ڪتاب جو نالو: هيملٽ (ڊرامو)
مصنف: وليم شيڪسپيئر / وحيد لاشاري
ڇپائيندڙ: سڀيتا پبليڪيشن ميهڙ
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 26 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 337 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 141 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
انگريز ليکڪ وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو ”هيملٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن مشهور ڊرامي جو سنڌيڪار وحيد لاشاري صاحب آهي.
وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • هڪ اهم ڪتاب
  • ڊينمارڪ جو شهزادو هيملٽ

  • ڪردار
  • عمل - پهريون

  • منظر- پهريون
  • منظر - ٻيو
  • منظر - ٽيون
  • منظر - چوٿون
  • منظر - پنجون
  • عمل - ٻيون

  • منظر - پهريون
  • منظر- ٻيو
  • عمل – ٽيون

  • منظر – پهريون
  • منظر - ٻيو
  • منظر - ٽيون
  • منظر - چوٿون
  • عمل – چوٿون

  • منظر - پهريون
  • منظر - ٻيو
  • منظر - ٽيون
  • منظر – چوٿون
  • منظر – پنجون
  • منظر - ڇهون
  • منظر - ستون
  • عمل – پنجون

  • منظر - پهريون
  • منظر - ٻيو
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر 2

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: هيملٽ
    موضوع: ڊرامو
    ليکڪ: وليم شيڪسپيئر
    سنڌيڪار: وحيد لاشاري
    ڇاپو پهريون: جنوري 2018
    ٽائيٽل: آصف رضا نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: دوستي سٿ. سنڌ
    ڇپائيندڙ: سڀيتا پبليڪيشن. ميهڙ

    ڪتاب ملڻ جو هنڌ:
    سنڌ جا سمورا ڪتاب گهر.
    رابظي جي لاءِ:
    ڀٽائي محله ميهڙ، ضله دادو سنڌ
    0347323019

    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    محمد ابراهيم جويي
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب انگريز ليکڪ وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو ”هيملٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن مشهور ڊرامي جو سنڌيڪار وحيد لاشاري صاحب آهي.
    وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.
    هي ڪتاب سڀيتا پبليڪيشن ميهڙ پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست، ليکڪ ۽ شاعر احمد شاڪر جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    ادب جي هر دور ۾ اهميت رهي آ ۽ رهندي ۽ اهو ادب ئي آهي، جيڪو دنيا جو ٽيون وڏي ۾ وڏو استاد آهي. هر دور ۾ هڪ اهڙي ته زبردست شخصيت پيدا ٿيندي آهي ۽ اها شخصيت هر نئين ايندڙ دور تي پنهنجا اڻ وسرندڙ نقشَ ڇڏي ويندي آهي. شخصي اثر جهڙوڪ تبديلي جو جنم آهي.
    اسان جيڪو خواب ڏٺو آهي، اهو خواب ساڀيان جي روشن صبح کڻي آيو آهي. خواهشن جو پورو ٿيڻ جهڙوڪ خوشين جا خرار حاصل ڪرڻ آهي. سڀيتا - پبليڪيشن جو هيءُ ٻيو ڪتاب آهي ۽ اسان جو اهو ئي مقصد آهي ته ناياب ۽ انساني شعور جي واڌاري جي لئه ڪم ايندڙ ڪتابَ سنڌي ماڻهن جي هٿن تائين آڻيون ۽ انهن ڪتابن مان سنڌي ماڻهو مستفيض ٿين.
    وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.

    ادارو


    هڪ اهم ڪتاب

    هن اربن، کربن جي آبادي واري دنيا ۾ تمام گهٽ ماڻهو هوندا جن وڏا ڪارناما سر انجام ڏنا هجن پوءِ اهي سائنس جي شعبي سان ڳنڍيل هجن. فلسفي جا مسئلا هجن. معاشيات يا ادب جي شعبي سان سلهاڙيل هجن. اڄ کان اٽڪل ساڍا چار، پنج صديون اڳ انگلستان ۾ هڪ شاعر، اداڪار ۽ ڊراما نويس پيدا ٿيو، جنهن جو ڪم شاعري ۽ ڊراما لکڻ هو ۽ اهو شاعر ۽ ڊراما نويس وليم شيڪسپيئر هو. اها صدي شيڪسپيئر جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جنهن صديءَ ۾ هو پيدا ٿيو هو.
    وليم شيڪسپيئر 26 اپريل 1564ع تي پيدا ٿيو. هن کي نه رڳو انگلستان پر پوري دنيا ۾ وڏي شاعر ۽ ڊراما رائيٽر طور تسليم ڪيو ويو آهي. اٺٽيهه ننڍا، وڏا ڊراما لکيائين. سانيٽ ۽ وڏا بيانيه نظمن کان سواءِ اداڪاري به ڪئي. هن ارڙهن سالن جي ننڍي عمر ۾ عيني هيٿوي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي ٽي ٻارَ ٿيا. وڏي ڌيءُ سزينا ۽ ٻه جاڙا ٻارَ هڪ پُٽ هيمنيٽ ۽ هڪ ڌيءُ جدٿ هئي.
    وليم شيڪسپيئر پنهنجا شروعاتي ڊراما تاريخ ۽ مزاحيه موضوعن تي لکيا ۽ پوءِ آخر ۾ هن خاص ڪري خوفناڪ واقعن ۽ غم ناڪ واقعن تي ڊراما لکيا، جنهن ۾ هيملٽ، اوٿيلو، ڪنگ ليئر ۽ ميڪبيٿ اهم آهن. شيڪسپيئر جنهن دور ۾ پيدا ٿيو هو، اهو دور انگريزي ادب جو سونهري دور به سڏجي. شيڪسپيئر تي نئين سجاڳي واري دور جو اثر تمام گهڻو رهيو، اهو اثر اسان سندس لکڻين ۾ آساني سان ڏسي سگهون ٿا.
    وليم شيڪسپيئر؛ جا ڊراما ته سڀ جا سڀ دنيا ۽ انگريزي ادب ۾ هڪ اهم حيثيت رکن ٿا، پر هن جي جڳ مشهور ڊرامن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ اهم ڊرامو هيملٽ آهي. هيملٽ؛ انگريزي ادب ۾ تمام اهم حيثيت رکي ٿو ۽ ادب ۾ سر فهرست آهي. هو هڪ تمام وڏو ڏاهو هو. اها سندس خوبي آهي جو، پراڻي ڪهاڻي ايمنيٽ کي وڌائي، هڪ نئين ۽ جديد انداز ۾ لکيو، جيڪا ڪهاڻي ادب جي دنيا ۾ شاندار ۽ جاندار آهي، جنهن کي هيملٽ سڏيون ٿا.
    هيملٽ؛ ڊرامو ڊينمارڪ جي شهزادي جي ڪهاڻي آهي. هيملٽ (مرڪزي ڪردار) ڊينمارڪ جي بادشاهه ڪيلاڊيس جو ڀائٽو ۽ بادشاهه ڪلاڊيس جي زال ۽ راڻي گرٽريوڊ جو پُٽ هو. جيڪو ولايت ۾ پڙهندو هو ۽ پيءُ جي موت جي خبر ٻڌندي ئي ديس اچي وڃي ٿو ۽ پنهنجي پيءُ جي موت جا سبب معلوم ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. هيملٽ؛ کي شڪ ٿي پوندو آهي ته سندس پيءُ کي ڪنهن ماريو آهي، پوءِ پيءُ جي موت جو بدلو وٺڻ لاءِ آتو هوندو آهي. هيملٽ؛ ڊرامو نهايت ئي اهم ۽ ڪارائتو آهي ۽ هن ڊرامي ۾ سڀ جا سڀ ڪردارَ نهايت ئي اهم آهن.
    هيملٽ؛ ڊرامي ۾ هيملٽ؛ جو پيءُ سان پيار نهايت ئي اوچي پدَ جو ڏيکاريو ويو آهي ۽ هيملٽ؛ جو امڙ سان پيار ۽ ماءُ جي مڙس سان بي وفائي به اهم موضوع آهن. هن ڊرامي ۾ هيملٽ؛ جو اوفيليا سان پيار ۽ هريشيو سان دوستي به هڪ اهم پاسو آهي. ڊرامي ۾ هيملٽ؛ جو مرڪزي ڪردار زندگي ۽ ڪائنات جي اهم ۽ گهرائي سان بحث ڪندي نظر اچي ٿو.
    هيملٽ؛ ڊرامي جون ڪجهه اهم ۽ خاص سٽون هيءُ آهن (ٽوبي آر ناٽ ٽوبي) مطلب جيئجي يا نه جيئجي. هي مڪالمو هن سڄي ڊرامي جو رُوح آهي ۽ هن مڪالمي ۾ هيملٽ؛ خودڪلامي ڪندي نظر اچي ٿو. جنهن ۾ هو پاڻ سان درپيش مسئلن کان تنگ ٿي سوچي ٿو ته، “ڇا هاڻي زندگي کي هلڻ ڏجي يا اهڙي عذاب واري زندگي جو انت آڻجي.” جيتوڻيڪ هي مڪالمو اڄ کان پنج صديون اڳ لکيو ويو هو، پر پوءِ به هي اڄ جي دور سان ڪيڏو نه ٺهڪي اچي ٿو ۽ هن دور ۾ انسان ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو.
    هن ڊرامي ۾ هر هڪ ڪردار الڳ الڳ ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو ۽ هيملٽ؛ جو مرڪزي ڪردار ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو ۽ هيملٽ؛ جو ڪردار هڪ بهادر ۽ صبر وارو نظر اچي ٿو. هيملٽ؛ جو ڪردار فلسفاڻو ۽ شاعراڻو جهڙوڪ آهي. هيملٽ؛ جي بهادري ۽ حساسيت ان مان نظر اچي ٿي جڏهن هو پولونيس کي قتل ڪري ٿو. اوفيليا جي تدفين وقت جذباتي ٿي وڃي ٿو. هڪ جهاز کان ٻي جهاز ۾ ٽپو ڏئي ٿو ۽ تلوار بازي ڪرڻ وقت بهادري ڏيکارڻ. اهي ڊرامي جا حصا هيملٽ؛ جي بهادري ۽ حساسيت کي ظاهر ڪن ٿا. فقط هڪ ئي صدمو هن کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهو صدمو سندس پيءُ جو موت ۽ ماءُ جي بي وفائي آهي.
    هيملٽ؛ جو ترجمو گهڻن ئي ٻولين ۾ ٿيو آهي ۽ اهو ترجمي وارو عمل هيملٽ؛ جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. ان لاءِ مان به هي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هيملٽ؛ کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس اوڍايو آهي. اسان جي سماج ۾ اڻ برابري جي ڪري ماڻهو خودڪشون ڪن ٿا ۽ هي ڊرامو ۽ هيملٽ؛ جو ڪردار اسان کي خودڪشي ڪرڻ نه بلڪه جيئڻ جا نوان گسَ ڏسي ٿو. سنڌي ادب ۾ تمام اهم ۽ موضوعاتي ڊراما لکيا ويا آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ هڪ اهم حيثيت رکن ٿا. شيڪسپيئر! هيملٽ؛ لکيو ته سورهين صدي م هيو، پر اڄ به ايڪوينهين صدي م پڙهڻ سان اسان کي ائين لڳندو ته جهڙوڪ هيملٽ؛ اڄ جو لکيل آهي. اها شيڪسپيئر جي ڪاميابي آهي جو سندس لکڻيون هر دور ۾ زنده ، جاندار ۽ شاندار لڳي رهيون آهن.
    آخر ۾ آئون سڀيتا - پبليڪيشن جي دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن هن ترجمي ڪرڻ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي. احمد شاڪر ۽ عبدالنبي چانڊئي جو سهڪار به نٿو وساري سگهجي. سچ ته هيءُ ترجمو مون لاءِ ڏاڍو مشڪل بڻجي وڃي ها، جيڪڏهن ان ۾ منهنجي شريڪِ حيات جو ساٿ نه هجي ها.

    وحيد لاشاري - ميهڙ
    03003256447


    ڊينمارڪ جو شهزادو هيملٽ

    ڪردار

    1 ڪِلاڊيس: ڊينمارڪ جو بادشاهه
    2 هيملٽ: ڊينمارڪ جي اڳوڻي بادشاهه جو پُٽ ۽ موجوده بادشاهه ڪِلاڊيس جو ڀاٽيو
    3 پولونيس: لارڊ چيمبرلين (عملدارن جو سربراهه)
    4 هُريشو: هيملٽ جو دوست
    5 لائرٽس: پولونيس جو پُٽ
    6 والٽي مِنڊ ۽ ڪارنيليس: ناروي کان واپس آيل سفير
    7 روزنڪريٽس: هيملٽ جو اسڪولي دوست
    8 گِلڊنسٽرن: هيملٽ جو اسڪولي دوست
    9 مارسليس: سرڪاري آفيسر
    10 برناڊو: سرڪاري آفيسر
    11 فرانسيسڪو: هڪ سپاهي
    12 فارٽن براس: ناروي جو شهزادو
    13 سفير: انگلستان جو سفير
    14 گرٽريُوڊ: ڊينمارڪ جي شهزادي ۽ هيملٽ جي ماءُ
    15 اوفيليا: پولونيس جي ڌيءُ ۽ هيملٽ جي محبوبا


    عمل - پهريون

    منظر- پهريون

    منظر- پهريون

    (شاهي محل جي سامهون هڪ وڏي چبُوتري جتي فرانسڪو پهرو ڏيئي رهيو آهي. برنارڊو سامهون اچي ٿو)


    برنارڊو: ڪير آهي؟
    فرانسيسڪو: اها ڳالهه ته منهنجي پڇڻ جي آهي، خبردار اڳتي نه وڌ ۽ جواب ڏي ته تون ڪير آهين؟
    برنارڊو: “بادشاهه زندهه آباد”
    فرانسيسڪو: اڇا! برنارڊو تون آهين ڇا؟
    برنارڊو: ها مان آهيان برنارڊو.
    فرانسيسڪو: واهه واهه صفا ٺيڪ وقت تي آئين.
    برنارڊو: (12) پيا ٿين، فرانسڪو تنهنجي پهري جو وقت ختم ٿيو ۽ وڃ آرام ڪر.
    فرانسيسڪو: پهري تان فارغ ڪرڻ لاءِ وڏي مهرباني. غضب جي سردي آهي ۽ مان ٿڪي ٽٽي پيو آهيان.
    برنارڊو: ٻُڌاءِ پهري ۾ سڀ چُپ چاپ رهيو؟
    فرانسيسڪو: ڪا ڀُڻڪ ئي نه ٿي.
    برنارڊو: اڇا! رات جو سلام. جيڪڏهن رستي ۾ هُريشو ۽ مارسيليس ملي وڃن، جيڪي مونسان گڏ پهرو ڏئڻ وارا آهن ته انهن کي چئجان، جلدي هتي اچن.
    (هُريشو ۽ مارسيليس داخل ٿين ٿا)
    فرانسيسڪو: منهنجي خيال ۾ مان انهن جو آواز ٻڌان پيو. بيهي رهو! ڪير آ - اوڏانهن؟
    (هُريشو ۽ مارسيليس اندر اچن ٿا)
    هُريشو: هن ملڪ جا خيرخواهه ۽ جانثار.
    مارسيليس: ۽ بادشاهه ڊينمارڪ جا وفادار محڪوم
    فرانسيسڪو: ٻنهي صاحبن کي سلام
    مارسليس: الوداع! توهان کي پهري تان ڪنهن فارغ ڪيو؟
    فرانسيسڪو: برنارڊو منهنجي جڳهه تي پهرو ڏيئي رهيو آهي.
    مارسيليس: اڇا، سلام
    فرانسڪو: اڇا، رات جو سلام
    (فرانسڪو هلو وڃي ٿو)

    مارسيليس: برنارڊو؟
    برنارڊو: چئو، ڇا ٿو چوين، ڇا هُريشو به گڏ آهي؟
    هُريشو: سڀ نه پر ڪجهه ته آهيون.
    برنارڊو: شاباس هُريشو شاباس، مارسيليس ڀلي ڪري آيَوَ.
    مارسيليس: ڇا اڄ رات به اها شيءِ نظر آئي هئي؟
    برنارڊو: مونکي ته اهڙو ڪجهه به نظر نه آيو
    مارسيليس: هُريشو چئي رهيو آهي ته اهو صرف اسان جو وهم ۽ خيال آهي. اسان جيڪا خوفناڪ شڪل ٻه دفا ڏٺي آهي، ان جو يقين اُن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو اچي. مان وڏين منٿن ۽ التجائن سان هُن کي پاڻ سان گڏ هيستائين آندو آهي، ته هُو رات جو اسان سان گڏ پهرو ڏئي ۽ جيڪر وري اها ساڳي شيءِ نظر اچي ته اسان جيڪو ڪجهه پهرين ڏسي چُڪا آهيون. هُو ان جي تصديق ڪري ۽ ان سان ڳالهائي به.
    هُريشو: رفعا دفعا ڪيو ان ڳالهه کي ڪهڙي وهم ۾ پيا آهيو، اُها هاڻي هرگز نه ايندي.
    برنارڊو: ڪجهه گهڙي لاءِ خاموش ويهي رهه! ۽ اجازت ڏي ته اسان توکي اها ئي واردات ٻُڌايون، جيڪو ڪجهه تون ٻُڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهين. اهو اسان کان ٻُڌ ته اسان گذريل ٻن راتين ۾ ڇا ڏٺو.
    هُريشو: اڇا صحيح آ، اچو ويهو ۽ برنارڊو کي سڄو قصو ٻُڌائڻ ڏيو.
    برنارڊو: ٻُڌو....! ڪالهه جڏهن اڌ رات جو سامهون وارو تارو، قُطب تاري کان پُورب جي طرف گردش ڪري اچي اُتي اچي پهتو، جتي هاڻي اهو آسمان جي انهيءَ حصي کي روشن ڪري رهيو آهي ۽ گهڙيال تي هڪ 00؛1 (اي ايم) جو وقت ٿيو ته مارسيليس ۽ مان....
    (روح هڪ مٽيءَ جي رنگ واري شڪل ۾ نظر ايندو آهي)
    مارسيليس: ماٺ ڪيو، ڪوئي به نه ڳالهائي. ڏسو هوڏانهن هُو وري نظر آئي.
    برنارڊو: شڪل ۽ صورت ته اها ئي اٿس، جيڪا ڊينمارڪ جي بادشاهه مرحوم جي هئي.
    مارسيليس: تون ته پڙهيو لکيو ماڻهو آهين، هُريشيو! هُن کان ڪجهه پڇيو ته،
    برنارڊو: ڇا هو بادشاهه وانگيان نه آهي ؟ هُريشيو ٿورو غور سان ڏسينس.
    هُريشيو: هُوبهُو بادشاهه جي شڪل آهي. خوف ۽ حيرت ۾ مان ته ٿڌو ٿيندو ٿو وڃان!
    برنارڊو: جيڪو ڪجهه به هجي، ان سان ضرور ڳالهائڻ گهرجي.
    مارسيليس: هُريشيو هن کان ڪجهه پُڇو ته،
    هُريشيو: توهان ڪير آهيو؟ ۽ ڇو اڌ رات جي وقت توهان اختيار (تعرف) ڪيو آهي، ۽ ڇو اهڙي حسين ۽ جنگجو شڪل ۾ توهان ظاهر ٿيا آهيو. جنهن ۾ ڊينمارڪ جو بادشاهه (جنهن کي اسان هاڻي مٽيءَ جي حوالي ڪري چُڪا آهيون) نڪرندا هئا؟ خدا جو قسم ڏيئي پُڇانوَ ٿو ته توهان ٻڌايو ته توهان ڪير آهيو؟
    مارسيليس: لڳي ٿو ته رُوح رنج ٿي ويو.
    برنارڊو: ڏسو ماٺ ميٺ ۾ هڪ طرف کان لڪي سُرڪي ويو.
    هُريشيو: ترسو ترسو منهنجو سوال آهي ته توهان ڪجهه پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندا وڃو.
    (رُوح هليو وڃي ٿو)
    مارسيليس: رُوح ته هليو ويو ۽ ڪنهن سان به هُن ڳالهائڻ نه چاهيو.
    برنارڊو: هُريشيو توکي ايتري ڏڪڻي ڇو آهي، چهرو ايترو ڇو ڦڪو ٿي ويو اٿئي، تون ته اِن کي اسان جو وهم وهم ۽ خيال ئي سمجهندو هيئن نه! هاڻي ڏٺئي ته اِهو وهم ۽ خيال کان ڪيترو وڌيڪ آهي. هاڻي تون ئي ٻُڌائي ته تنهنجو ڇا خيال آهي؟
    هُريشيو: خدا شاهد آهي جيستائين مان پنهنجي اکين سان نه ڏسان ها ڪڏهن به ان جو يقين نه ڪيان ها.
    مارسليس: ڇا هُوبهُو بادشاهه وانگر نه آهي؟
    هُريشيو: اهڙي ئي مثل آهي. جيئن تنهنجي صورت توسان مشاهبيت رکي ٿي، اهڙي ئي لوهي پوشاڪ جيڪا هُن ان ڏينهن پاتي جنهن ڏينهن هو مفرور ۽ لوڀي بادشاهه ناروي سان وڙهيو هو ۽ نِرڙ تي اِهي ئي ڪاوڙ وارا گُهنجَ هيس، جڏهن ته هو پنهنجي ڏاڍَ ۽ ڪاوڙ واري حالت ۾ پولستان جي بهادرن کي جيڪي برف تي هلندڙ گاڏي تي سوار هيا. انهن کي هڪ دم قتل ڪري انهن جا لاش برف ۾ پوري ڇڏيا هيائين. حيرت جو مقام آهي.
    مارسليس: ٻه دفعا اڳ ۾ ۽ اڄ هن وقت اونداهه رات ۾ اسان جي پهري ۾ جنگلي لباس ۽ فوجي انداز ۾ گشت ڪندي نظر آئي آهي.
    هُريشيو: سمجهه ۾ نه ٿو اڇي ته هِن خيال لاءِ ڪهڙو پهلُو اختيار ڪجي، جو هي معاملو حل ٿئي. پر جيستائين منهنجي راءِ آهي ته ايترو ضرور چوندس ته اسان جي رياست ۾ ڪو فتنو ۽ فساد اُٿڻ وارو آهي.
    مارسليس: ٺيڪ آ، سڀ دوست ويهي رهو ۽ جنهن کي به خبر هجي اهو ٻڌائي ته اڄ ڪلهه رياست ۾ جيڪا پهريداري ايتري شدت وڌي آهي جو ملڪ جي محڪومن کي ڏينهن ته ڏينهن پر راتين جو به محنت ۽ مزدوري ۾ مشغول رهڻو ٿو پوي. اِن جو سبب ڇا آهي؟ هي ٽامائي توبون ڇو آنديون وڃنن ٿيون ۽ ٻاهرين ملڪن مان ويڙهه جو سامان ايتري جهجهي تعداد ۾ ڇو گهرايو وڃي ٿو؟ جهاز ٺاهڻ وارن ۾ ڇو ايتري تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي جو هو هفتي ۾ آچر واري ڏينهن به ڪم کي نه ٿا ڇڏين؟ محنت ۽ لگن ان ۾ ڏينهن ۽ رات هڪ ڪري ڇڏيو اٿن جيڪو به ڪير ڄاڻي ٿو ته اهو ٻڌائي ته هي سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي؟
    هُريشيو: اهو سڀ ڪجهه ته مان ٻڌائي سگهان ٿو گهٽ ۾ گهٽ جيتري قدر افواهه آهي ايتري ته توهان کي خبر هوندي ته اسان جي آّخري بادشاهه سان جنهن جي صورت هينئر ظاهر ٿي هئي. ڪنهن زماني ۾ ناروي جي بادشاهه (فورتن براس) تڪبر ۽ غرور کان متاثر ٿي ڪري جنگ ڪئي هئي. انهيءَ جنگ ۾ اسان جي بادشاهه (هيملٽ) جنهن جي بهادري ۽ مردانگي جي شهرت دنيا جي اُن پاسي ٿي چڪي هئي. (فورٽن براس) کي قتل ڪري ڇڏيو.
    جنگ کان پهرين هڪ معاعدي واري قانوني ملڪ ۽ نصب نامي جي قاعدن جي مطابق تصديق ٿي. ان مضمون جو معاعدو ترتيب ٿيو ته جيڪڏهن بادشاهه ناروي جو جنگ ۾ هارايو ته اُن جي جاءِ ۽ ان وقت اُن وٽ جيترو ملڪ هوندو، اهو سڀ اسان جي بادشاهه جو ٿي ويندو. پر اسان جي بادشاهه فتح ڪيل ملڪ ۽ ايراضي جو تقريبن اڌ ان نيت سان ڇڏي ڏنو ته جيئن مقتول بادشاهه فورٽن براس جي اولاد کي اهو ملي وڃي. جيڪڏهن فورٽن براس ان جنگ ۾ ڪامياب ٿي وڇي ٿو ته انهيءَ تصديق ٿيل قانون ۽ معاعدي جي تحت جنهن جي تحت بادشاهه هيملٽ کي فورٽن براس جو ملڪ مليو. اسان جي بادشاهه هيملٽ جو ملڪ فورٽن براس کي ملي وڃيها. اڇا! هاڻي فورٽن براس جو جوان پُٽ بهادر ۽ دلير پر غير تجريبڪار جواني جي غرور ۾ مست ٿي ناروي جي سرحدن ۾ ڏاڍن بدماشن ۽ آوارا ماڻهن کي صرف خوراڪ جي لالچ تي ان ڪم لاءِ گڏ ڪري رهيو آهي جنهن مان هن کي ڪجهه ملي وڃي ۽ اهو ئي ڪم آهي جنهن جون علامتون اسان جي رياست ۾ نروار آهن ته اُن شهزادي جو پيءُ اسان جي بادشاهه سان وڙهيو جنهن ملڪ هارايو هيو ان تي ظلم ۽ ڏاڍ جي زور تي وري پنهنجو قبضو قائم ڪري.مان سمجهان ٿو ته اڄڪلهه جنهن زور شور سان تياريون اسان جي رياست ۾ تيزي ۽ سرگرمي سان ٿي رهيون آهن ۽ تمام رياست ۾ هڪ هُل هنگامو آهي اُن جي وجهه صرف اها ئي آهي.
    برنارڊو: مان به ان جو اهو ئي سبب سمجهان ٿو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته هي بڇڙي ۽ بدشڪل صورت بلڪل بادشاهه جي صورت ۾ اسان جي پهري تي بار بار نظر آئي آهي. چاڪاڻ ته اسان جو بادشاهه ئي ان جنگ جو موضوع ۽ مضمون هيو.
    هُريشيو: دل ۽ دماغ جي اک لاءِ هي هڪ مسئلو آهي، هي واقعو روم جي سلطنت جي شروعاتي زماني م ڪجهه ئي پهريان اتان جي فوج جو سپهه سالار جوليس سيزر قتل ٿيو. قبرون مردن کان خالي ٿي ويون ۽ ڪفن پهريل مُردا شهر جي گهٽين ۽ چونڪن تي ڪچ ڪچ ڪندي ۽ عجيب و غريب ٻوليون ٻوليندي ڦرڻ لڳا! آسمان تي پُچڙ تارا ظاهر ٿيا جن جي تراکڙي روشني ٻرندڙ شعلن جي هئي. رت جي رنگين ماڪَ زمين تي ڪري. آسمان ۾ ڪاري رنگ جا داغ ظاهر ٿيا ۽ اسان جو هي مرتوب گرهه يعني چنڊ جنهن جي ڪري سمنڊ جي خدا نيپچون جي سلطنت قائم آهي ان ۾ اهڙو گرهڻ لڳو جو معلوم ٿو ٿئي ته اهو قيامت تائين نه لهندو ۽ اهڙي طرح غضب ۽ ناحق جي خبر ڏيڻ واري تقدير جي بزرگ آفتن جو مقدمو ٿي ڪري ظاهر ٿيو. زمين ۽ آسمانن ٻنهي ملي ڪري ملڪ ۽ ملڪ وارن کي خبردار ڪيو. پر خاموش ڏسو هُو صورت وري هلي آئي آهي.
    (روح وري اچي وڃي ٿو)
    مان ته هن روح جي غبار ۾ گهڙان ٿو، ڀلي هُو مون کي ساڙي ئي ڇو نه ڇڏي. اڄ روح ترس جيڪڏهن تو ۾ آواز آهي ۽ تون ڳالهائي سگهين ٿو ته مونسان ڳالهاءِ، جيڪڏهن توسان ڪا ڀلائي ڪرڻ ممڪن هجي ته چئو. جيئن توکي راحت ۽ مون کي سعادت نصيب ٿئي. مونسان ڳالهاءِ (ڪُڪِڙ ٻانگ ڏيئي ٿو) جيڪڏهن توکي پنهنجي ملڪ جي تقدير جو حال خبر آهي ته، ٻڌاءِ جيئن پهريان ئي ڄاڻ ملڻ سان اچڻ واريون مصيبتون ٽري سگهن. ڪجهه ته زبان کول جيڪڏهن زندگي ۾ تو دولت جمع ڪئي هئي ۽ ان کي زمين ۾ اندر دفن ڪري ڇڏيو هُيئي جنهن جي سبب سان چيو وڃي ٿو ته مرڻ کان پوءِ اڪثر روح ڀٽڪندا رهن ٿا ته ٻڌاءِ ٿورو ته ساهه کڻ ڪجهه زبان سان چئو مارسليس ان کي روڪ.
    مارسليس: ڇا مان پنهنجي سوٽي سان روڪيانس؟
    هُريشيو: جيڪڏهن هو نه بيهي ته پوءِ ايئن ئي ڪر.
    برنارڊو: ڏسو اهو ته هتي آهي.
    هُريشيو: نه هتي آهي.
    مارسليس: هُو ته هليو ويو. جنهن جي صورت اهڙي شاهي هجي اُن تي سوٽي اولارڻ (روح هليو وڃي ٿو) وڏي بدسُلوڪي هئي. هو ته هوا جي مٿل هيو، جنهن تي هٿ کڻڻ بلڪل فضول هيو.
    برنارڊو: هو ڪجهه چوڻ وارو ئي هيو ته ڪُڪِڙ ٻانگ ڏني.
    هُريشيو: ۽ ٻانگ ٻڌڻ سان ئي هو اهڙي طرح هليو ويو ڄڻ ته ڪو ڏوهي ڳولي جي آواز ٻڌندي ئي خوفزده ٿي ڪري هليو وڃي. مون ٻڌو آهي ته ڪُڪِڙ صبح جو گهنڊ آهي. اهو پنهنجي اوچي ۽ تيز آواز سان ڏينهن جي خدا کي بيدار ڪندو آهي ۽ ان جي ٻانگ ٻڌي ڪري آواره گرد روح توڙي جو سمنڊ ۾ هجن يا باهه ۾ هجن. زمين تي هجن يا آسمان تي يا هوا ۾ هجن. نهايت ئي تيزي سان پنهنجي پنهنجي بندي خاني ڏانهن واپس ٿي ويندو آهي. ۽ ان جو ثبوت هن شيءِ جو هاڻي نظر آيو هُيو. چڱي طرح ڏٺو آهي.
    مارسليس: هوڏانهن ڪُڪِڙ ٻانگ ڏني ۽ هوڏانهن روح غائب ٿيو. ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته جڏهن اهو وقت ۽ موسم ايندي آهي ته اسان جي نجات ڏيڻ واري جي جنم تي جشن مبارڪ ٿيندو آهي ته ڪُڪِڙ صبح ذات ڪُڪِڙُو ڪُو ڪندو رهندو آهي. چيو وڃي ٿو ته اُن رات جو ڪوبه رُوح آواره ناهي ڦرندو. راتيون نهايت ئي خوشين واريون هونديون آهن. ستارا ناهن ڪِرندا ڪنهن به پَري يا دِيوَ جو عمل دخل ناهي هوندو ۽ نه ئي ڪو جادوگر جادُو ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اُهو وقت نهايت ئي پاڪ ۽ مقدس هوندو آهي.
    هُريشيو: ها مان به ايئن ئي ٻُڌو آهي ۽ مان اُن تي ڪنهن قدر يقين به رکندو آهيان پر ڏسو سحر نور جو لباس پاتل سامهون واري جابلو سلسلي کان ماڪَ تي پيرَ رکندو هليو ايندو آهي. هاڻي پاڻ کي پنهنجو پهرو ختم ڪرڻ گهرجي ۽ منهنجي صلاح اِها ئي آهي ته هن وقت جيڪو ڪجهه اسان ڏٺو آهي ان کان نوجوان شهزادي هيملٽ کي خبردار ڪري ڇڏيون. ڇاڪاڻ ته پنهنجي جان جي قسم هي روح جيڪو اسان جي سامهون بي زبان ٿي ويو هو، شهزادي هيملٽ کي جڏهن ڏسندو ته اُن سان ضرور ڳالهائيندو. ڇا توهان به آماده آهيو ته اسان پنهنجو فرض عادل ۽ رضامندي ۽ وفاداري سمجهي ڪري شهزادي سان رُوح جي واقعي جو عرض ڪريون؟
    مارسيليس: اسان اهو ضرور ظاهر ڪيون. اها منهنجي درخواست آهي ۽ اڄ صبح مون کي معلوم آهي ته اسان آساني سان هيملٽ سان ڪٿي ملي سگهون ٿا.

    (سڀ هليا وڃن ٿا)




    منظر - ٻيو

    ٻيون - منظر
    (شاهي محل ۾ هڪ ڪمرو)


    (ڊينمارڪ جو بادشاهه ڪيلاڊيس، راڻي گِريڊيٽيُوڊ، شهزادو هيملٽ، ڪائونسلز جا ميمبر جنهن ۾ پولونيس هن جو پُٽ ليئرٽس ۽ ڌيءُ اوفيليا ۽ ٻيا شاهي ڪملري ۾ داخل ٿين ٿا.)

    بادشاهه: جيتوڻيڪ اسان جي عزيز ۽ پياري ڀاءُ جي موت اسان جي دل ۾ رنج ۽ ڏک جي زخمن کي اڃا به تازو رکيو آهي ۽ مناسب به اهو ئي آهي ته هن ڏک ڀري واقعي جو احساس برقرار رکيو وڃي ۽ اسان جي ڪُل رعايا به هن صدمي ۾ هڪ راءِ تي غمگين بڻي رهي. پر عقل فطرت سان ڪشمڪش ڪئي ۽ هاڻي اسان پنهنهجي ڀاءُ کي اهڙي رنج ۽ غم سان گڏ جنهن ۾ عقل به شامل آهي. ان سان ياد ڪندا آهيون. ۽ ان ڳالهه جو خيال ٿا رکو ته ڪٿي اسين پنهنجي ذات کي به اُن ڏک مان فراموش نه ڪري ڇڏيون. اها خاتون جيڪا پهرين اسان جي ڀيڻ هئي هاڻي اها اسان جي راڻي آهي. ۽ هن جنگي سلطنت ۾ اسان جي برابر جي شريڪ آهي. جيئن ته هِن درد ڀريل خوشيءَ ۾ جو اکين مان مسرت به ظاهر آهي ۽ ڳوڙهن جون لارون به جاري آهن. شادي، غم ۽ رنج ۾ راحت کي برابر توري اسان پنهنجي ڀاءُ جي بيواهه کي هن شادي ۾ ٻڌو آهي ۽ ان کي پنهنجي راڻي بڻايو آهي.
    توهان سڀني به پنهنجي صحيح راءِ کي هن معاملي ۾ محروم نه رکيو ۽ توهان هن مقدمي ۾ هميشه اسان جا مددگار رهيا آهيو. اُن جي ڪري اسان سڀني جا ٿورائتا آهيون ان کانسواءِ جيڪو ڪجهه چوڻو آهي اهو هي آهي ته اسان سڀني کي ان ڳالهه جو علم به آهي ته ناروي جي بادشاهه جي جوان پُٽ فورٽن براس اسان جي قوت ۽ طاقت کي گهت سمجهي ڪري يا ته اهو ان خيال ۾ آهي ته اسان جي عزيز ڀاءُ جي موت اسان جي سلطنت کي ڪمزور ۽ بي ترتيب ڪري چڏيو آهي. پنهنجي نفعي ۽ فائدي کي مُرده خواب ۽ خيال کي نئين سِر زنده ڪري اسان کي پريشان ڪرڻ لاءِ بي حساب پيغام اُن بيان سان موڪليا آهن ته جيترو ملڪ ۽ زمين هن جي پيءُ اسان جي مرحوم ڀاءُ کان شڪست کائي معاهدن ۽ دستاويزن جي مطابق هُن جي حوالي ڪئي هئي. هاڻي اُها سڀ واپس ڪئي وڃي ايتري تائين جيڪو ڪجهه مون کي هن امرخاص ۾ چوڻو هيو اُهو چيو. هاڻي جيڪو ڪجهه مون کي چوڻو آهي بدولت هن جلسي جي مراد بابت، اسان ناروي جي بادشاهه کي جيڪو نوجوان فورٽن براس جو چاچو آهي، جيڪو اڄڪلهه ناساز آهي. ان جي ڀائٽي جي بابت لکيو آهي ته شاهه موصوف پنهنجي ڀائٽي کي هن ارادي کان باز رکي. نوجوان فورٽن براس ناروي جي رعايا مان فوج ڀرتي ڪري رهيو آهي. ان کي بند ڪيو وڃي. نيٺ اسان ڪارني ليوس توکي ۽ ولٽي مند توکي به هن پيغام جو حامل ڪري ناروي جي مُعمر بادشاهه ڏانهن موڪليون ٿا. هن معاملي ۾ سواءِ اسان جي پيغام جي ٻيو ڪجهه به چوڻ جو توهان کي اختيار نه هوندو. باقي جيتري قدر تائين هي تحرير جنهن ۾ تمام مضمون تفصل سان بيان ڪيا ويا آهن. توهان کي ڪجهه چوڻ جي اجازت ڏين. پر ان کان وڌيڪ ناهي. توهان کي ڪجهه به چوڻ جي اجازت ناهي.
    اچا الوداع .... توهان جو فرض اهو ٿيندو ته توهان هن ڪم کي سُرعت سان انجام ڏيو.
    ڪارنيليوس ۽ ولٽي مند: اسان جو اهو سڀ کان وڏو فرض منصب آهي ته هن معزز ۽ ٻين بادشاهي حڪمن جي تعميل ڪريون.
    بادشاهه: اسن کي اِن ۾ ذري جو به شڪ و شعبو ناهي. (اچا هاڻي توهان ڀلي وڃو) ڪورنيليوس ۽ ولٽي مند هليا ٿا وڃن.
    لائرٽيس: توکي ڪجهه چوڻو هيو؟ تو پنهنجي ڪنهن درخواست جو اسان سان ذڪر ڪيو هيو. اُها ڪهڙي عرضي هوندي جيڪا تون پيش ڪندين ۽ اسان ان کي خوشيءَ سان قبول نه ڪنداسين. ڊينمارڪ جي بادشاهه کان تون ڪنهن سيءِ جي درخواست جيڪا عقل جي بنياد تي هجي، اهڙي نه ٿا ڪري سگهو جيڪا توهان جي بغير گُهرڻ جي منظور نه ڪئي وڃي. انسان جو دماغ ان جي دل سان ايترو تعلق نه ٿو رکي ۽ ان جا هٿ ان جي دماغ جا ايترا خادم نه آهن جيتري قدر شاهي گهراڻو. او ڊينمارڪ تنهجي پيءُ جو احسان مند آهي. لائرٽس تون ڇا ٿو چاهين؟
    لائرٽس: منهنجي درخواست صرف ايتري آهي ته هن تابعدار کي فرانس وڃڻ جي اجازت ڏئي وڃي مان وڏي سان حضور جي جشن تاج پوشي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هتي حاضر ٿيو هيس. هاڻي جو هي سعادت نصيب ٿي چُڪي آهي ان لاءِ هاڻي منهنجا خيالات ۽ منهنجون اميدون بارگاهه عالي ۾ خواهشمند آهن ته هن ناچيز کي فرانس واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ هن تڪليف جو فائدو نهايت ئي نوڙت سان معافي جو طلبگار آهي.
    بادشاهه: تو پنهنجي بزرگ والد کان به اجازت حاصل ڪئي آهي؟ ( پولونيس جي طرف اشارو ڪندي چوي ٿو) توکي ڇا چوڻو آهي؟
    پولونيس: حضور هن وڏي اسرار کان پوءِ منهنجي اجازت حاصل ڪئي آهي. نهايت غور و فڪر کانپوءِ مان هن جي درخواستقبول ڪئي به اها ئي گذارش آهي ۽ هن کي فرانس وڃڻ جي اجازت فرمائي وڃي.
    بادشاهه: اڇا لائرٽس جڏهن تون وڃڻ چاهين اُن لاءِ وقت مُقرر ڪري سگهين ٿو ۽ پنهنجي وقت کي بهترين ڪوشش ۽ لياقت سان جيئن مناسب سمجهين صرف ڪر ۽ هاڻي پنهنجي عزيز ڀائٽي ۽ فرزند شهزادي هيملٽ سان منهنجي گفتگو آهي.
    هيملٽ: (الڳ چوي ٿو) قرب ۾ ته شڪ ناهي پر احسان ۽ شفقت ڪجهه ناهي.
    بادشاهه: هيملٽ اها ڪهڙي ڳالهه ٿي جو اڃا تائين غم جا بادل تنهنجي دل تي بيٺل آهن.
    هيملٽ: نه حضور مان ته خوش آهيان.
    گريٽريوڊ: پيارا هيملٽ بس هاڻي پنهنجي غم جي اونداهه کي ڏور ڪر. بادشاهه کي پنهنجو شفيق ۽ نگهبان سمجهه اهڙي طرح نظرون هيٺ ڪري پيءُ کي خاڪ ۾ ڳولڻ سان ڇا حاصل تون ته ڄاڻين ٿو ته اولاد لاءِ پيءُ جو مرڻ هڪ معمولي ڳالهه آهي. جيڪي جيئن ٿا انهن کي هڪ ڏينهن مرڻو ضرور آهي. زندگي ختم ڪري سڀني کي فنا ٿيڻو لازمي آهي.
    هيملٽ: ها امان، اها ته معمولي ڳالهه آهي.
    راڻي: اگر معمولي ڳالهه آهي ته تون پنهنجي غم ۽ ڏک ۾ ايتري خصوصيت ڇو ظاهر ڪرين ٿو.
    هيملٽ: راڻي مان ظاهر نٿو ڪيان بلڪي دل جو اصل حال اهو ئي آهي. ظاهر ڪرڻ مونکي ناهي ايندو. پياري امان نه هي منهنجي ڪاري ڪَبا دستور ۽ رواج جي مطابق ڪارو لباس ۽ نه منهن مان نڪتل دردناڪ آهُون ۽ اکين مان لُڙڪن جو درياه نه چهري تي تڪليف ۽ غم جا آثار يا رنج ۽ آزار جون علامتون ۽ نشانَ منهنجي دل جي حقيقي ۽ اصل ڪيفيت کي ظاهر ڪري سگهن ٿيون. ڇو ته اهي سڀ شيون ته اهي آهن جيڪي ظاهري ۽ ڏيکاءُ جي طور تي به انسان ڏيکاري سگهي ٿو. پر پياري امان منهنجو صدمو ته اهڙو آهي جو اهو تمام رنج ۽ غم جون علامتون ڪارن ڪپڙن کان ڪيترا دفعا وڏيڪ آهي.
    بادشاهه: هيملٽ تنهنجي فطرت نيڪ ۽ طبيعت تعريف جي قابل آهي. جو تون پنهنجي پيءُ جي لاءِ ايترو غم ٿو ڪرين. پر خيال ڪر ته تنهنجي پيءُ پنهنجي پيءُ کي مرندين ڏٺو ۽ پوءِ ان جي پيءُ پنهنجي پيءُ کي مرندي ڏٺو هوندو ۽ پويَن جو اهو فرض ٿيو هوندو ته ڪجهه انهن جو غم ڪن پر هميشه پيءُ جي غم ۾ مبتلا رهڻ هڪ بي معني ڳالهه آهي. اهو غم مردن کي نه ٿو جڳائي ان جي معنا خدا جي حڪمن کان باغي ٿيڻ هوندو. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته تنهنجي دل مضبوط ناهي. صبر ۽ ماٺ کان اهو خالي آهي. سَمجهه ڪمزور ۽ غير ترتيب يافته آهي. مرڻ هڪ ڏينهن لازم آ جيئن، ۽ معمولي ڳالهيون آهن جن کي حواس محسوس ڪندا آهن ۽ انهن مان موت کي به معمولي ڳالهه سمجهه عقل ۽ فهم ٻڌائي ٿو جيئن دنيا ۾ پهريو پيءُ مئو هيو. اڙي طرح اُن وقت کان پٺي اڄ تائين يءُ جو مرڻ انسان لاءِ اهڙو نقصان آهي. جيڪو هميشه پيش ايندو رهندو. شهزاده اسان جي توکي درخواست آهي ته هن غم کي ڏور ڪر ۽ مونکي تون پنهنجو والد سمجهه ۽ سڀني کي اها خبر هجڻ گهرجي ته تون منهنجي تخت جو قريب ترين وارث آهين ۽ مون کي توسان اُها ئي شريفاڻي الفت ۽ محبت آهي جو هڪ جانثار پيءُ کي پنهنجي پُٽ سان ٿي سگهي ٿي. تنهنجو ارادو وٽن برگ جي درسگاهه ۾ واپس وڃڻ جو آهي اهو اسان کي گوارا نه آهي. اوڏانهن وڃڻ جو فيصلو ترڪ ڪيو. هتي اسان جي اکين جو نور ۽ دل جو سُرور ٿي رهه. تون سلطنت ۾ اسان جو بهترين مشير ۽ صلاحڪار اسان جو ويجهو عزيز ۽ پُٽ آهين.
    راڻي: هيملٽ پنهنجي ماءُ جي چوڻ کي به نه ٽار مان چاهيان ٿي ته تون وِٽن برگ نه وڃ ۽ اسان جي ويجهو ئي رَهه.
    هيملٽ: امان جيتري قدر منهنجي خيال ۾ آهي ته مان توهان جي تابعداري ڪندس.
    بادشاهه: واهه واهه اهو ته وڏي عقل ۽ محبت وارو جواب آهي. جهڙي طرح اسان ڊينمارڪ ۾ رهندا آهيون. هن جواب سان منهنجي دل خوشي ٿي تون به اهڙي طرح هتي رَهه. راڻي هيملٽ جو اِهو شريفاڻو جواب ڪنهن ٻي جي تحريڪ سان نه ڏنو ويو آهي. بلڪه هن خود پنهنجي دل بس اِن خوشي ۾ هر جام شراب جيڪو مان پيئندس اُن تي قلعي جي سڀ کان وڏي توب بادلن ۾ گجندي ۽ منهنجي مئي نوشي تي توبن جي جيڪا گجگوڙ زمين تي هوندي. ان جي صدا موراجات آسمان تائين ويندي. اچو هاڻي هلو.
    (هيملٽ کانسواءِ باقي سڀ هليا وڃن ٿا)
    هيملٽ: اي ڪاش هي سخت ۽ مضبوط جسم پگهرجي وڃي يا برف وانگر ڳري ڪري ماڪ جي ڦڙن ۾ تبديل ٿي وڃي. نه ته قديم دور جي قادر خودڪشي جي خلاف پنهنجو قانون نافذ نه فرمائي ها. اي! خدا منهنجا خدا هن فاني دنيا جا جيترا ڪم آهن اُهي ڪيتري قدر محنت و مشقت سان بدحالي ۾ ڪرڻ وارا غير دلچسپ ۽ بي فائدي آهن. افسوس هي دنيا ته اهڙو باغ آهي جنهن جي درستگي کي وٺي ڪري لاپرواهي ڪئي وئي آهي. ڪک پن هن ۾ ڦٽي آيا آهن ۽ اُن جا داڻو چارو طرف وکريل آهن ۽ ڪوجها وڻ ان ۾ جهجها ئي سان بيٺا آهن.ک افسوس مصيبت اِتي اچي پهتي. ٻه مهينا مَس گذريا هيا نه ٻه مهينا به نه ۽ بادشاهه به ڪهڙو لاجواب ۽ ڳجهو مثال جيڪو ان بادشاهه جي مقابلي ۾ ايئن معلوم ٿو ٿئي، جيئن ڏينهن جو حسين خدا هڪ بدصورت ۽ تڪبر واري جي مقابلي ۾ نظر اچي. منهنجي ماءُ سان هُن جي اهڙي محبت هئي، جيڪڏهن هن جي نازڪ ڳل تي ڀنل هوا جو جهوٽو آهستي سان به لڳي ته ان کي ناگوار لڳي. اي! زمين ۽ آسمان توهان ئي ٻڌايو ڇا اها ڳالهه ياد رکڻ جي نه آهي. هو ڇو هُن تي پنهنجي جان قربان ڪرڻ لڳي. ڇا عشق جي خواهش جو وهڪرو اڃا به تيز ٿيو. افسوس اهو به هڪ مهيني جي اندر .... هن خيال کي دل تان ڇو ڪڍي ڇڏيان. اي! ڪمزوري ۽ بي وفائي تنهنجو نالو عورت آهي. هڪ مهيني جو وقت ته ايترو هيو جو اها جُتي به جنهن کي پيرن ۾ پائي هوءَ منهنجي پيءُ جي جنازي سان گڏ مٿي کان پيرن تائين ڳوڙهن ۾ پُسندي ويئي هئي، ته اها جتي به پُراڻي نه ٿي هوندي جو هُن .... هڪ حيوان جيڪو عقل کان خالي هوندو آهي. اهو به ڪجهه ڏينهن ته غم ڪندو آهي. پر منهنجي ماءُ ٻيو ڪنهن سان به نه پر، منهنجي چاچي سان شادي ڪئي. جيڪو منهنجي پيءُ جو ڀاءُ هيو. منهنجي پيءُ سان ايترو ئي مشابهت هيو. جيئن مان رستم سان هڪ مهيني جي اندر اڳ جي ڀيٽ ۾ اهي ڳوڙها بي وفائي سان گڏ اکين ۾ اچي ان تي شور ڪندا هيا. اهي سُڪي ويا هجن. افسوس هن جلد بازي ۾ ڪيڏي نه ناپاڪائي شامل هئي جو اهڙي شادي جيڪا مذهبن حرام هئي اها تڪڙي ڪئي وئي. اِهو سٺو نه ڪيو ويو ۽ ان جو انجام نيڪ نه ٿيندو. پر حالات ۽ وقت اهو ظاهر ڪري رهيا آهن. هن چاهي دل جا ٽڪرا ٿي وڃن پر زبان رهي.
    (هُريشيو، مارسليس ۽ برنارڊو اندر ايندا آهن)
    هُريشيو: سلام شهزاده
    هيملٽ: هن وقت ملي ڪري دل ڏاڍي خوش ٿي. صحيح آ هُريشيو تون ئي آهين يا مان غلطي ٿو ڪيان؟
    هُريشيو: حضور مان هُريشيو آهيان. حضور جو پُراڻو خادم.
    هيملٽ: خادم نه - دوست چئو. تون منهنجو دوست آهين ۽ مان تنهنجو خادم آهيان. تون ته وِٽن برگ ۾ هئين هتي ڪيئن اچڻ ٿيو. اڇا مارسليس به آهي.
    مارسليس: جي حضور حاضر آهيان.
    هيملٽ: توسان ملاقات ڪري هن وقت منهنجو جيءُ ڏاڍو هلڪو ٿيو. برنارڊو تون ٺيڪ آهين؟ ٻڌايو ته هتي اچڻ ڪيئن ٿيو؟
    هُريشيو: صرف شوق آوارگردي سواءِ ان جي ٻيو ڪهڙو عرض ڪيان.
    هيملٽ: اها ڳالهه ته مان تنهنجي دشمن کان به ٻڌڻ پسند نه ڪندس. اهڙي ڳالهه چئي منهنجي ڪنن کي ڇو صدمو پهچائين ٿو. مان چڱي طرح ڃاڻان ٿو ته تون آواراگرد نه آهين. پر اهو ته ٻڌاءِ اَلسيو ۾ توکي ڪهڙو ڪم هيو جو تون آئين. اڇا هاڻي آيو ئي آهين ته آءُ توکي هتان جي شراب نوشي جي جاين ۾ شريڪ ڪري شراب پيئڻ سيکاريندس.
    هُريشيو: شهزاديِ اعليٰ مان حضور جي مرحوم والد جي تدفين ۾ شرڪت جي ڪري حاضر ٿيو هيس.
    هيملٽ: مڪتب جا ساٿي ڇو شرمندا ڪرين ٿو. اهو چئو ته منهنجي ماءُ جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيو هُئين.
    هُريشيو: سچ پچ حضور جي والد جي انتقال کانپوءِ جلد ئي شادي پيش آئي.
    هيملٽ: سبب ڪوبه ناهي. هُريشيو بنيادي ڳالهه بچت موت جو کاڌو ٿڌو ٿي شاديءَ جي دسترخوان تي ڏنو ويو. اي! ڪاش مان پنهنجي جاني دشمن کي جنهن کي دوزخ ۾ هجڻ پسند ڪندس. ان کي جنت فردوس ۾ ڏسان ها. پر هن شرمناڪ ڏينهن کي ڏسڻو پيو جنهن کي ڏسڻ لاءِ مان زنده نه رهان ها. هُريشيو مون کي ته ايئن ٿو لڳي جو بزرگ والد سامهون بيٺو آهي.
    هُريشيو: حضور ڪٿي بيٺا آهن؟
    هيملٽ: اکين جي تاري ۾ هُريشيو.
    هُريشيو: حضور مان هڪ دفعو مرحوم کي ڌٺو هيو. وڏو نيڪ دل بادشاهه هيو.
    هيملٽ: اهو هڪ ئي سچو انسان هيو. ڪنهن به حوالي کان ڏسو ان جي برابر ٻيو ڪير به نه هيو. هاڻي ان جو چهرو ڏسڻ الائي ڪٿي نصيب ٿيندو.
    هوريشيو: مان ۽ شان وارا شهزاده اعليٰ مان مرحوم بادشاهه کي ڪلهه رات ۾ ئي ڏٺو آهي.
    هيملٽ: ڏٺئي ڪنهن کي؟
    هُريشيو: حضور جي ماهه ڪامل بزرگ والد کي.
    هيملٽ: منهنجي والد تخت الاهي کي؟
    هُريشيو: حضور ٿوري دير لاءِ پنهنجي حيرت کي گهٽايو ۽ غور سان ٻڌو جيئن ته مان جيڪو ڪجهه هنن ٻنهي صاحبن جي موجودگيءَ ۾ ڏسي چڪو آهيان. حضور جي سامهون بيان ڪيان هي واقعو حيرت انگيز آهي.
    هيملٽ: خدا جي واسطي جلد ٻڌاءِ اهو ڪهڙو واقعو آهي؟
    هُريشيو: ٻڌو - ڪالهه کي ڇڏي ڪري پهريان ٻه راتيون برابر هنن ٻنهي صاحبن يعني مارسليس ۽ برنارڊو جيڪي اڌ رات جي وسيع اونداهه ۾ پهرو ڏيندا هيا. ڏٺن ته هڪ صورت بلڪل توهان جي مرحوم والد جهڙي. مٿي کان پيرن تائين هٿيار لڳائي انهن جي سامهون ايندي آهي ۽ شاهي انداز ۾ آهسته قدم کڻي انهن جي ڀرسان گذرندي آهي. ٽي دفعا اها صورت هنن ٻنهي جي خوفزده نظرن جي سامهون گذري آهي. ۽ ايترو ويجهو اچي ويندي آهي. جو هي هٿ کڻڻ تي به مجبور ٿي ويندا آهن. خوف جي ڪري هي ٻئي برف جي مثل ڄمي ويا. زمين بند ٿي وئي ۽ ان سان ڳالهاءِ به نه سگهيا. ڪالهه هي واقعو هنن ٻنهي مان هڪ راز اچي مونکي ٻڌايو ٽيئن رات مان هنن سان گڏ پهرو ڏنو جيتوڻيڪ جيڪو ڪجهه هنن مونکي ٻڌايو هيو. هاڻِ اهو لفظ لفظ صحيح ثابت ٿيو. ٺيڪ اُن ئي وقت ۽ ان ئي شڪل ۾ جيئن هنن مونکي بيان ڪيو هيو. اها صورت ظاهر ٿي. مان حضور جي والد مرحوم کي سڃاڻيندو هُيس. منهنجا هي ٻئي هٿ ايترا هڪجهڙا نه آهن، جيتري هو شڪل مرحوم بادشاهه جي صورت سان مُشابهت هئي.
    هيملٽ: هي واقعو ڪٿي پيش آيو؟
    مارسليس: حضور ان چبوتري تي جتي اسان پهرو ڏيندا هئاسين.
    هيملٽ: ڇا تو ان سان نه ڳالهايو؟
    هُريشيو: حضور مان ڳالهايو هيو پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو. پر ايترو ضرور ڏٺو ته هن پنهنجي مٿي کي ڦيرائي اهڙي طرح اشارو ڪيو ڄڻ هو ڪجهه چوڻ وارو آهي. پر ايتري ۾ ڪُڪِڙ ٻانگ ڏني ۽ ٻانگ کي ٻڌن سان ئي هُو جلدي جلدي قدم کڻي اسان جي نظرن کان غائب ٿي وئي.
    هيملٽ: اها ته عجيب ڳالهه ٻڌايئي.
    هُريشيو: حضور هي ڳالهه ايتري ئي سچ آهي، جيئن ته حضور توهان مونکي زنده ڏسي رهيا آهيو. حضور کي هن واقعي جو اطلاع ڏيڻ اسان پنهنجو فرض سمجهو.
    هيملٽ: ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي. پر مونکي هي واقعو ٻڌڻ سان وڏي تڪليف ٿي آهي. ڇا اڄ رات جو به تون ئي پهرو ڏيندين؟
    مارسليس+برنارڊو: حضور؛ اڄ به اسان پاس باني ڪنداسين.
    هيملٽ: ڇا توهان اهو چيو هيو ته اها صورت هٿيارن سان هئي؟
    هُريشيو: حضور اها بغير ڪنهن فرق جي هر هڪ قدم بلڪل درست هئي.
    مارسليس + برنارڊو: حضور هوءَ مٿي کان پيرن تائين هٿيارن ۾ هئي.
    هيملٽ: ڇا توهان ان جو چهرو غور سان نه ڏٺو هو؟
    هُريشيو: ان جو مُنهن مٿي هيو ۽ چهرو صاف نظر اچي رهيو هيو.
    هيملٽ: چهري تي ڪاوڙ هيس؟
    هُريشيو: ڪاوڙ جي بجاءِ چهري تي ڏک گهڻو هيس.
    هيملٽ: چهري جو رنگ ڦهو هيس يا ڳاڙهو؟
    هُريشيو: نه حضور بلڪل ڦڪو هيس.
    هيملٽ: ڇا هن نظر کڻي توهان جي طرف ڏٺو هيو؟
    هُريشيو: برابر اسان جي طرف نهايت غور سان ڏسندي رهي.
    هيملٽ: ڪاش مان ان وقت اتي هجان ها.
    هُريشيو: حضور کي سخت حيرت ٿي.
    هيملٽ: ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي. ڇا ڪجهه دير تائين اها صورت بيٺي هئي؟
    هُريشيو: ايتري دير تائين، جيتري دير ۾ ڪير تيزيءَ سان سئو ڳڻي.
    مارسليس + برنارڊو: نه ان کان ڪجهه وڌيڪ قيام ڪيو هو.
    هُريشيو: ان وقت نه جڏهن مان ان کي ڏٺو آهي.
    هيملٽ: ڇا ڏاڙهي ۾ ڪارا ۽ اڇا وار مليل جُليل هيس؟
    هُريشيو: ڏاڙهي بلڪل اهڙي هيس، جيئن بادشاهه جي زندگيءَ ۾ مان ڏٺي هئي. وار جيڪي ڪارا هيس اهي وڌيڪ ڪارا هيا ۽ جيڪي اڇا هيس اهي چانڊوڪي جي مثل چمڪي رهيا هيس.
    هيملٽ: اڄ مان به توهان سان پهري تي گڏ هوندس. ممڪن آهي اها صورت وري ظاهر ٿئي.
    هُريشيو: مان سمجهان ٿو ته ضرور ايندي.
    هيملٽ: جيڪڏهن هن منهنجي پيءُ جي شڪل اختيار ڪئي آهي ته مان هن سان ڳالهائيندس چاهي دوزخ منهن ڦاڙي منهنجي پيرن جي هيٺيان اچي مون کي منع چو نه ڪري. پر مان ان سان گفتگو ضرور ڪندس. هاڻي منهنجي توهان سان التجا آهي ته جيڪڏهن توهان هينئر تائين هن واقعي جو ڪنهن کي ناهي ٻڌايو ته اڳتي لاءِ به هن کي پاڻ تائين محدود رکجو ۽ بلڪل خاموش رهجو - ۽ اڄ رات به جيڪو ڪجهه پيش اچي ان کي پنهنجي دل ۾ رکجو ۽ ڪنهن کي به نه ٻڌائجو. مان توهان کي هن محبت ۽ توجهه جو سلو ڏيندس. اڇا الوداع اڄ رات يارنهن جي وچ ۾ مان توهان سان قلعي جي چبوتري تي ملندس.
    هُريشيو: حضور جي حڪم جي تعميل ڪرڻ اسان جو فرض آهي.
    هيملٽ: فرض نه بلڪه اها محبت جيڪا مونکي توهان سان آهي ان ئي محبت جي مان توهان ۾ اميد ڪيان ٿو. الوداع! منهنجي پيءُ جو اصل روح ظاهر ٿيو آهي. ان مان خيريت معلوم نه ٿي ٿئي. مونکي شڪ آهي ته قتل ڪيو ويو آهي. اي! ڪاش رات جلدي ٿي وڃي جيستائين هُو اچي. اي! منهنجا روح تون سُڪون سان ويهه. خراب ڪم چاهي سڄي دنيا ملي ڪري لِڪ ۾ ڪري پر، اهي ظاهر ٿيڻ کانسواءِ نه رهي سگهندا.


    منظر - ٽيون

    منظر - ٽيون
    (وزير پولونيس جي گهر جو هڪ ڪمرو)


    (لائرٽيس ۽ اوفيليا اندر ايندا آهن)

    لائرٽيس: منهنجو تمام ضروري سامان جهاز تي رکيو ويو آهي. الوداع! ۽ پياري ڀيڻ جيڪر ڪڏهن به ڀانءِ پَوئي ۽ خط پهچائڻ لاءِ جهاز موجود هجي ته سُمهي نه پوجائين. پنهنجي خيريت هميشه لکندي رهجانءِ.
    اوفيليا: ڇا توهان کي منهنجي خط موڪلڻ ۾ شڪ آهي؟
    لائرٽيس: رهي هيملٽ جي محبت جيڪا اڄڪلهه توسان گڏ ظاهر ڪري رهيو آهي. ته اِن کي صرف حالات جي پابندي ۽ اُمنگ سمجهو. هي محبت ته ايئن ئي آهي جيئن بهار جي شروعات ۾ نرگس جا گل وقت کان اڳ ٽڙيا ۽ جنهن سان مضبوطيءَ نه هجي. حسين ۽ خوشنما هجي پر ٽڪاءُ نه هجي. هڪ لمهي جي لاءِ سرهو هجي ۽ ان کان وڌيڪ نه هجي.
    اوفيليا: ها مان ان کان وڌيڪ نه ٿي سمجهان.
    لائرٽيس: هن جي محبت جو خيال ختم ڪيو. ڇاڪاڻ ته فطرت جڏهن واڌاري تي هوندي آهي ته اها صرف ماس ۽ چمڙي ۾ ئي ناهي وڌندي. راڻي هي خاڪ جي پيدائش جهڙو جسم واڌ واري حالت وٺندو آهي. ته ان جي اندر طبيعت ۽ عقل به ترقي وٺندي ويندي آهي. ممڪن آهي ته ان وقت هن کي توسان عشق هجي ۽ هن جي پڪي ارادي ۾ ڪوئي ڊپَ ۽ روڪيندڙ ڳالهه ناهي پر هن جي اعليٰ گهراڻي جو خيال ڪري توکي ڊڄڻ گهرجي. هو پنهنجي اٽل ارادي تي وس وارو ناهي. هو پنهنجي اوچي گهراڻي ۽ نالي جي ماتحت آهي. هو عام طبقي جي ماڻهو وانگر نه آهي. جو جيڪو پنهنجي لاءِ طريقو چاهي اختيار ڪري ڇاڪاڻ ته هن جي پسند ۽ چونڊ تي تمام سلطنت جي سلامتي جو دارومدار آهي. ان ئي سبب سان ان جي چونڊ ان جماعت جي راءِ سان گڏ مشروط آهي جنهن جو هو سردار ۽ حاڪم آهي. پٺيان جيڪڏهن هو توکي چوي ته هن کي توسان عشق آهي ته ان ڳالهه جو يقين انهيءَ حد تائين ڪجو. جنهن حد تائين هن کي پنهنجي ڪنهن پڪي ارادي کي عمل ۾ آڻڻ جي طاقت هجي. هي فرمان تمام ڊينمارڪ جي صلاه مشوري تي مشتمل آهي پر جيڪڏهن تو هن جي مٺي مٺي ڳالهين تي يقين ڪيو ۽ پنهنجي دل هن کي ڏئي ويٺو ته پوءِ جنهن حالت ۾ جو خود اُن جي پنهنجي افعال تي سگهه ناهي ۽ تون پنهنجي پاڪ دامني جي دولت به هن تي قربان ڪري ڇڏين ته سمجهي وڃ ته اهڙي صورت ۾ تون پنهنجي عزت ۽ عضمت کي ڪيتري حد تائين نقصان پهچائيندين. منهنجي پياري ڀيڻ تون ان کان ڊڄ ۽ خوف ڪر ۽ پنهنجي محبت کي ايترو پوئتي رک جو بدحواسي جي ضد ۽ خطري کان بچل رهين. اها خبردار کا خبردار ڇوڪري به بيشرم آهي. جيڪا پنهنجو حسن کليل آسمان کي به ڏيکاري. ڇو ته نيڪي ۽ پاڪائي به خراب ۽ الزامن جي ڪوڙي تحمتن جي صدمن کان خالي نه آهن. مکڙين ۾ به جيڪي اڃا ڦٽي پورا گل نه ٿيون آهن. انهن ۾ به ڪيڙو لڳي ويندو آ. جوانيءَ جو گل پرهه ڦٽي مهل ماڪ جي ڦڙن ۾ تازو ۽ مرطوب نظر ايندو آهي. پر گرم هوا جا جهولا ان کي اُجاڙي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. نقصان ڪار هوائون لڳڻ ضروري آهن. بس هوشيار رهو ۽ سڀ کان وڏو احتياط اهو آهي جو ڊڄندي رهه! جوانيءَ جا جوش ذاتي طبيعت تي ضابطو رکڻ ۾ روڪيندڙ هوندا آهن. چاهي ورغلائڻ، بهلائڻ وارو ڪو موجود هجي يا نه.
    اوفيليا: توهان جي نصيعت جو اثر پنهنجي دل ۾ محفوظ بڻائي رکندس. پر پيارا ڀاءُ ڪٿي ايئن نه آهي جو هڪ نصيحت ڪندڙ ۽ نامهربان وانگيان جيڪو سڀني کي ته نصيحت ۽ نيڪ هدايت ڪندو آهي. پر خود نيڪ ناهي هوندو. مون کي ته عرش تي پهچڻ جا بلند ۽ خاردار رستا ٻڌائين ٿو. پر پاڻ ڪٿي ڪنهن اڻ موٽ نتيجن کان بي پرواهه ٿي عيشو عشرت جي تڪبر ۾ اچي غلط راهه تي جنهن ۾ گل وکريل پيا آهن. بغير سوچي سمجهي نه هلڻ لڳجانءِ.
    لائرٽيس: ڀيڻ توهان منهنجو فڪر نه ڪيو.
    ڳالهين ڳالهين ۾ ڏاڍي دير ٿي وئي ۽ ڏس بابا جان به اچي رهيا آهن.
    (پولونيس داخل ٿئي ٿو)
    ٻيهر وڃڻ خير و برڪت جي دعا جو ملڻ خوشيءَ جو باعث هوندو آهي.
    پولونيس: تون اڃا تائين هتي آهين لائرٽيس؟ وڃ؛ جلد جهاز تي ويهه. ڏسو هوا سان نڀائيندڙ گل ويا آهن. پر تون اڃا تائين هتي آهين. اڇا! الوداع مان تنهنجي حق ۾ خير جي دعا ڪيان ٿو ۽ ٿوريون نصحتيون به ٻڌي پنهنجي لوح دل تي اُڪري ڇڏ.
    ڪڏهن به پنهنجي دل جي ڳالهه کي زبان تي نه آڻجانءِ. ۽ جنهن ارادي کي چکي طرح چڪاس نه ڪيو اٿئي ان تي ڪڏهن به عمل نه ڪجانءِ. ماڻهن سان بي حجاب ٿي وڃ پر بي عقل جي حد تائين نه جن دوستن جي دوستي کي آزمائي چڪو آهين انهن کي پنهنجي روح روان سان گڏ فولاد جي ٻنڌڻ سان پڪڙي رکو. پر هي پسنديده ۽ ناپسنديده سان گڏ جن جو تجربو نه آهي ته اهي ڪهڙا ماڻهو نڪرندا انهن سان عافيت ڪندي ڪندي هٿ سُنِ نه ڪيو. ڪنهن به فسادي جهيڙي ۾ پوڻ مان جيترو ممڪن هجي پرهيز ڪيو. پر جڏهن شامل ٿي وڃو ته پوءِ اهو طريقو اختيار ڪيو جو مخالف تو مان خوف کائي. هر ماڻهو جي ڳالهه ٻڌو پر ٿورا ماڻهو اهڙا هجن جنهن سان پنهنجي ڳالهه ڪيو. هر شخص کان اهو ٻڌو جيڪو ڪجهه هو توهان جي نسبت چوڻ چاهي ٿو. پر جيڪو ڪجهه هن جي نسبت تنهنجي راءِ آهي. ان کي پاڻ تائين رکو. لباس حسب معمول قيمتي پايو صاف سُٿرو ۽ سٺو سِبيل هجي. پر ان ۾ ڀَڙڪ نه پوي. لباس سان انسان جي حيثيت معلوم ٿيندي آهي. فرانس جا معزز ۽ اونچا گهراڻا اِن معملي ۾ خاص طور تي شوقين ۽ اخلاقي سليقي وارا آهن. نه ڪنهن کي قرض ڏيو ۽ نه ئي ڪنهن کان وٺو. ڇو ته قرض ۾ پئسن سان گڏ دوست به هٿن مان هليا ويندا آهن. قرض وٺڻ جو شوق ڪفايت شعاري ۾ ڪمي پيدا ڪندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هي آهي جو پنهنجي ذات سان ايمانداري سان هلو پر ايئن ڪَيوَ ته پوءِ جيئن ڏينهن ۽ رات جو هڪٻئي پٺيان اچڻ لازمي آهي. تون به ايئن ٻين سان بد ديانتي نه ڪندين.
    الوداغ لائرٽيس ....
    تنهنجي لاءِ منهنجي نيڪ دعا هنن نصيحتن کي تنهنجي دل ۾ وڌيڪ پُختو ۽ مضبوط ڪري.
    لائرٽيس: نهايت ادب ۽ تعظيم سان بابا جان مان توهان کان رخصتي جي اجازت چاهيان ٿو.
    پولونيس: هينئر وقت ٿي ويو آهي. تون جلد روانو ٿي جهاز تي تنهنجا خادم انتظار ڪري رهيا آهن.
    لائرٽيس: اوفيليا ڀيڻ الوداع جيڪي ڳالهيون مون توکي چيون آهن انهن جو خيال رکجانءِ.
    اوفيليا: ها ڀاءُ توهان جون نصيحتون منهنجي حافظي ۾ محفوظ ۽ تالي سان بند آهن ۽ هن تالي جي چاٻي بهتر آهي جو توهان پاڻ وٽ ئي رکو.
    لائرٽيس: اڇا الوداع!
    (لائرٽيس هليو وڃي ٿو)
    پولونيس: اوفيليا، لائرٽيس توکي ڪهڙيون ڳالهيون چيون آهن؟
    اوفيليا: جي ها شهزادي هيملٽ جي باري ۾ ڪجهه چيو اٿس.
    پولونيس: او! اهو ته تو خوب ياد ڏياريو. مونکي چيو ويو آهي ته هن تنهائي ۾ پنهنجو وقت اڪثر تنهنجي صحبت ۾ گذاريو آهي. ۽ تون به اڪثر ملاقاتون ڪري وڏي آزادي ۽ فراخ دل سان ڪم ورتو آهي. پر اهو صحيح آهي ۽ احتياط واري نيت سان مونسان ايئن ئي بيان ڪيو ويو آهي. ته مون کي به چوڻو پوي ٿو جو تون پنهنجي حالت ۽ عزت مان ايتري بي خبر نه آهين. جيئن منهنجي ڌيءُ کي هجڻ گهرجي توهان ٻنهي ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي؟ سچ سچ مونکي حال ڏي.
    اوفيليا: اُن زماني ۾ شهزادي ڪيترائي دفعا محبت جو اظهار ڪيو.
    پولونيس: محبت چيئي! ڌيءُ تون ته ڪچي آهين. توکي اِن خطرناڪ معاملن جو ڪو به تجربو ناهي. ڇا توکي اُن جي محبت ۽ الفت جي ڳالهين جو جيئن تون چوين ٿي يقين اٿئي؟
    اوفيليا: بابا جان مون کي خبر ناهي ته ان جي ڳالهين کي مان ڇا سمجهان.
    پولونيس: ٻُڌ مان ٿو ٻُڌائيائين تون کير پياڪ ٻارڙي ٿي وڃ ۽ ڄاڻي وٺ ته ان جي ڪوڙي محبت جي ڳالهين کي تو نج چاندي سمجهو آهي. پر ڄاڻي رک ته اها شيءِ نِجي ۽ سچي ناهي. تون پاڻ کي انمول بڻائي ڇڏ نه ته سمجهي وٺ ته تون مون کي ٻين اڳيان بي وقوف ثابت ڪندينءَ.
    اوفيليا: بابا جان شهزادي مونسان عشق نهايت معزز طريقي سان ظاهر ڪيو.
    پولونيس: تون ان کي معزز طريقو سمجهندي هوندينءَ اڙي اهمق.!
    اوفيليا: بابا جان جيڪو ڪجهه هو پنهنجي زبان سان چوندو هيو ان تي سچي دل سان آسمان ۽ خدا جا قسم به کڻنندو ويندو هو.
    پولونيس: اهي قسم ۽ وعده ته جهرڪين کي پڪڙڻ جا ڦندا هوندا آهن. مان ڄاڻان ٿو ته جڏهن انسان جو رت گرم هوندو آهي ته ان جي دل زبان تي وڏا وڏا وعده ۽ اقرار آڻڻ ۾ نهايت ئي فيض پهچائيندي آهي. ڌيءُ عشق ۽ محبت جي انهن ڳالهين کي تون صرف هڪ ڀَڙڪ ئي سمجهه. ان ۾ چمڪ ئي چمڪ آهي ۽ گرمي ناهي. بلڪه سچ پچ ته چمڪ ۽ گرمي ٻئي ڪورا آهن. پنهنجي قدر ۽ قيمت کي ڌيءُ ايترو گهٽ نه ڪر، جو جڏهن هو ڳالهه ٻولهه جي دوخواست ڪري ته تون ان کي حڪم سمجهي ان جي تعميل کان انڪار نه ڪري سگهين. شهزادي هيملٽ کي بس ايترو سمجهي وٺ ته هو هڪ نوجوان آهي. شوق ۽ تبديلي ٻئي شيون هن ۾ موجود آهن. ان کي عشق ڪرڻ لاءِ ايترو وسيع ميدان حاصل آهي جو هو توکي عشق قبول ڪرڻ وارو ناهي. ان جي وعدن تي نه وڃ اِهي وعده اهڙا دلال آهن جيڪي تنهنجي اصلي رنگ ۾ نه آهن. بلڪه اهڙين ڳالهين جا حامي ۽ وڪيل بڻجندا آهن، جنهن جو نتيجو بي عزتي آهي. انهن وعدن کي صفيد پوش قوم سمجهه جيڪي واجب پر فريب آهن. هو تقرير ڪري وڌيڪ ڌوڪي ۾ آڻڻ چاهيندا آهن ۽ انهيءَ کي منهنجي هن سڄي تقرير جو حاصل سمجهه ۽ ٻُڌ اڄ کان مان اِن ڳالهه کي هرگز برداشت نه ڪندس ته تون پنهنجي فرصت جو وقت شهزادي هيملٽ سان ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقاتن ۾ صَرف ڪرين. جيڪي بدنامي جو باعث هوندا آهن. بس توکي حڪم ٿو ڏيان ته ان جو خيال ۽ پنهنجي حال چلت جي اصلاح مدنظر رک.
    اوفيليا: بابا جان مان اوهان جي حڪم جي تعميل ڪندس.

    (هليا وڃن ٿا)


    منظر - چوٿون

    منظر - چوٿون
    (قلعي جو چبوترو)


    (هيملٽ، هُريشيو ۽ مارسليس داخل ٿين ٿا)

    هيملٽ: ٿڌي هوا ته ڪٽي کائي ٿي. ڏاڍي ٿڌ آهي.
    هُريشيو: حضور هوا نهايت ٿڌي ۽ تيز آهي ۽ جسم ۾ گهڙندي وڃي ٿي.
    هيملٽ: ڇا وقت ٿيو هوندو؟
    هُريشيو: مان سمجهان ٿو ته ٻارنهن ٿيڻ ۾ ڪجهه ئي وقت هوندو.
    مارسليس: نه ٻارنهن ته ٿي ويا آهن.
    هُريشيو: مان گهڙيان جو آواز نه ٻڌو. اهو وقت ويجهو ايندو وڃي ٿو. جنهن ۾ روح هلندو ڦرندو نظر آيو هو.
    (اندر باجا وڄڻ ۽ توبُن جا آواز اچن ٿا)
    هي گوڙ ڪهڙو آهي. ڪجهه حضور کي معلوم آهي؟
    هيملٽ: بادشاهه سلامت شب بيداري ملهائي رهيا آهن. محفل باده نوش گرم آهي. جام ۽ ساگر گردش ۾ آهن ۽ جڏهن بادشاهه شراب پيئندو آهي ته نغارا ۽ تُوتارا ڪنهن جي جام صحبت پيئڻ جو اعلان ڪندا آهن.

    هُريشيو: گهڻو ڪري اُهو هتان جو دستور هوندو.
    هيملٽ: جيتوڻيڪ مان هتان جو رهواسي آهيان ۽ انهن ئي ڳالهين ۾ پرورش پاتي آهي. پر منهنجو خيال ته هي آهي جو هنن رسمن جي پابندي نه هئڻ هنن جي پابندي هئڻ کان وڌيڪ قابل عزت سمجهيو وڃي ٿو. هي مسانا نوشي مشرق کان وٺي مغرب تائين ٻين قومن ۾ اسان کي بدنام ڪندي آهي. اهي اسان کي رند، شراب خور بلڪه خنزير به چوندا آهن ۽ انهيءُ طرح اسان جي نالي کي داغ لڳندو آهي. پوءِ اسان چاهي ڪيڏا به بلند رُتبي وارا ڪم ڪريون. پر انهن جي خوبي ۽ اعتبار ضايع ٿي ويندا آهن. اڪثر ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪي ماڻهو قدرتي نُقص رکندا آهن. اهي نُقص يا ته ڪا جسماني بدنامي يا ته ڪنهن ذليل گهر ۾ پيدا ٿيڻ جي ٿيندا آهن. جيڪو انسان جو ڏوهه نه آهي ڇو ته ان کي ڪنهن وڏي گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ جي سگهه ناهي يا جي نُقص ان قسم جو هوندو آهي جو اهي قيادتون جيڪي عقل ۽ ادارڪ تي مشتعمل هيون اهي ٽٽي پيون يا هي نُقص ڪنهن جي زيادتي جي سبب پيدا ٿيندو آهي. جيڪو هن جي تمام گردش ۽ مضبوط کي بدنام ڪري ڇڏيندو آهي. چاهي ان جي ٻيون خوبيون خدا جي رحمت جو ڪيترو ئي عمده انعام هجن. جيئن ته ماڻهو عام طور تي اهڙن ماڻهن کي نُقص کي ناپاڪ ۽ بُرو سمجهندا آهن ۽ ان خاص ان جو سڀ کان وڏو عيب سمجهندا آهن. ٿوري به کوٽ سڄي چڱائي کي ضايع ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ذلت بدنامي ان جي حق ۾ نتيجي طور تي ظاهر ٿيندي آهي.
    هُريشيو: حضور نهاريو. هُو اچي رهيو آهي.
    (روح داخل ٿيندو آهي)
    هيملٽ: آسمان جا فرشتو ۽ رحمت الاهي جا مُبشر اسان کي پنهنجي پناهه ۾ رکو. اي! رُوح تون چاهي نيڪ هجين يا بَدِ تون جنتي هجين يا دوزخي. چاهي تون پاڻ سان گڏ جنت جي ٿڏي هوا آندي هجي. چاهي توسان گڏ دوزخ ۾ ساڙيندڙ هوائون هجن. چاهي تنهنجو ارادو سٺو هجي يا غلط. تون هڪ اهڙي فهم ۽ ادراڪ کان پوءِ شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهين. ته مان توسان گفتگو ضرور ڪندس. مان توکي هيملٽ جي نالي سڏيندس. توکي بابا يا بادشاهه يا ڊينمارڪ جي بزرگ جي لقب سان سڏيندس. جيئن ته جيڪو ڪجهه پُڇا ڪندس اهو ٻڌائڻ تنهنجي لاءِ ضروري هوندو. ۽ منهنجي اُن خواهش ۾ ته ڪنهن به طرح لاعملي ختم ٿئي. منهنجي اندر ۾ چير نه ٿيڻ ڏئي. بلڪه ٻڌا ته تنهنجا هڏا جيڪي قبر ۾ دفن ٿي چُڪا هئا ۽ انهن تي دعائون پڙهيون ويون هيون. ڇو پنهنجي قيد کي ٽوڙي ٻاهر نڪتو آهين ۽ ڇو سنگ مرمر جي وزني تابوت پنهنجو مُنهن کولي توکي ٻاهر ڪري ڇڏيو. هن جو ڇا مطلب آهي. جو هڪ مُرده جسم فولادي پوشاڪ مٿي کان پيرن تائين پاتل اهڙين راتين ۾ جڏهن ته چنڊ ڪڪرن جي پُٺ مان نڪري ڪري دنيا کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. ڇو ظاهر ٿيو آهي. ۽ اسان انسانن جي دل ۽ دماغ کي جيڪي فطرت جي هڪ راند آهن. اهڙن خيالن سان سيراب ڪندا آهن، جنهن کي برداشت ڪرڻ اسان جي وَس کان ٻاهر آهي. اسان تنهنجي لاءِ ڪهڙي ڀلائي ڪري سگهون ٿا.؟
    (روح هيملٽ جي طرف اشارو ڪري ٿو)
    هُريشيو: حضور- رُوح توهان کي اشارو ڪري سڏ ٿو ڪري ته توهان هن سان گڏ وڃو. جيتوڻيڪ هو ڪا ڳالهه حضور سان اڪيلي ۾ چوڻ ڇاهي ٿو.
    مارسليس: ڌيان ڏيو ته ڪيتري محبت ۽ اخلاق سان الڳ جڳهه تي هلڻ لاءِ هُو توهان کي اشارو ڪري رهيو آهي. پر حضور توهان اُن سان گڏ هرگز نه وڃجو.
    هيملٽ: مان ضرور ويندس. پر هن هتي نه ڳالهايو ته جيڏانهن هو اشارو ڪري رهيو آهي. مان اوڏانهن ويندس.
    هُريشيو: حضور هرگز نه وڃجو.
    هيملٽ: اِن ۾ ڪهڙو نقصان آهي مان ڇو ڊڄان. پنهنجي جسم جي قيمت ته مان هڪ ذري جي برابر ٿو سمجهان. اي! رُوح منهنجي رُوح جو ڇا ٿو وڃائي سگهين؟ ڇو ته تو وانگر منهنجو رُوح به غير فاني آهي. ڏسو هُو مون ڏانهن وري اشارو ٿو ڪري. مان هُن جي پويان وڃان ٿو.
    هُريشيو: نه حضور ڪٿي ايئن نه ٿئي جو هو توهان کي سمنڊ جي طرف وٺي وڃي. ۽ اُن جبل جي چوٽي تي پهچي ڪري جيڪا سمنڊ جي طرف جهڪي بيٺي آهي ۽ ڊيڄاريندڙ شڪل اختيار ڪري وٺي جيڪا توهان جي عقل ۽ حواس کي گم ڪري ڇڏي. ۽ توهان پاڳل ٿي وڃو. پهرين اِنهن ڳالهين کي سوچي وٺو. جڳهه ايتري ته بلند آهي جو اتي پُهچي ڪري خواه مخواهه هيٺ هيٺ ڪرڻ جو دل ۾ خيال پيدا ٿيندو آهي. ٿورو ڌيان سان ڏسو ته جبل جي چوٽي کان سمنڊ ڪيترو هيٺ آهي. ۽ سمنڊ جو گوڙ ۽ هُل مٿي تائين پوهچندو.
    هيملٽ: روح منهنجي طرف اشارو ڪري رهيو آهي. اي! رُوح اڳتي هَل مان تنهنجي پويان پويان اچان ٿو.
    مارسليس: حضور هرگز هن جي پويان نه وڃو.
    هيملٽ: پنهنجو هٿ پري ڪر، مونکي ڪوئي به نه روڪي.
    هُريشيو: چيو مڃيو – گڏ نه وڃونس.
    هيملٽ: نه - تقدير سڏي سڏي چئي رهي آهي ۽ منهنجي جسم جون تنتُون شينهن جي تنتُن وانگر سخت ٿي ويون آهن. ڏسو هُو مون کي هينئر تائين سڏ ڪري رهيو آهي. هُريشيو، مارسليس ڇڏيو مون کي نه ته قسم آ مون کي جيڪو مون کي روڪيندو اُن کي جان سان ماري ڇڏيندس.
    هُريشيو: خيال ۽ تصورين کي ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي.
    مارسليس: اسان کي به هن سان وڃڻ گهرجي. اِن ۾ هُن جو حڪم مڃڻ صحيح نه آهي.
    هُريشيو: اڇا! هَل خدا ڄاڻي اِن جو انجام ڪهڙو ٿيڻ وارو آهي.
    مارسليس: هِن رياست جي ڪا حڪمت ضرور ڦِٽي آهي.
    هُريشيو: خدا سڀني کي پنهنجي اَمانَ ۾ رکي.
    مارسليس: اچ اسان به شهزادي جي پويان پويان هلُون.


    منظر - پنجون

    منظر - پنجون
    (چبُوتري جو ٻيو حصو)


    (رُوح ۽ شهزادو هيملٽ نظر ايندا آهن)

    هيملٽ: اي! رُوح تون مون کي ڪيستائين وٺي ويندين. مان اڳتي نه هلندس.
    رُوح: مون کي غور سان ڏس.
    هيملٽ: ضرور
    رُوح: منهنجي واپسي جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي ته مان باهه ۽ گندڪ جي شعلن ۾ پئجي عذاب کڻان.
    هيملٽ: اي! رُوح مون کي سخت صدمو آهي ۽ توتي رحم ٿو اچي.
    رُوح: مون تي رحم نه ڪر. پر جيڪو ڪجهه مان چوان ان کي غور سان ٻُڌ.
    هيملٽ: ٻڌايو، غور سان ٻُڌڻ منهنجو فرض آهي.
    رُوح: جيڪڏهن تون منهنجو حال ٻُڌندي ته توکي بدلو وٺڻو پوندو.
    هيملٽ: هيءُ ڇا چيئي؟
    رُوح: هيملٽ مان تنهنجي پيءُ جو روح آهيان. مون کي هڪ مقرر ڪيل وقت تائين راتين جو آواراگرد رهڻ ۽ ڏينهن جو باهه ۾ سڙڻ جو حڪم آهي. ايستائين جو زندگي ۾ جنهن گناهن جو مان خطادار رهيو آهيان. اهي سڀ باهه ۾ تپي پاڪ نه ٿي وڃنن. جنهن قيد ۾ مان هن وقت آهيان. اتان جا راز کولڻ لاءِ مون کي سخت منع ڪيل آهي. اتي جيڪا ڪجهه گذرندي آهي. پر ان جو هڪ ذَرو به مان توکي ٻُڌايان ته تنهنجي رُوح کي اهڙي اذيت پهچي جو خوف کان تنهنجو رت ڄمي وڃي. ۽ تنهنجون اکيون پنهنجي هنڌان ايئن نڪري اچن، جيئن آسمان تي ٻه تارا ٽُٽندي نظر ايندا آهن. ۽ تنهنجا هي صاف سُٿرا ۽ گهنڊيدار وارَ کُلي هڪ هڪ ٿي اهڙي طرح اُڀا ٿين جيئن سِيڙهه کي ڪاوڙ اچڻ تي اُن جا ڪنڊا ان جي پُٺي تي اُڀا ٿي بيهندا آهن. پر عالم نفساني ڳالهيون فاني انسانن کي ٻڌائڻ جائز نه آهن. ٻُڌ ٻُڌ جيڪڏهن توکي پنهنجي پيءُ سان محبت هئي.؟
    هيملٽ: اي! خدايا.
    رُوح: ٻُڌ منهنجو قتل ٿيو آهي. جيڪو فهم ۽ فطرت جي خلاف هڪ فعل هُيو. هاڻي توکي منهنجي قتل جو بدلو وٺڻو آهي.
    هيملٽ: قتل .... ؟
    رُوح: ها قتل! ڪنهن کي جان سان مارڻ هڪ بُرو فعل آهي. پر، منهنجو قتل ٿيڻ ان کان به بدتر ۽ انساني فطرت جي خلاف هيو.
    هيملٽ: اي! رُوح جلد ٻُڌاءِ ته هي ڇا ماجرا آهي. ته جيئن مان اهڙا پَرَ لکائي جو تصور ۽ جادو جي خيالن کان به تيز رهان بدلي وٺڻ لاءِ اُڏي وڃان.
    رُوح: مان تو ۾ عزم ۽ ارادو ڏسان ٿو. پر تو اُن فرمان جي ڪوشش نه ڪئي ته پوءِ تنهنجو مثال اُن ٿُلهي ۽ پُسيل گاهه جهڙو ئي ٿيندو جيڪو دوزخ جي درياهه ليٿي جي ڪناري تي آساني سان ڦٽي ايندو آهي ۽ جنهن درياهه جو پاڻي پيئڻ سان انسان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهي. ڇا بدلي جي تحريڪ تو ۾ پيدا نه ٿيندي. مشهور هي ڪيو ويو آهي ته مان پنهنجي باغ ۾ سُمهندو هيس. هڪ نانگ مون کي ڏنگيو. اُن جي زهر ۾ مري ويس. مطلب هڪ ڪوڙي خبر مشهور ڪري ڊينمارڪ جي ڪنن کي صدمو پهچايو ويو. اي! شريف ۽ خانداني نوجوان ٻڌي ڇڏ ته جنهن نانگ تنهنجي پيءُ کي ڏنگيو هيو. اڄ اُن جي مٿي تي ڊينمارڪ جو تاج آهي.
    هيملٽ: اي! منهنجا پيغمبري رُوح منهنجي چاچي؟
    رُوح: هن وهشي خوشامد سان منهنجي راڻي جي دل کٽي ورتي. اها راڻي جيڪا بظاهر ته مڙس جي پوڄا ڪندڙ ۽ پاڪ دامن لڳندي هئي هُن جي خواهش جي پوري طرح غلام ٿي ويٺي. هيملٽ! هي ڪيڏي نه تڪليف جي ڳالهه آهي جو هڪ ماڻهو جو عقل ۽ خوبيون ايتري حد تائين ذلت جي درجي تائين پهچي وڃن ۽ هڪ عورت کي ذلالت جي ڄار ۾ ڦاسائي وٺي. اها عورت جيڪا تنهنجي ماءُ آهي. محبت جي پاڳل پڻي ۾ ڇو ڦاسجي پئي. تعجب آهي جو منهنجي پاڪيزه محبت جي پاڇي مان نڪري هُن شيطان جي نفساني خواهشن کي پورو ڪري رهي آهي. جيڪو ذرو به منهنجي برابر نه آهي. پر سچائي جي سڀ کان وڏي خوبي هي آهي جو معمولي خواهشون چاهي جيڪا به صورت اختيار ڪري وٺن. انهن کي رستي کا هٽائڻ جي ڪوشش ڪيون پر، اهي پنهنجي جڳهه تان چُرنديون به نه آهن پر، احسان فراموشي ۽ بي حيائي چاهي شادي جي پاڪيزا پردي سان نفاست ڇو نه هجن. جلد ئي گناهه جي چادر ڦهلجي ويندي آهي. ۽ پنهنجي اصليت کي اُجرو نه ٿي ڪري سگهي. هيملٽ اها نيڪي شيطاني سيرت انسانن جي خسيس خواهشن تي پنهنجي هستي وڃائي ويهندي آهي. پرهه ڦُٽڻ واري آهي. ان لاءِ مختصر ڳالهه کي پورو ڪيان ٿو. جڏهن ته مان عادت موجب پنهنجي باغ ۾ ٽيپهريءَ جو آرامي هيس ته ان حالت ۾ تنهنجو چاچو چوري چوري منهنجي ويجهو آيو اُن جي هٿ ۾ هڪ شيشي هئي. جنهن ۾ زهر ڀريل هيو. جيڪو ان منهنجي ڪَن ۾ وجهي ڇڏيو. هي زهر رت کي اهڙي طرح ڄمائي ڇڏيندو آهي. جنهن کير، ڏهي بڻجي ويندو آهي ۽ انسانن جي زندگي بچڻ نامڪڪن ٿي ويندي آهي. ان زهر جي جسم ۾ اثر ٿيڻ سان مان تڙپي پَيُس ۽ جسم ڪوڙهه وانگر ڦاٽي پيو. اهڙي طرح منهنجو قتل ڪيو ويو. هيملٽ! منهنجو ڀاءُ سڏرائڻ واري انسان منهنجي سلطنت، منهنجي راڻي ايتري قدر جو منهنجي زندگي به مون کان کسي ورتي ۽ مان اهڙي طرح بي سمجهي طور تي ڪيل گناهن جو ڪُفارو به ادا نه ڪري سگهيس ۽ گناهن جو بار سِر تي کڻي دنيا مان هليو ويُس. هڪ انسان جو ٻئي انسان تي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو تشدد ٿي سگهي ٿو. پر تنهنجو ضمير موئل ناهي ته هيملٽ هن ظلم کي خاموشيءَ سان برداشت نه ڪري وڃجانءِ. ڊينمارڪ جي پاڪ تخت کي گناهه ۽ احسان فارموشي جي آلودگيءَ کان بچاءِ. اُن شيطان کي ان جي خوهشين جي راند کيڏڻ کان روڪ ان کان ڀرپور بدلو وٺ. ها پنهنجي ماءُ سان ڪنهن به طرح جي دشمني نه رکجان. ۽ نه ئي اُن تي هٿ کڻجان. تنهنجي بدلي جي باهه هُن جي جسم کي نه ساڙي سگهي هن جو خيال ضرور رکجان. هُن جي گناهن لاءِ هُن جو ضمير خود اُن کي سُڪون جي ننڊ نه ڪرڻ ڏيندو. خدا هُن کي سمجهائيندو. بس اهو ئي مون کي چوڻو هيو. ٽانڊاڻي جي روشني هلڪي ٿي رهي آهي. جنهن مان معلوم پيو ٿي ته صبح ٿيڻ وارو آهي. هيملٽ! الوداع مون کي ياد رکجان.
    (رُوح هليو وڃي ٿو)
    هيملٽ: اي! عرش جا فرشتو ۽ زمين جا انسانو توهان سان فرياد آهي. هاڻي ٻيو ڪنهن کي شاهد بڻائي سگهجي ٿو. ڇا دوزخ کي به؟ هي ڪم ڪيترو نه نفرت جي قابل ۽ بدترين آهي. ڪٿي منهنجي دل جون مضبوط ديوارون ڊهي نه پون. منهنجي جسم جون رڳُون اهو ٻُڌي ڄمي نه وڃنن. مون کي اها طاقت بخش جو مان پنهنجي وعدن تي قائم رهي سگهان. تو چيو آهي ته مون کي منهنجي ڳالهين کي وساري نه ڇڏجان. اي! غم ۾ ورتل رُوح جيستائين تنهنجي ياد منهنجي دماغ ۾ زندهه رهندي. تيستائين تنهنجي ڳالهين کي وساري نه ٿو سگهان. مان پنهنجي دماغ مان هر فلسفي کي گندگي وانگر ڪڍي اڇلائي ڇڏيندس. پر تنهنجون ڳالهيون هڪ قيمتي خزاني وانگي محفوظ رهنديون. مان ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهان. مان اهو واعدو ٿو ڪيان هُوءَ ناپاڪ سڀاءُ بدڪار ۽ خوبصورت چهري واري احسان فراموش عورت .... هي سڀ ڇا آهي. پنهنجي ڪتاب جي پهرين صفحي تي لکي ٿو ڇڏيان ته چپن تي مُسڪراهٽ کڻي انسان پنهنجي دل ۾ گناهه جو خنجر لڪائي رکندو آهي. ۽ ان کي ٻين جي سيني ۾ هڻي سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ ڊينمارڪ جي سر زمين تي ته هي بلڪل صحيح آهي. (لکي ٿو) اي چاچا مان انهن لفظن ۾ تنهنجي سيرت کي مڪمل طور نُمايان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي مان وري رُوح جي انهن لفظن کي ورجائيان ٿو.
    “الوداع مون کي نه وسارجان.”
    ڪڏهن به نه مون واعدو ڪيو آهي ته مان ڪڏهن به نه وساريندس.
    هُريشيو+مارسليس: (اندران سڏيندا آهن) شهزاده شهزاده .
    مارسليس: (اندران) شهزاده هيملت.
    هُريشيو: خدا هر بلا کان هُن کي محفوظ رکي.
    هيملٽ: خدا ايئن ئي ڪري.
    هُريشيو: (اندران آواز ڏي ٿو) هلو! هو - هو شهزاده.
    هيملٽ: هلو، هو – هو هيڏانهن اچو منهنجا دوست.
    (هُريشيو، مارسليس اندر اچن ٿا)
    مارسليس: فرمايو شهزاده ڪيئن گذري ڪا خبر؟
    هُريشيو: حضور ڪهڙي خبر آهي؟
    هيملٽ: حيرت انگيز!
    هُريشيو: ڏاڍو سٺو حضور ڪجهه ٻُڌايو ته؛
    هيملٽ: نه، توهان ٻڌائي ڇڏيندوَ.
    هُريشيو: خدا جو قسم مان ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس.
    مارسليس: ۽ نه ئي مان ٻڌائيندس.
    هيملٽ: ته غور ڪيو هي سڀ ڇا آهي. ڇا اهڙي طرح ڪڏهن تصور به ڪري سگهجي ٿو. پر ڏسو هي ڳالهه ٻئي ڪنهن جي به ڪَنن تائين نه پهچي.
    هُريشيو + مارسليس: اسان خدا جو قسم کڻي وعدو ٿا ڪيون.
    هيملٽ: ڊينمارڪ ۾ ڪو به بدمعاش اهڙو ڪونهي جيڪو پڪو شيطان نه هجي.
    هُريشيو: صرف اها ڳالهه چوڻ لاءِ هڪ رُوح کي قبر مان نڪرڻ جي ضرورت نه هئي.
    هيملٽ: ها صحيح بلڪل ٺيڪ ٿا چئو ۽ هاڻي وڌيڪ ڪجهه چوڻ ۽ ٻڌڻ کان بغير هٿ ملايو ۽ جنهن کي ڪم هجي اهو ان لاءِ وڃي. ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن کي ڪوئي نه ڪوئي ڪم ته هوندو آهي ۽ مون غريب کي به ڪوئي ڪم آهي. اُن لاءِ وڃان ٿو. ڏسو مان ته ويندي ئي خدا کان گهرندس.
    هُريشيو: توهان جا گهٻرايل لفظ وڌيڪ ڏکيائي پيدا ڪري رهيا آهن شهزاده!
    هيملٽ: مون کي ان جو افسوس آهي جو منهنجي جواب سان توکي تَسلي نه ٿي سگهندي.
    هُريشيو: نه حضور ان ۾ افسوس جي ڪهڙي ڳالهه آهي.
    هيملٽ: ٺيڪ آهي هُريشيو؛ پر مون کي وڏي بيچيني آهي. بزرگ پيٽرڪ جو قسم کڻي چوان ٿو ته هاڻي مون کي صبُر نه ٿو اڇي سگهي. هن رُوح جي باري ۾ چئي سگهان ٿو ته اهو حقيقت هيو ۽ ڪو بُرو رُوح نه هيو. اسان جي وچ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي؛ ان کي ڄاڻڻ لاءِ توهان صبُر ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڳالهه ٻي آهي. توهان ٻئي منهنجا دوست سپاهي ۽ دانشمند آهيو. توهان مون سان هڪ واعدو ڪري سگهو ٿا؟
    هُريشيو: ضرور؛ اهو ڪهڙو واعدو آهي شهزاده.
    هيملٽ: جنهن رُوح کي توهان هينئر ڏٺو آهي، ان جي متعلق ڪنهن سان به ذڪر نه ڪجو.
    هُريشيو + مارسليس: اسان واعدو ٿا ڪريون ته ڪنهن سان ڪوبه ذڪر نه ڪنداسين.
    هيملٽ: نه؛ توهان قسم کڻو.
    هُريشيو: مان قسم کڻي چوان ٿو ته ڪنهن کي به نه ٻُڌائيندس.
    مارسليس: مان به قسم کڻي، ايمان سان چوان ٿو ته ڪنهن کي به نه ٻُڌائيندس.
    هيملٽ: منهنجي تلوار تي هٿ رکي قسم کڻو.
    مارسليس: حضور اسان ته قسم کڻي چُڪا آهيون.
    هيملٽ: نه؛ تلوار تي هٿ رکي وري هڪ دفعو قسم کڻو.
    رُوح: (زمين جي هيٺان چوي ٿو) قسم کڻو.
    هيملٽ: او! تون به اهو چوڻ لڳين، ڇا زمين جي هيٺان ايستائين پهچي وئين؟ هُريشيو، مارسليس ڇا توهان زمين جي اندران آواز ٻُڌو؟
    هُريشيو: حضور قسم جن الفاظن ۾ کنيو وڃي اهي ٻُڌايو؟
    هيملٽ: بس لفظ اهي آهن ته؛ جيڪو ڪجهه توهان ڏٺو آهي. اهو ڪنهن کي به نه ٻُڌائيندوَ.
    رُوح: ( رُوح! زمين جي اندران آواز ايندو آهي) قسم کڻو.
    هيملٽ: اي! رُوح توکي ڪٿي قرار به آهي. اچا اسان مٿان هٽي پري بيهي ٿا رهون. ۽ منهنجي تلوار تي پنهنجو هٿ رکو ته جيڪو ڪجهه ڏٺو اٿوَ. ان جو ذڪر ڪڏهن به نه ڪندوَ.
    رُوح: (زمين جي اندران چوي ٿو) قسم کڻو.
    هيملٽ: خُوب چيئي؛ اي! زمينجي اندر ئي اندر کوٽي هلڻ وارا ڇا تون زمين جي اندر رهي ايترو پري پهچي سگهين ٿو؟ اچو دوستو! هتان به هلي پري ٿي بيهون ٿا.
    هُريشيو: اي! رات ۽ ڏينهن توهان شاهد رهجو ته هي ڪهڙيون عجيب ڳالهيون پيش ٿي رهيون آهن.
    هيملٽ: انهن ڳالهيون کي اجنبي سمجهي انهن جي متعلق پنهنجي بي تابي ظاهر نه ڪيو. هُريشيو زمين ۽ آسمان ۾ گهڻيون شيون اهڙيون آهن. جنهن جو وهم ۽ گُمان به اسان جي فلسفي ۾ ناهي گذريو. اچو جيڪڏهن خدا جو فضل چاهيو ٿا ته آئنده مان ڪنهن عجيب و غريب شڪل يا حالت ۾ جنهن جو اختيار ڪرڻ مان ضروري سمجهان. ظاهر ٿيان ته توهان اهو نه ڪجو ته پنهنجا هٿ قابُو ڪري بيهي رهو. مٿو اهڙي طرح لوڏيو (هيملٽ مٿي کي لوڏائي ٿو) يا ڪا شڪ واري ڳالهه زبان ي آڻيو ۽ چئو ها اسان کي سڄو احوال معلوم آهي ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته ٻڌائي به سگهون ٿا. مطلب اهڙا شڪي جملن ۾ جنهن مان اهو معلوم ٿئي ته توهان منهنجي حال کان واقف آهيو اهڙي گفتگو نه ڪجو. بس خدا رحمت ۽ برڪت توهان جي حال ۾ شامل رهي ۽ خدا توهان جي مدد ڪري. قسم کڻو
    رُوح: (اندران چوي ٿو) قسم کڻو
    هيملٽ: اي! رُوح ٿورو ته سُڪون سان ويهه؛ (هُريشيو ۽ مارسليس قسم کڻن ٿا) منهنجا شريف دوستو هن تعلق ۽ محبت جي سبب سان جيڪا مان توهان سان رکان ٿو. مان پنهنجو تقرُر توهان جي سُپرد ڪيان ٿو. هي عاجز هيملٽ جيڪو ڪجهه توهان جي محبت ۾ توهان لاءَ ڪري سگهي ٿو. اهو مان ضرور ڪندس. اچو گڏ هلون ۽ منهنجي اها ئي التجا آهي ته توهان ٻئي بلڪل خاموش رهجو. وقت وڏو نازڪ آهي. افسوس ان جو ناهي ته هن بگڙيل دنيا کي سنواريو وڃي. بلڪه غم اِن جو آهي ته مان اُن جي سنوارڻ لاءِ دنيا ۾ ڇو پيدا ٿيس. اچو اسان سڀ گڏ هلون.

    (سڀ هليا وڃن ٿا)


    عمل - ٻيون

    منظر - پهريون

    منظر - پهريون
    (پولونيس جو گهر)


    (پولونيس ۽ رينالڊو داخل ٿين ٿا)

    پولونيس: هي پيسا ۽ خط لائرٽيس کي ڏجانءِ.
    رينالڊو: ضرور ڏيندس سرڪار
    پولونيس: رينالڊو پهتي ته هي هوندو ته تون ان کان پهرين ٻين ماڻهن سان هُن جي ڪردار جي متعلق پوري طرح ڄاڻ حاصل ڪري وٺجانءِ.
    رينالڊو: مان ايئن ئي ڪندُس سرڪار
    پولونيس: ها ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ تون ڪافي هوشيار آهين. پهرين هي معلوم ڪجان. ڇا ڊينمارڪ جا ماڻهو به پئرس ۾ رهندا آهن. ۽ پوءِ انهن جي اخلاق رهڻي ڪهڻي ۽ مصروفيتن جي باري ۾ پوري وافقيت حاصل ڪجان. پهريان سڌو سنئون لائرٽيس کان نه پڇجان ته ڪهڙي حال ۾ آهي. بلڪه اهو معلوم ڪجان ته اهي اُن کي سڇاڻين ٿا يا نه. پوءِ اُن جي باري ۾ تحقيق ڪجان ۽ اهو به ظاهر ڪندين ته تون هن بابت ڪا معلومات رکين ٿو. صرف اهو ظاهر ڪجان ته هُن سان هُن جي والدين سان ٿوري گهڻي واقفيت آهي. رينالڊو منهنجي خيال ۾ سڀ ڪجهه سمجهي ويو هوندين.
    رينالڊو: تمام سٺي نموني سرڪار.
    پولونيس: تون اهو چئجان ته لائرٽيس سان تنهنجي ٿوري واقفيت آهي پر اُن کي پوري طرح نه ٿو سُڃاڻيان. پر اهو شخص لائرٽيس آهي جنهن جي طرف تنهنجو اشارو آهي ته اهو هڪ آواره مزاج ۽ عيش طبيعت نوجوان آهي. اهڙي قسم جو ڪوڙو الزام تون هُن تي لڳائي سگهين ٿو. پر ان جو خاص خيال رکجان ته ان جي وقار تي ڪنهن به قسم جو تاءُ نه اچي. تون نوجوانن جي اُن عام آلودگين جو ذڪر جيڪو زماني جي شباب ۾ نگراني نه رهڻ سان وڌي وينديون آهن.
    رينالڊو: جيئن جُوا وغيره. اهو ئي توهان جو مطلب آهي نه؟
    پولونيس: ها شراب نوشي جهيڙو جهڳڙو ڪرڻ، عورتن جي پويان گهمڻ ۽ ڪوڙو قسم کڻڻ جي عادت وغيره چئي سگهين ٿو.
    رينالڊو: پر، حضور اهي الزام هُن کي چيڙائي سگهن ٿا.
    پولونيس: نه جڏهن اهي الزام لڳائي رهيا هوندوَ. ظاهري طور تي نه چئجو ته هو انهن عادتن جو شڪار آهي. بلڪه ڪنهن به طرح ڳالهيون ٺاهي هي ظاهر ڪجو ته هي سڀ خاميون نوجواني جو شباب آهن ۽ ايئن ٿيڻ فطرتي آهي. ڇو ته نوجوانن جو دماغ پنهنجي منماني ڪرڻ وارو ۽ جلد باز هوندو آهي. انهن ۾ ڀلو، بُرو سوچڻ جي صلاحيت ناهي هوندي.
    رينالڊو: پر حضور ....
    پولونيس: توکي شايد خبر ناهي ته مان ايئن ڪرڻ لاءِ ڇو چئي رهيو آهيان.
    رينالڊو: اهو ئي ته مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو حضور.
    پولونيس: مان پاڪ مريم جو قسم کڻي چوان ٿو. رينالڊو اهو ئي منهنجو مقصد آهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو هي سڀ کان بهتر طريقو آهي. تون انهن الزامن کي ُهن جي مٿان ايترو ئي لڳائجان جو هي معلوم ٿي سگهي ته هُو انهن برين عادتن جي سبب خراب ٿي ويو آهي. ان مان توکي هي معلوم يندو ته تون جنهن شخص سان لائرٽيس جي بابت ڳالهائيون. پر اهو هن کي سُڃاڻيندو هوندو ته توکي ٻُڌائيندو ته تنهنجون ڳالهيون درست آهن ۽ پنهنجي ملڪ جي رسم رواج جي مطابق ٻيون ڳالهيون به ٻڌائيندو ۽ تنهنجي ڳالهين سان اتفاق به ڪندو.
    رينالڊو: ٺيڪ آ سمجهي ويس حضور
    پولونيس: اڇا! ۽ جڏهن هُو هي چوي ته .... مون ڇا چيو هُيو؟ شايد مان هينئر ڪجهه چوڻ وارو هُيس ڳالهه کي مان ڪٿي ختم ڪيو هيو.
    رينالڊو؛ توهان چئو پيا ته هو پنهنجي ملڪ جي رسم رواج کان آگاهه ڪندو.
    پولونيس: ها - تڏهن هو اعتماد سان توکي ٻُڌائيندو مون ڪالهه يا ڪنهن ڏينهن هُن کي فِلاڻي جڳهه تي جُوا کيڏندي ڏٺو آهي يا شراب پيئندي ڏٺو آهي. هاڻي تون سمجهين ته منهنجو ڇا مطلب آهي؟ جيئن ڪُنڊي ۾ لڳل هڪ مُئل ڪيڙي کي ڏسي مڇي مُنهن وجهندي آهي ۽ ڦاسي ويندي آهي. اهڙي طرح اهي ماڻهو به تنهنجون ڳالهيون ٻڌي هن جي صديق ڪندا ۽ اهڙي طرح اسان تنهنجي دانشمندي جي ڪري پنهنجي مقصد کي حاصل وٺنداسين ۽ اهڙيون اُبتيون سُبتيون ڳالهيون ٺاهڻ سان صحيح صورتحال سان واقفيت حاصل ٿي ويندي. بس ايئن ئي منهنجي چوڻ تي عمل ڪري تون منهنجي پُٽ جي متعلق سڀني ڳالهين جي خبر وٺي سگهين ٿو. هاڻي تون سمجهي وئين.
    رينالڊو: ها حضور سمجهي ويس.
    پولونيس: اڇا! الوداع خدا ڪري تون ڪامياب ٿيئن.
    رينالڊو: بهتر آهي سرڪار
    پولونيس: ۽ پوءِ خود پنهنجو اکين سان ڏسي اُن جي چال چلت ۽ مصروفيات جي متعلق پنهنجي تسلي ڪري ڇڏجان.
    رينالڊو: مان ضرور ڪري وٺندس.
    پولونيس: ۽ اُن جي موجوده طريقي تي هلڻ ڏجان.
    رينالڊو: اڇا! الوداع حضور
    (اوفيليا ايندي آهي .... رينالڊو وڃي ٿو.)
    پولونيس: الوداع!
    اوفيليا تون ڪيئن آهين. ڇا ڳالهه آهي. تون ايئن ڇو بيٺي آهين.
    اوفيليا: محترم والد – مان ڊڄي وئي آهيان.
    پولونيس: ڇو ڇا مسئلو آهي؟ مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو. خدا جي واسطي جلدي ٻڌايو.
    اوفيليا: ابا حضور! جڏهن ته مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي سلائي ڪري رهي هيس ته شهزادو هيملٽ ديوانن وانگر مٿين ۽ پيرين اگهاڙو داخل ٿيو. هن جو چهرو هن جي قميص جي رنگ وانگر ڦڪو ٿي رهيو هو. هن جا گوڏا ڪمزوري کان وچڙندا ڏڪي رهيا هئا. هُو اهڙين نگائن سان گُهوري رهيو هو. جنهن کي ڏسي ڏاڍو رحم پئي آيو. خاموشي سان گهوري رهيو هو. ڄڻ ته هن پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آحي.
    پولونيس: ڇا هُو تنهنجي محبت ۾ ديوانو ٿي ويوآهي؟
    اوفيليا: مون کي خبر ناهي حضور. پر خدا ڄاڻي ڇو. مون کي اُن کان خوف ٿيندو آهي.
    پولونيس: اُن ڪجهه چيو به هيو؟
    اوفيليا: پهرين ته هن سختي سان منهنجي ٻانهن پڪتي ۽ ٻيو هٿ پنهنجي پيشاني تي رکي منهنجي چهري کي گهورڻ لڳو. ايئن جيئن هو هينئر ئي جسم کان ڪڍي کڻي ويندو. اهڙي طرح هو ڪافي دير تائين بيٺو رهيو پوءِ اُن ٻه ٽي دفعا منهنجي هٿن کي جُنبش ۾ آندو. منهنجو مٿو لوڏي ڊگهو ساهه کنيائين ايئن پئي لڳو ڄڻ هُن جي دل هينئر ئي ٽڪرا ٿي ويندي ۽ ان جي زندگي پنهنجو آخري لمحو ختم ڪري ڇڏيندي. پوءِ اُن منهنجو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ منهنجي طرف ڏسندي پوئين پير واپس هليو ويو. مان ڪيئن چوان هن جون اکيون رستي ڏانهن ڏسڻ جي بجاءِ مون کي ئي غور سان ڏسي رهيون هيون.
    پولونيس: ٺيڪ آ. مون سان گڏ اچ مان بادشاهه سان وڃي ملندس. هي محبت جو جنون آهي جيڪو جوش جي حالت ۾ انسان کي قتل ۽ خون ڪرڻ تي آماده ڪري ڇڏيندو آهي. مون کي تنهنجي هن قابل رحم حالت کي ڏسي وڏي تڪليف ٿي رهي آهي. پر ها تو ڪا ڳالهه ان وقت سختي سان نه چئي هئي؟
    اوسيليا: نه بابا حضور مان توهان جي حڪم موجب اُن جا خط وٺڻ بند ڪري ڇڏيا ۽ ان سان گڏ اِهو به چئي ڇڏيو هو ته مون سان ملڻ جي آئنده ڪوشش نه ڪجان.
    پولونيس: اِنهيءَ صدمي هن کي چريو ڪري ڇڏيو آهي. مون کي وڏي تڪليف ٿي رهي آهي ته مون هُن سان اهڙو سُلوڪ ڇو ڪيو. ڇا مون کي هوشياري سان ان جو فيصلو ڪرڻ گهرجي ها؟
    منهنجو خيال هيو ته هو آواره مزاج نوجوانن وانگر پنهنجي ڪوڙن واعدن سان توکي بي وقوف بڻائي رهيو آحي. ۽ ان جو نتيجو ڪنهن ڏينهن تنهنجي تباهي ٿي سگهي ها. لعنت آ منهنجي هن شڪ شبي تي اسان پوڙهن کي جلد بازي فطرتي هوندي آهي. جڏهن اسان بُري ڀلي جي ڪسوٽي کي پرکي نه سگهندا آهيون ته پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ چالاڪ سمجهي ڪو ٻيو ئي رستو اختيار ڪندا آهيون. جيڪو اسان جي خيال ۾ صحيح هوندو آهي. حالنڪه نوجوان ويچارا ان بُرائي کان پري هوندا آهن. اچ اسان بادشاهه ڏانهن هلون. ان کي هي تمام واقعو ٻڌايون. نه ته هُن جي جُنون کي لڪائڻ سان خدا ڄاڻي ڪهڙي آفت نازل ٿئي. اهو ظاهر ڪري ڇڏجان ته هُو توسانمحبت ڪندو آهي. ان جو نيجو اهو ٿيندو جو بادشاهه ڪجهه ناراض ضرور ٿيندو پر هي اُن وقت کان بهتر آهي.

    (هليا ويندا آهن)


    منظر- ٻيو

    منظر- ٻيو
    (ايوانِ شاهي جو هڪ ڪمرو)


    (بادشاهه ڪيلاڊيس، راڻي گِرٽريوڊ، روزين ڪِرٽس ۽ گلڊنسٽرن ۽ ٻين خادمين جو اچڻ)

    بادشاهه: خوش آمديد!پيارا زوزي ڪرٽس ۽ گِلڊنسٽرن اسان توهان کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍا بي تاب هياسين. اسان توهان کي هڪ خاص ڪم لاءِ جلدي گهرايو آهي. توهان هيملٽ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٻڌو هوندو ته هُو دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي. اسان اهو ٿا سمجهون ته هو پنهنجي صحيح حالت ۾ نه آهي. اسان ان جو سبب اُن جي پيءُ جي موت جو عظيم صدمو سمجهون ٿا. اسان اهو ٿا چاهيون ته توهان ٻئي اسان سان هتي رهو. ڇو ته ننڍپڻ کان ئي توهان هيملٽ جا دوست آهيو. ان جا هم مزاج ۽ هم عمر آهيو. توهان هن سان گڏ رهي اُن جو دماغي توازن درست ڪري سگهو ٿا. پوءِ هن جي زندگي جي حالات کي ڏسي ڪري ان جي ديوانگي جو سبب معلوم ڪريو. جيڪڏهن ڪو سبب اهڙو هجي ته جيڪو اسان کي به معلوم نه آهي ته ان کي معلوم ڪرڻ تي ان جو مناسب انتظام ڪيون. بس اسان توهان کان ايترو ئي چاهيون ٿا.
    راڻي: اڪثر هو توهان جي باري ۾ ذڪر ڪندو آهي.ان لاءِ اسان خيال ڪيو ته هُو توهان کي عزيز سمجهي ٿو. پر توهان اسان جي درخواست تي مهرباني ڪري هتي رهو. ۽ اسان جي مدد ڪيو ٿه يقين ڄاڻو اسان تي توهان جا احسان ٿيندا. ۽ جئين ته بادشاهه پنهنجي وقت تي ساٿ ڏيڻ وارن سان سٺو سُلوڪ ڪندو آهي. اسان توهان کي اهڙي طرح بهترين تحفا ڏيئي توهان کي خوش ڪري ڇڏينداسين.
    روزين ڪريٽس: اسان توهان جي خدمت ۾ حاضر آهيون. توهان جو فرمان اسان جو فرض آهي.
    گِلڊنسٽرن: اسان توهان جو حڪم پورو ڪرڻ ۾ پوري تعميل ڪنداسين. توهان جي قدمن ۾ اسان جون سڀ خدمتون حاضر آهن.
    بادشاهه؛ مهرباني روزين ڪريٽس ۽ گِلڊنسٽرن.
    راڻي: مهرباني گِلڊنسٽرن ۽ روزين ڪريٽس. هاڻي اسان توهان کان درخواست ٿا ڪيون ته توهان فورن وڃي اسان جي هيملٽ سان ملو. جيڪو هن وقت مجنون وانگر ٿي رهيو آهي. (خادمين سان) وڃو هنن کي هيملٽ تائين پهچايو.
    گِلڊنسٽرن: خدا ڪري اسان جون ڪوششون اسان جي دوست هيملٽ لاءِ مفيد ثابت ٿين.
    راڻي: آمين ....
    (روزين ڪريٽس، گِلڊنسٽرن ۽ خادم وڃنن ٿا. پولونيس اچي ٿو.)
    پولونيس: جناب اعليٰ! اسان جا جيڪي قاصد ناروي ويا هئا. اهي خوشخبري کڻي واپس آيا آهن.
    بادشاهه: پولونيس! تون هميشه سٺي خبر کڻي ايندو آهين.
    پولونيس: مان ائين ڪندو آهيان؟ سرڪار مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مان پنهنجي فرض کي سڀ کان وڌيڪ سمجهندو آهيان. منهنجو روح خدا ۽ بادشاهه جو تابعدار آهي. مون کي هيملٽ جي ديوانگي جو سبب به معلوم آهي. حضور! ۽ هي ايتري حد تائين صحيح معلوم آهي جيستائين مان هي سمجهي وٺان ه منهنجو دماغي فعل خود خراب ٿي ويو آهي.
    بادشاهه: ڪهڙو سبب آهي. پولونيس اسان ان کي ڄاڻڻ لاءِ تمام گهڻا بيچين آهيون.
    پولونيس: پهرين قاصدن کي اچڻ لاءِ ترجيح عطا ڪيو. ان کان پوءِ راز جون ڳالهيون ٻڌائيندس.
    بادشاهه: تون وڃ انهن کي عزت سان وٺي اچ.
    (پولونيس ويندو آهي.)
    پياري گِرٽِريُوڊ پولونيس چوي ٿو ته اُن هيملٽ جي جُنون جو سبب معلوم ڪري ورتو آهي.
    راڻي: منهنجي خيال ۾ ته اُن جي پيءُ جو موت ۽ اُن جي فورن بعد ئي اسان جي شادي اُن جو وڏو سبب ٿي سگهي ٿي.
    بادشاهه: اُن کان سڀ ڪجهه معلوم ٿي سگهي ٿو.
    (والٽي مينڊ ۽ ڪورنيليس سان گڏ پولونيس اچي ٿو)
    خوش آمديد! عزيز دوستو! ڪئين والٽيمينڊ تون اسان جي ڀاءُ ناروي جي بادشاهه کان ڪهڙو پيغام کڻي آيو آهين؟
    والٽي مينڊ: توهان جي خدمت نيڪ دعائن سان گڏ. ان وڏو تسلي بخش جواب ڏنو آهي. حضور توهان جو پيغام ٻڌندي ئي اُن پنهنجي ڀائٽي ۽ ان جي ساٿين جي گرفتاري جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هُو ان جي متعلق ناواقف هيو. اُهو هي ڄاڻي پيو ته هي فوج پولينڊ تي حملو ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي ۽ ان جي تياري آهي. هن اِن ڳالهه جي متعلق ڏاڍو افسوس ظاهر ڪيو ته فورٽن براس ان جي ضعيفي ۽ ناچاڪائي جو ناجائز فائدو ورتوآهي. ان لاءِ هن کي وڏي سخت سزا ڏني. مان توهان کي سڄو حال مختصر ٻڌائيندس فورٽن براس پنهنجي چاچي جي ڳالهه مڃي ۽ بادشاهه روبرو واعدو ڪيو آهي ته هُو آئينده توهان جي خلاف ڪابه سازش نه ڪندو. ان ڳالهه سان خوش ٿي. ناروي جي بادشاهه ٽي هزار ڪرائون سالانه ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي. ۽ ان پنهنجي فوج کي پولينڊ تي حملي جو حڪم ڏنو آهي. (خط ڏئي) هن خط ۾ هُن اعليٰ حضور کان درخواست ڪئي آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي سلطنت جي حدن کان پُرامن طريقي سان اُن جي فوج کي گذري وڃڻ ڏي.
    بادشاهه: اسان کي اِهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. هاڻي اسان واندڪائي جي وقت هي خط پڙهنداسين. ۽ ان تي غور ڪنداسين. ۽ ان جو جواب ڏينداسين. اسان توهان جي تڪليف جو به شڪريو ادا ڪيون ٿا ۽ سفر جي ٿڪاوٽ کان پوءِ توهان کي آرام جو حڪم ڏيون ٿا. اسان وري خوشي سان توهان جي آجيان ڪيون ٿا. اڄ رات اسان گڏجي کاڌو کائينداسين.
    (والٽي مينڊ ۽ ڪورليونيس وڃنن ٿا.)
    پولونيس: منهنجو ڪم صحيح طرح ٿي ويو. منهنجا سرڪار ۽ راڻي توهان حضرات جي عزت و قدر منهنجي دل ۾ انتهائي گهڻي آهي. مان ڏينهن ۽ رات جي وڌيڪ وقت کي ضايع نه ڪندس. پر هن ڪم ۾ فقط اهو ئي تعلق آهي ۽ عقلمندي اها ئي آهي ته گهڻين ڳالهين کي گهٽ وقت ۾ مختصرن چئي ڇڏجي. ته توهان جو پيارو فرزند پاڳل ڇو ٿي رهيو آهي. مان ان کي پاڳل ئي چوندس ڇو ته بغير اهو چوڻ جي ته هو پاڳل آهي ان جي پاڳلپڻي جي تشريح ڪئين ٿي سگهر پر اِن کي رهڻ ڏيو.
    راڻي: پنهنجي قابليت ڏيکارڻ کان وڌيڪ معاملي جي ڳالهه ڪريو.
    پولونيس: مان اهو غلط نه چئي رهيو آهيان. راڻي صاهبه توهان ان کي بغير ڪنهن شڪ جي يقين ڪيو ته هو مجنون ٿي ويو آهي ته هو قابل رحم آهي ۽ ديوانگيءَ واري حالت ۾ آهي. ڇو ته هي ڳالهيون صرف اِن لاءِ آهن ته عقلمندي ۽ قابليت مان ڏيکاري رهيو آهيان ته اُن ڳالهه کي ڇڏيو ۽ صاف صاف پنهنجي ڳالهه ٻڌائيان ٿو. پر توهان اِهو ڄاڻو ٿا ته هُو ديوانو آهي ته هن جي جُنون جو ڪو نه ڪو سبب هجڻ گهرجي ۽ اُن سبب کي معلوم ڪرڻ گهرجي. ۽ ان سبب جي متعلق مون کي هي عرض ڪرڻو آهي ته منهنجي ڌيءُ ادب سان هي خط توهان جي خدمت ۾ موڪليا آهن. هاڻي مان ان کي پڙهي ٻڌائيان ٿو. هِن لکت مان توهان صحيح مطلب ڪڍي سگهو ٿا. (خط پڙهي ٿو)
    منهنجي رُوح جي ديوي جي نانءُ - حسين ترين اوفيليا - هي ته ان جي حُسن جي تعريف آهي. پر توهان ان کان اڳتي ٻڌو. کير وانگر اڇي ۽ پاڪيزا سيني تي هي سٽون هميشه قائم رهن.
    راڻي: ڇا هي خط هيملٽ لکيو آهي؟
    پولونيس: ٿورو ترسو راڻي صاحبه! مان سڀ ڪجهه عرض ڪندس. ( خط اڳتي پڙهي ٿو)
    تون تارن تي شڪ ڪري سگهين ٿي ته هُو شعلا آهن. سج جي بيحس هجڻ تي شڪ ڪري سگهجي ٿو. هر سچ تي شڪ ٿي سگهي ٿو ته هو ڪوڙ آهي. پر منهنجي محبت تي ڪنهن به قسم جو شڪ نه ڪجان. منهنجي پياري اوفيليا! مون کي شاعري ڪرڻ ناهي ايندي ۽ نه ئي مون کي پنهنجي جذبات جي اظهار جو فن ايندو آهي. مان صرف اهو ڄاڻان ٿو ته مان توکي بيحد چاهيان ٿو. يقين ڪر مون کي خُود اُن حد جي خبر ناهي. جيستائين منهنجي زندگي آهي. منهنجي محبوبا! آخري ساهه تائين صرف تنهنجو- “هيملٽ”
    اهو ئي آهي منهنجي ڌي منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين. هي خط مون کي ڏنو آهي. ان سان گڏ شهزادي جيڪي ان کي تحفا ڏنا انهن جي به دانهن ڏيندي رهي.
    بادشاهه: پر ان محبت جو اثر اوفيليا تي ڪهڙو آهي؟
    پولونيس: توهان منهنجي متعلق ڪهڙا خيال رکو ٿا؟
    بادشاهه: هڪ وفادار ۽ قابل احترام انسان.
    پولونيس: مان پاڻ کي ان جو اهل ثابت ڪرڻ جي وسَ آهر ڪوشش ڪندس پر حضور جيڪڏهن مان هن راز کي لڪائي ڇڏيان ها ته حضور ان جي متعلق ڇا سوچي ها. ڇو ته هي به حقيقت آهي ته پنهنجي ڌيءُ جي ٻڌائڻ کان پهريائين مان ان محبت محبت جي باري ۾ معلوم ڪري ڇڏيو هو. ۽ جيڪڏهن مان ان کي ائين ئي ڀڙڪڻ ڏيان ها ۽ خاموش رهان ته توهان منهنجي متعلق ڪهڙو خيال فرمايو ها؟ جناب اعليٰ ڇا اها منهنجي غلطي نه هجي ها؟ ان لاءِ مان سڌو سنئون ان ۾ مداخلت ڪئي ۽ پنهنجي ڇوڪري کي ملامت ڪئي ته شهزادو هيملٽ هڪ شاهي رُڪن آهي. هو خاندان ۽ عزت جي حوالي کان ڏاڍو وڌيڪ آهي. ان سان محبت ڪري ڪو سنهري خواب نه ڏسجان. اهو قطع ناممڪن آهي. ان سان گڏوگڏ مان اهو به چئي ڇڏيو ته ان جو ڪوبه خط ۽ تحفو نه وٺندي ڪر ۽ ان سان ملڻ جو خيال ختم ڪري ڇڏ. ان منهنجي ڳالهين کي ڌيان سان ٻڌندي ان جي تعميل ڪئي. ۽ شهزادو ان صدمي ۾ دماغي توازن وڃائي ويٺو ۽ ديوانن وانگر گهمي رهيو آهي. ان جي حالت ڪرندي وڃي ٿي. ۽ هاڻي ته هو بلڪل ئي ديوانن وانگ رڙيون ڪرڻ لڳو آهي. مون کي شهزادي جي اها حالت ڏسي بيحد صدمو پهتو آهي.
    بادشاهه: ڇا توکي ان ڳالهه جو يقين آهي؟
    راڻي: ٿي سگهي ٿو اِهو درست هجي.
    پولونيس: حضور ڇا توهان کي ان ۾ شڪ آهي. توهان منهنجي زندگي جو ڪو اهڙو لمحو ٻڌائي سگهو ٿا ته جڏهن مان ڪنهن ڳالهه کي پختي يقين کان پوءِ غلط چيو هجي ۽ اهو غلط ثابت ٿيو هجي.
    بادشاهه: نه – مان ڄاڻان ٿو ته ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو.
    پولونيس: (پنهنجي ڳلي ۽ مٿي جي طرف اشارو ڪندين.) توهان هنن کي ڪپائي ڇڏجو. مون کي جڏهن ڪنهن معاملي جو ثبوت ملي ويو آهي ته مان اصليت ضرور ڳولي ڪڍي آهي.
    بادشاهه: توهان ڄاڻيو ٿا ته هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هن وڏي ڪمري ۾ چڪر لڳائيندو رهيو آهي.
    راڻي: ها ائين ته ٿيندو آهي.
    پولونيس: اُن وقت اسان اوفيليا کي اوڏانهن موڪلي ڇڏينداسين اسان پردي جي پويان لڪي سڄو لقاءُ ڏسنداسين ته هو ڪهڙي طرح ان سان ملي ٿو. جيڪڏهن هو ان جي عشق ۾ ديوانو نه ٿيو آهي ته توهان مون کي شاهي درٻار جي امير بجاءِ هڪ فقير سمجهندا.
    بادشاهه: ٺيڪ آهي. اسان اهو سڀ ضرور ڏسنداسين.
    راڻي: پر هو غريب ڪيترو غمگين ڪتاب پڙهندين اچي رهيو آهي.
    پولونيس: توهان ٻئي لڪي وڃو. مان ان سان ڳالهائيندس. (راڻي ۽ بادشاهه لڪي وڃنن ٿا.) – (هيملٽ ڪتاب پڙهندي اچي رهيو آهي.) ڇا مان حضور شهزادي هيملٽ کان مزاج پڇي سگهان ٿو. مزاج مبارڪ ئين آهي؟
    هيملٽ: ٺيڪ آهيان. خدا جو شڪر آهي.
    پولونيس: توهان مون کي سڃاڻيو ٿا شهزادا؟
    هيملٽ: هميشه چڱي طرح تون مهاڻو آهين.
    پولونيس: نه حضور ائين ته نه آهي.
    هيملٽ: پوءِ ڪاش جو تون هڪ ايماندار شخص هجين ها.
    پولونيس: مان ايماندار آهيان شهزادا.
    هيملٽ: پر جناب توهان کي اهو به معلوم آهي ته هزار تلاش کانپوءِ هزار مان هڪ ئي سچو ۽ ايماندار ماڻهو نظر ايندو آهي.
    پولونيس: درست ٿا فرمايو حضور.
    هيملٽ: جڏهن ته سج هڪ موئل ڪتي جي جسم ۾ ڪيڙو وجهي ڇڏيندو آهي. ان جي گوشت ۽ چمڙي کي ساڙيندو آهي. اڙي ها ڪئين تنهنجي ڪا ڌيءُ به آهي؟ ان کي سج جي روشني ۾ نڪرڻ نه ڏجان. قدرت جو قانون هر عورت لاءِ هڪ جهڙو آهي. پر تنهنجي ڌيءُ ان کان بي خبر آهي. ۽ تون ان جو پورو خيال رکجان.
    پولونيس: (پنهنجو پاڻ سان) هاڻي هن کان ٻيو ڪهڙو مطلب ٿي سگهي ٿو جو اڃان تائين منهنجي ڌيءُ کي وساري ناهي سگهيو. حالانڪه مون کي ڏسڻ سان ئي سڃاڻي به نه سگهيو ۽ چوڻ لڳو ته مان هڪ مهاڻو آهيان. هي پنهنجي محبت جي پاڳل پڻي ۾ ڪافي ديوانو ٿي چڪو آهي. ۽ حقيقت ۾ ائين ٿيندو آهي. مان به پنهنجي شروعاتي جواني ۾ اهڙي طرح ئي عشق ۾ ديوانو ٿي ويو هيس. بلڪل ائين ئي. اڇا هاڻي شهزادي کان ٻه چار ڳالهيون ڄاڻڻ گهرجن. (شهزادي سان) توهان ڇا فرمائي رهيا آهيو حضور.
    هيملٽ: الف ، الف ، الف ....
    پولونيس: انهن جي وڄ ۾ معاملو ڪهڙو آهي؟
    هيملٽ: ڪنهن جي وچ ۾؟
    پولونيس: منهنجو مطلب توهان جي مطالعي سان آهي سرڪار.
    هيملٽ: واهيات اهي. مصنف طنزيا طور تي پوڙهن جي باري ۾ لکيو آهي ته انهن جي ڏاڙهي اڇي هوندي آهي. چهري تي گهنج رهندا اٿن. اکيون ڪوڏ جي گول ٻير وانگر چيپ سان چمبڙيل رهنديون آهن. عقل مٿي مان گهٽجي ويندو آهي. مغز ۽ ٽنگن جون صلاحيتون ختم ٿي وينديون آهن. ائين ئي مان هي سڀ ڪجهه ٺيڪ سمجهان ٿو. پوءِ به سَري عام ان طرح لکڻ درست نه آهي. ڇو ته سرطان وانگر جيڪڏهن توهان اُبتي پير هلو ته توهان پوءِ مون وانگر جوان ٿي سگهو ٿا. ڇا هي درست ناهي؟
    پولونيس: (پنهنجو پاڻ سان) حالانڪه ڳالهيون پاڳلن جي طرح ڪري ٿو. پر ان جي پويان ضرور ڪوئي گهرو راز آهي. (شهزادي سان) حضور توهان بلڪل کليل هوا ۾ هلڻ پسند ڪندوَ؟
    هيملٽ: منهنجي قبر جي اندر ....
    پولونيس: حقيقت ۾ هوا ته اتي هوندي آهي ئي ناهي (پاڻ سان) اها عجيب ڳالهه آهي. هي ته ائين ٿو معلو ٿئي ته جيڪي پاڳل انسان چئي ۽ سمجهي ويندا آهن. اهو هڪ صحيح دماغ رکندڙ شخص به سمجهي ناهي سگهندو. خير هاڻي اوفيليا جي ملاقات شهزادي سان ڪرائڻ گهرجي. (شهزادي سان) ٺيڪ آ حضور مون کي اجازت ڏيو.
    هيملٽ: مون وٽ ٻي ڪا قيمتي شيءِ ڪونهي جو توکي ڏئي سگهان. علاوه منهنجي زندگي جي. منهنجي زندگي.! منهنجي زندگي.!
    پولونيس: الوداع شهزادا.
    هيملٽ: هي پاڳل بد دماغ پوڙهو.
    (روزين، ڪريٽس ۽ گِلڊنسٽرن اچن ٿا)
    پولونيس: (ويندي) توهان شهزادي هيملٽ کي تلاش ڪري رهيا آهيو. هو اتي ئي آهي.
    روزين: خدا توهان جي حفاظت ڪري جناب.
    گِلڊن: شان وارا شهزادا.
    روزين: منهنجا پيارا شهزادا.
    هيملٽ: او - منهنجا پيارا دوستو! روزين، گِلڊنسٽرن ٻڌايو ڪئين آيا آهيو توهان ٻئي؟
    روزين: دنيا جي ٻين انسانن جيان.
    گِلڊن: نه ڪا خاص خوشي آهي ۽ نه ئي ڪو خاص غم آهي. بس خدا جو شڪر آهي.
    هيملٽ: ڇا تون بد بختيءَ جي حد تائين نه وڃي رهيو آهين؟
    روزين: نه حضور.
    هيملٽ: ڪئين توهان تي دنيا ۽ زندگيءَ جو عتاب آهي يا مهرباني! ڇا خبر آهي؟
    روزين: ڪا به خبر ڪونهي. صرف اهو ته دنيا هاڻي پهرين کان ڪافي ايماندار ٿي وئي آهي.
    هيملٽ: تڏهن ته قيامت ضرور ويجهو آهي. پر توهان جي اها خبر درست ناهي. ڇا هڪ ڳالهه ٿورو ٺيڪ طرح ٻڌايو ته توهان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو هن قيد خاني ۾ موڪليا ويا آهيو؟
    گِلڊن: قيد خانو؟ ڇا ٿا فرمايو شهزادا.
    هيملٽ: ها! هي ڊينمارڪ جو هڪ قيد خانو آهي.
    روزين: پوءِ ته سڄي دنيا هڪ قيد خانو ٿي سگهي ٿي.
    هيملٽ: بلڪل درست آهي. هي هڪ اهڙو قيد خانو آهي. جنهن۾ تمام گهڻيون ڪاريون ڪوٺيون آهن. انڌا کوهه آهن جو اتي دم گهٽجندو آهي. ڊينمارڪ به انهن مان هڪ ڪاري ڪوٺي آهي.
    روزين: پر اسان ته ائين نه ٿا سوچون شهزادا.
    هيملٽ: درست آهي. توهان لاءِ هي ائين نه آهي. ڇو ته دنيا ۾ ڪابه شيءِ چڱي يا بُري نه آهي. صرف خيال ان حد تائين پهچائيندو آهي. منهنجي لاءِ هي هڪ قيد خانو آهي.
    روزين: ايتري خسيس ڳالهه سوچڻ توهان جي شان ۾ موضون نه آهي شهزادا.
    هيملٽ: منهنجو خدا جيڪڏهن مون کي هڪ ناريل جي کوپي ۾ به بند ڪري ڇڏي ته مان انهيءَ حد تائين پاڻ کي بادشاهه سمجهان ها پر ڪا رات جو مون کي ايترا خوفناڪ خواب ته نه ڏسڻا پون ها.
    روزين: خواب دراصل خيالن جا آئينا هوندا آهن. توهان جا خيالات پريشان آهن.
    گِلڊن: خواب بَذات خود هڪ عڪس هوندا آهن.
    روزين: هي صحيح آهي. هي هوا وانگر هلڪا ۽ بي ترتيب هوندا آهن. دراصل هي عڪس جو به پاڇو هوندا آهن.
    هيملٽ: تڏهن ته جيترا پينار آهن. پنهنجي دل ۾ پنهنجو عڪس بادشاهه ۽ شهنشاهه جهڙو رکندا هوندا. هن وقت مان ڪنهن به ڳالهه جو صحيح جواب نه ٿو ڏي سگهان. اڇا هاڻي اسان شاهي دٻار ۾ هلون ٿا.
    روزين + گِلڊن: اسين هتي توهان جي خدمت ۾ رهنداسين شهزادا.
    هيملٽ: نه ، مان پنهنجي دوستن کي خادمين جي صورت ۾ پسند نه ڪندو آهيان. اڇا هاڻي ايمانداري سان اهو ٻڌايو ته منهنجي مٿان نگراني شروع ٿي وئي آهي؟ هاڻي ٻين ڳالهين کي ڇڏيو ۽ منهنجي سچن دوستن وانگر ٻڌايو ته توهان ڪهڙي مقصد لاءِ هتي موڪليا ويا آهيو. توهان اِنسي نور ۾ ڇا ڪندوَ؟
    روزين: ڪوئي مقصد ناهي حضور. صرف توهان سان ملاقات جي خواهش سان آيا آهيون،
    هيملٽ: مان هڪ فقير ٿيندو پيو وڃان ۽ توهان جو شڪريه به ادا نه ٿو ڪري سگهان. پيارا دوستو! هن تڪليف جي لاءِ منهنجو شڪريو قبول ڪيو. ڇا توهان هتي موڪليا ناهيو ويا؟ ڇا توهان جي پنهنجي مرضي هئي؟ ڇا هي هڪ دوستاڻي ملاقات آهي؟ اچو مون سان ڪجهه ڳالهيون ڪيو. اچو اچو توهان ڪجهه ڳالهايو ڇو نه ٿا؟
    گِلڊن: اسان ڇا چئون شهزادا؟
    هيملٽ: ڪجهه به جيڪو ان جي متعلق هجي. توهان هتي موڪليا ويا آهيو. توهان جون اکيون اقرار جرم ڪري رهيون آهن. توهان پنهنجي صاف دلي جي سبب سان ان کي لڪائي نه سگهيا آهيو. مون کي معلوم آهي. دوست ته اسان جي بادشاهه اعليٰ ۽ راڻي توهان کي هتي موڪليو آهي.
    روزين: پر ڇا جي لاءِ حضور؟
    هيملٽ: اِن جي لاءِ ته توهان ضرور ئي ڪجهه نه ڪجهه مون کي پڙهائيدوَ.پر پنهنجي دوستي ۽ هر عمر جي ناتي مان توهان کي لتجا ڪيان ٿو ته جيڪا به ڳالهه آهي اها صاف ٻڌايو ۽ ڪائي به ڳالهه دل ۾ نه رکو. مون کي ان سان ڪوئي مطلب ناهي ته توهان پاڻ آيا آهيو يا توهان کي ڪنهن موڪليو آهي.
    روزين: (گِلدنسٽرن سان) هاڻي چئو ڇا ٿا چئو؟
    هيملٽ: (پاڻ سان) نه اڇا هاڻي مون کي توهان تي به ڪڙي نگراني رکڻي پوندي. (ٻنهي سان ڳالهائي ٿو) اگر توهان کي مونسان محبت آهي ته مون کان ڪابه ڳالهه نه پُڇجو .
    گِلڊن: شهزادا - اسان هتي گهرايا ويا آهيون.
    هيملٽ: هاڻي مان توهان کي ٻڌايان توهان هتي ڇو گهرايا ويا آهيو. منهنجي هي ٻڌائڻ سان بادشاهه جو توهان سان ڪيل واعدو نه ٽٽندو ڇاڪاڻ ته توهان پنهنجي زبان سان راز ناهي ٻڌايو. ڪجهه ڏينهن کان مان ايترو غمگين ٿي ويو آهيان جو مان سڄو ڪم ڪار ڇڏي ڏنو آهي. دل ايتري پٿر ٿي وئي آهي جو دنيا اجڙيل ۽ بيابان ٿي لڳي ۽ تارن سان ڀريل آسمان صرف هڪ سُنسان ۽ ويران نالي مقام نظر ايندو آهي. جئين ته هڪ مرض ڦهلائڻ وارو دونهون مٿي وڃي ڄمي رهيو آهي. خبر ناهي ته ڪهڙي سبب آهي جو مون کي خوبصورتي ۾ به ان طرح جي بدصورتي نظر ايندي آهي. خدا جي حسين ترين تخليق ۽ فن انسان آهي ان کي ڪيڏو وڏو فهم ۽ طاقت عطا ڪئي آهي. شڪل ۽ چال چلت ۾ هنرمندي استعمال ڪئي وئي آهي. هن ئي دنيا جي خاڪ سان انسان ٺاهيو ويو آهي. پر دوستو! انسان منهنجي لاءِ هڪ خاڪ مثل آهي مان ڪنهن به مرد ۽ عورت سان انساني همدردي نه ٿو رکان. دوستو توهان جا چپَ مسڪراهٽ ظاهر ڪري رهيا آهن ته توهان هِن موضوع تي ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا.
    روزين: نه حضور اسان پنهنجي دل ۾ اهڙو ڪجهه به نه ٿا رکون.
    هيملٽ: پر توهان کِليا ڇو هيو. جڏهن مان ائين چيو ته انسانن سان مون کي ڪوبه لڳاءُ ڪونهي؟
    روزين: مان هي ٿو سوچان شهزادا ته جڏهن توهان کي انسانن سان ڪا انسانيت ئي نه رهي اٿوَ ته پوءِ جيڪي ويچارا هتي ناٽڪ کيڏڻ اچي رهيا آهن اهي توهان مان ڪهڙي اميد رکندا. اهي اسان کي رستي ۾ مليا هيا. نه ڄاڻ ته ڪهڙي اميد کڻي هو هتي اچي رهيا آهن.
    هيملٽ: هو جيڪو بادشاهه جو ڪردار ادا ڪندو مان شهنشاهه جي خدمت ۾ خراج عقيدت پيش ڪندس بهادر سپاهي کي ان جي تلوار جا ڪرتب ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ويندو. عاشق کي ان جي ڪردار لاءِ موزون انعام ڏنو ويندو. مسخرو بغير روڪ ٽوڪ جي پنهنجو جوهر ڏيکاريندو. ان کي هر طرح موقعو ڏنو ويندو ته ماڻهن کي محفوظ ڪري سگهي. زنانه ڪردار آزادي سان مقالو ادا ڪندا. هو ڪهڙو ڊرامو ڪرڻ وارا آهن؟
    روزين: هو اهو ئي “الميا” ڊرامو ڪرڻ وارا آهن. جنهن کي توهان تمام، گهڻو پسند ڪندو.
    هيملٽ: پر انهن جڳهه جڳهه گهمڻ ڇو شروع ڪيو آهي. هڪ جڳهه رهي ڪري اهي وڌيڪ عزت ۽ پئسن جا مالڪ ٿي سگهن ٿا.
    روزين: اهي هاڻي ئي پاس ڪيل قانون جي مطابق شهر ڇڏي وڃي رهيا آهن.
    هيملٽ: پر اهي هاڻي به ايترا ئي پسند ڪيا وڃنن ٿا. جيترو پهرين سڀني جا هر دل عزيز هيا.
    روزين: نه هاڻي اهي ائين نه رهيا آهن.
    هيملٽ: ڇو - ائين ڇو آهي؟ ڇا انهن جي اداڪاري خراب ٿيڻ لڳي.
    روزين: ڪم ته اهي سٺو ئي ڪندا آهن. جناب انهن جي اداڪاري ۾ ڪوبه فرق نه آهي. پر انهن جي مقابلي ۾ هڪ نئين ٿيٽر ڪمپني ٺهي آهي. جن جا اداڪار ننڍڙا ٻار وڏي سٺي آواز ۾ مڪالمو چوندا آهن. ۽ پنهنجي سُريلي آواز جي سبب سان ڏاڍو پسند ڪيا وڃن ٿا. انهن جي ننڍن ننڍن اداڪارن پنهنجي سامهون پُراڻن اداڪارن کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. ٻي ڳالهه مقالمه نويس عجيب طرح سان ڪجهه لکي به رهيا آهن ۽ معزز شهري پنهنجي دوستن ۽ هم مزاج ماڻهن جي طنز کان بچڻ لاءِ ڏسڻ نه ايندا آهن.
    هيملٽ: هي ٻار ڪير آهن. انهن کي ملازم ڪنهن رکيو آهي. انهن جو ٻالڪ پڻو انهن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي. جڏهن هي به وڏا ٿيندا ته انهن جو آواز به ائين ئي ڳورو ٿي ويندو ته انهن کي به نئين دور کان شڪايت ٿيندي ۽ ان پيشي کي ملامت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا.
    روزين: دراصل ڇڪتاڻ ٻنهي طرفن کان ٿي رهي آهي. ٻيا شخص انهن کي اڃان به وڏيڪ وڙهائي رهيا آهن ۽ ڀڙڪائي رهيا آهن. هڪ زمانو اهو به هيو جڏهن ته ڪمپنين جا مالڪ انهن ڊرامن کي خريد ڪندا هيا جن ۾ ڊرامه نويس ۽ اداڪارن جي وچ ۾ وڙهڻ جو خدشو رهندو هيو.
    هيملٽ: حقيقت ۾ ائين ئي آهي؟
    گِلڊن: ها - جهيڙو ڪافي حد تائين جاري آهي.
    هيملٽ: ڇا ڇوڪرن اهو جهڙو ڪري رکيو آهي؟
    روزين: جي ها حضور انهن دٻاءُ سان لڳل گلوب ٿيٽر جو نشان به مٽائي ڇڏيو.
    هيملٽ: ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي. ڏسو ته منهنجو چاچو اڄ ڪلهه ڊينمارڪ جا بادشاهه آهن. اهي ماڻهو جيڪي منهنجي پيءُ جي زماني ۾ ڪڏهن ان جي پرواهه نه ڪندا هيا. اڄ هن جي اشارن تي جان ڏيڻ لاءِ به تيار آهن. هڪ ماهر نجومي ئي هي ٻڌائي سگهي ٿو ته انسان جي دل جو حال ڪيترو عجيب هوندو آهي.
    (اندريان باجن جو آواز ايندو آهي)
    گِلڊن: هو ڊرامو ڪرڻ وارا اچي رهيا آهن.
    هيملٽ: معزز اداڪار! توهان کي السي نور ۾ ڀليڪار ڪيو وڃي ٿو. اچو مونسان هٿ ملايو. زبان ۽ اشارن سان ته سڀ استقبال ڪندا آهن. پر مون کي توهان جي شاندار نموني سان ڀليڪار ڪرڻ گرجي. جنهن سان توهان کي اهو احساس ٿه ٿئي ته توهان جي مناسب طور تي آجيان نه ٿي آهي. هي توهان جو استقبال پنهنجي مناسب حيثيت سان ڪري رهيو آهيان پر هڪ ڳالهه اها به ٻڌايان ٿو ته منهنجو چاچو هاڻي منهنجو پيءُ ٿي ويو آهي. ۽ منهنجي ماءُ منهنجي چاچي ٿي وئي آهي ۽ اهي منهنجي طرف کان مشڪوڪ آهن.
    گِلڊن: اهو ڪهڙي طرح شهزاد؟
    هيملٽ: مان ته ڪنهن خاص موقعي تي چريو ٿي ويندو آهيان. ڪجهه دير لاءِ پر جڏهن هوا اتر جي طرف گهلندي آهي ته منهنجو دماغ درست ٿي ويندو آهي.
    (پولونيس ٻيهر اچي رهيو آهي.)
    پولونيس: خدا توهان سڀني کي سلامت رکي.
    هيملٽ: گِلڊنسٽرن ۽ تون به منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏ ته هي وڏو بار اڃان تائين ننڍپڻ جي ڪپڙن کان به ناهي نڪتو.
    روزين: شايد پوڙهن لاءِ اها چوڻي آهي ته ڪُراڙپ ٻيو ننڍپڻ آهي.
    هيملٽ: مون کي يقين آهي ته هي ڊرامن ڪرڻ وارن جي متعلق اطلاع ڏيڻ اچي رهيو آهي. اڇا سومر جي صبح جو توهان جو ڊرامو ٿيندو. ڪئين صحيح آهي؟
    پولونيس: حضور مون کي توهان کي هڪ پيغام ڏيڻو آهي.
    هيملٽ: ۽ حضور مون کي به توهان کي هڪ پيغام ڏيڻو آهي. جڏهن روسس روم جو هڪ اداڪار هيو.
    پولونيس: هتي ڊرامو کيڏڻ وارا آيا آهن حضور.
    هيملٽ: بيهُودا بلڪل ڪوڙ آهي.
    پولونيس: مان پنهنجي اعزاز جو قسم کڻان ٿو.
    هيملٽ: پوءِ ته هر اداڪار گڏهه تي ويهي آيا هوندا.
    پولونيس: هي دنيا جا بهترين اداڪار آهن. الميه، مزاحيه، تاريخي، مذهبي هر قسم جي ڊرامي لاءِ موزون آهن. غمناڪ ۽ خوفناڪ ڊرامن لاءِ به بهترين آهن. هي پنهنجي فن ۾ مشتاق آهن شهزادا.
    هيملٽ: تو وٽ ڪهڙي شيءِ سڀ کان وڌيڪ قيمتي آهي؟
    پولونيس: ڪهڙي قيمتي شيءِ شهزادا؟
    هيملٽ: ڇو ٻڌائيان. هن وٽ صرف هڪ خوبصورت ڌيءُ آهي جنهن کي هي گهڻو چاهيندو آهي.
    پولونيس: (پنهنجو پاڻ سان) اڃا تائين منهنجي ڌيءُ جو خيال.
    هيملٽ: ڇو پوڙها. ڇا مان ٺيڪ نه چئي رهيو آهيان؟
    پولونيس: جيڪڏهن توهان مون کي چئو ٿا ته بلڪل درست آهي. حضور ته منهنجي هڪ ڌيءُ آهي جنهن کي مان گهڻو چاهيندو آهيان.
    هيملٽ: هي ڳالهه ڪجهه ٺهي نٿي.
    پولونيس: ته ڪهڙي طرح ٺهندي آهي. حضور
    هيملٽ: ڇو تون نه ٿو ڄاڻين ته مون کي ڪيترو صدمو آهي ته پنهنجي بربادي جو منظر اکين سان نه ٿو ڏٺو وڃي پر تقدير ڏيکاريندي سڀ ڪجهه ڏسندس.
    (چار، پنج اداڪارن جو اچڻ)
    اسان توهان کي خوش آمديد چئون ٿا. اداڪارو! توهان کي ڏسي ڪري اسان کي خوشي ٿي منهنجا دوستو. مان توهان جو اسقبال ڪيان ٿو. منهنجا پراڻا دوست توهانجي چهري تي ڏاڙهي اچي وئي آهي. ڇا ڊينمارڪ م توهان پنهنجي ڏاڙهي وڌائڻ آيا آهيو. نوجوان چوڪري! تون به آئي آهين، پر تون ڪيتري ڊگهي ٿي وئي آهين. شايد ڪاٺيءَ جي کڙيءَ واري چپل جي سبب سان آهي. پر تنهنجي آواز ۾ ڳرائي ته ناهي آئي. ڇاڪاڻ ته جهڙي طرح مُهر ٽٽڻ کانپوءِ سِڪي جي شڪل مٽجي ويندي آهي. اهڙي طرح آواز ڳرو ٿي وڃڻ سان سڀ ڪجهه بيڪار ٿي ويندو آهي. خير اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان ۽ توهان جو استقبال ڪيان ٿو. اداڪارو! هاڻي توهان کي پنهنجو ڪم جلد ئي شروع ڪري ڇڏڻ گهرجي. فرانس جي سُٺن رانديگرن وانگر توهان پنهنجي سامهون وارن ڪمن کي ته شروع ڪري ڇڏڻ گهرجي. جنهن سان مڪالمي جو ڪم شروع ڪري ته اسان توهان جو فن ڏسي سگهون. اڇا هاڻي هوشياري سان ڪم شروع ڪيو. ۽ هڪ سٺي تقرير ڪيو.
    پهريون اداڪار: ڪهڙو ڊرامو شهزادا.
    هيملٽ: مان توهان جي تقرير هڪ دفعو ٻڌي هئي جيڪو شايد ڊرامو وري اسٽيج تي نه ڪيو ويو هيو. ۽ جيڪڏهن ٿيو به هيو ته شايد هڪ دفعي کان وڌيڪ نه. ڇاڪاڻ ته اهو عوام کي پسند نه هيو. پر ماڻهن جي پسند سان ڇا؟ منهنجي خيال ۾ اهو ڊرامو هر طرح سان بهترين هيو. ان جا منظر قابل قدر هيا. ڊراما نويس انتهائي محنت سان لکيو هيو. لُوڻ، مرچ لڳائڻ سان ماڻهن جي پسند، ناپسند ۾ بدلجي ويندي آهي. پر اهو ڊرامو سادگي سان لکيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته اهو لکڻ واري فن کي به تمام وڏو فن سمجهندو هيو.
    “اينياس” جي داستان جو ڪجهه حصو مون کي بي حد پسند هيو. خاص ڪري ان جڳهه جتي اهو پرائم جي قتل جي متعلق چوندو آهي. جيڪڏهن توهان کي پورو ياد آهي ته ٻڌايو ۽ پنهنجو ڪم شروع ڪيو. هڪ دفعو ٻيهر ياد ڏياريانوَ ٿو ته آئرس چيتي وانگر پاٽرس ناهي. اهو مقالو هاٽپرس جي نالي سان شروع ٿئي ٿو. اهو ظالم هاٽپرس خراب جيڪو بدافعال گهوڙي تي لڪيل رهندو هيو. هن پنهنجي ڊيڄاريندڙ چهري کي ڳاڙهو رنگ ڪري اڃان به ان کي خوفناڪ بڻائي چڏيو هو. جئين هو مٿي کان پيرن تائين رت ۾ وهنتل هجي ۽ پوءِ اهو رت ان جي ماءُ پيءُ پُٽ ۽ ڌيئرن جو آهي. انهن رستن هن کي روشني ڏيکاري هئي. جيڪي چوءطرف ڀڳيل هئا. ان جي مالڪ جابر ۽ ظالم يونانين جي فسادن جا نشانه بڻجندا هيا. ان ڳاڙهي رت سان رڱيل پنهنجي خوفناڪ شڪل کڻي ۽ تمام گهرن کي باهه جي حوالي ڪندي ڌکيل باهه جو رنگ اهڙو هيو جئين ان جون خوفناڪ اکيون گهوري رهيون هيون ۽ ڪمزور ماڻهو ته ان کي ڏسڻ جو حوصلو ئي نه ڪري سگهندو هيو. اهڙين ئي خوفناڪ نظرن سان ڏسندي هو درندو پاٽرس پنهنجي ڏاڏي پِرائم جي تلاش ۾ ويندو آهي. ها! هاڻي توهان مقالمي کي اڳتي وڌائي سگهو ٿا.
    پولونيس: واهه حضور - توهان هي مقالمو ڪيڏي نه سٺي طرح سان ادا ڪيو. ڪيترو سٺو لهجو ۽ سٺو آواز آهي.
    پهريون اداڪار: پوءِ هو ٿوري دير کان پوءِ ڏسندو آهي ته پرائم يوناني سپاهين تي وڏا گولين جا حملا ڪري رهيو آهي. هن جي پراڻي تلوار هن جي مٿان سنڀالي نه ٿي وڃي. هڪ دفعو ڪِري مشڪل کڄي ٿي جتان هو کڻڻ چاهي ٿو اتي ئي ڪِري ٿي پوي. پاترس جو حالانڪه هن لڙائي ۾ ڪير به مقابلي وارو نه هيو پر پوءِ به هن پرائم جي طرف ڪاوڙ سان تير اڇلايو جيڪو نشانو گُسي ويو. حالانڪه قهر ۽ غضب جي حالت ۾ هو صحيح طرف اوڏانهن ڏسي نه سگهيو هيو. پر جئين ئي اهو تير هن جي ڀرسان گذريو هن جي تورو ئي ڇُهي وڃڻ سان ويچاري پوڙهي پرائم کي زخم لڳي ويو پوءِ جنگ جي اها سڌائي جهڙي سر زمين هن حملي سان لرزي اُٿي سڙندڙ گهر پنهنجي بنيادن سميت سڙي ويا. انهن جي ڪرڻ سان ان قهر جو شور ٿيو جو ٿوري دير لاءِ پاٽرس به پريشان ٿي ويو. هن کي ان آواز کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. ان جي تلوار جيڪا پرائم جي اڇن وارن تي پوي پئي هوا ۾ لٽڪي رهجي وئي. هڪ طرف جلاد وانگر تلوار کڻي فيصلو نه پيو ڪري سگهجي ته ڇا ڪري. اها ئي حالت ڊرامي ۾ پوري طرح ڏيکاري وئي آهي. پر اڪثر اسان ڏسندا آهيون ته طوفان جي اچڻ کان پهرين هڪ خاموشي طاري ٿي ويندي آهي ۽ زمين تي موت جهڙي خاموشي ڇائجي ويندي آهي. ان جي هڪ لحظي کان پوءِ طوفان ايندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته آسمان ڦاٽي پوندو. عين ان ئي وقت جلاد هڪ شولي وانگر بدلو وٺڻ لاءِ گجندو اچي اڳتي وڌندو آهي ان پرائم کي نهايت بي درديءَ سان ماري ڇڏيو. جئين خدا باهه معبود جنگ تي حملو ڪري رهيو هجي ۽ دنيا جي سامهون جنگ جو هڪ مثال قائم ڪندو. “تون هلي وڃ اي! قسمت جي ديوي تون ڪيڏي نه بد مزاج آهين ۽ ديوتائن توهان گڏجي انسانن جا حق ڇني دوزخ جي حوالي ڪري ڇڏيو.”
    پولونيس: هي ته انتهائي طويل آهي.
    هيملٽ: ته پوءِ توکي تنهنجي ڏاڙهي سان گڏ حجم ڏانهن موڪليو ويندو. ها ساٿيو! توهان ڳالهائيندا رهو. هن پوڙهي کي مزاحيه ۽ شهوتي ڪهاڻين ۾ مزو ايندو آهي. نه ته هي ننڊاکو ٿي ويندو آهي. اڇا هيڪوبا جي طرف هلو.
    پهريون اداڪار: پر ڪنهن هن نقاب پوش راڻي کي ڏٺو آهي؟
    هيملٽ: نقاب پوش راڻي؟
    پولونيس: بلڪل درست. هي نقاب پوش راڻي بلڪل درست آهي.
    پهريون اداڪار: هو جيڪا گهٻرايل پيرين اگهاڙي هيٺ مٿي شعلن جي وچ ۾ ڀڄي رهي آهي. پنهنجي ڳوڙهن سان وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان جڳهه تي ڪڏهن تاج سجندو هيو جتي اڄ مٿي تي چبوتري ويڙهيل آهي. خوف جي سبب سان هو پنهنجي شاهاڻي لباس جي بجاءِ هڪ ڪمبل ويڙهيو آهي. ان حالت ۾ جيڪڏهن ڪنهن راڻي کي ڏٺو هجي ها ته تقدير کي نه ڄاڻ ته ڪيترو پِٽي ها. ان وقت جڏهن ڀُوت هن جي پياري مڙس جو قتل ڪري ڇڏيو ته هوءِ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. جيڪڏهن ديوتائن کي انسانن سان همدردي هجي ها ته پوءِ اهي به روئي ڏين ها ۽ انهن جي دل جا ٽڪرا ٿي وڃن ها.
    پولونيس: ڏسو - هي اداڪار مڪالمو ادا ڪندي ڪندي پاڻ به روئي ڏنو. بس ڪيو ان کان اڳتي مڪالمو نه چئو.
    هيملٽ: ڏاڍو سٺو. باقي مڪالما مان پوءِ ٻڌندس. جناب ڇا توهان هنن اداڪارن جي قيام ۽ طعام جو انتظام ڪري ڇڏيندو؟ ان جو خاص خيال رهي ته انهن کي وٺي ڪري ڪابه لاپرواهي نه ٿئي. ڇو ته هي موجوده حالت جي تاريخ آهن. جيڪڏهن توهان انهن سان ڪا بدسلوڪي ڪئي ته مان تنهنجي قبر جي سرن کي ڪڍرائي ڇڏيندس.
    پولونيس: منهنجا مالڪ! مان انهن جي حيثيت جي مطابق انتظام ڪري ڇڏيندس.
    هيملٽ: ڏاڍو سٺو. هر ماڻهو جو ان جي حيثيت جا مطابق انتظام ڪيو ته جئين ڪوڙا کائڻ کان بچي وڃو. انهن جي قابليت جو خيال ترڪ ڪري انهن سان قرب ڪيو. هميشه هر ننڍي ۽ وڏي جي عزت ڪري پنهنجي فراخ دلي ڏيکاريو. انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ.
    پولونيس: (اداڪارن سان) اچو صاحبان.
    هيملٽ: ساٿيو! هن سان گڏ وڃو. اسان سڀاڻي هڪ ڊرامو ڏسنداسين.
    (پولونيس سان گڏ سڀ اداڪار هليا وڃنن ٿا. سواءِ پهرين اداڪار جي)
    هيملٽ: (پهرين اداڪار سان) ٻڌو منهنجا دوست - ڇا توهان گونزيگو جو قتل نامو ڊرامو کيڏي سگهو ٿا؟
    پهريون اداڪار: جي حضور .
    هيملٽ: ته پوءِ سڀاڻي رات جي لاءِ هن ڊرامي جي تياري ڪر. توکي ان جي لاءِ ياد ڪرڻي پوندي ۽ انهيءَ مڪالمي ۾ ملائي ڇڏڻو پوندئي. هي سڀ ڪجهه مان ٺاهي ڇڏيندس.
    پهريون اداڪار: ضرور شهزاده
    هيملٽ: اڇا! پوءِ بهتر آهي ته تون هن امير سان گڏ وڃ پر ڏسو جو مذاق نه اڏائجان. (پهريون اداڪار هليو وڃي ٿو) منهنجا پيارا دوستو سڀاڻي رات تائين لاءِ الوداع! مان هڪ دفعو ٻيهر پيڙائي تخت ۾ توهان جو استقبال ڪيان ٿو.
    روزين: منهنجا پيارا شهزادا.
    هيملٽ: اڇا الوداع! خدا توهان کي هميشه خوش رکي.
    (روزين ۽ گِلڊن وڃنن ٿا)
    هاڻي مان بلڪل تنها آهيان. مان ڪيڏي نه ڊيٺ قسم جو غلام آهيان. ڇا اهو عجيب نه آهي ته اهو اداڪار جيڪو ٻين جي نقل ڪري رهيو آهي. ان جي موت تي روئڻ لڳو. ان جو چهرو ڦڪپ ٿي ويو. اکيون سچ ۾ آليون هيس. هن جي آواز ۾ ايترو ته غم غالب ٿي ويو هو جو ان جي حالت ڏسي ائين پيو لڳي ته ان جي گهر ۾ ڪنهن عزيز جو موت ٿي ويو آهي ۽ اسُوجه سان ايترو رنج آهي ۽ تعجب هي آهي ته سڄو رنج هن اداڪاريءَ جي صورت ۾ ڏيکاريو هيو. سڀ ڪجهه مصنوعي ئي هيو. جيڪڏهن هو مون وانگر شڪسته حالت ۾ هجي ها ته ڇا ڪري ها. پوري اسٽيج کي ڳوڙهن سان ڀري ڇڏي ها. ان کي ڏسي تماشائين جي دل ڦاٽي پوي ها ۽ اهو روئي روئي پنهنجون اکيون ڳاهيون ڪري وجهي ها. هن کي ڏسي مجرم خوفزده ٿي ڀڄڻ لاءِ اٿي ها ۽ بيگناهه چُپ ٿي وڃي ۽ گهٽ عقل وارو بي چين ٿي وڃي ها. اهو ته يقين آهي ته هو اداڪاري سان ڏسڻ وارن جي دل خوفزده ڪري ڇڏي ها. ٻيو مان ڇا چوان؟ هڪ ڪمزور دماغ ۽ پريشان شخص مان هر وقت سونهري خواب ڏسندو رهندو آهيان. پر مقصد جي حاصلات لاءِ جيڪو ڪرڻ گهرجي اهو ناهيان ڪندو. ايتري تائين جو مرحوم بادشاهه لاءِ به ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان. جنهن جي زندگي حڪومت ۽ عورت کي ڇنڻ لاءِ سازش جو شڪار ٿي وئي. مان اهو چوڻ ۾ ڇو ٿو ڊڄان؟ ڇا ڪير اهڙو شخص به آهي جيڪو مون کي بزدل چئي سگهي؟ ڪير مون سان اهڙو سلوڪ ڪري سگهي ٿو؟ ڪير منهنجي ڏاڙهي جا وارَ پٽي منهنجي منهن ۾ هڻي سگهي ٿو؟ ڪير منهنجو نڪ پڪڙي سگهي ٿو؟ ڪير مون کي گهٽو ڏئي سگهي ٿو؟ ڇا ڪير منهنجي اندر جي گهرائي تائين پهچي سگهي ٿو؟ ڪير مون سان ايئن ڪري سگهي ٿو؟ ها هڪ ڏينهن سڀني کي خبر پئجي ويندي ته مان بزدل آهيان. منهنجو شرم، حيا مري چڪو آهي. نه ته عرصو گذري چڪو هجي ها جو مان هن ذليل بادشاهه جون ٻوٽيون ڪٽي سرڻن جي اڳيان ڏئي ڇڏيان ها ۽ گهٽ ۾ گهٽ انهن جو پيٽ ته ڀرجي ها. ڇو ته هُو ڪيڏو نه بدترين بدماش ۽ ظالم شخص آهي. جو ان جو اندازو به نٿو لڳائي سگهجي. اي! جذبه انتقام توکي به پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ ڪهڙو پٿر جهڙو بيوقوف مليو آهي. ڇا اهو قانون قدرت جي خلاف ناهي ته جنهن جي پيءُ کي دوکي سان ماريو ويو. ان جو پٽ ان جو بدلو به نه ٿو وٺي سگهي. ان روح مون کي ڪيڏو چيو هيو ته منهنجي موت جو پُورو بدلو وٺجان. پر مان هن مڪار عورت وانگر صرف ڳالهيون ٺاهيندو رهندو آهيان ۽ چاچي جا صرف ڏوراپا ۽ مهڻا ڪندو رهندو آهيان. آخر ۾ ڪو عمل ڇو نه ٿو ڪيان لعنت آهي. منهنجي صرف بناوٽي ڳالهين تي بس ختم ڪر. چوندا آهن عدالت ۾ ڏوهاري اکين سان اکيون ملڻ سان ئي ڏوهه قبول ڪري ڇڏيندا آهن. خوف کان ڏڪي اٿندا آهن ڇو ته خوف گهڻي دير تائين لڪي به ٿو سگهي ۽ وڌيڪ مٿانهون ٿي ڳالهائيندو آهي ۽ سڀ ان راز کان آگاهه ٿي ويندا آهن. مان انهن اداڪارن کان اهڙو ڊرامو ڪرائيندس جو منهنجي پيءُ جي قتل جو داستان منهنجي چاچي جي سامهون دهرائيندس. جيڪڏهن هو ان کي ڏسي ڇرڪي پيو ته پوءِ مان ڄاڻان ٿو ته مون کي ڇا ڪرڻو پوندو. ٿي سگهي ٿو اهو روح منهنجي پيءُ جي پوشاڪ ڪري مون کي دوکو ڏيڻ لاءِ آيو هجي. اهو ڪنهن به شڪل ۾ بدلجي سگهي ٿو. ان ۾ ايتري طاقت هوندي آهي جو هو مون جهڙي ڪمزور انسان کي قبضي ۾ ڪري ڪوبه ڪم ڪرائي سگهي ٿو. ايتري تائين جو دوزخ تائين وٺي وڃي سگهي ٿو. ان جي ڳالهين تي بلڪل يقين نه ڪري مون کي ان رُوح جو امتحان وٺڻو آهن. ان ڊرامي ۾ بادشاهه بڻيل شيطان جي پوري شيطاني سامهون اچي ويندي.

    (پردو ڪري ٿو)


    عمل – ٽيون

    منظر – پهريون

    پهريون – منظر

    (بادشاهه ڪلاڊيس، راڻي گِرٽيوڊ، پولونيس، اوفيليا، روزين ۽ گلڊنسٽرن اچن ٿا)

    بادشاهه: (روزين ۽ گِلڊن سان) ڇا توهان ڪنهن به طرح معلوم نه ڪري سگهيوَ ته هُو ڇو پنهنجو سُڪون ختم ڪري پاڳل ٿي رهيو آهي؟
    روزين: هُو اهو ته مڃي ٿو ته هن جي پاڳلن واري حالت ٿي وئي آهي پر ان جو سبب قطعي به نه ٿو ٻڌائي.
    گِلڊن: هُو ان متعلق ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿو ڪري ته هُن جي دل جو حال معلوم ٿي سگهي. اسان جڏهن به اهو چاهيو ته هن جي دل جي بيچيني معلوم ڪرائي سگهون. تڏهن به هو جنوني ڳالهيون ڪري نٽائي وڃي ٿو.
    راڻي: ڇا هو توهان سان ٺيڪ طرح مليو هيو؟
    روزين: بلڪل هڪ عام ماڻهو وانگر.
    گِلڊن: پر ڪجهه ائين لڳو ته جئين هو پنهنجو پاڻ ائين ڪرڻ جي مرضي نه هجي.
    روزين: هُو سوال ته گهٽ ئي ڪندا هيا پر جواب ڏيڻ ۾ ڏاڍو اڳيان هيا.
    راڻي: ڇا توهان ڪنهن به صورت هن جي دل ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي؟
    روزين: راڻي صاحبه! ڳالهه ائين شروع ٿي ته اسان کي رستي ۾ چند ڊرامو ڪرڻ وارا اداڪار مليا هئا جيڪي سلطنت طرف اچي رهيا هيا. جڏهن اسان انهن جي باري ۾ ٻڌايو ته هن چهرو خوشي مان ٻهڪي پيو. اهي سڀ هتي آهن ۽ اڄ رات شهزادي انهن کي ڊرامو کيڏڻ لاءِ چيو آهي.
    پولونيس: هي بلڪل درست آهي حضور! شهزادي راڻي ۽ بادشاهه کي به ڊرامي ڏسڻ جي درخواست ڪئي آهي.
    بادشاهه: اسان کي دلي خوشي آهي ته هيملٽ جي دل اتي لڳي ويئي آهي.اسان هن جي درخواست ضرور قبول ڪنداسين ۽ ان سان گڏ و گڏ شريف انسانو! توهان ان جي طبيعت ان طرف مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
    روزين: اسان ضرور ڪنداسين حضور.
    (روزين ۽ گِلڊن وڃن ٿا)
    بادشاهه: پياري گِرٽيوڊ! تون به ٿوري دير لاءِ اسان کي تنها ڇڏي ڏي. اسان بغير ڪجهه ٻڏاءِ هيملٽ کي هتي سڏايو آهي ته جئين اوچتو هو اوفيليا سان ملي ۽ پولونيس ۽ مان لڪي اهو ڏسنداسين ته هو ان سان ڪئين پيش اچي ٿو. ان مان خبر پئجي ويندي ته واقعي ئي ان کي محبت جو جنون ته ناهي.
    راڻي: مان حڪم جي تعميل ڪندس ۽ اوفيليا تون منهنجي پُٽ جي پاڳل پڻي جو سبب آهين. پوءِ به مان تو مان اميد ٿي ڪيان ته تنهنجو حُسن ۽ خوبي هيملٽ کي ضرور ان پراڻي حالت ۾ آڻينديون. ان کان پوءِ مان توکي اعزاز بخشيندس.
    اوفيليا: راڻي صاحبه مان خود ائين ئي چاهيان ٿي.
    (راڻي وڃي ٿي)
    پولونيس: اوفيليا تون هيڏانهن اچ (بادشاهه سان) حضور ! جيڪڏهن حڪم هجي ته اسان لڪي وڃون. (اوفيليا سان) وٺ هي ڪتاب پڙهندي رهه ڇو ته جڏهن تون هيملٽ سان پنهنجي محبت جون ڳالهيون ڪندينءَ ته هي نامناسب ته هوندو. اڪثر انسان پنهنجين غلط ارادن کي مذهب جي پردي جي آڙ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن ڪتاب کي ڏسي هو سمجهي ويندو ته تنهنجي دل نفرت ۽ برائي کي ختم ڪري پاڪيزگي ڏانهن مائل آهي.
    پولونيس: شهزادا اچي رهيا آهن. حضور اسان هڪ طرف لڪي وڃون.
    (بادشاهه ۽ پولونيس لڪي وڃن ٿا)
    (هيملٽ داخل ٿئي ٿو)
    هيملٽ: زندگي ۽ موت جو سوال بار بار منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري ٿو. آهه! ڇا بدقسمتي جون ٺوڪرون منهنجي لاءِ ئي ٺاهيون ويون هيون؟ ڇا قسمت جي انهن تمام چڪرن جي گردش ختم ڪري ڇڏڻ ئي اصل مردانگي آهي؟ ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ڇا موت صرف هڪ گهري ننڊ جو ڪم آهي؟ ۽ هي ننڊ اسان جي زندگي جي سڀني خوشين جو خاتمو ڪري سگهي ٿي ته اسان هن گهري ننڊ سان ڇو نه ٿا سمهون. پر هن ننڊ ۾ عجيب عجيب خواب اسان جو سُڪون ڇني وٺندا آهن ۽ پوءِ اسان کي ان ننڊ کان گهٻرائڻ گهرجي ته نه ڄاڻ اها ننڊ ڪهڙي هجي ۽ ان جا خواب ڪيترا ڊيڄاريندڙ هجن. ان ئي ڪشمڪش ۾ پئجي اسان تقدير جي تمام حملن کي برداشت ڪندا رهندا آهيون. جيڪڏهن انسان خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو طاتمو ڪري سگهي ها ته، زندگي جي تپش، ظالم جي ظلمن، شيطانن جون شيطانيون انسانن جي نا انصافي، سختي ۽ تشدد کي گرگز برداشت نه ڪري ها. ڪير زندگي جا ڌڪا کائي تڙپندو نه رهي ها. پر هڪ اهڙو خوف آهي. جيڪو اسان کي اهڙي زندگي گزارڻ تي مجبور ڪندو آهي. اسان اهو نه ٿا ڄاڻون ته موت کان پوءِ اسان جي حالت ڪهڙي هوندي ۽ اهو ئي خوف اسان کي زندگي سان لڳاءُ ختم ڪرڻ کان روڪيندو آهي. اسان جو هي خوف اسان کي بزدل بڻائي ڇڏيندو آهي. ان سان اسان پنهنجي قوت وڃائي ويهندا آهيون. شڪ ۽ وهم جو زهر هن ۾ ملي ويندو آهي ۽ اسان عملن موت جي طرف قدم ناهيون کڻي سگهندا. پياري اوفيليا جڏهن تون دعا گهرين ته منهنجي گناهن جي بخشش جي طلب ڪجان.
    اوفيليا: منهنجا پيارا شهزاده. ايترن ڏينهن کان حضور جي طبيعت ڪئين رهي؟
    هيملٽ: ان لاءِ تمام وڏي مهرباني. صحيح آهيان. بهتر آهيان.
    اوفيليا: منهنجا شهزاده.پنهنجي ياد لاءِ توهان جيڪي تحفا ڏنا هيا. انهن کي واپس ڪرڻ جي متعلق مان اڪثر سوچو. هاڻي توهان سان التجا ٿي ڪريان ته اهي واپس وٺو.
    هيملٽ: نه مان توکي ڪجهه به ناهي ڏنو.
    اوفيليا: مانَ وارا شهزاده! توهان ڄاڻو ٿا جيڪو ڪجهه توهان ڏنو آهي ۽ انهن تحفن سان گڏ ڪجهه پيارا نظم به لڪي مون کي ڏنا آهن. پر هاڻي هنن گلن جي خوشبو ختم ٿي چڪي آهي. ان لاءِ توهان انهن کي واپس وٺو. جڏهن ڏيڻ واري جي دل ۾ محبت جي بجاءِ نفرت پيدا ٿي وڃي ته وٺڻ واري جي دل ان انصاف تي روئي اٿندي آهي. مان انهن تحفن کي ڪئين ٿي رکي سگهان. حضور! توهان هنن کي واپس ئي وٺو ته بهتر آهي.
    هيملٽ: آ ها!ڇا تون ايتري ئي ڀلي آهين اوفيليا؟
    اوفيليا: شهزاده!
    هيملٽ: ڇا تون خوبصورت آهين؟
    اوفيليا: ان مان حضور جو ڇا مطلب آهي؟
    هيملٽ:جيڪڏهن واقعي ئي تون خوبصورت ۽ ايماندار آهين ته پنهنجي ايمانداري سان چئي ڏي ته تنهنجي حُسن سان ڪير مطلب نه رکي.
    اوفيليا: شهزاده! ڇا حُسن ايمانداريءَ سان جي تعلق ٿي ڪنهن ٻي سان متعلق ٿي سگهي ٿو؟
    هيملٽ: ها سچ آهي. ڇا توکي خبر ناهي ته ان ڪجل جي ڪوٺي ۾ چهري تي داغ لڳائڻ بغير نه رهندو آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪير اهو سوچي ته خوبصورتي سچائي ۽ ايمانداري جي اثر سان پنهنجو زهر ختم ڪري ڇڏي ته اهو قطعي ناممڪن آهي. چاهي هي سڀ ڪوڙ ئي هجي. پر اوفيليا! مان ته اهو ئي چوندس ته موجوده انساني زندگي ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي. مان توسان ڪڏهن تمام گهڻي محبت ڪندو هيس.
    اوفيليا: ضرور شهزاده! مان به ائين ئي سمجهندي هيس.
    هيملٽ: پر اهڙو يقين ڪرڻ تنهنجي لاءِ ٺيڪ نه هيو. اسان جي سٺائي سان گڏ اسان جي فطري برائي جو حصو به اسان جي اندر موجود آهي. مان توسان محبت نه ڪندو هيس.
    اوفيليا: تڏهن ته مون کي وڌيڪ وهم هيو.
    هيملٽ: وڃ هڪ گوشي نشيني واري زندگي اختيار ڪري ڪنهن گرجا گهر ۾ ويهي رهه. اتي تون گناهن کان بچي سگهين ٿي. وڃ مان ڏاڍو سٺو آهيان پر منهنجي اندر ۾ به ڪجهه اهڙيون برايون آهن. جنهن کي ڏسي مونکي جنم ڏيڻ واري منهنجي ماءُ به مون کان نفرت ڪرڻ لڳندي. انهن بُراين جي سبب سان ان جي عزت تي داغ اچي سگهي ٿو. اوفيليا! مان بي انتها مغرور آهيان. انتقام جو جذبو منهنجي اندر ڪاوڙ سان ڀريل آهي. سڀ کان وڌيڪ عهدي ۽ وقار جي لالچ منهنجي اندر موجود آهي. انهن ڳالهين کان علاوه منهنجي ذات ايترن گناهن سان آلوده آهي جو مان ان جي ڳڻپ به نه ٿو ڪري سگهان. مون جهڙي گنهگار ۽ ذليل شخص کي دنيا ۾ زنده رهڻ نه گهرجي. اسان سڀئي گنهگار ۽ ڪمبخت آهيون. اسان مان ڪنهن تي به ڪڏهن به اعتبار نه ڪجان. وڃ تون ڪنهن گرجا گهر ۾ گوشا نشيني واري زندگي گذار. ان جڳهه تي تون اهڙن گناهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهين ٿي. پر تنهنجو پيءُ ڪڏانهن مري ويو؟ ڪٿي آ تنهنجو پيءُ؟
    اوفيليا: گهر ۾ حضور.
    هيملٽ: گهر جا تمام دروازا بند ڪري ڇڏ. ڇو ته ٻاهر گنهگارن سان ملي هو برباد نه ٿي وڃي. اڇا الوداع!
    اوفيليا: اي بزرگ ديوتا شهزادي جي مدد ڪر.
    هيملٽ: جيڪڏهن تون شادي ڪندين ته مان ڏاج ۾ توکي هڪ بد دعا ڏيندس ته تون چاهي ڪيتري ئي با عصمت هجين جيئن اڇي برف وانگر ڇاهي ڪيتري ئي پاڪيزا رهين پر تون ڪوڙي بدنامي کان پناهه نه وٺي سگهندينءَ. بهتر آهي ته تون گوشا نشيني ٿي وڃ – وڃ الوداع ۽ جيڪڏهن توکي شادي جي ضرورت هجي ته ڪنهن بي وقوف سان شادي ڪري ڇڏجان. ڇو ته عقلمند ضحيح طرح ڄاڻيندا آهن ته توهان انهن کي ڪيئن جانور بڻائي ڇڏينديون آهيو. تون جلد ئي گوشا نشيني واري زندگي اختيار ڪري ڇڏ. جلدي وڃ. خدا تنهنجي مدد ڪري.
    اوفيليا: اي خدا! تون هن کي پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻ.
    هيملٽ: مان تنهنجون گهڻيون ئي مٺيون ڳالهيون ٻڌيون آهن ۽ اهو به ڏاڍو صحيح طرح سان. پر خدا توکي هڪ ئي رنگ جو چهرو ڏنو آهي ۽ تون ان کي ٻيو روپ ڏئي ڇڏيندي آهين. تنهنجي صورت، تنهنجا چپَ سڀ خدا جا ٺاهيل آهن ته پوءِ تون پنهنجي مٿان هي غرور جو ٻوجهه کڻي ڇو ڦرندي آهين ۽ جڳهه جڳهه تي نالو بدلائيندي آهين. تون مون کي قطعي پاڳل بڻائي ڇڏيو. مان چوان ٿو ته اسان ڪڏهن شادي نه ڪنداسين ۽ جيڪو ڪجهه به رهجي ويو آهي. هي دنيا مٽائي ڇڏيندي. تون گوشا نشين ٿي وڃ.
    (هيملٽ هليو وڃي ٿو)
    اوفيليا: آهه! ڪيڏو اعليٰ دماغ برباد ٿي ويو. جيڪو پنهنجي جڳهه تي سلطنت جو هڪ رڪن هيو. سپاهي ۽ عالم اکين ۾ زبان ۽ تلوار جو ڪم ڪندو هيو. جيڪو سلطنت جي اميدوار رعايا جي سرپرستي جو مرڪز هيو. سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو. ان جي جُنون ماريو. سڀ تباهه ڪري ڇڏيو. مان سڀ کان وڌيڪ رنج آهيان. ڇو ته مان ان کي ترقيءَ جي معراج تي ڏسڻ پئي چاهيو ۽ اڄ هن حالت ۾ ڏسانس ٿي پئي. مان سڀ ڇو برداش ڪيان. اهو ذهين ۽ حسين چهرو جنون بلڪل مٽائي ڇڏيو. هاءِ! مان به ان سبب آهيان منهنجي دل ڦاٽي پوندي ته مان ڇا ڏٺو هيو ۽ هاڻي ڇا ٿي ڏسان.
    (بادشاهه ۽ پولونيس داخل ٿين ٿا)
    بادشاهه: ڇا تون ان کي محبت چوين ٿو؟ مون کي پورو يقين آهي ته محبت ان جي جنون جي سبب نه آهي. هينئر هن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن. انهن کي فضول نه ٿو چئي سگهجي. ها ڪجهه فاش غلطي ضرور آهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته هن تي ڪنهن شديد غم جو پاڇو آهي. ڪنهن عظيم صدمي هن جي دماغ جي قوت کسي ڇڏي آهي ۽ جنهن وقت به هي معاملو کلندو ته مون تي حرارت ضرور ايندي. ان کان بچڻ لاءِ مان هڪ ترڪيب سوچي آهي ته اسان ان کي پنهنجي خراج عقيدت وصول ڪرڻ لاءِ انگلستان موڪلي ڇڏيون. شايد سمنڊ ۽ ٻين ملڪن جا دلڪش نظارا ان تي سٺو اثر وجهن. ان جو غم ختم ڪري ڇڏين. ان جو ڌيان مٽجي وڃي ۽ هي پنهنجي پهرين حالت تي وري اچي وڃي. ٻڌاءِ تون ان جي باري ۾ ڇا ٿو سوچين؟
    پولونيس: ان سان ڏاڍو سٺو اثر ٿيندو. پر مونکي اڃان به يقين آهي ته شهزادي جي جنون جو سبب عشق ۾ ناڪامي آهي. ڪيئن اوفليا! مان درست چئي رهيو آهيان نه ؟ توسان جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي اسان چپ ڪري ٻڌيون هيون. جناب اعليٰ! جيڪا حضور جي هجي اهو ڪن. پر منهنجي راءِ اها آهي ته ڊرامي کان پوءِ راڻي صاحبه ڪمري ۾ شهزادي کي اڪيلو سڏائي ان جي جنون جو سبب پڇي ته شايد ڪجهه راز کُلن. حضور! راڻي پيار ۽ محبت سان پيش اچيس مان انهن جون ڳالهيون ٻڌندو رهندس. جيڪڏهن ماءُ کي هو هي راز نه ٻڌائي ته پوءِ ضرور انگلستان موڪليو وڃي يا جيڪا جڳهه مناسب سمجهو باندي ڪري ڇڏجوس.
    بادشاهه: درست آهي. مون کي هي منظور آهي. معزز ماڻهن لاءِ ايئن پاڳلن وانگر گهمڻ سوڀيا نه ٿو لڳي. ان جي نگراني هجڻ گهرجي.

    (سڀ هليا وڃن ٿا)


    منظر - ٻيو

    منظر - ٻيو
    (قلعي جو هڪ وڏو ڪمرو)


    (هيملٽ ۽ ٻه ، ٽي اداڪار داخل ٿين ٿا)

    هيملٽ: هاڻي مڪالما چوڻ شروع ڪيو. پر مان توهان کي التجا ڪيان ٿو ته جهڙي طرح مان چوان اهڙي طرح چئو. جيڪڏهن توهان انهيءَ طرح ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندوَ جهڙي طرح ٻين اداڪارن جي عادت هوندي آهي ته پوءِ مان ڪنهن روڄ راڙو ڪرڻ واري شخص کي گهرائيندس جيڪو رڙيون ۽ دانهون ڪري ڳالهائيندو آهي. هٿ کي هيڏانهن هوڏانهن هوا ۾ اڇلائڻ جي به ضرورت نه آحي. بلڪه پيار سان ڪم ڪيو. جيڪڏهن ڪو مڪالمو اوچي آواز ۾ چوڻو آهي ته طوفان کڙو ڪرڻ جي ضرورت ناهي. بلڪه نرميءَ سان گڏ فنڪاري جو اعليٰ نمونو پيش ڪيو. جڏهن ڪوئي اداڪار مٿي تي نقلي وار لڳائي بُري طرح دانهون ۽ رڙيون ڪري مڪالما ادا ڪندو آهي ته اداڪاري جي هي بد شڪلي صورت ڏسي طبيعت گهٻرائڻ لڳندي آهي ۽ تماشائين جي معيار کي ڏسي ڪري طبيعت ۾ اڃان به چِڙ ايندي آهي. تماشائي عام قسم جي لهجي کي پسند ڪندا آهن ۽ اداڪار به پنهنجو پاڻ وڏو سمجهڻ لڳندا آهن ته پوءِ اهڙي شخص کي اگهاڙو ڪري ڪوڙا لڳرائڻ گهرجن.
    پهريون اداڪار: حضور جي حڪم جي تعميل ٿيندي.
    هيملٽ: پوءِ به منهنجي چوڻ جو هي مطلب ناهي ته ماڻهو پنهنجي چهري جي تاثرات کي به وساري ڇڏين. وقت جي جديد ۽ مُروج مڪالمن جي ادائگي جو پورو پورو خيال رکو ۽ فطري اداڪاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. اداڪاري غير فطري هجڻ ڊرامي جي لاءِ سڀ کان وڏي ناڪامي آهي. ڊرامو انساني زندگي جو صحيح عڪس هوندو آهي. اداڪاري کي زندگي جو آئينو هجڻ گهرجي ته جيئن ڪو ڪردار ادا ڪيو وڃي اکين سان ايئن نظر اچي جيئن اسان روز مره جي زندگي ۾ ڏسندا آهيون. خوبيون ۽ نفرتون پنهنجي حقيقي صورت ۾ ناظرين جي سامهون اچڻ گهرجن. جيڪڏهن زندگي جا حق شور مچائي هٿرادو طريقي سان پيش ڪيا وڃنن ته اها اداڪاري صرف بي عقل ماڻهو پسند ڪندا پر فن جا صحيح قدردان ان کي قطعي پسند نه ڪندا. هتي اهميت فن کي پرکڻ وارن کي ڏني ويندي آهي. انهن جو فيصلو ئي اهم هوندو آهي. اسٽيج جي سامهون ويٺل بي عقلن کي خوش ٿي ڪري اهڙي اداڪاري جي تعريف ڪندي مون ٻڌو آهي. جڏهن اداڪار بُري طرح رڙيون ڪندي اسٽيج تي ايندا آهن ته ايئن معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ قدرت جي اعليٰ هٿن سان ٺهڻ جي بجاءِ سيکڙاٽ ڪاريگر ٺاهي ڇڏيو آهي. ڪنهن به صورت ۾ هُو انسان نظر نه ٿا اچن.
    پهريون اداڪار: منهنجو خيال آهي ته هاڻي اسان پهريان کان ڪافي ترقي ڪري ورتي آهي حضور.
    هيملٽ: ها پنهنجو معيار بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. پنهنجن مسخرن کي چئو ته جيترو مقالا نويس لکي ڏنو آهي. ان ۾ پنهنجي طرف کان گهٽائڻ يا وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪريو. اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته ڊرامي جي سنجهيده موقعي تي بغير ضرورت جي کلڻ لڳندا آهن. ان لاءِ ته تماشائي به اداڪاري جي تعريف ڪري کلڻ لڳندا. بي وقوفي اداڪاريءَ جو تمام وڏو نقص آهي. اڇا وڃو هاڻي تيار ٿيو.
    (اداڪار وڃنن ٿا)
    (پولونيس، روزين ۽ گِلڊن اچن ٿا)
    هيملٽ: (پولونيس سان) ٻڌايو ڪهڙي خبر آندي اٿوَ. ڇا بادشاهه سلامت ڊرامو ڏسڻ لاءِ اچي رهيو آحي؟
    پولونيس: راڻي صاحبه به تشريف فرمان ٿيندي حضور.
    هيملٽ: پوءِ اداڪارن کي چئو جلدي تياري ڪن. (پولونيس وڃي ٿو) – (روزين ۽ گِلڊن سان) ڇا توهان ٻئي انهن جي ڪجهه مدد ڪري سگهو ٿا؟ (هيملٽ هوڏانهن ڏسندي) اهو ڪير آهي. هُريشيو تون آهين.
    (هُريشيو اندر اچي ٿو)
    (روزين ۽ گلڊن وڃن ٿا)
    هُريشيو: توهان جي خدمت ۾ حاضر آهيان سرڪار.
    هيملٽ: مون سان تمام ملڻ وارن مان تون ئي بلند حوصلو آهين. هُريشيو.
    هُريشيو: منهنجا عزيز شهزاده.
    هيملٽ: تون هن کي خوشامد نه سمجهه. ڀلا مان هي ڪهري اميد تي ڪري سگهان ٿو. جڏهن ته تو وٽ سواءِ تنهنجي نيڪ خوبين جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. غريب ماڻهو جي خوشامد سان ڪو فائدو ناهي ٿيندو. خوشامد ته صرف رئيسن جو زيور آهي. ان جي ٻوجهه سان انهن جون ئي ڳچون دٻيل رهڻ ڏيو. جنهن کي عهدي جي لالچ آهي ۽ اهي ئي ٻين جي قدمن تي سر جهڪائيندا آهن. مان تنهنجي انسانيت کي سڃاتو آهي ۽ ان لاءِ ئي تنهنجي عزت ڪندو آهيان. تو ۾ مون کي مصيبتن کي للڪارڻ واريون صلاحيتون نظر اينديون آهن. تون زندگي جي لاهن چاڙهين کي صحيح طرح سمجهين ٿو ۽ سُڪون سان زندگي گذاريندو آهين. دنيا ۾ صرف اهي ئي خوش رهندا آهن. جيڪي خوشامدي کي قابو ڪري وٺندا آهن. تقدير کي بدلائڻ وارا هنن کي ڪڏهن به پنهنجي جڳهه تان هلائي به نٿا سگهن. جيڪڏهن توکي پاڻ جهڙو ڪو شخص ملي ته تون ان کي مون ڏانهن وٺي اچجان. مان ان جي به ايتري ئي عزت ڪندس ۽ پوري زندگي ان جي پوڄا ڪندس پر ٻڌو مان موضوع تان هٽي ويس. ڏسو اڄ رات بادشاهه جي سامهون جيڪو ڊرامو کيڏيو ويندو. ان جو هڪ منظر بلڪل مرحوم والد جي قتل جي متعلق هوندو. اسٽيج تي پوري سازش ڊرامي جي صورت ۾ پيش ڪئي ويندي. مان خاص طور تي توکي تاڪيد ٿو ڪيان ته ڊرامو ڏسڻ وقت منهنجي چاچي تي نظر رکجان. جيڪڏهن ڪنهن به مڪالمي ۾ هو بغير ڪنهن گهٻراهٽ جي پنهنجي جاءِ تي ويٺو رهيو ته اسان سمجهنداسين ته اهو روح ڪو دوزخ جو شيطان هيو. جيڪو اسان کي دوزخ جي ترغيب ڏيارڻ لاءِ آيو هو. تڏهن مون کي يقين ٿي ويندو ته منهنجو سڄو اندازو گناهه ۽ معصوميت جي پيداوار آهي. ڏس پنهنجون اکيون صحيح طرح ان تي چمائي رکجان ۽ مان خود به ته نظر رکندس. ان کان پوءِ اسان رد عمل جي متعلق پاڻ ۾ تبادله خيال ڪنداسين.
    هُريشيو: ڏاڍو سٺو شهزاده. مان حضور سان واعدو ٿو ڪريان ته ٿوري به دير لاءِ مان ان جي چهري تان نگائون نه هٽائيندس. جيڪڏهن ايئن نه ڪري سگهان ته توهان مون تي خيانت جو مقدمو هلائي سگهو ٿا.
    هيملٽ: تمام سلطنت جا رُڪن ڊرامو ڏسڻ لاءِ اچي رهيا آهن. مان ان وقت پاڳل بڻجي ويندس. تون پنهنجي لاءِ اهڙي جڳهه ڳولهه جتان بادشاهه کي صحيح نموني ڏسي سگهين.
    (بادشاهه، ڪلاڊيس، راڻي، گِرٽيوڊ، پولونيس، اوفيليا، روزين، گِلڊن ۽ ٻيا اندر اچن ٿا)
    بادشاهه: منهنجا عزيز هيملٽ تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟
    هيملٽ: ڏاڍو بهتر آهيان. کاڌو کائيندو آهيان. وعدن سان ڀريل هوا پيئندو آهيان. توهان جهرڪين کي هوا پيئاري زندهه نه ٿا رکي سگهو.
    بادشاهه: مان هن جواب مان ڪجهه نه سمجهم هيملٽ. هي لفظ منهنجا نه آهن.
    هيملٽ: نه - هاڻي هي منهنجا به نه آهين. (پولونيس سان) جناب توهان چوندا هيو ته توهان يونيورسٽي ۾ هڪ دفعو ڊرامو ڪيو هيو؟
    پولونيس: ها حضور - ۽ مون کي سڀني بهترين اداڪار تسليم ڪيو هيو.
    هيملٽ: توهان ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو هيو؟
    پولونيس: مان ‘جُوليس سيزر’ ٿيو هُيس. مون کي پنهنجي عزت تخت تي ‘بُرٽس’ قتل ڪيو هيو.
    هيملٽ: اوه! هي ته ان ڏاڍو غلط ڪيو جو هڪ گابي کي عزت تخت تي ماري ڇڏيو. ڇا ڊرامي جي لاءِ سڀ اداڪار تيار آهن.
    روزين: جي ها شهزاده! هو توهان جي حڪم جا منتظر آهن.
    راڻي: اچ پيارا هيملٽ تون مون سان گڏ ويهه.
    هيملٽ: نه محترم والده! هتي ان کان به چمڪدار شيءِ موجود آهي.
    (اوفيليا جي ڀرسان ويهندو آهي)
    پولونيس: حضور ڇا توهان هيڏانهن ڏسي رهيا آهيو. (ڀر ۾ پولونيس ويٺل آهي.)
    اوفيليا: توهان خوش آهيو شهزاده.
    هيملٽ: ڪير مان؟
    اوفيليا: جي حضور توهان.
    هيملٽ: اي خدا! تون ئي مون کي خوش رکي سگهين ٿو. انسان خوش ڪري ڇا ڪندو. ڏسو منهنجي ماءُ ڪيڏي خوش آهي. جڏهن ته منهنجي پيءُ کي مرندي صرف ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن.
    اوفيليا: نه جناب - هن واقعي کي چار مهينا ٿي چڪا آهن.
    هيملٽ: ايترا ڏينهن؟ نه .... پوءِ ته مان به هي ماتمي لباس لاهي خوبصورت ڪپڙا پائيندس. يا خدا جنهن جي موت کي ٻه مهينا ٿي چڪا آهن اهو وسري ڇو نه ٿو وڃي. اڃان به هڪ اميد آهي ته وڏي ماڻهو جي ياد ان جي موت کانپوءِ ماڻهن جي دل ۾ ڇهه مهينن تائين تازي رهندي آهي پر دوشيزا! تنهنجو قسم مان ان لاءِ گرجا گهر ٺهرائيندس نه ته ماڻهو ان جي موت کي پنهنجي راند جي گهوڙي جي موت وانگر وساري ڇڏيندا. راند جي گهوڙي جي قبر تي نقش اُڪريل هوندا آهن. ‘راند جو گهوڙو وسري چڪو آهي.’
    (باجو وڄي ٿو ۽ خاموش ڊرامو شروع ٿي وڃي ٿو)
    هڪ بادشاهه ۽ راڻي محبت ڪندي اچن ٿا. هُو هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ هوندا آهن. راڻي گوڏن منجهه جهڪندي آهي ۽ پنهنجي محبت جو يقين ڏياري ٿي. بادشاهه ان کي مٿي اُٿاري ٿو ۽ ان جي ڪنڌ تي پنهنجو مٿو رکي ڇڏي ٿو. گُلن جي پلنگ جي ڀرسان پاڻ ليٽي پوي ٿو. راڻي ان کي سُتل ڇڏي پاڻ هلي وڃي ٿي. ايتري ۾ هڪ شخص اچي ٿو. بادشاهه جو تاج لاهي ڇڏي ٿو ۽ ان کي چمي ٿو ۽ بادشاهه جي ڪن ۾ زهر وجهي ڀڄي وڃي ٿو. راڻي پوءِ واپس اچي ٿي بادشاهه کي مرده ڏسي روئڻ لڳيندي آهي. زهر ڏيڻ وارو ٻن ٽن ماڻهن کي وٺي اچي ۽ ان سان گڏ روئڻ لڳندو آهي. لاش کڻائي وڃن ٿا. قاتل راڻي کي محبت جو تحفو پيش ڪري ٿو. هوءَ ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي پر آخر ۾ ان جي محبت قبول ڪري وٺي ٿي.
    (اسٽيج تي پردو اچي وڃي ٿو)

    اوفيليا: ان جو ڇا مطلب آهي حضور.
    هيملٽ: ان جو مطلب بدڪاري ۽ ڪميڻو پن آهي.
    اوفيليا: ڇا اهو ئي خاموش ڊرامو ماڻهن کي ڏيکاريو ويندو؟
    (پرولوگ داخل ٿئي ٿو)
    هيملٽ: اسان کي هن شخص جي ذريعي سڀ ڪجهه معلوم ٿي ويندو. اداڪار ڪجهه لڪائيندا آهن. هُو سڀ ڪجهه ٻڌائيندو.
    پرولوگ: اسان پنهنجي ۽ پنهنجي غمناڪ ڊرامي جي لاءِ توهان کان التجا ڪيون ٿا ته خاموشي سان ٻڌو.
    هيملٽ: ڇا اها ئي پوري ڳالهه آهي. هي ته منڊي تي ٽڪ برابر آهي.
    اوفيليا: هي مختصر آهي شهزاده.
    هيملٽ: جيئن عورت جي محبت.
    (ٻه اداڪار بادشاهه ۽ بيگم جي لباس ۾ اچن ٿا)
    بادشاهه اداڪار: ٽيهه سالن کان سج جي آس پاس زمين چڪر ڪٽي رهي آهي. ان وقت کان جڏهن اسان هڪ ٻئي جا ٿيا آهيون. چنڊ سج کان روشني وٺي چانڊوڪي زمين تي وکيري رهيو آهي ۽ اسان ٽيهن سالن کان هڪ جان ۽ جسم آهيون.
    راڻي اداڪاره: چنڊ، سج ۽ زمين جو چڪر ايئن ئي رهندو ۽ اسان جي محبت ڪڏهن به ختم نه ٿيندي پر مان توهان کي ڪجهه ڏينهن کان غمگين ڏسي پريشان آهيان. شايد توهان کي مون تي اعتماد نه آهي. حالنڪه اها ئي ڳالهه توهان کي به پريشان ڪري رهي آهي. حقيقت ۾ اهو ڪجهه به نه آهي. عورت جي دل ۾ محبت ۽ خوف گڏ گڏ رهندا آهن. ڪڏهن ڪو هڪ ٻئي کان وڌي به ويندو آهي. جذبات صرف هڪ ئي طرح جي نمائش آهي. اها ئي جذبات انسان جو دامن ۽ سُڪون تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. توهان ڄاڻو ٿا ته مان توهان سان ڪيتري محبت ڪندي آهيان ان مان ئي توهان منهنجي خوف جو به اندازو لڳائي سگهو ٿا. محبت جي شدت ۾ ٿورو شڪ خوف جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي. جتي محبت حقيقي هوندي آهي. هر طرح جا شڪ زندگي ۾ خوف پيدا ڪندا آهن.
    بادشاهه اداڪار: اها ئي محبت منهنجي سيني ۾ گهري ٿي چڪي آهي. هاڻي مان ڏاڍو ڪمزور ٿي ڪري موت جي منزل تي پهچي چڪو آهيان. تون سلطنت جي راڻي بڻجي شايد ٻيو جيون ساٿي باقي زندگي گذارڻ جي لاءِ حاصل ڪري وٺنديءَ.
    هيملٽ: (پاڻ سان) هي گرمجوشي.
    راڻي اداڪاره: مان ٻي شادي ڪري سگهان ٿي. مان هاڻي ڪنهن سان به محبت نه ٿي ڪري سگهان. جيڪڏهن مان پنهنجو پاڻ ڪنهن ٻي جي حوالي ڪيو ته ايترو ئي وڏو گناهه ڪندس. جيترو مان پنهنجي مڙس جو قتل ڪري سگهان ٿي.
    بادشاهه اداڪار: مان تنهنجي لفظن جو يقين ڪيان ٿو. انسان پنهنجي فيصلي تي تڏهن ئي قائم رهي سگهندو آهي. جڏهن ان کي پنهنجون پراڻيون ڳالهيون ياد هجن. ڪچو ميوو وڻ جي شاخ کي مضبوطي سان پڪڙي بيهندو آهي. پر پچڻ تي ٽٽي زمين تي ڪري پوندو آهي. اهڙي طرح اسان جا فيصلا پائيدار نظر ايندا آهن پر عمل جي وقت انهن جي پائيداري ختم ٿي ويندي آهي. زندگي جا واعدا اسان جي مٿان قرض رهندا آهن. جيڪڏهن اسان انهن قرضن کي لاهڻ وساري ڇڏيندا آهيون. جذبات جي وهڪري ۾ وهي فيصلو ڪرڻ وارو عمل جي وقت جوش کي ٿڌو ڪري ڇڏيندا آهيون. زندگي ۾ خوشي ۽ غم جو چڪر گردش ڪندو رهندو آهي. انهن کي وڃائي انسان برباد ٿي ويندو آهي. آرام جي وقت مصيبت جو کٽڪو لڳل رهندو آهي ۽ ايئن ئي زندگي گذرندي رهي آهي. ڏک خوشي ۾ ۽ خوشي تڪليف ۾ بدلجندي آهي. دنيا جي هر شيءِ انهيءَ طرح بدلجندي رهندي آهي ۽ حالات جي تبديلي سان محبت جو بدلجي وڃڻ غير فطري نه آهي. انسان جي حالات کي ڏسندي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته تقدير محبت کي بدلائيندي آهي يا محبت تقدير کي تو ڏٺو هوندو ته جڏهن انسان جا بُرا ڏينهن ايندا آهن ته ان جا دوست ان جو ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ڪو غريب جڏهن رئيس ٿي ويندو آهي ته ان جا تمام دشمن به ان جي دوستي جو دم ڀرڻ لڳندا آهن. دنيا جون رسمون ڏسندي ايئن لڳندو آهي ته محبت ۽ تقدير نيت تي مبني آهن. جنهن انسان کي دولت جي لالچ ناهي هوندي ان کي دوست جي به ضرورت ناهي. ضرورت جي وقت ڪجهه وٺڻ دوست کي دشمن بڻائي ڇڏيندو آهي. خواهش ۽ تقدير هميشه هڪ ٻئي جي خلاف رهنديون آهن. سچائي تي قائم رهي هر ڪوشش برباد ٿيندي آهي. اميد جي ختم ٿيڻ تي تقدير جو وس ناهي هلندو. شايد تون جيڪا هينئر ٻي شادي جي نالي مان خفا ٿي رهين آهين. پهرين مڙس جي موت کان پوءِ هي سڀ ڪجهه وساري ڇڏين.
    راڻي اداڪاره: ايئن ٿيڻ تي خدا ڪري زمين منهنجي تقدير جو هڪ داڻو به نه ڏئي ۽ سج جي روشني به مون کان کسي وڃي. ڏينهن ۽ رات منهنجي لاءِ بي چيني سان گذرن ۽ زندگي منهجي لاءِ هڪ اونداهو قيد خانو بڻجي وڃي. مان جنهن ڪاميابي جي اميد ۾ اڳتي وڌان اها ئي منهنجي مٿان مصيبت بڻجي ٽٽي پوي ۽ ان گناهه جي سزا ۾ زندگي ۽ موت ٻئي مون کي باهه ۾ ساڙيندا رهن جيڪڏهن مان بيواهه ٿيڻ کان پوءِ شاديءَ جو ارادو ڪيان.
    هيملٽ: ۽ جيڪڏهن هي عورت پنهنجي واعدن کي ٽوڙي ڇڏي؟ (پنهنجو پاڻ سان دل ۾ چوي ٿو)
    بادشاهه اداڪار: هي تو تمام ئي وڏو احد ڪيو آهي منهنجي محبوبا! هاڻي تون مونکي ٿوري دير لاءِ هتي ڇڏ. هاڻي مان هن اجڙيل ڏينهن کي ٿوري دير سمهي گذارڻ چاهيان ٿو.
    راڻي اداڪاره: توهان سمهي رهو. توهان اهڙيون ڳالهيون نه سوچيندا ڪريو.
    هيملٽ: (راڻي گِرٽيوڊ سان) توهان کي هي ڊرامو ڪيئن لڳي رهيو آهي راڻي صاهبه.؟
    راڻي: مان سوچي رهي آهيان ته هي عورت ڌاڍو وڌائي ڳالهيون ڪري رهي آهي؟
    هيملٽ: پر هوءَ پنهنجن لفظن تي قائم رهندي.
    بادشاهه: تو ان ڊرامي کي ٻڌو. ان ۾ ڪو جُرم ته نه آهي.
    هيملٽ: نه نه سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. زهر ڏيڻ به ٺيڪ آهي. دنيا ۾ ڪابه شيءِ جُرم نه آهي.
    بادشاهه: هن ڊرامي جو نالو ڇا آهي؟
    هيملٽ: “ڪُوئا مار” توهان کي پسند آيو؟ هي هڪ قتل جو واقعو آهي. جيڪو ‘ويانا’ ۾ ٿيو هو. ان ۾ جاگيردار جو نالو ‘گونگزيگو’ آهي ۽ ‘بيپٽسٽا’ اُن جي زال آهي. جيئن ته توهان ڏسي رهيا آهيو. هي هڪ گناهه جي داستان آهي. پر ان سان ڇا ٿيندو جناب عالي. اسان جو ضمير پاڪ آهي ته ان تي ڪوئي اثر نه ٿيندو. اسان کي هي سڀ واقعات ڏسڻ گهرجن.
    (هڪ اداڪار ‘ليوسي اينس’ جي لباس ۾ اچي ٿو)
    هيملٽ: هي بادشاهه جو ڀائٽو ليوسي اينس آهي.
    اوفيليا: توهان کي هي بلڪل ياد آهي شهزاده.
    هيملٽ: مان تنهنجي ۽ تنهنجي محبت جي وچ ۾ هڪ ترجمان جو ڪم ڪري سگهان ٿو ۽ هي به ڏسي پئي سگهيس ته پُتليون ڪهڙي طرح نچنديون آهن.
    اپفيليا: توهان ابتيون سُبتيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو.
    هيملٽ: تون پنهنجي مڙس جي مٿعلق غلطي ڪئي. (ليوسي اينس سان) شروع ڪيو قاتل. آتشڪ ۽ انهيءَ طرح ڀيانڪ چهرا بڻايو اچو جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿا. ان کي پنهنجي انتقام جي باهه سان ساڙي ڇڏيو.
    اداڪار: منهنجي هٿن جي طاقت کي منهنجي ميرن ارادن جي ڪاميابي ۾ پوري طاقت حاصل آهي. حالات منهنجي مطابق آهن. ڪير ڏسڻ وارو نه آهي. زهر جيڪو مان جهنگل جي وڻن مان گڏ ڪيو آهي ۽ جادوگرن جي جادو سان وڌيڪ زهريلو بڻايو آهي. فورن ئي انسان جي زندگي تي هن جو اثر پهچي ويندو.
    (اداڪار، بادشاهه اداڪار جي ڪن ۾ زهر وجهي ڇڏي ٿو)
    هيملٽ: هن زهر ڏئي ڇڏيو. حڪومت جي لالچ ۾ انڌو ٿي ويو آهي. ان جو نالو گونزيگو آهي ۽ هي اٽلي جو مشهور ڊرامو آهي. هاڻي توهان ڏسندو ته ڪيئن گونگزيگو جي زال سان محبت جو اظهار ڪندو آهي ۽ ان کي هاصل ڪري وٺندو آهي.
    اوفيليا: بادشاهه اٿي رهيا آهن.
    هيملٽ: هن اداڪار کي ڏسي هيسائجي ويو آهي.
    راڻي: ڇا ڳالهه آ منهنجا سرتاج.
    پولونيس: بند ڪيو هي سڄو ڊرامو.
    بادشاهه: مون کي روشني ڏيکاريو ۽ هي سڀ ختم ڪيو.
    سڀئي: روشني .. روشني .. روشني
    (هيملٽ ۽ هُريشيو کان سواءِ سڀ هليا وڃن ٿا.)
    هيملٽ: وڃڻ ڏيو. هن کي زخمي هرڻ وانگر روئڻ ڏيو ۽ مان جي هڪ ٻچي وانگر خوش رهندس. دنيا ۾ ڪو سمهندو آهي ته ڪو جاڳندو آهي. ڇا تون ٽوپي ۾ لڳل پرن ۽ منهنجي جوتي تي ٻڌل گلاب جي گلن کي ڏسي اهو نه ٿا سمجهن ته جيڪڏهن قسمت منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو ته مان به اداڪا بڻجي ويندس.
    هُريشيو: پنجاهه فيصد.
    هيملٽ: پر مان سڀني لاءِ چوان ٿو ته هُو بادشاهه جيڪو محبت جو ديوتا هيو ان کان حڪومت ڇني هي ڪميڻو تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻجي ويٺو آهي.
    هُريشيو: ان کي توهان وڌيڪ به چئي سگهو ٿا.
    هيملٽ: هُريشيو مان هڪ هزار پائونڊ جي شرط لڳائي چوان ٿو ته رُوح جي چيل ڳالهه سچ هئي. ڇا ڊرامي جي آخر ۾ تو ڏٺو هيو؟
    هُريشيو: صفا صحيح طرح سرڪار.
    هيملٽ: ۽ زهر ڏيڻ وقت؟
    هُريشيو: مان اهو به ڏاڍو چڱي طرح ڏٺو هو.
    (روزين ۽ گِلڊنسٽرن اچن ٿا)
    هيملٽ: آ ها اچو! گانو شروع ڪيو. ڳائڻ وارن کي گهرايو. جيڪڏهن بادشاهه کي ڊرامو پسند ناهي ته هن کي هي به پسند نه هوندو. اچو هاڻي گانو شروع ڪيو وڃي.
    گِلڊن: منهنجا عزيز شهزاده! مون کي توهان سان اڪيلي ۾ ڪجهه ڳالهائڻو آهي.
    هيملٽ: پورو داستان چئي ڇڏ.
    گِلڊن: بادشاهه حضور.
    هيملٽ: ها - ڇا بادشاهه؟
    گِلڊن: هُو بُري طرح بي چين ٿي تنها پيا آهن.
    هيملٽ: ڇو جناب. گهڻو پي ويا آهن ڇا؟
    گِلڊن: نه حضور! هو ناراض ظاهر ٿين ٿا.
    هيملٽ: توهان پنهنجي عقل جو زياده ثبوت ان طرح ڏئي سگهو ٿا ته ان کي ڪنهن ڊاڪٽر سان رُجوع ڪرائجي ۽ جيڪڏهن مان ان جو علاج شروع ڪيان ته اڃان به ناراض ٿي ويندا.
    گِلڊن: حضور! مان التجا ڪيان ٿو ته توهان اهڙي قسم جا غير مهذب جواب نه ڏيو.
    هيملٽ: مان بي عقل ٿيڻ کان گهڻو پري آهيان. چئو ڇا ٿو چوڻ چاهين؟
    گِلڊن: راڻي صاحبه! توهان جي والده انتهائي پريشان ٿي ڪري. مون کي توهان ڏانهن موڪليو اٿس.
    هيملٽ: مان تنهنجو استقبال ڪيان ٿو.
    گِلڊن: توهان هي انصاف نه ڪري رهيا آهيو شهزاده! مان توهان کان پورو جواب چاهيان ٿو ۽ توهان جي والده جيڪو حڪم ڏيندي ان کي پورو ڪندس. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته معاف ڪجو. مون کي سڌو مطلب تي اچڻو پوندو.
    هيملٽ: جناب مان نٿو ڪري سگهان.
    گِلڊن: ڇا منهنجا حضور؟
    هيملٽ: توکي ڪوئي جواب نٿو ڏئي سگهان. مان بيمار آهيان. پر جناب توهان جيڪو حڪم ڏيندوَ مان چوندس ۽ بهتر آهي ته جيئن اوهان چئي رهيو ته منهنجي ماءُ اوهان کي هي چيو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه نه. منهنجي ماءُ .... تون چوين ٿو؟
    روزين: هو چوي ٿي ته توهان جي ورتاءُ هُنن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو قدرت جي ان کيل تي حيران آهي.
    هيملٽ: او عجيب پُٽ - تو پنهنجي ماءُ کي پنهنجي حرڪتن سان پاڳل ڪري رکيو آهي. پر ان کان علاوه به اڃان ڪا ڳالهه منهنجي ماءُ جي دماغ ۾ چڪر لڳائي رهي آهي ته اُها به ٻڌاءِ؟
    روزين: ان کان پهرين ته توهان آرام ڪرڻ وڃو ته هو توهان سان اڪيلائي ۾ ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿي.
    هيملٽ: اسان ان جي تعميل ڪنداسين. جيڪڏهن هوءُ هن دفعي به پنهنجي جڳهه بدلائي منهنجي ماءُ آهي تڏهن به مان ان جو ايترو ئي حڪم مڃندس. ڇا توهان کي منهنجي ڪنهن پيءُ سان ڪو ڪم آحي؟
    روزين: شهزاده توهان مون کي ڪڏهن پنهنجو ڏاڍو عزيز سمجهندا هيو.
    هيملٽ: مان هاڻي به توکي انهيءُ درجي تائين عزيز سمجهندو آهيان. مان هنن سڀني هٿيارن جو قسم کڻي چوان ٿو.
    روزين: عزيز شهزاده پوءَ توهان جي مونجهاري جو ڪهڙو سبب آهي؟ توهان منهنجي دوستن سان پنهنجو غم لڪاءِ منهنجي آزادي محدود ڪري رهيا آهيو.
    هيملٽ: مان پنهنجي اميدن کان ڦري ويو آهيان.
    روزين: پر ڇو؟ جڏهن ته بادشاهه خود توهان کي ڊينمارڪ جو جانشين بنائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
    هيملٽ: جي ها! جيستائين گاهه ڦٽندو آهي گهوڙو ختم ٿي ويندو آهي. پر هي پراڻو محاورو آهي.
    (اداڪار باجي وارن سان گڏ اچن ٿا)
    هيملٽ: اي باجا وڄائڻ واروَ. مون کي به وڄائڻ ڏيو. ڇو دوستو توهان پنهنجي ڀلي لاءِ ڇو مون کي بادشاهه چمبي ۾ ڦاسائي رهيا آهيو؟
    گِلڊن: حضور منهنجو فرض مون کي مجبور ڪري رهيو آهي نه ته مان توهان سان ڏاڍي محبت ڪندو آهيان.
    هيملٽ: مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ڇا تون بانسري پڄائيندين؟
    گِلڊن: مان وڃائڻ نه ٿو ڄاڻيان شهزاده.
    هيملٽ: مان توکي التجا ڪيان ٿو.
    گِلڊن: يقين ڪيو مان نه ڪري سگهندس.
    هيملٽ: مان وري توکي درخواست ڪندس.
    گِلدن: مان هن کي ڪڏهن ڇُهيو به ناهي حضور.
    هيملٽ: هي ڪوڙ ڳالهائڻ وانگر بلڪل آسان آهي. هن جي سوراخن تي آڱريون رکو ۽ وات مان ڦوڪ ڏيو. تون ڏسندي ته ڪيتري سُريلي موسيقي نڪري ٿي. ڏسو هي سوراخ آهن.
    گِلڊن: پر مان هن کي بلڪل به وڄائڻ نه ٿو ڄاڻيان ۽ نه ئي ڪو سُر ئي ڪڍي سگهان ٿو.
    هيملٽ: ڇو؟ هاڻي تون ڏسي رهيو آهين ته تو مون کي ڪيترو قابل بڻايو آهي. تون مون سان مذاق ڪري رهيو آهين ۽ ان مان منهنجي دل جي تڙپ ڄاڻڻ چاهين ٿو. ان مان هڪ رنجيده ۽ غمگين آلاپ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان ۾ گهڻي موسيقي آهي. ڏاڍو حسين آواز هن ننڍڙي باجي ۾ آهي پر تون هن کي وڄائي نه ٿو سگهين ۽ تون اهو سمجهين ٿو ته مون کي هن بانسري جي نسبت وڄائڻ وڌيڪ آسان آهي؟ مونکي ٻڌاءِ ته تون ڪهڙو باجو آهين. تون مون کي وڄائي نه ٿو سگهين چاهي تون ڪيترو به چالاڪ نه هجين.
    (پولونيس اچي ٿو)
    گِلڊن: خدا تنهنجي حفاظت ڪري حضور.
    پولونيس: شهزاده! راڻي صاحبه توهان سان هينئر ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿي.
    هيملٽ: هُو ڏسو. هن بادل جي شڪل ڪيئن اُٺ جهڙي بڻجي وئي آهي.
    پولونيس: سچ پچ هي ته بلڪل اُٺ جهڙو لڳي رهيو آهي.
    هيملٽ: پر مون کي ته هاڻي نُور لڳي رهيو آهي.
    پولونيس: ها پُٺي نور جهڙي ئي لڳي رهي آهي.
    هيملٽ: يا وهيل مڇي جهڙي.
    پولونيس: ها گهڻو ڪجهه وهيل مڇي جهڙو آهي.
    هيملٽ: اڇا! مان پنهنجي ماءُ ڏانهن آهستا آهستا اچي رهيو آهيان (پنهنجو پاڻ سان) مون کي بي وقوف بڻايو ٿو وڃي. مان به آهستا آهستا پهچندس.
    پولونيس: مان ايئن ئي چئي ڇڏيندس.
    هيملٽ: آهسته آهسته چئي ڏيڻ آسان آهي.
    (پولونيس هليو وڃي ٿو)
    هيملٽ: اڇا دوسو الوداع (هيملٽ کي ڇڏي هليا وڃنن ٿا.) هي رات جي نهايت ڊيڄاريندڙ ساعت آهي. گرجا گهر جي زمين خاموش جهنم وانگر ساهه کڻي رهي آهي. دوزخ پنهنجو گرم ساهه دنيا جي طرف اڇلائي رهي آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته ڪنهن کي قتل ڪري ان رت پِي وڃان! اهڙو ڄار وڇائي ڇڏيان جو جنهن کي ڏسي رُوح ڏڪي اُٿي هي پرهه ڦٽي نڪري اچي صَبُر ڪر. مونکي منهنجي ماءُ ڏانهن وڃڻو آهي. منهنجي دل منهنجي فطرت کي وڃائي نه ڇڏجان ۽ نيرو وانگر پريشان نه ٿيڻ لڳان. منهنجي عقل تي اهڙو پردو نه پئجي وڃي جو مان پنهنجي فرض کي وساري ڇڏيان ۽ سنگدل بڻجي وڃان. مان لفظن جي تلوار هڻڻ ڇاهيان ٿو پر ان کي ڇهڻ نه ٿو چاهيان. منهنجا لفظ اهڙا هجن جو مان پاڻ تي قابو رکان. پر منهنجو هٿ اُن تي نه اُٿي منهنجي رُوح کي ايڏو وڏو حوصلو عطا ٿئي.

    (هليو وڃي ٿو)


    منظر - ٽيون

    منظر - ٽيون
    (شاهي محل جو هڪ ڪمرو)


    (بادشاهه، ڪيلاڊيس، روزين، ڪِرٽس ۽ گِلڊنسٽرن اچن ٿا)

    بادشاهه: مان هن کي (هيملٽ کي) بلڪل پسند نه ٿو ڪيان. هن ۾ مون کي خدشو نظر اچي ٿو ته هن جو پاڳل پن وڌي رهيو آهي. توهان تيار ٿيو ۽ اسان هن کي توهان سان گڏ انگلستان موڪليون. اسان اوڏانهن حڪومت جي نالي خط لکي ڇڏينداسين. هن کي اسان پنهنجي ويجهو رکي پنهنجي زندگي سان کيڏي نه ٿا سگهون.
    گِلڊن: اسان ضرور وينداسين. توهان جو خيال ڏاڍو بلند آهي. عاليجناب جي زندگي سان لکين زندگيون وابسطا آهن.
    روزين: اڪيلو شخص به پنهنجي زندگي جي حفاظت ڪندو آهي ۽ توهان ته بادشاهه آهيو. توهان جي زندگي ۾ رعايا جي زندگي ۽ رعايا جون اميدون آهن. بادشاهه جو موت هڪ وڏي طوفان مثل آهي. جيڪو سمنڊ ۾ ڪُن پيدا ڪندو آهي. آس پاس جا ڪنارا ٽٽي ويند آهن. بادشاهه جي حيثيت هڪ اوچي پهاڙ جي چوٽي تي لڳايل چڪر کان به وڌيڪ اهم آهن ڇو ته هن سان لاڳاپيل زندگيون تباهه ٿي سگهن ٿيون. هي بلڪل حقيقت آهي عالي جناب ته بادشاهه جو رنج ٿيڻ ۽ ان جي خوشي تمام رعايا جي رنج ۽ خوشي آهي.
    بادشاهه: توهان تياري ڪيو. هاڻي اسان هنکي وڌيڪ آزادي سان پير ڄمائڻ جو موقعو نه ڏينداسين ۽ ان خوف جو خاتمو ڪنداسين.
    روزين + گِلڊن: اسان جلد ئي تياري ڪنداسين.
    (روزين ۽ گِلڊن وڃنن ٿا)
    (پولونيس اچي ٿو)
    پولونيس: عالي جناب! هُو پنهنجي ماءُ ڏانهن وڃي رهيو آهي مان چاهيان ٿو ته پردي جي پويان لڪي مان انهن جي گفتگو ٻڌان. مان توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته راڻي صاحبه هن پاڳل پڻي جو راز ضرور معلوم ڪري وٺندي. هُو هن کي هن حرڪت کي باز اچڻ لاءِ تنبيهه ڪندي. توهان جو خيال درست آهي ته ڪنهن ٻي کي انهن جي گفتگو ٻڌڻ گهرجي. خدا ماءُ پُٽ جو رشتو اهڙو ئي بڻايو آهي جو پُٽ ماءُ کان ڪابه ڳالهه لڪائي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڪو فريب ڏئي سگهي ٿو. مان وڃي رهيو آهيان حضور. اتان کان وڃڻ کان پهرين سڀ ڳالهيون توهان کي ٻڌائيندو ويندس.
    بادشاهه: مهرباني! منهنجي حڪومت جا پيارا ڪارڪن. (پولونيس وڃي ٿو.)
    (بادشاهه پنهنجو پاڻ سان) آهه! مان ڪيڏي وڏي گناهه جو مُرتب آهيان. منهنجو زهريلو ساهه فضا کي ناس ڪري رهيو آهي. منهنجي مٿان منهنجي وڏي ڀاءُ جو قتل آهي. مان پنهنجي گناهه لاءِ توکان رحم جي خيرات گهران ٿو پر منهنجي روح کي گناهه جي ڪارن هٿن ماري ڇڏيو آهي. مون کي سُڪون نه ٿو ملي. منهنجي حالت ان گنهگار وانگر آهي. جيڪو خدا جي عذاب کان انتهائي خوف کائيندو آهي. ڪو به ڪم ثابت قدمي سان نه ٿو ڪري سگهان ۽ نه ئي مان پوري طرح گناهه ڪري سگهان ٿو ۽ نه ئي ان تي شرمندو آهيان. هاڻي منهنجا هٿ منهنجي ڀاءُ جي قتل سان رڱيل آهن. اي منهنجا خدا! ڇا تنهنجي رحمت هن کي جنت جي پاڻي سان ڌوئي نه ٿي سگهي. آطر تنهنجو رحم ڇا جي لاءِ آهي. اسان پنهنجو گناهه پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا آهيون. ڪاش ايئن هجي جو پنهنجي روحاني قوت جي ذريعي ان تي فتح حاصل ڪري سگهون. خدا کان گهرڻ وارين دعائن جو مطلب اهو هوندو آهي ته اسان ان گناهه جي طرف پيش قدمي نه ڪيون ۽ پوءِ به غلطي ٿئي ته بخشي وڃي. خدا جي رحمت ۾ وڏي قوت هوندي آهي. اها ئي منهنجي زندگي جي اميد آهي. منهنجي زندگي جو سهارو آهي. مون کي اميد آهي ته تون مون کي بخشي عذاب کان بچائيندي.
    پر اُف اها دعا ڪهڙي آهي. اها ئي ته تون مون کي هن قتل لاءِ بخشي ڇڏ پر مون کي نه بخشيو ويندو. جنهن جي سبب سان مان هي ڏوهه ڪيو اهو اڃان تائين مون سان متعلق آهي. منهنجي مٿي تي شاهي تاج آهي. منهنجي راڻي ۽ منهنجو رُوح آهي. هاڻي ڇا هي ڪنهن صورت ۾ ممڪن آهي ته انسانن گناهن کان بچي نڪري ۽ اهو ئي چين ملي وڃي، نه دنيا ۾ انسان دولت جي ٻَل تي انصاف کي خريد ڪري سگهي ٿو. پر اي منهنجا خدا! ايئن ممڪن ناهي اتي ڪير انصاف جي سختي کان پناهه نه ٿو وٺي سگهي. اسان اتي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي گناهن جي نتيجن کان بچي نه ٿا سگهون. اتي زندگي جو ننڍي کان ننڍو عمل سامهون اچي پاڻ کي قبول ڪرائي وٺندو آهي. هاڻي مون کي سُڪون نه ٿو ملي سگهي. رحم جي خيرات نه ملي ته پو ڇا ٿيندو؟ آهه! منهنجو رُوح جيترو اوچو ٿيڻ چاهي ٿو، اوترو ئي هيٺ ڪرندو وڃي ٿو. منهنجا خدا منهنجي مدد ڪر. اي منهنجا بي راهي قدم جهڪي ڪري رحم جي معافي وٺ. پٿر جهڙي دل معصوم ٻارڙي وانگر دعا گُهر.. اي فرشتو! منهنجي مدد ڪيو ته جيئن مون کي سُڪون ملي.
    (بادشاهه دعا جي لاءِ جهڪندو آهي)
    (هيملٽ داخل ٿئي ٿو)
    هيملٽ: هاڻي مان هن کي ڏاڍي آساني سان ختم ڪري سگهان ٿو. هينئر هي دعا گهري رهيو آهي پر جيڪڏهن هن کي هن وقت ماري ڇڏيو ته هي جنت ۾ ويندو ۽ مان پنهنجو بدلو نه وٺي سگهندس پر ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته هن گنهگار منهنجي پيءُ جو قتل ڪيو ۽ مان پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پُٽ ٿي ڪري ان قتل جي بدلي هن کي جنت ۾ وڃڻ ڏيان؟ نه ....! هيءَ جلاد واري حرڪت هوندي بدلو نه هوندو. هن منهنجي پيءُ جي جان ان وقت ورتي هئي جڏهن اهو سُتل هيو ۽ پنهنجي گناهن جي معافي به نه وٺي سگهيو. ته ايئن هن بدبخت کي ڇو ماريو وڃي. جڏهن ته هي پنهنجي گناهن جي معافي وٺي رهيو آهي. هن وقت هي شرمنده ٿي ڪري ٻي دنيا جي لاءِ بلڪل تيار آهي. (هيملٽ تلوار مياڻ ۾ وجهي ٿو.) منهنجي تلوار اُٿ ۽ هن جو قتل ڪر. جڏهن شراب پِي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ سمهندو آهي يا جڏهن پنهنجي هنڌ تي عيش ۽ عشرت ڪري رهيو هجي. گاريون ۽ بڪواس ڪري رهيو هجي يا جُوا کيڏي رهيو هجي ته جيئن مرڻ کان پوءِ هن کي به نجات نه ٿئي ۽ هميشه جهنم جي باهه ۾ سڙندو رهي جيڪو هن جو صحيح ٺڪاڻو آهي.
    منهنجي ماءُ انتظار ڪري رهي هوندي. مان توکي هاڻي اڃان ڪجهه ڏينهن تائين هي مرض برداشت ڪرڻ لاءِ ڇڏي رهيو آهيان.
    (هيملٽ هليو وڃي ٿو)
    بادشاهه: (بادشاهه دعا گهري اٿي ٿو.) منهنجا لفظ مٿي وڃنن ٿا پر منهنجا خيال خسيس ۽ گُهٽجي رهيا آهن. لفظ خيالن جي بغير جنت جي طرف نه ٿا وڃي سگهن ۽ خدا تائين انهن جي رسائي ناممڪن آهي.

    (وڃي ٿو)


    منظر - چوٿون

    منظر - چوٿون
    (راڻي جو ڪمرو)


    (راڻي، گِرٽيوڊ ۽ پولونيس داخل ٿين ٿا)

    پولونيس: راڻي صاحبه! هو (هيملٽ) سڌو هيڏانهن ئي اچي رهيو آهي. توهان هن کان پڇو ته هي ڇا آهي. هن کي چئجو ته هن جون ناقابل ذڪر حرڪتون وڌي رهيون آهن. توهان چئي ڇڏجو ته توهان ان کي بادشاهه جي عتاب کان بچائي ڇڏيو آهي. مان خاموشيءَ سان هتي لڪيل رهندس. مان التجا ڪيان ٿو ته توهان هن کان سٺي طرح پُڇا ڳڇا ڪجو.
    هيملٽ: (اندر اچي ٿو.) امان! امان! امان!
    راڻي: ٺيڪ آ. توهان وڃو ۽ فڪر نه ڪيو. هُو شايد اچي رهيو آهي. مان هن جو آواز ٻڌي رهي آهيان.
    (پولونيس پردي جي پويان لڪي وڃي ٿو)
    هيملٽ: ڇو امان ڇا ڳالهه آهي؟
    راڻي: هيملٽ! تون پنهنجي حرڪتن سان پنهنجي پيءُ کي ڏاڍو پريشان ڪري رکيو آهي.
    هيملٽ: امان! توهان به منهنجي پيءُ کي سخت پريشان ڪري رکيو آهي.
    راڻي: پنهنجي زبان کي درست ڪري ٺيڪ سان جواب ڏي.
    هيملٽ: توهان به مون سان ٺيڪ طرح سان ڳالهايو.
    راڻي: اهو تون ڇا چئي رهيو آهين هيملٽ؟
    هيملٽ: هاڻي ڇا معملو آهي راڻي؟
    راڻي: ڇا تون مون کي وساري ڇڏيو آهي؟
    هيملٽ: نه ... مان مقدس صليب جو قسم کڻي چوان ٿو ته تون راڻي آهين. پنهنجي مڙس جي ڀاءُ جي زال آهين پر ڪاش تون ايئن نه هجين ها. تون منهنجي ماءُ آهين.
    راڻي: جيڪڏهن تون نه مڃيندي ته مان توکي ان جي حوالي ڪندس، جنهن جي ڳالهه تون چڱي طرح مڃيندي.
    هيملٽ: اڇا ويهي رهه. ان وقت تائين هتان نه اُٿجان، جيستائين پنهنجي صورت آئيني ۾ نه ڏسي وٺين. تو پنهنجو چهرو ڏٺو ئي ڪٿي آهي؟
    راڻي: تون مون سان ڇا ڪندي. منهنجو قتل ڪندين؟ بچايو مون کي – منهنجي مدد ڪيو.
    پولونيس: (پردي جي پويان) ڇا ٿيو؟ مدد ڪيو! مدد ڪيو!
    هيملٽ: (تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍي) ڪير آهي؟ هڪ ڪُئو. تنهنجي موت اچي وئي آهي ته ڏسون ڪير ٿو توکي بچائي.
    پولونيس: (پويان کان) هاڻي مان مري ويس. (ڪري مري وڃي ٿو)
    راڻي: هي تو ڇا ڪري ڇڏيو.
    هيملٽ: نه - مون کي خبر نه آهي. ڇا هي بادشاهه آهي؟
    راڻي: اُف - هي ڪيڏو سنگين قتل آهي.
    هيملٽ: ڪيترو سنگين قتل؟ ڏاڍو بدترين! پر نيڪ ماءُ هي بادشاهه کي قتل ڪري ان جي ڀاءُ سان شادي ڪري ڇڏڻ کان به بدتر آهي؟
    راڻي: بادشاهه کي قتل ڪري؟
    هيملٽ: جي ها راڻي صاحبه! مان اهو ئي چئي رهيو آهيان.
    (پردو پري ٿئي ٿو ۽ پولونيس جو لاش نظر اچي ٿو)
    وچ ۾ دخل ڏيڻ وارا بي وقوف رخصت ٿي وڃن. مان توکي بدي جي نتيجي واري ڪردار تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هاڻي توکي خبر پئي ته تون ڪيڏي خطرناڪ راند ۾ شامل هئين. هاڻي خبر پئجي وئي ته ٻين جي معاملي ۾ پئجي عقل مندي ڏيکارڻ ڪيڏي وڏي بي وقوفي هوندي آهي ۽ تون (ماءُ) چُپ چاپ ويٺي رهه! مان پنهنجي تلوار جهڙا زهريلا لفظ تنهنجي سيني ۾ لاهڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن تنهنجي دل هاڻي سچائي ۽ ايمان کي مڃي ٿي ته ٻڌي ڇڏ ته تنهنجي اندر ڪارو زهر ايڏو ته گهر ڪري ويو آهي جوتنهنجي عقل تي پردو چڙهي ويو آهي.
    راڻي: مون ڇا ڪيو آهي جو ايترا سخت لفظ چئي رهيو آهين؟
    هيملٽ: جهڙو تهڙو ڪم! ايتري قدر ذليل جو عورت ذات جو شرم کان ڪنڌ جهڪي وڃي ۽ تون ان کي خوب سمجهين ٿي. تون معصوم محبت جي پيشاني مان گلاب ڇني ان جي جڳهه تي هڪ ڇوڏو بڻائي ڇڏيو آهي. تو ازدواجي عهد کي داغ لڳائي ڇڏيو آهي. هڪ اهڙو ڪم جنهن تنهنجي رُوح کي ذليل جسم ۾ قيد ڪري رکيو آهي. تون انسان جي دين ۽ ايمان کي صرف لفظي سمجهين ٿي. هن گناهه سان زمين ۽ آسمان ڏڪي اٿندا آهن ۽ تون خود به پاڻ کي بيمار محسوس ڪري رهي آهين.
    راڻي: منهنجا خدا! مان اهڙو به ڪهڙو ڪم ڪيو آهي جو تون منهنجي مٿان ايتري تيز آواز گجي رهيو آهين ۽ ايترو ڀيانڪ بهتان لڳائي رهيو آهين.
    هيملٽ: ڏس! هيڏانهن هن تصور کي ڏس ٻنهي ڀائرن ۾ ڪير سٺو آهي.ڏس ڪمان وانگر هن جي پيچدار پيشاني ۾ ڪيڏو وقار آهي. هن جو گلاب جهڙو چهرو ۽ پارس جي طرح اکيون محبت ۽ رحم سان ڀريل آهن. خدائن پنهنجي هر صفت جو حُسن هن کي عطا ڪيو آهي. جيئن هو مرڪري جي پهار جي چوٽيءَ تي بيٺو آهي ۽ جنت جي نيڪي هن کي چمي رهي آهي. خدا دنيا ۾ هن هڪ مڪمل انسان بڻائي موڪليو هيو. هي تنهنجو مڙس هيو.
    هاڻي هن کي ڏس جيڪو تنهنجو موجوده مڙس آهي. هڪ سينور لڳل داڻي وانگر. هي پنهنجي ڀاءُ ي سامهون بي عقل ۽ بي وقوف لڳي رهيو آهي. ڇا تو وٽ اکيون آهن؟ تون هن اوچي پهاڙ کان لهي هيٺ اچي ويٺي آهين. واهه تون اهي ئي اکيون رکين ٿي؟ تون هن کي محبت نه ٿي چئي سگهين. ڇا تنهنجي عمر جي عورت کي به پنهنجي نفس جي باهه وسائڻ لاءِ ان ئي انتها تي لهي اچڻو پوندو آهي. ڇا بدلي جي ديوي تنهنجي هن فيصلي لاءِ توسان سخت ترين پڇا ڳاڇا نه ڪندي؟ توکي خدا عقل ڏنو آهي پر تنهن هوندي به تون ان مان ڪم نه وٺي سگهينَ. تو پنهنجي عقل کي چرين وانگر ذيان ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ڪنهن ۾ به سمجهڻ جي صلاحيت هجي ته اهو هنن تصويرن ۾ فرق ٻڌائي سگهي ٿو. پر هن شيطان تنهنجن اکين تي ڦٽي ٻڌي توکي پنهنجي حوس جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو. تنهنجي دل جيڪڏهن جذبات کان خالي هئي ته اکين سان ڏسي ڪري صحيح غلط کي سمجهين ها. يا ڪاش! تون اکين جي روشني وڃائي جذبات سان پرکي سگهين ها ته ايڏي وڏي غلطي نه ڪرين ها. شرم ڪر پر توکي زرو به ان ڳالهه جي پشيماني نه آهي. دوزخ جا ديوتا! جيڪڏهن تون هن عورت جي قتل ۾ هن عمر ۾ به گناهه حوس کي ڏسي سگهين ٿو ته پوءِ نوجواني ۾ جيڪڏهن مرد ۽ عورت اخلاق کان ڪري پنهنجي زندگي کي گناهه جي رستي تي موڙيندا آهن ته ان مان انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي ته انهن بي شرمن کي پنهنجي باهه ۾ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏ.
    راڻي: هيملٽ! ان کان وڌيڪ نه ڳالهائجان. تو منهنجو رُوح زرا زرا ڪري ڇڏيو آهي. منهنجا گنهگار دل جا ڪارا ڌٻا منهنجي اکين جي آڏو رکي ڇڏيا. هاڻي مونسان وڌيڪ نه ڳالهاءِ. هي لفظ خنجر وانگر منهنجي ڪنن ۾ لهي ويا آهن. بس وڌيڪ نه پيارا هيملٽ.
    هيملٽ: هڪ قاتل، خوني ۽ غلام جيڪو تنهنجي مڙس جي ٻارنهين حصي تي به نه آهي. جو بادشاهه جي لاءِ بي عزتي ۽ حڪومت لاءِ نفرت آهي. تون ڪيئن هن سان گڏ زندگي گذاري رهي آهين.
    راڻي: هاڻي وڌيڪ نه.
    هيملٽ: هي بادشاهه جي نالي تي ڌاغ آهي. جنهن پنهنجي ڀاءُ جو تاج چورائي پنهنجي مٿي تي رکي ڇڏيو. (رُوح اچي ٿو) بهشت جا فرشتو! مون کي پنهنجي ٻانهن جو سهارو ڏيو.
    راڻي: افسوس! هي پاڳل ٿي ويو آهي.
    هيملٽ: (رُوح سان) ڇا تون پنهنجي بيڪار پُٽ کي تاڪيد ڪرڻ آيو آهين ته مان اڃان تائين تنهنجي حڪم جي تعميل ناهي ڪئي. مون کي جيڪو ڪرڻو هيو مان ان ۾ لاپرواهي ڪئي. ڳالهائي مون کي چيو.
    رُوح: ها - منهنجي ڳالهه نه وسار ۽ ان تي پوري طرح عمل ڪر. تنهنجي ماءُ بي انتها خوف زده ٿي وئي آهي. ڏس هاڻي هن جي رُوح کي وڌيڪ صدمو نه پهچاءِ ته تڪليف سان هن جي دل ڦاٽي نه پوي. هن سان ٺيڪ طرح سان ڳالهيون ڪر هيملٽ.
    هيملٽ: توکي ڇا ٿيو امان؟
    راڻي: توکي ڇا ٿيو هيو جو تون آسمان جي طرف ڏسي هوا سان ڳالهيون ڪري رهيو هئين؟ تنهنجي اکين ۾ غصي جي باهه ڀڙڪي رهي هئي. جيئن ڪي سُتل سپاهي خطري جي گهنٽي ٻڌي اٿي پوندا آهن. تنهنجي جسم جا وار اُڀا ٿي ويا هئا. جيئن جوش ۾ ڀريل سپاهي بيهي ررهندا آهن. منهنجا پيارا پُٽ! تون پنهنجي بيچيني ختم ڪر. تون هوڏانهن ڪنهن کي ڏسي رهيو آهين؟
    هيملٽ: هن کي .... هن کي .... تون ڏس هن جو چهرو ڪيئن نه زرد ٿي ويو آهي ۽ هو ڪيئن بي وسي سان ڏسي رهيا آهن. هي درد ڀريل داسان ۽ اداس چهرو پٿر کي به روئاري تنهنجي رحم جي خيرات وٺندڙ اکيون منهنجو ارادو بدلائي ڇڏينديون 0رُوح سان) مون ڏانهن ايئن نه ڏس مان تهنجي قتل جو بدلو وٺڻ جي بجاءِ روئڻ لڳندس.
    راڻي: تون ڪنهن جي طرف ڏسي ڳالهائي رهيو آهين؟
    هيملٽ: ڇا توکي ڪجهه ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي؟
    راڻي: بلڪل نه – مان تنهنجي آواز کان سواءِ ڪجهه ناهي ٻڌو.
    هيملٽ: ڇو هيڏانهن ڏس. ڏس منهنجي پيءُ وانگر ان جي ئي لباس ۾ هو هوڏانهن وڃي رهيو آهي. هو دروازي ڏانهن وڃي رهيو آهي.
    راڻي: هي صرف تنهنجي دماغ جي خرابي آهي ته هوا ۾ انساني شڪل ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڇا ان ۾ به ڪا چال آهي؟
    هيملٽ: پاڳل پن؟ منهنجي نبض تو وانگر ٺيڪ طرح ئي هلي رهي آهي. منهنجون ڳالهيون پاڳل پڻو ۽ بڪواس نه آهن. جيڪڏهن توکي ان ڳالهه جو اعتبار نه آهي ته مان ان کي ٻيهر دهرائي سگهان ٿو امان! گنهگار رُوح کي ان دوکي ۾ نه وجهه ته مان چريو آهيان. هي هڪ پردو آهي. جنهن تي تنهنجي گناهه جي تصوير ڏسڻ ۾ اچي هي آهي. پنهنجي گناهن جو اقرار ڪر ۽ ان کان توبهه ڪر ڇاڪاڻ ته تون بخشي وڃي. مون کي منهنجي زهريلي لفظن جي لاءِ معاف ڪجان. اڄ ڪلهه دنيا ۾ هر نيڪي کي بدي سان معافي وٺڻي پوي ٿي ڇو ته مان هي چُڀندڙ ڳالهيون ڪري توکي گناهن مان مٽائي نيڪي جي رستي تي وٺي وڃڻ جي سزا ڪئي آهي.
    راڻي: هيملٽ! تو منهنجي دل ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي آهي.
    هيملٽ: پنهنجي اندر جي غلاظت ڪڍي ڇڏ ۽ پاڪيزگي سان زندگي گذار. رات جو سلام. پر اڄ منهنجي چاچي جي بستري تي نه وڃ. ان طرح جي عادت وجهي ڇڏ ڇو ته هي تو ۾ نه آهي. هو شيطان تنهنجي سڄي عقل کي هضم ڪري کڻي وڃي رهيو آهيو پر هاڻي به صحيح ۽ نيڪ ڪم ڪري پنهنجي زندگي کي سنوار پرهيز کان هن کان پرهيز ڪر ۽ پوءِ آئينده توکي هي آسان معلوم ٿيندو يا پوءِ هُن ڀوت کي هميشه لاءِ نا اهل بڻائي ڇڏ. هڪ دفعو وري الوداع رات جو سلام ۽ جڏهن به توکي پنهنجي گناهن جي لاءِ بخشش جي لاءِ طلب ٿيندي مان تنهنجي لاءِ دعا ڪندس ۽ امُر جي لاءِ (پولونيس جي طرف اشارو ڪندي) مون کي افسوس آهي پر مان ڇا ڪيان هن جي سزا منهنجي ئي هٿان لکيل هئي. مان هن کي لڪائي ڇڏيندس ۽ سڀني جي سوالن جا صحيح جواب ڏيندس ته مان هن جو قتل ڪيو آهي.اڇا الوداع رات جو سلام. مان رحمدل بڻجڻ لاءِ ظالم بڻجي ويندس ڇو ته بُرائي شروع ٿي پنهنجي پويان بُرايون ڇڏي ويندي آهي.
    راڻي: مان ڇا ڪيان؟
    هيملٽ: اهڙي طرح جيئن مون توکي چيو آهي. بادشاهه کي انهيءَ طرح بستري تي رهڻ ڏي. پر تون اتي پهچي وينديءَ ۽ پنهنجا رُخسار هن کي پيش ڪنديءَ. تون ان کي محبت چوندي آهين ۽ هن کي چمڻ ڏيندي آهين. هن جون ناپاڪ آڱريون تنهنجي گردن کي ڇهنديون آهن. ڇا تنهنجون اهي حرڪتون ذليل نه آهن. جن کي سوچي ڪري مان واقعي پاڳل ٿي ويندو آهيان پر تون هن کي هي نه چئجان ته مان پاڳل نه آهيان. تنهنجي دل جيڪو چاهي اهو ڪجان. پر جيڪڏهن منهنجو راز نه ٻڌائجان. هي مان ان کي چئي رهيو آهيان. جيڪا راڻي آهي. حسين سنجيده ۽ عقلمند آهي. خبر ناهي توکان هي ڳالهه لڪائي ويندي يا نه؟ تنهنجو عقل ته ايئن ئي آهي. جيئن هڪ ڀولو پکين سان ڀريل ٽوڪري کڻي گهر جي ڇت چڙهي وڃي ۽ ان کي کولي سڀ پکي اُڏائي ڇڏي ۽ ٻيهر انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ڇت تان ڪري مري وڃي.
    راڻي: تون يقين رک. جيڪڏهن هي لفظ منهنجو ساهه بڻجي ويندا ۽ ان ئي ساهه سان منهنجي زندگي هوندي. مان پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيندس پر تنهنجون چيل ڳالهيون ڪنهن سان نه ڪندس.
    هيملٽ: توکي معلوم آهي مون کي انگلستان موڪليو پيو وڃي.
    راڻي: ها! اُف مون کان وسري ويو ته سڀاڻي لاءِ پروگرام بڻجي چڪو آهي.
    هيملٽ: حڪم نامي تي مُهر لڳي چُڪي آهي ۽ منهنجا ٻه ساٿي مون سان گڏ موڪليا پيا وڃن. جنهن کي مان زهريلي نانگ وانگر سمجهندو آهيان. هُو هنن جي ذريعي سازش ڪري مون کي رستي ۾ ئي ختم ڪرائي ڇڏيندو. خير ٿيڻ ڏيو مون کي يقين آحي ته کڏو کوٽڻ وارو خود ان ۾ ڪرندو. حالنڪه هي ڏکيو آهي. مان هن جي مقابلي ۾ ٻي سازش ڪندس جيڪا هن جي سازش کي جهنم ۾ ملائي ڇڏيندي. هو مون کي خطرناڪ سمجهي ٻاهر موڪلي رهيو آهي. مون کي خبر آهي. هن لاش کي برابر واري ڪمري ۾ رکي ٿو ڇڏيان. هاڻي هي درٻاري امير ڪيترو خوش آهي ۽ پوءِ ڪنهن ٻي بي وقوفائي سازش ڪرڻ لاءِ سوڇي رهيو آهي. اچ مان توکي آخري منزل تي پهچائي ڇڏيان ٿو. رات جو سلام امان.

    (پولونيس جي لاش کي ٻي ڪمري ۾ گهلي وڃي ٿو)


    عمل – چوٿون

    منظر - پهريون

    منظر - پهريون
    (شاهي محل جو هڪ ڪمرو)


    (بادشاهه، ڪِلاڊيس، راڻي، گِرٽيوڊ داخل ٿين ٿا)

    بادشاهه: تنهنجي ان ٿڌي ساهه ڀرڻ جو ڇا مطلب آهي؟ معلوم ناهي ڪهڙو غم توکي پيهي ۽ ڳاري رهيو آهي. اسان اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا. ها تنهنجو پُٽ ڪٿي آهي؟
    راڻي: آهه! منهنجا سرتاج اڄ رات مون ڇا ڏٺو آهي؟
    بادشاهه: ڇا ڳالهه آهي گِرٽيوڊ؟ هيملٽ ڪيئن آهي؟
    راڻي: سمنڊ جي طوفان جي طرح هن جو جُنون جاري آهي. هوا وانگر وڌي رهيو آهي ۽ انهيءَ جُنون ۾ منهنجي ڪمري ۾ پردي جي پويان ڪنهن جو سُرٻاٽ ٻُڌي هڪ ڪُئو هڪ ڪُئو چوندو تلوار ڪڍي ۽ غصي ۾ هِن هُن پوڙهي جو خاتمو ڪري ڇڏيو. جيڪو پردي جي پويان لڪيل هو.
    بادشاهه: او منهنجا خدا! جيڪڏهن اسان به اتي موجود هجون ها ته هو اسان جو به اهو ئي حشر ڪري ها. هاڻي تون ئي ٻڌائي! هن قتل جو زميوار ڪير آهي؟ هر طرف ته اهو ئي هوندو ته بادشاهه کي هن تي سخت نگراني رکڻي هئي، پر اسان هن جي محبت ۾ صحيح غلط کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ڪوئي به اسان جي ان مناسب ڳالهه جو خيال نه ڪندو، پر هي چوندا ته اسان هن کي ايئن نظر انداز ڪري رکيو آهي. جيئن ڪوئي موضي مرض ۾ ورتل مريض پنهنجو مرض لڪائيندو آهي. هو ويو ڪاڏي؟
    راڻي: هو پنهنجي مقتول جي لاش کي ٻاهر اڇلائڻ ويو آهي. جيڪڏهن خراب داڻن جي وچ ۾ سون هوندو آهي ايئن ئي هن جي جنون سان گڏ ٿورو ئي عقل به باقي آهي. هو پنهنجي ڪيئي تي پڇتائي پيو ۽ روئي به رهيو هو.
    بادشاهه: او گِر ٽريوڊ اچ - سڀاڻي اسان صبح جو سج نڪرڻ کان پهرين هن کي انگلستان روانو ڪنداسين ۽ جيترو ٿي سگهيو. ان قتل کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اچ گِلڊنسٽرن
    (گِلڊنسٽرن ۽ روزين ڪِريٽس داخل ٿين ٿا)
    اسان کي توهان ٻنهي دوستن کان وڌيڪ مدد جي ضرورت آهي. هيملٽ جُنون ۾ پولونيس کي ماري ڇڏيو ۽ پنهنجي ماءُ جي ڪمري مان گهلي ٻاهر کڻي ويو آهي. وڃو هن کي تلاش ڪيو ۽ نرمي سان هن سان ڳالهايو ۽ لاش کي گرجا گهر پهچايو. مهرباني ڪري جلد ڪيو.
    (گِلڊن ۽ روزين هليا وڃن ٿا)
    بادشاهه: اچ گِرٽريوڊ اسان پنهنجي تمام دانشمند دوستن کي گهرائي واقعو بيان ڪريون ۽ انهن کي ٻڌايون ته وقتن بوقت جي لاءِ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون. ان سان اسان بدنامي کان بچي وينداسين. هي بدنامي توپ جي آواز وانگر پَر لڳائي اڏندي پنهنجو زهي فضا ۾ ڦهلائي ڇڏيندي آهي. اچ هيڏانهن اچ! منهنجو رُوح هن وقت نهايت زخمي ۽ پريشان ٿي رهيو آهي.

    (پردو ڪري ٿو)


    منظر - ٻيو

    منظر - ٻيو
    (شاهي محل جو ٻيو ڪمرو)


    (هيملٽ داخل ٿئي ٿو)

    هيملٽ: هلو هو ٺڪاڻي لڳي ويو.
    روزين +گِلڊن: (وچ ۾) حضور هيملٽ.
    هيملٽ: هي ڪهڙو شور ٿي رهيو آهي. هيملٽ کي ڪير سڏي رهيو آهي.
    (روزين ۽ گِلڊن اچن ٿا)
    اڇا اهي هيڏانهن اچي رهيا آهن.
    روزين: توهان لاش کي ڇا ڪري ڇڏيو شهزاده؟
    هيملٽ: ان خاڪ ۾ پهچائي ڇڏيو جتان هو آيو هو.
    روزين: اسان کي ٻڌايو. اسان ان لاش کي گرجا گهر کڻي وڃڻ چاهيون ٿا.
    هيملٽ: اُن تي يقين نه ڪيو.
    روزين: يقين ڪهڙو؟
    هيملٽ: اهو ئي جيڪو مون توهان کان لڪائي رکيو آهي. اهو منهنجو پنهنجو راز نه آهي. توهان هڪ بادشاهه جي پيٽ کان ڪجهه وڍي نه ٿا سگهو. توهان فقط پاڻي چُوسڻ وارا ڪيڙا آهيو.
    روزين: توهان اسان کي پاڻي چوسڻ وارا ڪيڙا سمجهندا آهيو حضور.
    هيملٽ: توهان بادشاهه جي ڏنل رُتبي ۽ دولت کي چوسڻ جي قوت رکو ٿا پر اهڙا حڪم بادشاهه کي پنهنجي وفاداري ڏيکاريندا آهن. بلڪل ايئن ئي جيئن هڪ بند وات ۾ کاڌو گڏ ڪري بعد ۾ چٻاڙي چٻاڙي کائيندو آهي. بادشاهه کي جڏهن به ڪوئي پيرو لڳائڻو هوندو آهي ته توهان کي گڏ ڪري وٺندو آهي ۽ ان راز کي ظاهر ڪرائي وٺندو آهي ۽ پوءِ توهان کي ڪيڙو سمجهي اڇلائي ڇڏيندو آهي.
    روزين: مان توهان جي ڳالهه نه سمجهي رهيو آهيان شهزاده.
    هيملٽ: مون کي خوشي آهي ته منهنجي ڳالهه توهان بي وقوفن جي سمجهه کان بالاتر آهي.
    روزين: شهزاده توهان مهرباني ڪري اسان کي ٻڌائي ڇڏيو ته لاش ڪٿي آهي ۽ اسان سان گڏ بادشاهه ڏانهن هلو.
    هيملٽ: لاش بادشاهه وٽ آهي پر بادشاهه لاش وٽ نه آهي. بادشاهه هڪ شيءِ آهي.
    گِلڊن: هڪ شيءِ شهزاده؟
    هيملٽ: ڪجهه نه ڪنهن ڪم جي شيءِ ناهي. مون کي هن ڏانهن وٺي هلو. اتي لڪيل لومڙي آهي ۽ ان جي پويان سڀ ڪجهه آهي.

    (ٽئين هليا وڃن ٿا)


    منظر - ٽيون

    ٽيون - منظر
    (شاهي محل جو هڪ ٻيو ڪمرو)

    (بادشاهه سلطنت جي رُڪنن سان گڏ داخل ٿئي ٿو)

    بادشاهه: مان هن جي لاش جي ڳولا ۾ ماڻهو موڪليا آهن. انسان پاڳل پڻي ۾ ڪيترو نه خطرناڪ آهي. اسان هن سان سختي ڪرڻ نه ٿا چاهيون ڇو ته عوام جي دل ۾ هن گهر ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ عوام ۾ ڪنهن به فيصلي جي صلاحيت ناهي هوندي. جيڪڏهن اسان هن کي سزا ڏيون ٿا ته هر هڪ جي نظر هن جي ڏوهه کي ڇڏي. اسان جي ڏنل سزا تي تنقيد (نُقته چيني) ڪرڻ لڳندا. اسان جلد ئي هُن کي ٻاهر موڪلي رهيا آهيون ته پوءِ به اهو ئي چيو ويندو ته اسان ڪائي سازش ڪئي آهي، پر مان هاڻي هن جو علاج ڏاڍي سختي سان ڪندس. نه ته ٻيو ڪوئي چارو نه آهي.
    (روزين داخل ٿئي ٿو)
    بادشاهه: ڪهڙي خبر آهي، ڇا حال آهي؟
    روزين: اسان کي لاش جو ڪوئي پتو نه لڳو. عالي جناب! هو اسان کي ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي
    بادشاهه: پر هو ڪٿي آهي؟
    روزين: عاليجناب! هو ٻاهر سپاهين سان گڏ بيٺا توهان جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهن.
    بادشاهه: هن کي اسان جي سامهون وٺي اچو.
    روزين: او! گِلڊن حضور کي عاليجناب وٽ وٺي اچو.
    (شهزاده هيملٽ، گِلڊن سان گڏ داخل ٿين ٿا)
    بادشاهه: هيملٽ - پولونيس ڪٿي آهي؟
    هيملٽ: دعوت ۾.
    بادشاهه: ڪٿي دعوت ۾؟
    هيملٽ: ان جڳهه تي نه جتي هو کائي بلڪه هن کي کايو ويندو. سياسي ڪيڙا هن کي کائي چُڪا هوندا. ڪيڙا ئي دنيا تي حڪومت ڪندا آهن ۽ اسان ڪيڙن کي جانور کارائي ٿُلهو ڪندا آهيون. پر جنهن وقت هي پنهنجو ڪم ختم ڪري چڪندا آهن ته هڪ فقير کان به بدتر ٿي ويندا آهن. اهو ئي انهن جو نتيجو آهي ته خود اهي ڪيڙن جي خوراڪ بڻجي ويندا آهن.
    بادشاهه: افسوس ... افسوس!
    هيملٽ: هڪ شخص ڪيڙي سان مڇي پڪڙي پنهنجي بادشاهه کي خوراڪ جي لاءِ کڻي ايندو آهي ۽ ان ڪيڙي کي کائي ويل مڇي کي کائي تازو توانو ٿي ويندو آهي.
    بادشاهه: ان مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟
    هيملٽ: ڪجهه به نه صرف اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته بادشاهه ڪهڙي طرح فقيرن جي ٽولي مان ترقي ڪري تخت حاصل ڪري ٿو.
    بادشاهه: پولونيس ڪٿي آهي؟
    هيملٽ: جنت ۾ آهي. چئو ته ان کي ڏسڻ لاءِ توهان کي به اتي موڪلي ڇڏيان. شايد توهان وٽ ڪو سفير ان جي خبر کڻي اچڻ وارو نه آهي پر شايد هو ٿوهان کي هن ئي مهيني ۾ ملي وڃي. جڏهن توهان ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي ويندوَ ته فورن سڃاڻي ويندوَ.
    بادشاهه: وڃو - هُن کي ڳولي وٺي اچو. (روزين سان) هي هتي ئي هوندو. جيستائين توهان واپس ايندوَ.
    (روزين ۽ ڪجهه سپاهي هليا وڃن ٿا)
    هيملٽ تنهنجي ان حرڪت جي لاءِ اسان کي تحفظي ڪاروائي عمل ۾ آڻڻي پوندي. اسان کي ان ڳالهه جو وڏو صدمو آهي جيڪو تو ڪيو آهي. اسان توکي ڪنهن ٻي جڳهه تي موڪلي ڇڏينداسين. تون جلدي تياري ڪر. جهاز تيار آهي ۽ هوا به مناسب آهي ۽ انگلستان وڃڻ لاءِ سڀ ڪجهه تيار آهي.
    هيملٽ: انگلستان جي لاءِ؟
    بادشاهه: ها هيملٽ.
    هيملٽ: اڇا.
    بادشاهه: انهيءَ طرح توکي اسان جو مقصد معلوم ٿي ويندو.
    هيملٽ: انهيءَ ۾ هڪ خاص سازش به ڏيکارڻ ۾ اچي ٿي. پر هلو انگلستان جي لاءِ خدا حافظ پياري امان.
    بادشاهه: ۽ پنهنجي پياري پيءُ کي هيملٽ؟
    هيملٽ: منهنجي امان - پيءُ ۽ ماءُ هڪ شخص ۽ زال آهن. شخص ۽ زال هڪ گوشت نه آهن. انهيءَ جي لاءِ منهنجي صرف ماءُ آهي. هلو - انگلستان جي لاءِ (هيملٽ ٻاهر هليو وڃي ٿو.)
    بادشاهه: (گِلڊن سان) هن جو پيڇو ڪيو. جلدي ئي هن کي روانو ڪري ڇڏيو. ان ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. مان اڄ ئي رات هن کي روانو ڪرڻ چاهيان ٿو. وڃو توهان سڀ جلدي ئي تياري ڪيو.
    (گِلڊن ۽ ٻيا وڃن ٿا)
    بادشاهه: (پنهنجو پاڻ سان) ۽ انگلستان تو ۾ تمام وڏي قوت آهي ته منهنجو غم وٺي مون ۾ عقل ڏئي ڇڏ. تو وٽ ڳاڙهيون تلوارن جي قطار موجود آهي. پر تڏهن به تون آزادي سان ڊينمارڪ جي تلوارن جي هيٺيان اسان جو خراج ادا ڪندا رهيا آهيو. تون ماٺ ۽ چُپ چاپ ٿي ڪري ناهين ويهندو. تو اسان جي ڀلائي جي لاءِ سڀ ڪجهه مُهيا ڪيو. خطن مان اهو يقين ڏياريوَ ته تون هيملٽ کي موت جي منزل پهچائي ڇڏيندي. انگلستان اهو ڪري ڇڏ. هي منهنجي رت ۾ زهر وانگي مليل آهي. تون ئي مون کي شفا ڏئي سگهين ٿو. جيستائين ايئن نه ٿيندو تيستائين منهنجي خوشي واپس نه ٿي ملي سگهي.

    (پردو ڪري ٿو)


    منظر – چوٿون

    چوٿون – منظر
    (ڊينمارڪ جو هڪ ميدان)


    (فارٽن براس هڪ ڪپتان ۽ سپاهي مارچ ڪندي داخل ٿين ٿا)


    فارٽن براس: وڃو ڪپتان - منهنجي طرف کان ڊينمارڪ جي بادشاه کي سلام ڪيو ۽ ان کي عرض ڪيو ته فارٽن براس اوهان جي اجازت سان پنهنجي فوج اوهان جي سلطنت جي حدن مان گذارڻ ڇاهي ٿو. تون ڄاڻين ٿو ته مان ڪٿي رهندس ۽ عاليجناب مون کي طلب ڪري ته مان ضرور حاضر ٿي ويندس. ان کي هن ڳالهه کان آگاهه ڪري ڇڏجو.
    ڪپتان: مان ايئن ئي ڪندس حضور - (وڃي ٿو)
    فارٽن براس: وڃو حفاظت سان وڃجو.
    (هيملٽ، روزين، گِلڊن ۽ ٻيا شخص ايندا آهن)
    هيملٽ: جناب ڇا مان معلوم ڪري سگهان ٿو ته هي ڪنهن جون فوجون آهن؟
    ڪپتان: هي ناروي جي فوج آهي جناب.
    هيملٽ: مان ڄاڻي سگهان ٿو ته انهن جو ڇا مقصد آهي؟
    ڪپتان: پولينڊ جي ڪجهه حصن تي حملو ڪيو ويندو.
    هيملٽ: ڇو جناب - هي ڪنهن جي قيادت ۾ آهي؟
    ڪپتان: هي پوڙي بادشاهه جي ڀائٽي فارٽن براس جي قيادت ۾ آهي.
    هيملٽ: هي پولينڊ جي ڪجهه حصي تي حملو ڪندا يا پوري ملڪ تي؟
    ڪپتان: اصل ۾ ته سوال هتي اسان جي عزت ۽ وقار جو آهي. اسان پولينڊ جي صرف ان حصي تي حملو ڪنداسين جنهن جو نفعو پنج ڊيوڪٽ کان زياده نه آهي. صرف پنهنجي ڳالهه رکڻي آهي. اسان کي پوري ملڪ تي حملو نه ڪرڻو آهي. عزت ۽ مان جي ڳالهه ۾ ڪير نفعي ۽ نقصان کي ڏسندو آهي؟
    هيملٽ: ناروي صرف پولينڊ کان خراج وصول ڪرڻ چاهي ٿو؟
    ڪپتان: ها اهو به پنهنجي جڳهه تيار آهي.
    هيملٽ: ان پنج ڊيوڪٽ جي لاءِ ٻه هزار حياتيون ضايع ٿينديون ۽ تڏهن به هي مسئلو حل نه ٿيندو. انسان دولت جي لالچ ۾ چڙهيو پيو آهي. انهيءَ سبب کان ته انسان جي وچ ۾ گناهه وڌي رهيو آهي. جيڪو زهر ڦهلائي انسان کي موت جي ننڊ سمهاريندو رهيو آهي. مان ان معلومات جي لاءِ جناب جو شڪريو ادا ڪيان ٿو.
    ڪپتان: خدا اوهان تي برڪتون نازل ڪري جناب.
    روزين: ڇا اوهان اسان سان گڏ هلي سگهو ٿا شهزاده؟
    هيملٽ: مان سڌو ئي توهان وٽ ايندس. توهان ٿوري دير جي لاءِ وڃي سگهو ٿا.
    (هيملٽ کان علاوه سڀ هليا وڃن ٿا)
    (هيملٽ پنهنجو پاڻ سان) هن گذرندڙ لمحي جو هڪ هڪ وقفو منهنجي ڪاوڙ ۽ بدلو کي ڀڙڪائي رهيو آهي. لعنت آهي مون تي ته منهنجي زندگي صرف اڻ پوري خواب تائين محدود رهجي وئي آهي. اهڙو انسان صرف هڪ جانور آهي. جنهن خدا ان کي پيدا ڪيو. سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت عطا ڪئي. ان ڪڏهن به هي نه سوچيو هوندو ته هي احمق پنهنجي عقل جو ذري برابر به استعمال نه ڪندو. انسانيت جي طاقت حيوانيت جي عقل ۾ زنده رهندي. مون ۾ طاقت آهي ۽ مڪمل ذريعا هجڻ جي باوجود مان پنهنجي بدلي جي جذبي کي پورو نه ڪري سگهيس. انهيءَ جي لاءِ ته مان پنهنجو تمام عقل حيوان جي عقل کي نذرانو ڏئي چڪو آهيان يا مان ان جي انعام کي سوچي خوف کاوان ٿو. مان بزدل آهيان ڇو ته اهڙو انجام سوچڻ ٽي حصا بزدلي ۽ هڪ حصو عقلمندي آهي. ڇا ڪيان سڀ واقعه پيش نظر آهن ۽ منهنجي اندر ۾ سازش ڪري رهيا آهن ۽ مون کي بدلي وٺڻ تي بيدار ڪري رهيا آهن. منهنجي ڪم کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پوري فوج مون وٽ آهي. ڏسو هو نوجوانن جي فوج بڻجي سپاهين جي چهري تي مسڪراهٽ ۽ دشمن سان مقابلي جو حوصلو آهي پر انجام کي سوچي ڪير پنهنجي مردانه جوهر کي پشيمان ڪرڻ ناهي چاهيندو. ان جي سامهون انجام جو خيال ڪا معنيٰ نه ٿو رکي. هي حسين شهزادو پنهنجي ننڍڙي ئي ڳالهه جي شان تي پنهنجي دولت زندگي ۽ جان جي بازي لڳائي ويٺو آهي. انسان پنهنجي عزت جي معاملي ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجي انهن جي وچ ۾ ڪهڙي هستي آهي.! منهنجي پيءُ جي قاتل منهنجي ماءُ جي عزت برباد ڪئي ۽ مان اڃان به سوچي رهيو آهيان. جڏهن ته منهنجو ضمير ان جو بدلو وٺڻ لاءِ بيچين آهي. مان هڪ جانور جيان انهن ويهه هزار انسانن کي موت جي طرف ويندي ڏسي رهيو آهيان جيڪي صرف شهرت جي خاطر جان ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. پنهنجو بسترو ڇڏي پنهنجي قبر جي طرف پير رکي رهيا آهن. ها! هاڻي مان به بدلو وٺندس. منهنجا خيالات خوني ٿي ويا آهن ۽ جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ته اڄ کان مان پاڻ کي بلڪل نيچ ۽ ذليل سمجهندس.

    (هليو وڃي ٿو)


    منظر – پنجون

    منظر – پنجون

    (السي نور قلعي جو هڪ ڪمرو)


    (راڻي ۽ هُريشيو ۽ معزز شخص جو اچڻ)

    راڻي: مان ان سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندس.
    معزز شخص: پنهنجي پيءُ جي موت سبب هوءَ چري ٿي وئي آهي. ان حالت رحم جي قابل آهي.
    راڻي: هوءَ ڇا ٿي چاهي؟
    معزز شخص: هوءَ پنهنجي پيءُ جو نالو بار بار دهرائي رهي آهي. چوي ٿي ان کي الائي ته ڪهڙيون ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پيون. جيڪي ان جي دل کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيون آهين. جيڪو ڪجهه هوءَ ڳالهائي ٿي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ٻڌڻ وارا ان جي ڳالهين جا ٽڪرا ٽڪرا ملائي ڳالهه جو مطلب سمجهن ٿا. ڪجهه ماڻهو ان جي چهري جي تاثرات کي ڏسي اهو سمجهن ٿا ته ان ۾ ڪو راز آهي ۽ ڪنهن ساهه سڪائيندڙ حادثي هن ڇوڪري کي پاڳل بڻائي ڇڏيو آهي جو ڪڏهن پنهنجو سينو پٽي رهي آهي ته ڪڏهن وري ڪاوڙ ۾ پنهنجا هٿ پير اڇلائڻ لڳي ٿي.
    هُريشيو: پوءِ ته ان جي حالت ۾ ماڻهن کي شڪ ٿيندو ۽ انهي طرح جا شڪ خطري کان خالي نه آهن. ماڻهو ان جي پويان سازشين جو خيال رکندا.
    راڻي: اڇا ته پوءِ ان کي اندر اچڻ ڏيو (هُريشيو وڃي ٿو) منهنجي روح کي هن گناهه جو پيش خيمو نظر اچي ٿو. انسان گناهه ڪري پاڻ کي شڪ شبن ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ان کان بچڻ چاهيندو آهي. پر ڪوئي به فن هن کي بچائي نه ٿو سگهي ۽ اهو ئي خوف هن جو خاتمو ڪري ڇڏيندو آهي.
    (هُريشيو، اوفيلا سان گڏ وري داخل ٿئي ٿو)
    اوفيليا: ڊينمارڪ جا عظيم بادشاهه ڪٿي آهن؟
    راڻي: اوفيليا تون ڪيئن آهين؟
    اوفيليا: (ڳائي ٿي) منهنجي توسان حقيقي محبت کي ٻين سان ڪيئن بيان ڪري سگهان ٿي ؟ مان هن سخت ترين زندگي ۾ به توکي ياد ڪيو آهي.
    راڻي: افسوس! حسين ڇوڪري تنهنجي ان گاني جو مطلب ڇا آهي؟
    اوفيليا: توهان چيو ته توهان ناهي سمجهيو ته ٻڌو (ڳائي ٿي) هو مري ويو محترمه! هو مري ويو .... ان جي مٿي تي سائو گاهه ڦٽي آيو آهي ۽ کڙيون پٿر ٿي ويون آهن.
    راڻي: پر پر اوفيليا.
    اوفيليا: مان توهان کي التجا ڪيان ٿي. ٻڌو (وري ڳائي ٿي) ۽ ان جا ڪپڙا پهاڙي برف وانگر سفيد آهن.
    (بادشاهه اچي ٿو)
    راڻي: افسوس! هن کي ڏسو منهنجا سرتاج.
    اوفيليا: (ڳائي ٿي) سچي محبت ڪرڻ وارن جي قبر تي گلن جي برسات ٿيندي آهي. محبت حسين گل بڻجي وسي پوندي آهي.
    بادشاهه: توکي ڇا ٿيو حسين ڇوڪري؟
    اوفيليا: خدا توهان کي اعليٰ بڻايو آهي. ماڻهو چوندا آهن ته اَلو هڪ نانوائي جي ڇوڪري هئي. حضور اسان ڄاڻو ٿا ته اسان ڇا ٿا ٿي سگهون. خدا توهان سان گڏ ميز تي رهي.
    بادشاهه: هن کي پنهنجي پيءُ جي موت جو صدمو آهي.
    اوفيليا: مان توهان کي التجا ڪيان ٿي ان متعلق ڪجهه نه چئو ۽ جڏهن ڪوئي ان جو مطلب پُڇيو ته توهان هي چئي ڇڏي ڇڏجو (ڳائي ٿي) سڀاڻي ويلنٽائن جي ڏينهن صبح جي وقت هڪ ڇوڪري توهان جي کڙڪي کان توهان جي معشوقا بڻجڻ لاءِ بيٺي هوندي.
    بادشاهه: (گِرٽيوڊ سان) هن جي هي حالت ڪڏهن کان آهي؟
    اوفيليا: مون کي اميد آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ سان ٿي ويندو. اسان صبر ڪنداسين (ڳائي ٿي) اسان جو انتخاب روئڻ کان علاوه ڪجهه نه آهي. جڏهن ته اسان هي سوچيندا آهيون ٿِڌي مٽي ۾ ليٽيل آهن. منهنجو ڀاءُ هيءُ ڄاڻيندو هوندو. توهان جي مشوري جي لاءِ شڪريه. ڪاهي اچو منهنجي گاڏي! رات جو سلام. بيگم رات جو سلام - رات جو سلام .
    (هلي وڃي ٿي)
    بادشاهه: (هُريشيو سان) هن سان گڏ وڃو. هن تي سخت نگراني رکو. مان توهان کي درخواست ٿو ڪيان.
    (هُريشيو هليو وڃي ٿو)
    اُف! هي وڏي صدمي جو زهر آهي. هُن کي پنهنجي پيءُ جي موت جو وڏو صدمو آهي. اي گِرٽريوڊ! گِرٽريوڊ مصيبت ڪڏهن اڪيلي ناهي ايندي، پر هڪ لشڪر وانگر نازل ٿيندي آهي. پهرين هُن جو پيءُ قتل ٿيو ٻيو تنهنجو پُٽ ويو. هن جو جلدي وڃڻ رعايا ۾ هلچل مچائڻ آهي. ويچاري پولونيس جي موت کان پوءِ اسان هن کي جلدي دفن ڪرائي ڇڏيو. ويچاري اوفيليا پاڳل ٿي وئي آهي. هن جي دل ۽ دماغ سڀ ڏکايل ۽ رنج ٿي ويا آهن. ٻي ڳالهه پريشان ڪندڙ هي آهي ته هن جو ڀاءُ ڳجهي طريقي سان فرانس کان اچي ويو آهي ۽ پنهنجي پيءُ جي پُراسرار موت جو پتو لڳائي رهيو آهي. هو نه ڄاڻ ته ڪهڙو منصوبو ٺاهي رهيو هوندو. ماڻهو هن جا ڪَن اڃان به زهريلي ڳالهين سان ڀريندا. منهنجي پياري گِرٽريوڊ! هي سڀ ڳالهيون مون کي ماري رهيون آهن ۽ مان زنده قبر جي در اچي ويو آهيان.
    (اندران شور ايندو آهي)
    راڻي: هاءِ! هي گوڙ ڇا جو آهي؟
    بادشاهه: منهنجا محافظ ڪٿي آهن؟ انهن جو پهرو دروازي تي لڳائي ڇڏيو.
    (هڪ معزز شخص داخل ٿيندو آهي)
    ڇا معاملو آهي؟
    معزز شخص: عالي جناب! پاڻ کي هن طوفان کان بچايو. سمنڊ جي طوفان کان وڌيڪ خوفناڪ تياري ڪري نوجوان لائرٽس هڪ جنگي دستو وٺي اچي رهيو آهي. توهان جي تمام حڪمن کي شڪست ڏئي چڪو آهي. عوام بغاوت ڪري ڇڏي آهي. عالي جناب! اهڙو هنگامو آهي جيئن دنيا جو نظم و نُسق وري قائم ٿيندو. هو نئون قانون جاري ڪري رهيو آهي. عوام شور مچائي رهيو آهي ته لائرٽس اسان جو بادشاهه آهي. ٽوپيون اڇلائي رهيا آهن ۽ تاڙيون وڄائي رهيا آهن ۽ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا آهن ته لائرٽس بادشاهه ٿيندو. لائرٽس بادشاهه.
    راڻي: او! ڊينمارڪ جا ڪُتئو! (آواز اندر ايندو آهي) توهان ڪيتري جلدي غلط ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهيو.
    بادشاهه: دروازو ڀڄي پيو (لائرٽس هٿياربندن سان داخل ٿئي ٿو. ڊينس هن سان گڏ آهي)
    لائرٽس: ڪٿي آهي بادشاهه؟ توهان سڀ ڇا ٻاهر بيٺا رهندوَ؟
    ڊينس: نه توهان اسان کي اندر اچڻ ڏيو.
    لائرٽس: توهان سڀ رخصت ٿي وڃو.
    ڊينس: اسان ايئن ئي ڪنداسين.
    (سڀ دروازي کان ٻاهر هليا ويندا آهن)
    لائرٽس: مان سمجهان ٿو توهان دروازي تي بيهو. اي! ذليل بادشاهه منهنجو پيءُ مون کي واپس ڪر.
    راڻي: خاموش رهو. لائرٽس
    لائرٽس: هن جو رت منهنجي اندر جي باهه کي ڀڙڪائي رهيو آهي. منهنجي پيءُ جو رُوح مون کي سڏي رهيو آهي. منهنجي ماءُ جي نرڙ تي هُن جي وجهه سان گهنج اچي ويا آهن.
    بادشاهه: ڪهڙو سبب آهي جو لائرٽس تون اونداهي طوفان جي طرح بغاوت ڪري ڇڏي آهي؟ گِرٽريُوڊ! هن کي وڃڻ ڏيو. اسان جي ماڻهن کي ڊڄڻ نه گهرجي. بادشاهه تي خدا جي رحمت هوندي آهي ۽ سڀ ڪجهه هن جي مرضي سان هوندو آهي. مون کي ٻڌائي لائرٽس تون ڇو ايئن بي عقل ٿي رهيو آهين. هن کي وڃڻ ڏيو گِرٽريُوڊ. ڳالهائي لائرٽس
    لائرٽس: منهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟
    بادشاهه: مري ويو.
    راڻي: پر هن ناهي ماريو (لائرٽس سان)
    لائرٽس: هُو ڪيئن مري ويو؟ مون سان فريب نه ڪيو، وفاداري وڃي جهنم ۾. چاهي منهنجو عقيدو هن ئي باهه ۾ سڙي پر مون کي پرواهه نه آهي. چاهي منهنجو دين ۽ دنيا ٻئي برباد ٿين. جيڪو ڪجهه ٿئي ٿيڻ ڏيو. مان پنهنجي پيءُ جي قتل جو ڀيانڪ بدلو وٺندس.
    بادشاهه: ڪنهن توکي روڪيو آهي؟
    لائرٽس: دنيا ۾ ڪا به طاقت ناهي جو مون کي پنهنجي ارادي کان باز رکي. مون وٽ پورا ذريعا آهن ۽ مان صحيح طرح بدلو وٺندس.
    بادشاهه: صحيح لائرٽس. جيڪڏهن تون واقعي ئي ڄاڻڻ چاهين ٿو ته تنهنجي پياري پيءُ جي موت جو سبب ڇا آهي تون پنهنجي بدلي جي باهه ۾ دوست ۽ دشمن ٻنهي کي وجهڻ چاهين ٿو ته بهتر آهي ته تون صحيح صحيح پَتو لڳائي وٺ.
    لائرٽس: صرف ان جي دشمن کان بدلو وٺندس.
    بادشاهه: ته پوءِ تون ان کي سُڃاڻين ٿو؟
    لائرٽس: ان جي دوستن کي ته مان ڏاڍو عزيز رکندو آهيان ۽ انهن جي لاءِ پنهنجو رت به ڏئي سگهان ٿو.
    بادشاهه: ڇو؟ هاڻي تون ايئن ڇو چئي رهيو آهين. فرمانبردار ٻار ۽ شريف ماڻهو ايئن ئي چوندا اهن. تنهنجي پيءُ جي موت ۾ منهنجو هٿ نه آهي ۽ مون کي ان جو دلي صدمو آهي. هاڻي تون پنهنجي اکين سان ڏسي ان جو فيصلو ڪري سگهين ٿو.
    (ٻاهر گوڙ ٿو ٿئي)
    ڊينس: (اندر اچي ٿو) هن کي اندر اچڻ ڏيو.
    لائرٽس: هاڻي ڇا آهي هي گوڙ ڇا جو آهي؟
    (اوفيليا وري اچي ٿي)
    آهه منهنجي گرمي! منهنجي دماغ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏ! منهنجا لڙڪ منهنجي عقل کي ضايع ڪري رهيا آهن. ڪاش منهنجو اکيون هي سڀ ڪجهه نه ڏسن ۽ ڦاٽي پون ها. خدا جو قسم مون کان تنهنجو پاڳل پڻو نه ٿو ڏٺو وڃي. مان قسم کڻي چوان ٿو ته ان جو بدلو وٺندس منهنجي ڀيڻ! منهنجي اوفيليا! تون هن شباب ۾ ايئن ديواني ٿي وئين. جهڙي طرح پريشانين ۾ گهٻرائي ضعيف دماغ بي سمجهه ٿي ويندو آهي. قدرت ۽ محبت جي راند عجيب آهي. اڌ زندگي ته پيار جي ڇڙڻ سان ضايع ٿي ويندي آهي.
    اوفيليا: (ڳا.ئي ٿي) هاءِ! ان کي قبر ۾ بغير ڪپڙن جي ئي سمهاري ڇڏيو ۽ مان ان جي قبر تي ڳوڙها ڳاڙي اهو چوندي رهيس. خدا حافظ! پکي
    لائرٽس: تون پنهنجي هوش حواس ۾ رهه شايد ايتري بدلي تي نه اڀران ها جيترو تنهنجي پاڳل پڻي کي ڏسي منهنجي اندر ۾ باهه ڀڙڪي رهي آهي.
    اوفيليا: تون ويهي ڳائي. ويهي رهه مون سان گڏجي گانو ڳايو وڃي ته ڪيڏو سٺو ٿيندو. او - هو! هُو ڪيڏو نيمڪ حرام ملازم هيو جيڪو پنهنجي مالڪ جي ڌيءُ کي کڻي ويو.
    لائرٽس: هن جون ڳالهيون ته ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿيون چن.
    اوفيليا: ڏسو هي گلاب جون پتيون آهن. جيڪي يادگيري لاءِ هونديون آهن. مان التجا ڪريان ٿي ته مون کي ياد ڪرڻ لاءِ هي پتيون وٺو.
    لائرٽس: هي سڀ پاڳل پڻي جي علامت آهي. خيالات ۽ ياداشت جو مونجهارو آهي.
    اوفيليا: هي توهان لاءِ سرنهن جو گل آهي ۽ تنهنجو آهي جيڪو خوش آمديد جي علامت آهي. هونءَ هي آچر جي ڏينهن خوبصورتي جو ٻُوٽو بڻجي ويندو آهي. تون مختلف طريقي سان مڪاري ڏيکاريندو آهين. تنهنجي لاءِ ڪجهه گل بهار ۽ واڱڻائي گل آهن پر اهي ته منهنجي پيءُ جي قتل جي وقت ڪومائجي ويا هئا. هي چون ٿا ته ان جو انجام وڏي سُڪون سان ٿيو (ڳائي ٿي) تنهنجون تمام خوشيون پياري رومن جي لاءِ آهن.
    لائرٽس: آهه! مون کي ڪيترو نه صدمو ٿي رهيو آهي. هي ويچاري قبل رحم آهي.
    اوفيليا: (ڳائي ٿي) ۽ ڇا هُو وري نه ايندو. هو وري نه ايندو؟ نه نه هو مري ويو آهي. هن جي ڏاڙهي برف جي طرح اڇي هئي. هو رخصت ٿي ويو. هليو ويو ۽ اسان کي روئڻ جي لاءِ ڇڏي ويو. خدا هن جي روح تي رحم ڪري ۽ تمام عيسائي روحن تي رحم ڪري. اي خدا توهان کان دعا ٿي گهران ته هن تي رحم ڪر.
    (اوفيليا ۽ گِرترٽيوڊ وڃن ٿا)
    لائرٽس: پروردگار تون هي سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهين.
    بادشاهه: مان به تنهنجي ڏک ۾ شريڪ آهيان. حالنڪه توکي ان تي يقين نه هوندو. وڃ پنهنجن دوستن کان پڇ منهنجو ان ڪم ۾ ڪيترو هٿ آهي. جيڪڏهن سڀ هي ڇون ته مان ان جو قتل ڪيو آهي ته پوءِ مان پنهنجي تمام حڪومت کان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجو تاج تخت منهنجي زندگي ۽ منهنجون تمام عزيز شيون تون وٺي سگهين ٿو. تون پنهنجي اطميعان جي لاءِ وٺي سگهين ٿو پر جيڪڏهن منهنجو هٿ نه ٿيو ته مان سڀ ٻڌائي تمام شڪَ ختم ڪري ڇڏيندس.
    لائرٽس: اهو به ٺيڪ آهي. پر هي اچانڪ موت ۽ فورن دفن ڪري ڇڏڻ ۽ نه قبر جو نشان رهڻ نه ان جي موت جون رسمون ٺيڪ سان ادا ڪرڻ. ان جي لاءِ منهنجو آواز دانهون دانهون ڪري زمين ۽ آسمان کان ان جو سبب پُڇندو.
    بادشاهه: تون ضرور ايئن ڪر، پر جڏهن واقعو توکي معلوم ٿي ويندو ته ڏوهي جو ڪنڌ ڪهاڙي جي هيٺان هوندو. مان توکي پاڻ سان گڏ هلڻ جي درخواست ڪيان ٿو.

    (سڀ هليا وڃنن ٿا)


    منظر - ڇهون

    ڇهون - منظر
    (شاهي محل جو ٻيو ڪمرو)


    (هُريشيو ۽ هڪ خادم ايندا آهن)

    هُريشيو: هُو ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي مون سان ڳالهيون ڪرڻ چاهن ٿا؟
    خادم: اهي ملاح آهن سرڪار. هُو توهان جو ڪوئي خط کڻي آيا آهن.
    هُريشيو: انهن کي اندر اچڻ ڏيو. (خادم هليو وڃي ٿو) مان سمجهان ٿو ته معزز هيملٽ جي علاوه ٻيو ڪنهن جو به خط دنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ کان مون وٽ اچي سگهي ٿو.
    (ملاح ايندا آهن)
    پهريون ملاح: خدا حضور کي سلامت رکي.
    هُريشيو: اهو توهان سڀني کي به خوش رکي.
    پهريون ملاح: هي سڀ ڪجهه ان جي مرضي تي آهي. توهان جي لاءِ هي خط آهي. هي اسان کي انگلستان وڃڻ واري سفير ڏنو آهي. مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته توهان جو نالو ئي هُريشيو آهي.
    هُريشيو: (خط پڙهي ٿو)
    هُريشيو!
    جڏهن تون هن خط کي پڙهين ته هنن ماڻهن کي بادشاهه وٽ پهچائجان. هنن کي هُن کي هڪ خط ڏيڻو آهي. اسان جي ٻن ئي ڏينهن جي سفر بعد سامونڊي ڌاڙيلن حملو ڪيو. اهي پوري طرح هٿيار بند هئا. بچڻ جي ڪابه ڳجهه نه ڏسي ڪري اسان هنن سان مقابلي جو ارادو ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ ئي ٻئي جهاز هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا ته مان هُنن جي جهاز ۾ اڇل ڏئي هليو ويس ۽ هنن جو قيدي بڻجي ويس. هُنن اسان سان همدردي جو سُلوڪ ڪيو پر هي ته تون ڄاڻين ٿو ته هنن ايئن ڇو ڪيو آهي، هو مون کان ان جو ڪجهه معاوضو چاهين ٿا.
    بادشاهه کي منهنجو هي موڪليل خط ڏئي ڇڏجان. تون مون وٽ ايترو جلدي اچ، جيئن تون موت جي خوف کان پناهه وٺي رهيو آهين. مان توسان گهڻيون راز واريون ڳالهيون ڪري توکي خاموش رهڻ جي تاڪيد ڪندس. هي ماڻهو توکي مون وٽ پهچائي ڇڏيندا. روزين ۽ گِلڊ نسٽرن اڃان انگلستان جي رستي ئي ۾ آهن. مون کي هنن جي باري ۾ توکي ٻڌائڻو آهي. اڇا خدا حافظ.
    تنهنجو مخلص ۽ شڪر گذار
    هيملٽ.
    (هُريشيو ملاحن سان) اچو ساٿيو. اسان توهان کي اتي پهچايون جتي توهان کي هي خط ڏيڻو آهي. ان کان پوءِ توهان مون کي اتي وٺي هلجو جنهن کان توهان هي خط ورتو آهي.

    (وڃن ٿا)


    منظر - ستون

    ستون - منظر
    (شاهي محل جو هڪ ٻيو ڪمرو)


    (بادشاهه ۽ لائرٽس اچن ٿا)

    بادشاهه: هاڻي مان سڀ ڳالهيون توکي ٻڌائي ڇڏيون آهن. هاڻي مان چاهيان ٿو ته مون کي تون پنهنجو سچو دوست ۽ همدرد سمجهه ۽ غور سان ٻڌ! جنهن شخص تنهنجي پيءَ جي جان ورتي آهي اهو منهنجي جان جو به دشمن ٿي رهيو آهي.
    لائرٽس: هي ته مان سمجهي ويس، پر توهان ان ڏوهه جي سنگين سزا ڇو نه ٿا ڏيو. ان ۾ توهان جي حفاظت جو به مسئلو درپيش آهي. توهان عقلمند هوندي به هن معاملي کي ٽاري رهيا آهيو.
    بادشاهه: ان ۾ ٻه خاص ڳالهيون آهن. شايد تنهنجي نظر ۾ هن جي ڪا اهميت نه هجي پر بهرحال اهي ڪا حيثيت رکن ٿيون. ان جي ماءُ راڻي هن کي ڏاڍو چاهيندي آهي ۽ جتي منهنجو تعلق آهي راڻي منهنجي زندگي ۽ منهنجو رُوح آهي. چاهي دنيا جون سڀ نعمتون منهنجي لاءِ مهيا ڪيون وڃن پر راڻي کان بغير منهنجي زندگي محال آهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته هو رعايا ۾ هر دل عزيز آهي. اسان هن کي ڪابه سزا ڏئي پريشاني ۾ اچي سگهون ٿا. انهيءَ عقيدت جي وجهه سان ان جا پير زنجيرن جي زيورات ۾ بدلائي سگهجن ٿا ۽ رعايا جي طرف کان آيل تيرن جو مقابلو آسا نه آهي. اسان هن جي سزا تجويز ڪيون ۽ عوام هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏي. تون ئي ٻڌائي اسان اهڙي صورت ۾ ڇا ٿا ڪري سگهون.
    لائرٽس: ته ان جي لاءِ مون کي پنهنجي پياري پيءُ کي وڃائڻو پيو ۽ منهنجي ڀيڻ پاڳل ٿي وئي آهي. منهنجي ڀيڻ جيڪا هڪ حسين مجسمو هئي. مان ڇا ڪيان. منهنجي اندر بدلي جي باهه زماني جي روش نه ٿي وسائي سگهي ۽ مان پنهنجي پيءُ جي قتل جو بدلو وٺندس.
    بادشاهه: تون ان جو فڪر نه ڪر. اسان ان بي عزتي کي چُپ چاپ نه برداشت ڪنداسين. اسان توکي ٻڌائينداسين ته اسان جو آئينده منصوبو ڇا آهي. مان تنهنجي پيءُ کي ڏاڍو چاهيندو هيس ۽ پوءِ هي ته اسان جي ذاتي عزت جو سوال آهي. اسان خود ڪنهن به صورت ۾ خاموش رهڻ وارا نه آهيون. (هڪ قاصد ايندو آهي) بڌائي هاڻي ڇا خبر آهي؟
    قاصد: هيملٽ هي خط موڪليو آهي حضور. هي عاليجناب جو آهي ۽ هي راڻي صاحبه جو آهي.
    بادشاهه: هيملٽ موڪليو آهي؟ ڪير هي کڻي آيو آهي؟
    قاصد: عاليجناب! هي ملاح کڻي آيا آهن. مان انهن کي ناهي ڏٺو. مون کي هي ڪِلاڊيس کان مليا آهن. هن انهن کان وٺي هتي پهچايا آهن.
    بادشاهه: لائرٽس! (قاصد سان) ٻُڌ! تون وڃي سگهين ٿو. (قاصس وڃي ٿو) ۽ (خط پڙهي ٿو)
    جناب اعليٰ!
    مان اڪيلو هيملٽ جي سلطنت ۾ اچي ويو آهيان. سڀاڻي مان توهان جي شاهي ذات ۾ حاضر ٿيڻ چاهيان ٿو ۽ پهرين توهان کان معافي جو طلبگار ٿي پنهنجي اچانڪ آمد جو اطلاع ڏيندس.
    هيملٽ!
    ان جي ڇا معنيٰ آهي؟ ڇا هن جا سڀ ساٿي واپس اچي ويا يا پوءِ هي خط ئي ڌوڪو آهي؟
    لائرٽس: ڇا توهان لکڻي سڃاڻيندا آهيو؟
    بادشاهه: لکيل ته هي هيملٽ جو ئي معلوم ٿئي ٿو. هي لکي رهيو آهي. مان اڪيلو ئي آيو آهيان. تون هن جي متعلق مون کي ڪجهه راءِ ڏي.
    لائرٽس: منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه نه اچي رهيو آهي، پر هن کي اچڻ ڏيو. منهنجي دل عجيب رفتار سان حرڪت ڪندي رهي آهي. مان هن جي حرڪتن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندس.
    بادشاهه: جيڪڏهن ايئن ئي ٿيو لائرٽس .... پر ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي. خير جيئن به هجي ته ڇا هن وقت تون منهنجي چوڻ تي عمل ڪندين؟
    لائرٽس: پر حضور توهان منهنجي بدلي جي فيصلي کي رد ڪري مون کي ڪنهن قسم جي سمجهاڻي تي مجبور نه ڪجو.
    بادشاهه: نه اسان تنهنجي صبر ۽ سُڪون لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين. جيڪڏهن هو سڀاڻي پنهنجي سفر کان واپس اچي ويندو ته اسان ان سان تنهنجو تلوار بازي جو مقابلو ڪرائينداسين. جيئن هو پنهنجي موت کان ڪنهن به صورت ۾ نه بچي سگهي. ان جي موت جو ڪو ڏوهه به نه سمجهو ويندو ۽ ان جي ماءُ به ان کي اتفاقي حادثو سمجهي صبر ڪري ويندي.
    لائرٽس: حضور مان حڪم جي تعميل ڪندس، پر مون کي خوشي ان ڳالهه ۾ ٿيندي ته مان پنهنجو بدلو وٺڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان ان کي قتل ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهان.
    بادشاهه: بلڪل درست آهي. تون جڏهن کان هتان ويو آهين. تنهنجي هڪ صفت جي ماڻهو ڏاڍي تعريف ڪندا آهن. هو خود به تنهنجي ان صفت جي وڏي تعريف ڪندو هيو. چاهي اندر ئي اندر ۾ حسد رکندو هجي. حالانڪه اسان کي هي ڳالهه پسند نه آهي. بهرحال هو تعريف ڪندو هيو.
    لائرٽس: اها ڪهڙي صفت آهي حضور؟
    بادشاهه: اها ئي جيڪا نوجوانن لاءِ انهن جي رنگين ڀڙڪيل پوشاڪن وانگر ضروري آهي يا پوڙهن لاءِ اچي ڪپڙن جيتري ضرورت آهي. ايترو ئي ضروري آهي ٻه مهينا ٿيا آهن هڪ شخص نارمنڊي مان هتي آيو هيو. مان فرانسيسين کي ايترو ڪمال درجي جو جنگي سوار نه ڏٺو آهي پر هن بهادر انسان ۾ ته ڄڻ جادو ڀريل هيو. هو ايئن گهوڙو ڊوڙائيندو هيو، جيئن ان جي پٺي تي چمبڙي ويو هجي، گهوڙي جي پٺي تي ئي هو وڏا ڪرتب ڏيکاريندو هو جو اسان جو عقل به ان تائين نه پهچي سگهي. سڀني جو عقل هن جي ڪرتبن کي ڏسي حيران ٿي ويندو هو
    لائرٽس: ڇا هو ڪو نارمن هيو؟
    بادشاهه: ها نارمن.
    لائرٽس: ان جو نالو ليمرڊ هوندو.
    بادشاهه: ها اهو.
    لائرٽس: ها مان ان کي چڱي طرح سڃاڻيان ٿو. هو پنهنجي قوم جو چمڪندڙ تارو آهي.
    بادشاهه: هو تنهنجي ان خوبي جي تعريف ڪري رهيو هو. چئي رهيو هيو ته تلوار بازي ۾ ڪير به هن کان وڌيڪ ماهر شخص نه آهي. هو ته هي به چئي رهيو هو ته ان جي ملڪ جي تمام بهادر هن جي مقابلي ۾ ايئن آهن سمجهو ته انهن کي تلوار پڪڙڻ به نه ٿي اچي ۽ توسان مقابلو ڪري پنهنجي حفاظت ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي. خود هيملٽ به ان جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون هيون. انهيءَ وقت کان هو سڙي مري رهيو هو ۽ هر وقت تنهنجي اچڻ جي انتظار ۾ رهندو هيو ته مقابلو ڪري توکي شڪست ڏئي. هاڻي انهيءَ سان ....
    لائرٽس: هاڻي انهيءَ سان، ڇا مطلب آهي عاليجناب؟
    بادشاهه: لائرٽس! ڇا توکي پنهنجي پيءُ سان واقعي ئي محبت هئي؟ يا صرف غم جو ڏيکاءُ ڪري رهيو آهين ۽ بغير دل جي جسم رکين ٿو.
    لائرٽس: توهان هي ڇو پڇيو؟
    بادشاهه: نه، مان سوچي رهيو آهيان ته تون پنهنجي پيءُ کي نه چاهيندو هئين بلڪه هي حالات سان گڏ محبت آهي. بدلجندڙ حالات سان پيار گهٽ ۽ وڌ ٿيندو رهندو آهي. وقت جي باهه جا شولا محبت کي به فنا ڪري ڇڏيندا آهن، ڪابه شيءِ ڪڏهن به هڪ جهڙي ناهي رهندي. ايتري تائين جو خوبيون به هڪ حد تائين. هڪ وقفي تائين ختم ٿي وينديون آهن. ان لاءِ بدلجندڙ وقت سان گڏ اسان کي ڪنهن فرمان جو وڌيڪ انتظار نه ڪرڻ گهرجي. ڪنهن ڪم جي خيال ۾ ڪيترائي نامعلوم سبب ارادن جي تڪميل ۾ خلل وجهندا آهن ۽ ان دولت جي وڃائجي وڃڻ کان پوءِ اسان مٿي تي هٿ رکي روئيندا آهيون. هيملٽ هاڻي جلدي ئي تنهنجي سامهون اچي رهيو آهي. هاڻي تون اهو ثابت ڪري ڇڏيندي ته تون صرف لفظ ئي بيان ڪرڻ نه ٿو ڄاڻين بلڪه پنهنجي پيءُ جو پُٽ آهين.
    لائرٽس: چاهي هو گرجا ۾ ئي ڇو نه ملي. مان هن جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏيندس.
    بادشاهه: توکي پنهنجي بدلي لاءِ ڪنهن جڳهه جي ڪهڙي ضرورت آهي. چاهي هو ڪا عام جڳهه هجي يا خدا جو گهر هجي، پر ڇا تون ايئن ڪندين لائرٽس؟ تون ايستائين پنهنجي گهر جي اندر ئي رهه جيستائين هي ڪم ٿي نه وڃي. هيملٽ کي ايندي ئي تنهنجي واپسي جو علم ٿي ويندو. اسان پنهنجي ماڻهن کي چئي ڇڏينداسين ته تنهنجي خوب تعريف ڪن. ايتري ئي تعريف جيتري هو فرانسيسي شخص ڪري ويو آهي. ان مان ايئن ٿيندو جو هو خود توسان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ته پوءِ تون پنهنجي لاءِ هڪ تيز ۽ تکي نوق واري تلوار وٺي ڇڏجان ۽ هن کي هڪ عام تلوار ڏني ويندي ۽ پوءِ تون هن جو سِر آسانيءَ سان اُڏائي سگهين ٿو ۽ هو خود تنهنجو ڪجهه نه وڃائي سگهندو.
    لائرٽس: مان ايئن ئي ڪندس. پنهنجي تلوار جي نوق ۾ زهر لڳائي ڇڏيندس. مان هڪ اهڙو زهر آندو آهي جو جيڪڏهن اهو انسان جي رت ۾ ڪنهن صورت ۾ داخل ٿي وڃي ته ان کي مرڻ کان ڪابه دوا بچائي نه ٿي سگهي. ان زهر لڳل نوق کي جتي به هن جي جسم تي لڳائيندس ته هو فورن ئي ختم ٿي ويندو ۽ اهڙي طرح مان هن کي ختم ڪري بدلو وٺندس.
    بادشاهه: مونکي ان جي باري وڌيڪ سوچڻ ڏي. ٿي سگهي ٿو ته اسان ڪنهن غلطي جي سبب کان ناڪام ٿيون ته اسان وٽ ٻيو منصوبو به موجود هجي، جو هو ان کان بچي نڪري نه وڃي. هاڻي اسان کي هي سوچڻو آهي. ٿورو اسان ان تي غور ڪريون. اڇا جڏهن تون پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهي گهڻو ٿڪجي پوندي ته شراب طلبينددين اسان توهان ٻنهي لاءِ پيالي ۾ شراب رکي ڇڏينداسين. هيملٽ جي پيالي ۾ زهر هوندو. جيڪڏهن هو ڪنهن صورت ۾ تنهنجي وار کان بچي نڪرندو ته هي زهر هن کي دنيا کان رخصت ڪري ڇڏيندو ۽ اسان جو مقصد پورو ٿي ويندو.
    (راڻي اچي ٿي)
    بادشاهه: (راڻي سان) ڇا ڳالهه آهي. منهنجي پياري راڻي؟
    راڻي: هڪ جي مٿان هڪ مصيبت اچي رهي آهي. تنهنجي ڀيڻ ٻڏي وئي لائرٽس.
    لائرٽس: ٻڏي وئي. ڪٿي؟
    راڻي: هڪ وڻ جهرڻي جي مٿان اهڙي طرح جهڪيل آهي جو ان جي پنن جو عڪس پاڻ ۾ نظر ايندو آهي. هوءَ مختلف قسم جي گلن جو هڪ هار وٺي آئي هئي ۽ وڻ جي ٽاري تي لڙڪائڻ لاءِ هوءَ ان وڻ تي چڙهي وئي، جيئن ئي هن هار لڙڪائڻ چاهيو سنهڙي شاخ هن جي وزن سان ٽٽي پاڻي ۾ ڪري پئي! ٿوري دير پاڻي جي سطح تي اکيون ڦاڙي وڏا وڏا ساهه کڻندي رهي پر جڏهن ڪپڙا ڀڄي ڳرا ٿي ويا ته ويچاري پاڻي جي تَري ۾ هلي وئي.
    لائرٽس: هاءِ! پوءِ ڇا هوءَ ٻڏي وئي؟
    راڻي: هوءَ ٻڏي وئي .... ٻڏي وئي!
    لائرٽس: ويچاري اوفيليا .... هاءِ! تون ڪيڏو پاڻي پِي وئين. هاءِ! هاڻي مان صرف تنهنجي لاءِ لڙڪ وهائيندس ته هي فطري آهي جو مان لڙڪن کي روڪي نه ٿو سگهان. تنهنجي لاءِ مان غم جي انتها تائين روئيندس. اڇا رخصت حضور. منهنجي لفظن ۾ باهه ڀڙڪي رهي آهي. ان تي لڙڪ اهو ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو ٻرندڙ باهه ۾ تيل ڪم ڪندو آهي.
    بادشاهه: اسان کي به هلڻ گهرجي. گِرٽريوڊ اسان کي هن کي وڌيڪ به سمجهائڻو آهي. هن جي باهه وڌيڪ ڀڙڪڻ جو انديشو آهي. هلو هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي.
    (هليا وڃن ٿا)


    عمل – پنجون

    منظر - پهريون

    منظر - پهريون
    (هڪ گرجا گهر جو ميدان)

    (ٻه مسخرا هٿن ۾ ٽيڪم ۽ بيلچا کڻي اچن ٿا)

    پهريون مسخرو: ڇا هن کي عيسائي مذهب جي مطابق دفن ڪيو ويندو جڏهن ته هن خودڪشي ڪئي آهي.
    ٻيو مسخرو: ها هن کي ايئن ئي ڪيو ويندو ۽ هن جي قبر به ٺاهي ويندي. ڇو ته هي بادشاهه جو معاملو آهي ۽ هو هن کي مذهبي رسمن جي مطابق دفن ڪرائيندو.
    پهريون مسخرو: هي ته ان وقت ٿي پئي سگهيو جڏهن هن پنهنجي حفاظت جي لاءِ پاڻ کي غرق ڪري ڇڏي ها؟
    ٻيو مسخرو: اهو ڪيئن ٿي سگهي ها.
    پهريون مسخرو: ايئن ٿي سگهي ٿو. اڇا هي ڳالهه مڃ پر مان پنهنجو پاڻ کان ٻُڏي وڃان ۽ هتي پاڻي آهي ته منهنجو ڪم ارادي وارو هوندو ۽ ڪنهن به ڪم کي ڪرڻ لاءِ ٽي ڳالهيون هجڻ گهرجن. خود اهو جيڪو ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان کي ڪرڻ جو طريقو هوءَ ڃاڻي واڻي ٻُڏي آهي.
    ٻيو مسخرو: پر تنهنجي خيال ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي؟
    پهريون مسخرو: مون کي ڳالهائڻ ڏي. هتي پاڻي آهي ۽ هتي هو ماڻهو بيٺو آهي. اڇا جيڪڏهن هو ماڻهو ان پاڻي جي ڀرسان وڃي. ان ۾ ٻڏي وڃي ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو. ڇا هو هوڏانهن ويندو. ان کي ڏس ته پاڻي خود اچي هن کي ٻوڙيو آهي. تڏهن ته هن پنهنجو پاڻ کي ناهي ٻوڙيو. اهڙي ماڻهو کي خودڪشي جو الزام نٿو لڳي سگهي.
    ٻيو مسخرو: پر هي قانون آهي.
    پهريون مسخرو: مان قسم کڻي چوان ٿو. هي بادشاهه جو پنهنجو ٺاهيل قانون آهي.
    ٻيو مسخرو: ڇا تون ان کي سچ ٿو سمجهين. جيڪڏهن هيءَ هڪ وڏي خاندان جي عورت نه هجي ها ته ڪڏهن به هيءَ مذهبي طريقي سان نه دفنائي وڃي ها.
    پهريون مسخرو: بس هاڻي تو ڳالهه ڪئي آهي. هي وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته وڏن ماڻهن کي ڦاسي ڏيڻ ۾. پاڻي ۾ ٻڏڻ ۾ هر طرح جي آزادي آهي. هلو اسان پنهنجو ڪم ڪيون. هن دنيا ۾ مالين ۽ قبرن کوٽڻ وارن جو ڪم اهڙو آهي، جيڪو ڏاڏا آدم جي وقت کان هلندو ٿو اچي.
    ٻيو مسخرو: ڇا هو ڪو شريف ماڻهو هو؟
    پهريون مسخرو: ها هو سڀني کان پهرين پيدا ٿيو هيو ۽ ان جي جسم تي هٿيار ٻڌل هيا.
    ٻيو مسخرو: ڇو ڇا ان وٽ ٻيو ڪجهه به نه هيو؟
    پهريون مسخرو: ڇا تون عيسائي نه آهين؟ ڇا تنهنجو انجيل تي يقين نه آهي؟ انجيل ۾ لکيل آهي ته ماڻهو مٽي کوٽيندا هيا. ڇا ڪنهن هٿيار کان بغير مٽي کوٽي ويندي هئي. هاڻي مان توکان ٻيو سوال ڪندس. جيڪڏهن تون ان جو جواب نه ڏئي سگهين ته پاڻ کي بي وقوف مڃجان.
    ٻيو مسخرو: ڳالهائيندو وڃ.
    پهريون مسخرو: اهو ڪير آهي، جيڪو جهاز ۽ رازي کان به وڌيڪ مضبوط شيون ٺاهيندو آهي؟
    ٻيو مسخرو: جيل ٺاهڻ وارو، ڏاڍيون مضبوط شيون ٺاهيندو آهي. ڇو ته قيد خاني ۾ هزارين ڪرائيدار رهندا آهن.
    پهريون مسخرو: مان تنهنجي عقلمندي جي تعريف ٿو ڪيان. قيد خانو ته ڏاڍو مضبوط ٺهندو آهي پر هي ٺهي ڪيئن ويندو آهي. هي انهن ماڻهن لاءِ ٺهندو آهي جيڪي بُرائي ڪندا آهن ۽ پنهنجي بُرن ڪمن لاءِ قيد خاني ۾ ويندا آهن. اهو گرجا گهر کان به مضبوط ٺاهيو ويندو آهي ته تنهنجي خيال ۾ قيد خانو سڀني کان وڌيڪ مضبوط هوندو آهي. اڇا هل پنهنجو ڪم ڪر.
    ٻيو مسخرو: هڪ معمار جهاز ٺاهڻ وارو هڪ رازي کان وڌيڪ مضبوط شيون ٺاهيندو آهي.
    پهريون مسخرو: ها مون کي ان جو جواب ڏي.
    ٻيو مسخرو: مقدس مريم جو قسم هاڻي مان اهو ٻڌائيندس.
    پهريون مسخرو: ٻڌائي.
    ٻيو مسخرو: نه نه مون کي معلوم نه آهي.
    (هيملٽ ۽ هُريشيو پريان ايندا آهن)
    پهريون مسخرو: پنهنجي گڏهه جهڙي دماغ تي وڌيڪ زور نه ڏي. هاڻي توکان جيڪڏهن ٻيو ڪجهه پڇيو ويو ته تون پٽجندو رهجي ويندين ۽ اهو ئي جواب ڏيندين ته هڪ قبر کوٽڻ وارو سڀ کان وڌيڪ مضبوط شيءِ ٺاهيندو آهي ڇو ته هن جون ٺاهيل قبرون قيامت جي ڏينهن تائين قائم رهنديون آهن. اڇا وڃ منهنجي لاءِ شراب جو پيالو کڻي اڄ.
    (ٻيو مسخرو هليو وڃي ٿو ۽ پهريون قبر کوٽيندي ڳائي ٿو)
    “نوجواني ۾ جڏهن محبت ڪندو هيس ته مان ان کي ڏاڍو حسين تصور ڪندو هيس. وقت گذرڻ سان ايترو پريشان ڪيو جو مان پنهنجي محبوب سان ملي نه سگهيس”.
    هيملٽ: هن شخص کي پنهنجي ڪم جي متلق ڪو فڪر ناهي جو اهڙي طرح قبر ٺاهيندي ڳائي رهيو آهي.
    هُريشيو: روز اهو ئي ڪم ڪندي ڪندي هو انهن ڳالهين جو عادي ٿي ويو آهي.
    هيملٽ: تون صحيح ٿو چوين. دنيا ۾ ڪنهن ڪم کي ڪڏهن ڪڏهن ڪرڻ وارو ايترو سخت دل نه هوندو آهي.
    پهريون مسخرو: (ڳائي ٿو) وقت پنهنجي خاموش پيرن سان گذري ويو ۽ ان مون کي پنهنجي ڄار ۾ سختيءَ سان ڦسائي ڇڏيو ۽ پنهنجي زمين جي طرف مون کي وٺي ويو. ڪاش هي سڀ مون ڇو نه ڪيو هو. (هڪ کوپڙي کڻي اڇلائي ٿو)
    هيملٽ: ان کوپڙي ۾ ڪڏهن زبان هئي ۽ ڪنهن وقت ۾ ڏاڍا حسين گانا ڳائيندي هئي. هي ڪين جي کوپڙي آهي. جنهن قتل ڪيو هيو يا پوءِ هي ڪنهن سياسي شخص جي کوپڙي ٿي سگهي ٿي. جيڪا هن گڏهه جي هٿن ۾ پهچي وئي آهي. ڪمبخت خدا کي به ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو. ڇا مان غلط چئي رهيو آهيان.
    هُريشيو: ايئن ٿي سگهي ٿو سرڪار.
    هيملٽ: ٿي سگهي ٿو ته هي ڪنهن درٻاري جو سِر هجي. جيڪو بادشاهه جي قدمن تي جهڪيل ۽ هر وقت حضور جي رَٽ لڳائي رهندو هو. هي به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن امير جو سر هجي جيڪو ٻئي امير جي گهوڙي جي تعريف ڪري رهيو هجي ۽ پو تعريف ڪري ان کان اهو گهوڙو گهريو هجي.
    هُريشيو: ٺيڪ آهي شهزاده.
    هيملٽ: ها! ايئن ٿي سگهي ٿو هي ڪنهن عورت جو چهرو هجي. جنهن جي گوشت ۽ ماس کي ڪيڙا کائي ويا هجن. هي عجيب انقلاب آهي تون هن جي هڏن کي ڏسي رهيو آهين ته هاڻي انهن جي ڪابه قيمت ناهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن اڇلايو پيو وڃي. منهنجي دل هي سوچي ڪڙهي رهي آهي.
    پهريون مسخرو: (ڳائي ٿو) هڪ ڪٻاڙي جو کڙڪو.. هاڻي انهن کي منتشر ڪري رهيو آهي جي مٽي جا پتلا آهن ڪجهه ڏينهن لاءِ دنيا ۾ بطور مهمان آيا هئا.
    (ٻي کوپڙي اڇلائي ٿو)
    هيملٽ: هي ٻي کوپڙي آهي. شايد هي ڪنهن وڪيل جي کوپڙي آهي. ڏسو هي ڪهڙي نه طرح چُپ آهي، ان جا جرحي بحث مقدما ۽ سڀ چالبازيون ختم ٿي ويون. ڏسو هو ڪمبخت ٽيڪم سان ان کي ماري رهيو آهي. هاڻي آخر ان جي مٿان حملي جو مقدمو ڇو داخل نٿو ڪري. ها هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيتري ئي زمين خريد ڪئي هوندي ڪيتري ئي دولت جمع ڪئي هوندي. ڪيترا پيسا وصول ڪيا هوندا پر سڀ ڪجهه ڇڏي مٽي جي خاڪ ۾ ملي وئي. ان جا ٺاهيل جملي دستاويز ان جي خريد ڪيل زمين ۽ وصول ڪيل دولت سڀ قبر جي ٻاهران رهجي وئي ۽ هو پاڻ سان گڏ پنهنجي خاڪي جسم جي علاوه ڪجهه به نه کڻي ويو. افسوس!
    هُريشيو: ان کان وڌيڪ ڇا کڻي سگهي ها شهزاده؟
    هيملٽ: ڪاغذ نه شايد رڍ جي کَل مان ٺهندو آهي؟
    هُريشيو: ها حضور - گابي جي کَل مان ٺهندو آهي.
    هيملٽ: هي سڀئي به رڍون ۽ گابا آهن. جن کي پنهنجي زندگي تي ايترو اعتماد آهي. مان هن شخص سان ڳالهائيندس. (پهرين مسطري سان) ٻڌو هي قبر ڪنهن جي آهي؟
    پهريون مسخرو: منهنجي حضور. (ڳائي ٿو) هڪ مُٺ ڀر خاڪ جيڪا هتي بطور مهمان ايندي آهي پوءِ خاڪ ۾ ملي ويندي.
    هيملٽ: ڇو ته تون هن وقت هن ۾ ليٽيل آهين ان لاءِ ممڪن آهي ته تنهنجي قبر هجي.
    پهريون مسخرو: جناب توهان هن کان ٻاهر آهيو. تڏهن به هي توهان جي نه آهي ۽ مان هن جي اندر ليٽيل آهيان. ان لاءِ منهنجي آهي.
    هيملٽ: ڪوڙ نه ڳالهائي. هي تنهنجي قبر نه آهي. قبر مردن جي لاءِ هوندي آهي. شايد اڃان ڪجهه دير آهي. انهي لاءِ تون هتي ليٽي پيو آهين.
    پهريون مسخرو: هي بلڪل ڪوڙ آهي سرڪار. هي مون کان پوءِ توهان وٽ هلي ايندي.
    هيملٽ: توهان ڪنهن جي لاءِ هي قبر کوٽي رهيا آهيو؟
    پهريون مسخرو: ڪنهن مرده جي لاءِ جناب.
    هيملٽ: ڇا ڪنهن عورت جي لاءِ؟
    پهريون مسخرو: ڪنهن جي لاءِ به نه.
    هيملٽ: هن ۾ ڪنهن کي دفن ٿيڻو آهي؟
    پهريون مسخرو: هڪ عورت هئي. ويچاري روح کي سڪون ملي مري وئي آهي.
    هيملٽ: ڪيترو نه بدماش شخص آهي. هاڻي اسان هن سان اهڙيون ڳالهيون ڪنداسين ڪيئن هُريشيو. مان ٽن سالن کان ڏسي رهيو آهيان ته اهڙو زمانو اچي ويو آهي ته جاهل به هاڻي شاهي درٻاري ٿيندا پيا وڃن ۽ انهن جي برابر ٿي هلڻ لڳا آهن. (پهريون مسخري سان) تون ڪڏهن کان قبر کوٽن جو ڪم ڪري رهيو آهين؟
    پهيون مسخرو: ان ڏينهن کان جڏهن اسان جي مرحوم بادشاهه هيملٽ فارٽن براس کي هارايو هيو.
    هيملٽ: ان کي ڪيترو وقت ٿيو آهي؟
    پهريون مسخرو: توهان کي معلوم نه آهي هر بي وقوف ان کي ڄاڻي ٿو هي ان ڏينهن جو قصو آهي جڏهن اسان جو نوجوان شهزادو هيملٽ پيدا ٿيو هيو. اهو هاڻي چريو ٿي ويو آهي ۽ انگلستان موڪليو ويو آهي.
    هيملٽ: توکي قسم آهي هي ٻڌائي ته هو انگلستان ڇو موڪليو ويو آهي؟
    پهريون مسخرو: ڇو! ان لاءِ جو هو پاڳل هيو. ان کي اتي عقل ملي ويندو ۽ جيڪڏهن عقل نه مليس تڏهن به هو اتي ئي رهندو. ڪا فڪر جي ڳالهه نه آهي.
    هيملٽ: ڇو؟
    پهريون مسخرو: ان جي لاءِ جو هو اتان لاءِ ڪا عجيب ڳالهه نه آهي. اتي هن جهڙا گهڻا پاڳل رهدا آهن.
    هيملٽ: هو پاڳل ڪيئن ٿيو هيو؟
    پهريون مسخرو: ماڻهو هن جي باري ۾ عجيب ڳالهيون ڪندا آهن.
    هيملٽ: ڪهڙيون عجيب ڳالهيون؟
    پهريون مسخرو: يقين ڪيو ان جو عقل بلڪل ختم ٿي ويو آهي.
    هيملٽ: ان جو سبب ڪهڙو هيو؟
    پهريون مسخرو: سبب؟ ڊينمارڪ ۾ ٻار کان وٺي، جوان ٿيندي ٿيندي ٽيهن سالن کان قبرون کوٽي رهيو آهيان.
    هيملٽ: هل ماڻهو جي لاش کي مٽي ۾ ملي وڃڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو آهي؟
    پهريون مسخرو: مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ان جو جسم مرڻ کان پهرين سڙي نه ويو هجي ته اٺ نَو سال لڳندا آهن ۽ هڪ چمڙو ٺاهڻ وارو نَو سال وٺندو آهي.
    هيملٽ: ڇو؟ هو ٻين کان وڌيڪ وقت ڇو وٺندو آهي؟
    پهريون مسخرو: پنهنجي پيشي جي سبب کان ان جو جسم ايترو سخت ٿي ويندو آهي جو پاڻي جو اثر ناهي ٿيندو ۽ توهان کي خبر آهي ته پاڻي سان ئي مرده جسم ڳري ويندو آهي توهان هيڏانهن ڏسو هي هڪ کوپڙي آهي. هي کوپڙي ٽيويهه سالن کان زمين ۾ پئي آهي.
    هيملٽ: هي ڪنهن جي کپڙي آهي؟
    پهريون مسخرو: هي ان پاڳل بدمعاش جي کوپڙي آهي، جنهن هڪ دفعي شراب جو پيالو منهنجي مٿي تي هنيو هو. هي اها ئي کوپڙي آهي. هي انهيءُ يورڪ جي کوپڙي آهي جيڪو شاهي مسخرو هو.
    هيملٽ: مون کي ڏسڻ ڏي (کوپڙي هٿ ۾ کڻندي آهي) افسوس يورڪ! هُريشيو مان هن کي سُڃاڻيندو هيس. هي وڏو مسخرو ۽ حاضر دماغ هو. هن هزارين دفعا مون کي پنهنجي پٺي تي کڻي گهمايو هو. هاڻي هتي ڪهڙي شڪل ٺاهي سوچي رهيو آهي. منهنجي دل ڏڪي رهي آهي. تنهنجا اهي چپ ڪٿي آهن؟ تنهنجي کِل ڪٿي آهي؟ تنهنجا گانا ڪٿي آهن؟ تنهنجي گوشت پوست جو ڇا ٿيو؟ تنهنجي مسخري پڻي جي ڳالهين جو ڇا ٿيو ٿيو جن کي ميز تي ويٺل ماڻهون ٻڌي کلي کلي اٿندا هئا ۽ هاڻي تون خود پنهنجي مٿان کلي رهيو آهين. تنهنجي کِل مٽجي وئي آهي. هاڻي تون هن عورت جي ڪمري طرف وڃ ۽ هن کي چئو ته هو پنهنجي چهري تي چاهي چمڪندڙ هڪ انچ جو رنگ لڳائي ڇڏي، پر هن جو حال اهو ئي ٿيندو ۽ هن جي چمڪ ڌمڪ جي به ايئن مذاق اڏائي ويندي. هُريشيو مان توسان هڪ ڳالهه جي التجا ڪيان ٿو.
    هُريشيو: اها ڪهڙي ڳالهه آهي حضور؟
    هيملٽ: ڇا موت کان پوءِ قبر جي اندر سڪندر جي به اها ئي حالت ٿي هوندي؟
    هُريشيو: بلڪل اهڙي ئي.
    هيملٽ: ڇا هُن مان به اهڙي ئي بدبو ايندي هوندي؟ (کوپڙي کي هيٺ رکي ڇڏي ٿو)
    هُريشيو: بلڪل اهڙي ئي شهزاده.
    هيملٽ: هُريشيو! پوءِ اسان جي مرڻ کان پوءِ ڪهڙي حالت ٿيندي؟ تون سڪندر جي مقدس خاڪ جي باري ۾ ڇو ايئن سوچي رهيو آهين. ڇا هن جي خاڪ به ڪنهن پاڻي جي نالي کي روڪي رهي هوندي؟
    هُريشيو: انهن ڳالهين جي متعلق سوچڻ ۾ اڃان به بي چيني وڌندي ويندي.
    هيملٽ: ڪنهن ڳالهه جو به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي. بلڪه هي ئي سوچڻو پوندو آهي ته سڪندر مئل هوندو. هن کي دفن ڪيو ويو هوندو ۽ مٽي بڻجي ويو هوندو. ان مٽي سان اسان گارو ٺاهيندا آهيون ۽ گارو ئي ڇو؟ اسان ته ناليون روڪڻ ۾ ان کي استعمال ڪندا آهيون. روم جو شهنشاهه سيزر به وڏي شان سان حڪومت ڪندو هيو، مري هو به مٽي ۾ ملي ويو. شايد ديوار جي سوراخ ۾ هوا کي روڪڻ جي لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي. پر(هوڏانهن آواز اچي ٿو) هٽو هٽو هڪ طرف ٿي وڃو، بادشاهه اچي رهيو آهي.
    (درٻاري اچن ٿا ۽ اوفيليا جي جنازي جي جلوس ۾ لائرٽس ۽ ٻيا شخص روئيندي اچن ٿا. بادشاهه ۽ راڻي انهن جا ٻيا خادم گڏ آهن)
    هيملٽ: (هُريشيو سان) درٻاري هي سڀ ڪنهن سان گڏ اچي رهيا آهن، پر هن جنازي سان ڪابه مذهبي رسم ادا نه ڪري رهيا آهن.ايئن لڳي رهيو آهي مرڻ واري خودڪشي ڪئي آهي، معلوم ٿئي ٿو ته ڪو اعليٰ خاندان جو فرد مري ويو آهي. اچ هُريشيو لڪي ڏسون ڇا ٿو ٿئي؟
    (هُريشيو سان گڏ لڪي وڃي ٿو)
    هيملٽ: اڙي! هي ته لائرٽس آهي. ڏسو هي ته ڏاڍو بهادر جوان آهي.
    لائرٽس: اڃا ڪهڙي رسم رهجي وئي آهي؟
    پادري: جيستائين مذهب جي دائري جو اختيار هيو، اسان ايترو ڪري ڇڏيو. اسان کي اڃان تائين هن جي موت جي باري ۾ شڪ آهي. هي شاهي حڪم هيو نه ته ڪنهن رسم جي بغير هن کي قبر ۾ ليٽايو وڃي ها ۽ قيامت تائين روح کي ڀٽڪڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ها. هن جي رُوح جي لاءِ ڪا دعا نه گهرڻ گهرجي بلڪه ان کي سنگسار ڪرڻ گهرجي. حالانڪه مان هاڻي به ڏسي رهيو آهيان ته ڪنواري ڇوڪري وانگر ان تي گل هاريا وڃن ٿا ۽ عزت ۽ ادب سان ان جي جنازي کي قبرستان آندو پيو وڃي.!
    لائرٽس: ته اڃان ڪا رسم رهيل ناهي؟
    پادري: هاڻي ڪجهه نه ڪيو ويندو. اسان هن جي روح جي سڪون جي لاءِ ڪو گانو نه ڳائينداسين.
    لائرٽس: ته هاڻي اسان هن کي قبر ۾ ليٽايون ٿا. ان جي حسين جسم جي خاڪ مان بنفشني جا گل ٽڙندا. مڪار پادري مان توکي چوان ٿو ته منهنجي ڀيڻ کي نيڪ فرشتن وٽ جڳهه ملندي ۽ تون جهنم ۾ سڙندو رهندي.
    هيملٽ: ڇا! حسين اوفيليا (الڳ ڪنڊ ۾ چوي ٿو)
    راڻي: خدا حافظ حسين ڇوڪري (گل اڇلائيندي) مون سوچيو هيو ته منهنجي هيملٽ جي زال ٿيندي ۽ هنن گلن سان مان تنهنجي شادي جي سيج سجائيندس. پياري ڇوڪري هاڻي مان هنن کي تنهنجي قبر تي اڇلائي رهي آهيان.
    لائرٽس: خدا ڪري ان تي ڏهه دفعا وڌيڪ مصيبت اچي، جيڪو تنهنجي موت جو سبب بڻيو آهي. جنهن جي سبب کان تون پاڳل ٿي وئين. اهو ڪڏهن دنيا ۾ خوش نه رهي. بيهي رهو. مان هڪ دفعو ٻيهر هن کي ڳلي لڳائيان. (قبر ۾ ٽپو ڏئي لهندو آهي) هاڻي اسان ٻنهي تي ايتري مٽي وجهو ته جيئن ببلن جي چوٽين جي برابر اوچي ٿي وڃي.
    هيملٽ: (اڳتي اچي ٿو) هي ڪنهن تي غم جو جبل اچي ڪريو آهي. هي ڪير آه جنهن جي غم کي ٻڌي ستارا به تڙپي اٿيا آهن. هو بيهي هن مصيبت ۽ رنج کي ڏسي رهيا آهن. مان ڊينمارڪ جو هيملٽ آهيان. (قبر ۾ لهي پوي ٿو)
    لائرٽس: شل عزرائيل تنهنجو رُوح ڪڍي. (هيملٽ سان چنبڙي وڃي ٿو)
    هيملٽ: اي! ڇڏ مون کي منهنجي ڳچي مان آڱريون هٽاءِ. مان تيز مزاج نه آهيان پر غصي جي وقت ڏاڍو خطرناڪ ٿي ويندو آهيان. پري ڪر پنهنجو هٿ.
    بادشاهه: هنن کي الڳ ڪيو راڻي.
    راڻي: هيملٽ هيملٽ.
    سڀ ماڻهو: اي شريف انسانو!
    هُريشيو: ڇڏي ڏيو. شهزاده خاموش ٿي وڃو. (شاهي خادم انهن کي الڳ ڪن ٿا) ۽ اهي قبر کان ٻاهر اچن ٿا.
    هيملٽ: مان ڇو بغير ڪنهن سبب سان هن سان وڙهان ها، پر هن جي بدتميزي سان مان هميشه وڙهندو رهندس.
    راڻي: ڇا ڳالهه آهي منهنجا پُٽ؟
    هيملٽ: مان اوفيليا سان محبت ڪندو هيس. چاليهه هزار ڀائرن جي محبت جو وزن منهنجي محبت کان گهٽ آهي. توهان هن لاءِ ڇا ڪندو؟
    بادشاهه: لائرٽس هي پاڳل آهي.
    راڻي: خدا جي واسطي هن کي وڃڻ ڏيو.
    هيملٽ: تون مونکي ڏيکاري سگهين ٿو ته تنهنجا ڪيترا زخم آهن. تون هن لاءِ روئيندي، وڙهندي خاتمو ڪندي يا پنهنجي دل کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي. ويهي شراب پيئندي. واڳونءِ جو گوشت کائيندي ۽ ڏس مان ڇا ڪندس. تون هن سان گڏ قبر ۾ دفن ٿي سگهين ٿو ته فورن ٿي وڃ. مان ايئن ڪري سگهان ٿو. جيڪڏهن تون جبلن ۾ ان جو نالو وٺي پُڪاري سگهين ٿو ته مان ڪروڙين ايڪڙ زمين جي مٽي گڏ ڪري ٻرندڙ سج تائين پهچائي سگهان ٿو. اوسا جبل به هڪ ٽُٻڪي وانگي ننڍڙو لڳڻ لڳندو، نه تون صرف منهن ڏسڻ ڄاڻيندو آهين.
    راڻي: هي هن جو پاڳل پڻو آهي. جڏهن هي پاڳل پڻي ۾ ڪم ڪندو آهي، تڏهن ايئن ئي چرائپ ڏيکاريندو آهي ۽ پاڳل پڻو لهي وڃڻ کان پوءِ آرام سان چُپ چاپ ويهي رهندو آهي، جيئن ڪبوتري انڊو ڏيڻ کان پوءِ چپ چاپ ويهي رهندي آهي.
    هيملٽ: هاڻي توهان ئي ٻڌايو جناب. هي توهان جو منهنجي مٿان جهڙپڻ ڇا هيو؟ مان توکي ڏاڍو چاهيندو آهيان پر هَرڪيوليس جهڙو بهادر به ڪُتي ۽ ٻلي جي ڀونڪڻ کي نه روڪي سگهندو هيو ته تون ڇا انسان جي عدالت بدلائڻ هليو آهين. (هيملٽ هليو وڃي ٿو)
    بادشاهه: سُٺا هُريشيو مان توکي التجا ٿو ڪيان ته تون هن جي نگراني ڪر (هُريشيو هليو وڃي ٿو) - (لائرٽس سان) تون پنهنجي صبر کي قابو ۾ رک. اسان اڄ رات جي ڳالهه تي غور ڪنداسين. پياري گِرٽيوڊ پنهنجي پُٽ جي نگراني ڪر. هن کي اسان يادگار بڻائينداسين ۽ هڪ ڪلاڪ خاموش رهڻ کان بعد اسان پنهنجو منصوبو پورو ڪرڻ لاءِ قدم اڳتي وڌائينداسين.

    (رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ سڀ هليا وڃن ٿا)


    منظر - ٻيو

    ٻيو - منظر
    (شاهي محل جو هڪ وڏو ڪمرو)


    (هُريشيو ۽ هيملٽ اچن ٿا)

    هيملٽ: ايترو سڀ ڪجهه هجڻ جي بعد تو هن کي ڏٺو هيو. ڇا توکي اهي حالات ياد آهن؟
    هُريشيو: مون کي ياد آهن حضور.
    هيملٽ: دوست منهنجي دل ۾ هڪ هلچل مچل هئي. جنهن جي ڪري مون کي ننڊ آئي مان اهو سوچي رهيو هيس ته مان هڪ باغي کان به بدتر آهيان. ان باغي کان به بدتر جنهن کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن بي چيني به مفيد ثابت ٿيندي آهي ۽ ان سان اهڙي ڪامياب هوندي آهي. جيتري ته شايد اسان سنجيدگي سان ڪم ڪري حاصل ڪري سگهون پيا. مون کي ايئن معلوم ٿئي پيو ته مان خود پنهنجي زندگي کي اهڙو ناهي بڻايو بلڪه ڪا ٻي طاقت اسان کي ايئن ڪرڻ سيکاري رهي آهي ۽ سڀ ڪجهه ا ن جي مرضي جي مطابق ٿي رهيو آهي.
    هُريشيو: ايئن بلڪل ممڪن آهي.
    هيملٽ: هڪ رات مان پنهنجي ڪمري ۾ ليٽيو پيو هيس اونداهي ۾ مان پنهنجو سامونڊي گائون چئني پاسي ويڙهي ڇڏيو. مان ان جي کيسي جي تلاشي وٺڻ چاهيان پيو. اهو سڀ ڪجهه ڪري مان پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويس. مان ان وقت پنهنجي سڄي اخلاق کي وساري ويٺو هيس. جڏهن مان خط کوليو ته توکي خير آهي هُريشيو؟ مون کي ان بدمعاش بادشاهه جي سڄي سازش معلوم ٿي وئي. انگلستان جي بادشاهه ڏانهن هڪ حڪم نامو موڪليو پيو وڃي ته گهڻن ئي سببن جي ڪري منهنجو ڊينمارڪ ۾ رهڻ خطري کان خالي نه آهي ۽ ڪو به خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو جيڪو انگلستان کي به نقصان پهچائي سگهي ٿو. ان لاءِ هن خط کي پڙهندي ئي فورن هيملٽ جو سَر قلم ڪيو وڃي. هڪ منٽ به انتظار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
    هُريشيو: ڇا هو ممڪن آهي؟
    هيملٽ: جيڪڏهن توکي يقين نه اچي ته هن خط کي پڙهه.
    هُريشيو: مون کي توهان تي يقين آهي.
    هيملٽ: جڏهن مون اهو ڏٺو ته مان سازش جي ڄار ۾ گهيريل آهيان ته ڪجهه ڪرڻ کان پهرين منهنجي دماغ ۾ هڪ ترڪيب آئي، مان ويهي لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ وڏو ئي خوش خط لکيو. پهرين مان ايئن سوچيندو هيس ته ڪنهن به طرح کان خوش خط لکڻ ليکڪن ۽ نقل نويسن جي حيثيت هوندي جيڪي ويچارا اجوري جي خاطر ايئن ڪندا آهن، خوش خط نويسي وڏو ڪم ڪيو. توکي خبر آهي مان ان خط ۾ ڇا لکيو هيو؟
    هُريشيو: ڇا منهنجا پيارا شهزاده؟
    هيملٽ: بادشاهه جي طرف کان دوستي ۽ اتحاد جو پيغام ته انگلستان ان جو وفادار خراج گذار آهي. انهن جي وچ ۾ هيمشه دوستي ۽ محبت آهي ۽ اهڙيون گهڻيون ئي سٺيون سٺيون ڳالهيون لکيون ۽ آخر ۾ اهو لکي ڇڏيو ته خط کڻي اچڻ واري جو سِر بغير هڪ لفظ به چوڻ ۽ ٻڌڻ جي ڌڙ کان الڳ ڪيو وڃي.
    هُريشيو: توهان ان خط تي مُهر ڪيئن لڳائي؟
    هيملٽ: ان ۾ به خدا منهنجي مدد ڪئي. منهنجي ٻٽون ۾ منهنجي پيءُ جي منڊي پئي هئي. جيڪا ڊينمارڪ جي مُهر لاءِ ٺهي هئي. خط کي صحيح طرح سان موڙي ان تي اها مُهر لڳائي ڇڏي ۽ خط کي احتياط سان اتي ئي رکي ڇڏيو. جتان پهريون خط کنيو هيو. ٻئي ڏينهن اسان جي سامونڊي لڙائي ٿي. ان کان پوءِ ته تون ڄاڻين ٿو ته ڇا ٿيو هيو.
    هُريشيو: پوءِ ته روزين ۽ گِلڊن ته ماريا ويا هوندا.
    هيملٽ: صحيح آهي منهنجي دل تي ان جو ڪوبه اثر نه آهي. هي سازش انهن جي ئي ٺاهيل هئي. سڀ ڪجهه ڄاڻيندي به پنهنجي مرضي سان ان خط کي کڻي وڃي رهيا هئا. جڏهن ڪير ٻن دشمنن جي تلوار جي وچ ۾ ايندو آهي ته ان جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي.
    هُريشيو: اُف! هي ڪهڙو بادشاهه آهي؟
    هيملٽ: ٻڌائي هاڻي تون منهنجي باري ۾ ڇا ٿو سوچين جنهن منهنجي شهنشاهه پيءُ کي ماريو. ماءُ کي ڇني ورتو. شاهي تخت ۽ منهنجي وچ ۾ اچي مون کان تخت ڇني ورتو. ان ڪم بخت جي ذلالت جو ڪو حساب نه ٿو ٿي سگهي. اڃان به مون کي سُڪون نه مليو آهي. مان هن جا هٿ ڪٽرائي ڇڏيندس ۽ هن جي هر بُرائي جو نتيجو ڏيکاريندس.
    هُريشيو: هاڻي هن کي جلدي ئي معلوم ٿي ويندو ته انگلستان ۾ ان جي سازش جو ڪهڙو نتيجو ٿيندو.
    هيملٽ: ها، هي سڀ جلدي معلوم ٿي ويندو ته ان ۾ منهنجو هٿ آهي. انسان جي زندگي ته صرف هڪ لمحي ۾ تباهه ٿي سگهي ٿي پر مون کي افسوس آهي. هُريشيو ته مان لائرٽس سان بُرو سُلوڪ ڪيو. مان پاڻ کي وساري ويٺو هُيس ۽ هن جي غم کي بلڪل وساري ويٺو هيس. مان هن کي وڏي کان وڏو انصاف ڏيندس، پر مون کان هن جو غم اظهار برداشت نه ٿيو هيو ۽ ايتري ڪاوڙ اچي وئي.
    هُريشيو: خاموش ٿيو ڪوئي اچي رهيو آهي.
    (نوجوان درٻاري اوسرڪ ايندو آهي)
    اوسرڪ: مان توهان کي ڊينمارڪ ۾ واپس اچڻ تي ڀليڪار ڪيان ٿو. عاليجناب شهزاده.
    هيملٽ: مان توهان جو شڪريو ادا ڪيان ٿو. جناب (هُريشيو سان) هوريشيو ڇا تون پاڻي جي هن مکي کي سڃاڻين ٿو؟
    هُريشيو: نه حضور.
    هيملٽ: پوءِ ته تون وڏو خوش قسمت آهين. ڇو ته ان کي ڄاڻڻ به گناهه آهي. ان وٽ ڏاڍيون زمينون ۽ جڳهيون آهن ۽ جنهن جانور وٽ گهڻي دولت هجي، اهو بادشاهه جو منظور نظر ٿي ويندو آهي. هي ڪانءُ آهي رڙيون ڪندو ڦرندو آهي. ڌوڙ ۽ مٽي لڳائي گهمندو آهي.
    اوسرڪ: حضور وٽ جيڪڏهن وقت هجي ته مان حضور شهنشاهه جو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو.
    هيملٽ: مان ضرور ٻڌندس. پهرين توهان پنهنجي ٽوپي ٺيڪ جڳهه تي رکو مٿو ان جي لاءِ ئي هوندو آهي.
    اوسرڪ: ان جي لاءِ حضور، جي تمام گهڻي مهرباني. هن وقت ڏاڍي گرمي ٿي رهي آهي.
    هيملٽ: توهان يقين ڪيو، هن وقت ڏاڍي ٿڌ آهي. ڇو ته هوا اُتر طرف کان لڳي رهي آهي.
    اوسرڪ: ها ٿوري گهڻي سردي به آهي. حضور
    هيملٽ: پر، منهنجي خيال ۾ گرمي ٿي رهي آهي.
    اوسرڪ: ڏاڍي گهڻي حضور. ايتري گرمي ٿي رهي آهي، جو جنهن جو ڪو حساب ناهي. حضور شهزادي، بادشاهه سلامت فرمايو آهي ته انهن توهان تي پورو يقين رکندي هڪ تمام وڏي زميواري ڏئي ڇڏي آهي ۽ اها هي آهي ....
    هيملٽ: مون توهان کي ڇا چيو هيو ياد ڪيو (هيملٽ هن کي ٽوپي پائڻ جو اشارو ڪندو آهي)
    اوسرڪ: نه حضور. مان پنهنجي آرام لاءِ ٽوپي مٿي تان لاٿي آهي. لائرٽس درٻار ۾ اچي ويو آهي. حضور! ۽ يقين ڪيو هو هڪ نهايت ئي شريف انسان آهي، ان ۾ تمام گهڻيون خوبيون آهن، جيڪي سماج ۾ ممتاز حيثيت رکنديون آهن. هو عام ماڻهن جي وچ ۾ هڪ اهم شخصيت رکي ٿو ۽ توهان ان سان ملي ان ۾ هڪ نيڪ انسان ڏسندو.
    هيملٽ: توهان بلڪل ٺيڪ فرمائي رهيا آهيو، جناب. مون کي خبر آهي ته ان ۾ ايتريون خوبيون آهن، جو انهن کي شمار ڪندي عقل چڪرائجي ويندو ۽ اهو به آهي ته ان جي خوبين جو ڪير به مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، پوءِ اهو ايترو عظيم انسان ڇو نه هجي هو انتهائي نيڪ شخص آهي. ان جي برابري ڪرڻ صرف ان جي پاڇي جي همسري ٿي سگهي ٿي. ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه.
    اوسرڪ: حضور، صحيح فرمائي رهيا آهيو.
    هيملٽ: پر، هن وقت ان جو ذڪر ڇيڙڻ جو مطلب ڇا آهي. اسان جهڙن ڪريل ماڻهن جي وچ ۾ ان جي ڪابه ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي.
    اوسرڪ: توهان ڇا چئي رهيا آهيو. حضور
    هُريشيو: ٻي جي زبان ۾ ٻڌي ڪري به توهان نه سمجهي سگهيوَ. ڇو جناب ڇا توهان واقعي نه سمجهو؟
    هيملٽ: ان جي تعريف جي هن وقت ڇا ضرورت آهي؟
    اوسرڪ: لائرٽس جي؟
    هُريشيو: هن جي لفظن جو خزانو خالي ٿي چڪو آهي ۽ هن جا سونهري لفظ خرچ ٿي چڪا آهن.
    هيملٽ: هن جا جناب؟
    اوسرڪ: توهان شايد سمجهي ويا هوندوَ.
    هيملٽ: بهتر آهي ته توهان ايئن سمجهو هجي، پر يقين آهي. آخر توهان کي چوڻو ڇا آهي؟
    اوسرڪ: مان ان جي متعلق ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، پر اهو ڄآڻان ٿو ته انسان جڏهن پنهنجو مقابلو ڪنهن ٻي سان ڪندو آهي ته ان کي پاڻ ۾ وڌيڪ خوبيون نظر اينديون آهن ۽ پنهنجي خوبين سان ٻين کي ڄاڻي سگهي ٿو.
    هُريشيو: ڇا مطلب؟
    اوسرڪ: منهنجو مطلب آهي. حصور هو جنگ جي فن ۾ بي مثل آهي. ان تمام وڏي شهرت حاصل ڪري ورتي آهي.
    هيملٽ: هن جا ڪهڙا فن آهن؟
    اوسرڪ: خنجر ۽ تلوار.
    هيملٽ: هو صرف ٻئي هٿيار ڄاڻي ٿو. ٺيڪ آهي، مڃي ٿا وٺون ۽ اڳتي ٻڌائي.
    اوسرڪ: بادشاهه ڇهه وهشي گهوڙن کي مقابلي تي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ان جي مقابلي تي ان ڇهه فرانسيسي تلوارن ۽ خنجرن جو مقابلو ڪيو آهي. ان ۾ ٽي فيتا ڏاڍا خوبصورت آهن. انهن تي ڏاڍو نازڪ ڪم ٿيل آهي. ان جا رنگ بلڪل تلوارن جي مياڻ جي رنگ سان ملن ٿا.
    هيملٽ: فيتن مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟
    اوسرڪ: فيتو ان کي چوندا آهن، جنهن ۾ تلوار لٽڪائبي آهي.
    هيملٽ: پوءِ بهتر هي هيو ته تون توبن جو ذڪر ڪرين ها. ڇو ته انهن فيتن کان اسان توبون به کڻي وڃي سگهون ٿا. پر ڇهه وهشي گهوڙا ۽ انهن جي مقابلن ۾ ڇهه فرانسيسي تلوارون ۽ انهن جي وچ ۾ فيتا، ان جو مطلب اهو آهي ته ڊينمارڪ ۽ فرانس وارن جي وچ ۾ شرط لڳي وئي آهي، پر هي مقابلو ڇو ٿي رهيو آهي؟
    اوسرڪ: بادشاهه ٻارنهن وارن جي شرط لڳائي آهي. توهان جي ۽ ان جي وچ ۾، ۽ بادشاهه کي يقين آهي ته ٻارنهن مان ٽن وارن کان وڌيڪ توهان تي نه ٿو ڪري سگهي ۽ توهان ان تي نوَ وار ڪري پنهنجي فتح جو جهنڊو بلند ڪندوَ. بادشاهه جلدي ئي هي مقابلو ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ توهان جي جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي.
    هيملٽ: جيڪڏهن مان جواب ۾ انڪار ڪري ڇڏيان ته مقابلي لاءِ تيار آهيو؟
    اپسرڪ: جواب مان منهنجو مطلب هي آهي ته ڇا توهان مقابلي لاءِ تيار آهيو؟
    هيملٽ: اڇا - هينئر ته مان هن ڪمري ۾ گهمڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن اها بادشاهه جي مرضي آهي ته ان کي چئو تلوارون ٺيڪ ڪرائي، جيڪڏهن بادشاهه جي اها ئي خواهش آهي ۽ هُو شخص به تيار آهي ته مان فتح حاصل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، پر جيڪڏهن شڪست ٿي ته بدناميءَ سان گڏ و گڏ جسم تي زخم به هوندا.
    اوسرڪ: ڇا مان ايئن ئي وڃي چوان؟
    هيملٽ: ان ۾ جناب توهان پنهنجي طرف کان ڪجهه مونجهارو نه ڪجو.
    اوسرڪ: مان حضور جو وفادار خادم آهيان.
    هيملٽ: مان به توهان جو خادم آهيان (اوسرڪ هليو وڃي ٿو) هي به خود پنهنجي منهن پنهنجي واکاڻ ڪندو آهي ۽ ٺيڪ ئي آهي. ان جي تعريف ٻيو ڪير ٿو ڪري سگهي.
    هُريشيو: خوشيءَ مان ڀڄندو سڄو احوال ٻڌائڻ وڃي رهيو آهي.
    هيملٽ: هي پيدائشي بي وقوف آهي. ان کي کير سان گڏ بي وقوفي پياري وئي آهي. هي انسان هجڻ جي بجاءِ شاهي ڪارڪن وڌيڪ بهتر آهي. جيڪو صرف فضول ڳالهيون ڪري پنهنجي بي وقوفي ڏيکاريندو رهندو آهي. انهن درٻارين سان ٿوري به سختي ڪري سڄو راز حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    (هڪ امير داخل ٿيندو آهي)
    امير: شهزاده! عالي جناب اوسرڪ جي ذريعي توهان کي ڪجهه پيغام ڏنو هو. هن وڃي هي چيو ته توهان وڏي ڪمري ۾ ملندوَ. انهن توهان کان معلوم ڪيو آهي ته ڇا توهان لائرٽس جي مقابلي جي لاءِ هينئر تيار آهيو يا ڪجهه مُهلت گهرجيوَ؟
    هيملٽ: جيڪڏهن بادشاهه جي اها ئي مرضي آهي ته مان هينئر تيار آهيان، پر جيڪڏهن مان پنهنجي صحت صحيح محسوس نه ڪئي ته مان مقابلو نه ٿو ڪري سگهان.
    امير: شهنشاهه بادشاهه، راڻي ۽ سڀ ماڻهو اچي رهيا آهن.
    هيملٽ: اهي ته ٺيڪ وقت تي آيا آهن.
    امير: راڻي صاحبه جي خواهش آهي ته توهان مقابلي کان پهرين لائرٽس سان سٺو سُلوڪ رکجو.
    هيملٽ: انهن سٺو ئي ڪيو جو هدايت ڪري ڇڏي.
    هُريشيو: توهان مقابلو هارائي ويندوَ. شهزاده
    هيملٽ: مون کي ان جي پرواهه نه آهي. جيترو هو فرانس ۾ رهيو آهي، مون مستقل مشق ڪئي آهي، مان مقابلو کٽي ويندس، پر توکي ناهي معلوم ته منهنجي دل ڪيتري غمگين آهي. بهرحال ان سان ڪوئي مطلب ناهي.ڍهوريشيو: نه حضور.
    هيملٽ: هي بي وقوفي آهي. هن طرح جا بهانا عورتن کي ئي سونهندا آهن.
    هُريشيو: پر جيڪڏهن توهان جي طبيعت هن وقت موزون ناهي ته مقابلو ملتوي ڪري ڇڏيو. مان چئي ڇڏيندس ته توهان جي طبيعت ٺيڪ نه آهي.
    هيملٽ: مان ان بدشگونين جو قائل نه آهيان ۽ آخري وقت تائين ان کي فضول ئي سمجهندو رهندس. موت هڪ ڏينهن جو ساٿي آهي، نه هو پنهنجي وقت کان هڪ لمحو اڳ اچي سگهي ٿو ۽ نه بعد. تياري ٿي چڪي آهي پر انسان کي خبر ناهي هوندي ته ان کي ڪڏهن دنيا کان وڃڻو آهي، پوءِ ان جي لاءِ رنج ڪهڙو؟
    (بادشاهه، راڻي، لائرٽس، معزز شخص، اوسرڪ ۽ خادم شراب جي صراهين سان گڏ اچن ٿا)
    بادشاهه: اچ هيملٽ! هن سان گڏ هٿ ملايو(بادشاهه، هيملٽ جو هٿ لائرٽس جي هٿ ۾ ڏيندو آهي)
    هيملٽ: (لائرٽس سان) مون کي معاف ڪري ڇڏيو، دوست! مان توهان سان وڏي غلطي ڪئي پر هڪ شريف انسان سمجهي توهان کان معافي وٺي رهيو آهيان. هي تمام حاضرين ڄاڻن ٿا ۽ تون به ٻڌو آهي ته مون کي ڪهڙي طريقي سان سزا ملي رهي آهي، مون جيڪو ڪجهه ڪيو ان سان تنهنجي عزت ۽ وقار کي ڌڪ پهتو آهي، پر مان پنهنجي ڪئي جو قبول ڪيان ٿو، پر هي سڀ منهنجي پاڳل پڻي جي حالت ۾ ٿيو آهي. ڇا ان کان پهرين هيملٽ لائرٽس کي ڪڏهن ڏني هئي؟ هيملٽ ڪڏهن ايئن نه ڪيو هيو، پر هيملٽ پنهنجو پاڻ کي وڃائي چڪو آهي ۽ ان وڃايل هيملٽ لائرٽس کي صدمو پهچايو آهي. ان وقت هن جي اندر هيملٽ موجود نه هيو. هيملٽ وساري ويهندو آهي ته هن ڇا ڪيو هيو؟ هيملٽ جي ديوانگي هيملٽ جو سڀ کان وڏو دشمن آهي، مان هنن تمام حضرات جي سامهون پنهنجي غلطي جي معافي جو درخواستگزار آهيان. جيڪڏهن توکي منهنجي ذات کان ڪوئي صدمو پهتو آهي ته هي سمجهي وٺجان ته تنهنجي ڀاءُ توسان بدسلوڪي ڪئي آهي.
    لائرٽس: جيتري قدر منهنجي جذبات جو تعلق آهي، مان مطمعين آهيان، پر منهنجي بدلي جي باهه ان وقت تائين ٿڌي نه ٿي ٿي سگهي، جيستائين هي تمام ويٺل بزرگ مون کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارين ته منهنجو وڃايل وقار واپس ملي سگهي ٿو. تڏهن مان توهان سان سمجهوتو ڪندس. تنهنجي ان محبت جو قدر ڪيان ٿو.
    هيملٽ: مان ان کي مڃي ٿو وٺان ۽ هاڻي هي ٻه ڀائرن جي وچ ۾ ٿيڻ وارو دوستاڻو مقابلو آهي. هلو تيار ٿي وڃو.
    لائرٽس: مون کي به تلوار کڻڻ ڏيو.
    هيملٽ: مان توهان کان ڏاڍو ڪمزور آهيان لائرٽس ۽ تو جهڙي فن جي ماهر جي مقابلي ۾ بلڪل اناڙي آهيان. تنهنجو ۽ منهنجو مقابلو بلڪل ايئن ئي آهي، جيئن انڌيري رات ۾ ستاري جي چمڪ ۽ زمين.
    لائرٽس: توهان منهنجو مذاق اڏائي رهيا آهيو. شهزاده
    هيملٽ: نه؛ مان هن هٿ جو قسم کڻان ٿو.
    بادشاهه: اوسرڪ هننن کي تلوارون ڏيو. پُٽ هيملٽ تون اسان جي شرط ڄاڻين ٿو.
    هيملٽ: تمام چڱي طرح عاليجناب. توهان ڏاڍي ڪمزور شرط لڳائي آهي.
    بادشاهه: مون کي ذري جو به فڪر ناهي ڇو ته توهان ٻنهي کي تمام سُٺي طرح سڃاڻيان ٿو. ها هن کي ٿوري وڌيڪ مهارت آهي، اهو سوچي رهيو آهيان.
    لائرٽش: هي ڏاڍي ڳوري آهي. مون کي ٻي تلوار ڏيو.
    هيملٽ: هي مون کي پسند آهي. هنن تلوارن جي ڊيگهه ڇا برابر نه آهي؟
    (مقابلي تي ٻئي اچن ٿا)
    اوسرڪ: جي ها. شهزاده
    بادشاهه: (خادمين سان) ميز تي شراب جا پيالا رکي ڇڏيو. جيڪڏهن هيملٽ پهريون ۽ ٻيو وار کٽي وڃي ۽ ٽيون وار به ڪري ڇڏي ته توبچين کي توبون هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏجو. هيملٽ جي ڪري جام محبت پيئنداسين ۽ پيالي ۾ اسان اهڙو هيرو وجهي ڇڏينداسين ته ڊينمارڪ جي بادشاهن جي چئن نسلن به پنهنجي تاج ۾ نه استعمال ڪيو هوندو. مون کي پيالا ڏيو ۽ نقارا وڄائڻ وارن کي چئي ڇڏيو ته حڪم ڏيندي ئي ڪم شروع ٿي وڃي ۽ باجا وڄندي ئي اهڙيون توبون هلايون وڃن جو انهن جي آواز سان زمين ۽ آسمان ڊڄي وڃن. هاڻي بادشاهه هيملٽ جو جام صحت پيئندو آهي. اچو شروع ڪيو ۽ منصب حضرات پنهنجون اکيون هوڏانهن رکو.
    هيملٽ: (لائرٽس سان) اچو جناب.
    لائرٽس: اچو. شهزاده
    (ٻئي وڙهڻ شروع ڪن ٿا)
    هيملٽ: هڪ .
    لائرٽس: نه
    هيملٽ: (اوسرڪ سان) فيصلو.
    اوسرڪ: هڪ وار - هڪ ڏاڍو شاندار وار.
    لائرٽس: اڇا؛ پوءِ شروع ڪيو.
    بادشاهه: ترسو - مون کي شراب ڏيو. هيملٽ تنهنجي پيالي ۾ هي موتي وڌو وڃي ٿو ۽ اسان توهان جو جام صحت پيئون ٿا.
    (باجو وڄي ٿو ۽ توب هلائي وڃي ٿي)
    هي پيالو هيملٽ کي ڏيو.
    هيملٽ: پهرين مان هي مقابلو ڪندس ۽ ان کي ايتري تائين اتي رکيو وڃي. اچو (هو وري مقابلو ڪن ٿا) ٻيو وار، چئو هاڻي ڇا ٿا چئو؟
    لائرٽس: مان مڃان ٿو.
    بادشاهه: اسان جو پُٽ ضرور کٽيندو.
    راڻي: ويچارو ٿڪجي ڏڪي رهيو آهي. هيڏانهن اچ هيملٽ منهنجو رومال وٺي پنهنجي پيشاني اگهي ڇڏ. راڻي تنهنجو جام صحت پِي رهي آهي. هيملٽ
    هيملٽ: منهنجي پياري ماءُ.
    بادشاهه: گِرٽيوڊ! ان کي نه پيئو.
    راڻي: مان ضرور پيئندس. عاليجناب! مون کي معاف ڪري ڇڏجو.
    (هي اهو پيالو پيئندي آهي، جيڪو هيملٽ لاءِ هيو)
    بادشاهه: (پاڻ سان) ان پيالي ۾ زهر هيو پر هاڻي ته ڏاڍي دير ٿي چڪي آهي.
    هيملٽ: مان ان کي هينئر نه پيئندس امان! ڪجهه دير کان پوءِ پيئندس.
    راڻي: (هيملٽ سان) اچ مان تنهنجي چهري تان پگهر اگهان.
    لائرٽس: (بادشاهه سان) عالي جناب! هاڻي مان هن تي وار ڪندس.
    بادشاهه: (لائرٽيس سان) اسان کي ان جي پرواهه ناهي، اسان کي هن جي فتح جي پوري اميد آهي.
    لائرٽس: (پاڻ سان) منهنجي دل ڏڪي رهي آهي.
    هيملٽ: اچ لائرٽس – ٽيون مقابلو به ٿي وڃي، پر تون ته تماشو ڪري رهيو آهين. ٿوري پنهنجي پوري مهارت ڏيکاريو. مون کي ته اڃان تائين هي محسوس ٿي رهيو آهي، تون مون سان مذاق ڪري رهيو آهين.
    لائرٽس: توهان ايئن چئي رهيا آهيو؟ ته پوءِ اچو.
    (وري مقابلي تي اچي وڃن ٿا)
    اوسرڪ: اڃان تائين ڪوئي وار ناهي ٿيو.
    لائرٽس: (هيملٽ سان) هاڻي سنڀاليو هن کي.
    (لائرٽس، هيملٽ کي زخمي ڪري ڇڏيندو آهي، ٻئي وڙهن ٿا تلوارون مٽجي وڃن ٿيون. هيملٽ، لائرٽس کي زخمي ڪري ڇڏيندو آهي)
    بادشاهه: هنن کي الڳ ڪيو، هي بي هوش ٿي ويا آهن.
    هيملٽ: نه، ٻيهر اچ (لائرٽس سان)
    (راڻي هيٺ ڪري پوي ٿي)
    اوسرڪ: او! هيڏانهن راڻي کي ڏسو.
    هُريشيو: هي ٻئي رت ۾ وهنجي ويا آهن. توهان کي ڇا ٿيو شهزاد؟
    اوسرڪ: توهان کي ڇا ٿيو لائرٽس؟
    لائرٽس: مان پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ئي ڦاسي پيس. اوسرڪ! پاڻ کي ڦاسائڻ لاءِ مان جنگي جهرڪي وانگر بي وقوفي ڪئي ۽ مان پنهنجي زهر سان پاڻ مارجي ويس.
    هيملٽ: راڻي کي ڇا ٿيو؟
    بادشاهه: هوءِ تنهنجو رت ڏسي بيهوش ٿي وئي آهي.
    راڻي: نه نه؛ شراب شراب اي منهنجا پيارا هيملٽ شراب شراب ۾ مون کي زهر ڏنو ويو آهي.
    هيملٽ: هي ڪميڻو پڻو! تمام دروازن کي بند ڪري ڇڏيو ۽ ان ڪم بخت جو پتو لڳايو.
    لائرٽس: هو هتي ئي آهي. هيملٽ! هاڻي تون به گهڻي دير تائين زندهه نه رهندين. دنيا جي ڪابه طاقت توکي بچائي نه ٿي سگهي ۽ ٿوري دير ۾ تون به ختم ٿي ويندين. هي زهر ۾ ڀڳل تلوار تنهنجي هٿ ۾ آهي. مان خود پنهنجي سازش جو شڪار ٿي ويس. ڏس هاڻي مان به ڪري رهيو آهيان ۽ وي ڪڏهن به اُٿي نه سگهندس. تنهنجي ماءُ کي زهر ڏنو ويو. مان هاڻي وڏيڪ نه ٿو ڳالهائي سگهان، پر سڄي بادشاهه جي سازش آهي ۽ اهو ئي ڏوهي آهي.
    هيملٽ: هن زهريلي تلوار جي نوڪ جو اڃان ڪم رهيل آهي.
    سڀ ماڻهو: بغاوت - بغاوت (هيملٽ بادشاهه جي جسم ۾ تلوار ٽنبي ڇڏي ٿو)
    بادشاهه: اڙي! مون کي بچايو. دوستو! اڇان مون کي ٿورو زخم لڳو آهي.
    هيملٽ: تون اتي ئي موجود هيئن شيطان. قاتل ڊينمارڪ جا ذليل انسان. هاڻي تون پنهنجي ڪيفري ڪردار کي پاتو. وٺ پنهنجو انعام وٺ ۽ منهنجي ماءُ سان گڏ و گڏ وڃ.
    (بادشاهه مري وڃي ٿو)
    لائرٽس: هن سان ڏاڍو مناسب سلوڪ ٿيو. ان پاڻ ئي شراب ۾ زهر وڌو هو. پيارا“ هيملٽ مون کي معاف ڪري ڇڏ. منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي موت جي زميداري توتي نه آهي ۽ نه ئي تنهنجي موت جي زميواري مون تي آهي.
    (لائرٽس مري وڃي ٿو)
    هيملٽ: خداهن کي معاف ڪري. مان به هاڻي وڃي رهيو آهيان. مان مري رهيو آهيان. هُريشيو! اي! قاتل رحم هاڻي رخصت. منهنجي ڪهاڻي ٻڌڻ وارو مان ڏسي رهيو آهيان ته .... ته توهان جو چهرو ڦڪو ٿي ويو آهي ۽ توهان ڏڪي رهيا، پر منهنجو وقت اچي ويو آهي. موت جا تاريڪ هٿ مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڌي رهيا آهن. مان توهان کي ڪجهه چوڻ چاهيس پئي پر، چئي نه ٿو سگهان. هُريشيو مان مري ويندس، تون زنده رهندين ۽ منهنجي ڪهاڻي سڀني کي ٻڌائي ڇڏجان ته جيئن ماڻهو منهنجي طرف کان نامطمعين نه رهن.
    هُريشيو: هن تي يقين نه ڪيو. مان رومن هجڻ کان وڌيڪ ڊينمارڪ جو آهيان. اڃان هن ۾ ٿورو زهريلو شراب باقي آهي.
    هيملٽ: تون هڪ بهادر انسان آهين. هي پيالو مون کي ڏي ۽ قسم کڻي چوان ٿو ته مان ئي هن کي پيئندس. منهنجا پيار هُريشيو! جيڪڏهن تون به دنيا مان هليو ويئن ته منهنجي دامن تي آيل داغن کي ڪير مٽائيندو. تو وٽ هڪ مضبوط دل آهي ۽ جيڪڏهن مون سان محبت اٿئي ته پنهنجي دل مان مرڻ جو خيال ڪڍي ڇڏ ۽ دنيا کي منهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏجان.
    (پري کان گوڙ ٿئي ٿو ۽ توبن جو آواز اچي ٿو)
    اوسرڪ: نوجوان فارٽن براس پولينڊ کي فتح ڪري اچي رهيو آهي ۽ انگلستان جي سفيرن کي سلامي ڏياري رهيو آهي.
    هيملٽ:مان ختم ٿي رهيو آهيان، هُريشيو! منهنجي رت ۾ ڦهليل زهر ايتري مهلت نه ڏيندو جو مان انگلستان جي ڪا خبر ٻڌي سگهان، پر مان مستقبل جي باري ۾ هي چئي سگهان ٿو ته هتان جو بادشاهه فارٽن براس ٿيندو. ان کي چئي ڇڏجان ته مرڻ وقت مان هي پيغام ڏنو هيو ۽ گڏ و گڏ هي سڀ حادثا به ٻڌائي ڇڏجان. هاڻي مان ڪجهه نه ٿو ڳالهائي سگهان.
    (هيملٽ مري وڃي ٿو)
    هُريشيو: اُف .... هڪ تمام وڏو انسان هن دنيا مان هليو ويو. خدا حافظ! پيارا شهزادا! فرشتا تنهنجي سُڪون لاءِ نغما ڳائيندا، پر هي نغارن جو آواز ڇو وڌندو اچي رهيو آهي.
    (فارٽن براس ۽ ان سان گڏ برطانوي سفير ۽ ٻيا ماڻهو اچن ٿا)
    فارٽن براس: هي ڪهڙو منظر آهي؟ ڪٿي آهي اهو منظر جنهن جي متعلق مون هينئر ٻڌو آهي.
    هُريشيو: ڇا توهان اهو منظر ڏسڻ چاهيو ٿا؟ جيڪڏهن خوف ۽ حراس جو منظر توهان ڏسڻ چاهيو ٿا ته ڏسو هي سڀ ڪجهه ڏسي ڇڏيو.
    فارٽن براس: ايترن لاشن جو ڍير! ايڏو مغرور موت معلوم ٿئي ٿو ته مان هنن سان وڏي بيرحمي ڪئي آهي ۽ هڪ ئي وار ۾ هنن سڀني کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڇڪي ورتو آهي.
    پهريون سفير: ڪيڏو ڀيانڪ نظارو آهي. اسان جنهن ڪنن کي هي پيغام ٻڌائڻ آيا هياسين، اهي پهرين ئي سمهي چڪا آهن. هنن کي چئي ڇڏيو ته توهان جي حڪم جي تعميل ٿي وئي آهي. روزين ڪِريٽس ۽ گِلڊن کي ختم ڪيو ويو آهي، پر هاڻي ڪير ان جو شڪريو ادا ڪندو.
    هُريشيو: جيڪڏهن هو زندهه به هجي ها ته شڪريه ادا ڪرڻ جي قابل نه هيو. ڇو ته هن انهن جي موت جو حڪم نه ڏنو هيو، پر توهان ٺيڪ وقت پولينڊ ۽ انگلستان کان هتي اچي ويوَ. لاشن کي ڪنهن اوچي مقام تي رکڻ جو حڪم ڏيو ۽ مان دنيا کي هن حادثي جي خبر ٻڌائيندس ۽ توهان به هن گنهگار، قاتل ۽ غير فطري ڪم ڪرڻ واري بادشاهه جي ڪمائي ٻڌجو ۽ توهان کي ان ۾ هن غلط قتل جي به خبر ملندي ته روزين ۽ گِلڊن ڪيئن پنهنجي ئي سازش جو شڪار بڻجي ويٺا. توهان کي هن قتل جي به سازش جو احوال معلوم ٿيندو. هي سڀ خبرون مان توهان کي بلڪل صحيح ڏيندس.
    فارٽن براس: ته پوءِ اسان کي ان لاءِ تيار ٿي وڃڻ گهرجي. ماڻهن کي گهرايو وڃي ۽ جيڪو ڪجهه به مون کي اڄ منهنجي قسمت بخشيو آهي ۽ هي حڪومت ڏني آهي. مون کي ان جو صدمو آهي. اڄ هي تخت منهنجي حوالي ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ ٿورو گهڻو منهنجو حق ضرور آهي، جيڪو مون کان کسيو ويو هيو.
    هُريشيو: ان جو سبب مان توهان کي ٻڌائيندس. مان دلين تي حڪمراني ڪرڻ واري شهزادي جي سڀني ڳالهين کان توهان کي آگاهه ڪندس. اسان کي هاڻي انهن ڪمن ۾ جلدي ڪرڻ گهرجي ته ماڻهن جا دماغ سُڪون حاصل ڪن، نه ته ممڪن آهي ته انهن جو جوش وڌي وڃي ۽ وڌيڪ مصيبتون اچي وڃن.
    فارٽن براس: چار ڪپتان – هيملٽ جي لاش کي اسٽيج تي رکي ڇڏيو. هن جو جنازو هڪ بهادر سپاهي جي لاش وانگر باعزت کنيو ويندو. هن جي اندر هڪ شهنشاهه جون پوريون خوبيون موجود هيون. هن جي لاش جي سامهون شاهي فوج جو مارچ ٿيندو ۽ نعرا لڳايا ويندا. ٻين لاشن کي به کڻو. هي ته هڪ ميدان جنگ جهڙو منظر آهي ۽ ڪيڏي ڀيانڪ فضا آهي. سپاهين کي حڪم ڏيو ته هو لاشن جي احترام ۾ توبن جي سلامي ڏين.

    (لاشن جي سامهون فوجي مارچ ٿئي ٿو. لاشَ گڏ کنيا وڃن ٿا ۽ توبن جي سلامي ڏني وڃي ٿي.)


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 587
    ڪتابن جو مشاهدو: 717648
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 246078
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ