ڪتاب جو نالو: بي رُخي ٽانڊا ڏِنا
مصنف: مانجھي زرداري
ڇپائيندڙ: جنسار پبليڪيشن - ميهڙ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 24 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 2488 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 309 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مانجهي زرداري جو راڌڻ شھر سان تعلق آھي، مانجھي جي شاعري ۾ مذھبي، عوامي، سونھن پرستي، قوم پرستي، سنڌ پرستي جا عڪس سمايل آھن، مانجھي راڌڻ جي بھترين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. مانجھي زرداري جي شاعري ۾ خوبصورت ڪلاسيڪل توڙي جدت جو حُسن سمايل آھي مانجھي زرداري پنھنجي ھن پيار جي پورھيئي کي مسلسل سچائي سان ڪري رھيو آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • جنسار پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 03
  • سنڌسلامت پاران
  • ارپنا
  • بي وفا جي بي رُخي ٽانڊا ڏنا
  • اداري پاران!
  • مُھاڳ
  • ادبي سفر۾
  • حمدّ باري تعاليٰ، نعت،منقبت

  • الله سائين تيڏا ڪرم ھي،
  • ڇڏي ڏي خفا ٻيا ڪين ڪي فڪر ڪر،
  • دنيا فاني دنيا فاني اٿئي پيارا دنيا فاني،
  • خدا پنھنجي پيارن پيرن جي سنڌ کي،
  • اسان جي نبيصه جو وڏو شان آھي،
  • مون کي ڀي گھرائيندو سرڪار مديني ۾،
  • منھنجو مرشد عليرضه حيدر مولا مشڪل ڪُشا آھي،
  • جيڪو حيدر جو حبدار آھي سو ماڻھو نصيبن وارو آ،
  • سيّد صغير ڪربلا ڪربلا ويا،
  • ذڪر مومنو ٻڌو ھي ڪربلا جو،
  • غزل

  • سونھن کي سلام آھي شاعري،
  • سنڌڙي جا شھباز قلندر پارت ٿئي،
  • خوشحال وطن گھرجي،
  • پيارجو گل توکي مان ڏئي نه سگھيس،
  • محفلون ۽ خوشيون چھچٽا ڪاڏي ويا؟
  • شان شوڪت اجرڪ ٽوپي،
  • اسان جي اڄڪلھه اداس دل آ،
  • ڏسي تنھنجو مرڪڻ مون کي ياد آھي،
  • ڀريا مون ساھ ٿڌڙا جوڀن آ ياد آيو،
  • زندگي جون گھڙيون ڪي ته گڏ گھارجن،
  • تو کي ڊوَ تي ڏسڻ ٿو چاھيان،
  • دل جي سودي ۾ مار کاڌيسين،
  • جا به مون توتي لکي آ شاعري،
  • آئين اڱڻ اسان جي، دلدار تنھنجا ٿورا،
  • ڪن مٽر ٿا ڦريون ۽ سرنھن ٿي ڦلي،
  • قابو تو اھڙو ڪيو آ پيار ۾
  • بي وفا جي بي رخي ٽانڊا ڏنا،
  • منھنجا کلڻا پرين، کيچلا ياد ٿئي؟
  • ڪو ھاري ويو آ شرارت جا ٽانڊا،
  • توسان جيون ڳنڍڻ جي وري آس ٿي،
  • منھنجو سائو جيون جاني،
  • پنھنجا ناتا، خوشبو ٿي ويا،
  • خلق پوڄاري پيئسي جي آ،
  • سدائين ڏولاون، ڏچن ۾ رھان ٿو،
  • ڏکن جي پڄاڻي نه جاني ٿئي ٿي،
  • ھو نه آھي ٻُسو ٻُسو ٿو لڳي،
  • ڳوٺ وارا اوھان پيار ناھي ڪيو،
  • منھنجي واعدي تي اعتبار ڪجان،
  • اڄ ايئن ھن اسان جي شھر جون اکيون،
  • جنھن دم تنھنجي تات ٿئي ٿي ،
  • ادائن سان گھوري ڪو گھائي ويو آ،
  • شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا
  • شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا
  • سارَ تنھنجي پرين سلسلا ٿي ڪري،
  • عشق آھي سُڪار جيون جو،
  • پنھنجو يار درشن اڃان ڏي،
  • سنڌ سان آھي چاھه اسان جو،
  • آ خدا ڪائنات ۾ ڪيو ھي،
  • اوھان جا اڱڻ ۽ دليون ڀي پٿر جون،
  • ڇو مرڪ رُٺل آھي،
  • سوا تنھنجي سڄڻ سائين بھارن ۾ مزو ناھي،
  • ھاءِ چانڊوڪي ۾ تنھائي پرين،
  • اک ڇنڀ ۾ وھي يار گذري وئي،
  • عيد جون، بھار جون مبارڪون اٿئي پرين!
  • وسي ديس تنھنجو ڀلارا ڀٽائي،
  • ويو لھي انتظار نيڻن جو،
  • بي رُخي دل بدن تي ھڻي ٿي چھا،
  • چاھيندڙ سان چاھ ڪيوسين،
  • ڳوٺاڻي ماحول ۾ پئي آ دل وندري!
  • مٺا ماڻھو مون کان جدائي ڪري ويا،
  • عشق وارن جو احترام ڪيو،
  • رات ڪُٺي جا ناري وئي آ،
  • سنڌ واسين جو ساھ سڪي ٿو،
  • پيار ڍوَ تي ملي مان ڏنڊو ٿي پوان،
  • ڪا ايرادن جي آھي اٽل ڇوڪري،
  • تو جو مرڪي ڏٺو دل چري ٿي پئي،
  • بي چيني ۾ قرار آيو آ،
  • نفرت جو انڪاري آھيان،
  • گھڻو ئي اوھان لاءِ سڪياسين، سڙياسين،
  • ھن سان پيار پُراڻو آھي،
  • سونھن ۽ سينگار ٿو موھي،
  • تو اجائي ڏني معيار آھي،
  • دل جا ھوندي ھُئي مرڪڻي ٽھڪڻي،
  • پيار تنھنجو ملي ويو ھن کي،
  • شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا
  • ڪير آھي جو ايڏي سخا ٿي ڪري،
  • نئين جواني جي سکي وسري نه ٿي،
  • تنھنجي آئي تن من سارو،
  • شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا
  • شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا
  • ٿورو وقت مون کي پيارا ڏيو ھان،
  • ڪا خوشي ڪو قرار ڪونھي ڪو،
  • تو کي ڏاڍو جناب چاھيون ٿا،
  • ڪين ڪندي ڪر نيڻ جھڙالا،
  • نيٺ دل جي صلاح ورتيسين،
  • زماني جي ھر پل نظر ۾ رھياسين،
  • تون جو سالن پڄاڻان آئين ڳوٺ ڏي،
  • اجرڪ ٽوپي پايو سنڌي،
  • جيئن جو نسري وھي، دل لڳي ٿي ويئي،
  • ڪھڙو ھي سماج آ،
  • مرڪندي ٿو ملين، ٿڪ لھي ٿا پون،
  • حال دل ڪنھن سان ڪيان مان دلربا،
  • ھن نگر ۾ مون ڏٺي آ سندري،
  • احساس ھئڻ گھرجي،
  • وايون

  • سوچئون ڪين صبر سان،
  • ڪارنھن جا الزام،
  • ڀورل ڀيرن جو،
  • پيار جون وايون گيت،
  • نوان نوان ڪپڙا،
  • ڏاڍو ٿي تڙپائي،
  • منھنجو ٻاروتڻ ،
  • ھن جي آمد جو ٻڌي،
  • سيڪي اَنڀون، سنگ،
  • شرميلي وينگس
  • تنھنجي يادن جا،
  • ڇو سنڌ بڻي مقتل،
  • جنھن ۾ پنھنجو ميل ٿيو،
  • ڪنھن سان سورَ سَلي،
  • ڳوٺاڻي ناري،
  • مُستقبل معمار،
  • ساري ساري رات،
  • تنھنجي ياد سکي،
  • جنسار پبليڪيشن _ ميھڙ جا آيل ڪتاب
  • ايندڙ ڪتاب

  • جنسار پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 03

    جنسار پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 03
    سمورا حق ۽ واسطا پبلشر وٽ محفوظ آهن.
    ڪتاب جو نالو : بي رُخي ٽانڊا ڏِنا
    موضوع : شاعري
    شاعر : مانجهي زرداري
    ڇاپو پهريون : جنوري 2018ع
    لي آئوٽ : شمس الدين جونيجو
    ڪمپوزنگ : نماڻو صديق مهيسر
    ڇپائيندڙ : جنسار پبليڪيشن - ميهڙ
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد. 03332634650

    ڪاپن جو تعداد : 500




    BE RUKHY TAANDHA DINA (Poetry) – By: Manjhi Zaridary
    Published by: Jinsar Publication - Mehar Sindh
    Edition, Frist January-2018.
    Composed By: Nimano Siddique Mahesar


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بي رُخي ٽانڊا ڏنا“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار مانجهي زرداري آهي.
    مانجهي زرداري جو راڌڻ شھر سان تعلق آھي، مانجھي جي شاعري ۾ مذھبي، عوامي، سونھن پرستي، قوم پرستي، سنڌ پرستي جا عڪس سمايل آھن، مانجھي راڌڻ جي بھترين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. مانجھي زرداري جي شاعري ۾ خوبصورت ڪلاسيڪل توڙي جدت جو حُسن سمايل آھي مانجھي زرداري پنھنجي ھن پيار جي پورھيئي کي مسلسل سچائي سان ڪري رھيو آھي.
    هي ڪتاب جنسار پبليڪيشن ميهڙ پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون نماڻي صديق مهيسر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    سنڌي ادبي سنگت
    جنھن جي ادبي سرگرمين
    مان مون کي لکڻ لئه جذبو
    جاڳيو
    ۽ جنھن جي
    پروگرامن
    مان اسان کي
    اتساھ ملندو رھيو،
    ۽ اتساھ ملندو رھي ٿو.
    انھي ماءٌ سنڌي ادبي
    سنگت جي نالي.

    مانجهي زرداري


    بي وفا جي بي رُخي ٽانڊا ڏنا

    بي وفا جي بي رُخي ٽانڊا ڏنا
    ڇا ڪيان ھن دلڳي ٽانڊا ڏنا

    ٿو ڪيان منٿون گهڻيون پرچي نه ٿو
    يار جي ناراضگي ٽانڊا ڏنا

    (مانجهي زرداري )


    اداري پاران!

    الله سائين جي ڪرم نوازي سان جنسار پبليڪيشن _ميھڙ پاران اڳ ۾ شاعري جا ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن جن ۾ شاعري جو پھريون ڪتاب سونھن جي بارگاھ (نماڻوصديق مھيسر) ۽ ٻيو سنڌ ڌرتي جو مھان ۽ عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي چونڊ شاعري جو ڪتاب ڇپائي اُوھان جي ھٿن ۾ آنداسين جنھن جي اوھان پڙھندڙن کان ڀرپور موٽ ملي،
    سا جنسار پبليڪيشن جي وڏي ڪاميابي آھي جو ڪتاب ھٿئون ھٿ وڪامي ويا، اسان وري ھاڻي سنڌ ڌرتي جي سيبتي شاعر مانجهي زرداري جنھن جو راڌڻ شھر سان تعلق آھي، مانجھي جي شاعري ۾ مذھبي ،عوامي،سونھن پرستي، قوم پرستي، سنڌ پرستي جا عڪس سمايل آھن، مانجھي راڌڻ جي بھترين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو جنھن جو شاعري جو ڪتاب (بي رخي ٽانڊا ڏنا) ڇپائيندي تمام گھڻي سرھائي محسوس ٿي رھي آھي، مانجھي جيان باقي آس پاس جي شاعرن جا به ڪتاب ڇپائي اوھان جي اڳيان آڻنداسين مھرباني.
    سنڌ سلامت_ساٿ سلامت


    چيئرمين جنسار پبليڪيشن_ميھڙ
    03013499251_03023277750 Email,jinsarpublication786@gmail.com


    مُھاڳ

    پيار جو ھاڪاري ۽ نفرت جو انڪاري شاعر

    مانجھي زرداري سنڌي ٻولي جو خوبصورت، سلڇڻو شاعر آھي، جيڪو پورھيت طبقي سان واسطو رکي ٿو،ھي فقير صفت جو ماڻھو سنڌي ٻولي جو اھو خوش نصيب شاعر آھي، جنھن کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي مانائتي موٽ ملي آھي، ھن جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب
    ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن جن ۾ ”جوڀن رت جون سوکڙيون“ ”قرار نيڻن جو“”دل جي صلاح “ جن علمي ادبي توڙي عوامي حلقن ۾ ڀرپور موٽ ماڻي آھي، مانھجي زرداري جي شاعري ۾ جمالياتي حُسن، سماجي بغاوت ۽ مزاحمت جا سمورا احساس سمايل آھن، مانجھي زرداري بنيادي طور رومانوي شاعر آھي، پر ھن غم جانان سان گڏ غمِ دوران کي گڏوگڏ کنيو آھي مانجھي زرداري جي شاعري ۾ ھڪ خوبي اھا به آھي ته ھن پنھنجي داخلي توڙي خارجي فڪر کي نھايتي سادگي سان اظھاريو آھي .سادگي ۾ پنھنجو حُسن سمايل ھوندوآھي، اھو خوبصورت ڏانءُ مانجھي وٽ موجود آھي، حساس شاعر جي دل مان نڪتل درد جي صدا به اسان کان ڌيان طلبي رھي آھي.
    اڄ ايئن ھن اسان جي شھر جون اکيون،
    ڄڻ ته آھن ڪي ڪاري ڪڪرجون اکيون،
    ڪنھن به جيجل جو ڪڏھين نه ڪٽجي جگر
    جاڳي انسان کولي اندر جون اکيون
    جيڪي اکيون نه آليون ٿيون سوڳ ۾،
    سي ته پڪ ساڻ آھن پٿر جون اکيون.
    مٿي بيان ڪيل سٽن ۾ شاعر انساني بي حسين ۽ بي رحمين جو حقيقي نقشو چٽيو آھي جنھن جو حق ھڪ ساڃاھ وند ڏات ڌڻي ئي ادا ڪري سگھي ٿو مانجھي زرداري پنھنجي شاعري ۾ تخليقي آرٽ جا موتي وڏي نفاست سان ٽاڪيا آھن، ھن جي غزل جي ھن چونڊ سٽن ۾ سمايل ھي من موھيندڙ احساس
    رات آڪاش کي چيو ڪڪرن،
    توکان ڌرتي ڪنوار سُھڻي آ،
    فڪر دنيا جا ٻيا سڀئي ڪوجھا،
    ھڪ محبت جي تار سھڻي آ.
    سماج ۾ مروج طبقاتي ويڇن ۽ اڻ برابرين سبب پنھنجي پيار کي نه ماڻي سگھڻ ڪري جيڪا جوان دلين مان بغاوت ڪَر موڙي اٿي آھي جنھن جي پڄاڻي ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم تي ٿئي، اھڙي صورتحال تي شاعر انسان جي فطري حق لئه آواز اٿاريندي چوي ٿو ته:
    ھن جي نيڻن ۾ پئي ٿي بغاوت بَکي،
    ڪيئن جذبن کي ڏيندي اَجل ڇوڪري،
    انگ ميرا مٽي وار وکريل اٿس،
    ڪاپريميءَ کان آھي ڇڳل ڇوڪري.
    مانجھي زرداري جو شاعري ۾ انداز بيان بيحد وڻندڙ آھي، پنھنجي پرينءَ سان سندس ھمڪلامي جو ھي نمونو پڻ ساھ ۾ سانڍڻ جھڙوآھي ،
    اوھان جا اڱڻ ۽ دليون ڀي پٿر جون،
    اچو ڪيئن اسان جا اڱڻ ھا مِٽيءَ جا،
    مفادن جون لھرون ويون نيٺ لوڙھي،
    اوھان جا وچن ڀي سڄڻ ھا مِٽيءَ جا.
    يا ھن غزل جا چونڊ بند ،
    گرم ڳل مٿان چَپَ ،سيڪيا، چيو مون،
    کلي ڳالھه منھنجي نٽائي ھليو ويو،
    ادائن سان گھوري ڪو گھائي ھليو ويو،
    سندم من کي پاڳل بڻائي ھليو ويو.
    مانجھي زرداري سنڌي ٻولي جو ٻھڳڻ قلمڪار آھي جنھن پنھنجي شاعري ۾ ھميشه پيار، امن جي پرچار ڪئي آھي نفرت جو سدائين انڪاري رھيو آھي تڏھين ته وڏي بيباڪي سان چئي رھيو آھي ته:
    نفرت جو انڪاري آھيان،
    پيار، امن پوڄاري آھيان،
    سچ چوڻ کان ڪونه رھان ٿو،
    آءُ تڏھن ڏوھاري آھيان.
    مانجھي زرداري جي شاعري ۾ خوبصورت ڪلاسيڪل توڙي جدت جو حُسن سمايل آھي مانجھي زرداري پنھنجي ھن پيار جي پورھيئي کي مسلسل سچائي سان ڪري رھيو آھي، پوري ويساھ سان چئي سگھي ٿو ته مانجھي زرداري جو ھي چوٿون آيل ڪتاب ”بي رخي ٽانڊا ڏنا“ پڙھندڙن وٽان تمام گھڻي موٽ ماڻيندو مانجھي زرداري کي ھن ادبي ڪيل پورھي جو مٺو ڦل ضرور ملندو منھنجي مانجھي زرداري جي لاءِ دعا آھي ته ھو علمي ادبي سفر جو اڻ ٿڪ مسافر رھي. (آمين ثم آمين)

    گوھر گل
    ڳورڙ ڳوٺ ولئيوکوسو ميھڙ
    03023277756


    ادبي سفر۾

    سڀ کان پھريان آءُ خدا جو شڪر ٿو ڪيان جنھن مون کي ڏات ڏني آھي جيئن ته منھنجا اڳ ۾ ٽي ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا جنھن جي اوھان پڙھندڙن کان ڀرپور موٽ ملي آھي ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو ٿورائتو آھيان جنھن مون کي سنڌ ۾ ساڃاھ وند شاعر قلمڪار، اديب دوست ڏنا مون ادبي سفر ۾ وڏي عزت مانُ مرتبو ڪمايوآھي مون کي خوشي آھي ته مون پنھنجي قوم جي لکيڻن وسيلي خدمت ڪئي جيڪا مون کي تاريخ ۾ ھميشه زنده رکندي ۽ مان ڪڏھن به پاڻ کي نڌڻڪو ناھي سمجھو ڇو جو تاريخ ئي منھنجي وارث آھي ۽ ھي شاعر منھنجي اولاد سان گڏ منھنجا وارث آھن،
    آءُ ٿورائتو آھيان پنھنجي شھر جي معززين جو جن ۾ غلام دستگير ڳورڙ صاحب،دليپ ڪمار راجاڻي صاحب، سيٺ زوار علي اصغر زرداري صاحب،ريئس افتخار رند صاحب، ٽيپو صاحب پنهنجي شاعر دوستن جو فيضل ڏنگر ۽ گلزار جهتيال، آئون ٿورائتو آھيان جنسار پبليڪيشن _ميھڙ جو جن منھنجي ڪتاب جي ڇپائي جو بار پنھنجي ذمي کنيو ۽ جنھن منھنجي ھن ڪتاب (بي رخي ٽانڊا ڏنا) جو مُھاڳ لکيو سائين گوھر گل ڳورڙ جو،نماڻوصديق مھيسر جو جنھن منھنجي ڪتاب جي سھڻي نموني ڪمپوزنگ ڪئي.

    مانجھي زرداري - راڌڻ
    030353403880


    حمدّ باري تعاليٰ، نعت،منقبت

    الله سائين تيڏا ڪرم ھي،

    الله سائين تيڏا ڪرم ھي،
    ٿي دور گيا ھر غم ھي.

    اڱڻ اسان ڏي خوشيان آيان،
    مالڪ تيڏيان لک ڀلايان،
    ٿيا وقت ڏکان دا ختم ھي.

    مالڪ تيڏي شڪر ملھاوان،
    تيڏي لک احسان پيا ڳاوان،
    تئين ڪتي ٻاجھه رحم ھي.

    ”مانجھي“ زرداري تي سائين،
    نظر ڪرم دي ڪرو سدائين،
    ميڏا عرض اھو دم دم ھي.


    ڇڏي ڏي خفا ٻيا ڪين ڪي فڪر ڪر،

    ڇڏي ڏي خفا ٻيا ڪين ڪي فڪر ڪر،
    ايندئي ڪم، اول تون خدا جو ذڪر ڪر.

    محّمدصه مٺي جو امتي ڪيو ٿئي،
    انھي لاءِ رب جو ادا تون شڪر ڪر.

    ڏئي ٻچڙا توکي رسائي ٿو روزي،
    ڏني زندگي ٿئي انھي جو قدر ڪر.

    صبح توڙي سانجهي زرداري ”مانجھي“
    الله ھو الله ھو پيو ھر پھر ڪر.


    دنيا فاني دنيا فاني اٿئي پيارا دنيا فاني،

    دنيا فاني دنيا فاني اٿئي پيارا دنيا فاني،
    وڃي ڪر راضي مالڪ کي متان پڇتائين پوءِ جاني.

    وڏو نالو آ مالڪ جو ،وڏائي به سونھين ان کي،
    باقي ماڻھو مٽيءَ ملندو نه رھندي ڪنھن جي منماني.

    جنھن نفرت کان نفرت ڪئي، جنھين محبت کي من ۾ لاٿو،
    خدا تائين اھي رسيا، بڻايو جن برھ باني.

    نبيصه سردار جي صدقي ”مانجھي“ مولا مون بخشيندو،
    ميرا مُندا بندا آھيون ڪندو پنھنجي مھرباني.


    خدا پنھنجي پيارن پيرن جي سنڌ کي،

    خدا پنھنجي پيارن پيرن جي سنڌ کي،
    سکيو رک سدائين فقيرن جي سنڌ کي.

    ڀٽائي، قلندر، سچل جي مُھابي،
    محبت جي سائين سفيرن جي سنڌ کي.

    بلاول ۽ ھوشو، دريا خان، دودو،
    وطن جي لاءِ وڙھيا سي شھيدن جي سنڌ کي.

    ”مانجھي“ جون مولا اَگھائج دعائون،
    آجو ڪر ڏکن کان ھيرن جي سنڌ کي.


    اسان جي نبيصه جو وڏو شان آھي،

    اسان جي نبيصه جو وڏو شان آھي،
    وڃي عرش تي ٿيو مھمان آھي.

    خدا پاڪ جو آھي محبوب مدني،
    ٿيو جنھن تي نازل قرآن آھي.

    دُرود نبيصه تي پڙھندا ئي رھجو،
    اھو ربّ سندو ٿيو فرمان آھي.

    محّمدصه مٺي جو اُمَتي ڪيو ٿَئين،
    اھو ”مانجھي“ ربّ جو احسان آھي.


    مون کي ڀي گھرائيندو سرڪار مديني ۾،

    مون کي ڀي گھرائيندو سرڪار مديني ۾،
    ديدار ڪرائيندو دلدار مديني ۾.

    ھر پاڙو گھٽي گهمبي ۽ پاڪ مٽي چمبي،
    ڪجھه وقت رھائيندو منٺار مديني ۾.

    محبوب جي چاٺ چمان، ويھي نعت صلوات پڙھان،
    سڪ سان سڏائيندو حبدارُ مديني ۾.

    ھي”مانجھي“ زرداري جي نيٺ دعا اگھبي،
    غم لاھيندو دل جا غمٺار مديني ۾.


    منھنجو مرشد عليرضه حيدر مولا مشڪل ڪُشا آھي،

    منھنجو مرشد عليرضه حيدر مولا مشڪل ڪُشا آھي،
    عليرضه رھبر اول آخر مولا مشڪل ڪشا آھي.

    وڃي ڏس مست ملنگن کي عليرضه جا جي آھن عاشق،
    ھڻن نعرا پيا ھر ھر مولا مشڪل ڪشا آھي.

    چئي نادي عليرضه نادي ڪيا سردار ٿئي سڏڙا،
    اچي حيدر کٽي خيبر، مولا مشڪل ڪشا آھي.

    مولائي”مانجھي“ زرداري عليرضه جو شان ڇا لکندو!
    ناھي جنھن جو ڪوئي ھمسر، مولا مشڪل ڪشا آھي.


    جيڪو حيدر جو حبدار آھي سو ماڻھو نصيبن وارو آ،

    جيڪو حيدر جو حبدار آھي سو ماڻھو نصيبن وارو آ،
    جنھن جو پنجتن پاڪ سان پيار آھي، سو ماڻھو نصيبن وارو آ.

    پاڪ بتول جي ٻچڙن جو جيڪو مومن دل سان غم ٿو ڪري
    جيڪو سيدن جو عزادار آھي، سو ماڻھو نصيبن وارو آ.

    آ دنيا عُقبا جو والي ۽ قبر محشر ۾ شافي آ،
    جنھن جو سائين سچو سردار آھي، سو ماڻھو نصيبن واروآ.

    ”مانجھي“ زرداري ٿو شڪر ڪريان ،مون کي مرشد شاھي مردان مليو
    جنھن جو حامي حيدر قرار آھي، سو ماڻھو نصيبن واروآ.


    سيّد صغير ڪربلا ڪربلا ويا،

    سيّد صغير ڪربلا ڪربلا ويا،
    ڪُسجي نبيءَ ؐ جا لاڏلا لاڏلا ويا.

    دربار ھئي يزيد جي بي پردا پاڪ ھئا،
    ڪيڏا وڏا ٿي زلزلا زلال ويا.

    راھه خدا ڪجهه سڀ صدقي حُسينَرضه ڪيو،
    سارا ختم ٿي سلسلا سلسلا ويا.

    ”مانجھي“ پئي مديني روئي نبيصه جي نياڻي،
    جنھن کان جدا ٿي ڀرجھلا ڀرجھلا ويا.


    ذڪر مومنو ٻڌو ھي ڪربلا جو،

    ذڪر مومنو ٻڌو ھي ڪربلا جو،
    ڏکن سان ڀريل آ قصو ڪربلا جو.

    ٿيو بند پاڻي ۽ خيمن کي باھيون،
    وڏو سور آھي اِھو ڪربلا جو.

    اڃان تائين ڌرتي آ رت ساڻ ڳاڙھي،
    وڃي اڄ به ميدان ڏسو ڪربلا جو.

    زمين به رُني پئي آسمان به رُنو ٿئي،
    رُنو جنھن به واقعو ٻڌو ڪربلا جو.

    سيدن جي غم ۾ مون زرداري ”مانجھي“
    ويھي مرتيو آ لکيو ڪربلا جو.


    غزل

    سونھن کي سلام آھي شاعري،

    سونھن کي سلام آھي شاعري،
    پيار جو پيغام آھي شاعري.

    حال دل جو جنھن ۾ آھي اوريو،
    قرب جو ڪلام آھي شاعري.

    دردن جي آھي اٿل اي دوستو!
    عشق جو انجام آھي شاعري.

    نيھن جا چاڙھي نشا ٿي ڇڏي،
    پريت جو ڄڻ جام آھي شاعري.

    ”مانجھي“ زرداري کي جنھن شُھرت ڏني،
    تنھنجي ڪئي مون نام آھي شاعري.


    سنڌڙي جا شھباز قلندر پارت ٿئي،

    سنڌڙي جا شھباز قلندر پارت ٿئي،
    ڄاڻين ٿو سڀ راز، قلندر پارت ٿئي.

    تون آن خدا جو پيارو اي اولاد عليرضه،
    توتي ڪيون ٿا ناز، قلندر پارت ٿئي.

    آءُ مدد ڪر مرشد سائين مشڪل ۾،
    پھچ ڪري پرواز، قلندر پارت ٿئي.

    ھڪڙي ”مانجھي“ زرداري جي ناھي صدا،
    سنڌ سڄي آواز، قلندر پارت ٿئي.


    خوشحال وطن گھرجي،

    خوشحال وطن گھرجي،
    ۽ پيار امن گھرجي.

    جت سک جا گل مھڪن،
    اھڙو ٿو چمن گھرجي.

    نفرت کي ڪرڻ ھاڻي،
    بس يار دفن گھرجي.

    شل کيت رھن ساوا،
    سُرھاڻ ۽ اَنُ گھرجي.

    ”مانجھي“ مُئي کان پو،
    اجرڪ جو ڪفن گھرجي.


    پيارجو گل توکي مان ڏئي نه سگھيس،

    پيارجو گل توکي مان ڏئي نه سگھيس،
    توڙي گھمياسين گڏ گلابن ۾.

    وقت ماضي مٺي ويو گذري،
    خوف خطرن ۽ ٻيو حجابن ۾.

    تنھنجي درشن مان ڊوءُ ٿئي نه ٿو،
    تون ٿي گذرين وڃين نقابن ۾.

    ٽھڪ، مرڪون، خوشيون رھيون ناھن،
    ھاڻ گھاريون پيا عذابن ۾.

    عشق جي آ ڪٿا لکي ”مانجھي“
    پئي پڙھجان اٿئي ڪتابن ۾.


    محفلون ۽ خوشيون چھچٽا ڪاڏي ويا؟

    محفلون ۽ خوشيون چھچٽا ڪاڏي ويا؟
    زندگي تون ٻڌاءِ سڀ مزا ڪاڏي ويا؟

    جن ڏٺي روح راحت رسندي ھئي،
    دل گھريا دلربا، لاڏلا ڪاڏي ويا؟

    ٿو پري کان کيڪاري ڦڪي کل کلي،
    ھن جون مرڪون ۽ ڀاڪر ٻٽا ڪاڏي ويا؟

    اڄ ته ھر ماڻھو ٿي پيو آھي مطلبي،
    ٻي مطلب جي ھئا، ڀرجھلا ڪاڏي ويا؟

    قرب واريون ڪچھريون ڪيوسين جتي،
    ڳوٺ واريون گھٽيون ۽ ٿَلھا ڪاڏي ويا؟

    اڻ ميو پيار جن ٿي”مانجھي“ ڏنو،
    سي ماڻھو مٺا ھا سچا، ڪاڏي ويا؟


    شان شوڪت اجرڪ ٽوپي،

    شان شوڪت اجرڪ ٽوپي،
    سنڌ جي ثقافت اجرڪ ٽوپي.

    وڏڙن کان ورثي ۾ آ ملي،
    آھي امانت، اجرڪ ٽوپي.

    سنڌ واسي پيا پائينداسين،
    تا قيامت، اجرڪ ٽوپي.

    ”مانجھي“ زرداري چئي سنڌ جي،
    آھي زينت، اجرڪ ٽوپي.


    اسان جي اڄڪلھه اداس دل آ،

    اسان جي اڄڪلھه اداس دل آ،
    اچن پيا سڏڪا رھي نه کل آ.

    ايئن پيا ٿا جيون گذاريون،
    ڪراس ڪرڻي ٽريفڪ ۾ پل آ.

    جنھن کي تنھن کي سمجهون سڄڻ ٿا،
    اھا اسان جي پنھنجي ڀل آ.

    لکيا مون جنھن لاءِ ھي گيت آھن،
    انھي ماڻھو کي نه ڪائي ڪَلَ آ.

    ڏکارو ٿي مان ويس محفل مان،
    چيو نه ھن ”مانجھي“ تون وَلِ آ.


    ڏسي تنھنجو مرڪڻ مون کي ياد آھي،

    ڏسي تنھنجو مرڪڻ مون کي ياد آھي،
    تنھنجو پيار آڇڻ مون کي ياد آھي.

    اکين سان اکيون جو مليون پنھنجون جانم،
    تيز دل جو ٿيو ڌڙڪڻ، مون کي ياد آھي.

    ڀاڪر ڀريو مان، ۽ چيُئي مھربانيون،
    تنھنجو ھلندي ترڪڻ، مون کي ياد آھي.

    پني پين کي مون چميو ھو چپن سان،
    توتي شعر سرجڻ، مون کي آ ياد آهي.

    منهنجو شهر ”مانجهي“ تون ڇالئه ڇڏين ٿو،
    چئي تنهنجو سڏڪڻ مون کي ياد آھي.


    ڀريا مون ساھ ٿڌڙا جوڀن آ ياد آيو،

    ڀريا مون ساھ ٿڌڙا جوڀن آ ياد آيو،
    تو ھو ڏنو اکين سان ڪاشن آ ياد آيو.

    تنھنجي ڳلي مان گذرڻ ۽ تنھنجي گھرڏي گھورڻ،
    تنھنجو ڪندو ويندو ھس درشن آ ياد آيو.

    توسان ملڻ جي تياري مون ٿي ڪئي پياري،
    سينڌ، مُساڳ، سُرمو، درپن آ ياد آيو.

    تون ويئن قدم گھمائي، مون ٿي چميو مٽي کي،
    پنھنجي اباڻي گھر جو آگن آ ياد آيو.

    زرداري ”مانجھي“ڏي توماکي مکڻ مُڪو ھو،
    سو اڄ وري اچانڪ برتن آ ياد آيو.


    زندگي جون گھڙيون ڪي ته گڏ گھارجن،

    زندگي جون گھڙيون ڪي ته گڏ گھارجن،
    پيار جي ڇانوَ ۾ ڪجھه دليون ٺارجن.

    تون ھُتي ٿي سِڪين مان ھتي ٿو سڪان،
    ڇو جدائي ۾ پنھنجا جگر ڳارجن.

    ٺاھي ڪاغذ جون ٻيڙيون پاٻوھ مان،
    گڏجي پاڻي مٿان سي سکي تارجن.

    ھڪ دفعو آ ھلي ”مانجھي“ زرداري ڏي،
    ھڪ ٻئي کي پريت جا پيالا پيارجن.


    تو کي ڊوَ تي ڏسڻ ٿو چاھيان،

    تو کي ڊوَ تي ڏسڻ ٿو چاھيان،
    تو تي شعر لکڻ ٿو چاھيان.

    توکي دلڙي پسند ڪيو آ،
    تڏھن تنھنجو ٿيڻ ٿو چاھيان.

    تنھنجي زلفن ۽ ڳلڙن جو،
    پياري واس وٺڻ ٿو چاھيان.

    جيون جي خوشين جون گھڙيون،
    تنھنجي نانءُ ڪرڻ ٿو چاھيان.

    ”مانجھي“ زرداري راڌڻ ۾،
    توسان گڏجي گھمڻ ٿو چاھيان.


    دل جي سودي ۾ مار کاڌيسين،

    دل جي سودي ۾ مار کاڌيسين،
    حُسن آڏو جو ھارَ کاڌيسين.

    توسواءِ پل پرين سري ئي نه ٿي،
    ڪَسُ تڏھن ته يار کاڌيسين.

    حڪم تنھنجا ھڙئي مڃياسين پئي،
    ڪونه تنھنجي معيار کاڌيسين.

    تو ڏکايو به ھوندو ”مانجھي“ کي،
    ڪونه توتي ڪا خار کاڌيسين.


    جا به مون توتي لکي آ شاعري،

    جا به مون توتي لکي آ شاعري،
    ساھ ۾ سانڍي رکي آ شاعري.

    روز اخبارن، رسالن ۾ پرين!
    پئي ٿي ڇپجي تو ڏٺي آ شاعري!

    ھر جڳھه تي داد، من آھي مليو!
    جاٿي ڀي مون ھي پڙھي آ شاعري.

    يار سڀئي ويا ڇڏي تڪليف ۾،
    پرڇڏيو ناھي، سچي آ شاعري.

    عشق تنھنجي ۾ جيڪا ”مانجھي“ رچي،
    سا!مون کي ڏاڍي مٺي آ شاعري.


    آئين اڱڻ اسان جي، دلدار تنھنجا ٿورا،

    آئين اڱڻ اسان جي، دلدار تنھنجا ٿورا،
    دل کي خوشي ملي آ، سرڪار تنھنجا ٿورا.

    مان ٿو خوشي منجھان اڄ ڪپڙن ۾ نه ماپان،
    تو ھي خوشي ڏني آ، منٺار تنھنجا ٿورا.

    اڄ ڪلھه جو پيار ناھي، ننڍ پڻ جو آھي ناتو،
    سالن کان پوءِ لڌي تو آ سارَ، تنھنجا ٿورا.

    دل ٿي چوي نچان مان، ڳايان خوشي جا گانا،
    ڏک ،سور سڀ لھي ويا، غمٺار تنھنجا ٿورا.

    زرداري”مانجھي“تنھنجي عشق ڪيوآ شاعرُ!
    ويٺو لکان مان توتي ھر وار، تنھنجا ٿورا.


    ڪن مٽر ٿا ڦريون ۽ سرنھن ٿي ڦلي،

    ڪن مٽر ٿا ڦريون ۽ سرنھن ٿي ڦلي،
    تنھنجي يادن جي پوءِ ڄڻ دري ٿي کلي.

    چيٽ ۾ کيت ۾ گل پيا رقص ڪن،
    رُتُ بسنت سنڌ جي ھوا ٿي گھلي.

    عيد، شادي، خوشي، جي ڪنھن ميڙ ۾،
    ڪوئي ڪنھن سان جي مرڪي ڳلي ٿو ملي.

    ھو اچي پيو اسان جي شھر ڏي وري،
    ڳالھه سنگت ۾ سُھڻا جڏھن ٿي ھَلي.

    توسان گھاريل گھڙيون پيار پاٻوھ جون،
    ”مانجھي“ زرداري پيارا، ڪٿي ٿو ڀُلي.


    قابو تو اھڙو ڪيو آ پيار ۾

    قابو تو اھڙو ڪيو آ پيار ۾
    جيئن مڇي ڦاسي پوي ڪا ڄار ۾

    جي نه ٿو توکي ڏسان بي چين ھان،
    ساھه منھنجو آھي تو منٺار ۾.

    دل رڳو ديدار تنھنجو ٿي گھري،
    ڪونه ٿو ٻيو ڪجھه وڻي سنسار ۾.

    جي ڪرين سينگار ٿو ايئن لڳي،
    ڄڻ ٽڙيون آ گل ڪوئي گلزار ۾.

    مرڪ تنھنجي سان منهنجو جيون ايئن،
    جيئن ھجي ٿو ٿر مٺا وسڪار ۾.

    ”مانجھي“ مون کي موت ڀي منظور آ
    پر مران مان تنھنجي ٻانھن ھار ۾


    بي وفا جي بي رخي ٽانڊا ڏنا،

    بي وفا جي بي رخي ٽانڊا ڏنا،
    ڇا ڪيان ھن دل لڳي ٽانڊا ڏنا.

    ٿو ڪيان منٿون گھڻيون پرچي نه ٿو،
    يار جي ناراضگي ٽانڊا ڏنا.

    منھن لڪائي، دل سڪائي ٿي وڃي،
    ھن جي مغروري، مڳي ٽانڊا ڏنا.

    چال ھن جي کي نه مان سمجھي سگھيس،
    مون کي پنھنجي سادگي ٽانڊا ڏنا.

    چيلھه ھن جي ۾ پئي ڀاڪر وجھي،
    سونھن واريءَ جي سڳي ٽانڊا ڏنا.

    ٿو پلڻ چاھيان مگر پلجي نه ٿي،
    مون کي پنهنجي دل چري ٽانڊا ڏنا.

    ”مانجھي“ مان ھرپل پيو سڙندو وتان،
    ڇا ته آھن عاشقي ٽانڊا ڏنا.


    منھنجا کلڻا پرين، کيچلا ياد ٿئي؟

    منھنجا کلڻا پرين، کيچلا ياد ٿئي؟
    پيار ماضي سدا سلسلا ياد ٿئي؟

    تنھنجي لاءِ مون به آندا ھا ڀٽ شاھ تان،
    ھار، چوڙيون، ڪنگڻ ۽ ڇلا ياد ٿئي؟

    تنھنجي پوڄا ڪندي ڪنھن ڏسي ھو ورتو،
    ڪيئن آيا ھئا، زلزلا ياد ٿئي؟

    پيار جي پنڌ مان پيو ته ٿڪجي ھيس،
    تو ڏنا ھئا مون کي، حوصلا ياد ٿئي؟

    پيار پنھنجي تي جيڪي سڙندا ھئا،
    سي ماڻھو مخالف، ڀلا ياد ٿئي؟

    روز ”مانجھي“ تون منھنجي اڱڻ ايندو ڪر،
    تو چيو ھو پئي، دل جلا ياد ٿئي؟


    ڪو ھاري ويو آ شرارت جا ٽانڊا،

    ڪو ھاري ويو آ شرارت جا ٽانڊا،
    پيا ڳوٺ ساڙن، عداوت جا ٽانڊا.

    اڏيو ھيم جيڪو مون سپنن جو گھرڙو،
    جلائي ويا سو، روايت جا ٽانڊا.

    ويا نرم آواز ساڙي سمورا،
    زبان تي، ٻريا ٿي شڪايت جا ٽانڊا.

    اڙي! پيار ويري سڙي تون به ويندين،
    ٻرن ٿا تنھنجي گھر، بغاوت جا ٽانڊا.

    ننڍي لاڪون ڪنھن جي حصي ۾ اچي وئي،
    وھيءَ ۾ کنيائين، ورھاست جا ٽانڊا.

    ننگي پير عاشق وڃي ڪيئن پيو ٿو،
    وڇيل راھ ۾ ھن، قيامت جا ٽانڊا.

    امن، پيار ”مانجھي“ سڙي خاڪ ٿي ويو،
    وسائي نه سگھيس مان، نفرت جا ٽانڊا.


    توسان جيون ڳنڍڻ جي وري آس ٿي،

    توسان جيون ڳنڍڻ جي وري آس ٿي،
    دل ۾ چنڊ کي ڇُھڻ جي وري آس ٿي.

    تو گلابي اکين سان وري گھوريو،
    تو ڏي ھر ھر ڏسڻ جي وري آس ٿي.

    دل جي تختيءَ مٿان او سکي!سانوري،
    نانءُ تنھنجي لکڻ جي وري آس ٿي.

    پائي ڪپڙا نوان، سينڌ سھڻي ڪڍي،
    تنھنجي سامھون اچڻ جي وري آس ٿي.

    توکي مون سان سچي ڏس ڪيڏو پيارآ؟
    اڄ به توکان پڇڻ جي وري آس ٿي.

    تانگھه ”مانجھي“ مون کي آھي بيتاب ڪيو،
    توکي اڄ ئي چمڻ جي وري آس ٿي.


    منھنجو سائو جيون جاني،

    منھنجو سائو جيون جاني،
    رڻ پٽ ٿي ويو، توبن جاني.

    صحرا ۾ جيئن زخمي پنڇي،
    آسون تيئن ٿيون تڙپن جاني.

    ڪُرڙي پاڻيءَ کان جيئن ٻاھر،
    جذبا تيئن ٿا ڦٿڪن جاني.

    ساڙي ٿو جيئن پارو اک کي،
    ساڙي دل تيئن دردن جاني.

    پيريءَ ۾ تبديل ٿي پيو،
    منھنجو ڄڻ ھي جوڀن جاني.

    توريءَ ٿو سنسان لڳي اڄ،
    شھر سمورو راڌن جاني.


    پنھنجا ناتا، خوشبو ٿي ويا،

    پنھنجا ناتا، خوشبو ٿي ويا،
    آسون، جذبا، خوشبو ٿي ويا.

    تون جي آئين ڳوٺ اسان جي،
    رستا سارا ، خوشبو ٿي ويا.

    تو لاتو پاٻوھ مان سيني،
    دل جا ڌھڪا خوشبو ٿي ويا.

    تنھنجا پيارا گفتا ٻُريا،
    واءُ جا جھونڪا، خوشبو ٿي ويا.

    منھنجا گيت لکيل اوسھڻا،
    تو جو ڳاتا، خوشبو ٿي ويا

    تنھنجا ھٿ چميا مون سائين،
    ساھ جي سھڪا، خوشبو ٿي ويا.

    مُرڪن ۽ ٽھڪن سان ”مانجھي“
    جيون لمحا، خوشبو ٿي ويا.


    خلق پوڄاري پيئسي جي آ،

    خلق پوڄاري پيئسي جي آ،
    اڄ ڪلھه ياري پيئسي جي آ.

    جلسه جھڙپون، بم ڌماڪا،
    مارو ماري پيئسي جي آ.

    مسڪين جي ڪانه ٻڌي ٿي
    پوليس پياري پيئسي جي آ.

    ھر ماڻھو ٿو چاھي ترقي،
    وارو، واري پيئسي جي آ

    چڱا ڀلا ھن چانھه جي پويان،
    خوش بھاري پيئسي جي آ.

    ڪنھن ڪنھن تي تون لکندي ”مانجھي“
    دنيا ساري پيئسي جي آ.


    سدائين ڏولاون، ڏچن ۾ رھان ٿو،

    سدائين ڏولاون، ڏچن ۾ رھان ٿو،
    ڪٿي يار آئون ٺٺن ۾ رھان ٿو.

    خوشي جو مون نالو ٻڌو آ ٻين کان،
    مگر مان ڏکن جي ٻکن ۾ رھان ٿو.

    مٺي ھاڻ پنھنجي اکين ۾ رھاءِ تون،
    الائي ڪڏھن کان خطن ۾ رھان ٿو.

    ھوا حالتن جي اڏاري وڃي ٿي،
    اوھان جي ڳليءَ جي ڪکن ۾ رھان ٿو.

    سکي سونھن پوڄڻ عبادت ٿو سمجھان،
    متان سمجھين تنھنجي ڏٽن ۾ رھان ٿو.

    مون کان ڏات پنھنجي رُسي ڇونه ”مانجھي“
    مان پنھنجي جو معاشي خفن ۾ رھان ٿو.


    ڏکن جي پڄاڻي نه جاني ٿئي ٿي،

    ڏکن جي پڄاڻي نه جاني ٿئي ٿي،
    غمن ۾ گذر زندگاني ٿئي ٿي.

    صنم سارَ تنھنجي ھميشه اچي ٿي،
    کسي چين مون کان رواني ٿئي ٿي.

    زماني جي ھن کي ڪا پرواھ ناھي،
    جواني ڀي ڏاڍي يگاني ٿئي ٿي.

    پتو ئي نه ٿو پئي وڃي ٿي وھامي،
    اگر رات ڪا ئي سُھاني ٿئي ٿي.

    سڄو ڏينھن ويٺو مان، ٻيڙيون ٻڌان ٿو،
    مگر پو به پوري نه ماني ٿئي ٿي.

    پليان ٿو گھڻو پر نه ٿي ”مانجھي“ پلجي،
    ڪيان ڇا چري دل ديواني ٿئي ٿي.


    ھو نه آھي ٻُسو ٻُسو ٿو لڳي،

    ھو نه آھي ٻُسو ٻُسو ٿو لڳي،
    اڳ ته ڏاڍو ھي ماڳ وڻندو ھو.

    گيت ٻڌندي ئي پوندو جھومي ھيس
    عشق جو ھو ته ، راڳ وڻندو ھو.

    پاڻ ٺاھي ويندو ھُيس ھن ڏي،
    سينڌ، سُرمو، مُساڳ وڻندو ھو.

    ٻين جا ڪُڪَڙ، ڪباب، پاسي تي،
    ھُن ڏانھن آيل به ساڳ وڻندو ھو.

    ھو جو منھنجو ھيو،تڏھن ”مانجھي“
    پنھنجي قسمت ۽ ڀاڳ وڻندو ھو.


    ڳوٺ وارا اوھان پيار ناھي ڪيو،

    ڳوٺ وارا اوھان پيار ناھي ڪيو،
    منھنجون بابا کي پو ڇو ٿا دانھون ڏيو.

    ھارُ ڀي آ اکين تي مان صدقي وڃان،
    پر ڳلي لائي پنھنجون ھي ٻانھون ڏيو.

    پيار ويرين جون نظرون، ٿيون گوليون لڳن،
    يار پنھنجي اکين ۾ پناھون ڏيو.

    جي ڏيو ٿا ته ”مانجھي“ کي اتساھ ڏيو،
    مايوس ڪندڙ نه صلاحون ڏيو.


    منھنجي واعدي تي اعتبار ڪجان،

    منھنجي واعدي تي اعتبار ڪجان،
    آئُون ايندس تون انتظار ڪجان.

    ھيل عيدون اچي ڪبيون توسان،
    دل جون ڳالھيون پرين ھزار ڪجان

    تون گلن جو ڪرين متان ڪو خفو،
    پنھنجون ٻانھون ئي منھنجو ھار ڪجان.

    ڏينھن گذري ويندا وڇوڙي جا،
    پاڻ کي تون نه بيقرار ڪجان.

    حسرتون سڀ ڪجان پرين پوريون،
    پوءِ پل ۾ ”مانجھي“ سان پيار ڪجان


    اڄ ايئن ھن اسان جي شھر جون اکيون،

    اڄ ايئن ھن اسان جي شھر جون اکيون،
    ڄڻ ته آھن ڪي ڪاري ڪڪر جون اکيون.

    ھو ته ٻوٽي اکيون ويو پنھنجي ماڳ ڏي،
    ويو ڪري آھي آليون ولر جون اکيون.

    ڪنھن به جيجل جو ڪڏھن نه ڪٽجي جگر،
    جاڳي انسان کولي اندر جون اکيون،

    جيڪي اکيون نه آليون ٿيون سوڳ ۾،
    سي ته پڪ ساڻ آھن پٿر جون اکيون.

    لڙڪ لاڙي ٻين ته اگھي ڀي ڇڏيا!
    رت روئن ٿيون اڃان ”مانجھي“ گھرجون اکيون.


    جنھن دم تنھنجي تات ٿئي ٿي ،

    جنھن دم تنھنجي تات ٿئي ٿي ،
    سوچن جي سڪرات ٿئي ٿي.

    تنھنجي سار اچڻ سان ساٿي،
    اڻ تڻ ۽ فڪرات ٿئي ٿي.

    لڇ پڇ ۽ بي چيني ۾ ھا،
    فرڪت واري رات ٿئي ٿي.

    پر جي پيارا اک ٽپڪي ٿي،
    سپنن جي پوءِ جھات ٿئي ٿي.

    توبن دل جي آڳرڙي تي،
    وھمن جي پنچائت ٿئي ٿي.

    غم جا بادل ڀرجي اچن پيا،
    لڙڪن جي برسات ٿئي ٿي.

    پاڻ کي ماري ڇڏيان ”مانجھي“
    ڪڏھن اھڙي جذبات ٿئي ٿي.


    ادائن سان گھوري ڪو گھائي ويو آ،

    ادائن سان گھوري ڪو گھائي ويو آ،
    سندم من کي پاڳل بنائي ويو آ.

    گرم ڳل مٿان چَپَ سيڪيان، چيو مون،
    کلي ڳالھ منھنجي نٽائي ويو آ.

    وٺي دلڙي مون کان نه پنھنجي ڏنائين،
    ايئن دلڙي منھنجي ڦٻائي ويوآ.

    ڦٽي آس من ۾ ٻکيا ٻانھن ھن کي،
    مگر آس ۾ ئي رھائي ويو آ.

    سڄي رات جاڳي ڪٽيان ٿو مان ”مانجھي“
    صفا ننڊ اکين مان اُڏائي ويو آ.


    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    ساھه ،سِرُ صدقي ڪيو تو قوم تان،
    تنھنجي شھادت کي سلام آ بينظير!

    ڪين ڪڏھن تون جھڪيئن جابر اڳيان!
    تنھنجي جرت کي سلام آ بينظير!

    ملڪ ساري کي ڪيو خوشحال تو،
    تنھنجي سياست کي سلام آ بينظير!

    ھاري ناري جي لڌي تو سارَ پئي،
    تنھنجي صداقت کي سلام آ بينظير!

    ڪين ڪنھن کي تو ڇڏيو تڪليف ۾،
    تنھنجي عظمت کي سلام آ بينظير!


    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    ڪيو ظلم ڪيڏو وڏو بي ضمير آ،
    ڇني جنھن اسان کان ڀيڻ بينظير آ.

    سڄي ملڪ ۾ اڄ ھر اک آ آلي،
    جدا ٿي وئي خوشين جي سفير آ.

    ڀٽو آھي زندھ ڀٽو، زندھ رھندو،
    اھو ئي ته ظالم جي اک ۾ لڳو تيرآ.

    ڀٽو جي مشن کي پورو ڪنداسين،
    جابر جي دل ۾ ھڻڻو ھي ڪِيرُ آ.

    اسان “مانجھي“ ماڻھو مايوس ناھيون،
    ايندو بلاول، جنھن جي اُڪير آ.


    سارَ تنھنجي پرين سلسلا ٿي ڪري،

    سارَ تنھنجي پرين سلسلا ٿي ڪري،
    منھنجي سوچن اندر ٿرٿلا ٿي ڪري،

    پاڻ سان درد کي ڀي وٺيون ٿي اچي،
    منھنجي من ۾ اچي ڪربلا ٿي ڪري.

    منھنجا جذبا ستل ٿي جاڳائي ڇڏي،
    روز پيدا نئوان ولولا ٿي ڪري.

    ھاڻي منھنجي رھي ڪانه آ پوءِ ڀي،
    پنھنجي چيچن ۾ منھنجا ڇلا ٿي ڪري.

    مان ته مايوس ”مانجھي“ ٿو ھردم رھان،
    ھو ھماليا جيان حوصلا ٿي ڪري.


    عشق آھي سُڪار جيون جو،

    عشق آھي سُڪار جيون جو،
    نينھن ناھي ڏڪار جيون جو.

    ھن جو چاھيو ته پاڻ ٺاھيوسين،
    چاھ آھي سينگار جيون جو

    باغ دل جي ۾ گل ٽڙي ٿا پون،
    پيار آھي بھار جيون جو.

    ھن کي ڏسندي ئي ٿڪ لھي ٿا پون،
    يار آھي قرار جيون جو.

    پيار جڳ ۾ وڃي ورھاءِ ”مانجھي“
    آ اھو ئي ميار جيون جو.


    پنھنجو يار درشن اڃان ڏي،

    پنھنجو يار درشن اڃان ڏي،
    نه ٿا نيڻ ڊاپن اڃان ڏي اڃان ڏي.

    ملڻ ساڻ تنھنجي ٺھي زندگي آ،
    اھوساٿ ساجن، اڃان ڏي اڃان ڏي.

    جيئن گيت منھنجا بلندين تي پھچن،
    خدا ڏات ۽ فن اڃان ڏي اڃان ڏي.

    لڳي ٿو جواني ڪري ٿي جدائي،
    مولا مون کي جوڀن اڃان ڏي اڃان ڏي.

    ڏنئي وقت مون کي تنھنجي مھرباني!
    پرين پر گھڙي کن اڃان ڏي اڃان ڏي.


    سنڌ سان آھي چاھه اسان جو،

    سنڌ سان آھي چاھه اسان جو،
    سنڌ ۾ آھي ساھه اسان جو.

    سنڌ جي ويري سان ڪڏھن به،
    ٿيڻو ناھي ٺاھه اسان جو.

    تيل ۽ گئس تي ڌاڙا آھن،
    ۽ ٿو سُڪي درياھه اسان جو.

    سنڌ ۾ لعل قلندر آھي،
    ۽ ٻيو ڀٽ جو شاھه اسان جو.

    مھمان نواز جوآھيون ”مانجھي“
    آھي اھوئي گناھه اسان جو.


    آ خدا ڪائنات ۾ ڪيو ھي،

    آ خدا ڪائنات ۾ ڪيو ھي،
    اوچو اعليٰ مقام ماڻھوءَ جو،

    پاڻ ماڻھو مري ويندو آھي،
    ڳالھه رھندي آ نام ماڻھو جو.

    جي ٿو چاھين ته محترم سڏجا،
    پھريان ڪر احترام ماڻھوءَ جو.

    آھي افسوس جو ڍڳن وانگي،
    ٿي ويو آ دام ماڻھوءَ جو.

    ريءَ خواري جي ڪجھه نه حاصل ٿئي،
    قرب ئي گھوريو خام ماڻھوءَ جو.

    آھي دولت به شئي سٺي ليڪن،
    عزت آھي انعام ماڻھوءَ جو.


    اوھان جا اڱڻ ۽ دليون ڀي پٿر جون،

    اوھان جا اڱڻ ۽ دليون ڀي پٿر جون،
    اچو ڪيئن، اسان جا اڱڻ ھا مِٽيءَ جا.

    وسي غم جي بارش ڇڏيا ٽھڪ ڳاري،
    اسان جا پرين ٿيا کلڻ ھا مِٽيءَ جا.

    مفادن جون لھرون ويون نيٺ لوڙھي،
    اوھان جا وچن ڀي سڄڻ ھا مِٽيءَ جا.

    جنيھن ڪالھه سيجون سجايون گلن جون،
    ڏٺم اڄ مٿان تن جي مڻ ھا مِٽيءَ جا.


    ڇو مرڪ رُٺل آھي،

    ڇو مرڪ رُٺل آھي،
    دردن جو دخل آھي.

    اي يار ٿيو منھنجي،
    جذبن جو قتل آھي.

    چَپَ واقعي سُڪل آھن،
    چھرو به لَٿل آھي.

    ھن اکيون آيون ڀرجي،
    يادن جي اُٿل آھي،

    آ روح سندم زخمي،
    ۽ دل به ڊٺل آھي.

    ڪجھه غور سان ٻڌ پيارا،
    ”مانجھي“ جو غزل آھي.


    سوا تنھنجي سڄڻ سائين بھارن ۾ مزو ناھي،

    سوا تنھنجي سڄڻ سائين بھارن ۾ مزو ناھي،
    لڳي ٿي بي مزي دنيا نظارن ۾ مزو ناھي،

    مٺا مھراڻ ۽ منڇر نه ٿي دل کي وڻي ڪينجھر،
    وڃي ٿو سمنڊ تي بيھان، ڪنارن ۾ مزو ناھي.

    گھڻو ٿو دل کي وندرايان ڪٿي ڀي دل نه ٿي وندري،
    ھي گل ڦل باغ ۽ بادل ستارن ۾ مزو ناھي.

    دنيا ماڻھن جو ميلو آھي پرين پوءِ به آ ماندو من،
    سڃا سڀ شھر ٿو ڀائيان، بازارن ۾ مزو ناھي.

    چريو ٿيندو مري ويندو اسان جو يار ”زرداري“
    مون تي ٽوڪون ٿا ڪن ”مانجھي“ ھا يارن ۾ مزو ناھي.


    ھاءِ چانڊوڪي ۾ تنھائي پرين،

    ھاءِ چانڊوڪي ۾ تنھائي پرين،
    مون کي ماري ٿي صفا جائي پرين.

    ايئن گھلي ٿي ھير ھي ٿڌڙي مٺا،
    ياد تنھنجي ڄڻ کڻي آئي پرين.

    ڪا جھڙالي شام ڀي توکان سواءِ
    جون جي ڄڻ ڪا آھي تائي پرين.

    درد تنھنجو دل جگر کي اي صنم،
    ويو اُڏيھي جيئن پٽي کائي پرين.

    ”مانجھي“مون کي ڪنھن نه سمجھايو سڄڻ،
    ڇو ھيم توساڻ دل لائي پرين.


    اک ڇنڀ ۾ وھي يار گذري وئي،

    اک ڇنڀ ۾ وھي يار گذري وئي،
    ڪو پتو ئي نه پيو ايئن گذري وئي.

    وار ڪارن منجھان ھن اڇا ٿيڻ لڳا،
    مند جوڀن سندي آھي اُڪري وئي وئي.

    حسرتون ڪيئي رھجي ويون دل اندر،
    يار جوڀن جي گاڏي آ نڪري وئي.

    حالتن جي ھٿان ٿي ويو قيد ھان،
    ياد تنھنجي ڪٿي آھي وسري وئي.


    عيد جون، بھار جون مبارڪون اٿئي پرين!

    عيد جون، بھار جون مبارڪون اٿئي پرين!
    پيار جي نھار جون مبارڪون اٿئي پرين!

    ٻين کان ڀل پري کان وٺ اسان کان وٺ ڳلي ملي،
    ڇو ته پرستار جون مبارڪون اٿئي پرين.

    وات جي مٺو ڪيان ته پوءِ ھڪ مٺي کپي!
    ھاڻ ھائوڪار جون مبارڪون اٿئي پرين!

    دل اندر خوشي نچي، مک تي مرڪ پئي تري،
    ”مانجھي“ اڄ قرار جون مبارڪون اٿئي پرين!


    وسي ديس تنھنجو ڀلارا ڀٽائي،

    وسي ديس تنھنجو ڀلارا ڀٽائي،
    جيئي تنھنجي ٻولي پيارا ڀٽائي.

    وسي مينھن ڪاڇي ۽ ٿر تي او سائين!
    پيئن پاڻي مارو اڃارا ڀٽائي!

    رھن کيت ساوا سدا پنھنجي سنڌ جا!
    ٿين شال ھاري سگھارا ڀٽائي!

    ”مانجھي“ جون مولا اگھائج دعائون،
    لھن منھنجي من تان مونجھارا ڀٽائي.


    ويو لھي انتظار نيڻن جو،

    ويو لھي انتظار نيڻن جو،
    تو ڏٺي ٿيو قرار نيڻن جو.

    تو نشانو ڪيون اکيون ليڪن،
    دل تائين ٿيو مار نيڻن جو.

    سو ته جيئري ئي آھي جنت ۾،
    جنھن به ماڻيو آ پيار نيڻن جو.

    ويندي ويندي جو تو ڏٺو پٺ تي،
    ٿي پيو ھلڪو آ بار نيڻن جو.

    ڇو اجايو ھٿيار تاڻيو پيا!
    ”مانجھي“ آھي شڪار نيڻن جو.


    بي رُخي دل بدن تي ھڻي ٿي چھا،

    بي رُخي دل بدن تي ھڻي ٿي چھا،
    مرڪ زخمن مٿان سور رکي ٿي پھا.

    جيت ۽ ھار جي ڳالھه ڪرڻي نه آ،
    پيار آھي پرين ھي ڪا ناھي جوا.

    تون مان جي جدا ٿي وياسين پرين!
    پيار ويرين جي ڄڻ مينھن ٿي آ سُئا.

    مون کي ڏک ۾ ڏسي مائٽ منھنجا ٻڌو!
    منھنجي دلبر کي ڏئي ڪو متا بد دعا.


    چاھيندڙ سان چاھ ڪيوسين،

    چاھيندڙ سان چاھ ڪيوسين،
    ڪھڙو يار گناھ ڪيوسين.

    ڳوٺ کي ڇو آ باھ لڳي وئي،
    پاڻ ته گڏجي گاھ ڪيوسين.

    ھي عشق عبادت ناھي ڇا!
    ڪنھن کي ڪيئن گمراھ ڪيوسين.

    پھريان پھريان ڇرڪياسين ٿي،
    دل کي ھاڻي درياھ ڪيوسين.

    ويرين ويڙھايو ھو ليڪن،
    سمجھي وياسين ٺاھ ڪيوسين.

    ”مانجھي“ منزل کي ماڻيوسين،
    ھڪ ٻئي تي ويساھ ڪيوسين.


    ڳوٺاڻي ماحول ۾ پئي آ دل وندري!

    ڳوٺاڻي ماحول ۾ پئي آ دل وندري!
    ڪانه لڳي ٿي دلڙي شھر جي شورن سان.

    ھن جي جوڀن جلون ۽ ٻيو نازن کي،
    ڏيندو ويو ھان ڀيٽا غزل نڪورن سان.

    جنھن سان ناري ڪاري ڪري آ ماري وئي،
    سو ته اڃان ٿو راند ڪري پيو بلورن سان.

    شھر جو امن امان پيو آ خطري ۾،
    صوبيدار رکي آ ياري چورن سان.


    مٺا ماڻھو مون کان جدائي ڪري ويا،

    مٺا ماڻھو مون کان جدائي ڪري ويا،
    ڏئي سور مون کي سودائي ڪري ويا.

    رنو مان ته ھس پر رنا ھو به ھوندا،
    مگر منھن تي مون سان پڪائي ڪري ويا.

    سڄڻ پنھنجا ساري رڳو پئي ٿي تڙپي،
    منھنجي دل ديواني اجائي ڪري ويا.

    جدائي ۾ جيئڻ ڏکيو آھي ڏاڍو،
    سڃي مون لئه ساري خدائي ڪري ويا.

    ڏسي حال منھنجو فقيراڻو ”مانجهي“
    لڳي ٿو ته شايد وڏائي ڪري ويا.


    عشق وارن جو احترام ڪيو،

    عشق وارن جو احترام ڪيو،
    ادب ،اخلاق سان ڪلام ڪيو.

    موھ مستن کي ٿا چئو چريو،
    سڪ سچي کي نه ٿا سلام ڪيو.

    ڏات جنھن کي خدا ڏني خاص آھي،
    عزت ان جي اوھان به عام ڪيو.

    پيار دل ۾ رکو، سُٺو آھي،
    ھاڻ نفرت کڻي حرام ڪيو.


    رات ڪُٺي جا ناري وئي آ،

    رات ڪُٺي جا ناري وئي آ،
    بي ڏوھي سان ماري وئي آ.

    ڪو به داخل ڪيس نه ٿيوآ،
    غيرت جو ڏيکاري وئي آ.

    ھن ته ڪو ڀي پاپ نه ڪيو ھو،
    ملڪيت لئه ٿي ڪاري وئي آ.

    قاتل ٿو آزاد گھمي پيو،
    دستي ٿاڻي ھاري وئي آ.


    سنڌ واسين جو ساھ سڪي ٿو،

    سنڌ واسين جو ساھ سڪي ٿو،
    ڇو ته سنڌو درياھه سُڪي ٿو.

    سنڌوءَ ڪپ تي وڻ سُڪي ويا،
    ۽ ٻيو سائو گاھه سُڪي ٿو.

    پاڻي اسان جو چوري ڪرين ٿو،
    ڀاءُ وڏا ويساھه سُڪي ٿو.

    تون ٿو پنھنجا ڊيم ڀرائين،
    ھتڙي اسان جو واھ سُڪي ٿو.

    ھر ماڻھو ان ڳڻتي ۾ ھا!
    ”مانجھي“ ٿيندي پاھ سُڪي ٿو.


    پيار ڍوَ تي ملي مان ڏنڊو ٿي پوان،

    پيار ڍوَ تي ملي مان ڏنڊو ٿي پوان،
    سڏڪندڙ دل کلي مان ڏنڊو ٿي پوان.

    مس ملن ٿيون اکيون، ٿو جھڪائي ڇڏي،
    نيڻ ھڪ جاءِ جھلي مان ڏنڊو ٿي پوان.

    ٻانھن پڪڙي مان ھن کي چوان ھٿ چمان،
    ھو چوي چُم ڀلي مان ڏنڊو ٿي پوان.

    منھنجي تڙپڻ لڇڻ جو قصو دلربا!
    لوڪ کان جي اَلي مان ڏنڊو ٿي پوان.

    منھنجي ڀر ۾ ويھي سور منھنجا ٻڌي،
    پوءِ پنھنجا سلي مان ڏنڊو ٿي پوان.

    سڪ سُڪائي ڇڏيو آھي”مانجھي“ مون کي،
    يار لائي ڳلي مان ڏنڊو ٿي پوان.


    ڪا ايرادن جي آھي اٽل ڇوڪري،

    ڪا ايرادن جي آھي اٽل ڇوڪري،
    ۽ رکي حوصلا ٿي جبل ڇوڪري.

    ھن جي نيڻن ۾ پئي ٿي بغاوت بکي،
    ڪيئن جذبن کي ڏيندي اجل ڇوڪري.

    انگ ميرا مٽي، وار وکريل اٿس،
    ڪا پريمي کان آھي ڇڳل ڇوڪري.

    پيءُ جيڏي سان شادي ڪرڻي اٿس،
    ڇو ته آھي لکن ۾ کتل ڇوڪري.


    تو جو مرڪي ڏٺو دل چري ٿي پئي،

    تو جو مرڪي ڏٺو دل چري ٿي پئي،
    آس توسان ملڻ جي وري ٿي پئي.

    تو کي ڏسندي لڳو ڄڻ مان جنت ۾ ھان،
    تنھنجي حورن سان آ ھمسري ٿي پئي.

    منھنجي چاھت جي ول جا سُڪي ٿي وئي،
    پيار پاڻي ڏنئي سا ھري ٿي پئي.

    پوته ”مانجھي“ مئخاني يا ھوندو گِدو،
    بند ديدار جيِ، جي دري ٿي پئي.


    بي چيني ۾ قرار آيو آ،

    بي چيني ۾ قرار آيو آ،
    تنھنجي دل ۾ جو پيار آيو آ.

    درد ھاڻيون سٽون لکيم تڏھين،
    شاعري ۾ نکار آيو آ.

    تو اچڻ جو ڪيو نياپو آ،
    ڄڻ خزان ۾ بھار آيو آ.

    عشق اتساھ آھي بخشيو ۽،
    سوچ ۾ ڀي سڌار آيو آ.

    غم سمورا ويا لھي ”مانجھي“
    اڄ ملڻ غم گسار آيو آ.


    نفرت جو انڪاري آھيان،

    نفرت جو انڪاري آھيان،
    پيار، امن جو پوڄاري آھيان.

    ڏاٽي، ڪوڏر، قلم جو ساٿ آ،
    شاعر ڀاڳيو ھاري آھيان.

    منڇر، ڪينجھر سان پيار آ،
    چمندو سنڌوءَ جي واري آھيان.

    سچ چوڻ کان ڪونه رھان ٿو،
    تڏھن ته مان ڏوھاري آھيان.

    معشوق علي ”مانجھي“ ٿو سڏ جان،
    راڌڻ جو زرداري آھيان.


    گھڻو ئي اوھان لاءِ سڪياسين، سڙياسين،

    گھڻو ئي اوھان لاءِ سڪياسين، سڙياسين،
    ٿيو ڪجھه نه حاصل، رناسين، رڙياسين.

    ھجي سردي، گرمي اوھان وٽ پُڳاسين،
    اوھان کي ڏسڻ لاءِ ڪُنبياسين، ڪڙھياسين.

    اسان جي دانھن تي ڌريئي ڌيان ئي نه،
    غزل، گيت توتي لکياسين، پڙھياسين.

    ھُئي بند بجلي بچاءُ ٿي ويو تڏھن،
    ڪرڻ خودڪشي لاءِ ٿنڀي تي چڙھياسين.

    زرداري ”مانجھي“ مليو درد، دوکو،
    وڃي اوکي جاءِ تي اڙياسين، اڙياسين.


    ھن سان پيار پُراڻو آھي،

    ھن سان پيار پُراڻو آھي،
    منھنجي روح جو راڻو آھي.

    جنھن جو نانءُ کنيو آ تو سو،
    ماڻھو موتي داڻو آھي.

    ڳالھيون ھن جون ماکي مصري،
    مرڪ مکَڻ جو چاڻو آھي.

    مون وٽ ھاڻي چڪر تي ايندو،
    عرض ڪيو مون نماڻو آھي.

    ”مانجھي“ ھن کي ڪيئن وساري!
    سُھڻو ساھ سيباڻو آھي.


    سونھن ۽ سينگار ٿو موھي،

    سونھن ۽ سينگار ٿو موھي،
    ۽ ٻيو تنھنجو پيار ٿو موھي.

    تنھنجي سارَ پيا لھنداسين ھا،
    تنھنجو ھي اقرار ٿو موھي.

    منھنجو ڀي توسان پيار پڪو آ،
    تنھنجو ھي اظھار ٿو موھي.

    تنھنجو ھر ھڪ ناز آ سھڻو،
    مون کي پرين ھر وار ٿو موھي.

    ”مانجھي“ کان دل پل ۾ ڦري وئين،
    جَلوو تنھنجو يار ٿو موھي.


    تو اجائي ڏني معيار آھي،

    تو اجائي ڏني معيار آھي،
    اڄ به ساڳيوئي توسان پيار آھي.

    ھر موسم ھر ڪچھري ۾،
    ھوندي تنھنجي طلب ۽ تار آھي.

    تنھنجا ٿورا ته آءُ ڳايان پيو،
    توھميشه لڌي پئي سارَ آھي.

    حال منھنجي کي تون به ڄاڻين پيو،
    ڪيڏو معاشي خفن جو بار آھي.

    ھر مھيني اچي تو ڏي ”مانجھي“
    ايڏي ڪاٿي منھنجي پگھار آھي.


    دل جا ھوندي ھُئي مرڪڻي ٽھڪڻي،

    دل جا ھوندي ھُئي مرڪڻي ٽھڪڻي،
    سا اچانڪ ٿي پئي آ صفا سڏڪڻي.

    ڏينھن سارو اداسي جي پاڇي ۾ آ،
    ھونءَ ته ھوندي ھُئي ھر گھڙي ٻھڪڻي.

    دل تي ماحول جو ڪو اثر آ ٿيو،
    ھي تڏھن ٿي پئي آ رڳو روئڻي.

    دل سودائي ٿي پئي آ ڪجي ڇا ڪجي،
    مون کي ھن جي رھي ٿي ڳڻتي گھڻي.

    مون کي ”مانجھي“ منجھائي وڌو آ چري،
    ڪونه پايان ٿو سُرمو نه ڏيان ٿو ڦڻي.


    پيار تنھنجو ملي ويو ھن کي،

    پيار تنھنجو ملي ويو ھن کي،
    دل منھنجي پرين لَڪي آھي.

    مرحلا ڪيئي ڏکيا به ھا يار پر.
    توسان چاھت نه ٿي جھڪي آھي.

    ڇا به ٿئي پرت پاڙبي توسان،
    ڳالھه دل جي پرين پڪي آھي.

    من منھنجو ”مانجھي“ پيو مھڪي ٿو،
    تو رکي چاھ گل چڪي آھي.


    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا


    ٿيڻ بينظير سان انصاف گھرجي،
    ڪرڻ ڪين قاتل کي ڪڏھن معاف گھرجي.

    قاتل کي ڦاھي تي لٽڪايو سائين،
    ٿيڻ جاچ جلدي شفاف گھرجي.

    جاچ ادارن جون ڪوتايون آھن،
    ڪرڻ تن کي اھوئي اعتراف گھرجي.

    چوي دل ٿي قاتل ڪجي ڦل فرائي،
    ڦل ڀلا جي نه ته ڪرڻ ھاف گھرجي.


    ڪير آھي جو ايڏي سخا ٿي ڪري،

    ڪير آھي جو ايڏي سخا ٿي ڪري،
    منھنجي دل ھي مون کان پڇا ٿي ڪري.

    ڪا سکي ننڍ پڻ جي وھي آ چڙھي،
    عشق بازي سان ابتدا ٿي ڪري.

    ھو نه ڄاڻي سزا پيار ڇاھي ھتي،
    ھا تڏھين ته اھڙي خطا ٿي ڪري.

    ھر ملاقات کي مون چيو آخري،
    ھو ٻيھر ملڻ لاءِ دعا ٿي ڪري.


    نئين جواني جي سکي وسري نه ٿي،

    نئين جواني جي سکي وسري نه ٿي،
    جنھن سان وئي ھُئي دل لڳي وسري نه ٿي.

    مان ذري گھٽ ٿي پيو بيھوش ھس،
    پيار جي پھرين مٺي وسري نه ٿي.

    ڪاڻ درشن جي پئي ڪاٽيم چڪر،
    ھن جو پاڙو ۽ گھٽي وسري نه ٿي.

    شوق دنيا جا ٻيا وسري ويا،
    ھا! اڃان به شاعري وسري نه ٿي.

    ”مانجھي“ ماضي ڏينھن شل موٽي ملن،
    ھرگھڙي ھُئي کِلَ،خوشي وسري نه ٿي.


    تنھنجي آئي تن من سارو،

    تنھنجي آئي تن من سارو،
    جرڪي پيو آ جيون سارو.

    توکان اڳ ويران ھيو گھر،
    ٻھڪي ٿو اڄ آنگن سارو.

    اوندھ جيون منھنجو جاني،
    ٿي ويو آھي روشن سارو.

    جنھن دڳ سان تون آئين دلبر،
    چميو سو دڳ اکين سارو.

    ”مانجھي“ ٿو ڏيئي وڌايون،
    شھر سڄڻ اڄ راڌن سارو.


    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    سنڌ جي نياڻي، تو کي سلام آ،
    شھيد راڻي، توکي سلام آ.

    ملڪ جي مظلومن جي آ
    توڪئي سرواڻي، توکي سلام آ.

    ظلم جبر ۽ نا انصافي جي،
    توڪئي پڄاڻي. توکي سلام آ.

    وقت جي جابر کي ڇا ته ڏني تو،
    واھ وراڻي، توکي سلام آ.

    ”مانجھي“ زرداري پيو لکندو،
    تنھنجي ڪھاڻي، توکي سلام آ.


    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    شھيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا

    شھيد راڻي توکي پئي قوم ساري،
    تنھنجي خدمتن کي ڀلا ڪيئن وساري.

    سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب،
    سرحد کي تو ڇڏيو ھو سينگاري.

    ھجي ٿر يا ڪاڇو، ڪچو يان پڪوبه،
    ھرعلائقو ٿو تنھنجي راھ نھاري.

    تنھنجي وڇوڙي وڌا وڍ آھن،
    ھر ماڻھو ”مانجھي“ پيو ڳوڙھا ھاري.


    ٿورو وقت مون کي پيارا ڏيو ھان،

    ٿورو وقت مون کي پيارا ڏيو ھان،
    ٻه ٽي پل خوشيءَ جا خدارا ڏيو ھان.

    کڻي ھٿ پري کان کيڪاريو نه ھا پر،
    ڳجھا ڪي اکين جا اشارا ڏيو ھان.

    مٺا مرڪ ھڪ جي عنايت ڪيو ھان،
    چيو ڪنھن ٿئي؟ لاھي ستارا ڏيو ھان.

    ويھي ڀر ۾ تنھنجي سليان سور ھان مان،
    دلاسا ڪي دل کي دلارا ڏيو ھان.

    ويڳاڻو لڳو ٿو وتي تنھنجو ”مانجھي“
    تنھن کي ڪي سُھڻا سھارا ڏيو ھان.


    ڪا خوشي ڪو قرار ڪونھي ڪو،

    ڪا خوشي ڪو قرار ڪونھي ڪو،
    گڏ جو منٺار، يار ڪونھي ڪو.

    وقت ٿيو آ جو پيو سڙان سڪ ۾،
    ھن ڪرايو ديدار ڪونھي ڪو.

    ھاڻ جيون ٻُسو ٻُسو ٿو لڳي،
    ھن جي ٻانھن جو ھار ڪونھي ڪو،

    چاھيان ٿو خوش گذارجي ليڪن،
    دل تي ڪو اختيار ڪونھي ڪو.

    ”مانجھي“ زرداري ڪھڙي حال ۾ آ،
    ڪوبه لھندو ڪا سارَ ڪونھي ڪو.


    تو کي ڏاڍو جناب چاھيون ٿا،

    تو کي ڏاڍو جناب چاھيون ٿا،
    ڇا ڏَسيان بي حساب چاھيون ٿا.

    ڪونه توکان گھرون ٿا ڌَنُ، دولت،
    تنھنجي ھٿ جو گلاب چاھيون ٿا.

    عمر گذري گھڻي گناھن ۾،
    ھاڻ پيارا ثواب چاھيون ٿا.

    ھونءَ ته ھر دم پيا پچون، پُڄرون،
    عشق جو ڪو عذاب چاھيون ٿا،

    مان به چاھيندو آھيان ”مانجھي“ کي،
    اھو تو کان جواب چاھيون ٿا.


    ڪين ڪندي ڪر نيڻ جھڙالا،

    ڪين ڪندي ڪر نيڻ جھڙالا،
    مرڪ مٺي تون اُگھه ڳل آلا.

    ڏينھن ڏکن جا ڪيسين رھندا،
    ڪٽجي ويندا نيٺ ڪشالا.

    ڇا لاءِ ھار سينگار ڇڏيا ٿئي،
    ڇالاءِ ڪيا اٿئي حال اُٻالا.

    دل جو ٿئي حوال غزل ۾،
    پڙھندي ڪر تون روز رسالا.

    چاھت ۾ ته ملندا آھن،
    خوشيون ٿوريون سور سلالا.

    ”مانجھي“ ملبو جشن ڪنداسين،
    پائي جھمريون ڳائي جمالا.


    نيٺ دل جي صلاح ورتيسين،

    نيٺ دل جي صلاح ورتيسين،
    تنھنجي ٻک ۾ پناھ ورتيسين.

    ھاڻ جيڪو ايندو سڙي ويندو،
    عشق کان تيز باھ ورتيسين.

    سور من ۾ سَٿيا پيا آھن،
    مک تي وقتي مزاح ورتيسين.

    پاڻ کي آ ثواب جي ڳولا،
    تڏھن معافي گناھ ورتيسين.

    دڳ زماني جا ٻيا ڇڏي ”مانجھي“
    پيار وارن جي راھ ورتيسين.


    زماني جي ھر پل نظر ۾ رھياسين،

    زماني جي ھر پل نظر ۾ رھياسين،
    اسان عشق جي جو اثر ۾ رھياسين.

    نڪي ڪنھن سان جھيڙيو، نڪي مال ميڙيو،
    رڳو چاھتن جي چڪر ۾ رھياسين.

    ڏکڻ ھير آندا سڄڻ جا سنيھا،
    اسان ان ڪري ئي اُتر ۾ رھياسين.

    اسان جي ته منزل پرين جي حويلي،
    سدائين ڳلين جي سفر ۾ رھياسين.

    اسان جي ته يارن جدي کي وسايو،
    اسان بس صنم جي شھر ۾ رھياسين.

    مليو درد ”مانجھي“ صبر سان سٺوسين،
    ڪجي ڳالھه ڪھڙي، قھر ۾ رھياسين.


    تون جو سالن پڄاڻان آئين ڳوٺ ڏي،

    تون جو سالن پڄاڻان آئين ڳوٺ ڏي،
    تنھنجي پيرن کي چارا چميون ٿا ڏين.

    ويڙھ وارن کي سوگھو سڳيءَ ۾ سکي،
    لعل ڳاڙن تي ڪارا، چميون ٿا ڏين.

    تنھنجي آمد تي جيڪي ڇٽين تو مٿان،
    توکي گلڙا ھي پيارا چميون ٿا ڏين.

    بي پردي نه ايندي ويندي ڪر سکي،
    تو کي منظر ھي سارا چميون ٿا ڏين.

    موج مھراڻ ۾ اڄ جو آئين وري،
    لھرن کي ڪنارا، چميون ٿا ڏين.

    تو کي ”مانجھي“ چپن سان چمي نه سگھيم،
    نيڻ توکي اڃارا چميون ٿا ڏين.


    اجرڪ ٽوپي پايو سنڌي،

    اجرڪ ٽوپي پايو سنڌي،
    اھڙا ڏينھن ملھايو سنڌي.

    سنڌ سان جيڪو ساڙ رکي ٿو،
    تنھن جو جيءُ جلايو سنڌي.

    جيئي سنڌي ثقافت جيئي،
    نعرا خوب لڳايو سنڌي.

    درويشن جي سنڌ ڌرتيءَ تان،
    ڌاريا سڀ ڀڄايو سنڌي.

    ھوشو، ھيمون، دودي وانگي،
    ٿي ”مانجھي“ پاڻ ملھايو سنڌي.


    جيئن جو نسري وھي، دل لڳي ٿي ويئي،

    جيئن جو نسري وھي، دل لڳي ٿي ويئي،
    خوشبو خوشبو منھنجي زندگي ٿي ويئي.

    ديد رستي وڃي دل جو دل سان ملي،
    سونھن ديوي پوءِ منھنجي سکي ٿي ويئي.

    لمحي لمحي پنھنجا ٽھڪ ٻڌندا رھيا،
    ساھ جي سنگ ھرپل خوشي ٿي ويئي.

    موھ مستي گھڻي من ۾ اوتي ڇڏي،
    نينھن ٿي شينھن آيو، مڳي اوتي ويئي.

    ڇا ڏَسي توکي ”مانجھي“ ڪٿا پيار جي،
    سونھن پوڄيندي ڏاڙھي اڇي ٿي ويئي.


    ڪھڙو ھي سماج آ،

    ڪھڙو ھي سماج آ،
    ڪھڙو ھي رواج آ.

    اسڪول ۾ ڀوتار جو،
    ڀاڻ ۽ اناج آ.

    ويگنس وَني ۽ جھور، وَرُ،
    ھي به ڪوئي ڪاج آ.

    وڪڻي نياڻي ڏاج ڏين،
    ھي ڏاج آ يان وياج آ.

    زرداري ”مانجھي“ لوڪ جو،
    عجيب ھي مزاج آ.


    مرڪندي ٿو ملين، ٿڪ لھي ٿا پون،

    مرڪندي ٿو ملين، ٿڪ لھي ٿا پون،
    پيار مان ٿو ڏسين، ٿڪ لھي ٿا پون.

    يار محفل ۾ منھنجو وڌي مانُ ٿو،
    مون سان گڏ ٿو ويھين، ٿڪ لھي ٿا پون.

    مون کي ڀاڪر ڀري دل جون ڳالھيون ڪندي،
    ڪنڌ ڪُلھي تي رکين، ٿڪ لھي ٿا پون.

    تون نه آھين ته پوءِ مان بيچين ھان،
    تون ٿو سامھون ھجين، ٿڪ لھي ٿا پون.

    ”مانجھي“ زرداري تنھنجا ڪھڙا حال ھن،
    ٿو پيارا پڇين، ٿڪ لھي ٿا پون.


    حال دل ڪنھن سان ڪيان مان دلربا،

    حال دل ڪنھن سان ڪيان مان دلربا،
    ڪير آ منھنجو ھتي تو کان سوا.

    زندگي جا چار پل گڏجي رھون،
    ڇو ڀلا جيئري رھون جاني جدا.

    ياد تو کي ٿي ڪري دلڙي چري،
    اچ ته ويھي ڪي مٺا ماڻيون مزا.

    ساھ ٿو تولئه سِڪي تون آ ھلي،
    برھ جي بيمار جي ڪر ڪا دوا.

    ”مانجھي“ سان تون وڃ ملي منٺار اڄ،
    مڃ کڻي دلبر دُکي دل جي صدا.


    ھن نگر ۾ مون ڏٺي آ سندري،

    ھن نگر ۾ مون ڏٺي آ سندري،
    اھڙي سُھڻي آ ڄڻ ڪائي پري.

    راھ ويندا به بيھاري ٿي ڇڏي،
    اھڙي چھري ۾ اٿس جادوگري.

    روز ٿي اڏري ھوائن ۾ پئي،
    پينگھه تي لڏندي وڻي ٿي پوپري.

    شھر سارو ٿي وڃي سرھاڻ ٿو،
    کولي وارن کي بيھي ٿي بانوري.

    ”مانجھي“ اڀري چنڊ پيو ڪوٺي منجھان،
    جي ڪڍي ٿي منھن مٺي کولي دري.


    احساس ھئڻ گھرجي،

    احساس ھئڻ گھرجي،
    ڪو قياس ھئڻ گھرجي.

    پنھنجي ۽ پرائي جي،
    شناس ھئڻ گھرجي.

    اخلاق جي ماڻھو وٽ،
    ميراث ھئڻ گھرجي.

    جيون لاءِ خوشين جو،
    ڪو واس ھئڻ گھرجي.

    ھا! ”مانجھي“ من جي اندر،
    ڪا آس ھئڻ گھرجي.


    وايون

    سوچئون ڪين صبر سان،

    سوچئون ڪين صبر سان،
    منجھي منجھن مت
    پنھنجا وڙھيا پاڻ ۾

    رت ڪُٺو آ رت کي،
    وھي ھليو رت.
    پنھنجا وڙھيا پاڻ ۾

    امن آ اڏري ويو،
    بپا ٿي دھشت،
    پنھنجا وڙھيا پاڻ ۾.

    ”مانجھي“ منجھائي وڌو،
    نڀاڳي نفرت
    پنھنجا وڙھيا پاڻ ۾.


    ڪارنھن جا الزام،

    ڪارنھن جا الزام،
    روز اتر سنڌ ۾.

    لُڻي ظالم لوڪ پيو،
    سسيون سِرَ عام.
    روز اتر سنڌ ۾.

    سھرن واري مند ۾،
    ڀيڻون ڪن ماتام.
    روز اتر سنڌ ۾.

    ”مانجھي“ مچي ٿو وڃي،
    ڪمھلو ڪھرام.
    روز اتر سنڌ ۾.


    ڀورل ڀيرن جو،

    ڀورل ڀيرن جو،
    آءُ ٿورائتو آھيان.

    مون در آيا ٿئي وٺي،
    تنھنجي پيرن جو.
    آءُ ٿورائتو آھيان.

    جنھن بھاني آئين،
    ڳاڙھن ٻيرن جو.
    آءُ ٿورائتو آھيان.

    جن سڃاڻپ آ ڏني،
    ”مانجھي“ شعرن جو.
    آءُ ٿورائتوآھيان.


    پيار جون وايون گيت،

    پيار جون وايون گيت،
    آءُ ويٺو ڳايان،

    ڪھڙا ليکا پيار ۾،
    ڇاجي ھار ۽ جيت.
    آءُ ويٺو ڳايان.

    ٿورا ڪنھن جا ڳائجن،
    آھي ھيءَ به ريت.
    آءُ ويٺو ڳايان.

    ”مانجھي“ کي مشھور ڪيو،
    پيارا تنھنجي پريت.
    آءُ ويٺو ڳايان.


    نوان نوان ڪپڙا،

    نوان نوان ڪپڙا،
    ٻارن ورتا عيد تي.

    پينسل، ڪارون، ٽريڪٽر،
    چوڙيون ۽ جھمڪا.
    ٻارن ورتا عيد تي

    ڪھڙا نانوءَ ڳڻي کڻان،
    ھت ڪيئي رانديڪا.
    ٻارن ورتا عيد تي.

    ھا پر گھر غريب جي،
    ڳوڙھا ۽ سڏڪا.
    ٻارن ورتا عيد تي.


    ڏاڍو ٿي تڙپائي،

    ڏاڍو ٿي تڙپائي،
    ھا! تنھنجي سارَ سکي.

    مان ٿو ڳوليان خوشيون،
    ھيءَ ٿي غم برسائي.
    ھا!تنھنجي سارَ سکي.

    رات ڪٽيان ٿوجاڳي،
    ننڊ وڃي ٿي ڦٽائي.
    ھا! تنھنجي سارَ سکي.

    سج لھڻ سان ئي دل جو،
    ٿي در اچي کڙڪائي.
    ھاءِ تنھنجي سارَ سکي.


    منھنجو ٻاروتڻ ،

    منھنجو ٻاروتڻ ،
    مون کي وقت ورائي ڏي.

    ننڍڙا ننڍڙا گھر اڏي،
    ڌرتيءَ تي کيڏڻ،
    مون کي وقت ورائي ڏي.

    سائي وڻ جي ٽار ۾
    چڙھي پينگ لڏڻ.
    مون کي وقت ورائي ڏي.

    ھڪ جيڏن سان رات جو،
    لڪ چُپَ راند ڪرڻ.
    مون کي وقت ورائي ڏي.

    آٽا آيل سان ڪري،
    ”مانجھي“ روز رُسڻ.
    مون کي وقت ورائي ڏي.


    ھن جي آمد جو ٻڌي،

    ھن جي آمد جو ٻڌي،
    اوسيئڙو ۽ سارَ،
    ڏاڍا پيارا ٿا لڳن.

    مون سان گڏجي آجيان،
    ڪن ٿا ننڍڙا ٻارَ.
    ڏاڍا پيارا ٿا لڳن.

    ھن جي ڇاتي ٿا ڇھن،
    گج ڪاوا ۽ ھار.
    ڏاڍا پيارا ٿا لڳن.

    ”مانجھي“ موھي ٿا وجھن،
    سرتيءَ جا سينگار،
    ڏاڍا پيارا ٿا لڳن.


    سيڪي اَنڀون، سنگ،

    سيڪي اَنڀون، سنگ،
    مون لئه آندا سانوري.

    سنھڙي چولي ۾ ڍڪي،
    ريشم جھڙا انگ،
    مون لئه آندا سانوري.

    جوڀن رُت جون سوکڙيون،
    چميون، ڏوڏا ڏنگ،
    مون لئه آندا سانوري.

    اکڙين ۾ اوتي ڪجل،
    منھن تي مھٽي رنگ.
    مون لئه آندا سانوري.

    ”مانجھي“ من جھومي پيو،
    ڄڻ ڪي چاھت چنگ،
    مون لئه آندا سانوري.


    شرميلي وينگس

    شرميلي وينگس
    مون کي ڏاڍو ٿي وڻي.

    مُک تي رنگ جوانيءَ جا،
    ھاڻي نکريا ٿس،
    مون کي ڏاڍو ٿي وڻي.

    ھن جي مرڪ ھميشه ٿي،
    ھي من ڪري بيوس،
    مون کي ڏاڍو ٿي وڻي.

    منھنجي دل تي لکجي ويو،
    سندر نانءُ سندس،
    مون کي ڏاڍو ٿي وڻي.

    اھڙي ماڻھو ٺاھڻ تي،
    رب ڀي لھڻي جَسُ،
    مون کي ڏاڍو ٿي وڻي.

    روز نھارين ٿيون اکيون،
    ”مانجھي“ ھن جا گس،
    مون کي ڏاڍو ٿي وڻي.


    تنھنجي يادن جا،

    تنھنجي يادن جا،
    دل جي آڳر ۾،
    آھن گل ٽڙيا.

    سپنا اکين ۾،
    ڄڻ ڪي ڪينجھر ۾،
    آھن گل ٽڙيا.

    توتي گيت لکيم،
    ادبي کيتر ۾،
    آھن گل ٽڙيا.

    تنھنجون تصويرون،
    مون ھينيون گھر ۾،
    آھن گل ٽڙيا.

    ”مانجھي“ سوچن جا،
    ذھن جي ڀاڪر ۾.
    آھن گل ٽڙيا.


    ڇو سنڌ بڻي مقتل،

    ڇو سنڌ بڻي مقتل،
    منھنجو جيءُ جَلي.

    ننڍڙي ڳوٺاڻي جا،
    ڏٺم نيڻ ڀنل،
    منھنجو جيءُ جَلي.

    پنھنجي ماروڙن جا،
    آزاد ڏسي قاتل،
    منھنجو جيءُ جَلي.

    سياسي راڪاسن مون کان،
    منھنجو کسيو آ دل،
    منھنجو جيءُ جَلي.

    ”مانجھي“ ڪڏھن سوچيو اٿئي،
    ائين چيو جيجل،
    منھنجو جيءُ جلي.


    جنھن ۾ پنھنجو ميل ٿيو،

    جنھن ۾ پنھنجو ميل ٿيو،
    سا سُھاني رات،
    مون کان وسري ڪا نه ٿي.

    تو مون چُمين سان ڪئي،
    پيار سندي شروعات،
    مون کان وسري ڪا نه ٿي.

    دھشت ۾ ويا چَپَ سُڪي،
    ھو پھرين مُلاقات،
    مون کان وسري ڪا نه ٿي.

    ساروڻي سانڍيان پيو،
    سمجھي مان سوغات،
    مون کان وسري ڪا نه ٿي.


    ڪنھن سان سورَ سَلي،

    ڪنھن سان سورَ سَلي،
    چنڊ جھڙي ڇوڪري.

    پيءُ جيڏي پوڙھي ور سان،
    ڪيئن روح رَلي،
    چنڊ جھڙي ڇوڪري.

    رسُمن جي آ،ڄار ۾ ڦاٿي،
    ويٺي ھَٿَ مَلي،
    چنڊ جھڙي ڇوڪري.

    ”مانجھي“ ھيڏي سانحي کي،
    ڀلا ڪيئن ڀُلي،
    چنڊ جھڙي ڇوڪري.


    ڳوٺاڻي ناري،

    ڳوٺاڻي ناري،
    ڏکيو جيون ٿي ڪٽي.

    چولي کي ٽاڪي چتيون،
    غربت جي ماري،
    ڏکيو جيون ٿي ڪٽي.

    ھن جي قسمت ۾ لکيل،
    ھو مڙس جواري.
    ڏکيوجيون ٿي ڪٽي.

    ميڙي ڇيڻا ٿي ڪري،
    مُٺيا ويچاري،
    ڏکيو جيون ٿي ڪَٽي.

    پاپي ھِنَ سماج ھي،
    آھي آزاري،
    ڏکيو جيون ٿي ڪٽي.


    مُستقبل معمار،

    مُستقبل معمار،
    ڏکيا ڏينھن ڪٽي ٿو.

    قلم عيوض بُرش ھٿن ۾،
    پاليش لاءِ پڪار،
    ڏکيا ڏينھن ڪٽي ٿو.

    ڏينھن سمورو ھوٽل تي،
    ٿانوءَ منيندي ٻار،
    ڏکيا ڏينھن ڪٽي ٿو.

    گر يجن ۾ استادن جا،
    ڌڙڪا، گاريون، مار،
    ڏکيا ڏينھن ڪٽي ٿو.

    معصوم ڳلڙن تي”مانجھي“
    لُڙڪن سندي لار،
    ڏکيا ڏينھن ڪٽي ٿو.


    ساري ساري رات،

    ساري ساري رات،
    جيجل جاڳي پئي.

    بيمار بکايل ٻار کي،
    ڏيئي لوليون لات،
    جيجل جاڳي پئي.

    گھر ڪکائين جھوپي تي،
    طوفاني برسات.
    جيجل جاڳي پئي.

    سورن کي سانڍي پئي،
    سمجھي ھي سوغات،
    جيجل جاڳي پئي.

    ”مانجھي“ آيل کي ڏسي،
    لُڇي منھنجي ڏات،
    جيجل جاڳي پئي.


    تنھنجي ياد سکي،

    تنھنجي ياد سکي،
    دل سان پئي آ ٻکي.
    توکي ڪيئن وساربو.

    محبت ماکي کان مٺي،
    مون جا آھي چکي،
    توکي ڪيئن وساربو.

    پھريان پڇ تون پاڻ کان،
    دل تي ھٿ رکي،
    توکي ڪيئن وساربو.

    پئي حياتي گھاربي،
    ”مانجھي“ ڏکي سکي،
    توکي ڪيئن وساربو.


    جنسار پبليڪيشن _ ميھڙ جا آيل ڪتاب

    جنسار پبليڪيشن _ ميھڙ جا آيل ڪتاب

    1. سونھن جي بارگاھَ (شاعري) 2013ع نماڻوصديق مھيسر
    2. استاد بخاري جي چونڊ شاعري، 2014 مرتب فاروق سومرو
    3. بي رُخي ٽانڊا ڏنا(شاعري) 2018 مانجھي زرداري


    ايندڙ ڪتاب

    ايندڙ ڪتاب
    1. عشق جون آيتون( شاعري ) نماڻوصديق مھيسر
    2. بھترين شاعر محترم گوھر گل ڳورڙ جو شاعري جو ڪتاب
    3. خادم چنجڻي جو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375706
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406688
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ