ڪتاب جو نالو: واقعاتِ عالم
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 28 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 2937 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 993 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • شال تنهنجا ويڙها سدائين وسندا رهن
  • پنهنجي طرفان
  • تخليق حضرت آدم عليھ السلام
  • انسانذات جي تخليق جو عظيم ترين واقعو
  • طوفان نوح عليھ السلام
  • سري رامچندر جو بنواس
  • بني اسرائيل جي فرعون کان آزادي ۽ فلسطين ڏانهن روانگي
  • سقراط جي خلاف مقدمون
  • روم جو عروج ۽ زوال
  • حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي چاڙهڻ
  • اٽليءَ جي تاريخ جا نه وسرندڙ واقعا
  • حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان اڳ عربن جو احوال ۽ سندن ولادت، نبوت ۽ هجرت جو احوال
  • شهادت حضرت امام حسين عليھ السلام
  • عربن طرفان اسپين جي فتح
  • عربن طرفان سنڌ جي فتح
  • صليبي جنگيون
  • آمريڪا کنڊ جي دريافت ۽ سياسي استحڪام
  • فتوحات چَنگِيزِ خان
  • برطانيه جي شهنشاهي
  • فرانس وارو انقلاب
  • فرانس جي تاريخ جا دلچسپ واقعا
  • ابتدائي صنعتي تهذيب ۾ پورهيتن جي حالت زار
  • انگريزن طرفان سنڌ جي فتح
  • ٽائٽانِڪ بحري جهاز ٻُڏي ويو
  • مونا ليزا جي تصوير جي چوري
  • پهرين عالمي جنگ
  • ريشمي رومال تحريڪ
  • روس جو آڪٽوبر انقلاب
  • ليگ آف نيشنس جو قيام
  • ويٽنام جي آزاديءَ جي جنگ
  • مائوزيتُنگ جي قيادت ۾ ٿيندڙ لانگ مارچ
  • ٻي عالمي جنگ
  • هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ايٽمي بمباري (6 ۽ 9 اگسٽ 1945ع)
  • اقوام متحده جو قيام
  • برطانيا ۽ آمريڪا طرفان فلسطين ۾ نئين اسراعيل جو قيام
  • 1857ع ۾ هندستان جي ديسي فوج جي بغاوت ۽ آزاديءَ جي پهرين جنگ
  • انڊونيشيا وارو قومي انقلاب
  • مصر ۾ آيل 1952ع وارو انقلاب
  • سُئيز ڪئنال واري جنگ
  • ڪِيُوبا وارو انقلاب
  • دنيا ۾ آيل وڏي ۾ وڏو زِلزلو
  • انسان کي چنڊ تي رسائيندڙ خلائي جهاز
  • واٽرگيٽ اسڪينڊل
  • شِيشيءَ ۾ سِرَجندڙ ٻار
  • شهادت ذوالفقار علي ڀٽو
  • ٽائيفون ٽِپ،1979ع وارو سامونڊي طوفان
  • ايراني انقلاب
  • سوويت يونين جو ٽٽڻ
  • اڪينو جو قتل
  • نيلسن منڊيلا جي قيادت ۾ ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ جي جدوجهد
  • 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا ۾ القاعده جا دهشتگرد حملا
  • شهادت بينظير ڀٽو
  • ليکڪ جا ٻيا ڪتاب
  • اڻ ڇپيل ڪتاب

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : واقعاتِ عالم
    موضوع : تاريخي مضمون ۽ مقالا
    ڀاڱو : پهريون
    سال : 2017ع
    لي آئوٽ / ڊزائن : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ : مومل پبليڪيش- ٻنون ضلعو سجاول
    ڇپيندڙ : ساحل پبليڪيشن – حيدرآباد 03332634650
    قيمبت =/800 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    نهايت عقيدت ۽ احترام سان پنهنجي نچويل نُور ۽ پيار جو پورهيو ارپيان ٿو سنڌ جي ساڃاهه وند سپوت سائين جي.ايم. سيد کي جنهن پنهنجي عمر عزيز جا سمورا سونهري پَل سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌين جي قومي جاڳرتا جي جاکوڙ ۾ بسر ڪيا ۽ سنڌ جي نئين ٽهيءَ کي سنڌوءَ جي ساڃاهه، حب الوطني، ايمانداري ۽ ترقي پسند سوچ جي واٽ ڏيکاري ۽ حياتيءَ جو هڪ پَل به ضايع نه ڪيو. مون کي اِهو لکندي فخر ٿو محسوس ٿئي ته سائين جي.ايم. سيد سان منهنجي والد محترم ۽ اسان جي ڪُٽنب جو پُراڻو ۽ گهاٽو واسطو رهيو.

    عبدالحئي پليجو
    ٻنون، تعلقو ميرپوربٺورو
    ضلع سجاول


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”واقعاتِ عالم“ اوهان اڳيان پيش آهي. دنيا ۾ رونما ٿيندڙ اهم واقعن، سچن قصن ۽ ڪهاڻين بابت تحقيقي مضمونن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو آهي.
    محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي جيڪو سندس هن سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. سندس هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀرپور آهي.
    هي ڪتاب مومل پبليڪيشن ٻنون پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽرز ۽ پبليڪيشن حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنهن سنڌ سلامت تي اعتماد ڪندي پنهنجو هي نڪور ڪتاب آنلائين ڪرڻ جي اجازت ڏني. مهربانيون پيار مور ساگر جون جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    شال تنهنجا ويڙها سدائين وسندا رهن

    1. محترم عبدالحئي پليجي کي آءُ گهٽ ۾ گهٽ سٺ سالن کان، سندس ننڍپڻ کان وٺي سڃاڻان. هي صاحب، هڪ لائق احترام شخصيت، ارباب نور محمد پليجي جو، هڪ لائق ۽ قابل صد احترام شخصيت جو مالڪ ۽ فرزند آهي. مون هن کان اڳ به سندس لکيل ڪتاب، عالمي عجائبات جي مهاڳ ۾ لکيو هو ته مرحوم ارباب نور محمد پليجي سان، منهنجا دوستاڻا رشتا ۽ ناتا هئا. انهن رشتن جي ڪري ئي آءُ ڪيترائي دفعا سندن ڳوٺ ٻني به ويو هوس ۽ اُتي ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون سندن مهمان به رهيو هوس.
    محترم عبدالحئي پليجي ۾ به اُهي ئي سڀ خوبيون موجود آهن جيڪي سندس والد محترم ۾ هونديون هيون. مون کي اهو ياد نه آهي ته مرحوم ارباب نور محمد پليجو ته ڪو شاعر يا اديب هو، پر ايترو معلوم اٿم ته سندس دوستاڻا رشتا ۽ ناتا، سنڌ جي وڏن ۽ قداور اديبن ۽ شاعرن سان هوندا هئا. اُنهن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، سرشار عقيلي ۽ علي محمد خالدي وغيره اهم هئا.
    2. محترم عبدالحئي جي لکيل ڪتابن، خاص ڪري ”سنڌي شاگرد سياست“ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هن صاحب جتي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪئي، اُتي هن، سنڌ ۾ شاگرد سياست ۾ به سرگرم حصو ورتو. آءُ نٿو ڀانيان ته سنڌ جي ڪنهن ٻئي شاگرد اڳواڻ، سنڌ جي شاگردن جي سياست جي باري ۾ ڪو اهڙو معلوماتي ڪتاب لکيو آهي. جيتوڻيڪ شاگرد اڳواڻ ٻيا به ته ڪيترائي هئا جن جا نالا هن وقت به منهنجي ذهن تي موجود آهن، پر سنڌي شاگرد سياست جي باري ۾ اهڙو معلوماتي ڪتاب، ڪنهن ٻئي شاگرد اڳواڻ جو لکيل منهنجي نظر مان نڪتو نه آهي.
    شاگردن ۽ ٻين نوجوانن جي سياست جي باري ۾، محترم غلام حسين رنگريز به لکيو آهي. منهنجي نظر ۾، اِنهن ٻنهي احبابن جي سياست، محترم سائين جي. ايم. سيد جي شخصيت جي چوڌاري ڦري ٿي، سوچڻ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته سائين جي. ايم. سيد جا اُهي پيرو جن ”سنڌو ديش“ جو نعرو هنيو هو، اُهي سڀ هنيئر ڌار ڌار گروهن ۾ ورهائجي ويا آهن، ڀارت جي ڳٺ جوڙ سان بنگلاديش ته ٺهي ويو، پر سندو ديش جو نعرو هڻڻ وارا ٽڙي پکڙجي ويا، بنگلاديش دراصل پنجابي ڪامورن ۽ ڪارخانيدارن جي غلط رويي سبب ۽ شيخ مجيب الرحمان جهڙي اڳواڻ جي ڪري ٺهي ويو، نه ته بنگلاديش جو ٺهڻ به ممڪن نه هو.
    3. محترم عبدالحئي پليجي سان منهنجي ڪڏهن به ڪا طويل ملاقات ٿي نه آهي. اسان جيڪڏهن پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ٽي چار ڪلاڪ گڏ ويهي گذاريو آهي ته اهو به ڀارت جي شهر دهليءَ ۾ ڀارت ۾ مقيم سنڌي اديبن ۽ شاعرن طرفان ڪوٺايل Cross Border Conference جي موقعي تي، سال 2004ع ۾، اُن ڪانفرنس ۾ آيل اديبن ۽ شاعرن کي، دهليءَ جي مشهور سنڌي وڪيل، رام ڄيٺ ملاڻيءَ طرفان، ڊنر تي سڏايو ويو هو. اُن ڊنر ۾ محترم پليجو، سندس جيون ساٿي مومل ۽ سندس نياڻي، ڊاڪٽر پارس سنڌو ۽ آءُ هڪ ئي ٽيبل تي ويٺل هئاسين، هن ڊنر ۾ ڊاڪٽر سنڌو، سندس والدين سميت منهنجي به ڄڻ ته ميزبان هئي. اسان ٽنهي لاءِ پليٽن ۾ کاڌو به کڻي آئي ۽ ٻيو به تمام گهڻو خيال رکيائين.
    معلوم نه آهي ته محترم عبدالحئي پليجي، ڀارت واري سندس انهيءَ سفر کي تحريري صورت ۾ آندو آهي يا نه؟ جيڪڏهن آندو اٿس ته سنڌ مان جيڪي به احباب، انهيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا هئا، اُنهن سان ڪانفرنس ڪوٺائڻ وارن جو رويو ڪيئن هو، پر ڪانفرنس جي منتظين، مون سان جيڪا نفري ڪئي، اُن کي اڄ به آءُ وساري نه سگهيو آهيان، اُن موقعي تي دهليءَ ۾، منهنجو دوست ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ سندس شاگرد جيڪو هاڻ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پروفيسر آهي، يعني ڊاڪٽر روي ٽيڪچنداڻي، منهنجو سهارو نه بڻجن ها، ۽ جنهن هوٽل ۾ مون کي رهايو هئائون، اُن جو بل آءُ پنهنجي کيسي مان نه ڀريان ها ته هوٽل جو مالڪ شايد مون کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏي ها.
    4. محترم عبدالحئي پليجي کي مون، ويجهڙائيءَ ۾ وري به پڙهيو آهي، هن وقت به سندس لکيل ٽي ڪتاب ، هر هڪ: ”عالمي عجائبات“، ”تن سپون سوجهي ڪڍيون“ ۽ ”لُنڊن جا ڏينهن ۽ اسڪائلينڊ جون راتيون“ منهنجي بيڊروم ۾ موجود آهن.
    محترم عبدالحئي پليجي جتي سفرناما لکيا آهن اُتي هن آتم ڪهاڻي، تحقيقي مضمون، خاڪا ۽ ادبي خط به لکيا آهن، ڪل سفرناما تيرهن کن لکيا اٿس، سفرناما ٻين به ڪيترن ئي اديبن لکيا آهن، اردوءَ ۾ مستنصر حسين تارڙ ۽ ابن انشاءَ جا لکيل سفرناما به پڙهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ قاضي عبدالمجيد ”عابد“ جو لکيل سفر ”يورپ جي ڊائري“، اهڙيءَ طرح سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ، الطاف شيخ، سليم (اديبات وارو) ۽ فهيم نوناري توڙي ٻين جا لکيل سفرناما به پڙهيا اٿم. مون به مرحوم خان محمد پنهور جي رسالي، ”پارس“ ۾، جپان واري منهنجي سفر بابت ڪجهه ڳالهيون ڏهن کن قسطن ۾ لکيون هيون. اها حقيقت آهي ته هر سفرنامه نويس جي لکڻ جو انداز پنهنجو هوندو آهي. محترم عبدالحئي پليجي جو، سفر نامي لکڻ جو انداز بيان اُن اُستاد جي انداز بيان جهڙو آهي. جيڪو هر نقطي جي بيان لاءِ اُن جي تهه تائين وڃي ٿو، ۽ اُن کي اهڙيءَ طرح ته بيان ڪري ٿو جو هر منظر ۽ هر واقعي جو نقش اکين اڳيان ترڻ لڳندو آهي.
    الطاف شيخ کي ته سنڌ جو هر اديب ۽ شاعر، سنڌ جو ابن بطوطه سڏيندو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي لکڻ جو انداز پنهنجو آهي، ڊاڪٽر تنوير عباسي جيئن ته پاڻ به هڪ ڪامياب مصور هو، انهيءَ ڪري هن، پنهنجي سفر نامي ۾ يونان جي فنڪارن جي فن مجسمه سازيءَ ۽ انهن جي فنپارن جو جهڙي انداز ۾ نقشو چٽيو آهي، بيان ڪرڻ جو اهڙو ڏانءُ، هر سنڌي سفرنامه نويس کي نصيب ڪونه ٿيو آهي.
    ڊاڪٽر تنوير عباسي جئين ته هڪ مڃيل شاعر به هو، انهيءَ ڪري هن پنهنجي مصوريءَ ۽ شاعراڻي ڏات کي يونان جي فنڪارن جي فن کي بيان ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو، يورپ جي ملڪ اٽليءَ جي شهرن نيپلس ۽ روم کان سواءِ وينس شهر جي ڀگوڊا ۾ سفر ڪندي اُتي جيڪي منظر مون ڏٺا ۽ اُتي جيڪي منهنجا احساس هئا، اُنهن کي آءُ ڪاغذ تي آڻي نه سگهيس ڇاڪاڻ ته علم اللسان سان منهنجي چاهه، مون کي ٻئي ڪنهن به موضوع تي لکڻ جي اجازت ئي ڪانه ڏني.
    مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته محترم عبدالحئي پليجو هڪ سٺو سفرنامه نويس، سوانح نگار، مضمون نگار، آتم ڪهاڻي نويس، افسانه نويس، واقع نگار، حقيقت نگار ۽ هڪ بهترين محقق به آهي. سندس ڪتاب ”عالمي عجائبات“، جنهن جو مهاڳ به مون کان لکايو هئائين، اُن ڪتاب ۾ پليجي صاحب طرفان بيان ڪيل ٻين عالمي عجائبات کان سواءِ، اَجنتا، ۽ ”اروڙا“ غارن جي باري ۾ هڪ حقيقت نگار ۽ نقش نگار اديب وانگر هن اهڙي ته دلچسپ نقش نگاري ڪئي آهي جو پليجي صاحب جي اُن انداز بيان جو صحيح تجزيو اُهي صاحب ئي ڪري سگهندا جن اهي عالمي عجائبات، پنهنجين اکين سان ڏٺا هوندا، مون اهي عالمي عجائبات، 1997ع ۾، منهنجي دوست ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڏٺا هئا، انهيءَ ڪري آءُ پليجي صاحب جي انداز بيان کي سمجهي سگهان ٿو.
    5. محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، ”واقعات عالم“ بين الاقوامي واقعن، دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي، هي مجموعو 50 مضمونن تي مشتمل آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي. منهنجي نظر ۾ محترم عبدالحئي پليجي جو هي ڪتاب، اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ محققن، اُستادن توڙي شاگردن لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل هر مضمون، اڻلڀ ۽ اهم مواد سان ڀريو پيو آهي، مضمونن تي مشتمل، محترم عبدالحئي پليجي جو لکيل ٻيو مجموعو ”تن سپون سوجهي ڪڍيون“ به آهي، پر سندس هن مجموعي ۾ شامل مضمون نهايت ئي ناياب ۽ اهم مواد سان ڀريل آهن، جنهن لاءِ هونئن جيڪر محققن کي سوين تحقيقي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب اُٿلاڻا پون ها. مثال طور هن ڪتاب جي شروعات ئي اهڙن مصمونن سان ڪئي اٿس جيڪي دنيا جي تاريخ ۾ اڄ به اهم ليکيا ويندا آهن، ۽ انهن مضمونن ۾ شامل مواد لاءِ محقق کي سوين مضمون ۽ مقالا هٿ ڪرڻا پون ها، هن ڪتاب جو ايڪيتاليهون مضمون، ”واٽر گيٽ اسڪئنڊل“ آهي. اهو مضمون آمريڪا جي سياسي تاريخ ۾ وڏي اهميت ٿو رکي. اُن کان اڳ ۾ ڏِنل مضمون آهي ”اقوام متحده جو قيام“، اهڙيءَ طرح ”هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ائٽمي بمباري“، اُن کان پوءِ ”پهرين عالمي جنگ“، ”ٻي عالمي جنگ“، ”صليبي جنگيون“، ”شهادت حضرت امام حسين عليھ“، ”روم جو عروج ۽ زوال“، ”فرانس جي تاريخ جا دلچسپ واقعا“، ”اٽليءَ جي تاريخ جا نه وسرندڙ واقعا“، ”بني اسرائيل جي فرعون کان آزادي ۽ فلسطين ڏانهن روانگي“، ”آمريڪا جي دريافت ۽ سياسي استحڪام“، ”اڪينو جو قتل“، ”اسپين جي فتح ۽ طارق بن زياد“، ”سُئيز ڪئنال واري جنگ“، ”حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي چاڙهڻ“، ”انسان ذات جي تخليق جو عظيم ترين واقعو“، ”تخليق حضرت آدم عليھ السلام“، ”طوفان نوح عليھ السلام“، ”حضرت محمد صلي عليھ السلام جن کان اڳ ۽ پوءِ عربن جو احوال”، ”ولادت نبوت ۽ هجرت“ کان سواءِ ”عربن طرفان سنڌ جي فتح“، ”شهادت ذوالفقار علي ڀٽو“، شهادت بينظير ڀٽو. اهي سڀ اهڙا ته تاريخي، ثقافتي ۽ معلوماتي مضمون آهن، جن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته محترم عبدالحئي پليجو، وڏي مطالعي ۽ سوچ وارو مفڪر آهي، ۽ سندس هي ڪتاب، واقعات عالَم، ڪنهن به عالمي معيار واري مجموعي کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي.
    6. موجوده زماني ۾ علم جي ڄاڻ ايتري قدر ته وسيع ٿي وئي آهي جو هاڻ هر ماهر به ڪنهن خاص مضمون ۾ مهارت (Specializes) رکندو آهي، ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماهر نظر ايندا آهن، جيڪي هن زماني ۾ هر فن موليٰ هوندا آهن، جيئن ويجهڙائيءَ ۾، سنڌ ڄائو علامه آءِ آءِ قاضي ٿي گذريو آهي.
    مون کي ياد آهي ته سال 1978ع ڌاري هڪ آمريڪن پروفيسر سنڌ يونيورسٽيءَ جي مطالعاتي دوري تي آيو هو، سنڌ يونيورسٽيءَ جو اُن زماني ۾ وائيس چانسيلر، محترم شيخ اياز هو، هن آمريڪي پروفيسر جي مطالعاتي دوري جو اهتمام، آمريڪي ڪائونسلر جنرل ڪيو هو، هوُ صاحب، محترم شيخ اياز وٽ ٻه ٽي ڪلاڪ ويٺو رهيو، اُن وچ ۾ مرحوم شيخ صاحب مون کي گهرائي حڪم فرمايو ته هن مهمان کي هاڻي تنهنجي حوالي ٿو ڪريان. هن کي سنڌالاجي گهمائي ۽ سنڌ بابت مڪمل معلومات به ڏي، ۽ پوءِ لنچ لاءِ منهنجي بنگلي تي وٺي اچج. اُن آمريڪي پروفيسر کي آءُ سنڌالاجي وٺي آيس. کيس سنڌالاجيءَ جو سڄو ميوزيم، سنڌ آرٽ گئلري ۽ لائبرري گهمايم، پوءِ کيس سنڌ متعلق ٺهرايل سلائيڊ ڏيکاريم، ۽ پوءِ کيس منهنجيءَ آفيس ۾، سنڌي الاجيءَ جي سڀني اهم ڪارڪنن سان گڏ چانهه پياريم، چانهه تي اُن آمريڪي پروفيسر مون کي مخاطب ٿي چيو ته:
    ”ڊاڪٽر الانا! مون گهڻو ڪري اڌ دنيا گهمي ڏٺي آهي، هر ملڪ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ انهن جي سربراهن سان به مليو آهيان، منهنجي نظر ۾ ، سنڌ يونيورسٽي، سڄيءَ دنيا ۾ ٻن خوبين جي ڪري شهرت جي مالڪ ٿي سگهي ٿي. اُنهن مان هڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ۽ ٻيو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. اوهان جي وائيس چانسيلر جي ذهانت، قابليت ۽ علمي ڄاڻ جي آءُ ڪهڙن لفظڻ ۾ تعريف ڪريان. آءُ آمريڪي ادبيات جو هڪ مڃيل پروفيسر آهيان، پر اوهان جي وائيس چانسيلر سان ٽن ڪلاڪن جي ملاقات ۾ مون محسوس ڪيو ته آمريڪي ادبيات جي مطالعي“ ۾ هُو مون کان به وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو، نه فقط اهو پر هوُ صاحب يورپ جي ادب ۽ مشرقي ادب جو به وڏو ڄاڻو آهي، پر شيخ اياز جي سڃاڻپ، عالمي سطح تي بلڪل ڪانهي ڇاڪاڻ ته نه هن پاڻ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪجهه لکيو آهي ۽ نه ئي وري سندس ڪنهن نقاد، سندس ڪلام ۽ سندس لکيل نثر جي باري ۾ ، انگريزيءَ ۾ ڪو آرٽيڪل ئي لکيو آهي، اوهان ههڙيءَ عالمي شخصيت کي، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.“
    هن اڳتي چيو ته:
    ”ٻيو آهي اوهان جو ادارو انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي. يقين ڪريو، ڊاڪٽر الانا! هن اداري جهڙو ادارو مون دنيا ۾ ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ ڪو نه ڏٺو آهي، جتي ائنٽراپالاجي ۽ ڪلچر جي باري ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا معلومات ملندي هجي.“
    7. آءُ چاهيان ٿو ته عام پڙهندڙن کي، محترم عبدالحئي پليجي جي لکيل ڪن مضمونن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان، صفحي 351 کان صفحي 356 تائين، سنڌ ڄائي دنيا جي هڪ عظيم ۽ ذهين انقلابي شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت جي باري ۾، محترم پليجي لکيو آهي ته:
    ”برِصغير ۾ ڀٽي خاندان ۽ نهرو خاندان پنهنجي حيثيت مڃرائي، دنيا جي اڳيان ثابت ڪيو آهي ته سندن هٿ عوام جي نبض تي هئا ۽ عوام جي واضح اڪثريت ساڻن گڏ هئي، پاڪستان ۾ واحد ڀٽو ئي ليڊر آهي جنهن تي ملڪي ۽ غير ملڪي صحافين، ليکڪن ۽ سياستدانن گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي، غير ملڪي ليکڪن ۾ ڀٽي تي لکندڙن ۾ ٻين سان گڏ، اٽالين صحافڻ “اورريانا فلاسي” به آهي، جنهن هڪ هنڌ لکيو آهي ته! “مون آمريڪا جي وزير خارجه، ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کان انٽرويو ورتو، ته پاڻ مون کان هڪ سوال ڪيائين ته تو سڄيءَ دنيا جي ماڻهن کان انٽرويو ورتا آهن، اُنهن سڀني ليڊرن مان توکي وڌيڪ ذهين ڪير لڳو؟ ته مون چيس ته ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن تي ڊاڪٽر ڪسنجر چيو ته واقعي ڀٽو دنيا جو ذهين ترين ليڊر آهي، چون ٿا ته ڀٽو جڏهن وزير خارجه هو، تڏهن آمريڪا جي دوري دوران، تنهن وقت جي آمريڪي صدر جان ڪينڊي کانئس متاثر ٿي کيس چيو ته تون جيڪڏهن آمريڪي شهري هجين ها ته آءُ توکي پنهنجو وزير خارجه ڪريان ها. جنهن تي ڀٽي کيس پر اعتماد انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن آءُ آمريڪي شهري هجان ها ته اڄ آمريڪا جو صدر تون نه پر آءُ هجان ها، ۽ توکي وزير خارجه طور کڻان ها. ڀٽي جي انهيءَ جواب تي ڪينڊي ڏاڍو کليو.“
    عبدالحئي پليجو صاحب، ساڳئي سلسلي ۾ اڳتي لکي ٿو: ”واقعي ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کي سال ٿي ويا آهن پر جيئي ڀٽو جو نعرو اڄ به سڄي پاڪستان ۾ ائين گونجي ٿو جيئن سندس حياتيءَ ۾ گونجندو هو. پاڻ ويس بدلائي، ٻئي روپ ۾ به انهن طاقتن سان وڙهي رهيو آهي، جيڪي هن ملڪ تي حڪومت جو اڪيلو حق سمجهن ٿيون، جنهن نسل نه ڀٽي کي ڏٺو آهي ۽ نه ئي اُن کي ڪڏهن ٻڌو، اهو نسل به اڄ، جيئي ڀٽو جو نعرو ٿو هڻي. اُن جو ڪو ٻيو سبب ڪونهي، سواءِ اُن جي ته نئون نسل به اُن حقيقت کان واقف آهي ته عام غريب ماڻهوُءَ جي زبان، ذوالفقار علي ڀٽي جي وات ۾ هئي.
    پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو هئائين: ”اب آپ مجهي بڙي هي شوق سي ڦانسي پر چڙها سڪتي هين“، جنهن تي فيض احمد فيض چيو:
    لاؤ تو قتل نامہ میرا، میں بھی دیکھوں،
    کس کس کی مہر ہی، سرِ منظر لگی ہوئی۔ (ص 356)
    اهڙيءَ طرح هي سڄو مضمون شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت، ڪردار ۽ سندس باري ۾ بيان ڪيل واقعن سان ڀريل آهي.
    ساڳيءَ طرح صفحي 395 کان صفحي 400 تائين ”شهادت بينظير ڀٽو“ جي عنوان واري مضمون ۾، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت ۽ ڪردار بابت پليجي صاحب هن طرح اظهار ڪيو آهي: ”سنڌ هزارن سالن جي تاريخ ۾ اسان ڪَنئِين بي مثل انمول انسان ڏٺا، جن جي هڪ طويل فهرست آهي، پر آءُ هت صرف ويهين صديءَ جي انهن اهم عظيم انسانن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان جن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علامه آءِ آءِ قاضي، جي. ايم. سيد، شيخ اياز، مرزا قليچ بيگ، شهيد فاضل راهو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ مولانا خالد محمود سومري جهڙا عظيم انسان پيدا ٿيا، پر اسان جو اڄ جو موضوع صرف شهيد بينظير ڀٽو آهي، جنهن پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ ڪيئن ڏک ۽ سک ڏٺا. پاڻ پهريون دفعو اسان کي اُن وقت منظر عام تي نظر اچي ٿي، جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ملڪ جو وزيراعظم هو، ۽ هُوءَ وزارت خارجه ۾، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري ٿي ۽ پاڻ اسلام آباد ۾ ڪنهن يوٽلٽي اسٽور تان قطار ۾ بيهي، راشن يا شايد کنڊ ٿي وٺي، انهيءَ جو ذڪر، اُن وقت جي سڀني اخبارن ۾ شايع ٿيو، انهيءَ کان پوءِ کيس شملا ٺاهه وقت هندستان جي اخبارن ۾ وڏي شهرت ملي، ۽ ائين هوءَ آهستي آهستي پاڪستان جي اخبارن جي زينت بڻجندي رهي.“
    پليجو صاحب پنهنجي ساڳئي مضمون ۾ اڳتي لکي ٿو:
    ”ڪرنل رفيق الدين پنهنجي ڪتاب ”ڀٽو جا آخري 323 ڏينهن“، ۾ صفحي 64 تي لکي ٿو:
    ”بينظير جي باري ۾ ڀٽي صاحب جيل ۾ مون کي ٻڌايو ته آءُ رهان يا نه رهان پر بينظير هڪ ڏينهن پاڪستان جي غريب عوام کي ڪاميابيءَ سان پنهنجي منزل مقصود تي ضرور پڄائيندي.“
    ڪرنل رفيع الدين جي ساڳئي مضمون جي حوالي سان، عبدالحئي پليجو صاحب اڳتي لکي ٿو:
    ”شهيد ڀٽو، بينظير جي دل ۽ دماغ جي صلاحيتن جي بيحد گهڻي تعريف ڪندو هو، هڪ دفعي ته ڀٽي صاحب، ائين به چيو ته هوءَ هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ ثابت ٿيندي. واقعي هوُءَ پاڪستان جي ٻه دفعا وزيراعظم ٿي، سڄيءَ دنيا ۾ شهرت ماڻي ۽ شهيد ٿي هوُءَ بينظير ثابت ٿي.“
    ڪرنل رفيع الدين جو حوالو ڏيندي پليجو صاحب اڳتي لکي ٿو:
    ”ڪيترائي دفعا، ملڪ کان ٻاهر ماڻهو اسان کان پڇندا آهن ته توهان جي ملڪ جو نالو ڇا آهي؟ ته اسان پاڪستان چوندا آهيون، پر هوُ سوچي پوءِ چوندا آهن ته : Oh! Lady prime Minister معنيٰ ته دنيا جا ماڻهو، پاڪستان کي به بينظير جي ڪري سڃاڻن ٿا.“
    محترم عبدالحئي پليجو، ڪرنل رفيع الدين جي مذڪوره ڪتاب جي صفحي 114 جي حوالي سان اڳتي لکي ٿو: ”شهيد ڀٽي ۽ بينظير جي آخري ملاقات جڏهن جيل تي ٿي ته بينظير پٽ تي ويٺل هئي ۽ سندن وچ ۾ لوهي شيخون هيون.“
    محترم پليجو، ڪرنل رفيع الدين جي ڪتاب جي حوالي سان، صفحي 396 تي، شهيد محترم بينظير ڀٽو جي، قيد خاني وارن ڏينهن ۾ ڪيل گفتگو جي حوالي سان لکي ٿو:
    ”آئون هت ڇو آهيان، ۽ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي، وري قيد خانو، سنڌ جي صحرا ۾ هڪ پراهون جيل، ڏاڍي ٿڌ، قيد خاني جي گهڙيال مان ٺڪاءُ نڪرن ٿا، رات جو هڪ منٽ به سمهي نٿي سگهان، منهنجي ڪوٺڙيءَ جون چارئي ڀتيون سيخن جون آهن، جن جي وچ مان صحرا جي برفاني هوا ڌوڪيندي پيئي اچي. اها ڪوٺڙي، هڪ وڏي پڃري مثل ۽ تمام گهڻي ڪشادي آهي، جنهن ۾ رڳو هڪ واڻيل کٽ پيل آهي، آءُ اُن کٽ تي ڪرونڊڙي ٿيان ٿي ۽ پاسا ورايان ٿي، منهنجا ڏند پيا کڙڪن، مون وٽ نه سئيٽر آهي ۽ نه بِلَينڪيٽ ڪي به ڪونهي، مون کي رڳو سلوار ۽ قميص پيل آهي جيڪا به پنج ڏينهن اڳ، ڪراچيءَ ۾ گرفتار ٿيڻ مهل مون کي پاتل هئي.“ وري صفحي 197 تي، سکر جيل جي گرميءَ بابت بيان ڪري ٿي. ”مئي مهيني ۾، سکر ۾ گرمي شروع ٿي، خشڪ ۽ ساڙيندڙ گرمي، جنهن ڪري منهنجي ڪوٺي کورو ٿي پيئي آهي، اُن جي پاسن کان گرم هوا لاڳيتي پئي آئي، ريگستان جي ويجهو هئڻ ڪري، اُهي گرم هوائون 110 کان 120 سينٽي گريڊ ڊگرين تائين ٿي پهتيون. منهنجيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ لاڳيتا واچوڙا پيا لڳنداه هئا. پگهر نڪرڻ ڪري، مون تي مٽيءَ جا ذرڙا چهٽي پوندا هيا، منهنجي چمڙي خشڪ ٿي، ڦاٽي پيئي، ۽ هٿن تان تهه لهڻ لڳا هئا، منهنجي منهن تي وڌيڪ داڻا نڪري آيا، اُنهن ۾ پگهر پوندو هو ته اهي تيزاب وانگر ساڙيندا هئا، منهنجا وار، جيڪي هميشه گهاٽا هوندا هئا، اُهي هاڻ مُٺين جون مُٺيون ٿي ڇڻڻ لڳا هئا. مون وٽ آرسي به ڪا نه هوندي هئي، پر آءُ مٿي جي کل کي پنهنجن آڱرين سان محسوس ڪري پيئي سگهيس؛ گهميل ميري ۽ اُگهاڙي؛ روز صبح جو مون کي منهنجي وهاڻي تي وارن جا ڇڳا نظر ايندا هئا. ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيترائي جيت، حملو ڪندڙ فوجين وانگر ڪاهي ايندا هئا. تڏيون، مڇر، زهريليون مکيون ۽ ماکيءَ جون مکيون هميشه منهنجي منهن تي ڀون ڀون پئيون ڪنديون هيون، يا منهنجن لڱن تي پئيون سرنديون هيون...“
    مطلب ته محترم عبدالحئي پليجي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو هي سربستو بيان، افسانوي انداز ۾، ڪردار نگاريءَ واري خوبيءَ ۽ رقت آميز پيرائي ۾، اهڙيءَ طرح ته چٽيو آهي جو هر پڙهندڙ، اهو بيان محسوس ڪري ٿو، ۽ هر پڙهندڙ جي دل ۾ شهيد محترمه لاءِ بي انتها همدردي پيدا ٿئي ٿي، حقيقت ۾ جيئن شاهه لطيف، پنهنجي رسالي ۾، پنهنجي ڪردار، مارئيءَ جي بيڪسيءَ واريءَ ڪيفيت کي بيان ڪري، جنهن انداز بيان سان، مارئيءَ جي ڪردار جو نقشو چٽيو آهي، لڳ ڀڳ اهو ئي ساڳيو انداز بيان، محترم عبدالحئي پليجي به سنڌ جي هاڻوڪي دور جي مارئيءَ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي بيڪسيءَ واريءَ حالت جو نقشو چٽيو آهي.
    8. محترم عبدالحئي پليجي، هليري ڪلنٽن جي لکيل آتم ڪٿا، ”زنده تاريخ جي صفحي 398 تي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي باري ۾ لکيل تاثرات کي، هن ڪتاب (واقعات عالم) جي صفحي 219 تي هوُبهو دُهرايو آهي. محترمه هليري ڪلنٽن، پنهنجن تاثرات ۾ لکيو آهي:
    ”بينظير، دنيا جي هڪ اُها ممتاز شخصيت ۽ ليڊر آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ مون کي قطار ۾ بيهي، ڪافي انتظار ڪرڻو پيو هو، هيءَ 1989ع جي ڳالهه آهي، جڏهن بحيثيت وزيراعظم پاڪستان، هوُءَ لنڊن جي دوري تي آيل هئي. آءُ ۽ منهنجي ڌيءَ چيلسي، لنڊن گهمي رهيون هيونسين ته اسان انٽر هوٽل جي اڳيان، ماڻهن جا هجوم ڏٺا، اسان اُتي هڪ شخص کان پڇيو ته هت هيڏي رش ڇو آهي؟ ته هن اسان کي ٻڌايو ته بينظير ڀٽو هن هوٽل ۾ ٽڪيل آهي ۽ ٿوريءَ دير ۾ هتي پهچڻ واري آهي. اهو ٻڌي اسين به قطار ۾ بيهي رهيونسين، اسان هن کي تمام ويجهڙائيءَ کان هلندي ڏٺو، هوُءَ ليموزين ڪار مان لٿي هئي ۽ تمام وڏي وقار سان هلندي، وڃي هوٽل جي لابيءَ ۾ داخل ٿي، هن کي هئڊي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا، ۽ ڏاڍي سمارٽ لڳي رهي هئي.“
    پنهنجي ساڳئي مضمون ۾، محترم پليجو، شهيد محترمه جي اعليٰ ڪردار جي باري ۾، پنهنجا تاثرات بيان ڪندي، صفحي 199 تي لکي ٿو: ”اهڙي عظيم پيءُ جي شهادت ۽ شاهنواز جي موت کان پوءِ، هڪ طويل جلاوطنيءَ، جيلن ۽ جدوجهد کان پوءِ، آخر هڪ سمجهوتي تحت: ”ته هوُءَ اڳوڻي افغان پاليسي برقرار رکندي، صدر طور، غلام اسحاق خان جي مدد ڪندي ۽ ضياءُ وارو ساڳيو وزير خارجه ۽ خزاني جي ائڊوائيزر، وي-اي جعفريءَ کي مقرر ڪندي ، ۽ ائين هن، 6 نومبر، 1988ع تي، سڄيءَ اسلامي دنيا ۾ پهرين عورت وزيراعظم طور قسم کنيو، پر اصل حاڪمن کيس سندس ويهن مهينن جي دور اقتدار ۾ هڪ ڏينهن به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو.“
    9. منهنجو هي مهاڳ گهڻو طويل ٿي ويو آهي، پر انهيءَ هوندي به آءُ چاهيان ٿو ته هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن مان، آءُ، ”عربن طرفان سنڌ جي فتح، ۽ دنيا جي اُن عظيم انقلابي اڳواڻ، ”نيسلن منڊيلا“، جنهن جي قيادت ۾، ڏکڻ آفريڪا ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، مضمونن جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪريان ڇاڪاڻ ته انهن موضوعن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي. محترم عبدالحئي پليجي جو لکيل مضمون، بعنوان، ”عربن طرفان سنڌ جي فتح“ صفحي 135 کان شروع ٿئي ٿو، ۽ صفحي 142 تي ختم ٿئي ٿو، مثال طور صفحي 135 ۽ 136 تي، مسلم دنيا جي ٽِئين خليفي حضرت عثمان جي دور ۾، عربن طرفان، سنڌ تي حملي ڪرڻ کان اڳ، ملڪ (سنڌ) جي صورتحال جو ذڪر ڪندي، پليجو صاحب لکي ٿو ته:
    ”ٽئين خليفي، حضرت عثمان رضه جي حڪومت دوران، سنڌ تي حملي ڪرڻ کان اڳ، اُتي جي صورتحال ڄاڻڻ واسطي، حڪيم بن جبلھ کي جاسوسيءَ لاءِ سنڌ موڪليو ويو، سندس موٽڻ تي کيس خليفي جي اڳيان حاضر ڪيائون، جتي بيان ڏنائين ته! ”سنڌ جو پاڻي ميرو، ميوو کٽو، زمين پٿريلي ۽ مٽي ڪلراٺي آهي، سنڌي بهادر پر دوکيباز آهن، ٿورا فوجي، ترت تباهه ٿي ويندا، ۽ گهڻي فوج، اُتي بک جو شڪار ٿي ويندي، خليفي، مذڪوره بيان مواقف، سنڌ تي فوج ڪشي روڪي ڇڏي.
    چوٿين خليفي، حضرت علي عليھ، شاغربن ذغر جي اڳواڻيءَ ۾، وڏي لشڪر کي، سنڌ جي سرحد تي چاڙهي موڪليو، جنهن 42 هجريءَ ۾، ڪيڪانان پهچي، جنگ جو اعلان ڪيو. اُن تي ڪوهه پايه ۽ ڪيڪانان جا ماڻهو گڏ ٿي اچي حمله آورن سان سامهون ٿيا، جنگ اڃا جاري هئي ته عرب فوج کي، خليفي جي شهادت جي خبر پهتي، تنهن ڪري اُها (عرب فوج) واپس مڪران موٽي آئي جتي کيس معاويه جي خليفي ٿيڻ جو پتو پيو.
    معاويه پوءِ، عبدالله بن سوار کي، چار هزار سوارن وارو وڏو لشڪر ڏيئي، ڪيڪانان تي چاڙهي موڪليو، جتي جنگ ۾، سالار سميت، گهڻو اسلامي لشڪر مارجي ويو، باقي بچيل سپاهي مڪران موٽي آيا.
    تنهن کان پوءِ، سنڌ جي سرحد يعني مڪران تي، سنان بن سلمھ حاڪم مقرر ٿيو، جنهن کي خليفي، ٻن سالن کانپوءِ لاهي، راشد بن عمرو کي مقرر ڪيو، راشد پڪي تياري ڪري، وڏو لشڪر وٺي اچي، سنڌ جي ڪيڪانان شهر تي ڪڙڪيو، ۽ خطرناڪ لڙائي ڪندي، نيٺ گهڻي لشڪر سميت مارجي ويو، ۽ باقي اسلامي فوج، مڪران موٽي وئي.
    تنهن کان پوءِ سنان بن سلمھ کي، مڪران تي وري ٻيو ڀيرو حاڪم مقرر ڪيو ويو، هوُ پڻ زبردست لشڪر سان ڪاهي آيو، پر ٻڌيھ ۾ جنگ دوران مارجي ويو، تنهن بعد، مڪران تي منذر بن جا رود حاڪم مقرر ٿيو، هوُ جڏهن سنڌ جي سرحد ۾ لشڪر ساڻ ڪري، پورالي نديءَ وٽ پهتو ته بيمار ٿي پيو، مڪران ۾ موجود سندس پٽ، حڪم کي بيماريءَ جو اطلاع ڪيو، پر پاڻ ترت وفات ڪيائين. ان ڪري سندس جاءِ تي، سندس پٽ، حڪم بن منذر، سنڌ جي سرحد جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.“
    سوچڻ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته عربن طرفان، سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ، 93هه/712ع کان اڳ، ايترا سارا حملا ڪيا ويا جن ۾ کين هر دفعي ناڪامي نصيب ٿي، اهو سربستو احوال، محترم عبدالحئي پليجي ڪٿان هٿ ڪيو، ڇاڪاڻ ته منهنجي مطالعي موجب، ٻئي ڪنهن به سنڌي مؤرخ، عربن طرفان، سنڌ تي ايترن سارن حملن جو ذڪر ڪٿي به ڪونه ڪيو آهي، بلڪه چچنامي ۾ به عربن جي انهن حملن جو ذڪر ڪيل ڪونهي.
    اُن کان پوءِ خليفي وليد بن عبدالملڪ جي خلافت واري زماني ۾، 93هه/712ع ۾، محمد بن قاسم جي هٿان، سنڌ جي راجا ڏاهر کي شڪست ڏني وئي، سنڌ جي انهيءَ فتح جي باري ۾ سنڌ تي لکيل هر تاريخ ۾ ذڪر ڪيل آهي، محترم عبدالحئي پليجي، عربن جي سنڌ جي فتح لاءِ ڪيل ايترن سارن حملن، عربي فوج جي ناڪاميءَ جو ذڪر، اهڙي ته انداز سان ڪيو آهي جو پڙهڻ وقت ائين ٿو محسوس ٿئي ته پليجو صاحب پاڻ اُتي، جنگ جي ميدان ۾ موجود هو، نثر نويسيءَ جي انهيءَ خوبيءَ کي، واقع نگاري ۽ نقش نگاري چئبو آهي، جيڪا هڪ تاريخ نويس ۾ هجڻ ضروري آهي.
    پليجي صاحب، اُن دکدائڪ سانحي کي به جنهن انداز سان قلمبند ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿس ته سنڌ جي فاتح، محمد بن قاسم کي مرڪز ۾ مقرر ٿي آيل نئين خليفي، سلمان بن عبدالملڪ، جهڙي طريقي سان معزول ڪيو، اُن جو سربستو احوال صفحي 142 تي پڙهي سگهجي ٿو.
    10. محترم عبدالحئي پليجي، پنهنجي هن ڪتاب ۾ دنيا جي اُن عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ سياسي مدبر، محترم نيلسن منڊيلا جي ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجهد جي باري ۾ لکيل مضمون ۾ تمام اهم ۽ تاريخي ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي سنڌ جي قوم پرست نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گهرجن.
    هن ڪتاب جي صفحي 382 کان وٺي، صفحي 389 تائين، نيلسن منڊيلا جي جدوجهد جي باري ۾ مضمون ڏنو ويو آهي، هن مضمون ۾ دراصل ڏکڻ آفريڪا جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جو نقشو چٽيو ويو آهي، هن مضمون ۾ سترهين صديءَ عيسويءَ جي وچ واري عرصي ۾ جن يورپي سامراجين، ڏکڻ آفريڪا جي ملڪ تي ناجائز قبضا ڪيا، پليجي صاحب، اُنهن جي مختصر تاريخ بيان ڪئي آهي، انهن سامراجين، سندن حرڪتن ۽ منصوبن موجب، مقامي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، هڪ ٻئي جو دشمن بڻائي، کين پنهنجو غلام بنائي، سانده ساڍا ٽي سوَ سال مٿن ناجائز ۽ ظالماڻو راڄ برقرار رکيو، بلڪل ائين جيئن انگريزن ننڍي کنڊ ۾ ڪيو هو.
    محترم عبدالحئي پليجي، پنهنجي هن مضمون ۾، ڏکڻ آفريڪا ۾ سامراجي حڪمرانن جي مقامي ماڻهن سان رويي خلاف، اُن زماني ۾ سياسي جدوجهد ۾ هڪ سرگرم نوجوان سياسي اڳواڻ، نيسلن منڊيلا طرفان سال 1955ع ۾، هڪ مضمون لکي، ڏکڻ آفريڪا جي مظلوم عوام کي، ساڻن ٿيندڙ ظلمن ۽ استحصال کان آگاهه ڪيو، پنهنجي هن مضمون ۾، محترم عبدالحئي پليجو، صفحي 384 ۽ 320 تي لکي ٿو:
    ”سامراجين جي حڪومت واري زماني ۾، مقامي ماڻهن کي سياست ڪرڻ جي قانوني اجازت ڪانه هوندي هئي، مقامي سياسي ڪارڪنن کي سالن جا سال بي دريافتو، قيد ۾ رکيو ويندو هو. سرگرم ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويندو هو، اپارٿيڊ حڪومت جي جابرانه ڪردار، سندن خلاف، عام ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪئي هئي جنهن ڪري مقامي ماڻهن، سال 1913ع ۾ آفريڪن نئشنل ڪانگريس“ (اي اين سي) پارٽي ٺاهي. هن انقلابي پارٽيءَ، اپارٿيڊ سامراجي سرڪار جي خلاف، حقيقي آزاديءَ لاءِ گهربل صحيح ۽ وقتائتي جدوجهد جوٽي، نيلسن منڊيلا، اي اين سي ۾ 1940ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ قانون جي هڪ شاگرد هجڻ واري زماني ۾، شموليت اختيار ڪئي، ۽ پارٽيءَ جي نوجوان ليگ ٺاهي، هن پنهنجي نوجوان ساٿين سان گڏجي اپارٿيڊ سامراجي سرڪار جي خلاف، عوام سان رابطي واري مهم شروع ڪئي. 1949ع ۾ هن نوجوان ليگ، اي اين سي جي قيادت تي سَبَقت حاصل ڪئي، تنهن ڪري نيلسن منڊيلا کي 1950ع ۾، نوجوان ليگ جو قومي صدر چونڊيو ويو.“ پليجو صاحب اڳتي لکي ٿو:
    ”ان زماني ۾ نيلسن منڊيلا جي سياسي نظرئي ۾ گنڀير قسم جي تبديلي رونما ٿي جنهن جو مکيه سبب، سماجوادي نظرئي جو مطالعو ۽ مهاتما گانديءَ واري عدم تشدد واري نظرئي تي مشتمل سياسي حڪمت عمليءَ جو عملي طور جائزو هو.“ پليجو صاحب اڃا به اڳتي، صفحي 320 تي لکي ٿو:
    ”ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جو هيرو مهاتما گاندي پاڻ به سن 1893ع کان 1914ع تائين ڏکڻ آفريڪا ۾، سندس رهائش واري زماني ۾، اپارٿيڊ حڪومت جي خلاف سياسي جدوجهد منظم ڪئي.
    نيلسن منڊيلا جي قيادت ۾، اي اين سي جي جديد تشڪيل ٿي ۽ عدم تشدد واريءَ حڪمت عمليءَ موجب، اپارٿيڊ سامراجي سرڪار خلاف، شهري نافرماني، هڙتال ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ واري طرز عمل کي اختيار ڪيو ويو، سن 1950ع ۾ پارٽي ڪانفرنس جي پاليسي بيان ۾ پڌرو ڪيو ويو ته رنگ ۽ نسل جي اختلاف کي رد ڪندي، حڪومت ملڪ جي سڀني شهرين کي برابريءَ جي عالمي بنياد تي سمورا شهري، سياسي ۽ سماجي حق ڏي، ملڪ ۾ سچو جمهوري، سياسي ۽ سماجي نظام حڪومت برپا ڪري، سڀني شهرين سان ساڳيو، هڪڙو ئي حقيقي ۽ انصاف تي مبني قانون لاڳو ڪري، اپارٿيڊ سامراجي حڪومت جي خلاف، جدوجهد ڪندڙ، سمورين ننڍين وڏين، مقامي توڙي قومي پارٽين، تنظيمن گروهن کي ڪنهن به نسل جي خلاف، ۽ ڪنهن به مقامي توڙي گروهه جي خلاف اُڪسايو نه وڃي، پر فقط موجوده سامراجي سرڪار ۽ سندس ساٿي ۽ سهڪاري تنظيمن ۽ گروهن جي خلاف گهربل ضروري ۽ جائز جدوجهد ڪرڻ لاءِ سڏ ڏجي ٿو.
    مطلب ته هن سڄي مضمون ۾ اڳتي هلي 1990 تائين، محترم نيلسن منڊيلا جي ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ واريءَ جدوجهد تي تفصيلي روشني وڌي آهي.
    هن مضمون جي مطالعي، مان ائين ٿو محسوس ٿئي ته محترم عبدالحئي پليجو International Relations جي هڪ مڃيل ۽ قابل پروفيسر وانگر هر عالمي مسئلي جي باري ۾ هر ڪا گهربل ڄاڻ رکي ٿو، ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هُن، هِن ڪتاب جو عنوان ئي واقعات عالم رکيو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مضمون جي لکڻ لاءِ هن يقينن ڪيترن ئي تحقيقي مقالن، مضمونن ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪيو هوندو، اُنهن مان ڪن مضمونن ۽ ڪتابن جا حوالا هن مختلف مضمونن ۾ ڏنا به آهن.
    محترم عبدالحئي پليجي جو مطالعو ايتري قدر ته وسيع آهي جو هن، ”لنڊن جا ڏينهن ۽ اسڪائلينڊ جون راتيون“ ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف سمنڊن جي تفصيلي جاگرافيائي احوال کان سواءِ، لنڊن جي ڪيو گارڊنس جو جنهن طرح سان ذڪر ڪيو آهي، اُهو پڙهڻ سان ماڻهو سچ پچ ته دنگ رهجيو وڃي ته اُن سلسلي ۾ اِهو سربستو احوال، هن صاحب ڪيئن هٿ ڪيو ۽ ڪٿان هٿ ڪيو، لنڊن ۾ ڪيو گارڊنس مون به چار دفعا ڏٺو آهي، پر مطالعي ۽ معلومات سان، ڪيو گارڊنس جي باري ۾ پليجي صاحب، مختلف موضوعن تي صفحن جا صفحا لکيا آهن، اُن جي باري ۾ علم نباتات علم طب ۽ نئچرل سائنس جا ماهر ئي پنهنجي راءِ ڏيئي سگهن ٿا.
    اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ اسڪائلينڊ جي قلعن، ڪوٽن، ڪلبن ۽ هوٽلن کانسواءِ اسڪاٽ ادب جي اديبن، شاعرن ۽ ادبي تاريخ جو جنهن تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، اُن لاءِ پليجو صاحب کيرون لهڻي.
    هن ڪتاب جو اڀياس ڪندي مون ائين محسوس ڪيو آهي ته محترم عبدالحئي پليجو، هڪ بهترين افسانه نگار، بهترين سوانح نگار، بهترين ڪردار نگار، هڪ ڪامياب واقع نگار ۽ هڪ ڪامياب حقيقت نگار اديب آهي. هن ڪتاب ۾، مختلف عالمي شخصيتن جي سوانح حيات لکندي، افسانه نگاريءَ واري انداز بيان سان، پليجي صاحب، اُنهن شخصيتن جي ڪردارن کي، حقيقت نگاريءَ، واقع نگاريءَ ۽ نقش نگاريءَ وارين خوبين سان، ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو آهي، اُنهن شخصيتن جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ انسان دوستيءَ جي سلسلي ۾ ڪيل خدمتن تي جيڪا روشني وڌي اٿس تنهن جو صحيح اندازو ته ڪو ڪامياب نقاد ۽ نثر نويس ئي ڪري سگهي ٿو.
    محترم عبدالحئي پليجي جو لکيل هي ڪتاب، سندس ٻين ڪتابن وانگر نهايت ئي اهم ۽ علمي ادبي، تاريخي، سياسي ۽ سنواح حيات جي باري ۾ لکيل هڪ معلوماتي ڪتاب آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جي مطالعي کان پوءِ، آءُ سنڌ جي سڀني يونيورسٽين جي سربراهن کي اها گذارش ڪندس ته سنڌ جي هن وڏي ڏاهي ۽ وڏي مطالعي رکندڙ مفڪر، محترم عبدالحئي پليجي کي پنهنجي ادارن ۾ قائم، آرٽس ۽ هِيُومَينِٽِيز جي شعبن ۾ دعوت ڏيئي، کانئس مختلف موضوعن تي اُستادن ۽ شاگردن اڳيان ليڪچر ڏياريا وڃن.
    12. مون کي محترم عبدالحئي پليجي جي هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي، سنڌ جي ڪلچر، ائنٿراپالاجي ۽ ايٿنالاجيءَ جي اڀياس جي باري ۾ ڪي ڳالهيون، ذهن تي تري آيون آهن. سنڌ توڙي پاڪستان جي ٻين خطن ۾ موجود مختلف صوفي درويشن، اوليائن، ساڌن ۽ سنتن جي درگاهن، خانقاهن، آستانن ۽ درٻارن تي هر سال ٿيندڙ عرسن، ميلن ملاکڙن ۽ ڏيهاڙن، مثال طور قلندر لال شهباز جو ميلو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ميلو، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ميلو، مخدوم نوح سرور جو ميلو، سچل سرمست جو ميلو، پير سائين روضي ڌڻيءَ جو عرس، شاهه عنايت شهيد صوفيءَ جو ميلو، اڏيري لال جو ميلو، مصري شاهه امام جو ميلو، جاتي شهر ۾ مغل ڀينءَ جو ميلو، کاڻيءَ ۾ منٺار فقير راڄڙ جو ميلو، ۽ اهڙيءَ طرح پنجاب ۾، پاڪ پتڻ ۾ بابا فريد گنج شڪر جو عرس، ملتان ۾ غوث بهاءُ الحق ۽ رڪن الدين عالم جا عرس، ساڳئي شهر(ملتان) ۾ شاهه شمس سبزواريءَ جو عرس، لاهور ۾ داتا گنج بخش ۽ ميان مير سنڌيءَ جا عرس، عام ماڻهن لاءِ اهڙا ميلا آهن جتي مختلف ريتن، رسمن ۽ ڪريا ڪرمن جي ادائگي، ائنٿراپالاجي ۽ ايٿنالاجيءَ جي مطالعي جي لحاظ کان نهايت ئي اهم موقعا آهن. جن جي باري ۾ هن وقت تائين ڪو به تحقيقي ڪم ڪو نه ٿيو آهي، البت ويهارو کن سال اڳ، هن موضوع تي مون هڪ مقالو لکيو هو جيڪو مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيو هو.
    13. محترم عبدالحئي پليجي جو هيءَ (ڪتاب) ”واقعات عالم“ عالمي تاريخ، دنيا جي ڪن ملڪن جي سياسي سماجي حالتن ۽ ڪن واقعن جي متعلق سندس لکيل بهترين مضمونن جو هڪ مجموعو آهي. هي مجموعو پڙهندڙن لاءِ لاجواب مواد ۽ معلومات سان ڀريل آهي. منهنجي نظر ۾ هيءُ ڪتاب خاص ڪري اُنهن شاگردن ۽ اُستادن لاءِ نهايت ئي هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي، جيڪي يا ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهن ٿا، يا اُنهن ادارن ۾ پڙهائين ٿا. اُنهن محققن لاءِ خاص ڪري هي ڪتاب نهايت ئي ڪارائتو آهي جيڪي مختلف لائبررين ۾ وڃي، اُنهن ڪتابن ۽ رسالن کي اُن مواد لاءِ اُٿلائين ٿا، جن مان ڪيترن ئي مضمونن تي پليجي صاحب صفحن جا صفحا ڀري ڇڏيا آهن.
    14. آءُ دل جي گهراين سان، منهنجي پياري عبدالحئي پليجي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ ڌڻي سائينءَ جي حضور ۾ ۾ دست بسته دعاگو آهيان ته رب ڪريم سنڌ جي هن مخلص، علم، دوست، انسان دوست ۽ زود نويس محقق کي سدائين خوش رکي، آباد رکي ۽ کيس سالم صحت عطا ڪري.
    منهنجي دعا آهي ته منهنجي دوست، ارباب نور محمد پليجي جي گهر ۾ علم ادب، انسان دوستيءَ ۽ انسان شناسيءَ جي اُها جوت سدائين جلندي رهي جيڪا سندس وڏن ٻاري هئي ۽ جنهن کي سندس پوئينرن اڄ به روشن رکيو آهي.

    حيدرآباد ، سنڌ
    20 مئي، 2017ع سنڌي ٻوليءَ جو فدائي
    غلام علي الانا


    پنهنجي طرفان

    دنيا گهمندي گهمندي شوق پيدا ٿيم ته ڪجهه لِکان، سو ڏسندي ڏسندي پندرهن کن سفرناما لکي ويس، انهيءَ دوران سٺ ستر عيسوي ڏهاڪن واري سنڌي شاگرد قومي سياسي هلچل بابت به هڪڙو ڪتاب لکي ڇَڏِم. اهو ڪتاب ٻه دفعا شائع ٿيو آهي. لکڻ دوران خيال پيدا ٿيو ته جيڪي عام معلومات وارا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ۽ ڇپيل ڪو نه آهن. انهن جي موضوع تي به ڪجهه لکان. انهيءَ ڏِس ۾ ذهن ۾ هڪ خيال آيو ته سڄي دنيا ۾ جيڪي عجائباب موجود آهن، انهن متعلق ڪو سٺو ڪتاب لکجي. اردو ۾ انهيءَ موضوع تي چوپڙي نما ڪَنئين ڪتاب لکيل آهن ۽ انگريزي ۾ به انهيءَ موضوع تي ڪجهه ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي ڇاپي جي لحاظ کان تمام سٺا، پر قيمت جي ڏس ۾ اهي تمام مهانگا ڪتاب آهن، جڏهن ته انهن انگريزي ڪتابن ۾ به مواد ڪو خاص ڪونهي. انهيءَ موضوع تي هڪ ڪتاب ”عجائبات عالم“ نالي لِکِمِ، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ وارن سن 2004ع ۾ شايع ڪيو. چوڏهن سالن گذرڻ بعد، اڄ به توهان کي اهو ڪتاب سنڌ جي هر وڏي بُڪ اسٽال تي ملندو. انهيءَ کان پوءِ مون سوچيو ته حضرت آدم عليھ السلام جي پيدائش کان وٺي اڄ تائين ڌرتيءَ تي جيڪي اهم واقعا ٿيا آهن، انهن تي لِکجي. چوڏهن سالن جي پورهئي بعد اهو گهربل ڪتاب ”واقعات عالم“ جي نالي سان لکجي، ڇپجي ۽ شايع ٿي اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي. انهيءَ موضوع تي به هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب مون ڪو نه ڏٺو آهي. اميد ته توهان هن ڪتاب کي ضرور پسند ڪندا. هن سلسلي جي منهنجي ٽِئي ڪتاب جو موضوع آهي ”شخصيات عالم“. پاڻ وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي به ڪَنئِين ڪتاب لکيل آهن. پر انهن ڪتابن جا ڪردار گهڻو ڪري سنڌ تائين محدود آهن. سنڌ کان ٻاهر جي ڪردارن تي اسان وٽ ترجمو ٿيل ڪجهه ڪتاب آهن، پر آئون ڪوشش ڪندس ته منهنجي هن ڪتاب ۾، اڳي شايع ٿيل ڪتابن ۾ شامل ڪردارن کان مختلف ڪردارن کي پيش ڪريان. هن ڪتاب ”شخصيات عالم“ جا به ستر کن صفحا لکي چڪو آهيان. ڪوشش ڪندس ته هي ڪتاب به جلد کان جلد لکي وٺان، ڇو ته منهنجي عمر جو هينئر ٽيهترهون سال پيو هلي، جنهن دؤران تقريبن ٽن مختلف ڪتابن تي ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ بقول فيض صاحب جي:
    اور بهي غم هين اس دنيا مين محبت ڪي سِوا،
    اور بهي راحتين هين، وصل کي راحت کي سوا.
    سو هن دنيا ۾ ٻيا به سوين مسئلا آهن، خاص ڪري ٻهراڙيءَ ۾، شهرن ۾ ته نڪو ڪُتو ڏسي ۽ نه ڪو ڀَونڪي!
    آئون ته چوندس ته اسانجي سڄي زندگي ڪنهن جنگ کان گهٽ نه آهي. انسان، هڪ زندگيءَ اندر خبر ڪانهي ته ڪيتريون زندگيون ٿو گذاري!

    عبدالحئي پليجو


    تخليق حضرت آدم عليھ السلام

    اسلام ۽ ٻين مذهبن جي تعليمات ۾ حضرت آدم عليھ السلام جي پيدائش متعلق هڪ ٻين سان اختلافات ته بلڪل پڌرا آهن. پر جديد سائنسي تحقيق ۽ قديم آثارن جي علم ۽ کوجنا انهن سمورن نظرين کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
    حضرت ابراهيم ۽ سندس اولاد مان پيدا ٿيندڙ انبيا“ ڪرام جهڙوڪ: حضرت موسيٰ عليھ السلام، حضرت عيسيٰ عليھ السلام ۽ نبي آخر زمان حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي طرفان شايع ڪيل ديني تعليمات جي تت موافق ڪائنات جي خالق الله سُبحانَھُ وَ تَعاليٰ پنهنجي مرضيءَ موجب حضرت آدم عليھ السلام کي پهرين انسان طور عجيب جلوي ۽ جنسار سان جوڙيو.
    مسعوديءَ واري تاريخ ۾ حضرت آدم عليھ السلام جي عمر چاليهه هزار سال ڄاڻايل آهي. جنهن ۾ جنت ۾ سندس رهائش وارو عرصو اٽڪل اوڻيتاليهه هزار چاليهه 39040 سال به شامل ڪيل آهي. جنت ۾ سندس اڪيلائي ختم ڪرڻ ۽ وندر ورونهن لاءِ الله پاڪ سندس هم جِنس مخلوق بي بي حوا کي پيدا ڪري سندس رفيق بنايو.
    قرآن پاڪ جي سورة والتين جي آيت نمبر 4 ۾ الله پاڪ فرمايو آهي ته ”بيشڪ اسان انسان کي بهترين اندازي سان ٺاهيو آهي.“ سورة بني اسرائيل جي آيت نمبر 70 جو ترجمو آهي ته ”بيشڪ اسان آدم جي نسل کي سڄي ڪائنات تي بزرگي ۽ برتري بخشي.“
    سورة الاحزاب جي آيت نمبر 72 ۾ فرمايو ويو آهي ته ”آئون آدم عليھ السلام کي زمين تي پنهنجو خليفو بنائڻ وارو آهيان. بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن جي آڳيان امانت کي آندو پوءِ انهن ان جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ ان کي انسان کنيو.“
    قرآن پاڪ موجب آدم عليھ السلام ۽ سندس اولاد ئي انسان ذات آهي، جنهن کي جهانن جي اُپائيندڙ ۽ پاليندڙ سموري ڪائنات ۾ سڀني کان اعليٰ درجو عطا ڪيو ۽ کيس زمين تي خلافت جي منصب تي فائض ڪيو. قرآن پاڪ ۾ حضرت آدم عليھ السلام جو نالو ڪُل 25 ڀيرا 25 آيتن ۾ آيو آهي. انهن ۾ 5 آيتون بقرة سورة جون، 2 آيتون آل عمران سورة جون، هڪ آيت المائد سورة جي، ست آيتون الاعراف سورة جون، ٻه آيتون الاسراء سورة جون، هڪ آيت الڪهف سوره جي، هڪ آيت مريم سوره جي، پنج آيتون طھٰ سورة جون ۽ هڪ آيت ياسين سورة جي آهي.
    بائيبل جي بيان موجب آدم عليھ السلام جو پتلو جوڙڻ لاءِ گهربل مٽي ڌرتيءَ تان گهرائي وئي. ڪيترن ئي فرشتن کي ڌرتيءَ پنهنجي مٽي کڻڻ ڪا نه ڏني، تڏهن آخر ۾ الله پاڪ حضرت عزرائيل عليھ السلام کي موڪليو جيڪو ڌرتيءَ تان ڳاڙهي ڪاري ۽ اڇي ٽن رنگن واري مٽي کڻي اچي رب جليل اڳيان حاضر ٿيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهو ئي سبب آهي جو انسان ذات مختلف رنگن ۾ ورهايل آهي.
    آدم عليھ السلام جي عربي يا عجمي هئڻ بابت ڪيئي اختلاف موجو دآهن. مشهور محدث حافظ ابن حجررحه موجب آدم سرياني ٻوليءَ جو لفظ آهي. علامھ جوهري، مطابق آدم توڙي حوا ٻئي لفظ عربي ٻوليءَ جا آهن. ٻئي محقق جوچوڻ آهي ته آدم عبرانيءَ ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس مِٽي، ڪي محقق چون ٿا ته آدم لفظ عبراني ٻوليءَ جو لفظ اُدمه يعني ”مٿاڇرو“ مان ورتل آهي. ڪي عالم بيان ڪن ٿا ته آدم لفظ اصل لفظ اَدمت مان جڙيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ملاوت ۽ حضرت آدم عليھ السلام جي پتلي جو خَمِير پڻ مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جي ملاوت سان بنايو ويو. انهيءَ مناسبت موجب هن کي آدم ڪوٺيو ويو.
    آدم عليھ السلام جي زال کي ”حوا“ انهيءَ سبب ڪوٺيو ويو جو هن ٻين ممالي ساهه وارن وانگر زنده اولاد ڄڻيو ياد رهي ته حوا لفظ جي معنيٰ آهي زنده اولاد ڄڻيندڙ.
    ڪن روايات مطابق عزرائيل عليھ السلام جي آندل مٽيءَ کي پاڻي سان ڳوهي ڪيترن ئي سالن تائين سچي خمير ٺهڻ تائين ڇڏي ڏنو. جڏهن مٽيءَ جو خميرو تيار ٿيو، تڏهن الله پاڪ انهيءَ مان هڪ نهايت سهڻو ۽ وڻندڙ پتلو بنايو. ان کي سُڪڻ پڪو ٿيڻ ۽ ٺڪر جيئن وڄڻ جي لائق ٿيڻ ۾ به ڪافي سال لڳي ويا. جڏهن اهو پتلو سُڪي راس ٿيو ۽ ٺڪر وانگر وڄڻ لڳو تڏهن روح کي ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ حڪم ڏنو ويو. پر روح خوف جو شڪار ٿي داخل ٿيڻ کان انڪار ڪيو، پر جڏهن الله پاڪ کيس مقرر مدت پوري ٿيڻ تي انهي مان کيس ٻاهر ڪڍڻ جو واعدو ڪيو ته هو انهيءَ ۾ داخل ٿيو.
    قرآن مجيد موجب الله تعاليٰ ملائڪن کي فرمايو ته جڏهن آئون پتلي ۾ روح ڦوڪيان ته توهان انهيءَ کي سجدو ڪريو، جڏهن الله پاڪ پتلي ۾ روح ڦوڪيو ته سمورن فرشتن آدم عليھ السلام کي سجدو ڪيو پر عزازيل سجدو ڪو نه ڪيو. الله پاڪ کانئس پُڇيو ته تو سجدو ڇو نه ڪيو؟ جواب ڏنائين ته انهيءَ سبب ته آئون آدم کان بهتر آهيان ڇو ته باهه مان پيدا ڪيل آهيان ۽ آدم مٽيءَ مان. حقيقتاً عزازيل جن هو پر زهد ۽ تقويٰ سبب الله پاڪ خوش ٿي کيس فرشتن ۾ شامل ڪري انهن جو سردار مقرر ڪيو، پر جڏهن سرڪشيءَ ڪري آدم عليھ السلام کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيائين ته جل جلاله کيس شيطان ۽ ابليس ڪوٺي جنت ۽ آسمانن مان تڙي ڪڍيو. ابليس توبھ تائب ٿيڻ بجاءِ اٽلو قيامت تائين زنده رهڻ جي لاءِ عرض ڪيو. الله پاڪ سندس اهو عرض قبول ڪيو ته وڌيڪ سرڪشي ڪندي چيائين ته جنهن آدم (عليھ السلام) جي سبب آئون رسوا ٿيو آهيان انهيءَ کي قيامت تائين گمراهه ڪندو رهندس. انهيءَ تي الله پاڪ کيس جنت ۽ آسمان مان تڙي ڪڍيو.
    آدم عليھ السلام جنت ۾ رهندي به اٻاڻڪو ٿيڻ لڳو ته سندس رفاقت ۽ تفريح لاءِ سندس کاٻي پاسراٽي مان بي بي حوا کي حسين و جميل صورت سان خلقي ساڻس گڏ جنت ۾ رهايو، کين کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڪئين شيون مُيسر ڪري ڏنيون. البت اتي موجود هڪڙي وڻ کي واپرائڻ يا ويجهو وڃڻ کان منع ڪئي وئي، قرآن مجيد ۾ ان وڻ جو نالو ڄاڻايل ڪونهي. بائيبل ۾ انکي خير ۽ شر جو وارث ڪوٺيو ويو آهي. ڪن مفسرين موجب اهو ڪڻڪ جو ٻوٽو هو.
    کين گمراهه ڪرڻ لاءِ ابليس جنت ۾ داخل ٿيندڙ نانگ جي وات ۾ لڪي وڃي جنت ۾ پهتو ۽ آدم عليھ السلام ۽ بي بي حوا کي اهو منع ٿيل ٻوٽو کائڻ لاءِ اڪسائڻ لڳو. چيائين ته آئون توهان جو خير خواه آهيان ۽ صلاح ٿو ڏيان ته جيڪڏهن توهان اهو منع ڪيل ٻوٽو کائيندا ته هميشه لاءِ جنت ۾ رهندا ۽ دائمي خوشي ماڻيندا. الاهي امر کان غافل رهندي ابليس جي صلاح تي لڳي جڏهن هنن ان منع ڪيل ٻوٽي جو ميوو کاڌو ته سندن ستر برقرار نه رهيو. پنهنجي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ جنت ۾ موجود پنن کي استعمال ڪرڻ لڳا ۽ سخت پريشان ٿي پيا. انهيءَ حڪم عدوليءَ سبب آدم عليھ السلام ۽ بي بي حوا کي الله پاڪ طرفان جنت مان نڪري هيٺ زمين تي رهڻ جو حڪم مليو ۽ کين زمين تي لاٿو ويو.
    تاريخ مسعودي موجب حضرت آدم عليھ السلام کي سري لنڪا جي هڪڙي ٽڪريءَ تي لاٿو ويو. جنهن کي اڄڪلهه آدم عليھ السلام جي ٽڪري سڏيندا آهن. ان پهاڙي جي چوٽيءَ تي هڪ تمام وڏي انساني پير جا نشان اڄ به موجود آهن، جنهن کي ماڻهو آدم عليھ السلام جي پيرن جا نشان قرار ڏين ٿا.
    جڏهن آدم عليھ السلام ڌرتيءَ تي پهتو، ان وقت هو جنت جي خوشبوئن سان معطر هو. ساڻس گڏ ڪافي مقدار ۾ کاڌي پيتي جون شيون جهڙوڪ ميوا، اکروٽ، بادام، بوهي مڱ، نارنگي، ڏاڙهون، ڪشمش، انگور، عناب، کيرو، ڪڪڙي ۽ مختلف داليون ۽ اناج پڻ زمين تي پهچايو ويو.
    بي بي حوا کي آدم عليھ السلام سان گڏ نه پر الڳ ٻئي هنڌ زمين تي لاٿو ويو، جيڪو موجود جده شهر جي ويجهو هو. ڪجهه روايتن موجب آدم عليھ السلام ۽ بي بي حوا جنت ۾ سرزد ٿيل غلطي تي ڏاڍا شرم سار ۽ پريشان ٿيا. اهي ڪيترن ئي سالن تائين الله پاڪ جي اڳيان روئندا معافيءَ لاءِ ٻاڏائيندا ۽ هڪٻئي کي ڳوليندا رهيا ۽ نيٺ مڪي شريف جي ڀرواري جبل تي هڪ ٻئي سان ملاقاتي ٿيا. جتي جبرائيل عليھ السلام سندن هڪٻئي سان سڃاڻپ ڪرائي. عربي ٻوليءَ ۾ ”عرفه“ لفظ معنيٰ آهي. هن سڃاتو، انهي نسبت سان ان جبل جو نالو عرفه يا عرفات پئجي ويو ۽ ان جبل جي دامن ۾ موجود ميدان کي عرفات ڪوٺڻ لڳا. قرآن پاڪ جي سورة ص جي آيت نمبر 71جو ترجمو آهي ته ”۽ ياد ڪر اهو وقت جڏهن تنهنجي پروردگار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آئون مٽيءَ مان بشر پيدا ڪرڻ وارو آهيان.“
    سورة البقرة جي آيت نمبر ........ ۾ فرمايو ويو ته ”۽ ياد ڪر ته جڏهن تنهنجي پروردگار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آئون زمين ۾ هڪ نائب پيدا ڪرڻ وارو آهيان. ملائڪن چيو ته ڇا تو ان کي ان ۾ پيدا ڪندين جيڪو ان ۾ فساد ۽ خون ريزي ڪندو. حالانڪ اسين تنهنجي تعريف سان پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ تنهنجي پاڪائي جو اقرار ڪريون ٿا. الله پاڪ فرمايو ته جيڪي اوهين نٿا ڄاڻو سو آئون ڄاڻان ٿو.“
    مذڪوره آيتن جي روشنيءَ ۾ الله پاڪ طرفان آدم عليھ السلام ۽ بي بي حوا جي صورت ۾ انسان جي تخليق ڪئي ۽ پنهنجي خواهش موجب انهن کي ڌرتيءَ تي آڻي انساني نسل پيدا ڪيو. جنهن سماج قائم ڪري انساني تهذيب جي شروعات ڪئي، جيڪا مختلف اوقات ۽ حالات موافق وڌندي سڌرندي ۽ ترقي ڪندي رهي ٿي.
    حضرت آدم عليھ السلام زمين تي پهچي پنهنجو نسل پيدا ڪري سماج قائم ڪيو ڌرتي تي پنهنجي طبعي عمرجا 960 سال پورا ڪري رحلت فرمائي. ڪجهه روايتن موجب کيس مڪي شريف جي ويجهو ابو قبيس نالي جبل جي ڪهف نالي ماڳ وٽ دفن ڪيو ويو. ڪن مفسرن منيٰ جي علائقي ۾موجود هڪ مسجد ۾ دفن ٿيل ڄاڻايو. ڪن عيسائين جو چوڻ آهي طوفان نوح عليھ السلام کان پوءِ سندس مڙهه اتان کڻائي يروشلم ۾ دفنايو ويو. آدم عليھ السلام جڏهن وفات ڪئي، ان وقت ۾ انساني نسل جو تعداد سوا لک کن ٿي چڪو هو.


    انسانذات جي تخليق جو عظيم ترين واقعو

    تحقيق تي ٻڌل علم يعني سائنس موجب ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي ابتدا Archaeozoic era يعني آدجگادي جُڳ دوران ٿي، زندگيءَ جي شروع وارن ٻوٽن توڙي جانورن جي روپن ۾ تبديلي ۽ ورڇ پڻ هن ئي جُڳ دوران ٿيڻ لڳي. هي جُڳ 4 ارب 3 ڪروڙ سال پراڻو ۽ هڪ ارب 53 ڪروڙ سال ڊگهو هو. هن جڳ جي پوين 50 ڪروڙ سالن واري عرصي ۾ زندگيءَ جي شروعات ٿي.
    تنهن بعد Palaeszoic يعني ٽئين نمبر پراڻي جُڳ جي ٻئي نمبر عرصي يعني Ordovician Period ۾ ڪرنگهي وارا اوائلي جانور پيدا ٿيا. سيلورين ۽ ڊِوو نئين Silvrian and Devonion Period هنن ٻنهي عرصن دوران نباتات توڙي حيوانات خشڪيءَ تي نمودار ٿيا. ٽئين نمبر پراڻي جڳ جي ڇهين نمبر يعني آخري عرصي دوران ريڙهيون پائيندڙ جانورن مان ٿڻن وارا جانور پيدا ٿيا. هن عرصي ۾ جانورن ۾ اهڙي تبديلي وڏي ۾ وڏو واقعو هو.
    يعني نئين جڳ جي Oligocene and Miocene epochs يعني ٽئين ۽ چوٿين زماني دوران آدم نما باندر جي پيدائش ٿي ۽ انسان جي ارتقا نئين جڳ جي پليسٽوسين زماني دوران شروع ٿي. انسان جي گذريل 15 هزار سالن جي تاريخ پڻ هن زماني سان وابسته آهي. علم الحيات موجب انسان کي هوموسيپئين Homosapiens سڏجي ٿو. جنهن جو واسطو ٿڻن وارن جانورن جي هڪڙي نرالي گروهه Primates پرائميٽس سان آهي. جديد انسان پنهنجي انهن اوائلي قديم مائيٽن جي سلسليوار ارتقا جو نتيجو آهي. ٻين جانورن وانگر انسان به ان ارتقا واري عمل ذريعي سادن جانورن منجهان ڦٽي نڪتو ۽ لکين سالن دوران ٿيندڙ ارتقائي تبديلين مان گذرڻ کان پوءِ موجود حيثيت جو حامل بڻيو. اڄ کان اٽڪل ٻه ڪروڙ پنجاهه لَکَ سال اڳ اوليگوسين زماني جي پڇاڙي ۽ مايوسين زماني جي شروعات ۾ باندرن ۽ انسانن جا اوائلي ابا ڏاڏا ارتقا جون ٻه الڳ الڳ واٽون وٺي هلڻ لڳا. ان زماني ۾ انسان جا ارتقائي ابا ڏاڏا وڻن تان هيٺ لهي زمين تي ٻن پيرن تي گهمڻ لڳا ۽ دائمي طرح زمين تي رهڻ لڳا.

    انسان جو ارتقائي شجرو
    35 ڪروڙ سال اڳ ريڙهياڪ جانور پيدا ٿيا، 28 ڪروڙ سال اڳ ٿڻائتا جانور پيدا ٿيا، 7 ڪروڙ سال اڳ ڇڇريون يا ڪاٺوڙي ڪُئا پيدا ٿيا. ساڍا پنج ڪروڙ سال اڳ ليمرس باندر پيدا ٿيا، چار ڪروڙ سال اڳ ٽارسُئائڊس باندر پيدا ٿيا.
    ٽي ڪروڙ اسي لک سال اڳ آدم نما جانور پيدا ٿيا، ٻه ڪروڙ سٺ لک سال اڳ آدم نما باندر ۽ باندر نما انسان وجود ۾ آيا، جن باقي ارتقا جون منزلون مختلف ۽ الڳ واٽون اختيار ڪرڻ بعد طئي ڪيون ۽ هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف ٿي ويا.

    اهي ارتقائي خصوصيتون جن انسان کي پنهنجي برادريءَ وارن جانورن کان مختلف الڳ ۽ بهتر بنائي ڇڏيو، سي هيٺ ڄاڻائجن ٿيون:
    1. دماغ جي وڏي سائيز.
    2. تِکي ۽ سڀ طرف نظر.
    3. سنگهڻ جي ڪمزور قوت.
    4. سکڻ ۽ ڄاڻ منتقل ڪرڻ جي صلاحيت.
    5. آڱرين کي ڇهندڙ آڱوٺي ۽ جڪڙيندڙ هٿن جو هجڻ.
    6. اڀي ٻه پيري بيهڪ.
    7. کوپريءَ جي مها سوراخ جو هيٺ هجڻ.
    8. غير خصوصي ڏند.
    انسان جي ارتقا جون طئه ڪيل منزلون
    باندر کان انسان تائين جي سفر بابت جيڪا حقيقت ظاهر ٿي آهي. ان موجب هيٺيون ارتقائي منزلون مقرر ڪري سگهجن ٿيون.
    1. قديم ترين انسان واري منزل Romapithecus stage OE sivapithecus stage
    2. اوائلي انسان واري منزل Australopithecus
    3. اُڀي انسان واري منزل Homo erectus stage
    4. يورپي انسان واري منزل Veteszlos stage
    5. هاڻوڪي انسان واري منزل Homosapiens stage
    جديد انسان جو اوائلي رڪن ”ڪروميگنان انسان“ سڏجي ٿو. هي انسان نينڊر ٿال انسانن کان وڌيڪ طاقتور ۽ سڌريل هئا ۽ جديد انسان جا حقيقي ابا ڏاڏا هئا. سندن نسل وچ اوڀر، يورپ ۽ آفريڪا ۾ پکڙيل هئا. جيڪي گوري نسل جا هئا. اڄوڪي انسان جا پٿرايل ڍانچا فرانس، جاوا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ لڌا ويا آهن. موجوده انساني نسل گذريل 25 هزارن سالن کان ڌرتيءَ تي زندگي گذاري رهيو آهي. انسان پنهنجي وجود جو اٽڪل 2/3 حصو پٿر جي دور ۾ گذاريو. ان عرصي کي عمرانيات جي ماهرن شڪاري دور سڏيو، ڇو ته اُن دور ۾انسان جو گذر فقط شڪار تي هو. هاڻوڪي تهذيب ۾ وري مشيني تهذيب جي عمر ٻن ٽن سئو سالن جي نهايت مختصر عرصي تي مبني آهي. اڄ انسان جي تهذيبي ترقي تمام تڪڙي ٿي رهي.
    هٿن ڳالهائڻ جي عضون ۽ دماغ گڏجي ڪم ڪرڻ سان انسان ۾ هر مشڪل ڪم ڪرڻ جي همٿ ۽ قوت پيدا ڪئي. اهڙيءَ طرح انسان شروع ۾ شڪار ڪري، پوءِ چوپايو مال ڌاري تنهن کانپوءِ زمين آباد ڪري ۽ آخر ۾ صنعت وسيلي پنهنجي تهذيب ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪندو اچي. عمراني علم موجب انهن سماجي درجي بندين کي:
    1. شڪاري سماج،
    2. مال چاريندڙ ڀاڳين جو قائم ڪيل سماج.
    3. زرعي سماج ۽ 4. هاڻوڪو صنعتي سماج سڏجي ٿو.
    جيڪڏهن انسان سماجي گروهن جي صورت ۾ زندگي نه گهاري ها ته شايد موجود جديد انسان خير ڪو هجي ها. ڇو ته سماج انساني بقا ۽ بچاءُ جو واحد وسيلو ۽ سکيا جو سرچشمو هو. جنهن سبب انساني شعور ترقي حاصل ڪئي، ڪنهن سِياڻي سچ چيو آهي ته ”انسان سماجي جانور آهي“.
    جن معاون عنصرن سبب انسان جي ارتقا ممڪن ٿي اهي هيٺيان آهن.
    1. خود ڪفيل نباتات.
    2. ٻِ پيري بيهڪ.
    3. هٿ.
    4. اوزار.
    5. محنت.
    6. ٻولي.
    7. سماج.
    8. شعور.
    10. گوشت.
    11. باهه.
    12. آبهوا.
    13. اکيون.
    14. جنس.
    انساني جذبن، تصورن، ارادن، احساسن، سوچن ۽ خيالن کي گڏي انساني شعور سڏجي ٿو. سموري خارجي ڪائنات عڪس طور شعور ۾موجود آهي. جنهن موجب انسان ڪنهن خيال عمل يا لقاءُ کي محسوس ڪري پرکي ۽ پروڙي ٿو.
    انساني تهذيب جي ارتقا جي حيواني منزل ۽ وحشي منزل تاريخ کان اڳ واريون مکيه منزلون ڄاڻايون ويون آهن. حيواني منزل ٽن دورن تي مشتمل آهي. پهرين حيواني دو ر۾ اوائلي انسان گهڻي ڀاڱي ٻيلن ۾ رهندو هو. سبزي ۽ ميون تي گذران ڪندو هو. وچئين حيواني دور ۾ اوائلي انسان مڇيءَ جو شڪار ڪري غذا طور استعمال ڪرڻ لڳو. انهيءَ دور ۾ هن باهه ٻارڻ ۽ تير ڪمان ٺاهڻ سکي ورتو. پڇاڙيءَ واري ٽئين حيواني دور ۾ انسان ٺڪر جا ٿانوَ ٺاهڻ لڳو. انسانذات جي وحشي منزل کي پڻ ٽن دورن ۾ ورهايو ويو آهي.
    پهرين وحشي دور ۾ انسان جانور پالڻ ۽ پوک ڪرڻ شروع ڪئي، ٻئي وحشي دور ۾ هن ڌاتن يعني لوهه ۽ ٽامي کي سڃاتو ۽ انهن مان مختلف اوزار ٺاهڻ لڳو. ٽئين وحشي دور ۾ انسان الف بي جوڙي ورتي.
    انسانذات جي تاريخي تهذيبي منزل کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويو آهي. الف بي جي ايجاد کان وٺي 500ع تائين واري عرصي کي يورپ جي تاريخ موجب پهريون تهذيبي دور سڏجي ٿو. سن 500ع کان 1500ع تائين هزار سالن تي مشتمل عرصي کي وچيون دور سڏجي ٿو. سن 1500ع کان وٺي اڃان تائين جاري عرصي کي نئون تهذيبي دور ڪوٺجي ٿو.
    انسان جي شعور ۽ علم ۾ لڳاتار واڌاري ٿيڻ سان ديون ۽ پرين ۽ ديوتائن جي پوڄا مسلسل گهٽجندي رهي ۽ ماڻهو وهمن ۽ وسوسن جي ڄارين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو ويو ۽ ماورائي هستين جي قوت بابت مُتَشَڪِي ٿيندو ويو.انسان پنهنجي عضون ۽ حواسن کان سواءِ پنهنجي عقل ۽ هٿن سان ٺاهيل اوزار ڪم آڻي ٻين سمورن حيوانن کان اعليٰ حيثيت جو حامل ٿي ويو. ماحول ۾ موجود لقائن ۽ حقيقتن کي سڃاڻڻ، بيان ڪرڻ ۽ انهن جي تقاضا ڪرڻ لاءِ اشارن جي زبان پوءِ آوازن جي زبان يعني ٻولي ايجاد ڪئي. اهڙي طرح انسان ۾ سوچڻ، غور ۽ فڪر ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي ۽ ترقي ڪرڻ لڳي، جنهن سبب هو فطري اصول پروڙيندي قدرتي قيد مان آجو ٿيندو ويو ۽ پنهنجي شعور کي پنهنجي مقصد جي حصول لاءِ ڪتب آڻڻ لڳو.
    حاصل مقصد انسان محنت ڪندڙ ۽ سماجي حيوان هئڻ سبب اشرف المخلوق ٿي پيو. هندو ڌرم موجب انسان نيل ڪنول جي گل مان ڦُٽي نڪتو.اولهه ايشيا يعني وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيندڙ آل ابراهيم عليھ السلام طرفان پيش ڪيل ٽنهي مکيه مذهبن يعني يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام موجب الله تعاليٰ پنهنجي قدرت سان انسان کي هن ڌرتي جي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ کيس آدم جي نالي سان بيان ڪيو.


    طوفان نوح عليھ السلام

    حضرت آدم عليھ السلام کانپوءِ حضرت نوح عليھ السلام پهريون نبي هو، جنهن کان الله تعاليٰ انسانذات توڙي ٻين حيوانن جي زندگي جي بقا لاءِ پنهنجي عجيب قدرت ۽ حڪمت سان بچاء وارو نرالو طريقو اختيار ڪرايو. سندس نسل جو ڪيترن ئي شجرن مان هڪڙو هيٺيون آهي.
    نوح بن لامڪ بن متو شالح بن انوخ يا خنوخ بن يارد بن مهلئيل بن قنيان بن انوش بن شيث بن آدم عليھ السلام. هي شجرو توريت ۾ ڄاڻايل آهي. قرآن شريف ۾ شجري بابت ڪو احوال موجود نه آهي. توريت ۾ آدم عليھ السلام ۽ نوح عليھ السلام جي وچ واري عرصي جو پڻ ذڪر آهي. بهرحال شجري توڙي سندس وچ واري عرصي کي مختصر ۽ ٿورو ڪري بيان ڪيو ويو آهي. حالانڪ شجري ۾ ڪثرت ۽ عرصي ۾ طوالت جو امڪان سئو سيڪڙو موجو دآهي.
    قرآن شريف ۾ حضرت نوح عليھ السلام جو ذڪر 28 سورتن ۽ 43 آيتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سندس وقت واري قوم توحيد جي خلاف ڪيترن ئي قسمن جي بُتن جي پوڄا ۾ مشغول رهندي فخر محسوس ڪندي هئي. کين بُت پرستيءَ کان باز آڻڻ ۽ توحيد جي تلقين لاءِ الله پاڪ سندن ئي قوم جي هڪڙي متقي ۽ پرهيزگار شخص حضرت نوح عليھ السلام کي پيغمبر مقرر ڪيو. هن پنهنجي قوم کي ڪفر ۽ بُت پرستيءَ کان منع ڪئي ۽ کين واحد سچي خدا جي هستيءَ جي بندگيءَ ۽ حق ۽ سچ واري واٽ تي هلڻ جي دعوت ڏني، پر سندس قوم کيس ٺڪرائي ڇڏيو. اٽلو ساڻس شرارت ۽ سرڪشي ڪرڻ لڳا. وقت جي صاحب حيثيت ماڻهن ۽ سندن ڇاڙ تن هُن جي تذليل ۽ تنقيد ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي. جن مسڪين ماڻهن مٿس ايمان آندو انهن تان پڻ مَسخَريون ۽ ڇٿرون ڪرڻ لڳا. چوڻ لڳا ته تون هنن خصيص ماڻهن کي پاڻ وٽ نه رک کين موٽائي ڇڏ، ته پوءِ اسين تو سان رجوع ڪنداسين.
    قرآن شريف جي سورت هود جي آيت نمبر 27، 28، 29، 30 ۽ 31 جو ترجمو آهي ته: پوءِ قوم جي انهن سردارن، جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي. چيو ته اسان ته تو ۾ سواءِ ان ڳالهه جي ڪجهه ڪو نه ٿا ڏسون ته تون به اسان وانگر هڪ ماڻهو آهين ۽ جيڪي تنهنجي پٺيان لڳا آهن اهي به انهن ماڻهن کانسواءِ ڪجهه نظر نٿا اچن جيڪي ذليل ۽ خوار آهن ۽ بغير سوچڻ سمجهڻ جي تنهنجي پيروي ٿا ڪن ۽ توهان مان ڪنهن کي به اسان کان مٿي ڪو نه ٿا ڏسون. بلڪه توهان کي ڪوڙو ٿا سمجهون. نوح عليھ السلام چيو اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آئون پنهنجي پروردگار طرفان هڪڙي روشن دليل تي هجان ۽ هن مون تي رحمت به بخشي هجي پر اها توهان کي نظر نه اچي ته پوءِ آئون ان جي مڃڻ لاءِ اوهان کي ڪهڙي نموني مجبور ڪري سگهان ٿو. حالانڪه توهان ان کان بيزار آهيو۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! آئون جو ڪجهه ڪريان پيو ان لاءِ دولت جو طلبگار ڪو نه آهيان. منهنجي خدمت جي اجرت الله پاڪ تي آهي ۽ اهو به سمجهي ڇڏيو ته جن ماڻهن ايمان آندو آهي انهن کي پاڻ وٽان تڙي ڪڍڻ وارو ڪو نه آهيان. انهن کي به پنهنجي پروردگار سان ملڻو آهي. پر آئون ڏسان ٿوته هڪڙي جاهل جماعت آهيو. اي منهنجي قوم وارا مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن آئون (ايمان وارن کي) پاڻ وٽان تڙي ڇڏيان ته پوءِ الله پاڪ جي مقابلي ۾ ڪير آهي جيڪو منهنجي مدد ڪندو؟ پوءِ توهان غور ڇو نٿا ڪريو؟ ۽ ڏسو آئون نٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ غيب جو علم ڄاڻان ٿو ۽ مان ڪو فرشتو آهيان، اهو به نٿو چوان ته جن ماڻهن کي توهان نفرت ۽ حقارت سان ڏسو ٿا انهن کي الله ڀلائي ڪو نه ڏيندو. انهن جي دلين ۾ جو ڪجهه آهي اهو الله پاڪ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن آئون توهان جي خواهش مطابق چوان ته بيشڪ ظالمن مان ٿيندس.“
    حضرت نوح عليھ السلام جي انتهائي ڪوششن جي باوجود قوم ڪو نه مڃيو، اٽلو بغض ۽ دشمنيءَ وچان تڪليفون ۽ ايذاء جا ڪئين حربا استعمال ڪيائون. ڪافرن جي سردارن عوام کي تنبيهه ڪئي ته توهان بتن جي پوڄا هر گز نه ڇڏيو، سوره نوح جي شروعاتي ڏهن آيتن جو ترجمو آهي ته:
    ”بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي ڊيڄار، حضرت نوح عليھ السلام چيوته اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان ته الله پاڪ جي عبادت ڪريو ۽ منهنجو چيو مڃيو ته الله توهان جا گناهه معاف ڪري ۽ مقرر وقت تائين توهان کي مهلت ڏي ڇو ته الله پاڪ جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو ته ان کي پٺتي ڪو نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن سمجهو ٿا نوح عليھ السلام چيو اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجي قوم کي ڏينهن ۽ رات پڪاريو پوءِ منهنجي سڏڻ تي هيڪاري ڀڄڻ لڳا ۽ بيشڪ مون جڏهن به سڏيو ته تون انهن کي معاف ڪرين ته انهن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پاڻ تي پنهنجا ڪپڙا ويڙهيائون ۽ ڪفر تي قائم رهيا ۽ تمام گهڻو غرور ڪيائون. وري به بيشڪ کين ڏاڍيان سڏيو، ظاهر ظهور ۽ تمام ڳجهي طرح به انهن کي چيم، پوءِ چيم ته پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو. بيشڪ اهو گهڻو معاف ڪندڙ آهي.“
    سورت هود جي آيت نمبر 32 موجب انهن ڪافرن چيو ”اي نوح عليھ السلام تو اسان سان گهڻو جهڳڙو ڪيو هاڻي جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته اسان تي اهو عذاب آڻ جنهن جو تو واعدو ڪيو هو.“
    آيت نمبر 33 موجب نوح عليھ السلام چيو جيڪڏهن الله چاهيو ته هو ضرور ان عذاب کي به آڻيندو ۽ توهان الله پاڪ کي عاجز ڪندڙ ڪو نه آهيو. سوين سالن جي مسلسل تبليغ جو نوح عليھ السلام جي قوم تي ڪو به اثر ڪو نه ٿيو ته هو ڏاڍو مايوس ۽ پريشان ٿي پيو. انهيءَ تي الله پاڪ کيس ڏڍ ڏيندي سوره هود جي آيت نمبر 36 ۾ فرمايو! ”۽ نوح ڏي وحي موڪليو ويو ته جنهن ايمان آندو آهي، تنهن کان سواءِ تنهنجي قوم مان ٻيو ڪو به ايمان ڪو نه آڻيندو. پوءِ اهي جيڪي پيا ڪن تنهن تي تون غمگين نه ٿي.“ مذڪور صورتحال جي پيش نظر حضرت نوح عليھ السلام ڌڻي تعاليٰ کي عرض ڪيو ته اي منهنجا پاليندڙ! ڪافرن مان ڪو به زمين تي رهندڙ نه ڇڏ. ڇوته جيڪڏهن تون انهن کي ڇڏيندين ته اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار ۽ ڪافر اولاد ڄڻيندا. الله پاڪ سندس دعا قبول ڪندي فرمايو ته اي نوح تون اسان جي حفاظت ۾ اسان جي حڪم موجب ٻيڙي تيار ڪندو رهه ۽ هاڻي مون کي انهن متعلق ڪجهه نه چئو بيشڪ اهي غرق ٿيڻ وارا آهن. جڏهن حضرت نوح عليھ السلام ٻيڙي تيار ڪري ورتي ته الله پاڪ جي وعدي جو وقت به اچي پهتو. حضرت نوح عليھ السلام ڏٺو ته هڪ تنور مان چشمو ڦٽي وهڻ لڳو، عذاب نازل ٿيڻ جي اها پهرين نشاني هئي جيڪا ظاهر ٿي. ان وقت الله پاڪ وحي وسيلي حضرت نوح عليھ السلام کي حڪم ڏنو ته پنهنجي خاندان، مومنن جي جماعت ۽ موجود سمورن ساهه وارن مان هر هڪ جو هڪ جوڙ (نر ۽ مادي) ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪر. نوح عليھ السلام حڪم جي تعميل ڪئي. ان وقت زمين مان ڪيترائي چشما ڦٽي وَهَڻ لڳا ۽ زوردار برسات پڻ شروع ٿي وئي ۽ توريت موجب اها چاليهن ڏينهن تائين برقرار رهي.
    هن عبرتناڪ واقعي جو احوال، تاريخ بابت پنهنجي ڪتاب ”آسمان ڌرتي ۽ انسان“ صفحي 106 تي شروع ٿيندڙ مضمون، ”طوفان نوح جو قصو“ جي عنوان سان مولوي نور محمد سنڌيءَ لکيو آهي ته بابل وارن جي چواڻي نهايت قديم دور ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي شريپڪ نالي هڪڙو نهايت سهڻو شهر آباد هو، پر ان جا رهاڪو ڏاڍا شرير ۽ ظالم هئا. تن ديوتائن کي ڪاوڙائي وڌو. آسماني خدائن يڪراءِ فيصلو ڪيو ته شهر کي رهاڪن سميت برسات ۽ طوفان وسيلي غرقاب ڪيو وڃي، پر شهر جي هڪڙي پياري رهاڪو نالي اوتاني پشتم کي هڪ ديوتا خواب ۾ ٻڌايو ته هي شهر سمورن ساهه وارن سميت تباهه ٿيڻ وارو آهي، تنهنڪري تون هڪڙي ٻيڙي جوڙائي ان ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ هر قسم جي جانورن ۽ پکين جو هڪ هڪ نر ۽ ماديءَ جو جوڙو به سوار ڪري پنهنجي بچاءُ جي ڪوشش ڪر. ماڻهن کي ٻڌائج ته شهر تباهه ٿيڻ وارو آهي. ان ۾ موجود سمورا ساهوارا پڻ فنا ٿيندا. اوتاني پشتم خواب موجب پنهنجو گهر ڊاهي ان ڪاٺ مان هڪ زبردست ٻيڙي ٺهرائي ۽ منجهس پنهنجي خاندان کانسواءِ ساهوارن جا جوڙا پڻ سوار ڪيا پو زور شادورابي نالي ناکئي اڃا سڙهه مس چاڙهيا ته خوفناڪ برسات ۽ طوفان شروع ٿي ويو. جيڪو پورا ڇهه ڏينهن ۽ ست راتيون جاري رهيو. ستين ڏينهن نيٺ برسات ۽ طوفان ختم ٿيو ته نيڪ ماڻهو اوتاني پشتم واري ٻيڙي اچي جبل صغير سان لڳي، اٺين ڏينهن موسم جي خبر لهڻ لاءِ هن هڪ ڳيرو ٻاهر موڪليو پر اهو ٿوري دير کان پوءِ واپس آيو. جنهن جو مطلب ته اڃا زمين ڪا نه سڪي هئي، ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڪانگ جيڪو ڪجهه پرڀرو گپ ۾ وڃي ويٺو ان مان خبر پئي ته زمين خشڪ ٿي آهي پوءِ ماڻهو ٻيڙيءَ مان لٿا، جانورن ۽ پکين کي پڻ ان جبل تي لاٿو ويو. هي قصو بابلي بادشاهه گل گامشن جي داستان ۾ بيان ٿيل آهي. جيڪو لکڻ واري فن جي ايجاد ٿيڻ کان ٻه هزار سال پوءِ اٽڪل ٻه هزار ق.م. ۾ ٺڪر جي تختين تي لکيل مليو آهي.
    مغربي محققن جو چوڻ آهي ته حضرت نوح عليھ السلام برسات شروع ٿيڻ کان ست ڏينهن اڳ تائين ماڻهو ۽ جانور ٻيڙي ۾ سوار ڪو نه ڪيا، ڇو ته ان وقت سندس ڏاڏي متو شالح وفات ڪئي ان جي تدفين ۽ تعزيت لاءِ پڻ اهو وقت مخصوص هو. آمريڪي محققن موجب ٻيڙي صنوبر جي ڪاٺ مان ٺاهيل هئي ان جي ڊيگهه 450 فوٽ، ويڪر 75 فوٽ ۽ ڪڇي جي اوچائي 45 فوٽ هئي، ٻيڙيءَ جو پنهنجو وزن اٽڪل چوڏهن هزار ٽن هوندو. جنهن ۾ ويهه هزار ٽن وزن کڻڻ جي گنجائش هوندي. جيڪا ريل گاڏيءَ جي 522 بوگين جي برابر ٿئي ٿي. اولهه وارن جو چوڻ آهي ته هن ٻيڙيءَ جي تياري ۾ اٽڪل هڪ سو ويهه سال لڳا هوندا. هي برساتي سيلاب وارو طوفان روء زمين تي پنهنجي نوعيت جو واحد طوفان هو، جنهن زمين جي سموري ماحول تي ديرپا اثرات مرتب ڪيا. پاڻي ايتري اوچائي تي پهچي ويو، جو سمورا پهاڙ غرقاب ٿي ويا. ٻيڙي انهن جبلن جي مٿان ترندي رهي.
    قرآن پاڪ موجب هن سيلاب دوران حضرت نوح عليھ السلام پنهنجي نافرمان پٽ ڪنعان يا يام لاءِ دعا گهري الله پاڪ ان ڳالهه تي ناراض ٿي حضرت نوح عليھ السلام کي تنبيهه ڪئي. سوره هود جي آيات نمبر 45، 46، 47 ۽ 48 جي ترجمي موجب: حضرت نوح عليھ السلام پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو ۽ پوءِ چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجو پٽ منهنجي گهروارن مان آهي. بيشڪ تنهنجو واعدو سچو آهي ۽ سڀني حاڪمن کان وڏو آهين. الله پاڪ فرمايو: اي نوح! بيشڪ اهو تنهنجي گهروارن مان ڪو نه آهي. بيشڪ هن جا ڪم ڪُڌا آهن. ان ڪري توکي اهڙو سوال نه ڪرڻ گهرجي. جنهن جي توکي خبر ڪانهي بيشڪ توکي نصيحت ٿو ڪريان ته تون نادانن مان نه بڻج.
    نوح (عليھ السلام) چيو اي منهنجا پالڻهار آئون بغير ڪنهن تردد جي ان باري ۾ جنهنجو مون کي علم ڪونهي توکان پڇڻ کان، توکان پناهه گهران ٿو ۽ جيڪڏهن تون معاف ۽ رحم نه ڪندين ته آئون نقصان پائڻ وارن مان ٿيندس، چيو ويو ته اي نوح: اسان جي طرفان تون ۽ تو سان گڏ جماعت اسان جي سلامتيءَ ۽ برڪتن سان زمين تي لهي وڃو.
    سورة هود آيات نمبر 43 ۽ 44 موجب نوح عليھ السلام جي پٽ چيو ته مان جلدئي ڪنهن جبل جي پناهه ٿو وٺان. جيڪو مون کي غرق ٿيڻ کان بچائي وٺندو، حضرت نوح عليھ السلام اهو ٻڌي فرمايو ته: اڄ خدا جي حڪم سان ڪو به بچڻ وارو نه آهي. فقط اهو ئي بچندو جنهن تي الله جو رحم ٿي وڃي ۽ ان دوران انهن ٻنهي جي وچ ۾ لهر اچي وئي ۽ هو غرق ٿي ويو ۽ پاڻي لٿو. قرآن شريف موجب ڪم پورو ڪيو ويو ۽ ٻيڙي جودي جبل تي بيٺي ۽ چيو ويو ته ظالم قوم تي لعنت هجي.
    توريت ۾ جودي جبل کي اراراط سڏيو ويو آهي، جيڪو حقيقت ۾ هڪ ٻيٽ آهي، جيڪو فرات ۽ دجله ندين جي وچ ۾ حائل آهي. پاڻي جڏهن گهٽ ٿيو ته ٻيڙيءَ جي سوارن رب ڪريم جي مهربانيءَ سان ٻيهر زمين تي قدم رکيا.
    1840ع ۾ اراراط يعني جودي پهاڙ کي ٻرندڙ جبل قرار ڏنو ويو، ڏهن سالن کان پوءِ جبل ڦاٽو ۽ ٿڌو ٿيو ته ماڻهن جو توجهه اوڏانهن ڇڪيو ۽ نوح عليھ السلام واري ٻيڙي پڻ لڌي وئي، جنهن ۾ عذاب الاهي کان نجات حاصل ڪئي وئي. ڪجهه روايات مطابق ٻيڙي لنگر ڪرڻ کان چاليهه ڏينهن پوءِ حضرت نوح عليھ السلام هڪ ڪانگ ۽ ڳيرو ٻاهر موڪليا ته ٻاهرين ماحول جي خبر ڏين. ڪجهه دير کان پوءِ ٻئي واپس آيا، ڇو ته اڃا خشڪي ظاهر ڪا نه ٿي هئي. ستن ڏينهن کان پوءِ وري پکي ٻاهر اماڻيا ويا ته ڳيرو چهنب ۾ زيتون جي ٽاري کڻي موٽي آيو. ان جو مطلب هو ته طوفان ختم ٿيو ۽ عذاب ٽري ويو. اڄڪلهه پڻ امن جي نشانيءَ طور ڳيري جي چهنب ۾ زيتون جي ٽاري ڏيکاري ويندي آهي. اڃا به هڪ هفتو رکي پوءِ سمورا ماڻهو ۽ جانور ڌرتيءَ تي خير سان لهي آيا.
    زمين تي لهي اچڻ کان پوءِ حضرت نوح عليھ السلام هڪ عبادتگاهه ۾ هڪڙي قربانگاهه تعمير ڪرائي، ڪن روايتن موجب پاڻ حضرت آدم عليھ السلام جي اڏيل ڪعبي شريف جي تعمير نو ڪئي، جيڪو سيلاب ۽ طوفان سَبَبِ تباهه ٿي ويو هو. توريت جي شاهديءَ موجب حضرت نوح عليھ السلام ٻني ٻارو اختيار ڪيو. طوفان کان پوءِ 350 سالن تائين ديني تبليغ کان پوءِ نو سئو پنجاهه سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، کيس آدم ثاني پڻ چيو ويندو آهي، ڇو ته سندس نبوت دوران طوفان کان بچي انسان ذات نئون جنم حاصل ڪيو.


    سري رامچندر جو بنواس

    ڪوشيليه ديس جي مهاراجا دسرٿ پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾، اعليٰ اخلاق، جرائت، شجاعت ۽ ڳنڀيرتا جي حامل ۽ لائق پٽ سري رامچندر کي پنهنجو گادي نشين مقرر ڪيو ته سموري رعيت توڙي امير اُمراء خوش ٿيا، پر راجا جي هڪڙي زال .............. سري رامچندر جي ماٽيلي ماءُ ڏاڍي رنج ٿي ۽ وڏيءَ فريب ڪاريءَ سان راجا کان سري رامچندر کي تخت نشين ڪرڻ وارو فيصلو رد ڪرائي پنهنجي سڳي پٽ ............ کي گاديءَ ي ويهارڻ جو فيصلو ورتائين ۽ سري رامچندر کي شهر ڇڏي جهنگل ۾ وڃي رهڻ جو حڪم صادر ڪرايائين. رڄ اشراف ۽ نهايت فرمانبردار پٽ جي حيثيت ۾ پنهنجي پرمتڙئي پيرسن پيءُ جو حڪم اکين تي رکي سري رامچندر بنواس اختيار ڪرڻ خاطر پنهنجي وفادار ۽ دلير ڀاءُ لڇمڻ سان گڏ تياري ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي حسين و جميل وَنِي شري متي سيتا کي هن ڪٺن سفر تي ساڻس گڏ نه هلڻ ۽ شهر ۾ پنهنجي محل ۾ ئي رهڻ لاءِ چيو. هڪڙو ته سندس مڙس کان بادشاهي کسي وئي، ٻيو ته وري کيس شهر بدريءَ جو حڪم ڏنو ويو. انهن صدمن کيس سخت مايوس ڪيو هو. ان اندوهناڪ صورتحال دوران جڏهن سندس پتيءَ سري رامچندر کيس ساڻس گڏ نه هلڻ ۽ پنهنجي گهر ۾ ئي رهي پوڻ لاءِ چيو ته هوءَ وڇوڙي جي احساس ۾ هيڪاري هڄي ۽ فنا ٿي پئي. هوءَ بي اختيار آهه و زاري ڪندي سري رامچندر کي ليلائڻ لڳي ته اي مهان راجا جا لائق فرزند! منهنجي لاءِ تنهنجا لفظ نهايت نامناسب ۽ کلڻهاب ٿا لڳن. اومها پرش! پيءُ ۽ ماءُ، پٽ ۽ نُنهن پنهنجي الڳ الڳ نيمن ۽ اصولن موجب حياتي گذارين ٿا، پر هڪ زال جي خوشيءَ توڙي غم جو دارومدار مڪمل طور تي پتيءَ سان واڳيل آهي. ڇو ته فقط هوءَ يعني زال ئي سندس شريڪ حيات آهي. ان ڪري تنهنجي پيءَجو حڪم تو ساڻ گڏ مون سان پڻ لاڳو ٿئي ٿو ۽ تو سان گڏ آئون پڻ بنواس اختيار ڪنديس ڇو ته هن توڙي ايندڙ ٻين جهانن ۾ زال لاءِ پنهنجو مڙس سڀ ڪجهه هوندو آهي. جيڪڏهن تون جهنگل ڏانهن اڄ ٿو روانو ٿئين ته آئون تنهنجي اڳيان هلندي هلنديس ۽ تنهنجي راهه ۾ حائل ڪنڊا ۽ ڪرڙا هٽائينديس ته جيئن توکي ڪا به تڪليف نه رسي. اي وطن جا سپوت سورما! ڪاوڙ ۽ هٺ ڇڏي بنا ڪنهن خوف جي مون کي پاڻ سان وٺي هل. مون ۾ ڪا به اهڙي خرابي ڪانهي، جنهن سبب آئون تو کان ڌار ٿي توکان سواءِ هتي ئي رهي پوان.
    راجائن کي محلن ۾ رهندي يا آسماني سواريءَ تي جنت جو سير ڪندي جيڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سندس زال طرفان سندس حقيقي سيوا مان حاصل ٿيندڙ خوشي ڪئين دفعا وڌيڪ ۽ اعليٰ هوندي آهي.
    منهنجي محترم والد مونکي پنهنجي فرائض ۽ حياتيءَ جي اغراض و مقاصد بابت سڀ ڪجهه سيکاري ۽ سمجهائي ڇڏيو آهي. ان ڏِس ۾ وڌيڪ ڪا به ضرورت ڪانهي. يقنياً! آئون تو سان گڏجي بنواس اختيار ڪنديس جتي ماڻهو نه پر جهنگ جا جانور ئي رهن ٿا. اي منهنجا ڀتار! تو سان گڏ جهنگل ۾ رهندي به آئون ايتري ئي خوش گذارينديس جيتري خوشي مونکي اباڻي محل ۾ مُيسر هئي. آئون اصل روحاني اصولن موجب سواءِ ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي تو سان گڏ بن ۾ گهمندي تنهنجي سيوا ڪندي رهنديس. اي منهنجي حياتي جا مالڪ! جنهن صورت ۾ تون پنهنجي هيتري ساري رعيت جي حفاظت ۽ سار سنڀال لهي سگهين ٿو ته انهن سمورن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مون اڪيلي عورت جي حفاظت ڇو ڪو نه ڪري سگهندين. منهنجي عزم کي ڪير به مات ڪري نه سگهندو. بيشڪ اڄ آئون تو سان گڏجي بنواسي ٿينديس“. ائين پڪاريندي شري متي سيتا سري رامچندر کي ڀاڪر پائي بي اختيار روئڻ لڳي ۽ زهريلن تيرن سان زخمي ٿيل هاٿڻ وانگر سندس غزالي اکين مان لڙڪ نير جيئن وهڻ لڳا ۽ ڪنول جي پنکڙين تان ترڪندڙ پاڻيءَ وانگر ڏسڻ ۾ پي آيا. شهزاديءَ جو چوڏهين جي چنڊ جهڙو چهرو ڳڻتي ۾ مُرجهائجي ويو. هوءَ پاڻيءَ مان ڪڍي آندل ڪنول جيئن ڪومائجڻ لڳي ۽ بيهوش ٿي وئي.
    تڏهن سري رامچندر کيس پنهنجي ٻکن ۾ کڻي هينئن چوڻ لڳو ته” اي ديوي! جيڪڏهن منهنجي جنت ۾ داخلا سبب توکي ڏک رسندو ته آئون انهيءَ جنت ۾ هرگز داخل ڪو نه ٿيندس. برهما وانگر آئون به مڪمل طور بي ڊپو آهيان ۽ تنهنجو هرطرح سان دفاع ڪري سگهان ٿو. تنهنجي خيال جي پوري خبر نه هئڻ ڪري هن سٽاڻي سفر جي تڪليفن کان بچائڻ خاطر توکي هتي ئي رهڻ لاءِ چيم، پر جڏهن تنهنجو اسرار ڏٺم ته نيڪ خصلت ۽ پنهنجي وقار موجب هاڻي توکي ڇڏي ڪو نه ويندس. اي سهڻي سيتا وڏن جي نِيَمَ موجب ئي تو سان ورتاءُ ڪندس ۽ تون به مون سان سورج ديوتا جي پتنيءَ وانگر گڏ رهج.
    اي جنڪ راجا جي پياري ڌيءَ! آئون پنهنجي مرضيءَ سان بنواسي ڪو نه ٿو ٿيان پر پنهنجي پيرسن پيءُ جو حڪم مڃڻو اٿم. ڇو ته پُٽ تي اهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هو پنهنجي مائٽن جو چيو مڃي. جيڪڏهن پيءُ جو حڪم نه مڃيم ته مور حياتي گذاري نه سگهندس. انسان جي تقدير هڪڙو ڳجهه آهي جنهن تي ڪنهن جو به وس ڪونهي. پر مائٽ ۽ مرشد حيات ۽ اسان جي اڳيان موجود آهن. انهن جو حڪم هر حالت ۾ مڃڻ گهرجي. ايشور، جيڪو خوشحالي، آنند ۽ ڌرم عطا ڪري ٿو. ان جي پوڄا ڪرڻ سان حاصل ٿيندڙ سعادت کان وڌيڪ ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ان پوڄا سان ٻنهي جهانن ۾ حق جي بجا آوري ٿئي ٿي.
    سچ، انسان دوستي، صدقو ۽ گهڻو خير خيرات مان ملندڙ ثواب مائٽن ۽ مرشدن جي حقيقي خدمت مان ملندڙ ثواب کان گهڻو گهڻو گهٽ آهي. جيڪي ماڻهو مائٽن ۽ مرشدن جي سچي سيوا ڪن ٿا. انهن کي علم، دولت، شهرت، عزت توڙي اولاد ۽ جنت پڻ انعام ۾ ملي ٿي. وٽن ڪا به ڳالهه ناممڪن ڪا نه هوندي آهي. اهي برهما ۽ ديوِتائن سان ملاقاتي ٿين ٿا. جتي سرود ۽ نفعي جي محفل جاري آهي هي نِيَم دائمي حق آهي ته پنهنجي مائٽن جو حڪم مڃيو. اهو ئي حق جو عمل آهي. اڳي خبر ڪا نه هُيم، پر هينئر تنهنجو اٽل فيصلو ڏسندي آئون به توکي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ گهران ٿو.
    اهڙي ريت سري رامچندر پنهنجي زال سيتا ۽ ڀاءُ لڇمڻ کي ساڻ ڪري Dandaka forest ڊنڊڪ ٻيلي ڏانهن روانوٿيو ۽ ڪافي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ گوداوري ندي جي ڪناري تي پنهنجو آستان اڏي رهڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هڪڙي ڀوائتي ڏانئڻ سري رامچندر جي سونهن ۽ سوڀيا ڏسي مٿس ڇڪن ٿي پئي پر سري رامچندر کيس ڪو به مثبت جواب ڪو نه ڏنو. اٽلو کيس تڙي ڪڍيائين. ان جُٺ جو بدلو وٺڻ لاءِ ڏانئڻ جي ڀاءُ راوَڻ جيڪو لنڪا جي ديون۽ ڀوتن جو بادشاهه هو. تنهن سري رامچندر کي دوکو ڏيڻ لاءِ هڪڙي جن کي هرڻ جي روپ ۾ سري رامچندر جي آستان ڏانهن موڪليو. سري رامچندر ان کي ڏسي شڪار ڪرڻ چاهيو پر هرڻ پري ڀڄڻ لڳو ته سري رامچندر پنهنجي ڀاءُ سميت هرڻ جي پويان ويو. اهو وجهه وٺي راوڻ اڪيلي سيتا سان ملي کيس اغوا ڪرڻ جي اِرادي سان فقير جي ويس ۾ هڪ هٿ ۾ لٺ ۽ ٻئي ۾ ڪشتو جهليندي اچي شهزادي سيتا جي اڳيان سين هنئي. اهو نماشام جو وقت هو، جڏهن سج لٿي کان پوءِ منهن اونداهي ٿيندي آهي. هن وحشي راڪشش راوڻ کي ان مهل سيتا راڻي سانجهيءَ تاري وانگر ئي روشن ۽ حسين محسوس ٿي. هن ڀيانڪ راڪشش جي وارد ٿيڻ سان سموري ماحول تي سڪتو طاري ٿي ويو. هوا رڪجي وئي، پن لڏڻ بند ٿي ويا ۽ گوداوري درياء جو تيز وهڪرو به ڍرو ٿي ويو. چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي حسين چهري واري سيتا راوڻ کي رشي جي ويس ۾ پاڻ ڏانهن ويجهو ايندي ڏٺو ته بيحد حيران ۽ پريشان ٿي سراپجي وئي ۽ زمين تي پيل نرم پنن تي ويهي زارو قطار روئڻ لڳي.
    راوڻ شري متي سيتا جي سونهن ڏٺي ته کيس ڪام ديوتا جي تير گهائي وڌو. ۽ هن جي سونهن جي ساراهه ڪندي کيس ڀنڀلائڻ لڳو ته اي سوني روپي ورن واري ريشمي ساڙي ۾ ملبوس تازن گلن جي چادرن سان آراسته لَڪشِمي ديوي آهين، يا ڪِرتي ديوي يا ڀُتي يا تون ڪاجل پري ته ڪا نه آهين؟ ايشور توکي ڪيڏي نه بي مثال سونهن عطا ڪئي آهي! پر ڇا توکي ڀولڙن، شينهن، بگهڙن، چراخن، رڇن، خطرناڪ چيتن ۽ ٻين جهنگلي جانورن جي وچ ۾ اڪيلي سر رهندي ڪو ڊپ ڊاءُ نٿو ٿئي؟ ڇا تون هتي هلندڙ مست هاٿين کان به نٿي ڊڄين؟ ٻڌاءِ ته تون ڪيرآهين؟ تنهنجو تعلق ڪنهن سان آهي ۽ خطرناڪ جانورن ۽ جنن ڀوتن سان واسيل هن اٿاهه ٻيلي ۾ تون اڪيلي ڪهڙي مقصد لاءِ رهين پئي؟
    پنهنجي گهڻي تعريف ٻڌي سيتا راڻي برهمڻ نما راوڻ جي جوڳي آڌر ڀاءُ ڪئي ۽ کيس ويهڻ لاءِ چيائين، هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پاڻيءَ جو لوٽو آڻي ڏنائين تنهن کان پوءِ کيس سٺو طعام پيش ڪيائين. ان دوران کيس پنهنجي پتي ۽ ڏير جي اچڻ جي پڻ سخت چنتا ٿي، ڇو ته انهن کي ڪافي دير ٿي وئي هئي ۽ واپس ڪو نه پهتا هئا سيتاراڻي راوڻ کي پنهنجي هتي اچڻ جو قصو ٻڌايو ۽ پنهنجي ور جي گهڻي تعريف ڪيائين. اها ڳالهه راوڻ کي ڪا نه وڻي ۽ سيتا کي ڪاوڙ وچان جواب ڏنائين ته اي سيتا! آئون جنن ڀوتن جو بادشاهه راوڻ آهيان جنهن کان ماڻهو جن توڙي ديو ۽ ديوتا به ڊڄندا آهن. منهنجون ڪئين راڻيون آهن پر تنهنجي سونهن انهن سڀني کان سرس آهي. منهنجو خيال آهي ته تون مون سان گڏجي هل ته اهي سموريون زالون تنهنجي خدمت ڪن ۽ تون منهنجي پٽ راڻي ٿي رهه. لنڪا منهنجو ملڪ آهي جيڪو چوڌاريءَ سمنڊ جي پاڻيءَ سان گهيريل آهي. منهنجو محل لنڪا ۾ جبل جي چوٽيءَ تي اڏيل آهي. هن خطرناڪ ٻيلي مان نڪري مون سان اُتي هلي رهه. جيڪڏهن منهنجي ڳالهه مڃيندين ته پنج هزار نوڪر سدائين تنهنجي خدمت ۾ حاضر هوندا.
    بي داغ ۽ نيڪ سيرت سيتا کي راوڻ جي بيجا ڳالهين تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ کيس نفرت سان وراڻائين ته آئون مڪمل طور پنهنجي پربت وانگر اڏول ۽ بهادر پتي سري رامچندر جي حوالي آهيان جيڪو سمنڊ مثل، خاموش، اندر ديوتا جو همسر، ديوداس، درخت مثل عظيم، قامت ۽ سمورن اعليٰ گڻن سان نوازيل آهي. آئون ان بهادر پرش سان واڳيل آهيان. جنهن جو ڪوڙو ڪشادو، بازو ڀاري ۽ شينهن جهڙو ڦڙت ۽ عظيم ترين انسان آهي. منهنجو مڙس چوڏهين جي چنڊ جهڙو خوصورت صابر، بهادر، هڪ بادشاهه جو فرزند ۽ اعليٰ شخصيت جو مالڪ آهي. آئون ان سان ئي وفادار رهنديس. اڙي گدڙ! تون شينهڻ هٿ ڪرڻ جي سڌ ٿو ڪرين، پر تون ته سج جو ڪو ڪرڻو به پڪڙي نٿو سگهين. اڙي نڀاڳا! تون راگهوءَ جي پتنيءَ کي اغوا ڪرڻ ٿو گهرين. ڄڻ ته سونا وڻ ڏسي ڀنڀلجي پيو آهين ۽ بکايل شينهن وانگر ڏند پيو ڏيکارين ۽ نانگ وانگر زهر پيو اوڳاڇين. تنهنجي خواهش جبل تريءَ تي کڻڻ، زهر پيئندي سڪون حاصل ڪرڻ، اکين ۾ سُيون هڻڻ ۽ زبان سان تکي ڪاتي ڇٽڻ وانگر صفا احمقانه آهي.
    مونکي اغوا ڪرڻ تنهنجي لاءِ ڳچيءَ ۾ پٿر ٻڌي سمنڊ پار ڪرڻ، سج، ۽ چنڊ هٿ ۾ جهلڻ، جبل جيڏي باهه پنهنجي پاند ۾ پائڻ ۽ ڪوڪن ڪلن جي تخت تي هلڻ جي برابر ٿيندو.
    سري رامچندر جي شخصيت ۽ تو ۾ شينهن ۽ گدڙ، سمنڊ ۽ نالي، سون ۽ لوهه، شاهين ۽ ڪانگ، مور ۽ بدڪ، هنج ۽ ڳجهه ، هاٿي ۽ ٻليءَ، امرت ۽ رَٻُ ۽ سندل ۽ مٽي جيترو فرق آهي. تون مون کي کڻي ويندين، پر جڏهن منهنجي ماهر ڪمان گر ۽ اندر ديوتا جي همسر ۽ مهان مڙس کي معلوم ٿيو ته جيئن مکڻ ۾ ڪِريل مک مکڻ کائي نه سگهندي آهي، تيئن تون به مون کي مات ڪري نه سگهندين. راوڻ کي ائين چوڻ بعد هوءَ خوف وچان ڏڪڻ لڳي.
    اها حالت ڏسي راوڻ سيتا کي وڌيڪ ڊيڄارڻ لاءِ پنهنجي نالي ناموس، شهرت، هيبت ۽ طاقت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي بڇڙي ۽ هيبتناڪ صورت بنائي چيائين ته اي عورت شايد تو کان عقل ڇڏائي ويو آهي، تو منهنجا ڪارنامه ڪو نه ٻُڌا آهن ڇا؟ آئون خلا ۾ بيهندي ڌرتيءَ کي به کڻي سگهان ٿو. سمنڊ جو سمورو پاڻي پي ۽ موت کي به ماري سگهان ٿو. آئون پنهنجي شافٽ (عصا) سج ۾ کوڙي سگهان ٿو. ائين چوندي هن نهايت ڀوائتي ۽ بڇڙي شڪل اختيار ڪئي. سندس اکيون برجنسي ٽانڊا ٿي پيون. هو ڏهن سِسِين ۽ ويهن ٻانهن وارو ڀوائتو ديو ٿي سيتا کي ڪاوڙ مان گهورڻ لڳو. رت ٻڏل ڪپڙا اوڍيل راوڻ سيتا کي چوڻ لڳو ته اي حسينه! جيڪڏهن تون اهو ور هٿ ڪرڻ ٿي چاهين جيڪو ٽنهي جهانن ۾ مقبول ۽ مشرف آهي ته تون منهنجي اڳيان آڻ مڃ، آئون ئي تنهنجو مناسب مڙس ٿي سگهان ٿو. تنهنڪري تون هلي منهنجي خدمت ڪر. آئون توکي ڪو به ڏک ڪو نه ڏيندس پر وڏي عزت بخشيندس، تون پنهنجو سمورو وجود ۽ هستي مونکي ارپي ڇڏ. جنهن ماڻهوءَ کان راڄ ڀاڳ کسي کيس جلاوطن ڪري ڇڏيائون، جيڪو جهنگ جي جانورن سان گڏ رهندي پنهنجي حياتيءَ جا فقط ڏينهن پيو ڳڻي تنهن سان تنهنجو ڪهڙو ناتو ٿي سگهي ٿو. ائين چوندي راوڻ سيتا تي ائين ڇانئجي ويو، جيئن عطارد سانجهي تاري تي! هن کاٻي هٿ سان سيتا کي وارن ۾ جهليو ۽ ساڄي هٿ سان سٿرون سوگهيون ڪيون. ان سَمي راوڻ جي ڀوائتي ۽ مڇريل صورت ڏسي سمورا جهنگ جا جانور خوف وچان اتان ڀڄي ويا ۽ سون جي ٺهيل گاڏي اچي بيٺي جنهن ۾ خچر جوٽيل هئا. سيتا کي ٻکن ۾ ڪري راوڻ گاڏي ۾سوار ٿي لنڪا روانو ٿي ويو.
    پويان سري رامچندر شڪار تان موٽي اچي ڏسي ته سيتا موجود ڪانهي، ان ڳالهه کيس سخت حيران ۽ پريشان ڪري وڌو ۽ سندس سُک ڦٽي پيو. پنهنجي ڀاءُ لڇمڻ کي ساڻ ڪري ان جي ڳولها ۾ جنبي ويو. جهنگل توڙي جبل ۾ ڳولها رکيائين. نيٺ هڪڙي هنومان نالي همٿ ڀرئي سريال ڀولڙي سامونڊي کاري ٽِپي لنڪا جي ملڪ ۾ داخل ٿي راوڻ جي محل ۾ وڃي سيتا کي ڏٺو. شري متي سيتا هنومان صاحب کي ڏسي خوش ٿي ۽ پنهنجي آزاديءَ لاءِ سري رامچندر کي چوائي موڪليائين. اها حقيقت معلوم ڪري سري رامچندر انهي کاريءَ تي پل ٻڌائي ڀولڙن جو وڏو لشڪر وٺي لنڪا ۾ داخل ٿيو ۽ شهر جو گهيرو ڪيائين. راوڻ جي جنن ۽ ڀوتن وڃي، اها حقيقت ساڻس ڪئي ته هو سخت ڪاوڙيو ۽ ماڙيءَ چڙهي جانچ ڪيائين ته واقع شهر چوڌاري دشمن فوج جي گهيري ۾ آهي. جيڪا مقابلي لاءِ تيار آهي. ڀولڙن جي هن تمام وڏي تعداد کي ڏسي راوڻ گهٻرائجي ويو ۽ چيائين ته هنن ٽپندڙ جانورن کي ڪيئن ٿو مات ڪري سگهجي. ائين چوندي هن سري رامچندر ۽ هن باندر نما فوج تي نظر وڌو. ان دوران سري رامچندر گهيرو سوڙهو ڪندو.محل ڏانهن وڌندو رهيو، جيڪو چوطرفان هيبتناڪ جنن ۽ ڀوتن جي مڪمل چوڪيءَ ۾ هو. شهر کي سينگاريل ڏسي سيتا کي ياد ڪري سري رامچندر کي هڪ وار شديد پيڙا محسوس ٿي. هن ڀانيو ته غزالي چشم واري شهزادي Janaka بادشاه جي سڪيلڌي ڌيءَ منهنجي ڪري هن مصيبت جو شڪار ٿي. ڳڻتين ۾ ڳري قنگهه ٿي وئي هوندي ۽ سيڄ جي بدران ٺلهي پٽ تي پيئي هوندي. اهي پور پچائيندي سري رامچندر پنهنجي فوج کي حڪم ڪيو ته دشمن تي سخت حملو ڪري کيس مڪمل طورتباهه ڪيو وڃي.
    سري رامچندر جو اهو حڪم ٻڌڻ سان ڀولڙن جي فوج اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ته اچو ته سروٽن، پٿرن، لتن ۽ مڪن سان هي شهر ڊاهي پٽ ڪريون نعرا هڻندي اهي جُدا جُدا ٽولين ۾ ورهائجندا ۽ وڌندا ۽ مذڪوره شين وسيلي ڀڃ ڊاهه ڪندا ويا ۽ ٿوريءَ دير ۾ ڪيترا ڪوٽ ۽ قلعا، جهان پناهون ۽ مورچا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون ۽ محل ماڙين جي چوڌاري بچاء لاءِ پاڻي سان ڀريل کاهيون، واري، سروٽن، پٿرن ۽ وڻن ٽڻن جي ڪاٺ سان ڀري ڇڏيائون، جيئن ته محلات آساني سان پهچي ان تي قبضو ڪري سگهجي. هيءَ لقاء ڏسي راوڻ پنهنجي ڀوتن واري فوج کي گهيرو ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي رواڻ جي فوج نغارا، دهل شرنايون وڄائي ايترو ته هل هنگامون، ڪيو جو زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو. آ سيب نما فوجي ڪنهن وقت وڄ وارا ڪڪر ته ڪنهن مهل ڪونجن جي قطارن وانگر پي ڏٺا. اهڙي طرح اڳيان پئي وڌيا. جهڙوڪ سمنڊ اٿلي پيو هجي. اها صورتحال ڏسي ڀولڙن واري فوج پڻ نعري بازي ڪري آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيو ۽ سمورو وايو منڊل ٻنهي لشڪرن جي گوڙ هاٿين جي رڙين، گهوڙن جي هڻڪارن، جنگي رٿن جي ڦيٿن جي چيچاٽ ۽ديون جي گوڙ سبب نهايت هيبتناڪ ٿي پيو. ٿوري ئي دير ۾ ڀولڙن ۽ ڀوتن جي وچ ۾ اهڙي طرح خطرناڪ جنگ شروع ٿي جهڙي طرح آڳاٽي سمي ديوتائن ۽ راڪِشَشَنِ جي وچ ۾ لڙايون ٿينديون هيون. راوڻ جي جنن واري لشڪر، نيزن، ڀالن ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪيو ۽ سندن مخالف ڌر وارن apes يعني خطرناڪ باندرن يعني وڏن ڀولڙن راڪششن تي پٿرن نُنهن ۽ ڏندن سان چڪ پائيندي حملو ڪيو ۽ ڀولڙن پنهنجي اڳواڻ جي نالي ”بجرنگ بليءَ جي جئي“ وارو نعرو لڳايو ان جي جواب ۾ راوڻ جي لشڪر پنهنجي بادشاهه جي فتح جو نعرو هنيو اهڙي ريت گهمسان جي جنگ رهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا جانٺا جوان وڏي تعداد ۾ مارجي ويا هئا اهو حال ڏسي راوڻ پنهنجي گاڏي هلائيندي مخاطب ٿيندي وهشتناڪ صورت اختيار ڪندي چيو ته منهنجي ملڪ تي منهنجي وفادار جانبازن کي ماريندڙ رام ۽ سندس ڀاءُ لڇمڻ کي ماري ملڪ تان آزار ختم ڪندس. آئون رام کي ماري ٽڪر ڪندس جيڪو وڻ مثل آهي. سندس گل ۽ ميوو سيتا آهي ۽ پن ۽ ٽاريون سندس سپهه سالار سگريو ۽ ٻيا سپاهي آهن. ائين چوندو راوڻ پراسرار طاقت طور تمام وڏيون ڍاڍيون ڪندو سري رام تي حملا آور ٿيو. ته ڌرتي پڻ لرزي وئي ۽ حاضر سمورا جهنگلي جانور خوف ۾ هڄي ويا. راوڻ جادوءَ سان تيار ڪيل ميرانجهڙو خوفناڪ هٿيار هلائي ڀرپاسي موجود ڪئين ڀولڙا ماري وڌا ۽ باقي زنده هيڏانهن هوڏانهن ٿڙڻ ۽ لڪڻ لڳا. اها صورتحال ڏسي سري رام چندر خود راوڻ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. راوڻ ڀولڙن جي فو ج کي ماريندو اڳتي اچي ڏسي ته سري رام چندر پنهنجي ڀاءُ لڇمڻ سان گڏ اهڙيءَ اڏول هستيءَ وانگر مقابلي لاءِ منتظر آهي، جيئن وشنو ديوتا سان گڏ اِندر ديوتا گڏ هو. راوڻ کي سري رام آسمان جيترو اوچو ۽ وڏو ڏسڻ ۾ آيو ۽ کيس پاٽيا پيا ته هي شايد پنهنجي دشمن تي فتح حاصل ڪري ويندو. سري رام راوڻ کي ڏسي پنهنجي شاهي ڪمان تاڻي جيڪا اهڙي ته زبردست ۽ عاليشان هئي جنهن جو تير ڌرتيءَ کي به چيري ڇڏيندو هو.ائين هنن ٻنهي جوڌن جي ويڙهه چالو ٿي وئي جيئن اِندر ديوتا ۽ وِرتر راڪشش جي وچ ۾ ويڙهه ٿي هئي. هي ٻئي وڏا جنگجو، تجربيگار ۽ ماهر فوجي هئا. جيئن طوفان ۾ ٻه سمنڊ ٽڪر جي گهمسان پيدا ڪندا آهن. هنن پڻ جنگ ۾ اهڙو گهمسان پيدا ڪري وڌو.
    راوڻ فولادي تيرن سان سري رام چندر جي نراڙ تي نشان ٻڌو پر سري رام چندر تي انهن جو ڪو اثر ڪو نه ٿيو ۽ هو ميدان ۾ اڏول ٿي بيٺو رهيو. اهي تير سري رام چندر کي ڪنول جي گلن جي هار وانگر گلي ۾پئجي ويا. سري رام چندر جواب ۾ ڪمان سان راوڻ تي ڪجهه تير اڇلايا پر کيس ڪو زخم ڪو نه رسيو ۽ اهو شاهي ڪڪر وانگر بيٺو هو. تنهن تي سري رام چندر وڌيڪ زهري تيرن سان راوڻ تي ٻيو حملو ڪيو، پر هن پنهنجي جادوءَ جي زور تي انهن کي به ناڪاره ڪري ڇڏيو ۽ غصي ۾ اچي جادوءَ وارن اهڙن تيرن سان سري رام چندر تي حملو ڪيو جن جون نوڪون مختلف جانورن جهڙوڪ شينهن، چيتن، گدڙن، بگهڙن، سوئرن، گڏهن، ڳجُهن ۽ خطرناڪ آبي جانورن جي سِسين جهڙيون هيون، سري رام چندر انهن جادوءِ وارن هٿيارن کي تباهه ڪرڻ لاءِ انهن کان به وڌيڪ طاقتور هٿيار جن ۾ سج، تارن ۽ ٻين گرهن جيتري طاقت ۽ آگ هئي، سان حملو ڪيو ته راوڻ جا سمورا حيواني صورتن وارا تير فضا ۾ تباهه ۽ برباد ٿي ويا، اهو لقاء ڏسي سُگرئي جي اڳواڻي ۾ سمورا بهادر ۽ جادوگر ڀولڙا سري رام چندر جي چوڌاريءَ گهيرو ڪري اچي بيٺا ۽ سندس حق ۾ فتح جا نعرا هڻڻ لڳا، پر جنگ اڃا ختم ڪانه ٿي هئي ۽ نهايت خطرناڪ صورت اختيار ڪري وئي، ڀولڙن توڙي راڪششن واريون ٻئي فوجون هر قسم جي هٿيارن سان ليس پنهنجي ٻنهي اڳواڻن يعني سري رام چندر ۽ راوڻ تي نظرون کپائي خاموش ٿي بيهي رهيون، جيڪي هنن فوجن جي وچ ۾ سمورن هٿيارن سان ليس مقابلي لاءِ موجود هئا ۽ اک ڇنڀ ۾ وڏي بهادري ۽ ڏاهپ سان ويڙهه ۾ چالو ٿي ويا، سري رام چندر چيو ته آئون فتح حاصل ڪندس! راوڻ کي پاٽا پيا ته آئون پڪ مرندس! ٻنهي جوڌن جهيڙي ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي ۽ پوري طاقت سان وڙهيا ۽ تيرن ۽ ٻين هٿيارن کي ايتري ڪثرت سان استعمال ڪيائون جو سمورو آسمان انهن هٿيارن سان ڍڪجي ويو.
    سري رام چندر ۽ راوڻ ٻنهي هڪ ٻئي جي جنگي گهوڙن کي وڏي تعداد ۾ تيرن سان ماري ڇڏيو، اهڙي طرح جنگ چوٽ چڙهي وئي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي سردارن جان جي بازي لڳائي ڇڏي، راوڻ پنهنجي هار محسوس ڪندي ڪاوڙ ۾ غرق ٿي ويو.

    جنگي سردارن جون گاڏيون هلائيندڙ جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي ڪاريگريءَ سان چڪر ڏيندا رهيا ۽ هي ٻئي جوڌا هڪ ٻئي تي ايتري گهڻي تعداد ۾ تير اڇلائڻ لڳا، ڄڻ ته ڪڪرن مان برسات ٿي پوي.
    آخرڪار سندن گاڏيون اچي هڪٻئي کي ويجهيون ٿيون. تڏهن سري رامچندر راوڻ جي گاڏيءَ وارن چئن گهوڙن تي تير وسايا ۽ راوڻ وري مٿس تيرن سان حملوڪيو پر سري رام چندر اهي گسائي ويو ۽ ڏاڍي ڦڙتيءَ سان هڪڙو زهريلو تير راوڻ کي هنيائين جو ان جي هڪڙي سِسي ڪَپجِي پٽ تي ڪري پئي ته هن فلڪ ڪري سندس ٻي سِسي به ڪپي ٻه اڌ ڪري وڌي ته اوچتو هن جي ٽئين سِسي ظاهر ٿي ان کي به سري رامچندر ڌڙ کان ڌار ڪيو ته ان کان پوءِ راوڻ جون سئو کن ٻيون به سِسيون پيدا ٿينديون رهيون جيڪي هن ڪپيون، پر هو يعني راوڻ زمين تي ڪو نه ڪريو ۽ اڀو بيٺو رهيو.
    انهيءَ وقت اِندر ديوتا جي گاڏي هلائڻ واري شخص سري رامچندر کي ٻڌايو ته سائين توهان پنهنجي اصل طاقت جو مظاهرو ڇو نٿا ڪريو؟ هن کي برهما ديوتا وارو هٿيار هڻو ته هي پورو ٿي وڃي ڇو ته هن جا ڏينهن پورا ٿي ويا. ديوتا انهيءَ جي پيشنگوئي ڪري ويا آهن.
    سري رام چندر کي جيڪو هٿيار اگسٿ رِشيءَ ٻيلي واري آستان تي اچي سوکڙيءَ طور ڏنو هو. اهو اصل ۾ برهما ديوتا، اِندر ديوتا کي ٽنهي جهانن کي فتح ڪرڻ واسطي ڪامياب هٿيار طور عطا ڪيو هو. اهو هٿيار سائيز ۾ بربت جيڏو وڏو هو. ان جي نوڪ سج جهڙي ساڙيندڙ باهه واري هئي. ان هٿيار ۾ سمورا ڪيميائي مادا شامل هئا. ۽ ان هٿيار جو نشان ڪنهن صورت ۾ خطا نه ٿيندو هو. اهو هر جانور جهڙوڪ گهوڙي، هاٿي توڙي ٽڪريءَ کي به چيري ڦاڙي ڇڏيندو هو. ماڻهو ته ان جي اڳيان خصيص چيز هو.
    سري رام چندر جڏهن هيءَ هٿيار پنهنجي ڪمان ۾ لڳايو ته سمورا ساهه وارا خوف ۾ هڄي ويا پر ڌرتي لرزڻ لڳي. سري رام چندر پنهنجي پوري طاقت سان ڇوڙيو ته اهو کنوڻ واري تيزيءَ سان راوڻ جي ڇاتيءَ ۾ کپي ويو ۽ رت سان ڀرجي ويو، جڏهن رت وهڻ سان راوڻ مري ويو ته پوءِ اهو هٿيار واپس پنهنجي ئي تير ڪش ۾ اچي بند ٿيو.
    راڪششن يعني راوڻ جي فوجين جڏهن کيس مئل حالت ۾ پٽ تي پيل ڏٺو ته مُنهن ڪري وٺي ڀڳا ۽ هر طرف کان ڀولڙا به سندن ڪڍ لڳا ۽ کين ڀڄائي ڇڏيائون.
    جنن ڀوتن ۽ ديون جي اڳواڻ راوڻ کي ماري سِري رام چندر پنهنجي خاندان جي عزت برقرار رکي. سُگرئي، انگد ۽ بيشن جي مراد پوري ڪئي ۽ ظالم دشمن تي فتح حاصل ڪئي ۽ پنهنجي راڄ ۾ سرخرو ٿيو. امن قائم ٿيو، هوا صاف ٿي چڱيءَ پر گهُلڻ لڳي، اخلاقي قدر بحال ٿيا ۽ وقت جو ستارو عروج تي رسيو.
    پوءِ سري رام چندر سيتا کي گهرايو ۽ جڏهن هوءَ سندس ڀرسان نماڻي ۽ اٻاڻڪي ٿي اچي بيٺي تڏهن انهيءَ سان مخاطب ٿيندي پنهنجي دل واري ڳالهه ظاهر ڪندي سري رام چندر چيو ته اي مان واري شهزادي! مون پنهنجي دشمن کي ميدان جنگ ۾ مات ڪري توکي وري حاصل ڪري ورتو آهي. صبر ۽ ڌيرج ۾ جيترو به ڪم ٿي سگهيو اوترو مڪمل ڪيو اٿم، ڪاوڙ لهي وئي اٿم، ڇو ته منهنجي عزت تي هٿ کڻندڙ کي ماري مات ڪري ختم ڪري ڇڏيو اٿم. اڄ منهنجي خوبي ظاهر ٿي آهي. جدوجهد ڪامياب ٿي آهي. وچن پورو ڪيو اٿم، هاڻي آئون آزاد آهيان. تقدير جي فيصلي موجب ظالم راوڻ هٿان تنهنجو اغوا ٿيڻ ۽ مون کان تنهنجي وڇوڙي کي هاڻي درگذر ڪري ڇڏيو اٿم.
    جيڪي ماڻهو ٻڏتر جو شڪار هئڻ ڪري پر عزم ٿي پنهنجي عزت تي حملو ڪندڙن کان جوڳو بدلو نٿا وٺن. تن وٽ هيتري گهڻي قوت ۽ ثروت ڪهڙي ڪم جي! سري رام چندر کي ماڻهن جي چوٻول سبب پريشان ۽ هن طرح ڳالهائيندو ڏسي سيتا به ڏک ۾ ڏري پئي ۽ سندس غزالي اکين مان لڙڪن جون لارون چالو ٿي ويون. پوءِ ڀولڙن ۽ راڪششن جي موجودگيءَ ۾ ويڙهيل ڪارن وارن ۽ ڪنول جي پنکڙين جيڏين وڏين اکين واري سيتا کي مخاطب ٿيندي سري رام چندر چيو ته هڪ انسان جي حيثيت ۾ پنهنجي وس آهر جيڪو ممڪن هوندو آهي. ائين ڪندي منهنجي عزت جو ڀرم رکيو اٿم. جيئن پهچ کان پري ڏاکڻو ملڪ اگسٿ بزرگ جي دعا سان وري کٽيو آهي. تيئن توکي پڻ حاصل ڪيو ويو آهي، ان تي توکي خوش ٿيڻ گهرجي ۽ هي پڻ معلوم هجي ته پنهنجي دوستن ۽ ساٿين جي مدد سان ڪامياب ٿيل جنگي مهم خير سان پوري ٿي، اها فقط تنهنجي ڪري جوٽي ڪا نه هئي ان جا ٻيا به اهم سبب هئا منهنجي ذاتي بيعزتي ۽ منهنجي خاندان تي بيحرمتيءَ جي لڳل داغ سبب خبردار هوس تنهنڪري دشمن سان جنگ ڪرڻ ۽ بدلو وٺڻ اڻٽر هو.
    مون کي تنهنجي پاڪدامنيءَ ۽ ورتاء بابت شڪ ۽بي اعتباري ٿي پئي آهي. تنهنجو منهنجي اڳيان حاضر رهڻ سان مونکي ايتري تڪليف ٿي آهي. جيتري تڪليف اکين ڏکندڙ ماڻهو کي بتي اڳيان رکڻ سان ٿيندي آهي. تنهنڪري آئون توکي موڪل ٿو ڏيان ته تنهنجي اڳيان ڏهه ئي ڏِسون موجود آهن تون جيڏانهن به چاهين وڃي سگهين ٿي. منهنجو توسان هاڻي ڪو به تعلق نه رهندو، ڇو ته جيڪا عورت ڪنهن غير جي حرم ۾ رهي هجي، تنهن کي ڪو عزت وارو ماڻهو پاڻ وٽ وري ڪيئن رهائڻ قبول ڪندو. تون راوڻ جي هنج ۾ رهي چُڪئين، تنهن کي، آئون جيڪو عظيم خاندان جو فرد آهيان. ڪهڙيءَ پَرِ گناهن کان پاڪ بنائي پاڻ وٽ رهايان. راوڻ کان توکي موٽائڻ وارو مقصد مون پورو ڪيو. باقي هاڻي تو سان واسطو نه رهندو. تون جيڏانهن وڻئي هلي وڃ. تون پنهنجي مرضيءَ سان منهنجي ڀائرن لڇمڻ، ڀرت، شتروگهن يا سُگرئي يا بيشن يا راڪشش مان جنهن ڏانهن به وڃڻ چاهين هلي وڃ.
    يقيناً راوڻ تنهنجو بي مثل قدرتي حسن ڏسي توکي اغوا ڪيو ۽ پنهنجي محل ۾ رهايو ته پوءِ تنهنجي عزت جوڀرم به ڪونه رکيائين. سيتا، جنهن سان اڳي هميشه پيار ۽ خوشيءَ سان ڳالهايو ويندو هو ۽ سندس تمام گهڻي تعظيم ڪئي ويندي هئي. تنهن سان جو سندس ڀائيندڙ ۽بيحد پيار ڪندڙ وَرَ هيڏي مجموعي سامهون وڏي تعدي ڪئي ۽ تياڳ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. تنهن ڳالهه کيس نهايت گهائي وڌو هو ۽ بي اختيار روئڻ لڳي ۽ ڏڪڻي وٺي ويس. سندس پتيءَ جي لفظن تيرن مثل سندس دل گهائي وڌي ۽ هوءَ شرم ۾ ٻڏي وئي.
    خوف ۾ ڏڪندي ڪنبدي سري رام چندر سان مخاطب ٿيندي چيائين ته اي سورهيه پرش! تون مونکي عام ماڻهن وانگر خصيص عورت کي چئجندڙ ناروا لفظ ڇوٿو ڳالهائين؟ اي جوڌا آئون ساک سان چوان ٿي ته هر طرح ستي جتي ۽ تنهنجي عزت جي لائق آهيان. افسوس! جو ٻين عورتن جوڪردار ڏسي مون کي به انهن وانگر سمجهي مون تي اعتبار نٿو آڻين. منهنجي قسمت ۾ ائين هو سو ٿيو. باقي تون مون کي سڃاڻين ٿو ته آئون ڪا خوشيءَ سان هن ظالم سان ڪا نه آئي هيس. بت منهنجو واقع بند ۾ هو، پر دل ۽ دماغ ۾ تنهنجي وفا ۽ پيار هو. هڪڙي قيدياڻي جي حيثيت ۾ آئون وڌيڪ ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهيس.
    تو سان گڏ رهندي مون تو سان جنهن پر پيار ڪيو، پاڻ وٽ ان جوپڪو ثبوت هوندي به اڄ تون مونکي نٿو سُڃاڻين. تنهنجي ان ناروا رَوَش مونکي ناقابل تلافي ڏک رسايو آهي. تو جڏهن پنهنجو جنگي جوڌو هنومان صاحب خبر چار وٺڻ لاءِ لنڪا موڪليو هو. تو تڏهن مون کي قبولڻ کان انڪار ڇو ڪو نه ڪيو ۽ ائين چوائي ڇو نه موڪليو. جيڪڏهن تون انجي هٿان مونکي ڇڏي ڏيڻ جو نياپو پهچائين ها ته آئون جيڪر انهيءَ وقت ئي ان جي اڳيان پاڻ کي ماري ڇڏيان ها ۽ توکي هيڏي ساري جنگي مهم هلائڻي نه پوي ها ۽ نه وري تنهنجي هزارين سپاهين ۽ دوستن جي زندگين جو نقصان ٿئي ها. اي شينهن مڙس! طيش ۾ اچي هڪ عورت جي خلاف غلط فيصلو ڪري تو هڪڙي خصيص ماڻهوءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي. سمورن ماڻهن سان گڏ تون مون کي سُڃاڻين ٿو ته آئون پڻ Janaka خاندان جي عظيم نالي سان سڏجان ٿي ۽ ڌرتي ماتا جي ڄائي آهيان. تنهن هوندي به تو منهنجي عزت ۽ عصمت جو ڪو به قدر ڪو نه ڪيو. پنهنجو ننڍپڻ ۾ ئي هڪٻئي جو ٿي وڃڻ. منهنجو تو سان محبت وارو سڀاء ۽ قرب تو پنهنجي انا جي نذر ڪري ڇڏيو.
    سيتا، رام چندر کي چوندي ۽ روئندي رهي. نيٺ سندس حيران ۽ پريشان ڏير لڇمڻ کي چيائين ته مون سان ٿيل ستم ظريقي جو هاڻي فقط هڪڙو ئي علاج آهي ته توهان باهه جو وڏو آڙاهه ٻاريو ته آئون هن مجموعي اڳيان پاڻ کي ساڙي ماري ڇڏيان. ڇوته تنهنجي ڀاءُ جي هنن ميهڻن ۽ طعنن مون کي هونئن به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري آئون اهي تهمتون برداشت ڪري جيئري رهي نٿي سگهان.
    شري متي سيتا جا اهي لفظ ٻڌي في الحال ته لڇمڻ خوف ۾ هڄي ويو پر پاڻ سنڀالي پنهنجي ڀاءُ سري رام چندر ڏانهن سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳو ته جيئن سندس ان رٿ جي تعميل ڪندي آڙاهه تيار ڪرايو وڃي. اگني تيار ٿيڻ دوران سري رام چندر ڪاوڙ ۾ ايترو ته غضبناڪ ٿي بيٺو هو جو سندس لشڪر ۽ دوستن يارن مان ڪنهن به شخص کي ساڻس ڳالهائڻ جي جرائت ڪا نه ٿي سگهي. ايتري قدر جو منجهس نهارڻ جي به ڪنهن ۾ همٿ ڪا نه هئي.
    جڏهن آڙاهه تيار ٿي ڌڳڻ لڳو تڏهن شري متي سيتا حيران ۽ سرگردان سري رام چندر جي چوڌاري ڦيرا ڏيندي برهمڻ ۽ ديوتائن جي پرارٿنا ڪندي، ٻئي هٿ جوڙي اچي مچ وٽ بيٺي ۽ چوڻ لڳي ته اي سمورن ساهه وارن تي شاهد رهڻ وارا اگني ديوتا جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ سري رام چندر لاءِ ڪڏهن به بي وفائي جو خيال پيدا ڪو نه ٿيو آهي. پر هو مون کي هاڻي داغدار ۽ عيبدار سمجهي ٿو. جڏهن ته آئون بلڪل سَتي جتي آهيان. تنهنڪري اي جهانن کي ڄاڻندڙ اگني ديوتا منهنجو ڀرم رکندي منهنجي مڪمل حفاظت ڪج ڇو ته آئون هاڻي فقط تو ۾ ئي اميد رکي پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪريان ٿي. اهي لفظ چوندي آڙاهه کي ڦيرا ڏيندي سيتا پاڻ کي اوچتو مڇ ۾ اڇلائي وڌو. سيتا جو مچ ۾ گهڙڻ وارو دکدائڪ نظارو سمورن حاضرين ڏٺو. جنهن ۾ ٻار توڙي ٻڍا پڻ شامل هئا ۽ ائين ٿي ڀانئيو ڄڻ ته سيتا سون مثل باهه جي ڪوٺاري ۾ڪندن ٿيڻ لاءِ پاڻ کي اگنيءَ ۾ اڇلائي وڌو. ڏسڻ وارن ڏٺو ۽ انهن کانسواءِ برهمڻ رشين ۽ ديوتائن پڻ ڏٺو ته هن غزالي چشم خوش قسمت عورت اگني ديوتا کي پنهنجي جان جو نذرانو ڀليءَ ڀت پيش ڪيو.
    تڏهن اگني ديوتا Paraka سري رام چندر سان مخاطب ٿيندي چيو ته اي رام چندر هي سيتا راڻي هر عيب کان پاڪ آهي ۽ ڳالهه، سونهن توڙي نظر جي لحاظ کان ڪنهن به طرح هيءَ تنهنجي خوبين جي برابر آهي، هي پنهنجي مرضيءَ سان نه پر اڪيلي هئڻ جي صورت ۾ راوڻ هن کي زوريءَ اغوا ڪري ويو هو. جنهن کي پنهنجي جادوئي طاقت جو غرور هو. شهزادي جنهن وقت راوڻ جي محل ۾ ڏائڻين ۽ جنڙين جي پهري هيٺ نظر بند هئي. تڏهن به دل ۾ تنهنجي نام جو ورد پئي ڪيائين ۽ تنهنجي آسري تي رهي هئي. انهن بڇڙين عورتن کيس عيش عشرت جون ڪيتريون ئي لالچون ڏنيون ۽ انڪار ڪرڻ جي صورت ۾ کيس اذيتون ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏنائون، پر راوڻ جو ڪو به خيال دل ۾ نه آندائين ۽ هر وقت تنهنجي ئي خيالن ۾ محو رهندي هئي. هيءَ مڪمل طور تي پاڪ ۽ صاف ۽ ستي جتي آهي. منهنجو توکي حڪم آهي ته سيتا کي پاڻ سان رهائي ۽ ڪنهن به قسم جو طعنو ۽ تنقيد نه ڪئي وڃي.
    اگني ديوتا جي هنن لفظن سري رام چندر جي دل خوشيءَ سان ٽمٽار ڪري ڇڏي ۽ هن سَرهائيءَ واري جهلڪ ڏيکاريندي اگني ديوتا کي وراڻيو ته ماڻهن جي عام نِيَم موجب سيتا جي لاءِ اهو ضروري هو ته هوءَ ڏاگهه چڙهي پاڻ کي سچو ثابت ڪري، ڇو ته هوءَ ظالم راوڻ وٽ ڪافي عرصي تائين قيد هئي. جيڪڏهن آئون کانئس اهو امتحان نه وٺان ها ته ماڻهن کي اها ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ ڪا نه ٿئي ها ته مهان راجا دسرٿ جو اشراف پُٽ به ڪام ديوتا جي تير جو شڪار ٿي جَنَڪي يعني سيتا کي ساڻ رکيو ويٺو آهي. مون کي يقين هو ته مون کانسواءِ سيتا جي دل ۾ ٻئي ڪنهن جي لاءِ ڪا به جاءِ ڪانهي ۽ راوڻ هن جي دل وٺڻ جي هرگز لائق نه هو. ڇو ته سيتا جي پاڪدامني خود ان جي نگهبان هئي. پوءِ سمنڊ کڻي اٿلي پوي، پر هوءَ پنهنجو ست سلامت رکڻ جي خود ئي قابل آهي. تنهنڪري سموري خود سري ۽ هٺ جي باوجود جيئن ڪنهن آگ جي شعلي کي جهلي نه سگهيو آهي. اهڙي طرح راوڻ پڻ مائٿلي يعني سيتا کي ويجهو وڃي نه سگهيو. هي پاڪيزه عورت مون کانسواءِ ڪنهن به ٻئي شخص سان وابسته ناهي. هوءَ مون سان ائين گڏ آهي. جيئن سج سان سندس روشني گڏ هوندي آهي. هن جي پاڪيزگي پڌري آهي. آئون کيس هڪ عظيم سورميءَ طور خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. مون تي اهو نهايت واجبي ٿيندو ته آئون اوهان سمورن جهانن جي حاڪم ديوتائن جي هدايت ۽ سهڻي صلاح کي مان ڏيان.
    راوڻ تي حاصل ڪيل فتح ۽ سيتا کي پاڪيزه عورت جي حيثيت ۾ وري حاصل ڪرڻ سان خوشيءَ ۾ ٽمٽار سري رامچندر پنهنجي عظيم مقصد جي سلسلي ۾ پوڄا پاٺ ۽ ٻيون ڌرمي رسمون ادا ڪيون ۽ سيتا ساڻ ڪري پنهنجي وطن ڏانهن راهي ٿيو.


    بني اسرائيل جي فرعون کان آزادي ۽ فلسطين ڏانهن روانگي

    حضرت موسيٰ عليھالسلام الله تعاليٰ جو بيحد پيارو نبي سڳورو ۽ مصر ۾ بني اسرائيل جو عظيم اڳواڻ هو. تنهن سن 1440ق.م. ڌاري بني اسرائيل کي مصر جي حاڪم فرعون جي ظلم ۽ استحصال کان نجات ڏياري کين مصر مان لڏائي فلسطين جي سرزمين تي پهچايو. طورسينا جبل جي اوٽ ۾ ٿيل مخصوص عبادت جي نتيجي طور الله پاڪ طرفان ڏهن حڪمن ۽ هدايتن تي مشتمل صحيفي تورات جي روشنيءَ ۾ بني اسرائيل نالي هڪڙي مخصوص مذهبي قوم جو قيام عمل ۾آندو ويو. جنهن جو مذهبي طور رسول ۽ سماجي طور اڳواڻ حضرت موسيٰ عليھ السلام هو.انهيءَ طويل ۽ سخت جدوجهد ۾ سندس ڀاءُ حضرت هارون عليھ السلام جو کيس مڪمل تعاون هو. جنهن کي ڌڻيءَ تعاليٰ جلشانھ سندس ئي استدعا موجب سندس ٻانهن ٻيلي مقرر ڪيو هو. اسرائيلي روايات مطابق حضرت موسيٰ عليھ السلام بني اسرائيل جو سڀني کان وڌيڪ عالي مرتبت ۽ برگزيد و رسول ۽ سماجي اڳواڻ هو. حضرت موسيٰ عليھ السلام حقيقت ۾ اصل خدائي دين يعني اسلام جي تبليغ ٿي ڪئي. پر اهل مغرب ان کي موسويت سڏڻ لڳا. بعد ۾ قائم ٿيندڙ مغربي تهذيب تي موسوي شريعت توڙي ثقافت جا گهرا اثرات مسلسل برقرار رهيا جيڪي موسيٰ عليھ السلام جي عظمت جا واضح ۽معروضي ثبوت آهن. البت چند تاريخدانن موسيٰ عليھ السلام جي سمجهاڻي کان هٽي ڪري تورات جي نامناسب تشريح ڪئي آهي. ڪي رجعت پرست گروهه ته اڃا تائين تورات کي حضرت موسيٰ عليھ السلام جي پنهنجي تصنيف ڪري ڄاڻائين ٿا. جرمن عالم مارٽن ناٿ Martin Nath بني اسرائيل جي مصر مان روانگي، موسيٰ عليھ السلام جي ڪنعان کي فتح ڪرڻ واري نصب العين جي حصول جي سلسلي ۾ اختيار ڪيل حڪمت عملي ڄاڻائي ٿو. تورات ۾ ڄاڻايل ماڳن ۽ آثارن جو ماهر ۽ تاريخدان وليئم فاڪسويل البرائيٽ William Foxwell Albright تورات جي خروج واري باب ۾ ڄاڻايل ڪهاڻي کي حقيقي ڄاڻائي ٿو ۽ بيان ڪري ٿو ته ڪئين صدين دوران اول بياني ۽ بعد ۾ لکيل دستاويزن جي مختلف ادوار ۾ اجراء سبب حقيت ۾ مبالغي ۽ ترميم واري روايت ڪارفرما رهي آهي. حضرت موسيٰ عليھ السلام حضرت يوسف عليھالسلام ۽ حضرت يعقوب عليھ السلام جي نسل مان هو. سندس والد جو نالو عمران ۽ والده جو نالو ”يوڪابد“ هو. حضرت هارون عليھ السلام سندس سڳو ۽ وڏو ڀاءُ هو.
    فرعون مصر جي قديم بادشاهن جو لقب هو. قديم مصر تي ڪل ٽيهن حڪمران گهراڻن حڪومت ڪئي. موسيٰ عليھ السلام جي پيدائش وقت رعميسس ثاني Rameses II مصر جو فرعون هو. جنهن جو تعلق اوڻيهين خاندان سان هو. هن فرعون خواب جي تَعبِيرَ جي نتيجي ۾ بني اسرائيل جي پٽاڻي اولاد کي ڄمندي ئي قتل ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو، ڇوته نجومين کيس سندس خواب جي تعبير طور ٻڌايو ته تنهنجي حڪومت جو زوال ۽انت هڪڙي اسرائيلي مَردَ هٿان ٿيندو. حضرت موسيٰ عليھ السلام ڄائو ته ٽن مهينن تائين کيس لڪائي رکيو ويو، پر نيٺ سندس ماءُ هڪڙي قدرتي اشاري موجب ٻڏڻ کان محفوظ هڪڙي تابوت ۾ رکي کيس نيل نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو.جيڪو تابوت ڪجهه مفاصلو لڙهي اڳتي وڃڻ سان جڏهن فرعون جي محل جي سامهون پهتو ته اهو فرعون جي ڌيءَ ڏٺو، جيڪا ان وقت اُتي وهنجي رهي هئي. تنهن اهو تابوت ٻاهر ڪڍايو ۽ گهر کڻائي وئي. اتي تابوت کي کولي ڏٺائون ته ان ۾ هڪڙو نهايت خوبصورت ڇوڪرو آرام سان پيو آهي، اهو لقاء ڏسي فرعون کيس مارڻ لاءِ چيو، پر فرعون جي گهرواري ڏاڍي خوش ٿي ۽ معصوم کي بچائڻ ۽ تاتڻ لاءِ فرعون کي راضي ڪيو. اهڙي طرح حضرت موسيٰ جي پرورش خود فرعون جي گهر ۾ ٿيڻ لڳي. جتي سندس حقيقي ماءُ ئي دائي جي حيثيت ۾ کيس کير پيارڻ ۽ پالڻ لاءِ مقرر ٿي. جڏهن ڇوڪرو جوان ٿيو ته مٿس اسرائيلي هئڻ جو راز افشان ٿيو ۽ ڏٺائين ته مصري حڪمران بني اسرائيل تي سخت ظلم ۽ ستم ڪري رهيا آهن. تڏهن هن جي دل ۾ بني اسرائيل لاءِ همدردي ۽ پنهنجائپ جو جذبو پيدا ٿيو. حڪمران جي گهر ۾ پلجندي کيس عاليشان تعليم ۽ تربيت حاصل ٿي.
    هڪ ڏينهن شهر جي گشت دوران هن هڪڙو اسرائيلي هڪڙي مصري هٿان گهيليندي ڏٺو ته ان کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مصري اسرائيلي کي ڇڏڻ لاءِ اصل تيار نه هو. ان تي حضرت موسيٰ عليھ السلام سخت ڪاوڙ ۾ اچي مصري کي اهڙي ته مُڪَ هنئي جو هو پڙ تي مري پيو، هن اوچتي خون سرزد ٿيڻ تي حضرت موسيٰ کي سخت افسوس ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي حضور ۾سر بسجود ٿي معافي لاءِ ٻاڏائڻ لڳو ۽ رب رحيم کيس مغفرت عطا ڪئي. هوڏانهن مصري جي قتل جي خبر عام ٿي وئي، پر قاتل جي ڪا به خبر ڪانه پئي.اتفاقاً ٻئي ڏينهن به شهر ۾ گهمندي حضرت موسيٰ ڪلهوڪي ساڳي اسرائيلي کي هڪڙي قبطي هٿان ڪٽجندي ڏٺو ته کيس ڇڏايو، پر ملامت ڪندي چيائينس ته تون به وڏو فسادي آهين. جنهن تنهن سان اصل وڙهيو پيو آهين. اسرائيلي اهي لفظ ٻڌندي ۽ حضرت موسيٰ جو هٿ پاڻ ڏانهن کڄندي ڏٺو ته ڊپ ۾ وڪوڙجي ويو ۽ جواب ۾ چيائين ته تون ڪالهوڪي مصريءَ وانگر مون کي به مارڻ ٿو چاهين ڇا؟ اها ڳالهه ٻڌڻ شرط مصريءَ وڃي حقيقت فرعون تائين پهچائي ته ڪالهوڪو خون حضرت موسيٰ ڪيو هو. ان خبر جي تصديق کانپوءِ فرعون حضرت موسيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو.ان ميڙ ۾ موجود حضرت موسيٰ کي دلي طور ڀانئيندڙ هڪڙي معزز مصري شخص جڏهن اهو حڪم ٻڌو ته هڪدم سڀني ماڻهن کان اڳ دربار مان نڪري وڃي حضرت موسيٰ کي سارو احوال ٻڌايو ۽ صلاح ڏني ته في الحال مصرين کان پاڻ بچائي ڪنهن محفوظ هنڌ تي وڃي گذار. حضرت موسيٰ عليھ السلام سندس صلاح قبولي مدين جي علائقي ڏانهن روانو ٿي ويو. جيڪو مصر کان اٺن منزلن جي مفاصلي تي هو. هتي جا رهاڪو حضرت اسحاق عليھ السلام جي پٽ مدين جو اولاد هئا. خوف ۽ حراس ۾ فرار ٿيندي حضرت موسيٰ عليھ السلام جا پير اگهاڙا هئا جيڪي هن اڙانگي سفر ڪري پٿون ٿي پيا. هن علائقي ۾ پهچڻ سان کيس هڪ کوهه وٽ ڪافي ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا جيڪي پنهنجي مال کي پاڻي پياري رهياهئا. ڪجهه پرڀروٻه ڇوڪريون پنهنجي ڌڻ سان بيٺيون هيون. حضرت موسيٰ عليھ السلام جي پُڇڻ تي ٻنهي ڀينرن ٻڌايو ته اسين ڪمزور ۽ مجبور آهيون. تنهنڪري هي ڏاڍا ۽ ظالم ماڻهو پهرين پنهنجي جانورن کي پاڻي پياريندا آهن. اسان کي سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ وارو ملندو آهي. اسان جو پيءُ نهايت ڪراڙو ۽ ضعيف آهي. جيڪو هنن جابر ماڻهن سان مقابلو نٿو ڪري سگهي. هيءَ حقيقت ٻڌڻ شرط موسيٰ عليھ السلام کي ڇوڪرين تي ڏاڍي ڪهل آئي ۽ همٿ ڪري ماڻهن کان زوريءَ وارو وٺي حوض پاڻيءَ سان ڀري سندن رڍن کي پاڻي پياري کين اطمينان سان روانو ڪيو. ڇوڪرين جو سوير گهر پهچڻ تي سندن پيءُ کانئن سبب پڇيو ته هنن مذڪوره حقيقت کان کيس واقف ڪيو. جنهن تي پرئي مڙس پنهنجي وڏيءَ ڌيءَ کي کيس گهر وٺي اچڻ لاءِ موڪليو. هوڏانهن حضرت موسيٰ عليھ السلام غريب الوطني ۽ ڪسمپرسيءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ الله تعاليٰ کان دعا گهري بس ڪئي ته ترت مذڪور ڇوڪري اچي وٽس پهتي ۽ گهر هلڻ لاءِ پڻس جو نياپو ڏنائين. ان کي رب جي رضا سمجهي پاڻ ساڻس گڏجي سندن گهر ويو ۽ ان بزرگ سان ملاقات ڪئي. پير مرد کيس خوش ٿي کيڪاري ماني کارائي پوءِ کانئس اطيمنان سان احوال ورتو. حضرت موسيٰ کيس پنهنجي مڪمل ڪهاڻي ٻڌائي. جنهن متاثر ٿيندي کيس آٿت ڏني ۽ چيو ته هتي تون ظالم مصرين جي چنبي کان بلڪل آزاد آهين. تنهن لاءِ رب تعاليٰ جو شڪرانو ادا ڪر. هنن جي گفتگو دوران وڏي ڇوڪريءَ پيءُ کي چيو ته پنهنجي مهمان کي پنهنجي مال چارڻ ۽ پاڻي پيارڻ لاءِ مقرر ڪريو، ڇو ته هي پهلوان ۽ ايماندار آهي. پير مرد ڌيءَ جي صلاح موجب اٺن سالن تائين مال چارڻ جي عيوض موسيٰ عليھ اسلام سان پرڻائي ڇڏيو. انهيءَ ڇوڪري جو نالو صفوره هو. سندس والد يعني حضرت موسيٰ عليھ السلام جي سهري جو نالو يثرون يا يثرو هو. مدين جي واديءَ ۾ سندس سهري وٽ حضرت موسيٰ عليھ السلام ويهارو کن سالن تائين رهيو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي ڪٽنب سميت مال چاريندو.مدين کان ڪافي پري تائين ڀٽڪي ويو ۽ رات پئجي وئي ته سينا جبل جي ويجهو ترسي پيو جت ٿڌ هئڻ سبب کيس باهه جي ضرورت ٿي ته چقمق سان باهه ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيو. انهي وقت کيس سامهون واري واديءَ ۾ ڪجهه روشني ڏسڻ ۾ آئي. جنهن تي پنهنجي گهر واريءَ کي مال وٽ ويهاري پاڻ باهه جي انتظام ۽ ڏَسِ وٺڻ لاءِ انهي روشنيءَ ڏانهن ويو. ويجهو اچڻ سان ڏٺائين ته آهي ته يقيناً باهه پر عجب آهي ته وڻ کي ڇو نه ٿي ساڙي! حقيقت ڄاڻڻ لاءِ اڃا به ڪجهه ويجهو ويو ته انهيءَ باهه واري ٻوٽي مان آواز آيو ته خبردار ويجهو نه اچ. پنهنجي جُتي لاهي ڇڏ. ڇو ته تون طويٰ جي مقدس واديءَ ۾ بيٺو آهين. هيءَ باهه نه پر آئون آهيان يعني الله، ٻنهي جهانن جو خالق ۽ مالڪ. ڏس مون توکي پنهنجي رسالت لاءِ چونڊيو آهي. هاڻي جيڪي ڪجهه وَڃِي ڪيو وڃي تون ان کي ڌيان سان ٻُڌ. الله پاڪ جو اهو ڪلام ٻڌي هو حيرت ۽ بي انتها خوشيءَ سبب خاموش ٿي بيهي رهيو ته الله تعاليٰ کانئس پڇيو ته تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته هيءَ منهنجي لٺ آهي. الله تعاليٰ فرمايو ته اي! موسيٰ پنهنجي لٺ زمين تي اڇلاءِ . موسيٰٰ عليھ السلام ائين ڪيو ته لٺ نانگ بنجي ڊوڙڻ لڳي. حضرت موسيٰ عليھ السلام هي لقاء ڏسي گهٻرائجي پوئتي هٽڻ لڳو. ته الله پاڪ فرمايو ته خوف نه ڪر ان کي پڪڙي وٺ. اسان ان کي ساڳئي اصل حالت ۾ آڻينداسين. الله پاڪ طرفان ڏڍ ڏيڻ تي همٿ ڪري هن نانگ پڪڙيو ته اهو اصلوڪي لٺ ۾ تبديل ٿي ويو. الله سبحان و تعاليٰ هٿ بغل ۾ رکي ٻاهر ڪڍڻ سان اهو روشن تاري وانگر چمڪڻ وارو ٻيو معجزو به موسيٰ عليھ السلام کي عطا ڪيو ۽ کيس حڪم ڪيائين ته تون مصر وڃي فرعون ۽ ان جي قوم کي هدايت واري راهه ڏيکار. جن غرور ۽ جبر سان بني اسرائيلين کي غلام بنائي رکيو آهي. تن کي نجات ڏيار. حضرت موسيٰ عليھ السلام الله پاڪ کي عرض ڪيو ته يا رب مون هڪڙي مصري کي قتل ڪيو هو. جنهن جي سزا طور مون کي مارڻ گهريائون پر آئون اتان فرار ٿي اچي هتي رهڻ لڳس. هاڻي اوڏانهن واپس وڃڻ تي شايد هو مون کي ماري ڇڏين. ٻيو ته منهنجي زبان گفتگوءَ ۾ اٽڪي ٿي، انهيءَ لاءِ منهنجي ڀاءُ هارون کي پڻ مون کي سونيپل ڪم ۾ شريڪ ڪر، ڇو ته هو مون کان وڌيڪ فصيح بيان آهي. رب پاڪ کيس ڏڍ ڏئي فرمايو ته تنهنجو عرض قبول ڪندي تنهنجي ڀاءُ هارون کي به تنهنجو ساٿي ۽ مددگار مقرر ڪجي ٿو، فرعون ۽ سندس قوم کي حق جي دعوت ڏيڻ وقت نَرَم ۽ شائسته گفتگو ڪجو.
    حضرت موسيٰ عليھ السلام رب پاڪ سان هم ڪلام ٿي نبوت جي اعليٰ منصب سان نوازجي فرعون ۽ سندس قوم کي الله تعاليٰ جو حق وارو پيغام پهچائڻ ۽ بني اسرائيل کي فرعون کان آزاد ڪرائي واعدو ڪيل سرزمين ۾ پهچائڻ لاءِ هڪ عظيم نصب العين سان معمور ٿي مقدس واديءَ کان ٻاهر اچي پنهنجي گهر واريءَ کي ساڻ ڪري پنهنجي سهري وٽ آيو ۽ پنهنجي مائٽن سان ملڻ لاءِ مصر وڃڻ جي اجازت گهري، جيڪا هن کيس خوشيءَ سان ڏني. اهڙي ريت هو منزلون ڪندو اچي مصر پهتو. ان وقت رات ٿي چڪي هئي، هو هڪ مسافر جي حيثيت ۾ پنهنجي گهر پهتو. سندس ماءُ سندس خاطر تواضع ڪئي. انهيءَ کان پوءِ حضرت هارون به اچي پهتو جنهن کي الله تعاليٰ هتي پهچڻ کان اڳي وحي زريعي نبوت سان نوازيو ۽ پنهنجي ڀاءُ حضرت موسيٰ عليھ السلام جو ساٿي ۽ مددگار ڪري موڪليو. ٻئي ڀائر ڏاڍي اُڪير سان مليا ۽ ماءُ کي سربستو احوال ٻڌايو. جنهن پنهنجي مامتا سبب کين ظالم حاڪم ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ته مبادا هو کين مارائي ڇڏي. پر هو ٻئي ڀائر الله تعاليٰٰ جي حڪم جي پيروي ڪندي فرعون جي درٻار ۾پهچي، فرعون سان مخاطب ٿيا ۽ فرمايائون ته اي! فرعون اسان کي الله پاڪ پنهنجا پيغمبر بنائي توڏانهن ٻن ڳالهين جي نسبت موڪليو آهي. اول هيءَ تون الله تعاليٰ تي ايمان آڻ ۽ ٻئي ڪنهن به هستيءَ کي ان سان شريڪ نه ڪر. ٻيو هي ته تون پنهنجي رعيت تي ظلم ڪرڻ ختم ڪر ۽ بني اسرائيل کي پنهنجي غلاميءَ کان آزاد ڪر. اسان جي سچائي پرکڻ لاءِ الله تعاليٰ اسان کي ٻه معجزا پڻ عطا ڪيا آهن. ان ڪري تنهنجي لاءِ بهتر آهي ته تون رب پاڪ جو هي توحيد ۽ حق وارو پيغام قبول ڪندي بني اسرائيل کي آزادي ڏي.اسين کين پيغمبرن واري مقدس سرزمين تي پهچايون جتي هو واحد خدا جي عبادت ڪن، جيڪو سندن ورثو آهي.
    فرعون هي بيان ٻڌڻ کان پوءِ ڊيڄاريندي چيو ته اي موسيٰ عليھ السلام اڄ تون پيغمبر بنجي مون کان بني اسرائيل جي آزاديءَ جو مطالبو ٿو ڪرين، تون منهنجي گهر ۾ پليو هئين۽ هڪڙي مصريءَ کي ماري هتان ڀڄي وئين. اهي ڳالهيون تو وساري ڇڏيون ڇا. موسيٰ عليھ السلام فرمايو ته تون صحيح ٿو چوين، پراهو رب العالمين جو ڪرشمو هو ته منهنجي پرورش تنهنجي گهراڻي ۾ ٿي. پوءِ سڀ کان وڏي نعمت يعني نبوت سان نوازيو ويس. پر اهو ته انصاف ڪونهي ته هڪڙي اسرائيلي جي پالنا عيوض تون سڀني اسرائيلين کي غلام ڪري رکين. فرعون پڇيو ته جهانن جو پالڻهار ڇاکي چئبو آهي ۽ حضرت موسيٰ عليھ السلام جواب ڏنو ته اهو ئي جيڪو آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي تنهنجو پالڻهار آهي. توهان جو ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جو به پاليندڙ اهو ئي هڪڙو خدا تعاليٰ آهي. حضرت موسيٰ عليھ السلام چيو ته عبادت جي لائق فقط الله پاڪ جي ذات اقدس آهي. جيڪو جهانن جو خالق ۽ مالڪ آهي. ڪنهن به انسان جي خدائي جي دعويٰ سنگين شرڪ آهي. اي فرعون تون ان کان باز اچ. اسان تي وحي نازل ڪري توهان وٽ حق جو پيغام پهچائڻ لاءِ حڪم ڪيو ويو آهي. انهيءَ کان مُنهن موڙيندڙ ۽ ان جي ابتڙ عمل ڪندڙ قدرتي عذاب جو مستحق ٿيندو.
    موسيٰ عليھ السلام سندس ڀاءُ هارون عليھ السلام ۽ فرعون جي وچ۾مناظرن جو سلسلو چالو ٿي ويو. فرعون موسيٰ عليھ السلام کي چيو ته جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود سڏيو ته آئون توکي قيد ڪندس. حضرت موسيٰ وراڻيس ته انهيءَ خالق اڪبر جا ته مون وٽ پڪا ثبوت موجود آهن.فرعون چيو ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته اهي نشان ڏيکار. انهيءَ تي حضرت موسيٰ عليھ السلام ڀريل دربار جي وچ تي فرعون جي سامهون پنهنجي لٺ زمين تي اڇلائي ته اها نانگ ۾ بدلجي وئي. موسيٰ عليھ السلام جڏهن ان کي پُڇ مان جهليو ته اها اصل شڪل ۾ يعني لٺ ٿي پئي. پوءِ حضرت موسيٰ عليھ السلام پنهنجو هٿ بغل۾ رکي ٻاهر ڪڍيو ته اهو روشن ستاري جيان چمڪڻ لڳو.اهو بيو معجزو هو.
    اهي معجزا ڏسي فرعون ۽ سندس درباري هراسجي ويا. فرعون چيو ته اي موسيٰ عليھ السلام ڇاتون پنهنجي جادوءَ سان اسان کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍڻ آيو آهين؟ توکي اسان جي جادوگرن سان مقابلو ڪرڻو پوندو. حضرت موسيٰ عليھ السلام اهو قبول ڪيو ۽ چيو ته اهو مقابلو ڀلي مصرين جي وفاء النيل واري عيد جي ڏينهن ٿئي. عيد جي ڏينهن جشن جي ميدان ۾ هي مقابلو ڏسڻ لاءِ درٻار لڳي، جتي سمورا خاص توڙي عام ماڻهو اچي گڏ ٿيا. فرعون جي گهرايل جادوگرن فرعون کان فتح جي صورت ۾ انعام جو وعدو وٺي حضرت موسيٰ عليھ السلام ڏانهن ڌيان ڏنو. انهيءَ وقت حضرت موسيٰ عليھ السلام سموري مجموعي کي حق جي تبليغ ڪندي فرمايو ته افسوس آهي.اوهان جي حال تي جو اوهان اسان کي جادوگر سمجهو ٿا ۽ الله پاڪ تي ڪوڙو الزام ٿا هڻو. بهتان مڙهيندڙن کي الله تعاليٰ نابود ڪري ڇڏيندو آهي. ماڻهن اها ڳالهه ٻڌي ته پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا. جادوگرن مقابلي لاءِ اسرار ڪيو ته موسيٰ عليھ السلام کين چيو ته شروعات توهان ڪريو. اهو ٻڌي هنن پنهنجون رسيون ۽ لٺيون زمين تي اڇلايون ته اهي نانگن جو ڏيک ڏيڻ لڳيون، انهن کي ڏسي موسيٰ عليھ السلام ڪجهه دلگير ٿيو، پر الله پاڪ کيس وحي وسيلي ڏڍ ڏنو ته گهٻراء نه تون ئي ڪامياب ٿيندين تڏهن پاڻ پنهنجي لٺ ميدان ۾ اڇلائي ته اها هڪ وڏي نانگَ جي صورت ۾ جادوگرن وارن نانگن کي ڳيهڻ لڳي ۽ سمورو ميدان صاف ڪري ڇڏيائين. هن لقاء کان سمورو مجموعو متاثر ٿيو ۽ جادوگرن مجلس جي اڳيان فرعون کي چيو ته موسيٰ عليھ السلام جو هي ڪم جادوء کان مٿي الله پاڪ جو ڏنل معجزو آهي ۽ فوراً سجدي ۾ ڪري پيا. ۽ چيو ته اسان موسيٰ عليھ السلام ۽ هارون عليھ السلام جي خدا تي ايمان آندو ڇو ته اهو ئي جهانن جو پاليندڙ آهي. انهيءَ تي فرعون جادوگرن کي دٻائيندي چيو ته توهان منهنجي اجازت کانسواءِ موسيٰ عليھ السلام ۽ هارون عليھ السلام جي خدا تي ايمان آندو. اها توهان جي سازش آهي. جنهن لاءِ توهان کي ضرور سزا ڏيندس. جادوگرن فرعون کي جواب ڏنو ته الله پاڪ جون ظاهر نشانيون اسان کي پهتيون. اسان کي اميد آهي ته هو اسان جا گناهه معاف ڪندو، ڇو ته اسين هتي پهريان ايمان آڻيندڙ آهيون. اهڙي طرح جڏهن ڪجهه ماڻهن حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ حضرت هارون عليھ السلام تي ايمان آندو ته فرعون ۽ درباري امير پريشان ٿيندي مومنن ۽ بني اسرائيلين تي وڌيڪ ظلم ڪرڻ لڳا ۽ سندن پٽاڻي اولاد کي وري مارڻ جو اعلان ڪيائون. هن صورتحال موجب حضرت موسيٰ عليھ السلام مومنن کي صبر ۽ شڪر ڪرڻ ۽ الله پاڪ تي پورو يقين ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ کين پنهنجي گهرن ۾ عبادت ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ کين تسلي ڏني ته گهٻرايو نه، الله پاڪ جو وعدو سچو آهي، نيٺ توهان ڪامياب ۽ توهان جا دشمن تباهه ٿي ويندا.
    ٻئي طرف فرعون جي حڪم سان اسرائيلين جا پُٽ قتل ٿيڻ لڳا ۽ موسيٰ عليھ السلام جي خلاف پرچار ٿيڻ لڳو. تڏهن موسيٰ عليھ السلام الله پاڪ کي تدارڪ لاءِ عرض ڪيو اُنهيءَ تي ڌڻي تعاليٰ مختلف صورتن ۾ مصرين تي قهر نازل ڪيو. سڀ کان پهريائين الله تعاليٰ سندن ندين ۽ ڍنڍن توڙي چشمن جو پاڻي خراب ڪري ڇڏيو. جيڪو بيمارين جو باعث بڻيو. تڏهن فرعون وارن حضرت موسيٰ وٽ اچي عاجزي ڪئي ته پنهنجي پالڻهار کي چئي هي عذاب ٽار ته اسين سندس اطاعت ڪنداسين. حضرت موسيٰ عليھ السلام جي دعا گهرڻ سان پاڻي صاف ٿي ويو، پر مصرين سرڪشي ۽ ظلم برقرار رکيو. مثسيت ايزديءَ موجب پوءِ اهل مصر تي هڪٻئي پويان ڏڪار طوفان،جُونئيِنِ، ڏيڏرن ۽ مڪڙن جي طوفان وارا عذاب نازل ٿيندا رهيا. هر عذاب جي نزول سان حضرت موسيٰ عليھ السلام کي اچي منٿ ڪندا هئا ته اسين توبھ تائب ٿا ٿيون. هن کان پوءِ اسين ڪو به ظلم ڪو نه ڪنداسين. اسان تان هي عذاب ختم ڪراء، جڏهن اهو عذاب ختم ٿيندو هو ته اهي وري به ڦري ظلم ڪرڻ لڳندا هئا. تنهنڪري رب تعاليٰ سندن ۽ سندن چوپاين جانورن جي پهرين پٽاڻي اولاد ۾ موت برپا ڪيو. خود فرعون جو پٽ به مري پيو. تڏهن لاچار ٿي فرعون بني اسرائيل کي پنهنجي وطن وڃڻ جي موڪل ڏني پر جڏهن موسيٰ عليھ السلام ۽ هارون عليھ السلام پنهنجي ماڻهن کي وٺي روانا ٿيا تنهن کان پوءِ درٻارين کين واپس موٽائڻ لاءِ فرعون کي ڀڙڪائي سندس اڳواڻيءَ ۾ سندن پويان وڏو لشڪر چاڙهي موڪليو. حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ حضرت هارون عليھ السلام پنهنجي ماڻهن سان خشڪي جي رستي کي ڇڏي ڳاڙهي سمنڊ واري رستي ڏانهن روانا ٿيا هئا تڏهن توريت موجب سندن تعداد ڇهه لک کن هو. پر اڪثر محققين موجب اهو پندرهن هزارن کان مٿي ڪو نه هو. صبح جي وقت هنن ڏٺو ته فرعون جو لشڪر مٿان اچي ڪڙڪيو آهي ته هي گهٻرائجي ويا ۽ حضرت موسيٰ عليھ السلام سان ڪاوڙ ڪري شڪايت ڪرڻ لڳا ته رڻ ۾ مرڻ کان مصرين جي خدمت ڪرڻ بهتر هو. تون اسان کي اجايو رڻ ۾ رولي مارڻ وٺي آئين. انهيءَ تي حضرت موسيٰ عليھ السلام کين يقين ڏياريندي فرمايو ته توهان هرگز نه ڊڄو، الله تعاليٰ جل شانھ جو وعدو بلڪل سچو آهي. اهو توهان کي مصرين جي ظلم مان ضرور آجو ڪندو. پوءِ ڌڻيءَ جي خدمت ۾ مدد لاءِ دعا گهري. قادر ڪريم وحي وسيلي موسيٰ عليھ السلام کي حڪم ڪيو ته پنهنجي لٺ پاڻيءَ تي هڻ ته اهو پاسن تي هٽي وڃي ۽ وچ ۾ خشڪ رستو نڪري اچي.مالڪ مهربان جي حڪم موجب حضرت موسيٰ عليھ السلام سمنڊ جي پاڻي تي لٺ هنئي ته پاڻي جدا ٿي ٻنهي پاسن تي پهاڙن وانگر ٿي بيٺو ۽ وچ ۾ رستو ٺهي ويو. تڏهن حضرت موسيٰ عليھ السلام جي حڪم سان سمورا بني اسرائيلي پنهنجي جانورن سميت انهيءَ رستي تان هلندي سمنڊ جي پرئين اُڀرندي ڪناري تي باسلامت پهچي ويا. مصرين اهو لقاءُ ڏٺو ته اهي به بني اسرائيلين جي پويان سمنڊ ۾ لهي پيا، پر جڏهن اهي سمورا سمنڊ ۾ داخل ٿيا ته ڌڻيءَ جي قدرت سان ڀتين جيان بيٺل پاڻي پنهنجي اصلوڪي صورت اختيار ڪري فرعون سميت مصري لشڪر کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ انهن مان ڪو هڪ به زنده ڪو نه بچيو. اسرائيلين جڏهن الله پاڪ جو اهو عظيم ڪرشمو پنهنجي تجربي سان ڏٺو ته اهي الله پاڪ کان ڊنا ۽ انهيءَ جي هستيءَ ۾ سندس پيغمبر موسيٰٰ عليھ السلام ۽ حضرت هارون عليھ السلام تي ايمان آندو.
    بني اسرائيلي ڳاڙهو سمنڊ پار ڪري جنهن علائقي ۾ اچي پهتا هئا اهو رڻپٽ هو جت سخت گرمي ٿيندي هئي ۽ ڪا ساوڪ ۽ پاڻي عدم موجود هو. هن صورتحال تي سخت پريشان ٿي اهي شڪايت ڪرڻ لڳا ته اسان هتي اڄ ئي تڙپي مري وينداسين. انهيءَ لاءِ حضرت موسيٰ عليھ السلام پٿر کي لٺ هنئي ته انهيءَ مان ٻارهن چشما پيدا ٿيا، جيڪي هنن ٻارهن قبيلن جي تصرف ۾ اچڻ لڳا. هاڻي وري هنن کاڌي جي اڻاٺ جي شڪايت ڪئي ته حضرت موسيٰ عليھ السلام جي دعا گهرڻ سان الله پاڪ آسمان مان برسات جي صورت ۾ کين ”من“ يعني مِٺو حَلِوو مهيا ڪيو. ڏينهن جو تيز هوا سبب ٻٽير پکين جا ڪئين ولر اچي هنن اڳيان زمين تي لهندا هئا، جن کي جهلي رڌي کائڻ لڳا. سلويٰ انهن پکين کي سڏيو ويو.
    هن کان پوءِ بني اسرائيلي گرميءَ ۽ گهر نه هئڻ جي شڪايت ڪرڻ لڳا. حضرت موسيٰ عليھ السلام الله پاڪ کان وري دعا گهري ته اها به الله پاڪ قبول ڪئي ۽ بني اسرائيلين تي ڪڪرن جي ڇانوَ ڪري ڇڏي. اهي جيڏانهن به ويندا هئا ته انهن جي مٿان ڪڪر موجود هوندا هئا. نبين جي اولاد هجڻ جي باوجود ڪئين صدين جي غلاميءَ اسرائيلي قوم کي سُست، بزدل ۽ ناشڪر بنائي ڇڏيو. الله تعاليٰ جي طرفان هيترن احسانن ۽نعمتن نازل ڪرڻ جي باوجود هيءَ قوم نهايت ناشڪر، بي صبر ۽ بي ايمان ٿي رهي.
    اعتڪاف لاءِ وڃڻ کان اڳ حضرت موسيٰ عليھ السلام پنهنجي ڀاءُ حضرت هارون عليھ السلام کي سندس قوم جو منتظم مقرر ڪري ويو. پاڻ ”طور“ جبل تي وڃي چاليهن ڏينهن جو اعتڪاف مڪمل ڪيو، جنهن دوران هن روزا رکيا، چلو پورو ٿيڻ تي الله پاڪ کيس گفتگو جو شرف بخشيو ته هي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته اي مهربان مالڪ مونکي پنهنجي ديدار سان نواز. الله پاڪ فرمايو ته اي موسيٰ عليھ السلام تون منهنجي مشاهدي کي برداشت ڪري نه سگهندين. چڱو آئون پنهنجي تجلي پهاڙ تي ظاهر ڪريان ٿو. اهو جيڪڏهن تجلي برداشت ڪري ويو ته پوءِ توکي مشاهدو ڪرائيندس. ائين رب پاڪ پنهنجي تجلي جبل تي ظاهر ڪئي ته جبل جو اهو سمورو ڀاڱو سڙي ذرا ذرا ٿي ويو. حضرت موسيٰ عليھ السلام هن لقاءُ جو تاب نه سهي بيهوش ٿي ڪري پيو. جڏهن هوش ۾ آيو ته الله پاڪ جي حمد ۽ ثنا ڪئي ۽ چيائين ته مان مڃان ٿو ته موليٰ سائين تون پاڪ آهين. آئون عجز ۽ انڪساري ڪريان ٿو. انهيءَ کان پوءِ موسيٰ عليھ السلام کي توريت جو صحيفو عطا ڪيو ويو ۽ الله پاڪ فرمايو ته هن ڪتاب ۾ توهان جي ديني توڙي دنياوي عملن ۽ مقصدن جو تفصيل موجود آهي. اها ئي منهنجي شريعت آهي. جنهن وقت حضرت موسيٰ عليھ السلام ”طور“ جبل تي اعتڪاف ۾ مشغول هو. انهيءَ وقت بني اسرائيلين ۾ موجود هڪ شخص سامري، ماڻهن کي ڀنڀلائي کانئن سون چاندي وٺي کين گابي جو بت ٺاهي ڏنو ۽ چيو ته حضرت موسيٰ جي طورسينا واري خدا کان اوهان کي هي خدا وڌيڪ ويجهو آهي. حضرت هارون عليھ السلام جي سخت مخالفت جي باوجود بني اسرائيلي انهيءَ جي پوڄا ڪرڻ لڳا. جڏهن حضرت موسيٰ موٽي اچي کين گابي جي پوڄا ڪندو ڏِٺو ته سخت ڪاوڙ ڪئي ۽ حضرت هارون عليھ السلام تي سخت تنقيد ڪئي ته هن ڪفر جي ڪم ڪرڻ کان هنن کي ڇو نه روڪيو؟ حضرت هارون حقيقت بيان ڪئي ته سامري هنن کي ڀنڀلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. منهنجي مخالفت سبب مون کي قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ان ڪري تنهنجي واپسيءَ تائين آئون مجبوراً خاموش رهيس. بني اسرائيلين عذر پيش ڪيو ته اسان وٽ ڪافرن جو مال هو. جيڪو سامريءَ کي ڏنوسين. تنهن انهيءَ مان معبود تيار ڪيو. حضرت موسيٰ عليھ السلام کي سامري ٻڌايو ته ڳاڙهو سمنڊ اڪرڻ دوران بني اسرائيلين ۽ مصرين جي وچ ۾ حضرت جبرائيل هلي رهيو هو. جيئن ته مصري بني اسرائيلين کي رَسي نه سگهن. اُن وقت مون انهيءَ جي پيرن واري مِٽي کنئي هئي، جنهن سان هي معبود تيار ڪيم. حضرت موسيٰ کيس چيو ته بيشڪ تو لاءِ جيئري هيءَ سزا آهي ته تون هميشه چوندو رهندين ته مون کي هٿ نه لڳايو. بني اسرائيلين کي سخت ملامت ڪندي چيائين ته الله تعاليٰ جي هيترين سارين نعمتن کي وساري انهيءَ جي خلاف گابي جي پوڄا ڪرڻ ۾ اوهان کي ڇا حاصل ٿيو؟ حضرت موسيٰ عليھ السلام کين سخت تنبيهه ڪندي چيو ته توهان جو ۽ ساري جهان جو معبود فقط الله پاڪ آهي. ان کانسواءِ ٻي ڪا به شئي يا هستي عبادت جي لائق ڪانهي. حضرت موسيٰ عليھ السلام جڏهن الله تعاليٰ جي حضور ۾ هيءَ حقيقت عرض ڪئي ته رب العالمين فرمايو ته گابي جي پوڄا ڪندڙن لاءِ سزا آهي ته اهي پاڻ کي ڪُهن. مجبوراً هزارين اسرائيلين سزا طور هڪ ٻئي کي ڪُٺو تنهن تي حضرت موسيٰ عليھ السلام ڌڻي تعاليٰ جي خدمت ۾ معافي لاءِ عرض ڪيو، جيڪو قبول ڪري باقي ماڻهن کي معافي ڏني وئي.
    حضرت موسيٰ کي عطا ڪيل صحيفي تورات جو پهريون فرمان توحيد تي ايمان ۽ بت ٺاهڻ ۽ پوڄڻ تي بندش بابت هو. سحر يا جادو ۽ ٻين غير اخلاقي ۽ غير ديني مقصدن لاءِ الله تعاليٰ جو نالو استعمال ڪرڻ تي پڻ بندش لڳائي وئي. قتل،زنا، چوري، ڪوڙ، لالچ ۽ لوڀ معاشري کي خراب ۽ تباهه ڪندڙ اعمال هئڻ سبب حرام قرار ڏنا ويا. تورات ۾ يتيمن، بيواهن، مسافرن ۽ مسڪينن سان انصاف ۽ حق رسائي لاءِ پڻ احڪام موجود هئا.
    مذڪور شريعت موجب معاشري جي جوڙجڪ ڪئي وئي ۽ خلاف ورزيءَ جي تدارڪ لاءِ عدالتي نظام وضح ڪيو ويو. حضرت موسيٰ عليھ السلام بني اسرائيلين جي نهايت نافرمان قوم کي هدايت ۽ نصيحت ۾ گذاريندي جڏهن هڪ سئوويهه سالن جي عمر کي رسيو ته حضرت عزرائيل عليھ السلام انساني روپ ۾ حاضر ٿي حضرت موسيٰ عليھ السلام کي چيو ته ڌڻيءَ طرفان- اَجَلَ جو حڪم قبول ڪيو. حضرت موسيٰ عليھ السلام ٺٺولي ڀائيندي کيس چماٽ هنئي. فرشتي الله پاڪ وٽ حقيقت بيان ڪئي جنهن کيس ٻيهر چوائي موڪليو ته تنهنجي عمر ڪئين سال وڌائي سگهجي ٿي، پر نيٺ موت جو مزو چکڻو پوندو. ان احوال موجب حضرت موسيٰ عليھ السلام موت کي لبيڪ چئي پنهنجا پساهه پرور کي سپرد ڪيا، سندس قبر ريجا جي ڳوٺ ۾ واقع هئي، جيڪو مقدس واديءَ ۾ موجود آهي.


    سقراط جي خلاف مقدمون

    سن 399 قبل مسيح ۾ يونان جي اَٿينس واري شهري رياست جي رهاڪو عظيم فيلسوف سقراط جي خلاف اٿينس جي ماڻهن مقدمون داخل ڪرايو، جنهن ۾ مٿس دين جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ اٿينس جي نوجوان نسل کي بدعنوان بنائڻ جا ٻه الزام لڳايا ويا هئا. اٿينس جي ماڻهن جو چوڻ هو ته سقراط اٿينس واري مندر وارن ديوتائن کي رد ڪري ۽ نوجوان نسل کي سندس ايجاد ڪيل نون ديوتائن سان روشناس پيو ڪرائي. اٿينس جي عدالت فيصلي جي وضاحت ڪندي بيان ڪيو ته سقراط جو موت، سندس شاگردن طرفان کائنس سياسياست ۽ فلسفي بابت پڇيل سوالن جي جوابن مان پڌرا ٿيل سندس ڪيل ٻن ڏوهن جو قانوني نتيجو هو. سندس هڪ ڏوهه اهو ثابت ٿيو ته هن اٿينس واري مندر وارن سڀني ديوتائن کي نٿي مڃيو ۽ رد ڪيو هو. ٻيو ڏوهه اهو ڏسڻ ۾ آيو ته سقراط سندس ايجاد ڪيل نون ديوتائن کي قبول ڪرڻ ۽ مڃڻ لاءِ سندس شاگردن کي تلقين ڪئي ۽ کين اخلاقي بدعنواني سيکاري. پُکن وسيلي چونڊيل عدالتي بينچ يعني ججن جي گروپ جي اڪثريت کيس مٿي بيان ڪيل ٻن ڏوهن جو مرتڪب ڄاڻائي کيس سزا ڏيڻ وارو فيصلو ووٽ جي صورت ۾ ڏنو. پوءِ روايتي قانوني ڪارروائيءَ موجب انهن ججن سزا جي نوعيت جي سلسلي ۾ ووٽ وسيلي، کيس هميلاڪ نالي زهر پياري موت جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
    سقراط جي خلاف مقدمي ۽ کيس موت جي سزا ڏيڻ بابت معلومات جا بنيادي ماخذ سندس ٻن شاگردن جا لکيل مقالا آهن. پهريون مقالو ”اپولاجي آف سوڪِرَيٽسِ“ جي عنوان تحت سندس شاگرد، افلاطون لکيو هو ۽ ٻيو مقالو ”اپولاجي آف سوڪَريٽسِ ٽو دي جُوري“ جي عنوان هيٺ سندس شاگرد، زينو فون لکيو هو، جيڪو پڻ اٿينس شهر جو رهاڪو هو. سقراط واري مقدمي بابت هڪڙو مقالو ”دِي ٽِرائيل آف سوڪِريٽسِ“ جي عنوان سان، هڪ يوناني صحافيءَ، آءِ-ايف-اِسٽون سن 1988ع ۾ لکي شايع ڪرايو ۽ ٻيو مقالو، يونان جي آڳاٽي ادب تي عُبور رکندڙ، جديد دانشور روبِن واٽر فِيلڊ، سن 2009ع ۾، ”واءِ سوڪِرَيٽسِ ڊائِيڊ، ڊِسپيلِنگ دِي مِٿسِ“ جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو. اخلاقي بگاڙ ۽ ديوتائن کي نه مڃڻ وارن ڏوهن جي الزام هيٺ مٿس عدالتي چاره جوئي ٿيڻ کان اڳ اٿينسِ جي ماڻهن وٽ هن جي سڃاڻپ هڪ دانشور ۽ تيز نقاد واري هئي. سن 423 قبل مسيح ۾، يونان جي هڪ ناٽڪ نويس اَرِسٽوفَينسِ ”دي ڪلائوڊ“ جي عنوان سان لکيل سندس هڪڙي مزاحيھ ناٽڪ ۾ سقراط کي هڪڙو دليلن سان ڳالهيون ۽ مسئلا سمجهائڻ ۽ سُلجهائڻ وارو فيلسوف ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪو هڪڙي نوجوان شخص نالي ”فِيڊيپائيڊِس“ کي سندس پيءُ سان اختلافن رکڻ ۽ ساڻس ٽڪڙجڻ کي جائز قرار ڏيڻ وارا دليل گهڙڻ سيکاري ٿو. حقيقتن کي دليلن سان بدلائڻ ۽ بِگاڙڻ وارن الزامن کي سقراط رد ڪيو هو. پر اُن جي باوجود، ناٽڪ نويس ظاهر ٿو ڪري ته اٿينس جا ماڻهو سقراط جي ڏاهپ واري تعليمات کي اجائي دليل بازيءَ سان شامل ڪريو ويٺا هئا.ا فيلسوفن جي حيثيت ۾ دليل بازيءَ تي ڀاڙيندڙ ماڻهو، مبهم شهرت جا حامل، ٺڳن ۽ ڪُويڄَن جو ٽولو هئا، جيڪي پنجين صديءَ ق-م ڌاري يونان ۾ ظاهر ٿيا ۽ ماڻهن کي ڀورڙو ۽ بيوقوف بنائي خوب دولت ڪمائي. ماڻهن کي نيڪي سيکارڻ جي بهاني، حقيقت ۾ رڳو ٺڳي ۽ ڪوڙ تي مبني دليل بازي ۽ اٽڪل بازي جون ئي ترڪيبون سيکاريندا ۽ ۽غير اخلاقي افعالن جي اٽڪلن سَٽڪلن جي پرچار ۾ رُڌل رهيا. دي ڪِلائوڊِس کان سواءِ، ”دي واسِپِس“ نالي ناٽڪ، جيڪو 422 ق-م ۾ شايع ٿيو، تنهن ۾ به مختلف نسلن جي وچ ۾ تڪرار جو نقشو هڪ پيرسن شخص ۽ هڪ نوجوان شخص جي وچ ۾ باهمي اختلاف جي صورت ۾ چٽيو ويو آهي. اَٿينس جي ماڻهن جي پوڙهي نسل ۽ نوجوان نسل جي وچ، خصوصي طور 425 کان 415 ق-م واري ڏهاڪي دؤران تڪرار ۽ اختلاف جو بنياد اٿينس طرفان سِسِلي تي ٿيندڙ ڪاهه هو، جنهن ۾ هڪ ڌُرِ ڪاهه کي جائز ڄاتو ته ٻِيءَ ڌر ناجائز سمجهيو. اٿينس جي گهڻن ماڻهن دليل باز چالاڪ ماڻهن ۽ سقراط تي نوجوان نسل کي فنائيت، اخلاقي زوال ۽ سماج سان بي حيائي ۽ نٺرپائي وارو رويو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ جو الزام ڌريو. سقراط پنهنجو ڪو به دستاويز يا لکڻي پويان ڪانه ڇڏي، پر سندس شاگرد ۽ سنگتيءَ افلاطون ”سوڪِرَيٽڪ ڊائلاگس“ يعني ”سقراط جا مقالما“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيو، تنهن ۾ هن سقراط کي سماج ۾ پيدا ٿيل نئين سوچ ۽ ان مطابق عمل جو طرفدار ۽ معاملي مداميءَ طور پيش ڪيو. ساڻس چٽاڀيٽي ڪندڙ دقيانوسي دانشورن هڪ استاد جي حيثيت ۾ سقراط تي سخت ڪاوڙ ڪئي ته سندس دليلن تي مبني امتحان جو طريقو ڏاڍو اُگرو ۽ اهڙو ته مڇرائيندڙ آهي، جنهن سبب اهو ڏاهن ۽ نيڪ ماڻهن جي معتبريءَ کي للڪار جي صورت ۾ سامهون ٿئي ٿو. ڪنهن ٽاڻي ڪو شخص کڻي اها دعويٰ محسوس ڪري ته سقراط پاڻ کي اٿينس جي عوام کي سجاڳ ۽ خبردار ڪرڻ واري شخص طور متعارف ڪرايو هو. پر اها حقيقت به غور طلب آهي ته افلاطون طرفان سقراط جي بچاءُ ۾ يوناني لکڻي ۾ جيڪو مواد پيش ڪيو آهي، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي، ته حقيقت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ واسطي هن ڪڏهن به گيڊِفِلاءِ لفظ ڪم ڪونه آندو هو. ۽ ڪجهه قدر سندس حوالو پڻ محض هڪ ادبي رمز يا اشارو آهي جنهن ۾ هن بيان ڪيو آهي ته هن پاڻ کي هن اٿينس جي شهر سان سلهاڙي رکيو آهي، ته جينئن انهيءَ کي وقت سر غفلت جي ننڊ مان اٿارڻ واسطي ڏنگيان، (يعني ڌونڌاڙي سُجاڳ ڪريان) سقراط اها دعويٰ به ڪئي ته پاڻ الله پاڪ جي طرفان اٿينس وارن کي سُوکڙي ڪري ڏنل آهي اٿينسِ جو نوجوان طبقو اڪثر ڪري سقراط وارو دليل بازيءَ وارو طريقو اپنائڻ لڳو. اٿينس جي پيرسن دقيانوسي طبقي کي سقراط ۽ سندس ساٿين جي سياسي خيالن تي پڻ سخت ڪاوڙ هئي. انهيءَ کانسواءِ ٽيهن ظالم امير حاڪمن جي ٽولي سان سقراط جي تعلقات کي پڻ ٻين سببن سان گڏ ڳڻيو ويو، جيڪي کيس موت جي سزا ڏيڻ واسطي غور هيٺ آيا هئا. ظالم اميرن جي ٽولي اٿينس تي سن 404 ق-م کان 403 ق-م تائين اٺ مهينا حڪومت ڪئي. انهيءَ دؤران ڪيترائي مشهور ماڻهو، سرڪار سان اختلافن هجڻ ڪري اٿينس مان لڏي ويا. زوبن واٽر فيلڊ لکيو آهي ته سقراط کي ٿيبس ۾ اچڻ تي به وڏو مان ملي ها، جتي سندس گهرا سنگتي موجود هئا. اٿينس کان ٻاهر به سقراط جا سُٺا ميزبان موجود هئڻ جي باوجود هن اٿينس ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏني. واٽر فليڊ جي راءِ آهي ته سقراط جي همعصر ماڻهن شايد ائين ٿي ڀانئيو ته سقراط جو اٿينس ۾ ئي رهڻ ٽيهن ظالمن جي ٽولي سان همدرديءَ سبب ئي هو انهيءَ صورتحال ۾ غير جانبدار ڪونه هو. ڪجهه مخصوص موقعن تي سقراط ٽيهن ظالمن جي ٽولي جي خواهش جي مخالفت ڪئي هئي. افلاطون پنهنجي مقالي ”اپولاجي“ ۾ سقراط جو ڪردار پيش ڪندي، سقراط جي ٽيهن ظالمن جي ٽولي جي خواهش سان اختلاف جو هڪ مثال بيان ڪيو آهي. هو چئي ٿو ته انهن ٽيهن ظالمن، ٻين چئين ڄڻن سان گڏ سقراط کي حڪم ڏنو ته سَلامِس واري علائقي ۾ رهندڙ ”لِيئَن“ نالي شخص کي کنڀي آڻيو ته کيس ڦاسي ڏيون. سقراط انهن ظالمن جي انهيءَ حڪم جي تعميل ڪانه ڪئي، جڏهن ته کانئس سواءِ باقي ٻيا چارئي ڄڻا ڄاڻايل ”لِيئن“ کي کنڀي آڻڻ لاءِ سلامِس علائقي ڏانهن هليا ويا. پوٽيڊائِيا واري چار سالا محاصري دؤران اٿينس ۾ هڪ متنازعھ شخصيت جو مالڪ، اَلسِيبئيڊس، سقراط سان گڏ کائيندو پيئدنو هو. سقراط لاڳيتو پنجن ڇهن سالن تائين السيبيئيڊس جو گهاٽو يار، سندس ساراه جا ڍُڪ ڀريندڙ ۽ سندس سونهون ٿي رهيو. بيباڪ ۽ ڀڙڪيلي رويي جي حامل اَلسِيبِيئِڊس جو اٿينس جي شهر سان عارضي جوش ۽ جذبي وارو ناتو هو. سياسي راز فاش ڪرڻ جي الزام لڳڻ کان پوءِ، اَلسِيبِيئڊس، سياسي ڀڳوڙي جي حيثيت ۾ اسپارٽا وڃي رهيو. ۽ هڪ دفعو وري اٿينس موٽي آيو ۽ سياسي ڪاميابي حاصل ڪئي، پر غير مستقل مزاج هئڻ سبب کيس نيٺ اٿينس مان نيڪالي ڏني وئي. ممڪن آهي ته اَسيِپيئيڊس سان دوستي هئڻ سبب سقراط جي خلاف به نفرت پيدا ٿي هجي. سندس پوئلڳن جي طرفان پيش ڪيل سندس تعليمات موجب سقراط کُليءَ طرح جمهوريت مخالف خيالن جو پرچار ڪندڙ هو. اهو هرگز لازمي ناهي ته ماڻهن جي اڪثريت جي راءِ موجب صحيح حڪمت عملي ۽ اصول تيار ٿين ٿا، پر صحيح اصول، پاليسي ۽ حڪمت عملي ڏاهن ۽ اصحاب ادراڪ جي ڪاوش جو نتيجو ٿئي ٿو، جيڪي پيشھ ور ماهر ماڻهو هوندا آهن، اهڙا ماڻهو ته يقيناً آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فقط چند ماڻهو ئي هوندا آهن. سقراط سندس تعليمات ۽ ڪارگذاريءَ موجب اٿينس ۾ رائج جمهوريت جي مکيھ اڳواڻن تي تنقيد ڪندي ڏسجي ٿو ۽ دعويٰ ڪري ٿو ته اٿينس جي نظام حڪومت تحت مقرر ڪيل سڀ ڪامورا عوام جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ جا لائق نٿا ٿي سگهن. حقيقت ۾ ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ جي لائق منجهائن ته ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مس ٿي سگهن ٿا، سقراط بابت اها ڳالهه عام هئي ته هو اڪثر ڪري اسپارٽا ۽ ڪِريٿ وارين امير شاهيءَ نظام حڪومت وارين رياستن جي قانونن ۽ قاعدن جي واکاڻ ڪندو هو. پنهنجن سياسي خيالن کان سواءِ سقراط جا مذهب بابت پڻ غير معمولي ۽ نرالا خيال هئا.ا هن پنهنجي ذاتي روح بابت ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو هو، جنهن کي يوناني ٻوليءَ ۾ هو. ڊائِمونيئَن Daimonion سڏيندو هو، دعويٰ ڪندوهو ته سندس روح کيس ڪڏهن به ڪنهن عمل ڪرڻ لاءِ ڪا تلقين ڪانه ڪئي، البت مخلتف متوقع عملن ۽ اقدام جي خلاف مونکي خبردار ڪيو. هڪڙي زبان دراز ۽ چالاڪ ليکڪ، پولِيڪِرَيٽسِ پنهنجي مقالي، ”اِنڊِڪٽِمينٽ آف سوڪِرَيٽسِ“ ۾ سقراط جي خلاف داهيندڙ شخص، اَينٽيٽس جو تفتيشي بيان پيش ڪيو آهي، تنهن ۾ سقراط جي سن 403 قبل مسيح کان اڳ اٿينس ۾ ڪيل مذهبي ۽ سياسي ڪارگذارين کي ننديو ويو آهي. انهيءَ فرد جُرم ۾ ڄاڻائيل جن غير قانوني ڪارگذارين سبب سقراط جي خلاف سرڪار مقدمو هلايو، انهن غير قانوني ڪارگذارين ڪندڙ ماڻهن کي سرڪار هڪ سرچاءُ واري عهدنامي وسيلي عام معافي ڏئي کين سياسي طور امن مهيا ڪيو ويو ۽ انهن معافي مليل ماڻهن جي خلاف هن کان پوءِ ڪا به قانوني چاره جوئي ۽ ڪارروائي ٿيڻي ڪانه هئي. انهيءَ صورتحال ۾ سقراط جي خلاف اهي ساڳيا الزام مڙهي مٿس مقدمو داخل ڪري سقراط جي خلاف داهيندڙ مدعيءَ، اَينِٽس، انهي ءَ معافي واري عهدنامي جي ڀڃ ڪَڙي ڪئي هئي. پوليڪِرَيٽيس واري لکيل سقراط واري فرد جرم ۾ سقراط جي خلاف ڄاڻائيل الزام، زينوفون ۽ لائيسينيئس جي جوابن جي صورت ۾ ڏيکاريل آهن. سقراط جي خلاف تهمت مڙهيندر ٻئي شخص، نالي ميليٽس، وارو رسمي بيان سقراط جي خلاف مقدمي جو ٻيو نقطو هو. ميليٽس اهو بيان مذهبي معاملن بابت مقرر ٿيل سرڪاري ڪاموري وٽ ڏنو. انهي ڪاموري جي عهدي کي Archon آرڪن سڏيندا هئا.ا نهيءَ ڪاموري ميليٽس جو بيان درست ڄاڻندي، اٿينس جي نوجوان طبقي ۾ پيدا ٿيل اخلاقي بدعنواني ۽ مذهبي توهين جي مرتڪب فيلسوف تي فرياد داخل ڪري کائنس عدالت ۾ حاضر ٿي جواب پيش ڪرڻ لاءِ سقراط کي سمن موڪليو. انهن ڏينهن ۾ اٿينس ۾ مقدما نبيرڻ واسطي اٿينس جي ڪنئين سوين رضاڪار ماڻهن مان پُکن وسيلي عموماً پنج سئو ماڻهن جي ميڙ کي عدالتي بينچ طور چونڊيو ويندو هو، ۽ فيصلو ۽ فتويٰ عام طور تي انهن پنج سئو چونڊيل ججن جي اڪثريت جي رَاءِ مطابق ٿيندو هو، پر سقراط واري مقدمي ۾ ججن جي تعداد جي نشاندهي ٿيل ڪانهي. البت افلاطون پنهنجي مقالي، ”اپولاجي آف سوڪِرَيٽس“ ۾ سقراط جي بچاءُ بابت لکيو ته جيڪڏهن اڃا ٽيهن وڌيڪ ججن جا ووٽ مقدمي جي فرد جرم جي خلاف ۽ ملزم جي حمايت ۾ مِلن ها ته سقراط انهيءَ مقدمي مان ڇُٽي وڃي ها. شايد ججن جي ڪل تعداد مان 5/3 واري عمومي اڪثريتي تعداد کان گهٽ تعداد ۾ سقراط جي خلاف ججن ووٽ ڏنو. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سرڪاري وڪيل سان گڏ سقراط به ڏوهاريءَ کي اٿينس جي شهري رياست جي خلاف ڏوهه ڪرڻ سبب سزا ڏيڻ جي راءِ ڏني. مقدمي مان ڇوٽڪاري واسطي گهربل باقي ٿورن ووٽن نه ملڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي ۽ مزاق ڪندي سقراط چيو ته مون کي شهر جي مقدس آتش ڪده، پرائيٽينِيئم ۾ رهائي منهنجي خوراڪ جو بندوبست به ڪيو وڃي. منهنجي خيال ۾ منهنجي لاءِ اها سٺي سزا ٿيندي ياد رهي ته انهيءَ آتش ڪده ۾ اٿينس سرڪار جي ڪنهن گهڻگهري شخص ۽ اولمپڪ راندين جي ڪامياب رانديگرن کي انهن جي عزت افزائيءَ طور ترسايو ويندو هو افلاطون رائج سِڪا ڏنڊ ڀرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪو سندس ڪل پونجيءَ جو پنجون حصو هو. گهٽ رقم ڄاڻي اهو ڏنڊ قبول ڪونه ڪيو ويو، نيٺ ٽي هزار ڊريچمائي ڏنڊ وٺڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن جي آڇ افلاطون، ڪِرائيٽو، ڪرائِٽوبِيُولَس ۽ اپولوڊورس ڪئي ۽ رقم جمع ڪرائڻ جو يقين ڏياريو. تنهن هوندي به سرڪاري وڪيل سقراط کي موت جي سزا تجويز ڪئي ۽ ججن جي اڪثريتي فيصلي سان کيس زهر پياري موت جي سزا مقرر ڪئي وئي.
    تڏهن کيس بچائڻ واسطي سقراط کي سندس دوستن، پوئلڳن ۽ شاگردن اٿينس مان نڪري ڀڄي وڃڻ جي سلاح ڏني ۽ انهيءَ لاءِ مٿس زور ڀريو، پر پنهنجي اصولن تي پڪي سقراط، فرار ٿيڻ ۽ قانون سان وفاداريءَ واري سندس تعليمات جو مان مٿاهون ڪندي ۽ عدالت جي فيلصي موجب ”هيملاڪ“ نالي زهر جو پيالو پي، پنهنجي حياتيءَ جو ڏيئو، ستر سال ڄمار ۾ گل ڪري، باقي انسان ذات لاءِ سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جي سبق آموز مثال طور دائمي امرتا پائي ويو. سقراط جي خلاف مقدمو داخل ٿيڻ واري دؤر ۾ سال 393 قبل مسيح ۾ اٿينس جي شهري رياست سندس مخالف رياست اسپارٽا طرفان پنهنجي تسلط دؤران اٿينس تي مڙهيل مڙني مصيبتن ۽ مونجهارن کي دور ڪري ڇڏيو، جيڪي پونيشيا واري لڙائي ۾ اٿينس جي شڪست جي نتيجي ۾ اٿينس تي اسپارٽا طرفان مڙهيل اسپارٽا ٽيهن ظالم جي اميرن جي حڪومت دؤران پيدا ٿيون هيون، اسپارٽا جي حامي، اٿينس جي بحري فوج جي سالار جي گذارش تي جنهن جو نالو ”لائيسينڊر“ هو، ڪرائيٽياس ۽ ٿيرامينس جي قيادت ۾ ٽيهه اسپارٽا جا امير اٿينس ۾ حڪومت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيا. کين شهر ۾ اڳوڻي حڪومت طرفان نافذ ڪيل جمهوري قانونن ۾ ترميم ۽ تبديل جو به حڪم مليل هو. اهي جمهوري قانون هڪ سرڪاري عمارت، اسٽوئا باسِيليئوس جي ديوار تي نقش ٿيل هئا. ٽيهن ظالم اميرن جي قائم ڪيل حڪومت جي سياسي عملن ۽ قدمن جو مقصد اٿينس ۾ جمهوريت بدران اميرن جي حڪومت وارو نظام قائم ڪيو وڃي، جيڪو اسپارٽا رياست جي اٿينس جي رياست تي پنهنجي بالادستي قائم رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار براقرار رکندو اچي. انهن ٽيهن ظالم اميرن جي ٽولي 500 ڄڻن کي پُکن وسيلي چونڊي انهن جي هڪ عدلايتي ڪائونسل جوڙي، جيڪا عدالتي معاملا اُڪلائيندي هئي. هن ظالم اميرن جي حاڪم ٽولي سندن حڪمرانيءَ جي قليل عرصي ۾ اٿينس جي آباديءَ جو اٽڪل پنج سيڪڙو نام نهاد الزامن تحت مارائي ڇڏيو ۽ ظالمانه ڪارروائين وسيلي تمام گهڻي دولت ضبط ڪئي. تنهن کانسواءِ اٿينس جي ڪيترن ئي جمهوريت پسند باشندن کي اٿينس مان جبراً نيڪالي ڏني وئي، ٽيهن جابر اميرن جي ٽولي جو اڳواڻ، ڪرائٽياس، ننڍي هوندي، اٿينس ۾ رهڻ دؤران سقراط وٽ شاگرد ٿي پڙهيو هو. هنن ٽيهن ظالم حڪمرانن جي ٽولي واري حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اٿينس ۾ جيڪا نئين جمهوري حڪومت ٺهي، انهيءَ جي ايامڪاريءَ ۾ سقراط تي داخل ٿيل مقدمي ۾ سندس انهيءَ ساڳئي شاگرد ڪرائٽياس کي سندس خلاف استعمال ڪيو ويو. افلاطون طرفان سقراط جي خلاف مقدمون ۽ سندس موت بابت لکيل مقالي جي انداز اديبن، عالمن ۽ فنڪارن کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو انهن هن مقدمي جي نظرثاني ڪرڻ لاءِ خواهش ۽ گُهر ڪئي، ڇاڪاڻ ته افلاطون پنهنجي مقالي ۾ سقراط کي سموري انسانذات ۾ سڀني کان وڌيڪ ڏاهو ۽ سڀني کان وڌيڪ سچو ۽ حق پرست شخص ڄاڻايو، جنهن ڪمال جرئت سان جمهوريت نافذ ڪندڙ جمهوري حاڪمن کي سندن نافذ ڪيل جمهوري نظام جا نُقس ۽ منفي اثرات دليلن سان سمجهائي ثابت ڪري ڏيکاريا، جڏهن ته جمهوريت پسند ماڻهن جي نظر ۾ تازو ئي نئين سر قائم ٿيل جمهوري نظام حڪومت جي بچاءُ خاطر اٿينس جي سرڪار طرفان ورتل عدالتي اُپاءَ بلڪل حق به جانب ۽ جائز هئا. سن 1988ع ۾ شايع ٿيل مقالي ”دي ٽِرائيل آف سوڪِريٽِس“ ۾ رائج جمهوري نظام جي فيلسوفياڻي مخالف کي جائز ۽ درست ثابت ڪرڻ خاطر سقراط خود به چاهيو ٿي، ته ڀلي کيس موت جي سزا ڏني وڃي ۽ ٻيو ته ستر ورهن جي پيريءَ ۾ هو انهيءَ نتيجي تي پهتو ته هن کان پوءِ سندم پوڙهپڻ جي حياتيءَ جو وقت لُطفَ ۽ سڪون کان بلڪل وانجهيل هوندو. سن 2008ع ۾ شايع ٿيل هڪ ناٽڪ، ”سوڪِرَيٽِس آن ٽِرائيل“ ۾ ناٽڪ نويس، اَينڊِرِيُو اِروائيِن لکيو، ته اٿينس واري جمهوري نظام کي ناقص قرار ڏيڻ جي باوجود، رياست جي گهڻگهري ۽ قانون جو احترام ڪندڙ حڪومت سان وفادار رهندڙ شهريءَ جي حيثيت سان، سقراط مقدمون نبيريندڙ قاضين جي ڏنل باطل فتويٰ کي ڄاڻي ٻجهي دل سان قبول ڪيو. جنگ واري وقت دؤران، چوٽ پهتل سماجي بدحالي ۽ ذهني ڀونچال واري صورتحال سقراط کي منطقي طور مجبور ڪيو، ته نتيجي جي پرواهه نه ڪندي، پنهنجا حقيقي خيال سرعام بيان ڪري. نتيجي طور هو اڃا تائين ساري جڳ جهان ۾ نهايت مٿاهين مان ۽ شان سان ياد ڪيو وڃي پيو. سو نه فقط پنهنجي اعليٰ عرفان ۽ بُلند اخلاقي معيار سبب، پر سندس انهي نقطه نظر سان وفاداريءَ سبب، ته جمهوري نظام حڪومت دؤران، ماڻهوءَ لاءِ خود پاڻ جي، پنهنجن يارن جي توڙي پنهنجي وطن جي خدمت ڪرڻ جو سڀني کان وڌيڪ سٺو ۽ صحيح طريقو، ايتري قدر جو جنگ واري وقت ۾ به سرعام سچ بابت ڳالهائڻ ۽ سچ سان سچو ۽ وافادر هجڻ وارو آهي. رابن واٽر فيلڊ سن 2008ع ۾ شايع ٿيل سندس مقالي ”واءِ سوڪِريٽِس ڊائِيڊ، ڊِسپليِنگ دِي مِٿس“ ۾ لکيو آهي، ته سقراط جو موت، حقيقت ۾ سرڪاري عهدنامي جي صريحاً ڀڃڪڙي هئي ۽ هڪ نرالي ۽ عظيم مقصد جي حصول خاطر سقراط حقيقي تدبر، بردباري ۽ بهادريءَ سان، رضاڪارانه طور تي انهيءَ کي قبول ڪيو. موت جي سزا جي رضاڪارنه تعميل ڪندي سقراط پاڻ کي اٿينس شهر ۾ پکڙيل سماجي برائين جي وبائن جو علاج ڪندي پي ڏٺو.


    روم جو عروج ۽ زوال

    سن 390ق.م ۾ قديم فرينچ جنگي سردارن جي لشڪر روم شهر جو گهيرو ڪيو، جيڪو سانده ست مهينا هليو. گهڻي ڦرلٽ ۽ تباهي مچائڻ کانپوءِ نيٺ هتان موٽي ويا. روم شهرجو فقط هڪ ڪيپٽولائين Capitoline وارو حصو رومين جي هٿن ۾ وڃي رهيو. روم جي ماڻهن پنهنجي شهر جي تعميرنو جو ترت عزم ڪيو ۽ هڪدم ٽوفا Tufa پٿر جي وڏين ڇپن سان شهر جي چوڌاريءَ ڪوٽ اڏڻ شروع ڪيو. هن دور جي پوئين ليکڪن مان هڪڙي Livy نالي شخص روم جي تعمير ۾ بي ترتيبيءَ جو ذڪر ڪندي بيان ڪيو آهي ته ”هي ڄٽن جو شهر ٿو لڳي جنهن جي تعميرات ۾ ڪا به صحيح منصوبه بندي نظر نٿي اچي.“
    پر انهيءَ بي ترتيبيءَ سان اڏيل ڪوٽ کي ايندڙ اٺن صدين تائين ڪو به حمله آور ٽوڙي نه سگهيو. فرينچ حملي سبب پيدا ٿيل اقتصادي بدحالي هڪ ڀيرو ٻيهر اصلوڪن ۽ ڌارين رومين ۾ تضاد ۽ اختلاف وڌايا، پر ڌارين پنهنجي ڏاهپ سان گَهڻَنِ ئي قانوني معاهدن تحت چوٿين صدي ق.م. جي خاتمي کان اڳ ۾ ئي اقتدار جي ايوانن ۽ دفترن ۾ اڪثريت حاصل ڪري ورتي ۽ سندن اسيمبليءَ طرفان پاس ڪيل قانونن جو اطلاق سمورن اصل توڙي ڌارين رومي باشندن سان لاڳو قرار ڏنو ويو. قرضن ۽ زمين جي ورهاست بابت معاشي قانون سازي هيٺين طبقن کي بدحاليءَ مان نجات ڏيارڻ لاءِ سندن حق ۾ ڪئي ويئي.
    وڏي پئماني تي منصوبه بنديءَ کانسواءِ به سن 375ق.م ۽ 275ق.م. جي وچ واري عرصي ۾ رومي رياست پنهنجي واضح سرحدي توسيع ۽ ڪافي پائيدار معاشي فائدا مهيا ڪيا. رومي حڪومت سموري پيتسولم اٽلي يعني سموري اپٻيٽ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ سان پنهنجي فتح ڪيل علائقن ۾ بيٺڪون قائم ڪيون ۽ رومي باشندن کي انفرادي طور جاگيرون عطا ڪيون. ٽئين صدي ق.م. جي وچ کان اڳي ئي سٺ هزار کن اهڙا زميني قطعات ماڻهن ۾ ورهائي بي زمين رومين جو زمين لاءِ شوق پورو ڪيو ويو ۽ ڪجهه زور ٽوڙيو ويو. 250ق.م. ۾ شهر جي آبادي هڪ لک کي پهچي وئي. فتوحات مان حاصل ٿيل مال غنيمت شهر ۾ مندرن، رستن ۽ پاڻيءَ جي رسد وارن منصوبن لاءِ گهربل پيسو مهيا ڪيو. ٽئين صدي ق.م. جي شروعات ۾ شهر ۾ تازو پاڻي آڻيندڙ ٻه هٿرادا ٺاهيل چينل شهر ۾ خوش اسلوبي سان چالو ٿيا. سن 264ق.م ۾ روم اتر آفريڪا ۾ قائم هڪڙي زبردست فونيشائي نسل جي ڪارٿيج حڪومت سان جنگ ۾ ڦاسي پيو. هڪڙي پوري صديءَ کان وڌيڪ عرصي دوران هنگامن، مقابلن ۽ ڪاميابين کان پوءِ روم سموري رومي سمنڊ سان وابسته سمورن ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ملڪ ٿي اڀريو. مگر هيڏي وڏي سلطنت جي نگهداشت لاءِ رومي ماڻهن جي شعوري طور تي خواهش نه هئڻ سبب روم جي شهر واسين لاءِ ڪئين نوان سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ڪيا. سن 218 ق.م کان 201 ق.م تائين رومين سان ڪارٿيجي فوجين جي ٻي جنگ سبب اٽليءَ واري اُپٻيٽ جي وڏي حصي ۾ قتل و غارت ۽ ڦرلٽ سان تباهي آئي، ڪافي زمينن تي قبضو ڪيو ويو ۽ اتي آباد رومين ڀڄي روم شهر ۾ اچي پناهه ورتو. ان وقت ڪارٿيج فوجن جو سپهه سالار هني بال Hanni bal هو. رومي امير طبقو جنهن کي روم شهر ۾ صنعت توڙي تجارت ۾ سيڙپ جي قانون موجب منع ٿيل هئي. تنهن ڏکڻ ۽ وچ اٽليءَ واري ڏتڙيل آبادگار طبقي مان ناجائز فائدو وٺندي تمام سستي اگهه سان زمين جي وڏي ايراضي خريد ڪئي.رومي سمنڊ واري علائقي ۾ روم طرفان ٿيل لڙاين جي نتيجي ۾ روم ۾ غلامن جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويو. انهيءَ طبقي کيت مزدوري ۽ ڌراڙپيءَ جو ڪم ڪيو. جنهن ڪري عام هاري طبقي جي وڏي تعداد ۾ بي دخلي ٿي. جيڪو سخت بدحاليءَ جو شڪار ٿيو. مجموعي طور تي رومي حڪومت جي معيشت شهر توڙي سلطنت جي سياسي ترقيءَ کان گهٽ ۽ پوئتي پئجي ويئي.
    عوامي حڪومت جو پويون دور The late republic ٻي صدي ق.م. دوران شهري آباديءَ ۾ تڪڙي واڌ ۽ رومي شهريت ۾ اضافي سبب شهري آبادي جي ووٽرن جي اهيمت واضح طور گهٽجي وئي.
    روم جي مکيه پاليسي ساز اداري سينيٽ Senate اڳيان سلطنت جي بيشمار مسئلن موجود هئڻ سبب اُها اڪثر ڪري شهر جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڪو نه ڏيندي هئي. شهر لاءِ جدا ميونسپل انتظاميه نه هئڻ سبب شهر جا عام پبلڪ ڪم ڪار خوراڪ جو بندوبست ۽ پاڻيءَ جي رسد وغيره ناتجربيڪار ڪامورن يا خانگي ادارن جي هٿن ۾ رهيو. انهيءَ جي باوجود ڪجهه ترقياتي ڪم ٿيندا رهيا. ڪجهه وڏين گهٽين جي فرشبندي ٿي. خراب پاڻيءَ وارين نالين کي ڍڪيو ويو ۽ فورم واري علائقي ۾ ڪافي باسيليڪا، مذهبي عمارتون ۽ نون دڪانن جي هڪڙي وڏي بازار تعمير ٿي. ٽبر نديءَ تي شهر ۾ پهرين پٿر جي پُل سن 142 ق.م ۾ ۽ پهرين پاڻيءَ جي ٽانڪي گهڻي اوچائي تي اول ۾ سن 144 ق.م. ۾ ٺاهي وئي، جنهن سبب شهر جي اوڀر طرف واري مٿانهين پٽ تي پڻ آبادڪاري شروع ٿي وئي.
    ٻي صدي ق.م. جي شروع کان وٺي اَوينٽائِينِ هنڌ وٽ ٽبر نديءَ تي ٺهيل بندر وٽ نوان ويئر هائوس يعني دڪان ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪيون ويون.
    انهن ۽ ٻين اهڙن ترقياتي ڪمن وارن منصوبن، شهري مزودر طبقي جي تعداد ۾ بيشمار اضافو آندو هو. اهي ماڻهو نهايت ناقص گهرن ۾ رهندا هئا. سندن گذارو هن غير صنعتي شهر ۾ تمام ڏکيو هو. اهي ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري منصوبن ۾ مزدوري ڪندا هئا نه ته گهڻو ڪري مقامي شاهوڪار طبقي جي خيرات تي پيا پلبا هئا. ٻي صدي ق.م جي خاتمي تائين رومي طبقي جي مجموعي طور اها خراب حالت هئي. انهيءَ وقت تائين شهر ۾پوليس توڙي باهه وسائڻ وارو عملو هو ئي ڪو نه.
    پهرين گريشي ٽِبَريئَس Gracchi Tiberius ۽ پوءِ گيئس گِريشَس Gaius Gracchus شهر ۾ بي روزگاري ۽ کاڌخوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ واڌِ وارن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. هنن پهرين اٽلي ۾ ڇوٽو هاري طبقو وري نئين سر مرتب ڪيو ۽ پوءِ غريب طبقي کي کاڌي خوراڪ لاءِ سرڪاري امداد ڏيارڻ جو بندوست ڪيو. گيئس رستن عمارتن تي سرڪار کي خرچ ڪرڻ لاءِ همٿايو. سڪي وارن سڌارن سميت مذڪور ميدانن ۾ وڏن سرڪاري خرچن ٿيڻ جي باوجود ٻي صدي ق.م. جي پوئين اڌ تائين مذڪور ڪوششن سان ڪجهه سڌارو ته ٿيو، پر روم جي معيشيت توڙي سياسي صورتحال ۾ ڪافي نقص ۽کوٽون برقرار رهيون.
    پهرين صدي ق.م. جي پهرين اڌ جي تقريباً پوري عرصي دوران گهرو ڪشمڪش روم جي آدمشماري ۽ مسئلن ۾ زبردست اضافو ڪيو. روم جي امير طبقي سياسي مفادن جي حصول لاءِ خانگي لشڪر وجود ۾ آڻي غريب طبقي کي ان ۾ڀرتي ڪري کيس روزگار ته مهيا ڪيو پر انهيءَ خانگي فوج ڪشيءَ عوامي حڪومت جي خاتمي جو سامان پڻ مُهيا ڪيو. شهري غريب طبقي کي اناج سستي اگهه تي مهيا ڪري سندن استحصال لاءِ ميدان هموار ڪيو.هن صديءَ جي وچڌاري اٽڪل پنج لک مسڪين ماڻهن کي اناج تقريباً مفت ڏنوپئي ويو. مٿيون طبقو عيش عشرت ۾ دلچسپي وڌائڻ لڳو ۽ حڪمران طبقي سان رنگ رلين ۾ محو ٿي ويو. شاهي عمارتن ۾ ناٽڪ گهرن کي ٺاهڻ ۽ سجائڻ تي ڏاڍو خرچ ڪيو ويو، پر شهر کي اهو خرچ وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بنائي نه سَگهيو. وڌيڪ اهو ته يونان جي اوڀر وارن حصن مان روم ڏانهن گهڻي تعداد ۾ ماڻهن جي آمد ڳتيل آباديءَ واري روم جي شهر کي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ غرق ڪري ڇڏيو.
    جُولئيس سيزر روم جو پهريون بادشاهه هو جنهن شهر توڙي ملڪي مسئلن ۽ ڪمن کي صحيح منصوبابنديءَ موجب سرانجام ڏيڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي. ڪيمپس مارشس وارو راندين جو ميدان ۽ ٽبر نهر جي سڌاري جو پروگرام هن بادشاهه جي منصوبن ۾ شامل هو، پر پنهنجي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تائين زنده نه رهيو. سندس هنج ۾ ورتل پٽ ۽ جاءِ نشين آگسٽس Augustus روم شهر کي نئين سلطنت جي عظيم راڄڌاني بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس انهيءَ دعويٰ ۾ وڌاءُ آهي ته هن کي روم سرن جو ٺهيل مليو پر هن انهيءَ کي سنگمرمر سان تعمير ڪري ڏنو. مگر هن ۽ سندس ساٿين شهر ۾ ڪئين عماتون، مندر، ٿيٽر، حمام، ڦوهارا ۽ راندين جا ميدان، بازاريون ۽ گدام وغيره اڏايا. تنهن کانسواءِ قديم اڏاوتن جي مرمت جو ڪم چالو ڪرڻ سان غريب طبقي کي روزگار حاصل ٿيو. مگر شهر جي اڏاوت بابت گهربل شهري منصوبه بندي نه هئڻ سبب اهي غير محفوظ ۽ صفائي کان وانجهيل جڳهين ۾ ڦاٿل رهيا. جيڪي قديم ڀاڱي جي سوڙهين ۽ ٻوساٽيل گهٽين ۾ گهيريل هئا. آگسٽس جي هڪ دوست ۽ مددگار ايگريپا Agrippa پنهنجي جام دولت شهر کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ ۽ شهر ۾ پاڻيءَ جي رسد واري نظام کي سڌارڻ تي خرچ ڪئي.
    آگسٽس طرفان شهر جي انتظام جو الڳ نئين سر بندوبست ۽ سرڪاري نوڪرين ڏيڻ وارو ادارو ٺاهڻ ماضيءَ جي سمورين حڪومتن کان هن کي ممتاز حيثيت ڏياري. سن 7 ق.م. ۾ هن بادشاهه روم شهر کي چوڏهن ريجنن يا وارڊن ۾ ورهايو ۽ انهن وارڊن کي وِيسِي Vici نالي وڌيڪ ننڍن ڀاڳن ۾ ورهائي اُنهن ۾ جدا جدا ڪامورا مقرر ڪيا ويا. جيڪي انتظامي توڙي مذهبي ذميواريون بجا آڻيندا هئا.سن 26 ق.م ۾ هن شهري مذهبي عهديدار Urban perfect جي آسامي پيدا ڪئي.اها ڳچ وقت تائين مستقل ڪا نه ٿي، پر پوئين سلطنت جي دور ۾ اهو عهدو تمام گهڻي اهميت وارو ٿي پيو.
    سخت ضرورت جي پيش نظر آگسٽس بادشاهه سن 2 ق.م. ۾ هڪڙي باهه وسائڻ واري ٽولي Fire brigade تشڪيل ڪئي، ان جي مکيه عملدار کي ايڊائيل Aedile سڏيندا هئا.
    سن 6ع ۾ لڳندڙ نهايت تباهه ڪُن باهه کان پوءِ بادشاهه باهه وسائڻ لاءِ باقاعدي هڪڙو ڪور Corps قائم ڪيو، جنهن ۾ ست اسڪواڊ يعني وڏا جٿا موجود هئا. هر هڪ اسڪواڊ ۾ باهه وسائڻ جي ماهر ماڻهن جو تعداد هڪ هزار ڀرتي ڪيل هو. اوائلي برگيڊ ۾ آزاد ٿيل غلام ڀرتي ڪيل هئا. باهه وسائڻ وارن کي وجلس Vigiles سڏيندا هئا.انهن کان رات جي وقت ۾ پوليس جي ڊيوٽي پڻ ورتي ويندي هئي. جن گهٽين گلين ۾اڪثر گوڙ فساد ٿيندو هو. اُتي هڪڙي بريفيڪٽ جي اڳواڻي هيٺ وجلس جا ٽي اسڪواڊ مقرر ڪيل هئا. جيڪي اُتي امن امان قائم رکندا هئا. ضرورت وقت پريٽوئين گارڊ يعني شهري مستقل محافظ سندن مدد ڪندا هئا. آگسٽس بادشاهه شهر جي عارضي انتظام کي وڌيڪ درست ۽موثر بنائڻ لاءِ هن شهري انتظام وارن مختلف ادارن کي مستقل۽ مستحڪم بنايو. هن سمجهيو ته روم کي عظيم شهر بنائڻ لاءِ هتي سنگمرمر سان يادگار ۽ عمارتون اڏائڻ جي ڀيٽ ۾ شهر جو انتظام ۽ امن امان جو بندوبست وڌيڪ ضروري آهي.
    آگسٽس جي جاءِ نشين حاڪمن اڪثر ڪري سندس ئي پاليسين تي عمل ڪيو. البت انهيءَ ۾محنت گهٽ ۽ ڏيکاءُ زياده هوندو هو. ڪلاڊيئس Claudius بادشاه ٽبرندي جي مُنهن وٽ اوسِشِيا Ostia جي ويجهو هڪڙو زبردست بندر جوڙايو هو. جيئن ته روم شهر ۾ اناج سڌو ۽ جلد پهچائي سگهجي.انهيءَ وقت تجارت گهڻو ڪري خانگي شعبي جي حوالي هئي. سرڪاري عملدار لڳاتار رسد کي يقيني بنائڻ ۽ چور بازاريءَ روڪڻ لاءِ گهربل اُپاءُ وٺند هئا ۽ نظرداري ڪنداهئا.
    شهري منصوبه بندي لاءِ نيرو nero بادشاهه پڻ شابس لهڻي. البت انهيءَ منصوبه بنديءَ تي خرچ گهڻو ٿيو. سن 4ع ۾ باهه لڳڻ سان شهر جو وڏو حصو چٽ ٿي ويو.هن انهيءَ حصي ۾ تعمير نو جو وڏو ڪم ڪيو. منجهس نيون گهٽيون ۽ گليون تعمير ڪرايائين ۽ اُتي ڪولونيڊ پڻ تعمير ڪرايائين. پنهنجو عظيم الشان گولڊن هائوس محل بِه هن علائقي ۾ تعمير ڪرايائين.خانگي معمارن کي ڪشادا ۽ باهه کان محفوظ اپارٽمينٽ ٺاهڻ لاءِ ۽ سندن علائقن ۾ پاڻيءَ جي رسائي جو جوڳو بندوبست ڪرڻ لاءِ هُمٿايائين. جيتوڻيڪ نيرو بادشاهه رهڻ ڪارڻ شهر سهڻو اڏايو، پر سندس ڪوششون شهر کي خطرناڪ باهين کان بچائي نه سگهيون. مثلاً 191ع ۾ شهر کي وري به خطرناڪ باهه لڳي، جنهن سان تمام گهڻو نقصان ٿيو. ان وقت جي بادشاهه سيپٽيميئس سيورس Spetimius Severces شهر وري نئين سر جوڙايو.
    پهرين عيسوي صديءَ جي آخر ۽ ٻي صديءَ جي شروعات وارن رومي شهنشاهن پڻ شاهي محلن توڙي شهر جي ٻين يادگارن جهڙوڪ فورم مندرن، شاهي دروازن، حمامن ۽ اسٽيڊيم وغيره جي شان شوڪت ۾ اضافو ڪيو.
    مثلاً ٽريجن Trajan بادشاهه جو اڏايل فورم وارو علائقو جنهن ۾ اڏيل عاليشان عمارتون،انهن جا سهڻا صحن، بازاريون، دڪان ۽ مارڪيٽون وغيره تاريخي طور تي شهر جي اڏاوت جي عظيم منصوبه بنديءَ جو ثبوت پيش ڪن ٿيون. ٽريجن وارو ڪالم جنهن تي ڊينيوب نديءَ کان پار وارن ملڪن تائين سندس فتوحات جو احوال درج آهي. انهيءَ مينار جو پڻ پوري عيسوي وچئين دور ۾ ڪو به مد مقابل مينار ڪو نه هو. تنهن کانسواءِ هيڊريئس Hadrius جي دور جا ٻه شاهي يادگار هڪ وڏي گنبذ وارو پينتيئن ۽ ٻيو ميوزو ليئم جنهن کي سن 590ع ۾ ڪيسٽل آف سينٽ اينجليو Castel of Saint Angelo نالو ڏنو ويو. اهي پڻ تعمير جو سهڻو نمونو آهن.
    پهرين عيسويءَ صديءَ جي پڇاڙي۽ ٻي صديءَ جي شروعات دوران روم جو شهر آباديءَ توڙي خوشحاليءَ جي عروج تي پهتل هو. انهيءَ وقت شهر ۾ اٽڪل ڏهه لک ماڻهو آباد هئا. شهر جي آباديءَ ۾ گهڻو ۽ تڪڙو واڌارو ٻاهران ايندڙ غلامن توڙي آزاد ماڻهن جي ڪري ٿيو. نه ته اصل آبادي ۾شرح پيدائش ٻين سمورن آسپاس وارن ملڪن ۽ علائقن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هئي.
    شهرجون فرش ٿيل گهٽيون، پاڻي جي رسائي ۽ نيڪال جو بندوبست ته سٺو هو. مگر اهو پوري شهر ۾ موجود ڪو نه هو. نيرو بادشاهه جي سڌارن کان پوءِ ماڻهن جي اڪثريت ڳتيل سوڙهن ۽ نهايت خراب گهرن ۽ جڳهين ۾ رهندي هئي. جتي صفائي، پاڻيءَ يا نيڪال جو ڪو به بندوبست ڪو نه هو. ايتريقدر جو گهرن ۾ جدا بورچي خانو به ڪو نه هوندو هو. عوامي حمامن ۽ ٻين ميداني هنڌن جي ڪري گندگيءَ جو آزار ڪجهه گهٽيو. اهوگهڻي مقدار ۾ ٽِبَر نديءَ ۾ لوڙهيو ويندو هو ۽ باقي شهر کان ٻاهران اروڙين تي ڦٽو ڪيوويندو هو. شهري حڪومت جون اعليٰ صلاحيتون شهري سماجي تنظيم تي صرف ٿينديون رهيون.
    هي شهر شيون استعمال ڪندڙ ماڻهن وارو شهر هو. جتي ڪا صنعت توڙي حرفت موجود ڪا نه هئي، ڪو تجارتي مرڪز پڻ ڪو نه هو، شهر ۾ ننڍا ننڍا دڪان هوندا هئا. جتان ضرورت جون شيون خريد ڪيون وينديون هيون. سلطنت جي اوائلي دور ۾ سماجي تنظيمون سماجي ۽ مذهبي ڪمن ڪرڻ تائين محدود هيون. جيڪي سلطنت جي پوئين دور ۾ وڃي تجارتي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ نئين سر منظم ٿيون. عظيم عمارت سازي ۽ يادگارن جي لحاظ کان ته هي بي مثال شهر هو، پر سندس پسامنده معاشي ۽ سماجي صورتحال سندس آئيندي لاءِ بد سوڻ هئي.
    ٻي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ روم شهر جي آبادي (آدمشماري) گهٽجڻ لڳي. مارڪس آرليئس Marcus Aurlliues جي ايامڪاريءَ ۾ پليگ نالي مهلڪ مرض واري نهايت خطرناڪ وبا ڦهلجڻ سبب شهر ۾ روزانو ٻه هزار کن ماڻهو مرندا هئا. ٽئين صديءَ دوران معاشي ۽ سياسي تباهه ڪارين به گهٽ نقصان ڪو نه ڪيو. سن 270ع ۾ شهر جي ڪوٽ جي تعمير شهر لاءِ خطري جو نشان ٿي پئي.
    سن 284ع کان 305ع تائين حڪمراني ڪندڙ بادشاهه ڊايو ڪليٽيئن Diocletian شاهي حڪومتي نظام ۾ ڪجهه سڌارا آندا ۽ قدري خوشحالي ڏانهن مائل رهيو. هن پنهنجي يادگار طور سهڻا حمام تعمير ڪرايا هئا. تنهن کان پوءِ روم سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ قسطنطنيه Constantinopole رهيو. شهر جي تعمير سان ملڪ جي گادي هن نئين شهر ڏانهن منتقل ٿي ۽ اهڙي ريت روم جي سياسي عطمت ختم ٿي وئي. قسطنطيه شهر اڏائيندڙ بادشاهه ڪانسٽينٽائين Constantine روم جي قديم يادگارن ۽ ٻين اهم عمارتن جي حفاظت لاءِ به ڪافي اُپاءُ ورتا هئا. هن بادشاهه عيسائي مذهب اختيار ڪيو ۽ روم ۾ رهندڙ چند عيسائين جي سرپرستي ڪرڻ لڳو. نتيجي طور اهي چند عيسائي ٿوري عرصي اندر پوري شهر تي حاوي ٿي ويا. ۽ اڳتي هلي رومي اقتدار تي قبضو ڪيائون ۽ هتي قرون وسطيٰ کان جديد دور تائين ڇانئيل رهيا.
    روم چوٿين عيسوي صديءَ تائين قدامت پرست ۽ ماورائي طاقتن جو پوڄاري مقامي پئنچائت يعني سينيٽ Senate ۾ شامل خاندانن جي اقتدار هيٺ رهيو. جڏهن اولهه وارن گوٿڪ قبيلن جي فوج الارڪ Alaric نالي سالار جي اڳواڻي ۾ سن 408ع ۾ شهر تي حملي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ته شهر جي چڱي مڙس ۽ سندن پئنچائت دشمن جي حملي کي ٽارڻ لاءِ مذهبي قرباني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کي وقت جي پوپ پڻ جائز قرار ڏنو پر انهيءَ کي راز ۾ رکيو. نيٺ 410ع ۾ الارڪ شهر تي اچي قبضو ڪيو ۽ فوج کي ڦرڻ ۽ لٽڻ جو حڪم ڏنو. فوج کي ٽن ڏينهن تائين ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن تمام گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيو. انهيءَ ڦرلٽ سبب ڪافي ماڻهو شهر خالي ڪري ويا.
    جيتري قدر رومي قديم يادگارن جو تعلق هو ته انهن کي نسبتاً نقصان گهٽ رسيو رڳو کين ٻاهران جزوي طور نقصان پهتو. شاهي اقتدار جو زوال ۽ پوپ جي اقتدار تي گرفت جسٽينيئن Justinian بادشاهه کان پوءِ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي. انهيءَ کان پوءِ روم شهر ٽي ڀيرا گهيرن جو شڪار رهيو. جنهن دوران شهر ۾ پاڻي پهچائڻ وارا واهه بند ڪيا ويا ۽ هڪ اهو وقت به آيو جڏهن ماڻهو مجبور ٿي پورو شهر خالي ڪري ويا.


    حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي چاڙهڻ

    سن ٽيهه عيسويءَ ۾ جڏهن ٽِبريئس Tiberius روم جو شهنشاهه ۽ اسرائيل واري صوبي جو حڪمران پونٽيئس پائليٽ Pontius Pilate هو. تڏهن يهودين جي مصر کان آزاديءَ واري جشن کان ڪجهه ڏينهن اڳي يسوع مسيح عليھ السلام يروشلم ۾آيو. انهيءَ وقت تائين سندس تبليغ جو دائرو گيليلي جي علائقي ۽ ڪيپر نائم شهر جي پسگردائي تائين محدود هو۽ هو ڪيپرنائم شهر جي ديني مدرسن ۾ تبليغ ڪندو رهيو. يروشلم شهر ۾ سندس آمد هڪڙي ننڍڙي سوڀ جي مترادف هو. گيليلي جي علائقي ۾ سندس پوئلڳن جو تعداد ڳچ جيترو ٿي ويو هو. گيليلي ڍنڍ جي ڪناري تي سندس وعظ ٻڌڻ لاءِ ماڻهو جڏهن تمام گهڻا گڏ ٿيندا هئا ته پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ٻيڙي هلائيندي سموري ڪناري تي گڏ ٿيل ماڻهن کي خطاب ڪندو هو. اهڙي صورتحال جنهن ۾ عوام جي هن ڏانهن والهانه رغبت جو احوال سندس پهچڻ کان اڳ ۾ئي يروشلم جي حاڪمن کي تفصيل سان وڃي مليو. هو پاڻ جڏهن يروشلم شهر ۾ داخل ٿيو ته ماڻهن جي تمام وڏن ۽ گهڻن ميڙن دل جي گهرائين سان سندس آجيان ڪئي. يروشلم جي ماڻهن کي عيسيٰ عليھ السلام جي تعليمات جو پورو پتو ۽ پرو خير ڪو هو پر ملڪ ۾ رائج نظام کي رد ۽ ختم ڪرڻ ۽ هڪ انصاف تي مبني نئون نظام برپا ڪرڻ واري حقيقي اڳواڻ طور عوام مسيح عليھ السلام ڏانهن راغب ٿيو. سندس مکيه پوئلڳن طرفان ورتل گڏهه تي چڙهي حضرت عيسيٰ سڄي شهر جو چڪر لڳايو ۽ ماڻهن کي پُرجوش خطاب ڪيو. ماڻهن خوشيءَ ۽ اميد تي مبني نهايت جوش ۽ جذبي سان نعرا هنيا.
    حضرت عيسيٰ عليھ السلام پوءِ حضرت سليمان واري عبادت گاهه ۾ ويو، جتي ويٺل تعويذ فروشن، ڪَبُوتَر وِڪرو ڪندڙن ۽ ٻين بدمعاشن جي ٽولن کي ڀڄائي ڇڏيو. سموري سماجي عمل ۾ سندس فقط ايترو ئي محدود دخل هو. پوءِ هڪ هفتي تائين شهر ۾ تبليغي عمل جاري رکيائين، جنهن دوران عوام جي تمام وڏي ميڙ جي موجودگيءَ سبب سرڪاري ڪارندن لاءِ يسوع مسيح جي گرفتاري مشڪل ٿي پئي. تڏهن سرڪاري اعليٰ عملدارن هن حيران ڪندڙ حملا آور خلاف سنجيده گڏجاڻي منعقد ڪئي. شهر تي هن غير موثر طريقي سان ٿيندڙ قبضي واري صورتحال کان يهود Judas نالي هڪڙي مکيه پوئلڳ عيسيٰ عليھ السلام کي ڊيچارڻ ۽ مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چند ڏوڪڙن جي رِشوَتَ عيوض غداريءَ جو مرتڪب ٿيو ۽ سندس گرفتاري يهودي مُلن سان صلاح مصلحت ۽ مدد سان ڪئي ويئي.
    يهودين ۽ سندن وڏي پادري کي هن اوچتي فساد جي برپا ٿيڻ ڪري سخت تشويش لاحق ٿي پئي، ڇو ته هن کان اڳ ۾ سندن خلاف ماڻهن جا هيڏا وڏا ميڙ شهر جي گلين ۾ ڪڏهن به وارد ڪو نه ٿيا. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر سائفس Caiaphas نالي مُک پادريءَ جي سرڪردگيءَ هيٺ شهر جي يهودي مُلن جو سمورو لڏو مسيح عليھ السلام جي خلاف اسرائيل جي صوبي جي حڪمران پونٽيئس وٽ دانهين ٿي ويو.
    پونٽيئس پائليٽ ازخود حيران ۽ پريشان هئڻ سبب يهودين جي چوڻ تي حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي چاڙهي قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي. ٿيو هينئن ته ٻارهن حوارين (مک پوئلڳن مان) هڪڙي نالي يهودا جي غداريءَ سبب يسوع مسيح کي باغ مان گرفتار ڪري پونٽيئس جي دربار ۾ اچي حاضر ڪيائون. جتي مٿس اڳي ئي داخل ڪيس هلائي صليب تي چاڙهي قتل ڪرڻ جي سزا ٻڌائي وئي. اهڙي طرح خواهش ۽ توقع جي خلاف عوام جي ڇوٽڪاري وارو خواب اڌورو رهجي ويو. سرڪار سان هڪڙي غداريءَ واري ٺاهه موجب سندس سمورا حواري کيس ڇڏي ڀڄي ويا.
    صليب تي ڪوڪا هڻي ٽنگڻ لاءِ جڏهن مسيح عليھ السلام کي جلجوٿا Golgotha نالي ٽڪريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ لڳا ته رستي ۾هلڻ دوران رومي سپاهي کيس چهبڪن ۽ ڦٽڪن سان ڪٽيندا هليا ۽ مٿانئس چٿرون ڪندا رهيا. مسيح عليھ السلام کي ٽڪريءَ ڏانهن جلوس جي صورت ۾ نيو ويو هو. انهيءَ جلوس ۾ پيٽر Peter نالي هڪڙو حواري به موجود هو. عملدارن جي پُڇا ڪرڻ تي هن حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن مسيح عليھ السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو ته ماڻهن جي ميڙ جو وڏو حصو ويندو رهيو، جنهن ۾ پيٽر به شامل هو. انهيءَ هنڌ تي باقي چند عورتون ۽ مرد وڃي بچيا جن عيسيٰ عليھ السلام کي اُڃ، بُک ۽ سور سهندي ٽنگيل ڏٺو. جتي اکين ڏٺن شاهدن جي چوڻ موجب يسوع مسيح الله تعاليٰ کي وڏي واڪي پڪاريندي چيو ته ”منهنجا مولا! مون کي ڇا لاءِ تياڳ ڏنو اٿئي؟“ انهن لفظن چوڻ کان پوءِ ترت پنهنجو دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. سندس اهي لفظ پنهنجي پوئلڳن لاءِ باقي زماني ۾ پر اسرار صدائن جي صورت ۾ موجود آهن.
    حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي قتل جي هن ظالمانه واقعي اٻوجهه عوام ۾ اهڙو ته خوف ۽ حراس پيدا ڪيو جو سندن وايون بتال ٿي ويون ۽ ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي نه سگهيا. چون ٿا ته جڏهن مسيح عليھ السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو ته چوطرف گهگهه اوندهه ڇانئجي وئي ۽ حضرت سليمان واري عبادت گاهه جو غلاف شهيد ٿي ويو. پر سرڪار طرفان زهريلي پروپيگنڊا سبب عام ماڻهو بيوس ٿي رهجي ويو. هزارين سالن کان پوءِ به هاڻوڪي دنيا جي عوام لاءِ مسيح عليھ السلام کي صليب تي چاڙهڻ واري نماشام تمثيلي طور تي اڄ به موجود آهي. جتان جاءِ واردات تي حاضر چند عورتن ۽ مردن جو ننڍڙو جٿو انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ گهرن ڏانهن موٽي ٿو ته آيا مسيح عليھ السلام اڃا تائين جيئرو هو يا دم ڌڻي جي حوالي ڪيائين؟
    سندس حوارين ڪجهه وقت خاموش رهڻ کان پوءِ پراسرار سرگوشيون شروع ڪري ڏنيون. چي جتي دفن ڪيو ويو هو مسيح عليھ السلام اتي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، هڪ ٻن ٻين حوارين چيو ته اسان کيس هاڻي وري جيئرو جاڳندو ڏٺو آهي. پوءِ اها ڳالهه هلايائون ته تمام گهڻن نيڪ ماڻهن کيس جسماني طور زنده ٿيندو آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو آهي. بعد ۾ اهو بيان ڏنائون ته هڪ هزار سالن کان پوءِ مسيح عليھ السلام واپس ڌرتيءَ تي ايندو ۽ الله تعاليٰ جي حڪومت قائم ڪندو. حقيقت ۾ماڻهن کي ماترائڻ ۽ ڀنڀلائڻ ۾ کين صديون گذري ويون پر حوارين توڙي سمورن پوئلڳن کي مسيح عليھ السلام طرفان مليل پيغام وسريل رهيو. جنهن ۾ کين ڌرتي تي الله تعاليٰ جي حڪومت قائم ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي هئي.


    اٽليءَ جي تاريخ جا نه وسرندڙ واقعا

    رومي اقتدار کان اڳ واري اٽليءَ ملڪ۾ گهڻن ئي نسلن جا ماڻهو آباد هئا. جن جي رهڻي ڪهڻي توڙي گفتار ۽ سماجي صورتحال هڪٻئي کان مختلف هئي. انهن سمورن نسلن ۾ علاقائي توسيع پسنديءَ جو رجحان ڪارفرما هو. منجهن پاڙيسري رياست يونان جي ماڻهن جون خوبيون جهڙوڪ شان شوڪت علمي پختگي ۽ فنون لطيفيه سان لڳاءُ پڻ موجود هو. جيتوڻيڪ رومي سلطنت جي فتح کانپوءِ سموريون ڇوٽيون رياستون گڏيل شاهي رياست ۾متحد ٿي ويون ۽ هڪڙو عاليشان متحد سياسي، ثقافتي ۽ سماجي نظام برپا ٿيو هو. جنهن کي سال۽ صديون ٿي ويون آهن. مگر ماڻهن جي اڪثريت علاقائيت ۾ مبتلا آهي ۽ اهي قديم علاقائي ايڪائين جهڙوڪ ليٽيئم، ڪيمپينيا، اُپُوليا، پروٽيئم، لوڪانيا، سامينيئم، پائسينيئم، امبريا، ايٽروريا، وينيٽيا، لگوريا، وغيره سان واڳيل رهيا آهن.
    ٿورن ۽ غير مصدقه وسيلن سبب قديم اٽليءَ جي تاريخ نهايت مختصر ۽ مبهم صورت ۾ موجود آهي. قديم يوناني ۽ لاطيني ليکڪن اٽليءَ ۽ سندس نسلي گروهن بابت احوال بلڪل غير واضح ۽ غير وثوق انداز ۾ پيش ڪيو آهي. يونانين اٽليءَ جي ماڻهن جي يونانين سان لاڳاپن بابت بلڪل ٿورو احوال ڏنو آهي. انهيءَ مان به مکيه يوناني ليکڪن جهڙوڪ اينٽيوڪس، فائلٽس، ٽائيمائس وغيره جا قيمتي ۽ ذخيم نُسخا ناپيد آهن. لاطيني ادب ۾ فقط روم جو احوال نه هئڻ جي برابر آهي. ٿورو گهڻو معتبر احوال اٽليءَ جي قديم آثارن جي اُپٽار مان معلوم ٿيو آهي. جنهن مان تاريخي واقعن جي ڀيٽ ۾ تهذيبي ۽ ثقافتي سرگرمين بابت وڌيڪ معلومات حاصل ٿي آهي. انهيءَ موجب هتي جا اوائلي ماڻهو ايٽرسڪن هئا. جن کي يوناني ٽائرسينوئي يا ٽائرهينوئي سڏيندا هئا. امبريا جا ماڻهو کين ٽرسڪ۽ لاطيني کين ٽسڪي يا ايٽرسڪي سڏيندا هئا. ايٽرسڪن دستاويزن موجب اهي خود پاڻ کي راسينا Rasenna سڏيندا هئا. يوناني زبان ۾ سندن ملڪ کي ٽائر هينيانا، لاطيني ٻوليءَ ۾ ٽسڪيايا ايٽروريا چوندا هئا. هي علائقو موجوده اٽليءَ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ ٽبريا آرنو واين ۽ اپينائين جابلو علائقي جي وچ ۾ آهي. هن علائقي ۾ ايٽرسڪن ماڻهن جي موجودگيءَ جا آثارستين صدي ق.م. جي شروعات ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ايٽروريا کانسواءِ ٻين علائقن جهڙوڪ: ڪيمپينيا، ليٿيئم ۽ پو Po واري ميداني علائقي کان اتر طرف پڻ ايٽرسڪن ماڻهن جي آبادڪاري نظر اچي ٿي. هنن ماڻهن بابت هڪ راءِ اها آهي ته اهي ايجئين سمنڊ جي رستي اٽليءَ جي اوڀر ۾ واقع ليمنوس ٻيٽ کان لڏي اچي هتي آباد ٿيا. ٻي نظريي موجب ايٽرسڪن ماڻهو اٽلي جا اصل مقامي ماڻهو آهن، جيڪي انڊو يورپين ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن کان به اڳ هتي موجود هئا. موجوده وقت جي ڪن محققن جو خيال آهي ته ايٽرسڪن ماڻهو اٽڪل ٻارهن سئو ق.م، ڌاري ايجئين سمنڊ وسيلي هتي اچي آباد ٿيا.
    اٽليءَ ۾ يوناني ۽ لاطينيءَ کان پوءِ ٽئين نمبر تي پهتل ٻولي ايٽرسڪن هئي، جنهن ۾ ثقافتي، تعليمي ۽ ٻين سماجي سرگرمين کي بيان ڪيو پئي ويو. سا هاڻي ادبي لحاظ کان مفقود آهي. رومي سلطنت واري دور ۾ئي گفتگو مان خارج ٿي وَئي. اڄ انهيءَ ٻوليءَ جا چند ٻول وڃي بچيا آهن. جيڪي مروج ٻولين ۾ ضم آهن.
    مجموعي طور نتيجو اهو اخذ ڪيو ويو آهي. ته ايٽرسڪن ماڻهو اٺين۽ ڇهين صدي ق.م. دوران هن علائقي جي سامونڊي سوداگرن ۾ ڪجهه گهرو هنر ڄاڻندڙ قوم هئي، جيڪا هن پوري اپٻيٽ ۾ پکڙندي ۽ قابض ٿيندي رهي. پر پنجين ۽ چوٿين ق.م. ۾ مڪمل عروج حاصل ڪرڻ کانسواءِ زوال پذير ٿي پئي ڇو ته اها خود پاڻ نفاق ۽ فرقھ پرستي جو شڪار ٿي وئي ۽ محدود علاقائيت پسندي ۾ ڦاسي پئي. ايٽرسڪن سماج جو بنياد خاندان يا ڪٽنب تي ٻڌل هو. جنهن جو اڳواڻ مرد هوندو هو. هر ماڻهوءَ جي ذاتي نالي سان سندس خاندان يا نک جو نالو پڻ شامل هوندو هو. اهو اصول اٽليءَ جي غير ايٽرسڪن قومن ۾ پڻ مروج هو. غلامن ۽ ڌارين کي فقط پنهنجو ذاتي نالواختيار ڪيل هو.
    ايٽرسڪن ماڻهن هن علائقي ۾ يوناني طرز تي شهري رياستون ۽ حڪومتون قائم ڪيون هيون. سائري Caere ٽارڪُئِينِي Tarquinii وُلسي Vulci روسيلي Roselle ويٽيولونيا Vetulonia ۽ پاپيولونيا Populonia شهري رياستون ڏکڻ طرف واري ساحل تي قائم هيون. ويئي Veii وولسِيني Volsini ڪِلُوسيئم Clusiam، پيروشيا Perosia، ڪورٽونا Cortona، اَريٽيئم Arretium، فيسوُلي Faesulae ۽ وولاٽيراء Volaterrae وغيره ساحل کان پري اپٻيٽ اندر قائم هيون. مذڪوره ڇوٽِيُون شهري رياستون مذهبي ۽ ثقاتي هڪجهڙائين جون حامل هيون ۽ منجهن اقتصادي ۽ تجارتي اتحاد پڻ ڏسڻ ۾ آيو. مٿين صورتحال ايٽرسڪن قوم تشڪيل ڪئي. جيڪا مذڪوره ٻارهن شهرن يا رياستن ۾ موجود هئي. رومي ۽ يوناني ڪالونين جي نيم موجب هنن ايٽرسڪن رياستن جا حڪمران فوجي ۽ مذهبي طور تي خودمختيار هئا. بعد ۾ ڪجهه ريپبلڪن حڪومتون پڻ مشاهدي ۾ اچن ٿيون. انهن شهري حڪومتن تي اٿينس شهري رياست جو اثر ڪارفرما رهيو، ٻي ۽ پهرئين صدي ق.م. دوران ايٽرسڪن قوم جي هنن خود مختيار رياستن تي رومي سلطنت جو سڌي طرح سياسي، تجارتي ۽ سماجي اثر ٿيڻ لڳو. جنهن جي وڌڻ سان اهي رياستون اٽليءَ جي اتحاد ۽ رومي سلطنت ۾ شموليت لاءِ راغب ٿيون. اٽليءَ جي قديم ايٽرسڪن قوم جي مذهب جو بنياد يونان ۽ روم وانگر هو جتي گهڻن ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا ڪئي، ويندي هئي، مختلف قسم جا صدقا ۽ قربانيون ٿينديون هيون. سندن عقيدي موجب ڪائنات 16 ڀاڱن يا سرائن ۾ ورهايل آهي. جتي مختلف ديوتائن جا اڳ الڳ آستانا آهن. مثلاً مکيه ديوتا اوڀر طرف رهن ٿا. مادي ديوتا ڏکڻ طرف رهندا آهن. ڪٺور ۽ جابر ديوتا اولهه طرف ۽ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ قادر ديوتا اترطرف رهندا آهن. ايٽرسڪن ماڻهن جو اهو به عقيدو هو ته ديوتا جاندار توڙي غير جاندار هر قسم جي مادي ۾ رهندڙ آهن. لاطيني ليکڪن سندن مذهبي عقيدن کي ڊسيپلينا ايٽرسڪا نالي ۾ مرتب ڪيو آهي.
    سندن آسماني يا جنت مڪين عظيم ديوتا ٽن Tin يا ٽنيا Tinia آهي. ان جي حيثيت رومي ديوتا جُپيٽر ۽ يوناني ديوتا زِيئَس واري آهي. هن ديوتا وٽ کنوڻ وارا هٿيار آهن عظيم ماءُ ديوي يوني Uni آهي. اها رومي ديوي هيرا ۽ جُونو جي برابر آهي.
    سيٿلان رومي ديوتا وُلڪين جي برابر آهي. ٽومس يوناني ديوتا هرمس ۽ رومي ديوتا مرڪري جي برابر آهي. اهڙي طرح يونانين ۽ رومين وانگر ايٽرسڪن ماڻهن وٽ پڻ وڏي ديو مالا قائم هئي. سندن ڪريه ڪرم پڻ رومين ۽ يونانين سان ملندڙ آهي.
    ايٽرسڪن ماڻهو اوائل۾ لاشن کي ساڙي سندن رک مخصوص برتنن ۾ محفوظ ڪري رکند اهئا. بعد ۾ قبرن ۾دفن ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ اهي تابوتن ۾ پڻ رکندا هئا ۽ انهن تي فوتيءَ جي تصوير ٺاهيندا هئا.
    ايٽرسڪن لوڪن جا علوم و فنون رومي سمنڊ ۽ يورپ وارين همعصر رسومَ و روايات سان مماثلت رکندڙ هئا. جن ۾ لوهه جي دريافت واري دور جي ثقافتي سرگرمي ڪارفرما رهي. سندن برتنن تي جاميٽريءَ موجب چٽ گُل ۽ وڻن ٻوٽن توڙي ساهوارن جون شڪليون چٽيل آهن. ستين صدي ق.م. ۾هن علائقي ۾ايٽرسڪن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ رسم روايت ۾ مشرقي ۽ مغربي فنون و علوم توڙي رسمن ۽ رواجن ۾ امتزاج جي شروعات ٿي ۽ جلد ئي يوناني فنون جو اثر وڌڻ لڳو. پنجين صدي ق.م جي پهرئين اڌ تائين اصل ايٽروريا رياست دولت توڙي طاقت جي عروج تي رسيل هئي ۽ انهيءَ جا يونان جي سنگتراشي واري تهذيب سان گهرا لاڳاپا موجود هئا. جڏهن يونان خاص ڪري اٿينس پنهنجي عروج کان زوال پذير ٿيو انهيءَ وقت به ايٽروريا وارن جو عروج برقرار رهيو. چوٿين صدي ق.م. جي شروعات ۾ جڏهن يوناني فنون نقاليءَ جي حيثيت گهٽجي وئي، تڏهن ايٽرسڪن ماڻهن سموري اٽليءَ کي فني طور ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا رومي فنون جو بنياد ٿي اُڀري.
    ايٽرسڪن قوم جي اقتدار ۾ توسيع پڻ انهيءَ دور ۾ ٿي، جيڪا سندس سامونڊي طاقت سبب عمل ۾ آئي ۽ رومي سمنڊ واري علائقي ۾ ايٽرسڪن ماڻهن بيٺڪون قائم ڪيون. اهي بيٺڪون اسپين جي ساحل کان وٺي اٽليءَ واري اُپٻيٽ تائين پکڙيل هيون. انهن ۾ آئوليا ٻيٽ Aeolia Island سسلي ڪور سيڪا سارڊينيا ۽ ٻيا ڪافي علائقا شامل هئا.
    ايٽرسڪن ماڻهن علاقائي توسيع پنهنجي تجارتي ترقي ۽ ڏيساور جي مارڪيٽن جي حصول لاءِ عمل ۾ آندي. هن دور ۾ ٽامي، لوهه ۽ چانديءَ جو واپار ايٽرسڪن ماڻهن وٽ مکيه عنصر هو. تنهنڪري انهن بيش بها ڌاتن جي ذخيرن کي فوئنيشيا ۽ يونان وارن جي حريص نظرن کان بچائڻ هنن لاءِ نهايت ضروري هو.
    وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ ڪشمڪش جي نتيجي ۾ ايٽرسڪن ماڻهن جي طاقت گهٽجڻ لڳي۽ يوناني ڪارٿيج زور وٺڻ لڳا. يونانين سان ايٽرسڪن ماڻهن جا تعلقات گهڻ رخا ۽ سُٺا هئا. مگر حرص ۽ حَوَس پاڻ ۾ ويڙهائي وڌا. نتيجي طور يونان، ڪارٿيج ۽ فوئنيشيا وارن سان معرڪھ آرائي ڪندي ڪندي ايٽرسڪن پنهنجون ڏکڻ ۾ قائم بيٺڪون وڃائي ويٺا. چوٿين صدي ق.م. ۾پوري قديم اٽليءَ جي صورتحال ۾ فيصلا ڪن تبديليءَ مان گذري ايٽروريا رياست ڪمزور ۽ ننڍڙي ٿي پئي. روم ۽ ايٽروريا رياستن ۾ مقابلا ٿيندا رهيا. نيٺ سن 396ق.م. ۾ روم ايٽروريا تي سوڀ حاصل ڪئي ۽ ڏکڻ ايٽرورِيا تي قبضو ڪيو ته بعد ۾ ايٽروريا جي مکيه اترين شهرن ڪلوسيئم، پيورگيا ۽ اريزو امن ۽ شانتيءَ سان رومي سلطنت ۾ شموليت اختيار ڪئي. 265ق.م. ۾ روم ووليسنيءَ تي قبضو ڪيو. اهڙي ريت ٽئين صدي ق.م جي وچ ڌاري سموري ايٽروريا يعني ايٽرسڪن قوم جي رياست رومي تسلط هيٺ اچي وئي ۽ آخرڪار سن 90 ق.م. ۾ سموري اٽليءَ جي رهاڪن تي رومي سلطنت جي شهريت لاڳو ڪئي وئي. اهڙيءَ ريت ايٽروريا رياست پنهنجو وجود وڃائي ويٺي ۽ رومي سلطنت طاقتور رياست ٿي اُڀري، جنهن لاطينيءَ کي سلطنت جي قومي زبان قرار ڏنو.
    اٽليءَ جي اولاهين ڀاڱي ۾ آباد ٻيا نسل اپوليئن ۽ لاطيني نسلي گروهه هئا.


    حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان اڳ عربن جو احوال ۽ سندن ولادت، نبوت ۽ هجرت جو احوال

    احد احمد پاڻ ۾ وچان ميم فرق،
    آهي مستغرق، عالم انهي ڳالهه ۾.
    (شاهه)
    اڄڪلهه عرب ملڪ تيل ۽ ٻي معدنيات جي موجودگيءَ سبب دنيا جي شاهوڪار ملڪن ۾ شامل آهن. پر حضور اڪرم حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي ولادت مبارڪ وقت هيءَ سر زمين جهالت ۽ غربت ۾ غرق، قبائلي جنگين جي آماجگاهه ٿي پئي هئي. جنهن جي باقي دنياءِ انساني ۾ ڪا به وقعت ۽ حيثيت ڪا نه هئي.
    يمن واري ڏاکڻي ڀاڱي کانسواءِ سمورو ملڪ شاهي رڻ پٽ جي صورت ۾ واريءَ جي طوفانن، لُڪُن ۽ جهولن جي ور چڙهيل هو. البت ڪٿي ڪٿي ڪنهن ننڍي وڏي چشمي جي موجودگيءَ سبب ڪو کجين جو باغ ڏسڻ ۾ آيو ٿي. ڪنهن وڏي چشمي واري کجين جي باغ ۾ جَوَ ۽ جوئر وغيره پوکبي هئي. هن جابلو علائقي جا باشندا بدو خانه بدوش هوندا هئا، جيڪي خيمن ۾ رهندا هئا. انهيءَ ڪري يوناني کين ساراسين سڏيندا هئا. دنيا جي ماڻهن کي اها ڳالهه وهم گمان ۾ به ڪا نه هئي ته هن جاهل قوم ۾ ڪڏهن اهڙي غير معمولي شخصيت جو مالڪ يعني خيرالورا پيدا ٿيندو. الله سبحانهُ و تعاليٰ نبي آخر زمان طور چونڊي کين هڪ اهڙي دين جي اشاعت جو فرض سونپيندو جنهن سان نيڪي، امن، ايمان، ڀائيچارو، ترقي ۽ خوشحالي هن تباهه حال خِطي جو مقدر بڻجندي ۽ عالم ۾ اسلام جو اهاء ٿيندو.
    هتي جي ماڻهن کي ٻي دنيا جا ماڻهو لادين، ڪافر ۽ وحشي قوم سمجهندا هئا. تنهنڪري يهودين توڙي عيسائين جو هن خطي ۾ تبليغ جي خيال کان اچڻ خير ڪو ٿيو، يثرب شهر جنهن کي هاڻي مدينو سڏجي ٿو. تنهن ۾ ڪجهه زراعت پيشه يهودي اچي آباد ٿيا. جن پنهنجي مذهب سان گڏ هتي جي بُت پرستي پڻ اختيار ڪئي.
    يمن رياست تي بازنطيني حڪومت قبضو ڪري اتي عيسائيت جو پرچار ڪيو. جنهن سبب ڪجهه مقامي ماڻهن عيسائيت اختيار ڪئي، اتر عرب ۾ ڪجهه قبيلن عيسائيت قبول ڪئي. پر عام بدو لوڪ يهوديت توڙي عيسائيت کي پنهنجي مذهب کان مٿڀرا دين سمجهڻ جي باوجود انهن کان گهڻي قدر بدگماني توڙي خطري جو شڪار رهيا. ڇو ته ايرانين 570ع ۾ سندن ڏاکڻي رياست يمن تي اچي قبضو ڪيو. جنهن تي هن کان اڳ ابيسينا (حبش-هاڻ ايٿوپيا) وارن جو قبضو هو. ان کان اڳ ۾ هتي يهودين اچي عربن کان حڪومت کسي هئي.
    ستين صدي عيسوي جي شروع ۾ وچ عرب وارن چند قبيلن عيسائيت جي مختلف فرقن کي قبول ڪيو هو. پر مجموعي طور تي عرب ماڻهو هڪٻئي کان ڇڙوڇڙ، باهمي جنگين جا شڪار، غيرمتمدن ۽ مشرڪ ئي رهيا. منجهن چوري چڪاري، ڦرمار ۽ دنگو فساد معمول جو مشغلو هو. خانه بدوش زندگي سندن ورثو هو. ايتري قدر جو شهرن ۾ اچي آباد ٿيندڙن جي مزاج تي پڻ انهي اصلي خانه بدوشي طرز زندگيءَ جو گهرو اثر برقرار رهيو. جنهن کان اهي مڪمل طور آزاد ڪو نه ٿيا هئا. اهي اُٺ پاليندا هئا ۽ پاڻ کي رڻ پٽ جو اولاد سڏائيندي فخر محسوس ڪندا هئا.
    دجله ۽ فرات جي زرخيز ميداني علائقن ۾ رهندڙ عربن جو پيشو زراعت هئڻ سبب کين اُٺ پالڻ ۽ خانه بدوش ٿيڻ جي مجبوري ڪانه هئي. پر خشڪسالي ۽ قحط وارن ڪئين سالن تي مشتمل عرصن کين صحرائي نخلستانن جي ڳولا ڪارڻ خانه بدوش بنجڻ تي مجبور ڪيو، ته جيئن اهي پنهنجو گذر ۽ جانورن جو چارو هٿ ڪري سگهن. سندن خوراڪ گهڻي ڀاڱي اُٺن جو کير ۽ گوشت تي مُبني هئي. اهڙي طرح صحرا ۾ موجود مختلف چشمن ۽ نخلستانن تي مختلف قبيلن پنهنجو تسلط ۽ تصرف قائم ڪيو. هيءَ صحرائي زندگي ڏاڍي ڏُکي هئي. جتي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪافي عرصي تائين بُک ۽ اُڃ جو شڪار رهندا هئا. زندگيءَ جي ضروريات جي حصول ڪارڻ اڪثر پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا.
    هنن صحرائي بدولوڪن ۾ قبائلي نظام موجود هو، جنهن تحت قبيلي جو سردار قبيلي جي هر شخص جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ذميوار هو. جڏهن ته ان ذميواري کي صحيح طور نڀائڻ خاطر قبيلي جو هر فرد سندن سردار جو حڪم مڃڻ لاءِ هر وقت پابند رهندو هو.
    قبيلي جي هر فرد ۾ موجود سماجي خوبين جي مجموعي لاءِ هڪ لفظ مَرِواه ڪتب آڻيندا هئا. جنهن ۾ جرائت، مردانگي، سهپ، صبر، ظالم کان بدلو وٺڻ جي خواهش، ڪمزورن ۽ نادارن جي مدد ۽ طاقتور ۽ جابر اڳيان به سچ چوڻ کان نه ڪيٻائڻ وغيره واريون سموريون خصوصيتون شامل هيون. مَرِواه وارو لفظ ڪٿي ڪٿي مذهبي ڪردار پڻ ادا ڪندو هو. عربن ۾ موت کان پوءِ واري زندگي جو تصور عدم موجود هو. سندن معاشري جي اصولن تحت فرد واحد جي انفرادي طور تي ڪا به حيثيت يا اهيمت ڪا نه هوندي هئي. سندس عزت يا اهميت ڪنهن قبيلي سان وابستگي موجب طئي ٿيندي هئي. هن قبائلي زندگيءَ ۾ ڦرمار يا قتل وغيره ڪو به ڏوهه تصور ڪو نه ڪيو ويندو هو. اهڙي طرح بدلي جي رواج موجب ڦرمار ۽ قتل و غارت جو سلسلو جاري ۽ ساري هوندو هو. بدلو نه وٺندڙ قبيلي يا ڌُر کي گيدي ۽ بزدل ڪوٺي ان جي سخت تذليل ڪئي ويندي هئي. ڌاڙا ۽ ڦرون ڪرڻ کي ”غُزِي“ سڏيندا هئا. اهو فعل هنن وٽ فخر جوڳو عمل ليکبو هو. ڦورو ٽولا ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ ۽ سرهڻ کان اڳ املاڪ ۽ جانور وغيره چورائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ حتي الامڪان ڪوشش ڪندا هئا. منجهن ننڍن ٻارن خصوصاً ڇوڪرن کي مارڻ جو ظالمانه رواج عام هو. ڇو ته عيش و عشرت ۽ ڪثرت ازواج جي تقاضا موجب ڇوڪرين کي ڪو نه ماريندا هئا پر ڪي ظالم ماڻهو پنهنجي نياڻين کي به ڄمڻ شرط جيئري ئي زمين ۾ پوري ڇڏيندا هئا.
    هنن بدو لوڪن ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج ڪو نه هوندو هو. البت منجهن ڪي ماڻهو شاعر به هوندا هئا. جيڪي کين شعر ٻڌائيندا هئا. سندن خيال موجب شاعرن تي جنن ۽ ڀوتن جو اثر آهي ۽ شاعريءَ ۾ جادو سمايل آهي. تنهنڪري شاعرن کي عربن وٽ وڏو مان ۽ مرتبو حاصل هو. کين اهو وهم هوندو هو ته سچي شاعر جي پِٽَ ماڻهوءَ کي نهوڙي نيندي ڇو ته انهن کي روحاني طاقت حاصل آهي. شاعر مُلان توڙي درويش جو پارٽ پڻ ادا ڪندا هئا.
    بدو قبيلن ۾ جوتشي، ڀوپا ۽ نجومي به موجود هوندا هئا، جيڪي اڳڪٿيون ۽ خوابن جا تعبير پڻ ڪندا هئا. هنن بدو ماڻهن ۾ ڪجهه، مذهبي ۽ روحاني عقيدا پڻ مروج هئا. اهي ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن کي مقدس سمجهندي، انهن جي چڱي توقير ۽ ادب ڪندا هئا.
    اهي ڪعبة الله کي سڀني ماڳن ۽ مڪانن کان وڌيڪ پاڪ ۽ اعليٰ حيثيت واري جاءِ ليکيندا هئا. ڪعبي شريف جي ڀرسان آب زم زم وارو پاڪ کوهه موجود هو. هن پاڪ جڳهه جي اوڀر واري ديوار جي ڪُنڊ تي دروازي جي ڀرسان نَصب ٿيل ڪارو پٿر سندن خيال موجب شهاب ثاقب هو، جيڪو الله پاڪ عربن کي تحفي طور عطا ڪيو هو. رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي دور ۾ ڪعبو شريف عربن جي مکيه ديوتا ”هبل“ جي نالي سان منسوب هو. انهيءَ ديوتا جو بت نيباتين جي ملڪ يعني اُردن مان آڻي ڪعبي شريف ۾ نَصب ڪيو ويو. اُن کان اڳ ۾هن مقدس جڳهه کي عربن جي سڀ کان وڏي معبود الله پاڪ جو گهر ڪري مڃيندا هئا ۽ ان جي چوڌاري ست چڪر لڳائيندا هئا. انهيءَ عمل کي هو طواف نالي عبادت ڪوٺيندا هئا. ڪعبي شريف جي چوڌاري ٻين 360 ديوتائن جون مورتيون به رکيل هيون. ڪيترائي بدڪار ماڻهو ننگا ٿي طواف ڪندا هئا.
    ڪعبي شريف جي چوڌاري ويهن ميلن جي علائقي ۾ هر قسم جو شڪار، جهيڙو فساد ۽ خون وغيره تي سخت بندش هئي. اهو مذهبي اصول هو. ڪعبت الله شريف سمورن سامي توڙي حامي قبيلن ۽ قومن جو هڪڙو گڏيل مذهبي ۽ روحاني مرڪز هو.
    هن عمارت جي چوڌاري رکيل 360 مورتيون قديم سُميري مذهب کان متاثر ٿي هتي پڻ گهڙائي رکيون ويون. ڇو ته سُميري باشندا 360 ڏينهن وارو سال ڪم آڻيندا هئا ۽ هر روز هڪ مقرر ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا. اُن سال ۾ پنج ڏينهن وڌيڪ شامل ڪري انهن ڏينهن تي فقط زمين ۽ آسمان کي مهاديوتا ڪري پوڄيندا هئا، عربن انهن پنجن ڏينهن کي حج جي ڏينهن ۾ بدلائي ڇڏيو. مشرڪين عرب آڳاٽي وقت حج جون رسمون خزان جي مُند ۾ بجاآڻيندا هئا. جيئن ديوتا مهربان ٿي سُٺي برسات وسائي، طوفان جي ديوتا جو گهر صفا ۽ مروا جي بُٺين جي وچ ۾ حائل زمين کي سمجهيو ويندو هو. اُتي ڊوڙون پائيندا هئا. مڪي شريف کان وِيهارو کن ميل پري عرفات جبل واري ميدان ۾ ساري رات جاڳي عبادت ڪندا هئا، منيٰ جي ماڳ تي ٽِن پِيلَرَن تي کڙيون هڻندا هئا ۽ آخر ۾ مٿو ڪوڙائي جانورن جي قرباني ڪندا هئا.
    حج وارن ڏينهن ۾ مڪي شريف ۾ هزارن جي تعداد ۾ حاجي ايندا هئا ته هتي ميلي جو سمان ٿي ويندو هو ۽ واپار وڏي پئماني تي ٿيندو هو. ان صورتحال سبب مڪي شريف کي مرڪزي تجارتي حيثيت پڻ حاصل هئي.
    عربستان ۾ ڪعبي شريف کانسواءِ ٻيا به ڪجهه مقدس مڪان هئا،جتي مختلف ديوتائن ۽ ديوين جي پوڄا ٿيندي هئي، پر ٽن ديوين کي گهڻي مڃتا مليل هئي. انهن کي (بنات الله) يعني ”الله پاڪ جون ڌيئر“ سڏيندا هئا.انهن جا نالا الات، المنات ۽ العزي هئا. الات ديوي جو مندر طائف نالي شهر ۾ هو. نخله نالي ماڳ وٽ العزي ديوي جو مندر ٺهيل هو. اهڙي ريت ثقيف قبيلي وارن الزبه نالي ديويءَ جو مندر ٺاهيو هو، هنن ديوين کي بنات الدهر يعني قسمت جون ديويون پڻ ڪوٺيندا هئا. عربن جو مذهب انهن مندرن تائين محدود هو. اهي پنهنجي گهرن ۾ پوڄا ڪرڻ لاءِ بت يا مورتيون ڪو نه رکندا هئا. عربن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به موجود هئا جيڪي مروج مذهب ۽ رسم و رواج کان باغي هئا. انهن ماڻهن جو ڳچ تعداد شهرن ۾ آباد هو. ستين صدي عيسوي تائين هي سمورو عرب سخت افراتفري، ڦرمار، خون و غارتگريءَ ۾ ٻُڏل هو. ڪٿي به امن امان نالي ڪا به شي موجود نه هئي. البت شهرن جو ماحول معاشرو ٿورو مختلف هو. مڪو شريف ۽ يثرب يعني مدينو منوره سماجي توڙي معاشي طور تي سڌريل ۽ ترقي يافته شهر هئا. مڪي شريف جي سموري عرب ۾ مذهبي، سماجي توڙي تجارتي لحاظ کان سوين سالن کان وٺي مرڪزي شهر واري حيثيت هئي. مڪو شريف پنهنجي بيهڪ جي لحاظ کان ٽڪرين سان گهيريل جهول واري يا ترائي واري پٽ تي اڏيل شهر آهي. جيڪو اتر کان ڏکڻ ڏانهن وڌندو رهي ٿو. شهر جي اولهه طرف واريون ٽڪريون ان جي اوڀر طرف وارين ٽڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اوچيون آهن. ڪعبو شريف شهر جي بلڪل وچ تي اڏيل هو. شهر جون گهٽيون پٿر جي فرش سان ٻڌل هيون ۽ سمورن گهرن کي قلعه بند ڪوٽ اڏيل هئا. شهر جي سردار اعليٰ جو محل جنهن کي ”دارالندوه“ سڏيندا هئا. اهو ڪعبي شريف جي بلڪل ڀرسان اڏيل هو. جنهن جو مکيه دروازو ڪعبي شريف جي سامهون هو. اهڙيءَ طرح مڪو شريف هڪ محفوظ ۽ خوشحال شهر جي ڏيکائي ڏيندو هو.
    ڪعبت الله شريف جا اصل سنڀاليندڙ ته آل اسماعيل هئا، پر اٽڪل ٽي چار سئو ق.م. ۾ بابلي بادشاهه ڏنڊي جي زور تي اهو بني جُرهُم جي حوالي ڪيو، جنهن شهر جي توڙي سموري حجاز پرڳڻي جي مذهبي توڙي سياسي اقتدار تي براجمان رهندي پاڻ کي ”مَلَڪ“ جي خطاب سان سڏائڻ شروع ڪيو. ٽي صدي عيسوي جي شروعات ۾ يمن جي رهاڪو ”بني خُزاء“ نالي قبيلي وارن مڪي شريف کانسواءِ باقي سموري حجاز تي قبضو ڪري بني جُرهُم جو اقتدار ختم ڪري ڇڏيو. ان عرصي دوران بني اسماعيل وارن اهل بابل هٿان ٿيل پنهنجي تباهيءَ جي حتي الامڪان ازالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي طرح بني اسماعيل واري قبيلي جي هڪ فرد نالي ”عدنان“ بني جُرهُم جي سردار جي ڌيءَ سان شادي ڪري مڪي شريف ۾ رهائش اختيار ڪئي. عدنان جو پٽ معد حجاز توڙي نجد ۾ رهندڙ بني اسماعيل جي سمورن قبيلن جو سردار هو. معد جي اولاد ۾ ڪافي عرصو پوءِ ”فهر“ نالي هڪ شخص پيدا ٿيو جيڪو هڪ عالي همت ۽ پُروَقار شخصيت جو مالڪ هو.کيس قُريش جو لقب مليل هو. بني جرهم جيڪو اصل ۾ بني خزاء قبيلي جي هڪڙي شاخ هئي، تنهن کي ڪعبي شريف جي متوليءَ وارو عهدو ٻن صدين کان وڌيڪ عرصي تائين حاصل هو.اٽڪل پنجين صدي عيسوي ڌاري بني جرهم قبيلي واري مڪي جي آخري سردار جليل جي وفات تي فهر، ملقب قريش جي اولاد مان ”قُصي“ نالي هڪڙي فرد جيڪو سردار جليل جو نياڻو به هو. مڪي شريف جي مذهبي توڙي سياسي اقتدار تي قبضو ڪري بني جرهم يا بني خزاء وارن کي مڪي شريف مان ڪڍي ڇڏيو. نه قط ايترو پر قُصي سموري حجاز پرڳڻي جو حاڪم ٿي ويو. هن مڪي شريف ۾ نظم و نسق ۽ امن امان طرف گهڻو ڌيان ڏنو. ڪعبي شريف تي سندن قبضي کي برقرار رکڻ لاءِ ۽ ان جي حفاظت خاطر جيڪي قريش قبيلي جا خاندان جهڙوڪ: قُصيءَ جو ڀاءُ زهرا، چاچو تيم ۽ سئوٽ مخزوم، سهم ۽ جمع وغيره شهر جي ٻاهرين ڀاڱن ۾ رهندا هئا. انهن کي قُصي لڏائي اچي ڪعبي شريف جي چوڌاري طواف ڪرڻ لاءِ گهربل ميدان ڇڏي انهيءَ سان لڳو لڳ مورچا بند ڪوٽن وارا عاليشان گهر تعمير ڪيا.
    قُصيء پنهنجو محل پڻ انهن گهرن سان گڏ تعمير ڪرايو، جنهن جو دروازو ڪعبي شريف جي سامهون طواف واري ميدان وٽان هو. انهيءَ محل کي دارالندوهه جي نالي سان سڏيندا هئا، مڪي شريف توڙي سموري حجاز پرڳڻي جا سياسي سماجي ۽ مذهبي مسئلن بابت درالندوه ۾ اجلاس ٿيندا هئا ۽ احڪام جاري ڪيا ويندا هئا. چاليهن سالن کان گهٽ عمرواري ڪنهن به شخص کي دارالندوه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڪا نه هئي. البت حاڪم جي جانشين سان اهو قلم لاڳو ڪو نه هو. ڪنهن جنگ تي روانو ڪرڻ وقت قريشي فوجي سالار کي سردار اعليٰ قُصي پاڻ خود جهنڊو ڏيندو هو ۽ هڪ نيزي جي ڦر کي سفيد ڪپڙو ويڙهي جنگي سردار کي يا پنهنجي پُٽ کي هٿ ۾ ڏيئي لشڪر سان گڏ روانو ڪندو هو. اُن رسم کي ”عقد اللِوا“ سڏيندا هئا. هن ڪعبي شريف جي زيارت ۽ حج ڪرڻ لاءِ آيل پرديسي ماڻهن کي کاڌي جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ هن اهل مڪھ تي چندو مقرر ڪيو. اهو رواج اسلامي دور ۾ به سوين سالن تائين جاري رهيو. ان کانسواءِ قُصي مڪي شريف ۽ ان جي آسپاس پاڻيءَ جي کوهن جي سنڀال ۽ پاڻي پهچائڻ جو انتظام يعني سقايه ۽ حُجا به يعني ڪعبي شريف جي ڪنجي برداري ۽ ”سناده“ يعني ڪعبي شريف ۾ ديوتائن جي رکيل مورتين کان زندگيءَ جي مختلف مسائل بابت ڏس پتووٺڻ لاءِ ڪاهن يا ڀوپا مقرر ڪرڻ جهڙا ڪيترائي ڪم پنهنجي نگرانيءَ ۾ڪرائيندو هو ۽ اهڙي ريت هو هڪ برجستو ۽ ڪامياب حاڪم ٿي رهيو، جنهن قريش قبيلي جو مان ۽ مرتبو وڌايو هو. قُصي ڊگهي عمر ماڻي ۽ سن 480ع ڌاري وفات ڪئي.
    سندس وفات بعد سندس پٽن عبدالدار ۽ عبدالمناف ۾ اقتدار ۾ حصي رسيءَ نسبت جڳهڙو ٿي پيو. عبدالدار کي سهم، مخزوم، جمع ۽ چاچي عدي جي خاندانن جي حمايت حاصل هئي. انهيءَ گروهه کي ”احلاف“ جي نالي سان سڏيندا هئا. عبدالمناف کي پنهنجي ڀائٽي اسد، زهراه، تيم، ۽ محترم الحارث ابن فهر جي حمايت حاصل هئي. هن گروهه وارن همراهن خوشبودار پاڻيءَ سان ڀريل هڪ وڏو ٿانءُ کڻي ڪعبي شريف ۾ داخل ٿي پنهنجا هٿ اُن پاڻيءَ سان ڌوئي هڪٻئي کي ساٿ ڏيڻ جو انجام ڪيو. تنهنڪري هن گروهه جي ماڻهن کي ”مُطيبون“ يعني خوشبوءِ لڳل افراد سڏڻ لڳا. ڪافي ڪشمڪش بعد ٻئي دريون اقتدار ۾ ڀائيواري وارن شرطن موجب ٺهي ويون. اُن ٺاهه موجب سقايه يعني مڪي شريف ۾ معنافات جي پاڻيءَ جو انتظام ۽ ٻيو رفاده يعني پرديسي زائرين جي خوراڪ جو بندوبست ۽ ان لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جو انتظام عبدالمناف جي اولاد جي حوالي ڪيو ويو. باقي حجابه يعني ڪعبي شريف جي ڪُنجي برداري ندوه يعني قومي مجلس جو انعقاد ۽ لِوا يعني جنگي معاملات عبدلدار جي اولاد جي حوالي ڪيا ويا،پر هن قريش قبيلي جي تقسيم هنن ٻن گروهن جي صورت ۾ صدين تائين يعني حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وقت به موجود هئي، جنهن سبب قبيلي ۾ داخلي اختلافات ۽ مخاصمت برقرار رهي.
    عبدالمناف سندس حصي ۾ آيل ڪمن جو انتظام پنهجي وڏي پٽ عبدالشمس جي حوالي ڪيو، پر تنگ دست هئڻ سبب شمس سقايه ۽ رفاده جون ذميواريون پنهنجي ننڍي ڀاءُ هاشم کي رضا خوشيءَ سان سونپيون ڇو ته تجارت پيشه ۽ مالدار هئڻ سبب قريش خاندان ۾ هاشم کي وڏي حيثيت حاصل هئي.
    مڪي شريف ۽ ان جي آسپاس آباد قريش خاندانن جو گذر سفر جو ذريعو واپار هو. هاشم جي انهن تاجرن ۾ پڻ وڏي اهميت هئي. هو سال ۾ ٻه ڀيرا وڏا وڏا تجارتي قافلا يمن ۽ شام ملڪن ڏانهن موڪليندو هو. ڪعبي شريف لاءِ سموري عرب مان زائرين سدائين پيا مڪي شريف ايندا ۽ ويندا هئا. تنهنڪري هي شهر عربستان ۾ هڪڙي وڏي تجارتي مرڪز جي صورت اختيار ڪري ويو. ڇو ته اهو ٻن وڏن تجارتي رستن جي به وچ ۾موجود هو. هڪڙو حجاز وارو شاهي رستو جيڪو ڳاڙهي سمنڊ جي اوڀر طرف واري ڪناري سان لڳو لڳ هلندو يمن، شام، فلسطين ۽ اردن کي پاڻ ۾ ملائيندو هو، ٻيو نجه وارو شاهي رستو هو جيڪو يمن کي عراق سان ملائيندو هو. اهڙي طرح اهل قريش واپار ۾ ڪاميابي ۽ پنهنجي مڪي ۾ ڏاهپ سان حڪمراني ڪرڻ سبب ڇهين صدي عيسوي ۾ پوري عرب ۾ وڏي اقتصادي ۽ سياسي قوت طور اُڀري آيا. انهيءَ زماني ۾ پوري قريش ۾ هاشم کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت حاصل هئي. هن سن 510ع ڌاري غزه شهر ۾ انتقال ڪيو. سندس بعد سقايه ۽ رفاده جو انتظام سندس وڏي پٽ شيبه جي حوالي ٿيو. شيبه جي وفات تي مٿيان معاملا سندس ننڍي ڀاءُ عبدالمطلب جي حوالي ٿيا. جنهن کي اهل مڪھ اڳي ئي وڏي عزت ڏيندا هئا. سندس خصلتن موجب کيس الغيص جو خطاب ڏنو ويو.
    ڪعبي شريف جي ڀر ۾ موجود آب زم زم وارو مشهور چشمو بني خزاء وارن پنهنجي ايامڪاريءَ دوران لٽي ڇڏيو هو. عبدالمطلب اهو چشمو نئين سر ڳولي صاف ڪرائي جاري ڪرايو. ياد رهي ته زائرين ڪعبھ ۽ حاجين کي آب زم زم پيارڻ جو شرف بني هاشم کي ئي حاصل هو. عبدالمطلب وڏو واپاري هئڻ سان گڏ اٺن جي تمام وڏي وڳ جو پڻ مالڪ هو. انهيءَ وقت مڪي شريف جي حڪومت جو ڪاروبار عبدالدار ۽ عبدالمناف سان وابسته خاندانن ۾ ورهايل هو.انهن جو تعداد ڏهه هو. انهن ڏهن ڄڻن کي ”الشريف“ جي نالي سان سڏيندا هئا. انهن کاتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
    1. حجابه: يعني ڪعبي شريف جي ڪنجي برداري جو عهدو عبدالدار جي خاندان جي حوالي هو، اسلام جي ظهور وقت عهدي تي عثمان بن طلحه فائز هو.
    2. سقايه: يعني آب زمزم ۽ ٻين سمورن کوهن جي پاڻيءَ جو انتظام بنو هاشم جي افراد جي حوالي هو. رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم طرفان مڪي شريف جي فتح وقت انهيءَ جو انتظام رسول پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چاچي حضرت عباس ؓ جي حوالي هو.
    3. ديات: يعني ديواني ۽ فوجداري عدالت تيم ابن مره جي خاندان جي حوالي هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي نبوت کان اڳ واري دور ۾ انهيءَ عهدي تي عبدالله بن قحافه يعني حضرت ابو بڪر صديق فائز هو.
    4. سفارت: يعني مڪي جي رياست توڙي ڏيساور ۾ سرڪاري نمائندگيءَ وارو تمام اهم عهدو حضرت عمر رضه جي حوالي هو.
    5. اللوا: يعني قومي جهنڊي جو محافظ سپهه سالار جو عهدو بنو اُميھ جي خاندان جي حوالي هو، مڪي شريف جي فتح کان اڳ اُن عهدي تي نبي سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم جو جاني دشمن ابو سفيان بن حرب فائز هو.
    6. رفاده: يعني حاجين زائرين ۽ ٻين مسڪين ماڻهن کي کاڌو کارائڻ ۽ انهيءَ لاءِ مقرر چندو گڏ ڪرڻ وارو نيڪ ڪم بنو هاشم جي حوالي هو پر ابو طالب جي وفات کان پوءِ نوفل بن عبدالمناف جي خاندان جي حوالي ٿي ويو. حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وقت ۾ اهو انتظام حارث ابن عمرو جي حوالي هو.
    7. الندوهه: يعني قومي مجلس جو انتظام حڪومت جي سڀ کان اعليٰ فرد جي حوالي هوندو هو. رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي دور ۾ العزي قبيلي جي هڪ فرد اسود جي قبضي ۾ رهيو.
    8. خائمه يا قبه يعني قومي مجلس گاهه جي متولي وارو عهدو مخزوم قبيلي جي فرد خالد بن وليد جي حوالي هو.
    9. خازنه: يعني بيت المال جو انتظام حسن بنڪعب خاندان جي فرد حارث ابن قيس جي حوالي هو.
    10. ازلام: يعني انهن تيرن جي سار سنڀال جيڪي ڪعبي شريف ۾ رکيل بتن کان منجهيل مسئلا حل ڪرائڻ خاطر هوا ۾ اڇلايا ويندا هئا، وارو منصب ابو سفيان جي ننڍي ڀاءُ صفوان کي حاصل هو.
    انهن سمورن عهديدارن ۾ جيڪو سڀني کان وڏو هوندو هو، اُن کي وڌيڪ اثر ۽ رسوخ حاصل هوندو هو. کيس رئيس ۽ سيد جا لقب مليل هئا رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وقت ۾ اهو مرتبو سندن چاچي حضرت عباس رضه کي حاصل هو.
    بهرحال عبدالمطلب جي حيثيت پنهنجي قبيلي توڙي پوري عرب علائقي ۾ اعليٰ ۽ ارفع هئي. هن ڪعبو شريف ۾ ديوتائن جي بتن اڳيان پنهنجي پٽاڻي اولاد کي قربان ڪرڻ جي باس باسي هئي. انهيءَ جي پورائي لاءِ سندس ننڍي پٽ عبدالله يعني رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي والد بزرگ وار کي کڻي ڪعبي شريف پهتو پر قادر ڪريم کي ڪجهه ٻي ڳالهه منظور هئي. تنهنڪري بُتن جي ڪاهن يعني پروهت يا ٻانڀڻ هڪڙي عورت هئي، جنهن جو نالو نسجاع هو تنهن انساني قرباني عيوض هڪ سئو اٺن جي تقاضا ڪئي. جيڪا بروقت پوري ڪئي وئي. بعد ۾ پوري عرب ۾ انساني خون بها هڪ سئو اُٺ مقرر ۽ مروج ٿي ويو.
    حضرت عبدالله زهره قبيلي جي سردار وهب جي ڌيءَ آمنه سان شادي ڪئي. انهيءَ سال سندن شاديءَ کان ست اٺ مهينا پوءِ يمن جو حاڪم ابرهه وڏو لشڪر ساڻ ڪري مڪي شريف تي ڪاهي آيو. پاڻ هڪڙي هاٿيءَ تي سوار لشڪر جي اڳيان اڳيان پي آيو ۽ جڏهن مڪي شريف وٽ اچي پهتو ته مڪي جا ماڻهو هيڏو سارو شاهي لشڪر ۽ ان سان گڏ هڪڙو نرالو ۽ هيبتناڪ جانور يعني هاٿيءَ کي ڏسي دهلجي ويا ۽ پهاڙيءَ ۾ لڪڻ لڳا. ڌڻيءَ جي قدرت عجيب جو جڏهن فوج شهر ۾ داخل ٿيڻ جي تياري ڪرڻ شروع ڪئي ته پوري آسمان تي ابابيل نالي ننڍڙا پکي نمودار ٿيا جن پنهنجي چهنبن سان ابرهه جي فوج تي باريڪ پٿرين جي برسات شروع ڪري ڇڏي. اهي سنهيون پٿريون زرهون چيري ماڻهن کي زخمي ڪري مارڻ لڳيون، جنهن ڪري فوج ۾ سخت ڊپ ۽ حراس پکڙجي ويو. ابابيلن جي گم ٿيڻ شرط خوفناڪ طوفان سان گڏ برسات شروع ٿي وئي. جنهن سبب فوج جا سپاهي پنهنجن خيمن سميت برسات جي پاڻي ۾ لڙهندي غرق ٿيڻ لڳا. برسات پوري ٿيڻ سان سموري فوج طاعون جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي وئي. اهڙي بدترين صورتحال جو شڪار ابرهه خود زخمن سان چُور، باقي بچيل چند سپاهي ساڻ ڪري واپس يمن ويو جتي ترت ئي مري ويو.
    هن عبرتناڪ واقعي کان ترت ئي پوءِ رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جو والد ماجد حضرت عبدالله يثرب ڏانهن سفر دوران 25 ورهين جي ڦوهه جواني ۾ اجل جو شڪار ٿي پنهنجي حامله گهرواريءَ کي غمزده ڇڏي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وفات کان چند ڏينهن پوءِ بي بي آمنه رسول پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي جنم ڏنو. اها ربيع الاول جي ٻارهين تاريخ، سومرجو ڏينهن مطابق 29 آگسٽ سن 570ع هئي. ڏاڏو حضرت عبدالمطلب معصوم کي ڪعبي شريف ۾کڻي ويو ۽ محمد نالو رکيو. هڪ رات عبدالمطلب خواب ۾ ڏٺو ته ٻار جي چيلهه وٽان هڪڙو وڻ ڦٽي وڌندو وڃي آسمان سان لڳو. ۽ اُن جي ٽارن ۽ شاخن سان سموري ڌرتي ڇانئجي وئي. انهيءَ وقت انهيءَ وڻ مان ايترو ته سوجهرو ٿيو جو سموري ڌرتي عجيب طرح منور ٿي وئي.
    انهيءَ دور ۾ عبدالمطلب جو خاندان معاشي تنگي جو شڪار هو، قريش جي رواج مطابق معصوم بني سعد قبيلي جي هڪ ٻاريتِي مائي نالي حليمه کي ٿڃ پيارڻ ۽ پالڻ لاءِ ڏنو ويو. انهيءَ سال خشڪ سالي سبب بي بي حليمه جو خاندان پڻ ڪسمپرسيءَ جو شڪار هو ۽ بي بي حليمه کي پنهنجي ٻار جي پورائي لاءِ به مناسب مقدار ۾ ٿڃ ڪا نه هئي، پر جڏهن هن حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي پنهنجي هنج ۾ ويهاري ٿڃ ڏني ته سندس ڇاتي ٿڃ سان ايتري ته ڀرجي وئي جو اها وهڻ لڳي. پاڻ سڳورن خوب ٿڃ ڌاتي ۽ سندس ٿڃ شريڪ ڀاءُ يعني بي بي حليمه جي پٽ به پيٽ ڀري ٿڃ ڌاتي، پر ڇاتيءَ ۾ کير جي گهٽتائي محسوس ڪا نه ٿيس، بي بي حليمه جي چوڻ موجب سندس ڏاچي به اُن ڏينهن کان وٺي گهڻو کير ڏيندي هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي پالنا وارو سمورو عرصو بي بي حليمه جي خاندان خوش گذاريو. نيٺ مقرر وقت تي رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي پنهنجي خاندان کي واپس ڪيو ويو. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم ڇهن سالن جي عمر کي پهتا ته سندن والده ماجده بي بي آمنه رحلت ڪئي. تڏهن کان وٺي پاڻ پنهنجي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب وٽ رهڻ لڳا جيڪو کين بيحد گهڻو پيار ڪندو هو، ٻه سال پوءِ جڏهن نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن اٺن سالن جا ٿيا ته سندن ڏاڏي حضرت عبدالمطلب پڻ وفات ڪئي. ان کانپوءِ کين سندن چاچي حضرت ابو طالب پنهنجي گهر آڻي رهايو. هو هڪڙو نهايت نيڪ دل شخص هو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم کي ڏاڍو ڀائيندو هو. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي طبيعت ۾ نهايت شريف ۽ حليم، ٻين جي ڏک ۽ غم کي محسوس ڪندڙ ۽ متاثر ٿيندڙ، ماٺيڻا ۽ ڳنڀير سوچ ويچار جا مالڪ، هر دل عزيز شخصيت جا مالڪ هئا. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هڪڙي يورپي سوانح نگار ”ڪيرن آرمسٽرانگ“ پنهنجي ڪتاب ”محمد رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي بايو گرافي تي صفحي 109 تي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي دائي بي بي حليمه جي روايت قلم بند ڪندي لکيو آهي ته ”ملائڪن سڳورن پيغمبر صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جو سينو کولي دل ٻاهر ڪڍي ڌوئي صاف ڪري واپس سيني ۾ رکي وري سڄو ۽ صحيح سلامت ڪري ڇڏيو.“ سيد امير علي جي ڪتاب روح اسلام ۾ صفحي 83 تي لکيل آهي ته ”الله پاڪ جي ملائڪن سڳورن نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جو سينو کولي نور سان ڀري ڇڏيو.“ پاڻ سڳورا ننڍپڻ ۾ ئي سلڇڻا، سچار، ماٺيڻا، اورچ ۽ محنتي هوندا هئا. پنهنجي چاچي کي هر ڪم ڪار ۾ پيا وارو وٺائيندا هئا. هڪ ڀيري شام ويندڙ تجارتي قافلي ۾ حضرت ابو طالب نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو. قافلو جڏهن بصره شهر پهتو ته بحيره نالي هڪڙي عيسائي پادريءَ ڏٺو ته هڪڙو ڪڪر قافلي جي مٿان مسلسل ڇانءُ ڪريو اچي. اُن نشانيءَ مان کيس يقين ٿيو ته جنهن نبي سڳوري صلي الله عليھ و الھ وسلم جي پيدا ٿيڻ بابت آسماني صحفين ۾ ذڪر ڪيل آهي. پڪ اهو هن قافلي ۾ شامل آهي. انهيءَ جي ديدار ۽ ڪچهريءَ خاطر هن ابو طالب کي سموري قافلي جي ماڻهن کي ماني کارائڻ جي دعوت ڏني. سڀني کان ننڍو هئڻ سبب رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي قافلي جي سنڀال لاءِ ڇڏي باقي سمورا ماڻهو دعوت تي رونا ٿيا. جتي ميزبان سندن دل سان آجيان ڪئي، پر ڪچهريءَ مان معلوم ٿيس ته حاضرين مان ڪنهن به شخص ۾ نبوت جي ڪا به نشاني ڪانهي. اُن تي هُن بيساخته ٿي حضرت ابو طالب کان پڇيو ته اوهان جي قافلي جا سمورا ماڻهو هتي حاضر آهن يا اڃان ڪجهه پويان رهيل آهن؟ تڏهن قافلي وارن کي ياد ڪندي سخت ندامت ٿي ته افسوس اسان حضرت عبدالمطلب جي پوٽي کي پويان ڇڏي آيا سين. کين ضيافت ۾ اچي شامل ڪيائون. تنهن کان پوءِ راهب بحيره رسول پاڪ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي نويڪلائي ۾آڻي ڪجهه سوال جواب ڪندي يقين ڪيو ته هي ڇوڪرو ئي زماني جو نبي سڳورو آهي. تڏهن حضرت ابو طالب کي تلقين ڪندي چيائين ته پنهنجي ڀائيٽي کي نهايت حفاظت سان واپس ڳوٺ وٺي وڃ ۽ تمام گهڻو خيال رکجينس، ڇو ته هن ڇوڪر جو مستقبل نهايت تابناڪ ۽ عظيم آهي. تنهنڪري هر حال ۾ هر قسم جي حفاظت ۾ رکجينس کيس يهودين کان خاص ڪري بچائي رکج، ڇو ته جيڪڏهن هو کيس سڃاڻي ويا ته پوءِ اهي هن جا جاني دشمن ٿي پوندا.
    رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن شام جي مذهبي پستي ۽ معاشرتي بي راهرويءَ کان ڏاڍا متاثر ۽ پريشان ٿيا. 25 سالن جي عمر کي رسندي نبي ڪريم جن مڪي شريف ۾ هڪڙي نهايت قابل، محنتي ۽ ايماندار شخص طور پنهنجي ساک پيدا ڪري چُڪا هئا. مڪي شريف جا ماڻهو سندن خُلق عظيم موافق کين ”الامين“ جي حقيقي خطاب سان پڪاريندا هئا. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم سُهڻي سيرت سان گڏ هڪ سهڻي ۽ دلنشين صورت جا پڻ مالڪ هئا. اهي سڀ مٿن واليءَ جا وڙ هئا. سندن قد پورو پنو ۽ جسم جانٺو مٿي ۽ ڏاڙهيءَ مبارڪ جا وار ڀنڀا هوندا هئا. سندن چهري مبارڪ مان سدائين پيو نور جهلڪندو هو. پاڻ سڳورا نهايت شفيق، مهربان، همدرد، نيڪ دل ۽ ٻاجهاري طبيعت سان گڏ بي مثال قوت ارادي ۽ اولالغزميءَ جا مالڪ به هئا. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم هر ڪم نهايت اَورچائي ۽ سچائي سان ڪندي نيٺ ڪامياب ٿيندا هئا. کيڪارڻ دوران هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪو نه ڪندا هئا. ڳالهائيندڙ جي اکين ۾ نهاريندا هئا ۽ سندن سربستي ڳالهه ٻڌندا هئا. نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فوجي سکيا پنهنجن چاچن کان حاصل ڪئي. جن کين تيراندازي، تلوار بازي ۽ واسطيدار ٻين پهلواني ڪسرتن ۾ ڀڙ ڪري ڇڏيو. سندن هم عمر چاچو حضرت حمزه جنگي فنن جو ماهر هو ۽ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان وڌيڪ سگهارو ۽ قداور هو. سندن ٻئي چاچي حضرت عباس وياج جو ڪاروبار شروع ڪيو. پاڻ سڳورن جي دلچسپي واپار ۾ هئي ۽ اُن سان وابستھ رهيا. شام، فلسطين ۽ عراق ويندڙ واپاري قافلن جي اڳواڻي ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏيندا هئا. سن 595ع ڌاري سندن پري جي مائيٽياڻي، اسد قبيلي جي صاحب ثروت عورت نالي خديجھ ؓ جو مال کڻي پاڻ سڳورا شام ويا. اُن دوران ساڻن سندن مالڪياڻي صاحبھ جو گماشتو پڻ شامل حال هو. جيڪي واقعا ساڻن پيش آيا اهي هوبهو اچي کيس بيان ڪيائين. جهڙوڪ رستي ۾ هڪڙي عيسائي پادريءَ پاڻ سڳورن سان ملڻ شرط چيو ته هي شخص الله پاڪ جو اهو سچو نبي سڳورو آهي. جنهن جو صدين کان انتظار آهي، ٻيو ته جڏهن گرمي ۽ اُس وڌي ٿي وئي تڏهن محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مٿان ڪڪر ڇانءُ ٿي ڪئي. انهيءَ کانسواءِ پاڻ سڳورن پنهنجي تجارتي ذميواري اهڙيءَ ته ايمانداريءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان نڀائي جو بي بي صاحبه ڏاڍي خوش ۽ متاثر ٿي کين شاديءَ جي آڇ ڪئي. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي چاچن جي صلاح سان سنڱ قبول ڪيو ۽ ترت ئي شادي ٿي. سمورن اهل قريش خوشي ملهائي. حضرت خديجه ؓ عمر ۾ وڏي هئي پر زال ۽ مڙس جو هڪٻئي سان نهايت گهڻو پيار هو. بي بي خديجه ڪا اجائي عمر رسيده ڪا نه هئي. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي منجهائنس چار نياڻيون ۽ ٻه پُٽ يعني ڇهه ٻار پيدا ٿيا. بي بي صاحبه نه فقط هڪڙي زال پر اها نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي رازدان، صلاحڪار ۽ دوست پڻ هئي، ڇو ته ڪنهن به مشڪل وقت ۾ پريشانيءَ سبب رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن هميشه خديجه ؓ جن سان مشورو ڪندا هئا. هوءَ پنهنجي ذهانت سان نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي حقيقي دلجوئي ڪري صحيح صلاح ڏيندي هئي ۽ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي تسلي ۽ اطمينان حاصل ٿيندو هو. حضرت بي بي خديجه ؓ ئي اها پهرين شخصيت هئي، جنهن نبي پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي نبوت تي ايمان آندو ۽ کين حوصلو ڏنو ته بلاشڪ توهان تي الله پاڪ وحي موڪلي پنهنجي طرفان رسول مقرر ڪيو آهي، ڇو ته اڄڪلهه انسان ذات سماجي ۽ اخلاقي طور تي تباهي جي ڪناري تي اچي پهتي آهي. انهيءَ جي سڌاري، انصاف جي حصول، نيڪي ۽ ترقيءَ لاءِ توهان جهڙي الامين شخصيت ئي اهو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. بي بي صاحبه جي حياتيءَ دوران رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ٻي شادي ڪا نه ڪئي، ڇو ته سندن ازدواجي زندگي نهايت سڪون واري هئي. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي بي بي خديجه رضي مان ٻه پٽ القاسم ۽ عبدالله ۽ چار نياڻيون: بي بي زينب ؓ بي بي رقيه رضه، بي بي اُم ڪلثوم رضه ۽ بي بي فاطمھ الزهره رضي الله عنها پيدا ٿيون. رسول پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جا پٽ ننڍڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا، جن جو نبي سائين جن کي ڏاڍو ڏک هو. اُن غم مٽائڻ لاءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم بي بي خديجھ رضه جي طرفان مليل زيد بن حارث نالي غلام کي پُٽيلو ڪري سانڍيو. اهو ”ڪلب“ قبيلي مان هو. جڏهن بي بي فاطمھ رضه جي عمر چار سال کن هئي تڏهن حضرت ابو طالب جي تنگي ۽ غربت سبب رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سندس ننڍي پٽ حضرت علي ڪرم الله وجهھ جن کي نهايت پيار ۽ پاٻوهه سان پالي وڏو ڪيو. جيڪي اڳتي هلي اسلام جا عظيم سپوت بڻيا.
    رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي شاديءَ کان ترت پوءِ مڪي شريف ۾ برپا بدامنيءَ کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ هڪڙي تنظيم قائم ڪئي وئي. جنهن جي اڳواڻي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي سونپي وئي، ڇو ته مڪي شريف ۾ ايندڙ ٻاهرين ماڻهن کان اهل مڪھ ڏينهن ڏٺي سمورو مال متاع سان گڏ سندن ٻار ٻچا به کَسي وڃڻ لڳا. جنهن جو ڪو به تدارڪ ڪو نه پئي ٿيو. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن بني هاشم، بني مطلب، بني زهره ۽ بني تيم جي سردارن کي ڪوٺائي ”حلف الفضول“ نالي انجمن برپا ڪرائي هئي. جنهن جي قيام سان غريبن، ڪمزورن ۽ مظلومن کي ڪافي حد تائين انصاف ۽ امن نصيب ٿيو.
    ستين صدي عيسوي جي شروع ۾ عثمان بن حويرث حجاز کي بازنطيني سلطنت ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مخالفت ۽ ڪوشش سبب اهو منصوبو ناڪام ٿيو ۽ عثمان ڀڄي وڃي شام ۾ لڪو، جتي کيس زهر ڏئي ماري ڇڏيائون.
    اهڙي طرح سن 605ع ۾ ڪعبي شريف جي تعمير دوران حجر اسود جي لڳائڻ واري معاملي کي پڻ رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن نهايت سهڻي سلوڪ سان سلجهايو. ڪعبي شريف جي تعمير نو ۾ شامل سمورن قبيلين جي هر سردار جي خواهش هئي ته حجر اسود کي ڪعبي شريف جي ديوار ۾ لڳائڻ وارو مقدس فعل مون کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ڪري. اُنهيءَ تي سخت ڇڪتاڻ ٿي پئي ۽ خون خرابي جو امڪان ٿي پيو. آخرڪار فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي صبح جو جيڪو به شخص ڪعبي شريف ۾ سڀ کان اڳ ۾ اچي داخل ٿيندو. اُن ماڻهوءَ کان فيصلو ڪرائبو، جيڪو سڀني کي قبول هوندو. انهيءَ وچ ۾ حاضرين مجلس هي فيصلو راز ۾ رکندا، ڇو ته راز کلڻ سبب هر ڌُر پنهنجو ماڻهو موڪلڻ جي ڪوشش ڪندي. قُدرتاَ َ انهي وقت رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ٻاهر ويل هئا، جن رات جو سفر پورو ڪري ٻاهران ئي اچي اول ڪعبي شريف جي زيارت ڪئي. اها خبر ٻڌي سمورين ڌرين کي اطمينان ۽ يقين ٿيو ته فيصلو درست ٿيندو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن حقيقت ڄاڻي ڪپڙي جي هڪڙي مضبوط ۽ وڏي چادر گُهرائي حجر اسود پنهنجي هٿن سان کڻي چادر جي وچ تي رکيو ۽ سمورن اڳواڻن کي چادر جي پلاند ۾ هٿ وجهائي مقرر جڳهه تي کڻائي پهچايو ۽ پنهنجي هٿن مبارڪن سان ديوار ۾ نصب ڪيو. اهڙي ريت اهو ڳنڀير مسئلو خوش اسلوبيءَ سان حل ٿي ويو.
    اهڙي قسم جي ڪيترن مسئلن ۽ معاملن کي حل ڪرڻ ۽ پنهنجي ايمانداري ۽ سچائي سبب مڪي شريف جي ماڻهن جي دلين ۾ حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سان خاص انس ۽ عزت پيدا ٿي ۽ اهل مڪھ کين ”الامين“ جو هڪ عظيم المرتبت خطاب عطا ڪيو.
    شاديءَ کان پوءِ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن واندڪائيءَ وارن ڏينهن ۾ اڪيلي سر ته ڪڏهن ڪڏهن عيال سميت حرا جبل جي هڪڙي غار ۾ ويهي عبادت ۽ مراقبو ڪندا هئا. هن غار ۾ پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم اڪثر ڪري سڄيون ساريون راتين جون راتيون عبادت ۽ غور و فڪر ۾ گذاريندا هئا. اهڙي ريت رب العالمين جي حضور ۾ حاضر رهندا هئا. ابن هشام ۽ ابن الاثير جي تحريرن موجب حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن رمضان شريف جي پوري مهيني دوران غار حرا ۾ عبادت ڪندا هئا. غريبن جي گهڻي مدد ۽ بُکين ۽ ڏکين ماڻهن کي کاڌو کارائڻ ۾ مشغول هوندا هئا. حرا جبل کي اڄڪلهه جبل نور سڏيندا آهن. سيد امير علي ڪتاب ”روح اسلام“ ۾ لکي ٿو ته ”جهڙوڪر پوري عرب قوم هڪڙي شخص جي ذات ۾سمائجي سموري انسانذات جي نمائنده بنجي وئي ۽ پيغمبر اسلام صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن الله پاڪ جي ڪلام يعني قرآن مجيد جي تعليم جا معلم ۽ مبلغ بنجي ويا.“ رمضان شريف جي هڪڙي رات جو قادر مطلق جي ساري ڪائنات تي سڪون ڇانيل هو. اُن رات رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن غار حرا ۾ مراقبي ۾مشغول هئا ۽ رات اڌ کان وڌيڪ گذري چڪي هئي ته هڪڙي تمام زبردست ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي حڪم ٿيو ته ”پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان“ اهو آواز ٻه ڀيرا ٿيو، پر رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن حيراني ۽ اڻڄاڻائي جي عالم وچان حڪم جي تعميل ڪو نه ڪري سگهيا. تڏهن هڪ طاقتور هستي يعني حضرت جبرائيل عليھ السلام کين پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي زور ڏئي وري به چيو ته پڙهه. تنهن تي نبي پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کانئس پُڇيو ته ”ڇا پڙهان؟“ فرشتي وراڻيو ته ”پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان“ الله پاڪ طرفان کيس علم ۽ عقل عطا ڪري اعليٰ مرتبي تي رسايو ۽ قلم وسيلي انهن شين جي ڄاڻ ڏني جن جي کيس خبر ڪانه هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جڏهن بيخوديءَ جي عالم مان بيدار ٿيا ته کين ائين محسوس ٿيو ته فرشتي جا چيل لفظ سندن دل جي تختيءَ تي لکيا ويا آهن. پاڻ ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ڏڪڻي وڌي وئي ۽ سڌا بيهي نٿي سگهيا. بي بي خديجه جي هنج ۾ مٿو رکي کيس چيو ته ”مون تان ڪمبل وجهو“. ڪتاب روح اسلام ۾ لکيل آهي ته ڳچ دير کان پوءِ پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم جڏهن سامت ۾ آيا ته بي بي صاحبه کي چيائون ته ”خديجه آئون خفقاني چريو ٿي پيو آهيان.“ بي بي خديجه رضه وراڻيو ته نعوذ بالله اي ابو قاسم (سندس پٽ قاسم جي نسبت) الله پاڪ توهان سان ڪڏهن به اهڙي واردات ٿيڻ ڪو نه ڏيندو. ڇو ته توهان هميشھ سچ ڳالهائيندا آهيو. بُرائي جو بدلو برائي سان ڪو نه ڏيندا آهيو. ايماندار آهيو، نيڪوڪار آهيو، عزيزن ۽ قريبن سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪندا آهيو. توهان بازارين ۾ فضول ڳالهيون به ڪو نه ڪندا آهيو. ٻڌايو ته توهان ڪهڙي خوف ناڪ شئي ڏٺي آهي؟ ڇا ٿيو آهي؟ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته هائو، ۽ سمورو واقعو بيان ڪيو. تڏهن بي بي خديجه ؓ چيو ته توهان کي خوش ٿيڻ گهرجي. جنهن خدا تعاليٰ جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي، اهو گواهه آهي توهان هن زماني جا پيغمبر آهيو. اُن کان پوءِ بي بي خديجه رضه اُٿي پنهنجي عمر رسيده مائٽ ورقه بن نوفل وٽ وڃي مذڪور ماجره بيان ڪئي. ورقه بن نوفل تورات ۽ انجيل جو عالم هو ۽ پيريءَ سبب نابين ٿي ويو هو. سربستي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ خوش ٿي چوڻ لڳو ته ”قدوس! قدوس!“ يقيناَ َ هي اهو ئي ناموس اڪبر (قرآني نزول) آهي. جيڪو هن کان اڳ ۾ عيسيٰ عليھ السلام ۽ موسيٰ عليھ السلام تي لٿو هو. محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم پنهنجي وقت جو پيغمبر آهي. کيس چئو ته پنهنجي دل مضبوط رکي. ڪيرن آرمسٽرانگ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي سوانح ۾ رقم طراز آهي ته ”بعد ۾ جڏهن ورقه بن نوفل جي رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سان ڪعبي شريف ۾ ملاقات ٿي ته هن پنهنجي مسيحي برادريءَ جي حاضرين سان تعارف ڪرايو ۽ انهن احترام ڪندي اڳتي وڌي حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هٿن مبارڪن کي چميو.“ رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي نزول قرآن شريف ان جي تبليغ ۽ اشاعت واري ذميواري سان مشروط ۽ لازم هو. جنهن تحت غريب ۽ يتيم، معذور ۽ مجبور، مظلوم ۽ لاچار انسانن جي امداد، فلاح ۽ بهبود واري نصب العين جوحصول يقيني ۽ دائمي طور بحال رهي سگهي ۽ امن و امان ترقي ۽ خوشحالي انسانذات جو ورثو بنجي. قرآن پاڪ ۾ ڄاڻايل آهي ته سمورن انبياء ڪرام تي نازل ٿيل سمورن صحيفن جي تعليمات جو تت انسانذات جي فلاح ۽ بهبود آهي ۽ قرآني تعليمات انهن مڙني الهامي صحيفن جو نچوڙ ۽ روح آهي.
    حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي سڀ کان پهرين حضرت بي بي خديجه رضه ايمان آندو کين حوصلو ڏياريو ۽ الهامي حڪم کي مڃيندي بت پرستي ترڪ ڪري ساڻن گڏ رب العالمين جي حضور ۾ مسجود ٿي.
    شروعات ۾ نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجن مائٽن ۾ نزول واري حقيقت بيان ڪئي. بي بي خديجه رضه کان پوءِ حضرت علي رضي مٿن ايمان آندو ۽ سندن هٿ مبارڪ تي بَعَيَت ڪئي. واندڪائي واري وقت ۾ آنحضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم بي بي خديجه رضه ۽ حضرت علي سائين، ٽيئي گڏجي شهر کان ٻاهر سنسان وادين ۾ وڃي الله پاڪ جي عبادت ڪندا هئا.
    ابن هشام موجب: هڪڙي ڀيري حضرت ابو طالب اتي کين نماز پڙهندي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو ۽ اچي رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم کان پُڇيائين ته اي ڀائيٽيا! هي ڪهڙي دين جي عبادت پيو ڪرين؟ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته هي الله پاڪ، ان جي ملائڪن، ان جي موڪليل سمورن نبين ۽ اسان جي اصل ابي حضرت ابراهيم عليھ السلام وارو دين آهي. الله پاڪ مونکي انسانذات جي هدايت لاءِ پيغمبر ڪري موڪليو آهي ته جيئن آئون کين سچائي ۽ هيڪڙائي ۽ حق جو رستو ڏيکاريان. اي پيارا چاچا! انهن سمورن ماڻهن ۾ توهان ڀلا انسان آهيو. تنهنڪري اهو مناسب ٿيندو ته آئون توهان کي ڌڻيءَ جو پيغام سڻايان ۽ اهو به نهايت مناسب ٿيندو ته توهان اُن سچائي کي قبول ڪريو ۽ انهيءَ پيغام جي اشاعت ۾ منهنجي مدد ڪريو.حضرت ابو طالب پنهنجي اباڻي مذهب کي ترڪ ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر ساک سان چيائين ته مون کي قسم آهي انهيءَ الله پاڪ جو ته جيستائين جيئرو آهيان. تنهنجي وار کي ونگو ڪرڻ جي به ڪنهن کي جُرئت ڪا نه ٿيندي. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ حضرت علي رضه کان پڇيائين جنهن وراڻي ڏنس ته اي ابا! مون الله پاڪ ۽ سندس رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آندو آهي ۽ سندن پيروي ڪريان ٿو، حضرت ابو طالب پٽس جو جواب ٻڌي خوش ٿي چيو ته پٽ اها سٺي ڳالهه آهي. هو توکي فقط نيڪيءَ ڏانهن وٺي ويندو. تنهنڪري منهنجي طرفان توکي اجازت آهي ته تون ڀلي سندس پيروي ڪر.
    تنهن کان پوءِ زيد بن حارث جيڪو آزاد ٿيڻ جي باوجود نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڇڏي پنهنجي مائٽن ڏانهن ڪو نه ويو ۽ وٽن ئي رهيو. اسلام قبول ڪيو ۽ ان سان گڏ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چئن ئي نياڻين اسلام قبول ڪيو. سندن رشتيدارن مان حضرت ابو طالب جي ٻئي پٽ حضرت جعفر ؓ ۽ سندس ماسات ۽ خاص دوست حضرت عبدالله بن جحش ۽ سندس ڀيڻ بي بي زينب ؓ ۽ سندن ٻيو ڀاءُ حضرت عبدالله ؓ جيڪو اڳي وحدانيت جو قائل هو، اسلام ۾ داخل ٿيا. حضرت عباس جي گهر واري حضرت ام الفضل ........ رضه ۽ حضرت حمزي جي گهرواري حضرت سلمھ رضه سندن مڙسن جي مرضيءَ کانسواءِ ئي مشرف به اسلام ٿيون. اهڙي ريت حضرت جعفر جي گهر واري حضرت اسماءؓ ۽ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي پڦي حضرت صفيهؓ پڻ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آندو. نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي آزاد ڪيل ٻانهي حضرت بي بي ايمن پڻ اسلام قبول ڪيو. نبوت جي شروعاتي ٽن سالن دوران حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تبليغ جو دائرو پنهنجي عزيزن قريبن دوستن ۽ احبابن تائين محدود رکيو. ڪجهه وقت پوءِ حضرت ابو بڪرؓ رضه حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آندو.سندس اصل نالو عتيق ۽ ڪنيت عبدلله ۽ عبدالڪعبه هيس. قبول اسلام کانپوءِ ابوبڪر سڏجڻ لڳو. سندس والد جو نالو عثمان ۽ ڪنيت ابو قحافه هئي. حضرت ابو بڪرؓ تيم قبيلي مان هو. هو هڪڙو وڏو شاهوڪار واپاري هو ۽مڪي شريف ۾ اعليٰ شخصيتن مان هڪڙو هو. هو نرم مزاج، نهايت قابل ايماندار ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان عمر ۾ ٻه سال ننڍو هو. کانئس متاثر ٿي مڪي شريف جي ٻين اهم شخصن هر هڪ بنو اميه جي حضرت عثمان رضي بن عفان، عبدالرحمان بن عوف، سعد بن ابي وقاص ۽ بي بي خديجھ ؓ جي ڀائيٽي زبير بن عوام نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو. حضرت ابو بڪر ؓ خوابن جي تعبير به ڪندو هو. عبد شمس قبيلي جي هڪڙي اهم فرد خالد بن سعيد هڪڙو ڊپ ڏياريندڙ خواب ڏٺو. تنهن اچي حضرت ابو بڪر ؓ کي ٻڌايو ته خواب ۾ ڏسان ٿو ته آئون هڪڙي وڏي کاهيءَ جي ڪناري تي بيٺو آهيان، جنهن ۾ تمام وڏي باهه پئي ٻري. منهنجو پيءُ مون کي ان باهه ۾ ڪيرائڻ جي ڪوشش پيو ڪري ۽ آئون جڏهن باهه ۾ ڪرڻ وارو آهيان ته عين اُن وقت ڪنهن ماڻهو مون کي ڀاڪرن ۾ جهلي ڪرڻ کان بچائي کاهي کان پري آڻي پهچايو آهي. سندس چهرو ڏسڻ سان آئون حيران ٿي ويس ته اهو ٻيو ڪو نه پر حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن خود پاڻ هئا. سموري ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ حضرت ابو بڪر رضي کيس ٻڌايو ته اهو خواب سچو آهي ڇو ته حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن عرب توڙي پوري انسانذات کي ظلمات ناانصافي ۽ جهالت مان نجات ڏياريندر الله پاڪ جا سچا نبي آهن. سندن پيغام کي برحق ڄاڻي مٿن ايمان آڻڻ ۾ اسان سمورن جي ڀلائي ٿيندي. سندس صلاح قبول ڪندي حضرت خالد سڌو نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن وٽ حاضر ٿي مشرف به اسلام ٿيو. پر اهو راز ڪافي عرصي تائين پنهنجي خاندان تي ظاهر نه ڪيو. غريب ۽ نادار طبقي مان به ڪجهه ماڻهن ايمان آندو، جن ۾ حضرت بلال رضي سرفهرست هو.
    مڪي شريف جو باشندو ابن شماب الزهري نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وصال کان 41 سال پوءِ پيدا ٿيو. اهو اسلامي تاريخ جو پهريون لکندڙ هو. تنهن لکيو آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي پنهنجي نصب العين حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ڪو نه لڳو. هُو ڄاڻائي ٿو ته جن ماڻهن پهرين شروعات ۾ اسلام قبول ڪيو، انهن ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هئا. هڪڙا ڪمزور ۽ نادار ۽ ٻيا نوجوان، هنن ٻنهي ئي پَرتَن جي ماڻهن کي مروج معاشرتي نظام جي ڀيٽ ۾ اسلام سچ حق ۽ انصاف تي مبني هڪڙو صحيح سماجي نظام ڏسڻ ۾ آيو. تنهنڪري هنن نئين مذهب کي سچي نيت ۽ دل سان قبول ڪيو. انهن مان ڪيترائي تاريخ اسلام ۾ وڏي حيثيت جا حامل رهيا. جنهن دور ۾ نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن اسلام جي تبليغ شروع ڪئي. ان وقت سمورا قريش قبيلا ٽن مکيه ٽولن ۾ ورهايل هئا. هڪڙي ٽولي ۾ الهاشم، المطلب، الزهره، تيم، الحارث ابن فهر ۽ العدي قبيلا شامل هئا. هنن قبيلن جو تعلق ”حلف الفضول“ نالي اتحاد سان هو. هي قبيلا شهر جا بنهه مسڪين ماڻهو هئا. منجهن عدي خاندان وارا البت پاڻ ڀرا هئا.
    ٻئي ٽولي ۾ عبد شمس، نوفل، اسد ۽ عامر قبيلا شامل هئا. ٽئي ٽولي ۾ مخزوم، سهم، جمع ۽ عبدالدار قبيلا شامل هئا. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي تعليمات جي مخالفت پويَن ٻن ٽولن جي صاحب ثروت ۽ حزب اقدار ماڻهن وڌي ۽ چڙهي ڪئي. ڇو ته اسلامي نظام ۾ کين مڪمل تباهي نظر اچي رهي هئي. تنهن هوندي به انهن قبيلن جي ڪن مکيه ماڻهن مثلاً حضرت عثمان رضي ۽ خالد رضي وغيره اسلام قبول ڪيو. هن نئين صورتحال ۾ نو مسلمن ۽ سندن خاندان توڙي قبيلن ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا. 615ع ۾ محدود پئماني تي تبليغ ڪندي رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ٽي سال گذري چُڪا هئا. تڏهن وحي وسيلي الله پاڪ حڪم ڪيو ته هاڻي تبليغ نهايت کلي طرح ۽ سمورن ماڻهن ۾شروع ڪئي وڃي. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن حتي الا مڪان تعميل شروع ڪري ڏني ۽ بنو هاشم جي چاليهن مکيه ماڻهن کي ماني جي دعوت تي گهرايو، جتي سادي خوراڪ کائڻ کان پوءِ حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن اسلام جا بنيادي اصول بيان ڪندي کين ٻڌايو ته الله پاڪ مون کي نبي مقرر ڪيو آهي ته جيئن آئون انسانذات جي ڀلائيءَ لاءِ الله پاڪ جو پيغام اوهان تائين پهچايان. اها حقيقت ٻڌڻ شرط نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هڪڙي چاچي ابو لهب سخت ڪاوڙ وچان نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ٽوڪيو. جنهن ڪري ڪچهري ناراضگيءَ دوران گُل ٿي. تبليغ جي سلسلي ۾ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي قبيلي وارن جي ٻيو ڀيرو به دعوت ڪئي ۽ کين اسلام قبول ڪرڻ جي لاءِ تلقين ڪئي پر سمورا ماڻهو ماٺ ۾ رهيا ۽ ڪي ڪين ڪڇيائون ۽ حضرت علي رضي طرفان نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي دلاسي ۽ پنهنجي مدد جو يقين ڏيارڻ لاءِ ڳالهايل لفظن تان سڀئي ڪاوڙيا ۽ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ڪيترائي الزام هڻندا راهي ٿيا. انهن نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وڏي ناٺيءَ ابوالعاس ابن ربيع کي حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي نياڻي حضرت زينب ؓ جو نڪاح ڇڏائڻ لاءِ زور ڀريو، ڇو ته اها اڳئي اسلام قبول ڪري چُڪي هئي. پر ابو العاس انڪار ڪيو، جنهن سبب خاندان ۾ وڌيڪ اختلاف پيدا ٿي پيا. اهو قلم ٻين نو مسلمن سان به لاڳو رهيو. رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي خاندانن ۾ فساد پکيڙيندڙ، خفقاني ۽ جادوگر هئڻ جا الزام مڙهيا ويا، پوءِ آنحضرت صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن الله پاڪ جي حڪم جي تعميل ڪندي شهر جي ماڻهن کي صفا جبل وٽ گڏ ڪري نهايت سليقي سان اسلام جا اصول بيان ڪيا ۽ ماڻهن جي غلط ڪمن ۽ بت پرستيءَ تي تنقيد ڪئي. اڳئين زماني ۾ پنهنجي پيغبرن کي نه مڃيندڙ قومن تي الله پاڪ ڪئين عذاب نازل ڪيا ۽ کين فنا ڪري ڇڏيو. انهن واقعن ذريعي کين ڊيڄاري کين راهه راست تي اچڻ ۽ نيڪيءَ وسيلي اجر حاصل ڪرڻ لاءِ تلقين ڪئي. انهيءَ تي ڪفار مڪھ کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ اهي مذاق، چرچا ۽ چٿرون ڪندا هليا ويا. جڏهن اهل قريش نبي ڪريم جن کي مثبت موٽ ڪا نه ڏني ته مايوس ٿي خاموش رهڻ جي بدران پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم حج ڪرڻ ۽ واپار سانگي مڪي شريف ايندڙ ٻاهرين ماڻهن کي به الله پاڪ جو پيغام اسلام پهچائڻ شروع ڪري ڏنو. اهل مڪه انهيءَ ڳالهه کان به سخت خائف ٿيا ۽ پرديسي ماڻهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خلاف سخت مڪروه پرچار ڪيائون. مڪي ڏانهن ايندڙ سمورن رستن تي پهرو بيهاري سمورن ٻاهرين ماڻهن کي برغلايائون ته حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن (نعوذ بالله) نهايت خطرناڪ جادوگر آهن. تنهنڪري اوهان کي صلاح ٿا ڏيون ته توهان سندن شر کان بچڻ لاءِ نه ملو ۽ سندن ڳالهيون نه ٻڌو. هن غليظ پرچار جو ڪجهه به اثر نه ٿيو. اٽلو نبيءَ ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جون ڳالهيون پنهنجي پنهنجي ڳوٺ وارن سان وڃي ڪيائون ته مڪي شريف ۾ محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم نالي بنو هاشم جو فرد نبي آخر زمان جي حيثيت ۾ دين اسلام جي تبليغ پيو ڪري. بت پرستيءَ کي ترڪ ڪري فقط هڪڙي معبود يعني الله تعاليٰ رب العالمين جي عبادت جي تلقين ٿو ڪري.
    اهل قريش جي وڌندڙ مخالفت ۽ زيادتين کي ڏسندي حضرت ابو طالب هڪ قصيدو لکي اهل قريش کي ننديو ۽ کين تنبيهه ڪئي ته رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خلاف اجايون سازشون ۽ زيادتيون جاري رهيون ته بنو هاشم ۽ بنو مطلب جو ٻچو ٻچو پيغمبر اسلام جي حفاظت ۽ حمايت ڪندو. ان دڙڪي جو ڪو به اثر نه ٿيو. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڪعبي شريف ۾ نماز پڙهڻ کان روڪيو ويو. نماز جي حالت ۾ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ۽ سندن پوئلڳن تي گند ڪچرو اڇلايو ويندو هو. ٻارن ۽ بدمعاش ماڻهن کي بڇي سندن تذليل ڪرائي ويندي هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ بيا مسلمان جن رستن تان لنگهندا هئا ۽ جن هنڌن تي مسلمان نماز پڙهندا هئا، انهن جڳهين تي ڪفار ڪنڊا ۽ ٻي گندگي پکيڙي ڇڏيندا هئا. ان ڪم ۾ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چاچي يعني ابولھب جي گهر وارِيءَ پيش پيش هوندي هئي. سندن خاندان رسول مقبول صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ مسلمانن جو جاني دشمن ٿي پيو. قريش قبيلي جي ساڻن ۽ مسلمانن سان هيترو تعصب ۽ دشمني ڏسي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي سڀ کان ننڍي چاچي حضرت حمزه اسلام قبول ڪيو ۽ هو دلير سپاهي ٿي رهيو. حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن هر قسم جي مخالفت ۽ ڏاڍ صبر سان سهندي اسلام جي تبليغ نهايت جوش ۽ جذبي سان جاري رکي ۽ اهل قريش کي گمراهي ۽ بت پرستي ترڪ ڪري هيڪڙائي۽ حق جي واٽ اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪندا رهيا.
    نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کين قيامت ۽ حساب ڪتاب جي يادگيري ڏياري نيڪي جي جزا ۽ بديءَ جي سزا کان خبردار ڪيو. کين ڪفر ۽ ايمان جون حدون ۽ سندن نفعو ۽ نقصان سمجهايو. کين گذريل زماني جي ڪافر قومن جو حشر ٻڌائي ڊيڄاريو. ۽ ايمان آڻيندڙن کي مليل اجر جا فضائل بيان ڪيا. اهڙي ريت تبليغ جاري رهڻ جو مثبت اثر ٿيو ۽ ماڻهو حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳا ۽ آهستي آهستي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
    مذڪوره تبديلي اهل قريش کي سخت پريشان ڪري وڌو، ڇو ته هنن اسلام جي ڪاميابيءَ ۾ سندن اقتدار جو خاتمو محسوس ڪيو. اسلامي تعليمات موجب الله تعاليٰ جي اڳيان سڀ انسان برابر آهن. بهتر اهو آهي جنهن جا عمل بهتر آهن. اهو اصول اهل قريش جي قبيلائي قانون جي خلاف ۽ هر مراعات يافته ۽ صاحب ثروت فرد يا خاندان جي خلاف هو. جن نابرابري غير ذميواري ۽ ناانصافي برقرار رکي هئي. تنهنڪري فيصلو ڪيو ويو ته نئين مذهب کي شايع ۽ ڪامياب ٿيڻ کان اڳ ئي تباهه ڪجي. هر خاندان تي اهو فرض عائد ڪيو ويو ته جنهن به گهر جي ڀاتيءَ، غلام يا ڪنيز ۾ مسلمان هئڻ جو شڪ هجي ته انهن تي هر قسم جو تشدد ڪيو وڃي. جيئن ته هو اسلام ترڪ ڪري. اهڙي ريت اهل قريش طرفان مصيبتن جو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو. غلام مسلمانن تي ته ظلمن جا پهاڙ ڪري پيا. رمضان جبل ۽ بطحا جو ميدان مسلمانن تي تشدد ڪرڻ جا مکيه ماڳ هئا. سيد امير علي لکي ٿو ته جيڪي مسلمان مرد ۽ عورتون بتن جي پوڄا ڪو نه ڪنديون هيون. انهن کي عين ٻنپهرن جي وقت تتل واريءَ تي سج ڏانهن منهن ڪري ليٽايو ويندو هو. اتي حياتي بچائڻ لاءِ وٽن بت پرستيءَ کي وري قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به وسيلو ڪو نه هو ۽ الله پاڪ کانسواءِ ٻيو ڪو به مددگار ۽ ڪارساز ڪو نه هوندو هو. ڪي ڪمزور ماڻهو في الحال جان ڇڏائڻ لاءِ آڻ مڃيندا هئا پر آجو ٿيڻ شرط نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن وٽ پهچي ويندا هئا. پر مسلمانن ۾ گهڻن ماڻهن اهي سختيون صبر ۽ استقلال سان به سٺيون ۽ پنهنجي ايمان تي قائم رهيا. اهڙين شخصيتن ۾ حضرت بلال رضي الله عنھ سرفهرست هو. هو اسلام ۽ پيغمبر جن جي جاني دشمن اُميھ بن خلف جو غلام هو. اُميھ روزانو ٻنپهرن جو بطحا جي ميدان تي وٺي وڃي حضرت بلال رضي جا پُٺا اگهاڙا ڪري تتل واري تي ليٽائيندو هو. ۽سندس منهن سج ڏانهن ڪرائيندو هو. سندس ڇاتيءَ تي ڳرو پٿر رکائي کيس چوندو هو ته جيڪڏهن تون اسلام ترڪ نه ڪندين ته تو سان مرڻ تائين اهو سلوڪ روا رکبو. حضرت بلال رضي اها سموري عقوبت صبر سان سهندو آيو ۽ ان زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش واري صورتحال ۾ اُميھ کي جواب ۾ فقط احد احمد چوندو هو. اهڙين عقوبتن سبب حضرت بلال رضي اچي مرڻينگ ٿيو. اها خبر ٻڌڻ کان پوءِ حضرت ابوبڪر رضي کيس اُميَہ کان خريد ڪري آزاد ڪيو. هن اهڙن ٻين ڇهن غلامن کي به آزاد ڪرايو. حضرت ياسر اُميَہ سندس زال سميه اُميَہ کي سخت عذاب ڏيئي ڪافرن شهيد ڪري ڇڏيو. سندن پٽ حضرت عمار اهو تشدد سهي بچي ويو. ٻئي طرف اهل قريش رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي تبليغ تان هٿ کڻائڻ لاءِ دنيا جي هر مال ۽ متاع ڏيڻ جي آڇ ڪرڻ لڳا. الزهري جي تاريخ ۾ قلم بند آهي ته هڪ ڀيري رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ڪعبي شريف وٽ اهل قريش کان پري الڳ ويٺا هئا ته اُنهَن مان هڪڙو شخص عُتبه بن ربيع نبي صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي اچي چيو ته ”اي مُنهنجي ڀاءُ جا پٽ! تون پنهنجي اوصاف ۽ حسب نسب موجب اسان سمورن کان ممتاز آهين، پر تون اسان جي خاندان ۾ تفرقو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ديوتائن ۽ ديوين کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين ۽ اسان جي وڏن تي ناپاڪيءَ جي تهمت ٿو لڳائين. آئون تو وٽ هڪڙي تجويز کڻي آيوآهيان. چڱيءَ طرح سوچي ڏس ته انهيءَ ۾ تنهنجي ڀلائي آهي يا نه جيڪڏهن تون اسلام جي تبليغ دولت گڏ ڪرڻ لاءِ ٿو ڪرين ته اسين توکي ايتري دولت ڏينداسين جو تون اسان سڀني کان وڌيڪ شاهوڪار ٿي ويندين.جيڪڏهن توکي اڳواڻيءَ جو شوق آهي ته اسين سمورا قريش توکي پنهنجو سردار ٿا ڪريون ۽ تنهنجي حڪم کانسواءِ ڪا به ڳالهه ڪا نه ڪنداسين، جيڪڏهن حڪومت ٿو گهرين ته اسين توکي پنهنجو بادشاهه بنائڻ لاءِ به تيار آهيون ۽ جيڪڏهن تون ڪنهن آسيب جو شڪار آهين ته ان مان ڇوٽڪاري لاءِ جيترا پيسا خرچ ٿيندا ته اسين ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، تون فقط اسان جي دين جي خلاف پرچار بند ڪر“.
    جڏهن عتبه ماٺ ڪئي ته نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پُڇيس ته تنهنجي ڳالهه پوري ٿي؟ هن جواب ڏنو ته هائو. تڏهن رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن چيو ته هاڻ منهجي ڳالهه ٻُڌ. ”آئون پنهنجي ڳالهه الله پاڪ جي نالي سان شروع ڪريان ٿو جيڪو رحمان ۽ رحيم آهي. هي ڪلام انهيءَ جي طرفان نازل ڪيو وڃي ٿو. هي هڪ ڪتاب آهي جنهن جون آيتون صاف صاف بيان ڪيل آهن. يعني اهو قرآن آهي، عربي زبان ۾ ۽ انهن ماڻهن جي هدايت لاءِ جيڪي ان جا خواهشمند آهن. ان ۾ سمجهڻ وارن لاءِ خوشخبري ۽ نه سمجهندڙن لاءِ تنبيهه آهي، پر گهڻا ماڻهو انهيءَ کان مُنهن موڙين ٿا. ڪَنِ نٿا ڏين ۽ چون ٿا ته تون اسان کي جنهن ڳالهه ڏانهن سڏين ٿو اها ڳالهه اسان جي دل کي نٿي آئڙي. اسان جي ڪنن تي تاڙي چڙهيل آهي. پاڻ جي وچ ۾ هڪڙو پردو حائل آهي. تنهنڪري تون پنهنجو ڪم ڪر ۽ اسين پنهنجو ڪم ڪريون. انهن کي چئي ڇڏ ته آئون اوهان جهڙو ئي ماڻهو آهيان، پر مون تي وحي نازل ٿيو آهي. جنهن موجب الله پاڪ فقط هڪ ئي آهي، تنهنڪري سڌو اوڏانهن وڃو ۽ ان کان ئي معافي گهرو. بد بخت آهن اهي مشرڪ جيڪي زڪوات نٿا ڏين ۽ آخرت تي ايمان نٿا آڻين. جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا. انهن لاءِ آخرت ۾ اهڙو اُجر آهي جيڪو ڪڏهن به ختم ڪو نه ٿيندو“. نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن انهن آيتن جي تلاوت ختم ڪري عتبه کي چيو ته تو اهي الله پاڪ جون قرآني آيتون ٻڌيون، هاڻي جيڪا واٽ وڻي اٿئيِ سا اختيار ڪر.
    اهل قريش طرفان مسلمانن تي ظلم ۽ تشدد وڌائڻ سبب رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن مسلمانن کي هدايت ڪئي ته في الحال وڃي خدا ترس عيسائي بادشاهه نجاشيءَ جي ملڪ حبش ۾ پناهه وٺو. اميد ته اهو رحمدل بادشاهه توهان کي پناهه ڏيندو ۽ جڏهن حالتون ساز گار ٿين ته وري موٽي اچجو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هدايت تي پندرهن مومن ترت لبيڪ چئي حبش روانا ٿي ويا. اسلامي تاريخ ۾ اها پهرين هجرت هئي جيڪا نبوت جي پنجين سال برابر سن 615ع ۾ ٿي هئي. ترت پوءِ ٻيا به 86 مسلمان اوڏانهن روانا ٿي پهرين پندرهن ڄڻن سان وڃي گڏيا. اهڙي طرح ڪُل 83 مرد ۽ 18 عورتون حبش پهتيون. قريش وارن کي مسلمانن جي هجرت تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري نجاشيءَ جي درٻار ۾ هڪڙو وفد موڪلي مسلمانن کي موٽائڻ جو مطالبو ڪيو. قريش وارن مسلمانن تي مکيه الزام نئين مذهب اختيار ڪرڻ جو لڳايو.
    نجاشيءَ مسلمانن کان پُڇا ڪئي ته ماجرا ڇا آهي. اُن تي انهن مسلمانن جي اڳواڻ حضرت جعفر بن ابو طالب بادشاهه سان مخاطب ٿيندي چيو ته ”اي بادشاهه سلامت! اسين اڳي جهالت ۽ ظلم جي ڌٻڻين ۾ غرق هئاسين. بُتن جي پوڄا ڪندا هئاسين. مردار کاڌو کائيندا هئاسين، بدڪار، فاحش ۽ ناپاڪ زندگي گذاريندا هئاسين. مهمان نوازي ۽ پاڙي وارن جا حق پائمال ڪري ڇڏياسين، طاقت کانسواءِ ڪو به قانون ڪو نه مڃيندا هئاسين. مطلب ته انسانيت جا سمورا اصول ترڪ ڪري چڪا هئاسين. ان صورتحال دوران اسان ۾ هڪ اهڙو انسان پيدا ٿيو، جنهن جي شرافت، راستبازي، امانتداري ۽ پاڪيزگيءَ جو اسان سڀني کي ڀلي ڀت علم هو. ان نيڪ انسان اسان کي الله پاڪ جي وحدانيت تي يقين ڪامل آڻڻ جي دعوت ڏني ۽ خبردار ڪيو ته اُن واحد ذات سان ڪنهن به ٻي هستيءَ کي شريڪ نه بنايو. اُن شخص اسان کي بُت پرستيءَ کان منع ڪئي ۽ هميشه سچ ڳالهائڻ، واعدو پاڙڻ، ٻين جو احترام ڪرڻ، عورتن، يتيمن، پاڙيسرين جي حقن جو خاص احترام ڪرڻ جي خاص هدايت ڪئي. هن نيڪ انسان اسان کي بُڇڙن ڪمن کان بچڻ، نماز پڙهڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ روزو رکڻ جو حڪم ڪيو. اسان اُن شخص تي ايمان آندو آهي ۽ سندس تعليم ۽ هدايت قبول ڪئي آهي ۽ اسين فقط الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا آهيون ۽ ساڻس ڪا به ٻي هستي شريڪ نٿا ڪريون.انهن سببن ڪري اسان جي قوم جا ماڻهو اسان جي خلاف ٿي پيا ۽ اسين سندن ظلمن کان تنگ ٿي هتي توهان وٽ پناهه وٺڻ آيا آهيون. اسان کي اميد آهي ته تون اسان کي اهل قريش جي ظلم و ستم کان بچائيندين“. هن تقرير نجاشيءَ تي وڏو اثر ڪيو. مسلمانن کي مظلوم ڄاڻي اهل قريش جي مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح قريش ناڪام ٿي موٽي ويا.
    مڪي شريف ۾ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن قريش جي هر قسم جي ظلم ۽ ستم جي باوجود توحيد، نيڪيءَ ۽ حق جي پيغام جي تبليغ ۾ سخت مشغول رهيا. انهيءَ ڪري اهل قريش پنهنجو وفد ابو طالب ڏانهن موڪليو ۽ مطالبو ڪيو ته تون حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي حمايت ترڪ ڪر ۽ اسان سان اهو به واعدو ڪر ته هاڻي تون کيس پناهه ڪو نه ڏيندين. ڇو ته هو اسان جي ديوتائن کي باطل سڏي ٿو. اسان جي وڏن کي ڪافر ڪوٺي ٿو ۽ اسان جي رهڻي ڪهڻيءَ کي کل جوڳو چوي ٿو. تون کيس اسان جي خلاف تبليغ کان روڪ يا ته اسان کي اجازت ڏي ته اسين کيس پنهنجي طريقي سان سمجهايون. ابو طالب جي اڳيان صورتحال سنگين هئي. ايمان نه آڻڻ جي باوجود بنو هاشم قبيلي جي سردار جي حيثيت ۾ رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي حفاظت مٿس قبائلي فرض هو. تنهنڪري وفد کي في الحال بنا ڪنهن واعدي موٽائي ڇڏيائين. هوڏانهن نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي نصب العين جي حصول لاءِ سرگرم رهيا ته ابوجهل ۽ سندس ساٿين به اسلام ۽ رسول ڪريم جن سان مقابلو برقرار رکيو ۽ عجيب غريب تقاضائون ڪرڻ لڳا. چي الله تعاليٰ کي عربن ۾ رسول موڪلڻو هو ته وليد ۽ ٻين وڌيڪ اهم ماڻهن کي ڇڏي محمد رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم ڇو مقرر ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن عبدالله جو پُٽ سچو نبي آهي ته ٻين نبين وانگر معجزا ڇو نٿو ڏيکاري؟ ٻين نبين تي سندن قرآن هڪ ئي وقت مڪمل طور وحي ڪيا ويا. پر محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم تي ائين يڪو نزول ڇو نٿو ٿئي؟ ڪن ڪافرن جو الزام هو ته نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڪن يهودين ۽ عيسائين جي حمايت ۽ مدد شامل آهي. ڪفار مڪه هاڻي حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي شان ۾ بيجا گستاخي ڪرڻ لڳا. عبادت دوران مٿن چٿرون ڪندا هئا. هڪڙي ڏينهن ڪفار مڪه جي بدمعاش ٽولي رسول اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي طواف دوران گهيرو ڪري سندس چادر ۾ هٿ وجهي کين گِرڻ لڳا. ان تي حضرت ابو بڪر هڪل ڪري ڪافرن کي چيو ته هن شخص کي اوهين فقط انهيءَ ڪري مارڻ ٿا گهرو جيڪو چوي ٿو ته منهنجو رب الله پاڪ آهي. حضرت ابو بڪر جي وچ ۾پوڻ تي ڪافر حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڇڏي هليا ويا. اُن واقعي جي رد عمل طور ڪيترائي نيڪ نيت ماڻهو رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جا طرفدار ٿيا ۽ منجهائن ڪجهه ماڻهن نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان به آندو ۽ اسلام جا جانباز سپاهي ثابت ٿيا. هڪ ڏينهن ابوجهل نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خلاف تمام گهڻي بدتميزي ڪئي. اها خبر هڪ عورت نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چاچي حضرت حمزي سان ڪئي. هو اڃان مسلمان ڪو نه ٿيو هو. پر نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سان ٿيل بي واجبيءَ تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ ابو جهل کي ڳولي وڃي سندس بي عزتي ڪئي ۽ چيائينس ته جيڪڏهن آئون مسلمان ٿيان ته تون مون تان به مسخري ۽ ٺٺولي ڪندين ڇا؟ ابوجهل جي ماڻهن حضرت حمزي تي حملو ڪرڻ چاهيو، پر ابوجهل کين روڪيو. هن واقعي سبب ڪجهه عرصي لاءِ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خلاف ڪافرن طرفان ٺٺولي ۽ بدتميزي بند ٿي وئي.
    هن ڪٺن صورتحال ۾ به ماڻهن جو نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آڻن ۽ اسلام قبول ڪرڻ جو بنيادي معجزو خود قرآن شريف جي قدرتي ڪشش ئي هئي. سن 616ع ۾ مختلف علائقن کان جيڪي حاجي ۽ زائرين آيا، انهن کي ابوجهل جي ساٿين حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان پري رهڻ ۽ سندن ڳالهيون ٻڌڻ کان سخت منع ڪئي. ۽ کين ڊيڄاريو ته هو ماڻهن تي زبان سان جادو ڪري کين گمراهه ڪري ڇڏيندو آهي. تنهنڪري جيڪڏهن پنهنجو خير ٿا گهرو ته اُن کان بچڻ جي ڪوشش ڪجو. ڪافرن جي ڳالهين هڪڙي همراهه نالي سويد بن عمر کي ايترو ڊيڄاري وڌو جو هن پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏيو، پر جڏهن هن حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڪعبي شريف وٽ نماز پڙهندي ڏٺو ته پنهنجي بيوقوفي تي ڏاڍو شرمسار ٿيو ۽ ساڻن وڃي مليو. نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن دل جي گهرائين سان سندس آجيان ڪئي ۽ اسلام جي تبليغ ڪئي پوءِ قرآن شريف جي ڪجهه آيتن جي تلاوت فرمائي. تلاوت ٻڌي سويد اهڙو ته حيران ٿيو جو چيائين ته الله پاڪ جو قسم آهي ته هن کان بهتر شئي مون ڪڏهن به نه ٻڌي آهي ۽ نه ئي پڙهي آهي. هو حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان ايترو ته متاثر ٿيو جو بروقت ايمان آندائين. هن چند سالن ۾ پنهنجي قبيلي جي ستر کن گهرن کي به اسلام ۾ آندو.
    ڪيرن آرمسٽر انگ لکيو آهي ته قرآن شريف جو هڪڙو نهايت عجيب معجزو سن 616ع ۾ پيش آيو. حضرت عمر رضي ايمان آڻن کان اڳي ڪفار مڪه جو سرڪش جانباز پهلوان هو. سو حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان انهي گهر ڏانهن اُسهيو، جاسوسن موجب جتي ان وقت حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن موجود هئا. کيس پنهنجي ڀيڻ فاطمه رضي ۽ سندس گهرواري حضرت بابت اها خبر ڪانه هئي ته اهي مسلمان ٿي ويا آهن. انهن حضرت عمر جي گهر دير سان موٽڻ متعلق يقين موافق هڪڙي ٻئي مسلمان لوهار، نالي حضرت خباب رضي کي گهرائي قرآن شريف جي تلاوت شروع ڪرائي ۽ پاڻ زال ۽ مڙس ڌيان ڏئي ٻڌڻ لڳا ته هڪڙي مومن حضرت عمر کي تلوار سان ليس ڏسي سندس ناپاڪ ارادو ڄاڻندي کيس ڇينڀيو ته تون پهرين پنهنجي گهر جي خبر وٺ جتي تنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيويو مسلمان ٿي ويا آهن ۽ پوءِ ٻيو ڪو قدم کڻ. حضرت عمر اها ڳالهه ٻڌي، باهه ٿي ويو ۽ پنهنجي گهر روانو ٿيو، ويجهو وڃڻ تي سندس ڪن تي قرآن شريف جي تلاوت جو آواز پيو ۽ سمجهيائين ته اهو آواز منهنجي گهر مان ئي پيو اچي. گهر ۾ داخل ٿيڻ شرط وڌي هڪل ڪري پڇيائين ته هي ڪهڙو تماشو پيا ڪريو؟ انهي تي حضرت خباب ته ڊپ وچان ٻي ڪمري ۾ وڃي لڪو. حضرت عمر رضي پنهنجي ڀيڻ کي ڏاڍو ماريو ۽ مٿو ڦاڙي وڌو. رت وهندي ڏسي کيس ڇڏي ڏنو ۽ خباب وارا ڪاغذ ميڙي پڙهيائين. انهن ۾ قرآن شريف جي صورت الحديد جون آيتون لکيل هيون. اهي پڙهي حيران ٿي ويو ۽ چيائين ته هيءَ ته نهايت عاليشان ۽ سهڻي تحرير آهي. سندن دل تي قرآن ڪريم جو اهڙو ته اثر ٿيو جو مسلمانن لاءِ نفرت ۽ ڪاوڙ، انهن لاءِ عزت ۽ محبت ۾ تبديل ٿي وئي. هاڻي وري به هو نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ڏانهن ويو. گهر ۾ داخل ٿيڻ شرط نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کيس ڪُڙتي ۾ جهلي پُڇيو ته ”اي ابن خطاب! تون هتي ڇو آيو آهين؟“ پاڻ جواب ڏنائين ته ”يا رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم! آئون توهان جي هٿ تي اسلام قبول ڪرڻ آيو آهيان.“ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سندن ارادو معلوم ڪري الله پاڪ جو وڏي سڏ شڪرادا ڪيو. جنهن تي جيڪي مومن حضرت عمر رضي جي ڊپ کان ٻين ڪمرن ۾ وڃي لِڪا هئا سي به اچي گڏ ٿيا. ابن اسحاق لکيو آهي ته، ايمان آڻڻ کان اڳ حضرت عمر رضي ڏينهن رات نشي ۾ ڌُت ۽ سدائين سرڪشي ۾ پورو هوندو هو. هڪڙي ڏينهن سندس ٽولي وارن وٽس اچڻ ۾ دير ڪئي ته هو ڪعبي شريف جي طواف لاءِ اٿي ويو جتي ڏٺائين ته حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن نهايت جهيڻي آواز ۾ قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيا هئا. اها تلاوت کيس وڻي ۽ هو آهستي آهستي ٿي وڃي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي تمام ويجهو ٿيو ۽ تلاوت ڌيان سان ٻڌڻ لڳو. جنهن سبب مٿس سڪتو طاري ٿي ويو. جڏهن سامت ۾ آيو ته چوڻ لڳو ته قرآن شريف منهنجي دل نرم ڪئي ۽ اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. اهڙيءَ ريت اسلام پنهنجي سموري تب و تاب سان منهنجي روح ۾ داخل ٿي ويو.
    ٻئي ڏينهن هو ابوجهل وٽ ويو جنهن معمول موجب سندس نهايت گرم جوشيءَ سان آجيان ڪئي. تنهن تي حضرت عمر کيس ٻڌايو ته آئون اسلام قبول ڪري چڪو آهيان. مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسلام ئي الله پاڪ جو سچو دين آهي ۽ حضرت محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن الله پاڪ جا سچا رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم آهن. بُتن جي پوڄا واقع ڪفر آهي ۽ توهان جيڪو ڪجهه ڪريو پيا اهو سراسر غلط آهي. هو پنهنجي بيباڪيءَ سبب لِڪي نه پر ظاهر ظهور ڪعبي شريف وٽ نماز پڙهڻ لڳو ۽ ڪنهن به ڪافر کي کيس ٽوڪڻ جي جرئت ڪا نه ٿيندي هئي. هو عدي قبيلي جو فرد هو.
    پنهنجي چالن ۾ ناڪاميءَ سبب ابو جهل ۽ ٻين قريش ڪافرن مڪي شريف جي سمورن قبيلن کي گهرائي فيصلو ڏنو ته بنو هاشم ۽ بنو مُطلب قبيلن سان ٻيا سمورا قبيلا پنهنجا سمورا تعلقات ۽ واسطا ختم ڪن. سمورن قبيلن فيصلو ڪيو ته مٿين ٻنهي قبيلن سان مٽي مائٽي توڙي واپار به ڪو نه ڪيو ويندو. ۽ کين کاڌي پيتي جون شيون به ڪو نه ڏنيون وينديون. ان فيصلي جي نتيجي ۾ هنن ٻنهي قبيلن حضرت ابو طالب جي علائقي ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪئي. رسول ڪريم صلي الله عليو و آلھ وسلم جن به اوڏانهن وڃي رهيا. ابولهب وري اتان لڏي اچي عبدشمس قبيلي ۾ رهڻ لڳو.
    هنن ٻنهي قبيلن تي اها بندش ٻن سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهي. جنهن سبب هنن قبيلن ۾ بک ۽ بيماريءَ سبب شرح اموات وڌي وئي ۽ سندن اقتصادي حالت نهايت زبون ٿي وئي. حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ۽ سندن پوئلڳن کي چئن پاڪ مهينن دوران اجازت هئي ته اهي شهر ۾ اچن ۽ ڪعبي شريف جو طواف ڪن. ان عرصي دوران حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ٻاهران ايندڙ زائرين ۽ حاجين ۾ اسلامي تعليمات جي تبليغ جو فرض نهايت جوش ۽ جذبي سان نڀائيندا رهيا. بندش پيل قبيلن جي ٻين سڀني قبيلن سان سڌي ۽ اڻ سڌي مٽي مائٽي به هئي، انهن ۾ ابوجهل ۽ ٻين ڪافرن جي هن ظالمانه سلوڪ جي خلاف سخت نفرت پيدا ٿي ۽ لڪ ڇپ ۾ پنهنجي مجبور مائٽن کي کاڌي پيتي جون شيون پهچائڻ لڳا. جنهن تي ابوجهل وارا ڏاڍا ڪاوڙيا، پر نيٺ اها بندش تڏهن ختم ٿي جڏهن بنو هاشم ۽ بنو مطلب سان همدردي رکندڙ چئن شخصن هر هڪ هشام عامري، مطعم ابن عدي، ابوالبختري ابن هشام ۽ زمعه ابن الاسود جن گڏجي بندش ختم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور مهم هلائي. هنن سان گڏ هڪڙو وڌيڪ شخص زبير ابن ابي اميھ به هو. جيڪو حضرت ابو طالب جو مائٽ هو ۽ مخزوم قبيلي مان هو. جنهن جو اڳواڻ ابوجهل هو. منصوبي موجب مقرر ڏينهن تي هڪڙو سفيد ڪُڙتو پائي وڃي ڪعبي شريف جو طواف ڪيو ۽ واندو ٿي اهل مڪه کي مخاطب ٿي چيو ته اوهان جو ضمير ڪهڙي طرح گوارا ٿو ڪري ته هي ٻه قبيلا جيڪي اسان جا عزيز ۽ قريب آهن. اسان جي غلط فيصلي سبب فاقا ڪاٽين ۽ بي موت مري وڃن. ابو جهل هن جي ڳالهين جي سخت مخالفت ڪئي، پر ٻين چئين مذڪوره ماڻهن زبير جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ المعظم وڃي ڪعبي شريف ۾ بندش وارو دستاويز کڻي آيو. جنهن کي اڏوهي کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو. باقي فقط ”۽ الله جي نالي“ وارا لفظ بچيا هئا. ماڻهن جڏهن اهو حال ڏٺو ته وڏي واڪي چوڻ لڳا ته بندش ختم ڪئي وڃي. بندش ته ختم ٿي وئي، پر سندن مالي حالت نهايت خراب ٿي وئي هئي. ان جي بحالي نهايت مشڪل هئي. بندش ختم ٿيڻ کان ترت پوءِ حضرت بي بي خديجه رضه جن رحلت فرمائي. جنهن جو معروضي سبب غذائي قلت هئي. حضرت خديجه رضي نه فقط زال پر اها نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مشير ۽ بهترين دوست پڻ هئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي ڪنهن به ٻيءَ گهرواري سندس جاءِ ڪانه ڀري. بي بي صاحبه جن جي جدائي رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي گهائي وڌو. اڃا انهيءَ حجر جو هاڃو ئي پورو ڪو نه ٿيو هو ته هڪڙو ٻيو به ڳنڀير واقعو رونما ٿيو. حضرت ابو طالب آخر عمر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ وڃڻ وارو هو تڏهن ابوجهل جي اڳواڻيءَ ۾ ڪفار مڪه ابوطالب وٽ ويا ۽ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن بابت پنهنجا ساڳيا مطالبا ڪرڻ لڳا. ابو طالب خاموش هو. پر نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کين جواب ڏنو ته مڪي شريف ۾ رهڻ ڏيو يا نه پر توهان جي ڳالهين جو جواب آئون ڪيترائي ڀيرا هن کان اڳ ۾ به ڏيئي چڪو آهيان ته عبادت جي لائق فقط هڪ هستي آهي ۽ اها الله پاڪ جي هستي آهي. اهو جواب ٻڌي ڪافر خار کائيندا ۽ ائين چَوَندا ويا ته هاڻي اسان جي ۽ محمد صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي وچ ۾ فيصلو به فقط الله ئي ڪندو، حضرت ابو طالب نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي حوصله افزائي ڪندي چيو ته هنن کي تو جيڪي ڪجهه چيو اهو بلڪل جائز ۽ درست هو. نبي ڪريم جن کيس چيو ته چاچا! هاڻي حياتيءَ جي آخري وقت ۾ اسلام تي غور ڪريو ۽ ايمان آڻيو. پاڻ نهايت نرميءَ سان جواب ڏنائين ته جيڪڏهن آئون هاڻي ائين ڪندس ته فقط پنهنجي ڀائيٽي جي خوشيءَ لاءِ هوندو. آئون پنهنجي اڳوڻي مذهب تي ئي مرڻ چاهيان ٿو.
    حضرت ابو طالب جي وفات سبب بنو هاشم خاندان جي سرداري ابو لهب کي ملي. جيڪو حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جو جاني دشمن هو. جنهن سبب نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن توڙي ٻين مسلمانن سان ڪفار مڪه اڳوڻي کان به وڌيڪ بي واجبي طور طريقا اختيار ڪرڻ لڳا. مثلاً نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي اڳيان رڍن جي اوجهري اڇلائي ڇڏيندا هئا. نماز خراب ڪرڻ لاءِ سندن اڳيان ڌاتن جا ٿانوَ زور سان ڪيرائي رخنو وجهندا هئا. هڪڙي ڏينهن ڪافرن جي هڪڙي ڇوڪري حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي مٽيءَ جا ٻُڪ اڇلي وڌا. بندش دوران مسلمان معاشي طرح تباهه ٿي ويا هئا. حضرت ابو بڪر جي مسلمان ٿيڻ سبب قبائلي سردار اميه ابن خلف سان ازخود سندس تعلقات خراب ٿي ويا هئا. ان کي قرض نه ڏئي سگهڻ سبب اميه ابن خلف کيس سندس عزيز سميت رسن ۾ ٻڌي رڻ پٽ ۾ ڇڏي آيو. پر سندس قبيلي وارن سندس ڪا به پر گهور ڪانه ڪئي. ڪن مسلمانن کين ڳولي وڃي لڌو ۽ کين مڪي شريف آندائون. هاڻي هتي مشڪل هئڻ ڪري حضرت ابوبڪر نبيءَ اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان موڪلائي حبش روانو ٿي ويو. رستي ۾ کيس صحرائي ڦورن جو هڪڙو سردار مليو. جنهن سان حقيقت ڪيائين هن کيس نماز لڪي پڙهڻ ۽ قرآن شريف آهستي تلاوت ڪرڻ جي شرطن تي واپس مڪي آندو ۽ سندس حفاظت جي ذميواري کنئي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ ابو جهل جي چور تي ابو لهب رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان حضرت عبدالمطلب جي باري ۾ فساد پيدا ڪرڻ جهڙا سوال ڪيا ۽ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي سندن خاندان سميت حفاظت ڪرڻ واري ذميواري کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهيءَ سنگين صورتحال جي پيش نظر رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ضروري اَمان حاصل ڪرڻ لاءِ طائف شهر ۾ پنهنجي واقفن وٽ ويا. کين دين جي دعوت ڏني ۽ حفاظت طلبي، انهن ماڻهن سندن حفاظت ته پري رهي، پر ٻيڻو دين جي دعوت ڏيڻ تي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي سخت ڪاوڙيا ۽ کين تمام گهڻو گهٽ وڌ ڳالهايو. نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي موٽڻ تي سندن غلامن ۽ بدمعاشن کي حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي پويان بڇيائون. انهن سنگ باريءَ سان حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي سخت زخمي ڪري وڌو. تڏهن بچاء خاطر رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن عتبه ۽ شيبا ٻن ڀائرن جي باغ ۾ وڃي پناهه ورتي. اهي ٻئي ڄڻا اتي حاضر هئا ۽ پڻ نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جا سخت دشمن هئا، پر اُن وقت کين مٿن ڪجهه رحم آيو ۽ هڪ عيسائي غلام هٿان انگورن جو ٿالهه حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي ڏياري موڪليو. جنهن بسم الله ڪري اچي رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي اڳيان رکيو ته کين اهي لفظ ٻڌي خوشي ٿي ۽ ساڻس شفقت سان گفتگو ڪئي. انهيءَ غلام رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان بيحد متاثر ٿيندي سندن هٿن مبارڪن کي چميو.
    حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن هاڻي مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻين ٽن قبيلن جي سردارن سان اتحاد ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پر زهراه قبيلي جي سردار اخنس ابن شريف ۽ عامر قبيلي جي سردار سهيل ابن عمرو اتحاد ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏنو. البت نوفل قبيلي جي سردار معطم اتحاد جي حامي ڀري ۽ پنهنجي قبيلي طرفان حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي حفاظت ڪرڻ جو اعلان ڪيو، تڏهن پاڻ سڳورا صلي الله عليھ و آلھ وسلم شهر ۾ آيا ۽ شهر ۾ ايندڙ پرڏيهي زائرين ۽ سوداگرن ۽ ٻين بدو قبيلن جي ماڻهن ۾ اسلام جي تبليغ تي گهڻو زور ڏيڻ لڳا، ڇو ته مڪي شريف ۽ آسپاس جي ماڻهن کين گهربل موٽ ڪا نه ڏني. اٽلو سندن جان جا دشمن ٿي پيا.
    سن 620ع ۾ نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن حضرت علي رضي جي ڀيڻ حضرت اُم هاني جي گهر ترسيل هئا ۽ آڌيءَ رات کانپوءِ قرآن مجيد جي تلاوت شروع ڪئي. ڪافي دير کان پوءِ تلاوت ختم ڪري سمهڻ لڳا ته کين جبرائيل امين اچي جاڳايو ۽ بُراق نالي آسماني گهوڙي تي سوار ڪري کين بجليءَ جهڙي تيز رفتار سان يروشلم جي مسجد اقصيٰ پهچايو، جتي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن نماز ادا ڪئي، پوءِ جبرائيل عليھ السلام جي رهبريءَ ۾ ستن آسمانن جو سير ڪيو. پهرين آسمان تي کين حضرت آدم عليھ السلام مليو هتي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن دوزخ جو نظارو ڪيو. ٻئي آسمان تي سندن ملاقات حضرت عيسيٰ عليھ السلام سان، ٽئين آسمان تي حضرت يوسف عليھ السلام، چوٿين آسمان تي، پنجين آسمان تي حضرت موسيٰ عليھ السلام، ڇهين آسمان تي حضرت هارون عليھ السلام ۽ ستين آسمان تي حضرت ابراهيم عليھ السلام سان ٿي. ان کان مٿي وارو علائقو عرش عظيم سڏجي ٿو. جت رب العالمين جلوه افروز آهي. ان اعليٰ مقام تي الله پاڪ پنهنجي ٻانهي سان ڪمان جي ڇيڙهن جي وٿيءَ کان به وڌيڪ ويجهڙائي ۾ ملاقات ڪئي ۽ سندس امت لاءِ پنج وقت نماز ادا ڪرڻ جي افضل ترين سوکڙي عطا ڪئي. هن سموري واقعي کي معراج النبي سڏجي ٿو. ڪثرت مسلمان انهيءَ واقعي کي معروضي يا جسماني ڪري مڃين ٿا. اهل اسلام جي ٿورائي انهيءَ کي فقط روحاني سفر ۽ ملاقات تصور ڪن ٿا. ابن هشام بي بي عائشه جي حوالي سان لکيو آهي ته ”حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته منهنجو معراج وارو سفر بلڪل روحاني نوعيت وارو هو“.
    ساڳئي سال 620ع ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه و آلہٖ وسلم جن جي ڪيترن ئي حاجين سان ملاقات ٿي جن ۾ ڇهه، يثرب شهر جا ماڻهو به هئا. جن ٻين حاجين جي ڀيٽ ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جون ڳالهيون غور سان ٻڌيون ۽ نهايت فراخدليءَ سان پيش آيا. کين يقين ٿي ويو ته واقعي هي اهوئي سچو نبي سڳورو آهي. جنهن بابت پنهنجي شهر يثرب جا يهودي ڳالهيون ڪندا آهن.
    يثرب مڪي شريف کان ننڍو شهر هو، جيڪو عراق ۽ شام کان آيل يهودين آباد ڪيو هو. اهي زراعت پيشه ماڻهو هئا، ڪن مورخن جو چوڻ آهي ته اهي فلسطين کان آيل ماڻهو هئا. ستين صديءَ عيسوي ۾ يثرب شهر ۾ يهودين جا ٽي وڏا قبيلا، بني قريظ، بني نُظير ۽ بني قينقاع رهندا هئا، پر ڇهين صديءَ عيسوي ۾ هتي لڏي ايندڙ ٻه قبيلا بني اوس ۽ بني خزرج ستين صديءَ عيسوي تائين معاشي ترقي ڪري مذڪور يهودي قبيلن کان وڌيڪ طاقتور ٿي ويا. جنهن سبب منجهن مخالفت پيدا ٿي پئي. نه فقط ايترو پر مجموعي طور يثرب جي سمورن شهري توڙي پسگردائيءَ وارن قبيلن ۾ باهمي فساد برپا رهيو.
    حج جي موقعي تي جن يثرب جي ڇهن ماڻهن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن سان ملاقات ڪئي هئي. انهن کي قدرتي طور يقين ٿي ويو ته اسان جي قبيلن ۾ برپا فساد کي انصاف سان ختم ڪري سگهڻ جي سمجهه ۽ صلاحيت فقط حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ۾ ئي آهي ۽ اهو ئي اسان جي سمورن قبيلن جو سردار اعليٰ ٿيڻ جي لائق آهي. انهن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن تي ايمان آندو ۽ واعدو ڪيائون ته اسين پنهنجي عزيزن ۽ قريبن کي اسلام جي دعوت ڏينداسين. انهي ڳالهه تي نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي سرهائي ٿي. پنهنجي ازدواجي زندگيءَ جي بحاليء خاطر پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم حضرت سڪران رضي جي بيواه بي بي سوده سان شادي ڪئي.
    621ع ۾ ڇهه نو مسلم يثربي پاڻ سان گڏ ٻين ستن همدرد ماڻهن کي به گڏ وٺي آيا. انهن ۾ ٻه همراهه اوس قبيلي جا هئا. اهي سمورا ماڻهو نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن سان عقبه جي واديءَ ۾ ملاقاتي ٿيا حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هٿ مبارڪ تي بَعيتَ ڪيائون ۽ عهد ڪيائون ته اسين هاڻي صرف خدا پاڪ جي عبادت ڪنداسين ۽ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي تعليم ۽ هدايت موجب زندگي گذارينداسين. ان ملاقات کي عقبه اوليٰ سڏجي ٿو.
    قرآني تعليم موجب هر انسان پنهنجي عملن موجب جزا يا سزا ڀوڳيندو. يثرب جي ماڻهن انهيءَ نظريي کي پاڻ لاءِ مناسب ۽ ضروري ڄاتو. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن مذڪور يثربين سان هڪڙو قابل مسلمان حضرت مصعب رضي ابن عمير گڏي ڇڏيو ته کين وڃي قرآن شريف جي تعليم ڏي ۽ اسلام جي تبليغ ڪري. شروع ۾ اوس قبيلي وارا حضرت مصعب جي يثرب اچڻ تي رنج ٿيا. اوس قبيلي جي برادريءَ جي سردار سعد کي جڏهن حضرت مصعب رضي جي تبليغ جي خبر پئي ته ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجي عزيز اُسيد ابن حضير کي کيس ڀڄائڻ لاءِ چوري موڪليائين. اسيد وڃي کيس للڪاريو. تنهن تي حضرت مصعب رضي کيس چيو ته پهرين تون ويهي منهنجي ڳالهه ٻُڌ، جيڪڏهن اها صحيح سمجهين ته قبول ڪج جيڪڏهن اها غلط لڳي ته انهيءَ کي کلي عام رد ڪري ڇڏج ۽ جيئن وڻيئي تيئن ڪج. في الوقت اسيد اها ڳالهه معقول ڄاڻي حضرت مصعب رضي طرفان قرآن شريف جي تلاوت ٻڌڻ لڳو. تلاوت جو مٿس ايترو ته اثر ٿيو جو هو بروقت مسلمان ٿيو ۽ واپس سعد سان وڃي احوالي ٿيو. سعد مٿس سخت ڪاوڙيو ۽ پنهنجو نيزو کڻي پاڻ خود حضرت مصعب رضي کي مارڻ لاءِ نڪتو. باغ وٽ پهچڻ تي جيئن ئي سندس ڪن تي قرآن شريف جي تلاوت پئي ته اسيد وانگر هن جي دل تي پڻ انهيءَ جو مثبت اثر ٿيو ۽ ترت ئي ايمان آندائين پوءِ پنهنجي قبيلي کي گڏ ڪري کين اسلام قبول ڪرڻ جي تلقين ڪيائين؛ جنهنڪري سندس سموري قبيلي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن تي ايمان آندو. اهڙي طرح حضرت سعد يثرب ۾ اسلام جي اشاعت ۾ نمايان ڪردار اد اڪيو. نتيجتاً ٿوري وقت ۾ ئي شهر جي تقريباً هر گهر ۾ هڪڙو مسلمان ضرور موجود هو.
    مڪي ۾ انهيءَ عرصي ۾ نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم ۽ مسلمانن لاءِ حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ دکدائڪ ۽ برداشت کان ٻاهر ٿي ويون. تنهنڪري حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن يثرب شهر ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. جنهن موجب پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم يثربي يهودين کي اتحاد جي دعوت ڏني. سن 622ع جي شروع ۾ حج لاءِ ايندڙ يثربين ۾ 75 مسلمان به هئا، جن ۾ ٻه عورتون پڻ هيون. انهن 75 مسلمانن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن سان هڪڙو سمجهوتو ڪيو. جنهن تحت مڪي شريف مان لڏي ايندڙ مسلمانن جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪندا ۽ ضرورت موجب سندن هر سماجي مدد پڻ ڪندا. مسلمانن ۽ اسلام جي بچاءُ ۽ اشاعت لاءِ گهربل جنگ لاءِ پڻ عهد ڪيائون. اهو سمجهوتو نهايت راز ۾ رکيو ويو. جنهن تحت رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم ۽ ٻيا مسلمان هجرت ڪري يثرب وڃڻا هئا. انهيءَ سمجهوتي دوران حضرت براء رضي اوس ۽ خزرج قبيلن جي نمائندي طور حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جو هٿ مبارڪ پنهنجي هٿ ۾ جهلي الله پاڪ جو قسم کڻي چيو ته اسان وٽ لڏي ايندڙ مسلمانن جي حفاظت پنهنجي ٻارن ۽ عورتن جهڙي ڪنداسين. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ان موقعي تي فرمايو ته آئون اوهان لاءِ آهيان ۽ اوهين منهنجي لاءِ آهيو. آئون توهان جي دشمنن سان وڙهندس ۽ اوهان جي سڄڻن کي سڄڻ سمجهندس. ان گفتگو جي اختتام تي اهو ڳجهو سمجهوتو مڪمل ٿيو ۽ مديني جا مسلمان يثرب موٽي ويا.
    622ع جي جولاءِ ۽ آگسٽ وارن مهينن دوران ستر مسلمان خاندان مديني روانا ٿي ويا ۽ اتي وڃي مسلمانن جي گهرن ۾ رهڻ لڳا. اهڙي قرباني ۽ مدد جي ڪري مدني مسلمانن کي انصار سڏڻ لڳا. حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن هجرت جو حڪم ڪو نه ڪيو هو. هر ڪنهن کي اجازت هئي ته هو پنهنجي مرضيءَ موجب لڏي يا نه لڏي. مڪي مان لڏيندڙ مسلمان سمورا گڏجي نه پر ننڍن جٿن ۽ هڪ هڪ خاندان جي صورت ۾ الڳ الڳ ۽ جدا جدا وقتن تي شهر مان نڪتا. مثلاً حضرت عمر رضي پنهنجي خاندان سان روانو ٿيو. تنهن کانپوءِ حضرت عثمان رضي پنهنجي ٻارن سان نڪتو. اهڙي طرح حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن وارو ڪٽنب، حضرت زيد رضي ۽ حضرت حمزه رضي ساڻ اُسهيو. اهڙيءَ ريت خاموشيءَ سان آهستي آهستي لڏڻ وارا سمورا مسلمان نڪري ويا. باقي حضور ڪريم صلي الله عليه و آلہٖ وسلم، حضرت ابو بڪر رضي ۽ حضرت علي رضي اڃان مڪي ۾ هئا. مسلمانن جي نڪري وڃڻ کان پوءِ قريش ڪفار کي ڏاڍو غصو ٿيو ۽ حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي نعوذ بالله شهيد ڪرڻ لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ لڳا ته جيئن اسلام مڪمل طور تي ختم ٿي وڃي. ابوجهل جي خيال تحت مختلف ڪافر قبيلن جي نوجوان جنگجوئن جو جٿو تيار ڪري نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي گهر کي گهيراءُ ڪرايو ته جيئن ئي حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ٻاهر نڪرن ته جٿي جا سمورا همراه گڏجي وار ڪري کين نعوذ بالله قتل ڪن ته جيئن ڪنهن هڪ قبيلي تي خون جو ڏوهه نه پئجي سگهي. ان ڪري گهيرو ڪندڙ جٿي صبح تائين حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪيو، پر انهيءَ رات حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن حضرت علي رضي کي پنهنجا ڪپڙا پارائي پنهنجي بستري تي سمهاري مٿانئس پنهنجي چادر وجهي ڇڏي ۽ پاڻ سڳورا گهرجي پوئين دريءَ مان حضرت ابو بڪر رضه سان گڏ نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. شهر جي ڏکڻ ۾ واقع هڪڙي غار حِرا ۾ وڃي لڪا. جتي ٽي ڏينهن لڪل رهيا. ٻئي طرف حضور صلي الله عليه و آلہٖ وسلم جن جڏهن صبح ٿيڻ جي باوجود گهر کان ٻاهر ڪو نه نڪتا ته قاتل جٿي وارا گهر ۾ داخل ٿي ڏسن ته اتي فقط حضرت علي رضي موجود هو. حضور ڪريم صلي الله عليه و آلہٖ وسلم جن جي سندن هٿن مان زنده نڪري وڃڻ تي ڪافر سخت طيش ۾ آيا ۽ سانده ٽي ڏينهن سخت ڳولا جي باوجود ناڪام ٿيڻ تي حيراني پريشانيءَ جي حالت ۾ اعلان ڪيائون ته حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي زندهه پڪڙي ايندڙ يا ماريندڙ کي هڪ سئو اُٺ انعام ڏنو ويندو. غار حِرا ۾ لڪڻ واري وقت دوران حضرت ابو بڪر جي هڪڙي ڌيءَ رات جي وقت ۾ کاڌو پيتو پهچائيندي هئي. قاتل ڪافرن جو ٽولو هڪ ڀيرو غار وٽ به اچي پهتو. جن کي ڏسندي حضرت ابو بڪر رضي ڊپ ۾ چيو ته پاڻ ته فقط ٻه ڄڻا آهيون ۽ هي ڪافرن جو يڪو ٽولو پڪ پاڻ کي ماري ڇڏيندو. تنهن تي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن وراڻيس ته پاڻ ٻن سان گڏ ٽيون الله پاڪ به آهي، جيڪو پاڻ کي بچائي وٺندو، قدرت سان غار جي مُنهن تي ڪوريئڙي جو ڄار لڳل ۽ غار جي مُنهن تي رکيل پٿر تي رکيل بيضن تي ويٺل پکي ڏسي ڪافر ٽولي کي پڪ ٿي ته هن غار ۾ ڪو هينئر موجود ڪو نه هوندو. اهي واپس موٽي ويا. ٽئين ڏينهن شام جو حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن غار مان نڪتا ۽ سواريءَ لاءِ تيار ٻن ڏاچين تي چڙهي ڏکين ۽ ڳجهن رستن تان هلندا ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي يثرب يعني مديني شريف ڀيڙا ٿيا. رستي ۾ کين هڪڙي وحشي ڪافر اچي للڪاريو پر خدا جي قدرت سان حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي ويجهو رسڻ تي ڪافر جي گهوڙي انهيءَ حمله آور کي ڪيرائي وڌو ۽ اهو خود هاڻي حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم کان جان جي امان لاءِ ٻاڏائڻ لڳو. تڏهن حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کيس معافي ڏئي ڇڏي ڏنو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن يثرب جي ويجهو پهچڻ بعد شهر کان ٻه ميل کن ٻاهر ”قبا“ نالي بستي ۾ ٻه ٽي ڏينهن رهيا. جتي حضرت علي رضي به کين اچي گڏيو. جيڪو مڪي کان پيادو آيو هو. تنهن کانپوءِ سورهن ربيع الاول مطابق 2 جولاءِ 622ع جمع جي ڏينهن صبح جو رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن پنهنجي مسلمان ڀائرن سان گڏجي يثرب ۾ آيا. اهڙي ريت مشڪل ترين حالتن تحت حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ ٻين مسلمانن هجرت ڪري اچي مدينو شريف وسايو. ان نسبت سان اسلامي سن کي هجري سن نالو ڏنو ويو، جيڪو ٻئي خليفي حضرت عمر رضي جي ايامڪاريءَ ۾ عمل ۾ آيو. مڪي شريف کان لڏي آيل مسلمانن کي مهاجر ۽ مديني پاڪ جي مسلمانن کي سندن مهاجر ڀائرن جي هر حال مدد ۽ همدردي ڪرڻ تي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن انصار جو خطاب ڏنو. جن مهاجرن کي پنهنجي گهرن ۾ رهايو ۽ ڪيترن سان رشتو به قائم ڪيو.
    مديني شريف ۾ مسلمانن جي زندگيءَ جو نئون ۽ نرالو دور شروع ٿيو.جنهن جي شروعات مديني جي يهودين ۽ ٻين قبيلن سان هڪڙي سمجهوتي تحت ٿي. ان وقت مديني ۾ ٽي مکيه سماجي گروهه هئا. هڪڙو سچو اهل اِسلام جنهن ۾ مهاجرين ۽انصار شامل هئا. ٻيو اهو گروهه جنهن ۾ ڪمزور ايمان ۽ بت پرستيءَ ڏانهن راغب مسلمان هئا. سندن اڳواڻ عبدالله ابن اُبي هو. هنن کي سندن ڪردار موافق منافقين سڏيو ويو، ڇو ته اهي هر وقت حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم ۽ مسلمانن جي خلاف سازشون گهڙيندڙن جاطرفدار رهندا هئا. ٽيون گروهه يهودين جو هو، هي ٽولو مسلمانن جو نهايت خطرناڪ دشمن ٽولو هو. حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي آمد وقت هنن مسلمانن جي مخالفت ڪا نه ڪئي پر اڃا مهينو کن مس گذريو ته هنن بغاوت ۽ مخالفت شروع ڪري ڏني.
    مديني شريف ۾ اچڻ سان حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن مديني ۽ ان جي پسگردائي وارن سمورن قبيلن ۽ بردارين ۾ باهمي صلح صفائي ڪرائي منجهن اتحاد پيدا ڪيو. جنهن جو بنياد هڪڙي معاهدي تي مبني هو. انهيءَ معاهدي ۾ مسلمانن، يهودين توڙي ٻين برادرين جي حقوق ۽ فرائض کي انصاف موافق مقرر ڪيو ويو. انهيءَ کان متاثر ٿيندي يهودين اهو اقرار نامون قبول ڪيو. ان ۾ اهو پڻ لکيل هو ته هتي جا سمورا قبيلا جهڙوڪ يهودي، عوف، نجار، حارث، اوس، ثعلبه، حُبشم ۽ ٻيا سمورا قبيلا مسلمانن سان گڏ هڪڙي متحد قوم شمار ٿيندا. کين پنهنجي مذهب بابت مڪمل آزادي هوندي. هنن سڀني کي اسلامي حڪومت مال ۽ جان جو تحفظ فراهم ڪندي. ڏوهارين کي سخت سزا ڏبي. يهودي مديني جي بچاءُ خاطر مسلمانن جي مدد ڪندا. آخر ۾ معاهدي ۾ لکيل هو ته هن قبول ڪندڙن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ جهڳڙي فساد جو فيصلو الله لڳ رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ڪندا.
    بهرحال يهودي ترت ئي بغاوت ڪرڻ ۽ شهر جو امن برباد ڪرڻ لڳا. قريش جي جاسوسي جو ڪم به پرجوش نموني ڪرڻ شروع ڪيائون، ان جي جانچ ڪري ڇهن حقيقي غدارن کي قتل ڪيو ويو.
    مڪي وارن مسلمانن جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي غدارن جي مخبريءَ موجب مديني جي پسگردائي ۾ مسلمانن جي ملڪيتن تي حملا شروع ڪري ڏنا سندن مال ڪاهي ويندا هئا ۽ سندن باغ وڍي ڀڄي ويندا هئا. اڪيلن مسلمانن کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا سن ٻه هجري ۾ پنهنجي قافلن جي حفاظت جي بهاني اهي هڪ هزار لشڪر سان مديني تي چڙهائي ڪري آيا. سندن اڳواڻي ابوجهل ڪري رهيو هو. مسلمانن جا ٽي سئو مجاهد حمله آورن کي روڪڻ لاءِ اچي بدر جي ميدان ۾ ساڻن سامهون ٿيا. رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن ان وقت الله پاڪ کان دعا گهري ته جيڪڏهن تنهنجي مدد کانسواءِ مسلمانن جو هي ننڍڙو ٽولو ماريو ويو ته پوءِ تنهنجي سچي عبادت ڪرڻ وارو ڪو به ڪو نه بچندو. تنهنڪري اي مولا سائين! تون هنن حق جو جهاد ڪندڙن کي هنن ڪافرن تي سوڀ عطا فرماءِ.
    پھريائين عرب دستور موجب قريش لشڪر جا ٽي پهلوان ميدان ۾ اچي اسلامي فوج کي للڪارڻ لڳا. ساڻن مقابلي لاءِ حضرت علي رضي، حضرت حمزه رضي ۽ حضرت عبيد رضي ميدان ۾ لٿا ۽ ٽنهي پهلوانن کي ماري مات ڪيائون. تنهن کان پوءِ ٻئي لشڪر هٿين پئجي ويا. آخرڪار سرد طوفان سبب مڪي فوج وارا ڪيترائي جنگي جوڌا مارائي جنگ هارائي ميدان ڇڏي اٿي ڀڳا. مسلمان فوج ڪيترائي مڪي فوجي قيد ڪيا. انهن مان فقط ٻن کي سنگين ڏوهن سبب قتل ڪيو ويو. کين ڪجهه مال غنيمت به هٿ آيو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هدايتن موجب جنگي قيدين کي انصار ۽ مهاجرن جي گهرن ۾ رهايو ويو ۽ ساڻن تمام سهڻو سلوڪ ڪيو ويو. جنهن جو انهن خود آزاديءَ کان پوءِ اعتراف ڪيو. مال غنيمت جي ورهاست قرآن پاڪ جي حڪم موجب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنهن تحت انهيءَ جو پنجون حصو محتاجن ۽ مسڪينن جي فلاح لاءِ بيت المال ۾ جمع ڪيو ويندو، باقي بچيل مال جي ورهاست حاڪم رياست جي مرضيءَ موجب ٿيندو. مسلمانن لاءِ بدر جي جنگ واري فتح ڀلائي واري ثابت ٿي. منجهن جوش ۽ ايمان وڌي ويو ۽ غير مسلمن تي پڻ قدرتي طور وڏو اثر ٿيو. جنهن ڪري عام ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ لڳا. ان جي برعڪس اهل مڪه پنهنجي ناڪامي تي کار کائي رهيا هئا.
    پنهنجي جنگي قيدين جي واپس پهچڻ تي مسلمانن کان بدلو وٺڻ لاءِ ابوسفيان جي اڳواڻي ۾ ٻه سو گهوڙي سوار لشڪر مديني ڏانهن ڪاهي آيو ۽ مديني جي آسپاس ماڻهو ماريندو ۽ باغ وڍائيندو ويو. مسلمانن کان بدلو وٺڻ لاءِ اهل قريش مڪي جي آسپاس وارن جنگي سردارن سان معاهدا ڪري ٽي هزار اتحادي لشڪر گڏ ڪري کيس سموري جنگي سازوسامان سان هٿياربند ڪري، سن ٽي هجريءَ ۾ ابو سُفيان جي اڳواڻي ۾ اچي احد جبل جي دامن ۾ خيما کوڙيا ۽ آسپاس مسلمانن جي باغن ۽ مال متاع کي نقصان رسائڻ لڳا. مجبور ٿي مسلمانن جو هڪ هزار لشڪر حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي اڳواڻيءَ ۾ اچي سامهون ٿيو. مديني جي يهودين جي مسلمانن سان دشمنيءَ جي ڏڍ تي مسلمانن ۾ منافقن جو سردار عبدالله ابن اُبي اسلامي لشڪر ۾ شامل سندس ٽي سئو ماڻهن کي ميدان جنگ مان واپس وٺي مديني هليو ويو. هاڻي اسلامي لشڪر ۾ فقط ست سئو مجاهد بچيا ۽ وٽن فقط ٻه گهوڙا هئا. اسلامي لشڪر ڏاهپ سان اُحد جي جبل تي قابض ٿي ويو. اتي رات گذاري فجر جي نماز ادا ڪري ميدان ۾ لهي آيو. تير اندازن کي ٽڪريءَ تي بيهاريو ويو ۽ کين ڪنهن به صورت ۾ اتان کان ٻئي ڪنهن پاسي يا هنڌ نه وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو. دشمن جي پهرين حملي کي اسلامي فوج حضرت حمزه رضي جي قيادت ۾ پٺتي ڌڪي ڀڄايو ۽ فتح جو اعلان ٿيڻ وارو هو، تنهن کان اڳ تيراندازن وارو جٿو مال غنيمت جي لالچ ۾ ضابطي جي خلاف ورزي ڪندي هيٺ لهي آيو ۽ اسلامي لشڪر انتشار جو شڪار ٿي ويو. دشمن فوج جي اڳواڻ خالد بن وليد مسلمانن جي انهيءَ غلطي مان خوب فائدو وٺي اسلامي لشڪر تي گهوڙي سوارن جي ٽولي سان زوردار حملو ڪيو. جنهن سبب اسلامي فوج دشمن فوج جي چنگل ۾ ڦاسي پئي. حضرت حمزه رضي سميت ڪيترائي عظيم مجاهد شهيد ٿي ويا. مڪي فوج ان وقت سڄو زور حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي شهيد ڪرڻ تي لڳايو. جيڪي چند جانثارن جي گهيري ۾ پرڀرو بيٺل هئا ۽ ۽ زخمي به ٿي پيا هئا. سندن گهيرو ڪيل جانثار هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيندا ويا. ايتري ۾ حضرت علي رضي ۽ ڪجهه ٻيا مجاهد حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي حمله آورن کان بچائي مٿي پهاڙيءَ تي کڻي ويا. حضرت علي رضه پنهنجي ڍال ۾ پاڻي کڻي آيو ۽ حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جو چهرو مبارڪ ۽ زخم ڌوتا، ڪجهه ساهي پٽڻ کان پوءِ انهن اتي اڳين واري نماز پڙهي.
    قريش فوج کي به سخت جاني نقصان ٿيو ۽ اها هاڻي مديني تي حملو ڪرڻ جو ست ساري نه سگهي. البت مسلمان شهيدن جي لاشن جي بيحرمتي ڪندي جن ۾ حضرت حمزه جو جگر ڪڍي ابو سفيان جي زال هنده چٻاڙيو ۽ ٻين شهيدن جي ڪنن ۽ نڪن جو هار ٺاهي گلي ۾ وڌو پوءِ قريش فوج واپس مڪي رواني ٿي. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن مديني شريف پهچي جانبازن جو هڪڙو ننڍڙو جٿو ڀڄندڙ مڪي فوج جي پويان تعاقب لاءِ روانو ڪيو ته جيئن اهي ائين نه سمجهن ته مسلمان قريش فوج کان ڊڄي وئي ۽ مسلمان دل شڪسته ٿي پيا آهن. ابو سفيان مڪي وڃي جلدي ٻئي حملي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏياري موڪلي. هن جنگ مسلمانن جي مخالف قبيلن جو من وڌائي ڇڏيو. اسلام قبول ڪرڻ جي بهاني مسلمانن کي پنهنجن علائقن ۾ آڻي وڃي ماري ڇڏيندا هئا. اهڙي هڪڙي واقعي دوران ستر مسلمانن کي بيرمعونه نالي چشمي جي ڀرسان غداريءَ سان قتل ڪري ڇڏيائون. انهن وارداتن ۾ مکيه ڪردار يهودي قبيلن بني سُليم، بني عامر، بني قريض ۽ بني نُضير وارن جو هو. بني نُضير وارن کان معاهدي موجب جڏهن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ديت وصول ڪرڻ لاءِ ويا ته انهن کين شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ۽ مسلمانن جي مديني ۾ اچڻ کان وٺي يهودين مسلمانن ۾ نفاق پيدا ڪرڻ ۽ کين تباهه ڪرڻ لاءِ هر حربو اختيار ڪيو. انهن نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن ۽ ٻين مسلمانن تي ڪئين الزام مڙهيا. قرآن شريف جي آيتن جي معنيٰ ڦيرائڻ لاءِ انهن جي لفظن کي بگاڙي پڙهندا هئا. هي منافقن سان سدائين سازشن ۾ سازباز رهندا هئا. اهي قريش وارن لاءِ جاسوسي ڪندا هئا. يهودي شاعرن کي اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف ڀڙڪائڻ ۽ ويڙهائڻ لاءِ سموري عرب ۾ موڪليو ويندو هو. جيئن ته اهي ماڻهو اسلام جي خلاف قريش جو ساٿ ڏين ۽ اسلام کي تباهه ڪن. اهڙي ريت يهودي مديني ۾ قريش کان به وڌيڪ خطرناڪ دشمن ٿي ويٺا هئا. مديني شريف ۾ رهندڙ هڪڙو يهودي قبيلو قينقاع هٿيار پنهوار ٺاهيندڙ ماڻهن تي مشتمل فتني خور ۽ جهڳڙالو هوندو هو. هڪڙي ڏينهن ٻهراڙيءَ جي هڪڙي ڇوڪري هنن جي بازار ۾ کير وڪڻڻ آئي ته هڪڙي يهودي ڇوڪري ساڻس سخت بد تميزي ڪئي. تنهن تي اتي موجود هڪڙي مسلمان ڇوڪري انهن تي تنقيد ڪئي ته ان سان به وڙهڻ لڳا. مسلمانن جوش ۾ اچي يهودي ڇوڪري کي ماري وڌو. ان قتل جي ردعمل طور يهودين انهي مسلمان کي به ماري وڌو. اهڙي طرح مسلمانن ۽ يهودين جي جنگ چالو ٿي وئي. جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ڪافي ماڻهو مري ويا. حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن هي افسوسناڪ خبر ٻڌڻ شرط جاءِ واردات تي آيا ۽ جهيڙو بند ڪرايائون. بني قينقاع وارن کي تنبيهه ڪيائون ته اوهان اسلام قبول ڪري ان جي اصولن موجب مسلمانن جا ٻانهن ٻيلي ٿي شهر ۾ امن امان سان رهو يا ته شهر مان نڪري وڃو. يهودين تڪبر ڪري بد فضيلتو جواب ڏنو ته قريش تي فتح حاصل ڪري تون مغرور نه ٿي، توکي مقابلو ڪرڻو آهي ته اسين پاڻ کي مرد ثابت ڪنداسين. اهڙي طرح حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جو حڪم مڃڻ کان صاف انڪار ڪري پنهنجي قبيلي جي قلعي جو دروازو بند ڪري ڇڏيائون نظم و ضبط ۽ امن امان خاطر مجبوراً حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن سندن قلعي کي گهيرو ڪرايو. ته پندرهن ڏينهن کانپوءِ هٿيار ڦٽا ڪري هو پيش پيا. تنهن تي حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کين جان جي امان ڏيئي شهر مان ڪڍي ڇڏيو. بني نُضير وارن به بني قينقاع وانگر ئي پير کنيا ته ساڻن به ساڳيو سلوڪ ڪندي، هر قسم جو سازو سامان کسي شهر بدر ڪيو ويو. انهن شهر خالي ڪرڻ کان اڳ پنهنجا سمورا گهر ڊاهي ڇڏيا. جيئن ته مسلمانن کي ڪم نه اچن. بني نُضير ربيع الاول سن چار هجريءَ ۾ شهر بدر ٿيا ۽ خيبر جي ويجهو پنهنجي عزيزن وٽ رهڻ لڳا.
    ٻئي طرف اهل قريش ۽ ٻيا اسلام جا ويري به ويهي ڪو نه رهيا. چوڌاري سفير ۽ شاعر موڪلي اسلام دشمن لشڪر گڏ ڪري ابو سفيان سموري عسڪري سامان سان ليس ڏهن هزارن وارو لشڪر وٺي مديني پاڪ تي حملي لاءِ اُسهيو ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي احد جبل جي اوٽ ۾ مديني شهر جي نهايت ڪمزور پاسي سامهون پنهنجا خيما اچي کوڙيا. سن پنج هجريءَ جي شوال واري مهيني ۾ هن ڏهه هزار ڪافر فوج جي مقابلي لاءِ مسلمانن جي لشڪر ۾ ٽي هزار کن ماڻهو مس هئا، جن ۾ منافق به شامل هئا. تنهنڪري جنگ جي بچاء طور شهر جي سمورن ڪمزور هنڌن وٽ وڏيون کاهيون کوٽيون ويون ۽ انهن مان نڪتل مٽي جيڪا شهر جي اندرئين طرف ڇڏي ويئي هئي. انهن کي مورچن طور ڪتب آندو ويو. خندق وسيلي شهر جي بچاء واري تجويز حضرت سلمان فارسيءَ ڏني هئي.انهيءَ دوران اسلامي اتحاد ۾ شامل مديني کان ٻاهر رهندڙ يهودين به غداريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ شهر ۾ موجود منافقن به مسلمانن جو ساٿ ڪو نه ڏنو. پر الله تعاليٰ جي قدرت سين اهي پنهنجي سمورن ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام رهيا. قريش لشڪر شهرتي سڌو حملو ڪرڻ جي ڪافي ڀيرا ڪوشش ڪئي پر خندق حائل هئڻ ۽ مجاهدن جي مڪمل پهري سجاڳي سبب اهي ڪامياب ٿي نه پئي سگهيا. گهڻو وقت گذرڻ سان سندن سامان کٽڻ لڳو. گهوڙا ۽ کاڌي لاءِ آندل جانور مرڻ لڳا ۽ لشڪر ۾ ڦوٽ پوڻ لڳي. هڪڙي رات جو سخت طوفاني برسات پوڻ سبب سندن خيما اکڙڻ ۽ ڪرڻ لڳا. جنهن ڪري لشڪر تي قدرتي هيبت طاري ٿي وئي ۽ ابوسفيان پنهنجو وڏو لشڪر وٺي اٿي ڀڳو. باقي ٿورا ماڻهو پاڻ مرادو منتشر ٿي ويا. اهڙي طرح نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي پيشنگوئي سچي ثابت ٿي ۽ اهل مدينه ۽ مسلمان قريش جي حملي کان محفوظ رهيا.
    هن جنگ دوران اسلامي اتحاد ۾ شامل بني قريظ قبيلي جي يهودين غداري ڪئي هئي ۽ شهر کان ٻاهر آباد هئڻ ڪري هر موقعي تي دشمن سان سازباز ڪندا رهيا. تنهنڪري سندن گهيرو ڪيو ويو، تڏهن هٿيار ڦٽا ڪري اچي پيش پيا ۽ هڪڙو شرط رکيائون ته اسان جو فيصلو فقط بني اوس جو سردار سعد ابن معاذ ڪري جنهن جي فيصلي تحت سندن جنگ ڪرڻ جي لائق سڀني مردن کي قتل ڪيو ويو ۽ سندن عورتن ۽ ٻارن کي مسلمانن وٽ غلام بنايو ويو. اهڙي ريت نئين اسلامي مملڪت ڪفار مڪھ ۽ يهود حجاز جي شر کان قدرتاً محفوظ رهي. مديني جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ بدو قبيلن جي ڦرمار اڃا به جاري هئي. تن جي سرڪوبيءَ لاءِ وقتاًفوقتاً هٿيار بند جٿا روانا ٿيندا رهيا ۽ نيٺ سندن پاڙَ پٽي وئي. اهڙيءَ ريت جڏهن اسلامي مملڪت ۾ قدراً امن امان قائم ٿيو ته انهيءَ يعني هجرت جي ڇهين سال حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖوسلم جن عمرو ڪرڻ لاءِ مڪي شريف جي سفر جو اعلان ڪيو. جلدي تياري ڪري نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن هڪ هزار کان وڌيڪ مهاجرن ۽ انصارن کي ساڻ ڪري مڪي شريف ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن مڪي شريف جي قريشن کي اها خبر پئي ته اهي ٻه سئو گهوڙي سوارن جو لشڪر وٺي مڪي کان گهڻو پري مسلمانن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ کان اچي روڪيائون. حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي موڪليل قاصد سان انتهائي ناروا سلوڪ ڪيائون. مجبوراً حضرت عثمان رضي کي ٻيو قاصد ڪري موڪليو ويو. تنهن کي به ڪجهه وقت لاءِ يرغمال ڪري رکيائون. قريش جي ضد ۽ انڪار تي حضور صلي الله علي و آلہٖ وسلم جن هڪڙي سمجهوتي جي صورت ۾ قريش جا سمورا اگرا شرط قبول ڪيا. جنهن تحت ڏهن سالن تائين ڪا به لڙائي ڪا نه ڪئي ويندي. هينئر سمورا آيل زائرين بنا حج ۽ زيارت جي موٽي وڃن ۽ ايندڙ سال اچي ٽن ڏينهن تائين حج جون رسمون ادا ڪن. انهن ٽن ڏينهن لاءِ قريش شهر مان نڪري ٻاهر وڃي رهندا. جيڪڏهن ڪو مڪي جو ماڻهو بنا موڪل مديني ويندو ته کيس مڪي واپس ڪيو ويندو پر جيڪو مدني ماڻهو بنا موڪل مڪي ويندو انهيءَ کي واپس ڪرڻ لاءِ قريش جي ذميواري ڪا نه هوندي. هي سمجهو تو ظاهري طور مسلمانن جي سراسر خلاف هو پر قرآن مجيد ۾ انهيءَ صلح حديبيه کي فتح مبين ڪري ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ صلح جي نتيجي ۾ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن اصحابه ڪرام سميت بنا عمري ڪرڻ جي مديني موٽي آيا ۽ اسلام جي اشاعت جي سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي حاڪمن ڏانهن سفيرن وسيلي اسلام جو پيغام موڪليو. انهن ۾ شهنشاهه يونان هرقل ۽ شهنشاهه ايران خسرو پرويز جو ذڪر اڪثر تاريخن ۾ موجود آهي. ايراني شهنشاهه ڪاوڙجي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جو خط ڦاڙي ڇڏيو ۽ مسلمان سفير کي سخت بي عزتي ڪري دربار مان ڊوڙائي ڪڍايو. جڏهن ته يوناني بادشاهه هرقل مسلمان سفير جي مناسب تعظيم ڪئي ۽ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن بابت ٻين وسيلن ذريعي حقيقي معلومات حاصل ڪرڻ خاطر شهر ۾ آيل سوداگرن کي پاڻ وٽ گهرايو.انهن سوداگرن ۾ ابوسفيان به شامل هو. بادشاهه حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي باري ۾ ڪجهه سوال ڪيا. ابو سفيان جواب ۾ چيو ته هن اسان کي بتن جي پوڄا ڇڏڻ ۽ واحد خدا جي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اسان کي خيرات ڪرڻ، سچائي ۽ پاڪائي کان ڪم وٺڻ، زنا ۽ بدڪاري کان پرهيز ڪرڻ ۽ سمورين بُڇڙائين کان بچڻ جي هدايت ڪئي آهي. بادشاهه پڇيو ته محمد صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جا پوئلڳ تعداد ۾ وڌن پيا يا گهٽجن پيا. ابوسفيان جواب ڏنو ته وڌن پيا ۽ انهن ۾ هڪڙو به اهڙو ڪونهي جنهن سندس ساٿ ڇڏي ڏنو آهي.
    سن ست هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ صلح حديبيه موجب نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن پنهنجي ٻن هزارن ساٿين سان گڏجي عمرو ادا ڪرڻ ويا. مسلمانن جي پهچڻ کان اڳ سمورا قريش مڪي شريف جو شهر خالي ڪري وڃي ڀرپاسي جي ٽڪرين تي ترسيا، جتان حيرانيءَ واري حالت ۾ مسلمانن کي طواف ڪندي ڏسندا رهيا. يا ته کين صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ تيز قدم هلندي ڏسندا رهيا. مسلمان ٽن ڏينهن کان پوءِ سمجهوتي موجب مڪي شريف مان نڪري مديني پاڪ روانا ٿي ويا. مسلمانن جنهن خوش اسلوبيءَ ۽ فضيلت سان عمري جا فرائض بجا آندا. انهيءَ جو اهل مڪه تي مثبت اثر ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ لڳا. جن ۾ اڪثر باوسوق دشمنان اسلام به هئا.
    جڏهن قريشن صلح حديبيه جي خلاف ورزي ڪندي بني خزاء تي حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ ٻين کي ڀڄائي ڪڍيو ته مسلمانن جا اتحادي هئڻ ڪري بني خزاء وارا نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن وٽ انصاف جي حصول لاءِ دانهن کڻي آيا. حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجو اخلاقي توڙي سياسي فرض ڄاڻي مڪي شريف تي چڙهائي جي تياري ڪري سن اٺ هجريءَ جي رمضان شريف جي مهيني ۾ ڏهه هزاري لشڪر جي اڳواڻي ڪندي مڪي روانا ٿيا. رستي ۾ اتحادي قبيلن جا نوجوان به ساڻن شامل ٿي ويا. عڪرمه ۽ صفوان جي اڳواڻي ۾ سپاهين جي هڪڙي وڏي ٽولي شهر ۾ داخل ٿيندڙ مسلم فوج سان مزاحمت ڪئي، جنهن ڪري چند قتل ٿيا. باقي اسلامي فوج سواءِ ڪنهن مقابلي جي شهر ۾ فاتح جي حيثيت ۾ داخل ٿي وئي. رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن بحيثيت هڪ فاتح جرنيل پنهنجي ڪمال رحمت ۽ مهرباني سان سمورن اسلام دُشمنن ۽ سندن جاني دشمنن لاءِ عام معافيءَ جو اعلان ڪيو. سڄي شهر ۾ فقط چئن ماڻهن کي واجب القتل قرار ڏنو ويو. ڪا به ڦرلٽ ڪا نه ڪئي وئي ۽ ڪنهن عورت جي بي عزتي ڪا نه ڪئي وئي. البت بتن کي ڀڃي ڀور ڪيو ويو ۽ قرآن شريف جي سوره بني اسرائيل جي آيتن موجب اعلان ڪيو ويو ته حق اچي ويو ۽ باطل غائب ٿي ويو ۽ واقعي باطل اچڻي وڃڻي شئي آهي. تنهن بعد اهل مڪه کي حضور صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن خطاب ڪندي پهريائين قرآن مجيد جي روشنيءَ ۾ انساني برابري ۽ اسلامي ڀائيچاري جو بيان ڪيو. بعد ۾ ماڻهن کان پڇيائون ته اي قريش! پنهنجي طرفان اوهان کي ڪهڙي قسم جي ورتاء جي توقع آهي؟ قريشن جواب ڏنو ته توهان اسان جي شفيق ۽ مهربان ڀاءُ جو اولاد آهيو. اسانکي اوهان مان ڀلائيءَ جي ئي اميد آهي. اهي لفظ ٻڌي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ فرمايائون ته چڱو آئون به اوهان کي اهي ئي لفظ چوان ٿو جيڪي حضرت يوسف عليھ السلام پنهنجي ڀائرن کي چيا هئا ته اڄ توهان کي ڪا به ملامت نٿي ڪجي. الله توهان کي معاف ڪري، اهو وڏو مهربان ۽ نهايت رحم ڪندڙ آهي.
    هاڻي هتي هڪڙي نهايت نرالي صورتحال پيدا ٿي، جنهن تحت عام توڙي خاص ماڻهن جا ٽولن تي ٽولا حضور پاڪ صلي الله عليه و آلہٖ وسلم جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪرڻ لڳا. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن انهن سمورن نو مسلمن کان اهو ساڳيو واعدو ورتو ته اهي الله پاڪ سان ڪنهن به ٻئي هستيءَ کي شريڪ ڪو نه ڪندا. چوري ڪا نه ڪندا، زنا ڪا نه ڪندا، پنهنجي اولاد کي هلاڪ ڪو نه ڪندا. ڪوڙ ڪو نه ڳالهائيندا ۽ عورتن جي باري ۾ بڇڙيون ڳالهيون ڪو نه ڪندا.
    پاڻ ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي نبوت جو مقصد تڪميل کي اچي رسڻ وارو ٿيو. اصحابن سڳورن کي صحرائي بدوقبيلن ۾ تبليغ لاءِ موڪليو ويو. کين هدايت ڪئي وئي ته فقط امن امان، نيڪي ۽ ڀلائي لاءِ دين جي اشاعت ڪن، هٿيار فقط بچاء خاطر استعمال ڪن. هوازن، ثقيف ۽ ٻين ڪافي سرڪش قبيلن مسلمانن جي اطاعت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ مسلمانن تي اوچتو حملو ڪرڻ لاءِ وڏي فوجي تياري ڪئي، پر حضور ڪريم صلي الله عليہ و آلہٖ وسلم جن مڪي کان ڏهه ميل پري نين جي ويجهو سندن فوجن کي شڪست فاش ڏني جنهن ڪري اهي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي طائف ۽ وادي اوطاس ۾ هڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃي لڪيون.
    اوطاس واري واديء ۾ لڪل هوازن قبيلي جي ماڻهن کي پنهنجي سموري مال متاع عورتن ۽ ٻارن سميت اسلامي فوج فتح ڪري قبضي ۾ آندو. هوازن قبيلي جي مکيه ماڻهن نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي عرض ڪيو ته يا رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم اسان تي رحم ڪري اسان جا ٻار ٻچا موٽائي ڏيو. حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن پنهنجي رحيم طبيعت موافق فرمايو ته آئون پنهنجو ۽ بنو عبدالمطلب جو حصو يڪدم توهانکي واپس ڪريان ٿو. انهيءَ رحمدليءَ کان متاثر ٿيندي، سموري اسلامي فوج پنهنجو حصو به واپس ڪيو.جنهن جي نتيجي ۾ طبري موجب ڇهه هزار يعني سمورا قيدي آزاد ڪيا ويا. ان نيڪيءَ ۽ مهربانيءَ جو بنو ثـقيف وارن تي اهڙو ته اثر ٿيو، جو اهي سمورا مسلمان ٿي ويا.
    مال غنيمت جي ورهاست ۾ هن دفعي جنگ ۾ شريڪ نو مسلم اهل مڪه کي اهل مديني کان وڌيڪ حصو مليو. سا ڳالهه مديني وارن کي ڪا نه وڻي ۽ رسول الله صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن تي ڏک ڪيائون. تنهن تي نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن فرمايو ته ”اي انصار! دنيا جي دولت لاءِ پنهنجي دلين کي پِريشان ڇو ٿا ڪريو ڇا اوهان کي اها ڳالهه نٿي وڻي ته اُٺن ۽ ٻڪرين جي بدران اوهان رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن کي پاڻ سان گڏي مديني پاڪ روانا ٿيو. قسم آهي انهيءَ الله پاڪ جو جنهن جي وس منهنجي جان آهي ته آئون هميشه انصارن سان گڏ هوندس. اي الله! انصارن ۽ سندن اولاد ۽ انهن جي اولاد ۽ انهن جي اولاد تي رحم ڪر.“ اهي لفظ ٻڌي انصار ايترو ته رُنا جو سندن ڏاڙهيون لُڙڪن سان آليون ٿي ويون ۽ حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان معافي ورتائون.
    اهڙي ريت مڪي شريف جي آسپاس ۾ بغاوتن کي ڪچلڻ کان پوءِ نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن پنهنجي ساٿين سميت مديني شريف موٽي آيا. هتي پهچڻ کان پوءِ نائين صدي هجريءَ دوران تقريباً سموري عرب مان مختلف قبيلن جا وفد حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي خدمت ۾ اچڻ لڳا ۽ اسلام قبول ڪيائون. ڇو ته مڪي شريف وارن جي ترت ايمان آڻڻ تي اهي بيحد متاثر ٿيا هئا. تنهنڪري ان سال کي ”عام الوفود“ سڏڻ لڳا.
    انهيءَ سال مديني شريف تي عيسائي بادشاهه طرفان حملي جي ڌمڪي ملي ته حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جنگي تيارين ۾ مشغول ٿي ويا. مسلمانن ۾ موجود منافقن تيارين دوران ڳجهه ڳوهه ۾ ماڻهن کي جنگ ۾ نه شامل ٿيڻ لاءِ برغلايو، پر نيٺ سموري گهربل تياري ڪري اسلامي فوج نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي اڳواڻي ۾ بازنطيني سرحد ڏانهن ڪوچ ڪيو. منزل تي پهچڻ کان اڳي ئي عبدالله بن اُبي جي اڳواڻي ۾ منافقتن جو ٽولو فوج کان لڪي واپس ڀڄي آيو. اسلامي فوج لُڪن ۽ جهولن ۾ ڳهندي وڃي تبوڪ جي ميدان ۾ خيما کوڙيا. اتي حقيقت ظاهر ٿي ته بازنطيني حڪومت طرفان جنگ جي ڌمڪي فقط افواهه هو. تنهنڪري ڏهه ڏينهن آرام ڪرڻ کان پوءِ اسلامي فوج واپس مديني شريف آئي.
    حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مديني شريف پهچڻ تي تُرت ئي طائف جي سرڪش ماڻهن جو هڪڙو وفد پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ته جيئن سندن سردار عروه جنهن مسلمان ٿي طائف ۾ پنهنجي قبيلي کي به اسلام قبول ڪرڻ جي وڃي دعوت ڏني. تنهن کي سندن ديويءَ جي وڏي پوڄاري طرفان اُڪسائڻ تي سنگسار ڪري ڇڏيائون. تنهن جي خون جي معافي وٺڻ ۽ اسلام قبول ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪن. جڏهن انهن حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جا سمورا شرط قبول ڪيا. تڏهن کين اسلام قبول ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. سندن بُتن کي مسمار ڪرڻ وارو ڪم ابو سفيان کي سونپيو ويو. جنهن اهو ڪم عروه جي عزيز المخيره جي تعاون سان بخوبي پورو ڪيو. انهيءَ کان اڳي طي قبيلي وارن سندن سردار حاتم طائي جي پٽ عِدي جي اسلام قبول ڪرڻ ۽ کين تلقين ڪرڻ تي رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن تي ايمان آندو ۽ اسلام قبول ڪيو.انهيءَ وقت مزينه قبيلي جي مشهور ڪافر شاعر ڪعب ابن زُهير پڻ عجيب انداز سان اسلام قبول ڪري هڪڙو عاليشان قصيدو پڙهي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کان انعام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    سن نوَ هجريءَ جي ذوالحج جي مهيني ۾ قربانيءَ جي ڏينهن رسول ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي هدايت موجب حضرت علي رضي جن هڪڙي وڏي ميڙ ۾ اعلان ڪيو ته هن کان پوءِ ڪنهن به بت پرست کي حج ڪرڻ ۽ ننگو ٿي طواف ڪرڻ جي اجازت ڪا نه هوندي.
    سن ڏهه هجريءَ ۾ حضر موت ۽ ڪنده سميت حجاز ۽ يمن جي تقريباً سمورن قبيلن ۽ برادرين جن ۾ يهودي توڙي عيسائي پڻ شامل هئا. اسلام قبول ڪري ورتو ۽ سمورو ملڪ ڪفر ۽ شر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري اسلام جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو. تڏهن پاڻ تي عائد نبوت واري فرض جي تڪميل محسوس ڪندي نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن رب پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ ۽ تسڪين قلب خاطر حج ڪرڻ لاءِ اٽڪل سوا لک رفيقن سان 25 ذوالقعد سن ڏهه هجري ءَ ۾ مڪي شريف روانا ٿيا. تاريخ 8 ذوالحج تي عرفات جبل جي چوٽيءَ تي پنهنجي ڏاچيءَ تي سوار جي حيثيت ۾ سمورن حاجين جي وڏي ميڙ اڳيان يادگار خطبو فرمايو. ان جا چند اقتباس هيٺين ريت آهن.
    ”اي انسانو! آئون جيڪي به چوان ٿو اهو غور سان ٻڌو، شايد ايندڙ سال ۽ پوءِ ڪڏهن به اوهان سان ملي نه سگهان. اي انسانو! توهان تي هڪٻئي جي جان ۽ مال قيامت تائين حرام يعني قابل احترام آهي. جهڙيءَ طرح اهو هن ڏينهن، هن مهيني ۽ هن شهر ۾ واجب احترام آهي. اوهان کي جلدي الله پاڪ جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي. جتي هو اوهان کان توهان جي عملن جو حساب وٺندو، اي انسانو! اوهان جي عورتن تي. اوهان جا ۽ عورتن جا توهان تي ڪي حق آهن. انهن ساڻ محبت ۽ مهربانيءَ سان پيش اچو، ڇو ته توهان انهن کي الله پاڪ جي ضمانت تي پنهنجون زالون بنايو آهي. ۽ خدا تعاليٰ جي ڪلام موجب پاڻ تي سندن جسم حلال ڪيو. پنهنجي امانتن ۾ ديانتدار ٿيو ۽ گناهه کان بچو، اڄ کان وٺي هر قسم جو وياج ختم ڪجي ٿو. مقروض تي اصل کان وڌيڪ ڪجهه به واجب الادا ڪونهي. جاهليت واري دور جا سمورن خونن جا رهيل بدلا ختم ڪجن ٿا. اوهان جا غلام! جيڪي توهان پاڻ کائو ۽ پهريو سو پنهنجن غلامن کي کارايو ۽ پهرايو. کانئن ڪو معاف نه ڪري سگهڻ وارو ڏوهه ٿي پوي ته کين پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ معاف ڪري ڇڏيو.
    اي انسانو! منهنجي ڳالهه هڪ ڪن ٿي ٻڌو، هيءَ ڳالهه سمجهو ته سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن. ڪنهن مسلمان کي موڪل کانسواءِ ٻي مسلمان ڀاءَ جي شئي تي ڪو به حق ڪونهي. بنا اجازت ٻين جي شين جو استعمال هڪٻئي تي ظلم ٿيندو. جيڪي ماڻهو هتي حاضر آهن-سي منهنجون ڳالهيون انهن ماڻهن کي ٻڌائين جيڪي هتي حاضر ڪو نه آهن. شايد اهي هنن ڳالهين کي ٻڌندڙن کان وڌيڪ چڱي نموني ياد رکن“. خطبي جي پڇاڙيءَ ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته ”يا الله مون تنهنجو پيغام ماڻهن تائين پهچائي پنهنجو ڪم پورو ڪيو ته سموري مجموعي يڪ زبان وراڻيو ته هائو! توهان پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو.ان تي حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن فرمايو ته ”يا خدا تون هن ميڙ جي جواب جو شاهد رهج!“ مذڪوره ڪلمن سان پاڻ سڳورن صلي الله عليھ و آلھ وسلم خطبو پورو ڪيو.
    حج جون مڙيئي رسمون ادا ڪرڻ بعد نبي اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن مديني شريف موٽي آيا ۽ اسلامي رياست ۾ امن امان انصاف ۽ انتظام جي مکيه ڪم ۾ مشغول ٿي ويا. مختلف صوبن ۾ ناظم مقرر ڪيا ويا، جيڪي انتظام، عدالت ۽ جزيي جي وصوليءَ لاءِ ڪوشان رهيا. انهيءَ کانسواءِ اسلامي تعليمات جي اشاعت به سندن فرائض ۾ شامل هئي. طائف جي هڪڙي يهودڻ طرفان حضور ڪريم جن کي کاڌي ۾ ڏنل زهر جو اثر مذڪور مشغولين دوران اچي ظاهر ٿيو ۽ سندن صحت تيزيءَ سان خراب ٿيڻ لڳي. بيماريءَ جي خبر ٻڌي ڪن منافق قبيلن بغاوت ڪئي ۽ ٽن ماڻهن هر هڪ طليحه بن خويلد، ٻيو حران بن حبيب جنهن کي مسيلم سڏيو ويندو هو ۽ ٽيون الاسود بن ڪعب نبوت جي دعويٰ ڪئي. الاسود سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ، چالاڪ، بازيگر ۽ مداري هو. پنهنجي ڳالهين سان ڪيترن ئي ماڻهن کي برغلائي منظم ڪري ڪجهه شهر به فتح ڪيائين ۽ يمن ۾حضور ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي مقرر ڪيل ناظم جنهن جو نالو ”شهر“ هو، کي قتل ڪري سندس زال سان زوريءَ شادي ڪيائين شهر جي بيواهه کيس نشي جي حالت دوران پنهنجي وفادار ماڻهن هٿان مارائي ڇڏيو.
    ٻئي طرف حضور پاڪ صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن جي صحت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي وئي. تنهن هوندي به وصال کان فقط ٽي ڏينهن اڳ تائين امامت جا فرائض ادا ڪندا رهيا. ان دوران هڪ ڀيري آڌي رات جو جنت البقيع قبرستان ۾ وڃي سمورن شهيدن ۽ مماتيءَ وارن لاءِ زارو قطار روئندي سندن مغفرت لاءِ دعا گهري. علالت دوران پاڻ سڳورا بي بي عائشه جن جي حرم ۾ رهيا. ڪمزور هئڻ جي باوجود نماز جماعت سان اد اڪندا هئا. حضرت علي رضي ۽ حضرت فضل رضي کين سهارو ڏئي مسجد شريف ۾ آخري ڀيرو وٺي آيا. حمد و ثنا بعد پاڻ ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم حاضرين کي خطاب فرمايو ته اي مسلمانو! جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سان بي واجبي ڪئي اٿم ته ان جي بدلي لاءِ آئون هاڻي حاضر آهيان. ميڙ مان هڪڙي شخص اٿي کانئس ٽي درهم گهريا، جيڪي هن نبي سائين صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي چوڻ موجب ڪنهن حاجتمند کي ڏنا هئا.
    نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلہٖ وسلم جن اهي بروقت ادا ڪندي فرمايو ته هن دنيا ۾ شرمسار ٿيڻ آخرت ۾ شرمسار ٿيڻ کان وڌيڪ سٺو آهي. تنهن کان پوءِ پاڻ سڳورن سڀني ماڻهن کي ديني فرائض جي ادائگي ۽ صلح سانت جي هدايت ڪري دعا خير گهرندي القصص سوره جي ٻن آيتن جي تلاوت سان خطاب پورو ڪيو ۽ بي بي عائشه رضه جن جي گهر روانا ٿيا. انهيءَ کانپوءِ مسجد شريف ۾ سندن آمد ڪا نه ٿي سگهي. نفس نفيس نقاهت سبب تحليل ٿي ويو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلہٖ وسلم جو وصال بي بي عائشه رضه جي هنج ۾ 12 ربيع الاول سن يارهن هجري ۾ مطابق 8 جون 632ع سومر جي ڏينهن منجهند جو واقع ٿيو ۽ اهڙي ريت هڪ ڪامل انسان ۽ پيغمبر اعظم جي پاڪ زندگي اول کان آخر تائين الله پاڪ ۽ سندس مخلوق جي هدايت ۽ خدمت ڪندي اختتام پذير ٿي. اهڙي پاڪيزه رفيق، شفيق ۽ مهربان سان گڏ هڪ اَوَلالعَزَم، ڪمال همت پروقار مرتضيٰ، مجتبيٰ ۽ رحمت اللعالمين شخصيت لاءِ هر نيڪ دل ۾ دائمي طور عزت ۽ محبت پيدا ٿيڻ قدرتي اَمُر آهي.
    سمورين انساني خوبين گڏجي سندن پاڪيزه شخصيت جي تعمير ڪئي، تنهن تي ڀٽ ڌڻي رحه فرمايو ته:
    جکرو جس کرو، ٻيا مڙئي مير،
    مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري.
    سرور ڪائنات صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن کي پنهنجي پيغام پهچائڻ کي چوڏهن سو سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر اڄ تائين ماڻهن جي دلين ۾ سندن لاءِ جيڪا عزت، عقيدت ۽ محبت پيدا ٿي ان ۾ لڳاتار اضافو ٿيندو اچي ۽ اهل اسلام جو دنيا ۾ تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو طاغوتي اکين ۾ اڄ اسلام خارِ آزار ٿي پيو آهي.


    شهادت حضرت امام حسين عليھ السلام

    سختي شهادت جي نسورو ئي ناز. رِندَ پروڙين راز قضئي ڪربلا جو

    امير معاويه حضرت امام حسن عليھ السلام سان ڪيل عهدنامي جي خلاف ڳجهي چال چلندي حضرت حسن عليھ السلام کي زهر وسيلي شهيد ڪرائڻ کانپو پنهنجي پٽ يزيد کي خلافت جو ولي عهد مقرر ڪري پنهنجي لشڪري سردارن کان ساڻس وفاداريءَ جو حلف کڻائي ڇڏيو. معاويه جي فوت ٿيڻ تي يزيد پنهنجي خليفي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ امام حسين عليھ السلام سميت ڪيترين ئي برگزيده شخصيتن کان بيعت جي گهر ڪئي، پر حضرت امام حسين عليھ السلام يزيد جي خليفي هجڻ واري دعويٰ کي قبول ڪو نه ڪيو. جڏهن ڪوفي شهر جي باشندن کيس خطن ۽ قاصدن ذريعي سنجيدگي سان گذارش ڪئي ته هو کين ابن معاويه جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو ڏياري ته امام صاحب انهيءَ صورتحال موجب ڪوفين جي ترت مدد ڪرڻ پنهنجو فرض ڀانئيندي، تيزيءَ سان گهربل تياري ڪرڻ لڳو ۽ ڪوفين طرفان انهيءَ وچن موجب ته امام صاحبن جي ڪوفي پهچڻ تي ڪوفي ۽ پوري عراق جا ماڻهو، ابن معاويه کي تخت تان لاهڻ لاءِ توهان جي اڳواڻي قبولڻ جو عملي ثبوت پيش ڪندا. تنهن ڪري پاڻ عراق روانو ٿيڻ وارو هو. اها ڳالهه امام حسين عليھ السلام جي گهڻن عزيزن ۽ قريبن لاءِ نهايت حيراني ۽ پريشانيءَ جو باعث بڻي. اهي اهل ڪوفه جي بيوفائي ۽ مفاد پرستيءَ وارين چالن کان اڳي ئي واقف ۽ بيزار هئا.
    انهيءَ سان گڏ کين بني اميه جي ظلم ۽ جبر جي سفاڪانه ڪارستانين جو پڻ ڀليءَ ڀت علم هو. تنهنڪري انهن امام صاحب جي مجوزه سفر جي مخالفت ڪئي. حضرت عبدالله بن عباس، حضرت امام حسين عليھ السلام وٽ اچي کيس ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو توهانجي عراق ڏانهن سفر ڪرڻ واري فيصلي تي سخت حيران ۽ پريشان آهن. خدارا، حقيقت حال کان واقف ڪريو. امام صاحب طرفان انهيءَ خبر جي تصديق تي حضرت عبدالله بي اختيار دانهن ڪري چوڻ لڳو ته توهان کي الله پاڪ پناهه ڏئي! ڇا توهان کي اها خاطري آهي ته جن ماڻهن ڏانهن توهان وڃڻ لاءِ تيار آهيو، انهن ماڻهن پنهنجي ظالم حاڪمن کي گهيري ڪمزور ڪري، کين مُلڪ مان تڙي ڪڍي ملڪ ۾ غلبو حاصل ڪري ورتو آهي. بس فقط توهان جي تشريف آوريءَ جا منتظر آهن. ته جيئن اهي تخت ۽ تاج توهان جي حوالي ڪن. اهڙي صورتحال ۾ توهان جي روانگي مناسب رهندي، پر جيڪڏهن ظالم حڪمران بدستور رَعِيَت جو گلو گهٽيو ويٺو آهي ۽ سندس سفاڪ گماشتا مسلسل ڪارستانين ۾ مشغول آهن. ته پوءِ انهن ماڻهن طرفان توهان کي گهرائڻ جو مقصد حقيقت ۾ جنگ ۾ ڦاسائڻ ۽ دوکي بازيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. ماضيءَ جي حقائق مان معلوم ٿئي ٿو ته حڪمران کي وڌيڪ طاقتور ڏسي توهان کي مدد لاءِ پڪاريندڙ ڪوفي ماڻهو اٽلو پاڻ توهان سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. تنهنڪري مهرباني ڪري عراق وڃڻ جو ارادو ختم ڪرڻ گهرجي. مٿين ڳالهين امام صاحب جي ارادي ۾ ذرو به لچڪ پيدا ڪا نه ڪئي. اٽلو پنهنجي ترت روانگيءَ لاءِ آتو هو ۽ جڏهن اهو وقت ويجهو آيو، تڏهن وري به ابن عباس ڊوڙي وٽس آيو ۽ کيس منٿون ڪندي چيائين ته توهان جي روانگيءَ جو سور سهي نٿو سگهان ۽ ماٺ نٿي اچي ڇو ته عراق روانگيءَ ۾مون کي توهان جو سراسر موت ۽ بربادي محسوس ٿئي ٿي. تنهنڪري آئون بيحد منٿ ٿو ڪريان ته خدا جي واسطي وڃڻ جو خيال ترڪ ڪري هتي رهي پئو. ڪوفين کي چوائي موڪليو ته اهي پهرين اسان جي مخالفن کي عراق مان ڀڄائي ڪڍن، بعد ۾ اسان کي گهرائين. هتي حجاز ۾ توهان کان وڌيڪ هستي ۽ شخصيت وارو ڪو به ڪونهي ۽ توهان امن امان ۾ گذاريندا، پر جيڪڏهن هر طرح حجاز ڇڏڻو ئي اٿوَ. تڏهن به عراق جي بدران يمن ۾ وڃي رهو. جتي ڏکيا پهاڙي سلسلا به آهن ته ڪافي قلعا ۽ ڪوٽ به اٿس ۽ اهو ملڪ ڪشادو پڻ آهي. تنهن سان گڏ يمن جا ماڻهو عموماً توهان جي والد حضرت علي عليھ السلام ۽ سندس والد جا خيرخواهه آهن. اتي دشمن جي پهچ کان پري توهان وڌيڪ آسوده رهي ۽ تبليغ وسيلي يقيناً ڪامياب ٿي سگهو ٿا. حضرت عبدالله بن عباس جي مٿين مِنَٿُن ۽ آزين جو ڪو به اثرنه ٿيو. حضرت حسين عليھ السلام کيس وراڻيو ته اي ابن عم! مون کي پڪ آهي ته تون منهنجو خيرخواهه آهين، پر ڀاءُ آئون عراق وڃڻ جو پهه بلڪل پڪو ڪري چڪو آهيان.“ انهيءَ تي ابن عباس کيس چيو ته جيڪڏهن توهان اسان جو چوڻ نٿا ڪريو ته ٺهيو، پر عورتن ۽ ٻارن کي پاڻ سان گڏ هرگز وٺي نه وڃو. آئون ڀانيان ٿو ته شل نه توهانکي به پنهنجي گهر ڀاتين جي اڳيان قتل ڪن، جيئن عثمان بن عفان سندس اهل خانه اڳيان قتل ڪيو ويو هو.
    مٿين منٿ ميڙ جو امام صاحب جي عزم تي ڪو به اثر ڪو نه ٿيو. انهيءَ وچ ۾ سندس ٻئي عزيز عبدالله بن جعفر مديني مان کيس خط وسيلي عراق وڃڻ کان منع ڪندي لکيو ته ”خدا جي واسطي هن خط پهچڻ شرط عراق وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏجو، ڇو ته انهيءَ راهه ۾ توهان جي هلاڪت ۽ توهان جي لياقت جي بربادي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن وقت فقط توهان جي ذات ئي هدايت جي نشاني ايمان وارن جي اميدن ۽ آسرن جو مرڪز آهي. خدا نه ڪري توهان جي قتل سان اها معروضي نور جي تجلي گل ٿي ويندي. تنهنڪري خدا ۽ رسول خدا صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي واسطي سفر لاءِ هرگز تڪڙ نه ڪجو.“
    ابن جرير کان منقول آهي ته عبدالله بن جعفر مديني منوره جي حاڪم سعيد بن عمرو بن العاص کي وڃي منٿ ڪئي ته هو حضرت امام حسين عليھ السلام کي عراق وڃڻ کان منع ڪري ۽ خط وسيلي کيس هتي رهڻ دوران سندس حفاظت ۽ آسودگيءَ بنسبت هر طرح سان مطمئن ڪري. سعيد بن عمرو کيس چيو ته اهڙو خط تون پاڻ لکي اچ ته آئون ان تي صحيح وجهي ۽ مهر هڻي روانو ڪريان.
    تنهن تي عبدالله بن جعفر هيٺيون خط لکي آڻي ڏنو. ”آئون ڌڻيءَ جي در دعا ٿو گهران ته جنهن راهه ۾ توهان جي هلاڪت ٿئي تنهن کان پري رهو ۽ الله تعاليٰ توهانکي انهيءَ راهه تي هلائي جنهن ۾ توهانجي سلامتي هجي. معلوم ٿيو اٿم ته توهان عراق ڏانهن اسهو ٿا. مون کي توهان جي هلاڪت جو خوف ٿي پيو آهي. عبدالله بن جعفر کي توهان ڏانهن موڪليان ٿو ته توهان ساڻس گڏ واپس هتي اچو، مون وٽ توهان جي سلامتيءَ، امن، نيڪي ۽ سٺي سلوڪ جو سمورو بندوبست آهي. انهيءَ حقيقت جو شاهداول ته واحد خدا تعاليٰ آهي، جيڪو اسان جو ڪفيل، وڪيل ۽ نگهبان آهي“.
    مذڪوره منٿن ميڙين جي باوجود امام حسين عليھ السلام پنهنجي عزم تي قائم رهندي. مڪي کان عراق ڏانهن روانو ٿي ويو. سندس قافلي کي رستي ۾ صفاح نالي ماڳ وٽ اهلبيت سان والهانه عقيدت رکندڙ مشهور شاعر فرزوق گڏيو. تنهن کان اهل ڪوفه جو احوال پڇيو ويو. هن کين ٻڌايو ته اهل ڪوفه جون دليون اهلبيت سان گڏ آهن، پر سندن تلوارون بني اميه ساڻ شامل آهن. اهو ٻڌي امام صاحب فرمايو ته تون واقع سچو آهين. هاڻي سمورو معاملو الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي. اهو جيڪي گهرندو سو ئي ٿيندو. پروردگار هر گهڙي حڪم صادر ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن سندس مرضي اسان جي خواهش موجب هوندي ته اسين گهڻو خوش ٿينداسين، پر جيڪڏهن اها اسان جي اميد جي خلاف هوندي تڏهن به نيڪ نيتيءَ پرهيزگاريءَ جو ثواب ته ڪيڏانهن به وڃڻو ڪونهي. ائين چوندي حضرت حسين عليھ السلام پنهنجو قافلو اڳيان وڌايو.
    قادسيھ نالي ڳوٺ کان ٿورو اڳيان وڌڻ شرط عراقي گورنر عبيدالله بن زياد جي جنگي صلاحڪار حصين تميمي طرفان موڪليل هڪ هزار فوج جو جٿو اهلبيت جي قافلي اڳيان نمودار ٿيو. انهيءَ جو اڳواڻ حُر بن يزيد هو. هن فوج کي حڪم مليل هو ته امام صاحب جي قافلي جو تعاقب ڪندي ساڻن تيستائين گڏ رهي جيستائين اهو قافلو عبيدالله بن زياد جي اڳيان پيش نٿو ڪيو وڃي. انهيءَ وقت نماز ظهر جو وقت ٿي ويو ته حضرت امام حسين عليھ السلام پنهنجي قافلي توڙي حُر جي فوجين جي اڳيان آيو ۽ حمد و ثنا بعد تقرير ڪندي فرمايو ”اي انسانو! الله پاڪ ۽ توهان جي اڳيان پنهنجو مقصد بيان ٿو ڪريان ته آئون هتي پنهنجي ذاتي مرضيءَ سان هتي ڪو نه آيو آهيان. مون وٽ توهان جا ڪيترائي قاصد ۽ خط پهتا جن موجب مون کي بار بار دعوت ڏني وئي ته آئون اوهان وٽ اچان ته جيئن اوهان کي الله تعاليٰ منهنجي رهنمائي ۾ متحد ۽ منظم ڪري انهي مقصد پٽاندر آئون هتي آيو آهيان ۽ توهان جي اها ئي خواهش آهي ته آئون توهان سان توهان جي شهر هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر جيڪڏهن توهان منهنجي هيڏانهن اچڻ تي ناراض ٿيا هجو ته پوءِ آئون جتان آيو هوس اوڏانهن موٽي ٿو وڃان.
    انهيءَ تقرير جو ڪنهن به جواب ڪو نه ڏنو سمورا فوجي خاموش رهيا. البت ڪجهه دير جي ماٺ کانپوءِ ماڻهن ٻانگي کي ٻانگ ڏيڻ لاءِ چيو. حضرت امام حسين عليھ السلام حُر بن يزيد کان پُڇيو ته توهان اسان کان الڳ ٿي نماز پڙهندا ڇا؟ هن وراڻيو ته نه سائين، توهان امامت ڪريو اسين توهان جي پويان ئي نماز پڙهنداسين. اهڙيءَ طرح عصر جي نماز پڻ امام صاحب جي پويان پڙهي ويئي. تنهن بعد امام صاحب جن وري به خطبو ڏنو. ”اي انسانو! جيڪڏهن توهان پرهيزگار آهيو ۽ حقدار جو حق سڃاڻو ٿا ته اها ڳالهه الله تعاليٰ جي خوشنودي جو باعث ٿيندي. موجود حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ حڪومت جا حقيقي حقدار اسين اهليبت آهيون، پر جيڪڏهن توهان اسان کي پسند نٿا ڪريو ته پوءِ آئون خوشيءَ سان واپس وڃڻ لاءِ تيار آهيان.“ تقرير جي اختتام تي حُر بن يزيد چيو ته ”توهان جن خطن ۽ قاصدن جو ذڪر ڪيو، انهن بابت اسان کي ڪا به خبر ڪانهي ۽ نه ئي اسين انهن ماڻهن کي سڃاڻون ٿا، بيشڪ اسين اهي ماڻهو ڪو نه آهيون. اسان کي انهيءَ حڪم موجب هتي موڪليو ويو آهي. ته اسين توهان جي قافلي کي وٺي عراق جي حاڪم عبيدالله بن زياد اڳيان پيش ڪريون. امام صاحب عبيدالله جي اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ته حر کيس چيو ته پوءِ توهان اهو رستو اختيار ڪريو. جيڪو ڪوفي توڙي مديني ڏانهن ويندڙ نه هجي ۽ مون سان گڏ توهان به يزيد يا عبيدالله کي پنهنجي مقصد ۽ صورتحال کان آگاهه ڪريو، جيئن مون تان جوابداري گهٽجي. امام صاحب سندس اها صلاح قبول ڪندي پنهنجو قافلو اڳيان هلايو.
    رستي ۾ عذيب الهجانات نالي ماڳ وٽ ڪوفي کان چار سوار قافلي ڏانهن ايندي ڏسڻ ۾ آيا. سندن پهچڻ تي امام صاحب کانئن پڇيو ته ڪوفي ڪهڙي حال ۾آهن؟ انهن جواب ڏنو ته ڪوفي جي سردارن کي حاڪمن رشوتون ڏيئي پاڻ سان ملائي ۽ عام ماڻهن کي سخت ڊيڄاري ڇڏيو آهي. سندن دليون ته توهان سان آهن پر سندن تلوارون ڪُلي طور توهان جي خلاف مياڻين مان نڪرنديون. امام صاحب طرفان عبيدالله ڏانهن موڪليل قاصد قيس بن مسهر کي به عبيدالله مارائي ڇڏيو، جنهن جي خبر حضرت حسين عليھ السلام جن کي ڪا نه پهتي هئي. تنهن بابت به انهن سوارن کين حقيقت ڏني. جنهن تي امام صاحب جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ فرمايو ته ”انهن مان ڪجهه مري ويا ۽ باقي موت جا منتظر آهن. پر حق تي ثابت قدم آهن. جنهن جي ڪا به تبديلي ڪا نه ٿي آهي يا الله انهن لاءِ ۽ اسان لاءِ جنت جي راهه کولي ڇڏ ۽ اسان ۽ انهن کي پنهنجي رحمت ۽ ثواب واري دارالقرار ۾ گڏ ڪر.“
    قصر بني مقاتل نالي ماڳ وٽان روانگيءَ وقت کين ننڊ جو جهوٽو اچي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڇرڪ ڀري امام صاحب جن وڏي آواز سان هيٺيان لفظ ٽي ڀيرا چيا.
    انا لله و انا اليھ راجعون. الحمد لله رب اللعالمين.

    جنهن تي سندن پٽ علي عرض ڪيو ته توهان انا لله ۽ الحمد لله ڇو فرمايو؟ پاڻ امام عليھ السلام وراڻيو ته ”پٽ! مون هينئر ننڊ جي جهوٽي ۾ خواب دوران هڪ سوار کي چوندي ٻڌو ته ”هي ماڻهو هلن پيا، تن سان گڏ موت پڻ هلي پيو، آئون سمجهي ويو آهيان ته اهو اسان جي موت جو اطلاع آهي. جيڪو اسان کي ڏنو ويو آهي. انهيءَ تي پٽ علي چيو ته بابا ڇا اسين حق تي ناهيون؟ امام صاحب جواب ڏنو ته پٽ! اسين بلڪل حق تي آهيون.“
    انهيءَ تي علي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن اسين حق تي آهيون ته پوءِ موت جي ڪا به پرواهه ڪانهي. هي اهو ساڳيو ابن حسين هو، جيڪو علي اڪبرجي نالي سان ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ٿيو هو.
    ڪربلا جي ميدان ۾ پهچڻ کان اڳ ڪوفي کان واليءَ عراق جو خط هڪ سوار آڻي حُر بن يزيد کي ڏنو جنهن ۾ حُر کي حڪم ڪيو ويو هو ته حسين عليھ السلام جي قافلي کي ڪنهن موزون ۽ چڱي ماڳ تي پڙاءُ وجهڻ نه ڏنو وڃي. کيس وڌ ۾ وڌ کلي ميدان ۾ رهڻ ڏنو وڃي. هي قاصد توهان وٽ رهي ڏسندو ته توهان منهنجي حڪم جي ڪيتري تعميل ڪريو ٿا. حُر بن يزيد سربستو احوال امام صاحب سان ڪيو ۽ پنهنجي مجبوري ڄاڻائي ته آئون چوڪيءَ جي صورت ۾ اوهان کي ڪنهن سولي ۽ گاهه ۽ پاڻيءَ واري جاءِ تي رهائي نٿو سگهان.
    صورتحال جي پيش نظر امام صاحبن پنهنجو قافلو اچي هڪ ويران ميدان ۾ رهايو. جنهن جو نالو ڪربلا هو. درياء ۽ هن ميدان جي وچ ۾ هڪڙي ٽڪري حائل هئي ۽ هتي پاڻيءَ جو ٻيو ڪو به وسيلو موجود ڪو نه هو. امام صاحب جن جو ڪربلا ۾ قيام 2 محرم الحرام سن 61 هجري ۾ ٿيو. 3 محرم 61 هجري يعني ٻئي ڏينهن عمر بن سعد بن ابي وقاص چار هزار ڪوفي لشڪر جي سالار جي حيثيت ۾ هتي اچي پهتو، جنهن اچڻ شرط امام حسين عليھ السلام ڏانهن ماڻهو موڪليو. امام صاحبن جي هيڏانهن اچڻ جو احوال ورتو. امام صاحب کيس حر کي ڏنل ساڳيو جواب ڏياري موڪليو. انهيءَ تي عمر بن سعد والي عراق عبيدالله بن زياد کي خط وسيلي مذڪور منشاء امام کان واقف ڪيو پر هن ظالم کي اها ڳالهه ڪا نه وڻي ۽ جوابي خط ۾ حڪم موڪليائين ته حسين عليھ السلام کي چئو ته پهرين توهان سمورا ماڻهو يزيد بن معاويه جي هٿ تي بيعت ڪريو بعد ۾ وڌيڪ سوچيو ويندو. حسيني قافلي جو پاڻي مڪمل بند ڪيو وڃي ۽ جيئن کين پاڻيءَ جو هڪڙو ڦڙو به نصيب نه ٿي سگهي. انهيءَ ڏينهن کانپوءِ ايندڙ رات عمر بن سعد ۽ امام صاحب جي ملاقات ٿي جنهن ۾ امام صاحب ٽي شرط پيش ڪيا جيڪي هيٺين ريت هئا.
    1. مون کي واپس وڃڻ ڏنو وڃي.
    2. مونکي پاڻ يزيد سان پنهنجو معاملو حل ڪرڻ ڏنو وڃي.
    3. مون کي مسلمان ملڪن مان ڪنهن جي به سرحد ڏانهن وڃڻ ڏنو وڃي.
    عمر بن سعد اهي شرط پنهنجي سفارش سان عبيدالله بن زياد ڏانهن موڪليا. ابن زياد شرط منظور ڪيا، پر شمر جي مخالفت سبب شمر جي هٿان جوابي خط ۾ حڪم موڪليائين ته جيڪڏهن امام صاحب پنهنجي ساٿين سميت پاڻ کي اسان جي حوالي ڪن ته جنگ نه ڪئي وڃي، پر جيڪڏهن انهيءَ کان انڪار ڪن ته پوءِ جنگ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي. شمر کي پڻ هدايت ڪيائين ته جيڪڏهن عمر منهنجي حڪم جي تعميل ۾ ڪوتاهي ڪري ته کيس هٽائي فوج جي اڳواڻي تون پاڻ ڪج ۽ حسين عليھ السلام جو سرڪپي مون ڏانهن ڏياري موڪلج.
    شمر ۽ خط پهچڻ بعد عمر بن سعد پنهنجو لشڪر اڳتي آڻي جڏهن امامن جي ڪيمپ جي ويجهو ٿيو ته حضرت عباس رضه ويهن سوارن ساڻ ساڻس مقابل ٿيو، عمر بن سعد حضرت عباس کي ابن زياد جي خط کان آگاهه ڪيو. جنهن واپس اچي حضرت حسين عليھ السلام کي اهو احوال ڏنو. ايندڙ رات جو حسين عليھ السلام پنهنجي ساٿين کي گڏ ڪري کين خطاب ڪندي فرمايو ته الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا پيش ڪريان ٿو ۽ هر حال ۾ شڪر گذار آهيان. وڌيڪ فرمايو ته اي انسانو! توهان سمورن کي منهنجي طرفان الله تعاليٰ جزاءِ خير عطا فرمائي، ڀانئيان ٿو ته مخالفن ۽ منهنجي وچ ۾ سڀاڻي فيصلو ٿي ويندو، غور ۽ فڪر بعد منهنجو رايو آهي ته هن رات جي وقت ۾ منهنجي اهلبيت جو هٿ جهليندي اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي هتان کان نڪري ڀڄي وڃو. آئون توهان سمورن ماڻهن کي رضا خوشيءَ سان وڃڻ جي اجازت ڏيان ٿو. هنن دشمنن کي فقط آئون گهربل آهيان. منهنجي ٻانهن هٿ ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ توهان جي غير موجودگي کين ياد نه رهندي.
    اها ڳالهه ٻڌي اهلبيت توڙي ٻيا ساٿي ڏاڍا غمگين ٿيا، حضرت عباس رضه چيو ته ”ڇا اهو فقط انهيءَ لاءِ ته توهان کان پوءِ به اسين جيئرا رهون. الله پاڪ شل اسان کي اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري.“
    حضرت علي زين العابدين کان روايت آهي ته ڏهين محرم الحرام جي رات دوران منهنجي پڦي زينب رضه منهنجي بيماريءَ دوران خدمت ۾ مشغول هئي.بابا اوچتو خيمي اندر پنهنجا ساٿي گهرايا ۽ ٽي چار ڀيرا هي شعر پڙهندو رهيو جنهن جو مطلب آهي ته ”اي وقت توکي حيف هجي، ڪيڏو نه بي وفا آهين. تنهنجي هٿان صبح توڙي شام ڪئين ماڻهو مارجن ٿا. وقت ڪنهن سان به رعايت نٿو ڪري ۽ ڪو به عيوض قبولي نٿو.“
    هر ڳالهه ڌڻي جي وس آهي، هر زندگي موت جي راهه تي گامزن آهي. هر هر اهو شعر ٻڌي منهنجي دل ڀرجي آئي. اکين ۾ پاڻي آيو، پر اٿلي وهڻ کان روڪي ڇڏيم. سمجهيم ته مصيبت اڻٽر آهي. منهنجي پڦي اهو شعر ٻڌي آپي کان ٻاهر ٿي وئي. بي اختيار ٿي ۽ زاري ڪرڻ لڳي. اها حالت ڏسي حضرت امام حسين عليھ السلام فرمايوته: اي ادي! هي ڪهڙو حال ڪيو اٿئي. شل ائين نه ٿئي ته نفس ۽ شيطان واري بي صبري اسان کي وڪوڙي وڃي. بي بي صاحبه جواب ڏنو ته جنهن صورت توهان پنهنجي ئي هٿن سان قتل پيا ٿيو ته اسان کي صبر ڀلا ڪيئن ايندو! امام صاحب فرمايو ته الله تعاليٰ جي اها ئي مرضي آهي. اهو ٻڌي بي بي زينب اڃا وڌيڪ بي قرار ٿي وئي. اها حالت ڏسي حضرت حسين عليھ السلام جن صبر ۽ استقامت متعلق فرمايو ته اي ادي! الله پاڪ کان ڊڄ سندس واکاڻ سان تسلي حاصل ڪر. هرماڻهوءَ کي ضرور مرڻو آهي. هميشه لاءِ آسمان وارا پڻ ڪو نه جيئندا. هر شيءِ آخر فنا ٿي ويندي ته پوءِ موت جي خيال تي ايترو رنج ۽ بيقراري ڇو ٿيڻ گهرجي. اسان لاءِ ۽ هر مسلمان لاءِ رسول الله صلي الله عليھ و آلھ وسلم جن جي زندگي مبارڪ ۾ خلق عظيم موجود آهي. اهو اسان کي صبر ۽ تحمل، توڪل۽ رضا جي تعليم ڏئي ٿو. اسانکي گهرجي ته ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ کان مُنهن نه موڙيون.
    تنهن بعد پاڻ امام صاحب ۽ سندن سمورن ساٿين اها باقي رات نماز استغفار ۽ دعا ۾ گذاري. انهيءَ دوران ڪوفي لشڪر جا سپاهي امام صاحبن جي ڪيمپ جي چوڌاري چڪر هڻي رهيا هئا.
    امام حسين عليھ السلام بلند آواز ۾ قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيو هو. 10 محرم الحرام جمع جي ڏينهن صبح جو يزيدي لشڪر جنگ لاءِ اچي ڪڙڪيو. حضرت حسين عليھ السلام به پنهنجي ساٿين جون صفون سڌيون ڪيون. اهي پاڻ ۾ فقط 32 سوار ۽ چاليهه پيدل ڪُل 72 مومن هئا. پنهنجي ساٿين جي ساڄي طرف جي اڳواڻي زهير ابن القين ۽ کاٻي طرف جي اڳواڻي حبيب بن مظاهر جي حوالي ۽ علم پاڪ حضرت عباس ابن علي جي هٿ ۾ ڏنو ويو. پنهنجي خيمن جي پويان خندق کوٽي ان ۾ باهه ٻاري ڇڏيائون ته جيئن دشمن پويان ڦري حملو ڪري نه سگهي. هاڻي دشمن جي فوج کي وڌندو ڏسي امام عليھ السلام دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ جڏهن دشمن جو لشڪر بلڪل ويجهو آيو تڏهن حضرت امام حسين عليھ السلام هڪ اٺڻ تي سوار ٿي هٿ ۾ قرآن کي کڻي دشمن فوج کي خطاب ڪيو ته ”انسانو! منهنجي ڳالهه ٻڌو، تڪڙ نه ڪريو، جيڪڏهن منهنجو موقف معقول آهي ته قبول ڪريو ۽ مون سان انصاف ڪريو ته اهو توهان جي خوشنصيبيءَ جو باعث ٿيندو، پر جيڪڏهن منهنجو عذر نٿا مڃيو ۽ مون سان انصاف نٿا ڪريو ته پوءِ توهان ڀلي مون تي حملو ڪريو ۽ اسانکي سنڀالڻ جي مهلت به نه ڏيو. منهنجو اعتماد هر حال ۾ پروردگار عالم تي آهي، جيڪو نيڪوڪارن جو حامي آهي.“
    ابن جرير موافق انهيءَ وقت قيس بن الاشعت چيو ته ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته توهان پاڻ کي جنگ کانسواءِ ئي اسانجي حوالي ڪري ڇڏيو. اسين توهان سان توهان جي خواهش موجب ورتاءُ ڪنداسين. اها ذلت آميز ڳالهه ٻڌي امام صاحب سخت غصي ۾آيو ۽ چيائين ته ”رب پاڪ جو قسم آهي ته آئون اهڙي ذلت سان پاڻ کي دشمن جي حوالي هرگز نه ڪندس.“
    انهيءَ وقت زهير بن القين پنهنجو گهوڙو اڳيان وڌائي وڃي دشمن جي لشڪر سامهون ٿي وڏي واڪي چوڻ لڳو ته ”اي اهل ڪوفه! خدا جي عذاب کان ڊڄو، نبيءَ جي اولاد بابت هتي اسان سمورن ماڻهن کي الله پاڪ امتحان۾ وڌو آهي. اسين توهان کي اهلبيت جي سوڀ لاءِ دعوت ڏيون ٿا ته سرڪش عبيدالله بن زياد جي اوهان به اسان سان گڏ مخالفت ڪريو، ڇو ته هو ظالم ۽ ظالم حاڪم جي حمايت پيو ڪري ۽ اوهان کي اهل بيت جي خلاف استعمال پيو ڪري. اوهان جا حاڪم هن کان پوءِ توهان تي پڻ ظلم ۽ ستم جي بازار گرم ڪندا.“ زهير جون مٿيون ڳالهيون ٻڌي کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا ۽ ابن زياد جي تعريف ڪيائون. چيائون ته خدا جو قسم اسين تيستائين جنگ به بند ڪو نه ڪنداسون. جيستائين حضرت حسين عليھ السلام ۽ سندس ساٿين کي قتل نه ڪريون يا کين امير جي روبرو پيش نه ڪريون.“
    عدي بن حرمله کان روايت آهي ته ابن سعد جڏهن جنگ ڇيڙڻ خاطرلشڪر ۾ چرپر آندي تڏهن حُر بن يزيد کيس چيو ته اي ابن سعد! الله پاڪ توهان کي ساڃاهه ڏي! ڇا توهان امام صاحب سان واقع جنگ ڪندا؟ عمر بن سعد ورندي ڏني ته ها، سچ پچ جنگ، جنهن ۾ ڪنڌ ڪرندا ۽ بازو بدن کاڌار ٿي ويندا. حُر اهو جواب ٻڌي پنهنجي جاءِ تي موتي آيو ۽ سندس ڀر ۾ موجود سندس قبيلي جي سردار کان پڇيائين ته ڇا تو پنهنجي گهوڙي کي پاڻي پياريو آهي ۽ مون پنهنجي گهوڙي کي پاڻي ڪو نه پياريو آهي. تنهنڪري پاڻي پياري ٿو اچانس. اهو چئي پاڻيءَ جي بهاني ڪوفي لشڪر مان نڪري آهستي آهستي اهلبيت جي طرف وڌندو ويو. تڏهن هڪڙي ڪوفيءَ کانئس پڇيو ته تون حسين عليھ السلام تي حملو ڪرڻ لاءِ انهيءَ طرف اڪيلو پيو وڃين. تون بهادر ته بيشڪ آهين، پر هن نموني تنهنجو مخالف طرف وڃڻ مونکي شڪي پيو لڳي. انهيءَ شخص کي حُر بن يزيد سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو ته خدا جو قسم! هتي مونکي جنت ۽ دوزخ ٻنهي مان هڪڙي جي چونڊ ڪرڻي آهي، سومون جنت منتخب ڪئي آهي. پوءِ آئون ڀل ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃان. ائين چوندو پنهنجي گهوڙي کي اڙي هڻندو ترت وڃي امام حسين عليھ السلام جي لشڪر ۾داخل ٿيو ۽ امام صاحب جي اڳيان پيش ٿي چيائين ”اي ابن رسول الله! آئون ئي اهو بدبخت آهيان جنهن توهان کي موٽي وڃي کان روڪيو هو. خدا جو قسم منهنجي وهم و گمان ۾ به ڪو نه هو ته اهل ڪو فه توهان جا ڪي به شرط نه قبوليندا ۽ هيتري حد تي ايندا. آئون پنهنجو ڏوهه قبول ڪندي توهان وٽ توبه تاعب ٿيڻ ۽ توهان جي قدمن ۾ قربان ٿيڻ آيو آهيان. ڇا منهنجي توبه قبول پوندي؟“ امام صاحب وراڻيس ته ها، الله پاڪ تنهنجي توبه قبول ڪري توکي بخش ڪندو. تنهنجو نالو ڇا آهي؟ جواب ڏنائين ته حر بن يزيد. امام صاحب فرمايو ته حر يعني آزاد. جهڙو تنهنجي ماءُ توتي نالو رکيو آهي. انشاء الله تون دنيا توڙي آخرت ۾ حُر ئي آهين. انهيءَ کانپوءِ حُر ڪوفي لشڪر جي سامهون ٿي هڪ جوشيلي تقرير ڪري کين امام حسين عليھ السلام سان جنگ نه ڪرڻ لاءِ آخري جتن ڪيائين، پر هنن اٽلو مٿس تير اڇلائڻ شروع ڪري ڇڏيا ته مجبوراً پاڻ امام صاحب جن ڏانهن موٽي آيو.
    انهيءَ تي ڪوفي لشڪر جي سالار عمر بن سعد ڪمان کڻي حسيني لشڪر ڏانهن تير اڇليندي پنهنجي لشڪر کي چيو ته اوهان شاهد آهيو ته جنگ ۾ سڀني کان پهرين تير مون اڇلايو آهي. اهڙي طرح تير اندازي سان جنگ جي شروعات ٿي. ٿوري دير کان کانپوءِ قديم جنگ، جنهن کي مبازرت چوندا آهن، موجب ٻنهي ڌرين کان هڪ هڪ ماڻهو هڪٻئي سان مقابلي لاءِ نڪرندا ۽ واري واري سان وڙهڻ لڳا. تنهن کان پوءِ ڪوفي لشڪر جي سوارن ساڄي طرف کان حملو ڪيو، پر حسين عليھ السلام جي لشڪر جي جانبازن نيزن جي نوڪن سان سوار حمله آورن کي پسپا ڪري ڇڏيو ۽ تيرن سان گهڻن کي ماري وڌو پوءِ ته ڪوفي سالار عام حملي جو حڪم ڏنو ۽ گهمسان جي لڙائي، لڳي پر ڪجهه دير کان پوءِ ٿڌي ٿي ته حسيني فوج جو بهادر سپاهي مسلم بن عوسجه زمين تي پيل نظر آيو. امام حسين عليھ السلام ڊوڙي ڏانهس ويو ۽ ڏسي ته آخري پساهه اٿس، سرد آهه ڀريندي امام صاحب فرمايو اي مسلم! توتي الله پاڪ جي رحمت هجي! مسلم بن عوسجه هن جنگ ۾ حسيني لشڪر جو پهريون شهيد هو. تنهن کانپوءِ ڪوفي لشڪر کاٻي طرف کان سخت حملو ڪيو، پر حسيني لشڪر ڏاڍي بهادريءَ سان وڙهيو، جيڪو فقط ٽيهن سوارن تي مشتمل هو. اها حالت ڏسي ڪوفي لشڪر پنج سئو ٻيا تير انداز ۽ ٻيا تمام گهڻا سپاهي مدد لاءِ گهرائي ورتا. انهن اچڻ شرط حسيني لشڪر جي سوارن تي تيرن جي برسات شروع ڪري ڏني. ڪجهه دير بعد اهلبيت جا سمورا گهوڙا جڏا ۽ بيڪار ٿي پيا. جنهنڪري سوار پيدل ٿي پيا. انهي دوران حُر بن يزيد پڻ گهوڙي تان لٿو ۽ تيرن سان سخت گهايل هجڻ باوجود دشمن جي لشڪر ۾ چوڌاري تلوار هلائيندو رهيو ۽ نيٺ شهادت جو جام پيتائين. ٻنپهرن تائين خطرناڪ جنگ جاري هئي، پر اڃا ڪا به ڌُر ڪامياب نه ٿي هئي. انهيءَ تي ڪوفي سالار پهرين حسيني خيمن کي اکوڙڻ ۽ پوءِ ساڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ سموري يزيدي لشڪر حملو ڪيو. جنهن سبب حسيني لشڪر جا گهڻا ساٿي شهيد ٿي ويا ۽ اها بيوس ٿي پئي. انهيءَ وقت امام حسين عليھ السلام ڪوفي سالار کان نماز جي مهلت گهري، پر نه ملي ۽ جنگ جاري رهي. جنهن دوران حسيني سالار حبيب بن مظاهر شهيد ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ حضرت حسين عليھ السلام ساٿين سميت صلوات الخوف پڙهي. جنهن کان پوءِ لڙائي اڃا به وڌيڪ سخت ٿي وئي. حسيني بهادر زهير بن القين ميدان ۾ ڪاهي پيو ۽ ڏاڍي بيباڪيءَ سان وِڙَهندو يزيدي لشڪر ماريندي، دشمن جون اڳيون صفون درهم برهم ڪري حضرت حسين عليھ السلام وٽ واپس آيو ۽ هي شعر پڙهائين جنهن جي معنيٰ آهي: ”اي امام اڳتي وڌ، خدا توکي هدايت ڏئي، اڄ تون پنهنجي ناني نبيءَ، علي مرتضيءَ ۽ حسن عليھ السلام سان ۽ بهادر جوان جعفر طيار سان ۽ زنده شهيد اسدالله حمزه رضي سان ملاقات ڪندين.“ اهو شعر پڙهڻ کان پوءِ هو واپس يزيدي لشڪر تي وڃي ڪڙڪيو ۽ ڪيترن ئي ڪوفين کي قتل ڪري پاڻ به شهيد ٿي ويو.
    انهيءَ کان پوءِ ٻه غفاري ڀائر ۽ ٻه جابري ڇوڪرا اهلبيت جي بچاءُ ۾ وڙهندي شهيد ٿيا. اهڙي طرح حسيني ساٿي هڪ هڪ ٿي وڙهندا ۽ شهيد ٿيندا رهيا. خنطله ابن اسعد به انهن مان هڪڙو هو ۽ اهڙي ريت اهليبت جا سمورا ساٿي شهيد ٿي چڪا، هاڻي باقي اهل بيت بچيا جن پڻ هڪٻئي پويان وڙهندي شهادت ماڻي.انهن ۾ شهيد اول امام حسين عليھ السلام جو فرزند علي اڪبر ميدان۾ لٿو ۽ گهڻن ئي يزيدين کي مارڻ کان پوءِ شهادت ماڻيائين. انهيءَ وقت سندس پڦي بي بي زينب رضه خيمي مان آهه و پڪار ڪندي ميدان ڏانهن ڊوڙندي آئي. جنهن کي امام حسين عليھ السلام هٿ کان جهلي واپس خيمي ۾ ڇڏي آيو ۽ پوءِ علي اڪبرجو لاش کڻي اچي خيمي اڳيان رکيائين.
    تنهن کان پوءِ امام صاحب جو ڀائٽيو قاسم بن حسن عه ميدان ۾ لٿو. ته مٿس عمرو بن سعد تلوار ڪشي ڪئي. گهائجڻ سان ڳڀرو دانهن سان پٽ تي ڪري پيو. دانهن ٻڌڻ شرط حضرت حسين عليھ السلام قاتل تي وار ڪيو. جنهن زخمي ٿيڻ کان بچڻ خاطر وڏيون رڙيون ڪيون. جنهن تي سندس ساٿي ڊوڙي آيا پر حوصلا خطا هئڻ سبب ڀُل ۾ بچائڻ بدران اٽلو کيس ماري وڌائون. انهيءَ دوران حضرت حسين سندس ڀائيٽي جي سري وٽ بيٺو هو. ڇوڪري ڇڙيون پئي هنيون ۽ ترت ئي دم ڏنائين ته پاڻ کيس گود ۾ کنيائين، سينو سيني سان مليل هو ۽ لاش جون ٽنگون گِرجي رهيون هيون، تان جو اهو لاش به آڻي علي اڪبر جي لاش جي ڀر ۾ رکيو.حضرت حسين عليھ السلام وري پنهنجي اصل ڀيڻيءَ تي بيهي رهيو. عين انهيءَ وقت خيمي۾ سندس پٽ ڄائو ۽ کيس آڻي ڏنائون. جنهن کي ڪن ۾ ٻانگ ڏيڻ لڳو ته اوچتو انهيءَ معصوم جي گلي ۾ هڪڙو تير اچي لڳو. جنهن ڪري سندس روح بروقت پرواز ڪري ويو. اهڙي طرح بني هاشم ۽ اهلبيت هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيندا رهيا. انهن جا نالا هيٺيان درج ٿيل آهن.
    1. محمد بن ابي سعيد بن عقيل.
    2. عبدالله بن مسلم بن عقيل.
    3. عبدالله بن عقيل.
    4. محمد بن عبدالله بن جعفر.
    5. جعفر بن عقيل.
    6. عبدالرحمان بن عقيل.
    7. عون بن عبدالله بن جعفر.
    8. عبا س علي.
    9. عبدالله بن علي.
    10. عثمان بن علي.
    11. محمد بن علي.
    12. ابو بڪر بن علي.
    13. ابو بڪر بن حسن.
    14. عبدالله بن الحسن.
    15. قاسم بن الحسن.
    16. علي بن حسين.
    17. عبدالله بن حسين.
    هنن سمورن شهيدن کان پوءِ حضرت حسين عليھ السلام پاڻ اڪيلو وڃي بچيو. جنهن تي دشمن هلان ڪئي پئي، پر وار ڪرڻ جي همٿ ڪنهن ۾ نه پئي ٿي. انهيءَ صورتحال کي محسوس ڪندي شمر بن ذي الجوشن ماڻهن کي حملي ڪرڻ لاءِ هشڪارڻ شروع ڪيو. ته انهن امام صاحب کي چوڌاريءَ گهيري ورتو. اهو لقاءُ ڏسي هڪڙو معصوم ٻار حسيني خيمي مان جوش وچان هڪڙي لٺ هٿ ۾کڻي امام صاحب ڏانهن ڊوڙندو رڙيون ڪندو آيو. جنهن تي بيبي زينب کيس ڊوڙي اچي جهليو.امام صاحب کيس چيو ته ڇوڪرو موٽائي وڃو ۽ هيڏانهن اچڻ کان روڪيوس. پر ڇوڪرو ڇڏائي نيٺ حضرت حسين عليھ السلام وٽ پهچي ويو. انهيءَ وقت هڪڙي ڪوفي حمله آور امام صاحب تي تلوار اُلاري ته هن معصوم کيس هڪل ڪري ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. نتيجي طور انهيءَ سفاڪ حمله آور هن معصوم کي ئي تلوار جو نشانو بنايو ۽ اهو شيهد ٿي ويو.
    هاڻي امام حسين عليھ السلام تن تنها دشمن جي گهيري ۾ هئڻ ڪري تلوار هلائڻ لڳو ۽ جنهن طرف رخ هوس انهيءَ طرف جي فوجين کي ڀڄائي ٿي ڇڏيائين. اهڙي طرح ڪيترن ئي يزيدين کي قتل ڪيائين. انهيءَ وقت کيس ڪُڙتو پهريل ۽ عمامه ٻڌل هو. انهيءَ وقت عمر بن سعيد اچي کيس تمام ويجهو ٿيو هو. انهيءَ وقت بي بي زينب رضه به هنن وٽ اچي پهتي هئي. لڙائي ۾ امام صاحب کي اڃ گهڻو تنگ ڪيو ته پاڻ درياء ڏانهن پاڻي پيئڻ خاطر وڃڻ لڳو. پر دشمنن کيس وڃڻ ڪو نه ڏنو، اٽلو هڪڙو تير اچي کيس گلي ۾ لڳو. جيڪو ڇڪي ڪڍي زخم ڏانهن هٿ ڪيائين ته ٻڪ رت سان ڀرجي ويو. پاڻ رت آسمان ڏانهن اڇلائي الله پاڪ جو شڪرادا ڪيو ۽ وڌيڪ چيائين ته ”الاهي آئون شڪوه ٿو ڪريان ته تون پاڻ ڏس ته تنهنجي رسول صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي ڏهٽي سان ڪهڙو ورتاءُ پيو ٿئي.“ پوءِ حضرت حسين عليھ السلام خيمن ڏانهن وڃڻ لڳو ته شمر ۽ سندس ساٿين به سندس پيڇو ڪيو. سندن نيت ۾ رولو ڏسي کين تنبيهه ڪئي ته جيڪڏهن توهان بي دين آهيو ۽ آخرت کان نٿا ڊڄو تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ دنياوي شرافت تي قائم رهو ۽ منهنجي خيمي کي اوباشن ۽ جاهلن کان محفوظ رکو. شمر جواب ڏنو ته ها توهان جو خيمو محفوظ رکنداسين.
    هاڻي ڪافي دير ٿي وئي هئي ۽ حضرت حسين عليھ السلام زخمن سان بلڪل چور هو. انهيءَ وقت شمر لشڪر کي اڪسايو ته جلدي ڪريو، کيس ترت قتل ڪريو جنهن تي زرعه بن شريڪ تميمي امام صاحب جو هٿ زخمي ڪيو ۽ تلوار ڪلهي تي پڻ هنئي. جنهنڪري حضرت امام صاحب ٿڙڻ لڳو ته کيس ويجها ماڻهودهلجي پويان هٽيا،پر سنان بن انس وڌي اچي کيس نيزو هنيو ته امام صاحب زمين تي ڪري پيو. سنان ڪنهن ٻئي شخص کي چيو ته جلدي ڪنڌ ڪپي وٺ، پر ان کي همٿ ڪانه ٿي ته انهيءَ شخص کي پٽيندي سنان خود جوش وچان اچي امام صاحب جو سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ڪيو.
    جعفر بن علي بن محمد کان روايت آهي، ته قتل ڪرڻ کان پوءِ جانچي ڏٺائون ته حضرت امام حسين عليھ السلام جي جسم مبارڪ تي نيزن ۽ تيرن جا 33 زخم ۽ تلوارن جا 34 گهاوَ موجود هئا. امام صاحب جي شهادت کان پوءِ سندس قاتل سنان اصل ڇتو ٿي پيو. جيڪو امام صاحب جي لاش ڏانهن آيو ٿي، تنهن تي حملو ٿي ڪيائين ۽ انهيءَ کانئس ڀڄي جان ٿي ڇڏائي، ڳچ دير کان پوءِ قاتل امام صاحب جي سِري خولي ابن يزيد اصبحي جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ ڊوڙي عمر بن سعد ڏانهن وڃي کيس رڙيون ڪندي چيائين ته مون کي سون ۽ چانديءَ سان اڏي ڇڏيو، ڇو ته مون وڏي بادشاهه کي قتل ڪيو آهي ۽ جنهن جا ماءُ پيءُ سڀني کان افضل آهن. ابن جرير موجب عمر بن سعد کيس پنهنجي خيمي ۾ گهرائي ڪجهه چهبڪ هنيا ۽ جُٺ ڪئي. چيائينس ته ”تون چريو ٿي اهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين، سي جيڪڏهن عبيدالله بن زياد ٻڌي ته توکي مارائي ڇڏي.“
    قتل کان پوءِ ڪوفين امام صاحب جي جسم مبارڪ تي ڪپڙا رهڻ به نه ڏنا، بعد ۾ خيمن ڏانهن جُلهه ڪيائون. جتي علي معروف زين العابدين بستري تي بيمار پيل هو.شمر چيو ته هن کي پڻ ڇو نه قتل ڪيو وڃي، پر ٻين ماڻهن مخالفت ڪئي۽ انهيءَ وچ ۾ عمر بن سعد پُڻ خيمي ۾ آيو، حڪم ڏنائين ته عورتن جي خيمن ۾ ڪير به نه گهڙي ۽ کين نه ڇيڙي، جنهن به ماڻهوءَ خيمي مان جيڪا به شيءِ کنئي آهي. اها واپس ڪئي وڃي.
    زين العابدين عمر جو اهو حڪم ٻڌي کيس دعا ڪئي ته ”اي عمر توکي خدا اجر ڏي، جو تنهنجي زبان اسان کي بچايو،“ ميدان جنگ ۾ واپس اچي ڪوفي لشڪر جي سالار عمر بن سعد امام حسين عليھ السلام جي لاش کي گهوڙن جي سُنبن سان ليٿڙايو،انهيءَ ڪڌي ڪم ۾ ڏهه گهوڙي سوار شامل هئا. انهيءَ جنگ ڪربلا ۾ حضرت حسين عليھ السلام جن جا ڪل 72 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ڪوفي فوج جا 88 ماڻهو مئا.
    ٻئي ڏينهن يعني يارهن محرم الحرام سن 61 هجري عمر بن سعد ڪربلا مان ڪوچ ڪيو ۽ اهلبيت جي خواتين ۽ ٻارن سميت ڪوفي روانو ٿي ويو. قره بن قيس کان روايت آهي ته اهلبيت جي عورتن جڏهن حضرت حسين عليھ السلام ۽ سندن اولاد، عزيزن ۽ ساٿين جا لاش سقيم حالت ۾ ڏٺا ته صبر ختم ٿي وين. آهه وبڪا جو عالم برپا ٿي ويو.
    بي بي زينب رضي الله عنها آهه ۽ فرياد ڪندي پڪاريو ته ”اي محمدﷺتوتي آسماني فرشتن جا درود ۽ سلام آهن. تون ئي ڏس ته حسين عليھ السلام واريءَ ۾ پيو آهي. خاڪ ۽ خون سان آلود آهي. سندس سمورو بدن وڍيو ۽ چچريو پيو آهي. تنهنجون نياڻيون قيد آهن. تنهنجو اولاد قتل ڪيو ويو آهي. هوا انهن لاشن تي مٽي پئي چاڙهي.“ ابن جرير راوي آهي ته بيبين جي انهيءَ آهه و زاري کي ٻڌي حاضرين مڪان مان ڪو به اهڙو شخص ڪو نه هو جيڪو ڪو نه رُنو.
    امام صاحب واري قافلي جي ڪُل ٻاهتر شهيدن جا سر مبارڪ ڪپي، شمر بن ذي الجوشن، ابن ال اشعت عمرو بن الحجاج ۽ عزمره بن قيس، عبيدالله بن زياد ڏانهن کڻائي ويا.
    خلقي فغان کنند که اين داد خواه کيست.


    عربن طرفان اسپين جي فتح

    اسپين، جيڪو يورپ ۾داخلا لاءِ ڏکڻ اولهائون دروازو سڏجي ٿو. تنهن تي قبضو، عربن طرفان هڪ عجيب ۽ عظيم فوجي ڪارروائي هئي. جيڪا نهايت ڊرامائي انداز سان عمل ۾ آئي.
    جهڙي ريت ترڪستان جي فتح ايشيا ۽ مصر ۾ عربن جي فتح جو عروج ليکيو ويو. ساڳي طرح اسپين جي فتح پڻ سندن آفريڪي ۽ يورپي توسيع جوعروج قرار پاتو. سموري قرون وسطيٰ دوران اهڙيءَ ڦڙتائيءَ ۽ تيزيءَ سان مڪمل فتحياب ٿيندڙ فوجي مهم تاريخ ۾ موجود ناهي.
    جولائي سن 710ع ۾ اتر آفريڪا جي گورنر موسيٰ ابن نُصير Musa ibn Nusayr پنهنجي هڪ ماتحت کي هڪ سئو سوارن ۽ چار سئو پيدل دستي جي اڳواڻ طور پهرين جاسوسي مهم تي موڪليو، جيڪو ملڪ جي ڏکڻ اولهه دنگ وٽ هڪڙي قليل جزيري تي اچي لٿو. انهيءَ کي پوءِ جزيره سڏڻ لڳا. موسيٰ ابن نُصير سن 700 کان وٺي اتر آفريڪا جي گورنر جي عهدي تي فائض هو. هن هتي جي بازنطيني حڪمرانن کي هميشه لاءِ هتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ سلطنت جون سرحدون ايٽلانٽڪ سمنڊ تائين وسيع ڪيون. کيس اسلامي سلطنت جي توسيع جو جنون هو.
    طارق جي ڪامياب مهم جوئيءَ کيس يورپ تي فوج ڪشي ۽ توسيع لاءِ هشڪاريو . اسپين جي شاهي خاندان ۾ نفاق ۽ فساد جو موقعو ڏسي پنهجي هڪڙي آزاد ڪيل غلام نالي طارق بن زياد کي 7000 لشڪر جي اڳواڻ طور سن 711ع ۾ اسپين تي چاڙهي موڪليو. جيڪو جزيره الطارق جي اوڀر طرف هڪڙي شاهي ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ اچي لنگر انداز ٿيو. تنهن وقت کان اهو ٽڪر سندس نالي سان يعني جِبل الطارق Gibral Tarq سڏجي ٿو. 7000 لشڪر وٺي، باربيٽ نديءَ جي ڇوڙ وٽ جندا نالي سامونڊي ڍنڍ جي ڪناري تي 19 جولائي 711ع تي طارق راڊرڪ بادشاهه جي فوج سان اچي مقابل ٿيو. راڊرڪ بادشاهه اڳوڻي بادشاهه کي زوريءَ لاهي پاڻ بادشاهه بڻيو هو. تنهن 25000 لشڪر هوندي به هارَ کاڌي. جن جي اڳواڻي بادشاهه راڊرڪ بابت اسپيني توڙي عربي تاريخن ۾ فقط ايترو ڄاڻايل آهي ته هو گم ٿي ويو. ان جو وڌيڪ ڇاٿيو سا ڳالهه اڃا تائين ڳجهه آهي.
    هن فيصلا ڪن عظيم فتح کان پوءِ مسلمانن جي لشڪر لاءِ سموري اسپين ۾ ڪا به خاص مزاحمت باقي نه رهي سواءِ چند شهرن جي. طارق بن زياد لشڪر جي وڏي حصي سان اِسيجا Ecija کان ٿيندو ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ٽوليڊو Toledo ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو ۽ آسپاس جي شهرن ڏانهن به فوجي دستا اماڻيائين. هن علائقي ۾ مضبوط ڪوٽ واري شهر Seville سيول تي ڪو به حملو ڪو نه ڪيو ويو پر Archedona آرڪيدونا ۽ ايلويرا Elvira فتح ڪيا. مغث الرومي جي اڳواڻي۾ Cardova شهر جو گهيرو ڪيو ويو. ٻن مهينن جي سانده محاصري کان پوءِ هڪڙي ڀڳل ديوار جي نشاندهيءَ ڪرڻ سبب اهو شهر به مسلمانن نيٺ فتح ڪيو.جتي ايندڙ وقت ۾ اسلامي رياست جي راڄداني قائم ٿي. ملاگا شهر وارن پڻ اسلامي لشڪر سان ڪو به مقابلو ڪو نه ڪيو ۽ شهر سندن حوالي ڪيو. البت اِسِيجا شهر وٽ گهمسان جي لڙائي لڳي پر مسلمان انهيءَ جنگ ۾ پڻ سوڀارا ٿيا. اسپين جي گاديءَ واري شهر ٽوليڊو ۾ پڻ اسلامي لشڪر ڪامياب ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سن 711ع جي بهار واري مند ۾ هتي حملو شروع ڪندڙ شخص اونهاري جي مُند جي اختتام تي پوري ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ حصي جو حاڪم ٿي ويو ۽ سموري رياست قبضي ۾ ڪري ڇڏي. جون 712ع ۾ طارق بن زياد جي غير متوقع فتوحات کانپوءِ موسيٰ بن نُصير پاڻ خود به 10000 عرب باشندن تي مشتمل لشڪر ساڻ ڪري اسپين تي ڪاهي ويو. رستي ۾ مسلمانن جي قبضي کان رهيل شهر جهڙوڪ ساليڊونيا، ڪارمونا ۽ سيوِلِ کي محاصرن سان فتح ڪيو. انهن شهرن کي تقريباً سال تائين اسلامي لشڪر گهيري ۾ رکڻ بعد سن 713ع ۾ جون جي پڇاڙيءَ ۾ فتح ڪيو. موسيٰ ابن نُصير ترت پوءِ طارق بن زياده سان ٽوليڊوشهر ۾ اچي گڏيو.


    عربن طرفان سنڌ جي فتح

    سنڌ جي فتح بابت لکيل اڪثر تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ ملڪ جي سرحد تي چڙهائي ۽ ان جي شهرن تي عربن طرفان سڀ کان پهرين ڪاهه ٻئي خليفي حضرت عمر رضي جي حڪومت دوران سن 15 هجري يعني 637ع ۾ ٿي هئي. عثمان بن ابي العاص ثقفي گورنر عمان ۽ بحرين کي سنڌ تي حملي جو حڪم ڏنو هو. جنهن پنهنجي ڀائرن مغيره ۽ حاڪم جي اڳواڻيءَ ۾ چار هزار لشڪر غورابن ۾ ديبل شهر تي چاڙهي موڪليو. تنهن وقت سنڌ جو حاڪم چچ بن سيلائج هو ۽ ديبل شهر تي سام بن ديوائج نالي حاڪم مقرر هو. عرب لشڪر پهچڻ شرط جنگ جو طبل وڄايو. جنهن تي شهر جي سردار سپاهه ساڻ ڪري اچي گهمسان جي جنگ جوٽي، نتيجي ۾ عرب لشڪر جي سالار مغيره سميت گهڻي سپاهه قتل ٿيڻ سبب پسپائي واقع ٿي. عراق جي گورنر ابو موسيٰٰ اشعري ان جو مفصل احوال خليفي ڏانهن لکي موڪليو. ان ڪري خليفي هنڌ ۽ سنڌ تي وڌيڪ حملي نه ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو.
    ٽئين خليفي حضرت عثمان رضي جي حڪومت دوران سنڌ تي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ اتي جي صورتحال ڄاڻڻ واسطي حڪيم بن جبلھ کي جاسوسيءَ لاءِ موڪليو ويو.سندس موٽڻ تي کيس خليفي جي اڳيان حاضر ڪيائون. جتي بيان ڏنائين ته سنڌ جو پاڻي ميرو، ميوو کٽو، زمين پٿريلي ۽ مٽي ڪلراٺي آهي. سنڌي بهادر ۽ دوکيباز آهن. ٿورا فوجي ترت تباهه ٿي ويندا ۽ گهڻي فوج اتي بک جو شڪار ٿيندي. خليفي مذڪوره بيان موافق سنڌ تي فوج روڪي ڇڏي. پر چوٿين خليفي حضرت علي رضي شاغر بن ذعر جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي لشڪر کي سنڌ جي سرحد تي چاڙهي موڪليو، جنهن 42 هجريءَ ۾ ڪيڪانان پهچي جنگ جو اعلان ڪيو. ان تي ڪوهه پايه ۽ ڪيڪانان جا ماڻهو گڏ ٿي اچي حملا آورن سان سامهون ٿيا، جنگ اڃا جاري هئي ته عرب فوج کي خليفي جي شهادت جي خبر پهتي. تنهنڪري اها واپس مڪران موٽي آئي. جتي کيس معاويه جي خليفي ٿيڻ جو پتو پيو. معاويه عبدالله بن سوار کي چار هزار سُوارن وارو وڏو لشڪر ڏيئي ڪيڪانان تي چاڙهي موڪليو، جتي جنگ ۾ سالار سميت گهڻو اسلامي لشڪر مارجي ويو. باقي بچيل سپاهي مڪران موٽي آيا. تنهن کان پوءِ سنڌ جي سرحد يعني مڪران تي سنان بن سلمھ حاڪم مقرر ٿيو. جنهن کي ٻن سالن کان پوءِ لاهي خليفي راشد بن عمرو کي مقرر ڪيو. راشد پڪي تياري ڪري وڏو لشڪر وٺي اچي سنڌ جي ڪيڪانان شهر تي ڪڙڪيو ۽ خطرناڪ لڙائي ڪندي نيٺ گهڻي لشڪر سميت مارجي ويو ۽ باقي اسلامي فوج مڪران موٽي، تنهن کان پوءِ مڪران تي وري به سِنان بن سَلَمھ کي ٻيو ڀيرو حاڪم مقرر ڪيائون. هو پڻ زبردست لشڪر ساڻ ڪاهي آيو پر ٻڌيھ ۾ جنگ دوران مارجي ويو. تنهن بعد مڪران تي منذر بن جارود حاڪم مقرر ٿيو. هو جڏهن سنڌ جي حد ۾ لشڪر ساڻ پورالي نديءَ وٽ پهتو ته بيمار ٿي پيو. مڪران ۾ موجود سندس پٽ حڪم کي بيماريءَ جو اطلاع ڪيائين، پر پاڻ ترت ئي وفات ڪيائين. ان ڪري سندس جاءِ تي سندس پٽ حڪم بن منذر کي سنڌ جي سرحدي علائقي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.
    اسلامي رياست جو خليفو ٿيڻ سان عبدالملڪ بن مروان عراق، سنڌ ۽هنڌ وارن سرحدي علائقن جو حاڪم حجاج بن يوسف کي ڪيو. حجاج بن يوسف سعيد بن اسلم ڪلابيءَ کي مڪران جو حاڪم مقرر ڪيو. باهمي اختلاف سبب سعيد بن اسلم، سفهوئي بن لام جنگي سردار کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انتقام طور سعيد، بن اسلم کي ماري علافي جنگي سردار مڪران تي قابض ٿي ويٺا. علافين کي سيکت ڏيڻ لاءِ حجاج، مجاعھ بن سعر کي مڪران جو حڪمران مقرر ڪري موڪليو.سندس پهچڻ کان اڳئي علافي وڃي سنڌ جي راجا ڏاهر وٽ رهيا، مجاعھ هڪ سال مڪران ۾ رهي وفات ڪئي.
    جڏهن سن ڇهاسي هجريءَ ۾ وليد بن عبدالملڪ خليفو ٿيو، تڏهن سنڌ جي سرحد وارو علائقو محمد بن هارون کي ڏنائون. جنهن پنجن سالن دوران سنڌ جي ڪجهه بيابان تي قبضو ڪيو. ان دوران سريلنڪا جي راجا غُورابن وسيلي خليفي وليد ۽ حجاج بن يوسف لاءِ قيمتي سوکڙين سان گڏ ٻانها ۽ ٻانهيون به موڪليون. انهن ٻيڙن ۾ ڪجهه مسلمان عورتون به هيون، جيڪي ڪعبت الله شريف جي زيارت لاءِ پئي ويون. سفر دوران طوفان سبب توائي ٿي اهي ٻيڙا اچي ديبل بندر ڀيڙا ٿيا ته اهي نڪامره ذات وارن درياهيءَ داڙيلن جي ور چڙهيا جن سمورو سامان ڦريو ۽ سڀ ماڻهو قيدي بنايا. البت انهن مان ڪجهه ماڻهو اتان ڀڄي نڪتا تن اچي حجاج کي اها سربستي خبر سُڻائي.
    مذڪوره احوال موجب حجاج سنڌ جي راجا ڏاهر کي قاصد هٿان خط لکي کيس تنبيهه ڪندي مذڪور ماڻهن ۽ سوکڙين جي گهُر ڪئي. راجا ڏاهر جواب ڏنو ته مذڪور بدمعاش ماڻهو منهنجي حڪم ۾ ناهن. هن جواب موجب حجاج خليفي وليد کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي اجازت گهُري، پر اول کيس موڪل ڪانه ملي ۽ جڏهن ٻيو ڀيرو به ساڳي گذارش ٿي ته پوءِ کيس اجازت ملي. اهڙي ريت حجاج بن يوسف بُديل بن طِهفھ کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو. جيڪو سندس حڪم موجب مڪران مان محمد بن هارون کان ٽي هزار لشڪر وٺي مڪران تي نيئن مقرر ٿيل جنگي سردار عبيدالله بن نبهان کي پاڻ ساڻ ڪري عربي سمنڊ ٽپي اچي ديبل بندر وٽ پڌرايو. ديبل واسين هن صورتحال کان راجا ڏاهر کي قاصد معرفت واقف ڪيو. تنهن تي راجا پنهنجي پٽ جَيسِينِ کي هاٿين ۽ اُٺن تي مشتمل وڏو لشڪر ڏئي ديبل ڏانهن موڪليو. جنهن رسڻ شرط بُديل سان اچي جنگ جوٽي ۽ بُديل سميت گهڻن مسلمان سپاهين کي قتل ڪري ماري ڀڄايو، پوءِ هڪڙي ٺڪر کي ديبل جو حاڪم مقرر ڪري جَيسِينِ واپس نيرون ويو.
    بدلي جي خوف کان انهيءَ وقت نيرون جي حاڪم سُندر شمني راجا ڏاهر کان لِڪ چوريءَ ۾ حجاج بن يوسف ڏانهن پنهنجو خاص ايلچي موڪلي، ڍل جي عيوض امان گهري، جيڪا حجاج کيس لکت ۾ ڏياري موڪلي، بُديل جي قتل ٿيڻ کان پوءِ حجاج محمد بن قاسم ثقفي کي سالار مقرر ڪري کيس ڇهن هزارن کان وڌيڪ بهترين شامي جنگي جوانن جو لشڪر ڏيئي شيراز جي رستي کان سنڌ تي چاڙهي موڪليو. ٻئي طرف قلعي جي جنگين لاءِ ضروري سامان ابن مغيره ۽ جزيم جي اڳواڻي ۾ غورابن وسيلي ديبل روانو ڪيو ويو. محمد بن قاسم لشڪر سميت مڪران پهچي مڪران جي اڳوڻي حاڪم محمد بن هارون سان ملاقات ڪئي. بيمار هئڻ جي باوجود محمد بن هارون محمد بن قاسم سان هن مهم ۾ شامل ٿيو ۽ ارما بيل پهچڻ سان وفات ڪيائين، جتي کيس دفن ڪيائون. اسلامي لشڪر ڪاهيندو جڏهن محرم سن 93 هجريءَ ۾ ديبل ۾ پهتو ته ابن مغيره ۽ خزيم جي سنڀال هيٺ جنگي سامان سان ڀريل غوراب به اچي کين رسيا. تڏهن هن لشڪر جي اڳيان کاهي کوٽائي جهنڊا کوڙائي لشڪر جي پهچڻ جا نغارا وڄارايا. لشڪر کي منظم ڪري قلعي کي ٽوڙڻ لاءِ خصوصاً عربن جون ٺاهيل مشينون ”منجنيق“ قلعي جي سامهون اُڀيون ڪيائون. عربي لشڪر ڏسي ديبل جي قلعي وارا به جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. اهڙي ريت هڪ هفتو گذري ويو پر حجاج وٽان حملي ڪرڻ جو حڪم ڪو نه مليو. تنهنڪري اسلامي لشڪر اجازت جو انتظار ڪندو رهيو. نيٺ اٺين ڏينهن خط ذريعي حجاج کان اجازت ملڻ تي محمد بن قاسم لشڪر کي صف آرا ڪري ديبل تي حملو ڪيو ته ديبل جا محافظ ڀڄي وڃي قلعي ۾ لڪا، پر هڪڙي برهمڻ ٻاهر اچي عربن کي تسلي ڏني ته اسان جي علم موجب فتح اوهان جي ٿيندي. پر قلعي اندر موجود بُت خاني جي گنبند کي ڪيرائڻ کانسواءِ اها حاصل ڪا نه ٿيندي. انهيءَ جي صلاح موجب منجنيق وسيلي جهنڊن سميت اهو گنبذ ڀڳو ويو ۽ اسلامي لشڪر منظم حملو ڪري قلعو فتح ڪيو ۽ ديبلي لشڪر جو ٽن ڏينهن تائين ڪوس جاري رکيو. قلعي جي فتح واري رات ديبل جوحاڪم جاهين بن برسايد روات قلعي جي ڀت ٽپي فرار ٿي ويو ۽ راجا ڏاهر کي ديبل تي اسلامي لشڪر جي قبضي جو اطلاع ڏياري موڪليائين. بعد ۾ مندر ۾ موجود ست سئو ٻانهين کي قيد ڪيو ويو ۽ سري لنڪا جي ٻيڙن وارا قيدي ۽ اڳوڻن اسلامي لشڪرن جا قيدي آزاد ڪرايا ويا. ديبلي قيدين ۾ ديبل جي حاڪم جون ٻه ڌيئر به هيون، جيڪي ديبل مان هٿ آيل مال غنيمت جي مقرر حصي ۾ مذڪور ست سو ٻانهين سان گڏ حجاج کي ڏياري موڪليون ويون. محمد بن قاسم حميد بن وداع النجري کي ديبل جو حاڪم مقرر ڪيو. ياد رهي ته محمد بن قاسم کي سنڌ تي چاڙهي موڪلڻ شرط حجاج بن يوسف تقريباً روزانه خط لکندي سندس رهنمائي ۽همت افزائي ڪندو هو ۽ محمد بن قاسم طرفان موڪليل خط ۾ بيان ڪيل صورتحال ۽ مسئلن بابت ڏس ۽ هدايتون ڏيندو رهندو هو. ۽ محمد بن قاسم هر ڪو ڪم سندس هدايتن جي روشنيءَ ۾ سرانجام ڏيندو هو. منجنيقون ۽ ڪافي جنگي سامان ٻيڙن وسيلي نيرون ڪوٽ روانو ڪري پاڻ سيسم جي رستي اوڏانهن ڪوچ ڪيو ته رستي ۾ کيس حجاج جو خط مليو. جنهن ۾ پڻ ڪئين هدايتون لکيل هيون. هو ستين ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ جي ڀر سان هڪ ميدان تي پرگهٽ ٿيو. هتي پاڻي ۽ گاهه پٺي جي تنگي هئي. نيرون جي حاڪم شمني جي غير حاضري دوران ڪوٽ وارن دروازا بند ڪري ڇڏيا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شُمني اچڻ شرط اسلامي لشڪر جي خاطرداري ۾ جُنبي ويو. قلعي جا دروازا کولياويا. اهڙي طرح اسلامي فوج کي ضرورت جي هر شي ملڻ لڳي. شُمني حجاج جي پرواني سان پيش ٿي اسلامي رياست سان وفاداري ۽ ان جي اطاعت قبول ڪئي. محمد بن قاسم اهڙو اطلاع حجاج کي موڪليو ۽قلعي جي مندر واري هنڌ هڪڙي مسجد جوڙائي ٻانگ ۽ نماز لاءِ هڪڙو امام مقرر ڪيو ۽ قلعي تي هڪ گورنر نامزد ڪيائين. ڪجهه ڏينهن هتي ترسڻ بعد سيوستان ۽ آسپاس تي قبضو ڪرڻ واسطي شُمني ساڻ ڪري اوڏانهن اسهيو ۽ چند ڏينهن ۾ موج نالي ماڳ تي اچي سهڙيو. اتي جو چڱو مڙس هڪڙو ٻُڌ شمني ۽ قلعي جو حاڪم راجا ڏاهر جو سوٽ بجهراء بن چندر هو. عرب لشڪر ڏسي هتي جا ماڻهو جنگ لاءِ نڪري آيا. اهڙي طرح جنگ شروع ٿي ۽ هفتي کن ۾ اسلامي لشڪر قلعي وارن تي غالب ٿي ويو ۽ بجهراءِ ڀڄي جان ڇڏائي اچي سيسم نالي قلعي ۾ پناهه ورتي. جنهن جو حاڪم ڪاڪو پٽ ڪوتل هو. بجهراءِ جي ڀڄڻ سان جنگ ختم ٿي ۽ عربن قلعي تي قبضو ڪري سمورو خزانو هٿ ڪيو ۽ اتي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا ۽ فتح جو احوال حجاج کي موڪليو ويو. هتان واندو ٿي محمد بن قاسم سيسم جي قلعي تي ڪاهه ڪارڻ بندهاني نالي ماڳ وٽ اچي منزل انداز ٿيو. اها ڳالهه ٻڌي ڪاڪو بن ڪوتل شمني چند خاص ماڻهن سان بناتھ بن حنظلھ جي معرفت محمد بن قاسم وٽ اچي پيش پيو ۽ اطاعت قبول ڪيائين. محمد بن قاسم کيس عزت ڏئي خلعت پهرائي. ان جي عيوض ڪاڪي ڪيترن ئي عرب مخالف سردارن کي عربي فوج هٿان مارائي جام مال غنيمت آڻي محمد بن قاسم جي اڳيان رکيو. ان کان پوءِ محمد بن قاسم اچي سيسم جي قلعي تي حملو ڪيو ۽ ٻن ڏينهن ۾ ئي قلعي تي قبضو ڪري فتح حاصل ڪئي. بجهراءِ ۽ سيسم جو حاڪم پنهنجن ساٿين سميت ڀڄي ويا. تڏهن سيسم جي قلعي ۽ آسپاس جي نگرانيءَ لاءِ عبدالملڪ بن القيس ۽ حميد بن وداع النجديءَ کي مقرر ڪيو ويو. ان وقت محمد بن قاسم کي حجاج خط وسيلي نيرون موٽي وڃڻ ۽ ڏاهر سان سامهون ٿيڻ جو حڪم ڏنو. نيرون پهچي محمد بن قاسم حجاج کي خط وسيلي صورتحال کان واقف ڪيو. حجاج جواب ۾ قومي غدار هٿ ڪرڻ جي ترغيب ڏنس ۽ راجا ڏاهر ڏانهن اطاعت قبول ڪرڻ يا جنگ ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ جي ڌمڪي ڏياري موڪلڻ جي صلاح ڏني. ان تي مڪمل عمل ڪندي گهڻن ئي موقعي پرست ماڻهن کي امان ڏئي وڏن انعامن سان نوازيائين ۽ پوءِ اشبهار جي قلعي تي حملو ڪيائين. قلعي وارن هفتو کن خوب جنگ ڪئي، پر نيٺ اچي امان گهريائون ۽ اطاعت ڪيائون. محمد بن قاسم قلعي تي قبضو ڄمائڻ کان پوءِ اروڙ جي حد ۾ مهراڻ جي ڪناري اچي منزل انداز ٿيو، اهو علائقو راجا ڏاهر مقامي سردار موڪي پٽ وسائي کي جاگير طور ڏنو هو. موڪي موقعي پرستيءَ موجب عرب سالار سان ڳجهو ٺاهه ڪري غداريءَ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسلامي فوج جي هر طرح مدد ڪئي. تنهن کان پوءِ محمد بن قاسم راجا ڏاهر ڏانهن قاصد وسيلي جنگ ڪرڻ جو پيغام موڪلي درياء ٽپڻ بابت راءِ ورتي، راجا ڏاهر اسلامي لشڪر کي درياء ٽپي اچڻ ۾ آزاد ڇڏيو، ايتري ۾ حجاج بن يوسف جو خط به محمد بن قاسم کي اچي مليو. جنهن ۾ درياء اُڪرڻ بابت هدايتون لکيل هيون. جن موجب ٻيڙين جي پُل وسيلي اسلامي لشڪر سنڌو ندي پار ڪئي. لشڪر جي سامهون ٻيٽ واري قلعي ۾ راجا ڏاهر لشڪر سميت موجود هو. هن اول پنهنجي پٽ جيسينھ کي عرب لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. جيڪو گهڻو لشڪر مارائي پسپا ٿي موٽي آيو. ان دوران موڪي جو ڀاءُ راسل به راجا ڏاهر کان ڦري اسلامي لشڪر سان اچي مليو. محمد بن قاسم اڳتي اچي جَيوَرَ ۾ منزل انداز ٿيو ۽ ٽن ڏينهن اندر جنگ چالو ٿي وئي. ڏهين رمضان 93 هجري تي راجا ڏاهر مارجي ويو ۽ اسلامي لشڪر فتح حاصل ڪئي. عربن گهڻو ئي مال غنيمت هٿ ڪيو. محمد بن قاسم ڏاهر ۽ ٻين سنڌي اميرن جا سر عراق اماڻيا. راجا ڏاهر جو پٽ جيسينھ لشڪر سميت اروڙ جي قلعي ۾ ويٺل هو، سو برهمڻ آباد واري قلعي ڏانهن روانو ٿي ويو. پويان محمد بن قاسم اچي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ڇهه هزار مقامي سپاهين کي قتل ڪيو ويو.باقي عورتن ۽ ٻارن کي قيد ڪيو، مال غنيمت پڻ وڏي مقدار ۾ هٿ لڳو. تنهن بعد محمد بن قاسم بهرور دهليلھ قلعا فتح ڪري ٻين علائقن جي حاڪمن کي اسلامي لشڪر جي اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليا. تنهن تي ڏاهر جي وزير سياڪر اچي پيش پئي امان گهري. جنهن کي وڏي آجيان ڪري محمد بن قاسم پنهنجو وزير بنايو. ان کان پوءِ محمد بن قاسم برهمڻ آباد جو قلعو فتح ڪرڻ لاءِ اچي اتي منزل ڪئي.
    برهمڻ آباد وارن اسلامي فوج جو سانده ڇهه ميهنا مقابلو ڪيو، پر جيسينھ جو اتان نڪري وڃڻ سبب نيٺ آڻ مڃيائون. محمد بن قاسم قلعي تي قبضو ڪري سورهن هزار سنڌي لشڪر کي گرفتار ڪرائي قتل ڪرايو ۽ فقط بي هٿيار ماڻهن کي جيئندان ڏنو. سمورن ماڻهن تي جزيه يا ڍل مقرر ڪئي. ڪيترائي ماڻهو قيدي بنايا ويا. مال غنيمت به گهڻي مقدا ر ۾ هٿ لڳو. قيدي عورتن ۾ راجا ڏاهر جي زال ۽ راڻي لاڏي ۽ ٻه ڌيئر به هيون واپارين، ڪاريگرن ۽ برهمڻ کي معافي ڏني وئي. حجاج کان اجازت وٺي مڪاني ماڻهن کي پنهنجي مذهب موجب عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. برهمڻن يعني هندو مُلن کي وڏا انعام ڏيئي اسلامي حڪومت جي پرچار جي ڪم تي لڳايو ويو.برهمڻ آباد شهر جي انتظام لاءِ وداع بن حميد البحري کي مقرر ڪيو ويو. مالي معاملن لاءِ شهرجي چئن واپارين کي مقرر ڪيو ويو. رائوڙ جو قلعو نوبھ بن دارس جي حوالي ٿيو. ڪڇ سان لڳندڙ علائقي ڪيرج تي هُذيل بن سليمان الاردي مقرر ٿيو. حنظلھ، دهليلھ جو حاڪم مقرر ٿيو. سيوستان تي هزار سپاهه جي اڳواڻي ڪندي قيس بن عبدالملڪ ۽ خالد انصاريءَ کي مقررڪيو ويو. ديبل ۽ نيرون ڪوٽ تي مسعود تميمي ۽ ابن شيبھ جُديدي کي حاڪم مقرر ڪيو ويو. صابر يشڪري، فراس عَتڪي الق قاء بن عبدالرحمان، عبدالملڪ الخزاعي ۽ مُهنيٰ بن عڪھ کي سندن ٻانهن ٻيلي بنايو ويو. آزاد ڪيل هڪ غلام کي اشبهار جو حاڪم بنايو ويو ۽
    اهڙي ريت سمورن فتح ڪيل شهرن ۽ علائقن جو مذڪور طور بندوبست ڪرڻ کانپوءِ برهمڻ آباد مان ڪوچ ڪري محمد بن قاسم هڪڙي پرسڪون ماڳ ”منهل“ تي اچي منزل ڪئي، جيڪو وِڪر بهار ڍنڍ جي ڪناري واقع هو. انهيءَ علائقي جي سموري رعيت سندس تابعداري قبول ڪئي. بواد شني ۽ ٻڌيڻي ڍول کي سندن چڱ مڙسي ڏنائين. پوءِ محمد بن قاسم اروڙ ڏانهن وڌندي وڃي بهراور ۾ قيام ڪيو، جتي سليمان بن بنهان جي اڳواڻي ۾ ابو فضھ القشيري ۽ جنيد بن عمرو کي بهراور جي علائقي تي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پاڻ سمن جي راڄ تي چڙهي آيو ته انهن دهلن ۽ شرنائين سان سندس آجيان ڪئي ۽ تابعداري قبول ڪئي. خُريم بن عمرو کي سندن حاڪم مقرر ڪري محمد بن قاسم اڳتي وڌي سهتن تي چڙهائي ڪئي. انهن پير ۽ مٿا اُگهاڙا ڪري اچي حاضر ٿي امان گهري. کين امان ڏيئي مٿن پنهنجو ڪارندو مقرر ڪري اڳتي ڪاهيندو اروڙ شهر جي ويجهو رَسِي منزل انداز ٿيو. اروڙ سنڌ جي گادي وارو وڏو شهر هو ان وقت شهر جو حاڪم راجا ڏاهر جو پٽ گوپي هو. تنهن جي خيال ۾ بابو اڃا حيات آهي ۽ هندستان جي راجائن کان مدد وٺڻ ويو آهي ۽ اهو ضرور مدد وٺي اچي عربن کي سنڌ مان هڪالي ڪڍندو، تنهنڪري عربن سان سانده مهينو کن جنگ ۾ مصروف رهيو، پر جڏهن راجا ڏاهر جي قتل ٿي وڃڻ جي پڪ ٿيس ۽ رعيت جي پريشانيءَ جو پتو پيس، تڏهن مايوس ٿي رات وچ ۾ پنهنجي خاندان ۽ وفادار ماڻهن سميت قلعو ڇڏي چترور روانو ٿي ويو. انهيءَ حقيقت موافق عربي لشڪر سڌو قلعي تي حملو ڪيو. تڏهن شهر جي مکيه ماڻهن، واپارين، ڪاريگرن ۽ ٻين اسلامي لشڪر جي اڳواڻ محمد بن قاسم کي سندس تابعداري قبول ڪندي امان ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ جنگ بند ڪري قلعي جا دروازا کولي، اهو سندس حوالي ڪرڻ لاءِ ۽ سندس استقبال لاءِ تيار ٿي بيٺا. محمدبن قاسم جي قلعي ۾داخل ٿيڻ سان سمورن شهرين، محمد بن قاسم جي تابعداري قبول ڪرڻ جي علامت طور قلعي اندر موجود نو بهار مندر ۾ رکيل بت کي سجدو ڪيو. دروازا کولائي محمد بن قاسم مندر ۾ اندر لنگهي ويو ته گهوڙي سوار سنگمرمر جو مجسمو ڏٺائين، جنهن کي سونا ڪنگڻ پيل هئا.
    شهر تي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ بعد رواح بن اسد کي اروڙ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. موسيٰ بن يعقوب ثقفيءَ کي شهر جو امام ۽ مفتي مقرر ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ منزل کڻي ڪاهيندو محمد بن قاسم اچي بياس نديءَ جي ويجهو ڀاٽيھ نالي قلعي ڀيڙو ٿيو. جيڪو راجا ڏاهر جي سئوٽ ڪَڪِسو جي ملڪيت هو. عرب لشڪر پهچڻ شرط ڪَڪِسو محمد بن قاسم جي خدمت ۾ ڍل سميت تمام گهڻيون بيش بها سوکڙيون موڪلي صلح جي درخواست ڪئي. محمد بن قاسم ان ورتاءُ تي ڏاڍو خوش ٿيو. پاڻ وٽ گهرائي کيس تمام گهڻي عزت ڏنائين. ايتري قدر جو ڪَڪِسوء کي پنهنجو مشير پڻ بنايائين. ڀاٽيھ جو انتظام مڪمل ڪرڻ بعد محمد بن قاسم اسڪلنده جي قلعي تي ڪاهي ويو ۽ ستن ڏينهن جي خوني جنگ کانپوءِ انهن تي غالب ٿيو. جنهن سبب قلعي جو والي سهيرا ڀڄي وڃي راوي نديءَ جي ڪناري تي واقع سڪھ نالي قلعي ۾ پناهگزين ٿيو. والي وڃڻ ڪري قلعي جي ماڻهن اسلامي لشڪر کان پيغام وسيلي امان جي گذارش ڪئي. انهيءَ تي محمد بن قاسم بي پرواهه ٿي قلعي ۾ داخل ٿي چار هزار هٿيار بندن کي قتل ڪرائي باقي بچيل رعيت کي غلام بنايو. قلعي جو ڪاروبار عُتبھ بن سلمھ تميمي جي حوالي ڪري پاڻ سڪھ واري قلعي تي ڪاهي ويو. جتي سترهن ڏينهن جي ڇتي ويڙهه پڄاڻان قلعي جي حاڪم بجهراءِ سندس ساٿين کي ڀڄائي ڪڍيائين ۽ قلعي سميت سموري شهر کي ناس ڪري راوي ندي ٽپي اچي ملتان تي ڪڙڪيو. ملتان جي حاڪم ڪندا ۽ بجهراءَ اسلامي لشڪر سان ٻن مهينن تائين لڳاتار جنگ ڪئي، پر ڪن غدار ماڻهن جي ڏس تي عرب لشڪر قلعي کي کاٽ هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ٻن ٽن ڏينهن جي گهمسان جي لڙائي کان پوءِ قلعو فتح ڪيو. ڇهه هزار ملتاني لشڪر کي قتل ڪيو ويو. واپارين ۽ ڪاريگرن کانسواءِ سمورن ماڻهن کي غلام بنايو ويو.
    هڪڙي برهمڻ جي نشاندهي تي شهر جي هڪ آڳاٽي حاڪم نالي جوڀن طرفان جوڙايل مندر ۾ دفن ٿيل سندس خزانو هٿ ڪيو. ان مندر ۾ رکيل مورتي سون جي ٺهيل هئي. جنهن جي اکين ۾ ڳاڙها ياقوت لڳل هئا. ان مندر مان چاليهه مٽ ڪاترسون ۽ ٻه سئو ٽيهه مڻ خالص سون جا هٿ آيا. ملتان شهر جي مال غنيمت جي مليل مال ۾ پڻ جواهر ۽ موتين جو وڏو مقدار قبضي ۾ آندو ويو.
    حجاج بن يوسف طرفان محمد بن قاسم کي لکيل هڪڙي خط موجب سنڌ تي حملي ۾ عربن جو ڪُل خرچ سٺ هزار درهم تور خالص چانديءَ جي برابر هو. حجاج بن يوسف طرفان خليفي وليد سان ڪيل انجام موجب مذڪور خرچ جي ٻيڻ يعني هڪ لک ويهه هزار درهم تور خالص چاندي جي برابر مال پيارڻو هو. شهر ۽ آسپاس تي مڪمل قبضي کان پوءِ محمد بن قاسم انتظام خاطر دائود بن نصر عماني کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو. خُريم بن عبدالملڪ تميميءَ کي برهم پور يعني سوپور وارو قلعو حوالي ڪيو ويو. ملتان جي آسپاس وارو علائقو عڪرمھ بن ريحان شاميءَ جي انتظام هيٺ رکيو ويو. اشهار ۽ ڪرور وارو قلعو خُزيمه بن عتبھ مدنيءَ جي حوالي ڪيو ويو. مرڪزي حڪومت جي حصي وارو مال خزانو ٻيڙين رستي ديبل روانو ڪيو ويو.جتان درالخلافت موڪليو ويو. هٿيارن ۽ ٻين جنگي اسباب سان مڪمل طرح سان مسلح اڌ لک چونڊ سوار لشڪر کي تيار رکندي محمد بن قاسم قنوج جي راجا هر چندر بن جهتل ڏانهن ابو حڪيم شيباني جي سالاري هيٺ ڏهن هزارن سوارن تي مشتمل لشڪر اسلامي حڪومت جي تابعداري قبول ڪرائڻ ۽ کانئس ڍل وصول ڪرڻ يا جنگ ڪرڻ لاءِ چاڙهي موڪليو. لشڪر جي اوڌاپور پهچڻ تي ابو حڪيم زيد بن عمرو ڪلابيءَ کي مذڪور پيغام پهچائڻ واسطي راجا هرچندر ڏانهن موڪليو. راجا قاصد کان پيغام ٻڌي سخت ناراض ٿي چيو ته هي ملڪ هزارين سالن کان اسان جو پنهنجو آهي. جيڪو توهان جي ڌمڪيءَ سان اوهان جي حوالي ڪو نه ڪبو. پنهنجي سالار کي چئو ته جنگ کانسواءِ ان جو فيصلو ڪو نه ٿيندو. قاصد مٿيون احوال سربستو ڪري اچي عربن کي ٻڌايو، جنهن تي محمد بن قاسم پنهنجي لشڪر کي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ جنگي سردارن ۽ مقامي غدارن کي گهربل مدد فراهم ڪرڻ واسطي ڪٺي ڪيائين. انهن راجا هرچندر خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو ۽ حتي المقدور ڪوشش ڪرڻ لڳا.
    اوڌاپور ۾ اسلامي لشڪر جنگ جي تياريءَ ۾ئي مشغول هو ته محمد بن قاسم کي دارالخلافت کان آيل پيغام پهتو ته هو جتي به هجي ته هن کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته هو پاڻ کي ڪچي کل ۾ بند ڪرائي جهٽ پٽ راڄڌاني رسي. سانده ٽن سالن تائين سنڌ ۾ فتوحات حاصل ڪندي ۽ حڪومت هلائيندي مرڪزي اسلامي حڪومت کان سوين ڪوهه ڏور دارالخلافت جي سياست کان بي خبر، پنهنجي فتوحات تي نازان ۽ حاڪمن کان سٺي ورتاءُ لاءِ پراميد، پر حجاج جي پاليسيءَ جو شڪار ٿي، نئين خليفي سليمان بن عبدالملڪ جي حڪم موجب معزول ٿي، سندس جاءِ تي سنڌ جي نئين مقرر ٿيل گورنر يزيد بن ابي ڪبشھ سَڪسَڪي وٽ جماد الثاني سن 96هه ۾ اچي حاضر ٿيو. جنهن کيس کل پهرائي هٿ ڪڙيون هڻائي عراق جي نئين گورنر يزيد بن مهلب جي ڀاءُ معاويھ بن مهلب جي نگرانيءَ ۾ روانو ڪيو. تنهن کيس آڻي شهر واسط ۾ قائم ڪيل تشدد گاهه جي انچارج صالح بن عبدالرحمان جي حوالي ڪيو. اُتي کيس بيحد بڇڙين عقوبتن وسيلي سن 715ع ۾ مارچ مهيني جي شروع ۾ ماريو ويو، پر سنڌ تي عربن جي حڪومت سانده ٽي سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهي. ان دور ۾ هندو ڌرم جي گهٽ ذات واري نهايت مظلوم ۽ مجبور طبقي جي گهڻن ماڻهن اسلام اختيار ڪيو.


    صليبي جنگيون

    ڪيترين صدين کان وٺي اولهه توڙي اوڀر يورپ جا عيسائي پنهنجي مقدس جاين جي زيارت لاءِ فلسطين جي قديم شهر يروشلم ۾ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ايندا رهندا هئا، پر جڏهن سلجوقي تُرڪَن سن 1070ع ۾ فلسطين فتح ڪري عيسائي مقدس ماڳن ۽ مڪانن تي قبضو ڪري ورتو ته انهن ڪرستانن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کين فلسطين اچڻ کان روڪي ڇڏيائون.
    يروشلم ۽ فلسطين ۾ عيسائين سان ٿيندڙ انهيءَ ناروا سلوڪ واريون خبرون جڏهن يورپ ۾ پهتيون ته اتي سلجوقي تُرڪن جي اهڙي رويي خلاف غم ۽ غصي جي لهر پکڙجي ويئي. نتيجتاً انهي رويي خلاف ۽ فلسطين کي ٻيهر فتح ڪرڻ خاطر تُرڪن ۽ ٻين مسلم رياستن خلاف يورپي ڪرستانن طرفان ٿيندڙ ڪيترين ئي جنگين جو سلسلو چالو ٿي ويو. انهن جنگين کي صليبي جنگيون سڏجي ٿو. هنن جنگين جو سلسلو تقريباً ٻه سئو سالن تائين برقرار رهيو. جيڪو نيٺ سلطان صلاح الدين ۽ انگلينڊ جي بادشاهه رچرڊ جي وچ ۾ هڪ معاهدي موجب ختم ٿيو.
    سلجوقي تُرڪن فلسطين جي قبضي ڪرڻ تي اڪتفا نه ڪئي. ۽ پوءِ به بازنطيني شهنشاهه سان مهاڏو اٽڪايو ۽ کيس ڌمڪائيندا رهيا. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر بانطيني شهنشاهه، روم واري پوپ گريگريءَ ستين کان فوجي مدد طلب ڪئي. انهيءَ وقت ۾ پوپ خود پنهنجي ڪليسا جي سڌارن جي مسئلن ۾ ڦاٿل هجڻ سبب بازنطيني شهنشاهه کي گهربل مدد ڏيڻ کان لاچار هو. گريگري هفتم جي وفات بعد پوپ جي مسند تي فائز ٿيندڙ پوپ اربن ٽو Pope Urban II بازنطيني سلطنت جي مدد لاءِ اقرار ڪيو. سندس خيال موجب جيڪڏهن اولهه يورپ جا ملڪ بازنطيني سلطنت سان گڏجي تُرڪن سان وڙهندا ته کين يقيناً سوڀ حاصل ٿيندي ۽ فلسطين تي پنهنجو قبضوڄمائي سگهندا، پوپ اربن ثانيءَ کي اها پڻ اميد هئي ته اهڙي صورتحال جي ڪري سندس رومي ڪيٿولڪ ڪليسا ۽ ان جي مخالف آرٿوڊاڪس يعني يوناني ڪليسا پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويندا ۽ کيس پنهنجي گڏيل رهنما طور قبول ڪندا.
    مذڪور مقصد جي حصول واسطي سن 1095ع ۾ پوپ اربن ثاني اوڀر فرانس جي هڪڙي شهر ڪليومونٽ ۾ چرچ ڪائونسل ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن جي هڪڙي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته يورپ جي عيسائي شهزادن کي پاڻ ۾ انفرادي ۽ باهمي فساد ختم ڪرڻ گهرجن. انهيءَ جي برعڪس سڳورين جاين مقدس مڪان فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ترڪن خلاف گڏجي ڪروسيڊ Crusade يعني مقدس جنگ ڪن.
    هن کين لالچ ڏياريندي چيوته يورپ ۾ پنهنجي کاڌي جي پورت جيترو به اناج پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. ٻئي طرف فلسطين جي زرخيز زمين تي آباد ٿيندي هر ڪو مجاهد عيسائي خوشحال زندگي گذاري سگهندو. پوپ ساڻن واعدو ڪيو ته جيڪو به ماڻهو محصول ڀريندڙ آهي. انهيءَ کان نه فقط محصول ڪو نه ورتو ويندو، پر سندس سمورا قرض به معاف ڪيا ويندا. هن کين اها ترغيب پڻ ڏني ته هن مقدس جنگ ۾ جيڪي ماڻهو شهيد ٿيندا، الله پاڪ سندن سمورا گناهه معاف ڪري ڇڏيندو.
    سپاهين جي همٿ افزائي ڪندي کين نصحيت ڪيائين ته فلسطين ڏانهن ويندڙ مجاهد پنهنجي فوجي لباس تي ڳاڙهي رنگ وارو صليب جو نشان لڳائي وڃن، جيڪو الله تعاليٰ اڳيان فرمانبرداريءَ جي علامت آهي. صليبي جنگ برپا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هي پوپ اربن ثانيءَ پوري يورپ ۾ سانده نو مهينا سفر ڪندو ۽ جنگ منظم ڪرڻ جي تبليغ ڪندو رهيو. نتيجي ۾ ماڻهن سندس اپيل جي ڀرپور موٽ ڏني ۽ هڪڙو نعرو ڊيئَس وُلٽ Deus Vult عام ٿي ويو. انهيءَ جو مطلب آهي ته صليبي جنگ ڪرڻ خدا جي مرضي آهي. ماڻهن محسوس ڪيو ته ڪرستانن جي حيثيت ۾ يروشلم ۽ اتي موجود سندن مقدس جايون مسلمانن کان واپس کسي وٺڻ مٿن قدرتي فرض آهي. يورپ جي امير طبقي کي وري فلسطين جي زرخيز زمينن ۽ صليبي جنگ وسيلي شهرت ۽ مان جي لالچ هئي. يورپ جي هاري طبقي کي پڻ سندن اصل وطن ۾ بُک ۽ بدحاليءَ کان جان آجي ڪرڻ جي ضرورت هئي. پوپ اربن ثانيءَ جي خواهش هئي ته يورپ جو امير طبقو خود پاڻ هن صليبي جنگ جي منصوبه بندي ۽ تنظيم جوڙي ۽ صليبي جنگ ۾ عيسائي لشڪر جي اڳواڻي ڪري پر انهن کان اڳ ۾ ئي يورپ جي هاري طبقي هن جنگ لاءِ گهربل لشڪر پاڻ جوڙي ورتو. هن هاري طبقي کي ڪا به فوجي سکيا نه هئڻ جي باوجود اميد هئي ته هن مقدس جنگ ۾ الله پاڪ کين يقيناً مدد ڏيندو.
    اهڙيءَ ريت سن 1096ع جي بهار جي مند ۾ اٽڪل 12000 فرينچ هارين مقدس لشڪر جي حيثيت ۾ فلسطين ڏانهن پنهنجو طويل سفر شروع ڪيو. هارين تي مشتمل هن لشڪر جي اڳواڻي ٻن شخصن پيٽر دي هرمٽ ۽ والٽر پيني ليس جي هٿن ۾ هئي. پيٽر ۽ والٽر پنهنجي سموري سفر دوران خچر ۽ گڏهه تي سواري ڪندي هن مقدس جنگ بابت تبليغ جي پرچار ڪندا ويا. هارين جو لشڪر سندن پويان پيدل هلندو رهيو. هن مقدس ۽ مفلس لشڪر جو سازو سامان ڍڳي گاڏين تي لڏيل هو.
    هن لشڪر جي سفر دوران جرمني ۽ رهائينلينڊ مان به هارين جا ٻه مقدس لشڪر فلسطين ڏانهن سفر ڪرڻ لڳا هئا. يورپ جي مختلف ملڪن مان لنگهڻ۽ اتي وقت سر ترسڻ دوران هنن هاري لشڪرن، ماڻهن سان ڪافي ڦڏا ۽ فساد ڪيا. هنن کين ساٿ نه ڏيندڙ هارين تي حملا ڪري کين ڦريو لٽيو ۽ سندن فصلن کي ساڙي ڇڏيو. رستي ۾ ملندڙ تقريباً هر يهوديءَ کي ماري ٿي ڇڏيائون. سندن خيال موجب عيسائي نه هجڻ سبب اهي يهودي پڻ سندن ۽ سندن مذهب جا دشمن هئا. تنهنڪري کين مارڻ جائز هو. انهيءَ ڳنڀير صورتحال جي پيش نظر يورپي ڳوٺاڻا هاري لشڪرن جي خوف ۾ پَهري سجاڳ رهڻ لڳا ۽ تنگ ٿي ڪڏهن ڪڏهن هنن لشڪري ٽولين تي حملا پڻ ڪندا هئا. اهڙين عقوبتن کان پوءِ جڏهن اهي هاري لشڪر قسطنطنيه شهر ۾ پهتا ته سندن اصل تعداد جو وڏو ٽيون ڀاڱو رستي ۾ ئي مارجي چڪو هو. سندن لباس ليڙون ليڙون ٿي ويل هو ۽ وٽن پئسو ته هوئي ڪونه! تنهنڪري اهي راهگير، شهر جي دڪانن، مارڪيٽن ۽ گهرن مان ڦريون ۽ چوريون ڪرڻ ۾ جنبي ويا. هتي جي بازنطيني حڪمران کي اميد هئي ته کيس مدد ڏيڻ واسطي پوپ کيس باقائده سکيا ورتل فوج ڏياري موڪليندو، نه ئي ڪو ههڙن ڦورن جون لوڌون. شهر ۾ ٿيل ڪارستانين کان تنگ ٿي قسطنطنيه جي بادشاهه هنن کي جنگي سازو سامان ۽ کاڌ خوراڪ ڏيئي جهازن ۾ چاڙهي ايشيا ڪوچڪ ۾ ترڪن خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ موڪلي شهر کي هنن بدمعاش ٽولن کان آجو ڪيو.
    يورپي هاري لشڪر ترڪن جي گاديءَ واري شهر Nicea تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ترڪ فوج جي تيراندازن هن يورپي لشڪر کي مڪمل طور ڪچلي ۽ فنا ڪري ڇڏيو.
    انهيءَ کان پوءِ سن 1097ع ۾ يورپ جي وڏن نوابن ۽ اميرن ترڪن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجا پنهنجا لشڪر منظم ڪيا. هنن يورپي اميرن پنهنجي لشڪرن سان گڏ پنهنجي غلامن، زالن، ٻارن، منشين، نوڪرن چاڪرن، بورچين ۽ لوهارن کي پڻ آندو هو. هن صليبي جنگي مهم تي تمام گهڻو خرچ ٿي رهيو هو. ڇو ته هر هڪ شهزادي ۽ نواب کي پنهنجي لشڪر لاءِ گهربل عسڪري سازو سامان بار ڍوهڻ لاءِ گاڏيون، سواريءَ لاءِ گهوڙا ٻيڙا وغيره مناسب مقدار ۽ موزون حالت ۾ گهربل هئا. تنهنڪري هنن مهم جُو سردارن، پنهنجي جائداد، زر توڙي زمين ۽ هيرا جواهر وڪيا ۽ منجهائن ڪيترن ئي لکن هزارن جا قرض کنيا. جيئن ته سندن عسڪري مهم جون ضرورتون پوريون ٿين.
    فلسطين ڏانهن ويندي هنن يورپي صليبي سردارن به پهرين لنگر اچي قسطنطنيه شهر ۾ ڪيو، پر اڳوڻن هاري لشڪرن کان ڪا بهترحالت نه ڏسي بازنطيني ماڻهو هنن کان به خائف ٿي پيا، ڇو ته هنن اميرن جي لشڪر پڻ هتي جي ماڻهن سان نهايت اڍنگو رويو اختيار ڪيو هو ۽ هتي جي مهذب ماڻهن کي ڏاڍو رنجايو هو. هتي جي تهذيب اخلاق علم ۽ دولت جي گهڻائيءَ يورپي ماڻهن کي هرکائي ۽ لالچ ۾ وجهي ڇڏيو. تنهنڪري هي فلسطين تي ڪاهڻ بدران مرڳو قسطنطنيه تي قبضو ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳا.انهيءَ صورتحال بازنطيني حڪمران کي پريشان ڪري وڌو. جنهن لاچار ٿي هنن کي گهوڙا ٻيڙا ۽ ٻيو گهربل سامان ڏيئي ترڪن تي حملي ڪرڻ لاءِ ايشيا مائينر روانو ڪيو. يورپي اميرن جي هن گڏيل صليبي لشڪر جا اٽڪل 30 هزار ماڻهو ايشيا مائينر ۾ پهتا ۽ ترڪن کي شڪست ڏنائون. تنهن کان پوءِ اهي ڏکڻ طرف وارو رڻ پٽ جهاڳي وڃي شام ملڪ۾ پهتا. هي يورپي صليبي جنگجو ماڻهو نه گرميءَ جا هيراڪ۽ نه انهيءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هئا. تنهن کانسواءِ هن نئين ماحول لاءِ گهربل وڌيڪ کاڌو پيتو به وٽن نه هئڻ ڪري منجهائن ڪئين ماڻهو بُک ۽ اُڃ وگهي موت جو کاڄ ٿي ويا.
    باقي بچيل يورپي لشڪر رستي ۾ حائل شامي رياست جي شهرن تي قبضا ڪندو فلسطين ڏانهن وڌندو رهيو ۽ سن 1099ع ۾ جيڪي صلبيي يورپي فوجي يروشلم ۾ پهتا انهن جو تعداد فقط ٻارهن هزار هو. جيڪو قسطنطنيه ۾ ٽيهه هزار هو. هنن شهر تي قبضي ڪرڻ دوران هتي رهندڙ سمورن مذهبن جي ماڻهن جهڙوڪ: ترڪن، يهودين توڙي ڪرستانن کي قتل ڪرڻ جاري رکيو. هنن شهر ۾ ڦر ڪرڻ دوران سون، چاندي، گهوڙن ۽ خچرن کانسواءِ ڀريل تُريل گهرن تي پڻ قبضو ڪيو. يروشلم شهر تي قبضي کان پوءِ هنن صليبي يورپي جنگي سردارن پنهنجو مذهبي جوش توڙي تقدس وساري ڇڏيو. انهن مان ڪي جنگي سردار واپس يورپ موٽي ويا، پر انهن مان اڪثر هن خطي ۾ رهي پيا ۽ پنهنجي فتح ڪيل علائقن کي چئن ڀاڱن ۾ ورهائي پنهنجون چار الڳ رياستون قائم ڪيائون. انهن رياستن کي آئوٽريمر Outremer يا دي ڪنگڊم بِيانڊ دي سِي The Kingdom beyond the sea يعني سمنڊ کان مٿي قائم بادشاهت سڏڻ لڳا. هنن پنهنجي قائم ڪيل رياستن جي حفاظت خاطر ڪيترائي ڪوٽ قلعا اڏايا هئا ۽ محافظ فوج جا ٻه مکيه ڀاڱا تشڪيل ڏنائون، جيڪي مخصوص نظام الاوقات موجب انهن قلعن ۾ پهري سجاڳ رهندا هئا. خانساماني توڙي تيمارداري اُنهن جٿن جي حوالي هئي. انهن مکيه ڀاڱن مان هڪ کي Knight Templar ۽ ٻئي کي Knight Hospitaller سڏيندا هئا. هنن محافظ دستن ۾ شامل فوجي، مذهبي پيشوا ۽ راهب هئا. انهن سمورن محافظن سموري حياتي ڪنواري رهڻ جو حلف کنيو هو. اهي محافظ راهب ان زيارت لاءِ ايندڙ عيسائين جي حفاظت، تيمارداري ۽ خرچ ۾ کٽندڙن جي مدد پڻ ڪندا هئا، پر سندن گهڻو وقت وقتاً فوقتاً ترڪن سان جنگ ڪندي گذريو.
    هنن راهب سپاهين جي طرز حياتي ۽ بهادريءَ سبب ڪافي عزت ڪئي ويندي هئي. سندن خدمتن عيوض کين پنهنجي يورپي سرڪار طرفان مناسب مقدار ۾ زمينون انعام طور ڏنيون ويون هيون. انهن کي آباد ڪرڻ سان اهي نهايت شاهوڪار ۽ خوشحال ٿي پيا هئا. تڏهن هنن سندن محافظن جي نون جٿن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ سکيا ڏيڻ لاءِ ۽ رٽائير ۽ جهونن محاظن جي نگهداشت لاءِ پنهنجي خرچ سان سکيا گهر ۽ تيمارداري سرائون قائم ڪيون. هي محافظ راهبن جو طبقو ايترو ته صاحب ثروت ٿيو جو انهيءَ جي اڪثر ماڻهن واپار ۽ بينڪاري شروع ڪري ڏني.
    مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته هنن يورپي صليبي جنگي سردارن ترڪن ۽ عربن جي نهايت زرخيز زمينن ۽ خوشحال ايراضين تي قبضا ڄمايا هئا. هاڻي عرب هاري هنن سردارن جون زمينون ڪاهيندا ۽ سندن باغات جي سنڀال ڪندا هئا، ڪي عرب ماڻهو وٽن گماشتا ۽ ڪمدار ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. مسلمانن يورپي ماڻهن جي بهادريءَ جي نيڪي ٿي ڪئي، يورپي ماڻهن ڏٺو ته عرب علماء طب، رياضي توڙي ٻين سائسني ۽ سماجي علوم ۾ يورپي ڏاهن کان وڌيڪ ڄاڻو هئا.
    جنگ کان آجي وقت ۾ صليبي جنگي سردار شڪار جو شوق آزمائيندا هئا۽ مقامي عرب سردار جي درٻارن ۾ به شريڪ ٿيندا رهندا هئا. هنن پنهنجي اصل يورپ وارن محلن کان به وڌيڪ شاندار محل اڏايا جي عام قلعن کان به ڪجهه وڌيڪ حيثيت جا حامل هئا. هنن محلن ۾ ڪشادا دسترخوان، وڏا ۽ عاليشان ڊائننگ روم، آرام جا ڪمرا، سمهڻ جا ڪمرا بيحد خوبصورت انداز۾ آراسته ٿيل هئا. انهن جون ديوارون سنگمرمر جون ٺهيل هيون. ڇتين تي حسين گلڪاريءَ جي پينٽنگ ۽ ڪنارين ۽ دروديوارن تي ريشمي ڪپڙي جا پردا چڙهيل هوندا هئا. فرش تي اعليٰ قسم جا قالين وڇايل هوندا هئا ۽ ڪمرن ۾ سون، چاندي ۽ ٻين قيمتي عنصرن مان ٺهيل سهڻيون شيون سجايل هونديون هيون.
    يورپي ماڻهن هتي رهڻ سان پنهنجا اصل طور طريقا ترڪ ڪري هتي جو مقامي لباس استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن ۾ پڳ ۽ ڪشادو ڪُڙتو شامل هو.سندن عورتون به هتي جو زنانو لباس پهرڻ لڳيون. جنهن ۾ سون ۽ چانديءَ جي بادليءَ وارو زربفت ۽ هيرن مڙهيل ريشم شامل هو. يورپي عورتن هتي رهندي نقاب جو استعمال اختيار ڪيو هو. ميڪ اپ سينگار ۽ خوشبوءِ لڳائڻ پڻ يورپي عورتن هتي جي ماڻهن کان سکيو. سرد علائقن جا رهاڪو هجڻ سبب يورپي ماڻهو روزانو غسل ڪرڻ جا هيراڪ ڪو نه هئا، پر هتي جي گرم آبهوا هنن کي هر روز تڙ ڪرڻ تي هيرائي ڇڏيو. هتي آباد ٿيندڙ يورپي ماڻهن پنهنجي اصل کاڌن کي پڻ ترڪ ڪيو ۽ هتي جي مزاج موجب هلڪي غذا جنهن ۾ گوشت ٿورو پر ڀاڄيون ۽ ميوو زياده استعمال ڪرڻ لڳا. هنن هتي بلڪل نيون شيون جهڙوڪ: چانور، نارنگي، انجير ۽ ڇانئين وغيره پڻ کائڻ شروع ڪئي. مطلب ته يورپي آبادڪارن کي سندن وطن جي ڀيٽ ۾ هتي فلسطين جي سر زمين تي زندگيءَ جا بهتر ۽ وافر لوازمات مُيسر هئا. تنهن هوندي به کين هتي جي ماحول سان مڪمل ميلاپ لاءِ اڃا ڪافي معاملات ۽ مسئلا رنڊڪ هئا. اول ته سندن وڏو تعداد ترڪن سان جنگين ۽ مال غنيمت جي ورهاست بابت پاڻ۾ وڙهندي مارجي چڪو هو ۽ منجهائن ڪي وري هتي جي گرم آبهوا برداشت نه ڪندي مري ويا.
    سن 1174ع ۾ هڪڙو شهزور مسلم سالار غازي صلاح الدين ايوبي مصر جو سلطان ٿيو. هن پنهنجي چوڌاري مسلمان رياستن جا اڏا قائم ڪري بيت المقدس ۽ يروشلم جو شهر آزاد ڪرائڻ خاطر فلسطين تي قابض يورپي لوڪن جي خلاف جهاد شروع ڪيو.
    سندس لشڪر نهايت منظم ۽ اسلامي جهاد جي جذبي سان سرشار هو. مسلم جنگي سردارن اميرن جي حيثيت سان جهادي منظم گروهه تشڪيل ڪيا. انهن جهادي گروهن جي اميرن جي جنگ دوران ۽ پوءِ سندن قيدين سان عملي رويي، سندن ايمانداري ۽ رواداريءَ جي ساک مشهور هئي. عيسائين طرفان ڪيل ظلم ستم توڙي لالچ ۽ هَوس کين ڏاڍو صدمو رسائيندو هو.
    سلطان صلاح الدين جو لشڪر تير ڪمان ۽ نيزن سان ليس، تيز گهوڙن تي تمام گهڻي ڦڙتيءَ ۽ اسلامي جهاد جي جذبي سان مڪمل طور هٿياربند ٿي جنگ ۾ شامل ٿيو. جنهن يورپي لشڪر جون وايون بتال ڪري وڌيون. ڪيترن ئي سالن جي چڪرين کان پوءِ نيٺ سن 1187ع ۾ غازي صلاح الدين جي فوج يورشلم فتح ڪيو. تڏهن غازي سلطان هارايل ڌر کي قتلام کان بچايو. جنهن ڪري خود هارايل ڌر يعني يورپي لشڪر ۾ پڻ هن لاءِ عزت پيدا ٿي.
    سلطان غازي صلاح الدين طرفان يروشلم جي فتح سبب يورپ ۾ انهيءَ خلاف غم ۽ غصي جي وڏي لهر اُڀري ۽ رومي پوپ مسلمانن جي قبضي خلاف هڪ وڌيڪ مقدس جنگ ڪرڻ لاءِ سخت تلقين ڪئي. نتيجتاً مذڪور صليبي جنگ جي اڳواڻي پوري يورپ جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ملڪن انگلينڊ، جرمني ۽ فرانس جا بادشاهه. انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ دي لاين هارٽ، جرمنيءَ جو شهنشاهه فريڊرڪ بارباروسا ۽ فرانس جو بادشاهه فلپ آگسٽس ڪري رهيا هئا. هن صليبي جنگ جو سالار اعليٰ انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ هو. تنهنڪري هن جنگ کي بادشاهن واري صليبي جنگ سڏيو ٿي ويو. اها جنگ مجموعي طور صليبي لشڪرن هارائي. جرمن شهنشاهه ايشيا مائينر ۾ مري ويو. سندس لشڪر جنگ ڪرڻ کان اڳ ئي واپس وطن آيو. انگلينڊ جو بادشاهه رچرڊ ۽ فرينچ بادشاهه پنهنجي اصل دشمنيءَ سبب اڪثر ڪري پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهيا. هنن فلسطين ۾ چند ڳوٺن ۽ شهرن تي اڃا مس قبضو ڪيو هو ته فرينچ بادشاهه فلپ واپس وطن وري آيو. جنهن ڪري هاڻي انگريز بادشاهه رچرڊ کي اڪيلي سر هن صليبي جنگ کي برقرار رکڻو پيو. هو هڪڙو بهادر جنگي جوڌو هجڻ جي باوجود اڪيلي سر غازي صلاح الدين جي اسلامي لشڪر سان پڄي ڪين سگهيو. عناد جي باوجود ٻنهي مخالف حاڪمن وٽ هڪٻئي لاءِ ڪافي احترام نمايان هو. جڏهن جنگ دوران بادشاهه رچرڊ جو گهوڙو مري پيو ته سلطان غازيءَ کيس سواريءَ لاءِ ٻه عمدا گهوڙا ڏياري موڪليا.
    هتي مسلسل ٽن سالن جي جنگ ۽ جَدَلَ کان پوءِ نيٺ بادشاهه رچرڊ جنگ ڪرڻ بند ڪئي ۽ سلطان صلاح الدين سان هڪ معاهدو ڪيو، جنهن تحت فلسطين جا ڪافي علائقا يورپي عيسائين جي ڪنٽرول ۾ رهڻا هئا، پر يروشلم مسلمانن جي حوالي ٿي رهڻو هو. تنهن بعد رچرڊ واپس انگلينڊ ويو.
    سن 1204ع ۾ جڏهن پوپ انوسينٽ هڪ وڌيڪ مقدس جنگ ڪرڻ جو سڏ ڏنو ته سڄي يورپ مان کيس سٺي موٽ ملي. صليبي لشڪر هن ڀيري خشڪيءَ بدران غورابن وسيلي وينس شهر جي بندر کان روانو ٿيو. هتي جي واپارين جي خواهش هئي ته قسطنطنيه جي بدران پوري رومي سمنڊ جي حدن اندر سندن وينس شهر ئي واپاري مرڪز جي حيثيت سان وڌي ۽ ويجهي صليبي جنگي سردارن وينس جي شاهوڪارن سان واعدو ڪيو ته مال غنيمت مان پورو اڌ کين ڏينداسون. انهيءَ جي عيوض وينس جي تاجرن کين عسڪري سامان ۽ غوراب مهيا ڪيا. جنگي سردارن محسوس ڪيو ته تاجرن سان ڪيل واعدا شايد پور اڪري نه سگهجن. تنهنڪري کين زارا ٻيٽ عيوض طور حوالي ڪجي پر وينس وارن کين قسطنطنيه فتح ڪري سندن حوالي ڪرڻ لاءِ صليبي سردارن تي زور وڌو، نيٺ قسطنطنيه جي شهر تي حملو ڪري صليبي لشڪر سان گڏ وينس جي تاجرن طرفان موڪليل ڦورون شهر ۾ ساندهه ٽي ڏينهن ڦرلٽ ۽ قتلام ڪيو. ان کانسواءِ اهم هنڌن تي باهيون پڻ ڏنيون. هنن محلاتن، ماڙين، ديولن ۽ چرچن توڙي ڪتب خانن، بازارين ۽ گهرن مان پڻ وڏي بي حيائيءَ سان ڦرلٽ ڪئي. هنن ڪيتريون ئي املهه وَٿون چورائي وينس آنديون ۽ ڪي هتي ئي تباهه ڪري ڇڏيون هن صليبي لشڪر فلسطين وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ شهر ٻن حصن ۾ ورهائي هڪ حصي تي پاڻ قابض ٿي ويٺا ۽ ٻيو حصو وينس وارن جي حوالي ڪيائون.
    مٿين صليبي جنگين کانسواءِ يورپي عيسائين تيرهين صديءَ ۾ به فلسطين تي ڪاهون ڪيون. پر ڪا به ڪامياب ڪانه ٿي. انهن مان سڀ کان وڌيڪ المناڪ عيسائي ٻارن طرفان برپا ڪيل صليبي جنگ هئي.
    سن 1212ع ۾ پرجوش ٻارن جو هڪڙو جٿو ”اسٽيفن آف ڪلائيس“ نالي هڪڙي ڇوڪري جي اڳواڻي هيٺ فرانس جي شهر مارِسيلسِ کان غورابن وسيلي مقدس جنگ لاءِ روانو ٿيو. انهن مان تمام گهڻا ٻار ته فلسطين مُور ڪو نه پهتا. انهن مان ڪيترائي ٻار رستي ۾ غرابن جي مالڪن مختلف شهرن ۾ وڪڻي ڇڏيا.
    انهيءَ عرصي دوران ئي مجاهد ٻارن جو هڪ ٻيو جٿو جرمنيءَ مان اٽليءَ روانو ٿيو. اهي به گهڻو ڪري سمورا ٻار بُک ۽ بيمارين سبب رستي ۾ ئي مري ويا. آخرڪار مسلم حڪمرانن سن 1291ع ۾ صليبي يورپي آبادڪارن جي هٿ هيٺ رهندڙ واحد اڪره Acre شهر به فتح ڪري ورتو ۽ سموريون صليبي جنگيون ناڪاميءَ جي صورت ۾ ختم ٿيون ۽ اهو سلسلو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.


    آمريڪا کنڊ جي دريافت ۽ سياسي استحڪام

    سن 1800ع کان سن 1870ع تائين آمريڪا کنڊ جي ملڪن ۾ تمام گهڻيون تبديليون آيون. خود آمريڪا پنهنجي سرحدن ۾ تمام گهڻي توسيع آندي ۽ پنهنجي ايراضيءَ کي ٻيڻ کان به وڏو ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي حڪومت کي جمهوريت جي مضبوط بنيادن جي مطابق قائم ڪيو. جنهن سبب ملڪي معيشت مضبوط ٿي ۽ آمريڪا کي عالمي سياست ۾ استحڪام حاصل ٿيو. انهيءَ عرصي دوران وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن يورپ جي نو آبادياتي نظام کان آزادي حاصل ڪري ورتي، پر انهن تازو آزاد ٿيل ملڪن ۾ نو آبادياتي نظام جو غلبو. برقرار ۽ مضوط هئڻ ڪري ڪافي جاکوڙ جي باوجود جمهوريت بحال ٿي نه سگهي. گڏيل رياستن جي وفاق تي مشتمل آمريڪا کنڊ جي اترئين ڀاڱي ۾ موجود ملڪ آمريڪا برطانيه جي بيٺڪي نظام کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ واري مذڪور عرصي دوران آبادي، ايراضي، توڙي دولت ۾ تمام گهڻو اضافو آندو. انهيءَ خوشگوار تبديليءَ جو مکيه سبب ملڪ ۾ مستحڪم سياسي نظام جمهوريت جو وجود هو.
    دراصل انگريزي تسلط دوران ئي هنن گڏيل آمريڪي رياستن ۾ نمائنده حڪوت جو قيام عمل ۾ آندو. جنهن موجب مخصوص اقليت جي بدران ماڻهن جي اڪثريت کي سرڪاري عملدار چونڊڻ جو اختيار لاڳو ٿيو. سرڪار ٺاهڻ جي انهيءَ طريقي کي جمهوريت سڏيو ويو. ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري خيالن جي ڪجهه اختلافن بابت ملڪ ۾ ٻه جدا جدا سياسي جماعتون نمودار ٿيڻ لڳيون. انهن مان هڪڙي وفاق نواز (Federalist Party) هئي. انهيءَ پارٽيءَ جي منشا هئي ته وفاقي يا قومي حڪومت کي وڌيڪ حقوق ۽ اختيارات حاصل هجن. اها جماعت اڳتي هلي پوري دنيا ۾ ڊيموڪريٽ پارٽي سڏجڻ لڳي. ٻي پارٽي ريپبليڪن پارٽي (Republican Party) هئي. انهيءَ پارٽيءَ جي خواهش هئي ته وفاق جي ڀيٽ ۾ وفاق ۾ شامل رياستن کي انفرادي طور وڌيڪ اختيار ۽ حقوق حاصل هئڻ گهرجن.
    سن 1800ع ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ جو اميدوار ٿامس جيفرسن آمريڪا جو صدر چونڊجي آيو. انهيءَ کان اڳيون صدر جان ايڊمس فيڊرلسٽ هو. جنهن دؤران آمريڪا کنڊ جي ٻين ملڪن ۾ حڪومتون ۽ اقتدار اڪثر ڪري جنگين جي وسيلي ئي تبديل ٿيندو رهيو. آمريڪا جي ملڪ۾ اقتدار ۽ حڪومت جمهوري طريقي جي چونڊ وسيلي امن امان سان تبديل پئي ٿي.
    سن 1800ع وارين چونڊن ۾ آمريڪا جي صاحبان جائداد سمورن مردن کي ووٽ جو حق مليل هو. سن 1830ع وارين چونڊن دوران ووٽرن جي تعداد ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو، ڇو ته انهيءَ وقت ملڪ جي الهندي ڀاڱي وارين نئين رياستن سمورن ڳورن مردن کي ڪو مال ملڪيت نه هئڻ جي باوجود ووٽ جو حق ڏنو، انهيءَ صورتحال جي پيش نظر ملڪ جي ڪجهه ٻين رياستن پڻ پنهنجي دستورن ۾ ترميم ڪري پنهنجي سمورن سفيد رنگ وارن مردن کي ووٽ جو حق ڏنو. البت ملڪ جي ڏاکڻي ڀاڱي وارين رياستن ۾ اهڙو قانون اڃا پاس ڪو نه ٿيو هو. ڇو ته انهن رياستن ۾ سياست تي مقامي جاگيردارن جو مڪمل غلبو هو. انهن جاگيردارن وٽ ڪارن غلامن لکن جي تعداد ۾ زمينون آباد پئي ڪيون، پر کين ڪو به سياسي توڙي سماجي حق مليل ڪو نه هو. مذڪور اندروني صورتحال جي باوجود انهيءَ وقت دوران آمريڪا پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جمهوريت جو حامل ملڪ هو. انقلابي جنگ جي خاتمي تي اصل آمريڪي باشندن جن کي انڊين سڏيندا آهن. جي جنگ ۽ وبائن سبب تباهيءَ مان ناجائز فائدو وٺندي، ميسيسپي نديءَ جي اڀرندي ڪناري تائين سندن سموري علائقي تي پنهنجي قبضي جي دعويٰ ڪئي. جتي اصل آمريڪين جا زراعتي راڄ قائم هئا. 1830ع ڌاري آمريڪا وارن اصل آمريڪين کي ميسيسپي نديءَ جي اولهه طرف وارن علائقن مان پڻ ڀڄائي پنهنجو تسلط قائم ڪري ورتو. آمريڪي آبادڪار هنن علائقن جي مخصوص چونڊ ماڳن تي اچي قابض ٿيا ۽ مسلسل مقامي ماڻهن کي زور ۽ زبردستي سان ماري ڀڄائيندا ۽ اولهه طرف پنهنجي قبضي واري علائقن ۾ واڌاروآڻيندا ويا.
    سن 1803ع ۾ لوئيزيانا رياست فرانس کان خريد ڪري پنهنجي ملڪي ايراضي کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. هن رياست ۾ بهترين زرعي زمينون عاليشان ٻيلا ۽ بيش بها معدنيات وڏي مقدار ۾ موجود هيون. هن رياست جي حصول سان نِيُو اورلِينس جو عاليشان بحري بندر ۽ ميسيسپي نديءَ تي به آمريڪا کي ڪنٽرول حاصل ٿي ويو. سن 1819ع ۾ آمريڪا اسپين سان معاهدو ڪري فلوريڊا رياست جو قبضو حاصل ڪيو ۽ پنهنجي سرحد ڏکڻ اولهه ۾ اسپيني بيٺڪن تائين وسيع ڪري ورتي. انهيءَ وقت ميڪسيڪو واري هڪڙي شاهي رياست اسپيني ڪالوني هئي. اها رياست سن 1922ع ۾ آزاد ٿي، انهي وقت ميڪسيڪو جي ماڻهن پنهنجي هڪ صوبي ٽيڪساس ۾ آمريڪي ماڻهن جي آبادڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي. جنهن تحت اٽڪل ٽيهارو هزار آمريڪي اچي ٽيڪساس ۾ آباد ٿيا. انهن آمريڪي آبادگارن جي واضح اڪثريت آمريڪا جي، ڏاکڻين رياستن کان آيل هئي، جن وٽ پنهنجا غلام هئا. جڏهن سن 1829ع ۾ ميڪسيڪو سرڪار غلاميءَ کي قانوني طور ناجائز قرار ڏنو ته ٽيڪساس جي ماڻهن غلامي ۽ ٻين مسئلن (سياسي مسئلن تي ميڪسيڪو سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو. سن 1835ع ۾ ٽيڪساس وارن ميڪسيڪو سرڪار سان بغاوت ڪئي. ٻئي سال ميڪسيڪو کان عليحدگي ۽ پنهنجي آزادي جو اعلان ڪيو. آمريڪا جي توسيع پسند عناصر جي خواهش جي پيش نظر آمريڪا ٽيڪساس رياست کي پنهنجي وفاق ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان ڳالهه تي ميڪسيڪو ملڪ کي سخت مٺيان لڳي. ٻئي سال آمريڪا ميڪسيڪو تي حملو ڪري ان جي ڪيليفورنيا صوبي سان گڏ ميڪسيڪو شهر تي پڻ قبضو ڄمايو. نيٺ ميڪسيڪو سرڪار مجبور ٿي آمريڪا سان هڪڙو معاهدو ڪيو. جنهن تحت ميڪسيڪو ملڪ جي اٽڪل اڌ ايراضي آمريڪا حاصل ڪري ورتي. جنهن ۾ ڪيليفورنيا، نيوادا، اتاهه، ويومنگ صوبا، اريزونا، ڪولوراڊو ۽ نيوميڪسيڪو جا ڪجهه ڀاڱا شامل هئا.
    سن 1840ع ڌاري هزارين آمريڪي آبادڪار اوريگن علائقن ۾ وڃي رهڻ لڳا. هنن علائقن تي آمريڪا سان گڏ انگلينڊ پڻ مالڪي جي دعويٰ پئي ڪئي، آمريڪي آبادڪارن آمريڪي سرڪار کي پنهنجي قبضي جي يقين ڌهاني ڪرائي.
    نيٺ سن 1846ع ۾ انگلينڊ ۽ آمريڪا هن علائقي ۾ پنهنجي سرحد چٽي ڪئي. انهيءَ کان پوءِ وڃي وچئين طرف واري ايراضي ۾ اوريگن ۽ واشنگٽن رياستون وجود ۾ آنديون ويون.
    سن 1853ع ۾ پيسفڪ سمنڊ تائين ريلوي وڇائڻ جي خواهش پٽاندر آمريڪا ميڪسيڪو کان گيد سڊين علائقو خريد ڪيو، جيڪو بعد ۾ اريزونا۽ نيوميڪسيڪو رياستن جو حصو بنجي ويو. اهڙيءَ ريت آمريڪا هڪ صديءَ کان به گهٽ عرصي اندر فقط تيرهن بيٺڪن مان مسلسل وڌندو دنيا جي تمام وڏن ملڪن ۾ هڪ اهم ملڪ ٿي پيو. جنهن عرصي دوران آمريڪا اولهه طرف ۾ اصل آمريڪي باشندن کي پنهنجي وطن مان ماري ڀڄائيندو مختلف علائقن ۽ ملڪن کي فتح ڪندو ملڪي سرحدون لڳاتار وڌائيندو ويو. انهيءَ ساڳئي دور ۾ آمريڪا جي وفاق ۾ شامل اتر طرف وارين رياستن ۽ ڏکڻ طرف وارين رياستن ۾ ڪيترن ئي مسئلن بابت اختلاف وڌندا ويا. اتر وارين رياستن ۾ صنعتڪاريءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. جنهن سبب انهن جي معيشيت ڪافي حد تائين ترقي ڪئي. انهن اترين رياستن ۾ اقتصاديات جو دارومدار زرعي پيداوار تي هو جنهن ۾ مکيه فصل ڪپهه، تماڪ، چانور ۽ نير هوندو هو. هنن رياستن ۾ وڏيون جاگيرون ۽ وڏيون زمينداريون هيون جتي شيدين جو غلام مزدور طبقو زرعي پورهيو ڪندو هو. هن غلام طبقي کي ڪو به سياسي يا سماجي حق حاصل ڪو نه هو. ڏکڻ طرف وارين رياستن جي خواهش هئي ته شيدين جي غلاميءَ وارو نظام نه فقط برقرار رهي پر انهيءَ کي ملڪ جي اتر وارين رياستن ۾ پڻ پکيڙيو وڃي. جڏهن ته اتر وارين رياستن انهيءَ غلاميءَ واري نظام جي سخت مخالفت ڪئي ۽ انهيءَ جي خاتمي لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي.
    سن 1880ع ۾ جڏهن ابراهام لنڪن آمريڪا جو صدر چونڊجي آيو. تڏهن هُن جمهوريت جي تشريح ڪندي چيو ته ”عوام جي ڀلائي لاءِ عوام طرفان چونڊيل عوامي حڪومت جمهوريت آهي.“ تڏهن ڏکڻ وارين غلامي برقرار رکندڙ رياستن کي اچي خوف ورتو ته اهو شايد غلاميءَ واري نظام کي ختم ڪرائي ڇڏي. تنهنڪري اول منجهائن ستن رياستن ۽ بعد ۾ ٻين رياستن پڻ آمريڪا جي وفاق کان جدا ٿيڻ يعني آمريڪا کان جدا ۽ آزاد ٿيڻ جو اعلان ڪيو. اتر وارين مضبوط وفاق چاهيندڙ رياستن جي خيال ۾ ملڪي رياستن کي وفاق کان جدا ٿيڻ جو حق ڪو نه هو. انهيءَ ڳالهه کي بنياد بنائيندي ڏکڻ وارين رياستن جي خلاف سن 1861ع ۾ گهرو ويڙهه چالو ڪري ڏنائون. اها گهرو لڙائي پنجن سالن تائين هلي ۽ اترين رياستن جي ڏکڻ وارين رياستن تي فتح جي صورت ۾ ختم ٿي ۽ جدا ٿيڻ واريون سموريون ڏاکڻيون رياستون سن 1865ع ۾ وري وفاق ۾ شامل ٿي ويون. رياستن جي جدا ٿيڻ وارو مسئلو نبيريو ويو ۽ ڏکڻ وارين رياستن ۾ چاليهن لکن کان وڌيڪ شيدي غلامن کي سماجي ۽ سياسي آزادي حاصل ٿي ۽ شهري حق مليا. اهڙي ريت آمريڪا ٻيهر متحد ۽ مضبوط ٿي نئين سر ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو. سن 1870ع ۾ آمريڪا تيز رفتار صنعتي ترقي سبب اسرندڙ عالمي طاقت واري حيثيت جو حامل ٿي چڪو هو. انهيءَ دور ۾ ڏکڻ آمريڪا کنڊ وارا يعني لاطيني آمريڪي ملڪ يورپي سامراجي بيٺڪيت کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف هئا. يورپ ۾ برپا ٿيندڙ سماجي انقلابن ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن تي پڻ پنهنجا اثرات مرتب ڪيا. سن 1791ع ۾ هائٽي Hiati نالي هڪ جزيري جي عوام ٽوسينٽ ايل اُورِوَرِٽِيوُر Tousaint L’ourwerture هڪ اڳوڻي غلام جي اڳواڻي هيٺ فرانس جي تسلط خلاف بغاوت ڪئي. فرانس وارن ڪيترن ئي سالن تائين انهيءَ آزاديءَ جي تحريڪ کي دٻائي رکيو. پر نيٺ اهاتحريڪ ڪامياب ٿي ۽سن 1804ع ۾ هائٽي هڪ آزاد ملڪ بنجي ويو. ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ گهڻيون بيٺڪون اسپين قائم ڪيون هيون. انهن پڻ آزادي حاصل ڪرڻ پئي گهري، هنن ڪالونين ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي اسپيني آبادڪارن ۽ مقامي ماڻهن جي ميلاپ سان پيدا ٿيل نئين نسل جي ماڻهن سڀ کان وڌيڪ پٺڀرائي ڪئي. هن نئين نسل کي ڪريئولس Creoles سڏڻ لڳا. ڪريئول گهڻا ماڻهو پڙهيل هئا ۽ انقلاب برپا ڪرڻ جي سگهه جا حامل هئا. ڪريئولن بيٺڪن ۾ وڏن سرڪاري عهدن تي اصل يورپي ماڻهن جي مقرر رهڻ جي سخت مخالفت ڪئي. اصل اسپيني آبادڪار، جن کي پينِنِسولَرِس Peninsolars سڏبو هو. اهي ڪريئولن کي گهٽ ذات تصور ڪندا هئا ۽ ساڻن نامناسب سلوڪ روا رکيو آيا.
    فرينچ انقلاب برپا ٿيڻ کان ترت پوءِ اينٽونيو نرينو Antonio Narino نالي هڪ انقلابي شخص فرينچ انقلابين طرفان انساني حقن واري پڌرنامي جو اسپينش زبان ۾ ترجمو ڪيو ۽ شايع ڪرايو. ته سرڪار کيس گرفتار ڪري قيد ڪيو، پر فرينچ انقلاب جو نظريو سمورين ڪالونين ۾ تيزيءَ سان پکڙندو ويو.
    سن 1808ع ۾ فرينچن اسپين فتح ڪيو ۽ سندس بَيٺَڪُن تي قبضو ڪرڻ لاءِ عسڪري عمل جاري رکيو. ڏکڻ آمريڪا ۾ ڪريئولن اول فرينچ قبضي خلاف بغاوت ڪئي. پر پوءِ انهيءَ صورتحال مان انقلابي فائدو حاصل ڪرڻ خاطر سن 1810ع ۾ ڪراڪاس ۽ نيوگري ناڊا ۾ جنتا نالي آزاديءَ جي تحريڪ منظم ڪئي، پر انهيءَ کي ترت ئي اسپيني ڪارندن بي رحميءَ سان ڪچلي ڇڏيو.
    سن 1816ع ۾ ڏکڻ آمريڪا ۾ اسپين جي تمام وڏي نو آبادي نو پلاٽا ۾ منظم ٿيندڙ آزاديءَ جي ٻي تحريڪ اڳوڻي تحريڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سوڀاري ٿي. ڇو ته انهيءَ تحريڪ کي ملڪ جي تقرباً سمورن ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ اڳوڻي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم مربوط ۽ مضبوط ڪيو ويو هو، تنهنڪري جلدي اها تحريڪ اسپين جي سمورين ڪالونين ۾ پکڙجي وئي. ڏکڻ آمريڪا ۾ قائم سمورين يورپي بيٺڪن ۾ آزاديءَ واري تحريڪ جي مدد لاءِ مڪمل طور تياري ڪري رکي وئي جتي پڻ چليءَ جي هڪڙي فوجي سپاهيءَ برنارڊو او هگنس Bernardo O’ Higgins اسپيني لشڪر جي خلاف پنهنجي هڪ منظم جٿي جي اڳواڻي ڪندي بغاوت شروع ڪري ڏني هئي. مٿي ڄاڻايل انقلابي فوجين جي گڏيل جدوجهد سبب سن 1818ع ۾ اسپيني فوج کي شڪست آئي ۽ چليءَ آزادي حاصل ڪئي، سن 1819ع ۾ لاپلاٽا ۾ جنتا نالي آزاديءَ جي تحريڪ جي حقيقي اڳواڻن مان هڪڙي شخص سائمن بوليوار Simon Bolivar نيوگريناڊا ۾ اسپيني فوج کي شڪست ڏني. فقط ٻه سال پوءِ وينز ولا ۾ Venezeela پڻ آخري اسپيني لشڪر بڇڙي شڪست کاڌي. سين مارٽن ۽ بوليوار پيرُو (Peru) جي آزادي لاءِ گڏجي حملو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. ڇو ته اسپين جي ڏکڻ آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط ڪالوني ۽ هيڊڪوارٽر پيرو هو. مٿين اڳواڻن منصوبي تحت حملو گڏيل حڪمت عملي موجب ڪيو پر پيرو ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سنن مارٽن سندس فوجون بوليوار جي حوالي ڪري پاڻ چلي موٽي ويو.باقي بوليوار انقلابي فوجي جدوجهد جاري رکيو آيو ۽ نيٺ سن 1824ع ۾ اسپين جي آخري لشڪر کي وڏي ڏاهپ سان شڪست جو شڪار بنايو. هن عظيم جدوجهد جي ڪري عوام کيس دي لبريٽر The librater آزادي ڏياريندڙ جو خطاب عطا ڪيو. ٻئي سال بوليوار جي هڪڙي ساٿي سالار، اپرڀيرو ڪالوني جنهن کي هاڻي بوليويا سڏجي ٿو اسپين کان آزاد ڪرايو. ٻئي طرف سن 1810ع ۾ ميڪسيڪو جي اصل باشندن جن کي هاڻ انڊين سڏيو ٿي ويو. انهن نون آبادڪارن طرفان مٿن ٿيندڙ ظلمن يعني زر توڙي سندن زمينن کسجڻ خلاف بغاوت ڪئي. انهيءَ بغاوت جي اڳواڻي Father migual Hidalgo ميگوئل هائڊلگو نالي هڪڙي اصل ميڪسيڪن شخص ٿي ڪئي، جيڪو ڪئٿولڪ پادري پڻ هو. کيس گرفتار ڪري قتل ڪيائون ۽ بغاوت ڪچلي ڇڏيائون، تنهن کان پوءِ هائڊلگو جي هڪڙي پوئلڳ نالي فادر جوس مارلس Father Jose Marlos جي اڳواڻي ۾ هڪڙي ٻي اهڙي بغاوت اڀري، پر اُها پڻ بيدرديءَ سان ڪچلي وئي. نيٺ سن 1820ع ۾ ڪريئولن جي اڳواڻي ۾ هتي ٽيو ڀيرو جيڪا تحريڪ منظم ۽ چالو ٿي تنهن سبب ميڪسيڪو ٻن سالن جي جدوجهد بعد آزادي حاصل ڪئي، انقلابي اڳواڻ آگسٽين ڊي اِٽُر بائيڊ Augustin de Iturbide هتي بادشاهه جي حيثيت سان حڪومت ڪرڻ لڳو، پر هڪ ئي سال جي قليل عرصي اندر يعني 1823ع ۾ ميڪسيڪو جي انقلابي عوام سندس تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ عوامي راڄ قائم ڪيو. بادشاهه اِٽربائيڊ جي حڪومت دوران وچ آمريڪا جي ڇهن رياستن کي ميڪسيڪو ۾ شامل ڪيو ويو. پر انهن ميڪسيڪو جي تسلط کي رد ڪري پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ پاڻ ۾ متحد ٿي ”وچ آمريڪا جا گڏيل صوبا“ United provinces of central America سڏائڻ لڳا نه فقط ايترو پر سمورا صوبا ترت پوءِ هڪ ٻئي کان جدا ٿي.ڪوسٽاريڪا، السيلواڊور گوٽيمالا، هونڊراس ۽ نڪاراگوا جي نالن سان آزاد رياستن جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. جنهن دوران ميڪسيڪو ۾ آزاديءَ جي تحريڪ چالو هئي تڏهن برازيل جي حڪومت ۾ پڻ عجيب غريب تبديليون پئي ٿيون. فرينچن جڏهن اسپين ۽ پورچوگال فتح ڪيا ته پورچوگيز شاهي خاندان ڀڄي پنهنجي ڪالوني برازيل۾ ديرو ڄمايو. وري جڏهن پورچوگيز بادشاهه VI Joao جوائو ششم سن 1821ع ۾ واپس پرتگال موٽيو ته پويان برازيل ۾ سندس پٽ پيڊرو Pedro کي برازيل جو بادشاهه بنايو ويو. تنهن کانپوءِ برازيل جي ماڻهن ۾ سندن نمائندن ۽ سفيرن توڙي وڻج واپار ۾ ساڻن پرتگالي حڪومت جي ٻه اکيائي واري رويي تي رنجش وڌڻ لڳي. ۽ آزادي جي تحريڪ پيدا ٿي جيڪا سن 1822ع ۾ پورچوگال کان برازيل جي آزاديءَ جي اعلان سان انتها تي پهتي، پر برازيل پهريون آزاد ملڪ هو جتي بادشاهت برقرار رهي ۽ ساڳيو بادشاهه پيڊرو پڻ بادشاهه جي حيثيت سان برقرار رهيو.
    ڏکڻ آمريڪا جي اڪثر آزاديءَ وارن اڳواڻن جي تجويز ۽ توقع هئي ته ڏکڻ آمريڪا جا سمورا آزادي حاصل ڪندڙ ملڪ گڏجي چند شاهي وفاقي رياستون بنائي اتر آمريڪا جي گڏيل آمريڪي رياستن واري شاهي وفاقي انداز سان نهايت طاقتور ۽ ترقي يافته قومن جي صورت ۾ دنيا ۾ برقرار رهڻ گهرجن، پر انهيءَ جي برعڪس سموريون رياستون هڪ ٻئي کان جدا رهڻ لڳيون. نيوگريناڊا، گران ڪولمبيا جي نالي سان سڏجڻ لڳي، پر اهو به جلد ٽُٽي وينزولا، ڪولمبيا۽ ايڪئاڊور نالن سان ٽن جدا آزاد رياستن جي صورت ۾ ظاهرٿيون ۽ پيرو نالي اڳوڻي شاهي بيٺڪ پڻ ٽن جدا ملڪن پيرو، بوليويا، ۽ چليءَ جي صورت ۾ نمودار ٿيون.
    پيراگوئي وارو ملڪ اڳوڻي شاهي ڪالوني لاپلاٽا جي مٿين ڀاڱي مان ٺاهيو ويو ۽ 1823ع ۾ يوروگئي ملڪ پڻ برازيل توڙي لاپلاٽا وارن اصل صوبن کان الڳ آزاد حيثيت حاصل ڪئي. مذڪور مڙني ملڪن يورپي بيٺڪي راڄ کان آزادي ته حاصل ڪئي پر ماڻهن کي حڪومت کان پري ۽ اڻڄاڻ هئڻ سبب سندن جدوجهد نالي ماتر آزادي تي اڪتفا ڪئي. ملڪ ۾ جمهوري نظام حڪومت نه قائم ٿيو نه ڪي دائم ٿيو. ڇو ته هن ملڪ جي اصل باشندن ۽ قبيلن جهڙوڪ: ميسٽيزو ،اصل آمريڪي انڊين کي توڙي هتي آندل ڪارن غلامن کي تعليم کان مڪمل طور پري رکيو ويو. هتي ڌارين جي ميلاپ سان پيدا ٿيل نئون نسل جنهن کي ڪريئوئل سڏين ٿا. اقتدار ۾ ٻين مقامي ماڻهن کي ڀائيوار ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هو. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر فوجي ۽ جنگي سردارن ملڪي اقتدار تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. انهن جنگي سردارن کي ڪاڊيلو (Caudillo) سڏڻ لڳا. هنن کي فوج جي مڪمل حمايت حاصل رهي. هر هڪ ڪاڊيلو يعني فوجي سردار حڪومت تي جنگ وسيلي قابض ٿيندو رهيو ۽ پنهنجو اقتدار پڻ ٻئي ڪاڊيلو جي حملي سان هار کائڻ سبب وڃائيندورهيو. اقتدار ۽ سرڪار ۾ هر تبديلي وڏي رتوڇاڻ وسيلي عمل ۾ ايندي رهي. نتيجتاً ڏکڻ آمريڪا جي اٽڪل سمورين رياستن ۾ ڪا به مستحڪم حڪومت قائم نه ٿي سگهي.
    هنن لاطيني آمريڪي رياستن ۾ ڪاڊيلوز يعني فوجي حڪمران مثالي ڊڪٽيٽر ٿي رهيا، جن کي ملڪ يا عوام جي سڌاري طرف ذرو به ڌيان ڪو نه هو. مثلاً سن 1835ع کان 1852ع تائين ارجنٽائين ۾ حڪومت ڪندڙ ڪاڊيلو جان مينوئل ڊي Jaun Manual de Rosas روساس نهايت ئي ظالم حڪمران هو. جنهن سمورو وقت تشدد ۽ قتل وسيلي حڪومت ڪئي.
    ٻيو مثال اينٽونيو لو پيز ڊي سانتا اينا Antonio logpez de sanitanna نالي ڪاڊيلو جو آهي، جيڪو 1833ع ۾ پنهنجي فوج سان حملو ڪري ميڪسيڪو شهر تي قبضو ڪري پاڻمرادو ملڪ جو صدر سڏائڻ لڳو ۽ سن 1855ع تائين ملڪ تي قابض رهيو. سندس حڪومت دوران ملڪ جو اڌ حصو آمريڪا جي وفاقي حڪومت ڦٻائي وئي. سانتا اينا کانپوءِ اقتدار ۾ ايندڙ ڪاڊيلو ميڪسيڪو جو حقيقي محب وطن حڪمران ثابت ٿيو. جنهن جو نالو بينٽو جُئاريز benito Jua Rez هو. هُن دور ۾ جئاريز پهريون اصل ميڪسيڪن يعني انڊين هو. جنهن ميڪسيڪو جي حڪومت سنڀالي. هن ڪيترائي سماجي سڌارا آندا. جهڙوڪ چرچ جو اثر رسوخ گهٽ ڪري عبادت ۾ ڪم نه ايندڙ چرچ جي سموري جائداد نيلام ڪرائي. ميڪسيڪو جي غريب ماڻهن کي زمين ڏياريائين. انهيءَ صورتحال ملڪ جي خوشحال زميندار ۽ چرچ سان وابسته شاهوڪار طبقو جُئاريز جو سخت مخالف ٿي پيو ۽ملڪ ۾ ٽن سالن تائين گهرو لڙائي جاري رهي. انهيءَ جي باوجود جئاريز جي عوام طرفان حمايت سبب سندس اقتدار برقرار رهيو.تڏهن هتي جي جاگيردار ۽ شاهوڪار طبقي فرانس جي هڪڙي تونگر نالي ميڪسيميليئن (Maximilian) کي ميڪسيڪو جو بادشاهه بنائي. ويهاريو پر جئاريز عوامي حمايت ۽ مدد سبب ٿاڦيل فرينچ بادشاهه کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ سن 1867ع ۾ پاڻ ميڪسيڪو جو صدر چونڊجي ويو ۽ 1872ع ۾ پنهنجي وفات تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. هن عام ماڻهن جي تعليم جو بندوبست ڪيو ۽ جمهوري نظام ۽چونڊن جو سرشتو قائم ڪيو. هن ملڪي فوج جو تعداد پڻ ضروري حد تائين گهٽائي ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين کيس ميڪسيڪو جو سورمو سڏيو وڃي ٿو. هن دور ۾ ڏکڻ آمريڪا جي مجموعي صورتحال کان برازيل ملڪ ۾ مختلف سماجي صورتحال موجود هئي. ٿيو هيئن ته سن 1831ع ۾ شهنشاهه پيڊرو اول کي سندس اميرن زوري معرول ڪري سندس پٽ کي پيڊرو ثاني جي حيثيت ۾ ملڪ جو بادشاهه بنايو ويو. نئون بادشاهه صغير يعني فقط 5 سالن جو ٻار هئڻ سبب حڪومت جو ڪاروبار اميرن ۽ صلاحڪارن جي حوالي رهيو. جڏهن هو وڏو ٿيو ته سن 1841ع ۾ حڪومت جون واڳون پاڻ سنڀاليائين ۽ ايندڙ 48 سالن تائين نهايت خوش اسلوبيءَ سان حڪومت هلايائين. پيڊرو ثاني 19 صدي دوران سڀ کان وڌيڪ پڙهيل بادشاهه هو. هن جي دور حڪومت ۾ برازيل زراعت توڙي صنعت ۾ بي مثال ترقي ڪئي. انهيءَ سان گڏ ڏيساور جي واپار ۾ ڪافي ۽ رٻڙ وڏي پيماني تي وڪرو ٿيڻ لڳو.
    ملڪ ۾امن امان، مضبوط حڪومت ۽ ترقي ڪندڙ معيشيت سبب، انگلينڊ برازيل ۾ ڪيترن ئي نون منصوبن ۾ سيڙپ ڪرڻ لڳو. نتيجتاً ملڪ ۾ پڪن رستن، ريلوي، ٽيليگراف لائين. واهن ۽ڪينالن توڙي مختلف قسمن جي ڪارخانن جو ڄار وڇايو ويو. جنهن سبب ملڪ ۾ بهتر اطلاعات ۽مواصلات جو اعليٰ نظام وجود ۾ آيو ته ٻئي طرف روزگار جا وسيلا وڌيڪ تعداد ۾ پيدا ٿيا ۽ مزوريءَ جو اگهه پڻ وڌيو.


    فتوحات چَنگِيزِ خان

    چَنگِيزِ خان جي خاندان وارا منگول سردار، سندس ڏاڏي کان وٺي، ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ سندن وطن منگوليا جي مرڪزي علائقي ۾ نروار ٿيا. قبيلائي اتحادن، توڙي اختلافن، ڦڏن فسادن ۽ منجهن مسلسل جنگين ۽ جهيڙن جي نتيجي طور، آخر منجهن معروضي طور گهربل هڪڙو حقيقي ۽ نئون اتحاد قائم ٿيو، تنهن جي بنياد تي هنن هڪ باضابطه عسڪري سياسي تنظيم جي تشڪيل ڪئي. انهيءَ گهراڻي جي فرد چنگيز خان، تيرهين عيسوي صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ دؤران ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترين ئي ننڍين وڏين رياستن کي فتح ڪري، پنهنجي وقت جي وڏي ۾ وڏي رياست قائم ڪري، سڄي دنيا تي پنهنجي هستيءَ جو ڌاڪو ڄمايو. اُتر مرڪزي منگولبيا ۾ سن 1162ع ڌاري پيدا ٿيندڙ، چنگيزخان جو اصل نالو ”ٽيموجِن“ هو. هو بورجيگن قبيلي جو فرد ۽ خابُول خان جو اولاد هو، جنهن مان سندس پيءَ ”سُوخَئِي پيدا ٿيو هو. خابول خان 1100ع ڌاري، اتر چين ۾ قائم چِن يا جِن گهراڻي جي حڪومت خلاف جزوي ۽ مختصر طور تي مختلف منگول قبيلن جو اتحاد جوڙيو هو. منگولن جي مخفي تاريخ موجب، چنگيز خان جي هٿ ۾ ڄائي ڄم کان وٺي، خون جو هڪڙو داغ موجود هو. جيڪو منگول ڪٿا موجب هڪ سربراهه / اڳواڻ جي قدرتي علامت ٿئي ٿو. سندس ماء ”هوئِلُن کيس منگول قبيلن جي جنگجو مِزاجَ جي ڪٺورتا واري حقيقت کان ڀلي ڀت واقف ۽ سجاڳ ڪيو ۽ کيس منگول قبيلن ۾ ٻڌي پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن کي
    نَوَنِ (9 ) سالن جي عمر ۾ سندس پيءَ چنگيز خان کي سندس مستقبل ۾ ٿيندڙ ”ڪُنوار، ”بورٽي“ جي خاندان ۾ رهڻ لاءِ آڻي ڇڏيو. ڳوٺ ڏانهن موٽندي سندس پيءَ، يَسُوخئي کي هڪڙي مخالف تارار قبيلي جا ماڻهو مُنهن ۾ پئجي ويا، سي کيس پرچڻ جو بهانو بنائي سندن ديري تي وٺي ويا ۽ ساڻن دغابازي ڪرڻ جي انتقام طور کيس زهر ڏنائون، تنهن سبب هو مري ويو اها خبر ٻڌي، چنگيز خان پنهنجي گهر موٽي آيو ۽ گهر جو ۽ پنهنجي خانداني نُکَ جو اڳواڻ ٿيڻ جي تقاضا ڪئي، جيڪا سندس راڄ جي ماڻهن، سندس عمر ننڍي هئڻ جي بنياد تي قبول ڪا نه ڪئي، اُٽلو هن جي ننڍن ڀائرن ۽ ويڳن ڀائرن سميت کيس راڄ نيڪالي ڏنائون، تنهن ڪري اُھي پِنَڻِينِ پَرينِ ٿي ويا. سندن ڪُٽنب تي معروضي دٻاء وڌي ويو. انهيءَ دؤران شڪار ۾ هٿ آيل مال جي ورهاست تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ چنگيز خان پنهنجي ويڳي ڀاءُ کي ماري وڌو. انهيءَ ڀاء جو نالو بَختَر هو، تنهن کان پوءِ هن گهرجي وڏي جي حيثيت مڃائي ورتي. 16 سالن جي ڄمار ۾ چَنگِيز خان سندس مڱ بورٽِيءَ سان شادي ڪري، سندس زال واري ڪونڪِيرَت قبيلي سان سندس قبيلي جو اتحاد مُستحڪم ڪيو. انهيءَ کان سِگهو پوءِ چنگيز خان جي هڪ مخالف قبيلي جي ماڻهن هٿان، سندس زال، بورٽي اغوا ٿي وئي ۽ انهي مَرڪِت قبيلي جي سردار کي ڏني وئي، جنهن کيس پاڻ وٽ زال ڪري ويهاريو. پر چنگيز خان بورٽيءَ واري قبيلي جي مدد سان بورٽيءَ کي مَرڪَت قبيلي کان ڇڏائي آيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ بورٽيءَ پهريون پٽ ڄڻيو، جنهن جو نالو ”جوچي“ رکئون مائيءَ جي اغوا سبب چنگيزخان جي ڪونِڪٽ قبيلي جي ماڻهن ڇوڪر جي حلالي هئڻ ۾ شڪ آندو، پر چنگيز خان ٻار کي پنهنجو حلالي اولاد تسليم ڪيو، چنگيز خان کي بورٽيءَ مان چار پٽ ٿيا. 20 سالن جي ڄمار ۾ سندس هڪڙي سابق اتحادي قبيلي سان تڪرار ۽ جهيڙي ۾ چنگيز خان گرفتار ٿي، انهيءَ تائچيئُت قَبِيلي ۾ غلام ٿي ويو پر ٿوري ئي وقت اندر انهيءَ قبيلي جي هڪڙي نيڪ نيت شخص جي همدرديءَ ۽ مدد سان، اتان کِسڪي ويو ۽ اچي پنهنجن ڀائرن سان گڏيو، جتي صورتحال جي تقاضا موجب هن پنهنجن ڀائرن سان گڏ ٻين هم خيال قبيلن سان گڏجي هڪڙو عسڪري اتحاد قائم ڪيو ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي ويهه هزار نوجوان منگولن جي هڪ منظم فوج تيار ڪري ورتي ۽ منگولن جي مختلف قبيلن ۾ وِرڇ سبب پيدا ٿيندڙ ڪمزوري ۽ لاچاريءَ کي ختم ڪرڻ ڪارڻ چنگيز خان سمورن پاڙيسري قبيلن سان رابطو ڪندو، سندن اختلاف ختم ڪندو، کين پاڻ ۾ پرچائيندو ۽ پاڻ سان اتحاد ۾ شامل ڪندو، پنهنجي قيادت ۾ منگول اڪثر قبيلن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ويڙهاڪ تنظيم فوج کي مُيسر مناسب تربيت ڏئي تيار ڪري، اول پنهنجي پيءَ جي خون جو پلاند ڪرڻ لاءِ انهن قاتل تاتارِيِن تي ڪاهي ويو ۽ کين سخت شڪست ڏنائين، چنگيز خان پھرين تاتاري فوج ۾ قتلام ڪرايو،
    تنهن کان پوءِ تاتارين جي هر نريني فرد کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڪيو، جنهن جو قد ٽن ڦُٽن کان ڊگهو هجي، تاتارين کي مات ڏيڻ کان پوءِ چنگيز خان جي منگول فوج تائيچيئُت قبيلن تي، سلسليوار ۽ لڳاتار گهوڙي سوار لشڪر جي چڙهاين ذريعي شاندار فتح حاصل ڪئي ۽ سندن سمورن جنگي سردارن ۽ راڄ جي چڱن مڙسن کي جيئرو جهلي ٻڌي پاڻيءَ جي ڪڙاهين ۾ ٽهڪندڙ پاڻي ۾ اُڇلائي، ٽهڪائي مارايو. تنهن کان پوءِ چنگيز خان سن 1206ع ۾ منگولن جي هڪڙي نهايت طاقتوَر سرڪش ۽ سندس مخالف، نائِمان قبيلي کي پڻ عبرتناڪ شڪست ڏئي، وچ ۽ اوڀر منگوليا جي سموري علائقي کي قبضي هيٺ آندو. سندس فوج کي حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جو مکيه سبب خود چنگيز خان جون تشڪيل ڪيل نراليون عسڪري حڪمت عمليون هيون، جن تي عمل ڪرڻ لاءِ سندس سکيا ڏِنل جاسوسي ڪندڙ نيٽ ورڪ جي جفاڪشيءَ سان دشمن فوج بابت گهربل صحيح معلومات مهيا ٿيندي رهي. جنهن جي بنياد تي، دشمن فوج جي چرپر کان بلڪل اڳ ۾ انهن جي خلاف جنگ جا بلڪل نرالا ۽ نامعلوم گُر ڪتب آندا ويندا هئا. اهڙيءَ طرح بهتر سکيا ورتل، چنگيز خان جي اسي هزار منگول فوج ۾ فوجي ضباطي مطابق رابطي جو پڻ هڪ نرالو نظام رائج هو جيڪو روشني ۽ دونهن تي مُبني هو. تنهن کان سواءِ نغارا ۽ مختلف رنگن جا جهنڊا به استعمال ۾ هئا. هر هڪ سپاهي، تير ڪمان، تير ڪش (تَيرن سان ڀريل) هڪ ڍال، هڪ تلوار، هڪ خنجر ۽ هڪ سِرڪَڻ ڦندي واري رسي سميت مڪمل طور هٿياربند هو هُن وَٽ هڪ واٽر پروف وڏو ٿيلهو به ساڻ هوندو هو، جنهن ۾ کاڌو، ڪپڙا ۽ ڪي ضروري شيون پيل هونديون هيون اهو ٿيلهو ضرورت پٽاندر پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ سنڍ يا تُرھي جو به صحيح ڪم ڏيندو هو. چنگيز خان جي گهوڙي سوارسپاھيءَ وٽ هڪ ڇوٽي تلوار، نيزو جنگي تبر، زرهه، هڪ دوا جي شيشي ۽ هڪ ڊگهي سنهي ڇڙهه به ھُوندِي هئي. جنهن جي ڇيڙهي تي هڪ ڪُنڍو لڳل هوندو هو، جنهن جي مدد سان دشمن گهوڙي سوار کي گهوڙي تان ڪيرائبو هو. منگول هميشه ڀرپور حملو ڪندڙ ويڙهاڪ هئا ۽ دشمن کي مڪمل طور تباهه ۽ ناس ڪري ڇڏيندا هئا. اهي پنهنجي گهوڙن تي ضابطو سندن ٽنگن ذريعي ڪندا هئا. سندن آزاد هٿن سان اهي ضرورت موجب وٽن موجود سمورا هٿيار استعمال ڪري سگهندا هئا. سموري فوج کي وقت سر گهربل هر شيءِ پهچائڻ لاءِ هڪڙو جامع ۽ باضابطه ٽرانسپورٽ نظام هو، جنهن جو بنياد ڍڳي گاڏين تي قائم ڪيل هو. منگول فوج ۾ طبي امداد ۽ دُعا ڦيڻي لاءِ به واسِطيدَار ويڄ طبيب ۽ روحاني برزگ توڙي ڀوپا به موجود هوندا هئا، تنهن کان سواءِ مال غنيمت جي فهرست تيار ڪرڻ وارا اهلڪار پڻ منگول فوج ۾ موجود هئا. مختلف منگول قبيلن تي فتح پائڻ سبب، غير منگول قبيلن جي سردارن به امن جي بدلي چنگيز خان کي پنهنجو حاڪم تَسلِيمِ ڪيو ۽ سندس ساراه طور کيس ”چنگيز خان“ جو لقب ڏنائون. انهيءَ لقب ”چنگيز خان“ جي معنيٰ آهي ”سموري دنيا جو حاڪم“. انهيءَ وقت کان وٺي سندس اصل نالي ”تموجين“ جي بدران کيس چنگيز خان سڏڻ شروع ڪيو ويو. انهيءَ لقب نه فقط سندس سياسي اهميت ۾ تمام گهڻو اضافو آندو پر سندس روحاني قدر پڻ وڌي ويو. فوج ۾ موجود وڏي پروهت انڪشاف ڪيو ته تيموجين نه فقط چنگيز خان، يعني سڄي دنيا جو حاڪم آهي، پر اهو مونگِڪي ڪوڪو ٽينگري، يعني مَنگولَن جو سڀني کان وڏو ديوتا يعني خُدا جو نمائندو آهي. انهيءَ روحاني اعليٰ حيثيت واري انڪشاف جي بنياد تي انهي مفروضي کي پڻ تسليم ڪيو ويو، ته تيموجين جي ڀاڳ ۾ واقع دنيا جي بادشاهي لکيل آهي ۽ هو واقع چنگيز خان آهي. چنگيز خان جي شهنشاهت ۾ سهپ ۽ صبر جو ته رواج ۽ ناماچار هو، پر چنگيز خان جي مزاحمت ڪرڻ خُدا تعاليٰ جي مزاحمت ڪرڻ جي برابر هو. انهيءَ خيال کي ايتري گهڻي مذهبي جنون سان مشتهر ڪيو ويو، جو چوڻ ۾ آيو ته چنگيز خان هڪڙي دشمن جنگي سردار کي شڪست ڏِيَڻَ کان پوءِ چيو ته ”آئون الله تعاليٰ جو قهر آهيان جيڪڏهن توهان ڪبيرا گناه نه ڪيا هجن ها، ته الله پاڪ منهنجي صورت ۾ اوهان تي قهر نازل ڪو نه ڪري ها.“ چنگيز خان پنهنجي قسمت آزمائڻ ۾ هڪ پل به ضايع نه ڪيو. جڏهن ته سندس لشڪر کي روحاني اُتساه تمام گهڻو پرجوش بنايو، پر منگول لشڪر گهڻا ڪشالا ماحولياتي حالتن پٽاندر ئي ڪيا. چنگيز خان جي ملڪ ۾ آدمشماري وڌڻ سبب، کاڌ خوراڪ ۽ زندگيءَ لاءِ گذر جا وَسِيالا گهٽجڻ لڳا. تڏهن چنگيز خان سن 1207ع ۾ اتر اولهه چين ۾ قديم شاهراه ريشم سان لڳو لڳ قائم، ايگزيا گهراڻي جي حڪومت واري رياست تي ڪاهه شروع ڪئي ۽ سانده ٻنِ سالن جي طويل جنگ کان پوءِ ان کي زيِر ڪيو ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب واپار تي ايگزيا حڪومت طرفان مڙھيل محصول ختم ڪرائي، ڪيترو ئي ڏن وٺي پنهنجي وطن وريو، سن 1211ع ۾ چنگيز خان جي لشڪر چِن يا جِن گهراڻي جي اتر چين ۾ قائم بادشاهيءَ تي حملو ڪيو. چِن گهراڻي جي حڪومت پڻ منگوليا سان واپار بابت ڦڏو ڪيو هو، جڏهن ته منگوليا کي چِن گهراڻي واري ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ مال جي سخت گهرج هئي، جنهن ۾ اناج جي سڀ کان گهڻي گهرج هئي. چِن گهراڻي سان جنگ ڊگهي ٿي وئي ۽ 1215ع ۾ چنگيزخان جي فوج، موجوده بيجنگ شهر ۽ ان جي آس پاس واري علائقي تي قبضو ڄمائي چِن حڪومت جي لشڪر کي شڪست ڏئي، اُتان تڙي ڪڍيو. چن سرڪار مجبور ٿي منگولن جا شرط مڃيا، تنهن کان پوءِ چنگيز خان جي فوج، اولهه طرف منگوليا جي سرحدي حڪومتن ۽ اسلامي دنيا ڏانهن چڙهائي ڪرڻ لڳي. شروعات ۾ چنگيز خان خوارزم واري اسلامي رياست سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا ۽ هڪ واپاري ٺاهه ڪيو. اها رياست انهيءَ وقت ترڪستان، پرشيا يعني فارس ۽ افغانستان تي مشتمل، هڪ وسيع ۽ خوشحال اسلامي رياست هئي، منگول سفارتي وفد ۾ جاسوسي ڪرڻ جو شڪ وجهي، اوتار صوبي جي گورنر مٿس حملو ڪيو. جڏهن انهي واردات جي چنگيز خان کي خبر پئي ته هن خوارزم جي حڪومت کان، پنهنجو ايلچي موڪلي اوتار جي ڏوهاري گورنر جي ٻانهن جي گهر ڪئي. خوارزم جي بادشاهه، شاه محمد، منگول بادشاه جي گُھرَکي ناجائز ڌمڪي سمجهي، گورنر جي ٻانهن ته ڪا نه ڏني، اٽلو منگول ايلچيءَ کي مارائي، انهيءَ جي سسي شهه طور چنگيز خان کي ڏياري موڪلي، بادشاه، شاه محمد جي انهيءَ غصو ڏياريندڙ عمل، قهر خدائيءَ کي دعوت ڏني، جنهن سموري وچ ايشيا کان ويندي اوڀر يورپ تائين سمورين قومن ۾ ڪوس ۽ شهرن کي ساڙي تباه ڪري ڇڏيو. سن 1219ع ۾ چنگيز خان پنهنجي ٻه لک سپاهين جي منگول لشڪر جي خوارزم جي حڪومت جي خلاف ٿيندڙ حملي جي ڪمان خود پاڻ سنڀالي. انهيءَ حمله آور لشڪر کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو هو. منگول لشڪر خوارزم جي هر شهر ۾ ڪوٽن ۽ قلعن کان وٺي نه ختم ٿيندڙ وحشيت ۽ ڪٺورتا جو نهايت ڀيانڪ عمل جاري رکندي، مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو. شهر ۾ جيڪي ماڻهو ڪوس هلندي به مرڻ کان بچيا، اَنهن کي به ٻئي شهر تي حملي دؤران ڍال طور استعمال ڪندي ماريو پئي ويو. شهرن ۾ گهرو جانورن سَميت ڪا به ساه واري جِنس پويان جيئرِي ڪا نه پي ڇڏيائون. مردن، عورتن ۽ ٻارن جي کوپرين سان تمام وڏا مخطروطي مُنارا ٺاهيا ويا هڪ شهر کان پوءِ وري ٻئي شهر ۾ واري واري سان ماڻهو ماريندا، ملڪيتون ڦريندا، باهيون لڳائندا تباه ڪندا آيا ۽ آخر ۾ بادشاه ۽ پوءِ سندس پٽ کي ماري سن 1221ع ۾ خوارزم گهراڻي جو انت آندو ويو. انهيءَ دؤر ۾ چنگيز خان جي فتوحات، يورپ ۽ چين جي مکيه تجارتي مرڪزن کي هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو، هاڻي چنگيز خان جي توسيع ٿيل شهنشاهت جو ڪار وهنوار ۽ نظم و ضبط مگنولن جي مُروج دستور العمل مطابق هلائڻ لڳا. انهيءَ قانون کي ”لاسا“ سڏبو هو. انهيءَ دستور ۾ شهنشاه چنگيز خان جا اهي فرمان ۽ فيصلا پڻ شامل آهن، جن وسيلي قتل يا خون وارن فسادن، زنا ڪاريءَ، چوريءَ ۽ ڪوڙي شاهديءَ تي سَخت بندش لڳائي وئي هئي. انهيءَ رياستي قانون ۾ منگولن وٽ سماجي ماحول لاءِ عزت ۽ احترام جي جهلڪ به ڏسڻ ۾ پي آئي. جهڙوڪ ندين نالين ۽ پاڻيءَ جي وڏن وهڪرن ۾ وِهنجڻ تي بندش پيل هئي. فوج جي سفر دؤران، اڳيان ويندڙ سپاهيءَ جو هلندي ڪيرائيل سامان، سامان ڪيرائيندڙ سپاهيءَ جي پويان ايندڙ سپاهيءَ کي، کڻڻ لاءِ حڪم ڏيڻ تي به بندش پيل هئي. مٿي لکيل قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي سزا معمول موجب موت جي سزا هوندي هئي. فوجي توڙي سرڪاري اهلڪارن جي عهدي ۾ ترقيءَ جو مدار مِٽي مائٽي ۽ سفارش تي نه، پر فقط لياقت ۽ قابليت تي رکيل هو. ڏَنِ، ڍل ۽ محصول ۾ مذهبي پيشوائن ۽ ڪجهه مخصوص پيشَه وَر افراد کي ڇوٽ مليل هئي. چنگيز خان جي منگول سلطنت ۾ سهپ ۽ مذهبي رواداري به موجود هئي. مذهب کي فرد جو ذاتي معاملو قرار ڏنل هو. مذهب جي رياستي اُمور ۾ مداخلت جي منع ٿيل هئي. البت ڪنهن به مذهب تي ڪا بندش ڪا نه هئي. وچ ايشيا واري اسلامي رياست خوارزم سان جنگ هلندي، چنگيز خان جو حڪم نه مڃيندي، پنهنجي گهربل فوج چنگيز خان ڏانهن ڪا نه موڪلي ۽ کليل مخالفت ڪرڻ لڳي. تنهن ڪري انهي اوڀر چين ۾ قائم تينگُت رياست جي شهرن کي فتح ڪرڻ واري سلسلي دؤران چنگيز خان دشمن فوج کي شڪست فاش ڏني ۽ گاديءَ واري شهر ”ننگ هِيا، کي ڦرلٽ ۽ غارتگري وسيلي مڪمل طور تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. تنهن کان پوءِ تينگُت اَھلڪارَ هڪ ٻئي پويان آڻ مڃيندا آيا ۽ اهڙي ريت جنگ ختم ٿي. چَنگِيز خان تينگُت رياست وارن سان سمورو وير ته ڪو نه ختم ڪيو، نه ئي سمورو بدلو ورتو، پر شاهي گهراڻي کي موت جي سزا ڏئي، ان جو مڪمل خاتمو ڪيو. پنهنجي وفات کان اڳ، چنگيز خان سندس پُٽ اوگدئي کي پنهنجو جاءِ نشين ۽ حڪومت جو سربراه بنايو، چِنن سميت اوڀر ايشيا جي وڏي ڀاڱي تي اوگدئي جي حڪومت قائم ٿي ۽ سلطنت جو باقي بچيل حصو، چنگيز خان جي ٻين پٽن ۾ ورهايو ويو. سندس پٽ چغتائي اتر ايران سميت وچ ايشيا ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. سڀني ۾ ننڍي ڀاء هجڻ سبب، تولوئي کي منگوليا جي ڀر ۾ هڪڙي ننڍڙي علائقي جي مالڪي نصيب ٿي. سندس پٽ جُوچي، جيڪو چنگيز خان جي وفات کان اڳي ماريو ويو هو جوچي ۽ سندس پٽ، باتُو کي جديد روس تي قبضو حاصل ٿيو.
    چنگيز خان پَنهِنجي قبيلي جو سردار چونڊجڻ کان تُرت پوءِ، پنهنجي پهرين فوجي مهم شروع ڪئي ۽ تينگُت رياست جي گادي واري شهر تي سن 1209ع ۾ آسانيءَ سان قبضو ڪري ورتو. گاديءَ واري شهر ايگزي ايگزيا پهچڻ لاءِ منگول فوج کي گوبي نالي طويل رڻ پٽ جهاڳڻو ٿي پيو، اهو مشڪل پنڌ ڄاڻي، شهر کي ويجهو هڪ جابلو لڪ مان لنگهي آسانيءَ سان شهر پهچڻ گهريو، جتي رسندي دشمن سان شديد جنگ چالو ٿي وئي، اُتان گوهي ڏئي منگول فوج تينگُت فوج کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي، آڻ مڃائي ۽ شهر تي قبضو ڪري ورتو ۽ اهو شهر منگولن کي ڏن ڏيندڙ شهر ٿِي پيو، جنهن سان گڏ منگولن کي شاهراه ريشم تي موجود زبردست نخلستان به قبضي هيٺ آيو ۽ شهر ۽ شاهراه تان ويندڙ ۽ ايندڙ تجارتي مال تان ملندڙ محصول به ملندو رهيو.تينِگُت رياست جي بادشاه، چنگيز خان کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنو، ڪيتروئي نذرانو پيش ڪيو، انهيءَ شهر جا مختلف هُنرن جا ٽيهه هزار ڪاريگر منگوليا آندا ويا.جِن منگوليا جي گادي واري شهر ڪراڪورم جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تنهن کان پوءِ چنگيز خان اترچين ۾ قائم چِن يا جِن گهراڻي واري حڪومت تي سن 1211ع ۾ ڪاهه ڪئي ۽ ميدان جنگ ۾ ته منگول سوڀارا ٿيا، پر وڏن شهرن کي فتح ڪرڻ ۾ ڏکائي ٿي. تنهن ڪري هنن معروضي صورتحال جو ويهي ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ چيني انجينئرن جي مدد سان نيون ۽ نراليون حڪمت عمليون ۽ گُر جوڙي ورتا ۽ عسڪري تاريخ ۾ منگول فوج پنهنجي وقت جي ڪامياب فوج ٿي پئي ۽ نتيجي طور جنگ جي ميدان ۾ ڪنئين سوڀون ماڻي، ڪيترن ئي ڪوٽن ۽ قلعن وارن شهرن تي قبضو ڪيو. سن 1213ع ۾ چنگيز خان چِن گهراڻي واري اتر چيني رياست فتح ڪري ڏکڻ طرف عظيم ديوار چين تائين پنهنجي حڪومت کي مستحڪم بنايو. تنهن کان پوءِ چنگيز خان پنهنجي فوج کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي، ديوار چين ۽ هُڪانگ هي جي وچ ۾ چِن رياست جي دل يعني مرڪز ڏانهن پيش قدمي ڪندي، چِن فوج کي شڪست ڏني. اتر چين کي برباد ڪري، ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ سن 1215ع ۾ چِن گهراڻي جي رياست جي گاديءَ واري شهر يا نِجِنگ، جيڪو پوءِ بيجنگ سڏجڻ لڳو، جو گهيرو ڪيو ۽ چند ڏينهن اندر قبضو ڪري خوب ڦرلٽ ۽ غارتگري ڪئي. بادشاه آڻ ڪا نه مڃي، پر پنهنجي گادي وڃي هڪ ڏوراهين شهر“ ڪائيفينگ ۾ قائم ڪئي. انهيءَ وقت نائمان منگوليا جي معزول حاڪم اولهه طرف ڀڄي وڃي ڪراڪيتاء رياست تي قبضو ڪيو جيڪا چنگيز خان جي طرفدار ۽ اتحادي هئي. انهي وقت مسلسل ڏهن سالن تائين ڇتيون لڙايون لڙندي ڪُچلُگ منگول فوج ٿڪي چُور ٿي پئي هئي. تنهن ڪري چنگيز خان، هڪ ڏاهي نوجوان سالار جيبي جي اڳواڻيءَ ۾ نائمان جي معزول حاڪم ڪُچلُگ تي ٻه فوجي پلٽنون چاڙهي موڪليون. ٻئي طرف منگول جاسوسن ڪُچلگ جي لشڪر ۾ وڳوڙ پيدا ڪري وڌو. اهڙيءَ طرح جيبي تمام تيزيءَ سان وڃي دشمن لشڪر تي ڪاشغر شهر جي اولهه طرف ڀرپور حملو ڪري دشمن فوج کي شڪست ڏني ۽ ڪچلُگ گرفتار ڪري پوءِ ماري ڇڏيو ۽ ڪراڪيتاء واري رياست منگول شهنشاهت ۾ شامل ٿي وئي. سن 1218ع ۾ چنگيز خان ڪراخيتائي نالي هڪ باغي ننڍڙي رياست تي ويهه هزار گهوڙي سوارن جي لشڪر کي جيبي جي قيادت ۾ چاڙهي موڪليو، جنهن دشمن جي گاديءَ واري شهر تي تمام تيزيءَ سان ڀرپور حملو ڪري ترت ئي مڪمل قبضي ۾ آڻـي، حاڪـم، نواب کي گرفـتـار ڪري قتل ڪيو ويو ۽ شهر ۾ ڦرلٽ ڪري تاراج ڪيو ويو ۽ اُھا ننڍي رياست ڪراخيتائي منگوليا سان ملائي وئي وچ ايشيا واري رياست خوارزم 1220ع ۾ مڪمل طور فتح ٿي تنهن جو احوال اڳ ۾ آيل آهي. سن 1219ع ۾ چنگيز خان پنهنجي هڪ لک ڏهه هزار فوج کي ٻن ڪالمن ۾ ورهائي بخارا ۽ اُترار شهرن جو گهيرو ڪرايو جتي منگول فوج هڪ مَھيني جي محاصري کان پوءِ انهن شهرن تي قبضو ڪيو. اتان قسمت سان کسڪي آيل هڪ اکين ڏٺي شاهد جو بيان آهي ته اُهي (منگول) آيا، زوري زنا ڪئي، ماڻهن جو ڪوس ڪيو، ڦُر لُٽ ڪئي، باهه لڳائي شهر ڀڙڀانگ ڪندا هليا ويا. اُترار شهر ۾ به هڪ لک کن سِسِيُون ڌڙن کان ڌار ڪري مِٽي ۾ گوليون ويون، چنگيز خان بخارا شهر جي هڪڙي مسجد ۾ لنگهي ويو جتي هن قرآن شريف جي کوکن مان قرآن شريف ڪڍائي، انهن کوکن ۾ پنهنجي گهوڙن جو داڻو وجهايو. مسجد مان ٻاهر نڪرندي، مقامي ماڻهن کي چيو ته آئون خدا جو قهر آهيان. جيڪڏهن اوهان ڪبيرا گناه نه ڪريو ها ته الله اوهان کي سزا ڏيڻ لاءِ مون وانگر ڪو قهر نازل ڪو نه ڪري ها! چنگيز خان بخارا شهر جي حاڪمن کي حڪم ڪيو ته شراب، گهوڙي جي کير جو ڌونرو ۽ ڪي موسيقار آڻيو تنهن کان پوءِ امير طبقي کي حڪم ڪيو ته توهان پنهنجا سمورا زر زيور ۽ هيرا موتي آڻي منهنجي پيرن اڳيان رکو. منگول فوج شهر ۾ کڻڻ لائق ڪا به شيءِ اتي ڪا نه ڇڏي ۽ سموري ملڪيت کڻي ويا. ويندي مسجد کي باهه ڏني، جنهن پکڙجي سموري شهر کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو. سن 1220ع ۾ چنگيز خان خوارزم رياست جي گادي واري شهر سمرقند تي حملو ڪيو ته بادشاه پنهنجي هڪ لک ڏهه زار فوج جي پهري ۾ فرار ٿي ويو. باقي شهر جي اميرن ڪوٽ جا دروازا کولي فوج کي رحم جي اپيل ڪئي. منگول هاڻي ٿڪي پيا هئا، پر شهر جو ڪوٽ ٽوڙي ڪيرائي ڇڏيو، شهر کي پاڻي رسائيندڙ شاخ ڀڃي برباد ڪري ڇڏي، هڪ لک کن ماڻهو ماري ڇڏيا. سموري مال ملڪيت سان گڏ اٽڪل ٽيهه هزار مختلف هنرن جا ڪاريگر، جهڙوڪ لوهار، واڍا، رازا، ڪوري، خوش نويس، منشي، ويڄ ۽ طبيب گرفتار ڪري سندن ملڪ منگوليا اماڻيا ويا. منگولن تنهن کان پوءِ شاهراه ريشم تي قائم ٻين تجارتي مرڪزن وارن شهرن جهڙوڪ ازبڪستان جو شهر اُرگينچ ترڪمانستان جو شهر مروِ، افغانستان جي شهرن بلخ، غزني ۽ هرات ۽ ايران جي شهر نيشاپور وغيره کي قتل و غارت ۽ ڦرلٽ ڪري اُجاڙي ڇڏيو. مسلم تاريخدانن موجب اڙل سمنڊ جي نزديڪ اُرگينچ شهر جي هڪ لک ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ شهر کي پاڻي سان ٻوڙي غرق ڪرڻ لاءِ هڪڙي نديءَ جو رخ ڦيرائي شهر ڏانهن ڪيو ويو موجوده ترڪمانستان رياست وارو شهر مزوِ، سلجوق ترڪ مسلمانن جي دؤر حڪومت دؤران محلن ۽ محلاتن، ڪُتِب خانن، اعليٰ تعليمي ادارن، سائنسي علمن جي رسد گاهن ۽ تجربيگاهن ۽ باغ باغيچن سان آراسته هڪ عاليشان شهر هو. اتي 1218ع ۾ چنِگيزخان جي قاصدن اچي شهر جي سلجوق حاڪم کان خراج ۽ شهر جون تمام خوبصورت عورتون گهربل تعداد ۾ پيش ڪرڻ جي طلب ڪئي. سلجوق حاڪم غصي ۾ اچي سمورن قاصدن کي مارائي ڇڏيو. ٽن سالن کان پوءِ مقتول قاصدن جو بدلو وٺڻ خاطر شهرتي منگولن جو وڏو ڪٽڪ چڙهي آيو ۽ هٿيار ڦِٽا ڪري آڻ مڃڻ جي زوردار گهُر ڪئي، جيڪا ترت قبول ڪا نه ڪئي وئي، ته پوءِ منگول راڪاسن وانگر ڇتا ٿي پيا ۽ پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته هر سپاهي ٽي سؤ کان چار سؤ بيگناه ماڻهن کي ضرور قتل ڪري، ڪمال وحشت سان منگولن شھر ۾ هڪڙو به ڄڻ ٻچو جيئرو ڪو نه ڇڏيو ۽ سڀ رَھواسي ماري ڇڏيا ۽ پوءِ ڦرلٽ پڄاڻان، شهر نذِر آتش ڪري ڪُوچِ ڪيو. سندن وڃڻ کان پوءِ شهر ۾ هڪ ساهوارو به بچيل ۽ جيئرو ڪو نه هو. اهو شهر ايندڙ هڪ سؤ سالن تائين به چڱي پر آباد ٿي نه سگھيو. ڪيترن ئي تاريخدانن جي راءِ موجب قتلام جي سلسلي ۾ ڏنل انگ اکرن ۾ تمام گهڻو مبالغو ڪيل آهي، راءِ ڏني وئي آهي ته حقيقت ۾ ذڪر هيٺ آيل تقريباً سمورن شهرن ۾ انهيءَ دؤر ۾ ايتري گهڻي تعداد ۾ ماڻهو موجود ئي ڪو نه هئا. هڪڙي يورپي تاريخدان، لاري، موسز لکيو ته منگولن ساڻن وڙهندڙ دشمن فوجن کي ته يقيناً ماري مليا ميٽ ڪيو ۽ دهشت پکيڙڻ لاءِ عام ماڻهن کي ڪافي تعدااد ۾ قطارن ۾ آڻي توبن جي اڳيان بيهاري توبن جي گولن سان اجتماعي طور تي ماريندا هئا، پر آئون ڀانيان ٿو ته انهن، ڄاڻايل تعداد ۾ عام ماڻهو ڪو نه ماريا هوندا، ڇو ته پنهنجو ڦرلٽ ۾ گڏ ڪيل ۽ فوج جو ٻيو به تمام گهڻو سامان ڊوهڻ لاءِ منگولن کي هر هند ڪم وارن ماڻهن جي سدائين ضرورت هوندي هئي، کين قبضي هيٺ آندل شهرن جو نظم ۽ ضبط بحال ڪرڻ ۽ انتظام سنڀالڻ لاءِ به مقامي ماڻهن ۽ ملازمن جي سخت ضرورت هوندي هئي. منگول افغانستان جي شهر هرات ۾ 1221ع ۾ آيا ۽ شهر تي قبضو ڪيو ۽ شروع ۾ ماڻهن کي مارڻ چالو ڪو نه ڪيو، پر جڏهن ماڻهن منگول فوج سان تڪرار ۽ شدو مدو ڪرڻ چالو ڪيو، تڏهن چنگيز خان سندس جنرلن مان هڪڙي کي چيو ته هاڻي جڏهن هنن مُئلن مثل ماڻهن ۾ ساه پئجي ويو آهي ۽ اهي سرڪشي ڪرڻ لڳا آهن. تنهن ڪري آئون اوهان کي حڪم ٿو ڪريان ته سندن سِسِيون ڌڙن کان ڌار ڪيون وڃن. تنهن کان پوءِ انسانيت کان ٻاهر ٿي ڪٺور منگولن مجبور ۽ لاچار رعيت ۾ ٻاڪر ڪُٺو مچائي ڏنو ۽ خبرن جي اشاعت موجب، فقط چاليهن ماڻهن کان سواءِ شهر جي سمورن ماڻهن کي تَھهِ تيغ ڪيو. انهن جو تعداد هڪ هنڌ تيرهن لک ڄاڻايل آهي. اهو يقيناً گهڻو مبالغو آهي. البت ڪن هنڌن اهو تعداد هڪ لک سٺ هزار ڏيکاريل آهي، جيڪو البت گمان ۾ اچي سگهي ٿو. خوارزم جي شهرن کي فتح ڪرڻ کان پوءِ چنگيز خان ڏکڻ طرف رخ ڪيو ۽ سال 1221ع ۽ 1222ع افغانستان ۾ موجود هندوڪش جي ماٿرين ۾ گذاريو. سن 1221ع کان 1223ع تائين سندس جنرلن هڪ صوبيڊئي ۽ ٻئي جيبي پنهنجي ويهه هزار گهوڙي سوار فوج سان ڪيسپئين سمنڊ جي چوڌاري چڪر ڏيندي، سامهون ٿيندڙ هر هڪ لشڪر کي ناس ڪري ڇڏيو. جنرل صوبيدئي ۽ جنرل جيبي جارجيا ۾ ٻن وڏن لشڪرن کي شڪست ڏئي، ڪاڪيشيا جي جبلن جي قطار سياري جي مند ۾ پار ڪري اسي هزار روسي فوج کي شڪست ڏني، جنهن جي ڪمان ڪيف، چرنيگوف، گاليشيا ۽ سُزدال جي ڇوٽين رياستن جا شهزادا ڪري رهيا هئا. اها جنگ 1223ع ۾ ڪِئاڪا نديءَ وٽ لڳي هئي. ڪاڪيشيا جي جارجيئن ۽ ڪيوبين قبيلن کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ منگولن جي هي ٿوري فوج سن 1222ع ۾ ڪيوبان واري نيم خشڪ ميداني علائقي ۾ پيش قدمي ڪرڻ لڳي. حرفت سان تيز چال مِلائيندي، منگولن ڪيومانن کي وري ٻيو ڀيرو به شڪست ڏني ۽ اسٽراخان تي قبضو ڪري ورتو، تنهن کان پوءِ منگول فوج ڊون درياهه اُڪري روس ۾ داخل ٿي ڪرائميا رياست وچان لنگهي، منگول لشڪر سودڪ واري قلعي تي يلغار ڪئي، جيڪو ڪيسپيئن سمنڊ جي ڏکڻ اوڀر ڪِناري تي ٺهيل هو. تنهن کان پوءِ اهو منگول لشڪر وري اتر طرف ڦيرو کائي موجوده دؤر ۾ ”يوڪرين“ سڏجندڙ رياست ۾ داخل ٿي ويو. تڏهن منگول جنگي سردارن ڀانيو ته هنن پنهنجي مهم ۽ مُراد پوري ڪري ورتي هئي. منگوليا ڏانهن واپس ورڻ کان اڳ پنهنجي فوج کي آرام ڪرائڻ ۽ ٿڪ ڀڃائڻ ۽ ان کان سواءِ يوڪرين جي اتر ۽ اولهه وارين رياستن ۽ حڪومتن جي معروضي، سياسي، معاشي ۽ معاشرتي ٺوس حالتن جي حقيقي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڊنيپَر درياه جي منهن جي ويجهو مناسب ماڳ وٽ ڇانوڻي ڪيمپ لڳائي ۽ سندن جاسوس ساٿي سموري اوڀر ۽ وچ يورپ ۾ پکڙجي ويا. عين انهيءَ وقت، روس ۽ ڪيومان رياست جي اسي هزار سپاهين تي مُشتمل گڏيل فوج ڪيف جي شهزادي، مِسٽيسلاف جي سالاريءَ تحت، منگول فوج جي خلاف شهه ڏيندڙ گشت چالو ڪيو. منگول ڪمانڊر جيبي ۽ ٻئي ڪمانڊر، سُبيتئي، گشت ڪندڙ فوج کي امن جي اپيل ڪئي، پر اها قبول ڪا نه ٿي، اُٽلو سندن قاصدن کي به قتل ڪيو ويو، تڏهن منگول فوج حملو ڪري هلِها ندي جي ڪنارن تي مسٽيسلاف جي فوج کي درهم برھم ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت چنگيز خان جي قاصد منگول فوج لاءِ نئون حڪم آڻي ڏنو، تنهن موجب اھا فوج پنهنجو رخ تبديل ڪري اوڀر طرف هلڻ لڳي. انهيءَ وقت منگول فوج ڪيسپئين سمنڊ جي اتر طرف وٽان پي وئي ته جنرل جيبي اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. سن 1224ع ۾ ڪمانڊر سُبيتئي، منگول فوج کي ڇهه هزار چار سؤ ڪلوميٽرن جوڊگهو پنڌ ڪرائي، خوارزم جي وڏي رياست کي فتح ڪري موٽندڙ، مکيه منگول فوج، جنهن جي قيادت چنگيز خان پاڻ پئي ڪئي، انهي سان ڏکڻ روس ۾ موجود ارٽش نديءَ جي نزديڪ آڻي گڏايو. چنگيز خان ضروري آرام ۽ نئين جوڙجڪ سان شڪست کائڻ کان پوءِ وري به سرڪشي ڪندڙ حاڪمن ۽ جنگي سردارن جي سَرڪُوبيءَ لاءِ سنڀت ڪئي. خوارزم کي آزاد ڪرائڻ لاءِ بادشاه جي پُٽَ جلال دين 1923ع ۾ چڙهائي ڪئي پر سوڀارو ڪو نه ٿيو ۽ پوءِ ٻي ڪاهه ۾ منگولن کي شڪست ڏني چنگيز خان جلال دين جي بهادريءَ کي ساراهيو. سموري اولهه ترڪستان تي قبضو ڄمائڻ کان پوءِ حڪم عدولي ڪندڙ ايگزي ايگزيا جي سرڪش بادشاهه کي سزا ڏيڻ لاءِ موٽِيو جتي منگولن وڏي ويڙهه کان پوءِ تينگت شهر تي قبضو ڪري ورتو ۽ حڪمرانن سميت سندن سَمُوري قبيلي کي ماري ڇڏيو. سن 1226ع جي پڇاڙيءَ ۾ چن ۽ اولهه ايگزيا جي سرڪش حڪمرانن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سخت سياري ۾ به منگول فوج ڪاه ڪئي ۽ پاري ۾ ڄمي ويل هُئانگ هي نديءَ جي ڪنارن وٽ وڃي دشمن فوج سان جنگ جوٽي، جتي وڏي ويڙهه کان پوءِ آخرڪار دشمن جي ٽن لکن کان به وڌيڪ فوج کي شڪست ڏئي مفلوج ۽ منتشر ڪري ڇڏيو. ويسٽرن ايگزيا جي بادشاه کي به منگولن جبلن ۾ ٺهيل هڪ قلعي ۾ ڳولهي لڌو ۽ قتل ڪيو. سندس پٽ ڀڄي وڃي اوچي ڪوٽ واري شهر ننگزيا ۾ لِڪو، جيڪو شهر منگولن کان فتح ڪرڻ کان رهجي ويو هو. اهو شهر هٿ ڪرڻ لاءِ فوج جي ٽئي حصي کي اتي ڇڏي چنگيز خان باقي فوج جي اڌ حصي جي ڪمان جنرل اوگدئي کي سونپي، چن واري هارايل فوج کي، هئانگ هي نديءَ جي اُتر طرف سندن آخري ٺڪاڻي تي چڙهائي ڪري ماري مڃائي ۽ منتشر ڪري ڀڄائڻ واسطي کيس اوڀر طرف روانو ڪيو ۽ باقي بچيل لشڪر ساڻ، نئين سر هٿياربند ٿيندڙ سونگ حڪومت جي لشڪر کي ننگزيا شهر جي بچاء خاطر، اوڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ، چنگيز خان پاڻ اوڀر ڏکڻ طرف صوبي ديچوآن ڏانهن رواو ٿيو، جتي ٽنهي دشمن رياستن، ويسٽرن ايگزيا، چِن ۽ سونگ رياستن جو ميلاپ هو. اتي پهچڻ کان پوءِ ويسٽرن ايگزيا رياست جي نئين حاڪم آڻ مڃي، جيڪا چنگيز خان قبول ڪئي، پر چِن حڪمران جي امن جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. موت جا پرون پوَڻ ساڻ، چنگيز خان وطن ورڻ جي سنڀت ڪئي، پر هُن پنڌ ۾ ئي پساه پورا ڪيا ۽ جيئرو وطن ڪو نه پهتو. سن 1227ع ۾ مرڻ جي پاٿاريءَ تي پيل هوندي به وٽس حاضر سندس سڀني کان ننڍي پٽ تُولُئي کي سندن دشمن، چِن سُلطنت جي مڪمل خاتمي لاءِ سندس جوڙيل جنگي منصوبو ۽ حڪمت عملي نهايت سياڻپ سان سمجهائي، ته جيئن سندس جاءِ نشين انهيءَ کي هِنيين سين هنڊائين.


    برطانيه جي شهنشاهي

    برطانوي شهنشاهيت، پنهنجي مُلڪ کان سواءِ، دنيا جي ڪيترن ئي ٻين مُلڪن، علائقن ۽ ڀاڱن تي زوريءَ قبضو ڪري، سندس سامراجي حڪومت قائم ڪئي ۽ انهن ملڪن ۽ علائقن تي، پنهنجي انتظامي حوالي سان درجي بنديءَ موجب مخصوص نالا ڏنا، جهڙوڪ Dominions ڊومينيئنس يعني سڌي حڪمرانيءَ هيٺ. ٻيا مُلڪ؛ Colonies ڪالونيز، يعني بيٺڪون ٽيان Protectorates پروٽيڪٽوريٽس، يعني زير حمايت مُلڪ Mandates مينڊيٽس يعني چونڊيل حڪومت وارا قبضي هيٺ علائقا. برطانيه، انگلنيڊ هٿان، سورهين ۽ ارڙهين عيسوي صدين جي وچ ۾، دنيا جي مختلف کنڊن جي مُلڪن ۾ سندس سامراجي تسلط قائم ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ پنهنجي عروج واري هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي دوران اها (برطانوي) شهنشاهيت، سڀني کان وڏي عالمي طاقت جي حامل هئي. 1922ع ۾ اٽڪل 458 مِلِين آدمشماري، جيڪا تڏهن دنيا جي ڪُل آدمشماريءَ جو تقريباً پنجون حصو هو، سندس رَعِيَت هُئي ۽ ٽي ڪروڙ، ستٽيهه لک چورس ڪلوميٽر، برابر هڪ ڪروڙ، ٽيهه لک، ٻارهن هزار چورس ميل ايراضي، يعني ڌرتيءَ جي ڪل خشڪي ايراضيءَ جو اٽڪل چوٿون حصو برطانوي سامراج جي تسلط هيٺ هو. نتيجي طور سندس سياسي، قانوني، لساني ۽ ثقافتي ورثو، دنيا ۾ گهڻو پکڙيل هو. سندس عظيم ترين عالمي سامراج جي حيثيت بابت هِيءَ چوَڻي مشهور ٿي ته: ”اُها شهنشاهت / سلطنت، جنهن تان سج ڪڏهن به نٿو لهي، سا برطانيه واري (سامراجي) بادشاهي آهي“. پندرهين ۽ سورهين عيسوي صدين ۾ دنيا جي نِت نوَن علائقن ۽ مُلڪن کي ڳولي هٿ ڪرڻ واري عرصي دوران، ٻن يورپي ملڪن: پُرتگال ۽ اسپين دنيا جي اڻ ڏٺل مُلڪن ۽ ماڳن کي ڳولي لهڻ واري مهم جوئيءَ جي شروعات ڪئي ۽ لڌل علائقن ۾ پنهنجون بيٺڪي (سامراجي) حڪومتون قائم ڪيون. انهن سامراجي حڪومتن جي قيام جي هِرس ۾ انگلينڊ، نيدرلينڊس ۽ فرانس، آمريڪا، ايشيا، آفريڪا توڙي آسٽريليا کنڊن ۾ اول پنهنجا تجارتي مرڪز ۽ پوءِ اتي پنهنجون بيٺڪون بنائڻ شروع ڪيون. سترهين ۽ ارڙهين عيسوي صدين دوران، فرانس ۽ نيدرلينڊس سان جنگين جي ڊگهي سلسلي جي نتيجي طور، انگلينڊ سن 1707ع ۾ اسڪاٽ لينڊ سان اتحاد ڪري United Kindom of Great Britain عظيم برطانيه واري گڏيل بادشاهت بنيو ۽ اتر آمريڪا کنڊ ۽ هندستان جي ننڍي کنڊ ۾ برتري ۽ سبقت رکندر سامراجي طاقت ٿي اُڀريو، پر جڏهن 1783ع ۾ آمريڪا، برطانيه کان آزاديءَ واري جنگ کٽي، پنهنجون تيرهن بيٺڪي رياستون آزاد ڪرايون، تڏهن اهو وڏي شڪست ۽ نِدامت جو سبب بڻيو، تنهن ڪري پاڻ تان ذلت جو داغ لاهڻ ۽ وِڃايل حيثيت بحال ڪرڻ ڪارڻ تُرت ئي ايشيا،آفريڪا ۽ پيسفڪ وارن علائقن ڏانهن سامراجي جارحيت اختيار ڪئي ۽ 1815ع ۾ فرينچ سامراجي حڪمران، نيپولين بوناپارٽ کي شڪست فاش ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي وڃايل طاقت بحال ڪئي ۽ تقريباً هڪ صديءَ تائين وري به ناقابل شڪست عالمي طاقت طور دنيا ۾ لڳاتار حملا ۽ قبضا ڪندو، پنهنجون بيٺڪون وڌائيندو ويو، جن مُلڪن ۾ برطانيه، برطانوي ۽ ٻين يورپي نسلن جي (گورن) ماڻهن کي آڻي ويهاريو هو، انهن جي طفيل، انهن بيٺڪن کي ڪجهه حد تائين جزوي خود مختياري ڏئي، سندن غلاميءَ جو درجو گهٽائي کين ڪالونيءَ مان ڦيري ڊومينيئن يعني نيم خود مختيار رياست جو درجو ڏنو.
    ويهئين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ آمريڪا ۽ جرمنيءَ، برطانيه جي اقتصادي برتريءَ کي ڪي قدر ڇيهو رسايو هو ۽ تنهن کان پوءِ به برطانيه ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ گهڻي اقتصادي توڙي فوجي ڇڪتاڻ ۽ مقابلا، پهرين عالمي لڙائي جا محرڪ ٿي پيا. انهيءَ جنگ دوران برطانيه گهڻي قدر پنهنجي سامراجي سلطنت تي ئي ڀاڙيو هو. انهيءَ جنگ برطانيه جي فوجي، مالياتي ۽ انساني توانائيءَ جي وسيلن تي نهايت خراب اثر مُرتب ڪيا. جيتوڻيڪ پاڻ هن جنگ کان تُرت پوءِ پنهنجن بيٺڪي علائقن ۽ ايراضين ۾ گهڻي وسعت ڪئي، پر هاڻي برطانيه اڳي وانگر سڀني کان وڌيڪ فوجي ۽ صنعتي طاقت جو مالڪ ملڪ نه رهيو هو. ٻي عالمي جنگ دوران، برطانيه جي ڏکڻ اوڀر ايشيا وارين بيٺڪن تي جاپان قبضو ڪيو. انهيءَ جنگ ۾ سندس اتحادين سان گڏ هجڻ سب برطانيه کي به فتح مند قرار ڏنو ويو، پر کيس اقتصادي ۽ اخلاقي طور رسيل ڇيهي، برطانوي سامراجي زوال ۾ تيزي آندي. هندستان، جيڪو تمام گهڻي آدم شماريءَ ۽ دولت جي وسيلن سان مالامال بيٺڪي ملڪ هو، اهو به ٻين گهڻن بيٺڪي ملڪن سميت برطانوي سامراج مان آزاد ٿيو ۽ نيٺ 1997ع ۾ هانگ ڪانگ واري مثالي بيٺڪ کي سياسي طور چين جي حوالي ڪرڻ واري عمل، برطانيه جي هن سامراجي شهنشاهت جي خاتمي تي مُهر هڻي ڇڏي. هاڻي برطانيه جي اقتدار اعليٰ هيٺ باقي چوڏهن علائقا سمنڊ پار اڃا به آهن. برطانوي سامراج کان آزادي حاصل ڪندڙ اڪثر مُلڪن، برطانيھ طرفان برپا ڪيل هڪڙي نئين بين الاقوامي فلاحي تنظيم نالي Common Wealth of Nations يعني ”بين الاقوامي باهمي دولت“ ۾ شموليت اختيار ڪئي، انهن مان سورهن مُلڪن، مهاراڻي ايلزبيٿ ثانيءَ کي، برطانيه وانگر سندن ملڪن جي سربراهه طور پڻ قبول ڪيو آهي.
    برطانيه جي سامراجي شهنشاهت جا بنياد تڏهن ئي نصب ٿيا، جڏهن انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ٻه الڳ الڳ آزاد بادشاهتون هيون ۽ اڃا پاڻ ۾ ضم ٿي Great Britain برطانيه عُظميٰ نالو اختيار ڪو نه ڪيو هئائون. معروضي طور اسپين ۽ پرتگال هٿان سمنڊ کان پار لڀي، قبضي هيٺ آندل علائقن بابت ڳوڙهي ويچار بعد انگلينڊ جي بادشاهه هينري ستين، سن 1496ع ۾ اُتر ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ منجهان، ايشيا کنڊ ڏانهن ويندڙ واٽ ڳولي لهڻ خاطر، اميرالبحر جان ڪيبٽ کي انهيءَ کوجنا واري سامونڊي سفر جو سالار مقرر ڪيو، جنهن يورپي مهم جوئن هٿان آمريڪا کنڊ ڳولي لهڻ کان پنج سال پوءِ سن 1497ع ۾ سونپيل مهم واسطي پنهنجا ٻيڙا هاڪاريا ۽ آمريڪا جي ”نيو فائونڊ لينڊ“ نالي سامونڊي ڪناري تي ڪاميابيءَ سان لنگر انداز ٿيو، پر ڪرسٽوفر ڪولمبس وانگر ڀُلجندي ڀانيائين ته هو ايشيا ۾ اچي رسيو آهي. تنهن سبب هن اُتي ڪا بيٺڪ قائم ڪا نه ڪئي، جتي پنهنجن ماڻهن کي ويهاري اچي جان ڪيبٽ ٻئي سال پڻ ساڳئي مهم جوئيءَ جوئيءَ خاطر ٻيڙا آمريڪا ڏانهن هاڪاريا هئا، پر انهن ٻيڙن بابت وري ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪو نه آيو. تنهن کان پوءِ اٽڪل پوڻين ٻن صدين تائين آمريڪا ۾ بيٺڪون قائم ڪرڻ خاطر انگلينڊ طرفان ڪا به ڪوشش ڪا نه ڪئي وئي، تان جو سورهين عيسوي صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ راڻي ايلزبيٿ اول جي حڪومت دوران مذڪور مهم جوئي وري چالو ڪئي وئي. انهيءَ ئي دور ۾ پروٽيسٽنٽ عيسائي فرقي وارن سُڌارن جي عمل، انگلينڊ ۽ ڪيٿولڪ عيسائي فرقي جي حامل مُلڪ اسپين کي پاڻ ۾ نه ٺهڻ جوڳا دشمن ڪري وڌا. سن 1562ع ۾ انگريز تاجدار ٻن بحري قزاقن: جان هاڪنس ۽ فرانسز ڊريڪ کي اسپين ۽ پرگال وارن غلامن ۽ دولت سان ڀريل ٻيڙن کي اولهه آفريڪا جي ساحل کان ڪجهه پرڀرو، غلام ۽ دولت ڦرڻ ڪارڻ حملا ڪرڻ جي همت افزائي ڪئي ته جيئن ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ مخالف قومن پاران جاري تجارتي نظام ۾ ڏار پون. انگريزن جي انهيءَ چال کي دڙڪو ڀائيندي اسپين انگلينڊ سان ٿيندڙ جنگين ۾ تيزي آندي، تڏهن راڻي ايلزبيٿ سامونڊي ڌاڙا هڻڻ، آمريڪا، اسپين ۽ ٻين مخالف ملڪن جي اڏن تي حملا ڪرڻ ۽ آمريڪا مان ميڙيل دولت سان ٽمٽار، اسپين ۽ ٻين مخالف ملڪن جي جهازن کي ڦرڻ ۽ تباهه ڪرڻ وارن سامونڊي ڌاڙيلن کي دعا ڪندي ۽ گهربل سموري مدد ڪندي هئي. انهيءَ دور ۾ هڪلوئٽ ۽ جان ڊي جهڙن هلنديءَ وارن ناميارن عالمن ۽ اديبن، سندن لکڻين ۾ سمنڊ پار دنيا ۾ بيٺڪون بنائي انگلينڊ جي (سامراجي) شهنشاهت قائم ڪرڻ لاءِ گهڻو پرچار ڪيو ۽ زور ڀريو، ڇو ته انهيءَ دور ۾ اسپين آمريڪا کنڊ ۾ برتري حاصل ڪري، پيسفڪ سمنڊ ۾ وسيلن سان مالا مال نون علائقن تي قبضو ڄمائڻ ڪارڻ انهن جي تلاش ۾ رُڌل هو. پرتگال، آفريڪا، برازيل ۽ ويندي چين جي سامونڊي ڪنارن تي پڻ پنهنجون واپاري ڪوٺيون ۽ انهن جي بچاءُ ۽ حفاظت خاطر ڪوٽ ۽ قلعا اڏي چڪو هو. هوڏانهن فرانس سينٽ لارينس نديءَ واري سموري علائقي تي قبضو ڄمائي پنهنجي بيٺڪ بنائڻ ۾ مشغول هو، اهو علائقو پوءِ ”جديد فرانس“ سڏجڻ لڳو. جيتوڻيڪ سمنڊ پار پنهنجون بيٺڪون بنائڻ ڪارڻ“ ٻين يورپي طاقتن جي ريس ۾ انگلينڊ سندن ڪڍ لڳو، پر سورهين عيسوي صديءَ دوران اهو انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي پروٽيسٽنٽ يعني عيسائي مذهب ۾ هٿ ٺوڪين ۽ دقيانوسي رسمن رواجن جي خلاف احتجاج ڪندڙ فرقي وارن سرڪش ماڻهن کي، آئرلينڊ ۾ آباد ڪرڻ ۾ رُڌل هو ۽ بهانو اهو بنايائين ته فرانس جي نارمنڊيءَ وارن به ته 1169ع ۾ آئرلينڊ تي حملو ڪري قبضو ڪيو هو. انگلينڊ جي ڪيترن ئي توسيع پسند ماڻهن آئرلينڊ ۾ انگريزي بيٺڪ بنائڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ انهن اتر آمريڪا ۾آبادڪاري ۽ بيٺڪون بنائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. انهن ماڻهن ۾ انگلينڊ جي مغربي ڀاڱي جي رهاڪن جو گروه نمايان ڪردار جو حامل هو. سن 1578ع ۾ انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ اول مشهور جهازران همفري گلبرٽ کي سمنڊ پار ڏيهن جي کوجنا، تحقيق ۽ ايجاد ڪرڻ واسطي گهربل پروانو ڏنو. انهيءَ ئي سال همفري گلبرٽ، ويسٽ انڊيز نالي ٻيٽن ڏانهن پنهنجا ٻيڙا هاڪاريا. سندس ارادو هو ته بحري جهازن کي ڦري لُٽي، پوءِ اتر آمريڪا ۾ بيٺڪ قائم ڪندو، پر سندس اها مهم، ايٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرڻ کان اڳ ئي برباد ٿي وئي، پر هو وري به 1583ع ۾ ٻي مهم تي اسهيو ۽ نيو فائونڊلينڊ نالي هڪ شاهي ٻيٽ تي وڃي رسيو، جنهن ٻيٽ جو بندر هن اڳي ئي انگلينڊ لاءِ مخصوص ڪرڻ ٿي گهريو. اتي رسي قبضو ڪرڻ جي باوجود، اتي گهربل تعداد ۾ماڻهن کي آباد ڪري پنهنجي بيٺڪ بنائي نه سگهيو ۽ انگلينڊ موٽڻ کان اڳ ئي پساهه پورا ڪيائين. سندس جاءِ تي سندس ويڳو ڀاء، والٽر ريليهه مقرر ٿيو، تنهن کي راڻي 1584ع ۾ ساڳئي قسم جو پروانو سونپيو ۽ هو سال جي پڇاڙيءَ ۾ سونپيل مهم تي روانو ٿيو ۽ رونوڪ نالي علائقي تي قبضو ڪري ترت پنهنجي ڪالوني قائم ڪيائين، تنهن علائقي کي هاڻي ڪيرولينا سڏجي ٿو. ان ڪالونيءَ جي رهواسين کي گهربل سامان نه رسڻ سبب، اها بيٺڪ برقرار رهي نه سگهي. سن 1703ع ۾ اسڪاٽ لينڊ جي باشاهه جيمس چوٿين، انگلينڊ سان رياستي انضمام اختيار ڪيو ۽ 1704ع ۾ اسپين سان دشمني ختم ڪندڙ لنڊن وارو عهدنامون اصولي طور قبول ڪرايو. هن مکيه دشمن سان امن امان قائم ٿيڻ کان پوءِ ڌارين بيٺڪن کان ڦرلٽ تي گذارو ڪرڻ بدران، برطانيه هاڻي پنهنجون ذاتي بيٺڪون قائم ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڌريو ۽ اتر آمريڪا کنڊ ۽ ان جي ويجهو، ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ موجود ”ويسٽ انڊيز“ نالي ٻيٽن ۾ برطانوي بيٺڪن جي قيام ۽ حڪومت جي منظوريءَ سان خانگي عالمي تجارتي ڪمپنين ۽ خصوصاً ”انگريزي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ“ جي قيام سان برطانيه جي سامراجي شهنشاهت وجود ۾ آئي. نجي واپاري ڪمپنيءَ کي برطانوي بيٺڪن ۽ نوآبادين جي انتظام ۽ پرڏيهي واپار جو اختيار ڏنو ويو. ارڙهين عيسوي صدي جنهن دوران برطانيه جون آمريڪا ۾ بيٺڪون قائم ٿيون، مضبوط ٿيون ۽ انهن مان يڪيون تيرهن بيٺڪون نيٺ ساڻس وڙهي وڃي آزاد ٿيون، تنهن دور کي ڪن تاريخدانن برطانوي سامراجي شهنشاهت جو پهريون دور ڪري ليکيو آهي. انگلينڊ جي پارليامينٽ کان پروانو حاصل ڪندڙ انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ايشيا کنڊ ۾ برطانوي شهنشاهيت کي توسيع ڏيڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. ڪمپنيءَ جي فوج برطانوي بحري فوج سان گڏجي برطانوي سامراجي مفادن جي حصول ۽ بچاء خاطر سدائين عمل پيرا رهي. سرڪاري توڙي ڪمپنيءَ جي فوجن هندستان کان ٻاهر پڻ سمورين جنگين ۾ هڪ ٻئي سان مڪمل تعاون ڪيو. جهڙوڪ: 1799ع ۾ فرينچ بادشاهه نيپولين بونا پارٽ کي سندس لشڪر سميت مصر مان ڀڄائي ڪڍڻ، سن 1811ع ۾ نيدرلينڊس وارن کي زوري نيڪالي ڏئي انڊونيشيا جي شاهي ٻيٽ ”جاوا“ تي قبضو ڪرڻ، 1819ع ۾ سنگاپور حاصل ڪرڻ، 1824ع ۾ ملاڪا هٿ ڪرڻ ۽ سن 1826ع ۾ برما کي شڪست ڏئي مٿس قبضو ڪرڻ ۾ پڻ انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوج برطانيه جي بحري فوج جي ڪمانڊ هيٺ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. هندستان ۾ سندس بنياد وٽان سن 1729ع کان وٺي آفيم واري وڌندڙ نفعي واري چين ڏانهن روانگي واپار ۾ اها مشغول رهي. سن 1739ع ۾ چين جي حڪمران گهراڻي ڪنگ برطانيه طرفان چين ۾ ٿيندڙ آفيم جي واپار کي ناجائز ۽ غير قانوني واپار قرار ڏنو، تڏهن کان وٺي ايسٽ انڊيا ڪمپني، برطانيه کي چانهه جي درآمد سبب رسندڙ نقصان ۽ چين ڏانهن برطانوي خزاني مان چاندي جي وڏي مقدار ۾ وڃڻ ڪري بگڙجندڙ مالياتي توازن کي مناسب ضابطي ۾ آڻن لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ چين ڏانهن آفيم جو روانگي واپار جاري رکيو. 1839ع ۾ چيني اختيارين جڏهن ڪينٽن شهر ۾ موجود برطانيه جي آفيم جون ويهه هزار صندوقون ضبط ڪيون ته برطانيه آفيم جي ضبطيءَ جو بهانو بنائي، چين تي ناجائز جنگ مڙهي هانگ ڪانگ تي قبضو ڄمائي ويٺو. تنهن وقت اتي انساني آبادي بلڪل گهٽ هئي. برطانوي شهنشاهه، ارڙهين عيسوي صديءَ جي آخر ۽ اوڻيهين صديءَ جي شروعات دوران ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي مڙني معاملات ۾ گهڻي دخل اندازي ۽ جانچ پڙتال چالو ڪري ڇڏي. انهي سلسلي ۾ برطانوي پارليامينٽ سن 1784ع ۾ پِٽس انڊيا ايڪٽ پاس ڪرڻ کان اڳ 1773ع ۾ ريگيوليٽنگ ايڪٽ پڻ پاس ڪيو هو ۽ پٽس ايڪٽ پاس ڪرڻ کان پوءِ سن 1813ع ۾ چارٽر ايڪٽ پڻ پاس ڪيو هو. انهن ايڪٽن وسيلي ڪمپنيءَ جي مڙني معاملن کي پنهنجي ضابطي هيٺ آندو ۽ ڪمپنيءَ جي قبضي هيٺ سڀني بيٺڪن ۽ علائقن تي برطانوي شهنشاهت جو اقتدار اعليٰ سڌيءَ طرح قائم ڪيو ويو. هندستان ۾ ٿيندڙ سرڪار مخالف بغاوت، جيڪا فوج ۾ هندستاني سپاهين جي بغاوت سان شروع ٿي هئي، اها برطانوي سامراج خلاف هندستاني عوام طرفان ٿيندڙ بغاوت ڇهن مهينن تائين جاري رهي، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جو گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. ٻئي سال يعني سن 1858ع ۾ برطانوي حڪومت ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ٽوڙي ختم ڪري، گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1858ع تحت هندستان ۾ برطانيا جي شهنشاهي واري حڪومت قائم ٿي ۽ راڻي وڪٽوريا جي هندستان جي راڻي واري حيثيت ۾ باقائده تاج پوشي ٿي. راڻي هندستان جي حڪوت هلائڻ لاءِ هڪ گورنر جنرل مقرر ڪيو. اهڙي ريت هندستان برطانوي (سامراجي) سلطنت جي سڀ کان وڌيڪ مُلهائتي نوآبادي، برطانوي تاج ۾ هڪ امُلهه ماڻڪ ۽ برطانيه جي طاقت يا توانائيءَ جو اهم ترين ذريعو ٿي پيو! اوڻيهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ واري حصي دوران فصلن جي لاڳيتي کرڻ ۽ سڙڻ سبب هندستان جي ننڍي کنڊ ۾ انتهائي خطرناڪ ۽ موتمار ڏڪار پيو، جنهن سبب پندرهن ملين يعني ڏيڍ ڪروڙ کان به وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ايسٽ انڊيا ڪمپني، جيڪا تڏهن هندستان تي حڪومت ڪري رهي هئي، انهيءَ ڏڪار جي راڪاس کي منهن ڏيڻ ۽ متاثر ماڻهن جي گهربل مدد ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي. بعد ۾ سڌي برطانوي دور حڪومت ۾ ايندڙ هر ڏڪار بابت ڪميشنون قائم ڪيون ويون، جن ڏڪارن جي سببن ۽ گهربل اپائن اختيار ڪرڻ جون سفارشون ڪيون. تنهن کان پوءِ مس مس سن 1900ع ڌاري وڃي ڏڪار وارين حالتن تي جوڳو ضابطو آيو.
    اُوِڻهَيِئين عيسوي صديءَ دوران برطانوي ۽ روسي سامراجي ملڪ، سياسي ميدان ۾ توانائيءَ جي انهيءَ خلا کي ڀرڻ خاطر پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، جيڪو خلا ترڪيءَ جي عثماني سلطنت جي زوال ۽ بادشاهي گهراڻن جي زوال سبب پيدا ٿي پيو هو. مذڪوره ملڪن ۾ پيدا ٿيل دشمني ۽ ويڙهاند کي ”يوريشيا“ يعني يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ موجود سرحد کي ويجهن ملڪن ۾ ”شاهي راند“ ڪري ليکيو ويندو هو. روس هٿان پروشيا ۽ ترڪيءَ تي زبردستيءَ سان حملا ڪري کين شڪست ڏيڻ تان ڏمرجي، باهوڙجي ۽ انهيءَ ڀئو کان ڊڄي ته متان روس هندستان تي قبضو نه ڪري ويهي رهي، برطانيه جون سامراجي خواهشون ڀڙڪي اٿيون. تنهن ڪري هندستان تي روسي حملي ۽ قبضي کان بچڻ خاطر، برطانيه 1839ع ۾ قبضي جي لالچ ۾ افغانستان تي حملو ڪيو، پر اهو حملو ۽ جنگ برطانيه لاءِ هڪ زلزلو ۽ تمام وڏو الميو ثابت ٿيو. سن 1853ع ۾ جڏهن روس ترڪيءَ جي بلقان وارن علائقن تي حملو ڪيو ته رومي سمنڊ ۽ وچ اوڀر ۾ روسي بالادستيءَ جو خوف محسوس ڪندي، برطانيھ ۽ فرانس روس جي بحري قوت کي تباهه ڪرڻ واسطي روس جي ڪريميا واري اُپٻيٽ تي حملو ڪيو. 1854ع کان 1856ع تائين برطانيھ جي روس سان هلندڙ جنگ، جنهن دوران جنگ جون جديد چالون ۽ جديد ٽيڪنڪ ڪم آندي وئي، روس لاءِ شڪست جو اعلان هئي. ٻن وڌيڪ ڏهاڪن تائين وچ ايشيا ۾ به صورت حال غير متوازن ۽ غير فيصله ڪُن رهي. سن 1876ع ۾ ننڍي کنڊ هندستان جي ڀر ۾ بلوچستان واري رياست کي برطانيه هندستان سان ڳڍي ڇڏيو، ته ٻئي طرف روس ڪرغيزيا، ڪزاڪستان ۽ ترڪمنستان کي پنهنجي سامراجي سلطنت ۾ زوريءَ ملائي ڇڏيو. اهڙين حالتن ۾ ٻنهي سامراجين ۾ وري جنگ ٿيڻ اڻٽر پئي محسوس ٿي، پر ٻئي ڌريون نيٺ 1878ع ۾ جزوي طور ۽ 1907ع ۾ سمورن مکيه معاملن بابت ”اينگلو رشيئن اينٽينٽ“ نالي هڪ جامع ٺاهه تي اچي پهتيون! سن 5 1904ع دوران روس ۽ جپان جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ ۾ روس جي سامونڊي فوجي قوت گهڻي قدر تباهه ٿي گهٽجي وئي، تنهن ڪري به برطانيه کي روس جو ڊپ، ڪي قدر گهٽيو.
    ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سن 1652ع ۾ آفريڪا کنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي وٽ ”ڪيپ ڪالوني“ نالي سان هڪ بيٺڪ قائم ڪئي. اتي نيدرلينڊس جي انهيءَ واپاري ڪمپنيءَ بحري بندر ۽ اڏو به تعمير ڪيو، جيڪو سندن ايسٽ انڊيز ۾ موجود بيٺڪن ڏانهن ويندڙ ۽ اتان موٽندڙ غورابن ۽ ٻيڙن لاءِ ساهي کڻڻ واري جاءِ يا اسٽيشن جو ڪردار ادا ڪندڙ هو. اها بيٺڪ، برطانيه اصولي طور ته 1806ع ۾ حاصل ڪئي، جنهن ۾ اصل مقامي ماڻهن جي گهڻائي موجود هئي، انهن اصل ماڻهن کي برطانيه وارا ”بوئر“ سڏيندا هئا. انهي خدشي جي پيش نظر ته کانئس اڳ ۾ انهيءَ ڪالونيءَ مٿان، متان فرانس نه قبضو ڪري وٺي، ڇو ته انهيءَ وقت فرانس انهيءَ ڪيپ ڪالوني جي مالڪ ملڪه يعني خود نيدرلينڊس تي ئي سڌو حملو ڪيو هو، برطانيه 1795ع ۾ ئي ڪيپ ڪالوني پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏي ۽ 1820ع کان پوءِ اتي برطانوي گورن کي لکن جي تعداد ۾ آڻي آباد ڪيو ۽ بوئرن يعني اصل باشندن کي ڪيپ ڪالونيءَ مان زوريءَ نيڪالي ڏئي کين ڪيپ ڪالونيءَ جي اتر طرف نيم وسندين ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو، جتي آباد ٿيڻ کان پوءِ انهن پنهنجون خود مختيار جمهوري رياستون قائم ڪيون، پر 1830ع ۽ 1840ع اندر اهي پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون، ڇو ته انهن ”سوٽو“ ۽ ”زُولوُ“ قومن ساڻ گڏجي برطانوي سامراج سان ڪيترائي ڀيرا ٽڪر کاڌا ۽ مقابلا ڪيا، ڇاڪاڻ ته برطانيه سموري ڏکڻ آفريڪا جي علائقي تي قبضو ڪرڻ واري بدنيت جو حامل هو. انهن علائقن ۾ اصل آفريڪي ماڻهن، جن کي برطانوي حاڪم ”بوئر“ سڏيندا هئا، انهن اتي ٻه آزاد رياستون قائم ڪيون هيون. (1) سائو آفريڪن رپبلڪ يا ٽرانسوال ريپبلڪ، جيڪا 1852ع کان 1877ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو 1881ع کان 1902ع تائين قائم هئي ۽ (2) آرينج فري اسٽيٽ، 1854ع کان 1902ع تائين قائم رهي.
    سن 1869ع ۾ فرينچ شهنشاهه نيپوليئن ٽِئين جي هٿ هيٺ سوئيز ڪينال کُليو، جنهن رومي سمنڊ کي هندي وڏي سمنڊ سان ملائي، هڪ بهتر بحري لنگهه قائم ڪيو. شروع ۾ برطانيھ انهي بحري گذرگاهه جي مخالفت ڪئي، پر پوءِ انهي مان حاصل ٿيندڙ وڏي فائدي سبب، ان جي اهيمت کي قبول ڪيو ۽ اهو لنگهه برطانوي سامراج جي شهه رڳ طور تمام گهڻي اهيمت جو حامل ٿي پيو.سن 1875ع ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي حڪومت جنهن دوران بنجامن ڊزرائلي برطانيه جو وزير اعظم هو، مصر جي مقررض بادشاهه، اسماعيل پاشا وارو سوئيزڪينال جي ڪل ماليت جو 44 سيڪڙو حصو چئن ملين پائونڊن ۾ خريد ڪيو، جن جي 2013ع ۾ ماليت 340 ملين پائونڊن جي برابر هئي. انهي حصي خريد ڪرڻ جي باوجود، هن جديد حڪمت عمليءَ جي حامل گذر گاهه تي برطانيه جو مڪمل قبضو ۽ ضابطو نه ٿي سگهيو. انهيءَ صورت حال برطانيه کي سوئيز ڪينال جي مڪمل مالڪي حاصل ڪرڻ لاءِ لالچايو ۽ اُڪسايو. نتيجي ۾ سن 1882ع ۾ فرانس ۽ برطانيه جو مصر تي گڏيل اختيار پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ اهو اختيار اڪيلي طور برطانيه کي حاصل ٿيو، پر سوئيز ڪينال جي ملڪيت ۾ اڃا تائين فرانس جو وڏو حصو باقي هو، تنهنڪري هو برطانيه جي حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا کونس ڦٽائي ڪندو رهيو.انهيءَ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ 1888ع ۾ قسطنطنيه شهر ۾ منعقده ڪنوينشن ۾ ٿيل معاهدي موجب، سوئيز ڪينال غير جانبدار (ڪنهن جو به نه) علائقو قرار ڏنو ويو.
    فرانس، بيلجم ۽ پرتگال ڪانگو نديءَ جي هيٺئن ڀاڱي سان وابسته علائقن يعني آفريڪا جي گرم ڪمربند ۾ قبضو ڄمائڻ لاءِ جيڪو عمل دخل ڪيو، تنهن اتي اڳ پهتل يورپي سامراجين طرفان ٿيل قبضن کي اکوڙي، ڪمزور ڪري ڇڏيو. انهيءَ بگڙيل صورت حال کي يورپي سامراجين لاءِ فائدي مند بنائڻ خاطر جرمني 1884ع ۾ برلن شهر ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ سمورا يورپي سامراجي، پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي رکي اچي سهڙيا ۽ مال غنيمت وانگر آفريڪا کنڊ جي ٿيندڙ ورهاست ۾ پنهنجي سرسيءَ لاءِ اخلاق ۽ انصاف جا سمورا ليڪا لنگهي بيٺا، پر نيٺ هڻي هڻي وڃي ورهاست لاءِ هڪڙي جدول مرتب ڪيائون، جنهن موجب ناجائز قبضن کي ٻن قسمن / درجن ۾ ورهايائون. (1) پڪا يعني موثر قبضا، (2) ڪچا يعني عارضي قبضا. پڪن قبضن لاءِ ”اِفيڪٽوِ آڪيوپيشن“ وارو مفروضو جوڙيائون. آفريڪا کنڊ جي هن ريت ناجائز ورهاست کي ”اسڪريمبل فار آفريڪا“ يعني آفريڪا خاطر جفاڪشي سڏيندي، پڪن ناجائز قبضن کي تسليم ڪرڻ جي سفارش ڪيائون. آفريڪا ۾ قبضا گيريءَ لاءِ ڇڪتاڻ ۽ داداگيري 1890ع واري ڏهاڪي تائين جاري رهي، تنهن ڪري برطانيه کي سوڊان تان هٿ کڻن واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻي پئي. سوڊان ۾ برطانيه ۽ فرانس جي گڏيل فوج 1896ع ۾ مهدي سوڊانيءَ واري لشڪر کي شڪست ڏني۽ 1898ع ۾ فاشودا واري ماڳ وٽ ٿيل فرينچ حملي کي به پسپا ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت سوڊان نالي ماتر ته برطانيه ۽ مصر جي گڏيل قبضي هيٺ رهيو، پر عملي طور اهو برطانوي بيٺڪ ئي هو. برطانيه کي ڏکڻ ۽ اوڀر آفريڪا ۾ حاصل ٿيل سرسيءَ، سيسل روڊ کي اُڪسايو ته هو ڪيپ ٽائون کان قاهره تائين ريل گاڏين واري پٽڙي وِڇائي، ته جيئن حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان تمام اهم ماڳ، سوئيز ڪينال کي معدنيات سان مالا مال ڏکڻ آفريڪا کي ڳنڍي رکي. سن 1880ع ۽ 1890ع جي ڏهاڪن دوران، آفريڪا ۾ برطانوي سامراج جي توسيع ڪندڙ، سيسِل روڊ، پنهنجي خانگي هٿياربند سوداگر ڪمپني، ”برٽش سائوٿ آفريڪا ڪمپني“ ذريعي جن علائقن تي قبضو ڪري، انهن کي پاڻ ۾ ملائي رکيو هو،انهن علائقن کي سندس نالي سان يعني ”روڊيشيا“ سڏيو ويو. ٻئي طرف گورن آبادڪارن جي اڪثريت وارين بيٺڪن ۾ انساني ۽ سياسي حقن جي حوالي سان پيدا ٿيل بيچيني ۽ مونجهاري واري صورتحال جي سببن ۽ انهن جي خاتمي لاءِ مسٽر ڊرهام واري 1839ع ۾ ڏنل رپورٽ ۾ ڪيناڊا ۾ پيدا ٿيل سياسي وڳوڙ جي خاتمي لاءِ ڪيناڊا جي مٿئين توڙي هيٺئن، ٻنهي ڀاڱن کي مِلائي اتي عوام طرفان چونڊيل جمهوري ۽ خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ جي تجويز ڏنل هئي. تنهن مطابق برطانوي پارليامينٽ 1840ع ۾ ”يونين آف ڪيناڊا ايڪٽ 1840ع“ پاس ڪيو،تنهن تحت ڪيناڊا برطانوي سامراج جو هڪ صوبو بڻيو. اهڙيءَ ريت برطانيه جي سامراجي شهنشاهت اندر گورن آبادڪارن جي اڪثريت وارين بيٺڪن جي آزاديءَ ڏانهن وک وڌائڻ جي شروعات ٿي ۽ پهرين ذميوار حڪومت ڪيناڊا ۾ ”نووا اسڪوٽيا“ نالي بيٺڪ ۾ قائم ڪئي وئي، تنهن کان پوءِ اتر آمريڪا ۾ برطانيھ جي ٻين بيٺڪن کي به اهو حق ڏنو ويو. برطانوي پارليامينٽ طرفان ”برٽش نارٿ آمريڪا ايڪٽ 1867ع“ پاس ٿيڻ سان، اپر ۽ لوئر ڪيناڊا، نيو برنسوڪ ۽ نووا اسڪوٽِا نالي چئن بيٺڪن کي گڏي ”ڊومينيئن آف ڪيناڊا“ نالي برطانوي رياست اندر هڪ خود مختيار ڪنفيڊريشن بنائي، جنهن کي خارجه امور کان سواءِ باقي سمورا اختيار حاصل هئا. ساڳئي طرح 1901ع ۾آسٽريليا کنڊ ۾ برطانوي گورن جي اڪثريت وارين بيٺڪن آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کي پڻ ”ڊومينيئن اسٽيٽس“ سان نوازيو ويو ۽ سن 1907ع واري ”ڪالونيئل ڪانفرنس“ ۾ رياستي جوڙ جڪ بابت هڪ ٻِٽو لفظ ڊومينئين اسٽيٽس“ سرڪاري طور متعارف ڪيو ويو.
    عيسوي اُڻيهئين صديءَ جي پوين ڏهاڪن ۾آئرلينڊ ۾ خودمختيار حڪومت جي قيام ڪارڻ جدوجهد چالو ٿي. اتي 1798ع وارن فسادن کان پوءِ، آئرلينڊ جي حاڪم طبقي سان گٺ جوڙ ڪري، برطانوي پارليامينٽ مان ”ايڪٽ آف يونين“ نالي بل پاس ڪرائي، برطانيه آئرلينڊ کي سندس سامراجي شهنشاهت، ”يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين“ ۾ ضم ڪري ڇڏيو. آئرلينڊ سن 1845ع ۽ 1852ع درميان خطرناڪ ڏڪار جو شڪار ٿيو هو. هوم رول موومينٽ يعني عوام طرفان قائم ڪيل مقامي خود مختيار حڪومت قائم ڪرڻ واري تحريڪ کي ان وقت جي برطانوي وزيراعظم وليئم گليڊسٽون جي حمايت حاصل هئي، جنهن کي اها اميد هئي ته آئرلينڊ به ڪيناڊا وانگر ڊومينيئن اسٽيٽس يعني سامراج جي تابع خود مختيار رياست جو درجو اختيار ڪندو. انهيءَ خواهش پٽاندر گليڊسٽون 1886ع ۾ پارليامينٽ ۾ هوم رول بل پيش ڪيو، پر اهو پاس ڪو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ جي اڪثر ميمبرن کي خدشو هو ته نيم آزاد آئرلينڊ برطانيه جي سلامتيءَ لاءِ خطرو ۽ برطانوي سامراج ۾ ڏار وجهڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو. اهڙو ٻيو بل به ساڳين خدشن ڪري پاس نه ٿي سگهيو ۽ اهو سن 1914ع ۾ پاس ٿيڻ جي باوجود پهرين عالمي لڙائي برپا ٿيڻ سبب نافذ نه ٿي سگهيو. برطانيه ٻي عالمي جنگ ۾ سندس ساٿي سامراجين سان ساٿ سبب سوڀارو ته سڏجڻ لڳو، پر پنهنجي ملڪ اندر توڙي سندس بيٺڪي راڄن ۾ جنگ جون تباهه ڪاريون پڌريون هيون. يورپ کنڊ، جنهن جهان تي ڪيترين ئي صدين تائين، پنهنجي هستيءَ جو سِڪو ڄمائي رکيو هو، تنهن جو خود وڏو حصو جنگ ۾ تباهه ۽ برباد ٿي ويو ۽ سڄي دنيا سان گڏ اهو به آمريڪا ۽ سوويت يونين جي فوج وٽ يرغمال هو، ڇو ته عالمي طاقت جو توازن، هاڻي انهن ڏانهن منتقل ٿي ويو هو. هن جنگ سبب برطانيه جو ته لازمي طرح مڪمل ڏيوالو نڪري ويو، جنهن ۾ مس مس وڃي تڏهن ساهه پيو، جڏهن 1946ع ۾ آمريڪا کيس 4.33 ملين ڊالرن جو قرض ڏنو. برطانيه انهيءَ قرض جي آخري قسط اِجهو هن صديءَ جي سن 2006ع ۾ ڏئي پوري ڪئي. انهيءَ جنگ واري عرصي دوران، يورپي سامراجين جي سمورين بيٺڪن ۾ آزاديءَ جي هلچل زورن تي هئي. آمريڪا ۽ سوويت يونين درميان وڌندڙ سرد جنگ، انهيءَ بگڙيل صورت حال کي اڃا به وڌيڪ ڦيٽاڙي ۽ مونجهاري ۾ ڦاسائي وڌو. اصولي طور تي ٻئي جديد عالمي طاقتون، آمريڪا توڙي سوويت يونين يورپي سامراجين جي قائم ڪيل بيٺڪي راڄن جي خلاف هيون، پر عملي طور تي معاشي نظامن جي حوالي سان آمريڪا اشتراڪيت مخالف ۽ سوويت روس سرمائيداري سامراج مخالف هئڻ سبب، هڪٻئي سان مقابلي ۾ جُنبِي ويا. انهيءَ مقابلي کي جديد تاريخ ۾ ”سرد جنگ“ سڏڻ لڳا. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر آمريڪا، برطانوي سامراجي بيٺڪون برقرار رکڻ خاطر سندن مدد پئي ڪئي ته جيئن انهن ملڪن ۽ علائقن ۾ اشتراڪيت پکڙجي نه سگهي، پر معروضي حالتن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هاڻي برطانوي سامراج جا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، تنهن ڪري هن پاڻ ئي امن امان سان پنهنجون بيٺڪون خالي ڪري وڃڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ جتي کيس غير اشتراڪي حڪومتون مُيسر ٿيون،اتي هنن انهن کي حڪومت جون واڳون ڏيڻ شروع ڪيون. اها ڳالهه فرانس، پرتگال ۽ ٻين سامراجين جي خلاف هئي، جن پنهنجون بيٺڪون بچائڻ خاطر ڏاڍيون مهانگيون لڙايون لڙيون، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا هئا. سن 1945ع ۽ 1965ع درميان برطانيه جي رياست کان ٻاهر برطانيه جي بيٺڪن ۾ سندس رعيت جو تعداد ست سئو مِلين مان گهٽجي اچي فقط پنج مِلين تي بيٺو، جنهن ۾ به ٽي ملين ته فقط هانگ ڪانگ ۾ هئا. سن 1945ع ۾ بيٺڪي راڄ ختم ڪرڻ واري پاليسيءَ جي حامل، ليبر پارٽي جي سرڪار، ڪليمينٽ ايٽلي جي اڳواڻي ۾ عام چونڊن ۾ چڙهي آئي هئي، ان وقت درپيش مکيه مسئلي، يعني هندستان جي آزاديءَ ڏانهن ڌيان ڌريو. هندستان جون ٻه مکيه سياسي پارٽيون. هڪ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ ٻي آل انديا مسلم ليگ ڪافي سالن کان هندستان جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيون هيون، پر آخر ۾ منجهن اختلاف ٿي پيو. ڪانگريس گڏيل ۽ غير مذهب هندستان جي رياست جي خواهان هئي، ته مسلم ليگ، هندو گهڻائيءَ جي بالادستيءَ جي خدشي سبب، مسلم آباديءَ جي اڪثريت رکندڙ علائقن ۾ هندستان واري رياست کان الڳ هڪ اسلامي رياست جي قيام جي گهر ڪئي. هندستان ۾ وڌندڙ وڳوڙ ۽ بيچيني ۽ 1946ع ۾ رائيل انڊين نيويءَ طرفان ٿيندڙ بغاوت سبب، وزيراعظم ايٽليءَ 1948ع کان اڳ ۾ ئي هندستان کي آزادي ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر صورت حال جي تقاضا، ڪم جلد اُڪلائڻ واري ۽ گهرو ويڙهه جا آثار نمايان ٿيا ته هندستان جي آخري وائيسراءِ، مائونٽ بيٽن، آزاديءَ جي تاريخ اڃا به ويجهي يعني 15 آگسٽ 1947ع جو اعلان ڪيو. هندستان ۽ پاڪستان کي جدا ڪندڙ بين الاقوامي سرحد، جيڪا انگريزن مقرر ڪئي هئي، انهيءَ سبب وجود ۾ ايندڙ ٻنهي رياستن اندر، لکن جي تعداد ۾ هندو توڙي مسلم آباديءَ اقليت جي صورت اختيار ڪئي. نتيجي طور هندن توڙي مسلمانن کي لکن جي تعداد ۾ لڏڻو ۽ دربدر ٿيڻو پيو ۽ مذهبي دشمنيءَ سبب لکين ماڻهو ماريا ويا برطانيه طرفان برما ۽ سري لنڪا کي 1948ع ۾ آزادي ملي. هندستان، پاڪستان ۽ سري لنڪا، برطانيه طرفان پنهنجو ڀرم رکڻ لاءِ کانئس آزاد ٿيندڙ بيٺڪي مُلڪن تي مشتمل بين الاقوامي تنظيم ”ڪامن ويلٿ آف دي نيشنس“ ۾ شموليت اختيار ڪئي، پر برما شامل ڪو نه ٿيو. فلسطين واري نو آبادي، جنهن کي ”مينڊيٽ“ جو درجو ڏنل هو، هندستان وانگر مسلم اڪثريت ۽ يهودي اقليت وارو ملڪ هو. برطانيھ، آمريڪا ۽ سندن ساٿي سامراجين هڪ سوچيل سازش تحت، سموري دنيا ۾ آباد، شاهوڪار يهودين کي فلسطين ۾ آڻي ويهاري، اتي 1948ع ۾ ”اسرائيل“ نالي هڪ يهودي رياست قائم ڪئي ۽ مسلم فلسطينين جي واضح اڪثريت کي فلسطين جي رياست مان زوري ماري ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو، جيڪا اڃا تائين لبنان، شام، اردن ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ قائم پناهگير ڪيمپن ۾ ويٺي آهي. 1980ع ۾ برطانيا جي آفريڪا کنڊ ۾ آخري بيٺڪ ”روڊيشيا“ آزادي حاصل ڪري، پنهنجو نالو ”زمبابوي“ رکيو آهي. نيوهيبرائيڊس، ”وانوئاتو“ نالي سان 1980ع ۾ آزادي حاصل ڪئي. بيزائيل ٻئي سال 1981ع ۾ آزاد ٿيو. برطانوي پارليامينٽ 1981ع ۾ برٽش نيشنلٽي ايڪٽ 1981ع جوڙيو، تنهن مطابق برطانوي بيٺڪن کي ”برطانيه جي ماتحت علائقا“ نالو ڏنو ويو ۽ 2002ع انهن کي اڃا ٻيو نالو ”برطانيه جا سمنڊ پار علائقا“ ڏنو ويو. اهڙيءَ ريت، ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ موجود انساني آباديءَ کان خالي ٻيٽ ”روڪال“ جنهن تي 1955ع ۾ قبضو ڪيو هو، تنهن کان سواءِ، برطانيه طرفان سندس اٽڪل سموريون بيٺڪون خالي ڪري آزاد ڪرڻ وارو عمل 1982ع ۾ اچي پورو ٿيو. ساڳئي سال ڪيناڊا جي سرڪار، ڪيناڊا جو آئين برطانيه جي آئين کان الڳ ڪري، برطانيه سان وابسته پنهنجو آخري قانوني لاڳاپو به ٽوڙي مڪمل طرح آزاد ملڪ جي حيثيت حاصل ڪئي. 1986ع واري آئيني ايڪٽ تحت نيوزيلينڊ کي آزادي ملي ۽ 1986ع واري آسٽريليا متعلق جوڙيل ايڪٽ تحت آسٽريليا وارين ماتحت رياستن کي پڻ آزادي نصيب ٿي.
    سيپٽمبر 1982ع ۾ برطانيه جي خاتون وزير اعظم، مارگريٽ ٿيچر برطانيه جي مکيه ڪالوني هانگ ڪانگ جي مستقبل بابت چين جي سرڪار سان مذاڪرات ڪرڻ واسطي بيجنگ ويئي هئي. سن 1842ع ۾ چيني ۽ برطانوي قيادت ۾ ٿيل نانڪنگ معاهدي موجب هانگ ڪانگ هميشھ لاءِ برطانيه جي حوالي ٿيو هو، پر انهيءَ بيٺڪ سان 99 سالن جي مقاطعي تحت حاصل ڪيل ٻين نوَن علائقن کي شامل ڪرڻ سان هانگ ڪانگ جي آباديءَ جي واضح اڪثريت ڳنڍيل نون علائقن وارن ماڻهن تي مشتمل ٿي پئي هئي. انهن علائقن جو ٺيڪو سن 1997ع ۾ پورو ٿيڻ وارو هو، تنهن ڪري ٿيچر جي پهرين اها خواهش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح هانگ ڪانگ مڙئي اسان جي هٿ هيٺ هجي، تنهن ڪري چين جي اقتدار اعليٰ تحت هانگ ڪانگ جو انتظام برطانيه جي هٿ ۾ رهڻ جي تجويز ڏنائين، پر چين اها رد ڪري ڇڏي. آخرڪار 1984ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن موجب هانگ ڪانگ چين جو خصوصي انتظاميه جو حامل علائقو ٿي رهندو، ان جو عوام زندگي جو اتي مُروج نظام گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سالن تائين ٽوريندو ايندو. هانگ ڪانگ کي چين جي حوالي ڪرڻ واري تقريب سن 1997ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ ئي منعقد ٿي هئي، تنهن ۾ برطانيه جو ولي عهد شهزادو چارلس پڻ موجود هو، جنهن ٻين سان گڏ خود پاڻ به برطانيه جي سامراجي سلطنت جي پڄاڻي جو معروضي مشاهدو ڪيو!


    فرانس وارو انقلاب

    يورپ جي جديد تاريخ جو هڪڙو اهم واقعو، فرانس ۾ سياسي انقلاب سن 1789ع ۾ شروع ٿيو ۽ فوجي سالار، نيپولين بوناپارٽ طرفان اقتدار تي ناجائز قبضو ٿيڻ سان ختم ٿيو. انهيءَ عرصي دوران فرانس جي عوام مُلڪ ۾ جاگيرداري نظام ۽ مطلق العنان حڪومت واري نظام کي رد ڪري، ملڪ ۾ عوامي جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي. هن کان اڳ ۾ آمريڪا ۾ برپا ٿيل انقلاب ۽ آزاديءَ جي جنگ کان متاثر ٿيندڙ فرانس جي عوام پڻ روشن خياليءَ واري ويچار ڌارا کان متاثر ٿي انساني حقن جهڙوڪ: سياسي ۽ سماجي آزاديءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ انقلابي جدوجهد شروع ڪئي. فرينچ عوام ظالم جاگيردار ۽ امير طبقي ۽ جابر مطلق العنان بادشاهي نظام مان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ حقيقي انساني قانوني حق حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي طاقت جو غير متوقع ۽ بيحد حيران ڪندڙ مظاهرو ڪيو.مڪمل طور واقف، مُنظم ۽ مستحڪم نه هئڻ سبب گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾، انهيءَ وقت ته ڪامياب نه ٿي سگهيو، پر پنهنجي انقلابي عمل وسيلي فرانس ته ڇا، پر يورپ توڙي سڄي دنيا ۾عوام دشمن ۽ استحصال ڪندڙ طبقن ۽ ڌرين ۽ ظالم حڪمرانن کي خوف ۽ حِراس ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيو. فرانس طرفان آمريڪي انقلاب ۾ مُلوث هئڻ ۽ بادشاهه لوئيس سورهين ۽ سندس وارثن جي بيجا ۽ فضول خرچين، فرانس کي معاشي طور ڏيوالي جو شڪار ڪري ڇڏيو. نه فقط سرڪاري خزانو خالي ٿي ويو، پر لڳاتار خشڪ ساليءَ، چو پائي مال ۾مسلسل بيماريون ۽ موت، ٻن ڏهاڪن دوران اناج وارا فصل خراب ٿيڻ ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مهانگائي، غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ويتر ناجائز محصول مڙهڻ سبب بيزار ٿي، فرينچ عوام سرڪار جي خلاف بغاوت ۽ هنگامه آرائيءَ تي لهي آيو.اُنهيءَ انڌير نگريءَ واري عالم ۾ سرڪاري طور تي سترهن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ خبر ڪانهي ته ٻيا ڪيترا ماڻهو، ڪيسن هلڻ بنا، جيلن اندر سڙي مري ويا! سن 1786ع جي پڇاڙيءَ ۾ بادشاهه لوئيس سورهين جي مقرر ڪيل ڪنٽرولر جنرل، چارلس اليگزينڊر ڊي ڪالون، سموري زرعي زمين تي هڪڙو مخصوص محصول مڙهڻ جي تجويز ڏني، جنهن تحت صاحب مراعات طبقو به آجو نه هجي. هن تجويز جي حمايت لاءِ امير طبقي ۾ پيدا ٿيل اختلافن کي گهٽائڻ لاءِ ڪنهن بادشاهه سن 1614ع کان وٺي 1786ع تائين پهريون ڀيرو مُلن واري امير طبقي ۽ وچولي امير طبقي کي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ گهرايو، جيڪا 5 مئي 1789ع ۾ مقرر ڪئي وئي هئي. بادشاهه انهن ماڻهن کان مسئلن جي فهرست طلب ڪئي. فرانس جي آدمشماريءَ ۾ قابل غور حد تائين تبديلي ٿي چڪي هئي ۽ ٽيو نمبر اسيمبلي ۾ 98 سيڪڙو هئڻ جي باوجود ميمبرن جي وڏي تعداد کي ووٽ جي حق کان محروم رکيو ويو. تنهن ڪري عوام ووٽ جي حق جي گهر ڪئي، امير، جاگيردار ۽ شاهوڪار مُلان طبقي کي مليل ناجائز مراعات کي رد ڪرڻ جي گهر ڪئي ۽ مُلڪ ۾ نمائنده حڪومت، يعني جمهوري نظام حڪومت جي قيام جو مطالبو ڪيو.ياد رهي ته فرانس ۾ شاهي حرفت بازيءَ موجب بادشاهه طرفان ملڪي معاملن بابت نالي ماتر مشاورت واسطي ٽي الڳ الڳ صلاحڪارن جا ايوان قائم ڪيل هئا. انهن ايوانن کي سلسليوار فرسٽ اسٽيٽ، سيڪنڊ اسٽيٽ ۽ ٿرڊ اسٽيٽ سڏيندا هئا. ٿرڊ اسٽيٽ ۾ عام ماڻهن مان به ايڪڙ ٻيڪڙ ميمبر نامزد ڪبا هئا. 17 جون 1789ع تي ٿرڊ اسٽيٽ گڏجاڻي ڪري پاڻ کي قومي اسيمبلي قرار ڏنو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ ٽينس راند جي ميدان ۾ گڏ ٿي وچن ڪيو ته سمورا ميمبر آئيني سڌارن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين ۽ هڪٻئي کان هرگز جدا نه ٿينداسين. انهيءَ گڏجاڻيءَ کان پوءِ هڪ هفتي اندر امير ملن واري طبقي جي اڪثر نمائندن ۽ آزاد خيال امير طبقي جي 47 نمائندن، قومي اسيمبليءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي پر بادشاهه لوئيس سورهين، عداوت ۽ نفرت وچان نئين قومي اسيمبلي ۾ سمورا مشاورتي ايوان يعني اسٽيٽس ضم ڪري، قومي اسيمبليءَ جي الڳ ۽ نرالي پيدا ٿيل بناوت ۽ سياسي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي طرف نئين قومي اسيمبلي ورسيلس ۾ پنهنجون گڏجاڻيون جاري رکيون ۽ پنهنجي آئين ساز اسيمبليءَ واري حيثيت اختيار ڪئي. انهيءَ گهڻ طرفي ڪشمڪش واري صورتحال، راڄڌانيءَ واري شهر پيرس ۾ مجموعي خوف ۽ هِراس واري ڪيفيت پيدا ڪري وِڌي. ڇاڪاڻ ته شاهي اقتدار ڪمزور ٿيڻ ڪري، رياست جي اقتدار تي فوج طرفان قبضو ٿيڻ وارو افواهه زور وٺي ويو هو. عوام طرفان سرڪار جي خلاف پرچار ۽ بغاوت جي رچي راس ٿيڻ تي 14 جولاءِ 1789ع تي عوام واري انقلاب جي هر اَوَل دستي يعني نوجوان انقلابي طبقي، هٿيار ۽ بارود کي محفوظ بنائڻ ۽ ان کي فوج طرفان عوام جي خلاف استعمال کان روڪڻ واسطي، باسٽل قلعي تي حملو ڪيو. انهيءَ واقعي کي، فرينچ انقلاب جي شروعات سڏين ٿا ۽ انهيءَ تاريخ / ڏينهن کي قومي انقلاب ۽ آزاديءَ جو ڏينهن / ڏڻ ڪري ملهائيندا آهن. انقلابي جوش ۽ جذبي واري لهر، انقلابي طوفان جي صورت ۾، شهر توڙي ٻهراڙيءَ، مطلب ته جهر جهنگ ۾ سمورن ظالمن ۽ استحصالي طبقن، ظالم حاڪمن ۽ ظالم ماڻهن جي خلاف، نفرت ۽ سمورن ظالم حاڪمن، طبقن ۽ ماڻهن کان بدلو وٺڻ جي هيجان ۾ سرشار عوام کي مڪمل آزاد ۽ اقتدار جو حقيقي وارث بنائي ڇڏيو. بدلي جي هيجاني ڪيفيت ۾ سرشار عوام، پورهيت ۽ هاري طبقي، جاگيردارن، اميرن، زميندارن، شاهوڪار ملن، اعليٰ عملدارن ۽ ظالم حڪمران طبقي جي محلن/ گهرن تي گڏيل حملا ڪيا، ڦريو، لُٽيو ۽ انهن محلن / گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو. هاري ۽ پورهيت عوام طرفان غير متوقع ۽ حيران ڪندڙ ۽ ڀيانڪ بغاوت سبب ظالم ۽ عوام دشمن حاڪم، امير، جاگيردار، امير مُلان ۽ زميندار طبقي جي ملڪ مان ڀاڄ ۾ تيزي اچڻ کان متاثر ٿي، انقلابي عوام جي همٿ افزائي ۽ پٺڀرائي ڪندي نئين آئين ساز قومي اسيمبليءَ 4 آگسٽ 1789ع ۾ جاگيرداري نظام کي رد ڪرڻ وارو ٺهراء منظور ڪيو. انهي ٺهراء کي پوءِ پيدا ٿيل هڪڙي فرينچ تاريخدان، جارجس ليفپبور، “Death certicate of the old order” يعني ”پراڻي سماجي نظام جي موت جو پروانو سڏيو، 4 آگسٽ 1789ع ۾ قومي اسيمبليءَ انساني حقن ۽ شهري حقن بابت هڪڙو پڌرنامون جاري ڪيو، جنهن جو بنياد، روشن خيال مفڪرن، جِين جيڪس روسو ۽ ٻين جي تشڪيل ڪيل سياسي جمهوري اصولن تي قائم ڪيو ويو هو. انهيءَ پڌرنامي ۾ قومي اسيمبليءَ مطلق العنان حڪومت کي رد ڪري، ملڪ ۾ آزاديءَ، برابريءَ، انصاف، ڀائيچاري ۽ رواداريءَ تي مبني، عوام طرفان چونڊيل، عوامي نمائندن تي مشتمل هڪڙو جمهوري نظام حڪومت قائم ڪرڻ، ان کي محفوظ ۽ مستحڪم بنائڻ جو عوام سان وچن ڪيو. خراب معاشي حالتن ۾، قومي اسيمبليءَ لاءِ هڪڙو حقيقي جمهوري آئين تشڪيل ڪرڻ تمام مشڪل مسئلو ٿي پيو. مثلاً ڏيهه ۽ پرڏيهه لاءِ سفيرن ۽ وفدن جي رُڪنن ۽ نمائندن جي چونڊ جي ذميواري ڪنهن کي سونپجي، مذهبي پيشوا حڪومت سان وفادار رهندا يا پوپ جي حڪم تحت هلندا. اهڙن ٻين ڪيترن ئي معاملن بابت قومي اسيمبليءَ جا ميمبر، ڪيترن ئي مهينن تائين پاڻ ۾ ڇڪتاڻ ۾ مبتلا رهيا. ٻئي طرف جون 1791ع ۾ بادشاهه مُلڪ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان کي روڪي قيد ڪيو ويو. پر 3 سيپٽمبر، 1791ع ۾ لِکيل صورت ۾ فرانس جو جيڪو پهريون آئين پڌرو ڪيو ويو، تنهن ۾ ملڪ ۾ آئيني بادشاهت جي قيام جو ذڪر هو، جنهن تحت بادشاهه کي وزارت ٺاهڻ ۽ ويٽو جا اختيار مليل هئا. اسيمبلي ميمبرن کي فيصلن ڪرڻ جا اختيار بلڪل محدود ڪيا ويا. اسيمبلي ۾ موجود بااثر ارڪان، جهڙوڪ ميڪسيميلين روسپيئر ڪيمل دوسمولن ۽ جارج ڊينٽن وغيره، جن بادشاهه کي ڦاسي ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوري نظام حڪومت جي قيام لاءِ جدوجهد پي ڪئي، انهن کي اهڙو ناقص، عوام دشمن ۽ بادشاهت کي برقرار رکڻ وارو آئين هرگز قبول ڪو نه هو ۽ انهيءَ آئين کي رد ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوري نظام جي قيام لاءِ جدوجهد تيز ڪئي. اپريل 1792ع ۾ نئين چونڊيل اسيمبليءَ آسٽريا ۽ پروشيا سان جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسيمبليءَ جي ميمبرن جو خيال هو ته اسيمبلي ۽ انقلاب دشمن فرينچ هتان ڀڄي انهن ملڪن ۾ وڃي انقلاب جي خلاف فرانس تي انهن ملڪن طرفان حملو ڪرڻ جي تياريءَ ۾ رُڌل آهن. 10 آگسٽ 1792ع ۾ جيڪبيئن انتها پسند ٽولي، پيرس ۾ شاهي محل تي حملو ڪري بادشاهه کي قيد ڪيو ٻئي مهيني، يعني سيپٽمبر ۾ پيرس شهر جي انتها پسند باغين، انقلاب مخالف مُلزمن کي سوَن جي تعداد ۾ ماري ڇڏيو ۽ آئين ساز اسيمبليءَ کي رد ڪري، ان جي بدران، انقلابين تي مُشتمل هڪڙي گروپ کي ”نيشنل ڪنوينشن“ جي نالي ۾ تشڪيل ڪيو، جنهن بادشاهي نظام رد ڪري، ملڪ ۾ جمهوري نظام جي قيام جو اعلان ڪيو. 21 جنوري 1793ع ۾ فرينچ رياست سان وڏي غداري ڪندڙ ۽ عوام دشمن ڪردار جو حامل ڄاڻائيندي، بادشاهه لوئيس سورهين کي موت جي اڏيءَ تي رکي سندس سِر قلم ڪيو ويو ۽ سندس راڻي ميري اينٽوئينيٽ کي پڻ نوَن مهينن کان پوءِ قتل ڪيو ويو. اهڙي طرح انقلاب سخت تشدد وارو روپ اختيار ڪيو. عيسائيت خلاف خطرناڪ مهم چالو ڪئي وئي، هڪ نئين ڪيلينڊر جي جوڙجڪ عمل ۾ آندي وئي ۽ هزارن جي تعداد ۾ مُبينه انقلاب دشمن عناصر کي قتل ڪيو ويو. ماڻهن کي گهڻو ڪري پبلڪ سيفٽي ڪميٽيءَ جي اڳواڻ، روبسپيئر جي حڪمن تحت ماريو ويو ۽نيٺ کيس پڻ 28 جولاءِ 1794ع تي ساڳيءَ طرح اڏيء تي رکي ماريو ويو ۽ سندس انتها پسند قاتل ٽولي خلاف عملي مهم چالو ٿي وئي. 22 آگسٽ 1795ع ۾ روبسپئير واري ٽولي کان بچي ويل نيشنل ڪنوينشن واري ٽولي، هڪڙي آئيني مسودي جي منظوري ڏني، جنهن ۾ پارليامينٽ ٻن ايوانن تي مُشتمل هئي، جيڪا مرحليوار آئين جوڙيندي. اقتدار اعليٰ جو مڪمل اختيار پنجن ميمبرن تي مُشتمل هڪ ڪميٽيءَ کي حاصل هوندو. ان کي ڊائريڪٽري سڏيو ويندو. اها ڊائريڪٽري پارليامينٽ طرفان جوڙي ويندي. شاهه پرستن ۽ جيڪبيئن گروپ، هن نئين حڪومت جي جوڙجڪ جي خلاف احتجاج ڪيو، پر نئين فوجي سالار، نيپوليئن بوناپارٽ انهيءَ بغاوت کي دٻائي ڇڏيو. چئن سالن جي اقتدار ۾، ڊائريڪٽري سياسي رشوت ستاني، معاشي بحران، عوام ۾ بيچيني ۽ نااهليءَ جي حامل رهي. تنهن ڪري انهيءَ پنهنجو اقتدار برقرار رکڻ واسطي فوج تي گهڻو انحصار ڪيو. انهيءَ معروضي صورتحال جو ناجائز فائدو وٺندي، تاريخ 9 نومبر، 1799ع ۾ ڊائريڪٽريءَ کي منسوخ ڪري، فوجي سالار، نيپولين بوناپارٽ، اقتدار تي فوجي قبضو ڪري، پاڻ کي مُلڪ جو First Consul فرسٽ ڪونسل يعني ناظم اول معنيٰ ڳُجهي يا اڻسِڌي طرح بادشاه بنائي، فرانس تي لڳاتار سورهن سالن تائين مرد آهن طور مسلط رهيو. فرينچ حڪومت تي سندس ناجائز فوجي قبضي واري واردات، فرينچ انقلاب کي عملي طور ختم ڪري ڇڏيو.


    فرانس جي تاريخ جا دلچسپ واقعا

    اوائلي گئول
    جڏهن قديم رومين فرانس کي پنهنجي شهنشاهت جو حصو بنايو، تڏهن انهن پنهنجي سرحدن کي رائن نديءَ جي ڪناري ۽ پئرس وارن ٻيلن تائين وڌائي ڇڏيو. شهنشاهه جوليئس سيزر جي شهرت جيڪا کيس ايشيا جي ميدان ۾ بادشاهه وَرِنگيٽورڪس کي 52ق.م. ۾ شڪست ڏيڻ سان حاصل ٿي. تنهن جي اشاعت هن قديم دنيا جي ادبي شاهڪار گئولن جون جنگيون Gallic Wars نالي ڪتاب جي صورت ۾ جلدي ڪرڻ پئي چاهي. انهي سال سين واديءَ جي هڪ جزيري لُوٽيٽيا Lutetia ۾ رومين پنهنجي بيٺڪ قائم ڪئي. جنهن کي پوءِ پئرس سڏيو ويو. جڏهن رومي سلطنت جو زوال آيو ته رومي لشڪر کي رومي سمنڊ جي ڪناري تي قائم محفوظ ڇانوڻين ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جن ۾ مکيه هيٺيون هيون.
    آرينج، مونٽ پيليئر، نائيمس، ناربون ۽ مارسيل، جتي يورپ ۾ رومين جا بهترين يادگار قائم آهن. ملڪ ڇڏڻ وقت ورثي طور رومي ڪيٿولڪ چرچ ڇڏي ويا. جيڪو پنهنجي ڪافي اوڻاين جي باوجود انهيءَ افراتفريءَ جي عالم۾ جيڪا سلطنت جي زوال سبب سرزد ٿي. تهذيب جي واحد ضامن طور موجود هو. گهٽ درجي واري ايٽِن ٻولي عام طور عمل ۾ هئي. جيڪا آهستي آهستي قديم فرينچ ٻوليءَ ۾ تبديل ٿي. اها ٻولي وچئين دور واري ٻوليءَ جي اڄوڪن ماهرن کي مُنجهايو وجهي. ته وري سرهائي جو سامان به مهيا ڪري ڏي ٿي.
    هتي وارن قبيلائي سردارن عيسائيت جو جيڪو قسم اختيار ڪيو هو، اهو عموماً استعمال ۾ نه هو. تنهنڪري ميرونجيئن گهراڻي جو باني ۽ اتر اوڀر گئول فرينچن جو بادشاهه ڪِلووِس رومن ڪيٿولڪ ٿي ويو ۽ ريمس جي طاقتور مها پادريءَ جي تائيد حاصل ڪئي ۽ گهڻن گئول قبيلن جي سياسي حمايت حاصل ڪئي، جن آپيشاهيءَ واري دؤر ۾ ناآشنائيءَ ۾ گذاريو. بادشاهه ڪلووِسَ جي رومن ڪيٿولڪ مذهب اختيار ڪرڻ کي ڪيٿولڪ چرچ ۽ بادشاهه جو سنگم قرار ڏنو ويو. جيڪو وڌي ويجهي انقلاب 1789ع تائين ترقي يافته رهيو.
    سوئزينس واري جنگ جي نتيجي۾ ڪلوِوَسَ بادشاهه 486ع ۾ رومي حڪومت جا گئول سرزمين تي قائم آخري نشان به مٽائي ڇڏيا. ان کان پوءِ وارين ڪاميابين ۾ اولهه طرف سِين تائين ۽ پوءِ لوئر تائين سرحدن ۾ واڌارو ٿيو. سن 500ع ۾ ڊِچن واري جنگ کان پوءِ هيءَ برگنڊيءَ جي بادشاهه جو لارڊ اعظم ٿيو. ست سال پوءِ سندس فوجن وسيگوٿس Visigoths کي اسپين ڏانهن ڀڄائي تقريباً اهو سمورو علائقو فرانس سان ملايو. جتي هن پنهنجي ميرووِنجِيئَن Merovingian گهراڻي جي حڪومت قائم ڪئي.
    اوائلي شرافت مان وڌ ۾ وڌ چڱائي لاءِ ڪوشش ڪندي، اوڀر رومي شهنشاهيت جي بازنطيني شهنشاهه اناسٽيسيئس Anatasius آخرڪار فرانس جي بادشاهت کي تسليم ڪيو. سن 511ع ۾ بادشاهه ڪِلوسَ جي وفات بعد فرانس جي بادشاهي رياست سندس وڙهندڙ وارثن ۾ ورهائجي وئي. ميروونجيئن گهراڻي جي حڪومت مختلف ڀاڱن جي صورت ۾ به وڌيڪ اڍائي سئو سالن تائين برقرار رهي. انهيءَ عرصي دوران وڏن پادرين ۽ اميرن جو اثر رسوخ وڌيو ۽ سندن مقامي علائقائي حڪمراني قائم ٿي. جنهن کي اڄوڪي مفهوم ۾جاگيرداري چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ميروونجيئن گهراڻي وارن جي وڪالت ڪندڙ سندن ڪارناما بيان ڪرڻ ۾ ڏاڍا تڪڙا آهن. مگر سندن ڪمزور ۽ آپيشاهي دور حڪومت کي عالمي تاريخدان اونداهو دورڪري ڄاڻائين ٿا.
    ميروونجيئن گهراڻي جي درباري سازشن سبب تباهه ٿيڻ سان حڪومت تي قابض هڪ نئون گهراڻو ڪيرولنجيئن پيدا ٿيو. سندن اڳواڻن مان هڪڙي شخص نالي چارلس مارٽل Charles Martel سن 743ع ۾ ٽوٽرس جي ميدان ۾ مسلمانن طرفان اتر يورپ ۾ ٿيل حملي کي روڪيو ۽ پنهنجي پٽ پيپن Pepon لاءِ گهڻي وڌايل بادشاهي ڇڏي ويو. ڪيرولنجيئن شهنشاهت پائرينيز جبلن کان وٺي جرمنيءَ وارن ٻيلن تائين يعني موجود فرانس، جرمني ۽ اٽليءَ جي اترئين حصي تي مشتمل پکڙجي وئي. هن وسيع و عريض شهنشاهت جو وارث شارليمن Charlemagne 768ع ۾ بادشاهه بڻيو. سن 800ع ۾ ڪرسمس جي موقعي تي روم ۾ نيڪ شهنشاهه جي حيثيت ۾ شهنشاهه ٿيو ۽ پنهنجي راڄڌانيءَ ۾ پاڪ رومي شهنشاهيت جو بنياد اچي وڌائين، سندس حڪومت علم، ادب، فنون لطيف ۽ علمي شاهڪارن ۾ نئين سر اجاگر ڪيل دلچسپي ڏٺي. جنهن کي دانشورن ڪيرولنجيئن گهراڻي واري نئين روشنيءَ يا روشن خياليءَ طور پيش ڪيو. شارليمن جي مقناطيسيت جي برعڪس سندس وکرندڙ شهنشاهيت ۾ ثقافتي ويڇا پيدا ٿي پيا. جيڪي سندس ٽن وارثن جي دور ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. اڪوئلٽين واري چارلس الهندي علائقي کي پنهنجي تسلط هيٺ آندو ۽ جوئريا واري لوئيس اڀرندي ڀاڱي تي قبضو ڪيو. تاريخدانن هن ورهاست کي جديد فرانس ۽ جرمنيءَ جي جدا قومن جي حيثيت سان تاريخي واڌاري ۽ ترقيءَ سان تعبير ڪيو آهي. شارليمن جي وفات کان ٿورو پوءِ سندس ٽڪرا ٿيل شهنشاهت تي اتر طرف کان سامونڊي ڌاڙيلن ڏکڻ کان مسلمانن ۽ اوڀر کان هنگريءَ وارن حملا ڪيا.

    وچيون دور
    سن 987ع ۾جڏهن ڪيرولنجيئن گهراڻي جو خاتمو ٿيو ته هف ڪيپيٽ Hugh Capet پئرس جو نواب ۽ فرانس جو ڊيوڪ هو. تنهن حڪومت تي قبضو ڪري پنهنجي گهراڻي Capietian Dynasty جو آغاز ڪيو. جنهن سان فرانس ۾ وچئين دور جو سرڪاري طور شروعات جو اعلان ٿيو. سن 1154ع ۾ اڪوئيٽن واري شهزاديءَ ايلِينَر آف اڪوئٽين Elenorof Aquitaine جي فرانس جي بادشاهه لوئيس ستين سان ٿيندڙ شاديءَ جي رد ٿيڻ ۽ سندس يعني ايلينر جي شادي انگلينڊ جي هينريءَ ٻئي سان ٿيڻ سبب فرانس جو الهندو اڌ حصو انگلينڊ جي قبضي ۾ آيو. جنهن جا اهڃاڻ صدين تائين باقي رهيا. انهيءَ دوران شاهي ٻيلا ۽ ڌٻڻين وارا علائقا صاف ڪيا ويا جيڪي اتي جي مقامي رهاڪن راهبن جي گروهن صفا ڪيا. آدمشماري وڌي، شاهي گوٿڪ گرجا گهر تعمير ٿيا ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ سماجي ڍانچي جي هر هنڌ ۽ ميدان ۾ پادرين ۽ راهبن جي شرڪت واقع ٿي، حڪمران طبقي ۾ خوشقسمتيءَ سان ٿيندڙ شادين سبب پئرس جي حڪمراني هيٺ ايندڙ علائقن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيو ۽ شهر کي ملڪ جي راڄڌاني طور تسليم ڪيو ويو.
    بادشاهه فلپ ثاني Philippe II جنهن سن 1179ع کان 1223ع تائين حڪومت ڪئي. فرينچ حڪمرانن ۾ سڀني کان وڌيڪ پنهنجي خاندان ۾ ماڻهن جون شاديون ملڪ جي مکيه خاندانن جهڙوڪ وولوئس Volois آرٽوس Arois ۽ ورمينڊوئس Vermandois مان ڪرايون. هن پنهنجا شهر نارمنڊي Nromandy ۽ اينجو Anjoe انگريزن کان واپس وٺڻ جو بندوبست ڪيو. بادشاهه سينٽ لوئس نائون تيرهين صديءَ ۾فرانس جو ناميارو بادشاهه سڏبو هو. جيتوڻيڪ سندس اڳين حڪمرانن جي فوجي ڪاميابين سان حاصل ڪيل علائقا هن انگريزن کي موٽائي ڏنا، ڪجهه قدر مذهبي گروهه بنديءَ سبب ۽ بيماريءَ جي باعث سن 1270ع ۾ هڪ فوجي ٻيڙي تي سوار هوندي وفات ڪيائين. جيڪو ٻيڙو ان وقت تيونس جي بندر تي لنگرانداز هو. سندس اهو سفر اٺين صليبي جنگ وڙهڻ لاءِ شروع ڪيل هو. سندس وفات وقت ناٽرڊيم ڪيٿيڊرل ۽ سينٽ چَيپَل جيڪي پئرس ۾ آهن مڪمل تعمير ٿي چُڪا هئا ۽ پٿر تي چٽسالي ۽ گهاڙيٽي جو فن اوڄ تي هو ۽ پردن لاءِ ڪم ايندڙ چٽن گلن ۽ رنگين تندن وارو ڪپڙو سهڻي نموني جو تيار ٿيندو هو.
    سن 1300ع ۾ لالچي پوپ جي تقاضائن خلاف فرينچ خودمختياري لاءِ جدوجهد دوران فلپ چڱي کي سخت ڪاوڙ ڏياري ۽ رومي پوپ جي برخلاف اَوِگِنن واري پوپ جي حمايت ۽ رومي پوپ بونيفائيس اٺون Roman Pope Bonifice VIII جي سر عام بي عزتي ڪئي ۽ کيس گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيائين. چون ٿا اهو پوپ انهيءَ صدمي سبب گذاري ويو. وچئين دور جي وڏن واقعن مان هڪڙو هي به آهي ته انهيءَ دور۾ هڪ وقت تي روم توڙي اوِگنِن شهرن مان ٻه پوپ حڪومت ڪري رهيا هئا ۽ روحاني توڙي مالي وسيلن تي وڌ ۾ وڌ قبضي خاطر هڪٻئي سان زور آزمائي ۾ سانده مشغول رهيا. تان جو 1378ع ۾ رومي پوپ کي سياسي حمايت واضح طور حاصل ٿي ۽ اوگنن وارو پوپ پنهنجي دعويٰ تان دستبردار ٿيو. چوڏهين عيسوي صدي فرينچ بادشاهن جي طاقت ۽ دولت ۾ اضافو ڏٺو. انهيءَ دور ۾ جاگيردارن جي زر توڙي زور ۾ نمايان گهٽتائي ٿي. سن 1316ع ۾ بادشاهه لوئيس ڏهين جي پنهنجي وارث بنا وفات سبب هڪ ڏهاڪي کان به وڌيڪ سالن تائين ملڪ۾ آپيشاهي ۽ افراتفريءَ جو عالم برپا رهيو. نيٺ ويلوئس گهراڻي حڪومت تي قبضو ڪري پنهنجي گهراڻي جي شروعات ڪئي.
    سن1348ع ۾ اونهاري ۾ پليگ وبائي بيماري يورپ ۾ پکڙي ۽ چار سال برقرار رهي. جنهن دوران يورپ جي آدمشماريءَ جو اٽڪل ٽيون حصو يعني 33 سيڪڙو موت جو کاڄ ٿي ويو. پئرس جا سرنديءَ وارا ماڻهو شهر ڇڏي ٻهراڙيءَ جي وادين جهڙوڪ لوئي وغيره ۽ سلامتيءَ وارن ماڳن تي وڃي رهيا. نتيجي طور فصل تمام خراب ٿيا ۽ قوم خطرناڪ مالي بحران ۾ وڪوڙجي وئي.
    سئو ساله انگريزن جي فرانس سان جنگ دوران فرينچ تخت تي قبضي جي نيت ڪري هنن فرانس ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي رستا ٺاهيا. پنهنجي بي پناهه طاقت سان تقريباً سمورو اتريون ڀاڱو جنهن ۾ پڪاردي Picardy ۽ نارمنڊي Normandy شامل آهي. تنهن کان سواءِ شيمپئن، لوئر واديءَ جا ڪجهه حصا ۽ گُويينِ Guyenne وارو وڏو علائقو پنهنجي قبضي ۾ آندو. هن صورتحال دوران هڪ ڪِرشِما ساز شخصيت هاري خاندان جي ڇوڪري جان آف آرڪ Joan Of Arc عظيم سورميءَ جي صورت ۾ نمودار ٿي. جنهن مايوس ۽ ڇڙوڇڙ فرينچ لشڪر کي منظم ۽ مضبوط بنائي دشمنن خلاف بي مثال جدوجهد شروع ڪئي ۽ بزدل فرينچ ولي عهد جي لاءِ بادشاهه چارلسستين جي حيثيت ۾ ريمس جي ڪيٿيڊرل ۾ سندس تاجپوشيءَ جو بندوبست ڪيو. ڪيٿولڪ چرچ جي مخالفت ڪري هن سورمي کي رائج مذهب جي مخالف هئڻ جي الزام تحت رووِن Roven شهر ۾ 1431ع ۾ ٽياس تي ٽنگي ساڙي قتل ڪيو ويو، ٽِئين تخت نشين بادشاهه جي اڳواڻيءَ ۾ آندل سڌارن ڪري مالي طور ڪجهه قوت حاصل ٿي ۽ قومي وقار به ڪي قدر بحال ٿيو. پاڻ ۾ وڙهندڙ ۽ ڇڙوڇڙ فوجي ٽولن جي پاڻ ۾ ٺاهه ٿيڻ ڪري انهن انگريزن کي ملڪ جي وڏي حصي مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ انگريزن وٽ فقط نارمنڊي وارو ڪيلائس Calais بندر قبضي هيٺ رهيو. سيلٽڪ ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن تي مشتمل اولهه وارن علائقن کي فرانس ۾ ضم ڪرڻ خاطر بادشاهه چارلس اٺين سن 1400ع جي آخر ۾ برٽيني واري آخري شهزاديءَ ايني Enne, last Duches of Brittany سان شادي ڪئي 1500ع جي اوائل۾ بي حد چالاڪ ۽ حرفت باز بادشاهه سفارت ۽ عداوت ۽ شجاوت سان پنهنجي بادشاهي کي محفوظ ۽ معيشيت کي اٽليءَ جي شاهوڪارن کان آزاد ڪري مضبوط ڪيو. هن روشن خياليءَ جي پيچيده پاليسين سان مقابلو ڪري فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ جوڳيون تدبيرون اختيار ڪيون ۽ ٻين جي مدد تي انحصار ڪرڻ جي بدران هر طرح سان خود ڪفيل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي قدر ڪامياب ٿيو.
    انهيءَ دوران ڪيٿولڪ بدعت جي خلاف احتجاج وارن خيالن ۾ اضافي ۽ ڪيٿولڪ چرچ جي بدعت کي برداشت ڪرڻ وارن خيالن جي خاتمي سبب گهرو ڪشيدگي پيدا ٿي. 1572ع ۾ ميڊيسيءَ واري ڪيٿرين Catherine De Medici پنهنجي مذهبي سهپ واري پاليسيءَ کي تبديل ڪري سينٽ بار ٿولو ميو جي ڏينهن تي سوين پروٽيسٽنٽس Protestants جي قتل جو حڪم ڏنو. بادشاهه هينري چوٿون قتل ۽ غارت گيريءَ کان تنگ ٿي ۽ اهو خوف کائيندي ته متان اسپين ملڪ جيڪو خود رومن ڪيٿولڪ هئڻ سبب هتي امن بحال ڪرڻ جي بهاني ۽ رومن ڪيٿولڪ چرچ جي بچاءُ ۽ مدد جي بهاني فرانس تي قبضو اچي ڪري. سن 1593ع ۾ سمجهوتي طور پاڻ خودرومن ڪيٿولڪ مذهب اختيار ڪيو. سن 1598ع ۾ هڪڙي اڌ چرئي راهب هٿان خنجر سان قتل ٿيڻ کان ٿورڙو وقت اڳ ۾ بادشاهه مشهور فيصلي Edit of Nantes نينٽس جو فرمان جاري ڪيو، جنهن موجب فرانس ۾ پروٽيسٽنٽ فرقي وارن کي مذهبي آزادي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

    جاگيرداريءَ جو خاتمو
    هن وقت کان وٺي فرانس هاڻي جديد رياست جي صورت اختيار ڪئي. جنهن ۾ جاگيرداري نظام جا فقط چند باقيات رهجي ويا هئا. سن 1624ع ۾ بادشاهه لوئيس تيرهن ڪيٿولڪ فرقي جي مهاپادري رڇليو Richliece کي پنهنجو وڏو وزير بنايو. وسيع قانوني اختيار حاصل ڪرڻ سبب 1642ع ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين ملڪ تي حڪمراني ڪندو رهيو. سندس وزارت جو مکيه مقصد سموري اختيار جو مرڪز فقط بادشاهه سلامت جي ذات ئي هئي جنهن ۾ ٻيو ڪو به ڀاڱي ڀائيوار نه ٿي سگهي. انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ هن ڪيترائي بُڇڙا قدم کنيا. جنهن سبب بادشاهه لوئيس چوڏهون مڪمل طور مرد آهن Monarch جي صورت ۾ تخت نشين رهيو. سِسِليءَ ۾ پيدا ٿيل پنهنجي وڏي وزير پادريءَ مزارين جي مدد سان نون (9) سالن جي عمر ۾تخت نشين ٿيڻ جي باوجود سندس حڪمرانيءَ واري دور ۾ يورپ هن کان وڌيڪ طاقتور رومي شهنشاهه ڪو نه ڏٺو. پهرين اسپين جي خلاف لشڪرڪشي ڪيائين ۽ پوءِ اسپيني بادشاهه جي ڌيئرن مان هڪڙي سان قانوني طور شادي رچائي. فرانس جي حدن ۾ اسپين جي ٻن پرڳڻن آرٽوئس Artois ۽ روسيلن Rausilon کي ملائي پنهنجي ملڪ جون سرحدون وڌايون. بعد ۾اتر ۽ اوڀر ۾ بيلجم خلاف فوجي مهمن ۽ پوءِ سفارتي عمل ذريعي پنهنجي سرحد کي وڌايو. انهيءَ وقت انگلينڊ جي آدمشماري 8 ملين ۽ اسپين جي آدمشماري 6 ملين هئي. انهن جي ڀيٽ ۾ فرانس جي آبادي تمام گهڻي يعني 20 ملين هئي. انهيءَ وقت فرانس جون نوآباديون (بيٺڪون) ڪيناڊا، ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪي رياست لائوسيانا اڳوڻي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ٿي پيون هيون.
    لوئيس بادشاهه جي ڏاهي وزير خزانه ڪولبرٿ Colbert جي واپار وارين سُٺين پاليسين جي ڪري انهن ڪالونين مان فرانس بي حساب دولت ڪمائي وڏو طاقتور ملڪ ٿي پيو. امير طبقي جي پسند جنهن کي اڄڪلهه اميراڻو شوق چيو وڃي ٿو. انهيءَ جي تقاضا پٽاندر هنرن ۽ فنون ۾ ترقي ٿي. بادشاهه لوئيس جي ورسيلز وارو محلات انهيءَ دور جي فرينچ فن تعمير جو حقيقي شاهڪار يادگار آهي. هيءَ بادشاهه پنهنجي ملڪ جي سرحدي توسيع پسنديءَ واري حريص طبيعت سبب پوري يورپ جي قومن لاءِ خطرو ٿي پيو. تنهنڪري اُهي يورپي مُلڪ آرينج واري حڪمران وليئم William of Orange جي اڳواڻيءَ ۾ لوئيس تي ڪرڙي نظر رکڻ لڳا. هن صورتحال ۾ فرانس اهڙين بداتوار ۽ ڳاٽي ڀڃندڙ خرچ سان ٿيندڙ جنگين جو سلسلو شروع ڪيو ته ٻئي طرف زرعي پيداوار تمام خراب حد تائين گهٽجي وئي ۽ وري ماڻهن تي ڳرا محصول مڙهيا تن ماڻهن ۾ بي چيني ۽ بد دليءَ جي فضا قائم ڪئي. انهيءَ وقت انگلينڊ کي يورپ توڙي پوري دنيا ۾ پنهنجون نفعي بخش بيٺڪون قائم ڪرڻ واري حرص جو ساري دنيا کي خطرو لاحق هو.
    ايٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي وڏن بندرن خصوصاً بورڊيئڪس Bordeauz سبب فرانس ويسٽ انڊيز جي غلامن ۽ کنڊ جي واپار سبب ترقي ڪئي. فرانس ملڪ جي طاقت جي برعڪس انگلينڊ جي بحري طاقت سبب فرانس جون ڪالونيون ڪمزور ۽ گهٽ ٿيون. اٽلو پروشيا Prussia جي فوجي طاقت جي عروج فرانس لاءِ مسئلو وڌيڪ مُنجهائي وڌو ڇو ته اهو هڪ پاڙيسري ملڪ هو.

    انقلاب ۽ نيپولين جو عروج
    انهيءَ عرصي دوران روشن خياليءَ جي تحريڪ بادشاهي وهمن ۽ وسوسن ۽ مذهبي فرقيواريت خلاف جدوجهد ڪرڻ لاءِ دانشورن ۽ عالمن جو هڪڙو نسل تيار ڪري رهي هئي. حالانڪ خيالن ۾ جوش جو اُڀار پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصي کان وٺي عمل پيرا هو. جنهن سبب 1789ع واري فرينچ انقلاب کانپوءِ پورو يورپ اڳوڻي جهڙو هرگز نه رهيو. 10 آگسٽ 1792ع ۾ مارسيل Marscille کان ايندڙ فوجن پئرس شهر جي وڳوڙي ٽولن سان گڏجي نااهل بادشاهه لوئيس سورهين ۽ سندس راڻي ميري اينٽوئينٽ Marie Antoinette جيڪا آسٽريا۾ پيدا ٿي هئي کي اقتدار تان هٽائي قيد ڪيو ويو. ڪيترن مهينن جي رتوڇاڻ ۽ مختلف مشتعل گروهن جي پاڻ ۾ ويڙهه کانپوءِ بادشاهه ۽ راڻيءَ کي قتل ڪيو ويو. فرانس جي مسئلن جي سڌاري کان اڳ انهن ۾ وڌيڪ اُبتري پيدا ٿي. هن قتل ۽ غارتگريءَ واري عمل ۾ اعتدال پسند توڙي انتها پسند انقلابين کي شهر جي وچ تي مُشتعل هجومن جي روبرو قتل ڪيو ويندو هو. جنهنجو مشاهدو مڇيريل هجومن سان گڏ ڊڪينس مم ڊفارج Dickens Mme Defarge جهڙو بڇڙو ماڻهو به پنهنجي ٽولي سان گڏ ڪندو هو. پراڻي حڪومت جي خاتمي ۽ هن قتل ۽ خون جي هوليءَ فرانس جي تاريخ ۾ نهايت ڀيانڪ قصا ۽ ڪهاڻيون يادگارطور ڇڏيون ته اُن سان گڏ سورهيائي جا به ڪئين داستان مرتب ڪيا. مٿي بيان ڪيل سموري صورتحال جي نتيجي طور ”انساني حقن جو پڌرنامو“ جاري ڪيو ويو. جيڪو 1789ع ۾ شايع ٿيو اهو روشنخياليءَ تي مبني اهڙي اهيمت جو حامل دستاويز هو. جنهن کي هيستائين جمهوري قدرن ۽ اصولن جو بهترين نمونو سمجهيو وڃي ٿو. فرانس ۾ امير شاهي جي خاتمي سموري يورپ جي بادشاهن کي لوڏي ڇڏيو. هن صورتحال ۾ فرانس ۾ وري نئين سر قومي ٻڌي پيدا ڪرڻ لاءِ نيپولين بونا پارٽ واري فوجي قوت گهربل هئي. جنهن وقت فرينچ ماڻهو انقلاب دوران آپيشاهي جي ڪارستانين کان صفا تنگ ٿي پيا. تنهن وقت نيپولين هڪ ماهر سپهه سالار ۽ عظيم سياسي رهنما جي حيثيت ۾سياسي اُفق تي نمودار ٿيو ۽ پنهنجو تباهه ٿيل قومي وقار وري بحال ڪيو. هن پنهنجي ملڪ ۾ ڪامورا شاهيءَ جو هڪ نئون نظام قائم ڪيو. جنهن هڪ نئين قانوني ڍانچي تي عمل ڪيو.اهو قانوني ڍانچو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پڻ نافذ ڪيو ويو. بوناپارٽ 30 سالن جي عمر ۾ سن 1799ع ۾ پئرس ۾ داخل ٿيو. جتي فرسٽ ڪونسل ۽ فرانس جي حاڪم First Consul and Master of France جي حيثيت ۾ سندس تاجپوشي ٿي تنهن کان جلد پوءِ هن جي اتر اٽليءَ خلاف ڪيل فوجي مهم جي فيصلاڪن ڪاميابيءَ سبب فرانس اندر سندس حڪومت کي وڌيڪ پختو ڪيو. هڪ ذهين سياستدان جي حيثيت ۾ ويٽيڪن پوپ سان صُلح سمجهوتو ڪري امن قائم ڪيو ۽ انقلاب جي اوائل ۾ پيدا ٿيل لادينيت ۽ نرمي اختيار ڪئي. پنهنجي ڪاميابين نيپولين ۾ سموري يورپ تي قبضي ڪرڻ جو حوص پيدا ڪري وڌو. عظيم موسيقار بيٿووِن موسيقيءَ جي هڪ شاهڪار رچنا ايروئيڪا Eroica Symphony سندس يعني نيپولين جي نالي منسوب ڪئي، پر پوءِ جڏهن نيپولين ٻين ملڪن تي بيجا ڪاهون ڪيون ۽ پنهنجي ملڪ ۾ انياء جو مرتڪب ٿيو. تنهن وهنوار کي ظلم ڪوٺيندي بيٿووِن پنهنجي رچنا جو انتساب منسوخ ڪري ڇڏيو. بونا پارٽ اڃان سموري يورپ تي قبضو ڪرڻ وارن خيالن ۾ محو هو. جو کيس ماسڪو کان پسپائيءَ جو شڪار ٿيڻو پيو. جنهن سبب 1812ع ۾ چار لک فرينچ سپاهي روس ۾ برفباريءَ سبب موت جو کاڄ ٿيا ۽ هيءَ عظيم فوج ڇڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي. تنهن کان پوءِ واٽرلو واري جنگ ۾ نيپولين هارايو ۽ قيد ڪيو ويو. انگريزن کيس ڏکڻ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ واقع سندن قبضي هيٺ ”سينٽ هيلينا“ ٻيٽ ۾ جلاوطن ڪري رکيو، جِتي کيس خبر ڪانهي ڪهڙي نموني زهر ڏيئي 1821ع ۾ ماريو ويو.


    ابتدائي صنعتي تهذيب ۾ پورهيتن جي حالت زار

    نيپولين بوناپارٽ جي سينٽ هيلينا ٻيٽ تي نظربنديءَ سان جهڙوڪر في الوقت يورپ جومکيه سياسي مسئلو حل ٿي ويل نظر آيو، پر يورپي حڪمرانن جي اڳيان ٻيا به ڪيترائي وڌيڪ پيچيده سماجي ۽ اخلاقياتي مسئلا پنهنجي شدت سان موجود هئا. انگلينڊ ۽ جرمنيءَ جي صنعتي شهرن ۾ ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهون ۽ غليظ رهائشي حالتن قدرتي ماحول کي خراب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري هزارن جي تعداد ۾ پورهيت ماڻهو غليظ ماحول، گهٽ خوراڪ ۽ طبي امداد جي عدم موجودگيءَ سبب جوانيءَ ۾ ئي مرڻ ۽ اپاهج ٿيڻ لڳا. اهي سمورا ماڻهو جديد صنعتي تهذيب جو شڪار ٿيڻ لڳا. جنهن تهذيب انسانيت جو ڪو سبق اڃان پڙهيو ئي ڪو نه هو.
    جهڙيءَ ريت بونا پارٽ پنهنجي زبان درازي سان ملڪ جي نومولود حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار فرينچ نوجوان طبقي کي پنهنجي ناجائز مفادن خاطر استعمال ڪري سڄي يورپ ۾ قتلام ڪرايو. ساڳئي ريت يورپ جي صنعتي ملڪن جي صنعتڪار طبقي پنهنجي لالچ ۽ هٻڇ سبب صنعتي حرفت جي مدد سان غريب عوام کي گذر جي آسري تي پنهنجي ڪارخانن ۾ اچي اڙايو ۽ سندن محنت مان خوب نفعو ڪمايو، پر سندن خوراڪ، رهائش ۽ صحت جي بهبود لاءِ ڪو به اپاءُ نه ورتو. هي صنعتڪار طبقو انساني تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ تخريبڪار، خود مطلب ۽ مڪار طبقي طور پيدا ٿيو. جڏهن ته معروضي تقاضا موجب صنعتي يعني معاشي ترقيءَ سان گڏ معاشري کي اخلاقي ترقي پڻ گهربل هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ نيڪ ڪارخانيدارن ۽ اصلاح پسندن جي هجڻ سان اصل مقصد ۽ حقيقي طور فلاح عام جو حصول مُور ممڪن نه هو. هن نهايت دکدائڪ صورتحال کي تبديل ڪري فلاح عام جاري ڪرڻ لاءِ ته حقيقي اخلاقي تبليغ جي وڌي پئماني تي اشد ضرورت هئي ته جيئن صنعتي تهذيب جي ناانصافين جو احساس پيدا ٿئي ۽ اخلاقي سڌاري جو جذبو جاڳي، ڇو ته پورهيت طبقي سان ٿيندڙ غير انساني انياء جو تدارڪ سيڙپ جي گهڻائي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نفعي جي ادائگيءَ جي ضمانت جي يقين داني سان ٿي سگهڻ جو ته ڪوبه امڪان ڪو نه هو.
    هن صنعتڪاريءَ واري نئين تهذيب جي پيدائش سبب نوان سياسي ۽ سماجي نظريا وجود ۾ آيا. سي مفاد پرستيءَ تي مشتمل هئا. ڇو ته انهن جو مکيه محرڪ، منافعو هو. انهيءَ دوران عام ڀلائي وارين ڌرين ۾ پڻ ڪجهه واڌارو ٿيو. جن جو نصب العين هن نئين تهذيب جي پيدا ڪيل خرابين جو انت آڻڻ هو. ماديت ۽ خيال پرستي، مذهب، ۽ مفاد پرستي ۽ خود مطلبيءَ جو پاڻ ۾ خوب ٽڪرٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ اوڻيهين صديءَ واريون نيون تاريخي روايتون وجود ۾ آيون.
    فرينچ والار پسنديءَ واري انهيءَ دور ۾ اولهه يورپ ۽ اتر آمريڪا جي ٻهراڙين ۽زرعي علائقن ۾ نئين صنعت ڪاري پکڙندي رهي. انهن ڪارخانن وارن علائقن ۾ ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهون ميلن تائين پکڙندو رهيو. اتي جون نهرون ۽ واهه ڪارخانن مان نڪرندڙ غليظ مادن جي انهن ۾ داخل ٿيڻ سبب ٿرجي ويا ۽ سندن پاڻي کاڌي پيتي ۽ ٻي استعمال جي لائق نه رهيا. انهيءَ دور ۾ پاڻيءَ جي زور تي هلندڙ مشينن کي ٻاڦ وسيلي هلائڻ جو تجربو ڪامياب ٿي رهيو هو. تنهن هن صنعتي انقلاب کي وڌيڪ زور وٺايو. ڪن وڏن واهڙن جي ڪنارن تي وڏي تعداد ۾ فقط ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا لڳايا ويا. اتي پڻ صفائي ۽ صحت جو فقدان برقرار رهيو.
    هن نئين طاقت يعني ٻاڦ جي ايجاد سبب وڏن ۽ ڀاري ڪارخانن جي چوڌاري سقيم پورهيت طبقو وڏي تعداد ۾ رهڻ تي مجبور ٿيو. جتي تمام گهڻي غلاظت گُهٽ ۽ ٻُوسٽ ۾ رهندڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. هن ٻهراڙين ۾ ڪارخانن جي قيام ۾ نه فقط انهن هنڌن پاڻيءَ جي وڏي مقدار ۾ موجودگي جو سبب هو، پر انهن هنڌن تي ڪوئلو پڻ وڏي مقدار ۾ لڌو ويو ۽ ٽرانسپورٽ جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو ويو. ان سان گڏ انهن علائقن جي آبهوا پڻ نهايت سٺي هئي. انهيءَ دور ۾ اتر اولهه انگلينڊ ڪپهه جي صنعت جو مرڪز ۽ لنڪاشائر وارو سمورو علائقو سموري دنيا جي صنعتڪاريءَ جو محور ٿي پيو. ڪارخانن ۾ ٻاڦ جي استعمال صنعت ۾ لوهه ۽ ڪوئلي جي طلب ۾ گهڻو اضافو آندو.نتيجي طور سال 1830ع کان 1833ع تائين واري مختصر عرصي اندر انگلينڊ ۾ لوهه جي پيداوار ۾ نهايت انقلابي اضافو ٿيو. جنهن دوران اهو ڇهه لک اسي هزار ٽنن کان وڌي وڃي ٽيهه لکن ٽنن کي پهتو. هينري بيسمر Henry Besemer طرفان ٿوري خرچ سان فولاد ٺاهڻ واري طريقي جي ايجاد کان پوءِ ته هن صنعت ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي ۽ فولاد جي پيداوار ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. هن عرصي دوران انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ فرانس ۽ آمريڪا ۾ صنعتڪاري جي رفتار سست رهي. 1830ع تائين امريڪا ۾ اوني توڙي سوٽي ڪپڙي ٺاهڻ لاءِ پراڻا گهرو آڏاڻا ڪم ايندا هئا. صنعتي ترقيءَ جو دارومدار آمدرفت جي وسيلن جي ترقيءَ تي به ٿي پيو. اتر اولهه يورپ ۾ نهرون ۽ درياءَ چڱي تعداد ۾موجود هئڻ سبب ريلوي جي ايجاد تائين انهن ندين کان موصلات جو خوب فائدو ورتو ويو.
    اتر آمريڪا ۾ مواصلات جي مقصد لاءِ پهريون وڏو ڪينال نيويارڪ کان ايري ڍنڍ تائين کوٽيو ويو جيڪو 1825ع ۾ مڪمل ٿيو. هن کان ڏهه سال پوءِ انگلينڊ ۾ واهن تان آمدرفت جو رجحان گهٽجڻ لڳو ۽ ريلوي ۽ خشڪي رستن ٺاهڻ جو رجحان پيدا ٿيو. ٽيلفورڊ ميڪدم Telford Macadam نالي هڪ اسڪاٽ سائنسدان رستي پڪو ڪرڻ لاءِ مصالحو تيار ڪيو، جنهن جي تشهير انگلينڊ جي پارليامينٽ پنهنجي ڪميٽيءَ ذريعي 1819ع ۾ شروع ڪرائي ۽ انگلينڊ جي سمورن شاهي رستن کي پڪو ڪيو ويو. انهيءَ سبب ڪيترن ئي شهرن جي وچ ۾ روزانه ٽرانسپورٽ سروس شروع ٿي وئي. اهڙي ريت بار ڍوهيندڙ ۽ مسافر گهوڙي گاڏين جو رواج آهستي آهستي گهٽجڻ لڳو. سن 1813ع ۾ تيار ٿيل پفنگ بلي Puffing Billy نالي ريلوي انجڻ پهرين انجڻ تصور ڪئي وڃي ٿي. جيڪا هيڊلي Hedley ڪمپني طرفان ٺاهيل هئي.اها انجڻ نيوڪيسل شهر جي ويجهو ولام Wylam ڳوٺ وٽ ڪوئلي جي کاڻين ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. ريلوي انجڻ جو مشهور موجد جارج اسٽيفينسن هن ئي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ نهايت غريب مزور هو. جيڪو کاڻين ۾ ڇڪڙا ڇڪڻ وارو ڪم ڪندو هو. اسٽيفنسن ننڍي هوندي مال چاريندو هو ۽ ٻنين ۾ مزوري ڪندو هو. بعد ۾ کيس ڪوئلي جي کاڻ ۾ بٺي ٻارڻ وارو مزور ڪري رکيو ويو، جتي وڌيڪ مزوري ملڻ سبب رات جو هلندڙ اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين. انهيءَ دوران کاڻين ۾ ڪم ايندڙ هڪڙي سيفٽي ليمپ Safety lamp ايجاد ڪئي. سن 1814ع ۾ هن پهرين لوڪو موٽِوِ انجڻ تيار ڪئي. بعد ۾ هن اسٽاڪٽن کان ڊارلنگٽن شهر تائين ريلوي لائين تيار ڪئي جيڪا 1825ع ۾ مڪمل ٿي. تنهن کان پوءِ لِور پول ۽ مانچيسٽر ريلوي لائين وڏي مقابلي ۾ ڪاميابيءَ سان ٺاهي ورتي. جنهن دوران هن راڪيٽ نالي تيز رفتار انجڻ تيار ڪئي. جيڪا 35 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ريل گاڏي ڇڪيندي هئي. اهڙي طرح چيف انجنيئر جي حيثيت سان انگلينڊ جي اوائلي ريلوي لائين ٽريڪ جارج اسٽيفنسن تعمير ڪيو. انگلينڊ کان ٻاهر يورپ ۾ پهرين ريلوي انجڻ پڻ جان ڪاڪَرِل John Cockerill نالي هڪڙي انگريز پنهنجي ڀاءُ جي شراڪت سان بيلجم ۾ قائم ڪيل انجنيئرنگ ڪمپني ۾ تيار ڪئي.
    هن دور ۾ سمورن صنعتي ملڪن جي صنعتي پيداوار ۾ حيرت ناڪ اضافو ٿيو ته ڪارخانيدارن ۽ سيڙپڪارن جو دين ايمان ئي گهڻو نفعو ڪمائڻ ۽ تجارت کي وڌائڻ ٿي پيو. ۽ هنن نفعي واري رقم وسيع واپار ۾ سيڙائي، پر مزور طبقي جي مزوريءَ ۾ واڌاري ۽ سندن عام فلاح لاءِ ڪو به قدم ڪو نه کنيو. فرانس ۾ ته مزوريءَ جي شرح انگلينڊ کان به گهٽ هئي. آمريڪا جي آبادڪاريءَ ۽ برطانوي ۽ ٻين يورپي قومن جي قائم ڪيل بيٺڪن ۾ واپار ۽ استحصال جا نوان ۽ انيڪ موقعا مُيسر ٿيا، جنهن ڪري انهن ڪالونين مان صنعتي ڪچو مال پڻ يورپ پهچڻ لڳو ته صنعت تمام گهڻي ترقي ڪئي. تيار مال ڪالونين ۾ وڪجڻ لڳو. ڏيساور کان ڪچي مال جي رسد ۾ دير ٿيڻ سبب ڪيترن ئي مهينن تائين مزدور طبقو بي روزگاريءَ جو شڪار ٿي ويندو هو. اها صورتحال اڪثر ۽ بيشتر برقرار رهندي هئي. ڪپهه جي ڪارخانن لاءِ گهربل ڪپهه آمريڪا مصر ۽ هندستان مان گهرايوويندو هو. اُن گهڻي ڀاڱي آسٽريليا مان ايندي هئي. انگلينڊ گهربل اناج آمريڪا ۽ ڪيناڊا مان گهرائڻ لڳو.
    صنعتڪاريءَ ۾ ترقيءَ سان گڏ يورپ ۾ آدمشماريءَ ۾ پڻ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. صنعتي شعبي ۾ مزودرن جي گهربل انگ جي برخلاف انگلينڊ جي 1801ع واري هڪ ڪروڙ چاليهه لک آبادي تيزيءَ سان وڌندي 1870ع ۾ ٽي ڪروڙ ڏهه لکن کي وڃي پهتي. ٻي سموري صنعتي يورپ ۾ پڻ لڳ ڀڳ ساڳئي رفتار سان آباديءَ ۾ اضافو ٿيو. شهر ۾ آدمشماري جي واڌ ۽ ڪارخانن ۾ توسيع سبب ڪيترائي سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيا. پورهيت طبقي جي مجموعي طور تي مشڪل صورتحال کان سواءِ هن صنعتي راڄنيتيءَ ۾ ڪي مثبت پهلو به ظاهر ٿيا. جهڙوڪ اڳوڻي زماني جي ڀيٽ ۾ ڪپڙو جام ۽ قدري سستو ۽ شاهوڪار توڙي غريب جي پهچ اندر مُيسر ٿيو. وبائي مرضن کان بچاءَ ڪارڻ ويڪسين ايجاد ٿي، جهڙوڪ جينر Jenner جي ايجاد ڪيل ويڪسين سبب ماتا جي موذي مرض تي ضابطو آيو ۽ هوريان هوريان ختم ٿيڻ لڳو.
    اوڻِيهَئِين صديءَ جي پهرين ٽن چوٿائين ۾ پوري دنيا چار ڀيرا ڪالرا جي وبا جو شڪار ٿي، جنهن دوران ڪيترا لک غريب عوام موت جو کاڄ ٿي ويا.
    ڪارخانن جي چوڌاريءَ قائم مزدور بستين جي حالت نهايت خراب هئي. هنن بستين جي جائزه ڪميٽي جي 1842ع ۾ ڏنل رپورٽ موجب مانچيسٽر شهر جا ڏهه سيڪڙو ماڻهو گدامن ۽ تهه خانن ۾ رهندا هئا. ٻارهن هزار ڪٽنبن جو گذر خيرات تي هو. ٻن هزارن کان وڌيڪ مزورن کي هڪ ڏهاڙي مزدوري هڪ پيسي کان وڌيڪ ڪا نه ملندي هئي. لنڊن واري صنعتي علائقي جي حالت وڌيڪ خراب هئي. 1840ع واري ڪميشن جي رپورٽ مطابق سمورن مزورن جي رهائشي علائقن جون جايون زبون حال، گهٽيون ڪني پاڻيءَ سان ڀريل، ڪاڪوس غلاظت سان اِٽيلَ، ٻيون کڏون ۽ کوٻا ڪن ڪچري سان تار جتان اٿندڙ بدبوءِ ڪئين ميلن تائين پکڙندي رهي. فرانس توڙي جرمنيءَ ۾ پڻ پورهيت طبقي جي حالت ساڳئي ريت اَبتَر هئي. مزدور ٻارن جي حالت نهايت رحم جوڳي هئي. ٻارن کان چوڏهن ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو. هڪڙي ڏينهن جي ڊيوٽي دوران هڪڙي مشين کان ٻي مشين ڏانهن ايندي ۽ ويندي ٻار ويهن ميلن کان وڌيڪ پنڌ ڪندا هئا. کين ايترو ته ٿڪ ٿيندو هو جو صبح جو کين مار ڏئي اُٿارڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو. فرينچ پارليامينٽري ڪميٽيءَ جي 1842ع واري رپورٽ موجب تمام ننڍڙا ٻار ٻارهن ڪلاڪن تائين کاڻين جي گيٽن تي دروازا کولڻ ۽ بند ڪرڻ تي مقرر هئا. جتان ٻيا مزور پٺيءَ تي بار کڻندا اندر ۽ ٻاهر پيا ويندا هئا. انهيءَ هنڌ مڪمل اونڌاهي هوندي هئي. کاڻين ۾ هوا جو گذر ۽ حفاظت جو دارومدار انهن دروازن جي صحيح حالت تي هو. ٻارن کي انهن ڏکين هنڌن تي سامان کڻائي موڪليو ويندو هو. جتي وڏا مزور وڃي ڪو نه سگهندا هئا، ڇو ته انهن کاڻين جا غار ڏيڍ فوٽ کان وڌيڪ ويڪرا ڪو نه هئا. انهن کان کاڻين جي تري مان پاڻي ڪڍڻ جو تمام ڏکيو ڪم پڻ ورتو ويندو هو. جتي اهي سمورن ٻارهن ڪلاڪن تائين پاڻيءَ ۾ بيٺا هوند اهئا. عورت مزدورن سان ته خصوصاً اسڪاٽ لينڊ ۾ ته اڃا وڏو ويل هوندو هو. کانئن پٺيءَ تي بار کڻائي چاڙهين وسيلي هيٺ يا مٿي پهچايو ويندو هو. گهٽ مزوري ۽ گهڻن ڀاتين سبب پورهيت ماڻهو پنهنجي ٻارن کان پڻ مزوري ڪرائيندا هئا. ڪارخانن جي بستين ۾ شراب جا گُتا پڻ کليل هئا. جتي مرد توڙي عورت مزدور غم غلط ڪرڻ لاءِ پهچ سارو شراب واپارائينداهئا.
    آمريڪا ۾ حالتون يورپ کان مختلف هيون، جتي مزوري وڌيڪ هئي. سٺي زرعي پيدائش سبب ڪارخانن ۾ مزوري ڪرڻ لاءِ مجبور ڪو نه هئا. اتي ڪپهه جي ڪارخانن ۾ انهن مزور گهرن جون ڇوڪريون ڪم ڪنديون هيون. جيڪي ظالم زميندارن جي زمينن تي هارپ ڪندا هئا. ڪپهه جي ڪارخانن جي مزورن جون رهائشي بستيون موافق آبهوا ۾ مناسب نموني تعمير ٿيل هيون. جتي صحت ۽ صفائي جو جوڳو بندوبست ٿيل هو.
    انگلينڊ، فرانس ۽ آمريڪا ۾ صنعت جي جديد ڪاريءَ سبب ننڍن ڪارخانيدارن جو هڪڙو چڱو موچارو طبقو وجود ۾ آيو، جنهن دولت جا انبار ڪمايا، ويهئين صديءَ جي شروعات تائين لنڊن جي شهر ۾ پڻ ننڍا ڪارخانا قائم ٿيل هئا.
    انگلينڊ ۾ ريلوي لائين جي ڳُوڙِهي ڄار وڇائڻ ۽ ريلوي ٽرانسپورٽ ۾ انقلاب آڻڻ جو سهرو جارج هڊسن جي سر تي سونهي ٿو. جيڪو 1800ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ غريب هاري ۽ يارڪ شهر جي ويجهو هائوس هام ڳوٺ جو ڪانسٽيبل هو. هڊسن پهرين درزڪو ڪم سکيو، پر پوءِ هڪڙي ننڍڙي واپاري سان ڀائيوار ٿيو ۽ ستاويهن سالن جي عمر ۾ شاهوڪار واپاري ٿي ويو. هڪ مائٽ جي ملڪيت مان مليل ٽيهه هزار پائونڊن مان هن مڊلينڊ ريلوي جا شيئرز خريد ڪيا، تنهن کان پوءِ يارڪ شاعر ريلوي اسڪيم جا پنج سئو شيئر خريد ڪري اهو انهيءَ پروجيڪٽ جو چيئرمين ٿي ويو.

    هن يارڪ ايڊنبرا لائين جا ٻين ڊائريڪٽرن کان پنجوڻا شيئر خريد ڪيا. هن ڊَربِي تائين ٺهندڙ ٻيون ٽي لائينون به خريد ڪيون. اهڙيءَ ريت پنجاهه لک پائونڊن جي وڏي رقم سيڙائي هڪڙي وڏي ۽ نئين ريلوي ڪمپني جوڙي ۽ ان جو ڊائريڪٽر ٿيو. جيڪا مڊلينڊ ريلوي ڪمپني سڏجڻ لڳي. سن 1844ع ۾ هڊسن جي اختيار هيٺ هڪ هزار سورهن ميل ريلوي لائين ٽريڪ موجود هئي. ٻي سال هو پارليامينٽ جو ميمبر چونڊجي ويو، تنهن بعد بي ايمانيءَ سندس ڪاروبار بگاڙي وڌو. ٿيو هينئن ته هن شيئرز ڪمپني ۾ هڪ لک پنجيتاليهه پائونڊن جو غبن ڪيو، ٻه سال پوءِ خريد ڪيل نارٿ انگلينڊ ريلوي جي ڏهن وڏن ڀائيوارن سان هن 78 اٺهترملين پائونڊن جو غبن ڪيو ۽ ملڪ مان فرار ٿي ويو. جڏهن واپس آيو ته کيس قيد ڪيو ويو، پر سندس دوستن مٿس ڇڻيل قرض جي ڪجهه رقم ادا ڪري کيس ڇڏايو ۽ ڏيوالپڻي کان بچائي ورتو.
    انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ سرمائيدار طبقو حڪومت ۽ اقتدار ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي موڙي جي سيڙپ جي تحفظ لاءِ پارليامينٽ وسيلي قانون جوڙيا ويا. هنن ملڪن ۾ ڪيتريون ئي بينڪون قائم ٿيون جن سڻائي وقت ۾ خوب ڪمايو. فرانس جي پارليامينٽ عوام جي اسرار تي سيڙپڪاريءَ بابت هڪ اهڙو قانون جوڙيو جنهن مطابق نفعي جي گارنٽي حڪومت طرفان ڏني وئي. انهيءَ زماني ۾ برطانيه ئي واحد ملڪ هو جنهن ٻين ملڪن ۾ وڏي مقدار ۾ سيڙپ ڪئي ۽ لنڊن عالمي مالي نظام جو مرڪز ٿي پيو. انگلينڊ پنهنجي سرمائي جي سيڙپ سڀ کان پهرين ڏکڻ آمريڪي رياستن ۾ شروع ڪئي. جتي آزاديءَ جون تحريڪون هلندڙ هيون. سن 1833ع ۽ 1845ع جي وچ ۾ برطانيه پرڏيهه ۾ ريلوي اڏاوت لاءِ پنجاهه ملين پائونڊن جي سيڙپ ڪئي.
    انهيءَ وقت وڏن بينڪرن جو حڪومتن ۾ چڱو موچارو اثر رسوخ هوندو هو. مثلاً روٿس چلڊ Roths Child جيڪو فرينڪفرٽ شهر جو هڪڙو يهودي هو، تنهن پنهنجو ڪاروبار ارڙهين صديءَ ۾ شروع ڪيو. هن ويانا لنڊن، پئرس نيپلس ۽ فرينڪفرٽ شهرن ۾ پنهنجن پُٽن جي نگرانيءَ ۾ بينڪون قائم ڪيون. وڏو پٽ فرينڪفرٽ بئنڪ جو انچارج ۽ ٻين سمورين بينڪن جي نگراني ڪندو هو. سندس ويانا واري بينڪ جو انچارج پٽ سولو من آسٽريا جي چانسلر ميٽرنڪ Mtternich جو دوست هو. هن ڪٽنب جا سمورين واسطيدار حڪومتن سان سٺا تعلقات قائم ٿيا. اهڙي ريت هنن بي انتها ناڻو ڪمايو ۽ عالمي پئماني تي شهرت حاصل ڪئي. هن خاندان پنهنجي سموري قبيلي کي تجارت ۾ آندو ۽ وقت جي وڏن ماڻهن سان شادين مرادين وسيلي مٽي مائٽي پيدا ڪئي.
    صنعتي انقلاب غريب ۽ شاهوڪار طبقن جي وچ ۾ تضادن کي وڌائي وڌو. شاهوڪار طبقو تيزيءَ سان وڌيو ۽ حالتن مطابق وڌ ۾ وڌ فائدو، فرحت، لذت ۽ عيش عشرت حاصل ڪرڻ لڳو. انگلينڊ جو وچيون طبقو ٻهراڙيءَ ۾ زرعي فارم لڳائي ارڙهين صديءَ جي نوابن وانگر نوَن محلن ۾ ضيافتن ۽ شڪارن ۾ پاڻ وندرائڻ لڳو. ڪجهه صنعتڪار پورهيت طبقي جي ڀلائي لاءِ به ڪوشان هئا. جن ۾ جان فيلڊن به هڪ هو. جنهن جي ڪوششن سان ٻارن ۽ عورت مزورن جي ڏهاڙي وقت ٻارهن ڪلاڪن کي گهٽائي ڏهه ڪلاڪ مقرر ڪرڻ لاءِ قانون جوڙيو ويو. هن قانون جي مخالفت ۾ تمام گهڻا سرمائيدار اُٿي کڙا ٿيا هئا. حفظان صحت جي خلاف مزدور بستيون اڏڻ جي خلاف ڪوشش في الوقت ڪاميابي ڪونه ٿي، جو تقريباً سموري سرمائيدار طبقي اهڙي قانون جوڙڻ جي مڪمل مخالفت ڪئي، ڇو ته انهن مان سڀ کان ننڍي مالڪ کي به سالياني مسواڙ چاليهه هزار پائونڊن کان وڌيڪ حاصل ٿيندي هئي. يورپ جي ڀيٽ ۾ آمريڪا جي مزور طبقي کي اهڙي مشڪلات ۽ مجبوري ڪا نه هئي. هتي پورهيت طبقي کي مزوري نسبتاً مناسب ۽ رهڻ ڪرڻ جو چڱو بندوبست هو. اهو ئي سبب هو جو آمريڪا ۾ انهيءَ عرصي دوران جمهوري نظام حڪومت جو تجربو ڪامياب ٿيو.
    انگلينڊ پهريون ملڪ هو جتي صنعتڪاري سڀ کان اَوَلِ قائم ٿي. نتيجتاً هتي صنعت کي زراعت تي فوقيت حاصل ٿي. فرانس۾ آباديءَ جو مکيه طبقو هاري ۽ ننڍو آبادگار طبقو هو. جنهن کي وڏيون جاگيرون ختم ڪري زمين جا ننڍڙا ٽڪرا ڏنا ويا، جن کي آباد ڪري پنهنجو گذر ڪرڻ لڳو ۽ سياست کان پري رهڻ لڳو. فرينچ مزور طبقو تمام ننڍڙي اقليت جي صورت ۾ سياسي طور غير فعال رهيو ۽ هاري ۽ آبادگار طبقي کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪري نه سگهيو. جڏهن ته فرينچ زميندار ۽ امير طبقو پنهنجي زمين جو مالڪ رهيو. جنگين جي عرصي دوران جرمني ۽ اسپين۾ غلام داري تقريباً ختم ٿي وئي، پر آسٽريا، روس ۽ ترڪي ۾ بادشاهت ۽ جاگيرداري سماجي نظام برقرار رهيو. جتي وچيون طبقو نالي ماتر موجود هو. امير ۽ جاگيردار طبقو مقامي توڙي رياستي اقتدار تي قابض هو. آباديءَ جو مکيه وڏو حصو غلام ۽ نيم غلام هاري طبقو جاگيرن ۾ پورهيو ڪندي جاگيردارن جي مڪمل قبضي ۾ هو. جرمني ۾ پڻ فرانس وانگر وڏيون جاگيرون ٽوڙي انهن هارين ۾ ورهايون ويون، جيڪي انهن کي آباد ڪندا هئا. البت هڪڙو مراعات يافته زميندار طبقو اڃان به موجود هو. جنهن کي جنڪر Junker سڏيندا هئا. انگلينڊ ۾ جاگيردار ۽ پورهيت طبقي جي وچ ۾ تمام وڏو خليج ۽ اختلاف پيدا ٿيو، جنهن هڪ قسم جي زرعي سامراج واري شڪل اختيار ڪئي. کيت مزدورن جي حالت نهايت ابتر هئي. کين تمام گهٽ مزدوري ملندي هئي ۽ رهائشي صورتحال سنگين هئي. مهانگائي پڻ ڏاڍي هئي. آئرلينيڊ ۾ هن پورهيت طبقي سان اڃا وڌيڪ انياء هو. مجموعي طرح سموري دنيا ۾ زراعت ۾ روايتي طورطريقا استعمال ۾ هئا. البت انگلينڊ ۽ آمريڪا ۽ چند يورپي مُلڪن زمين پوکي راهي جا نوان طور طريقا عمل ۾آندا. آمريڪا ۾ زرعي شعبي ۾ مشينريءَ جو استعمال تيزي سان شروع ٿيو. آمريڪا جي ڏاکڻي ڀاڱي جو زميندار طبقو نوَن طور طريقن ۽ نوَن سڌريل اوزارن جو استعمال ڪرڻ ڏانهن مائل ڪو نه ٿيو هو، ڇو ته اهو زميندار طبقو سياسي طرح پڻ رجعت پرست هو. انهيءَ ڪري سندن غلام هاري طبقي ۾ نون طريقن ۽ اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ گهربل شعور ۽ شوق عدم موجود هو.


    انگريزن طرفان سنڌ جي فتح

    صح جي وقت، 17 فيبروري 1843ع تي، انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري، حيدرآباد جي قلعي تي، 21 فيبروريءَ تي سنڌ جو ستن ڳاڙهين ۽ اڇين پٽين وارو جهندو لاهي، يونين جيڪ جو جهنڊو چاڙهي، سنڌ کي برٽش ايسٽ انديا ڪمپنيءَ جي ڪالونين ۾ شامل ڪري ڇڏيو. برٽش فوج قلعي اندر ڦرلٽ ڪري، زيورن ۽ جواهرن کانسواءِ ڏهه لک پائونڊن جيترو خزانو هٿ ڪيو، جنهن ۾ سر چارلس نيپئر کي ستر هزار پائونڊ حصي ۾ مليا. (جنت السنڌ صفحو 745)
    نيپئر، سيپٽمبر 1842ع ۾ پوني کان، زينو يا جهاز رستي سنڌ ۾ ريزيڊنٽ طور پهتو. (ٽالپرن جي مختصر تاريخ، صفحو 186) ۽ 1847ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ نوڪري کان رٽائر ٿي، مظفر نالي جهاز ۾ عدن ۽ سوئيز کان ٿيندو لنڊن ويو.
    سنڌ تي قابض ٿيڻ شرط، سڄي سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ويئي. سڀ انتظامي ڪامورا، مليٽري آفيسر مقرر ڪيا ويا. مليٽري ۽ سول ڪورٽون قائم ڪيون ويون، جيڪي ڏوهارين کي ترت سزائون ۽ ڏنڊ وجهنديون هيون. ڪيسن ۾ اپيل جو حق هوندو هو، پر اپيل تي غور ڪيو وڃي يا نه، سا سندن مرضي هوندي هئي. (نئين مصر جا پراڻا ورق ص 319) مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن جي مدد ۾ هيٺين شخصيتن اهم ڪردار ادا ڪيو. 1. مير علي مراد، والي خيرپور رياست، 2. سيٺ نائون مل، 3. سر آغا خان (سوانح حيات آغا خان ص30) سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ انگريزن، ميرن سان جيڪي عقوبتون ڪيون تن جو احوال سندن سوانح حياتين ۽ انگريزن جي رڪارڊ ۾ ملي ٿو، انهيءَ تي اڳ به ڪافي لکجي چڪو آهي. انگريزن جي سنڌ تي ڪاهه جا هي سبب نظر اچن ٿا.
    1. 1807ع ۾ فرانس جي نيپولين بونا پارٽ ۽ روس جي زار اليگزينڊر پهرئين، ٽلسٽ جو عهد نامو ڪيو ۽ پاڻ گڏجي، هندستان تي حملي جون تياريون ڪرڻ لڳا. انهيءَ وقت کان وٺي برٽش حڪومت کي هميشه هي کٽڪو لڳل هوندو هو ته روس يا فرانس، هندستان يا سندس گڏيل آزاد رياستن تي قبضو نه ڪري.
    2. انگريزن سنڌ جي فتح کان ڪَئين سال اڳ، سنڌ جي سموري علائقي جي، چوري چوري، ڪئين ڀيرا سروي ڪرائي، پر 1836ع ۾ برٽش فوج جي ماهر سروي آفيسر ڪارليس کان سڄي سامونڊي علائقي جي مڪمل سروي ڪرائي وئي. سنڌ جو هي وسيع سامونڊي علائقو انگلينڊ کي ويجهو هو. ٻيو ته اهو ايران ۽ سڄي عرب دنيا کي پڻ ويجهو هو. جڏهن ڪراچي اڃا ننڍڙو ڳوٺڙو هو، تڏهن هڪ انگريز آفيسر، ڪراچيءَ جي سامونڊي علائقي جي سروي ڪري، وائيسراءِ هنڌ کي رپورٽ ڏني ته هي علائقو، ڪڏهن سڄي هندستان جو مرڪزي شهر هوندو ۽ دنيا جي مکيه شهرن ۽ بندرن مان هڪ هوندو.
    انگريزن سان لک اختلاف پنهنجي جڳهه تي، پر هنن جي دور انديشيءَ کي سلام آهي. اهو ئي سبب هو جو هنن سنڌ جي فتح کان تقريباً ٽي سال اڳ 1839ع ۾ رئيرائڊمرل فريڊرڪ ميٽل جي ڪمانڊ هيٺ بحري فوج ذريعي ڪراچيءَ تي اڳ ئي قبضو ڪري ڇڏيو هو ۽ نيپئر پڻ، سنڌ تي قبضي کان پوءِ حيدرآباد نه پر ڪراچيءَ کي پنهنجو هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو ته جيئن ڪراچيءَ کي سنڌ جي مرڪزي حيثيت حاصل ٿئي ۽ پاڻ فوج جو هيڊ ڪوارٽر به ڪراچيءَ ۾ ڪيائين. ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر، پريڊيءَ کان بنگلو خالي ڪرائي پاڻ انهيءَ ۾ رهيو.
    ڪيترن سالن کان سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي، ڪئين بندر ٺهندا ۽ ڦٽندا رهيا آهن. جتان سڄي دنيا سان واپار هر وقت چالو هوندو هو. انهن ۾ هيٺيان بندر شامل آهن.

    1. گهوڙا ٻاڙي بندر.
    2. ڪيٽي بندر،
    3. گذري بندر.
    4. لاهري بندر.
    5. شاهه بندر.
    6. ٺٽو بندر.
    7. کڙڪو بندر.
    8. اُرنگا بندر.
    9. علي بندر.
    انهيءَ کانسواءِ هندستان، بلوچستان ۽ عرب جا هي بندر پڻ سنڌ جي ويجها هئا ۽ انهن جي حيثيت پڻ سنڌ جي مددي بندرن جي هئي.

    هندستاني بندر:
    1. مانڊوي بندر (ڪڇ).
    2. لکپت بندر (ڪڇ)
    3. پوربندر (ڪاٺياواڙ)
    بلوچستان جا بندر:
    1. گوادر بندر.
    2. سون مياڻي.
    3. پسني بندر (عُمان اومان)
    4. مسقط بندر (اومان)
    مٿين سامونڊي بندرن ۽ انهن تي هلندڙ واپار جو اندازو ۽ اهميت، انگريز گهڻو اڳ لڳائي چُڪو هو. بندرن جي اهميت ميرن لاءِ ڪا خاص ڳالهه ڪا نه هئي. ڇو ته ميرن جي حڪومت صرف سنڌ تي هئي. پر انگرين جي نظر هندستان ۽ سڄي دنيا تي هئي. انهيءَ ميدان ۾ انگريزن جي اڳيان ميرن جي ڪا اهميت ڪا نه هئي. انگريزن جون نظرون فرانس، روس، ڊچ، پورچوگيزن ۽ جرمنيءَ تي هيون.
    3. درياء سنڌ سڄو ئي جهاز رانيءَ جي قابل آهي. جنهن ۾ افغانستان، صوبه خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ ۾ جهاز رانيءَ سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي تمام گهڻا مالي فائدا ٿيندا ۽ درياء سنڌ معرفت هندستان جي ٻين صوبن ۾ پڻ جلد مال پهچايو ويندو ۽ روانو ڪيو ويندو. انگريزن درياء وسيلي واپار ڪرڻ لاءِ ميرن سان معاهدو به ڪيو ۽ ان مقصد لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ جي قبضي کان ڪيترو اڳ ”انڊس فلوٽيلا“ نالي جهاز ران ڪمپني به قائم ڪري ڇڏي هئي. ڪن مورخن جو اهو خيال آهي ته انگريزن سنڌ تي دولت جي ڪري قبضو ڪيو، پر ائين نه هو. ڇو ته سنڌ جي آمدني انهيءَ وقت انگلينڊ جي هڪڙي بي ڪلاس لارڊ جي آمدنيءَ کان به گهٽ هئي. انهيءَ وقت سنڌ صوبو هندستان جي ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ غريب هو ۽ اڄ وانگر خوشحال ۽ امير صوبو ڪو نه هو. هتي برسات گهٽ هئڻ ڪري آبادي گهٽ ٿيندي هئي. درياء جي ڀر سان جيڪي زمينون، اُٿل سبب آباد ٿينديون هيون، سي ميرن پنهنجي شڪار گاهن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيون. جنهن ڪري سنڌ جي ڪُل آمدني صرف پنجويهه لک وڃي بچي. جڏهن ته ڪلهوڙن جي وقت ۾ اها هڪ ڪروڙ کان به مٿي هئي. اڄ جي سنڌ جيڪا ٽن بئراجن، پئٽرول، گئس، ڪوئلي، بندرن ۽ ڪارخانن هئڻ ڪري، سڄي دنيا جي نظرن ۾ آهي. سا اُن وقت نه هئي. انگريزن جا سنڌ تي قبضي جا بظاهر اهي ئي مکيه سبب نظر اچن ٿا.

    ميرن جي هارائڻ جا سبب:
    انگريزن کي مٿين سببن ڪري، سنڌ تي قبضو ڪرڻو هو. سو ته ڪنهن به حالت ۾ ڪن ها، پر ايتري ٿوري تعداد يعني فقط اٺاويهه سو انگريز فوج سان، هيڏي وڏي فوج يعني ٻاويهه هزار سنڌي فوج جي هارائڻ جا مکيه سبب هيٺان نظر اچن ٿا.
    1. ميرن جي گاديءَ جو هنڌ يعني حيدرآباد ۽ حيدرآباد جو قلعو درياء جي ڪناري تي، سنڌ جي وچ ۾ هڪ وڏو شهر هو. جنهن ۾ جڏهن ڪو ٻاهرئين ملڪ جو سياح ايندو هو ته سکر يا ٺٽي کان درياء رستي ايندو هو ۽ سڄي ملڪ جو نقشو ۽ ملڪ جي صورتحال سندس اڳيان هوندي هئي. ڀروارن ملڪن جي بادشاهن ۽ انگريزن کان سنڌ جي ڪا به ڳالهه ڳجهي نه هئي. جيڪو انهيءَ وقت جي صورتحال مطابق درست نه هو.
    2. ميرن وٽ سندن باڊي گارڊن ۽ قلعي ۾ ٻن ٽن سوَن فوجين کان سواءِ ڪا به باقائده فوج ڪانه هئي. جنگ جي وقت ۾، جاگيردار پنهنجا ماڻهو وٺي ميرن وٽ ايندا هئا. جيڪي پنجويهه ٽيهه هزار کن ٿي ويندا هئا. جيڪي تلوارون ته هلائي ويندا هئا، پر جنگي فن کان بلڪل اڻ ڄاڻ هئا. اهي راڄن جي جهيڙن لاءِ ته صحيح هئا، پر ڌارئين فوج سان جنگ جي ميدان ۾، ڪامياب مقابلو ڪرڻ جي هڪڙي ٽڪي جي به صلاحيت نه رکندا هئا. اهو ئي سبب هو، جو مياڻيءَ جي جنگ ۾ اهڙي نموني هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. جيئن اڄڪلهه ماڻهو جلسن ۾ ايندا آهن.
    3. ميرن جو عوام سان ڪو به رابطو نه هو. سندن وقت، اڪثر ديرن ۾ عيش عشرتن ۾ گذرندو هو. پاڻ سڄي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو پنهنجن شڪارگاهن تي ويندا هئا.
    4. درياء جي ڀرواريون سٺيون زمينون، جيڪي ڪلهوڙن ڏاڍيون محنتون ڪري آباد ڪرايون هيون. سي سڀ، هنن پنهنجون شڪارگاهون ڪرائي ڇڏيون. جنهنڪري سنڌ خوشحال ملڪ مان ڦري هڪ غريب ملڪ بنجي پيو. هڪ طرف انهن زمينن جي آبادي نه هئڻ ڪري، هر طرح جي اناج جي کوٽ محسوس ٿيڻ لڳي، ته ٻئي طرف ڍل گهٽ ملڻ سبب خزانو خالي ٿيڻ لڳو.
    5. سنڌ ڪلهوڙن يا انهيءَ کان اڳ ڪنهن هڪ بادشاهت هيٺ هڪڙو سڄو ملڪ هوندو هو. پر ميرن ان کي چيري ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏيو. هڪ ٽُڪر حيدرآباد جي ميرن وٽ هو جنهن ۾ وري چار ڀائيوار:
    1. مير صوبدار خان.
    2. مير محمد خان.
    3. مير نور محمد خان.
    4. مير نصير خان.
    نالو چوياريءَ جو، پر هڪ ٻئي تي ايتري بي اعتباري جو رات جو سمهندا به گڏ هئا. ٻيو ٽڪر ميرپورخاص جي ميرن وٽ ۽ ٽيون ٽڪرو خيرپور جي ميرن وٽ هو. انهن حاڪمن جا پاڻ ۾ اختلاف به شڪست جوڪارڻ بڻيا. ڇو ته خيرپور جي والي مير علي مراد خان نه صرف انگريزن جي مالي مدد ڪئي، پر پنج سو سنڌي گهوڙي سوارن جو جٿو به چارلس نيپئر کي ڏنو، جيڪو مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن سان گڏ هو. انهن سنڌي گهوڙي سوار دستن جي ڪمانڊ، ڪئپٽن رُسيل ۽ ڪئپٽن جيڪب ڪري رهيا هئا.
    6. انگريزي فوج وٽ جڏهن انگلينڊ کان نوان ۽ جديد هٿيار پهچندا هئا ته هو پراڻا هٿيار، هندستان جي راجائن ۽ ٻين ڀرپاسي وارن ننڍن حاڪمن کي وڪرو ڪري ڏيندا هئا. اهي مدي خارج هٿيار، مير به کانئن وٺندا هئا. حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ بندوقن ۽ گولي بارود جا ننڍڙا ڪارخانا هوندا هئا. پر اهي انگلينڊ جي هٿيارن جي مقابلي جا نه هئا. مير شڪار لاءِ ته پنهنجن گماشتن معرفت، ٻاهرين ملڪن مان سُٺيون بندوقون گهرائيندا هئا، پر جنگ لاءِ وٽن ڪي به جديد هٿيار نه هئا وٽن جيڪي توبون هُيون انهن جي هلائڻ وارا به غير مقامي ماڻهو هئا. جيڪي جنگ دوران وڪامجي چُڪا هئا. ۽ توبن جا مُنهن مٿي ڪري ڇڏيائون. ميرن جي توبن جو انچارج هڪ انگريز جان هاويل John Howell هو. جنهن پڻ مياڻيءَ جي جنگ دوران غداري ڪئي. انگريزن جي مقابلي ۾ ميرن وٽ نه جديد هٿيار هئا. ۽ نه سٺا هٿيار هلائيندڙ. اهو ئي سبب هو جو هيڏي ساري فوج صرف اٺاويهه سو انگريزي فوج هٿان شڪست کائي وئي. سو به پنهنجي ملڪ ۾ ۽ پنهنجي ئي ميدان تي.
    انگريزن جنگ کٽڻ کان پوءِ، مير حاڪمن کي پهريائين حيدرآباد ريزيڊنسيءَ ۾ نظر بند ڪيو ۽ وڌيڪ حڪمن لاءِ گورنر جنرل کي لکيو، جتان پهرين آرڊر پهتو ته ميرن کي عدن موڪليو وڃي، پر ترت ئي پوءِ ٻيو حڪم پهتو ته کين بمبئي پهچايو. اتي به کين عارضي طرح رهايو ويو، جتان پوءِ کين ميسور موڪليو ويو. ڏهه مهينا ميسور جيل ۾ رکڻ کان پوءِ کين ڪلڪتي ۽ پوءِ هزاري باغ ۽ دَمدَم موڪليو ويو. (پري ميونٽي رڪارڊس جي ڪئٽالاگ، صفحي 116 تان ورتل)
    هزاري باغ کان پوءِ ميرن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري، ڪن کي اُتي ئي هزاري باغ ۾ ۽ ڪن کي وري ٻين ويران جڳهين ۾ جدا جدا رکيو ويو. ميرن کي بمبئي جيل روانو ڪرڻ کان پوءِ نيپئر ٻن ڳالهين ڏانهن خاص ڌيان ڏنو. هڪ ته سڀني جاگيردارن کي گڏ ڪري سندن جاگيرون بحال ڪري سندن همدرديون حاصل ڪيون. ٻيو ته ملڪي انتظام جي جوڙجڪ انگريزي قاعدن ۽ قانونن مطابق ڪئي. ان لاءِ نيپئر جي حڪم موجب سڄي سنڌ جي جاگيردارن کي اطلاع ڪيو ويو ته پنهنجي جاگيرن جي پروانن ۽ سَنَدن سميت، اچي حيدرآباد جي قلعي ۾ حاضر ٿيو.انهيءَ لاءِ حيدرآباد شهر ۾ وڏي درٻار جو اهتمام ڪيو ويو. سڄي سنڌ مان ڪي جاگيردار ته رضا خوشيءَ سان آيا، پر ڪن کي گرفتار ڪري هن درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. جيڪي جاگيردار انگريزن جي ڪوٺايل هن درٻار ۾ پيش ٿيا، تن سڀني جا پروانا ۽ سندون ڏسي، سندن جاگيرون بحال ڪيون ويون. تنهن هوندي به تمام گهڻا جاگيردار هن درٻار ۾ نه آيا. انهيءَ لاءِ پوءِ انگريزن اهو قانون ٺاهيو ته جيڪي جاگيردار هن درٻار ۾ نه آيا آهن، پر جيڪڏهن سندن وارث، سندن جاگيرن جا پروانا ۽ سندون انگريز عملدارن کي پيش ڪندا ۽ انگريز عملدار انهن جي تصديق ڪرڻ کان پوءِ انهن جي وارثن کي اهي جاگيرون بحال ڪري ڏيندا. انگريزن انهيءَ لاءِ باقاعده جاگيرن جو کاتو شروع ڪيو ۽ تنهن لاءِ هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.اها درٻار 24 مئي 1844ع تي منعقد ٿي. جنهن ۾ هر جاگيردار کي سرچارلس نيپئر جي صحيح ساڻ سندون ڏنيون ويون. درٻار ۾ نيپئر جو منشي وڏي واڪ، هر هڪ ماڻهوءَ جو نالو وٺندو ويو ۽ واري واري سان آيل جاگيردار پنهنجي پنهنجي جاگير جون سندون وٺندا ويا. جاگيرن جا ٽي قسم هئا.
    1. فرسٽ ڪلاس.
    2. سيڪنڊ ڪلاس
    3. ٿرڊ ڪلاس جاگير.
    انهيءَ وقت سموري سنڌ جي زمينن جو ڏهون حصو جاگيرن طور جاگيردارن کي مليل هو. انهيءَ ڏهه سيڪڙو زمين مان به تمام ٿورو حصو زمين جو آباديءَ هيٺ هو، نه ته گهڻي زمين غيرآباد پيل هئي. اهي جاگيرون مليٽري ۽ سول خدمتن جي ڪري ڏنيون وينديون هيون.
    سنڌ ۾ جاگيرداريءَ جي شروعات مغل دور ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن سنڌ مغل بادشاهت هيٺ هئي. جاگيرن ۽ جاگيردارن جو انگريز حڪومت ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو هو ۽ انهيءَ جو مڪمل رڪارڊ تيار ڪري ڪمشنر ڪراچي آفيس ۽ ڪليڪٽر ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ رکيو ويو. اهو ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ ٻين فائلن سان گڏ لاهور موڪليو ويو. جيڪو اُتي ڪيترو وقت جڳهين ۽ ڪٻٽن نه هئڻ سبب، ٻاهر اُس ۾ ۽ برساتن ۾ خراب ٿيندو رهيو. جڏهن ون يونٽ ٽوڙيو ويو تڏهن به لاهور کان تمام ٿورو رڪارڊ صحيح سلامت واپس ڪراچيءَ پهتو. نه ته سنڌ جو سڄو رڪارڊ جيڪو انگريزن ٺاهيو، سو وڏي مقدار ۾ اُسَ، برساتن، اڏوهيءَ ۽ لاغرضيءَ ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويو. انهيءَ کانسواءِ سنڌي ٻولي جي لپي تيار ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ تعليم جاري ڪرڻ جو به هڪ وڏو رڪارڊ هو. اهو رڪارڊ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ هو. تنهن جي به خبر ڪانهي ته اُتي محفوظ آهي يا نه. سنڌ ۾ انگريزن جي فوجي ڇانوڻين، پوليس، چوڪين ۽ انسپيڪشن بنگلن تي پڻ هنن ابتدا کان وٺي هر قسم جو سياسي ۽ غير سياسي رڪارڊ ۽ وزيٽرس بوڪ رکايا. انهن دفترن ۾سنڌ جي گذريل دور جو هڪ ناياب ذخيرو موجود هو. جنهن جي اڄ ڪا به خبر ڪانهي، پرتنهن هوندي به ڪراچي ڪمشنر جي آفيس ۽ سنڌالاجيءَ ۾سنڌ متعلق ڪجهه نه ڪجهه رڪارڊ ۽ فائيل موجود آهن. ٿي سگهي ٿوته ڪن خانگي ادارن، لائبريرين ۽ ڪن فردن وٽ به ڪجهه ان متعلق مواد هجي، جنهن کي گڏ ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جي اڄ تمام گهڻي ضرورت آهي. جاگيرن ۽ جاگيردارن جي مواد کي گڏ ڪري ڇپرائجي ته سڄي سنڌ کي ان جي ڄاڻ پوي ۽ ڳجهيون حقيقتون پڌريون ٿين.
    جاگيرن جي مسئلي حل ڪرڻ سان گڏ، انگريزن سندن طور طريقي مطابق سڄي سنڌ ۾ انتظامي جوڙجڪ ڪرڻ شروع ڪئي. اها هن ريت آهي: ابتدا ۾ هنن سنڌ اندر ٽي ڪليڪٽوريٽ ۽ ڪيترائي ضلعا قائم ڪيا. سندن تفصيل هيٺيون آهي.
    1. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ: ان جو ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊيءَ کي مقرر ڪيائون، جنهن جي نالي سان ڪراچيءَ ۾ اڄ به پريڊي اسٽريٽ آهي. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ ٽي ضلعا قائم ڪيائون.
    1. ضلعو گهوڙا ٻاري: ان ضلعي ۾ وري هيٺيان پرڳڻا قائم ڪيا ويا.
    1. ڪُو ڪيريلا.
    2. ساڪرو.
    3. سائيتري.
    4. ڳاڙڪا.
    گهوڙا ٻاري ضلعي جي ڊيگهه ستر ميل ويڪر پنجاهه ميل ۽ آدمشماري (76440) ڇاهتر هزار چار سئو چاليهه هئي.
    2. ضلعو جهرڪ هو، جنهن جا هيٺيان پرڳڻا قائم ڪيا ويا.
    1. سيري.
    2. سونڊا.
    3. مانجهند.
    4. ڪوٽڙي.
    جهرڪ ضلعي جي ڊيگهه (سيوهڻ جي لڪي پرڳڻي سميت) هڪ سئو پنجاهه ميل۽ ويڪر 70 ستر ميل ۽ آدمشماري (105036) هڪ لک، پنج هزار ڇٽيهه هئي.
    3. ضلعو سيوهڻ. جنهن جا پرڳڻا هيٺيان هئا.
    1. لڪي.
    2. سيوهڻ.
    3. بوبڪ.
    4. سامتاڻي.
    سيوهڻ ضلعي جي ڊيگهه پنجاهه ميل ۽ ويڪر چاليهه ميل ۽ آدم شماري (158556) هڪ لک اٺونجاهه هزار پنج سئو ڇا ونجاهه هئي. ڪليڪٽوريٽ جو انچارج ڪليڪٽر ۽ ضلعي جو انچارج ڊپٽي ڪليڪٽر هو. پرڳڻي جو انچارج ڪاردار هو. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جي سالياني آمدني هن ريت هئي.
    سال آمدني روپين، آنن ۽ پائين ۾
    سال پايون آنا روپيا
    44 1843ع 5 7 228211
    45 1844ع 6 6 645119
    46 1845ع 11 5 585921
    47 1846ع 4 12 625781
    سنڌ جو ٻيو ڪليڪٽوريٽ حيدرآباد مقرر ڪيائون. ان جو ڪليڪٽر ”ڪئپٽن اي بي راٿبورن“ مقرر ڪيائون. سندس پگهار 1209 روپيه ماهوار هو. هن ڪليڪٽوريٽ ۾ ڇهه ضلعا قائم ڪيائون.
    1. ضلعو هالا: جنهن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن اَينڊرِيسَن مقرر ٿيو، هالا ضلعي ۾ يارهن پرڳڻا قائم ٿيا.
    1. چَني جا.
    2. دولتپور.
    3. ڌنيجاهه.
    4. مئڻيجاهه.
    5. ڪند چاڪرواه.
    6. لائق گهي مبارڪ واهه.
    7. ونجاري.
    8. هالا.
    9. ڪيٽي کاڻوٺ.
    10. علي بحر جيسومر.
    11.شاهه واهه لوهاڻا.
    2. ضلعو ٽنڊو محمد خان: جنهن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ”ڪئپٽن جونس“ مقرر ٿيو، هن ضلعي ۾ ٻارهن پرڳڻا هئا.
    1. سماوتي.
    2. اوداجنڊي.
    3. هنڱوراڻي.
    4. ڪرلي ٽڪور.
    5. سعيد پور لوڍاڻ.
    6. چئودرا.
    7. کٿڙ اگهيماڻي.
    8. ڪسڪارتيار.
    9. ڍنڍي کوکر.
    10. شاهواه منگوبي.
    12. جهولي ڍنڍي.
    3. ضلعو شاهبندر: ان جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ”ليفٽينينٽ جيميسن“ مقرر ٿيو. ۽ ان ۾ پنج پرڳڻا قائم ٿيا.
    1. شاهبندر.
    2. جاتي.
    3. ڇڇ.
    4. ستا.
    5. مينگر.
    4. ضلعو ميرپور، اُتي ڊپٽي ڪليڪٽر، ”ليفٽيننٽ فاريس“ ۽ ان ۾ پندرهن پرهن پرڳڻا قائم ڪيا ويا.
    1. مٽياري ڪنڊو.
    2. علي بحر سنگڙو.
    3. سرفراز واهه.
    4. امام واهه.
    5. نارا جوڻيجاڻي.
    6. عمرڪوٽ.
    7. شاهه ڳڙهه خان ڳڙهه.
    8. ڪاما راهه.
    9. هوسڙي بڙدو.
    10. ڪاتري سپيا.
    11. علي بحر خان واهه.
    12. امام واهه پِنيُوب.
    13. جودا.
    14. ميرپور.
    15. الهيار نصرپور.
    5. ضلعو عالم ڪوٽ: جنهن جو ڊپٽي ڪليڪٽر، ”ليفٽيننٽ فيننگ“ ۽ اتي يارهن پرڳڻا جڙيا.
    1. ٻنون لائقپور.
    2. ڏچر والي شاهه.
    3. رانٽا ٻيلو.
    4. ڏاڏوڪي ڇوريا.
    5. کورواهه.
    6. بهرام پور سيراڻي.
    7. ميرپور بٺورو.
    8. دوڪ گاجا.
    9. آمڙا شاهه ڪپور.
    10. گڏي.
    11. لاکاٽ ميرپور واه. (انگريزن ضلعي عالم ڪوٽ قائم ڪرڻ کان اڳ هن علائقي ۾ لائق پور ضلعي جي نالي سان اهو قائم ڪيو هو، پر ترت ئي پوءِ انجو نالو ضلعو عالم ڪوٽ رکيائون) (ڏسو پري ميونٽي رڪارڊس، صفحو 118)
    6. ضلعو وونگا: جنهن جوڊپٽي ڪليڪٽر، جي وڊايسڪُئائِر ۽ ان ۾ ڏهه پرڳڻا قائم ٿيا.
    1. داد واهه جا لاڙ.
    2. بَدِيڻو ڪولڙو.
    3. مانڌر.
    4. لوهاري.
    5. ولاسو ڪڍڻ.
    6. ڪولڙي.
    7.ڪديرا خيرپور.
    8. شادي واهه.
    9. ونگا ڪُڪ.
    10. چچگام.
    نوٽ: حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ ڇاونجاهه ڪاردار مقرر ٿيا. ڪيوري نمبر 15 صفحو 95.

    ٽيون ڪليڪٽوريٽ شڪارپور، جنهن جو ڪليڪٽر، ميجرگولڊني کي مقرر ڪيائون. هن ڪليڪٽوريٽ ۾ پنج ضلعا قائم ٿيا.
    1. شڪارپور.
    2.سکر.
    3. ميهڙ.
    4. چانڊڪا لاڙڪاڻو.
    5. پڊ عيدن.
    (مئي 1946ع ۾ پڊ عيدن ضلعو سکر ضلعي ۾ ضم ڪيو ويو. ايضاً، صفحا 95 ۽ 126)
    شڪارپور ضلعي ۾ ٻه پرڳڻا قائم ٿيا.
    1. شڪارپور.
    2. نوشهرو.
    سکر ضلعي ۾ چار پرڳڻا قائم ٿيا.
    1. روهڙي.
    2. سکر.
    3. گهوٽڪي.
    4. گوسرجي.
    چانڊڪا لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پڻ چار پرڳڻا قائم ڪيائون.
    1. مائل مرادي.
    2. سُلدِينا
    3. قمبر.
    4. بوڪيرپور.
    ميهڙ ضلعي جا پرڳڻا هن ريت هئا.
    1. ٽڳڙ.
    2. ميهڙ.
    3. باغبان.
    انگريزن ابتدا ۾ سنڌ ۾ سول کاتا هن ريت شروع ڪيا.
    1. سرچارلس نيپئر 1843ع کان 1847ع تائين مليٽري ڪمانڊنگ آفيسر ۽ گورنر سنڌ. نيپئر کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيائون ۽ ان جو درجوگهٽائي ڪمشنريءَ تائين محدود ڪري، اتي ڪمشنر مقرر ڪيائون. پوءِ مليٽري کي انتظاميه کان عليحده ڪري ان جو ڪمانڊنگ آفيسر الڳ مقرر ڪيو ويو. جيڪو بمبئي جي گورنر جي سڌي ڪمانڊ ۾ ڪم ڪندو هو. ان کان پوءِ مُني صدي تائين واري واري سان هيٺيان ڪمشنرمقرر ٿيندا آيا.
    1. مسٽر آر ڪي پرنگل 1847ع کان 1851ع تائين.
    2. سربارٽل فريئر 19 جنوري 1851ع کان 1859ع تائين.
    3. جي ڊي انويرارٽي 1859ع کان 1862ع تائين.
    4. سيميوئل مينسفيلڊ 1862ع کان 1866ع تائين.
    5. مسٽر رابرٽسن، قائم مقام ڪمشنر.
    6. سر وليم 1866ع کان 1867ع تائين.
    7. ميري ويدر 1867ع کان 1877ع تائين.
    8. آچيالڊ ڊيوڊ رابرٽسن، سنڌ جي ڪمشنر جو انتظامي سربراهه يعني،
    1. قائم مقام ڪمشنر.
    2. ٽي ڪليڪٽر جن جو احوال اڳ ۾ ڏنل آهي.
    3. سمنڊ، فشريز ۽ لوڻ جا ذخيرا.
    4. پبلڪ گارڊنس جو سربراهه ميجر مسٽر بِلينڪِنس هو.
    5. ڪئنال ۽ ٻيلا، تن جو سربراهه ميجر اسڪاٽ هو.
    6. سِوِل جج ۽ ائڊووڪيٽ جنرل، ڪئپٽن ينگ هو.
    7. پوليس ۽ جيل کاتي جو سربراهه، ليفٽيننٽ مارسٽن هو.
    نوٽ: پهرئين آڪٽوبر 1847ع ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪُل 1585 قيدي جيلن ۾ نظر بند هئا. سندن تفصيل هن ريت هو.
    1262 سزا مليل قيدي.
    147 قيدين جا ڪيس هلندڙ هئا.
    176 جنگي قيدي هئا.
    1847ع ۾ سڄي سنڌ اندر ٻاويهه سئو ڏهه پوليس نفري هئي، جنهن ۾ اٺ سئو اٺٽيهه گهوڙي سوار هئا. انهيءَ وقت سنڌ جي آدمشماري ٻارهن لک، چوهتر هزار، ست سئو ٻٽيهه هئي. خيرپور رياست جي آدمشماري انهي کان الڳ هئي.
    8. سامونڊي ڪسٽمس جو سربراهه، ڪليڪٽر، مئڪ ليوڊ هو.
    9. پبلڪ ورڪس جو سربراهه ميجر پيٽ هو.
    10. ٽريزرر.
    11. اِنڊس فلوٽيلا ۽
    12. بوٽ ڊپارٽمينٽ قائم ڪيا ويا جن جا سربراهه الڳ الڳ مقرر ٿيا هئا.


    ٽائٽانِڪ بحري جهاز ٻُڏي ويو

    بحري جهازرانيءَ جي ”وائيٽ اسٽار لائين“ ڪمپنيءَ جو دنيا ۾ سڀني کان وڏو بحري جهاز ”ٽائٽانِڪ“ انگليند جي شهر سائوٿ هيمپٽن کان، آمريڪا جي شهر نيويارڪ ڏانهن پنهنجي سفر دؤران، سمنڊ اندر موجود برفاني ڇپ سان ٽڪرائجڻ سبب ڀڄي پيو ۽ غرق ٿي ويو. جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن، 1500 کان به وڌيڪ تعداد ۾ حياتيءَ جو ڏِيئو گل ڪيو. هي ٽائٽانِڪ بحري جهاز سن 1912ع ۾ اپريل مهيني جي 14 ۽ 15 تاريخن جي وچ واري رات نيويارڪ ڏانهن سفر تي اُسهيو ۽ سفر دؤران رات جو يارهن لڳي چاليهن منٽن تي کيس سمنڊ اندر موجود برفاني وڏي ڇپ سان تباهه ڪُن ٽڪر وارو حادثو پيش آيو، جنهن جهاز جو ترو ٽوڙي سِيرُون سِيرُون ڪري وڌو ۽ هي بدقسمت جهاز، برف واري تمام وڏي ڇپ سان ٽڪرائجي ٽٽڻ کان پوءِ صرف اڍائي ڪلاڪن اندر، تاريخ 15 اپريل سن 1912ع ۾ اُتر ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو. سفر شروع ٿيڻ کان اڳ ڄاڻايو ويو ته هي جهاز بلڪل صحيح حالت ۾ ۽ سفر ڪرڻ لاءِ مڪمل طرح لائق آهي. ٽائٽانڪ بحري جهاز جو ڪيپٽن يعني وڏو ناکو، ايڊورڊ اسمٿ، ٻاهٺ سال عمر جو شاه ڪاريگر ناکو هو. جنهن کي هن کان اڳ سامونڊي سفر ۾ ڪو به حادثو پيش ڪو نه آيو هو. سفر شروع ڪرڻ واري رات دؤران سمنڊ نهايت پرسڪون ۽ خاموش هو. رات جو ٽين بجي ڌاري جهاز جي ڪيپٽن، جهاز جي نگهداشت واري شعبي جي سربراه جي راءِ کي قبول ڪيو ته جهاز جي رستي ۾ جيڪڏهن ڪا به برفاني ڇپ حائل ٿي ته انهي ڇپ کان پري هٽڻ لاءِ پاڻ کي گهربل مناسب وقت مُيسر هوندو.
    حقيقت ۾ جهاز جي واسطيدار عملي کي جهاز جي سفر واري رستي ۾ برفاني ڇپن جي يڪي سلسلي جي موجودگي بابت لڳاتار ڇهه ڀيرا وارننگ ڏني وئي هئي. هن سفر دؤران جهاز پاڻ سان ماڻهن کي ٻُڏڻ کان بچائڻ واريون ٻيڙيون به ڪافي تعداد ۾ ساڻ ڪيون، انهن مان اڌ جيتريون ٻيڙيون ته جهاز تي ئي رکيل هيون. تنهن هوندي به انهن ٻيڙين مان گهڻيون ته ماڻهن مان اڌ به ڪو نه ڀَرِيُو هيون ته اهي جهاز کان پري هَٽِي ويون، هن جهاز سان اڳ ۾ اهڙو حادثو پيش آيو ئي ڪو نه هو ۽ جهاز جي چند خلاصين کان سواءِ ٻئي عملي کي ٻيڙيون جهاز مان لاهڻ جي مشين کي استعمال ڪرڻ جي ڪا سمجهه ڪا نه هئي. پر انهيءَ وقت خطري جي ڪا به علامت ڏسڻ ۾ نٿي آئي. حياتي بچائڻ وارين ٻيڙين وسيلي جيڪي مسافر بچي ويا، انهن ٻڌايو ته جيئن جهاز پاڻيءَ منجهه ويهڻ شروع ٿيو ته جهاز جي بينڊ وارن عجيب قسم جون ڌُنون وڄائڻ شروع ڪيون. آخر ۾ ٻڌڻ ۾ ايندڙ ڌُن ”آٽم“ يعني سرء نالي واري هئي. بينڊ وارا سمورا فنڪار ويچارا جهاز ۾ هئڻ سبب حياتي وڃائي ويٺا. جهاز جو وڏو ناکو ايڊورڊ اسمٿ، جهاز سان گڏ ٻُڏي ويو. جهاز تي رهجي ويل 1500 کان به گهڻي تعداد ۾ مسافرن وڏي دليريءَ جو مظهارو ڪيو ۽ ڪرنل جان ايسٽور پنهنجي زال جي بچاءَ واري ٻيڙيءَ ۾ همٿ افزائي ڪندي چيو ته ”پياري خدا حافظ، اميد ته پاڻ ڪجهه وقت کان پوءِ وري ملنداسين“ حقيقت ۾ اهي پاڻ سان وري ڪو نه مليا. ڪرنل جي زال، آسيڊور اِسٽرائس مڙس کان ڌار نه ٿيندي چوڻ کپندو هو ته پاڻ چاليهه سال گڏ گذاريو آهي، تنهن ڪري هن پوڙهپڻ ۾ پاڻ کي هڪٻئي کان جدا نه ٿيڻ گهرجي. اهو جو پڇاڙيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀاڪرن ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو. جيڪو غرق ٿي ويو، پر ”وائيٽ اسٽار لائين“ جهاز ران ڪمپنيءَ جو چيئرمين بِرُوس اِسمي، حياتي بچائڻ واري ٻيڙيءَ وسيلي بچي ويو ۽ ماڻهن جي تنقيد جو نشانو ٿيو. ماڻهن جي گهڻائيءَ جو چوڻ هو ته کيس سندس نه ٻُڏڻ واري انهيءَ ٽائٽانڪ بحري جهاز سان گڏ ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ گهرُبو هو.


    مونا ليزا جي تصوير جي چوري

    اها ويهين صديءَ ۾ مصوريءَ جي هڪ عظيم شاهڪار جي چوري هئي. 21 آگسٽ 1911ع تي پئرس شهر ۾ موجود لووِر نالي عظيم عجائب گهر مان اها جڳ مشهور تصوير ڪو شاهينگ چورائي ويو. سيمور ريٽ Seymaur Reat نالي هڪ ليکڪ موجب ڪو شخص سيلون ڪار Salon Carre نالي ڪمري ۾ جتي اها تصوير ٽنگيل هئي، داخل ٿيو. ديوار تان تصوير لاٿائين ۽ ٻاهر نڪري ويو. مزيدار ڳالهه اها ته موناليزا جي تصوير سومر جي ڏينهن صبح ڌاري چورائي وئي هئي، پر انتظاميه کي پهريون ڀيرو خبر ٻِئي. ڏينهن يعني اڱاري جي منجهند ڌاري پئي ته اها تصوير واقع چورائجي وئي. انهيءَ وقت لووِر ميوزم جي انهيءَ ڀاڱي جي مکيه عملدار مايوسيءَ واري حالت ۾ محافظن جي ڪئپٽن کي اطلاع ڏنو، ڪئپٽن ڪيوريٽر کي اها خبر ٻڌائي. ڪيوريٽر پئرس شهر جي پوليس جي مک عملدار يعني پريفيڪٽ آف پوليس کي اها خبر ٽيليفون تي ٻڌائي، پوليس جي مُک عملدار نيشنل ڪرمنل انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ جنهن کي La Surete لا سُريٽ سڏيندا آهن. کي جانچ لاءِ تياريءَ جو حڪم ڏنو، ساڳئي ڏينهن ٽپهري ڌاري سَتَ انسپيڪٽر هڪ سئو کان وڌيڪ سپاهين سميت لووِر ميوزم پهچي ويا. جن اچڻ شرط عجائب گهر جا سمورا گيٽ بند ڪري سمورن گهمندڙن ماڻهن توڙي محافظن کان پڇا ڳاڇا ڪئي. بعد ۾ پوري هڪ هفتي تائين لووِر ميوزم جيڪو اوڻيتاليهه ايڪڙ ايراضيءَ تي مشتمل آهي جي هر ڪمري ۽ هر طبقي جي مڪمل جهڙتي ۽ جانچ ڪئي وئي.
    موناليزا جي تصوير جي چوريءَ واري خبر سموري دنيا کي غمگين ڪري وڌو. هيءَ خبر هر مکيه اخبار جي اڳئين صفحي تي ڇپيل هئي. ڪئين انومان هئا، ڪن جو خيال هو ته شايد اها تصوير صفائي واري عملي جي ڪنهن فرد چورائي هوندي. ٻين جو اندازو هو ته مذڪور چوري غالباً ٿوري پگهار وارن سيڪيورٽي گارڊن مان ڪنهن جي ڪيل آهي. لووِر ميوزم جا منتظمين حضرات پڻ چوريءَ جي شڪ ۾ گهيريل هئا. لووِر جي مکيه ڊائريڪٽرن مان هڪڙي کي گولي هنيائون ۽ ٻئي کي سسپينڊ ڪيائون. سار سنڀال ڪندڙ عملي جي ڪيترن ئي ملازمن تي ڏنڊ وڌا ويا، تنبيهه ڪئي وئي ۽ ملازمت جي رينڪ گهٽائي وئي.
    پئرس پوليس عجائب گهر جي نامعقول حفاظت جي شڪايت ڪئي، ميوزم جي انتظاميه تفتيشي پوليس جي ڪارڪردگيءَ جي شڪايت ڪندي چيو ته هن ميوزم جي نامعقول حفاظت جي شڪايت ڪئي آهي. پر ڪو به سراغ لڳائي نه سگهي آهي. اهڙي طرح قانون لاڳو ڪندڙ ڪيترائي فرينچ محڪما مذڪور چوريءَ جي سلسلي ۾ ڪو حقيقي سراغ لڳائڻ بجاءِ اٽلو پاڻ ۾ ڄُنڊا پٽ ڪندا رهيا. ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪنهن هڪڙي کاتي ڪو جُوڻيئَت هٿ ڪيو ته انهيءَ جي مخالف محڪمي اهو ماڻهو ڪنهن جڙتو ڏوهه ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو، جيئن ته مخالف ڌر پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.
    نيٺ پئرس پوليس جو انسپيڪٽر مسٽر لوئيس ليپائين پئرس پوليس جو پريفيڪٽ يعني مُک عملدار ٿي آيو. جنهن ميوزم جي حاضر توڙي اڳوڻن سمورن ملازمن کان انٽرويوز وٺڻ سان جانچ جاري رکي، پر کيس خاطر خواهه ڪاميابي ڪا نه ٿي.
    موناليزا جي تصوير جي گمشدگيءَ کي پئرس جي ڪيترن ئي باشندن هڪڙي سازش قرار ڏنو ته ٻين انهيءَ کي ڄاڻي واڻي فراريت سڏيو. تصوير جي چوري کان هڪ هفتو پوءِ جڏهن ميوزم وري گهمڻ لاءِ کوليو ويو ته حاضر ڊيوٽي ڪيوريٽر جي چوڻ موجب پئرس جا باشندا لا تعداد ميڙن جي صورت ۾ تصوير واري ڪمري ۾ ماتمين وانگر داخل ٿيندا، نهايت ڏکوئيندڙ انداز سان اهي ڪوڪا ڏسندا رهيا، جن وسيلي موناليزا جي تصوير ٽنگيل هئي. هر ڪنهن ائين ڀانيو ته اها تصوير قومي اثاثو هو، جيڪو هميشه لاءِ وڃائجي ويو. اهو محسوس ڪندي ماڻهن سخت احتجاج ۽ گوڙ ڪيو. اهو هڪڙو وڏو واقعو ٿي ويو. وقت گذرڻ سان ماڻهن جو جوش گهٽيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڀوڳ ۽ چرچا شروع ٿي ويا. ڪئين پروليون ۽ ڪارٽون ٺهڻ لڳا. ڪنهن شخص اخبار کي خط لکي پُڇيو ته موناليزا جي تصوير وارا چور ايفل ٽاور ڪڏهن چورائيندا؟ ماڻهن انهيءَ تصوير جي چوري بابت ڪيترائي گيت پڻ لکيا، جيڪي اُهي هوٽلن ۽ ڪيفيز ۾ ڳائڻ لڳا.
    نائيٽ ڪلبن ۾ فنڪارن جون ڪجهه اهڙيون به ٽوليون پيدا ٿيون جيڪي موناليزا جي لباس ۾ پنهنجو فن پيش ڪنديون هيون. مشهور ميوزڪ هالن تي ۽ ٿيٽرن ۾ ڪم ڪندڙ مکيه اداڪارن کي موناليزا جو نالو ڏنائون، ڪيترائي پوسٽ ڪارڊ ڇپيا ويا. جن تي موناليزا جو فوٽو ڇپيل هو. چوريءَ جي جانچ جاري رهي، پر اڃا ڪاميابي ڪا نه ٿي هئي. پُر اسرار شخصيت جي مالڪ موناليزا سان وابسته سندس تصوير جي چوري وارو معمو ڪو پهريون ڪونهي. سندس اصل سڃاڻپ پڻ شڪي آهي. عظيم مصور ليونارڊو ڊاونسي سورهين صدي جي شروع ۾ اها تصوير پينٽ ڪئي هئي. هڪڙي ٻئي فنڪار Cuzin ڪيوزن موجب ليونارڊو جي پينٽ ٿيل گهڻين تصويرن ۾ مثالي حسن ته موجود آهي، پر اهي واضح طور غير حقيقي لڳن ٿيون. انهيءَ جي برعڪس موناليزا جي تصوير سموريءَ سادگيءَ جي باوجود حقيقي، مخصوص، چورس چهري سان سڄي سراپا سهڻي آهي.
    مونا ليزا ذاتي طور تي کڻي ڪهڙي به شخصيت جي مالڪ هجي، اها ڳالهه پنهنجي خاني، پر هتي سندس شخصيت صدين کان وٺي حسن ۽ پيار جي علامت طور تسليم رهندي آئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ شايد موناليزا جي تصوير ٺاهيندڙ مصور لِيونارڊو جي خود ديو مالائي شخصيت ڪارفرما ٿي سگهي ٿي. ڇو ته هن مصور پنهنجي سمورين فني صلاحيتن کي هيء انوکي تصوير چٽيندي ڪم آندو. موناليزا جي تصوير جي چوريءَ جي خبر جيئن جيئن پکڙجندي وئي تيئن تيئن تصوير جي معمار جي فني مڃتا ۾ واڌارو ٿيندو ويو. حقيقت موجب ليونارڊو جي فنڪاريءَ کي صدين تائين مُصَوَريء جي معيار طور مڃتا حاصل رهي، ۽ اڄ تائين سندس فني اصولن کي ساڳي مڃتا حاصل آهي.
    ڊگهي عرصي گذرڻ سبب هن تصوير جي رنگن ۾ جهڪاءُ ٿيڻ جي باوجود موناليزا جي تصوير ۾ مخصوص جمالياتي جادو جلوه گر آهي. جرئت پسند فنڪار جهڙوڪ ڊيوڪيمپ ۽ ڊالي ڊاونسي جي فني ڪاريگريءَ جي تعريف ڪندا هئا ۽ موناليزا جي تصوير کي مصوريءَ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت جي حامل قرار ڏنائون.
    هن تصوير جي چوريءَ کان ٻه سال پوءِ سن 1513ع ۾ فلورينس جي نوادرات جي هڪ واپاريءَ جي دفتر ۾ هڪڙو خط پهتو، جنهن چوريءَ جي راز کي پڌرو ڪرڻ ۾ مکيه ڪم ڏنو. انهيءَ موجب سراغ ملڻ تي موناليزا جي تصوير انهيءَ هنڌ جي نهايت ويجهو لڌي وئي جتي چار صديون اڳي اها ٺاهي وئي هئي. اهو ماڳ لووِر ميوزم کان چند بلاڪن جي فاصلي تي سندس چور جو گهر هو. جتي اها سانده ٻن سالن تائين لڪائي رکي وئي هئي. هن وقت موناليزاواري اها تصوير وري به ميوزم ۾ نمائش لاءِ لڳل آهي، پر اڳي جي ڀيٽ ۾ سخت پهري ۽ حفاظت هيٺ رکيل آهي. جتي انهيءَ تصوير کي ڏسڻ لاءِ هر سال ڪروڙين ماڻهو ايندا آهن.
    ڪيوزن جي چوڻ موجب انفرادي طور تصوير ۾ عورت ايتري ملوڪ ڪانهي ۽ نڪي منجهس گهڻو رنگ ۽ روغن نمايان آهي. تنهن هوندي به هيءَ تصوير ساري جڳ ۾ مشهور آهي. انهيءَ جو سبب شايد اهو هجي ته هن تصوير واري اصل عورت ته اسان ڏسي ئي نٿاسگهون، تنهنڪري اها ڳالهه غير معمولي ٿيو پوي، جڏهن اسين سندس تصوير ڏسون ٿا. جهڙوڪر: اسان خود موناليزا کي پهريون ئي ڀيرو ڏسون ٿا.


    پهرين عالمي جنگ

    وِيهَئيِن عيسوي صديءَ جي شروع دوران اولهه جا مُلڪ پوري دنيا ۾ وڌيڪ تونگر هئا. وٽن صنعتڪاري گهڻي هئڻ سبب عالمي واپار تي سندن قبضوڄميل هو.انهن مان ڪافي ملڪن جون ايشيا ۽ آفريڪا کنڊن ۾ تمام وسيع بيٺڪون قائم هيون.
    سائنسي ايجادن توڙي تعليمي ميدان ۾ پڻ مذڪوره ملڪن انهي دور ۾ عالمي سطح تي اڳواڻي پي ڪئي. جن ماڻهن ڪڏهن به اولهه جو ڪو به ملڪ ڪو نه ڏٺو هو. اهي اولهه وارين قومن جون ٻوليون مختلف علوم جي حصول خاطر سکڻ ۽ استعمال ڪرڻ لڳا. اهڙي طرح مغربي ملڪن جا سائنسي ۽ طبي علم پوري دنيا ۾ پکڙجي ويا.
    سن 1914ع ۾ مذڪوره مغربي ملڪ عالمي لڙائي ۾ ڦاسي پيا، جنهن بابت انهن ملڪن جي سربراهن جو خيال هو ته اها آخري عالمي لڙائي هوندي. سندن اهو خيال غلط هو. سن 1939ع ۾ مذڪوره ملڪ ٻي عالمي لڙائي ۾ پڻ مشغول رهيا. انهن ٻن مهاڀاري جنگين عالمي معاملات ۽ تعلقات ۾ اولهه جي ملڪن جو روايتي ڪردار يڪسر تبديل ڪري ڇڏيو. آمريڪا ۽ روس دنيا جون سڀني کان وڏيون طاقتون ٿي پيا. ڪميونزم جيڪو اڳي انسان ذات جي تمام ننڍڙي گروهه جو سياسي نظام هو. اهو وڌيڪ طاقتور ۽ روسين توڙي چينين جي سياسي ۽ سماجي رهبريءَ ڪندڙ فلسفو ٿي پيو. ڪميونسٽن واضح طور پڌرو ڪيو ته اهي ڪميونزم جي خيالات جو پرچار پوري دنيا ۾ ڪرڻ چاهين ٿا.
    انهيءَ وقت دنيا سماجي طور ٻن ڀاڱن ۾ورهائجي وئي. پهرين دنيا سرمائيداري نظام رکندڙ مغربي ملڪن تي مشتمل هئي. جنهن جي اڳواڻي آمريڪا عالمي وڏي طاقت جي صورت ۾ ڪرڻ لڳو ۽ ٻي دنيا ڪميونسٽ ملڪن تي مشتمل هئي. جنهن جي اڳواڻي سوويت يونين ڪري رهيو هو. سن 1955ع ۾ ٽين دنيا پڻ وجود ۾ آئي، جيڪا ايشيا ۽ آفريڪا جي اڻ ڌري ملڪن تي مشتمل هئي. ٽين دنيا جي مذڪوره اڻ ڌري تحريڪ وارن ملڪن کي پهرين ۽ ٻي دنيا جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ ڦاسڻ جو ڪو به خيال ڪو نه هو. انهن ملڪن کي ايشيا ۽ آمريڪا ۾ يورپي قومن جي نوآبادياتي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو گهربل هو. جنهن لاءِ اُهي ڪافي عرصي کان جدوجهد ڪري رهيا هئا. ٽين دنيا جي انهن ملڪن جلد ئي وچ اوڀر جي عرب رياستن ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن کي پنهنجي اڻ ڌري تحريڪ ۾ شامل ڪري ورتو ۽ پنهنجي ملڪن جي اقتصادي بحالي ۽ ترقي لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو.
    اوڻيهين صديءَ جي آخر ڌاري فرانس، جرمني، انگلينڊ، آسٽريا، هنگري، اٽلي ۽ روس يورپ جا نهايت طاقتور مُلڪ هئا. هر ملڪ پنهنجي بيٺڪن ۽ عالمي تجارت جي بچاء خاطر وڏا ۽ طاقتور لشڪر تيار ڪيا ۽ ٻين ملڪن سان عسڪري ۽ اقتصادي معاهدا ڪرڻ لڳو. نتيجتاً يورپ ۾ ٻه مکيه عسڪري اتحاد قائم ٿيا. جن مان هڪڙي جي اڳواڻي جرمنيءَ ٿي ڪئي. تنهن سان آسٽريا، هنگري ۽ اٽلي شامل هئا. ٻي عسڪري اتحاد جو سرواڻ فرانس هو. جنهن سان انگلينڊ ۽ روس متحد هئا. هنن عسڪري اتحادن ۾ آمريڪا شامل ڪو نه هو. هنن اتحادن ۾ شامل هر ملڪ واعدو ڪيو ته اتحادي ملڪن تي حملي ٿيڻ سبب اهو سندن مڪمل مدد ڪندو.
    هنن عسڪري اِتحادن جي وجود سبب تمام ٿوري اڻبڻت جي ڪري سمورن ملڪن طرفان جنگ ۾ عملي طور ملوث ٿيڻ جو خطرو هر وقت موجود هو، ڇو ته يورپ ۾ مفادات جي حصول لاءِ ڪشمڪش ڪافي عرصي کان جاري هئي.
    روس،آسٽريا ۽ هنگريءَ جي وچ ۾ بلقان واري علائقي بانڊ تي اختلاف موجود هئا. بلقان واري علائقي ۾ موجود ننڍڙي رياست سربيا سندن نسل جي ماڻهن سلاون Slavs کي متحد ڪري، جيڪي هن علائقي ۾ ٽڙيل پکريل صورت ۾ موجود هئا. پنهنجي رياست جي حدن ۾ خاطرخواهه توسيع ڪرڻ پئي چاهي.
    سلاو آسٽريا ۽ هنگري ۾ گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. جن سان سربيا اڪيلي سر ڦٻي نٿي سگهيو. تنهنڪري روس کان مدد طلبيائين، انهيءَ وچ ۾ 28 جون 1914ع تي آسٽريا جي حاڪم يعني آرچ ڊيوڪ فَرڊِينَنڊِ Ferdinand کي گولي هڻي ماريو ويو. انهيءَ جو الزام سربيا جي سربراهن تي لڳائي، آسٽريا ۽ هنگري سربيا سان جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو ته روس سربيا جي مدد لاءِ تيار ٿيڻ لڳو. چند ڏينهن پوءِ آسٽريا هنگريءَ جي حمايت ۾، جرمني ۽ روس سان جنگ جو اعلان ڪيو. جرمن اڳواڻن پنهنجي مخالفن سان جنگ ڪرڻ وارا منصوبا ۽ تياري اڳي ئي ڪري ڇڏي هئي. ترت ئي بعد ۾ روس جي حمايت ۽ مدد خاطر فرانس ۽ انگلينڊ به هن جنگ ۾ شامل ٿي ويا. سن 1915ع ۾ جرمنيءَ جي اڳواڻيءَ واري اتحاد ۾ شامل اٽلي، فرانس جي اڳواڻيءَ واري اتحاد ۾ اچي شامل ٿيو. ترڪي ۽ بلغاريه جا ملڪ وري جرمن اتحاد ۾ شامل ٿيا.
    فرانس، روس، انگلينڊ ۽ اٽليءَ واري عسڪري اتحادين کي الائيڊ پاورس Allied Powers ۽ جرمني، آسٽريا، هنگري، ترڪي ۽ بلغاريه وارن عسڪري اتحادي ملڪن کي سينٽرل پاورس Central Powers ڪوٺڻ لڳا. اهڙيءَ ريت سربيا ۽ آسٽريا جي وچ ۾ سن 1914ع ۾ لڳندڙ جنگ هلندي هلندي پوري يورپ ۽ نيٺ عالمي لڙائيءَ جي صورت اختيار ڪئي ۽ انهيءَ کي پهرين عالمي جنگ سڏيو ويو. هيءَ جنگ يورپ مان وڌندي وچ اوڀر ۽ آفريڪا تائين پکڙجي وئي ۽ بحري لڙائي پوري دنيا ۾ ڦهلجي وئي.
    هن لڙائي دوران شروعات ۾ الائيڊ پاورس جي ڀيٽ ۾سينٽرل پاورس کي وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي، جرمن فوجن فرانس جي ڪافي علائقن تي قبضو ڪري ورتو هو. پر مجموعي طور ڪنهن به ڌر کي مڪمل ڪاميابي هن جنگ ۾ حاصل ڪا نه ٿي. ڪيترين ڳالهين ۾ هيءَ پهرين عالمي جنگ ماضيءَ وارين سمورين جنگين کان مختلف پڻ هئي. جهڙوڪ: دنيا ۾ پهريون ڀيرو مشين گن، هوائي جهازن ۽ آبدوزن جو استعمال هن جنگ ۾ ٿيو هو. تنهن کانسواءِ هن جنگ ۾ زهريليون گئسون پڻ هٿيار طور استعمال ڪيون ويون هيون. ماضيءَ ۾ سمورين جنگين جي ڀيٽ ۾ هن جنگ ۾ فوجين کان سواءِ عام شهري پڻ ڪئين لکن جي تعداد ۾ موت جو شڪار ٿيا.
    هن جنگ هلندي سن 1917ع ۾ روس ۾ انقلاب آيو. بادشاهت ختم ٿي ۽ لينن جي اڳواڻيءَ ۾ سوشلسٽ حڪومت قائم ٿي. ملڪ جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صورتحال سخت خراب هئڻ ۽ جنگ ۾ وڏي نقصان ٿيڻ ڪري، جرمنيءَ سان هڪ ٺاهه ڪرڻ سان روس جنگ کان ٻاهر نڪري ويو.

    انهيءَ عرصي دوران الائيڊ ملڪن کي امداد پهچائيندڙ آمريڪي بحري جهازن کي جرمن آبدوز ڪشتين تارپيڊو وسيلي غرق ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن هڪڙو آمريڪي بحري جهاز، جنهن تي امدادي سامان سان گڏ ڪجهه تعداد ۾ عام آمريڪي شهري به سوار هئا. تارپيڊو ڪري غرق ڪيو ويو ته آمريڪا الائيڊ پاورس پاران جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. ۽ پنهنجا ويهه لک فوجي يورپ اماڻيا، يورپي فوجون سانده چار سال وڙهندي ٿڪجي پيون هيون. پر هي آمريڪي فوجون تازه دم ۽ تڪڙيون هيون. انهن جي عمل دخل سبب جنگ جو توازن سينٽرل پاورس جي خلاف ۽ الائيڊ پاورس جي حق ۾ تبديل ٿي ويو.
    نتيجي طور 11 نومبر 1918ع تي جرمني ۽ سندن اتحادين جنگ بند ڪرڻ وارو ٺاهه ڪيو ۽ اها جنگ ختم ٿي. پهرين عالمي لڙائي جي خاتمي کان اڳ آمريڪي صدر وڊرو ولسن دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت چوڏهن نڪتن تي مشتمل هڪڙو منصوبو مرتب ڪيو هو. جرمنيءَ ۽ سندس اتحادين پڻ انهيءَ منصوبي جي آجيان ڪئي هئي. الائيڊ ملڪن سينٽرل ملڪن کان جنگ جو خرچ ۽ ڏنڊ ڀرائڻ گهريو. اهڙيءَ ريت جرمنيءَ جون آفريڪا ۾ قائم بيٺڪون انگلينڊ ۽ فرانس ورهائي کنيون. الائيڊ جي حامي جاپان جرمنيءَ جون پيسفڪ ۾ قائم ڪالونيون قبضي ڪيون. آسٽريا هنگريءَ کي ورهائي چار الڳ الڳ ملڪ قائم ڪيا ويا. هر هڪ آسٽريا، هنگري، ڪزيڪو سلوواڪيا ۽ يوگوسلاويا، جنگ ۾ شڪست خورده قوم ۽ ڌر طور جرمني الائيڊ پاورس سان هڪ معاهدو ڪيو. انهيءَ کي Treaty of Versailles يعني ”ورسيلز وارو معاهدو“ چئجي ٿو. انهيءَ معاهدي تحت جنگ ۾ ٿيل سمورو نقصان جرمنيءَ کي ڀرڻو هو ۽ پنهنجي فوج گهٽائڻي هئي. ۽ بحري فوج ختم ڪري ڇڏڻي هئي. نقصان جي تلافيءَ طور جرمنيءَ طرفان ڀريل رقم جو وڏو حصو فرانس کي مليو.
    آمريڪي صدر وِلسن واري امن منصوبي تي گهڻو ڪري عمل ڪو نه ٿيو. البت انهيءَ جي هڪ نڪتي تي عمل ڪندي عالمي امن قائم رکڻ خاطر قومن جي هڪڙي تنظيم League of nations ]قومن جي جماعت[ تنظيم قائم ڪئي وئي. پر پنهنجي مخصوص فوج نه هئڻ سبب هي ادارو توقعات تي پورو لهي نه سگهيو ۽ ڪمزور رهيو. جنهن سبب خود آمريڪا به هن اداري ۾ ميمبر طور شامل ڪو نه ٿيو.
    ورسيلز ٽريٽي تي جنوري 1919ع ۾ پئرس شهر کان ڪافي پري ورسيلز نالي ماڳ تي شاهي محل ۾ دستخط ڪيو ويو.
    آمريڪا هن ۽ واسطيدار ٻين اهڙن معاهدن ٿيڻ ۾ خوش ڪو نه هو. مذڪوره معاهدن کان ترت پوءِ جنگ جون تباهه ڪاريون ظاهر ٿيون. بيلجيم ۽ فرانس جو اُتريون ڀاڱو مڪمل طور تباهه ٿي ويو هو. فرانس جا تقريباً سمورا ڪارخانا ۽ سڄو ريلوي نظام برباد ٿي ويو. هزارين فوجي اپاهج ۽ لکين بيروزگار بنجي ويا. جنگ ۾ ملوث سمورا ملڪ قرضن ۾ ڳچيءَ تائين غرق ٿي ويا.
    جرمنيءَ ۾ بادشاهت ختم ڪري جمهوري نظام حڪومت قائم ڪيو ويو، جيڪو مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو. جرمن راءِ عام ورسيلز معاهدي جي خلاف ۽ سخت ناراض هئي. جڏهن ته جرمنيءَ جي معيشيت بلڪل تباهه هئي. قرضن سان گڏ جنگ جي چٽي، مطلب ته بلڪل تباهه حال هئي.
    سن 1929ع ۾ عالمي معيشيت ۾ خرابي ۽ ٻاڙائي پيدا ٿي جنهن کي عام طور ڊپريشن Depression ڪوٺيو ويو. ٿيو هينئن ته هر هنڌ وڏي تعداد ۾ ڪارخانا بند ٿيڻ سبب لکين ماڻهون بيروزگاريءَ جو شڪار ٿي پيا. عالمي واپار ۾ اڌ کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي وئي. دنيا جا تقريباً سمورا ملڪ هن مايوس ڪن صورتحل کان سخت بُري طرح متاثر ٿيا.
    مذڪوره صورتحال جي پيش نظر ڪافي ملڪن ۾ جمهوريت بدران آمريتون قائم ٿيون. سندن سوچ موجب اسيمبلين ۾ گهڻا ماڻهو گهڻو وقت فضول بحث مباحثن ۾ وڃائين ٿا ۽ ترت گهربل پاليسيون يا اپاءُ اختيار نٿا ڪن. جنهنڪري رياست جو ڪاروبار خوش اسلوبيءَ سان نٿو هلي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ ماڻهو وقت سر ترت فيصلو ڪري مسئلا حل ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح 1922ع ۾ بينيٽو مسولينيءَ اٽليءَ ۾ ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪري اولهه يورپ ۾ وري آمريت چالو ڪئي.
    هن آمريت قائم ڪندي هڪ سياسي پارٽي فاشسٽ پارٽي جي حمايت حاصل ڪئي.
    مَسولِيني پارٽيءَ سان واعدو ڪيو ته هو اٽليءَ کي عالمي طاقت بنائيندو. سن 1933ع ۾ ايڊولف هٽلر جرمنيءَ جو چانسلر چونڊيو ويو. هن پڻ ترت ئي جمهوري ادارا ختم ڪري خود مرد آهن ٿي ويٺو. پاڻ کي der Fuchrer يعني جرمنيءَ جو واحد ۽ حقيقي اڳواڻ سڏائڻ لڳو. هن کي پڻ هڪ سياسي تنظيم نيشنل سوشلسٽ پارٽي يا نازي پارٽيءَ جي حمايت حاصل هئي. مسولينيءَ وانگر هن پڻ پنهنجي ملڪ کي مضبوط ڪرڻ ۽ نئين سر فوج جي جوڙجڪ ڪرڻ جو عهد ڪيو. هٽلر ورسيلز معاهدي تان ڦري وڃڻ واري ڳالهه پڻ ڪئي هئي. هن ۽ سندس پارٽيءَ جرمنيءَ جي مسئلن جو سبب جرمن يهودين کي ڪوٺيو ۽ کين ظلم ۽ ستم جو نشانو بنايو. کانئن روزگار ۽ ڪافي شهري حقوق کسيا ويا. کين پنهنجي سڃاڻپ واسطي پيلي رنگ جو تارو (star) پنهنجي لباس تي چٽي نموني لڳائڻ جو حڪم ڪيو ويو. هٽلر ڪرستانن توڙي سندس مخالفن سان ظالماڻون رويو اختيار ڪيو.


    ريشمي رومال تحريڪ

    هيءَ تحريڪ پڻ هندستان کي انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل مختلف تحريڪن مان هڪڙي تحريڪ هئي. جنهن جو نصب العين هٿيار بند جدوجهد وسيلي هندستان جي آزادي حاصل ڪرڻ هو. هيءَ تحريڪ هندستان جي جڳ مشهور اسلامي تعليمات جي اداري، دارالعلوم ديوبند سان وابسته علماء ڪرام، مولانا محمود الحسن، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندن ساٿي علمائن، سن 1913ع ۾ هندستان جي آزاديءَ جي هڪ زير زمين تحريڪ طور وجود ۾ آندي. هن تحريڪ جي اڳواڻن، انهيءَ سلسلي ۾ انگريز مخالف يورپي ۽ ايشيائي ملڪن کان مدد وٺڻ خاطر گهربل رابطي جو سلسلو شروع ڪيو، پر انهيءَ وقت افغانستان ۾ رهندڙ هن تحريڪ جي مکيه رهنما، مولانا عبيدالله سنڌيءَ طرفان سندس ساٿي رهنما، مولانا محمود الحسن ڏانهن هڪ ريشمي رومال تي لکيل ڳجهو خط پنجاب حڪومت جي سي آءِ ڊي کاتي کي هٿ اچڻ سبب، هن تحريڪ جي جدوجهد وارو راز کلي پيو. انهيءَ وقت مولانا محمود الحسن هن تحريڪ جي حوالي سان ايران ۾ ترسيل هو. مولانا محمود الحسن سان گڏ، مولانا محمد ميان منصور انصاري، سيپٽمبر 1915ع ۾ حجاز مُقدس ويو هو ۽ ريشمي رومال تي غالب پاشا جي دستخط وارو لکيل خط کڻي اپريل 1916ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ اهو خط هندستان جي آزاديءَ واري جنگ وڙهندڙ، قبائلي علائقن وارن مجاهدن کي ڏيکاريو. پوءِ اهو خط کڻي مولانا منصور انصاري جون 1916ع ۾ ڪابل پهتو. پهرين عالمي لڙائيءَ دؤران، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ دارالعلوم ديوبند جو منتطم اعليٰ مولانا محمود حسن، هندستان جي اتر اولهه واري قبائلي علائقي ۾ انگريزي حڪومت جي خلاف آزاديءَ واري جدوجهد چالو ڪرڻ جي منصوبي تحت، آڪٽوبر 1915ع ۾ ڪابل روانو ٿيو. انهيءَ نصب العين جي حصول خاطر مولانا عبيد الله سنڌي افغانستان جي حاڪم کي هندستان ۾ انگريزي حڪومت جي خلاف جنگ ڪرڻ جي ترغيب ڏني ۽ مولانا محمود الحسن جرمني ۽ ترڪيءَ جي حڪمرانن کان انگريزن جي حڪومت خلاف مدد حاصل ڪرڻ لاءِ حجاز روانو ٿيو. افغانستان ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گڏ ڪجهه ديوبند وارا شاگرد به ساڻ هئا، جيڪي انگريزن خلاف ترڪيءَ جي خليفي طرفان هلندڙ جهاد ۾ شامل ٿيڻ واسطي ترڪي وڃڻ لاءِ تيار هئا پر مولانا سنڌيءَ فيصلو ڪري ڇڏيو ته عالم اسلام جي سڀ کان وڌيڪ صحيح خدمت، هندستان جي آزادي واري تحريڪ جي ڪاميابيءَ تي دارومدار رکندڙ آهي. هن تحريڪ جي ترت مقصدن ۾ افغان حاڪم کي هندستان ۾ انگريز حڪومت جي خلاف جنگ ڪرڻ ۽ هن تحريڪ جي مجاهدن کي افغانستان مان لنگهي وڃڻ جي اجازت جو حصول هو. برلن اِنڊيئن ڪميٽي جيڪا 1915ع کان پوءِ هندستان جي آزاديءَ واري ڪميٽي سڏجڻ لڳي، اها اِنڊو جرمن تُرڪش مشن جي صورت ۾ هندستان جي ايران سان لڳندڙ سرحد تي برطانوي سامراج جي خلاف هلندڙ جدوجهد جي همٿ افزائي ڪرڻ لڳي. اهو انڊو جرمن تُرڪش مشن ديوبندي مجاهدن سان ڊسمبر 1915ع ۾ ڪابل ۾ وڃي گڏيو، اهو مشن مجاهدن سان گڏ ترڪ خليفي انور پاشا ۽ مصر مان معزول ڪيل شاهه عباس حلمي جا انگريز سامراج خلاف جدوجهد جي حمايت ۽ افغان حاڪم کي انگريز مخالف جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ وارا پيغام کڻي آيو هن انڊوجرمن تُرڪش مشن جو ترت مقصد هن ريشمي رومال تحريڪ وارو ساڳيو افغان حڪمران کي انگريز مخالف جدوجهد ۾ شامل ڪرڻ ۽ انگريز مخالف جنگ ڪندڙ مجاهدن کي افغانستان مان لنگهي جنگ جي محاذ ڏانهن وڃڻ جي اجازت جو حصول هو، پر هن تحريڪ جو راز کلڻ کان پوءِ هن تحريڪ جا ديوبندي عالم رهنما، جهڙوڪ مولانا محمود الحسن، مڪي شريف مان گرفتار ڪيو ويو ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ سان گڏ مالٽا ۾ جلا وطن ڪري رکيو ويو. جتان کيس سِلهه جي موذي مرض ۾ آخري ڏاڪي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ سن 1920ع ۾ آزاد ڪيو ويو. انهن کان سواءِ تحريڪ جا ٻيا به اهم رهنما گرفتار ٿي ويا. هن تحريڪ جي مکيه رهنمائن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي مولانا محمود الحسن، مولانا حسين احمد مدني، مولانا شاهه رحيم راء پوري، مولانا محمد صادق کڏو ڪراچي وارو ۽ مولانا محمد ميان منصور انصاري شامل هئا. هيءَ هڪڙي انگريز مخالف هٿيار بند تحريڪ هجڻ سبب، کيس هٿيارن ۽ گولي بارود جي سخت ضرورت هئي. تنهن ڪري هن تحريڪ جي رهنمائن هندستان کان ٻاهر انگريز مخالف قومن ۽ ملڪن، جهڙوڪ افغانستان ترڪي روس ۽ جرمني کان گهربل جوڳي مدد لاءِ رابطا شروع ڪيا. هن تحريڪ جي خط و ڪتابت ريشمي رومالن تي ڳجهي خطاطيءَ وسيلي ڪئي ويندي هئي. تنهن نسبت سان آزاديءَ واري هن تحريڪ تي ”ريشمي رومال تحريڪ“ نالو پئجي ويو. هيءَ تحريڪ پنهنجي وجود جي شروعاتي عرصي دؤران ئي مشڪلات جو شڪار ٿي وئي. انهيءَ دؤر ۾ پنجاب جي گورنر، سر مائيڪل ڊوائر سندس يادگيرين جي اردو ترجمي نالي ”غير منقسم برصغير ميري نظر مين“ تان مولانا زاهد الراشدي مواد اخذ ڪري، تحريڪ ريشمي رومال اور انگريز گورنر پنجاب کي ياداشت جي عنوان تحت تحرير ڪيل مضمون ۾ ڄاڻايو ته ”سر مائيڪل او ڊوائر لکي ٿو ته ”ريشمي رومال (تحريڪ) منصوبي جو اطلاع اسان کي آگسٽ 1916ع ۾ مليو ۽ اسين انهي کي شروعات ۾ ئي ڪُچلي ڇڏڻ جا لائق ٿي وياسين. انهيءَ منصوبي جو بنياد 16 1915ع ۾ ڪابل شهر ۾ رکيو ويو، جتي فيصلو ٿيو ته هڪ طرف تُرڪ ۽ عرب پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪن ۽ ٻئي طرف افغان، سرحدي قبيلا ۽ هندستان جا مسلمان پاڻ ۾ ٻڌي ڪن. اهڙيءَ ريت اسلام جون سموريون ڌُريون برطانوي حڪومت جي خلاف آزاديءَ جي هڪ نقطي تي پاڻ ۾ گڏجي وڃن. انهيءَ منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ سولو خيال ڪيو ويو. اهو هينئن ته سرحدي قبيلا هندستاني عالمن جي اُڪسائڻ تي انگريز سرڪار جي خلاف جنگ چالو ڪري ڏيندا کين هندستاني باغي مسلمانن جي حمايت به حاصل هوندي. اها اميد به ڪئي پئي وئي ته انقلاب پسند هندو ۽ آمريڪا مان موٽي آيل سِک به انهي آزاديءَ جي مجاهدن سان ملي جدوجهد ڪندا. هي تحريڪ وڏي مهارت سان تيار ڪئي وئي هئي. انهيءَ تحريڪ کي هندستان، وچ ايشيا، حجاز ۽ ميسوپوٽيميا تائين پهچايو ويو ۽ انهيءَ تحريڪ جي منصوبي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سمورا روايتي طريقا ڪم آندا ويا. مختلف ملڪن ۾ ايلچي ۽ سفير موڪليا ويا. انهن وٽان ڳجها خط ۽ پيغام هٿ ڪيا ويا. انهيءَ مرحلي تي هن پر اسرار معاملي جي ڪُنجي يعني ڳُجهن خطن ۽ پيغامن وارا ريشمي رومال مون کي هٿ آيا. ڪابل ويل باغي نوجوانن ۾ هڪڙي سٺي مسلمان فوجي جو پٽ به شامل هو. اهو فوجي مسلمان منهنجو پراڻو دوست هو. انهيءَ مسلمان فوجي جي زور ڀرڻ تي مون ڪابل جي امير کي هڪ پيغام موڪليو ته ڪابل آيل نوجوانن کي واپس هندستان اچڻ جي موڪل ڏني وڃي. انهن کان ڪا به پڇا ڳاڇا ڪا نه ٿيندي ۽ کين معافي ڏني ويندي. اهو گُر ناڪام ٿيو. منهنجي مسلمان فوجي سنگتي جو هڪ خانداني ملازم به انهن باغي نوجوانن سان گڏ ڪابل ۾ هو. منهنجي سنگتي فوجيءَ جي پٽ، انهيءَ ملازم کي پنهنجي پيءَ لاءِ هڪ پيغام ڏئي هندستان موڪليو. انهيءَ ملازم جي اچ وڃ ڏسي منهنجي سنگتي فوجي کي ڪجهه شڪ پيدا ٿيو ۽ انهيءَ ملازم تي سختي ڪئي ته انهيءَ ملازم قبول ڪيو ته مون هن پيغام سان گڏ ڪجهه ٻيو مواد به آندو هو. اهي ساڳيا مشهور ريشمي رومالن تي فارسي ٻوليءَ ۾ زرد ريشمي ڪپڙي تي لکيل خط هئا. لکڻ واري جا اکر سٺا هئا. انهيءَ ڪپڙي کي ڪوٽ جي اندروني ڏندين سان گڏي ٽانڪيو ويو هو. اهو ڪوٽ حفاظت جي لحاظ کان هڪ مقامي رياست ۾ رکيو ويو هو. منهنجي سنگتي پٺاڻ فوجيءَ جون ڌمڪيون ڪارگر ثابت ٿيون ۽ اهو ڪوٽ کيس اچي مليو، تنهن ريشمي رومال تي لکيل خط ڪٽي ڇڏيا، ڇو ته کيس فارسي زبان گهڻي ڪا نه ايندي هئي، تنهن ڪري هن انهيءَ جو مطلب ڪو نه سمجهيو، پر ڀانئيائين ته انهيءَ ۾ ڪا نه ڪا ڳجهي ڳالهه ضرور موجود هوندي. هن اهو ڪوٽ ۽ ريشمي ڪپڙو ڪمشنر کي ڏنو. جنهن اهو مون کي ڏياري موڪليو ۽ ائين به چوائي موڪليائين ته ڪپڙي تي لکيل اکر بلڪل بي معنيٰ ۽ سمجهه کان ٻاهر آهن. شروعات ۾ مون انهن جو پورو مطلب ڪو نه سمجهيو، پر ايترو سمجهيم ته اهي ڪنهن وڏي منصوبي جي باري ۾ لکيل آهن. مون اهي ڪپڙا سي آءِ ڊي کاتي وارن ڏانهن اماڻي ڇڏيا، جتي موجود سر چارلس ڪليو لينڊ اهو ڳجهه جلد پڌرو ڪيو. اهي خط مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا منصور انصاري طرفان لکايل هئا، جن جو تعلق ديوبند جي مڪتب فڪر سان هو. انهن اهي خط جهاد جي تبليغ لاءِ لکايا هئا. سن 1915ع ۾ ڪابل ويندي انهن علمائن هندستاني مجاهدن سان ملاقات به ڪئي هئي. قابل ۾ سندن پرجوش خير مقدم ڪيو ويو. اتي ترڪي ۽ جرمنيءَ جي وفدن سان سندن رابطو ٿيو. تنهن کان سواءِ هندستاني انقلاب پسندن يعني مهندرا پرتاب ۽ برڪت الله سان به کين ملاقات ڪرائي وئي. اهڙيءَ ريت هنن رهنمائن پنهنجن رابطن ۽ واسطن کي ڪمائتو بنايو. مولانا منصور انصاري عربستان جو دؤرو اڳئي ڪري ڪابل موٽي آيو هو. هت آيل ريشمي رومال وارن خطن ۾ 9 جولاءِ 1916ع تاريخ لکيل هئي. انهن مخفي خطن کي مقرر ماڳن تي حفاظت سان مهل سر رسائڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪڙو ڀروسي جوڳو ماڻهو موجود هو، تنهن کي تاڪيد ڪيو ويو ته تون خود اهي مخفي خط کڻي وڃي تحريڪ جي رهنما، مولانا محمود الحسن کي ڏي يا ڪنهن ٻئي اعتماد واري شخص هٿان اهي خط شيخ الهند کي باسلامت رسائي. شيخ الهند، مولانا محمود الحسن انهيءَ وقت ديوبند کان مڪي ويل هو. ڪابل ۽ هندستان ۾ تحريڪ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، جرمني ۽ ترڪيءَ جي وفدن جي آمد، جرمني وفد جي روانگي، عبوري حڪومت جي تشڪيل ۽ جهادي شاگردن جي سرگرمين بابت احوال انهن هٿ آيل خطن ۾ تفصيل سان موجود هئا. هڪ خدائي لشڪر جي بناوت جو تفصيل به انهن خطن ۾ درج هو. خطن ۾ بيان ڪيل هو ته سمورا مسلمان حڪمران اتحاد قائم ڪري برطانوي سامراج کي مسلمانن جي ملڪن مان ڀڄائي ڪڍندا. انهيءَ کان اڳ هن تحريڪ جي قائم ڪيل هنگامي حڪومت ترڪستان جي روسي گورنر ڏانهن پنهنجو وفد موڪليو جنهن هندستان جي انقلابي اڳواڻ مهندرا پرتاب جي صحيح وارو خط کيس پيش ڪيو. هن هنگامي حڪومت سوني پٽيءَ تي اڪريل خط روسي شهنشاه زار جي خدمت ۾ به پيش ڪيو هو. انهيءَ خط ۾ التهجا ڪئي وئي ته روس برطانية سان ٿيل اتحاد کي ختم ڪري هندستان ۾ برطانوي سرڪار خلاف اسان جي جدوجهد ۾ مدد ڪري زار شاهي حڪومت انهيءَ وفد کي بي مراد موٽائي ڇڏيو، پر سن 1917ع ۾ جڏهن روس ۾ بالشويڪن جي انقلابي حڪومت قائم ٿي، ته کين هنگامي حڪومت جي وفد واري التجا جو احساس ٿيو. انهيءَ کان اڳ ۾ پڻ هندستان جي ماهر ۽ محنتي اهلڪارن جي تعاون سان هن تحريڪ جي قائم ڪيل هنگامي حڪومت، سٺي ۽ خوبصورت اردو ۾ سفارتي خط لکايا ۽ سٺن لفافن ۾ بند ڪري هندستان ۾ موجود رياستن جي نوابن، شهزادن ۽ رئيسن توڙي اميرن ڏانهن جرمن چانسلر وارن هالويڪ جي دستخط سان موڪليا، جن ۾ لکيو ويو ته جيڪڏهن توهان انگريزن جي غلاميءَ وارو طوق پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍڻ واسطي اسان جي جدوجهد ۾ شامل ٿيا ۽ ڪامياب ٿيا ته توهان کي پنهنجون سموريون مراعات شاندار انداز سان نيبهه هونديون. اهڙي قسم جا خط کڻي ويندڙ جرمن مِشن کي اسان (انگريزي فوج) اتر ايران ۾ پڪڙي خط کسي ورتا. اهي خط اڄ به لندن ۾ موجود انڊيئن فارين آفيس ۾ دلچسپ تاريخي دستاويزن جي صورت ۾ محفوظ آهن. انهن عملن مان پتو پوي ٿو ته ڪابل ۾ موجود هنگامي حڪومت ۽ سندس اتحادين خدائي لشڪر جي راهه هموار ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر سر ٽوڙ ڪاوشون ڪيون! مڪي شريف ۾ موجود جنهن مولانا محمود الحسن ڏانهن اهي ريشمي رومال تي لکيل خط اماڻيا ويا هئا، تنهن حجاز ۾ موجود ترڪ جنرل غالب پاشا سان رابطو قائم ڪري ورتو هو. جنرل پاشا جڏهن مصر ۾ اسان جو جنگي قيدي ٿي پيو، تڏهن باسيائين ته مولانا محمود الحسن مون کان انگريزن جي خلاف اعلان جهاد واري دستاويز تي صحيح ورتي هئي. غالب نامه جي عنوان سان انهيءَ دستاويز جا نقل سڄي هندستان ۽ سرحد جي قبائلي علائن ۾ ورهايا ويا هئا. انهن ريشمي رومال وارن خطن مولانا محمود الحسن کي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جي قابل بنائي ڇڏيو. هن جي خواهش هئي ته ترڪيءَ جي حڪومت ۽ مڪي شريف جي حاڪم جو سندس تحريڪ لاءِ فعال تعاون حاصل ٿئي. ڇو ته انهن خطن لکڻ وقت مڪي شريف جي حاڪم ترڪن جي خلاف اڃا بغاوت ڪا نه ڪئي هئي. هن تحريڪ جو منصوبو خوب ذهانت سان تيار ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ دؤر جي حالتن پٽاندر انهيءَ منصوبي کي عملي جامون پهرائڻ ڪنهن به صورت ۾ ناممڪن نظر نٿي آيو. خطن ۾ خدائي لشڪر بابت ڏنل تفصيل غير حقيقي ۽ تخيلاتي هئا. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته خدائي لشڪر جو مکيه دفتر مديني پاڪ ۾ هوندو ۽ انهيءَ جو سپهسالار مولانا محمود الحسن هوندو. قسطنطنيه تهران ۽ ڪابل ۾ الڳ الڳ پر ماتحت ڪمانون موجود هونديون ڪابل واري لشڪر جي ڪمان مولانا عبيدالله سنڌي وٽ هوندي. خطن ۾ ٽن سرپرستن ۽ ٻارهن فيلڊ مارشلن جا نالا لکيل هئا، جن مان هڪڙو مڪي شريف جي حاڪم جو نالو به درج ٿيل هو. تنهن کان سواءِ ڪجهه ڪمانڊرن جا نالا به لکيل هئا. لاهور مان فرار ٿي ڪابل پهتل شاگردن کي به فراموش نه ڪيو ويو. انهن مان هڪڙي کي ميجر جنرل، هڪ کي ڪرنل ۽ ڇهن ٻين کي ليفٽيننٽ ڪرنل وارا عهدا ڏنا ويا هئا. هن اسڪيم جو هي سمورو ڀاڱو صرف ڪاغذ تي موجود، پر انهيءَ مواد ذريعي اسان کي هدنستان ۾ سندن همدردن جي باري ۾ ڪافي معلومات حاصل ٿي ۽ اسين انهن جي خلاف گهربل قدم کڻڻ جي لائق ٿي واسين. پنجاب ۾ سندن تُرڪ نواز معتبر ساٿين مان اڌ ڊزن کن ماڻهن جي جلاوطنيءَ کان سواءِ سندن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪا نه ڪئي وئي. هيءَ ڳالهه بيان ڪرڻ مناسب ٿيندي ته پنجاب ۾ مسلمانن طرفان برپا ڪيل سياسي تحريڪن جي نوعيت، هندن ۽ سکن جي انقلابي تحريڪن کان بلڪل مختلف هئي. البت ڪابل ۾ صورتحال مستحڪم هُين، ڇو ته اتي مسلمانن جا هندو انقلابين سان رابطا گهرا هئا، جيڪي هندستان توڙي برلِن يعني جرمنيءَ سان پڻ مربوط ۽ متاثر هئا. اهڙيءَ ريت سوين ماڻهو انگريز مخالف آزاديءَ جي تحريڪن ۾ شامل هئا، انهن مان گهڻن کي سزائون به ڏنيون ويون. البت سزا يافته ڪارڪنن ۾ مسلمان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ مس هئا. جنگ هلندي والي افغانستان، امير حبيب الله اسان سان ڪيل معاهدي جي جيڪا پاسداري ڪئي، اها اسان جي لاءِ تمام گهڻو ثمر ثابت ٿي. جيڪي سندس سردار ۽ اهلڪار کيس جرمني ۽ ترڪيءَ سان ڪُلهو ڪُلهي سان گڏي بيهارڻ پيا چاهين، تن جي کُلي مخالفت ڪري نٿي سگهيو. انهن سردارن جا گماشتا گاديءَ واري شهر يعني ڪابل ۾ موجود هئا، جيڪي جهاد ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ جي قابل هئا ۽ سرحد جي جنگجو قبيلن ۽ هندستان جي ننڍن پر مضبوط باغي مسلمان جٿن کي افغانستان ۾ گهرائي سگهيا ٿي. امير حبيب الله وقت جي صورتحال مطابق زمانه سازيءَ کان ڪم ورتو ۽ وڏي ڏاهپ سان ترڪي ۽ جرمنيءَ جي وفدن کي چيو ته اهي يعني ترڪي ۽ جرمني جنهن ڏينهن هرات شهر ۾ هڪ لک لشڪر آڻي ڏيکاريندا، تڏهن سمجهبو ته توهان واقعي ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿا. انهيءَ صورتحال کان مايوس ٿيندي ترڪ ۽ جرمن مِشن ڪابل ڇڏي ويا. جيڪڏهن انگريزن کي هن تحريڪ جي باري ۾ تُرت خبر نه پوي ها، ته انهيءَ تحريڪ جي ڪامياب ٿيڻ جو وڏو امڪان هو. انگريزن خود تسليم ڪيو ته کين هن تحريڪ بابت ترت ۽ مڪمل معلومات حاصل ٿيڻ ڪري ئي انهيءَ تحريڪ کي ناڪام بنائڻ جي قابل ٿي سگهيا.


    روس جو آڪٽوبر انقلاب

    روس ۾ ڪيترن ئي سالن تي مشتمل زار شاهي استبدادي زار جي ظلم ۽ ستم جي انتها، آڪٽوبر انقلاب جي صورت ۾ پنهنجي منطقي انجام تي پهتي. پيٽر اول يعني بادشاهه پيٽر اعظم جي دور حڪومت کان وٺي، زار شاهي ظلم ۽ ستم ۾ اضافو آڻيندي، هڪڙي آپيشاهيءَ واري ڪامورڪي حڪومت جي صورت اختيار ڪئي، جنهن پنهنجي رعيت تي پنهنجي مرضيءَ ۽ خواهش کي زوريءَ مڙهيو پئي ۽ رعيت جي زندگيءَ ۽ ان جي ڀلائي لاءِ ڪو به احساس باقي نه رهيو.
    جڏهن کان روس جي ”زار“ حاڪمن، مغربي ملڪن جي ايجاد ڪيل صنعت، حرفت ۽ ڪاريگريءَ کي روس ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن کان وٺي روس جي تعليم يافته ماڻهن جي هڪڙي گروهه کي مغربي ملڪن ۾ مروج انساني حقن بابت آگاهي به حاصل ٿي.انهن ماڻهن ۾ اڪثريت انساني حقن ۽ جمهوريت جي خواهش رکندڙ ماڻهن جي هئي ته ڪي منجهائن انتها پسند ۽ انقلابي خيالن جا حامل پڻ هئا. اعليٰ تعليمي ادارو، يونيورسٽي، انقلابي عمل جو ڄڻ ته ڳڙه ٿي پئي. اتي شروع ۾ فنائيت يعني دنيا جي شين سان ڪا به دلچسپي نه رکڻ ۽ دنيا سان سمورا لاڳاپا ترڪ ڪرڻ وارو رُجحان موجود هو. تنهن کان پوءِ اُتي ڇُڙواڳي، لاپرواهي ۽ لاقانونيت وارو عنصر نمودار ٿيو. پر آخرڪار يونيورسٽي ۾ مشهور جرمن مُفڪر ڪارل مارڪس جي پيش ڪيل سماجي انقلابي نظرئي تي بحث مباحثا ۽ مذاڪرا منعقد ٿيندا رهيا ۽ انهيءَ انقلابي نظرئي جو پرچار به ٿيڻ لڳو. سن 1861ع ۾ روس جي بادشاهه اليگزيندر ٻئي آئين ۾ سڌارو آڻي غلامن کي آزاد ڪيو ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ راه هموار ڪئي، پر غلامن جي آزاديءَ واري نئين قانون، هاري طبقي تي سخت معاشي قانون ۽ شرط شروط مڙهي رکيا، جيڪي هاري طبقي جون حقيقي گهرجون پوريون ڪري نٿي سگهيا. مُلڪ ۾ صنعت ڪاري سبب، پورهيت طبقو، ڪارخانن ۾ مزوري ڪرڻ خاطر شهرن ۾ اچي گڏ ٿيو. صنعت ڪار جي استحصال جو شڪار اهو پورهيت طبقو ظلم ۽ ظالم طبقي خلاف ٿيندڙ ڳالهيون، ٻين سڀني ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻڌڻ لاءِ وڌيڪ ويجهو ۽ ٻڌڻ لاءِ بلڪل تيار موجود هو. ٻئي طرف عيسائي مذهب جي دقيانوسي، لاپرواه ۽ جابر پادري طبقي مذهب کي بلڪل جامد بنائي رکيو ۽ مٿس تنقيد ڪندڙ فرد کي ناجائز طور سزائون ڏياريندو رهيو ۽ غير روسي اقليت وارن يهودي مذهب رکندڙ ماڻهن جو سخت ظالماڻي طريقي سان قتلام جاري رکيو، تنهن ڪري انهيءَ مظلوم يهودي اقليت جي گهڻن ماڻهن، عالمي سطح تي قائم ڪيل يهودين جي انتها پسند ”سيهوني تحريڪ“ ۾ شموليت اختيار ڪئي. زار شاهيءَ جي ظالم حڪومت دوارن تقريباً سڀني غير روسي اقليتن سان اهو ويڌن برقرار رهيو. نتيجي طور سموري غريب عوام ۾ زار شاهي سرڪار لاءِ پيدا ٿيل نفرت وڌندي رهي.
    سن 1903ع ۾ روس ڪيترين ئي سياسي توڙي سماجي تنظيمن ۽ پارٽين جو حامل ملڪ ٿي پيو. روسي جاگيردار طبقي مذهبي پيشوائن سان ڳٺ جوڙ ڪري روس جي آپيشاهيءَ کي لوڏي ڪمزور ۽ کوکلو ڪري وڌو. تنهن وقت سرمائيدار طبقي جي خواهش هئي ته ملڪ ۾ آئيني بادشاهت قائم ٿئي. آزاد خيال وچئين طبقي پنهنجي الڳ سياسي تنظيم، ”آئيني جمهوري پارٽيءَ“ جي جوڙجڪ ڪئي. هاري طبقي جي ساٿ سان تعليم يافته گروه، سوشلسٽ انقلابي پارٽي جوڙي. ان کان سواءِ شهري صنعتي مزدور طبقي ڪارل مارڪس جي نظريئي کان متاثر ٿي، روس جي سنجيده تعليم يافته ماڻهن جي رهبريء ۾ ”سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽي“ قائم ڪئي، پراها اعليٰ قيادت ۾ انقلاب جي حوالي سان حل نه ٿي سگهندڙ نظرياتي اختلاف ۽ حڪمت عمليءَ بابت اختلاف پيدا ٿيڻ سبب ”بالشيوڪ“ يعني اڪثريت وارو گروپ ۽ ”مينشيوڪ“ يعني اقليت تي مُبني گروپ نالي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي وئي. سن 1905ع وارو روسي انقلاب 22 جنوري 1905ع ۾ تڏهن شروع ٿيو، جڏهن روس جي گاديءَ واري شهر ”سينٽ پيٽرس برگ“ يعني پيٽروگراڊ جي هڪڙي عيسائي مذهبي پيشوا جي اڳواڻيءَ ۾شهر جي مزورن جو هڪڙو بي هٿيار ٽولو، کاڌي جي اڻاٺ ۽ مهانگائي خلاف شهنشاه زار کي هڪ ياداشت نامون پيش ڪرڻ لاءِ شاهي محل ڏانهن پئي ويو ته انهن هٿين خالي پُر امن مزورن جي ٽولي تي روسي فوج گولي هلائي سوين مزورن کي ماري وڌو. پوءِ انهي آچار واري ڏينهن کي ”بلڊي سَنڊي“ يعني پورهيتن کي قتلام ڪرڻ وارو آچار سڏيندي، سرڪار خلاف عوامي احتجاج شروع ٿي ويو، جيڪو هڙتالن، فسادن، خونريزين، سامونڊي فوج طرفان ٿيندڙ بغاوتن ۽ هاري طبقي طرفان ٿيندڙ حڪومت مخالف احتجاجن جي صورت ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهيو. سرڪار جي خلاف هيڏي وڏي پيماني واري طويل عوامي بغاوت ۽ جپان سان ٿيل جنگ سبب ڪمزور ۽ مجبور ٿي صاحب حيثيت افراد تي مشتمل محدود ووٽ وسيلي چونديل عوامي نمائندن واري هڪڙي مشاورتي اسيمبلي ”ڊوما“ قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو،پر مڇريل عوام سرڪار مخالف سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال برپا ڪئي، جنهن ملڪ ۾ سمورو ڪاروبار ۽ وهنوار ٺپ روڪي ڇڏيو. تڏهن مجبور ٿي ”زار نڪولس ٻئي“ هڪڙو پڌرنامون جاري ڪيو، تنهن موجب عوام جي شهري حقن کي تسليم ۽ منظور ڪيو ويو ۽ جمهوري اصول موجب چونديل، عوامي نمائندن تي مشتمل هڪ اسيمبلي قائم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. انهيءَ پڌرنامي جي اشاعت کانپوءِ انقلابي ڌارا ۾ سرڪاري چالاڪيءَ ۽ خود غرض افراد جي خيانت سبب ڏار پئجي ويا. جيڪي ماڻهو پڌرنامي مان مطمئن هئا، انهن آڪٽوبرسٽ پارٽي جوڙي. ڊوما کي وڌيڪ اختيار ڏيارڻ جي خواهشمند ماڻهن نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي بنائي. سوشل ڊيموڪريٽ، جن سينٽ پيٽرس برگ شهر ۾ سوويت ڪائونسل قائم ڪئي هئي، انهن حقيقي سماجي سڌارن آڻڻ لاءِ زار شاهي حڪومت کي مجبور ڪرڻ خاطر هڙتال جاري رکي، پر سرڪار ڪاوڙ ۾ اچي سوويت ڪائونسل کي ڊسمبر 1905ع ۾ گرفتار ڪري ان کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ مزورن جي بغاوت کي طاقت سان دٻائي ڇڏيو. جڏهن حالتون ٺاپر ۾آيون ۽ سرڪاري اختيار بحال ٿيو، تڏهن زار چند مکيه قانونن جي نفاذ جو اعلان ڪيو، جن تحت ڊوما يعني اسيمبليءَ کي بلڪل محدود اختيار ڏنا ويا. زار جي وزير اسٽوليپن اقتصادي سڌارن لاءِ ڪجهه تدبيرون اختيار ڪيون پر اهي ناڪام ويون. ساڳئي وزير انقلابي تحريڪ کي ڏاڍي بي رحميءَ سان ڪُچلي ڇڏيو.
    جڏهن سن 1914ع ۾ پهرين عالمي لڙائي ڇڙي پئي، تڏهن بالشيويڪن کان سواءِ باقي تقريباً سمورين سياسي پارٽين گڏجي زار جي جنگ بابت پاليسيءَ ۽ عملي اقدام جي حمايت ڪئي. جڏهن ته فوج جي بار بار پسپائي، خوراڪ جي شديد مصيبتن ۾ گهيريل هئڻ واري انتهائي خطرناڪ صورتحال سن 1916ع جي آخر ۾ انقلابي وايو منڊل پيدا ڪري وڌو. شهنشاهه نڪولس ٻئي جي زال اليگزينڊريا فيوڊرو وِنا، جنهن کي عام طرح زارينا يعني زار جي راڻي چوندا هئا، زار جڏهن فوجي ڪمانڊ پاڻ سنڀالڻ لاءِ اوڏانهن ويو ته حڪومت جون واڳون زارينا جي حوالي ڪري ويو ۽ زارينا تي انهيءَ وقت هڪڙي جرائيم پيشه شخص راسپوٽين جو مڪمل اثر هئڻ سبب، ملڪ ۾ سرڪاري غنڊن ۽ داداگير ڏوهارين کان سواءِ شهنشاه زار جي حمايت ڪرڻ وارو ڪو به ڪو نه بچيو هو. روس ۾ مُروج پراڻي ڪئلينڊر موجب 28 فيبروري 1917ع تي گادي واري شهر سينٽ پيٽرس برگ، جنهن کي پيٽروگراڊ به سڏيندا هئا ۽ ماسڪو جي تقريباً سمورن صنعتي توڙي عام مزورن کاڌي جي شين جي کوٽ خلاف هڙتال شروع ڪئي ته اتي فساد ۽ وڳوڙ پڻ ڀڙڪي اٿيو، پر اڪثر فوجي سپاهين هڙتالي باغين کي ماري مڃائڻ کان انڪار ڪيو ۽ فوج ۾ ڪامورن جي حڪم عدولي ۽ سرڪار سان بغاوت پکڙجي وئي. زار نڪولس ٻئي مزدورن کي تشدد سان دٻائي، سندن تحريڪ کي ڪچلي ڇڏڻ گهريو ۽ ڊوما کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. صورتحال پنهنجي فائدي ۾ ڏسندي، ڊوما سرڪاري اعلان کي ٿڏي ڇڏيو. 2 مارچ 1917ع تي پيٽرو گراڊ جي بَلوائين گاديءَ واري شهر تي قبضو ڪري ورتو ۽ زار کي تخت ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو. ڊوما يعني اسيمبليءَ زار جو حڪم رد ڪري هڪڙي عبوري حڪومت جوڙي، جيڪا مجموعي طرح وِچٿرن ماڻهن تي مشتمل هئي. عبوري حڪومت جو اڳواڻ ”پُرنس لِووف“ مقرر ٿيو، جنهن سان گڏ مِليوڪوف ۽ ڪيرينسڪيءَ کي وزيرن طور مقرر ڪيو ويو. جيتوڻيڪ روسي عوام زار شاهي ظالم حڪومت جي خاتمي جو خوشيءَ سان استقبال ڪيو، پر عبوري حڪومت کي عوام کان گهربل حمايت حاصل ڪا نه ٿي. پيٽروگراڊ يعني گاديءَ واري شهر ۾ قائم مزدورن ۽ سپاهين جي سوويت ڪائونسل جو فوج، مواصلات ۽ ٽرانسپورٽ تي ڪنٽرول هو. سوويت ڪاميٽين فوج ۾ رائج پراڻي جوڙجڪ ۽ ضابطو رد ڪري، سموري فوج ۾ سپاهين جون ڪميٽيون ٺاهيون۽ انهن ڪميٽين هٿان چونڊ وسيلي سندن فوجي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو. پنهنجي قوت ۽ ڪنٽرول هجڻ باوجود سوويت ڪائونسل شروع ۾ اقتدار تي ظاهري طور قبضو ڪو نه ڪيو هو. سوشلسٽ انقلابين: بالشيوڪن توڙي مينشيوڪن، جيڪي تڏهن اڪثريت ۾ هئا، تن انقلاب جي انهيءَ عرصي دوران، وچئين سرمائيدار طبقي کي عبوري سرڪار هلائڻ لاءِ قبول ڪيو هو. عبوري حڪومت پنهنجي پروگرام ۾ مڪمل امن امان قائم ڪرڻ، وڌ ۾ وڌ شهري حق ۽ آزادي ڏيڻ ۽ عالمي طور مڃيل بالغ راءِ دهيءَ موجب اسيمبليءَ جو پرچار شروع ڪيو، پر اها ٻن سنگين مسئلن، يعني جاري عالمي جنگ کي بند ڪرڻ ۽ ٻيو زرعي زمين جي انقلابي اصول موجب نئين سر ورهاست ڪرڻ وارن مسئلن جو حل پيش ڪرڻ ۾ بنهه ناڪام وئي ۽ پڌرو ڪيائين ته زمين جي ورهاست وارو ڪم نئين چونڊيل آئين ساز اسيمبلي ئي ڪري سگهندي. مارچ واري مهيني ۾ سوويت ڪائونسل عبوري سرڪار کان امن امان جي قيام جي گهر ڪئي ۽ جنگ کي جاري رهڻ واري ڳالهه ڪندڙ وزير خارجه سِليوڪوف خلاف ڀرپور احتجاج ڪري مئي مهيني ۾ کيس استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو. عبوري حڪومت جي نئين سر تشڪيل ٿي، جنهن ۾ گهڻا وزير سوشلسٽ مقرر ٿيا. ڪير ينسڪي وزير جنگ مقرر ٿيو ۽ سوشلسٽ انقلابي اڳواڻ وڪٽر چيرنوف وزير زراعت مقرر ٿيو. اپريل 1917ع ۾ جرمنيءَ طرفان جرمنيءَ مان لنگهي روس وڃڻ جي اجازت ملڻ کان پوءِ لينن ۽ ٻيا انقلابي اڳواڻ جلاوطني ختم ڪري پنهنجي وطن واپس آيا. جرمنيءَ کي اميد هئي ته بالشيوڪ انقلابي، روس طرفان ٿيندڙ جنگي ڪارروائين کي بند ڪري ڇڏيندا. لينن اچڻ شرط پنهنجي ننڍڙي، پر پهري سجاڳ انقلابي پارٽيءَ کي انقلاب جي عملي تحريڪ ۾ چُست بنايو. هن انقلاب واسطي ٽن مکيه نُقطن کي ٽن طاقتور ۽ اثر انگيز انقلابي نعرن جي صورت ۾ پيش ڪري پارٽيءَ کي انقلابي تحرڪ ۾ آندو. اهي نعرا هئا: (1) جنگ ختم ڪريو، (2) سموري زرعي زمين هارين ۾ ورهايو ۽ (3) سمورو اقتدار سوويت ڪائونسل کي سونپيو. هر طرح جي فوجي هٿياربند حملي ۽ قبضي خاطر کنيل قدمن جي ناڪاميءَ جولاءِ 1917ع ۾ عبوري حڪومت کي سخت مايوس ۽ مجبور ڪري وڌو ۽ گاديءَ واري شهر ۾ برپا فسادن ۽ وڳوڙن سبب سوويت ڪائونسل طرفان اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ عوام جي خواهش ۽ سندن حمايت واري صورت حال پيدا ٿي، تنهن کان ڀلي ڀت واقف هوندي به سوويت ڪائونسل اڃا تائين صبر ڪندي پاڻ کي پٺيان رکندي آئي. انهيءَ معروضي صورت حال کان واقف عبوري حڪومت خار کائيندي بالشيوڪ پريس ۽ بالشيوڪ اڳواڻن خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪئي، جيتوڻيڪ خود سندس حيثيت بالڪل غير موثر ۽ ڊاوان ڊول ٿي چڪي هئي. زرعي سڌارن جي حوالي سان چيرنوف، پرنس لووف جي سخت مخالفت ڪئي، تنهن سبب لووف جولاءِ جي مهيني ۾ استعفيٰ ڏني. سندس جڳهه تي ڪيرينسڪيءَ کي مقرر ڪيو ويو، تنهن سوشلسٽن جي اڪثريت واري وزارت ٺاهي. پنهنجي طرفان عالمي جنگ ۾ شموليت دوران ڪيل تقريباً سمورن حملن ۾ ناڪام رهڻ سبب فوج ۾ نظم ۽ ضبط برباد ٿي ويو هو. عبوري حڪومت، مينشيوڪ ۽ ٻيا سوشلسٽ اڳواڻ، سوويت ڪائونسل ۾ موجود انقلابي سپاهين جي بالشيويڪن سان شامل ٿيڻ سبب سوويت ڪائونسل ۾ پنهنجي حمايت وڃائي ويٺا. جون 1917ع ۾ سوويت ڪميٽين جي پهرين ڪل روس ڪانگريس پيٽروگراڊ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ بالشيوبڪ اقليت ۾ هئا، پر اهي گهربل اڪثريت لاءِ مسلسل ڪارڪنن کي پنهنجو هم خيال بنائيندا، پاڻ سان شامل ڪندا رهيا. قدامت پرست ۽ ڪجهه وچٿرا سياستدان، جن سوويت ڪائونسل جا اختيار گهٽائڻ ٿي گهريا، اهي جنرل ڪارنيلوف جي چوڌاري ڦرندا ۽ ان جا ڪن ڀريندا رهيا، تنهن سبب هن آگسٽ جي پڇاڙيءَ ۾ پيٽروگراڊ شهر تي پنهنجي گروپ طرفان قبضو ڪرڻ خاطر شهر تي هٿيار بند چڙهائي ڪئي، تڏهن ڪيرينسڪي جي گذارس موجب بالشيويڪن ۽ ٻين سوشلسٽن شهر ۽ عبوري حڪومت جي بچاء خاطر ڪارنيلوف جي حملي کي پسپا ڪري ڇڏيو. سيپٽمبر جي وچ کان وٺي بالشوبڪن کي پيٽروگراڊ واري سوويت ڪائونسل ۾ اڪثريت حاصل رهي، تڏهن لينن سوويت ڪائونسل تي اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ زور ڀري تياري ڪرائي. اهڙيءَ طرح 24 آڪٽوبر واري رات جو ٽراٽسڪيءَ جي جوڙيل منصوبي موجب اقتدار تي قبضو ڪرڻ جو آغاز ڪيو ويو. مزدورن، سپاهين، سامونڊي فوج جي سپاهين ۽ بالشيوبڪ پارٽيءَ جي محافظ جٿن گڏجي گاديءَ واري شهر پيٽروگراڊ جي سرڪاري مکيه عمارتن ۽ زار جي مَحَلَ، ”ونٽر پيليس“ تي قبضو ڪري ورتو ۽ ترت سوويت ڪميٽين جي ٻئي ڪل روس ڪانگريس پيٽروگراڊ ۾ منعقد ٿي، جنهن مان مينشيوڪن ۽ سوشلسٽن سوويت قبضي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو، پر ڪانگريس ان جي توسيع ڪئي. اتي عوامي ڪميسارن يعني وزيرن جي ڪائونسل به جوڙي وئي، جنهن جو چيئرمين لينن کي مُقَرر ڪيائون، ٽراٽسڪي خارجه ڪميسار يعني پرڏيهي وزير، ريڪوف داخله ڪميسار ۽ اسٽالن کي روس ۾ موجود قوميتن جو ڪميسار مقرر ڪيو ويو. ڪانگريس ترت ئي دشمنين کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ صلح قائم ڪرڻ جو سڏ ڏنو، سموري ذاتي ملڪيت رد ڪئي ويئي ۽ چرچ وارين زمينن ۽ خانگي زمينن توڙي سرڪاري زمينن کي اتي جي مقامي هارين کي ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان پوءِ ماسڪو شهر تي به سوويت قبضو ڪيو ويو.ان سان گڏ بالشيويڪ مزدورن ۽ سپاهين جي مقامي سوويت ڪميٽين ملڪ جي اڪثر شهرن تي پنهنجو اقتدار قائم ڪيو. ڪيرينسڪي ملڪ مان ٻاهر ڀڄي ويو، باقي عبوري حڪومت جي ڪارندن کي گرفتار ڪيو ويو. شادي ۽ طلاق وارا اڳوڻا قانون رد ڪيا ويا. عيسوي ڪليسا تي حملا ڪري عيسائي پروهتن کي ڪليسا جي زمينن تان زوري بيدخل ڪيو ويو، ڪارخانا مزدور سوويتن جي انتظام ۾ ڏنا ويا، بيٺڪن کي قومي ملڪيت بنايو ويو ۽ ملڪ جي معاشي نظام کي هلائڻ لاءِ ملڪگير اقتصادي ڪائونسل جوڙي وئي. قانون ساز اسيمبلي ڊوما جو اجلاس جنوري 1918ع ۾ منعقد ڪيو ويو، پر ان جي ميمبرن جي واضح اڪثريت غير بالشيويڪ هجڻ سبب ڊوما کي ٽوڙيو ويو. انقلابي حڪومت جي خلاف سياسي عمل ۽ پرچار کي ختم ڪرڻ لاءِ ”چيڪا“ نالي هڪڙي سياسي پوليس تشڪيل ڪئي وئي، تنهن جو اڳواڻ ڊزر زينسڪي مقرر ٿيو. جرمني ۽ سندس اتحادين سان امن جي قيام خاطر ڳالهيون 1917ع جي پڇاڙيءَ ۾ ئي شروع ڪيون ويون ۽مارچ 1918ع ۾ بريسٽ – لٽوِسڪ ٺاهه ٿيو، جيڪو سراسر روس جي خلاف هو، ڇو ته اُن ٺاهه تحت روس کي پنهنجا تمام گهڻا علائقا جرمنيءَ جي حوالي ڪرڻا پيا ۽ پهرين عالمي لڙائيءَ ۾ جرمني ۽ سندس اتحادين کي شڪست ملڻ کان پوءِ روس ۾ برپا گهرو جنگ دوران ئي جرمنيءَ کان انهن مان ڪجهه رياستون، جهڙوڪ: يوڪرين، آرمينيا، جارجيا ۽ آذربائيجان آزاد ڪرايا. روس ۾ بالشيويڪن يعني ڳاڙهي فوج ۽ محافظن ۽ غير بالشيويڪن يعني سفيد هٿياربند گروهن ۽ فوجن جي وچ ۾ هلندڙ گهرو لڙائيءَ 1920ع تائين ملڪ کي تاراج ڪري ڇڏيو. بالشيوڪن سان گهرو لڙائيءَ ۾ مشغول مُلَڪَ جا سمورا ڪميونسٽ مخالف گروهه، ٽولا ۽ ڌڙا شامل هئا، انهن ۾ ٽوڙيل ڊوما جي ميمبرن سميت اهڙا ماڻهو به شامل هئا جيڪي ملڪ ۾ فوجي حڪومت جي قيام جي خواهش رکندڙ هئا، پر انهن ۾ شامل ڪجهه ڌڙا ته کُليءَ طرح زار جي حڪومت بحال ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. سورويت سرڪار جي هٿياربند مخالفت پهرين ملڪ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ شروع ٿي، جتي ڪارنيلوف جي اڳواڻي ۾ ڪميونسٽ مخالف جٿا ۽ گروپ ڊون ڪيوسَيڪ جي ويڙهاڪن سان وڃي شامل ٿيا. اهو يوڪرين وارو علائقو هو، اهو نومبر 1918ع ۾ عام جنگ بنديءَ لاءِ ٿيل ٺاهه کان پوءِ جرمنيءَ خالي ڪيو، ته ان تي قبضو ڪرڻ لاءِ بالشيوڪن سان سمورا ڪميونسٽ مخالف فوجي ۽ ٻيا هٿياربند گروهه وڙهڻ لڳا. اها لڙائي ٻن سالن تائين هلندي رهي.1919ع جي شروع ۾ اتي بالشيوڪن قبضو ڪري ورتو، پر ڊينيڪِن جي فوجن انهن کان قبضو ڇڏائڻ لاءِ انهن سان پنهنجي جنگ جاري رکي ۽ ڊسمبر 1919ع ۾ بالشيوڪن کي پسپا ڪري پنهنجو قبضو ڄمايو، پر ساڳئي ڊسمبر مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ ڊينيڪِن جي فوجن کان اهو قبضو ڇڏايو، پر نيٺ يوڪرين جي انهيءَ علائقي تي 1920ع ۾ پولينڊ جي فوجن اچي قبضو ڪيو.انهيءَ عرصي دوران ڊينيڪِن پنهنجي فوج پي اني رينگل جي حوالي ڪري ڇڏي. روس ۽ پولينڊ جي وچ ۾ جنگ بنديءَ وارو ٺاهه عمل ۾ اچڻ کان پوءِ بالشيووڪن اين رينگل جي فوجن کي يوڪرين مان ڀڄائي ڪِريميا ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو ۽ مٿن دٻاء جاري رکيو. تنهن ڪري رينگل نيٺ پنهنجن ويڙهاڪن کي ڪريميا مان به ڪڍي وڃي قسطنطنيه شهر ۾ پناهه ورتو. بالشيوڪ دشمن سفيد فوجن کي اوڀر روس ۾ به تباهه ڪُن شڪست پلئه پئي. ٽوڙيل ڊوما جي ڪجهه سوشلسٽ ميمبرن جي هڪڙي هٿياربند ٽولي سائبريا جي سمارا شهر ۾ بالشيووڪ مخالف حڪومت ٺاهي، تنهن کي چيڪوسِلاويڪيا جي فوج جي حمايت حاصل هئي، ڇو ته انهيءَ چيڪ فوج ٽرانس سائيبريا واري علائقي تي پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو هو. سيپٽمبر 1918ع ۾ سمارا واري بالشيوڪ مخالف حڪومت، سائبريا جي اومسڪ شهر ۾ قائم قدامت پرست حڪومت ۾ ضم ٿي وئي ۽ چند هفتن اندر اها حڪومت پڻ بالشيووڪ دشمن ايڊمرل ڪولچاڪ جي ڊڪٽيٽر حڪومت جي قبضي ۾ اچي وئي. جيتوڻيڪ ڪولچاڪ وارو ڪميونسٽ دشمن لشڪر شروع ۾ سوڀارو ٿيندو، اوڀر روس جي گهڻي علائقي تي قابض رهيو، پر جنوري 1920ع کان اڳ ئي بالشيوڪ فوج روس جي ڏور اوڀر علائقي ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. سن 1920ع ۾ ولاڊيواتسڪ شهر کان سواءِ باقي سمورو سائبريا بالشيوڪ حڪومت جي قبضي هيٺ اچي چڪو هو پر روس دشمن اتحادي مُلڪن برطانيه، فرانس ۽ آمريڪا جي گڏيل فوجن طرفان ٿيل بيجا مداخلت سبب روس ۾ هلندڙ گهرو ويڙه کي طويل ۽ وڌيڪ پيچيده بنائي وڌو. اتحادي فوجن، جرمني طرفان اتحادي ملڪن جي مال خانن تي قبضو ڪرڻ جي خدشي جو بهانو بنائيندي مارچ 1918ع ۾ مُرمانِسڪ تي ۽ ان کان پوءِ ارخانجلسڪ تي قبضو ڪري ورتو. بالشيووڪ فوجن اهي علائقا اتحادي فوجن کان نومبر 1919ع ۾ خالي ڪرايا. اتحادي فوجن وِلاڊيواسٽڪ تي به قبضو ڪيو هو پر جپان کانئن ڦري 1922ع تائين اتي قابض رهيو. بالشيووڪ فوج جي فتح ٻن سببن جي ڪري ممڪن ٿي. هڪ اهو ته مختلف ڪميونسٽ دشمن فوجن جو پاڻ ۾ ۽ هڪٻئي سان گهربل باهمي تعاون ۽ مدد جو فقدان هو ۽ ٻيو اهو ته ٽراٽسڪي جو وزير جنگ ٿيڻ کان پوءِ ڪميونسٽ ڳاڙهي فوج کي حالتن جي تقاضا موجب، نئين سر منظم ۽ مضبوط ڪيو ويو. نيٺ اها گهرو ويڙه بالشيوڪ ڳاڙهي فوج کٽي، پر ان لاءِ تمام وڏي قرباني ڏني وئي. سن 1920 تائين روس تباه ۽ برباد ٿي چڪو هو.


    ليگ آف نيشنس جو قيام

    بين الاقوامي سطح تي گهربل تعاون واسطي، پهرين عالمگير لڙائيءَ ۾ شامل اتحادي ملڪ، جيڪي انهيءَ جنگ ۾ سوڀارا ٿيا هئا، انهن، خاص ڪري آمريڪا ۽ برطانيه جي ڪوشش سان، دنيا جي ملڪن جي اها بين الاقوامي تنطيم ”ليگ آف نيشنس قومن جي جماعت“ جي نالي سان پهرين عالمي جنگ کان پوءِ قائم ڪئي وئي. انهيءَ جنگ دوران آمريڪا ۽ برطانيه ۾ اثر رسوخ وارن ماڻهن ۽ گروپن اهڙي قسم جي تنظيم جي قيام لاءِ زور ڀريو ۽ آمريڪا جي صدر وڊرو وِلسن انهيءَ تنظيم جي قيام واري راءِ جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ چيو ته اهڙي عالمي تنظيم، جيڪا عالمي سطح تي پيدا ٿيندڙ تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندڙ جنگ کي روڪي سگهي، اهڙي اختيار ۽ طاقت جي حامل هئڻ گهرجي. انهي سلسلي ۾ انهيءَ عالمي تنظيم جي جوڙجڪ، قائدن قانونن ۽ مکيه مقصدن جهڙوڪ: گڏيل يا باهمي سلامتيءَ جي حصول واسطي ليگ جي ميمبر ملڪن مان ڪنهن ملڪ تي حملو ڪندڙ ملڪ کي ليگ جي سمورن ميمبر ملڪن خلاف حملو سمجهيو وڃي ۽ انهيءَ حمله آور ملڪ جي خلاف ليگ جي ميمبر، سمورن ملڪن طرفان گڏيل مزاحمت ڪرڻ، علائقائي تڪرارن جي نبيري واسطي، واسطيدار ڌُرين يا ملڪن جي وچ ۾ ثالث يا امين طور فيصلا ڪرڻ، مُهلڪ هٿيارن کي گهٽائڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ ۽ هڪڙي کليل ۽ واضح باهمي پاليسي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ بابت هڪ جامع مسوَدو تيار ڪري، اتحادي ملڪن سن 1919ع ۾ منعقد ٿيل ”پئرس پيس ڪانفرنس“ ۾ ڇنڊ ڇاڻ ۽ تصديق خاطر پيش ڪيو ويو. انهيءَ مسودي ۾ ”ليگ آف نيشنس“ جي جوڙجڪ جي حوالي سان، هڪ اسيمبليءَ جو قيام، جنهن ۾ ليگ جي سمورن ميمبر ملڪن جا عيوضي پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندا، هڪ اعليٰ ڪائونسل جو قيام، جنهن ۾ سمورا اتحادي ملڪ مستقل يا دائمي ميمبر هوندا ۽ مقرر محدود، عرصي لاءِ گهربل ميمبر، ليگ جي باقي ٻين ميمبر ملڪن مان چونڊي مقرر ڪيا ويندا، ۽ ليگ جو انتظام هلائڻ لاءِ هڪڙو دفتر، آفيس يا هيڊ ڪوارٽر، سيڪريٽريٽ جي شڪل ۾ قائم ڪرڻ ۽ ان جو مُک منتظم سيڪريٽري جنرل طور ليگ جي ميمبر ملڪن طرفان مقرر عرصي لاءِ چونڊي مقرر ڪيو ويندو. ان کان سواءِ ليگ طرفان هڪڙي عالمي عدالت قائم ڪرڻ، جيڪا مستقل طور تي ڪم ڪندي رهندي ۽ اها مستقل عالمي عدالت هڪڙو گهربل نظام پڻ قائم ڪندي، جنهن مطابق ايشيا ۽ آفريڪا ۾ موجود بيٺڪون يعني سامراجي قبضي هيٺ علائقا يا ملڪ، مينڊيٽ يعني ليگ طرفان، ليگ جي اتحادي ملڪن کي ملندڙ علائقا يا ملڪ، اتحادي ملڪن جي وچ ۾ ورهائبا. انهيءَ بنياد موجب سن 1920ع ۾ ليگ جو دفتر يا هيڊ ڪوارٽر سوئزرلينڊ جي جنيوا شهر ۾ قائم ڪيو ويو. سر سلطان محمد آغا خان کي ”ليگ آف نيشنس“ جو صدر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه غير ميمبر مُلڪَن کي شامل ڪري کين ليگ جو ميمبر بنايو ويو،جڏهن ته غير جانبدار يعني جنگ ۾ شامل نه ٿيل ملڪن کي في الحال ليگ جي اسيمبليءَ جي رُڪنيت ڪو نه ڏني وئي. ان کان سواءِ ليگ جي ميمبر ملڪن جي مخالف ۽ دشمن ملڪن کي پڻ رُڪنيت کان پري رکيو ويو.انهيءَ سال ليگ جي اڳيان مذڪور مقاصد جي حصول کان سواءِ، ان جي اختيار جي مخالفت يا ڌمڪي وغيره جهڙو ڪو مسئلو پيش ڪو نه آيو. البت، جڏهن آمريڪي ڪانگريس يا قومي اسيمبلي، ليگ ۾آمريڪا جي رڪنيت منظور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي پئي، تڏهن ليگ سان بيوفائي ڪري، آمريڪا ئي ليگ کي وڏو ڌچڪو رسايو. ليگ جي اهم مقصدن مان هڪڙو ملڪن طرفان ٿيندڙ حملن کي ٽاري، پهرين عالمي جنگ کان پوءِ ملڪن ۽ قومن جي آزاد يا غلام حيثيت کي، جيئن جو تيئن برقرار رکڻ هو. سن 1930ع ۾ ليگ مان غير مطمئن قومن، جهڙوڪ: جپان، اِٽلي ۽ جرمني، مٿي ڄاڻايل آزاد يا غلام ملڪن جي حيثيت جيئن جو تيئن برقرار رکڻ واري فيصلي کي قبول ڪو نه ڪيو ۽ انهيءِ کي سندن حق ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ، انهيءَ فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي، پنهنجي مخالف قومن جي خلاف جنگي حملا ڪرڻ لڳا. تڏهن ليگ جي اتحادي طاقتور ملڪن، ليگ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪا خاص دلچسپي ڪا نه ڏيکاري ۽ ليگ کي ان وقت نه ايترو اختيار هو، نه ئي وٽس سرڪش قومن کي اڳرائي ڪرڻ کان روڪڻ واسطي گهربل قوت مُيَسر هئي. تنهن سبب ليگ تڏهن لاچار ٿي پئي. جپان طرفان منچوريا ۽ چين ۾ والار ڪرڻ، اٽلي جو ايٿوپيا تي قبضو ٿيڻ ۽ جرمنيءَ جو ورسيلز، فرانس ۾ ٿيل ٺاهه تان ڦري وڃڻ واري مجموعي طور پيدا ٿيل مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي، ضابطي هيٺ رکي سگهڻ جي طاقت ۽ اختيار نه هئڻ ڪري، ٻي عالمي جنگ دوران ليگ آف نيشنس لاچار ٿي خاموشي اختيار ڪئي ۽ پنهنجو ڪار وهنوار ٺپ ڪري ڇڏيو. انهيءَ ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ ليگ آف نيشنس جي جاءِ تي ”يونائيٽيڊ نيشنس آرگنائيزيشن“ وجو د ۾ آندي وئي. انهيءَ نئين اداري يعني ”اقوام متحده“ جو ڍانچو، جوڙجڪ، مقصدن جو وچور، اصول، قائدا ۽ قانون، توڙي انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل حڪمت عملي ۽ ڪم ڪار لاءِ ڪارروائي ڪرڻ ۽ گهربل اُپاء وٺڻ وارا طور طريقا سمورا ساڳيا ”ليگ آف نيشنس“ وارا ئي تسليم ۽ اختيار ڪيا ويا ۽ استعمال ڪيا ويا.


    ويٽنام جي آزاديءَ جي جنگ

    ويهين عيسوي صدي شروع ٿيڻ کان ترت پوءِ ويٽنام ۾ هڪ جديد قومي تحريڪ شروع ٿي، جنهن جو مقبول اڳواڻ، فان بوئي چائو هو. تنهن جي اُسرڻ سان روايتي حزب اختلاف، جديد قوم پرست قيادت خاطر راهه عمل هموار ڪئي. انهيءَ جديد قوم پرست قيادت ويٽنام تي فرانس جي سامراجي تسلط کي ته رد ڪيو، پر مغربي افڪار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي قبول ۽ اختيار ڪيو. روايتاً شاهه پسند هئڻ جي باوجود، چائو پنهنجي دور جو هڪ جديد مفڪر هو ۽ سندس عزم هو ته ويٽنام هڪ جديد، ترقي پسند ۽ آزاد رياست جي صورت اختيار ڪري. چائو، ملڪ جي سربراهي لاءِ ويٽنام جي اڳوڻي شاهي خاندان جي هڪ برجستي فرد شهزادي چئونگ ڊِي کي چونڊيو. سن 1905ع ۾ چائو جپان ويو. تنهن جي پويان شهزادو چُئونگ به 1906ع ۾ اوڏانهن ويو. ويٽنام کي جديد بنائڻ ۽ آزاد ڪرائڻ خاطر، هنن گڏجي جپان ۾ هڪ تنظيم قائم ڪئي، تنهن ڪجهه سياستدان ۽ ڪئين سئو ويٽنامي نوجوان ، لڪچوريءَ جپان گهرايا، انهن کي جديد سائنسي ۽ سماجي علم سيکاريا ويا. کين سياسي تعليم، پرچار ڪرڻ جو هنر ۽ فوجي سکيا ڏني وئي چائو جي انقلابي لکڻين کان متاثر ٿي قوم پرست عالمن ۽ اديبن 1907ع ۾ هنوئي شهر ۾ هڪڙو خيراتي اسڪول کوليو، جيڪو جَلدِ ئي فرينچ مُخالف مرڪز جي صورت اختيار ڪري ويو، تنهن ڪري چند مهينن اندر سرڪار اهو اسڪول بند ڪرائي ڇڏيو. پر چائو جي ڪارڪنن، سن 1908ع ۾ فرينچ سامراج طرفان مڙهيل ڳرن ٽيڪسن خلاف، ملڪ جي مکيه شهرن ۾ عوام طرفان جلوس ۽ جلسا شروع ڪرايا. پُراڻن رواجن ۽ رسمن کي ترڪ ڪندي، ڊگهن وارن کي ڪترائڻ واري مهم شروع ڪئي وئي، ڇو ته ويٽنام ۾ عورتن وانگر مرد به ڊگها وار رکندا هئا. اها مهم ٿوري ئي وقت ۾ سموري ملڪ ۾ پکڙجي وئي ۽ ڪامياب ٿي. سرڪار جي خلاف احتجاج ڪندڙن ۽ خصوصاً احتجاج منظم ڪندڙ اڳواڻن ۽ سرگرم ڪارڪنن کي سَوَن جي تعداد ۾ گرفتار ڪري، منجهائن ڪجهه قتل ڪيا ويا. باقي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پائولو ڪونڊور نالي ٻيٽ ۾ فرينچ سامراج جي قائم ڪيل ڪَنسَنَٽِريشَنَ ڪيمپ يعني تشدد گاهه يا اذيتناڪيءَ واري جيل ۾ قيد ڪيو ويو.جپان کي قرض ڏيڻ کان پوءِ فرانس جي سامراجي حڪومت جپان تي زور ڀريو، تنهن ڪري جپان 1910ع ۾ چائو ۽ شهزادي، چئونگ کي جپان مان نيڪالي ڏني، تڏهن اُهي وري چين ويا ۽ 1912ع ۾ اُتي ويٽنام جي جلاوطن عوامي حڪومت قائم ڪيائون ۽ شهزادو چُئونگ انهيءَ جلاوطن حڪومت جو صدر نامزد ڪيو ويو. فرينچن کان ويٽنام جي آزادي حاصل ڪرڻ خاطر، چائو ڪجهه مختلف قوم پرست ويٽنامي سياسي گروپن جو اتحاد به جوڙيو هو. انهيءَ صورتحال کان خائف ٿيندي، چيني موقعي پرست حڪمرانن کي برغلائي، فرينچ سامراجين چائو کي چين جي حڪومت هٿان ئي قيد ڪرايو،جيڪو ڏکڻ چين ۾ انقلابي ڌُر جي ڪاميابيءَ کان پوءِ 1917ع ۾ آزاد ٿيو ۽ اتي آزاديءَ جي جدوجهد جاري رکي، پر اها جدوجهد پهرين عالمي لڙائي جي خاتمي کان پوءِ تيزيءَ سان زوال جو شڪار ٿي وئي. 1925ع ۾ چائو کي فرينچ سامراجين جي ڇاڙتن، چين جي شهر شانگهائي مان اغوا ڪري، ويٽنام آندو، جتي سامراجي سرڪار کيس موت جي سزا ٻُڌائي، پر فرينچ گورنر جنرل، وارينِ موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ۽ کيس هِيُو شهر ۾ سندس گهر اندر نطر بند رکيو، جتي مسلسل پندرهن سال نظر بند رهندي، هو 1940ع ۾ گذاري ويو. چائو جي نظر بنديءَ دوران، قومي انقلابي تحريڪ کي هڪڙي ٻئي جلاوطن انقلابي جي رهنمائي حاصل ٿي، تنهن جو نالو نگويين ائي ڪُئو ۽ عرف يعني عام نالو هوچي مِنِهه هو، جيڪو هن سن 1940ع ۾ اختيار ڪيو هو. هوچِي مِنِهه جون 1925ع ۾ ئي ويٽنام جي نوجوان انقلابي طبقي تي مُشتمل هڪڙي انقلابي تنظيم قائم ڪئي هئي، جيڪا ويٽنام جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪز يا شهرڳ واري حيثيت جي حامل ٿي پئي. هوچِي مِنِهه 1912ع ۾ بحري جهاز جي مزدور يا خلاصيءَ جي حيثيت ۾ ويٽنام ڇڏيو ۽ 1917ع ۾ پئرس ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان اڳ، ڳچ مُلڪن جو سير ۽ سفر ڪيو هو. هن 1920ع ۾ فرانس جي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪيترائي سال رُوس ۽ چين ۾ گذاريا. وقت جي ڳُجهين انقلابي تنظيمن ۾ سڀني کان وڌيڪ اثر انداز ٿيندڙ، پنهنجي انقلابي تنظيم جي تشڪيل کان پوءِ، هو سن 1930ع ۾ هڪ ٻئي سان مد مقابل، مختلف ڪميونسٽ گروپن منجهان ئي، تجربي جي بنياد تي ”اِنڊو چائنا ڪميونسٽ پارٽي“ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ويٽنام جي سامراجي حڪومت ۽ ملڪي غدار حاڪم طبقن جي اِستحصال ۽ ظُلم سبب ملڪ ۾ پيدا ٿيل هٿرادي ڏڪار خلاف، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ سموري هاري طبقي، مئي جي مهيني دوران سموري مُلڪ ۾ منظم احتجاج ۽ انقلاب برپا ڪري، ڪيترن ئي ظالم ڪامورن ۽ جاگيردارن کي قتل ڪري، ملڪ جي ڳچ پرڳڻن ۾ روسي انقلاب جي موافق سوويٽ حڪومت قائم ڪئي. تنهن انقلابي حڪومت کي ختم ڪري، پنهنجي اڳوڻي بيٺڪي نظام کي بحال ڪرڻ ۾، فرينچ سامراجين کي ذري گهٽ هڪ سال لڳي ويو! اُنهيءَ عرصي دوران سامراجي سرڪار، سفاڪي، دهشتگردي، قتل عام ۽ غارتگريءَ جي جابرانه ڪارروائين کي تمام وڏي پيماني تي جاري رکيو. اڳوڻين سياسي پارٽين ۽ قوم پرست تنظيمن ۽ گروهن جي ابتڙ، ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي سِکيا ۽ سياسي تعليم يافته سچن انقلابي ڪارڪنن جي حقيقي جدوجهد سبب، نه فقط پاڻ کي بچائي وئي، پر 1937ع ۾ فرينچ سامراج طرفان سندن بيٺڪن جي قومن کي ملندڙ نالي ماتر سياسي آزادين/حقن کي استعمال ڪندي قانوني طور تسليم ٿيڻ جوڳيون سياسي تنظيمون ٺاهڻ لاءِ حقيقي انقلابي لياقت ڪتب آڻيندي، اهڙو ته انقلابي پرچار ڪيو، جنهن ڪري ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ سموري عالم اديب لڏي ۽ پورهيت طبقي يعني هاري ۽ مزدور طبقي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اثر وڌيو ۽ ان جي ساک قائم ٿي. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر ملڪ اندر موجود سامراج نواز مذهبي سياسي پارٽين ۽ مُلڪ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ موجود سامراج نواز مذهبي سياسي پارٽين ۽ مُلڪ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ موجود، ٽراٽسڪيءَ جي پوئلڳ نقلي انقلابين سان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي باهمي ڇڪتاڻ وڌي ۽ برقرار رهي. پر جڏهن 1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ چالو ٿيڻ سبب، سامراجين وري به سمورن سياسي حقن کي معطل ڪري ڇڏيو تڏهن انهيءَ سخت ڪٺن صورتحال دوران پنهنجي منظم جوڙجڪ، مناسب نظرياتي تعليم، فولادي ضابطي ۽ حقيقي انقلابي قيادت سبب، قومي آزاديءَ لاءِ ڪوشان،سمورين سياسي پارٽين جي ڀيٽ ۾ هيءَ واحد ڪميونسٽ پارٽي، سڀني کان وڌيڪ حقيقي ۽ اثر انداز انقلابي پارٽيءَ طور قومي توڙي پورهيت انقلابي جدوجهد ۾ مشغول هئي. ٻي عالمي لڙائيءَ دوران ويٽنام تي حڪومت فرانس ٿي ڪئي، پر اها حڪومت جپان جي اجازت سان قائم ٿيل هئي، ڇو ته تڏهن ويٽنام تي فرانس نه پر جپان جو سامراجي قبضو هو. ٻي عالمي جنگ ۾ 1940ع ۾ جپان، اِٽلي ۽ آسٽريا جي اتحادي، طاقتور يورپي ملڪ جرمني هِٽلر جي قيادت ۾ فرانس تي قبضو ڪري ورتو. تڏهن 22 سيپٽمبر 1940ع ۾ ويٽنام ۾ مقرر فرينچ گورنر جنرل، ايڊم جين ڊڪوڪِس، جپان سان هڪڙو ٺاهه ڪيو، جنهن پٽاندر جنگ دوران ويٽنام ۾ جپان جي ٽيهه هزار فوج رهڻ ۽ مُلڪ جي سمورن هوائي ۽ فوجي اڏن کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. انهيءَ تحت جپان لاءِ سموري ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ فوجي ڪاروائين لاءِ ويٽنام اهم ترين علائقو ٿي پيو. ويٽنام ۾ قائم فرينچ حڪومت، جپان سان مڪمل تعاون ڪرڻ سبب جنگ وارو سمورو عرصو برقرار رهي، پر جنگ جي پڇاڙيءَ ۾ جرمنيءَ جو روس هٿان پسپا ٿيڻ سبب، فرانس تان قبضو ختم ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي حيثيت ڪمزور محسوس ڪندي، جپان مارچ 1945ع ۾ ويٽنام ۾ قائم فرينچ حڪومت کي ڊاهي، فرينچن کان هٿيار کسي ورتا، تڏهن فرينچن طرفان نالي ۾ نهال نامزد ڪيل شهنشاهه، مائوڊائي، جپان جي اجازت سان، پنهنجي وطن ويٽنام جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ قومي حڪومت ٺاهي، پر حقيقي اقتدار/ اختيار جپاني فوج وٽ هو. جنگ واري تقريباً سموري عرصي دوران ويٽنام جي آزاديءَ واري تحريڪ، ڏکڻ چين ۾ گڏ ٿيل جلاوطن انقلابي گروپن جي سرگرمين تائين محدود رهي، جتي هو چِي مِنهه مئي 1941ع ۾ مختلف انقلابي ۽ قوم پرست سياسي گروهن تي مشتمل ”ويٽنام ڊوءِ ليپ ڊونگ مِنهه هوئي“ نالي قومي محاذ آزادي جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اهو محاذ پوءِ ”ويٽ مِنهه“ سڏجڻ لڳو. انهيءَ محاذ جي اڳواڻي ڪميونسٽ پارٽي ڪري رهي هئي. انقلاب/ آزادي دشمن چيني حڪومت جي دٻاء تحت، ”ڊونگ مِنههِ هوئي“ يعني ”ويٽنام ريوليوشنري ليگ“ نالي، ڪميونسٽ قيادت واري محاذ جي خلاف هڪڙو سياسي اتحاد جوڙيو ويو ۽ چيني انقلاب دشمن حڪمران چيانگ ڪائي شيڪ جي حڪم سان هوچي مِنِهه کي قيد ڪيو ويو،پر انهيءَ آزادي / انقلاب دشمن اتحاد جي سراسر غير موثر ۽ ناڪامِ رهڻ سبب چين توڙي آمريڪا کي ويٽنام ۾ جپاني فوج بابت جاسوسي ڪرڻ جي ضرورت ۽ ويٽنام ۾ ڪيرايل جهازن وارن پائلٽن کي بچائڻ ڪارڻ گهربل مدد جي ضرورت مطابق چيني توڙي آمريڪي، سندن جوڙيل انقلاب دشمن محاذ بدران ڪميونسٽ قيادت واري محاذ تي ڏينهون ڏينهن انحصار وڌائڻ شروع ڪري ڏنو. ”وونگيويين“ هوچي منهه جي قيد واري عرصي دوران ويٽ مِنهه جي اڳواڻي ڪندي، اُتر ٽونگ ڪِنگ واري علائقي ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ گوريلا مجاهدن جا گهربل جٿا منظم ڪري، جدوجهد ۾ مشغول رکيا، جيڪي سندن انقلابي مقصد جي حصول خاطر، آمريڪا ۽ چين کي گهربل معلومات به ڏيندا رهيا. انهيءَ ڪردار جي طفيل هوچي منهه کي 1943ع ۾ آزاد ڪيو ويو ۽ چين طرفان قائم ڪيل نقلي انقلابي تنظيم ”ڊونگ منهه هوئي،“ جو اڳواڻ مقرر ڪري، ويٽنام ۾ جپاني سامراج خلاف وڙهڻ لاءِ آمريڪا کيس هٿيار ڏنا ۽ مالي مدد به ڪئي. انهيءَ حيثيت ۾ هوچي مِنهه، آزادي ۽ انقلاب لاءِ پنهنجي اصل تنظيم ”ويٽ مِنهِه“ کي وڌيڪ منظم ،موثر ۽ مضبوط بنايو ۽ پاڻ آڪٽوبر 1944ع ۾ويٽنام اندر داخل ٿي ويو. جڏهن جپان 1945ع جي آگسٽ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃي، تڏهن ”ويٽ مِنِهه“ ويٽنام ۾ عام بغاوت جو سڏ ڏنو ۽ مُلڪ ۾ سياسي طور سڀني کان وڌيڪ منظم، مضبوط ۽ عملي طور هٿياربند جدوجهد ۾ مصروف انقلابي تنظيم جي واضح حيثيت ۾، آگسٽ 1945ع جي پوئين اڌ دوران هنو ئي شهر ۾، ڪنهن خاص مقابلي يا مخالفت کان سواءِ ئي اقتدار حاصل ڪيو ۽ 22 آگسٽ 1945ع تي بائوڊائي جي قائم ڪيل حڪومت مستعفي ٿي. شهنشاهه خود پاڻ ئي هنوئي شهر ۾ هوچي منهه جي قائم ڪيل حڪومت جي فائدي ۾، ان کي تسليم ڪندي، شهنشاهت تان هٿ کڻي ويو. 25 آگسٽ 1945ع تي ڏکڻ ويٽنام واري عبوري بااختيار ڪميٽي، جيڪا سائيگان شهر ۾ مقرر ٿيل هئي ۽ ويٽ منهه جي ماتحت هئي، اها هنوئي ۾ قائم ڪيل انقلابي قومي حڪومت جي ماتحت ٿي ڪم ڪرڻ لڳي. 20 سيپٽمبر 1945ع ۾ جڏهن هوچي مِنِهه ويٽنام جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو، تڏهن اها حقيقت ظاهر ٿي ته ويٽنام جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ سمورين سياسي پارٽين ۽ تنظيمن جي ڀيٽ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ مکيه، اهم فيصله ڪُن ۽ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو،تنهن ڪري اقتدار ۾ به کيس سبقت حاصل رهي. فرانس جي خواهش هئي ته اهو ويٽنام تي وري به سامراجي تسلط قائم ڪري، پر اهو في الحال اتي قابض ٿيڻ کان قاصر هو. ٻئي طرف ويٽنام جي سڀني ڪميونسٽ مخالف سياسي پارٽين ۽ تنظيمن، سڄي ملڪ ۾ ڪميونسٽن پاران اقتدار تي قبضو مضبوط ڪرڻ کان ڪميونسٽن کي روڪڻ لاءِ ڪميونسٽن جي سخت مخالفت ۽ شديد مزاحمت جاري رکي ۽ فرانس ويٽنام جي آزادي کي تسليم نه ڪيو. هن ويٽنام جي انقلابي حڪومت مخالف ڌُرين جي حمايت ۽ مدد ڪئي. جڏهن ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ کٽندڙ اتحادي ملڪن طرفان ٿيل ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته برطانيا جپاني فوجين کي ڏکڻ ويٽنام ۾ هٿيار ڇڏائي ۽ چين انهن کان اتر ويٽنام ۾ هٿيار ڦِٽا ڪرائي، تڏهن چين نه چاهيو ته فرانس وري به ويٽنام تي قابض ٿئي. تنهنڪري چيني هٿياربند فوج سيپٽمبر 1945ع ۾ ويٽنام جي نانگ ڪِنگ واري علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هوچي منهه واري انقلابي حڪومت ۾ ڪو به خلل پيدا ڪو نه ڪيو. ٻئي طرف 12 سيپٽمبر 1945ع ۾ برطانوي فوج ڏکڻ ويٽنام ۾ داخل ٿي، جپانين وٽ قيد فرينچ فوج کي نه فقط آزاد ڪرايو،پر کين هٿيار بند ڪري ويٽنام ۾ مقامي قومي عبوري حڪومت کي ڀڄائي ڪڍڻ ۽ فرينچ اقتدار بحال ڪرڻ لاءِ فرينچ فوج جي ڀرپور مدد ڪئي. 23 سيپٽمبر 1945ع ۾ فرينچ فوج مقامي قومي حڪومت جي خلاف ڀرپور پيشقدمي شروع ڪئي ۽ ٿوري ئي وقت اندر سائيگان شهر تي قبضو ڪري، قومي حڪومت ڊاهي، سمورين ويٽنامي سياسي پارٽين کي نئين سر فرينچ تسلط خلاف مزاحمت ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو. 1946ع ۾ فرينچ فوج ڏکڻ ويٽنام جي اڪثر شهرن ۽ شاهراهن کي قبضي هيٺ آندو، پر ڏکڻ انام ۽ ڪوڇن وارن اهم علائقن ۾ اها هٿياربند گوريلا لڙائي، مزاحمت ۽ مقابلي ۾ ڦاٿل رهي. انهيءَ فرينچ مخالف گوريلا جدوجهد کي اتر ويٽنام واري انقلابي حڪومت جي اخلاقي ۽ مالي مدد حاصل هُئي. سڄي ويٽنام تي يڪدم قبضو نه ڪري سگهڻ سبب، ڏکڻ ويٽنام تي وري قابض ٿيندڙ فرينچن، اتر ويٽنام واري انقلابي حڪومت سان مصلحتي ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تنهن موجب مارچ 1946ع ۾ اتر ويٽنام جي اڳواڻ هوچي مِنهه ۽ فرينچ جنرل جين سينٽين جي وچ ۾ هڪ اقرار نامون ٿيو. ته جڏهن اتر ويٽنام جي انقلابي حڪومت سندس ڏهه هزار فوج کي پندرهن هزار فرينچ فوج سان گڏ، فرينچ فوج جي اختيار هيٺ هنوئي، هائي فونگ ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ رهڻ جي عملاً اجازت ڏيندي، ته ان جي بدلي فرانس، فرينچ يونين ۾ شامل ويٽنام جي رياست کي آزاد رياست طور تسليم ڪندو، پنجساله قسطن جي صورت ۾ پنهنجي سموري فوج ويٽنام مان ڪڍي ويندو ۽ ڪوڇن چائنا يعني تقريباً سڄي ڏکڻ ويٽنام کي راء شماريءَ ذريعي ويٽنام رياست جي حصي طور ويٽنام رياست ۾ ضم ٿيڻ جي موڪل ڏيندو. انهيءَ سمجهوتي جي روشنيءَ ۾ چين ۽ فرانس جي وچ ۾ به هڪ عهد نامون ٿيو ته فرانس چيني فوجي دستن کي پهرين ۽ پندرهين مارچ جي وچ ۾ آزاد ڪري ڇڏيندو ۽ چين ۾ سندس (فرانس) جي قبضي هيٺ سمورن علائقن، مال ملڪيت ۽ اختيارن تان دست بردار ٿيندو. انهيءَ وقت اُتَر ويٽنام ۾ قائم حڪومت. ڪميونسٽن ۽ ڪميونسٽ مخالف قوم پرست تنظيمن جي اتحاد سان قائم ڪيل هڪڙي مخلوط حڪومت هئي، تنهن جي اڳواڻي، هوچي مِنهِه، چين جي حمايت برقرار رهڻ خاطر قبول ڪئي. مذڪور ڳنڀير صورتحال کي محسوس ڪندي هوچي منهه نومبر 1945ع ۾ ئي، پنهنجي ڪميونسٽ پارٽي جي خاتمي جو سرڪاري طرح اعلان ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ سمجهوتي تحت چين نواز ڪميونسٽ مخالف قوم پرست پارٽين کي جنوري 1946ع ۾ ٿيندڙ پارليامينٽري چونڊن ۾ 380 سيٽن مان، گهربل ووٽ نه کڻڻ جي باوجود ستر سيٽون ڏيڻ جوواعدو ڪيو. جڏهن چين نواز قوم پرست پارٽين مارچ ۾ ٿيل فرانس۽ ويٽنام واري معاهدي کي رد ڪندي فرينچن خلاف بيجا پرچار چالو ڪيو ته فرينچن 18 مارچ 1946ع ۾ هنوئي شهر ۾ اچڻ کان پوءِ انهن ڪميونسٽ مخالف، چين نواز قوم پرست تنظيمن کي دٻائڻ خاطر اتر ويٽنام جي انقلابي حڪومت جي ڀرپور مدد ڪئي. چيني فوج ويٽنام ۾ موجود هئڻ جي باوجود چين نواز قومپرست پارٽين جي مدد ڪرڻ جي قابل نه رهي ۽ اهي چين نواز ڪميونسٽ مخالف قوم پرست ويڙهاڪ ٽولا پنهنجي قبضي وارن علائقن مان پسپا ۽ دستبردار ٿيندا ويا. سياسي حڪمت عمليءَ تي مُبني هن فرينچ تعاون سبب ويٽنام ۽ فرانس جي وچ ۾ حقيقي اختلاف ختم ٿي نه سگهيا. مثلاً فرانس ويٽنام تي ٻيهر سامراجي تسلط مڙهڻ لاءِ ماندو هو، جڏهن ته ويٽنام حقيقي قومي آزادي چاهيندڙ هو. ڪوچن چائنا واري علائقي کي ويٽنام سان ملائڻ جي تياري ڪرڻ واري واعدي جي برخلاف، انڊو چائنا لاءِ مقرر سفير، ڊي آرگينليو، پهرين جون 1946ع ۾ ڪوچن چائنا کي هڪ آزاد رياست هئڻ جو اعلان ڪيو. انهيءَ سامراجي قدم جي خلاف احتجاجاً فرانس ۽ ويٽنام جي وچ ۾ ٿيندڙ لڳو لڳ ٻئي ڪانفرنسون ناڪام ويون. البت سيپٽمبر 1946ع ۾ هوچي مِنهه ۽ فرينچ وزير خارجه، ماريئس موٽيٽ جي وچ ۾ هٿياربند ڇڪتاڻ ملتوي رکڻ جو فيصلو ٿيو پر 23 نومبر 1946ع ۾ فرينچ بحري فوج ڪٺورتا جو رڪارڊ قائم ڪندي ويٽنام جي ساحلي شهر .......... تي ڀيانڪ حملو ڪري، ڇهن هزارن کان به وڌيڪ عام شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو، تڏهن اترويٽنام جي انقلابي حڪومت جي اڳواڻن، خاموش رهڻ بدران، فرينچ سامراج سان مڪمل آزاديءَ لاءِ هڪ ڊگهي جنگ جوٽڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ويٽنام جي حڪومت 19 ڊسمبر 1946ع ۾ هنوئي شهر ۾ موجود فرينچ فوج تي تباهه ڪن حملو ڪري، هند چين علائقي ۾فرينچ سامراج ۽ سندس ساٿارين سان، مڪمل آزاديءَ خاطر ڊگهي جنگ جوٽي ۽ چند هفتن اندر اتر ۽ وچ ويٽنام جي تقريباً سمورن مکيه شهرن ۽ اهم شاهراهن تي موجود فرينچ فوج اتر ويٽنام جي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ اچي وئي. تنهن کان پوءِ اتر ويٽنام جي انقلابي حڪومت، اتر واري جابلو علائقي ۾ پنهنجي ريگيولر فوج جون ڪارروايون في الحال معطل ڪري، تقريباً چئن سالن تائين سڄي ملڪ ۾ گوريلا ويڙهه جاري رکي، ٻهراڙيءَ جي سموري عوام جون همدرديون ۽ تعاون حاصل ڪيو، حڪومت جي گرفت مضبوط رکي ۽ عوام کي سامراج خلاف هلندڙ جنگ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. سن 1949ع ۾ چين ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ کي فتح حاصل ٿيڻ کان پوءِ چين ۾ قائم انقلابي حڪومت طرفان ملندڙ امداد سبب، ويٽنام جي حڪومت جنگ ۾ پيش قدمي ڪندي، چين سان ملندڙ سموري سرحد تي قابض فرينچ فوج کي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1950ع دوران ڀڄائي ڪڍيو، پر فرينچ ڪمانڊر، ليٽر ڊِي، فاسگني 1951ع ۾ پنهنجي فوج کي ڪجهه منظم ۽ مستحڪم ڪيو، آمريڪا طرفان به مالي ۽ فوجي امداد ملڻ جي باوجود فرينچ فوج مجموعي طور حوصلو وڃائي ويٺي ۽ رڳو پاڻ کي بچائڻ ۾ پوري هئي. ان کانسواءِ انهيءَ فوج، ساڻس انقلابي فوج جي طرفان جنگ ڪرڻ جو اصل مقصد يعني فرينچ سامراج کان پنهنجي وطن ويٽنام جي مڪمل آزادي حاصل ڪرڻ واري مقصد کي بلڪل نطر انداز ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري ويٽنام جي مڪمل آزاديءَ جي حصول وارو مقصد، هوچي مِنهه جي قيادت ۾ سامراج دشمن ۽ وطن دوست انقلابي جدوجهد سان ئي واڳيل رهيو، ڇو ته بائوڊائي جي حڪمراني واري عرصي دوران قائم ڪيل فوج به سندس حڪومت وانگر بلڪل غير موثر هئي. سن 1953ع جي آخر ۾ دو آبي جي هيٺئين ڀاڱي کان سواءِ ٽونگ ڪنگ وارو سمورو علائقو، سمورا مرڪزي مٿاهان پَٽ ۽ لائوس جو به ڳچ ڀاڱو هوچي مِنههِ جي قيادت واري سياسي اتحاد، ويٽ مِنِهه جي فوج جي قبضي ۽ اثر هيٺ هو. تنهن کان سواءِ سندن انقلابي گوريلا ۽ مقامي انقلابي مجاهد فورس پڻ ويٽنام جي سموري ساحلي علائقي ۾ ميڪانگ نديءَ واري دو آبي تي قابض هئا. مارچ 1954ع ۾ انقلابي فوج،جنرل جياپ جي قيادت ۾ ڊين بين ڦو واري وڏي فرينچ ڇانوڻي گهيري ۾ آڻي فرينچ فوج کي سخت شڪست ڏئي، وڏي مايوسيءَ جو شڪار بنايو. انهيءَ شڪست سبب فرانس ۾ هند چيني جنگ خلاف عام راءِ وڌڻ لڳي ۽ ويٽنام جي مسئلي جو فوج ڪشيءَ بدران سياسي حل تلاش ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. جڏهن آمريڪي ڪانگريس ڊين بين ڦو واري لرائي ۾ فرانس جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ته لاچار ٿي فرينچ سامراج جنگ ختم ڪرڻ خاطر جنيوا ۾ مُنعقد امن ڪافرنس ۾ ويٽنام جي انقلابي حڪومت سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو. 21 جولاءِ 1954ع ۾ جنيوا ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي فرينچ ۽ ويٽنامي اڳواڻن هڪ ٺاهه تي دستخط ڪيا، جنهن تحت سموري ويٽنام ملڪه کي، ان جي وچ تي موجود 17 پور وڇوٽ ڊگرين وٽ، ٻن فوجي علائقن ۾ ورهايو ويو ۽ جنگبنديءَ جو اعلان ڪيو ويو. انهيءَ ٺاهه ۾ فيصلو ٿيو ته انقلابي فوج اُترئين ڀاڱي تان ۽ فرينچ ۽ نامنهاد ڏکڻ رياستي لشڪر ڏکڻ ويٽنام تان دستبردار ٿيندو. حقيقت ۾ اتر ويٽنام ۾ هوچي مِنهه جي قيادت ۾ قائم ڪيل انقلابي حڪومت، توڙي ويٽنام واري رياست کي چين، روس ۽ روس نواز سمورين رياستن، سن 1950ع ۾ ”ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ويٽنام“ جي نالي سان تسليم ڪيو هو. ويٽ منهه انقلابي اتحاد کي گمان هو ته مڪمل فتح به جلد ئي حاصل ٿيندي، تنهن ڪري هن ٺاهه کي عبوري طور قبول ڪجي ۽ عام چونڊون منعقد ٿين ته 17 پوروڇوٽ ڊگرين واري ورهاست ختم ڪري، يڪي آزاد ويٽنام جي رياست بحال ڪجي. انهيءَ جنگ بنديءَ دوران، جنگ ۾ تباهه ٿيل ملڪ ۾ تعميراتي ڪم شروع ڪيا ويا ۽ ويٽنام جي عوام کي انهن فلاحي ڪمن ۾ قرباني ڏيڻ جي تلقين ۽ ترغيب ڏني وئي. روس، چين ۽ ٻين اشتراڪي ملڪن جي مدد سان ويٽنام جي انقلابي حڪومت صنعتي ڄار وڇائڻ شروع ڪيو. زرعي نظام جديد بنائڻ لاءِ کنيل اوائلي قدمن خلاف مبهم مقامي بغاوت ۽ قدرتي طور اناج جي اڻاٺ کان سواءِ، 1955ع کان 1965ع تائين، اتر ويٽنام جي انقلابي حڪومت کي ڪو به پيچيده سماجي يا سياسي گهوٽالو سامهون نه ٿيو ۽ ملڪ صنعتي ترقي ڪئي. ان جي ڀيٽ ۾ ساڳئي عرصي دوران ڏکڻ ويٽنام ڪيترن ئي سياسي گهوٽالن جو شڪار رهيو. ڏکڻ ويٽنام جي صدر، بائوڊائي 14 جون، 1954ع ۾ ڪيٿولڪ عيسائي مذهبي اڳواڻ، نِگو ڊِنِهه ڊيم کي ڏکڻ ويٽنام ۾ نئين حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني، تنهن هڪ سال ۾ روايتي غير يقيني صورتحال ۾ جدوجهد ڪندي، ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ آمريڪي امداد طفيل پنهنجي ڪميونسٽ دشمن حڪومت مضبوط بنائي. هن سندس فوج مان سمورن فرانس نواز فوجي اڳواڻن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ مقامي طور سياسي ۽ مذهبي آزادي ختم ڪري ڇڏي. هُن اتر ويٽنام مان ڀڄي آيل اٽڪل اڍائي لک باغين کي پڻ ڏکڻ ويٽنام ۾ آباد ڪيو. آڪٽوبر 1955ع ۾ نام نهاد راءِ شماري ذريعي بائو ڊائي کي معزول ڪري نِگو ڊنِهه ڊيم خود پاڻ ملڪ جو صدر ٿي ويٺو. هن نالي ماترزرعي سڌارن جواعلان ڪيو، پر انتظاميه ۾ شامل جاگيردارن ۽ سندن نمائندن انهن سڌارن کي ناڪام بنائي ڇڏيو. ڏکڻ ويٽنام ۾ بااثر انقلابي پارٽي ويٽ منِهه سان لڙائيءَ ۾ هن پوليس ۽ فوج جي تشدد سان گڏ، انقلابي پارٽيءَ جي خلاف ڇتي پروپيگنڊا مهم جاري رکي. آمريڪي امداد جو تقريباً 80 سيڪڙو فوج، جاسوسي ۽ سرڪار جي سيڪيورٽي تي خرچ ٿيڻ لڳو. ٻُڌ مت جي ڀيٽ ۾ ڪيٿولڪ عيسائي مذهب اختيار ڪندڙ ماڻهن کي وڌيڪ رعايتون مهيا ٿيڻ لڳيون. سرڪار جي جابر ڪردار تي تنقيد ڪرڻ جي نتيجي ۾ عالم ۽ اديب لڏي کي سمورن جمهوري ۽ انساني حقن کان محروم رکيو وڃڻ لڳو. فوجي توڙي سِوِل آفيسرن جي ترقيءَ يا وري سزا جو دارومدار صدر ۽ صدر جي خاندان سان وفاداريءَ سان مشروط ٿي ويو. چونڊون مطلق العنان حاڪم مڪمل جانبدارانه ڪرايون. صدر جي ڀاء، ”نِگو ڊِنهِه نِهُو“ هڪ ڳُجهي تنظيم تيار ڪري، ان کان سرڪاري ڪامورن، فوجي عملدارن ۽ معاشري ۾ اهم حيثيت وارن ماڻهن جي خلاف جاسوسي ڪرائڻ لڳو. اهڙي سياسي ۽ سماجي صورتحال، ڪميونسٽ انقلاب لاءِ راه هموار ڪئي، جيڪو اُتي سن 1957ع ۾ چالو ٿي ويو هو. هڪ سال پوءِ صدر ڊيم، جنيوا ٺاهه موجب سڄي ملڪ ۾ ٿيڻ وارين چونڊن کي منعقد ڪرائڻ کان انڪار ڪيو. انهي جابرانه روش عوام توڙي سموري ملازم طبقي ۾ صدر ڊيم لاءِ تمام گهڻي نفرت پيدا ڪئي۽ انقلابي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آندي. تنهن ڪري سن 1963ع ۾ صدر ڊيم واري فوج خود پاڻ ئي صدر ڊيم خلاف قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پهرين نومبر 1963ع ۾ ڊيم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، اقتدار تي پاڻ قابض ٿي. فوجي حملي ۾ ڊيم ۽ سندس ڀاء، نِهوُ کي به قتل ڪيو ويو. فوجي راڄ دوران ڏکڻ ويٽنام ۾ موجود ڪميونسٽ دشمن سياستدان انتهائي انتشار جو شڪار رهيا. جون 1965ع ۾ ايئروائيس مارشل نگُويين ڪائو ڪِي جي قيادت ۾ ڏکڻ ويٽنام ۾ فوج طرفان مڪمل قبضو ٿيڻ کان اڳ، ڏکڻ ويٽنام ۾ لڳاتار (9) نوَ حڪومتون ٺهيون ۽ ڊهيون! فوجي حڪومت پڻ سياسي توڙي انتظامي طور، ڊيم سرڪار کان ڪنهن به صورت ۾ مختلف ڪا نه هُئي. ٻُڌ ويڙهاڪ انقلابين ڊيم جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ فوجي حڪومت سان پڻ سخت ويڙهه ڪئي، پر فوجي حڪومت انقلابي مزاحمت کي في الحال دٻائي ڇڏيو، شهري آزاديون ختم ڪيون ويون، خصوصاً پريس جي آزادي تي مڪمل بندش لڳائي وئي. حزب اختلاف سان واڳيل سياستدانن کي ڪميونسٽن جا مددگار چاڻائي قيد ڪيو ويو. سن 1967ع وارين چونڊن ۾ سڀني کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ عوامي اميدوار، ٽِريونگ ڊِنِهه ڊِزيُو کي ڪامياب قرار ڪو نه ڏنو ويو ۽جنگ بندي خاطر ڪنهن ٺاهه ڪارڻ ڪوشش ڪرڻ سبب، اُلٽو کيس قيد ڪيو ويو.انهن چونڊن ۾ صدر جنرل ٿِئو پاڻ کي زوريءَ ڪامياب قرار ڏنو ۽ پنهنجي آمرانه روَش برقرار رکندي سن 1969ع ۾ سوِيليئن وزير اعظم ”ٽرانوان هونگ“ کي سبڪدوش ڪري، جنرل ٽران ٿِينِ کيِيم کي وزير اعظم بنايو. مطلب ته فوجي حڪمران، ڏکڻ ويٽنام ۾ پنهنجن عوام دشمن ڪُڌن ڪرتوتن ۾ ويران وير وڌ هئا. ٻئي طرف ڪميونسٽ پارٽيءَ جي رهبريءَ تحت قائم ٿيل ويٽنام جي ڪميونسٽ انقلابي فوج جو ڏکڻ ويٽنام اندر سامراج دشمن جدوجهد ۾ مشغول تعداد، ڏيڍ لک کان به وڌي ويو، تنهن ڏکڻ ويٽنام جي سامراجي حڪومت کي سخت حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري فوجي حڪومت عوام تي ظُلم جي باهه ٻاري ڏني. آمريڪي مدد فرينچ سامراجي حڪومت کي 1946ع کان وٺي مُسلسل ملندي رهي، پر 1960ع کان پوءِ آمريڪا پنهنجا فوجي ماهر ۽ هٿياربند فوجون به موڪلڻ شروع ڪيون. سن 1963ع ۾ آمريڪا پنهنجي سترهن هزار فوج ۽ گن شِپ هيليڪاپٽر ڏکڻ ويٽنام موڪليا. اهڙيءَ طرح آمريڪا ويٽنام ۾ آزادي ۽ انقلاب لاءِ هلندڙ جنگ خلاف نه فقط سِڌي ريت شريڪ ٿيو پر هن ويٽنام جي آزاديءَ ۽ انقلاب جي مخالف سامراجي جنگ جي اڳواڻي ڪئي. ڪميونسٽ فوج جي پيشقدمي روڪي نه سگهڻ سبب آمريڪي صدر جانسن، فيبروري 1965ع ۾ اُتر ويٽنام تي بمباري ڪرائي، ته جيئن اُتان کان هٿيار ۽ گوريلا ڏکڻ ويٽنام ۾ اچي نه سگهن، پر سندس خواهش پوري ڪا نه ٿي. ڏکڻ ويٽنام کي، اتر ويٽنام هٿيارن سميت مالي توڙي جاني مدد مسلسل ڏيندو رهيو. اُتر ويٽنام تي ٿيل آمريڪي بمباري ناڪام ثابت ٿي. اُٽلو آزاد جمهوري دنيا ۾ آمريڪا خوار ٿيو. آمريڪي بمباريءَ کان مهينو کن پوءِ اُتر ويٽنام جي انقلابي حڪومت، ويٽ ڪانگ يعني ڏکڻ ويٽنام ۾ وڙهندڙ انقلابي فوج جي مدد لاءِ پنهنجي فوج موڪلڻ شروع ڪئي، تڏهن اتر ويٽنام جي بحري فوج تي آمريڪي بحري ٻيڙي تي بمباري ڪرڻ جو ڪوڙو الزام لڳائي، آمريڪا اتر ويٽنام جي بحري جهازن تي آبدوزن سان حملو ڪيو ۽ گهڻو نقصان رسايو. 7 مارچ 1965ع ۾ ڏکڻ ويٽنام جي ساحلي شهر ڊِآئنگ ۾آمريڪا پنهنجي ساڍا ٽي هزار بحري فوج لاٿي ۽ جولاءِ واري مهيني ۾ آمريڪي ويڙهاڪ فوج جو ڏکڻ ويٽنام ۾ تعداد پنجهتر هزار تائين وڌي ويو. آمريڪا تڏهن کان وٺي ڏکڻ ويٽنام ۾ هر مهيني پنهنجي فوج جو تعداد وڌائيندو ويو، جيڪو 1968ع جي شروعات ۾ پنج لک ڏهه هزار ٿي ويو. اها پنج لک ڏهه هزار آمريڪي فوج، ڏکڻ ويٽنام جي ڇهه لک سرڪاري فوج،ڏکڻ ڪوريا جي پنجاهه هزار فوج، اٽڪل ايتري ئي تعداد ۾ آسٽريليا، نيوزي لينڊ ۽ ٿائي لينڊ جي فوج ۽ سوين هزارن جي تعداد ۾ مقامي، ۽ علاقائي وطن دشمن، عوام دشمن ۽ غدار مجاهد فورس، آمريڪي فوج جي قيادت ۾ مٿي ڄاڻايل سمورن ملڪن جي تقريباً تيرهن لکن کان وڌيڪ جديد هٿيارن سان ليس فوج سامراجي مقصد جي حصول ڪارڻ مڪمل طور ناجائز ۽ جابرانه جنگ وڙهڻ لاءِ ڏکڻ ويٽنام ۾ آندي وئي، اها ويٽنام جي وطن دوست انقلابي فوج، ويٽ ڪانگ سان نبردآزما هئي، پر انقلابي فوج مٿين سڀني ملڪن جي گڏيل سامراجي فوج جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، ڇو ته حقيقي وطن دوست انقلابي جذبي سان ٽمٽار گوريلا ڪاروائين، سامراجي فوجين جون متيون منجهائي ڇڏيون. انهيءَ وقت جي انگن اکرن موجب اتر ويٽنام جي ريگيولر فوج جو ڏکڻ ويٽنام ۾ تعداد پنجاهه هزار کن هو، جيڪو ٻه لک ٽيهه هزار ويٽ ڪانگ گوريلن سان گڏ تيرهن لکن کان به وڌيڪ تعداد ۾ ڪميونسٽ دشمن سامراجي فوجين سان انقلابي جنگ ۾ مشغول هو. اتر ويٽنام تي لڳاتار ٽن سالن تائين هاڃيڪار بمباري ڪندي ۽ جديد ترين هٿيارن سان ليس، ڏکڻ ويٽنام ۾ ڇتي ويڙهه وڙهندي آمريڪا اتر توڙي ڏکڻ يعني سڄي ويٽنام کي معروضي طور ته تباهه ڪري ڇڏيو، پر ويٽ ڪانگ نالي وطن دوست ڪميونسٽ انقلابي فوج جي عزم، توڙي ويڙهه واري قوت کي ڪمزور ڪري نه سگهيو! اها حقيقت آمريڪا اڳيان جنگ ڪرڻ دوران فيبروري 1968ع ۾ تڏهن پڌري ٿي جڏهن ويٽ ڪانگ انقلابي فوج، هڪ ئي وقت تي، آمريڪا جي هڪ سئو کان به گهڻن فوجي اڏن، مرڪزن ۽ ڇانوڻين تي حملو ڪري، سامراجي فوج کي ڀڄائي، پاڻ اتي لڳاتار مهينو کن قابض رهي، هن غير متوقع حملي ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا کي يقين ٿي ويو ته انقلابي فوج ويٽ ڪانگ کان جنگ کٽي نٿي سگهجي ۽ ويٽنام ۾ آمريڪي فوجي ڪمانڊر، جنرل ويسٽ مورلينڊ جي وڌيڪ ٻه لک ڇهه هزار آمريڪي فوج موڪلڻ واري درخواست کي رد ڪندي آمريڪي صدر جانسن اُتر ويٽنام تي بمباري بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان جي نتيجي۾ اتر ويٽنام سان صلح جي ڳالهين لاءِ ماحول سازگار ٿيڻ سان اهي ڳالهيون 13 مئي 1968ع ۾ پيرس شهر ۾ چالون ٿيون ۽ نومبر 1968ع ۾ آمريڪا اُتر ويٽنام تي ٿيندڙ بمباري مڪمل طور بند ڪئي، تڏهن پيرس مذاڪرات ۾ سائيگان سرڪار ۽ لبريشن فرنٽ کي به جامع ۽ قطعي نِبيري خاطر شامل ڪيو ويو. آمريڪي صدر نِڪسَن جي جوڙيل سرڪار جي ابتدا دوران آمريڪي فوج ويٽنام مان نالي ماتر نڪرڻ شروع ڪيو، پر 1970ع ۾ آمريڪي فوج جي شموليت سان لائوس ۽ ڪمبوڊيا ۾ سامراجي ويڙهه وڌائي وئي. تنهن ڪري حقيقي طور تي اها جنگ آمريڪي شموليت ۽ مدد سان پکڙجندي رهي. انهيءَ صورتحال دوران آمريڪا اپريل 1970ع ۾ ويٽنام مان پنهنجي هڪ لک پندرهن هزار فوج ڪڍي وڃڻ جو اعلان ڪيو، ڏيڍ لک وڌيڪ آمريڪي فوج ايندڙ ٻارهن مهينن دوران نڪري وڃڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو ۽ سموري آمريڪي فوج ڪڍي وڃڻ سائيگان واري سامراجي فوج جي انقلابي فوج سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه جي بحاليءَ سان مشروط ڪيو ويو. انهي عرصي دوران جنگ بندي، صُلح ۽ سموري هنڌ چين واري خطي ۾ موجود ويٽنام، لائوس ۽ ڪمبوڊيا جي آزادي بابت ڳالهيون جاري رهيون، پر ان هوندي به سڄي هند چيني علائقي ۾ آمريڪي بمباري به جاري رهي. جنوري 1973ع ۾ آمريڪا ۽ ٻين ٽن ڌُرين يعني هڪڙي اتر ويٽنام جي انقلابي حڪومت، ٻي ويٽ ڪانگ انقلابي پارٽي ۽ ٽِي ڏکڻ ويٽنام ۾ سامراجي حڪومت هلائيندڙ ڪميونسٽ دشمن پارٽيءَ جي وچ ۾ جنگ بنديءَ وارو ٺاهه ٿيو، جنهن تي چئني ئي ڌرين دستخط ڪيا. تنهن ٺاهه موجب آمريڪا 60 ڏينهن اندر ويٽنام مان سندس سموريون فوجون ڪڍي وڃڻو هو. اتر ويٽنام جي انقلابي حڪومت کي ڏکڻ ويٽنام جي حڪومت جي برابر حقدار ۽ جائز تسليم ڪيو ويو. مٿئين ٺاهه تي عمل درآمد ڪرائڻ واسطي هڪڙي عالمي ڪميشن قائم ڪئي وئي هئي


    مائوزيتُنگ جي قيادت ۾ ٿيندڙ لانگ مارچ

    آڪٽوبر سن 1937ع ۾ چين ۾ گهرو جنگ دوران چيانگ ڪائي شيڪ واري قوم پرست سڏائيندڙ چيني حڪومت، چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڏکڻ اوڀر چين ۾ موجود مرڪز کي فوجي محاصرو ڪيو. تڏهن پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ فوجي گهيرو ٽوڙي، اتر اولهه چين ۾ پهاڙي پناهه گاهه ڏانهن ڪوچ ڪيو. اتي پهچڻ ۾ اُن کي هڪ سال کان به وڌيڪ وقت لڳو، جنهن دوان هُن چار هزار ميلن کان به وڌيڪ مفاصلو پنڌ ڪيو. تنهن ڪري تاريخ ۾ اُنهي سفر کي لانگ مارچ سڏجي ٿو. اُنهيءَ لانگ مارچ جي قيادت مائوزيتُنگ ڪئي هئي، جيڪو اُنهي وقت چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جو غير تڪراري اڳواڻ ٿي اُڀريو هو.
    چين ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ حڪمران ڪومنتانگ پارٽيءَ جي وچ ۾ گهرو لڙائي سن 1927ع ۾ چالو ٿي وئي. انهيءَ دوران، ڪميونسٽ پارٽيءَ سن 1931ع ۾ ڏکڻ اوڀر چين جي جيانگرزي صوبي ۾ ”سوويت ريپبلڪ آف چائنا“ نالي ڪميونسٽ جمهوريه قائم ڪئي، تنهن جو اڳواڻ، چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جي چيئرمين، مائوزيتنگ کي چونڊيو ويو. انهيءَ ڪميونسٽ رياست ۽ ڪميونسٽ پارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ، صدر چيانگ ڪائي شيڪ جي اڳواڻي ۾ چيني سرڪار سن 1930ع ۽ 1934ع درميان چيني سوويت رياست کي سِلسِليوار پنج فوجي گهيرا ڪيا. مائوزيتُنگ جي اڳواڻي ۾ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڳاڙهي فوج، گوريلا جنگ وسيلي لڳاتار چئين گهيرن کي ٽوڙي، چيني سرڪاري فو ج کي پٺتي ڌڪي چيني سويت ريپبلڪ کي بچائي ورتو. تنهن ڪري چيني سرڪار، پاڻ تان ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان ڏنل شڪست جو داغ ميسارڻ خاطر چيني سوويت ريپبلڪ خلاف پنجون ۽ آخري گهيرو تمام گهڻي فوج، تمام گهڻي اسلحه ۽ بارود ۽ خوراڪ ۽ پوشاڪ سميت، بلڪل فيصله ڪُن انداز سان ڪيو ۽ ڪميونسٽ علائقي جي چوڌاري مضبوط مورچابندي قائم ڪئي ۽ ٻئي طرف ڪميونسٽ پارٽي ۾ پنهنجا ڇاڙتا ڀرتي ڪرائي مائوزيتُنگ جي خلاف مسلسل اهڙو ته خطرناڪ پرچار چالو ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ مائوزيتنگ کان پارٽيءَ اڳواڻي ئي کسي وئي. نه فقط ايترو پر ڳاڙهي فوج طرفان ٿيندڙ گوريلا جنگ بند ڪري، ڳاڙهي فوج کي به ٽوڙي ڇڏيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نئين قيادت جنگ جا رواجي طريقا اختيار ڪيا. اهڙي صورتحال ۾ سرڪاري فوج طرفان ٿيل گهيرو وڌيڪ مضبوطيءَ سان برقرار رهيو ۽ ڪميونسٽ رياست توڙي پارٽي لاءِ خطرا ڏينهون ڏينهن وڌندا رهيا. تنهن ڪري سِرَ تي چڙهي آيل شڪست ۽ تباهيءَ کان بچڻ لاءِ ڳاڙهي فوج جي قيادت ۾ ڪيونسٽ پارٽيءَ نيٺ چين جي سرڪاري فوج جو گهيرو، ڪمزور هنڌن وٽان ٽوڙي، تاريخ 16 آڪٽوبر سن 1934ع ۾ لانگ مارچ جي صورت ۾ اتر چين ڏانهن سفر ڪيو. انهيءَ عمل بابت سرڪاري فوجي قيادت کي ڪيترن ئي هفتن تائين ڪا به حقيقي خبر چار ملي نه سگهي ته ڪا گوريلا ڳاڙهي فوج گهڻو وقت اڳ گهيري مان نڪري اَلُوپ ٿي وئي آهي! ان وقت ڳاڙهي فوج جو تعداد 85 هزارن کان به وڌيڪ هو ۽ 25 هزارن کان ڪجهه وڌيڪ غير هٿيار بند پارٽي ڪارڪن به مارچ ۾ ساڻس شامل هئا. هٿيار، بارود خوراڪ،پوشاڪ ۽ٻيو ضروري سامان، گهوڙي گاڏين گڏهه گاڏين ۽ هن قافلي ۾ شامل تقريباً هر ماڻهوءَ جي پُٺيءَ تي رکيل هو. ڪيمونسٽن جو، سرڪاري فوج جي هن سڀ کان وڌيڪ مضبوط گهيري کي ٽوڙي مڪمل سلامتيءَ سان نڪري الوپ ٿي وڃڻ، چيني فوج ۽ سرڪار کي تمام وڏو صدمو رسايو، ڇو ته ڪميونسٽ ڳاڙهي فوج عموماً رات جو سفر ڪندي هئي ۽ اهو سفر پڻ سرڪاري فوج کان لِڪي ۽ اُنهيءَ کان گهڻو مفاصلو پري رکي ڪندي هئي. تڏهن، ڪڏهن ڪڏهن اها پهاڙي وادين ۾ نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندي، اڳتي وڌندي نظر ايندي هئي. جنوري سن 1935ع ۾ ڳاڙهي فوج Zunyi زُنِيي شهر واري علائقي کي قبضي هيٺ آندو. اتي پارٽيءَ جي اڳواڻن جي اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مائوزيتُنگ کي وري پارٽيءَ جو چيئرمين ۽ ڳاڙهي فوج جو سالار چونديو ويو. تنهن کان اڳ ئي مائوزيتُنگ پنهنجي سياسي ۽ فوجي حڪمت عمليءَ ۾ فيصله ڪن تبديلي آڻي ڳاڙهي فوج کي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ ورهائي، مختلف واٽون وٺائي مقرر منزل ڏانهن روانو ڪيو.مائوزيتُنگ جي سياسي ۽ فوجي هدايتن موجب، ڳاڙهي فوج مختلف واٽن تان هلندي، گوريلا جنگ ڪندي اڳتي وڌندي پنهنجي قول ۽ فعل وسيلي ڪميونسٽ پارٽي جي نصب العين جو ڪامياب پرچار ڪندي، گوهي ڏيندي دشمن کي مُنجهائي بتال ڪندي، اڳتي وڌڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ اتر چين جي شانگزي پهاڙي علائقي ۾ پهچڻ جي پروگرام تي عمل شروع ڪيو. اتي پهچي جاپاني سامراجين سان جنگ ڪري چيني عوام جي همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ خاطر سڄو سال تقريباً هر روز سرڪاري فوج سان هٿياربند مقابلا ڪندي، هوائي فوج جي بمباريءَ جو نشانو ٿيندي، فاقاڪشي ڪندي، مرندي جهُرندي، ۽ هر وقت موت سان مقابلا ڪندي آخرڪار، ڳاڙهي فوج مائوزيتُنگ جي اڳوڻيءَ ۾، تاريخ 20 آڪٽوبر 1935ع ۾ شانگزي واري پهاڙي علائقي ۾ پهچي وئي، جتي سندس ساٿي فوج جا ڪجهه جٿا سندن انتظار ۾ اڳ ئي موجود هئا. ڏکڻ اوڀر چين جي جيانگزي علائقي مان سرڪاري فوج جو گهيرو ٽوڙي لانگ مارچ شروع ڪرڻ وقت، ڳاڙهي فوج جو غير فوجي ڪميونسٽ ساٿين سميت تعداد، هڪ لک ڏهه هزار کن هو. اهو قافلو جڏهن سڄو سال جنگ ڪندي، چار هزار ميلن کان به وڌيڪ مفاصلو پنڌ ڪندي، چوويهه درياهه ۽ نديون اُڪرندي ۽ ارڙهن جبلن جون قطارون لنگهندي اچي شانگزي علائقي جي انقلابي مرڪز ۾ پهتي، تڏهن انهيءَ عظيم ڳاڙهي فوج جا فقط اٺ هزار کن مجاهد ساٿي بچيا هئا! باقي ٻيا سمورا ساٿي جنگ ۾ وڙهندي، بمباريءَ جو بک بنجندي، درياهن ۽ ڌُٻڻين ۾ ڦاسي غرق ٿيندي، بُکن، فاقن، بدحاليءَ ۽ بمباريءَ جو شڪار ٿيندي، چيني عوام جي ڇوٽڪاري خاطر پنهنجون حياتيون قربان ڪري، هڪ لک کان به وڌيڪ تعداد ۾ سورما شهيد ٿي ويا. لانگ مارچ دوران ڳاڙهي فوج جي هن عظيم جدوجهد ۽ قربانيءَ کان متاثر ٿي، چيني عوام جو نوجوان طبقو هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ ڳاڙهي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ شانگزي انقلابي مرڪز ڏانهن ويندو رهيو. تڏهن کان وٺي چين جي سرڪاري فوج ۽ جاپان جي سامراجي فوج سان لڳاتار چوڏهن سال وڙهندي، انهن سامراجي ۽ عوام دشمن فوجن کي عبرتناڪ شِڪست ڏيئي مُلڪ مان ڊوڙائي ڪڍيو ۽ سن 1949ع ۾ مائوزيتُنگ جي اڳواڻيءَ ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ چين ۾ عوامي جمهوري حڪومت قائم ڪئي. مسلسل سياسي ۽ معاشي جدوجهد سبب، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قيادت ۾ اڄ ايڪيهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ چين سياسي ۽ معاشي طور وري دنيا تي ڇانئجي ويو آهي.


    ٻي عالمي جنگ

    آمريت تي ٻڌل حڪومتن جي قيام ۽ استحڪام سبب اٽلي توڙي جرمني وري به عالمي امن لاءِ خطرو ٿي پيا ۽ سموري يورپ کي دٻائڻ لڳا. پهرين عالمي جنگ ۾ ڳچ ايراضي هٿ نه اچڻ تي اٽليءَ کي ڪافي ڪاوڙ ۽ رنج پهتل هو. انهيءَ ڪروڌ جي ڪري هن 1935ع ۾ آفريڪي ملڪ ايٿوپيا تي فوج چاڙهي وڃي قبضو ڪيو. ”ليگ آف نيشنس“ ۾ ايترو دم ئي ڪو نه هو جو اها اهڙي حملي کي روڪي سگهي، ٻئي سال يعني 1936ع ۾ فرانس ۽ جرمنيءَ جي وچ واري علائقي رهائينلينڊ تي جرمنيءَ قبضو ڪيو.سن 1938ع ۾ خود آسٽريا تي قبضو ڪري انهيءَ کي جرمني رياست جو هڪڙو ڀاڱو بنائي ڇڏيائون. انهيءَ خطرناڪ صورتحال سمورن مغربي ملڪن کي منجهائي وڌو. هٽلر سندن دلجوئي ڪرڻ خاطر بيان ڏنو ته سندس مقصد فقط اهو آهي ته سمورن جرمن باشندن کي متحد ڪري قوم کي هڪ ملڪ ۾ ڪٺو ڪجي. تنهن لاءِ جيڪي جرمن ڪزيڪو سلوواڪيا ۾ آهن. انهن کي سندن علائقن سميت جرمنيءَ ۾ شامل ڪيو ويندو. باقي ٻين قومن کي جرمنيءَ مان خطرو محسوس ڪرڻ جي ضرورت ناهي. انگلينڊ ۽ فرانس ٻي مهاڀاري جنگ لڳڻ کان سخت ڊنل هئا ۽ ساڳئي وقت جرمنيءَ جي نئين طاقت کان پڻ مرعوب هئا. تنهنڪري جرمنيءَ طرفان ڪزيڪوسلوواڪيا کي پهرين تقسيم ڪري پوءِ انهيءَ تي قبضو ٿيندو خاموشيءَ سان ڏسندا رهيا.
    جڏهن اٽليءَ ۽ جرمنيءَ وانگر جاپان۾ پڻ ڊڪٽيٽرشپ قائم ٿي ته سن 1937ع ۾ هنن ٽنهي ملڪن پاڻ ۾ باهمي دوستيءَ جو معاهدو ڪيو. جاپان کي پڻ پنهنجي معيشيت کي سڌارڻ بحال ڪرڻ ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ وڌيڪ زمين ۽ قدرتي وسيلن جي حصول جي گهڻي تانگهه هئي. انهيءَ ضرورت ۽ مقصد جي حصول خاطر جاپان پنهنجي گهڻي بري ۽ بحري فوج تيار ڪئي، جيئن ايشيا جي ڪمزور ۽ قدرتي وسيلن سان ڀرپور قومن ۽ علائقن تي قبضو ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين قدم طور 1931ع ۾ جاپان اتر چين جو منچوريا وارو ڀاڱو چين کان کسي ورتو.
    جرمنيءَ، اٽليءَ ۽ جاپان جو عسڪري اتحاد هاڻ Axis Power محوري قوتون سڏجڻ لڳيون، هنن ملڪن جي پاڻ ۾ ٺاهه ٿيڻ واري سال 1937ع ۾. جاپان چين جي ڳچ ۽ اهم علائقن تي قبضو ڪري ورتو.
    مذڪور حالات ۽ واقعات سبب باقي مغربي ملڪ مجموعي طور حيران ۽ پريشان ٿيا ۽ جنگ کان لنوائيندڙ هئا. فرانس ۽ انگلينڊ هٽلر کان سخت خائف ۽ ڊنل هئا. انهيءَ صورتحال تي آمريڪا کي پڻ سخت ڳڻتي هئي. پر في الحال يورپ جي ڪشمڪش ۾ ملوث ٿيڻ کان پاسو ڪري رهيو هو ۽ جرمني ۽ جاپان توڙي اٽليءَ جي ارڏائين کي روڪڻ لاءِ اڃا حرڪت ۾ ڪو نه آيو ۽ خاموش تماشائي ٿي ويٺو هو.
    روس جيڪو هاڻي سوويت يونين سڏائڻ لڳو هو سو ته جرمنيءَ کان سڀني کان وڌيڪ ڊنل هو. ڇو ته روس پهرين جنگ ۾ سڀني ملڪن کان اڳي جرمنيءَ کان شڪست کائي چڪو هو. سوويت يونين ۾ ڪميونسٽ حڪومت هئي. جرمنيءَ وارا نازي حڪمران ڪميونسٽن کان سخت نفرت ڪندا هئا، پر عالمي صورتحال جي پيش نظر روس ۽ جرمني سن 1939ع ۾ هڪ ٻئي تي حملو نه ڪرڻ جو معاهدو ڪيو. هن معاهدي کان تِرت پوءِ جرمني پهرين سيپٽمبر 1939ع تي پولينڊ تي حملو ڪيو، رد عمل طور روس به پولينڊ ۾ پنهنجون فوجون داخل ڪري ڪجهه ايراضي جرمن قبضي کان بچائي پر ڪافي علائقي تي جرمني قابض ٿي چڪو هو. انهيءَ قبضي خلاف فرانس ۽ انگلينڊ پولينڊ جي حمايت ۾ جرمنيءَ جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. اهڙيءَ ريت هيءَ جنگ ٻي عالمي جنگ جي صورت اختيار ڪري وئي. محوري قوتن ته جنگ لاءِ خوب تياريون ڪيون هيون. 1940ع جي اوائل ۾ جرمن فوجن ڊينمارڪ ۽ ناروي تي قبضو ڪري ورتو هو. تنهن کان ترت پوءِ فرينچن جي حمايت ۾ آيل انگريزي فوجين کي فرانس مان هڪالي ڪڍي جرمن فوجن ڳچ فرينچ ايراضيءَ تي قبضو قائم ڪيو. ٻئي طرف جرمن ۽ اٽليءَ جي فوجن اتر آفريڪا جي ڪافي علائقن تي قبضو ڄمايو. انهيءَ وچ۾ اٽليءَ البانيا تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو. سن 1941ع ۾ جرمني ۽ اٽليءَ جي فوجن بلقان علائقي وارن ننڍن ملڪن کي پڻ فتح ڪري ورتو.
    جڏهن محوري قوتن کي يورپ توڙي آفريڪا ۾ مسلسل فتوحات حاصل ٿينديون رهيون ۽ سندن مخالف ملڪ جن کي اتحادي ملڪ Allied Powers ڪوٺڻ لڳا. لڳاتار شڪستن سان دوچار ٿيندا رهيا. ته انهيءَ وايومنڊل ۾ هٽلر ڀانيو ته هاڻي ته سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪا تڪليف ڪا نه ٿيندي. تنهنڪري روس سان ٿيل معاهدي کي يڪ طرفو رد ڪندي جرمنيءَ جُونِ سن 1941ع تي سوويت روس تي حملو ڪري ڏنو. جنهن عرصي دوران جرمنيءَ ۽ اٽلي يورپي ملڪن کي فتح ڪندا رهيا. انهيءَ وقت سندن ساٿاري جاپان وري ايشيا جي ملڪن تي حملا ۽ قبضا ڪرڻ ۾ مشغول هو. جنهن دوران هن چين جي وڏي حصي، ايسٽ انڊيز ۽ سموري انڊو چائنا تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو هو. تنهن کان پوءِ جاپان، فلپائين ۾ آمريڪي فوجن جي موجودگيءَ تي سندن فتوحات خلاف خطرو محسوس ڪندي، آمريڪين کي هتان نڪري وڃڻ لاءِ مجبور ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڏِس ۾ پهرين عملي قدم طور جاپاني بحري فوج پيسفڪ سمنڊ ۾ موجود هوائي ٻيٽ تي قائم آمريڪي بحري بندر ”پرل هاربر“ تي اوچتو حملوڪري ڪيترن ئي آمريڪي بحري جهازن کي غرق ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪي بحريه کي ڪافي نقصان رسايو. جاپان جي انهيءَ حملي جي رد عمل طور آمريڪا ڪاوڙ ۾ اچي اتحادي ملڪن يعني انگلينڊ، فرانس ۽ سوويت روس جي حمايت ۾ محوري قوتن جي خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويو. اتحادين چين کي به محوري ملڪن خلاف پاڻ سان شامل ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو صنعتي ملڪ هو. جتي هزارن جي تعداد ۾ جنگي جهاز ۽ ٽينڪون ٺهڻ لڳيون. انهيءَ سان گڏ بحري جنگي جهاز پڻ تمام گهڻي تعداد ۾ تيار ٿيڻ لڳا. آمريڪا ۾ تيار ٿيندڙ سموري جنگي سازوسامان کي ترت يورپ پهچايو ويو. ساڳئي وقت محوري قوتن لاءِ اها ڳالهه هاڻي وڌيڪ ڏکي ٿيڻ لڳي. ته اُهي ضرورت مطابق جنگي ڪُمڪ سمورن محاذن تي وقت سر پهچائين. سوويت روس ۾ جرمن فوجون سخت خطرن سان دوچار ٿيون. کين سوويت روس جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڏي ايراضيءَ وارو ملڪ هو، فتح ڪرڻ ناممڪن محسوس ٿيو.
    سن 1943ع ۾ هن عالمي جنگ جي صورتحال ۾ نمايان تبديلي آئي. آمريڪا جي شامل ٿيڻ سبب اتحادي ملڪن جي حالت عسڪري طور وري بحال ٿي وئي ۽ اهي بچاءُ واري جنگ مان گذري هاڻي محوري قوتن تي سمورن محاذن تي حملا ڪرڻ لڳا. سن 1943ع ۾ روسي فوجن جرمن لشڪر تي وڏي پئماني تي حملا شروع ڪري ڇڏيا. ساڳئي سال اتحادي فوجن اٽليءَ ۽ جرمنيءَ طرفان آفريڪا ۾ ڪيل قبضا خالي ڪرايا ۽ اٽليءَ جو ملڪ خود سندن يعني اتحادي قوتن جي قبضي هيٺ آيو. سن 1944ع ۾ جرمن قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ اتحادي فوجون فرانس ۾ داخل ٿيون. جنهن ڪري جرمن قابض فوج اتحادي فوجن جي گهيري ۾ اچي ويئي ۽ جرمن لشڪر جو وڏو حصو مري کپي ويو. باقي تمام ٿوري تعداد ۾ جرمن لشڪر ڀڄي جان بچائي. سن 1945ع ۾ سوويت روس جي اڳواڻيءَ ۾اتحادي فوجون جرمنيءَ ۾ Elbe ايلبي نديءَ وٽ اچي پهتيون. تڏهن جرمنيءَ کي پنهنجي شڪست جو احساس ٿيو ۽ جرمنيءَ جي مرد آهن هٽلر خودڪشي ڪئي. انهيءَ صورتحال يورپ ۾ ٻي عظيم جنگ جو انت آندو. جرمنيءَ کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو ۽ هڪ هڪ ڀاڱو انگلينڊ، آمريڪا، فرانس ۽ سوويت روس جي حوالي ڪيو ويو.
    ٻي عظيم جنگ يورپ سان گڏ ايشيا ۾ پڻ لڙي پئي ويئي، آمريڪي فوجن سن 1942ع ۾ پيسفڪ سمنڊ ۾ جاپان جي زير تسلط ٻيٽن تي حملا ڪيا. آمريڪا جي هوائي ۽ بحري ٻيڙي کي جاپان تي اڳي ئي برتري حاصل هئي. تنهنڪري جاپان آهستي آهستي هار کائيندو ۽ قبضا خالي ڪندو ويو. آمريڪين پنهنجي اتحادين سان گڏجي جاپانين کي پيسفڪ ۾ سندن سمورين بيٺڪن تان دستبردار ڪري کين پنهنجي ملڪ تائين اچي محدود ڪيو. پر جاپان پنهنجي هوڏ تان اڃا ڪونه هٽيو هو. تنهنڪري آمريڪا جاپان جي شهر هيروشيما تي 6 آگسٽ 1945ع تي ايٽم بم ڪيرايو ۽ ٻيو ايٽمي بم جاپان جي ٻئي صنعتي شهر ناگاساڪيءَ تي ڪيرائي، جاپان جي لکين ماڻهن کي ماري ۽ لکين ماڻهن کي اپاهج بنائي سندس معيشيت توڙي عسڪري قوت کي مڪمل طور فنا ڪري جاپان کي آڻ مڃڻ لاءِ بيوس ۽ مجبور ڪري وڌو. نتيجي طور لڳاتار ڇهن سالن کان جاري هيءَ ٻي عالمي لڙائي 2 سيپٽمبر 1945ع تي اختتام پذير ٿي. هن عظيم جنگ ۾ پهرين عالمي جنگ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو مالي توڙي جاني نقصان ٿيو هو. مجموعي طور ڏيڍ ڪروڙ فوجي مئا ۽ انهيءَ کان به وڌيڪ تعداد ۾ هن جنگ ۾ عام شهري اجل جو شڪار ٿيا يورپ توڙي ايشيا ۾ گولاباري سبب تمام گهڻي تباهي ٿي چڪي هئي. جنگ جي شڪار هر ملڪ جا ڪارخانا، ريل جا رستا، توڙي موٽر رستا صفا برباد ٿي ويا. ڪروڙين ماڻهو فاڪا ڪشيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا.
    جنگ جي خاتمي کانپوءِ هٽلر جي ظلمن جا داستان مشتهر ڪيا ويا. ايشيا ۾ جاپانين جي ظلمن جا داستان پڌرا ڪيا ويا. سندن سفاڪاڻي ڪردار سبب جاپان ۽ جرمني جي مکيه اڳواڻن تي جنگي ظلمن جا ڪيس هلائي، منجهائن گهڻن کي موت جي سزا ڏني وئي ۽ باقي اڳواڻن کي قيد جون ڊگهيون سزائون ڏنيون ويون. هنن ٻن عالمي جنگين سبب يورپي قومن جي عالمي طاقتن واري اڳوڻي حيثيت ختم ٿي وئي. جنهن تحت عالمي واپار تي سندن قبضو هوندو هو ۽ تمام وڏيون ۽ گهڻيون بيٺڪون سندن تسلط هيٺ هيون. هنن جنگين سبب مجموعي طور يورپي ملڪن جي معيشيت بالڪل تباهه ٿي وئي. ٻئي طرف يورپ جي تسلط هيٺ ايشيائي ۽ آفريڪي بيٺڪن يعني يورپي قومن جي غلاميءَ ۾ ڦاٿل ايشيائي آفريڪي قومن آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ منظم جدوجهد جو آغاز ڪري ڇڏيو.
    ٻي عالمي جنگ جي خاتمي وقت يورپ جون ڪافي بيٺڪون آزاد ٿي چڪيون هيون. جنهن سبب يورپي ملڪن کي پنهنجي معيشيت جي اوسر لاءِ گهربل سستو ڪچو مال ۽ مزور ملڻ گهٽجي ويو ۽ اهو آخر بند ٿي ويو. جنهن ڪري يورپي ملڪن کي گهربل مال توڙي مزدور تمام گهڻي رقم جي عيوض وٺڻو ٿي پيو. جيڪو في الوقت سندن دسترس کان ٻاهر هو.
    مذڪور صورتحال ۾ مُثبت تبديلي ۽ سڌارو آڻڻ لاءِ آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ اتحادي ملڪن ڪافي اپاءُ ورتا، جنهن تحت آمريڪا متاثر ملڪن کي سندن معيشيت جي بحاليءَ لاءِ تمام وڏا قرض هڪ منصوبي موجب جاري ڪيا. انهيءَ منصوبي کي ”مارشل پلان“ نالو ڏنو ويو ڇو ته انهي منصوبي جي جوڙجڪ ۾ انهيءَ وقت جي آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ يعني وزير خارجه جارج مارشل جو مکيه ڪردار هو. انهيءَ منصوبي تحت جيڪي قرض جاري ڪيا ويا انهن وسيلي ڪجهه سالن اندر اولهه يورپ جي ملڪن ۽ جاپان جي معيشيت بحال ٿي وئي ۽ اهي ملڪ ترقيءَ جي نئين راهن تي گامزن ٿي ويا. هن عالمي لڙائيءَ سبب برطانوي سامراج جي عالمي پڳ لهي پئي ۽ اها آمريڪا جي سر تي سجائي وئي، ڇو ته حرفت صنعت توڙي اثر ۾ اهو سڄي دنيا ۾ زور آهي.


    هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ايٽمي بمباري (6 ۽ 9 اگسٽ 1945ع)

    هيروشيما شهر اوٽا نديءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ جتي اوٽا ندي ستن ننڍن واهڙن ۾ ورهائجي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. انهن واهڙن جي وچ ۾ آباد آهي. اهڙيءَ ريت هي شهر ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. هي سمورو شهر تقريباً هڪڙي سنوت وارو ۽ سڌو آهي. اهو سمنڊ جي سطح کان تمام ٿوري اوچائي تي واقع آهي. هيروشيما شهر جي اتر اولهه ۽ اتر اوڀر طرف تي ڪجهه پهاڙيون موجود آهن. جيڪي 700 کن فوٽ اوچيون ٿينديون. شهر جي اُڀرندي ڀاڱي ۾ هڪڙي ٽڪري اڌ ميل کن ڊگهي ۽ 221 فوٽ بلند آهي. بيماريءَ کان جزوي طور بچيو، باقي هيروشيما جو سمورو شهر ايٽم بم جي مڪمل نشاني ۾ آيو. انهيءَ وقت شهر جي 26 چورس ميلن جي ڪُل ايراضيءَ مان فقط 7 چورس ميلن جي علائقي ۾ تعميراتي ڪم مڪمل ٿيل هو. جنهن ۾ تجارت، رهائش توڙي صنعت لاءِ مخصوص ڀاڱا الڳ الڳ نموني تعمير ٿيل ڪو نه هئا. ڪارخانا توڙي ورڪشاپ رهائشي توڙي تجارتي علائقي جي وچ ۾ ئي قائم ٿيل هئا.
    شهر جي ڪُل آدمشماريءَ جو 75سيڪڙو، شهر جي انهيءَ ڳتيل مرڪزي علائقي ۾ آباد هو. انهيءَ وقت شهر کي فوجي اهميت پڻ حاصل هئي. جتي جاپاني فوج جو ٻيو نمبر هيڊ ڪوارٽر موجود هو. سموري ڏکڻ جاپان جي ڊفينس ڪمانڊ انهيءَ هيڊ ڪوارٽر جي هٿ ۾ هئي. شهر ۾ ملڪي سطح جا گودام ۽ مواصلاتي نظام جو مرڪز پڻ قائم هو. جاپاني حڪومت جي هڪڙي رپورٽ ۾ درج هو ته ”ٻي عالمي لڙائي چالو ٿيڻ کان وٺي هيروشيما جي باشندن، شايد هزار کان به وڌيڪ ڀيرا جاپاني فوجين کي Banzai جي نعرن سان بندر تان الوداع ڪيو هوندو.“
    شهر جي مرڪز ۾ لوهه پٿر ۽سيمينٽ سان ٺهيل مضبوط عمارتون به موجود هيون، ته انهيءَ سان گڏ ڪاٺ جون اڀريون جايون پڻ جڙيل هيون.
    شهر جي مرڪز کان ٻاهر رهائشي علائقي جي وچ ۾ ڪيترائي ورڪشاپ قائم هئا. جيڪي ڪاٺ جي جاين ۾ هلي رهيا هئا.
    البت وڏا ڪارخانا شهر جي ڀرپاسي ۾ قائم هئا. ماڻهن جا گهر گهڻو ڪري ڪاٺ جا ٺهيل هئا ۽ سندن ڇتين ۾ سرن جا چَوڪا لڳل هئا. ڪارخانن واريون گهڻيون جايون پڻ ڪاٺ جي فريم تي ٺهيل هيون. انهيءَ ڪري سموري شهر کي باهه سبب مڪمل تباهه ٿيڻ جو خطرو ازخود لاڳو هو. جاپان ۾ زلزلن جي دائمي خطري سبب هيروشيما ۾ جديد جايون آمريڪي معيار کان ڪافي دفعا وڌيڪ مضبوط ٺهيل هيون. اهو ئي سبب هو جو ايٽم بم جي نشاني ۾ ايندڙ اهڙيون ڪافي عمارتون ڀڄي ڀري تباهه ٿيڻ کان بچي ويون. شهر جي آدمشماري ٽي لک اسي هزار هئي، پر خطري جي پيش نظر ڪافي ماڻهن جي لڏي وڃڻ ڪري اها گهڻي گهٽجي وئي. ايٽمي بمباريءَ وقت شهر ۾ 2 ٻه لک 55 پنجونجاهه هزار ماڻهو موجود هئا.
    ناگاساڪي شهر ڪيوشو ٻيٽ جي دنگ تي ڪيوشو اپسمنڊ جي طويل ساحل وٽ موجود آهي. جيڪو هڪ قدرتي عاليشان بَندر آهي. تجارتي ۽ رهائشي علائقو شهر جي انهيءَ ميداني ڀاڱي تي قائم آهي، جيڪو ساحل سان لڳ آهي. هي شهر پڻ حقيقت ۾ ٻن ننڍين ندين جي وچ ۾ هڪڙي پهاڙيءَ جي دامن ۾ موجود ماٿرين ۾ تعمير ٿيل آهي. جنهنڪري اهو بمباريءَ جي تباهيءَ کان هيروشيما شهر جي ڀيٽ ۾ جزوي طور بچي ويو. شهر جي ڪُل ايراضي 35 چورس ميل ٿيندي، پر انهيءَ جو ڳتيل علائقو چئن چورس ميلن کان به گهٽ ايراضيءَ تي مشتمل آهي. ناگا ساڪي شهر ڏکڻ جاپان ۾ سڀ کان وڏو بندر آهي. هتي ملڪ جي اهم صنعت آهي جنهن ۾ هٿيار، بارود ۽ بحري جهاز سازي جا ڪارخانا قائم آهن. اهو صنعتي علائقو ئي بمباريءَ جي نشاني تي رهيو. شهر جي عام گهرن جي اڏاوت گهڻو ڪري ڪاٺ سان ئي ٿيل هئي. ڪيترائي ننڍا ڪارخانا ۽ ورڪشاپ پڻ ڪاٺ جي عمارتن ۾ قائم هئا. هيروشيما وانگر هن شهر ۾ به رهائشي، تجارتي ۽ صنعتي علائقا الڳ الڳ هنڌن تي قائم ڪو نه هئا ۽ ڪارخانا، گهر توڙي دُڪان هڪٻئي سان گڏ ۽ هڪٻئي جي وچ ۾ ٺهيل هئا.
    هيروشيما دنيا جو پهريون شهر هو، جتي ايٽم بم اڇلائي سفاڪيءَ جو نئون پئمانو قائم ڪيو ويو. هن ڀيانڪ واقعي جي منصوبي تي اهڙي طرح عمل ڪيو ويو، جنهن جو نتيجو مڪمل طور متوقع نڪتو.
    شهر تي ايٽم بم 6 آگسٽ 1945ع تي صبح جو 8 لڳي 15 منٽن تي ڪيرايو ويو. بم ڪرڻ کان هڪ ڪلاڪ کن اڳ ۾ جاپاني ريڊار تي آمريڪي هوائي جهاز ڏکڻ جاپان ڏانهن اڏامندي ڏسي خطري جو سنگل ڏنو ويو. جنهن سبب ڪيترن ئي جاپاني شهرن۾ ريڊيو جي نشريات بند ڪئي وئي. انهن ۾ هيروشيما شهر به شامل هو.
    اٽڪل 8 بجي ڌاري فقط ٻن يا ٽن جهازن کي تمام گهڻي اوچائي تي اڏامندو ڏسي خطرو ٽري وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر پوري سوا اٺين بجي صبح جو شهر تي بم ڪيرايو ويو.جنهن جي اکين کي انڌو ڪندڙ تمام تيز روشني آسمان ۾ ئي ڏٺي وئي ۽ هوا جو گهڻو سوساٽ ۽ تمام وڏو ٺڪاءُچوڌاري ڪئين ميلن تائين گونجندا رهيا.انهيءَ ڀيانڪ ٺڪاءُ کانپوءِ يڪدم جڳهين جي ڪرڻ ۽ ڀڄڻ جا خطرناڪ آواز شروع ٿي ويا ۽ سمورو شهر ۽ آسپاس وارو علائقو دونهين ۽ دوڙ جي ڪارن ڪڪرن ۾ ويڙهجي ويو.
    8 لڳي 16 منٽن تي جاپاني براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽوڪيو واري ڪنٽرول آپريٽر محسوس ڪيو ته هيروشيما شهر جو نشرياتي رابطو ڪٽجي ويو آهي ته هن ٽيلي فون وسيلي رابطو بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو به رابطو ختم هو.
    ويهه منٽ پوءِ ريلوي ٽيليگراف سينٽر محسوس ڪيو ته هيروشيما جي اتر ۾ ڪجهه مفاصلي کان اڳتي اهو رابطو پڻ ڪٽيل آهي. شهر کان ڏهن ميلن جي پنڌ تي موجود ريلوي اسٽيشنن کان هيروشيما تي بمباري بابت غير چٽا اطلاع مليا. جيڪي فوجي هيڊڪوارٽر کي اماڻيا ويا. انهن پڻ رابطي لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي، پر مڪمل ماٺ سبب کين پريشاني ٿي. تنهنڪري هڪڙي فوجي آفيسر کي هوائي جهاز وسيلي ترت موڪليو ويو ته هو صورتحال جو حقيقي جائزو وٺي موٽي رپورٽ ڏي، اهو عملدار هيروشيما کان هڪ سئو ميل کن اڃا اوريان هو جتي سندس پائلٽ کيس ٻڌايو ته سڄو شهر باهه جي شعلن جي لپيٽ ۾ ۽ دونهن جي اونداهن ڪڪرن جي گهيري ۾ آهي. سندن جهاز پهچي غير يقينيءَ جي صورتحال ۾ شهر جي چوڌاري چڪر ڏيڻ لڳو. نيٺ جهاز شهر جي ڏکڻ ۾ زمين تي لاٿائون. آفيسر لهڻ شرط صورتحال جو هيڊ ڪوارٽر کي اطلاع ڏنو ۽ امدادي اُپائن ۾ جنبي ويو.
    ٽوڪيو ۾ جپاني حڪومت کي هيروشيما تي ايٽم بم ڪيرائڻ واري حقيقي خبر سڀ کان پهرين آمريڪا طرفان ٿيل ريڊيو رپورٽ وسيلي ملي. جنهن جو اعلان بم ڪيرائڻ کان سورهن ڪلاڪ پوءِ ڪيو ويو.
    ناگاساڪي شهر تي پڻ پهرين آگسٽ 1945ع تي آمريڪا بمباري ڪئي هئي، جنهن سبب شپ يارڊ ۽ بندر جو ڪجهه نقصان ٿيو هو. مٽسوشي اسٽيل اينڊ آرِمِس ڪارخانو، ميڊيڪل اسڪول ۽ اسپتال تي پڻ بم ڪريا هئا. جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. اسڪولي ٻارن ۽ ٻين ڪجهه ماڻهن کي ٻين محفوظ هنڌن ۽ علائقن ڏانهن موڪليو ويو. 9 آگسٽ 1945ع جي صبح جو اٽڪل 7 لڳي 50 منٽن تي ناگاساڪي شهر ۾ هوائي حملي جو خطرو محسوس ٿيو، پر خطري جو سائرن ڪو نه وڄايو ويو. 10 لڳي 53 منٽن تي ٻه B-29 آمريڪي بمبار جهاز ڏٺا ويا. پوري 11 بجي ٽن پيراشوٽس سميت ڪجهه اوزار هيٺ ڪيرايا ويا ۽ 11 لڳي 2 منٽ تي هڪڙي جهاز شهر تي ايٽم بم ڪيرايو، جيڪو شهر جي صنعتي علائقي مٿان هو ا۾ ڦاٿو ۽ هٿيارن ۽ بارود وارن ڪارخانن جي پوري وچ تي اچي ڪريو. هيروشيما ۽ ناگاساڪي شهرن تي ايٽم بمن ڪرڻ سبب پيدا ٿيل صورتحال جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.
    1. ڪنهن خطرناڪ ريڊيائي ايٽمي عمل کي جلد محسوس ڪو نه ڪيو ويو.
    2. ماڻهن تي ايٽم بم سبب ٽن قسمن جا اثرات مرتب ٿيا.
    (الف) کين ايٽمي مادن جي تمام گهڻي گرمي جي پيدا ٿيڻ سبب جسم تي باهه لڳي ۽ سڙي رَکَ ٿي ويا.
    (ب) ٻرندڙ زمين جي گرميءَ سبب سندن جسم سڙي ڀسم ٿي ويا.
    (ٻ) اوزارن جي ٽٽي ۽ ڀڄي لڳڻ سبب کين زخم رسيا، تنهن سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا.
    (پ) گاما ايٽمي مادن مان نڪرندڙ گرميءَ سبب ماڻهن جا جسم سڙيا ۽ انهيءَ سبب لکين ماڻهو مري ويا.
    عمارتن۽ ڪارخانن تي مرتب اثرات هيٺين ريت هئا.
    1. بم ڦاٽڻ سان پيدا ٿيل داٻ سبب عمارتون ڊٺيون ۽ ڀڳيون جنهن سبب هي شهر کنڊرات جو ڍير ٿي ويو.
    2. باهه لڳڻ سبب پڻ ڪيتريون ئي جڳهيون ڊٺيون ۽ جهريون جنهن سبب هزارين جانيون ضايع ٿيون.
    هنن شهرن تي ڪيرايل بمن جي طاقت ويهه هزار ٽن باروڊ جي برابر هئي. جنهن جي اثرات هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ کي مڪمل طور تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو.


    اقوام متحده جو قيام

    ٻي عالمي لڙائي دوران اتحادي ملڪ سندن دوست ملڪن جي ساٿ کي سڏيندا ئي ”اقوام متحده“ هئا، جنگ کان پوءِ قائم ٿيندڙ عالمي تنظيم کي اهو ئي نالو ڏنو ويو. پهرئين جنوري 1942ع ۾ 26 اتحادي ملڪن ٻي عالمي لڙائي جي اسباب ۽ مقاصد بابت هڪ پڌرنامو جاري ڪيو. انهيءَ پڌرنامي جو عنوان هو ”اقوام متحده جو پڌرنامو“ انهيءَ وقت کان وٺي ”اقوام متحده“ وارو لفظ پکڙجي مشهور ٿيڻ لڳو.
    واشنگٽن شهر جي هڪ علائقي ڊمبارٽن آڪس ۾ 21 آگسٽ 1944ع کان 27 آگسٽ 1944ع تائين دنيا جي چئن وڏن اتحادي ملڪن آمريڪا، برطانيه، روس ۽ فرانس طرفان منعقد ڪانفرنس ۾ هن مستقل عالمي تنظيم جي جوڙجڪ لاءِ مکيه ۽ اهم ڪم ڪيو ويو هو، پر انهيءَ بابت هڪ مڪمل ۽ متفق منصوبو جُڙي ڪو نه سگهيو، ڇو ته آمريڪا ۽ برطانيه جو ٻن مکيه معاملن تي اختلاف ٿي پيو. هڪڙو مجوزه سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ فيصلو ڪن ووٽ يعني ويٽو پاور جي اختيار وارو مسئلو، ٻيو اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ واري اصول جو اختلافي مسئلو. روس سوويت يونين جي سمورين رياستن جي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ جداگانه ۽ آزادانه ميمبرسپ جي گهر ڪئي هئي، اها برطانيه ۽ آمريڪا قبول ڪانه ڪئي، بعد ۾ يالٽا ڪانفرنس دوران آمرڪي صدر روزويلٽ، برطانوي وزيراعظم چرچل ۽ روسي صدر اسٽالن مٿين اختلافن کي ختم ڪيو ۽ اقواممتحده نالي تنظيم ۾ اڳوڻي عالمي تنظيم ۾ موجود ٽرسٽي شپ وارو نظام رائج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙيءَ طرح يالٽا ڪانفرنس ۾ ڊمبارٽن ڪانفرنس واري خاڪي ۾ ترميمون آڻي، اقوام متحده جي جوڙجڪ لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هڪڙو مناسب بنيادي خاڪو اتفاق راءِ سان جوڙيو ويو. انهيءَ موجب 25 اپريل 1945 تي اتحادي ملڪن ”سينفرانسسڪو“ شهر ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي. جنهن ۾ اقوام متحده جو چارٽر مرتب ڪيو ويو. انهيءَ چارٽر تي انهن 46 ملڪن 26 جون 1945ع تي صحيح ڪئي جن جي نمائندن ”سينفرانسسڪو“ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس هلندي چئن ٻين قومن، يوڪرين، بائلوروس، ارجنٽائن ۽ ڊينمارڪ کي پڻ انهيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. تنهن کانسواءِ هن ڪانفرنس ۾ شامل نه رهندڙ ملڪ پوليند کي پڻ اقوام متحده جو ميمبر بنايو ويو. اهڙيءَ ريت اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جو تعداد 51 بڻيو. 24 آڪٽوبر 1945ع تي اقوام متحده وارو چارٽر اصولي طور لاڳو ڪيو ويو. انهيءَ وقت چئن عالمي طاقتن يعني، آمريڪا، برطانيه، روس ۽ فرانس سان گڏ باقي ميمبر ملڪن جي اڪثريت انهن تي چارٽر موجب عائد ضروري اسناد پيش ڪري ڇڏيون هيون. سينفرانسسڪو ڪانفرنس گذريل ٻن هزار سالن جي ڊگهي عرصي ۾ عالمي پئماني تي سڏايل پهرين ڪانفرنس هئي، جنهن تي ڪنهن به يورپي قوم جو غلبو ڪو نه هو.
    سينفرانسسڪو ڪانفرنس نه فقط جاگرافيائي طور تي يورپ کان تمام پراهين پڊ تي منعقد ڪئي وئي هئي، پر انهيءَ ۾ سوويت روس جي اولهه وارن فقط نون (9) يورپي ملڪن شرڪت ڪئي هئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي 21 مُلڪن، 7 ويجهن مشرقي ملڪن، 6 دولت مشترڪه جي ملڪن، 3 سوويت رياستن 2 ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ 2 آفريڪي ملڪن سموريءَ دنيا جي نمائندگي ڪئي. اتحادي ملڪن جي مخالف (9) نوَن ملڪن، جرمني، اٽلي، جاپان، هنگري، آسٽريا، رومانيا، بلغاريه، فنلينڊ ۽ ٿائلينڊ، 8 غير جانبدار ملڪن: سئيزرلينڊ، اسپين، پرتگال، سويڊن، آئرلينڊ، افغانستان، آئيس لينڊ ۽ يمن ۽ پڻ پولينڊ جي هن ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪانه هئي.
    هن ڪانفرنس جي روزاني ڪارگذاري ۽ تقريرون پنجن ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ گهربل تعداد ۾ سمجهائيندڙ ۽ مترجم ڪم سان لڳايا ويا، جيڪي پنجن ٻولين انگريزي، فرينچ، اسپينش، روسي ۽ چينيءَ ۾ مذڪور مواد تيار ڪري حاضرين مجلس نمائندن ۽ مُبصرن ۾ ورهائيندا هئا. ڪانفرنس جي تياريءَ وارن اجلاسن جي صدارت واري واري سان چئني وڏين طاقتن کي ڏني ويندي هئي. مذڪور چئن وڏن جي غير رسمي ڳالهين جو انهن اجلاسن تي گهرو اثر ٿيندو هو.
    اڳي سياسي ڪانفرنسن ۾ رٿن جي بحالي ۽ فيصلن لاءِ جيڪو اتفاق راءِ وارو اصول اختيار ڪيو ويندو هو، انهيءَ کي ترڪ ڪري هن ڪانفرنس جي اجلاسن ۾ فيصلن لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت وارو اصول اختيار ڪيو ويو. هن ڪانفرنس ۾ مغربي طاقتن ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ ڪيترائي سياسي مسئلا کڙا ٿيا، جهڙوڪ: يوڪرين، بيلوروس، ارجنٽائين جي اقوام متحده ۾ داخلا ۽ پولينڊ جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو پاور استعمال ڪرڻ جو خصوصي حق، مٿي بيان ڪيل مسئلا مصلحت جي بنياد تي حل ڪيا ويا. انساني حقق جي حفاظت ۽ اقتصادي ۽ سماجي بهبود واري عالمي اصولن جو مخالف مختلف علاقائي گروهي ۽ قومي حقوق متعلق مقامي اصولن تي مبني مسئلا ۽ نوآبادياتي ۽ علائقائي بچاءُ وارن اُپائن ۽ ملڪن ۽ رياستن جي برابريءَ جي مخالف وڏين طاقتن جي غلبي وارن مسئلن، مختلف ضمني گروپن ۾ اظهار ڪيو. جنهن سبب ننڍين رياستن ۽ مشرقي توڙي لاطيني آمريڪا جي رياستن سان انصاف وارو ورتاءُ ڪرڻ لاءِ ڊمبارٽن آڪس ڪانفرنس جي خاڪي ۾ يالٽا ڪانفرنس دوران گهربل تبديليون ڪيون ويون ۽ انهيءَ خاڪي هيٺين صورت ورتي.
    1. اقوام متحده جا اغراض و مقاصد ۽ ميمبرشپ لاءِ اصول.
    2. اقوام متحده جي بناوتي جوڙجڪ جا مکيه ادارا.
    (الف) جنرل اسيمبلي.
    (ب) سلامتي ڪائونسل.
    (ٻ) اقتصادي ۽ سماجي بهبودي ڪائونسل.
    (ڀ) ٽرسٽي شپ ڪائونسل.
    (ت) عالمي عدالت براءِ انصاف.
    (ٿ) سيڪريٽريٽ.
    3. عالمي امن ۽ سلامتيءَ جي نگهداشت:
    (الف)قومن جي وچ ۾ مسئلن جو حل.
    (ب) عسڪري هٿيارن تي ضابطو.
    (ٻ) چارٽر ۾ گهربل ترميم.
    4. عالمي قانون جي ترقي.
    5. اقتصادي ۽ سماجي تعاون.
    (الف) اقتصادي تعمير نو.
    (ب) هنري ۽ ٽيڪنيڪي امداد.
    (ٻ) اقتصادي مالياتي ترقي.
    (ڀ) تجارت ۽ ترقي.
    (ت) پناهگير.
    (ٺ) منشيات تي ضابطو.
    (ث) خاص ڪم اُڪلائيندڙ ايجنسيون.
    6. محڪوم علائقا.
    (الف) اهي علائقا جتي مقامي باشندن جي حڪومت ڪونهي.
    (ب) ٽرسٽي شپ سسٽم.
    7. انتظاميه.
    (الف) ماليات.
    (ب) ملازم.
    (ٻ) مراعات ۽ تقويات.
    (ڀ) دفاتر، هيڊڪوارٽرس.
    مقاصد ۽ ميمبرشپ
    اقوام متحده جي چارٽر جي پهرئين آرٽيڪل ۾ تنظيم جي مقصدن ۾ عالمي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ سڀ کان وڌيڪ اهم نقطو آهي. تنهن کانپوءِ قومن جي وچ ۾ برابريءَ جي بنياد تي دوستي پيدا ڪرڻ، جنهن ۾ قومن جي خود اختياريءَ وارو حق به شامل آهي. عالمي پئماني تي اقتصادي، سماجي، ثقافتي يا انساني مسئلن جي حل لاءِ عالمي تعاون مهيا ڪرڻ واسطي مرڪزي رضاڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ آهي.
    آرٽيڪل نمبر ٻه موجب اقوام متحده جي ميمبر ملڪن کي پنهنجي خود مختياريءَ جا هڪجهڙا حق حاصل آهن. ڪنهن به قوم کي ٻي قوم سان جنگ ڪرڻ نه گهرجي، ان کي دٻائڻ نه گهرجي ۽ پنهنجا مسئلا اصولي ڳالهين مهاڙين سان حل ڪرڻ گهرجن. هر ميمبر رياست تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اها اقوام متحده جي چارٽر موجب سمورن ڪمن ۾ ان جي مناسب مدد ڪري، عالمي امن ۽ سلامتيءَ خاطر غير ميمبرملڪن کي پڻ اقوام متحده جي ورتل اپائن جي پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي. آرٽيڪل نمبر 7 موجب ڪنهن مخصوص قانون جي نفاذ کانسواءِ اقوام متحده ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪانه ڪندي.

    اقوام متحده جا شروعاتي ميمبر ملڪ هيٺيان هئا.
    1. ارجنٽائين، 2. آسٽريليا، 3. بيلجم، 4. بيلوروس، 5. بوليويا، 6. برازيل، 7. ڪئناڊا، 8. چلي، 9. چين، 10. ڪولمبيا، 11. ڪوسٽاريڪا، 12. ڪيوبا، 13. ڪزيڪو سلوويڪيا، 14. ڊينمارڪ، 15. ڊومنيڪن ريپبلڪ، 16. ايڪوار ڊور، 17. مصر، 18. ايل سلواڊور، 19. ايٿوپيا، 20. فرانس، 21. يونان، 22. گوئٽيمالا، 23. هائٽي، 24. هونڊارس، 25. هندستان، 26. ايران، 27. عراق، 28. لبنان، 29. لائبريا، 30. لگزمبرگ، 31. ميڪسيڪو، 32. نيدرلينڊس، 33. نيوزيلينڊ، 34. نڪاراگئا، 35. ناروي، 36. پاناما، 37. پيراگوئي، 38. پيرو، 39. فلپائين، 40. پولينڊ، 41. سعودي عرب، 42. ڏکڻ آفريڪا، 43. شام، 44. ترڪي، 45. يوڪرين، 46. سوويت يونين، 47. برطانيه، 48. آمريڪا، 49. يوروگوئي، 50. وينيزولا، 51. يوگوسلاويا.
    ميمبريءَ لاءِ اميدوارن کي سلامتي ڪائونسل جي حمايت ۽ جنرل اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان بحال ٿيل رٿ کانپوءِ ميمبر بنايو وڃي ٿو. ميمبري فقط انهن ملڪن کي ڏني ويندي جيڪي امن پسند ۽ اقوام متحده جي چارٽر کي مڪمل طور مڃيندڙ هوندا ۽ ان تي عمل پيرا رهندا.
    انهيءَ وقت سلامتي ڪائونسل جي توسيع ۽ اجازت کانسواءِ ميمبري ملڻ ناممڪن هو. انهيءَ ڪري سن 1950ع تائين ميمبريءَ جي اميدوار 31 ملڪن مان فقط 9 ملڪ ميمبر بنايا ويا.
    افغانستان، آئيسلينڊ، سويڊن ۽ ٿائلينڊ سن 1946ع ۾ پاڪستان ۽ يمن سن 1947ع ۾، برما سن 1948ع ۾، اسرائيل سن 1949ع ۾ ۽ انڊونيشيا سن 1950ع ۾ ميمبري حاصل ڪئي. مٿين پيچيدگي دور ڪرڻ لاءِ سن 1955ع ۾ جنرل اسيمبليءَ جي ڏهين اجلاس ۾ ڪئناڊا جي سرڪردگيءَ ۾ 29 ميمبرن ”پيڪيج ڊبل“ نالي بل پيش ڪيو. انهيءَ بل کي واضح اڪثريت جي حمايت حاصل هئي، پر آمريڪا جي اصرار تي جاپان ۽ منگوليا کي ڇڏي باقي 16 اميدوار ملڪن کي اقوام متحده جو ميمبر بنايو ويو. سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    1. البانيا، 2. آسٽريا، 3. بلغاريه، 4. ڪمبوڊيا، 5. سيلون (سريلنڪا)، 6. فنلينڊ، 7. هنگري، 8. آئرلينڊ، 9. اٽلي، 10. اردن، 11. لائوس، 12. لبيا، 13. نيپال، 14. پُرتگال، 15. رومانيا ۽ 16. اسپين.
    سن 1956ع ۽ 57ع ۾ پنهنجي يارهين اجلاس ۾، جنرل اسيمبليءَ پنجن ملڪن: 1. گهانا، 2. جاپان، 3. موراڪو، 4. سوڊان ۽ 5. تيونس کي ميمبر بنائڻ لاءِ بل پاس ڪيو. سن 1957ع ۾ ملايا کي، جيڪو پوءِ ملائيشيا سڏجڻ لڳو.) ميمبر بنايو ويو. سن 1958ع ۾ مصر ۽ شام جي نمائندن گڏجي يونائٽيڊ عرب ريپبلڪ UAR جي نالي ۾ اقوام متحده جي ميمبري حاصل ڪئي. ڊسمبر 1958ع ۾ آفريڪي مُلڪ گني به اقوام متحده جو ميمبر ٿي ويو. سيپٽمبر 1960ع ۾ هيٺيان ٻيا به سورهن ملڪ ميمبر ٿيا.
    1. ڪيمرون، 2. جمهوريه وچ آفريڪا، 3. چاڊ، 4. قبرص، 5. ڊاهومي، 6. گيبن، 7. آئوري ڪوسٽ، 8. جمهوريه ملاگاسي، 9. مالي، 10. نائجر، 11. جمهوريه ڪانگو، 12. ڪانگو، 13. سينيگال، 14. صوماليه، 15. ٽوگو ۽ 16. اپروولٽا. آڪٽوبر 1960ع ۾ نائيجيريا ۽ سيپٽمبر 1961ع ۾ سيراليون ميمبر بنيا. آڪٽوبر 1961ع ۾شام، مصر کان جدا ٿي پنهنجي الڳ ميمبري حاصل ڪئي ۽ منگوليا ۽ ماريطانيا پڻ ميمبر بنجي ويا. ساڳئي سال ڊسمبر ۾ تينگنيڪا Tanganyika به اقوام متحده جو ميمبر بڻيو. سن 1962ع جي سيپٽمبر ۾ 1. روانڊا، 2. برونڊي، ۽ 3. جمائڪا ۽ ڊسمبر ۾ الجزائر ۽ يوگنڊا ميمبر ٿيا.
    سن 1962ع جي مئي مهيني ۾ ڪويت ۽ ڊسمبر ۾ ڪينيا ۽ زنجي بار جي ميمبر ٿيڻ سان اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جو تعداد 113 ٿي ويو. اپريل 1964ع ۾ ٻن ميمبر ملڪن رنجي بار ۽ تينگنيڪا هڪ ٺاهه تحت گڏجي هڪ ملڪ تنزانيه جي حيثيت سان ميمبري حاصل ڪئي. تنهنڪري اقوام متحده جي ميمبرن جو انگ گهٽجي 112 ٿيو، پر ڊسمبر ۾ ٽن ٻين ملڪن 1. ملاوي، 2. زيمبيا ۽ 3. مالٽا جي ميمبر بنجڻ سان اهو وڌي 115 کي پهتو.
    21 جنوري 1965ع تي انڊونيشيا اقوام متحده مان نڪري وڃڻ بابت هڪ خط موڪليو هو، پر 19 سيپٽمبر 1965ع تي وري ٻيو خط موڪليو، جنهن ۾ اقوام متحده ۾شامل رهڻ ۽ تعاون ڪرڻ جو واعدو ڪيو. اهڙي ريت ان جي ميمبري برقرار رهي. سيپٽمبر 1965ع ۾ سينگاپور، مالديپ ۽ گيمبيا ميمبر ٿيا، سن 1966ع ۾ گُيانا. بوٽسوانا، ليسوٿو ۽ بارباڊوز ميمبر ٿيا. سن 1967ع ۾ ڏکڻ يمن، 1968ع ۾ ماريس سوازي لينڊ ۽ استوائي گني، 1970ع ۾ فجي ۽ سن 1971ع ۾ بحرين، ڀوٽان، عمان، قطر ۽ متحده عرب امارات جي ميمبر سازي ٿيڻ سان اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جو تعداد 132 ٿي ويو. تنهن کان سواءِ اڃا تائين 50 کن ننڍيون رياستون ميمبريءَ لاءِ درخواستون ڏئي چڪيون هيون، انهيءَ صورتحال، جنهن تحت جنرل اسيمبليءَ ۾ ننڍن توڙي ڪمزور ملڪن، توڙي غريب ملڪن جو تعداد زياده هئڻ ڪري اسيمبليءَ ۾ ووٽ ڏيڻ ۾ سياسي طور انهن جي حمايت زياده هئڻ سبب فيصلن جو وڏين طاقتن تي منفي اثر مرتب ٿيڻ سبب اقوام متحده ۾ سندن دلچسپي گهٽجڻ ۽ انهيءَ کان الڳ ٿي پنهنجي جدا طاقتور ملڪن جي سياسي تنظيم قائم ڪرڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو. مذڪوره صورتحال جي پيش نظر اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل يوٿانٽ U Thant 1967ع واري سالياني رپورٽ ۾ اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه تجويزون رکيون، ڪن ملڪن کي اُهي ڏکيون لڳيون، ڇو ته تجويزن ۾ ڄاڻايل هو ته جيڪي ملڪ اقوام متحده طرفان سونپيل ڪم پورا ڪري نه سگهندا، انهن جي ميمبري لياقت جي بنيادن تي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ کين ثانوي حيثيت واري ميمبري يا مبصري ڏجي. جنهن تحت ووٽ جو حق رد ڪيو وڃي. چين جي ميمبريءَ وارو سوال پڻ 1950ع کان وٺي تعطل جو شڪار رهندو آيو. جڏهن ان جي ميمبريءَ لاءِ هندستان رٿ پيش ڪئي ۽ چيو ته ڪميونسٽ چيني رياست اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ لاءِ گهربل سمورين صلاحيتن جي حامل آهي. انهيءَ رٿ جي مخالفت ۾ 33 ۽ حمايت ۾ فقط 16 ووٽ مليا. اهڙيءَ ريت اها رٿ رد ٿي وئي. آمريڪا جي مخالفت سبب چين جي ڪميونسٽ رياست کي 1971ع تائين ميمبرشپ ڪانه ملي. انهيءَ سال جي شروع ۾آمريڪا انهيءَ شرط تي راضي ٿيو ته چين سان گڏ تائيوان جيڪو چيني رياست جو باغي حصو ۽ آمريڪا جو حمايت يافته ملڪ به جنرل اسيمبليءَ جو ميمبر رهندو. چين اهو شرط ٺڪرائي ڇڏيو. نيٺ 25 آڪٽوبر 1971ع تي جنرل اسيمبليءَ چين کي اقوام متحده ۽ ان جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر جنهن کي ويٽو پاور حاصل هوندو بنائڻ لاءِ ووٽنگ ڪرائي، جنهن تحت 76 ووٽ حمايت ۾ ۽ 35 ووٽ مخالفت ۾ پيا، ٽي ميمبر غير حاضر هئا. 17 ميمبرن ووٽن ۾ حصو ڪو نه ورتو. نتيجتاً بل پاس ٿي ويو. جنهن تحت چين اقوام متحده ۽ سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر ٿي ويو. تائيوان جي سلامتي ڪائونسل واري مستقل ميمبري ختم ڪئي وئي.

    اقوام متحده جا 6 هيٺيان مکيه ادار آهن:
    1. جنرل اسيمبلي، 2. سلامتي ڪائونسل، 3. اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل، 4. ٽرسٽي شپ ڪائونسل، 5. عالمي عدالت براءِ انصاف، 6. سڪريٽريئيٽ.
    جنرل اسيمبلي اقوام متحده جو واحد ادارو آهي، جنهن ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي برابريءَ جي بنياد تي نمائندگي ٿئي ٿي. هر ميمبر ملڪ جنرل اسيمبليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ پنج نمائندا موڪلي سگهي ٿو. پر فقط هڪ ووٽ ڏيڻ جو حقدارآهي. هتي سمورا فيصلا اڪثريت راءِ موجب يا ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريتي ووٽن مطابق ڪيا وڃن ٿا. مختلف عملن جي طريقئه ڪار جو تعين اڪثريتي ووٽ ذريعي ڪيو ويندو آهي.
    پنهنجي بحث مباحثي، ماليات، نگراني ۽ چونڊن وارن مختلف مرحلن دوران جنرل اسيمبلي اقوام متحده ۾ مرڪزي اهميت جو حامل ادارو آهي. اقوام متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل نمبر 10 ۽ 14 موجب جنرل اسيمبلي سمورن مسئلن تي غور ۽ ويچار، بحث مباحثو ڪرڻ ۽ فيصلا ڪرڻ وارو ادارو آهي. معاشي ۽ سماجي عملن ۽ محڪوم علائقن جي مسئلن سان وابسته اقوام متحده جي سمورن ادارن جي نگراني جو اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ واسطيدار ملڪ درخواست جنرل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندا آهن. جيڪا مسئلن يا ڪمن بابت واسطيدار ادارن ڏانهن سفارشون موڪليندي آهي. اڪنامڪ ائنڊ سوشل ڪائونسل ۽ ٽرسٽي شپ ڪائونسل پنهنجي سموري ڪارگذاري جنرل اسيمبليءَ جي اختيار هيٺ ڪندي آهي. اقواممتحده جا مالياتي اختيار به جنرل اسيمبليءَ کي حاصل آهن. جن تي اها چارٽر موجب عمل ڪندي آهي.
    اڪنامڪ ائنڊ سوشل ڪائونسل جا سمورا ميمبر ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ ٽرسٽي شپ ڪائونسل جا عارضي ميمبر جنرل اسيمبلي چونڊيندي آهي. عالمي عدالت براءِ انصاف جي ججن ۽ اقوام متحده جي سيڪريٽريءَ جي مقرري، بشمول سلامتي ڪائونسل جنرل اسيمبلي ڪندي آهي.
    اقوام متحده جي چارٽر تي نظرثاني ڪرڻ، ان ۾ ترميم ۽ تبديل آڻڻ ۽ انهيءَ مقصد لاءِ گهربل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ لاءِ جنرل اسيمبلي سلامتي ڪائونسل جي اختيارن ۾ ڀائيوار رهندي آهي.
    اقوام متحده جي پهرين ڏهن سالن دوران جنرل اسيمبلي جي سياسي سگهه ۽ فيصله ڪن ڪردار جي اهميت ۾ اضافو ٿيو ۽ مستقل ميمبرن جي عدم تعاون سبب سلامتي ڪائونسل غير فعال رهي.
    چارٽر جي آرٽيڪل 10، 11 ۽ 14 ۾ ڪم آيل فصيح زبان جنرل اسيمبليءَ جو ڪردار شروع ۾ تجويز ڪيل تخميني کان تجاوُز ڪري ويو ۽ ميمبرن جي واضح اڪثريت عمل جي انهيءَ تجاوُز تي جنرل اسيمبليءَ جي همت افزائي به ڪئي.
    تنظيم ۽ طريقيڪار جي ڏس ۾ اسيمبليءَ کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بنائڻ لاءِ گهربل وسيلن ۽ اپائن تي جوڳو غور و فڪر ۽ بندوبست ٿيڻ لڳو.
    جنرل اسيمبلي حسب معمول سال ۾ هڪ دفعو اجلاس سڏائيندي آهي، پر ڪنهن هنگامي مسئلي واسطي ڪڏهن خاص اجلاس به منعقد ٿيندو آهي.
    مختلف ڪمن اڪلائڻ لاءِ جنرل اسيمبليءَ طرفان ڪيتريون ئي ڪاميٽيون جڙيل آهن. جهڙوڪ: مين ڪاميٽيون، پروسيجرل ڪاميٽيون، اسٽينڊنگ ڪاميٽيون، سبسيڊري باڊيون ۽ ايڊهاڪ باڊيون وغيره.
    چارٽر موجب اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل کي عالمي امن ۽ سلامتي جي ڳري ذميواري سونپيل آهي. شروعات ۾ سلامتي ڪائونسل 11 يارهن ميمبرن تي مشتمل هئي. جن ۾ پنج مستقل ميمبر آمريڪا، برطانيه، فرانس، روس ۽ آمريڪا نواز قومپرست چين يعني تائيوان ۽ ڇهه عارضي ميمبر ٻن سالن جي عرصي لاءِ جنرل اسيمبليءَ چونڊبا هئا. چارٽر ۾ ترميم تحت سن 1965ع ۾ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد وڌائي 15 مقرر ڪيو ويو، جن ۾ پنج مستقل ميمبر ساڳيا رهيا، باقي ڏهن عارضي ميمبرن کي هيٺين ريت چونديو ويو.
    پنج آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن مان، هڪڙو ميمبر اوڀر يورپ جي ملڪن مان، ٻه ميمبر اولهه يورپ ۽ ٻين ملڪن مان ۽ ٻه ميمبر ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن مان.
    سلامتي ڪائونسل جي هر ميمبر کي واري واري سان هڪ مهيني لاءِ ڪائونسل جو صدر مقرر ڪيو ويندو آهي. سلامتي ڪائونسل جي عارضي ميمبرن جي چونڊ ۾ نه فقط جاگرافيائي حصي رسيءَ جو خيال رکيو وڃي ٿو پر عالمي امن ۽ سلامتيءَ جي سلسلي ۾ اقوام متحده طرفان سونپيل ڪم بابت اميدوار ملڪن جي ڪارڪردگيءَ کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو.
    اقوام متحده جي ميمبرن جي تعداد وڌڻ سبب علائقائي ورهاست موجب ڪائونسل ۾ سمورن ملڪن کي نمائندگي ڏيڻ مشڪل ٿي پيو.
    چارٽر جي باب ستين موجب عالمي امن ۽ سلامتي بحال ۽ برقرار رکڻ لاءِ اقوام متحده جا سمورا ميمبر ملڪ سلامتي ڪائونسل جي فيصلن کي قبول ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهن. اُها عالمي امن ۽ سلامتيءَ کي ڇيهو رسائيندڙ هر قسم جي تڪرار جي جانچ ۽ تپاس ڪري سگهي ٿي ۽ ان جي پر امن نبيري لاءِ سفارش ڪري سگهي ٿي. عالمي امن لاءِ خطرو پيدا ڪندڙ، اقوام متحده جي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ۽ حمله آور ٿيندڙ اقوام متحده جي ميمبرن تي سلامتي ڪائونسل مختلف قسمن جي بندش وجهي سگهي ٿي. اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جي پنهنجي سلامتيءَ لاءِ گهربل هٿيارن جي لاءِ آرٽيڪل 39 تحت به سلامتي ڪائونسل آرٽيڪل نمبر 26 موجب قدم کڻڻ جي مجاز آهي.
    سلامتي ڪائونسل ۾ فيصلا نون 9 ميمبرن جي حمايت تحت ڪيا وڃن ٿا. خاص مسئلن جهڙوڪ: بندش وجهڻ ۽ چيڪنگ ۽ معائنو ڪرڻ بابت فيصلا نون ميمبرن جي حمايت سان ڪيا وڃن ٿا. انهن فيصلن جي حمايت وارن نوَن ووٽن ۾ پنجن مستقل ميمبرن جا ووٽ به ضرور هجن. ڪائونسل دائمي طور عمل پيرا هئڻ سبب سندس ميمبر ملڪن جا عيوضي هميشه هيڊ ڪوارٽر ۾ حاضر رهڻ لاءِ پابند آهن.
    اڪنامڪ ۽ سوشل ڪائونسل اقوام متحده جو ٽيون مکيه ادارو آهي. جنهن کي عالمي سطح تي معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ انساني ڀلائي جا ڪئين اهم ڪم سونپيل آهن. هن ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد 1965ع کان اڳ 18 هو ۽ هاڻي 27 آهي. اهي جنرل اسيمبليءَ طرفان ٽن سالن جي مدي لاءِ چونڊيا وڃن ٿا. انهن کي ٻيو ڀيرو چونڊڻ جو پڻ امڪان رهندو آهي. هن اداري ۾ڪو به ملڪ مستقل ميمبر ڪونهي. مگر جن ملڪن جي شرڪت وڌيڪ فعال ۽ ضروري ڄاتي وڃي ٿي. انهن کي هر دفعي چونڊيو وڃي ٿو. سن 1965ع ۾ هن اداري ۾ نون ميمبرن جو اضافو ڪري اهو تعداد 27 ڪيو ويو ۽ نوَن مان ست ميمبر ايشيا ۽ آفريڪا مان، هڪ ڏکڻ آمريڪي ملڪن مان ۽ هڪڙو ميمبر اولهه يورپ جي ملڪن مان يا ڪو ٻيو چونڊڻ جو فيصلو ٿيو. هن ڪائونسل جا هڪ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه اجلاس منعقد ٿين ٿا. جن تحت ميمبر ملڪن جي معاشي ۽ معاشرتي صورتحال جو اڀياس ڪري انهيءَ ڏس ۾ توسيع لاءِ جنرل اسيمبليءَ کي سفارشون موڪلجن ٿيون. هن ڪائونسل پنهنجي ڪم کي حقيقي بنيادن تي فائديمند بنائڻ لاءِ اڪنامڪ ڪميشن، سوشل ڪميشن ۽ هيومن رائٽس ڪميشن جوڙيون آهن جيڪي هميشه پنهنجي سونپيل ڪمن جي اڀياس ۽ رپورٽون پيش ڪرڻ ۾ رڌل آهن. اهڙيون ڪميشنون سمورن کنڊن لاءِ الڳ الڳ قائم آهن. جيئن ته اڀياسي عمل تيز تر ٿئي ۽ اسيمبليءَ طرفان وقت سر گهربل اپاءُ ورتا وڃن.
    ٽرسٽ ٽيريٽريز يعني دنيا ۾ وقف ٿيل علائقا اقوام متحده ۾ داخل آهن.انهن جي سار سنڀال ۽ انتظام لاءِ اقوام متحده طرفان ٽرسٽي شپ ڪائونسل برپا ڪئي وئي آهي. هن ڪائونسل جي ميمبرن جي تعداد جو اڌ اقوام متحده جي انهن ميمبرن مان مقرر ڪيو ويندو آهي. جيڪي وقف ٿيل علائقن جا ناظم الامور هوندا آهن. باقي اڌ ميمبر غير ناظم الامور ميمبرن جو هوندو آهي. انهيءَ ۾ اڌ سلامتي ڪائونسل جا مستقل ميمبر هوندا آهن ۽ باقي اڌ جنرل اسيمبليءَ اقوام متحده جي عام ميمبر ملڪن مان ٽن سالن جي عرصي لاءِ چونڊيندي آهي. ۽ ٽرسٽي شپ ڪائونسل پنهنجي ڪارڪردگي ۽ گهربل اپائن لاءِ جنرل اسيمبليءَ کي سالياني رپورٽ پيش ڪندي آهي.
    انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس International Court of Justice عام طور تي عالمي عدالت انصاف سڏجي ٿي. اها اقوام متحده جو هڪ عظيم عالمي عدالتي ادارو آهي. هن ڪورٽ ۾ ڪُل پندرهن جج هوندا آهن. انهن کي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل آزاد ووٽ وسيلي چونڊيندي آهي. ڪنهن به هڪڙي رياست مان ساڳئي وقت ٻه جج ڪو نه چونڊبا آهن. ڪورٽ ۾ مکيه تهذيبن ۽ مکيه عدالتي عالمي نظامن جي نمائندگي ٿيندي آهي. چونڊيل ججن جي نوڪريءَ جو مدو 9 سال هوندو آهي. کين ٻيو ڀيرو چوندجڻ جو پڻ موقعو ميسر آهي.
    عالمي عدالت جو هيڊڪوارٽر يعني مکيه دفتر نيدرلينڊس جي شهر هيگ ۾ قائم آهي. ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سمورن اختلافن، فسادن جنگين ۽ هر قسم جي تڪرارن جي سماعت هن عدالت جي دائره اختيار ۾ شامل آهي. ڪورٽ پنهنجا رايا ۽ فيصلا جنرل اسيمبلي اڳيان پيش ڪندي آهي. انهن تي عمل درآمد اقوام متحده جو ڪم آهي.

    اقوام متحده جي سيڪريٽريٽ يعني مکيه دفتر جو اڳواڻ اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل هوندو آهي. جنهن کي سلامتي ڪائونسل جي سفارش موجب مقرر ڪيو ويندو آهي. 1946ع ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس ۾ ناروي جي ٽرجوي لي Trygve Lie کي پنجن سالن لاءِ سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ 1950ع ۾ سندس ملازمت جو مدو وڌيڪ ٽن سالن لاءِ وڌايو ويو. جنهن جي سوويت روس سخت مخالفت ڪئي هئي. تنهنڪري هن 1952ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني.
    اپريل 1953ع ۾ سويڊن جو منسٽر ڊاگ همارس جولڊ Dag Hammarsk Jold اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ۽ 1957ع ۾ وري به چونديو ويو هو پر سيپٽمبر 1961ع ۾ اتر روڊيشيا ۾ هڪڙي هوائي حادثي ۾ مري ويو. تنهن کان پوءِ آسٽريا جو ڊاڪٽر ڪرٽ والڊ هائيم، تنهن کانپوءِ پيرو جو پيريز دي ڪوٺيار، تنهن کانپوءِ مصر جي بطروس غالي ۽ ان کانپوءِ سيڪريٽري جنرل مسٽر ڪوفي عنان چونڊيو ويو، هن وقت اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل بان رڪي مون آهي. سيڪريٽري جنرل اقوام متحده جو مکيه ناظم آهي.کيس عالمي امن ۽ سلامتي جي پيش نظر هر مسئلو جنرل اسيمبلي توڙي سلامتي ڪائونسل ۾ رکڻ ۽ نبيرو ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. اقوام متحده جي چارٽر ۾ مختلف ادارن جي اختيارن جي وضاحتن جو تت هي آهي. ته جنرل اسيمبلي پنهنجي هر پاس ٿيل بل تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ فقط سفارش ڪري سگهي ٿي، پر سلامتي ڪائونسل جي فيصلن کي سمورا ميمبر ملڪ قبول ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندا. عالمي سطح تي هٿيارن جي ڦهلاءُ تي ضابطو رکڻ سلامتي ڪائونسل جي ذميواريءَ ۾ شامل آهي. انهيءَ تحت 1946ع ۾ اقوام متحده ائٽمڪ انرجي ڪميشن جوڙي هئي. 1952ع ۾ ڊس آرمامينٽ ڪميشن جوڙي ويئي.
    اقوام متحده جي چارٽر جي نظرثاني ڪرڻ لاءِ سن 1955ع ۾ جنرل اسيمبليءَ ۾ هڪڙي رٿ پيش ڪئي ويئي، پر بحال ڪا نه ٿي. نيٺ سيپٽمبر 1965ع ۾ چارٽر ۾ ضروري ترميم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ۽ ٻه ترميمون ڪيون ويون. سن 1947ع جي نومبر ۾ بين الاقوامي قانون جي واڌاري ۽ سڌاري جي اجراء لاءِ جنرل اسيمبليءَ هڪڙي انٽرنيشنل لا ڪميشن جوڙي جنهن کي نازي جرمن فوجن جي هٿان ٿيل جنگي ۽ اخلاقي ڏوهن ۾ قانون جو هڪڙو مُستند دستاويز سفارشن لاءِ تيار ڪري پيش ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو.
    هن ڪميشن 1957ع ۾ گهربل رپورٽ پيش ڪئي. جنهن عالمي قانون جي ڀڃڪڙيءَ ۾ ٻارهن مختلف ڏوهن جي نشاندهي ڪئي ۽ انهيءَ جي تدارڪ لاءِ چند قوانين جي سفارش پڻ ڪئي مکيه ڏوهن۾ دهشتگرديءَ جي تياري ۽ ڌمڪي، ڪنهن علائقي تي زوريءَ قبضو ۽ نسل ڪشي شامل هئا. ڪميشن ملڪن ۽ رياستن جي حقوق ۽ فرائض جي پڻ عالمي قانونن جي روشنيءَ ۾ هڪڙي وضاحت پيش ڪئي، انهيءَ کانسواءِ سينفرانسڪو ڪانفرنس جي فيصلن جي روشنيءَ ۾ انٽرنيشنل لا مرتب ڪيو ويو آهي، جنهن تحت قومن جي وچ ۾ مناسب فيصلا ٿي سگهن ۽ منجهن باهمي تعاون براءِ ترقيءَ جون راهون کُلن.
    عالمي امن۽ سلامتيءَ کانپوءِ ٻي نمبر تي اقوام متحده جي اڳيان عالمي سطح تي قومن جي معاشي، معاشرتي، ثقافتي ۽ انساني بهبود وارن مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ دنيا جي قومن ۾ باهمي تعاون پيدا ڪرڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ مکيه مقصد آهي ته جيئن انسانذات پنهنجي عزت نفس، بنيادي حقن شهري آزادي، سماجي، معاشي، مذهبي ۽ سياسي آزادي سواءِ ڪنهن مذهبي، علاقائي، نسلي ۽ شخصي ٻولي، رنگ ۽ لياقت جي امتياز ۽ فرق جي ماڻي سگهي. اقوام متحده جي سمورن ادارن جي مجموعي ڪارگذاريءَ جو مول مقصد مٿي بيان ڪيل مقصدن جو حصول آهي.
    انهيءَ ۾ اقوام متحده هميشه پاڻ پتوڙيندي رهي ٿي، جهڙوڪ: سماجي، اقتصادي، تعليمي، ثقافتي، هنري ۽ ٽيڪنيڪي مالياتي ۽ تجارتي تحقيقات ڪرائي گهربل اپاءُ وٺي سمورن ميدانن ۾ سڌارو، واڌارو آڻڻ ۽ مذڪور شين کي ترقي ڏيارڻ ۾ اها پيش پيش آهي. پوءِ ڏک جي شڪار، قومن ۽ علائقن جي بحاليءَ واسطي يو اين رليف ايئنڊ ريهيبليٽيشن ايڊمنسٽريشن ۽ يورپ، ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا لاءِ الڳ الڳ معاشي ڪميشنون قائم ڪري واسطيدار قومن ۽ علائقن جي اقتصادي ترقيءَ لاءِ نهايت مناسب اُپاءُ ورتا ويا ۽ اهو سلسلو جاري آهي.
    ٽيڪنيڪل امداد لاءِ پڻ اقوام متحده خاص فنڊ قائم ڪيو آهي، جنهن وسيلي پسمانده ملڪن جي خاطر خواهه امداد ڪئي پئي وڃي.
    اقتصادي ماليات جي سلسلي ۾ سن 1956ع ۾ انٽرنيشنل فائننس ڪارپوريشن قائم ڪئي، جنهن 15 ڪروڙ ڊالرن جي موڙي خانگي توڙي سرڪاري طور غريب ميمبر ملڪن کي ڏني. انٽرنيشنل بينڪ جي الحاق سان 1960ع ۾ انٽرنيسنل ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن قائم ڪئي وئي. جنهن انهن پسمانده رياستن کي قرض فراهم ڪيو جيڪي عالمي بئنڪ جا شرط پورا ڪرڻ جي قابل نه هئا.
    عالمي سطح تي تجارتي ترقيءَ واسطي ڪانفرنس سن 1964ع ۾ جنيوا ۾ منعقد ٿي. جنهن تحت تجارتي ترقي لاءِ سمورا گهربل ۽ ضروري اقدامات مسلسل ڪيا پيا وڃن.
    سن 1946ع ۾ پناهگيرن جي ڀلائي ۽ آبادڪاريءَ خاطر انٽرنيشنل رفيوجيز آرگنائيزيشن، اقواممتحده طرفان قائم ڪئي وئي هئي، جنهن اٽڪل ڏهه لک يورپي پناهگيرن جي آبادڪاري ڪئي ۽ سندن روزگار جو بندوبست ڪيو. مذڪور آرگنائيزيشن 1951ع ۾ ٽوڙي وئي ۽ ان جي بدران پناهگيرن لاءِ هاءِ ڪميشن جوڙي وئي، جنهن جو سربراهه هڪ هاءِ ڪمشنر براءِ پناهگيرن سڏيو ويو. 1974ع ۾ هانگ ڪانگ وارن چيني پناهگيرن ۽ عرب پناهگيرن لاءِ فنڊ هن ڪميشن طرفان مهيا ڪيا ويا.
    سن 1948ع ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ڪميشن براءِ انساني حقوق قائم ڪئي ۽ سمورن کنڊن ۾ انهيءَ جون شاخون برپا ڪيون، جيڪي ڪم ڪندڙ آهن. هن ڪميشن 1954ع ۾ شهري، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حقن متعلق مسودو جنرل اسيمبليءَ اڳيان پيش ڪيو. جنهن تحت هندستان، ڏکڻ آفريڪا، هنگري، رومانيا ۽ بلغاريه ۾ شهري ۽ سياسي ڀڃڪڙين ۽ انساني تذليل تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. اقوام متحده مذڪور ملڪن کي گهربل تنبيهه ڪئي ۽ مٿن بندش لڳائي ۽ 1964ع ۾ هر قسم جي نسلي متڀيد کي ناجائز ۽ غلط ڄاڻائي رد ڪيو ويو. جنرل اسيمبليءَ 1946ع ۾ ڪميشن آف نارڪوٽڪ ڊرگس کي منشيات جي نقل و حمل ۽ تياريءَ خلاف سمورن مناسب اقدام لاءِ اختيار ڏئي ڇڏيا. جنهن تحت اها اڃا تائين عمل پيرا آهي.

    عالمي سطح تي مختلف مقصدن جي حصول لاءِ موجود ڪيتريون ئي تنظيمون اقوام متحده سان لاڳاپيل آهن ۽ ان سان سهڪار ڪندڙ آهن. انهن ۾ مکيه تنظيمن ۽ ادارن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.
    1. IMCO يعني انٽرگورنمينٽل ميريٽائيم ڪنسلٽيٽوَ آرگنائيزيشن.
    2. ILO يعني انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن.
    3. UNESCO (يونيسڪو) يعني يونائيٽيڊ نيشنس ايجوڪيشنل سائنٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن.
    4. FAO يعني فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن.
    5. ICAO يعني انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن.
    6. ورلڊ بئنڪ يعني انٽرنيشنل بئنڪ آف ريڪنسٽرڪشن اينڊ ڊيولپمينٽ.
    7. WHO يعني ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن.
    8. ITU يعني انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين.
    9. UPU يعني يونيورسل پوسٽل يونين.
    10. WMO يعني ورلڊ ميٽئورو لاجيڪل آرگنائيزيشن.
    11. IAEA يعني انٽرنيشنل ايٽمڪ انرجي ايجنسي.
    12. IDA يعني انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ايسوسيئيشن.
    13. IFC يعني انٽرنيشنل فائننس ڪارپوريشن.
    مٿين عالمي تنظيمن کانسواءِ ٽي سئو کان به وڌيڪ نان گورنمينٽل آرگنائيزيشنون عالمي سطح تي موجود آهن. جن سان اقوام متحده وارو اڪنامڪ اينڊ سوشل ڪائونسل نالي ادارو عملي رابطي ۽ تعاون ۾ آهي. اقوام متحده جي بجيٽ هر سال سيڪريٽري جنرل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندو آهي. سن 1946ع ۾ اقوام متحده جو مجموعي خرچ هڪ ڪروڙ نوي لک ڊالر هو. جيڪو 1972ع ۾ وڌي ويهه ڪروڙ ڊالر ٿي ويو. سن 1949ع ۾ اقوام متحده طرفان فيلڊ سروس ۽ فيلڊ آبزرورس نالي هڪ ٻئي جا سهڪاري گروپ قائم ڪيا ويا.
    فيلڊ سروس گروپ ڪميشن جي صورت ۾ اقوام متحده جي نگهداشت ۽ سنڀال هيٺ علائقن ۾ جنگ بنديءَ دوران انتظام ۽ امن امان برقرار رکندو ۽ راءِ شماري ڪرائيندو آهي ۽ امن قائم رکندڙ فوج جي نگراني ڪندو آهي. فيلڊ آبزرور گروپ فيلڊ سروس گروپ جي چيڪنگ به ڪندو آهي. ۽ سندس گهربل مدد پڻ ڪندو آهي.
    جنرل اسيمبليءَ پنهنجي پهرئين ئي اجلاس ۾ نيويارڪ شهر ۾ اقوام متحده جو هيڊ ڪوارٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جان ڊي راڪفيلر جونيئر انهيءَ لاءِ نيويارڪ شهر جي مين هٽن Manhattan علائقي ۾ پنهنجي نجي زمين ڏني، جتي اقوام متحده جي سيڪريٽريٽ ۽ ٻين دفترن جون عظيم عمارتون سن 1951ع ۾ جڙي راس ٿيون. ته ترت منجهن آفيسون کوليون ويون. جنرل اسيمبليءَ ۾ مختلف ڪائونسلن جا دفتر 1952ع ۾ جُڙي راس ٿيا. سن 1947ع ۾ اقوام متحده جو جهنڊو هلڪي نيري رنگ جو ٺاهيو ويو. جنهن جي وچ تي اقوام متحده جو علامتي نشان اڇي رنگ سان ٺاهيل آهي. جنرل اسيمبلي ”24 آڪٽوبر“ کي ”يوم اقوام متحده“ قرار ڏنو.


    برطانيا ۽ آمريڪا طرفان فلسطين ۾ نئين اسراعيل جو قيام

    اوڻيهئين عيسوي صديءَ ۾ يهودين کي اولهه يورپ جي ملڪن ۾ شھريت ڏيڻ شروع ڪئي وئي ته ٻئي طرف اوڀر يورپ ۾ کين قانوني پابنديءَ ۾ جڪڙائي، قتل ۽ غارتگريءَ جي ظلم جو نشانو بنايو پي ويو. انهيءَ دؤر ۾ دنيا ۾ موجود سمورن يهودين جي اڌ جيترا يهودي روسي شهنشاهت ۾ رهندا هئا، جتي کين هڪ غير روسي قوميت سمجهي، کين لوڙهن ۽ جهنگلن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو. روسي شھنشاهت ۾ رهندڙ ٻيا قومي گروهه پولينڊ وارا، لِٿوئنيا وارا ۽ يوڪرين وارا باشندا، پڻ ڌاريان سمجهيا ويندا هئا. اهي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. کين سرڪار فسادي سڏيندي هئي. روس ۾ رهندڙ ڌارين قومي گروهن ۾ فقط يهودين واري گروهه جو مذهب غير عيسائي هو ۽ اهو يهودي قومي گروهه پنهنجي مخصوص يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندو هو. هڪ آزاد يهودي قومي تحريڪ اول ته روسي قوم ۾ ضم ٿيڻ لاءِ چالو ڪئي وئي، پر جيڪي يهودي لکن جي تعداد ۾ روس مان ڀڄي آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن توڙي فلسطين وڃي رهيا اُهي پاڻ سان آزادي حاصل ڪرڻ خاطر قومپرستي وارا خيال به کڻي ويا هئا. سن 1870ع ۾ فرانس وارن يهودين جي هڪ تنظيم ”الائنس اسراعيلائيٽ يونيورسل، مِڪِويهه اسراعيل“ نالي سان جافا جي ويجهو هڪ زرعي ادارو قائم ڪيو. سن 1878ع ۾ روس مان لڏي آيل يهودين پِتاههِ ٽِڪِواهِ نالي سان پنهنجو ڳوٺ ٻڌو. اتان ايندڙ يهودين 1882ع ۾ رشن ليزيئن نالي سان هڪڙو ٻيو به ڳوٺ قائم ڪيو. روس مان لڏي ايندر يهودين دنيا مان خيرات وٺي جيئڻ بدران، يهودي آباد ڪارن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ بائِليُو ۽ هو ويوِي زِيئَن نالي سان تحريڪون برپا ڪيون ۽ پنهنجون مخصوص تنظيمون قائم ڪيون. انهن تنظيمن جي قيام کان اڳ اشڪينازِي يهودي گروهه چئين مقدس شهرن ۾ رهندا هئا، سي صفا غريب هئا ۽ يورپي ملڪن مان ملندڙ خيرات تي گُذر ڪندا هئا. روس ۽ ٻين ملڪن مان لڏي ايندر يهودين اشڪينازي يهودين کان جدا رهندي زرعي معاشي وسنديون قائم ڪيون. اهڙيءَ طرح جافا ۾ سندن هڪڙي تِجارتي گروهه پڻ ترقي ڪئي جنهن ۾ اشڪينازي ۽ سيفارڊي يهودي گروهه به ساڻن گڏجي ويا. هتي آڳاٽا آيل يهودي گهڻي ڀاڱي بيروزگاري سبب هتان ٻين هنڌن ڏانهن لڏي ويا. انهن تڪليفن جي باوجود هن علائقي ۾ يهودين جون وڌيڪ وسنديون قائم ٿيون، جنهن ڪري هتي يهودين جو تعداد مسلسل وڌندو ويو. يهودين جي هيڏانهن نئين لڏ پلاڻ پاڻ سان گڏ يهودين واري قديم اسراعيلي ٻولي جنهن کي انگريزيءَ ۾ هيبِرُو سڏين ٿا. انهيءَ ٻولي کي به آندائون، جيڪا يهودين جي سمورن گروهن، جهڙوڪ بنياد پرست يهودي، قوم پرست يهودي، کاٻي ڌُر وارا سماجِوادِي يهودي توڙي سيڪيولر سوچ وارا يهودي مطلب ته سمورن يهودين کي وڻندڙ هئي.اتي سوشلسٽ يهودين جو ارادو ملڪ جي مالڪي جتائي ۽ اهو حاصل ڪري زراعت پيشو اختيار ڪجي، گڏيل زرعي فارم قائم ڪجن ۽ قوم ۽ ملڪ کي زور وٺائجي جديد سيهونيت يعني يهودي تحريڪ جي تاريخ ۾ اُوڻيهئين عيسوي صديءَ کان وٺي دنيا ۾ پکڙيل يهودين جي فلسطين ۾ لڏي اچڻ واري عمل کي Aliyah ايلِياه سڏين ٿا. فلسطين ڏانهن لڏي اچڻ جي پهرئين دؤر يا عمل ۾ 1882ع ۽ سن 1903ع جي وچ واري عرصي ۾ تقريباً 35000 يهودي فلسطين لڏي آيا. انهن يهودين ۾ روسين سان گڏ يمن جا يهودي ۽ بخارا جا يهودي به شامل هئا ۽ پاڻ سان گڏ نجات يعني آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو نظريو به آندو. اهڙيءَ طرح سن 1890ع ۾ يروشلم شهر ۾ يهودي اڪثريت حاصل ڪري ويا، جڏهن ته سموري فلسطين ملڪ ۾ مسلمان ۽ عيسائي عربن جي اڪثريت هئي. سن 1896ع ۾ ٿيوڊور هرزل نالي هڪ يورپي يهودي ”درجوڊن اسٽِٽ“ يعني ”يهودي رياست“ جي عنوان سان هڪ مقالو لکي شايع ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايائين ته يورپ ۾ سامي نسُل مخالفت يعني يهودين جي يورپ ۾ وڌندڙ مخالفت جو حل يهودين جي رياست جي قيام ۾ موجود آهي. سن 1897ع ۾ زيئنسٽ آرگنائيزيشن جو قيام عمل ۾ آيو ۽ پهرين زيئنسٽ ڪانگريس فلسطين ۾ يهودين جي رياست قائم ڪرڻ جي گهُر ڪئي. انهيءَ وقت سيهونيت جي ايتري نه حيثيت هئي نه ئي وري انهيءَ کي ايتري اهميت ڏني وئي. انهيءَ وقت ترڪيءَ واري عثمانيه سلطنت پڻ انهيءَ جي قيام توڙي ڪارگذارين بابت سنجيده نه هئي. سن 1904ع کان 1914ع جي وچ واري عرصي دؤران اٽڪل چاليهه هزار يهودي اچي فلسطين ۾ آباد ٿيندا رهيا. انهي يهودي لڏ پلاڻ کي يهودين جي ٻيو ڀيرو فلسطين ۾ آباد ڪاري سڏجي ٿو. سن 1908ع ۾ زيئنِسٽ آرگنائيزيشن پبلسٽين بيورو قائم ڪيو. انهيءَ کي اِريٽِز اسراعيل آفيس به سڏيندا هئا. انهيءَ جو هيڊ ڪوارٽر جافا ۾ قائم ڪيو ويو ۽ انهيءَ اسراعيل آفيس پاران دنيا جي سمورن يهودين کي فلسطين ۾ آڻي آباد ڪرڻ جي پاليسيءَ تي عمل شروع ڪيو ويو. فلسطين لڏي آيل يهودين جي اڪثريت روس مان ايندڙ يهودين جي هئي. ساڻن پولينڊ جا يهودي پڻ ايندا رهيا. سن 1909ع ۾ روس مان لڏي آيل (9) نوَن سوشلسٽ يهودين جافا ۾ ڪِبُوٽز ڊيگانيا“ يعني زراعت پيشه يهودين جي وسندي يا ڳوٺ يا شهر قائم ڪيو. ساڳئي سال جافا جي ٻين رهاڪو يهودين جافا شهر تي ”اهوزت بييت“ نالو رکيو جنهن جي معنيٰ ”يهودي ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جو پهريون شهر“ آهي. پوءِ اهو نالو بدلائي جافا تي ”تل ابيت“ نالو رکيو ويو. يهودي ٻوليءَ ۾ اخبارون رسالا ۽ ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. فلسطين ۾ تڏهن کان وٺي يهودي اسڪول يهودين جون سياسي پارٽيون ۽ يهودين جون پورهيت پارٽيون به برپا ڪيون ويون. پهرين عالمي لڙائي ۾ يهودين جرمنيءَ جي حمايت ڪئي ڇو ته انهيءَ وقت يهودين ڀانيو ٿي ته دنيا ۾ يهودين جو سڀني کان وڏو دشمن روس آهي، جنهن سان جرمني وڙهي پيو. ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ روس جا يهودي سڀني کان گهڻي تعداد ۾ فلسطين ۾ لڏي اچي آباد ٿيا هئا ترڪيءَ ۾ برپا ٿيل ”ينگ تُرڪس“ نالي تحريڪ کان خائف رهندي ترڪيءَ ۾ موجود يهودين جي حمايت کي ضروري ڄاڻندي برطانيه پڻ يهودي تحريڪ ”زيئنزم جي حمايت پئي ڪئي، ڇو ته آمريڪي يهودين جي کيس حمايت گهربل هئي. جنگ دوران برطانيه کي آمريڪا جي حڪومت جي حمايت ۽ مدد گهربل هئي. جيڪا برطانيه جي خيال ۾ آمريڪي يهودين جي حمايت سان حاصل ٿي سگهندي. سن 1917ع جي پڇاڙيءَ ۾ برطانوي فوج تُرڪن کي ڏکڻ شام مان پسپا ڪري ڪڍي ڇڏيو ۽ برطانوي وزير خارجه، لارڊبيل فور، سندس پارٽيءَ جي اهم ميمبر ۽ يهودي گروهه جي اڳواڻ کي هڪ سرڪاري خط موڪليو، جيڪو ”بيل فور ڊِڪليريشن آف 1917“ سڏجڻ لڳو، ڇو ته انهيءَ خط ۾ يهودين جي رياست، فلسطين جي سر زمين تي قائم ٿيڻ جي برطانوي حڪومت تائيد ڪئي هئي. يهودين جي رياست جي حمايت سان برطانيه فلسطين تي حڪومت ڪرڻ جو جواز پيدا ڪرڻ پي چاهيو، جتي ترڪي جي سلطنت جي حڪومت هئي. انهيءَ دؤر ۾ وچ مشرق يعني عرب ملڪن جي سرحدن جي حد بندي جو فيصلو برطانيه ۽ فرانس جي اعليٰ عملدارن جي وچ ۾ ٿيل اقرار نامي موجب ٿيو. جنهن تحت برطانيه فلسطين تي قبضو ڪيو. سيهوني يعني يهودي تحريڪ جي ڪارڪنن تي مشتمل تيار ڪيل يهودي فوج، فلسطين تي قبضو ڪرڻ لاءِ برطانوي فوج جي حملي ۾ برطانوي فوج سان شامل هئي. انهيءَ يهودي فوج کي روس کان آيل يهودي، جيبوٽنسڪي ۽ ٽِرمپيلڊور مُنَطِم ڪيو ۽ سکيا ڏني. انهي وقت تيار ڪيل يهودي جاسوسي نيٽورڪ، برطانيه کي فلسطين ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ موجود تُرڪ فوج بابت گهربل تمام اهم معلومات فراهم ڪئي. برطانيه جو فلسطين تي ٿيل قبضو سن 1922ع ۾ ليگ آف نيشنس جائز قرار ڏنو ۽ بيل فور ڊِڪليريشن کي به مڃتا ملي. برطانيه جي قبضي هيٺ آيل فلسطين جي حدن اندر اڄوڪو اردن جو ملڪ به شامل هو. پر سامراجي مفادن کي اهيمت جي بنياد تي برطانوي وزير اعظم وِنسٽن چرچل موجوده اردن وارو سمورو علائقو فلسطين جي حدن مان خارج ڪري ڇڏيو. برطانيه، ليگ آف نيشنس ۾ شامل نه ٿيندڙ ملڪ آمريڪا سان هڪ اقرار نامون طئي ڪيو، جنهن ۾ آمريڪا برطانيه جي فلسطين تي ٿيل قبضي بابت پنهنجا شرط مڃايا. سن 1919ع ۽ 1923ع جي وچ ۾ ٻيا به 40 هزار يهودي فلسطين پهچي ويا. هزارن جي تعداد ۾ يهودين جو فلسطين ۾ اهو ٽيون ڀيرو اچڻ ٿيو. اهي سمورا روسي يهودي هئا. جڏهن ته هن کان اڳ فلسطين ۾ موجود يهودين ۾ پڻ اڪثريت روسي يهودين جي هئي. نئين ڀيري آيل يهودين کي مالُتزم يعني هاري يا کيت مزور ماڻهو سڏڻ لڳا ۽ انهن کي زمينون وٺي ڏنيون ويون. اها رقم ”جوئش نيشنل فنڊ“ نالي هڪ يهودي خيراتي اداري مهيا ڪئي، جيڪو ٻاهرئين ملڪن مان فنڊ گڏ ڪندو هو. فلسطين جي جزريل ماٿري ۽ ميداني علائقن ۾ موجود ڍنڍون ۽ ڍورا صاف ڪري آباديءَ جي لائق ڪيا ويا. يهودي بستين جي سلامتي لاءِ فلسطين ۾ آيل روسي سوشلسٽ يهودين واري گروه پنهنجي ڳُجهي دفائي برگيڊ تيار ڪئي جنهن کي ”هگاناه“ سڏيندا هئا. برطانوي وزير خارجه واري بيلفور ڊِڪِليريشن ۽ فرانس طرفان عرب رياست شام جي فتح وارن واقعن عرب ملڪن جي باشندن ۾ بغاوت ۽ فلسطين جي عربن ۾ فلسطيني ”نيشنلزم پيدا ڪيو. تنهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ برطانيه يهودين جي لڏ پلاڻ جي ڪوٽا مقرر ڪئي. جنهن يهوديءَ وٽ هڪ هزار پائونڊن کان وڌيڪ روڪڙي رقم هوندي تنهن کي به فلسطين ۾ اچڻ ڏنو ويندو. تنهن کان سواءِ يهودي ڪاريگرن کي 500 پائونڊ روڪ رقم هوندي ته فلسطين ۾ اچڻ جي اجازت ڏبي. انهيءَ پاليسيءَ تحت يهودي ايجنسيءَ پرڏيهه مان حاصل ڪيل چندن مان يهودين کي شرطيه رقم مهيا ڪئي ۽ فلسطين اچڻ لاءِ برطانيه جي حڪومت کان اچڻ جي پرمِٽ وٺي ڏيڻ شروع ڪري ڏني. اهڙي طرح يهودين جي فلسطين اچڻ وارو عمل جاري رهيو ۽ سن 1924ع ۽ 1929ع جي وچ ۾ ٻيا به ٻياسي هزار يهودي فلسطين پهچي ويا. اهي پولينڊ، هنگري ۽ آمريڪا مان لڏي آيا هئا. انهن يهودين ۾ سماجي وچئين طبقي جا شاهوڪار ۽ سرنديءَ وارا ماڻهو به شامل هئا. انهن شهرن ۾ سڪونت اختيار ڪري، پنهنجو واپار ۽ ڪجهه ورڪشاپ يا ننڍا ڪارخانا قائم ڪيا. پهريون بجلي پيدا ڪندڙ جنريٽر سن 1923ع ۾ طل ابيب شهر ۾ هڪڙي روس کان لڏي آيل يهوديءَ نالي، پِنهاس روٽينبرگ جي رهنمائيءَ ۾ تيار ڪيو ويو. اهو يهودي، بالشيوڪ گورنمينٽ کان اڳ روس ۾ قائم ٿيندڙ ڪيرينسڪيءَ واري حڪومت ۾ وزير هو. يهودي ايجنسيءَ سن 1925ع ۾ يروشلم ۾ يهودي يونيورسٽي ۽ هائيفا شهر ۾ ٽيڪنالاجيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي. سن 1928ع کان وٺي جمهوري بنيادن تي چونڊ يهودي نيشنل ڪائونسل فلسطين ۾ يهودين جو مکيه ادارو ٿي پيو، جنهن ۾ غير سيهوني يهودين کي به نمائندگي ڏني وئي هئي. هيءَ يهودي نيشنل ڪائونسل مضبوط ٿيڻ ۽ ترقي ڪرڻ سان ٻيا به سرڪاري ڪم جهڙوڪ تعليم جو نظام ۽ صحت جو نظام به سرڪاري اجازت سان هلائڻ لڳي. برطانيه جي اجازت سان يهودي ايجنسيءَ ٽيڪس مڙهيا ۽ يهودين کي مختلف کاتا قائم ڪري انهن ۾ نوڪريون ڏيڻ جاري ڪيون. انهيءَ يهودي ايجنسي، ڪائونسل توڙي فلسطين ۾ گڏ ٿيل يهودين جي اڳواڻن کي دنيا جي ڇويهن ملڪن ۾ رهندڙ يهودين طرفان اليڪشن جي بنياد تي چونڊيو وڃڻ لڳو. سن 1929ع ۾ بيت المقدس ۾ عبادت دؤران يهودين طرفان ڪرسيون ۽ ٻيو فرنيچر استعمال ڪرڻ ۽ ان تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش خلاف مسلمانن ۽ يهودين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ آگسٽ 1929ع ۾ فلسطين ۾ يهودين ۽ مسلمانن ۾ فساد برپا ٿيو. انهن فسادن جي نتيجي ۾ ساڄي ڌُر وارن ڪٽر يهودين ”ايٽزل“ يعني نيشنل مِليٽري آرگنائيزيشن سن 1931ع ۾ قائم ڪري ورتي.
    يهودي سياسي پارٽين جدا جدا رهندي تعليم ۽ صحت جا ادارا قائم ڪيا ۽ راندين جون تنظيمون پڻ قائم ڪيون. پبلڪ سروسز ۾ برطانيه جي سرڪار ڪجهه به خرچ نه ڪيو. يهودي مسلم فسادن دؤران برطانوي سامراج فلسطين ۾ واضح اڪثريت ۾ رهندڙ مسلمانن عربن کي حڪومت ڪرڻ وارو اصول ۽ حق رد ڪري ڇڏيو. سن 1933ع ۾ نازي جرمن حڪومت ۽ فلسطين ۾ موجود يهودي ايجنسيءَ، پنجاه هزار جرمن يهودين جي فلسطين ڏانهن منتقليءَ بابت ڳالهيون ڪيون. جرمن سرڪار جرمن يهودين جي جائداد ضبط ڪئي. جرمنيءَ مان لڏيندڙ يهودين کي پاڻ سان ناڻو کڻي وڃڻ جي اجازت ڪا نه هئي ۽ کين سامان جي ٻن پيتين کان وڌيڪ ڪا به شيءِ کڻي وڃڻ جي اجازت به ڪا نه هئي. تنهن ڪري جرمن سرڪار سان ڳالهيون ڪندڙ يهودي اڳواڻ عورت، هائِم ازلوسوروفِ کي 1933ع ۾ طل ابيب شهر ۾ قتل ڪيو ويو. فلسطين ۾ آباد يهودين 14 مليئن پائونڊن جي ماليت جو ويڪو مال جرمنيءَ مان خريد ڪري فلسطين آندو. جرمن يهودين جي فلسطين ۾ اچڻ ۽ جرمن ويڪو مال جو فلسطين ۾ اچي وڪجڻ سان يهودين جي واپار ترقي ڪئي. هائفا شهر ۾ بندرگاه ۽ تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو تعمير ٿيو ۽ يهودي آبادين ۾ زراعت سڌرڻ ڪري صنعتڪاري شروع ڪئي وئي. سن 1929ع ۽ 1938ع جي وچ واري عرصي ۾ يهودين جي فلسطين ڏانهن پجين وڏي لڏ پلاڻ دؤران ٻيا به اڍائي لک يهودي روس، جرمني ۽ ٻين يورپي ملڪن مان لڏي آيا، جن ۾ ڊاڪٽر، قانوندان ۽ پروفيسر گهڻي ڀاڱي جرمني جا يهودي هئا. انهن جرمن يهودين ۾ جايون اڏڻ جا ڪاريگر اُستا به هئا. انهن طل ابيب شهر جي سموري پسگردائيءَ ۾ پنهنجون نراليون اڏاوتون ڪيون هيون. تنهن وقت يهودين جي فلسطين ۾ اچي گڏ ٿيڻ سان يهودي، فلسطين ۾ دنيا ۾ آدمشماريءَ جي لحاظ کان سڀني کان گهڻا ڊاڪٽر هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ لڳا هئا. سڄي دنيا مان يهودين جو فلسطين اچڻ سبب 1936ع کان 1939ع تائين يهودين ۽ عربن جا هڪٻئي سان اختلاف چوٽ چڙهي دنگن ۽ فسادن جي صورت اختيار ڪري ويا ۽ عربن ۾ قومپرستي جو رُجحان پيدا ٿيو، جنهن فلسطين سان گڏ سمورن عرب ملڪن ۽ علائقن کي يورپي سامراجين کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد چالو ڪئي. هنن فسادن کي ختم ڪرائڻ لاءِ برطانيه جي سرڪار سن 1936ع ۾ هڪڙي پيل ڪميشن جوڙي، جنهن 1937ع ۾ پنهنجي رپورٽ ۾ راءِ ڏني ته فلسطين جي گيليلي ۽ الهندي ساحلي علائقي ۾ يهودين جي الڳ ۽ آزاد رياست قائم ڪئي وڃي ۽ انهيءَ سموري علائقي ۾ رهندڙ سوا ٻه لک عربن کي اتان لڏائي، فلسطين جي باقي ايراضيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي. يهودين جي ٻن مکيه اڳواڻن شام وِيز مان ۽ ڊيوڊ بين گوريئن پنهنجي زيئنسٽ ڪانگريس کي پيل ڪميشن رپورٽ کي برابريءَ جي بنياد تي، وڌيڪ ڳالهين لاءِ انهيءَ کي بنياد بنائي منظور ڪرڻ تي آماده ڪيو، پر فسلطين جي عرب قيادت انهي پيل ڪميشن جي تجويز کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو. ۽ يهودين ۽ انگريزن جي خلاف احتجاجي تحريڪ تيز ڪري ڇڏي. تنهن ڪري عربن کي ٿڌو ڪرڻ خاطر انگريز سرڪار پيل ڪميشن جي تجويز کي ناقابل عمل قرار ڏئي في الحال انهيءَ کي پاسيرو ڪري ڇڏيو. فلسطين ۾ لڏي آيل يهودين جي اڳواڻ وِيز مان، پيل ڪميشن اڳيان واضح ڪيو ته هن وقت يورپ ۾ سٺ لک يهودي موجود آهن، جن لاءِ يورپ ۾ وڌيڪ وقت رهڻ لاءِ ڪا به جاءِ ڪا نه رهي آهي ته ان سان گڏ دنيا ۾ ٻي ڪا به جڳهه ڪانهي جتي هو لڏي وڃي سگهن. انهن يهودين جي رهائش واري مسئلي جي حل خاطر آمريڪا سن 1938ع ۾ هڪڙي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ فلسطين جي عربن توڙي يهودين کي شرڪت جي دعوت ڪو نه ڏنائون. انهيءَ ڪانفرنس ۾ جرمنيءَ جي نازي حڪومت تجويز ڏني ته يورپ ۾ موجود سمورن يهودين کي ميڊاگاسڪر ٻيٽ تي اماڻيو وڃي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪنهن به ملڪ يهودين کي پاڻ وٽ اچڻ جي اجازت ڪا نه ڏني ۽ برطانيه به يهودين جي فلسطين ڏانهن اچڻ تي بندش وڌي. سن 1939ع ۾ برطانيه طرفان هڪڙو وائيٽ پيپر شايع ٿيو، جنهن ۾ ڏهن سالن جي عرصي اندر هڪ آزاد فلسطين جي رياست قائم ڪجي. جنهن ۾ عرب ۽ يهودي برابريءَ جي بنياد تي گڏجي حڪومت هلائين. انهيءَ وائيٽ پيپر ۾ 1940ع کان 1944ع تائين پنجهتر هزار يهودين کي فلسطين ۾ لڏي اچڻ جي اجازت ڏجي. تنهن کان پوءِ واري يهودي لڏ پلاڻ لاءِ عرب قيادت جي طرفان اجازت جي گهرج رهندي. عربن توڙي يهودين انهيءَ وائيٽ پيپر کي رد ڪري ڇڏيو. سن 1940ع ۾ فلسطين لاءِ مقرر برطانوي سفير هڪڙو حڪم جاري ڪيو ته يهودي فلسطين جي 95 سيڪڙو ايراضيءَ ۾ زمين خريد نه ڪن تڏهن کان وٺي يهودين غير قانوني طور فلسطين ۾ داخل ٿيڻ شروع ڪيو. انهن يهودين جي سرپرستي سندس غير قانوني تنظيم موساد ۽ اِرگُن پئي ڪئي. ٻي عالمي لڙائي دؤران يهودي ايجنسيءَ برطانيه جي مڪمل حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ يهودي فوج تيار ڪري برطانيه جي فوج جي حوالي ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو، پر برطانوي سرڪار اهو منصوبو رد ڪري ڇڏيو. برطانيه گهر ڪئي ته جنگ لاءِ يهودي سپاهين جو به اوترو عدد گهرجي جيتري تعداد ۾ عرب رضاڪار ڏيندا انهيءَ وقت فلسطين جي مکيه عرب اڳواڻ يروشلم جي مفتيءَ جرمني حڪومت جو ساٿ ڏنو، تنهن ڪري برطانيه پاران جنگ ۾ عربن جو تمام ٿورو تعداد شامل ٿيو هو. مئي 1942ع ۾ فلسطين جي يهودين، مٿن جرمني جي اتحادي محوري قوتن طرفان ممڪن حملي کان بچڻ وارو ناٽڪ ڪري پنهنجي هٿيار بند ونگ تيار ڪئي، جنهن کي برطانيه ۽ روس طرفان هٿيار به مليا، پر انهن ظاهر ڪيو ته اسان يهودي هٿيار بند ونگ کي هٿيار ڪو نه ڏنا آهن. انهيءَ وقت يهودي ايجنسيءَ 30 هزار يهودي نوجوان ۽ عورتون ۽ 6 هزار عرب رضاڪار برطانيه کي پيش ڪيا جن کي برطانوي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو جون 1944ع ۾ برطانيه پاڻ يهودي برگيڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جنهن ۾ انهيءَ يهودي برگيڊ کي اٽليءَ ۾ برطانيه طرفان وڙهڻ لاءِ موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. برطانيه ۽ ان جي جنگ وارن اتحادي ملڪن ۾ سندن فوجن جي هر محڪمي ۾ دنيا جي اٽڪل 15 لک يهودين حصو ورتو. انهن مان گهڻن يهودين سوويت فوج ۽ آمريڪي فوج ۾ ڪم ڪيو. انهن يهودين پوءِ اسراعيل جي رياست لاءِ ويڙه ڪئي ۽ ان جي قيام ۾ فيصله ڪن ڪردار ادا ڪيو. انهن مان ٻه سؤ کن انتهاپسند سپاهين Lehi ”ليهِي“ نالي سان برطانوي سرڪار جي خلاف تخريبي ڪاروايون ڪرڻ شروع ڪيون. انهن جو اڳواڻ ايوراهانِ لِسٽرن، دهشتگرد يهودي هو. سن 1943ع ۾ سوويت يونين پنهنجي باغي انتها پسند يهودي نالي مناشم بيگن کي آزاد ڪيو هو ترت فلسطين پهچي يهودين جي فوجي وِنگ جي اڳواڻي ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت ٽي برطانيه جي قائم ڪيل اِريٽيريا واري ڪيمپ مان ليهي دهشتگرد يهودي تنظيم جو قيدي رڪن ڀڄي واپس فلسطين آيو ۽ ليهي دهشتگرد تنظيم جي اڳواڻي ڪرڻ لڳو. هاڻي يورپي توڙي ٻين علائقن ۾ رهندڙ يهودي فلسطين وڃڻ لاءِ پر سوئڻ لڳا. يهودي رياست جي قيام واري يهودي تحريڪ جي اڳواڻي يهودي ايجنسيءَ پئي ڪئي، جيڪا يهودي آبادڪارن ۾ اڻ اعلانيل حڪومت ڪري رهي هئي. انهيءَ ايجنسيءَ جي اڳواڻي روسي نزاد، يهودي ڊيوڊ بين گوُريئن ڪري رهيو هو. فلسطين کان ٻاهر رهندڙ يهودين ۾، فلسطين ۾ يهودي رياست قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ سيهوني تحريڪ تي غلبو آمريڪي يهودين کي حاصل هو. ٻي عالمي جنگ برطانيه کي صفا ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ هن سمجهي ورتو ته سندس جياپو فقط سندس قبضي هيٺ عرب علائقن ۾ موجود تيل تي ئي ٿيندو. تنهن ڪري، برطانوي تيل ڪمپنين کي علائقي جي تيل تي مڪمل قبضي هيٺ رکڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ۽ ڪوويت بحرين ۽ عرب امارات تي سامراجي گرفت مضبوط ڪئي وئي. جنگ بند ٿيڻ کان پوءِ وارين چوندن ۾ برطانيه جي ليبر پارٽي ڪامياب ٿي اقتدار ۾ آئي، جيڪا اڳئي فلسطين ۾ يهودي رياست ٺاهڻ جي حامي هئي، تنهن اسراعيل جي قيام لاءِ ٺوس پاليسي اختيار ڪئي. اهو وجهه وٺي، يهودي بنا کٽڪي، ناجائز طور لکن جي تعداد ۾ فلسطين ۾ لڏي ايندا رهيا، انهن ۾ نه فقط يورپي يهودي پر بين عرب ملڪن ۽ مسلمان ملڪن کان به يهودي فلسطين ايندا رهيا. جنهن ڪري يهودين جو فلسطين ۾ تعداد ٻي عالمي لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ وڌي وڃي ڪل آدمشماريءَ جو 33 سيڪڙو ٿي ويو ۽ انهن برطانوي حڪومت جي خلاف گوريلا جنگ ڪرڻ لاءِ سندن مختلف عسڪري تنظيمن جو اتحاد قائم ڪيو تنهن کي جوئش رزسٽنس مووِمينٽ سڏيائون. جڏهن سرڪار مخالف تحريڪ چالو ڪيائون ته 1946ع ۾ برطانوي سرڪار يهودي ايجنسيءَ جي هيڊ ڪوارٽر تي ۽ ٻين واسطيدار مرڪزن تي ريڊ وسيلي 2700 انتها پسند ۽ دهشت گرد يهودين کي سندن اڳواڻن سميت گرفتار ڪيو ۽ هر مهيني ۾ فقط 750 يهودين کي فلسطين اچڻ جي اجازت ڏني. انهيءَ فيصلي کي نه مڃيندي، جولاءِ 1946ع ۾ يهودي دهشتگرد ڪِنگ ڊَيوِڊِ هوٽل ۾ قائم برٽش مليٽري هيڊ ڪوارٽرس ۾ بم اُڇلائي 91 ماڻهن کي ماري ڇڏيو. انهيءَ صورتحال ۾ برطانيه طل ابيب شهر ۾ ڪرفيو نافذ ڪري يهودين کي هزارن جي تعداد ۾ گرفتار ڪري کانئن پڇا ڳاڇا ڪئي. انهيءَ قدم تي آمريڪا ڪاوڙجي پيو ۽ برطانيه کي منظور ٿيل قرض في الحال ڪو نه ڏنو ته سن 1947ع ۾ برطانوي سرڪار فلسطين جي مسئلي کي تازي وجود ۾ آيل اقوام متحده ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ 2 اپريل 1947ع ۾ اقوام متحده کي گذارش ڪئي ته فلسطين جو مسئلو جنرل اسيمبليءَ ۾ نبيريو وڃي. ان ڪري اسيمبلي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ اقوام متحده جي فلسطين جي مسئلي بابت اسپيشل ڪاميٽي قائم ڪري، کانئس فلسطين مسئلو بابت رپروٽ طلب ڪئي. اها ڪاميٽي جولاءِ 1947ع ۾ فلسطين آئي ۽ يهودين جي مختلف اڳواڻن ۽ وفدن سان ملي جڏهن ته فلسطين جي عربن انهيءَ ڪاميٽي جو بائڪاٽ ڪيو. اقوام متحده واري ڪاميٽيءَ جي فلسطين واري دؤري دؤران يورپ کان آيل يهودين جي بحري جهاز کي فلسطين ۾ يهودين کي برطانيه جي سيڪريٽري خارجه ارنيسٽ بيوِن لاهڻ نه ڏنو ۽ انهن يهودين کي يورپ جي هيمبرگ بندر تي برطانوي فوج زوري لاهي ڇڏيو. اقوام متحده واري ڪاميٽيءَ کي يهودين جي هڪڙي بنياد پرست اڪودت اسماعيل پارٽيءَ تجويز ڏني ته اسان جي رهنما بين گوريئن سان صلاح مصلحت موجب فلسطين ۾ فقط يهودي رياست اسراعيل قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ يهودين لاءِ مخصوص تعليمي نظام هئڻ گهرجي. سبت ڇنڇر جو ڏينهن قومي ڏينهن ڪري ملهايو وڃي، انهيءَ ڏينهن سرڪاري ادارن ۾ ڪوشر يعني مخصوص کاڌو کارايو وڃي ۽ شاگردن ۽ بنياد پرست يهودي عورتن کي فوجي خدمت کان آجو ڪيو وڃي. اقوام متحده واري اسپيشل ڪاميٽي رپورٽ ۾ تجوير ڏني ته فلسطين ۾ هڪ آزاد عرب رياست، هڪ آزاد يهودي رياست قائم ڪئي وڃي، تنهن کان سواءِ يروشلم شهر ۾ انهن ٻنهي رياستن کان جدا ۽ عالمي ٽرسٽي شپ تحت آزاد شهري رياست قائم ڪئي وڃي 29 نومبر 1947ع ۾ جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٺهراء نمبر 181 (11) ۾ اسپيشل ڪاميٽيءَ واري رپورٽ کي اختيار ڪيو ۽ برطانيه کي هدايت ڪئي ته يهودين کي فلسطين وڃڻ جي اجازت ڏي. پر انهيءَ ٺهراء تي نه برطانيه نه ئي سلامتي ڪائونسل ڪو به عمل ڪيو. برطانيه يهودين جي فلسطين وڃڻ تي بندش برقرار رکي ۽ اقوام متحده جي نمائندن کي فلسطين وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان لهرائڻ لڳو. ٻئي طرف اقوام متحده واري ٺهراء يهودين کي خوش ۽ عربن کي سخت مايوس ۽ رنج ڪيو. تنهن ڪري فلسطين ۾ عربن ۽ يهودين ۾ دنگا فساد چالو ٿي گهرو ويڙه کي وڃي رسيا. جنوري 1948ع کان ڪيترن ئي عرب هٿيار بند گروپن جي مداخلت سبب فساد هٿياربند جنگ جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا. انهن گيليلي ۽ ساماريا ۾ عربن جي موجودگيءَ کي مستحڪم بنايو. مصر کان آيل عبدالقادر الحسيني پاڻ سان ڪجهه سؤ فوجي آندا ۽ فلسطين ۾ ڪجهه هزار رضاڪار تيار ڪري يروشلم شهر ۾ موجود يهودين کي محاصري ۾ آندو. يهودين سؤ سؤ بڪتربند گاڏين جي قافلن سان گهيريل يهودين کي گهربل شيون پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گهڻي ڀاڱي ناڪام رهيا. هائفا، جافا ۽ يروشلم شهرن جا مٿئين ۽ وچولي طبقي وارا عرب خاندان تقريباً لک کن جي تعداد ۾ فلسطين مان نڪري ويا ۽ منجهائن ڪجهه عرب فلسطين جي اڀرندي طرف هليا ويا. انهيءَ صورتحال کي ڏسي آمريڪا فلسطين جي ورهاڱي واري منصوبي هٿ تان کڻي ويو ۽ اقوام متحده کي جتايو ته عرب لبريشن آرمي جي مدد سان فلسطيني عرب فلسطين جي ورهاڱي واري منصوبي کي ختم ڪري ڇڏيندا. ٻئي طرف برطانيه 7 فيبروري 1948ع ۾ فلسطين جي عربن واري علائقي کي اُردن سان ملائڻ واري منصوبي جي حمايت جو فيصلو ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڊيوڊ بين گوريئن سندن يهودي فوج کي تسليم ڪري، سمورن يهودي مردن توڙي عورتن کي فوجي سکيا وٺڻ جي هدايت ڪئي. يهودي عورت اڳواڻ گولڊاميئر، آمريڪا جي يهودين ۽ ٻين يهودين سان همدردي ڪندڙ آمريڪين کان مناسب انگ ۾ چندو گڏ ڪيو، جنهن مان يهودي فوج کي گهربل ضروري هٿيار خريد ڪيا. سوويت يونين پڻ انهيءَ وقت يهودي نصب العين يعني يهودي رياست جي قيام جي حمايت ڪئي. هٿيار خريد ڪرڻ کان پوءِ يهودي فوج فلسطين جي عرب علائقن ۽ شهرن تي حملا ڪندي عربن کي اتان ڀڄائيندي ۽ پنهنجي قبضي ۾ آڻيندي وڌ کان وڌ ايراضيءَ تي يهودي رياست پکيڙڻ جي ڪوشش ۾ مشغول رهي. انهن قبضي ۾ آيل مکيه شهر ۽ علائقا تبريئس هائيفا، سافد، بيسان، جافا ۽ ايڪر وغيره شامل هئا. انهن علائقن مان اڍائي لک فلسطيني عربن کي يهودي فوج زبردستي سان ڀڄائي ڪڍيو. انهيءَ خطرناڪ صورتحال پاڙيسري عرب ملڪن کي هن مسئلي ۾ مداخلت ڪرڻ تي مجبور ڪيو. چوڏهين مئي 1948ع ۾ هائيفا مان برطانيه پنهنجي سموري فوج ڪڍي ويو ۽ يهودي ايجنسيءَ طل ابيب شهر جي ميوزم ۾ گڏجاڻي ڪري اسرائيل نالي يهودي رياست جي قيام جو اعلان ڪيو. انهيءَ اعلان کان ترت پوءِ آمريڪا جي صدر هيري ٿِروُمَينِ ۽ سوويت ليڊر جوزف اِسٽالن، اسراعيل نالي قائم ٿيندڙ نئين يهودي رياست کي تسليم ڪيو. جڏهن ته عرب ليگ ۾ شامل عرب ملڪن، مصر، اردن، شام، لبنان ۽ عراق اقوام متحده واري فلسطين ملڪ کي ورهائڻ واري منصوبي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سموري فلسطين ۾ عربن جي حق خود اراديت يعني آزادي جي دعويٰ ڪئي ۽ فلسطين ۾ پنهنجون فوجون آڻي يهودي فوج سان جنگ شروع ڪري ڇڏي. 29 مئي 1948ع ۾ برطانيه اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراء نمبر 50 پاس ڪرايو جنهن تحت هن عرب اسراعيل جنگ واري علائقي ۾ هٿيار پهچائڻ تي بندش لڳائي وئي، پر ڪِزيڪوسِلوواڪِيا سلامتي ڪائونسل جي ڀڃڪڙي ڪندي، اسراعيل کي گهربل سمورا هٿيار ڏنا. نيٺ 11 جون 1948ع ۾ اقوام متحده طرفان عارضي جنگ بندي عمل ۾ آئي. اسراعيل جي رياست وجود ۾ اچڻ کان پوءِ يهودي فوج کي اسراعيل جي دفاعي فوج سڏڻ لڳا. آزاد يهودي عسڪري گروپن کي به اسراعيل جي دفاعي فوج ۾ ضم ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي. انهن آزاد عسڪري گروپن مان ”ايٽزل“ نالي گروپ ”الٽالينا“ نالي هڪ خانگي بحري جهاز، جيڪو هٿيارن سان ڀريل هو، اسرائيل ۾ آڻڻ جي ڪوشس ڪئي، پر اسراعيل جي حڪومت، کيس اهي هٿيار نه ملڻ واري فيصلي سبب انهيءَ بحري جهاز کي سمنڊ ۾ غرق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انهيءَ ڦڏي ۾ ايٽزل عسڪري گروپ جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. هاڻي يورپ توڙي ٻين ملڪن جا يهودي بنا کٽڪي لکن جي تعداد ۾ اسراعيل اچڻ لڳا ۽ منجهائن گهڻا اسراعيلي فوج ۾ شامل ٿيڻ لڳا. ٻئي طرف فلسطين جا جيڪي علائقا عرب گڏيل فوجن يهودي حڪومت کان خالي ڪرايا هئا، جولاءِ 1948ع کان اهي اسراعيل جي فوج منظم ۽ هٿياربند ٿيڻ بعد واپس وٺڻ شروع ڪيا. ايتري قدر جو گڏيل عرب فوجن کي پسپا ڪري يهودي فوج سندن کسيل علائقن کان سواءِ مجوزه عرب ڀاڱي جا به ساڻن لڳ علائقا پنهنجي قبضي هيٺ آندا. نومبر جي پڇاڙي ۾ اسراعيل، شام ۽ لبنان جي فوجن وچ ۾ جنگ بندي عمل ۾ آئي. پهرين ڊسمبر 1948ع ۾ اردن جي بادشاه عبدالله، فلسطين جي عرب ايراضيءَ ۽ اردن جي پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. انهيءَ اتحاد کي سڄي دنيا ۾ فقط هڪ ملڪ برطانيه تسليم ڪيو. اسراعيل چوويهه فيبروري 1949ع ۾ مصر سان، 23 مارچ تي لبنان سان 3 اپريل تي اُردن سان ۽ 20 جولاءِ 1949ع ۾ شام سان عارضي جنگ بنديءَ تي صحيح ڪئي. هنن ملڪن جي وچ ۾ ڪو به حقيقي امن جو معاهدو ڪو نه ٿيو هو. مستقل طور هنن ملڪن جي وچ ۾ جنگ بندي عمل ۾ اچڻ سبب اسراعيل پنهنجي سرحد گرين لائين نالي سان نشانبر ڪئي. عرب رياستن اسراعيل طرفان نشانبر ڪيل سرحد کي بين الاقوامي سرحد طور تسليم ڪو نه ڪيو. اسراعيل جي فوج گيليلي، جزريل وادي، اولهه يروشلم، ساحلي پٽي ۽ نجف کي پنهنجي سرحد اندر داخل ڪري ڇڏيو. گيليليءَ واري سمنڊ واري ساحلي پٽي تي شامين جو قبضو رهيو. لبنان جو روش هانِڪرا نالي هڪ سوڙهي پٽي تي قبضو هو. مصر جو غزا واري پٽي تي قبضو هو، جنهن انهيءَ علائقي کي مُتنازع علائقو ڄاڻايو، مصر جي فوج اسراعيلي سرحد اندر به موجود هئي. اردن جي فوج جو الهندي ڪناري تي قبضو هو. انهي کي برطانيه جنگ کان به اڳ اتي ويهاريو هو. جنگ بنديءَ جي اعلان کان پوءِ برطانيه وٽس قيد ٻه هزار کن يهودي قيدي سندس قبرس ۾ قائم قيد مان آزاد ڪري اسراعيل موڪليا ۽ اسراعيل جي نئين رياست کي تسليم ڪيو. 11 مئي 1949ع ۾ اسراعيل اقوام متحده جو ميمبر ٿي ويو. اقوام متحده جي رڪارڊ موجب 1947ع ۽ 1949ع جي وچ ۾ ست لک 26 هزار فلسطيني عربن کي اسراعيل فلسطين جي سر زمين تان زبردستي بيدخل ڪيو. اردن کان سواءِ انهن پناهگير عربن وڏين پناه گير ڪيمپن ۾ اجهو ورتو، جتي ضروريات جي سخت اڻاٺ هئي. برطانيه جي تجويز موافق اقوام متحده 1949ع ۾ فلسطيني پناهگيرن جي مدد لاءِ هڪ ايجنسي قائم ڪئي، جيڪا اڃا تائين انهن جي مدد ۾ مشغول آهي.


    1857ع ۾ هندستان جي ديسي فوج جي بغاوت ۽ آزاديءَ جي پهرين جنگ

    ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت جي خلاف هندستان جي آزاديءَ جي پهرين جنگ اُوڻِيهَئيِن عيسوي صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي تائين، ليکي ۾ نه ايندڙ ۽ ڪمپنيءَ جي پاليسيءَ کي قبول ڪندڙ چند ننڍين رياستن کان سواءِ انگريز سامراجي واپاري ڪمپنيءَ، هندستان جي تقريباً سڀني مکيه مُلڪن، وڏين رياستن ۽ پرڳڻن تي پنهنجو سامراجي تسلط قائم ڪري ورتو هو ۽ اها گذريل هڪ سئو سالن کان انهن غلام بنايل سمورين رياستن ۽ قومن جو، نهايت بيرحميءَ سان، عالمي پيماني تي استحصال ڪرڻ ۾ مسلسل مشغول رهندي آئي. انگريز سامراجي ڪمپنيءَ جي انهيءَ ڦرلٽ ۽ استحصال خلاف هندستان جي محڪوم ملڪن ۽ قومن ۾ سخت بيچيني ۽ نفرت پيدا ٿي چڪي هئي. تنهنڪري 1857ع ۾ ديسي فوجين طرفان انگريز فوجي آفيسرن سان ٿيل بغاوت، آزاديءَ واري جنگ ۾ تبديل ٿي وڃڻ سان، هندستان ۾ برطانيه جي سامراجي تسلط جي بنيادن کي هڪ وار ته بنهه لوڏي وڌو. برطانوي مورخن انهي تاريخي واقعي کي، چند ديسي سپاهين طرفان فوجي ضابطي جي ڀڃڪڙي ڄاڻايو ۽ ڪا به اهميت ڪا نه ڏني. جڏهن ته هندستاني تاريخدانن انهيءَ واقعي کي برطانيه جي سامراجي تسلط ۽ استحصال جي خلاف، ملڪي سطح تي محڪوم قومن طرفان بغاوت ۽ هندستان جي آزاديءَ خاطر ٿيندڙ پهرين جنگ قرار ڏنو. برطانوي سامراجي حڪومت جي خلاف چالو ٿيندر اها آزاديءَ جي تحريڪ، ارڙهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هندستان جي مختلف رياستن ۽ علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ برطانوي سامراج مخالف احتجاجي تحريڪ ۽ بغاوت جو تسلسل هئي. جهڙوڪ اتر بنگال ۾ سنياسين واري احتجاجي هلچل، بهار ۽ بنگال ۾ چنار وارا هنگاما. تنهن کان سواءِ اُڻيهئين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سڄي هندستان ۾ هاري طبقي سان ٿيندڙ ظلم ۽ استحصال جي خلاف هندستان جي هاري طبقي، سماراجي سرڪار ۽ جاگيردار زميندار طبقي جي خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائي، تنهن ۾ مالابار جي موپلاه تنظيم سان واڳيل هارين جي بغاوت ۽ بنگال ۾ مسلمان هارين طرفان هلائيل فارازئي تحريڪ سڀني کان وڌيڪ اهم باغيانه تحريڪون هيون. اُوڻيهئين عيسوي صديءَ جي پهرئين اڌ دوران هندستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي قبيلن طرفان ٿيندڙ قبيلائي بغاوتن پڻ جنم ورتو. مثلاً مديھ پرديش جي ڀيلن جي بغاوت، بهار جي سنڀال قبيلن طرفان ٿيندڙ وڳوڙ ۽ اوڙيسا جي گونڊ ۽ کونڊ قبيلن طرفان ٿيندڙ فساد وغيره. اهي وڳوڙ، بعاوتون ۽ مختلف علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ تحريڪون، پنهنجن پنهنجن علائقن ۽ رياستن تائين محدود ۽ هڪ ٻئي سان ڪنهن به طرح عملي طور مربوط ۽ متحد ڪو نه هيون. تنهن ڪري برطانيه جي سامراجي حڪومت کي انهن تحريڪن مان ڪو به خوف خطرو محسوس ڪو نه ٿيو. مٿي بيان ڪيل وڳوڙن ۽ بغاوتن جي ڀيٽ ۾ 1857ع واري سرڪار مخالف مزاحمتي تحريڪ، هڪ مُنظم سياسي هلچل جي صورت اختيار ڪري وئي. انهيءَ جي شروعات ته برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرڪاري فوج ۾ چند هندو ۽ مسلمان سپاهين طرفان، سندن بالا عملدارن جي حڪم نه مڃڻ ۽ سزا کائڻ سان ٿي، پر انهيءَ بغاوت کي ترت عوامي حمايت حاصل ٿي، تنهن ڪري اها زور وٺي وئي. انهيءَ بغاوت کي عوام طرفان مزاحمتي تحريڪ طور هلائڻ ۾ ڪيترائي معروضي عناصر ڪارفرما هئا، پر سڀ کان وڌيڪ اهميت جا حامل اسباب، هندستان جي سماج ۾ موجود سڀني طبقن، پرتن ۽ گروهن جي صورت ۾ مختلف قومن ۾ غلامي، احساس محرومي ۽ ناانصافيءَ جي حقيقتن، انگريز سامراج جي خلاف احتجاج ۽ بغاوت ڪرڻ تي آماده ڪيو. هن بغاوت ۽ سرڪار مخالف مزاحمتي تحريڪ جو مکيه سياسي سبب، برطانيه وٽ غلام بنايل رياستن ۽ ملڪن جي حڪومتن کي سياسي طرح ٻين آزاد رياستن کان ڌار ڪري، کين مالي طور ڪمزور ڪري، پاڻ وٽ يرغمال بنائي، انهن کان اقتدار کسي، انهن کي پنهنجي سامراجي تسلط هيٺ اڻي ڇڏڻ واري سامراجي پاليسي هئي، جنهن تحت برطانوي سامراج يورپ کان سواءِ باقي دنيا جي سمورن کنڊن ۾ ٻين يورپي سامراجي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻن ملڪن ۽ رياستن تي پنهنجو مڪمل سامراجي سياسي تسلط قائم ڪري ورتو، تنهن ڪري اهو ڳچ وقت تائين فخر سان چوندو رهيو ته سندس (سامراجي) سلطنت تان ته سج لهي ئي نٿو! انهي پاليسيءَ تحت برطانوي سامراجي حڪومت هندستان جي تمام گهڻن ملڪن ۽ رياستن جي حاڪمن، بادشاهن، راجائن ۽ نوابن کي زوريءَ تخت تان لاهي، قتل ڪري ۽ ڪن کي قيد ۾ رکي انهن ملڪن ۽ رياستن تي پنهنجو مڪمل سياسي تسلط قائم ڪندي رهي ۽ پنهنجي سامراجي سلطنت جي مسلسل توسيع ڪندي رهي. باقي آزاد رهيل ملڪن ۽ رياستن جي حاڪمن تي به ساڳي عقوبت ٿيڻ جو خوف تاري هو. انهيءَ پاليسيءَ تحت راڻي لڪشمي ٻائيءَ جي گود ۾ ورتل پُٽ کي، سامراجي حڪومت، پنهنجي جهانسي واري رياست جي تخت تي ويهي بادشاهه بنجڻ جي اجازت ڪا نه ڏني. اهڙيءَ طرح ستاره، ناگپور ۽ جهانسي رياستن کي زوريءَ پنهنجي سامراجي حڪومت ۾ ضم ڪري ڇڏيو. تنهن سان گڏ سامبلپور ۽ اُڌيپور جون رياستون پڻ ساڳي زوراوريءَ سان سامراجي حڪومت ۾ شامل ڪيون ويون. راجا باجي رائو ٻئي جي گود ۾ ورتل پٽ کي انگريز سرڪار طرفان ملندڙ وظيفو برقرار رکڻ کان انگريز سرڪار طرفان انڪار ڪرڻ سبب، انگريز سرڪار ۽ مقامي حڪمران نانا صاحب جي وچ ۾ دشمني پيدا ٿي پئي. ٻيو ته برطانوي سامراجي سرڪار اعلان ڪيو ته اختيار نه پر فقط لقب رکندڙ شهنشاه بهادر شاهه ثانيءَ جي اهل عيال کي هاڻي لال قلعي ۾ رهڻ جي اجازت ڪانه ڏبي. انهيءَ اعلان عوام ۾ سامراجي حڪومت جي خلاف سخت نفرت ۽ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي. ٽيو ته ان وقت هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ڊلهائوسي، خراب انتظامي صورتحال جو بهانو بنائي، اوڌ جي شاهوڪار رياست تي قبضو ڪري، پنهنجي سامراجي حڪومت ۾ ضم ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري معزول ڪيل هزارين امير، اعليٰ عملدار سپاهي، وظيفه بردار ۽ نوڪر چاڪر بيروزگار ۽ بي يارومددگار ٿي پيا ۽ اوڌ جي سموري رياست ۾ انگريز سامراجي حڪومت جي خلاف غم ۽ غصي جي لهر ڊوڙي وئي. پنهنجي دور حڪومت ۾ برطانوي سامراج هندستان جي حوالي سان 1850ع ۾ هڪڙو قانون جوڙيو جنهن تحت جيڪي هندو، هندو مذهب ڇڏي ڪرستان يعني عيسائي مذهب اختيار ڪري ويا ۽ انهن کي سندن مائٽن جي ملڪيت جو وارث بنايو ويو، جڏهن ته هندو مذهب موجب، مذهب مٽائيندڙ فرد کي مائٽن جي ملڪيت ۾ ڪنهن به طرح ورثي جو حق حاصل ڪو نه هو. انگريز سامراجي سرڪار، سندن آندل عيسائي مبلغن ۽ مُلن جي سوين ٽولن کي اجازت ڏني ته اهي ڀلي سڄي هندستان ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪري، هندستاني ماڻهن کي عيسائي مذهب ۾ داخل ڪن. ٻئي طرف ڪجهه قانون ٺاهي ستي واري رسم ۽ پنهنجي ڌيئرن کي ڄمڻ شرط ماري ڇڏڻ واري ظالمانه رواج کي مڪمل طور بند ڪرائي ڇڏيو ۽ بيوه عورتن کي شادي ڪرڻ جو حق ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح هندستان جي معاشري ۾ ظالمانه ۽ بيجا روايتن کي رد ڪري سماجي صورتحال ۾ مناسب تبديليءَ جو عمل شروع ڪيو ويو. هندستان ۾ ريل گاڏين ٽيلي گراف ۽ ٽيلي فون جو نظام پڻ شروعات ۾ هندستاني ماڻهن لاءِ حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ جو سبب بڻيو. مُلڪ جي ٻهراڙين ۾ ڪمپني جي حڪومت طرفان زرعي زمين ۽ ان جي پيداوار تي اجائي گهڻي ڍل ۽ ٻيا ناجائز ٽيڪس مڙهڻ سبب، زميندار توڙي هاري طبقو انگريز سرڪار تي ناراض ۽ کانئس خائف هو. ڪيترائي زميندار ۽ هاري، جيڪي اهي ڳرا ٽيڪس ۽ ڍلون پيارڻ ۽ قرضدارن کي قرض واپس ڪرڻ جي قابل نه رهيا هئا، تنهن ڪري انهن جون پنهنجون اباڻيون ٻنيون ۽ ٻارا، ڳرن ٽيڪسن ۽ قرضن جي نذر ٿي ويا. سرڪار جي حامي زميندار طبقي، ڪمپني حڪومت جي فوج لاءِ سندس هاري طبقي جي نوجوان اولاد کي سرڪار جي حوالي ڪيو. سرڪار پاران هاري طبقي ۽ ڇوٽي زميندار طبقي سان ناجائز ۽ ناروا سلوڪ جو خراب اثر، انهن هارين جي اولاد، سپاهين واري فوجي طبقي تي پڻ اڻٽر طور تي پئي ٿيو. برطانيه طرفان ٿيندڙ هندستان جي سمورين محڪوم قومن جو استحصال ۽ هندستان جي روايتي اقتصادي نظام کي مڪمل طرح تباه ڪرڻ سبب هندستان جي سمورين محڪوم قومن ۽ استحصال جو سڀني کان وڌيڪ شڪار ٿيندڙ سمورن مظلوم پورهيت طبقن ۾ سامراجي سرڪار جي خلاف غصي ۽ غم جي لهر چڙهندي وئي. انگلينڊ ۾ صنعتي انقلاب ۽ اقتصادي ترقيءَ سبب، انگريزي ڪارخانن ۾ تيار ٿيندڙ عام واهپي جون سڀئي شيون ۽ جنسون، خصوصاً انگريزي ڪپڙو، هندستان ۾ سرڪاري طرح وڪرو ٿيڻ سبب، هندستان جي مکيه گهريلو صنعت يعني ڪپڙي واري صنعت کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو، ڇو ته مَشينن سان تيار ڪيل، انگريزن جون آندل ڪپڙي سميت سموريون شيون، هندستان وارين هٿ سان ٺهيل شين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سُنهڻيون ۽ سَستِيون هئڻ ڪري خوب وڪامجڻ سبب، ديسي هنرن ۽ دستڪارين کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ٻيو ته انگريزن جي ڪارخانن لاءِ گهربل ڪچو مال، هندستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان ڀڳڙن جي مُٺ تي خريد ڪري، هندستان ۾ قائم ڪيل ريلوي نظام ۽ بحري تجارتي ٻيڙن وسيلي انگلينڊ اماڻيو ويندو هو. اهڙيءَ طرح هندستان کي انگريزي صنعتي نظام لاءِ گهربل ڪچو مال مُهيا ڪندڙ مکيه مُلڪ ۽ انگلينڊ جي ڪارخانن ۾ تيار ٿيل مال وڪڻڻ لاءِ بهترين بازار بنائي ڇڏيو ويو. هن سموري سياسي معاشي ۽ سنگين سماجي صورتحال، هندستان جي محڪوم قومن ۽ مظلوم طبقن ۾ انگريز سامراج جي خلاف سخت نفرت ۽ عناد پيدا ڪري وِڌو. 1857ع وارن فسادن جي شروعات ته هڪ هندو سپاهيءَ طرفان انگريز فوجي آفيسر جي حڪم عدوليءَ ۽ بغاوت ڪرڻ سان ٿي، پر اُها آهستي آهستي سماج جي ٻين طبقن ۽ پرتن کي پاڻ ۾ سمائي وئي ۽ ملڪي پيماني تي قومي آزاديءَ جي تحريڪ واري صورت اختيار ڪري وئي. هندستان ۾ تيار ڪيل برطانوي فوج جو 87 سيڪڙو کان به وڌيڪ تعداد، اصل هندستاني ماڻهن تي مشتمل هئڻ جي باوجود، انهن کي انگريز گهٽ درجي يا گهٽ ذات وارا ماڻهو قرار ڏيندي ساڻن سخت ناروا ۽ ناجائز سلوڪ ورتائيندا هئا. ساڳئي عهدي تي مقرر مقامي هندو يا مسلمان سپاهيءَ جو پگهار، انگريز سپاهي جي پگهار کان تمام گهٽ هوندو هو. ٻيو ته ڪنهن به هندستاني سپاهيءَ کي صوبيدار کان مٿئين عهدي تي ترقي هرگز ڪا نه ڏني ويندي هئي. هندستان ۾ برطانوي سامراجي سلطنت جي توسيع، هندستاني سپاهين جي نوڪريءَ لاءِ حالتن کي وڌيڪ ڏکيو بنائي ڇڏيو. هندستاني سپاهين کي سندن گهرن کان تمام پري، بيحد ڏورانهن ۽ ڏکين علائقن ۾ مقرر ڪيو ويندو هو. سن 1856ع ۾ گورنر جنرل، لارڊ ڪيننگ، هڪ جنرل سروسز ايڪٽ لاڳو ڪيو، جنهن تحت برطانيه جي سمنڊن پار بيٺڪن ۾ وڃي خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ سڀني هندستاني سپاهين کي پابند بنايو ويو. انگريزن طرفان تيار ٿيندڙ بنگالي فوج ۾ اوڌ رياست جي وڏن گهراڻن ۽ اوچين ذاتين مان ڀرتي ڪئي وئي هُئي. جڏهن ته هندو مذهب موجب اها مقامي ماڻهن تي مُشتمل فوج، سمنڊ پار، خصوصاً ڪاري پاڻيءَ وارو سمنڊ ٽپي وڃي نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار ڪا نه هئي ۽ انهي خوف ۾ مبتلا رهي ته خدا نه خواهسته انگريز اسان کي اسان جي مذهب مان خارج ڪري سندن عيسائي مذهب ۾ داخل ڪري ڇڏيندا. انگريز سامراج اوڌ رياست کي زبردستيءَ سان پنهنجي ڪمپنيءَ واري حڪومت ۾ شامل ڪري، اوڌ جي نواب جي جوڙيل فوج کي ٽوڙي ڇڏيو، ته اها بيروزگار