ڪتاب جو نالو: خالي بينچ
مصنف: اسحاق انصاري
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2000
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 19 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1860 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 954 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب !
  • ليکڪ پاران (پهرين ايڊيشن لاءِ)
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23
  • 24
  • 25
  • 26
  • 27
  • 28
  • 29
  • 30
  • 31
  • 32
  • 33
  • 34
  • 35
  • 36
  • 37
  • 38
  • 39
  • 40
  • 41
  • 42
  • 43
  • 44
  • ناول بابت ڪجھه رايا

  • • شمس سومرو
  • • بيدل مسرور
  • • رئوف نظاماڻي
  • • تاج بلوچ
  • • ڊاڪٽر آر.اي. شاه
  • • ادل سومرو
  • • گهڻن جا رايا

  • انتساب !

    ابي ۽ امڙ جي نالي


    ليکڪ پاران (پهرين ايڊيشن لاءِ)

    آءُ لکندو ڇو آهيان؟ اها مون کي پاڻ کي خبر ناهي، بس اندر جي آنڌمانڌ، ولوڙ، ڪڏهن ڪڏهن لکرائيندي آهي، جنهن ڪري گھڻو نه لکيو اٿم. مون جڏهن به لکيو آهي، تڏهن منهنجي منَ اندر ۾ هزارين سائيڪلون ورتل انڊين اوشن پيدا ٿي پوندا آهن. مون تڏهن لکيو آهي، جڏهن ڪنهن ڏک جي احساس تحت ڳلي ۾ ڳوڙهو محسوس ٿيندو آهي. ان وقت مون کي يقين هوندو آهي ته منهنجي ڪيفيت جو گھٽ ۾ گھٽ پنجويهه سيڪڙو پڙهندڙ تي ضرور اثر ٿيندو. ڇو جو اڃا تائين، اهڙا لفظ ئي پيدا نه ٿيا آهن، جيڪي ڪنهنجي به من اندر جي ڪيفيت کي سئو سيڪڙو ظاهر ڪري سگھن. هونئن به لکڻ وقت، هجڻ ايئن گھرجي جو خيال پنهنجو پاڻ هڪ وهڪرو ٺاهيندا اچن. ڪِيٽس به ڪنهن هنڌ ايئن چيو آهي ته شاعري اهڙي ريت ڪجي، جيئن وڻن تي پن اچڻ شروع ٿيندا آهن.
    ننڍپڻ کان وٺي مشاهدي جي حِس چڱي هئي ۽ ان حِس کي جِلا ڏيڻ ۾ اسان جي گھر جو ۽ گھر کان ٻاهر جو ماحول ڪافي مددگار ثابت ٿيو. اسان جو ننڍپڻ ۽ جواني جمالياتي نظارن ۾ گذري. گھر جي هڪڙي طرف لاڙڪاڻي جون خوبصورت بلڊنگون به هيون، اسڪولن جا ڪشادا ميدان به هيا ته ٻي طرف چهچ سايون ٻنيون به هيون ۽ ٻنين وچ مان گجگوڙ ڪندي، رائيس ڪئنال به وهندي هئي، جنهن ۾ اونهاري جو چانڊوڪين ۾ تڙڳندا به هياسي ته سج لهڻ، جو منظر جھٽڻ لاءِ ڪيمرا ڳچيءَ ۾ وجھي ويهبو به هو. ڪناري لڳ واڙيءَ مان گجرون، گوبي، گوگڙون، موري ۽ ٻير وٺي کائبا هئا (پر انهن کان وڌيڪ چوري پٽيل شين مان لطف ايندو هو.)
    گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول جي خوبصورت بلڊنگ اڳيان ميدان تي ڏينهن جو چڌي (بلور) راند کان وٺي ڪرڪيٽ کيڏبي هئي ته رات جو ونجھوٽي ۽ ٻلهاڙو کيڏبو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جا ٻار ”ڊرامو“ ڪندا هياسي، جنهن لاءِ لالٽين اسان جو اُهو ڪارو ۽ چپ ڊُولو دوست کڻي ايندو هيو جيڪو ڊرامي ۾ ”سبز پريءَ“ جو ڪردار ادا ڪندو هو. ڊرامي جي پُڄاڻي ”ڀاڄ“ سان ان وقت ٿيندي هئي، جڏهن سبز پريءَ جو ديو نما پيءُ گھران ڪاوڙيو ايندو هو ته “ماڻهين ٿي اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻي ۽ تون لالٽين کڻي آيو آهين“
    مختلف ۽ دلچسپ ڪردارن جي به اسان جي پاڙي ۾ اڻاٺ نه هئي. لاهوري محلي جو ٻار ٻار، ارباب علي عرف ”اربو ٻٽاڪيءَ“ کان واقف هيو. هو اسان کي ڳالهين جي سحر ۾ وٺي دنيا جھان جا سير ڪرائيندو هو. اسان اڪثر ڪري گھر ڀرسان، هاءِ اسڪول جي ميدان ۾ کجيءَ جي وڏي وڻ هيٺيان ويٺا هوندا هياسين ته اتان لنگھندو هو ۽ سندس هٿ ۾ هڪ ننڍي پيٽي، حجامت جي سامان سان ڀريل هوندي هئي ۽ بغير چوڻ جي ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويندو هو.
    ”هاڻي هاڻي، ايس پي صاحب (ڪوبه وڏو عملدار) جا وار ٺاهي آيو آهيان، وري فلاڻي صاحب ڏي وڃڻو آهي، تنگ ڪري ماريو اٿائون، هيڏا حجم، لاڙڪاڻي شهر ۾ آهن پر مون کان سواءِ ڪنهن جو هٿ وڻين ئي نه ٿو. هاڻي گذريل عيد تي ڀٽو صاحب (ذوالفقار ڀٽو) آيو، وار ٺهرائڻ لاءِ مون کي سڏايائين، حالانڪه ٻين،ڪٽپر جهڙن چمچن، چيس ته ”سائين وزيراعظم ٿي ڪري، اڃان ان کان وار ٺهرائيندئو“ پر، شابس آهي ڀٽي صاحب کي، جنهن چين ته ”نه وار ٺهرائبا ته رڳو ارباب علي خان کان“. بهرحال مان به وڃي ”المرتضىٰ“ پهتس. ڀٽو صاحب ۽ رضا شاهه (تڏهوڪو شهنشاهه ايران) لان ۾ ويٺا هجن، ڀاڀي فرح (ملڪه ايران) ورانڊي ۾ ويٺي هجي، ڀٽي صاحب، منهنجو تعارف ٻنهي سان ڪرايو. ڀٽي صاحب ۽ شهنشاهه ايران جا وار ته لاٿم ئي لاٿم پر ڀاڀي فرح به ضد ڪيو ته ان جا به وار ٺاهڻا پيا، اهڙي بلي بلي ٿي پئي جو ان وقت رضا شاهه کڻي چمي ڏنس...“ اربوءَ چواڻي، پاڪستان جي تقريبن هر وڏي شخص هُن کان وار ٺهرايا هيا. هو اسان کي پنهنجا سفرناما به ٻڌائيندو هو، ڪڏهن چين جو سير ڪرائيندو هو، ته ڪڏهن انگلينڊ جو. هر سفرنامي ۾ هن تي هڪ ماهه لقا ضرور عاشق ٿيندي هئي. سندس ٻڌائڻ جي انداز واري سحر ۾ اسان سڀ ٻار وات پٽي، هُن جون ڳالهيون ٻڌندا هياسي ۽ کيس رشڪ جي نگاهن سان ڏسندا هياسي. اها ٻي ڳالهه آهي ته وڏي ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته ارباب علي، لاڙڪاڻي کان ٻاهر نڪتو ئي نه هو.
    هڪڙي واياڻي”مائي لڌي“ روز صبح جو ڇلي کڻي، مارڪيٽ مان ڇيڇڙا کڻڻ ويندي هئي. کوڙ ٻِليون سندس انتظار ۾ هاءِ اسڪول جي ميدان تي چڪر ڪاٽينديون هيون. پهچڻ تي بي صبر ٻلين کي چوندي رهندي هئي ”مايون! ڇوٿيون بي صبريون ٿيو، ڏيانو ٿي“ هن سڄي ڄمار اهو ڀيرو نه ڀڳو. اها خبر نه هئي ته ڪير آهي، شادي ٿيل اٿس يا نه ڪي چوندا هئا ته “ڪوڙي” جي زال آهي جنهن کيس دينوءَ جي ڪري ڇڏي ڏنو آهي.“ ڪوڙي جو باغ، گھر ڀرسان هوندو هو جنهن باغ ۾ ٻيرن، زيتونن، ليمن، نم ۽ انب جا وڻ هوندا هيا. ڪوڙو، سڄي عمر دينوءَ سان گڏ رهيو ۽ ان ڪري ڀارت به نه ويو.
    ان کان علاوهه سياري جي رات هجي يا اونهاري جي، ٺيڪ يارهين وڳين، هڪ ڇولن وارو عجيب آواز ۾ هوڪو ڏيندو هيو. ننڍي هوندي، ايئن لڳندو هو ته ڄڻ ڇولي وارن مصالحن جي ڪري، سندس آواز ايئن آهي. سندس رات جو اچڻ، عجيب لڳندو هو. پوءِ خبر پئي ته ڪنهن زماني ۾ لاهوت ويو هو ۽ جبل جي ان هنڌ ڦاسي پيو هو، جتي چوندا آهن ته “حرامي ٻار“ ڦاسي پوندو آهي. ان کان پوءِ موٽيو ته ماڻهن جي مهڻن کان گھر ۾ بند ٿي ويو. پوءِ صرف رات جو گھر کان نڪرندو هو.
    هڪ چرئي جو ڪردار به عجيب هو،”مِيم چريو“. هو ڪنهن به گھٽيءَ ۾ پهچڻ سان هوڪو ڏيندو هو: ”مِيم چريو آيو پپلي“ پوءِ ٻار گھرن مان نڪري ايندا هيا. جيڪي کيس چيڙائيندا هيا ۽ هو انهن جي ڪڍ ڊُڪي کين ڀڄائيندو هو. هو وڏن ماڻهن کي ”ادا، ادا“ ڪري سڏيندو هو ۽ سڏڻ کان پوءِ کين هٿ سان هڪ مخصوص فحش اشارو ڪندو هو. اسان جا صحافي دوست سال ٻه اڳ ۾ سکر کان لاڙڪاڻي ويا، کين ”مِيم“ جون ڳالهيون ٻڌل هُيون، هُنن پڪو پهه ڪيو ته پويان ڪير به سڏ ڪري، نهارڻو ناهي، اوچتو هڪ هنڌان ڪنهن سَڏ ڪينُ، ”ادا، ادا“ هنن ازخود پوئتي نهاريو ۽ ”مِيم“ پنهنجي واردات ڪري ويو.
    اسان جي گھر جي ڇت تي مغل طرز جا ڪاٺ جا ونگ ٺهيل هوندا هيا، اتي ڇت تي گرمين ۾ ڇڻڪار ڪري چنڊ کي تڪبو هو ۽ ڀرسان واري باغ مان انب، سرينهن ۽ نم جي ٻور جي خوشبو ايندي هئي، مطلب ته مشاهدي ۽ ذهن جي ڳڙکي کولڻ لاءِ اڻ ڳڻت منظر ۽ لقاءَ هُيا.
    باقي لکڻ پڙهڻ جو ماحول ته اکيون کولڻ سان ئي مليو. گھر ۾ ڪتابن جا انبار هيا، جن کي پڙهڻ جو شوق بابا سائينءَ کان وٺي ننڍين ادين تائين هو. اردو، سنڌي رسالن کان علاوه، ريڊرس ڊائجسٽ، ٽائيم ۽ لائيف به گھر ايندا هيا. ان وقت اسان صرف فوٽو ڏسندا هياسي، انهن سڀني مان آمريڪن رسالو ”لائيف“ وڌيڪ وڻندو هو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ فوٽو گھڻا هوندا هيا. بيٽلز، ڪينيڊيءَ کي گولي لڳڻ، آرمسٽرانگ جا چنڊ تي قدم، ۽ ويٽنام ۾ مري ويل آمريڪي فوجين جا لائيف تي آيل ٽائيٽل اڃان تائين ياد آهن. بابا وٽ مشاعرا به ٿيندا رهندا هيا. وارهه ۾ هجون يا جيڪب آباد، هر هنڌ اديبن ۽ شاعرن جو ميڙو هوندو هيو. وارهه ۾ اردو شاعر وڌيڪ هيا، اتي اخلاق شايد ٻئي درجي ۾ هُيو. هن به اردو جي اثر ڪري هڪ شعر لکيو هو جيڪو ادي وڏي ٻڌائيندي آهي ”لي ڪي ڏنڊا، لي ڪي بالي، پاڪستان زنده باده“
    مطلب پاڻ سمجھو.
    مون کي ياد ٿو اچي، مان به ساڳي عمر يعني ٻي يا ٽئين درجي ۾ هڪ ڏينهن، ڪاپي ۽ پين کڻي ڏاڪڻ جي هُريءَ ۾ رکيل، ڪاٺ جي وڏي پيتيءَ مٿان ويهي ڪهاڻي لکڻ لڳس. شايد ڪنهن بادشاهه جي هئي. وڏو ڀاءُ اشفاق انصاري اتان گذريو. پڇڻ تي کيس ٻڌايم ته ڪهاڻي ٿو لکان ۽ هُن مرڪي چيو ”لِکُ لِکُ.“ اها منهنجي پهرين تخليق هئي.
    ان کان پوءِ لکڻ پڙهڻ جو سلسلو هلندو رهيو. ٻاهريون ادب به پڙهيوسي، اردو ادب سان ته ننڍي هوندي ئي واسطو پيو، ٻاهريون ادب اهو پڙهيوسي، جيڪو هٿ آيو. ڇو جو اڳ ۾ صورتحال ۽ ڪميونڪيشن ايتري تيز نه هئي. هاڻي ته هر شيءِ ملي ٿي. اسان وٽ انهن اديبن ۽ لکڻين جو ورجاءُ پئي ڪيو ويو، جيڪي پهچ ۾ هيا پر ٻاهر وڃڻ کان پوءِ خبر پئي ته اسان صرف ادب جي هڪ دري کولي آهي، جڏهن ته دنيا جي ادب جا هزارين رنگ آهن، خوشبوئون آهن. پراگ(چيڪ ريپبلڪ) جي شاگردن واري ادبي محفل ۾ به اهڙيون لکڻيون اينديون هيون، جو حيران ڪري ڇڏينديون هُيون. ان ڀيٽ کان پوءِ لڳو ته اسان ڪيترين نه خوشفهمين ۾ رهون ٿا. ڪلاسڪل ۽ لوڪ ادب کي ڇڏي، اسان جو ادب، دنيا جي ادب کيتر ۾ بانبڙا پائيندڙ ٻار لڳو. اسان لفظن جي غلط استعمال سان ڪنهن شخص کي ادب جو اتانهون ستارو بڻايو ته ڪن کي وري تهمتن جا پٿر هڻي سنگسار ڪيو. پر، ان جو مطلب اهو ناهي ته مايوس ٿي لکڻ ڇڏجي. ارتقا جي عمل ۾ يقين آهي، ان جذبي تحت ئي هي ناول پيش ڪجي ٿو.
    مون ڪڏهن به رٿابندي نه ڪئي هئي ته ناول لکندس. هي ناول به جڏهن لکڻ ويٺم ته هڪ خيال هيو يا ايئن کڻي چئجي، ته خيالن جا هُجوم هيا جيڪي ڪنهن، ڳوڙها گئس لڳڻ کان پوءِ ڇڙوڇڙ ماڻهن جيان نه، پر ڪُونجن جي قطار جيان منهنجي ذهن جي آڪاش تي اڏندا رهيا. مون رڳو انهن خيالن کي لفظن جي ٻيڙين ۾ وجھي هندن جي رسم ”گڻيش چوٿ“ جيان ڏيئا ٻاري درياهه حوالي ڪيو آهي.
    هن ڪتاب جي ڪٿا، ان زماني جي آهي جڏهن هوا ۾ رومانس جون خوشبوئون پکڙيل لڳنديون هُيون. سج لهڻ جي سمي جو مزو وٺبو هيو، رابيل جي گلن کي وهاڻي ڀرسان رکي سرهاڻ کي اندر ۾ اوتبو هو. ڪنهن غزل جي سٽ کي هزار ڀيرا ورجائبو هيو. ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽندي هئي ۽ ڪاري چڳ تي رات کٽندي هئي. ته هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
    هن ناول پڙهڻ لاءِ، اوهان کي، ڏهه يارهن سال اڳ واريون حالتون ذهن ۾ رکڻيون پونديون. ان وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي پس منظر ۾ پرکڻو پوندو. مون هي ناول ڏهه سال اڳ لکي رکي ڇڏيو هو. ان عرصي دوران يورپ ويس، ڳپل سال اتي رهيس. ناول، اخلاق انصاريءَ جي شيلف ۾ حفاظت سان رکيل رهيو. ناول لکڻ وقت لطيف نوناري ۽ ستار سومري جي همت افزائي شامل رهي. نديم گل عباسي، شروع کان ناول ڇپائڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو. سلوواڪيه کان موٽڻ بعد به سڀني جو زور رهيو ته ڪتاب کي ڇپايو وڃي. مون نه پئي چاهيو ته ايتري عرصي گذرڻ کان پوءِ وري اهو ناول پڙهان ۽ Rewrite ڪيان. ڇو جو ان عرصي ۾ ذهن ۾ خود ڪافي تبديليون جنم وٺنديون آهن. تنهن ڪري اسڪرپٽ کي اصل صورت ۾ پريس حوالي ڪيو ويو ۽ ممتاز بخاري ۽ خالد ٻانڀڻ مدد ڪئي.
    ايئن چئي سگھجي ٿو ته هي ناول ”ڪنوارو“ آهي.


    اسحاق انصاري
    جون 2000


    1

    جانان!
    اسان اسلام آباد ۾ تفريح جو ڀرپور مزو ماڻي رهيا هياسي. پر منهنجي بدقسمتي ڏس، هتي به هڪ مصيبت ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي. جنهن، تفريح جو مزو خراب ڪري ڇڏيو. ڪالهه منهنجي هڪ سهيليءَ وٽ خيرپور کان ٽيليفون آئي ته امڙ جي طبعيت خراب آهي، جلد ئي گھر پهچان مان گھر ٽيليفون ڪئي، خبر پئي ته خليل هوش ۾ اچي ويو آهي ۽ منهنجي گھر، پنهنجن وڏن کي وٺي مون کي پرپوز ڪرڻ آيو هو ۽ منهنجن وڏن، مون کان پڇڻ بنا منهنجي قربانيءَ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. امڙ کي چيم ته انڪار ڪري ڇڏيو، مون کي اهو شخص بنهه ناپسند آهي، جنهن اسان کي ايڏا وڏا ڏک ڏنا آهن، جيڪي وسريو نه ٿا وسرن. جيڪو ماڻهو هڪ ڀيرو نظرن مان ڪري پوندو آهي ته پوءِ اهو ڪريل ئي رهندو آهي. اميءَ ضد ڪيو آهي ته جلدي خيرپور واپس وڃان.
    مان ڏاڍي پريشان آهيان، منهنجي زندگيءَ جو ڏکيو وقت آهي ۽ هن وقت مون کي زندگيءَ جو فيصلو ڪرڻو آهي. تون منهنجي مدد ڪر ۽ ٻڌاءِ ته ڪهڙو فيصلو ڪيان؟ پنهنجو پاڻ کي موت جي حوالي ڪيان يا پنهنجي وجود جي حصن سان ناتو ٽوڙي زندگي قبول ڪيان؟
    تون منهنجي ڪيفيت جو اندازو لڳائي نه ٿو سگھين. سوچڻ ڪري دماغ ڦاٽي رهيو آهي ۽ ننڊ اکين کان رُسي وئي آهي. هُن ظالم، تفريح جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هو شايد ائين سمجھي ٿو ته اسان جون خوشيون ۽ ڏک هُن جي هٿ ۾ آهن .
    امان ٻيهر ٽيليفون تي ڳالهايو ته مان کيس چيو ته اهو شخص مون کي پسند ناهي ۽ هاڻي مان اها قرباني نه ٿي ڏئي سگھان ۽ مان هاڻي خيرپور واپس نه اينديس، هتي ئي رهي پونديس. ان ساڳي تاريخ تي رافعه جي شادي ڪري ڇڏجو.
    ساقي!
    جيڪڏهن هُنن گھڻو زور ڀريو ته پوءِ پاڻ کي حسين نظارن جو حصو بڻائي ڇڏينديس. ان ڪري جو جڏهن منهنجو پنهنجي زندگيءَ تي ڪو اختيار ناهي ته پوءِ مون کي مرڻ ئي کپي. خبر ناهي ته مون کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي؟
    مون کي ڏاڍو ڊپ ٿي رهيو آهي، دل چاهي ٿي ته ڪنهن جي هنج ۾ مٿو رکي پنهنجي قسمت تي کوڙ ساترا ڳوڙها ڳاڙيان. دل چاهي ٿي ته ڪنهن جي مضبوط ٻانهن ۾ لڪي پناهه وٺان، جتان مون کي ڪو به ڪڍي نه سگھي. هي وقت ڏاڍو ڏکيو آهي، سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪيان؟ تنهنجي شديد ضرورت آهي، تون ڪري به ڇا ٿو سگھين؟ ڪجھه به ته نه.
    مون کي هِن ڪُن مان پاڻ ئي نڪرڻو آهي ۽ مون کي ان جون صرف ٻه صورتون نظر اچن ٿيون، “زندگي يا موت!“ منهنجو خيال آهي ته مون کي مرڻ ئي کپي، ڇو جو والدين به ناراض نه ٿيندا ۽ مون کي به سڪون ملندو.
    رافعه سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ ٿيو. هُن ٻڌايو ته امان بابا جن ڏاڍا خوش آهن ۽ سڀ تياريون ڪري ڇڏيون اٿئون. مون هن کي چيو ته توهان بي غيرت آهيو، پر ساحره ايتري بي غيرت ناهي. خبر ناهي اهو عذاب رڳو اسان تي ئي نازل ڇو ٿو ٿئي. بهرحال قدرت جي هن حسين نظارن کي هڪ ڀيرو چڱي نموني ڏسي وٺان، انهن نظارن کي اکين ۾ سمائي پوءِ مرڻ چاهيان ٿي ته جيئن منهنجو روح ڀٽڪندو نه وتي. هتان گھمڻ کان پوءِ سڪون سان فيصلو ڪنديس. اسان هتي ٽي چار ڏينهن آهيون، خبر ناهي مرڻ کان اڳ تو سان ملاقات ٿي به سگھي يا نه! مان آهيان ئي بدنصيب، انهن خوبصورت نظارن کي توسان گڏ ڏسي نه ٿي سگھان آخري ڀيرو به نه.
    تون آخري ڀيرو ضرور ڳالهاجانءِ، ڇو جو ساحره کي تنهنجي گھڻي ضرورت آهي، پر هاڻي انهن سڀني ضرورتن کان آزاد ٿيڻ چاهيان ٿي. جيترو مان ڪنهن کي چاهيو، مگر مون کي ڪنهن به نه چاهيو. منهنجيون سچايون، منهنجو خلوص ۽ منهنجون چاهتون سڀ هڪ طرفيون هيون، اهي سڀ منهنجي وجود سان گڏ ختم ٿي وينديون.
    مان تنهنجي گھڻي شڪر گذار آهيان، جو تو مون کي گھڻيون چاهتون ڏنيون، منهنجا گھڻا غم تون سميٽيا. مگر مون به عشق ڪيو، ان لاءِ مون کي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي، ڪوئي ڏک ناهي، ڇاڪاڻ ته عشق هڪ باهه آهي جنهن ۾ جلي پڄري، انسان ڪُندن ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح منهنجي دل ۽ دماغ ۾ به عشق جي روشني آهي ان عشق جي، جيڪو بي غرض ۽ اڻميو عشق هيو، پر منهنجو ايمان به اِهو ئي هيو! آهيان نه چري ڇوڪري؟

    خدا حافظ
    هڪ چري ڇوڪري.


    2

    توکي ٽيبل ٽينس جو گھڻو شوق هوندو هيو ۽ مان يونيورسٽي جي ڪئپٽن هجڻ ناتي، توکي ٻين ڇوڪرين سان گڏ ڪوچCoach)) ڪندو هيس. تنهنجي جسماني بناوت، ٽيبل ٽينس سکڻ ۾ تولاءِ مددگار ثابت ٿي. سنهڙي سيپڪڙِي، قد ٺيڪ ٺاڪ، هلڻ ۾ ڦڙتي، هٿ جي ڪرائيءَ ۾ لچڪ، چيلهه ٽيبل ٽينس جي ڳن جھڙِي. جلد ئي تون يونيورسٽيءَ جي سٺين کيڏاڙين ۾ شمار ٿيڻ لڳينءَ. تيز هلڻ، تيز ڳالهائڻ، وڏا وڏا ٽهڪ، تيز جملي بازي ۽ تيز طبيعت. اِها تيزي تنهنجي سڃاڻپ بڻجي چڪي هئي. تون مجموعي طرح قبول صورت هئينءَ، باقي وڏن وارن ۾ تون پهريون نمبر هئينءَ.
    انهن ڏينهن ۾ منهنجي دلچسپي وِينا ۾ هوندي هئي، جيڪا سونهن، سياڻپ ۽ هوشياريءَ ۾ يونيورسٽي جو نَڪُ هئي. ڪلهن تي ڪريل وار، گول منهن، شرير اکيون ۽ ننڍڙو پيارو نڪ، چپ سنهڙا، قد جيترو عورتن کي سونهندو آهي، چال ڄڻ ڊيل ٽلي ۽ حاضر جوابي سندس عادت هئي. منهنجي وري ڪمزوري ِاها، جو شرميليون ۽ گھٽ ڳالهائڻ واريون ڇوڪريون مون کي ڀانءِ نه پون. منهنجي نظر ۾ اها ڇوڪري وڌيڪ سٺي آهي جيڪا کل ڀوڳ ڪري سگھي ڪنهن به ڳالهه جو غلط مطلب نه وٺي. هر موضوع تي بحث ڪري سگھي ۽ سوال جو جواب اهڙو هجي جو ٻيو سوال جنم وٺي. چرچن جو چين ري ايڪشن(Chain Reaction) هجڻ کپي،
    اهو سڀ ڪجهه وِينا وٽ هيو .
    مان ڪو خوبصورت ناهيان. سانورو رنگ، ٿلها چپ، نڪ بينو ۽ ننڍيون اکيون. پر مان ڇوڪرين جي دوستي واري معامعلي ۾ خوشنصيب رهيو آهيان. انهن ڏهاڙن ۾ منهنجي ڪنهن سان به محبت نه هئي. اسان جي ٽولي ۾ اٺ، ڏهه ڇوڪريون هونديون هيون ۽ مان اڪيلو ڇوڪرو! ڪڏهن ڪڏهن فرخ ۽ حميد به اچي گڏ ٿيندا هيا، ڇوڪرين سان ويهڻ ۾ نه منهنجا ڪن ڳاڙها ٿيندا هيا ۽ نه وري آواز ۾ڏڪڻي پيدا ٿيندي هئي، ڳالهائڻ ۾ هروڀرو جا ڊائلاگ نه هوندا هئا، جيئن عام طور تي ڇوڪرن ۾ ٿيندو آهي. وڏا وڏا ٽهڪ ۽ ڪڏهن تاڙِي ملائڻ جو ڦهڪو، بس دوستن وانگي ڪچهري هلندي هئي. مان سڀني ڇوڪرين کي “سهيليون“ سڏيندو هيس. يونيورسٽي جي هر فنڪشن جي آرگنائيزرس ۾منهنجو نالو هوندو هيو. چاهي اهو عيد ميلادالنبي هجي يا “نيو ييئر فنڪشن.“ پٽيواليِ کان وٺي V.C تائين مون کي سڀ سڃاڻيندا هُيا.
    انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڪلاس جي ون ڊي پڪنڪ لڳي. خوبصورت جھڙالي موسم ۾ استادن جي نگرانيءَ ۾ اسان جي بس ميرواهه تي”گوشئه تسڪين“ پهتي. ميرواهه جي وهندڙ پاڻيءَ کي ڪناري تي بيٺل يوڪلپٽس جون ٽاريون چمي رهيون هيون. ڪپر تي ٻيڙي بيٺل ۽ خوبصورت پيچرو وڻن جي ڇٽيءَ سان ڍڪيل هيو. ميرواهه تي اڏيل خوبصورت پل ۽ لان ۾ لڳل وڻن جي ڏارن جون ڪپيل بينچون، اهڙي موسم ۽ منظر کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ هرڪو ٽڙي پکڙي ويو.
    مان به دوستن سان گڏ واهه جو ڪنارو ڏئي اڳتي وڌي ويو هيس. تون به وِينا جي مهمان هئينءَ. ٿوري دير کان پوءِ سڀني لان ۾ چادرون وڇائي کائڻ ۽ ڳائڻ جي محفل شروع ڪري ڇڏي هئي. فرخ ڳائي بس ڪيو ته مون مذاق ڪندي رپيو سندس آڏو رکيو ته کل جا چڙا وڄي ويا ۽ پوءِ هُن وٽ چڱا پئسا گڏ ٿي ويا هيا. وينا منهنجو غزل ڳايو هو،
    عشق انـگـوريو آهي انـدر ۾،
    ٿـوهـر نـسـريـو آهـي اندر ۾ .
    هوءَ غزل ڳائيندي، جڏهن مون کي ڏسي رهي هئي ته مون کي هر شيءِ ڪٿڪ ناچ ڪندي نظر آئي. ڳائڻ کان پوءِ چانهه جو دور هليو، مون چانهه پي بس ڪئي ته ِوينا پنهنجي ٿرماس مان هڪ ٻيو مگ آڻي ڏنو، منهنجي انڪار ڪرڻ تي چيائين ته “مون کي خبر آهي ته توهان چانهه پيتي آهي، هيءَ چانهه منهنجي طرفان ضرور پيئو.“ مون مرڪندي چانهه جي مگ کي چمي ڏني ته وِينا جي مُک تي مرڪ ايئن پکڙجي وئي، جيئن صبح جي ڪچڙي اُس ڪنهن ماٿري تي پکڙجي وڃي.
    ميرواهه کان پوءِ ٻي منزل ”ستين جو آستان“ هئي. ستين جي آستان تي جوتا لاهي مٿي وياسين، قبرون ڏسي موٽياسين ته منهنجو جوگر گم هو. سمجھي ويس ته ڪنهن شرارت ڪئي آهي. تنهن ڪري ڇوڪرين جون سڀئي چپلون ۽ سينڊل هٿ ۾کڻي اعلان ڪيم ته ”ٻن منٽن ۾ جاگر واپس ڪيو، نه ته هي سڀ ڪيانوَ ٿو سنڌوءَ حوالي“. منهنجي ان ڌمڪيءَ تي تون جلديءَ ۾ بوٽ کڻي آئينءَ ۽ سر رزاق توکي کلندي چيو ته، ”بوٽ نه لڪائبو آهي، خبر اٿئي بوٽ ڪنهن جو ۽ ڪڏهن لڪائبو آهي؟“ ٻين سڀني ٽهڪ ڏنا ۽ تون شرمائجي وئي هئينءَ. ٻي صُبح جو گرلزڪامن روم جو پٽيوالو هڪ ڪارڊ ڏئي ويو.
    Thank you
    Yours
    Thoughtfulness
    Was so
    Typical Of you!
    Thanks for your best co-operation!!

    ڪنهن جي طرفان هو ڪجھه به لکيل نه هيو، منهنجو ڌيان تنهنجي ۽ وِينا طرف ويو. وِينا ملي جنهن اعتراف ڪيو.
    تون اسان ٻنهي تي نظر رکندي هئينءَ، اسان جي گھرائپ توکي نه وڻندي هئي. وِينا مون کان ٽيبل ٽينس سکڻ لڳي، اسان ٻنهي جون ڪچهريون به وڌڻ لڳيون. خوبصورت جسم ۽ خوبصورت ذهن مشڪل سان هڪ هنڌ ڪٺو ٿيندو آهي، پر هن ۾ ٻئي خوبصورتيون هيون. ادب ۽ آرٽ تي ڳالهائڻ کان وٺي ذاتي موضوع اسان جي بحث هيٺ ايندا هيا. هوءَ تصويرون ٺاهي ايندي هئي ۽ پوءِ مان کيس صلاح مشورو ڏيندو هيس. منهنجي صلاح تي هُن صابڻ مان به خوبصورت اسڪليپچر ٺاهيا.
    اينيوئل اسپورٽس ويڪ جي آخري ڏينهن تي تصويري نمائش جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن جو سمورو انتظام مون کي، سر رزاق ۽ وينا کي ڪرڻو پيو. ان ئي نمائش ۾ هڪ تصوير رکيل هئي. ڪيپشن هيس:
    The piece of art, I love most
    جڏهن مهمان خاص پردو هٽايو ته ڪجهه دير حيران ٿي ويو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي ڀرپور مزو ورتائين. هُن جي سامهون ڀت تي آئينو ٽنگيل هو. تون به تصويرون ٺاهيندي هئينءَ پر الائي ڇو ان نمائش ۾ حصو نه ورتو.
    منهنجي ۽ وينا جي وچ ۾ محبت جهڙي ڪابه شيءِ نه هئي، بس سٺي دوستي هئي. پر، تڏهن به يونيورسٽيءَ ۾ اسانجي باري ۾ ڳالهيون هُلڻ لڳيون، اسان جڏهن به ڪامن روم ۾ يا ڪينٽين تي وڻن هيٺيان ويهي ڪچهري ڪندا هياسي ته تون اچي هروڀرو به کل مذاق ڪندي هئينءَ ۽ تنهنجي اها حرڪت ڪڏهن ڪڏهن اوور لڳندي هئي.
    مان پنهنجي برٿ ڊي نه ملهائيندو آهيان، پر ان سال تون برٿ ڊي ڪارڊ موڪليو، جيڪو تون پاڻ ٺاهيو هو. وِينا جو ٻه ٽي ڏينهن دير سان ڪارڊ مليو .
    Sorry!
    I missed your Birthday
    But is really your fault!
    .....if you were born
    A few days later,
    This card would have been on time!!
    Any way...
    Happy birthday to you

    انهن ڏينهن ۾ گھر ۾هڪ قضيو ٿي پيو، جنهن اپ-سيٽ ڪري ڇڏيو. منهنجي پڙهڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه رهي، ساري دنيا اداس لڳي، ڪئمپس جي ڀتين تي اداسيءَ وار وڇائي ڇڏيا هيا، مون کي اڪيلي رهڻ ۾ مزو اچڻ لڳو. مان ڪنهن به محفل ۾ نه ويندو هيس ۽ اڪيلائي ساڻ کڻي گھمندو هيس. اتفاق سان وِينا به انهن ڏينهن ۾ ونواهه ۾ ويٺي هُئي، تون هڪ ڏينهن مون کي وِينا جو نياپو ڏنو ته شاديءَ ۾ ضرور اچان. تو شايد اهو سوچيو ته، مون پنهنجي اها حالت وِينا جي جدائي جي ڪري ڪئي آهي. پوءِ تون مون وٽ گھڻو وقت ويهڻ لڳينءَ. هڪ ڏينهن جيئن ئي ٽيبل ٽينس روم ۾گھڙيس ته روم خالي هيو، منهنجي گھڙڻ شرط تون”هئه“ ڪري پردن پٺيان نڪري آئينءَ ۽ کل جا يڪتارا وڄڻ شروع ٿي ويا. تو پنهنجن وڏن کليل وارن کي جھٽڪو ڏئي ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا، منهنجو مَنُ به تنهنجي حرڪت تي مرڪڻ لڳو ۽ مان توکي چيو ته، “ايئن نه ڪندي ڪر، خبر ٿي قلوپطره به پاڻ کي قالين ۾ لڪائي سيزر آڏو آندو هو، ۽ پوءِ جڏهن غلامن قالين کي محلات جي فرش تي رکي، سيزر آڏو کوليو هو ته قلوپطره باهه جيان ڀڙڪو ڏئي نڪتي هئي، ۽ پوءِ سيزر ساري عُمر انِ باهه ۾ جلندو رهيو“، تون چُپ رهيئن، مان مرڪندي توکي چيو، “تون به پردي ۾ لڪي پوءِ ظاهر ٿي آهين، مون کي به جلائڻ ٿي گھرين ڇا؟“
    تون ڏاڍو کلي هئينءَ ۽ پوءِ تنهنجون حرڪتون وڌنديون ويون.


    3

    ريڊيو تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ شروع ڪئي هيم تون به اسانجو پروگرام شوق سان ٻڌندي هئينءَ. تنهنجي دوست، جيڪا به ريڊيو تي ڪمپيئر هئي تنهن ٻڌايو هو ته تون پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلي ويهي، ڌيان سان پروگرام ٻڌندي هئينءَ. اسانجي پروگرام جي ڪاميابي، سادگيءَ جي ڪري هوندي هئي، ڇو جو اسان آواز کي ٺاهي ٺوڪي، ڳورا لفظ، ۽ ڪتابي ٻولي ڳالهائڻ بجاءِ، عام لهجي ۽ عام لفظن ۾ ماڻهن جي مسئلن ۽ دلچسپيءَ وارن موضوعن تي ڳالهائيندا هياسي. اسان وٽ ڪو به اسڪرپٽ نه هوندو هيو، بس ”ڪيوشيٽ“ هوندي هئي، جنهن تي پروگرام ۾ هلڻ وارا نغما ۽ سلسلا لکيل هوندا هيا، چرچي ڀوڳ ۽ انهن ڳالهين جي ڪري ماڻهو اسان کي پسند ڪرڻ لڳا.
    اسان جي پروگرام ۾ سلسلو هلندو هيو ”ترت امداد“، اهو سلسلو هڪ ڪتاب مان، آءٌ پڙهي ٻڌائيندو هيس. پر مون کي هڪ شرارت سُجھي، تنهن ڪري جيئن ئي گانو ختم ٿيو، مون ڪمپئيرنگ ڪندي چيو ”توهان نغمو ٻڌو ٻول هيا....جا ۽ آواز هيو...۽ هاڻي توهان جي لاءِ سلسلو پيش ڪجي ٿو ”ترت امداد“ ۽ ٻڌائيندو منور علي (پروڊيوسر )“، ائين چئي ڪتاب کڻي منور کي ڏنم. مان پنهنجي جملي تي مرڪي رهيو هيس ڇو جو هو ذهني طرح تيار نه هيو. هن ڪتاب کڻي ڪجھه پل مون کي ڏٺو ۽ پوءِ پڙهڻ شروع ڪيائين ”اڄ هن سلسلي جو موِضوع آهي ”چريائپ جو دورو“، جيڪو اسان جي ڪمپيئر کي پيو آهي ...“ هُن جو جوابي جملو به سٺو هيو. هُن پڙهيو ته،”جيڪڏهن ڪنهن شخص کي چريائپ جو دورو پوي ته، ان سان ميٺ محبت سان ڳالهائجي،“ منور پڙهي پورو ڪيو ته مان ڪمپيئرنگ ڪندي چيو،”اوهان سلسلو ترت امداد ٻڌو، جيئن توهان کي منور ٻڌايو ته چرئي ماڻهوءَ سان مِيٺ محبت ۾ هلڻ گھرجي، بالڪل ايئن، جيئن مان هن سان هلندو آهيان“ ٻئي ڏينهن تي فرخ کي، منهنجي لاءِ تو لکي ڏنو”چرين سان ميٺِ محبت سان هلڻ گھرجي، جيئن مان توهان سان هلندي آهيان“ ۽ منهنجي چهري تي مرڪ جا چنڊ اڀري آيا.
    پروگرام ۾ عجيب و غريب خط ايندا هئا، جن مان گھڻو مواد ڇوڪرين جو هوندو هيو. ڇوڪرين مان پنجهتر سيڪڙو ته انهن ئي جا لکيل هوندا هيا، باقي پنجويهه سيڪڙو مردن جا هوندا هيا، جيڪي ڇوڪرين جي نالي سان لکندا هيا، سندن خيال هو ته ايئن ڪرڻ سان خط جلد پروگرام ۾ شامل ٿيندو. جنهن ۾ ڪنهن حد تائين هُو حق بجانب به هيا. انهن خطن ۾ ڪڏهن ڪا ڇوڪري لاڪيٽ موڪليندي هئي، ڪڏهن اسان جو نالو رومال تي ڀري موڪليندي هئي، ڪنهن خط ۾ رومانس ڀريل هوندو هيو ته ڪنهن خط ۾ دعائون مليل هونديون هيون. ڪي ٻار ”انڪل“، ”چاچي“،”مامي“ ۽ ”ادا“ جي نالي سان لکندا هيا ته ڪي وڏا ”پٽ“ سمجھي خط لکندا هيا. هڪڙي خط منور ۽ مون کي ڏکوئي ڇڏيو. ”منهنجي ڀاءُ جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو هو، جنهن ۾ سندس ٻئي اکيون ضايع ٿي ويون آهن. هاڻي هُن جي تفريح صرف ريڊيو ٻڌڻ آهي. هو توهانجو پروگرام شوق سان ٻڌندو آهي ۽ مون کي توهان ڏانهن خط لکڻ لاءِ مجبور ڪيو اٿائين.“ خط پڙهي اسٽوڊيو جي سموري ٿڌ اسان جي هڏن ۾ گھري وئي هئي. ٻئي ڏينهن پنهنجي پروگرام جي شروعات ان خط سان ڪئي ۽ اهو پروگرام ان جي نالي ڪيوسين ”اڄ جو پروگرام ان نابين شخص ۽ ٻين اهڙن شخصن جي نالي ڪيون ٿا، جن جي اکين ۾ روشني ناهي، پر هنن جو اندر اسان کان وڌيڪ روشن آهي.“
    هڪڙو ٻيو خط مليو، جيڪو گارين سان ڀريل هيو. منور اهو خط پڙهي جواب ۾ چيو ته ”هنن ڀائرن شڪايت ڪئي آهي ته سندس خط پروگرام ۾ شامل نه ٿا ڪيا وڃن ۽ وڌيڪ هنن ڀائرن اسان کي دعائون ڏنيون آهن، ڀائرن جي مهرباني، موٽ ۾ اسان به کين ساڳيون دعائون ڏيون ٿا.“
    هڪ خط مليوــــــ
    ”جناب پروڊيوسر صاحب !
    توهان جو پروگرام ٻڌندي آهيان، پروگرام سٺو آهي پر هڪڙي خرابي اٿس، اها خرابي آهي ڪمپيئر، جيڪو لڳي ٿو دم جو مريض آهي، ڇو جو ان جي ساهه کڻڻ جو آواز مائيڪ منجهان ڪنهن ريل جي انجڻ جي آواز وانگر اچي ٿو، هو صرف پنهنجي تعريف جا ۽ مائٽن جا خط پڙهي ٿو، مهرباني ڪري ان طرف ڌيان ڏيندا. ٻيو ته ريڊيو جي پنهنجي واڙِي آهي ڇا؟ جنهن ۾ ڀاڄيون توهان جي ٻڌايل اگھن تي ملن ٿيون، انهن اگھن تي مارڪيٽ ۾ ملڻ ته مشڪل آهن.
    پروديوسر ۽ ڪمپئير پنهنجا نياپا مائيڪ ذريعي ڏين ٿا. انهن جي نظرداري ڪيو. مائيڪ کي ٿورو آهستي ريڙهيندا ڪيو نه ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪو زلزلو يا طوفان اچي ويو آهي. چـڱو، وري ٻئي ڀيري ــــــ
    مِس خيرپور اِن ايڪشن.“
    خط پڙهي، مان پروڊيوسر کي چيو ته اهو ساحره جو آهي. هو به توسان ڪجھه ڏينهن اڳ مليو هو. اهڙي نموني تون مِس خيرپور اِن ايڪشن جي نالي سان خط لکڻ لڳينءَ .
    تنهنجي خط مطابق، حقيقت ۾ به پروڊيوسر ۽ ڪمپيئر پنهنجا نياپا مائيڪ ذريعي پهچائيندا هيا. جيئن هڪ پروڊيوسر کي جڏهن به پنهنجي محبوبا جو خط ملندو هو ته پروگرام ۾ غزل وڄائيندو هو ـــ
    ”تنهنجواڄ خط جيئن مليو،
    ساهه منهنجي سرير پيو آهي“
    جيڪڏهن محبوبا ملڻ ۾گھڻا ڏينهن لائيندي هيس ته گيت هلائيندو هو
    ”تو ڇو لاتي آهي دير“


    4

    تون ڪوشش ڪندي هئينءَ ته مون وٽ گھڻو وقت ويهين جنهن ڪري اسان جي گروپ ۾ ٻين ڇوڪرين کي تون پنهنجي چرچن سان ناڪ آئوٽ (Knockout) ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئينءَ، خاص ڪري فاحزه ۽ سنـڌيا ته هميشه تنهنجي نشاني تي هونديون هيون. هنن ٻنهي مان ڪير به مون سان ويٺي هوندي هئي ته تون نه ايندي هئينءَ. جي ايندي هئينءَ ته انهن تي چٿرون ڪري، اٿڻ لاءِ مجبور ڪندي هئينءَ. فاحزه مون کي هڪ شرٽ تحفي ۾ ڏني هئي، اُها جڏهن به پائيندو هيم ته تنهنجي منهن تان خوشيءَ جا اکر ميسارجي ويندا هيا ۽ پوءِ تون تنقيد ڪندي چوندي هئينءَ ته، شرٽ جو رنگ ۽ ڪپڙو سٺو ناهي.
    تنهنجي منهنجي دوستي اڃان انهن حدن ۾ داخل نه ٿي هئي جو تون مون کي ڪنهن سان ملڻ کان روڪي سگھين. هونئن به مان، ان ڳالهه جي خلاف آهيان ته جيئري جاڳندي ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏجي. ان ڪري سڀني سان هڪ جھڙو رويو رکندو هيس ۽ سڀني کي پنهنجو دوست سمجھندو هيس. پر تنهنجي ڪوشش اِها هوندي هئي ته توکي ٻين کان مٿاهون ڪيان.
    توکي، منهنجي ان ڳالهه تي به چِڙ هئي ته مان سڀني کي ايترو پيار ۽ ايترو ٽائيم ڇو ٿو ڏيان. مان چوندو هيس ته جنهن کي به اسان جي ساٿ جي ضرورت هجي ان کي ڏجي، خاص ڪري اسان جي معاشري ۾ عورتن کي حيثيت نه ٿي ڏني وڃي. هن جي ذهن ۾ ڪيئي خيال ۽ خواب اچن ٿا، پر گھرن جو ماحول ايترو آزاد ناهي جو کُلي ڳالهائي، ڪنهن مسئلي تي راءِ يا بحث ڪري سگهي. ڪوئي هن جي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي، عورتون هميشه ڊِنل پکي جيان رهن ٿيون، ان لاءِ منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته ڇوڪرين کي دوستيءَ جو احساس ڏياري انهن سان ڀاڱي ڀائيوار ٿجي. تون چوندي هئينءَ ته ماڻهو کي سهارن تي ڀروسو نه ڪرڻ کپي پر پنهنجي پاڻ تي ڀروسو رکي، پُر اعتماد نموني جيون جي راهه تي هلندو رهي هڪ ڀيري تو چيو هو
    ”مان تنهنجي ان جذبي کي Appreciate ڪيان ٿي، تون ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪندو آهين“
    ”مان خوشنصيب آهيان جو ڪنهن کي سهارو ڏيان ٿو، عارضي ئي سهي !“
    ”تون ٻين کي سهارو ڏيندو آهين، پر ڪڏهن اهو سوچيو اٿئي ته زندگيءَ جي حقيقت طرف وڌندڙ فقير جي ڪشڪول ۾ سهاري ۽ رحم جي خيرات وجھي. هن کان زندگي گھارڻ وارو حق کسي وٺين ٿو، تون ڪيستائين پنهنجو پاڻ کي ۽ ٻين کي سهارن جو فريب ڏيندين؟“
    ”مونکي ڏک آهي ته تون، مون کي غلط سمجھين ٿي، مان ڪنهن کي به سهارن جو فريب نه ڏيندو آهيان. فريب کان مون کي ايتري ئي نفرت آهي جيتري ڪنهن عورت کي پهاڄ کان“
    ”توکي کپي ته ماڻهن کي ڪمزور سهاري بجاءِ حوصلو ۽ همت ڏي، ۽ انهن کي اڪيلي سر منزل طرف وڌڻ جي جرئت ڏي.“
    ”مان ته هميشه اڳلي جي ضرورت سمجھي پوءِ سهارو ڏيندو آهيان، سهارو به اهو جيڪو حوصلو پيدا ڪري“
    ”اسان اڳلي کي پنهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکائي، روشني ڏيکاري، هُن کي روشني حاصل ڪرڻ کان محروم رکون ٿا، هو سڄي عمر اسانجي سهاري جي اميد تي اکيون بند ڪري هلندو آهي ۽ جڏهن اک کوليندو آهي، ته اسانجي نظر نه اچڻ تي ڀورا ڀورا ٿي پوندو آهي. هن جي همت ۽ قدم جواب ڏئي ڇڏيندا آهن“
    ”چيم نه ته، انسان جو وجود بي معنى آهي ۽ ان کي معنى ڏيڻ لاءِ ڪائنات ۾ مختلف ديون کي شڪست ڏئي پنهنجين شهزادين کي آزاد ڪرائي ٿو. پر ڪڏهن ڪڏهن هو نِستو ٿي پوي ٿو ۽ هن کي ٻئي جي سهاري ۽ ساٿ جي ضرورت پئي ٿي“
    “ساٿ ڏيڻ ٻي ڳالهه ۽ سهارو ٻي شي“
    ”ڪن حالتن ۾ ساٿ سان گڏ سهارو به ڏيڻو پئي ٿو، جيئن ڪنهن جي ڄنگھه ڀڄي پئي ۽ مان ضد ڪيانس ته گھمي ڏيکار، ڇا اهو صحيح آهي؟ ها، ايئن ڪري سگھجي ٿو ته ڪجھه ڏينهن جي لاءِ کيس گھوڙيءَ جو سهارو ڏئي هلڻ لائق بڻائي، پوءِ کانئس گھوڙي کسي ڇڏجي“
    ”مان چوان ٿي ته جيڪڏهن انسان ڪنهن کي سهارو ڏي ته، ڪڏهن به جدا نه ٿيڻ وارو يقين به ڏي“
    ”ٽرين، سدائين هر ماڻهوءَ سان ساڻ نه هلندي آهي پر مسافر کي منزل تائين پڄائڻ هُن جو ڪم آهي“
    ”بهرحال، بحث ته اڃا به ڪري سگھجي ٿو، پر منهنجي ڳالهه تون ڪڏهن نه مڃيندين. باقي هڪ ڳالهه چوانءِ ته، رشتو ٺاهڻ سولو آهي پر نڀائڻ ڏکيو“


    5

    يونيورسٽيءَ ۾ اسان کي اڪيلي ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو گھٽ موقعو ملندو هيو، جنهن ڪري تون هڪ ڏينهن چيو.
    ”شام منهنجي گھر اچ“
    ”مشڪل آ، مونکي ڪنهن ڇوڪريءَ جي گھر وڃڻ سٺو نه لڳندو آهي“
    ”ڪڏهن ڪڏهن ٻين جي خواهش کي به مڃبو آهي“
    ”پنهنجن اصولن کي ٽوڙي، ٻي کي خوش ڪرڻ صحيح ناهي“
    ”اصول ٺهندا ئي ٽٽڻ لاءِ آهن“
    ”جيڪي اصول بي بنياد ۽ مصنوعي هوندا آهن، اهي ئي ٽٽندا آهن“
    ”ڀلا ٻي ڪنهن هنڌ ملئون“
    ”ضروري ته ناهي؟“
    ”مان چاهيان ٿي“
    ”تنهنجي خواهش، منهنجي خواهش ته ناهي“
    ”ان جي معنى، دوستيءَ جي دعوي ڪوڙي آهي“
    ”ڪنهن چيو؟“
    ”دوست جي چاهت ۽ خواهش کي پنهنجو نه سمجھڻ ڇا آهي؟“
    مان خاموش ٿي ويس.
    ”منور وٽ اچ“
    “ايندين؟”
    ”ها!“
    توسان زباني واعدو ته ڪري ويٺس پر منهنجي دل ان واعدي کي نه پئي مڃيو. منور کي ٽيليفون ڪري چيم .
    ”ساحره، شام جو ايندئي، مون به کيس پنهنجي اچڻ جو چيو هو، پر نه ايندس. تون هن کي چئجانءِ ته مان اچڻو آهيان. پوءِ ٿوري دير رکي ٽيليفون ڪجانءِ، مان توکي بهانو ڪري ٻڌائي چوندس ته نه ٿو اچي سگھان !“
    شام جو منور ٽيليفون ڪئي.
    ”يار تون دير ڇو ڪئي آهي، توکي ته سوير اچڻو هو، ساحره آئي آهي“
    ”چـڱو ٿيو، جو تون ٽيليفون ڪئي، مان ايڏانهن لاءِ نڪران ئي پيو ته مهمان اچي ويا آهن. تنهنڪري اچي نه ٿو سگھان، منهنجي طرفان ساحره کان معافي وٺي ڇڏجانءِ“
    ”پوءِ چئبو ته تون نه اچي سگھين“
    ان ئي لمحي رسيور تنهنجي هٿ ۾ هيو.
    ”هلو... ڀلا ڇو نه ٿو اچي سگھين؟“
    ”مهمان آيا آهن“
    ”سٺو بهانو آهي!“
    ”حقيقت آهي، تون منور کان پڇ، منهنجي اچڻ جو پڪو پروگرام هيو“
    “توهان جي مرضي”
    تنهنجي آواز ۾ شام لهي آئي هئي ۽ اوپرائپ مان ”تون“ بجاءِ ”توهان“ چيو هيو.
    ”ڏس نه، مان بالڪل اچان ها، پر مهمانن کي اڪيلو ڪيئن ڇڏيان“
    ”خير آهي، هونئن توهان جي مرضيءَ تي وار کولي آئي آهيان“
    ”منهنجي طرفان وارن تي هٿ ڦيري ڇڏجانءِ“
    ”شفقت مان!“ تو شرارت مان چيو هو ۽ ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويا هيا.
    پاڻ ۾ اڃان ڳالهايون ئي پيا ته ٽيليفون ۾ کڙ کڙ جو آواز آيو.
    ”ڇا جو آواز آهي“
    ”ٽيليفون ڪٽڻ پئي چاهيم“ کِلي چيو هيئه.
    ”پوءِ بند ڪري ڇڏ“ ڪاوڙ ۾ چئي، رسيور رکي ڇڏيم. حالانڪه، مان ڄاڻان پيو ته اهو تو مذاق ۾ چيو هو پر منهنجو پنهنجو موڊ ڳالهائڻ تي نه هيو.
    منور ٻڌايو ته تون ڪارا ڪپڙا پائي ۽ پنهنجا وڏا وار کولي آئي هئينءَ، ڇو جو توکي خبر آهي ته مون کي ڪارن ڪپڙن ۽ وڏن وارن جي وچ ۾ ڳاڙها مُک ڏاڍا وڻندا آهن.
    تون ٻي ڏينهن خط لکيو هيو.
    ”تون ڪالهه ريڊيو تي نه آئين ۽ ٽيليفون به ڪٽي ڇڏيئه. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ گھر اچي دانهون ڪري روئڻ لڳيس ۽ پوءِ ٽشو پيپر جنهن سان ڳوڙها اگھيا هيم، ان تي شعر ۽ تاريخ لکي دٻي ۾ وجھي ڇڏيم. مان ڳوڙها اگھيل ٽشو پيپر هڪ دٻي ۾ گڏ ڪندي ويندي آهيان، پوءِ اهي ڳوڙها خوشيءَ جا هجن يا ڏک جا. جڏهن فرصت ملندي آهي ته ڳڻي ڏسندي آهيان ته ڏک گھڻا مليا آهن يا سک.
    تنهنجي دوستيءَ جو پهريون تحفو ـــــــــ ٽشو پيپر.“


    6

    يونيورسٽيءَ جي رومينٽڪ ڪينٽين، ٻن جريبن ۾ پکڙيل گلاب جا گل ۽ مختلف وڻ. وڻن جي جھڳٽن ۾ ڪرسين ۽ چهرن جي چانڊاڻ، ڀرسان ننڍڙو واهو وهندڙ.
    ڪينٽين جي هڪ ڪنڊ، اسان جي گروپ جي حوالي هئي ۽ ڀرسان وڻ تي ڪنهن اڪيري ڇڏيو هو ”فنڪار اسٽيٽ“. فنڪار اسٽيٽ ۾ ويٺو هيس ته تون آئينءَ، توکي ڀرسان واري ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيم، جنهن تي تون منهن خراب ڪندي چيو،”نه ويهنديس، اِها منهنجي ڪرسي ناهي“
    مان حيران ٿي ويس، پر پوءِ تنهنجي ڪاوڙ جو مطلب سمجھي ويم. تون ان ڪرسيءَ تي هميشه فاحزه کي ويهندي ڏٺو هو ۽ هُن چاٻيءَ سان ڪرسيءَ جي ٻانهن تيF اڪيري ڇڏي هئي. ان ڏينهن به فاحزه مون سان گڏ ويٺي هئي ۽ تون به ٽي دفعا آئي هئينءَ پر فاحزه جي هجڻ ڪري هر دفعي موٽي وئي هئينءَ. مون کلندي وراڻيو ”تنهنجي مرضي“
    ”تون آهين ته شاگرد، پر تنهنجي عزت گھڻن استادن کان مٿي آهي پر تون عجيب قسم جي ڇوڪرين سان ملندو ۽ ڳالهائيندو آهين. جنهنڪري تنهنجي لاءِ ماڻهن جي راءِ خراب جُڙي ٿي“
    ”مونکي ڪنهن به ماڻهوءَ جي پرواهه ناهي. منهنجي فاحزه سان واقفيت آهي، دوستي آهي، جيئن توسان آهي. ماڻهو صرف ايئن ڇو سمجهندا آهن ته هر ڇوڪري محبوبا آهي، اُها سٺي دوست نه ٿي ٿي سگھي؟! مان ته ماڻهن جو خيال ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي جو ڀاءُ ڀيڻ به گڏ ويهندا ته به ماڻهو اعتراض ڪندا“
    ”هروڀرو ايئن به ناهي. تنهنجا گھڻين ڇوڪرين سان واسطا آهن پوءِ رڳو فاحزه لاءِ ايئن ڇو ٿا سمجھن؟ ان ۾ ڏوهه فاحزه جو آهي. هوءَ پاڻ ٻين کي ٻڌائي ٿي ته تون ان سان پيار ڪندو آهين ۽ ٻيو سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، رڳو نڪاح جي فارملٽي Formality رهيل آهي“
    ”فاحزه ايئن چئي نه ٿي سگھي“
    ”توکي خبر ناهي ته ماڻهو پنهنجين خود غرضين کي ڪيئن مسڪراهٽن جي لباس ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن“
    ”ائين هوندو، پر مون کي اهو يقين آهي ته جڏهن مان ڪنهن سان سچو آهيان ته اڳلو به مون سان سچو هوندو“
    ”ڏيئو ٻينِ کي روشني ڏيندو آهي. موٽ ۾ روشني ته نه ملندي اٿس“
    ”چنڊ سج کان روشني وٺندو آهي ۽ ٻين کي ڏيندو آهي“
    ”الله ڪري ائين هجي.“
    تون منهنجي چاٻين جي ڇلي سان کيڏڻ لڳي هئينءَ.
    ”ايڏيون چاٻيون!“ حيرت مان چيو هيئه.
    ”خيال سان واپس ڪجانءِ، دل جون به چاٻيون به ان ۾ آهن“
    منهن تي شرارت اچي وئي هيئه.
    ”ڪهڙي آهي دل جي؟“ ٽهڪ ڏيندي پڇيو هئيه.
    ”توکي ڪهڙي ٿي لڳي؟“
    ”توتي ڪهڙو اعتبار، الائي ڪيتريون ڊپليڪيٽ Duplicate هجن“
    منهن تي مرڪ جا مگرا ٽڙي پيا هيئه.
    ”چانهه پيئندينءَ؟“
    ”توکي خبر آهي ته مان چانهه نه پيئندي آهيان“
    ”پر ڪڏهن ڪڏهن ته… “
    ”ها، الائي ڇو تنهنجي چانهه نه موٽائي سگھندي آهيان”
    “مهرباني نه چوندس“
    ”ڪنجوس ته آهين. تون ايڏي گھڻي چانهه ڇو پيئندو آهين؟“
    ”ماڻهو ته رت پيئندا آهن، مان ته صرف چانهه ٿو پيئان !“
    ”ڪڏهن گھٽائيندين؟“
    ”جڏهن ڪنهن رت پيئڻ جي اجازت ڏني.“ شرارت مان وراڻيم.
    ”فاطميد وارن کان وٺي ڏيانءِ؟“
    ”نه پڪو آدمخور آهيان، تازي رت پيئندو آهيان!“
    شرارت مان اک ڀڃندي توکي چيم ته تون کِلي شرم ٻوٽيءَ وانگر شرمائجي وئينءَ.
    چانهه پي، منهنجيون چاٻيون کڻي وڃڻ لڳينءَ مان گھڻو ئي چيومانءِ ته ان ڇلي ۾ دل جي چاٻي ناهي.
    ”نه تو چيو ڇو، مان کڻي وينديس.“کلندي ڪڏندي هرڻيءَ جيان هلي وئينءَ.


    7

    مان ڪنهن مان وڏيون اميدون نه رکندو آهيان، نه ئي چاهيندو آهيان ته ڪوئي موٽ ۾ گھڻيون اميدون رکي. ڇو جو اميدون پوريون نه ٿيڻ تي ٻئي کي قصور وار بنائڻ غلط آهي. توسان به مان گھرو نه ٿيندو هيس، هونئن به ان وقت تائين تولاءِ محبت (جيڪا صرف محبوبا لاءِ هوندي آهي) نه هئي. منهنجي ڪوشش اها هوندي هئي ته مان ڪنهن جي ضرورت نه بڻجان ۽ نه وري ڪو ٻيو منهنجي ضرورت بڻجي. ڇو جو جيڪڏهن ڪنهن وقت زمانو جدا ڪري ته هڪٻئي جي جدائيءَ ۾ بيڪار پرزا بڻجي نه پئون.
    اسان ڪجھه دوستن ڪوئيٽا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. مون توکي ٻڌائڻ ضروري نه سمجھيو. جڏهن توکي خبر پئي ته مون کي لفافو ڏئي وئينءَ. ان وقت اسان سڀ نڪرڻ وارا هياسي، تنهنجو خط جينز جي هپ پاڪيٽ ۾ رکي ڇڏيم. سفر دوران فرصت ملي ته پڙهيم.
    ”ثاقب صاحب !
    ٻڌو آهي، اوهان کي خير سگاليءَ جي دوري تي جنت (ڪوئيٽا) موڪليو پيو وڃي. توهان ٻڌايو به نه، فون به نه ڪيوَ، توهان مان اها اميد هرگز نه هئي. ها سائين، مصروفيت وڌي وئي آهي. اڄڪلهه ته اوور ٽائيم به ڪيو ٿا (مونسان شام جو فاحزه ملي هئي، جيڪا خبر توکي پئي هئي). هونئن توهان جھڙن دوستن مان اميد به اهڙي ئي رهڻ کپي. اڄڪلهه ماڻهو پنهنجو پاڻ سان سچا ناهن ته ٻين سان ڪهڙا ٿيندا. بهرحال دعا آهي ته توهان جو سفر خوشگوار ترين ثابت ٿئي ۽ اوهان هن دنيا ۾ جنت جي نظارن جي جھلڪ ڏسو، يقينن توهان گھڻو انجواءِ ڪندئو. جڏهن به ڪو خوبصورت منظر ڏسو ته سوچجو هڪ چري ڇوڪري، جيڪڏهن ايتري خوبصورتي ڏسي ها ته خوشيءَ ۾ مري وڃي ها. اميد آهي ته توهان جڏهن واپس ايندئو ته اوهانجي نظرن ۾ انهن حسين نظارن جو عڪس ضرور ههوندو. شايد مان ان عڪس کي ئي ڏسي سگھان!“
    هڪ چري ڇوڪري.

    اهو ڪاوڙ ۾ لکيل خط هيو. ڇو جو (تون) بجاءِ (توهان) لکيو هيئي پر تڏهن به خوبصورت هيو. تنهنجي ان خط منهنجو سفر خوبصورت بڻائي ڇڏيو ۽ هر منظر مون چئن اکين سان ڏٺو. رات جو بروري ٽڪريءَ تان هيٺ ڦهليل ڪوئيٽه شهر جا بلب ايئن لڳا ڄڻ ڪنهن حسينه جي پيشانيءَ تي محبوب سان ملڻ کانپوءِ آيل پگھر جا ڦڙا ”هنه ڍنڍ“، ”زيارت“ ۽ ”چمن“ هر هنڌ توکي شيئر ڏنم.
    تنهنجي حِس جماليات سٺي هئي، تون چانڊوڪيءَ مان، شام جي لهندڙ پاڇن مان، صبح جي نرم روشنيءَ مان، ۽ وڻن جي ساوڪ مان ڀرپور لطف وٺندي هئينءَ.
    جڏهن موٽڻ کانپوءِ ملينءَ ته منهنجين اکين ۾ گھڻي دير ڏسندي رهينءَ. مون چيو ”ڇا رستي جي ڌوڙ، حسين نظارن جي عڪس کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو؟“
    ”نه تنهنجون اکيون، ايتريون به نازڪ ناهن جو رستي جي رئيءَ سان منظر ڌنڌلو ٿي وڃي“
    ”مان تون کي هر هنڌ شيئر ڏنو“
    ”مان چاهيان ٿي، تون مون کي هميشه ياد رک، جهڙي طرح مسافر ان تلاءَ کي ياد ڪندو آهي، جنهن ۾ پاڻي پيئڻ کان پهرين، هُن کي پنهنجو عڪس ڀلو لڳو هو“
    ”توکي، ان وڻ وانگي ياد ڪندس، جنهن جي ڇانوَ ۾ مسافر پنهنجي سفر جو ٿڪ لاٿو هجي“
    ”هونئن، تون خوش قسمت آهين، جو توکي برداشت ڪرڻ جي سگھه آهي.“
    ”جو توکي برداشت ڪيان ٿو“ مذاق جي تِتر ڀڙڪو ڏنو.
    ”نه، ايترن خوبصورت نظارن کي ڏسي به ڊسٽرب نه ٿو ٿين. مون کي ايتري سگهه ئي ناهي ته اهڙن خوبصورت منظرن کي ڏسڻ کان پوءِ به زندهه رهي سگھان.
    مان پنهنجي گھر ۾ مني پلانٽ Money Plant جا ٽي ٻوٽا پوکيا آهن. روز صبح جو اٿي انهن کي ڏسندي آهيان، ۽ انهن جي هڪ هڪ گونچ ۽ پن کي ڏسي، منهنجي دل خوشيءَ مان جھومڻ لڳندي آهي. ٻوٽو هڪ انچ وڌندو آهي ته منهنجي رت سير وڌندي آهي. آهيان نه چري ڇوڪري! مان ڪوئي لينڊ اسڪيپ ڏسندي آهيان ته منهنجو وس ناهي پڄندو ته ان کي اکين ۾ سمائي ڇڏيان ۽ چوانس ته تيسائين نه وڃ جيستائين منهنجي اکين ۾ طاقت آهي. پر انهن نظارن جي خوبصورتي، اسان جي اکين ۾ رڪجي ئي نه ٿي.
    اهڙي طرح جيئن، خوشيءَ جا ڳوڙها اکين مان وهي ويندا آهن ۽ ڏک جا ڳوڙها، تلاءُ ٺاهي اکين ۾ رڪجي پوندا آهن.
    تون مون کي شيئر ڏنو هو، منهنجي لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. منهنجين نظرن سان ڏسندين ته توکي هر شي خوبصورت نظر ايندي.“
    ”منهنجي اها ڪمزوري آهي ته، ڪنهن به خوبصورت منظر کي، اڪيلي سر انجواءِ نه ڪري سگھندو آهيان، مان چاهيندو آهيان ته خوبصورتيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن خوبصورت وجود سان گڏ ڏسي، اَمر ڪري ڇڏجي. مان ايترو گھمان ڦران ٿو ته شايد ان جو سبب به اهو هجي ته پنهنجي اڌ وجود جي تلاش ۾ هجان.“


    8

    ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو ته مان ڪراڙو نوجوان آهيان. ڇاڪاڻ جو زندگيءَ جي هر رُخ ڏانهن منهنجو رويو سنجيده هوندو آهي. هر نوجوان عشق ۽ محبت جي معاملي ۾ مير علي نواز ”ناز“ بڻجڻ چاهيندو آهي. پر مان عشَق يا محبت ڪرڻ کان گھٻرائيندو آهيان. صرف ان ڪري جو، جنهن خواهش جو پورائو نه ڪري سگھجي تنهن سان ناتو ڇو رکجي! محبت ڪرڻ کان پوءِ ٻئي نالا هڪ ٻئي سان ايترا منسوب ٿي وڃن ٿا جو پوءِ اڪيلو نالو اڌورو لڳي ٿو. اسان اڃان ريتن رسمن جي ”ڪوٽ قلعي“ کي پار نه ڪري سگھيا آهيون. جنهن ڪري اڪثر طور ٻن پيار ڪندڙ دلين جو ميلاپ ڏاڍو ڏکيو ٿئي ٿو. جيڪڏهن سندن چاهت جذباتي هوندي ته ٿوري ئي وقت ۾ هڪ ٻئي کي وساري ويهندا ۽ جيڪڏهن چاهت چري هوندي ته ٻئي دليون پنهنجن جيون ساٿين سان صحيح نموني نباهي نه سگھنديون.
    شادي به پيار جو موت آهي.
    ڇاڪاڻ جو شاديءَ کانپوءِ خوابن جي چادر مٿان لاهي، زندگيءَ جي حقيقت جي تيز اُس ۾ هلڻو ٿو پئي. نابرابريءَ واري سماج ۾، پيٽ جي پورائي ڪرڻ ۽ محبت ڪندي، خواهشن جي منڇر کي خالي ئي رکڻو پئي ٿو ۽ پوءِ پيٽ، پيٽ کان هيٺ واري چڪر کان مٿي آهي.
    پيار کي شاديءَ جي روپ ۾ پائڻ کان پوءِ، چاهت جو رخ تبديل ٿي وڃي ٿو.
    ان ڪري مان پاڻ کي عشق لاءِ Unfit محسوس ڪندو هيس. مان صرف دوستيءَ واري ئي روپ کي ڏسڻ چاهيندو هيس، جنهن ڪري گھڻيون ڇوڪريون جن جي منزل شادي هوندي هئي ملڻ، کان لنوائينديون هيون.
    تون ته آهستي آهستي وڌي رهي هئينءَ.
    مون کي اِهو خوف ستائڻ لڳو ته ڪٿي تنهنجي ذهن ۾ به ته اها ساڳي منزل ناهي. هڪ ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهائيندي توکي چيم ته، اسان ٻئي سٺا دوست رهي سگھون ٿا. تون ٿوري دير خاموش ٿي وئي هئينءَ. مان طنز ڪندي چيو ته ”ڇو دوستيءَ جي نالي تي چپ ٿي وئينءَ؟“
    تون ڪو به جواب نه ڏنو، ٻئي ڏينهن تي تنهنجو جواب لکت ۾ مليو.
    ”ثاقب صاحب!
    توهان ٽيليفون تي پڇيو هو ته مان دوستيءَ جي نالي تي گھٻرائجي ڇو ويسِ.
    هڪڙي ڳالهه چوان ته دوستي ۽ دڪانداريءَ ۾ وڏو فرق هوندو آهي ۽ ماڻهو توهان سان خود غرضيءَ کي محبت جي لباس ۾ ڍڪي ۽ پنهنجي ديوانگيءَ کي دوستيءَ ۾ ويڙهي، ضرور مليا هوندا پر ساحره انهن ڇوڪرين مان ناهي جيڪا هڪ مسڪراهٽ ۽ ٻن ٽن رومينٽڪ ڊائلاگن تي پنهنجي دل ڏئي ويهي يا غلط فهميءَ جو شڪار ٿي وڃي. محبت ۽ عشق کان سواءِ ڪجھه رشتا اهڙا به هوندا آهن، جڪي بي نانءُ هجڻ جي باوجود بي مثال هوندا آهن!
    مون کي اها خبر هئي ته توهان اهڙي ڳالهه ضرور ڪندئو. مان توهان جو مطلب سمجھي وئي آهيان، مگر هر ماڻهو هڪ جھڙو نه هوندو آهي، دراصل توهان کي هاڻي ڪنهن ماڻهوءَ تي اعتبار نه رهيو آهي ۽ توهان سڀني کي خود غرض سمجھو ٿا. توهان جي ان ڳالهه منجھان، مون اندازو لڳايو آهي ته توهان اڃان دوستيءَ جي وسعتن کان ناواقف آهيو. ان جو سبب صرف اهو آهي ته، توهان پنهجو پاڻ کان ڊڄو ٿا. توهان پنهنجي چهري تي مصنوعي خول چاڙهي ڇڏيو آهي، هڪ طرف ته توهان پنهنجي اصلي چهري سان، پنهنجي وجود جي تلاش ۾ نڪرو ٿا ۽ ٻي طرف پنهنجي خول ۾ لڪي پنهنجي ۽ ٻين جي وجود کان انڪار ڪري فرار ٿيڻ چاهيو ٿا. توهان جو هاڻي ڪنهن تي اعتبار ناهي، پنهنجو پاڻ تي به نه، ۽ ٻين تي به نه. سهارن جي عادت توهان جو اعتبار کسي ورتو آهي. سهارن جي خود غرضي توهان کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ئي توهان کي پنهنجو وجود انهن سهارن ۾ نظر نه ٿو اچي. ڪڏهن بغير سهارن جي پنهنجي اندر جھاتي پايو ها، ته توهان کي پنهنجو وجود نظر اچي ها.
    سهارن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي، پنهنجو وجود به ڳوليو ٿا ۽ ان ڀوءَ ۾ به مبتلا رهو ٿا ته اهو ڪلهو توهان جي ڪنڌ هيٺيان کسڪي نه وڃي. توهان جي بي چيني، جستجو ان ڪري آهي، جو توهان پنهنجي تلاش سهارن سان گڏ ڪئي آهي. پنهنجن پيرن کي رتوڇاڻ ڪيو ها ته رستو به مِليوَ ها ۽ منزل به! انهن مصنوعي سهارن ۽ توهان جي خوف، توهان کي رستن جي ٿڪاوٽ ۽ پٿرن جي سختيءَ کان محروم رکيو ۽ توهان کان اعتبار به کسيو. ڪڏهن يقين جي قوت ۽ اعتبار سان ڪنهن کي سمجھو ها ته توهان کي پنهنجو وجود به ملي ها. توهان زندگيءَ کان فراريت حاصل ڪندا رهيا آهيو. توهان کي خبر ناهي ته اهي سهارا اسان کي منزل کان ڀٽڪائيندا آهن. هن مطلبي ۽ خود غرض دنيا ۾، ڪنڊن تي هلڻ لاءِ ڪو ڪو ساٿ ڏيندو آهي. راهه ۾ هلندي، پيرن ۾ پيل لڦن تي، هر ڪوئي مرهم نه هڻندو آهي.
    ثاقب! شڪ جي ڪري تو پنهنجا پر خلوص سهارا وڃائيا آهن. پنهنجي وجود سان ملندي توهان ڊڄندا آهيو ته، توهانجي اندر نه ڪوئي جھاتي پائي توهانجي اصل شڪل ڏسي وٺي. ان ڀوءَ جي ڪري توهان کي ٻين جي خلوص تي اعتبار نه ٿو اچي. منهنجي درخواست آهي ته ڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي شخصيت سان ملايو، مون کي يقين آهي ته ان طرح اوهان کي پنهنجو وجود ڏاڍو خوبصورت نظر ايندو ۽ جڏهن توهان منزل تي رتوڇاڻ پيرن سان پهچندئو ته پنهنجن چپن سان دوا رکڻ وارو هڪڙو وجود، توهانجي ذات جي شاهديءَ سان گڏ توهانجو منتظر هوندو. مگر توهان گھٻرايو ٿا. ان لاءِ جو، توهان ۾ پنهنجو پاڻ سان ملڻ جي همت نه آهي ۽ ٻين جي ذات تي اعتبار نه آهي. هنن جي ڪلهن تي ڪنڌ رکي، توهان خود غرضيءَ ۾ مبتلا ٿي انهن کي ڌوڪو به ڏيو ٿا ۽ پنهنجي وجود کان ناواقف به رهو ٿا.
    اهو مڃون ٿا ته اسان سڀ هن دنيا جي ڊرائنگ روم ۾ سجايل آهيون.
    مگر اسان سڀني کي، اسانجي معبود پنهنجي پنهنجي جڳهه تي فٽ (Fit) ڪيو آهي. ڳالهه صرف سمجھڻ جي آهي، ضروري ناهي ته اسان سٺي جڳهه تي رهون ۽ خوش به رهون. گل به ته ڪنڊن سان گڏ هوندا آهن پر کڙندا آهن، چنڊ به پنهنجي داغيل وجود سان چانڊوڪي ڪندو آهي، درياءُ به ته مسلسل ٿڪاوٽ جي باوجود روان دوان آهي. اهڙيءَ طرح اسان جتي به هجون، اسانجي هڪ اهميت هوندي آهي. ضروري ناهي ته نمايان نظر اچڻ واري تصوير ئي، سڀني نگاهن جو مرڪز هجي! ڪنڊ ۾ لڳل تصوير به ته ڪنهن کي پُرڪشش لڳي سگھي ٿي، پنهنجي پنهنجي نظر جي ڳالهه هوندي آهي جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي سمجھندا ته مطمئن رهندئو. توهان کي درياءَ تي لهندڙ سج ڏاڍو سٺو لڳندو آهي! ڪڏهن غور ڪيو اَٿوَ ته سج روز پنهنجي موت ڇو مرندو آهي؟ ان ڪري جو درياءَ جي ٿڌي پاڻيءَ ۾، درياءَ جي چاهت ۾ ٻڏي هن جو وجود ٺري پوندو آهي. تنهن ڪري هو روز اڀرندو آهي. هن کي خبر آهي ته هڪ درياءُ هُن جو منتظر آهي. جيڪو هن کي، هُن جي گرميءَ سميت پنهنجن ٻانهن ۾ لڪائي/سمائي ڇڏيندو. هو عظيم آهي جو دنيا جي ساري باهه پنهنجي اندر جذب ڪري ٻين کي فائدو پهچائي ٿو.
    عظيم هونداآهن اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ٻَري، ٻين کي روشني ڏيندا آهن.
    ڪڏهن درياءَ مان سج کي اڀرندو ڏٺو اٿوءَ؟ ضرور ڏسجو! سج جي ڪرڻن جي نچڻ سان توهان کي زندگي نچندي نظر ايندي. توهان به خلوص ۽ اعتبار سان اڀري ڏسو. مون کي يقين آهي، ته توهان جي عظمتن جي اعتراف ۾ هڪ درياءَ توهانکي اوهانجي ڏک ۽ تپش سميت سميٽڻ لاءِ توهان جو منتظر هوندو. پوءِ اوهان کي پنهنجي زندگيءَ جو سج اڀرندي محسوس ٿيندو.
    توهان جي بي اعتباري ۽ توهان جي هڪ جملي مون کي گھائي وڌو آ، ڪاش اهي لفظ ٻڌڻ مهل، توهان منهنجي چهري جا رنگ به ڏسو ها. احساس جي مار واقعي شديد ٿئي ٿي، خلوص جو ٿڏو منهن ڀر ڪيرائي ٿو. ڏکن جي باڪس ۾، هڪ وڌيڪ ٽشو پيپر.
    توهان جي وجود جي تلاش ۾، جيڪڏهن منهنجو وجود ڪم اچي ته مان هاڻي، خلوص دل سان پنهنجي خوش قسمتيءَ جو اعتراف ڪيان ٿي. جيڪڏهن منهنجي وجود مان، توهان کي خوشي حاصل ٿئي ٿي ته مان قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجي سڙيل جسم جي خاڪ، توهان جي زخمن کي مسيحائي ڏي ته مان حاضر آهيان، خوشيءَ سان سڙڻ لاءِ، پنهنجي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ. ڇو جو مان انهن مان ناهيان جيڪي دوستي ۽ خلوص ۾ دڪانداري ڪندا آهن. منهنجو اهو واعدو آهي ته جيترا لمحا، جيتريون گھڙيون، منهنجون توهان سان گڏ لکيل آهن، انهن لمحن ۽ گھڙين ۾ توهان جي زندگيءَ ۾ محرم ڪڏهن نه ايندو، توهان بي خوف ٿي ڪنهن جي دوستيءَ تي اعتبار ڪري ڏسو، خلوص تي شڪ ڪندئو ته سٺن دوستن کان محروم رهندئو.
    دعا ڪجو ته، توهانجي ان ڳالهه وسارڻ ۾ ڪجھه ڏينهن، ڪجھه پل تيزيءَ سان گذري وڃن. نه ته، لفظن جا گھاءَ صدين کان پوءِ به تازا محسوس ٿيندا.“
    هڪ چري ڇوڪري.


    9

    ڪنهن به شيءِ جي پڄاڻي، جنم ڏيندي آهي نئين شيءِ جي شروعات کي.
    موت جنم ڏي ٿو زندگيءَ کي، ۽ رات جنم ڏي ٿي صبح کي. ايڪٽيهين ڊسمبر پڄاڻي آهي سال جي پر ان گھڙيءَ شروعات ٿئي ٿي پهرين جنوريءَ جي، نئين سال جي. اهو ايڪٽيهين ۽ پهرين جي وچ وارو عرصو ولوڙ، تڪليف ۽ پيڙا ئي تخليقي عمل جي گھڙي آهي. جيئن ماءُ جي لاءِ ٻار جا سور ۽ مکڻ لاءِ چاڏيءَ ۾ ولوڙ.
    جڏهن شام ٿيندي ۽ سج لهڻ لڳندو آهي ته منهنجي منَ تي مونجھه ڇانئجي ويندي آهي، ڏک ٿيندو آهي ڏينهن جي موت تي. جڏهن سال جي پوئين ڏينهن تي سمورو جڳ نئين سال جي خوشي ملهائڻ ۾ مشغول هوندو آهي، ان وقت به مان ڏکايل هوندو آهيان، سال جي موت تي.
    31 ڊسمبر تي مان ڏکايل هيس ته تون يونيورسٽيءَ ۾ ملي هئينءَ ۽ چيو هيئي ته “اڄ رات جو جڏهن گھڙيال جون ٻئي سُيون هڪٻئي سان ڀاڪر پائي موڪلائينديون ته مان توکي ٽيليفون ڪنديس ۽ سڀاڻي توسان ملڻ اينديس....”
    ان ئي ڏينهن منهنجا پراڻا دوست ۽ دوستن جھڙو وڏو ڀاءُ پهتو. اسان ٻئي ڀائر پاڻ ۾ فري آهيون.
    رات جو اسان سڀني خوب ڊرنڪ ڪئي ۽ رات جو 12 وڳي بند پيل بتين کي آن ڪري رڙيون، ٽهڪ ۽ ڊانس ڪندي نئين سال کي ويلڪم ڪيوهيوسين. اسان کل مذاق ۾ هياسين ته تنهنجي ٽيليفون آئي، چوڪيدار ٻڌائڻ آيو پر دوستن نه ڇڏيو.
    پهرين جنوري جمعو هيو، جنهن ڪري يونيورسٽي بند هئي، پر تون پوءِ به يونيورسٽي اچڻ لاءِ چيو هو، مون توکي چيو هو ته “اچڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونهي، پر پهرين جنوريءَ تي مان آدمخور بڻجي ويندو آهيان ۽ تازي رت پيئندو آهيان”
    تون کلي چيو هو ته “ٺيڪ آهي پيئجانءِ”
    صبح جو تون ڳاڙهن ڪپڙن ۾، وار کولي هٿن ۾ گلدستو کڻي آئي هئينءَ، ۽ تون مون کان اڳم پهچڻ ڪري ”فنڪاراسٽيٽ“ جي ڪرسيءَ تي انتظار ڪري رهي هئينءَ. مون تنهجي همت کي دل ئي دل ۾ داد ڏنو ۽ تو وٽ پهچڻ سان، هٿ ملائي ڪِس ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيس ته تو اعتراض ڪيو ۽ مان چپ چاپ ويهي رهيس. مان پنهنجو پاڻ کي ڪريل محسوس ڪيو ته هروڀرو هڪ ماڻهوءَ جي دل ڏکائي اٿم. هوئنن به مان ڪو ڪم، ڪا به ڳالهه، ڪنهن جي رضامنديءَ کان بغير نه ڪندو آهيان. پڇتاءَ جي احساس هجڻ ڪري خاموش رهيس. آخرڪار، گھڻي وقت کانپوءِ توکي چيم ته ”مان ڏاڍو شرمندو آهيان، مونکي ايئن نه ڪرڻ کپندوهو“
    تون ڪنڌ هيٺ ڪري چيو هو
    ”اسان ڇوڪرين جي سموري ملڪيت اِهي رنگ ئي ته هوندا آهن جيڪڏهن اِهي به گم ٿي وڃن ته پوءِ اسان وٽ باقي بچي ڇا ٿو، ڪجھه به نه !“
    ”رنگ ڪڏهن به ختم نه ٿيندا آهن.“
    ”اسان جي حيثيت پوپٽ جيان آهي. جنهن جا رنگ، جيڪڏهن ڪنهن جي هٿن تي رهجي وڃن ٿا ته پوءِ هنُ جي حيثيت صرف هڪ ڪينئين جھڙي آهي“
    ”هروڀرو پوپٽ جا رنگ ئي ڇو؟ منڊيءَ جي ٻُڙي جا به ته رنگ آهن. جنهن کي، جيترو ڇهبو ۽ مهٽبو ته ايترو وڌيڪ چمڪندو“
    تون ۽ مان وري خاموش ٿي ويا هياسين. مونکي ٿورو ٽيمپريچر محسوس ٿيڻ لڳو ۽ نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ اٽڪڻ لڳي. تون منهنجي طبيعت کي چڱي نموني سمجھي ورتو هو ۽ چيو هيئه
    ”تون هرو ڀرو ايڏو اثر ڇو ورتو آهي.“
    ”مان پاڻ کي ڪِريل ٿو محسوس ڪيان.“
    ”نه ايئن ناهي، تون پنهنجي جڳهه تي صحي آهين. اها منهنجي مجبوري سمجھه يا ڏوهه“
    ”چڱو ٺيڪ آهي. پر هاڻي منهنجي هڪ ڳالهه مڃ“
    ”چئه” منهن سورج مکي بڻجي ويو هيئه.
    “هاڻي مون سان نه ملندي ڪر، مان ڪِنو شخص آهيان، مان ڏاڍو خراب آهيان، تو جھڙي ڇوڪريءَ کي مون سان ملڻ نه کپي.“
    ”نه ايئن نه ٿيندو.“ تون حيرت ۽ ڪاوڙ مان چيو.
    ”منهنجي خواهش آهي“
    ”ايئن بلڪل نه ٿيندو، تون پڇتاءِ نه، تنهنجو ان ۾ ڪو به ڏوهه ناهي. مان ڏوهي آهيان، تون جيڪڏهن ايئن ڪيو ته مان به يونيورسٽي ڇڏي وينديس.“
    ان سوچ ۾ گم هيس ته ان وقت نه ڄاڻ ڪٿان، منهنجو پارٽنر به اچي پهتو ۽ مان ان سان ڪچهري ڪرڻ لڳس.
    ”اڄ منهنجي برٿ ڊي آهي، ضروراچجانءِ“ تون نهٺائيءَ مان چيو ۽ پنهنجين اکين ۾ پيار اوتي، مون ڏانهن نهارڻ لڳينءَ .
    ”نه اچي سگھندس.“ مون رکائيءَ مان چيو.
    ”ضرور اچجانءِ مان انتظار ڪنديس“
    ”ڏکيو آهي، منهنجي طبيعت صحيح ناهي“
    ”ٺيڪ ٿي ويندي، توکي ضرور اچڻ کپي“
    پارٽنر جي ڪري تون ۽ مان کُلي نه پيا ڳالهائي سگھون.
    ان وقت تنهنجو ڊرائيور توکي وٺڻ آيو، گيٽ تائين توکي ڇڏڻ آيس.
    اکين ۾ التجا آڻي تو چيو هو ”شام ضرور اچجانءِ.“
    مون ڪو به جواب نه ڏنو هو.
    جهڙالي موسم جي ڪري، سڀ دوست شادي شهيد جي ٽڪرين تي ”پڪنڪ“ ڪرڻ هليا وياسي. موٽيم ته توڏي اچڻ جو ٽائيم ٿي ويو هو. نه چاهيندي به قدم توڏي وٺي آيا. تون خوشيءَ مان ٻهڪي پئينءَ. پر سمورو وقت منهنجو موڊ آف رهيو هو. ڇو جو هڪ احساس اندر کي کائي رهيو هو. تون کلائڻ لاءِ گهڻائي وس ڪيا، پر مان اهڙي جو اهڙو رهيس ۽ جلد ئي تو وٽان اٿي آيس .
    صبح جو تون آئين ته پاڻ سان گڏ هڪ ڪارڊ به آندئي، جنهن کي تون پينٽ ڪيو هو”سج لهڻ جو منظر“
    فنڪار اسٽيٽ ۾ تون ۽ مان ويٺا رهياسين پر خاموشي اسان مٿان ڇانيل هئي.
    تنهنجي چهري مان محسوس ٿئي پيو ته اها خاموشي توکي کائي رهي آهي.
    جڏهن وڃڻ لڳينءَ ته منهنجي هٿ کي چميندي چيئه.
    ”هاڻي مان رضا خوشيءَ سان پنهنجا رنگ توکي ڏئي ٿي وڃان، تون هاڻي ته خوش ٿيءُ.“
    ”مان، تو کي هاڻي ڪڏهن به رنگن ڏيڻ لاءِ نه چوندس!“
    ”مان خوشيءَ سان پنهنجا رنگ تنهنجي حوالي ڪيا آهن، تون پنهنجي ان خاموشيءَ کي ٽوڙ، مون کي لڳي ٿو ڄڻ سموري ڪائنات رڪجي وئي آهي.“
    ”مان تو کي ڏکايل ڏسڻ نه ٿي چاهيان. هي ته رنگ آهن، پر مان تو کي خوش رکڻ لاءِ پنهنجي جان به ڏئي سگھان ٿي.“
    اکين ۾ موتي اچي ويا هئيه ۽ فنڪار اسٽيٽ مان نڪري وئي هئينءَ .


    10

    يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن گڏجي نئين سال جي سلسلي ۾”امن مارچ“ جو پروگرام ٺاهيو. صبح جو يونيورسٽيءَ کان نڪتاسين، منزل ڪوٽڏيجي جو قلعو هيو. پٺاڙن تي رُڪ سيڪ هيا. کلندا ڪڏندا اڳتي وڌندا رهياسين ۽ ڪنهن ٽئپ رڪارڊ تي گانو هلائي ڇڏيو
    ”هُڙڪ هلو ڌيمان هلو....“ ڪوٽ بنگلي کان اڳ ميرواهه جي پُل تي تون به گاڏيءَ ۾ بيٺي هئينءَ. تنهنجي هٿ ۾ گلدستو هُيو ۽ منهن تي چنبيليءَ جھڙي مُرڪ. ٻئي ڄڻا گھڙي کن ميرواهه جي ڪناري، ڇٻر تي ويهي، تنهنجي آندل چانهه پيتي هئي. تون ان وقت نئين سال جي ڊائري به ڏني جنهن تي لکيل هو.
    ”مون کي معلوم آهي ته اهُو ڏينهن به ايندو، جڏهن هِن ڌرتيءَ کي ڏسڻ واريون منهنجين اکين جي روشني هلي ويندي. زندگي، چپ چاپ موڪلائيندي منهنجين اکين تي پردو چاڙهي ڇڏيندي، پر ستارا پوءِ به رات جو جاڳندا رهندا، صبح اڳ وانگر سجاڳ هوندو، ۽ اٺئي پهر، سمنڊ جي لهرن جيان، اڀرندا لهندا رهندا، بالڪل اهڙي ريت، منهنجي ياد به تنهجين يادن جي سمنڊ ۾ ٻڏندي ۽ ترندي رهندي، مهينا ۽ سال گذرندا ويندا ۽ پوءِ منهنجين يادن جو درد گھرو ٿي، محبت ۽ آرزوئن جو روپ وٺندو.
    ۽ ان وقت تون، ان سچ کي لڪائڻ به چاهين، پر اهو سچ تنهنجي اکين مان ڳالهائيندو.
    تنهنجي دل جي گھراين ۾ ڪا به خوشي نه هوندي، تنهنجن قدمن سان گڏ راهه جي بانسريءَ مان خوشيءَ جا سُريلا نغما نه وڄندا.
    ۽
    ان وقت، تون مون کي ڳولهيندين ۽ منهنجو وجود پنهنجين محبتن سان مڻين مٽيءَ هيٺيان فنا ٿي چڪو هوندو.
    ليڪن،
    پوءِ ان مٽيءَ مان منهنجو وجود ٻيهر جنم وٺندو
    ۽ ڪنهن ٻي شڪل ۾، تنهنجين اکين مان وسندڙ دوستيءَ جي نرم ۽ مٺي ڦُڙ ڦُڙ پسڻ لاء. ان لاءِ جو دوستي امر ٿيندي آهي ۽ ان ۾ محبت جي خود غرضي ۽ عشق جي ديوانگيءَ جي بجاءِ جبلن جي بلندي، جھرڻن جو ترنم، مکڙين جي معصوميت، گلن جي مرڪُ، ۽ فرشتن جو نور شامل هوندو آهي.“
    ڊائري پِڙهي مون مرڪي توکي ڏٺو هيو، تنهنجي اکڙين ۾ آس جا ڪئين سنهرا سنگ جھومي رهيا هيا، مون ڪو به جواب ڏيڻ بجاءِ توکي چانهه پيئڻ لاءِ چيو ته، تو مرڪي شرارت مان چيو هو.
    ”مِٺي چانهه پيئندي آهيان.“
    مان ٽهڪ ڏئي، پنهنجو اڌ پيتل مَگ تو ڏانهن وڌائي ڇڏيو هو. تون پنهنجن گوڏن تي کاڏي رکي چيو هو.
    ”نئين سال کي جيترو تون انجواءِ ڪري رهيوآهين، ٻيو ڪوئي نه ڪندو“
    ڏس نه، ايڪٽيهين ڊسمبر ۽ پهرين جنوري جي پڪنڪ، وري هيءَ مارچ ۽.....“
    ”۽ پهرين جنوريءَ تي مليل ڏک ۽ خوشي، جن منهنجي زندگيءَ جي ڪينواس تي ڳاڙها پيلا ۽ ڪارا رنگ اڇلي بي معني آرٽ بڻائي ڇڏي آهي“ مون تڪڙ ۾ تنهنجو جملو پورو ڪيوهو.
    ”تصوير ۾ رنگ ئي ته سڀ ڪجھه هوندا آهن.“
    ”ها، پر ڪجھه تصويرون رنگين هوندي به ٻُسيون ٻُسيون لڳنديون آهن“
    ”بهرحال، توکي ان ڏک کي وسارڻ کپي. ان لاءِ جو اهي رنگ اسان جو حسن هوندا آهن“ جھٽ رکي وري چيو
    ”اِهي رنگ ئي ته اوڀر ۽ اولهه ۾ فرق پيدا ڪن ٿا ۽ اسان ويچارا، مغرب ۽ مشرق جي چڪر ۾ پيڙجندڙ ماڻهو“
    ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته توهان لاءِ سڀ ڪجھه اِهي رنگ آهن پر...“
    ”انهن رنگن جي ڪري ئي، اسان ۾ ۽ فٽ پاٿ تي پيل عورت ۾ فرق آهي. تون ان تي پاڻ سوچ پوءِ توکي منهنجا رنگ سٺا لڳندا؟“
    تون پنهنجن نيڻن کي جھڪائيندي چيوته..
    ”منهنجو خيال آهي ته، توکي اها ڳالهه وسارڻ کپي ڇو جو مان پنهنجا رنگ، پاڻ ئي تنهنجي هٿ تي ڇڏي وئي هيم ۽ منهنجو خيال آهي ته پنهنجن رنگن کي پاڻ ئي، ٻي جي حوالي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. تنهنجي، پنهنجو پاڻ تي مڙهيل شڪست کي، مان رنگ ڏئي، فتح ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، تون خوش نه ٿئين. اُها تنهنجي غلطي نه هئي، تنهنجي جرئت ۽ خلوص هيو ۽ مان بيوقوف ڇوڪري، توکي سک ڏيڻ جي ڪوشش ۾ اڻڄاڻائي ۾ ڏک ڏئي ويٺيس. بهرحال شايد، مان به ان لمحي توکي ڏنل ڏک کي ڪڏهن به وساري نه سگھنديس.“
    اکين ۾ آيل آبشار کي وهائيندي، پنهنجو سامان سميٽي، گاڏيءَ ۾ هلي وئينءَ.


    11

    تنهنجي اڳڪٿي، بالڪل صحيح ثابت ٿي. ڇوجو فاحزه تمام گھڻو ويجھو اچي وئي. منهنجين سوچن جي خلاف، مون کي تنگ ڪرڻ لڳي. تون جيئن چيو هو ته ماڻهو پنهنجي خود غرضيءَ کي مرڪن ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن اڳلي کي فريب جي ڦندي ۾ سوگھو ڪري ڇڏيندا آهن. فاحزه به مون سان گھرو ٿيڻ لڳي ۽ هُن جي گھرائپ، يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي لاءِ مسئلو پيدا ڪرڻ لڳي. هو سڀ ڪنهن کي ٻڌائڻ لڳي ته منهنجي هن سان محبت آهي. هُن ڪافي ڀيرا اهڙو اظهار منهنجي آڏو ڪيو ته مون کيس خط لکيو. جنهن ۾، مون کيس صاف صاف لکيو هو ته مان هُن سان دوستي رکڻ چاهيان ٿو، اُها دوستي جيڪا ٻارن ۾ هوندي آهي، اسان ٻئي اهڙي پاڪ دوستي رکي سگھون ٿا، جنهن جي پاڪيزگي ڏسي ماڻهو رشڪ ڪن، جيڪا گل کان وڌيڪ خوبصورت هجي ۽ ماڪ کان وڌيڪ معصوم هجي. هُن جي خواهش هئي ته مان ساڻس شادي ڪيان، جيڪا مان، ان وقت ۽ ان سان ڪرڻ نه پيو چاهيان.
    هڪ دفعي بابا سان ڪراچي گھمي رهيو هيس ۽ ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کان لِڪي ڇوڪرين کي ڏسي رهياسي ته پڇيائين
    ”شادي ڪڏهن ڪندين؟“
    ”اڃان ڪو ارادو ناهي“
    ”ذهن ۾ ڪا ڇوڪري اٿئي؟“
    ”نه شادي توهان جي ۽ امڙ جي پسند سان ڪندس“
    ”اهو ته ٺيڪ آهي پر اڄڪلهه زمانو بدليل آهي، اسان به ته غلط فيصلو ڪري سگھو ن ٿا“
    ”توهان منهنجي لاءِ بهتر سوچي سگھو ٿا، هونئن به شادي جُوا آهي، لڳي ته واهه واهه، نه ته انڌيرو ئي انڌيرو.“
    بابا کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ پڇيائين.
    ”رومانس ڪيو ٿي“
    ”نه“
    ”ڇوڪريون وڻنديون ٿي؟”
    “ها گڏهه ناهيان.“
    بابا ٽهڪ ڏيندي چيو”رومانس ضرور ڪجانءِ، پر فلرٽ نه ڪجانءِ!“
    ”ٺيڪ آهي“
    ”هڪڙي منهنجي صلاح مڃ. جنهن سان رومانس ڪرين، شادي به ان سان ڪجانءِ.“
    “مشڪل آهي!”
    ”ڇو؟“
    ”زندگي، تجسس جي سهاري گذاربي آهي. رومانس ڪرڻ سان ٻئي پريمي زندگيءَ جي باري ۾ آدرشي ٿين ٿا ۽ جڏهن اهي ٻئي شادي ڪن ٿا ته سندن آدرشن جو چنڊ لهي وڃي ٿو ۽ زندگيءَ ۾ ڀريل تجسس ختم ٿي وڃي ٿو. جنهن ڪري، جلد ئي هڪ ٻئي مان بيزار ٿي وڃن ٿا“
    ”ايئن ته ارينجڊ Arranged ميريج وارن سان به ٿي سگھي ٿو؟“
    بابا مون کي حيرت مان ڏسندي پڇيو.
    ”منهنجي خيال ۾ ارينجڊ ميريج ۾، زال ۽ مڙس. اڌ عمر هڪ ٻئي کي سمجھڻ ۾گذارين ٿا ۽ هڪٻئي کي سمجھڻ کانپوءِ جيڪڏهن ائڊجسٽ ٿي ويا ته سٺو، نه ته ايئن چئي زندگي گھاري ڇڏين ٿا ته اڌ زندگي گذري وئي آهي ۽ باقي اڌ زندگي به گذري ويندي.“
    بابا، مون کي ڪو به جواب نه ڏنو هُيو ۽ مان اڃان تائين پنهنجي نظريي تي قائم آهيان. ٻي ڳالهه ته مان ذهني طرح شاديءَ لاءِ ان ڪري به تيار نه هيس، ڇو جو منهنجي نظر ۾ شادي، اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ آهي ۽ مان اڃان اڳتي وڌڻ چاهيان ٿو.
    فاحزه خط جي جواب ۾ لکيو
    ”مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڪٿان کان شروع ڪيان. بهرحال، سڀ کان پهريان ته توکان معذرت ٿي وٺان، حالانڪه مون کي خبر آهي ته تون معافيءَ وٺڻ کي (دوستيءَ ۾) خراب سمجھندو آهين. هاڻي مان جيڪي ڪجھه لکنديس، اهو توکي ناگوار گذري ۽ ان کانپوءِ شايد تون، مون سان ملڻ به نه پسند نه ڪرين، جيڪو مان ڪڏهن به چاهينديس.
    تون پنهنجي خط ۾ دوستيءَ جو مفهوم ڏاڍو واضح نموني لکيو آهي ۽ مان ڪنهن حد تائين اِن سان اِتفاق به ڪريان ٿي. پر مان سمجھان ٿي ته اسان جي معاشري ۾ اڃان تائين به ڪنهن ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي دوستيءَ کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. تنهنجي دوستي منهنجي لاءِ ڏاڍي مانَ واري ڳالهه آهي، پر اهاَ کڻي منهنجي ڪوتاھي سمجھه يا وري منهنجي خود فريبي، جو مان دوستي کان به وڌيڪ سوچيو هو. اها صرف هڪ طرفي سوچ هئي، اها صرف منهنجي ڀُل هئي ته، جنهن سان دوستي رکنديس، ان کي ئي پنهنجو سڀ ڪجھه سمجھنديس.
    ڳالهائڻ ته هر ڪنهن سان هوندو آهي، پر اسان ان کي دوستي يا ٻي ڪنهن جذبي جو نالو ڏئي نه ٿا سگھون. پر مان، ماءُ جي ٿڃ جو قسم کڻي چوان ٿي ته اڄ تائين منهنجي اهڙي قسم جي دوستي(جهڙي توسان هئي) نه رهي آهي ۽ نه رهندي ۽ نه ئي ڪنهن رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه هئي. بهرحال، منهنجو مقصد توکي قسم کڻي يقين ڏيارڻ ناهي. مون کي گھڻن ئي ماڻهن ٻڌايو ته تون مون کي نه ٿو چاهين، صرف وقت گذارڻ لاءِ مون سان واسطو رکين ٿو، مون سان کلي ڳالهائين ٿو.
    تنهنجا مون تي لکين احسان ۽ ٿورا آهن، جن کي سامهون ڏسندي مون کي ڪجھه به لکڻو نه هيو ۽ نه ئي ڪجھه منهن سان چوڻو هيو. پر، مان وري به اهو لکندي ڏاڍو شرم ٿي محسوس ڪيان، ۽ پنهنجائپ ۾، اهو سڀ ڪجھه توکي لکي رهي آهيان. هونئن به تنهنجا مون تي وڏا احسان آهن، جن کي مان ڪڏهن به نه لاهي سگھنديم ۽ هڪ وڌيڪ احسان مون تي ڪجانءِ ته مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ.
    مان تنهنجي در تي تنهنجي آڏو هڪ گذارش کڻي حاضر ٿي آهيان ته، جھڙي طرح تون صرف مون سان دوستي رکي سگھين ٿو ۽ وڌيڪ ڪجھه به نه، اتي مان اهو چوڻ ۾ حق بجانب ته ناهيان پر، ان کي منهنجي ڀُل سمجھي ڪري معاف ڪجانءِ ته مان دوستي اِن معني ۾ رکي نه ٿي سگھان.
    صرف هڪڙي گذارش آهي ته مون کي اگر تون ٻيو ڪوئي ساٿ نه ٿو ڏئي سگھين ته صرف ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو ساٿ ته اسانجو رهي سگھي ٿو. آهيان ته اِن ساٿ جي قابل به نه، پر پوءِ به گنجائش نڪري وڃي ته منهنجي لاءِ وڏي سعادت جي ڳالهه هوندي، اگر تون بخشين ته.
    مان سمجھان ٿي ته مان جيڪي ڪجھه لکيو آهي، اهو سڀ ڪجھه دل سان ڪونه لکيو آهي پر ڇا ڪجي جو مان اهو سڀ لکڻ تي مجبور آهيان.
    منهنجي هن خط کي پڙهي، شايد....، شايد نه پر مون کي يقين آهي ته، مون سان ڳالهائڻ به نه چاهيندئو. پر ايترو ضرور سوچجانءِ ته، مون کي تنهنجي رهنمائي، تنهنجن راين جي تمام گھڻي ضرورت هوندي آهي ۽ رهندي.
    اگر تون مون سان بلڪل تعلقات ختم ڪيان ته مان هيءَ يونيورسٽي ته ڇا پر هي شهر ڇڏي هلي وينديس.
    آخر ۾ گھڻي گھڻي معذرت/معافي.

    توکي، مان اها ڳالهه ٻڌائي ته تون اِن ڳالهه تي ڪنهن به حيرت جو اظهار نه ڪيو ۽ تو چيو ته اِهو ته اڳ ۾ ئي ايڪسپيٽڊ (Expected) هو.
    مون کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏک پڄائي رهي هئي ته منهنجي ڪري ڪنهن کي ڏک پهچي رهيو هو، جيڪو مان چاهيان به نه پيو. مون کي خوشي به ٿي ته جيڪي ڪجھه من ۾ هيس گھٽ ۾ گھٽ فاحزه کليل لفظن ۾ چيو ته سهي. نه ته، اهڙي ريت چپ چپات ۾ غلط فهميءَ جي ڀت وڌندي وڃي ها ۽ پوءِ، اُها ڀت جڏهن ڊهي ها ته ٻئي اُن هيٺيان دٻجي ختم ٿي وڃون ها.
    فاحزه مون سان ملي، لڄي لڄي لڳي رهي هئي. مون کيس چيو ته”مان تنهنجي همت کي داد ڏيان ٿو ۽ خوشي آهي ته تو جيڪو ڪجھه سوچيو اُهو لکي اظهار ڪري ڇڏيئه. باقي اهو ته ناممڪن آهي، ڇو جو مان توکي اڳ ۾ ئي ٻڌايو هيو ته منهنجي توسان شادي ٿيڻي ناهي ۽ صرف هڪڙوئي رشتو رکي سگھون ٿا، دوستيءَ وارو.
    پر، توکي اِهو قبول ناهي ته مون کي به ڪو ڏک ناهي ڇو جو دوستي مسلط نه ڪبي آهي. اُها ته رضاڪارانه معاهدو آهي، ها مان تو کي ڀيڻ بڻائي نه ٿو سگھان. ڇو جو تون مون کي ”ادا“ سڏين ۽ مان ”ادي“ ته فرق نه پوندو. اِهو ته صرف ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ ٿيندو. مون کي پنهنجيون سڳيون ڀينرون ڪافي آهن ۽ وڌيڪ جي مون کي ضرورت ناهي. تنهنجو منهنجو رشتو ڀاءُ ڀيڻ جھڙو پاڪيزه ته ٿي سگھي ٿو. پر ڀاءُ ڀيڻ وارونه. ڇو جو مون کي نفرت آهي اهڙن ماڻهن کان جيڪي لفظن جو غلط استعمال ڪندا آهن. ڇوڪرين کي ”ڀيڻ“ ته چوندا آهن پر اندر ۾ انهن ڇوڪرين جون تصويرون محبوبا جي خاني ۾ رکيل هونديون اٿن.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته تون جيڪو چئين ٿي ته تون يونيورسٽي ڇڏي ويندينءَ اهو سڀ اجايو آهي. ڪوئي به ڪنهن جي لاءِ ڪا شيءِ يا جڳهه نه ڇڏيندو آهي، نه ئي ڪوئي ڪنهن جي لاءِ مرندو آهي. اِهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن. تون جڏهن به مون وٽ صلاح مشوري لاءِ ايندينءَ ته مان توکي ڏيندس ۽ اِها منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه هوندي.“
    فاحزه سمورو وقت خاموشيءَ سان ٻڌندي رهي ۽ هُن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ مون کان موڪلائي هلي وئي، اُن ئي وقت تون به اچي وئينءَ. تون ڪجھه نه پڇيو شايد سمجھي چڪي هئينءَ، منهنجو موڊ خراب ڏسي تو چيو”ڇو، خيريت ته آهي؟“
    ”تون سڀ ڪجھه ڄاڻين ٿي“
    ”بي ڏوهي هوندي، پاڻ کي ڏوهي سمجھڻ صحيح نه آهي“
    ”مون کي ته ڪِوِل مارڻ به وڏو ڏوهه لڳندو آهي.“
    ”ڏوهه جي وصف ڇاهي؟“
    ”سونهن ۽ سچائي جيان ڏوهه به (Relative )آهي“
    ”معاشري جا اصول صحيح نه هجن ته انهن کي ڀڃڻ ڏوهه ناهي.“
    ”منهنجي ضمير جي خلاف ٿيندڙ هر ڪم، ڏوهه آهي.“
    ”ضمير وٽ حوالو ڪهڙن اصولن جو آهي؟“
    ”منهنجا پنهنجا اصول“
    ”تڏهن به تون فاحزه کي ڏک ڪيئن ڏنو آهي. هوءَ ته پنهنجي قائم ڪيل مفروضن جي سزا ڀوڳي رهي آهي“
    ”مفروضا منهنجي ڪري قائم ڪيا هيائين“
    ”ڪوئي ماڻهو جيڪڏهن سج جي پوڄا ڪري، اُن کي حاصل ڪرڻ ٿو چاهي ته اُها سج جي غلطي نه پر پوڄاريءَ جي آهي“
    ”بهرحال اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها، الائي ڪيتري ولوڙ ۽ پيڙا جو نتيجو آهن.“
    ”هاڻي ڇڏ انهن ڳالهين کي، فاحزه جھڙيون ڇوڪريون وري ڪنهن ٻي نيوڪليئس جي چوڌاري ڦرنديون.“
    ”ايئن ٿي به سگھي ٿو ۽ نه به. ڇو جو جيڪي ڇوڪريون گھر ۾ غيرمحفوظ هونديون آهن، اُهي پنهنجون پناهگاهون ڪنهن ٻاهرين مرد جي ٻانهن ۾ ڳولينديون آهن. فاحزه جو پيءُ، چوويهه ئي ڪلاڪ آفيم جي نشي ۾، ماڻهنس رڳو ڇڙٻن تي، ظاهر آهي ته هوءَ پنهنجي پناهه گاهه ڳولهڻ لاءِ تڪڙ ئي ڪندي.“
    ”پر تو ته ٺيڪو نه کنيو آهي“
    ”ها نه کنيو آهي، پر مُون ئي کيس هميشه همٿايو آهي، چاهي اُهو Quantitative Economics جو سبجيڪٽ هجي يا ڪوئز ڪامپٽيشن، بهرحال، ضروري ناهي ته توکي سڀ ڳالهيون ٻڌائجن“
    ”معاف ڪجانءِ، مان ڪڏهن ڪڏهن بيوقوفيءَ جي ڳالهه ڪندي آهيان“
    ”ان ۾ تنهنجو به ڏوهه ناهي، ڏوهه ته فاحزه جو به ناهي،سندس ماءُ جو به ناهي، سندس پيءُ جو به ناهي ۽ جيڪڏهن وري آهي ته شايد سڀني جو به آهي“
    ”چڱو، هاڻي ڇڏ، ان ڳالهه کي.“
    ”ساحره، مون کي ڏک آهي ته هاڻي هوءَ پنهنجا ڏک ڪنهن سان شيئر ڪندي؟ ماڻهو چوندا آهن نه ته، هوءَ هر دفعي هڪ ٻيو دوست ٺاهيندي آهي. ان ۾ هُن جو ڏوهه ڪونهي، ڇو جو هوءَ ته ڪو ڇانورو ٿي ڳولهي، ها، هن جي اها غلطي آهي جو طريقو سندس صحيح ناهي“
    منهنجو منُ اداس ٿي ويو هو.
    تون اک ڀڃندي شرارت مان چيو. ”مِٺي چانهه پيئندين؟“ بيري کي ڦڪي چانهه جو آرڊر ڏئي ڇڏيئه.


    12

    اسان جو مستقبل ايڏو اونداهو ڇو آهي؟
    جڏهن به آئيندي ڏانهن ڏسون ٿا ته، لامحدود ڪاراڻ کان سواءِ ڪجھه به نظر نه ٿو اچي. اها ڪائناتي اونده ڪنهن بدروح وانگر اسانجي روحن ۽ جسمن ۾ واسو ڪري ويئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جي سڄي ڪائنات جي اونداهي هجڻ جو سبب اندرين اونداهي آهي يا ڪائناتي انڌيرن اسان جي اندر مان روشنيءَ کي هڪلي ڪڍيو آهي. بهرحال، اونده جو راڄ حقيقت آهي. اُوندهه زندگيءَ جي هر پهلو تي حاوي آهي. اوندهه ۽ ظلم جي ثقافت انساني آزادي ۽ حقن کي ماري ڪارو ڪفن پارائي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن هيڏي انڌيري رات ۾ گدڙ به اونايون نه ٿا ڪن، رڳو ريڊيو ۽ ٽي وي جي اسڪرين ۽ لائوڊ اسپيڪرن مان مسسل اوندهه جا طوفان، هيبتناڪ ڪارنهن کڻي ڦهلائڻ ٿا ۽ ڀونڪن ٿا.
    يونيورسٽيون ته ڄڻ شعور جو قتل گاهه ٿي پيون آهن. جتي، نه رڳو بيدرديءَ سان علم ۽ ڏاهپ جو ڪوس ڪيووڃي ٿو، پر معصوم جانين جو شڪار رياستي حاڪمن ۽ سياستدانن جو محبوب مشغلو ٿي پيو آهي. شاگرد ڪافي عرصو پڙهي ٿو، پنهنجي ماءُ پيءُ جا پئسا خرچ ڪري ٿو، سندس ماءُ پيءُ خوبصورت خواب ڏسن ٿا. پر تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ نوجوان بيڪار گھمندي ڇا ٿو محسوس ڪري؟ پر ڪيترا مستقبل ته گولين جو کاڄ بڻجي شهادت حاصل ڪن ٿا، يا عمريون جيلن جي ديوارن اندر چوڙين ٿا.
    شعور جي اوسر تي زبردست پابندي وجھڻ خاطر شاگرد تنظيم جي واڳ سنڌ جي مشهور ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي سپرد ڪئي ويئي آهي .استادن تي ذهني ۽ جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو.
    فائينل ييئر ۾ پهچڻ سان شاگرد جي زندگيءَ جو محور، صرف ۽ صرف مستقبل ٿيئي ٿو.
    ان ڏينهن مان به پنهنجي مستقبل جي باري ۾ڏاڍو پريشان هيس، زندگيءَ جي غير يقيني ۽ خوشيءَ جي باري ۾، تون ڪينٽين تي آئينءَ. يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين، گلاب جي گلن، وڻن ۽ موتئي جي مهڪار ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي پوءِ ڪرسين جو جھڳٽو ۽ کِل جي خوشبوءِ سا واسيل. پر اهائي خوبصورتي بدصورتي لڳي رهي هئي. ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن شين ڏانهن رويو من اندر موجود ڪيفتن جي حوالي سان ٿيندو آهي.
    تون آئينءَ، منهنجي من تي مايوسيءَ جا پاڇا پسي تون به مايوس ٿي وئي هئينءَ.
    ”ڇاڳالهه آهي؟“
    ”ڪجھه به نه ...“
    ”مايوس ڇوآهين؟“
    ”ڪير ٿو چئي؟“
    ”تنهجيون اکيون“
    ”اکين تي اعتبار ڪرين ٿي، مون تي نه ؟“
    ”مان اندر کي اکين جي آئيني ۾ پسيندي آهيان“
    ”چانهه گھراءِ.“
    ”هيءُ جو اڳ ڪوپ پيا آهن، وري پيئندين“
    ”مان تون کي چانهه گھرائڻ لاءِ چيو آهي سوال پڇڻ لاءِ نه“
    تون بيري کي چانهه آڻڻ لاءِ چيو.
    ”مستقبل ڇا آهي؟“
    ”آئيندو!“
    ”هر ماڻهو پنهنجو آئيندو روشن چاهيندو آهي نه!“
    ”ها بلڪل“
    ”پر اسانجو آئيندو ته اونداهو آهي“
    ”نه ايئن ناهي“
    ”اسانجي پڙهڻ جو مقصد ڇاآهي؟“
    ”پنهنجي ذهن کي روشن ڪرڻ لاءِ، ڄاڻ حاصل ڪرڻ“
    ”اهي سڀ پيٽ ڀرئي جون ڳالهيون آهن“
    ”شعور جي واڌ کان انڪاري آهين؟“
    ”نه، شعور وڌي ٿو پر شعور يا ڄاڻ بک نه مٽائيندي آهي“
    ”شعور يا ڄاڻ کانسواءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا بک مٽائيندي آهي؟“
    ”فطرت جي باري ۾ ڄاڻ، اقتصادي مسئلن کي حل ڪندي آهي“
    ”منهنجو مطلب ايڏي وڏي پئماني تي نه هيو“
    ”مان ڳالهه ڪئي ننڍي پئماني جي، جنهن مطابق اسان هيٺئين وچين ۽ هيٺئين طبقي جا ماڻهو تعليم حاصل ئي انلاءِ ڪريون ٿا ته پيٽ جي باهه جا الا گهٽائي سگهون. پر ان سان گڏ شعور به ملي وڃي ٿو، ۽ شعور اسانکي هر ڳالهه جو شدت سان احساس ڏياري ٿو ۽ پوءِ اهو احساس به پيدا ٿئي ٿو ته زندگي ڪيئن گهارجي“
    ”زندگي گذارڻ ڪو مسئلو نه آهي“ تون گهرو ساهه کڻندي چيو.
    ”بلڪل ناهي. پر، ڪٿي وري زندگي گھارڻ کان بهتر آهي ته موت اچي“
    ”ايڏي مايوسي!“
    ”مايوس ڇو نه ٿيون، اسانجون سياسي تحريڪون صرف ان ڪري ناڪام ٿي رهيون آهن، جو انهن ۾ گھڻائي اسان واري طبقي جي آهي، جيڪو پنهنجي معاشي مسئلن جي مونجھارن ۾ فائيل ڪڇ ۾ کڻي آفيس ۾ نور نچوئي رهيا آهن“
    ”ڳالهه ته شاگرد جي مستقبل جي هلي رهي هئي“
    ”ها شاگرد، اسان به ان سماج جي پيداوار آهيون، سياست به ان ڪري ئي ڌڪ کائي رهي آهي“
    ”شاگرد سياست مان مايوس آهين؟“
    ”شاگرد سياست مان نه، پر ڇڙواڳي، جھالت، فيوڊل لاڙن ۽ غيرجمهوري قدرن مان. شاگردن ۾ڪا به موثر تنظيم نه آهي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي، پنهنجن جي رت سان هٿ رڱيو ويٺا آهن. ٿورن شاگردن کانسواءِ ٻيا شاگرد، نوڪري ملڻ کانپوءِ سياست کان لنوائي رهيا آهن. ساحره مستقبل ڏاڍو ڏکيو آهي“
    ”مستقبل اونداهو ناهي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو“
    ”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، پر ڪيئن؟ ٻه مهينا اڳ ٻه گروپ پاڻ ۾ وڙهي هڪ ٻئي کي زخمي ڪري ۽ ماري وڌائون. ساحره! انهن شاگردن جون مائرون ڪيتريون رنيون هونديون! انهن جي جذبن کي ڪهڙي گروپ جي همدردين ۽ نفرتن جي پئماني ۾ توريون؟ ياد نه اٿئي ٽوڙي ڦاٽڪ واري واقعي ۾ ڪيترا شاگرد شهيد ٿي ويا. انهن جي گھر شاگرد سرٽيفڪيٽ وٺي نه پر شهادت جي سند سان داخل ٿي“
    ”هر تحريڪ جي شروعات ايئن ٿيندي آهي“
    ”هرگز نه! ڪابه تحريڪ شعوري غلطين، نااهليءَ ۽ جهالت جي محراب کان شروع نه ٿيندي آهي. چڱو ڀلا تون ٻڌاءِ، تنهنجو مستقبل ڇا آهي!“
    ”ڪجھه به نه، ٻارن جي سنڀال ۽ بورچيخاني جي باهه“
    ”پوءِ پڙهڻ مان فائدو؟ مان به ته اهوئي چوڻ چاهيان ٿو ته منهنجي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟“
    ”تون اداس ۽ مايوس نه ٿيءُ، تنهنجي اداسي، مون تي به اثر ڪري رهي آهي. شايد هيپناٽائيز ڪرڻ ڄاڻين ٿو. تنهنجيءَ ان پريشانيءَ جو حل ڪوبه هڪدم نه ٻڌائي سگھندو، مون کي يقين آهي ته تون هڪ ڏينهن ان ڪُنَ مان نڪري ايندين، ڇو جو هر شيءِ جو هڪ مقرر وقت ٿيندو آهي. پريشان ٿيڻ سان تڪليفون ختم نه ٿينديون آهن، پر انسان جو پنهنجو زيان ٿيندو آهي.“
    ”پوڙهن واريون نصيحتون ٿي ڪرين“
    ”نه ايئن ناهي، تون وقت جو انتظار ڪر، مون کي يقين آهي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن تنهنجيءَ پيشانيءَ تي ڪاميابين جو سج ضرور چمڪندو ۽ تنهنجي اکين ۾ خوشين جي انڊلٺ کڙيل هوندي“
    تنهنجي چهري تي به مايوسي ۽ اداسيءَ جي ول ڦهلجي وئي، ماحول سمورو اداس ٿي ويو هو، مون ماحول کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ توکي چيو
    ”ٺيڪ آهي، هاڻي پنهنجو موڊ ٺيڪ ڪر، مان ته مڙيئي ڳالهيون پئي ڪيون“
    تون ڳنڀير ٿيندي چيو:
    ”تون، پريشان نه ٿيندو ڪر، تون پريشان ٿين ته اهو به سوچيندو ڪر ته تنهنجي چهري تي پريشاني پسي، هڪڙي چري ڇوڪري پنهنجي ليکي پريشان ٿي ويندي آهي. ڪاش! خوشيون ڪٿان ملن ها ته، مان پنهنجو وجود وڃائي به تنهنجي لاءِ خوشيون خريد ڪيان ها.“
    ”سٺو ڊائلاگ آهي، ڪهڙي فلم جو آهي؟“ مون موضوع بدلائيندي مذاق مان چيو.
    تنهنجو موڊ ٺيڪ ٿي ويو هو ۽ کلندي چيو هيئه ته
    ”فلم جو ناهي، رات تنهنجون ڪهاڻيون پڙهيون هئم“
    ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويا ۽ ڀرسان بيٺل رابيل به پنهنجن اڇن اجرن ڏندن سان کلڻ لڳو.


    13

    انسان وٽ اڃان تائين اها شڪتي نه آئي آهي، جنهن وسيلي هو پنهنجي اندر جي اڌمن کي مڪمل نموني ظاهر ڪري سگهي.
    جڏهن ته جذبن ظاهر ڪرڻ جا هيترا سارا طريقا آهن، پر ماڻهو مڪمل طرح اظهار ڪري نٿو سگهي، پوءِ کڻي اهو لکڻ جي روپ ۾ هجي، پينٽنگ جي ذريعي هجي، عضون جي شاعري ناچ ذريعي هجي. تون به هڪ ڏينهن چيو هو ”منهنجي من ۾ ايترا جذبا، ايتريون ڳالهيون آهن جو، انهن کي ظاهر نه ٿي ڪري سگھان. مان تو ڏي خط به ان ڪري لکندي آهيان. هڪڙو سبب ته اهو آهي جو تنهنجي سامهون مان ڪجھه ڳالهيون توکي نه چئي سگھندي آهيان. ٻيو سبب اهو آهي، جو يونيورسٽيءَ کانپوءِ گھر وڃڻ بعد به، مان توسان ڳالهيون ڪرڻ چاهيندي آهيان پر تون موجود نه هوندو آهين. تنهن ڪري مان پنهنجي سموري اُڻ تُڻ، هورا کورا ڪاغذ تي پيٽيندي آهيان“
    تنهنجو خط پوسٽ رستي ملندو هو ۽ ساڳي طرح منهنجو خط به تو وٽ اهڙي ريت پهچي ويندو هو.
    تنهنجو هڪ خط مليو، جنهن ۾ هڪ تبديلي نظر آئي. اڳي تون منهنجو نالو ثاقب لکندي هئينءَ، پر هن ڀيري تو لکيو
    ”ساقي!
    توکي اهو نالو پسند آيو الائي نه! ساقي چوندا آهن پيارڻ واري کي، هاڻي مان به ڏسان ته تون پنهنجي خلوص جي پيالي مان مون کي، ڏک پيارين ٿو يا سُک. بهرحال تنهنجي ڏنل ڏک به مون کي سٺا لڳندا ڇاڪاڻ جو ڪجھه ماڻهو، ڏک به اهڙي طرح پيئاريندا آهن جو انهن کي کلي پيئڻ تي دل چوندي آهي. هر دور ۾ هڪڙو ساقي هوندو آهي ۽ هڪ رند. آدم ۽ حوا به ايئن هيا، ته سهڻي ميهار به، علي نواز ناز ۽ بالي به، عمر ۽ فاطمه به نوري ڄام تماچي به، نورجھان ۽ جھانگير به، ساحر ۽ امرتا پريتم به، بهرحال اِهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي، ته انهن مان رند ڪير آهي ۽ ساقي ڪهڙو؟ باقي، منهنجو ساقي ته تون آهين، آهين نه!؟“
    مون کي ٽپالي، نالي سان ۽ روبرو سڃاڻيندو هو، منهنجا خط هاسٽل تي پهچائڻ بجاءِ مون کي يونيورسٽيءَ ۾ ڏيندو هو. مون وٽ جڏهن تنهنجو خط پهتو ان وقت مون وٽ حريم به ويٺي هئي. حريم جيڪا هفتي هفتي پنهنجو هيئراسٽائيل چينج ڪندي هئي ۽ روز نون ڪپڙن جي نمائش ڪندي هئي. هڪ ڏينهن تون مذاق ۾ چيو هو ته ”ڪڏهن ته هُن جي ڪنهن اسٽائيل جي تعريف به کڻي ڪر، ويچاري روز روز جي مصيبت کان ڇُٽي پوندي.“
    منهنجي منهن تي مرڪُ ڏسي حريم جڏهن پڇيو ”ڪنهن جو خط آهي؟“
    ”دوست جو“
    ”اهڙيون مزيدار ڳالهيون لکيون اٿئين ڇا؟“
    ”ها، ڏاڍيون دلچسپ، حريم، ڪڏهن مَڌ پيتي ٿي؟“
    ”نه ابا، اهڙو خراب ڪم، مان نه ڪنديس“ گھٻرائجي حريم جواب ڏنو هيو.
    مان توکي جواب لکيو هيو.
    ”تنهنجو نئون ڏنل نالو ڏاڍو سٺو لڳو، مون کي خوشي آهي ته تون مون کي ساقي سمجھين ٿي، منهنجي ته هر دم ڪوشش اِها هوندي ته جيترو ٿي سگھي، پنهنجي خلوص ۽ پيار جي مَڌ تنهنجي جام ۾ وجھي توکي پياريندو وڃان، پوءِ ڀلي ڪو رِند ايڏو مدهوش ڇو نه ٿي وڃي، جو مون کي اُن کي کڻي منزل تائين پهچائڻو پوي. مون کي سڀ ڪجھه منظور آهي“
    ٻه ٽي ڏينهن يونيورسٽي، احتجاج جي ڪري پنهنجون بسون بند ڪيون هيون.
    تنهنجو خط پهتو.
    ”ساقي!
    تو لکيو آهي ته”منهنجي به هر دم اها ڪوشش هوندي ته جيترو ٿي سگھي ته پنهنجي خلوص ۽ پيار جي مڌَ تنهنجي جام ۾ وجھي توکي پياريندو وڃان، پوءِ ڀلي ڪو رِند ايڏو مدهوش ڇو نه ٿي وڃي، جو مون کي انُ کي ڪلهن تي کڻي منزل تي پهچائڻو پوي“
    ساقي!
    مڌ پي وڦلندو اهو آهي، جيڪو سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ مڌ جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ سڪندو آهي، ۽ جڏهن هن کي مڌ ملندي آهي ته هو ايترو پيئندو آهي جو وڦلي پوندو آهي ۽ پوءِ ساقيءَ کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي منزل تي پڄائڻو پوندو آهي.
    ته ساقي! مان انهن ماڻهن مان ناهيان، خدا جو شڪر آهي جو، منهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن کان، مون کي چاهتون ۽ پيار مليو آهي ۽ لڳندو آهي ته منهنجو وجود ٺهيل ئي انهن چاهتن سان آهي. مون کي چاهتن ۽ پيار لاءِ سڪڻو نه پوندو آهي. جڏهن، سڄي زندگي انهن چاهتن جي غرور ۽ سرور ۾ نه وڦليم ته اهو ناممڪن آهي تنهنجي خلوص ۽ پيار جي مڌ پي وڦلي پوان ۽ ڪنهن جي ڪلهن تي منزل تائين پهچڻ جو سفر طئي ڪيان؟ ان لاءِ مون کي سهارن جي ضرورت ناهي. مان مدهوش ٿي به، خود تلاش ڪري سگھان ٿي ۽ وڦلندا اهي به شخص آهن، جيڪي، ضرورت کان وڌيڪ پيئندا آهن. اهو سوچڻ بنا ته ڏکن ۽ سکن وانگر مڌ به اندر وڃي انسان جو وجود کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي. گھڻا ڏک به زهر ۽ گھڻا سک به ڪوڙاڻ ڏيندا آهن. مان ڏکن ۽ سکن ۾ برابري رکڻ چاهيان ٿي، خدا نه ڪري جو مان همدردي ۽ رحم جي مڌ لاءِ سڪان، مان اهڙي مڌ کي ٿڏي به سگھان ٿي. مون کي خوشي آهي ته منهنجي زندگي تتل ريگستان ۾ نه گذري رهي آهي، پر منهنجي زندگي پنهنجن پيارن جي پياريل مڌ ۾ گذري آهي ۽ بغير ڪنهن سهاري جي، ڪنڌ مٿي ڪري گھمي رهي آهيان.
    ان لاءِ منهنجي وڦلڻ جو سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي. اڃان تنهنجون اهڙيون سوچون، منهنجي جام ۾ زهر ملائي ڇڏين ٿيون. ڀلا جڏهن مڌ پيارڻي ئي آهي ته ان جو ڀوءُ ڇو ۽ ڪلهن تي کڻي پڄائڻ جي سوچ ڇو؟
    مون وٽ پيار ۽ خلوص جي مڌ گھڻي مقدار ۾ موجود آهي، جنهن کي ڏسي ڪنهن به ساقي جو هٿ ڏڪي سگھي ٿو ۽ ان جي تصور سان مدهوش ٿي سگھي ٿو. ان لاءِ جو، منهنجي پيماني ۾ کوٽ ۽ ڪوڙ جي ملاوٽ ناهي.“
    تنهنجي خط پهچڻ سان مون کي ڏاڍو ڏک پهتو ته تون، مون کي غلط سمجھيو ۽ منهنجن خيالن جي سچائي کي صحيح نموني نه پرکي سگھينءَ. مان توڏي خط لکيو ته.
    ”ساحره!
    تون لفظن جي سحر سان ڪنهن ٻي کي ته متاثر ڪري سگھين ٿي. پر منهنجي لاءِ اها ڪوشش بيڪار آهي. مون کي افسوس آهي ته تون منهنجن جذبن جي سچائيءَ کي پرکي نه سگھينءَ، ڪيئن سمجھندينءَ؟ سچائيءَ کي پرکڻ لاءِ سچو من کپي.
    تنهنجي غلطي آهي جي اهو سمجھين ٿي ته تون مڌ پي، وڦلي نه ٿي سگھين. اها ته تنهنجي ساقيءَ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن پيئڻو ئي آهي، ته پوءِ اهو سوچڻ اجايو آهي ته ماڻهو وڦلي به نه. احتياط سان ماڻهو هر جام کي چپن سان لڳائي ته پوءِ فائدو ڪهڙو؟ مئي جو ڪم آهي مدهوش ڪرڻ، ان کان ڪوئي بچڻ چاهي ٿو ته پوءِ مڌ پيئڻ جي ڪوشش ئي نه ڪري. مون کي افسوس آهي جو، مون کي ساقي به سمجھين ٿي ۽ بي اعتمادي به ڪرين ٿي“
    تو جواب لکيو
    ”ساقي!
    ساري (Sorry) توکي منهنجي مڌ ۽ ساقيءَ واريون ڳالهيون سٺيون نه لڳيون. پر ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي لفظن جي غلط چونڊ ڪري، تنهنجي ڳالهه جو مقصد ڦري ويندو آهي. بهرحال، تنهنجي پيار ۽ خلوص جي جيڪا مڌ مون کي ملندي، مون کي يقين آهي اگر مان مدهوش ٿي به وڃان ته ساقيءَ کي منهنجو وجود بار محسوس نه ٿيندو. ٻيهر ساري (Sorry )ڪيان ٿي.
    ڇو جو بحث ڊگھو ٿي ويو. پر بحث مان اهو فائدو آهي جو، ٻين جي خيالن جي خبر پئي ٿي.
    تنهنجو خط ڏاڍو مختصر هو. تون واقعي به مون کي چڱي نموني نه سمجھيو آهي. مان جڏهن اداس يا پريشان ٿيندي آهيان. ته توکي خبر ئي نه پوندي آهي. خبر ناهي مونکي تاثرات لڪائڻ جي سگھه آهي يا تنهنجين اکين ۾ ايتري طاقت ناهي، جو منهنجي من جي پاتال ۾ ٻرندڙ لاوا تائين پڄي سگھين. هونئن اڄڪلهه مان ڏاڍي پريشان آهيان. سبب جي خبر ئي نه ٿي پوي. شايد واندڪائي جي ڪري يا موسم جو به اثر ٿي سگھي ٿو. مٿان وري هي شام وارو ٽاڻو. ڇا ائين نه ٿو ٿي سگھي ته شام جو وقت ئي نه اچي! ڏينهن کان پوءِ هڪدم رات ٿي وڃي. ضروري آهي ته سج جو زوال اچي؟ خبر ناهي، منهنجي وجود سان هن شام جو ڪهڙو رشتو آهي! منهنجي دل چاهيندي آهي ته سج جي لهڻ تي زور زور سان روئان. ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته، پنهنجين انهن ٻرندڙ اکين جي ڇپرن تي ڳوڙهن جون ڏياٽيون ٻاريان. منهنجو خيال آهي ته ڏاڍو مزو ايندو. ڇاڪاڻ جو ڪڏهن ڪڏهن خوشين ۽ کلڻ کان مونجهه ٿيڻ لڳندي آهي، سڀ ڪجھه مصنوعي لڳندو آهي. ڪنهن ڪم کان بغير پنهنجو وجود اڌورو لڳي ٿو ۽ پوءِ چاهيندي آهيان ته ڪنهن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي کوڙ سارا ڳوڙها وهايان. اهي ڳوڙها جيڪي مان هر انسان جي غم کي، پنهنجو غم سمجھي پي وئي آهيان. ٻين جي غم تي ڳوڙها وهندا آهن ته دل چاهيندي آهي ته، منهنجو پنهنجو به غم هجي جنهن تي ڳوڙها نڪري اچن. جڏهن دل چاهيندي آهي ته پوءِ، بغير سبب جي ڳوڙها وهندا آهن ۽ ٽشو پيپر کان سواءِ منهنجو ساٿ ڏيڻ وارو ڪوبه نه هوندو آهي. گھر وارن جي سامهون مان ڪڏهن به اکين ۾ پاڻي اچڻ نه ڏيندي آهيان، ڇو جو مون کي خبر آهي ته هي پياريون هستيون هڪ هڪ ڳوڙهي کي پنهنجي دل تي ٽانڊي وانگر محسوس ڪنديون آهن. اهي مون کي هميشه کلندو ڏسڻ چاهن ٿيون. اهو سوچڻ کان سواءِ ته ساحره مصنوعي زندگي گذارڻ نه ٿي چاهي، ۽ مون ۾ روئندي به کلڻ جو حوصلو آهي.
    بهرحال، کلڻ ۽ روئڻ جو فلسفو به عجيب آهي، انسان ڪنهن به حال تي خوش نه ٿو رهي. منهنجو خيال آهي ته منهنجو روح، مرڻ کانپوءِ به ڀٽڪندو وتندو. ان لاءِ جو مان هن دنيا ۾ ڪنهن کي به ايترو فري ٿيڻ نه ڏنو ته مان پنهنجا ڳوڙها ڪنهن جي ڪلهي تي وهائي، غمن جو مزو وٺي سگھان، تون چوندين ته بيوقوف ڇوڪري آهي. جو خوشين کان ڀڄي غم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. مگر ڇا ڪيان مون کي ڪنڊن ۾ ٽڙيل گلاب سٺا لڳندا آهن. هونئن به هاڻي مان پريشان ناهيان ڇو جو مان پنهنجي پريشاني تنهنجن ڪلهن تي اڇلي ڇڏي آهي. ۽ دل چئي ٿي ته هاڻي زور زور سان کلان، بهرحال هي عجيب ۽ غريب خيال لکي، ڏاڍي پرسڪون ٿي وئي آهيان. خدا ڪري تون به پرسڪون رهين“
    تنهنجي خط ملڻ کان پوءِ مون کي کل اچي وئي ڇو جو تنهنجن خيالن ۾ گھڻو تضاد هيو، ڪڏهن ته چئين ٿي ته توکي خوشيون گھڻيون مليون آهن ۽ غمن کان نفرت ڪرين ٿي ته وري غمن جي طلب به ڪرين ٿي.
    جڏهن شام جا پاڇا پوڻ لڳا. سج آهستي آهستي ٻڏڻ لڳو، افق تي ڳاڙهي چادر وڇجڻ شروع ٿي وئي. مان توکي ٽيليفون ڪئي. ”هيلو ...“
    ”هيلو ڪير؟ “
    ”جيڪو، تنهنجن خيالن ۾ رهندو آهي“
    ”الائي ڪير ٿا ڳالهايو؟“ مذاق مان وراڻيو هيئه.
    ” مڌ پيئندينءَ“
    ”اڃا نه سڃاتم“(شرارت مان چيئه).
    ”اهو ئي جنهن جو ڪلهو هميشه تنهنجي لاءِ هر وقت حاضر رهندو. تون جڏهن به چاهين، منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ڳوڙها ڳاڙي سگھين ٿي“
    ” ٿينڪ يو“
    ”ٿينڪ يو جي ڳالهه ناهي، تون چري ڇوڪري ناهين، غمن جي طلب اجائي ناهي، ڏک ۽ سک زندگيءَ جو سرمايو آهن. هر شيءِ جو تضاد هجڻ ضروري آهي، نه ته اڳلي شيءِ جي اهميت محسوس نه ٿي ٿئي.
    فريم آف ريفرينس ضروري آهي، مٿي هوائي جهاز جي دريءَ مان ٻاهر ڏسبو آهي ته خبر ئي نه پوندي آهي ته هلي به ٿو يا نه، ڇاڪاڻ جو اتي ڪابه اهڙي ساڪن شيءِ نه هوندي آهي.، جنهن سان ڀيٽي سگھجي ته جهاز تحرڪ ۾ آهي. ها اهو تون ڪيئن لکيو آهي ته مان توکي سمجھي نه ٿو سگھان ؟“
    ”تون ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي آهي، ۽ منهنجي پريشاني ۽ اداسي کي سمجھي نه سگھيو آهين.“
    ”مان سڀ ڪجھه سمجھندو آهيان، پر ناهيان چاهيندو ته ڪنهن جي ڏکن کي اندر مان کولي ۽ انهن ڏکن جي اثر کي وڌائجي. رک ۾ پوريل ٽانڊا، آهستي آهستي وسامي ويندا آهن. پر جيڪڏهن انهن ٽانڊن تان خاڪ لاهي وري ظاهر ڪبو ته انهن جو تاءُ وڌي ويندو ۽ باهه ٻرڻ شروع ٿي ويندي.
    هلو ....ٻڌين ٿي نه؟ “
    ”ها ها ٻڌاءِ ،مان اڄ رڳو ٻڌڻ چاهيان ٿي.“
    ”هونئن به اسانجو ذهن عجيب آهي، ڪنهن ڳالهه جي گھڻي چوڻ سان اسانجو ذهن به ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ شروع ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي چئبو ته تون پريشان آهين ته هو واقعي پريشان ٿيڻ شروع ٿي ويندو. ايئن آهي نه؟“
    ”ها ايئن آهي!“
    ”جيئن تون پريشان چئي چئي، مون کي پريشان ڪري ڇڏيندي آهين.“ کلندي چيم
    ”ها، پر تون مون کان وڌيڪ ماهر هيپناٽسٽ آهين، جو تون پريشان ٿيندو آهين ته اها پريشاني مون کي به پريشان ڪري ڇڏيندي آهي.“
    ”ها ها ....متان نه مڃين.“ کلندي چيم.
    ”مڃي ته اڳ ۾ چڪي آهيان“ تون شرارت ۾ وراڻيو هو.
    ”ڪهڙي حيثيت ۾؟“
    ”اها منهنجي دل ۾ آهي.“
    ”مهرباني ڪري، ٽن دفعن مڃڻ واري حيثيت ۾ نه مڃجانءِ نه ته قهر ٿيندو.“
    ”ها، ها ... ڊڄي وئين نه“ هاڻي تنهنجي کلڻ جو وارو هيو.
    ”ها، ڀوائتين ڳالهين کان ڊڄندو آهيان“
    ”شام ڪيڏي نه خوبصورت ٿي وئي آهي“
    ”چوندو آهيان نه ته موسم اندر جي هوندي آهي، جيڪا ٻاهرين ماحول تي اثر ڇڏي ٿي“
    ”ايئن ناهي، خبر ٿي، صرف تنهنجي ڳالهائڻ جي ڪري شام خوبصورت ٿي وئي آهي“
    ”ڀلا سڀاڻي ايندينءَ؟ ڪلهه به نه آئي هئينءَ“
    ”ها، پر هڪ شرط تي...“
    ”ڪهڙي؟“
    ”چانهه پيئنداسي پر مٺي“ شرارت مان چيو هيئه،
    مان به مذاق مان کلندي جواب ڏنو هيم
    ”توهان اچو ته سهي، توهان کي چانهه ضرور ملندي“
    ٻنهي جي ٽهڪن سان گڏ رسيور به پنهنجي اڌ وجود، ڪريڊل سان مليو.


    14

    يونيورسٽيءَ آئين ته بهار جي موسم ڪري توکي بسنتي رنگ جا ڪپڙا پهريل هيا. مون توکي چيو
    “ڪپڙا ته سٺا پائي آئي آهين؟”
    “سٺن ماڻهن سان رهي، ٽيسٽ سٺي ٿي وئي آهي.” مرڪندي چئيه
    “مان هن دفعي ڏاڍي تجسس ۾ هيس ته هن بسنت ۾ ڇو ڀلا، ڪوئي بسنتي رنگ نه پائي آيو آهي؟ هڪ ٻن سان اهڙو ذڪر به ڪيم”
    ”هون! تڏهن اڄ گھڻيون ڇوڪريون بسنتي رنگ پائي آيون آهن“
    ”منهنجي ڪري ٿوڙئي پائي آيون هونديون“
    ”نه خدا جو قسم تنهنجي ڪري پائي آيون آهن“
    ”تون ماڻهن کي بيوقوف سٺو بڻائيندي آهين“
    ”يقين ڪر“
    ”ڀلا ڳالهه ٻڌ، ذهن ۾ هڪڙي ڳالهه آئي آهي“
    ”ڪهڙي؟“
    ”بهار هلي ٿو، ڏس ته اسان جي سامهون بيٺل وڻ ڪيئن ساوا ٿي ويا آهن، ان موقعي تي ٽيبل ٽينس چئمپنشپ ڪرايون“
    ”سٺي ڳالهه آهي.“
    ”جيڪو ڇوڪرو کٽي، اهو بسنت بواءِ، “ڇوڪري” “بسنت گرل” ۽ مڪس ڊبل به ڪرايون، ان جو اعزاز هجي “بسنت پيئر.“
    ”بسنت ڪپل ڇو نه؟“
    ”ماڻهو چڙي پوندا“
    اکين جون ڀرون تاڻيندي شرارت مان چيئه.
    ”نه ڪپل“
    ”نه، ماڻهو چڙي پوندا“
    ”ڇوڪريءَ کي بسنت گرل بجاءِ بسنتي ڇو نه سڏيون“
    مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ ان وقت ئي انچارج ٽيچر سان ملياسين، جنهن به خوشيءَ سان اجازت ڏني ۽ پوءِ سرڪيولر ڪڍي سڀني نوٽيس بورڊن تي هنيوسين.
    چئمپينشپ ڏاڍي ڪامياب رهي. ان ۾ ڪافي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن حصو ورتو. “بسنت گرل” جو اعزاز تو حاصل ڪيو. مان آرگنائيزر هجڻ ڪري ٽورنامينٽ ۾ حصو نه پئي ورتو. تو ضد ڪيو ته مڪسڊ ڊبل ۾ تنهنجو پارٽنر ٿيان. تنهنجي گھڻي زور رکڻ جي ڪري ها ڪئي هيم. چئمپينشپ ۾ تمام سخت مقابلا ٿيا. آخرڪار ”بسنت پيئر“ جو اعزاز تون ۽ مان حاصل ڪيو. تنهنجي چهري تي خوشين جي آتش بازي ٿي رهي هئي. تون پنهنجي ڪاميابيءَ تي ڏاڍي خوش هئينءَ.
    انعامن ورهائڻ جي تقريب ۾ بهار جي حوالي سان ”ڪپ“ ڏيڻ کان پهريان گلدستو ڏنو پئي ويو. تون جڏهن بسنت گرل جو اعزاز وٺڻ آئي هئينءَ ته ڇوڪرا توتي ”هوٽنگ“ ڪندي سڏڻ لڳا ”بسنتي“، ٻي ڪنڊ مان سنهڙي آواز ۾ سڏ ٿيو ”بسنتي“ ته ڪنهن ڳوري آواز ۾ لانڍ سان سڏ ڪيو ”اري بسنتي، اري او، بسنتي“
    سڄي هال ۾ کل جو ٽاڪوڙو مچي ويو، تون گھٻراهٽ يا چڙ جو اظهار نه ڪيو ۽ انعام وٺي کلندي ڪپ کي مٿي ڪيو ته تاڙيون وڄي ويون.
    فرخنده رنر هئي، هن کي اڇي ڊريس، اڇو راند وارو بوٽ پاتل هو ۽ پنهنجي اڇي رئي کي ڪلهن تان هٽائي، ڇاتيءَ وٽان ڪراس ڪري ڳنڍ ڏئي ڇڏي هئائين. هوءَ جيئن انعام وٺڻ لاءِ مٿي آئي ته هڪڙي ڇوڪري رڙ ڪئي
    “کهاڻا هئي بهئي کهاڻا، ڊائنگ ڪار کا کهاڻا.”
    سڀني کان بي اختيار ٽهڪ نڪري ويا ڇو جو واقعي به فرخنده ڊائننگ ڪار جي بيري وانگر لڳي رهي هئي. هن ويچاريءَ به مائينڊ نه ڪيو ۽ انعام وٺڻ لاءِ جڏهن مٿي آئي ته ڪجھه دير رڪجي وئي ڇو جو مهمان خاص به کلڻ ۾ مصروف هيو.
    جڏهن ”بسنت پيئر“ جي انعام وٺڻ لاءِ ٻئي ڄڻا مٿي اسٽيج تي وڃڻ لڳاسين ته ڪن ۾ چيئه ”پيئر نه، ڪپل“
    مان چيو ”نه“
    ”ڪپل نه، پيئر“ ان تڪرار ۾ مٿي پهتاسين، ڇوڪرين سهرو ڳائڻ شروع ڪيو.
    ۽ ڪنهن رڙ ڪئي.
    ” هم چلي، دشمن جلي. شالا جوڙي ڪون نظر نه لاگي“
    ان گوڙ ۾ ٻنهي انعام ورتو، تو گلدستو ورتو ۽ مان ڪپ. فليش چمڪاٽ ڪرڻ لڳي، تون ڏاڍي خوش هئينءَ ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيئه ”ڪپل“
    ”نه نه “ ۽ مون کان ٽهڪ نڪري ويو.
    ٻاهر لان تي ريفريشمنٽ جو بندوبست ڪيو ويو هو. تون منهنجي لاءِ به پليٽ ٺاهي کڻي آئي هئينءَ. ٻئي ڄڻا لان جي ڪنڊ ۾ بيٺاسين.
    تو چيو:
    ”اڄ ڏاڍي خوش آهيان.“
    ”مان اڄ ٽي اعزاز کٽيا آهن. بسنت گرل، بسنت پيئر ۽...“
    مان تنهنجي ڳالهه کي لنوائيندي پڇيو.
    ”تو محبت ڪئي آهي؟“
    ”نه“
    ”ڇو؟“
    ”مون کي منهنجي ناني چيو هو ته، ڪڏهن محبت يا عشق نه ڪجانءِ، جي ڪرين ته هن زمين تي رهندڙ هر ماڻهوءَ سان عشق ڪجانء.“
    ”محبت ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن انڊڪٽو ۽ ڊڊڪٽو” Inductive & Deductive يعني انفراديت کان اجتماعيت ڏانهن يا اجتماعيت کان انفراديت ڏانهن، باقي محبت کان انڪار بيوقوفي آهي!“
    ”ڏس نه! تون جنهن کي محبت چئين ٿو. ڪڏهن محبت جي لفظ ۽ انهن چئن اکرن تي غور ڪيو آٿي. محبت سراسر خود غرضي، مطلب پرستي ۽ وقتي جذبي جو نالو آهي. محبت هڪ طرح جو سودو آهي خوشين ۽ ڏکن جو. جنهن ۾ وقت گذارڻ سان گڏوگڏ خوشيون به، ڏکن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. ۽ ان جو اختتام نفرت تي ٿئي ٿو. منهنجو مطلب آهي ته، محبت اهڙي خواهش يا جذبو آهي، جيڪو بدلجي سگھي ٿو، ان ڪري مان خودغرضي، خيالن ۽ جذبن جو سودو ڪڏهن به نه ڪري سگھيم. ڇو جو مون کي بدلجڻ وارا چهرا ۽ چاهتون ڪڏهن به سٺيون نه لڳيون“
    ”تون محبت تي نه، دوکي تي ڳالهائي رهي آهين“
    ”تنهنجو پنهنجو خيال آهي، هونئن به مان باشعور ڇوڪري آهيان. ڳوٺ جي سادي سودي نينگري ته ناهيان، جيڪا محبت ته گھر جي سامهون واري دوڪاندار جي پٽ سان ڪندي آهي ۽ شادي ٿي ويندي اٿس سوٽ سان ته، روئي رڙي سمجھوتو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ ٻارن جي فوج سان گڏ ڏاڍي خوش ۽ مطمئن رهندي آهي. اها آهي نه محبت؟“
    تون ڪڙي لهجي ۾ محبت جي باري ۾ ڳالهائي رهي هئينءَ.
    ”مان اڳ ۾ به توکي چيو ته تون محبت جي توهين ڪري رهي آهين. هن وقت تائين، تون صرف دوکي ۽ دولاب واري محبت جو رخ ڏٺو آهي. محبت ته هر طرف روشني پکيڙي ٿي، ماڻهوءَ جي من کي جرڪائي ٿي، هن کي زندهه رهڻ جو ڏانءُ سيکاري ٿي، محبت تخليق جو محرڪ آهي، ڪنهن به تخليق لاءِ ضروري آهي ته تخليقڪار جي، مخلوق سان محبت هجي، نه ته ارتقا ۽ پيدائش جو عمل رڪجي ويندو ”محبت ۽ عشق“ ٻئي هن دنيا کي قائم رکڻ جا محرڪ آهن.“
    تون جذباتي ٿي وئينءَ.
    ”مون کي عشق کان نفرت آهي. مان عشق ڇو نه ڪيو؟ ان جو سبب اهو آهي ته عشق، جنون آهي، جنهن ۾ انسان هر شيءِ جي برائيءَ ۽ سٺائيءَ کان بيگانو ٿي ديوانو ٿي ويندو آهي، هن جو مقصد صرف حصول هوندو آهي، چاهي اهو حصول ناڪام حسرتن ۽ ٽٽل دل تي ٻڌل ڇو نه هجي، هر جنون جي پڄاڻي خود ڪشي هوندي آهي. مان مرڻ نه ٿي چاهيان، مان اڃان خوبصورت نظارن ۽ قدرت جي حسين منظرن کي پنهنجي اکين ۾ سمائڻ چاهيان ٿي، مان اڃان اڃايل آهيان.
    ناني جي چوڻ مطابق، مان عشق فرد واحد سان نه، پر مان پنهنجي عشق ۽ محبت کي خدا جي حسين نظارن سان لاڳاپي ڇڏيوآهي. ان عشق مون کي سڪون بخشيو آهي.
    بس ان جذبن کي ڇڏي، مان پيار جي جذبي کي پنهنجو ڪيو آهي. مان ان جذبي کي قيد نه ڪيو آهي، مان هن زمين تي رهڻ واري هر انسان سان پيار ڪيو آهي، سواءِ ڪنهن موٽ جي ته، موٽ ۾ مون کي پيار ملي ٿو، يانفرت، پيار جي غرض، بي لوث ۽ امر هوندي آهي.“
    ”تون پيار، محبت ۽ عشق کي الڳ الڳ ڪيو آهي، جڏهن ته، اهي ٽئي پيار جا مختلف ڏاڪا آهن. پيار محبت ۾ تبديل ٿئي ٿو. باقي تنهنجي اها ڳالهه ته محبت غرض آهي، جيئن توکي اڳ ۾ چيم ته، تون محبت جو اونداهو طرف ڏسي رهي آهين، عشق جو اختتام، ناڪامي، مايوسي، نامرادي ناهي. عشق جو حصول ڇا آهي؟ اهو هر عشق ڪرڻ واري ماڻهوءَ تي منحصر آهي، جيڪو عشق ڪري ٿو. باقي، منهنجي نظر ۾، ته اهو عشق جو حصول آهي، ته جيڪڏهن ٻه وجود ٻي هنڌ رهندي به، چاهت ۾ تبديلي نه آڻين ۽ هڪٻئي کي شدت سان چاهين ته اهو عشق جو حصول آهي، باقي، اهو قطعي به عشق جو حصول ناهي ته عشق ڪرڻ وارن جي پاڻ ۾ لازما شادي ٿئي. بهرحال مان تنهنجين انهن ڳالهين کي عملي طرح غلط ثابت ڪندس. تون، مون سان ڇا ٿي ڪرين؟“
    ”پيار!“ تون امالڪ چيو.
    ”ٺيڪ آهي.“ مون مرڪندي توکي چيو.


    15

    مان، منور ۽ واصف، ڪينٽين جي لان تي ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هياسين، سامهون ڪچنار جي وڻن ۾ خوبصورت اڇا ۽ فيروزي گل لڏي لمي رهيا هيا. تون به ڪچنار جي گلن سان جنجهل ٽاري جيان لڏندي لمندي اسان وٽ اچي ويٺي هئينءَ. تنهنجي واصف سان اڳ ۾ ملاقات نه هئي.
    ”هي منهنجو دوست واصف آهي، انجنيئر پر ان سان گڏ، لفظن جو به سٺو انجنيئر آهي، شاعري ڪندو آهي، گھڻو پڙهي ويو آهي، هاڻي ٿورو...“ مان لوندڙي وٽ آڱر کي ڦيرايو، سڀئي کلي ويٺاسين.
    ”شاعري ڪندا آهيو، ڪو چڪر آهي ڇا؟“ تنهنجي جملي جو پهريون تير واصف مٿان لڳو.
    واصف، ٿوري حيرانگيءَ مان مون ڏانهن ڏٺو، مون کيس اک ڀڃندي اجازت ڏني ته جيئن وڻئي تيئن ڳالهاءِ.
    ”ها پهرئين ذهن ۾ آئيڊيل جوڙي، ان تي شاعري ڪندو هيس“
    ”هاڻي مون تي ڪيو شاعري“ مذاق مان کل جي جھانجھه وڄائندي چيئه.
    ”مان پنهنجي شاعريءَ جو ويليو ڪيرائڻ نه ٿو چاهيان.“ جملي جي موٽ سٺي هئي
    تو وري چيس ”پنهنجي ڪجھه شاعري ٻڌايو“
    ”درٻاري شاعر ناهيان“
    ”ڪمال آهي، توهان کي هڪڙي ڇوڪري شعر ٻڌائڻ لاءِ ٿي چئي ۽ توهان شعر نه ٿا ٻڌايو، عجيب شاعر آهيو!“
    ”مون کي چئه، مان ٻڌايانءِ“ منور به ڳالهه ۾ حصو وٺڻ چاهيو ته تون چيس
    ”سکر واريءَ کي ٻڌائجانءِ“
    منور کل ۾ ويڙهجي ويو.
    تو پنهنجي ڊائري کڻي واصف کي ڏني ته هن تي پنهنجو ڪو شعر لکي ڏيو. واصف گھڻو ئي لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس مجبور ڪيئي. هن تنهنجي ڊائري وٺي، مون ڏي ڏسي پڇيو
    ”ڇا لکان؟“
    ”جيڪو توکي وڻي“ مون چيو.
    ”توکي متان اعتراض ٿئي؟“ تنهنجي انداز مان هن اندازو لڳايو هو ته تنهنجو منهنجو ڪو واسطو آهي.
    ”نه نه جيڪو وڻيئي لک“
    هن توکي ڪو شعر لکي ڏنو. جنهن جو مطلب اهو هيو ته هروڀرو به ماڻهو کي پنهنجو پاڻ تي ايڏو ناز نه هجڻ گھرجي.
    منهنجو دوست واصف، هن وقت ڊگري هٿن ۾ کنيون گھمندو وتي ٿو، هڪ ٻن هنڌن تي کيس نوڪري ملي به هئي پر پنهنجي بيچين طبيعت جي ڪري ڇڏي آيو هو.
    هن جو زندگيءَ ڏانهن رويو ڏاڍو منفي آهي ۽ ڏاڍو مايوس لڳندو آهي. هن اديبن سان رهي ڏٺو آهي، اديبن جي گروهه بنديءَ کان ڪاوڙيل آهي، هن جو چوڻ آهي ته، اهي اديب صرف شايع ٿيندا آهن، جن جو ساڳي گروهه سان واسطو هوندو آهي، صرف پنهنجو پاڻ کي وڏا اديب سمجھندا آهن. شام جو چانهه تي ويهي هڪ ٻئي کي ٽيڳرون ڏئي دنيا جي اديبن جي قطار ۾ هڪ ٻئي کي بيهاريندا.
    سياست ۾ اسڪول جي زماني کان رهيو آهي پر هاڻي سياست کان به مايوس آهي. هو جنهن پارٽيءَ ۾ ڪم ڪندو هو، کيس انهن تي اعتراض آهي ته، پارٽيون ڪنهن ڪارڪن جي تخليقي عمل کي ختم ڇو ٿيون ڪن؟ ۽ پارٽي لائين ، جيڪا ڪجھه ماڻهن جوڙي آهي، ان تي آمنا صدقا ڇو ڪجي، اها غلط به ٿي سگھي ٿي، ان تي اعتراض ڪري سگھجي ٿو. پر پارٽي ۾ ان ڳالهه لاءِ ڪا گنجائش ناهي، ۽ ڪارڪن کي مشين سمجھن ٿا ۽ ڪم جي وصف به هنن وٽ فزڪس واري آهي، ايئن هرو ڀرو ڇو ٿا ڪن؟ ان جي ڪري ئي سوچيندڙ سمجھندڙ ڪارڪن ۾ بيزاري ٿئي ٿي، پوءِ مجبورن پارٽيءَ جي چولي کي ڇڏڻو پئي ٿو” هن مون کي ٻڌايو ته
    ”مان هڪڙي ڏينهن يونيورسٽيءَ جي جنرل باڊيءَ ۾ ويس. اتي هڪڙي ٻي شاگرد پارٽيءَ جو نوجوان تمام جذباتي تقرير ڪري رهيو هو، شاگردن کي سمجھائي رهيو هو ته اسان کي ڪلاس صحيح نموني اٽينڊ ڪرڻ کپن. اسان جو مستقبل، اسان جو آئيندو تڏهن روشن ٿيندو جڏهن اسان چڱي نموني پڙهنداسين. ان ڪري توهان کي منهنجي گذارش آهي ته، توهان سڀاڻي ڪلاسن جو بائيڪاٽ نه ڪجو، ڇو جو هڪ شاگرد تنظيم اهو چاهي ٿي ته سڀاڻي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرايو وڃي.“
    مون کي ڪاوڙ اچي وئي. سڀاڻي اسان جي تنظيم بائيڪاٽ لاءِ سوچي رهي هئي. ان ڪري جو حڪومت تشدد ڪري اسانجي ساٿيءَ کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. اهو ليڊر تقرير ڪري رهيو هيو ته مان وڏي آواز سان چيو ”بڪواس ٿو ڪري “
    ساري پنڊال جون نظرون مون طرف ڦري ويون. ان پارٽيءَ جا جوڌا مون طرف بگھڙن جيان وڌي آيا ۽ پڇيائون ته “ تو ايئن ڇو چيو؟” هنن جون ڳاڙهيون اکيون، منهنجي جسم تي چنبڙي پيون.
    “سنئون سڌو غلط ڳالهائي رهيو آهي.” مون چيو،
    “ توکي ڪجھه ڳالهائڻو آهي، ته اسٽيج تي ڳالهاءِ “
    “ها ڳالهائيندس.”
    ليڊر پنهنجي تقرير ختم ڪئي ته منهنجو وارو آيو. مان تقرير ڪري چيو ته، “افسوس آهي جو توهان باشعور دوست ان ڳالهه تي متفق ٿي ويا آهيو ته سڀاڻي بائيڪاٽ نه ڪيو، ان لاءِ جو توهان کي پنهنجو مستقل پيارو آهي. ڀلي توهان جا ساٿي، هڪ هڪ ڪري ختم ڪيا وڃن پر توهان کي پنهنجي ڊگري پياري آهي. قوم جي سڃاڻپ ۽ اهميت کان وڌيڪ ڪا ٻي شي ناهي. توهان جي سڃاڻپ ختم ٿي وڃي. پوءِ توهانجون ڊگريون ڪهڙو ڪم ڏينديون؟ يونيورسٽي بند رهڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، هي ته هڪڙي ڏينهن جو بائيڪاٽ آهي، ڍاڪا يونيورسٽيءَ جو مثال وٺو. ڪيترو وقت بند رهي؟ انقره يونيورسٽي جو مثال وٺو. باقي، توهان جي هڪ ڏينهن بائيڪاٽ ڪندئو ته توهان جو مستقبل تباهه ٿي ويندو؟ اسان به نه ٿا چاهيون ته تعليمي ميدان ۾ اسان پٺتي رهجي وڃون. پر طاقتور دشمن کي اسان احساس ته ڏياريون، اسان هن کي اهو ته ٻڌايون ته اسان جي قوم سجاڳ آهي، تون جي هڪ منصور ڪهندين ته هتي الائي ڪيترا منصور پئدا ٿي پوندا. خاموشي ته دشمن جي همت افزائي ڪندي آهي، آئينده به اهڙيون شرمناڪ حرڪتون ڪندو رهندو. توهان اسان سان ساٿ ڏيو اهو توهان لاءِ ئي صحيح آهي...”
    ماڻهن ۾ چوٻول مچي ويو. گھڻي ڀاڱي شاگرد منهنجا هم خيال ٿي ويا. اڪثريتي پارٽي جا ليڊر ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويا. پر شاگردن کي ڪيئن روڪين. ان لاءِ هنن چيو ته ووٽنگ ٿا ڪرايون ته سڀاڻي بائيڪاٽ ٿيڻ کپي يا نه؟ راءِ ورتي وئي، گھڻائي ان راءِ جي هئي ته سڀاڻي بائيڪاٽ ڪيو وڃي، مخالف دوست ڳاڙها ٿي ويا. جنرل باڊيءَ کانپوءِ هو مون وٽ آيا ۽ ڌمڪي ڏئي ويا ته ڏسئون ٿا ڪهڙو مائي جو لال سڀاڻي بائيڪاٽ ٿو ڪرائي.
    مان هاسٽل تي اچي تنظيم جي دوستن سان صلاح مشورو ڪيو. هو سڀ مون کان خفي هيا ته “توکي ڪهڙي ضرورت هئي اهڙي حرڪت ڪرڻ جي. هو طاقتور آهن، اسان جيڪڏهن ٽڪر ۾ اينداسين ته يونيورسٽي ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پوندو”
    مون چيو ته “توهان کي پوءِ ته زندهه رهڻ جو حق به نه آهي. ۽ نه ئي سياست ڪرڻ جو. توهان جڏهن هڪڙي معمولي ڏاڍي کي سچ نه ٿا چئي سگھو ته اڳتي هلي ڇا ڪندئو؟ توهان ڀلي ساٿ نه ڏيو، مان پاڻهي منهن ڏيندس.”
    “ٻئي ڏينهن مان، ڪجھه دوستن کي ساڻ ڪري بائيڪاٽ ڪرائڻ لاءِ فيڪلٽي ويس. مان ڇوڪرن کي ٻاهر ڪڍي ۽ پيپر ڦاڙي رهيو هيم. منهنجو ٻيو دوست ٻاهر نڪري شاگردن کي ڪٺو ڪري تقرير ڪري رهيو هو ته هڪدم هن جو آواز گم ٿي ويو. مان ان طرف ڀڳم ته ڏٺم مخالف شاگرد هٿياربند ٿي آيا هئا ۽ تقرير ڪندڙ دوست کي ٻاهر روڊ تي ماري رهيا هيا. مان ڊڪندو مخالف شاگردن جي هڪ ليڊر وٽ وڃي کيس چيم ته “اها ڳالهه چڱي ناهي، اڄ اسان جي پارٽيءَ جو ساٿي شهيد ٿيو آهي، سڀاڻي اهو ڏينهن سڀني تي اچڻو آهي. ان لاءِ گڏ ٿيڻ جون راهون بند نه ڪريو. ٿي سگھي ٿو ته اڳتي هلي ڪنهن پارٽيءَ وٽ توهان کان وڌيڪ طاقت اچي ته پوءِ،؟”
    هن مون کي چيو ته “تون منهنجو دوست آهين، تنهن ڪري هتان ڀڄي وڃ.”
    “مان ڪيئن ڀڄندس، هي سڀ منهنجي ڪري هتي آيا آهن.”
    “چوانءِ ٿو هليو وڃ، ڏاڍو بڇڙو ٿيندين .”
    مان هن کي ڇڏي، ان طرف وڌيس، جتي اسان جا ساٿي بيٺا هيا ۽ کين مخالف بيلٽن سان ماري رهيا هيا. هو چپ چاپ بيٺا رهيا، مون کي ڏاڍي خار آئي. مان رڙ ڪري چيو ته، “خاموشيءَ سان مار کائي رهيا آهيون. شرم ڪيو، ڪجھه ته وڙهو”.
    هو خاموشيءَ سان بيٺا رهيا. مان مخالفن سان اڪيلو وڙهندو رهيس. مار کائي بيهوش ٿي ويس. پارٽي مون مان هٿ ڪڍي وئي ۽ مان سموري يونيورسٽي لائف اڪيلي سر مخالفن سان وڙهندو رهيس.”
    واصف جي شادي ننڍي عمر ۾ ئي سوٽ سان ڪئي وئي هئي. جيڪا، کانئنس عمر۾ وڏي هئي، ۽ ذهني طرح ائبنارمل پڻ، واصف پنهنجي شاديءَ لاءِ چوندو آهي ته، مان ذهني طرح ايڊجسٽ ڪري نه سگھيو آهيان. شاديءَ کي ڏهه ٻارنهن سال ٿي ويا آهن. اهو سمورو وقت زال مون سان زنا ڪندي رهي آهي. مان تباهيءَ جي ڪناري تي آهيان منهنجا ٻار منهنجي دلچسپي آهن.”
    گھريلو پريشاني، سياسي دلشڪستگي ۽ نوڪري جي پريشاني ڪري واصف انارڪسٽ ٿي ويو آهي. هو تمام ذهين آهي، پيار محبت جي باري ۾ هڪ دفعي ڳالهائيندي پڇيومانس:
    “تون عشق ڪيئن ڪندو آهين.”
    “ٻُڌ تي”
    “مطلب!”
    “جيڪڏهن ڪو شخص، مون کي ٻڌائيندو آهي ته فلاڻي ڇوڪري ڏاڍي خوبصورت آهي. هن جو نڪ، چپ، وار، اکيون، جسم خوبصورت آهي مطلب ته هر وصفين سهڻي آهي، ته منهنجي ذهن ۾ ان ڇوڪريءَ لاءِ عشق پئدا ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ هر حربو هلائي، هر تڪليف ڪٽي، هر مشڪل کي منهن ڏئي ان ڇوڪريءَ کي ڏسڻ چاهيندو آهيان. پوءِ سوين ميل پنڌ ڇو نه وڃڻو پوي. تازو به ڪجھه اهڙو قصو ٿيو، منهنجي هڪ دوست، هڪ ڇوڪريءَ جي تعريف ڪئي. مان هن کي ڏسڻ لاءِ 20 ڪلو ميٽر جھنگن جهرن، ڪرڙ ڪانڊيرن کي پار ڪري اتي پهتس.”
    “پوءِ ڇا ٿيو؟”
    “ڇوڪري ڏاڍي خوبصورت هئي، نقش نگار، وار، باقي پيٽ ڪجھه وڏو هيس”.
    “مڪمل خوبصورتي ڪٿي به ڪونهي.”
    “نه ايئن ناهي”
    “ايئن آهي. هر هنڌ، هر ڪم ۾ هر محبوب ۾ پرفيڪشن ملڻ مشڪل آهي. ماڻهو ايڏو آيئڊيلسٽ نه ٿئي. ڪنهن جون ڪجھه شيون سٺيون لڳن ٿيون ته اهو به ٺيڪ آهي”
    “قناعت ڪرڻ گھرجي؟”
    “قناعت جي ڳالهه ناهي، آئيڊيل کي ماڻهو مافوق الفطرت نه بڻائي.”
    “پر خوبين جي گھڻائي ته آئيڊيل واريون هجڻ کپي.”
    “ها”
    “ان ڪري عشق نه ڪندو آهيان.”
    “ ڏس تي عشق ٿيندو به نه”
    “ڇو نه ٿيندو، پنهون به ته ڏَسَ تي سسئي سان عشق ڪيو هو، راڻي به ته مومل سان ٻُڌَ تي عشق ڪيو هو.، نوريءَ ڄام تماچيءَ به ته ايئن ڪيو هو. انهن سڀني کي اهو ٻڌايو ويو ته فلاڻي مائي چنڊ جو ٽڪرو آهي”
    “ايئن ته عشق ٿيندو ئي ناهي، عشق ته هڪ نظر ۾ ٿي پوندو آهي.” منور جيڪو ايتري دير خاموش هو تنهن آڙيءَ وانگر ڀڙڪو ڏيندي سوال ڪيو.
    مان ۽ واصف ٻنهي ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ته نه ايئن هڪ نظر ۾ عشق نه ٿيندو آهي.
    “ٿيندو آهي ۽ ماڻهو عشق ڪري، پوءِ ان جي خوبين سان پيار ڪندو آهي. سوچي سمجھي آئيڊيل ٺاهڻ بيوقوفي آهي.” منور پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو.
    “ بيوقوفي تون ٿو ڪرين. ماڻهو ءَ جو هڪ نظر ۾ عشق نه ٿيندو آهي. پر هن جي ذهن ۾ لاشعوري طرح آئيڊيل محبوب جو هڪ خاڪو جڙيل هوندو آهي ۽ پوءِ، ڪنهن شخص کي ڏسڻ سان ئي لاشعوري طور تي محسوس ڪندو آهي ته هن جي آئيڊيل جون گھڻون خوبيون ان شخص ۾ آهن ۽ پوءِ هن سان لنئون لڳي ويندي اٿس.”
    واصف چيو ته:
    “ يار، تو اسان جھڙن ماڻهن لاءِ بازاري عورت سٺي محبوبا ٿي سگھي ٿي.”
    “ڪيئن؟”
    “اسان جيڪو ڪجھه چاهيون ٿا، هوءَ سٺي نموني ڏئي سگھي ٿي، ڳالهائڻ فرينڪنيس ۽ پنهنجي انداز ۾ ڳالهيون ڪرڻ ۽ راڳ ٻڌڻ”
    “مون کي ته بازاري عورت کان شديد نفرت آهي. هن جي انگل ڪري ڳالهائڻ تي دل چوندي آهي ته چماٽ وهائي ڪڍانس”
    “نه، تون هنن کي ويجھو کان نه ڏٺو آهي. مجموعي ۾ هنن جو ڳالهائڻ مصنوعي هوندو آهي. باقي نه ته ڳالهائڻ ٺيڪ ۽ سهڻو هوندو اٿن. بازاري عورت مان هڪڙو فائدو اهو به آهي ته، اسان جھڙا ماڻهو، جيڪي اڪثر ڪري عام عورت جي ضرورت نه سمجھي سگھندا آهيون ۽ پوءِ اُهي رسي ڪنهن ٻئي جي محبوبا بڻجندي آهي”
    واصف کيسي مان ويليم فائيو ٽيبليٽ ڪڍي وات ۾ رکي چٻاڙيندي چيو:
    “مون کان هڪ ڇوڪري ان ڪري ناراض ٿي وڃي منهنجي ٻي دوست سان ياري رکي جو مان هن سان ڳالهيون ته خوبصورت ڪندو هيس، ڪمپني به سٺي ڏيندو هيس. پر شرافت جو مظاهرو ڪندي. هن سان جنسي تعلقات نه رکيا. هڪ دفعي مان ڪجھه ڏينهن لاءِ ٻئي شهر ويس ته انهن ڏينهن ۾ اها ڇوڪري منهنجي ان دوست سان ٺهي وئي. ڇو جو هُن سندس سڀ ضرورتون پوريون ڪيون هيون.
    ٻي ڇوڪري مون سان ان لاءِ ناراض ٿي وئي جو مان هن کي ڪِس ڪيو هو ۽ هن چيو “مان ته توهان جي ڏاڍي عزت ڪندي هيس. پر توهان به ٻين جھڙا نڪتئو وحشي” ايئن چئي روئيندي هميشه لاءِ هلي وئي. ان لاءِ ٿو چوانءِ ته بازاري عورت صحيح آهي اسان لاءِ.”
    “هرهڪ جو پنهنجو خيال آهي، مان پاڻ چاهيندو آهيان ته عورت فرينڪ هجي. پر جيستائين تعلق آهي، عورت کي نه سمجھڻ جو، ته ان تي توسان متفق ناهيان. ڇو جو عورت ۽ مرد جي پاڻ ۾ دوستي ئي تڏهن سمجھڻ کپي، جڏهن ڀرونءَ جي هر هڪ اشاري کي سمجھجي، نه ته پوءِ اها دوستي ڪهڙي چئبي؟”
    واصف تڏهن به پنهنجي ضد تان نه لٿو هيو.


    16

    بيمار ٿي پيو هيس. تون جڏهن يونيورسٽي آئينءَ ته توکي خبر پئي ۽ تون ٽيليفون تي ضد ڪري فيڪلٽي اچڻ لاءِ راضي ڪيو هيو. هاسٽل کان فيڪلٽيءَ واري روڊ جي وچ تي تون ملينءَ تنهنجي هٿ ۾ گلدستو هيو، ۽ سڀني گلن کي ڌاڳي بدران پنهنجي وارن سان ٻڌي آئي هئينءَ. منهنجي ڀرسان اچي، جُھڪي گل منهنجي هٿ ۾ ڏنا هيئي. ڄڻ ڪو ويڙهو پنهنجي تلوار فاتح بادشاهه جي آڏو پيش ڪندو هجي.
    “ڇا ياد ڪندين! ساحره، گُل گھٽ ماڻهن کي ڏيندي آهي.”
    “جيڪڏهن اهڙا گل ملندا رهندا ته طبيعت ته روز روز خراب ٿيندي”
    “دوا ورتي اٿي؟”
    “ڊاڪٽرلکي ڏني آهي؟”
    “ڇا لکيو اٿائين؟”
    “ڪجھه دوائون آهن، پر شهر جي ميڊيڪل اسٽور تي نه ٿيون ملن”
    “مون کي ڏي، مان سکر مان گھرائي وٺنديس”
    “مٿي ۾ سور ۽ اکيون ڪرن ٿيون”
    “پوءِ دوا گھراءِ نه!”
    “ڊاڪٽر چيو آهي ته، تنهنجو علاج ان ۾ آهي ته، ڪو نازڪ هٿ تنهنجي مٿي کي زور ڏي ۽ اکين تي گلاب جي پنکڙين سان ٽاڪور ڪئي وڃي” شرارت مان چيو هيم.
    تنهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. توسان ڳالهائڻ کان پوءِ منهنجي طبيعت گھڻي ٺيڪ ٿي وئي. تون مذاق ڪندي چيو
    “تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي، مون سمجھيو هو ته تون بستري تي ڪريل هوندين. چرڻ پرڻ جي سگھه نه هوندئي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ تون گذاري ويندين.”
    “مران پر ان شرط تي ته اتي حورون ملنديون.”
    “جڏهن ڪم چڱا ٿيل هجن ها ته ايئن به ٿئي ها.”
    “هاڻي، ڳالهه نه نٽاءِ. ڊاڪٽر جيڪا Prescription لکي ڏني آهي، ان جو ڪجھه ڪر”
    تون چيو هو
    “فاحزه کي چوان ٿي”
    “نه نه، ڊاڪٽر تنهنجي لاءِ چيو آهي”
    “تون چپ ٿي وئينءَ .
    مون پني تي لکيو.
    Rx
    100 Ks 5 mnt
    3+3+3

    ۽ پوءِ تو ڏانهن پنو وڌائيندي سنجيده ٿي چيو هيم
    “هي ڪجھه دوائون آهن، موڪلجانءِ”
    تون به ڏاڍي سنجيدگيءَ سان پنو ورتو ۽ پڙهي، کلي مون ڏي ڏٺئه.
    “ڪوشش ڪنديس”
    تون هلي وئينءَ.
    ٻي ڏينهن تنهنجو خط مليو:
    “اڄ چوڏهينءَ جي رات آهي، چنڊ منهنجي ڇت مٿان اچي بيٺو آهي ۽ منهنجي دل چاهي ٿي، مان سڄي رات جاڳندي چنڊ ڏي نهاريندي رهان.
    اڄ جڏهن منهنجون نظرون چنڊ سان مليون ته، هو ڪڪريءَ ۾ لڪي ويو. شايد هن کان منهنجي بيوسي ڏٺي نه ٿي ٿئي ته منهنجو دوست بيمار آهي ۽ مان ان جي گرم پيشانيءَ تي هٿ به رکي نه ٿي سگھان ۽ ان جي پيلين اکين کي چمي به نه ٿي سگھان.
    ها شايد سڄي عمر اها بي چيني ۽ بي سڪوني رهي. چانڊوڪي رات ۾ منهنجي بي چيني ۽ بي سڪوني ان ريت هوندي ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ به جڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ تنهنجي ڇت يا اڱڻ جي مٿان اچي بيهندو ته دروازو کليل رکجانءِ. جو، منهنجو بي چين روح تنهنجي در تائين ضرور ايندو”


    17

    تنهنجو هر وقت کلڻ ۽ خوش رهڻ، سڀني سان مذاق ڪرڻ ۽ هر سنجيده ڳالهه کي مذاق ۾ ٽاري ڇڏڻ، سٺي ڳالهه هئي. تون چوندي هئينءَ ته، “ماڻهو هرو ڀرو پنهنجي مٿان ڏک مڙهن ٿا” منهنجو توسان اڪثر ان ڳالهه تي تڪرار رهندو هو.
    مان چوندو هيس ته، ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڏک سک ايندا رهندا آهن. ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي مسئلن کي مڙسيءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي ۽ انهن ڏکن کي سهڻ لاءِ هن کي ٻين جي سهاري جي ضرورت پئي ٿي. توکي، ان ڳالهه تي اعتراض هوندو هو ته، “ماڻهو ٻين جي سهاري سان زندگي ڇو گھاري؟ ماڻهوءَ ۾ سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور سگھه آهي. مان ته سدائين خوشيون ماڻيون آهن ۽ خدا چاهيو ته ، منهنجي زندگيءَ ۾ ڏک نه ايندا ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي سهاري جي ضرورت پوندي”
    مون کي، تنهنجين انهن ڳالهين تي کل ايندي هئي. ڇاڪاڻ جو، تون پاڻ ئي انهن ۾ ڪامياب نه ويندي هئينءَ. خود تنهنجو مون سان گھرو ٿيڻ به ان جو وڏو ثبوت هو ۽ ننڍن ننڍن ڏکن جو به تون گھرو اثر وٺندي هئينءَ. اهڙي قسم جو اظهار، تنهنجن خطن ۽ ڳالهين مان محسوس ٿيندو هو.
    تو ٽيليفون تي ٻڌايو“منهنجي وڏي ڀيڻ جي طبيعت خراب آهي. هن کي دل جي بيماري آهي ۽ هاڻي کيس اسپتال داخل ڪرايو اٿئون، مان به سڀاڻي ڪراچي وينديس. مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڇاڪيان؟ مون ڏانهن هر طرف کان ڪنڊن ڀريا هٿ ۽ ٿوهر جھڙا منهن وڌندا اچن ٿا ۽ مون کي لڳي ٿو ته مان ڪيڏو به چاهيان پنهنجو پاڻ کي، انهن ڪنڊن جي عذاب کان آجو نه ڪرائي سگھنديس. شام جو لهندڙ سج جا رنگ لڳن ٿا ڄڻ، ڪنهن مريض رت جي گرِڙي ڪئي هجي. ڏکن جي وڻ ويڙهي منهنجي وجود کي گھيري ڇڏيو آهي. الائي ڪيترا انديشا ۽ خوف، منهنجي ذهن کي وڪوڙي ويا آهن.”
    مان توکي ٽيليفون تي آٿت ڏيندو رهيس، پر ٽيليفون تي توسان اهو ڪجھه نه ڳالهائي سگھيس، جيڪو تون چاهين پئي ۽ جيڪو مان چاهيان پيو. ڇو جو، ٽيليفون تي ٻيا به اسٽوڊنٽ ويٺا هيا. جن جي سامهون توسان کُلي ڳالهائي نه پيو سگھان. ان لاءِ ٻنهي کي اڃ رهجي وئي. مون توکي گھڻا دلاسا ڏنا ۽ سمجھايو ته “تو جھڙي مضبوط ڇوڪريءَ کي ته ايئن نه ڪرڻ گھرجي ۽ ٻيو ته، تون پاڻ کي اڪيلو ڇو ٿي سمجھين، مان به تون سان گڏ آهيان. توکي ڪيترا دفعا سمجھايو اٿم ته، پنهنجا ڏک مون کي ڏئي ڇڏيندي ڪر”
    تنهنجو آواز تڏهن به لڳي پيو ته گھرائيءَ مان اچي رهيو آهي، ۽ تون ٿڪل ٿڪل ۽ ڏکايل آواز ۾ موڪلايو. تون ڪراچي هلي وئينءَ، جتي تنهنجي ڀيڻ داخل هئي.
    تو مون کي ٻڌايو هو ته، تون سهيليون گھٽ بڻائيندي آهين ڇو جو، توکي انهن جي ڳالهين تي چڙ ۽ نيرو مائينڊيڊ هجڻ تي ڏک ٿيندو آهي. جنهن ڪري تون ڪنهن سان به ذهني طرح ايڊجسٽ نه ٿي سگھندي هئينءَ ۽ پنهنجي وڏي ڀيڻ کي ئي پنهنجي سهيلي سمجھندي هئينءَ. تون جڏهن به ڪيڏانهن ٻاهر گھمڻ ويندي هئينءَ ته تنهنجي ڀيڻ تنهجي پارٽنر هوندي هئي. هن جي گھر ۾ تون پنهنجي گھر کان وڌيڪ رهندي هئينءَ. هن جي ٻارن کي تون ئي وڌيڪ چاهت ڏيندي هئينءَ ۽ گھڻو ڪري هن جي گھر جي سار سنڀال، ڇنڊ ڦوڪ تنهنجي بلي هوندي هئي. جو، هوءَ هرٽ پيشنٽ هجڻ ڪري ڪم ڪار گھٽ ڪندي هئي.
    تنهجي وجود ۾، تنهجي ڀيڻ سمايل هئي. هن جي گھر ۾ تنهنجيون ٺاهيل پينٽنگز لڳل هيون. جڏهن به يونيورسٽيءَ کي هڪ ٻه ڏينهن موڪل ٿيندي هئي، تنهنجي بيگ ڪراچي لاءِ تيار هوندي هئي. تنهنجي، پنهنجي ڀيڻوئي سان به سٺي انڊر اسٽينڊنگ هئي. هن کي تنگ ڪرڻ، چرچا ڪرڻ ۾، سڀني ڳالهين ۾ تون اڳتي هوندي هئينءَ. ٻار ته توکان سوا رهي ئي ڪونه سگھندا هيا. ان پنهنجي پياري ڀيڻ جي سخت بيماريءَ ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ سان تنهجي پريشاني چوٽ چڙهيل هئي.
    تنهنجي اداس ٿيڻ تي مان توکي يقين ڏياريو ته پريشانيءَ جي ڪا ڳالهه ناهي.
    “مان تنهجي هر خوشيءَ ۽ غم ۾ شيئر ڪر ڻ چاهيندو آهيان. پر، مونکي ندامت آهي ته مان تنهجي اداسيءَ ۾، توسان شيئر نه ڪري سگھيس ۽ تون شئير ڪندي آهين. ان ۾ جيڪڏهن ڪجھه قصور منهنجو آهي ته ڪجھه تنهنجو به آهي ڇو جو تون پنهنجي مٿان خول چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي اداسيءَ کي ظاهر نه ڪندي آهين. جڏهن ته مان دوستن جي آڏو پنهنجي هر ڪيفيت جو کليل اظهار ڪندو آهيان.
    تون اداس نه ٿيندي ڪر. ڇو جو تنهجي اداسي، منهنجي اداسي آهي. ان ڳالهه جو ثبوت اڃ ملي ويو هوندءِ، ڇو جو مان نه پيو چاهيان ته توکي اداس ڇڏي مان حيدآباد هليو وڃان. مان توسان ڪمپني ڪري تنهنجي ڏک ۽ قرب کي اندر ۾ اوتڻ چاهيان پيو. پر هميشه وانگر اڄ به دوستن، ان خواهش کي پورو ٿيڻ نه ڏنو ۽ واندڪائي ئي نه ملي.
    اي ڊگھن وارن واري ڇوڪري،
    تون ايئن ڇو سمجھندي آهين ته، ٽشو پيپر ئي تنهجي ڏک جا ساٿي آهن. مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن تنهنجن ڳوڙهن سان منهنجي قميص آلي ٿئي. هونئن اڄ تنهنجي خول ۾ ٿورا ٿورا ڏار پيا آهن. ڇو جو، تون هر وقت چوندي هئين ءَ ته، خوشين کان سواءِ مون وٽ ڪجھه نه آهي. مان چوڻ اهو ٿو چاهيان ته، زندگيءَ جي درياءَ ۾ ڏک سک جا وهڪرا گڏ گڏ هلن ٿا. مان نه ٿو چاهيان ته تنهجي حصي ۾ صرف غم هجن. منهنجي ته خواهش اها به آهي ته، تنهنجي حصي جا غم مون کي ملن ۽ تون کلي زندگيءَ جو جام پيئندي رهين. تو ڪڏهن لکيو هو
    “منهنجو روح مرڻ کان پوءِ ڀٽڪندو رهندو، ان لاءِ جو مان هن دنيا ۾ ڪنهن کي به پاڻ سان ايترو فري ٿيڻ نه ڏنو، جو مان ٿورا ڳوڙها ڪنهن جي ڪلهي تي وهائي، غمن جو مزو وٺي سگھان.
    ساحره !
    مان ته اهو چوندس ته آخر تون اهو حق مون کي ڇو نه ٿي ڏين. جڏهن ته تنهنجي خواهش به اها آهي. منهنجي گذارش آهي ته ڪڏهن ته منهنجي خلوص تي اعتبار ڪر!!
    تون ٽيليفون تي ڏاڍي ڏک جي خبر ٻڌائي ۽ تنهنجي لهجي ۾ اداسي جو زهر سمايل هو. مان توسان چاهيندي به نه ڳالهائي سگھيس ڇو جو دوست ويٺل هيا.
    مٺي!
    هي ننڍا ننڍا ڏک ته ايندا رهندا آهن. انهن جو اثر گھڻو وٺڻ نه کپي. سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويندو. تنهنجو اهو چوڻ ته هاڻي تنهنجو سمورو سال خراب گذرندو، ايئن سوچڻ صحيح ناهي ۽ تنهنجي اها ڳالهه مون کي ڏاڍو ڏک ڏئي رهي آهي. مون کي مانُ آهي ته تون مون کي ڪو به ڏک ڏيڻ نه ٿي چاهين، ان لاءِ هاڻي واعدو ڪر ته وري ايئن نه سوچيندينءَ.
    مان تنهنجي مترنم کِل ٻڌڻ چاهيان ٿو. اها کِل، جنهن تي اهو گمان ٿيندو آهي ته ڪنهن جي پايل ڇمڪي آهي. تون ڪراچي وڃڻ ٿي چاهين، ضرور وڃ پر ان يقين سان ته مان به تون سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي موٽ جو شديد انتظار ڪندس.”
    مون اهو خط تون کي ڪراچي موڪليو هو.
    مون کي به ڏاڍي اڻ تڻ هئي ته تون خير خوبيءَ سان ڪراچيءَ مان واپس اچين ۽ تنهنجي ڀيڻ جي طبيعت صحيح ٿئي، ڇو جوتنهنجي لاءِ هوءَ گھڻو ڪجھه هئي.
    ڪراچيءَ مان لکيل تنهنجو خط مليو:
    “مان بلڪل ٺيڪ آهيان، اميد ته تون اداس نه هوندين. ڪالهه ڪراچيءَ پهچڻ کان پوءِ اسپتال هلي آئي آهيان. منهنجي ڀيڻ جي طبيعت ڏاڍي خراب هئي. تون تصور به نه ٿو ڪري سگھين ته مان ان لمحي ۾ ڪيترو ضبط ڪيو ۽ ڪيترن ڳوڙهن جي ٻوڏ مون پنهنجي من ۾ وهائي ڇڏي. شايد، اهو حوصلو تنهنجي خط ۽ ڳالهين ڏنو هو نه ته، ساحره ايتري به بهادر نه هئي. بهرحال اهي ڪرب آميز لمحا گذري ويا. هاڻي اديءَ جي طبيعت بهتر آهي.
    رات جو ننڊ به نه آئي هئي، اکيون ٿڪيل آهن ۽ تصور ۾ توکي خط پڙهندي ڏسي رهي آهيان.
    هاڻي مان گھڻي پرسڪون آهيان. مون سان گڏ منهنجو ڀيڻيويو به آهي، ان سان خوب ڪچهريون ٿين ٿيون. مون کي چئي پيو ته تنهنجا سيل ختم نه ٿا ٿين ڳالهائي ڳالهائي. مان چيومانس ته اسان ڪجھه اسپيئر ۾ رکندا آهيو. هي خط مان اسپتال مان لکي رهي آهيان، هاڻي تون تصور ڪر ته، دل جي ڪائي مريضه توڏي خط لکي رهي آهي. تون، مون کي ڏاڍو ياد اچي رهيو آهين. خير هي جيترا به ڳوڙها مون گڏ ڪيا آهن ۽ تون سوچي ڇڏ، جنهن ڏينهن انهن کي وهائڻ جي ارادو ڪيم ته تون ڪلهن تائين ٻڏي ويندين ۽ پوءِ پنهنجي آفر تي پڇتائيندين. تنهنجي مهرباني جو تون، منهنجي پريشاني ۽ اداسيءَ جي ڪري پنهنجو حيدرآباد وڃڻ وارو پروگرام ڪينسل ڪيو.
    سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته مان ڪهڙيءَ ريت تنهنجين انهن عنايتن ۽ مهربانين جو شڪريو ادا ڪيان؟ بهرحال، شڪريو ته ڌارين جو ادا ڪبو آهي، جيڪڏهن تون چاهين ته سمورو تشڪر ...
    تون وعدو ڪر ته تون پاڻ کي اڪيلو نه سمجھندين. مان ٿي سگھيو ته روزانو خط لکنديس. تون به ان جو جواب لکي، لفافي ۾ بند ڪري پنهنجي ميز جي خاني ۾ وجھندو وڃجانءِ. ۽ جڏهن مان اچان ته مون کي ڏجانءِ. مان ڄاڻان ٿي ته تون ڇا لکندين! پر، مان انهن لفظن کي پنهنجي نظر سان ڏسڻ چاهيان ٿي. جيڪي تنهنجي ذهن جي پاتال مان نڪري، منهنجي دماغ ۾ سمائجندا، اميد ته منهنجي اها خواهش ضرور پوري ڪندين.
    تنهنجي خط ملڻ سان مان مطمئن ٿيس. ڪراچيءَ ۾ ڪجھه ڏينهن رهڻ کان پوءِ تون خيرپور واپس آئينءَ ته تنهنجو چهرو خوشيءَ ۾ کڙي رهيو هو. تون گھڻيون ڳالهيون ٻڌايون. پنهنجي ڀيڻ جون ۽ اسپتال جون. واعدي مطابق، مان پنهنجي ٽيبل جي خاني ۾ رکيل خط ڪڍي تولاءِ کڻي آيو هيس.
    “مان هن وقت هاسٽل جي ڇت تي ويٺو آهيان. توکي خبر آهي ته اڄ ڪلهه هاسٽل ۾ ڇوڪرا گھٽ آهن، جنهن ڪري اڪيلائي محسوس ٿئي ٿي.
    هن وقت سج آهستي آهستي لهي رهيو آهي، ۽ هاسٽل جي پٺيان جيڪي ڳوٺ آهن اتان جون عورتون، گاهه جون ڀريون مٿي تي رکي گھرن ڏانهن موٽي رهيون آهن، وڻن تي ويٺل جھرڪين جي، چين چين تمام سٺي لڳي رهي آهي. ان خوبصورت ۽ پرڪيف ماحول ۾ توکي حصي دار بنائڻ لاءِ هي خط لکي رهيو آهيان.
    مان پنهنجي آفر تي اڃان تائين قائم آهيان ۽ تو کي ڪلهي تي ڪنڌ رکي روئڻ جي اجازت آهي. پوءِ ڀلي کڻي مان انهن ڳوڙهن ۾ وهي ڇو نه وڃان. پر اهي ڳوِڙها زمين تي پهچندائي نه، ڇو جو انهن ڳوڙهن کي مان پي ويندس. انلاءِ جو اهي ڳوڙها منهنجي ويجھي دوست جي اندر ۾ وهندڙ سمنڊ جا ڪجھه ڦڙا هوندا ۽ ڦڙا جيڪي بي معني ناهن.
    اي ڊگھن وارن واري ڇوڪري!
    اڄڪلهه، رنگن ۽ خوشبوئن جي موسم آهي. ان موسم ۾ سوچون ڪنهن ول جيان وڪوڙين ٿيون. اها موسم منهنجي ذهن جي ڪينواس تي يادن جا گھڻا رنگ پکيڙي ٿي، اهي رنگ ڳاڙها به آهن ته پيلا به!
    موسم جا ايترا سارا رنگ ڏسي، دل چاهي ٿي ته سڀ رنگ پنهنجي اندر ۾ سميٽي ڇڏيان. پر، هڪ دفعو رنگن کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ منهنجا چپ ۽ منهنجو ذهن زخمي ٿي پيو هو. تنهن ڪري، هاڻي ڀوءُ ٿئي ٿو ته وري نه ايئن ٿي پئي.
    تون ٻي ڏينهن تي منهنجي ان خط جو جواب لکيو هو ته :
    “ تون جنهن وقت ۽ موسم جو ذڪر ڪيو آهي. مان توکي چيو هيو نه ته، خوبصورت موسم ۽ خوبصورت منظر منهنجي ڪمزوري آهن. سوچيان ٿي ته, تو جيڪو منظر بيان ڪيو آهي، اهو ڪيترو خوبصورت هوندو، جيڪڏهن اهڙي خوبصورت منظر ۽ خوبصورت جڳهه تي مان هجان ها ته، منهنجا پير زمين تي ئي نه ٽڪن ها. ۽ اهڙي خوبصورت موسم ۾ وري تنهنجي ياد اچي ها ته مان خوشيءَ مان چري ٿي پوان ها، خير چري ته هاڻي به آهيان. ان موسم ۾ توکي منهنجي ياد آئي آهي نه! توکي اڃان اهو يقين ناهي ته منهنجين يادن ۽ ڳالهين جا عڪس تنهنجي ذهن تي ڪيترا گھرا آهن. مان چاهيان ٿي ته تون مون کي ئي ياد ڪر، ايترو گھڻو جو هر وقت مون کي هڏڪي ايندي رهي ۽ انهن هڏڪين ۾ ئي منهنجو ساهه نڪري وڃي. خبر ناهي، ڪراچيءَ مان اچڻ کانپوءِ مون کي ڪاوڙ ايتري گھڻي ڇو ٿي اچي. هڪ ته گھر ۾ ڀاتي به گھٽ آهن، ٻي بوريت به گھڻي آهي، ڪراچيءَ مان اچڻ کان پوءِ ٽي چار ڏينهن ته مان خاموشيءَ سان پينٽنگز ٺاهيون. جڏهن، خاموشي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي ته يونيورسٽي هلي ويس، اتي وڃي ڪاوڙ وڌيڪ آئي. هاڻي مان پنهنجي ڪاوڙ ٽيبل ٽينس کيڏي لاهيندي آهيان. خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه آهي، وحشت ٿئي ٿي، دل چاهي ٿي ته ڪنهن شيءِ تي زور زور سان مڪون هڻان ۽ پوءِ رڙيون ڪري روئان، خير ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڪاوڙ لهي ويندي. گھر ۾ به اڄڪلهه ڪنهن جي ڳالهه برداشت نه ٿي ٿئي. هاڻي سوچيان ٿي ته اها ڪاوڙ ڪنهن تي لاهي ئي ڇڏيان .
    تو وٽان، “ماهه نو” جو سلور جوبلي نمبر کڻي آئي آهيان، اڄڪلهه اهو پڙهان ٿي ته. گھر وارا چريو سمجھن ٿا ته مان ايڏي وڏي ٿلهي ڪتاب ۾ گم آهيان. هاڻي، هاڻي، امجد اسلام امجد جو هڪ خوبصورت نظم پڙهيو اٿم، تون به ٻڌ:

    اس سے پھلے کہ یہ ساون کی جھڑی تھم جائے
    جتنے اقرار کے الفاظ ھیں کھہ دو مجھہ سے
    بھیگتے پیڑ ھیں، میں ہوں، تم ہو
    لفظ اگر مر کے نہ آئے بھی تو کیا
    بھیگتے پیڑ کسے جا کے گواھی دیں گے

    مگر هتي ته لڳي ٿو ته ساوڻ ڪڏهن به نه ايندو، بهار جي موسم ۾ به هيءَ ساوڪ، ايئن ئي مرجھايل ۽ پيلي هوندي، ۽ وڻ ايئن ئي سوڳوار رهندا. خبر ناهي بارش ڇو نه ٿي وسي، مان سمهڻ وقت خدا کان دعا گھرندي آهيان ته خدا ڪري سڀاڻي صبح سان بارش پئي ۽ خوبصورت موسم ٿي وڃي، پوءِ منهنجي هيءَ سموري وحشت ۽ ڪاوڙ ختم ٿي وڃي. مگر، هتي ته پري پري تائين بارش جا اهڃاڻ ئي ناهن.
    ها. هاڻي ڳالهه تنهنجي آفر جي ته ساقي! مون کي ڀوءُ ٿو ٿئي، تنهنجي ڪلهي تي مٿو رکي ڳوڙهن وهائڻ جو، انلاءِ جو تون ته منهنجا ڳوڙها ميڙي، ۽ مون کي پنهنجي ڪلهي جي عادت وجھي، هن دنيا جي گوڙ ۾ گم ٿي ويندين ۽ پوءِ جڏهن، مون کي روئڻو هوندو ته مان توکي ڪٿي ڪٿي ڳولهينديس ۽ ڪٿي سڏيندي وتنديس؟ ۽ پوءِ منهنجا ڳوڙها منهنجي لاءِ عذاب بڻجي ويندا ۽ انهن کي ڪنهن ٻي جي ڪلهي تي وهائڻ جي بجاءِ، پنهنجي دل ۾ اوتينديس، جيڪي منهنجي وجود کي ساڙي ڇڏيندا.
    ۽ِ پوءِ مون کي سهارن جي عادت به پئجي ويندي. پر مون کي يقين آهي ته تون منهنجن ڳوڙهن کي ڪرڻ نه ڏيندين ۽ پي ويندين. تنهن ڪري، جڏهن به مون کي روئڻ لاءِ ڪلهي جي ضرورت پئي ته اهو صرف تنهنجو ئي ڪلهو هوندو ۽ تنهنجي خلوص تي مان اعتبار ڪيان ٿي، ڇاڪاڻ ته تنهنجي خلوص ۾ فريب، بناوت ۽ ڪوڙ شامل ناهي، جن کان مون کي نفرت آهي. پر مان ڪڏهن به نه چاهينديس ته منهنجا ڳوڙها پي يا منهنجن ڳوڙهن ۾ ٻڏي تون غمزده ٿي وڃين. ان لاءِ مان تنهنجين ڳوڙهن ۾ به شيئر ضرور گھرندس.
    ساقي! تون خوبصورت موسم ۾ سوچيندو ڇو آهين؟
    صرف انجواءِ ڪندو ڪر، سڀني يادن کي هڪلي، هونئن به ان موسم جي رنگن کان وڌيڪ خوبصورت رنگ تنهنجي چهري تي خوشيءَ جا هوندا ۽ مون کي موسم جي خوشين کان وڌيڪ، تنهنجي چهري تي خوشيون، خوبصورت لڳنديون. تون رنگ ضرور پاڻ وٽ رک. مون کي اميد آهي ته توکي مايوسي نه ٿيندي ڇو جو هي سڀ رنگ اسان لاءِ ته آهن!”


    18

    تنهنجي ۽ ڪجھه ٻين شاگردن جي ذهن ۾ خيال آيو ته، يونيورسٽي ۾ هڪڙو ڪلچرل گروپ قائم ڪجي. جيئن، يونيورسٽي ۾ غير نصابي سرگرمين کي زور وٺائجي. ڪافي هم خيال دوست ملي ويا. اسان جي پهرين گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ متفقه طور تي مون کي جنرل سيڪريٽري ۽ توکي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. اسان جي گروپ جي سرپرستي لاءِ “سرپرست ڪائونسل” جوڙي وئي. جنهن ۾، ڪجھه استادن ۽ استادياڻين کي مقرر ڪيو ويو. سرپرست ڪائونسل جا سڀئي ميمبر به ادب ۽ آرٽ جي مختلف فيلڊز سان لاڳاپيل هيا.
    ننڍڙي قد، پر وڏي ذهن وارو ۽ انگلش ادب جو ماڻهو، پاڻ به سٺو رائيٽر، جاويد صاحب به سرپرست هيو. جنهن کي سدائين اهو فڪر هوندو هيو ته، پنهنجي اڇي چڳ کي ڪيئن لڪائي. سنهي هجڻ ڪري شاگرد کيس پرپُٺ “هينگر” چوندا هيا، نعمان صاحب به هيو، ڳائڻ ۾ سريلو ۽ پنهنجي هاٺيءَ ڪاٺيءَ جي ڪري سدائين شاگرد لڳندو هو. شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مقبول ۽ هُن سان سدائين گڏ رهندڙ رزاق صاحب، ٻئي نوجوان لڳندا هيا. سوشل ايڪٽويٽيز جا بادشاهه، سٺن ڪپڙن جا شوقين، کين اڪثر ڪري سڏيو ويندو هو “ياجوج ماجوج” يا “هيڪل اينڊ جيڪل”. شاگردن سان هنن جو رويو دوستاڻوهوندو هو جنهن ڪري جنهن به ڊپارٽمنٽ جو فنڪشن يا پڪنڪ هوندي هئي ته شاگرد ڪوشش ڪري ٻنهي کي گڏ هلڻ لاءِ مجبور ڪندا هيا.
    ٻٽيهن سالن جو ڪنوارو شاعر استاد، جنهن جي چهري تي ڏاڙهي، گول منهن ۽ هيٺيون چپ ٿلهو ڏسي، مون کي موهن جي دڙي واري پروهت ياد ايندو هو، سٺي شاعري ڪندڙ ۽ سٺو ذهن رکندڙ. پر پنهنجي زندگيءَ جي ڪجھه محرومين جي ڪري هو منجھيل رهندو هو. پنهنجي زندگيءَ ۽ ٻين جي باري ۾ گھڻي حد تائين نيگيٽو اپروچ رکندڙ، ان هوندي به يونيورسٽيءَ جو دانشور ليکبو هو.
    آرڪيالجسٽ عبدالحليم، سمورو وقت ريسرچ ۾ مشغول رهندو هو. اسٽوڊنٽ لائف ۾ ليڊر به هو، ليڊر به اهو جيڪي ڪاليج جا وفادار هوندا هيا، يعني چئن سالن جي بجاءِ اٺ سال فيل ٿي ڪاليج ۾ رهڻ پسند ڪندا هيا. هاڻي عالمي سطع تي مڃيل آرڪيالجسٽ هو.
    حماد صاحب، سنڌ جو مڃيل شاعر به اسان جو سر پرست هيو. ميڊم نعيمه، به اسانجي سرپرست ڪائونسل جي ميمبر هئي. جيڪا، به سٺي آرٽسٽ، سٺي ڳائڻي ۽ ڪمپيئر هئي. پڪي عمر جي هوندي به، پاڻ کي مينٽين رکيو ايندي هئي. تنهن ڪري، جنهن به ڪاريڊور مان هن جي سينڊل جو کڙڪو ٻڌبو هو، ته سڀني شاگردن جون نظرون ان طرف هونديون هيون. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته هن پهريائين ڪنهن شخص سان عشق ڪيو هو پر ان سان شادي نه ٿي سگھيس. جنهن کانپوءِ، هوءَ ٽٽي پئي ۽ پوءِ ٻئي سان شادي ڪيائين، جيڪو عمر ۾ هن جي پيءُ جي برابر هو. ان سان به، نباهه نه ٿي سگهيس ته پوءِ ٻي وڏيري سان شادي ڪيائين. جنهن به هن کي گھر ۾ قيد ڪرڻ چاهيو ۽ سختي ڪئي. جيڪا هن کان برداشت نه ٿي. هوءَ وري ٻار سان گڏ اڪيلي رهجي وئي. ڪنهن ماڻهوءَ جو جيڪڏهن نيوڪلس گم ٿي وڃي ٿو ته پوءِ هوءَ انبيلنس ٿي مختلف آربٽس ۾ چڪر ڏيندو ٿو وتي. اها حالت ميڊم نعيمه جي به هئي.
    سرپرست ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ سڀني مسئلن تي بحث ڪيو ويو، ميٽنگ کانپوءِ هڪڙي ننڍڙي محفل منعقد ٿي. جنهن ۾، اسان جي گروپ جي ڪجھه ميمبرن ڳائي ٻڌايو. تو به غزل ٻڌايو “شام جو هي پهر نانءُ اسان جي ڪيو، ڪجھه ته ايندا ڪيو، ڪي ته ڳالهيون ڪيو” غزل ڳائيندي تنهنجيون نگاهون مون ۾ کتل هيون. ۽ جڏهن مان اکيون پئي کنيون ته تون نگاهن کي جھڪائي پئي ڇڏيو. رفريشمنٽ مهل، نمڪو کان سواءِ ڪولڊ ڊرنڪس هيون، پر توکي خبر آهي ته مان چانهه شوق سان پيئندو آهيان. تنهنڪري، تون گھران چانهه ٺاهي آئي هئينءَ ۽ پنهنجي وارن ۾ اٽڪيل گلاب جي گل جي پنکڙي پٽي، چانهه ۾ وڌي هيئه ۽ مون کي ڏسي، تنهنجين اکين ۾ شام جا سمورا رنگ لهي آيا هيا. مون توکي مبارڪ ڏني ته تنهنجي پهرين ڪوشش ڪامياب وئي. پر اها، وڌيڪ ڪامياب وڃي ها، جيڪڏهن اها شام لان ۾ ملهائجي ها ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پنهنجا وار کولي اچي ها.”
    تون خوش ٿيندي چيو “ها، وار کولي اچي ها، پر جيڪڏهن جنرل سيڪريٽري، اڇي سنهي پهراڻ مان پنهنجي ورزشي ٻانهن جو مظاهرو ڪري ها.” تون شرمائجي وئينءَ ۽ چيو هو:
    “اڄ هڪ ڳالهه پڇان؟ سچ ٻڌائجانءِ!”
    “ها پڇ”
    “تو ڪنهن کي چاهيو آهي؟”
    “ها”
    “ڪنهن کي؟”
    “ڌرتيءَ کي” مون هرو ڀرو ڳالهه کي مٽائڻ لاءِ چيو.
    “ نه منهنجو اهو مطلب ناهي. “
    “تڏهن؟”
    “سموري ڪئمپس ۾، ڇوڪرين کي اها پريشاني آهي ته تون ڪنهن کي چاهين ٿو، ڇو جو توسان گھڻيون ئي ڇوڪريون ملن ٿيون.” مان ٽهڪ ڏيئي ڳالهه نٽائي ويس. تو وري پڇيو هو:
    “ٻڌاءِ نه”
    “تون ڇا ٿي سمجھين ؟”
    I am confident
    “خوشفهمي ٿي” کلندي چيم.
    “نه. مون کي يقين آهي، ته تون مون کي چاهين ٿو”
    “اڇا!” حيرانيءَ ۽ طنز مان توکي چيو هيم .
    “ٻيو نه ته، ايئن ناهي؟”
    “جي سمجھين ٿي ته ٺيڪ آهي” مون توکي چيو هو.
    تو ڳالهين جو سلسلو اڳتي وڌائيندي چيو هو.
    “منهنجي شخصيت تي، منهنجي ناني جو گھڻو اثر آهي. هو مون کي ننڍي هوندي کان وٺي، گھڻيون آکاڻيون ٻڌائيندو هو. نصيحتون ڪندو هو. وڏي ٿيس ته شعر ٻڌائيندو هو. هن، مون کي چيو هو ته ڪڏهن به محبت نه ڪجانءِ، تمام بري شئي آهي. ناني جي ان ڳالهه کي مان پنهنجو اصول بنائي ڇڏيو هو ته ڪنهن سان به محبت نه ڪنديس.”
    “هونئن به ته تون محبت جي قائل ناهين. محبت کي ته خود غرضي سمجھنديءَ هئينءَ.”
    “پر، اهو انسان تي آهي، ته محبت ڪهڙي ٿو ڪري. بي غرض يا غرَض واري .”
    مون مرڪندي تون کي چيو هو:
    “هر محبت، غرَض واري هوندي آهي. ايستائين جو ماءُ جي ٻار لاءِ محبت به غرض واري آهي. هوءَ ٻار کي پيار ان لاءِ ڪري ٿي، جو هن جي مامتا کي تسڪين ملي ٿي.”
    “جيڪڏهن اها غرض آهي ته پوءِ اها بي ضرر آهي ۽ صحيح آهي.”
    “منهنجي محبت به بي غرض آهي. تو سان ملي، مان پنهنجي اصولن کي ٽوڙڻ تي مجبور ٿي پئي آهيان.”
    تنهنجي ايئن چوڻ تي تنهنجي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. جنکي تو جلديءَ سان صاف ڪري ڇڏيو هو.
    مون توکي چيو هوته:
    “منهنجي ڪري، پنهنجا اصول نه ٽوڙ، توکي ڏک رسي رهيو آهي.”
    “ٽٽڻ کانپوءِ. ڏک رسڻ لازمي آهي.”
    “مان ٽوڙڻ نه چاهيندو آهيان. بلڪه جوڙڻ چاهيندو آهيان.”
    “مون کي تو وٽان دوستي کپي، محبت واري، وڌيڪ ڪجھه به نه.”
    “مون کي ڏک پهچندو. جيڪڏهن تنهنجي اندر ۾ ٽٽڻ جو عمل شروع ٿيندو.”
    “جڏهن ماڻهو پاڻ ٽٽڻ چاهي” تون نيڻ مون ڏي کڻي چيو.
    “اها هن جي بيوقوفي آهي” مون چيو.
    “ٽٽڻ کانپوءِ جڙڻ جو عمل ٿيندو آهي.”
    مون کي تنهجو دليل دل سان لڳو. پر مان خاموش رهيس. ڇو جو مان نه پيو چاهيان ته ڪو مون سان محبت ڪري ۽ پوءِ شادي ڪرڻي پئي ۽ اڳتي وڌڻ جي راهه ۾ ڏاوڻ پئجي وڃن.
    تو پڇيو هو “تون، مون کان گھٻرائيندو ڇو آهين؟ڪڏهن ڪڏهن ايترو ويجھو هوندو آهين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ميلن جي مفاصلي تي نظر ايندو آهين.” تنهنجو موڊ جارحانه بڻجي ويو هو.
    “نه نه، اهڙي ته ڳالهه ناهي.”
    “ايئن آهي، تون مون کان ڊڄين ٿو، تون سمجھين ٿو ته مان تنهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي وينديس. ايئن بالڪل ناهي. متان توکي اهو ڀوءُ هجي ته مان تون کي پيار جي ڦندي ۾ ڦاسائي، توسان شادي ڪنديس.”
    تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هيا ۽ وري ڳالهائيندي چيو هو.
    “مان توسان شادي نه ڪنديس. مان، توکي دوست سمجھان ٿي ۽ دوست ئي رهڻ ڏينديس. باقي تون هرو ڀرو ڊڄي مون کان پري رهين ٿو اها ڳالهه صحيح ناهي.”
    مان خاموش رهيس. ڇاڪاڻ جو، تون بلڪل صحيح چئي رهي هئينءَ. مان واقعي، ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيندو هيس ته تون شادي ڪرڻ چاهين ٿي. تون منهنجي ڏاڍو ويجھو اچي وئي هئينءَ، ڪئمپس وارو سمورو وقت مون سان گڏ رهندي هئينءَ. شام جو هڪ ٻه دفعو ٽيليفون ڪندي هئينءَ. ذري گھٽ هر صبح جو تنهجو خط پوسٽ ذريعي ملندو هيو. تنهنجيInvolvement وڌڻ ڪري پريشان هيس. اهڙي قسم جو اظهار، مان منور سان به ڪري چڪو هيس، جنهن، توکي ڳالهين ڳالهين ۾ چيو ته تون ثاقب سان شادي ڪرڻ چاهين ٿي، پر اهو پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏ.
    تون، منور کي به روئيندي چيو هو ته: “توهان هرو ڀرو ائين ڇو ٿا سوچيو” منهنجي ذهن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. منهنجي زندگيءَ ۾ ثاقب جھڙو شخص نه آيو آهي، جنهن سان منهنجي ايتري هم آهنگي ٿي هجي، مان ثاقب سان شادي نه ڪنديس. باقي زندگي ڀر مون کي ثاقب جي ضرورت رهندي.” تنهجي انهن ڳالهين هوندي به منور توکي چيو هو ته: “تنهجي ذهن جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ اها خواهش موجود آهي، خيال ڪجانءِ!.”
    منور مون کي سڀ ڪجھه ٻڌايو هو. پر ان هوندي به منهنجي ذهن ۾ اهو شڪ ۽ ڀوءُ رهندو هو ته متان مان توسان ايترو گھرو ٿي وڃان، جو پوءِ موٽي نه سگھان ۽ توسان شادي رچائي ڇڏيان.
    “مان تنهجي راهه جي رڪاوٽ نه بڻجنديس، مان ٽٽي نه پر جڙي رهي آهيان، مان اهو سڀ ڪجھه چاهيان ٿي، مان اهو چاهيان ٿي.“ تون روئڻهارڪي، التجائي انداز ۾ چيو.
    مون، تون کي چيو “ها، واقعي به توکان ڊڄندو هيس. صرف انلاءِ جو، مان اڃان ڪنهن سان شادي ڪرڻ نه ٿو چاهيان. پر، اڄ سچائي سان، دوستي رکون ٿا. دوستي جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي، خوف ناهي ۽ هر طرف دوستيءَ جي گلن جي خوشبوءِ ڦهليل آهي، اِهي گل ڪڏهن به نه ڪومائبا”
    تنهنجو منهن سج بڻجي ويو هو ۽ اسانجي مٿان املتاس جا گل اولڙا ڪري رهيا هيا ۽ تون پنهنجا هٿ منهنجي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيا.


    19

    انٽر-ورسٽي ٽيبل ٽينس ٽورنامنٽ ۾ حصي وٺڻ لاءِ، آزاد ڪشمير وڃڻو پيو ۽ اتان جي سموري خوبصورتي بابت توکي لکي موڪليم ته مظفرآباد ڏاڍو خوبصورت آهي. وچ شهر مان درياءَ نيلم گذري ٿو، جيڪو شهر جي وچ ۾ پهچي ٻي درياءَ جھلم سان ملي ٿو ۽ ٻنهي دريائن جو پاڻي، مختلف رنگن هوندي به پاڻ ۾ ملي وڃي ٿو. ساوڪ سان ٽٻٽار جبل ۽ انهن جي مٿان، ڪٿي ڪٿي خوبصورت اڇي رنگ جا ننڍا ننڍا گھر ايئن لڳي رهي آهن ڄڻ، ڪنهن سرسبز ٻنيءَ ۾ ڪنگ ويهندا آهن، آبشار تي وڃي، وهنجڻ ۽ جھنگلي گلن جي باري ۾ سڀ ڪجھه توڏي لکيم. تون به هميشه جيان خط جو جواب لکي رکيو هو. پاڻ ٻئي لان تي ويٺا هياسي، تون منهنجو خط پڙهي چڪي هئينءَ ۽ مان تنهنجو خط پڙهي رهيو هيس:
    “تنهنجو خط ڏاڍو سٺو هو، پر تون ايترن سٺين سٺين جڳهن تي ويندو آهين ته مان جيليس ٿيندي آهيان. ته مان اهڙيون خوبصورت جڳهن تي نه وڃي سگھي آهيان. تنهنجي خط ۾ منظر ڪشي ايتري سٺي ٿيل هئي، جو پڙهي ايئن محسوس ٿئي پيو ڄڻ مان به توسان گڏ هيم. هونئن به تون جڏهن به اڪيلو ويٺو هجين ته، سوچجانءِ ته ڄڻ مان به اتي آهيان. منهنجو پاڇو به اتي هوندو، ڪڏهن تون تخيل جو به ڪمال ڏس، آهي ته بيوقوفي واري ڳالهه پر اهو سچ آهي ته ڪجھه ماڻهو ڏور هوندي به ويجھا هوندا آهن، ۽ اسان کي پنهنجي وجود جو حصو محسوس ٿيندا آهن، تون به انهن جي باري ۾ سوچ ته توکي مايوسي نه ٿيندي آسمان جو سونو فرش جيڪڏهن مون کي هجي، ڪاري ۽ نيراڻ واري رات جي سنهري ۽ چانديءَ جھڙي روشني ۽ ٽمڪندڙ کير ڌارا جھڙو فرش هجي ته مان ان کي تنهنجي قدمن ۾ ضرور وڇايان ها، تنهجي خلوص جي نذر، مگر مون وٽ ته صرف خواب آهن ۽ مان اهي پنهنجا خواب تنهنجي رستي ۾ وڇائي ڇڏيا آهن. ڏس، ٿورڙو آهستي قدم رک جو تون منهنجي خوابن تي هلي رهيو آهين”
    مون مرڪي تو ڏانهن ڏٺو ۽ پڇيو:
    “خط ۾ اهو ڇا لکيو اٿئي، ته ڪجھه ماڻهو پري هوندي به ويجھا هوندا آهن. ۽ پنهنجي وجود جو حصو لڳندا آهن. تون به انهن جي باري ۾ سوچجانءِ”
    “تون ڇا ٿو سمجھين ته غلط لکيو آهي؟”
    “ها، جيڪي ماڻهو وجود جو حصو لڳندا آهن،. انهن لاءِ سوچڻ ڪهڙو؟! سوچبو ۽ ياد ته انهن کي ڪبو آهي، جيڪي پري هوندا آهن.”
    “اڇا!”
    “ٻي ڳالهه ته نه مون کي چمڪندڙ آسمان کپي، نه ستارا ۽ نه ٻيو ڪجھه. صرف تنهجو خلوص، مون لاءِ گھڻو آهي. ۽ مان احتياط ڪري سگھان ٿو ته جئين تنهنجا خواب نه لتاڙجن. پر، پنهنجو خيال ڪجانءِ ته تنهنجن خوابن تي منهنجو پاڇولو، ايترو گھرو نه ٿي وڃي جو جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوئي.”
    “مان به ته اهو ٿي چاهيان” جملو تير جي تيزي سان نڪتو ۽ مان مشڪي چپ ٿي ويس.


    20

    مان شماريات جو شاگرد هيس ۽ تون باٽنيءَ جي. تنهنجي فائنل سيمسٽر ۾ بائيوميٽري سبيجيڪٽ رکيل هيو، توکي ان ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي. ڇو جو، تون ميٽرڪ کان وٺي بائيولاجي جي اسٽوڊنٽ رهي هئينءَ. بائيوميٽري، اسٽيٽسٽڪس جي برانچ آهي تو جڏهن چيو ته مون کي ڏکيائي ٿي رهي آهي ته مان توکي پڙهائڻ جو ذمو کنيو. پڙهندي پڙهندي غلطي ڪندي هئينءَ ته مان رجسٽر جي هڪ صفحي تي اها غلطي لکي ڇڏيندو هيس ۽ اک ڀڃي توکي چوندو هيس ته، انهن غلطين جي سزا توکي ضرور ملندي، جيتريون غلطيون اوتريون.....تون کلندي هئينءَ، جيڪڏهن مون کان ڪا ڀُل ٿي پئي وڃي. ته تنهنجو ضد هو ته مان جيڪي غلطيون ڪيون اهي تنهنجين غلط مان ڪٽي، باقي حساب چڪتو ڪجي. مان انڪار ڪيو ۽ چيم ته نه، منهنجين غلطين جي سزا مونکي ڏي. مان توکي تنهنجين غلطين جي سزا ڏيان.
    ڪوئي پرابلم حل ڪندي جيڪڏهن جواب پئي آيو.
    Rs 2000 ته مان ان تي لکان پيو Ks2000. جنهن تي تو ڏاڍو کليو پئي. تون ڪجھه دير لاءِ اٿي وئين ته مان تنهجيءَ ڪاپيءَ تي شعر لکيو:
    تون پري آن ته
    لڳي ٿو ايئن،
    جيئن،
    سج هجي اکين کان پري.
    وڻن جا پن،
    ساوا آهن،
    ان لاءِ ته سج سان بڻجي ٿو
    ڪلوروفل،
    جيڪا آهي زندگي انهن جي.
    تون پري آن
    ته لڳي ٿو، اکين کان پري سج آهي ڄڻ،
    ۽ مان به
    ختم، ۽ پيلو
    ٿيندو ٿو وڃان،
    ڪلوروفل نه ٿو بڻجي.
    تون پري آن ته
    لڳي ٿو ڄڻ
    اکين کان پري سج آهي.
    تون واپس اچي اهي شعر پڙهيو ته توکي ڏاڍو وڻيو ۽ تون به چيو ته مان به لکنديس.
    “اکين کان پري سج”
    تون پري آن ته
    لڳي ٿو،
    ڄڻ اکين کان پري سج آهي،
    خبر آهي توکي؟
    جڏهن سج،
    هن ڌرتيءَ کان دور
    ٻڏي ويندو آهي
    ته
    شام آهون ڀريندي آهي ته
    ڪرب ۽ اداسيءَ کان
    ۽ چوندي آهي ته،
    اکين کان پري سج آهي
    بالڪل اهڙيءَ ريت
    تون پري آن،
    ته ڄڻ
    اکين کان پري سج آهي.

    مون توکان پڇيو “شماريات سکڻ سان گڏ، ان سبجيڪٽ جي هر ماڻهوءَ سان پيار ڪرڻ لڳي آهين ڇا؟”
    تون حيرانيءَ مان مونکي ڏٺو.
    مون ڪجھه ڏينهن کان محسوس ڪيو هو ته تون سر رزاق سان وڌيڪ گھري ٿي رهي هئينءَ هن جي آفيس ۾ گھڻو وقت ويهڻ لڳي هئينءَ ۽ ڳالهه ڳالهه ۾ ان جو حوالو ڏيندي هئينءَ.
    سر رزاق، جيڪو بالڪل جوان لڳندو هو، سٺو اسپورٽسمين، رائيٽر ۽ ايڪٽو هوندو هو، سندس آفيس به ڪنهن اسٽوڊيو کان گھٽ نه لڳندي هئي. ننڍڙي، پر خوبصورت آفيس، جنهن ۾ هڪ ٻه اسڪلپچر به رکيل هيو. ڀت جي ڪنڊ تي ماکيءَ جو مانارو لڳل هوندو هو ۽ ٻي ڪنڊ ۾ڦوسڙي پکيءَ جو آکيرو ٽنگيل هوندو هو، ڀتين تي به خوبصورت پينٽنگز ٽنگيل هونديون هيون. سندس آفيس ۾ هر وقت رش هوندي هئي. آفيس ۾ ٻن سالن جي ٻار کان وٺي، ٻياسي سال جي پوڙهي جي به اچ وڃ هوندي هئي. اڪثر ڪري ڇوڪرين جي ٽهڪن سان آفيس جا در دريون گونجندا هئا. شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪريءَ جو سر رزاق سان اسڪينڊل ٺاهينديون رهنديون هيون.
    هن سان تنهنجي گھرائپ تي توکان پڇيم “ڇا چڪر آهي، اڄڪلهه رزاق صاحب جي آفيس ۾ اچ وڃ وڌي وئي آهي، ڪو چڪر آهي ڇا؟”
    مون اک ڀڃندي توکان پڇيو هو.
    تو مذاق ۾ چيو ته: “ڇو جيلسي ٿي ٿئي؟”
    “نه نه”
    “جل گيا، برنال لگائيه”
    مونکان به ٽهڪ نڪري ويو. تون سنجيده ٿيندي پڇيو: “تنهنجو ڇا خيال آهي؟”
    “سر سٺو ماڻهو آهي، ڪو شڪ ناهي ته هو ڇوڪرين سان وڌيڪ ڪمپني ڪري ٿو، اها قدرتي ڳالهه آهي. باقي هنجو ڇوڪرين سان رويو ڪافي سٺو آهي. ڪنهنکي پُٽ سڏيندو آهي، ڪنهنکي بابا ته ڪنهن کي ڌيءُ. پر، گھڻين ڇوڪرين سان هن جي ٽريٽمينٽ Treatment دوستن واري هوندي آهي.
    “ڇوڪريون به هن کي دوست سمجھنديون آهن ۽ پنهنجا گھڻا مسئلا هن کي ٻڌائينديون آهن.”
    “تون ته ڪو مسئلو نه ٻڌايو اٿس” مان چيڙائيندي چيومانءِ .
    “نه، ان مسئلي کي، مان پاڻهي منهن ڏينديس” تون به تيزيءَ سان چيو.
    “ڀلا، ايڏي وڪالت ڇو ٿي ڪرين، سر جي.” چيڙائيندي چيم .
    “ان ڪري جو، هو گھڻن استادن کان سٺو آهي. اسان جا ڪافي سينئر استاد، ڇوڪرين کي ڏسي رومانٽڪ ٿي ويندا آهن. رزاق صاحب جي اها سٺي ڳالهه آهي. ته، جيڪو ڪجھه دل ۾ هوندو اٿس، چئي ڏيندو آهي. ڇو توکي، منهنجو هن وٽ وڃڻ خراب ٿو لڳي ڇا؟”
    “نه، نه اهڙي ڳالهه ڪونهي، مان ته مذاق ڪئي هئي، مان سر کي سڃاڻان، تمام ڪشادي ذهن جو مالڪ آهي. مون کي انهن ڇوڪرن جي پرواهه ناهي، جيڪي هن جي لاءِ ايئن سوچين ٿا، هو پاڻ ئي چوندو آهي ته، مون کي ڇوڪرين سان ڪمپني ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو. باقي خرابيءَ جي لاءِ منهنجي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جڳهه ناهي”
    “مان اهائي ته ڳالهه ڪيان ٿي ته هو ڏاڍي صاف ذهن وارو آهي.”
    “اسان جي هاسٽل جو ڪجھه ڏينهن وارڊن ٿيو ته اسان کي ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ اسان جو وڏو آهي، سڀني سان ايڏي شفقت سان پيش ايندو هو، ڪو ڇوڪرو بيمار ٿيندو هو ته هُو پاڻ پريشان ٿي ويندو هو، ۽ کيس ڊاڪٽر تائين پهچائي دوائون وٺي ڏيندو هو. هاسٽل اڄڪلهه ڪنهن جيل کان گھٽ ناهن. ديواريون ڏنيون پيون آهن، ان گھٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾، سر رزاق ٽيبل ٽينس چئمپين شپ، بئڊمنٽن چئمپين شپ، نيو ييئر فنڪشن، راڳ جي محفل ۽ سياري جي راتين ۾ لانڍيءَ ۾ ويهي مچ تي، چانهه ڪوپ تي ڪچهريون ڪندو هو. هاسٽل ۾ آبشار ٺهرايائين ۽ گل ته اهڙا لڳرايائين جو وهه واهه”
    “وارڊن شپ ڇو ڇڏيائين ؟”
    “بس مڙئي هڪڙي ڇوڪري منهن ڪارو ڪيو، مهمانن کي رهائڻ جي اجازت ناهي. ۽ هُن ضد ڪري مهمان رهايو جنهن تي رزاق صاحب استعيفا ڏيندي چيو ته: “جڏهن منهنجا ٻچا، منهنجا ڀائر منهنجو چيو نه ٿا وٺن تنهن کان صحيح اهو آهي ته مان استيعفا ڏيان.”
    “شاگردن روڪيس نه؟”
    “روڪيائيون، پر نه مڙيو، ان کان علاوه ڪاپيءَ جي خلاف آهي. جنهن ڪري چنڊا ڇوڪرا هن جي مخالفت ڪندا آهن.”
    “ان جي معني ته سٺو ماڻهو آهي”
    “ها”
    “ته پوءِ توکي اعتراض ڇو آهي، هو منهنجو سٺو دوست آهي.”
    “ڪٿي آهي، مون ته مذاق ڪئي هئي.”
    ۽ تو کِل جا ساز ڇيڙي ڇڏيا هيا.


    21

    بائيوميٽريءَ جو سليبس تمام ننڍو هيو ۽ ٿورن ڏينهن ۾، تنهنجو ڪورس پورو ٿي ويو. تو، مون کي چيو ته
    “تنهنجي مهرباني، جو تون، مون لاءِ ايترو ٽائيم ڪڍي، مون کي پڙهايو”
    خبر ناهي، تنهنجي ايئن چوڻ سان مون کي ڇا ٿي ويو هو. مون کي لڳو ته تون دوستيءَ جي ناتي جو مذاق اڏائي رهي آهين. منهنجو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ زور سان تنهنجي ڳلن تي ٻه چماٽون هڻي ڪڍيم. تون ٿوري دير مون کي حيرانيءَ مان ڏٺو، ۽ پوءِ تنهنجي اکين مان ڳوڙها نڪتا ۽ روئڻ لڳينءَ.
    مون کي ڏاڍي لڄ آئي. شرمساري ٿي جڏهن توکي روئندي ڏٺم. پر مون اهو سڀ ڪجھه بي اختيار ڪيو هو. تون خاموشيءَ سان روئندي رهينءَ. مان توکان ٻانهون ٻڌي معافي گھري. تو ڳوڙها اگھندي چيو ته ڪا ڳالهه ناهي، مان تڏهن به توکان معافي ورتي. ڇو جو، مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته مان زيادتي ڪئي آهي. تو موڪلائيندي چيو:
    “ڪا به ڳالهه ناهي. منهنجي غلطي هئي، مون کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو”
    “مون توکي صرف ان لاءِ چماٽ هنئي جو، پنهنجائپ هوندي تون ڇو مون کي مهرباني چئي. باقي نه ته ذهن ۾ ٻي ڳالهه نه هئي”
    تون ڳوڙها اگھندي، هٿ ۾ ڪتاب کڻندي چيو:
    “تون، حق تي آهين، سٺو ٿيو، جيستائين درد رهندو، تنهن جي ياد ته مون سان هوندي.” مسڪرائيندي هلي وئينءَ.
    تنهنجي وڃڻ کانپوءِ مان ڏاڍو پريشان رهيس، ۽ ساري رات ننڊ نه آئي. مان تنهنجي ڊائري تي خط لکيو. اها ڊائري هڪ ڏينهن تو وٽ هوندي هئي، جنهن ۾ تون پنهنجا تاثرات لکندي هئينءَ ۽ ٻي ڏينهن مون وٽ. تون صبح جو يونيورسٽي پهچڻ سان ئي هاسٽل ٽيليفون ڪئي، جتان مان نڪري چڪو هيس. تون هاسٽل کان ڪئمپس طرف ايندڙ رستي تي بيٺي هئينءَ. تنهنجو منهن پريشاني جي ڏِک ڏئي رهيو هو. مون کي ڏسندي ويجھو اچي چيئه: “هٿ ڏيکار.”
    مان توکي ٻئي هٿ ڏيکاريا، ۽ خاموش رهيس ڊائري تنهنجي حوالي ڪري، مان هليو ويس ۽ سڄو ڏينهن توسان نه مليم. مان ڊائريءَ ۾ لکيو هو:
    “چوندا آهن، ماڻهوءَ کي پنهنجي حيثيت مطابق رهڻ گھرجي. پر مان اڄ، پنهنجي حيثيت کان وڌي ويم ۽ توکي ڪاوڙ ۾ ٿپڙ هنيم. مون کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو، پر تنهنجي مهرباني چوڻ واري جملي تي مان ڪنٽرول کان نڪري ويس، تو ڌارين واري ڳالهه ڪئي هئي نه! مان ايئن ڪرڻ ۾ حق بجانب به هيم. ڇو جو، تون مون کي حق ڏنو آهي ته مان توکي پنهنجو سمجھان. مون کي، ڌاريائپ جو احساس بالڪل نه ٿئي ها، جيڪڏهن تنهنجي اکين مان ڳوڙها نه وهن ها ۽ تنهنجي چهري جا تاثرات به ٻڌائن پيا ته توکي اها ڳالهه خراب لڳي آهي. ڏٺو وڃي ته تون به ان معاملي ۾ مون کان به وڌيڪ حق بجانب آهين. واقعي، ڪير ٿيندو آهيان مان!؟ ڪهڙي حيثيت آهي منهنجي ۽ ڇا لڳندو آهيان تنهنجو؟ اها ته تنهنجي سٺائي آهي جو تون مون سان دوستي رکي مون کي چاهين ٿي. توکي ڏکويل ڏسي، منهنجي چئني ڏسائن ۾ پيلو رنگ ڦهلجي ويو آهي. تنهنجا ڳوڙها، تيزاب جا ڦڙا بڻجي، منهنجي اندر ڪري رهيا آهن. مان وري اهڙي غلطي نه ڪندس.
    مان رات جو ٽيليفون ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر توهان جو نمبر خراب هو. مان ساري رات، ڏک جي بستري تي گذاري آهي. تون مون کي معاف ڪر! نه ته، مان پنهنجي هٿ کي سزا ڏيندس.”
    مان اهو پورو ڏينهن توسان نه مليم. خبر ناهي ڇو توسان ملندي، مون کي ندامت جو احساس ٿي رهيو هو. پر تون وڃڻ کان اڳ ۾ مون کي ڳولهي ورتو ۽ منهنجي اکين ۾ شڪايتي انداز سان ڏسندي، ڊائري ڏني ۽ ٿڪل ٿڪل قدم کڻندي، بس اسٽاپ طرف هلي وئينءَ.
    مان ڪمري تي اچي. ڊائري کولي ۽ تون ڪٿي ويهي، منهنجو جواب لکيو هو: “...تون به ته اڄ ڌارين واري ڳالهه ڪئي آهي. جو ايتري پياري حرڪت تي معافي گھري اٿئي. جڏهن مان توکي ايترو حق ڏنو آهي، معافي گھرڻ جو سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي. مان ڏاڍي خوش آهيان ته تنهنجي، ان چپاٽ جو ڇهاءُ مون سان گڏ آهي. مان ته چاهيان ٿي ته تنهنجو ڇهاءُ، تنهنجي ياد هر وقت مون سان گڏ رهي، ان لاءِ هاڻي منهنجن ڳلن تي جيڪو هلڪو مٺو سور آهي، ڏاڍو پيارو آهي. بالڪل تو جيان.
    هاڻي ته مان هر هر تنهنجو شڪريو ادا ڪنديس، گھٽ ۾ گھٽ تنهنجو ڇهاءُ ته مون سان گڏ رهندو. تنهنجن انهن پيارن هٿن جو ڇهاءُ، جڏهن منهنجن ڳٽن تي پوندو آهي ته مون کي زندگي مسڪرائيندي محسوس ٿيندي آهي. شايد، ان خيال ڪري ئي ڳوڙها نڪتا هيا، تنهنجي ايتري پنهنجائپ ۽ خلوص ڏسي. ظاهر آهي غلطي ڪري مون کي محسوس ٿيو ته تنهنجي خلوص ۽ پيار ۾ اهي سڀ ڳالهيون ۽ مهرباني بي معنيٰ آهي.
    مون کي، ان وقت پنهنجين اکين ۾ اهي ڳوڙها ڏاڍا سٺا لڳا هيا ۽ منهنجي دل چاهي پئي ته، تنهنجي جھوليءَ ۾ منهن لڪائي زور زور سان روئي پوان، ته مون کي ڪوئي ايترو چاهي ٿو ۽ مون تي پنهنجو ايترو حق سمجھي ٿو ۽ غلط ڳالهه تي مون کي ٽوڪي به ٿو ۽ سزا به ڏي ٿو، سزا به اهڙي پياري. دراصل، تنهنجي دوستيءَ مون کي ايترو خودسر ڪري ڇڏيو آهي، ايتريون جرئتون ڏنيون آهن جوڪڏهن ڪڏهن غلطي ٿي وڃي ٿي. بهرحال، مان پنهنجي غلطيءَ تي شرمسار ناهيان. ڇو جو مون کي ان غلطيءَ تي پياري سزا ملي آهي. ها، تون رات جو ننڊ نه ڪئي، ساري رات پريشان رهين، منهنجي لاءِ اها سزا ڏاڍي ڪٺن هئي. خدا جي واسطي تون ايئن نه ڪندو ڪر، تون پريشان هوندو آهين ته منهنجي دل چوندي آهي ته، پنهنجو پاڻ کي سزا ڏيان، ته تون منهنجي ڪري پريشان آهين. تون جاڳندو آهين ته توکان ايترو فاصلو هوندي به، مون کي ننڊ نه ايندي آهي. ها، جڏهن اڌ وجود جاڳي رهيو هجي ته وجود جو ٻيو حصو ڪيئن سمهندو؟!
    تو چيو آهي ته، مون کي اها ڳالهه خراب لڳي، جنهن لاءِ مان حق بجانب آهيان، ان لاءِ جو، تون منهنجو ڪجھه ناهين.
    ساقي! اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر، ڇا هڪ ننڍي غلطيءَ تي سڀ رشتا ٽوڙبا آهن؟ توکي خبر آهي ته، تون منهنجي لاءِ ڇا آهين؟
    تون مون کي چماٽ هڻي، پنهنجي محبت جي نشاني ڏني آهي ته، تون مون تي پنهنجو حق سمجھين ٿو.
    مون کي خبر هئي ته تون رات جو نه ستو هوندين. تنهن ڪري، اچڻ سان ئي توڏي فون ڪيم. تون اهو نه سمجھه ته مون کي اها سڀ خبر ناهي، جيڪو تون سوچين ٿو. مون کي اها صلاحيت آهي ته، معلوم ڪري سگھان ته تون ڪهڙي وقت ڇا ڪندو آهين ۽ ڪهڙي وقت ڇا چاهيندو آهين؟ ڪاش منهنجي وس ۾ ڪجھه هجي ها ته تو جھڙي پياري شخص لاءِ، خدا کان هزار جنم وٺي، توکي ايتريون خوشيون ڏيان ها جو تون ڏکن کي وساري ويهين ها. مگر، مان پاڻ خالي جھولي آهيان، پنهنجي شڪسته وجود ۽ ناڪام تمنائن سان گڏ، جو توکي خوشين ڏيڻ بجاءِ وڌيڪ ڏک ڏيان ٿي ۽ تون، جيڪا پنهنجي هٿ کي سزا ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي نه! جيڪڏهن تون ايئن ڪرين ها ته پوءِ توسان ڪڏهن به نه مِلان ها. ڇو جو، تنهنجا هٿ، منهنجا آهن. مان، انهن ۾ منهن لڪائي روئي به سگھان ٿي ۽ کلي به سگھان ٿي.
    اهي هٿ منهنجا مسيحا آهن، جيڪڏهن تون انهن کي ڪجھه ڪرين ها ته پوءِ مان ايترو روئان ها جو تون ان ڳوڙهن جي ٻوڏ ۾ لڙهي وڃين ها. تنهن ڪري وري اهڙي ڳالهه نه ڪجانءِ ۽ ايئن نه سوچجانءِ. نه ته، پوءِ تون ڪڏهن به مون کي مڃائي نه سگھندين ۽ نه ڏسي سگھندين.”


    22

    منهنجي جنم ڏينهن تي، پنهنجي جھوليءَ ۾ گلن جو ڍير کڻي اچي مون آڏو بيٺي هئينءَ. مان جنم ڏينهن نه ملهائندو آهيان، مون کي پنهنجي جنم ڏينهن تي خوش ٿيڻ عجيب لڳندو آهي، توکي مون ٻڌايو هو ته مان جنم ڏينهن ملهائيندو ئي ناهيان. پر تون گلن جي جھولي ۽ هڪ ٺڪر جي گلدان، جنهن کي تو چائينيز اسٽائل ۾ پينٽ ڪيو هو، سان گڏ آئي هئينءَ.
    ڪارڊ تي لکيل هو:
    “ساقي! اڄ تنهنجو جنم ڏينهن آهي. مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي، ته مان ڪهڙي طرح توکي مبارڪ ڏيان. اڄوڪي ڏينهن تي ئي، خدا تو ۾ خلوص، سچائين ۽ چاهتن جا رنگ ڀري، هن خوبصورت ڌرتيءَ تي جنم ڏنو. خدا ڪري، تنهنجي دل ۾ خلوص جو سمنڊ ڇولين سان ڇلندو رهي.
    تنهنجي اکين ۾ سدائين خلوص جا ٽانڊاڻا چمڪن، تنهنجا چپ هميشه سچائين جا پيامبر رهن. Happy Birthday to you ، ڪارڊ تو پاڻ ٺاهيو هو، بيڪ گرائوڊ ۾ سج لهي رهيو هو، ٻن اٺ پکين جا عڪس هيا، جيڪي هڪٻئي سان منڍيون ملائي بيٺا هيا. تو مون کي چيو ته: “اڄ مون کي ڪجھه کاراءِ پيار، جنم ڏينهن آهي.” مون توکي چيو “مان Celebrate ته نه ڪندو آهيان، بهرحال ڇا کائيندينءَ .‛
    “صوف؟”
    “نه “ تون انگل ڪندي چيو.
    “سمبوسا”
    “نه “
    “ٿڌو”
    “نه”
    مون کي چڙ اچي وئي.“باقي!”
    تون کلندي چيو: “اڄ مڌ پيئڻ تي دل چاهي ٿي.”
    تنهنجين اکين ۾ ڳاڙها ڏورا ظاهر ٿيا، مان خاموش ٿي ويس. ڇو جو، پهرين جنوري کانپوءِ وري اهڙي حرڪت ڪرڻ جو نه سوچيو هو. منهنجو سنجيده منهن ڏسي چيو هيئه: “چڱو Sun Kiss ئي پيار، پر اڌ.”
    ان شام جو توکي شعر لکي موڪليو هيم.
    منهنجي جنم ڏينهن تي،
    مون کي کوڙ سارا،
    تحفا ۽ ڪارڊ مليا،
    Happy Birth day to you
    ڏاڍي خوشي ٿي.
    پر، جڏهن تنهنجو
    ڪارڊ پڙهيم،
    Happy Birth day to you
    ته مون کي
    آئي چڙ ڏاڍي،
    جڏهن تون ۽ مان
    آهيون ئي “مان!”
    پوءِ ڇو
    Happy Birthday to YOU!


    23

    ٻه ڏينهن تون يونيورسٽي نه آئينءَ ته، پڇڻ تي تنهنجي سهيلي تنهنجي بيماريءَ جو ٻڌايو. مان، چاهيان به پيو ته تنهنجي گھر اچي خيريت معلوم ڪيان. پر، پنهنجو پاڻ کي روڪي ڇڏيم.
    تون به شايد ڏاڍو انتظار ڪيو هو، تنهن ڪري تو لکيو هو:
    “زڪام ۽ بخار آهي. هرو ڀرو به چِڙ چِڙي ٿي پئي آهيان. هر ڳالهه تي ڪاوڙ ٿي اچي. ڪاوڙ تو تي به آهي ته، بيماريءَ ۾ منهنجو حال ئي نه پڇيو ٿي. مون کي هاڻي به گھڻي ڪاوڙ اچي رهي آهي، مون کي ڊاڪٽر چيو ته جڏهن، ڪاوڙ اچئي ته ڪنهن کي چڪ پائيندي ڪر. اهو به اهڙي شخص کي، جنهن جي رت حلال هجي، اهڙيءَ ريت بخار گھٽجي ويندءِ ۽ اهو شخص به گِدو پهچي ويندو.
    هن بيماري ۾، دل چئي ٿي ته ڪاش مان انسان نه هجان ها ته گھٽ ۾ گھٽ هن جھان ۾ ملندڙ ڏکن ۽ غمن کان ته بچي پوان ها.
    ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو، مان جھنگلي ول هجان ها!! ڏور، ڪنهن جڳهه تي پٿرن جي مٿان، جڏهن شفاف پاڻيءَ جو آبشار ڪري ها ته، مان ڪناري تي ڪنهن رنگين پٿر جي هيٺيان جنم وٺان ها يا وري ڪنهن ڊگھي مضبوط وڻ سان گڏ، مٿي چڙهي وڃان ها. مون سان گڏ فيروزي اڇا گونچ ۽ گل ٽڙن ها ۽ چئني طرف انهن جي مقدس خوشبوءَ ڦهلجي وڃي ها ۽ جھرڻن جي آفاقي نغمن ۽ پربت جي نيراڻ کي ڏسڻ لاءِ، اتي فرشتا اچن ها. ڪاش ايئن ٿي ها!
    پر نه ! ڇو جو تون اتي نه اچين ها، ۽ پوءِ مان ڪيئن خوش رهان ها. تنهن ڪري هيئن به ٺيڪ آهيان.
    هونئن، جڏهن بخار تيز ٿيندو آهي ته، تون ڏاڍو ياد ايندو آهين، ان لاءِ جو، دل چاهيندي آهي ته زور زور سان روئان ته شايد بخار جھڪو ٿي. ان وقت تنهنجون يادون منهنجي دل ۾ روشني پکيڙي ڇڏن ٿيون جيئن، شب برات تي ڪو معصوم ٻار پنهنجي گھر جي ڇت تي هڪ کان پوءِ ٻيو ڏيئو ٻاريندو آهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ هن جو گل جھڙو چهرو، چانڊوڪيءَ وانگر چمڪندو آهي.
    جڏهن، تنهنجي يادن جا چراغ ٻاري ٻاري ٿڪجي پوندي آهيان ته پوءِ، ڏاڍي مونجھي ٿيندي آهيان ته اهڙي دوست مان ڪهڙو فائدو، جيڪو بيماريءَ ۾ خيريت نه پڇي.
    تنهنجو خط پڙهي توکي ٽيليفون ڪيم، تون ڏاڍي اپ سيٽ لڳي رهي هئينءَ:
    “چڱو ٿيو جو تو ٽيليفون ڪئي” ٿڪل لهجي ۾ چيو هيئه.
    “مان ته هڪ ٻن ڏينهن کان ٽراءِ پيو ڪيان، خبر ناهي الائي ڇو انگيج پيو ملي.”
    “اڇا!”
    “طبيعت ڪيئن ٿي؟”
    “چئبو ته خيال اچي ويو”
    “اڳ ۾ به خيال هو”
    جيڪڏهن، خيال هجئي ها ته هليو اچين ها. بهرحال، تون مائينڊ نه ڪجانءِ هن وقت اسان وٽ ڪجھه مهمان ويٺا آهن. تون پوءِ ٽيليفون ڪجانءِ.”
    “هون” منهنجو موڊ خراب ٿي ويو.
    “مائنڊ نه ڪجانءِ”
    “نه “
    “ٽيليفون ضرور ڪجانءِ.”
    مان ڪاوڙ مان ٽيليفون بند ڪري ڇڏي. الائي ڇو، مون کي پنهنجي انسلٽ جو شديد احساس ٿيو ته، شايد تون پنهنجي اهميت جتائڻ ٿي گھرين ٿي. يا مونکي تنگ ڪرڻ گھرين ٿي. ۽ پوءِ توکي ٽيليفون نه ڪيم. صبح سان يونيورسٽي پهچي هاسٽل تي فون ڪيئه:
    “اڃان هاسٽل تي آهين.؟”
    “ها” رکي لهجي ۾ وراڻيم.
    “ڇو طبيعت ته صحيح ٿي نه؟”
    “طبيعت خراب ڪرڻ کان پوءِ به ايئن ٿي چئين.”
    “مان طبيعت خراب ڪئي آهي! مان ته ايئن سوچي به نه ٿي سگهان.”
    “ٻيو نه ته، تون منهنجي انسلٽ ڪئي آهي”
    “ايئن نه چئه، مان تنهنجي انسلٽ ڪرڻ جو سوچي ئي نه ٿي سگھان”
    “سوچي نه ٿي سگھين پر ڪري سگھين ٿي.”
    “آخر ڇا ڪيو آهي مان!” تنهنجي آواز ۾ نماڻائي ۽ نهٺائي هئي.
    “ڪلهه، تو ٽيليفون تي ڳالهائڻ ڇو پسند نه ڪيو؟”
    “مان پسند ڇو نه ڪنديس.، مهمان ويٺا هيا”
    “بهانا ته کوڙ بڻائي سگھجن ٿا”
    “ڏس تون غلط ٿو سمجھين”
    “مان پنهنجي انسلٽ ڪڏهن به برداشت نه ڪندس”
    ڪاوڙ مان رسيور رکي ڇڏيم. ڪلاسز اٽينڊ ڪرڻ به نه آيس، سمورو وقت هاسٽل تي رهيم. تون منهنجي پارٽنر کي ڊائري ڏني هئي.
    “منهنجا اهي ڳوڙها جيڪي خبر ناهي، ڪيترن ڏينهن کان ترڪڻ جا بهانا ڳولي رهيا هيا، اڄ تنهنجي ڏنل ڏک تي ڇلڪي پيا. توکي چيو هيم ته، منهنجون هي ننڍيون اکيون جڏهن نه وسڻ چاهن ته وڏي کان وڏي طاقت به انهن کي وسائي نه ٿي سگھي. ۽ جڏهن وسڻ تي پون ته ننڍي ڳالهه تي به وڏ ڦڙو وسائنديون آهن.
    اڄ تو جڏهن انسلٽ واري ڳالهه ڪئي ته مون کي پنهنجي انسلٽ جو احساس ٿيو، ڪجھه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جن تي عمر گذارڻ کان پوءِ به يقين ڪرڻ تي دل نه چاهيندي آهي. پر حقيقت بهرحال پورين سچائين سان اسانجي چوڦير، نه ڇٽڻ وارو زخم بڻجي هر وقت سور ۽ تڪيليف جو احساس ڏياريندي آهي. تڏهن، ان تي يقين ڪرڻو ئي پوندو آهي ۽ پوءِ ڄڻ سارو وجود ٽٽل شيشو ٿي پوندو آهي.
    اڄ مان اپ سيٽ هيم. ڇو جو، ڪراچيءَ کان ٽيليفون آئي هئي ته اديءَ کي اسپتال ۾ وري ايڊمٽ ڪيو ويو آهي ۽ انجي دل جي والو جي آپريشن ٿيڻي آهي. منهنجا ڳوڙها هر هر اکين مان ڇلڪي پون ٿا. اڄ مون کي ٽشو پيپر جي نه پر، تنهنجي ضرورت هئي. مگر تون منهنجي ضرورت جي برعڪس خلوص جو جيڪو تحفو ڏنو، مان ان کي هميشه ياد رکنديس. شايد، منهنجي خلوص ۾ ئي ڪمي هئي. مان معافي ٿي گھران ته منهنجي ڪري ۽ غلط فهميءَ جي ڪري، تنهنجي هڪ رات عذاب ۾ گذري. مگر ڏس، مون کي ڪيڏي ڪڙي سزا ملي آهي. خبر ناهي، مون کي ان ڳالهه وسارڻ ۾ ڪيترو عرصو لڳي. پر آهيان نٺر ۽ وري ملندم ته فريش هونديس ۽ خوش. پر، تنهنجي دوستيءَ جي سوغات هڪ ٻيو ٽشو پيپر.
    اڄ مان شديد ڊپريس آهيان. سڀاڻي مون کي ڪراچي وڃڻو آهي، قيامت خيز لمحن کي سهڻ جي لاءِ، اهو هڪ لمحو جڏهن منهنجي خود اعتمادي ۽ ضبط ٽٽي پوندو اهو لمحو ته گذري ويندو، پر مان ان خوف کان، لمحن جو موت مري رهي آهيان. مان واقعي بهادر ناهيان، هڪ بزدل ۽ خوفزده ڇوڪري، جيڪا رشتن ۽ چاهتن جي ٽٽڻ جي خوف ۾ گرفتار رهندي آهي. بهرحال، منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ پهريون امتحان آهي. ڳوڙها هاڻي به خوف جي ڪري نڪري اچن ٿا. ان کان علاوه ڪجھه وقت کان خواب به خطرناڪ نظر اچن ٿا. منهنجو ڀوءُ لاشعوري طور خواب ۾ اچي وڌيڪ پريشان ڪري ٿو. شايد، مون ۾ انڌيرن کي ڏسڻ جي گھڻي عادت آهي. بهرحال، اڄ مون کي دوست جي ضرورت آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته ڪنهن جي جھوليءَ ۾ منهن لڪائي، گذرندڙ وقت کان بي خبر ٿي وڃان ۽ خوشين جي مڌر موسيقي تي اک کلي. مون کي سهارن جي عادت ناهي، تنهن ڪري هاڻي هيءَ خواهش به بي معني لڳي ٿي.
    خير حقيقت کان ڪيستائين ڀڄبو. مون کي هڪ بهادر ۽ بااعتماد ڇوڪري بڻجي ڏيکارڻو آهي. مگر ڇاڪيان، مون وٽ پٿر جي دل ته آهي ئي نه، هڪ نازڪ دل آهي جيڪا، ننڍي خوشيءَ تي گھڻي ڦُوڪجي به وڃي ٿي ته ننڍي غم تي سُسي به وڃي ٿي، ننڍيون اکيون نه وسڻ چاهن ته گھنگھور گھٽائون به بغير وسڻ جي گذري وڃن ٿيون ۽ جڏهن، وسڻ چاهين ته ڏک جي ننڍي ڪڪر جو ننڍو ٽڪر به اکين ۾ اچي وڃي ته وسڪارو شروع ٿي وڃي ٿو. بهرحال، الميو ته هر هڪ سان ٿئي ٿو صرف انجي نوعيت مختلف آهي، اسان سڀ ڏکن جا لاشا پنهنجين ڪلهن تي کڻي، زندگيءَ جي سفر ۾ هلي رهيا آهيون. ٽريجڊي شايد ان عظيم فنڪار کي به پسند آهي، جنهن هيءَ دنيا ٺاهي آهي.
    خدا نه ڪري مون سان ڪا ٽريجڊي ٿي. تون دعا ڪجانءِ ساقيا، ته تهنجي هن دوست جي ٽهڪن جو جادو ڪڏهن به نه ٽٽي. منهنجي چهري تي مرڪن جا ڪنول هميشه ٽڙيل رهن. ڇو جو، ڏُک ساحره کي ٽوڙي ڇڏيندا، منهنجي، کِل ٽٽي ته شايد مان به ٽٽي پوان. ان لاءِ جو، مان هميشه خوشين جي رِم جھِم جو مزو ورتو آهي تون دعا ڪجانءِ ته، منهنجين خوشين جي عمر منهنجي عمر کان ڊگھي هجي. تون دعا ڪجانءِ ته، انهن مقدس رشتن جي ڏور هميشه ٻڌل رهي ۽ منهنجا رشتا ڪچي ڌاڳي جيان نه هجن. ڇاڪاڻ جو، رشتن جي ٽٽڻ سان دلين ۾ پئدا ٿيل گھاءَ ڪڏهن به پورا نه ٿيندا آهن. تون دعا ڪجانءِ، منهنجو حوصلو، منهنجو ضبط، منهنجو ساٿ ڪڏهن نه ڇڏين.
    تون واعدو ڪر ته، اگر مون کي خدا نخواسته روئڻ لاءِ ڪنهن مهربان ڪلهي جي ضرورت پئي، ته تون مون کي مايوس نه ڪندين.
    تون منهنجين ڳالهين مان اپ سيٽ ته ضرور ٿيندين. مگر مان ڇا ڪيان؟ منهنجو خوف لمحي لمحي ۽ لحظي لحظي مون کي ماري رهيو آهي. توکي حيرت ٿيندي هوندي ته، ايتري بهادر ڇوڪري ۽ ايتريون بزدليءَ جون ڳالهيون! مگر تون ڏسجانءِ، ساحره واپس ايندي، انشاءَالله ٽهڪن جي ٽوڪرين سان ۽ ان امتحان ۾ به فرسٽ پوزيشن منهنجي ئي ايندي (لڳي شرط)، تون فون ضرور ڪجانءِ. منهنجا ڪن تنهنجي خوبصورت آواز ۽ ڳالهين لاءِ آتا هوندا ۽ منهنجي چهري تي جيڪا روشني ايندي، توکي ضرور ڀلي لڳندي.”
    تنهنجي خط واقعي به مون کي اپ سيٽ ڪري ڇڏيو. تون سدائين ٽهڪن ۾ گذاريو هو. تون سدائين پاڻ کي بهادر ثابت ڪندي هئينءَ. تنهنجو منهنجو جھڳڙو هلندو هو ته امتحان ۾ ڏسون ته فرسٽ پوزيشن ڪير ٿو کڻي، شرطون به لڳل هيون، هن امتحان ۾ مان تنهنجي فرسٽ پوزيشن چاهيان پيو. مان چاهيان پيو ته، تنهنجي خوف کي شڪست اچي ۽ تون فتح جي گلن جا هار ڳلي ۾ پائي مون وٽ اچين.
    تنهنجي پريشاني، مون کي پنهنجي ميراث لڳي ۽ دعائن ۾ اعتبار نه هوندي به دل ۾ دعا گھريم ته تون ڪاميابيءَ سان ان سمنڊ مان اڪري ڪناري تي پهچين. تنهنجي خوف مون کي به ڀوءُ ڏئي ڇڏيو.
    توڏانهن ٽيليفون ڪيم، خبر پئي ته سکر وئي هئينءَ، جتان توکي ڪراچيءَ لاءِ ٽرين ملڻي هئي. مان سوچن ۾ توکي مسڪرائيندي ڏسي رهيو هيس. ٽي چار دفعا ڪراچيءَ ٽيليفون ڪيم. خبر پئي ته، تون هاسپيٽل ۾ آهين. جنهن ڪري ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگھي. توکي، پنهنجي ڀيڻ سان شديد محبت هئي ۽ هوءَ به تنهنجو هر وقت خيال رکندي هئي ۽ تنهنجو ڀيڻيويو به توکي ڏاڍو پيار ڏيندو هو. تنهنجي نظر ۾ تنهنجي ڀيڻ جو گھر آئيڊيل گھر هوندو هو. مون کي به ڏاڍو خيال ٿيندو هو ته، خدا ڪري تنهنجي ڀيڻ خوش رهي ۽ تنهنجي خود اعتماديءَ ۽ بهادري جو، جيڪو، تون پوز ڪندي هئينءَ اهو برقرار رهي. توسان تنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين جي چاهت، ايڏي گھڻي هئي جو، پنهنجي سڳيءَ ماءُ کان وڌيڪ توسان گھرا هيا. مان پاڻ سوچن ۽ خوف جي ڌٻڻ ۾ ڌٻجي رهيو هيس. هڪ ڏينهن تو، ٽيليفون ڪئي پر مان موجود نه هيس، تو ڪو نياپو به نه ڇڏيو. مان پريشان رهيس. شام جو، تنهنجي ٽيليفون آئي چهڪي ٻهڪي رهي هئينءَ ٻڌائيه ته:
    “منهنجي ڀيڻ جي آپريشن ڪلهه ٿي هئي ۽ بالڪل ڪامياب وئي، هاڻي مان ڏاڍي خوش آهيان. تنهنجي ٽيليفون جي خبر پئي پر هاسپيٽل هجڻ ڪري سوچيو هيم ته آپريشن ٿي وڃي ۽ ادي انٽينسو ڪيئر يونٽ (ICU) مان نڪري وارڊ ۾ اچي ته پوءِ توڏي ٽيليفون ڪنديم. اڄ ادي وارڊ ۾ آئي آهي، ڪلهوڪو سارو ڏينهن ICU ۾ رهڻ کانپوءِ، جڏهن وارڊ ۾ پهتي ته، منهنجين اکين مان ڳوڙها نڪتا ۽ سوچيم ته، واقعي خدا رحمان ۽ رحيم آهي. مون کي، سڀ ڊاڪٽر فرشتا لڳا. مان ان وقت جي ڪيفيت کي، لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگھان. ادي آپريشن ٿيٽر ۾ وڃڻ کان اڳ چيو هو، مون سان جيڪو آخري شخص ملي، اها ساحره هجي ته جيئن منهنجين اکين کي سڪون ملي ۽ ICU مان نڪرڻ کانپوءِ به مون سان ئي پهريان ملي. منهنجو ڀيڻيويو ته ايترو خوش آهي جو ڳالهه ئي نه پڇ. هونئن به منهنجو ڀيڻيويو ڏاڍو سٺو شخص آهي. هن جيترو منهنجي ڀيڻ جو خيال رکيو آهي، ڪوئي شخص به ايترو خيال نه رکندو. هو عظيم آهي، هن منهنجي ڀيڻ جي هر خواهش پوري ڪئي آهي. هر آسائش، هن کي مهيا ڪئي اٿائين. شل سدائين خوش رهن. ها، شرط کٽي ويس. موٽي اچان ته وٺنديمانءِ.
    ساقي تنهنجي ٽيليفون جو ٻڌي مون کي ڏاڍو سڪون مليو ۽ مان اسپتال ۾ هوندي به تنهنجي ڳالهين کي ياد رکيو تڏهن مون کي هر ڳالهه، هر مشڪل آسان لڳي.
    تنهنجي ٽيليفون سان ۽ ڀيڻ جي ڪامياب آپريشن تي منهنجي مٿان، مڻن جو بار لهي ويو. مون کي هر طرف ڪڻڪ جا سنهرا سنگ جھومندي نظر آيا.
    امان جي اکين جي آپريشن ٿيڻي هئي. مان لاڙڪاڻي هليو ويس. تنهنجي طرفان جيڪا پريشاني هئي، اها ختم ٿي وئي هئي ۽ مان خوشي خوشي ڳوٺ هليو ويس.


    24

    ٽيليفون تي اوڇنگارون،
    “مان هاسپيٽل مان ڳالهايان ٿي. My Sister is dead “
    “اوهه نو Oh NO ،ڪڏهن!؟”
    “هاڻي.”
    اوڇنگارون،
    مان وائڙو.
    “خدا تي ڀروسو رک، هر ماڻهوءَ کي وڃڻو آهي.”
    “نه ايئن، نه ٿيڻ کپندو هو، خدا کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو”
    وري اوڇنگارون ئي اوڇنگارون.
    تون هاسپيٽل مان ڳالهايو هو. تنهنجي ڏک، تڪليف کي مان چڱي طرح محسوس پئي ڪيو. پر ان وقت جيڪڏهن ڪجھه چئبو آهي ته لڳندو آهي، ماڻهو اڳلي جي ڏک تي ٺٺولي ڪري رهيو آهي. ڏک محسوس ڪرڻ جي شيءِ آهي. ان کي ٻي ڪنهن به طرح، شيئر نه ٿو ڪري سگھجي. فون تي اها خبر ٻڌڻ سان منهنجا سڀ احساس بخار بڻجي، هوا ۾ گم ٿي ويا. مون کي خبر ئي نه پئي ته توسان ڇا ڳالهايان، ان وقت آٿت جا سڀ لفظ، ڀوائتا ۽ ٺٺوليءَ جا ماسڪ پاتل لڳا. مون توکي چيو ته: “تون ڀلي ٽيليفون بند ڪر، توهان اسپتال مان گھر ويندئو ته مان توسان اتي ڳالهايان ٿو.” اهي سڀ ڳالهيون مان لنوائڻ لاءِ ڪيون هيون. مان ڇا پئي چئي سگھيس. توسان گھر ڳالهائڻ جي جرئت، پاڻ ۾ نه ساري سگھيم. مان ان ئي ڏينهن لاڙڪاڻي کان پهتو هيس. امان اڃان، اسپتال ۾ هئي. مان صرف هڪ ڏينهن لاءِ آيو هيس. توڏي خط لکيم ته:
    “هن دنيا جو نالو جيڪڏهن،”ٽريجڊي هائوس” رکيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. خبر ناهي، هتي هر ماڻهوءَ سان ٽريجڊي ڇو ٿي ٿئي. اسان ڪيترو به پاڻ کي دوکو ڏيڻ چاهيون پر، اسان کي هر حال ۾ حقيقت جي آئيني سامهون اچڻو پئي ٿو. ۽ حقيقت جيڪا ٽُوهه جيان ڪڙي آهي.
    اڄ، جڏهن تون هڪ ڪڙي حقيقت ٽيليفون تي ٻڌائي ته منهنجي ذهن کي جھٽڪو لڳو. ڏک جو ڪوريئڙو منهنجي چوڌاري ڄار اُڻي ويو. ان حقيقت کان انڪار ناهي ته، پنهنجو ڏک تون ئي محسوس ڪري سگھين ٿي. پر مان به، ان ڏک کي پنهنجو ڏک سمجھيو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڀڳل شيشن تي گھمندي محسوس ڪيو اٿم.
    تنهنجي ڀيڻ جو کلڻ، ٻارن سان پيار، توسان ۽ گھر ۾ گھاريل لمحا، شادي جو ڏينهن،گھمڻ ڦرڻ، اهي سڀ هڪ خواب جيان تنهنجي ذهن جي اسڪرين تي ايندا هوندا. پر هن حسين خواب جي پڄاڻي ايتري خوفناڪ نه ٿيڻ کپي ها. تون پنهنجا ڏک، مون ڏي موڪلي ڇڏ.
    ڏک سهڻ هر هڪ جو ڪم ناهي. مون کي يقين آهي ته، تون ذهين ڇوڪري آهين. تنهنجي اندر ۾ ايتري قوت آهي ته هماليه جيڏي ڏک کي به پنهنجي من ۾ سمائي سگھين ٿي. تون پنهنجن احساسن کي دٻائي، خواهشن جي مکڙين کي چيڀاٽي پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين کي، ماءُ کي، پيءُ کي ۽ گھر جي ٻين ڀاتين کي آٿت ڏئي، انهن کي حوصلو ڏي. جيڪڏهن تون انهن کي حوصلو نه ڏيندينءَ ته، ٻيو ڪير ڏيندو؟ تون اهو ياد رکجانءِ ته توکي ايئن ڪرڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ايندي ۽ اهو سمورو عرصو تون عذاب ۾ گذاريندينءَ. پر، منهنجو ساٿ توسان هوندو. تون جڏهن اداڪاري ڪندي ٿڪجي پوندينءَ ته ٿڪ لاهڻ لاءِ، منهنجو وجود حاضر هوندو.”

    امان کي ايڊمٽ ٿئي گهڻا ڏينهن ٿيا هئا. پر، ڊاڪٽر جو چوڻ هيو ته جيستائين شگر ڪنٽرول ۾ نه ايندي، تيستائين آپريشن نه ٿي سگهندي. مان، امان سان گڏ اسپتال ۾ رهندو هيس.
    مان ٻيو خط به توکي لاڙڪاڻي مان اسپتال مان لکيو.
    “مون کي خبر ناهي ته، توکي منهنجي ڏاڍي ضرورت هوندي پر هفتي کان امان اسپتال ۾ آهي، ۽ مان هتي آهيان. توسان ٽيليفون تي به نه ڳالهائي سگهيو آهيان. ڇو جو، جنهن ڊائريءَ ۾ نمبر لکيل آهي اها خيرپور ئي رهجي وئي آهي. جنهن ڏينهن تو ٽيليفون ڪئي هئي، ان ڏينهن به صرف مان هڪڙي ڏينهن لاءِ خيرپور آيو هيس.
    مان تصور ۾ توکي ڏسي رهيو آهيان، هڪڙي ويران اکين واري پريشان ڇوڪري، مان، توکي ڪئين چوان ته، پنهنجي ڏک کي وساري ڇڏ. مان تنهنجي ڏک کي چڱي نموني محسوس ڪيان ٿو.
    انسان، ڪڏهن ته پهاڙ جيڏو اڏول ۽ مضبوط هوندو آهي، ته ڪڏهن گل جهڙو نرم. ڪڏهن ته گهڻين شين تي قادر ته ڪڏهن وري بيوسيءَ جو مجسمو. جڏهن، حالتون ماڻهن کي بيوس ڪري ڇڏين ته ان بيوسي ۽ ڏک جي ڪيفيت ۾، انسان جون صلاحيتون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن. مان سمجهان ٿو، تون اڄ ڪلهه اهڙين ڪيفيتن مان گذري رهي هوندينءَ. پر، تون ذهين، باصلاحيت، ۽ بهادر ڇوڪري آهين. ۽ ان لاءِ، مون کي يقين آهي ته تون ان ڪُن مان جلدي نڪري ايندينءَ.
    مان پنهنجي جهولي، تنهنجن ڏکن حاصل ڪرڻ لاءِ ڦهلائي آهي. تون پنهنجا ڏک، اڇلي هلڪي ٿي وڃ هوا وانگر. مان نٿو چاهيان ته تنهنجي اکين ۾ شام جي ويراني هجي. مان ته، صبح جي روشني انهن اکين ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. مان، يقين رکان ته تنهنجي اکين ۾ صبح جو سوجهرو انڊلٺ جا رنگ، بادل جي مستي، جذبن جا طوفان ڏسي سگهندس؟”
    مون وٽ ڪراچيءَ جي ايڊريس نه هئي، تنهن ڪري اهي خط لکي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا هيم. مان تنهنجي ڪراچي اچڻ جو سوچيان پيو، پر مناسب نه پيو لڳي ته امان کي اسپتال ۾ ڇڏي تو وٽ اچان. ان ڪري پريشانيءَ ۽ بيوسيءَ ۾ ڏينهن گذارڻ لڳس.


    25

    ان ڏينهن ڪينٽين تي اڪيلو ويٺو هيم. مون کي پڻ امان جي باري ۾ پريشاني هئي. شگر ++++ کان گهٽجي ئي نه پئي. مون کي هڪڙو ڏينهن لاڙڪاڻي کان آئي ٿيو هو ۽ ان مهل وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هيس، ته تون منهنجي آڏو اچي وئينءَ.
    ڪارا ڪپڙا پهري آئي هئينءَ. تنهنجون اکيون ڪلر ۽ سمَ واري زمين وانگر لڳي رهيون هيون، چهرو ڄڻ اجڙيل گهر. خبر ناهي، تون الائي ڪهڙين نظرن سان ڏسي رهي هئينءَ. مان، ڪجهه وقت خاموشيءَ سان ڏسندو رهيس. توکي ويهڻ لاءِ چئي مان پنهنجون نظرون زمين ۾ کپائي ڇڏيون. تنهنجين اکين ۾، اڏامندڙ اداسيءَ جي واچوڙن کي ڏسڻ جي سگهه مون ۾ نه هئي.
    خاموشي
    گهڻي دير چپ رهڻ کان پوءِ تون ڳالهايو ته، تنهنجو آواز ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ ڪو ماڻهو ميلن جي مفاصلي تان ڳالهائيندو هجي.
    تو چيو:
    “مون کي دوستن مان اها اميد نه هئي”
    مان خاموش رهيس.
    “جڏهن واقعي به مون کي دوستن جي ساٿ جي ضرورت هئي، ان وقت ڪنهن به مون کي آٿت نه ڏني. دلاسو نه ڏنو، پيار نه ڏنو، سهارو نه ڏنو.”
    مان وري به چپ رهيس.
    تنهنجي اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا. مان پنهنجي ڪرسيءَ کي تنهنجي ڀرسان آندو، ۽ پاڻ کي ڏوهي سمجهي رهيو هيس ۽ توکي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو ۽ منهنجي آواز ۾ ڏک سمائجي ويو.
    “ساحره، مان سمجهان ٿو، ۽ مان محسوس ڪريان ٿو تنهنجي ڏک کي، باقي تون ايئن نه چئه.”
    پنهنجاڳوڙها وهائيندي چيئه:
    “سڀ خود غرض آهن، مان پنهنجي دوستن کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو، پر انهن مون کي ڪجهه نه سمجهيو”
    “مان، ڇا پيو ڪري سگهان، امان اسپتال داخل هئي، تنهن ڪري تو وٽ ڪراچي نه اچي سگهيس.”
    “تون، ان ڏينهن ٽيليفون ڪرڻ جو چئي، ٽيليفون نه ڪئي، مان ڏاڍو انتظار ڪيو.”
    تنهنجي ڳوڙهن جي سنڌو وهندي رهي.
    “پر، مان ته ٽيليفون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.” مان ڪوڙ ڳالهائيندي پنهنجين نگاهن کي جهڪائي ڇڏيو. منهنجي اندر ۾ وڍ پئجي رهيا هيا.
    “اديءَ جو لاش، گهر ۾ پيو هو ۽ منهنجي ڪنن کي تنهنجي ٽيليفون ٻڌڻ جو انتطار هيو ۽ ساري رات ٽيليفون جو انتظار ڪندي رهيم.” تون اوڇنگارن ۾ پئجي وئين. گهڻي دير روئيندي رهينءَ. جڏهن ڏٺم ته، تون خاموش نه ٿي رهين آهين، مان توکي دلاسو ۽ آٿت ڏيڻ لاءِ، تنهنجي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي آهستي آهستي دٻائڻ ۽ مهٽڻ شروع ڪيو.
    “مان پنهنجو وجود ختم ڪري آئي آهيان. ڪيڏو عذاب آهي، گھر جي ڪنهن فرد جو مرڻ.”
    تنهنجا سڏڪا، وڌندا ويا. مان پريشاني ۽ بي وسيءَ جي احساس هيٺ خاموش رهيس.
    “مون کي تو مان اها اميد هرگز نه هئي. ڏس نه، سڀ دوست صرف نالي جا دوست آهن.”
    منهنجي اندر ۾ ڏوهي هجڻ جو احساس وڌي رهيو هو.
    مون توکي چيو:
    “مون کي معاف ڪر، مان واقعي تنهنجو ڏوهي آهيان. پر ان ۾ منهنجيون به ڪجھه مجبوريون هيون.”
    تنهنجي اکين مان وهندڙ پاڻي، هاڻي منهنجين هٿن کي سيراب ڪري رهيو هو.
    مان توکي اتان اٿاريو. تنهنجي سڄيل اکين ۽ پريشان وارن ۽ روئڻ کي ڪافي اسٽوڊنٽ حيرت مان ڏسي رهيا هيا. تون ۽ مان گڏجي ڪامن روم ۾ آياسين، جتي تنهنجي روئڻ جي اسپيڊ وڌي وئي. منهنجي هٿن کي، پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي اکين تي رکيئه. منهنجا هٿ آلا ٿي ويا. تنهنجا سڏڪا ڪامن روم جي ڀتين سان ٽڪرائجڻ لڳا.
    “ڏس ايئن نه ڪر ڏاهي ٿيءُ.” مون توکي آٿت ڏيندي چيو. پر مون کي لڳو ته اهي لفظ منهنجا نه پر، ٻي ڪنهن جا هئا، ڏاڍا هلڪا لڳا اهي لفظ. منهنجن هٿن کي، تون پنهنجين اکين مٿان گھمائيندي رهينءَ. مون کي لڳو ته، توکي ايئن ڪرڻ سان سڪون ملي رهيو هئو. مان، تنهنجين اکين کي هٿن سان بند ڪري، انهن جي ڪنڊن وٽان وهندڙ ڳوڙهن کي اگھيو ته تو اکيون کولي مون کي ڏٺو. تنهنجي نظر ۾ هڪ ئي وقت شڪايتون به هيون ته، الائي ڪيترا سڏ به هيا. انهن سڏن جي آواز تي، مان جھڪندو ويس ۽ منهنجا چپ نمڪين ٿي ويا پوءِ منهنجا چپ ان نمڪيات کي قابو ڪندا، چهري تي چرڻ لڳا، تنهنجا سڏڪا آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳا. سڏڪن جو آواز ٻڌي، منهنجا چپ آواز جو پيڇو ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ، سڏڪن جي آواز کي دٻائي ڇڏيائون. ڪافي وقت، گونگن ڳوڙهن جي نمڪيات، زمين تي نه ڪري. مان تنهنجو ڪنڌ لاڙي پنهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيو ۽ پنهنجو هٿ، تنهنجن وارن ۽ اکين تي ڦيريندو رهيس. تنهنجي روئڻ جي شدت گھٽجندي وئي، تنهنجا ڳوڙها، منهنجي قميص کي آلو ڪري ويا. اڄ، الائي ڪهڙي جذبي، مون ۾ بي خوفي ۽ جرات پئدا ڪري ڇڏي هئي. مون کي اهو خوف بالڪل نه هيو ته جيڪڏهن ڪنهن، ان حالت ۾ ڏٺو ته ڇا چوندو.
    تنهنجي روئڻ، کي بند ٿيڻ ۾ چڱو وقت لڳو. مان، توکان ٿورو پر ڀرو ٿي ويٺس. تون، ڪنڌ جھڪائي ويٺي رهينءَ. مون توکي ٻڌايو ته، لاڙڪاڻي ٿو وڃان. امان جي اک جي آپريشن سڀاڻي ٿيڻي آهي، تون خاموش رهينءَ. مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳي رهيو هو ته، تو کي ان حالت ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي وڃان. مان محسوس ڪري رهيو هيس ته، توکي منهنجي سخت ضرورت آهي. پر، منهنجو وڃڻ به لازمي هيو. مون توکي چيو ته:
    “مان لاڙڪاڻي ٿو وڃان، مون سان هلندينءَ؟” تون اکيون صاف ڪندي ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي. مون توکي چيو
    “تون هن پوائنٽ بس ۾ گھر وڃ، مان پنهنجي دوست کي گاڏي ڪاهي اچڻ لاءِ چوان ٿو، تون گھران اجازت وٺ ته جيئن پوءِ مان توکي وٺڻ اچان.”
    تون ان بس ۾ گھر هلي وئينءَ.
    مون کي گھڻي دير کانپوءِ سليم مليو، جنهن کي گاڏي لاءِ چيم. اسان شام جي شروعات وقت تو وٽ پهتاسين. دير تمام گھڻي ٿي چڪي هئي، تنهنجي گھر جي ڪال بيل وڄايم. تو ٻڌايو ته
    “هاڻي مان نه هلي سگھنديس. ڇو جو، اڄ ئي موٽي نه سگھنديس، زرينه به ساڻ نه ٿي هلي. تون وڃ مان سڀاڻي اينديس.”
    مان لاڙڪاڻي هليو ويس.
    ٻي ڏينهن تي به نه آئينءَ. شام جو توڏي فون ڪيم. تو نه اچڻ جو سبب ٻڌايو ته:
    “رات ننڊ نه پئي آئي. تنهنڪري ڊائزاپام جون گوريون کاڌيون هيم ۽ صبح جو سويل جاڳ ئي نه ٿي. يارهين بجي جاڳيم، وري ٿوري دير کانپوءِ سمهي پيس ته هاڻي اٿي آهيان. تنهنجي ٽيليفون تي”
    “اها ته سٺي ڳالهه ناهي، حقيقتون تنهنجي آڏو آهن. ڪيستائين انهن کان منهن موڙيندينءَ، گوريون کائي؟”
    “مون کي ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿو اچي. جنهن ڪري گوريون کاوان ٿي. سوچي سوچي دماغ ڦاٽي ٿو”
    “ڏس، فراريت سٺي ناهي. چڱي نموني مقابلو ڪر، تون ته بهادر آهين”
    “اهو سڀ ڪوڙ هيو، بهادري وغيره.” تون گگھي آواز ۾ چيو.
    “نه نه تون بهادر آهين ۽ ٻڌ وري جيڪڏهن گوريون کاڌئي ته ماريندومانءِ، ٺيڪ آهي؟”
    “ڪوشش ڪنديس”
    “ڪوشش نه، توکي ايئن ڪرڻو آهي. ڏس اداس نه ٿي، مان سمجھان ٿو سڀ ڪجھه، پر ايڪٽنگ ئي سهي، ڪجھه کل ته سهي، ڳالهاءِ ته سهي.”
    “هاڻي زمانو مون تي کلي ٿو.”
    “چڱو، هاڻي، مان موڪلايان ٿو، واعدو ڪر ته گوريون نه کائيندينءَ. “
    “ڪوشش ڪنديس”
    مان توکي ان رات اسپتال مان خط لکيو. ڇو جو تنهنجي گورين کائڻ واري ڳالهه مون کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.
    “مان توکي هي خط اسپتال جي ڪاريڊور مان لکي رهيو آهيان. ڪمري ۾ امان ستي پئي آهي. منهنجين اکين مان ننڊ ڏور آهي تمام ڏور. ان سمي سوچيم ته، پنهنجي پريشاني ڪاغذ کي سونپيان. هونئن به، پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ لکڻ پڙهڻ سٺيون مصروفيتون آهن. تون به پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ پڙهندي ڪر يا نه ته، ڪنهن دوست کي خط لکندي ڪر.
    شام جو تون ٻڌايو ته تون ننڊ جون گوريون کائين ٿي. منهنجي ذهن کي ڏاڍو ڌچڪو پهتو. تون ايڏي ذهين، بهادر ۽ خوبصورت هوندي، اهڙا خيال ذهن ۾ رکين ٿي. مون کي ڏک صرف ان ڳالهه جو آهي ته، تون مون کي دوست نه ٿي سمجھين، تنهن ڪري ئي تون پريشان رهين ٿي ۽ پاڻ کي اڪيلو سمجھين ٿي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته، پنهنجيون سڀ پريشانيون مون کي لکي موڪلين ها. بهرحال، تون مون کي دوست نه ٿي سمجھين ته تنهنجي مرضي، مان ڪير ٿيندو آهيان تنهنجي مرضيءَ ۾ دخل ڏيڻ وارو.
    ڏک ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي. پر، ڏک کي مٽائڻ لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻو پوندو آهي. ڏک کي تبديل ڪرڻ گھرجي، پنهنجي ڏک کي، ٻين جي ڏک سان ملائي ڪنهن منزل طرف وڌڻ کپي. هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ. اسان کي ٻين لاءِ جيئڻ گھرجي”
    ڪجھه ڏينهن ڳوٺ رهڻ کانپوءِ يونيورسٽي آيو هيس. توڏانهن ٽيليفون ڪيم تنهنجي لهجي ۾ ساڳي اداسي هئي. يونيورسٽيءَ ۾ تون خاموش خاموش رهڻ لڳينءَ. تنهنجي اکين جي هيٺيان ڪارا نشان پئجي ويا هيا، منهن پيلو ٿي ويو هو ۽ گھڻي حد تائين، ايبسنٽ مائينڊيڊ رهڻ لڳي هئينءَ. مون توکي گھڻو ئي سمجھايو، توکي احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته تون پاڻ کي ختم نه ڪر. پنهنجي وجود سان، ٻين کي فائدو ڏي، تون گھڻا دفعا اهو چيو هو ته، تنهنجي زندگي ٻين جي لاءِ آهي. ڊائزاپام واپرائڻ لڳي هئينءَ، مان الائي ڪيترا دفعا توکي سمجھايو هو، ڌمڪايو هو پر تون چيو هو ته منهنجي مجبوري آهي. انهن کانسواءِ مون کي ننڊ نه ٿي اچي، سڪون نه ٿو ملي. انهن گورين جي ڪري، تنهنجا هٿ ڏڪڻ لڳا هيا ۽ هر وقت ڄڻ، غير حاضر دماغ سان موجود هوندي هئينءَ.
    هميشه جيان،اسان جي ڪچهري، اسانجون ڳالهيون اڌوريون رهجي وينديون هيون. ڇو جو، يونيورسٽيءَ ۾ دوست ملي ويندا هيا. هڪ ڏينهن، تون ڏاڍي ڊسٽرب هئينءَ ۽ مون کي چيئه
    “اڄ تون گھر اچجانءِ”
    مان منجھند جو تنهنجي گھر جي ڊرائينگ روم ۾ هيس. خاموشي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ويٺي هئي. تون، پنهنجي ڀيڻ جو فوٽو ڏيکاريو ۽ ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ته، تنهنجين اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. تنهنجو ڪنڌ، منهنجي ڪلهي تي پهچي ويو. تون الائي گھڻي دير اکيون بند ڪيو، ڪنڌ لاڙي ويٺي رهينءَ. منهنجا هٿ، تنهنجن وارن ۾ هرُ ڏيندا رهيا. تنهنجون اکيون ڳوريون ٿينديون ويون. تنهنجو چهرو، منهنجي چهري سان ملي، هڪ چهرو بڻجي ويو هو. منهنجون اکيون، نڪ، چپ تو وٽ اچي ويا ۽ تنهنجون اکيون چپ، نڪ مون وٽ رهجي ويا. شايد، تنهنجا ڏک به مون وٽ اچي ويا هيا. جڏهن تون اکيون کوليون هيون ته هلڪي هلڪي ۽ تازي لڳي رهي هئينءَ.
    چيو هيئه:
    “ڳالهائڻ کان بغير به ڪڏهن ڪڏهن جذبا، ڏک ۽ خوشيون، ٻي سان ملڻ، ۽ ڀاڪر پائڻ سان، ان وٽ پهچي ويندا آهن. اڄ منهنجا ڏک گھڻي ڀاڱي توڏانهن ٽرانسمٽ Transmit ٿي ويا آهن - ۽ مان اڄ ڏاڍي خوش آهيان.”
    مون مرڪندي توکي چيو:
    “ٺيڪ آهي ــ باقي، جيڪي ڏک ۽ غم رهجي ويا هجن ته اهي خط ۾ لکي موڪل، تنهنجي دل جو بار گھڻو هلڪو ٿي ويندو. واعدو ڪر.”
    تون واعدو ڪندي هٿ ملايو. مان موڪلائڻ لاءِ اٿي بيٺس. تنهنجو ساهه منهنجي سيني جي وارن ۾ اٽڪي پيو. مان جھڪي ڪياڙيءَ جي سنهن وارن کي ساهه سان پريشان ڪرڻ لڳس. پگھر جي ڪري تنهنجي جسم مان، خوشبو اٿي رهي هئي ــ جيئن سارين جي ٻنيءَ وٽان لنگھڻ مهل اوٻر ۽ ان جي خوشبو اٿندي آهي.
    مون، توکي الوداع چيو. تنهنجو منهن، سورج مُکيءَ جيان لڳي رهيو هيو.


    26

    تنهنجو خط مليو:
    “مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا لکان. توکي ڪاوڙ به ڏاڍي هوندي، جو تنهنجن خطن ۽ چوڻ جي باوجود هڪ خط به نه لکيو. شايد غمن، منهنجن احساسن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي اداسيءَ، خاموشيءَ جو سبب اهو آهي ته، مان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو گھڻين ڳالهين، يادن، ۽ ماڻهن جي روين جو زهر پنهنجي اندر ۾ اوتيو آهي. ان ٽريجڊيءَ مان مون کي فائدو اهو پهتو آهي جو، مان ڏک سهي، سُکيو رهڻ سکي ورتو آهي.جيتوڻيڪ، اهو عمل ڏاڍو تڪليف وارو آهي. پنهنجن ڳوڙهن کي ضبط ڪري هاڻي حالت اها ٿي ويئي آهي، جو هر وقت دل ۾ باهه ٻريل لڳندي آهي. مون کي لڳندو آهي ته گرم گرم پاڻي، منهنجي دل تي ڪري رهيو آهي. خير، مون کي پنهنجن ڪلهن تي ڳوڙهن وهائڻ ۽ ضبط ڪرڻ جو مزو اچي ئي ويو. ائين ٿو لڳي ته ڪو زهر آهي جيڪو منهنجي وجود ۾ ڦهلجي ويو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت، منهنجي دل ڳالهائڻ لاءِ چاهيندي آهي، مگر مون کان ڳالهايو نه ٿيندو آهي. مان زور سان روئڻ چاهيندي آهيان ته روئي نه سگھندي آهيان. منهنجي دل چاهيندي آهي، ته مان پنهنجي چوطرف موجود دنيا کي ناس ڪري ڇڏيان. مگر مون کان اٿڻ نه ٿو پڄي، ڪنهن سان ڳالهائڻ تي دل نه ٿي چئي. زندگيءَ ۾ مان ڪڏهن ايترو سوچيو نه هو بلڪه سوچيو ئي نه هو، جيترو هاڻي سوچيان ٿي. ڪنهن پل مون کي سڪون نه ٿو ملي. عجيب بي چيني آهي. گھر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بي مقصد، بيوقوفن جھڙي شڪل کڻي گھمندي وتندي آهيان. لڳندو آهي ڄڻ، منهنجي تمام وڏي قيمتي شيءِ گم ٿي وئي آهي. مگر، جڏهن ڳولهڻ لڳندي آهيان ته سمجھه ۾ نه ايندو آهي.
    اف منهنجا خدا! خبر ناهي ائين ڇو آهي. منهنجا حوصلا ايترا پست ڇو ٿي ويا آهن؟ سوچي سوچي لڳندو آهي ته دماغ ڦاٽي پوندو. جيڪڏهن مان رڙيون ڪري روئي نه سگھيس ته چري ٿي پونديس. منهنجو دماغ بالڪل مائوف ٿي ويو آهي. هڪ هفتي کان وٺي مان گھر ۾ ڪنهن سان نه ڳالهايوآهي. ڳوڙهن جي ٻوڏ پنهنجي اندر ۾ لاهڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته، منهنجي جسم ۾ ٽانڊا پڄري رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل چاهي ٿي ته ڪنهن جي ڳچي پڪڙي گھٽو ڏئي ڇڏيانس. واقعي به مون تي چريائپ سوار ٿي وئي آهي.
    ڪنهن به جڳهه تي منهنجي دل نه ٿي لڳي. هتي خيرپور ۾ به نه ۽ ڪراچيءَ ۾ ته هتان کان به وڌيڪ ڊپريشن ٿئي ٿي.
    ڪاش! مان رڙيون ڪري روئي سگھان. پٿر ناهيان نه! يادون هر وقت منهنجي چوڌاري گھمنديون رهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ته هي سڀ خواب آهي، هڪ ڀوائتو خواب، جڏهن منهنجي اک کلندي ته مان اديءَ وٽ هونديس. ڪيترو ڀوائتو خواب آهي.
    منهنجي مٿي تان ڇاپرو، منهنجي دوست، منهنجي بيغرض محبت، منهنجو مانُ، منهنجو غرور سڀ ڪجھه ئي ته هليو ويو، ڪٿي تلاش ڪيان؟
    منهنجن ڪنن ۾، هر وقت هن جو ئي آواز گونجندو رهندو آهي. منهنجي خاندان جا سڀ ٻار مون کي “نانا جان” چوندا آهن، ادي به مون کي پيار مان نانا جان چوندي هئي. جنهن ڏينهن هن جي وفات ٿي، مان ان ڏينهن هن کان ناراض ٿي گھر آئي هيس ۽ هوءَ بيوفا مون کي پرچائڻ به نه آئي. خود ئي ناراض ٿي هلي وئي. “اچ، اچي ڏس ته تنهنجي نانا جان ڪيڏي اداس آهي. هاڻي مون کي ڪير پرچائيندو، ڪير منهنجي راهه ڏسندو؟ ڪاش! تنهنجي بدلي ۾ تنهنجي نانا جان مري وڃي ها. منهنجي دل چاهي ٿي ته ايترو روئان جو منهنجو آواز، ان مٽيءَ جي هيٺيان پهچي، جتي تون آهين. ڏس اچي! توکان سواءِ، اسان سڀ ڪيترا اداس ۽ اڪيلا آهيون. ڏس نانا جان جا ڳوڙها ترڪندا ٿا وڃن. ۽ تو تي ڪوئي اثر ئي نه ٿو ٿئي!!”
    ڪاش! خدا اسان کي ايترو بيوس نه بڻائي ها. اسان سڀ ڇا آهيون؟ خدا صرف اسان جو تماشو ڏسندو آهي. هن پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ اسان کي ٺاهيو ۽ هاڻي اسان جي بي وسيءَ کي ڏسندو رهندو آهي. نه کپي مون کي اهڙو خدا، نه کپي مون کي زندگيءَ جي بخشش، جنهن ۾ هڪ هڪ خوشيءَ لاءِ ڪشڪول ڦهلائي پنندي رهان.
    مون کي يقين ئي نه ٿو اچي، پاڻ کي يقين ڏيارڻ لاءِ اديءَ جي قبر تي وئي هيس. منهنجي دل چاهيو ته قبر کوٽي اديءَ کي ڪڍي اچان. مان زور سان رڙ به ڪيم. پر، اتي لامحدود خاموشي هئي ڪوئي به آواز ٻڌي نه آيو. واپس ايندي مان مڙي مڙي ڏسندي رهيس. مون کي لڳو ڄڻ ٻوٽن پويان بيٺل ادي مون کي ڏسي رهي هئي. مان بيهي رهيس، منهنجا ڳوڙها وهندا رهيا ۽ هوءَ ظالم، منهنجا ڳوڙها ڏسندي رهي، مشڪندي رهي، نانا جان جو اهو روپ سٺو لڳيس پيو شايد!!.
    بس، هاڻي مون کان لکيو نه ٿو پڄي. سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته خط لکان يا ڳوڙها صاف ڪيان، يا هن جلندڙ دل کي سنڀاليان، يا سڪون جي تلاش ڪيان. اهو سڪون جنهن جي ڳولها ۾ گوتم نڪتو هو. منهنجي دل چاهي ٿي ته مان به گھر مان نڪري وڃان، گھاٽن جھنگن ۾ ۽ خشڪ ريگستانن ۾. ٻڌو آهي ته گوتم کي ايئن سڪون مليو هو. منهنجي دل چاهي ٿي ته مان زور سان رڙ ڪري گوتم کان پڇان.
    “گوتم! ڪاٿي آهي اهو سڪون جنهن جي ڳولها ۾ تون جھنگن ۽ برپٽن ۾ پريشان رهين. اهو سڪون جو تنهنجي روح ۾ گيان بڻجي لٿو هو ۽ تنهنجن چپن مان سچائي بڻجي ڦٽيو هو. تنهنجين اکين مان نور بڻجي نڪتو هو؟ مون کي به ان سڪون جي تلاش آهي. اهو سڪون جيڪو منهنجي لُڇ پُڇ کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي.
    مگر ساقي! سڪون ڪاٿي؟ گوريون کائي به سڪون نه ٿو ملي. سمهڻ دوران، مان اڪثر پلنگ تان ڪري پوندي آهيان. شايد، ان لاءِ جو مان ڪڏهن ننڍو ڏک به نه سهيو هو. مان صرف پنهنجين خواهشن جو پورو ٿيڻ ۽ چاهتن جي ڇانوَ ڏٺي هئي. ڪنهن جي جدا ٿيڻ جو ڏک سٺو ئي نه هو. جڏهن ته هي منهنجي، پنهنجي وجود جي گم ٿيڻ جو ڏک آهي. پنهنجي رت تان دستبردار ٿيڻ جو ڏک آهي. ته پوءِ پنهنجي وجود کي وڃائي سڪون ڪٿي ٿو ملي؟ منهنجي وجود جي سڃاڻپ جو هڪ حصو گم ٿي ويو، مڻن مٽي هيٺيان ته پوءِ منهنجو هي ڏک جائز آهي نه ؟!
    ڪيئن وساريان ساقي؟! ڪنهن جي جدا ٿيڻ جو ڏک پوءِ به ماڻهو برداشت ڪري سگھي ٿو، مگر ڪنهن شيءِ جو بالڪل غائب ٿيڻ جوڏک، ٻڌاءِ نه ڪيئن وساريان؟ هڪ لمحو اهو عذاب وارو لمحو جڏهن اسان جي تماشائي خدا، اسان جي هر شيءِ مڻن مٽيءَ هيٺيان پڄائي ڇڏي، ڏاڍي تلخ حقيقت آهي. منهنجن ٽهڪن ۽ خوشين جي عمر ايتري هئي. جيڪڏهن مون کي اها خبر هجي ها ته مان ڪڏهن نه کلان ها. گھٽ ۾ گھٽ مون کي ڏک ۾ رهڻ جي عادت ته هجي ها. ڏاڍو غرور هوندو هو ته مان ڏاڍي خوش قسمت آهيان. مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته خوش قسمتيءَ کي بدقسمتي ۾ بدلجڻ ۾ دير ئي نه لڳندي آهي. انسان دنگ رهجي ويندو آهي ۽ رنگ اڏامي ويندا آهن. گھڻيون ڳالهيون منهنجي ذهن تي بار بڻيل آهن. منهنجو خيال آهي ته اهو بند ٽوڙي ئي ڇڏيان. مگر منهنجن هٿن ۽ ذهن کي ايڏي طاقت ئي ناهي ته گذريل ارڙهن ڏينهن جو عذاب هڪدم بيان ڪري سگھان.
    تنهنجي وڏي مهرباني. تون منهنجي ڏک ۾ شريڪ ٿئين ۽ مان پنهنجن ڏکن کي تو ڏانهن موڪليو آهي.
    هڪ ٻيو عذاب به تو کي ٻڌائي ڇڏيان، ته هن ڏک کان علاوه، غم ۽ ڏک ۾ مان پنهنجا ڪجھه رنگ به وڃائيا آهن. اهي رنگ جن کي مون زماني جي حادثن کان بچائي رکيو هو، منهنجا رنگ جيڪي منهنجي ميراث هيا، منهنجو غرور هيا اهي به مان وڃائي ڇڏيا آهن. سڪون ڳولهڻ نڪتي هيس ته وحشتون به ويون. تون مون کي وڏو سمجھندو هئين نه، هاڻي ته مان به عام ڇوڪري آهيان. ڏکن ۽ غمن منهنجي انا، منهنجي خود داري، سڀني کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو. خدا جي واسطي ساقي منهنجي احساس ڪمتري ختم ڪر، مون کي پنهنجا رنگ وڃائي، پنهنجو وجود اڌورو لڳي ٿو. لڳي ٿو ته منهنجي قيمتي شيءِ گم ٿي وئي آهي. توکي هي سڀ ڳالهيون ڏک پهچائينديون، پر توکي خبر آهي ته مان پنهنجن رنگن جي باري ۾ حِساس آهيان.
    منهنجي رنگن جا امين. مان خوش به آهيان! ته مون پنهنجا رنگ ان شخص کي ڏنا آهن، جيڪو انهن کي سنڀالي رکندو. ان لاءِ جو اهي رنگ منهنجي خوداري ۽ ذات جو حصو آهن. ان کان بغير مان ڪجھه به ناهيان. پر مون کي يقين آهي ته، مون پنهنجا رنگ ان ماڻهو کي ڏنا آهن جنهن کي احساس آهي ته پوپٽن جا رنگ ڪيترا حساس هوندا آهن. تنهن ڪري پنهنجا رنگ خوشيءَ سان ڏيڻ جي باوجود منهنجون اکيون مٿي نه ٿيون کڄن. صرف ان احساس جي ڪري ته مان به اهو بغير رنگن وارو پوپٽ آهيان جيڪو، ڪتاب ۾ رنگ ڇڏي اتي مري ويندو آهي. ان لاءِ،
    منهنجن رنگن جا ساٿي!
    مون کي اعتماد ڏي ته منهنجا رنگ ختم نه ٿيا آهن. مون کي حوصلو به ڏي ته مان پنهنجن رنگن جو امين ان شخص کي ڪيو آهي، جيڪو انهن صيادن مان ناهي. جيڪي پوپٽن کي ڪتابن ۾ بند ڪري انهن جا رنگ سميٽي، وساري ڇڏيندا آهن. خبر ناهي تو منهنجي ڳالهه سمجھين به ٿو يا نه! توکي خبر آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قيمتي شيءِ پنهنجي مرضيءَ سان به ڏيندو آهي ته، هڪ لمحي لاءِ جدائيءَ جي تصور سان ان جي اکين ۾ ڏک جو عڪس لهرائيندو آهي. منهنجو هي خوف، به ان هڪ لمحي جي عڪس جيان آهي. تنهن ڪري تون ئي مون کي اهو اعتماد ڏئي سگھين ٿو ۽ منهنجي ان خوشيءَ کي جيڪا پنهنجا رنگ، توکي ڏيڻ وقت منهنجي چهري تي جھومي هئي، تون ئي ان کي دائم رکين سگھين ٿو، ته منهنجا رنگ تنهنجي لاءِ به ايترا ئي عزيز هوندا جيترا مون کي هيا ۽ آهن.
    تون هي سڀ ڪجھه پڙهي شايد ڊسٽرب ٿين. مگر مون کي ڪوبه پڇتاءُ ناهي ڪو به ڏک ناهي. اهو صرف هڪ لمحي جو ڏک هيو. هڪ سوچ، هڪ خوف آهي جيڪو مان تو کي چئي ڇڏيو آهي. مان پنهنجا رنگ پنهنجي مرضيءَ سان توکي ڏنا، پر منهنجي سڀ کان قيمتي شيءِ منهنجا اهي رنگ آهن. جن کي مان زماني جي حادثن ۽ غلط نگاهن کان بچائي رکيو. تنهنڪري، مون کي پنهنجن رنگن سان پيار به ڏاڍو آهي. منهنجو غرور، منهنجي انا، منهنجي خود داري، انهن رنگن ۾ ئي ته آهي. هاڻي، تون منهنجي رنگن جو امين آهين. ان لاءِ هي منهنجا رنگ، ۽ انا منهنجي خودداري سڀ ڪجھه تنهنجو ئي آهي. مون کي يقين آهي ته، تو جھڙي دوست جي نظر ۾ منهنجن رنگن، انا ۽ خوداريءَ جي اهميت ايتري ئي هوندي جيتري مون کي. منهنجو خيال آهي ته، هاڻي رنگن واري ڳالهه ڊگھي ٿي وئي آهي، مون کي اڄ ننڊ به اچي پئي بغير گورين جي، ان لاءِ بند ٿيندڙ اکين سان موڪلاڻي.
    قلم تازو: هنڌ تي ليٽيم ته سهي پر ننڊ نه آئي. هي تماشو روزانو ٿيندو آهي. تڏهن مان مجبورن گوريون کائيندي آهيان. تنهنجي ناراضگيءَ جي باوجود، تون چئه ته مان زندگي ڇڏي ڏيان، مگر هيءَ مجبوري آهي ته گورين کائڻ سان دماغ مائوف ٿي وڃي ٿو. مون کي جڏهن ڪجھه سمجھه ۾ نه ايندو آهي ته پوءِ مجبورن گوريءَ جو سهارو وٺندي آهيان.
    اڄ ليلته القدر آهي. عبادت جي رات آهي. اسان هر سال سڄي سڄي رات عبادت ڪندا هياسين ۽ اديءَ جي صحت لاءِ دعائون گھرندا هياسين. پر اديءَ جي مرڻ کان پوءِ منهنجو خدا تان ايمان کڄي ويو آهي. هاڻي، مان نماز پڙهڻ به ڇڏي ڏني آهي. جڏهن اسان کي، سکن جي دعائن گھرڻ باوجود صرف ڏک ملن ٿا، ته پوءِ اسان کي دعا گھرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ خوشيون گُھرڻ سان به نه ملن ۽ ڏک بنا گھرڻ جي ملن ٿا ته پوءِ عبادت ڇو ڪريون؟ بس، ان لاءِ سڀ ڪجھه ڇڏي ڏنم.
    ڏکن جي صليب تي چڙهي، هاڻي مون کي ڪجھه ياد ناهي، ان لاءِ ته ڏکن جو صليب، منهنجي لاءِ خدا جوڙيو آهي. ته مان ان کان ٻيو ڪجھه ڇو گھران؟ اگر، هن کي اهو صليب منهنجي وجود سان سٺو ٿو لڳي ته ايئن ئي سهي.
    دل ٿي چاهي ته، سموري شيشي کاوان، دماغ ڦري رهيو آهي. عجيب بي چيني آهي اندر ۾”
    تو پنهنجي خط ۾، دل جو بار گھڻي قدر هلڪو ڪيو هو. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته، ڪنهن نه ڪنهن طرح ته تو پنهنجي ڏک جو غبار هلڪو ڪيو.
    ڏک ٻين جي حوالي ڪري نه ٿا سگھجن. پر ٻين کي ڀاڱي ڀائيوار ڪري سگھجي ٿو. تون اهو سمورو عرصو خاموش رهي هئينءَ ۽ دوستن جي خود غرضي، زماني جي روايتن، مذهب ۽ خدا کان بيزار ٿي پئي هئينءَ. ڇو جو ان ڪيفيت ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيندو آهي ۽ ٻين جي لاءِ بداعتمادي پئدا ٿي ويندي اٿس. تنهنجي خط خوشي به ڏني ۽ ڏک به، تون جنهن نموني پنهنجي ڪيفيت جو اظهار ڪيو ان مونکي روئاري وڌو. مان به تو ڏانهن خط لکيو ته:
    “مون کي خوشي ان ڳالهه جي آهي ته تون پنهنجن احساسن کي خط جي شڪل ڏني ۽ ڏک جي ٻوڏ جيڪا تنهنجي اندر ۾ هئي، ان جا ڪجھه قطرا، ڪاغد تي ڪريا ۽ اهي به منهنجي لاءِ. سڪون جي ڳولها، هڪ بيوقوفي کان سواءِ ڪجھه ناهي. ڇو جو سڪون هن دنيا ۾ ته ڇا، پر مون کي يقين آهي ته سڪون ڪٿي به ناهي، ٻي دنيا ۾ به نه (ماڻهن چواڻي).
    ماڻهوءَ جي هٿ مان گلاس ڪِري ڀڄي پوندو آهي ته ڏک ٿيندو آهي. ڪنهن پينٽنگ تي ڪافي هارجي پوندي آهي ته ڏک ٿيندو آهي. ڪنهن ساز جي تار ٽٽندي آهي ته ڏک ٿيندو آهي. ڪوئي خوبصورت گلدان ٽٽندو آهي ته ڏک ٿيندو آهي. جڏهن انهن ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڏک ٿي ٿو ته ايتري سانحي تي ڏکوئجڻ فطري عمل آهي ۽ تنهنجا جيڪي به احساس آهن، تون ان ۾ حق بجانب آهين. پر منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏ ته مڪمل سڪون ڪٿي به ملڻ مشڪل آهي، ان لاءِ جتي به، جنهن به ڪم ۾ ٿورو سڪون ملئي ٿو ته اهو حاصل ڪر.
    ڪير ٿو چئي ته جھنگن ۾، بيابانن ۽ ويرانين ۾ گھمڻ سان سڪون ملي ٿو؟ گيان ملي ٿو. اها صرف فراريت آهي، ٻيو ڪجھه به نه. جيڪڏهن ائين سڪون ملي ها ته گوتم ڪڏهن به واپس شهرن ۾ نه اچي ها. ها، سڪون ان ۾ آهي ته ماڻهن ۾ رهي ڪري، اهڙا رستا ٺاهيا وڃن، جن تي هلڻ سان سڪون حاصل ٿئي، تون پنهنجي سڪون کي هٿيڪو ڪرڻ لاءِ، پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن کي سڪون، همت ۽ خوشي ڏي.
    اڄ، تنهنجي خط منهنجي اندر ۾ ڏکن جا ڏهر پئدا ڪري ڇڏيا آهن هڪ ته تنهنجي ڏک جي ڪري، ٻيو تنهنجي بداعتمادي جي ڪري.
    تون، رنگن واري ڳالهه ڇيڙي، منهنجي جسم ۽ ضمير تي لکن جي حساب سان ميزائيل ۽ راڪيٽ لانچر وسايا آهن. اوجڙي ڪئمپ بڻجي ويو آهي اندر منهنجو.
    اڄ مان پاڻ کي ڏاڍو ننڍو سمجھان ٿو. سوچيان ٿو ته، ان ڏوهه جي، تنهنجي بداعتماديءَ جي سزا مون کي ملڻ گھرجي.
    ساحره! تنهنجي حيثيت منهنجي نظر ۾ گھٽجي نه وئي آهي. پر وڌي وئي آهي. مان رنگن جي حفاظت چڱي نموني ڪندو آهيان. مان ڪيئن توکي يقين ڏياريان ته تنهنجا رنگ پڪا آهن ۽ اهي هٿن لڳڻ سان لهڻ وارا ناهن. توکي يقين ڏيارڻ لاءِ مان ڇا ڪيان؟
    اهوسمجھڻ، ته تون پنهنجي انا ۽ غرور وڃايو آهي. اها تنهنجي ڀُل آهي. تون خراب عمل نه ڪيو آهي. تون اکيون مٿي ڪري هل، تون ته ان عمل ڪري مضبوط ٿي آهين. تنهنجي غرور ۾ اضافو ٿيڻ کپي ڇو جو، تون ان شخص کي پنهنجا رنگ ڏنا آهن. جنهن ان کان اڳ ڪي به رنگ پاڻ وٽ نه رکيا آهن ۽ نه ئي هن پوپٽن کي پڪڙي، پنهنجن ڪتابن ۾ سجايو آهي. بهرحال، توکي يقين ۽ اعتماد نه ٿو اچي نه؟ تو کي يقين ڏياري ئي رهندس.
    مان سڀ ڏک برداشت ڪري سگھندو آهيان، پر ڪنهن جي مون تي بداعتمادي وڏو عذاب آهي ۽ اهو برداشت نه ڪري سگھندس”
    تون، خط ملڻ سان ئي ٽيليفون ڪئي:
    “تو غلط سوچيو آهي، مان تو تي بداعتمادي نه ڪئي آهي”
    “باقي ايترين ڳالهين لکڻ جو مقصد؟”
    “مان تو کي اهو به ته لکيو هو ته اهو هڪ لمحي جو ڏک آهي. آهي نه پر هيو. جنهن جو مان اظهار ڪيو. تون پاڻ ئي ته چيو هو سڀني احساسن کي لکي موڪل. هاڻي لکيو به اٿم ته بندش ٿو هڻين”
    “بندش جي ڳالهه ناهي، بس مون کي لڳي ٿو ته مان اهو عمل ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي. توکي شايد ياد هجي. پهرين جنوري کان پوءِ اهڙي ڪا به حرڪت نه ڪئي هئم”
    “تون صحيح ٿو چئين ان وقت جي ڪيفيتن، مون کي ايئن ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو”
    “اهڙن وقتن تي عورت کي مرد ۽ مرد کي عورت جي ضرورت پوندي آهي. ڏک ۾ شيئر ڪرڻ سان ۽ همت ڏيڻ سان، اڳلو بهادر ٿي پوندو آهي. گھڻا احساس، اظهار ڪرڻ جي بجاءِ ٻئي کي ڇهاءَ جي وسيلي محسوس ڪرائبا آهن. ڏک گھڻو وڌي ويندو آهي ته پوءِ ٻئي جي ڪلهي تي ڪنڌ رکڻ سان سڪون ملندو آهي. محسوس ڪبو آهي ته سڀ ڏک ٻئي جي جسم ۾ ٽرانسمٽ ٿي رهيا آهن”
    “ان ۾ ڪو شڪ ناهي. هن ڪيفيت ۾ تنهنجو سهارو مون لاء، جيئڻ جو سهارو بڻيو. مان سهارن کان نفرت ڪندي هيس. پر، سهارا واقعي به اسان جي ضرورت آهن.”
    “ٻي ڳالهه به تو کي مڃڻي پوندي ته، پنهنجين خوشين ۽ ٻين جي خوشين لاءِ ننڍا ننڍا معاهدا ڪرڻا پوندا آهن”
    “معاهدن تحت ماڻهو ڪيستائين زندهه رهندو”
    “جيستائين زندهه رهي، ٺيڪ رهي. توکي به ٺاهه ڪرڻو پوندو حالتن سان. ماڻهن سان ۽ گھر سان. پنهنجو پاڻ کي رحم جي لائق نه بڻاءِ”
    “مان ڪٿي ٿي پاڻ کي رحم لائق بڻايان.”
    “سمورو ڏينهن اداس رهڻ، ڪنهن سان نه ڳالهائڻ، ڪنهن سان کِل ڀوڳ نه ڪرڻ، اهو ڏسي ماڻهو رحم نه کائيندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟
    “مون تي ڇو ٿا رحم کائن، مان انهن کان اڳ مرڻ چاهينديس”
    “تون هاڻي اهڙي ٿي وئي آهين، رحم کائڻ جهڙي. پاڻ کي تبديل ڪر، خوش رهه، هتي، جيستائين ٽهڪ ڏيندينءَ، ٻيا به تون سان ٽهڪ ڏيندا ۽ روئڻ مهل اڪيلي هوندينءَ.”
    “تون به نه هوندين؟”
    “مان، مان ته ناهيان، تون آهين.”
    “صحيح آهي.”
    “ٽئگور جي هڪ ننڍي ڪهاڻي آهي ته هڪ خوبصورت نوجوان، پنهنجي محبوبا جي گهر جو ڪڙو کڙڪايو. گهر جي اندران آواز آيو، “ڪير؟” ڇوڪريء جواب ڏنو. “مان”
    دروازو نه کليو.
    ڪافي عرصي کان پوءِ وري اهو نوجوان در تي ڪڙو کڙڪائيندو رهيو. آواز آيو. “ڪير؟”
    “مان.”
    دروازو نه کليو. چڱي زماني کان پو اهو نوجوان وري آيو.
    اندران سوال ٿيو. “ڪير؟”
    “تون.”
    دروازو کلي ويو.”
    “سٺي ڪهاڻي آهي.”
    “بيشڪ سٺي ڪهاڻي آهي پوءِ جڏهن اِهو مڃين به ٿي ته پوءِ تون خوش رهڻ شروع ڪر ته جيئن مان به خوش رهان. يا ته مون کي، تون اداس ڏسڻ گهرين ٿي؟”
    “نه، بالڪل نه! مان تنهنجي خوشيءَ لاءِ، خوش رهنديس.”
    “زماني ۽ گهر جي خوشين لاءِ، ائين ڪرڻو ئي پوندءِ.”
    “سچي دل سان ڪوشش ڪنديس.”
    تون واقعي ٺيڪ رهڻ لڳي هئينءَ. پر، ان هوندي به تنهنجي ٽهڪن جو تعداد گھٽجي ويو هو. ٻين سان ملڻ ڪنهن حد تائين گھٽائي ڇڏيو هيئه.


    27

    يونيورسٽيءَ کي عيد جي موڪلون ٿي ويون، مان ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس ۽ تون ڪراچي لاءِ. چيو هيئه
    “ٻه چار ڏينهن الڳ هونداسين. تنهن ڪري وڃڻ مهل مون وٽان ٿيندو وڃجانءِ.”
    تنهنجي گھر آيس، پاڻ سان گڏ، ڪجھه عيد ڪارڊ به آندا هيم. جيڪي تنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ دوستن ۾ ورهائڻا هيا. تو سان ڪچهري ڪندي ۽ مڌ پيئندي گھڻو وقت ٿي ويو. جنهن ڪري تو کي ئي عيد ڪارڊ ورهائڻ لاءِ ڏئي آيس. ويگن ۾ ويهڻ مهل ڏوري ۾ ايذاءُ آيو جتي تنهنجن ڏندن جي ڇُر، ڇپيل هئي. تون چڪ پائيندي چيو هو
    “مان هي يادگار ڇڏيان ٿي ته جيستائين وري ملون، تيستائين ته ڪجھه نه ڪجھه هڪ ٻئي وٽ هجي“
    ضد ڪيو هيئي ته مان به تنهنجي ٻانهن تي چڪ پايان ۽ پاتو هيم. سوچون تو طرف هلي آيون، اوچتو مون کي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته مان توکي عيد ڪارڊ ورهائڻ لاءِ ته ڏئي آيو هيس پر توکي عيد ڪارڊ نه ڏنو هيم. جو سمجھه ۾ نه پيو اچي ته، توکي عيد ڪارڊ ڏيڻ کپي يا نه. ڀيڻ جي وفات کان پوءِ توهان جي هيءَ پهرين عيد هئي، ۽ هونئن به ان واقعي کي ويهه پنجويهه ڏينهن مس گذريا هيا.
    لاڙڪاڻي پهتس ته عيد جي ٽئين ڏينهن تي تنهنجو ارجنٽ ميل ذريعي موڪليل خط مليو.
    تو خط، لفافي کي اکيڙي، ان تي لکيو هو:
    عيد جو ڏينهن :
    ساقي! هي خط مان ٽرين مان لکي رهي آهيان. اڄ، عيد جو ڏينهن آهي. رات ٽرين نڪري وئي، تنهن ڪري ڏينهن جي خواري کڻڻي پئي. عيد جي ڪري سڄي ريل خالي آهي. ظاهر آهي اسان جھڙا بيوقوف، جن جي عيد نه هوندي آهي، اهي ئي اڄوڪي ڏينهن تي ٽرين کي آباد ڪندا آهن. هن وقت، ڪوئي به پنو نه پيو ملي تنهن ڪري هن لفافي کي اکيڙي خط لکي رهي آهيان.
    هونئنءَ، هيءُ ڪيڏو عجيب وقت آهي. اسان، جيڪي عيد وڏي اهتمام سان ملهائيندا هياسين، اڄ ويران اکين سان، ٽرين ۾ بور ٿي رهيا آهيون. ٽرين کان ٻاهر نظر وجھان ٿي ته، رنگبرنگي ڪپڙا پهريل چهري تي خوشين جي انڊلٺ کڙيل ماڻهو نظر اچن ٿا انهن سڀني کي ڏسي مون کي محسوس ٿئي ٿو ته، دل جي ويرانيءَ ۾ پن ڇڻ جي موسم آهي. ڳوڙهن ڪرڻ سان، دل جي ويرانيءَ ۾ گوڙ پئدا ٿي وڃي ٿو ۽ ان گوڙ ۾ پنهنجو وجود بي معنيٰ لڳي ٿو. اڄ عيد جو ڏينهن آهي پر، مون کي هر شيءِ سوڳوار لڳي ٿي. شايد ان لاءِ جو، ان هڪ خوشيءَ کان اڳ ۾ ئي هوا آئي ۽ اسان جي خوشين کي اڏائي وئي.
    تون ته خوش آهين نه؟ خدا تو کي هميشه خوش رکي. الائي ڇو، اهڙي وقت ته دوست به دشمنن جھڙو سلوڪ ڪندا آهن. جيئن تون ڪيو. تو سڀني کي عيد ڪارڊ ڏنا ۽ مون کي نه ڏئي اهو احساس ڏياريو ته واقعي به اسان جي لاءِ عيد ناهي.
    ڪهڙي آهي زماني جي اِها ريت جو ماڻهو اسان جي غمن تي مرهم به رکن ٿا ۽ لوڻ به ٻرڪن ٿا. خير، مان تون ڏي ڪارڊ موڪليان ٿي”
    خط سان گڏ تنهنجو ڪارڊ به مليو، جنهن تي خشڪ وڻ جي بيڪ گرائونڊ ۾ لهندڙ سج جي تصوير ٺهيل هئي.
    اهو ئي ٿيو جنهن جو مون کي ڀئو هو، تو ڪارڊ نه ڏيڻ جي ڏک جو اثر ورتو. مان اڳ ۾ پاڻ کي ڏوهي سمجھي رهيو هيس. تنهنجي خط ته مون کي پيشمانيءَ جي پاتال ۾ ڌڪي ڇڏيو.
    تو ٻڌايو هو ته، تون ۽ تنهنجي ڀيڻيوئي گڏجي، عيد لاءِ پنهنجي ڀيڻ لاءِ نون ڪپڙن جي خريداري ڪئي هئي ۽ اسپتال ۾ کيس ڏيکاري چيو هيو
    “تون خوش ٿي گھر هلندينءَ ته هي عيد ڏاڍي ڌام ڌوم سان ملهائينداسين. تنهنجي صحت جي خوشي ۽ عيد جي خوشيءَ جو گڏيل مزو ماڻينداسين”
    پر، ايئن نه ٿيو، تون ڪراچيءَ ان لاءِ وئي هئينءَ ته جيئن ٻار اڪيلائي محسوس نه ڪن. تون جڏهن ڪراچيءَ ٻارن سان ڳالهايو هو ته، هنن ٻڌايو هيئه
    “اسان هاڻي روئيندا ناهيون. پاپا کي به تنگ نه ڪندا آهيون، پاڻ اسڪول لاءِ تيار ٿيندا آهيون. توهان فڪر نه ڪيو”
    تون مون وٽ اچي رني هيئنءَ ۽ تو چيو هو
    “واقعي به ماءُ کان سواءِ گھر قبرستان آهي.”


    28

    شام جو لطيف ڪئمپس جو وايو منڊل سرگم جي ستن ئي سرن سان ٻُرڻ لڳو هو. ڪنهن جڳهه تي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ميڙ ٺاهيو راڳ جي سکيا وٺي رهيا هيا، ته ٻيا وري ڊرامي جي ريهرسل ڪرڻ ۾ مشغول هيا.
    يونيورسٽيءَ جي انتظاميه جي تعاون سان اسان “ڪلچرل گروپ” طرفان، ٽيلنٽ شو منقعد ڪرڻ جو پروگرام رٿيو هو. ان سلسلي ۾، شام جو ريهرسل ڪرڻ لاءِ سڀئي ميمبرس اچڻ لڳا هيا.
    تون به ڳائڻ جي پريئڪٽس ڪندي هئينءَ .
    غزلن ٻڌائڻ وقت، اسان ٻنهي جون نگاهون ملندي ئي مسڪرائي ٻهڪي وينديون هيون. هر هنڌ، جڳهه ۽ ماحول جي خوبصورتيءَ ۾ موسم، ۽ وقت جو وڏو عمل دخل آهي. ڪئمپس، صبح جو گھما گھمي، ڀڄ ڊڪ، کل مذاق سان گونجندي هئي ته شام جو خاموشي ورانڊي ۽ لان ۾ گھمندي وتندي هئي. خاموشيءَ جو پنهنجو حسن آهي پر اسان جي نئين ايڪٽوٽي شام جو ڪئمپس کي زنده ڪري ڇڏيو.
    شام جو، سونهري اس ۾ لان تي ويهي غزل ٻڌڻ، مختلف ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پنهنجي ڪردار کي نڀائڻ جا جتن ڪرڻ. مون کي ڊارمه سيڪشن مليل هيو. ڊارمي لکڻ کان وٺي، ڊائريڪشن تائين منهنجي ذميواري هئي. اسان سان گڏ، ٻه ٽي استاد به هوندا هيا خاص ڪري نعمان ۽ رزاق صاحب، منور به اسان جي رهنمائي لاءِ ايندو هو. تنهنجيون منهنجيون، ڪچهريون خوب ٿيڻ لڳيون. اسان ٻئي، هڪ ٻئي ڏانهن وڌندا وياسين. هڪ ڏينهن ڪچهري ڪندي تو پڇيو هو
    “تون پنهنجو تصويرن جو البم ته ڏيکار”
    “ڇو ايئن نه ٿو وڻان ڇا؟ تصويرون ماڻهو ڪڍرائيندا ئي ان لاءِ آهن، ته، هر ماڻهو ءَ جي ڪا نه ڪا اينگل خوبصورت هوندي آهي ۽ پوءِ جڏهن تصوير ڏسندو آهي ته پنهنجو پاڻ کي خوبصورت سمجھي ڦونڊجڻ لڳندو آهي”
    “هروڀرو ايئن به ناهي، ماڻهوءَ وٽ گھڻا فوٽو يادگيري رکڻ لاءِ به هوندا آهن”
    “اڇا! مون کي خبر نه هئي!” ٽوڪ مان مرڪندي توکي چيو هيم.
    “مان چوانءِ ٿي ته فوٽو ڏيکار”
    “ڏسڻ ڇا ٿي چاهين؟”
    “مان ڏسڻ ٿي چاهيان ته تنهنجي البم ۾ ڇوڪرين جا فوٽو ضرور لڳل هوندا، مان انهن ۾ پنهنجو نمبر ٿي ڏسڻ چاهيان.”
    مون کي کل اچي وئي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي تو کي چيم:
    “مان پنهنجي البم ۾ ڇوڪرين جا فوٽو رکندو ئي ناهيان”
    “ڇو، ڄڻ تنهنجي اڳ ۾ ڪنهن سان دوستي ئي ناهي رهي؟”
    “انڪار ڪٿي ٿو ڪيان، پر اهي فوٽو البم ۾ رکڻ جا نه هوندا آهن، پر هتي رکڻ جا هوندا آهن.” دل تي هٿ رکندي چيم.
    “مان به ته اهو ٿي پڇان ته ان البم ۾ منهنجي تصوير ڪهڙي نمبر تي آهي. ايئن ته ناهي ڪٿي تصويرن جي انبار ۾ نظر ئي نه ايندي هجي!”
    مون مرڪندي توکي چيو:
    “ايئن ناهي، مڙئي پهرين ٽن نمبرن ۾ تنهنجي تصوير آهي”
    “سچ!”
    چهرو خوشيءَ ۾ کڙي پيو هيئه.
    “مان ته فرسٽ پوزيشن کڻڻ چاهيندي آهيان”
    “ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي” مرڪندي توکي چيم.
    “ان جي معني ته منور صحيح چوندو آهي” تو ڳنڀير ٿيندي چيو .
    “ڇا چوندو آهي؟”
    “جڏهن مان هن کي چوندي آهيان ته مان ثاقب کي چڱي نموني پڙهي چڪي آهيان. ثاقب منهنجي لاءِ کليل ڪتاب آهي. هو چوندو آهي ته اهو صحي به هجي پر ان ڪتاب جو سرورق ڪوئي ٻيو آهي. مان ضد ڪندي آهيانس ته ايئن ناهي، پر هو پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندو آهي.”
    مان مشڪندي توکي ٻڌي رهيو هيس.
    “نيٺ چيومانس ته ٽائيٽل نه سهي، بيڪ پيج ئي سهي. اهو به ته ڪتاب لاءِ اوترو ئي ضروري هوندو آهي، جيترو ٽائيٽل. ان جي جواب ۾ هو چوندو آهي ته، ها گھڻن ڪتابن جا بيڪ ٽائيٽل جلدي ڦاٽي پوندا آهن”
    مان تنهنجيون دلچسپ ڳالهيون ٻڌي رهيو هيس. حقيقت ۾ تنهنجي دل ۾ ڪيتري سچائي هئي ڇا چاهين پئي، اها توکي خبر، پر منهنجي اندر ۾ تنهنجي لاءِ پيار موجود هجڻ سان گڏ، اهو خوف به شامل هوندو هو ته ڪڏهن تنهنجي ذهن ۾، مون سان شاديءَ جي خواهش نه پيدا ٿئي. اها خبر منور کي به هئي، جنهن ڪري، هو، توکي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي، تنهنجي چاهت جي شدت کي گھٽائڻ چاهيندو هو.
    پر، مان محسوس ڪري رهيو هيس ته تنهنجي مون ۾ دلچسپي وڌي رهي هئي. مان به توکي پيار ڏئي رهيو هيس، تون پنهنجو پاڻ کي فنڪشن جي سرگرمي ۽ منهنجي چاهت ۾ ايترو گم ڪري ڇڏيو جو، تنهنجو ڏک تنهنجي چهري تان مٽجڻ لڳو هو.


    29

    مون کي ايئن لڳو ته مان سِرن پچائڻ واري کوري ۾ گِھري ويو هجان. لاڙڪاڻي مان، مون کي ٽيليفون تي اهو ٻڌايو ويو ته، منهنجي ڀيڻيوئي کي، انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو وسيڪيولر ڊزيز، ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، باءِ پاس آپريشن ٿيندي. منهنجو ذهن ٺڪاءَ ڇڏڻ لڳو. مون کي خبر هئي ته اها آپريشن ڪيتري نه خطر ناڪ آهي. سو به پاڪستان ۾، پر اسان وٽ ايترا پئسا ئي نه هيا جو ڪنهن ٻاهرين ملڪ وڃي آپريشن ڪرايون. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته آپريشن ڪرائڻ ضروري آهي. ڇو جو، ٽنهي شريانين ۾ ڪولسٽر ڄميل آهي ۽ جيڪڏهن دير ڪئي وئي ته رت جو دورو دل ڏانهن ويندو ئي نه. ڊاڪٽرن هفتي کان پوءِ جي تاريخ ڏني هئي. مان بالڪل پريشان ٿي ويس.
    منهنجي ذهن ۾ تنهنجي ڀيڻ جي موت جو نقشو اچي ويو هو ۽ پوءِ منهنجي ذهن جي پردي تي، اديءَ جو معصوم چهرو اچي ويو.
    ادي اسان جي ماءُ وانگر آهي، ڇو جو امان کان وڌيڪ هن اسان جي پرگھور لڌي هئي. اسان جڏهن ننڍا هوندا هياسين ته امان، اسڪول ۾ سروس ڪندي هئي ۽ بابا آفيس ۾، اسان گھر ۾ يارنهن ٻار اڪيلا رهجي ويندا هياسين اسان سڀني ۾ ٻن يا ڏيڍ سال جو وقفو مس هيو. ننڍن هجڻ ڪري، اسان جي ڏک سک جو خيال ادي ۽ وڏي ڀاءُ رحمٰن کي رکڻو پوندو هيو. گھڻن ٻارن هجڻ ڪري، بابا جي پگھار مان پورت نه پوندي هئي. جنهن ڪري امان کي سروس ڪرڻي پئي هئي. پر پوءِ به اسان جو گذر سفر صحيح نه ٿيندو هو. مهيني جي پوين ڏينهن ۾ اڪثر اسان بکن تي رهندا هياسين ۽ ويلن جا ويلا ماني نه کائيندا هياسين.
    بابا رشوت نه وٺندو هو ۽ ڪنهن کان قرض گھرڻ به پنهنجي توهين سمجھندو هو. هو پنهنجي سڄي خاندان سان وڙهي الڳ ٿيو هو. ان ڪري جو اسان جي ڏاڏي سائين جي ته ان ڏينهن وفات ٿي هئي جنهن ڏينهن بابا ڄائو هو، ان کانپوءِ بابا جي چاچي هن جي سنڀال ڪئي ۽ ڏاڍو سکيو رکيائين. ڏاڏي، پنهنجي ملڪيت مان گھڻو حصو بابا جي حوالي ڪيو هيو. چاچي جي وفات کان پوءِ خاندان جي عورتن سازش ڪري بابا سان وڙهڻ شروع ڪيو. بابا کي ڏاڍو ڏک پهتو ۽ هن چيو
    “توهان مون سان صرف ملڪيت جي ڪري وڙهو ٿا، تنهن ڪري هي سموري ملڪيت اوهان کي آئي. مان وڃان ٿو.”
    بابا جڏهن الڳ ٿيو ته ان وقت مئٽرڪ پاس ڪري ڪلارڪي ڪندو هو ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ هو. ان کانپوءِ ڏکيو سکيو گذارڻ لڳو. ٻار وڌيڪ پيدا ٿيندا ويا، هو چوندو هو ته هر هڪ ٻار پنهنجو رزق آڻي ٿو. ان کان علاوه پنهنجي اڪيلي هجڻ ۽ خاندان کان پري هجڻ جو احساس شايد ايئن ختم ڪندو هو ته، هن جو پنهنجو گھر گھڻن ڀاتين سان ڀريل هجي. ڀاتي ته اچي ويا پر رزق ان حساب سان نه مليو. اسان بکيا ڏکيا رهڻ لڳاسين. اسانجي ڀيڻ انهن مشڪلاتن ۾ به اسان کي کلائيندي رهندي هئي، ڳالهيون ٻڌائيندي هئي.
    اديءَ جي شادي ٿي ۽ جڏهن، گھوٽيتا ڪنوار وٺي روانا ٿيا ته اسان جو سمورو گھر “امام بارگاهه” بڻجي ويو هو. سڀ روئڻ لڳا، ڄڻ سهارو اسان کان دور وڃي رهيو هو. اڄ جڏهن ٻڌم ته، اسانجي ڀيڻيوئي جي آپريشن آهي ته پريشان ٿي ويس. توسان به اها ڳالهه نه ڪيم. مان توکي پريشان نه پيو ڪرڻ چاهيان، ڇو جو اڃا مهينو گذريو هو تنهنجي ڀيڻ کي فوت ٿئي. مان به سٺو اداڪار بڻجي ويو هيس. پنهنجي پريشاني ظاهر نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس. اسانجي فنڪشن ۾ چار ڏينهن بچيا هيا منهنجي ڀيڻوئي جي آپريشن ٻئي ڏينهن تي هئي. مان رات جو ڪراچي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو هو.
    شام جو ريهرسل ڪرڻ کان پوءِ دوستن کي چيم
    “مان ٻن ڏينهن لاءِ ڪراچي وڃان ٿو، تنهن ڪري توهان هي ڪم ڪري رکجو”
    تون به ڀرسان اچي بيٺي هئينءَ. ڏٺم ته تنهنجو منهن لهي ويو ھنن سڀني نه وڃڻ لاءِ ضد ڪيو هو. مون جڏهن کين ٻڌايو ته ڀيڻيوئي جي دل جي آپريشن آهي ته ضرور وڃڻو پوندو. ته سڀ راضي ٿي ويا. تون پريشاني ۽ سواليه نگاهن سان مون کي ڏسندي بس ۾ هلي وئينءَ. وڃڻ کانپوءِ تنهنجي ٽيليفون آئي، تنهنجي آواز ۾ اداسي هئي.
    “...ڇا ڳالهه آهي ڪراچي ڇو ٿو وڃين؟”
    “ٻڌايم نه ته ڀيڻوئي جي باءِ پاس آهي.”
    “اڳ ۾ ته اهڙي ڳالهه نه ڪئي هيئي.”
    “مناسب نه سمجھيم ته توکي پريشان ڪيان، تون پاڻ اڳ ۾ ڏکويل ۽ پريشان آهين.”
    “تنهنجو ڏک به ته منهنجو آهي.”
    “صحيح ٿي چوين، مان تمام گھڻو ڀوڳيو آهي. ڪنهن سان به پنهنجي پريشانيءُ جو ذڪر نه ڪيو اٿم. گھر به ڪنهن سان نه ڳالهايو اٿم، ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ اسان ٻنهي سان ذري گھٽ ساڳي ٽرئجڊي ٿئي ٿي. تنهنجي ڀيڻ جي موت ۽ پنهنجي ڀيڻوئي جي آپريشن تي سوچيان ٿو ته اکين آڏو اوندهه اچي وڃي ٿي!”
    “هاڻي تون محسوس ڪندو هوندين ته ان موقعي تي دوستن جي ڪيتري شديد ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ياد ٿي جڏهن مان ڪراچي وڃي رهي هيس منهنجي ڀيڻ جي آپريشن هئي ته، تون معمولي ڳالهه تي چڙي ڪاوڙجي پيو هئين ۽ مان پريشان اڳي ئي هيس، ويتر تنهنجو ڏک کڻي ڪراچي وئي هيس.”
    “اهو احساس ڏياري بدلو وٺڻ چاهين ٿي؟” ڪاوڙ ۾ چيم.
    “نه ايئن ناهي.” گھٻرائجي جواب ڏنو هيئه.
    مان خاموش رهيس، تو ڳالهايو:
    “پر تون مون کي ته ڪجھه ٻڌائين ها، ان ڳالهه جو مون کي ڏک رهندو.”
    ڇا ٻڌايانءِ! هونئن اڄ، سمورو ڏينهن پاڻ کي تتل صحرا ۾ گھمندي محسوس ڪيو اٿم، سج ڄڻ سوا نيزي تي لهي آيو آهي. ڏکن جي آڪٽوپس جون ٽنگون منهنجي وجود کي وڪوڙي ويون آهن ۽ منهنجي ذهن جي پردي تي خوفناڪ فلم هلي رهي آهي. ڏک اسان جا بهترين ساٿي آهن. اڄ به اهي مون سان ساڻ آهن. تو ڪڏهن چيو هو ته مان خوفزده رهندو آهيان. خوف علامت آهي ذهانت جي، پر اڄ جو خوف هڪ رشتي ڇڏجڻ جو ۽ ٻين رشتن جي بي سهارا هجڻ جو آهي، اڄ خوف جا نانگ منهنجي بدن تي رڙهي رهيا آهن، ساحره، معاف ڪجانءِ، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين ۾ اڄ سلسلو نه هجي. مون کي غمن ۽ خوفن مدهوش ڪري ڇڏيو آهي.”
    “نه !نه !تون ڳالهائيندو رهه”
    “مان چاهيان ٿو، اڄ تون منهنجو سهارو بڻج، دعا ڪجانءِ ته ڏکن جي رات جلد ختم ٿئي. ساحره، جھڙي طرح هوا ۽ خوشبو ننڍي ۾ ننڍي وٿيءَ مان گذري ايندا آهن. اهڙي ريت ڏک به ننڍي ۾ ننڍي وٿيءَ مان گذري اسان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿين ٿا، مون کي خوف آهي ته منهنجي ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين جي بي سهارا هجڻ جو ۽ ڀيڻ جي بيوهه ٿيڻ جو.”
    “گھڻا آهن ٻار؟”
    “پنج، ساحره الله ڪري ايئن نه ٿئي. پر جيڪڏهن ٿيو ته پوءِ منهنجي ... منهنجي سموري زندگي انهن لاءِ هوندي. مان شادي نه ڪندس.”
    “تون ڇو ٿو دل برداشته ٿين، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.”
    “الله ڪري ايئن ٿئي. دعائن ۾ اعتبار نه هوندي به دعائون گھريون اٿم، تون به دعا ڪجانءِ ته اهو ڏکن جو تعزيو منهنجن ڪلهن تان جلدي لهي وڃي.”
    “ها منهنجون سڀ نيڪ تمنائون تولاءِ آهن، مان تنهنجي چهري تي خوشيءَ جا رنگ ڏسڻ اينديس. منهنجي ڀيڻ جو چاليهو ٽئين ڏينهن تي آهي، پوءِ مان اسپتال ضرور اينديس. آپريشن ڪڏهن آهي؟”
    “سڀاڻي”
    “مان سڀاڻي رات تي هتان هلنديس. صبح جو ڪراچيءَ پهچي تو وٽ اينديس.”
    “مهرباني، هرو ڀرو تڪلف نه ڪر.”
    “نه نه مون کي اچڻو هونئن ئي آهي. تو وٽ ضرور اينديس.”


    30

    ڪراچي ويندي سمورو رستو، منهنجي ذهن، خيالن، فڪرن ۽ خوفن ۾ ڪاراٽيل رهيو. ڪڏهن ڪڏهن، مستقبل جي باري ۾ سوچي منهنجو ذهن، خوف جي ڪلاشنڪوف آڏو هٿيار ڦٽي ڪري بيهي پئي رهيو. جڏهن گھر پهتس ته، سڀ ٻار چوڌاري مڙي آيا. اديءَ کي ڀاڪر پائي گھڻي دير بيٺو رهيس. منهنجي دل روئڻ پئي گھريو پر قابو ڪري ويس. اديءَ جو چهرو تمام پر اعتماد نظر آيو. حال احوال وٺندي، خوش خير عافيت ڪندي کلندي به رهي، مون کي به اعتماد اچي ويو ۽ خوشي ٿي ته، ادي پنهنجو پاڻ کي ڪنٽرول ڪري خوش رکيو آهي.
    ٻي ڏينهن تي اسپتال ۾ پهچي گھٻرائجي ويس. آپريشن شروع ٿي چڪي هئي. سمورو وقت سڀئي مٽ مائٽ ٻاهر پريشان بيٺا هياسين. ذهن سڀني جا ڳالهائن پيا، چپ خاموش هيا. ڪوئي به ڪنهن سان نه ڳالهائي سگھيو پئي. جيڪڏهن ڪو هاسپيٽل اندران اچي پيو ته، سڀني جو ڌيان ان طرف پئي ويو. ڄڻ ذهني طرح پنهنجو پاڻ کي بري خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ڪري رهيا هيا. چئن پنجن ڪلاڪن جي آپريشن کانپوءِ، اها خوشخبري ٻڌي سين ته آپريشن سهڻي نموني ٿي وئي. ايئن ٻڌڻ سان سڀني پنهنجن ساهه جي گھوڙي جي رينن کي ڍلو ڇڏيو. ڀيڻوئي کي انتهائي نگهداشت واري يونٽ ۾ نيو ويو ۽ اسان کي ٻڌايو ويو ته ڪوئي به هن سان ملاقات ڪري نه ٿو سگھي. اديءَ جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها اچي ويا ۽ ٿڪ لهڻ جا آثار نظر آيا.
    ٻي ڏينهن شام واري ٽائيم تي، جڏهن سڀ مٽ مائٽ پنهنجن مريضن سان ملڻ ايندا آهن. تون به آئينءَ، ناسي وڳي ۾ وار کولي، هٿن ۾ گل آندا هيئي. مان جڏهن توکي ٻڌايو ته آپريشن ڪاميابيءَ سان ٿي وئي آهي ۽ ڀيڻيويو اڃان I.C.U ۾ آهي ته، تون پريشان ٿي چيو ته، ڇو ايترو وقت رکيو اٿئون؟ اسان جي ڀيڻ ته صرف 10 ڪلاڪ I.C.U ۾ رهي هئي. مان جڏهن تون کي ٻڌايو ته، اها والوِ (Valve) جي آپريشن هئي ۽ هي باءِ پاس آهي شايد ان ڪري. اهو ٻڌڻ سان تون ڪجهه مطمئن ٿي وئين. پاڻ سان آندل گل، اديءَ کي ڏيندي چيئه
    “انشاءَ الله توهان جو ورُ جلد ئي توهان سان ملندو.” اديءَ تنهنجا ٿورا مڃيا.
    ٻاهر نڪري، هاسپيٽل جي خوبصورت لان ۾ ويٺا هياسين. اسان جي چوڌاري ٻار، مايون ۽ مرد ويٺا هيا. ان کان علاوه اهي مريض جيڪي ڪجهه بهتر ٿيا هيا. اهي ٻاهر اچي پنهنجن مٽن سان ڪچهري ڪري رهيا ها. تو ويهندي اسپتال جي عمارت کي ڏسي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي اگهندي چيو:
    “هي ئي هاسپيٽل آهي، جنهن ۾ اُن رات ڄڻ منهنجو لاڏاڻو ٿيو هو.”
    ڪجهه دير خاموشيءَ کان پوءِ تو چيو: “هتان هلون.”
    مان، تنهنجن احساسن کي سمجھي چڪو هيس. آهستي آهستي گھمندا انسٽيٽوٽ کان ٻاهر نڪري رهيا هياسين ته سامهون جناح هاسپيٽل ۾ ايمبولنس سائرن وڄائيندي داخل ٿي.
    “مان ايمبولنس جي سائرن کان ڊڄندي هيس. جڏهن به ايمبولنس گذرندي هئي ته مان اکيون بند ڪري ڇڏيندي هيس، پرجڏهن کان اهڙي ئي ايمبولنس ۾ سائرن وڄائيندي، هتان اديءَ جو لاش کڻائي گھر ويا هياسين. ان وقت کان وٺي ڪوئي به اثر نه ٿيندو آهي.”
    ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي وڃي هڪڙي ڪول ڪارنر تي ويٺاسي، هميشه جيان سن ڪس تنهنجي لاءِ اچي وئي ۽ ببل اپ منهنجي لاءِ. ڳالهين ڪندي تو ٻڌايو ته يونيورسٽيءَ وارو فنڪشن ڪجھه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، خاص مهمان، اچڻ جي تاريخ ۾ تبديلي ڪئي هئي. تون اڃان تائين سنجيده هئينءَ، تنهنجين اکين ۾ ماضي جي فلم هلي رهي هئي.
    “مان مئل ماڻهو نه ڏسندي هيس، پر جڏهن ادي جو لاش سڄي رات منهنجي آڏو پيو رهيو ۽ غسل وقت، مان هن جي نيل پالش رموو Remove ڪئي. ان کانپوءِ مان به مردو بڻجي وئي آهيان”
    تنهنجي آڏو منهنجي تصوير ڌنڌلي ٿي وئي هئي.
    ماحول ڳنڀير ٿي ويو هو، ڪجھه وقت هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيس. تنهنجو موڊ گھڻي حد تائين ٺيڪ ٿي ويو هو. سن ڪس Sun Kiss کي ڪس ڪندي تو چيو:
    “هڪ تو ۾ خراب ڳالهه آهي. تون ڪنهن سان به سچو ناهين”
    تنهنجي جملي، تنهنجي تير مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو ۽ پڇيم:
    “توکي اهي لفظ چوندي ڪجھه خيال نه ٿيو، تون آخر اهي لفظ ڪيئن ٿي چئين؟”
    مان پنهنجي ڏک ۽ رنج کي ڳيت ڏئي لاٿو .
    “تون ڪنهن سان به محبت نه ٿو ڪرين. صرف محبت جو ڍونگ رچائي، ٻين کي بي وقوف بڻائي تسڪين وٺين ٿو”
    مان هاڻي تنهنجو مطلب سمجھي چڪو هيس.
    “تون شايد ان ڪري چئين رهي آهين ته، مان هِن مهل تائين ڪنهن سان به محبت جو اظهار نه ڪيو آهي”
    “پنهنجن عملن، ۽ ڳالهائڻ جي اندازن، مان اهو محسوس ڪرائيندو آهين ته، تون محبت ڪرين ٿو، پر زبان چپ رهندي ٿي ۽ جڏهن اڳلو اڳتي وڌندو آهي ته هن کي ناسمجھيءَ جو طعنو ڏئي، خاموش ڪرائي ڇڏيندو آهين”
    “تون غلطيءَ تي آهين. فرينڪ آهيان، باقي ان معاملي ۾ مان مطمئن آهيان ته مان ڪنهن سان به فراڊ نه ڪيو آهي، دوکو نه ڪيو آهي. جيڪو ڪجهه چوڻو هوندو آهي، منهن تي چوندو آهيان. تون ئي ٻڌاءِ، هن مهل تائين، تو سان ڪهڙو دوکو ڪيو آهي؟”
    “ڪو به نه !”
    “پوءِ ڇو ٿي ايئن چئين؟ شايد، توکي ذهن ۾ اهو هجي ته مان شاديءَ جي ڏٽي ۾ سنگت رکندو آهيان، ته اها تنهنجي ڀل آهي. توکي ڪيترا دفعا واضح لفظن ۾ چيو اٿم ته، شادي نه آهي ڪرڻي. دوستي رکڻي اٿئي ته ايئن رک. ٻڌاءِ ايئن آهي يا نه!؟” مان جذباتي ٿي ويو هيس.
    تو مرڪندي مون کي چيو.
    “مان ڏسڻ پئي چاهيو ته تنهنجا ان باري ۾ ڪهڙا خيال آهن. مان ٻي کي ڪاوڙ ڏياري سچ ٻڌڻ چاهيندي آهيان.”
    مان خاموش ٿي ويس. منهنجون رڳون تاڻجي ويون هيون .تون به محسوس ڪري وئي هئينءَ. تنهن ڪري پنهنجن کليل وارن کي تريءَ تي پکيڙي، ان جي مٿان بوتل رکي مون کي باادب نموني پيش ڪيئي. تنهنجين اکين ۾ پيار ۽ شرارت جا ٽانڊاڻا چمڪي رهيا هيا. مان به بوتل پي،آهستي آهستي نارمل ٿي ويس.
    دوست کي گاڏي آڻڻ لاءِ چيو هيم. چڱي رات ٿي وئي هئي. هو نه پهتو هو، توکي گھر وڃڻ جي پريشاني وڌندي وئي. نيٺ مان توکي ٽيڪسي ۾ گھر ڇڏڻ ويس. ٽيڪسيءَ ۾ ٻئي ڄڻا پوئين سيٽ تي ويٺاسين، رستي ۾، سمنڊ جي گھميل هوا، تنهنجن وارن کي پريشان ڪري رهي هئي. تون سمورو عرصو مون کي ڏسندي رهينءَ. اسان جا چپ، چُپ ئي رهيا. ان سان گڏ هٿ، به، ڇو جو ٽيڪسيءَ واري اندريون بلب ٻاري ڇڏيو هو. مان تو کي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪئي.
    “ڪيڏو ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾، توهان جي اڏندڙ وارن کي ٺيڪ ڪجي ته ڪيئن ڪجي.”
    مرڪي پئي هئينءَ، تنھنجون اکيون انڊيڪيٽر بڻجي ويون، مان وري تو کي چيو:
    “تون جيڪو چاهين ٿي، اهو ناممڪن آهي. هن ماحول ۾”
    لڄ واري مرڪ سان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيئه. موڪلائڻ مهل هڪ ڏينهن پوءِ اچڻ جو واعدو ڪري هلي وئين، ڇو جو ٻئي ڏينهن تنهنجي ڀيڻ جو چاليهو هو.


    31

    ٻئي ڏينهن تي تنهنجو گھڻو انتظار ڪيم، پر نه آئينءَ. ڏاڍو ڏک پهتو ۽ ڪاوڙ آئي، منهنجون نظرون سمورو وقت گيٽ تي کتل هيون. پر اهي اڪيليون ئي رهيون ۽ مان انتظار به لاهي ڇڏيو. ان لاءِ جو ان ڏينهن توکي خيرپور وڃڻو هيو.
    ٽئين ڏينهن تي، مان ڀيڻيوي کي رت ڏئي آيو هيس ۽ بينچ تي بابا سان گڏ ويٺو هيس ته تون اچي پهتينءَ. بابا سان تنهنجو تعارف ڪرايم ته تون پينٽنگ، ڳائڻ سان گڏ لکندي به سٺو آهين. تون مون ڏانهن اشارو ڪندي بابا کي چيو
    “توهان هن شخص کي سڃاڻو ٿا.” بابا تو کي مذاق مان چيو.
    “پٽ ، مان هن جي پيءُ کي به سڃاڻان، هي ڇا هي؟”
    تون ڪنڌ پوئتي ڪندي، منهن مٿي ڪري ٽهڪ ڏنا. پاڻ سان آندل شاپنگ بيگ مان مون کي ٽوال وارو رومال ڪڍي ڏيندي چيئي
    “سڌو صدر کان پئي اچان، تنهنجي لاءِ وٺندي آيس، خبر هئي ته پگھر توکي پريشان ڪيو هوندو”
    مون ڏانهن رومال وڌائيندي، جڏهن ڏٺئه ته بابا سائين اسان کي نه ڏسي رهيو آهي، ته تون اشارو ڪندي ۽ اکين کي ڇڪيندي، اظهار ڪيو ته، تنهنجي رئي سان پگھر اگھان. مان ڳالهه سمجھي ته هئي، پر توکي تنگ ڪرڻ لاءِ وڏي آواز ۾ پڇيو هيم ته
    “ڇاٿي چئين ؟”
    بابا اسان ڏانهن ڏٺو، ڪاوڙ مان سُونڊ وجھي چيئه:
    “ڪجھه به نه”
    تون بابا سان گڏ ويهي رهينءَ ۽ منهنجي شڪايت ڪندي چيو “توهان هن کي يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ موڪليو آهي، پر هي سڄو ڏينهن رلي پني ٿو ۽ ڇوڪرين جي پويان گھمندو وتي ٿو، توهان ڪجھه سمجھايوس.”
    تون مرڪندي منهنجي منهن کي ڏٺو ته ڪهڙا تاثرات آهن، پر مان مرڪي رهيو هيس. بابا توکي جواب ڏنو
    “پٽ هي ڇوڪرين جي پٺيان رلي ٿو، ان ۾ ڪجھه شڪ آهي، ڇو جو هاڻي ته مان ڏسان ٿو ته ڇوڪري هن جي پويان رلي ٿي”
    تون بابا جو جواب ٻڌي لڄي ٿئينءَ. بابا، اسان جو سٺو دوست آهي، هن کي اسان جي سڀني حرڪتن جي گھڻي حد تائين خبر آهي. تنهن ڪري تنهنجين ڳالهين ڪو خاص اثر نه ڇڏيو. مان توکي ۽ بابا کي ڇڏي وارڊ ۾ ويس ته متان ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي. موٽي آيم، حسب دستور تون وڏي آواز ۽ تڪڙي اسپيڊ ۾ بابا سان ڳالهائي رهي هئينءَ، خبر ناهي تون بابا سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون، مان جڏهن پهتس ته بابا توکي چئي رهيو هو:
    “تون لکي سٺو سگھندي هوندين، خاص ڪري نثر”
    مان به تنهنجي ڀر ۾ بينچ تي اچي ويٺس، تو بابا کان پڇيو ته
    “هن جون ڪهاڻيون ڪڏهن پڙهيون اٿئو؟”
    بابا هروڀرو اڻڄاڻ بڻجندي توکان سوال پڇيو:
    “هي به ڪهاڻيون لکندو آهي ڇا؟”
    “ها لکندو ته آهي، پر سڄي ڪهاڻي ڇوڪري ٻڌائيندي اٿس. ويندي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي به، ۽ پوءِ ٻي ڪهاڻي لکڻ لاءِ ٻي ڇوڪري.”
    تون پراعتماد نظرن سان بابا کي ڏٺو ته هاڻي ضرور مون کي دڙڪا ملندا. بابا ورندي ڏني
    “هن جا افعال ته صفا پيءُ واراآهن”
    سڀ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳاسين بابا اسپتال مان وڃڻ لڳو. اتي اسپتال ۾ هڪ هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽر واقفڪار هيو. تنهن مون کي چيو
    “ايئن گھمندو ٿو وتي، ٿوري دير اڳ رت ڏني اٿي، ڪجھه وقت آرام ڪر. طاقت وٺڻ لاءِ ڪو جوس وغيره پيءُ”
    مون توڏانهن ڏسندي ڊاڪٽر کي جواب ڏنو
    “ڊاڪٽر صاحب! اڃان ٽانڪ جي ضرورت آهي ڇا؟”
    “نه بالڪل نه” ڊاڪٽر مرڪندي هليو ويو. تو جھيڙو ڪيو ته مان توکي رت ڏيڻ جو ڇو نه ٻڌايو، مون توکي چيو ته ضروري ته نه هيو. پوءِ منهنجو ڪف مٿي ڪري، منهنجي ٻانهن ۾ رت نڪرڻ کانپوءِ پيدا ٿيل نشان کي پنهنجي هٿ سان مساج ڪندي رهينءَ. تون جوس پيئڻ لاءِ زور ڀريو، مون توکي مرڪندي چيو ته:
    “جنهن جوس جي مون کي ضرورت آهي، اهو هتي ڪول ڪارنر تي موجود ئي ڪونهي”
    تون به چپ ٿي وئينءَ. پر ٿوري دير کان پوءِ تون چيو ته
    “هتان اٿي ته ڪنڊ واري بينچ تي ويهون ٿا. اتي هوا گھڻي ايندي آهي. مان اڪثر اديءَ کي ويل چيئر تي وٺي اتي ويهندي هيس. اسان خوب ڳالهيون ڪندا هياسين پنهنجي زماني جون، هتان گذرندڙ ماڻهن تي تبصرا ڪندا هياسين. مان جڏهن گھران ايندي هيس ته، ادي ويل چيئر تي ٽيرس تي گھمندي هئي ۽ مون کي ڏسندي، هٿ مٿي ڪري وش ڪندي هئي”
    تون سنجيده ٿي وئينءَ ۽ مان توکي خاموشيءَ سان ڏسندو رهيس.
    “رات جو چانڊوڪيءَ ۾ ٽيرس تي ويهي ڪچھري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ اديءَ منهنجو هٿ، پنهنجي هٿ ۾ جھليندي چيو هو ته. منهنجي مرڻ کان پوءِ ٻارن جو خيال رکجانءِ. مون کيس آٿت ڏيندي چيو ته هاڻي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن. آپريشن ڪامياب وئي آهي، بس ٻن ٽن ڏينهن ۾ گھر ۾ خوشيون ملهائينداسين. ادي خاموش رهي، ۽ ٻئي ڏينهن تي رت ۾ ڪلاٽنگ Clotting ٿي ۽ هوءَ هلي وئي. ان وقت سڀني ڏانهن ٽيليفون ڪرن کان اڳ، پهرين ڪال تو ڏانهن ڪئي هيم”
    تنهنجين اکين جون ڪُنڊون جرڪڻ لڳيون، مان توکي اٿڻ جو اشارو ڪيو ۽ ٻئي ڄڻا هاسپيٽل جي روڊن تي گھمڻ لڳاسين. گھڻي دير کان پوءِ تنهنجو موڊ ٺيڪ ٿيو ۽ فوٽ پاٿ تي اچي ويٺاسين. اسان جي مٿان گل مهر جو وڻ هيو. ٽيوب لائٽ جي روشني هلڪي هلڪي اتي پهچي رهي هئي. اسان ٻنهي جا هٿ ملي ويا، تون اکين ۾ ڏسندي چيو:
    “هڪ سوال اڃا اڻپورو آهي ته، تون مون کان خوفزده ڇو رهندو آهين. سدائين ڳالهيون ڪندي خاموش ٿي ويندو آهين. ڄڻ ڪجھه لڪائيندو هجين.”
    “اڄ سچي ڳالهه ٻڌايانءِ ٿو، مان توکي پيار ڪندي، محتاط ان ڪري ٿي ويندو آهيان جو مون کي خوف هوندو آهي ته منهنجي مڪمل موٽ ڏيڻ سان، تون منهنجي جيون ۾ گھڙي ايندينءَ. مون مان وڏيون اميدون رکندينءَ، تنهن ڪري اڳتي وڌڻ ئي نه چاهيندو آهيان. ڇو جو مون کي گھر جون مجبوريون اڃان شاديءَ لاءِ اجازت نه ٿيون ڏين”
    “توکي اڳ ۾ به چيو اٿم، ته مان توسان شادي نه ڪنديس. باقي منهنجي هڪ خواهش آهي ته، منهنجي تو وٽ حيثيت هجي. پوءِ ڪهڙي به روپ ۾، تون شادي ٻئي ڇوڪري سان ڪجانءِ مان توسان شادي ڪري، پس منظر ۾ رهڻ نه ٿي چاهيان. مان تنهنجي زندگيءَ جي ڪينواس تي آبجيڪٽ بڻجي رهڻ چاهيان ٿي، باقي، البم ۾ تصوير سٺي نمبر تي هجڻ کپي”. التجائي نگاهن سان چيو هيئه
    مون کي تنهنجي چاهت ۽ خواهش تي پيار اچي ويو ۽ ورنديءَ ۾ چيم:
    “اڄ، بي خوف ٿي توکي ٻڌايان ٿو ته تون البم ۾ پهرين نمبر تي آهين”
    تنهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي
    “هاڻي مون کي ايم ايس سي ۾ فرسٽ پوزيشن کڻڻ جي ضرورت ناهي. منهنجي لاءِ هيءَ فرسٽ پوزيشن گھڻي سٺي آهي. مان هونئن به ڪلچرل گروپ ۾ تنهنجي جوائنٽ سيڪريٽري آهيان، ته زندگيءَ جي سفر ۾ تنهنجي جوائنٽ سيڪريٽري رهڻ تي خوشي آهي”
    تون ڏاڍو خوش هئينءَ. ان وقت منهنجو دوست نادر اچي ويو. ان جي گاڏيءَ تي توکي تنهنجي گھر ڇڏڻ هلياسين. رات جا نَوَ ٿي رهيا هيا. تون ۽ مان پوئتان ويٺاسين. گاڏي ٿورو اڳتي هلي ته تون، منهنجي ڪف کي مٿي کڻي، رت ڪڍڻ واري جڳهه تي چپن جي ٽاڪور ڪرڻ لڳينءَ ۽ پوءِ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ جوس پي ورتو.
    رستي تي سگنل وٽ گاڏي بيٺي ته مان ڇوڪري کان گجرو ورتو ۽ توکي پائڻ لاءِ چيم. مون کي ڪارن وارن ۾ گجرو خوبصورت لڳندو آهي. تون پنهنجي آبشارن جھڙن ڊ گھن وارن ۾ گجرو پائي ۽ هٿن ۾ گلن جو ڪنگڻ پهري مرڪي مون ڏانهن ڏٺو ته منهنجي اندر ۾ هزارين رابيل جا گل ٽڙي پيا. پوءِ منهنجو ۽ تنهنجو سمورو وجود به رابيل جي مهڪار سان واسجي ويو هو. تنهنجي رضامنديءَ سان ڪلفٽن تي هليا هياسي. سمنڊ جي ڪناري، پٿرن تي ويهي لهرن کي ڏسندي تو چيو ته:
    “ڪاري رات ۾ لهرن جي گج ڏسي ۽ شور ٻڌي لڳندو آهي ته، سمنڊ ۾ ساهه پئجي ويو آهي، ڪنهن بي چين عاشق جو”
    سمنڊ جي لهرن جي موسيقيءَ تي تنهنجو مڌر آواز گونجڻ لڳو هو.
    “کبهي هم بهي خوبصورت تهي، کتابون مين بسي خوشبو کي مانند”
    ۽ پوءِ توکي گھر ڇڏي آياسين. گاڏيءَ مان لهڻ وقت، تو گجرو ۽ ڪنگڻ مون کي ڏنو.
    ساري رات، منهنجي سيني تي رکيل گلن ۽ تنهنجي بدن جي جهٽيل خوشبو، ساهن ۾ سرهاڻ پکيڙيندي رهي. تون صبح جو خيرپور رواني ٿي وئي هئينءَ.


    32

    منهنجو ڀيڻيويو ڪجھه بهتر ٿي جنرل وارڊ ۾ اچي ويو ته مان به خيرپور لاءِ روانو ٿي ويس. جنهن ڏينهن شام جو پهتس ته تون انتظار ڪري رهي هيئنءَ توکي خبر هئي ته مان اچڻو آهيان. ان وقت ريهرسل ٿي رهي هئي. وري سڀني گڏجي پروگرام کي آخري شڪل ڏني.
    پروگرام جي تيارين ۾، گھڻو وقت صرف ٿيڻ لڳو. اسان ٻنهي جي موجودگي هر ڪميٽيءَ ۾ هئي. تنهن ڪري سڄو ڏينهن ڪم ۾ مصروف رهون پيا. پروگرام ٿيڻ ۾ صرف هڪ ڏينهن وڃي بچيو هو. ان ڏينهن اسان حد کان وڌيڪ مصروف رهياسين. اسٽيج ٺاهڻ، وري ريهرسل ڪرڻ، پروگرام ارينج ڪرڻ ته آئٽم ڪهڙي سلسلي سان هجن. اهو سمورو ڪم ڪندي ٿڪجي پيو هيم. جنهن ڪمري ۾ ريهرسل ٿي رهي هئي، اتي ٿڪجي ٽٽي اچي ويٺس ته تون به ڀر ۾ اچي ويٺي هئينءَ، مان توکي چٽ لکي ڏني:
    “جيڪڏهن مرڪي ڏسندينءَ ته منهنجو سمورو ٿڪ لهي ويندو”
    ايئن ماڻهن جي منهن تي چٽ ڏيڻ خراب پئي لڳي، تنهن ڪري بهانو بڻائيندي، توکي چٺي ڏيندي چيم ته:
    “هي ڪجھه ضروري سامان آهي. شام جو اچو ته وٺندا اچجو”
    تون سنجيدگي سان چٺي ورتي، پر پڙهڻ کانپوءِ تنهنجو منهن مرڪي پيو ۽ ماڻهن جي نظرن کان لڪي منهنجي هٿ تي چهنڊي پاتئي ته سچ پچ ٿڪ لهي پيا.
    شام جي پڄاڻي ۽ رات جي شروعات ٿي ته گروپ جي سمورن فنڪارن اڇي ڊريس ۾ قطارن ۾ بيهي سرگم ڳائڻ شروع ڪيو هو. ان کان اڳ ۾ طوفان جي صوتي اثر سان اسٽيج جو پردو کلڻ لڳو. طبلي جي آواز ۽ پوءِ سرگم سان پردو کلندو ويو. اها هئي، اسان جي سنگيت جي سفر جي شروعات. تون به غزل ٻڌايو، جنهن جو مفهوم ڪجھه ايئن هيو “هو اسان جي محفل ۾آيو آهي، ٻڌو اٿم ته ان سان ڳالهيون ٿينديون” ان محفل ۾ تنهنجو ڀيڻيويو به آيو هو. غزل ڳائيندي ڪڏهن ڪڏهن تنهنجون نظرون ان طرف کڄي پئي ويون.
    پروگرام ڏاڍو ڪامياب رهيو، سڀ مهمان، مهمان خاص ۽ صدر صاحب گھڻا خوش ٿيا. رات يارنهن وڳي محفل پڄاڻيءَ تي پهتي. تون ان ڏينهن وار کولي، ۽ ڳاڙهن ڪپڙن ۾ خوبصورت بڻجي آئي هئينءَ. پروگرام کانپوءِ جڏهن سڀ هليا ويا ته تون، مان ۽ منور اڪيلا رهجي وياسين. ٻين ورڪرن کي ماني کائڻ لاءِ موڪل ڏني. اسان ٽئي صوفا سيٽ تي ويهي رهياسين. مان ٿڪجي پيو هيس، تنهن ڪري تنهنجي ڀر ۾ پيل صوفي تي ليٽي پيم. تون منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي رهينءَ ۽ منور سان ڳالهائيندي رهينءَ. مان ڪجھه دير کان پوءِ وڃي اسٽيج تي ويٺس ۽ هارمونيم تي ڳائڻ لڳس. منور سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي تون روئي ويٺينءَ ۽ پنهنجا ڳوڙها اگھندي مون ڏي مرڪي ڏٺئه. مان پڇڻ مناسب نه سمجھيو ۽ پري ٿي ويٺو رهيم ته جيئن توکي جيڪي ڪجھه ڳالهائڻو آهي، ڳالهائي وٺين. ڪافي دير گذري ويئي. دوست واپس ئي نه وريا، توکي گھر وڃڻ ۾ دير ٿي رهي هئي. مان رزاق صاحب جي روم تي وڃي ان کي گاڏي لاءِ چيو. جنهن گاڏي هٿ ڪري ڏني ۽ تنهنجي منهن تان پريشاني ختم ٿي وئي. ڇو جو توکي گھر جو خيال ٿي رهيو هو. ٻئي ڄڻا تو کي گھر ڇڏي آياسين.
    واپس جڏهن ڪمري تي آياسين ته، مون منور کان تنهنجي روئڻ جو سبب پڇيو، جنهن ٻڌايو ته تون ڳالهين ڪندي چيو ته مان خوشيون سميٽڻ چاهيان ٿي. جيتريون به خوشيون ملن اهي سميٽي وٺان. تنهن تي منور توکان پڇيو ته تون ٻه ٽه دفعا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي، سبب ڪهڙو آهي؟ تون روئندي جواب ڏنو ته جلدي خبر پئجي ويندي. منور توکي ڪجھه دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيو ته ٿي سگھي ٿو ته مان غلط هجان. پر ڪجھه ڏينهن کان تنهنجين ڳالهين مان اندازو لڳايو اٿم. جيڪڏهن غلط هجان ته معاف ڪجانءِ، مان سمجھان ٿو ته، تون پنهنجي ڀيڻيويي سان شادي ڪري رهي آهين. تنهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيا ۽ پوءِ تون روئيندي منور کي ٻڌايو ته مان قرباني ڏيان ٿي پنهنجي ڀيڻ لاءِ، ان جي ٻارن ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ لاءِ، تنهن تي منور توکي چيو ته تنهنجو فيصلو غلط آهي. جنهن تي تون چڙي چيو ته مان صحيح فيصلو ڪيو آهي. ضرور ڪنديس.
    تون منور سان منهنجي شڪايت ڪئي ته:
    “هو منهنجن احساسن کي سمجھي ئي نه ٿو.... ڏسو توهان مون کي منجھيل ڏسي پڇيو پر هن اڃان تائين پڇيو به ناهي”
    منور جي ٻڌائڻ تي مان پريشان ٿي ويس. ڇو جو تنهنجي فيصلي ۾قرباني جو جزو غلط هيو. مون کي ڪاوڙ به آئي ته، تون مون کي اها ڳالهه ڇو نه ٻڌائي. مان ته تنهنجين ڳالهين مان گھڻي وقت کان اندازو لڳايو هو، پر چئي نه پيو سگھان ته متان مان غلط هجان ۽ توکي ڏک پهچي.
    صبح جو اسان جي ڪلاس جي پڪنڪ هئي اتي واهه ۾ وهنجندي، جڏهن ڪناري تي ويٺم ته، اسان جي ڊپارٽمنيٽ جي چيئرمين، فنڪشن جي ڪاميابيءَ جي مبارڪ ڏيندي چيو:
    “ٻڌو آهي ته توهان جي جوائنٽ سيڪريٽري نيو جنريشن مان اولڊ جنريشن ۾ وڃي رهي آهي” مان لاعلميءَ جو اظهار ڪيو.
    مون کي تمام گھڻي ڪاوڙ آئي. ان ڪري جو، سموري جڳ کي خبر هئي ۽ تو مون کان لڪايو هو. منهنجي پڪنڪ جو مزو خراب ٿي ويو، اتي ئي ويهي توڏانهن خط لکيم. جنهن ۾ اها ئي ڳالهه لکيم ته تون، مون کي دوستيءَ جي لائق نه سمجھيو ۽ مون کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ٿي. سمورو وقت موڊ خراب رهيو.


    33

    منور جي بدلي ڪراچيءَ ٿي وئي جنهن جو مون کي گھڻو ڏک پهتو. ڇو جو، منور منهنجو يارِ غار هيو. خيرپور ۾ جنهن شخص سان گھڻي مِٺ محبت ٿي، اهو منور هو. مان پنهنجو هر ڏک ۽ سک ان کي ٻڌائيندو هيس.
    هن جي بدلي ٿيڻ سان مون کي اڪيلائپ جو تمام گھڻو احساس ٿيو. منور جي بدلي جو ڏک ۽ تنهنجي بداعتمادي ۽ شيئر نه ڪرڻ جي ڏک ڪري رات پاسا ورائيندي گذرڻ لڳي ته، مان ٽيپ ريڪاڊ تي ڪيسٽ ريڪاڊ ڪئي. جنهن ۾ اهو ريڪارڊ ڪيم، ته: منور جي وڃڻ کانپوءِ مان بالڪل تنها محسوس ڪيان ٿو، مون کي جيڪڏهن، ڪنهن شخص خيرپور ۾ رهڻ جو ڍنگ سيکاريو ۽ حوصلو ڏنو اهو صرف منور هيو. مان پنهنجو هر ڏک سک ان سان شيئر ڪندو هيس. تون به منهنجي سٺي دوست هئينءَ، توسان به گھڻي حد تائين ڳالهيون ڪري سگھندو هيس. پر، تون دوستيءَ جي جذبي جي توهين ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڳالهه لڪائي آهي. خبر ناهي اسان جي دوستيءَ جي ڀت ۾ ڏار ڇو پئجي ويا آهن؟ مون کي، تومان اها اميد هرگز نه هئي. مون کي ڪنهن به قسم جو اعتراض ناهي. پر، ڏک صرف اهو آهي ته، تو، مون کي، ان لائق نه سمجھيو ته پنهنجي زندگي جي اهم فيصلي ۾ مون کان راءِ وٺين. مون کي چانڊوڪي رات ۽ سانجھيءَ جي وقت واري پريشاني ختم ڪري ڇڏيندي.
    توکي به، پريشاني ٿي ۽ ڪنهن حد تائين شرمندگي به ته تو واقعي به اها ڳالهه مون کان لڪائي هئي. پر، جيئن هر ڳالهه جو جواز هوندو آهي. تو وٽ به جواب موجود هيو جيڪو ڪيسٽ ۾ رڪارڊ ڪري موڪليو هيئه.
    “تون جيڪو منهنجي دوستيءَ تي شڪ ڪيو آهي اهو صحيح نه آهي. مان پوري ڳالهه ان ڪري نه ٻڌائي جو مون کي يقين هو ته اها ڳالهه ٻڌائيندي، منهنجا ڳوڙها ضرور وهن ها. مان نه پئي چاهيان ته منهنجن ڳوڙهن جي ڪري منهنجو سٺو دوست، هڪ اهڙو شخص جنهن کي مان زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ چاهيو هو منهنجي ڪري پريشان ٿي. هن جي، راتين جي ننڊ منهنجي ڪري ڦِٽي. منهنجي ڪري هو گھڻيون خوشيون انجواءِ نه ڪري سگھي. مان چاهيان ٿي ته، مان جتي به رهان، ڪيئن به هجان، تون هميشه خوش رهين.
    ساحره جا ڳوڙها، توکي ڪڏهن به پريشان نه ڪن.
    مون کي يقين آهي ته تون جتي به هوندين، منهنجو هوندين. مون کي پڪ آهي ته، تنهنجي چهري تي خوشي، منهنجي ڪري هوندي تنهنجي دل منهنجي نالي تي ئي ڌڙڪندي، ان لاءِ جو مان توکي ايترو چاهيو آهي، جيترو ٻي ڪنهن به توکي نه چاهيو هوندو.
    تون منهنجي دوستيءَ جي شڪايت ڪئي آهي ۽ چيو ته، دوستيءَ جي ديوار ۾ ڏار پئجي ويا آهن. اها ڳالهه بالڪل غلط آهي پوءِ اها منهنجي بزدلي سمجھه، يا منهنجي ڳوڙهن جي مجبوري جو مان اها ڳالهه توسان نه ڪري سگھيس.
    تو وانگر، مون به منور کي مِس ڪيو آهي، منهنجي به منور سان دوستي هئي، ۽ اها تنهنجي حوالي سان ئي هئي. مون کي يقين آهي ته هن شهر ۾ مون کي جڏهن به ڳوڙها ڳاڙڻ جي ضرورت پئي ته ٻه ڪلها آهن جن تي ڪنڌ رکي اهي ڳوڙها وهائي سگھان ٿي. هڪ تون ۽ ٻيو منور. مون منور کي مس انهي ڪري به ڪيو آهي جو، مان هن کي پنهنجيون، تنهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌايون هيون ۽ تون جڏهن نه ملندو هئين، ته مان هن سان ملي تنهنجي سِڪ جھڪي ڪندي هيس.
    جيڪي ڳالهيون نه ڪري سگھندي هيس، اهي مان منور سان ڪندي هيس. تو وٽ ٽائيم به گھٽ هوندو هو ۽ تون پنهنجي زندگي ءَ جا ڪجهه لمحا مون کي به ڏين ها ته سڀ ڪجھه توکي ٻڌايان ها.
    تون، منهنجي باري ۾ نه سوچيو ته، مان اهي ڳالهيون ڪيئن برداشت ڪيون. ايترن ڏينهن تائين ڪنهن کي به نه ٻڌايم. توکي منهنجي چهري مان سڀ ڪجھه سمجھي وڃڻ کپي ها. مون کان پڇين ها، ڇو جو دوستي صرف ڏيکاءُ ناهي. پر دوستي انسان جي اندر ۾ لڪيل ڏک کي تلاش ڪندي آهي. مان به تنهنجا غم تلاش ڪيا آهن. منهنجي ان ننڍي غلطي کي منهنجو خيال آهي ته تو کي معاف ڪرڻ کپي.
    هاڻي جڏهن منور به ناهي ته، مان تنهنجي دوست آهيان نه! مان جيستائين هتي آهيان، منهنجو توکي هڪ عرض آهي، منهنجي زندگيءَ جون جيڪي خوشيون آهن، ايترن ڏينهن ۾ مون کي حاصل ڪرڻ ڏي، تون دوستيءَ ۾ جيتريون خوشيون ڏئي سگھن ٿو ڏي. ڇو جو خبر ناهي. پوءِ هي وقت مون کي ڪيڏانهن وٺي وڃي، جتي مان روئڻ چاهيان ته سڏڪي نه سگھان. ڏس ساقي، منهنجين اکين مان ڳوڙها وهن ٿا. توکي انهن ڳوڙهن جو احساس نه ٿو ٿئي؟ دوستي ايترو ته نازڪ رشتو ناهي جو ايتري معمولي ڳالهه تي ٽوڙي ڇڏجي. ان تي شڪ ڪجي، منهنجيون مجبوريون به ته سمجھي سگھي ها. منور ناهي ته ڇا ٿيو؟ مان ته آهيان.(گھگھو آواز) چانڊوڪي رات ۾ توکي يادون پريشان ڪنديون. تون مون کي ياد ڪجانءِ، تصور ڪجانءِ ته، ساحره توکي دريءَ مان نظر ايندڙ ٻنين ۾ پريشان گھمندي نظر ايندي. صرف ان لاءِ جو تون پريشان هوندين.
    ڪاش! هن دنيا ۾ اسان کي ڪجھه ملي ها، اسان پاڻ ڪجھه ڪري سگھون ها ته مان انهن پريشان لمحن ۾، تنهنجا سڀ ڳوڙها ،تنهنجا سڀ ڏک سميٽي وٺان ها.ڪاش! هي وقت اسان کي ايترو پابند نه ڪري ها. اسان کي مجبور نه ڪري ها. توکي گھرجي ته تون مون کي تمام گھڻو حوصلو ڏي. مون کي همت ڏي. ڇو جو، ساحره پنهنجي زندگيءَ جو وڏو ڪمپرومائيز (COMPROMISE) ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي. تمام گھڻي اعتماد ۽ يقين سان. هوءَ ظالم شيءِ ڏسو ته ڪيڏي مٽيءَ جي هيٺيان وڃي ستي، هن سوچيو به نه ته نانا جان کي هڪ لمحي، ڪيڏو نه سوبر ڪري ڇڏيو آهي. مان هن جي جڳهه نه ٿي وٺي سگھان، بالڪل به نه (روئڻ جو آواز). مگر مون کي اهو سڀ ڪجھه ڪرڻو آهي. گھڻي يقين ۽ بردباريءَ سان، حوصلي سان. تمام گھڻن ڳوڙهن کي لڪائڻو آهي. ڇو جو، نانا جان کي هن سان گھڻو پيار آهي، تمام گھڻو مان هن جي شين تي مٽي ڄمندي نه ٿي ڏسي سگھان. مان هن جي گلن کي مرجھائندي نه ٿي ڏسي سگھان. ان لاءِ پنهنجي زندگي ٻئي جي خاطر لٽائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي مٽائي ختم ڪري ٻئي کي بنائڻ ئي منهنجي زندگي آهي.
    مان، توکي چيو هو نه ته مان پنهنجي زندگي ان شخص جي حوالي ڪنديس، جنهن کي منهنجي ضرورت هوندي. مان پنهنجي زندگي انهن جي نالي ڪيان ٿي. جن کي منهنجي ضرورت آهي. منهنجيون به گهڻيون خواهشون هيون، مون کي تمام گھڻو اڳتي وڃڻو هو. مگر، ڏس زندگيءَ جي راهگذار خود منهنجي آڏو پکڙجي پئي آهي. مان تمام گھڻي يقين، حوصلي ۽ خوشيءَ سان راهه تي قدم رکيو آهي. ان يقين سان مون کي ان رستي ۾ خوشيون ضرور ملنديون .ڪيڏانهن وينديون مون کان ڀڄي؟ ان لاءِ جو مان خلوص دل سان پنهنجون خوشيون ٻين جي حوالي ڪيون آهين.
    (روئڻ جو آواز)
    مون کي يقين آهي ته مون کي جڏهن به ڳوڙهن وهائڻ جي ضرورت پئي، ته هڪ شخص اهڙو هوندو جيڪو منتظر هوندو منهنجن ڳوڙهن کي پنهنجي هٿ سان اگھڻ لاءِ، هڪڙو ڪُلهو اهڙو ضرور هوندو، جنهن تي ڪنڌ رکي مان ڳوڙها وهائي سگھنديس. هڪ شخص اهڙو هوندو، جنهن سان مان اهي سڀ جمع ٿيل ڳالهيون ڪري سگھنديس. جڪي ٻين سان نه ڪري سگھبيون. مون کي فخر آهي ته مونکي تو جھڙو دوست مليو آهي. منهنجي زندگيءَ جو سرمايو تون آهين. خدا ڪري تون هميشه زنده رهين منهنجو ساهه نڪري پر تون زندهه رهه ته جيئن مرڻ وقت منهنجيون اکيون ان يقين سان بند ٿين ته، مرڻ کان پوءِ ڪوئي ته اهڙو هوندو جنهن مون کي تمام گھڻو پيار ڏنو. تون ڪٿي به هوندين منهنجو هوندين.
    هاڻي ٻڌاءِ ته منهنجو پيار ڪوڙو ته نه آهي. منهنجي دوستيءَ ۾ کوٽ ته ناهي نه؟”
    رات جو ڪمري ۾ تنهنجي ڪيسٽ ٻڌندي منهنجين اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا. مون کي تنهنجي بيوسي، تنهنجي مستقبل جو اونو هيو. ڄاڻان پيو ته هي، فيصلو تنهنجي لاءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿو. مان چاهيان پيو ته، جيتوڻيڪ منهنجي نظر ۾ غلط هو، پر تون ان فيصلي ڪرڻ کانپوءِ خوشيءَ جو سج ماڻي سگھين. واقعي به تون زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪمپرومائيز (COMPROMISE) ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئينءَ. تنهنجو منهنجو جھڳڙو اڪثر ان معاملي تي هلندو رھندو هو. مان چوندو هيس ته، هن دنيا ۾ رهڻ لاءِ ننڍا ننڍا معاهدا ڪرڻا ٿا پون ۽ ڪرڻ گھرجن .نه ته هن دنيا ۾ رهڻ تمام گھڻو ڏکيو آهي. توکي سدائين اعتراض هوندو هو ۽ چوندي هئينءَ ته: معاهدا، ماڻهوءَ جي شخصيت کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين ٿا ۽ معاهدن کان سواءِ به جڳ ۾ رهي سگھجي ٿو. پر اڄ تون هڪڙو وڏو معاهدو ڪري رهي هئينءَ، جنهن جو مون کي شدت سان احساس هيو. تنهنجي معاهدي ڪامياب ٿيڻ لاءِ من ئي من ۾ توکي دعائون ڏئي رهيو هيس. مون کي خبر هئي ته توهان ٻنهي جي عمرين ۾ چڱو خاصو فرق هو. ۽ پوءِ ايترا سارا ٻار، جن کي توکي سنڀالڻو هيو. ان کان علاوه تنهنجي اها ڳالهه به مون کي ياد اچي رهي هئي. تون هميشه چوندي هئينءَ ته،
    “مان ڪڏهن به پاروٿيون ۽ بچيل شيون پسند نه ڪندي آهيان. چاهي منهنجو مڙس يا منهنجو محبوب ڇو نه هجي. اها شيءِ کپي جيڪا پهريان پهريان مان استعمال ڪيان.” پر هن معاهدي موجب ته تون...
    تنهنجي ۽ پنهنجي وچ ۾ هڪ وڇوٽي محسوس ڪري رهيو هيس، توسان ملڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ محتاط رهڻ لڳس. مون نه پئي چاهيو ته منهنجي ڪري، تنهنجي نئين جڙيل رشتي تي ڪو اثر پئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مون کي هڪ اڻڄاتل ڏک به پهتو. اهو سڀ ڪجھه ڄاڻيندي به ته تنهنجو منهنجو رشتو، هڪ ڏينهن اهڙي طرح ئي ختم ٿيڻو هو. ڇو جو ٻنهي، اهو سمجھي ۽ سوچي ڇڏيو هو ته اسان جو رشتو شادي لاءِ ناهي، ٻنهي گڏجي چيو هو ته اسان جي رشتي کي انهن سڀني شين جي غرض ناهي. جيڪي پيار ۽ محبت جي پانڌيئڙن جون گھرجون هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچڻ لڳندا هياسين ته، آخر ان رشتي کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ اهو رشتو، جيڪو مضبوط آهي، خوبصورت جيئن ڪنول ــ ڪهڙو نانءُ ڏجي ان کي؟! تون چوندي هئينءَ ته منهنجو ۽ تنهنجو رشتو، روح ۽ جسم جو رشتو آهي. منهنجو ۽ تنهنجو رشتو گل ۽ خوشبوءِ جو رشتو، منهنجو ۽ تنهنجو رشتو چنڊ ۽ چڪور جو رشتو، تنهنجو منهنجو رشتو زندگي ۽ ساهه جو رشتو آهي. منهنجو ۽ تنهنجو رشتو گيان ۽ ڌيان جو رشتو آهي، ڇاڪاڻ ته گيان ۽ ڌيان بغير ايمان ڪجھه به ناهي.
    مان جڏهن به ڳوٺ ويندو هيس ته، موڪلائڻ مهل هڪٻئي کي ڪِس ضرور ڪندا هياسين. ان ڏينهن موڪلائڻ مهل، محسوس ڪيم ته تنهنجي طرفان ان گرمجوشيءَ جو اظهار نه هيو، جيڪو اڳ ۾ هوندو هيو. منهنجي ذهن ۾ الائي ڪيترا قضيا ٿي پيا. تڪڙو تڪڙو موڪلائي هليو ويس. مون کي ان ڳالهه تي ڏاڍو ڏک پهتو. لڳو ڄڻ مان توتي ظلم ڪري رهيو هيس. مان ڪنهن تي به بار نه ٿيندو آهيان. جيستائين ٻنهي ڌرين جي جنهن ڪم ۾ رضامندي شامل نه هجي، تيستائين اهو ڪم نه ڪندو آهيان. مان سوچيو ته هاڻي جڏهن، تون ٻئي جي آهين، ته مون کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هيو ۽ تنهنجي ان رويي کي حق تي سمجھي رهيو هيس، پر ان ڳالهه جو ڏک ٿي رهيو. هو ته، اسان جي رشتي کي ايترو جلدي تبديل نه ٿيڻ کپي ها. ڇو جو، اسان سوچي سمجھي، ۽ بحث مباحثي کان پوءِ اهو رشتو قائم ڪيو هو. تنهنجي شاديءَ جي باري ۾ فيصلي ڪرڻ کانپوءِ به اهو طئي ٿيو هو ته هاڻي به اسانجي رشتي ۾ ڪا تبديلي نه ايندي. مان توکي کُلي دل سان چيو هو ته، مان تنهنجي زندگيءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ تيار آهيان. ڇو جو نه ٿو چاهيان ته منهنجي ڪري تون ڪجھه ڀوڳين. تنهنجي عملي زندگيءَ تي ڪو اثر پئي. پر تنهنجي زور ڀرڻ تي، مان ان رشتي کي جاري رکيو هو. پر ان رويي تي مان ڏک جي اوڙاهه ۾ جلندو رهيس.جمعي وارو سمورو ڏينهن عذاب ۾ گذريو.
    خيرپور پهچي توکي ٽيليفون ڪيم:
    “.....پهچي ويو آهيان”
    “آواز ڇو ايئن ٿي؟” تنهنجي لهجي ۾ پريشاني هئي.
    “طبيعت خراب آهي” مون رُکو جواب ڏنو.
    “ڇو خراب ٿي آهي، ۽ ڇا ٿيو آهي؟” پريشانيءَ مان سوال ڪيئه.
    “طبيعت خراب ڪري وري پڇين به تون ٿي.”
    “مان!”
    “ها، تون”
    “ڇا ڪيو آهي مان؟”
    “خميس جي منجھند کان وٺي، پيڙا مان گذري رهيو آهيان”
    “ڇا ڪيو آهي مان!” روئڻهارڪي ٿي وئي هئينءَ.
    “تو ڪجھه ڪونه ڪيو آهي، مان پنهنجو پاڻ کي ڪريل محسوس ڪري رهيو آهيان”
    “نه سمجھيم!”
    “اسان ٻنهي جو رشتو ايترو مضبوط آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪنهن ڳالهه تي اعتراض هجي ۽ پسند نه هجي ته چئي ڏيڻ کپي؟”
    “ها ايئن ته آهي”
    “پوءِ، تون ايئن ڇو نه ڪيو. مان جڏهن موڪلائڻ مهل توکي ڪِس ڪيو هو ته تون پنهنجو پاڻ تي بار محسوس ڪري رهي هئينءَ مون کي محسوس ٿيو ته مان وحشي بڻجي، ڪنهن معصوم جانور جو خون پي رهيو آهيان”
    تون پريشان ٿي وئينءَ ۽ تنهنجو آواز روئڻهاڪو ٿي ويو.
    “ايئن بالڪل نه هيو تون غلط سمجھيو آهي”
    “ها، مان سدائين غلط سمجھيو آهي” ڪروڌ ڀريل لهجي ۾ چيم.
    “تون، بالڪل هن مهل منهنجي گھر اچ”
    نه اچي سگھندس”
    “ضرور اچ.‛
    “رات جا نوَ ٿي رهيا آهن سواري به ڏکي ملندي”
    “نه، تون ضرور اچ، نه ته ٻنهي جي رات ڏاڍي ڏکي گذرندي”
    “تنهنجو ٿيڻ وارو مڙس به اتي رهيل آهي، هو مائينڊ نه ڪري.”
    “هو منهنجو مڙس اڃان نه ٿيو آهي. تون ضرور اچ”
    مان تنهنجي گھر پهتس ته تون روئندڙ اکين سان استقبال ڪيو.
    “پنهنجو پاڻ کي مارڻ تي دل ٿي چاهيندي آهي، جڏهن توکي ڪو ڏک پهچندو آهي”
    “مان ايڏو به بيوقوف ناهيان ته هوا ۾ اڏامندڙ ڏکن کي هرو ڀرو به پاڻ وٽ سوگھو ڪيان. مان سمورو عرصو ايذاءُ مان گذريو آهيان”
    “پنهنجو پاڻ مفروضو قائم ڪرين ٿو ۽ تڪليف ۾ رهين ٿو. منهنجي طرفان ته ڪا به اهڙي ڳالهه نه هئي.” تون ڳالهه جاري رکندي چيو.
    “مان، توکي خوشيون ڏين چاهيان ٿي، پر الائي ڇو تڏهن به ڏک، توکي پهچايان ٿي. تون پاڻ ٻڌاءِ ته مان ايئن ڪنديس به ته ڇو؟”
    “ان لاءِ جو تون هاڻي ٻي جي امانت آهين”
    “امانت ۾ خيانت ته هو ڪندو. مان ته تنهنجي امانت آهيان مون کي يقين آهي ته، مان هن سان به بدديانتي نه ڪري رهي آهيان، خبر ناهي، توسان ملندي، مون کي ڪنهن به ڏوهه جو احساس نه ٿو ٿئي، منهنجي نظر ۾ هر رشتي جي پنهنجي حيثيت آهي ۽ ان ۾ تبديلي نه اچڻ گھرجي”
    مان اڃان ڪجھه چوڻ ئي چاهيان پيو ته تنهنجي ننڍي ڀيڻ ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿي ۽ پوءِ هن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳاسين، سمورو وقت ايئن گذري ويو. جڏهن تنهنجي ڀيڻ اٿي گھر وئي ته مان به توکان موڪلايو، ٻئي اٿي بيٺاسي، تون منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺي هئينءَ. توکي ڄاڻ هئي ته مان الوداعي ڪس ضرور ڪندس. پر مان دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري چڪو هيس ته ايئن نه ڪندس. توکي ڇڏي ڊائنگ روم مان نڪري آيس.


    34

    ڪافي ڏينهن گذري ويا. ان عرصي دوران اسان جي وچ ۾ ساڳي ئي نموني بحث مباحثا، کل ڀوڳ ۽ ڳالهيون ٿينديون رهيون. پر موقعن ملندي به مان توکي پاڻ کان پري رکيو .هڪ ڏينهن ڳالهين ڪندي تو چيو:
    “مان محسوس ڪري رهي آهيان ته تون اڃان تائين ڌاريائپ محسوس ڪري رهيو آهين”
    “اهو سڀ ڪجھه تنهنجي ڀلي لاءِ ڪري رهيو آهيان، اسان جو معاشرو اڃان تائين ايترو پروگريسو نه ٿيو آهي ته مڙس توکي، دوست رکڻ جي اجازت ڏئي ۽ ٻيو تو کي ٻڌايان، اسان مرد ڪڏهن به نه چاهيندا آهيون ته اسانجي عورتن کي اهو حق هجي ته هو دوستيون رکن”
    “ايئن ڇو آهي جڏهن پنهنجي مڙس سان وفادار هونديس ته پوءِ هو اجازت ڇو نه ڏيندو؟”
    “معاشري جي اصولن مطابق اها سنسيئرٽي ناهي ته تون غير مرد سان به ڀاڪر پائي ملين”
    “مڙس جا جيڪي حق آهي. انهن کي ته ڌچڪو نه ٿي پهچايان. باقي، توسان منهنجو رشتو جيڪي اڳ ۾ هيو، اهوئي رهڻ کپي. مان رشتن جي مفهوم کي بدلائڻ نه چاهينديس. هير، ليلا، سهڻي، اُهي سڀ شادي شده هيون. انهن جو محبوب سان ملڻ وفا جي علامت آهي، باقي مان بي وفا آهيان.”
    “مان تنهنجن جذبن جو احترام ڪيان ٿو. پر، هن سماج ۾ توکي اهو حق حاصل ناهي. منهنجي توکي التجا آهي ته، تون هاڻي مون سان ملڻ ڇڏي ڏي”
    “توکي ان ڳالهه چوندي، ڪو احساس نه ٿو ٿئي؟”
    تنهنجي گھور اندر ۾ گِھڙي ويئي.
    “تون محسوس ڪري سگھين ٿي ته مان ڪيترو جبر ڪندي، توکي اهي لفظ چيا آهن. پر حقيقت جي گھرج اها آهي”
    “تون اهو ڪيئن ٿو چئين؟”
    توکي کپي ته مون کي وساري ڇڏ”
    منهنجيون اکيون آليون ٿي ويون.
    “مان ڪيئن وساري سگھان ٿي توکي! منهنجن رڳن ۾تنهنجو پيار رت بڻجي گردش ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن جسم ۾ خون رڪجي وڃي ته پوءِ سڀ ڪجھه ختم ٿي ويندو آهي. مان توکي وساري منهنجو پاڻ کي مارڻ نه ٿي چاهيان”
    “هر پريمڪا پنهنجي پريمي کي ايئن چوندي آهي. پر شاديءَ کان پوءِ سڀ ڪجھه وسري ويندو اٿس”
    “تون چئين ٿو ته، مان ڪنهنجي همسفر بڻجي، توکي وساري ويهنديس مگر تون ڪڏهن، انهن گلن جي وفاداري نه ڏٺي آهي، جنهن شاخ تي ٽڙندا آهن اتي ئي مرجھائي ويندا آهن”
    “ڪڏهن ڪڏهن ان شاخ تان گل پٽي ڊرائنگ روم جي گلدستي ۾ سجائبو آهي ۽ اُها شاخ اڪيلي مرجھايل رهجي ويندي آهي”
    تون خاموش ٿي وئينءَ. مون توکي چيو ته،
    “هاڻي، جيڪي تون خواب ڏٺا جيڪي لمحا گڏ گذارياسين. اهي سڀ وساري ڇڏ”
    تون ڏکويل لهجي ۾ ڳالهايو.
    “اهي خواب جيڪي منهنجو سرمايو آهن. اهي اکيون جن سان منهنجين اکين ۾ نور آهي، اهي چميون، جن سان منهنجن چپن کي رنگ مليا، اهي سڀ مون کان نه گھر، انهن سڀني کان بغير منهنجي زندگي جي شام ايندي، منهنجو حسن مون کان ايئن نه گھر، ڇاڪاڻ جو مان ان حسن کان بغير ڪجھه به ناهيان ،ڪجھه به ناهيان.”
    ايئن چوندي روئي ويٺينءَ. مون تنهنجن ڳوڙهن کي هٿن سان اگھيو. وري تنهنجين اکين ۾ سڏ اڀريا. مان سڏن جو جواب ڏيڻ شروع ڪيو، منهنجي چهري تنهنجي چهري تي ڇانوَ ڪري ڇڏي هئي. موڪلائڻ مهل تون چيو اٽيسٽ Attest ڪندينءَ. منهنجي ڏوري تي چڪ پائڻ لڳينءَ پر ورزش ڪرڻ جي ڪري ڦونڊيل ڏوري ۾ تنهنجا ڏند پنهنجا نشان نه ڇڏي رهيا هيا. تو چيو ته:
    “ڇو ڀلا نشان نه ٿو ٺهي؟”
    مون توکي تنگ ڪرڻ لاءِ چيو ته:
    “تون سچائي سان اٽيسٽ نه ٿي ڪرين. توکي ايئن ڪندي جرم جو احساس ٿي رهيو آهي”
    تون چڙي چيو ته ايئن ناهي ۽ منهنجي ڏوري ۾ تنهنجا ڏند کپي ويا.


    35

    گذريل سال،
    پن ڇڻ آئي به هئي يانه؟
    جڏهن تون ۽ مان
    هياسي گڏ .
    تڏهن،
    پنن جو ڇڻڻ،
    وڻن جو
    اگھاڙو ٿيڻ،
    سج جو لهڻ،
    هر سمو هڪ خواب هو.
    گذريل سال،
    پن ڇڻ آئي به هئي يا نه؟
    ٽهڪن جا ٽانگر ٽڙيل،
    موتي مرڪ جا،
    هر طرف پکڙيل.
    ساز ساهن جا ڇڙيل،
    سڙهه سرهاڻ جا کڄيل.
    سوچيان ٿو:
    گذريل سال،
    پن ڇڻ آئي به هئي يا نه ؟
    سياري جون سرد راتيون،
    سوڙ ۾ سرٻاٽيون،
    صبح سويل،
    ماڪ ڀنل،
    گلن جو ميڙ،
    وارن سان وڪوڙيل ،
    شام جو شاعريءَ تي،
    جھومڻ ڳائڻ،
    رات جو ٽيليفون تي ٽهڪڙا
    ۽ وري ملڻ لاءِ
    جدا ٿيڻ،
    گذريل سال،
    پن ڇڻ آئي به هئي يا نه ؟
    مگر تو سواءِ،
    سڏڪا ٿيا ساٿي،
    راتيون بڻيون ڏائڻيون ،
    سيءَ جا سيڪارا،
    اڪيلا پارا،
    وڻن جا پن
    ٿي پيلا،
    هوا جي زور تي،
    روڊ تي،
    ڪنهن بد روح جيان،
    پويان ڊڪن ٿا،
    مون کي ڏنگين ٿا،
    هر وڻ، هر ڏار
    آڪنهن کان ڌار
    سوچيان ٿو:
    گذريل سال،
    پن ڇڻ آئي به هئي يا نه؟

    توکي ڊائريءَ تي اهي سٽون لکي ڏنيون هيم، جنهن جو جواب تو لکيو:
    “جانان!
    پن ڇڻ جي موسم، ڏاڍي اذيت ناڪ هوندي آهي. ان جي سفاڪيءَ کان مان واقف آهيان. مون کي اهي سڀ پن ڇڻ جون موسمون ياد آهن، جيڪي مون گذاريون. مگر زندگيءَ ۾ بهار اچڻ کانپوءِ، مان سوچيو ئي نه هيو ته، پن ڇڻ جي موسم به هوندي آهي. مان جن موسمن کان توکي بچائڻ پئي چاهيو، انهن موسمن جي حوالي توکي ڪيون ٿي وڃان.
    مگر، منهنجا دلبر، منهنجا قاتل!
    تون اداس نه ٿي،
    تنهنجي اداسي منهنجي دل کي چيرندي آهي.
    تون نه روئندو ڪر،
    جو تنهنجي روئڻ سان
    منهنجا وار ڇڻندا آهن،
    تنهنجي دل جي پن ڇڻ ،
    منهنجي وارن تي اثر انداز ٿئي ٿي،
    نه روئندو ڪر تون،
    جو منهنجن ڳوڙهن جو بند ٽٽي پوندو آهي،
    ۽ زندگيءَ جو پيچرو،
    ڪنڊن جو پيچرو لڳندو آهي.
    خدا جي واسطي نه روئندو ڪر!!
    تنهنجي ڊائري پڙهي، مون توکي مرڪندي ڏٺو. تو جواب ۾ چيو ته:
    “سچي به، منهنجا وار ڇڻڻ لڳندا آهن، جڏهن جڏهن تون روئندو آهين. پر خبر ٿي، منهنجا وار ايڏا سلڪي ڇو آهن؟”
    مان ننهڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته تو چيو:
    “ان ڪري جو، هڪ ڀيرو تنهنجا ڳوڙها منهنجن وارن ۾ ڪريا هيا.” هاڻي تنهنجي مرڪڻ جو وارو هو.
    “اهو سڀ ڪجھه طئي هوندي به اسان ٻنهي کي شادي ناهي ڪرڻي ۽ توکي هتان وڃڻو آهي، پر تڏهن به الائي ڇو، تنهنجي وڃڻ جو سوچي منهنجو من ڏري پئي ٿو”
    “مون کي به ايئن محسوس ٿئي ٿو، تون ڇا ٿو سمجھين ته مان هي سڀ ڪجھه خوشيءَ سان ڪري رهي آهيان” تون ڪجھه پل خاموش رهي چيو:
    “مان اديءَ جي موت کان پوءِ، مسلسل تتل تئي تي هلي رهي آهيان، مون سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي. سوچون ماڻهوءَ جون دشمن آهن”
    “تون جڏهن، اهو سڀ ڪجھه سمجھين به ٿي ته پوءِ، تون اهو رشتو ڇو چونڊيو”
    “مان نه پئي چاهيان ته، منهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين کي ڪا ڌاري عورت اچي ايذاءُ ڏي. ان لاءِ پاڻ کي ايذاءِ ڏئي، هنن کي خوش رکڻ چاهيان ٿي”
    “مون کي محسوس ٿيندو آهي ته تون اهو فيصلو گھڻو اڳ ۾ ڪيو هو. تون، پنهنجي ڀيڻوئي کي ڪافي پسند ڪندي هئينءَ” تون پريشانيءَ ۽ وائڙپ مان مون ڏانهن ڏٺو.
    “تنهنجي چوڻ جو مقصد ڇاهي؟”
    “تون اڳ ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪندي هئينءَ. جنهن مان محسوس ٿيندو هو ته تون خليل کي گھڻو پسند ڪرين ٿي”
    “مان هن کي ڀيڻيوئي جي حيثيت سان پسند ڪندي هيس، هن جي ڳالهين مان مزو ايندو هو، پر مڙس جي حيثيت سان ڪڏهن به کيس نه ڏٺو هو، نه ئي سوچيو هو” حيرانيءَ جا اولڙا تنهنجين اکين مان پئجي رهيا هيا.
    “پوءِ ڪيئن شروعات ٿي؟”
    “مان اديءَ جي وفات کان جلد ئي پوءِ، ان ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪيو ته نيٺ مون کي ئي اهو سڀ ڪجھه ڪرڻو پوندو. ڇو جو، اسانجي خاندان ۾ اهو رواج آهي ته وڏي ڀيڻ جي وفات کانپوءِ، ننڍي ڀيڻ کي شادي ڪرڻي پوندي آهي. ان وقت کان وٺي، مان ذهني طرح تياري ڪندي آيس. اديءَ جي چاليهي گذرڻ کان پوءِ اسان سڀ ڪزن اڱڻ ۾ ويٺاهياسين ته پڦيءَ مون کي سڏ ڪيو ۽ اسين ٻئي ڄڻيون گھر جي اڱڻ ۾ گھمنديون رهيوسين. پڦيءَ مون کي چيو ته گھر جي سڀني وڏن جو اهو فيصلو ڪيو آهي ته توکي خليل سان شادي ڪرڻي پوندي، تنهنجو ڇا خيال آهي؟ مان ڪجھه ڪونه ڪڇيو، منهنجين اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا. گھڻي دير گھمندا رهياسين ۽ پوءِ مان پڦيءَ کي چيو ته:
    “منهنجي وڏن مون کي خوش رکڻ لاءِ منهنجي هر خواهش پوري ڪئي آهي ۽ مان، انهن جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.” ايئن چئي مان پڦيءَ کي روئيندي چنبڙي پيس.
    تون ڪافي دير روئندي رهينءَ. مان توکي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. تو وري چيو:
    “مان اهو فيصلو ڪري، پنهنجي وجود سان ناتو ٽوڙيو آهي”
    “ايئن کڻي هجي به، پر جڏهن هاڻي تون فيصلو ڪري چڪي آهين ته اهڙي قسم جي سوچن کي پري اڇلائي ڇڏ. زندگي، تمام ڏکي آهي تنهن ڪري پاڻ کي ذهني طرح تيار ڪري ڇڏ. توکي جڏهن ٻارن طرفان ڏک ملي ته ان جو اظهار نه ڪجانءِ ، نه ئي مڙس جي رويي تي شڪايت يا تنقيد ڪجانءِ”
    “تنهنجيون اهي سڀ ڳالهيون مڃان ٿي پر، ڪيڏو ڏکيو رستو آهي، جنهن تي مون کي هلڻو آهي. قدم قدم تي تنهنجي ضرورت پوندي، چنڊ ڏسندي، غزل ٻڌندي، اٿندي ويهندي تنهنجي ياد ايندي ته مان ڇا ڪنديس؟ مان جڏهن به ٿڪ محسوس ڪنديس. ته توکي، خط لکنديم. يا ٽيليفون ڪنديس”
    “ماڻهوءَ کي جڏهن آسرو هوندو آ ته، هو جلدي ٿڪجي پوندو آهي ۽ ڇانوري ۾ ويهڻ لاءِ بهانا ڳوليندو آهي. جڏهن، توکي منهنجو آسرو هوندو ته منهنجي ياد، هر هر تنهنجو در کڙڪائيندي ڪڏهن ڊرائنگ روم ۾، ڪڏهن اڱڻ ۾، ڪڏهن دل ۾، ته ڪڏهن ذهن ۾ ايندي رهندي، تنهنڪري، ايئن به ٿي سگھي ٿو ته پوءِ تون پنهنجي گھر سان انصاف نه ڪري سگھين، جيڪو مان ڪڏهن به نه چاهيندُس ته منهنجي ڪري، ڪنهن جو جيون جلندو رهي. ان لاءِ سٺو اهو آهي ته، مان تنهنجي جيون مان نڪري وڃان” منهنجو آواز ڀرجي آيو هو.
    “تون ايئن نه سوچ. تون، منهنجي ذهن مان نڪرندين ته مان ڪجھه به نه رهنديس. مون کي اهڙي ڏکي رستي تي هلڻ لاءِ تنهنجي سهاري جي ضرورت آهي. مون کي اهو احساس طاقت بخشيندو ته، منهنجو هڪ چاهيندڙ دوست موجود آهي”
    تون روئڻ لڳينءَ ۽ منهنجي سيني سان لڳي، سيني جي وارن سان کيڏڻ لڳينءَ.
    “هڪڙو واعدو ڪر، اهڙي ڳالهه نه ڪندين نه ته مان سمجھنديس ته اسان جي رشتي ۾ ڪٿي کوٽ هئي. مان هتان تنهنجون يادون ئي ته ڏاج ۾ کڻي ٿي وڃان.”
    منهنجين اکين ۾ تنهنجي نظرن جا ليزر لڳڻ لڳا. مان مرڪي ڪنڌ ڌوڻي توکي سيني سان لڳائي ڇڏيو.
    تون شايد اڃان به مطمئن نه ٿي هئينءَ ۽ عادت مطابق تو خط لکيو .
    “تو چيو نه ته منهنجي خوش رهڻ سان تون به خوش رهندين. منهنجي معاهدي ڪرڻ سان توکي گھڻي خوشي ٿيندي ته مان واعدو ڪيان ٿي توسان ته، قدمن هيٺيان ڪنڊن جي هن راهگذر تي، منهنجا پير رتوڇاڻ ڇو نه ٿي وڃن، مگر مان گلن جي رهگذر جي تمنا ڪڏهن نه ڪنديس. منهنجي شخصيت ڀورا ڀورا ٿي رکَ جو ڍير ئي ڇو نه بڻجي وڃي پر پنهنجي ذات سان، مان ٻين کي خوشيون ضرور ڏينديس.
    ها، ان لاءِ جو مان اوڀر جي عورت آهيان. مشرق جي ڌيءُ، جيڪا سموري ڄمار صليب تي اٽڪيل هوندي آهي. ماڻهو هن ۾ ڪِليون هڻندا رهندا آهن. مگر هوءَ صليب تان نه لهندي آهي، ۽ اتي لڙڪي لڙڪي مري ويندي آهي.
    مگر، تون واعدو ڪر مون سان، صرف هڪڙو واعدو ته، تون منهنجي زندگيءَ مان نڪري وڃڻ جي ڳالهه اڳتي نه ڪندين. تون منهنجي زندگيءَ جي رڪاوٽ نه آهين. پر منهنجي زندگيءَ جي آس آن، تون هڪ اهڙي جھولي آهين. جتي مان اچي ٿورا ڳوڙها وهائي سگھان ٿي، تون هڪ اهڙو باغ آهين جتي اچي مان بهارن جا نظارا ڏسي سگھان ٿي. مون توسان واعدو ڪيو آهي ته توکي به مون سان واعدو ڪرڻو پوندو ته پنهنجي ٿڪ لاهڻ لاءِ جڏهن به مان تو وٽ اينديس، تون پنهنجي دل جو دروازو منهنجي لاءِ کليل رکندين. تون آهين ته پوءِ مون کي هيءَ ڪنڊن جي راهگذر به گلن ڀريو پيچرو لڳندي، تنهنجي خيال ۾، تنهنجي ياد ۾ مون کي ڪنڊن جي چڀڻ جو احساس نه ٿيندو.
    هنن اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي پوءِ به، ڪنهن جي هٿن، ڪنهن جي چپن جي ضرورت پوندي. مون سان واعدو ڪر، مون کان پنهنجي ذات جو سهارو نه کسيندين، تون منهنجو عشق ئي نه منهنجو دوست به ته آهين ۽ سڄي عمر مون کي هڪ پُرخلوص دوست جي ضرورت پوندي، جنهن سان، مان پنهنجا ڏک ۽ سک شيئر ڪري سگھان. ڇا تون مون کان منهنجو دوست کسڻ چاهين ٿو؟ ڇا تون چاهين ٿو ته مان پنهنجا ڏک سک ڪنهن سان به شيئر نه ڪيان؟ مون توکي چيو هو نه ته مان توکان ڪڏهن به، ڪجھه به نه گھرنديس. ڇاڪاڻ جو منهنجي منزل تنهنجو جسم ناهي. منهنجي منزل منهنجو عشق آهي. جيڪو حُصول کان بيگانو هوندو آهي. تنهنجو وجود منهنجي چاهت آهي، منهنجو مانُ آهي ته مان هن دنيا ۾ اڪيلي ناهيان. هڪ شخص اهڙو آهي، جيڪو منهنجي دل ۾، ڳوڙهن ڪرندڙ وسڪاري کي ڏسي رهيو آهي ۽ پنهنجي مرڪ سان مون کي زندگي ڏئي رهيو آهي. ان جي مرڪڻ سان مون کي ڳوڙهن جا ٽانڊا به، ماڪ ڦڙا محسوس ٿين ٿا. ڇا، اهڙي طرح ڪنهن کي زندگي ڏيڻ گناهه آهي؟ جيڪڏهن گناهه آهي ته انڪار ڪري ڇڏ، ان عشق جي باهه کان جنهن تنهنجي ۽ منهنجي وجود کي گھايل ڪري ڇڏيو آهي، چئي ڇڏ ته، هي سڀ ڳالهيون افسانوي آهن. ڪي به جذبا اهڙا نه ٿيندا آهن مگر....
    منهنجو يقين، منهنجو ايمان اهو آهي ته جذبا ئي سڀ ڪجهه آهن، اهي سڀ جذبا جن جي باهه، منهنجن ڳلن تي لالاڻ سجائي آهي. ان لاءِ واعدو ڪر مون سان ته، مان توکان صرف چند لمحن جي ان خوشين جي طلبگار آهيان. جيڪي مون کي تو وٽ اچڻ کانپوءِ پنهنجا ڏک سک بيان ڪرڻ سان ملندي آهي. واعدو ڪر ته، مون کان اها خوشي ڪڏهن به نه کسيندين ۽ ڪڏهن به زندگيءَ مان نڪرڻ جي ڳالهه نه ڪندين. ڇو جو تون منهنجي زندگيءَ جي رڪاوٽ ناهين، پر آس آهين.
    آهين نه منهنجو دلبر، منهنجو قاتل، ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن قتل ڪري ڇڏيندو آن.”
    تنهنجو خط پڙهي، منهنجي ذهن ۾ تولاءِ پيار جو پکي اڏريو. تنهنجي چاهت مون کي مجبور ڪيو ته توسان رشتو نه ٽوڙيان. ان کانپوءِ، اسان جون ملاقاتون ٿينديون رهيون. ٻئي ڄڻا اهو سوچي اداس ٿي ويندا هياسين ته پري وڃي، ڪيئن خوش رهي سگھنداسين؟ پر مان توکي ۽ تون مون کي آٿت ڏيندي هئينءَ. اتفاق سان، انهن ڏينهن ۾ مون کي نڪ ۾ پرابلم ٿي پيو ۽ منهنجي نڪ جي هڪ ناس بند ٿي وئي. تون جڏهن ساهه زور سان کڻڻ جو سبب پڇيو ته، مون توکي جواب ڏنو ته جڏهن اڌ وجود هليو وڃي ته، پنهنجي حصي جو ساهه به کڻي وڃي ٿو.


    36

    اهو ڇنڇر جو ڏينهن به ٻين ڏينهن جيان ئي هو. يونيورسٽي معمول مطابق هلي رهي هئي. ڇوڪرين جا رنگين ڪپڙا لهرائي رهيا هيا، ڇوڪرن جي دل ۽ نظرون هڪ ئي وقت انهن ڪپڙن وارين کي گھمندي ڏسي رقص ڪري رهيون هيون.
    پريڪٽيڪل هيو، جنهن ڪري توسان ملڻ جو وقت ئي نه مليو. حالانڪه مان، تنهنجي وجود کي محسوس ڪري چڪو هيس، تون هڪ ٻه دفعو ڪلاس آڏو تجلو ڏئي وئي هئينءَ. جڏهن اسان جي پريٽيڪل جو وقت پورو ٿيو هو ۽ مان ٻاهر ڪينٽين تي ڪلاسين سان چانهه پئي رهيو هيس ته گرلز ڪامن روم جو پٽيوالو چٺي ڏئي ويو. جنهن تي صرف ڪجھه سٽون تنهنجي طرفان لکيل هيون. هن ٻڌايو ته، تون چٺي گھڻو وقت اڳ ڏني هئي هاڻي هلي وئي هوندينءَ.
    “اڄ مان ڏاڍي اپ سيٽ آهيان. بلڪه زندگيءَ ۾ ايڏو اپ سيٽ ڪڏهن به نه رهي آهيان ۽ مون کي اڄ تنهنجي شديد ضرورت آهي. ڇو جو، منهنجي اکين ۽ من ۾ ڳوڙهن جي ڍنڍ بڻجي وئي آهي ۽ تون غائب آهين.”
    تنهنجي چٺي پڙهي پريشان ٿي ويم، ۽ محسوس ڪيم ته تون ڏاڍي پريشان آهين ۽ تنهنجي اندر ۾ اوڙاهه آهي. ٽائيم ڏٺم ته پوائنٽ وڃڻ ۾ اڃان ٽي منٽ هيا.
    اتان ڊوڙ پائي، گيٽ وٽ آيس، جتي بس وڃڻ لاءِ تيار هئي. مان بس ۾ چڙهي، توکي لهڻ جو اشارو ڪيو، تون پٺيان پٺيان هلي آئينءَ. لان تي ويهندي مان توکي ڏٺو، تنهنجو چهرو ڪنهن پوڙهي عورت جو محسوس ٿيو. اکين ۾ چمڪ جي ذري به نه هئي،
    مان پريشان ٿي توکان پڇيو
    “ڇا ڳالهه آهي؟” تون پنهنجي منهن تي زوريءَ مُرڪ آڻيندي چيو. “ڪجھه به ناهي.”
    “پوءِ چٺيءَ ۾ ڇا لکيو ٿي؟”
    تون سنجيده ٿيندي چيو:
    “مان اهو سڀ ڪجھه هتي ٻڌائڻ نه ٿي چاهيان، مون کي ٻڌائڻ لاءِ ۽ توکي ٻڌڻ لاءِ گھڻو وقت کپي”
    مان سوچڻ لڳس ته ڪٿي ويهجي، تنهنجي گھر لاءِ چيم ته تو انڪار ڪيو. آخرڪار مون توکي لطافت جي گھر اچڻ لاءِ چيو. توکي ڇڏي مان ڪينٽين ۾ ويٺل دوستن کان موڪلائڻ آيس.
    لطافت، منهنجو سٺو دوست آهي، هن وقت ليڪچرار آهي. هو اسان کان ڪجھه سينيئر هو، تنهن ڪري اسٽوڊنٽ لائيف کان وٺي سٺو دوست رهيو. ڳوٺائي هجڻ جي ناتي به، منهنجو هن سان سڱ هو. اڪثر، ايئن ٿيندو آهي ته ڏسڻا وائسڻا دوست، جيڪي هاسٽل ۾ گڏ رهندا آهن ۽ وهنجڻ مهل انهن جا ڪپڙا ۽ ٽوال باٿ روم مان چورائي کڻبا هيا ۽ سندن رڙين ۽ گارين کانپوءِ کين واپس ملندا هيا. اهي به، جڏهن ليڪچرر ٿيندا هيا ته ملڻ کان لنوائيندا هيا. پر لطافت انهن مان نه هيو، هن جو گھر، ڄڻ منهنجو گھر هو. در کي پنهنجي مخصوص موسيقي واري انداز ۾ کڙڪائڻ کانپوءِ بغير ڪنهن انتظار جي گھر ۾ داخل ٿي ويندو هيس ۽ سڌو ريفريجٽر جي تلاشي وٺي پهريان ته کائڻ جي شيءِ هٿ ڪندو هيس ۽ پوءِ، انيلا ڀاڄائيءَ کي رعب مان چوندو هيم ته: “شاباس جلدي جلدي گرم چانهه پيار” هوءَ ويچاري به کلندي چانهه تيار ڪندي هئي، لطافت ۽ انيلا جي شادي، پيار جي شادي هئي. ٻئي ڪلاس فيلو هيا، ٻنهي جي محبت وڌي وئي ۽ شاديءَ جي لاءِ تيار ٿيا. پر روائتي طرح، انيلا جي خاندان مخالفت ڪئي ۽ ٻنهي ڄڻن هر حربو هلايو ته، جيئن ٻنهي خاندانن جي رضامنديءَ سان شادي ٿي. پر ڪامياب نه ويا ۽ آخر، ٻنهي مجبور ٿي سول ميريج ڪئي. ۽ هاڻي ٻئي ڄڻا پنهنجي ٻار سميت خوش آهن. اسان ٻئي ڄڻا لطافت جن جي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين. جڏهن، لطافت جن اٿي ويا ته مون توکان پريشانيءَ جو سبب پڇيو ته، جواب ڏيڻ کان اڳ ئي تنهنجين اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. توکان پڇيم ته، ڪنهن دوست جو ڏک ٿي، ڪنهن ڪجھه چيو ٿي، ماءُ پيءُ جي رويي تي ڏک ٿي؟ تون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي رهينءَ، نيٺ پڇيم ته: “خليل ڪجھه چيو ٿي؟”
    تنهنجو روئڻ تيز ٿي ويو. مان توکي پرچائيندو رهيس، تنهنجن ڳوڙهن کي زمين تي ڪرڻ کان بچائيندو رهيس. تو ٻڌايو ته: ٻه ڏينهن اڳ ۾ خليل پنهنجي ٻارن کي ڪراچي وٺي وڃڻ لاءِ آيو هو ۽ جڏهن، وڃڻ لڳو ته هن تنهنجي ماءُ پيءُ کان، تنهنجي بجاءِ تنهنجي ننڍي ڀيڻ رافعه جو سڱ گھريو هو. جنهن تي، توهان سڀ حيران ٿي ويئو. تنهنجي ماءُ پيءُ، خليل کي چيو ته هو اهو ڇا چئي رهيو آهي، پر هن هڪ به نه مڃي ۽ چيائين ته، هن اهو فيصلو ان ڪري ڪيو آهي جو ساحره کي پنهنجين مصروفيتن مان واندڪائي ئي ناهي. سڄو ڏينهن يونيورسٽي رهي ٿي، گھر ۾ اچڻ کان پوءِ به مون سان نه ٿي ڳالهائي. تون به کيس ماءُ پيءُ جي سامهون ئي جواب ڏنو ته:
    “جڏهن رشتو طئه ٿيل آهي ته مون کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو توسان کل مذاق ڪيان. باقي ڪنهن به سبب جي ڪري توکي رشتو ناهي ڪرڻو ته نه ڪر”
    هن اهو به چيو ته: “ساحره سان زندگي گھارڻ ڏکي آهي. هوءَ عجيب ڇوڪري آهي ۽ مان رافعه سان شادي ڪندس”
    جنهن تي رافعه به خليل کي چيو ته: “مان توسان شادي نه ڪنديس. مون کي ته تون بيوقوف بڻائيندو رهين ۽ چوندو رهين ته منهنجي شڪل منهنجي مرحومه ڀيڻ سان گھڻي ملي ٿي. مون کي تون اوندهه ۾ رکيو. مان، ڪڏهن به اهو برداشت نه ڪنديس”
    پوءِ رافعه به روئڻ لڳي. خليل پريشان ٿي ويو. هن سمجھيو ته رافعه راضي آهي ۽ اسان جي مجبوري آهي ته ٻارن کي پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ مجبور ٿي، هن جي اها ڳالهه به مڃينداسين پوءِ بابا ۽ امان جن به هن کي دڙڪا ڏنا ۽ هو هليو ويو. ويندي ويندي چئي ويو ته:
    “مان خاندان وارن کي چوندس ته ساحره شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.”
    تون اها ٽرئجڊي ٻڌائيندي، صفا هيانوَ هاري ويٺينءَ ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳينءَ. مون کي، ڪجھه وقت ته ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي ۽ خاموشيءَ سان تنهنجي ڪنڌ کي پنهنجي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيم. پَل ايئن ئي گذري ويا. مون کي، خليل جي نيچ هجڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. مون کي حيرت ٿي رهي هئي ته، هن ايڏي وڏي غلطي ڇو ڪئي؟ رافعه، جيڪڏهن هن جي زال ٿي ها ته عمر ۾ هن جي ڌيءُ محسوس ٿي ها، پر ايئن نه به هجي ته اها ڪهڙي دانائي آهي.
    “هن منهنجي انسلٽ ڪئي آهي. منهنجي عزت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيائين” سُڏڪن وچ مان تنهنجو آواز اڀريو.
    “تنهنجي انسلٽ نه، پر پنهنجي ڪئي اٿائين. تون ته ان عمل ڪري مٿاهين ٿي وئي آهين. تنهنجي حيثيت اڳ گھٽ هئي، هاڻي وڌيڪ آهي. تون پنهنجا سڀ جذبا ختم ڪندي صرف، پنهنجن مائٽن ۽ ڀيڻ جي ٻارن لاءِ ايڏي وڏي قرباني ڏئي رهي هئينءَ. پر، هن ان ڳالهه جو قدر نه ڪيو ته اها هن جي ڪم ظرفي آهي”
    “هو ڌمڪي ڏئي ويو آهي ته خاندان وارن کي ٻڌائيندو ته مون شاديءَ کان انڪار ڪيو آهي”
    “ان ۾ ڀوءَ يا بدناميءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اهو رشتو تون لِڪي ڇُپي پنهنجي مرضيءَ سان ته ڪونه جوڙيو هو. پر سڀني جو فيصلو هو ۽ هاڻي به، تنهنجي ماءُ پيءُ جي سامهون اها ڳالهه ٿي آهي. جيڪڏهن، ڪنهن هن جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو به ته اهو عارضي هوندو، جڏهن تنهنجا والدين اها ڳالهه خاندان وارن کي ٻڌائيندا ته هُو انهن تي ڀروسو ڪندا”
    “مون کي پنهنجي ڀيڻ جي موت تي به ايڏو ڏک نه ٿيو هو، جيترو هاڻي ٿيو آهي”
    “چري، مان ته چوان ٿو ان ۾ ڏک جي ڳالهه ناهي. پر، خوش ٿيڻ جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ان ماڻهوءَ جي نفسيات ايئن آهي ته شاديءَ کان پوءِ به اهڙو عمل ڪري ها. جيڪڏهن ايئن ٿي ها ته، ان وقت تو وٽ ڪجھه به نه هجي ها. ۽ تون هارايل هجين ها. پر، هاڻي کٽيل کيڏاڙي آهين”
    “ٽيون ڏينهن، جڏهن اها ڳالهه ٿي ته منهنجو دماغ خراب ٿي ويو ۽ ڏاڍو رنم. ۽ اهي ٻئي راتيون، ننڊ به نه ڪئي اٿم تون به ڳوٺ هئين جنهن ڪري اهو عذاب اڪيلي سر سٺو اٿم”
    “هاڻي ته مان آهيان نه!” تنهنجي نِرڙ تي ننڍي هوندي لڳل ڌڪ جي نشان کي چمندي چيم. تنهنجا هٿ، منهنجي سيني جي وارن سان کيڏڻ لڳا.
    “مان جڏهن ايترو پريشان هيس ته امان، توکي گھرائڻ لاءِ چيو، مان ٻڌايومانس ته اتي ناهين”
    “ڳوٺ ٽيليفون ڪرين ها”
    “نه، صحيح نه پيو لڳي. هفتي جو هڪ ڏينهن ته ڀينرن ڀائرن ۽ پيءُ ماءُ لاءِ توکي به هجي. اهو سمورو وقت پنهنجو پاڻ کي مارڻ تي دل پئي چاهي، کاڌو به ان وقت کان وٺي نه کاڌو اٿم”
    “اهو وري ڇا ڪيئه، چڱو اڄ مان توکي پنهنجن هٿن سان ماني کارائيندس.”
    مان، ماني جو انتظام ڪيو ۽ توکي پنهنجي هٿن سان کارايم. تون ڏاڍي خوشي محسوس پئي ڪرين. ٻنهي، چانهه جي ڪوپ کي اڌواڌ پيتوسين. تنهنجي مٿي کي زور ڏيڻ لڳم ته تون هٿ لاهي پنهنجي چپن تي رکي ڇڏيو. تون پنهنجو پاڻ کي ڪافي فريش محسوس ڪرڻ لڳينءَ. تو چيو ته:
    “جيڪڏهن تون نه ملين ها ته مان چري ٿي پوان ها يا پنهنجو پاڻ کي ماريان ها. تو مون کي بچائي ورتو”
    “اڙي يار، تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين. وري مار کائڻ جو ارادو آهي ڇا؟”
    مان ڪجهه دير خاموش رهيس ۽ پوءِ منهنجي ذهن ۾ سوال اٿيو.
    “ساحره، مون کي محسوس ٿئي ٿو ته، ان سموري الميي جو ڪارڻ مان ته ناهيان؟”
    “نه نه ايئن ناهي”
    “ڏس نه، تون فنڪشن جي ڪري ۽ منهنجي ڪري گھڻو وقت يونيورسٽي رهندي هئينءَ. نه ته، خليل کي اها شڪايت ئي نه هجي ها”
    “ڳالهه دراصل اها آهي ته، هو چاهي پيو ته مان ساڻس ڪچهريون ڪيان، هتان گھر وڃڻ کانپوءِ به مون کي گھڻو ٽائيم ملندو هو پر، مان هُن سان نه ڳالهائيندي هيس. جڏهن، مون کي خبر هئي ته منهنجو ٿيڻ وارو مڙس آهي ته، پوءِ مان ڪيئن بابا امان جي سامهون هن سان کل مذاق ڪيان. باقي، رافعه چواڻي ته هوءَ اڳي وانگر هن سان ڪچهريون ڪندي هئي. هن کي ڪهڙي خبر ته، هن سان ڪهڙو خيال ذهن ۾ رکي ڪچهريون ڪري ٿو”
    “پوءِ باقي خليل ايئن ڇو ڪيو؟” سوالن جو سلسلو، مون کيخاموش رهڻ نه پيو ڏي.
    “اصل ۾، هو مون کان ڊپريس رهندو هو. منهنجي خبر اٿس ته، مان جيڪو چاهينديس اهو ڪنديم. گھر ۾ به منهنجي حيثيت وڏي هجڻ ڪري حاڪمانه آهي. ان ڪري، هُن کي خوف هو ته متان شاديءَ کانپوءَ به مان اهڙي رهان ۽ هو خائف رهيو”
    “تون جڏهن محسوس به سڀ ڪجھه ڪرين ٿي، ته پوءِ پاڻ کي ڏوهي ڇو ٿي سمجھين؟”
    “ڪير ٿو سمجھي، تون نه مليو هئين ته مان پنهنجو پاڻ کي ڪِريل ڇوڪري سمجھي رهي هيس. پر، هاڻي نه ٿي سمجھان. واقعي به تون منهنجي لاءِ مسيحا آهين”
    تون منهنجي ٻانهن پڪڙي، ڏوري ۾ چڪ پائي چيو ته:
    “باقي رهيل ڏک، تنهنجي جسم ۾ انجيڪٽ ٿي ڪيان”
    جڏهن، ڏٺئي ته تنهنجا ڏندن جا نشان گھرا آهن، ته افسوس ڪري انهن نشانن مٿان چپن جي ٽاڪور ڪرڻ لڳينءَ. مان توکي ايئن ڪرڻ کان جھليو ۽ توکي چيو ته:
    “اڃا به جيڪڏهن ڪجھه ڏک يا سوچون رهيل هجن ته رات جو ڪيسٽ ڀري ڏجان ۽ هاڻي واعدو ڪر، اڄ صحي نموني رات گذاريندينءَ؟”
    “واعدو“ مُرڪي منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتئه. تنهنجي ڏک تي سوچيندو رهيس. مون کي، خليل کان تمام گھڻي نفرت ٿي وئي، مان حيرانگيءَ مان سوچيندو رهيس ته:
    “ماڻهو ايترو به ڪري سگھي ٿو!”


    37

    تون ڪيسٽ ڀري ڏني.
    “هن وقت مون کي بخار آهي ۽ بخار ۾ منهنجون اکيون ڳاڙهيون ٿي، تمام خوبصورت بڻجي ويون آهن. مون کي پاڻ کي به سٺيون لڳي رهيون آهن. پر هڪ ڳالهه آهي ته، مان اپ سيٽ نه پر فريش آهيان. منهنجي ذهن ۾، ڪابه سوچ ناهي، مان سوچڻ به بند نه ڪيو آهي. ليڪن ڪجھه سوچن کي مان ختم ضرور ڪري ڇڏيو آهي. مان ڄاهه ڪيو آهي، پر تڏهن به الائي ڇو محسوس ٿيندو آهي ته، منهنجي دل ۾ باهه لڳل آهي، خبر ناهي ڪهڙي باهه؟ الائي ڇو ڪجهه چهرا ايترا جلدي بدلجي ويندا آهن. مُهانڊا ته اهي ئي هوندا آهن پر صرف، انداز بدلجي ويندو آهي. اُهي پر اعتماد رشتا ڪيئن بدلجي ويندا آهن. اهي شفيق/دوست جن تي اسان انڌا ڌنڌ اعتماد ڪندا آهيون.
    اهي مقدس رشتا، جن سان جيون جي ڏور ٻڌل هوندي آهي، ڪچو ڌاڳو ڇو ثابت ٿيندا آهن؟ ۽ انهن رشتن جي ٽٽڻ سان، دلين ۾ جيڪي گھاوَ پيدا ٿيندا آهن، اهي ڪڏهن به نه ڀرجندا آهن. جيڪا خلا پئدا ٿيندي آهي، اها ڪنهن به طرح پُر نه ٿيندي آهي. اهي نازڪ احساس، اهڙي طرح مجروح ٿيندا آهن، جو وکريل وجود ڪڏهن به مڪمل نه ٿيندا آهن. (روئڻ جو آواز)
    مون کي فخر آهي ته تون منهنجو دوست آهين تون نه هجين ها ته مان مري وڃان ها. تون ڏکن ۾ مون سان شيئر ڪيو، منهنجا ڳوڙها سميٽيا ان لاءِ مان جيتري به ٿورائتي ٿيان، گھٽ آهي.
    مون ته ڪڏهن ڏک ڏٺا ئي نه هيا، مان سوچيندي هيس ته مون کي جيڪڏهن، ڏک مليا ته واقعي به مان پاڳل ٿي پونديس. مگر ڏس، تون منهنجو دوست آهين ۽ تون مون کي پاڳل ٿيڻ کان بچائي ورتو. پر، مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته، هن زندگيءَ ۾ خبر ناهي ڪيترا ڏک ملن ۽ تون انهن ڏکن ۾ شيئر ڪرڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏيندين يا نه؟ مون کي جڏهن ڏک ملندا آهن تڏهن محسوس ٿيندو آهي ته، منهنجن ڪلهن تي احساسن جو صليب رکيل آهي. پر توسان ملڻ ۽ ڳالهائڻ کان پوءِ محسوس ٿيندو آهي ته، مان پنهنجن ڏکن جو صليب تنهنجن ڪلهن تي رکي ڇڏي آهي ۽ ان جو مون کي حق به آهي. ٻئي ڪنهن جي صليب ڪلهن تي کڻي، هُن کي زندگي ڏيڻ هِن دنيا جو عظيم ڪم آهي ۽ تو ۾ اها عظمت آهي. جيڪڏهن تون نه هجين ها ته، ڏکن جي صليب تي منهنجو وجود ختم ٿي وڃي ها.
    جيئن ڪمري جي ننڍن ننڍن سوراخن مان، ايندڙ روشني ذريعي سج اڀرڻ جي خبر پوندي آهي، اهڙي ريت ننڍين ننڍين ڳالهين مان، انسان جي ڪردار جي خبر پوندي آهي.
    مون کي دنيا جي ٺاهيل اصولن کان نفرت آهي، تمام گھڻي نفرت! قتل ڪرڻ وارن کي ته موت جي سزا ڏين ٿا. پر جيڪي، روحن کي لتاڙين ٿا، احساسن جو قتل ڪن ٿا، اهي ڪيڏا آزاد ۽ خوش گذارين ٿا. ان ڳالهه کان لاپرواهه ٿي ته انهن جي هڪ ڳالهه، هڪ فيصلي تي ڪنهن جي شخصيت ختم ٿي وڃي ٿي، اها شخصيت قتل ٿي وڃي ۽ قتل ٿيندي، آخري رڙ به نه ڪري سگھي، زندگيءَ جي بخشش به نه گھري سگھي(روئڻ جو آواز)
    مان سهارن کان تمام الرجڪ هيس مگر، هاڻ اعتراف ڪيان ٿي ته، اسان کي جيڪڏهن سهارا نه ملن ته مري وڃون. مان سهارن کان ان ڪري به الرجڪ هيس جو، مون کي ڏک ئي نه مليا هيا ۽ خوشيون، پنهنجو پاڻ سان شيئر ڪري وٺندي هيس. مگر، جڏهن مون کي، ڏک مليا ته مون کي احساس ٿيو ته، منهنجا ڪجھه دوست، بلڪه تون، منهنجي ويجھو آهين ته، مان پنهنجن ڏکن کي وساري ويٺيس. مان گھڻي حساس آهيان مگر تنهنجي پيار، تنهنجي تمام گھڻي چاهت ۽ ايڏي گھڻي خلوص، مون کي وري جياري ڇڏيو. نه ته ساحره جھڙي ڇوڪري ته مري وڃي ها. مون کي يقين ئي نه ٿو اچي ته، دنيا ۾ ايترا سٺا ماڻهو به هوندا آهن. اهڙا پيارا پيارا ماڻهو جن جو خلوص ۽ پيار، ايترو بي لوث ۽ وشال هوندو آهي جو، اسان ان سمنڊ ۾ ٻڏندا ويندا آهيون ۽ اسان کي ٻڏڻ جو احساس به نه ٿيندو آهي. ڏکن جي چادر منهنجي وجود جي مٿان ڦهلجي وئي آهي. مگر تنهنجي پيار ۽ چاهت جي طاقت مون کي ان چادر هيٺيان ڇڪي ڪڍي رهي آهي. جيترو پيار ۽ چاهت تو مون کي ڏني آهي، خدا ڪري، تون هميشه زندهه رهين ۽ مان، بند ٿيندڙ اکين سان توکي ڏسندي ڏسندي مري وڃان ۽ منهجين اکين ۾ آخري عڪس ٻئي ڪنهن جو نه پر، تنهنجو هجي. جيڪڏهن تون، نظر نه ايندين ته منهنجو روح بي چين هوندو ۽ جنهن شخص کي زندگيءَ ۾ سڪون نه ملي، ان لاءِ ضروري آهي ته مرڻ کانپوءِ ته هن کي سڪون ملي.
    زندگي، پوپٽ وانگر اسان جي چوڦير اڏامندي رهندي آهي ۽ پنهنجي رنگن تي هر شخص کي برغلائي، ڏسندي ڏسندي گلن ۾ گم ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن، اسان هن کي پڪڙي به وٺئون ته پنهنجا رنگ ڇڏي اڏامي ويندي آهي ۽ اهي رنگ هوندا به عارضي آهن.
    گھڻي رات گذري چڪي آهي پر، مون کي ننڊ نه ٿي اچي، هونئن به هاڻي ننڊ جي ٻيٽن ڏي ناوَ نه ٿي وڃي. مان به ڪيسٽ ڀرڻ ٿي چاهيان ۽ ايستائين ڳالهائيندي رهنديم جيستائين، ننڊ نه اچي. تنهنجي خيال سان ننڊ سٺي اچي ويندي ۽ مان ڳالهائيندي ڳالهائيندي تنهنجي خوبصورت خيالن سان سمهڻ چاهيان ٿي....‛
    تنهنجي ڪيسٽ، روئڻ سان گڏ ڀريل هئي. توکي اڃان تائين خليل جي جواب ڏيڻ جو ڏک هو. تون، خليل سان نفرت ڪرڻ لڳي هئينءَ ته چڱو ٿيو جو اهڙي ماڻهوءَ سان زندگي گذارڻ کان بچي ويس، جنهن جو ذهن ايڏو خراب آهي ۽ ڪريل آهي. ان هوندي به تون منجھيل هوندي هئينءَ ته، تنهنجي ڀيڻ جا ٻار، تمام گھڻو ڀوڳيندا. هنن جون ڳالهيون ڪندي تون روئي پوندي هئينءَ. اڃا تائين، تنهنجي ذهن تي ٻارن جو مستقبل ڇانيل هوندو هو.


    38

    آگسٽ جي آخري ڏينهن تي سنڌي-مهاجرن جو جھڳڙو ٿي پيو. خبر ناهي ڪيترا ماڻهو ڦتڪي مئا، ظلم جي انتها هئي، هر طرف رت جي هولي هئي. منهنجو من مايوس ٿي ويو، اداس ٿي ويو ۽ مون تي وحشت جا سڀئي تير حملي آور ٿيا. وجود جي بي معنى هجڻ جي احساس، اداس ڪري ڇڏيو. ايمبولنس جو سائرن، گھر گھر جي ڪال بيل وڄائڻ لڳو. آسمان تي ڳاڙهي رت جو ليپ اچي ويو، گھٻرائجي ويم. ڪنهن ساٿيءَ جي ضرورت محسوس ٿي، توکي ٽيليفون ڪري اچڻ لاءِ چيم. شام جو وڳڙو هو، تون جڏهن آئينءَ ته توسان ڪچهري ڪندي، ڪجھه سڪون مليو. تون پاڻ پريشان ٿي وئي هئينءَ. ٻنهي ڄڻن، تمام ڊگھو بحث ڪيوسين ۽ ان ئي وقت ريڊئي تي يونيورسٽي بند ٿيڻ جو اعلان ٿيو.
    “يونيورسٽي وارن کي ڪهڙي جلدي هئي بند ڪرڻ جي!؟”
    “احتياطن بند ڪئي اٿئون، باهه پکڙجڻ لاءِ صرف سُڪيون ڪاٺيون ئي ضروري ناهن”
    “تون ڪڏهن ويندين”
    “سڀاڻي، ظاهر آهي رات جو ئي هاسٽلون خالي ڪرائيندا”
    “زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو فريب اهو هوندو آهي ته، ڪا به شي اسان وٽ ناهي رهندي، ڪجهه شين کان اسان پاڻ پري ٿي ويندا آهيون ۽ ڪجھه حالتون اسان کان پري ڪري ڇڏينديون آهن.”
    “اهو فطرت جو اصول آهي.”
    “منهنجي زندگيءَ جي ٽريجڊي اها آهي جو، جنهن شيءِ کي مون چاهيو آهي، اها مون وٽان جلدي پري هلي ويندي آهي. شايد ميلاپ ۽ جدائي، اهي ٻئي عنصر اسان جي زندگيءَ تي حاوي رهن ٿا. هونئن به، سهارا ڪجھه ڏينهن لاءِ هوندا آهن”
    “ان جو مطلب آهي، ته مان ناڪام آهيان. جو، جيستائين مان حاضر آهيان ته تنهنجو سهارو آهيان ۽ پوءِ نه؟”
    “نه، تو جھڙن جون يادون هميشه رهنديون آهن ــ تنهنجون يادون، منهنجي وجود تي حاوي رهنديون.”
    “لڳي ٿو ته هن موڪلن سان گڏ ئي گرمين جي وئڪيشن ڪري ڇڏيندا.”
    “هونئن به ته وئڪيشن تي وڃڻو هيو، پر ايڏو جلدي اهو ڪڏهن سوچيو ئي نه هيم. ڪيئن ڪنديس مان؟”
    “تون ان عرصي دوران پينٽنگز ٺاهجانءِ ۽ پوءِ انهن تي ڳالهائينداسين به”
    “سڀاڻي وڃڻ مهل منهنجي گھر ضرور اچجانءِ ۽ ڪيسٽ به رڪارڊ ڪري اچجانءِ.”
    ٻئي ڏينهن تي، تنهنجي گھر پڄي ويو هيس. جڏهن موڪلائڻ جو وقت ٿيو ته، تنهنجين ماڻڪيون پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳيون ۽ روئيندي تاڪيد ڪيئي ته، روزانو پنهنجو حال احوال لکجانءِ ۽ چنبڙي پئي هئينءَ. ڄڻ، ٻنهي جو وجود هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ کان اڳ، پنهنجيون ڪجھه نشانيون، پنهنجا عضوا ٻئي سان مٽا سٽا ڪري رهيو هو. جڏهن، الڳ ٿياسين ته مان تو وٽ هيس ۽ تون مون وٽ. مان ڪمري مان نڪرڻ لڳو هيس، تنهنجيون اکيون بند هيون ۽ مون تو کان اکيون بند ڪرڻ جو سبب پڇيو تون، جواب ۾ چيو ته:
    “مان چاهيان ٿي ته، تنهنجو عڪس پنهنجين اکين ۾ بند ڪري ڇڏيان. مان، توسان ضد ڪيو هو ته جيستائين، اکيون نه کوليندينءَ ته مان به چپ چاپ بيٺو رهندس”
    تون اکيون کوليون ته، لڪيل ڳوڙها نڪري آيا. مان، تنهنجين پنبڻين کي پيار مان چميو ۽ تو چيو ته
    “مان روزانو انهن پنبڻين تي تنهنجا خواب ۽ خيال سجائينديس ۽ ها، تون به مون کي ضرور ياد ڪجانءِ.”
    “چوڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ايئن ٿي ئي نه ٿو سگھي جو، اڌ وجود يادن ۾ مشغول هجي ۽ ٻيو خاموش هجي!”
    تنهنجين اکين ۾ چمڪ اچي وئي. ٻنهي ڄڻن، ڪيسٽون ايڪسچينج ڪيون ۽ ٻنهي جي ڏورن ۾ ڏندن جا نشان رهجي ويا.
    لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي جڳهه جي ڪوٺي تي ستل هيس، ڀرسان واري باغ مان، رات جي راڻيءَ جي خوشبو اچي رهي هئي. آسمان تي چنڊ کڙيل هو ۽ مان تنهنجي ڪيسٽ ٻڌي رهيو هيس:
    “منهنجي دل ڳالهائڻ تي نه ٿي ٿئي. دل چئي ٿي ته، مان صرف سوچيان تنهنجي باري ۾ ۽ انهن ايندڙ عذاب وارن لمحن جي باري ۾. جڏهن مان روئڻ چاهينديس ته تنهنجو ڪلهو به نه ملندو، آواز ڏيڻ چاهينديس ته، تو وٽ آواز به نه پهچندو. توسان ملڻ ۽ ڏسڻ چاهينديم ته، اسان جي وچ ۾ ميلن جو مفاصلو هوندو. خبر ناهي، يونيورسٽيءَ وارن کي ڪهڙي تڪليف ملي جو، وئڪيشن ڪري ڇڏيائيون.
    (روئڻ جو آواز). خير اهو وقت ته ڪڏهن نه ڪڏهن اچڻو هو، اڄ نه سهي سڀاڻي، سڀاڻي نه سهي پرينهنءَ، پر، وڇوڙي جو ڏک فطري آهي.
    مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته، ڇا ڳالهايان ڳوڙها پنهنجو پاڻ وهڻ لڳا آهن. ان ڪري جو تون هتان هليو ويندين ۽ چوڻ جو فائدو به ڪونهي، ڇو جو ڪجھه ڳالهيون چئبيون ناهن پر، سمجھبيون آهن ۽ تون مون کي چڱي نموني سمجھين ٿو. مون کي چوڻو صرف ايترو آهي ته، مون کي پنهنجي لفظن جي خوشبو ۾ رکجانءِ.
    مون کي ذات جي استعارن ۾ رکجانءِ،
    مون کي پنهنجي اڱڻ جي چنڊ تارن ۾ رکجانءِ.
    منهنجا ڪجھه خط آهن، جن کي مان پنهنجي رت جي صداقت سان لکيو هو، جن ۾ صدائن جي پاڪيزگيءَ سان پڪاريو هو توکي.
    منهنجا چند لمحا آهن،
    جن ۾ تنهنجي ڳالهائن جو رنگ هو.
    منهنجون ڪجهه پسند هيون،
    جن کي تنهنجي پسنديدگيءَ جي ضرورت هئي.
    منهنجو ماضي آهي،
    جنهن کي تنهنجي رفاقت، ماضيءَجو مفهوم ڏنو.
    منهنجو هڪ آئيندو هو،
    منهنجون ڪجھه خوشيون هيون تنهنجي حوالي سان،
    ۽ اهو هڪ گلاب،
    جنهن کي ٻين گلابن کان ڌار ڪري مون کي ڏنو هو
    انهن کي ۽ ڪجھه ٻين ڳالهين کي،
    پنهنجي يادن ۾ رکجانءِ .
    گفتگو جي پناهن ۾ رکجاءِ، اشارن ۾ رکجانءِ،
    پنهنجي ذات جي استعارن ۾ رکجانءِ،
    ته مان ۽ تون
    هڪ صدي اڳ،
    هڪ ئي جسم هياسي،
    هڪ ئي ذهن ۽ روح هياسي،
    هڪ ئي نانءُ هياسي.
    منور جي بدلي ٿي هئي ته تون ان کان جدا ٿيڻ تي ڪيترو پريشان ۽ ڏکويل هئين. اڄ مان به پريشان آهيان. هيءَ جدائي عارضي ئي سهي پر، سڀاڻي منهنجو هڪ دوست مون کان پري وڃي رهيو آهي. مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي هن کي الوادع ڪيان ته ڪيئن ڪيان. ان چهري تان نظرون ڪيئن هٽايان، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪيئي ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو. مان اهو سوچي گھٻرائجي رهي آهيان ته، ان وقت جڏهن مان اڪيلي هونديس. پريشان ٿينديم، ڏک تي روئڻ ايندو، ڪنهن سان ڳالهائڻ چاهينديم پر، منهنجو دوست موجود نه هوندو. مون کي خبر آهي ته، زندگي ۾ اهڙا مقام ايندا آهن، جن کي اسان گھڻو چاهيندا آهيون. اهي ڌار ٿي ويندا آهن، اسان انهن کي روڪڻ به چاهيون ته وقت انهن کي اڳتي وٺي ويندو آهي ۽ اسان ڪجھه به نه ڪري سگھندا آهيون. صرف ٻيهر ملڻ جي اميد رکندا آهيون. اميد ڪيترو فريب آهي، ڪيترو خوبصورت فريب. جنهن جي آس ۾ هميشه زندهه رهندا آهيون، بغير روح جي زندهه، ڪيترا مجبور آهيون اسان! اسان جو ڪيترو عجيب رشتو آهي. سڀني کان الڳ ۽ انوکو. ايڏو پيارو رشتو ـــ (روئڻ جو آواز)
    تون پريشان نه ٿجانءِ، تنهنجي جدائي جو سوچي، ڪجھه بي چيا ڳوڙها نڪري آيا آهن. ڪا ڳالهه ناهي، توکي به وڃڻو آهي.
    زندگيءَ ۾ گھڻا مقام اهڙا به ايندا، جتي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ تمام گھڻا فاصلا هوندا، گھڻيون اهڙيون راهون اينديون، جن تي اسان کي الڳ الڳ ٿي وڃڻو هوندو. ۽ مان توکي ڪڏهن به نه روڪينديس، تنهنجي راهه ۾ ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻجنديم. توکي، ڪجھه به نه چوندم ۽ ڪڏهن ڪجھه به نه گھرنديم. ان لاءِ جو، تو مون کي گھڻو ڪجھه ڏنو آهي، تون پنهنجي دوستيءَ ۾ جيترو پيار ۽ خلوص ڏنو آهي، تمام گھڻو آهي، تمام گھڻو زندگيءَ ۾ مليل سمورين چاهتن کان وڌيڪ، هڪ دوست جو ايترو پيار به ڪافي آهي. تون جتي به هجين خوش رهين. تون جتي به هوندين، منهنجو هوندين. تنهنجون سوچون، منهنجون آهن تنهنجون يادون منهنجو سرمايو آهن. خبر ناهي، توسان ڪڏهن ملاقات ٿي؟ صبح جو تون ايندين، مون کي يقين آهي ته صبح ۽ ڏينهن ڏاڍو خوبصورت هوندو. حالانڪه، اُن ڏينهن غروب آفتاب جو به وقت ايندو، جڏهن توکي الوادع چوڻو پوندو.
    سڀاڻي کان، وئڪيشن شروع ٿئي ٿي ۽ منهنجي لاءِ ڄڻ ته، عذاب وارن ڏينهن جي شروعات ٿي آهي. ڏينهنْ ته ڪنهن نه ڪنهن حالت ۾ گذري ويندا. پر، جڏهن پنهنجو پاڻ کان پياريون هستيون ڌار هجن ته هر پل عذاب ۾ گذرندو آهي.
    مان وئڪيشن ۾ تمام گھڻيون پينٽنگز ٺاهينديس ۽ شاعري ڪنديس تنهنجي لاءِ. پوءِ جڏهن ملنداسين ته انهن پينٽنگز ۽ شاعري تي ڳالهائينداسين. مان جڏهن پينٽنگز ٺاهينديس ته، انهن ۾ تنهنجي چاهت ۽ پيار جا رنگ هوندا. ڇو جو، جڏهن مان ڪينواس تي برش رکنديس ته تنهنجون يادون برش جي رهنمائي ڪنديون ۽ مون کي يقين آهي ته، پينٽنگز تمام خوبصورت هونديون. ان لاءِ جو، تنهنجون يادون خوبصورت هونديون. شاعري به سٺي هوندي ڇو جو منهنجا لفظ تنهنجا هوندا، منهنجا هٿ تنهنجا هوندا جنهن ڪري قلم جڏهن پني تي لکندو ته، اهو سڀ ڪجھه سهڻو هوندو.
    اسان هتي پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھه به ته ڪري نه ٿا سگھون، ڄڻ ته روبوٽ آهيون، ٻين جي حڪمن جي تعميل ڪرڻ وارا. ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو، مان ڪنهن خاموش هنڌ تي ڪنهن خوبصورت لينڊ اسڪيپ تي رهان ها. ان جڳهه تي منهنجي ننڍڙي جھوپڙي هجي ها، جتي پکين جي آواز، ۽ آبشارن جي موسيقيءَ سان منهنجا ڪن ٻُرن ها، چنڊ منهنجي جھُوپڙي مٿان اچي بيهي ها ۽ سج منهنجي دروازي تي لهي ها. مون وٽ ڪينواس، برش ۽ رنگ هجن ها ۽ خوبصورت لينڊ اسڪيپ کي ڪينواس تي ٺاهيان ها ۽ پوءِ مان، ان سموري خوبصورتي کي اکين ۾ سمائي مري وڃان ها ۽ پوءِ منهنجي قبر، ان لينڊ اسڪيپ ۾ هڪ اضافو هجي ها. پر اهو رڳو هڪ سپنو آهي، تون موڪلن ۾ جڏهن گھمڻ وڃين ۽ اهڙا خوبصورت منظر ڏسين ته، سوچجانءِ ته وڏن وارن واري هڪڙي ڇوڪري، هڪ چري ڇوڪري تنهنجين نظرن سان انهن خوبصورت نظارن کي ڏسي رهي آهي. جڏهن، وڏا وڏا پهاڙ ڏسين، ڊگھا ڊگھا وڻ ڏسين ته محسوس ڪجانءِ ته هڪڙي ڇوڪري انهن وڻن پٺيان جھاتي پائي توکي تڪي رهي آهي. جڏهن، جھرڻن جي موسيقي تنهنجن ڪنن ۾ پئي ته محسوس ڪجانءِ ته هڪڙي ڇوڪري ان ڏينهن تي تنهنجي لاءِ جھونگاري رهي آهي ۽ اهڙي خوبصورت ماحول ۾، ڪنهن هنڌ لکي اچجانءِ :“هڪڙي چري ڇوڪري” ته ڄڻ مون کي شيئر ملي ويندو خوبصورت رستن تي گھمين ته سوچجانءِ ته تنهنجي قدمن جي نشانن تي ڇوڪري به پير رکندي پئي اچي. جيڪڏهن، مون کي اهڙي هنڌن تي وڃڻ جو موقعو ملي ها ۽ تون، ساڻ هجين ها ته تنهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي انهن نظارن کي ڏسان ها ته، اهو منهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن هجي ها، خوشيءَ مان مري وڃان ها. جيڪڏهن تون، ڪنهن طرف نه وڃين ۽ گھر ۾ ئي رهين تڏهن شام جو گھر ڀرسان وهندڙ ڪئنال تي لهندڙ سج جو منظر ڏسين ته شفق جي رنگن ۾ منهنجي تصوير ڏسجانءِ. جيڪا، تنهنجين يادن سميت اتي هوندي ۽ پوءِ سوچجانءِ، خوبصورت ڳالهيون ۽ جڏهن مان توسان ملان ته مون کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائجانءِ جيڪي، تنهنجي ذهن ۾ منهنجي لاءِ آيون. مان توکي پينٽنگز ڏيکارينديس ۽ شاعري ٻڌائينديم ۽ ٻڌائينديس خوبصورت يادون، خوبصورت ڳالهيون خوبصورت خيال هڪڙي شخص لاءِ، جيڪو هن دنيا ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کان مختلف آهي. جيڪو ساحره جو ساقي آهي. جنهن، هن کي پنهنجي پيار جي مڌ پياري مدهوش ڪري ڇڏيو آهي.
    جدائي جي موسم ڪيڏي عجيب آهي. تون هليو ويندين ته، مان پنهنجو پاڻ کي هن شهر ۾ اڪيلو محسوس ڪنديس. ڪنهن سان، تنهنجون ڳالهيون به نه ڪري سگھنديم، هڪ خاموشي آهي جيڪا منهنجي اندر ۾ لهندي وڃي ٿي.
    ڪاش! مان جاهل ڇوڪري هجان ها. پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور نه هجان ها گھٽ ۾ گھٽ، ڄاڻ جو عذاب ته نه سهڻو پئي ها. نه ميلاپ جو، نه جدائيءَ جو، نه پيار جو نه ئي نفرت جو احساس هجي ها ۽ ڏاڍي خوش گذاريان ها. ڪڏهن ڪڏهن، دل چاهيندي آهي ته اکيون بند ڪري ويٺي رهان صدين تائين، ۽ جڏهن اک کلي ته بهار ئي بهار هجي، خزان جو احساس ئي نه ٿئي.
    ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته خدا اسان کي پيدا ئي نه ڪري ها، هو، هروڀرو اسان جو تماشو ڏسي ٿو. خوامخواه، اسان کي ٺاهي ڦٽو ڪري ڇڏيائين. مون کي ته، زندگيءَ ۾ ڪا به اٽريڪشن نظر نه ٿي اچي، شايد منهنجي سوچ تبديل ٿي وئي آهي. مون کي اها ڇوڪري به ياد آهي، جيڪا تمام گھڻو خوش نظر ايندي هئي. هن جو ڪنڌ هميشه اوچو هوندو هو. هوءَ چنڊ تارن کي ڏسندي هئي ۽ زمين ڏي نهاريندي به نه هئي. پر، هڪڙي ٺوڪر سان ايترو ڪري جو صرف زمين جا ذرا ئي نظر اچڻ لڳس. جنهن کي هاڻي چنڊ ستارن جي روشني محسوس ئي نه ٿي ٿئي. ڪيتري خوش هئي اها ڇوڪري، جيڪا هميشه مسڪراهٽن جا گل کڻي هلندي هئي. پر خوش ته هاڻي به آهي، جو هن کي زمين تان مٿي کڻي هلڻ وارا به آهن. جنهن کي رستو ڏيکارڻ وارا به آهن، ساقي به آهي، جنهن وٽ سهاري ڏيڻ لاءِ ڪلهو به آهي، مڌ به آهي. زندگيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو اهڙا ماڻهو ايندا آهن. جن سان ويراني ۾ بهار ايندي آهي، جيڪي ڇانورو ڏيندا آهن.
    ڏس وڇوڙي جو لمحو ڪيترو ويجھو آهي. مون کي يقين آهي ته، وري ملنداسون. پر هڪ اڻڄاتل خوف، جدائي جو ڊپ پريشان ڪري ٿو. مگر، مون کي يقين آهي ته، مان توسان ۽ تون مون سان ضرور ملندين. منهنجو صرف هڪ عرض آهي ته ڏاڍو خوش رهجانءِ. مون کي ياد به گھٽ ڪجانءِ، ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن يادون پيرن سان چنبڙي رستو روڪينديون آهن.
    هتي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجو عذاب سهڻو پئي ٿو. پر، مان خوشنصيب آهيان جو مان اهو سڀ ڪجهه اڪيلي سر نه ڀوڳيو آهي. مان ان يقين سان ڳالهه ختم ڪيان ٿي ته تون جتي به هوندين صرف منهنجي لاءِ ئي هوندين ۽ منهنجي لاءِ ئي سوچيندين”


    39

    وئڪيشن، يونيورسٽيءَ کي هئي، اسانجي خطن جي وئڪيشن نه ٿي هئي.
    خط ۾ لکيل هو:
    “وڇوڙي جي پهرين رات
    ٽائيم- رات جا ٻه
    جانان!
    رات جا ٻه ٿي رهيا آهن ۽ مون کي ننڊ نه ٿي اچي. تنهنجي ڏنل ڪيسٽ پوري ٻڌي اٿم. لڳي ٿو ته، منهنجي آس پاس ئي تون ويهي ڳالهائي رهيو آهين. چنڊ پنهنجي پورن جلون سان چمڪي رهيو آهي ۽ مان هن سان، تنهنجون ڳالهيون ڪري رهي آهيان.
    اڄ، وڇوڙي جي پهرين رات آهي، ان ڪري ڏاڍي ڊگھي آهي، اماس رات وانگر. مون کي پڪ آهي ته، تون به جاڳندو هوندين ۽ چنڊ کي تڪيندو هوندين. ڏس ساحره به پريشان آهي! ڳالهين جا، چاهتن جا رنگ، چپن جا پاڇولا منهنجي چوڌاري گھيرو ڪري رقص ڪري رهيا آهن. تاحد نظر يادون ئي يادون آهن. تنهنجي ڪيسٽ ٻڌندي ٻڌندي، يادن جي بار کان منهنجا ڇپر ڳورا ٿي پيا آهن.
    تنهنجو آواز مون کي چريو ڪري رهيو آهي - هن تنهائيءَ ۾، منهنجون نظرون چئني پاسن ڏانهن توکي ڳولهي رهيون آهين. بيچين اکيون، ننڊ کان عاري، يادن ڪري ڳوريون.
    چوڦير تنهنجي خوشبو ڦهليل آهي، منهنجن هٿن، منهنجي وجود مان تنهنجي خوشبو اچي رهي آهي جيڪا مون کي مست ڪري رهي آهي.
    وقت ڏاڍو تيزيءَ سان گذري رهيو آهي ۽ ننڊ منهنجين اکين کان ايترو پري آهي جيترو تون. ڏس جانان، منهنجا وار ڪيترو پريشان آهن توکان بغير هر هر چهري تي اچن ٿا، اهي توکان سواءِ پريشان آهن.
    تون اداس نه ٿجانءِ، خوش رهجانءِ ۽ ٽهڪن سان ٽڙندو رهين. تنهنجا ٽهڪ منهنجو حسن آهن ۽ پوءِ مان به خوش رهنديس.
    ساقي! خوش ته آهين نه!! ڏس هي چنڊ ٻڌائي ٿو ته، تون هن وقت پنهنجي بستري تي خوبصورت ننڊ ۾ منهنجن خوابن سان ستل آهين. خدا ڪري، اهڙي سندر ننڊ هميشه تنهنجين اکين تي مهربان رهي.
    تنهنجو خط مليو ته لڳو، لاڙڪاڻي جي گرمي اثر وڃائي ويٺي آهي ۽ مان توکي خط لکيو ته:
    “مان واعدو ڪيو هو ته توسان هر شام، هر گھڙي، هر پل ڳالهيون ڪندس. اڄ جمعي جو ڏينهن هو، اسان جا سڀ پراڻا دوست ڪٺا ٿيا. منجھند جي ماني کانپوءِ شام جو رائيس ڪئنال تي سوئمنگ ڪرڻ وياسي. شام جو پل هو، آهستي آهستي سج لهي رهيو هو، هوا به سٺي گھلي رهي هئي ۽ مان ڪناري تي ويهي سج لهڻ جو منظر ڏسي رهيو هيس. منهنجي ذهن ۾ ان وقت تنهنجون يادون ۽ ڳالهيون هيون، تنهنجا رنگ هيا، مان محسوس ڪيو ته شفق جا رنگ ۽ تنهنجا رنگ هڪ جھڙا آهن. پوءِ شفق جا رنگ، جيڪي پاڻيءَ ۾ نظر اچي رهيا هيا، انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ڪرڻ لاءِ، پاڻيءَ ۾ ترندو رهيم. پوءِ ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ مان توسان ڳالهيون ڪيون آهن. ڄڻ مان توکي ٻانهن ۾ آندو هو، ڄڻ ڪوئي غزل ٻڌو هو. ڄڻ ڪوئي، لينڊ اسڪيپ ٺاهيو هو. ڄڻ ڪنهن پکيءَ جو خوبصورت آواز ٻڌو هو.
    تنهنجي ڏنل ڪيسٽ ۾ آوازصحيح ڀريل ناهي، پر وري به تنهائي ۾ نعمت آهي ــ تنهنجو خط، راحت جو سبب بڻيو.
    ٻي ڏينهن تي ٻيو خط ٻڌائي رهيو هو:
    “وڇوڙي جي ٻي رات
    ساقي!
    مان توکي وساري نه ٿي سگهان. حالانڪه، ايئن ڪرڻ لاءِ مان پنهنجا ڏيئا وسائي ڇڏيا ته متان، اجالي جو ڪو ڪرڻو تنهنجي ياد جي رهنمائي نه ڪري، مان پنهنجي دل جا سڀ هوادان بند ڪري ڇڏيا ته متان سرڪش هوا، تنهنجي ياد.....مگر ـــ
    پوءِ هرروز شام جو ڪنهن نه ڪنهن در، دروازي، روشندان، هوادان مان تنهنجي ياد، منهنجي انڌيري دل ۾ راهه، هٿ ڪري وٺي ٿي.
    جيئن جيئن چنڊ نڪري ٿو، تنهنجين يادن جو شور، وڌندو وڃي ٿو ۽ مان چڪور بنجي ٿي وڃان ۽ پوءِ چنڊ کي پيامبر بڻائي ڳالهيون ڪندي آهيان. ڇا تون به مون وانگر بي چين آهين ۽ يادن توکي به ايترو ديوانو ڪيو آهي؟
    اڄ صبح منهنجي ننڍي ڀاءُ، تنهنجو خط هٿن ۾ کڻي، ڳلن تي وڄايو ته منهنجي اک کلي، ڏٺم ته هن جي هٿن ۾ تنهنجو خط هو. اڄ جي صبح جو آغاز تنهنجي خط سان ٿيو، مون کي ڏاڍو سٺو لڳو ۽ صبح سان موڊ به ٺيڪ رهيو، جنهن جو اثر سڄو ڏينهن هليو. اڄ جي صبح جي شروعات تنهنجين ڳالهين ۽ خيالن سان ٿي. ان کان علاوه اڄ موسم به جھڙالي آهي.
    منهنجي پُڦي ڪراچي کان آئي هئي ۽ خليل به آيو هو. پنهنجي پڦيءَ کي سفارش ڪرائڻ لاءِ آندو هيائين، منهنجي ننڍي ڀيڻ لاءِ. پر، منهنجي ڀيڻ هن کي تمام سخت ڳالهايو ۽ جواب ڏئي ڇڏيائينس ۽ هاڻي هن جي ايتري انسلٽ ٿي آهي جو هو دنيا وارن جي سامهون نظرون کڻي نه گھمي سگھندو. مون کان هو ايترو شرمندو آهي جو احساس جرم جي ڪري هن کي ننڊ به نه آئي ۽ مون سان نظرون به نه ملايائين. مان هن کي چيو
    “توهان ڏسجو هميشه بي سڪون رهندئو ۽ اوهانجو ضمير ڪڏهن به توهان کي سڪون سان ويهڻ نه ڏيندو ان لاءِ جو توهانجي وچ ۾ پئدا ٿيل غلطيءَ جي سزا مون کي ملي آهي”
    ڪالهه پنهنجي پڦيءَ سان ملي رنا به تمام گھڻو هياسين، اسانجون اکيون ايتريون سجيل هيون جو ساري دنيا ڌنڌلي نظر اچي رهي هئي. رات جو، پڦيءَ کي ۽ خليل کي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ اسان سڀ اسٽيشن تي ويا هياسين. رات جو موسم ڏاڍي خوبصورت هئي، بادل هيا، اتي جڏهن پهتاسين ته بارش پئجي رهي هئي. جُھڙ جي ڪري چنڊ غائب هو، ان لاءِ تمام گھڻي مايوسي ٿي ۽ نظرون بي چين به رهيون ته هاڻي ڪنهن سان تنهنجون ڳالهيون ڪيان ۽ پوءِ، مان هوا ۽ بارش جي بوندن کي پنهنجو پيامبر بڻايو. ڪلهه رنا به گھڻو هياسين، بارش ٿي ته اسان کي محسوس ٿيو ته ڄڻ اسان جي ڏک ۾ ٻيو ڪوئي به شريڪ آهي ۽ گڏجي ڳوڙها وهائي رهيو آهي. بهرحال، ڪلهه جيتري به ڊسٽرب هيس اڄ ايتري خوش آهيان. مسڪراهٽون، مون کان سنڀالجن ئي نه ٿيون. ان لاءِ جو اڄ جي صبح جي شروعات تنهنجي ڇهاءُ (تنهنجي خط)سان ٿي آهي. مون کي يقين هو ته مان جيترو توکي ياد ڪندي آهيان، تون به ضرور ياد ڪندو هوندين.
    هونئن، تنهنجي ٻانهن جو سور ڪيئن آهي؟ ڏاڍو شرارتي جيت هو جنهن چڪ پاتو هو.
    تنهنجون يادون ڏاڍيون تنگ ڪن ٿيون ۽ لکندي لکندي مان گم ٿي وڃان ٿي ۽ قلم روڪي سوچن ۾ گم ٿي وڃان ٿي هاڻي موڪلاڻي، رات چنڊ نڪرندو ته پوءِ وري توسان ڳالهيون ڪنديم، خوبصورت چانڊوڪيءَ ۾ خوبصورت ڳالهيون.”


    40

    گھڻو عرصو يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ ڪري لاڙڪاڻي ۾ دوستيءَ جي حلقي ۾ اضافو نه ٿيو هو. جيڪي پراڻا دوست هيا، اهي پنهنجن ڪمن ڪارين ۽ نوڪرين ۾ مصروف رهندا هيا، جنهن ڪري واندڪائي ۾ بوريت ٿيڻ لڳي ۽ موڪلن ۾ گھرن ۾ سبجيڪيٽ پڙهڻ، ڄڻ پنهنجو پاڻ سان زيادتي ڪرڻ آهي. ان لاءِ گھر۾ بهانو ڪري ڪجھه ڏينهن لاءِ خيرپور اچي دوستن سان رهاڻيون ڪرڻ لڳس. توسان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پر اها به گھڻي نه. انهن ئي جولاءِ وارن ڏهاڙن ۾ جھُڙَ ٿيڻ لڳا ۽ اسان سڀ گڏجي مختلف هنڌن روهڙي، سکر، شادي شهيد، ڪوٽڏجي ۽ اُڀن شاهه جي ٽڪرين تي گھمڻ لڳاسين. ان وچ ۾ توسان هڪڙي ملاقات ٿي. جنهن ۾، تو نه ملڻ جي شڪايت ڪئي ۽ چيئي ته ان کان ته چڱو هو جو لاڙڪاڻي هجان ها، گھٽ ۾ گھٽ توکي، خط ته لکندو هيس. تو ٻڌايو ته، اسان جي به ڪهڙي دوستي آهي، جڏهن هڪٻئي کي اسان جي ضرورت هوندي آهي ته ملي به نه سگھندا آهيون. اهي سڀ ڏينهن، تنهنجي انتظار ۾ گذاريا ته ڪڏهن در تي کڙڪو ٿئي ٿو. تو چيو ته: “ڪالهه ته مان ڏاڍي اپسيٽ (Upset) هيس، ڇو جو ڪراچيءَ کان ادا خليل جو فون آيو ته ٻارن کي ڪراچي موڪلي ڏيون”
    “ڇو ٻار اتي هُيا ڇا؟”
    “ها جيئن ئي اسڪول بند ٿيا هيا ته ان وقت کان وٺي هتي هيا. مان سوچيان پئي ته، هي ڪراچي ويندا ته انهن کي گھڻا پرابلم ٿيندا. خبر ناهي احساس جي ڪهڙي عذاب مان گذرندا، اهو سوچي منهنجو ته ساهه ئي نڪري ٿو وڃي. ايترا معصوم ننڍا ننڍا گل جن اڃا تائين بهارون ئي ناهن ڏٺيون. انهن کي جڏهن، زندگيءَ جي تلخ حقيقت سان واسطو پوندو ته ڪيترو ظلم انهن معصومن سان ٿيندو”
    تون روئڻ لڳينءَ:
    “ٻار به وڃڻ نه ٿا چاهين پر، ظاهر آهي اسان جو هنن تي ڪو به حق ناهي، هنن کي روڪي به نٿا سگھون. صرف هڪ واسطي ۽ رشتي جي ڪري حق هيو. پر هن جي وڃڻ کانپوءِ، هاڻي ايترو به حق ناهي جو انهن معصومن کي ڏکن کان بچائي سگھون. ڪيترا بي وس آهيون، تمام گھڻا بي وس.”
    هِڏڪين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو. مان ڪجھه به نه پيو ڳالهائڻ چاهيان، توکي ڪو به دلاسو نه پيو ڏيان، سواءِ ان جي ته، تنهنجن ڳوڙهن کي ٽشو پيپر نه ڇهي رهيا هيا پر منهنجا هٿ چپ اهو فرض نباهي رهيا هيا. مان چاهيان پيو ته، تنهنجي اندر ۾ ايترو سارو عرصو جيڪو ڏک، ۽ تڪليف جمع ٿي آهي، اها ڳوڙهن وسيلي نڪري وڃي.
    “مون کي خبر نه هئي ته جيترو مان پاڻ کي خوش نصيب سمجھندي هيس. ۽ اديءَ جي وفات کان پوءِ انهن ڏکن مان گذرڻو پوندو. لڳي ٿو ڄڻ خزان جي موسم اندر ۾ بيهي رهي آهي. مون کي ياد ئي نه ٿو اچي ته، ڪا خوشي ملي هجي، جنهن سان منهنجي چهري تي روشني آئي هجي. بس، هاڻي ته صرف هڪڙي ئي موسم آهي، خزان جي موسم، بهار ته آئي ئي ناهي. هاڻي ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڳوڙها اکين مان وهڻ شروع ٿين ٿا، اڳي ته چاهيندي به نه ايندا هيا، پر جڏهن درياءَ جو بند ٽٽي پوندو آهي ته پوءِ ٻوڏ اچي ويندي آهي.”
    تون ڪجھه دير لاءِ خاموش ٿي وئينءَ.
    “تون ان وقت مون ڏي ٽيليفون ڪرين ها”
    “مان ايترا دفعا ڪوشش ڪئي، پر تون نه ملين. ڏاڍي ڪاوڙ آئي، جڏهن ضرورت محسوس ٿيندي آهي، تون نه ملندو آهين، ظلم آهي. ان ڪري ڏکن ۾ اڃان واڌارو اچي ٿو”
    “مان توکي اڳي به چيو هو ته ڏک ۽ تڪليفون ڳِجھين جيان آهن. جڏهن هڪ ڏک ماڻهو کي ڊاهي ٿو وجھي ته پوءِ سوين ڏک هڪٻئي پٺيان حملي آور ٿين ٿا.”
    تون منهنجي سيني تي مٿو رکيو هو:
    “ڪهڙي پرفيوم هنئي اٿئي؟”
    “چارلي”
    “مون وٽ اچين ته پرفيوم نه هڻي ايندو ڪر، مون کي تنهنجي بدن جي اصلي خوشبو سٺي لڳندي آهي”
    مان مشڪندي توڏي جھڪي ويس.
    خيرپور جي خوشبوئن کي ڇڏي، لاڙڪاڻي واپس آيس. لاڙڪاڻي ۾ تنهنجو خط مليو. جيترا ڏينهن گذريا هيا، هر ڏينهن جو تون هڪڙو شعر لکيو هو. تو پنهنجي خط ۾ لکيو ته، اڄڪلهه تون ڏاڍو پريشان آهين جو چنڊ نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ تون، ڪنهن کي پنهنجو پيامبر بڻائين. پر، تو لکيو آهي ته هاڻي تنهنجي جسم کي ڇهي گذرڻ واري هوا پيامبر آهي. تنهنجو اڱاري تي ڪراچي وڃڻ جو پروگرام هيو. مون توسان ٽيليفون تي ڳالهائي توکي ٻڌايو ته مان به سومر تي ڪراچي وڃان ٿو. جمعي تي وري گوادر وڃڻو آهي. تون ڪراچيءَ ۾ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو.


    41

    تون اڱاري بجاءِ اربع تي ڪراچيءَ پهتينءَ. ريڊيو اسٽيشن تي منور وٽ ويٺو هيس ته تون آئينءَ. اتي چڱي دير ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ، تون ۽ مان ٻاهر نڪري سفاري پارڪ پهتاسين.
    مون محسوس ڪيو هو ته، جڏهن به تون ۽ مان گڏجي گھمندا هياسين ته تنهنجي چال ۾ فرق اچي ويندو هو. گھمڻ ۾ لاپرواهي ۽ فخر هوندو هو. ٻئي ڄڻا، سفاري پارڪ گھمندا اولهه طرف مٿي ٽڪرينءَ تي ٺهيل بينچ تي ويٺاسين. اتي ويهندي توکي چيو هيم ته هيءَ بينچ ويچاري اڪيلي اڪيلي آهي، ان تي ٿا ويهون. هونئن به هتان سفاري پارڪ جو گھڻو حصو نظر اچي ٿو. اولهه طرف سج جو لهڻ ۽ شهر جون عمارتون.
    تون شرارت مان مشڪندي چيو:
    “ٻيو ته هتان ويهي، تون هر ڇوڪريءَ کي ڏسي سگھندين.”
    “۽ تون هر ڇوڪري کي”
    ٽهڪ نڪري ويا. تنهنجن هٿن تي، منهنجا هٿ حڪمراني ڪرڻ لڳا. سج ان وقت لهڻ لڳو هو. تنهنجين اکين کي سج جي روشني بادامي بڻائي رهي هئي. مان تنهنجين اکين جي تعريف ڪئي ته تو چيو:
    “اهي اکيون مونکي نه وڻنديون هيون، نه ئي خوبصورت هيون پر جڏهن کان توسان دوستي ٿي آهي، اهي خوبصورت بڻجي ويون آهن.”
    “رڳو اکيون”
    “نه منهنجو چهرو به، مون کي ڪزنز چونديون آهن ته، مان اڳي کان وڌيڪ خوبصورت ٿي وئي آهيان”
    “تون ته اڳ ۾ به خوبصورت هئينءَ.”
    “ڪٿي، پر هاڻي ڪنهن جي خيالن خوبصورت ڪيو آهي”
    تنهنجين اکين ۾ نهارڻ کان پوءِ سج انهن ۾ لهندي نظر آيو ۽ منهنجو عڪس پڻ. تون کاڏيءَ تي هٿ رکي مون کي پيار مان نهاري رهي هئينءَ.
    “ڪيڏو نه خوبصورت لينڊ اسڪيپ آهي. سمنڊ تي، ويراني ۾، جبلن ۾ سج جو لهڻ ڏٺم، پر ڪنهن جي اکين ۾ سج لهڻ جو منظر اڄ ڏٺو اٿم”
    تنهنجي مسڪراهٽ قائم رهي.
    “مان پاڻ اڄ خوبصورت لينڊ اسڪيپ ڏسي رهي آهيان”
    “ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي. مان ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته ڪنهن ڇوڪريءَ سان ايتري دوستي وڌي ويندي”
    “مان به سوچندي هيس ته، منهنجي ڪنهن سان انڊراسٽينڊنگ ٿيڻ مشڪل آهي.ڇوڪرو ته ٺهيو، پر ڇوڪريءَ سان به منهنجي انڊراسٽينڊنگ مشڪل ٿيندي هئي”
    “متان اهو سمجھين ته، انڊراسٽينڊنگ ٿي وئي آهي ته مان توسان شادي ڪندس” مان کلندي چيو:
    “مان ڪٿي ٿي چوان ــ باقي منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃ، شادي ڪنهن ٻهراڙي واري ڇوڪريءَ سان ڪجانءِ”
    “ڇو؟!”
    “اهي ويچاريون معصوم آهن. انهن جون ضرورتون به گھٽ آهن، اسان جھڙين پڙهيل ڇوڪرين جون گُھرجون به تمام گھڻيون آهن. تو جھڙي سٺي ماڻهو لاءِ اها صحيح رهندي”
    “هونئن به پڙهيل ڇوڪرين جو گھڻو تعداد، آئيڊيل ذهن ۾ رکندو آهي ۽ گھڻا مرد هنن سان لهه وچڙ ۾ اچن ٿا. جنهن ڪري، هو ڀيٽ ڪن ٿيون. جڏهن ته، ٻهراڙي واري، صرف ان مرد کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجھندي آهي”
    “ڀلا تنهنجو ڪنهن سان واسطو هيو ـــ دوستي.” مون سوال ڪيو .
    “ها، هڪڙو ڪلاس فيلو گھڻو تنگ ڪندو هو. منهنجي ڪڍ ايندو هو، پر هن کي مان لفٽ نه ڏني. باقي هڪڙو ڏک اڃا تائين آهي، اسان جي ڳوٺ ۾ هڪڙو منهنجو سوٽ هوندو هو. هو مون کي گھڻو چاهيندو هو. جيئن ڳوٺن ۾ ٿيندو آهي، رڳو نظرن مان محسوس ڪندي هيس ته هو مون کي چاهي ٿو. هن جي ٻئي هنڌ شادي ٿي، مينديءَ مهل، مان به هنجي ڀينرن سان گڏ هن کي ميندي هڻڻ لڳيس ته هن مون کي ڏٺو، هن جي نهار ۾ الائي ڇا ڇا هيو، ڏک، اڃ، حسرت، ڪاوڙ ۽ وڃائڻ جو احساس. مان هن جي اکين کي ڏسي نه سگھيس، اتان اٿي ويس ۽ اڃا تائين محسوس ڪندي آهيان ته جسم مان ڌرڙي نڪري ويندي آهي”
    “هاڻي، منهنجي شاديءَ تي مون کي ميندي لائجانءِ” چيڙائيندي چيم.
    “ها، لائينديس، پر تنهنجي لاءِ ڪنوار به مان هٿ ڪنديس، جڏهن صبح جو مون سان ملندي ته، مان هن کي چمي ڏينديم، ڇو جو تون هن کي چميو هوندو”
    “اها شرط نه لڳاءِ، تون شادي ڪندينءَ ته پوءِ وري تنهنجي مڙس کي مون کي به چمي ڏيڻي پوندي” تون کلي ويٺينءَ.
    “ياد ٿي اسان جي دوستيءَ جي شروعات” مون ماضي کي موٽايو.
    “ها تون ڪيڏا نخرا ڪندو هئين”
    “صحيح به ته هو. مان سوچيندو هيس ته، مان توکي لفٽ ڏيان ته تون آئوٽ آف ڪنٽرول ٿي ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃين”
    “هاڻي”
    “هاڻي به آهين، پر شاديءَ وارو ڀوءَ ته ڪونهي. ساحره! ياد ٿي اڳي تون سهارن، محبت، پيار ۽ عشق کان نفرت ڪندي هئين”
    “ها، پر هاڻي خيال مٽجي ويا آهن، سهارا به ضروري آهن”
    “تون پيار، محبت ۽ عشق کي الڳ الڳ ڪري، انهن جذبن کي خود غرضي سڏيندي هئين. پر هاڻي ته تون چوندي آهين ته تنهنجو مون سان عشق آهي”
    “ها بلڪل آهي، مان توسان عشق ڪيو آهي، تنهنجين ڳالهين سان چاهتن سان، عملن سان”
    “چئبو ته اڳي تون غلط هئينءَ”
    “تجربو جو نه هيو” تو کِلي وراڻيو هو.
    “مان توکي چيو هو نه ته پيار، محبت ۽ عشق، ڏاڪا آهن هڪ ئي جذبي جا. ڏس، تون به پهريون مون سان پيار ڪيو، ۽ پوءِ محبت ۽ هاڻي عشق”
    “چوڻ ڇا ٿو چاهين ـــ شرط ٿورئي رکيل هئي” شرارت مان چيو هيئه
    “رکيل هئي، ڏي” مان توڏانهن وڌيس.
    “هتي ڪيئنءَ؟” تون پريشان ٿي چوڦير ماڻهن کي ڏٺو.
    کِلي پرتي ٿي ويس.
    اسان جي ڀرسان ٻه ٽي مزدور اچي بيٺا هيا. تون انهن کان لنوائي رهي هئينءَ. هنن جون ايڪسري نظرون تنهنجي طرف هيون. مان مزو وٺندي چيو: “ڀلي ڏسن، ويچارا سڄو ڏينهن هڻ هڻان ٿا ڪن، تنهنجو ڇا ٿو وڃي، ڪهڙو نقصان آهي توکي”
    تون چڙي پئينءَ، اتان اٿي آياسي. ڪولڊ ڪارنر ڏي وڌياسين ته تو چيو: “شرط ان تي ته پيمينٽ مان ڪنديس”
    “O.K تنهنجي مرضي”
    سافٽ ڊرنڪ پي، سفاري پارڪ کي ڇڏيو هو ۽ پوءِ نيپا چورنگيءَ اسان جو رستو جدا ڪري ڇڏيو.
    جمعي جي ڏينهن مليا هياسين. ان ڏينهن، منجھند جو منهنجي گوادر وڃڻ لاءِ فلائيٽ هئي. منور جي فليٽ تي ٿوري دير ڪچهري ٿي. توکي اکين جي بيماري (شهر ۾ وائرس ڦهليل هو) ٿي پئي هئي. تو ان جو سبب مذاق مان اهو ٻڌايو ته مان تنهنجين اکين ۾ غور سان ڏٺو هو، تنهن ڪري ٿي پئي آهي. چشمي سان وڌيڪ خوبصورت لڳي رهي هئينءَ، پر ان ڊسٽرب به اسان ٻنهي کي ڏاڍو ڪيو. تو لاهين به نه پئي ته متان مون کي به اها بيماري ٿي، فلائيٽ جو ٽائيم ٿيو، وڃڻ لڳاسين ته تون نادرکي چيو ته خدا ڪري اسان جي فلائيٽ نڪري وڃي ۽ اسان نه وڃئون. تون مون کي چيو ته ايترو جلدي وڃڻ زيادتي آهي.
    اسانجي فلائيٽ مسِ نه ٿي.


    42

    گوادر کانپوءِ، لاڙڪاڻي پهتس.
    لاڙڪاڻي مان توسان ٽيليفون تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيم، پر نه ملي سگھينءَ.
    مان پنهنجا خط به توکي پوسٽ ڪيا هيا. ڇو جو، عيد ۾ هڪ ڏينهن باقي هيو ۽ مان سوچيو ته عيد کانپوءِ پوسٽ ڪندس. عيد تي توڏي ٽيليگرام وسيلي عيد مبارڪ موڪليم. عيد کانپوءِ، تنهنجو خط ۽ ڪارڊ مليو ڪارڊ جي پهرين پني تي ڀتين جون سرون ٺهيل هيون ۽ دروازي جيان ڪارڊ جو ٽڪر کلي پيو ۽ اندر لکيل هو.
    “اڄ صبح، مان پنهنجيون هميشه جاڳندڙ اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ شور مچائيندڙ هوا کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي،
    جھنگن جا گيت خاموش ٿي ويا آهن.
    جھرڪين جا آواز ختم ٿي ويا آهن.
    تنهنجي انتظار ۾....؟
    اي منهنجا دوست،
    منهنجا سڀ کان سٺا عڪس،
    منهنجي گھر جا دروازا کليل آهن،
    هڪ سپني وانگر
    اتان لنگھي وڃ نه.....!
    مون کي لڳي ٿو ته گوادر کان سڌو سنئون مٿي هليو ويو آهي. تڏهن ته هي دنيا ڪجھه سُڃي لڳي رهي آهي. خير اتي به توکي حورون ملي ويون هونديون.
    ليڪن تون هن دنيا ۾ به حورن جي معاملي ۾ خود ڪفيل هئين ته پوءِ، پنهنجي جان وڃائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. اگر سمنڊ م ترڻ جو شوق هو ته ڪڏهن ڪنهن جي اکين جي سمنڊ ۾ تري ڏسين ها ته اتي گوادر کان وڌيڪ خوبصورت منظر نظر اچن ها.
    خير، ڪنهن جي اکين ۾ ايتري غور سان به نه ڏسجاءِ. متان، ان کي به اکين ۾ وائرس لڳي وڃين ۽ تون هليو وڃين ۽ پوءِ هوءَ ڌنڌلين اکين سان تو جھڙي بيوفا دوست جو انتظار ڪندي رهي.
    ها! مان بالڪل ٺيڪ آهيان. مگر منهنجو ميخانو اڄ ڪلهه ويران آهي. ڇو جو منهنجي ميخاني جو ساقي، اڄ ڪلهه پنهنجي اڃ اجھائڻ سمنڊ طرف ويو آهي، ان ڪري مان ڏاڍي اداس آهيان. خدا ڪري هو به اداس هجي، حالانڪه هو نمونو ڏاڍو ڪندو آهي، ليڪن مان چاهيان ٿي ته ان جي يادن جيترو مون کي تنگ ڪيو آهي خدا ڪري هو به ايترو تنگ ٿيو هجي.
    سڀاڻي کان مان ڪراچيءَ وڃان ٿي ۽ پوءِ اتان اسلام آباد ۽ مريءَ جو پروگرام آهي. هاڻي ته تون به آسمان تي پهچي ويو آهين، منهنجي لاءِ به دعا گھرجانءِ ته، ڪنهن خوبصورت جڳهه تي تنهنجي تصور ۾ گم ٿي، هڪڙو قدم غلط رکي تنهنجي تقليد ۾ مٿي پهچان. مان توکان بغير ڏاڍي اداس آهيان، ايتري اداس جو شامِ غريبان ياد ٿي اچي.”
    ڪراچيءَ کان تنهنجو ٻيو خط مليو-
    “مان ٺيڪ آهيان ۽ زنده آهيان، اميد آهي ته تو جھڙو شخص لاڙڪاڻي ۾ آيل ٻوڏ کان به بچي ويو هوندو. هن وقت مان اسلام آباد جي سفر تي آهيان. ٽي ڏينهن اسان ڪراچيءَ ۾ گذاريا. هڪ ڏينهن پيراڊائيز پوائنٽ تي وياسي. اتي وڃي سچ ۾ به محسوس ٿيو ڄڻ اسان جنت ۾ اچي ويا آهيون. ان ڏينهن موسم به تمام خوبصورت هئي. هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ پئجي رهي هئي، آسمان تي ڪارا ڪارا ڪڪر ڇانيل هيا، سمنڊ جون لهرون جڏهن پر جوش انداز ۾ پنهنجو پاڻ کي پهاڙين سان ٽڪرائي رهيون ته منظر تمام گھڻو خوبصورت بڻجي پئي ويو، ايترو خوبصورت جيترو تنهنجو ساٿ.
    ان کانپوءِ سفاري پارڪ وياسين ۽ مون کي تون شدت سان ياد آئين ۽ مان ان خالي بينچ جا ڪافي فوٽو ڪڍيا، جتي اسان ويٺا هياسي ۽ مان ان بينچ کي هر هر ڏسندي رهيس ۽ مان ان يادگار بينچ کي پنهنجي ڪيمرا ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. منهنجو جيڪڏهن وس هلي ته مان انهن سڀني رستن ۽ جڳهن کي پنهنجين اکين ۾، پنهنجي دماغ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيان. جتي، منهنجا ۽ تنهنجا قدم هڪ مهل پيا هيا ۽ مون کي انهن رستن تي هلندي ڏاڍو سٺو لڳو هو. بهرحال، تون مون کي تمام گھڻو ياد آئين ۽ مان اهي سڀ جڳهون تصور ۾ توسان گڏ گھميون.
    ڪراچيءَ ۾ اسان تفريح به گھڻي ڪئي مگر ان سان گڏوگڏ ڏک به گھڻا مليا. اسان انجواءِ ڪرڻ ايندا آهيون پر اسان جو ڀيڻيويو صاحب جوش رقابت ۾ ايتريون ڪريل ڳالهيون ڪندو آهي جو، اسان سڀ پريشان ٿي ويندا آهيون ۽ تمام گھڻا ڳوڙها وهاياسي ۽ گھڻا پنهنجي اندر ۾ به اوتي ڇڏياسين. بلڪه، هاڻي ته محسوس ٿئي ٿو ته ڏکن، منهنجي اندر ۾ ايترا ڄار وڇايا آهن جو منهنجو وجود خوشيءَ جي معنى ئي وساري ويٺو آهي. ايتريون گھڻيون ڳالهيون آهن، ايترا گھاءَ آهن جيڪي مان سٺا آهن. اديءَ جي وفات کانپوءِ ڏکن جي مر اسان جي بدن تي ڄمي پئي آهي. مون کي لڳندو آهي ته ڏکن جي اڏوهي مون کي اندران ئي اندران کائي رهي آهي ۽ ڏسجانءِ ڪنهن ڏينهن مان کوکلي ٿي ختم ٿي وينديس. بدقسمتي اها آهي جو، اڃان اسان پنهنجن پاران ڏنل غم وساريون ئي مس ٿا ته ٻيو ڏک اسان کي بي وسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙڻ تي مجبور ڪري ٿو.
    منهنجي ذهني ڪيفيت اهڙي هئي جو مون کي پنهنجن کان پري وڃڻو هيو ڪنهن اهڙي جڳهه تي وڃڻو هو (ڪوهه مري). انلاءِ اسان هن طرف هلي آياسين.
    تنهنجي پري هجڻ سان اهي ڏک به تمام وڏا محسوس ٿيا. هن وقت مان سڀ ڳالهيون تفصيل سان لکي نه ٿي سگھان. نه ته، توکي اهو احساس ٿي ها ته اهي ڏک منهنجا بڻايل ناهن. پر ماڻهن منهنجي سچائي، منهنجي خلوص ۽ منهنجي پيار جي بدلي ۾جيڪا سوغات ڏني آهي، انهن سان منهنجو وجود ٽٽي پيو آهي.
    بهرحال، هاڻي دعا ڪجانءِ ته سفر ڪامياب رهي ۽ ڏکن جو ڪوهيڙو ذهن تان لهي وڃي. تون منهنجي خط جو جواب، گوادر جي سفر جي ڪهاڻي، ۽ منهنجي لاءِ سڀ تاثرات رڪارڊ ڪري رکجانءِ ته جيئن واپسيءَ وقت مون کي مايوسي نه ٿي توسان ڳالهين ڪرڻ کانپوءِ هاڻي منهنجا ڏک گھٽجي ويا آهن. هڪڙوآزاد نظم آهي. ڪيئن آهي؟
    ايئن به ٿيندو آهي،
    سالن جا ٻه همسفر
    پنهنجن خوابن جي،
    تعبير کان بي خبر،
    پنهنجي عهد محبت جي نشي ۾ گم،
    پنهنجي قسمت تي نازان،
    مگر!!!
    زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي گم ٿي ويا،
    ۽ هڪٻئي کان جدا ٿي ويا.
    ايئن به ٿيندو آهي،
    ٻه اجنبي هم راهه،
    پنهنجين منزلن کان بي خبر،
    هڪٻئي کان اڻڄاڻ،
    ڪوئي پيمان الفت، نه عهد وفا،
    اتفاق سان اهڙي طرح
    ملي ويا،
    ساز به وڄي پيا
    گل به کڙي پيا.


    43

    مري
    جانان!
    چار ڏينهن کن ٿيا آهن ته، پنڊيءَ پهتي هيس. لاهور کانپوءِ رستي ۾ بارش پوندي رهي، چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي. منهنجو خيال آهي ته، اهو سڀ ڪجھه جنت کان گھٽ ناهي. اونچن اونچن جبلن تي بادل جھڪيل هيا ۽ مان سموري خوبصورتيءَ کي پنهنجي اندر ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سموري خوبصورتي کي تنهنجي آواز سان، تنهنجي وجود جي احساس سميت انجواءِ (Enjoy) ڪيو.
    سمورو عرصو تنهنجي ڪيسٽ ٻڌندي رهيم. ڪٿي ڪٿي ته، خوبصورت نظارا ڏسي دل چاهي پئي ته ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻيان. تون مون سان گڏ نه هئين مگر تنهنجو پاڇو، تنهنجو احساس، تنهنجين يادن جي رُڃَ، مون سان گڏوگڏ هيا ۽ مان ان حسين نظارن ۾ توکي ياد ڪري شيئر ڏنو. انهن حسين جڳهن تي، ۽ ايتري خوبصورت سفر ۾ سچ پچ ته تون گڏ هجين ها ته، مان خوشيءَ کان چري ٿي پوان ها ۽ سفر کي يادگار بڻائڻ لاءِ ڪنهن حسين جڳهه تي ٽپو ڏيان ها. جنهن خوبصورتيءَ جو مان صرف تصور ڪري سگھندي هيس. مگر جڏهن اهي نظارا ڏسندي هوا منهنجن ڳلن تي ٿپڪي ڏني ته، خوشي منهنجي اندر مان ڦٽي نڪتي پر هڪ ڳالهه آهي ته ان خوبصورتيءَ کي محسوس ڪرڻ کانپوءِ به، ڏسڻ کان بعد خوش به هيم ۽ اداس به. خبر ناهي ڇو؟
    هن سفر ۾ ادي ڏاڍي ياد آئي ۽ پنهنجي ان پارٽنر جي ڪميءَ ڪري، ايتريون خوشيون حاصل ڪرڻ کان پوءِ به مان اداس رهيس. مون محسوس ڪيو ته اداسين جي هڙ، منهنجي مٿي تي رکيل آهي ۽ منهنجي دل جي چوڌاري اداسيءَ جو ليپو ڏنل آهي، جيڪو خوشين کي دل تائين پهچڻ ئي نه ٿو ڏي. تون دعا ڪر ته، ڏکن جي موسم جلدي گذري وڃي ۽ اکين ۾ آيل چاڙهه لهي وڃي.
    ڪلهه پنڊيءَ ۾ ايوب پارڪ ڏٺو ۽ اڄ صبح مري آيا آهيون. هڪ بجي ڌاري ايوبيه وڃڻ لاءِ روانا ٿياسين. ساقي، ايترو حسن ڏسي مان حيران آهيان. هتي موسم بي انتها خوبصورت آهي ۽ پهاڙن تي جھڪيل بادلن ڪري، زمين جو رنگ ته ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ آهي. ڪاش، تون ايتري خوبصورت جڳهه تي مون سان گڏ هجين ها ته منهنجي دل تان اداسيءَ جا ڪڪر هٽي وڃن ها ۽ مان پنهنجي خوش قسمتيءَ تي ناز ڪيان ها. مگر، مان ايتري خوش قسمت ناهيان هتي مان صرف ڪيسٽ تي آواز ٻڌي سگھان ٿي ۽ تصور ۾ محسوس ڪري سگهان ٿي. پر، تنهنجي هٿن ۾ هٿ ڏئي گھمي نه ٿي سگھان، تنهنجن هٿن جو ڇهاءُ محسوس نه ٿي ڪري سگھان، انهن خوبصورت نظارن جو عڪس تنهنجين اکين ۾ ڏسي نه ٿي سگھان. ڪجھه به ته ناهي، جنهن ڪري انهن سڀني حسين نظارن ۽ موسمن جو حسن منهنجي لاءِ بيڪار آهي. اهوئي سبب آهي جو، مان صحيح طرح انجواءِ نه ٿي ڪيان.
    ايوبيه پهتاسين ته تيز برسات شروع ٿي وئي. ٻه ڪلاڪ هڪ هوٽل ۾ گذارياسين ۽ واڪ مين تي تنهنجي ڪيسٽ ٻڌي، يادن جا بادل ايترا گھرا ٿي ويا جو ڳوڙها اکين مان ترڪي پيا. اڄ تنهنجي پسند جا ڳاڙها ڪپڙا پاتا آهن. چيئر لفٽ تي ويهي نظر ايندڙ کاهيون ڏاڍيون سٺيون لڳيون ۽ مٿي پهتاسي ته ڏاڍو حسين منظر هو. ڪاش تون اهو سڀ ڪجھه ڏسي سگھين ها. هتي، خاص ڪري جوڙا هني مون ملهائڻ آيا آهن. برسات ڪري سردي وڌي وئي آهي، مان سوئيٽر به نه کڻي آئي هيس. هتي سڀني سوئيٽر پهريل آهن. مان سرديءَ ڪري ٿڙڪندي رهيس. ڪاش مون کي هتي تنهنجين ٻانهن جي گرمي ملي ها ته .....
    هاڻي رات جا ٻارنهن ٿي رهيا آهن. صبح جو ٻارهين بجي هتان هليا وينداسين
    (تمام گھڻا ڪزنز ۽ گھڻيون ڪزنز مون سان گڏ آهن.) پوءِ وڃي، ڪجھه ڏينهن اسلام آباد رهنداسين. هونئن هتان واپسيءَ جو ڪو به ارادو ناهي. جڏهن سڀ جڳهون ڏسي ڇڏينديس ته ڪنهن خوبصورت جڳهه تي پير گسڪائي ڇڏيندم. مان چاهيان ٿي ته تنهنجين يادن سان پنهنجو سفر هتي ختم ڪيان. هونئن تنهنجين يادن تنگ ڏاڍو ڪيو آهي ۽ سمورو عرصو تنهنجي ياد ۽ ڪيسٽ سهاري گذريو آهي.
    تنهنجي خطن ۾ ڀريل چاهت، ۽ پيار مون کي تسڪين ڏني مون کي خوشي ٿي ته تون ڪجھه ڏينهن لاءِ تفريح ڪرڻ وئينءَ ڇو جو، تنهنجو ذهن ڪافي وقت کان غمن ۽ ڏکن کان ڪاراٽيل هو ۽ توکي ضرورت هئي ته گھمڻ ڦرڻ ذريعي توکي خوشي ملي ته جيئن خوشين جي سج ڪري ڏکن جي برف رجي وڃي. مان اهو به سوچيندو رهيس ته، ڪيڏو ستم آهي اسان جي معاشري جي عورت سان. هوءَ ڪيڏي به پڙهيل ڳڙهيل ڇو نه هجي پر، رسمن جي گھاڻي ۾ پيڙجڻو ٿو پئي. مرد ڪيڏو ظالم ٿئي ٿو جو، صرف پنهنجي مطلب لاءِ ٻين جي خواهش جو به خيال نه ٿو رکي. تنهنجي ڀيڻيوئي جي روئي ۽ ڪردار تي ڏک سان گڏ ڪاوڙ به آئي. مان پوري طرح محسوس ڪري رهيو هيس ته، تنهنجي ذهن جي ڪيفيت ۽ حالت ڇا هوندي، پر مان ڪري به ڇا ٿي سگھيس؟!

    مان به، ڪجھه دوستن سان گڏجي سوات وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. اسلام آباد پهچي تون ڏاڍي ياد آئينءَ. پر، تنهنجي ائڊريس يا ٽيليفون نمبر نه هيو. جنهن ڪري دل ۾ عجيب قسم جي بيچيني رهي ته هڪ شهر ۾ رهندي ملي نه سگھياسين. گھمندي هر چهري کي غور سان ڏسي رهيو هيس ته متان تون ملي وڃين پر نه ملينءَ.
    ڪالام ۽ اُشوءَ جي خوبصورت نظارن ۾ تنهنجي ياد، منهنجي ذهن جي مالڪي پاڻ وٽ رکي. منهنجي الائي ڇو اها خامي آهي جو، ڪابه خوبصورت جڳهه، ڪوبه خوبصورت منظر، اڪيلي سر ڏسي انجواءِ نه ڪري سگھندو آهيان. جنهنڪري اڪثر ڪري خوبصورتي پسي خوشيءَ سان گڏ اداس به ٿي ويندو آهيان. بهرحال وري به، تنهنجين يادن ڪجھه ته ساٿ ڏنو.
    مان واپسيءَ تي گھر پهتس ۽ سموري رستي ۾ اهو سوچيندو رهيم ته هاڻي جلد ئي خيرپور وڃي توسان ملاقات ڪندس. گھڻن ڏينهن جي وڇوٽيءَ مون کي، توسان ملڻ لاءِ بي چين ڪري ڇڏيو هو.


    44

    گھر پهتس ته، بابا ٻڌايو ته ڪجھه ڏينهن اڳ اسلام آباد کان تنهنجي ٽيليفون آئي هئي خط به آيل هيو خط پڙهيم، پڙهي مان پريشان ٿي ويس.
    لکيل هو:

    جانان!
    اسان اسلام آباد ۾ تفريح جو ڀرپور مزو ماڻي رهيا هياسي. پر منهنجي بدقسمتي ڏس، هتي به هڪ مصيبت ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي. جنهن، تفريح جو مزو خراب ڪري ڇڏيو. ڪالهه منهنجي هڪ سهيليءَ وٽ خيرپور کان ٽيليفون آئي ته امڙ جي طبعيت خراب آهي، جلد ئي گھر پهچان مان گھر ٽيليفون ڪئي، خبر پئي ته خليل هوش ۾ اچي ويو آهي ۽ منهنجي گھر، پنهنجن وڏن کي وٺي مون کي پرپوز ڪرڻ آيو هو ۽ منهنجن وڏن، مون کان پڇڻ بنا منهنجي قربانيءَ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. امڙ کي چيم ته انڪار ڪري ڇڏيو، مون کي اهو شخص بنهه ناپسند آهي، جنهن اسان کي ايڏا وڏا ڏک ڏنا آهن، جيڪي وسريو نه ٿا وسرن. جيڪو ماڻهو هڪ ڀيرو نظرن مان ڪريو پوي آهي پوءِ اهو ڪريل ئي رهندو آهي. اميءَ ضد ڪيو آهي ته جلدي خيرپور واپس وڃان.
    مان ڏاڍي پريشان آهيان، منهنجي زندگيءَ جو ڏکيو وقت آهي ۽ هن وقت مون کي زندگيءَ جو فيصلو ڪرڻو آهي. تون منهنجي مدد ڪر ۽ ٻڌاءِ ته ڪهڙو فيصلو ڪيان؟ پنهنجو پاڻ کي موت جي حوالي ڪيان يا پنهنجي وجود جي حصن سان ناتو ٽوڙي زندگي قبول ڪيان؟
    تون منهنجي ڪيفيت جو اندازو لڳائي نه ٿو سگھين. سوچڻ ڪري دماغ ڦاٽي رهيو آهي ۽ ننڊ اکين کان رُسي وئي آهي. هُن ظالم، تفريح جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هو شايد ايئن سمجھي ٿو ته اسانجون خوشيون ۽ ڏک هُن جي هٿ ۾ آهن .
    امان ٻيهر ٽيليفون تي ڳالهايو ته مان کيس چيو ته اهو شخص مون کي پسند ناهي ۽ هاڻي مان اها قرباني نه ٿي ڏئي سگھان ۽ مان هاڻي خيرپور واپس نه اينديس، هتي ئي رهي پونديس. ان ساڳي تاريخ تي رافعه جي شادي ڪري ڇڏجو.
    ساقي!
    جيڪڏهن هُنن گھڻو زور ڀريو ته پوءِ پاڻ کي حسين نظارن جو حصو بڻائي ڇڏينديس. ان ڪري جو جڏهن منهنجو پنهنجي زندگيءَ تي ڪو اختيار ناهي ته پوءِ مون کي مرڻ ئي کپي. خبر ناهي ته مون کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي؟
    مون کي ڏاڍو ڊپ ٿي رهيو آهي، دل چاهي ٿي ته ڪنهن جي هنج ۾ مٿو رکي پنهنجي قسمت تي کوڙ ساترا ڳوڙها ڳاڙيان. دل چاهي ٿي ته ڪنهن جي مضبوط ٻانهن۾ لڪي پناهه وٺان، جتان مون کي ڪو به ڪڍي نه سگھي. هي وقت ڏاڍو ڏکيو آهي، سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪيان؟ تنهنجي شديد ضرورت آهي، تون ڪري به ڇا ٿو سگھين؟ ڪجھه به ته نه.
    مون کي هِن ڪُن مان پاڻ ئي نڪرڻو آهي ۽ مون کي ان جون صرف ٻه صورتون نظر اچن ٿيون، “زندگي يا موت!” منهنجو خيال آهي ته مون کي مرڻ ئي کپي، ڇو جو والدين به ناراض نه ٿيندا ۽ مون کي به سڪون ملندو.
    رافعه سان ٽيليفون تي ڳالهائڻ ٿيو. هُن ٻڌايو ته امان بابا جن ڏاڍا خوش آهن ۽ سڀ تياريون ڪري ڇڏيون اٿئون. مون هن کي چيو ته توهان بي غيرت آهيو، پر ساحره ايتري بي غيرت ناهي. خبر ناهي اهو عذاب رڳو اسان تي ئي نازل ڇو ٿو ٿئي. بهرحال قدرت جي هن حسين نظارن کي هڪ ڀيرو چڱي نموني ڏسي وٺان، انهن نظارن کي اکين ۾ سمائي پوءِ مرڻ چاهيان ٿي ته جيئن منهنجو روح ڀٽڪندو نه وتي. هتان گھمڻ کان پوءِ سڪون سان فيصلو ڪنديس. اسان هتي ٽي چار ڏينهن آهيون، خبر ناهي مرڻ کان اڳ تو سان ملاقات ٿي به سگھي يا نه! مان آهيان ئي بدنصيب، انهن خوبصورت نظارن کي توسان گڏ ڏسي نه ٿي سگھان آخري ڀيرو به نه.
    تون آخري ڀيرو ضرور ڳالهاجانءِ، ڇو جو ساحره کي تنهنجي گھڻي ضرورت آهي، پر هاڻي انهن سڀني ضرورتن کان آزاد ٿيڻ چاهيان ٿي. جيترو مان ڪنهن کي چاهيو، مگر مون کي ڪنهن به نه چاهيو. منهنجيون سچايون، منهنجو خلوص ۽ منهنجون چاهتون سڀ هڪ طرفيون هيون، اهي سڀ منهنجي وجود سان گڏ ختم ٿي وينديون.
    مان تنهنجي گھڻي شڪر گذار آهيان، جو تو مون کي گھڻيون چاهتون ڏنيون، منهنجا گھڻا غم تون سميٽيا. مگر مون به عشق ڪيو، ان لاءِ مون کي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي، ڪوئي ڏک ناهي، ڇاڪاڻ ته عشق هڪ باهه آهي جنهن ۾ جلي پڄري، انسان ڪُندن ٿي ويندو آهي. اهڙي طرح منهنجي دل ۽ دماغ ۾ به عشق جي روشني آهي ان عشق جي، جيڪو بي غرض ۽ اڻميو عشق هيو، پر منهنجو ايمان به اِهو ئي هيو! آهيان نه چري ڇوڪري؟
    خدا حافظ
    هڪ چري ڇوڪري.

    خط پڙهي. مون ڏڪندڙ هٿن سان خيرپور جو نمبر ڊائل ڪيو. جتان خبر پئي ته ڪراچي ويل آهين. آڱريون وري ڪراچيءَ جو ڪوڊ ملائڻ لڳيون، منهنجو من انديشن جي آنڌاريءَ ۾ وڪوڙيل رهيو ــــ ڪنهن ٻي ٽيليفون کنئي، ٻڌايائون ته تون مڙس سان گڏ، ڪنهن پاسي نڪري وئي آهين.
    منهنجي اندر ۾ هزارين هيرو شيما بڻجي ويا، ڪنڊن جي ڊگھي قطار نڙيءَ کان هيٺ لهي وئي. کل جي پورن ۾ هزارن جي حساب سان سلفيورڪ ائسڊ ڀرجي ويو. منهنجي ذهن ۾ تنهنجو آخري خط، ڀيڻيوئي کان نفرت ۽ تنهنجي مجبوري ڦرڻ لڳي. مون سوچيو ته، تون الائي ڪيئن هوندينءَ؟ ان سان گڏ ڪاوڙ به هئي ته، مون کي ٻڌائڻ کان بغير، مون کي سڏڻ کان بغير، تون اهو سڀ ڪجھه ڪيئن ڪيو؟ ڇا، ماضيءَ ۾ ٿيل سڀ ڳالهيون رڳو ڳالهيون هيون؟ الائي ڪيئن شام ٿي. شام جو توکي ٽيليفون ڪيم.
    “مبارڪ هجئي”
    آواز ڄڻ منهنجو ئي نه هيو.
    “سڀ دوستيون اجايو آهن.”
    تون به پيڙا مان چيو.
    “پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ٻئي تي حملو ڪرڻ، بچاءَ جو سٺو طريقوآهي”
    “نه، مان ان ڏينهن ايترو رنيس، تڙپيس، مگر منهنجين دانهن تي تون به نه پهتين”
    “تون اطلاع ته ڪرين ها. پوءِ نه پهچان ها ته ڏوهي ٿيان ها”
    “مان اسلام آباد مان به ٽيليفون ڪئي، پر تون نه ملين. خط به لکيم”
    تنهنجي آواز ۾ محرم جو ڏک شامل ٿي ويو هو.
    “مون کي، اڄ خط مليو آهي”
    “ان ڏينهن تي گل ئي کڻي اچين ها. قربانيءَ جي ٻڪريءَ کي پارائڻ لاءِ.” روئڻ لڳينءَ.
    “تون ايڏي خواريءَ کان پوءِ اهو رشتو قبول ڇو ڪيو؟”
    “مان، واپس ئي نه پئي آيس، اتي ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو هيم. پر بابا اسلام آباد اچي پهتو ۽ پنهنجا ۽ امڙ جا قسم وجھي، واپس وٺي آيو. چوڻ لڳو ته، مان برادريءَ وارن سان ڳالهه پڪي ڪري ڇڏي آهي. مان انڪار ڪندي رهيس، روئيندي رهيس. مان چيو ته اهڙي شخص سان شادي ڪري نه ٿي سگھان. رافعه جي شادي ڪرائي ڇڏيو .
    بابا، آخر ۾ ڌمڪي ڏني. ٺيڪ آهي، اسان تنهنجي ننڍي ڀيڻ جي شادي ڪرايون ٿا، پر پوءِ تون ڪڏهن به گھر نه اچجانءِ ۽ تنهنجي ماءُ ۽ مان ٻئي ڄڻا آپگهات ڪنداسين
    ان کان پوءِ، مان مجبور ٿي پيس ۽ روئيندي رڙندي شادي ٿي وئي.
    ساقي، بينچ هاڻي هميشه خالي ئي رهندي ـــ ان تي ڪو به پريمي نه ويهندو، بينچ خالي ئي رهندي.”
    تنهنجو آواز گھگهو ٿي ويو ۽ روئڻ جي آواز سان رسيور، ڪريڊل تي ڦهڪو ڪيو.
    مان، اکين ۾ آيل آبشار سان تنهنجن خطن جو فائيل ڪڍيو.
    سفاري پارڪ جي خالي بينچ جي فوٽوءَ تي تو لکي موڪليو هو:
    “خالي بينچ،
    جنهن تي ڪڏهن،
    ويٺا هياسي تون ۽ مان،
    ڪنهن خواب جيان،
    ڪنهن خيال جيان،
    هڪ حسين شام جو
    ان بينچ تي ويهي
    مان
    توکي پنهنجي من ۾
    اکين وسيلي اوتيو هو،
    ۽ توکي ياد آهي،
    ان سمي منهنجيون اکيون،
    ڪيتريون چمڪيون هيون،
    ۽ اڄ !!!؟
    ڪيتري ويران آهي،
    هيءَ بينچ
    ۽ ڪيتريون
    انڌيون آهن،
    منهنجون اکيون.
    ڪيتري اداس آهي،
    هيءَ خالي بينچ.


    ناول بابت ڪجھه رايا

    • شمس سومرو

    ...ڪهاڻي جيڪڏهن هڪ سٽ ۾ بيان ڪجي ته ناول جي شروع ۾ ڏنل خط، ان جو تت ۽ پڄاڻي آهي....
    ...هن ناول جي اڪيچار خوبين منجھان سڀ کان اهم خوبي ۽ ڏاڍو اتساهيندڙ تاثر اهو آهي ته ليکڪ ڏاڍي سيبتي نموني نوجوانيءَ جي عشق کي ڀرپور ۽ مڪمل حاصلات جو روپ ڏيندي، جدائي جي باوجود نامراد عشق ڪري پڌرو نه ڪيو آهي. ساحره ۽ ثاقب پنهنجي پنهنجي پتيءَ ۾ پيار کي ڀرپور نموني حاصل ڪن ٿا ۽ مطمئن طريقي سان ان جو حِظ وٺندي هڪٻئي کان ڌار ٿي وڃن ٿا.
    نوجواني جيڪا ٻٽاڪ جي سينٽ هڻي گھمندي آهي جڏهن نامرادي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندي آهي ته منجھانئس ولولي جو جوهر اڏامي ويندو آهي ۽ ڇنڊا تقدير تي پوندا آهن. هن ناول جي ڪردارن سان اها ويڌن ڪونهي. شروع کان پڄاڻيءَ تائين ناول پڙهندڙ کي ساڻ وٺي هلڻ سان گڏوگڏ پڙهڻ جي شوق کي مُڏو ۽ جڏو نه ٿو ڪري. پر پڙهندڙ هر ڀيري هڪئي نشست ۾ يا واري واٽيءَ سان پڙهڻ وقت تازگي ۽ بهتريءَ جو احساس محسوس ڪري ٿو. ان جو بنيادي سبب ٻولي، جمالياتي، سهنج، بي ساختگي ۽ بنا ڪنهن جھول يا وٿيءَ جي جيوت جي حقيقت پيش ڪرڻ آهي...

    شمس سومرو


    • بيدل مسرور

    هڪ سٺو ناول آهي هن ۾ کور ساتريون ڳالهيون سهڻي انداز ۾ لکيل آهن.

    بيدل مسرور


    • رئوف نظاماڻي

    ...اسحاق جي زندگيءَ ۾ بي انت ڪهاڻيون آهن، جن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. اهو سبب آهي جو هن ناول جي هر پيراگراف يا هر باب هڪ ڌار ڪهاڻي آهي. اهي پيراگراف ڌار ڌار ڪهاڻي هوندي به هڪٻئي کان ڪٽجي نه سگھيا آهن. هر پيراگراف جو هر باب سان، هر پوئين باب جو ايندڙ باب سان هڪ اٽوٽ رشتو قائم آهي. هيرو ۽ هيروئڻ هڪٻئي سان منطقي دليلن سان گفتگو ڪن ٿا. هنن ڪٿي به هارواسڪوپ جو سهارو نه ورتو آهي....
    ...خالي بينچ اهڙن ئي لطيف جذبن ۽ احساسن جي ڪٿا آهي. ڪٿي به دل جون ڊپليڪيٽ چاٻيون ٺهيل نه آهن. هڪڙا معصوم احساس آهن جيڪي پڙهندڙ جي روح جي گھراين کي ڇُهي وٺن ٿا....
    ...هن ناول جي رومانوي احساسن ۽ جذبن کي فقط اهو ئي شخص شدت سان محسوس ڪري سگھي ٿو جنهن پيار ڪيو هوندو.... اخلاق انصاري

    ناول کي پرکيو وڃي ته ان ۾ اها ڳالهه نهايت واضح نظر ايندي ته ليکڪ جو انداز داستان گوئيءَ وارو آهي جيتوڻيڪ ان ناول جي جيڪا نوعيت آهي ان ۾ ان ڳالهه جي ڪافي گنجائش هئي ته ليکڪ اڻ پورن جذبن/احساسن کي بيان ڪرڻ لاءِ اڻ پورن جملن جو استعمال ڪري ها ۽ جملن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ها. جيڪڏهن ان انداز ۾ به هڪ خود رويت هجي ته ان ۾ پڻ ساڳي سونهن پيدا ٿي وڃي ٿي پر هٿراڌو طور تي انهن جو استعمال ان تخليق جي سونهن کي متاثر ڪري ٿو. اهڙي ريت ليکڪ ڄڻ پنهنجي فطري نداز کي برقرار رکيو آهي جنهن جي ڪري پڙهندڙ ڪٿي به پاڻ کي ناول کان الڳ محسوس نه ٿو ڪري. ساڳي طرح ٻوليءَ جي سونهن کي پڻ برقرار رکڻ لاءِ تشبيهن ۽ استعارن جو مناسب استعمال ڪيو ويوآهي. خاص طور تي ان قسم جي ناول ۾ جنهن جو موضوع عشق ۽ محبت هجي ان ڳالهه جي ضرورت گھڻي هوندي آهي. ان ضرورت کي گھڻي حد تائين پورو ڪيو ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ نثر شاعريءَ جو روپ وٺي ويو آهي...

    رئوف نظاماڻي


    • تاج بلوچ

    اسحاق انصاري، پنهنجي “خالي بينچ” ۾ وجودي فلسفي جي احساس کي شعوري يا لاشعوري طريقي سان آندو آهي...

    تاج بلوچ


    • ڊاڪٽر آر.اي. شاه

    اسحاق انصاريءَ، خالي بينچ ۾ لطيف يونيورسٽيءَ کي ايترو خوبصورت ڪري پيش ڪيو آهي، جو دل پئي چاهي ته ان وقت V.C هجڻ بجاءِ شاگرد هجان ها....

    ڊاڪٽر آر.اي. شاه (وائيس چانسلر لياري يونيورسٽي، سابق وي.سي سنڌ يونيورسٽي ۽ لطيف يونيورسٽي)


    • ادل سومرو

    اسحاق انصاري به پنهنجي آتم ڪٿا جو هڪ حصو ناول جي روپ ۾ بيان ڪيو آهي ۽ هن جي خوبي اها آهي ته هن ان کي آرٽسٽڪ انداز ۾ لکيو آهي. آرٽ هميشه لازوال هوندو آهي. شاهه لطيف جي شاعري جي ابديت اڄ ڏينهن تائين ان ڪري قائم آهي ته شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ آرٽ کي آندو آهي. موضوع ساڳيا ئي آهن اهو ئي وڇوڙو، انتظار، پيار، مان سمجھان ٿو ته هن ناول لکڻ کان پوءِ اسحاق انصاري هڪ وڏو آرٽسٽ نظر آيو آهي، اهو آرٽسٽ جنهن جي اندر ۾ هڪ شاعر آهي هن جي لفظن تي گرپ آهي، مان هن کي واڌايون ڏيان ٿو، هڪ خوبصورت ناول لکڻ تي. جيستائين نوجوان دليون پيار ڪنديون رهنديون، ڌڙڪنديون رهنديون هي ناول بار بار پڙهبو رهندو ۽ بار بار ڇپجندو رهندو.

    ادل سومرو


    • گهڻن جا رايا

    خالي بينچ پڙهڻ کان پوءِ اهو محسوس ٿئي ٿو ته نثر نه پر ڄڻ شاعري جو ڪو ڪتاب پڙهي رهيا هجون.
    مشتاق ڦل

    اسحاق انصاري اڄ جي بيست سيلر ليکڪن مان هڪ آهي.
    قربان منگي

    ڪنهن به خاليپڻي ۾ ڪو آواز، ڪو رنگ، ڪا خوشبو فقط اهي اکيون ڳولهي سگھنديون آهن، جن پيار ۽ انتظار ڪيو آهي. خالي بينچ جي خاليپڻي ۾ نه ڄاڻ ڪيترين يادن جا آواز، رنگ ۽ خوشبوئون اوتيل آهن. جن جو هر محبت ڪندڙ دل ان آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڏسي ٿي ۽ پنهنجي اندر ۾ رهجي ويل خالي بينچ تي پنهنجو پنهنجو پيار پسي ٿي.
    بخشڻ مهراڻوي

    ...ناول جي پوري ڪهاڻي جواني جذبي جي اڻ جھل جذبن جو خوبصورت گيت آهي...
    فياض لطيف

    ...خالي بينچ، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ گھڻو پڙهجندڙ ناول آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر

    ...اسحاق انصاري جو هي ناول، عشق لا حاصل جو اهڃاڻ آهي. فردوس حيدر

    پيار، محبت ۽ عشق سان تمٽار اسحاق انصاري4 جو هي ڀرپور ناول آهي
    ماهين هيسباڻي

    ...ناول جو موضوع پيار ئي آهي ۽ جنهن تي ٻين هزارين ليکڪن به لکيو آهي پر انداز بيان مختلف هجڻ ڪري اها پيار ڪهاڻي پڙهڻي پوي ٿي جيڪا هڪ چري ڇوڪريءَ جي نفاستن، نزاڪتن، خوداعتمادي ۽ ٽٽڻ بابت لکيل آهي...
    نثار کوکر

    اسحاق انصاريءَ هن ناول ۾ احساسن ۽ ڪيفيتن کي تمام سٺي نموني توڙ تائين پهچايو آهي.
    قدير انصاري

    هي ناول هر دور جو آهي هن ناول ڱي پندرهن ويهه سالن کان پوءِ به پڙهڻ سان نه ٿو محسوس ٿئي ته اهو اڳ جي حالتن يا دور لاءِ بهتر هو. پر اڄ به هن جي اهميت ايتري ئي آهي جيتري اڳ هئي.
    ممتاز بخاري

    ...خوبصورت احساسن ۽ فطري جذبن جي روانيءَ وارو هي شاهڪار ناول، جيتوڻيڪ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي پر ان کي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تمام گھڻو پڙهيو ويندو آهي، انگلش ڊپارٽمينٽ جي آخري سال ۾ پڙهندڙ منهنجين سهيلين (اسحاق چواڻي) جو هڪ گروپ، جن کي سنڌي اردو، رشين، فرينچ ۽ ٻين ٻولين جي ناولن تي خاصو عبور آهي. اهي خالي بينچ کي سنڌ جي يونيورسٽين جي پس منظر ۾ لکيل سڀني ناولن کان معتبر مڃيندو آهي. ان مان ظاهر آهي ته هر نوجوان جي دل جي ڳالهه ان ۾ سمايل آهي.
    منير چانڊيو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259820
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386720
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ