائجن. مائي سهند اڍيجو پنهنجي دور جي عورتن جو نڪ هئي. هن جڏهن وفات ڪئي ته، راڄن جي اکين ۾ لڙڪ هئا. کيس مقامي قبرستان جمون فقير ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنم ۽ وفات جون تاريخون ته معلوم نه ٿي سگهيون آهن پر، سندس دور بابت فيض اڍيجي موجب انگريزن جو شروعاتي دور چيو وڃي ٿو. سندس ڏوهٽا ۽ پوٽا حال حيات آهن. هاڻي جڏهن ڳوٺ احمد اڍيجي جي ڀرسان ڪنهن املتاس تان انهن ويرانن تي ڪويل جو اداس آواز ٻڌجي ٿو ته، هيئن لڳي ٿو. جئين شاهه سائين فرمايو ته؛
    نه سي ووئنڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
    پسيو بازارون، هيئنڙو مون لوڻ ٿئي.


    آمي ابڙو

    بدين شهر کان ٻه ڪلوميٽر اوڀرطرف مرکان جا پڊ آهن. اتان کان چار ڪلوميٽر اوڀر پاسي دڙي وارو ڳوٺ آهي. هي سنڌ جا اهي ڳوٺ آهن. جتي اهڙا ڪردار ملن ٿا. جن سان انوکيون ڪهاڻيون وابسته آهن. هتان کان جيڪا واٽ يا رستو هو. ان خشڪي واري رستي تان علاوالدين خلجي جي لشڪر کان وٺي، روپا جي راڻن ڀونگر بادشاهه، دودي ۽ روپا راڻي سميت ٻاگهل ٻائي، ڄام فيروز خان کان وٺي، سڪندر مقدوني جي فوجن سميت محمد بيگڙي ۽ ٻين اڻڳڻين جي پيرن جا نشان هن واٽ تان مٽيءَ جي مٽيءَ ٿي ويا. ريڻ جي اوڀر ۽ لوهاڻي يا ساڱري جي ڏکڻ طرف “مون سي ڏٺا ماءُ، جن ڏٺو پرينءَ کي، تنين سندءِ ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي” سلطان محمد زمان شاهه جي لنواريءَ شريف کان اوڀر طرف 6 ڪلوميٽرن تي شمشيرالحيدري ۽ سانوڻ فقير جي نندو شهر کان اولهه طرف 12 ڪلوميٽر جي پنڌ تي اُهو “دڙي وارو ڳوٺ” آهي. جتي انگريزن جي دور جي شروعاتي ڏينهن ۽ ميرن جي پڇاڙڪن ڏينهن دوران آمي ابڙو جي هاڪ هئي. ان وقت هوءُ هند ۽ سنڌ ۾ ان ڪري به مشهور ٿي. جو ڪوٽ لکپت، گجرات، ڀڄ، پڇم کان پيادل قافلا اُٺن، گهوڙن، بيل گاڏين جي ذريعي رحمڪي بازار، علي بندر کان ٿيندا، دڙي واري ڳوٺ وٽان گذري، هاڻوڪي بدين ۽ اڳي سانول پور کان لنگهي ڪي جوڻ، فتح باغ، اگهم ڪوٽ، پٽالا يا نيرون ڪوٽ ڏانهن ويندا هئا ته، ڪي وري کيرئين يا انڙڪوٽ، مهاتم طور، بٺورو، جاتي ۽ ننگرٺٺه ڏانهن ويندا هئا. ته ڪي ٺري، وهڻائي موري، جمالي ڦڙدو، تلهار ۽ ڪي ونگو، نهٽو، عمرڪوٽ ڏانهن رخ ڪندا هئا. پر سڀني جو گذرگاهه ڳوٺ دڙي وٽان ٿيندو هو. هوءَ گهڻو ڪري ڌنارن ۽ پنهوارن کان جتي مرکان جا لاڏا گيت ٻڌندا هئا. اتي ڍاٻو ڪرڻ عارضي رهڻ يعني ماني ٽڪي کائي، جانورن کي گاهه ۽ داڻو چاريندا هئا. هند ۽ سنڌ جا مسافر قافلا آمي ابڙو جي اوطاري تي اچي ترسندا هئا. انهن آيل قافلن جي مسافرن (راهگيرن) جي خاطري آمي خود ڪندي هئي. هو مسافرن کي کير، مکڻ، لسي سان سڳداسي چانورن جو مانيون به کارائيندي هئي ته،جانورن کي ان داڻو ۽ گاهه به ڏيندي هئي. سندس اوطاري تي مسافر 24 ڪلاڪ ٽڪيل هوندا هئا. مسافرن جي اهڙي اچ وڃ سبب آمي ابڙو دل کولي آيل مسافرن جي بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ فرق جي خدمت ڪندي هئي. سندس مال مان ملندڙ کير، مکڻ، گيهه، لسي جتي مسافرن جي چاڪري لاءِ وقف ٿيل هوندا هئا. اتي زمين مان ٿيندڙ اناج به مسافرن لاءِ جهڙوڪر وقف هو. جيڪڏهن ڪنهن راڄ جي غريب غربي وٽ ان کٽو ته، آمي اڻ توريو ان مفت ۾ کيس ڏيئي ڇڏيندي هئي. راڄ ۾ لاچار ۽ بيمار جو آمي علاج ڪرائي دعائون کٽيندي هئي. ڊليوري دوران دائي مهيا ڪرڻ، ڪنهن غريب جي نياڻي کي ڏيج ڏيئي سندس شادي ڪرائڻ وارن گڻن جي ڪري آمي پنهنجي تر ۾ مشهور هئي. هن جي ست راڄي ۾ هلندي پڄندي ۽ وڏي عزت هئي. سندس اهڙي نيڪ نامي سبب راڄن جا ماڻهو سندس احترام ۽ عزت ڪندا هئا. آمي ڪنهن غريب ۽ لاچار سان ظلم برداشت نه ڪندي هئي. چور کائنس ڊڄندا هئا، پنهنجي تر مان ڪنهن جي به چوري ڪرڻ نه ڏيندي هئي. مظلومن جو ساٿ ڏيئي ڏاڍن سان وڙهي پوندي هئي. زندگي جي انساني گڻن مان هو گڻائتي عورت هئي. جنهن جي جيئري ته هاڪ هئي پر اڄ به دڙي وارو ڳوٺ سندس نالي سڏجي ٿو. ۽ ديهه ابڙي تي به سندس نالي پويان نالو پيو. 1947ع ۾ ورهاڱي جي لڪير سبب اهو خشڪي وارو رستو رحمڪي بازار وٽان جتي بند ٿيو. اتي 1932ع ۾ سنڌو درياءَ تي سکر ۾ بئراج قائم ٿيڻ سبب جتي درياءَ اڳي جيان بي لغامي وارو وهڻ بند ڪيو. اتي 1947ع بعد پڪا رستا به ٺهيا. جنهن ڪري فاصلا گهٽجي ويا ۽ خشڪي واري پيادل قافلن ۽ اٺن، گهوڙن ۽ بيل گاڏين سميت ڊگها پيادل سفر به ختم ٿي ويا. پر اڄ به لاڙ پٽ ۾ آمي ابڙو کي هن زماني جي ماڻهن به نه وساريو آهي. اُتي جڳ مشهور شاعر مولوي حاجي احمد ملاح به پنهنجي شاعري ۾ آمي جي ڳوٺ دڙي جو ذڪر ڪيو آهي.
    وڃان ٿو ڳوٺ دڙي،
    جتي ڳڙ جي چانهه ڪڙهي،
    ۽ ڳوٺ دڙي جي رهواسي شاعر الهه بچايو ابڙو جي شاعري ۾ به آمي ۽ ڳوٺ دڙي جو ذڪر آهي. ڳوٺ دڙي جو تاريخي پس منظر مشهور شاعر نعيم ابڙو جي والد رٽائرڊ استاد عبدالغني ابڙو ٻڌائيندي چيو ته هتي قديم ڪو شهر هو. جنهن ڪري هي ڳوٺ دڙي جي نالي سان سڏيو ويو. جڏهن آمي ڄائي ۽ ان جو نالو ٿيو ته انگريز سرڪار رڪارڊ ۾ آمي ابڙو ڳوٺ ڪيو. آمي ابڙو جي وفات ۽ سندس پڳ بابت عبدالغفور ابڙو ٻڌايو ته پاڻ 1936ع ڌاري وفات ڪئي. پنهنجي چڱ مڙسي واري پڳ وڏيري عبدالله ابڙو کي ٻڌرائي. عبدالله ابڙو جي وفات جي وفات بعد لاڙ جي سماٽ ذاتين جو چڱو مڙس جمعون ابڙو ٿيو. آمي ابڙو جو پٽ نور محمد جنهن جو پٽ عبدالحميد ابڙو مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جو ڪاتب پڻ هو. آمي ابڙو ڪڇي لهجي واري سنڌي ٻولي ڳالهائيندي هئي. سندس مڙس جو نالو بچل هو. هن وقت دڙو ڳوٺ جو چڱو مڙس وڏيرو حاجي صديق ابڙو آهي. هن ڳوٺ ۾ اڪثريت پڙهيل لکيل ماڻهن جي آهي. هن ماڳ دڙي جو اصل نالو ڪهڙو هو، ان بابت تاريخ جي لکيل ڪتابن جا ورق خاموش آهن. پر آمي ابڙو جي سخا ۽ چڱاين جي ڳالهه اڄ به ڳوٺن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ ڳائجي پئي. سندس نيڪ سيرت ۽ انساني ڀلائي لاءِ ڪيل عمل ۽ ڀلن گڻن سبب سندس نالو زمانن تائين پيو ڳائبو.
    


    حاجران ڦلڻ

    ٽنڊي باگي تعلقي جي اوڀر طرف اٽڪل 20 ڪلوميٽر پنڌ تي ليئر ڍنڍ لڳ ڦٽل شهر جا قديم آثار موجود آهن. جنهن بابت محقق شيخ محمد سومار ۽ مقامي ماڻهن جي راءِ آهي ته، اهو ماڳ ليلان ۽ چنيسر جو ليهور هو. جنهن کي انگريز دور ۾ غلطي سبب ليئر لکيو ويو. اهو ماڳ جنهن بابت کوجنا تمام گهٽ ٿي آهي. ان جي اوڀر طرف صرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي حاجران ڦلڻ جي نالي سان ڳوٺ آباد هو. سنڌ ۾ مرداڻي حاڪميت سبب عورتن جي نالي سان تمام گهٽ ڳوٺ آباد ٿيل آهن. پر حاجران ڦلڻ پنهنجي دور جي اهڙي عورت هئي. جيڪا اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي، اڇا ڪپڙا پائي ڏينهن جو نيٽ ۽ رات جو بندوق ڪلهي ۾ وجهي پنهنجي زمينن تي پاڻي جي چڪاس ڪرڻ ويندي هئي. سندس ٽن ديهن ۾ جاگير هئي. راڄوڻي فيصلن سميت چورين چڪارين جا فيصلا به سندس اوطاق تي ڪندي هئي. پنگريو، جهڏو ۽ ٽنڊي باگي ٿاڻي جا صوبيدار به وٽس اوطاري تي هلي ايندا هئا. ٿر سميت سندس پٽ جا سوين مسڪين ماڻهو سندس ڳوٺ ۾ رهندا هئا. حاجران جي والد جو نالو محمد عثمان ۽ سندس مڙس جو نالو عبدالله هو. کيس هڪ پٽ محمد نالي هو. ۽ کيس سوني نالي ڌيءُ هئي. جيڪا پنهون جت سان پرڻائي هئائين. سندس والد جي وفات بعد، زمينن، اٺن، مينهن، گهوڙن، ٻڪرين، رڍن سميت مال جي سنڀال خود ڪندي هئي. سندس ڳوٺ جا روال ملاح ۽ سومرو ملاح اربابن چوري جي الزام ۾ ڏيپلو ٿاڻي تي قيد ٿيا. جن کي اٺ تي چڙهي ڏيپلو مان وڃي آزاد ڪرايائين. حاجران پنگريو، جهڏو ۽ ٽنڊوباگو وڃي خود سامان وٺندي هئي. تڏهن ڪچو رستو هو. ۽ جهنگ گهڻو هو. رات جي وقت تي ماڻهن سان جهنگلي جانور وڙهندا هئا. پر حاجران ڪڏهن به ڊپ ۽ خوف نه ڪندي هئي. فيصلا امانتي ڪندي هئي ۽ فيصلي ۾ رياءَ نه ڪندي هئي. سندس ڳوٺ وٽان نار جي قديم ڇاڙ وهندي هئي. سندس اهڙي ته علائقي ۾ هاڪ ٿي جو اها چوڻي اها علائقي سميت سنڌ ۾ مشهور ٿي وئي آهي “ته ڪا حاجران ڦلڻ آهين ڇا؟” هو واقعي پنهنجي ايامڪاري دوران پنهنجي پٽ جو وڏو نالو هئي. هو دلير سان گڏ سخي به هئي. سندس اوطاري تي پيادل قافلا به اچي ٽڪندا هئا. انهن مسافرن جو ڀرجهلو ٿيندي هئي. “ٽنڊي باگي جي تاريخ” ڪتاب جي ليکڪ انور عباسي جنهن جو ننڍپڻ ڳوٺ عالي ڦل ۾ گذريو. ان حاجران بابت ٻڌايو ته سندس گهر اڳيان ٻيرن جا وڏا وڻ هئا. جتي روزاني هو ۽ ٻيا ٻار وڃي ٻير پٽي کائيندا هئا. حاجران ٻارن سان پيار ۽ پاٻوهه سان پيش ايندي هئي. انور چواڻي ته حاجران عمر جي آخري ايامن دوران پڻ ڏاڍي سهڻي لڳندي هئي. ليکڪ غلام شبير لغاري جو ڳوٺ به حاجران جي ڳوٺ ويجهو آهي. پاڻ 1970ع واري ڏهاڪي دوران ڳوٺ عالي ڦل جي سليمان ڦل جي گهر ۾ وفات ڪئي. سندس پڄاڻا سندس پٽ محمد ۽ پوٽن عثمان ۽ عبدالمجيد وارث ٿيا. هن وقت هڪڙو راڄو خاناڻي ۽ ٻيو بدين شهر ۾ رهي ٿو. اٺن واٽرن ۽ ٽن ديهن واري جاگير ختم ٿي وئي. ڳوٺ سليمان ڦل جي سهراب ڦل ٻڌايو ته هن وقت حاجران جي پوٽن وٽ صرف چار ايڪڙ زمين بچي آهي. ٻي جاگير ۽ حاجران جي گهر وارو پڊ هن وقت ويران ٿي ويو آهي. نه اهي ٻير جا وڻ رهيا آهن ۽ اهي وري اهو سندس وسندڙ اوتارو. بس هڪ ويران دڙو آهي. ۽ ان ويران دڙي لڳ نانگو شاهه جي قبرستان ديهه ڦل ۾ حاجران جي قبر موجود آهي. جنهن تي ڪوبه قطبو لکيل نه آهي. اسين جڏهن ان جي قبر تان ٿي واپس وري رهيا هئاسين ته سج اولهه طرف غائب ٿي رهيو هو. آهستي آهستي حاجران جي ڦٽل ۽ ويران دڙي ۾ اونڌهه جا پاڇولا پئجي رهيا هئا. مون ۽ انور چئوطرف ڏٺو نانگي شاهه جي سڪي ويل ڄارين جي لامن ۾ ڪوبه پن سائو نظر نه آيو.

    


    مسمات نورل

    ٽنڊي باگي کان 15 ڪلوميٽر اوڀر طرف نار جي ڦٽل ڪناري تي ڳوٺ خليفي نبي بخش لغاري ۾ وڃڻ لاءِ بس اسٽاپ خليفه موري کان اوڀر طرف چينل واهه جي پٽڙي ڏيئي هڪ ڪچي رستي تان گذري وڃجي ٿو. هڪڙي ڪچي لانڍي واري اوطاق ۾ جنهن ۾ بجلي جو نالو ۽ نشان نه هو. هڪڙي کٽ تي ويٺل لڳ ڀڳ ستر سالن جي فقير مراد علي لغاري اڪيلو ويهي جاسوسي ڊائجسٽ پڙهي رهيو هو. ڪيڏي مهل اوڀر طرف ۽ ڪيڏي مهل آسمان طرف نظر ڪندي، وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڊائجسٽ ۾ اکيون ٿي وڌائين. آئون غلام شبير لغاري ۽ انهي ڳوٺ جو زمان لغاري وٽس ان اوتاري تي وڃي ساڻس گفتو شروع ٿا ڪريون. زمان چوي ٿو عثمان هي آهي، حر گوريلا تحريڪ جي مک ڪردار حر غازي احمد لغاري رازدار جو پٽ مراد علي. هو مون ڏانهن ڏسي ٿو ۽ چوي ٿو ليکڪ آهين.؟ آئون کيس “جي ها” چئي جواب ڏيان ٿو.
    چوي ٿو “يار تاريخدانن ته حر گوريلا ويڙهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي”.
    “ ڪيئن؟” آئون کائنس سوال ڪريان ٿو.
    چيائين ته “آئون بابي رازدار احمد ۽ ڏاڏي نورل جي ڪردار جي ڪهاڻي بيان ڪريان ٿو، پوءِ ليکڪ صاحب توهان پاڻ فيصلو ڪجو.” هن چيو ته “گڙنگ بنگلي تي پير سائين سردار جماعت کي گھرايو، غازين جا نالا لکيائين، وطن يا ڪفن آزادي يا موت جي نعري هيٺ جيڪي غازي حر مرشد جي حڪم تي وطن جي آجپي لاءِ فرنگي انگريز سامراج سان ويڙهه لاءِ تيار ٿين، سي پنهنجا نالا لکرائين. نالن جي فهرست ٺهي پير سائين حڪم ڪيو ته “ڏيئو وسايو جنهن کي وڃڻو هجي اهو هليو وڃي. ڪلاڪ کن بعد ٻيهر ڏيئو ٻاريو ويو، سڀ جانثار موجود هئا. خليفي احمد کي اهم ذميواري ڏني وئي. ان موقعي تي پير صاحب غازي حرن کي فرمايو ته “هن تحريڪ ۾ خليفي احمد جو حڪم منهنجو حڪم ڪري ڀانئجو. ائين ئي حر تحريڪ جي شروعات ٿي. پوءِ جڏهن حر گوريلا ڪاروايون وڌنديون ويون. انگريز سامراج بوکلائجي مرشد ائين ان جي غازي حرن مٿان ڪوڙا الزام مڙهي سرڪاري مشينري کي استمعال ڪري پروپيگينڊا شروع ڪئي ته حر ڌاڙيل آهن. ۽ انگريز سرڪار هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ جڏهن سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪري رتناگري جي جيل ۾ رکيو ته، رازدار احمد گيڙو ويس ڪري جوڳي بنجي مرليون وڄائيندي پڇا ڪندي وڃي، رتناگري جيل ۾ سورهيه بادشاهه سان مليو. اتي فقير بنجي قائد حر تحريڪ سان ملندو هو. وٽائنس حڪم وٺي سنڌ ۾ حرن کي حڪم ڏيڻ لاءِ خط ذريعي ٽنڊي باگي جي محمد يوسف کٽي جي ايڊريس تي ايندا هئا، اهي خط محمد يوسف کان صرف ماما مير محمد کڻي اچي رازدار احمد جي سالي مسمات نوران ڪوڊ موجب ڏاڏي نورل جي حوالي ڪندو هو، جيڪا حر گوريلن ميرو فقير نظاماڻي، هاشم کوسو، ميانداد سنجراڻي سميت احمد رازدار اڳ هدايتون وٺندڙ حرن کي هدايتون ڏيندي هئي. هن اوڀر طرف اشارو ڪندي چيو ته سامهون ٻٻرن جي هڙي هئي، جنهن ۾ حر گوريلن جو ٿاڪ هو، هو ڪاروايون ڪري ٻيهر اچي هڙي ۾ رهندا هئا. اسان جي ڳوٺ حرن جي ڳولا لاءِ سي آءِ ڊي محمد حسن فقير ٿي اچي رهيو. مليٽري ۽ پوليس اهلڪار هفتي پندرهين ڏينهن پيا ايندا هئا. رازدار احمد پنگريو ٿاڻي جي ڪجهه پوليس آفيسرن کي سندن پگهار کان ٻيڻي رقم هر مهيني ڏياري موڪليندو هو. ان ڪري پنگريو ٿاڻي جي پوليس حرن کي مشڪل گهڙين ۾ اڳواٽ آگاهي ڏيئي ڇڏيندي هئي. سي آءِ ڊي محمد حسن اسان جي ڳوٺ ۽ هڙي واري ٿاڪ ۾ رهندڙ حرن کي سڃاڻي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته حر گوريلا به پينو فقير، ڪڏهن هاري ته، ڪڏهن ڌنار بنجي ڪڏهن هرلا پيا هلائيندا هئا ۽ پيا رهندا هئا. تر سميت سنڌ جا پير مير وڏيرا ۽ چغل خور به پيا حرن جي خلاف سرڪار وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ پيا چغليون هڻندا هئا. انهن مان هڪڙو اڪ نالي چغل خور هو. جنهن جي زبان مان هر وقت حرن خلاف زهر پيو اوڳاڇبو هو. ان جهڙي منفي ڪردار بابت خليفي احمد رازدار هن طرح ڪوڊ ۾ خط موڪليو ته “پنهنجي ٻني ۾ اڪ وڌي ويا آهن، انهن کي ختم ڪري ڇڏيو.” اهو خط ملڻ کان پوءِ ان اڪ کي ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو. ائين ئي حر گوريلا بيل گاڏين تي پوش ٻڌي ان ۾ عورتون ويهاري گوريلا هٿيار هڪ ٿاڪ کان ٻي ٿاڪ تائين منتقل ڪندا هئا. رازدار احمد جي ٽولي جي گوريلن لاهور ميل ڪيرائي ان مان ڪابه ڦر نه ڪئي. تنهن کان پوءِ اهو پيغام ويو ته، هي گوريلا ڌاڙيل يا ڦورو ناهن. رتنا گيري ۾ رازدار احمد جي سرگرمين تي سرڪار نظر رکي کيس گرفتار ڪيو. پوءِ به هو جيل مان به ڳجها خط مسمات نوران ڏانهن موڪليندو هو. فقير مراد علي وڌيڪ ٻڌايو ته، منهنجي پڙڏاڏي خليفي غلام نبي پير سائين پاڳاري جي جماعت ۾ فرق جو بنياد رکيو. فرق وارا فقير هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ مرشد کي مڃين ٿا. انهن سالم جماعت جي فقيرن سان پنهنجا رشتا ۽ ناتا به ٽوڙي ڇڏيا. هن ٻڌايو جيڪي غازي حر شهيد ٿيا ۽ ٻيا انڊومان جي ٻيٽن ڏانهن موڪليا ويا. هزارين جيلن ۽ لوڙهن ۾ واڙيا ويا، سي گهڻي ڀاڱي فرق جماعت جا فقير ۽ انهن جا خاندان هئا. پر سالم جماعت وارا گهڻي ڀاڱي خاموش هئا. انهن جي وڏي انگ حر گوريلا تحريڪ ۾ حصو ڪون ورتو هو. مراد علي ٻڌايو ته، سندس والد مُک گوريلو اڳواڻ فقير احمد کير،دال، مکڻ ۽ لسي سان چانور ۽ چانورن جي ماني کائيندو هو. پاڻ اڇا ڪپڙا ۽ ترڪي ٽوپي پائيندو هو. جڏهن سورهيه بادشاهه کي 20 مارچ 1943ع تي انگريز سرڪار شهيد ڪيو. ان وقت خليفي احمد رتناگري جيل ۾ هو. پير صاحب جي شهادت بعد ڪافي سالن بعد کيس آزاد ڪيو ويو. قيام پاڪستان بعد جڏهن 1952ع ۾ گادي بحال ٿي ته مقرر ٿيل پاڳارو شاهه مردان شاهه ڇٽ ڌڻي رح ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن اسان جي ڳوٺ اچي رهيو هو. پاڻ بابا کي چاچا چوندو هو. ۽ سورهيه بادشاهه بابت کائنس معلومات به وٺندو هو ۽ تاحيات بابا کي ڇٽ ڌڻي پنهنجي قريب رکيو. خليفي احمد کي 1970ع ۾ هٿن ۽ پيرن تي سوڄ جي بيماري ٿي، پاڻ ڊاڪٽر انور کان علاج ڪرائيندو هو. منهنجو وڏو ڀاءُ محمد رحيم روشن آباد جي ڳوٺ “سائينداد علياڻي” ۾ رهيو ٿي، جتي بابا 1970ع ۾ وفات ڪئي. سندس جنازو بيل گاڏي تي اباڻي ڳوٺ آندو ويو، جتي کيس خليفي غلام نبي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ جي حوالي ڪيو ويو. خليفو احمد انگريزي، سنڌي، اردو، گجراتي، فارسي ڄاڻندو هو. سندس وفات بعد ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ ڏاڏي نورل به وفات ڪري وئي. کيس به ساڳئي قبرستان ۾ دفنايو ويو. اڄ به هنن اهم گوريلا ڪردارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته، اسان چئن ڀائرن مان ڪوبه فرق جماعت جو خليفو نه ٿيو. هن وقت منهنجو ڀائيٽو فقير گل احمد فرق جماعت جو اسسٽنٽ خليفو آهي. هن اوڀر طرف اشارو ڪندي چيو ته هاڻي اها هڙي به ختم ٿي وئي آهي، جتي حر گوريلا اچي رهندا هئا. هن چيو ته خليفي احمد ۽ ڏاڏي نورل جي ڪردار تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز لکڻ گهرجي پر يار وطن يا ڪفن آزادي يا موت وارن تي ڪير لکندو.؟ هن ٿڌو شوڪارو ڀريو، سج لالاڻ ۾ هو ۽ آئون گوريلي جي پٽ جي اکين ۾ نهاري نه سگهيس.

    


    راڻي ٺڪر

    دنيا جي تاريخ ۾ لڳل جنگين ۾ اڻ ڳڻيا انسان ميدان جنگ دوران مارجي ويا. انهن مان گهڻن جي ادا ڪيل ڪردار تي اڄ به تاريخ خاموش آهي. ائين ئي دنيا اندر جنگين، گوريلا ويڙهن، جدوجهدن ۾ پڻ انيڪ ڪردار ادا ٿيا. جن مان گهڻن بابت هڪ اکر به نه لکيو ويو آهي. مختلف قسم جي جنگين، جدوجهدن ۽ گوريلا ويڙهن ۾ ڪي وڙهيا. ڪن جاسوسي ڪئي، ڪن ميدان جنگ ۾ هٿيار رسايا، ڪن زخمين جي مرهم پٽي ڪئي ته، ڪن وري محاذن تي پاڻي ۽ کاڌي خوراڪ سميت سواريون مهيا ڪرڻ، گس ڏسڻ وارا ڪم سرانجام ڏنا. اهڙن ڪردارن تي هن تحرير ۾ بحث ٻي دنيا کي ڇڏي سنڌ جي به صرف ۽ صرف حر تحريڪ دوران هڪڙي عورت جي ادا ڪيل ڪردار جي اپٽار ان ڪري ٿي ڪجي ته اها عورت جنهن جو نالو راڻي هو. سا اصل ۾ ان وقت جي برصغير جي ٻاهڙ مير علائقي جي هڪ غريب راجپوت جي گهر ۾ پيدا ٿي. هي پنهنجي ڪنهن ويجهي رشتيدار جي شادي ۾ پنهنجي عزيزن سان گڏجي آئي. جتي کيس پراڻ جي ڍوري تي اڏيل جهڏي شهر جي هوائن روڪي وڌو. هو پنهنجي پڦي جي گهر ۾ رهڻ لڳي، ۽ مرداڻو ويس ڪري جهڏي شهر ۾ پنندي هئي. سندس قد ڪاٺ ۽ سونهن سبب هُن کي جڏهن ڪو شهر جو اوباش تنگ ڪندو هو ته ان سان وڙهندي دير نه ڪندي هئي. جنهن ڪري ڪنهن کي به جرئت نه ٿيندي هئي ته، ڪو سندس چر ڪري. هو خيرات مان ملندڙ رقم پنهنجي والدين ڏانهن اماڻيندي رهندي هئي. ان وقت جهڏي جا رهواسي سيٺ گاگن داس، چانڊو مل، ڌنون مل، ڊاڪٽر نند لال ۽ پير جعفر علي شاهه راشدي سندن مدد ڪندا هئا. ان سمي پير جعفر علي شاهه وٽ پير صاحب پاڳارو شاهه مردان شاهه اول پنهنجي مريدن کي ذڪر ۽ فڪر جي سلسلي ۾ اچي وٽس رهيو. جتي مائي راڻي جي دل تي پير سيد شاهه مردان شاهه اول جي گفتگو ۽ فڪر اهڙو ته اثر ڪيو جو هو مسلمان ٿي پر پنهنجو نالو راڻي قائم رکيائين.
    راڻي پنڻ واري ڪرت ڇڏي ڏني ۽ پير جعفر علي شاهه راشدي جي حويلي ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي. جڏهن سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه راشدي حر گوريلا تحريڪ جو بنياد رکي. وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو هڻي انگريزن جي حاڪميت خلاف بغاوت جو جهنڊو کڻي ميدان تي آيو ته حر جماعت جي غازين ۾ هي مائي راڻي فقيراڻي به شامل ٿي وئي. هو پير جعفر علي شاهه راشدي جي ڏسيل حڪمت عملي تحت مکي کان وٺي حر گوريلن جي خفيه ٺڪاڻن تائين مائي راڻي فقيراڻي هٿيار ۽ ڳجهي معلومات پهچائڻ ۾ لڳي وئي. اهو جاسوسي وارو ڪم هن پينو فقيراڻي ٿي ۽ کدڙا فقيرن سان گهر گهر وڃي ڳائي ڏن وٺڻ واري بنياد تي ڪندي هئي. سندس اهڙي جاسوسي جي ڄاڻ انگريز سرڪار جي ڪارندن کي پئجي وئي. جن راڻي فقيراڻي کي ڳجهي نموني گرفتار ڪري کيس قيد ۾ رکي کيس تشدد جي آوي ۾ اذيتون ڏيندا رهيا. پوءِ هنن کيس ميرپورخاص واري لوڙهي ۾ قيد ڪيو. ذهني ۽ جسماني ٽارچر سبب هو ڪافي ڪمزور ٿي وئي هئي. پر جڏهن کيس ميرپورخاص واري لوڙهي ۾ بي حال حالت ۾ آندو ويو ته ان جي ڄاڻ جهڏي ۾ پير جعفر علي شاهه راّشدي کي پئي. جيڪو وقت جو وڏو طبيب هو. ان ڪنهن نموني سان ميرپورخاص جي لوڙهي ۾ مائي راڻي جو علاج ڪرايو. علاج ٿيڻ بعد راڻي هڪ حر فقير سان ميرپورخاص جي لوڙهي ۾ شادي ڪئي. کيس ڌڻي بخش ۽ نيامت جو اولاد ٿيو. جڏهن سورهيه بادشاهه کي شهيد ڪيو ويو. حرتحريڪ کي ڇيهو رسيو. ۽ گوريلا ويڙهه کي انگريز جي حڪمت عملي تحت ناڪامي ته ملي پر انگريزن کي 14 آگسٽ 1947ع تي برصغير خالي ڪرڻو پيو، ۽ جيڪو برصغير جو ورهاڱو ٿيو. ان ۾ ٻاڙمير هندستان ۾ ويو هليو ۽ جهڏو پاڪستان ۾ آيو. 1952ع ۾ جڏهن پير صاحب پاڳاري جي گادي بحال ٿي ۽ لوڙهن ۾ قيد حرن ۽ حرياڻين کي آزادي نصيب ٿي ته، راڻي جڏهن ميرپورخاص واري لوڙهي واري جيل مان آزاد ٿي ته سندس ور به هن جهان ۾ ڪون رهيو هو. ننڍا ٻار ۽ جهڏي شهر ۾ به نه ڊاڪٽر نند لال هو، نه سيٺ گاگن مل هو ته نه وري چانڊو مل هو. ۽ ٻاڙمير به سرحد پار ٿي ويو هو. ورهاڱي جي واءُ به کائنس مائٽ ۽ مائٽاڻين سميت پنهنجو اصلوڪو ڪٽنب به جدا ڪيو ته، سندس پٽ نبي بخش انهن جي ڳولا ۾ ويو ته اهو به نه وريو. ان ڪري راڻي جي دل جي دنيا ويران ٿي وئي. هڪ ئي گهر هو پير جعفر علي شاهه راشدي جو. جتي هو روئندي ۽ کلندي هئي. راڻي 1985ع ۾ وفات ڪئي. کيس ٻنگار جي ماڳ جي سيد علي اصغر شاهه راشدي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جتي سندس قبر به هاڻي گمنام ٿي وئي آهي. مائي راڻي جي عظيم ڪردار جي عظمت بابت جهڏي جي نوجوان ليکڪ قادر سيال جهڏائي ڄاڻ ڪٺي ڪئي. ۽ هي تحرير لکڻ لاءِ پڻ معلومات ملي.


    سليمت هاليپوٽو

    ٿر جي ڪنٺو ۽ پائر واري پٽي جيڪا تعلقي ننگرپارڪر ۾ اچي ٿي. جنهن جي لينڊ اسڪيپ جا پنهنجا جدا رنگ آهن. هتي ڀٽون ۽ جبل آهن ته ميدان به. اهڙي هنڌ واري پٽي جو ڳوٺ تڳوسر جيڪو اصلاحي طرح ڍٽ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جتان ڪڏهن مارئي ۽ مارل لاءِ ڪرهل ٿي ويا. اُتي جي ڍاٽڪي ٻولي ۽ کوهن جو پاڻي جيڪو ٿرين لاءِ آب حيات آهي. ان ڳوٺ کان پيچرو واٽ يا گس ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ عمرڪوٽ ڏانهن ويندو آهي. ان پيچري تان اڳي اُٺن، گڏهن ۽ گهوڙن تي ماڻهو ايندا ۽ ويندا هئا. پڪا رستا ۽ جديد ٽرانسپورٽ ڪون هئي. تڏهن هن ڳوٺ ۾ 1940ع ڌاري عبدالرئوف هاليپوٽو جي گهر ۾ ڌيءُ ڄائي. جنهن جو نالو سليمت رکيو ويو. ٻنڀن هالي پوٽن جي غفوراڻي پاڙي ۾ پيدا ٿيل سليمت جو ڏاڏو مڱيلڌو ۽ پڙڏاڏو حاجي يوسف ٻئي عالم هئا. سندس ڀاءُ محمد عالم پيش امام ۽ سندس ٻه چاچا گل محمد ۽ مهراڻ مال جي علاج جا ڄاڻو هئا. سندس چاچي گل محمد کي ڳائي ۽ ماهي مال جي بيمارين بابت گهڻي ڄاڻ هئي ۽ ان سان گڏ سٺو شاعر ۽ سگهڙ پڻ هو. جڏهن ته سليمت جي چاچي مهراڻ کي مال جي سڀني بيمارين ۽ ان جي علاج بابت ڄاڻ هئي. سليمت جڏهن ڏهن سالن جي ٿي ته، پنهنجي چاچي مهراڻ کان مال جي بيمارين ۽ انهن جي علامتن ۽ علاج جا نسخا سکڻ لڳي ۽ پنهنجي چاچي مهراڻ سان گڏجي، ٿر ۾ بيمار چوپائي مال جو علاج ڪرڻ ۾ لڳي وئي. مهراڻ چوپائي مال جي بيمارين سڃاڻڻ ۽ قديم طرز واري علاج ۾ مشهور هو. سليمت چوپائي مال جي بيمارين ۽ علاج جي سکيا باقاعدي وٺندي رهي. جڏهن ته سليمت پنهنجي سگهڙ امڙ کان ڀرت ۽ ڏاڏي محمد يوسف کان واڍڪو ڪم به سکي. ۽ اوطاري تي ايندڙ ۽ ويندڙ مزمانن ( مهمانن) کي ماني ٽڪي به پنهنجي هٿن سان پچائي کارائيندي هئي. ننڍپڻ جي وهي ٽپي جڏهن سليمت جوان ٿي ته، هو جتي پنهنجي علائقي ۾ ڀرت ڀرڻ ۽ واڍڪو ڌنڌو ڪرڻ طور مشهور ٿي. اتي مهمان نوازي ۾ به نالو ٿيندو ويس. تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن قائم ٿي هئي ۽ لهرن جي آڌار ڏاڏي فتح خان (صالح محمد شاهه) جو آواز هن کي پسند اچڻ لڳو هو. ۽ ريڊيو تان محمد ابراهيم، نوربانو ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نشر ٿيندڙ گيت کيس وڻندا هئا. سندن گهر ۾ مولودن، غوث بهاءَ الدين ذڪريا جي ڪرامتن. روٽ، غوثيه قافلن ۽ سندس ڏاڏي جي پيادل حج جي قصي سميت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جا بيت پيا گونجندا هئا. جن سان سليمت جو اهڙو ناتو جڙيو جو اُهي سندس روح جي ريگستان ۾ ائين پيوند ٿيا آهن، جو هو جيستائين زندهه رهندي تيستائين مهمانوازي، شاهه جا شعر ۽ مولود هن جا ساٿي رهندا. سندس ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي وفات کان پوءِ زندگي جي رستي تي ڏکن جي ڀري به کيس ئي کڻڻي پئي. پوءِ جڏهن هن زندگي جون وکون اڪيلي سر کنيون ته واڍڪو ڌنڌو ۽ ڀرت ڀرڻ واري ڪرت کي ڇڏي ڏنائين. باقي مهمان نوازي ۽ چوپائي مال جي علاج ڪرڻ ۽ ڀاڳين کي بيمارين جا ڏس ڏيڻ واري ڏاهپ ذريعي زندگي گذرڻ لڳي.
    هن وقت سندس ڀاڻيجي حسن گل چواڻي ته هوءَ پنهنجي زمين ۽ چوپايو مال سنڀاليندي آهي. سندس عمر 76 سال ٿيندي. ان عمر دوران پاڻ اوطارو هلائي ٿي. آيل مهمانن کي ماني ٽڪي پنهنجي هٿن سان کارائي ٿي. جانورن جي بيمارين جو علاج به ڪري ٿي. پاڻ چوپائي جانورن جي بيمارين سڃاڻڻ ۽ علاج ڪرڻ جي ماهر چئي وڃي ٿي. پر اُٺ ۽ گهوڙي جي بيمارين جي علاج جي کيس گهڻي ڄاڻ آهي ۽ هو هن وقت سنڌ جي واحد عورت آهي، جيڪا اوطاق هلائي ٿي.
    ٿر ۾ برساتن تي فصل ٿين ٿا. انهن کان سواءِ ٿر واسين جو 95 سيڪڙو گذران چوپائي مال جي پالنا، کير، مکڻ، ڏڌ، ڌوئنري تي آهي. ارباب غلام رحيم نئون ڪوٽ ۽ ڪلوئي ۾ ڪيٽل ڪالونيون قائم ڪرڻ لاءِ فنڊ رکيا. نئون ڪوٽ ڪيٽل ڪالوني جو 95 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. پر ڪلوئي واري مهرانڍ ڍنڍ واري ڪالوني تباهه ٿي وئي. هن وقت 2016ع هلندي اُهو پراڻو ٿر به ڪون آهي. هاڻي ٿر ۾ جديد ٽرانسپورٽ، پڪا رستا، تعليم، بجلي، ۽ وٽنري اسپتالون به قائم ٿي ويون آهن. پر اڄ به ٿر سميت سڄي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان مان ڀاڳيا ڪهي اچي سليمت وٽان چوپائي جانورن جي مختلف بيمارين جا ڏس ۽ علاج ڪرائين ٿا. غريب ڀاڳيا ته پنهنجي جاءِ تي پر ايم. پي.اي بشير احمد هاليپوٽو، علي حسن زرداري ۽ ٿر جي بي تاج بادشاهه ارباب امير حسن جي بيمار گهوڙن جو علاج به سليمت هاليپوٽو کان ڪرايو ويو هو.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب “رهاڻ هيرن کاڻ” ۾“ سنڌ جون مانائتيون مايون” واري باب ۾ سليمت هاليپوٽو سان 30 سيپٽمبر 1978ع تي ٿيل گفتگو جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس روبرو جانورن جي ڪيل علاج واري ڳالهه پڻ بيان ڪئي اٿس “صبوح جو ماڻهو بيمار جانور وٺي آيا. هڪ بيمار اُٺ جنهن کي ڏسي پڇيائين ته؛ اُٺ جهنگ ۾ رهجي ويو هو ڇا؟ مالڪ چيو ته هائو. مائي چيو ته اٺ کي سيءُ لڳو ۽ اُٺ جو مغز جهليل آهي. اُٺ کي وهاريائون ۽ گوڏي تي لت ڏيئي جهليائون. مائي هڪ تيز چاقو سان اُٺ جي ڪن کان هيٺان هڪ چير ڏنو ته ڪارو رت ڦوهارو ڪري نڪتو ۽ اٺ ساهه پٽيو ۽ ڪنڌ ورايو. پوءِ مائي وکر لکايا ۽ سمجهايو ته اٺ کي ڍُڪ ڏين.”
    سليمت جي پنهنجي 100 ايڪڙ زمين، اُٺ، گهوڙا، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون آهن. جيڪي هن وقت پاڻ ۽ سندس ڀائيٽيو مهراڻ سنڀالين ٿا. سليمت عمر جي آخري وهي ۾ اچڻ تائين شادي جي ٻنڌڻن ۾ نه ٻڌي. صوم صلوات جي پابند سليمت جي چوپائي جانورن جو علاج ڪرڻ ۽ مهمانن جي خاطري ڪرڻ کان سواءِ ڪابه خواهش نه آهي. مسڪين ۽ مجبور ماڻهن جا درد ۽ مورن جا اداس ٽهوڪا کيس روئاريو وجهن ٿا. کيس ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي ثقافت کاتي ذريعي ماهوار وظيفو منظور ڪرائي ڏنو هو. جيڪو ارباب دور ۾ بند ڪيو ويو. پر عقل ۽ ڏاهپ ۾ سرس سليمت جانورن جي بيمارين جي علاج ۽ مهمان نوازي واري ڪرت ۾ رڌل آهي.


    سوني لنڊ

    سوني لنڊ ان هنڌ پلي. جتي ڪڏهن مير ٺارو خان ٽالپر جو تخت گاهه ڪيٽي هئي. پراڻ ۽ هاڪڙي جي ونگ واري ونگي پتڻ جي ديهه اٺ ڊهو ۾ پراڻ جي واڳون گھيڙ وٽان هن مالدار ۽ سخي عورت جيڪا ڪاپڙي لنڊ جي ڀيڻ ۽ الهڏنو لنڊ جي لڄ هئي. جنهن جي گھر جي اڱڻ تي ٻڪرين جي ڦرن جي ٻيهه کان سواءِ الهڏنو لنڊ جو نڙ ۽ سانوڻ فقير خاصخيلي جي نڙ بيتن جي گونج هوندي هئي. انهن ڦٽل واٽن تي ان ويران ڪوٽ کي ڏسندي هئي. جيڪو ڪڏهن تخت گاهه هو. ۽ جتي سنڌ راڻي جو جوڀن گذريو هو. ۽ صابل جي نينهن پراڻ جي بيٺل ڇولين ۾ چنڊ کي تڪي ڪڏهن نينهن جي اڇل ۾ تارا ٿي ڳڻيا. ۽ ان گھوڙي جي ٽاپولي جو انتظار ڪندي هئي، جنهن تي شهسوار سردار نبي بخش لغاري ايندو هو. ان جون اکيون يار جي واٽ نهاريندي جڏهن پراڻ جي ويران بندر ۽ سامهون ڀٽ تي پونديون هيون ته سانوڻي مينهن جيان سندس اکڙيون وسڻ لڳنديون هيون. اتي جڏهن صابل نه رهي، مير ٺارو نه رهيو. پراڻ ۾ واڳون گھيڙ وارا واڳون نه رهيا. بندر ويران ٿيو. تخت گاهه وارو ڪوٽ ويران بنيو. تڏهن سوني لنڊ جي دل ۾ الاجي ته ڪهڙا ارمان اٿيا. ۽ هو ان پٽ تي ايندڙ ۽ ويندڙ قافلن جي ڀرجهلو ٿيڻ لڳي. ڪنهن سڪي ويل املتاس جي وڻ تان ڪوئل جي اداس ڪوڪ سوني لنڊ جي من ۾ سخا جون ڏياٽيون ٻاري وڌيون. ۽ ڪيٽي مير ٺارو خان کان ٿر، لاڙ ۽ ڪڇ جي پٽن تي سندس سخا جا گيت ڳائجڻ لڳا. ۽ قدرت وارو به مٿس مهربان ٿيو جو سندس پيٽ مان جيڪو پٽ ڄائو. جنهن جو نالو مير محمد رکيو ويو. جنهن پنهنجي والد جو ڇڏيل نڙ ۽ بوڙيندو تي اهڙي ڦوڪ ڏني. جنهن کيس حسن درس جي لفظن ۾ “پراڻي عشق پوڙهي جي، وڄت نڙ ڦوڪ مان نڪتي، ملڻ هي مير محمد جو، جوانين کي جڙي ٿو پيو” واري تاريخي نظم جيان عالمي شهرت ڏياري ڇڏي ۽ ڪيٽي مير ٺارو ۾ باغ علي فقير جو روبينا سان عشق به انوکو هو ته، وري قدرت واري فقير سڏائيندڙ مير محمد لنڊ کي فقير ذوالفقار علي لنڊ جهڙو پٽ عطا ڪيو. جيڪو بوڙينڊي سميت ست ساز وڄائيندڙ موجوده وقت جو اهڙو موسيقار، فنڪار ۽ گائڪ آهي. جنهن تي سنڌ ۽ پاڪستان کي ناز آهي. سوني لنڊ 150 سال جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سخي عورت مائي سوني لنڊ جون ڳالهيون اڄ به ڪيٽي مير ٺارو خان جا وڻ ٻڌائين ٿا ته، شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي پارکو ۽ فقير مير محمد لنڊ جي شاگرد فقير لکاڏنو جت موجب ته امان سوني جي سخا جون ڪهڙيون ڳالهيون ڳائجن. هو پراڻ جي پٽ جي اهڙي سخي عورت هئي. جنهن سان ڪنهن جي ڀيٽ ڪرڻ هن جي ڳڻن جي توهين ٿيندي. واري لفظن مون کي ونگو پتڻ جي پرڳڻي هاڪڙي ۽ پراڻ جي ونگ واري ان ونگي پتڻ جي شاندار ماضي جي ياد ڏياري ڇڏي. جتي ڪڏهن دريائي سنگم وارو هي ماڳ سنڌ جو پرڳڻو به هو ته، هتان وڻج واپار ڏيساورن ڏانهن به ٿيندو هو. ونگائي ٻولي جو لهجو به هو ته هتي جنگين سميت پراڻ ۽ هاڪڙي جي ڇولين جيان ڪيئي ڪهاڻين جنم ورتو پر انهن جا نشان به مٽي جي مٽي ٿي ويا آهن. ماضي جي انهن ڪهاڻين جي ڪابه ڄاڻ نٿي ملي. پر ان سوني لنڊ پنهنجي گهر جو در ڪڏهن به ڪنهن سوالي لاءِ بند نه ڪيو. ۽ سوالي وٽائنس خالي نه موٽندو هو. سوني لنڊ جي وفات بعد کيس اولياءُ لال فقير جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ به علائقي ۾ سندس مال ۽ سخا جي هاڪ آهي.

    


    شهناز راهو

    محمد فاضل راهو جي خاندان جو واسطو لاڙ پٽ سان آهي. شهناز راهو سندس نياڻي آهي. سندس پئدائش 1060ع ۾ ايوب شاهي جي آمريتي دور ۾ ٿي. شهناز راهو کي سياست ورثي ۾ ملي هئي. هن تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ راهوڪي کان ڪئي. ابتدائي تعليم کانپوءِ اعليٰ تعليم بدين ۽ حيدرآباد جي درسگاهن مان حاصل ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هن جون سياسي سرگرميون ايتريون ته وڌي ويون جو هو وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهي پر ڀرپور نموني سان سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳي.
    شهيد محمد فاضل راهو جو “سنڌ عوامي تحريڪ” ۾ مکيه ڪردار رهيو. عوامي تحريڪ اها تنظيم آهي. جنهن سنڌ جي عورتن کي سياست ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺڻ جي ترغيب ڏني. 1977ع کان عورتن جي مضبوط سياسي تنظيم ٺاهڻ لاءِ تنظيمي ڪم جي شروعات ڪئي ويئي. جنهن ۾ شهناز راهو جو مرڪزي ڪردار رهيو. شهناز راهو انهي قومي ۽ تاريخي ڪم لاءِ سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جا دورا ڪيا. ۽ سنڌ جي عورتن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪئي.
    جنرل ضياءُ جي بربريت واري دور ۾ سياسي جڳاڙي شخصيتون سياست کان پاسيرو ٿي، ڇپر (انڊر گرائونڊ) ٿي ويو، يا جنرل ضيا جون همنوا ٿي ويون. اهڙي المناڪ دور ۾ 1979ع ۾ محمد فاضل راهو ضيا شاهي جي خلاف راهوڪي ۾ وڏو اجتماع گڏ ڪري تاريخي جلسو ڪيو. جنهن ۾ سنڌي عورتن جو تعداد هزارن ۾ هو. اها سڄي ڪوشش، ڪاوش، جدوجهد شهناز راهو ۽ ساڻس گڏ سندن ساٿي عورت ڪارڪنن جي هئي. جنهن جي پاداش ۾ ٻئي ڏينهن اهلڪارن راهوڪي ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي، چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ شهناز راهو ۽ سندن ساٿي ڪارڪن عورتن سخت مزاحمت ڪئي. جنهن جو پڙاڏو غيرجانبدار ميڊيا ذريعي پڻ گونجيو هو. جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ ضيا شاهي جي انسان دشمني جي پت وائکي ٿي.
    1982ع ۾ عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيم سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد پيو ته، انهي تحريڪ جي مرڪزي صدر شهناز راهو ٿي ۽ جنرل سيڪريٽري خديجه ڪيڙانو هئي. شهناز راهو پوري سنڌ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي تنظيم سازي ڪري ضلع باڊيون ٺاهيون. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جا يونٽ کوليا. سنڌياڻي تحريڪ کي ڏسي ٻين تنظيمن ۽ سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي ادارن ۾ عورتن لاءِ الڳ ذيلي تنظيمن جي شروعات ڪئي. انهي مان اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته، سنڌ جي عورتن کي سياست ۾ سرگرم ڪرڻ ۾ شهناز راهو جو هڪ تاريخي ڪردار آهي. جنهن منظم نموني عورتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو.
    اها پوري دنيا ۾ مڃيل حقيقت آهي ته، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي ڪردار رهيو. جيڪڏهن انهي تحريڪ ۾ عورتن جو حصو نه هجي ها ته، پوءِ ايم آرڊي تحريڪ پنهنجو حدف پوري نه ڪري سگهي ها... !!! سنڌياڻي تحريڪ جي انهي تاريخي ڪاميابي پويان شهناز راهو جي رهنمائي، صلاحيت، عقل ۽ شعور وارو جذبو ڪارفرما هو.
    ايم آر ڊي واري تحريڪ ۾عوامي تحريڪ جي مرڪزي رهنمائن اهو فيصلو ڪيو ته شهناز راهو پوري تحريڪ ۾ پردي پويان ويهي، سنڌياڻي تحريڪ جي ڪمان سنڀاليندي. هو گرفتار نه ٿيندي ۽ انڊر گرائونڊ ٿي پنهنجي وس آهر منظم طور ضيا شاهي جي خلاف سرگرم عمل رهندي. شهناز راهو لاءِ پارٽي جو اهو فيصلو انتهائي ڏکئي امتحان جيان هو. ضيا شاهي جي وحشتناڪ دور ۾ خابرو ادارا سڄي ملڪ ۾ چپي چپي تي جاسوسي جو ڄار وڇايو ويٺا هئا. اهڙي المناڪ دور ۾ شهناز راهو ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران مسلسل سنڌ جي ڳوٺن شهرن ۾ مصروف عمل رهي. هو گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڳوٺاڻين عورتن جو روپ اختيار ڪري، عوامي سوارين ۾ سفر ڪندي هئي. هن ڪافي تڪليفون برداشت ڪيون. ڪڏهن ڪڏهن ته کيس پيرين پنڌ به گهڻو سفر ڪرڻو پوندو هو. سندس ساٿ ۾ چند عمر رسيده، ٻه چار جواڻ جماڻ عورتون ۽ ٻه ٽي ڇوڪريون هونديون هيون. سندن لباس، ڳالهائڻ ٻولهائڻ صفا ٻهراڙي جي سادين سودين عورتن وارو هوندو هو. انهي جو نتيجو اهو نڪتو ته، ايم آر ڊي واري تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي تنظيمي عورتن جي وڏي انگ گرفتاريون ڏيئي، ملڪ جي سياسي پندتن کي حيران ڪري ڇڏيو. غيرملڪي خابرو ادارن به پاڪستان جي سياست ۾ انهي حيران ڪن تبديلي تي حيرت انگيز تبصرا ۽ تجزيه ڪيا هئا. سينٽرل جيل ڪراچي ۾ عورتن لاءِ الڳ بيريڪون مخصوص ڪرڻيون پيون. سرڪار اهو اندازو لڳايو ته، عورتن جو لامحدود تعداد گرفتارين لاءِ حڪم جو منتظر آهي. انهي ڪري شهناز راهو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هر قسم جون تدبيرون استمعال ڪيون ويون. ڇاپا لڳا پر حڪمت عملي، انقلابي سوچ ۽ جديد سياسي طريقا اختيار ڪندي شهناز راهو گرفتاري کان محفوظ رهي. ۽ ايم آر ڊي تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو.
    سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جن عورتن گرفتاري ڏني. انهن مان چند نالا هن ريت آهن غلام فاطمه پليجو، مريم راهو، صاحب زادي ميرجت، شهربانو راهو، شاهده پليجو، نظيران پليجو، حسنه راهو، شريفان پليجو، فاطمه چانگ، ماروي پليجو، ستو لانگاهه، لالٻائي راهو، سکان ڏاهري، ڀاڳڀري راهو، شبانه پليجو، زرينه سمون، سڪينه، ميران، حور سميت ٻين انيڪ عورتن جو هن ملڪ جي تاريخ ۾ سياسي عورت قيدين جو وڏي ۾ وڏو تعداد هو.
    ايم آر ڊي جي تحريڪ کان علاوه شهناز راهو جي رهنمائي ۾ حيدرآباد ۾ سياسي قيدين جي نالي سان يوم اسيران وڏي پئماني تي ملهايو ويو. انهي کان علاوه مائي بختاور جو ڏينهن، ضمير جي قيدين جو ڏينهن، ڪالا باغ ڊيم جي خلاف ٿيندڙ سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ، لطيف سائين جا ڏهاڙا ملهائڻ، 1986ع ۾ ايم آرڊي جي ٻي رائونڊ جي ڀرپور تيارين سميت انهن سڀني سرگرمين جي شهناز روح روان رهي.
    سيپٽمبر 1986ع ۾ شهناز راهو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويئي. سندن ور ڊاڪٽر خليل قاضي به جاکوڙي سياسي ڪارڪن، سٺو ليکڪ ۽ شعلي بيان مقرر آهي. انهي ڪري شادي هن جي سياسي سرگرمين ۾ حائل نه رهي. چار مهينا شادي کان پوءِ شهناز راهو جي والد عظيم پورهيت رهنما محمد فاضل راهو 17 جنوري 1987ع ۾ شهيد ڪيو ويو. جنهن سبب سڄي سنڌ سوڳوار بنجي وئي. راهو خاندان سخت متاثر ٿيو. سياست ۾ جمود طاري ٿي ويو. ٿوري وقت ۾ عوامي تحريڪ به وکري وئي. جنهن ڪري جڏهن راهو خاندان عوامي تحريڪ کان پنهنجا رستا الڳ ڪيا ته، شهناز راهو به سنڌياڻي تحريڪ کان جدا ٿي وئي.
    شهناز راهو اهڙي تاريڪ دور ۾ به دلشڪسته نه ٿي. هن جنهن سياست جو آغاز ڪيو هو. هو اڃان تائين انهي منزل طرف گامزن آهي. فرصت جي وقت هن جو بهترين مشغلو مطالعو آهي. پڙهڻ سان گڏ هن قلم کان به ڪم وٺڻ شروع ڪيو آهي. عورتن ۾ سياسي بيداري آڻڻ لاءِ هن “ جاڳ ڙي سرتي جاڳ” جي نالي سان پبليڪيشن جاري ڪئي. جنهن جي ايڊيٽر هو پاڻ رهي. ڪافي عرصي تائين اها پبليڪيشن جاري رهي. انهي کان علاوه تحريڪ رسالي، روزانه الک، ڪاوش سميت ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ به شهناز راهو جو مواد ڇپجندو رهندو آهي.
    شهناز راهو پنهنجي والد شهيد محمد فاضل راهو طرفان جيل مان کيس لکيل خطن بابت ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. جنهن جو مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي. انهي کان علاوه ٻن ڪتابن جا قلمي نسخا به تيار ڪيل اٿس.
    شهناز راهو جي رهائش هن وقت ڪراچي ۾ آهي. کيس ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. هو چوي ٿي ته سياست ۾ عورتن وارو حلقو صفا پويان رهجي ويو آهي.


    سهائي ابڙو

    سهائي ابڙو ڌيءُ خدابخش ابڙو نرتڪي واري فن جي سکيا شيما ڪرماني کان سکي. نرتڪي واري فن جي دنيا ۾ اهڙو هن جديد دور ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. جو کيس جڏهن ناچ ڪندي ڏسجي ٿو ته، شاعر مسرور پيرزادو جون هي سٽون ذهن جي ڪينواس تي اچي وڃن ٿيون. جيڪي هن سهائي جي فن کان متاثر ٿي هيئن لکيون آهن ته:
    نچي ٿو چنڊ چوڏهين جو
    ستارا ڇير پائن ٿا،
    وڄائي واءُ ٿو وينا،
    ۽ گلڙا گنگنائن ٿا،
    لطيفي لات تي هن جي
    بدن جي شاعري ٻڌندي،
    خدائي رقص ۾ آهي،
    سهائي رقص ۾ آهي.
    ۽ واقعي جڏهن سهائي ابڙو شيخ اياز ۽ شاهه لطيف جي شاعري تي رقص ڪري ٿي، سندس رقص مي رقصم جيان لڳي ٿو. لاڙڪاڻي شهر جي ڄائي مهتاب به ميرن جي دور دوران هن جيان ئي رقص ڪري دلين کي موهيندي هئي. ۽ هن وقت 21 صدي جي سنڌ ۾ سهائي ابڙو موهن جي دڙي جي ناچڻي جيان پنهنجي رقص ذريعي ائين نالو روشن ڪيو آهي. جنهن جي اپٽار اتهاس ۾ صدين تائين ٿيندي رهندي. اتهاس جي ڪتابن ۾ سرسوتي کي رقص جي ديوي چيو وڃي ٿو. آثار قديمه جا ماهر لکن ٿا ته، دنيا ۾ پهرين رقص يا ناچ ئي ڪيو ويو هو.
    مشهور محقق سائين جي ايم سيد لکيو آهي ته اصل تصوف ۽ فيلسوفن رقص کي آرٽ جو درجو ڏنو آهي. سو جڏهن سهائي ابڙو شاهه لطيف جي سُر ڪلياڻ جي وائي “مڌ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو” تي رقص ڪري ٿي ته، ڏسندڙ پنڊپهڻ ٿي ٿا وڃن. هن جي محنت کيس اهڙي ته بلند مقام تي پهچايو آهي. جتي پهچڻ لاءِ ڪيئي فنڪار عمريون اوسيئڙو ڪندا آهن. پر سهائي ابڙو جي استاد شيما ڪرماني جنهن سهائي ابڙو کي فن جي سکيا ڏني آهي، تنهن هن کي بلند مقام تي پڄائي ڇڏيو آهي.
    


    طاهره شاهه

    طاهره علي شاهه پنهنجي ننڍپڻ ۾ شروعاتي تعليم ابراهيم حيدري پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. ۽ ميٽرڪ تائين تعليم هڪ سماجي تنظيم طرفان ڪوچنگ سينٽر مان پرايائين. اها تعليم ڪا اعليٰ تعليم ڪون هئي پر هن پنهنجي جيون ساٿي سيد محمد علي شاهه سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي سچل هال ڪراچي کان ماهيگيرن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪا پاڪستان فشر فوڪ فورم جي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد ۾ هن ڪڏهن ڊراما ڪيا. ڪڏهن ملاحن ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ گيت چيا. ڪڏهن رڇ کنيا ته، ڪڏهن ارون ڌتي راءِ کان وٺي عالمي وفدن سان ماهيگيرن جا درد شيئر ڪرڻ لاءِ ملاقاتون ڪيون. ڪڏهن انڊس ڊيلٽا ۽ پاڻين جي بچاءُ لاءِ جدوجهد ڪئي. اهو وقت به آيو جڏهن هن کي رياست جي سگهاري اداري رينجرس سان به ماهيگيرن جي معاملي تي بدين کان ڪراچي تائين مارچ جي صورت ۾ جدوجهد ڪرڻي پئي. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڏسبو ته سيد محمد علي شاهه ئي آهي، جيڪو پنهنجي فيملي سميت ماهيگيرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ جي جدوجهد ڪندي ڪڏهن ڪالاباغ ڊئم خلاف ڪتاب ٿو لکي. ڪڏهن ابراهيم حيدري کان اسلام آباد تائين مارچ ٿو ڪري. انهي جدوجهد جي گسن تي ساڻس پنهنجي فيملي ۽ سيد طاهره شاهه جو سفر ائين رهيو جئين سندن زندگي جو سفر گذريو. سيد طاهره علي شاهه پنهنجي ور محمد علي شاهه جي اهڙي روشن طاقتور ساڄي ٻانهن هئي، جنهن ذريعي هو دنيا جي ڏاڍن مڙسن سان ٿي اٽڪيو. جڏهن هو ساڻس گڏ هوندي هئي ته، محمد علي شاهه سنڌ جي مانگر مڇن سان به اٽڪي پوندو هو. ائين زندگي جي سفر هلندي محمد علي شاهه جا جدوجهد ۾ وار چاندي ٿي ويا. هن زندگي جي رستن تي ڪيئي حاصلاتون به ڪيون. ماهيگيرن کي پاڻين تي مالڪي ڏياري. پاڻين تان رينجرس جا قبضا ختم ڪرايا. مورڙي کان پوءِ ماهيگيرن جو هن ملڪ ۾ ڪو سگهارو آواز ٿي اڀريو ته، اهو سيد طاهره علي شاهه ۽ محمد علي شاهه جو آواز هو. جن پاڪستان ۾ انهن ماهيگرين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي جيڪي ڪڏهن ڄام تماچي جا سيڻ به هئا ته، موهن جي دڙي کان وٺي دريائي ۽ سامونڊي وڻجارا به هئا. جن جي شان ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح سر گهاتو، سر نوري ڄام تماچي ۽ سر سامونڊي به لکيو آهي، عرب تاريخدانن کين ميد ڪري پيش ڪيو. انهن جي حالت جڏهن پاڪستان ۾ ابتر ٿي وئي. کائنن زندگي جون مڙئي حسناڪيون کسيون ويون ته، انهن جا ڀرجهلا سيد طاهره ۽ سيدن محمد علي شاهه ٿي بيٺا. جن جيڪا به جدوجهد ڪئي، سا انهن ئي ماهيگيرن لاءِ هئي ۽ آهي. انهي جدوجهد جي واٽ تي سنڌو ڊيلٽا جي بچاءُ لاءِ دولهه درياءَ خان پل تي 9 مارچ 2015ع تي جدوجهد دوران جڏهن سجاول ڀرسان موٽرسائيڪل سوار کي بچائيندي محمد علي شاهه جي گاڏي سان حادثو پيش آيو. جنهن ۾ محمد علي شاهه، ڊرائيور غلام حسين ۽ هڪ عورت زليخان سخت زخمي ٿيا ۽ سيد طاهره علي شاهه زخمن جا سور نه سهندي اسپتال نيئندي وفات ڪري وئي. جنهن کي سنڌو جي شهيد جو خطاب ڏنو ويو. سيد طاهره علي شاهه جي وڇوڙي تي سيد محمد علي شاهه جو جيءُ جهري پيو. ۽ لکين ماهيگيرن کان مرڪون کسجي ويون. هاڻي جڏهن به ماهيگيرن جي مسئلن جو ذڪر ٿيندو ته، سيد طاهره علي شاهه جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو ٿيندو.

    


    ڀرمي ڪولهي

    ڀرمي ڪولهي ٽنڊوباگو کان تلهار روڊ تي، ڳوٺ مخدوم محمد رحيم جي رهندڙ هئي. هن جو پيءُ هارپو ڪندو هو. انگريزن جي حڪومت ۾ جڏهن هن ڳوٺ مخدوم محمد رحيم ۾ اک کولي ته، هن جي ڳوٺ جي ڀرسان ڦليلي تار وهندي هئي. سڳداسي چانورن جي خوشبو ڪتيءَ جي مند ۾ هن جي ٻاروتڻ کان وٺي سنڌ سنڌ ۾ سمايل رهي. غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري هن جو ننڍپڻ سارين جا سڱ چونڊيندي ۽ ڦوسڻان ڍنڍ مان ٻور ڇاڻيندي گذريو. ٻين غريب ٻارن جيان هن جو ننڍپڻ ماني لاءِ ماندو ٿي گذريو. آرهڙ جي ڪاڙهن هن معصوم مکڙي تي ڇاهين جا ڇلر ڇٽيا. هن جي پيءُ جو جيون ڪيترن زميندارن وٽ هارپو ڪندي گذريو. گذر سفر جي تنگي ۽ ماني ڳڀي لاءِ پريشان هن جي پيءُ کي ڪڏهن واندڪائي ئي نه ملي ته هو ڌيءُ ڀرمي جو خيال رکي. ڀرمي جي ڪچڙي وهيءَ جئين جئين جوڀن ڏانهن وڌڻ لڳي ته، هن جو حسن به نکرڻ لڳو. ڪکائين گهر جي صحن ۾ سمهندڙ ڀرمي تي چنڊ سدائين مهربان رهيو. پور جوڀن جو چيٽ جو چنڊ جڏهن هن تي چانڊوڪي هاريندو هو ته، هن کي ڏينهن جو تتل سج وسري ويندو هو. هو جڏهن پرڻي ته کيس ٽي ٻار پيدا ٿيا، جنهن بعد سندس مڙس وفات ڪري ويو. ۽ ڀرمي پنهنجي ڀاءُ ماوجي سان گڏ رهڻ لڳي. ڀرمي ڀاءُ سان گڏ محنت سان زرعي زمين تي ٻي ڪم سميت پاڻي واريندي هئي ته، ساريال جو رونبو به خود ڪندي هئي. ڍڳيون، ٻڪريون ۽ مينهون به ڌاريائين. جن جي سارسنڀال لهندي لهندي هو مالدار ٿي وئي. پوءِ پنهنجي دور ۾ ماڻهن کي آئي مهل پئسا ڏيندي هئي. جنهن ڪري کيس علائقي جا ماڻهو ڀرمي بينڪ پڻ چوندا هئا. حاجي دورو راهوڪڙو کي منهن ٻوليو ڀاءُ ڪيو هئائين. سيٺ ڪوڏومل وٽان به کيس هر شيءَ ملندي هئي. ڪوڏو مل پنهنجي دور جو وڏو جاگيردار هو. ڀرمي ڪولهي عمر جي آخري وهيءَ ۾ ڪنڀارڪيون دانگيون وڪڻي به پيٽ گذر ڪيو، پر ڪنهن جي اڳيان هٿ ڪون ٽنگيائين. ڀرمي دائپو به ڪندي هئي. 80 واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪيائين. سندس ٻه پٽ مصري ۽ ڪچرو ٿيا تن مان مصري وفات ڪري ويو آهي. سندس پوٽا سونو، مونيو ۽ ٻيا هن وقت به ڳوٺ مخدوم محمدالرحيم ۾ رهن ٿا. جڏهن به ڪنهن ڳوٺاڻي ڪچهري ۾ نالي وارن ڪردارن جو ذڪر ڇڙي ٿو ته، مائي ڀرمي ڪولهي جو ذڪر به ٿئي ٿو.


    ملوڪان ڪنڀار

    ٿر جي اڃايل زندگي جي هڪڙي ڳوٺ سوڀاري شاهه ۾ جهوپڙي نما چئونري ۾ رهي ته، مائي ملوڪان ڪنڀار حياتي جا ڏينهن تتل ڪاڙهن ۾ ڪڙهندي به گذاريا. هو جڏهن عمر جي آخري ايامن ۾ داخل ٿي ته، کيس سڀ ڏاڏي ملوڪان جي نالي سان سڏيندا هئا. ڏاڏي ملوڪان جي چئونري ۾ هڪ منجي، دلو، ديڳڙي، ڏوئي، ٻه ٽي مٽي جا پڪل مٽ هڪ ٻي مٿان رکيل هوندا هئا. جن مان هڪ ۾ سندس ڪپڙا، ٻي ۾ گهر جو سيدو ۽ ٽي ۾ پئسا پيل هوندا هئا. پاڻ وسڪاري جي ڏينهن ۾ پنهنجي ٻني ٻاري جو ڪم ڪندي هئي. باقي ڏينهن مٽي جا ٿانءَ ٺاهي، انهن تي جڏهن چٽ ڪڍندي هئي ته، اهي فائن آرٽس جو نادر نمونو لڳندا هئا. هو ڪنهن اسڪول ۾ ڪون پڙهي هئي پر پنهنجي آهتين جي ڳوٺ سميت اوسي پاسي واري ڳوٺن ۾ مٽي جا ٿانءَ گڏهه تي کڻي وڪرو ڪندي هئي. ڪنهن آهتي جي ڪاڄ يا پٽ ڄمڻ جي خوشي مهل ٿانوءَ کڻي پهچي ويندي هئي. ٿانوءَ پچائڻ واري آوي لاءِ ڪاٺيون ۽ ڇيڻا به خود پئي چونڊيندي هئي. سنڌي گيهه، مکڻ، ٻاجهر، جوئر جي ان جا نج کاڌا کائيندي هئي. بخار، کنگهه، زڪام جي بيماري جو علاج پراڻي ڏسن طور ڪندي هئي. سڀني کي سچ چئي ڏيندي هئي. ڪنهن جي گلا ڪون ڪندي هئي ۽ نه ڪنهن جي گلا ٻڌندي هئي. ڪوڙ ۽ گلا سبب پنهنجي نهرن سان به اٽڪي پوندي هئي ته، وڏي مهمان نواز ۽ پنج وقت نماز جي پابند هئي. پاڙي ۾ ڪا عورت فوت ٿي ويندي هئي ته، ان جي غسل ۽ ڪفن سبڻ تائين هر ڪم ذميواري سان نڀائيندي هئي. جيڪا پونجي هن پائي پائي ڪري گڏ ڪئي هئي. ان جواستمعال ائين به ڪندي هئي ته، سندس ڳوٺ يا ڀرواري ڳوٺن جي ڪنهن به ماڻهو کي ڪا مشڪل ٿيندي هئي ته، پئسا ڏاڏي ملوڪان ڪنڀار بنا وياج جي ڏيندي هئي. هو ڪولهين، ڀيلن ۽ ميگهواڙن مان جيڪي انتهائي غريب هوندا هئا ته، انهن کي اناج به ڏيندي هئي. پنهنجي گهر ۾ هٽ به هلائيندي هئي ۽ جنڊ به پيهندي هئي. مڙس جي فوت ٿيڻ بعد اڪيلي رهندي هئي. پٽن جا گهر سندس چئونري جي ڀرسان هوندا هئا. هو لباس ۾ گج ۽ پڙو پائيندي هئي. ملوڪان ڪنڀار اربابن جي ترائي واري ڳوٺ ۾ حاجي ڪنڀار جي گهر ۾ جنم ورتو. 15 سالن جي ڄمار ۾ سندس شادي ٿي. هو جڏهن سو سالن جي ڄمار ۾ پهتي. پوءِ به پئي ڪم ڪار ڪندي هئي. ڪڏهن به ورچي نه ويٺي، 4 ڊسمبر 2012ع ۾ وفات ڪيائين. هن جي انسان دوستي جون ڳالهيون اڄ به پنهنجي علائقي ۾ مشهور آهن.

    


    ڀاڳي ڀيل

    سنڌ ۾ ميرن جي دور تائين ته گادي واري هنڌ حيدرآباد ۾ به ڪا جديد اسپتال ڪون هئي. ان ڪري مير حاڪمن جي علاج لاءِ به انگريز ڊاڪٽر گهرايا ويا. سنڌ ۾ ميرن جي دور کان پوءِ انگريز دور ۾ جديد علاج لاءِ اسپتالون قائم ٿيون. قيام پاڪستان بعد ڪافي ضلعن ۽ تعلقن ۾ پڻ جديد علاج ٿيڻ لڳو پر سنڌ جي ٿر، لاڙ ۽ ڪوهستان جي ڀاڱن ۾ جديد علاج جون اڄ تائين به جديد سهولتون عوام کي ميسر ٿي نه سگهيون آهن. رڳو گذريل ٻن سالن دوران ٿر ۾ معصوم ٻارن جي موت عالمي ضمير کي ڌنڌوڙي ڇڏيو پر حڪمران پنهنجي ذميواري کان ڪن لاٽار ڪندا پي رهيا آهن. مجموعي طور تي ڪوهستان ٿر ۽ لاڙ جي خطن ۾ اڄ به ماڻهو ڌاڳن ۽ ڦيڻن وسيلي پنهنجو علاج ڪن ٿا. هيٺين طبقي توڙي وچولي طبقي جي عورتن جي ڊليوري اڄ به داين ذريعي ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ ٿر ۽ لاڙ جي خطن ۾ انتهائي مشهوري ماڻيندڙ دائي ڀاڳي ڀيل جنهن کي ڀاڳان به سڏيو ويندو هو. ضلع ٿرپارڪر ايٽ مٺي جي تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ڇڇي مورا ۾ ناٿو جي گهر ۾ پيدا ٿي. غريب ۽ محنت ڪش جي گهر ۾ پيدا ٿيل نياڻي جو ننڍپڻ به هڪ جيڏين نينگرين سان برسات وسڻ کان پوءِ للر، کنڀيون ۽ مريڙو پٽي گڏ ڪرڻ سميت ڪونڀٽ جي لامن ۾ لوڏون ٻڌي لڏندي ۽ رانديون ڪندي گذريو. پر هو هڪ جيڏين کان نرالي سوچ رکندڙ هئي. هو سمجهه جيڏي ٿي ته ڳوٺ جي پيرسن ۽ هوشيار دائي عورتن کان جڙي ٻوٽين مان ٺهندڙ ڦڪين ۽ ڳورهاري عورتن جي دائپي ۽ زناني بيمارين ۽ ان جي علاج جا نسخا پئي سکندي هئي. ان سمي سندس ڳوٺ سميت ٿر جي ڳوٺن ۾ صحت جي ڪابه سهوليت نه هئي نه وري پڪا رستا ۽ جديد ٽرانسپورٽ جي سهوليت موجود هئي. هو اسڪول ۾ به ڪون پڙهي سگهي. ٿر جي واريءَ واري ڀٽن ۽ پيچرن تي اُٺ، گڏهه ۽ گهوڙا هلندا هئا. پوءِ رستن تي ڇڪڙا هلڻ شروع ٿيا. ڀاڳي جوڀن وهي ۾ پهتي ته، مائٽن سندس پرڻو ٿر ۽ لاڙ جي دنگ واري ڳوٺ 25 واٽر جي رهواسي ناٿو ڀيل دراوڙ سان ڪرايو. جڏهن هو پرڻجي ڳوٺ چوڌري بشير احمد25 واٽر واري ڳوٺ ۾ آئي ته، ان وقت اتي به ٿر وانگر نه پڪا رستا هئا ۽ نه وري ڪو صحت مرڪز هو. ٿر جي ڀٽن جيان هتي به ڪا سهولت ڪون هئي. کنڊر بڻيل ٻنگار جي شهر جا ٽڙيل پکڙيل کنڊر ۽ پراڻ نديءَ جو ويران ڍورو هو. ۽ اولياءُ جرڪس جي مزار هئي. جنهن جي ڀرسان مائي ڀنڀي جي مزار تي هرسال ڪراچي ۾ رهندڙ ڪڇي ذاتين جا مختلف ماڻهو اچي ڌام ڌوم سان ٽي روزا ميلو ڪري مختلف ثقافتي رنگ نکريندا آهن.
    ڀاڳي ڀيل مڙس جي گهر ۾ آئي ته غربت ساڻس گڏ ئي هئي. سندس مڙس هارپو ڪندو هو ۽ ڀاڳي ان سان ٻني جو ڪم ڪار ڪرائيندي هئي. صحت جون سهولتون نه هئڻ ڪري هن پنهنجي ڄاڻ تحت دائپو ڪرڻ سميت عورتن جي بيمارين جو ڦڪين ذريعي علاج ڪرڻ شروع ڪيو. قدرت واري سندس هٿ ۾ اهڙي شفا رکي جو جنهن به ڳورهاري يا بيمار عورت جو علاج ڪندي هئي ته اها ٺيڪ ٿي ويندي هئي. هو اهڙي مشهور ٿي جو ٿر ۽ لاڙ ۾ سندس هاڪ ٿي وئي، ۽ ڳورهاريون عورتن جو وڏو تعداد وٽس اچڻ لڳو. جڏهن ڀاڳي شهرت ماڻي تڏهن شادي لارج، ڪلوئي، پنگريو ۾ به ڪي ليڊي ڊاڪٽرن جون اسپتالون نه هيون، نه وري اڄ جيان جديد ٽرانسپورٽ هئي. ان ڪري سندس علائقي سميت ٿر ۽ لاڙ جي ڳوٺن مان ڳورهاريون عورتون وٽس اچڻ لڳيون. جن جي دائپي سميت هو عورتاڻي بيمارين جو ڦڪين ذريعي علاج به ڪندي هئي. چون ٿا ته مائي ڀاڳي ڀيل تجربي جي بنياد تي زناني بيمارين جي سڃاڻپ جي به ماهر ليکي ويندي هئي. سندس ڦڪين ۾ اهڙو اثر هو جو وٽس مريض عورتن جون قطارون لڳل هونديون هيون. پر هو لالچي نه هئي، ڪنهن به بيمار عورت کان پنهنجي دائپي ۽ ڦڪين جي منهن گهري رقم وصول نه ڪندي هئي. جيڪو پنهنجي مرضي سان کيس بيمارين وارا ماڻهو ڏيندا هئا، ان تي ٻڙڪ نه ٻوليندي هئي. جيڪا رقم ملندي هئس، ان جي ڳڻپ ڪون ڪندي هئي. کيس صبر ٿر جي ڏڪاريل سڃين واٽن تان ورثي ۾ مليو هو. هن ڪنهن سان به اٽڪل بازي نه ڪندي هئي. هر بيمار عورت سان همدردي ڪندي ڪئي.
    ڀاڳي ڀيل اوسي پاسي جي ڳوٺن شادي لارج، ڪلوئي، نئون ڪوٽ، ملڪاڻي شريف، پنگريو، ٽنڊوباگو ۾ اٺ، بيل گاڏي ۽ پوءِ مختلف ٽرانسپورٽ ذريعي وڃي ڳورهاري عورتن جو علاج پڻ ڪندي هئي. مليل ڄاڻ موجب ڀاڳي سماٽڪو ويس پڙو، گج ۽ گندي پهريندي هئي. ڪڏهن به ٺٺ ٺانگر کي ويجهو نه وئي. اهو ئي مارن وارو لباس، سادو کاڌو، ٻهراڙي جي عورتن واري سادگي ۽ پنهنجائپ وارو رويو هئس. ان ڪري ئي غريبن جو دعائون، عزت ۽ محبتون مليس. سندس باري ۾ ليکڪ سيد علي مراد شاهه ۽ ليکڪ غلام شبير لغاري وڏي ڄاڻ رکن ٿا.
    دائپي سميت زناني بيمارين جو علاج ڪندڙ مائي ڀاڳي ڀيل 22 آڪٽومبر 2010ع تي 120 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي. پر اڄ به پراڻ جي ڪنڌيءَ سان ميلن ۾ ٻنگار جي ڦٽل شهر جي آثارن ۽ مائي ڀاڳي ڀيل جي ڪردار جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي جڏهن يادگيرين جون ڳنڍون کولين ٿا ته، ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيا مائي ڀاڳي ڀيل ۽ ٻنگار جي 12 تڙن جون ڳالهيون ٻڌائين ٿا. يادن جي پٽن تي اڄ به ٻنگار ۽ مائي ڀاڳي ڀيل کي علائقي واسين ناهي وساريو، پر الئه ڇو قلم ڪارن جي قلم کان ڇهاءُ کان مائي ڀاڳي ڀيل جو ڪردار اوجهل رهيو آهي.

    


    مينا ڀيل

    اسان جي سماج ۾ اُهي به ڏينهن هئا، جڏهن ڪٽنب ۽ قبيلن جون سربراهه عورتون هيون. پر جڏهن کان عورتن جي نڪ ۾ نٿ وجهي کين غلام ڪيو ويو. تڏهن کان اڄ تائين دنيا جي ڪافي ملڪن ۽ سماجن ۾ عورتون بااختيار آهن. اسان جي سنڌ جي سوسائٽي ۾ هن وقت تائين سورج جي روشني جيان مرداڻو سماج پوري آب ۽ تاب سان هلي رهيو آهي. هن سماج ۾ هن وقت ڪافي عورتن پنهنجي منفرد انداز ۽ ڪردارن سان پنهنجو مقام ٺاهيو آهي. انهن عورتن جي قطار مان هڪڙي عورت مينا ڀيل به آهي. جيڪا ٽنڊي باگي کان 10 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ابريو ڏگو جي رهواسي خميسو ڀيل جي گهر ۾ ڄائي. هو غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندي رهي. ننڍپڻ ۾ اسڪول وڃڻ بجاءِ پنهنجي والد سان گڏ زرعي زمين ۾ پورهيو ڪرڻ لڳي. جتي هن سخت محنت ڪئي. عورت هجڻ جي باوجود مردن وارا ڪپڙا پهري پنهنجي والد سان گڏ ڪاڙهن ۾ پورهيو ڪندي رهي. چئن ڀائرن ۽ پنج ڀيڻن جي هن ڀيڻ جو جڏهن والد وفات ڪري ويو ته، هي پنهنجي گهر هلائڻ لاءِ ڀرجهلو ٿي وئي. هنن جو خاندان ابريو ڏگو مان لڏي وڃي ڳوٺ اي سي ۾ ويٺو. جتي مينا ڀيل زميندار رئيس عطا محمد جمالي جي زمين تي هارپو ڪرڻ لڳي. مينا ڀيل جي محنت، سچائي ۽ ايمانداري سبب زميندار رئيس عطا محمد جمالي پنهنجي سوين ايڪڙ زرعي زمين تي ڪمدار مقرر ڪيس. ڪمدار مقرر ٿيڻ بعد مينا ڀيل گهوڙي سواري سکڻ سميت ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل هلائڻ سکي. هٿيارن ۾ رپيٽر ۽ پسٽل هلائڻ سکي ورتائين. پاڻي جي کوٽ واري ڏينهن دوران هي ڪمدار عورت رات جو ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي زمين تي جتي چڪر لڳائي ٿي. اتي پنهنجي برادري ۽ اوڙي پاڙي جي بيمارن کي به پنهنجي موٽرسائيڪل تي کڻي علاج لاءِ ٽنڊي باگي وٺي وڃي ٿي. اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود هارين جو حساب ۽ ڪتاب آڱرين جي مدد سان ڪري ٿي. هارين جي کڻت ۽ بچت جي حساب ۾ ٽڪي جي به ڀُل نه ٿي ڪري. مينا روزاني هارين جي ڪمن ۽ زمينداري ڪمن ۽ زميندار وٽ پنهنجي موٽرسائيڪل تي چڙهي ٽنڊي باگي اچي ٿي. هن جي هٿ ۾ موبائيل فون، ٻانهن ۾ واچ ۽ هٿ جي آڱرين ۾ منڊي پاتل هوندي آهي. هو مرداڻو لباس ۽ بوٽ پائي شهر ۾ جڏهن هلي ٿي، تڏهن ڪنهن کي به محسوس نٿو ٿئي ته هو عورت آهي. پنهنجي نرالي انداز سان جيئندڙ مينا ڀيل کي پنهنجي عمر ياد ڪون آهي. پر کيس محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت جو دور ياد آهي. هن شادي نه ڪئي آهي. کيس شادي جون آڇون به ٿيون پر هن انڪار ڪيو. هن جو پڊ جي مسئلي سميت ٻين ڪيترن معاملن تي دنگائي زميندارن ۽ پوليس سان به ڪيترا ڀيرا ٽڪر ٿيو آهي. هو عورتن جي ۽ غريبن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو مثبت سماجي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. هن يونين ڪائونسل ڇٻرالو (سارنگ فقير) مان يوسي عورت ڪائونسلر طور فارم به ڀرايو هو. هو درد وندن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ جاکوڙي پئي. هن جي دل ظلم تي باهه جيان ٻري ٿي. ۽ هر ناانصافي تي لڇي ٿي. هو زندگي جي ڪٺن راهن تي سفر ڪري رهي آهي.
    مينا ريڊيو ٻڌي ۽ ٽي وي به ڏسي ٿي. ڪڏهن گيت به جهونگاريندي آهي. پر سگريٽ مٿان سگريٽ ڇڪي ٿي. شادين ۾ به مردن جي ڇني ۾ وڃي ٿي. سندس آواز مردن جيان ڳرو ۽ ڪڙڪ آهي. هن کي عورتن کان نفرت ته نه آهي، پر عورت هوندي هن کي مرداڻو سسٽم پسند آهي.

    


    امينه ۽ فاطمه مهيري

    ضلع بدين جي تعلقي گولاڙچي جي ڳوٺ ٻاجهلي مهيري جون عورتون امينه مهيري، فاطمه مهيري، عبدالجبار ۽ امام بخش مهيري جي آڏاڻن تي هٿ جو هنر دستڪاري واري فن سبب کين ملڪ ۾ ڪافي ايوارڊ پڻ مليا آهن. شاهه سائين فرمايو آهي ته؛
    مدي رکي من ۾، سنهو ڪٽيو جن،
    تن جو صرافن، دڪو ئي داخل نه ڪيو.
    پر
    محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگهايو.
    سو ادي امينه مهيري، فاطمه مهيري سميت ٻين عورتن ۽ مردن پنهنجي هٿ جي هنر ذريعي دستڪاري واري فن جي ثقافتي ورثي ۾ شامل فراسي کي اهڙي ته، اڻت ذريعي اڻي تيار پي ڪيو آهي. ماڻهو هنن جي ٺاهيل فراسين کي خريد ڪري، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي پيارن ڏانهن تحفا ڪري موڪلين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هينڊي ڪراپس جي مختلف اسمن مان فراسي کي به سنڌ جي لوڪ ورثي ۾ جتي وڏي اهميت حاصل آهي. اتي اڄ به ٻه مايون پنهنجي گهر ۾ آڏاڻي تي هڪ مهيني تائين هڪ فراسي ٺاهين ٿيون. فراسي ٺاهڻ ۾ هٿن، آڱرين، پيرن ۽ اکين واري آرٽ جا جڏهن مختلف رنگ چٽن ذريعي فراسي تي چٽجن ٿا ته، ان جي رنگت من موهيو وجهي. جنهن ڪري اڄ جي جديد دور ۾ مشينن تي ٺهندڙ فراسي جي ڀيٽ ۾ هنن هٿن جي پورهئي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي پذيرائي ملي ٿي. اهو به وقت هو جڏهن ٺٽي ننگر جي شهر ۾ چاليهه هزار آڏاڻا هئا. پر اڄ به سنڌ جي خاص طور تي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پڻ سگهڙ عوريون رليءَ، گج، چولو، سميت تڏا، توئنريون،کٽن جو واڻ، فراسيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون پنهنجي هٿن ذريعي ٺاهين ٿيون. جڏهن مشيني دور ڪون هو. تڏهن آڏاڻن تي دستڪاري وارو فن پروان چڙهيو هو. ۽ شاهه سائين پڻ پنهنجي شاعري ۾ جنهن انداز سان ذڪر ڪيو آهي، سو مٿي سندس ئي بيتن ذريعي نروار ڪيو ويو آهي. اسان جي ثقافتي ورثي ۾ فراسي جي فن ۽ ٺاهيندڙن جي تمام گهڻي عزت ۽ همت افزائي ٿيندي رهي آهي. ان ڪري ئي ڳوٺ ٻاجهلي مهيري جي فاطمه مهيري، امينه مهيري ۽ ٻين ڪيترن مردن ۽ عورتن کي لوڪ ورثه اسلام آباد کان وٺي حميد ايس هارون تائين ڪيئي مڃتا جا سرٽيفڪيٽ مليا آهن، پر فراسي واري دستڪاري واري فن جي ماهر چيو ويندڙ محمد صديق مهيري جو چوڻ آهي ته کين خوشي تڏهن ٿي ٿئي، جڏهن سندن ٺاهيل فراسيون پيارن ڏانهن تحفا ڪري موڪليون وڃن ٿيون. هن جو اهو به چوڻ آهي ته، سندن ڳوٺ ٻاجهلي مهيري مان روزاني سڄي ملڪ مان ڪيتريون عورتون ۽ مرد سندن ڳوٺ اچي فراسيون خريد ڪري پنهنجي گهرن ۾ رکندا آهن ۽ پنهنجي پيارن ڏانهن تحفا ڪري موڪليندا آهن.


    تعليم، نثر ۽ شاعري

    مرکان شيخڻ

    سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مرکان شيخڻ جو نالو پير صدرالدين کان به اڳ اچي ٿو. هن شاعره جو جنم ڪرهيو ڀانڊاري ۾ ٿيو. ڪرهيو ڀانڊاري بدين کان 42 ڪلوميٽر پنڌ تي ساحلي زيرو تي، روپا ماڙي کان اولهه طرف تپي چورهڏي جو ڳوٺ آهي. جيڪو هن وقت به ڳوٺ شيخ ڪرهيو جي نالي سان آهي. هن ڳوٺ ۾ مشهور محقق شيخ محمد سومار، آدم شيخ، الهبچايو شيخ، ساجن شيخ ۽ ٻيا پيدا ٿيا. جن جي پنهنجي پنهنجي حساب سان هاڪ رهي آهي، پر مرکان شيخڻ جو پنهنجو مقام هو. هن پنهنجي مرشد ڪرهيو ڀانڊاري جي عقيدت ۾ شاعري ذريعي جيڪي گل نڇاور ڪيا آهن، سي سادي ٻولي ۽ سادي خيال جا ڀلين عڪاس هجن، پر جڏهن به سنڌي ادب ۾ شاعري جي ڳالهه اچي ٿي، تڏهن مرکان جو نالو عورت شاعره جي حساب سان سرفهرست اچي ٿو. درگاهه قرهيو ڀانڊاري جي قبرستان ۾ هن جي قبر به هاڻي ضرب خاني جيان مٽي جي مٽي ٿي وئي آهي، پر سندس ڳاتل لاڏا اڄ به هن جي ياد جا ڏيئا روشن ڪن ٿا. تاريخدان ابوبڪر شيخ بدين ۾ رهي ٿو. جنهن جو اصل ڳوٺ شيخ ڪرهيو ڀانڊاري هو، اهو چوي ٿو ته، مرکان جو اصل ڳوٺ قرهيو ڀانڊاري هو يا نه هو ؟ ان تي ڪابه آخري راءِ ان ڪري رکي نٿي سگھجي، ڇاڪاڻ ته ساحلي پٽي سميت لاڙ پٽ جا شيخ قرهيو ڀانڊاري جا عقيدت مند هئا. ڇابه هجي پر مرکان جو نالو سنڌي ادب جي شاعري واري ڪينواس تي ستارن جي جھرمر جيان چمڪندو رهندو. هن جي عقيدت جا لفظ اڄ به ڪرهيو ڀانڊاري جون عقيدت مند ناريون ۽ مرد درگاهه تي هن طرح سان ڳائيندا آهن ته:

    دهل گھرايم سهڻا مور چيندور،
    مرشد جي ملي تي رهاڻ،
    ڪرهيل جي جملي تي رهاڻ،
    جيئن پير، لوڏون ڪندين سنڌ ۾.

    2
    شرنايون گھرايم سهڻيون، مورچنيدور،
    مرشد جي ملي تي رهاڻ،
    ڪرهيل جي جملي تي رهاڻ،
    جيئن پير، لوڏون ڪندين سنڌ ۾.

    يا سندس ٻي هيٺين عقيدت هن طرح آهي ته؛

    هي ڪانڊيرو ڙي لس،
    هي واسڙي وس،
    آءُ کلندي ڪڏندي اچان،
    ڪرهل ڏٺم سک يار ۾،
    آئون کلندي ڪڏندي اچان،
    ڀانڊاري ڏٺم سک يار ۾،
    آئون کلندي ڪڏندي اچان،
    هي واسڙي جي وس،
    هي ڪانڊيرڙي لس.

    مرکان جي لاڏن بابت شيخ محمد سومار جو ننڍڙو ڪتابڙو مرکان جا لاڏا جي عنوان سان ڇپيل آهي. جيڪو هن وقت ناياب ٿي ويو آهي. جڏهن مرکان شيخڻ حيات هئي، ان سمي دوران اسان کي سنڌي شاعري واري ڀاڱي ۾ پير نورالدين وفات 1095 جي شاعري جو هي نمونو ملي ٿو؛

    بن ڪلمي بندگي ڪري، تو بندگي سچي سار،
    جيون نت اُٺ راهه چلڻا، آخر اجڙ واس.

    وانگر ئي پير صدرالدين حسيني (1920_ 1409) جي شعر جو هي نمونو هو ته؛
    ٻانها تنهنجو تڪيو ڪنڊن ۾ ڪوڙ،
    پسي رتا گلڙا، م وڃائج مور.

    اتي وري سمنگ چارڻ (1200_ 1300 جي وچ ۾) جي ڪهڙي ادا هئي، سا هيٺ ڏجي ٿي؛
    در آئي مڱڻي دان سڀڪو ڏي،
    سپڙ سو ساري، جو جھوپڙين ۾ جھپڪي.
    جيان پير پٺو/ شاهه حسن اپلاڻي (وفات 1248ع ) جي شاعري ۾ هن انداز جي هئي؛
    ديبل پاس ڌڪلجي آيو آب اڀار،
    مڪلي ماڳ مٿائين، ٿياسون ڌاروڌار.

    ۽ ڀاڳو ڀان (1300ع _ 1360 جي وچ ۾ ) جون دودو سومري جي شهادت تي هي سٽون؛

    اڀ سڀ ڪنهن اچو، اڀ نه اوچوڪوءِ،
    سئي به مٿي ٿيو، سورهيه سر سندوءِ.

    جي ڀيٽا ۽ هن سموري دور جي شاعري جي اڀياس مان مرکان شيخڻ جي عقيدت وارن لاڏن جي پرک ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، ان وقت جو سگھاري ۾ سگھارو شعر ان قسم جو هو. باقي ساراهه جو انداز هر ڪنهن جو پنهنجو هو. ڪنهن وٽ پالڻهار جي ساراهه هئي، ڪنهن وٽ مرشد جي ته، ڪنهن وٽ سورهيه جي. ان دور جي ٻولي جا عڪس به سڀني جي شاعري مان چٽا نظر اچن ٿا. ۽ لهجن جي به پروڙ پوي ٿي.


    نورالهديٰ شاهه

    نورالهديٰ شاهه ٽکڙ جي اهڙي ڪهاڻيڪاره ڊرامه نويس ۽ شاعره آهي. جنهن شايد گنجي ٽڪر گام جو اهو ڳجهه ۽ اها مام پروڙي ورتي. جنهن کيس نه رڳو ٽکڙائي شاعرن ۽ اديبن ۾ منفرد سڃاڻپ ڏياري پر شايد سنڌ جي هي پهرين سيد زادي هئي. جنهن جي ڪهاڻين سنڌي سماج ۾ وڏي اوٿل ۽ پوٿل آندي. هن ڪهاڻي جي صنف ۾ نئون روح ڦوڪيو. مظلوم عورتن سان ٿيندڙ ڪلورن تي هن جي قلم ننگي تلوار جيان اهڙا ته وار ڪيا جو ظالم قوتون ۽ ڏاڍ جا ڪوٽ اڏيندڙ هن جي ڪهاڻين جا، قلم جا ۽ ذات جا دشمن ٿي کيس سامهون آيا. سندس پهريون افسانو “حويلي شريف” روزاني هلال پاڪستان اخبار جي صفحي “سگهڙين سٿ” ۾ صفحي جي انچارج فهميده حسين ڇپيو. جنهن جي ڇپجڻ سان ٿرٿلو برپا ٿي ويو. جنهن جي هن ليکڪا ڪابه پرواهه نه ڪئي. ۽ هماليه جي چوٽي جيان پنهنجي خيالن جي ڪايا پلٽ ڪهاڻين ذريعي ڪري بيٺل پاڻي ۾ اهڙا پٿر هنيائين. جن ذريعي جيڪي لهرون اٿيون، تن سنڌي ادب جي ڪنارن تي اهڙا ته عڪس چٽيا. جن جي عڪسن جا چٽ صدين جون صديون سنڌي ادب جي ڪينواس تي چٽا رهندا. سندس ڪيتريون شاهڪار ڪهاڻيون آهن پر جلاوطن، پاروٿو گوشت، فوٿ پاٿ، شريف زادي، ڪربلا، دوزخي، گورڪن ۾ هن عورتن ۽ گورڪن جي زندگي بابت جيڪي لفظن جو روپ ڏيئي معاشري ۾ ٿيندڙ انياءُ، ڏاڍ يا ظلم جا چٽ چٽيا آهن. تن جهڙي چٽسالي اڄ تائين گهڻا ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ نه چٽي سگهيا آهن. جئين ڪنڀار دلي، مٽ تي چٽيندو آهي. سندس ڪهاڻين جا ٽي ڪتاب 1 جلاوطن، 2 ڪربلا 3 رڻ ۽ رڃ جو اتهاس شايع ٿيا. جن کي جيڪا پڙهندڙن موٽ ڏني ۽ انهن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا. نورالهديٰ شاهه پنهنجي “جلاوطن” ڪتاب جي چوٿين شماري ۾ هيئن لکيو آهي ته “سنڌي پڙهندڙ جيڪو پاڻ به ان ساڳئي سماج جو حصو آهي. انهن ڪهاڻين کي پڙهڻ لاءِ اڄ به ايترو ئي مونکي ويجهو بيٺل آهي. ان کان وڌيڪ مون لاءِ ٻيو ڪهڙو ڪريڊٽ ٿي سگهي ٿو.”
    هن جي شاعري ۽ ڊرامن کان اڳ سندس حياتي جي اها جهلڪ ته پاڻ 22 جولاءِ 1957ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس خاندان جو تعلق ٽکڙ جي معزز سيد گهراڻي سان آهي. سندس والد عبدالهادي شاهه نوڪري سبب لاهور ۽ ڪراچي ۾ رهيو. ان ڪري نورالهديٰ شاهه جو ننڍپڻ به انهن شهرن ۾ جتي گذريو. اتي هن لاهور ۾ پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاير حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. پاڻ ست ورهين جي ڄمار ۾لاهور ۾ هڪڙي بڪ سيلر جي دڪان تان پنهنجي والد سان ضد ڪري سعادت حسين منٽو جو ڪتاب خريد ڪرايو. ۽ پوءِ عصمت چغتائي کي به دل جي اکين سان پڙهيائين. سندس ڊرامو “رانديڪو” ۽ پوءِ جهنگل کي پي ٽي وي تي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙا هوندا هئا. ۽ ڊرامي وقت بازارون ويران ٿي وينديون هيون. ڪافي ماڻهو هن جون ڪهاڻيون ۽ ڊراما ڏسي مڇريا به. جن کيس گارين وارا خط به موڪليا، پر نورالهديٰ شاهه غيرروايتي انداز ۾ لکيو. ڪنهن جي به پرواهه نه ڪيائين. جيڪي سماج ۾ اوڻايون هيون، سي جئين جو تئين نروار ڪيائين. هن پردي جي پويان نه، بلڪه چٽي سج جي روشني جيان پنهنجي ڊرامن، ڪهاڻين ۽ پوءِ شاعري ۾ به ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويل سماج جو عڪس چٽيندي رهي. پاڻ نگران صوبائي وزير به رهي ته، جيڪا سندس 1992ع ۾ نثري نظمن جي شاعري “قيدياڻي جون اکيون ۽ چنڊ” جي عنوان سان ڇپي. تنهن مان نموني طور سندس هي نظم ته؛

    هرڪا عورت
    ناهي تنهن هم بستري لاءِ،
    هر عورت جو بدن ناهي خلقيو ويو،
    رت جي ان هڪڙي بوند لاءِ
    جنهن مان تنهن جو نسل وڌي سگهي.
    هر ڪا عورت
    اوچي برانڊ جي سگريٽ به نه آهي،
    جنهن کي تون ٻن چپن ۾ اٽڪائي سگهين،
    جنهن جو بدن بکايل ڪتي سان،
    لوئين، چيرين ڦاڙين.
    هو اڄ به بي باڪي سان لکي پئي.


    خيرالنساءِ جعفري

    14 آگسٽ 1947ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. سندس والد پروفيسر احمد علي خواجه تلهار مان لڏي وڃي ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ رهيو هو. پاڻ اسلامڪ شعبي سنڌ يونيورسٽي جو سربراهه هو. سندس ڌيءُ خيرالنساءِ “گڏي” جو ننڍپڻ ٽنڊي ولي محمد ۾ گذريو. هن حيدرآباد جي ميران هاءِ اسڪول، زبيده ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي. جتي فهميده حسين جي وڏي ڀيڻ مشهور ڪهاڻيڪار جميله تبسم به ساڻس گڏ پڙهندي هئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن کي ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪرڻ لاءِ 50 رپين جي ضرورت پئي ٿي، پر وٽس اهي نه هئا، ان ڪري هن ڪوشش ڪئي ته، کيس پرائمري ماستري ملي، پر کيس ماستري نه ملي، پر انهي سمي کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچررشپ ملي وئي. هو نفسيات جي شعبي ۾ پروفيسر ۽ بعد ۾ ساڳئي شعبي جي چيئرمين به ٿي رهي. نفسيات جي علم جي ماهر هوندي هئي. جڏهن لکڻ جي شروعات ڪيائين، تڏهن ملڪ ۾ ون يونٽ هو ۽ پوءِ 71 وارو ورهاڱو به ٿيو ۽ هن جڏهن “حويلي کان هاسٽل تائين” ڪهاڻي لکي، جيڪا صدين تائين سنڌي ادب جي ڪهاڻين ۾ يادگار رهندي. تڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر شيخ اياز جهڙو ڏات ڌڻي هو. جنهن جي موجودگي ۾ ماڻڪ ۽ مشتاق کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي کي خيرالنساءِ جعفري جنهن مقام تي پهچايو، ان سندس آرٽسٽ ايپروچ کيس به اُوچي مقام تي پڄائي ڇڏيو. سندس ڪتاب “تخليق جو موت” به يادگار آهي. هن ٿورو لکيو پر جيڪو لکيائين، ان کيس هماليه جبل جي بلندي جيان بلند مقام تي پڄائي ڇڏيو. سنڌ ۾ حفيظ قريشي کان پوءِ خيرالنساءِ جعفري ئي هئي، جيڪا پنهنجو موقف سڌو ۽ چٽو رکندي هئي. هو ڪنهن کان به نه مڙندي هئي، سدائين کري ۽ سچي رهي. انتهائي سادگي سان زندگي جي ڪٺن کان ڪٺن لمحن کي به مرڪندي گذاريائين. سندس ازدواجي زندگي گهڻو عرصو هلي نه سگهي، کيس هڪ ڌيءُ صائمه ٿي، جنهن جي ڄمڻ کان پوءِ سندس ۽ سندس جيون ساٿي جي وچ ۾ واٽون ويهه ٿي ويون. درد جو سمنڊ دل ۾ سمائي هن زندگي جو سفر ڪيو. ان سمي ٿيندڙ هر فنڪشن ۽ پروگرام ۾ جيڪڏهن هو شريڪ نه ٿيندي هئي ته، سندس ڪمي محسوس ٿيندي هئي. هو کل ڀوڳ ۾ به تز لفظن ذريعي ڳوڙهن خيالن جي ڪايا پلٽ ڪري ويندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن تي ڪاوڙبي هئي ته، ان جي لاک لاهي ڇڏيندي هئي. سنڌ يونيورسٽي ۾ ليليٰ بانا، تنوير جوڻيجو ۽ سندس گروپ مشهور هوندو هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ڪردار اوپرا نه هوندا هئا. هن آبزرويشن جي اکين سان جيڪو لکيو سو سندس دور جو اهڙو آئينو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڌنڌلو نه ٿيندو. هن پنهنجي لکڻين ذريعي اهڙو ته ادب تخليق ڪيو، جيڪو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو. هن نبض شناس ڊاڪٽر جيان پنهنجي سوسائٽي يا ماحول جي اهڙي ته، عڪس بندي ڪئي، جو هن جون ڪهاڻيون پڙهندي ڪردار ائين ڳالهائين ٿا، جئين اهي هوبهو زندگي جي ڪنهن انياءُ، ڏک، ڏاڍ يا نفسياتي طور جيئن هوندا آهن. هن پنهنجي تز تجزيي تحت کين اهڙي نموني پيش ڪيو، جو ان جون ڪهاڻيون پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته، اهي سموريون وارتائون هن سماج جون آهن. ان ڪري ئي ان جي ڪهاڻين اهو تاثير پيدا ڪيو، جنهن جهڙو تاثير ٻين گهڻن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين مان نٿو ملي. خيرالنساءِ جعفري سنڌي ادب کي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ارپيون. سندس ڪهاڻين ۾ “تخليق جو موت” “پيڙاءُ جو پڙلاءُ” “قربتون ۽ فاصلا” “حويلي کان هاسٽل تائين” 1967ع، 1968ع، ۽ 1969ع ۾ ڇپيون. سندس بياني انداز ڪهاڻي جو جديد ترين انداز آهي. سندس ڪهاڻيون سوجھرو، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيون ته، وڏن وڏن پنهنجي دور جي ڪهاڻيڪارن جي ڏندين آڱريون اچي ويون. هن ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ادب ۾ وڏي ليکڪا طور مڃتا ماڻي ورتي. پنهنجي ٽهي ۽ دور ۾ هن پاڻ کي مڃتا جي آسمان تي پهچايو، کيس موت به مات نه ڏني. سندس نالو سنڌي ادب جي آسمان تي سدائين چمڪندو رهندو. جڏهن ۽ جتي به جديد ڪهاڻي ۽ سنڌ ۾ نفسياتي ادب جو ذڪر ٿيندو ته، خيرالنساءِ جعفري جو نالو اچڻ کان سواءِ محقق يا ادب جي تاريخ لکندڙ پنهنجي ليک کي مڪمل ڪري نه سگھندو. سندس ڪهاڻي “حويلي کان هاسٽل تائين” ان وقت مقبوليت جا ريڪارڊ سنڌ ۾ ٽوڙيا. سندس ڪتاب “تخليق جو موت” به مشهور ٿيو. خيرالنساءِ جعفري ادي گڏيءَ جي نالي سان به سڃاتي ويندي هئي. هو گهر ۾ سگهڙ عورت جيان مختلف کاڌا به خود رڌيندي هئي، سندس گهر ۾ پاڙي وارا ۽ اديب شاعر ۽ پروفيسر پنهنجي گهر جيان سمجھندا هئا، اڪثر طور تي سندس گهر ۾ پيا علم ۽ ادب تي بحث ٿيندا هئا. هو ايترو نرم دل هئي، جو ماني جي وقت تي سندس در تي ويٺل ڪتا به بکيا نه موٽندا هئا. هو کارائڻ ۾ درياءَ دل هوندي هئي، کيس ٺٺ ٺانگر کان سخت چڙ هوندي هئي. ماڻهو ڪرسين پويان ڊوڙندا آهن، پر هو جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ نفسيات شعبي جي چيئرمين ٿي ته، ڪرسي مان جان ڇڏائڻ لاءِ نيٺ چيئرمين شپ تان استيعفا ڏنائين. گهر ۾ به اڪثر طور تي صندلي يا پينگهي ۾ ويٺي لڏندي هئي. هن جي ڏات ۽ ڪهاڻين جي ايپروچ جي حوالي سان کيس جامي چانڊيو، عبدالقادر جوڻيجو، فهميده حسين لفظن جي روپ ۾ شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي. خيرالنساءِ جعفري 4 مارچ 1998ع تي مختصر علالت بعد حيدرآباد ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس حيدرآباد ۾ دفنايو ويو.


    آپا انيتا غلام علي

    آپا انيتا غلام علي 2 آڪٽومبر 1934ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو. پاڻ جسٽس فيروز علي نانا جي ڌيءَ ۽ مرزا قليچ بيگ جي ڏهٽي هئي. زندگي جي راهن تي انيڪ ڪارناما سرانجام ڏنائين. حياتي ۾ تعليم کاتي ۾ استاد ۽ آفيسر تي خدمتون ڪندي ٻه ڀيرا نگران طور تي سنڌ ۾ تعليم جي وزير ٿي رهي. هن پنهنجي زندگي تعليم کي ارپي ڇڏي هئي. پاڻ ابتدائي تعليم سينٽ لارنس اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. جڏهن هو پڙهندي هئي، تڏهن هاءِ اسڪول يونيورسٽين سان لاڳاپيل هئا. ان ڪري مئٽرڪ جو امتحان يونيورسٽي وٺندي هئي. هو تعليم حاصل ڪرڻ دوران اٿليٽ به رهي ۽ نيٽ ٽيم جي ڪئپٽن ۽ ٽيبل ٽينس جي چئمپن به هئي، ته بيڊ منٽن جي رانديگرياڻي به هئي. راندين سان گڏوگڏ تعليم تي به ڌيان هوندو هئس. پاڻ 1957ع بي.ايس.سي جي ڊگري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي. ۽ 1960ع ۾ مائڪرو بائلاجي ۾ ايم.ايس.سي ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪري 1961ع ۾ ايس.ايم سائنس ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. جتي 1985ع تائين بهترين استاد طور پنهنجون تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن ڪري کيس ڪراچي يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ ۽ بعد ۾ سينيٽ ۾ ميمبر ڪيو ويو. کيس اهو به شرف حاصل آهي، ته پاڻ 1958ع ۾ گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ڊپٽي ليڊر طور نمائندگي ڪئي هئي. محترمه انيتا غلام علي پاڪستان ٽيچرس ايسوسيئشن سنڌ جي صدر به رهي هئي. 1970ع ۾ هليل استادن جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪرڻ سبب کيس پوليس گرفتار ڪيو. ۽ هي زخمي به ٿي هئي. آپا انيتا غلام علي ايس.ايم ڪاليج ڇڏڻ بعد سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 1960ع کان 1972ع تائين ريڊيو پاڪستان تي انگريزي خبرون پڙهندي هئي. هن تعليم جي سڌاري لاءِ ڪيترائي مقالا لکيا ۽ عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري ملڪ جي نمائندگي ڪئي. هو 1996ع ۾ ممتاز علي ڀٽو جي سنڌ جي نگران سرڪار ۾ ٽن مهينن تائين وزير تعليم رهي. ٻيو ڀيرو 12 آڪٽومبر 1999ع ۾ پرويز مشرف جي طرفان ميان نواز شريف جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد جڙيل سنڌ سرڪار ۾ تعليم، ثقافت، راندين، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سميت نوجوانن جي وزارت جا قلمدان هن وٽ مختصر عرصي دوران رهيا. پاڻ پرويز مشرف طرفان ريفريڊم جي اعلان بعد وزارتن تان استيفا ڏئي ڇڏي. پاڻ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ 23 جنوري 2014ع تائين 24 سال خدمتون ادا ڪيون.کيس پنهنجي ڪارڪردگي سبب تمغه حسن ڪارڪردگي 1999ع ۽ ستاره امتياز جو ايوارڊ کيس 2004ع ۾ مليو. ان کان سواءِ ڪيترائي ايوارڊ مليا اٿس.


    ڊاڪٽر عابده طاهراڻي

    ڊاڪٽر عابده طاهراڻي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڙ جي ساحلي پٽي جي اڳوڻي ضلع ٺٽي ۽ هاڻوڪي ضلع سجاول مان علم ۽ ادب جا اهڙا ڊاڪٽر ٿيا. جن پنهنجي پنهنجي حساب سان جيڪا علم جي آبياري ڪئي. تنهن جا انيڪ مثال آهن، پر هن تحرير ۾ صرف ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جو ذڪر ٿو ڪجي.
    ڊاڪٽر عابده طاهراڻي علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ 1995ع ۾ زرعي معاشيات ۾ يونيورسٽي اف ڪولوراڊو آمريڪا مان ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪئي، ۽ ساڳئي يونيورسٽي مان ڊاڪٽورل پڻ حاصل ڪئي. پاڻ گولڊ ميڊل سان گڏ معاشيات ۽ زرعي معاشيات جي ماهر هئي. هن ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين بئنڪ جي سهڪار سان ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪيو. جنهن ڪري کيس مڃتا طور صدارتي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. هو پي ايڇ ڊي دوران ڪيترن ئي شاگردن جي ريسرچ سپروائيزر پڻ رهي. پاڻ لاڙ جي واهوندي جي هير جيان شاگردن لاءِ هوندي هئي. انتهائي شفيق هئي. هو اهڙي تعليمي ماهر هئي، جنهن جي علم مان سڳداسي چانورن جيان خوشبو شاگردن جي دلين کي سندس ڏاهپ ذريعي مهڪائيندي هئي. هن پنهنجي علمي مهارتن ذريعي معاشيات، زرعي معاشيات، ماحوليات، پائيدار ترقي، غربت ۽ جينڊر اسٽيڊيز کان وٺي پاڻي، نيڪال جي پاڻي ۽ وسيلن سميت انڊس ڊيلٽا جي مسئلن بابت تحقيق ڪري پنهنجا تحقيقي مقالا عالمي تحقيقي جنرلز ۾ لکيا. ڊاڪٽر عابده طاهراڻي زرعي يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين ٿي رهي. کيس جنوري 2015ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلز طور مقرر ڪيو ويو. 01 جون 2016ع ۾ 61 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. کيس ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ نيم ٽري جهڙو شاهڪار نظم تخليق ڪندڙ امڙ ايلسا قاضي جي مزار ڀرسان دفنايو ويو. عابده طاهراڻي بابت زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر جيڪو وٽس پڙهيو به هو. تنهن جو خيال آهي ته، هوءُ سکندڙن جي ذهنن تي يادن جا اهڙا سبق ڇڏي وئي، جيڪي ڪڏهن به نه وسرندا. هو علم جو درياءَ هئي.


    ڪلا پرڪاش

    ڪلاپرڪاش ڌيءُ پارومل چندواڻي 2 جنوري 1943ع ۾ ڪراچي ۾ ڄائي. ابتدائي تعليم هرديوي گرلس هاءِ اسڪول ڪراچي مان ورتائين. ۽ پوءِ 1947ع ۾ ورهاڱي جو واءُ کيس هندستان گهلي ويو. ان وڇوڙي جي واءُ جيڪي کيس دل تي زخمن جا چٽ چٽيا. تن کيس ادب جي دنيا جو هميشه هميشه لاءِ جتي، مسافر بنائي. يادن جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو. اُتي کيس گهوٽ به گھايل دل وارو موتي مليو. جنهن کي پڻ انهي وڇوڙي واري واءُ شاعر بنايو هو. هن جوڙي جو ناتو ان واءُ پنهنجي ڌرتي کان ڇنو هو. هو رنا هئا. رڙيا هئا، پر ان واءُ کين گهليو هو. هو پنهنجي ماتر ڀومي کان پري هليا ويا هئا. جتي هو يادن جي سهاري پليا، ۽ هر پل جيئا پي ته، ڪڏهن نه ڪڏهن وري وطن جا وڻ ٽڻ ڏسندا. سو جڏهن ويزا ذريعي اها ڪلا پرڪاش ڪراچي جي هوائي اڏي تي جوڀن رت ۾ لٿي ته، هن جي ويران دل ۾ بهار جو جهونڪو اچي ويو. اها ڪلاچي، اهو ڪلفٽن، سمنڊ. اهي ڇوليون پر واءُ ٻيو. اها هير ته 1947ع کان پوءِ وري انهن ويران اڱڻن تي ڪڏهن نه گھلي هئي. ها هتي هن سرزمين تي جڏهن کان آريا ۽ اڻ آريا ٿيا، تڏهن کان وٺي فضا غمگين نغما ڳائڻ شروع ڪيا هئا. تڏهن کان وٺي 1947ع جي ورهاڱي جھڙو واءُ هن امن واري سرزمين سنڌ تي گھليو هو. جنهن انيڪ وڇوڙن کي پي جنم ڏنو. سو جڏهن ڪلا پرڪاش اٽڪل 34 سالن کان پوءِ پنهنجي جيجل سنڌ جي سرزمين تي پهتي ته، هن پهرين ڌرتي کي چميو ۽ پنهنجي وطن جي انهن گلن جي خوشبو سونگي، جن کي هو ننڍي هوندي سونگيندي هئي. هن کي پنهنجو ننڍپڻ، گھر ۽ اسڪول، سهيليون ۽ اها ڪلاچي ياد اچڻ لڳي، جتي جي مانگر مڇ کي ته مورڙي مير بحر ماري ڇڏيو هو، پر اهو واءُ ڪئين گھليو اهو جملو سندس دل ۾ اٽڪي پيو. هو جيڪا کينچلي عمر ۾ هتان وئي هئي. تنهن زندگي جون هتان وڃڻ کان پوءِ رڳو پن ڇڻ واريون موسمون ڏٺيون هيون. سا اڄ بهار بهار پي ٿي. جو هن اڄ بهار جو هتي اچي جهونڪو پسيو هو. ڪلاپرڪاش ڪراچي مان پنهنجو اباڻو گھر کان پوءِ 34 سال ڀٽڪي هئي. رلي هئي. ۽ ڪڙهي هئي. رلندي، ڪڙهندي، دربدر ٿيندي، هو ڪي جي کلنائي هاءِ اسڪول مان ۽ پوءِ جئه هند ڪاليج بمبئي مان ايم.اي (سنڌي) ۾ ۽ ڊپلوما ان هاير ايڊيوڪيشن (ڊي.ايڇ.اي) بمبئي يونيورسٽي مان حاصل ڪري، 1954ع کان 1971ع تائين، هندستان جي مرڪزي سرڪار جي هڪ کاتي ۾ آڊيٽر رهي. 1971ع کان 1977ع تائين آر.ڪي تلريجا ڪاليج، الهاس نگر، مهاراشٽر ۾ سنڌي جي ليڪچرر رهي. 1980ع کان 1982ع تائين دبئي ۾ هڪ اسڪول جي هيڊ مسٽريس ٿي رهي.
    هيل تائين سندس 7 ڪتاب مرڪ ۽ ممتا (ڪهاڻيون) 1973ع، ممتا جون لهرون (نثري نظمن جو مجموعو) اکل ڀارت ۽ سنڌي ٻولي ۽ ساعت سڀا جو انعام يافته. هڪ دل هزار داستان (ناول) 1972ع. شيشي جي دل (ناول) هڪ سپنو لکن جو (ناول) حياتي هوتن ري (ناول) 1974ع ۾ شايع ٿيل آهن. ڪتاب سفر جا تاثرات “هينئڙي منجهه هرن” سندس 1984ع ۾ سنڌ ۾ اچڻ جا احساس آهن. هو جڏهن ڪراچي مان پنهنجي ور موتي پرڪاش جي اباڻي ڳوٺ دڙو اچي ٿي ۽ پنهنجي مڙس، سس ۽ سهري جي گھر ۾ صرف پنج منٽ اجازت وٺي، ڪنهن اوپرن ماڻهن کان داخل ٿئي ٿي. ان جي ڪٿا جيڪا هن ڪتاب “هينئڙي منجهه هُرن” ۾ جنهن دکدائڪ انداز ۽ پيڙاءُ مان گذري لکي آهي، سا پڙهندي دل رُت روئي ٿي. ۽ وڇوڙي واري واءُ جو گھاءُ سندس اندر اڌ ڪريو وجھي ٿو. هو سنڌ ڇڏڻ وقت چوي ٿي شل سنڌ اچي مران! ۽ هو ڪراچي جي رام باغ ڀرسان جنهن طوطا رام بلڊنگ ۾ ڄائي هئي، اتي به صرف 15 منٽ رهي سگهي. ۽ پوءِ دبئي رواني ٿيڻ لاءِ ڪراچي ايئر پورٽ وئي، جتان دبئي رواني ٿي. اهي پندرهن ۽ پنج منٽ هن جو ٻيو جنم هئا، انهن 15 ۽ 5 منٽن جو احوال ۽ احساس هن پنهنجي ڪتاب “جي هيئنڙي منجھه هُرن” ۾ جنهن احساساتي انداز سان قلم بند ڪيا آهن. سو سندس لفظ پڙهندي به اکين ۾ لڙڪ اچيو ٿا وڃن. هو هاڻي دبئي ۾ رهي ٿي. پنهنجي ڪتاب “جي هيئنڙي منجھه هُرن” ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته، تاريخ اسان کي ڪيترو غريب ڪري پيش ڪيو آهي. اهو جملو پڙهندي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن ته، هو موهن جي دڙي جي تهذيب يافته ۽ ڌرتي جي ڌڻين کي تاريخدانن مان ڪن اڇوت ڪري پيش ڪيو ته ڪن ڊيڍ ڪري لکيو. سو واقع ڪلاپرڪاش به صحيح لکيو آهي. ڇاڪاڻ جو اسان جي ڏيهه جي اصل ۽ درست تاريخ ته لکي ئي ڪون وئي آهي. ۽ مون صرف ڪلاپرڪاش جو لکيل هڪڙو ڪتاب “جي هينئڙي منجهه هُرن” ئي پڙهيو آهي. پر هن جيڪو درد جو درياءَ پار ڪيو آهي، ان درد جي درياءَ سندس لڱ لڱ ساڻو ڪري وڌو آهي.


    سلطانه وقاصي

    اڪرم سلطانه وقاصي 20 مئي 1951ع تي عبدالحق وڪو جي گهر ۾ پيدا ٿي. جيڪو اصل ميهڙ شهر جو رهواسي هو پوءِ اتان لڏي اچي ٽنڊوآدم وسايائين. جتي هو زمينداري پيشي سان وابسته رهيو. سلطانه وقاصي جي جيجل ماءُ ان وقت جي تعليمي ماهر علامه علي خان ابڙي جي ڌيءُ هئي. اڪرم سلطانه وقاصي لاءِ ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته 1970ع ۾ عورتن جي سجاڳي لاءِ ڪم ڪندڙ عورتن ۾ سلطانه وقاصي جو نالو به نمايان طور اچي ٿو. ان وقت سلطانه وقاصي سان سندس تعارف سهڻي رسالي، هلال پاڪستان جي سگهڙين سٿ ۽ ملير ڊائجسٽ ذريعي ٿيو. سلطانه وقاصي جي سياسي، ادبي، تنقيدي، ۽ تاريخي ڪالمن جو مجموعو “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۽ شاعري جو ڪتاب “دونهاٽيل درشن” ڇپيا آهن. هن وڍيل دلين جي واين جا واڪا پنهنجي نثر ۽ شاعري واري ڪتاب ۾ ڪيا آهن. سلطانه وقاصي نثري نظمن لکڻ ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. سندس هڪ نظم آهي ته؛
    اونڌاهي رات،
    مون جهڙي رات،
    هن وٽ
    ٻين جي رازن کان سواءِ
    ڪجهه به نه آهي،
    ٻرندڙ ڪاٺيون
    رک ٿي هوا ساڻ
    اڏامي وينديون
    پر هي جلندڙ جيون
    ڪڏهن به
    رک نه ٿيندي.
    سلطانه وقاصي جا ٻه ٻار روماسا ۽ امر آهن. هو شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي فلسفي “جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا” يا “سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾” وانگر جيئي پئي. سلطانه وقاصي جي شاعري ۾ سادگي، احساسن جي گهرائي، درد جا آلاپ ۽ اظهار جي بيباڪي آهي. سندس شاعري روح ۾ لهي ويندي آهي.


    مريم مجيدي

    سروم دکم دکم ڪتاب شاعري جو اهڙو ڪتاب آهي. جنهن ۾ ميرانپور ۾ شاعر محمد خان مجيدي جي گھر ۾ 15 جون 1943ع تي جنم وٺندڙ مريم مجيدي جي شاعري جي اهڙي پالوٽ ۽ سگهاري خيال جي اڻت سان اڻيل آهي. جو دل چوندي آهي ته، بار بار پيو سروم دکم دکم ۾ آيل سندس شاعري کي پڙهجي، جنهن ۾ اهڙا خيال به آهن ته؛
    پتنگن جيان جيءُ جلايو ته مڃجي،
    تپي لوهه تن تپايو ته مڃجي،
    سکن ۾ سلامي ڪلامي ٿين سڀ،
    ڏکن ۾ به ساٿي سڏايو ته مڃجي.
    هن غزل ۾ هن شاعره انتهائي سادي ٻولي ۾ جنهن انداز سان ۽ شاعراڻي ڏات ذريعي خيال پيش ڪيو آهي، اهو سندس انداز ئي کيس پنهنجي دور ۾ نمائنده شاعرائن جي نه رڳو قطار ۾ بيهاري ٿو، پر ميرانپور ۾ صوفي شاهه عنايت جي خانقاه واري سرزمين تي ننڍپڻ ۾ پيرڙا کڻندڙ هن شاعره جو ته، پنهنجي شاعري ذريعي اهو به پيغام آهي ته “ڏکن ۾ به ساٿي سڏايو ته مڃجي” وانگيان مريم مجيدي ننڍي هوندي کان اکرن ۾ دل اڙائي ۽ زندگي جي سمورن رستن تي هن پنهنجو ساٿي لکڻ ۽ پڙهڻ کي بنايو. شروعاتي تعليم کان وٺي ايم اي ۽ بي ايڊ جا امتحان پاس ڪري، هو تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿي. جتان محنت ۽ جفاڪشي سان ڏاڪي به ڏاڪي منزلون طئه ڪندي، سيڪنڊري استاد ٿي، ان کان پوءِ انچارج سيڪندري ڊي او فيميل ٺٽو پڻ ٿي. اهو سندس زندگي جو اهو پاسو آهي، جنهن ۾ هن پرائمري کان وٺي، ڊي او رهڻ تائين، نياڻين جي تعليم ۽ استادن جي نگراني ڪندي تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس زندگي جي ٻين پاسن ۾ هن نثر ۾ ڪيئي مضمون ۽ تحقيقي مقالا لکيا، پر کيس سنڌي ادب ۾ جيڪا مهانتا شاعري ذريعي ملي، ان کيس پنهنجي امر شعرن جي سٽ سٽ جيان سنڌي ادب جي کيتر ۾ امر بنائي ڇڏيو آهي. هو اهڙي عورت شاعره آهي، جنهن پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي شاعري ذريعي ڪرائي آهي. سندس ڪتاب “سروم دکم دکم” ڇپجڻ کان پوءِ کيس انٽرنيشنل قليچ ايوارڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ايوارڊ مليا. سندس شاعري اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين سان سينگاريل آهي. سندس شاعري ۾ اصل موضوع سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو آهن. پر پريت جي پکيئڙي جي اڏار به غضب واري انداز ۾ سابه جڏهن هڪڙي سرائڪي گيت جي بند ۾ هن انداز سان ڪري ٿي ته؛
    سانوڻ ساڏي نال مناوين،
    ڀيڄ ڀني دي ويلي آوين.
    ۾ جيڪا شاعراڻي ادا آهي، تنهن جي ڪل انهن کاڌن کي آهي، جن کان پرين وڇڙيل آهن. سو انهن جيان مريم مجيدي به انتظار جي بتيلن ۾ ۽ سڪل سنڌو جي ڪنارن تان جيڪا به شاعري سرجي آهي، تنهن ۾ انتظار جي ڪيفيت به انوکي انداز سان عيان ڪئي اٿس. محمد خان مجيدي کيس گهر جي چئوديواري ۾ قيد ڪري گهرو ڪم ڪرائڻ بجاءِ اعليٰ تعليم ڏياري. کيس انقلابي گسن ۽ جدوجهد جي مرحلن ۽ سفر کان آشنا ڪرايو. هن پنهنجي نجي زندگي آزادي سان گهاري آهي. سنڌي سماج ۾ وک وک تي عورتن کي ڏانوڻ وڌا ويندا آهن. پر محمد خان مجيدي هن تي ڪابه پابندي نه مڙهي. جنهن ڪري هي مريم جيڪو سفر ڪيو آهي، ان ۾ ڪٿي به پنهنجي گهر وارن کان “سروم دکم دکم” ۾ ڪابه پيڙاءُ پلي نه پئي آهي. زندگي جي سفر ۾ هو پڙهندي، پڙهائيندي رهي. تڏهن ته هيٺ ڏنل غزل ۾ هيئين اظهار ڪيائين ته؛
    پٽ تي ڪوبه نه پيرو پنهنج،.
    ڪيڏو ماڳ ڏکيرو پنهنجو،
    پيرن ناهن پير ڪڙا پر،
    ڏور اڃان دڳ ديرو پنهنجو،
    اکڙين ۾ ٿي اونڌه اٽڪي،
    ميرو سانجهه سويرو پنهنجو،
    ڍوليا تنهنجي ڍار نه ڄاتم،
    نيٺ ڀڳو تو ڀيرو پنهنجو،
    اونڌهه مان اڪري آخر،
    ٽوڙيندا گهگهه گهيرو پنهنجو،
    جذبن جي هن جوءِ ۾ جيڏيون،
    رهندو مان مٿيرو پنهنجو.
    سنڌ جا شهر ڌارين حوالي ڪرڻ خلاف مريم مجيدي احتجاج طور صدارتي ايوارڊ پ پ پ جي صدر آصف علي زرداري کان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن اهڙو اظهار 12 فيبروري تي ٽنڊي باگي ۾ خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر جي ورسي واري تقريب ۾ پنهنجي تقرير دوران پڻ ڪيو هو. ان پروگرام بعد منهنجي ساڻس مختصر گفتگو پڻ ٿي. ائين ئي مريم مجيدي سان ٽنڊي باگي ۾ مختلف پروگرامن دوران مختصر ئي گفتگو ٿيندي رهي اٿم. هن شاعره جي شاعري ۾ اهڙي سگهاري ڏات جا ڏيئا روشن ڪيل آهن، جيڪي دل جي اکين سان بار بار پڙهيا اٿم.


    سحر امداد

    سحر امداد خوبصورت شاعره آهي. جنهن شاعري جي ڪيترن ئي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪري، پنهنجو نالو سنڌي ادب جي شاعري واري باب ۾ درج ڪرايو آهي. سحر پهرين سحر بلوچ جي نالي سان شاعري ڪئي، بعد ۾ سحر امداد جي نالي سان شاعري ۾ رچنائون رچيائين. انهي ڏس ۾ سندس نظم نينهن ڇڄڻ نه جهڙو ۽ ٻيا سحر جا جذباتي شاعري ۾ نظم ڳڻڻ جهڙا آهن. سحر نظم جيان ننڍي بحر وارا غزل به لکيا آهن. هن وٽ زبان انتهائي آسان آهي. جيئن سندس هي غزل ته؛
    مارو موتي مل، جهڙو ڄاڻن ڦل،
    آهي گھٽ ٻوسٽ، هير وانگيان گھل،
    سڀني هٿ پٿر، تون ئي هڻ ڪو گل،
    سوڪهڙي جي مند ۾، ڇولين وانگر ڇل،
    دوزخ آهن گھر،هل رستن تي رل،
    جئڻ ڪهڙو جس، جاسين جيئن جل.


    گلبدن جاويد

    گلبدن جاويد کي اباڻي ۽ ساهراڻي گھر ۾ ادبي ماحول مليو. سندس والد احمد خان عاصماڻي شاعر ۽ اسڪالر هو. ۽ سهرو ممتاز مرزا ڄاتل سڃاتل اديب ۽ اسڪالر رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ زندگي گذاريندڙ شاعره ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي 1989ع کان سرتيون رسالي جي ايڊيٽر رهندڙ گلبدن جاويد سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ دوران مارئي هاسٽل ۾ رهندي هئي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي 15 ڏينهن لاءِ سيڪريٽري به رهي. ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي تاريخ ۾ پهرين عورت سيڪريٽري ٿيڻ جو جتي اعزاز ماڻيائين. اتي اهو به دلچسپ قصو آهي ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ملڻ کان اڳ هو پنهنجي والد احمد خان جا خط ۽ لکڻيون کڻي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ويندي رهندي هئي. عورت تعليمي ماهر دادي ليلا جي ڪردار کان متاثر گلبدن جاويد سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي سرتيون جي ايڊيٽر ۽ سنڌي گرامر لاءِ تمام گھڻي جاکوڙ جتي ڪئي آهي. اُتي هن سرتيون رسالي جي ايڊيٽر رهڻ دوران هن شاعري نمبر، ڪهاڻي نمبر، انٽرويو نمبر، خيرالنساءِ جعفري نمبر، بيگم نصرت ڀٽو نمبر، شهيد راڻي نمبرشايع ڪيا. هن جون به ڪيئي خواهشون آهن. جن کي اڃان تائين ساڀيا نه ملي آهي. هن سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين طالب الموليٰ ۽ سيڪريٽري حبيب الله صديقي جي ايامڪاري دوران سنڌي ادبي بورڊ ۾ سرتيون رسالي جي ايڊيٽر طور پنهنجي ادبي ڪاوشن ۽ ادارتي فرض نڀائڻ جي شروعات ڪئي. 9 سيپٽمبر 1991ع کان 18 مئي 1993ع تائين سرتيون ۾ پنهنجا فرض ادا نه ڪيا ۽ واپس پنهنجي سهري ممتاز مرزا جي اسرار تي 18 مئي 1993ع کان ٻيهر سرتيون رسالي ۾ ايڊيٽر طور ذميواري سنڀالي. هن سنڌ جي مارئي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين کان وٺي تانيا ٿيٻو، شگفته جبين، ريحان نظير، شبنم گل ۽ ٻين ليکڪائن کي سرتيون ۾ وڏي پذيرائي ڏني. سماج ۾ عورتن لاءِ تبديلي لاءِ سرتيون جي پليٽ فارم تان جاکوڙ ڪري پئي. ڏات جي ڏيهه ۾ هن جيڪي شعر چيا آهن، تن ۾ هيٺ ڏنل سٽن جيان زندگي جو رڻ جهاڳي رهي آهي؛

    هي واعدا ملڻ جا،
    نڀائڻ جا اقرار ۽ توکان مليل چاهه اڻکٽ،
    هي اڻ مٽ الفت ۽ چاهت جا اظهار دلڪش،
    هي جبل جيڏا آٿت پرينءَ جا،
    هي پهاڙن کان اوچا ارادا پرين جا،
    هي دلين جي اڱڻ تي بهارن جي آمد،
    صنوبر وڻن تي ڪوئل ڪوڪارون،
    هي آسن اميدن جا دلڪش نظارا،
    هي يادن جون مهڪندڙ ڪنولن قطارون،
    هي سرنهن جي گلن جئن ڦلهاريل امنگون،
    ۽ ڏيلهن جي گئوچن جئن جذبا گلابي،
    ۽ ڳاڙهن گلابن جئن چپ هي عُنابي،
    ڄڻ خيام جي رباعي ائين خماريل جواني.


    نجمه پنهور

    نجمه پنهور سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران شايع ٿيندڙ ٻاراڻي رسالي گل ڦل جي ايڊيٽر آهي. کيس ادب ۾ اچڻ تي پنهنجي خاندان وارن ان ڪري ڪابه روڪ نه وڌي جو سندس خاندان جو ادب سان تعلق رهيو آهي. نجمه پنهور 2006ع گل ڦل جي ايڊيٽر آهي. ان کان اڳ پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور ذميواريون ادا ڪيون. کيس ايڊيٽر ٿيڻ جو شوق هو. طارق عالم ابڙو جي وفات بعد کيس گل ڦل جو ايڊيٽر ڪيو ويو. عورتن جي خواهش هوندي آهي ته، هو ڊاڪٽر ٿين يا پروفيسر پر نجمه پنهور جي ڪمپيوٽر تي هٿن جي آڱرين سان اکرن سان جتي رانديون ڪيون. اتي لکت جي جهان ۾ لڙڪ به هاريا. ننڍي هوندي کان رسالا پڙهندي شاعري ڪرڻ ۽ ڪهاڻيون لکڻ جو شوق پيدا ٿيس. شادي عبدالمجيد پنهور سان ٿيس. جنهن به سندس ادبي جذبي آڏو ڪا ديوار چين کڙي نه ڪئي. نجمه پنهور خوشنصيب ان ڪري به آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي ٽنهي رسالن جون ايڊيٽر عورتون ۽ هڪٻئي جون سهيليون ۽ ادبي خاندانن سان تعلق رکندڙ آهن. جنهن ۾ گلبدن جاويد، نجمه خود، ۽ ثمينه ميمڻ شامل آهن. نجمه پنهور گل ڦل کي سينگارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ايڊيٽري جي ذميواري سبب هو ادبي پروگرامن سميت دل کي وڻندڙ ڪتاب به پڙهي نٿي سگهي. پوءِ به هن پنهنجي گھر، ٻارن ۽ ٻاراڻي ادب کي بهتر نموني سان وقت ڏئي ٿي. هن جو گل ڦل ۾ لکندڙ ٻارن سان رابطو به هوندو آهي. نجمه جي اها به خواهش آهي ته، گل ڦل رسالو اڃان به معياري طور تي شايع ٿئي. گل ڦل کي معياري ۽ بهتر ڪرڻ دوران نجمه شاعري به نٿي ڪري سگهي. ۽ ڪو ڪتاب به وقت نه هجڻ سبب پڙهي نٿي سگهي. پر هو پنهنجي ڪم مان ڀلين سو سيڪڙو مطمئن نه به آهي. تڏهن به ٻاراڻي ادب واري رسالي گل ڦل کي بهتر کان بهتر ڪرڻ ۾ سندس ڪوشش ۽ اکين جو نور سمايل آهي. نجمه پنهور ۽ ثمينه ميمڻ شاگردي واري زماني ۾ گڏجي ادبي ڪتاب پڙهيا. مارئي هاسٽل کان پٿريلي رستن ۽ سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي ڇولين کي ڇلندي به ڏٺو ته، سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي خاموش مزار تي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ان جي فڪر تي غور به ڪيو. ۽ جڏهن نجمه عملي زندگي ۾ پير پاتا ته اتي به مرداڻي سماج ۾ پنهنجي ڪاوش سان پنهنجي جڳهه ٺاهي. ۽ جڏهن ننڍپڻ جي ايڊيٽر واري تمنا پوري ٿيس ته هن واقع گل ڦل کي معياري بنائڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوشش ڪئي ۽ ڪري پئي. سندس شاعري ۾ جيڪو درد آهي اهو هيئن آهي ته؛

    .ڪوئي ڪنهن کي ڪٿي سنڀاري ٿو،
    هر لمحو ٻي لمحي کي ماري ٿو،
    سارا سپنا ۽ خواب ڇڏي پٺيان آيس،
    هي اڳيان ڪير مون کي بيهاري ٿو،
    پنهنجي ليکي ته سڀ گڏ هلون ٿا پيا،
    ڪير ڪنهن سان گڏ ڪٿ گذاري ٿو،
    سال گذري ويا مون کان وسري ويو،
    ڪلهه مليو ته هو مون کي ساري ٿو.
    ٽهڪ تي ٽهڪ ورهائڻ وارو،
    پاڻ لڙڪن سان گڏجي گهاري ٿو.


    ثمينه ميمڻ

    ثمينه ميمڻ 6 مئي 1965ع تي مورو ۾ جنم ورتو. هن سنڌ يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪشن ۾ ڊگري حاصل ڪئي، سا پنهنجي ئي چونڊيل شعبي ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان نڪرندڙ رسالي مهراڻ جي ايڊيٽر ٿي ته، هن به پاڻ کان اڳ ان ئي رسالي جي ايڊيٽر بورڊ جي سيڪريٽري رهندڙ مرحوم شمشيرالحيدري جي مرتئي تي سندس خدمتن بابت يادگار مهراڻ نمبر شمشيرالحيدري جي نالي سان شايع ڪيو. نه رڳو اهو پر 2011ع کان جڏهن هو مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر ٿي ته، هن 2011ع کان مهراڻ رسالي ۾ طالب الموليٰ نمبر ۽ محمد عثمان ڏيپلائي نمبر به شايع ڪرايا آهن. ننڍپڻ ۾ کيس پنهنجي امڙ صاحب خاتون آکاڻيون، گيت، جنگ نامو، مولود ٻڌائيندي هئي ۽ کيس پنهنجي هٿن سان ماني پچائي کارائيندي هئي ۽ هر روز اسڪول کان موٽڻ بعد زور به ڏيندي هئي. ثمينه لاءِ پنهنجي هٿ سان ڀرت ڀري وڳو به تيار ڪيائين جيڪو هن وٽ اڄ به موجود آهي. ثمينه ننڍپڻ ۾ لوڪ ادب جا ڪتاب پنهنجي ماءُ وٽ پڙهيا. اتي ادبي ڪتاب ۽ نجمه پنهور سان گڏ رسالا پڙهندي هن هڪ ڪهاڻي لکي. جنهن تي کيس پذيرائي سميت انعام به مليو. جنهن کيس لکڻ جي دنيا ۾ اهڙو جڪڙيو جو هو پنهنجي جند به ارپي ويٺي. سماج جي ناڪاري رويي ۽ اجائي تنقيد جي باوجود هن ڪڏهن به همٿ نه هاري آهي. هر گھڙي بهتر کان بهتر سوچ ۽ ڪاوش سبب هو مهراڻ جهڙي ادبي رسالي جي ايڊيٽر بني. هوءُ ڪنهن به طوفاني گهڙي ۾ به پاڻ کي سنڀالي اڳتي ۽ بهتري لاءِ وکون کڻندي رهي آهي. هن دل جي سچائي ۽ ايمانداري سان وکون کنيون آهن. هو عورتن جي ذميوار ڪردار ۽ پنهنجي ڪم تي فخر محسوس ڪري ٿي ته، عورت ٿي ڪري هن گھر ۽ اداري کي گھربل وقت ڏنو، پر ان سان سندس گهمڻ يا سهيلين کي وقت ڏيڻ ۾ ڪمي ضرور محسوس ڪري ٿي. ڪنهن تي ڪڏهن بوج نٿي ٿئي ۽ اجائي ڪنهن جي گلا به نٿي ڪري، اهو سڀ ڪجهه هن جي تعليم ۽ گهر ۽ خاندان ۾ ادبي ماحول هجڻ سبب پلئه پيو اٿس. سندس شاعري ۾ جيڪو خيال آهي ۽ درد کي لڪائي ڇڏڻ جو ڪهڙو به خيال سندس هيٺين شاعري ۾ پيش ڪيو اٿس؛
    مرڪي مرڪي درد سمورو، دل ئي دل ۾ لڪائي ڇڏبو،
    ڪير ڏکي ٿئي ڇو مان چاهيان، صبر جو ڏيئو جلائي ڇڏبو،
    جنهن پل مون وٽ ايندين، روئي پاڻ کلائي ڇڏبو،
    تنهنجي ياد کي ڪن لمحن لاءِ، حڪم تنهنجي سان ڀلائي ڇڏبو.


    امر سنڌو

    امر سنڌو جو اصل نالو سلميٰ لغاري آهي. پاڻ ميرپورخاص ڀرسان پراڻ جي ڦٽل ڍوري جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ دودو خان لغاري ۾28 آگسٽ 1968ع تي پيدا ٿي. پراڻ جي ڦٽل ڍوري، ڪاهو جي دڙي ۽ سنڌو جون ڇوليون ڏسندي، ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي جي چنچل هوائن ۾ پڙهندي، هلندي ۽ گهمندي امر وڃي فلسفو پڙهيو. ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاسافي جي پروفيسر بني. آئون جڏهن 1984ع ۾ پاڪستان سعيدپور ڪاليج ۾ داخل ٿيس ته، اسان جو پرنسپل پروفيسر مٺا خان مري هو. جيڪو فلسفي هو. ڇا ته ماڻهو هو. ان جو ادائون، علم دوستي ۽ ليڪچر مون ڪاليج ۾ ٻڌا هئا. پوءِ جڏهن لکڻ لڳس ته، آئون 1990ع کان هن وقت تائين سلميٰ لغاري عرف عام امر سنڌو جا آرٽيڪل خاص طور ڪاوش اخبار جي ايڊيٽوريل پيج ۾ پڙهندو رهيو آهيان. ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم کان وٺي ڪالاباغ ڊيم سميت، سنڌ جي هر ٻرندڙ اشو تي امر بولڊ لکيو آهي. امر سنڌو، عرفانه ملاح ۽ ٻيا جينئس پنگريو ۾ ڀورو ڀيل جي لاش جي حوالي سان ٽنڊوباگو پريس ڪلب آيا. جتي مون سندن آجيان واري تقرير ڪئي هئي. ان بعد پنگريو ڀرسان سنڌ جي قديم آثارن واري ماڳ ٻنگار قافلو پهتو هو. جتي ڀورو ڀيل جي قبر تي گل رکڻ ۽ جلسه بعد قافلو ٻيهر ٽنڊوباگو آيو. جتي سينيٽر ڪريم خواجه جي عزيز مهدي محمد خواجه طرفان ماني جي دعوت هئي. ان ڏينهن منهنجي گفتگو امر سنڌو سان ٿي هئي. هونئن ته امر سنڌو ۽ ارباب نيڪ محمد ڪاوش جا اهڙا ليکاري رهيا آهن. جن جي تحريرن تي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ به بحث پيا ٿيندا آهن. امر سنڌو پنهنجي ٽهي ۽ دور ۾ عورتن جي حوالي سان ٿيندڙ جدوجهد ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. امر سنڌو ۽ گلشن لغاري عورتن جي حوالي سان ناري نالي تنظيم به قائم ڪئي هئي.
    ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي پروگرامن ۾ امر پنهنجا ويچار ۽ اکرن سان تلوار جيان ظالمن کي گهائيندڙ تحريرون به لکندي رهي آهي. تخليقي روپ ۾ هن سگهاري نالي طور مڃتا ماڻي آهي. شاعري ۾ به انوکا خيال سمايا اٿس. سندس نظم آهي ته ؛
    ڇا تون پنهنجي نظريي جو ڪمبل
    مونکي اڌارو ڏيندين
    مان!
    پنهنجي سپنن کي بچائڻ ٿي چاهيان
    هو!
    جنهن کان ڊگهي ڪس (Kiss)
    وٺڻ چاهي هئي مون،
    ان جي سپنن
    سئيءَ کان بچڻ لاءِ
    خودڪشي ڪري ڇڏي.


    راڌا ڀيل

    مارئي جي ملڪ ملير جي هن دراوڙ نياڻي راڌا ڀيل جو جنم به هڪ غريب گھراڻي ۾ ٿيو، جتي پيٽ گذر خاطر ٻني ٻاري کان ويندي ڪاٺيون وڍڻ ۽ ڏڪار دوران سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ لڏپلاڻ جا درد به ڀوڳڻا پيا. غربت جي سوين سورن باوجود راڌا جي پيءُ پنهنجي نياڻي کي تعليم ڏياري، ۽ سندس شادي به پڙهيل لکيل خاندان جي هڪ نوجوان سان ڪرائي. سندس سهري ساجن داس ڀيل سنڌ يونيورسٽي مان اسلاميات واري سبجيڪٽ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. راڌا جو جيون ساٿي سترام داس پڻ تعليم کاتي ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. راڌا جو ڏير ڀڳوانداس به وڪيل آهي. تعليم يافته گھراڻي ۾ پرڻجي اچڻ کان پوءِ راڌا کي وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو. ۽ هن سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سياست ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿي. سنڌياڻي تحريڪ ۾ هن جي جدوجھد تاريخ جو حصو آهي. راڌا هندو ميرج بل بابت اسلام آباد واري پروگرام ۾ سٺي تقرير ڪئي. جتي هن پنج هزار سالن جي سورن سميت هنڌن ۾ شادين جي مسئلي تي قانونسازي سان لاڳاپيل مامرن تي نهايت ئي سنجيدگي سان دليل ڏنا.
    دلت سجاڳ تحريڪ جي وجود ۾ اچڻ وقت ڪو به مرد ان ڌرمي اسٽيٽسڪو کي چيلينج ڪندڙ تحريڪ ۾ ڪير به اڳواڻي نه پي ڪري سگهيو، پر راڌا کي جڏهن محسوس ٿيو ته، تاريخ سندس ڪلهن تي مسڪينن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ذميواري سونپي رهي آهي، ته هن اها اهم ذميواري سنڀالي، ۽ هر تنقيدي طوفان کي منهن ڏنو. هن وڏي دليري سان سڀني مخالفن جو مقابلو ڪيو. راڌا هن وقت دلت سجاڳ تحريڪ جي مرڪزي صدر آهي. هوءُ مظلوم انسانن لاءِ مسلسل جاکوڙ ڪري رهي آهي. راڌا هڪ ئي وقت تي گھريلو عورت به آهي، ته جدوجھد جي ميدان تي به بيٺل آهي. هو ڳالهين کي غور سان ٻڌي به ٿي ته تقرير ۾ جي فن ۾ جي به وڏي مهارت اٿس. مظلومن جي دردن کي سوچي ۽ لوچي ٿي ته انهن دردن تي پنهنجي قلم سان مختلف اخبارن ۾ لکي به ٿي. هو گھر ۾ ويهي رليون به سبي ٿي، مانيون به پچائي ٿي. سلائي لاءِ سئي جي پاکي مان سڳو مٽائيندي به سورن وارن لاءِ سوچي ٿي، هن جي سوچن جو مرڪز مظلوم، پورهيت ۽ خانه بدوش آهن. انهن خيالن جي ڪري راڌا ڀيل هن سماج ۾ جي اک ۾ ڪٽر بڻيل آهي. هو دلت سجاڳ تحريڪ جي پليٽ فارم تان پيڙهيل مظلوم ماڻهن لاءِ جدوجھد ڪري رهي آهي. برصغير جي لکين دلتن جي ڳچي مان غلامي جو ڳٽ ڪڍڻ لاءِ ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊڪر تاريخي جدوجھد ڪري چڪو آهي. پاڪستان ۾ به دلتن جي حقن لاءِ خورشيد قائم خاني، ماما فيض محمد شيدي، محب ڀيل، صوفي حسين، ايف سي راٺوڙ، سونو کنگھاراڻي، سريندر ولاسائي، ڏامرو ميگھواڙ ۽ ٻيا لاتعداد دوست گھڻي عرصي کان ڪم ڪندا رهيا آهن. راڌا ڀيل جي جدوجھد انهن ڀٽڪندڙ انسانن جي تقدير کي تبديل ڪرڻ لاءِ آهي جن کي عام طور هن سماج ۾ ڪراهت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.


    روبينه ابڙو

    شاعره روبينه ابڙو ڌيءُ بشير احمد جو جنم 24 آڪٽومبر 1971ع تي ڳيريلو ضلع لاڙڪاڻو ۾ ٿيو. سنڌي شاعري جي سرزمين تي هن جيڪا تخليقي شاعري ڪئي آهي. سا کيس سندس همعصر شاعرائن جي قطار ۾ منفرد حيثيت ڏياري ٿي. سندس شاعري معصوم جذبن، نرالن احساسن ۽ حساس انسانن جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿي. هن جي شاعري ۾ جيڪا خيالن جي اونهي اڏام آهي جئين؛
    عشق جھلي آ جھولي باهو،
    سولي ٿي وئي سولي باهو،
    آهي ازل کان ڄڻ ته انائي،
    راهه اسان جي رولي باهو.
    هن جي شاعري ۾ نت نيون ادائون ۽ نرالا خيال آهن. انهن جي اڏام ۽ ادائيگي هن هيئن به ڪئي آهي ته؛
    مرحبا مرحبا آمد عشق آ،
    رسم منصور آ، سر ڪٽايو وري.
    جيان هن وٽ اظهار جو اهڙو انوکو روپ آهي، جنهن ۾ رومانس کي جنهن انداز سان هن شاعره اظهاريو آهي، سا تمام گهٽ شاعرائن ۽ شاعرن جي اظهار جي ادا رهي آهي. هو ته هئين به چوي ٿي ته؛
    مان تولئه هائوڪار سڄي،
    تون ڇا لئه ٿو اقرار گهرين.
    واري سٽ به اظهار جي آخري حد آهي. ان کان وڌيڪ ڪنهن جو ڪئين ٿبو. روبينه سلوڻي ٻولي ۾ جنهن انداز سان اظهار ڪيو آهي، تنهن ئي سندس تخليقن کي من موهڻو ۽ ويران دلين جي اڱڻن کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ڪاوش سندس تخليقون لڳن ٿيون ته، جنهن کي چاهجي ٿو ان لاءِ ئي ته سمورا جذبا هجن ٿا. ان جو اظهار جنهن خيال ذريعي روبينه پنهنجي شاعري ۾ڪيو آهي، سو نرالي انداز سان ڪيو اٿس.
    روبينه ابڙو شاعري ۾ جن جن خيالن جا تاڪيا کوليا آهن، تن ۾ هي ادا به نرالي اٿس ته؛
    اسان جي روح ۾ رقصان،
    هميشه رقص درويشان،
    اڙي او ناصحا منهنجا،
    نه ڏي ايڏا وڏا درسان.
    يا هي خيال ته؛
    حسن آهي ڄڻ اميري جسم جي،
    عشق جي آهي اميري روح ۾.
    ۽ جڏهن سڄڻ ڪوبه الڪو نه ڪري، وساري ويهي رهي. واٽون ويهه ٿي پون، تڏهن سپرين جي سار ۽ ڏوراپو ته روبينه ابڙو هن انداز سان ٿي ڏي ته؛
    يادگري ۽ نه وري ڪو رابطو،
    هئه عجب انداز تنهنجي پيار جو.
    تڏهن ته پيار تي ڪا ميار نٿي رکي، پر تعصب ۾ ڪٽيل دلبر کي ڏوراپو شاعراڻي انداز سان ته ڏنو ئي اٿس؛
    پيار ڪيتريون ئي پيڙائون عطا ڪري ٿو،
    خيالن ۽ خوابن جون نيون دنيائون ڏسي ٿو.
    هن جا سپنا به ساڀيان شايد ماڻي ڪونه سگهيا. تڏهن ته چيائين ته؛
    اڃان تائين ستل آهن، اسان جي ڀاڳ جا سپنا،
    بمن بارود جا موجد،اسان وٽ راڳ جا سپنا.
    هن جي سپنن ۾ به هڪڙو اجتمائي خيال آهي. جنهن ذريعي هو بمن ۽ بارود جي موجد کي للڪاري چوي ٿي ته، اسان وٽ دل کي راحت بخشيندڙ راڳ جا سپنا آهن. سندس شاعري ۾ اهڙا سندر خيال به آهن ته؛
    ڀاڳ ۽ بخت به نه ٿو گھرجي،
    هي مڪان لامڪان به نه ٿا گهرجن،
    تو سوا وقت به نٿو گهرجي.


    مريم راهو

    پراڻي سنڌو درياءَ واري وهڪري “پٽيهل” جي ڪناري تي، ڪڙيو گهنور ڀرسان راهوڪي نالي سان ڳوٺ آباد آهي. جنهن ۾ راهو ذات وارا قديم زماني کان رهندا پيا اچن. هنن ۾ ڪيترا سخي مرد به ٿيا. جن بابت شاهه لطيف پنهنجي هڪ بيت ۾ هيئن چيو ته؛
    راهو تنهنجي ريت، پر کنڊين پڌري،
    گهڻا گهوڙي چاڙهين، مسافر مسيت،
    پڇن ڪانه وڏيت، جي آيا سي اگهيا.
    انهي راهو خاندان مان ويجهي ماضي ۾ وڏيرو احمد راهو ٿي گذريو آهي. جنهن جي گهر ۾ ورهاڱي واري سال 1947ع ۾ نياڻي جي پيدا ٿي. جنهن جو نالو مريم رکيو ويو. ۽ سندس ڀاءُ شهيد محمد فاضل راهو هو. جنهن پورهيت عوام ۾ جيڪا سجاڳي پيدا ڪئي. هن عوامي تحريڪ ۽ ايم.آر.ڊي دوران جيڪا جدوجهد ڪئي، ان ۾ ساڻس سنڌ جيان پنهنجي گهر جي عورتن جيڪو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، تنهن ۾ مريم راهو جو نالو به شامل آهي.
    مريم شهيد محمد فاضل راهو جي ننڍي ڀيڻ آهي. سندس سياسي تربيت شهيد فاضل خود ڪئي. ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. سياسي طور تي سموري دنيا ۾ ڇپجندڙ سياسي ڪتابن سميت ترقي پسند ادب، لطيفيات، تاريخ ۽ عورتن بابت ڇپجندڙ ڪتابن جو وسيع مطالعو ڪيو اٿس. شهيد فاضل سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهي هئي. ضيا جي آمريتي دور دوران هن عورتن ۾ وڏي سجاڳي آندي. پاڻ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي ۾ ميمبر رهي. سياسي طور سرگرم رهي. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪيائين. کيس ايم آرڊي تحريڪ دوران گرفتار ڪري سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد ڪيو ويو. جتي به هن سياسي ليڪچر، مشاعرا ۽ ادبي گڏجاڻيون ڪرايون.
    مريم راهو ست ڪتاب لکيا آهن. جن ۾ 1. زندان ڏاري وينداسون، .2 پنهل پڄاڻا (پنهنجي شهيد ڀاءُ شهيد فاصل راهو جي زندگي بابت لکيل) 3. فاضل تنهنجو فيض 4. جيجل جي ڊائري 5. جيڪي ڏٺو مون 6. ويا سانول ڇا ڇا سنگ ڇڏي 7. پٿر پنڌ ڪير ڪري سندس اهڙا ڪتاب لکيل آهن. جيڪي ادبي ۽ سياسي اڃ اجهائيندڙن جي اُڃ اجهائڻ جهڙا ڪتاب آهن. اهي ڪتاب پڙهڻ سان مريم راهو جي سياسي، علمي ۽ ادبي کنيل وکن جو ڇيد ڪري سگهجي ٿو. سندس لکيل ڪتاب اهڙا ڪتاب آهن جن جو ذڪر سنڌ جي اتهاس ۾ ٿيندو رهندو. نه رڳو اهو پر هن ڪيترائي تحقيقي، سياسي، علمي ۽ ادبي مضمون ۽ ڪالم پڻ تحرير ڪيا آهن. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهندا آهن.


    پروين جوکيو

    پروين جوکيو 21 اپريل 1976ع ۾ مشهور ليکڪ، سياسي بصيرت رکندڙ شهيد محمد فاضل راهو جي پڳ مٽ يار محمد موسيٰ جوکيو جي گهر ۾ جنم ورتو. گڏين راند ڪرڻ واري وهي ۾ کيس پنهنجي والد ۽ ڏاڏي قابل جوکيو علم ۽ ادب سان سرشار ڪيو. ٻاراڻي وهي کان وٺي، هن وقت تائين محمد موسيٰ جي سياسي گس ۽ فڪر جي پوئيواري ڪندي پئي اچي. پاڻ جڏهن اسڪول ۾ پڙهڻ وئي ته، سجاڳ ٻار تحريڪ جو حصو ٿي. سجاڳ ٻار تحريڪ جي پليٽ فارم تان ٽيبلوز، تقريري مقابلن ۽ سياسي ورڪشاپن ۾ حصو ورتائين. گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪيائين. ننڍي هوندي کان پنهنجي والد محمد موسيٰ جوکيو سان گڏجي شهيد فاضل راهو جي گهر ويندي هئي. جتي هن جا شهيد جي ڌيءُ شهناز راهو سان ناتا جڙيا. ۽ پوءِ ٻنهي گڏجي سياسي سفر شروع ڪيو. هڪڙي ڀيري شهيد محمد فاضل راهو ٻنهي نياڻين جا هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي کين چيو ته، اوهان مون سان وچن ڪريو ته، اوهان کي گڏجي هن ٻاٽ انڌيري ۾ روشني آڻڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي. ۽ پنهنجي ڀينرن ۾ سياسي سجاڳي آڻڻ لاءِ توهان کي جدوجهد ڪرڻي آهي. هن وچن ڪري شهناز ۽ پروين سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي عورتن ۾ بيداري آندي. پروين ۽ عابده جمالي گڏجي عورتن ۾ هٿ جا هنر جن ۾ ڀرت ۽ سلائي شامل آهي. سي سوين عورتن کي سيکاريا. جڏهن محمد فاضل راهو شهيد ٿيو ته، پروين جوکيو بدين کان راهوڪي تائين سالن تائين پيادل قافلن سان گڏجي راهوڪي ويندي هئي. پروين جي شادي 15 اپريل 1999ع ۾ ٿي. شادي بعد بدين ۾ سلائي جو مفت سينٽر هلائڻ شروع ڪيو. جنهن ۾ عورتن کي هنري سکيا پڻ ڏيندي رهي. هن هينڊس جي پليٽ فارم تان 23 ڳوٺن ۾ هنري مرڪز قائم ڪرايا. پروين جوکيو سياسي سفر ۾ رستن تي پير پٿون ڪندي ۽ مختلف سياسي، علمي ۽ ادبي ڪتاب پڙهندي پاڻ پهرين ڪهاڻي “ياسيمن” لکي. جنهن کان پوءِ “نوربيبي” “ڪٽر ڪڍڻ واري مائي” “وڃائجي ويل ڍڳين جي ڪهاڻي” “سي مري ٿيا نه مات” “لهندڙ سج جا آخري پاڇا” “ماڻهپي جو ملهه” سميت 100 کان وڌيڪ ڪالم، مقالا، خاڪا ۽ ڪهاڻيون لکيون اٿس. کيس مفاد پرستي واري سياست مايوس ڪيو. جنهن ڪري پاڻ بدين ۾ سماجي ڀلائي ۽ عورتن کي هنري سکيا ڏيڻ ۾ رڌل آهي. گڏوگڏ علمي، ادبي ڪتاب پڙهڻ سان گڏ ادبي پورهيو به ڪندي رهي ٿي.


    جمعيت ٻائي

    جمعيت ٻائي نه مٺي جي پهرين استاد هئي نه وري پهرين شاگردياڻي هئي، پر زندگي جي سڃين واٽن تي جيڪي هن پيرا کنيا. نياڻين کي پڙهائڻ ۽ خود پڙهڻ ۾ ڪاوش ڪئي. تنهن ۾ سندس والد محمد رمضان حجام جو به وڏو ڪردار آهي. جنهن کي پهرين آگسٽ 1930ع ۾ جمعيت ٻائي پيدا ٿي. محمد رمضان حجام درياءَ دل ماڻهو هو. روينيو کاتي ۾ ڪوٽار هو. جڏهن پگهار ملندو هئس ته، سنگت کي کارائي ڇڏيندو هو. سندس اهڙي درياءَ دلي ۽ خدمت واري جذبي کان متاثر ٿي ڪنهن شاعر چيو ته؛
    نٿو پٽ پٺائي جو، خاص خدمتگار،
    اڄ مليو پگهار، صبح چاڙهيائين ديڳڙا.
    ان ماڻهو جنهن بچائي ڪجهه به نٿي رکيو. سو جڏهن پڙهيل دوستن جي حلقي ۾ آيو ته هن کي علم جو قدر ٿيڻ لڳو. تنهنڪري هن پنهنجي نياڻي جمعيت ٻائي کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ان وقت نياڻيون ته پري جي ڳالهه هئي پر ڇوڪرا به تمام گهٽ ٿي پڙهيا. ۽ انگريز دور جي 1858ع جي تعليمي پاليسي تحت ٿر جي مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر ۾ ٽي اسڪول کليا. جتي مٺي جي اسڪول ۾ جمعيت ٻائي پڙهي. ان وقت جنهن فائنل پاس ٿي ڪئي ته، انکي ماستري جي نوڪري جو آرڊر بنا سفارش جي ملي ٿي ويو. مٺي ۾ 1941ع ۾ گوران ٻائي ڪراچي کان بدلي ٿي آئي. ۽ ان کان اڳ لاڇان ٻائي پرائمري ماسترياڻي هئي. ان ٻنهي کان پوءِ جمعيت ٻائي جو پهرين ڏيپلي ۾ پرائمري ماسترياڻي طور آرڊر ٿيو. ۽ اتان کان جلد مٺي ۾ بدلي ٿيس. جمعيت ٻائي انهن نياڻين کي به اسڪول ۾ آڻي داخل ڪرايو. جيڪي پردي سبب ڪڏهن گهر جي چئوديواري کان ٻاهر نه نڪتيون. جمعيت ٻائي اسڪول جا مئسلا حل ڪرائڻ سميت شاگرداڻين پنهنجي پنهنجي گهرن جي درن تي موڪل مهل وڃي ڇڏيندي هئي. صبح جو گهرن جي درن تان ڇوڪرين کي وٺي اسڪول ويندي هئي. ان زماني ۾ مٺي جو ڪو وڏو شهر ۽ گهڻي آبادي ڪون هئي. نه پڪو رستو هو ۽ نه وري بجلي هئي. جديد ٽرانسپورٽ به نه هئي. جمعيت ٻائي جي پسند وارو سبجيڪيٽ معاشيات هو. سندس ازدواجي زندگي ۾ پرڻو برادري جي هارون سان ٿيو. جيڪو گهوڙي سوار هو. سندس زندگي جي واٽ تي هڪ اهڙو موڙ به آيو جو کيس گهر جي چونڊ دوران هن نياڻين جي تعليم کي ترجيع ڏني. ۽ زندگي جي عذاب واري لمحن جو مقابلو دل جي دليري سان ڪرڻ لڳي. کيس اولاد ٿيو جيڪو مري ويو. ان ڪري پنهنجي ڀيڻ جي پٽ احمد علي کي پٽ ڪري پاليائين. پاڻ 1971ع ۾ ايم اي ۽ 1972ع ۾ بي ايڊ ڪري ايم فل جي رجسٽريشن به ڪرائي ته، کيس پهرين مٺي مڊل اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي مقرر ڪيو ويو. جڏهن مٺي گرلس هاءِ اسڪول ٿيو ته، کيس پهرين ايڇ ايس ٽي ۽ سينئر استاد مقرر ٿيڻ واري عمل تي جنهن کي پٽ ڪري پاليائين. اهو به مخالف ٿي بيٺو. مٺي مان دل برداشت ٿيڻ ڪري ماٺ ميٺ ۾ وڃي نئون ڪوٽ اسڪول جوائن ڪيائين. اتي به هن لاءِ رڻ تپي ويو. جنهن ڪري موڪل جي درخواست ڏنائين ۽ اندر جي اداسين جي وڍن ۾ وڍجندي وڍجندي هو 27 مارچ 1978ع تي وفات ڪري وئي. اڄ به ٿر جي اداس ڀٽن ۾ جڏهن مٺي، ڏيپلو ۽ نئين ڪوٽ جي نياڻين جي تعليم جو ذڪر ڇڙي ٿو ته، جمعيت ٻائي جو نالو انڊلٺ جيان اڀري سامهون اچي ٿو.


    آسو ٻائي

    آسوٻائي ڪولهي بنيادي طور تي معذور آهي. هو ڪنري ڀرسان هارپو ڪندڙ ڪونڀو ڪولهي جي گھر ۾ پيدا ٿي. غربت جي گھاڻي ۾ پيڙهيل ۽ جسماني معذوري جي باوجود آسو ٻائي ڪولهي جي دل جي تمنا هئي ته، هو انهن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ جاکوڙي جن لاءِ اسڪول جا در بند ٿيل آهن. ان جذبي سبب آسوٻائي پنهنجي ڳوٺ ميڻا جي ڍاڻي تعلقي ڪنري ۾ سوين غريب ٻارن کي ديوين ۽ ٻٻرن جي وڻ هيٺيان ويهاري تعليم ڏيڻ لڳي. غريب نياڻين کي پڙهائڻ واري مقصد ۾ صرف ڪري، سهڻي جيان بنا وسيلن جي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ نياڻين جو اسڪول کولي، غريب نياڻين کي پڙهائڻ لڳي. جڏهن هو نياڻين جو اسڪول هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته، سازشن جي وڇايل ڄار جي راڇين هن لاءِ وک وک تي مسئلا پيدا ڪرڻ شروع ڪيا. ۽ هن جي اسڪول کي رجسٽر نه ڪرڻ جي سازش سميت ڪنهن اين جي او ته، سندس اسڪول بورڊ به لهرائي ڇڏيا. اهڙي حرڪت باوجود پرهه ڦٽڻ جي آس واري اميد رکي، نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ آسو ٻائي ساڻس ٿيندڙ ناانصافي بابت ميڊيا جو در کڙڪايو. سڀ کان پهرين سنڌي ميڊيا آسو ٻائي جي ارمانن جو ڀرجھلو ٿي. هن سان ٿيندڙ انياءُ کي فليش ڪري، سماج کي آئيني جو اهو عڪس ڏيکاريو. جنهن ۾ آسو ٻائي جي جھدوجهد ۽ ساڻس جھيڙيندڙ قوتن جي ڏاڍمڙسي واري ڏاڍ جي تصوير کي جڏهن چٽو ڪري پيش ڪيو ته، وقت جي جھموري پ پ پ جي حڪمرانن جون به اکيون کلي ويون. پ پ پ جي سينيٽر عاجز ڌامراهه آسو ٻائي وٽ پهتو، ۽ کيس نوڪري ۽ اسڪول رجسٽر ڪري ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. ان کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ آسو ٻائي کي گھرائي کيس نياڻين جي تعليم لاءِ وکون کڻڻ تي ايوارڊ طور سنڌ جي موهن جي دڙي جي اجرڪ ڏئي، سندس همٿ افزائي ڪئي. ۽ کيس سنڌ جي ملالا جو خطاب ڏنو ويو. آسوٻائي جي عزم ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ ڪيل جاکوڙ سبب کيس طالبان سان تعليم جي حوالي سان جھيڙيندڙ ملالا يوسفزئي جي آمريڪا ۾ لکيل ڪتاب جي مهورت واري تقريب ۾ مدعو ڪيو ويو. جنهن ۾ شرڪت لاءِ 23 سيپٽمبر تي آسو ٻائي ڪولهي آمريڪا فلائٽ ذريعي رواني ٿي. آسو ٻائي مورڙي جيان اپاهج ئي سهي پر سندس حوصلا هماليه جيان آهن. هن همٿ نه هاري ۽ اڄ سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم واري حوالي سان جديد دور جي سورمي ٿي سامهون پئي اچي. آسو ٻائي جي ذات مان روپلو ڪولهي سنڌ جو هيرو هو. قبيلي غربت جي گھاڻي ۾ پيڙهنجندي به سدائين وفا جي رڻ ۾ پاڻ موکيو آهي. سوني هار ۽ نازبو جي خوشبو کان وڌيڪ هنن جي سچائي پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان پي رهي آهي. هن دراوڙ نسل جي ماڻهن ڏکن ۾ به پنهنجي سماج سان ناتا نه ڇنيا، جنهن جو چٽو مثال روپلو ۽ آسو ٻائي جو سامهون آيو آهي.


    عائشه لغاري

    عائشه لغاري جهڏي لڳ ڳوٺ نور محمد خان لغاري ۾1981ع ڌاري ڪامريڊ الهڏتو لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿي. هن جو ڳوٺ پراڻ ڍوري ۽ هاڪڙي ۽ پراڻ جي ناري جي وهڪرا بيهي ويل ڪنڌين جي وچ ۾، هن وقت جمڙائو واهه جي ڪپ ڀرسان آهي. هن کي ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو گهڻو شوق هو. ان وقت سندس ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي پڙهائي کي سٺو نه سمجهيو ويندو هو. هو پنهنجي ڀائرن جا ڪتاب هٿن ۾ کڻي کين ڏسندي رهندي هئي. جيئن ته سندس پيءُ ڪامريڊ الهڏتو لغاري سلجهيل ۽ آزاد خيالن جو ماڻهو هو. تنهن پنهنجي نياڻي جي علم سان محبت کي محسوس ڪري، کيس ڪتاب، قلم وٺي ڏنا ۽ پڙهڻ لاءِ کيس پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پڙهائي ڏانهن لاڙو هئڻ سبب هي شوق مان اسڪول وڃڻ لڳي ته، کيس تمام گهڻي خوشي ٿي. اسڪول جي بلڊنگ پڪي نه هئڻ سبب عائشه جي ڏاڏي ۽ والد همت ڪري، پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول جي ڪچي عمارت ٺهرائي هئي. جنهن ۾ ٿر جو محنتي استاد آچار ٻارن کي پڙهائيندو هو. عائشه اسڪول کان پوءِ رات جو به پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ڏيئا ٻاري پڙهڻ واري جستجو ۾ لڳل رهي. عائشه جي انهي شوق کي ڏسي سندس پيءُ به پڙهائي ۾ سندس مدد ڪندو هو. هن ڳوٺ ۾ ڇوڪريون پرائمري جا پنج درجا پڙهي سگهنديون هيون. پر عائشه جي پيءَ ڪامريڊ الهڏتي ڪوششون ڪري ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول منظور ڪرايو ته، برادري جي ڪجهه ماڻهن اعتراض واريو، ته مڊل اسڪول ۾ ڇوڪريون پڙهنديون. جنهن ڪري مڊل اسڪول رد ڪرايو وڃي، پر ڪامريڊ سندن دڙڪن داٻن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو، ۽ مڊل اسڪول ٺهي ويو. جڏهن عائشه 1991ع ۾ پنجون پاس ڪيو ته سندس والد کيس مڊل اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته، عائشه جي اسڪول وڃڻ تي برادري وارن اعتراض واريو ۽ ڇوڪرين کي پڙهائڻ واري معاملي تي ڪامريڊ الهڏتو جا برادري وارن سان اختلاف وڌي ويا ۽ کيس ڀت برادري مان ڪڍيو ويو. پر عائشه جي پڙهائي لاءِ هو برادري وارن سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيو. هن اهو عزم ڪيو ته، پنهنجي نياڻي کي هر صورت ۾ تعليم ڏياريندو. هن جي ان سچائي ۽ جدوجهد جي ڪري 1989ع ۾ گرلس اسڪول جي بلڊنگ ٺهي. عائشه به 1996ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. اسڪول ۾ ڪابه ماسترياڻي ايمانداري سان پنهنجي ڊيوٽي ڪري نياڻين کي پڙهائڻ لاءِ تيار نه هئي. اهڙي حالت ۾ عائشه جي والد ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته، سندس عائشه کي ماسترياڻي جي نوڪري ملي پئي ته، هو ڳوٺ جي اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم ڏي. پر گهڻي ڪوشش کان پوءِ به سندس اهو سپنو ساڀيان نه ٿيو. جنهن کان پوءِ هن پنهنجي پٽن جهڙي ڌيءُ کي چيو ته اسڪول کي هر صورت ۾ هلائڻو آهي. ان ڪري تون بنا ڪنهن پگهار جي نياڻين کي پڙهاءِ. ۽ پوءِ 1998ع کان عائشه تعليم جي ميدان ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي نياڻين کي تعليم ڏيندي رهي. هن بهادر نياڻي ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگڻ کي عيب سمجهيو. ان لاءِ هڪ مهيني تائين صبح جو ڳوٺ کان سواري نه ملڻ سبب جهڏي شهر تائين گڏهه گاڏي تي چڙهي ايندي هئي. جتان کان بس ۾ چڙهي ڊگهڙي سلائي جي سکيا وٺندي هئي ته شام جو نياڻين کي پڙهائيندي هئي. نئين عزم سان عائشه 16 سال نياڻين کي تعليم ڏيڻ ۾ وقف ڪيا آهن. نياڻين جي تعليم لاءِ سندس جاکوڙ کي زمانا ياد رکندا.


    الهه بچائي چانهيو

    الهه بچائي چانهيو ٻنهي ڄنگهن (ٽنگن) کان معذور آهي، پر هن نياڻين جي تعليم لاءِ جيڪا ڪاوش ۽ جاکوڙ هي ضلع سانگهڙ جي ڳوٺ فقير جي کوهي مان گذريل ڪيترن سالن کان نياڻين کي پڙهائڻ دوران ڪري پئي. ان ڪاوش تي کيس وزيراعظم پاڪستان طرفان بيسٽ رول ماڊل استاد جو ايوارڊ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مڃتا ان ڪري پلئه پئي جو معذور نياڻي الهه بچائي چانهيو جي ادا ڪيل نياڻين جي تعليم واري رول بابت ڪاوش اخبار ۾ کاهوڙي صحافي نهال ڪمار سندس محنت ۽ جستجو بابت اخبار ۾ اسٽوري فائيل ڪئي ته، ننڊ پيل تعليم کاتي سنڌ سميت سنڌ اسيمبلي ۽ وزيراعظم کيس مڃتا ڏني. کيس نوڪري ڏيڻ جو صوبائي وزير تعليم نثار کهڙو اعلان ڪيو. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر نند ڪمار گوڪلاڻي جيڪو ضلع سانگهڙ مان چونڊيل ايم.پي.اي به آهي. ان کيس سنڌ اسيمبلي پهچايو. جتي سنڌ اسيمبلي ۾ کيس خراج پيش ڪيو ويو. الهه بچائي چانهيو جي آس اڻپوري ان ڪري به رهجي وئي، جو سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، وزير تعليم، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ۽ سينيٽر عاجز ڌامراهه جا اعلان ڪوڙا ثابت ٿيا. هونئن ته اسيمبلي ميمبر، وزير ۽ ڪامورا ڪوڙا اعلان به ڪن ٿا، پر تعليم کاتي سنڌ طرفان اعلان ڪرڻ جي باوجود نياڻين کي علم جي روشني ڏيندڙ هن نياڻي جي ڪاوشن تي ايترو به ضمير کين نه جنجهوڙيو ته، ان عظيم معذور نياڻي سان به انهن ڪوڙا واعدا ۽ اعلان ڪيا. جنهن فقير جي کوهي جي نياڻين جي اسڪول ۾ الهه بچائي چانهيو پڙهائي ٿي. ان اسڪول ۾ نياڻين جي پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ ويهڻ لاءِ بئنچون به نه آهن. پوءِ به الهه بچائي همٿ نه هاري آهي. هو تعليم جي شمع ٻاريو پئي اچي. ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جي ستل ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري پئي. هن پنهنجي زندگي بنا نوڪري ۽ معاوضي جي نياڻين کي تعليم جي زيور سان سڌارڻ واري گس تي ارپي ڇڏي آهي. ۽ سندس ڪوشش ۽ ڪاوش تي هڪ ڀيرو ٻيهر کاهوڙي صحافي نهال ڪمار اسٽوري الهه بچائي جي ارمانن ۽ محنت ۽ اسڪول جي مئسلن ۽ ڪيل واعدن جي بيوفائي انهن واعدا ڪندڙن اداڪار سياستدانن تي ڪئي. الهه بچائي جي محنت ۽ ڪاوش ڏسي سنڌ جي بي رنگ تعليم کاتي جي بي پرواهي ۽ ناقص ڪارڪردگي تي اکيون رت جا لڙڪ هارين ٿيون.


    ڪرشنا ڪولهي

    ڪرشنا ڪولهي ننگرپارڪر جي هڪڙي ڳوٺ ڌناگام ۾ جڳديش عرف جگنو ڪولهي جي گهر ۾ جنم ورتو. جيڪو هاري هو ۽ ڪڏهن ڪنهن زميندار وٽ ته، ڪڏهن ڪنهن زميندار وٽ هارپو ٿي ڪيائين. جڏهن ٿر ۾ ڏڪار پوندو هو ته، هو پنهنجي ٻارن سميت ڪڏهن پنڌ ته، ڪڏهن گڏهن، اٺن ۽ ڇڪڙن ۾ سفر ڪري بئراجي علائقن ۾ مزدوري ڪرڻ لاءِ ٿي پنڌ پيو. ائين ئي مسافريون ڪندي ڪندي هو ٽالهي اسٽيشن ويجهو اچي ويٺو. جتي سندس ڌيءَ ڪرشنا پرائمري تعليم حاصل ڪئي. اتان چنبڙ ويجهو بشير آباد ۾ اچي ويٺو. جتي ڪرشنا مڊل پاس ڪيو ته، سندس شادي لالچند سان ٿي. لالچند تعليم جي سلسلي ۾ ڪرشنا جي مدد ڪئي. ۽ هن کيس گهريلو زنجيرن ۾ قابو ڪرڻ ۽ ٻار ڄڻڻ واري مشين نه سمجهيو. پر ڪرشنا کي وڌيڪ تعليم ڏياري. نه رڳو تعليم پر لالچند ته ڪرشنا کي دراوڙن جا حق حاصل ڪرڻ ۽ سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ سميت گادي جي هند اسلام آباد وڃڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي. 2007ع ۾ ڪرشنا جي ملاقات ڊاڪٽر فوزيه سعيد سان ٿي. جنهن جي شخصيت ۽ فهم جو ڪرشنا تي اهڙو اثر ٿيو. جو ڪرشنا سماجي سرگرمين کان اڳتي وڌي عورتن تي ٿيندڙ حراسمينٽ واري قانون لاءِ جدوجهد ڪئي. ۽ پوءِ راڌا ڀيل، پشيا سان گڏجي هن هندو ميريج بل جي حوالي سان به جدوجهد ڪئي. سنڌو درياءَ جي ڏينهن تي جڏهن ڪرشنا پنهنجي ڳوٺ جي عورن سان سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ گل نڇاور ڪيا. ان جو ڦوٽو اخبارن ۾ ڇپجڻ سبب سندس ڳوٺ وارن جي تنقيد جا تير به هن کي برداشت ڪرڻا پيا. هو ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد سان گڏجي لابارا به ڪندي هئي ته، سليماني چانهه تي به گذران جا لمحا کيس اڄ به ننڍپڻ جي يادگيرين جيان چٽا ياد آهن. پنهنجي امڙ، والد ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيتن کان متاثر رهندڙ ڪرشنا پنهنجي اولاد ۾ ٽن ڌيئرن سونيا، پوجا ۽ نيرجا سميت پٽ چندن لال سان هن وقت سکي زندگي گهاري پئي. پر هو چاهي ٿي ته، ماڻهو پاڻ تي ڀروسو ڪري جدوجهد ڪن ۽ تبديلي لاءِ وک وڌائين. پنهنجا ٻار جن ۾ خاص طور تي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۽ سماج ۾ مٿيڀد وارو طريقو ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي وڃي. ان خواب جي ساڀيا لاءِ هو پٿريلي رستن تي جدوجهد ڪري رهي آهي. هو چاهي ٿي ته، ان ڌرتي تي گلاب جي خوشبو هجي. ڪوبه جهيڙو نه هجي. ڏاڍ نه رهي، نه ڏاڍا هجن.


    ثنا ملوڪاڻي

    12 جنوري 1987 تي ڀٽ شاهه کان 2 ڪلوميٽر کن اتر طرف ڳوٺ شيرخان ملوڪاڻي ۾، زراعت سان وابسته هڪ غريب گهراڻي ۾ اک کوليندڙ ثنا پنهنجي 3 ڀائرن ۽ 3 ڀينرن ۾ ڄمڻ واري ترتيب ۾ ٽئي نمبر تي آهي.
    ٻن ڀائرن مٿان ڄمندڙ خاندان جي پهرين ڇوڪري ثناء جي ڄمڻ تي سندس ڏاڏي قبيلي جي روايتن جي برعڪس سندس ڇٽي ڌام ڌوم سان ملهائي هئي. جنهن تي ڪافي عرصي تائين ڳوٺ وارا کلون ڪندا رهيا. سندس ماءَ پيءَ فلسطيني ڇوڪري ثناءَ محمود جي نالي کان متاثر ٿي، سندس نالو ثناءَ شهيد رکيو پر بعد ۾ شهيد لفظ سندس نالي مان حدف ڪيو ويو.
    ثناءَ جڏهن وکون کڻڻ شروع ڪيون ته، سندس ڏاڏي ماءَ ۽ پيءَ فيصلو ڪيو ته، پٽن وانگر هن جي به ڏانوڻ وڍڻ جي رسم ادا ڪئي وڃي، پوءِ ٿالهه ۾ ڪٽي جا ڳوڙها ٺاهي، هڪ عورت مٿي تي کڻي بيٺو ثناء جي ڏانوڻ وڍڻ جي رسم ادا ڪئي ويئي. جيڪا ڳالهه ڪافي عرصو قبيلي ۾ موضوع بنجي وئي. کيس اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ته، قبيلي جي مردن اسڪول اوطاق ۾ هجڻ جو بهانو ڪري سندس اسڪول ۾ داخلا تي اعتراض واريو پر سندس پيءَ ۽ ڏاڏو بضد رهيا ۽ پوءِ هنن مجبورن کيس ڳوٺ جو اسڪول ڇڏائي شهر پڙهڻ لاءِ موڪليو.
    ثناء پنهنجي تعليم جي شروعاتي سالن ۾ پوزيشن هولڊر رهي پر سيڪنڊري اسڪول ۾ وڃڻ وقت هوءَ ٽي بي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي، جنهن ڪري مائٽن سندس علاج ڪرايو، ۽ سندس اسڪول وڃڻ بند ڪري ڇڏيو. هي بيماري سبب ڪمزور ٿي ويئي ۽ ٻن سالن تائين اسڪول نه ويئي وري ٻيهر جڏهن مائٽن کيس اسڪول موڪليو ويو ته کيس خوف ٿيڻ لڳو ته، هاڻ امتحان ٿيندو ان ۾ فيل ٿي ويندس. انهي ڊپ ۾ پڙهڻ کان نابري واري ويهي رهي. هڪ سال بعد خالقڏنو ميموريل اسڪول ڀٽ شاهه ۾ داخلا ورتائين. جتان پرائمري پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ گرلس هايئر اسڪول ڀٽ شاهه مان مئٽرڪ ۽ گورنمينٽ هايئر سيڪنڊري اسڪول مان انٽر پاس ڪيائين.
    جنوري 2006 ۾ امڙ جي وفات ڪري وڃڻ سبب ثناءَ کي ماءُ جو ڪردار به ادا ڪرڻو پيو جو سندس هڪ ننڍڙي ڀيڻ ۽ 2 سالن جو معصوم ڀاءُ کيس پالڻا پيا. گهڻين ذميوارين جي ڪري ثناءُ جي تعليم متاثر ٿي پر هن حوصلو نه هاريو ۽ تعليم جاري رکيائين. گڏوگڏ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي رهي. جنهن دوران هن کوڙ ساريون تربيتون حاصل ڪيون جنهن ۾ ائڪشن ايڊ طرفان اسلام آباد ۾ ليڊرشپ ٽريننگ ڪيائين. ۽ سال 2008ع ۾ سيپ طرفان ڏکڻ ايشا ۾ جمهوريت جي بحالي بابت کٽمنڊو نيپال ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ پڻ نيپال جي ٻين وڏن شهرن ۾ ٿيندڙ ميٽنگ ۾ شرڪت ڪيائين.
    سماجي تنظيمن سان وابستگي جي ڪري کوڙ سان جلسن جلوسن ۽ مظاهرن ۾ عورتن جي حقن جمهوريت جي بحالي ۽ تعليم جي بهتري جبري پورهيو، مذهبي هم آهنگي ۽ امن جهڙن موضوعن تي تقريرون ڪيائين.
    سال 2008 ۾ ٽي انٽر ايڪٽيو ٿيئٽر تي لاهور مان تربيت حاصل ڪيائين ۽ جبري پورهئي مان آزاد ڪرايل هارياڻين جي زندگي بابت ٿيٽر ۾ ڪردار ادا ڪيائين. جنهن کي ڊان ٽي وي ڪاليڊواسڪوپ جي نالي سان نشر ڪيو. انٽرميڊيٽ پاس ڪرڻ تي سندس والد جي ڪجهه دوستن تجويز ڏني ته، هوءُ آرمي ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي فوجي آفيسر ٿئي پر آرٽ سان سندس لڳاءُ جي ڪري هُن يورنيورسٽي مان آرٽ پڙهڻ کي ترجيح ڏني ۽ ڪميونيڪشن ڊيزائن جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ فيڪلٽي آف سنڌ ۾ داخلا ورتائين.
    يونيورسٽي جي تعليم دوران ثناءِ تي ٽي بي ٻيهر حملو ڪيو ۽ تعليم جي آخري سال ۾ سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ سندس بچڻ جو آسرو ئي نه رهيو. جنهن ڪري سندس ڊگري هڪ سال ليٽ ٿي وئي.
    ثناءَ کي يونيورسٽي جي فائنل امتحال ۾ ننڍپڻ جي شادين تي ٿيسز طور هڪ شارٽ ڊاڪومينٽري ٺاهي جنهن کي بيحد گهڻي مقبوليت ملي.
    ثناءَ ٻهراڙين جي عورتن جي تعليم روزگار ۽ برابري جي بنياد تي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙي رهي آهي ۽ هن اليڪشن ۾ بيهڻ سندس انهيءَ مهم جو حصو آهي.


    نيم تاريخي داستان

    صابل ۽ ونگي جو ماڳ

    ونگو سان انوکيون ڪهاڻيون ان ڪري به جڙيل آهن. جو هيءَ قديم ماڳ جڏهن هاڪڙو درياهه ۽ پراڻ درياءَ جا وهڪرا ڀريا تريا وهندا. تڏهن انهن ٻنهي جو سنگم ڄار جي پتڻ وٽان ٿيندو هو. ۽ مٿن قائم مشهور شهرن ونگو ۽ ٻنگار کي ٻه پتڻ، ونگو پتڻ ۽ باغ جو پتڻ هڪٻئي سان ڳنڍيندا هئا. پتڻن ۽ ڪُنن جي ڪڙڪاٽن ۾ واڳون گهيڙ وٽان پاڻي جي هيبت_ڪلاچي جي ڪن جهڙي محسوس ٿيندي هئي. تڏهن هتي ٻيڙائتا ايندا ۽ ويندا هئا. آڏاڻن تي ارٽ ڪتبو هو. خشڪي جو به هي لنگهه هو. ان سمي هي ماڳ سنڌ جو وڏو تجارتي مرڪز هو. هتي درياءَ کي جيڪو قدرتي ونگ هو، ان ڪري هن ماڳ تي نالو ئي “ونگو” پئجي ويو. درياءَ وهڪرا بيهي وڃڻ سبب هن پٽ جي ٿيل تباهي ۽ برباديءَ جا نشان اڄ به کنڊرن، ٽڙيل پکڙيل ٺڪر جي ٿانون، اجڙيل قبن، قبرستانن، ڊٺل قلعي ۽ وٽن جي صورت ۾ ڏسجي سگهجن ٿا.
    تازو هاڪڙي ۽ پراڻ جي سنگم واري ڄار جي پتڻ ڀرسان قديم ونگي جي ڦٽل آثارن مان ڳوٺ آچار لنڊ جي ڳوٺاڻي حبيب لنڊ ڇهه مورتيون، ست سڪا ۽ چار مڻيا لڌا آهن. جن کي ڏسندي اکيون اچرج ۾ اچيو وڃن ٿيون. انهن قديم سڪن، مورتين بابت سنڌ جي پهرين سيٽلائيٽ چئنل ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش ۾ نيوز ڇپجڻ بعد اگهور ننڊ ۾ ستل آرڪيالاجي کاتي جو ڊائريڪٽر هن ماڳ تي پهتو. رابطي ڪرڻ تي هن چيو ته، هڪ مورتي گڻيش جي آهي. چار مورتيون سنڌ جي گندارا ٽيڪسيلا جون ٺهيل محسوس ٿين ٿيون. سڪا انگريز دور سان تعلق رکن ٿا. ۽ مڻيا قديم دور جا آهن. هن ماڳ ۾ ميرن جي دور دوران مير ٺاري پاران جوڙايل رهائشي ۽ دفاعي ڪوٽ ۾ سنڌراڻي ۽ مير باگي جا ڪيترائي حسين ڏينهن ۽ راتيون گذريا. اتي نج سنڌي ڪيڏاري جي خالق خليفي نبي بخش قاسم لغاري سان صابل جي عشق جي ڪهاڻي به لوڪ کان لڪل ڪون آهي ته، روبينه جي عشق ۾ باغ علي رونجهي جي عشق جو داستان به سرندي جي تارن جيان اتان ئي پروان چڙهيو. مشهور بزرگ راڄسين سومراڻي هتي تپسيا ڪئي. تپسيا دوران کيس ريٻاري قبيلي جون عورتون کير پيارينديون هيون. جن کي هن کٿيرين جو لقب ڏنو. هن قديم ماڳ ۽ دريائي وهڪري بابت شاهه سائين هيئن شاهدي ڏني آهي ته؛
    جهوني تون پراڻ، ڏينهن گهڻيرا سمرين،
    تو ڪئين ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙاءُ.

    لاکو ڦلاڻي مهرراڻي سان پرڻجي هتان گذريو هو. ۽ ماموئي فقيرن جي پيشنگوئي واري بيتن مان هڪڙي بيت ۾ هيئن چيل آهي ته؛

    هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
    بهه مڇي لوڙ، سمي ويندي سوکڙي.

    هاڪڙي ۽ پراڻ جا وهڪرا بيهي وڃڻ کان پوءِ ونگي ۽ ٻنگار جا قديم ماڳ کنڊر بنجي ويا. مير ٺاري جو اڏايل ڪوٽ به زبون ٿي ويو. بندر ويران ٿي ويو. جتي پاڻي جي ڇر ئي ڇر هئي. اتي هاڻي نه ڇلر ڇٽ آهي. نه وري ونگي ۽ ٻنگار جي پٽ ۾ پاڻي واري ڇر رهي آهي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ تي ڪاهه دوران هتي جي ونگي جي ڄام اربابن کي به ڪڇ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. جن مان گهڻا مير دور ۾ ٻيهر واپس آيا. سانوڻ فقير جي نڙ بيتن سميت الهڏنو لنڊ جنهن جي پٽ مير محمد جي نڙ ڦوڪ تي حسن درس هيئن چيو ته “پراڻي عشق پوڙهي جي، وڄت نڙڦوڪ مان نڪتي، ملڻ هي مير محمد جو، جوانين کي جڙي ٿو پيو”
    ارباب توڳاچي، ارباب امير حسن، ارباب غلام رحيم، ارباب الهه جڙيو ۽ ٻيا ارباب ونگي جا ڄام سڏبا آهن. جن سميت هن وقت ست ساز وڄائيندڙ ۽ بوڙينڊي جو شاهه ڪاريگر ذوالفقار علي لنڊ به ونگي ۾ئي پيدا ٿيو آهي. ونگو ڪڏهن پرڳڻو به هو. ونگائي سنڌي ٻولي جو لهجو به هو ته، سڪندر مقدوني سان آيل لشڪرين به هن پٽ جو قبل مسيع ۾ جتي ذڪر ڪيو هو. اتي هن وقت پاڻي جي کوٽ سبب هي علائقو ويران ۽ کنڊر جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي.


    راڄسين سومراڻي ۽ نورهين يا (نوري) شڪارڻ

    ٽنڊي باگي تعلقي جي هن وقت يونين ڪائونسل سيد خان ڀرڳڙي جي ديهه مورو اڳوڻي سمي ونگو پرڳڻي ۾ شامل هئي. تڏهن هن هنڌ راهوڪڙا ذات جي ماڻهن جي بستي ۽ ريٻارين جي وانڍ هئي. سومرا دور جي پڇاڙي ۽ سما دور جي شروعاتي دور ۾ بهاوالدين ذڪريا ملتاني جو مک خليفو راڄسين سومراڻي پٽ سومرو ذات دل تخلص درس ڪڇ جي ڳوٺ جهل مان هتي پنهنجي ڀيڻ، ڀاءُ ۽ مينهن جي ڌنار سان ڪڇ ۾ ڏڪار سبب اچي خيما کوڙي رهيو ۽ پاڻ ڪڇ جيان هتي به چِلو ڪڍيو. کيس چلي دوران ريٻاري ذات جون عورتون اٺين جو کير ڏئي وينديون هيون. چاليهه ڏينهن جو چلو پورو ڪرڻ بعد هن ولي الله ريٻاري ذات جي عورتن کي کٿيرين جو لقب ڏنو. ان لقب تي اڄ به ريٻارين کي ناز آهي. ائين ئي درگاهه جي موجوده سجاده نشين خالق ڏنو موجب راڄسين سومراڻي راهوڪڙن کان رک ڪيل زمين مان 38 ايڪڙ 28 گُهنٽا زمين حاصل ڪري نيري، نڌو يا ويسٽ پراڻ جي دواٻي ۾ ديهه مورو ۾ پنهنجو مسڪن بنايو. ان وقت ڪڇ ۾ جاڙا حڪمران هئا. جن کيس هتان کان وٺي وڃي کيس ڳوٺ ڀنڊياري ۾ رهايو. ۽ کيس لاڙائي جو خطاب ڏنو. راڄسين پڇم ۾ ٻارهن سالن تائين چلو ڪڍي تپسيا ڪئي، ۽ تصوف جي رنگ ۾ رچي ريٽو ٿي ويو. ان بعد پاڻ اچي ونگو ۾ تپسيا ڪئي، جتي کيس ريٻارين جون عورتون کير پياريندين هيون. جن کي راڄسين کٿيرين جو لقب ڏنو. تنهن کان پوءِ پاڻ ٻيهر ديهه مورو ۾ اچي رهيو. جتي هڪڙي پهتل عورت نورهين يا (نوري) شڪارڻ هن درويش کي پنهنجي ڪرامت جا پرتا ڏيکاريا پر هو به؛
    تَنُ تَسبِيحَ، مَنُ مَڻِيو، دِلِ دَنبُورو جَنِ؛
    تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ؛
    ”وَحدهو لَا شَرِيۡڪَ لَہٗ“، اِهو راڳُ رَڳُنِ؛
    سي سُتائِي جاڳَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي
    جي واٽ جو پانڌيئڙو هو. ان ڪري هن سان نورهين (نوري) جو پيچ اهڙو پختو ٿيو، جو راڄسين سومراڻي جي درگاهه ڀرسان اولهه طرف نورهين (نوري) به ساڳين قبرستان ۾ دفن ٿي. راڄسين سومراڻي جا هزارين مريد اڄ به راڄسين جي درگاهه تي دعا گُهرڻ بعد نورهين جي مزار تي عقيدت جا گل نڇاور ڪن ٿا. ريٻاري ذات جون عورتون هي گيت ڳائين ٿيون ته؛

    لاڙ رو لاڙائي آوي، رم جهم ڪرتو،
    الا...ساري ري، سنڌ ۾ گهمتو هو،
    او ونهيل راڄسين نوري موچاري جي ....
    آوي ريٻاريان ري هاڏي .....
    او ونهيل راڄسين نوري موچاري جي ...
    جڏهن فضا ۾ اهو گيت گونجي ٿو ۽ سڄي رات جاڳو ڪرڻ کانپوءِ فجر ويل ريٻاري عورتون ٻار ۽ مرد جٿي جي صورت ۾ راڄسين جي درگاهه ۽ نورهين (نوري) جي مزار جي حاضري ڀرين ٿا ته، منڊل ۾ تصوف جا نرالا رنگ انڊلٺ جيان نروار ٿين ٿا ۽ عشق جي ان انداز تي ڏسندڙ اکين کي رشڪ اچيو وڃي. نه رڳو ريٻاري قبيلو پر سوٽهڙ، شڪاري ڀيل ۽ مسلمان ذاتين ۾ دل، لنجا، کٽي، درس، ملاح، خاصخيلين سميت راڄسين جا جيڪي مريد آهن. انهن مان انتهائي پڪو عقيدو ريٻاري شڪاري ڀيلن ۽ سوٽهڙن جو آهي. ريٻاري شڪاري ڀيل ۽ سوٽهڙ پنهنجي مرشد راڄسين سومراڻي جي هدايت تي مردار جانورن جو گوشت ڪونه کائين. ۽ پنهنجا مردا دفنائيندا آهن. ريٻاري قبيلي جي ماڻهن جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو قبرستان راڄسين سومراڻي آهي. راڄسين سومراڻي جي سالياني پوهه مهيني ۾ لڳندڙ ٽي روزه عرس جي موقعي تي ريٻاري قبيلي جو عورتون ٻار ۽ مرد سونا سينگار ڪري ويندا آهن. هنن جا مڱڻا درگاهه ڀرسان ڏنل ڪوٽ ۾ ٿيندا آهن. ريٻاري ذات جو گهوٽ ۽ ڪنوار شادي بعد ڳنڍ هتي اچي کوليندا آهن. پنهنجي ٻارن جي جهنڊ هتي لاهي خاص طور تي ٻڪري باس طور ڏيندا آهن. راڄسين ميلي جي مٺائي پنهنجي پيارن کي تحفي طور ڏيندا آهن. هڪ ڪوڙهه ۾ ورتل ڇهي سوٽهڙ سندس دعا سان چڱو ڀلو ٿيو. جنهن ڪري ڇهي سوٽهڙ هن درويش جا مريد ٿيا. هن درگاهه تي چادر چاڙهڻ مهل دعا ۾ بغير رنگ ۽ نسل جي سمورا مريد شامل ٿيندا آهن. ريٻاري عرس جي تقريبن دوران گوشت ۽ چانورن ۾ گيهه ڪونه وجهندا آهن. اڄ به درگاهه تي عرس دوران کٿيريون مچ ٻاري سڄي رات راڄسين جي ثنا جا گيت ڳائينديون آهن. مچ جي باس مچ تي ويٺل عورتون پاڻ ۾ ورهائي کائينديون آهن. هن درگاهه جا مريد غوثيه جمائت جي طريقي موجب (روٽ) مٺي ماني ۽ ٻاڪري پُلا به ڪن. درگاهه تي ديگ ۽ لنگر جو ڪم ڪار ڏيئا “گرڇر” ريٻاري سنڀالين ٿا. ٻارن ۽ پاڻي جو ڪم درياڻي ريٻاري ڪن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪتاب “جنگ ناما” ۾ راڄسين سومراڻي جو اصل ڳوٺ جهل تڙ ڏيکاريو آهي ۽ راڄسين کي وڏو صوفي منش ڏيکاريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش موجب ميرن جي ايامڪاري دوران راڄسين پوٽي خليفي گل محمد جي هاڪ هئي. راڄسين جي درگاهه ڀرسان نيري جي دوآٻي ۾ هڪڙو قديم نندو شهر هو. جتي ڪلهوڙن جي آخري ڏينهن ۾ مدد خان پٺاڻ چڙهائي ڪري شهر کي ساڙائي رک ڪري ڇڏيو. ساڻس جن جوڌن ويڙهه ڪئي، تن جون قبرون موجود آهن. محقق مهر ڪاڇيلوي ان شهر جو نالو نندو ڀرڳڙي لکيو آهي. اهو شهر هن وقت به راڄسين سومراڻي جي درگاهه سامهون ٻه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. جتي شمشيرالحيدري جو ننڍپڻ گذريو. سندس غزل جو هڪڙو بند هيئن آهي ته؛
    محبت جي ميلي ۾ ڪل ئي نه پيئي،
    ۽ راڄسين جي درگاهه کان سڏ پنڌ تي اولهه طرف ڳوٺ شهداد خان خاصخيلي ۾ پيدا ٿيل فقير سانوڻ فقير خاصخيلي سڙي جو سانوڻ چوي يا سندس هي شعر ته؛
    آئون گڊو، آئون گولاڙو، آئون بي پتو بي پاڙو،
    من جي مرادن کي، آئون ڪريان ڪڄاڙو،
    آهيان هٿين خالي، مون وٽ ڀتو نڪي ڀاڙو،
    ڏسي دور دنيا جا، مون کي سرس لڳو ساڙو،
    هي حد ڇڏي،هُن حد ۾، مون ڌن ڏسي هنيو ڌاڙو،
    صوفي جو“سانوڻ” چوي لٿو من تان مونجهارو،
    جڏهن ترندو تراڙو، تڏهن پوندي سڌ سچائي جي.
    واري فڪر هن پٽ تي راڄسين سومراڻي کان وٺي سانوڻ فقير تائين پنهنجون پاڙون هن ڀونءَ ۾ ائين پختيون ڪيون آهن. جو جڏهن راڄسين جي سالياني عرس جي اجتماع جي موقعي تي ريٻاري، سوٽهڙ، شڪاري ڀيل، لنجا، درس ۽ ٻيا لاڙائي زنده آباد جو نعرو هڻندا آهن ته هڪ آواز هوندو آهي. ۽ فضا مان ڌيمو آواز اٿندو آهي هم اوست. محقق تولارام سوٽهڙ موجب راڄسين سومراڻي جي درگاهه ۽ نورهين (نوري) جي مزار تي صوفي رنگ واري مام پرکڻ لاء تاريخ جو پيرو کڻڻو ۽ سمجھڻو پوندو شاهه سائين چيو آهي ته؛
    پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائي جو جي لهين
    راڄسين جي درگاهه ۽ نورهين (نوري) جي مزار 2010 ۾ تعلقه ايڊمنسٽريشن ٽنڊوباگو طرفان نئين سري سان جوڙايون ويون آهن. راڄسين جي درگاهه ۽ نورهين (نوري) جي مزار تي ڳايا ويندڙ گيتن کي ويسو ريٻاري، روپو ريٻاري ۽ مور ريٻاري ٻڌايو ته موجرو چيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهي موجرا ڪٺا ڪجن ته ڪر هڪڙي ڪتاب جيترو مواد ٿيندو.
    پکو اڏيو پڙ ۾، ٺاهي ۾ اڏيو ڪوڏ
    گوڙهي زائون در راڄسين جي، سدا ڀيٽيان ٺاهي،
    راڳيون ڪوڏ در راڄسين جو سدا ڀيٽيان.
    هر سال راڄسين سومراڻي جو ميلو يا ساليانو عرس فتح ريٻاري محمد خان ڀرڳڙي، سڪندر ڀرڳڙي، خالقڏنو درس ( درگاهه جو مک خليفو)، گدرو ريٻاري ۽ ٻيا لڳرائين ٿا. ۽ سڄي رات سما جي محفل ۽ درگاهه جي احاطي ۾ سهاڳڙين جي زبانن تي گيتن جي گونج ۾ هوندي آهي.


    سنڌ راڻي ۽ ٺري جو ماڳ

    ٺري ۾ سومرا دور جي دوران سنڌ جي معصوم حاڪم سنگهار جي حڪومت سندس ڀيڻ تارا ٻائي سومرو ڪئي. تڏهن ساڱرو، نيرو، لوهاڻو، يا ويسٽ پراڻ درياءَ ٺري واري ماڳ وٽان وهندو هو، ۽ ٺري ڪڇ کان وٺي ملتان جو اهم پتڻ به هو. هتي وڻجارا ايندا ويندا هئا. آڏاڻن تي ڪپڙو اڻبو هو. ڏيهه ۽ پر ڏيهه جي وکرن جي درآمد ۽ برآمد جو هي مرڪز هو. هي پٽ دريائي لنگهه، ڪاروبار سميت فطرتي حسناڪين سان به مالا مال هو. هتي جا ماڻهو نج کاڌا کائيندا هئا. ۽ جڏهن رات جا نيڻ ٺرندا هئا ته، شاعره مرکان شيخڻ جي هن سٽ جيان“مون مرکان بڻجي تنهنجا لاڏا ڳايا مرشد”جهڙا گيت هوا ۾ گونجندا هئا. تڏهن هن خطي ۾ ڪيڏارن ۽ جنگي ڳاهن وارن بيتن جو اڃان جنم به ڪونه ٿيو هو. هتي جا وڻجارا هتان وڻج کڻي ڏيساورن ڏانهن ويندا هئا. انهن جو ونيون انهن جي يادن جا ڏيئا ٻارينديون هيون، پر تڏهن جي سفرن جا بيت، دوها يا وايون لکت واري ادب ۾ نه مليا آهن.
    هتي تارا ٻائي جي دور کانپوء ٺري مان تخت محمد طور منتقل ٿيو. تختن ۽ بختن جون ڪهاڻيون پنهنجي جڳهه تي پر جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي چڙهائي ڪئي هئي ته، سندس فوج جهم جي پتڻ وٽان ٻيڙين ذريعي درياءَ اڪري ٺري کان گذري ڪارياڻو پهتي. جنهن کي تڏهن ڪارو پاڻي به چيو ويندو هو. ان ڀرسان کاري کٻڙلو ۾خيما کوڙيا. اتي راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ ڇتي جنگ لڳي. محقق معمور يوسفاڻي جي خيال موجب راجا ڏاهر هتي شڪست کاڌي. هن پٽ جو ذڪر ساموئي ۽ ماموئي جي بيتن ۾ هن طرح سان اچي ٿو ته؛
    جهيڙو لڳندو ڇهه پهر، کاٻڙلي کاري
    سک وسندي سنڌڙي، مر مچي ماري
    محمود غزنوي به هتي اچي جتن ۽ ملاحن سان جنگ ڪري سمنڊ تائين ويو هو. فاطمي ۽ غوث بهاءُالدين ذڪريا جي مبلغن ۾ وڏو ٽڪراءَ به ٿيو هو. جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر مگسي پنهنجي لکيل تاريخ ۾ به ڪيو آهي. ڪتاب “سڪو سنڌو ڪنارا رُنا” سميت معمور يوسفاڻي جي ڪتابن ۾ به اهڙا حوالا ملن ٿا ته، محمود غزنوي ملاحن ۽ جتن جي ٻيڙن ۽ ٻيڙين تي ٻرندڙ تيرن سان حملو ڪيو هو.
    سما دور ۾ ڄام جوڻي جوڻ کي اڏيو هو، سندس قبر ٺري ۾ سلطان اولياءُ يا شاهه ديواني جي قبرستان ڀرسان آهي. ارغونن ۽ ترخانن جي دورن ۾ به ٺري آباد هئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو هتي اچي منزل ڪئي هئي. حاڪم هندراڻي سان پرڻجي هتي پهتو هو، جنهن جي ڄڃ ۽ راڻي ڏسي مريم اڍيجو جي سهيلين کيس سنڌ سونيتي جو خطاب ڏنو ۽ کيس سهيلين چيو تون سونهن ۾ سنڌ سونيتي آهين، حاڪم جي راڻي کان سونهن ۽ سوڀيا ۾ وڌ آهين. جڏهن چاڪر خان کان اڍيجا ذات جي ماڻهن ڌيءُ جو سڱ گهريو ته هُن انڪار ڪيو. جنهن تي اڍيجن کيس چيو ته، پوءِ تون پنهنجي ڌيءُ حاڪم سنڌ کي ڏيندين ڇا؟ واري جملي راڄ جي چڱي مڙس چاڪر کي مڇرائي وڌو ۽ ان وقت حاڪم سنڌ ميان غلام نبي ڪلهوڙي جو دور شروع ٿي چڪو هو. ان مريم اڍيجو جي سونهن جي هاڪ ٻڌي اچي ٺري ۾ خيمان کوڙي راڄ کان سلامي ورتي. مريم کي ڏسڻ سان تماچي جيان موهجي پيو، ميان غلام نبي ڪلهوڙي وڏيري اڍيجي کان مريم جو سڱ گهريو، پر وڏيري انڪار ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ميان وڏيري کي اٽڪل سان مارائي ڇڏيو ۽ پوءِ وڏيري جي پٽ سائينڏنو مجبور ٿي حاڪم سنڌ کي مريم جو سڱ ڏيڻو ڪيو پر مريم ننڍي هئي، ان ڪري سندس مڱڻي ڌام ڌوم سان ٿي، ۽ کيس حڪومت طرفان حاڪم سنڌ سنڌراڻي جو خطاب ڏنو. مڱڻي ٿيڻ بعد سنڌ راڻي ۽ سندس ڀاءُ تخت گاهه خدا آباد ۾ حاڪم سنڌ جي دعوتن تي وڃڻ لڳا، جتي سنڌ راڻي جي سونهن تي ان وقت تخت خداآباد جو سپهه سالار مير باگو خان ٽالپر ۽ حاڪم سنڌ جو چاچو ميان عبدالنبي ڏسڻ سان ٻئي ڄڻا موهجي پيا هئا. ميان غلام نبي جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ ميان سرفراز ڪلهوڙو حاڪم ٿيو ته، ان به سنڌراڻي سان پرڻجڻ جو اعلان ڪيو پر ميرن ۽ ڪلهوڙن جي پاڻ ۾ اڻبڻت سبب سندن وچ ۾هالائي واري جنگ لڳي، ان دوران سنڌراڻي به ميرن وٽ سام ٿي وئي، ميرن ڪلهوڙن کان تخت ڦري ورتو. سنڌراڻي حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر جي حويلي ۾ رهندي هئي، ان جي اک به سنڌراڻي جي نيڻن ۾ کتي پر ميرن فيصلو ڪيو ته، هي نڀاڳي عورت آهي، هن سان جيڪو به شادي ڪندو سو حڪومتي تخت ڇڏيندو. اهڙي فيصلي تي برطانيه جي جارج اٺين جيان ميرباگو خان ٽالپر حڪومتي عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري، سنڌ راڻي سان پرڻو ڪيو، نينهن جو لانئون لهي هو مرڪزي تخت گاهه ڇڏي وڃي، ونگو ۾ مير ٺارو خان ٽالپر وٽ رهيو. جتي ول واري جنگ کانپوءِ مير ٺاري خان ٽالپر وڃي ميرپور خاص کي آباد ڪيو ۽ مير باگي خان ٽالپر پنهنجي نالي سان ٽنڊوباگو ڳوٺ ٻڌو. جتي سنڌ راڻي ۽ مير باگي خان ٽالپر جا حسين پل گذريا پي، پر اوچتو سنڌراڻي جي ڀاءُ سائينڏنو کي راڻي سوڍي هاڪڙي جي روهلڙي گهيڙ وٽ شڪار دوران مارائي وڌو، ان صدمي ۾ سنڌ راڻي ڦوهه جواني ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت موجب ميرباگو خان ٽالپر کيس ٺري ۾ اباڻي قبرستان شاهه ديوانو ۾ دفن ڪرائي، سندس قبر سنگ مرمر جي ٻڌرائي، جيڪا هاڻي اجڙي وئي آهي. اڍيجا ذات جي بشير احمد اڍيجو ۽ فيض محمد اڍيجو موجب سنڌ راڻي جي ڀيڻ ڪريمان عرف ڪلان پڻ حسين هئي.
    هن پٽ ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر، پيٽارو ڪاليج جي باني تعليم جي ماهر رئيس الهه بخش نظاماڻي به هتي پيدا ٿيو. سندس پٽن مان رئيس علي اڪبر خان نظاماڻي سيڊا سنڌ جو ايڊوائيزر ۽ ماتلي مان 1985 ۾ ايم پي اي چونڊيو ويو. محمد شريف نظاماڻي چيف هائي وي ڊپارٽمينٽ سنڌ ٿي رهيو. عبدالرزاق عرف ناصر خان نظاماڻي ايڊوائيزر سنڌ رهيو، جيڪو هن وقت فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جو اڳواڻ پڻ آهي. مرحوم خان محمد نظاماڻي ايسٽ پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رهيو هو. مرحوم مير محمد خان نظاماڻي راڳ جو ڄاڻو هو ۽ گل غيبي جو ميلو لڳائيندو هو، سندس پٽ محمد ايوب هن وقت شاهه ديواني جو ميلو لڳائيندو آهي. ٺري ۾ حر تحريڪ جا مشهور ڪردار رئيس دودو خان نظاماڻي ۽ ڪڪو خان نظاماڻي به پيدا ٿيا. هتي جو بشير احمد خان نظاماڻي مشهور آبادگار طور سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت ٺري جو پراڻو شهر کنڊر بنجي ويو آهي. درياءَ به پنهنجو رخ مٽائي ويو نه وڻجارا رهيا، نه ڪا ڇلر ڇٽ رهي آهي. هن ماڳ جي قديم آثارن کي ڏسي هيئن لڳي ٿو ته؛
    نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
    پسيو بازاريون، هينئڙو لوڻ ٿئي.

    (شاهه)


    محمد طور يا مهاتم طور جو ماڳ ۽ ليلان

    محمد طور نالي هڪ سومري کي سومرن پنهنجو سردار ڪري حاڪم چونڊيو. جنهن ديرڳ پرڳڻي ۾ هڪ شهر تعمير ڪرائي، ان کي پنهنجي نالي سان منسوب ڪيو. ۽ محمد طور کي پنهنجي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو. ان بابت ڪافي محققن جو خيال آهي ته محمد طور جو شهر اڳ ۾ موجود هو. جنهن کي مهاتم طور چيو ويندو هو. جيڪو پوءِ محمد طور سڏجڻ ۾ آيو. هن شهر جي خوبصورتي پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هتي جي خوبصورتي واپار ۽ شاهوڪاري ملُڪان ملڪ مشهور هئي. ڏيساورن جا واپاري هتي واپار ڪندا هئا. انهن جون واپاري ڪوٺيون به قائم ٿيل هيون. ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، بکر، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن جو واپار هن شهر سان هلندڙ هو. خشڪي رستي واپاري قافلن ملڪ جي اهم مرڪزي شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو هو. نون شهرن جي تعمير روڊن ۽ رستن جھڙن سڌارن جي ڪري هتي خوشحالي اچي وئي هئي ۽ ماڻهو ڏاڍا آسوده ٿي ويا هئا. اهڙي ريت هن حاڪم جنگين ۾ تباهه ٿيل خطي جي معيشت کي ٻيهر بحال ڪيو. جيتوڻيڪ 1223ع کان 1237ع تائين محمد طور جي ايامڪاري دوران سڄي سنڌ التمش جي ماتحتي هيٺ اچي وئي هئي. پر عملي طور تي سنڌ جي لاڙ واري حصي محمد طور جي قيادت ۾ پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري کي قائم رکيو هو. هتي جي تاريخ بابت پروفيسر عبدالله مگسي ڪتاب “سنڌ جي تاريخ جو مطالعو” ۾ لکي ٿو ته محمد طور جي وفات کان پوءِ سندس پٽ خيرو ٻيو تخت تي ويٺو. جنهن چار سال حڪومت ڪئي. سندس دور ۾ امن هو. اقتصادي حالت سڌري، ماڻهو منجھائنس خوش هئا. ان جي دور ۾ التمش جي درٻاري امير ملڪ اعزالدين بغاوت ڪري دهلي جي حڪومت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هن باغي کي شڪست ملي ۽ هو اجمير کان سنڌ ڏانهن آيو. مولانا ابوالظفر ندوي جي راءِ آهي ته انهي امير ملڪ اعزالدين محمد طور تي حملو ڪيو. لڳل جنگ ۾ خيرو ٻيو مارجي ويو پر ملڪ اعزالدين کي عوام سنڌ مان تڙي ٻاهر ڪڍيو ۽ هتي دودو ٽيو حاڪم مقرر ڪيو ويو. جنهن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ طائي حاڪم ٿيو. جنهن ڪافي سڌارا آندا ۽ هن ديبل کي ٻيهر قبضي ۾ آندو. سندس وفات پڄاڻان سندس دور جي بااثر وزير چنيسر کي محمد طور جي تخت تي ويهاريو ويو. ان سان ليلان واري چاڳ جو قصو وابسته آهي. ان قصي بابت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جو سُر ليلان چنيسر پڻ وابسته آهي. شاهه سائين چيو ته؛
    جو چونڊين سو چونڊ، مڻيون توڙي ماڳ،
    ڀُوري تنهنجو ڀاڳ، آهي تنهنجي هٿ ۾.
    چنيسر جو ليلان سان چاهه هو. هن جي روح جي راڻي ليلان ئي هئي. هن جي نيڻن ۾ حاڪم جا نيڻ مينهن ڪنڍي پورن جيان پيوند ٿيل هئا. سندس بادشاهي ۾ راڄ جي راڻي ليلان ئي هئي. پر بدقسمتي سان ڪوئنرو واري ٻرندڙ طلسمي هار تي هرکجي، هن پنهنجي روح جي راڻي چنيسر کي هڪ رات لاءِ هار عيوض ڏيئي ڇڏيو. ڪوئنرو چالاڪ هئي، جنهن حاڪم کي ليلان جو لکيو ڏيکاريو. جنهن تي چنيسر جي دل چڪناچور ٿي وئي ۽ ليلان کي ڏهاڳ اچي ويو. ليلان گھڻو ئي ليلايو پر حاڪم به ريسارو هو. لطيف چيو ته
    ليلان ليلائج، ليلائي مه لهين ته پڻ ليلائج
    آسرو مه لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گھڻو.
    اهو قصو لوڪ ادب ۾ اهم جڳهه سومرا دور جي حوالي سان جتي والاري ٿو. اتي تاريخ لکيو آهي ته چنيسر محمد طور کي ڇڏي وڃي ديبل وسايو. جتي پساهه پورا ڪيائين. تاريخ سنڌ جي مصنفن مولوي نور محمد نظاماڻي، عبدالغني عبدالله ۽ محمد صديق مسافر باب ٽيو ۾ ڄاڻائيندي سومرن جي بڻ ۽ بڻياد بابت ايبٽ جي حوالي سان لکيو آهي ته سومرا اصل راجپوت هئا. پوءِ قرمطي بڻيا. تنهن کان پوءِ شيخ بهاءٌ الدين ذڪريا جي روحاني فيض سان مسلمان بڻيا. ايليٽ به تاريخ طاهري جي حوالي سان لکي ٿو ته سومرن جي تخت گاهه محمد طور شهر ۾ ڪيترائي وڏا ماڻهو ۽ زميندار، شيخ مشائخ، مخدوم بهاءُ الدين ذڪريا جا مريد هئا. جن مان ڪيترائي خدا رسيده بزرگ پيدا ٿي پيا. ساڳي باب ۾ سومرا سردارن بابت لکيو ويو آهي ته هو هڪ ڀيرو نئون ڪپڙو پائيندا هئا ته ٻيهر لاٿل ڪپڙن کي پائڻ پنهنجي شان لاءِ عيب سمجھندا هئا. سومرا رعيتي راڄ جي ماڻهن تي ڏنڀ جو نشان ڪڍندا هئا. محمد طور جي حڪومت جو عرصو 15 سال ڏيکاريو ويو آهي. هتي رهندڙ جيوت آزادي جي هڳاءُ ڀريل هوائن ۾ ساهه کڻندي هئي. ان سمي هي وسندڙ شهر هو. هتي پتڻ به هو. ڳاڙها سڳداسي چانور، ادرڪ، تماڪ، گيهه ۽ نير هتي جام ٿيندو هو. ارٽ تي ڪپڙو اڻبو هو. رات ٿيندي ئي هتي فانوس تارن جيان ٽمڪندي پري کان نظر ايندا هئا. گھاڻن ۾ سرنهن جو تيل پيو پيڙهبو هو. هن وقت تعلقي جاتي جي ديهه شاهه ڪپور ۽ تپي شاهه ڪپور ۾ ان قديم ماڳ جا کنڊرات ٽڙيل، پکڙيل، ٽٽل ٺڪرن، دڙن، قديم قبرستان جي قبرن، پٿرن ۽ ڦاٽل ڪاڳرن جيان ٽڙيل پکڙيل سرن تي مشتمل نظر اچن ٿا. گونگڙي جو وهڪرو به بيهي ويو آهي. تاريخ جي هن تخت گاهه وارو وسندڙ شهر ويران ٿي ويو. هن وقت هن ماڳ وٽان شاهه ڪپور شاخ گذري ٿي ۽ شاهه ڪپور ڳوٺ به آهي. جنهن ۾ هزار کن ماڻهو رهن پيا. هن ماڳ جو ماضي واري جي دڙن ۽ شاهه ڪپور جي قبرستان جي قبرن ۾ دفن ٿي ويو آهي ۽ تاريخ جي ورقن ۾ هن ماڳ جي قدامت جا قصا چوڏهين جي چنڊ جيان جرڪندي نظر اچن ٿا. مختلف تاريخدانن جا هن ماڳ بابت پنهنجا رايا ۽ ويچار جدا جدا تاريخ جي ڪتابن ۾ ڏنل آهن. سومرا حاڪمن پنهنجي ايامڪاري دوران محمد طور، وڳهه ڪوٽ، روپا ماڙي، ٺري، ٿري، ساموئي ۽ عمر ڪوٽ جھڙا شهر قائم ڪري اتي جدا جدا وقتن تي تخت گاهه قائم ڪيا. انگريز ليکڪ ليمبرڪ جي راءِ موجب پراڻ جي وهڪري سڪي وڃڻ کان پوءِ سومرن پنهنجو تخت گاهه گونگڙي جي ڪپ تي قائم ڪيو. جنهن کي عام طور تي محمد طور سڏيو ويندو آهي. محقق ڪزنس جي تحقيق مطابق محمد طور هڪ وڏي نهر جي ڪپ تي هو. جنهن کي گونگڙو چيو ويندو هو. تاريخ طاهري جي مصنف سيد طاهر محمد نسياني سن 1020هه چوي ٿو ته هن حقير انهي شهر جا دڙا عبرت جي اکين سان ڏٺا هئا. لئمبرڪ معصومي ۽ طاهري تاريخن جا مصنف ان ڳالهه تي به متفق آهن ته درياءُ جو پاڻي هن نهر کي نه ملڻ سبب هي پٽ اجڙي ويو. سيد در محمد شاهه جي حويلي کان اوڀر طرف هن ماڳ جي کنڊر ٿيل دڙن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. انهن کنڊرن ۾ هڪ مسجد جا اهڃاڻ چٽا آهن. جنهن جي ويڪر 1520 فٽ ۽ ڊيگھه 216 فٽ آهي. ديوار ساڍا چار فٽ ويڪري آهي. هڪ دڙي کي مقامي ماڻهو همير سومري جو دڙو چون ٿا. هتي هندن جي هڪ مندر جا آثار به ملن ٿا. 1821ع تائين هتي ٽي هزار ماڻهو رهيا ٿي. جن ۾ اڪثريت هندن جي هئي. هن وقت هتي هزار کن ماڻهو رهن ٿا. جن ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي. محمد طور جي ڏکڻ پاسي امير پير اسماعيل شاهه بخاري جو قبرستان آهي. جنهن جي قبر ماضي جي هن ماڳ ۽ پنهنجي دور جي پٿرن تي چٽسالي جو نادر نمونو پسائي ٿي. سوين سال اڳ ٿيل پٿرن تي ان چٽسالي جا رنگ ته هاڻي ڌنڌلا ٿيندا پيا وڃن پر ڏسندڙ اکيون ان چٽسالي کي ڏسي ڪاريگرن جي ڪاريگري کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿيون سگھن. هن تخت گاهه جي کنڊرن ۽ ماضي جي ياد ڏياريندڙ قبرن واري قبرستان کي آرڪيالاجي کاتي جي ڪامورن جون اکيون ڏسي نٿيون سگهن. پر افسوس جو هي ماڳ ۽ قبرستان قبضا مافيا جي قبضا گيري ۽ سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويو آهي .


    شهيد دودو سومرو، ستيون ۽ روپا جي ڪهاڻي

    هيءُ ڪهاڻي ان بستي کان شروع ٿئي ٿي. جتي ڪونسر نالي گجرن جي بستي سنڌو درياءَ جي هڪڙي ڦاڪ ريڻ جي ڪناري تي آباد هئي. ان بستي “ڳوٺ” ۾ گجرن جي هڪڙي گھر ۾ ڇوڪري ڄائي. جنهن جو نالو روپا رکيو ويو. اها روپا جڏهن جوڀن وهي کي پهتي ته، سندس سونهن جي هاڪ پري پري تائين هُلي وئي. روپا جي سونهن جي عڪاسي شاعر منظور سمون پنهنجي هن بيت ۾ هيئن ڪئي ته؛
    روپا تنهنجو رنگ، بڻجي آئين باغ،
    چوڏسا چراغ، ٻاريا تو ٻاٽ ۾.
    ۽ مٿس حاڪم سنڌ ڀونگر راءِ موهجي پيو. ڄام تماچي کان گھڻو اڳي هي سنڌ جو پهريون حڪمران هو. جنهن ذات ۽ پات جا ويڇا وساري پنهنجي رعيتي راڄ جي ڇوڪري روپا سان نيڻن جا ناتا جوڙي ساڻس پيار جو پرڻو ڪري کيس ان ئي بستي ۾ روپا جي نالي سان روپا ماڙي ٺهرائي ڏني. ۽ پاڻ پنهنجي تخت وڳھه ڪوٽ کان وڌيڪ گھڙيون “ساعتون” روپا جي بستي ۾ جڏهن گھارڻ لڳو ته، سندس امير ۽ وزير به روپا ماڙي ۾ رهڻ لڳا. ۽ روپا ماڙي بستي جا نصيب به روپا جيان ڪر موڙي جاڳي پيا، جو حاڪم سنڌ جي اکين جو اڱڻ روپا ٿي وئي هئي. هو پنهنجي دل جو لولو روپا جي نينهن ۾ وڃائي چڪو هو. روپا جي نينهن ۾ عشق جي عظمت جو اهڙو تجلو ٿيو، جنهن ڪونسر بستي کي تاريخ ۾ انوکو ۽ نه وسرندڙ درجو ڏيئي ڇڏيو. روپا راڻي جي ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ ڀونگر راءِ جي وفات کان پوءِ پيدا ٿيل پڳ تان مامري ۽ چنيسر هٿان سنڌ ۾ چاڙهي آيل علاوالدين خلجي جي لشڪر سان ٿيل جنگ کي سمجھڻ ۽ لمحي به لمحي بدلجندڙ منظرن کي سمجھڻ لاءِ سڀ کان پهرين هتي تخت وڳھه ڪوٽ ۽ سومرن جي بُڻ بڻياد ۽ حڪومتي عهد جي بنياد کي سمجھڻو پوندو. ان لاءِ تاريخ جي رستي تان جيڪا معلومات ملي ٿي، سا هن طرح آهي ته سنڌ جي هندن جي تاريخ جلد ٻيو ۾ ڀيرو مل مهرچند آڏاڻي باب پنجون ۾ پيج نمبر 179 ۾ هئين لکيو آهي ته، سومرو ۽ ويڳو ٻئي هندو ڀائر هئا. جن جي ذات ڀونڀاري هئي. اهي ڏيپلي کان ڏکڻ طرف رڻ ڪڇ ۾ پراڻ درياءُ جي ڪناري تي رهندا هئا. انهن سومرن جي صاحبي جو پايو رکيو. سومرو مسلمان ٿيو ۽ ويڳو هندو ئي رهيو. ويڳو ڪڇ جي رڻ وارو ڪوٽ هٿ ڪيو. جيڪو سندس نالي پويان وڳھه ڪوٽ سڏجي ٿو. سومرن بابت مختلف تاريخن ۾ کين عرب نسل جو به ڄاڻايو ويو آهي، پر سندن نالن مان محسوس ٿئي ٿو ۽ سندن ريتن ۽ رسمن مان هي نسل سنڌ جو نج نسل لڳي ٿو. ڇا به هجي پر سنڌ ۾ عربن جي دوُر کان پوءِ سومرو ئي هو، جيڪو طاقتور ٿي اڀُريو، ۽ سومرن جي دوُر ۾ پهريون حاڪم ڳڻجي ٿو. ائين ئي سومرا سنڌ جا حاڪم بڻيا. ڀونگر جي وفات کان پوءِ پڳ “منجي” تان هڪڙو اهڙو واقعو رونما ٿيو، جنهن سنڌ جي تاريخ تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا. اهو واقعو اهڙو واقعو آهي، جيڪو صدين پڄاڻان به سومرا ۽ سنڌ ان واقعي جي درد کي وساري نه سگھيا آهن. وڳھه ڪوٽ ڀونگر راءِ جي ايامڪاري دوران سندس تخت گاهه هو پر، روپا راڻي سان شادي ڪرڻ بعد حاڪم جو تخت ۽ بخت جون واٽون روپا ماڙي ۾ ٿي کُٽيون. سندس توجهه روپا ماڙي ڏانهن ئي هو. کيس چنيسر ۽ دودو نالي ٻه پٽ ۽ ٻاگھل ٻائي نالي ڌيءُ پيدا ٿي. جن مان چنيسر وڏو هو ۽ هو روپا جي پيٽ مان پيدا ٿيو هو. زندگي جي مرڪن ۽ ٽهڪن واري باغ ۾ هڪڙو گل ڪوماڻو، وفا جي اڏيل گھر ۾ جڏهن ڀونگر راءِ هڪڙي شام جو وڇڙيو ته فضا ۾ اهڙي ڪا غمگين صدا گونجي، جنهن روپا راڻي جي زندگي کي ويران بڻائي ڇڏيو. هن جي هٿن ۾ ئي سندس سڄڻ پساهه پورا ڪيا ۽ پوءِ جيڪا رات ٿي، ان جي ڪهاڻي انوکي ۽ رت روئاريندڙ ئي آهي. جو جڏهن ڀونگر راءِ جي ڏولي ديهه ڪاڪ واري ڀونگرا قبرستان ۾ پهچي مٽي ماءُ حوالي ٿي ته، ڄڻ روپا جو زمين ۽ آسمان بدلجي ويا. ان وقت جي سسٽم تحت فيصلو ٿيو ته، پڳ وڏي پٽ چنيسر کي ٻڌائجي. جنهن تي چنيسر کين چيو ته ترسو امان! کان پڇي اچان. انهن لفظن تي راڄ وارن کي مٺيان لڳي، انهن فيصلو ڪري دودو کي پڳ ٻڌرائي ڇڏي. ۽ چنيسر کي طعنن ڪاوڙائي وڌو. ان ڪاوڙ کيس دهلي جي حاڪم علاوالدين ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو. چنيسر دهلي پڄي ٻيجل جيان ڪهڙي ڌُن ڇيڙي جنهن حاڪم علاوالدين خلجي کي سنڌ ڏانهن لشڪر روانو ڪرايو. جئين ئي ڌاريو خلجي لشڪر سنڌ ۾ پهتو ته ان بابت به تاريخ ۾ ڪا چٽي شاهدي نٿي ملي ته لشڪر ڪٿان سنڌ ۾ داخل ٿيو. لوڪ ادب جي وڏي ڄاڻو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب “سومرن جو دور دودي چنيسر جي ڳالهه” ۾ پاري نگر ۽ بکر وٽان لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿيڻ بابت لکيو آهي. مشهور رائيٽر سلمان رشيد پنهنجي تحرير “دي ليجنڊ آف دودو چنيسر” ۾ به دودو جي شهادت ۽ ڀاڳوڀان هٿان ابڙو سمون ڏانهن ٻاگھي ۽ سومرن جي ٻين عورتن جي سام ٿي وڃڻ ۽ ستيون ٿي مرڻ بابت تفصيل سان لکيو آهي. روپا سميت محمد طور ۽ ٻين سومرن جي ماڳن ۾ سومرين هيرا ۽ موتي جنڊن ۾ پيهي. پنهنجي اڱڻن تان رت روئي اوڇنگارون ڏيئي روانيون ٿيون. جڏهن والهان سوڍي جو ور هانسو به ڌرتي تان وڙهندي وڙهندي مارجي ويو، ۽ ڌاريو لشڪر روپا ڏانهن وڌيو ته محمد، ننگر، منگر ۽ ٻيا سومرا ۽ سپڙ سپهه سالار به مارجي ويا. تڏهن دودو سومرو جي اڳواڻي ۾ لشڪر روپا ماڙي واري معرڪي ۾ شينهن جيان گجگوڙ ڪري وڙهيو ۽ وڙهندي وڙهندي دودو سومرو شهيد ٿي ويو. تنهن جي درد ۾ سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر شيخ اياز سنڌي ادب ۾ پهرين اوپيرا لکي. جنهن جون هيٺيون سٽون دودو جي عظمت جي ساک هن طرح ڏين ٿيون ته
    جي تون وڙهندي وڙهندي ماريو ويندين
    ۽ ڌرتي تان واريو ويندين
    دودا ! تنهنجو ساهه ته ويندو، پر ماڻهو جو ويساهه نه ويندو.
    جڏهن دودو سومرو شهيد ٿي ويو. ان کان پوءِ جي منظرن بابت محمد سومار شيخ پنهنجي ڪتاب “روپا ماڙي” ۾ لکيو آهي ته روپا راڻي سام ٿي نه وئي هئي. ڇاڪاڻ ته هو سومري نه پر گجر هئي. تنهن دودو سومرو جي شهادت کان پوءِ روپا ماڙي کي باهه ڏيئي ڇڏي ۽ پاڻ به جلي مري وئي. ۽ سام ٿي ويل سومرين جي پويان علاوالدين خلجي جو لشڪر ابڙي سمي ڏانهن سامن ۽ سومرن پويان ڪاهيندو ڪڇ به پهتو. جتي سومرين رب جليل کان لشڪر مٿان چڙهي اچڻ سبب بارگاهه الاهي ۾ ٻاڏايو، ڌرتي ڦاٽي پئي، سومريون تنهن اندر هليون ويون. ان ماڳ کي “ستين جو ماڳ” چئجي ٿو. جتي سومرا اڄ به وڃن ٿا. روپا ماڙي ۾ اڳي 14 چيٽ ۽ هاڻي اپريل مهيني جي مختلف تاريخن تي شهيد دودو سومرو جو ساليانو عرس ٿئي ٿو. جڏهن ٽرانسپورٽ ڪونه هئي. تڏهن ڏاڏيون سومريون بيل گاڏين جي جاٽ “قطار” ذريعي اينديون هيون ۽ هن قسم جا اداس گيت ڳائينديون اينديون هيون ته؛
    ماني جو لولو کائيجا، ٻاجھري جو لولو کائيجا،
    سرتيون طعنو نه ڏجا، ڪڇ ڪوٽ هلنديون سين،
    ڪوهه ڄاڻان ڪهڙي ملڪ ويا.
    تاريخ لکي ٿي ته، دودي سومري جي شهادت کان اڳ ان جنگ ۾ سنڌ جو ٻچو ٻچو ڌارين سان وڙهيو هو. ۽ پوءِ ريٻاري قبيلي جي عورتن، ٻارن ۽ مردن صدين تائين دودو جي شهادت جي ڏک ۾ پنهنجي شادين ۾ به ڪارا ويس پاتا. جن کي اها سوڳ ولي ڀائي سومري 70 واري ڏهاڪي ۾ ٽنڊي باگي اچي سنڌ جي ريٻارين کي ڪٺو ڪري، ڪارا ويس ۽ سوڳ ختم ڪرايو. پر ان ڪٺ ۾ ننگر پارڪر جا ريٻاري شريڪ نه ٿيا ۽ انهن اڄ به سوڳ ختم نه ڪئي آهي. ريٻارين جيان دودو جي شهادت کان پوءِ سومرين به سوڳ سبب پنهنجي نڪ ۾ وري بولا نه پاتا آهن. روپا ماڙي واري بستي اڄ به ساڙيل نظر اچي ٿي. سنڌ جي هن قديم آثار روپا ماڙي کي نامعلوم شرپسندن مسمار ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي. روپا ماڙي ۾ دودو سومرو جي مزار سامهون هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي تپو چور هڏي تعلقو بدين ۾ چنيسر جي قبر به موجود آهي. وڳهه ڪوٽ 14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاڱي سبب هندستان جي حد ۾ اچي ويو. روپا ماڙي وٽان گذرندڙ ريڻ جو وهڪرو به بيهي ويو ته پراڻ به سڪي ٺوٺ ٿي وئي. ريڻ تي روپا ماڙي وٽان بيٺل ڪنڊي جو وڻ به سڪي ويو آهي.


    مائي سنڌو پاتڻي جو پتڻ، لاڄان جتڻ، مياڻيون ۽ وڻجارا

    ڪوٽڙي کان هيٺ هن وقت سنڌو درياءُ جي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو گھربل مقدار به نٿو ڇڏيو وڃي. اهو سنڌو جنهن سان ويدن کان وٺي سهڻي جي ٻڏڻ تائين جا انوکا داستان ۽ مٿس لکيل ويدن جا اشلوڪ گواهه آهن. جڏهن کان ڪوٽڙي تي هٿرادو بئراج ذريعي سندس وهڪرو بند ڪري ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي گھربل مقدار کان گھٽايو ويو آهي ته سوين مياڻيون تباهه ۽ برباد ٿيون آهن. اتي جيڪا انساني لڏپلاڻ ٿي. جھنگلي ۽ آبي جيوت جي حياتين کي خطرا پيدا ٿيا. تن سميت ٻيلو تباهه ٿيو، پلي جو نسل ختم ٿي ويو. هيچريون، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا ۽ سمنڊ مست هاٿي جيان ڌرتي پائي اڳتي وڌڻ لڳو آهي. اها ڪهاڻي صدين جي نه بلڪه 1994ع کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪوٽڙي وٽان سنڌو درياءُ تي بئراج 1956ع ڌاري اڏيو ويو هو. ۽ پوءِ 1994ع کان پاڻي جي کوٽ سبب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ هر سال گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ کان پوءِ هاڻي ته، هر سال ڏهه مهينا ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامندي رهندي آهي. جنهن ڪري ڪوٽڙي کان هيٺ آبي ۽ جھنگلي جيوت سميت ماڻهو دربدر ٿي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ويا. ۽ رهيا آهن. درياءُ جي ڇولين ڇُلڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪُنن جا ڪڙڪاٽ به نه رهيا آهن. انڊس ڊيلٽا تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي. سمنڊ جون ڇوليون آهن. جيڪي ڌرتي جو سينو چيري هاڻي سنڌو جي دولهه درياءُ خان پل تائين اچي ويون آهن. سنڌو درياءُ جي سنگم جا اهي به ڏينهن هئا. جڏهن درياءُ مها ساگر ۾ سمائبو هو. هاڻي ته درياءُ جو مها ساگر کان اهو رشتو به ڇنو ويو آهي. جنهن جو ڏک ڪنارن کان وڌيڪ مير بحرن کي آهي. اهو به وقت هو، سنڌو جي ڊيلٽا ۾ سنڌو درياءُ يارهن ڦاڪن ۾ وهندو هو. جن ۾ پراڻ، نار، نيرو يا ساڱرو، ريڻ، ڳٺو، پٽيهل، گونگڙو ۽ سمنڊ سان لاڳو لاتعداد ڇاڙون، ڍورا ۽ ڦاڪ موجود آهن. جن مان گهڻا ته سنڌو درياءُ جا ڇوڙ آهن. 1796ع تائين بڳهاڙ شاخ ٻن حصن ۾ وهندي هئي. هڪ کي بگهاڙ ۽ ٻي کي شاهه شاخ سڏبو هو. جن مان جهاز راني پڻ ٿيندي هئي.1837ع کان بعد پٽي، جوڻا، ڪڪي، کڏي، رچيل مل ۽ حجامڙو ڏسڻ آيا. مل شاخ تي شاهه بندر اڏيل هو، جيڪو 1889ع واري زلزلي کان پوءِ ويران ٿيو. درياءُ جا اهي وهڪرا جڏهن مها ساگر ۾ سمائبا هئا ۽ انهن سنگم واري ماڳن تي جڏهن ديبل بندر ، اورنگا بندر، علي بندر، سنڌڙي بندر، شاهه بندر، لاهري بندر يا لاڙي بندر اڏيل هئا، جيڪي گھڻي ڀاڱي سنڌو جي ڇوڙ ۽ سمنڊ تي قائم هئا. انهن مان صرف لاڙي بندر بابت ابن بطوطه هن طرح ذڪر ڪيو آهي. هي بندر مکيه بندر هوندو هو، جتي يمن ، فارس ۽ ٻين هنڌن جا ماڻهو ايندا هئا ۽ منجهانئس سٺ لکن جو محصول ڪٺو ٿيندو هو. هن وقت اهو بندر به تباهه ٿي ويو آهي. ان جيان ٻين بندرن جي پڻ هاڪ هئي. جتان ڏيساورن ڏانهن ٻيڙياتا ايندا ۽ ويندا هئا. ڏسي ڏياري سامونڊي سڙهه سنڀائيندا هئا. ۽ پوءِ مختلف پتڻن تي جن ۾ سوکي پتڻ، ونگائي پتڻ، پالڪي پتڻ، باگا پتڻ، پاريڙي پتڻ، سيد پور پتڻ، ٺٽو پتڻ، سورجاڻي پتڻ، مولچند پتڻ، جھرڪ پتڻ ۽ تڙن تي سندن وهون انتظار جي بتيلن ۾ درياءُ شاهه تي آکا ڀاسينديون هيون. جڏهن سامونڊي تڙن تي ايندا هئا ته سندن انتظار ڪندڙ ناريون فانوس ٻاري آکا ارپنا ڪنديون هيون. ۽ انهن تڙن تي مون مرکان بڻجي تنهنجا لاڏا ڳايا جي لوڪ گيت وانگر سڄڻ جي سار جا گيت ڳائينديون هيون. هاڻي اتي سمنڊ جون ڇوليون مستيون ڪري رهيون آهن. اهڙي پس منظر تي شاعر حسن درس هئين چيو ته؛
    ”جاڳ جي ٻيڙي ته پرزا ٿي چڪي،
    شاهبنـــــــدر ڇـــو ڀلا سمهين نــٿو.!“
    شاعري واري صدا جڏهن مون ٻڌي ته، منهنجي اڳيان شاهبندر ڀرسان ابن شاهه جي ٽڪري وٽان سنڌو درياءُ جو وهڪرو ۽ مائي سنڌو پاتڻي جو پتڻ ياد اچي ويا. جتي ڪڏهن خوشين جا گيت گونجندا هئا. ۽ مائي سنڌو پاتڻي پنهنجي پتڻ سان انهن کي جڏهن ٻي پار پهچائيندي هئي. تڏهن هتي رنگ ئي نرالا هوندا هئا.آڏاڻن تي سُٽ ڪتبو هو. ڳاڙهن چانورن جا کراڙن جا کراڙ پيل هوندا هئا. سنڌي گيهه ۽ چانورن سان ڀريل اٺن جون قطارون پيون لڏبيون هيون. اتان کان سنڌو جي وهڪري جي منهن موڙڻ بعد ابن شاهه جي ٽڪر ۾ ڪڪرالي جي والي ڪيهرن واري مشهور قبرستان ۾ مائي سنڌو پاتڻي جي وفات تي کيس دفن ڪري سندس قبر مٿان يادگار طور ڇٽڙي اڏي، ان تي نادر نموني جي چٽسالي ڪئي وئي. زلزلن، طوفانن، برساتن سبب اها ڇٽڙي ڀُرندي رهي. هن وقت مائي سنڌو پاتڻي جي ڇٽڙي جي جيڪڏهن مرمت نه ٿي ته، اها تاريخ جي اهم ڇٽڙي به ڊهي ويندي. درياءُ بادشاهه جا رخ بدلبا رهيا. انگريز ليکڪ ٽي ايس پوسٽرن، ابن بطوطه، ايڇ ايم پنهور، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مرزا قليچ بيگ، ڪمانڊر ڪاليس، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ محمد سومار، رسول بخش تميمي سميت ٻين تاريخدانن سنڌو درياءُ جا جيڪي وهڪرا بيان ڪيا آهن. تن جي رخ تبديل ڪرڻ تي جيڪا تباهي ٿي، ان جو درد صدين کان انڊس ڊيلٽا جا رهواسي ڀوڳيندا رهيا آهن. شاهه سائين جي بيت جي هي سٽ تاريخ جي گواهي هن طرح ڏي ٿي ته؛
    نه سي تڙ هوڙاڪ، نه سي وايون وڻجارن جون،
    سو هن پٽ جا اهم ماڳ، رڙي، محمد طور، پيرپٺو، ڪيٽي بندر، شاهه بندر، ڀنڀور، روپا ماڙي، نند ڪوٽ، احمد راڄو، علي بندر، سنڌڙي بندر، لاهري بندر، ڪينجهر جون سنڌو واريون ڪنڌيون، مڪلي، سونڊا، ولاسو، ونگو به ويران ٿي ويا. اتي خشڪي وارا اهي رستا جتان ڪڏهن اٺن تي ڳاڙها چانور ۽ سنڌي گيهه جون قطارون لڏبيون هيون. اهي به 1947ع ۾ هند ۽ پاڪ ٻه جدا وطن ٿيڻ سبب به ويران واٽون ٿي ويا آهن. موکي جا مٽ به نه رهيا آهن. ۽ ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي به الاجي ته ڪيڏانهن ويا. رامڪلي ڪنهن نه جھلي جا ڪن ڪٽ ڪاپڙي ڪنوٽيا ڪن چير به پنهنجي ماڳ تي موجود ڪونه آهن ته، جوڳيئڙا پتڻ به ويران ٿي ويو آهي. انهن لاءِ به اهي واٽون ۽ هي پٽ واجھائين پيا، شاهه سائين سر ڏهر ۾ اهڙي پس منظر کي هئين بيان ڪيو آهي ته “سر سڪا سونگي ڪيا” وانگر روپا ماڙي کان وٺي سسئي جي ڀنڀور تائين انڊس ڊيلٽا جو نقشو ئي تبديل ويو آهي. لڄان جتڻ جا عزيز جت هن ويران پٽي تي موجود آهن، پر وٽن اٺن جا وڳ نه رهيا آهن. اهي هاڻي کاري مان سانا جھلي پيٽ گذر ڪن ٿا. مير بحرن جون مياڻون ۽ وڻجارن جا تڙ ويران ٿي ويا آهن. ان درد تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه سميت سنڌ جا گھڻگھرا سالن کان انڊس ڊيلٽا جي بحالي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ ۽ سمنڊ جي بي لغام ڇولين کي روڪڻ لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن. فشر فوڪ جي چيئرمين محمد علي شاهه جي شريڪ حيات سيد طاهره شاهه انڊس ڊيلٽا جي بحالي واري تحريڪ دوران روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي وئي، پر اقتداري ايوانن ۾ اهو آواز ٻڌو اڻ ٻڌو ٿيندو رهيو آهي. هاڻي هتي ويرانن اهڙو واسو ڪيو آهي، جو هي پٽ ڏسڻ سان هيئن لڳي ٿو ته؛ پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي.


    لوڪ داستان

    موکي متارا

    موکي ۽ متارا سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ موکي ۽ متارن جي اهڙي ڪهاڻي آهي. جنهن جو سڌو سنئون تعلق مڌ سان آهي. جنهن کي شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي کان وٺي شاعرن پنهنجي شعرن جي زينت پي بڻايو آهي. هي ڪهاڻي مومل جي ٻانهي ناتر جي اٺ ڌيئرن مان موکي سان وابسته آهي. موکي جو ماڳ هاڻوڪي گڏاپ ٽائون ڪراچي واري ان سمي جي قديم شاهراهه تي هو. جتان اولهه کان اوڀر ويندي ڪيچ مڪران، ايران ۽ افعانستان ۽ ٻين علائقن ڏانهن هتان کان اچڻ ۽ وڃڻ جو رستو هو. ان رستي تي موکي نوان ويس پائي عطر عنبير هڻي آئي وئي کي مڌ پياري ڪمائي ۾ لڳي پئي هئي. سندس مئخاني جي رونق ان ڪري به وڌي وئي، جو اهو راهگيرن جي واٽ تي آشيانو اڏيل هو. جتي موکي پنهنجي ناز ۽ ادائن سان جڏهن پياڪن کي پيالا پيش ڪندي هئي ته کين نشا ٽيڻا ٿي ويندا هئا. موکي جنهن رستي تي ويٺل هئي. انهي رستي تان سسئي به پنهون جي پويان وئي هئي. ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي به جڏهن ان واٽ تان گذريو ته کيس سسئي پنهون ۽ موکي ۽ متارن جي داستانن بابت آگاهي ملي. هن ئي واٽ تان سکائون کڻي لاهوت ويندڙ لاهوتين جو به پهاڙن جي پيچرن تان گذر ٿيندو آهي. راهگيرن مان ڪافي موکي وٽ مڌ پيئندا هئا. ان وقت موکي جي مڌ جي هاڻوڪي ڪونڪر ڳوٺ واري علائقي جي جابلو پٽي ۾ موکي جي هاڪ هئي. ۽ سندس مٽ هئا. هڪ ڀيري متارن نالي ڪي مسافر جن بابت قضاق معنيٰ سامونڊي ڦورن يا علائقي جي ڏاتارن بابت قصا ملن ٿا. سي موکي جي مئخاني تي آيا ۽ انهن پراڻي شراب جي موکي کان گهر ڪئي. روايتن ۾ آيو آهي ته موکي وٽ متارا ايندا ۽ ويندا هئا. هو هڪ ڀيري آيا ته سڀ مٽ ڀريل هئا. پراڻي شراب جو هڪ ئي مٽ هو. جنهن مان موکي کين مڌ جا پيالا پياريندي رهي ۽ متارا پيئندا ويا. کين اهڙو ته ان مڌ مان سرور ٿيو، جو ان جهڙو نشي کين ڪڏهن به سرور ڪون ڏنو هو نه وري ڪڏهن کين نشي مان اهڙو مزو آيو هو. هو پيالن مان پيئندا پُر ٿي هليا ويا. جڏهن اها رات پوري ٿي سج اڀريو موکي ان مٽ کي ڏٺو مٽ ۾ نانگ پيو هو. جنهن تي موکي پريشان ٿي وئي متارا ته ويا هليا پر موکي اداس رهڻ لڳي. ۽ انهن مسافر متارن کي ياد ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته خاموش راتين جو پئي روئندي هئي. کائنس هار سينگار به وسري ويا هئا. ڪيئي ڪتيون ڪر موڙي اڀري ۽ لهي ويون. ڪيترا ڏينهن گذري ويا، مندون آيون ويون ٿي ويون. هڪ لڱا ٻيهر متارا موکي جي آستاني تي چاڪ چڱا ڀلا ۽ اڳي کان به متارا وٽس اچي پهتا. موکي کين ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ کين جلد مٽ مان مئي جا پيالا ڀري ڏنا. پر هنن متارن کي اڄ مڌ مزو نه ڏنو. هو بار بار موکي کان ان پراڻي شراب جي فرمائش ڪرڻ لڳا. موکي مجبور ٿي کين اها سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ته توهان اڳ ان مٽ مان شراب پي ويا هئا. جنهن ۾ نانگ مئل هو. جيڪو مون نه ڏٺو هو. اهو ٻڌي متارن جا حوصلا خطا ٿي ويا. ۽ هو ست ئي ڄڻا اتي جو اتي مري ويا. انهن بابت شاهه سائين هيئن موکي سان پنهنجي هيٺين شعر ۾ مخاطب ٿيو ته؛
    متارا مري ويا، موکي تون ڀي مر،
    تنهنجو ڏوس ڏمر، ڪون سهندو ان ري!
    يا شاهه سائين متارن جي مرڻ کان پوءِ موکي جي جياپي تي، ساڻس هئين مخاطب ٿيو ته؛
    متارا مري ويا، موکي تون نه مرين،
    ڪيهيءَ پر پرين، ڏکي! ڏاتارن ري.
    متارن جي ماڳ واري جبل تي مختلف تراشيل ۽ ڪچيون قبرون آهن. متارن جون ڪهڙيون قبرون آهن. انهن بابت هي قصو لکڻ تائين ڪابه حتمي راءِ جڙي ڪون سگهي آهي. آيا متارا مئا يا ڪهاڻي گهڙي وئي. هو ڪير هئا؟ ڪٿان آيا هئا؟ سندن نالا ۽ ذاتيون ڪهڙيون هيون. انهن بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. پر انهن قبرن وٽ هڪ پٿر مڌ جي پيالي جهڙو اڄ به نظر اچي ٿو. اهي قبرون متارن جون آهن يا ناهن. ان کان هٽي ناردن باءِ پاس جي ڪناري تي موکي جي قبر تي مزار ٺهيل آهي. ۽ ان ٽڪري تي جتي قبرون آهن. ان جي سامهون مئخاني جا آثار آهن. ٻين لوڪ داستانن جيان هن موکي جي ماڳ کي به ثقافت ۽ آرڪيالاجي کاتي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. هن ماڳ ۽ متارن جي هڪ ئي وقت موت ذهن تي هٿوڙا ٿو هڻي ته متارا الائي ڪيترن ڏينهن کانپوءِ ڪئين مئا.؟ ان قصي بابت گل حسن ڪلمتي، نور محمد سمون، عبدالحفيظ لغاري، سليمان وساڻ ۽ حفيظ ڪنڀر سميت ٻيا ساڃاهه وند کوج ۾ لڳا پيا آهن.

    


    سيرئين ۽ مورڙي جا گهاتو ڀائر

    هاڻوڪي ڪراچي اڳي ڪلاچي جيڪو ميربحرن جي ڪڏهن بستي هو. جتي مائي ڪلاچي ۽ ميربحر رهندا هئا. هن بستي وٽان جيڪو سامونڊي ڪُن هو. سو به ڪلاچي جي نالي سان سڏيو، لکيو ۽ پڙهيو پيو وڃي. مائي ڪلاچي واري بستي ۾ اوڀايو ميربحر “ملاح” به رهندو هو. جنهن جا ست پٽ هئا. جن مان مورڙولنگڙو هو ۽ باقي جانٺا جوان هئا. سندن سيرئين ڀيڻ هئي. هو سمورا ڀائر گڏجي مها ساگر مان مڇي ماريندا هئا. هنن ڪيئي مڇ ۽ مڇيون ماريون هيون. هو کاري جا کيڙائو هئا. هنن ڪڏهن به لهرن کان ڪون لهرايو هو ته بحر جا اهڙا ميربحر هئا. جن جون زندگيون پاڻي ۾ جوان ٿيون هيون. هو مرڪندا به پاڻي ۾ هئا. هو عطر ۽ عنبير جا هيراڪ ئي ڪون هئا. سندن پلئو ڇلرن ۽ رڇن سان هو. سندن دلين جي ڪائناتن جي حسناڪين ۾ پاڻي جون لهرون ۽ ڇلرن جي ڇٽ هئي. هو جڏهن گڏجي ڪلاچي جي ڪُن ۾ مڇي مارڻ ويا. ۽ جڏهن پيا منهن مهراڻ ته شاهه سائين سندن ڪيفيت کي هيئن بيان ڪيو ته؛
    گهنگهرڻا گهڻ ڄاڻ، مت مهائين،
    ويا گڏجي وير ۾، پيا منهن مهراڻ،
    اڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارن وسري.
    سڀئي ڀائر جڏهن ڪون وريا. سج لهي ويو. ته سندن گهرن ۾ پچار ٿي. ٻارن ٻچن ۽ مورڙي ۽ ڀيڻ سيرئين جو من ماندو ٿيڻ لڳو ته ڀائر ڇو ڪون آيا. اڳي ته ڪڏهن هنن کي دير ڪون ٿيندي هئي. جو سج نه لاهيندا هئا. پر اڄ ڇا ٿيو جو سج به لهي ويو. پر گهاتو ڪون وريا. سو سيرئين جڏهن درياءَ سمنڊ تي وڃي ٿي ته درياءَ سمنڊ کيس اوپرو لڳو. درياءَ ( سمنڊ) مان لهرون اهڙيون پي اٿيون جو هيبت ٿي لڳي، سيرئين پنهنجي حياتي ۾ اڳي ڪڏهن سمنڊ (درياءَ) ۾ اهڙي وحشت دهشت ڪون ڏٺي هئي. تنهن کان سمنڊ جي اهڙي دهشت ڏسي دانهن نڪري وئي. اڄ رڇ رنڊجي چڪا هئا. هن ڪناري تي بيهي ڀائرن کي سڏ ڪيا. پر ڪنهن به ڏسا تان کيس ڪوبه جواب نه مليو، کيس ڪوبه آس جو بتيلو ڏسڻ ۾ به نظر ڪون آيو. اها رات به اهڙي ته ڪاري رات هئي، جو ڪنارو به کائڻ پي آيو. سو هو واڪا ڪندي روئندي ۽ سڏ ڪندي گهر پهتي. جتي ڀاڄائين ۽ مورڙي کي درياءَ جي اوپرائپ ۽ ڀائرن جي ڪا خبر نه پوڻ بابت کين آگاهه ڪيائين؛
    متو وهڻ، ڪُن چري،
    ڀڃي سنبوهيون ساڄ،
    مون وجهندي واجهه،
    پرين پيا نه ڀن ۾ !!
    ۽ پوءِ هي وقت رات ٿي ته شاهه فرمايو؛
    ماڪ ڀڄائين مولهيا، مٿان رات پئي،
    اجهڻ لڳيون اوليون،
    وڻن ونجهه وهي بانس جا ڪلاچان ڪهي،
    ڪڏهه ڪون آئيو!
    سيرئين، مورڙو ۽ ڀائرن جا ٻار ۽ زالون پريشان هيون. رات گذري، سج اڀريو پر گهاتوئن جو پتو ڪون پيو. مڙس گم ٿي ويا. هو جيڪي مٿير مڙس هئا. تن جي ڪا خبر ئي نه پئي. ڪنارو خاموش هو. سمنڊ ( درياءَ) سيرئين لاءِ اوپرو بنجي ويو هو. هو گهر ٿي آئي. ڪناري ٿي وئي، رڇ ٿي ڏٺائين. ۽ ڀائرن جا ٻار ڏسيو کيس اوسارا پي آيا. گهاتوئڙن جا ٿاڪ ڏسيو اندر سڙيو ٿي وئي. سندس اهڙي ڪيفيت جي عڪاسي شاهه سائين هيئن ڪئي ته؛
    ڏهاڙي ڏٺم ڪيترا، مارئو جن موڪ،
    گهر ۾ گهاتوئڙن جا، ٿا مارينم ٿوڪ،
    لڏي ويا لوڪ، اونهي وئڙا اوهري.
    سيرئين کي ٿاڪ، بازارون، گهر گهاٽ سڀ جا سڀ ايئن پي لڳا، جو هو اتان وڃڻ لاءِ اتاولي ٿي وئي هئي. پر ڀائرن ۽ پنهنجي وڏن جو ماڳ هو، جتي پي پنهنجن کان سواءِ جهڄي ۽ جهري. درياءَ جي مستي اڃان به وڌندي وئي. اهڙي سمي مورڙي اٽڪل سان اهڙا ڪير ٺهرايا. ڪو لوهي پڃرو ٺهرائي ان ۾ ويهي پاڻ کي ڪلاچي جي ڪُن حوالي ڪري، وڏا ڪات کڻي وڃي ان مانگر مڇ کي ماري. ان جي پيٽ مان ڀائرن جا لاش ڪڍي اچي ڪلاچي جي ڪناري تي دفن ڪرايائين. ۽ پوءِ سيرئين جيڪا ڪڏهن کلندي هئي. سندس ڇاڳ به هئا، پر هاڻي هيئن ٿيس جو؛
    کلي جان کيڪاريان، ساٽي سڱ نه ڪن،
    وارئو وهت وڃن، ڪن سڀاڳن سامهون.
    هن جا چاڳ ڦٽي ويا. ڀائر ويا، ونجهه ويا، مورڙي کان سواءِ ڪير هو. جيڪو نئين سفر ۾ سندس ساٿي بنجي. مورڙو هو. جنهن وڏي مڙسي ڪري مانگر مڇ کي ماريو هو. جنهن بابت شاهه سائين جو سرگهاتو سمجهندڙن لاءِ وڏو سبق آهي. جنهن جي سمجهاڻي انب گوپانگ کان وٺي ڪيترا ڏاها سنڌين کي ٻڌائيندا رهيا آهن.

    


    راڻو چندن ۽ ڀٽياڻي

    ننگرپارڪر جي ڪارونجهر جبل مان وهندڙ نديءَ تي به انوکي پٿر جي تراشيل پٿرن جي انوکي سونهن جيان هن نديءَ تي به هڪڙي اهڙي ڪهاڻي سبب ڀٽياڻي نالو پيو. اها ڀٽياڻي ڪير هئي؟ ان جي ڪهاڻي ائين روايت ٿي آهي ته، راڻو چندن ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو. جنهن ڪري هو پنهنجو چندن گڍ ڇڏي وڃي پنهنجي ناناڻن جي ڪڙلي ننگر يا ڪيرنٽي ننگر ۾ رهيو. جتي ان وقت ڪيسر مڪواڻو جي چڱ مڙسي هئي. جنهن جي امر ڪوٽ يا عمرڪوٽ جي همير سومرو سان جنگ ٿي هئي. اتي وڃي رهڻ سان عجيب اتفاق اهو ٿيو جو ويري گوهيل کي پنهنجي ڀاڄائي طعنا ڏنا ته تون ويٺو ويٺو گهر ۾ کائين، طعنن کان تنگ ٿي ويرو گوهيل گهران نڪتو ۽ وڃي ننگرپارڪر ۾ چندن سان مليو. ۽ هن راڻي جي بيماري کي دور ڪرڻ جا جتن ڪيا. کيس پنهنجي هڪ دوست کان پتو پيو ته، ڀوڏيسر جي تلاءَ ۾ الک واءِ کوهه آهي. ان جو پاڻي ڀري راڻي کي شنان ڪرايو ته سندس ڪوڙهه جي بيماري ختم ٿي ويندي. پر ڀوڏيسر جا جن کوهه مان پاڻي ڀرڻ نه ڏيندا. تون اٺ يا وهٽ تي چڙهي ڀوڏيسر جي تلاءُ تي ويندين ته ان جهڙا هزارين اٺ يا وهٽ ٿي ويندا ۽ اهي تنهنجو خاتمو ڪري ڇڏيندا. درويش جي اها ڳالهه ٻڌي ويري چيس ته مون تي ڇڏ ته آئون ڪئين ڀوڏيسر جي کوهه تي پهچندس. ۽ پاڻي ڀري ايندس. ويرو گوهيل درويش کان واپس اچي ڇا ڪيو جو پنهنجي اٺ جي وات ۾ کٿوري وجهي وات ٻڌي ڇڏيو. ۽ رات جو کوهه مان پاڻي ڀري جئين ئي واپس آيو ته ڏٺائين ته هزارين اٺ بيٺا آهن، پر هن کٿوري جي خوشبو وارو پنهنجو اٺ سڃاڻي ورتو ۽ هو ڪاميابي سان ڀوڏيسر جي تلاءُ واري کوهه مان پاڻي ڀري اچي راڻي چندن وٽ پهتو. جڏهن ان الک واءِ کوهه جي پاڻي سان راڻي تڙ يا شنان ڪيو ته، کيس ڪوڙهه جو مرض ڇڏي ويو. پوءِ راڻو ۽ ويرو گڏجي راڻي جي چندن گڍ آيا. جتي سج اڀرڻ کان اڳ راڻي جيڪا سخا شروع ڪئي ۽ ڪندو رهيو. تنهن جي شاعر هيئن گواهي ڏني آهي ته؛
    ڪري سگهيو نه ڪو ريس، ڪلان جهڪايا سير،
    ڏان اڳي ڏان ڪريو، سوا سير، سُون چندن برس چويس.
    راڻو هر روز پيو سخا ڪندو هو ۽ سخا ۾ سون ڏيندو هو. ۽ پنهنجي سموري زمين جو آڳ واڳ ويري گوهيل کي بنائي ڇڏيو هئائين. ويري گوهيل راڻي جي زمين آباد ڪئي ۽ روايت آهي ته، جيسلمير جي ڀاٽي راجا جي وڏ ڪنوار ڌيءُ ڀٽياڻي کي اغوا ڪري کڻي آيو. جنهن سان راڻي چندن جي شادي ڪرايائين. روايت تحت رواي روايت ڪن ٿا ته راڻي ڏاڍي وفادار هئي. جيستائين راڻو ماني نه کائيندو هو. تيستائين راڻي ڀٽياڻي ماني ڪون کائيندي هئي. جڏهن راڻو ڪمن ڪارن سبب چندن گڍ کان ٻاهر هوندو هو ته هڪ جوتشي راڻي کي ٻڌائيندو هو ته هاڻي راڻي ماني کاڌي آهي. ان بعد راڻي به ماني کائيندي هئي. هڪ ڀيري راڻو چندن گڍ کان ٻاهر ويل هو. جوتشي جي طبيعت خراب هئي. سو هن پنهنجي پٽ کي راڻي ڏانهن موڪليو. جوتشي برهمڻ راڻي جي پرک خاطر کيس چيو ته راڻي اڄ راڻو رڻ ڀومي ۾ مارجي ويو آهي. اهو ڍونگ ڪري جوتشي برهمڻ راڻي جي پرک ٿي ڪرڻ چاهي. جوتشي جا اهي لفظ ٻڌڻ سان راڻي دانهن ڪري بيهوش ٿي وئي ۽ جئين ئي ڪجهه هوش ۾ آئي ته، آڙاهه تيار ڪرڻ جو حڪم ڪيائين. ڪاٺيون گڏ ٿي ويون. راڻي ستي ٿيڻ لاءِ آڙاهه ۾ گهڙي پاڻ کي باهه ڏياري ڇڏي. ايتري ۾ راڻو چندن به پنهنجي ماڳ پهچي ويو. پر راڻي ڀٽياڻي جو سون جهڙو جسم باهه ۾ سڙي ويو. پوءِ راڻي برهمڻن کي راڄ مان لڏائي ڪڍيو. ۽ ننگرپارڪر جي ڪارونجهر جبل مان وهندڙ برساتي نديءَ تي وفا جي علامت راڻي ڀٽياڻي جو نالو پئجي ويو. هاڻي به ننگرپارڪر جا ماڻهو راڻي چندن، راڻي ڀٽياڻي ۽ ويري گوهيل جي وفا جا داستان پيا ٻڌائيندا آهن.

    


    پرماڻ ۽ توت

    سومرا دور دوران لاڙ جي سيراڻي واري پٽ ۾ توت نالي هڪڙو اهڙو ظالم سردار چيو وڃي ٿو. جنهن جو راڄ ريڻ مان نڪرندڙ ڳٺي جي ڪناري تي هوندو هو. سندس دور ۾ اهو رواج هو ته، جنهن به عورت جي شادي ٿي ۽ ڄڃ هن جي ڪوٽ واري پتڻ وٽان گذري ته ڪنوار سهاڳ رات سندس ڪوٽ ۾ رهندي هئي. هن لاءِ عورتن جي عزت پائمال ڪرڻ ڪو مسئلو ئي ڪون هوندو هو. ان سمي مانڌر جي سيراڻي وارو ماڳ (جيڪو هن وقت به ننڍڙو شهر آهي) ۾ هڪ حسين ڇوڪري پرماڻ رهندي هئي. جنهن جو مڱڻو ڳٺي جي ٻي ڀر واري ڳوٺ ترائي ۾ ٿيو. جيڪو هن وقت ننڍڙو شهر آهي. جڏهن پرماڻ جو پرڻو ٿيو ته ڄڃ توت واري ڪوٽ واري پتڻ تي پهتي. ته اتي توت جي ماڻهن سندن رستا روڪ ڪئي ۽ کين چيو ته سهاڳ رات ڪنوار توت وٽ رهندي. جنهن تي گهوٽيتا ترارون ۽ ڀالا ڪڍي توت جي ماڻهن سامهان ٿيا. پر توت جا ماڻهو مٿن حاوي ٿي ويا. سموري ڄڃ کي چئوکنبو ٻڌي پرمان کي وٺي وڃي توت اڳيان پيش ڪيائون. راجا توت جون نگاهون جڏهن پرماڻ جي حسن تي پيون ته، هو بي قابو ٿي ويو ۽ سندس شيطاني حس ڪر کڻي پرماڻ ڏانهن وڌي. جنهن ڪري پرماڻ هڪل ڪري کيس روڪيو. پر راجا بکايل شينهن جيان کيس پنهنجي وحشي پڻي ۾ قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن تي پرماڻ پنهنجي لڄ بچائڻ خاطر چين جي ديوار جيان بنجي وئي. جنهن ڪري راجا توت تپي باهه ٿي ويو. جنهن ڪڏهن انڪار جي ٻولي ڪون ٻڌي هئي. تنهن سان هي عورت سينو ساهي بيهي رهي. ان ڪري توت مٿس چهبڪ جا وسڪارا لائي ڏنا. هر ڌڪ تي پرماڻ انڪار ٿي ڪيو. جڏهن هو نه جهڪي ته راجا هوش مان نڪري ويو ۽ پنهنجي ماڻهن هٿان سندس جسم چيرائي ان ۾ لوڻ ۽ مرچ ٻرڪايائين. جنهن ڪري هو دانهن ڪري ڌرتي تي ڪري ان تي وحشي وري به مٿس نگاهه وڌي. ته، هو ڊٺل هرڻي جيان اٿي ۽ وري به انڪار ڪيائين. ان تي ظالم مٿس وڌيڪ ظلم ڪيو. ۽ کيس رسن ۾ جڪڙي کيس وڌيڪ ايذاءُ ڏياريا. انهن ايذائن سبب پرماڻ جا پساهه پورا ٿي ويا. اڄ به مانڌر ۽ سيراڻي جي پٽ ۾ پرماڻ جي انڪار جون ڳالهيون پيون ڳائجن.

    


    ڍولو مارو ۽ مارئل

    ٿر جي واري جي ڀٽن جي اڙانگن پيچرن، تڙن تي پاڻي ڀرڻ ۽ ڍورن کي پيارڻ واري آرٽ سميت هن وارياسي پٽ تي به ڪيئي محبتون پروان چڙهيون. ڪي گهايل منڙا مٽي ۾ دفن ٿي ويا ته، ڪن پرين جي پيچ جا قصا لوڪ جي زباني ٿي ويا. ڍٽ جي ڍولي ( ڍولو) مارو سان پينگڙ گڍ جي مارئل جي پيار ڪهاڻي به اهڙي ڪهاڻي آهي. جيڪا لوڪ ڪٿا ٿي وئي آهي. ڍولو جي ٻي سرتي مارڻي به هئي. پر جڏهن ڍولو کي پنهنجي من جي محبوب مارئل جو پيغام سانگي ڊاڍي ڏيندو هو. ڍولو ڪرهل کي ڪڻڪاري ويندو هو. هڪ ڀيري جڏهن ڍولي کي سنديس مليو ته ڍولو جڏهن سنبريو ته مارڻيءَ ڇا ڪيو جو ڪرهلي کي پيرن ۾ ڪوڪا هڻي ڇڏيا. ته جئين مارئل تائين ڍولو پهچي نه سگهي. ڍولي کي جڏهن ڀٽن ۾ سج لهي ويو ته، هن اٺ کي ڏوراپو ڏنو جنهن تي شاعر چيو ته؛
    ڏهيا گيا ڏونگڙي، وهيا گيا وڙي،
    ڪاڙي کائي ڪرهليا، تين روليو رڻ ٿڙي.
    سج لهي ويو، پکي پکڻ پنهنجي آکيري ڏانهن واپس هليا ويا. اي! ڪرهليا! توکي نانگ کائي تون جو تو مونکي رڻ ۾ رولي ڇڏيو. ڍولي جي واتان اهو ڏوراپو ٻڌي اُٺ شاعر جي زباني چيو ته؛
    ڪڍ پگان مان ڪڪرين، ڍلي ڇڏ مهار،
    وهلا پڄاڻان ٿانري، ساسريي گهر گهر ڏيان جهار.
    اي ڍولا! پيرن مان ڪڪريون ڪڍ ۽ مهار کي ڍرو ڇڏ ته جلدي هلي تنهنجي ساهرين پهچان، گهر گهر سلام ڪريون .اُٺ جي انهي ميار کانپوءِ ڍولي سندس پيرن ۾ لڳل ڪڪريون ڪڍيون ۽ مهار کي ڍرو ڇڏيو ته، اُٺ پنهنجي تيز رفتار ڊوڙ ذريعي وڃي مارئل جي ماڳ جي کوهه تي پهتو.
    کوهه تي پهچڻ دوران ڍولي اُٺ کي آواڙي مان پاڻي پي پياريو ته روايت موجب تڙ ( کوهه) تي پنهنجي سرتين سان بيٺل ۽ کينچل ڪندڙ مارئل اٺ کي ڪام “بانٺو يا لڪڻ” وهائي ڪڍيو. ۽ اٺ جو مٿيون چپ وچ مان چيرجي ويو. پوءِ جڏهن کيس پتو پيو ته هي ڍولي جو اٺ آهي ته، هن ڏاڍو پڇتايو ۽ منٿون ڪرڻ لڳي. هن جنهن ڍولي سان ٻاراتڻ جو نينهن هو. جنهن ڍولي ڪاڻ لڪ لڪ تي ليلايو هو. تنهن جي پريت ۾ جڏهن مارڻي اچي وئي هئي ته ڍولي کيس وساري ڇڏيو هو. سو جڏهن ڍولو وٽس پهتو هو ته هو مينهن وساڙي بعد آسمان تي اڀرندڙ انڊلٺ جيان اڀري پئي هئي. هن لوڪ ڪٿا کي به مختلف انداز سان پي بيان ڪيو ويو آهي. خليفي نبي بخش قاسم لغاري هن قصي کان متاثر ٿي پڻ سر ڍولو مارو لکيو هو.

    


    صالو ۽ بچي سامڻ

    اُها عشق جي الائجي ته ڪهڙي گھڙي هئي. جنهن گھڙي ۾، نڌو، نيرو يا ويسٽ پراڻ جي ڪناري تي کوسڪي ڀرسان بندکو ۾ رهندڙ صالو جا نيڻ در در صدا هڻي، دان گھرندڙ خانه بدوش سامي قبيلي جي ذات جي لڏ لاٿل ٽولي جي هڪ ڦوهه جواني کي پهتل ناري بچي جي نيڻن جو قيدي بڻجي ويا. جڏهن ڪجهه وقت پڄاڻان در در پنڻ وارا سامي پنهنجون مڙهيون کڻي ٻي علائقي ڏانهن راهي ٿيا ته، صالو به مجنون وانگي عشق جي ڇڪ سبب سندن پويان روانو ٿيو. سامين وڃي پنهنجا ٽپڙ لاٿا ۽ ڍاٻو ڪيو ته صالو به سندن پيڇو ڪندو وڃي بچي سامڻ جي خيمي سامهون ويهي رهيو. کيس بچي سامڻ جي نينهن ديوانو ڪري ڇڏيو هو. سندس اهڙي حالت ۽ ڪيفيت ڏسي، سامين مٿس سخت ڪاوڙ ڪئي ۽ کيس سمجهيائون ته سندن پيڇو ڇڏي ڏي، ٻي صورت ۾ هن لاءِ سٺو نه ٿيندو. پر صالو کين پنهنجي بي پناهه محبت ۽ مجبوري جي وارتا ٻڌائي، سامين جي اڳواڻ کي منٿ ڪئي ته هو بچي کان سواءِ رهي نٿو سگھي. صالو بچي جي سڱ جي گھر ڪئي ته هو ساڻس شادي ڪرڻ چاهي ٿو. سامين جي اڳواڻ گهڻي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ صالو کي چيو ته بچي جي سڱ لاءِ توکي اسان سان گڏ رهڻو پوندو، در در پنڻو پوندو، گيڙو ويس ڪري نانگ نچائڻا پوندا ۽ پنهنجي ذات به ظاهر نه ڪندين ۽ سامي سڏائيندين، ته توکي بچي جو سنڱ ڏياريندس. صالو تي نينهن جو نشو چڙهيل هو، هي بچي جي نيڻن جو قيدي بڻيل هو، کيس بچي کان سواءِ ڪائنات جا سمورا رنگ بي رنگ پي لڳا. سو صالو سامين جي چڱي مڙس پاران ٻڌايل شرط بنا دير جي قبول ڪري ورتا. ۽ پوءِ کيس سامين پنهنجي رسمن موجب سامين کيس بچي پرڻائي ڏني. زندگي جا اهي لمحا صالو جي جوڀن رُت جا يادگار لمحا هئا. جن لمحن ۾ هن پنهنجي ڪٽنب کي ڇڏي پريت جي ريت جي چونڊ ڪئي هئي. هن جي ڪاڄ ۾ گيت به ساهريجن جي عورتن ڳاتا ته موڙ به کيس سامين ٻڌا. اها گهڙي عشق جي گهڙي هئي سندس سرگس ۾ نينهن نچيو پي، ۽ هن محبوب ماڻڻ دوران اهڙي مرڪ مرڪي جيڪا تاريخ جي مرڪ بنجي وئي. “عشق نه پڇي ذات” وانگر هي عاشق پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي بچي سامڻ جي نينهن جو پياسو بنجي بچي جي اڱڻ تي نانگ نچائڻ لڳو. ۽ مرلي سکي مرليون وڄائيندي در در نالي الک جي دان گهرڻ لڳو. جتي سامين جو سرو ويندو هو. هو به ساڻن گڏ هوندو هو، هو پنهنجي واعدي موجب شناخت وساري سامي ٿي ويو. زندگي جي انهن بهار وارن پلن دوران کيس بچي سامڻ مان پٽ ڄائو. جنهن جو نالو لڇمڻ رکيو ويو. جنهن جو جڏهن پٽ ڄائو ته ان جو نالو ناٿو رکيو ويو. ۽ ناٿي جو پٽ ٿيو ڪانڀو خان. جيڪو سامي قبيلي جو سردار چونڊيو ويو. ۽ جڏهن ڪانڀو خان وفات ڪئي ته کيس ٽنڊي باگي ۾ سيد بچل شاهه جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جتي ڪجهه سال اڳ ان قبرستان جي وچ مان ديوار ڏيئي ڪانڀو خان جو قبرستان جدا ڪيو ويو آهي. هن وقت ڪانڀو خان سامي جو پٽ لالچند پنهنجي قبيلي جو سردار آهي. هو نيرو يا ويسٽ پراڻ مان نڪرندڙ نار جي سڪي ويل ڪناري تي بس اسٽاپ چروو سم نالي ڀرسان محمد جمن دل جي ڳوٺ ۾ ويٺل آهي. سامي قبيلي جي عورتن گل بانو، ٻائي سميت انيڪ عورتون رلي ٺاهڻ جون ڪاريگر آهن. سامي عورتن جي هٿ جي هنر ۽ اکين جي آرٽ سان ٺهيل هڪ رلي مير محمد بخش ٽالپر ڪانڀو خان سامي کان وٺي پاڪستان جي صدر فيلڊ مارشل ايوب خان کي تحفي ۾ ڏني ته صدر ڏاڍو خوش ٿيو هو. صالو ۽ بچي جون قبرون ڪٿي آهن.؟ سو پنهنجي جاءِ تي پر ڪتاب “ٽنڊي باگي جي تاريخ” ۾ ليکڪ انور علي عباسي صالو جو ته ذڪر ڪيو آهي ۽ سامي قبيلي جي عورت جو به ذڪر ڪيو آهي پر هن پنهنجي ڪتاب ۾ بچي جو نالو ڪون لکيو آهي. سامي قبيلي تي تحقيق ڪندڙ فيض اڍيجو ٻڌايو ته هن صالو ۽ بچي سامڻ بابت تحقيقي مقالو به لکيو هو. منهنجي به جڳهه ٽنڊي باگي ۾ ڪانڀو خان جي قبرستان جي اوڀر طرف تي آهي. ۽ سامي قبيلي جي موجوده سردار لالچند سان منهنجي به سٺي دعا سلام آهي. هن کان نُک پڇيم ته کوسو ٻڌايائين. مون ڪنهن به تاريخ جي ڪتاب ۾ اڳي سامين جي نک کوسو ڪون پڙهي هئي. سو حيران ٿي ويس. بهرحال ڇا به هجي، پر نار جي پٽ تي صالو عشق جي دنيا کي آباد ڪرڻ لاءِ پنهنجو قبيلو ته ڇڏيو پر پريمڪا کي نه ڇڏيائين. انور علي عباسي موجب ته صالو جي قبر نئون ڪوٽ ڀرسان هاڪڙي يا پراڻي ناري جي ڦٽل ڍوري تي آهي. مسلم ليگ فنڪشنل تعلقي ٽنڊي باگي جي صدر ۽ ادب سان لڳاءُ رکندڙ فقير گل محمد کوسو جو چوڻ آهي ته کوسڪي جي اوسي پاسي اڄ به صالو جي عشق جي ڪهاڻي ڪچهرين جي زينت بڻيل هوندي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته صالو جي ذات جي ڄاڻ اٿم ۽ صالو جو قصو لاڙ پٽ ۾ مشهور آهي. اتي هي قصو سامي قبيلي ۾ به مقبول آهي.

    


    صابل ۽ بهرام

    ٻيجل الائي ته ڪهڙي ڌُن وڄائي، جو ان ڌُن تي موهجي راءِ ڏياچ سر ڏيئي ڇڏيو. ان جيان ئي بهرام کي جڏهن صابل سان نينهن لڳو ته هن نڙ تي جيڪي ڦوڪون ڏنيون، سي رڳو صابل نه ئي پر نڙ بيتائين جي نڙ ڦوڪ جو آلاپ بنجي ويون. ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ صابل جي نانءَ چيل اهي نڙ ڦوڪون سنڌ جي نڙ بيتن جي تاريخ جو حصو پڻ ٿي ويون. انهن نڙ ڦوڪن جي تخليقن کي سمجهڻ لاءِ صابل ۽ بهرام جي پريم ڪهاڻي کي سمجهڻو پوندو. جيڪا هاڻي ٻن دلين جي نينهن جي ڪهاڻي کان وڌيڪ لوڪ ڪهاڻي بنجي وئي آهي. سنڌ ۾ انيڪ لوڪ ڪهاڻيون سرجيون انهن مان هڪڙي لوڪ ڪهاڻي صابل ۽ بهرام جي پيار ڪهاڻي به آهي. جيڪا سنڌ جي اهڙي ماڳ سان تعلق رکي ٿي. جو هن ماڳ جو نالو ٻڌنڌي ئي سنڌين جو ڳاٽ ان ڪري به اُوچو ٿيو وڃي، جو وطن يا ڪفن، آزادي يا موت واري صدا به ان مکي جي پٽ مان آواز بڻجي گونجي هئي. جنهن صدا حر گوريلا تحريڪ کي جنم ڏنو هو. انهي گوريلن جي ماڳ واري پٽ مکي ۾ بهرام ۽ صابل جي نيڻن به اڇل کاڌي هئي. ۽ عاشق بهرام پنهنجي نينهن جو نياپو پنهنجي پريمڪا صابل تائين نڙ ڦوڪ ذريعي پهچائيندو هو. صابل جي سونهن ۽ ادائن جي ساراهه به نڙ ڦوڪ ذريعي فضا جي حوالي ڪري پنهنجي دلدار جي ڪنن تائين پهچائيندو هو. ان نرالي انداز تحت بهرام جيڪا شاعري ڪئي، تنهن ۾ هي ٻول ته؛
    گھمندي ڦرندي صابل سنهڙي، ڀيرا ڏي،
    گھمندي ڦرندي صابل، ورهه لنگهيا اٿم سال.
    واري نرالي شاعري بهرام پنهنجي پرين (پريمڪا) صابل جي شان ۾ ڪئي. جيڪا مائي صابل جي نالي سان لوڪ ۾ ته ڳائي وئي پر نڙ واري ساز جي آلاپ ۾ ناري جي حوالي سان پنهنجي پرين تائين پنهنجي دل جو داستان پهچائڻ لاءِ ان مالدار ڌنار بهرام نڙ تي اهي ڦوڪون ڏنيون، جيڪي هن لوڪ داستان جو ته اهم حصو ۽ جز آهن پر ٻين عاشقن ۽ نڙائين به پوري سنڌ ۾ صابل جي سونهن، وڇوڙي ۽ سندس انداز کي جتي لڳ ڀڳ ٻن صدين کان وٺي اپنايو. اتي حسن درس به چيو ته؛
    پراڻي عشق پوڙهي جي وڄت نڙ ڦوڪ مان نڪتي،
    وانگر نڙ ۾ ڦوڪ جو موجد بهرام آهي. جنهن پنهنجي پرين تائين پنهنجي دل جو درد بيان ڪرڻ لاءِ جھنگ ۾ مال جو ڌڻ چاريندي، نڙ تي اهڙا ته تجربا ڪيا. جو هن پنهنجي پرين جي پچار کي ان ساز جي آواز ۾ نڙ ڦوڪ طور سمائي ڇڏيو. بهرام جي نڙ ڦوڪ کان اڳي نڙ تي بيت، گر ۽ لهرا ڏنا ويندا هئا. بهرام ۽ صابل جي قصي جي ابتدا هيئن آهي ته ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ آجي جي دڙي جو رهواسي بهرام هو، ۽ صابل ڳوٺ سيري جي ڍنڍ جي هئي. ٻنهي ڳوٺن جي وچ ۾ مفاصلو ڪلوميٽر جو مس هو. سندن خاندان مالدار هئا. بهرام جي والد جو نالو نظر محمد هو. صابل جي سونهن ۽ سوڀيا پنهنجي پٽ ۾ سڀني کان سرس هئي. ميهوڳي مند دوران هر سال مکي جي پاسي جا مارو ماڻهو مڇرن جي آزار ۽ پاڻي جي اوٿل سبب پنهنجو مال ڪاهي واڍيارون هڻي ويهندا هئا. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. چيو ٿو وڃي ته ميهوڳي جي هڪ مند دوران بهرام ۽ صابل جا خاندان پنهنجو مال ڪاهي، اچي منگلان ۾ ويٺا. ساماري شاخ جي موري جو نالو به منگلان آهي. ان وقت بهرام جي عمر 14 يا 15 سال هئي. ٻئي خاندان مکي ۾ به گڏ هئا. ان ڪري منگلان ۾ اچي هڪٻئي جي سهاري گڏ ويٺا. بهرام مينهون چاريندو هو، جتي مينهون چاريندي سندس دل ۾ صابل جو عشق جلوه گر ٿيو. بهرام پنهنجي دل جي دانهن پنهنجي محبوبه تائين نڙ ڦوڪ ذريعي پهچائيندو هو. ۽ اها ڦوڪ به مشهور ٿي ته “صابل ڪنڊي هيٺان چاري، صابل ڪنڊي هيٺان چاري.” چون ٿا ته عشق لڪڻو ناهي. جڏهن هنن جي عشق جون ڳالهيون ڳوٺن ۾ هلي ويون، ته صابل جا مائٽ بهرام کي جان کان مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. جڏهن بهرام جي حياتي خطري ۾ اچي وئي ته هن نڙ ڦوڪ ڏني ته “صابل منهنجي مٿان ماري، صابل منهنجي مٿان ماري” اها درديلي ڦوڪ صابل ٻڌي ۽ بهرام کي بچائڻ لاءِ بهرام جي ڀائرن کي مڪو. جن پهچي کيس مارجڻ کان بچايو. پوءِ صابل جا مائٽ اتان ٽپڙ کڻي وڃي لٽڪي ويٺا ته ورونهن جي ماريل عاشق چيو ته“گهندي ڦرندي صابل سنهڙي، ڪوهه لڏين لٽڪي مان.” هن پريمي جوڙي کي به ريتن جي چکيا تي چاڙهيو ويو. کين جداين جا لمحا به اهڙا ڪٽڻا پيا، جو عمرين جا وڇوڙا پلئه پين. پر بهرام جيڪي درد ۽ فراق ۾ نڙ ڦوڪون پريمڪا جي ادائن، جدائي ۽ فراق ۾ صابل جي نالي سان چيون آهن. سي هن عاشقن جي عشق جي ادا کي نڙ ڦوڪ ذريعي لوڪ ۾ نروار صدين تائين ڪنديون رهنديون. ان قصي بابت نڙ جا بيت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي ته؛ هن پوئين ويجهي دور ۾ بهرام نڙ جو ماهر ۽ ڦوڪن جو شاعر ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي محبوبه صابل سان مخاطب ٿي ڦوڪون جوڙيون. جيڪي صابل جي ڦوڪن سان مشهور ٿيون. ۽ ناري جي نڙ جو نمايان نشان بڻيون. صابل جي ڦوڪن مان چند ٻول هيئن آهن ته؛

    پيرڙا ڏي !
    ڙي صابل ! ڦيرڙا ڏي.
    2
    صابل سائو چولو پاءِ !
    صابل ڳاڙهو چولو پاءِ!
    موٽ سگهو!
    دلڙي موٽ سگهوٰ!
    تو دير لاتي،
    ڙي صابل!
    ڇو دير لاتي؟
    3
    سهڻي ٽور تنهنجي،
    ڀلي ٽور تنهنجي،
    منهنجي مور صابل!
    نڙائي ڪچهرين ۾ پهرين نڙ تي “گر” ، لهرا ۽ پوءِ ڦوڪون وڄائيندا آهن. هن لوڪ قصي جي عاشق ۽ محبوبه صابل ۽ بهرام جي حياتين ۽ موت بابت باقائدي ڪا تاريخ ۽ سال ته ملي ڪون سگهيو آهي. پر ليکڪ پروفيسر نواز ڪنڀر هن قصي بابت پنهنجي ڇپيل ڪتابڙي صابل ۽ بهرام جي هڪ لوڪ داستان ۾ لکي ٿو ته “پير صاحب علي گوهر شاهه ثاني المعروف محافي ڌڻي رح به جڏهن مکيه ۾ مريدن جي دعوتن ۾ ايندا هئا ته پاڻ به بهرام جون نڙ ڦوڪون شوق سان ٻڌندا هئا. روايت آهي ته محافي ڌڻي مکيه ۾ آيو ته ڪچهري ۾ بهرام ڪون آيو. پڇيائين ته کيس ٻڌايو ويو ته بهرام وفات ڪري ويو ۽ پوءِ محافي ڌڻي سندس قبر تي وڃي دعا گهري.” نواز ڪنڀر جي لکڻ موجب ته هڪڙي روايت آهي ته صابل اڳ وفات ڪئي ۽ ٻي روايت آهي ته بهرام اڳ ۾ وفات ڪئي. بهرام جي شاعري ۾ صابل جي وفات جو ذڪر نٿو ملي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بهرام اڳ وفات ڪئي هوندي. نواز ڪنڀر موجب سانگهڙ ڀرسان ٽوري موري جي ڳوٺ همير ۾ عاشق بهرام پنهنجي پرين جي جدائي ۾ جلندي، کامندي، پڄرندي، عشق جي اڃ ۾ اڃيو رهندي، پرين کي پڪاريندي پساهه پورا ڪيا. کيس پير بصير لڳ ٻوٻي شهر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ۽ پوءِ صابل بهرام جي ٺاهيل نڙ کي ڏسي پئي روئندي هئي. سندس پيار جي پڄاڻي ڪڏهن به ڪون ٿيندي. جيستائين نڙ جي وڄت ۾ ڦوڪ باقي رهندي. ۽ لوڪ ادب جيئرو رهندو، تيستائين بهرام ۽ صابل جي وفا جي ڦوڪ واري نڙ جي ڦوڪ ذريعي پئي گونجندي. صابل ارڙي جي بيماري وگھي ڳوٺ واري پتڻ لڳ سنهڙي ڀٽ تي وفات ڪئي. کيس لال مڱرئي واري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. پر سندس سونهن تي چيل عشق جي ادا جون نراليون نڙ ڦوڪون نڙ جي آواز ۽ شاعري ۾ صدين تائين سمايل رهنديون. هاڪڙي، ناري، مکي ۽ اڇڙي ٿر جا پٽ هنن پياسي دلين جي درد جا لوڪ قصو پيا جهان کي سڻائيندا.

    


    ڇتو ۽ کيرئين

    عشق جي پنهنجي دنيا، پنهنجو رستو ۽ پنهنجون اکيون آهن. عشق جا جيڪي ۽ جتي مسافر ٿيا. تن جيڪي مقام ماڻيا. اُهي مسافريون به عجيب رهيون آهن ته، نيڻن جو نشو به عجيب ئي آهي. ۽ ائين عجب ۾ وجهندڙ ڪيترائي لوڪ قصا آهن. ۽ انهن ئي لوڪ قصن ۾ ڇتو ۽ کيرئين جي ڪهاڻي کي به سڀ کان اڳ شيخ محمد سومار پنهنجي ڪتاب ”بدين ضلع جو مطالعو“ ۾ پيش ڪيو. ان بعد ڪاوش مڊويڪ مئگزين ۾ رضا آڪاش خاناڻي ان ڪهاڻي کي پنهنجي رنگ ۾ لفظن جون مالهائون پهرائي پيش ڪيو. سو ڇتو ۽ کيرئين جو قصو هئين بيان ٿو ڪيو وڃي ته ضلع بدين جي تعلقي گولاڙچي جي ديهه کيرئين، ڍنڍ کيرئين ۽ ڪوٽ کيرئين جيڪي ڦٽوڻ ڍوري جي ڦٽل ڪپ تي آهن. هن وقت کيرئين ڪوٽ جا رڳو آثار وڃي بچيا آهن. ان ڪوٽ کي سومرن جي آخري دور ۽ سمن جي شروعاتي دور سان ڄام انڙ جو ڪوٽ به چيو وڃي ٿو ته انڙ ڪوٽ به چيو وڃي ٿو. ڇتو ۽ کيرئين جي عشق جو داستان به انهن ئي ڪوٽ ۽ ماڳ سان وابسته آهي. جتي ان ڪوٽ جا آثار آهن. ان هند اڳي راٺوڙن جي بستي هئي. جنهن ۾ کيرئين ۽ ڇتو پيدا ٿيا. کيرئين عمر ۾ ڇتو کان وڏي هئي. جڏهن کيرئين جي سونهن نکرڻ لڳي. حسن لياڪا پائڻ لڳو ته ڪيئي نيڻ ان حسين کيرئين کي ڏسي گهائجي پيا پر کيرئين بي پرواهه ٿي پئي هلندي هئي ۽ عاشقن کي پئي گهائيندي هئي. ڪنهن ڏانهن اک کڻي نه ڏسندي هئي. هو سونهن سان دليون گهائيندي رهي ۽ عاشق گهائبا رهيا. انهي ئي سمي ڇتو به جوان ٿي ويو ۽ ڇتو به اهڙو حسين هو جو کيرئين جي نظر مٿس کپي وئي. ۽ سندس دل ۾ ڇتو لاءِ محبت ڪر کڻي جاڳي پئي. ٻي طرف وري جڏهن ڇتي به اها ڳالهه ٻڌي ته، کيرئين جي ڪنهن تي اک ئي نٿي ٻڏي، ان جڏهن کيرئين کي ڏٺو ته، سندس نيڻن جو قيدي بنجي ويو. ۽ دل جهلي کيرئين کي شادي جي آڇ ڪيائين. جنهن تي کيرئين خوش ٿي. پر شادي لاءِ شرط رکيائين ته منهنجي نالي پٿر جو کيرئين ڪوٽ اڏائيندين. ڪوٽ اڏجڻ تي پنهنجي شادي ٿيندي.
    اهو شرط قبولي ڇتو پٿر جو ڪوٽ اڏڻ ۾ لڳي ويو. بيل گاڏين، ٻيڙين ذريعي پٿر آڻڻ لڳو. پٿر آڻيندي آڻيندي سندس وار چاندي ٿي ويا ۽ انتظار جي بتيلي ۾ ويٺل حسينا کيرئين جو جوڀن به موڪلائي ويو. پر “سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي” جيان ڇتو ۽ کيرئين واعدي واري شرط کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪوٽ اڏجڻ تائين صبر ڪندا رهيا. وقت گذرندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن کيرئين جي ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو ۽ عاشق ڇتو پوري حياتي کيرئين جي موت جي ڏک ۾ روئندو ۽ سندس قبر جو مجاور بنيو رهيو. سندن عشق جي اکين واري اڏاوت کيرئين ڪوٽ جا آثار اڄ به سندن مرڪندڙ محبت جو نشان آهن. اتي ان ساڳئي ڪوٽ بابت تاريخ ۾ اچي ٿو ته پهرين سمي حاڪم ڄام فيروزالدين انڙ طرفان سومرن کي شڪست ڏيڻ بعد دفاعي طور تي سومرن جي راڄڌاني مهاتم طور کان 8 يا 9 ڪلوميٽر اوڀرطرف ڪوٽ اڏايو جيڪو انڙ ڪوٽ جي نالي سان مشهور آهي..

    


    ڪماري پدمڻي ۽ ڪنور ڪرني سنگهه

    دنيا جي اندر راڻن ۽ راڻين جا پيار ۽ انهن جا ڪاڄ به نرالي انداز سان ٿيندا پي رهيا آهن. ڪي افسانوي طور ياد ٿا ڪيا وڃن ته، ڪي وقت جي تاريخ جي اک ڪئميرا ۾ سموئجي تاريخ ٿي ويا. اتي اهي لوڪ داستان بنجي ان ڪري به ويا جو، دلين جي دنيا ۽ لکئي جو ليک به ڪڏهن هن قصي وانگر عڪاس رهيا آهن ته، سنڌ سان تعلق رکندڙ راڻا جاگير جي فرزند ڪنورڪرني سنگهه ورهاڱي کان پوءِ ڀارت جي رياست راجستان جي ڪڻوٺا ٺڪاڻي جي راجڪماري پدمڻي کي 2013ع ۾ جئه پور ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ دل ان وقت ڏيئي ويٺو، جڏهن هنن ٻنهي جا نيڻ هڪٻئي جي نيڻن سان مليا. اهو راجڪماري پدمڻي جي نيڻن جو ڪمال ئي هو. جنهن راڻي کي گهائي وڌو. سنڌ جي راڻي همير سنگهه جو پٽ ڪنور ڪرني سنگهه ۽ جئه پور جي ڪڻوٺا ٺڪاڻي جي اڳوڻي ٺاڪر مان سنگهه جي ڌيءُ راجڪماري پدمڻي جون اکيون اکين سان ملي هڪ ٿي ويون. انهن اکين کي سرحد پار جا ويڇا نظر ئي ڪون آيا. هو ٻئي هڪٻئي جا ٿي ويا. ۽ هنن هڪٻئي کي چاهڻ ۽ پسند ڪرڻ جو اظهار به سهڻي ۽ ڄام تماچي جيان ڪري ڇڏيو. ۽ پوءِ وقت فاصلا گهٽائي ڇڏيا. 10 جون 2014ع تي جوڙي جي جئه پور ۾ رسم موجب مڱڻي ٿي. اها رسم ورهاڱي بعد پهرين رسم هئي، جو گهوٽيتا سرحد پار ڪري ويا. ۽ چاهت جي دنيا تڏهن دنگ رهجي وئي، جڏهن راجڪماري پدمڻي ۽ ڪنور ڪرني سنگهه هڪٻئي کي سونيون منڊيون پارائي رهيا هئا. ۽ پوءِ ست ڊسمبر 2014ع تي عمرڪوٽ جي راڻا جاگير ۾ ٻنهي پريمين جي ٽيڪي جي رسم به ڏسڻ وٽان هئي. سنڌ ۽ هند مان پندرهن هزار اهم شخصيتون ان رسم ۾ شامل ٿيون هيون. 20 فيبروري 2014ع تي جئه پور جي نارائڻ نواس پئلس ۾ ٿيل شادي جي ڪاڄ ۾ هند ۽ پاڪستان جا راجا راڻيون، سياستدان ۽ وڏيون شخصيتون موجود هيون. جتي گهوٽ ڪنور ڪرني سنگهه کي هاٿي تي سوار ڪري سندس ڄڃ ۾ پروٽوڪول جا وڌيڪ ٻه هاٿي گهوڙي ۽ اٺ سوارن جا جٿا ۽ ثقافت جي اهڃاڻ طور ڏاند گاڏي (بيل گاڏي) به شامل هئي. ڄڃ سان گڏ هلندڙ هٿياربند تلوارن، گرزن ۽ ڀالن سان راجستان جي راجپوتن ۽ سنڌ جي راڻن جي جنگي روايتن جي ياد تازي ڪري رهيا هئا. ڄڃ سان گڏ هلندڙ عورتون ڳيچ ڳائي رهيون هيون. گڏوگڏ ڏانڊيا ناچ به ڪري رهيون هيون. گهوٽ ۽ ڪنوار طرفان اگني ڦيرا ۽ رسمون هندو رواج تحت ڪيا ويا. ان ڪاڄ کي هندوستان ۽ پاڪستان سميت دنيا جي ميڊيا وڏي ڪوريج ڏني. ۽ ڪي ٽي اين نيوز جي تاريخي اسٽوريون ڪندڙ ناليواري صحافي فيض کوسو موجب ته هي ڪاڄ ثقافتي ۽ تاريخي هو. جنهن تي اندازي موجب ڀارتي ڪرنسي جا ٻه ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي تاريخ جو جتي هي ڪاڄ وڏي ۾ وڏو ڪاڄ هو. اتي ٻن دلين جو ملي هڪ ٿيڻ جي ڪهاڻي جو به انوکو مثال قائم ٿيو آهي. هونئن 1947ع کان اڳ ته هنن خاندانن جا رشتا پاڻ ۾ رهيا آهن. ڪنور ڪرني سنگهه جي امڙ جو تعلق به راجستان سان آهي پر هن جوڙي جي شادي به اهڙي شادي هئي، جيڪا لوڪ داستان بنجي وئي آهي. ۽ هن دور جي پيار جي سچي ڪهاڻي آهي.

    


    فنڪارائون

    جيوڻي ٻائي

    جيوڻي ٻائي پنهنجي دور سميت هن دور ۽ ايندڙ ڪيترن دورن تائين سنڌي موسيقي ۾ وهائو تاري وانگر رهندي. جيوڻي ٻائي جي زندگي جي شروعات واري ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ هئي. جيوڻي ٻائي ورهاڱي کان اڳ هاڻوڪي هندستان جي رياست راجپوتانا جي ڀيلواڙا ڳوٺ ۾ هڪ خانه بدوش قبيلي سانيسي جي “ڦڪو” نالي شخص جي گهر ۾ 22 جنوري 1901ع ۾ ڄائي. جيڪا اڳتي هلي موسيقي جي تاريخ جو اهم نالو بڻجي وئي. ۽ سنڌي موسيقي ۾ خاتون اول جو اعزاز ماڻيائين. سانيسي قبيلي جون عورتون ڪمائينديون هيون ۽ مرد کائيندا هئا. اهو ان قبيلي جو رواج هو.
    رسم ۽ رواج موجب جيوڻي جي ماءُ جانڪي پنهنجي ور ڦڪو کي خوش رکڻ لاءِ ڪا به ڪسر ڪون ٿي ڇڏي، ان ڪري جانڪي روزاني صبح سويل پنهنجي ڌيءُ جيوڻي کي گندي جي ڪپڙي ۾ ٻڌي، پنهنجي پٺن تي کڻي در در صدائون هڻي، “دان” خيرات گھرندي هئي. جيڪو خيرات ۾ ملندو هئس، اهو اچي ڦڪو جي اڳيان رکندي هئي.
    ائين ئي زندگي جي ڪٺن ڪاڙهن ۾ ڪڙهندي، جيوڻي زندگي جون وکون کنيون. ننڍپڻ ۾ پنهنجي امڙ جي جسم سان چھٽي هو، ڪاڙهن ۾ ڪڙهي هئي. هن جي امڙ جي ڪل ملڪيت لٺ، وٽو ۽ گودڙي هئي. جڏهن جيوڻي وڏي ٿي ته، هن سان سندس پنج هڪ جيڏيون گڏجي مائٽاڻي ڪرت ڪندي گهرن ۾ صدائون بلند ڪنديون هيون ۽ گيت ڳائي خيرات وٺڻ لڳيون. اهي گيت هي ڪورس جي انداز ۾ ترنم سان ڳائينديون هيون. جيوڻي ان ڌنڌي ۾ اهڙي ته ماهر ٿي وئي هئي، جو ماڻس جانڪي کي پنڻ جي ضرورت ئي محسوس نه پي ٿي.
    ڦڪو 1918ع ۾ پنهنجو اباڻو ماڳ ڇڏي، جڏهن ملتان ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ته ان وقت جيوڻي جي ملاقات پنهنجي دور جي وڏي گويئي استاد اميد علي سان ٿي. هو سانوري رنگ، وڏين اکين ۽ پرڪشش چهري واري جيوڻي جي آواز ۽ شخصيت کان متاثر ٿيو. هن جيوڻي کي رئو “گندي” اوڍائي پنهنجي ڌيءُ جو درجو ڏنو ۽ چيائينس ته، جيوڻي تو ۾ اهليت ڏسي رهيو آهيان، هڪ ڏينهن تون تمام وڏي فنڪاره ٿيندين” ان بعد استاد اميد خان وٽ راڳ جي سکيا وٺڻ لڳي. ۽ ڦڪو جو پورو خاندان استاد اميد علي خان جي محبت جو متلاشي ٿي ويو. ۽ پورو خاندان مسلمان به ٿيو. هن در در وڃي ڳائڻ ۽ پنڻ وارو ڌنڌو ڇڏي ڏنو. ۽ وڏن وڏن ميلن ۾ وڃي ڳائڻ لڳي هئي. فن جون منزلون به طئه ڪندي وئي. ملتان کان ڪراچي تائين کيس دعوتون ملڻ لڳيون. سنڌ ۾ هن کي بيحد محبت ملي. جنهن ڪري هن “جيوڻي ” پنهنجي استاد کان اجازت وٺي، حيدرآباد ۾ اچي رهي. جتي سندس ملاقات استاد خير محمد سان ٿي. جيڪو نه صرف راڳ سان ماڻهن کي متاثر ڪندو هو، پر سندس شخصيت به پرڪشش هئي. اهو ئي سبب هو جو اکيون ان جي سحر کان بچي ڪون سگهيون. ۽ هي سانوري پنهنجي نيڻن جو راڻو استاد خير محمد کي بنائي ويٺي.
    1928ع ۾ جيوڻي راڻي پور جي هڪ بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. جنهن هن جو نالو تبديل ڪري جيوڻي ٻائي رکيو. ۽ کيس دعا ڪيائين ته، جيوڻي ٻائي قيامت تائين تنهنجو فن زندهه رهندو. ۽ پوءِ 1932ع ۾ جيوڻي ٻائي جي نوجوان ماڪا نالي خوبصورت نوجوان سان شادي ٿي. شادي کان اڳ جيوڻي ٻائي استاد خير محمد کي خيرآباد ڪري، شيش محل هوٽل ڀرسان هڪ گھر ۾ نواب ماڪا سان گڏ رهندي هئي. نواب ماڪا جي جيوڻي ٻائي کان اڳ شادي ٿيل هئي. سندس پهرين گهر واري سکر ۾ رهندي هئي. ان مان نواب کي اولاد هو. پر جيوڻي ٻائي مان اولاد ڪون ٿيو. جيوڻي ٻائي راڳ سان گڏوگڏ صوم صلوات جي به پابند هوندي هئي. زندگي جي آخري گھڙين ۾ تهجد نماز به ادا ڪندي هئي. هن کي امام پاڪن سان وڏي عقيدت هوندي هئي. محرم مهيني جي پنج تاريخ تي هو نياز ڪندي هئي. جيڪو پوري حيدرآباد ۾ مشهور هوندو هو. هو حيدرآباد ۾ غريب عورتن جي مالي مدد کان سواءِ غريب نياڻين جي شادين ڪرائڻ ۾ پڻ مدد ڪندي هئي. شادي ۽ محفلن ۾ باعزت نموني گلابي ساڙهي پائي ڳائيندي هئي ته، حياءُ جي علامت لڳندي هئي. ڳائڻ ۾ جيڪا رقم ملندي هئس. ان مان پنجون حصو پنج تن جي نالي اتي جو اتي خيرات ڪري ڇڏيندي هئي. پاڻ روزاني صبح جو رياض ڪندي هئي. سنڌو جو پلو کيس کائڻ ۾ پسند هوندو هو. جيوڻي ٻائي هز ماسٽر وائيس سان معاهدا ڪري انيڪ ڪلام رڪارڊ ڪرايا. جن وسيلي پوري برصغير ۾ هن جي آواز جي واهه واهه ٿي وئي.
    هن انگريز حڪومت جي خلاف به گيت ڳايا. جن مان هڪ گيت جو هي ٻول ته “ ڀُورا ڇو پيو ڀيل ڪرين، اسان سنڌ واسين سان ويل ڪرين” جيوڻي ڳايو جيڪو پڻ ان وقت جي تاريخ جو وڏو باب آَهي. وقت جو وڏو گويو استاد غلام علي خان، اقبال بيگم ۽ اختر بيگم راتين جون راتيون اچي، هن سان گڏ حيدرآباد واري گهر ۾ گذاريندا هئا. هن جي گھر ۾ استاد غلام علي لاءِ جدا کٽ پيل هوندي هئي. جنهن تي استاد جي قدر سبب ڪوبه نه سمهندو هو. هن جي وفات بعد به حيرت ناڪ نموني سان ٿي. هن طرفان روهڙي ۾ دين جو ڀاءُ ڪيل بچل ميمڻ جي پٽ جي ڪاڄ ۾ روهڙي وئي. جتان رات جو 2 وڳي لاهور ميل ذريعي حيدرآباد رواني ٿي. نواب ماڪا هن جي هڪ سازندي حاجي شيخ کي اسٽيشن حيدرآباد تان گھر آڻڻ لاءِ موڪليو هو. ريلوي حيرآباد اسٽيشن تي کيس نواب ماڪا جو دوست حسين بابو مليو. ان سان عليڪ سليڪ پي ڪيائين ته حاجي اتي اوچتو اهي لفظ چيا ته “جلدي ڪر مائي” ته جيوڻي کان رڙ نڪري وئي. اتي جو اتي کلندي دل تي هٿ رکيائين. ۽ پٽ تي ويهي رهي. لمحن ۾ سنڌ کان امر آواز هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
    اهو 5 جون 1942ع جو ڏينهن هو. جنهن ڏينهن فن کي زندگي ارپيندڙ سدا حيات جيوڻي ٻائي وڇڙي وئي.ان لمحي ڄڻ وقت جا ڪانٽا بيهي رهيا هئا. موسيقارن ۽ موسيقي جي چاهيندڙن جون اکيون ڀنيون هيون ۽ برصغير کان ڪلاسيڪل راڳ جي راڻي جي موڪلاڻي ٿي هئي. هن جي مٺي آواز صدين کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو. کيس اسٽيشن روڊ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.
    هن جي زندگي جو هڪڙو اهڙو انوکو پاسو آهي. جنهن ان وقت پوري سنڌ جي ماڻهن کي خاموش ڪري وڌو هو. سو واقعو هن طرح آهي ته، جيوڻي ٻائي ٽرين ۾ سفر پي ڪيو، پوليس کي اطلاع مليو ته، ٽرين ۾ هڪ شخص کي قتل ڪيو ويو آهي. ان جو لاش پيتي ۾ وجھي قاتل ڪيڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن. عجيب اتفاق هو ته، جڏهن ٽرين تي پوليس ڇاپو هنيو ته، ان وقت ان ڪمپارٽمينٽ ۾ جتي پيتي بند پيل لاش هو. ان ڪمپارٽمينٽ ۾ ويٺل صرف جيوڻي ٻائي هئي. جنهن ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو. ڪيس هليو ته جيوڻي ٻائي اهڙو ڪوبه دليل نه ڏئي سگھي. جنهن مان ڪيس هلائيندڙ جج مطمئن ٿئي. ڪيس هلي ڇيڙو ڪيو. جيوڻي ٻائي کي ان قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي ته، پوري هندستان ۾ باهه ٻري وئي. چوندا آهن ته سچ آخر سچ ٿيندو آهي ۽ ڪوڙ جي منزل ٿوري هوندي آهي. سو آخرڪار هڪ شخص ان خون جو ڏوهه قبول ڪيو ۽ جيوڻي ٻائي کي باعزت نموني بري ڪيو ويو. ان قسم جا حيرت ۾ وجھندڙ لمحا به هن عظيم فنڪاره جي حياتي جي حصي ۾ آيا. جن لمحن ۾ هن جو فن جو آواز بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ لڇيو هو. سندس فن جي مڃتا لاءِ ماسٽر وائيس وارن سندس نالي سان شاندار جشن ملهائي کيس ساڍا ڏهه تولا سونو مونو گرام ايوارڊ ۾ڏنو هو. جيڪو سندس ڳايل سونن گيتن جي مالها جيان سندس مٿي تي سونهندو هو. هو شاعري پڻ ڪندي هئي.
    هن جا ڳايل مشهور گيت ۽ ڪلام سانگين سنبري ڪئي پرديس تياري. 2 مون کي پون ٿا پور پنهوارن جا. 3 بي درد جي اقرار ۾. 4 ويا ڪربل وري ڪون آيا 5 ڪهڙو حال ڪيان. تمام گھڻا مقبول ٿيا.

    ***


    الهه وسائي

    مائي الهه وسائي بٺوري ۾ پيدا ٿي. سندس وارث سنڌو درياءَ، پڃاري ۽ گونگڙو ڦاڪ جي ڦٽل ڍوري ۽ ڍنڍن مان ٻيڙين وسيلي مڇيون ماري، پنهنجي مياڻين ۾ ويندا هئا. ۽ ان سمي اڃان روڊ ۽ رستا پڪا ڪون ٿيا هئا. تڏهن ماڻهو بيل گاڏين، اٺن، گھوڙن، گڏهن ۽ ٻيڙين ذريعي جڏهن ڄڃون کڻي ويندا هئا ته، پاڻي جي لهر لهر تي زندگي نچندي هئي. سهرن ڳيچن ۽ دهل تي لهرون به رقص ڪندي نظر اينديون هيون. اهڙن لمحن دوران جڏهن مائي الهه وسائي جي والد خميسو خان ملاح جي ٻيڙي ۾ ڪا ڄڃ چڙهندي هئي ته ڄڃ وارن سان گڏ خميسو ۽ سندس ٻار خوش ٿيندا هئا. اهي نچندا ۽ ٽپندا به هئا ته سندس عورتون وري ڳيچ ڳائينديون هيون. ۽ ائين ئي مائي الهه وسائي رڇن ۽ راڇين جي زندگين ۾ رهندي. پرائين خوشين کي به پنهنجو ڀانيو ۽ ڄڃ ۾ ڳيچ ڳائڻ لڳي هئي. ۽ پوءِ هو پنهنجي ڪٽنب سان گڏجي ماتلي ڀرسان گل غيبي جي ميلي تي وئي. جتي جيوڻي ٻائي ڳائي رهي هئي. جيوڻي ٻائي ڳائيندي ڳائيندي جڏهن هيئن ڳايو ته “وڃ نه ڇڏي تون راڻا ڍونڍي ٻيڙي پڳهر پراڻا” ان ڪلام مائي الهه وسائي جي اهڙي ڪيفيت ڪري ڇڏي، جو هو اتي جو اتي جيوڻي ٻائي جي فن جي ديواني ٿي وئي.
    ان ئي ديوانگي کيس فن جي دنيا ۾ آڻي ڇڏيو. ۽ مائي الهه وسائي جڏهن ڳائيڪي جو فن سکڻ لاءِ تيار ٿي ته، کيس عورت هجڻ وارو معاملو سامهون آيو. پر هن پنهنجي عزيزن کي منٿون ڪري آماده ڪيو. ۽ پوءِ جيوڻي ٻائي وٽ پهتي. ۽ کائنس فن موسيقي جي سکيا وٺڻ شروع ڪيائين. جيوڻي ٻائي ۽ استاد خان صاحب بيبي خان کيس سکيا ڏني. خان صاحب بيبي خان جي وڇوڙي ۽ جيوڻي ٻائي جي دور هليو وڃڻ کان پوءِ الهه وسائي حميده بيگم ۽ ڪلاسيڪل استاد فدا حسين وٽ گائيڪي جا وڌيڪ گُر ۽ پيچ سکيا. اهو اهڙو سمو هو جو ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي، ماسٽر چندر، خان صاحب جي بلي بلي هئي. ۽ قاسم علي شاهه جي راڳ ۽ سليمان شاهه جي ناچ جڳ موهي ڇڏيو هو. ان سمي الهه وسائي جيڪا ڪنهن به اسڪول ۾ ڪون پڙهي هئي. تنهن فن جي اسٽيج تي اچي، پنهنجي نرالي آواز ذريعي جيڪو جادو جڳايو. ۽ سندس نرالي اسلوب کيس مڃتا ڏياري. انهي دور دوران فونا ريڪارڊ وڄندا هئا. ايڪو ۽ سائونڊ سسٽم جو نالو به ڪون هو. پر الهه وسائي جڏهن ڳائيندي هئي، ماڻهو کيس دل جي ڪنن سان ٻڌنڌا ۽ داد ڏيندا هئا. سندس آواز ۾ قدرت واري ڏاڍو سوز پيدا ڪيو هو. ائين ئي مائي الهه وسائي سنڌ جي نامور گلوڪارائن ۾ ڳڻجڻ لڳي. هو روزاني 2 ڪلاڪ صبح جو رياض ڪندي هئي. ٺٺ ۽ ٺاڳر کان ڪوهين پري رهي، هن فقيراڻي انداز ۾ پنهنجي ڏات ذريعي روشني پکيڙي. هن جو ڳايل ڪلام “ها ها هلڻ گھمڻ سهڻا، تنهنجي ماريو آ، الائي ڇا کان تو وساريو آ.” ڏاڍو مقبول ٿيو.
    مائي الهه وسائي کي 2002ع دوران شاهه عبدالطيف ايوارڊ ڏنو ويو. ۽ هڪ لک روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. پر اهوکيس بيمار ٿيڻ جي باوجود به نه مليو. مائي الهه وسائي ڪينسر جي بيماري وگھي 29 اپريل 2003ع ۾ وفات ڪئي.

    


    مائي ڀاڳي

    ٿر جي تتل واري ۽ اڃايل ڌرتي جي مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائي جي شهر ڏيپلو ۾ لنگها مڱڻهار پاڙي ۾ ٿر جي ڪوئل جو خطاب ماڻيندڙ مائي ڀاڳي جو جنم ٿيو. هن لوڪ گيتن جي گائيڪي ۾ پنهنجي مڌر آواز ذريعي هند توڙي سنڌ سميت دنيا ڀر ۾ رهندڙ سنڌين جي دلين ۾ مڃتا ماڻي. سندس آواز ۾ ٿر جي صدين جي صدا به گونجندي هئي ته “سمن سائين مان گولي غلام تنهنجي در جي” جهڙي پڪار به سمايل هئي. هو جڏهن ڪن تي هٿ رکي ڳائيندي هئي ته، ٺريل رات جا نيڻ به جاڳي پوندا هئا. کڙي نيم ڪي نيچي هون هيڪلي، جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو، منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو، آئون واٽون سدا ويٺي نهاريان، من منهنجا اباڻا اچن، ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور، مرلي واري من موهيو ڙي الا جهڙا ڪلام ڳايا ۽ ڄارين ۾ ڄايس الا گيت ڳائي پنهنجي اباڻي اجهي ۽ زندگي جي اجهاڳ ڀٽن جيتري ڏکن جي عڪاسي ڪئي، ۽ سندس ٻيا انيڪ گيت جيڪي دلين جي پڪار بڻجي ويا، انهن کيس مڃتا جي آسمان تي پهچايو. پر مفلسي هن جو پيڇو ڪونه ڇڏيو. کيس ننڍپڻ ۾ چمڙي جي بيماري ٿي، جنهن سندس چهري ۽ اکين تي اثر ڪيو، هن ننڍپڻ دوران پنهنجي ماءُ ختيجه سان گڏجي شادين ۽ مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، کيس فن جي ابتدائي سکيا به پنهنجي امڙ ڏني. امڙ جي لولي واري ٻولي مارواڙي کان سواءِ هو ڍاٽڪي، سرائڪي، سنڌي ۽ ڪاٺياواڙي ٻولين ۾ جنهن انداز سان گائڪي جي رنگ ۾ ڳايو، ان ۾ به ڪمال جي مهارت هيس. جڏهن هن ۽ مراد فقير گڏجي “چيري ميرو بلالي سان پيار” ڳايو ته ٿرن برن، جهرن ۽ جهنگن، واهڻن ۽ وستين ۾ هن جي آواز جي جاڪ ٿي وئي. وقت بدليو، هوءُ اباڻو شهر ڇڏي، مٺي شهر ۾ وڃي رهي. جتان نئون ڪوٽ ۾ مهراڻي کي پنهنجو هميشه لاءِ گھر بنائي ويٺي. جتان ٻيجل جي تنبوري جهڙو آواز فضائن کي معطر ڪرڻ لڳو ۽ هوءُ واٽون نهارڻ لڳي. اهي واٽون جن تي هن جو ننڍپڻ گذريو هو. جتي هو روهيڙي جي رتن گلن کي ڏسندي ڪونڀٽ جي لامن ۾ لڏندي ۽ پيرون چونڊيندي پنهنجي ساهيڙين سان کينچلون ڪندي هئي. اهي ڏينهن هليا ويا ۽ هاڻي هو هوٿي جي گهرواري ٿي چڪي هئي، هوٿي به سريلو فنڪار هو، جنهن جي اڱڻ تي به شرنائي جا سُر ٻرندا هئا، تنهن مٿس فن جي دنيا کان دور نه ڪيو. هي ٻئي گڏجي ڳائڻ به لڳا هئا ۽ زندگي جي بهارن ۾ چانڊوڪي راتين ۾ رتل راضي شاهه جي پٽ مهراڻي ۾ سڪل هاڪڙي جي پيٽ کي ڏسي، ڪنهن چانڊوڪي رات ڀاڳڀري عرف مائي مائي ڀاڳي جڏهن استاد جمن جي آواز ۾ سر سهڻي ۽ سر سسئي ۾ ڳايل ڪافيون گرامو فون يا ريڊيو پاڪستان جي براڊڪاسٽنگ جي وسيلي فضا ۾ گونجندي ٻڌندي هئي، ته هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هو. ريڊيو پاڪستان، ڀٽ شاهه، سنڌ جا ميلن ۽ ڪاڄن سميت هر هنڌ مائي ڀاڳي جي هاڪ هئي. تار مان ترندي اچي، لوڙهه مان لڙهندي اچي، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري، جهڙا امر گيت هن جي امر آواز ڏنا. ۽ هو 1980ع کان وٺي اسٽيج جي دنيا جو ستارو بڻجي وئي. ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور جهڙا گيت ارپيندڙ مائي ڀاڳي زماني کي امر گيتن ۾ خوشيون ارپيون، پر پاڻ واري جي خاموش ذرڙن جيان مفلسي ۾ رهي. هن کي سرڪار طرفان اعلانيل حج به نصيب ڪونه ٿيو.
    ٿي تند وڙهي تلوارن سان جيان هن جي مڌر آواز ۾ ڳايل سمورا لوڪ گيت امر ٿي ويا آهن. هو ادارو هئي. هن سندس ڌيءَ مائي سوني کي پنهنجي فن جي جيڪا سکيا ڏني، ان به مائي ڀاڳي واري انداز ۾ ڳايو. مائي ڀاڳي اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي سواري ڪئي. اڃايل مورن جا کيڙا ڏٺا. ۽ ٿر جي اڃ کي پنهنجي آواز ۾ صدين جو آواز بڻائي ڇڏيو. هو روزاني صبح جو راڳ جو رياض ڪندي هئي. هن جي هر ادا ۽ صدا ۾ ڪانگل قرب وارو هو. نئون ڪوٽ جي گنج بخش ڪالوني جيڪا هاڪڙي جي ڦٽل ڍوري تي آهي. اتي هن جا پير ۽ گيت ايندڙ ڪيترن دورن کي هن جي امر آواز جا ديوانا بنائيندا رهندا. ۽ اڃايل دلين ۾ هن جو آواز نوان نوان ويس اوڍي پيو گنگنائيندو. مائي ڀاڳي جو ٻانگ جو نالو ڀاڳڀري هو. پر هو مائي ڀاڳي جي نالي سان مشهور ٿي. هو پنهنجي امڙ سان گڏجي شادين ۾ لوڪ گيت ڳائيندي هئي. 1967ع ۾ هن مارئي جي ميلي ۾ اچي سادي لباس ۾ هڪ لوڪ گيت ڳايو. ان ميلي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ پروڊيسر غلام حسين شيخ رڪارڊنگ پي ڪئي. ان ڀاڳڀري جو آواز ٻڌو ۽ گيت ختم ٿيڻ بعد هن سان مليو. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڳائڻ جي ڪوٺ ڏنائين. ڪيتري دير تائين مائي ڀاڳي راضي نه پي ٿي. پر هن کيس راضي ڪري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن تي آندو. جتي مائي ڀاڳي جو پهريون لوڪ گيت تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري. رڪارڊ ٿيو. جنهن مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا. ۽ پوءِ مرحوم عبدالڪريم بلوچ سندس پي ٽي وي تي کڙي نيم ڪي نيچي هون تون هيڪلي، رڪارڊ ڪيو. جيڪو به مشهور ٿيو. مائي ڀاڳي فقيراڻي رنگ ۾ رنڱجي ڳايو. هن وقت ست ساز وڄائيندڙ موسيقار فقير ذوالفقار علي لنڊ مائي ڀاڳي جي فن ۽ گائڪي بابت ڳالهائيندي چيو ته “مائي ڀاڳي ڀيروي، آسا، مانجهه، درگا ۾ اهڙي انداز سان ڳائي مڃتا ماڻي، جيڪا ٻي ڪنهن فنڪار جي حصي ۾ اڄ تائين نه اچي سگهي آهي. هن شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح، مصري شاهه، بلي شاهه، عباس علي شاهه، حمل فقير لغاري ۽ ٻين ڪيترن پنهنجي پنهنجي وقت تي وڏن شاعرن جي شاعري ڳائي. هن پنهنجي ڌيءُ مائي سوني پٽ ڪالو ۽ پوٽي برڪت فقير کي پڻ فن جي سکيا ڏني. کيس مڃتا طور صدارتي ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو. شهباز ايوارڊ، شاهه عبدالطيف ڀٽائي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ مليس. اتي کيس ٿر جي ڪوئل جو لقب پڻ مليو. سدا ملوڪ آواز جي مالڪ هن فنڪاره جو 7 جولاءِ 1986ع تي وڇوڙو ٿيو. کيس راضي شاهه جي درگاهه ڀرسان راضي شاهه رتل جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هن جي خواهش هئي ته، آئون حج تي وڃان پر موت کيس مهلت نه ڏني ۽ حج تي روانگي کان ٻه ڏينهن اڳ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. ۽ سندس اها خواهش پوري نه ٿي سگهي.


    جيجي زرينه بلوچ

    زرينه بلوچ ڌيءُ محمد موسيٰ جلالاڻي جي پيدائش 29 ڊسمبر 1934ع ۾ ڳوٺ الهه آباد چنڊ حيدرآباد ۾ ٿي. سندس اصل نالو آمنه هو. سندس والد کيس ان وقت جي اديب فاضل تائين تعليم ڏياري. جيجي زرينه نالي واري گلوڪاره دادي ليلان جو راڳ ٻڌي راڳ جي ميدان ۾ آئي. ابتدائي سکيا دادي ليلان کان ورتائين. بعد ۾ استاد محمد جمن جي باقائدي شاگردياڻي ٿي. هو لوڪ فنڪارن نارو ڀڳت ۽ رڪيه خانم کان به متاثر هئي. سندس امڙ گلروز 1940ع ۾ وفات ڪري وئي. تڏهن زرينه بلوچ جي عمر 6 سال هئي. 15 سالن جي عمر ۾ هن جي شادي، مائٽن جي پسند موجب سندس سئوٽ سان ڪرائي وئي.کيس ٻن ٻارن جو اولاد ٿيو. جن ۾ اختر بلوچ ۽ اسلم پرويز. زرينه بلوچ طرفان پنهنجي تعليم جاري رکڻ سبب هن جا پنهنجي ور (مڙس) سان اختلاف پيدا ٿيا. جيڪي وڌي وڻ ٿي ويا. نوبت وڃي عليحدگي تي پهتي. 1958ع ۾ سندن شادي وارا ٻندڻ ٽٽي ويا. زرينه بلوچ جي ٻي شادي سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو سان 22 سيپٽمبر 1964ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي. جنهن مان کيس هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. 1967ع ۾ هي ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿي. جتان 1997ع ۾ رٽائر ٿي. 1979ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا جي خلاف جلوس ڪڍڻ تي کيس گرفتار ڪري سکر ۽ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. زرينه بلوچ کي جيڪا شهرت ملي سا سندس ڳايل گيتن جيئي سنڌ ۽ مان چڪي بلوچاڻي، وارا گيت سنڌي ۽ قومپرستي ۽ بلوچي قومپرستي جو قومي نشان بڻجي ويا. ۽ شيخ اياز جي قومي گيتن کي ڳائي هوءُ شهرت جي آسمان تي پهتي، کيس زمانن جا زمانا پيا ياد ڪندا. ۽ کيس ان مڃتا سبب سنڌ جي “ جيجي” يعني سنڌي ماڻهن جي ماءُ جو لقب مليو. جيڪو مڃتا جي حوالي سان هن لاءِ وڏو اعزاز هو ۽ آهي. هن سياست جي شروعات سنڌياڻي تحريڪ وومين ايڪشن فورم، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان ڪئي. هاري ڪميٽي جي باني ميمبرن مان هئي. پاڻ سنڌي، اردو، سرائڪي، بلوچي، فارسي، عربي، گجراتي ٻوليون رواني سان ڳالهائيندي هئي. هوءَ شاعره به هئي، ۽ ليکڪ به هئي. سندس لکيل ڪتاب “ تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون” لکيو. جيڪو 1992ع ۾ شايع ٿيو. هن جا ڳايل گيت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مقبول ٿيا. سندس مشهور گيتن مان چند گيتن جون سٽون هي آهن.
    1 سڀ ڪا مومل، سڀ ڪو راڻو
    2 تنهنجي ياري
    3 سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو
    4 ڪانگ لنوي
    5 گذري وئي برسات
    6 ڪئين ڪريان مان
    7 اترڙو ٿو لڳي
    جيان سندس شاعري مان هي غزل نموني طور ڏجي ٿو. جنهن جا بند آهن ته؛
    منهنجي جنون جو حال بهارن کان پڇي ڏس،
    سانوڻ جي دلفريب نظارن کان پڇي ڏس،
    ڏينهن رات روئان پيئي، سندي انتظار ۾،
    يقين جي نه اچيئي ته ستارن کان پڇي ڏس،
    طوفان عشق کان ڀڄڻ منهنجو محال هو،
    منهنجي ٻڏڻ جو حال ڪنارن کان پڇي ڏس،
    پنهنجي ئي دل جي باهه جلايو آ اي مٺا،
    سينو سڙي ٿيو خاڪ، شرارن کان پڇي ڏس.
    هن شاعري کان سواءِ سڄي عمر جيجي زرينه بلوچ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ جاکوڙ ڪئي. ان جاکوڙ جي پنڌ ۾ کيس جيڪي مڃتا ايوارڊ مليا، تن ۾ شاهه عبدالطيف ايوارڊ، وحيد مراد ايوارڊ، شاهه، سچل، سامي ايوارڊ، لال شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ، سگا ايوارڊ، سانا ايوارڊ، w.s.c ايوارڊ، رام پنجواڻي ايوارڊ، پي ٽي وي ايوارڊ، سنڌي سدائين گڏ ايوارڊ، فيض احمد فيض ايوارڊ، پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان کيس نوازيو ويو هو.
    سنڌ ۾ لوڪ گيتن وسيلي مڃتا جا رڪارڊ قائم ڪندڙ استاد، شاعره، ليکڪه، موسيقار، فنڪاره ۽ سڄي عمر سنڌ جي ماڻهن جو آواز بڻيل جيجي زرينه بلوچ پنهنجي اولاد کان هميشه لاءِ 25 آڪٽومبر 2005ع ۾ برين ڪينسر وگهي ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ وفات ڪري وئي پر سندس ڳايل گيت ۽ عملي زندگي جا سمورا گس زمانن تائين ياد رهندا.


    نوربانو گوپانگ

    نوربانو گوپانگ ڳوٺ مٺو خان گوپانگ ۾ محمد سليمان جي گھر ۾ 1942ع ڌاري پيدا ٿي. ننڍي هوندي مال چاريندي جهنگ ۽ ٻنين ۾ دل وندرائڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ گهر جي عورتن کان ٻڌل لاڏا يا لوڪ گيت جهونگاريندي رهندي هئي. ۽ ڪجهه درجا پرائمري جا به پڙهي هئي. جڏهن سمجهه لائق ٿي ته، ڳوٺ جي شادين ۾ به گيت ڳائڻ لڳي. هن جو پيءُ هارپو ڪندو هو. جڏهن کائنس هارپ ڦري وئي ته، هو اباڻي ڳوٺ مان لڏي اچي تلهار شهر ويٺو. جتي هو ۽ سندس خاندان واريون عورتون تلهار جي مشهور سيد وڏل شاهه راشدي جي حويلي ۾ وينديون هيون. تڏهن 1965ع دوران سنڌ جا ٻه مشهور اديب ڀاءُ علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي به سيد وڏل شاهه راشدي وٽ تمام گهڻو ايندا ۽ ويندا هئا. ۽ تلهار ۾ ڏينهن جا ڏينهن اچي رهندا هئا. سيد وڏل شاهه راشدي جو پٽ زمان شاهه راشدي ريڊيو حيدرآباد ۾ پروگرام ڪندو هو. ان جڏهن نور بانو جو سُريلو آواز ٻڌو ته، کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي وٺي ويو. ۽ نوربانو جي آواز ۾ لوڪ گيت رڪارڊ ڪرايائين. ۽ سندس صلاح تي نوربانو سندس عزيز حيات گوپانگ ۽ استاد مٺو ڪڇي کان گائيڪي جي فني تعليم حاصل ڪئي. سيد اصغر علي شاهه راشدي تلهار واري ٻڌايو ته، مرحوم پير حسام الدين راشدي اسان جي حويلي ۾ نوربانو گوپانگ جا گيت ٻڌندو هو. ريڊيو تان نوربانو گوپانگ جو ڳايل گيت؛
    منهنجا مائٽ ايندا مونکي ڏوري ڏسندا اباڻا،
    منهنجي مائٽن جونالا ٻوليون سڃاڻا.
    ڏاڍو مقبول ٿيو. ان وقت نشري طور تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سگهاري آواز جو اهڙو ذريعو هو. جيڪو سنڌ جي شهر شهر ۽ گهر گھر ۾ مقبول هو. جئين ئي نوربانو مقبول ٿي گهر گهر ۽ شهر شهر ۾ سندس آواز جي گونج ٻڌي وئي. ۽ ڳوٺ مزار گوپانگ جي رهواسي محمد بخش گوپانگ جيڪو جمالي مائنر جو بيلدار هو. ان پنهنجي مائٽياڻي جي آواز جي هاڪ ٻڌي، ريڊيو ورتو. ۽ هڪ ڀيري جڏهن ريڊيو جي ڪنهن پروگرام ۾ نوربانو گوپانگ اهو گيت ڳاتو ته؛ حاڪم کڙي هان بنگلي دي نال. ان تي مرحوم محمد بخش کي ڪاوڙ اچي وئي، هن ريڊيو ڀڃي ڇڏيو. پوءِ کيس راڄ وارن سمجهايو ته اڙي بابا اهو ته، لوڪ گيت هو، فنڪار جو ته رڳو آواز آهي، شاعري ڪنهن ٻي جي آهي. تڏهن محمد بخش مرحوم کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. ۽ ٻيهر وڃي ريڊيو ورتائين. نوربانو 1970ع کان وٺي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳايو. ۽ پوءِ ڏهاڪن تائين شهر شهر ۾ سندس آواز جي هاڪ هئي. سندس ڳايل ڪافين، لوڪ گيتن ۽ قومي تراني سميت ملي نغمه، ڪلام به گهڻو مشهور ۽ مقبول ٿيا. جن ۾ سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي جي ڪافي ؛
    ڏاڍا قرب ڏنئي احسان سڄڻ،
    توتان جان ڪريان قربان سڄڻ،
    ان جيان سچل سرمست جي ڪافي؛
    اکيان ڙي الا الا وڃ بيوس لڳيان،
    لڳيان جي ماهي تيڏي نال.
    نوربانو گوپانگ کان مون ۽ منهنجي ماسات ليکڪ الهبچايو راهوڪڙو انٽرويو تلهار ۾ سندس گهر ۾ ڪيو. تڏهن نوربانو بيمار هئي. سندس جان محمد مڙس تلهار جي وارڊ نمبر 1 ۾ گهر اڳيان ديوين جون ڪاٺيون ۽ انهن مان اڱار ٺاهي وڪڻي رهيو هو. نوربانو اسان کي پنهنجي بيماري دوران علاج ڪرائڻ جيتري سگهه يا رقم نه هجڻ، ثقافت کاتي جي بي قدري بابت اکين ۾ لڙڪ آڻي ٻڌايو ته، کيس زندگي جي آخري ايام دوران ثقافت کاتي ۽ ريڊيو وارن به وساري ڇڏيو آهي. هن اسان کي چانهه پياري ۽ ماني کائڻ لاءِ زور ڀريو پر اسان ماني نه کاڌي. ۽ انٽرويو جي پڇاڙي دوران ڏڪندڙ هٿن ۽ لڙڪ هاريندي هن اسان کي اهو گيت جهونگاري ٻڌايو ته “ڪڪر ڇانو ڪجان منهنجي مٺڙي مارن تي” اهو انٽرويو ڪڪر ڇانو ڪجان منهنجي مارن تي. ڪاوش مئگزين ۾ شايع ٿيو هو. ۽ شايد نوربانو گوپانگ جي زندگي جو اهو يادگار انٽرويو هو. جيڪو 1994ع ۾ شايع ٿيو هو.
    14 فيبروري 1999ع تي سنڌ جي لوڪ فنڪاره نوربانو گوپانگ ڪسمپرسي واري حالت ۾ وفات ڪري وئي، کيس تلهار جي حيدر شاهه لڪياري جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آواز جي دنيا جي هن نرالي فنڪاره جي وري ڪا ياد نه ملهائي وئي آهي پر سندس آواز مرڻو ناهي. مارن ته کيس وساري ڇڏيو، پر هو پوءِ به چوندي وئي ته (ڪڪر ڇانو ڪجان منهنجي مٺڙي مارن تي). سندس ڌيءُ حميده گوپانگ پڻ سٺي فنڪاره آهي. وقت بدلجيو وڃي، لوڪ فنڪاره نوربانو گوپانگ جي يادن وارو گهر به 2011ع جي مها برساتي ٻوڏ ۾ ڊهي ويو آهي.

    


    عابده پروين

    عابده پروين فن جي دنيا ۾ جيڪو ڳائي نالو ڪمايو آهي، سو هن جيان برصغير جي چند فنڪارن جي حصي ۾ آيو آهي. هن جي ڳائڪي ۽ آواز سان ڪروڙين ماڻهو پيار ڪن ٿا. باباءِ ثقافت سنڌ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ڪيئي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته “اسان جڏهن سيد سمن شاهه سرڪار جو ميلو لڳائڻ جي شروعات ڪئي هئي ته انهن ڏينهن ۾ عابده پروين سمن شاهه جي ميلي ۾ آئي هئي. هو تڏهن نئين نئين ڳائڻ لڳي هئي” پر اها ڪلهه جي نئين فنڪاره هن وقت سنڌ بلڪه برصغير جي اهڙي فن جي بلندي تي پهتل فنڪاره ٿي وئي آهي. جنهن جو ڪومٽ ئي نه آهي. عابده واقعي ڳائي به روح جي سچائي سان ٿي. “جي هينئڙي منجهه هُرن” ڪتاب ۾ ڪلاپرڪاش عابده پروين لاءِ لکي ٿي ته “عابده پروين شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي مارئي آهي. ۽ وطن جي مجسم تصوير آهي. شاهه جي نوريءَ جو نور آهي. عابده پروين جيڏي وڏي فنڪار آهي، ايڏي نماڻي به آهي. غرور نالي ڪنهن چيز سان هن جي واقفيت ڪانهي. هو واڍوڙن جا بيت ٿي ڳائي ته، پاڻ وڍجي ٿي پوي. سسئي جا بيت ٿي ڳائي ته عابده جا پير ٿا پٿون ٿين. سهڻي جا بيت ٿي ڳائي ته پاڻ بيتن جي ڀائو ۾ غرق ٿيو وڃي. موسيقي هن لاءِ عبادت آهي ۽ خدا تائين پهچڻ جو ذريعو آهي. “عابده پروين شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي ڪلام ڳائڻ ۾ صحيح تلفظ استمعال ڪري ٿي. ڪلاپرڪاش پنهنجي ڪتاب “جي هينئڙي منجهه هُرن” ۾ عابده پروين لاءِ وڌيڪ لکي ٿي ته “نارائڻ شيام جي الا ائين م ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي” جي ريهرسل دوران عابده پروين جي اکين رت رُنو هو. هن جا سڏڪا ۽ لڙڪ بند نه ٿين. جنهن ڪري ريهرسل کي روڪيو ويو هو. ۽ پوءِ عابده پروين پنهنجا لڙڪ لفظن ۾ وجھي وري ريهرسل ڪئي هئي. “عابده پروين کي جيڪي به ايوارڊ مليا آهن، انهن سڀني کان وڌيڪ کيس شاهه عبدالطيف جي روحاني ڌيءُ ۽ ملير جي مارئي وارا لفظ عظيم ۽ پنهنجا لڳا. انهن لفظي ايوارڊن تي کيس جيڪو ناز آهي. سو مليل تمغن وارن ايوارڊن کان وڌيڪ آهي. عابده پروين اهڙي فنڪاره آهي. جنهن کي وقت تمام گهٽ ٿو ملي. عابده جڏهن ڳائي ٿي ته وجد ۾ اچي ويندي آهي. عابده پروين جي ريڊيو پروڊيوسر غلام حسين شيخ سان شادي ٿي. جنهن مان کيس سارنگ، سنڌو ۽ پرهه جو اولاد آهي. عابده پروين جو گهر ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا ۾ آهي. پاڻ سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ٻولين ۾ بي انتها ڪافيون رڪارڊ ڪرائي، فن جي دنيا ۾ پاڻ کي اهڙي فنڪاره طور مڃتا ڏياري آهي. جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي. شيخ اياز کان بلهي شاهه تائين ۽ باهو کان شاهه عبدالطيف ڀٽائي تائين هن اهڙن معتبر شاعرن جي شاعري کي گائيڪي جي اهڙي جان ڏني آهي، جيڪا ٻيجل جيان ٻي ڪنهن فنڪار جي وس جي ڳالهه ناهي. انشا کي ڳائيندي چوي ٿي ته درياءَ هو تو ايسا هو. وانگر ڳائي ته عابده پروين ئي ڳائي سگهي ٿي. کيس قدرت واري گائيڪي جي فن واري اهڙي زيور سان نوازيو آهي، جيڪو کيس ئي سونهين ٿو.


    


    مائي ڌائي

    ٿر جي تتل وارياسي ڀٽن ۾ جڏهن مينهن ڪڻين پوڻ کان پوءِ روهيڙي جا رتا گل خوشبو پکيڙيندا آهن. تڏهن ٿر جا اداس ڏهر به لڳندو آهي ته، مرڪي رهيا هوندا آهن ۽ ڪويل جي ڪوڪ جيان مائي ڀاڳي جو آواز جڏهن ٿر مان نڪري دنيا تائين لهرن ذريعي پهتو هو ۽ هن شهرت ماڻي. ڪنهن به ڪون ڄاتو هو ته، ڪو مائي ڀاڳي جي وڇوڙي کان پوءِ به هن صحراءَ ٿر مان ڪوبه عورتاڻو آواز گونجندو. جيڪو ملڪن جون سرحدون پار ڪري ويندو. ۽ واقعي 2015ع دوران ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ لاهوتي اسٽوڊيو اهڙو آواز متعارف ڪرايو، جنهن پياسي ٿر جي دلين جي اُڃ اجهائي ڇڏي. سُر ۽ سنگيت بابت سوچيندڙ دلين جي اندر ائين لهي ويو جئين پرين جي نهار عاشق جي دل کي موهي وجهندي آهي. ٿر جي ضلع عمرڪوٽ جي ڳوٺ حويلي ٺڪر ۾ 1945ع ڌاري مڱڻهارن جي لانگاهه نک ۾ جنم وٺندڙ مائي ڌائي پنهنجي امڙ سان برادري جي شادين مرادين ۾ لوڪ گيت ۽ ڀڄن ڳائيندي هئي. کيس سنگيت جي سُرن جي سکيا ٻارمير جي کنڊ ٻائي کان حاصل ٿي. قبيلي جي رواج موجب کيس مردن اڳيان اسٽيج تي ڳائڻ کان ذات وارن روڪيو پر سندس ڍولڪ وڄائيندڙ پٽ محرم فقير جي اسرار تي ۽ سندس مرشد ناليواري شاعر سردار شاهه جيڪو هن وقت ايم پي اي ۽ ثقافت کاتي سنڌ جو وزير آهي ان جي ڪوشش سان مائي ڍائي ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ لاهوتي اسٽوڊيو پهتي. جتي هن ڍاٽڪي ۾ گيت موريو ريڪارڊ ڪرايو. جنهن کيس آواز جي دنيا ۾ وڏي مڃتا ڏياري. ۽ هو سنڌ جي لوڪ فنڪارن جي صف اول جي قطار ۾ ڳڻجڻ لڳي. ڍاٽڪي لباس پائي هو جڏهن امريڪن ميوزيڪل ميلا ۾ پهتي ته ڏسندڙن جي اکين جو مرڪز بنجي وئي. پنهنجي ڪلا تي کيس مائي بختاور ايوارڊ ۽ ٻيا مڃتا جا ايوارڊ مليا. پر کيس پنهنجي ديس جي مارن جي واهه واهه وارو ايوارڊ وڏو اعزار لڳي ٿو. پاڻ ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ عاطف اسلم سان جڏهن “ڪڏي آووني” ڳايو ته گيت به وڏي مڃتا ماڻي. هن وقت مائي ڌائي جو آواز ۽ سندس ڳايل گيت جهرجهنگن ۾ ٻڌجي رهيا آهن. هي چاهي ٿي ته، عورتون زنجيرن ۾ جڪڙيل نه هجن. ۽ انهن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت هجي. بي بي سي جي رپورٽر جي رياض سهيل کي مارواڙي ۾ انٽرويو ڏيندي هن چيو هو ته هن جي خواهش آهي ته احمد آباد ۽ بمبئي وڃي ڳائي سگهي. ڇاڪاڻ ته ورهاڱو ٿيڻ سبب هو پنهنجي ناناڻڪي ڏيهه جي وڻن کي وري ڏسي نه سگهي آهي.
    هو جڏهن منهن تي گنديءَ ڍڪي، دهل وڄائيندي موريو ڳائي ٿي ته روهيڙي جي گل جهڙي لڳي ٿي.


    شازيه خشڪ

    سنڌي موسيقي ۾ پنهنجو جدا مقام پيدا ڪندڙ شازيه خشڪ 16 سيپٽمبر 1970ع ڌاري پروفيسر فاروق احمد مرزا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هو. شازيه شروعاتي تعليم ڄامشورو ۾ حاصل ڪري سنڌ يونيورسٽي مان ايم.اي اردو ادب ۾ ڪئي. شازيه خشڪ 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ علم سياسيات جي پروفيسر محمد ابراهيم خشڪ سان شادي ڪئي. کيس ننڍپڻ کان موسيقي سان لڳاءُ هو. هن پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران منعقد ڪيل بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس دوران ابراهيم منشي جو ڪلام “سهڻي کائي پئي سور ورو وانجهو” ڳائي داد حاصل ڪيو. 1992ع ۾ پنهنجي ور محمد ابراهيم سان گڏجي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر ۾ سميع بلوچ جي ادبي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪيائين. جتي سندس سينئر پروڊيسر سلطانه وقاصي سان ملاقات ٿي. سلطانه وقاصي کيس ماروي ڊرامه ۾ اداڪاري جي آڇ ڪئي. شازيه اداڪاري نه ڪئي پر وقاصي کي چيائين ته کيس ڳائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. پوءِ کيس سلطانه وقاصي ڳائڻ لاءِ گهرايو. هن پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي ٿري لوڪ گيت “مارا اڏڻان پکيئڙا ڪڏهين آ نه ماري ديس” ڳايو. جنهن تي کيس تمام گهڻي موٽ ۽ مڃتا ملي. ان کان پوءِ شازيه لاکيڻي لطيف جي عرس جي موقع تي ثقافتي ويس ڍڪي موسيقي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. اهڙي طرح شازيه ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ثفافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندي رهي. کيس 1992ع ۾ پروڊيسر ڪوثر ٻرڙو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان متعارف ڪرايو. سندس مادري زبان ڪشميري آهي. پر پاڻ سنڌي، پنجابي، سرائڪي، اردو، بلوچي، براهوي، گجراتي، ڍاٽڪي، ڪشميري، پهاڙي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڳايو آهي.
    شازيه باقاعده سکيا استاد فتح علي خان حيدرآباد وارو، استاد نياز حسين ۽ موسيقار رجب علي رضا مرحوم کان ورتي. شازيه خشڪ آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا، عرب امارات، برطانيه، مالديپ، ٿائلينڊ، سري لنڪا، قطر، ازبڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ فن جي ورکا ڪندي پنهنجو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري چڪي آهي. جپان وارن هن تي ڊاڪيومينٽري پڻ ٺاهي هئي. سرڪاري چئنل کان سواءِ هن نجي ٽي وي چئنلن تي پڻ ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. سندس آواز ڳايل بلوچي گيت دانا به دانا وڏي مقبوليت ماڻي. سندس ڪافي گيت تمام گهڻا مقبول ٿيا آهن. کيس قلندر لال شهباز ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ مليا. هن فنڪاره سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان 1998ع موسيقي ۾ فيلوشپ جي ڊگري ملي. جيڪو وڏو اعزاز آهي. جيڪو کيس ئي ملڪ جي فنڪارن مان مليو آهي. شازيه پنهنجي گهر ۾ موسيقي جي حوالي سان لئبريري به جوڙي آهي. جنهن ۾ دنيا جي مختلف راڳين جون آڊيون ڪيسٽون محفوظ ڪيل آهن. سندس 5 وڊيو ڪيسٽون ۽ 5 سي ڊي ڪيسٽون ۽ 12 آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن. شازيه ڪتاب به تمام گهڻا پڙهيا آهن. جن ۾ وڌ کان وڌ فن ۽ موسيقي بابت ڪتاب شامل آهن. هن جي ثقافتي اسٽائل کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.

    


    مائي سوني

    مائي سوني کي جيڪا مڃتا ملي. سا کيس پنهنجي والد جي ڪري نه ملي، پر کيس پنهنجي استاد امڙ مائي ڀاڳي جي ڪري ملي. مائي سوني کي لوڪ گيتن جي فن جي سکيا پنهنجي امڙ ڏني. آواز جي دنيا ۾ مائي سوني اهي امر گيت ڳايا. جيڪي سندس امڙ مائي ڀاڳي ڳائي مڃتا ماڻي هئي. سندس آواز ۾ به مائي ڀاڳي جهڙو سوز هو. ۽ هن جو انداز به امڙ جهڙو هو.
    مائي سوني 1942ع ۾ ڏيپلي ۾ پيدا ٿي. جتان مٺي ۾ اچي رهي. اتان مهراڻي جي مير جي ماڳ نئون ڪوٽ جي گنج بخش ڪالوني ۾ هاڪڙي جي ڦٽل ڪناري تي اچي رهي. جتي هو روزانو صبح جو پنهنجي امڙ سان رياض ڪندي، سُرن ۽ آواز جي صدائن کي فضائن جي حوالي ڪندي رهندي هئي. 1986ع ۾ سندس امڙ جي وفات کان پوءِ ساڳي انداز ۾ مائي سوني جي آواز ٻڌنڌڙن کي حيران ڪري ڇڏيو. “جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو” “سمن سائين مان گولي غلام تنهنجي در جي” جهڙا لوڪ گيت هن ڳايا ته، دنيا فرق ڪرڻ ڀلجي وئي ته آواز مائي ڀاڳي جو آهي يا مائي سوني جو. مائي سوني زماني جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ سرڪاري وظيفن تي پيٽ ڪون پاليو. پر هن سچي فنڪاره واري سچائي سان فن نگر ۾ پنهنجي اڏام جاري رکي. هن نئون ڪوٽ ۾ فنڪارن جي سکيا لاءِ مرڪز به قائم ڪيو. جيڪو مالي گھوٽالي سبب قائم رهي نه سگھيو. پر هن پوءِ به همٿ نه هاري. پنهنجي امڙ کان مليل سکيا کي پنهنجي لخت جگرن ۾ منتقل ڪري ڇڏيائين. هن پنهنجي ننهن حليمان کي به فن سيکاريو. اتي مائي جيوڻي فنڪاره سان هن جي فن جي حوالي سان دلي محبت ان حد تائين پهتي، جو هن پنهنجي ڌيءُ جو نالو مائي جيوڻي ٻائي رکيو. هن جي چپن تي ڀٽ جا ڀٽائي او ڀٽ تي وسئي نور وارو لوڪ گيت زندگي جي آخري شام تائين رهيو. هو ٿوهرن ۾ پلي پر مورن جي ٽهوڪي جهڙا گيت ارپيائين. کيس اولاد ۾ محمد رفيق، رستم فقير، جيوڻي ٻائي ۽ حاجران آهن. رستم فقير سٺو ڍولڪ نواز آهي. مائي سوني ڦڦڙن، بلڊ پريشر، شگر ۽ دل جي بيماري سبب بيمار ٿي. کيس پٽ رستم فقير مٺي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. جتي طبيعت ۾ سڌارو نه اچڻ سبب ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر عقيل الزمان ڏهه هزار ۽ ايمبولينس ڏني. ۽ مائي سوني کي جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرايو ويو. جتي 2 مارچ 2014ع تي فجر ويل هي سنڌ ڄائي فنڪاره هميشه لاءِ وڇڙي وئي. سندس وڇوڙو هن جي ڪلهن ۾ پيل ڦلڙي واري اجرڪ ۽ سندس صدا حيات آواز ۽ امر گيتن کي ڪڏهن به ماري نه سگھندو. پر حياتي جي کيڏ ۾ هن فنڪاره سان سنڌ جي ثقافت کاتي رٺل سپرين واري ڪار ڪئي. ڪراچي مان هن جو خاڪي مڙهه آڻڻ لاءِ به چندو ڪيو ويو. اها آهي سنڌ جي ثقافت کاتي جي ثقافت جي سفيرن سان محبت. جيڪا ثقافت کاتي جا صاحب نامور فنڪارن سان نڀائيندا پيا اچن. ۽ هاڻي هر سال 2 مارچ اچيو گذريو وڃي ۽ هي سٽ ته؛
    توکان پوءِ ڪير اسان جي سپرين لهندو سار،
    روئاريو وڃي. ۽ ها هن جي جنازي ۾ به مختيارڪار علي نواز سمون کان سواءِ ڪوبه ثقافت کاتي سميت وڏو فنڪار شامل نه هو. هئا ته بس شهر جي گنج بخش ڪالوني جا رهواسين ۽ چند شهرين کيس راضي شاهه جي قبرستان ۾ پنهنجي امڙ مائي ڀاڳي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

    


    قبيلا

    نوري ۽ ملاح قبيلو

    سنڌ جي قديم ذات مهاڻو، جنهن جي عظمت سنڌ کي قديم زمانن کان وٺي چار چنڊ لڳائيندي رهي آهي. هن قبيلي جا ماڻهو موهن جي دڙي واري سنڌ ۾ سنڌ ورڪي ليکيا ويندا هئا. هي ڏيساورن ڏانهن ٻيڙن ذريعي وکر کڻي وڃي وڪرو ڪندا هئا. مصر جي سنڌ باد جي ڪهاڻي به هنن سان مشابقت رکي ٿي. هن قبيلي جا ماڻهو ڀئونچ سمنڊ کان وٺي لنڪا تائين ٻيڙن ذريعي ايندا ۽ ويندا هئا. تڏهن ساڻن طبيب هوندا هئا يا نه.؟ پر هن وقت سنڌ جي ساحلي پٽي تي ۽ سامونڊي ٻيٽن ۾ کين صحت جي ڪابه سهولت ميسر ٿيل ڪون آهي. سندن ڪهاڻين بابت اتهاس جي ڪيئي ڪتابن ۾ هنن جو ذڪر ملي ٿو. قديم دور کان وٺي هن جديد دور تائين، هن قبيلي جي ماڻهن پنهنجي پراڻن ڌنڌن مڇي مارڻ، ٻيڙا ۽ ٻيڙيون هلائڻ کي نه ڇڏيو آهي. پر هاڻي وقت بدلجي ويو آهي. ڏيساورن ڏانهن ٻيڙن ذريعي ايڪسپورٽ نه پئي ٿئي. ڪوٽڙي ڊائون کان هيٺ 1994ع کان وٺي هن وقت تائين هر سال چند ڏينهن سوبه سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ دوران ڪوٽڙي ڊائون کان هيٺ پاڻي ڇڏيو ٿو وڃي. جنهن ڪري سوين مياڻيون ۽ تڙ ويران ٿي ويا آهن. پلي جو نسل به ختم ٿي رهيو آهي. ان ڪري هنن به نوڪرين، تعليم پرائڻ سميت ٻين ڌنڌن ۽ سياست ڏانهن به رخ ڪيو آهي ۽ هن وقت هي سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ مختلف ڪاروبار ڪرڻ سميت زراعت ۽ چوپايو مال پڻ ڌارين پيا پر مهاڻن جي گهڻائي اڄ به ساحلي پٽي، سامونڊي ٻيٽن، ڍنڍن ڍورن ۽ واهن جي ڪنارن تي آباد آهي. ھي اڄ به ٻيڙين، ڪاٺ جي ٺيڪن، پن جي پکن، لانڍين ۾ رهن ٿا پر هاڻي ڪافي سرندي وارن پڪا گهر به تعمير ڪرايا آهن. اهو به وقت هو جڏهن هنن جون ڄڃون ٻيڙين ۽ بيل گاڏين ۾ وينديون هيون. هنن بابت ڪاڪي ڀيرومل لکيو آهي ته، ماڱر جن کي ماڃر به سڏجي ٿو، سي ذات جا مهاڻا آهن. جيڪي دراوڙن جو اولاد آهن. هو قديم زماني کان وٺي سنڌ، ڪڇ، ۽ گجرات ۾ وڻج ۽ واپار ڪندا هئا. ۽ ماڱر مهاڻا ملبار طرف به گھڻا آهن. ماڱر مان لفظ ماڃر ٿي ويو. جيڪو اصل دراوڙي لفظ آهي. رگويد ۾ آرين ۽ هنن جي ويڙهن جو ذڪر آيل آهي. هنن کي پهريان داسيو سڏيو ويو، ۽ پوءِ راس چيو ويو. عرب جي تاريخدانن کين ميد لکي ياد ڪيو آهي. واپاري، جهازران ۽ سامونڊي ڌاڙيل به قرار ڏنو آهي. هنن جي لکڻ موجب هي نهايت بهادر آهن. هو ايران جي لشڪر ۾ به شامل آهن. عرب مورخن لکيو آهي ته هي دجله ۽ فرات ۾ ائين رهندا آهن. جئين سنڌ ۾ رهندا آهن. هي سنڌي سمنڊ کان وٺي ڀونچ سمنڊ تائين ڦهليل آهن ۽ کين پنهنجا علائقا پڻ آهن. ايڇ ٽي سورلي لکيو آهي ته مهاڻو سمي ۽ جت کان گھڻو اڳ جو آهي. ايڇ ٽي سورلي مهاڻي بابت لکيو آهي تهLord of sea or water ( سمنڊ ۽ پاڻي جو بادشاهه). سنڌ ۾ زندگي کي ملاحن نوان رخ ۽ نوان نغما ڏنا. پرمتڀيد سبب هتي اوچ ۽ نيچ جا طبقا پيدا ڪيا ويا. غلام ذاتين جو تصور اڀريو ته مقامي قبيلن سمون، جت، ملاح (مهاڻو) ڀيل، باگڙي، ڪولهي ۽ گاڏڙ نسل کي شودر سمجھي انهن کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويو. جيڪو اڳتي هلي سنڌين جي جدوجھد ڪري بي اثر ٿي ويو. پر ان جا اثر اڄ تائين موجود آهن. ميد، مهاڻو ۽ مويا به ساڳيو نسل آهي. ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ اڄ به مويا شهر موجود آهي. ملاح، ميد، مير بحر يا مهاڻن جا ڪيترائي پاڙا آهن، انهن ۾ آبڙاڻي، عاقباڻي، بچاڻي، باغاڻي، باجاڻي، بارا، باريجا، بٿرا، ڀاڳل، بورا، ٻڌڙ، ڇيڙ، چالڪا، چاريجا، ڊاڀا، ڊڀاڻي، ڊاميجا، ڏيپراڻي، ڏاڍا، ڏانڊيا، آدماڻي، اٽلاڻي، بڇيرا، باگڙا، ٻلهڙا، بڙڇ، بورا، ٻيلائي، بگرا، بوڌاڻي، بوهيرا، ڇاڳيندو، چن، چوٻٽ، ڊاڀلا، ڏپر، دند، ڏرها، ڏکڻ، ڏهريا، آجايا، عزيزاڻي، باداڻي، بهلم، بلواڻي، بارهرا، ڀٽ، باديلا، ڀولگائي، بودراڻي، ٻرڙا، چاڪي، چانڊاڻي، چونڊ، ڊڀراڻي، ڊاگبا، دندا، ڏيرا، ڌنڌل، ڌوڪي، ڍوليا، دوداڻي، ڏنڀر، گڏڙ، گنجڻ، گيگلاڻي، گهونگهٽ، گدڙ، گوجيرا، هالاڻي، حسنناڻي، جهازئي، جاريڪو، جال جائي، ڪاهيا، ڪان راڻي، ڪاريڄا، ڪاٺير، ڪاڇڙي، خديجا، ڪاڪواڻي، خاق پرا، خاداڻي، کڏائي، ڪونچي، قوم واڻي، ڪونجيرا، لاکاٽي، لارائي، لياراڻي، لودائي، لٽير، ڌنداهي، ڏوڪي، گڊا، گانڀاڻي، گاگھم، گھوگھرا، ڇڄڙا، گھوگھير، غلام، هولائي، آبواڻي، جکراڻي، جسراڻي، جوڻاڻي، ڪنڌرا، ڪان ويرا، ڪاسائي، قراق، ڪاڌا، ڪڪڙا، خال ناڻي، خاراڻي، خمينائي، ڪهريجا، ڪونا، ڪونهگئي، قطريا، لالاڻي، لاڙڪ، لونگائي، لولا، مکڙا، ڏيلاسيا، ڍولا، گڏيجاڻي، گدارا، ڳاڙهيا، گهوٽا، گنگاڻي، گجيرا، گنا، هوت خاناڻي، انعامي، جابير، جوڻيا، ڪانهيرا، ڪارا، قاسم پوٽا، ڪيڪائي، ڪاڌترا، کهڙا، خميرائي، کتري، کوپرا، ڪوچاڙا، ڪوٽائي، ڪونگهٽيا، لاکاڻي، لارا، ليارا، لونٺيارا، لوٿرا، مڪڙا،ملحانان، مندارا، مانجواڻي، ماٽي، ميرگاڻي، موريا، مڇيرا، موڪا، مورگل، ناهيا، پکڙا، پنجابي، پارها، ڦوليا، پوپائي، را، رام نائي، روڌيا، سهتا موهاڻا، ساموٽ، سانگيا، سانجهيجا، ساٿياڻي، سکرا، شيلهياڻي، سيال، سوڀ پوٽڙا، ٽالاڻي، ٽينگا، ٿينگا، ولاهري، ويسراڻي، ظهرا، منارا، منگريا، مرائي، ميري، ميسائي، موريائي، مگرا، مولاڻي، موسوائي، نرائي، پکيار، پنجارا، پاريري، پنيار، ڦودڙا، رباني، ريلاڻي، صفراڻي، سکيرا، سانداڻي، سانگي، سانجهوجا، ساٽي، سيا، سرگول، سوڍر، سپرا، ٽانڊيا، ٿهيم، ٽوپياڻي، وساڻا، وونگرا، اسراڻ، منڇري، مانجهواڻي، متار، ميساوا، مٺاڻي، موٽٽاڻي، مهاڻا، مراپورا، ناهيجا، اوٻاڙا، پالڪيا، پارائي، پارسي، پوپرائي، پوريجا، راکيا، روڌ، شارا، سميجا، سنگراسي، سانجاڻي، ساسيائي، ساکٽيا، شاهپورائي، سيريا، سونڙا، طاهراڻي، ٽانرا، ٿاهي موري، ٽويا، ويلاسا، ظاهارا، مورڙا شامل آهن.
    مهاڻن سان مورڙي مير بحر جو مانگر کي مارڻ واري قصي جي سر گھاتو ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح هن طرح عڪس بندي ڪئي آهي ته؛
    اهي ڪڙهيارا ڪنن جا، جن ماريا ٿي مڇ،
    گھوڙا تن گهوٽن جا، اڄ رلن پيا رڇ،
    پاڻهي مرو مڇ، مرڻ وارا اڳ مري ويا.
    يا مهاڻن ۽ ملاحن کي شاهه عبدالطيف خبردار ڪندي چيو ته؛
    “ملاح تنهنجي مڪڙي اچي چور چڙهيا” اتي شاهه سائين مهاڻن جي هڪ عورت نوري جيڪا چنڊ جي سهائي تي ڪينجهر ۾ ٻيڙي تي مڇي ماري رهي هئي، ان جي سونهن تي حاڪم سنڌ ڄام تماچي هرکجي پيو هو، ان جو نقشو هيئن چٽيو ته؛
    ڪينجهر ۾ باهه ٻري، هيڏي ويل ڪياءُ،
    نڪي وراڪو وڄ جو، نڪي شمس سهاءٌ،
    لٿو پاند مهاءُ، ٿيون مرڪن مڇي واريون.
    انهي طرح شاهه سائين انهن سنڌ ورڪي وڻجارن جي پوڄا جو عڪس هيئن عيان ڪيو آهي ته؛
    سيوا ڪر سمونڊ جي جت جر وهي ٿو جال،
    سوين وهن سير ۾ هيرا، موتي، لال،
    جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين.
    اهي سُر جن ۾ شاهه لطيف هنن جي سونهن ۽ وڻج سميت پوڄا کان وٺي، جيڪا سندن انوکين ادائن جي عڪس بندي شعرن ۾ ڪئي آهي. تنهن مان هنن جي بهادري، سونهن، لوپا لنڪي اچڻ سميت سمورا نفسياتي پهلو سُرن ۾ اهڙي انداز سان چٽيا آهن، جن جو ڪو ٻيو مثال ئي نه ڏئي سگھبو. مهاڻن جو شڪار لاءِ هٿيار. رڇ، ڪڙهي، پنت، جهولڻ آهي. هي اڪثر ٻِيڙي تي چڙهي شڪار ڪن ٿا. مهاڻا اڳي غوراب ٺاهيندا هئا ۽ هاڻي ٻيڙيون ٺاهڻ جا ڪاريگر آهن. مهاڻا مڇي مارڻ سان گڏ، ڪُم، ڪوڻيون، پٻڻ، بيهه، لوڙهه ڪڍي وڪرو پڻ ڪندا آهن ته وانجهار اڏي پکي به جھلين ٿا. پن مان ٻوراني جو ٻور ڪڍي ٺاهي وڪرو ڪن ٿا ۽ پن جي ڪاني مان پکا ٺاهي پيٽ جو گذر پڻ ڪن ٿا. مڇي جي ٻج جو ڪاروبار پڻ مهاڻا ئي ڪن ٿا. مهاڻا دريائن، منڇر، ڪينجهر، سميت ڍنڍن توڙي سمنڊ ۾ اڳي ۽ هاڻي ٻيڙين ۾ ئي رڌ پچاءُ ڪن ٿا. سمنڊ ۾ مهينن جا مهينا شڪار تي وڃن ٿا ته، جتي هو ڪتي، تارن ۽ نکٽن جي ذريعي ڏس جو پتو لڳائيندا آهن. سمنڊ ۾ ٻيڙيون ۽ لانچون طوفانن جي نظر ٿيڻ سبب هنن جون حياتيون به موت جو ڪاڄ ٿيو وڃن.
    هن ذات مان احمد ملاح جنهن قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو “نورالقرآن” جي نالي سان سنڌي ۾ ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.
    سمنڊ ۾ حدبندين جي لڪير اورانگهڻ سبب ڪافي ماهگير ملاح مختلف ملڪن ۾ قيد به ٿيندا رهيا آهن. سنڌو درياءَ تي بئراج ۽ ڊيم اڏجڻ بعد 1994ع کان پوءِ پاڻي جا ذخيرا زرعي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪتب آندا ويا ته، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي زيرو ڪرڻ سبب سوين مياڻون ويران ٿي ويون. 1999ع ۾ سامونڊي طوفان اي ٽو به جيڪا تباهي برپا ڪئي. ان ۾ سوين مڇي ماريندڙ ملاح سمنڊ جي لهرن ۾ لڙهي ويا. لکين گھر ڊهي پيا. خطي جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو. اڻڳڻين مهاڻن جي مائرن جون جهوليون خالي ٿي ويون. اڄ به مائي سومري، مائي ڀاڳل، مائي آسيت، مائي حوا ۽ مائي جنت سميت سوين امڙيون پنهنجي پيارن وڻجارن کي ساري اکين ۾ لڙڪ آڻي ويهن ٿيون. ان طوفاني رات جي ڀيانڪ منظرن جي عڪس بندي شاعر هينئن ڪئي ته؛
    اوڻيهه مئي خوني طوفاني رات،
    اي خدا تارا اجنبي ٿي ويا.
    اها اهڙي طوفاني رات ۽ ڏينهن هو، جنهن جا عڪس سمنڊ جي ڪنارن تي صدين تائين چٽا رهندا. هاڻي ته هي کاري کيڙائو مهاڻا وڻج کڻي ڏيساورن ڏانهن به ڏسي ڏياري نٿا وڃن. هن وقت ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ۾ اهي سنڌ ورڪي وڻجارا اٽي ۾ لوڻ برابر به نه رهيا آهن. هاڻي ريڙهي مياڻ کان وٺي نريڙي تائين رهندڙ هزارين مهاڻن لاءِ مٺو پاڻي اڻلڀ آهي. جيڪو هو ميلن جي سفر ڪري مختلف شهرن مان خريد ڪري پيئن ٿا. زندگي جي سڃن راهن تي هي سنڌ جو اهم قبيلو هن وقت سفر ڪري رهيو آهي.

    


    سورٺ ۽ ميگهواڙ قبيلو

    جڏهن ڪو قبيلو پنهنجي ڌرتي تي ننڌڻڪو هجي، سندن حسرتن ۽ زندگي جي سمورين مرڪن کي اٽي جي چڪي ۾ پيٺو وڃي، ڪو به داد ۽ فرياد نه ٿئي تڏهن به ان قبيلي جا ماڻهو پنهنجي ماڳن سان ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪن، ذلالتن جا سمورا طوق پائي به پنهنجا پٽ نه ڇڏين، اهڙن ئي ننڌڻڪن قبيلن ۾ ميگھواڙ قبيلو به هو، جنهن جي ماڻهن صدين کان وٺي، جيڪي ستم سٺا تنهن جون اڻڳڻيون ڪهاڻيون آهن. ميگھواڙ قبيلي جي تاريخ سان جيڪا ويڌن ٿيل آهي، تنهن جا چٽ به هن قبيلي جي زخمن وانگي آهن، بدقسمتي اها آهي، ته سنڌ جي تاريخ جيان هن قبيلي جي تاريخ به دز ۾ دٻيل ئي رهي آهي. پوءِ به هن قبيلي بابت جيڪي محققن جا رايا آهن، تن موجب هن قبيلي کي دراوڙن جي نسل ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هنن متعلق صرف ٻه سبب ٻڌايا وڃن ٿا، هڪ ته اهي رنگ جا ڪارا، قد جا پورا پنا، وار ڪارا ۽ گھنگھرو، نڪ ويڪرا ۽ پٺيان ويٺل. ٻيو سبب سندن ٻولي جو ٻڌائن ٿا. جنهن ۾ هن وقت ٻه ٻوليون تامل، برمي، ڪوهاتر، سنگهالي، مليالم، ڪنڙي، تولو، ڪدوگو، تودو، بودوگر، ارولار، ڪرگو، ڪئريز براهوي ۽ اوڏڪي ٻولي ان جو گروهه چيون وڃن ٿيون. هيل تائين بروهي، مهاڻا، اوڏ، ڀيل، ڪول، سنٿال، منڍولڪ، ڪاريا، گواريا،ڪلال، جٽيا،، ميگھواڙ، سانسي، جوڳي، سامي کي تاريخدان دراوڙ لکن ٿا. اهڙو خيال عمرڪوٽ ضلعي جا دراوڙي قبيلا مقالي ۾ پريتم پياسي ڏيکاريو آهي ته آريا نسل بابت ٻه روايتون آهن، هڪڙي اها ته اهي اصل ڀونچ سمنڊ واري زمين تي رهندڙ ماڻهن جي نسل مان آهن. اتان جي زمين سمنڊ هيٺ اچي وڃڻ سبب اهي مصر، سمر، بابل ۽ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. ٻي روايت موجب درواڙ انڊين اوشين جي ڀر واري ملڪ ائٽلانٽڪ کنڊ جا رهواسي هئا. جن م ليکڪ سنڀو هميراڻي پنهنجي ڪتاب “سمهي سک نه ماڻيو” ۾ لکيو آهي ته سن 90 عيسوي کان 633 عيسوي تائين سنڌ ۾ راءِ گھراڻي جي حڪومت هئي، اهي حڪمران دراوڙ هئا، انهن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد برهمڻن ۽ راجپوتن دراوڙ قبيلي کي تباهه ۽ برباد ڪري کين غلام بڻايو. مٿن ظلم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي هئي، هو دراوڙن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، کين کٽ تي ويهڻ به ڏيندا هئا ۽ انهن جي عبادت گاهن ۾ به درواڙ وڃي نه سگھندا هئا، هنن کي 1970ع تائين ٿر ۾ هندن جي اوچين ذاتين وارا اڇا ڪپڙا به پائڻ نه ڏيندا هئا. برهمڻن ۽ راجپوتن انهن دراوڙن کي شودر ڪوٺيو. سنڌ جو راجا جئه راٿ درواڙ هو ۽ هن ڪورن جي طرفان جنگ ڪئي هئي، ميگھه ونس برهما جي پٽ وئيشيٽ رشي مان ميگھ رشي پيدا ٿيو، جنهن جو اولاد ميگھه ونس سڏجي ٿو. وئشيت ۽ ارونڌتي مان سو پٽ پيدا ٿيا، ان مان شڪست ۽ ميگھه مشهور ٿيا. ميگھه رشي جو اولاد ميگھه وال، ميگھه وار، يا ميگھواڙ سڏائي ٿو. ميگھواڙ، ميگھه+ وار مينهن وسائڻ وارو. سنڌ اندر اهڙا ڪيئي قبيلا آهن، جيڪي پنهنجي ڌنڌي جي ڪري به سڃاتا وڃن ٿا. سنڌ ۾ موچڪو ڌنڌو صدين کان وٺي هن وقت به ميگھواڙ ذات جا فرد ڪن ٿا. موهن جي دڙي جي کوٽائي مان پڻ موچڪي ڌنڌي جون نشانيون ملن ٿيون. هي ارٽ تي ڪپڙو به اڻندا هئا. سنڌ اندر قديم آثارن وارا ماڳ ڪتاب جو ليکڪ تنوير جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ۾ موچين ۽ ڪورين جو ذڪر ڪيو آهي. هنن جون 21 هين صدي ۾ پڻ انوکيون ۽ قديم زماني کان وٺي هلندڙ ريتون رسمون ۽ رواج جئين جو تئين هلي رهيا آهن. ميگھواڙ قبيلي جي شادي ۾ ماءُ گھوٽ سان گڏ نٿي وڃي. جيڪڏهن ماءُ مري ويل هوندي ته گھوٽ جي وڏي ڀاڄائي ڄڃ ۾ نه ويندي. پر واڳڙيا نک جي شادي ۾ گھوٽ جي ماءُ شادي ۾ وڃي ٿي. ميگھواڙن جي مڱڻي “وچوئو” ڪرائيندو آهي. اهو ڪنوار ڳولي ڪنوار جي پيءُ جي گھر ويندو، ۽ ڪنوار جا عزيز ڪٺا ڪري مڱڻي جي ڳالهه چوريندو، ۽ هڪ کارڪ ڪڍي ڪنوار جي عزيزن مان چڱي مڙس کي ڏيندو، اهو ويٺل عزيزن ۾ اها کارڪ گھمائيندو، هڪ کان ٻي ٽي وٽ، جيڪڏهن ڪنهن عزيز کي مڱڻي ۾ اعتراض هوندو ته اهو کارڪ پاڻ وٽ روڪي ڇڏيندو، ۽ پوءِ سڀئي کائنس ناراضپي جو سبب معلوم ڪندا، جيڪڏهن هن کي راضي ڪري نه سگھيا ته، مڱڻي جي رسم ادا نه ٿيندي. هي بدي جا سنڱ ڪندا آهن، پر اهي سڱ پنهنجي نک ۾ ناهن ڪندا. مڱڻي بعد شادي گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال جي عرصي بعد ڪئي ويندي آهي. گھوٽ جون دعوتون ويجھا عزيز ڪاڄ کان اڳ ڪندا آهن. هي شادي جو ونواح دوران گھوٽ کي هٿ ۾ نيٽ ۽ ڪنوار کي اکيو ٻڌو ويندو آهي، هنن جي شادي مهراج ڪرائيندو آهي. گھوٽ سان گڏ ڄڃ سان ويندو آهي، گھوٽ جو مانڊوي سس ڪري کيس تراکيندو ڪري ست دفعا آرتي تال ڪندي آهي. ان دوران ڪنوار پنهنجي سهيلين سان گڏجي گھوٽ کي چانور هڻي، واپس تڪڙي هلي ويندي آهي. گھوٽ کي سس کير پياريندي آهي، پوءِ گھوٽ ڇني ۾ ويندو آهي، ۽ ڄاڃين کي ڪنواريتا کير پياريندا آهن. شادي دوران چئونري جي چئن ڦيرن مان ٽي ڦيرا ڪنوار ڏيندي آهي ۽ هڪ ڦيرو گھوٽ ڏيندو آهي، واڳڙيا نک ۾ ٻه ڦيرا ڪنوار ۽ ٻه ڦيرا گھوٽ ڏيندو آهي، چئونري جي رسم جنهن کي هي لگن چون، ان جو مقرر ٽائيم هوندو آهي، ان دوران گھوٽ ۽ ڪنوار جا عزيز مهاراج گھوٽ ۽ ڪنوار ان رسم ۾ شامل ٿيندا آهن، چئونري دوران هي اتر منهن ڪري ويهندا آهن.
    لال لال پولڪي تي، گلابي ڦولڙان منان موهي ڇڏيو،
    اري! چونڙي سين ڍاڪي راکو، مانجهي سانوري سلوني،
    ڪري مانجهي نجر نه لاگي!
    جهڙا من موهيندڙ ڳيچ جڏهن ڳائجن ٿا ته، ڪاڄ کي چارچنڊ لڳي وڃن ٿا. مهراج گھوٽ ۽ ڪنوار جا ساڄا هٿ هٿ جي ترين تي ڏيئي، رڌل چانور ۽ هڪ رپيو ٽامي جو رکي هٿن کي ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيندو آهي، ان دوران گئو ڏان پڻ ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مقصد آهي ته، نياڻي کي ڏاج ڏنو ويندو آهي، جيڪو ڪنواريتا پنهنجي حيثيت آهر ڏيندا آهن. چئونري تان لهڻ کان پوءِ پهرين گھوٽ ۽ ڪنوار ونواح ۾ ٻڌل هڪ ٻي جو ڳانو ٽوڙيندا آهن، ۽ گھوٽ جي تري تي رکيل هڪ رپيو اگر ڪنوار کڻي وئي ته گھوٽ کي سندس ساليون مذاق بڻائينديون آهن، نکيٽي جنهن کي هي نيثار چون ٿا. گھوٽ ۽ ڪنوار جا پلئه ٻڌي ڏيگھڻ تي ويهاري گھوٽ کان سائي ٽاري وڍرائيندا آهن. شادي بعد گھوٽ ۽ ڪنوار پنهنجي گھر تارا اڀاري ويندا آهن، ڏينهن جو پنهنجي گھر نه ويندا آهن، گھر پهچڻ تي گھوٽ جي امڙ گھوٽ ڪنوار تي ٽي ڀيرا چانور اڇلائيندي آهي، جيڪڏهن ماءُ نه هوندي ته گھوٽ جي وڏي ڀاءُ جي زال ساڳيو عمل ڪندي، گھوٽ ۽ ڪنوار کي اباڻي گھر ۾ ٺهرايل ڇپر کٽ تي ويهاريندا آهن. ميگهواڙ پٽ ڄمڻ لاءِ خاص طور تي پير پٿوري تي باس باسيندا آهن، پٽ ڄمڻ تي پيادل ڇڙي کڻي قافلي جي صورت ۾ ويندا آهن ۽ پٽ جي جھنڊ به پير پٿوري تي وڃي لهرائيندا آهن، باس ۾ باسيل روڪ رقم، مٺائي يا ڍور درگاهه جي پير حوالي ڪندا آهن. ليکڪ سرڳواسي رائچند ميگھواڙ موجب هي پير پٿوري جي نالي پيالو، ڀنگ، پلو ۽ ڀنڊارو به ڪندا آهن، پير پٿوري ۽ سندس ماڙي جو قسم کڻي ڪا ڪوڙي ڳالهه نه ڪندا آهن، هر حالت ۾ پٿوري جي قسم بعد سچي ڳالهه ڪندا آهن. ڇوڪريءِ جي شادي دوران گھوٽيتن کان هڪ رپيو وٺي پير پٿوري جي پيرن حوالي ڪندا آهن. هنن پير پٿوري جي شان ۾ ڪيتريون ڪافيون ۽ ڀڄن رچيا آهن، جيڪي هي روزاني رات جو پنهنجي گھرن ۾ ڳائين ٿا ۽ سال ۾ پير پٿوري جي بڊي ۽ چيٽي مهيني ۾ سالياني ميلي دوران زالين مڙسين ڳائين ٿا.
    واهه پٿورا پير، کليو پيارين کير،
    لاهين درد ڏيل جو، ڀلو سڃاڻين پير.
    هر سال چيٽي چنڊ دوران پير پٿوري جي ميلي تي صرف سندس مريد ويندا آهن، پٿورو جي مريدن ۾ برهمڻ، ڪراڙ، سوٽهڙ، نائي، بجير، راجپوت، سونارا، ميگھواڙ، گرڙا، ڀيل، اوڏ، مٽيا ۽ ڪولهي شامل آهن پر خاص طور تي ميگھواڙ قبيلي جي گھڻين نکن وارا ميگھواڙ جيڪي سنڌ، ڪڇ، گجرات ۽ ٻين هنڌن تي پکڙيل آهن، سي مريدن ۾ شامل آهنس.. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پڻ راءِ گھراڻي جي حڪمرانن کي شودر ڄاڻايو آهي. سنڀو هميراڻي موجب سنڌ جي مسلمانن جو ميگھواڙن سان بهترين سلوڪ رهيو آهي. سنڌ جي هندن جي تاريخ ڪتاب جي ليکڪ ڀيرومل چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ ذاتين جي نکن جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته، نک جو مطلب ڄاڻ، نشان يا پتو آهي، مطلب ته نک مان اهو پتو پوي ٿو ته، اها ڪهڙي گوتر جي شاخ آهي، رگويد زماني ۾ آڪهه وارا پنهنجي وڏي جي نالي پٺيان سڏبا هئا، برصغير ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ميگھواڙن جون جدا جدا نکون ۽ پاڙا آهن، هنن جي نکن ۾ درڙا جيڪي سڄي سنڌ ۾ آباد آهن،
    هنن جون عورتون زيورن ۾ ڦلڙي، وارلو، هسي، باجوبند چوڙا، چوڙيون پائينديون آهن. لباس ۾ گجرو، گج، پڙو ۽ گندي (چنري) اوڍين ٿيون. سندن نينگريون شادي کان اڳ چولو ۽ ڪانچ پائينديون آهن. ۽ مرد شلوار قميص پائين. اڳي لانگوٽو به ٻڌنڌا هئا، ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌن ۽ ٽوپي پڻ پائين ٿا. هن وقت ميگھواڙ قبيلي جا ماڻهو پنهنجي گھرن ۽ ڪاڄن ۾ سايون ڀاڄيون رڌيندا آهن، ڍڳي جي گوشت کان سواءِ ننڍو گوشت، وڏو گوشت ۽ مڇي پڻ کائين ٿا. پر هندو وشنو ڪڏهن ٿيا، ان بابت ڀيرو مل آڏواڻي لکيو آهي ته “رگ ويدڪ زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ ٿڌ تمام گھڻي پوندي هئي، تنهنڪري آريا لوڪ مڇي ماس کائڻ جي ضرورت سمجھندا هئا، ڳائو ۽ ماهيو گوشت به حلال ڪري ڄاڻندا هئا، مها ڀارت واري زماني تائين اهو رواج هلندو آيو ۽ پوءِ پڪا ويشنو ٿيا.” هي ساردرو جي ميلي ۽ مندر، راما پير جي ميلي سميت، چيٽي چنڊ دوران هر سال لڳندڙ پير پٿوري جي سالياني ميلي ۾ زالين مڙسين عقيدت ۽ احترام سان پير پٿوري جا ڳيچ ڳائي شريڪ ٿين. “پٿورو ٿو هسي” هنن جي ٻولي واري لهجي ۾ عام چوڻي آهي، جيڪا هنن جي وات وائي هوندي آهي. پير پٿورو جرڪس ڏناڻي، ابراهيم ناگوراڻي ۽ ڇٽو جي غوثيه جماعت سان گڏجي ملتان غوث بهاءُ الدين ذڪريا جي سلامي ڀرڻ ويو، جتي غوث کيس پير جو لقب ڏنو ۽ ميگھواڙ قبيلو بخشش ڪري مريد طور حوالي ڪيو. هنن مان گھڻا غوث بهاءَ الدين ذڪريا جي غوثيه جماعت سان ملتان به ويندا آهن ۽ غوث جو روٽ واري ماني به عقيدت سان ڪندا آهن. ملتان ايندي ويندي غوث بهاءَ الدين ذڪريا جا نعرا به هڻندا آهن، سنڌ ۾ رهندڙ هن قبيلي جا ماڻهو سنڌي، هندي، مارواڙي، ڪڇي، ڍاٽڪي، گجراتي، پارڪري، لاڙي، اترادي لهجا ۽ ٻوليون ڳالهائين ٿا. موجوده هند جي مختلف حصن کان هتي آيل ميگھواڙ پنهنجي گھرن ۾ ڍاٽڪي، مارواڙي، گجراتي، ڪڇي ۽ پارڪري لهجي ۽ ٻولين ۾ ڳالهائيندا آهن. مثال طور لفظ ڍاٽڪي نجر، منان، مکڙو، تهانجي ڪري ڳالهائين. جئين هي جملا 1. اوهين ڪٿ ٿا جائو.؟ 2. تمهين ڪيٿ جائو ڇو.؟ هي پنهنجي مُردن کي اڇي ڪپڙي جو ڪفن ڏيئي قبرستان ۾ دفن ڪن ٿا. هي جڻيو ٻڌن ٿا، کين پنهنجون ڀيڻون راکي به ٻڌنديون آهن،هن قبيلي ۾ طلاق جو رواج ناهي، جيڪڏهن ڪنهن ناري جو جواني ۾ ور مري ويو ته، ٻيو ور به ڪري ٿي. مذهبي ڏڻن ۾ هوليءَ، ڏياري، شيوراتڙي (ٿڌڙي) آکاتري هندو مذهب واريون عيدون ملهائيندا آهن. ميگھواڙ قبيلي ۾ سنت ڀڳت رويداس مشهور درويش ٿي گذريو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ هن قبيلي جي انوکي رسمن سميت هن قبيلي جي مردن ۽ عورتن کي دستڪاري جي فن ۾ ڪمال درجي جي مهارت آهي. ڳوٺ ٽاڀو ميگھواڙ جي رهواسين هڪ شال ٺاهي اڳوڻي شهيد وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي تحفي ۾ ڏني، ان تحفي تي محترمه ڏاڍو خوش ٿي، اسلام آباد جي لوڪ ورثا ۾ ساڳئي ڳوٺ جي دستڪاري واري فن تي اڳوڻو صدر فاروق احمد لغاري به ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن قبيلي جا مرد ۽ عورتون وڏا هنرمند آهن ۽ هيٺيون شيون ٺاهڻ جا ماهر ڪاريگر ليکيا وڃن ٿا، جن ۾ سانداريون، شالون، کٿا، کيس، چادرون، نوارون، کرڙ، کاهيون، سجايون اٺن جي پاکڙن جون، ٿڙها گھوڙن جا، اٺن جا ٻڙها، چونڪ ٻوريا، اٺن جا مهرا، کٽون، هندورا، پلنگ، ڪرسيون، در ۽ دريون، قالين، چمڙي جون جتيون، جوتا شامل آهن. هن وقت سنڌ ۾ ميگھواڙ قبيلي جا 90 سيڪڙو فرد پڙهيا لکيا آهن. تلهار جو هيرومل مشهور استاد آهي، هن وقت سنڌ ۾ وٽنري کاتي ۽ تعليم کاتي ۾ هن قبيلي جا نوجوان وڏي انگ ۾ ملازم آهن، ٻين کاتن ۾ به موجود آهن. اليڪٽرانڪ کان پرنٽ ميڊيا ۾ به ڪافي نوجوان هن قبيلي جا شامل ٿي ويا آهن. ننگرپارڪر ۾ هن قبيلي جا مشهور رازا چيا وڃن ٿا. سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هن قبيلي جون عورتون سورٺ، سيتا، ڪرشنا ۽ ٻيون گج، چولا، رومال، وهاڻا تمام سٺي نموني سان پنهنجي ڀرت ذريعي ڀرين ٿيون. هن قبيلي جون عورتون دستڪاري واري هنر ۾ پڻ ملڪان ملڪ مشهور آهن. گھڻن شهرن ۾ سندن جوتن جي دڪانن سميت درزڪا دڪان پڻ اٿن. تعليمي حساب سان هن وقت هن قبيلي جا اسي سيڪڙو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم پرائي رهيا آهن. هن وقت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ رهندڙ ميگھواڙن جا پڪا گھر آهن ۽ ٿر سميت ٻهراڙي ۾ رهندڙ ميگھواڙن جون لانڍيون، پڪا گھر ۽ چئونرن ۾ رهن ٿا. ٿر ۾ اڄ به ميگھواڙن جي چئونرن جي چوٽي ۾ اڀو ڪاٺ لڳل هوندو آهي، جنهن اوچين ذاتين وارا هندو محسوس ڪن ٿا ته، هي ميگھواڙ جو گهر آهي. اتهاس جي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن قبيلي جا ماڻهو جنگجو ڪونه رهيا آهن.

    


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1376030
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406733
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ