ڪتاب جو نالو: دل جي ڳلي
مصنف: ساحر راهو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 23 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 672 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 279 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”دل جي ڳلي“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن ڪتاب جو تخليقڪار ناميارو شاعر ساحر راهو آهي. ساحر راهو سنڌي شاعريءَ جي سفر جو اهم، منفرد ۽ خوبصورت شاعر آهي. ساحر راهوءَ هونئن ته مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزل سندس شاعراڻي سڃاڻپَ جو اهم حوالو آهي. اوهان جي هٿن ۾ موجود ساحر راهوءَ جو غزلن جو هي مجموعو سندس نِڪور خيالن جو عڪسُ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • صبا نسيم
  • POPAT BOOK NO. 54
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پبلشر نوٽ
  • غزلَ

  • هي تونگر جي آ مسند کان مٿي
  • چند لمحن جي تون، بادشاهي نه ڏي
  • عظيم ڪا ئي رھبري پيامبري گھُري اسان
  • معصُوم مُحسنن جي، ايثار جو صلو آ
  • بارشنُ دوران تو لِکيو هُيو
  • ڪيرُ جل ٿل ڪيرُ پياسو، سانوڻي سوچي نه ٿي
  • ڀرپُور رات بارِش، برسي سُڃين بنن تي
  • کڄي نِگاھ سوچيو، ڊِگھو ڪجي قيام کي
  • حسين هڪ خيال هو، پُڳو نه ڪنهن زوال کي
  • قريب ڪر نه ايترو وِٿي رهي نه ڪا وِچان
  • ڪنهين سياسي آکاڙي ۾، مڃُون ٿا ڊوڙ جا ناهيون
  • سُندر نفيس ڪومل ، دِل ڪش رنگين چهرا
  • خوشبوءِ جي ڪهاڻي، بوجھل اُماس يادُون
  • ڄاڻا نه اوچتو ڇو، پنڇڻ لٿو چپن ۾
  • جذبات جي سفر ۾ احساسُ ناهي ٿيندو
  • ماڻيو تو ساٿُ اُن جو جنهن جي هُئي جُستجُو ڪئي
  • رِم جِھم جي رات شاعر ، تنها اُداس ڪمرو
  • پِنڃرو هو پيار تنهنجو، محدُود زندگي هُئي
  • محسُوس ٿيون نه پهرين، رِم جِھم تي غم اُداسيون
  • مان تنهنجي مُقدس قدمن جي، مِٽي جي سعادت چاهيان ٿو
  • اڳيان ڌُنڌ گھٽجي ته منظر کي سمجھان
  • درد جي گهري ڀنور ۾، لاپتا آهيون اسين
  • زندگي گُلزار تنهنجي، خواب گُلدستا هُيا
  • صحرا ۾ اذانِ صدا جيئن ڀٽڪيو آهيان
  • بهارُن جا جڏهن بن سان ملڻ لئه رابطا نِڪتا
  • نه ڄاڻا ڪير آ هلندي، رُڪي پل راحبا سوچيو
  • پُر ڪيف پلڪ جيئن سمندر سُتو نه آ
  • ڏٺو نه ڪنهن به مهربان ، اُداسين جو آسمان
  • گھڙو سُهڻي، ڪُنڀر آوي، ندي ميهارُ ٿيڻو هو
  • زخم زخم وجُود جا، عذاب انتظار جا
  • اکين ۾ درد جي موسم ، قدم ناڪام رستن تي
  • هڪڙي گھڙي به هُن ڪڏهن، بهتر نه سوچيو
  • بيڪل اُداس شاعر هر پل مِزاج ۾ آ
  • شاھ ڪنهن جي ڪيئن ڪنداسين چاڪري مُنڪر اسين
  • ڀِنو هان پيار تنهنجي جي پِرين ڀرپُور بارِش ۾
  • سمُونڊ جي وشالتا اساس ۾ ڇڏي ويو
  • مُقدس ڪنهن صحيفي لئه جيئن جذبو عقيدت جو
  • مون کي ٻانهن جا وِجھي هار هلي ٿي مون سان
  • تنهنجو لهجو جڏهن دوست خنجرُ نه هو
  • سُڳداسي مهڪ واسيون سينڍون ڌراڙ جون
  • کٿُوري ساهن جي وارتا جو وطنُ هُياسين
  • نِنڊاکي نيڻن جا جام سانول سنڀالي رکجان
  • ٻُڏل رهئين خُمار ۾ ، نشيلي ڪنهن نِگاھ جا، شراب ئي ويا هارجي
  • آواز فضا ۾ گُونجيو ھو پٿر سان شيشو ٽڪرايو
  • آيُون رُڳو حياتِ ۾، تڙپڻ جو موسمون
  • بادلئو بادلئو، ساڻ مون کي نيو، تاس آ تات آ
  • بند در دريون نابين ليئا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان
  • بي انت ٿڌيون راُتيون، ڇُڙواڳ ھوا جُھوٽا
  • بي چين رُوح ۾ ٽُٽل، سپنن جو رقصُ ھو
  • پلڪُون ڇُنڀي تو سانت کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني
  • پنھنجي وجُود اندر، چُپ چُپ ڀُري رھيو آ
  • اڃا ٿي مُکڙين تي ماڪ مُرڪي،اڃا آ ميندي هُڳاءُ جانان
  • تنھنجي پيشانيءَ تي منھنجون آڱريون سڙنديون رھيون.
  • تنھنجي دِل جي ڌڙڪنن جو، گيت ٿيان خواھش ھُئي
  • تو کِلي مقتل سجايو رات ھو
  • تو ڪنگڻ جي اڌ ۾ مھتابُ ڏِٺو جانان
  • تو ھوا ۾ رات ڇوڙي وار ڦھلائي ڇڏيا
  • توسان پُڄي ﻧﻪ ٿو سگھان، ڪائنر ﺗﻪ پوءِ مان،
  • چريا ڇوڪر، ٿڌو چشمو، ڪچو رستو اُتي ئي آ
  • چنڊُ ھُيو يا جھيل ۾ تنھنجو عڪسُ ھُيو
  • خاموشيون ﻧﻪ اوڍيو، ڪتبا ﻧﻪ ٿيو قبر جا
  • خواھشن جو ٽياسُ ھو منھنجا پرين.
  • خوشبوءِ جي ڪھاڻيءَ مان، گُل گُل جو گذرُ ٿيندو
  • خوشبوءِ جھڙو پاڪُ فرشتو، مِٽي تاڻي ليٽي پيو
  • خُون اوڳاڇي سج مري ويو، ذرديون اُلٽيون چنڊ ڪيون
  • درٻار ۾ تو دِلبريون واڙيون تماشبين
  • دِلين جي ديس ڏي ڀيرا اکين ۾ چاﮬ جو رستو
  • دڳن جي ڌُوڙ مون ڇاڻي، موتين جو ھارُ ماڻيو تو
  • رات ٻيڙيءَ ۾ سُتي جو پاتڻيءَ آرس ڀڳو
  • رات ڀِنل آ آءُ اڪيلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان
  • رکي ھوءَ ڦُول تُربت تي کڻڻ آ ساھ ڀُلجي وئي
  • قبرُن جا اخبار ۾ ڪتبا پڙھندو آھيان.
  • سارين جي ھُٻڪار ۾ واسيل، لاڙ ۾ گھاريل کُھنبي شام
  • سامھون حسين واديون، رستو آ ڪھڪشان
  • سانوريءَ جا جڏھن انگ آلا ڪيا، وڏ ڦُڙي دوستو
  • سج مان نُور جا، آءُ پاڇي ڪڻا، ڄاڻ ھاريا اِجھو
  • سِرجيون سُونھن سرير منجھان ڪي سرگم جون موجُون
  • سمجھي ويو تحرير ھان دِل جي چھري مان
  • سِنڌ ڏِسندي رھي، عاشقيون ٿي ٻريون
  • سُونھن جو اڻ کُٽ خزانو، ڄام شوري ۾ پرين
  • شھر جو تو گٽرُ وھائي نديءَ ۾
  • ڪُنڊ ۾ تنھا پيو ھان، ڪچي مِٽيءَ جي گھڙي جان
  • گُذرياسين جڏھن ڀي مندر کان، ھڪ بي حِس مورت ياد پئي
  • گُنگُنائيندڙ صُبح جي، سينڌ تي سُورج چڙھيو
  • گھٽيءَ جي موڙ جان اڪثر، ايندي ويندي، ھوءَ ملندي ھُئي.
  • گھڙو ڀڳو ته گھوريو، ڄمار آ لُٽي وئي،
  • مون رات چُمي دِل جي سِراڻي کان رکيو ھو.
  • موکي ناياب مئي تو، پياري جڏھن
  • ٿورو ته ترس پنھنجي خطا يادِ مان ڪيان.
  • ڇُھيو چپن سان تو جڏھن حِجاب مان گُلاب کي.
  • ڏِياٽيون خُون جون ٻاري، جيئڻ جو راز ڄاتو آ.
  • لتاڙي بُت ڪدا سارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني
  • لُڙڪن جي ڪھڙي قيمت، بھتر اُگھي ڇڏيون
  • مُرڪ تنھنجيءَ ۾ مِٽيءَ جو دردُ آ
  • ناڪام خواھشن جي گُمنام تربتُن تي،
  • نه ھڻُ زنجير نيڻن جا، حُسن جي ڪارخاني ۾
  • ھڪڙي جھلڪ جي آس ۾ جيئندي مري وئي
  • ھِن شھر ۾ ھاڻي ڪو، خُود دارُ رھيو ڪونھي
  • ويجھو ٿي ڪنڌيءَ کي ناو جڏھن، تو ھٿُ ھوا ۾ لھرايو
  • يادِ ناھي رات ھُو، گھائل اکيون ڪنھن جون ھُيون
  • پل کن واس وٺي وڻجارو، ويندو گوري پاڻ سنڀال
  • سُڪون نايابُ ھو نِنڊ جو، گھڙي ڀاڪرُ نه ٿي سگھيُس،
  • نِگاھ سجدي منجھان کڻي تو، دُعا جي آٿت جيان نِهاريو
  • تنھنجي چپن تان مُرڪ جو منظرُ مري ويو
  • منھنجو وجُود جانان، کنڊر جون ھيڪلايون.
  • رُلي چھرن جون خاموشيون، نظر بيتاب موٽي آ،
  • تنھنجي نيڻن جي محبُوب موسم، ميڪدن جا پتا ٿي ٻُڌائي
  • ڪھڙي لمحي ھِجرُ عِشق کاڌو نه آ
  • ھٿ مان ويندي ٽاڻي سوچيو
  • ساھ جي سُرھي صبا وچ ۾ ھُئي
  • جبين تي مون کي جُھومر جان ھُيو مُرڪي سنواريو تو
  • مِليا نه لُڙڪ ئي مليا ۽ مُرڪ جي ميٺاس کان رھياسين اوپرا اسين
  • مان ڄاڻا ٿو جُھڪيل سِر ۽، ڀِنل نيڻن جي مجبُوري
  • شايد توکي نه ايندو اِن جو يقين صاحب
  • ڪنھن نه ڀاڪُر جي گرمي بڻيو رات ڀر
  • چوڙي پُراڻي لُڳڙ جان جا زندگي مِلي
  • زندگيءَ جي ڪٺن، پيچرن تي ٿڪل، قافلن سوچيو
  • زندگيءَ جو حُڪم ڏئي تو، بندگي سامهون رکي
  • تون ڇُهين ته گُل ٿي ٽِڙي پوان ڪلي آهيان ڪچڙي لِيار جي
  • رات ڪُچلي ڇڏيا وقت جاڙا ڪنول، ٿي ڪهاڻي ختم
  • سھيڙيو تو نه پن پن جان، گلين جي گردِ ٿي وِياسين
  • نظمُ تون فِطرت جي موسمن جو گھٽائون ڪڏھين گُلابُ جانان
  • وِصال جي تمام شب گھٽا گجي وٺي ھُئي
  • ٻاجِھرين تي ٻُور جان، ايندي ھُئي
  • ديوار آ حِجاب جي چُپ چاپ گڏ ھلون ٿا
  • تو مُڙي ھڪڙي نظر ڏِٺو نه ھو
  • خوشبوءِ جي ڪھاڻي رتُ رتُ آ، ھر ڏيک ڏُُکايل آ جانان
  • ڪامڻي ڪچي اڱڻ ۾ وار ڇوڙي آ سُتي
  • ڪيڏو ته اُداس لڳو ڪلھه شام سمندرُ ھو
  • کڻي دِل جا ٽُٽل پُرزا، ڳنڍڻ ھر شام ايندا ھِن
  • ڪھاڻي نظمُ افسانو، نه ڪو ناولُ لکي سگھندُس
  • مُرڪ چپن جي سڀني پرکي، رُوح جا آگم ڪيرُ ڏِسي
  • ٿي ڳوٺ ڳِراٽين جا تون اڏين، پر منھنجي گدائي نا معلُوم
  • ڇا نيڻ ھُيا، ڇا چنڊُ ھُيو، ڇا جامُ ھُيو ڇا رات ھُئي
  • چنڊُ ننڊاکا خواب نِپائي نيري اُڀ تي چڙهندو هو
  • بُکيي پيٽ جو ڪو ڌرمُ دينُ ڪونهي
  • اُداسين جي جزيرن جو، حصو ئي ٿي وڃُون شايد
  • اڌُوراڻي لُڳڙ وانگي، چُڙيا آهيون
  • زهرُ تنهنجو جڏهن دوست لهجو نه هو
  • جبين ڪنهن ڪامڻيءَ اڳيان،جُهڪائي ٿا ڏِسون يارو
  • فِضا جي سوڳ مان دِل جي ڪهاڻي ڳولي وٺندي آ
  • ٽُٽل دِل جي ڪليسا جو، پرين ملبو نه ٿيندو آ
  • اڻ پُورو، هڪ خواب اُميد جو جِھرڻو آ
  • يادُن جي پيچرن تي، بيڪل اُداس مونکي
  • ياد جي بارش وُٺي آ رات ڀر
  • عِشق ڀرپُورُ ٿي ويو آهي
  • سِر ڏئي پوءِ بادشاهي آ مِلي
  • نظر چهرن جي موسم مان، چُڳي رنگ رُوپ وٺندي آ
  • اُداس دڳ تي تو ڇڏيو، خُمار ۾ بھار کي
  • چھري تي وصل جي چانڊوڪي، ڌڙڪن ۾ ڇِڄڻ جا کُٽڪا ھِن
  • جھروڪا چنڊ جا چنچل، پرين ھر ھر پُڇن تنھنجو
  • رِم جِھم رُت جي شام جُھڙالي، بند مگر تون ڪمري ۾

  • صبا نسيم

    صبا نسيم
    جي نانءُ
    جا منهنجي وجُودجو وِڃايل اڌُُ آ
    جنهن جي تلاش ۾ آئون،اُڃايل آبشارن جيان
    سنگريز ڪوهسارن ۾
    تپندڙ صحرا ۾،
    ڪنهن جوگي جيان ڀٽڪندو رهيو آهيان

    ـ ساحرراهو


    POPAT BOOK NO. 54

    دل جي ڳلي
    (شاعري)
    شاعر: ساحر راهو
    ڇاپو پهريون: 2014ع
    تعداد: هڪ هزار
    ڪيليگرافي: پير مظفر
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: نعمان احمد راهو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 150/- روپيه








    DIL JEE GALI
    (Poetry)
    Poet: Sahir Rahu
    First Edition: 2014
    Quantity: 1000 Copies
    Calligraphy: Pir Muzafar
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay ‘out: Asif Nizamani
    Composing: Noman Ahmed Rahu
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs.150/-


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دل جي ڳلي“ اوهان اڳيان پيش آهي. غزلن جي هن ڪتاب جو تخليقڪار ناميارو شاعر ساحر راهو آهي.
    ساحر راهو سنڌي شاعريءَ جي سفر جو اهم، منفرد ۽ خوبصورت شاعر آهي. ساحر راهوءَ هونئن ته مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزل سندس شاعراڻي سڃاڻپَ جو اهم حوالو آهي. اوهان جي هٿن ۾ موجود ساحر راهوءَ جو غزلن جو هي مجموعو سندس نِڪور خيالن جو عڪسُ آهي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    عبدالحڪيم ارشد
    مير محمد پيرزادو
    قاضي مقصود گل
    تاج جويو
    سوز هالائي
    سائين علي خان چانڊيو
    امان الله راهو
    سيدامداد جعفري
    ممتازاحمدراهو
    ياسرقاضي
    لطف سيال
    امان شيخ


    همعصر ۽ همسفر دوست جن جي ساٿ سان
    زندگيءَجي فلسفي کي سمجھڻ جو
    ۽ فطرت کي دل جي اک سان
    پڙکڻ جو شعور مليو.

    ـ ساحر راهو


    پبلشر نوٽ

    ساحر راهو سنڌي شاعريءَ جي سفر جو اهم، منفرد ۽ خوبصورت شاعر آهي. ساحر راهوءَ هونئن ته مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزل سندس شاعراڻي سڃاڻپَ جو اهم حوالو آهي. اوهان جي هٿن ۾ موجود ساحر راهوءَ جو غزلن جو هي مجموعو سندس نِڪور خيالن جو عڪسُ آهي. اسان کي اُميدَ آهي ته هي ڪِتابُ پِڻُ اِنهيءَ راءِ جي رَدَ ۾ هِڪُ مضبوط حوالو بڻجندو، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري شاعري گهٽ ٿئي ٿي. ساحر راهو حُسنَ، محبتَ ۽ ڪيفيتن جو شاعِرُ آهي. اسان کي اُميدَ آهي ته هي ڪِتابُ سنجيده شاعري پڙهندڙن وٽ مانُ ماڻيندو. اوهان جي راءِ ۽ رهنمائيءَ جو اوسيئڙو رهندو.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    غزلَ

    هي تونگر جي آ مسند کان مٿي

    هي تونگر جي آ مسند کان مٿي
    پاڻ لئه ”ساحر“ فقيري جھوڪَ جي


    چند لمحن جي تون، بادشاهي نه ڏي

    چند لمحن جي تون، بادشاهي نه ڏي
    يا خدا ياخُدايا تباهي نه ڏي

    ڪنهن جو ويساھ گھائي، بُلنديون ڇُهان
    خواهشن جي اونهي دِل ۾ کاهي نه ڏي

    منهنجي چپڙن جي لرزش، نه معني رکي
    تون ته پنهنجو آن، اهڙي گواهي نه ڏي

    مون کي صحرا ۾ پياسي، هرڻ وانگيان
    هيڪلو ڏي ڇڏي، اهڙو راهي نه ڏي

    تنهنجي دهليز تي ئي اچي ٿڪُ ڀڃان
    منهنجي ڳولا کي ٻي جاءِ، ساهي نه ڏي

    توکان غافِل رهي، هڪڙُو پلُ جيڪڏهن
    اهڙي مُرده صِفت، دِل اِلاهي نه ڏي

    جو نه سمجھي شِدت، پِياس جي يا خُدا
    منهنجي ڌرتيءَ کي، بيحِس درياهي نه ڏي

    جيڪو تاريڪ راتين، ۾ پردو ڪري
    چنڊ جهڙو تون ’ساحر‘ کي ماهي نه ڏي


    عظيم ڪا ئي رھبري پيامبري گھُري اسان

    عظيم ڪا ئي رھبري پيامبري گھُري اسان
    خُدا کان ھڪ رسُول جي تونگري گھُري اسان

    مديني جي گلين ۾ ھڪڙي رات هُئي صدا ھڻي
    شفاف پاڪ چائنٺ جي گداگري گھُري اسان

    قدم قدم تي بُت ھُيا خُدا جي رُوپ ۾ اُڀا
    سچي خُدا جي ڄاڻ لاءِ رھبري گھُري اسان

    ٻُڏل ٻُڏل صديون هُيون جهالتُن جي سمُنڊ ۾
    نِجات رات ٻاٽ کان وري وري گھُري اسان

    جھان عيش عِشرتون گُھري سُکن جي سيج پر
    چراغِ نورُ جي پُٺيان مُسافِري گُھري اسان

    اڳوڻي ھر رسُول کان الڳ اتُم شبيھ ۽
    فضيلتُن ۾ ھر طرح اُتامري گُھري اسان

    سوالُ ھو نِگاھ ۾ زبان ٿي ميٺاس وئي
    رڳُن ۾ نعت ٿي رچي سا شاعري گھري اسان

    جھُڪياسين ڪنھن فِرعون جي نِظام جي اڳيان ﻧﻪ پر
    غُلامي ھڪ يتيم جي وتي گُھري گُھري اسان

    شعور جو الم کڻي لِکون جديد رنگ ۾
    وضُو وضُو نِگاھ سان ئي ساحري گُھري اسان


    معصُوم مُحسنن جي، ايثار جو صلو آ

    معصُوم مُحسنن جي، ايثار جو صلو آ
    حق جو عظيم ڏيئو، سُورج جيان چٽو آ

    دنيا جي گولڙي تي، گُمنام ڳوٺڙو ھو
    پارس ڇُھيو ﺗﻪ ڪربل، مُھذب خِطو بڻيو آ

    اسلام فخر لائق، بڻيو آ گر جھان ۾
    ابن عليءَ جي سجدي، بخشيو سو سوجھرو آ

    اِتھاس جي پنن تي، پُر نُور روشنين جو
    ھڪ قافلو ازل کان، محوِ سفر رھيو آ

    گھرا اُداس بادل ماحول تي پکيڙيا
    مُحرم جو چنڊُ شايد آڪاس تي چڙھيو آ

    تاريخ مان سبقُ ڪو سِکيو ﻧﻪ بي وڙا تو
    ڪِردارُ تنھنجو اڄ ڀي، پھرين جيان بُرو آ

    خوني چنبا کُتل ھِن، جيئڻ جي ھر جتن تي
    مظلُوم تي ﺗﻪ اڄ ڀي، ظُلمن جو سلسلو آ

    ڪھڙي طرح به جنگ جو، ورجاءُ آ تباھي
    درميان وحشتن جي ھيسيل امنُ کڙو آ

    ھر بُوند جو سفر آ، معصُوم جي چپن ڏي
    پياسو فراتُ ’ساحر‘ جلٿل وري ﻧﻪ ٿيو آ.


    بارشنُ دوران تو لِکيو هُيو

    بارشنُ دوران تو لِکيو هُيو
    پِياس جو درياھُ خطُ بکيو هُيو

    ٻاف بڻجي جيئن پاڻي باھ تي
    مون مزو ايئن ميل جو چکِيو هُيو

    رات ڀر هُئي نِنڊ سوتن وانگيان
    اڳ ڄائي مون ٻار جان ڀوڳيو هُيو

    پاپ جهڙو پل اپل هو سانورا
    مون کي تو رکيل جان رکيو هُيو

    اڻ ڏِٺي هو عِشق جي اوڙاھ ۾
    خواهشن تنجڻي ٺپي اُڇليو هُيو

    خواب منهنجا ٿي ويا فالج زدا
    رات گُونگُو گيتُ مون لِکيو هُيو

    پيار جي بيساخي تو جڏهين کسي
    هڪ قدم مون لئه کڻڻ ڏُکيو هُيو

    اڻ چاهي مون ور سان ساحر رات ڀر
    فاحشا جان جسم کي ونڊيو هُيو


    ڪيرُ جل ٿل ڪيرُ پياسو، سانوڻي سوچي نه ٿي

    ڪيرُ جل ٿل ڪيرُ پياسو، سانوڻي سوچي نه ٿي
    جام وِرڇيندي بزم ۾، ماڌُري سوچي نه ٿي

    رات ڀي تنهنجي گليءَ ۾ ٿيو تقدُس پائمال
    اڄُ به تنهنجي گھر ڏي ايندي عاشقي سوچي نه ٿي

    نورُ ڪنهن جو ناس ٿيندو، ڪنهن جون ٽُٽنديون چُوڙيون
    ڪنهن کي ٻانهن ۾ ڀريندي پر ندي سوچي نه ٿي

    ڪنهن جا سُبيا گھاءَ جُھريون،ڪنهن جي دِل جون موسمون
    درد يادُون، خواب ڏيندي، شاعري سوچي نه ٿي

    ڪيئن ڪنڌيءَ تي اڪيلو، گيت ڳايان ميل جا
    آرسيءَ جي عِشق ۾ سو،ڪُونجڙي سوچي نه ٿي

    رازُ ڪنهن جو ٿي کٿُوري، شهر ۾ ويندو گھُلي
    ڪنهن اڱڻ ۾ جھاتِ وِجھندي، چاندني سوچي نه ٿي

    سمنڊ جون گھُرجون پروڙي، رات ٿي بيڪل ندي
    سرد راتيون سيڪبيون ڪيئن،سانوِري سوچي نه ٿي

    مان لُڪن لُوساٽ کان پوءِ ، برفِجي پٿر ٿيس
    منهنجي محرُومين تي ساحر، زندگي سوچي نه ٿي


    ڀرپُور رات بارِش، برسي سُڃين بنن تي

    ڀرپُور رات بارِش، برسي سُڃين بنن تي
    تنهنجي به ياد سُپرين، گھنگهور ٿي گسن تي

    برباد ڀروسن جا ، نيشان ڪو نه مِٽبا
    ناڪام آسرو آ ، ڳوڙهن جيان ڳلن تي

    بنجر زمين جهڙو،چهرو آ منهنجي سامهون
    پوپٽ جو رقصُ ليڪن، جوڳِڻ جي آ لٽن تي

    ٿُوهر جي ڇانوِري ۾ ، ويٺل اُداس هرڻي
    رکجان نه ڀروسو ڪو ،ڪڪرن سان پُر گگن تي

    تنهنجي وصل جا لمحا، ايئن اُداس دِل تي
    ٽانڊن جو ناچُ جيئن ڪو،ڪاغذ جي آ بدن تي

    چهري جي چاندني ڪا،اندر جو عڪسُ ناهي
    پازيب ڇوڙي نچڻي، سُڏڪي پئي هٿن تي

    وحشت جي باھ ڀڙڪي بُنياد سيڪجي ويا
    عاشُور جي آ موسم محبُوب ڄڻ وطن تي

    پُتلين جيان نچُون ٿا، سياست بڻي مداري
    غيرت غُلام ٿي وئي، وئشيا جيان سِڪن تي

    تنهنجو به ساٿُ ساحر سُورج تي ڀُورو بادلُ
    منهنجو وجُود شبنم،پٽ تي ڇڻيل پنن تي


    کڄي نِگاھ سوچيو، ڊِگھو ڪجي قيام کي

    کڄي نِگاھ سوچيو، ڊِگھو ڪجي قيام کي
    عُمر اِتي ئي گھارجي، ڀري حُسن جي جام کي

    نظم نظم ۾ خواب ها، گُلاب ها حِجاب ها
    پُڄايو حرف حرف مون، نفيس دِل پيام کي

    نه اُنس تخت تاج سان، نه چاھُ چين سان گھڻو
    عزيز آجپي سواءِ نه وٿِ ڪا غُلام کي

    نِگاھ پُر خُمار هُئي، ذرو به هوش ڪونه هو
    سُڃاڻي پر وتو اسان، اِمامِ بزمِ خيام کي

    رُڪي گھڙي تو ڇانڌ جو، اڌُورو آسرو ڏِنو
    صدين جي سگهه آ مِلي، پرين ٿڪل اُڏام کي

    جمال کي ڪمال سان تراشي سنگ گر ڏِنيون
    نيون نيون وشالتون، نِگاھ جي نظام کي

    شعُور جي پنن تي هُن، نظم ۾ ڪر مروڙيا
    پتو انوکي سُونهن جو، اٻوجھه ٿيو عوام کي

    چپن جي چائنٺ تي رکي، اڌُورا جام ساحرو
    اکين ۾ آ ڇڏي وئي، پِياس جي ڪا سام کي


    حسين هڪ خيال هو، پُڳو نه ڪنهن زوال کي

    حسين هڪ خيال هو، پُڳو نه ڪنهن زوال کي
    ڪمال سنگ تراش جي، امر ڪيو جمال کي

    نه ڄاڻ ڪير ناچڻي، نچي نچي نگُھور ٿي
    تماشبين شهر ٿي، نِپوڙيو پر نِڍال کي

    اڌُورو هڪڙو نظم پيو، پني تي آ مريض جان
    ڏِٺو اڄاڻ ويڄ جان، ڪويءَ ٿڪل خيال کي

    سريرُ ايترو نه گڏ، وڃي وجُود هڪُ ٿي
    ڇِڄون ذرو ذرو ٿيون، مٺو چئون وِصال کي

    پِياس جو سمُونڊُ هو، اڳيان رُڃن جو پنڌُ هو
    صدا نه سُرڪ جي اسان ، هئين ڪڏهن ڪلال کي

    بدن بدن کان ڀيلبي، رهي پرائي کيت جان
    ڪچي ڪلي ڇڻي وئي ، پُڳي نه ڪنهن ڪمال کي

    حجاب جي نه هڙ کُلي، ڊگھي عميق ماٺ کي
    رضامنديءَ جو رُوپُ ڏئي، خريديو شهر مال کي

    قدم قدم بزار هُئي، بدن بدن جو اگھُه هو
    حوس هر نگاھ جيءَ ، حياءَ جي لويو ڍال کي

    اکين اکين ۾ اوتيا، خواب خيال ساحرو
    چپن چپن جي پرکيو، پياس جي سوال کي


    قريب ڪر نه ايترو وِٿي رهي نه ڪا وِچان

    قريب ڪر نه ايترو وِٿي رهي نه ڪا وِچان
    کڻا نه سولو ساھ مان، ڀري نه تو کي جيءُ ڏِسان

    عجيب هڪ جنُون هو، عجيب خواهشون هُيون
    مران ته تنهنجي جوٽ تي، جئان ته تنهنجي سنگ جئان

    ڀِڄي ٿي ماڪ ۾ جڏهن چنبيلي اڄُ به ڍوليا
    اکين ۾ مور ٿا نچن نِگاھ ٿئي ٿي ڪهڪشان

    تڏو آ دِل ۾ سوڳ جو، مُحبتن جي روڳ جو
    شريڪ ناھ هيءَ زمين، قريب ناھ آسمان

    اجھاڳ آھ پيچرو، نه ڇانوَ جو ڪو آسرو
    ڦُڙو ڦُڙو پلُر ڪري، پگھر ٿو پنهنجو مان پيان

    صليب آھ هر گھڙي، اڪيلتا جو اوج آ
    قريب ناهين ڪامڻي، سفاڪ آھ سڀ جهان

    مڃان ٿو مون کان ٿيون هُجن اڄاڻ ۾ ڪي غلطيون
    خطا جو گھر هان آدمي، فرشتو ته ڪونه هان

    وشال تنهنجي پيار جون، گھڙيون نصيب هُون جڏهن
    اسان تي وقت ساحرو، خدا جيان هو مهربان


    ڪنهين سياسي آکاڙي ۾، مڃُون ٿا ڊوڙ جا ناهيون

    ڪنهين سياسي آکاڙي ۾، مڃُون ٿا ڊوڙ جا ناهيون
    مُنافق ڪنهن به مُهري جي، برابر جوڙ جا ناهيون

    تون ٻانهن جي ڳِراٽيءَ سان ، نه آزادي اسان جي کسِ
    اسين هيراڪ چوڙين جي، رنگين پِنجوڙ جا ناهيون

    ٿئي سُرهاڻ جو جهونڪو، پرين محسُوس لهجي ۾
    نفاست جا آهيون، قائل، گھٽا گجگوڙ جا ناهيون

    اسان جو شان مرڪز آ، دِلين جي ديس جا راجا
    اڌُوري جام تي راضي، ماڻهو ڪي ڇوڙ جا ناهيون

    اسين سُورج آهيون سائنڻ تپش محسُوس ڪر ڪڏهين
    ٽُٽل آڪاس تان تارا، پٿر يا موڙ جا ناهيون

    اِهو ڀي گھٽ آهي ڇا، چوي ٿو لفظ لوئيندڙ
    ڳڻپ جوڳا، سهي موجد، ڪوي سرموڙ جا ناهيون

    گلي تنهنجي ۾ پوندو جو تنهنجي دوستن جي سازِش سان
    سري بازر اسين ڌاڳا، اهڙي ڪنهن نوڙ جا ناهيون

    عوامي ميڙ جي آهيون، نئين آواز جي هلچل
    ڳُجھي ڪنهن ٺاھ جي ساحر ڪُڌي جاکوڙ جا ناهيون


    سُندر نفيس ڪومل ، دِل ڪش رنگين چهرا

    سُندر نفيس ڪومل ، دِل ڪش رنگين چهرا
    ڇا ڇا ڪري سگھن ٿا، ڪافر حسين چهرا

    سجدي ۾ مون وڃڻ کان، پهرين اِهو نه سوچيو
    سُورج جو پرتوو هِن، بنجر زمين چهرا

    ناڪام ٿي مون چاهيو، لهرُن کي پايان ڀاڪُر
    مُرڪيا ٿي زندگيءَ جي، جھُومر جبين چهرا

    برباد دِل جو قِصو ڇيڙيو جي گيت ۾ مون
    بدنام ٿيندا مُهذب، پردا نشين چهرا

    پُختو خدا تي اڳ کان، ايمان ٿي وڃي ٿو
    قُدرت مٿان بندي جو، فِطري يقين چهرا

    رنگن جون ڪائناتون، مسڪن هِنن جو ڪڏهين
    پنهنجي وجُود اندر ، گوشه نشين چهرا

    ويسر جو واءُ گھُلندو ڪڏهين نه آ هِنن تي
    ڌڙڪن جيان رهن ٿا، دِل ۾ مڪين چهرا

    پهرن جا پهر ويهي، پنهنجي ئي ڪن تپسيا
    پُوڄاري آرسيءَ جا، ساحر سنگين چهرا


    خوشبوءِ جي ڪهاڻي، بوجھل اُماس يادُون

    خوشبوءِ جي ڪهاڻي، بوجھل اُماس يادُون
    بارش کان پوءِ دِل ۾، اڻ جھل، پياس يادُون

    مدهوش ناهيان موکي، دِل جي ڪچي اڱڻ ۾
    تنها وِکون کڻن ٿيون، بيڪل نِراس يادُون

    وسڪار وڏ ڦُڙي جي، شُروعات پيار جي پر
    انجامُ هيکلائي، پل پل ٽِياس يادُون

    پٿريلي پيچري تي پايل وڳي ته جاڳيو
    گورک جو ڏيک اڻڀو، آنچل اُداس يادُون

    ڪڏهين ته مشغلو هو، سُر ساز جام جوڀن
    هاڻي عذاب ڀاسن، اي دِل رقاص يادُون

    تنهائي ۽ ويڳاڻپ، ڪمري جو آ مقدرُ
    سگريٽ دُونهن خالي، بوتل گِلاس يادُون

    ڪنهن جي چپن جي شبنم، برسي گُلاب ڳل تي
    زخمي اکين ۾ جھُريون،ڪومل شناس يادُون

    سامهون سُڪن پنن جان، وِکري پئي آ ساحر
    مُسڪان مهجبين جي، چنچل لِباس يادُون


    ڄاڻا نه اوچتو ڇو، پنڇڻ لٿو چپن ۾

    ڄاڻا نه اوچتو ڇو، پنڇڻ لٿو چپن ۾
    مُسڪان خُودڪشي ڪئي، دِل جي اُداس بن ۾

    پردو کڻي اچانڪ، پويان مُڙي نهاريئي
    چمڪو ٿيو وِڄ جو ڄڻ، ڪڪرن وِچان گگن ۾

    پاڻيءَ سُفيد ۾ ها، ڪريا ٻه انب جاڙا
    اُڀري ها چُگهه ڊهي ويا، تنهنجي ٻنهين ڳلن ۾

    جھونڪي هوا جي ڪورو، مُکڙيءَ جو تن اُمايو
    نانگڻ جيان سِيانڊو ،سرڪڻ لڳو بدن ۾

    جھُرندي آ رت ڳڙيءَ جان، دِل ۾ وصل جي موسم
    هُرندي آ آنڙيءَ جان، يادُن جي رُت اکين ۾

    سادا ڪوي نه ڄاتو، لفظن جي راند کي تو
    اڻ ڄاڻ ڪوڙڪي هُئي، چهرن رنگين لٽن ۾

    ڳوليان ٿو، پاڻ ۾ مان، ظالِم اُهو مُصوِر
    ٿُوهر جان مون کي ويو آ ، ٺاهي جو رِڻ پٽن ۾

    ڪهڙي شِڪست ساحر، کنڊرُ ڪري ڇڏيو آ
    موهن جو ڏيک آهيان، جيون جي هر جتن ۾


    جذبات جي سفر ۾ احساسُ ناهي ٿيندو

    جذبات جي سفر ۾ احساسُ ناهي ٿيندو
    ڌرتيءَ جو دوست ڪڏهين آڪاسُ ناهي ٿيندو

    دُک جي ڪٺور موسم، بيحد خوشين جي رُت ۾
    سُرمي جو دوست اي دِل، الماسُ ناهي ٿيندو

    اُسري شفاف جر يا سينور ۾ پر ڪنول کي
    احساسُ گندگيءَ جو ڪو خاص ناهي ٿيندو

    پيرن کان گھينگھرن پُڇيو چوي ٿو زاهد
    قلندر جو رُوپ ڪڏهين، رقاصُ ناهي ٿيندو

    مرمر جو تاجُ ڏِسندي، محسُوس ٿئي ٿو گويا
    نِرڌن جي پيار کي ڪو، اِتهاسُ ناهي ٿيندو

    تاريخ جي تسلسُل وحشي جبر لئه ڪافي
    هڪ ورق جو ته يارو، اِڀياس ناهي ٿيندو

    مُورت حسينا ڪنهن يا، ڀڳوان جي پٿر مان
    ٺاهيندي سنگ گر کي ڪو قياسُ ناهي ٿيندو

    بي حِس متان تون سمجھين، سو شخصُ سادا ساحر
    چهري مان جنهن جي پڌرو، بنواسُ ناهي ٿيندو


    ماڻيو تو ساٿُ اُن جو جنهن جي هُئي جُستجُو ڪئي

    ماڻيو تو ساٿُ اُن جو جنهن جي هُئي جُستجُو ڪئي
    منهنجي عُمر جي پُوڄا، صحرا جو نازبُو ڪئي

    رنگن کي ڪينوس تي ايئن چِٽيو مُصور
    تصوير هر نظر سان، ڀرپُور گُفتگو ڪئي

    آندو مون پوءِ چپ تي، بدنام جامُ همدم
    سجدي ۾ پهرين روئي دِل ڌوئي باوضو ڪئي

    تنهنجي نظر ۾ مُهذب رُتبو بُلند اُن جو،
    جنهن چونڪ جو تماشو، ڌرتيءَ جي آبرو ڪئي

    منهنجو وجُود اُن جي چاهي ٿو بندگي جنهن
    زندان جي جھروڪ مان آ، تاريخ سُرخُرو ڪئي

    سپنا ته مرمري مون چاهيا ٿي توسان ليڪن
    تعمير جاڳ جي تو، محلات ماهرُو ڪئي

    موتيا گُلاب بڻيا، تنهنجي هٿن جي خوشبوءِ
    ساريئي نه ڪنهن لهُوءَ سان، مياڻي آ مُشڪ بُو ڪئي

    وِهنتي ٿي رات تُلسي چانڊاڻ ۾ مون ساحر
    بِنديا جيان مٿي تي مُرڪڻ جي آرزُو ڪئي


    رِم جِھم جي رات شاعر ، تنها اُداس ڪمرو

    رِم جِھم جي رات شاعر ، تنها اُداس ڪمرو
    ڪاغذ تي ڪجهه اڌُورا، دوها نِراس ڪمرو

    اڻ جھاڳ انتظاري، يادُن جي سنگ باري
    بيچين خواب نِنڊون، بي گھر ٽِياس ڪمرو

    ٿُوهر جي ڳيت وانگي، رهڙي گھڙي ڳِسي ٿي
    سگريٽ اڌ سڙيل مان، خالي گلاس ڪمرو

    گھنگھور اوپرائي، شمشان جهڙي چُپُ آ
    هر ڏيکُ اجنبي آ، ناهي شناس ڪمرو

    ڪڏهين اکين جي اُڀ تي، جياپي جي چڙهندي انڊلٺ
    ڪڏهين ڍڪيندو اي دِل، اُجرو لِباس ڪمرو

    ڪنهن مست کي ٻڌل مان، گُھنگُھرن جي آهيان ڇَم ڇَم
    آئون ڌمال ڍوليا، قلندر رقاص ڪمرو

    ٻاهر هوا ۾ خوشبوءِ آرس ڀڃي ٿي دِل ۾
    يادُون شِڪست کاڌل سپنا، پِياس ڪمرو

    ڪنهنجي اکين ۾ اُڀريو، مهتابُ هوندو ساحر
    اُلجھي ٿو فاصلن سان، هيڪل اُماس ڪمرو


    پِنڃرو هو پيار تنهنجو، محدُود زندگي هُئي

    پِنڃرو هو پيار تنهنجو، محدُود زندگي هُئي
    نادان هڪ خواهش، ڀوڳائي بندگي هُئي

    چُلهه تان لٿل تئي جان، مُرڪيس ٿي آءُ ظاهِر
    منهنجي وجُود ۾ ڪا، صحرا جي تشنگي هُئي

    رستا ڦٽي پيا ها، تانن جا هر نظر مان
    خود چونڪ تي سنواري دِل جي مون درسني هُئي

    پل ڀي رهي نه سگھندُس، هُن کان جُدا ٿي آئون
    حيرت ٿئي ٿي دِل ۾، ڪيڏي نه سادگي هُئي

    ظاهر ته گڏ هُياسين، چهري تي ٻن اکين جان
    صحرا ۽ سمُنڊ جيڏي،اڻ جھاڳ پر وِٿي هُئي

    اوڍيل هُئي ٻُور وانگي، تنهنجي زبان تي نهڪر
    هٽيو حِجاب دل مان ،ظاهر ٿي عاشقي هُئي

    بي شڪ چئي سگھين ٿو، منهنجو ئي ڏوھ هُوندو
    زندان ۾ مون طلبي، آزاد تازگي هُئي

    سوَ بار ڏئي سگھين ٿي تسلي اِها تون خود کي
    تو کان جدا ٿي ساحر، ڪئي پاڻ خودڪشي هُئي


    محسُوس ٿيون نه پهرين، رِم جِھم تي غم اُداسيون

    محسُوس ٿيون نه پهرين، رِم جِھم تي غم اُداسيون
    پکڙيون ڪٿان دُونهين جان، عالم تي غم اُداسيون

    هاريل کلاڙي ڀاسِن، گليون، بزار، منظر
    ذردين جيان وٺيون هِن، شبنم تي غم اُداسيون

    تابُوت ۾ آ آيو، ڳڀرُوءَ جو لاش گھر ۾
    ڳولا ڳڀي جيءَ آنديون محرم تي غم اُداسيون

    رابيل تنهنجي آئي، بدلي نه دِل جي موسم
    تاسا ننگر جا ناچُو، ڇم ڇم تي غم اُداسيون

    گُذري آ ڪير ڀر مان، پوشاڪ ماتميءَ ۾
    ڦهليون جو اوچتو هِن، سرگم تي غم اُداسيون

    فُرصت ملئي ته اُن جي ، نيڻن جو ديس ڏِسجان
    جنمن کان جنهن جي برسيون، موسم تي غم اُداسيون

    ايئن به ڪونهي صاحب، انسان جو مُقدر
    فُٽ پاٿ جي حياتي، دم دم تي غم اُداسيون

    چهرن تي ٻِجُ ڇٽيو، اڻ ڄاڻ خوف ساحر
    وحشت چِٽيون امُن جي، پرچم تي غم اُداسيون


    مان تنهنجي مُقدس قدمن جي، مِٽي جي سعادت چاهيان ٿو

    مان تنهنجي مُقدس قدمن جي، مِٽي جي سعادت چاهيان ٿو
    ڪا ديول دِل جي ڌرتيءَ تي، جوڙي پوءِ عِبادت چاهيان ٿو

    هر ويل انا جو ڪنڌُ ڀنڃي، هر روز خُوديءَ کي خاڪ ڪري
    مان تنهنجي در جي چائنٺ ٿيان، محبُوب اِجازت چاهيان ٿو

    مون پنهنجي اڌ جي ڳولا ۾، خُود پاڻُ تِياڳي ڇڏيو آ
    هِن ٿُوهر جهڙي جياپي کان، ڏي ساٿُ بغاوت چاهيان ٿو

    لولاڪ جي ساري سوڳ منهنجي ، هردي کي بڻايو مسڪن آ
    گھنگھورُ رُدالي موسم ۾، مُرڪن جي تلاوت چاهيان ٿو

    ڇا چاهي ٿي هيءَ خاموشي، ڇا تنهائيءَ جو مقصدُ آ
    مان تنهنجي مُهذب چهري مان، موسم جي وضاحت چاهيان ٿو

    جا پُونجي ساري عُمر لُڇي مون ميڙي زخمي خواب ڪري
    آ حاجت مندُ ڪو دردن جو، اڻ ڳڻپ سخاوت چاهيان ٿو

    ڪيڏانهن وڃين ٿي چانڊوڪي، تون منهنجا آلا نيڻ چُمي
    مون کي به وٺي هل چهرن جي، نِنڊن ۾ مُسافت چاهيان ٿو

    هوءَ خوشبوءِ جيڪا مرڪز آ، فِطرت جي رنگن جي ساحر
    مان سُڳداسي ان سانوڻ مان، ساهن جي طهارت چاهيان ٿو.


    اڳيان ڌُنڌ گھٽجي ته منظر کي سمجھان

    اڳيان ڌُنڌ گھٽجي ته منظر کي سمجھان
    ڌمالُن کي سمجھان، قلندر کي سمجهان

    خُدايا اِهو مونکي اِدراڪ ڏي مان
    عبادت کي سمجھان، پيامبر کي سمجھان

    هٽن منهنجون نظروُن پُوڄارِڻ تان آئون
    ڏِسان ديوتا کي ۽ مندر کي سمجھان

    گھمنڊ ڀروسي جو، ٽُٽي دوستيءَ تان
    لِڪيل آستينن ۾، خنجر کي سمجھان

    کنيو مون ڪُلهي تي کِکو ڄار ناهي
    تماچيءَ جيان ڪيئن ڪينجھر کي سمجھان

    اُگھاڙپ ڍڪي مون هُجي ڪنهن ننگي جي
    اُڻت جي هُنر کي ۽ وينجھر کي سمجھان

    شِڪستون ڳڻڻ کان ملي واندڪائي
    لُٽيرن تي سوچيان، سِڪندر کي سمجھان

    جياپو ملي تنهنجي ڀاڪُر کان ساحر
    لهر تي لهر ٿيان، سمندر کي سمجھان


    درد جي گهري ڀنور ۾، لاپتا آهيون اسين

    درد جي گهري ڀنور ۾، لاپتا آهيون اسين
    تون ٻُڌي جيڪا نه سگھندينءَ، سا صدا آهيون اسين

    ڇانو ۽ بادل جيان ٻئي همسفر آهيون مگر
    پنهنجي اندر ۾ اڌُورا ، آسرا آهيون اسين

    آشنائي آهي پنهنجي، چُپ ۽ کنڊر جيان
    ديوداسي تون نه سائنڻ ديوتا آهيون اسين

    گيت تون خوشحال رُت جو نظم آئون درد جو
    پاڻ ۾ ٽڪرائيا پر بارها آهيون اسين

    جاڳ ۾ ڳولي وتو آ، هاڻ سپنن جو سفر
    زخم آهيون خود زخم جي ۽ دوا آهيون اسين

    تاج جي هيري جيان هو، مانُ ۽ رُتبو ڪڏهن
    تنهنجي قدمن جي مٽي اڄُ، دلرُبا آهيون اسين

    مست ڪنهن جو وِردُ آهيون، بيخودين جي ڪيف ۾
    بي وِضو سجدن جيان ۽ يا خدا آهيون اسين

    آسمان اُڇلي ڇڏيو آ، ڀونءِ ساحر بي خبر
    واءَ ۾، ڦاٽل خَطن جا، ڄڻ ذرا آهيون اسين


    زندگي گُلزار تنهنجي، خواب گُلدستا هُيا

    زندگي گُلزار تنهنجي، خواب گُلدستا هُيا
    منهنجا پنڇڻ جي پنن جان، گھاءَ ڀي سسِتا هُيا

    مُهذبن جي بزم ۾ هُئي آخري ڀيرو نچي
    پير زخمي نِرتڪيءَ جا، رَقص ۾ يڪتا هُيا

    اوچتو دِل جي شهر ۾. قافِلا وارد ٿيا
    بانسريءَ جا سُر هُيا يا، درد جا دستا هُيا

    زخم ها پورهيت هٿن جا، سامراجي دين پر
    ٽهڪ تنهنجا ماڻهپي جي، قبر تي ڪتبا هُيا

    قافلا ابنِ مريم جي آڙ ۾ ميرائيون
    پنهنجي اندر جون ڪرڻ سنگسار لئه نِڪتا هُيا

    شام تنهنجي سُرمئي سنڀار جو پرتوو بڻي
    بارشون آيون ته ڌوپيا، ياد جا رستا هُيا

    ڪنهن ڳِراٽي ڪين پاتي، مونکي جيجل ماءُ جان
    بارها پرتل به توسان، بارها پرتا هُيا

    گيتُ جهرڻن جو هو ساحر، گُفتگُو ۾ معتبر
    زهر ۾ خنجر ٻُڏل، تنهنجا مگر گُفتا هُيا


    صحرا ۾ اذانِ صدا جيئن ڀٽڪيو آهيان

    صحرا ۾ اذانِ صدا جيئن ڀٽڪيو آهيان
    ڪافر دِل ۾ خوفِ خُدا جيئن ڀٽڪيو آهيان

    توکان پوءِ درياھ به ناهي دوست رهيو
    پياس جي رِڻ ۾، مينهن دُعا جيئن ڀٽڪيو آهيان

    پنهنجي اڌ جي ڳولا ۾ مان جنمن کان
    لهر لهر ٿي، مست دريا جيئن ڀٽڪيو آهيان

    بدنامين جا زيور پائي جنمن کان
    بازارُن ۾ بنتِ حوا جيئن ڀٽڪيو آهيان

    پاڪ پويتر خوشبوءِ پورهيت جسمن جي
    درٻارُن ۾ بد دُعا جيئن ڀٽڪيو آهيان

    معصومن جي پياس ڪري وئي واسو آ
    دريا دريا، ڪرب و بلا جيئن ڀٽڪيو آهيان

    تبليغون تاراج ڪري پوءِ سرمد ۾
    عِشق عِبادت وجد انا جيئن ڀٽڪيو آهيان

    تنهنجي چاهت چولو ٻيهر بدلايو
    زخمي ساحر آءُ وفا جيئن ڀٽڪيو آهيان


    بهارُن جا جڏهن بن سان ملڻ لئه رابطا نِڪتا

    بهارُن جا جڏهن بن سان ملڻ لئه رابطا نِڪتا
    اسان جا درد موسم سان، پُراڻا واسطا نِڪتا

    بصر جي تهن جيان کُلندي، اڳيان منهنجي وئي موسم
    هُئي گھنگھور ٿي دِل جي اکين مان وهڪرا نِڪتا

    مهڪ پورهيت پگھر جي مون، ڪرڻ محسوس ٿي چاهي
    زخم مذدور هٿڙن جا، ڪندي ها مرحبا نِڪتا

    لٿا اُڀريا ڪئي سُورج ، ٻُڏيون راتين ۾ شامُون پر
    غُلاميءَ مان جياپي جا، نه رستا سانورا نِڪتا

    شهر جلاد تي تُهمت، هنئي گردن ڪٽڻ جي پر
    جشن منهنجي قتل تي جِن ڪيو سي فرشتا نِڪتا

    وصل جي وارتا ڪڏهين اسان سان ٿي نه جيون ۾
    جُدائن مان جُدائن جا ، هميشه پيچرا نِڪتا

    لِڦون ٿي جُستُجوءِ منهنجي ڪندي انسان جي ڳولا
    شهر ۾ جيڪي مليا سڀ ، پٿر جا ديوتا نِڪتا

    اڃا برباد سپنن جا، نه مَلبا ميڙيا ساحر
    وري اَڻ ٿَڪ اوجاڳن جا ، اکين لئه مرحلا نِڪتا


    نه ڄاڻا ڪير آ هلندي، رُڪي پل راحبا سوچيو

    نه ڄاڻا ڪير آ هلندي، رُڪي پل راحبا سوچيو
    اکين سان مرحبا چوندي، رُڪي پل راحبا سوچيو

    مسيحا جي جڳهه ڪنهن جو اکين ۾ عڪس اُڀريو آ
    عبادت ۾ خلل پوندي، رُڪي پل راحبا سوچيو

    خُداوند ماجرا ڇاهي، يسُوع ڪا رهنمائي ڪر
    سيني تي ٽياس جي ٺهندي ، رُڪي پل راحبا سوچيو

    اڪيلائين جي اوجھڙ کان ، نِجاتن جو سبب بڻبو!
    چڙهائي چرچ جي چڙهندي، رُڪي پل راحبا سوچيو

    نه چاهيندي به نظرون، ڇو کڄن ٿيون اوپري ڪنهن ڏي
    حياء جي بُوند ۾ ڀِڄندي، رُڪي پل راحبا سوچيو

    ٿڌي چشمي سان ڪيئن مُمڪن،گرم صحرا جو سنگم آ
    نديءَ جان آهستي وهندي، رُڪي پل راحبا سوچيو

    رحل نيڻن ۾ ويٺو آ، مُقدس ڪيرُ چهرو هيءُ
    ورق انجيل جا پڙهندي، رُڪي پل راحبا سوچيو

    اکين ۾ ننڊ جي بدلي، وصل جا ڏيک ڇو ساحر
    نِنڊاکي چنڊ کي ڏِسندي، رُڪي پل راحبا سوچيو


    پُر ڪيف پلڪ جيئن سمندر سُتو نه آ

    پُر ڪيف پلڪ جيئن سمندر سُتو نه آ
    بيڪل وجود ايئن ويجھر سُتو نه آ

    پياسو اڃا به آ، جلاد خُون جو
    درياھ قتل ڪري، خنجرُ سُتو نه آ

    تنهنجي وئي کان پوءِ، سارنگ جي ساهِڙي
    وسڪار جو ڪڏهن، منظرُ سُتو نه آ

    دٻجي ڌمال ويئي، ڪڻ ڪڻ ٿيا گھينگھرا
    منهنجي اندر مگر، قلندرُ سُتو نه آ

    هر دِل ۾ آ وِڇيو، تعزيت جو تڏو
    مورن جي موت تي، ننگرُ سُتو نه آ

    بيواھ جي سينڌ جان درياھ جو ڏيک آ
    ٻالڪ يتيم جان، اندرُ سُتو نه آ

    ڌرتيءَ جي ڪُک ۾ ، سِرجيو نه ڪو سلو
    پينوءَ جي پيٽ جان امبرُ سُتو نه آ

    هاري آ سُرخرو ساحر وجُود ۾
    جيتي به نِنڊ ۾، سڪندرُ ستو نه آ


    ڏٺو نه ڪنهن به مهربان ، اُداسين جو آسمان

    ڏٺو نه ڪنهن به مهربان ، اُداسين جو آسمان
    اُجاڙ دِل جو آستان ، اُداسين جو آسمان

    ڪٿي ته انت ناھ ڪو ، سُڪون چين نِنڊ جو
    ڪٿي آ جاڳ جاودان ، اُداسين جو آسمان

    اُميد نا اُميد جو ، سفر ۾ گڏ آ قافلو
    انڌيري رات ڪهڪشان ، اُداسين جو آسمان

    نه گُفتگُو ۾ پوئجي سگھي ، نه ماپي ماٺ ۾
    عجب انوکو داستان ، اُداسين جو آسمان

    ٽُٽل ٽُٽل خواب هِن، جھُريل جھُريل وجُود جو
    زخم زخم آ گلستان، اُداسين جو آسمان

    هجُوم در هجُوم آ، قدم قدم تي درد جو
    روان دوان آ ڪاروان، اُداسين جو آسمان

    رُٺل رُٺل آ سانوڻي ، تتل تتل آ ڌر تتي
    نه رنگ رنگ آجيان، اُداسين جو آسمان

    چٽي سگھي نه شاعري، ڪڇي سگھي نه ساحري
    غمن جو انت جانِ جان، اُداسين جو آسمان


    گھڙو سُهڻي، ڪُنڀر آوي، ندي ميهارُ ٿيڻو هو

    گھڙو سُهڻي، ڪُنڀر آوي، ندي ميهارُ ٿيڻو هو
    انوکي شرط تي ، تنهنجي ، گلي جو هارُ ٿيڻو هو

    اڌُوري لهر جان پُڄڻو، هُيو هر حال ساحل تي
    ٽُٽل ٻيڙيءَ سندو مون کي، پرين پٽوارُ ٿيڻو هو

    گرم ساهن جي سرگم کان، نرم ٻانهن جي موسم کان
    جُدا ٿي ماءُ ڌرتيءَ لئه ، ڪوئي هٿيارُ ٿيڻو هو

    ديوارون دوست مقتل جون، ٿيون حيران پرھ ويلي
    ڳچي سرويچ جي مون کي، توکي تلوار ٿيڻو هو

    سناٽن جي سمندر سان،ملي گونگي نديءَ وانگي
    پراڻي محل جي، ٻوڙي مون کي ديوار ٿيڻو هو

    تجسُس تنهنجي نيڻن جو، ٿيڻ جي لاءِ سيلاني
    وساريل قومي ورثي جو، مون کي آثارُ ٿيڻو هو

    عدل درٻار دِليءَ جي، قلم جو ميرُ هو سرمد
    هٿان فتوى فروشن جي، توکي سنگسار ٿيڻو هو

    اڌُوري نظم کي پُورو ، ڪرڻ جي لاءِ ساحرکي
    لُٽيل سفاق قاتل جي، هٿان، بازار ٿيڻو هو


    زخم زخم وجُود جا، عذاب انتظار جا

    زخم زخم وجُود جا، عذاب انتظار جا
    اوهان ڪڏهن نه ڀوڳيا، شباب انتظار جا

    عبادتون شُمار جو، اسان جو نيڪ فرشتو
    اسان ڪمايا عُمر ڀر، ثواب انتظار جا

    اُميد جي تلاءَ ۾ ، وٺي ڪا بُوند دوستو
    وري وري جُڙيا، مِٽيا، حُباب انتظار جا

    لِڦون لِڦون نِهار آ، چٿر چٿر آ چاندني
    سُڪل سُڪل ٿو ميڙيان، گُلاب انتظار جا

    نه ساٿ تنهنجو ماهرُو، نه پيار تنهنجو واهرُو
    اڪيلو آءُ اڻ ميا، شراب انتظار جا

    هوا جي آهٽُن ڏِٺو، گھڙي گھڙي فريب آ
    نظر نظر کڄي ڏٺا، سراب انتظار جا

    قريب ٿي نه ذائقو، چپن چکيو نفيس ڪو
    وڄايا پياس جا عُمر، رباب انتظار جا

    عجيب خود ڪلاميون، هُيون انڌيري ڪُنڊ ۾
    ڪيا سوال خود ڏِنا ، جواب انتظار جا

    تمام رات درد جا، ڊِگھا وشال ساحرو
    لِکيا ۽ خود اسان پڙهيا ،ڪتاب انتظار جا


    اکين ۾ درد جي موسم ، قدم ناڪام رستن تي

    اکين ۾ درد جي موسم ، قدم ناڪام رستن تي
    ڪيون يادُن ٿي سرگوشيون، اسان سان شام رستن تي

    زخم زرقون جان مُرڪي، پيا برسات جي آئي
    ڀِنل ڀنڀا تصوُر ۾، اُڏيا گُلفام رستن تي

    ٿِڙي ٿو چنڊُ تارن جي، سفر ۾ لرزشُون آهن
    هوا سان ڪنهن ڇڏيا هاري، انوکا جام رستن تي

    اُهي ئي هرڻ پياسي جان، اکيون درشن جي ڳولا ۾
    اُهي ئي پير پاڳل جان، اُگهاڙا عام رستن تي

    اُهي ئي ننڊ جا نخرا، اُهي ئي جاڳ جا جوڀن
    اُهي ئي خواب آوارا رُلن گُمنام رستن تي

    اُداسين جو ڪفن پاتو، فِضا آ سوڳ ۾ سانوڻ
    گُلابي خواب مائن جا، ٿيا قتلام رستن تي

    سواءِ پوشاڪ جي جن جا، بدن ڪنهن لئه نه محرم ها
    اُنهن جا ڪهڙي مجبوريءَ ، لڳايا دام رستن تي

    ڪري آ ساھ کي سوگھو، ڇڏيو بارُود جي بدبوءِ
    هلي ڪيئن ماڻهپو پائي، امُن احرام رستن تي

    اڌُوري خواب کي مڪمل، ڪرڻ جي لئه ضروري ڇا
    هُيو ساحر، نِگاهُن جو ، سفر بدنام رستن تي


    هڪڙي گھڙي به هُن ڪڏهن، بهتر نه سوچيو

    هڪڙي گھڙي به هُن ڪڏهن، بهتر نه سوچيو
    شيشي جي نازڪيءَ تي پٿر نه سوچيو

    سِرهاڻو، ڏئي وِهاڻو، ننڊ جو سُڪون وٺندس
    سپني ۾ چين اهڙو، بي گھر نه سوچيو

    محبوب سنڌ منهنجي، تنهنجي ڀلي لئه ڪڏهن
    سياست جي ڪنهن مداريءَ، ليڊر نه سوچيو

    ڪيڏي تباهي ايندي، هڪڙي ننڍي عمل سان
    نفرت جو ٻِجُ ڇٽيندي، رهبر نه سوچيو

    جانڊاھ جان ئي ڳهندي، ڪٽڻي آ زندگي
    پِڃري کان آجپي جو، چاڪر نه سوچيو

    بڻيو آ راک تنهنجي قدمن جي ڇو ڪَوي
    پٿر جي مورتي تو ، ڪنهن پر نه سوچيو

    منهنجي ۽ شوخ چنچل، اوٿل نديءَ وِچان
    ديوار ڊيم ٿيندا، ساگر نه سوچيو

    آوارا خواب جهڙو، ممڪن نه شاھ جا
    لکندو ڪڏهن قصيدا، شاعر نه سوچيو

    سيني تي سونو تمغو چمڪي انهيءَ لئه ڪڏهين
    درٻار ڪنهن ۾ جھُڪندو ساحر نه سوچيو


    بيڪل اُداس شاعر هر پل مِزاج ۾ آ

    بيڪل اُداس شاعر هر پل مِزاج ۾ آ
    صحرا ندي سمندر، جھنگل مِزاج ۾ آ

    طلبي نه سِر سواءِ ڪي اعزاز، مان رُتبا
    جياپي جي جنگ يارو، ٻيجل مِزاج ۾ آ

    معنيٰ ته شوخ چنچل، بيحد هٺيلي ليڪن
    چندن جي مهڪ راڻا، مُومل مِزاج ۾ آ

    سُورج جو سيڪُ ڪڏهين بڙ جي آ ڇانوَ بابا
    رابيل رُت هميشه ، جيجل مِزاج ۾ آ

    ڳالهين جي بارشُن ۾ جل ٿل ڪيئين ته ڄاتم
    درويش پنهنجي اندر، بادل مِزاج ۾ آ

    سُڳداسي ڀاسجي ٿي ساهن جي دوست موسم
    ڌرتيءَ جي گُفتگو اڄُ محفل مِزاج ۾ آ

    لوهار ٿي نه سگھندُس، آئون پُنر جنم ۾
    رنگريز ڪوئي منهنجي، ويٺل مِزاج ۾ آ

    تلوار جو مُقدر، رت جون نديون وهائڻ
    ڪنهن تي نه ترسُ ساحر قاتل مِزاج ۾ آ


    شاھ ڪنهن جي ڪيئن ڪنداسين چاڪري مُنڪر اسين

    شاھ ڪنهن جي ڪيئن ڪنداسين چاڪري مُنڪر اسين
    لادوا گھاري سگھون ٿا، زندگي بهتر اسين

    پنهنجي زخمن جو ڪيون ٿا، درد سان سستو عِلاج
    ويڄ جا مُحتاج ناهيون، دوستو ڪنهن پر اسين

    ڀروسن جي ڀيل کان پوءِ، هر خوشي اولڙ بڻي
    پر ٿياسين پاڻ پنهنجا، رهنماء رهبر اسين

    دوستو دِل جي دُڪان تي، اڻ مَيو ۽ اڻ مُلهو
    درد ٿا شاهن ۾ وِرڇيُون، ٿي فقيري گھر اسين

    خواب چِڪناچُور آهن، ننڊ کان خالي اکيون
    چنڊ تي چوڪي ڏيون ٿا، مُفت ۾ اڪثر اسين

    حادثو هو، مُعجزو هو، خواب يا سُندر خيال
    اجنبي ڪنهن مُرڪ جا، بڻياسين پل محور اسين

    واسطا ويسر جي ڌُنڌ ۾، آ لپيٽي وقت ويو
    هاڻ ليڙُون مارويءَ جي کُوھ تي چادر اسين

    زندگي محبُوب وانگي، تو به لُٽيو بارها
    بارها ساحر بڻياسين، وقت جي ٺوڪر اسين


    ڀِنو هان پيار تنهنجي جي پِرين ڀرپُور بارِش ۾

    ڀِنو هان پيار تنهنجي جي پِرين ڀرپُور بارِش ۾
    نِپُوڙي رات ساري تو، ڏِنا انگُور بارِش ۾

    سڄڻ جي ساھ جا سرگم ڪهين کي ساھ کان ويجھا
    جُھريا ڪنهن درد وندي جا، مگر ناسُور بارِش ۾

    هُئي گھنگُھور موسم ۽، انڌيرو هو قبر جهڙو
    تڏهن هو چنڊُ منهنجي گھر، ٽِڪيو مجبُور بارِش ۾

    رڳُن ۾ خُون جي بدلي، کپُر ها رات ڀر کيڏيا
    وِصل جو گيتُ تو ڇيڙيو کڻي تنبُور بارِش ۾

    گھران پُوڄا جي نيت سان، وئي مندر ٿي ديوي پر
    اُجھاڻيس واءَ ۾ ديپڪ ، ڀِنس ڪافُور بارِش ۾

    اُنهن جي درد جو ڪاٿو، اُٿل درياھ ئي ڄاڻي
    هُجن ٿا جن کان وڻجارا، پيارا دُور بارِش ۾

    لٿيون ٻِن آبشارن جان نِگاهون دِل جي واديءَ ۾
    حِجابن جون هڙون کُليون ٿيا چپ چُور بارِش ۾

    بهارُن ۾ ڪليءَ ڪنهن ڏي، نه تاڻيو ڀئونر آرائڻ
    ڇڻيو آ ڇانڌ تنهنجيءَ تي ، ساحر ٿي ٻُور بارِش ۾


    سمُونڊ جي وشالتا اساس ۾ ڇڏي ويو

    سمُونڊ جي وشالتا اساس ۾ ڇڏي ويو
    پياڪ پياسا چَپَ آ، گلاس ۾ ڇڏي ويو

    عجيب راهرُو مٺا، ٿڪل ٿڪل وجود جا
    سهيڙي درد مُرڪ جي، لِباس ۾ ڇڏي ويو

    مسيح هو يا، فاختا، چڪور هو يا ديوتا
    سُفيد جھنڊو ڦڙڪندو ٽِياس ۾ ڇڏي ويو

    ڏِٺا نه چنڊ گھاٽ تي، چُميا نه واءَ واٽ تي
    خواهشن جا پيچرا، حواس ۾ ڇڏي ويو

    مٽيو هُيو هُو بارها، اڪيلتا جي رُڃ مان
    جھُريل وجود بارها پياس ۾ ڇڏي ويو

    ڪوي هُيو يا ذرد پن، هوا هُيو يا درد بن
    گُلاب درد موسمُون، اِڀياس ۾ ڇڏي ويو

    هليو هو جنهن سان ڪاروان، وطن جو سچو پاسبان
    شهيد رات ديس کي، اُماس ۾ ڇڏي ويو

    ڪڻُو ڪڻُو ٿيا گھينگھرا، اُڊيڙيا بزم جا بِکيا
    سُرُور گيت ساحرو، رقاص ۾ ڇڏي ويو


    مُقدس ڪنهن صحيفي لئه جيئن جذبو عقيدت جو

    مُقدس ڪنهن صحيفي لئه جيئن جذبو عقيدت جو
    کُليو درُ راحبا تو لئه ايئن دِل ۾ فضيلت جو

    انڌيرن کي اُجالن ۾، ڪندو تبديل آ ليڪن
    طلب سُورج ڪندو ناهي، اُجورو ڪنهن کان محنت جو

    عقيدو دِل جو ماپيندو، هاڻي بارُود جو شعلو
    سبق ڪنهن بم کان پڙهبو، سهي مسلڪ طريقت جو

    جنهين پوشاڪ سان سائنڻ ڍڪيو آ انگُ تو پنهنجو
    هڏن جي مِک سان تنهن ۾، پسينو آهي پورهيت جو

    عِبادت گاھ ۾ ڪونهي پناهُون يا خدا ڳوليان
    ڪُفر جي دور جان غارن، اندر رستو عِبادت جو

    وطن جي پاسبانن جون، رهيُون بي نام قبرُون ۽
    وتو تمغو شِڪست کاڌل، هُيو مُرڪي شجاعت جو

    وِصل جي واس ۾ مهڪيل، چوي ٿي چاندني مون کي
    ذِڪر ڪر ڄانڀي ڦُليڙين جو، غزل ڇيڙي محبت جو

    هُيا آتش فشان هُن جا، اِرادا پر اسان ساحر
    طريقو وِچ ٿرو ڳوليو، ڪڪر جان رات مصلحيَت جو


    مون کي ٻانهن جا وِجھي هار هلي ٿي مون سان

    مون کي ٻانهن جا وِجھي هار هلي ٿي مون سان
    شهرِ قاتل ۾ تنهنجي سار هلي ٿي مون سان

    آءُ منصُور جي مسند جو هان قائل تڏهين
    هڪڙي فتويٰ ۽ ٻي تلوار هلي ٿي مون سان

    پير ڪڙيون ٿيون وڄن منهنجون سري مقتل يا
    تنهنجي پازيب جي جھنڪار هلي ٿي مون سان

    منهنجا محبُوب وطن آ جپي جي منزل ۾
    خاڪ تنهنجيءَ سندي هُٻڪار هلي ٿي مون سان

    هڪڙي گھاڻي ۾ منهنجي خون جي آ کستوري
    ٻي تنهنجي پيار جي ٿڌڪار هلي ٿي مون سان

    ڪيرُ مهٽي ٿو کِلي لُوڻ منهنجي زخمن تي
    ڪير مرهم جيان هر دُوار هلي ٿي مون سان

    تاج حيران ۽ لرزان آ قلم قاضيءَ جو
    سر به ناهي ته ڇو دستار هلي ٿي مون سان

    آءُ منصُور نه سرمد نه مسيحا ساحر
    ڀيڙ ڇو هيڏي سري دار هلي ٿي مون سان


    تنهنجو لهجو جڏهن دوست خنجرُ نه هو

    تنهنجو لهجو جڏهن دوست خنجرُ نه هو
    ڀُڄُ منهنجي نِگاهن جو منظرُ نه هو

    موسمن جي سفر ساڻ بدِليو هُيو
    بيٺي پاڻيءَ جيان وقتُ وينجھرُ نه هو

    هيکلائي هُئي توکان پهرين مگر
    ڪنهن ڏُهاڳڻ جيان منهنجو اندرُ نه هو

    درس ڏي ھا محبت جي معراج جا
    شھرُ درويشُ صُوفي قلندرُ ﻧﻪ ھو

    بي قرارين جو جھنگُل ھو ڦھليل اڳيان
    اِنتظارن جي موسم کي بندرُ ﻧﻪ ھو

    ھڪڙي نانگڻ بدن ڀيليو رات ڀر
    سانت دِل جو گھڙي کن سمندرُ ﻧﻪ ھو

    تنھنجي نيڻن ۾ سُرمي جو سانوڻ ڏسي
    ياد مونکي رھيو دِل جو کنڊرُ ﻧﻪ ھو

    چوڏسائون مھڪ ڦھلي لوبان جي
    دُور تائين مگر ڪو ﺑﻪ مندرُ ﻧﻪ ھو

    تنهنجي وحشي پڻي تي چيو آسمان
    اھڙو سفاڪ ’ساحر‘ سِڪندرُ ﻧﻪ ھو


    سُڳداسي مهڪ واسيون سينڍون ڌراڙ جون

    سُڳداسي مهڪ واسيون سينڍون ڌراڙ جون
    گھريون لڪيرُون ٿي ويون منهنجي نِراڙ جون

    پنهنجي وچان حِجاب جي مومل وِٿي نه وئي
    ڪُونجين وري ڪڪوريون سرگوشيون لاڙ جون

    جھاُتيون گھگھي سُفيد مان پِستان جون ايئن
    ٿوري وِٿيءَ تي جئين اُڀيون چوٽيون پهاڙ جون

    چنچل سڳيءَ جي چيلهه سان کيچل هُئي ڀئونر جان
    نيرڳُ نهار ٺاريون شامون آکاڙ جون

    پيتا مون جام، جام ها، نرگس اکين منجھان
    ڀيليون مون موجون موج سان، جوڀن جي واڙ جون

    اندر جي اِنقلابَ سان تاراج تخت ٿيا
    ڀوري دريون نه بند تون شيشي جي ماڙ جون

    شرمائي ڇو، نِگاھ کي هاريئين گھڙي مٿان
    رمزون اسان نه پرکيون جوڳڻ جي جھاڙ جون

    آسڻ اياز جي تي مون پڙهيو لطيف کي
    موجُون خُمارجي ويون ’ساحر‘ ڪراڙ جون


    کٿُوري ساهن جي وارتا جو وطنُ هُياسين

    کٿُوري ساهن جي وارتا جو وطنُ هُياسين
    اسين به ڪنهن جي حِنا حياءَ جو وطنُ هُياسين

    ڪٺور موسم جون چِلوِلايون، چُڳن ٿيون يادُون
    گُلاب رُت جي ڀنل هوا جو وطنُ هُياسين

    ثواب جان هُئي پِناھ تنهنجي نِنڊاکي نچڻي
    گُناھ راتين ۾ پارسا جو وطنُ هُياسين

    اِنجيل جهڙين اکين ۾ هاڻي نه آ تقدُس
    ڪڏهن مُقدس راحِبا جو وطنُ هُياسين

    وضُو هو جنهن جو وجُود هردم اُنهيءَ پريءَ جي
    حِجاب لمحن ۾ مرحبا جو وطنُ هُياسين

    مريض رُوحن جو سِنڌ مسڪن بڻي آ ڪڏهين
    عظيم قومن جي واسِنا جو وطنُ هُياسين

    ڪڏهن نه سڻڀي گرھ تي هرکي نِگاھ پنهنجي
    ٽِياس تي ڀي اڏولتا جو وطنُ هُياسين

    رباب تي ڪنهن گُداز ڌُن جو سُرُور ’ساحر‘
    اُداس ڪُونجن جي هر صدا جو وطنُ هُياسين


    نِنڊاکي نيڻن جا جام سانول سنڀالي رکجان

    نِنڊاکي نيڻن جا جام سانول سنڀالي رکجان
    چڳُن جي چهري سان چنڊ کيچل سنڀالي رکجان

    حياءَ جو پوتر لِباس توکي لڳي ٿو سوڙهو
    ڍڪيندئي اوگھڙ اِهائي ململ سنڀالي رکجان

    جوان رُت جو غُرُور توکي سُرُور توکي
    چڙهائي تِرڪڻ آ پير مُومل سنڀالي رکجان

    اڪيلتا جي اُجاڙ رِڻ مان متان گُذر ٿين
    هي منهنجي سُڏڪن جي دوست محفل سنڀالي رکجان

    اندر جي آويءَ جي ٻاڦ ٻاهِر متان اوڳاڇين
    ڪندي آ ڪُندن سا آڳ پل پل سنڀالي رکجان

    گُلاب شبنم جو ميل ڏِسندا سُفيد ڪِرڻا
    صبُوح ٿيندو اُميد آنچل سنڀالي رکجان

    اِجھو ته کيتن تي ڀئونر ڀِريا سُڳنڌ سنوريا
    ڇِنل ڳنڍينداسين پيار پايل سنڀالي رکجان

    حُباب جهڙين خُواهشين جي پُٺيان نه رُلجان
    عظيم مقصد لئه جوت جل ٿل سنڀالي رکجان

    نه ڄاڻ ڪڏهين حياتِ بنجي عذاب ساحر
    دُعا جو هڪڙو اُداس بادل سنڀالي رکجان


    ٻُڏل رهئين خُمار ۾ ، نشيلي ڪنهن نِگاھ جا، شراب ئي ويا هارجي

    ٻُڏل رهئين خُمار ۾ ، نشيلي ڪنهن نِگاھ جا، شراب ئي ويا هارجي
    ڇُلي ڇُلي گھڙي جيان، ٿريلي نازنين جا، شباب ئي ويا هارجي

    ٽِڙيا ها جي پهاڙ تي، ڇُهاءَ کان ٿيا اوپرا، چڙهيا نه ڪنهن جي ڌيان تي،
    بهار جي صليب تان،ڪِريا ته پنُ پنُ ٿي گُلاب ئي ويا هارجي

    اُداس ڪاسبو ڏِسي، جُهري ننگر جي مورڻي، ۽ ٿُوهرن جي ٿڃُ سُڪي،
    لکيا صدين کان ڪُونڀٽن اُميد جا حسين سڀ، نِصاب ئي ويا هارجي

    او سانورا ٿري اُڻي، اٿئي جا درد جي فِضا، بي جان بانسريءَ منجھان،
    اُتر جي هڪ سفير جون،اکيون به آگميون ۽ سڀ، رباب ئي ويا هارجي

    پريان هُو ڪنهن جُهڳي منجھان، آلاپيو ڪو گيت آ، وٿُورو جنهن جو ميت آ،
    اُڏاڻيون نِنڊ جون پريون خيال ڇرڪ ٿي ويا، خواب ئي ويا هارجي

    جلاد لاڙ جي هوا، قهار جهڙي چاندني، ترار تي آ هر گھڙي،
    قدم قدم تي ياد پئين، نظر نظر تي اک ٿڙي، حِجاب ئي ويا هارجي

    نِراڙ تي تو هٿُ رکي، ڏِٺو هو ڪنڌ ُکڻي ڪڪرُ وٺو هو ڪيڏو کيرُ ٿرُ،
    ڪٿيون مون پنهنجون بي خُوديون، ڀُريا جبل انا سندا، خِطاب ئي ويا هارجي

    بهار ڀي تڙي ڇڏيو ، قرار ڪونه دِل ڏِٺو، ٺريون نه پل ڪڏهن اکيون،
    بِنا ثمر اسان سان گڏ، هلن هان ڪيترو ٿڪي، عذاب ئي ويا هارجي

    ڪٺن سفر جي چُونڊ خُود، ڪئي سين موڙ موڙ تي، رُلايا روھ ساحريءَ،
    ڪُلهن تي سوُ صليب ها، اسان سان پنهنجي سوچ جا، ڪِتاب ئي ويا هارجي



    آواز فضا ۾ گُونجيو ھو پٿر سان شيشو ٽڪرايو

    آواز فضا ۾ گُونجيو ھو پٿر سان شيشو ٽڪرايو
    پر دِل جي چوٽ ڏي ڌيان ﻧﻪ ڪو، جنھن روحُ سڄو ھو راتايو

    ڪو لفظُ ﻧﻪ سرجيو خاموشيون ڪمري ۾ اُگھاڙيون گُھميون ٿي
    سُرمائي بادل اڻ جھل ھا ڳوڙھن ٿي ڳلن سان ڳالھايو.

    صحرا جو اڻ کُٽ ڏيکُ اڳيان، ھڪ پياسي ھرڻي ڊوڙي ٿي
    ڪلهه رات ھو گھري نِنڊ منجھان، اِن سپني مونکي ڇِرڪايو

    ٻاڪار ٿي آئي رات ڪِٿان، بند در ھا مسجد مندر جا
    ڪنھن نانءُ خُدا جو رات وٺي، در در جو ڪڙو ھو کڙڪايو

    گُل دوست پٽي تون ٽاريءَ تان، ڪُچلي پوءِ ھليو وئين ڪاوڙ مان
    ڪنهن پاڳل جان مون رات سڄي، منظرُ سو اکين ۾ ورجايو

    جنھن ويل ڳڀو مون باسي ھو، منگتي جي وڌايو ڪِستي ڏي
    ھو مينھُن انھيءَ پل دُعائن جو، دِل صحرا تي ھُن برسايو

    تو موڙُ مُڙي پل لاءِ رُڪي، ململ جي چُنيءَ سان ڳل اُگھيا
    احساس جي گھاڻي ۾ گھڙيون، محبُوب مون خُود کي پيڙايو

    ھڪ شور جي اڻ جھل آنڌي آ، ھڪ ڊوڙ آ ’ساحر‘ دولت جي
    ڪشڪول ۾ تنھنجي ديوانا، لفظن جو ڀريل آ سرمايو


    آيُون رُڳو حياتِ ۾، تڙپڻ جو موسمون

    آيُون رُڳو حياتِ ۾، تڙپڻ جو موسمون
    ھڪڙو ئي پلُ بھار پوءِ پن ڇڻ جون موسمون

    ڳوڙھا گواھ ٿئي ﺗﻪ مان، ڪيڏو رُنو ھُيس،
    تنھنجي وئي کان پوءِ سڀ، برسڻ جون موسمون

    ھوءَ ڇوڪري گُلاب کي، ڳل تي رکي ڏِسي
    ڪڏھين رُسن ﻧﻪ سنڌ کان، مھڪڻ جون موسمون

    اُن جي نِگاھ گُھور جان جيڪر مِلي وڃئي
    جنھن ڏي اوهان اُماڻيون، ترسڻ جون موسمون

    منھنجي نِگاھ نينگري، لھرُون ٿيڻ گھُريو
    تنھنجي حياءَ برسيون، اُڻ تُڻ جون موسمون

    گُذران ٿو تنھنجي ياد جي، ٿاريلي ٿاڪ تان
    جھوري وجھن ٿيون ڪُونجڙي ڪُڻڪڻ جون موسمون

    پنھنجا حِجاب ارپنا، جنھن کي ڪندينءَ پري
    تنھن جي حياتِ چاھ ۽، چھڪڻ جون موسمون.

    آٿت نه ڪو اجھو ٿيو جيون جي نٽهڻ ۾
    ساحر هميشه چوڙيون ٽسڪڻ جون موسمون.


    بادلئو بادلئو، ساڻ مون کي نيو، تاس آ تات آ

    بادلئو بادلئو، ساڻ مون کي نيو، تاس آ تات آ
    رات پُورب ڏسيو، نِرت آ ھر ننگر، سونھن سوغات آ

    پنڇئو پنڇئو، ڄاڻ ڪائي ڏِيو، جُوءِ ساريءَ اندر
    ڇا ٽڙيو ٽئونرُ ڪو، واءَ ۾ آ مھڪ جاڳي جذبات آ

    دوستو دوستو رھگُذر آ ڪنڊا، پير رتُ رتُ مگر
    پنڌُ اڳتي اڃا، شام ويئي لڙي، جھانوِري جھات آ

    ﻣﻨﺼِفئو ﻣﻨﺼِفئو، ڪيسين زِندان ۾، زندگي قيد ٿئي
    ڇا ﻧﻪ انسان جي ڀاڳ ۾ ڪا لکيل، ڀُوري بارات آ

    شاعرو شاعرو، ويهي پردي پُٺيان، نئين ڪيو رُوپ ۾
    پنھنجي ٻوليءَ مٿان ماءُ لوليءَ مٿان، وار واحيات آ

    ڀرجھلَئو ڀرجھلَئو ، تئونس تن ۾ تِکي ، مُونجھه من ۾ گھڻي
    ڪو دِلاسو ڏِيو، مُرڪ جو پل ٿيو، زرد پِرڀات آ

    دِلبرئو دِلبرئو، دِل جو قِصو ﺑﻪ ڇا، موھيو مايا جڳت
    ڪو تقدُس ﻧﻪ آ، ڪنھن ﺑﻪ سڱ جو رھيو، پيار ڇا بات آ

    ساقيا ساقيا، جام ڏي جام ڏي، تئونس دِل جي مري
    تون ﻧﻪ ڄاڻي ڪٽي، ڄرِ ۾ ڄرڪي لُڇي ، شام برسات آ

    ساحِرو ساحِرو، سُوريون نئين سِر سجيون ڦُوڪيا گھاڻا گھڻا
    پر ديوانن ڏِني، خوف کي مُرڪ سان، اڄ وري مات آ


    بند در دريون نابين ليئا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان

    بند در دريون نابين ليئا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان
    نيڻن جا اُجھاڻا سڀ ڏيئا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان

    رنگين ڪفن ۾ ڪفنايل، ڪيڏو ته ھُجوم آ ماڻھن جو
    ٿا شھر ۾ چُرپُر ڪن لاشا ، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان

    ڪِرڻن تي ڪُفر جي تُھمت آ، جِھرڻن کي ڪيو سنگسار ويو
    ھر چونڪ تي ڦنڌا لڙڪن ٿا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان

    محڪُوم رھي انسانُ ھِتي، آواز خلق جو ڪوﻧﻪ ھُجي
    بي درد ننگر جي ريت اِھا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان

    جسمن جون بزارُون سجيل ھِن، پٿر جي تِجارت شھر سڄو
    اي چنڊ کڻي مان آئينا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان

    توکي به وڻي ٿو آئينو، سينگار کان فُرصت ڪا نه اٿئي ،
    گجرا ھي کڻي مان ڦُولن جا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان

    ٿي پھر ويا تنھنجي چوکٽ تي، خاموش ھان بيٺو بُت جيان
    تون ناھين تنھنجي ساٿ سوا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان

    ھي ڪوھ مريءَ جا ڏيک حسين، ڇُڙواڳ ھوا جون سرگوشيون
    ڪيڏو ﺗﻪ پري ھِل گورک آ، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان

    ھڪ شھر جي ھڪڙي پاڙي ۾، رھندي به اڄاڻو سڀ ’ساحر‘
    ھر ڏيک ھزارين پاڇُولا، ڪيڏانھن وڃان، ڪيڏانھن وڃان


    بي انت ٿڌيون راُتيون، ڇُڙواڳ ھوا جُھوٽا

    بي انت ٿڌيون راُتيون، ڇُڙواڳ ھوا جُھوٽا
    احساس جي گھاڻي ۾، دِل جي آ ڪوملتا

    ھڪ نانءَ جي مالھا کي، پڙھندي مون ڪتيون راُتيون
    ھڪ چھري کي اُڻندي بند ڏينھن جا ٿيا کاتا

    ڪا دُولِههَ جي تُربت، ڪا ڄام نِندي جي آ
    تاريخ جي ورقن تي پُرنور اٿئي ڪتبا

    ٿڃ ڪاڻ تون ڇاتيءَ سان چنبڙيل ﺗﻪ آھين ٻچڙا
    ٿڃِ آڻيان ڪِٿان سوچي، بُک پاھ ٿيل ماتا

    مجبُور مُھاڻن جا، بي ستِ بُکيا ٻالڪ
    ٿا سوچن لھرُن کي، ڪنھن کاڻي نيئر پاتا

    آ ڏُورُ پرين منھنجو، تنھنجو به ﻧﻪ گھر ڪوئي
    اچُ چنڊ ٻئي گڏجي ڀنڀورُ گُھمون سرتا

    تون ناھين حياُتيءَ جو، مقصدُ ئي ويو مٽجي
    مون چين ڇڏي ڏُک جا، بنواس پرين ورتا

    هڪ خيال جي رِم جِھم ۾ جل ٿل آ سفرُ ’ساحر‘
    هڪ خواب جي خوشبوءِ ۾ مهڪيل ٿا رهن رستا


    بي چين رُوح ۾ ٽُٽل، سپنن جو رقصُ ھو

    بي چين رُوح ۾ ٽُٽل، سپنن جو رقصُ ھو
    پرکيو ﻧﻪ تو نِگاھ ۾، شيشن جو رقصُ ھو.

    مايوس ڇوري ٻار جان، ميريون عِمارتون
    پُتلين جيان ئي شھر ۾، رستن جو رقصُ ھو

    دل جي قتل تي تو ڪيو برپا جشن پرين
    محڪُوم قوم جان منھنجو، ٽانڊن تي رقصُ ھو

    آواز جي قتل سان گڏ، نچڻي مري وئي
    رت جو ڦُڙو ڦُڙو لڳو، گُھنگُھرن جو رقصُ ھو

    ھُٻڪار لال خُون جي، پکڙي ننگر ننگر،
    مقتل ۾ رات ديس جي جوڌن جو رقصُ ھو

    آتش فشان ھُيس پرين پنھنجي وجُود ۾
    تنھنجي اڳيان نصيب جي ليکن جو رقصُ ھو

    تنھنجو اياز حُسين* مون، سپني ۾ ھو ڏِٺو
    جنھن جي قبر تي، باوضو، فرشتن جو رقصُ ھو

    معنائون منھنجي شھر کان، جيئڻ جون گُم ٿِيون
    ’ساحر‘ گلين ۾ ﭼؤ ڏسان، ڪتبن جو رقصُ هو


    ــ اياز جانيءَ جو فرزند جيڪو وقت کان پهرين مرجھائجي ويو


    پلڪُون ڇُنڀي تو سانت کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني

    پلڪُون ڇُنڀي تو سانت کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني
    خاموش ڪائنات کي، ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني

    ڀٽڪيا ٿي نيڻ ڳوٺ جا، نئين چنڊ جي پُٺيان
    چوڙي ڀڃي تو جھات، کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني

    پائي ڳراٽي هُن وڌي، ڳوڙھا چُمي کلي
    محبوب منھنجي مات، کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني

    پنھنجي حِصي جو ڏئي ڳڀو ٻالڪ يتيم کي
    سائل ٿڪل حيات، کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني

    زنجير سوني لاھي تو، پڃري جو در پٽي
    خوشبوءِ جي نجات، کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني

    گُمنامين جي غار ۾، اُڇلي يزيد کي
    اصغر جي اُڃ فرات، کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني

    ڳھريا ٿي نيڻ سمُنڊ جا، جنھن جي ذِڪر سان ڪنھن
    بارُود ڏئي سوات، کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني

    ٻيڙي ھلائي ريت تي، ھڪ جُھونڙي ملاح
    درياھ جي وفات، کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني

    چيڪي مٽيءَ جي مھڪ کي ڌڙڪن جي تندُ تي
    ’ساحر‘ اُڻي تو ڏات، کي ﻣﻌﻨﻰ نئين ڏني


    پنھنجي وجُود اندر، چُپ چُپ ڀُري رھيو آ

    پنھنجي وجُود اندر، چُپ چُپ ڀُري رھيو آ
    ھڪڙو نفيسُ شاعرُ، پل پل جُھري رھيو آ

    ديوانگي رُلي ٿي رستن جو شور اوڍي
    قلندر نِگاھ ۾ ڪو، منظر گُھمي رھيو آ

    ويران مئڪدي جي، چوکٽ جي اوسي پاسي
    موکي اڄاڻ رمتو، پياسو رُلي رھيو آ

    جوڳيءَ جي بين جھڙا، پُرسوز پيچرا ھِن
    نانگڻ جي رقص جھڙو، رستو لُڇي رھيو آ

    تن جي تنبُور تي ڪنھن، چوريون نفيس چيچون
    بيتاب رُوحُ منھنجو، رِم جِھم اُڻي رھيو آ

    ريشم نِگاھ ڪنھن جي، پٿر ڪري ٿي پارس
    لھجن جي ڪُن ۾ ڪو، ٻيڙو ٻُڏي رھيو آ

    مون ۾ ٿي ڇوڙ ھڪڙي، چنچل ندي ڪري ۽
    منھنجو جلالُ ڪنهن جي، دم سان اُٿي رھيو آ

    پنهنجي وجُود ۾ هڪ ارڏو پهاڙُ ’ساحر‘
    سُورج مُکيءَ جان تنهنجي سامهون جُهڪي رهيوآ.


    اڃا ٿي مُکڙين تي ماڪ مُرڪي،اڃا آ ميندي هُڳاءُ جانان

    اڃا ٿي مُکڙين تي ماڪ مُرڪي،اڃا آ ميندي هُڳاءُ جانان
    اڃا ته پيئان ٿو چنڊ هيٺيان،اڃا آ چِت ۾ چِتاءُ جانان

    اڃا ته نيرو وِشال امبرُ اکين جي آٿت جو آهي محور
    اڃا ته همدم آ ڏات ديوي، اڃا قلم آهي ڀاءُ جانان

    اڃا گھڙي جا، هي چِٽ سُهڻي، ڇِڪن ٿا منهنجي خيال ڏوري
    اڃا ڏِسان ٿو مان تنهنجي کاڏيءَ،مٿان جو تِر جو جڙاءُ جانان

    اڃا ته دِل ۾ ڦُٽي ٿو جِهرڻو ڪنهين جي نرگس نِگاھ کڄندي
    اڃا ته دِل جي وِشال ڌرتي آ رِم جِھمن جو رچاءُ جانان

    اڃا ته اکڙيون اُٿل اُٿل هِن،اڃا آ جل ٿل ندي نظر جي
    اڃا گُلابن جي آ سُڃاڻپ، اڃا حُسن سان آ نِڀاءُ جانان

    اڃا سمندر تي شام ويلي، اکين ڏِياٽيون ڏِسن ٿيون گھوري
    اڃا چيهاٽيون چپن چپن جون، پسن ٿيون دِل ۾ حياءُ جانان

    اڃا وُٺي جي ڀنل هوا ۾ چڳن ۾ چيچون ڦِرن ٿيون تنهنجون
    اڃا پِرھ جي پلن ۾ تنهنجو اُهو آ ڪومل سُڀاءُ جانان

    اڃا صُراحي نه سير چپ جي،اڃا نه ڪاڪُل هٽاءِ مُک تان
    اڃا آ تنهنجي ڪڪر اکين ۾ مشعل مشعل جو نُماءُ جانان

    اڃا ته ڪُونجن جي گُونج ساحر گسن تي ڏيئن جيان ٿي جرڪي
    اڃا آ تنهنجي نفيس تن جو پِرھ پلن تي جُهڪاءُ جانان


    تنھنجي پيشانيءَ تي منھنجون آڱريون سڙنديون رھيون.

    تنھنجي پيشانيءَ تي منھنجون آڱريون سڙنديون رھيون.
    ۽ ڳلن تي زندگيءَ جون ، بي وسيون سڙنديون رھيون.

    ڪنڌُ ڪو ڪومل ﻧﻪ مليو، زندگيءَ جي رُڃ ۾
    ڪنھن پٿر کي پاڻ ارپي، آرسيون سڙنديون رھيون

    رات ڀر برسيا ھا بادل مست ٿي، درياھ ويا
    رُوح منھنجي جون اُڃاريون، ٽڪريون سڙنديون رھيون.

    محفلُن کي رونقُن جون رِم جِھمون ڏيئي جڏھن
    گھر پُڳيون ناسُور ساري نرتڪيون سڙنديون رھيون

    داستان پنھنجو ٻُڌايو، تو ڪنول جھڙي سکي
    منھنجي اندر ۾ اميدُن، جون اکيون سڙنديون رھيون

    چاندنين جي برف پگھري، رنگ مُرڪيا ھر ننگر
    بند محلاتُن ۾ ليڪن، ڇوڪريون سڙنديون رھنديون

    گھاءَ سُبندي تو ﻧﻪ گھرائي ڏٺي پر گھاءَ جي
    تنهنجي چيچن جي ڇُهڻ سان سڀ وِٿيون سڙنديون رھيون

    سانوڻين جا سيڪ پڙھيا ڪنھن ﻧﻪ دِل جي ڪُنڊ مان
    ڪنھن رديءَ جان، عُمر ساري دِلبريون سڙنديون رھيون

    گيت جي آلاپ ’ساحر‘ درد جي ورلاپ ۾
    چاھتُن جي تُربتُن تي سانوڻيون سڙنديون رھيون.


    تنھنجي دِل جي ڌڙڪنن جو، گيت ٿيان خواھش ھُئي

    تنھنجي دِل جي ڌڙڪنن جو، گيت ٿيان خواھش ھُئي
    مان ھُيس ڪچو گھڙو، تنھنجي بي رُخي بارش ھُئي

    ھر دفعي گُذري ويسُ، گُونگي گليءَ مان بي خبر
    ڪيرُ ڄاڻي خواھشُن جي، ڪيتري آتش ھُئي

    ڏينھنُ سارو سيڪيون، جاڳيل اکين جون مون لِڦُون
    پل ﻧﻪ جن تي پُورجڻ جي، رات ڀر بندش ھُئي

    نِنڊ جي آغوش کان اڳُ، ياد جو جھرڻو ڦُٽو
    چنڊُ ڳھريل ڳوٺُ ڀاسيو، مُند پڻ مئڪش ھُئي

    سمُنڊ جي ڪنھن زِلزلي جان، دِل ڌُڏي اکڙيون ڀِنيون
    ڳيت ٿي پل ۾ اجل جو، ھڪ حسين ڪاوش ھُئي

    تنهنجي ڀاڪُر کان جُدا ٿي، ساھُ مون چاهيو کڻڻ
    رات اِن ئي ڳالهه تان ٿي، پاڻ ۾ رنجش ھُئي

    دير تائين ٻارڙيءَ کي، گنڊ ۾ ڏسندو رھيُس
    ڪنھن جي دِل جو ڳچُ ھُئي جا ، چنڊ کي لرزش ھُئي

    ٻن اکين جان ، ڏيک ھڪڙي ۾ مِلياسين مُرڪندي
    ٻن ڪِنارن جان جُدائي، وقت جي گردش ھُئي

    مون ڀِٽائيءَ جون سِٽون جُھونگاريون ’ساحر‘ پئي
    شام تنھنجي سُرمئي، نيڻن جيان دِلڪش ھُئي


    تو کِلي مقتل سجايو رات ھو

    تو کِلي مقتل سجايو رات ھو
    مون اڏيءَ تي مُسڪرايو رات ھو

    پاپ سڀ ڌوپي ويا، پڇتاءَ ۾
    باوضُو لُڙڪن بڻايو رات ھو

    پاڻ مون زنجير پاتا پيار جا
    تو اِشارن تي نچايو رات ھو

    مون ڇُھڻ چاھيو جڏھن آڪاس تو
    خاڪِ ۾ مون کي مِلايو رات ھو

    درد جي ميراثِ ڏيئي دِلرُبا
    لھر کي درياھ بڻايو رات ھو

    ڪيترا ھا، رُوپ تنھنجا بيوسي
    حيرتُن ۾ چنڊُ آيو رات ھو

    گيت ٿي دِل جي گلي گُونجي پئي
    تو جڏھن ڀي گُنگُنايو رات ھو

    پنھنجي تڙپڻ تي ﻧﻪ مان روئي سگھيُس
    وقت ’ساحر‘، آزمايو رات ھو


    تو ڪنگڻ جي اڌ ۾ مھتابُ ڏِٺو جانان

    تو ڪنگڻ جي اڌ ۾ مھتابُ ڏِٺو جانان
    مون چنڊ جي چوِٿينءَ کي بيتابُ ڏِٺو جانان

    پيرن جي ريشم سان تو ڍنڍ جي پاڻيءَ کي
    ھڪ شام ڇُھي پل ۾ سيلابُ ڏِٺو جانان

    مُسڪان جي سرگم سان دِل ڀئونر ڪري منھنجي
    منظر پوءِ نِگاھن جو سُرخابُ ڏِٺو جانان

    تو نيل ڪنول اکڙيون سُرمي سان پرڻايون
    مون رِم جِھم ھو دِل جو تالابُ ڏِٺو جانان

    ھڪ ڀيڙ ۾ پُرزا ٿيو ھو ساٿ جو ڪنگڻ پوءِ
    مھتاب ﻧﻪ اکڙين ھو نايابُ ڏِٺو جانان

    لوھارُ ڪيو مون کي حالات جي گردش تو
    حيرت جي جزيري جان ھر بابُ ڏِٺو جانان

    تون مون ۾ تلاشين ٿي ساحل جون سرگوشيون
    مون تو ۾ ﻫﻤﻴﺸﻪ ئي گردابُ ڏِٺو جانان

    فُرصت جي ھُجئي ’ساحر‘ تڪميل ڪري اُن جي
    لھرُن تي اڌُورو جو ھو خوابُ ڏِٺو جانان


    تو ھوا ۾ رات ڇوڙي وار ڦھلائي ڇڏيا

    تو ھوا ۾ رات ڇوڙي وار ڦھلائي ڇڏيا
    سر فروشن جي گسن تي ڄار ڦھلائي ڇڏيا

    يار جي ڀاڪُر کان ٻيڻي، دِل فريبي دار جي
    عاشقيءَ ڪيڏا عجب، اسرار ڦھلائي ڇڏيا

    ماءُ جي آلين اکين ۽ يار جي چُميل چپن
    زندگي منھنجي مٿان ڪي، بار ڦھلائي ڇڏيا

    مان به گھائل، پير کڻندو، مُرڪندو آيسُ پئي
    تو به ساڳيا پيچرن تي خار ڦھلائي ڇڏيا

    ھر مُنافق دور ۾ فتوى فروشي اوج تي
    ڳل ڳڀيا، شھر قاضيءَ دار ڦھلائي ڇڏيا

    دِلرُبا ڏاڍي ڪٺن آ، زندگي ڌرتيءَ سواءِ
    بانسريءَ ڪچي اڱڻ جا، پار ڦھلائي ڇڏيا

    موٺڙيءَ جي ٿان وانگي، مان ھُيس ويڙھيو پيو
    رنگ تنھنجي پيار جا، مڻيار ڦھلائي ڇڏيا

    ڪنھن ڪُنواري ڪُونج جان، پرواز تي پنبڻيون ھُيون
    تو چپن تي باحيا، رُخسار ڦھلائي ڇڏيا

    بي حِسي سستي ٿي ’ساحر‘ ڀيڙ آ بازار ۾
    وقت مُنڪر معتبر، ڪِردار ڦھلائي ڇڏيا


    توسان پُڄي ﻧﻪ ٿو سگھان، ڪائنر ﺗﻪ پوءِ مان،

    توسان پُڄي ﻧﻪ ٿو سگھان، ڪائنر ﺗﻪ پوءِ مان،
    ايڏو خصيصُ ناھيان، ڪمزور سان وڙھان.

    اُڀران ٿي ڪنھن جي ذات ۾ اُميد جي ڪِرڻ
    ترسو ﺗﻪ غم حيات جو، ڪُندن ڪري وٺان.

    چوڌار بند چوڪيون، انڌي سماج جون
    جُگنو سڀئي وري ويا، تنھنجي گليءَ منجھان.

    ڀاڪُر ته ڪر ڍِلو سکي، ٻُوساٽ ٿي ٿئي
    آزاد ساھ جو سُڳنڌُ ، ٿورو وٺي ڏِسان

    انسان جو ﻧﻪ آجپو، جنھن ۾ ذرو ھُجي
    اھڙي مان ويڙھ دوستو، ڇالاءِ جوٽيان.

    ڀرجان ﻧﻪ ايسين جام ۾ موکي وري شراب
    رستو ٽُپائي ٻار کي جيسين ﻧﻪ مان اچان

    دستار جا ٿي ور ڏئي، رھزن جي سِر تي جا
    اُن قوم جي مان سمجھه تي ڪھڙي ميار ڏيان

    فولادي جگر آھِ ، تون ٻارڻ ڏي آڳ کي
    ڀورُو ڀِتر ﺗﻪ ناھيان، برساتِ کان ڊِڄان.

    خاموش ڪنھن نديءَ جيان، ’ساحر‘ جو آ سُڀاءُ
    ڇيڙيو ﻧﻪ ھُن جي سرڪشي، سيلابُ ٿئي متان.


    چريا ڇوڪر، ٿڌو چشمو، ڪچو رستو اُتي ئي آ

    چريا ڇوڪر، ٿڌو چشمو، ڪچو رستو اُتي ئي آ
    جو وڻ جي ڇانو ۾ ڇڏيئي، تنھنجو پاڇو اُتي ئي آ

    ٿري لوڪ گيت جھڙي شام، مُقدس آ اڃا تائين
    خُدا جيئن مھربان وڻ سو، اڃا ساڳيو اُتي ئي آ

    اڃا شبنم جي آھٽ تي، ڀِڄن ٿا نيڻ موتئي جا
    اڃا خوشبوءِ جهروڪي جان، کُليل جُھوٽو اُتي ئي آ

    ڀڳل چُوڙيءَ جي آکاڻي، مروٽيل ٻانھن جو قصو
    ڪنهين کي ساھ ارپڻ جو، اڃا لمحو اُتي ئي آ

    تُري ڪانا سي جُوئر جا، چٻاڙن ٿيون اڃا سکيون
    چپن کي چاھ سان ڇُھندڙ، حياءَ بُولو اُتي ئي آ

    پرھ جي ويل پنڇين کان، اڳي ٿا جنڊ جُٽجن ۽
    مکڻ ماٽيون لسيون گھاٽيون، ٻاجھر ڊوڍو اُتي ئي آ

    شھر جي شور ۾ خُود کي، تِياڳين تون آهي بهتر
    وري هل ڳوٺ پنھنجي دِل، تنھنجو ورثو اُتي ئي آ

    جو تنھنجي سڀ مِزاجن ۽ ادائن جو آ پاڇُولو
    ڀِٽُن جي ڀر ڇڏيئي ’ساحر‘، ڪچو جُھوپو اُتي ئي آ


    چنڊُ ھُيو يا جھيل ۾ تنھنجو عڪسُ ھُيو

    چنڊُ ھُيو يا جھيل ۾ تنھنجو عڪسُ ھُيو
    رات انوکو، فِطرت ڇيڙيو رقصُ ھُيو

    ھٿُ ھوا ۾ مينديءَ رتڙو ايئن لُڏيو
    پٿر کي جيئن شيشي تي پيو ترسُ ھُيو

    پاپ ۾ پليل ڪوجھي، ڳاڙھي بازر ۾
    درد سُڃاڻڻ جو مون پڙھيو درسُ ھُيو

    ريت جا ذرڙا ھُن اکين مان برسايا
    رات ڏِٺو مون درياھ جھڙو شخصُ ھُيو

    لائون ڪُراڙي ور ھون جنھن سان رات لڌيون
    ڏاج ۾ تنھن جي رانديڪن جو پرسُ ھُيو

    ڪنھن هُئي پُراڻي کنڊر جا آثار مڙھي
    دِل ۾ دفن پر تنھنجي سورھون برسُ ھُيو

    قوم گُرُوپن ۾ ھُئي وِرڇي وِکري وئي
    چارڏسائون بربادين جو چرسُ ھُيو

    لوھ ڪڙيون يا سونا ڪنگڻ آڻي ھا،
    مون ﺗﻪ ڏِنو سڀ حقُ ئي ’ساحر‘ ڳرس ھُيو


    خاموشيون ﻧﻪ اوڍيو، ڪتبا ﻧﻪ ٿيو قبر جا

    خاموشيون ﻧﻪ اوڍيو، ڪتبا ﻧﻪ ٿيو قبر جا
    نيشان ڪجهه ته ڇڏيو، پويان ڊگھي سفر جا

    پڃري ۾ رکندا ناھيون، ڪنھن جي به آجپي کي
    قائِل اسين ﻧﻪ آھيون، ڪمزور تي جبُر جا

    ايندو اگر مسيحا، مصلُوب اڄ به ٿيندو،
    ڪوڙھيو سماج ساڳيو، جاھل ڌڻي شھر جا

    ڪاغذ جي ويس ۾ تون، ڳالھيون ﻧﻪ ڪر ڪُنن جون
    ڪچن رنگن سان ناھن، گھر ڳولبا ڪڪر جا

    رنگين پيچرا ھِن، چاھت جا دوست ليڪن
    راُتيون سڀئي رُداليون، ۽ ڏينھن ڪُل قھر جا

    ڪولھڻ جي ھٿ لِڦن تي، ميڙو آ پوپٽن جو
    موتين جيان ٻرن ٿا، ڳل تي ڦُڙا پگھر جا

    جِھرڻا ڦُٽي پيا ھِن دِل جي اُداس رِڻ تي
    نھٺي نِگاھ ڳھريا جُھوپا ڪلاش ٿر جا

    ’ساحر‘ اُھو ئي پِياسو درياھُ آ ازل کان
    جل ٿل ها ڪيئي ڀيرا رستا ٿيا کير ٿر جا.


    خواھشن جو ٽياسُ ھو منھنجا پرين.

    خواھشن جو ٽياسُ ھو منھنجا پرين.
    سمُنڊ دِل جي پِياس ھو منھنجا پرين.

    نِنڊ ڪنھن نخريل جو ماڻو هُئي
    بِسترو بنواسُ ھو منھنجا پرين.

    زندگي هئي ڪنھن ڀِڪارڻ جون اکيون،
    دردُ ئي ميراثُ ھو منھنجا پرين.

    سوڳ جو نيرو وڳو هئي ڪائنات،
    پيار جو اِتهاسُ ھو منھنجا پرين.

    رات هئي يا ڪنھن پِنڃاري جي اڏي
    ھرڪو پل بي قياسُ ھو منھنجا پرين.

    ڍيرُ ھو بارُود جو ڄڻ جنھن مٿان،
    پل ﻧﻪ ڪو آساسُ ھو منھنجا پرين.

    ھڪ عجب خوشبوءِ هئي ماحول ۾،
    تنھنجو ئي احساسُ ھو منھجا پرين.

    پير اُکڙيا ڀونءَ تان منھنجا جڏھن،
    اوپرو آڪاسُ ھو منھنجا پرين.

    مُرڪ جي ’ساحر‘ اِھا ﻣﻌﻨﻰ هئي،
    زھر ۾ ميٺاسُ ھو منھنجا پرين.


    خوشبوءِ جي ڪھاڻيءَ مان، گُل گُل جو گذرُ ٿيندو

    خوشبوءِ جي ڪھاڻيءَ مان، گُل گُل جو گذرُ ٿيندو
    بدنام جي ٿيندس مان، تنھنجو به ذِڪرُ ٿيندو

    گھُنگھُرن جي ڇڻ ڇڻ ۾، پازيب جي سرگم کي
    ڪنهن ريت وِسارڻ جو، مون کان نه جبرُ ٿيندو

    اِظهار تي بندش آ، مدهوش جوانيءَ کان
    پُرجوش فِضائن ۾، ڪنهن ريت صبرُ ايندو

    ٻيجل جي تند جھڙي، ھِن رات ۾ تو سائنڻ
    سُر سان ﻧﻪ ملايو سُر، ھر جذبو ٿرُ ٿيندو

    مايوس نِگاھن ۾، ڀر چنچلتا چنچل
    سُرھاڻ جي بارش ۾، ھُٻڪار ننگرُ ٿيندو

    آلاپِ ﻧﻪ غم دِل جا، تون گيت جي پردي ۾
    مون ڇيڙيو سُر سارنگ، سيلاب شھرُ ٿيندو

    چانڊاڻ جي چڳ چڳ مان، اُڀرن ٿيون نيون نينڍون
    تو ماڪ جان موتين کي، چُميو ﻧﻪ قھرُ ٿيندو

    درياھ تون ظُلمن جو، سھپُن جو سمندر مان
    ڪنھن ڏينھن دٻيل لائو، شعلن جو ڪڪرُ ٿيندو

    ويساھ وڃايل جو، جيئڻ به ڪھڙو ’ساحر‘
    ضمير جي گھاڻي ۾، پل پل پيو پگھرُ ٿيندو


    خوشبوءِ جھڙو پاڪُ فرشتو، مِٽي تاڻي ليٽي پيو

    خوشبوءِ جھڙو پاڪُ فرشتو، مِٽي تاڻي ليٽي پيو
    بي ترتيب حياُتيءَ جا ڪُجهه، لمحا واڻي ليٽي پيو

    شور جي جھنگُل ، چين نھوڙيس، کاڌُس اندر خاموشين
    پوڙھو اوڍي موت رضائي، شام جي ٽاڻي ليٽي پيو

    لال ڪُنوار جو ور ٿيڻو ھو، پِستانن ۾ کيرُ ڇڏي
    ماءُ جو سينو چاقِ ڪري اڄ، ڇو ربُ ڄاڻي ليٽي پيو

    ڏُور سفر تان آيو چنڊُ ھو، رات اسان جي آڳر ۾
    بادل مليُس نيري ڍنڍ ۾، نورُ اُماڻي ليٽي پيو

    ڪنهن به نه ڄاتو، شاعر پنھنجي اندر ۾ اِدراڪ ھُيو
    پوپٽ پڪڙي خواب اُڏائي ديپڪ ماڻي ليٽي پيو

    ڪالهه پکين جي ٻولين جو ھو، محورُ مرڪز دِلبر جو
    ٻير جو وڻُ سو ڇانو لُٽائي، جوڀن ڇاڻي ليٽي پيو

    ڏينھُن سڄو ھُن لُڪ ۾ منھنجو، ساٿ ڏنو ھو وِک وِک تي
    دوست پُراڻو پاڇو منھنجو، سجَ اُجھاڻي ليٽي پيو

    ھُن کي پنھنجي پورھيت ماءُ جي، زخمن جو ٿي عِلاج کتو
    پيڙي ھر ھڪ لمحو پنھنجو، ٿڪجي ھاڻي ليٽي پيو

    ديپ اُجھائي، نيڻ جلائي، دُکيو ٿي سِگريٽ جيان
    پن ڇڻ موسم ساحر ماڻي درد جي ڀاڻي ليٽي پيو


    خُون اوڳاڇي سج مري ويو، ذرديون اُلٽيون چنڊ ڪيون

    خُون اوڳاڇي سج مري ويو، ذرديون اُلٽيون چنڊ ڪيون
    وڻجارن سان ڪيڏيون تعديون، مانڊا تنھنجي منڊ ڪيون

    وقتُ ٿيو آ سڻڀي ماني، آ ﻧﻪ نڙيءَ جي ڳيت بڻي
    پينُون ٻالِڪ اوبر ڀت تون، آڻ ﺗﻪ گڏجي ونڊ ڪيون

    آويءَ مان ھُئي پڄري آئي، پڪو عِشقُ ڪُنڀارڻ جو ھو
    ڪوري گھاگھر شھر اُمائي، نيڪ نِگاھون کنڊ ڪيون

    پاٽِ ﻧﻪ پلٽي لپ اٽي جي، ڪوھيارو جيئن لحد لٿو
    چڻگ نه ڪا ڦُلهار ۾ چمڪي، سپنا ڪيئن سر کنڊ ڪيون

    آرائڻ جون ڇاُتيون ڇِليون، خوشبُوءِ پوپٽ رنگ رُنا
    مُردارن جون لُٻيل لويون، پوتر ڪو ﻧﻪ سمُنڊ ڪيون

    ايئن ڪنول جي عظمت ڀيلي، ڀوتارن جي ڀيڙ ۾ وئي
    جيئن مُقدس شھر تي ڪاھون، گڏجي مُھذب گنڊ ڪيون

    انگ ڍڪڻ جي اڳڙين ڪارڻ، ٽوپن ۾ آ نُورُ ڏِنو
    باقي امڙ مان ست جون بوندون، چُوسي موجون جنڊ ڪيون

    آنڌي ھُئي يا سج گرھڻ ھُئي، ساجھر ھُئي سڪرات وتل
    جُھڳيون لوڙھي ، ڪچيون ڀِتيون، قبرُون درياھ کنڊ ڪيون

    تو به پڙھڻ اِتھاس کي ڇڏيو، شھرُ اڳي نابينو ’ساحر‘
    ڪينجھر جون کستوري شامون زھريليون ڪنھن گھمنڊ ڪيون


    درٻار ۾ تو دِلبريون واڙيون تماشبين

    درٻار ۾ تو دِلبريون واڙيون تماشبين
    ڪومل ڪيون تو پنکڙيون ٻاڙيون تماشبين

    ڪنھن جو اندر اُٻاڻڪو ھوليءَ ڪري ڇڏيو
    ريشم بدن تي ململي ساڙيون تماشبين

    فنڪار جو ڪمالُ يا، قِصي ۾ درد ھو
    بُوندُون ھُيون تو ڳل تي ڳاڙيون تماشبين

    اوگھڙ گُناھ آ چئي، فتوى فروش تو
    پنھنجون شڪستون اصل ۾ پاڙيون تماشبين

    ڀُونڊو ھُيون سماج جي اُجري لِباس تي
    ڪچري جي ڍير جي مٿان ماڙيون تماشبين

    پايل جي رِدم تي ڇُليا پيمانا پِياس جا
    يادُن جون لٿيون جھيل تي، آڙيون تماشبين

    پازيب ڇوڙي گھينگھرا، پيرن ۾ تو ٻڌي
    چنچل چُنيون حياءَ جون ڦاڙيون تماشبين

    پنهنجي وجُود ۾ سڙي فنڪارُ رک ٿيو
    ’ساحر‘ وڳيون ھُجوم مان تاڙيون تماشبين


    دِلين جي ديس ڏي ڀيرا اکين ۾ چاﮬ جو رستو

    دِلين جي ديس ڏي ڀيرا اکين ۾ چاﮬ جو رستو
    انوکو پنڌُ آ پيارا، عجب ويساﮬ جو رستو

    سنوارڻ جون سوين توکي سڏين ٿيون شاھراھون تو
    پڙھيو آ ڪھڙي مڪتب مان،فقط ڀڃ ڊاﮬ جو رستو

    ڳڙڻ ڏي لُڙڪ روڪيندي،چريا ناسُور ٿي پوندئي،
    اٿئي بھتر سمندر تي، کُٽي درياﮬ جو رستو.

    اِجھو پُرنورُ صُبحن جا اکيون سيلاب ماڻينديون
    اِجھو ئي انت تي پهتو انڌو اونداھ جو رستو

    خُمارن جي کٿي اوڍيل، ڏِسي سرگوشي پاڇي ڪئي وڃين ٿو بي ڊپو ڪاڏي، وٺيو بيگاﮬ جو رستو

    ٽِشو پيپر جيان اُڇلي، ڇڏيئي ڪچرو مون ميڙيندڙ
    يتيمن کان ورتو جانان، وري اُتساﮬ جو رستو

    ﻧﻪ ياري چنڊ سان جن جي ﻧﻪ رنگن سان ئي پنهنجائپ
    ڪڏهن فِطرت جي ويرين ڇا لڌو اﻟﻠﮧ جو رستو

    زهر جي ڳيت امرتا ڏِني سُقراط کي ”ساحر“
    اسان ڀي عِشق ۾ ڳوليو آ سچ ساڃاھ جو رستو


    دڳن جي ڌُوڙ مون ڇاڻي، موتين جو ھارُ ماڻيو تو

    دڳن جي ڌُوڙ مون ڇاڻي، موتين جو ھارُ ماڻيو تو
    تماشو چونڪ جو بڻيس، پھرين پٿر اُماڻيو تو

    ڪُفرُ منھنجي کي ڪوزي مان، ڪڍي آفاقُ بخشيئي پر
    گُناھن کي گلي لائي، نه منھنجو سچُ سُڃاڻيو تو

    اڇُوتن جان نظر تنھنجي کڄي ھر مُند ۾ سائڻ
    ڪڏھن وارن مان پاڻيءَ جان، ڏئي ڇنڊ ڪو نه ڇاڻيو تو

    هميشه تو جوانيءَ کي سُڳنڌن جو سفر ڄاتو
    ڪڏهن ڪو دردُ ۾ ساڻو ٿڪل پل هو نه تاڻيو تو

    رحل منھنجي نِگاھن جا، تنھنجي قدمن ۾ پکڙيل ھا
    ڇِني ڇيھون ڪري پل ۾، عُمر ڀر ھو نه واڻيو تو

    پُڳو توکان نه آٿت جو، اڌُوراڻو ڪڏھن اوڇڻ
    سدا لھجن ڪڙھائيءَ ۾، مون کي محبُوب ٽاڻيو تو

    دُکيون اُلڪن جي آويءَ ۾، عِبادت عِشق جون راتيون
    صدائون ٿي سزا موٽيون، نه گُفتو ڪو وراڻيو تو

    سُرن جي سانوڻين ”ساحر“، اُٿل کاڌي اندر ۾ پر
    گُلابن جي ھُڳائن ۾، پرين ٻيڙو پلاڻيو تو


    رات ٻيڙيءَ ۾ سُتي جو پاتڻيءَ آرس ڀڳو

    رات ٻيڙيءَ ۾ سُتي جو پاتڻيءَ آرس ڀڳو
    لھرُون ٿي سنگيت ڇِڙيون، راڳڻيءَ آرس ڀڳو

    پارڪر جو سُورمو، سنبري ھليو سينڍون ھڻي
    جھات چؤنري مان وجھي ڪنهن، ڪولھڻيءَ آرس ڀڳو

    ميرُ ھو ڪيڏو بدن ۾ ، ڪا گھڙي فُرصت ﻧﻪ ھُئي
    گھاٽ تي چولي سٽيندي، ڌوٻڻيءَ، آرس ڀڳو

    چنڊ پنھنجي کي چُميو ٿي کيرُ پياريندي امڙ
    مور سان سنجوڳ ساري، مورڻيءَ آرس ڀڳو

    خاڪِ کستوري اُڏاڻي ڳھريون ڳليون ڳوٺ جون
    ساھ ٿڌڙن سان اڱڻ ۾ اوڏڻيءَ آرس ڀڳو

    ھيل سکڻي سانوڻي، ويندي ڇا گُذري سانورا
    بادلن ۾ چنڊُ لِڪيو، ڪامڻيءَ آرس ڀڳو

    ڀيل ٿي ڪيڏي بدن جي، بي حيا بازار ۾
    ڇير ڇوڙيندي ٿڪل ھو، ناچڻيءَ آرس ڀڳو

    باک جي ڀُوري بدن سان، ويو ھليو خوشبوءِ ڇڏي
    بستري جا گُھنج ڇُھندي، موھڻيءَ آرس ڀڳو

    جُھومڪن جي لوڏ ”ساحر“، ھوڏ پلڙن سان ڪئي
    گُل مُھر جي ڇانو ڇِرڪي، پدمڻيءَ آرس ڀڳو


    رات ڀِنل آ آءُ اڪيلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان

    رات ڀِنل آ آءُ اڪيلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان
    تون به وِٿورو دردن ميلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان

    ڪنھن ﻧﻪ گھڙي کن آٿت آڇي، ڇانو ٿڌيءَ لئه ڀٽڪي ساٿي
    جيئن گھڙو دِل ڪوئي ڀيلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان

    جام مٿان ٿو جام کي چاڙھيان، تو بن ٽانڊن تي ٿو گھاريان
    سوڪ جو سانوڻ رُڃ جو ريلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان

    واچُوڙن جيان پاڻ کي روليان، وستيون واھڻ توکي ڳوليان
    گُونگيون گليون ، وقتُ اويلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان

    پاڳل سمجھي ڇيڙي دنيا، آءُ نِماڻو ڪنھن کي دانھيان
    شھر ستمگر ۾ ھان نويلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان

    جُھڙ ڦُڙ جي جھانجھر ۾ پڄُران، تتل واريءَ وانگي اُڏران
    سِپرينءَ سارون ٻٻرن ٻيلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان

    رات کُٽي ٿي مڌ خاني ۾، ڏينھُن لھي ٿو ويراني ۾
    ڳهريل راُتيون ڳاٽ ڳھيلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان

    مُرڪ چپن کان اوجھل مُومل، ’ساحر‘ڄڻ آ روجهه اُڃايل
    کُهنبي واري پنڌُ ٿريلو، چنڊُ لِياڪا پائي جُھڙ مان


    رکي ھوءَ ڦُول تُربت تي کڻڻ آ ساھ ڀُلجي وئي

    رکي ھوءَ ڦُول تُربت تي کڻڻ آ ساھ ڀُلجي وئي
    ھُيس جي ھٿ لڪيرُن تي، پڪا ويساھ ڀُلجي وئي

    سھيڙيس ڪنھن جو ٻانھُن ۾، ٽڙي تازي ڪنول وانگي
    گلين جي خاڪ ھُئي جيڪا، مِٽيءَ جا چاھ ڀُلجي وئي

    اِنھيءَ دِل تي ﻧﻪ وڃ زاھد، فرشتا جنھن ۾ رھندا ھا
    ڪِري پستين ۾ اھڙي جو، عِبادت گاھ ڀُلجي وئي

    وري مُرشد جي آسڻ تان، کڻي تُھمت جي ذِلت جا
    اُھا وينگس سُکائون ڇا، جيئڻ جي راھ ڀُلجي وئي

    شهر جي ريشمي چهرن ڏنگيس ڏينڀُن جيان جڏهين
    تتل آويءَ جا ڪنڀارِڻ تِکا آڙاھ ڀُلجي وئي

    پِرھ جھڙا رويا ھا، فقيرن سان به جوڳِڻ جا
    بڻي آ کاڄُ ساڌُن جو، ﺗﻪ سڀ ساڃاهه ڀُلجي وئي

    مليو تعمير جو تُحفو، جڏھين ھڪ ديواني کان
    سِياڻي دِل آ تخريبون، ڪرڻ ڀڃ ڊاھ ڀُلجي وئي

    ٿڪن ۾ چُور ٿي ”ساحر“، ڇُھيو جيجل جي قدمن کي
    حياتي تاس جو درياھ، نظر اوڙاھ ڀُلجي وئي


    قبرُن جا اخبار ۾ ڪتبا پڙھندو آھيان.

    قبرُن جا اخبار ۾ ڪتبا پڙھندو آھيان.
    گھاءَ پُراڻي جيئن مان جانان جُهرندو آهيان.

    پکڙيل ھِن جلاد شھر جي گلين ۾،
    مقتل جي سائي ۾ ھلندو رھندو آھيان.

    تنگ شھر جي آئون، ڪُشادي تُربت ۾
    ساھن جون سرگوشيون چُپ چُپ ٻُڌندو آھيان

    ھيسيل ھرڻيءَ جھڙي لڳين ٿي سرتي تون
    آئون ڀي خرگوش جيان ئي جيئندو آھيان

    ھاڻ رُڳو تدفين جون رسمون باقي ھِن
    ڪھڙو مان جيئرن ۾ شامل ھوندو آھيان

    بُکيا ٻار ڏِسي مان گنڊ جي ڍير مٿان
    بيواھ جي چوڙين جان تنهن پل ٽُٽندو آھيان

    تون به نظر جي خنجر سان آن زخمي ٿيندي
    لهجن جي گندرف تي وِک وِک ھلندو آھيان

    گورڪنن جي روزي ڪُشادي ٿي آ ’ساحر‘
    آئون ڪفن جا ٿان اڏيءَ تي اُڻندو آھيان


    سارين جي ھُٻڪار ۾ واسيل، لاڙ ۾ گھاريل کُھنبي شام

    سارين جي ھُٻڪار ۾ واسيل، لاڙ ۾ گھاريل کُھنبي شام
    ڄڻ ﺗﻪ نئين ساماڻي وينگس، جي آ بدن سان وھنتي شام

    فِطرت جي سڀ رعنائين جو، تنھنجن نيڻن منجهه نچوڙُ
    ڪوري ڇال اُمايئي ڇرڪي، ھرڻيءَ جي دِل مُشڪي شام

    بادل وارن سان پل اُلجھيو، آيون تنھنجون چيچُون ياد
    سرمئي سار جو چولو پائي، ڪوھ مريءَ جي نِکري شام

    ڪنڌُ اسان جو ڪيرُ ڪپي ڀل، موکي پنھنجا مٽڙا کول
    اوتِ ازل جو آءُ اُڃون ھان، نينڍون نينڍون نِڪتي شام

    گاھ ڀريءَ سان ڊيل مٽي ٿي، دِل ئي دِل ۾ مُرڪي مور
    گوريءَ گج تي عڪس شفق جا، چُنريءَ مان ٿي اُڀري شام

    چارو آ يا ھيٺِ پھاڙيءَ، تان ٿو سِرڪي ڀُورو نانگُ
    ديواني جي خواب جيان آ، گورک ھِل جي ناسي شام

    آلي واريءَ تي ڦيريندي، ھٿڙا جان ٿيو محسُوس
    تنھنجي زُلفن سان کيچل ۾، منھنجي چنچل گُذري شام

    رات سوات جي ٺريل ”ساحر“، رڳ رڳ ۾ پر رقصان سِنڌ
    ٿورو اڳ آ پھاڙن تان تِرڪي، وکري ويئي سُنھري شام


    سامھون حسين واديون، رستو آ ڪھڪشان

    سامھون حسين واديون، رستو آ ڪھڪشان
    خُوشبوءِ ڪئي آ آجيان، گُذران ٿو مان جِتان

    چھري تان چڳ ھٽائي تو، پلڪُون کنيون جڏهن
    مُکڙيءَ تان ڀئونر ھو اُڏيو، سرتي حِجاب مان

    تارا ڇُھڻ جي آس ٿي، آرس ڀڃي اُٿي
    ٻانھُن ۾ تنھنجي آھيان، سِپ ۾ رتن جيان

    سوچيان ٿو تنھنجي سونھن جون، مھتابيون جڏھن
    پنھنجو وجُود ڪي گھڙيون، پائي ﻧﻪ ٿو سگھان

    ليٽي آن منھنجي هنج ۾، پنھنجو تون سر رکيو
    ٻيڙي وڃي ٿي ترڪندي، لھرُن تان جانِ جان

    پھري آ رات ميل جي، سنجوڳ آ نئون
    تنھنجي به سُونهن اڻ ڇُهي، منھنجي به دِل جوان

    ڪومل بدن جي ڀيل کان، ٿڪجان ﺗﻪ پوپري
    چمپا چڳُن جي ڇانو ۾، ٿورو ئي ٿڪُ ڀڃان

    پھلُوءَ ۾ منھنجي شام کي، تو الوِداع ڪيو
    تنھنجي بدن تان باک جا موتي ٿو مان چُمان

    ’ساحر‘ کي تنهنجي لوڏ هو ڪامڻ ڪکي ڇڏيو
    جوڳڻ مان تنهنجي جھاڙ سان، فيضياب ٿو ٿيان


    سانوريءَ جا جڏھن انگ آلا ڪيا، وڏ ڦُڙي دوستو

    سانوريءَ جا جڏھن انگ آلا ڪيا، وڏ ڦُڙي دوستو
    رنگ منھنجي نظر ۾ نِکاريا نوان، گج پڙي دوستو

    چنڊُ ڪنھن جي اڱڻ جو، ٻُڏڻ تي ھُيو، زندگي آ ڏني
    گنڊ جي ڍير تي ، ھڪڙي باسي سُڪل، روٽڙي دوستو

    اوچي محلات ۾ پٿرن جي وچان منھنجو دمُ ٿي گُھٽيو
    تازگيءَ جو ڏنو، مون کي احساس آ، جُھوپڙي دوستو

    مون مريءَ جي گلين ۾ تلاشيون پئي ، سِنڌ جون سُوکڙيون
    ياد پنھنجي مِٽيءَ جي، ڏِياري ڇڏي، موٺڙي دوستو

    ڪير ھُئي اپسرا ڪُونج ڳيچي کڻي، ڇال ھرڻي ڏئي
    منھنجون رولاڪيون ، مُرڪ جي منڊ ۾ وئي جڙي دوستو

    باوضُو ھو بدن ، جنھن کي سجدا ڪيا ، فرشتن ھا جُھڪي
    پيار جي نانءَ تي، تنھن جي عِذت لُٽي بي وڙي دوستو

    شھر بي پير ۾ بي وسين جون ڀريون ڍوئڻيون ٿيون پون
    شل ﻧﻪ ڪنھن جي نظر، ڪنھن جي قاتل نظر سان اڙي دوستو

    پنھنجي تھذيب کي، ڀونءِ ڀاڳن ڀري، سُھڻو درياھ آ
    تون ﻧﻪ ڀُلجان ڪڏھن شام وڄندي چيو، چنگ چڙي دوستو

    ھُن کي وڃڻو ھُيو مُرڪ ”ساحر“ کڻي، نيڻ آلا ڇڏي
    رُوح رھڙيو پئي، مون نِھاريو جڏھن در ڪڙي دوستو


    سج مان نُور جا، آءُ پاڇي ڪڻا، ڄاڻ ھاريا اِجھو

    سج مان نُور جا، آءُ پاڇي ڪڻا، ڄاڻ ھاريا اِجھو
    واءُ جي ڇُھاءَ تي، پير تنھنجا پرين ، لھر ساريا اِجھو

    ڪنھن ٿي ڄاتو ﺗﻪ موکيءَ جي نيڻن اندر نُور ھو يا نشو
    جنھن کي ماڻي عدم جا مُسافر ٿيا ، ھي متارا اِجھو

    ڪير آ، اپسرا مان ﻧﻪ ڄاڻا مگر ، منھنجي دِل ٿي چوي
    موڙ مُڙندي ڇتا، چيچون ڪنگي ڪري، ھُن سنواريا اِجھو

    ڇير جيئن ئي ڇڳي، ڏينھن جي گينگھرا، ٿيا شفق جو حصو
    شام گھاگھر منجھان، جام ڪنھن رات جا، مونکي پياريا اِجھو

    پنھنجي تھذيب جي دار تي ويا چڙھي، ڏئي وفا جو سبقُ
    چار ديوانا تنھنجي مٿان سنڌڙي ھاڻ واريا اِجھو

    مُند وِڇڙي وڃڻ جي ڊِگھي آ مگر ، ميل ٿيندو ڪڏھن
    برف ڳرندي پکي ساري پنھنجو وطن بس پڌاريا اِجھو

    ڪنھن جي سپنن ۾ ويٺي ٻُڏيو ٿي وڃين سانوري بانوري
    ڪنھن جي گُمنام يادُن جي مندر ۾ تو ڏيئا ٻاريا اِجھو

    مُند گھنگھور ٿي سڀ ترايون اُٿل ۽ اڃا ٿو گجي
    تنگ گليون ڇڏي پنھنجا ٿريا ننگر، سِڪ واريا اِجھو

    ھُو ﺗﻪ ’ساحر‘ ھُيو سانت جي سمُنڊ مان جنھن ٿي ماڻڪ چُڳيا
    ھي ﺗﻪ سيلاني آ کولي ديوان، جنھن پل پساريا اِجھو


    سِرجيون سُونھن سرير منجھان ڪي سرگم جون موجُون

    سِرجيون سُونھن سرير منجھان ڪي سرگم جون موجُون
    تان پُوري جان وڄيو تن تي، ھٿ جو ڦيريا مون

    رات سِتارن چنڊ ڪڪر ۾، نبريو سو ﻧﻪ خيالُ
    وار لُڏيا ٿي وينگس جا يا، نانگِڻ جون اُلرُون

    چنڊُ به پنھنجو عڪسُ پسي، مدھوش ٿيو تنھن پل
    جھيل ۾ جنھن پل گوريءَ، وھنجي نورُ ڪيون لهرُون

    ڌڙڪن ڌڙڪن ساڻ مِلي وئي، نيڻن ڀاڪي نيڻ
    ولهه ۾ ويھي چنڊُ تڪيوسين،ڇرڪيون چانڊوڪيون

    ھوريان ھوريان جيئن ڪو بادل، تارن کان وڇڙي
    منھنجي چپ ڇُھڻ تي وينگس، کوليون ايئن اکڙيون

    ھلڪي ھلڪي بُوند وُٺي ھُئي، رات گُلابن تي
    موھيڙا دربان ھُيا يا، سونھن مٿان چوڪيون

    ساحل تي اوڳاڇي ڇڏيا سِپن ها ماڻِڪَ
    باک ڦُٽيءَ يا برسيون گُل تي شبنم جون بُوندُون

    ھاءِ سِياھ نِقاب مان ٻريا، ڏيئا جاڙا نيڻ
    ھٿ رحل جان دُعا ۾ جھليل، چپ ڏاڙھونءَ ڦاڪُون

    اوڍي ساري رات ڪمبل جيان، ساجن کي ’ساحر‘
    ساھ جي ھلڪي آڳ مٿان، سيڪيون مون سرديون


    سمجھي ويو تحرير ھان دِل جي چھري مان

    سمجھي ويو تحرير ھان دِل جي چھري مان
    ڇاڻين ٿي ڇو، پيلا پن تون لهجي مان

    اڻ پُوري تعمير رهي آ جيون جي
    نيڻ نه رڄيا پيار جي جل ٿل سپني مان

    اوجاڳن جي اڻ کُٽ صحرا ڦهليل آ
    چين جو بادل ٿو نه مٽي دِل رستي مان

    ڳوڙھا ئي انجام ﻫﻤﻴﺸﻪ چاھت جو
    درد جي ملندئي ورڇ وفا جي ورثي مان

    توکي ڇو ارھائي ٿي محسوس ٿئي
    ڪافر کي گر فيض ملي ٿو ڪعبي مان

    خالي گھر ۾ خاموشين جي عيد اٿئي
    ڇا ٿي ڳولين لُٽيل دِل جي ملبي مان

    سج جا ڪھڙا ڪچي رنگ سان يارانا
    نڪري اچ تون پيار جي دِلڪش دوکي مان

    نا مُمڪن پاڻيءَ مان ”ساحر“ مکڻ ٿئي
    گُذري ڏِس پٿر جي ڪڏھين ويڙھي مان


    سِنڌ ڏِسندي رھي، عاشقيون ٿي ٻريون

    سِنڌ ڏِسندي رھي، عاشقيون ٿي ٻريون
    بند زِندان ۾ دِلبريون ٿي ٻريون

    خواب ڏِسندي وھي، گُھنج آئي کڻي
    بي وسين بند ۾ ڇوڪريون ٿي ٻريون

    تو تماشو ڏِسي، بند ڳِڙکي ڪئي
    رقص ۾ مست جون، بي وسيون ٿي ٻريون

    راس آيون اسان کي، انڌيريون گليون
    ڏُورُ ٿورو نيون، چاندنيون ٿي ٻريون

    شھرُ اھڙو به ھو، جنھن ۾ ھر شام جو
    ڇير ڇمڪار تي جل پريون ٿي ٻريون

    تو ﻧﻪ پردو ھٽائي گليءَ ۾ ڏِٺو
    تنھنجون سانئڻ ستيون ساھيڙيون ٿي ٻريون

    تو بِنا زندگي ڪيئن، گُذري ﻧﻪ پُڇُ
    ڏينھن ڏينڀُو ھُيا، راتڙيون ٿي ٻريون

    عڪس ڌُنڌُلا ٿيا شام جي سينڌ جا
    رات گھنگھور ۾ سانڀرُون ٿي ٻريون

    چنڊُ تنھنجي چپن مان چڙھيو چوٿ جو
    منھنجي نيڻن اندر ساحريون ٿي ٻريون


    سُونھن جو اڻ کُٽ خزانو، ڄام شوري ۾ پرين

    سُونھن جو اڻ کُٽ خزانو، ڄام شوري ۾ پرين
    ھِڪ انوکو آ زمانو، ڄام شوري ۾ پرين

    ﺳؤ شمعون ﺳؤ پتنگا، کوڙ مُکڙيون کوڙ ڀئونر
    ڪيڏو سھڻُو آ فسانو، ڄام شوري ۾ پرين

    ٿيڙ کائن ٿيون جوانيون، سُونھن جون سُرڪون ڀري
    ھر نظر آ مڌُ خانو، ڄام شوري ۾ پرين

    شام جي چپڙن تي سُرخي، ڪنھن جي مُرڪن جو ڪمالُ
    نيڻ سپنن آستانو، ڄام شوري ۾ پرين

    ڪنھن جي ٽھڪن جو ترنم ، ڪنھن جي قدمن جي پشم
    رُوح آ رِم جِھم روزانو، ڄام شوري ۾ پرين

    نينھن جا نيئر وِجھي تو، رول پايون روڪيون
    مون اڏيو آ آشيانو، ڄام شوري ۾ پرين

    ڪير ڪنھن جي جستجوءَ ۾، پاڻ کي ڀُلجي وئي
    ڪيرُ ڪنھن جو آ ديوانو، ڄام شوري ۾ پرين

    ﭼؤ ڏسان ڊيلُن جون ٽوليون، رقص ”ساحر“ مور جا
    زندگي چنچل ترانو، ڄام شوري ۾ پرين


    شھر جو تو گٽرُ وھائي نديءَ ۾

    شھر جو تو گٽرُ وھائي نديءَ ۾
    گويا آبِ ڪوثر گڏيو گندگيءَ ۾

    ڀري ڇرڪ حيرانين ۾ ٻُڏي ويو
    پسيو عڪسُ پنھنجو چندرما دريءَ ۾

    ڏِسي پنھنجو درپن خُدا کي ڀُلي وئي
    نشو بي خُودين جو ھُيو آرسيءَ ۾

    سُڪل لام تي ھُن نگاھون کُپايون،
    ٻه ٽي وار مُرڪيا، اڇا جو ڪنگيءَ ۾

    ﭐڏي نيڻ پوپٽ اچي ھُن تي ويٺا
    اڃا تازگي آ گُلن جي مڙھيءَ ۾

    نه مذهب نه مسلڪ پُڇي نسل ڪنهن کان
    ڪُشادا دِلي آھ، سِنڌ جي مِٽيءَ ۾

    شھادت جو رُتبو ته ماڻيو مُجاھد
    وجھي ڏار ويو پر ٻُڍاپي ڇڙھيءَ ۾

    ﭐڏاڻا پتنگا وڃن ٿا ھي ”ساحر“
    ٻري ھوندي شمع ڪکائين جُھڳيءَ ۾


    ڪُنڊ ۾ تنھا پيو ھان، ڪچي مِٽيءَ جي گھڙي جان

    ڪُنڊ ۾ تنھا پيو ھان، ڪچي مِٽيءَ جي گھڙي جان
    تون رکي ڀُلجي وئي آن، وقت سُھڻي بي وڙي جان

    مور جي رڙين اُڃارو، آسمان جُھڙ ڦُڙ ڪيو ھو
    مون مِٽيءَ جي مھڪ اوڍي، رات ڪچي ڳوٺڙي جان

    زندگيءَ جي پيچرن تي، پيار تنھنجو وٿ اھڙي
    جيئن اُجھيل نيڻن سان ٻالڪ، چنڊُ سمجھي روٽڙي جان

    منھنجا سپنا باز جي، چنبي ۾ ڪنھن پنڇي جيان ۽
    آس ڪولھڻ جي بدن تي، لِيڙُون لِيڙُون چولڙي جان

    مون ٻُڌيون ٿر جي ڀِٽُن تي، آھٽون برسات جون ٿي
    نيڻ منھنجا رات مُرڪيا، ڪنھن ڪکائين جُھوپڙي جان

    شل نه ٿئي اِتھاس ۾ ھي، ٻولي ماضيءَ جي ڪهاڻي
    لوڪ گيتن ۾ ئي ڳايون، سِنڌُو درياھ هاڪڙي جان

    ڪنھن نپُوڙي سُونھن سِنڌ جي، چيخ جھڙي چاندني آ
    دلربايون ديسَ جون ٿيون ڀاسجن ڪنهن سوڪڙي جان

    رات مون نٿيا گليءَ ۾، سانت کي پيتو ٿي ”ساحر“
    سِنڌ جو ڪنھن نانءُ ورتو، ڏيک کُليا موٺڙي جان


    گُذرياسين جڏھن ڀي مندر کان، ھڪ بي حِس مورت ياد پئي

    گُذرياسين جڏھن ڀي مندر کان، ھڪ بي حِس مورت ياد پئي
    معصُوم نگاھن جي پويان، بي درد آ سِيرت ياد پئي

    ڪلهه جھيل ڪنڌيءَ تي ويجھو ھا، ويٺل ٻه ڏٺا مون پاڇولا
    ھو رُوح جذيرو ڇِرڪي پيو، وِڇڙڻ جي قيامت ياد پئي

    ھيڏانھن سُھانا خواب لُٽيا، ھوڏانھن جواني وِکري وئي
    بي انت رولاڪيون ارپيون جنھن، ڪافر سا صُورت ياد پئي

    بي درد شھر جي گلين ۾، مان ٺوڪر بڻيُس پٿر جان
    واھڻ جي ھڪڙي پاڪيزه، بي لوث محبت ياد پئي

    ھو ڀونءِ سان ناتو ٽوڙيو مون، پر هو نه قبوليو جڏھن خلا
    رِشتن جو تقدُس ياد پيو، تھذيب جي عظمت ياد پئي

    مخدُوم بِلاول جو ڪتبو، نيڻن سان پڙھيو چُميو مون
    انسان جي مُهذب قدرن لئه، محبُوب عِبادت ياد پئي

    تون آٿت جو درياھ ھُئين، مون جھڙن بي وس ماڻھن لاءِ
    بارُود ۾ گُونجيو شھر جڏھن، پوءِ تنھنجي قِيادت ياد پئي

    ھي تنھنجي نظر جو دوکو آ، ٿو چنڊُ نه ڪنھن جي ميتُ ٿئي
    برباد ٿي پرکيم ڏاهن جي، ھر ڪائي نصيحت ياد پئي

    وِچ راھ ۾ ھلندي ياد نه ھو ، ڪنھن ساٿ ڇڏيو ھو مُشڪل ۾
    اڄ تنھنجي تباھين تي ”ساحر“، سپنن جي شھادت ياد پئي


    گُنگُنائيندڙ صُبح جي، سينڌ تي سُورج چڙھيو

    گُنگُنائيندڙ صُبح جي، سينڌ تي سُورج چڙھيو
    ڪنھن ڪنيا جي ڪڇ تي، مُرڪڻ لڳو مِٽيءَ گھڙو

    ماءُ جي ڪُٽ ڪُٽ تي چُوزا، چُھنب داڻن ۾ ھڻن
    پوپٽن جو آھ مسڪن، کيتُ ھي برسيم جو

    رقص ۾ ماڌي ھٿن جي، ڇُھاءَ تي آ سانورا
    جُھڙ مکڻ جو پر نه آ، چاڏيءَ سطح تي اُڀريو

    مٽ پلٽي مُند ڇڏيا، ٿا ٿِڙن ذاھد قدم
    پر حجابن جو پرين پنهنجي وچان آ فاصلو

    بادلن جي اوٽ مان چنڊ آ لِياڪو وِڌو
    ھانءَ جو پنڇي ھٿن مان، ڪنھن ڏِسا اُڏري ويو

    ھڪ عقيدت جو آ ناتو، ماءُ، سرتي، ڀونءِ سان
    ھڪ تقدُس جو سُٻنڌ ڀي، آ خُدا سان دوستو

    ھيءَ عِبادت آ اکين جي، تنھنجي چھري کي چُمڻ
    سُونھن تنھنجي جڳ مُصور، جي ھٿن جو مُعجزو

    جامُ پاسيرو ڪري جو، مون پڙھيون موکيءَ اکيون
    چنڊُ ماٺي جھيل جي، آغوش ۾ پِگھرڻ لڳو

    آخري ھِڏڪي آ ”ساحر“، سج جي آڪاش تي
    سمُنڊ جي اونھي قبر ۾، ڄاڻ پوڙھو غرق ٿيو


    گھٽيءَ جي موڙ جان اڪثر، ايندي ويندي، ھوءَ ملندي ھُئي.

    گھٽيءَ جي موڙ جان اڪثر، ايندي ويندي، ھوءَ ملندي ھُئي.
    حياءَ ۾ ريشمي چھرو، نِکاري هلڪو کِلندي ھُئي.

    هميشه اڻ اُمايل ئي رھيس گھاگھر جوانيِءَ جي،
    نه ڄاڻان مُنتظر ڪنھن جي، اچڻ جي ھوءَ رھندي ھُئي.

    اُڃايل آبشارن جان کڻي محلاتِ مان اکيون،
    ڪچي گھر ڏانهن قيدياڻي لِياڪا روز وِجھندي هُئي.

    رھي اڻ ڄاڻ جيسين ھوءَ منھنجي چھري کان شرميلي،
    نظم پرجوش جذبي سان، منھنجا ھر جاءِ پڙھندي ھُئي.

    جتي جِسمن جا سوداگر، پشم کي گھاءَ ڏيندا ھا،
    نديءَ جي پار بنجارن، سندي ھڪ وستي ھوندي ھُئي.

    ڪچي آڳُر ۾ راتين جو ڪھاڻي ڪا ٻُڌائيندي،
    نه ڄاڻا آءُ نانيءَ جي کٻي اک ڇا لاءِ ڦرندي ھُئي.

    سُٻنڌُ ڪنھن نانءَ جو جيسين، اسان ۾ ھو نه گڏ ھاسين،
    جڏھن منصُوب ٿي مونکان لڪائي چهرو رکندي هُئي

    سڏيندي جنھن کي ھئي ”ساحر“، هميشه گھُٽ زندان جي،
    پکين جان اُن جي نظمن ۾ آزادي ساھ کڻندي ھُئي.


    گھڙو ڀڳو ته گھوريو، ڄمار آ لُٽي وئي،

    گھڙو ڀڳو ته گھوريو، ڄمار آ لُٽي وئي،
    اي سِنڌ تنھنجي سينڌ جي، بھار آ لُٽي وئي.

    نِظام ڄام جون اکيون، ننگر جو دردُ ٿيون پسن،
    وفا جي ھر نِھار جي، بزار آ لُٽي وئي

    نه ٻيڙيون نه رڇ سي، مُھاڻيون نه کاريون،
    نِمائي ھر ادا حياءُ، نِھار آ لُٽي وئي.

    صبُوح سا نه شبنمي، نه شام ڪا ڪجل ڪجل،
    نفيس ھر ڇُھاءَ جي، به سار آ لُٽي وئي.

    ھُجي ڪو ھيڪلو سڄڻ، ته درد کي سھي وڃون،
    اسان جي پُر بھار ۾، سنوار آ لُٽي وئي.

    آ گيتُ گيتُ سُڏڪيو، رُني آ تند تنبُور جي،
    گُلابي شام جي سڄڻ، اُڏار آ لُٽي وئي.

    وِٿي رُڳو وجُود کان، ھُجي ته خير دوستو،
    پرينءَ جي سُرخ چپ تان، تنوار آ لُٽي وئي.

    ڇلانگ آ نه روجهه جي، نه مور جي ٽھوڪ سا،
    نديءَ جي سونھن ”ساحرو“، اُڀار آ لُٽي وئي.


    مون رات چُمي دِل جي سِراڻي کان رکيو ھو.

    مون رات چُمي دِل جي سِراڻي کان رکيو ھو.
    جو گيتُ منھنجي ماءُ جي لوليءَ ۾ رچيو ھو.

    مون پير رکيا ڳوٺ جي محبُوب فضا ۾،
    اجرڪ جو پلئه ڇِت تي آجيان ۾ لُڏيو ھو.

    اِقرار جي لذت نه ماڻي منھنجي سماعتُن،
    چپڙن جون ڪُنڊون موڙي تو پلڪُن کي ڇِنڀيو ھو.

    ڪنھن جي نه ڄاڻا ڄڃ هُئي گاڏين ۾ سنواريل،
    چھرو ڇو حِجابن ۾ تنھنجو لالُ ٿيو ھو.

    پردي کي هٽائي وري چھرو تو لِڪايو،
    ڪڪرن جي وِٿين مان گھڙي پل چنڊُ کِليو ھو.

    لاباري جي موسم ۾ ھوا مونکي ٻُڌايو،
    چولي مان ڪڍي خطُ تو خاموش پڙھيو ھو.

    جِھرڻي جي رڌم ۾ هُئي سُرھاڻ مِٽيءَ جي،
    مون ڳوٺ جو منظر نِگاھن کان چُميو ھو.

    جل ٿل اِنھيءَ ۾ سِنڌ جي تھذيب آ ”ساحر “
    پرديس ۾ جو گيتُ مون ڪالھه رات لِکيو ھو.


    موکي ناياب مئي تو، پياري جڏھن

    موکي ناياب مئي تو، پياري جڏھن
    اُڃ درياھ تي ٿي ھُئي ڀاري جڏھن

    شام بيساخين تي ھلڻ پئي سکيو
    الوداع جي ڪئي تو تياري جڏھن

    خواھشن جا ڪبُوتر رڳن تي لٿا
    تو چُمي مُٺ کولي اُڏاري جڏھن

    تنھنجي چھري تي پوپٽ حياءَ جا اُڏيا
    مون ڇُڙيل چڳ تنھنجي سنواري جڏھن

    تو کي حق ھو ڀري بزم ۾ تو گھُري
    مُرڪ توکان وتل ھُئي اُڌاري جڏھن

    ڳڻپ پُوڄارين جي وڌي مون تنهنجي
    مُورتي هُئي پٿر مان اُڀاري جڏهن

    عڪس ميرا ٿيڻ رات فِطري ھيُا
    ھڪڙي جُملي وِڌي دِل ۾ واري جڏھن

    مون کي درياھ ”ساحر“ ھو پرکيو تڏھن
    دِل کي پائي وئي ھڪ ڪُنڀاري جڏھن


    ٿورو ته ترس پنھنجي خطا يادِ مان ڪيان.

    ٿورو ته ترس پنھنجي خطا يادِ مان ڪيان.
    سُوري چُمڻ کان پھرين وفا يادِ مان ڪيان.

    آ ڳالھه ساري ظرف جي مصلُوب ڪر ڀلي،
    ڪھڙي خطا جي ڏين ٿو سزا يادِ مان ڪيان.

    مقتل جي در تي تنھنجو، ٿيو ديدار آ نصيبُ،
    ڪھڙي پُني آ ماءُ جي دُعا يادِ مان ڪيان.

    مون کان ذرا وجُود جا ئي ميڙجن نٿا.
    فُرصت گھڙ ي ملي ته صبا يادِ مان ڪيان.

    جيئان ٿو تنھنجي پيار جا ماڻڪ چُڳي چُڳي
    سمجھان جو توکي خُود کان جُدا يادِ مان ڪيان.

    ڪنھن ڪنھن جا مون صليب ھا پنھنجي ڪُلھي کنيا،
    ڪنھن جي ھٿن کي بخشي حِنا يادِ مان ڪيان.

    اي شھر تنھنجون بي رخُيون چوڙيون گھڻيون گھڻيون،
    واھڻ جو با وضُو ٿو حيا يادِ مان ڪيان.

    ڌرتيءَ تي ڪنھن پکيڙيون آنڌيون انڌير جون،
    ڪنھن ڪنھن جلايا ڏاتِ ڏيئا يادِ مان ڪيان.

    گُونگن کي ڪنھن زبان آ ”ساحر“ عطا ڪئي،
    ٻوڙن ٻُڌي آ ڪنھن جي صدا يادِ مان ڪيان.


    ڇُھيو چپن سان تو جڏھن حِجاب مان گُلاب کي.

    ڇُھيو چپن سان تو جڏھن حِجاب مان گُلاب کي.
    ڀُلي ويا ھا فرشتا گُناھ کي، ثواب کي.

    نئين نِڪور ڪُنوار جان پلئه نه تو پري ڪيو
    مون رات توکان خواب ۾ جُدا ڪيو حِجاب کي.

    شرارتون ھوا ڪيون، نفيس تو سان نِنڊ ۾
    مون جرڪندي ڏِٺو پئي، جمال لاجواب کي.

    چڳُن ۾ چاندني ڀري، سُتي آن چنڊ ھيٺيان
    سُرورُ تنھنجي سونھن مان، مِليو آ ماھتاب کي.

    نِگاھ تنھنجي نازنين، انبُوريون ھنيون پئي،
    مون چوٽ کائي مُرڪيو، نه ليکيو عذاب کي

    وساءِ پيار رِم جِھمون، جنم جنم ٺري پوي
    دُکاءِ باھ ڪا سڄڻ، تپاءِ دِل جي تاب کي

    پھاڙ جي پريان اُٿيو، پھاڙي ڦُول جو سُڳنڌُ
    ﻧﻪ ڄاڻ ڪنھن آ ڇيڙيو، صبُوح جو رباب کي

    مِليون اوھان جي مُرڪ مان، بشارتون ته ”ساحرو“
    ڇڏي ڏنوسين اُن گھڙيءَ، صنم ڪدي شراب کي.


    ڏِياٽيون خُون جون ٻاري، جيئڻ جو راز ڄاتو آ.

    ڏِياٽيون خُون جون ٻاري، جيئڻ جو راز ڄاتو آ.
    انڌيرن کان اُجالن جي، سفر ۾ درد وقفو آ.

    اسان گھاڻي جي گُھمري کي،تڙپ ارپي آ جنمن جي
    ھڏن جي پيڙ ۾ پرکيو، عجب اعليٰ ئي رُتبو آ.

    گُھنجيل آ شام پيشاني، ڪُراڙي فاحشا جھڙي،
    شھر جي چونڪ تي لُٽيل، حوا جو پاڪُ پردو آ.

    اُميدُن تيل تي ٽِمڪي، ويون ٿي ڇار آشائون،
    وٿُورو ڌُنڌ ۾ ويڙھيل پرينءَ جي گھر جو رستو آ.

    رُنل نابين نيڻن کي، ڏِسڻ جي ڏات ناھي پر،
    مٽيو ھي ڪير آ ڀرسان، چِٽو ٿيو دِل جو ويڙھو آ.

    پڙھيم اِتھاس جي تُربت، مٿان ڪتبو ھو ڏاھِر جو،
    کنڊر منھنجي نِگاھن جي، گلين تي چنڊُ چڙھيو آ.

    جُھڪائي ڪنڌُ جيئڻ کان، ڪپائي ڪنڌُ ئي ڇڏجي،
    پرين تلوار ۽ سِر جي وچان غيرت جو ڏاڪو آ.

    ھي نُقطو ڪائناتُن کي، سھيڙڻ لاءِ آ ”ساحر“،
    اندر جي گُھگھه انڌيري ۾، اڪيلو پيارُ تجلو آ.


    لتاڙي بُت ڪدا سارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني

    لتاڙي بُت ڪدا سارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني
    اکين ۾ چنڊ جا چارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني

    وِڃائي دوست معنائون، ڇڏيون دنيا ۾ چاھت سڀ
    محبت سُور واڌارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني

    پُڪاريو ٿي جوانيءَ جا، پوئي گجرا حسينائن
    وِساري مُشڪ بوءِ چارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني

    اڪيلائن وڪوڙي ھِن، ڇڏيون سڀ موسمون دِل جون
    ڀري ڏي جام ٻاجھارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني

    ڏِنو ڇا پارسائيءَ آ، مِليو مُھذب پڻي مان ڇا
    ڇڏي دنيا جا مونجھارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني

    حُڪم ڪنھن جو نه مڃيوسين، چريو جاهل چيو دنيا
    کڻي تُھمت جا کاپارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني

    عِبادت گاھ جي اڳيان، مٽيندي پير پل رُڪيا
    جُھڪائي ڪنڌ کي يارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني

    مُنافق ٿي نه سگھياسين، شھرُ جلادُ ٿيو ساقي
    مِٺا ماڻھو ٿيا کارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني

    چِٽو ٿيو شعور جو شيشو، سفر اِدراڪ جو ’ساحر‘
    بڻيو آ درد جي ڌارا، پُڳاسين پياڪ مئخاني


    لُڙڪن جي ڪھڙي قيمت، بھتر اُگھي ڇڏيون

    لُڙڪن جي ڪھڙي قيمت، بھتر اُگھي ڇڏيون
    بيڪار سرد آھُون، دِل ۾ رکي ڇڏيون.

    توھين ٿي بشر جي، غيرت جي نانءَ تي
    اھڙي سماج کي آ، تيلي ڏئي ڇڏيون.

    دوکن جي آ تِجارت، پٿر جي شھر ۾
    ٺوڪر ھڻي آ دِلبر، اھڙي گلي ڇڏيون

    ٽُڪرن پيا قتل ٿيون، جاھل، جلاد کان
    سُقراط جان آ زھر جو، پيالو ئي پي ڇڏيون

    دنيا نه بِهشت ٿيندي، ننڍڙي عمل سان ليڪن
    پنھنجي حِصي جا ڪنڊا، گس تان کڻي ڇڏيون

    جيئڻ جبرُ برابر، ٻوڙي سماج ۾
    انڌن اڳيان آ ڏيئو، ٻاري سکي ڇڏيون

    ماٺار جي سمُنڊ ۾، ھلچل کڻي نه ٿئي
    ٿڌڙو کڻي آ ساھ جو، ڪنڪرُ ھڻي ڇڏيون

    رستن جون رول پايون، ھاڻي ڪيون به ڇو
    اخبار مان ذِلت جو، نقشو پڙھي ڇڏيون

    پنھنجي مِزاج جي آ، دنيا رھي ڪِٿي
    دنيا ڇڏيون يا ”ساحر“، پنھنجي خُودي ڇڏيون


    مُرڪ تنھنجيءَ ۾ مِٽيءَ جو دردُ آ

    مُرڪ تنھنجيءَ ۾ مِٽيءَ جو دردُ آ
    سِنڌ جي اُجڙيل نديءَ جو دردُ آ

    آرسي ٿئي ماءُ جون گھريون اکيون
    گُھنجُ ھر ڪو، ھڪ صديءَ جو دردُ آ

    ريت تي پيرا نه آھن پوپري
    پيارُ ساري زندگيِءَ جو دردُ آ

    جنھن جا سپنا سُرخي ٿيا اخبار جي
    چنڊُ کي تنھن ڇوڪريءَ جو دردُ آ

    گيتُ آ يا، ريت تي پھرين ڪڻي
    شام جُھڙ جي، شاعريءَ جو دردُ آ

    تون وٺي ڀُلجي وئين جنھن کي رکي
    گُل سُڪل سو، ڊائريءَ جو دردُ آ

    رات ساري تڙپندو منھنجي سواءِ
    سج کي سُورج مُکيِءَ جو دردُ آ

    سانت ’ساحر‘ گُونج مان سمجھي وئي
    ڪُونج کي ڪھڙي ڪنڌيءَ جو دردُ آ


    ناڪام خواھشن جي گُمنام تربتُن تي،

    ناڪام خواھشن جي گُمنام تربتُن تي،
    ڳوڙھا مون رات ڳاڙيا، برباد حسرتُن تي

    تنھنجو سُفيد چھرو، مون راحِبا ۾ ڳوليو
    گِرجا جي پارسائي، مُرڪي پئي چپن تي.

    گھريون اُداس راتيون، يادُن جي سرد موسم
    پل پل وڏاڻ جھڙو، ڪڙڪيو ھو ڌڙڪنُن تي.

    ٻاھِر نه ڄاڻ ڪنھن جي، گھُٽيل صدا رُلي ٿي
    منھنجو ڌِيان ھر پل، ڀٽڪيو ٿي دِل دڳن تي.

    تنھنجي اکين مان جل ٿل، بڻيو ته رات منھنجي
    دِل جو شفافُ بادل، برسيو ھو رِڻ پٽن تي.

    مينار ڀروسن جا، ڪاغذ جي ناو نِڪتا
    ڪُنڀار چِٽ سُھڻا، ڪڍجان نه تون گھڙن تي.

    ڪويل جي ڪُوڪ ڪُچلي، ڳيرن جا ڳيچ گُھٽيا،
    خوشبوءِ خُودڪشي ڪئي، پٽ تي ڇڻيل پنن تي.

    چھري جا گُھنج اُلجھيا ڪلھه شام آرسيءَ سان
    مايُوس پل ڪو سِرڪي، ويٺو سکي ڳلن تي.

    خوابن جي چِترڪاري، لحظي ۾ آ لُڙھي وئي
    يادُن جي برف ”ساحر“ سيڪيان ٿو مان خطن تي.


    نه ھڻُ زنجير نيڻن جا، حُسن جي ڪارخاني ۾

    نه ھڻُ زنجير نيڻن جا، حُسن جي ڪارخاني ۾
    ازل جو آئون سيلاني، رھان ڪيئن قيد خاني ۾

    چپن تي آڻجان راڳي، مگر ٿي باوضو پھرين
    عِبادت عِشق اوتيو مون آ ڌڙڪن جي تراني ۾

    پويتر پاڪ جِهرڻن جان ڦُٽون ٿا ماءُ ڌرتيءَ مان
    اسين انمول وٿِ آهيون مُحبت جي خزاني ۾

    اِلاھي نُور جو تجلو، اڀيچند جي اکين ۾ ھو
    جُھڪيون تبليغون سرمديون ڪُفر جي آستاني ۾

    ڪُفر جي ڪيف ۾ پرکيو خُدا جو مرتبو ذاهِد
    سفر هو ڪائناتن جو نِگاهُن جي نشاني ۾

    اکين تنھنجين ۾ تجسُس جو، پسان ٿو اولڙو سائنڻ
    ڪمي ڪنهن موڙ جي رهجي وئي شايد فساني ۾

    سفر سپنن کان ساڀيان جو، ڪٺن معنيٰ ھُيو ليڪن
    ھُئي ھڪ جستجُوءِ توکي، ڇُھڻ جي ھِن ديواني ۾

    کُليل ڀنڀا ڪُلھن تي ۽، اکين ۾ نُور جا تجلا
    عجب پنھنجائپ ڀاسي ٿي، مون کي ھڪڙي بيگاني ۾

    لکيو گُمنام پٿر تي خُدا جو نانءُ مون ”ساحر“
    چڙھيو ھو نُور جو سُورج، پُڳي شُھرت زماني ۾


    ھڪڙي جھلڪ جي آس ۾ جيئندي مري وئي

    ھڪڙي جھلڪ جي آس ۾ جيئندي مري وئي
    تنھنجي گليءَ رات ڪا، هلندي مري وئي

    انگُور جو ڇُڳو ھُئي، ريشم جو نرم ڇُھاءُ
    جوڀن جي نرم لام تان، ڇڻندي مري وئي

    سُورج ٻُڏي سمونڊُ ۾ پھتو ھو انت کي
    سُرمائي شام شھر ۾ رسندي مري وئي

    اوگھڙ ڍڪي نه چنڊ کان ھُن جي به ٿي سگھي
    ڪلهه رات ھرڻي رُڃ ۾ ڀڄندي مري وئي

    لھرُن جي شور دانھن کي، ڀاڪُر ڀري ڇڏيو
    سپنا مهاڻي پيار جا ڏِسندي مري وئي

    گُھنگُھرُو به ھُن جي موت جا، شاھد نه ٿي سگھيا
    نچڻي ته پنهنجي آڳ ۾ نچندي مري وئي

    منھنجي اندر ۾ خوف جي، موسم ته دوستو
    جلاد سان نِگاھ جي، مِلندي مري وئي

    مرڪز جا تاج محل جان هر ڪنهن نظر جي هُئي
    محبُوب جي نگاھ ۾ ڪِرندي مري وئي

    جُھومر جيان سجيل هُئي ”ساحر“ جبين تي
    پازيب جيئن بزم ۾ ڇِڄندي مري وئي


    ھِن شھر ۾ ھاڻي ڪو، خُود دارُ رھيو ڪونھي

    ھِن شھر ۾ ھاڻي ڪو، خُود دارُ رھيو ڪونھي
    پڙھُ شُڪرانه مُنصف، گُنھگارُ رھيو ڪونھي

    ڪنھن لاءِ اچي در تان، موٽيو ٿي وڃين ھر ھر
    خوشبوءِ جي ڪهاڻيءَ جو ڪِردار رھيو ڪونھي

    ڪنھن لاءِ تتيءَ ڳاھيون، ھن شھر جي رستن کي
    جنھن رولاڪيون بخشيون، دِلدارُ رھيو ڪونھي

    چؤ هاڻ مسيحن کي، ٻيو ڪوئي هُنر ڳولن
    ٿيا خاڪِ نشين سارا، بيمارُ رھيو ڪونھي

    گھاگھر کي اُمائي جنهن درياھُ بڻايو هو
    پاڻياري گھاٽ تي سو، ڪُنڀارُ رھيو ڪونھي

    پِنبڻن سان ڪري پنڌُ جنھن، محبُوب ڏي وڃبو ھو
    درياھ جي ھُن ڀر سو، ميھارُ رھيو ڪونھي

    جُھومر ھو سِتارن جي، جو لاڙ جي ماٿي تي
    ڪنھن کي ٿي ھوا ڳولين، وينجھارُ رھيو ڪونھي

    سڀ ڪافر مؤمنَ ٿيا، ۽ پياڪ ولي ٿي ويا
    بازارِ مُقدس ۾، بدڪارُ رھيو ڪونھي

    سُرخَن به ڪري گيڙُو، پوشاڪ ڇڏي ”ساحر“
    ڪا لال گھٽا اُٿندي، آثارُ رھيو ڪونھي


    ويجھو ٿي ڪنڌيءَ کي ناو جڏھن، تو ھٿُ ھوا ۾ لھرايو

    ويجھو ٿي ڪنڌيءَ کي ناو جڏھن، تو ھٿُ ھوا ۾ لھرايو
    مون توکي پنھنجين ٻانھُن جو، ھسُ مُومل مُرڪي پارايو

    ڪيڏا ته خوشين جا ميڙ ھُيا، سڀ ڏيئا ڏيئا گھيڙ ھُيا
    مون گجرا توکي پارايا، تو چپ تي موتيو مھڪايو

    خاموش پلن کي ڇِرڪايو، مون تندُ مٿان ھو ھٿ رکي
    تو پلڪُن کي ھُئي جُنبش ڏئي، چنگُ سانت ۾ جيڏي جاڳايو

    مون تنھنجي ڳل تي چوريو پئي، آڱر کي ڀُوري نانگڻ جان
    تو جوڳڻ جھڙا نيڻ کڻي، افسانو محبت ورجايو

    ڪنھن چارڻ چوريو چنگُ پئي، چنڊُ نيري نديءَ ۾ ٻيڙي ھو
    مون رات ڪنڌيءَ تي ڪانڀ ٻڌي، سڏُ سُھڻي تنھنجو ورنايو

    ڪُجهه جام ۾ ڀريل مستي ھُئي، ڪُجهه سُونھن تنھجيءَ جي سرسي ھُئي
    مان ڪيئن چوان ڪنھن مستُ ڪري، محفِل ۾ مونکي جُھومايو

    هو چنڊُ به پُوري جوت ڀريو، مهڪيل هُئي هوا ڀي مينديءَ ۾
    پُرڪيف پلن ۾ ساٿُ ڏئي تو گيت ازل جو ڳارايو

    تو اُڀري پِياسي سِپ جيان آجيان ۾ وِڇائي مدهوشي
    مون اڻ مُل ”ساحر“ بُوند جيان ارپن هو ڪيو هر سرمايو


    يادِ ناھي رات ھُو، گھائل اکيون ڪنھن جون ھُيون

    يادِ ناھي رات ھُو، گھائل اکيون ڪنھن جون ھُيون
    ڪنھن سُڃي ڪشڪول جان، سائل اکيون ڪنھن جون ھُيون

    يادِ ناھي ڪنھن جي يادُن، جو اجھو ھو ھمسفر
    برپٽن جي پنڌ ۾ بادل اکيون ڪنھن جون ھُيون

    يادِ ناھي ميگھه ڇانيل، ھو فضا ۾ يا ڪجل
    بُوند جون سکيون بڻيل، ڪويل اکيون ڪنھن جون ھُيون

    يادِ ناھي ڪنھن جي زُلفن، جي پناھُن ۾ پُڳس
    تير جان تاڻيل مگر، قاتل اکيون ڪنھن جون ھُيون

    يادِ ناھي سمُنڊ ڳاڙھا، لُڙڪ ڪنڌيءَ تي ھُيا
    يا نه آلي ريت تي مشعل، اکيون ڪنھن جون ھُيون

    يادِ ناھي ديپ جان، سنگيت جان يا ميت جان
    رُوح منھنجي ۾ رتل، پل پل اکيون ڪنھن جون ھُيون

    يادِ ناھي ڪيرُ وِڇڙيو، درد جي سڪرات ۾
    پياس جي صحرا ۾ پر، ٿاڌل اکيون ڪنھن جون ھُيون

    يادِ ناھي ڇِرڪ کائي، ڇو اُڏيا پوپٽ پکي
    سانت ۾ ھلچل بڻيون پايل اکيون ڪنھن جون ھُيون

    يادِ ناھي عِشقُ ”ساحر“، عِشقُ ھو يا آڳ ھو
    رُڃ جي درياھ ۾ ساحل، اکيون ڪنھن جون ھُيون


    پل کن واس وٺي وڻجارو، ويندو گوري پاڻ سنڀال

    پل کن واس وٺي وڻجارو، ويندو گوري پاڻ سنڀال
    سڀ ڪجهه لُٽجڻ کان بھتر آ، موڙهي دِل جي ھاڻ سنڀال

    ساري رات سُتي تون ناھين، چھرو چُغلي، ھڻندئي سرتي
    مصلُوبين جي موسم آ تون، نيڻن ۾ رت ڇاڻ سنڀال

    ڀئونرن جي آ فِطرت ڳائي، گيت گُلابي من کي موھڻ
    ڦورُن جو آ ڦنڌو سُھڻو، سُھڻي تون سُرھاڻ سنڀال

    اڻ ملهه ھِن جوانيءَ کي تون، تڙپ جي ٽِياس جو کاڄُ نه ڪر
    ڄرِ جو ٻارڻ ٿيءُ نه اياڻي، جوت خُدا جي ڪاڻ سنڀال

    ريت ۾ ماڻڪ ملندا ناھن، ڪوڏيون سُتيون ڪنڪر کوڙ
    ڳول وفا جا موتي جر ۾، ڄاڻ جو تون مھراڻ سنڀال

    درد ڏيڻ آ فِطرت جڳ جي، درد ونڊڻ کان ڪوھين ڏورُ
    ڪو به نه آٿت ڏيندئي بھتر، نيڻن جي آلاڻ سنڀال

    ديوانا تون ديوارُن سان دردُ ونڊڻ جي عادت ڇڏ
    پاهڻ لُڙڪ تي ڳرندا ناھن، ڳوڙهن جي تون کاڻ سنڀال

    رازُ کُليو پوءِ خلقت ”ساحر“، کلندئي پنھنجا سُڏڪا روڪ
    ڪُندن ٿي وڃ عِشق جي اڳ ۾، اندر جي ڇڪتاڻ سنڀال


    سُڪون نايابُ ھو نِنڊ جو، گھڙي ڀاڪرُ نه ٿي سگھيُس،

    سُڪون نايابُ ھو نِنڊ جو، گھڙي ڀاڪرُ نه ٿي سگھيُس،
    سواءِ دردن جي ٻارڻ جو، عُمر منظرُ نه ٿي سگھيُس.

    سجايو گُھنج جان تو ڀي پنھنجي چنچل پيشانيءَ تي،
    ڪڏھن پر مُرڪ تنھنجيءَ جو مِٺي محورُ نه ٿي سگھيُس.

    ڪنھين گُمنام کنڊر ڏي ويندڙ ھان پيچرو آئون،
    سواءِ تُربت جي ڪتبي جي، ٻيو پٿرُ نه ٿي سگھيُس.

    تجسُس جي تون چشمي سان، ڏسي ھان منھنجون ويرانيون
    لُٽيل تھذيب جو آئون، ڪوئي کنڊرُ نه ٿي سگھيُس.

    اُھا ديوانگي دِل جي، اڃا ورثو آ چاھت ۾،
    سجائي چھرو چھري تي، سکي مُنڪرُ نه ٿي سگھيُس.

    جِتي ٿُوھر ئي جنمن ٿا، تپن ٿا اڪ سان رُڃ ھان،
    گِھڙين ھان تون گھڙي تي سو، سُهڻي ساگرُ نه ٿي سگھيُس.

    لتڙ اعزاز جان منھنجي مُقدر ۾ لِکي وئي آ،
    شھر جو چونڪُ ھان گھر جو ڪچو آڳرُ نه ٿي سگھيُس.

    حُسيني ظرفُ آ منھنجو امُن جو آھيان خطو مان،
    يزيدي سوچ جو ”ساحر“ ڪُڌو لشڪرُ نه ٿي سگھيُس.


    نِگاھ سجدي منجھان کڻي تو، دُعا جي آٿت جيان نِهاريو

    نِگاھ سجدي منجھان کڻي تو، دُعا جي آٿت جيان نِهاريو
    عقيدتُن جو مون جام جانان، اکين مان تنهنجي چپن تي هاريو

    ڳلن سان والن جي گسِ منهنجي رڳن ۾ بُکيا پکي چُڳايا
    مون خواهشن جو بتيلو تنهنجي حياءَ جي درياھ مان اُڪاريو

    نفيس لھجي قدم قدم تي، نِڪور نينڍون ڏِنيون اسان کي
    حِجابي چھري جي دِلڪشيءَ مان، گُلاب موسم کِلي کيڪاريو

    مون ورق پلٽيا ٿي رات دِل جا، شرير چانڊاڻ جي اجھي ۾
    نِگاھ سِنڌيا جو ڏيک ٿي پئي، وِٿين جي پن ڇڻ وجُود ٻاريو

    مِلياسين جانم کٿُوريون کُليون، سُڳنڌ واسي ڇڏيون فِضائون
    وصل جي برکا بدن ڀِڄايو، حياءَ جي شبنم اندر اُجاريو

    اُٿل اُٿل ھئي ندي نظر جي، لٿيون چڙھيون ٿي خيال لھرُون
    سمونڊُ کي مون اکين ۾ اوتيو، سمونڊُ مون کي سِڪڻ سِکاريو

    چُني ھٽائي تو چپ موڙي، نِياپو ڄاتل ڏنو اکين سان
    رڳُن ۾ آرس ڀڳا بهارُن اُداس دِل تي ڪڪرُ پڌاريو

    اجھاڳ چاھت جي پيچرن تي، ھُيون اُڃايل سوين ڪھاڻيون
    رُڪي نه منھنجي تنوار ڍوليا، ڪڏھن به تنھنجو نه من ڏُڪاريو

    تو ڪنڌُ ڇِرڪي کنيو ڪُلھي تان، ڪا لھر ”ساحر“ چڙھي ڪنڌيءَ تي
    مون رنگ تنھنجي اکين جا پڙھيا، چڳُن ٿي نانگِڻ جيان اُلاريو.


    تنھنجي چپن تان مُرڪ جو منظرُ مري ويو

    تنھنجي چپن تان مُرڪ جو منظرُ مري ويو
    منھنجي اکين مان اڻ ميو جوھرُ مري ويو

    درياھ ھُئي ڪُنڀار سان تعزيت گھڙي جي ڪئي
    سُھڻي ته ٿي امر مگر، ميھرُ مري ويو

    توکي نه ڪوئي فرقُ پيو تنھنجي سُڀاءَ سان
    منھنجي وجُود ۾ ڪوئي پيڪرُ مري ويو

    تنھنجون به قيد فُرصتون گُھرجن ڪري ڇڏيون
    منھنجو ڳڀي جي کوج ۾، محورُ مري ويو

    تخليق خُود حِجاب ھو فنڪار سان ڪيو
    تيشو کُپائي دِل ۾ هو سنگ گرُ مري ويو

    چيڪا خيال بُک جي بٺيءَ جي بِک بڻيا
    گھاگھر جا گُونگا گيت ٿيا، ڪُنڀر مري ويو

    درياھ جو نه وصل ٿيو، پِياسي سمونڊُ سان
    اوڀارو ترندي ريت تي شاعرُ مري ويو

    ڪُونجين شفاف لاڙ کي پيغامُ ھو ڏِنو
    آلُودگيءَ جي زھر ۾ سمندرُ مري ويو

    انگُور کي نپُوڙي تو اوتيو ھو جام ۾
    تنھنجي ڳلن جي ڀنور ۾ ”ساحرُ“ مري ويو


    منھنجو وجُود جانان، کنڊر جون ھيڪلايون.

    منھنجو وجُود جانان، کنڊر جون ھيڪلايون.
    صحرا ۾ ڪنھن پُراڻي، مندر جون ھيڪلايون.

    ماٺار جي ڪھاڻي، نِبري نه ٿي صدين کان
    مون ۾ رھي پيون ھِن، ڪينجھر جون ھيڪلايون.

    فُرصت گھڙي تون ماڻي، منھنجين اکين ۾ ڏسجان
    ويران پتڻ جون شامون، سمندر جون ھيڪلايون.

    بارش جي شام کان پوءِ، جيئن رات جي اُداسي
    دِل جو جذيرو تو بن، قلندر جون ھيڪلايون.

    حيران ٿي مان ڪتبو، پڙھندو رھيُس ته اُڀريون
    رت ۾ ٻُڏل اُگھاڙي، خنجر جون ھيڪلايون.

    تختو جلاد جلدي ھيٺيان ڪڍي تون وٺجان
    آءٌ ڏسي نه سگھندُس، سنگھر جون ھيڪلايون.

    احساس توکي ڪھڙو ٿُوھر جي بيوسين جو
    ڪاٽيون ڪڏھن نه تو دِل بنجر جون ھيڪلايون

    پلڪُن ۾ الوداع جي موسم جون بارشون هِن
    چهري تي ڀُڄ جي هِن، منظر جون ھيڪلايون

    ھر پل ھي ڀوڳنائون، ٽوڙي وجھن نه ”ساحر“
    ناسُور ٿي ويون ھِن، اندر جون ھيڪلايون.


    رُلي چھرن جون خاموشيون، نظر بيتاب موٽي آ،

    رُلي چھرن جون خاموشيون، نظر بيتاب موٽي آ،
    ڪٿي آھين لِڪو منھنجا، پرين مھتاب موٽي آ.

    صُراحيون جام خالي ٿيا، مگر آ تشنگي ساڳي،
    ازل جي اُڃ ٺارڻ لئه مِثل سيلاب موٽي آ.

    شھر ۾ منھنجي چريائي تماشي جو سبب ڪيسين،
    رھي ڪنھن معجزي وانگي ڪِٿان ناياب موٽي آ.

    اُڃاري آتما تنھنجي دڳن ۾ دِل وڇائي آ،
    ڪنھين الھام جان منھنجي اکين ۾ آب موٽي آ.

    وري دِل کي فريبن جي ڦنڌي جو شوق جاڳيو آ،
    وري ڪو دِلرُبا دِلڪش ڏيڻ دولاب موٽي آ.

    اُڻي قالين يادُن جا اکين جا ڏيک زخمي ٿيا،
    وري سانوڻ ڪيا جل ٿل سُڪل تالاب موٽي آ.

    وري مورن ٽھوڪن سان نظر ۾ نِرتڪيون نچيون،
    وري ٿي ڪاسبو دِل جو پرين شاداب موٽي آ.

    شڪسته ناو لھرُن سان، لڙي ڀي ڪيترو ”ساحر“
    ڪِنارو ڏُُور نيڻن کان، اڳيان گرداب موٽي آ


    تنھنجي نيڻن جي محبُوب موسم، ميڪدن جا پتا ٿي ٻُڌائي

    تنھنجي نيڻن جي محبُوب موسم، ميڪدن جا پتا ٿي ٻُڌائي
    جام ڇِرڪي ھٿن مان وڃن ٿا، ڇير ڇم ڇم ٿي بي خُود بنائي

    شام اوڌر ڪجل تنھنجي اک جو، تنھنجي اوبر گُلابن جو جوڀن
    تنھنجي نھٺين نِگاھن جي برکا، مور من ۾ وئي آ نچائي

    ميڙ ۾ تون سنورجي ٿي نِڪرين پِنڊ پھڻن جيان گھُوري دنيا
    پير سيرين کڻن ساھ رستا، ماٺ تنھنجي عِبادت لکائي

    جيئن جُھومڪ ڳلن کي ڇُھن ٿا، ڀئونر اُڏريو اچن ٽاري مکڙيون
    واءُ تنھنجي چڳُن مان چنبيلي، مست ٿيو آ کٿُوري چورائي

    تون نِھارين نشيلي نظر سان، سانت پوشاڪ پائي سمندر
    تنھنجي پاڪيزگيءَ جو قسم آ، چنڊُ توکي ڏِسي ٿيڙ کائي

    مُرڪ وِرڇين ته ڀاسي هوا ۾ گيت سنگيت جو سهڻو سنگم
    ساھ تنهنجي جو پُرڪيف سرگم سانت گھاگھر کي سرتي اُمائي

    چپ چورين ڄڻي سِپ ماڻڪ، وار کولين نچن اُڀ تي ڪڪريون
    پير ريشم پڌر تي گُھمائين، ڀاڳُ ٻيڻو سکي ڀونءِ ڀائي

    تنھنجو ساحرُ نه شاعرُ ھُجي ھا، ڪو گداگر مُسافِر ھُجي ھان
    سُونھن تنھنجيءَ ڪوي آ بڻايو، عِشق اوچو ڇڏيو آ اُڏائي.


    ڪھڙي لمحي ھِجرُ عِشق کاڌو نه آ

    ڪھڙي لمحي ھِجرُ عِشق کاڌو نه آ
    دردُ درويشُ آ، شاھ زادو نه آ

    او گُلابي ڪلي تنھنجي سُرھاڻ جان
    رُوپ منھنجي مٿان ڪو لبادو نه آ

    تو نِھاريو اکيون، آيتون ٿي پيون
    تو کي سجدو ڪرڻ جو اِرادو نه آ

    تنھنجي وِڇڙي وڃڻ جي تصوُر کان پوءِ
    آءُ جيئرو رھان مون ۾ مادو نه آ

    ماڻھو درياھ دِل آ ضروُري پرين
    ڇا ٿيو جيڪڏھن گھرُ ڪُشادو نه آ

    ريڙھيون پائي اچن ٿيون جُھڳين ڏي خوشيون
    دردُ ايندو ڪڏھن پر پِيادو نه آ

    ڇانو جنھن تي امڙ جي دُعا جي ھُجي
    ماڻھو ٿيندو اُھو بي مُرادو نه آ

    ھا ضرُوري نه آ، چھرو چُغلي ھڻي
    ٽھڪُ دِل جو ڪڏھن بي سوادو نه آ

    پيار تنھنجي نچايو آ، پُتلين جيان
    ورنه ”ساحر“ پرين دِل جو سادو نه آ


    ھٿ مان ويندي ٽاڻي سوچيو

    ھٿ مان ويندي ٽاڻي سوچيو
    ڌرتيءَ لاءِ ته ھاڻي سوچيو

    ڪيرُ سخي آ سنوري آيو
    ھڏ پيڙيندي گھاڻي سوچيو

    درويشن جي دِل آ دنبُورو
    تسبيح جي ھر داڻي سوچيو

    ڪنھن جي بُک ته مرڻي آ
    جنڊ ۾ ڦِرندي داڻي سوچيو

    ڪاڪُل ھِن يا ڪاريھر
    وينڊو کُلندي وِھاڻي سوچيو

    ڪھڙا يتيم جا انگل آرا
    ڀونءِ کان رات ڌِڪاڻي سوچيو

    سُلجھي ويا سڀ مُنڌل ڌاڳا
    مومل ماڻي راڻي سوچيو

    ايندو نيٺ اري ۾ ”ساحر“
    نخريليءَ جي ماڻي سوچيو


    ساھ جي سُرھي صبا وچ ۾ ھُئي

    ساھ جي سُرھي صبا وچ ۾ ھُئي
    مرحبا دِل جي صدا، وچ ۾ ھُئي

    ٻن چپن تان ٻن چپن جو پنڌُ ھو
    پيار جي ھڪ انتھا وچ ۾ ھُئي

    ڳل سان پلڪُن جي چنچل ڇيڙ ڇاڙ
    باحيا ھڪڙي ادا وِچ ۾ ھُئي

    برفجي پل ھي وڃن رڳ رڳ چيو
    ٻن دِلين جي ھيءَ دُعا وچ ۾ ھُئي

    چنڊُ تنھنجي رُوپ تي چِڙندو رھيو
    چاندني پر دِلرُبا وچ ۾ ھُئي

    باوضُو لمحا گليءَ ۾ مُرڪيا
    حُور جھڙي راحبا وچ ۾ ھُئي

    آخري ڀيرو ملياسين بارھا
    بارھا سِڪ جي سزا وچ ۾ ھُئي

    مُند ”ساحر“ پير ۾ پايل ٻڌس
    ڪُنوارپڻ جي ۽ حِنا وِچ ۾ ھُئي.


    جبين تي مون کي جُھومر جان ھُيو مُرڪي سنواريو تو

    جبين تي مون کي جُھومر جان ھُيو مُرڪي سنواريو تو
    کڻي پستين مجھان ڪک کي، پرين چنڊ جان اُڀاريو تو

    بدن تي نانگڻيون سِرڪيون کِنوڻ ڊوڙي رڳن ۾ وئي
    ڏندن هيٺيان هو چپ ڏيئي جڏي جيءَ کي جياريوتو

    مون جاڙن آبشارن جان، اکيون اوتي ڇڏيون تو ۾
    پياسي جھيل جان جڏھين، نِنڊاکو ٿي نھاريو تو

    پکيڙيل پر اُنھيءَ ويلي، سھيڙيا مور ھا پنھنجا
    حياءَ جي ھنج مان اکيون کڻي جنھن پل پُڪاريو تو

    ڪري هُئي آجيان ڪومل چپن سان نانءُ منهنجي جي
    اکين جي تخت تي راجا جيان راڻي ويهاريو تو

    ڪنھين ڀيلي گھڙي وانگي، ھُيون مَسڪن اڪيلايون
    ڀريل گھاگھر جيان ڪڇ تي، کڻي سائنڻ سنڀاريو تو

    دٻيل خواھش جيان دِل جي، ھُيس پاتال ۾ آئون
    ڪنول جان نيري پاڻيءَ جي، سطح تي مون کي تاريو تو

    مان سونارن جي گلين ۾، ھُيس پيرن جو ٿڪُ ”ساحر“
    ضرُورت مند جان مون کي، نفاست سان ٻُھاريو تو


    مِليا نه لُڙڪ ئي مليا ۽ مُرڪ جي ميٺاس کان رھياسين اوپرا اسين

    مِليا نه لُڙڪ ئي مليا ۽ مُرڪ جي ميٺاس کان رھياسين اوپرا اسين
    کُٽو سفرُ نه درد جو زخم زخم وجُود ٿيو، جُھرياسين ھيکلا اسين

    ننگر ننگر جون موسمون، اکين اکين ۾ اوتيون ، وفا پرستيون ڀوڳيون
    مِلين ته ڪنھن به موڙ تي، پتو نه تنھنجو ڪِٿ پيو ٿڪن جا اولڙا اسين

    شمع شمع جلون پيا، ڦُڙو ڦُڙو ڳڙون پيا، گھڙي گھڙي جُھرون پيا
    لُڇون نه ذلتون سوين، ڪُڇون ڪُفر جون تُھمتون وڃون ڪيڏانھن خُدا اسين

    زبان زبان تي شھرتون،ھي ذلتون ھي وحشتون،نظر نظر ۾ بي رُخيون
    رُٺل رُٺل گلي گلي حقارتون سماج جون، ھُجون ڪي ڇيڳڙا اسين

    مُبارڪون مُبارڪون اوھان ته ماڻيون راحتون لُٽيون اسان جون چاھتون
    صليب تي سنوارجي ترار تي تنوارجي، رھياسين بي وفا اسين

    مُڙي ڏٺئي ته دِل ڳلي ڪو سازُ ٿي ڇِڙي پئي ، ڪو رنگُ ٿي ٽِڙي پئي
    اي چنڊ تنھنجي رُوپ جا، ٿا جن ۾ عڪس ئي لھن اُھي ئي آئينا اسين

    وِٿيون گھٽيون وِصال جون، ٽِڙيون چپن تي موسمون ، گُلاب دِل جون سڀ گليون
    اکين ۾ رِم جِھمون لٿيون، لڪير ميل جي ٻُڏي تباھ دِل ڪٿا اسين

    اوھان ٿُڏيو سماج جي نِگاھ ڀي ٿي اوپري، رھي نه ڪا جڏھن گلي
    سميٽي ساريون موسمون، ٿڪل ٿڪل قدم کڻي ٿياسين ميڪدا اسين

    نه شاعري نه ساحري اجھو پرين آ ٿي سگھي، ملي نه ڇانو جي گھڙي
    جنم جنم کان درد جي، سمونڊُ جا سفير ۽ اُداس سلسلا اسين.


    مان ڄاڻا ٿو جُھڪيل سِر ۽، ڀِنل نيڻن جي مجبُوري

    مان ڄاڻا ٿو جُھڪيل سِر ۽، ڀِنل نيڻن جي مجبُوري
    ڇڻيل پن ۽ ڳڙيل ڳوڙھن، جُھريل جذبن جي مجبُوري

    مان ڄاڻا ٿو انڌي گھر جي، گُونگي ڪنھن ڪنڊ ۾ ھوندينءَ
    مان ڄاڻا ٿو آنڌين کان پوءِ، ڪچن جُھوپن جي مجبُوري

    مان ڄاڻا ٿو ته ويڻيءَ ۾، ڪنگڻ ٿيو گھرگھلو ھوندئي
    مان ڄاڻا ٿو آئينن کان، رُٺل جلون جي مجبُوري

    مان ڄاڻا ٿو سُڪل گُل سان ، پيئي ڀيٽين جوانيءَ کي
    مان ڄاڻا ٿو بھارُن ۾، ڇڻيل ڦُولن جي مجبُوري

    مان ڄاڻا ٿو گھٽائن ۾، گِھريل آ ناو ڪاغذ جي
    مان ڄاڻا ٿو ھوا رُخ تي، رکيل ڏيئن جي مجبُوري

    مان ڄاڻا ٿو وِصل جانان هوا سان خُشڪ پنن جو
    مان ڄاڻا ٿو خِزان سٽيل، حسين چهرن جي مجبُوري

    مان ڄاڻا ٿو ڳري ڪيئن ٿو ، پرينءَ جي ياد ۾ جوڀن
    مان ڄاڻا ٿو وٺل بُوندن، ٽُٽل تارن جي مجبُوري

    مان ڄاڻا ٿو انائن جو انڌو گھوڙو سگھارو آ
    مان ڄاڻا ٿو جلادن جي اڳيان سجدن جي مجبُوري

    مان ڄاڻا ٿو ڪيئي ڀيرا تو سوچيو زھر تي ”ساحر“
    مان ڄاڻا ٿو نِراسين ۾ کنيل قدمن جي مجبُوري.


    شايد توکي نه ايندو اِن جو يقين صاحب

    شايد توکي نه ايندو اِن جو يقين صاحب
    درياھ آھيون پِياسا دِل جا مڪين صاحب

    سي آسمان تي ڇا لاءِ پنھنجو ٽِڪاڻو جوڙين،
    جن جي آ ماءُ جھڙي جنت زمين صاحب

    محبُوب جي چپن جو مان لمسُ ويو ھان ڀُلجي،
    ھڪ ٻار جي چُمي ٿم جڏھين جبين صاحب

    اڻ ڄاڻ ھڪ رقاصا رقصان آ منھنجي اندر،
    ڪلهه کان وجُود جي آ موسم رنگين صاحب

    پھلُوءَ ۾ دِلرُبا جي پيمانن شراب توبهه،
    تو جھڙو آءُ ناھيان ظالِم زھين صاحب

    پھريون وِکون ٿو ٻالڪ منھنجي اندر کڻي تون،
    اِلزام بي خُودين جا نه ھڻ سنگين صاحب

    پنھنجي ئي آڳ ۾ مان چُپ چُپ جلي رھيو ھان،
    سُورج جو پرتوو ھان پٿر نگين صاحب

    ايمان و عِشقُ تن جي پوشاڪ جان ته ناھن،
    بدلي جو روز ”ساحرُ“ دِلبر ۽ دين صاحب


    ڪنھن نه ڀاڪُر جي گرمي بڻيو رات ڀر

    ڪنھن نه ڀاڪُر جي گرمي بڻيو رات ڀر
    ھيکلو وِلهه ۾ ھُو، ٺريو رات ڀر

    اِنتظارن چکيو، مُنتظر جو مزو
    وقتُ پٿر جي مُورت، ھُيو رات ڀر

    تو ٿي سپنا سُبيا، نِنڊ ۾ ناز سان
    ڪوئي آتش فشان جان، ٻريو رات ڀر

    يادِ جي ڄار ۾، قيد مڇيءَ جيان
    بانورو دِل جو پنڇي، لُڇيو رات ڀر

    ڪنھن چپن جون لڪيرُون پڙھيون چپ سان
    ڪو ڪجل جيان ڳلن تي، ڳڙيو رات ڀر

    ڪو اگھايل دُعا جي ھو آغوش ۾
    ڪو لڪيرُن سان اُلجھيو رھيو رات ڀر

    تو صدائون ڪنايون نه درويش جون
    ڍينگھرن تي چُنيءَ جان اُڏيو رات ڀر

    نقش اُڀريو ھو ”ساحر“ مگر ڪرڀ جو
    درد تيشي جيان ھو، ڇِليو رات ڀر


    چوڙي پُراڻي لُڳڙ جان جا زندگي مِلي

    چوڙي پُراڻي لُڳڙ جان جا زندگي مِلي
    خيرات ۾ ذرو ذرو باسي خوشي مِلي

    تنھنجي ئي دم سان رونقون منھنجي وجُود کي
    شُھرت شفاف پيار جي آ چاندني مِلي

    بي نام ھڪ خيال جي پويان تمام عُمر
    پيرن کي ھڪ عجيب آ، آوارگي مِلي

    ھڪ پل جو ھُو خيال ھو ڀاري حيات تي
    موکي نه ڄاڻ جام ۾ ڪھڙي خُودي مِلي

    سپنا ٽُٽا وجُود ويو تارن جيان ٽِڙي
    تنھنجي ھِجر فِراق ۾ آ تشنگي مِلي

    ڳولا ڳڀي جيءَ ڳوٺ جون يادون نه ميٽيون
    سارياسين روئي ڇانورا، پل جا وٿي مِلي

    جيون غريب جي جُھڳي، جوڀن رلي ڇِنل
    تندُور جان تتل مِلي، جيڪا گھڙي مِلي

    پھرين به ھُن کي آ ڏِٺو ”ساحر“ سدا اُداس
    سپني ۾ رات ڍنڍ تي جا ڇوڪري مِلي


    زندگيءَ جي ڪٺن، پيچرن تي ٿڪل، قافلن سوچيو

    زندگيءَ جي ڪٺن، پيچرن تي ٿڪل، قافلن سوچيو
    پنڌُ ڪيڏو اڃا، روشني آ پري، فاصلن سوچيو

    لال فولاد جان، زندگي آ ڪٽي، ھِن بيابان ۾
    شخص ھي آ جُڙيو، ڪھڙي مِٽيءَ منجھان بادلن سوچيو

    کوڙ آيا ويا، مُنڪرن جا ڪٽڪ، رھزن جا جٿا
    سِنڌ بيٺي اُتي، آ صدين کان اٽل، مشعلن سوچيو

    ھڪ ڊِگھي گُھور ۾، ڇا ٿو جانچي چريو، شام جو سمُنڊ تي
    ڇِرڪ کائي ھُيو، لھر جي ڇُھاءَ تي، پايلُن سوچيو

    شام ذردي وئي، رات آئي انڌي، ڄاڻ ناھي اڳيان
    ايندو ڪھڙو صُبح، ديس درياھ تي، ساحلن سوچيو

    ھي ھوا ۾ سُڳنڌُ، اڻ ڇُھيو ٿو گُھلي، باوضُو آ فِضا
    ڪنھن آ آرسُ ڀڃي، ساھ ٿڌڙو کنيو، آنچلن سوچيو

    چنڊ اُڀري لٿا، سجَ شامون ٿيا، برف پگھري گھڻي
    ھاءِ ڪھڙي سبب، وقتُ سُلجھي نٿو، مرحلن سوچيو

    رات تاريڪ جي، گرڀ مان سِج نئون، اوس وٺندو جنم
    جُستجوءِ شرط آ، پير پُختا ھُجن، حوصلن سوچيو

    چنڊُ ويو منڊجي، سج کي ٿي گِرھڻ، وقتُ وِيو برفجي
    مون کي ’ساحر‘ جُدا، ھو مِٽيءَ کان ڪري، قاتلن سوچيو


    زندگيءَ جو حُڪم ڏئي تو، بندگي سامهون رکي

    زندگيءَ جو حُڪم ڏئي تو، بندگي سامهون رکي
    زندگي او زندگي تو بيوسي سامهون رکي

    مُسڪراهٽ مُلهه وِڃايو، گيت ٿيا گُونگا سڀئي
    تو سُبي چپ هٿ مروٽي بانسري سامهون رکي

    مون ڇُهڻ چاهيون جڏهن ڀي وُسعتون آڪاس جون
    تو کسي پرواز آ، دُنيا وسعي سامهون رکي

    پيار جي بيساخي مون، توکان گھُري تو موٽ ۾
    هِڪ ڊِگھي چُپ جي لپيٽي، ڊائري سامهون رکي

    خوبصُورت زندگيءَ جا مرحلا مسڪن هُيا
    دلفريبين سان تو جانان، ڌر تتي سامهون رکي

    سُونهن جو سُندر سفرُ هو منهنجي دِل جو داستان
    چنڊ تو آ رُڪ جھڙي، عاشقي سامهون رکي

    مون جڏهن پُـوڄا جو مرڪز تنهنجي صُورت کي ڪيو
    تو به پٿر جي صنم جان، بي حِسي سامهون رکي

    مس سِکي مون کنڊرن سان گُفتگو تو سانورا
    شور سان جل ٿل شهر جي، آ گلي سامهون رکي

    عِشق جي پوشاڪ اوڍي، سرمدي ٿي سُرخرو
    حُسن سنگ بازي جي ساحر مُنصفي سامهون رکي


    تون ڇُهين ته گُل ٿي ٽِڙي پوان ڪلي آهيان ڪچڙي لِيار جي

    تون ڇُهين ته گُل ٿي ٽِڙي پوان ڪلي آهيان ڪچڙي لِيار جي
    مان رِدم ڏيان تنهنجي خيال کي، ڇيڙين تند دِل جي سِتار جي

    چڪ چولڙي ٿي هڻي پيا، نٿي سر ٽِڪي پلڪ ڪا چُني
    تنهنجي سار جون سو سُوکڙيون وريون ڪُونج وانگي قطارجي

    تون خُدارا نِڪري خيال مان، هِن ساڀيان ڏي ته ڌِيان ڪر
    مان وجُود تنهنجي جو هان حِصو، مان نويد آهيان بهار جي

    ٻُڌُ ڇا چوَن ٿيون هي چُوڙيون، ٿورو پرک جهانجهه ڇنن ڇن
    ڇڏ جام هيڏي نِگاھ ڪر آئي سُونهن تو لئه سنوارجي

    ها پيئڻ به ڪوئي برو نه آ، پر سُونهن سان ڇو آ بي رُخي
    کڻ پاند چنڊ جي رُوپ تان، ڪٽ زندگي ڪا نِکار جي

    هي ڏيهه ڏُُونگر کان ڏکيو تون اڪيلو ڪيسين ڪندي سفر
    ڪا دُعا ته کڻ ڪنهن جي پيار جي، ڪا حسين رات خُمار جي

    تنهنجي بي رُخين ئي ته موهيو، منهنجي هٺ تڪبر انڌ کي
    تون نهار ڪر ڪا نڌر مٿان وئي توتي جيڪا ٻُلهارجي

    هِن ٿان تان ڪيئي خان ڀي، ويا ڀاڳ پنهنجي ۾ ڀيلجي
    هڪ مينڌرا توتي موڙ آ، ويئي توکان مُومل هارجي

    تنهنجي ساحريءَ جي سحر ۾ ها، ويا غرق ٿي منهنجا پيچرا
    مون لِڪائي خود جيڪا پاڻ کان، اُها موڙهي وئي ولارجي


    رات ڪُچلي ڇڏيا وقت جاڙا ڪنول، ٿي ڪهاڻي ختم

    رات ڪُچلي ڇڏيا وقت جاڙا ڪنول، ٿي ڪهاڻي ختم
    چنڊ جا مون ڏٺا نيڻ سانول ڀِنل، ٿي ڪهاڻي ختم

    ڪيڏي اُوچي هُئي باز پرواز پر، وقت ڦيرو ڏِنو
    پير پستين ڇُهيا پر فِضا ۾ ٽِڙيل، ٿي ڪهاڻي ختم

    چار ڳوڙها ڳڙيا، سرد آهُون اُٿيون پاند ٻه ٽي ڀِنا
    آلي تُربت اڃا ميلو ساڳيو متل، ٿي ڪهاڻي ختم

    هُو ٿڌيءَ ريت تي، بي ستو آ پيو، ڏُور لهرُن ڏِٺو
    ڪنهن نه چُوڙيون ڀڳيون ۽ نه وِکريو ڪجل، ٿي ڪهاڻي ختم

    پير جنهن جا پشم، سمنڊ لهرُن چُميا، مست ٿي چاندني
    اڄُ اُنهي مهجبين ماڻيو ارڏو اجل، ٿي ڪهاڻي ختم

    چار ننڍڙيون پريون، کير پوشاڪ ۾، ٿيون عدم جو سفر
    راڄ رسمن گڏيو، ماءُ ڇاتي ڇِنل، ٿي ڪهاڻي ختم

    رُوح جون راڳڻيون رُوح سمجھن بدن، ۽ بدن جو قِصو
    نيڻ مليا ويون اوپرايون انگل، ٿي ڪهاڻي ختم

    ويڙھ ساحر اڃا سِنڌ وِڙهندي گھڻي، ڳاءِ شعلا نظم
    هاڻ اُڀريو آهيان آ نه منهنجي مِٺل، ٿي ڪهاڻي ختم


    سھيڙيو تو نه پن پن جان، گلين جي گردِ ٿي وِياسين

    سھيڙيو تو نه پن پن جان، گلين جي گردِ ٿي وِياسين
    اُداسيُن جي ڪڙھائيءَ ۾، ڪڙھي بي درد ٿي وِياسين

    لٿل پوشاڪ جان چوڙي، اوباريل جسم جي کيتي
    اسين ڪنھن فاحشا تن جي، حصي جو درد ٿي وِياسين

    رھي اڻ ڄاڻ پٿر جي، اُھا مورت جيان جنھن جي
    تپسيا ۾ خودي تِياڳي، صدين لئه سرد ٿي وِياسين

    اسان جي سانوري دِل ۾، سڀئي ھا سانورا لمحا
    اوھان جي شھر اُجري ۾، تڏھن ئي رد ٿي وِياسين

    پرين درياھ ڌرتيءَ جا هميشه گھاءَ ڌوئندا ھِن
    اسين رِم جِھم فضا ۾ پر، اُڃايل فردُ ٿي وِياسين

    ڪيون تو ساھ جون مون کان پري سُڳداسيون جڏھين
    لڪيرُن سان پرين اُلجھي، اکين ۾ ذرد ٿي وِياسين

    شھر جون ڪھڙيون ھمدريون، خِزان آلُود چھرن سان
    اڪيلائپ جا اوڇڻ خُود، خُود ھمدرد ٿي وِياسين

    سمندر ۽ ھوا وانگي، ڦِٽل ھو چين ۽ ”ساحر“
    ڪنھين بيواھ جي قسمت جان ھُئا جامِد ٿي وِياسين


    نظمُ تون فِطرت جي موسمن جو گھٽائون ڪڏھين گُلابُ جانان

    نظمُ تون فِطرت جي موسمن جو گھٽائون ڪڏھين گُلابُ جانان
    سُڀاءُ ۾ تون چڪور چھڪڻ وجُود ۾ پر عُقابُ جانان

    ھلين ته سُڳداسي پيچرن تان، صبا به شرمائي پاڻ ارپي
    کِلين ته خاموش ساعتُن ۾ سُرن جو سِرجي ڪِتابُ جانان

    ھي ڳاٽ تو آ کنيو يا سرتي اُڀو آ پربت غُرُور ڪنھن ۾
    اڏول سُورھ جي چال جيئن تون شُجاعتن جو نِصابُ جانان

    ڇُھيو نه جنھن کي سنگيت ڪارن، نه شاعرن جي خيال پرکيو
    تون ماٿُريءَ تي شفاف چشمُو ٿڌو گھڙو گُل شبابُ جانان

    ڇِڄين ته رُڃ ۾ اُداس ھرڻي، مِلين ته بارش ۾ مور بڻجان
    وجُود تنھنجي جو واس مون ۾، مان ڪُنوارپڻ تون حِجابُ جانان

    رُڪي رُڪي تو کنيا قدم پر، ڀِڄايو پازيب دِل جو رِڻ پٽُ
    مون بانسريءَ جي سُرن سان تنھنجي رڳُن جو ڇيڙيو ربابُ جانان

    کٿي آ پنهنجي خيال تي مون، پکيڙي تنهنجي نفاستُن جي
    ڪچي اڳڻ ۾ سُتي يا آئون ، ڏسان ٿو سُندر خوابُ جانان

    گُناھ جھڙا ھُئا سي لمحا ڪٽيا مون جيڪي انا ۾ ”ساحر“
    جُھڪي آ تو در جبين منهنجي گھڙي گھڙي آ ثوابُ جانان


    وِصال جي تمام شب گھٽا گجي وٺي ھُئي

    وِصال جي تمام شب گھٽا گجي وٺي ھُئي
    نه ڄاڻ ڇو پِياس پر اڳي کان ڀي وڌي ھُئي

    لھُو لُھان ٿي ويون، نفيس دِل جون خواھِشون
    وِچان حياءَ جي ڀت پر، نه پلڪ ڪا ڊٺي ھُئي

    لٿا سين ھڪڙي وقت ٻئي خواھشن جي کيت تي
    ضرُورتن نه ڪنھن سمي اُتامِري ڪڇي ھُئي

    ڦُلن جيان ڀُڳل ھُيس، اُداس غم جي آنچ تي
    وجُود جي بٺيءَ ۾ ھوءَ گھڙي جيان پڪي ھُئي

    بُکيا بگھڙ ٿي ڊوڙيا، هميشه ھُن جي تاڪ ۾
    پنجوڙ کي پناھ لاءِ، روجهه خُود ٻکي ھُئي

    پھاڙ تان لٿي ھُئي، نديءَ جي تيز وھڪ جان
    مِزاج ۾ نفيس ھوءَ اروڙ جي مِٽي ھُئي

    نيپاج پنھنجي ئي ڀريو رڳُن ۾ قوم جي زھرُ
    سدائين سنگ چُور جي ھٿان ئي سِنڌ ڪکي ھُئي

    خيام جي خيال جي وِشال ساحريءَ منجھان
    ڪڻي کڻي مون تو مٿان رُباعي ھڪ لِکي ھُئي.


    ٻاجِھرين تي ٻُور جان، ايندي ھُئي

    ٻاجِھرين تي ٻُور جان، ايندي ھُئي
    مُند ھوءَ ڀرپُور جان ايندي ھُئي

    مُعجزن جا ورق ويندا ھا کُلي
    ڪنھن انڌي وٽ نُور جان ايندي ھُئي

    کيچلي ڪنھن ٻار ڏي ڪاوڙ منجھان
    مامِتا جي گُھور جان ايندي ھُئي

    چاندني لھندي جڏھن ھُئي ڳوٺ تي
    سانوري سنگ چُور جان ايندي ھُئي

    ڳھر جا ايندي، اڏيندي ڳوٺ ھُئي
    جام ۾ انگُور جان ايندي ھُئي

    ڇيتِ جان چُڀندي ھُئي ويندي ھانءَ ۾
    ڪنھن وِڃايل مُور جان ايندي ھُئي

    وڏ ڦُڙي جي وارتا جان ڪنھن سمي
    شاعريءَ جي پُور جان ايندي ھُئي

    باوضُو ٿينديون ھُيون ’ساحر‘ اکيون
    ڪنھن مُقدس حُور جان ايندي ھُئي


    ديوار آ حِجاب جي چُپ چاپ گڏ ھلون ٿا

    ديوار آ حِجاب جي چُپ چاپ گڏ ھلون ٿا
    خُواھش جي ھڪ سمُونڊ ۾ ليڪن ٻُڏون ترُون ٿا

    آيا الڳ ننگر کان پنڇي اسين ٻه آھيون
    يادُن جون چار لھرُون تڙ تي ڇڏي وڃون ٿا

    پيرن کي موج پُوڄي واپس مُڙي وئي آ
    مدهوش ڪنهن ڪڪرجان درياھ تي وسُون ٿا

    ساھن سان ٿي رھي آ ساھن جي آشنائي
    ترتيب ڌڙڪنُن جي بيتاب تي ڀُلون ٿا

    ڄاڻو سُڃاڻو آھيون درياھ ۽ ديس وانگي
    پاڙي ۾ سج چنڊ جان جنمن کان گڏ رھُون ٿا

    رفتار ھُڙڪ ٿئي پئي پاڇن جي واپسيءَ جي
    اڻ ڄاڻ ڪنهن ڌُٻڻ ۾ ڀاري قدم کڻون ٿا

    لوڏيون ٿا الوِداع ۾ رسمي هٿن کي ڇِڄندي
    زخمي چپن تي مُرڪون ڄڻ لوڻ جان ڇٽيون ٿا

    ميرو آ دِل جو شيشو، منظر به جھانورا هِن
    بيتاب ٿي هٿن جون، ريکائون ٻئي ڏِسُون ٿا

    دِل ۾ ڦُٽي رھي آ درياھ جي اُداسي
    پياسا ملياسين ’ساحر‘ پِياسا الڳ ٿيون ٿا


    تو مُڙي ھڪڙي نظر ڏِٺو نه ھو

    تو مُڙي ھڪڙي نظر ڏِٺو نه ھو
    بارشُن کان پوءِ گھر ڏِٺو نه ھو

    دِل چيو ۽ پير ٿي پيا پيچرا
    پيار جو پھرين سفر ڏِٺو نه ھو

    اڻ گُھريو ئي تنھنجو آءُ ٿي ويسُ
    بيوسين جو دِل ننگر ڏِٺو نه ھو

    بادلن جي اوٽ کان ٻاھر ڪڏھن
    چنڊُ مون ساري عُمر ڏِٺو نه ھو

    دردُ ڇاھي ۽ خوشي ڇاھي ڪڏھن
    دِل وڃائي ڪو وکر ڏِٺو نه ھو

    نيڻ جنھن جي خواب ۾ مھڪيل ھُيا
    ساڀيان اُن کي مگر ڏِٺو نه ھو

    نانءَ جنھن جي سان ڀُلي ترتيب دِل
    اُن پري پيڪر کي پر ڏِٺو نه ھو

    پير جي زخمن کان پُڇ ’ساحر‘ ڪڏھن
    تو ڏي ايندي مون پٿر ڏِٺو نه ھو


    خوشبوءِ جي ڪھاڻي رتُ رتُ آ، ھر ڏيک ڏُُکايل آ جانان

    خوشبوءِ جي ڪھاڻي رتُ رتُ آ، ھر ڏيک ڏُُکايل آ جانان
    ھِن ديس جي چنچل چانڊوڪي، گھنگھور جي گھايل آ جانان

    مان تنھنجي ڪومل ٻانھُن جي ٿڌڪار ۾ ڪھڙي نِنڊ ڪيان
    انڌڪار وطن جي وستين تي، ڪنھن خوف جان ڇانيل آ جانان

    پوشاڪ ۾ پيوند اڳڙيون ھِن اوبر جي چادر آ سِر تي
    جنهن رُوپ جو رازُ هو آئينو سو رُوپ وِڪايل آ جانان

    بدڪار جي ڀاڪُر جي ٿي ڀري لاچار بُکاري وڻجاري
    مڪار جي مُک تي مُرڪ ڏِسي، آڪاس رنجايل آ جانان

    ھي ميڙ بُکايل ماڻھن جا، گھر گھاٽ وڃايل ماڻھن جا
    ھڪ اڻڀي مانيءَ لاءِ پريان ڪشڪول وڇايل آ جانان

    بي خوف گُھمن ٿيون ويرانيون برسات جي ڀُريل بستين ۾
    ڪو ناھ ٽھوڪو مورن جو ڪا ڪونج نه آيل آ جانان

    ھُو ٿورو پريان ٻُڌ جھوپي مان آوازُ اچي ٿو سُڏڪڻ جو
    ٿڃ ڪا نه مِلي ٿس ڏينھن کان، ڪو ٻار بُکايل آ جانان

    ويڪائو ضميرن کي ’ساحرُ‘ مٽيءَ جون ميارون ڪھڙيون ڏي
    باظرف ھزارين ماڻھن جي سُڌ ڇا لاءِ وِڃايل آ جانان.


    ڪامڻي ڪچي اڱڻ ۾ وار ڇوڙي آ سُتي

    ڪامڻي ڪچي اڱڻ ۾ وار ڇوڙي آ سُتي
    چاندني جنھن جي چڳُن ۾ ھوش ٻوڙي آ سُتي

    بادلن جي اوٽ مان ٿو چنڊُ ڀي ٿِڙندو وڃي
    ۽ ڪنڌيءَ تي اپسرا ڪا لِڱ موڙي آ سُتي.

    مون ڪويتا ڪنھن شرابي شاعر جي ڇيڙي پئي
    ياد ڪا دِل جي نديءَ ۾ مونکي لوڙھي آ سُتي.

    ڪُونج ويندي رات سوچيو ڀُونءِ جي آسودگي
    ديوَ ڪنھن جي ور چڙھي ڇا سِنڌ ووڙي آ سُتي.

    ڪنھن جي نيڻن ۾ ڪيو ھُن، رقص ھو جُھومر ھڻي
    لال جوڙي ۾ سنورجي، ڪنھن جي ڪوڙي آ سُتي

    ڍنڍ ۾ ڪنھن جي بدن جو سون آ پگھري ويو
    عاشقي ڪنھن جي اکين ۾ ، کيما کوڙي آ سُتي

    نِنڊ گھريءَ مان نه اُٿندي، ڪو سڏي ھُن کي متان
    ھوءَ حياتيءَ جي جبُر کي، ھاڻ چوڙي آ سُتي

    نازبُن جي لام سان چنچل ھوا اُلجھي پئي
    ڪير ’ساحر‘ سڀ سُڳنڌ سان سنڱ ٽوڙي آ سُتي


    ڪيڏو ته اُداس لڳو ڪلھه شام سمندرُ ھو

    ڪيڏو ته اُداس لڳو ڪلھه شام سمندرُ ھو
    اڻ ڄاڻ ڪوئي صدمو، يا منھنجي اندرُ ھو

    جنھن جي تو تباھين تي، مندرُ ۾ ڏيئا ٻاريا
    مُحرم جي ڏھي جھڙو، تنھن گھر جو منظرُ ھو

    پاتال ۾ وئي اُڇلي، ھڪ ننڍڙي خواھش اڳ
    محبُوب جي نظرُن ۾ هي شخص سِڪندرُ ھو

    ڇالا به اکين ۾ ھا، ڪا پياس چپن تي ھُئي
    بي نام ڪوئي سپنو، ۽ شھرِ ستمگرُ ھو

    فتوى جي فروشن کي، اوگھڙ ئي نظر آئي
    پر وقت ڪيو ثابت، سرمد ته قلندرُ ھو

    لُڙڪن جو ڪفن پائي، ھر آس دفن ٿي وئي
    ويران سرائي جان نيڻن جو بندرُ ھو

    جنھن جاءِ مِليا آهُيون، رابيل لڳن راھون
    جنھن جاءِ ڇڄيا ھاسين، هر منظرُ بنجرُ ھو

    گُلفام گلين ۾ اڄ، گُمنام مُحبت آ
    پھرين ته شهر ’ساحر‘، ڪيڏو نه تونگرُ ھو


    کڻي دِل جا ٽُٽل پُرزا، ڳنڍڻ ھر شام ايندا ھِن

    کڻي دِل جا ٽُٽل پُرزا، ڳنڍڻ ھر شام ايندا ھِن
    وسڻ منھنجي اڱڻ بادل، سدا ناڪام ايندا ھِن

    ڌِڪاڻي دِل کي اڻپُورو مُيسر آ اجھو پهرين
    ديوانا پنهنجا ڏُک مون وٽ رکڻ پر سام ايندا هِن

    اسان کان ڏينھن جي سُبجن، نه ٿي پوشاڪ ناسمجهو
    رفُو اڻ جھاڳ راتين جو، ڪرڻ ماتام ايندا ھِن

    اڪيلائن ۾ سرگوشيون، ڪندا ھن ساھ جا سرگم
    تري دِل جي جزيري تي، پرين گُلفام ايندا ھِن

    اُڃارا چپ ڳوليندا، لڪيرُن ۾ آھن بارش
    ڪھين جا نيڻ جِھرڻن جا، ڪري احرام ايندا ھِن

    جڏھن مان جاڳ جي وٽِ سان، جلايان نِنڊ جي شمع
    پتنگا آلي ڪاٺيءَ جو، ڏِسڻ انجام ايندا ھِن

    ڪنهين جا چپ ماڻين ٿا ڪُنواري چپ جون چُميون
    حِصي ۾ ڪنهن جي اوباريل جِسم ۽ جام ايندا هِن

    اوڳاڇي گندُ اندر جو، قلم سان ڪوري ڪاغذ تي
    مُحبت جي معراجن کي، ڪرڻ بدنام ايندا ھِن

    اُنھن جو ضبط ماپڻ لاءِ فقط هڪ جامُ ڪافي آ
    جي اعليٰ ظرفَ جي ”ساحر“، هڻڻ هر هام ايندا هِن


    ڪھاڻي نظمُ افسانو، نه ڪو ناولُ لکي سگھندُس

    ڪھاڻي نظمُ افسانو، نه ڪو ناولُ لکي سگھندُس
    پرين ممڪن آ توکان پوءِ اکيون اُس ۾ رکي سگھندُس

    زھر آلُودُ شامُن کي، طلاقون ڏينديون ڪُونجُون مان
    لھُو تھذيب جو جانان، ڪُھاڙيءَ تي چکي سگھندُس

    ضرُورت توکي ٽانڊن تي، نچائي ياد رکجان مان
    ڪپيل سِر جان لُڇي سگھندُس، ڀڳي ھڏ جان ڏُکي سگھندُس

    رُدالي زات آ دِل جي جُھڙالو نسلُ نيڻن جو،
    تون ايندينءَ مُرڪ جا پيوند، ھڻي چپ تي سکي سگھندُس.

    جُھريل برسات ۾ آهيان ڪکائين جُهوپِڙي ليڪن
    چوين تون آلي ڪاٺيءَ جان، نه چاھيندي دُکي سگھندُس.

    نشيلي نِنڊ جو سِڪو، ناھي اکڙين جي ڪِستي ۾
    خوابن جا جھٽي ڪھڙي، طرح آءٌ پکي سگھندُس.

    حُرن جي حاصلاتُن جا، پُڇائي پنڌ تون رکجان
    اکيون مِليون ته تو ۾ مان، ڏِسي سڄڻي مکي سگھندُس.

    مان ڇڻيل پن جان آھيان، تنھنجي پايل جي گُھنگُھرُن مان
    ڪنھين سرگم جيان ’ساحر‘ ڪِٿان توکي بکي سگھندُس.


    مُرڪ چپن جي سڀني پرکي، رُوح جا آگم ڪيرُ ڏِسي

    مُرڪ چپن جي سڀني پرکي، رُوح جا آگم ڪيرُ ڏِسي
    رنگن تي سڀ ڀئونرا ڀٽڪن پنڇڻ موسم ڪيرُ ڏِسي

    نِرڌن جي نابين اڱڻ تي، ترسُ نه آيو سُورج کي
    اڻڀا ڏيک اکين جا دِل ۾، اوندھ عالم ڪيرُ ڏِسي

    پايل جي ڇم ڇم تي ساري، محفِل جڏھين مست بڻي
    گھائل پيرن جي زخمن کي، پوءِ ٿي ھمدم ڪيرُ ڏِسي

    وستين جي بربادين سان گڏ، خواب ڪُنوارا لُٽجي ويا
    لھرُن رٿ تي چنڊ جو تجلو، گُل تي شبنم ڪيرُ ڏِسي

    جنگ کٽي سين جيت جا جھنڊا، گيت فِضا ۾ گُونجن ٿا
    چوڙين جي پُرزن جو اُجڙيل، سينڌ جو ماتم ڪيرُ ڏِسي

    ٻالجتيءَ کان تنھنجي سڱ جي چُنري سِر جو اوڇڻ ٿي
    تون نه اکين جا اُلڪا ڄاڻين، من ڏي محرم ڪيرُ ڏِسي

    اُجرن چھرن جي جلون تي، موھيا ڳڀرُو ڳوٺاڻا
    آرائڻ جي اُٿل جواني، سُونھن جو ريشمُ ڪيرُ ڏِسي

    اُلجھي وئين ڏِسُ سُلجھائيندي، جيون جي آکاڻي تون
    مصلُوبين جي موسم ۾ اک، تنھنجي پُرنم ڪيرُ ڏِسي

    ڍير مِٽيءَ ۾ دٻجي ويون، دانھون دِلبر ديس سنديون
    صحرا ۽ سانوڻ جو ’ساحر‘، ٿيو آ سنگم ڪيرُ ڏِسي


    ٿي ڳوٺ ڳِراٽين جا تون اڏين، پر منھنجي گدائي نا معلُوم

    ٿي ڳوٺ ڳِراٽين جا تون اڏين، پر منھنجي گدائي نا معلُوم
    ۽ چاھيان ٿو تنھنجي پھلُوءَ کان، ڇو آءُ جُدائي نا معلُوم

    ڪو تنھنجي تڙپ جو انتُ به آ، چنڊ رات پُڇيو سرگوشيءَ ۾
    مون آلا نيڻ کڻي ھو چيو، ھِن دِل جي ڪٿائي نا معلُوم

    تو منهنجي دِل جي رِڻ پٽ تي، بي تاب اڌُوري بادل جان
    اڻ پُورو برسي اڻ ڄاڻو، ڇو پياس وڌائي نا معلُوم

    تو آس جي لِيڙون چوليءَ کي، پيوند ڇو ٽاڪيا مُرڪن جا
    تو دِل جي کنڊر گلين ۾، رونق ڇو لڳائي نا معلُوم

    ڪنھن پِياڪ جو پھلو پکڙيل هو، ڪنهن سيلاني ٿي سين هُئين
    موکيءَ جي خُماريل نيڻن مان، ڪنھن اُڃ اُجھائي نا معلُوم

    انسان ته ڇا حيوانُ چوڻ، ڀي لفظن جي توھين هُئي
    اُن وحشي جي ھڪ ٻالڪ جي، اڳيان سيس نوائي نا معلُوم

    زخمي پيرن ساڻ نچي تو گهنگرو لال ليار ڪيا
    پٿر جي ديوتا کي توتي ڪهل به آئي نا معلوم

    اڌ رات ٿي نِنڊ مان جاڳ وئي، ڪا ياد جي ’ساحر‘ چڻگ دُکي
    چانڊاڻ ۾ اُجري چھري سان، ڪنھن جھانجھه وڄائي نا معلُوم


    ڇا نيڻ ھُيا، ڇا چنڊُ ھُيو، ڇا جامُ ھُيو ڇا رات ھُئي

    ڇا نيڻ ھُيا، ڇا چنڊُ ھُيو، ڇا جامُ ھُيو ڇا رات ھُئي
    ڪي ڳڀرُو ڳڀُرو ڳاٽ ھُيا، ڪا نُور ڀري برسات ھُئي

    مون موتيو ٽوڙي لام منجھان، ھو چنڊُ چِتايو پل کن ۾
    تو مُرڪي گُھوريو جام منجھان، هئه صُورت تنھنجي ڇا ته ھُئي

    ھڪُ پنڌُ ھُيو اوکو به گھڻو، ۽ کوڙ پُٺيان رھزن به ھُيا
    مون موٽي ڪنھن ڏي ڪين ڏِٺو، جو تنھنجي چاھت ساٿ ھُئي

    هئه نيڻ نِنڊاکا نچڻيءَ جا، جنھن گُھوريا پٿر بڻجي ويو
    ڇا انگ انگ ۾ ھو رقص ڀريل، ڇا ڏاتر تنھنجي ڏات ھُئي

    ڇا نيڻن وِچ ۾ کيل ھُيو، بادل جو ٿر سان ميل ھُيو
    ڪا ھار ڳِچيءَ جو ھارُ ھُئي، ڪا جيت به جھڙي مات ھُئي

    ڇا ساز ھُيا سنگيت ھُيا، ۽ خوشبوءِ خوشبوءِ ميت ھُيا
    پازيب جو پيرن سان سنگمُ، ڄڻ دِل جي دِل سان بات ھُئي

    تو ريشم ريشم نظم لکيا، تو شعلا شعلا گيت چيا
    تو درياھ درياھ دھشت کي، ڇا ڇا ته ڏِني سوغات ھئُي

    ڪلھه ڪنڌيءَ تان مون ڳاٽ اُڀي، ڪي جُگنو جُگنو نيڻ ڏٺا
    ڪا حُور ھُئي ڪا ڊيل پري، ڇا جادُو ڀريل جھات ھُئي

    تو مون کي سھيڙي ساھن ۾، ھو ھارُ بڻايو ڳيچيءَ جو
    اي ڏات امڙ ھِن ’ساحر‘ جي اڳُ جڳ ۾ ڇا اوقات ھُئي


    چنڊُ ننڊاکا خواب نِپائي نيري اُڀ تي چڙهندو هو

    چنڊُ ننڊاکا خواب نِپائي نيري اُڀ تي چڙهندو هو
    گھر گھر جي آڳر ۾ هڪڙو سُندر سپنو رچندو هو

    شام جون سُرمئي اکيون ٿيندي، سڳيون چيلھه سان گسنديون هون
    پاڻياريءَ جي پايل سان گڏ جيءَ جھروڪو کُلندو هو

    چيڪي مِٽيءَ جي خوشبوءَ ۾ ماءُ جي ممتا ڳوھيل ھُئي
    ڇانو پکيڙيل ٽالھيءَ جو وڻ، بابا جھڙو لڳندو ھو

    اوطاقُن جا آڳُر مڪتب، تھذيبُن جا ھوندا ھا
    مچ تي مِڙيل پروانن جو، گيتُ شمعائون اُڻندو ھو

    ھُن جي گلين منجھه ھزارين، معنائن جا مُرڪز ھا
    شھر مسيحا جو ھر منظرُ، ديد جي قابل ھوندو ھو

    پُل جي پريان، واھ جي ڪپ تي، بڻجارن جي وستي ھُئي
    بڻجارن جي وستيءَ ڀرسان، دِل جو ڌڙڪو وڌندو ھو

    بوڙينڊي تي راڻو ڇيڙي، رکندو سامھون ڪاڪُ محلُ ھو
    اڌُ خُدا جو راڳي ھو ڄڻ، زخم پُراڻا سُبندو ھو

    چانڊوڪين جي چنچلتا ۾، هاڻ به ميندي مهڪي ٿي پر
    ڪيفُ الڳ ئي تو سنگ ساحر، ڀيڄ ڀِنيءَ جو رچندو ھو


    بُکيي پيٽ جو ڪو ڌرمُ دينُ ڪونهي

    بُکيي پيٽ جو ڪو ڌرمُ دينُ ڪونهي
    ھٿن جي لڪيرُن تي يقينُ ڪونھي

    کٿُورين تي پردا، ھوائن تي بندش
    ڪو جھرڻو ۽ ڪرڻو به بي دينُ ڪونھي

    نه جُھومڪ جيئڻ جا، نه ماڻا مرڻ جا
    رھي ڪا به مُورت، غمگينُ ڪونھي

    کِلي خوش ٿيون ۽ روئي رُوح ٺاريون
    ڇا دنيا ۾ اھڙي ڪا، زمين ڪونھي

    اُجالن جي چادر نه ڦھلاءِ سُورج
    انڌيري ننگر ۾، ڪو شوقينُ ڪونھي

    ھزارين اکين جا، قتل خواب ٿي ويا
    ڪو پڇتاءُ توکي، ته نابينُ ڪونھي

    جھروڪن تي بارُود شعلا اوڳاڇيا،
    چُمي چنڊُ اُڀري سان، جبين ڪونھي

    ھوائن کان پُڇيو، پھاڙن ۽ جِھرڻن
    ڇو ذرگُل سان اڄ آئي، ذرمين ڪونھي

    ٿڌا ساھ ڳڻجن، گُناھن ۾ ’ساحر‘
    اِنھيءَ ديس ۾ ڪو به مسڪينُ ڪونھي


    اُداسين جي جزيرن جو، حصو ئي ٿي وڃُون شايد

    اُداسين جي جزيرن جو، حصو ئي ٿي وڃُون شايد
    ڪڏهن هنجن جي جوڙيءَجان، ڪنڌيءَ ڪنهن تي لهُون شايد

    چڪور ۽ چنڊ جان چوڙيون،وصل جون بي رُخيون پل پل
    اسين ايندڙ جنم ڪيئي، ندي صحرا هُجون شايد

    وڃي ٿي شام ٿُوهر جا، ڪنڊا آهن نِڙيون پنهنجون
    وِڇوڙن جي تتل رُڃ ۾، لُڪن جان ئي رُلون شايد

    رُلون بيتاب ڇولين جان، ڪنڌي جيڪي نه ٿيون پائِن
    الڳ نيڻن جي سپنن ۾، جنم ٻيهر وٺون شايد

    مِٽيءَ مان بُوند پهريءَ سان، اُٿندڙ مهڪ جان آهيون
    چُنيءَتان ڪنهن ڪچي رنگ جان،تپش ۾ پوءِ اُڏون شايد

    ڏِسين ٿي ڏُور ساحل کي، تون ڇُهندڙ تيز ڇولين ۾
    نديءَ جي ٻن ڪِنارن جان، سفر ۾ ئي رهوُن شايد

    ڪِٿي ميلاپُ پنهنجو ٿئي، آ مُمڪن باھ پاڻي جان
    نِگاهن سان ٻرُون شايد، اندر پنهنجي ٺرُون شايد

    وري چيچُن جي پورن سان، چڳُون تنهنجون نه کيڏينديون
    اڌُوري گيت جان رهجي، وڃُون مڪمل نه ٿيون شايد

    صُبح ۽ شام جان دنيا، وِٿي ماپي رکي ’ساحر‘
    ڀڳي هڏ جان جُھرون شايد، ۽ آويءَ جا دُکون شايد.


    اڌُوراڻي لُڳڙ وانگي، چُڙيا آهيون

    اڌُوراڻي لُڳڙ وانگي، چُڙيا آهيون
    اسين جِسمن کي ماپڻ لئه، جُڙيا آهيون

    يتيمن جان ڪئي پرورش، آ ڦُٽ پاٿن
    گُناهن جي گُلن وانگي، ٽِڙيا آهيون

    اڌُوري مُسڪراهٽ جي، پناهُن ۾
    ڪنهين ڀيلي گھڙي وانگي، سڙيا آهيون

    نه ڪنهن ڀڳوان جي مُورت، ئي بڻياسين
    رُڳو قبرُن جي ڪتبن لئه، گھڙيا آهيون

    هُنر پنهنجو نه نِکري هو، سگھيو تڏهين
    ڪنهين بن ذوق چيچُن سان، ڇِڙيا آهيون

    نه ڪوئي حرفُ آندوسين، پرين تو تي
    اندر ناسُور جان چُپ چُپ، ڪڙهيا آهيون

    ضرورت مُسڪرائي هو گَلي لاتو
    اٻالن جا ڪڏهن ڀرما تڙيا آهيون

    کٿُوري سِنڌ جي سُرهاڻ ساراهي
    مِٽيءَ جي عِشق ۾ ’ساحر‘، ٿِڙيا آهيون


    زهرُ تنهنجو جڏهن دوست لهجو نه هو

    زهرُ تنهنجو جڏهن دوست لهجو نه هو
    زندگيءَ جو ڪٺن ڪو به رستو نه هو

    هار ڳوڙهن جا چاڙهي سگھين هان ڪٿي
    دِل جي تُربت مٿان ڪو به ڪتبو نه هو

    مان مڃان ٿو پرين تون پريشان نه ٿي
    ڄاڻي واڻي ٽُٽو دِل جو شيشو نه هو

    زندگيءَ جو هُيو عرقُ پل چونڪ تي
    ڪنهن مداريءَ سندو پيار رونشو نه هو

    ڌڙڪنون ٿيون لِڦون نيڻ ڦٽجي پيا
    مُند ڇوري بڻي توکي اُلڪو نه هو

    تنهنجي لهجن جي جھولي گھُلڻ کان اڳي
    پير سنگھر نه ها وقتُ پوڙهو نه هو

    ها چريائي هُئي ڀُل هُئي مون مڃيو
    تو شعوري طرح مون کي چاهيو نه هو

    ڪيئن ’ساحر‘ چوان تنهنجي وِڇڙڻ سبب
    رُوح رهڙيو نه هو اک ۾ ڳوڙهو نه هو


    جبين ڪنهن ڪامڻيءَ اڳيان،جُهڪائي ٿا ڏِسون يارو

    جبين ڪنهن ڪامڻيءَ اڳيان،جُهڪائي ٿا ڏِسون يارو
    خُدا کان پوءِ ڪوئي دِل ۾، وسائي ٿا ڏِسون يارو

    يقين آ ڪونه ايندي پر، اسين ناڪام ڳوڙهن سان
    هميشه جان اکيون در ۾ ، لڳائي ٿا ڏِسون يارو

    اِهو مُمڪن آ چريائي ڇڏي مون کي ئي ٻوڙي پر
    نديءَ ۾ ناوَ ڪاغذ جي، هلائي ٿا ڏِسون يارو

    وڏو سيلاب آ اڄُ ڪلهه، منهنجي دِل جي سمُندر ۾
    ڪچا ريت جا پوءِ ڀي، بنائي ٿا ڏِسون يارو

    پُڪاري نانءُ هوءَ منهنجو، ٻنهين چپڙن جي ٻنهين سان
    حياءُ اُڀريس نيڻن مان، چورائي ٿا ڏِسون يارو

    ٻُڌو آ نِنڊ ۾ بلڪُل، اڇُوتو نظمُ لڳندي آ
    اڱڻ ۾ جھات وينگس جي ئي پائي ٿا ڏِسون يارو

    گھڙي کن ئي سهي گھاٽو انڌيرو ٿيڙ کائيندو
    لهُوءَ مان آخري شمع جلائي ٿا ڏِسون يارو

    ڪٺن اِيثارُ آ ’ساحر‘، تماشو چونڪ جو بڻجڻ
    انا پُتلين جيان پنهنجي نچائي ٿا ڏِسون يارو


    فِضا جي سوڳ مان دِل جي ڪهاڻي ڳولي وٺندي آ

    فِضا جي سوڳ مان دِل جي ڪهاڻي ڳولي وٺندي آ
    نظر خوشبوءِ جي ماتم مان، مِياڻي ڳولي وٺندي آ

    مان واڻيا ڪيترو لِڪ ۾ خواهش جي کٽولي هوءَ
    اکين مان هر اُڻت دِل جي، سِياڻي ڳولي وٺندي آ

    جھُڪيل نظرُون ئي رکندي آ حياءَ جي چائنٺ پر ڪڏهين
    لتاڙي ڪو مُحافظ جان، وراڻي ڳولي وٺندي آ

    بزم جي بيقراريءَ کان، بظاهِر هوندي اڻ ڄاڻو
    ڪندي ڪنهن موڙ تي شمع ، پُڄاڻي ڳولي وٺندي آ

    هُجي نِجُ شهد جان چاهي، وچان رشتو مگر دنيا
    مُقدس ماءُ جي ٿڃِ ۾، به پاڻي ڳولي وٺندي آ

    جُهڳيءَ ۾ ڪاڄُ اوندھ جو متل هر رات هوندو آ
    ڇِلر ۾ چنڊ جو تجلو، مُهاڻي ڳولي وٺندي آ

    عيان دِل جي تباهي تون، نه چهري تي ڪجان دنيا
    متن عُنوان مان خط جو، اياڻي ڳولي وٺندي آ

    گدائي منهنجي خِيالن جي فقيرن جي بسيرن مان
    نظم جي تاج لئه ’ساحر‘، ڪا راڻي ڳولي وٺندي آ


    ٽُٽل دِل جي ڪليسا جو، پرين ملبو نه ٿيندو آ

    ٽُٽل دِل جي ڪليسا جو، پرين ملبو نه ٿيندو آ
    سواءِ بارش جي نيڻن جو، عُمر ورثو نه ٿيندو آ

    ڀلي پٿر جي مُورت جي، ڪري پُوڄا هُو ديوانو
    نظر ايندڙ خُدا کي پر، ڪڏهن سجدو نه ٿيندو آ

    سفر ۾ جيسين فِطرت جي مُطابق ٻيئي هلندا هِن
    ڪوئي ڀي چنڊ سُورج ۾ تيسين جھڳڙو نه ٿيندو آ

    بِنا مُورت جي مندر آ اُهو انسان دُنيا ۾
    جنهين جي دِل ۾ چاهت جو، ڪڏهن واسو نه ٿيندو آ

    صُبح ۽ شام جان اڻ کُٽ بظاهر فاصلو هوندي
    نديءَ جي ٻن ڪِنارن جي، وچان پردو نه ٿيندو آ

    لڪيرُن سان ايئن اُلجھڻ منجھان ورڻو به آهي ڇا
    ڳڙيل لُڙڪن جو اکڙين سان ڪوئي رِشتو نه ٿيندو آ

    هي تنهنجي سوچ جو سينور، تنهنجي لهجي مان پڌرو آ
    هميشه دِل جي ڌرتيءَ تي، چريا ڪاڇو نه ٿيندو آ

    ضرُورت سڀ کي هوندي آ، ٿئي ٿو ضبطُ ڪنهن ڪنهن ۾
    چيو ڪنهن آ توکي ’ساحر‘، درياھ پياسو نه ٿيندو آ


    اڻ پُورو، هڪ خواب اُميد جو جِھرڻو آ

    اڻ پُورو، هڪ خواب اُميد جو جِھرڻو آ
    ڪهڙو ڀي آ چنڊ اڱڻ جو، ڳهڻو آ

    اُس ۾ جوڙيو مکڻ جو مون تاج محل
    هُن جو واعدو، ماڪ تي سج جو ڪِرڻو آ

    اڱارن تي رقص ڪيان ٿو ڪاغذ جان
    هُن کي ماڻڻ، واري تي ڄڻ ترڻو آ

    چنڊ جو چهرو تون به بڻائج لهرن تي
    مون کي ڀي بادل سان پل کن ملڻو آ

    اُڏندڙ پنڇي ڪنهن جا دوست نه آهن پر
    وهندڙ درياھ تي ته ڀروسو رکڻو آ

    ٿُوهر جي ٿڌڪار ۾ ٿورو ٿڪُ ڀنڃي
    پِياس جي درياھ پار تو کي پوءِ وڃڻو آ

    لاپرواهي هُن جي آهي فِطرت ۾
    مون کي پل پل مرڻو، پل پل جيڻو آ

    نابينن جي وستيءَ تي ڪو ’ساحر‘ دوست
    آشائُن جو سُورج نيٺ ته چڙهڻو آ


    يادُن جي پيچرن تي، بيڪل اُداس مونکي

    يادُن جي پيچرن تي، بيڪل اُداس مونکي
    بارش ڪري وئي آ، خُود سان شناس مونکي

    بي چين سمُنڊ ۾ مان، اڻ پُوري لهر آهُيان
    ڪنهن جا قدم چُمڻ جي، اڻجھل آ آس مونکي

    مُرڪن جا پٽ هُن لئه اُڻندي ڪڏهن نه آيو
    ريشم ڪيئن جان پل کن، خُود تي قِياص مونکي

    وکري پئي آ گھر ۾، يادُن جي ريزگاري
    سگريٽ جان ڇِڪي ٿي رمجھم اُماس مونکي

    تاري کِڙيل جان آئون، ڀٽڪيل فِضا ۾ آهيان
    گھُوري ٿو اوپرن جان، منهنجو آڪاس مونکي

    سارنگ جي تشنگي مون، چوڙي آ هيڪلو ئي
    خواهش وصل جيءَ اوڍي، تنهائي پياس مونکي

    گُھرندي دُعا چپن جون ريکائون نورُ بڻيون
    پهتل وليءَ جو پرتوو، ڀاسيو رقاص مونکي

    ڪنهن جا اڌُورا سپنا پُورا ڪيا ته ’ساحر‘
    اوبر بدن جو مِليو، اوڇڻ لِباس مونکي


    ياد جي بارش وُٺي آ رات ڀر

    ياد جي بارش وُٺي آ رات ڀر
    خواهشن جي دز اُڏي آ رات ڀر

    سار جا ڇيڻا ٿڦيندي دوستو
    دِل ۾ هڪ کُوري دُکي آ رات ڀر

    چائنٺ تي آشا جا شيشا هِن چٻيا
    ريت تي ٻيڙي ڊُڪي آ رات ڀر

    بيقرارين جي سفر تي ديد هُئي
    رُڃ ۾ هرڻي لُڇي آ رات ڀر

    رات ڀر دِل جي ٽجوڙي هُئي کُليل
    نِنڊ جي پونجي لُٽي آ رات ڀر

    سرڪشي تنهنجي سُڳنڌ جي ساهڙي
    ڌِيان جي اُڀ ۾ گھُلي آ رات ڀر

    رقصُ هو ٻريل اڱارن جي مٿان
    هيڪلي شمع رُني آ رات ڀر

    پر پٽيل پنڇي جيان ’ساحر‘ اسان
    موت جي آهٽ ٻُڌي آ رات ڀر


    عِشق ڀرپُورُ ٿي ويو آهي

    عِشق ڀرپُورُ ٿي ويو آهي
    زخم ناسُورُ ٿي ويو آهي

    لاش ڍوئي اُداس نسلن جا
    سمُنڊ عاشُورُ ٿي ويو آهي

    پيارُ بي گھر يتيم ٻالڪ جان
    درد سُبندي چورُ ٿي ويو آهي

    سرد رُت جي سياھ پلڪُن تي
    خوابُ بي نُورُ ٿي ويو آهي

    خطُ کوليندي تنهنجي خوشبوءِ سان
    شهرُ مخمُورُ ٿي ويو آهي

    ڪيرُ گِهلي اجھاڳ تنهائي
    وقتُ معزُورُ ٿي ويو آهي

    پائي سُرمون اکين ۾ شهرت جو
    چنڊُ مغرُورُ ٿي ويو آهي

    تنهنجي پهلوءَ جي ڇانو ۾ ’ساحر‘
    دردُ ڪافُورُ ٿي ويو آهي.


    سِر ڏئي پوءِ بادشاهي آ مِلي

    سِر ڏئي پوءِ بادشاهي آ مِلي
    مقتلن مان هيءَ گواهي آ مِلي

    عِشق جي مقتل ۾ هر منصُور کي
    سُرخُرو ٿي شهنشاهي آ مِلي

    سچ کي هاري به ابدي روشني
    ڪُوڙ کي جيتي به سِياهي آ مِلي

    سازشي فتويٰ فروشن کي سدا
    زِلتن جي گهري کاهي آ مِلي

    درد جي اڻمول هڪڙي ڪائنات
    اڻ گُھري تو در اِلاهي آ مِلي

    تو ته ماڻيو چنڊ جي تجديد کي
    مونکي ڪاري رات راهي آ مِلي

    منهنجي دِل جي جھاڳ کي جنمن کان پوءِ
    تنهنجي در محبُوب ساهي آ مِلي

    تنگ نظريءَ کان ئي فِطري حُسن جي
    رقص کي ’ساحر‘ تباهي آ مِلي


    نظر چهرن جي موسم مان، چُڳي رنگ رُوپ وٺندي آ

    نظر چهرن جي موسم مان، چُڳي رنگ رُوپ وٺندي آ
    اڪيلائين جي اوگھڙ کي ، رنگين پوشاڪ ڏيندي آ

    ڪڏهن تو سوچيو ڀُلجي ، تنهنجي چپڙن جي ڪُنڊن تان
    ڪنهين جي باحيا حسرت لهر جان لهندي چڙهندي آ

    جُھڙالي شام نيڻن ۾ ، تنبُو کوڙي تمنا جا
    پُراڻي يادِ جي گھاگھر ڪوهياريءَ وانگي وڄندي آ

    ڪِٿي آن منهنجي خاموشي، سناٽن جي هِن جهنگل مان
    چڙهي خُونخوار تنهائي ، مونکي وحشت بڇيندي آ

    خيالن جي کٿي اوڍي ، وڃي گُذريو ٿي سوچيو ٿئي
    گليءَ ۾ تنهنجي قدمن جي، مِٽي ڪا ديد چُمندي آ

    هوا چئجان پرينءَ کي تون ، ته ٻاجھر ٻورُ ڇاڻيو آ
    ٿڌيري باھ يادُن جي ، ڦُلن جان مونکي ڀُڃندي آ

    اِنهن پلڪُن جون پروازُون لهن ٿيون دِل جي آڳُر تي
    اِنهن ساهن جي سرگم تي، کُٿوري رقصان رهندي آ

    وضُو ڪنهن پاڪ چشمي مان، ڪري هر شام ساحر ڪا
    پري منهنجي خيالن جي، نديءَ ۾ لهر اُڻندي آ


    اُداس دڳ تي تو ڇڏيو، خُمار ۾ بھار کي

    اُداس دڳ تي تو ڇڏيو، خُمار ۾ بھار کي
    بِنا ڪفن اسان دفن، ڪيو يتيم پيار کي

    عجيب روڳ دوستو، گھٽا جي گُھور برسيا
    لُڙھيا سين لھر لھر ٿي، پُڳاسين ڪنھن نه پار کي

    مري جُھري ھو جوڙيو، ڪکائون دِل جو آستان
    خصيصُ خواب تو چيو، صدين جي اِنتظار کي

    پُڪاري ڪُونج ڪيترو، لُڇي لُڇي مري وئي
    وڌي نه ڪنھن به روڪيو، اُگھاڙي پر ترار کي

    وري جلاد وڱريو، اڏيءَ جي ڇنڊ ڦُوڪ ٿي
    دُوار تنھنجو دِلرُبا، ڇڏي چُميو سين دار کي

    نفيس چيلهه تي دِلو، ڏِٺوسين ٻک ٻانھن ۾
    ٻريون اکين جون ماڻڪيون، ڪيوسين ياد يار کي

    بھار ڀئونر ڌاريا، جڏھن به چنڊُ مُرڪيو
    شرير ياد دِلرُبا، تپايو دِل جي تار کي

    ڪڏھن ته رُڃ ماريا، ڪڏھن شِڪار تاڙيا
    ھرڻ ھٺيلا ’ساحرو‘، پُڳا تڏھن نه تار کي


    چھري تي وصل جي چانڊوڪي، ڌڙڪن ۾ ڇِڄڻ جا کُٽڪا ھِن

    چھري تي وصل جي چانڊوڪي، ڌڙڪن ۾ ڇِڄڻ جا کُٽڪا ھِن
    ميلاپ وِڇوڙن جي وِچ ۾، ڪُجھه لمحا ڏاڍا اوکا ھِن

    پن ڇڻ کان بھارُن ڏانھُن سفرُ ، آسان بظاھر آھ مگر
    ناسُور ڀرڻ لئه ، وقتُ کپي، ناسُور نه جلدي ڀربا ھِن

    مون عرقُ نپُوڙي جيون جو، ڄڻ پلٽي ڪوري ڪاغذ تي
    نابين شھر جي گلين ۾، ڏِسُ آئينا هي ورڇيا ھِن

    احساس کان وانجھيل دِليون ۽ پٿر جي مُورت ھر ماڻھو
    تو چُونڊ ڪري ڪنهن لاءِ ڪليون، اي دوست پرويا گجرا ھِن

    انسان جي فِطرت ڄاڻ ڪڏھن، او وحشي دِل جا کول ڪڙا
    ڇڏ شھر اُجاڙڻ خُون ڪرڻ، ڏِس ڦُول ٽِڙيا ھُو تازا ھِن

    جلون جي ھُجومن ۾ آ رتل، ھِن شھر جو ھر ڪو چونڪ مگر
    ڪي نيڻ سمندر ھوندي ڀي، ٿر جيئن ازل کان پياسا ھِن

    وھلُور وئين تون گيت ٻُڌي، سُرساز کان توکي نفرت آ
    مون ڇيڙي دِل جي تار سڄڻ، ڌڙڪن سان ڳاتا نغما ھِن

    هُٻڪار ڪري تو ، خوشبوءِ جي پوشاڪ به اُجري پاُتي آ
    پر تنھنجي نيڻن ۾ شاعر، سپنن جا ھزارين لاشا ھِن

    گردش کان گھڙي کن مِنٿ ڪري ، اوڌر تي وٺي مون فُرصت جا
    آغوش ۾ جيجل جي ’ساحر‘ جنت جا گھاريا لمحا ھِن


    جھروڪا چنڊ جا چنچل، پرين ھر ھر پُڇن تنھنجو

    جھروڪا چنڊ جا چنچل، پرين ھر ھر پُڇن تنھنجو
    نديءَ جا نيڻ گھُورين ٿا، پٿر ٿُوھر پُڇن تنھنجو

    جِتان گُذران سوالي ھِن، گليون ماڻھو ۽ وڻ منظر
    جُھريل ڪمري جون ديوارون، دريون ۽ در پُڇن تنھنجو

    گُلن جي باغ مان گُذران، مِٽيان يا نھر ڪنڌيءَ تان
    سکي پنڇن جو ٻوليون ۽، ڀِنل منظر پُڇن تنھنجو

    نه ڄاڻان ڪيتريون دِل جون، تمنائون قتل ٿينديون
    خُوديءَ جي پُل صراطن تان، وِٿيون دِلبر پُڇن تنھنجو

    ڪُنوارا ڪامڻين ٽولا، گھڙا پنگھٽ ۽ پايل جي
    رِدم تي پيرڙا کڄندڙ، اڙي شاعر پُڇن تنھنجو

    گِريبان ۾ وِجھان جھاتي، ته آئينو پريان اُلري
    سُتل احساس جھنجھوڙي، رُتون اڪثر پُڇن تنھنجو

    سدائين تنھنجي سرواڻي، ڏيئو ٿيندي آ منزل جو
    مُنجھيل رستن جون خاموشيون، پتو رھبر پُڇن تنھنجو

    بھارُن جي رنگين رُت ۾ وٿين جي شاھراھُن تان
    وِصل جا پل سنڀاري ٿيون، اکيون ساغر پُڇن تنھنجو

    نه ايڏي ماٺ پھرين مون، پسي آ تنھنجي نيڻن ۾
    ڪنڌيءَ جا ڪوڏ لھرُون ۽، سِپُون ’ساحر‘ پُڇن تنھنجو


    رِم جِھم رُت جي شام جُھڙالي، بند مگر تون ڪمري ۾

    رِم جِھم رُت جي شام جُھڙالي، بند مگر تون ڪمري ۾
    ويندڙ پل کي ڪڪرن گھُوريو، نِنڊ اچي وئي رستي ۾

    بچپن ۾ ھڪ خُواب ڏِٺو ھو، چندرما کي ماڻيندُسُ
    فرقُ نه منھنجي ڳولا ۾ آ، ڇيد نه چنڊ جي رُتبي ۾

    مُرڪ چپن تي مھمانن جان، جيئن ڪڪر ۾ بُوند ٽڪيل
    پاڇُولن جو ماڳُ سفر آ، ويهه نه جُھڙ جي پاڇي ۾

    صاحب جيئن شراب کي چاڙھي، ٻافي اوڳر اندر جي
    المارين ۾ ، ورق ڦِڪا ٿيا، ڀُريا آدرش لحظي ۾

    نظرُون جيئن اسٽيج تي پُھتيون، مھٽي اکڙيون پڪ ڪيم
    سامھون منھنجي منزل ھُئي جا، مون کان وڇڙي ميلي ۾

    تار تي وِڇيل چوليءَ مان آ، يادُن جي بارات لٿي
    نيڻن مان ھڪ چنچل تِتليءَ ، پاڻ سٽيو آ سجدي ۾

    ساگر صحرا جنگل ووڙي، کنڊر واهڻ شھر لتاڙي
    رات چڪور کي چنڊُ به مليو، ڪچي ھڪڙي جھوپي ۾

    ريت کي ھُن سمندر ڄاڻي، ڪشتي موڙي جيون جي
    رنگن جي دلدل ۾ دٻيو، جوت وڃايئين دوکي ۾

    چنڊُ ھٽائي جُھڙ چھري تان، نيري ڍنڍ ۾ مُرڪيو جئين
    تيئن اُجالن پرين ’ساحر‘، موتي ڇٽيا ويڙھي ۾


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 711
    ڪتابن جو مشاهدو: 993216
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 332931
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ