ڪتاب جو نالو: اڄ جي سنڌ : هڪ مطالعو
مصنف: رڪ سنڌي
ڇپائيندڙ: ساڻيهه اشاعت گهر، حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 31 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 565 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 250 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”اڄ جي سنڌ : هڪ مطالعو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ليکڪ ۽ صحافي رُڪ سنڌيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ”اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو“ ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين دهشتگردي، مذهبي انتها پسندي ۽ جنونيت سنڌ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي. سنڌ جا حقيقي وارث ٽارچر سيلن جا خالق نه رهيا آهن، هنن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش ٻورين ۾ بند ڪري تحفي طور نه ڏنا آهن. خانگي لشڪر ۽ مجاهدن جا ٽولا سنڌ جي سرزمين مان ڦٽي نه نڪتا آهن، پر پنجاب جون مخصوص آباديون انهن جي نرسري رهيون آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • پورهيت عوام ۽ سندس پارٽي
  • ”سندهه کا مقدمه“ تنقيدي جائزو
  • مطالبا ۽ مذمتون!!؟
  • اڄ جي سنڌ – هڪ مطالعو
  • قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ۽ سنڌ ڪيس
  • سنڌ: رياستي ۽ غير رياستي تشدد جو شڪار
  • سنڌ جي زمين تي قبضي جي هٻڇ
  • برائون ترميم جي منظوري
  • قصو بنياد پرست انقلاب آڻڻ جو فوجي آفيسرن جي گرفتاري: پس منظر ۽ اثر
  • ڇڙو اڳين جا پاسبان يا اونداهين جا رکوالا
  • چريائپ جي طوفان ۾ بانبڙا پائيندڙ سياڻا سيبتا ماڻهو
  • نواز شريف جون سنڌ دوستيءَ واريون دعوائون
  • سنڌ جون سياسي پارٽيون، وڏا نعرا ۽ هنبوڇيون: حاصلات زيرو
  • سنڌ بجيٽ: تعمير ۽ ترقيءَ جا اڌورا خواب
  • جمهوريت مٿان لٽڪندڙ اٺين ترميم جي تلوار
  • ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ۽ ننڍن صوبن جا اعتراض
  • ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جا اعلان ۽ بي وس بڻايل قومن جو ڪيس
  • ڪراچي - حيدرآباد موٽروي ۽ سنڌ حڪومت جو تازو مؤقف
  • آمريڪا – ريڊ انڊينز ۽ سنڌي
  • بنياد پرستيءَ ڏانهن وڌندڙ سنڌ
  • ٿر کي ديوار ڏياري ڇڏيو!
  • ڪوڙو تون ڪفر سين

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو
    مصنف: رڪ سنڌي
    ڇپائيندڙ: ساڻيهه اشاعت گهر، حيدرآباد، سنڌ
    ڇاپو: ڊسمبر 2005ع


    Book: Aaj ji Sindh, Hiku mutalio
    Author: Ruk Sindhi
    Publisher: Saneeh Ishait Ghar, Hyderabad Sindh
    Printer: Lahoot Art Printers, Hyderabad Sindh
    First Edition: December, 2005


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڄ جي سنڌ : هڪ مطالعو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ليکڪ ۽ صحافي رُڪ سنڌيءَ جو لکيل آهي.

    هن ڪتاب ”اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو“ ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين دهشتگردي، مذهبي انتها پسندي ۽ جنونيت سنڌ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي. سنڌ جا حقيقي وارث ٽارچر سيلن جا خالق نه رهيا آهن، هنن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش ٻورين ۾ بند ڪري تحفي طور نه ڏنا آهن. خانگي لشڪر ۽ مجاهدن جا ٽولا سنڌ جي سرزمين مان ڦٽي نه نڪتا آهن، پر پنجاب جون مخصوص آباديون انهن جي نرسري رهيون آهن.

    هي ڪتاب 2005ع ۾ ساڻيهه اشاعت گهر، حيدر آباد پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون رُڪ سنڌي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    سنڌ کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڪينسر جهڙو هڪ خطرناڪ مرض اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري رهيو آهي. ڪوبه ان مرض جي دوا ڳولڻ ۽ ان کي ناس ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪونهي. اهو خطرناڪ مرض هتي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بنياد پرستي ۽ فرقيواريت آهي. جيڪا آهستي آهستي اسان جي الڳ قومي وجود، وطن، ٻولي، تاريخي روايتن ۽ ثقافتي قدرن کي نهوڙي ناس ڪري رهي آهي. اسان جو نوجوان نسل، جيڪو تاريخي تسلسل ۽ ارتقا جي اصولن موجب وڌيڪ باشعور، عالمي امن جو پرچارڪ، مذهبي رواداري ۽ سهپ جو مجسمو بڻجڻ کپي ها، سو مدي خارج ۽ دقيانوسي روايتن، مذهبي ۽ فرقيوار جنون جي ور چڙهندو پيو وڃي. منهنجي هن ڪتاب “اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو” جي مختلف مقالن ۽ مضمونن ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ بنياد پرستي جي سببن تي تفصيلي بحث ٿيل آهي.
    هن ڪتاب “اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو” ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين دهشتگردي، مذهبي انتها پسندي ۽ جنونيت سنڌ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي. سنڌ جا حقيقي وارث ٽارچر سيلن جا خالق نه رهيا آهن، هنن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش ٻورين ۾ بند ڪري تحفي طور نه ڏنا آهن. خانگي لشڪر ۽ مجاهدن جا ٽولا سنڌ جي سرزمين مان ڦٽي نه نڪتا آهن، پر پنجاب جون مخصوص آباديون انهن جي نرسري رهيون آهن. اڄ به جنگي جنونين جا اڏا پنجاب جي شهرن ۾ موجود آهن.
    سنڌ جي ماڻهن هميشه جنگي ٽولن ۽ دهشتگرد گروپن جي سرواڻي ۽ واڌ ويجهه جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن وقت موجود حڪمران اڳوڻي سوويت يونين جي افغانستان ۾ موجودگي خلاف ”عظيم جهاد“ ۾ مصروف هئا. ان وقت به سنڌ جي ماڻهن حڪمرانن جي ان سوچ کي غلط ۽ عوام لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي، ان جي مخالفت ڪئي هئي. سنڌ جي عوام مذهب جي نانءُ تي عوام منجهه وڇوٽيون پيدا ڪرڻ واري عمل کي انسانذات لاءِ زهر قاتل قرار ڏنو هو. پر حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين نه فقط سڄي ملڪ کي بنياد پرستي جي ور چاڙهي ڇڏيو پر سنڌ به ان جي لپيٽ ۾ اچي وئي. ٻين صوبن مان آبادي جي بي حساب لڏپلاڻ سنڌ ۾ بنياد پرستي جي واڌ ويجهه جو سبب بڻي.
    هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ دانشور طبقي جي سنڌ دشمن عملن ۽ سوچ کي دليلن سان رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. خاص ڪري هڪ اردو دانشور شڪيل احمد ضياءُ جي ڪتاب “سندهه ڪا مقدمه” جي جواب ۾ لکيل مقالي ۾ اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اردو ڳالهائيندڙ ٽولو پاڪستان ٺهڻ جي صورت ۾ هتي مسلم قوميت جي سهاري هيٺ اچي، هتان جي اصل قومن جي ٻولي، ڪلچر ۽ اقتصادي وسيلن تي قابض بنجي ويو. ان ڪري هن پنهنجي ان قبضي ۽ ڦرلٽ کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ دنيا جي مڙني تسليم ڪيل اصولن ۽ نظرين کي پٺي پاڏو اڇلائي، اهڙا نظريا ۽ تخيل گهڙي ورتا، جيڪي سندن ناجائز قبضي جو بچاءُ ڪن پيا. هن مقالي ۾ اردودان طبقي جي “ مسلم تهذيب” واري تصور کي رد ڪندي اها ڳالهه دليلن سان رکي وئي آهي ته مسلم يا هندو نالي ڪابه تهذيب نه ٿيندي آهي پر قومون پنهنجي جاگرافيائي وطنن اندر هزارها سالن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ تهذيبن جي تشڪيل ڪنديون آهن. ان تشڪيلي دؤر ۾ انهن قومن جا مذهبي نظريا ۽ فڪر تبديل ٿيندا رهندا آهن.پاڪستان ۾ رهندڙ هر اردو ليکڪ پوءِ چاهي اهو ٺيٺ رجعت پسند هجي يا ترقي پسنديءَ جي ويس ۾ ويڙهيل جديد رجعت پسند هجي، ان جي هتان جي قومن، انهن جي قومي ٻولين ۽ تهذيبن ڏانهن اهڙو ئي اڻ وڻندڙ ۽ منافقت تي ٻڌل رويو رهندو آيو آهي.
    جڏهن سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوري جدوجهد شروع ٿي هئي ته ٻين صوبن جي ڪيترن دانشورن، استادن، وڪيلن ۽ سياستدانن کي سنڌ جي حالتن جي اڀياس ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ڪي ان لاءِ آيا ته ڪٿي سندن مفادن کي نقصان رسڻ جو انديشو ته نه آهي، يا ڪٿي مظلوم صوبن (قومن) جي عوام جي طاقت ايتري وڌي ته نه وئي آهي، جو ان تي ضابطو رکي نه سگهجي ۽ پوءِ هميشه لاءِ سندن پرماريت تي ٻڌل نظام تباهه ۽ برباد ٿي وڃي. ان ئي سلسلي ۾ هڪ پنجابي دانشور محمود مرزا سنڌ جو دورو ڪري “پنجاب ڪا مقدمه” نالي هڪ ڪتاب شايع ڪيو. جنهن جي جواب ۾ مون “اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو” جي عنوان هيٺ هڪ تفصيلي مقالو لکي کيس جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪو هن ڪتاب جي مکيه مقالن ۾ شامل آهي. محمود مرزا پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌين کي هڪ قوم ڪوٺڻ بدران، هڪ تمام ننڍڙي لساني قوميت قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس سندس ان موقف جو جواب ڏيندي اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌي قوم کي پنهنجو علحده جاگرافيائي وطن آهي، جيڪو ڪنهن فرد يا نظرئي جي مرضي خلاف قدرت جي قانون ۽ ارتقا جي اصولن تحت وجود ۾ آيو آهي. ان جون جاگرافيائي سرحدون قدرتي طرح نروار ٿيل آهن. جيڪي ان حالت ۾ صدين کان رهنديون پيون اچن. ٻيو ته سنڌي قوم کي پنهنجي جدا ترقي يافته زبان آهي. جيڪا هزارين سال پراڻي هجڻ سان گڏ وڏي علمي ادبي سرمائي سان مالامال آهي. سنڌي قوم کي پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ آهي. ۽ اها چند قبيلن يا نسلن جي ڇڙواڳ گروهه جو نالو نه آهي. پر ان جي ارتقا ۽ واڌاري ۾ هزارين سالن جي تاريخ جو هٿ آهي. هتي مختلف قبيلا، انساني گروهه، نسلي گروهه ۽ ذاتيون هڪ ٻئي ۾ ڳنڊجنديون ۽ هن قوم کي تشڪيل ڏينديون رهيون آهن. جن گڏجي هتي پنهنجي دفاع جون جنگين لڙيون آهن. محمود مرزا پاڪستان جي سياسي گهوٽالي جا جيڪي حل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي به رد ڪندي سنڌي قوم جو اهو موقف پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پاڪستان جو سياسي گهوٽالو فقط تڏهن حل ٿي سگهي ٿو، جڏهن پاڪستان ۾ چئن قومن جي جداگانه قومي وجودن کي تسليم ڪري، پاڪستان کي هڪ گهڻ قومي ملڪ مڃيندي، چئني قومن جي وطنن (صوبن) کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو ڏنو وڃي. پارلياماني طرز حڪومت جي مطابق پاڪستان جو هڪ اهڙو وفاق قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ بالغ راءِ دهيءَ جي اصول تي سڌو سنئون چونڊيل قانون ساز اسيمبليءَ کي مڪمل بالادستي حاصل هجي ۽ وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ مڙني قومن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي. وفاقي حڪومت صرف ٽي کاتا دفاع، پرڏيهي معاملا ۽ ڪرنسي پاڻ وٽ رکي. جنهن جي انتظاميه ۾ چئني قومن جي هڪ جيتري نمائندگي هجي. صوبن جي وچ ۾ سرمائي جي آزادانه منتقليءَ تي بندش وڌي وڃي ۽ وفاقي يونٽن کي پنهنجو الڳ بئنڪ سرمايو محفوظ ڪرڻ جو حق هجي ۽ سندن لاءِ الڳ بئنڪ، بجيٽ ۽ مالياتي نظام هجي. ٽيڪسن جي نفاذ ۽ وصوليءَ جو اختيار وفاقي يونٽن وٽ هجڻ گهرجي ۽ وفاق کي خرچ پکي لاءِ يونٽ هڪ جيترو ٽيڪس ادا ڪن. اهڙي طرح وفاق طرفان ملندڙ گرانٽون يا ٻيون امدادون هڪ جيتري تناسب سان يونٽن ۾ ورهايون وڃن. وفاقي يونٽن کي پنهنجي نيم فوجي تنظيم (مليشيا) رکڻ جو اختيار هجي. جنهن جي انتظامي ڪمن ۾ وفاقي يونٽ آزاد ۽ خودمختيار هجن. چئني قومن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ۽ هر ٻوليءَ کي پنهنجي واسطيدار يونٽ اندر سرڪاري توڙي خانگي لکپڙهه جي ڪمن ۾ استعمال ۾ آندو وڃي.
    “اڄ جي سنڌ، هڪ مطالعو” ڪتاب ۾ صوبن وچ ۾ ناڻي ورڇ جي ايوارڊ بابت به سنڌ جو موقف چٽي نموني پيش ڪيو ويو آهي. جنهن موجب قومي مالياتي ڪميشن آڏو اهو موقف رکڻ جي گهر ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي معدني وسيلن جي مالڪي تي سنڌ جو حق تسليم ڪيو وڃي. نه صرف تيل، گئس، ڪوئلي ۽ بندر جي ڪمائي تي سنڌ جو حق تسليم ڪرائڻ جي ضرورت آهي، پر وفاق کي اهو به ٻڌائڻو آهي ته انهن ذريعن مان پئدا ٿيندڙ ملازمتن تي سنڌي ماڻهن جو حق آهي. ان سان گڏ سنڌ ۾ ٻاهريان ماڻهو جيڪي به صنعتون قائم ڪري چڪا آهن، تن تي سنڌ حڪومت کي رائلٽي ڏياري وڃي. انهن ڪارخانن ۾ سنڌي ملازم ۽ مزدور 80 سيڪڙو رکائڻ لاءِ قانون جوڙيو ۽ ان تي عمل ڪرايو وڃي. ڇاڪاڻ ته مالي خود مختياري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي محتاجيءَ واري حالت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جي صحيح خدمت ڪري نه ٿي سگهجي.
    هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي به تفصيلي بحث ٿيل آهي. “سنڌ: رياستي ۽ غير رياستي تشدد جو شڪار” جي عنوان هيٺ تفصيلي مضمون ۾ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌ ۾رياستي ادارن طرفان عوام کي وڏي پئماني تي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. رياستي ادارا بنيادي انساني حقن جون ڌڄيون اُڏائي رهيا آهن. سنڌ ۾ حڪومتي قدمن جي مخالفت ڪندڙ ۽ سندن قانونن جي مزاحمت ڪندڙ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن ۽ تشدد گهرن ۾ واڙي، انهن مٿان سرڪاري ايجنسين ذريعي وحشياڻو تشدد ڪرايو پيو وڃي. سنڌ اندر ٿاڻا، جيل ۽ ٻيا عقوبت خانا قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ آواز اُٿاريندڙ ماڻهن سان سٿيا پيا وڃن.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي زمين تي قبضي بابت بحث ڪري ان کي سنڌ جي قومي وجود خلاف سازش قرار ڏنو ويو آهي. “سنڌ جي زمين تي قبضي جي هٻڇ” واري باب ۾ سنڌ جي زمين تي رياستي ادارن ذريعي ٿيل قبضن جي داستان کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. ساڳي طرح ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪرڻ بابت سنڌ جو موقف چٽي نموني رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ننڍن صوبن خلاف جيڪي به فيصلا ڪيا پيا وڃن، ان کي ملڪي مفادن جو نالو ڏنو پيو وڃي ۽ عوام کي ملڪي استحڪام جا واسطا وڌا پيا وڃن. ننڍن صوبن جي عوام کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ۽ پنجاب جي نمائندگي ڪندڙن جو اهو موقف پنهنجي عقل ۽ فهم کان مٿانهون ٿو لڳي ته ڪالاباغ ڊيم بابت صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو. آخرڪار هي عوام کي بي وقوف بنائڻ وارا حربا ڪيستائين استعمال ٿيندا رهندا ۽ ڪارگر بڻبا، ڇاڪاڻ ته جڏهن، سنڌ ۽ سرحد جون اسيمبليون ٻه ٽي ڀيرا اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪري ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن. ته پوءِ اڃا کين ڪهڙو انڪار راءِ گهرجي. حڪمرانن طرفان ڪالاباغ ڊيم جي هوڏ تي برقرار رهڻ واري ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب کي ان معاملي تي باقي ٽن صوبن جي رضامنديءَ جي ڪابه ضرورت نه آهي. سنڌ طرفان ڪالاباغ ڊيم بابت اهو موقف اختيار ڪيو ويندو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ پنهنجي نهري پاڻي واري حصي کان محروم ٿي ويندي، جنهن سان هتي نه صرف زرعي معيشيت مڪمل طور تباهه ٿي ويندي، پر ان سان ٻيلي جي تباهي اچڻ سبب ماحوليات جو به مسئلو جنم وٺندو، ٻيلن جي سڪي سڙي ناس ٿي وڃڻ سبب جهنگلي جيوت جو انت اچي ويندو. جڏهن ته سنڌو درياهه مان مناسب مقدار ۾ سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ پنهنجون حدون اورانگهي مٿي چڙهي هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۽ وسنديون پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ناس ڪري ڇڏيندو. جنهن سان سنڌ جا ٺٽو ۽ بدين ضلعا وڏي پئماني تي متاثر ٿيندا.
    هن ڪتاب ۾ منهنجا 1987ع کان 2004ع تائين جا لکيل مضمون ۽ مقالا شامل آهن. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا رهيا.هن ڪتاب ۾ آيل مقالن ۽ مضمونن کي ان وقت جي پسمنظر ۾ پڙهڻ گهرجي.جنهن وقت اهي لکيا ويا هئا. هي مقالا اڳتي هلي سنڌ جي موجوده دور جي تاريخ کي لکڻ ۽ سهيڙڻ ۾ مددي مواد طور ڪتب اچي سگهجن ٿا.

    رڪ سنڌي
    26 جولاءِ 2005ع


    پورهيت عوام ۽ سندس پارٽي

    سياسي پارٽيءَ کي ڪنهن به طبقي جو اهڙو گروپ سڏبو آهي، جيڪا ان طبقي جي مفادن جي نمائندگي ڪندڙ هجي ۽ ان سان گڏ پنهنجي طبقي جي مفادن کان ڀرپور طور تي آگاهه هجي. ڪابه پارٽي سماج جي مڙني طبقن جي نمائندگي جي دعويٰ ته ڪري سگهي ٿي، پر اصل ۾ اها پنهنجي اندر ۾ ڪنهن به هڪ طبقي جي نمائندگي ڪندڙ هوندي آهي ۽ انهيءَ طبقي جي مفادن لاءِ جنگ ڪندي آهي. ان ڪري هر سياسي پارٽيءَ کي پنهنجا خاص گروهي مفاد هوندا آهن. طبقاتي سماج جي اندر، مٿيان طبقا يعني سرمائيدار ۽ جاگيردار، پورهيت طبقي تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ ۽ انهن جي ڦرلٽ کي وڌيڪ منظم ڪرڻ ۽ ڦرلٽ واري سماج جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ پنهنجون پارٽيون جوڙي، عوام خلاف پاڻ کي متحد ڪندا آهن. جاگيردارن ۽ سرمائيدارن اندر به پنهنجن گروهي مفادن خاطر جنگ جاري رهندي آهي. اقتدار تي پهچڻ جي خواهش ۽ پنهنجن مفادن کي وڌيڪ وسيع ۽ سگهارو ڪرڻ لاءِ مٿئين طبقي اندر هڪ کان وڌيڪ پارٽيون هونديون آهن. پر سندن هڪ کان به وڌيڪ پارٽيون، پاڻ ۾ ڪيترا به اختلاف رکندي، پورهيت طبقي جي ڦرلٽ ڪرڻ ۽ مٿن پنهنجي حاڪميت برقرار رکڻ واري نقطي نظر تي متفق هونديون آهن. جڏهن به اهڙن پارٽين خلاف پورهيت عوام پنهنجن پليٽ فارمن تي متحد ٿيڻ شروع ڪندو آهي، ته هي پاڻ ۾ سوين اختلاف رکندي به عوام خلاف متحد ٿي وينديون آهن. مٿئين طبقي جون پارٽيون، جيڪي ظاهري طور تي ملڪ جي سڄي عوام جي نمائندگي جي دعويٰ ڪنديون آهن ۽ مڙني طبقن، جاگيردارن زميدارن، سرمائيدارن، هارين، مزدورن، وچولي طبقي کي هڪ لڙهي ۾ پوئي هلڻ ۽ مڙني طبقن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ جي هام هڻنديون آهن. پر اصل ۾ اهڙيون پارٽيون، عوام جي سادگي، اٻوجهائپ ۽ ناسمجهي مان فائدو حاصل ڪندي، وڏي چالاڪيءَ ۽ چالبازيءَ سان پنهنجي طبقي يعني جاگيردار ۽ سرمائيدار جي ڦرلٽ واري نظام کي بچاءُ ۽ سگهه مهيا ڪنديون آهن. انهن مٿئين طبقي جي پارٽين ۾ ظاهري اختلاف ۽ ٽڪراءَ، جنهن سان هو عوام کي منجهائڻ ۽ سندن مفادن جي دفاع جي مڪاري ڪنديون آهن، سي صرف پنهنجن پنهنجن گروهي مفادن، پنهنجن پنهنجن ٽولن کي وڌيڪ شاهوڪار بڻائڻ ۽ عوام مٿان حاڪميت جو حق صرف پاڻ لاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ هوندا آهن. عوام پنهنجي تجربي جي گهٽتائي ۽ شعور يعني تعليم جي نه هجڻ ڪري اهڙين پارٽين جي کوکلن نعرن، سونهري پروگرامن ۽ وڏين دعوائن جي جڪڙ ۾ اچي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙن پارٽين ۽ سندن قيادت وٽ وسيلن يعني پئسي، ظاهري شان شوڪت ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيتن جي کوٽ نه هوندي آهي. کين عوام کي منجهائڻ ۽ بتال بنائڻ لاءِ پرچار جا سڀ ذريعا، يعني ٽيليويزن، ريڊيو، اخبارون وغيره مهيا هونديون آهن. انهن وسيلن ذريعي هو عوام کي پنهنجي خلاف متحد ٿيڻ نه ڏينديون آهن. عوام جي صحيح انقلابي پارٽيءَ کي وڌڻ ويجهڻ کان روڪڻ ۽ سندن قيادت کي عوام تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ هزارين حيلا بهانا، ڪوڙ ۽ مڪاريون، طاقت ۽ تشدد، انهن پارٽين جو اصل مقصد هوندو آهي.
    جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي انهن پارٽين کان سواءِ دنيا اندر اهڙيون پارٽيون به موجود هونديون آهن، جيڪي ظاهر ۾ ته پاڻ کي پورهيت عوام جون نمائنده ۽ انقلاب جون دعويدار چوائينديون آهن ۽ سندن قيادت به عوام منجهان هوندي آهي. پر پوءِ به اهڙيون پارٽيون عوام جي حقيقي نمائندگي ڪرڻ ۽ سندن مفادن جو تحفظ ڪرڻ کان ڪوهين ڏور هونديون آهن. اهڙيون پارٽيون حقيقت ۾ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي بي ٽيم، يعني ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪنديون آهن. جيئن عوام کي حقيقي انقلابي پليٽ فارم تي ڪٺي ٿيڻ ۽ ڦرلٽ واري نظام جون پاڙون پٽي ڇڏڻ واري جدوجهد کان روڪي سگهن. اهڙيون پارٽيون ۽ سندن قيادت، عوام کي حقيقي انقلابي جدوجهد ڪرڻ بدران اهڙي واٽ ڏسينديون آهن، جيئن هو ڦورو ٽولن سان مفاهمت ڪن، ڪجهه رعايتن تي راضي ٿي وڃن. اهڙيون پارٽيون عوام کي اهو سمجهائڻ ۽ ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته هو ڦرلٽ واري نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪرڻ بدران ڦورو ٽولن کي شرمسار ڪري، کين آزيون نيازيون ڪري، مطالبا ۽ مذمتون ڪري ڪجهه فائدا حاصل ڪن ۽ ڦورو ٽولن کي ڪجهه ماڻهپي ۽ آپي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن. اهڙيون پارٽيون، عوام کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته نه انقلاب اچي سگهي ٿو ۽ نه وري ان لاءِ طاقت ۽ قوت موجود آهي. اصل ۾ اهريون پارٽيون، انقلابي نه پر اصلاحي پارٽيون هونديون آهن، جيڪي ڦورو ٽولن جي خدمت سرانجام ڏينديون آهن ۽ سندن ڪم آسان بنائينديون آهن. تاريخي تجربن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته خود جاگيردار ۽ سرمائيدار، اهڙيون پارٽيون، پاڻ وجود ۾ آڻائيندا آهن ته جيئن عوام حقيقي انقلابي پارٽين ۾ متحد ٿي، سندن ڦرلٽ واري نظام خلاف جدوجهد نه ڪري سگهي، پر هو منجهيل ۽ بتال ٿي، مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي وڃي. عوام جي نالي ۾ عوام دشمن پارٽيون، مختلف دليلن سان، عوام کي پنهنجي اصل واٽ تان هٽائي ۽ پنهنجن آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ مڪروهه سازشون ڪنديون آهن. ڦورو ٽولا، اهڙين نام نهاد عوامي ۽ انقلابي پارٽين کي صرف ان لاءِ زنده رکڻ لاءِ چوڻو پاڻي ڏيندا آهن، ته جيئن اهي عوام جي حقيقي دوست پارٽين کي منظم ۽ سگهارو ٿيڻ نه ڏين.
    ان سڄيءَ صورتحال ۾ مظلوم ۽ پيڙهيل عوام ۽ سندس گهڻگهرن، تاريخي تجربي مان اها ڳالهه سکي ورتي آهي ته عوام کي اهڙي پارٽي منظم ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي قيادت اهڙن هٿن ۾ هجڻ گهرجي، جيڪا ڦرلٽ واري نظام کي پاڙن کان پٽي، ان جي جاءِ تي ڦرلٽ کان پاڪ ۽ خوشحال سماجي نظام لاءِ حقيقي جنگ وڙهڻ جي قابل هجي. عوام جي حقيقي پارٽي، اصلاحي نه پر انقلابي پارٽي هجي، جيڪا عوام جي سماج اندر صحيح ڪردار جي وضاحت ڪري ۽ کين اهو ٻڌائي ته هو ئي معاشري جي مڙني مادي ۽ ثقافتي قدرن ۽ تاريخي عمل جا خالق آهن. هو کين انقلاب جي حقيقي فائدن ۽ طبقاتي جدوجهد جي قانونن کان واقف ڪرڻ سان گڏ، کين طبقاتي شعور ۽ تنظيم جي فائدن کان متعارف ڪرائي.
    دنيا جي مختلف حصن ۾ آيل انقلابن، اتان جي جدوجهدن پورهيت طبقي تي اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته سندن آزادي ۽ خوشحالي صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي ته هو منظم ۽ متحد ٿي حاڪم قومن ۽ ڦورو ٽولن کي جدوجهد ذريعي شڪست ڏيئي، سندن پاڙون هميشه لاءِ پٽي ڇڏين. دنيا جي پورهيت طبقي کي تجربن اهو سيکاريو آهي ته کيس پاڻ کي اهڙي طرح منظم ڪرڻو پوندو، جو هو نه صرف پنهنجن تڪڙن يا فوري مفادن جو دفاع ڪري، پر اقتدار جون واڳون ڦورو ٽولن کان کسي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ لاءِ مستقل جدوجهد ڪري. مستقل جدوجهد يا ڊگهي ويڙهه لاءِ ضروري آهي ته عوام پنهنجن مفادن لاءِ نمائنده سياسي پارٽي جوڙي، جنهن سان ئي هو، طبقاتي جدوجهد کي منظم ڪري، ان جي رهنمائي ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. فقط پورهيت طبقي جي پارٽي ئي عوام کي منظم ڪندي آهي ۽ سندس قيادت ۽ رهنمائي ڪري سگهندي آهي. عوام جيستائين پاڻ کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ منظم ۽ متحد نه ڪندو، تيستائين اها پارٽي سندس معاشي ۽ سياسي مفادن جو تخقط ڪري نه سگهندي. ڇاڪاڻ ته انقلابي پارٽي ئي پورهيت طبقي جي شعور کي متحرڪ ڪري، کيس ڦورو ٽولن خلاف جنگ لاءِ تيار ڪندي آهي.
    عوام جي حقيقي انقلابي پارٽي ڪيئن هجڻ گهرجي ۽ ان مان ڪيئن خبر پوي ته اها عوام جي سچي ۽ هڏڏوکي پارٽي آهي؟ ان لاءِ ضروري آهي ته پورهيت عوام جي حقيقي انقلابي پارٽي جي مڙني سرگرمين ۽ ڪارڪردگين مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ته هي ئي حقيقي پارٽي آهي. جيڪا پورهيت عوام جي هر اول دستو آهي. ٻين لفظن ۾ اها پارٽي عوام جو اهڙو سڀ کان وڌيڪ باشعور ۽ منظم دستو هجي، جيڪو انقلابي طبقاتي جدوجهد لاءِ عوام جي قيادت ڪري سگهي. ڪنهن به پارٽيءَ لاءِ پاڻ کي پورهيت طبقي جو هر اول دستو قرار ڏيڻ ته آسان ڳالهه آهي، پر حقيقي نموني پورهيت عوام وٽ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ ۽ پاڻ کي حقيقي هر اول دستو ۽ رهنماءُ تسليم ڪرائڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي. ان مقصد لاءِ پارٽيءَ کي بي پناهه محنت ۽ بي غرض جدوجهد ڪرڻ گهرجي. پورهيت عوام جي سياسي پارٽي نه صرف پورهيت طبقي مٿان پنهنجي قيادت مڙهي، پر کيس اهڙي نموني ڪم ڪرڻ گهرجي، جيئن عوام جو وڏو تعداد اها ڳالهه تسليم ڪري ته اها پارٽي ئي سندن مقصد ۽ مرادون حاصل ڪري سگهي ٿي.
    اهو اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پورهيت پارٽي اهڙين خاص صفتن جي مالڪ هجي، جيڪي کيس ٻين سياسي پارٽين کان ممتاز حيثيت ڏين. انهن وصفن ۾ هي ڳالهيون شامل هجڻ گهرجن. پهريون ته ان پارٽيءَ کي عوام جي ڇوٽڪاري ۽ انقلاب لاءِ سائنسي بنيادن تي ٻڌل پروگرام هجڻ گهرجي ۽ کيس سماجي نشونما ۽ ترقي جي قانونن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي. ٻيو ته ان پارٽيءَ کي وقت ۽ حالتن آهر صحيح پاليسيون جوڙڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ جو ڏانءُ هجڻ گهرجي. ٽيون ته ان پارٽيءَ جي اندر نظرياتي ۽ تنظيمي اتحاد موجود هجي، چوٿون ته ان جا عوام سان وسيع ۽ گهرا رابطا ۽ لاڳاپا هئڻ گهرجن، پنجون ته اها پارٽي ۽ سندس قيادت پنهنجي عمل ۽ سرگرمين جو لڳاتار تنقيدي جائزو وٺندي رهي. اسان هيٺ انقلابي پارٽي ۾ منجهه موجود انهن 5 وصفن جو تفصيلي جائزو وٺنداسين.

    (1) پروگرام يا منشور:
    ڪنهن به انقلابي پارٽيءَ لاءِ عوام منجهه پنهنجون پاڙون پختيون ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جو پروگرام يا منشور وقت ۽ حالتن جي عڪاسي ڪندڙ هجي. اهو پروگرام عوام جي وسيع تر آباديءَ لاءِ قابل قبول هجڻ سان گڏ سندن جذبن ۽ امنگن جي عڪاسي ڪندڙ هجي. سماجي سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪابه انقلابي پارٽي عوام جي قائد، تنظيم ساز ۽ معلم جو ڪردار صرف ان صورت ۾ ادا ڪري سگهندي آهي، جڏهن اها بهتر نظرئي سان هٿياربند هجي. تاريخي ضرورتن سان ٺهڪيل نظرئي سان هٿياربند هجڻ ئي پارٽيءَ کي سماجي اوسر ۽ ترقي جي قانونن جي ڄاڻ ڏيندو آهي ۽ تاريخ جي مختلف مرحلن تي ان کي ان قابل بڻائيندو آهي ته هو ٺوس حالتن جو صحيح اندازو لڳائي، قومي سطح سميت عالمي منظر تي ٿيندڙ صفبندي جي نوعيت معلوم ڪري سگهي. پارٽي ۽ سندس قيادت کي نظريو (پروگرام/منشور) نه صرف اهم ترين واقعن ۽ اٿل پٿل جي عام ڄاڻ مهيا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي، پر هو ان ڳالهه جي قطع نظر ته واقعا ڪهڙو رخ اختيار ڪن ٿا، صحيح پاليسي ٺاهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. پارٽي وٽ صحيح ۽ عوام جي خواهشن پٽاندڙ نظريو، نه صرف ان کي يقيني فتح ڏانهن وٺي ويندو آهي، پر سڄو پورهيت عوام ان کي پنهنجن امنگن ۽ گهرجن جو ترجمان سمجهندي، ان تي اعتماد ڪرڻ ۽ ان پارٽيءَ کي پنهنجو قائد تسليم ڪندي، ان ۾ شامل ٿي جدوجهد ڪرڻ شروع ڪندو آهي.
    ڪنهن به انقلابي پارٽيءَ لاءِ نظريو سندس روحاني غذا هوندو آهي، نظرئي کان سواءِ پارٽي صرف هڏ ۽ چم جو هڪ بوتو هوندي آهي. ان جي اصل روح ۽ ترقي لاءِ غذا نظريو هوندو آهي. نظرئي جي روشنيءَ ۾ ئي پارٽي نه صرف نئين معاشري جي تعمير لاءِ پورهيت عوام جي جدوجهد ۾ قائدانه ڪردار ادا ڪندي آهي. پر پارٽي عوام جي همه گير ترقي، تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪندي آهي. پارٽيءَ لاءِ پنهنجن مقصدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ضروري هوندو آهي ته هوءَ پنهنجي سرگرمين ۾ نظرياتي سرگرمين کي اوليت جي حيثيت ڏئي. ڇاڪاڻ ته ظلم ۽ ڦرلٽ جو خاتمو ۽ هڪ نئين معاشري جي تشڪيل خودبخود ترقيءَ جي نتيجي ۾ نه ٿيندي آهي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته پارٽيءَ جي رهنمائي ۾ شعوري سرگرميون ڪيون وڃن. ڪنهن به انقلابي پارٽي لاءِ ضروري هوندو آهي ته هوءَ پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي سرگرمين جي علمي بنيادن کي مسلسل وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ نظرياتي اصولن جي تخليقي اوسر جي ڪم کي اوليت ڏيندي رهي.
    انقلابي پارٽين لاءِ نظريو اهو هٿيار هوندو آهي. جنهن سان نه صرف انهن پارٽين ۾ ظالمن ۽ ڦورن خلاف ڪامياب جدوجهد هلائڻ لاءِ سگهه پيدا ٿيندي آهي. پر ان پارٽيءَ کي اها ڳالهه به معلوم ٿيندي آهي ته وقت جي تقاضائن کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي ۽ پارٽيءَ کي ڪيئن منظم ڪيو وڃي. نظرئي سان ئي پارٽي عوام کي طبقاتي جدوجهد ۽ تنظيم جي اصولن جي ڄاڻ سان آراسته ڪندي آهي ۽ اهڙي قيادت فراهم ڪندي آهي، جيڪا نه صرف پنهنجيءَ نجات ۾ دلچسپي رکندڙ هوندي آهي، پر اها سڄي پورهيت عوام جي نجات ۾ گهري دلچسپي رکندي آهي ۽ سندس نجات کان سواءِ خود پنهنجو ڇوٽڪارو به ناممڪن سمجهندي آهي.
    ڪنهن به انقلابي پارٽيءَ لاءِ انهن حدن جو تعين ڪرڻ، جن جي تڪميل لاءِ اها عوام کي سڏ ڏئي رهي آهي، نظرئي سان هٿياربند هجڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته صحيح ۽ حالتن پٽاندڙ نظرئي جي طاقت سان ئي اها انهن حدن جي حاصلات ۽ طريقيڪار کي واضع ڪري سگهي ٿي. جدوجهد دوران پنهنجن دوستن جي سڃاڻپ ڪري، پنهنجي طاقت ۽ قوت ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي.
    پارٽيءَ جي پروگرام يا مقصدن بابت ڪامريڊ لينن چيو آهي ته؛ ”پورهيت عوام جي اهڙي پارٽي هجڻ گهرجي، جنهن جو اهو مقصد نه هجي ته اها سماج جي سڌاري لاءِ نفيس رٿابندي، تياري يا عوام جي حالت سڌارڻ لاءِ تبليغ ڪري ۽ نه ئي ان جو اهو مقصد هجي ته هو سازشون تيار ڪري. پر انقلابي پارٽيءَ جو فرض هجي ته اها پنهنجي جدوجهد کي منظم ڪري، ان راهه تي هلائي، جنهن جو آخري مقصد اهو هجي ته مظلوم عوام اندرين ۽ ٻاهرين غلاميءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ۽ اقتدار جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ حاصل ڪري.“

    (2) صحيح پاليسيون جوڙڻ:
    پورهيت عوام جي پارٽيءَ لاءِ صحيح ۽ حالتن جي گهرج موجب نظرئي بعد ان کي عوام تائين پهچائڻ ۽ وٽن قابل قبول بنائڻ لاءِ صحيح پاليسين ۽ حڪمت عملين لاڳو ڪرڻ جو ڏانءُ اولين حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿو. پارٽيءَ کي پورهيت عوام جي مفادن سان ٺهڪندڙ درست پاليسيءَ کي اهڙي طرح لاڳو ڪرڻ گهرجي، جو نه صرف عوام جي سمجهه ۾ اچي پر عوام ان سان پنهنجائپ جو اظهار ڪري. صحيح پاليسيون ئي عوام وٽ پارٽيءَ جي ڪردار، وقار ۽ احترام کي وڌائينديون آهن. ڪابه پارٽي ايستائين صحيح پاليسيون جوڙي نه ٿي سگهي، جيستائين ان کي ٻاهرين ۽ اندرين صورتحال جو صحيح تجزيو ڪرڻ جي سگهه نه آهي. ڇاڪاڻ ته نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر نظريا ۽ خواهشون ڪافي نه هونديون آهن، پر ان لاءِ اهو ڄاڻڻ به ضروري هوندو آهي ته عوام جا جذبا ڪهڙا آهن ۽ سندن شعور جي سطح ڪيتري مٿانهين آهي. جيڪڏهن عوام جي جذبن کان لاپرواهه ٿي يا سندن شعور جي ابتڙ يا انهن کان مٿانهان فيصلا يا رايا عوام مٿان مڙهيا ويا ته اهي ڪيڏي به سچائي ۽ قوت رکندي به عوام وٽ مقبوليت حاصل نه ڪري سگهندا. پؤ اهڙا فيصلا پاڻ منجهه آفاقي سچائي رکندي به عوام وٽ جاءِ حاصل ڪرڻ بدران خلائن ۾ پرواز ڪندا رهندا.
    ان ڪري انقلابي پارٽين لاءِ ضروري هوندو آهي ته هو حالتن جي گهرج آهر ۽ عوام جي خواهش پٽاندر پنهنجيون پاليسيون جوڙين. پنهنجين پاليسين جو هميشه جائزو وٺنديون رهن ۽ حالتن پٽاندر انهن ۾ تبديليون ڪنديون رهن. پارٽين کي پنهنجن عملن جي ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو ٻنهي صورتن ۾ جائزو وٺڻ گهرجي. هو جيڪو ڪجهه حاصل ڪن، اهو بنا ڪنهن هٻڪ، عجز ۽ انڪساريءَ يا مبالغي کان ڪم وٺڻ جي عوام تائين پهچائين. ائين ڪرڻ سان پارٽيون، غلطين کان پاڪ پاليسيون جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنديون ۽ عوام انهن کي قبول ڪرڻ ۽ سندن ساٿ ڏيڻ تي رضامند ٿي سگهندو. هيل تائين بهتر پروگرام رکڻ جي باوجود، پارٽين جو عوام وٽ مقبول نه هجڻ جو واحد سبب، سندن پاليسين جو وقتائتو نه هجڻ ئي رهيو آهي. پوءِ اهي پارٽيون، پنهنجن پاليسين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بدران، هميشه عوام کي ڏوهي قرار ڏينديون رهيون آهن. نتيجي ۾ عوام به انهن کي پنهنجو ڪرڻ کان انڪاري رهيو آهي.

    (3) پارٽيءَ اندر نظرياتي ۽ تنظيمي اتحاد
    ڪنهن به پارٽيءَ جي اوسر ڪرڻ ۽ پاڻ کي عوام منجهه سگهارو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي اندر نظرياتي ۽ تنظيمي اتحاد هجي. ڇاڪاڻ ته جيستائين پارٽي پاڻ نظرياتي ۽ تنظيمي طور تي متحد نه هوندي، اها نه ته عوام کي متحد ڪري سگهندي ۽ نه وري سندن قيادت ڪرڻ جي اهل هوندي.
    پارٽي، ماڻهن جي ان گروهه جو نالو هوندو آهي، جيڪي پاڻ ۾ نظرياتي طور تي هم خيال يا هم راءِ هوندا آهن. پارٽي صرف انهن ماڻهن کي پاڻ منجهه منظم ۽ متحد ڪندي آهي، جن ۾ مخصوص نظريو ساڳيو هجي ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ جا خواهشمند هجن. جيڪڏهن پارٽيءَ جي نالي ۾ ڪٺي ٿيل انبوهه وٽ ڪا طئه ٿيل هڪڙي واٽ يا مقصد نه هوندو آهي ته اهو انبوهه ڪابه سرگرمي ڪري نه سگهندو آهي. يا جيڪڏهن پارٽيءَ جي نالي ۾ منظم ٿيل جٿي وٽ پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا هڪ راءِ يا پروگرام نه هوندو ۽ هر ڪنهن جا پنهنجا خيال، رايا يا پروگرام هوندا آهن ته اهڙي پارٽي صرف اندروني ٽڪرائن ۽ ڪشمڪش ۾ پنهنجي توانائي ضايع ڪندي رهندي آهي ۽ پنهنجي منزل ماڻي نه سگهندي آهي. ڇاڪاڻ ته نظرياتي اتحاد ۽ يگانيت کان سواءِ پارٽي هڪ اهڙي رڍ وانگر هوندي آهي، جيڪا چرڻ ته چاهيندي آهي، پر کيس اها خبر نه هوندي آهي ته ڪهڙي طرف چُري ۽ ڇو چُري. ڪامريڊ لينن چيو آهي ته؛ ”جنهن تنظيم جو بنياد اصول تي قائم نه ڪيو ويندو آهي، اها بي معنيٰ هوندي آهي.“ ڇاڪاڻ ته اجتماعي طور تي ڪيل فيصلن تي ئي پارٽي پرعزم نموني جدوجهد ڪري سگهندي آهي.
    پارٽيءَ کي گروهي تنگ نظرين، سرڪشين ۽ بي بنياد مؤقفن کي سگهه بخشيندڙ ميمبرن تي هميشه سخت نظر رکڻ گهرجي ۽ اهڙن ماڻهن کان چوڪس ٿيڻ گهرجي، جيڪي آزاد خياليءَ جي نعري هيٺ پارٽي ۾ نظرياتي انتشار ڦهلائڻ گهرن ٿا ۽ ان کي نظرياتي ڇڪتاڻ جو آزادانه عمل قرار ڏيندي پارٽي جي نظرياتي وحدت کي نقصان رسائين ٿا. پورهيت پارٽين جي اندر اهڙا ماڻهو موجود هوندا آهن، جيڪي پارٽيءَ ۾ نظرياتي اتحاد جي مخالفت ڪندا آهن ۽ پارٽيءَ جي اندر بحث ۽ مباحثي جي آزاديءَ ۽ تنقيد جي اهڙي تشريح پيش ڪندا آهن، جنهن هيٺ پارٽيءَ اندر آزادانه نموني پنهنجا مؤقف رکڻ ۽ ان مؤقف جي دفاع لاءِ گروهه بنديون پيدا ڪرڻ جا عمل شامل هوندا آهن. اهڙن ماڻهن وٽ پارٽيءَ جي پروگرام کان الڳ پنهنجا پروگرام ۽ منشور هوندا آهن. هو پاڻ کي پارٽيءَ جي اڪثريت جي فيصلن جي تابع نه سمجهندا آهن. اهو اهڙي نظرياتي آزادي جا قائل هوندا آهن، جيڪا انتشار جي علامت هوندي آهي. جيڪڏهن اهڙن ماڻهن تي ضابطو نه ڪيو ويو ته هو پارٽيءَ جي سرگرمين کي مفلوج ڪري، پارٽي کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا آهن.
    ڪارڪنن کي پارٽي جي اجلاسن اندر بحث دوران، مرڪزي قيادت ۽ پارٽي ڪارڪنن جي اڪثريت سان اختلاف رکڻ جو ته حق هوندو آهي. پر اڪثريت راءِ سان ٿيل فيصلن بعد انهن فيصلن تي عمل نه ڪرڻ، انهن خلاف ٻاهر وڃي ڪم ڪرڻ يا انهن فيصلن کي شڪست ڏيارڻ يعني پنهنجي مؤقف کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ شعوري طور تي انهن فيصلن جي شڪست لاءِ ڪم ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه هوندي آهي. پارٽي اندر ڪنهن به گروهه طرفان اهڙيون ڪوششون، پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي هوندي آهي. پارٽيءَ کي اهو حق هوندو آهي ته هو اهڙن مڙني گروهه پرستن ۽ منحرفن خلاف سخت جدوجهد ڪري، کين يا ته سڌي راهه تي آڻي يا کين پنهنجن صفن مان تڙي ڪڍي ڇڏي. اهڙن ماڻهن کي پارٽي مؤقف جي مخالفت لاءِ پارٽي جو نالو استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. پارٽي جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي خارج نه ڪيو، جيڪي پارٽيءَ جي نظرين جي ابتڙ نظرين جي وڪالت ڪن ٿا ته پارٽي اڳتي هلي لازمي طور ٽٽي ويندي. اها پهريان نظرياتي اعتبار کان ٽٽندي ۽ بعد ۾ تنظيمي اعتبار کان به ٽٽي ويندي.
    پورهيت پارٽين لاءِ صرف نظرياتي اتحاد ئي ڪافي ناهي هوندو. پر پارٽيءَ جي اوسر ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته سندس نظرياتي اتحاد کي تنظيمي اتحاد جي ٽيڪ مليل هجي. ڇاڪاڻ ته جيستائين پارٽي تنظيمي طور تي مضبوط ۽ سگهاري نه آهي، تيستائين صحيح نموني عوام جي قيادت وارو ڪردار پُروقار نموني سان ادا ڪري نه سگهندي. پورهيت پارٽيءَ جي تنظيمي زندگي منظم هجي ۽ اهڙن مستحڪم قدرن ۽ اصولن تي قائم هجي، جنهن جا سڀ پارٽي ميمبر پابند هجن. سخت پارٽي نظم ۽ ضبط ئي فيصلن تي صحيح نموني عمل ڪرائي سگهي ٿو. پارٽي ۽ سندس ميمبر جو پاڻ ۾ رشتو ائين هجي جو پارٽي پنهنجي هر ميمبر جي ذميواري پاڻ تي کڻي ۽ ساڳي طرح ان جو هر ميمبر پارٽيءَ جي ذميواري پاڻ تي کڻي. ڪارڪنن لاءِ لازمي هجي ته هو اڪثريت جا فيصلا تسليم ڪن، کين مٿين سطح جي فيصلن جو پابند رهڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح سندن قيادت کي هيٺيان کان آيل فيصلن جو پابند رهڻ گهرجي ۽ اها پارٽي ڪارڪنن ڏانهن جوابده هجي. تنظيمي وحدت نالو ئي قيادت جو ڪارڪنن ڏانهن ۽ ڪارڪنن جو قيادت ڏانهن جوابده هجڻ آهي.
    ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پارٽي هڪ رضاڪارانه اجتماع جي حيثيت رکندي آهي. پر ان جا ميمبر توڙي قيادت پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي مٿان ڪجهه پابنديون قبول ڪندي آهي. انهن پابندين ۾ اهو شرط به لاڳو هوندو آهي ته هو پارٽي پروگرام، قائدن ۽ ضابطن جي سختيءَ سان پابندي ڪندا. جيڪڏهن انهن اصولن تي عمل نه ڪيو ويندو ته پارٽي هڪ وحدت جيان قائم رهي نه سگهندي ۽ نه ئي پنهنجي ڪنهن فيصلي تي عمل ڪرائي سگهندي. جيڪڏهن پارٽي اندر نظم ۽ ضبط نه هجي ته اها صرف گپشپ ۽ بڪواس ڪندڙن جي هڪ ڪلب بڻجي ويندي.
    پارٽي جي ڪارڪنن جو ڪردار، نظم ۽ ضبط کين عوام وٽ مقبول بڻائيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻاهر جا ماڻهو پارٽي جي ڪارڪنن جي عملن ۽ ڪردار جي ئي بنياد تي پارٽي کي سٺو يا خراب سمجهندا آهن. ان ڪري پارٽي ڪارڪنن ۽ قيادت کي روزمره جي ڪمن ۾ پنهنجي عمل ۽ ڪردار جو زنده مثال پيش ڪرڻ گهرجي.جيئن عوام سندن اتحاد کي ڏسي متحد ٿيڻ شروع ٿئي ۽ سندن عملن کي ڏسي پاڻ عمل ڪرڻ تي آماده ٿئي.

    (4) پارٽي جا عوام سان گهاٽا لاڳاپا هجڻ گهرجن
    پورهيت انقلابي پارٽي صرف ان صورت ۾ معاشري جي انقلابي تشڪيل ۽ تعمير ۾ ڪاميابي سان قائدانه ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، جڏهن کيس عوام جي مڪمل حمايت حاصل هجي. ڇاڪاڻ ته عوام تاريخ جو خالق آهي ۽ هو ئي انقلاب آڻي سگهي ٿو. پارٽيءَ کي انقلاب لاءِ عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته عوام جو وڏو تعداد صرف ان صورت ۾ توازن پنهنجي حق ۾ ڪري سگهي ٿو، جڏهن اهو متحد هجي ۽ علم سندس قيادت ڪري. عوام کي علم پارٽي ئي مهيا ڪندي آهي ۽ جدوجهد جي طور طريقن کان واقف ڪندي آهي. جڏهن پارٽي عوام جي تعليم ۽ ترتيب ڪندي آهي ته کيس عوام جي وڏن حلقن جي حمايت ۽ مدد حاصل ٿيندي ويندي آهي.
    پارٽي عوام وٽ تڏهن پاڻ کي مڃائي سگهندي آهي، جڏهن هڪ ته هو ان سان مسلسل گهرن لاڳاپن ۾ هوندي آهي، ٻيو ته انهن جي مسئلن ۽ ضرورتن کي خود پنهنجا مسئلا ۽ ضرورتون سمجهندي انهن لاءِ جدوجهد ڪندي. ان ئي صورت ۾ پارٽيءَ کي عوام جو اعتماد حاصل ٿيندو آهي. ظاهري ڳالهه آهي ته پارٽيءَ تي عوام جو اعتماد اهڙي شي ناهي، جيڪو کيس هڪ دفعو حاصل ٿيڻ بعد هميشه حاصل رهي. پورهيت عوام جي شعور ۽ جذبن تي داخلي ۽ خارجي اثر پوندا رهندا آهن. مٿن سندن دوستن ۽ دشمنن جا نظرياتي اثر پوندا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته پارٽي عوام منجهه پنهنجو اعتماد برقرار رکڻ لاءِ لڳاتار ساڻن گهري لاڳاپي ۾ هجي ۽ سندن تربيت ڪندي رهي. پارٽيءَ کي عوام ۾ ڪم ڪرڻ وقت، انهن جي جذبن کان آگاهي حاصل هجي ۽ کيس ڄاڻ هجي ته عوام سندس ڏنل پروگرام کي سمجهڻ ۽ ان کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪيتري قدر تيار آهي. ان ڳالهه جو مقصد صرف اهو ناهي ته پارٽي فقط عوام جي تقليد ڪندي رهي ۽ خاموشي سان انهن جي نظرياتي ۽ سياسي پختگيءَ جي سطح کي ڏسندي، ان عوامي شعور منجهان پنهنجي راهه ٺاهي، پر انقلابي پارٽي جو اهو به ڪم هوندو آهي ته اها عوام جي قيادت ڪري. کيس قيادت ڪرڻ وقت صرف پنهنجن تجربن ۽ ڄاڻ تي نه ڀاڙڻ گهرجي، پر عوام جي تجربن مان به سکڻ گهرجي. کيس عوام جي هر ڳالهه ٻڌڻ گهرجي ۽ سندن مشورا قبول ڪرڻ گهرجن. پورهيت عوام جي انقلابي جدوجهد ۾ پارٽي جو ڪردار، عوام سان پارٽيءَ جي ڳانڊاپي ۾ لڪل هوندو آهي. ان جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته پارٽي ڪهڙي حد تائين عوام جي شعوري سرگرمين ۽ توانائين کي منظم ڪرڻ، سنوارڻ ۽ ان کي سياسي رهنمائي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
    پارٽيءَ لاءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اها عوام تي ڀروسو ڪري ۽ عوام مٿس اعتماد ڪندي، ان جي حمايت ڪري. عوام منجهه پارٽي صرف انهن مضبوط بنيادن تي قائم ٿي سگهي ٿي. پارٽي پنهنجن سرگرمين سان عوام ۾ اهو احساس جاڳائي ته انقلاب خود سندن مفاد ۾ آهي ۽ ان جي ڪاميابي به سندن هٿن، ذهن ۽ ارادي جي محتاج آهي.

    (5) پنهنجي عمل جو تنقيدي جائزو وٺڻ
    پورهيت عوام جا دشمن ۽ سندن پگهاردار ٽولا، تجربيڪار، طاقتور ۽ چالاڪ آهن. جيڪڏهن هو شڪست کائيندا آهن ته به عوام جي طاقت کي ٽوڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ۾ مصروف هوندا آهن. هو انقلابي پارٽين جي هر ننڍي وڏي غلطي مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ عوام ۾ پارٽي جي اثر ۽ رسوخ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان تي عوام جو اعتماد ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. عوام جي حقن ۽ نجات لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽيءَ ۽ ان جي قيادت کان به غلطيون ٿي وينديون آهن. ان ڪري انقلابي پارٽين ۽ سندن قيادت لاءِ اها ڳالهه اهم آهي ته اهي لڳاتار پنهنجن غلطين جو تجزيو ڪن ۽ ان مان سبق حاصل ڪن. پارٽين کي پنهنجن حاصلاتن ۽ فتحن جي ڏس ۾ مبالغه آرائي کان ڪم وٺڻ نه گهرجي. پر ماضي جي مڙني ڪمن ۽ تجربن جو تنقيدي جائزو وٺڻ گهرجي، ته جيئن وقت گذرڻ سان گڏ نه صرف ننڍيون غلطيون دور ڪري سگهجن، پر اهي ڪٺي ٿي اهڙا پهاڙ نه بنجي وڃن، جن جو ازالو يا ته مشڪل ٿي وڃي يا ازالو ڪرڻ جو وقت ئي گذري وڃي.
    انقلابي پارٽين کي ڪيتريون ئي سوڀون حاصل ڇو نه ٿين پر پوءِ به سندن ڪارڪنن ۽ قيادت کي خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿي، هٿ تي هٿ رکي وهڻ نه گهرجي، پر لڳاتار جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. پنهنجن فتحن تي ناز ڪرڻ ۽ ناڪامين تي شرمسار ٿيڻ بدران پنهنجي سرگرمين جو تنقيدي جائزو وٺڻ گهرجي ۽ پاڻ منجهان ڪچايون ڦڪايون دور ڪري، ٻيهر جدوجهد لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي. پنهنجن غلطين جو کلي دل سان اعتراف ڪرڻ گهرجي. ان اعتراف سان پارٽيءَ جو وقار مجروح نه ٿو ٿئي، پر ان جي ابتڙ ان جو احترام ويتر وڌي وڃي ٿو ۽ عوام ان تي وڌيڪ اعتماد ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ان ڪري انقلابي پارٽين کي پنهنجن غلطين ۽ خامين کي آڏو آڻي، انهن جو تدارڪ ڪرڻ گهرجي. کيس پنهنجي ڪمزورين کان خوفزده ٿيڻ نه گهرجي، پر انهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪونه ڪو رستو ڳولهڻ گهرجي.
    پارٽين جي اندر تنقيد ۽ خود تنقيد، هر شخص جو حق ۽ فرض هوندي آهي. ڪارڪنن ۽ قيادت کي خود تنقيدي جذبي کي اپنائڻ گهرجي ۽ خامين ڏانهن غير مصالحانه رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. ڪنهن به قيمت تي درگذر ڪرڻ وارو رويو پارٽين لاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿيندو آهي. پارٽين کي تنقيد کي دٻائڻ يا وري تنقيد ڪندڙن جي تذليل ڪرڻ وارن ماڻهن جو سخت احتساب ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ضروري ٿئي ته کين پارٽي مان ئي ڪڍيو وڃي.
    پارٽين يا ان جي ادارن اندر تنقيد مان اها ڳالهه ظاهر ٿيڻ گهرجي ته تنقيد جو بنياد خامين کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ صورتحال کي بهتر بنائڻ تي ٻڌل آهي. جيستائين خود تنقيد جو واسطو آهي ته ان جو اظهار عملي سطح تي ٿيڻ گهرجي ۽ اها خبر پوڻ گهرجي ته اهو شخص يا پارٽي خامين دور ڪرڻ لاءِ عملي طور تي تيار آهي يا صرف زباني ۽ لفاظي ڪري رهي آهي.
    پارٽين اندر اهڙن نقادن جي به حوصله شڪني ڪرڻ گهرجي، جيڪي هر ننڍي وڏي ڳالهه کي وڌائي چڙهائي پيش ڪن ۽ هو فردن جي غلطين کي سڄي پارٽيءَ سان منسوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. يا ڪنهن پاليسيءَ کي لاڳو ڪرڻ دوران ٿيل غلطين کي خود پاليسيءَ جي غلطي ڪوٺين. اهڙا نقاد، اصل ۾ پاڻ کي ته پارٽين جا وفادار چوائيندا آهن، پر اصل ۾ اهي پارٽي جا گهڻ گهرا نه هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ته عمل نه ڪندا آهن. پر عمل ڪندڙ ماڻهن تي بيجا بهتان بازيون ۽ تنقيديون ڪندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن جي تنقيد جو مقصد تعمير نه پر تخريب هوندو آهي.


    ”سندهه کا مقدمه“ تنقيدي جائزو

    جڏهن مان ”پنجاب ڪا مقدمه“، ”سندهه ڪا مقدمه“ ۽ ”آج ڪا سندهه“ پڙهڻ شروع ڪيا ته پڙهندي، جيڪي به ڳالهيون غلط محسوس ڪيون ۽ جيڪي تاريخي ڪوڙ ۽ بد ديانتيون نظر مان گذريون، انهن تي ان ئي وقت ڪتاب جي حاشين تي پنهنجو نقطي نظر لکندو ويس. جيئن ته انهن مڙني ڪتابن تي باضابطه نموني تنقيدي مقالا لکڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه هو. ان ڪري اهي حاشين تي لکيل ٽڪرا جيئن جو تيئن بنا ڪنهن مددي ڪتاب استعمال ڪرڻ جي، هن شڪل ۾ آندا اٿم. جيئن انهن ڪتابن پڙهڻ وقت منهنجي ذهن ۾ انهن ڪتابن ۾ ڏنل ڳالهين بابت پيدا ٿيل تنقيدي رايا محفوظ ٿي وڃن. ان سلسلي ۾ ”پنجاب ڪا مقدمه“ جا حاشيه هڪ ننڍڙي ڪتاب ”سنڌي قوم جو مقدمو“ ۾ اچي چڪا آهن. ان ڪري هاڻ ”سندهه ڪا مقدمه“ جا تنقيدي حاشيه هن مقالي جي صورت ۾ حاضر آهن.
    مان پنهنجي مقالي ”سنڌي قوم جو مقدمو“ جي مهاڳ ۾ جناب شڪيل احمد ضياء صاحب جي ڪتاب ”سندهه ڪا مقدمه“ تي ڪجهه هن ريت نظر وڌي هئي:
    ”جڏهن شڪيل صاحب جو اهو ڪتاب منهنجيءَ نظر مان گذريو ته دل کي سخت صدمو پهتو، جو اهو ڪتاب حنيف رامي جي ڪتاب (پنجاب ڪا مقدمه) جي جواب ۾ گهٽ پر اردو ڳالهائيندڙن جي حمايت ۽ بچاءَ ۾ وڌيڪ لکيل هو. شڪيل صاحب ڪتاب جو نالو ته ”سندهه ڪا مقدمه“ رکيو هو، پر اصل ۾ اهو ڪتاب ”سنڌ جو مقدمو“ نه پر ”مهاجرن جو مقدمو“ هيو. ان ۾ حنيف راميءَ کي مظلوم قومن خاص ڪري سنڌين مٿان ڪيل جارحانه حملن جو جواب ته ڏنل ڪونه هو، پر اردو ٻوليءَ ۽ يوپي، سي پي جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ اردو ڳالهائيندڙ طبقي کي بنا ڪنهن شريڪ جي هن ملڪ جو وارث ڄاڻائڻ جي وڌيڪ ڪوشش ٿيل هئي. ان صورتحال معلوم ٿيڻ بعد منهنجي اندر ۾ ان ستل جذبي وري ڪر موڙيو ته مان نه صرف حنيف رامي کي جواب ڏيان، پر شڪيل صاحب، جنهن مٺڙي ۽ ٻاجهاري نموني سنڌ جو نالو استعمال ڪري، اسان مٿان پنهنجي حاڪميت مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جو به کيس جواب ڏيان.“ (رڪ سنڌي، ”سنڌي قوم جو مقدمو“ مهاڳ، ص-4)
    مان شڪيل صاحب جي ڪتاب جي ذري پرزي تي ته ڳالهائڻ ڪونه ٿو گهران ۽ نه وري ان جي ضرورت آهي. ڇو جو شڪيل صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪا غلط بياني ڪئي آهي ۽ جيڪا تاريخي حقيقتن سان هٿ چراند ڪئي آهي، سا سندس لاءِ اردو ليکڪ هجڻ ناتي ڪا نئين ڳالهه ڪانه آهي. پر پاڪستان ۾ رهندڙ هر اردو ليکڪ پوءِ چاهي اهو ٺيٺ رجعت پسند هجي يا ترقي پسنديءَ جي ويس ۾ ويڙهيل جديد رجعت پسند هجي، ان جي هتان جي قومن، انهن جي قومي ٻولين ۽ تهذيبن ڏانهن اهڙو ئي اڻ وڻندڙ ۽ منافقت تي ٻڌل رويو رهندو آيو آهي. سندس ان منافقت جي جواب ۾ سنڌي ٻولي اندر ڪيترائي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. جيڪي پنهنجي جاءِ تي مستند ۽ تنقيدي لحاظ کان معتبر آهن. ان ڪري مان هن مقالي اندر چند اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ گهران ٿو، جن کي ليکڪ منجهائڻ ۽ پردي ۾ رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي.
    * * *

    شڪيل احمد ضياءُ جو ڪتاب ”سندهه ڪا مقدمه“ ڪراچي، اپريل 1987ع منهنجي آڏو آهي. مصنف صفحي 9 تي لکي ٿو ته، ”پاڪستان ٻن تهذيبن جي ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو. اهو ٽڪراءُ انهن صوبن ۽ علائقن ۾ نه ٿيو، جيڪي اڄ پاڪستان ۾ شامل آهن. هندو مسلم تهذيبن جو منطقي ٽڪراءُ انهن علائقن ۾ ٿيو، جيڪي اڄ ڀارت ۾ شامل آهن. مسلمانن جي تهذيب غالب تهذيب هئي.“ جناب شڪيل صاحب جو واسطو ان ٽولي سان آهي، جيڪو پاڪستان ٺهڻ جي صورت ۾ هتي مسلم قوميت جي سهاري هيٺ اچي، هتان جي اصل قومن جي ٻولي، ڪلچر ۽ اقتصادي وسيلن تي قابض بنجي ويو. ان ڪري هن پنهنجي ان قبضي ۽ ڦرلٽ کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ دنيا جي مڙني تسليم ڪيل اصولن ۽ نظرين کي پٺي پاڏو اڇلائي، اهڙا نظريا ۽ تخيل گهڙي ورتا، جيڪي سندن ناجائز قبضي جو بچاءُ ڪن پيا. ان ڪري شڪيل صاحب پاڪستان جي وجود کي ٻن تهذيبن يعني هندو مسلم تهذيب جي ٽڪراءُ جو منطقي نتيجو ڄاڻايو آهي. پهريون عرض ته شڪيل صاحب اهو مذهبي تهذيبن وارو نظريو خبر ناهي ته ڪٿان هٿ ڪيو آهي يا ڪهڙي بنياد تي پاڻ گهڙيو آهي؟ تهذيبون قومن جون هونديون آهن، نه مذهبن جون. مذهب تهذيبن کي پنهنجي بدن مان جنم ڪونه ڏيندا آهن. پر قومون پنهنجي جاگرافيائي وطنن اندر هزارها سالن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ تهذيبن جي تشڪيل ڪنديون آهن. ان تشڪيلي دؤر ۾ انهن قومن جا مذهبي نظريا ۽ فڪر تبديل ٿيندا رهندا آهن. اسان هتي سنڌي قوم جو مثال وٺون ٿا: ان جي تهذيب، سنڌي ماڻهن جي لکين سالن جي جدوجهد جو عظيم ثمر آهي. ان وچ ۾ هتي جي ماڻهن جا مذهبي نظريا تبديل ٿيندا رهيا. ڪڏهن هتي جي ماڻهن هندو ڌرم قبول ڪيو ته ڪڏهن ٻڌمت جا پيروڪار رهيا. ڪڏهن جين مت ته ڪڏهن وري اسلام جا پوئلڳ ٿيا. پوءِ به انهن مذهبي ۽ نظرياتي تبديلين ڪري ڪڏهن به سندن تهذيب نه هندو بڻجي وئي ۽ نه وري اسلام سان نوازجي مسلم تهذيب ٿي وئي. اها اول کان سنڌي تهذيب رهي ۽ هميشه سنڌي تهذيب رهندي. پوءِ چاهي سڀاڻي سندن مذهب يا نظريو ڪهڙو به رهي. اڄ به سنڌي هندو توڙي مسلم، جين توڙي ٻڌ جي ساڳي تهذيب آهي، ساڳي ٻولي آهي، ساڳيو لباس، ريتون رسمون ۽ هيرا آهن.
    ان مسئلي تي اڳتي وڌڻ کان اڳ اسان تهذيب تي ڳالهائڻ گهرون ٿا. تهذيب ڪنهن قوم جي ريتن رسمن، اٿڻين وهڻين، فن اڏاوت، رهائشي طور طريقن، کاڌي، لباس، تفريح، ٻولي ۽ ادب وغيره جو نالو آهي. مصنف جنهن مسلم تهذيب جو تصور گهڙيو آهي، سو خبر نه آهي ته ڪهڙي بنياد تي گهڙيو آهي. جڏهن عربستان جي ڌرتي تي اسلام آيو ته ان کان اڳ عربن جي رهڻي ڪهڻي، رسمون رواج، لباس وغيره جيئن اڳ هيو، سو اسلام جي نزول کان پوءِ به ائين رهندو آيو. ان ڪري عربن جي تهذيب کي اسلامي تهذيب ڪونه ٿو سڏي سگهجي. اها عربي تهذيب آهي. ڇا هندوستان ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ مسلمان، اسلام جي اچڻ کان اڳ جڏهن ڪنهن ٻئي ڌرم جا پوڄاري هئا، ان وقت غير مهذب هئا يا ان وقت سندن اهائي ساڳي تهذيب يعني ڪڙتو پاجامو، شيرواني، پان، قوالي ڪانه هئي، جيڪا اسلام جو شرف حاصل ڪرڻ بعد به سندن رهندي آئي. ڇا هنن اسلام جو شرف حاصل ڪرڻ بعد پنهنجو اڳيون ڪڙتو ۽ پاجامو لاهي، عربن وارو جبو پائي، عربن واريون رسمون رواج اختيار ڪري، هندو تهذيب مان مٽجي اسلامي تهذيب جي دائري منجهه اچي ويا. جي نه ته پوءِ اهو مذهبي تهذيبن واري نظرئي ۽ تخليل جو مطلب ڇا آهي. جيڪڏهن صرف ان بنياد تي هتان جي قومن مٿان غلبو حاصل ڪري انهن کي اسلام جي نالي ۾ پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي تان هٿ کڻائڻ ۽ اردو ٻولي ۽ مغليه ثقافت اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جو حربو آهي ته ٺيڪ آهي. نه ته اهڙي واحيات ۽ غير سائنسي تصور گهڙڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي. ضياءُ صاحب جنهن ڪتاب ”پنجاب ڪا مقدمه“ تي تنقيد ڪندي، اهو تصور پيش ڪيو آهي، ان جي ليکڪ حنيف رامي، ضياءُ صاحب کان وڌيڪ حقيقت پسندي جو ثبوت ڏيندي، پنهنجي ڪتاب ۾ ان تصور کي رد ڪيو آهي ۽ پنجابي قوم کي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ بقا لاءِ تيار ڪري اڳتي وڌڻ جو سڏ ڏنو آهي. جيڪا ڳالهه ڪنهن به طرح مذمت لائق نه آهي.
    هاڻ اصل مسئلو، جنهن کي شڪيل ضياءُ صاحب پنهنجي فن تحرير سان لڪائڻ ۽ منجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهو آهي ”پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو سوال“. شڪيل صاحب، ان پرماري طبقي جو ڀرجهلو آهي، جنهن جون پاڙون عالمي سامراجي نظام ۾ کتل آهن. ان ڪري هن صاحب پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي اصل سبب کي وڏي هوشياريءَ ۽ ڏاهپ سان لڪايو ۽ منجهايو آهي. اصل ۾ پاڪستان مسلمانن کي هندن کان تحفظ ڏيڻ جي ڪارڻ ڪري وجود ۾ ڪونه آيو آهي. پر ان جو اصل سبب عالمي سامراج کي هن علائقي ۾ پير کپائڻ ۽ برصغير ۾ ورهاڱي کان اڳ هلندڙ سامراج دشمن تحريڪ کي ناس ڪرڻ، گڏيل هندستان جي مڪمل آزادي ۽ خودمختياري کي روڪڻ، عالمي سماجوادي نظام جي ٿيندڙ پيش قدمي آڏو هڪ مذهبي رجعت پسند ديوار اڀي ڪرڻ ئي پاڪستان جي وجود جو اصل سبب آهي. جڏهن برصغير ۾ هندو مسلم عوام متحد ٿي انگريز سامراج خلاف جنگ آزادي شروع ڪئي ۽ برصغير ۾ ترقي پسند، عوام دوست ڌريون رجعت پسند حڪمرانن ۽ انهن جي ڏيهي ڇاڙتن مٿان فتحن مٿان فتحون حاصل ڪرڻ لڳيون ته سامراجي حڪمرانن عوام دوست قوتن جي ان پيش قدمي کي روڪڻ ۽ برصغير کي وڌيڪ عرصو پنهنجن ظالم چنبن ۾ سڪ رکڻ لاءِ مذهبي بنيادن تي پنهنجي ڇاڙتن طرفان مذهبي تنظيمون ۽ پارٽيون جوڙائڻ شروع ڪيون. جيئن عوام مذهبي بنيادن تي تفرقي جو شڪار بنجي پنهنجو اصل مقصد ڀلجي مذهبي جنونيت جي اهڙي باهه ۾ وڃي پئي جو صدين تائين ان مان پنهنجو پاڻ آزاد نه ڪرائي سگهي. سامراجي ڌريون، جن مٿان سوويت يونين ۾ آيل پهريون پورهيت انقلاب، هڪ ڀوت جيان لامارا ڏئي رهيو هو ۽ سندن ذهنن ۾ اهو ڊپ ڇائنيل هو ته جيڪڏهن برصغير ۾ ترقي پسند قوتون ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿين ٿيون ته پوءِ سامراجي ڌرين جا ڏکڻ ايشيا مان هميشه لاءِ ٽپڙ ٻڌجي ويندا ۽ برصغير پڻ سماجوادي انقلابين جو هڪ اڏول اتحادي بنجي ويندو. ان ڪري ضروري هيو ته برصغير ۾ ايندڙ انقلاب جو رخ موڙيو وڃي. ان لاءِ صرف هڪ حربو بچيو هو، سو هيو مذهبي جنون. جنهن کي استعمال ڪري برصغير ۾ هلندڙ تحريڪ ۾ ڏار وڌا ويا. هٿراڌو مذهبي جماعتون کڙيون ڪري، انهن سان ساز باز ڪري برصغير جي قسمت جو فيصلو اهڙو ڪيو ويو جو برصغير مان سامراجي ڌرين سڌي طرح نڪري، ان تي اڻ سڌي طرح اڳ کان به وڌيڪ مضبوط قبضو ڪري ورتو. اڳ برصغير انگريزن جي سڌي غلامي يعني هڪ ڪالوني هيو، پر پوءِ اهو هڪ جديد بيٺڪيت بنجي ويو. برصغير جو ورهاڱو ڪنهن هندو يا مسلم ليڊر يا ڪنهن گروهه جي قربانين جو نتيجو ڪونه هيو، پر اهو عالمي سامراج جي هڪ سازش جو نتيجو هو. ان ڪري برصغير جي ورهاڱي يا پاڪستان جي وجود کي ڪن تهذيبن جو ٽڪراءُ يا اردو ڳالهائيندڙ مسلم عوام جي جدوجهد جو ثمر ڪوٺڻ غلط ۽ حقيقتن سان هڪ مذاق آهي. ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت اهو آهي جو اڄ پاڪستان ۽ هندستان ۾ ترقي پسند تحريڪ ڪچلجي ۽ تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي مڪمل خودمختياري حاصل نه ڪري سگهيا آهن. پاڪستان سامراجي ملڪن جي جديد بيٺڪي راڄ جو شڪار آهي. پاڪستان عالمي اشتراڪي تحريڪن، مظلوم قومن جي آزادي پسند تحريڪن، پورهيت انقلابن خلاف هڪ سامراجي اڏي جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي.
    شڪيل ضياءُ صاحب ان ئي صفحي 9 تي اڳتي فرمائي ٿو ته، ”اوڀر پاڪستان ۽ موجوده پاڪستان جي ڪنهن به علائقي جي ثقافت جو هندو ڪلچر، هندو زبان ۽ هندو تهذيب سان ٽڪراءُ نه هيو. پنجاب جا غير مسلم پنجابي، سنڌي جا غير مسلم سنڌي، صوبي سرحد جا غير مسلم پشتو ڳالهائيندا هئا. مذهب جي بنياد تي ڪڏهن ڪڏهن وقتي فساد جي فضا يا ذهنيت پيدا ٿي. هي بنياد صرف انهن علائقن ۾ هيو، جتي اردو ڳالهائي ويندي هئي.“ شڪيل ضياءُ وڏي ڪوشش ڪندي به حقيقت کي لڪائي نه سگهيو ۽ پنهنجي هندو مسلم تهذيب واري نظرئي جي ساڳئي صفحي تي ترديد ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي قومن جي تهذيبن کي مسلم تهذيبن جي بدران اتان جون علائقائي تهذيبون يا ٻوليون سڏي وڌو آهي. اهڙي طرح پنهنجي ڏنل تصور جي پاڻ ئي نفي ڪئي آهي. پر چوندا آهن ته، ”چور چوري کان ته وڃي پر هيرا ڦيري کان ڪونه وڃي.“ سو وري هن دنيا جي مڃيل نظرئي ۽ سماجي سائنس جي اصولن جي نفي ڪندي، هندستان جي تهذيب کي مذهبي نظرئي تحت هندو تهذيب ڪوٺيو آهي ۽ هندي زبان کي هندن جي قومي زبان چوڻ بدران ان کي مذهبي زبان هندي ڪوٺيو. جڏهن تان مان اڳئي چئي چڪو آهيان ته زبان ۽ ڪلچر نه هندو ٿيندا آهن ۽ نه وري مسلمان، پر اهي قومن جي نمائندگي ڪندا آهن. هندي ٻولي نه هندو مذهب جي پيداوار آهي نه وري ان جي نمائنده آهي. جهڙي طرح عربي زبان نه اسلام جي پيداوار آهي ۽ نه وري ان جي نمائندگي ڪندڙ آهي. پر اها عربستان ۾ ان وقت به موجود هئي جڏهن اڃا اتي اسلام ڪونه آيو هو. ضياءُ صاحب جنهن ڳالهه کي اسان سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جي ڪمزوري ڪوٺيو آهي، يعني اسان جي علائقن ۾ هندو مسلم مذهبي فساد جو نه ٿيڻ ۽ ان ڳالهه کي هندستان جي اردو ڳالهائيندڙن جي خوبي ڄاڻايو آهي ته اتي هندن ۽ مسلمانن جو ٽڪراءُ ٿيو. اصل ۾ اهائي اسان جي قومن جي خوبي آهي. جو اسان سيڪيولر رهيا آهيون. اسان مذهبي فتنن ۽ فسادن کان ان ڪري آجا رهيا آهيون، جو اسان کي ملن ۽ مولوين جي فسطائي فرقيواريت توڙي هندن جي پنڊتن جي فتني ۽ فساد تي ٻڌل تعليم نه ملي آهي. پر اسان شاهه، سچل، سامي، سلطان باهو، گرو نانڪ، بلي شاهه، خواجه فريد جي صوفي ازم جا وارث رهيا آهيون. جڏهن ته هندستان جي يوپي، سي پي جي مسلمانن کي اقبال، سر سيد احمد خان جي فسطائي تعليم ملي آهي. اورنگزيب جي فتني ۽ فساد جو فلسفو مليو آهي. ان ڪري هو اڄ تائين ان جي اثر هيٺ جتي به رهيا آهن، اتي فتني ۽ فساد کي جنم ڏنو اٿن. مذهبي جنون ۽ ڪٽرپڻو سندن حيات جو فلسفو رهيو آهي. هو جي هن وقت هندستان ۾ آهن ته به اتي فرقيوارنه فسادن جا خالق آهن، جي بنگال ۽ سنڌ ۾ رهيا آهن ته به هتان جي امن ۽ سڪون کي مذهبي جنون سان تباهه ڪيو اٿن. هتي رهي به هنن هندو مسلم فساد ڪرايا آهن، شيعه سني، ديوبندي، بريلوي فساد ڪرايا آهن. جڏهن ته سنڌ برصغير جو اهو خطو رهيو آهي، جنهن هميشه مذهبي رواداري امن عالم، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي سيڪيولر سوچ جي بنياد تي برصغير کي امن ۽ آشتي جو سبق ڏنو آهي. اسان جي صوفين جي تعليم جي ئي نتيجي ۾ جڏهن برصغير ۾ مذهبي جنون عروج تي هيو، تڏهن به سنڌ ۾ شاهه، سچل، سامي، ڀڳت ڪنور رام، دلپت، ڄيٺمل پر سرام، آءِ آءِ قاضي، گربجشاڻي سنڌي هندن توڙي مسلمانن جا گڏيل قومي هيرا رهيا آهن ۽ انهن جي تعليم جي روشنيءَ ۾ سنڌ کي عظمتن جي مينار تي رسايو آهي. جڏهن ته ان انساني ماڻهپي کان اسان جا اردو دان جتي به رهيا آهن، محروم رهيا آهن.
    * * *

    شڪيل ضياءُ صاحب ”پاڪستان تهذيب جي حوالي سان“ واري باب ۾ پاڪستان جي تهذيب کي يو پي، سي پي جي اردودانن جي فتني ۽ فساد واري تهذيب ڪوٺيو آهي ۽ ان جي ٻولي اردو قرار ڏني آهي. ضياءُ صاحب جي ڄاڻ لاءِ عرض آهي ته پاڪستان اندر نه ڪا اردو تهذيب ڪو وجود رکي ٿي ۽ نه وري اها نام نهاد تهذيب، پاڪستان جي تهذيب آهي ۽ نه وري سندن ٻولي پاڪستان جي وارث ٻولي آهي، پاڪستان وٽ نه ڪا پنهنجي الڳ تهذيب آهي ۽ نه وري ڪا پاڪستاني ٻولي آهي، نه وري پاڪستان کي پنهنجو جدا تاريخي تشخص آهي. پاڪستان چئن جدا قومن جو ملڪ آهي، جن کي پنهنجون الڳ الڳ قومي زبانون، قومي تهذيبون ۽ قومي تشخص آهن. سي نه شڪيل ضياءُ جي پاڪستاني تهذيب نه وري اردو ٻوليءَ جون محتاج آهن. ان ڪري شڪيل ضياءُ کي عرض آهي ته هو اسان مسڪينن مٿان اهو سڀ ڪجهه اسلام ۽ پاڪستان جي پياري نالي ۾ مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري. اصل ۾ اردو ڪا مسلم تهذيب نه آهي، پر اها هندستان جي يوپي، سي پي جي تهذيب آهي. سندن پاجامو پائڻ، شيرواني اوڍڻ، پان کائڻ ۽ قوالي ڳائڻ واري تهذيب کي هندستان جي تهذيب ته چئي سگهجي ٿو. پر اها صرف پاڪستان ۾ ٽپڻ سان اسلام جو شرف حاصل ڪري، اسلامي تهذيب ٿي نه ٿي سگهي. نه وري سندن ٻولي اردو جيڪا هندي جي بگڙيل صورت آهي، اها صرف پاڻ ۾ عربي، فارسي ۽ ترڪي زبانن جا لفظ سمائي، مسلمانن جي مذهبي ۽ پاڪستانين جي قومي ٻولي ٿي سگهي ٿي.
    جناب شڪيل صاحب کي اها بخوبي خبر هوندي ته اردو جي عمر 250 سال مس آهي. اها ٻولي مغل حڪمرانن جي دؤر ۾ ان جي شاهي فوج کان شروع ٿي. اردو ترڪي ٻولي جو لفظ آهي. جيڪو اردو= فوجي خيمه گاهه مان ورتل آهي. اردو ٻولي هندستان جي ڪا فطري ٻولي ڪانه آهي، پر نظريه ضرورت تحت مغل حڪمرانن پنهنجي لشڪرين، جيڪي جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا هئا، انهن جي وچ ۾ رابطي لاءِ هندي زبان منجهه ڪجهه عربي، فارسي ۽ ترڪي لفظ ٽنبي جوڙي وئي. ان ڪري شڪيل ضياءُ صاحب لاءِ عرض آهي ته اردو ٻولي ڪا جدا ٻولي ڪانه آهي، پر هندي جو هڪ بگڙيل نمونو يا ان جو هڪ لهجو (Dialect) آهي. ان ڳالهه تان هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته هڪ پاڪستاني آفيسر ترڪي جي دوري تي وڃي نڪتو. اتي جڏهن هن هڪ جڳهه تي ”اردو اڪيڊمي“ جو نالو پڙهيو ته ڏاڍو خوش ٿيو ته اتي ڪو اردو ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ڦهلاءَ لاءِ ادارو قائم ڪيل آهي. سو پنهنجي ترڪي ميزبانن تي زور ڀريائين ته مان پهريون ”اردو اڪيڊمي“ ڏسندس. سو جڏهن موصوف اتي پهتو ته ڏاڍو شرمندو ٿيو جو اتي اردو ٻولي جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪا اڪيڊمي ٺهيل ڪانه هئي. پر اها ترڪن جي هڪ فوجي اڪيڊمي هئي. ڇو جو ترڪيءَ ۾ اردو=لشڪر جي معنيٰ ۾ ڪم ايندي آهي.
    * * *

    اسان جنهن ڳالهه جو گهڻي وقت کان رئڻو رئندا هئاسين ته پاڪستان اسان لاءِ نه پر صرف يوپي ۽ سي پي جي مسلمانن ۽ انهن جي ٻوليءَ کي ٻين مٿان مڙهڻ ۽ ترقي وٺائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. اها ڳالهه نه چاهيندي به شڪيل ضياءُ ص-17 تي ظاهر ڪري وڌي آهي. پاڻ لکي ٿو ته ”هي ئي (اردو) زبان هئي، جنهن کي تحفظ لاءِ پهريان نظرئي پاڪستان ۽ پوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو.“ يعني نظرئي پاڪستان جو مطلب اردو زبان جو تحفظ ۽ ترقي آهي. ان جو ڪنهن به طرح اسلام سان واسطو نه آهي. پاڪستان مسلمانن کي هڪ الڳ ملڪ وٺي ڏيڻ ۽ نظرئي اسلام جي واڌ ويجهه لاءِ حاصل ڪونه ڪيو ويو، جيئن اڄ تائين ڄاڻايو پئي ويو آهي. پر ان جو اصل مقصد اردو ٻوليءَ جو تحفظ، اردو ڳالهائيندڙن جي جارحانه مفادن جو تحفظ ئي هيو. جناب شڪيل ضياءُ صاحب، حنيف راميءَ جي پنجابي ٻولي کي ترقي وٺائڻ ۽ ان کي پنجاب جي قومي ٻولي بنائڻ واري خيال جي جنهن نموني اسلام، پاڪستان ۽ اردو جي آڙ وٺي مخالفت ڪئي آهي. سا اسان سنڌي قوم جا ترقي پسند ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ رهواسي صرف پنجاب جي بالادست رويي کي نظر ۾ رکي، ڪڏهن به برداشت ڪرڻ ۽ ان کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون. اسان پنجابي زبان کي پنجاب ۾ ان جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ ان مٿان اردو کي مڙهڻ واري سوچ جي حمايت نه ٿا ڪري سگهون. اسان جنهن نموني پنهنجي ٻولي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اهڙي نموني جي پنجاب وارن پنهنجي ٻوليءَ ۽ ڪلچر لاءِ ڪا به جدوجهد ڪئي ته اسان انهن سان هزارين اختلافن هوندي به اخلاقي طور حمايت ڪنداسين. ڇو جو جيڪا ٻولي اسان پاڻ مٿان مڙهڻ لاءِ تيار نه آهيون، سا اسان ڪنهن به صورت ۾ بلوچستان، پختونستان ۽ پنجاب مٿان مڙهڻ جي حق ۾ نه هونداسين. اسان صرف پنجاب جي بالادست ڪردار کي نظر ۾ رکندي، اردو کي پنجابي زبان مٿان مڙهڻ واري پاليسيءَ جي حمايت ڪري، ان کي ٻين مظلوم قومن جي ٻولين کي ختم ڪرڻ لاءِ جواز مهيا ڪرڻ جو موقعو نه ڏينداسين. جيڪڏهن رامي صاحب، پنجاب وارن کي پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر جي حوالي سان قومي تشخص حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو سڏ ڏئي ٿو ته اها ڳالهه اسان پاڻ لاءِ نيڪ شگون سمجهون ٿا. شل اها رامي صاحب واري سوچ پنجابين جي وڏي آباديءَ ۾ اچي ۽ هونه صرف پنهنجي ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي احياءُ لاءِ جدوجهد ڪن پر ان سلسلي ۾ اردو جي حاڪميت، جيڪا ٻين قومن جي ٻولين مٿان مڙهيل آهي، ان جي حمايت ڪرڻ جي دعويٰ تان پڻ دست بردار ٿين.
    جناب شڪيل ضياءُ صاحب، اردو جي حق ۾ ۽ ان کي پاڪستان جي اصل وارث ٻولي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي پنهنجي ڄاڻ جا موتي پکيڙيا آهن. ص-116 تي لکي ٿو ته: ”اردو پاڪستان جي قومي زبان آهي، ان کان سواءِ پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جو وجود بي معنيٰ ٿي ويندو.“ وري صفحي 72 تي اردو جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته ”جيستائين اردو زبان جو واسطو آهي ته اهو واضع ڪيو ويو آهي ته اها پاڪستان جي، پاڪستاني قوميت جي واحد نشاني ۽ واحد ضرورت آهي. ان کي انهن تاريخي قوتن هي نالو ۽ مقام عطا ڪيو آهي، جن ئي پاڪستان تشڪيل ڪيو آهي.“
    اسان شڪيل ضياءُ صاحب جي اردو ٻولي بابت اٿاريل حجتن کي هڪ حقيقت پسند اردودان جي لفظن ۾ جواب ڏيون ٿا. محمود الحق عثماني پنهنجي مقالي ”پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو“ ۾ لکي ٿو ته ”اردو ٻولي کي مسلمانن جي ٻولي چوڻ يا اسلام سان اردو جي رشتي کي ڳنڊڻ جي ڪوشش ڪرڻ غلطي ۽ حقيقت کان انڪار ٿيندو. اردو جي ترقي ۾ هندو اديبن جو به ايترو ئي حصو آهي، جيترو مسلمان اديبن جو ۽ اڄ به حالتن جي ناسازگيءَ جي باوجود به هندستان ۾ اردو ادب تخليق ٿي رهيو آهي ۽ ٻولي ترقي ڪري رهي آهي.“ (رڪ سنڌي، مرتب، ”سنڌي ٻولي رت رتولي – مارچ 1985ع ص-35)
    اسان سنڌ جا سيڪيولر ۽ ترقي پسند ماڻهو ڪنهن به ٻوليءَ جي خلاف نه آهيون. جهڙي طرح دنيا جون مڙئي ٻوليون محترم ۽ معتبر آهن، اهڙي طرح اردو ٻولي جي به پنهنجي هڪ حيثيت آهي. پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اردو ٻولي کي ڪن نظرين ۽ تخيلن جي سهاري ڪنهن ٻي ٻولي ڳالهائيندڙن مٿان ٿاڦيو وڃي. اسان صرف اردو جي بالادست حيثيت جا مخالف آهيون. ڇا اردو ٻولي جا نادان دوست اردو ٻوليءَ کي هڪ مذهبي گروپ تائين محدود رکي، ان ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ غير مسلم اديبن جي ڪيل ڪوششن تي پاڻي ڦيرڻ چاهين ٿا. يا انهن جي تخليقن کي غير مسلم اردو قرار ڏيئي اردو ادب جي خزاني مان ڪڪ آئوٽ ڪرڻ چاهين ٿا. ڇا اردو ڳالهائيندڙ مسلمان صرف مذهبي جنون جي بنياد تي ڪرشن چندر، راجندر سنگهه بيدي، ساحر لڌيانوي ۽ ٻين غير مسلم اردو اديبن کي مذهب جي حوالي سان اردو ادب مان خارج ڪرڻ چاهين ٿا. جي ها ته، پوءِ هو اسان جا نه پر اردو ٻوليءَ جا نادان دوست آهن.
    * * *

    جناب شڪيل ضياءُ صاحب اردو جي حق ۾ اڳتي ص-89 تي لکي ٿو ته، ”مسلمانن 9 سو سال برصغير تي حڪومت ڪئي. ان حڪومت جي مختلف دورن ۾ هڪ تهذيب جي تشڪيل ٿي. ان عظيم الشان دؤر ۾ هڪ گڏيل زبان وجود ۾ آئي، جنهن کي اردو ڪوٺن ٿا. پاڪستان جو قيام ان تهذيب ۽ تاريخ جي حوالي سان وجود ۾ آيو.“ مٿين مڙني حوالن مان هڪ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پاڪستان اسلام جي تحفظ ۽ برصغير ۾ رهندڙ مڙني مسلمانن جي تحفظ ڪرڻ لاءِ وجود ۾ ڪونه آيو. جنهن ڳالهه جو چاليهن سالن کان پٽڪو پٽيو ٿي ويو. پر ان جو واحد مقصد هندستان جي اردو ڳالهائيندڙ جي ٻولي، ڪلچر ۽ جارحانه مفادن کي بچائڻ، وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ وجود ۾ آيو. مسلم قوم ۽ بعد ۾ پاڪستاني قوم جو جيڪو ڍنڍورو پٽيو پي ويو. ان جي پويان صرف هڪ مقصد لڪل هيو. اهو هيو پاڪستان ۾ رهندڙ قومن جي ٻولين ۽ تهذيبن کي فنا ڪري انهن مٿان جبري طور اردو ٻولي ۽ اردو دان طبقي جي مخصوص تهذيب مڙهڻ. جيڪڏهن پاڪستان برصغير جي مسلمانن جي تحفظ لاءِ وجود ۾ آندو ويو هو ته پوءِ مسلمان صرف اردودان ڪونه هيا. پر سنڌي، بلوچي، پختون، بنگالي ۽ پنجابي به مسلمان هيا. ان ڪري انهن جي به تهذيبن ۽ ٻولين جو بچاءُ ڪرڻ پاڪستان جي عظيم تر مقصد ۾ شامل هجي ها. ڇا صرف مسلمانن جي ٻولي يا برصغير جا سڀ مسلمان هڪ ئي ٻولي اردو ڳالهائيندا هئا، يا ڇا انهن مڙني جي تهذيب ۽ ڪلچر هڪ ئي هو. جي نه ته پوءِ انهن مٿان اردو مڙهڻ جو ڪهڙو جواز رهي ٿو. شڪيل صاحب جي سڄي ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته:
    اردو معنيٰ اسلام ۽ اسلام معنيٰ اردو
    اردو معنيٰ پاڪستان ۽ پاڪستان معنيٰ اردو
    پاڪستان جو تحفظ معنيٰ اردو ڳالهائيندڙ جو تحفظ ۽ باقي پاڪستان ۾ شامل غير اردو ڳالهائيندڙن تي منڌيئڙو. جي اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ باقي قومن جا ماڻهو ختم ٿيڻ نه چاهين ته پاڪستاني ٿيڻ لاءِ اردو ٻولي ۽ اردو تهذيب قبول ڪن. ڇو جو اردو دانن اسلام جي نالي ۾ هتان جي قومن کي بنا ڪنهن جنگ ڪرڻ جي فتح ڪري ورتو هو. اردو ٻوليءَ بابت اهي خيال نه صرف شڪيل ضياءُ صاحب جا آهن، پر اردو دان طبقي جا مڙئي اديب ۽ دانشور ان ڳالهه تي هم خيال آهن. اردوءَ جي ان اسلامي مرتبي تي اردو ڳالهائيندڙن جي ترقي پسندن کان وٺي ٺيٺ رجعت پسندن تائين هم خيال ۽ هڪ راءِ آهن، ان لاءِ هڪ مولانا جناب اشرف علي ٿانوي جي هي فتويٰ خاص ڪري پڙهڻ لائق آهي. جيڪا ماهانه ”اخبار اردو“ فيبروري 1987ع جي شماري ۾ شايع ڪئي وئي آهي. مولانا اشرف علي چوي ٿو ته: ”هن وقت اردو زبان جي حفاظت دين جي حفاظت آهي، ان ڪري هي حفاظت حسب استطاعت واجب ۽ اطاعت آهي ۽ باوجود قدرت جي ان ۾ غفلت ڪرڻ معصيت و موجب مواخذة آخرت ٿيندي.“
    جناب شڪيل ضياءُ صاحب نه صرف اسان مٿان اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ پنهنجي ٻولي ۽ مغل حڪمرانن جي ثقافت مڙهڻ چاهي ٿو پر اصل ۾ هو هتان جي اصل قومن جي وجود جو به انڪاري آهي. پاڻ ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي پاڪستان ۾ رهندڙ چئن مختلف قومن جي ماڻهن کي هڪ پاڪستاني قوم جي زمري ۾ آڻي، انهن جي علحده قومي وجودن تي منڌيئڙو ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن پهريان پهريان برصغير جو ورهاڱو ٿيو هو ته اهو به انگريزن ان مذهبي فرقي پرستي جي بنياد تي ڪيو هو ۽ پنهنجي سامراجي پاليسي تحت ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي بنياد تحت پنهنجن مسلمانن ۽ هندو ايجنٽن رستي مذهبي قومن يعني هندو قوم ۽ مسلمان قوم جي غير سائنسي تصور کي هوا ڏيئي، هندو ۽ مسلم قوم جي بنيادن تي برصغير کي ٻن حصن ۾ ورهايو هو. پهريان پهريان مسلم جاگيردارن، سيٺين ۽ سرمائيدارن ان قومن بابت مذهبي تصور کي گهڙي مسلم قوم جي نعري هيٺ الڳ مسلمان ملڪ بنائڻ لاءِ ماڻهن کي بيوقوف ڪري ورتو هو. پر جڏهن ان تصور جي بنيادن تي سامراجي سازش تحت پاڪستان حاصل ٿي ويو ته ان بعد ان هوائي نظرئي کي پاڻ ئي محمد علي جناح رد ڪري، وري ٻيهر هڪ ٻئي غير سائنسي تصور يعني پاڪستاني قوميت جي بنياد تي هتان جي ماڻهن کي زوري پنهنجا الڳ قومي وجود ڇڏڻ ۽ هڪ پاڪستاني قوميت اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ شروع ڪيو، جناح جي ان تصور کي هتان جي قومن ۽ ان جي عوام شروع ۾ ئي رد ڪري پنهنجن پنهنجن الڳ تاريخي قومي وجودن هئڻ جو اعلان ڪيو ۽ انهن قومي وجودن جي بقا لاءِ هڪ ڊگهي ويڙهه جي شروعات ڪئي. ان لاءِ شڪيل ضياءُ کي عرض آهي ته سائين جيئن اوهان جي آقائن جو مسلم قوميت وارو نظريو پنهنجي موت پاڻ مري ويو ۽ ان عوام جي هٿان اهڙي شڪست کاڌي جو ان جو خالق پڻ ان تان لا دعويٰ ٿي ويو. سو هاڻ پاڪستاني قوم جو ڍونگ به پنهنجو جادو ئي اثر وڃائي چڪو آهي. ان ڪري هاڻي اوهان ۽ اوهان جي ٽولي کي ڪڙي منهن به ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ۾ ڪابه پاڪستاني قوميت وجود ڪانه ٿي رکي. پاڪستان هڪ گهڻ قومي رياست آهي. جنهن ۾ هن وقت چار قومون هر هڪ پنجابي، سنڌي، بلوچي ۽ پختون، پنهنجن الڳ قومي وجودن، قومي ٻولين، قومي ڪلچرن سان گڏ هزارين سالن جي تاريخ جي مالڪي رکندڙ رهن ٿيون. انهن کي ڪنهن به مذهبي نظرئي يا تصور سان هڪ قوم ۾ ضم ڪري يا انهن جو وجود ختم ڪري نه ٿو سگهجي. گهٽ ۾ گهٽ هاڻ جڏهن هتان جو عوام، اوهان جي کل جهڙين دعوائن کي سمجهي چڪو آهي ۽ انهن کي اعلانيه رد ڪري چڪو آهي. ان ڪري اوهان کي به هاڻ هوڏ تان لهي، هرڀرو ڪوڙ کي سچ ڪرڻ واري مغالطي مان نڪرڻ گهرجي.
    * * *

    جناب شڪيل ضياءُ صاحب ۽ سندس ٽولو جيڪا ٻولي ۽ تهذيب اسان مٿان مڙهڻ چاهي ٿو. ان بابت صفحي 95 تي هن طرح رقم طراز آهي: ”واضع هجي ته اهي سلطان ۽ شهنشاهه جن جي گاديءَ جو هنڌ دهلي هيو، سڄي هندستان جا حڪمران تسليم ڪيا ويندا هئا. انهن مڙني صوبائي ۽ مرڪزي سلطانن ۽ شهنشاهن ان تهذيب کي پيدا ڪيو، جيڪا مسلمانن جي تهذيب چوائي ٿي. انهن ئي تاريخ ساز فاتحن ۽ حڪمرانن ان زبان کي تخليق ڪيو، جنهن کي اردو ڪوٺجي ٿو.“ يعني اردو مسلمانن جي تهذيب، عوام جي محنتن ۽ مشقتن جو ثمر نه آهي. جيئن سنڌ، بلوچستان وغيره جي قومن جون تهذيبون اتان جي عوام جي تاريخي جدوجهدن، تخليقي ۽ تعميري ڪوششن جي ارتقا جي نتيجي ۾ هزارين سالن جو ثمر آهن. اردو تهذيب ان جي ڀيٽ ۾ عوام کان مٿانهين ۽ اعليٰ آهي. اها انهن بادشاهن ۽ وزيرن، نوابن ۽ جاگيردارن جي تهذيب آهي، جيڪي عياش، ظالم ۽ عوام دشمن هئا. جن تي سدائين اقتدار جي هوس سوار هوندي هئي. ڪمزور قومن تي حملا ڪرڻ، انهن جي وسيلن جي ناجائز ڦرلٽ ڪرڻ، انهن کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ، اقتدار جي ڪرسي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻين کي ته ڇڏيو پر پنهنجي اهل اولاد کي به سوري جو سينگار بنائي ڇڏڻ، جن جو پسنديده شغل هوندو هيو. اهڙن بادشاهن ۽ شهنشاهن جي ئي حرم سرائن، محلن ۽ محلاتن، عشرتڪدن ۽ ظلمتڪدن ۾ اردو ٻوليءَ ۽ تهذيب جي تشڪيل ٿي. ان ڪري اردو تهذيب ۽ اردو ٻولي عوامي قدرن ۽ جذبن کان هتان جي قومي ٻولين جي ڀيٽ ۾ بلڪل اياڻي ۽ اٻاڻڪي آهي. ان ئي شهنشاهي تهذيب جي اثر ڪري اردو ڳالهائيندڙن ۾ ملڪ گيريءَ، ڦرلٽ ۽ قبضي گيريءَ جي هوس اڃا تائين باقيات جي صورت ۾ موجود آهي. ان ئي سندن تهذيب جي اثر کين هندستان منجهان دربدر ڪيو، بنگلاديش جي ڌرتي تان ڌڪاريو ۽ اڄ پاڪستان اندر به سندن ان فطرتي اوگڻ ڪري هتان جون اصل قومون کانئن خائف ۽ نالان آهن. اردو ڳالهائيندڙن ۾ فتني، فساد، فرقيواريت ۽ آمريت پسندي جون وصفون ان تهذيب جو ثمر آهن. جن جي ثنا ڪندي جناب شڪيل ضياءُ، زمين آسمان هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جون قومي تهذيبون، مٿين مڙني اردو تهذيب وارين خصلتن کان محروم آهن. اسان جو ترقي پسند ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ عوام ڪڏهن به بادشاهن جي تهذيب ۽ انهن جي حرم سرائن ۽ عشرتڪدن جي ٻولي کي پنهنجي مٿان اسلام ۽ پاڪستان جي خوبصورت نالي ۾ مڙهڻ جي اجازت نه ڏيندو.
    * * *

    اسان کي شڪيل ضياءُ جي فتني ۽ فساد واري ذهنيت ڪيڏي نه چوٽ چڙهيل نظر اچي ٿي ۽ سندس هندو مسلم فرقي پرستي واري سوچ سڄي ڪتاب مٿان ڇائنيل آهي. پاڻ صفحي 21 تي خلافت تحريڪ ۾ هندن ۽ مسلمانن طرفان گڏيل جدوجهد کي به خراب سمجهي ٿو ۽ هندن مسلمانن جي اتحاد کي به پنهنجي فرقيوارانه نظر سان ڏسندي نندي ۽ خراب سمجهي ٿو ۽ ان اتحاد کي نام نهاد اتحاد سڏي ٿو. ضياءُ صاحب اردو ٻوليءَ جو پاڻ کي عالم ۽ تاريخ جو مها ڄاڻو سمجهندي به خبر نه آهي ته ان ڳالهه جي ڇو پرده پوشي ڪري ٿو ته اصل ۾ خلافت تحريڪ جيڪا هندستان جي ماڻهن ترڪ خلافت کي بچائڻ لاءِ شروع ڪئي هئي. جنهن ۾ مسلمانن سان گڏ هندن جي اهم ليڊرن، شردهانند، مدن موهن مالويه ۽ مهاتما گانڌي سميت اتان جي سڄي عوام ان ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو. ان سڄي تحريڪ جي پٺيان خلافت کي بچائڻ جو جذبو ڪارفرما ڪونه هيو. پر ان جي پٺيان ٻيا مقصد پڻ ڪم ڪندڙ هيا. اهي هئا انگريز سامراج کان نجات ۽ سامراجي مداخلت پوءِ جتي به ٿيندڙ هجي. ان جي مخالفت ۽ ان خلاف جدوجهد. ان ڪري جناب شڪيل ضياءُ صاحب لاءِ عرض آهي ته هو تاريخ جي عملن کي پنهنجي مخصوص فرقي پرست نگاهه سان ڏسڻ بدران ان کي صحيح نموني ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. کيس ڄاڻ هجڻ گهرجي ته خلافت تحريڪ پويان اهوئي جذبو ڪم ڪري رهيو هو ته سامراج کي هر جڳهه تي ڪمزور ڪجي نه ته هتان جي ماڻهن جو ترڪي سلطنت کي بچائڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ ۽ ان ۾ هندن جي شموليت هڪ تعجب خيز ڳالهه ضرور لڳي ٿي. جڏهن هندو ۽ مسلمان متحد ٿي انگريز سامراج سان پنهنجي آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا هئا ته اهو سندن ڪردار ترقي پسند ۽ تاريخ جي گهرجن مطابق هيو. پر اڳتي هلي انگريزن جي گماشتن ان اتحاد کي ڇيهون ڇيهون ڪرڻ، انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪ جو رخ موڙي فرقيواريت ڏانهن ڪرڻ لاءِ انگريزن جي اشاري تي هندو مسلم نفاق جو ٻج ڇٽيو. اهڙا ماڻهو انگريزن جي ”ويڙهايو ۽ راڄ ڪرايو“ جي پاليسي جا مهرا ٿي ڪم ڪري رهيا هئا. اهڙن ماڻهن جي مصنف پٺيرائي ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙن ماڻهن جي سوچ جي ترجماني ڪئي آهي. ڇو جو پاڻ به ان فرقيواريت جي مهرباني سان هن منزل تي پهتو آهي ۽ سندس سڄو ٽولو ان فرقيواريت جو ڦل پاڪستان جي صورت ۾ کائي رهيو آهي. مصنف جي ان فرقيوار ذهنن جي پٺڀرائي جو اندازو هن جملي مان لڳائي سگهجي ٿو ته، ”جنگ جي خاتمي تي نام نهاد هندو مسلم اتحاد ختم ٿي ويو ۽ ان زماني ۾ محمد علي جناح جي قيادت اڀري رهي هئي.“ (ص-21)
    * * *

    هن ڪتاب ۾ لائق مصنف ص 132 تي بمبئي کان سنڌ جي علحدگيءَ جي تحريڪ جو سڄو سارو ڪريڊنٽ محمد علي جناح ۽ اقليتي صوبن جي مسلمانن کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي تاريخ سان هڪ بيهودي مذاق ڪئي آهي. مصنف بمبئي کان سنڌ جي علحدگي جي تحريڪ لاءِ ڏنل سنڌي عوام جي قربانين سان مذاق ڪئي آهي. جڏهن ته سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جي تحريڪ پهريان پهريان سنڌي هندن ئي شروع ڪئي ۽ پوءِ ان ۾ سنڌي مسلمان ۽ انهن جا ليڊر شامل ٿيندا ويا. جيڪڏهن برصغير سطح تي ڪا اسان کي مدد يا حمايت ملي سا به سکڻي بيانن ۽ ٺهرائن تائين محدود هئي. سا به ان وقت جڏهن تحريڪ پنهنجي آخري مرحلن تائين سفر ڪري چڪي هئي. اقليتي صوبن جي مسلمانن ان ڏس ۾ ڪهڙي مدد يا حمايت ڪئي ان جو شڪيل ضياءُ صاحب کي ڪو مثال ڏيڻ گهرجي ها ته اسين به سندن ٿورا مڃيون ها. اصل ۾ اقليتي صوبن جا مسلمان پنهنجي فرقيوارانه مفادن لاءِ ته هميشه وڙهندا رهيا آهن پر هنن ڪڏهن به قومن جي سياسي، ثقافتي حقن لاءِ جدوجهد ته ڇا پر ان جي سکڻي حمايت به ڪانه ڪئي آهي.
    جناب شڪيل صاحب جي ڄاڻ لاءِ عرض آهي ته جڏهن 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو ته هنن پنهنجي انتظامي سهولتن خاطر 1847ع ۾ سنڌ جي الڳ وطني حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي پريزيڊنسي سان ملائي ڇڏيو. ان زوري الحاق ۽ ڳانڍاپي خلاف سنڌ جا ماڻهو ان ڏينهن کان ئي احتجاج ڪندا رهيا. ان شروعاتي احتجاج 1913ع ۾ هڪ باضابطه شڪل اختيار ڪئي. ان شروعاتي دؤر ۾ سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جي تحريڪ جا پهريان مهندار هرچندراءِ وشنداس ۽ غلام محمد ڀرڳڙي هئا. ان بعد انهن سان ان تحريڪ ۾ ٻيا به سنڌي هندو توڙي مسلم ليڊر گڏجندا ويا. جن ۾ سيٺ غلام علي ڇاڳلا، سيٺ يوسف علي علوي، سيٺ عبدالله هارون، ديوان ٽهلرام کيمچند، ديوان شيوارام ڏيون مل، جمشيد مهتا، ڄيٺمل پرسرام، آچاريه ڪرپلاڻي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، غلام حسين هدايت الله جا نالا قابل ذڪر آهن. جن مان ڪي ته ان ڏکئي سفر ۾ گهڻو وقت هلي نه سگهيا. ته ڪي وري وقت سان ساٿ نه ڏيئي پوئتي ڌڪجي ويا. سنڌ جي بمبئي خلاف هلايل تحريڪ ۾ سنڌ جا هندو ۽ مسلمان هڪ جيترا ڀاڳي ڀائيوار رهيا. سنڌ جي بمبئي کان جدائي لاءِ ”سنڌ آزاد تحريڪ“ ۽ ”سنڌ پروانشل ڪانفرنسون“ ڪوٺائي ماڻهن کي احساس ڏياريو ويو. نه صرف سنڌ سطح تي ان تحريڪ کي منظم نموني هلايو ويو، پر شيخ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ جي نمائندي جي حيثيت ۾ 26 ڊسمبر 1225ع تي آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس ڪانپور ۾ سنڌ جي علحدگيءَ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪرائي. ان بعد آل انڊيا يا خلافت ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جيڪو مولانا ابوالڪلام آزاد جي صدارت هيٺ ڪانپور ۾ منعقد ٿيو، اتان پڻ شيخ صاحب ساڳي قرارداد منظور ڪرائي. انهن ٺهرائن بعد ئي مسلم ليگ گهڻي بحث مباحثي بعد پنهنجي 31 ڊسمبر واري اجلاس ۾ جيڪو سر عبدالرحيم جي صدارت هيٺ ٿيو، ان ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڀرپور ڪوششن سان سنڌ جي علحدگي جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
    آخرڪار وڏي جهد ۽ جستجو بعد 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان علحده ڪري، پنهنجي اصلوڪي حيثيت ۾ بحال ڪيو ويو. هن تحريڪ ۾ جن مکيه ليڊرن نهايت دليريءَ ۽ بي باڪيءَ سان حصو ورتو. انهن ۾ جناب غلام محمد ڀرڳڙي، ايوب کهڙو، ميران محمد شاهه، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علي محمد راشدي، حاتم علوي، سوامي گووند آنند، ڄيٺمل پرسرام، سنتداس منگهارام، جمشيد مهتا، ٽيڪمداس وڌو مل ۽ ٻيا اڳواڻ شامل آهن.
    ان ڪري جناب شڪيل ضياءُ صاحب کي حقيقتن کان منهن نه موڙڻ گهرجي ۽ ان تحريڪ ۾ سنڌي عوام ۽ انهن جي هندو توڙي مسلم ليڊرن جي ادا ڪيل ڪردار کي پٺي پاڏو اڇلي، صرف محمد علي جناح ۽ اقليتي صوبن جي اردو دانن جي مٿي تي اهو تاج نه رکڻ گهرجي. کيس عرض آهي ته قبلا گهٽ ۾ گهٽ سج جيان روشن حقيقتن کان اکيون ٻوٽڻ نه گهرجن ۽ ڪنهن قوم جي تاريخ کي ائين ڄاڻي ٻجهي مسخ ڪرڻ ۽ انهن جي قومي ڪردار کي لوئڻ نه گهرجي.
    * * *

    شڪيل ضياءُ صاحب ص-42 تي ونيونٽ جو ذڪر ڪندي، جتي پنجاب جي بيروڪريسيءَ کي نندي ٿو، اتي اردو ڳالهائيندڙن کي ان گناهه کان آزاد ڪري ڇڏي ٿو. ان وقت هو اها ڳالهه ڀلجي وڃي ٿو ته جڏهن ونيونٽ ٺهي هئي ته ان کي نه صرف پنجاب وارن جي حمايت حاصل هئي، پر اسان جا اردو ڳالهائيندڙ پڻ ان جا محافظ اول هيا ۽ هنن ئي ماڻهن سنڌ ۾ ونيونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ جي پٺ ۾ ڇرو هڻي، پنهنجي پنجاب دوستي ۽ سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو. شڪيل ضياءُ صاحب ڪمال بيحيائي سان تاريخ کي ٽوڙڻ مروڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ لکي ٿو ته ”ونيونٽ صوبي سنڌ جي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جي تڪليفن جو نقطه آغاز هيو.“ حقيقت ۾ ونيونٽ سنڌ جي سنڌي ماڻهن لاءِ اصل ۾ تڪليفن جي شروعات يا نقطي آغاز ڪونه هيو پر سنڌي ماڻهن مٿان اهي تڪليفون ته ان ڏينهن کان شروع ٿيون هيون، جڏهن کان برصغير جو ورهاڱو ٿيو هو. سنڌ لاءِ پنجاب وارا ته پوءِ تڪليف ڏيندڙ بنيا، پر سنڌي ماڻهن کي پهريان زخم انهن اردو ڳالهائيندڙن رسايا، جيڪي پاڻ کي سنڌين جو خيرخواهه ۽ انهن جي حقن جو محافظ ظاهر ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به وٺ نه ٿا ڏين. شڪيل صاحب لاءِ عرض آهي ته جناب اعليٰ، ونيونٽ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ ته خبر ناهي تڪليف جو نقطي آغاز بڻيو يا نه پر سنڌين لاءِ تڪليفن جو نقطي آغاز نه صرف ونيونٽ پر اوهان پڻ بڻيا. جي اوهان منجهه ٿورڙي به سچ ڳالهائڻ ۽ لکڻ جي جرئت هجي ها ته اوهان ايئن ضرور لکو ها ته سنڌين لاءِ تڪليفن جو نقطه آغاز ڀارت کان ايندڙ پناهگير بڻيا. جن اچي سنڌ جي نوڪرين، واپاري مرڪزن، ڪارخانن، تعليمي ادارن، زمينن تي قبضو ڪيو. اها حقيقت ڪنهن کان به لڪل ڪانه آهي، تاريخ جا ورق شاهد آهن ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ 30 سيڪڙو زمين هندو سيٺين جي ملڪيت هئي. جنهن کي مسلمان هاري کيڙيندا هئا. جڏهن سنڌ ۾ پناهگير پهتا ته انهن اصلي هارين کي ڇڏيل زمينن جو 50 سيڪڙو پناهگيرن جي حوالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. الاٽمينٽ جو سڄو اختيار سنڌ گورنمينٽ کان کسي آبادڪاريءَ جي ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويو. جيڪو مرڪزي حڪومت جي ماتحت هو ۽ صرف ان ڏانهن جوابدهه هو. جنهن تي وري اردو دان طبقي جي ڪامورا شاهيءَ جو قبضو رهندو آيو. ٻيو ته ڇڏيو پر ان عهدي تي ڪنهن به سنڌي کي ڪونه رکيو ويو. جيئن لٽ جي مال جي ورهاست ۾ ڪا دخل اندازي نه ٿئي. اهڙي طرح سنڌ ۾ ڪروڙها روپين جي زمين، گهر، واپاري مرڪز نه صرف انڊيا مان آيل پناهگيرن جي حوالي ڪيا ويا پر 1950ع واري سنڌ ٽيننسي ايڪٽ کي ختم ڪري سنڌ جون زمينون کيڙيندڙ سنڌي هارين جي زمينن مٿان قانوني حقداريءَ کي پڻ ختم ڪيو ويو. جنهن ڪري ڪيترائي مورثي هاري، ابن ڏاڏن واري دؤر کان کيڙيندڙ پنهنجن ٻنين کان بيدخل ڪيا ويا. نه صرف معاشي طرح سنڌين مٿان پنهنجو ناجائز قبضو پڪو ڪيو ويو پر سنڌ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي پڻ ختم ڪرڻ ۽ ان مٿان پنهنجي اردو ٻولي ۽ ثقافت مڙهڻ جي زبردستي ڪوشش ڪئي وئي. پناهگيرن جي اڳواڻ ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان هڪڙي ڌڪ سان سنڌ مان 2500 سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪري ڇڏيا. سنڌ جون نوڪريون ۽ واپاري مرڪز ته ائين نيلام ٿيا، ڄڻ پڙيءَ ۾ بصرن جو نيلام ٿيندو هجي.
    جناب شڪيل ضياءُ صاحب ونيونٽ کي اردو دانن لاءِ پڻ تڪليفن جو نقطي آغاز سڏيو آهي. سو وري ڪيئن، اها دعويٰ پڻ عقل ۽ سمجهه کان مٿڀري آهي. ٿي سگهي ٿو ته هاڻ اردودان طبقي ان کي پنهنجي مفادن خلاف سجهڻ شروع ڪيو هجي، پر ان وقت ته ان جي حامين ۾ اردو ڳالهائيندڙ صف اول ۾ موجود هيا. جنهن وقت سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ان رٿ خلاف اسيمبلي ۾ آواز بلند ڪري رهيا هئا، ان وقت صرف اردو ڳالهائيدڙ ئي ونيونٽ جي حمايت منجهه سنڌي ميمبرن کان الڳ ٿلڳ هيا. جيڪڏهن ونيونٽ اردو دانن لاءِ تڪليف جو نقطي آغاز هيو، ته هنن ان خلاف ڪهڙي جدوجهد ڪئي، ڪو هڪ مثال ته ڏيڻ گهرجي ها. ڇا اردو دانن جو ڪو ليڊر ان رٿ خلاف جيل ۾ ويو. ڇا اردو ڳالهائيندڙن ان خلاف جلسا ۽ احتجاج ڪيا. ڇا اردو پريس ان خلاف پنهنجا ڪالم ڪارا ڪيا، جي نه ته پوءِ شڪيل صاحب ڪهڙي بنياد تي ان کي اردو دانن جي تڪليف جو نقطي آغاز سڏي ٿو.
    ونيونٽ ٺهڻ کان اڳ جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري هڪ علحده يونٽ بنايو ويو ته ان لاءِ اسان جي اردو ڳالهائيندڙن ۽ سندن پريس سنڌ جي ان ورهاڱي کي ”وسيع تر قومي مفاد خاطر“ چئي، ان جي حمايت ڪئي. يعني ان وقت منجهن مضبوط مرڪز جو فڪر موجود ڪونه هيو. ان ڪري ان ورهاڱي کي جائز قرار ڏنو ويو. وري جڏهن ونيونٽ بنايو ويو ۽ ڪراچي سميت سنڌ ۽ ٻين صوبن جون علحده حيثيتون ختم ڪري کين هڪ ڪيو ويو ته رات وچ ۾ اردو دانن ۽ سندن پريس جنهن پهريان ڪراچي کي علحده يونٽ بنائڻ واري فيصلي جي حمايت ڪئي هئي ۽ ان کي ”وسيع تر قومي مفاد خاطر“ چئي ان کي جائز قرار ڏنو هو، سي هاڻ ونيونٽ کي ”وسيع تر قومي مفاد خاطر“ چئي ان جي حمايت منجهه لڳي ويا. ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته اردو دانن ۽ اردو پريس جو ڪوبه نظر يو يا دين ايمان نه آهي. هو صرف پنهنجي مفادن لاءِ هر روز نوان ۽ هڪ ٻئي کان ابتڙ دليل گهڙيندا رهن ٿا. سندن ”وسيع تر قومي مفاد“ وارو نظريو مڙني قومن جي ڀلائي لاءِ نه پر صرف پنهنجن گروهي مفادن لاءِ گهڙيل آهي.
    * * *

    شڪيل ضياءُ صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخي حقيقتن سان اهڙي ته شرمناڪ مذاق ڪئي آهي جو ان جو مثال ڪنهن ٻئي هنڌ ملڻ مشڪل آهي. پاڻ ص-43 تي لکي ٿو ته، ”فيلڊ مارشل ايوب خان مرحوم جي دؤر ۾ سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙن ڪيتريون ئي تحريڪون شروع ڪيون، جن کان صوبي جا سنڌي ڳالهائيندڙ بلڪل لاتعلق رهيا.“ اسان کي جيستائين خبر آهي يا تاريخي رڪارڊ جيستائين شاهدي ڏئي ٿو ته سنڌ ۾ جيڪي به ونيونٽ خلاف يا مارشل لا حڪام خلاف تحريڪون هليون، سي سڀ سنڌين ئي هلايون. ان سلسلي ۾ ايوبي دؤر حڪومت ۾ جيترو سنڌين کي ڪلچيو ويو اوترو شايد ڪنهن ٻي قوم مٿان عذاب نازل نه ٿيو هجي. ايوبي مارشل لا دؤر ۾ سنڌي ٻولي مٿان حملا ڪيا ويا، ان جي سنڌي فائينل واري حيثيت ختم ڪئي وئي، سنڌ جون زمينون جيڪي گڊو ۽ ڪوٽڙي بيراج ڪري تيار ٿيون هيون، سي پنجابي آبادڪارن ۽ فوجي آفيسرن کي انعام ڏنيون ويون. اسان جون نوڪريون اسان جي هٿن مان کسيون ويون. ان خلاف سنڌي ماڻهن جيڪي به تحريڪون هلايون، انهن کان نه صرف اردو ڳالهائيندڙ لاتعلق رهيا، پر هنن انهن تحريڪن جي پٺ ۾ ڇرو هڻي، سنڌي ماڻهن جي دل آزاري ڪئي. اردو ڳالهائيندڙ ئي مارشل لا حڪومت جا پنجابين بعد وڏا حامي ۽ مددگار رهيا. تن آخر ان خلاف ڪهڙي تحريڪ هلائي، ان جو هڪ ٻه مثال ڏنو وڃي ها ته اسان به مستفيض ٿيون ها. اردو دان طبقي جا ڪهڙا ليڊر مارشل لا مخالفت ۾ جيل ويا، جلسا، جلوس ۽ مظاهرا ڪين. آخر ڪو ته هڪ اڌ مثال ڏنو وڃي ها. اٽلندو سنڌين جي مارشل لا خلاف عظيم تر جدوجهد کي ملياميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اصل ۾ ايوبي مارشل لا خلاف وڌ کان وڌ غم ۽ غصي جو اظهار بنگال ۽ سنڌ ۾ ٿيو ۽ ان خلاف هتان جي ئي اصل رهواسين تحريڪون هلايون. مارشل لا دؤر ۾ 4 مارچ جي جدوجهد، ٻوليءَ جي مسئلي تي جدوجهد، ونيونٽ خلاف ”ائنٽي ونيونٽ فرنٽ“، ”نيلام بند ڪريو تحريڪ“،”سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ“، سنڌي هاري ڪاميٽيءَ طرفان هلايل ”الاٽي تحريڪ“، ”سنڌ متحده محاذ“ جهڙيون تاريخ ساز تحريڪون سنڌ جي سنڌي رهواسين مارشل لا، ونيونٽ ۽ جابر ڪامورا شاهي خلاف هلايون. مارشل لا ۽ ونيونٽ واري سڄي عرصي ۾ سنڌ جا بهادر ڪارڪن جيلن جون اذيتون برداشت ڪندا رهيا. سنڌ مان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري هميشه مارشل لا ۽ ونيونٽ جي مخالفت ڪري جيلن ۾ رهندا آيا. سنڌ جي ٻولي کي جائز مقام ڏيارڻ ڪاڻ اسان جي مردن توڙي نياڻين جلسا ڪيا، جلوس ڪڍيا، بک هڙتالون ڪيون، جيل ۽ تشدد برداشت ڪيا. پر ان وقت اردو دانن جو ڪهڙو ڪردار رهيو. اردو دانن ونيونٽ ۽ مارشل لا خلاف حيدرآباد ۽ ڪراچي منجهه نڪرندڙ جلوسن تي حملا ڪيا، بک هڙتالين جي ڪئمپن تي راتاها ڏنا. سنڌ جي عظيم ليڊرن خلاف اخباري طوفان کڙا ڪيا ويا. حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي جي حقن لاءِ بک هڙتال تي ويٺل قاضي فيض محمد، ڪامريڊ لغاري ۽ ٻين مٿان رات جو حملا ڪري کين رتوڇاڻ ڪيو. سنڌي عوام جي عظيم تر جدوجهد ۾ شموليت اختيار ڪرڻ بدران ان خلاف ” مهاجر پٺاڻ پنجابي متحده محاذ“ جوڙيو ويو. هن محاذ جي قيام جو اصل مقصد ونيونٽ کي تحفظ ڏيڻ، سنڌ ۾ ڌاري آباد ڪاريءَ کي جاري رکڻ، سنڌ کي ٻن ٻولين ۽ قومن وارو صوبو قرار ڏيارڻ وغيره وغيره هيو. هن سنڌ دشمن محاذ حڪومت کان مطالبا ڪيا ته سنڌ ۾ پنجابي آبادڪارن کي تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن هو سنڌ تي پنهنجو قبضو پختو ڪري سگهن. هن محاذ جي فرقي پرست سنڌ دشمن ليڊر نواب مظفر حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڀارت ۾ فرقيوارانه فسادن جي متاثر اردو ڳالهائيندڙن لاءِ سنڌ جي سرحد کولي وڃي. جيئن سنڌين کي تيزي سان صفحه هستي تان ختم ڪري ڇڏجي. آخرڪار شڪيل ضياءُ صاحب ڪيئن ٿو چوي ته سنڌي ماڻهن ايوبي آمريت خلاف جدوجهد نه ڪئي يا اردو دان طبقي طرفان هلندڙ جدوجهد جو ساٿ نه ڏنو. ايوب خان جي دؤر ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو ڪردار ڪنهن کان به لڪل نه رهيو، ان ڪري شڪيل ضياءُ کي ان کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.
    شڪيل ضياءُ صاحب، پنهنجي پر ۾ حنيف رامي جي ڪتاب ”پنجاب کا مقدمه“ جي جواب ۾ ”سندهه ڪا مقدمه“ لکي سنڌي قوم تي وڏو ڪو ٿورو ڪيو آهي. اسان کي سندس ان عمل لاءِ وڏي پئماني تي احسانمند رهڻ گهرجي. ڇو جو ڪنهن به سنڌي اديب، دانشور ۽ ڏاهي ۾ ايتري علمي لياقت ۽ قابليت ڪانه هئي، جو حنيف رامي جهڙي شعله بيان مقرر ۽ ڏات ۽ ڏانءَ جي ڌڻيءَ کي سندس ان ڪتاب جو جواب ڏئي سگهي يا ان ڪتاب جي جواب ۾ پنهنجي قوم ۽ وطن جو ڪيس لڙي سگهي. ان ڪري جناب شڪيل ضياءُ صاحب وڏي مهرباني ۽ ٿوري سان اهو ڪيس لڙي، اسان جو منهن مٿي ڪيو آهي! ان لاءِ هن مقالي اندر حقيقتن کي بيان ڪندي، مون جيڪي ڪجهه جناب شڪيل ضياءُ صاحب لاءِ فرمايو آهي، ان کي هڪ جذباتي ۽ اُٻهري نوجوان جي تنقيد سمجهي يا ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار سمجهي صرف ان کي هڪ نظر مان ڪڍڻ گهرجي. جيئن ڪنهن به ٻئي سر ڦرئي لاءِ، ههڙي قابل محققن، اديبن ۽ دانشورن جي مٿان ههڙي نموني لکڻ جي نوبت نه اچي.

    (20 فيبروري 1988ع)


    مطالبا ۽ مذمتون!!؟

    اسان اڃا مذمتن ۽ مطالبن جي سياست ڪري رهيا آهيون. جهنڊن ۽ بينرن کي بندوقن ۽ بمن سان مقابلو ڪرائڻ جا پهه پچائي رهيا آهيون. اسان جا سياسي ڪارڪن ۽ مان وارا اڳواڻ ڪنهن واقعي يا حادثي ٿيڻ جي انتظار ۾ هوندا آهن. ڪو ديس سان هاڃو ٿيندو آهي، ڪنهن ونيءَ جو ور گولين هٿان گهائبو آهي، ڪو ڳوٺ راتاهي جو شڪار ٿيندو آهي، ڪنهن سنڌ ڌياڻيءَ جي لڄ ۾ هٿ پوندا آهن. ڪنهن ديس دشمن رٿا جي خبر پوندي آهي، ڪنهن ديش دروهيءَ جي تن تان مڪاري، ڪوڙ ۽ فريب جو پهريل چولو ٿورڙو سر ڪندو آهي ته اسان جا سياستدان ۽ سياسي ڪارڪن پنهنجي فرض ادائگي ڪاڻ برساتي ڏيڏرن جيان ٻاهر نڪري ٽان ٽان ڪرڻ لڳندا آهن. مذمتن ۽ مطالبن جي ڊوڙ لڳي ويندي آهي، پريس ڪانفرنسن ڪندڙن جون قطارون لڳي وينديون آهن. مان وارا، مرتبي وارا، عظيم ڏاها، مها دانشور، رهبر ۽ رهنماءَ، ٻٽاڪن ۽ ڊاڙن، دڙڪن ۽ دهمانن سان آسمان کي ڏڪائڻ جي گوءِ کڻڻ لاءِ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌندا آهن. سندن اجگر جيڏا نالا، لقب القاب اخباري هيڊنگن ۾ جرڪندا نظر ايندا آهن. جڏهن هئو مئو ٽرندو آهي، جذبا ٿڌا ٿيندا آهن، ماڪ پوڻ شروع ٿيندي آهي ته سڀني کان سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي. هر گرم واقعي يا حادثي گذرن کانپوءِ برساتي ڏيڏر ٻيهر پنهنجن ٻرن ۾ هليا ويندا آهن. وري ڪنهن موقعي جي انتظار لاءِ.
    پاڻ ماڻهو مستقل مزاجي سکيا ئي ڪونه آهيون. رٿابندي ڪرڻ ته اسان جي توهين هوندي آهي. ڀلا پاڻ ماڻهن کي ضرورت ڪهڙي آهي، هفتا، مهينا، سال سوچڻ جي، رٿابندي ڪرڻ جي يا تدبيرون اختيار ڪرڻ جي. اسان جا اڳواڻ اهڙا ته بهادر، همت وارا، وقت سر قدم کڻڻ ۽ ٿڏي تي بنا سوچ سمجهه جي ڪجهه ڪرڻ جا اهڙا ته عادي ٿي ويا آهن، جو ڪجهه ڪرڻ کان اڳ سوچين ئي ڪونه. پوءِ ڀلي ته هڪ هڪاڻيءَ ۾ يا اڳلي کي وقت کان اڳ هوشيار ۽ چوڪس ڪيو وجهن، جو هو اسان جي ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ئي دڳ جهليو بيٺو هجي. يا اسان جو اٻهرو عمل خود اسان جي ڳچيءَ جو ڦاهو بنجيو وڃي. اسان ماڻهو ڪجهه ڪرڻ بدران رعايتون طلب ڪرڻ جا اهڙا ته عادي ٿي ويا آهيون، جو جنهن خلاف جدوجهد ڪندا آهيون، ان کان رعايتون گهرڻ لڳندا آهيون. دشمن کي دشمن سمجهندي به ان کان مطالبا ڪندا آهيون. ان کي واسطا وجهندا آهيون، ان کي شرم ۽ حياءَ ڪرڻ جون اپيلون ڪندا آهيون.
    اسان عملي جدوجهد ڪرڻ بدران، چماٽ جو جواب چماٽ سان ڏيڻ بدران پرچي ۾ ان جو حل ڳولهيندا آهيون. مطالبا به ڪندا آهيون، پر ڌمڪيون به ڏئي ڇڏيندا آهيون، پر پوءِ شرمسار ان وقت ٿيندا آهيون، جو نه مطالبو مڃيو ويندو آهي ۽ نه ڌمڪيءَ کي عملي روپ ڏيڻ جي پاڻ وٽ سگهه پيدا ڪري سگهندا آهيون. ڇا اسان اڃا بندوقن ۽ بمن آڏو ڪارا، ڳاڙها بينر جهليو بيٺا هونداسين. راڪيٽن ۽ ڪلاشنڪوفن کي قراردادن ذريعي روڪڻ جي ڪوشش ڪنداسين. واقعن جي ٿيڻ جو انتظار ڪندا رهنداسين يا اڳتي وڌي ٻه وکون کڻي ڪجهه تدبيرون به ڪنداسين. رڳو سببن جي تلاش ڪندا رهنداسين يا انهن جي روڪٿام لاءِ ڪي طريقا به ڳولهينداسين ۽ عملي قدم به کڻنداسين.
    زنده قومون مطالبن ۽ مذمتن جي سياست ڪرڻ بدران مزاحمتن ۽ مقابلن جي سياست ڪنديون آهن. ان ڪري اسان جي مان وارن اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن کي هاڻ پنهنجي سياست جا قبلا درست ڪرڻ لاءِ مذمتن کي مزاحمتن ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ مطالبن کي مقابلن ۾ بدلائڻ گهرجي. ڇا اسان اهڙي اميد رکون. اوهان طرفان ان سلسلي ۾ عملي قدم کڻڻ جو انتظار ڪنداسين!؟
    (ڇپيل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 13 جنوري 1990ع)


    اڄ جي سنڌ – هڪ مطالعو

    محمود مرزا جو واسطو وفاقي پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب سان آهي. جڏهن سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوري جدوجهد شروع ٿي ته ٻين صوبن جي ڪيترن دانشورن، استادن، وڪيلن ۽ سياستدانن کي سنڌ جي حالتن جي اڀياس ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ڪي ان لاءِ آيا ته ڪٿي سندن مفادن کي نقصان رسڻ جو انديشو ته نه آهي، يا ڪٿي مظلوم صوبن (قومن) جي عوام جي طاقت ايتري وڌي ته نه وئي آهي، جو ان تي ضابطو رکي نه سگهجي ۽ پوءِ هميشه لاءِ سندن پرماريت تي ٻڌل نظام تباهه ۽ برباد ٿي وڃي. پر ڪي ماڻهو اهڙا به هئا، جيڪي نيڪ نيتيءَ ۽ دل جي خلوص سان سنڌ جي مسئلن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ سندن نقطي نظر کي ٻين صوبن جي عوام تائين پهچائڻ ۽ پوءِ انهن ناانصافين جي ازالي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي نيت سان به سنڌ جي دوري تي آيا. انهن ۾ محمود مرزا ۽ سندس ساٿي ڳڻائي سگهجن ٿا. جن وفاقي پاڪستان جي مڙني قومن ۾ سرچاءُ پيدا ڪرڻ، انهن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام ڪرڻ ۽ قومن ۾ پيدا ٿيل بدگمانين کي ريٽڻ لاءِ اصلي صورتحال جو اڀياس ڪرڻ واسطي سنڌ جو دورو ڪيو.
    محمود مرزا دوري کان اڳ لاهور جي اخبارن ۾ ننڍن صوبن جو موقف اهل پنجاب آڏو پيش ڪرڻ لاءِ ”اهل پنجاب جي ذميداري“ جي عنوان سان مضمون لکيا. ان بعد پاڻ ڪجهه ساٿين سان گڏ 2-نومبر کان 10 نومبر 1983 تائين سنڌ جي ڪجهه علائقن جو دورو ڪيو. پاڻ دوري ڪرڻ بعد سنڌ جي موجوده حالتن، سنڌي عوام جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي مسئلن تي غور ڪري پنهنجي مخصوص نقطي نظر سان هڪ رپورٽ تيار ڪئي. جيڪا روزنامه جنگ ڪراچي ۾ شايع ٿيڻ سان گڏ روزانه هلال پاڪستان ڪراچي ۾ 27-جنوري کان 2 مارچ 1984 تائين 11 قسطن ۾ شايع ٿي. جنهن بعد هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪئي وئي آهي.
    جيئن ته سنڌ جي حالتن کي جاچڻ لاءِ ڪيترن ئي غير سنڌي دانشورن وغيره سنڌ جي دورو ڪيو ۽ سنڌ جي حالتن بابت تنظيمي طرح توڙي فردي طور تجزيا ڪيا ۽ ڇپرايا. پر انهن مڙني ۾ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ٿورڙي به غير جانبداريءَ سان ڪو سنڌ بابت تجزيو ڪيو ته اهو محمود مرزا ئي آهي. ٻيو ته هن کي وڌيڪ، سنڌ جي مسئلن تي چٽائي سان لکڻ جي اميد ڪنهن غير سنڌي ليکڪ مان ڪري ئي نه ٿي سگهجي. ان ڪري هن اداري ان رپورٽ جي اهميت ۽ وقت جي تقاضا سان گڏ وقت جي نزاڪت کي سامهون رکندي ڇپايو آهي، ان لاءِ کيريون لهڻي.
    جيئن ته اسان هن تجزئي سان سو سيڪڙو متفق نه به آهيون، پر ان کان به نرم لهجي ۾ تجزيي ڪرڻ جي ۽ ان کي ڇپائڻ جي ڪنهن سنڌي ليکڪ کي (جنرل ضياءَ جي دور ۾) اجازت نه آهي. هن اداري طرفان هن رپورٽ شايع ڪرائڻ جو ٻيو مقصد سنڌ ۾ هليل جمهوري جدوجهد تي لکيل مواد کي هڪ هنڌ سهيڙي، ايندڙ دور جي تاريخدانن لاءِ سورس مٽيريل (مددي مواد) طور محفوظ ڪرڻ پڻ نظر اچي ٿو. جيڪا ڳالهه پڻ اهميت جوڳي آهي.
    محمود مرزا صاحب جي رپورٽ ۾ هونئن ته ڪيترائي اختلافي نقطا موجود آهن، جن تي ڀرپور لکي سگهجي ٿو. پر مان صرف ان جي ڪن مکيه اختلافي ڳالهين تي پنهنجي راءِ ڏيان ٿو:
    ته فاضل مصنف هن سڄي رپورٽ ۾ سنڌين کي هڪ قوم ڪوٺڻ بدران، هڪ تمام ننڍڙي لساني قوميت قرار ڏنو آهي. جڏهن ته حقيقت ان جي برخلاف آهي. ڇو جو اقوام متحده طرفان قومن جي جيڪا وصف مقرر ڪئي وئي آهي. يا دنيا جي مفڪرن جيڪي هڪ قوم جا بنياد ڄاڻايا آهن. انهن تي صحيح معنيٰ ۾ پوري پاڪستان ۾ سنڌي قوم ئي پوري لهي ٿي. سنڌي قوم کي پنهنجو علحده جاگرافيائي وطن آهي، جيڪو ڪنهن فرد يا نظرئي جي مرضي خلاف قدرت جي قانون ۽ ارتقا جي اصولن تحت وجود ۾ آيو آهي. ان جون جاگرافيائي سرحدون قدرتي طرح نروار ٿيل آهن. جيڪي ان حالت ۾ صدين کان رهنديون پيون اچن. ٻيو ته سنڌي قوم کي پنهنجي جدا ترقي يافته زبان آهي. جيڪا هزارين سال پراڻي هجڻ سان گڏ وڏي علمي ادبي سرمائي سان مالامال آهي. سنڌي زبان دنيا جي چند وڏين ٻولين جي قطار ۾ بيهارڻ جوڳي آهي. ٻيو ته سنڌي زبان پاڪستان جي تمام گهڻي شاهوڪار زبان هجڻ سان گڏ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. سنڌي قوم کي پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ آهي. ۽ اها چند قبيلن يا نسلن جي ڇڙواڳ گروهه جو نالو نه آهي. پر ان جي ارتقا ۽ واڌاري ۾ هزارين سالن جي تاريخ جو هٿ آهي. هتي مختلف قبيلا، انساني گروهه، نسلي گروهه ۽ ذاتيون هڪ ٻئي ۾ ڳنڊجنديون ۽ هن قوم کي تشڪيل ڏينديون رهيون آهن. جن گڏجي هتي پنهنجي دفاع جون جنگين لڙيون آهن. معاشي ميدان ۾ هڪٻئي جو سهارو ۽ ڀروسو بنجي جدوجهدون ڪيون آهن، ۽ سندن تاريخي حالتون هڪجهڙيون رهيون آهن. پنهنجون الڳ قومي حڪومتون قائم ڪيون اٿن. ڌارين سامراجي قوتن سان ويڙهيون وڙهي پنهنجي تاريخ جا پاڻ ڌڻي رهندا آيا آهن. برصغير ۾ جيتري آزادي ۽ خودمختياري هڪ وحدت جي صورت ۾ سنڌي قوم ماڻي آهي، اوتري ڪنهن ٻي قوم کي نصيب ڪانه ٿي آهي. سنڌي قوم وٽ صدين کان هڪ نرالي قسم جي تهذيب ۽ تمدن رهندي آئي آهي. جيڪا هتان جي عوام جي گڏيل موڙي آهي. ۽ سندن صدين جي محنتن، مشقتن، ڪارڪردگين ۽ ڪارگذارين جو عظيم ثمر آهي. جنهن جي مهاڀي سڄي قوم ۾ هڪ گڏيل نفسيات جڙي آهي. هتان جي ماڻهن جي نفسياتي جوڙجڪ ۽ قومي ڪردار هميشه گڏيل رهيو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جا جاگرافي وطن ۾ رهندڙ ماڻهن جا گڏيل سياسي ۽ اقتصادي مفاد آهن. جن سنڌي قوم جي وجود کي وڌيڪ مستحڪم ۽ جٽادار ڪيو آهي. ان هوندي به ڪو سنڌين کي هڪ قوم مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ته ان جي عقل تي لڙڪ ئي وهائي سگهجن ٿا.
    فاضل مصنف هن ڪتاب ۾ ان تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ هڪ قوم جو وطن هئڻ بدران چون چون جو مربو ................ سنڌين جي رحمدلي، فراخدلي، مهمانوازي ۽ امن پسندي مان غلط مطلب وٺي انهن کي پنهنجي مفتوح سمجهي، مٿائن پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر مڙهڻ لڳا ۽ پوءِ وري هو پنهنجي لاءِ جدا وطن وٺڻ لاءِ سنڌ کي ٽڪر ڪرڻ جو سوچڻ لڳا. اها سوچ سندن لاءِ ڪڏهن به فائدي واري نه بڻبي. ان صورت ۾ هو اسان وٽ قابل قبول نه ٿيندا. ۽ هو انهن مهاجرن وانگيان سمجهي ويندا، جيڪي ڪن هنگامي حالتن پيدا ٿيڻ ڪري پنهنجا اصل وطن ڇڏي، ڀر وارن ملڪن ۾ اچي پناهه وٺندا آهن ۽ پوءِ حالتون سڌرڻ سان پنهنجن اصلي وطنن ڏانهن هليا ويندا آهن. جيئن فلسطيني ٻين عرب ملڪن ۾ رهيل آهن. انهن لاءِ جيئن ئي سندن وطن جون حالتون صحيح ٿينديون ته هو پنهنجي ديس موٽي ويندا. ان حالت ۾ هنن کي عرب ملڪن ۾ پنهنجي ڌار قومي وجود قائم رکڻ، زبان ۽ ثقافت کي بچائڻ جو پورو حق حاصل آهي. جيڪڏهن هتي جا مهاجر به پاڻ کي اهڙي حالت ۾ سمجهن ٿا ۽ پاڻ کي هتي عارضي سمجهن ٿا ته کين پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ ۽ پنهنجو ڌار قومي وجود برقرار رکڻ جو حق آهي. پر پوءِ کين شهرن بدران ٻين مهاجرن وانگر ڪئمپن ۾ وڃي رهڻو پوندو. جيڪڏهن هو پاڻ کي هت عارضي به نه ٿا سمجهن ۽ ان هوندي به هتي وطن جي ڌڻي قوم مٿان بالادست بنجي پنهنجو ڪلچر ۽ زبان مڙهڻ چاهين ٿا ته پوءِ هتان جا اصل رهواسي کين وڌيڪ سهڻ ۽ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا.
    باقي جيتري قدر ٻين صوبن جي رهواسين جو تعلق آهي ته انهن کي پنهنجا علحده وطن آهي، هو هتي روزگار جي يا ڪنهن ٻئي بهاني سان پهتا آهن ته هنن کي به هتي ڌار لساني قوميت طور قبول ڪونه ڪيو ويندو. هو پنهنجي قوم جو هڪ رولو ۽ خانه بدوش حصو آهن. هنن جي حيثيت هت اهڙي آهي، جهڙي مغربي ۽ عرب ملڪن ۾ روزگار لاءِ ويل غير ملڪين جي. اهڙي صورتحال پوري دنيا ۾ موجود آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ غير ملڪي ماڻهو روزگار بهاني اچي رهندا آهن، ته ڇا گڏجي اتي پنهنجي ڌار قوميت جو نعرو هڻن ۽ اتان جي اصل رهواسين جيترا پاڻ لاءِ حق گهرن ۽ ان ملڪ کي پنهنجي جاگير سمجهي اتان نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺن. محمود مرزا جو اهو منطق اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي.
    ته ڇا سڀاڻي انگريز انهن ڌارين کي ڌار قوميت يا قوميتون تصور ڪري، انهن کي لنڊن ورهائي ڏيندا؟ ان ڪري اها سوچ ختم ٿيڻ گهرجي ته سنڌ ڪا ننڍن لساني گروهن جو وطن آهي. سنڌ صرف سنڌين جو وطن آهي. ٻين جي هتي حيثيت عارضي ۽ ثانوي آهي. اهڙا ماڻهو جيڪڏهن سنڌين ۾ رلي ملي هڪ ٿي ويندا. سنڌ جي مفادن کي پنهنجا مفاد سمجهي، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي اپنائيندا ته اسان کي سندن رهائش تي ڪوبه اعتراض ڪونه ٿيندو. نه ته ٻي صورت ۾ هنن کي اڄ نه ته سڀاڻي پنهنجي اصل وطنن ڏانهن موٽڻو ئي پوندو.
    فاضل مصنف ڄاڻائي ٿو ته، ڀارت جي حڪومت، سنڌ ۾ جمهوري تحريڪ جي شدت کي نظر ۾ رکي، اتي ”عالمي سنڌي سميلين“ ڪرائي. جنهن تي هتان جي اردو پريس هاءِ گهوڙا مچائي ڏني. ان هاءِ گهوڙا جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو، ته ميڊم حميده کهڙو لاءِ افواهه اٿيو ته هن ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. اها خبر ملندي اردو اخبارن ڳالهه کي نوڙي مان نانگ بنائي وڌو. ڪيئي بهتان بازيون شروع ٿي ويون. ملڪ دشمني ۽ قوم دشمني جا ليبل لڳائڻ تائين اردو پريس اڳتي وڌي وئي. جڏهن ته ڳالهه ۾ هئو ڪجهه به ڪونه. ان ڪانفرنس سڏائڻ جو هتان جي جمهوري جدوجهد سان پري جو به واسطو ڪونه هو. ان ڪانفرنس ڪرائڻ جون تياريون اتان جا سنڌي اديب ۽ دانشور ٻن ٽن سالن کان ڪري رهيا هئا ۽ پڪي تاريخ جو اعلان (جيڪو پاڪستان جي اخبارن ۾ ڇپيو) به ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿيڻ کان چار مهينا کن اڳ ڪيو ويو هو. اهڙي قسم جي ڪانفرنس ڪا ڀارت ۾ پهريون ڀيرو ڪانه ٿي رهي هئي، پر اهو سلسلو گهڻو اڳ کان هلندڙ هو. ان ڪري ان ڪانفرنس کي هتي جي جمهوري جدوجهد ۽ سياسي حالتن سان واسطيدار ڄاڻائڻ بي وقوفي ئي سڏبي.
    جيڪڏهن، سنڌي سميلين مخصوص نقطي نظر سامهون رکي ڪرائي وئي ته انهن ئي ڏينهن ۾ ”عالمي پنجابي ڪانفرنس“ ڪهڙي نيت سان ڪرائي وئي. جنهن ۾ پاڪستان جا پنجابي دانشور حڪومت جي اجازت سان شريڪ ٿيا هئا. جنهن ۾ پنجاب جي ٻنهي حصن کي ملائڻ لاءِ آواز بلند ڪيو ويو هو. جيڪو پاڪستان جي اردو پريس وارن جي ڪنن تائين به پهتو هو. پر آخر ڇا ڳالهه هئي جو سنڌي ڪانفرنس لاءِ ته هاءِ گهوڙا مچائي آسمان مٿي تي کنئيو ويو هو. پر هن ڪانفرنس لاءِ اردو پريس ۽ اردو دانن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي هئي، ۽ ان ڪانفرنس کي هتان جي ماڻهن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    ڇا سنڌين ۽ پنجابين جي حب الوطني ۾ فرق آهي؟ ڇا ٻنهي ڌرين جي وفادارين ۾ زمين آسمان جو ويڇو آهي؟ ڇا پنجابي سنڌين کان وڌيڪ اعتبار ۽ ڀروسي جوڳا آهن؟ اهي سوال گهٽ اهميت جوڳا نه آهن.
    فاضل مصنف لکي ٿو ته سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهن ڀڃ ڊاهه، باهين ۽ مارڪٽ جا رستا ان ڪري اختيار ڪيا، جو هو نيم قبائلي ذهنيت رکندڙ هئا ۽ سندن احتجاج ڪرڻ جو نمونو شهري ماڻهن واري عدم تشدد واري شرط کان جدا هو. مصنف اڳتي لکي ٿو ته نيم قبائلي ماڻهو، شهرين وانگر جلسا جلوس ناهن ڪندا. اصل ۾ مسئلو ائين نه آهي، سنڌ جي ماڻهن پهريان احتجاج ڪرڻ جا چالو طريقا استعمال ڪيا. جلسا ڪيا، جلوس ڪڍيا، هڙتالون ڪيون ۽ عدم تشدد جي اصول کي آڏو رکي پنهنجا مطالبا پرامن نموني پيش ڪيا ۽ انهن جي حل لاءِ حڪومت تي آئيني ۽ قانوني طريقن سان دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو. پر جڏهن حڪومت ان پر امن احتجاج کي به برداشت نه ڪيو ۽ حفاظتي مشنري (فوج) ماڻهن مٿان ڏاڍ ۽ تشدد شروع ڪيو. سندن لاءِ پر امن اظهار جا مڙئي رستا بند ڪري ڇڏيا. ته عوام به جوابي ڪاروائي ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو. هن به هٿيارن جو مقابلو طاقت سان ڪرڻ ۾ ڏاهپ ڄاتي. ان هوندي به هنن احتجاج جا پرامن طريقا جلسا، جلوس، هڙتالون آخر تائين جاري رکيون.
    فاضل مصنف، ڪتاب جي آخر ۾ سنڌ جي مسئلي جي حل لاءِ جيڪي تجويزون ڏنيون آهن. اهي اهڙيون بنيادي تجويزون ناهن، جن تي عمل ڪرڻ سان، سنڌ جا مسئلا حل ٿي سگهن. اسان انهن تجويزن کي ناڪافي سمجهون ٿا ۽ انه سان اختلاف ڪندي پنهنجي طرفان ڪجهه رايا ڏيڻ گهرون ٿا.
    وفاقي پاڪستان ۾ ننڍين ۽ پوئتي پيل قومن جون شڪايتون دور ڪرڻ ۽ کين زندگي جي هر ميدان ۾ انصاف ڏيڻ ۽ خوشحالي جي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪي بنيادي انقلابي تبديليون آڻڻيون پونديون. اهي پاڻ نه اينديون، پر انهن لاءِ ننڍين صوبن جي عوام کي موثر نموني آواز اٿارڻو ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي. ان لاءِ پاڪستان جي وفاق کي مضبوط ۽ مستحڪم ڏسندڙن جو فرض آهي ته هو ننڍين قومن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪن. منهنجي راءِ ۾ جيڪڏهن هيٺين 6 نقطن جي بنياد تي جدوجهد هلائي وڃي ته جيڪر پاڪستان جو وفاق مضبوط ۽ مستحڪم ٿيڻ سان گڏ خوشحال ۽ آسودو پڻ بنجي پوي، ۽ قومن ۾ وڌندڙ نفرتون هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن.
    پاڪستان ۾ قومن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي بنيادي نقطا:
    پاڪستان ۾ چئن قومن جي جداگانه قومي وجودن کي تسليم ڪري، پاڪستان کي هڪ گهڻ قومي ملڪ مڃيندي، چئني قومن جي وطنن (صوبن) کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو ڏنو وڃي.
    پارلياماني طرز حڪومت جي مطابق پاڪستان جو هڪ اهڙو وفاق قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ بالغ راءِ دهيءَ جي اصول تي سڌو سنئون چونڊيل قانون ساز اسيمبليءَ کي مڪمل بالادستي حاصل هجي ۽ وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ مڙني قومن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي.
    وفاقي حڪومت صرف ٽي کاتا دفاع، پرڏيهي معاملا ۽ ڪرنسي پاڻ وٽ رکي. جنهن جي انتظاميه ۾ چئني قومن جي هڪ جيتري نمائندگي هجي. صوبن جي وچ ۾ سرمائي جي آزادانه منتقليءَ تي بندش وڌي وڃي ۽ وفاقي يونٽن کي پنهنجو الڳ بئنڪ سرمايو محفوظ ڪرڻ جو حق هجي ۽ سندن لاءِ الڳ بئنڪ، بجيٽ ۽ مالياتي نظام هجي.
    ٽيڪسن جي نفاذ ۽ وصوليءَ جو اختيار وفاقي يونٽن وٽ هجڻ گهرجي ۽ وفاق کي خرچ پکي لاءِ يونٽ هڪ جيترو ٽيڪس ادا ڪن. اهڙي طرح وفاق طرفان ملندڙ گرانٽون يا ٻيون امدادون هڪ جيتري تناسب سان يونٽن ۾ ورهايون وڃن.
    وفاقي يونٽن کي پنهنجي نيم فوجي تنظيم (مليشيا) رکڻ جو اختيار هجي. جنهن جي انتظامي ڪمن ۾ وفاقي يونٽ آزاد ۽ خودمختيار هجن.
    چئني قومن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ۽ هر ٻوليءَ کي پنهنجي واسطيدار يونٽ اندر سرڪاري توڙي خانگي لکپڙهه جي ڪمن ۾ استعمال ۾ آندو وڃي. اردو کي چئني يونٽن جي وچ ۾ رابطي جي زبان طور رهڻ ڏنو وڃي.
    انهن نقطن تي تيستائين ڪاميابي سان عمل ڪرائي نه ٿو سگهجي جيستائين:
    فوج ۾ چئني قومن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏئي، فوج ۾ هڪ صوبي جي هڪ هٽيءَ کي ختم نه ٿو ڪجي.
    صوبن جي وچ ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ بند ڪرائي نه ٿي وڃي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻين صوبن جي آيل ماڻهن کي واپس نه ٿو ڪيو وڃي ۽ انهن جون ملڪيتون واپس ڪري مقامي رهواسين کي نه ٿيون ڏنيون وڃن.
    هندستان مان آيل مهاجرن کي هتان جي قومن ۾ ضم ٿي انهن جي ٻولي ۽ تهذيب کي اپنائڻ تي مجبور نه ٿو ڪيو وڃي.
    منهنجي نظر ۾ مٿين 6 نقطن جي بنياد تي ئي پاڪستان کي متحد ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن هن وقت به وڏي بالادست قوم طرفان ننڍين قومن جي سماجي ۽ معاشي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو ته ننڍيون قومون مجبور ٿي اهڙا رستا اختيار ڪنديون، جيڪي وري ٻيهر هڪ ٻئي سان ملي نه سگهندا.

    (ڇپيل روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي 24 اپريل 1992)


    قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ۽ سنڌ ڪيس

    ايندڙ سال قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس سڏائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير وفاقي حڪومت کان اها ڳالهه مڃرائي آهي ته گئس سر چارج ۾ ڪٽوتي نه ڪئي ويندي. ڇاڪاڻ ته ان سان بلوچستان مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي ويندو. بلوچستان جي وڏي وزير نواب ذوالفقار علي مگسيءَ پنهنجي صوبي کي حق نه ملڻ تي صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي به ڌمڪي ڏني هئي. وزيراعظم طرفان بلوچستان جو اهو جائز مطالبو تسليم ڪرڻ انتهائي ساراهه لائق عمل هو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به صوبي جي جائز مالي مطالبن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ڪرڻ گهرجي.
    قومي اقتصادي ڪائونسل جي ان اجلاس ۾ پنجاب طرفان به ترقياتي ڪمن ۽ استادن جي ڀرتي لاءِ رقم طلب ڪئي وئي هئي. جڏهن ته بلوچستان حڪومت پنهنجي صوبي لاءِ اضافي فنڊ ڏيڻ جي به گهر ڪئي هئي. اجلاس ۾ سنڌ جي اقتدار ڌڻين پنهنجي صوبي جي مالي حالت سڌارڻ ۽ موجوده معاشي بحران مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪهڙن ڪهڙن حقن بابت آواز اُٿاريو ۽ ان سلسلي ۾ پڪ پڪاڻي حاصل ڪئي، ان بابت خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو. ڇا سنڌ جي وڏي وزير سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گئس، ڪوئلي، ۽ ٻي معدنيات ۽ بندرگاهه جي آمدني سنڌ جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، يا ان جي رائلٽيءَ جي گهر ڪئي؟ اسان نه ٿا سمجهون ته سائين عبدالله شاهه پنهنجي وزيراعظم سان اها حجت ڪئي هوندي. جڏهن ته صورتحال اها آهي جو سنڌ زبردست مالي بحران جو شڪار آهي. بجيٽ جو وڏو حصو امن امان تي خرچ ٿي وڃي ٿو. قانون نافذ ڪندڙ ادارن کان جيڪو ڪجهه بچي ٿو. اهو وري هر روز دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن ۽ اهلڪارن جي اهل اولاد ۽ وارثن کي معاوضي ۽ مدد طور ملندڙ رقم تي خرچ ٿيو وڃي. هوڏانهن سڄي صوبي ۾ پئسي جي کوٽ سبب ترقياتي ڪم ٺپ ٿي ويا آهن. نيون ڀرتيون ڪرڻ ته ٺهيو پر ڪيترن ئي کاتن ۾ حاضر سروس ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ به رقمون موجود ناهن. ٻئي طرف اسٽيٽ بئنڪ به هاڻي تارا ڦوٽارڻ لڳي آهي. مالي محتاجيءَ ۽ بيوسيءَ جي اها صورتحال سنڌ کي ڪٿي پهچائيندي، ان جو تصور ڪندي ئي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا.
    هيءَ ڪيڏي نه عجيب صورتحال آهي، سنڌ ۽ وفاق ۾ سنڌي ماڻهن جي ووٽن سان چونڊجي آيل حڪومتون آهن. وزيراعظم جو واسطو سنڌ سان آهي، ان ئي ڪري هتان جي ماڻهن کي طعنا ۽ مهڻا ٿا ملن ته اوهان جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ آهن، پر هتي ته قصو ئي ابتڙ آهي. الٽي گنگا پئي وهي. ٻيو ڪجهه ڏيڻ ته ٺهيو پر آپريشن ڪلين اپ تي ڪيل خرچ جو به حصو وفاق وارا ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. مٿان وري رينجرس جو گهانگهو به سنڌ جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويو آهي. مڃون ٿا ته امن امان جو معاملو سنڌ جو صوبائي مسئلو آهي، پر هي سڀ سزا ان ڪري پئي ملي جو سنڌ سڄي ملڪ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي. ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام سميت سرحد، پنجاب ۽ ڪشمير مان پهتل يتيم به پالڻا ۽ سنڀالڻا پئجي ويا آهن. پاڪستان حڪومت جي ڪشمير مسئلي تي مؤقف جي سزا سنڌ کي ملي رهي آهي. جنهن ڪري امن امان صرف صوبائي مسئلو نه پر قومي معاملو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ڀرپور امداد ٿيڻ گهرجي.
    هاڻ جڏهن ايندڙ سال قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسان هن موقعي تي سنڌ حڪومت، هتان جي سياسي ڌرين ۽ عوام جو هن معاملي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ گهرون ٿا.
    سنڌ، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ بندرگاهه جي دولت سان مالامال آهي، پر بدقسمتيءَ سان ان دولت جا اختيار سنڌ واسين جي هٿ وس ناهن. جنهن ڪري هن صوبي جا ڏک، ڏولاوا ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن. هي قوم جيڪا پاڪستان جي ورهاڱي کان اڳ کير، مکڻ ۽ لسي وڪڻڻ به عيب سمجهندي هئي، اڄ تباهي ۽ بربادي جي ان حد تائين وڃي رسي آهي، جو ان جا پيرين اگهاڙا معصوم ٻار نيشنل ۽ انڊس هاءِ وي تي هلندڙ بسن ۽ گاڏين ۾ پاڻي وڪڻڻ تي مجبور آهي. تيل اسان وٽان نڪري، گئس به ملي، عاليشان بندر به آهي پر بک، بي روزگاريءَ ۽ بدحاليءَ جي صورتحال اها آهي جو پڙهيل لکيل نوجوان پيٽ پالڻ ۽ انگ ڍڪڻ لاءِ ڌاڙا، ڦرون ۽ چوريون ڪرڻ تي مجبور آهن. اهڙو ڪم نه ڪري سگهندڙ وري فراريت جي راهه اختيار ڪندي هيروئن، چرس، ڀنگ ۽ گائنچي ۾ پناهه ڳولي رهيا آهن. فيڪٽريون سنڌ ۾، ڪارخانا ۽ ملون به هن ڌرتيءَ جي سيني سان چنبڙيل، پر اتي ڪا اهم نوڪري ته ڇا پر پٽيوالي ۽ ٻهاري ڏيڻ ڪاڻ به ٻاهران ماڻهو گهرايا وڃن ٿا. بدين ۾ تيل جي کوهن جي حالت ڏسو، کاڻوٺ جي معدني ذخيرن جي کوٽائي ڪندڙن جا مهانڊا ڏسو ته اوهان جو اندر ئي کاڄي ويندو.
    ان ڪري نه صرف تيل، گئس، ڪوئلي ۽ بندر جي ڪمائي تي سنڌ جو حق تسليم ڪرائڻ جي ضرورت آهي، پر وفاق کي اهو به ٻڌائڻو آهي ته انهن ذريعن مان پئدا ٿيندڙ ملازمتن تي سنڌي ماڻهن جو حق آهي. ان سان گڏ سنڌ ۾ ٻاهريان ماڻهو جيڪي به صنعتون قائم ڪري چڪا آهن، تن تي سنڌ حڪومت کي رائلٽي ڏياري وڃي. انهن ڪارخانن ۾ سنڌي ملازم ۽ مزدور 80 سيڪڙو رکائڻ لاءِ قانون جوڙيو ۽ ان تي عمل ڪرايو وڃي. هن معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير، وزيرن، مشيرن کي ڪن ۽ اکيون کولڻ گهرجن. پنهنجي وطن جي ڏتڙيل مالي حالتن تي وات بند ڪرڻ بابت ”پارٽي ضابطا“ آڏو نه اچڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته هي سوا پنج ڪروڙ ماڻهن جي جياپي جو سوال آهي. جيڪو هر نظرئي، پارٽي ضابطي، اصول ۽ فڪر کان بي انتها مٿانهون ۽ اُتم آهي. هي قومي اهميت جا معاملا آهن، انهن تي جانبدار مؤقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاق کان پنهنجا ليکا چڪائڻ گهرجن. مالي خود مختياري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي محتاجيءَ واري حالت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جي صحيح نمائندگي ڪري نه ٿي سگهجي.
    اسان وري به ان ڳالهه تي زور ڏينداسين ته قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل تياري سان وڃڻ گهرجي. ان لاءِ هاڻي کان ئي رٿابندي شروع ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ پاڻ سان ڏاڍيون ويساهه گهاتيون ٿيون آهن. سنڌ کي سندس آباديءَ جي تناسب مطابق حقداري واري حصي کان محروم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ ڪل آمدني جو 67 سيڪڙو ڏئي ٿي، جيڪو صوبو قومي آمدني ۾ گهڻي کان گهڻو حصو ڏئي ٿو، ان کي امداد ۾ ان جي ڏيڻ واري تناسب سان پورو حصو ملڻ گهرجي. اسان بلوچستان يا پنجاب کي ڪجهه ملڻ تي ارها نه ٿينداسين، پر ان جو مطلب اهو نه هئڻ گهرجي، ته هتان جي ماڻهن جي وات مان ماني ڳڀو کسيو وڃي.
    قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس منعقد ٿيڻ کان اڳ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پهريان آدمشماري وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي. 1991ع ۾ ٿيل گهر شماري جي نتيجن کي تسليم ڪندي، آدمشماري جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو وڃي. ان جي نتيجن موجب صوبن وچ ۾ ناڻي جي ورڇ ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هيل تائين سنڌ کي پنهنجي آباديءَ جي صحيح ۽ حقيقي تناسب جي لحاظ کان حقداريءَ واري حصي کان محروم ڪيو ويو آهي. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اهو ناٽڪ بند ٿيڻ گهرجي. سنڌ کي اقليت ۾ ڏيکارڻ ۽ پنجاب جي آباديءَ کي هٿراڌو وڌائي چڙهائي ان کي ناجائز طور وسيلا مهيا ڪرڻ ڪنهن به طرح ملڪ جي وسيع مفادن وٽان ٿي نه ٿو سگهي. سنڌ کي ماضيءَ وانگر قربانيءَ جو ٻڪرو بنائڻ خطرناڪ نتيجن کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن معاملي تي سنڌ حڪومت سميت سوا پنج ڪروڙ عوام کي سجاڳ ۽ متحرڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي.
    حڪمرانن کي هڪ ڳالهه ذهن نشين هئڻ گهرجي ته جيڪڏهن اڃا به پاڪستان جي وجود جو بنياد سنڌ جي ڦرلٽ ۽ پرماريت تي قائم رکيو ويو ته ان سان ملڪ جي شاندار مستقبل بابت خواب ۽ آدرش ڌنڌلائجي سگهن ٿا. ان ڪري هاڻ وفاق کي پنهنجي ڳچيءَ مان ماضيءَ ۾ پيل گلا جا گهانگها لاهڻ گهرجن. صوبن جي وسيلن جو استحصال ڪرڻ بدران ان جي خاتمي طرف سفر شروع ڪري مضبوط ملڪ خاطر ضمانتون حاصل ڪيون وڃن. ان ڏس ۾ خود صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي موجوده جمهوري حڪومت کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پي پي جي مرڪزي حڪومت کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ گهرجي ته ملڪ ۾ سياسي جمهوريت تيستائين ڪا به معنيٰ نه ٿي رکي، جيستائين معاشي جمهوريت قائم نه ٿي ٿئي ۽ اڻ برابري جي مڙني ڪوٽن کي ڊاهي پٽ نه ٿو ڪيو وڃي.

    (ڇپيل، روزانو جاڳو ڪراچي، 6 جون 1995ع)


    سنڌ: رياستي ۽ غير رياستي تشدد جو شڪار

    تشدد جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري خود انساني سماج جي تاريخ. تشدد کي جيڪڏهن انسان هٿان انسان جي تذليل چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. انسان جي حيواني جبلت مان ئي تشدد جنم وٺي ٿو. جيڪو انساني سماج جي اوسر سان گڏ پنهنجون شڪليون بدلائيندو رهي ٿو. غلاميءَ واري دؤر ۾ آقائن جو غلامن مٿان تشدد، جاگيرداري دؤر ۾ جاگيردارن جو هارين مٿان تشدد ۽ اڄوڪي سرمائيداري دؤر ۾ رياستي ۽ غير رياستي ادارن ۽ گروهن جو سڄي عوام مٿان تشدد، تاريخ جي تسلسل سان مسلسل جاري آهي.
    سنڌ ۾ تشدد جي تاريخ پڻ ايتري ئي پراڻي آهي، جيترو خود سنڌي سماج. پر جيڪڏهن صرف موجوده دؤر تي ئي نظر وجهجي ٿي ته سنڌ ۾ ڏاڍي هٿان هيڻي جي بي عزتي ۽ ان مٿان ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ پنهنجي لُون ڪانڊاريندڙ شڪل ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ سياسي ۽ غير سياسي تشدد جي واقعن ۾ 1977ع کان پوءِ لڳاتار اضافو اچي رهيو آهي. 1977ع کان پوءِ سنڌ ۾ نه صرف رياستي ادارن ذريعي عوام کي تشدد جو نشانو بنايو پيو وڃي، پر حڪمرانن پنهنجن مفادن خاطر ڪيترائي اهڙا غير رياستي ادارا ۽ جماعتون پئدا ڪري ورتيون، جن عوام کي تشدد جو نشانو بنائڻ شروع ڪيو.
    سنڌ ۾رياستي ادارن طرفان عوام کي وڏي پئماني تي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. رياستي ادارا بنيادي انساني حقن جون ڌڄيون اُڏائي رهيا آهن. سنڌ ۾ حڪومتي قدمن جي مخالفت ڪندڙ ۽ سندن قانونن جي مزاحمت ڪندڙ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن ۽ تشدد گهرن ۾ واڙي، انهن مٿان سرڪاري ايجنسين ذريعي وحشياڻو تشدد ڪرايو پيو وڃي. سنڌ اندر ٿاڻا، جيل ۽ ٻيا عقوبت خانا قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ آواز اُٿاريندڙ ماڻهن سان سٿيا پيا وڃن. سياستدانن کان وٺي صحافين تائين، شاگرد کان وٺي عام مزدور تائين، معاشري جو هر فرد سياسي تشدد ۽ اذيت جو شڪار آهي. خاص ڪري سياسي مخالفن کي هيسائڻ لاءِ اڪيچار ڳجهيون ايجنسيون ڇڙواڳي سان آئين، قانون ۽ عدالت سميت مڙني انصاف ڏيندڙ ادارن ۽ قانونن جي نڙيءَ مٿان نهن ڏئي ويهي رهيون آهن. بي گناهه ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس مڙهي کين ننگي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سندن عزيزن، مٽن، مائٽن ۽ دوستن کي گهلي ٿاڻن ۾ بند ڪيو پيو وڃي. عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي بنا ڪنهن عمر ۽ جنس جي لحاظ کان ٿاڻن ۽ تشدد گاهن تي اذيتون ڏئي موت جي منهن ۾ ڏنو پيو وڃي. ايجنسيون ڌاڙيلن جي نالي ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ۽ برباد ڪري رهيون آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رياستي ادارن جا ڪارندا غريب عوام جي عزتن سان کيڏي رهيا آهن. مسڪين ۽ بي گناهه ماڻهن کي ماري ڌاڙيل قرار ڏنو پيو وڃي. سرڪاري ادارن طرفان پنهنجي مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪچلڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ٿو وڃي.
    رياستي تشدد کان پوءِ تشدد جي ٻي ڀيانڪ شڪل سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هارين، کيت مزدورن ۽ ٻئي بي سهارا عوام مٿان جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن جو ظلم ۽ ستم آهي. جيڪو اڄ جي جديد معاشري ۾ به غلاميءَ واري دؤر جي ياد تازي ڪري ٿو. سنڌي جاگيردار ۽ زميندار ڳوٺاڻي خلق مٿان پنهنجي حاڪميت ۽ آقائيت برقرار رکڻ لاءِ ۽ پنهنجا مفاد سلامت رکڻ لاءِ چورن، ڌاڙيلن ۽ غنڊن سميت پوليس ذريعي عوام کي تشدد جو شڪار بڻائي رهيو آهي. جاگيردارن ۽ وڏيرن طرفان سندن زمينن تي ڪم ڪندڙ هارين سان بي انتها ذلت جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. کانئن جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو. کين پورهئي جو پورو اُجورو نه ٿو ڏنو وڃي. جيڪڏهن ان ناانصافي خلاف ڪو به هاري ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي ٿو ته کيس پهريان ته چورن ذريعي ڪنگال بڻايو وڃي ٿو. جي اڃا به هو سندن طرفان مقرر ڪيل ”سڌي راهه“ تي نه ٿو اچي ته کيس ڌاڙيلن جي ور چاڙهيو وڃي ٿو. سندس گهرن جي فردن جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، کي اغوا ڪرايو وڃي ٿو يا ڌاڙي جي ڪاررواين دوران قتل ڪرايو وڃي ٿو. جي اڃا به ڪو سر ڦريو همت ساري ڦورن ۽ ان جي مهندار يعني پاٿاريدار خلاف قانون جا در کڙڪائڻ جي همت ڪري ٿو ته کيس ان ئي قانون جي چنبن ۾ ڀڪوڙيو وڃي ٿو، جتي هو دانهين ٿي ويو آهي. قانون جا رکوالا، جيڪي تر جي جاگيردارن، پاٿاريدارن ۽ وڏيري جي ڪمداري جا فرض انجام ڏيندا آهن، سي سندن آقا جي حاڪميت خلاف آواز اُٿاريندڙن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جڪڙي، رياستي تشدد جو نشانو بڻائيندا آهن.
    سنڌ ۾ تشدد، جيڪو رياستي ۽ غير رياستي شڪل ۾ پنهنجي بي انتها اگهاڙي روپ ۾ موجود آهي، ان جا اڃا ڪيترائي پاسا ۽ شڪليون آهن، جن تي به نظر رکڻ جي ضرورت آهي. خاص ڪري سنڌ سرڪار جي سول انتظامي ادارن ۾ مٿيان عملدار يا ڪامورا پنهنجي ماتحت عملي کي به تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. وڏا عملدار پنهنجي ماتحت عملي کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا، جيڪڏهن ڪو ننڍو سرڪاري ملازم، پنهنجي اعليٰ عملدارن جا شخصي حڪم نه ٿو مڃي ته کيس ذهني عذاب رسائڻ ۽ پريشان ڪرڻ لاءِ ڏورانهن هنڌن تي بدلي ڪيو وڃي ٿو، کيس معطل ڪيو وڃي ٿو. اڃا به جيڪڏهن معاملو حدون اورانگهڻ لڳي ٿو ته ان ملازم کي نوڪري مان خارج به ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه سالن کان سرڪاري انتظامي ادارن ۾ تشدد هڪ نئين شڪل ۾ نڪري نروار ٿيو آهي. اهو ائين ته وڏا عملدار يعني بيروڪريٽ، ماتحت ملازمن کي هيسائڻ ۽ خوفزده ڪرڻ لاءِ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي به مدد حاصل ڪن ٿا. هو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري، ماتحت ملازمن کي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسرائي، کين رياستي تشدد جو شڪار بڻائين ٿا. ڪجهه ڏينهن کان ايترا ڪيترائي مثال اسان جي سامهون آيا آهن. جو وڏن عملدارن، اهڙن ماتحت ملازمن کي گرفتار ڪرائي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسرايو آهي، جن سندن ذاتي مفادن لاءِ پنهنجون توانايون استعمال نه ڪيون آهن. وڏا عملدار، ماتحت ملازمن کان گهر جو ڪم ڪرائيندا آهن، پنهنجن بنگلن تي نوڪرن يا چوڪيدارن جو ڪم وٺندا آهن يا وري ننڍا وڏا ٺيڪا کڻي پنهنجي آفيس جي ماتحت عملي کان اتي ڪم ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن ڪو ننڍو ملازم ان غيرقانوني عمل خلاف آواز بلند ڪندو آهي ته ترتيب وار کيس معطل، بعد ۾ نوڪري مان نيڪالي ۽ آخر ۾ کيس جيل جو منهن ڏيکاريو ويندو آهي. اهو به تشدد جو هڪ پاسو آهي، جيڪو سنڌ ۾ پنهنجي وحشياڻا شڪل ۾ موجود آهي.
    تشدد جي مٿين ٽن شڪلن کان سواءِ هڪ ٻي به شڪل آهي، جيڪا انتهائي خطرناڪ آهي. جنهن تي ضابطو آڻڻ انتهائي مشڪل آهي. اهو تشدد آهي: سياسي تنظيمن طرفان پنهنجن منحرف ڪارڪنن توڙي مخالف سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن خلاف. جنهن ڪجهه سالن جي اندر جنم ورتو آهي ۽ هيل تائين اڻ ڳڻيون حياتيون ڳهي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي ذهني ۽ جسماني طور مفلوج ڪري چڪو آهي. سنڌ ۾ ان تشدد کي جنم ڏيندڙ انتها پسند سياسي تنظيمون آهن، جيڪي تشدد جي خوراڪ تي پلجي رهيون آهن. هو معصوم ۽ بي گناهه عوام کي گولين جو کاڄ بڻائي، سندن لاشن تي بيهي پنهنجو قد اوچو ڏيکارڻ گهرن ٿيون. اهڙن تنظيمن طرفان تعليمي ادارن ۽ ان کان ٻاهر پنهنجي مخالفن کي اغوا ڪري پنهنجي جوڙيل اذيت خانن ۾ تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. جنهن دوران ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي وهن ٿا يا وري معذور بنجي وڃن ٿا. اهڙيون انتهاپسند تنظيمون نه صرف پنهنجن مخالف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن کي قتل ڪن ٿيون يا تشدد جو شڪار ڪن ٿيون، پر پنهنجن به انهن ڪارڪنن کي هيسائڻ لاءِ تشدد استعمال ڪن ٿيون، جيڪي پنهنجي مرڪزي قيادت جي پاليسين خلاف راءِ جو اظهار ڪن ٿا يا اهڙين انتهاپسند تنظيمن کان پاڻ کي ڌار ڪرڻ گهرن ٿا. ان کي وڌيڪ ڀيانڪ تشدد تڏهن اُڀري معصوم جانين کي پنهنجي باهه ۾ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن ڪي تنظيمون پنهنجي مخالفن کي سزا ڏيڻ يا پنهنجو آواز حڪمرانن وٽ پهچائڻ لاءِ يا اقتدار ڌڻين کي مجبور ڪري ڪنهن مفاهمت تي آڻڻ لاءِ سڌو سنئون وسيع تر آبادي کي کليل تشدد جو نشانو بڻائين ٿيون. اهو تشدد ڀرين بازارين ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪرڻ، شهر جي مصروف چونڪن يا بازارن ۾ بمن جا ڌماڪا ڪرڻ جي شڪل ۾ سامهون اچي ٿو. جنهن سان ڪيتريون ئي معصوم جانيون، بنا ڪنهن ڏوهه جي موت جي منهن ۾ اچي وڃن ٿيون. ڪي حلقا ان قسم جي واقعن کي سياسي عمل جو هڪ حصو سمجهن ٿا ۽ ان کي جائز قرار ڏين ٿا. پر اصل ۾ سياسي اختلافن خاطر يا حڪمرانن خلاف احتجاج ڪرڻ خاطر بي گناهه ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ ۽ خون جون نديون وهائڻ ڪنهن به نموني سياسي عمل قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. اهو انسانيت خلاف هڪ ڀيانڪ جرم آهي. جنهن جي همت افزائي ڪندڙ يا ان کي تقويت بخشيندڙ ايترائي ڏوهاري آهن، جيترو اهو عمل ڪندڙ ڏوهي آهن.
    رياستي ڏاڍ، ڏهڪاءُ ۽ ناانصافين خلاف جدوجهد ڪندڙ ڌرين، طبقن، تنظيمن ۽ ادارن کي هيسائڻ، کين انهن مجرماڻا حرڪتن خلاف آواز اُٿارڻ جي ڏوهه ۾ تشدد جو نشانو بنائڻ پڻ هڪ خطرناڪ عمل آهي. جيڪو سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ان جي حوصلي شڪني ڪرڻ ۽ واڌ ويجهه کي روڪڻ جو بندوبست نه ڪيو ويو ته تشدد جو خوني ديو، مڙني کي آسانيءَ سان ڳڙڪائي ڇڏيندو ۽ ان جي آڏو ايندڙ اڀريون سڀريون رنڊڪون پڻ آهستي آهستي ٿي ختم ٿي وينديون. جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمرانيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمون ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ۽ انهن جو آواز بلند ڪندڙ اخبارون ۽ رسالا ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهو، تشدد جي ڀوت جي خوني چنبن ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏيندا. جنهن کانپوءِ سنڌ غلامي واري دور جي اونداهن غارن ۾ گم ٿي ويندي، انسانيت، انصاف ۽ قانون جا تصور سنڌ مان پر ڪڍي اڏامي ويندا.
    سنڌ ۾ هن وقت سياسي ۽ سماجي ناانصافين خلاف آواز اٿاريندڙ هڪ مورچو سنڌي صحافت جي شڪل ۾ موجود آهي. جيڪو نئين ڄاول ٻار جيان اڃا پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهيو آهي. پر اڃا بانبڙا پائڻ جي عمر ۾ مس داخل ٿيو آهي، جو کيس ڪچيءَ ۾ ئي چيڀاٽڻ ۽ سندس نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ ڪاڻ اجگر جهڙيون آفتون پنهنجن مڙني مڪارين سان ميدان عمل ۾ مصروف آهن. رياستي، سول توڙي قانون نافذ ڪندڙ ادارا، پورهيت عوام جي خون تي پلجندڙ جاگيردار، زميندار، وڏيرا، ڪامورا شاهي، توڙي انتهاپسند تنظيمون ۽ انهن جا بدعنوان، دهشتگرد ۽ مفاد پرست اڳواڻ، سنڌي صحافت جي بيباڪي ۽ آزادانه ڪردار کي ختم ڪرڻ ۽ ان آواز کي پنهنجي ڪين جهڙن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ هيچ طريقا ۽ نسخا آزمائي رهيا آهن. اخبارن جي آفيسن تي حملا ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ، انهن ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ، اخبارن کي ساڙڻ وارو عمل سچ، انصاف، بيباڪي، آزاديءَ ۽ بهادريءَ خلاف کليل جنگ جي شڪل ۾ اُڀري آيو آهي. رياست جا ادارا اخبارن ۾ پنهنجي ڪرتُوتن کي وائکو ٿيندي ڏسي مڇرجي پون ٿا. انتها پسند تنظيمون پنهنجا مٿان چڙهيل خول کي سرڪندو ڏسي باهوڙجي پون ٿيون. وڏيرا ۽ جاگيردار پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن تان پردو هٽڻ تي ڇتا ٿي پون ٿا. جنهن ڪري اخبارن تي حملا ٿين ٿا، سندن رپورٽرن کي رت ۾ ڳاڙهو ڪري زندانن جي پويان واڙيو وڃي ٿو. اخبارن جا بنڊل غريبن جي جهوپڙين جيان باهه جي شعلن ۾ سڙڻ لڳن ٿا.
    — ان سڄي صورتحال کي آخر ڪيئن منهن ڏيڻ گهرجي؟ سنڌ ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين کي ٻنجو ڪيئن ڏجي؟ بي گناهه عوام کي رياستي ۽ غيررياستي تشدد کان نجات ڪيئن ڏيارجي؟ اهي سوال بنيادي اهميت جا حامل آهن. انهن جا جواب ڳولڻ جي تڪڙي ضرورت آهي. سنڌي عوام جي هن بي وسيءَ ۽ لاچاريءَ واري صورتحال، هتي ان احساس کي پڪو ۽ پختو ڪيو آهي ته جيستائين سنڌ اندر انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ سگهارا ادارا وجود ۾ نه ٿا آندا وڃن ۽ جيستائين انهن ادارن جا ناتا ۽ رابطا سڄي دنيا اندر انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ادارن ۽ تنظيمن سان پڪا ۽ پختا نه ٿا ٿين، تيستائين سنڌ جي مظلوم ۽ معصوم عوام کي جابر قوتن مان ڇوٽڪارو ڏياري، کين انصاف پلئه وجهي نه ٿو سگهجي. ان ئي احساس ۽ تڙپ هتي جي باشعور ۽ ساڃهه وند ڌرين، ٽولن ۽ فردن کي ان طرف سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته هو هتي سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ ادارن سان گڏ انساني حقن جي تحفظ لاءِ به تنظيمون ۽ ادارا قائم ڪن. جيئن سياسي ۽ غيرسياسي تشدد، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو شڪار ٿيل عوام کي قانوني ۽ اخلاقي تحفظ فراهم ڪري سگهجي.
    سنڌ ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن ۽ ادارن جي دائري کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ڦهلائڻ گهرجي. جيئن عوام جو وڏو تعداد ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهي. مقامي سطح تي وڪيلن، استادن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن کي گڏ ڪري، انهن کي انساني بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن ۾ منظم ڪجي، جيئن اهي مقامي سطح تي پوليس ٿاڻن، جيلن ۽ چوڪين ۾ بي گناهه عوام تي ٿيندڙ تشدد ۽ سندن غيرقانوني گرفتارين خلاف نه صرف آواز اُٿارين، پر اهڙي ظلم ۽ ناحق جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن کي عدالتي انصاف ڏيارين. سندن ڪوڙن ڪيسن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ قانوني ۽ عدالتي طور تي سندن ڪيس وڙهي، کين ڪوڙن ڪيسن مان نجات ڏيارين. بي گناهه ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس قائم ڪندڙ انتظامي ادارن ۽ انهن جي سربراهن کي قانون مطابق سندن ڪئي جي سزا ڏيارين. ان کان سواءِ بي گناهه ڳوٺاڻن ۽ شهرين مٿان پوليس چڙهائين ۽ ان دوران عورتن، مردن ۽ ٻارن تي ٿيندڙ تشدد، بي عزتي ۽ ڦرلٽ خلاف آواز بلند ڪن. مقامي سطح تي انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيمن جا نمائندا، جيلن ۽ ٿاڻن جا معائنا ڪري، قيدين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف عدالتن جا دروازا کڙڪائين. جيئن هتان جي عوام کي بنيادي انساني حق پلئه پئجي سگهن ۽ هو بي خوف ٿي پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪري سگهن.
    انساني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ادارن ۽ تنظيمن کي نه صرف رياستي تشدد خلاف جدوجهد ڪرڻ گهرجي، پر ان سان گڏ هر قسم جي غير رياستي تشدد خلاف پڻ آواز بلند ڪرڻ گهرجي. جاگيردارن ۽ سرمائيدارن طرفان هارين ۽ مزدورن سان غيرانساني سلوڪ، بيروڪريسي (عملدار شاهي) طرفان ننڍن ملازمن سان ٿيندڙ اُرهه زوراين سميت اهڙين انتها پسند تنظيمن خلاف به جدوجهد ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عوام کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيون آهن، انهن جي بنيادي انساني حقن تي ڌاڙو هنيون ويٺيون آهن، کانئن راءِ ۽ اظهار جي آزادي کسيو ويٺيون آهن.
    رياستي ۽ غيررياستي تشدد کي صرف تڏهن روڪي سگهجي ٿو. جڏهن عوام جو وڏو تعداد بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جو ساٿ ڏئي ۽ اهڙين ڌرين خلاف مسلسل جدوجهد ۽ جستجو ڪري، جيڪي عوام کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تشدد جو نشانو بڻائين ٿيون. عوام کي اهڙين تنظيمن ۽ پارٽين جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي صفن مان نڪري وڃڻ گهرجي، جيڪي پنهنجن منحرفن ۽ مخالفن کي تشدد جو نشانو بڻائين ٿيون يا حڪومتي عملن خلاف احتجاج دوران معصوم عوام کي گولين ۽ بمن جي ڌماڪن جو کاڄ بڻائين ٿيون، انتها پسندي، ڇڙواڳي ۽ انتقام پسندي کي هوا ڏين ٿيون. عوام کي اهڙين حڪمران ڌرين سميت سياسي ڌرين جو به بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، جيڪي سندن آواز يعني اخبارن کي تشدد جو نشانو بنائين ٿيون ۽ انهن ادارن کي پنهنجي منشا موجب هلائڻ لاءِ مٿن دٻاءُ وجهن ٿيون. اخبارن کي پڻ رياستي ۽ غيررياستي تشدد جو مقابلو ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. سرڪاري تشدد کي روڪڻ لاءِ سندن خبرن جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، سندن رعايتن تي ڀاڙڻ بند ڪيو وڃي. سرڪاري اشتهارن بدران عوامي اشتهارن ۽ ٻين عوامي وسيلن تي ڀاڙڻ گهرجي. اخبارن کي انهن انتهاپسند سياسي جماعتن خلاف پڻ مهاڏو اٽڪائڻ گهرجي، جيڪي پنهنجن مفادن هيٺ اخبارن کي هلائڻ لاءِ مٿن دٻاءُ استعمال ڪن ٿيون. سندن خبرن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. عوام کي اهڙين سياسي ڌرين جي صف مان نڪري وڃڻ جو سڏ ڏيڻ گهرجي. جيئن عوامي حمايت سان سياسي ڌرين طرفان ٿيندڙ دهشتگردي جي روڪٿام ٿي سگهي.
    تشدد جي خاتمي ۽ بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ اندر منظم نموني ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ اڳ کان موجود مڙني تنظيمن ۽ ادارن کي مرڪزي سطح تي منظم ڪجي. انهن جي ڪم جي دائري کي وسيع ڪجي، ان ۾ عوام جي وڏي تعداد کي شامل ڪجي. جيئن سنڌ جو عوام موجوده ذلت واري زندگي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي.

    (ڇپيل، راوزني جاڳو ڪراچي، 8 جون 1995ع)


    سنڌ جي زمين تي قبضي جي هٻڇ

    سنڌ جي زمين تي قبضي وارو باب پنهنجي پڄاڻيءَ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. مادر وطن سنڌ جي ڀاڳڀري زمين تي رياستي ادارن ذريعي پنجاب طرفان ٿيل قبضن جو داستان 1947ع کان شروع ٿيو هو ۽ اڄ ان کي خيرن سان 48 سال گذري چڪا آهن. پر اهو ساڳيءَ رفتار سان جاري آهي. شايد پاڪستان جو وجود ئي ان ڳالهه تي بيٺل آهي ته اسرائيلي يهودين وانگر سنڌ جون سڀ زمينون اُن جي اصل وارثن کان ڇني کين فلسطينين وانگر بي گهر ۽ دربدر ڪيو وڃي. تڏهن ته هر حڪومت تبديل ٿيڻ سان سنڌ جي زمينن جا کاتا به بدلجڻ شروع ٿيندا آهن.
    پنجاب سان واسطو رکندڙ وفاقي وزير ميان غلام مصطفيٰ کر قومي اسيمبلي اجلاس ۾ چيو آهي ته تربيلا ڊيم جي متاثرن لاءِ سنڌ کي اڃا 19،333 ايڪڙ زمين ڏيڻي آهي. هن ايوان کي ٻڌايو آهي ته تربيلا جي متاثرن لاءِ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڌار ڌار 30 هزار ايڪڙ ايراضي رکي وئي هئي.
    پنجاب صوبي ته پنهنجي صوابديدي ڪوٽا مهيا ڪئي پر سنڌ 81-1997ع دوران صرف 10 هزار 447 ايڪڙ ايراضي مهيا ڪئي آهي. ان ڪري سنڌ کي اڃا 19،333 ايڪڙ زمين ڏيڻي آهي.
    سنڌ جي عوام کي هيل تائين مختلف ”قومي“ رٿائن جي حوالي سان ڪيتري زمين کان محروم ڪيو ويو آهي. اهو حساب نه ته اسان لڳائڻ جي تڪليف ڪئي آهي، نه وري ”اصل اقتدار ڌڻين“ اوڳرائيڏ يڻ وقت ان جو ڪو ڪاٿو ڪيو آهي. جنهن ڪري بئراج جي زمينن کان وٺي فوجي ڇانوڻين لاءِ ڪتب آندل زمينن ۽ انهن تي آباد اوپرن ماڻهن جو وڏو انگ ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي زمين تي ٻاهران آيل ماڻهن جو گهيرو هڪ ڀوائتي ۽ خوفناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي. بدين، ميرپور خاص، نواب شاهه، خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ بئراج جي پاسي وارين سون ورنين زمينن مان هتان جا ديس ڌڻي ڪو اُپراسو حاصل ڪرڻ بدران هاڻ انهن کي صرف حسرت ڀرين نظرن سان ئي ڏسي سگهن ٿا.
    سکر بئراج وارين زمينن کان پوءِ هندستان مان لڏي آيل جي آؤ ڀڳت ڪرڻ لاءِ نه صرف ڪراچيءَ جي خالي پڊن تي هٿ صاف ڪيا ويا، پر سنڌ جي اندرين علائقن ۾ هندن وٽ سنڌي مسلمانن جون گروي ٿيل زمينون به لُٽ جو مال سمجهي ٻاهران آيل پناهگيرن کي الاٽ ڪيون ويون. ڪراچيءَ ۾ ڪي ڊي اي جوڙي ان ذريعي ڪالونائيزشين جو عمل شروع ڪيو ويو. صدين کان آباد سنڌي ڳوٺ ڊاهي، ماڻهو لڏائي ناظم آباد، پي سي ايڇ ايس، ڊفينس، ڊي ايم سي ايڇ ايس، گلشن اقبال، ملير، نيو ڪراچي جي نالن سان هائوسنگ اسڪيمون جوڙيون ويون. جنهن سان هڪ طرف ڌرتي ڌڻي پنهنجن اباڻن پڊن ۽ ملڪيتن کان محروم ڪيا ويا، ته ٻئي طرف ڌارين ماڻهن جي رهائش ٿيڻ ڪري ڪراچي شهر مڪمل طور اوپرو بڻجي ويو آهي. اڄ صورتحال اها آهي جو سنڌ جي گاديءَ وارو شهر پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو آهي. ان کي ڪوبه پنهنجو سمجهڻ يا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هر ماڻهو لُٽ جو مال سمجهي، ان مان پنهنجون جهوليون ڀرڻ لاءِ هڪ ٻئي تي هٿيار تاڻي بيـٺو آهي.
    پاڪستان ٺهڻ کان اڳ بئراج جون زمينون پنجاب جي ماڻهن کي ان لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڏنيون ويون، ڇاڪاڻ ته هنن گورن انگريزن جي نمڪ حلالي جو فرض نه صرف خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيو هو، پر عالمگير جنگ ۾ آقائن لاءِ جانيون به گهوري ڇڏيون هيون. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي ته ”حر تحريڪ“، ”روپلوڪولهي جي بغاوت“ ۽ ”هيمون ڪالاڻي جي ارڏائي“ جي صورت ۾ قابض انگريز خلاف جدوجهد ۾ مصروف هئا. تنهن ڪري انگريزن مٿي ڦرين سنڌين کي معاشي طور ڪنگال ڪرڻ ۽ سندن قوت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙو طريقيڪار اختيار ڪيو، جو هڪ طرف بئراج علائقي ۾ پنجابي آبادگار آڻي سنڌين جي معاشي سگهه تي لت ڏني ته ٻئي طرف سندن ڌرتي تي ڌاري يلغار جا در کولي ڇڏيا.
    پياري پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان مهاجر ڪامورا شاهيءَ رستي سنڌ کي پنهنجو زيردست ڪرڻ لاءِ ڪوڙن ڪليمن جا در کولي ڇڏيا. ڪوڙا قسم کڻي، شاهد بيهاري، سنڌ جي زمينن کي مُفت جو مال سمجهي هڙپ ڪيو ويو. ڌرتي ڌڻي پنهنجن وسيلن تي هي بيداد ڏسندا رهيا. جن ماڻهن ڪوڙن ڪليمن تي اهي زمينون حاصل ڪيون، انهن ڌرتيءَ جي مٽي سان ڪجهه پل به وفا نه ڪئي. هڪ هٿ سان ڪوڙا ڪليم حاصل ڪيا ته ٻئي هٿ سان انهن جو وڪرو ٿيندو رهيو. هن هيراڦيري ذريعي ڪن لکنوي ۽ دهلوي بنجي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ وڃي پر ساهيا ته ٻين وري لٽ جي مال مان ڪارخانا ۽ فيڪٽريون هڻي پاڻ کي سيٺين ۽ سرمائيدارن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
    ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي ٻي لشڪر ڪشي ٿي. پنجابين جا قافلا سنڌ جون زمينون والارڻ لڳا. ون يونٽي حڪمرانن فتح ٿيل علائقي وانگر سنڌ جي سرحدن کي زمين تي قبضو ڪندڙن لاءِ کولي ڇڏيو. پوءِ ڏسندي ڏسندي ”چڪ“ ٺهڻ شروع ٿي ويا. يونين ڪائونسلن، ٽائون ڪاميٽين، ميونسپل ڪائونسلن جون ميمبريون، چيئرمينيون ته ساڳيون رهيون پر انهن تي چهرا تبديل ٿي ويا. آباديءَ جي بنياد تي زمين جي قبضي کي سياسي ۽ معاشي طاقت ۾ تبديل ڪيو ويو. ٻاهرين آبادڪارن کي عسڪري سگهه مهيا ڪرڻ لاءِ رٽائرڊ فوجي جنرلن کي ملڪ سان وفاداري ۽ محبت جي سلي ۾ سنڌ جون زمينون عطا ٿيڻ لڳيون. جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي. ملڪ لاءِ قرباني ڏيندڙن کي پنهنجن ئي علائقن ۾ انعام ۽ تحفا ڏيڻ بدران سنڌ کي قربان ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. پوءِ پرائيءَ ڌرتيءَ تي قبضي جي هٻڇ ايتري ته وڌي وئي جو ڪرڪيٽ جا ٻه ڇڪا هڻندڙ لاءِ به سنڌ جي زمين حاضر ناظر هئي. رٽائرڊ جنرلن کانپوءِ ڪرڪيٽرن، اسڪواش، هاڪي، بيڊمنٽن جي پنجابي ۽ پٺاڻ کيڏاڙين لاءِ سنڌ سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ بڻجي وئي.
    جيڪڏهن هيءُ سلسلو هتي ئي ختم ٿئي ها پوءِ به شڪر ڪجي ها. پر ان کانپوءِ اڄ تائين فوجي ڇانوڻين، صنعتي علائقن، پولٽري ۽ زرعي فارمن جي نالي ۾ سنڌ جي زمين تي قبضي واري عمل زور شور سان جاري آهي. جنهن ۾ ڊئمن جي متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي زمينون الاٽ ڪرڻ، ڪشميرين لاءِ ڪالونيون اڏڻ جي نالي ۾ پلاٽ رکڻ ۽ بهارين لاءِ اڳواٽ رٿابندي طور ڪچيون آباديون جوڙڻ وارو بيداد به پنهنجي پوري قوت ۽ خوفناڪين سان شامل آهي.
    زمين ڦٻائڻ جي هن هوس ۽ لالچ کي ڪٿي به ٽاڪو لڳندو نظر نه ٿو اچي. هڪ طرف پنجاب جي تربيلا ڊيم جي باقي متاثرن کي آباد ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 20 هزار کن ايڪڙ زمين جي گهر پئي ڪئي وڃي، ته مٿان وري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارو دڙڪو به موجود آهي. هاڻ جيڪڏهن تربيلا جي متاثرن نالن وڌيڪ زمين تي قبضو ڪيو ويو ته سڀاڻي ڪالاباغ بند جي متاثر پنجابين ۽ پٺاڻن لاءِ خبر ناهي ته ڪٿي سڄي سنڌ جي گهر نه ڪري ويهي رهن. پوءِ ته سنڌ جي اصل ڌڻين کي گوريلا بڻجي وڻن تي گذارڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته فلسطينين وانگر کين ڪير به پنهنجي زمين تي عارضي پناهگير طور رهڻ جي به اجازت نه ڏيندو.
    هڪ طرف سنڌ جي زمين تي قبضي جو هي خوفناڪ منصوبو جاري آهي، ته ٻئي طرف اصل ديس واسين تي نظر ڦيرائڻ سان اهي لنڱ ڪانڊاريندڙ حقيقتون سامهون اچن ٿيون ته انهن جي تمام وڏي آبادي نه صرف بي گهر ۽ بي زمين آهي پر ڳڀي ڳڀي لاءِ محتاج بنائي وئي آهي. سنڌ ۾ اهڙا لکين خاندان موجود آهن، جن وٽ پنهنجي لاءِ زرعي زمين جو ٽڪرو ته ڇا پر گهر اڏڻ 90 چورس وال جو پلاٽ به موجود ڪونهي. پر سنڌ جي مال تي سخاوت ان پهاڪي جو روپ وٺي چڪي آهي ته مال پرائو دل بي رحم!
    سنڌ جي زمين تي هن قبضي سان جيڪي به سازشون، مڪاريون ۽ منافقتون لاڳاپيل آهن، انهن جو توڙ ڪنهن به طرح ملڪ سان محبت ٿي نه ٿو سگهي. ڪو ڀلي ايئن سمجهندو هجي، ته سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ والار سان ملڪ جون پاڙون مضبوط ٿينديون ۽ ان جو وجود دائمي ۽ ابدي بنجي ويندو. پر تاريخ ۾ ٿيل اهڙا تجربا ۽ انهن جا نتيجا انتهائي ڀيانڪ نڪتا آهن. ان قبضي گيريءَ کي دائمي بنائڻ لاءِ جيڪي به سازشون سٽيون وينديون آهن، اهي اڳتي هلي واريءَ جي ديوار ثابت ٿيون آهن. اڄ اهڙن طالع آزمائن لاءِ اسرائيل ۽ فلسطينين وچ ۾ ٿيندڙ نئين سر صفبندي هڪ سبق آهي.
    اسان قبضي گيري جي شوق ۾ الف اگهاڙي ٿي بيٺل پنجاب جي قيادت کي صلاح ڏينداسين ته سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ واري نيت کي تبديل ڪري تاريخ مان سبق حاصل ڪندي، نه صرف هيل تائين ٿيل قبضن کي مڪمل آجو ڪن پر انهن مان ٿيل اُپت ۽ ان تي ٿيندڙ وياج جا به ليکا چُڪتو ڪن. ڇاڪاڻ ته اڄ زمانو تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ ڪابه طاقتور قوم ڪنهن ٻي هيڻي ۽ ڪمزور قوم تي نه ته گهڻو عرصو پنهنجو قبضو برقرار رکي سگهي ٿي، نه وري انهن جي وسيلن کي بنا اوڳرائي جي هضم ڪري سگهي ٿي. هي اسان جو نه پر تاريخ جو فيصلو آهي.

    (ڇپيل، روزانو جاڳو ڪراچي، 23 جون 1995ع)


    برائون ترميم جي منظوري

    ڇا پاڪستان جي فوجي امداد بحال ٿي ويندي؟

    پريسلر ترميم جي حوالي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي دوستانه لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ هر گذرندڙ ڏينهن سان تيز رفتاريءَ سان گهٽجي رهي آهي. خاص ڪري موجوده چونڊيل حڪومت طرفان آمريڪا ۾ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام بابت پئدا ٿيل انديشن جي خاتمي لاءِ ورتل ڪوششون پنهنجا سودمند نتيجا ڏئي رهيون آهن. پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا گذريل پنجن سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو ان وقت وڌيڪ استحڪام ڏانهن وڌيا آهن، جڏهن گذريل خميس ڏينهن آمريڪي سينيٽ ۾ پريسلر قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ سينيٽر هينڪ برائون طرفان پيش ڪيل ترميم کي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو.
    آمريڪي سينيٽ خميس ڏينهن صبح جو پاڪستان جي حق ۾ برائون ترميم 45 ووٽن جي مقابلي ۾ 55 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي. جنهن هيٺ پريسلر ترميم ۾ نرمي ڪري پاڪستان کي فوجي سامان، جنهن ۾ سامونڊي فوج جي استعمال لاءِ اورين پي ٿري اپ ڊيٽ، جيڪي بحري نگراني ۽ آبدوزن جو ڏس ڏيندڙ جهاز آهن، ڪوبرا هيلي ڪاپٽرن جا پرزا ۽ ايف 16 جهازن جا فاضل پرزا پاڪستان کي ملندا، جن جي قيمت پاڪستان 5 سال اڳ ادا ڪري چڪو آهي.
    پريسلر ترميم هيٺ 1990ع ۾ پاڪستان جي فوجي سامان ۽ اقتصادي امداد تي پابندي هنئي وئي هئي. جنهن هيٺ پاڪستان جو تقريبن 37 ڪروڙ ڊالرن جو اهو فوجي سامان روڪيو ويو هو، جنهن جي قيمت پاڪستان سرڪار ان وقت ادا ڪري چڪي هئي. ان سان گڏ پاڪستان حڪومت 28 ايف-16 جهازن لاءِ به ادائگي ڪري ڇڏي هئي. اهي جهاز به پريسلر ترميم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ روڪيا ويا. ٻيو ته ٺهيو پر روڪيل سامان لاءِ ادا ڪيل رقم جي واپسيءَ کان به انڪار ڪيو ويو. آمريڪي حڪومت گذريل 5 سالن ۾ پاڪستان تي دٻاءُ وجهندي رهي ته هو ائٽمي هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ واري عالمي ٺاهه تي صحيحون ڪري. پنهنجي ايٽمي پروگرام کي منجمد ڪري، رول بيڪ ڪري ۽ آخرڪار ان کي ختم ڪري ڇڏي. آمريڪا طرفان اهي شرط بنا ڪنهن شڪ ۽ شهبي جي پاڪستان جي سالميت ۽ استحڪام لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿين ها، جنهن ڪري ڪا به پاڪستاني حڪومت انهن شرطن جو پورائو ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي.
    پاڪستان جو هميشه کان اهو مؤقف رهندو آيو ته جنگي جنون ۾ مبتلا هڪ پاڙيسري ملڪ ڀارت جي فوجي بالادستيءَ جي موجودگيءَ ۾ اسلام آباد لاءِ اهو ناممڪن آهي ته اُها هڪ طرفو اين پي ٽي تي صحيحون ڪري، پروگرام منجمد، رول بيڪ يا ان کي مڪمل ختم ڪري ڇڏي. آمريڪا جا اهي مطالبا به صرف هڪ طرفا ۽ امتيازي قسم جا هئا. ڇاڪاڻ ته ان ڏس ۾ ڀارت تي ڪا به پابندي لاڳو نه ڪئي وئي هئي، نه وري ان کي ان ڳالهه تي رضامند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو ۽ پاڪستان اي پي ٽي تي هڪ ئي وقت صحيحون ڪن يا پنهنجي ائٽمي پروگرام کي محدود ڪن. جيتوڻيڪ پاڪستان هميشه کان عالمي سطح تي اهو يقين ڏياريندو رهيو ته ان جو ائٽمي پروگرام پُرامن مقصدن لاءِ آهي ۽ ان طرفان ايٽم بم جي تياري جو ڪو به منصوبو ويچار هيـٺ ناهي. پر آمريڪي سينيٽ ۾ موجود ڀارتي لابي جي هميشه اها ڪوشش رهي ته پاڪستان هڪ طرفيون پابنديون قبول ڪري. ان ئي مقصد لاءِ پريسلر ترميم هيٺ 1990ع ۾ پاڪستان جي فوجي ۽ اقتصادي امداد بند ڪئي وئي. فوجي سامان ۽ 38 ايف 16 جهازن جي حاصلات لاءِ ادا ڪيل رقم به واپس ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. پاڪستان 1989ع ۾ انهن جهازن لاءِ 685 ملين ڊالر يعني 65 ڪروڙ 80 لک ڊالر ادا ڪيا هئا.
    موجوده بينظير حڪومت کان اڳ پريسلر ترميم جي خاتمي ۽ ان هيٺ روڪيل رقم ۽ ايف 16 جهاز حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪوششون ڪيون ويون. پر هر ڀيري انهن کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو. نواز شريف جي دؤر ۾ پريسلر ترميم مان نجات حاصل ڪرڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي وئي پر ان ڏس ۾ هوم ورڪ نه هئڻ سبب ۽ ناڪام پرڏيهي پاليسيءَ ۽ سفارتي ڪوششن ڪري ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي. جنهن بعد وري نگران وزيراعظم معين قريشي جي دؤر ۾ به هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي وئي. پر آمريڪا جي ايوان نمائندگان ۽ سينيٽ جي ميمبرن جي مخالفت سبب نگران حڪومت جي هيءَ ڪوشش به ڪا سوڀ حاصل نه ڪري سگهي.
    نواز شريف حڪومت ۾ جڏهن پريسلر ترميم جي خاتمي يا ان ۾ تبديلين جي ڪوشش ڪئي وئي، ته اسلام آباد حڪومت جي ناڪام پرڏيهي پاليسين سبب اٽلندو اهي ڪوششون پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ پوڻ لڳيون. آمريڪي حڪمرانن شرط عائد ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پهريان پنهنجو ائٽمي پروگرام منجمد ڪري، رول بئڪ ڪري ۽ آخرڪار ختم ڪرڻ جي تصور سان اصولي طور اتفاق ڪري. جنهن بعد واشنگٽن انتظاميه ان سلسلي ۾ ڪو عملي قدم کڻندي. نه صرف اهو پر ان دؤر ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ايترا ته خراب ٿي ويا ۽ ڇڪتاڻ ۾ ايڏو اضافو ٿي ويو، جو پاڪستان کي دهشتگرد ملڪن جي صف ۾ آڻڻ جا دڙڪا ڏنا ويا. مختلف امداد ڏيندڙ ادارن طرفان ملندڙ امداد روڪڻ جا به اشارا ڏنا ويا. جنهنڪري معاملو اتي وڃي پهتو، جو پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپا بهتر بنائڻ واريون ڪوششون اٽلندو ڀارت کي فائدو رسائڻ لڳيون.
    جڏهن 1993ع جي چونڊن کانپوءِ وزيراعظم بينظير ڀٽو جي سربراهيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ملڪ جي اقتدار جون واڳون سنڀاليون ته نئين حڪومت ان ڏس ۾ سنجيدگيءَ سان ڪوششون ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. پي پي حڪومت ماضيءَ ۾ ٿيل غلطين، پرڏيهي پاليسيءَ ۾ موجود خامين ۽ سفارتي سطح تي ٿيل ڪمزورين جو توڙ ڪڍڻ لاءِ نئين سر پاليسي ترتيب ڏني. ان ڏس ۾ آمريڪي حڪومت سان رابطو ڪرڻ کان اڳ مڪمل تياري ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو ويو. انهن فڪري غلطين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جن سبب آمريڪا ۾ ڀارتي لابيءَ کي مسلسل ڪاميابيون حاصل ٿي رهيون هيون. وزيراعظم بينظير ڀٽو خود ان سلسلي ۾ ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون. ڪلنٽن انتظاميه جي انهن بدگمانين کي دور ڪرڻ طرف سنجيدگي اختيار ڪئي وئي، جنهن هيٺ ڀارتي لابي پاڪستان خلاف بي بنياد افواهه ڦهلايا هئا. ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان پئدا ڪيل ڪوڙ ۽ دوکي واري مؤقف کي عالمي سطح تي وائکو ڪرڻ بعد پهرين ڪوشش طور آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڇاڪاڻ ته آمريڪي ڪانگريس ۾ صدر ڪلنٽن جي اڪثريت نه هئڻ ڪري، صدر ڪلنٽن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ اهو ضروري هيو ته سينيٽ جي ميمبرن کي به ان ڏس ۾ پنهنجو ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو آمريڪا ۾ مقرر ٿيل پاڪستاني سفير مليحا لوڌي ذريعي ڪانگريس جي ميمبرن سان پاڻ سڌو رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آخرڪار ڪانگريس ۾ اهڙي لابي مستحڪم ٿيڻ لڳي، جيڪا صدر ڪلنٽن جي ان تصور جي حمايت ۾ اڳتي اچڻ لڳي ته پريسلر ترميم هيٺ پاڪستان سان ٿيندڙ نا انصافين جو ازالو ڪيو وڃي.
    وزيراعظم بينظير ڀٽو آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ پئدا ٿيل رڪاوٽون ۽ بدگمانيون دور ڪري انهن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ لاءِ نه صرف پاڻ آمريڪا جو دورو ڪري صدر ڪلنٽن سان ملاقات ڪئي، پر صدر فاروق احمد لغاري به ان ڏس ۾ آمريڪا جو دورو ڪيو. صدر ۽ وزيراعظم جي ڪوششن جو ئي نتيجو هو جو آمريڪا جي ڪنهن پهرين صدر (ڪلنٽن) نه صرف ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پريسلر ترميم هيٺ پاڪستان تي پابنديون ناانصافي آهن، پر هُن انهن جي خاتمي لاءِ به ڪوششون وٺڻ جو واعدو ڪيو. جيڪي ماڻهو ۽ ڌريون آمريڪا جي صدر سان محترمه بينظير ڀٽو جي ملاقاتن تي بيجا تنقيد ڪنديون رهيون آهن، انهن کي هاڻ برائون ترميم جي منظوري کانپوءِ پنهنجو مؤقف تبديل ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ٻن ملڪن ۾ 5 سالن کان پئدا ٿيل بدگمانيون ختم ڪرڻ ۽ لاڳاپن کي ٻيهر معمول تي آڻڻ ايترو سولو ناهي، جيئن عام طور چيو ويندو آهي.
    آمريڪا جي صدر ڪلنٽن ۽ بينظير ڀٽو وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ صدر ڪلنٽن جي آمريڪي ڪانگريس ۾ موجود لابي پريسلر ترميم جي خاتمي يا ردوبدل لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون. ان ڏس ۾ سينيٽر هينڪ برائون سينيٽ ۾ پريسلر قانون ۾ ترميم بابت هڪ بل پيش ڪيو. ان بل پيش ٿيندي ئي پاڪستان حڪومت ڀارتي جوابي ڪارروائي کي روڪڻ لاءِ پنهنجون سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. جنهن جي نتيجي ۾ پريسلر ترميم جي مخالفت ۾ سينيٽرن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو ويو. هيءُ پهريون ڀيرو هو جو پاڪستان پنهنجي ايٽمي پروگرام جي سلسلي ۾ ڪا به سوديبازي ڪرڻ کانسواءِ آمريڪي سينيٽرن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي رهيو هو. آمريڪي سينيٽ ۾ برائون ترميم پيش ٿيڻ خود پاڪستان جي ان اصولي مؤقف جي علامتي تائيد ۽ تصديق هئي ته ان جو ايٽمي پروگرام پر امن مقصدن لاءِ آهي ۽ هو ڪنهن به ڏس ۾ هڪ طرفيون پابنديون قبول نه ڪندو.

    برائون ترميم جي منظوري:
    خميس ڏينهن آمريڪي سينيٽ ۾ منظور ٿيل برائون ترميم هيٺ پريسلر قانون ۾ نرمي ڪئي ويندي ۽ پاڪستان جي فوجي سامان ۽ اقتصادي امداد تي 1990ع ۾ جيڪا پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، اُها هٽائي ويندي. ان سان گڏوگڏ اقتصادي ۽ ٻين شعبن ۾ پريسلر ترميم هيٺ لاڳو ٿيل پابندين کي به نرم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جنهن سان پاڪستان کي اڻ ڳڻيا فائدا رسي سگهن ٿا ۽ تقريبن 37 ڪروڙ ڊالرن جو اهو فوجي سامان به پاڪستان کي منتقل ڪيو ويندو، جيڪو 1990ع کان رُڪيل آهي. هن ترميم جي منظوري سان جيتوڻيڪ پاڪستان 37 ڪروڙ ڊالرن جي ماليت جو سامان حاصل ڪري سگهندو، پر ان کي ايف 16 جهاز نه ڏنا ويندا. برائون ترميم هيٺ صدر ڪلنٽن انهن جهازن کي ڪنهن ٽئين ملڪ کي وڪرو ڪرڻ لاءِ پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. جنهن هيٺ پاڪستان کي تقريبن هڪ ارب ڊالر رقم واپس ڏني ويندي. ياد رهي ته پاڪستان 1989ع ۾ 38 ايف 16 جهازن لاءِ 685 ملين ڊالر يعني 65 ڪروڙ 80 لک ڊالر ادا ڪيا هئا. 1989ع ۾ هڪ ايف 16 جهاز لاءِ هڪ ڪروڙ 80 لک ڊالر رقم گهري وئي هئي. هاڻ جيڪڏهن انهن جهازن جي خريداري لاءِ ڪو ملڪ رضامند ٿئي ٿو ته اهو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ ڊالر کان وٺي هڪ ڪروڙ 20 لک ڊالر تائين في جهاز جي قيمت ادا ڪندو. جنهن سان پاڪستان کي پنهنجي ادا ڪيل سموري رقم واپس نه ملي سگهندي. آمريڪي حڪومت جهازن جي وڪري سان پاڪستان کي صرف 15 ڪروڙ ڊالر رقم واپس ڪرڻ گهري ٿي. جڏهن ته باقي رقم پوري ڪرڻ لاءِ يعني 50 ڪروڙ ڊالر باقي ادا ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر ڪلنٽن کي ڪانگريس مان منظوري وٺڻي پوندي. جنهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿيڻ جو انديشو موجود آهي. جيڪڏهن صدر ڪلنٽن اڳئين قدم طور آمريڪي هائوس مان به ان طرح جي ترميم منظور ڪرائي نه سگهيو ته هي معاملو قانون جي صورت اختيار ڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته ترميم جي منظوري کان پوءِ آمريڪي هائوس طرفان ان جي منظوري ڏني ويندي آهي. جيڪو 435 ميمبرن تي مشتمل هوندو آهي. جنهن بعد ئي آمريڪي صدر هن قانون تي صحيح ڪري، ان کي عمل ۾ آڻي ڇڏيندو آهي.
    ان ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته برائون ترميم جي منظوريءَ سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا نه صرف ڪئي شعبن ۾ معمول تي اچي ويندا، پر وڌيڪ مستحڪم به ٿيندا. هي آمريڪي قدم پاڪستان لاءِ جيتوڻيڪ وڏي ڪاميابي ته نه آهي، پر ان کي ڪاميابي طرف پهرين فيصلائتي وک ضرور قرار ڏئي سگهجي ٿو. ان ترميم جي ذريعي پريسلر ترميم جو اهو پهريون زور ٽٽي پوندو. جنهن کي اڄ تائين ناقابل شڪست سمجهيو ويندو هو. وزيراعظم بينظير ڀٽو آمريڪي سينيٽ ۾ برائون ترميم جي منظوري کي پاڪستان جي اصولي موقف جي تائيد قرار ڏنو آهي. محترما موجب ان سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي انهن لاڳاپن جي بحاليءَ ۾ وڏي مدد ملندي، جيڪي ماضيءَ ۾ پنهنجي شاندار روايتن جا امين هئا.
    اسان سمجهون ٿا ته برائون ترميم جي منظوري سڀ ڪجهه ناهي، اڃا ان ڏس ۾ وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ڀارت ان ترميم کي قانون جي شڪل ۾ آڻڻ وارن مرحلن دوران ان کي ناڪام بنائڻ جون وڏيون ڪوششون ڪندو. هو پاڪستان جي ننڍڙي سوڀ کي شڪست ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پورو زور لڳائيندو. ان ڏس ۾ واشنگٽن ۾ سفارتڪارن ۽ ڪانگريس جي ڪجهه ميمبرن جو چوڻ آهي ته اڃا پاڪستان کي فوجي سامان ملڻ ۽ پابنديون هٽڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو، اڃا ڪيئي مرحلا اُڪرڻ باقي آهن. ڇاڪاڻ ته ان ترميم کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ ايوان نمائندگان طرفان ان جي منظوري اڃا ضروري آهي.
    ڀارت طرفان برائون ترميم جي منظوري بابت وڏي پئماني تي واويلا ڪئي پئي وڃي. ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته برائون ترميم جي منظوريءَ سان ڀارت کي مڪمل يقين آهي ته ان سان ڏکڻ ايشيا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ وڌي ويندي. هٿيارن جي ان ڊوڙ سان خطي ۾ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي ويندي ۽ ان جو ذميوار آمريڪا هوندو. ڀارتي ترجمان پاڪستان تي الزام هنيو آهي ته هو وڏي عرصي کان ڳجهي نموني هٿيار حاصل ڪري رهيو آهي. ان ڪري آمريڪي حڪومت ۽ ڪانگريس کي ان معاملي تي ڀارتي حڪومت جي انديشن کان آگاهه ڪيو پيو وڃي ته جيئن آمريڪا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري.
    آمريڪا، ڀارت جي ان ڳڻتي کي بي بنياد قرار ڏيندي کيس يقين ڏياريو آهي ته برائون ترميم جي منظوريءَ کان پوءِ پاڪستان کي ملندڙ سامان جنگي نوعيت جو ناهي ۽ ان سان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ طاقت جو توازن خراب نه ٿيندو. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نڪولس برنز صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستان کي هٿيارن جي فراهميءَ سان علائقي ۾ ڀارت جي فوجي بالادستيءَ ۾ ٿورو فرق پوندو. تنهن هوندي به آمريڪا کي ڀارت طرفان ذميدارانه ردعمل جي اميد آهي.
    بهرحال ڀارت ڪنهن به طرح پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بهتريءَ جو خواهشمند ناهي. هو برائون ترميم هيٺ پاڪستان کي ملندڙ پنهنجي حق کان محروم ڪرڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوششن ۾ مصروف آهي. آمريڪي هائوس ۾ موجود ڀارتي لابي ڪجهه مهينا اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير وارن ڪرسٽوفر کي خط لکيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته، ”جيستائين پاڪستان پنهنجو ائٽمي پروگرام نه ٿو روڪي، ان وقت تائين ان کي ان طرح جي سازسامان ڏيڻ پريسلر ترميم جي ڀڃڪڙي ٿيندو ۽ اهو آمريڪي مفادن جي به خلاف ٿيندو.“
    آمريڪا ۾ موجود پاڪستاني سفير مليحا لوڌي ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۾ ڀارتي لابي جا پراڻا کيڏاري برائون ترميم جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ ٻي ترميم سينيٽ ۾ آڻڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اندر سينيٽر فاٽين بٽالين پنهنجي ساٿين جي مدد سان هڪ ٻي ترميم پيش ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. ان ترميم ذريعي سندس ڪوشش هوندي ته برائون ترميم جي ان حصي کي ختم ڪيو وڃي، جنهن جي ذريعي پاڪستان کي فوجي سامان ملڻو آهي. جنهن جو مطلب اهو ئي آهي ته واشنگٽن ۾ برائون ترميم جي جسم مان روح ڪڍڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. پاڪستان کي پنهنجي ڪوششن ذريعي حاصل ٿيل ثمر کان محروم ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ان ڪري اهو سمجهڻ ته برائون ترميم سان سڀ ڪجهه حاصل ٿي ويو آهي، هڪ خوشفهمي ئي چئي سگهجي ٿي. برائون ترميم جي اهميت کان ڪو انڪار ڪري نه ٿو سگهجي، پر حاصل ٿيل ان سوڀ کي پنهنجي توڙ تائين رسائڻ ۽ ان ڏس ۾ ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بنائڻ لاءِ اڃا اڻٿڪ جدوجهد ۽ صبر آزما حوصلي جي ضرورت آهي. اسان سمجهون ٿا ته جهڙي طرح موجوده حڪومت پنهنجي سفارتي ڪوششن ذريعي آمريڪي سينيٽ مان هي ترميم منظور ڪرائي آهي، ان ئي جوش، جذبي ۽ ولولي سان ان کي آمريڪي ايوان نمائندگان مان به قانون جي شڪل ڏيارڻ لاءِ زبردست جدوجهد ڪئي ويندي ۽ ڀارت طرفان ان جي ردعمل ۾ سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ امڪاني ترميم جي ناڪاميءَ جا اڳواٽ بندوبست ڪيا ويندا.

    (ڇپيل، روازني عوامي آواز ڪراچي، 25 سيپٽمبر 1995ع)


    قصو بنياد پرست انقلاب آڻڻ جو فوجي آفيسرن جي گرفتاري: پس منظر ۽ اثر

    اٽڪ چيڪ پوسٽ تي خطرناڪ هٿيارن سان ڀريل فوجي گاڏي پڪڙجڻ ۽ مظفرآباد مان حرڪت الانصار تنظيم سان واسطو رکندڙ هڪ ڪشميري ويڙهاڪ جي گرفتاريءَ کانپوءِ پاڪستان ۾ هڪ بنياد پرست اسلامي فوجي انقلاب آڻڻ جي سازش سوڀ کان اڳ پنهنجي انجام کي رسي چڪي آهي. ملڪ ۾ بنياد پرست سياسي/مذهبي گروپن ۽ ڪجهه مُهم جو فوجي آفيسرن هلندڙ مهيني هڪ اهڙي قسم جي بغاوت ذريعي اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو سٽيو هو، جنهن سان نه صرف جمهوريت جو اُسرندڙ ٻوٽو ڪچيءَ ۾ ئي چيڀاٽجي وڃي ها، پر پاڪستان لاءِ داخلي ۽ خارجي سطح تي وڏن هاڃن ۽ مصيبتن کي جنم ڏئي ها.
    هن خطرناڪ سازش جو ان وقت ڀانڊو ڦاٽي پيو، جڏهن ڪجهه هفتا اڳ مظفرآباد مان ڪشميري ويڙهاڪ تنظيم حرڪت الانصار جي هڪ ڪارڪن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيل ڪارڪن فوجي اختيارين آڏو ان سازش جو انڪشاف ڪيو. جنهن مان معلوم ٿيو ته فوجي آفيسرن جو هڪ گروپ، جنهن جا ڪشميري تنظيمن حرڪت الانصار ۽ حزب المجاهدين سان واسطا آهن، ملڪ اندر بغاوت ذريعي اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪرڻ گهري ٿو. جيئن پاڪستان ۾ نه صرف ”اسلامي انقلاب“ آندو وڃي پر والاريل ڪشمير کي به فوجي طاقت جي زور تي آزاد ڪرايو وڃي.

    سازش جو انڪشاف:
    ڪشميري ويڙهاڪ جي گرفتاريءَ ۽ انڪشافن کانپوءِ فوج جي اعليٰ قيادت معاملي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي طرفان جاچ جوچ شروع ڪري ڏني. گذريل مهيني اٽڪ چيڪ پوسٽ تي هڪ فوجي آفيسر جي گاڏي کي روڪيو ويو. جنهن مان وڏي تعداد ۾ خوفناڪ هٿيار هٿ ڪيا ويا. ان فوجي آفيسر جي گاڏيءَ ۾ ڊرائيور کان سواءِ ٻيو ڪو به ماڻهو موجود نه هيو. هڪ انگريزي اخبار جي نيوز انٽيليجنس يونٽ جي رپورٽ مطابق اها گاڏي برگيڊيئر مستنصر بلا جي قافلي جو هڪ حصو هئي. جيڪو آرمي ايويئيشن ڪمانڊر سان گڏ سرحد جي قبائلي علائقن جي دوري تان واپس اچي رهيو هو. هن اٽڪ چيڪ پوسٽ جي عملي کي چورايو ته سندس پٺيان ايندڙ گاڏيءَ جي ڪا به چيڪنگ نه ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته هو هڪ سرڪاري مشن تي آهن. جڏهن ته چيڪ پوسٽ جي عملي کي اڳواٽ ئي معاملي کان خبردار ڪيو ويو هو. تنهن ڪري گاڏي جي چڪاس دوران راولپنڊي ايندڙ هٿيارن جي وڏي کيپ پڪڙجڻ سان گڏ مهم جوئي به پنهنجن مڙني پاسن کان نروار ٿي پئي.
    اٽڪ چيڪ پوسٽ تي ان ڊرامائي واقعي پيش اچڻ کانپوءِ هٿياربند فوج جي ڊائريڪٽر جنرل انفنٽري ميجر جنرل ظهير الاسلام عباسي، برگيڊيئر مستنصر بلا، ڪرنل طارق ۽ ڪرنل زاهد سميت ڪيترن ئي اعليٰ فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي گرفتار ڪيو ويو. جن جو تعداد 36 کان 40 تائين ٻڌايو وڃي ٿو. گرفتار ٿيلن کان بلوچستان جي نامعلوم علائقي ۾ فوج جي اسپيشل انويسٽيگيشن سيل طرفان جاچ ڪئي پئي وڃي.
    جيتوڻيڪ سرڪاري ۽ عسڪري ذريعا هن معاملي جا تفصيل ٻڌائڻ کان مڪمل طرح پرهيز ڪري رهيا آهن. پر معاملو جيئن پوءِ تيئن ملڪي ۽ عالمي ميڊيا جي تبصرن ۽ سرگوشين جو محور بڻجي رهيو آهي. پهريون ڀيرو فوجي آفيسرن جي گرفتاريءَ جو انڪشاف مسلم ليگ (جوڻيجو) جي سينيٽر طارق چوڌري پنهنجي ”ميٽ دي پريس“ پروگرام ۾ ڪيو هو. سندس ان انڪشاف جي چئن ڏينهن کانپوءِ وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ايڊيٽرن سان ملاقات دوران انهن گرفتارين جي تصديق ڪندي چيو هو ته، ”ڪجهه فوجي آفيسرن کي ’غير پيشيورانه‘ سرگرمين ۾ ملوث هجڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. جن متعلق مڪمل جاچ ٿيڻ کانپوءِ حقيقتون پڌريون ڪيون وينديون.“
    عسڪري ذريعا في الحال هن معاملي تي مڪمل خاموش آهن. پر ذريعن ٻڌايو آهي ته جاچ دوران بنيادي حوالو فوج جي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ۽ ملٽري رولز هيٺ عائد ٿيل ذميوارين کي اورانگهڻ ٻڌايو پيو وڃي. ڪجهه آفيسرن تي لاڳو ڪيل الزامن جو واسطو هٿيارن سان به آهي. واقعي کانپوءِ احتسابي نظام حرڪت ۾ اچي ويو. فوج جي جيگ برانچ موجب جاچ کانپوءِ سامهون ايندڙ حقيقتن جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. جنهن ۾ ڪورٽ مارشل به ٿي سگهي ٿو. ذريعن جي مطابق ان ڪيس ۾ ڪجهه سويلين به ملوث آهن. جن جو تعداد ٻه ٻڌايو وڃي ٿو. تنهن هوندي به انهن فوجي آفيسرن جي ٻين سويلين سان رابطن جي باري ۾ تحقيقات ڪئي پئي وڃي. ڪجهه اهي به اطلاع آهن ته مفتي محمد سعيد نالي هڪ شخص کي ان سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن جو واسطو ”تحفظ ختم نبوت“ نالي هڪ مذهبي گروپ سان آهي.
    ڪجهه مبصر هن سازش ۾ ڪجهه رٽائرڊ فوجي آفيسرن جا نالا به وٺي رهيا آهن. جن ۾ خاص ڪري تازو رٽائرڊ ٿيل ملٽري جي انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جو سربراهه ليفٽينينٽ جنرل جاويد ناصر به شامل آهي. فوج جي موجوده سربراهه جنرل عبدالوحيد مئي 1993ع ۾ پنهنجون نئون عهدو سنڀالڻ کانپوءِ جاويد ناصر کي ان الزام هيٺ معطل ڪيو هو ته هو دنيا جي گهٽ ۾ گهٽ 12 کن ملڪن اندر مسلم باغين کي فوجي امداد ۽ تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي. جاويد ناصر کانسواءِ آءِ ايس آءِ مان سندس 24 کن ساٿين کي به ساڳي الزام هيٺ الڳ ڪيو ويو هو. هن وقت رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل جاويد ناصر دنيا اندر اسلام جي تبليغ ۾ مشغول آهي. ذريعا ٻڌائن ٿا ته تازو گرفتار ٿيل فوجي عملدارن جا جاويد ناصر سان ويجها لاڳاپا آهن. جاويد ناصر ئي فوج اندر بنياد پرستن جو هڪ گروپ تيار ڪيو هو. في الحال جاچ ۾ ليفٽينينٽ جنرل (ر) جاويد ناصر کي شامل نه ڪيو ويو آهي.


    گرفتار ٿيل فوجي عملدار:
    تازو اٽڪ چيڪ پوسٽ واقعي کانپوءِ گرفتار ٿيل ڊائريڪٽر جنرل انفنٽري ميجر جنرل ظهيرالاسلام هن کان اڳ ڀارت ۾ فوجي اتاشي به رهي چڪو آهي. کيس اتان ڀارتي عملدارن اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي ملڪ نيڪالي ڏني هئي. برگيڊيئر مستنصر بالا، بلوچ ريجمينٽ جو آفيسر آهي. جڏهن ته ٻين گرفتار ٿيل فوجي عملدارن ۾ ڪرنل ڪياني، ڪرنل زاهد ۽ ڪرنل امجد شامل آهن. هنن آفيسرن کي ڪور ڪمانڊرن جي گذريل اجلاس کان 5 ڏينهن پهريان جاچ ۾ شامل ڪيو ويو. هنن کي ملٽري انٽيليجنس جي سربراهه ميجر جنرل علي قلي خان جي طرفان رپورٽ ڪرڻ کانپوءِ سوگهو ڪيو ويو. شروعات ۾ گرفتار ٿيل عملدارن جو تعداد 14 هيو. بعد ۾ تحقيقات کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو. جنهن سان هي تعداد 36 ۽ 40 جي وچ ۾ ٻڌايو وڃي ٿو.

    ملڪي سياستدانن جو رد عمل:
    جيتوڻيڪ ملڪ جي مڙني سياستدانن، جن جو واسطو چاهي حڪمران ڌر يا مخالف ڌر سان هجي، هن حساس مسئلي تي محتاط رد عمل ظاهر ڪيو آهي. پر پوءِ به جماعت اسلامي ۽ سپاهه صحابه طرفان جنهن سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ويو آهي. سو انتهائي معنيٰ خيز معلوم ٿئي ٿو. جماعت اسلامي جي سربراهه قاضي حسين احمد، اعليٰ فوجي آفيسرن جي گرفتاريءَ جي مسئلي تي ملڪ جي مڙني سياستدانن، ديني ۽ مذهبي رهنمائن، محب وطن رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملازمن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هن قومي مسئلي تي متفق موقف اختيار ڪن ۽ حڪمرانن کي قومي دفاع جي متعلق معاملن ۾ هڪ طرفي ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏين. هن چيو آهي ته ڪنهن به مفروضي ۽ سازش کي بهانو بڻائي پاڪستان جي فوج جي اتحاد کي مجروح ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. قاضي حسين احمد سوال ڪيو آهي ته ڇا حڪومت آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج مان الجزائر ۽ مصر وانگر مذهبي عنصرن جي نيڪالي جو عمل ته شروع نه ڪيو آهي؟
    سپاهه صحابه جي سرپرست اعليٰ مولانا ضياالرحمٰن فاروقي چيو آهي ته گرفتار فوجي آفيسرن جو واسطو ديندار طبقي سان آهي. هن مطالبو ڪيو آهي ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته انهن فوجي آفيسرن کي ڇو گرفتار ڪيو ويو آهي. جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا اجمل خان چيو آهي ته وزيراعظم قوم کي ٻڌائي ته فوجي آفيسرن کي ڪهڙن سببن جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي. حڪومت اصل حقيقتون سامهون آڻي ۽ قوم جي نمائندن کي اعتماد ۾ وٺي.
    جنرل رٽائرڊ مرزا اسلم بيگ جو رد عمل انتهائي محتاط آهي ۽ هن چيو آهي ته جن سينئر فوجي آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن مان ڪجهه آفيسر منهنجا ساٿي رهي چڪا آهن ۽ اهي ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن. انهن مان ڪجهه منهنجا ذاتي دوست به رهيا آهن.
    مسلم ليگ (ج) جي رهنما سينيٽر طارق چوڌري جنهن هنن گرفتارين جي پهريون ڀيرو ڄاڻ ڏني هئي، چيو آهي ته فوجي آفيسرن جي گرفتاري ۽ ان جي باري ۾ شايع ٿيندڙ خبرن سان صورتحال انتهائي مشڪل ٿي وئي آهي ۽ حساس ادارا وري ڌيان ڏياري رهيا آهن ته قوم ۾ نئون تضاد اُڀارڻ ۽ پاڪستان کي الجزائر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو آهي ته انهن حالتن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ هڪدم اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس گهرائي معاملي کي انهن فورمن تي آڻڻ گهرجي.
    قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ جي ڪجهه ميمبرن هن معاملي جي باري ۾ التويٰ جون تحريڪون به روانيون ڪيون آهن. انهن ميمبرن ۾ سينيٽر طارق چوڌري به شامل آهي. معتبر ذريعن موجب حڪومت فوجي آفيسرن جي گرفتاريءَ ۽ تحقيقات جي رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن مطابق بچاءُ واري وزارت قومي اسيمبليءَ يا سينيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪندي.
    اسان جي پياري پاڪستان ۾ هي ڪو پهريون ڀيرو ڪو نه آهي جو ڪنهن سازش سٽڻ يا بغاوت ڪرڻ جي الزام هيٺ اعليٰ فوجي عملدار گرفتار ٿيا هجن. هن کان اڳ فوج ٽي ڀيرا حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ مارشل لا لڳائڻ ۾ ملوث رهي آهي. پهريون ڀيرو جنرل ايوب خان، بعد ۾ يحيٰ خان ۽ آخر ۾ جنرل ضياءُالحق ڪامياب فوجي بغاوتن هيٺ اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ ملڪ مٿان مارشل لا مڙهي ڇڏي. هر ڀيري اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ انتهائي خوبصورت ۽ خاص ڪري مذهبي نعرا هنيا ويا. انهن ڪامياب فوجي انقلابن کانسواءِ به اهڙيون ناڪام ڪوششون ٿينديون رهيون، جنهن ۾ سازش سٽيندڙ فوجي عملدار گرفتار ڪيا ويا ۽ کين سزائون ڏنيون ويون.
    سڀ کان پهريان 1950ع ۾ فوجي آفيسر گرفتار ٿيا هئا. جن کي ڪميونسٽ گروپ قرار ڏنو ويو. انهن فوجي آفيسرن سان گڏ مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض به گرفتار ڪيو ويو. سندن مٿان الزام هو ته هو فوجي انقلاب ذريعي ملڪ اندر ڪميونسٽ نظام نافذ ڪرڻ گهرن پيا. هي ڪيس ”راولپنڊي سازش ڪيس“ طور مشهور ٿيو. 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي خلاف فوجي بغاوت جي الزام ۾ وڏي گروپ کي گرفتار ڪيو ويو. انهن تي ڪيس هليو ۽ کين سزائون مليون هيون. بعد ۾ 1980ع ڌاري جنرل ضياءُالحق جي خلاف فوجي سازش پڪڙي وئي، جنهن ۾ رٽائرڊ ميجر جنرل تجمل حسين ملوث هيو.
    تازو فوجي آفيسرن جي گرفتارين قوم کي نون وسوسن ۽ انديشن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سڄو ملڪ مختلف قسم جي افواهن جي گهيري ۾ آهي. هر ماڻهو اهو معلوم ڪرڻ لاءِ بي چين آهي ته اعليٰ ادارن ۾ سندن قسمت متعلق ڪهڙا فيصلا، سازشون يا رٿابنديون ٿي رهيون آهن. هن وقت جڏهن ملڪ جي سياسي فضا اڳ ئي منجهيل ۽ غير شفاف آهي، هڪ طرف ڪشمير معاملي سبب ملڪ جي سرحدن تي خطرا موجود آهن ۽ ٻئي طرف افغان صورتحال سبب پاڪستان لاءِ نيون پريشانيون پيدا ٿي رهيون آهن. ان وقت هن قسم جو واقعو عام ماڻهن جي نفسيات تي انتهائي خراب اثر ڇڏي سگهي ٿو. ان ڪري وقت جي تقاضا آهي ته عوام جا ذهن صاف ڪرڻ لاءِ کين اصل صورتحال کان بنا ڪنهن دير جي آگاهه ڪيو وڃي. ڇو ته عالمي نشرياتي ۽ اشاعتي ادارا معاملي بابت مختلف قسم جا افواهه ڦهلائي رهيا آهن. ڪي گرفتار ٿيل فوجي عملدارن کي بنياد پرست قرار ڏئي رهيا آهن ته ڪي وري گرفتارين جا سبب سياسي ٻڌائي رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه عنصر واري ان صورتحال سان حڪومت ۽ فوج وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ يا اجائي قسم جي بدگمانيءَ واري فضا پيدا ڪرڻ جي سازشن ۾ رڌل آهن. ان ڪري ملڪ ۽ خاص ڪري هٿياربند فوج جي مجموعي تاثر تي ڪنهن به قسم جو منفي اثر پوڻ کان اڳ افواهن جو خاتمو آندو وڃي. انهن عنصرن کي به پڌرو ڪيو وڃي، جيڪي ملڪ جي سياسي استحڪام ۽ جمهوري ادارن کي نقصان رسائڻ جي سازشن ۾ شريڪ آهن.

    (ڇپيل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، آڪٽوبر 1995ع)


    ڇڙو اڳين جا پاسبان يا اونداهين جا رکوالا

    اسان هڪ آزاد ۽ جمهوري ملڪ جا شهري آهيون. اسان کي سڀ ڪجهه ڪرڻ، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ چرپر ڪرڻ جي مڪمل ڇڙواڳي حاصل آهي. اسان ايڏا ته کليل ذهن ۽ ڪشادي دل جا مالڪ آهيون، جو ڪنهن به ملڪ جي چور، ڌاڙيل، دهشتگرد، تخريبڪار، نظرياتي مخالف جي ملڪ ۾ داخلا تي ارها نه ٿيندا آهيون نه وري سندن چرپر تي ڪا نظر رکڻ جي ضرورت محسوس ڪندا آهيون. ڀلا اسان کان ڪو ڏاڍو ٿي ويندو، جو اسان جي مرضيءَ کان سواءِ هتي وتي الوليون ڪندو. اسان جي اهائي درياهه دلي آهي جو افغان ويڙهاڪ، مصري دهشتگرد، الجزائري بنياد پرست ۽ ايراني انتها پسند نه صرف پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ ڪارروايون ڪرڻ کان پوءِ هتي اچي پناهه وٺندا آهن، پر هتي به کين دل پشوري ڪرڻ جي کليل ڇڙواڳي حاصل هوندي آهي. اسان ٻاهران ايندڙ مهمانن کي نه صرف اهڙن عملن جي مڪمل آزادي ڏيندا آهيون، پر کين ان ثواب واري ڪم ۾ هڙئون وڙئون مدد به ڏيندا آهيون. ڀلا اسان اهڙا سکڻا ۽ پالها ته ڪونه آهيون، جو ڪنهن کي ڪلاشنڪوفون، بم ۽ ٻيو بارود نه ڏئي سگهون. جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهون ته ڀلا افغانن جي مهمان نوازي ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو ٿيندو. پاڻ کي اسلامي ملڪن جو مهندار سڏائڻ ۽ ثابت ڪرڻ ۾ ڪيئن ڪاميابي حاصل ٿيندي!
    اسلامي جمهوريه پاڪستان جي جمهوري حڪومت کي ڪهڙي مجال آهي، جو اسان جي اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري واري عمل ۾ رڪاوٽ وجهي. مصرين، الجزائرين، ايرانين، افغانين کي هٿ لائي پاڻ کي ڪافرن ۽ واجب القتل حڪمرانن جي صف ۾ آڻي بيهاري. اهو ئي سبب آهي جو اسان اسلام جي احترام جوڳي نالي هيٺ ۽ ”جهاد“ جي اڻ ملهه اصول هيٺ سڀ ڪجهه ڪرڻ، ڪرائڻ ۽ مستقبل لاءِ رٿابندي ڪرڻ لاءِ مڪمل آزاد آهيون، اسان کان ڪابه پڇا ڳاڇا حرام آهي. مذهب جي نالي تي هيروئن وڪڻڻ، ڏوڏي جي پوک کي جائز قرار ڏيڻ، ڪلاشنڪوف ۽ بم گڏ ڪرڻ ۽ انهن جو آزاد استعمال سڀ عين اسلامي اصولن موجب آهي. اسان اسلام جهڙي آفاقي مذهب کي جيئن سمجهيو ۽ استعمال ڪيو آهي ان ۾ ڪو به اسان جو مقابلو ڪرڻ جي همت ساري نه ٿو سگهي. رحمت العالمين کي اسان صرف پنهنجو پاڻ لاءِ رحمت الجماعتين بڻائي ڇڏيو آهي. اسلام جي شهر آفاق تصور کي سوڙهو ڪري بنياد پرستيءَ ۽ انتها پسنديءَ واري بوتل ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي۔ ان بوتل جي حفاظت لاءِ ڪلاشنڪوفون سڌيون ڪيون ويٺا آهيون. متان ڪو اها دولت اسان کان ڇني وٺي!
    اسان ايڏا ڀاڙيا به ڪونه آهيون، نه وري پاڻ کي اڪيلو ڏسڻ جا خواهشمند آهيون، ان ڪري اسان جون ياريون باشيون مصر ۽ الجزائر جي انتها پسندن، افغانستان ۽ ايران جي نام نهاد مجاهدن سان به ڳنڍيل آهن. آمريڪا، يورپ ۽ نار جي ملڪن جا ديندار به اسان سان ٻانهن ٻيلي آهن، ڀلا جي جهازن رستي ”جهاد“ لاءِ هٿيار نه ٿا موڪلي سگهن ته پوءِ پئسي ڏوڪڙ لاءِ ته ڪي بندشون موجود نه آهن. هونئن به اسان جي قبائلي علائقن ۽ افغان ڀائرن وٽ هٿيار جي ڪا کوٽ آهي ڇا؟ جو اسان وتون هروڀرو وقت جو زيان ۽ تڪليف ڪندا. دين جي نالي تي دنيا ۽ دنيا جي نالي دين کي جئين اسان ملائي ۽ گڏائي مڪسچر بڻائي ڇڏيو آهي، ان کي ڇنڻ جو ڪو جسارت ڪري نه ٿو سگهي. ڀلا ڪنهن کي واجب القتل ۽ ڪافر ٿيڻ جو شوق ته ڪونهي.
    اسان جا دشمن، جيڪي پاڻ کي جمهوريت پسند، آزاد خيال، ترقي پسند، سيڪيولر ۽ انسان دوست سڏائن جي عياشيءَ ۾ مصروف آهن، تن وٽ لفظن ۽ خوبصورت نعرن کان سواءِ رکيو ئي ڇا آهي. هو ته صرف ”هو جمالو“ ڳائڻ، نچڻ ۽ ڪڏڻ ۾ پورا آهن. هنن کي رڳو رياستي ادارن تي ڀروسو آهي. جيڪي ”جنهن جي لٺ، تنهن جي مينهن“ واري اصول تي هميشه پڪا پختا رهيا آهن. جنهن جي هٿ ۾ باٺو اچي ويو، هو ان جي سلامي ڏيندي دير نه ڪندا آهن. ڀلا رياستي ادارن ۾ سڀ سندن حمايتي ته نه آهن. اڌ کان وڌيڪ ”ديندار“ ۽ ”جهادي“ اسان جا جانثار ساٿي آهن. هي ته سول ادارن جي ڳالهه ڪن ٿا، پر ملڪ جي اصل ”سرڪاري سگهه“ ۾ به اسان جا رابطا ۽ واسطا هاڻ ايڏا ڪمزور نه رهيا آهن. جيڪڏهن اتان به خدا جي فضل سان ڪو چاڙهو ٿي پيو ته پوءِ مٺ جيترن شرپسندن کي ڊوڙائي ساڻو ڪري ملڪ جون سرحدون به ٽپائي ڇڏينداسين. پوءِ افغانستان وارا اسان سان ”جهاد“ ۾ مقابلو ڪري سگهن. ڪابل ۾ ٿيندڙ ناٽڪ، اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ ڪراچيءَ ۾ هلندڙ اصلي فلم سان مقابلو ڪري ڏيکاري.
    هونئن به اسان رياض ۾ بم ڌماڪا ڪري، اسلام آباد ۾ مصر جي سفارتخاني کي اڏائي، فرانس ۾ گرنيڊ ڦاڙي ننڍا ننڍا ٽيلر ته ڏيکاري چڪا آهيون. ملڪ جي اصل ”سرڪاري سگهه“ ۾ موجود اسان جي جوڌن به پنهنجن ڪرتبن سان دنيا جي ڀليل ماڻهن کي هڪ سمجهڻ جهڙو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪا ڳالهه ڪونهي جو اسان صدر، وزيراعظم ۽ اصل ”سرڪاري سگهه“ جي مهندارن کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ ۾ ڪا تڪڙي ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي پر ان کي اسان جي ناڪامي سمجهڻ به بي وقوفي ئي چئي سگهجي ٿو. ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اصل ”سرڪاري سگهه“ ۾ اسان کي پذيرائي حاصل ٿي نه ٿي سگهي ته پوءِ اسان جا لاهور جي پسگردائيءَ ۾، پنجاب جي کيتن ۾، پشاور جي گردنواح ۾ ۽ ڪراچيءَ جي پوئتي پيل ۽ غير قانوني آباد ٿيل بستين ۾ موجود ”ٿنڊر اسڪواڊ“ طالبان کان ڪا گهٽ قوت ته ثابت نه ٿيندا. هاڻ به اسان جا مرڪز بنا جهل پل جي هٿيارن جا انبار گڏ ڪري رهيا آهن. انهن جي استعمال جا گر سکڻ لاءِ قنڌار، بوسنيا، مصر، الجزائر ۽ ٻين ويڙهه جي ٺڪاڻن تي پهچڻ ۾ ڪا رنڊ روڪ به ڪونهي. پوءِ به اسان کي صرف اهو مهڻو ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي ته اسان کي عوام جي اڪثريت جي حمايت ڪانهي. اسان مغربي جمهوريت هيٺ ووٽ حاصل ڪرڻ جي لائق ناهيون. اسان کي اهڙو مهڻو ۽ طعنو ڏيندڙن کي اسان جي آقا ۽ مرشد جنرل ضياالحق کي نه وسارڻ گهرجي. ان به مغربي جمهوريت واري تائيد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ کان سواءِ ملڪ مٿان 10-11 سال حڪمراني ڪئي هئي. پر اسان وٽ ته ان کان به مضبوط هٿيار موجود آهي. جنهن جي هر طرح جي استعمال تي ڪو آڱر کڻي ته ڏيکاري.
    آخرڪار، هي ملڪ اسان واري ئي عقيدي تحت حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ترقي، تعمير وارا عالمي ۽ آفاقي قدر ڪيئن جالي سگهندا. هن ملڪ جي ڦيٿي کي ڪو اڳتي ڦيرائي ته سگهي. ڪو ترقي پسندي، آزاد خيالي ۽ سيڪيولر ازم وارا تصور اپنائي ته ڏسي. اسان آخر ۾ ”اول“ بڻجڻ واري منزل ماڻي ئي رهنداسين. اسان دنيا ۾ اٿندڙ روشني ۽ سوجهري واري تصور کي ڌڪي اونداهين جي رکوالي ڪنداسين. ڇاڪاڻ ته اسان هن ملڪ ۽ ان جي اٻوجهه عوام جا ئي حقيقي هڏڏوکي ۽ سڄڻ آهيون!
    اسان وارو پنهنجو پاڪستان- زنده باد!!!

    (ڇپيل روزاني عوامي آواز ڪراچي، 28 نومبر 1995ع)


    چريائپ جي طوفان ۾ بانبڙا پائيندڙ سياڻا سيبتا ماڻهو

    اسان سنڌي ماڻهو گونگي گانءِ، چريا کريا، هن الله لوڪن جي ملڪ ۾ عجوبا بڻجي ويا آهيون. ڪو انسان سمجهڻ ته ڇا پر رڍ ٻڪري سمجهي گاهه وجهڻ لاءِ به تيار ڪونهي. جيئن اسين چئون، جيئن اسين سوچيون، لڇئون ڦٿڪئون، ڪو ڳالهه سمجهڻ جي تڪليف ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. يارن طرفان هر انهيءَ عمل جي مخالفت ڪرڻي آهي، جنهن سان سڀني کي ماڻهپو موٽي ملي، هيءُ ملڪ مان ۽ مرتبو ماڻي. هتان جهالت، اڻ سهپ، غير رواداري، انتها پسندي ۽ جنونيت جو خاتمو ٿئي. پر يار اصل ڌرتيءَ تي پير رکڻ لاءِ تيار نه ٿا ٿين. هوائن ۾ پيا اڏامن. پاڻ کي افضل ۽ اعلى، ترقي يافته ۽ جديديت پسند سڏائڻ لاءِ اهڙيون مشڪريون مچايون ويٺا آهن، جو سندن مٿان دنيا وارا ته ڇا، پر آسمان ۾ ويٺل ملائڪ سڳورا به ٽهڪ ويٺا ٿا ڏين. ديناداستي، کليو کلايو، ڏينهن ڏٺي جو ٺڳي ۽ مڪاري ڪيو پاڻ کي ديندار سڏائيندا وتن. حق، سچ ۽ انصاف وارا لفظ ۽ محاورا ته اصل ۾ سندن در جا غلام بڻجي ويا آهن. حق پرست به آهن، سچار به آهن، انصاف جا اصول، ماڻ ماپا، وٽ ترازيون به سندن ئي ميراث بڻيل آهن. اسان لاءِ ته اهڙا لقب ۽ القاب سوچڻ به گناهه بڻجي ويو آهي.
    چون ٿا ته اوهان اڻ سڌريل، ڌنار، اوٺار، اُٺي تي تڙ ڪندڙ، ڪند ذهن ۽ موڳا مٽر آهيو. ان ڪري اوهان ماٺ ڪيو ويٺا رنگيءَ جا رنگ ڏسو. حيرتن ۾ غرق ٿي ويٺا الاهي رمزون ماڻڻ لاءِ تپسيا ۽ گيان وگيان ڪيو. هو ته اهو به اسان مٿان ٿورو ٿڦڻ ۾ دير نه ٿا ڪن ته اسان جو زندهه سلامت، جيئرو جاڳندو رهڻ به سندن وڏو وڙ آهي. نه ته اسان ته اهڙا جهنگلي ۽ وحشي آهيون، جو انڌا منڊا شهر ڇڏيو، ڳوٺ پٽيو وتئون ها وڻن تي رهندا. جبلن جي غارن ۾ باهڙي ٽمڪايو پيا هڪ ٻئي جو هڏ ۽ ماس چٻيون ها. انهن ئي مهربانين جي مهابي هو چون ٿا ته اسان کي نه صرف سندن ٿورائتو ٿيڻ گهرجي. پر باقي رهيل کهيل ڌن ۽ دولت ميڙي چونڊي سندن جهوليءَ ۾ وجهي سندن احسانن جا ترانا ڳائڻ گهرجن.
    اسان گندا بندا، جڏهن چوندا هياسين ته ٻيلي ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿ وٺي نه وٺايو، ماڻهن کي فرقن ۽ ٽولن ۾ نه ورهايو. اسلام جي آفاقي اصولن جي پنهنجي من پسند مفادن جي لاءِ ڀڃ ڊاهه نه ڪيو، ته چوڌاري ٻاڪار مچي ويندي هئي، ته هي ماڻهو دهريا ٿي ويا آهن. ڪافرن جي قطار ۾ هليا ويا آهن. کين واجب القتل قرار ڏيو. ملڪ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍو. اسان چريا کريا کلي پوندا هئاسين. سندن پاڳلپڻي تي ٽهڪ ڏيندا هئاسين.
    اسان چوندا هياسين ته يار پراون معاملن ۾ ٽنگ نه اٽڪايو. افعانستان واري باهه ۾ پنهنجي نسل کي ٻارڻ نه بڻايو. افغان پناهگيرن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي جاءِ ڏئي، ڇڙواڳ ڇڏي، ملڪ لاءِ مصيبتون پيدا نه ڪيو. ته اسان مٿان تهمتن جا انبار لڳي ويندا هيا. اسان کي سياسي سمجهه ۽ سفارتي ڏاهپ کان ڪورو ڄٽ قرار ڏيندي موڳن مٽرن جي قطار ۾ بيهاريو ويندو هيو.
    اسان ڌنار ۽ گڏهه چاريندڙ ماڻهو ڊڄي ڊڄي جي وات مان لفظ ڪڍندا هياسين ته ڀائو ڏاها ٿيو، ملڪ جون سرحدون غير قانوني پرڏيهين لاءِ نه کوليو، بنگالين، برمين، ايرانين، هندستانين ۽ ٻين کي بنا جهل پل جي هتي اچڻ نه ڏيو. بهارين جا ڪٽڪ نه گهرايو، پر اسان چرين ماڻهن جي ڳالهين کي ڀوڳ سمجهي ٽاريو ويندو هو. ان کي ملڪي استحڪام، اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري خلاف قرار ڏيندي اسان مٿان تبرا ڪيا ويندا هيا.
    پر اڄ اسان چرين ماڻهن وارو ساڳيو دورو عقلمند، ڏاهن، اڪابرن، مها دانشورن ۽ عقل ڪُل ”فيل مستن“ کي به پيو آهي. هو به هاڻ اسان واريون هوائي ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. هو رکي رکي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، جو اسان چرين ماڻهن جو دماغ چڪرائجي وڃي ٿو. اسان پنهنجي چريائپ تي به شڪ ڪرڻ لڳا آهيون. ڪٿي ايئن ته ڪونهي، جو اسان وارا فيل مست ڀاڙي بڻجي اسان چرين واري قطار ۾ شامل ٿي ويا هجن. نه ته ڀلا سياڻا سيبتا ماڻهو اها ڳالهه ڪيئن ڪندا ته افعانستان واري ”جهاد“ ۾ آڱريون وڍائي شهيدن ۾ شمار ٿيڻ غلط ڳالهه هئي. افغان ڀائرن جي ميزباني ڪرڻ پاڳلپڻو هو. ملڪ جون سرحدون غير قانوني ماڻهن لاءِ کولڻ بي وقوفي هئي. بهارين جو ٺيڪو پاڪستان کي نه کڻڻ کپندو هو. مذهبي انتهاپسند ڌرين کي ڇيڪ ڇڏڻ وڏي ڀل هئي ۽ هاڻي غير قانوني پرڏيهين کي نه گهرائبو، افغاني به واپس ڪبا، فرقيواريت ڦهلائيندڙن کي به لغام ڏبو.
    اهي چريائپ ۽ بي وقوفيءَ واريون ڳالهيون اهي ماڻهو ڪن ٿا، جيڪي ڪالهه تائين ائين سوچڻ کي به ڪبيرو گناهه سمجهندا هئا. پاڻ کي باشعور، ترقي يافته، ذهين ۽ ڏاهو قرار ڏيڻ ۾ اُٺ ڪتابن جا لکي چڪا هئا. لکين پنا ڪارا ڪري چڪا هئا. خبر ناهي ته اهرا سياڻا سيبتا ماڻهو هاڻ ڪيئن اسان چرين جي قطار ۾ شامل ٿي ويا آهن.
    شايد 4 ڪروڙ چرين کرين سنڌي ماڻهن جي دلين مان اٿندڙ طوفان ههڙن سياڻن سيبتن ماڻهن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ۽ هو آهستي آهستي ”فيل مست“ مان تبديل ٿي، چرين جي چوئياري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بانبڙا پائڻ لڳا آهن.

    (ڇپيل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 5 ڊسمبر 1995ع)


    نواز شريف جون سنڌ دوستيءَ واريون دعوائون

    اڄ ڪالهه منهنجو وطن سنڌ، پاڪستان سطح جي ڪيترن ئي سياستدانن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. ڪي سياستدان ته سنڌ سان دوستيءَ ۽ محبت جون دعوائون ڪندي ٿڪجن به نه ٿا. جن کي اڳ سنڌي ماڻهو ڏٺي نه وڻندا هئا، سي به سندن تان گهور پيا وڃن. اسان جون اهڙيون ته خوبيون بيان ڪيون ٿيون وڃن جو اسان پاڻ به شرم وچان پاڻي پاڻي ٿي وڃون ٿا.
    پيپلز پارٽيءَ کان وٺي نواز ليگ تائين، جميعت علماءِ اسلام کان جماعت اسلاميءَ تائين سڀني جي ڌيان جو مرڪز سنڌ بڻيل آهي. وڏا وڏا دورا پيا ٿين، ماڻهو ڳولي ڳولي پنهنجا حمايتي بنائڻ لاءِ ريشم جا ڄار وڌا ويا آهن. مڇين جهڙن ماڻهن کي ڦاسائڻ ۾ ڪي يار ڪامياب به ويا آهن. پر منهنجي وطن جو عوام، جيڪو ماضيءَ ۾ ڏاڍو ڏکويل، آزاريل ۽ نظرانداز ڪيل رهيو آهي، اهي سڀ ترڪتال پري کان ويهي خاموشيءَ سان ڏسي رهيو آهي. دوستيءَ جي دعوائن لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظن جو ڇيد ڪرڻ ۾ مصروف آهي. عوام اچرج ۾ آهي ته سندن مٿان هي ڀلايون ڪهڙي ليکي ۽ لالچ هيٺ ٿي رهيون آهن. شايد سنڌين جي 4 ڪروڙ آبادي چڱن ڀلن کي هرکائي وڌو آهي. نه ته ڀلا هي ماڻهو ڪو ڌيان ڏيڻ جهڙا رهيا آهن! ووٽ جي اصل طاقت ته پنجاب وٽ رهي آهي. ان ڪري سنڌ کي ڪڏهن به ان ڏس ۾ اها اهميت نه ملي آهي، جيڪا آدمشماريءَ جا نوان انگ اکر اچڻ کان پوءِ اهميت ڏيڻ پاڪستان سطح جي سياست ڪندڙن جي مجبوري بڻجي وئي آهي.
    پاڪستان سطح جي سياست ڪندڙن جڏهن سنڌ کي پنهنجي ڌيان، عشق ۽ محبت جو مرڪز بنائڻ شروع ڪيو آهي. تڏهن مادر وطن جي قومي سياست ڪندڙ سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن کي هن موقعي تي انتهائي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. سنڌ جي بنيادي حقن متعلق صورتحال کي واضع ڪرڻ گهرجي. سنڌي عوام جي ترجيحن ۽ اوليتن کي ڀرپور انداز سان آڏو آڻڻ گهرجي. جيئن نواز شريف کان وٺي فضل الرحمان تائين، قاضي حسين احمد کان ڪنهن ٻئي مهم جو تائين سڀني کي تڪي توري سنڌ ۾ اچڻ ۽ سياست ڪرڻ جي همت ٿئي. ڇاڪاڻ جو اسان سان ماضيءَ ۾ ڏاڍا دوکا ٿيا آهن، وڏين ويساهه گهاتين مان گذرڻو پيو آهي.
    عبدالواحد آريسر کان وٺي رسول بخش پليجي تائين سنڌ جي قومي سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن کي ڪنهن ايري گيري جي حمايت ڪرڻ کان اڳ کيس سنڌ جي مسئلن تي واضع ڪرڻ گهرجي. هن وقت جڏهن نوازشريف سنڌ مٿان سر گهورڻ جون دعوائون پيو ڪري، ان وقت کيس سنڌ جي موت ۽ حياتيءَ وارن مسئلن تي واضع ٿيڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ گهرجي. مسلم ليگ هڪ طرف سنڌ کي سکيو ۽ ستابو ڏسڻ جي خواهشمند آهي ته ٻئي طرف ڪالاباغ بند جوڙڻ لاءِ پي پي جي غلام مصطفى کر کان به ٻه قدم اڳتي آهي. هڪ پاسي سنڌي ووٽرن لاءِ وهلور پئي وڃي ته ٻئي طرف سنڌ جي آدمشماريءَ وارا انگ اکر تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. بهارين جي سنڌ ۾ آمد جي حمايت ۽ بنگالين، برمين، هندستانين ۽ ٻين غير قانوني پرڏيهين جي نيڪاليءَ جي مخالفت اهڙا سوال آهن، جن تي سنڌين سان مسلم ليگ جي دوستيءَ واريون دعوائون مشڪوڪ ٿي وڃن ٿيون. سنڌ جي معدني وسيلن تي به سنڌي ماڻهن جي مالڪيءَ وارا حق همراهن جي منهن ۾ 17 گهنج وجهي ڇڏين ٿا. جڏهن ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جي سياست ۽ ان جي اوٽ ۾ دهشتگرديءَ جي ڳالهه نڪري ٿي ته مسلم ليگ جي سربراهه جي ڪراچيءَ ۾ هڪڙي ٻولي آهي ته سپر هاءِوي ٽپڻ کان پوءِ ٻي ٻولي ٿي وڃي ٿي. پاڻيءَ جي ورهاست ۽ ناڻي جي ورهاست تي پي پي ۽ مسلم ليگ (ن) جي پنجاب دوست هڪ طرفي موقف ۾ تر جيترو به فرق نظر نه ٿو اچي.
    هي سڄي صورتحال پاڪستاني سطح جي سياسي پارٽين جي ڄار ۾ ڦاسندڙ سنڌي مڇين لاءِ سوچڻ جوڳي ڳالهه آهي. جيڪڏهن سياست ڪرڻ جو معيار پنهنجي وطن جي عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ آهي ۽ عوام سان ماضيءَ ۾ ٿيل ويساهه گهاتين جي خاتمي جو سوال آهي ته صرف سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت وارن مسئلن تي پي پي، مسلم ليگ، جميعت علماءِ اسلام ۽ جماعت اسلامي کي واضع ٿيڻو پوندو. پر انهن ۾ شامل ٿيندڙ يا سڌي يا اڻ سڌي طرح سندن حمايت ڪندڙ سنڌين کي به معاملا صاف ڪرائڻا پوندا نه ته ”ادو ڄائو، ادي مئي، اسان اوترا جو اوترا“ وارو معاملو ۽ مثال ٿي ويندو.

    (ڇپيل روزاني عوامي آواز ڪراچي، 12 دسمبر 1995ع)


    سنڌ جون سياسي پارٽيون، وڏا نعرا ۽ هنبوڇيون: حاصلات زيرو

    سنڌ ۽ ان جو عوام جنهن وقت موت ۽ حياتي جي ٻه واٽي تي ٽنگيل آهي، ان وقت هتان جون سياسي پارٽيون عوام جي آجپي لاءِ ڪا سنجيده سياسي جدوجهد يا ان بابت رستو طئه ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. سنڌ ۾ ڪنهن به هڪ مسئلي يا معاملي تي لڳاتار جدوجهد ڪري ڪي نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب عوام جو ڏينهون ڏينهن سياسي پارٽيون ۽ ان جي قيادت تان اعتماد ۽ ويساه ختم ٿيندو پيو وڃي. اسان وٽ وڏو الميو اهو رهيو آهي، جو هر ننڍي وڏي پارٽي عوام جي بنيادي مسئلن بدران هميشه وڏا نعرا هنيا آهن، وڏيون دعوائون ڪيون آهن، ڪنهن به معاملي تي پنهنجي وت ۽ وس کان وڏي دعويٰ ڪرڻ ڄڻ ته هتي فيشن ٿي ويو آهي. ڀلي ڪنهن پارٽي وٽ ٽانگي ۾ ويهڻ جيترا ڪارڪن ۽ حامي هجن پر چتاءُ اهو ڏنو ويندو آهي ته اسان جو فلاڻو مطالبو تسليم نه ڪيو ويو ته ”ڌرتي ٽامون“ بڻائي ڇڏينداسين، اصل زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏينداسين، پر اهو مسئلو جيئن جو تئين رهندو آهي يا وري سنڌ جون مخالف قوتون اهو ڪارنامو سرانجام ڏئي چڪيون هونديون آهن. پر نه سنڌ جي ڌرتي ٽامون ٿيندي آهي نه وري بيانن ۽ نعرن جي اٿاريل دز ڪنهن وطن دشمن جو فقط منهن ئي ميرو ڪري سگهندو آهي. اٽلندو دشمن قوتن کي اسان جي سياسي قيادت مذاق جو سامان مهيا ڪندي آهي.
    اصل ۾ اسان جي سياسي پارٽين جي وڏين دعوائن ۽ نعرن بعد انهن جي پاسداري نه ڪرڻ يا پنهنجي طاقت کان وڏي ڳالهه ڪرڻ واري رجحان، حڪمرانن کي ڪو مسئلو حل ڪرڻ تي مجبور ته نه ڪيو آهي، اٽلندو سنڌي قوم، ان جون سياسي پارٽيون ۽ قيادت وطن دشمن حلقن ۾ کل ۽ مذاق جو سبب بڻجي وئي آهي. اسان پنهنجي پت وائکي ڪري دشمن قوتن کي هر اهو عمل ڪرڻ جو ڄڻ تي اڻ سڌو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سان هي قوم ۽ ان جو وطن پنهنجي حيثيت ۽ اهميت وڃائي ويهي. اڄ جڏهن حڪمران ڪالاباغ ڊيم کان وٺي ٿل ڪئنال تائين پنهنجي موقف تي اڙيا بيٺا آهن ۽ پاڻي جي ذخيرن بابت وڏن منصوبن تي انهن جي مخالفت ڪندڙن کي کلم کلا دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي لهي آيا آهن، ان جو سبب اهو ئي آهي جو هو سمجهن ٿا ته جڏهن به هنن انهن منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ته، سنڌ جي سياسي قيادت فقط بيانن تائين پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي خاموش ٿي ويندي. اڳ جيان کين اهي قدم ڦٻي ويندا. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ به اهو ٿيو آهي، جو اسان جنهن منصوبي يا سنڌ دشمن قدم جي مخالفت ڪئي آهي، حڪمرانن ان تي وڏي ديده دليري سان ڪم ڪيو آهي، پر عمل جي صورت ۾ سنڌ مان ڪا به منظم جدوجهد يا مزاحمت سندن راهه جي رنڊڪ نه بڻي آهي.
    هن وقت جڏهن سنڌ جا معدني وسيلا لٽيا پيا وڃن، ناڻي ورڇ مان سنڌ کي جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي، ملازمتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي عمل نه ٿو ٿئي، ڌارين کي آڻي هتي آباد ڪيو پيو وڃي، تڪراري پاڻي منصوبن تي عمل لاءِ سنجيدگي سان منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي ٻولي جي حيثيت ختم ڪئي پئي وڃي، ان وقت سنڌ جي سياسي قيادت ماضي وانگر ڇڙوڇڙ احتجاجن، بک هڙتالن، مظاهرن ۽ بيانن تائين محدود آهي. ڪنهن به هڪ معاملي تي لڳاتار جدوجهد جو ڪو پري تائين به ڏس پتو نه ٿو ملي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ دشمن قوتن سنڌ جي ان واويلا کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي. ڪو به اسان جي احتجاجن جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان جا ليڊر فقط اخبارن ۾ (سو به فقط سنڌي) بيان ڏئي، پنهنجا فوٽو ڇپرائي پاڻ کي جيئرو رکڻ جا جتن ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
    سنڌ ۾ روز روز نين سياسي پارٽين جو جنم ٿيڻ يا اتحاد ٺهڻ ۽ ڊهڻ ڄڻ ته دل پرڀائڻ جي ڳالهه ٿي وئي آهي. سياسي قيادت ان خوش فهميءَ ۾ مبتلا آهي ته فقط بيانن جي حد تائين سنڌ جي عوام کي پاڻ سان گڏ رکي سگهون ٿا. جڏهن ته اها سندن وڏي ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته عوام کانئن ڪوهين ڏور ٿيندو پيو وڃي. سياسي پارٽين جي مظاهرن ۾ فقط سندن چند ڪارڪن 2 بينر ۽ هينڊ بل کڻي ايندا آهن ۽ اخبار لاءِ تصوير ڪڍرائي رفو چڪر ٿي ويندا آهن. پر سندن ان احتجاج ۾ عوام جي ڪابه شموليت نه هوندي آهي، سياسي پارٽين جي ان کان وڏي ناڪامي ٻي ڪهڙي چئبي جو هو هڪ لک آبادي واري شهر مان فقط 100 ماڻهو به پنهنجي مظاهري يا بک هڙتال ۾ شريڪ نه ڪري سگهندا آهن. پر دعويٰ اها ئي هوندي آهي ته اسان قوم جو آواز آهيون، سڄي قوم اسان سان گڏ آهي، ”هن سڄي خوشفهمي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟“
    بلوچستان ۾ هلندڙ جدوجهد اسان جي سامهون آهي. ان بابت اسان جا ڏاها ۽ اڪابر مختلف دليلن سان کوڙ سارا موقف پيش ڪري سگهن ٿا. پر اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته جتي دليل جي زبان سمجهڻ وارو ڪير نه هوندو آهي ته مجبور ٿي عوام به اهائي ٻولي ڳالهائيندو آهي، جيڪو هڪ بي زبان ۽ ٻوڙو به سمجهي سگهي. بلوچ عوام جيڪا زبان ڳالهائي رهيو آهي، ان جو پڙاڏو نه فقط اسلام آباد جي ايوانن ۾ گونجي رهيو آهي، پر عالمي سطح تي به معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو حڪمران بلوچستان مسئلي بابت ڪاميٽيون جوڙڻ ۾ مصروف آهن.
    اسان جي قومپرست سياسي پارٽين جي سڀ کان وڏي ناڪامي سندن عوام سان گڏ نه هلڻ رهي آهي. عوام جي بنيادي مسئلن کان ڪن ٽار رهي آهي، ننڍڙا ٽارگيٽ کڻي انهن کي حاصل ڪرڻ بدران ايڏا وڏا ٽارگيٽ مقرر ڪرڻ به ناڪامي جو وڏو سبب رهيو آهي، جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ اها تنظيم نه رهي آهي. جنهن ڪري عوام منجهه به فقط مايوسي پيدا ٿي رهي آهي پر هو سياسي پارٽين کان الڳ رهڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. ڪجهه ڌريون عوام کي ڏوهاري قرار ڏئي پنهنجا پلئه آجا ڪرائڻ چاهين ٿيون، سندن موقف آهي ته عوام جدوجهد لاءِ تيار نه آهي پر اصل ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. عوام نه فقط جدوجهد لاءِ تيار آهي پر هو جدوجهد ۾ مصروف آهي، پر اصل ۾ سياسي پارٽيون سندن قيادت ڪرڻ جون اهل نه رهيون آهن. جڏهن ضلعن جي ورڇ جهڙي بي معنيٰ معاملي تي ماڻهو پنهنجيون جانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ هزارين ماڻهو رستن تي نڪري، پنهنجو 3-3 ڏينهن ڪاروبار بند ڪري احتجاج ڪن ٿا، ته پوءِ کين ڪيئن ٿو قصور وار قرار ڏئي سگهجي ته هو سنڌ جي موت ۽ حياتي وارن معاملن تي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اصل ۾ عوام جي طاقت ۽ قوت کي استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ طريقيڪار به هجڻ گهرجي ۽ عوام منجهه ساک به بحال هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي ۽ ان جي قيادت موقعي پرست رهي آهي ۽ ماضيءَ منجهه عوام جي ويساهه کي ٽوڙيو آهي ته پوءِ اها پنهنجن خوبصورت نعرن ذريعي ماڻهن منجهان اها توقع ڪيئن ٿي رکي سگهي ته هو ان جي سڏ تي پنهنجون حياتيون گهورڻ لاءِ تيار ٿيندا! سندن هڪ سڏ تي پنهنجا ڪاروبار بند ڪري يا گهر ڇڏي رستن تي نڪري ايندا!
    ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي موجوده قيادت پنهنجو احتساب ڪري پاڻ کي عوام سان گڏ هلڻ جو لائق بڻائي يا وري ماڻهن کان معافي وٺي خاموشي سان ڪا ڪنڊ وڃي وسائي. اسان اهو نه ٿا چئون ته ڪو سنڌ ۾ ڪا سياسي جدوجهد هلڻ لاءِ ماحول سازگار نه آهي يا اهڙي اميد نه ڪرڻ گهرجي، پر مايوسيءَ ۽ بي وسيءَ جي هن صورتحال مان ڪابه نئين قيادت ۽ پارٽي اڀري سگهي ٿي. جيڪا سنڌ کي حقيقي آجپي واري واٽ تي وٺي ويندي. جيڪا بي خوف هوندي. فقط سکڻن بيانن سان نه پر پوري طاقت ۽ قوت سان سنڌ دشمن قوتن کي منهان منهن ٿيندي، ڇاڪاڻ ته 4 ڪروڙ سنڌين جي وجود کي ڪوبه ميساري نه ٿو سگهي، سندن آواز کي اهميت تڏهن ملندي، جڏهن ان ۾ سگهه هوندي. اها سگهه اوس پيدا ٿيڻي آهي، جيڪا سنڌ جو احترام ۽ وقار بحال ڪندي، اسان ڪنهن جي آڏو فقط تماشو بڻيل نه رهنداسين، پر دنيا منجهه برابري ۽ گڏيل احترام حاصل ڪنداسين. اسان اڪيلا نه هونداسين پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسان جا حامي ۽ دوست موجود هوندا.


    سنڌ بجيٽ: تعمير ۽ ترقيءَ جا اڌورا خواب

    سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن 52 ارب 5 ڪروڙ 65 لک روپين جي سنڌ بجيٽ پيش ڪندي، نوڪرين لاءِ ڀرتين تان پابندي هٽائڻ، خدمتن واري شعبي تان ٽيڪس واپس وٺڻ ۽ ٻيو ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير لياقت علي جتوئي بجيٽ کان پوءِ وڏي فخر سان چيو آهي ته سندس حڪومت جي ٽيڪس فري بجيٽ سنڌ جي عوام لاءِ تحفو آهي. وڏي وزير جا اعلان ۽ خوش فهميون پنهنجي جاءِ تي پر پوءِ به هي 6 ارب 11 ڪروڙ 85 لک رپيا کوٽ وارو بجيٽ آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت کي ساڍا اٺ ارب رپيا اوور ڊرافٽ (قرض) واري اجگر بلا کي به منهن ڏيڻو آهي. بجيٽ تقرير ۾ اهو ڪٿي به نه ٻڌايو ويو ته بجيٽ جي سوا 6 ارب رپيا کوٽ ڪيئن پورو ڪئي ويندي ۽ ساڍا اٺ ارب روپين جي اوور ڊرافٽ مان جند ڇڏائڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ اختيار ڪيا ويندا. جيڪڏهن اها ڳالهه سنڌ واسين کي کولي سمجهائي وڃي ها ته سڄو قصو نروار ٿي پوي ها. پر حڪمرانن جون رمزون ۽ راز عوام ڪيئن ٿو سمجهي سگهي.
    لياقت جتوئيءَ ۽ سندس اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جي قيادت بجيٽ پيش ڪندي جيڪي هنبوشيون هنيون آهن، ان ۾ اها ڳالهه ڇو ٿي وساري وڃي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ 6 ارب روپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هي پاڪستان جي 50 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جو ڪنهن سالياني بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام لاءِ رقم وڌائڻ بدران گهٽائي وئي آهي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال سالياني ترقياتي پروگرام تي 10 ارب روپين جي بدران صرف 4 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا. جنهن سان يقينن سنڌ ۾ تعمير ۽ ترقيءَ جون سرگرميون بند ٿي وينديون. نوان اسڪول کلي نه سگهندا، اسپتالون قائم ٿي نه سگهنديون، رستا روڊ ۽ پليون اڏجي نه سگهجنديون. يعني ڪوبه نئون ترقياتي ڪم ٿي نه سگهندو. جيڪڏهن صرف گذريل حڪومت طرفان هلندڙ ترقياتي رٿائون ئي مڪمل ٿي سگهيون ته اها به سنڌ وارن لاءِ غنيمت هوندي. هڪ طرف موجوده حڪومت وڏي ٺاٺ سان 21 صديءَ ۾ داخل ٿيڻ جا اعلان ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان کي ايشيا جو ٽائيگر بنائڻ جا خواب ڏيکاريا پيا وڃن ته ٻئي طرف هن جديد سائنسي دور ۾ سنڌ جي بجيٽ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي لاءِ صرف 7 لک رپيا مخصوص ڪري پاڻ تي جڳ کلائڻ جا سٺا بندوبست ڪيا ويا آهن. 7 لک روپين جي هيڏي وڏي رقم مان سنڌ ۾ نه صرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم کي هٿي ڏياري ويندي، پر تجرباتي مقصدن لاءِ نيون ليبارٽريون ۽ تحقيقي مرڪز به قائم ڪيا ويندا. اصل ۾ اها ايتري ته ٿوري رقم آهي جو ان مان صرف ڪنهن ليبارٽري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل ئي اچي سگهي ٿو. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ڪمپيوٽر جي صديءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ موهن جي دڙي جي دور واري بيل گاڏي کي پر (کنڀ) هڻي ان جو راڪيٽ سان مقابلو ڪرائيندي.
    سنڌ جي سينئر وزير ڊاڪٽر فاروق ستار جي دعويٰ موجب هن عوامي بجيٽ ۾ ٻيو ته سڀ ڪجهه آهي پر تعليم جي شعبي ۾ ڪنهن به نئين اسڪيم لاءِ هڪ ٽيڊي پائي به نه رکي وئي آهي. جڏهن ته صحت جي اهم شعبي سان به ساڳي حالت ڪئي وئي آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪنهن به نئين اسڪيم جي منظوري نه ڏني وئي آهي ۽ نه وري ان ڏس ۾ ڪا رقم مخصوص ڪئي وئي آهي. جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هن مثالي بجيٽ ۾ عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون پهچائڻ لاءِ ڪيڏي نه درياهه دلَي کان ڪم ورتو ويو آهي. هڪ طرف عورتن کي برابر جا حق ڏيارڻ ۽ انهن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ برابريءَ جي بنياد تي موقعا فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف سالياني ترقياتي پروگرام ۾ عورتن جي ترقيءَ لاءِ ڪابه رقم نه رکي وئي آهي. بجيٽ جي ڪتابن ۾ ان شعبي جي خاني ۾ منڌيئڙو ڦيرايل آهي. حڪومت جي دعويٰ آهي ته هن بجيٽ سان سنڌ ۾ ترقي جا نوان دروازا کلندا ۽ ماضي ۾ ٿيل ناانصافين جو ازالو ٿيندو. پر عوام کي بنيادي سهوليتون پهچائڻ لاءِ جيڪا رٿابندي ڪئي وئي آهي، اها مڙني خوش فهمين جو جنازو ڪڍي ڇڏي ٿي. اچو ته هاڻي ڪجهه ٻين شعبن جو جائزو وٺون.
    وڏي وزير لياقت علي جتوئيءَ هن ٽيڪس فري بجيٽ ۾ پاڻي ۽ بجلي واري رقم ۾ گذريل سال جي ڀيٽ 36 ڪروڙ 57 لک رپيا گهٽتائي ڪئي آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي ۽ بجلي ايتري ته وڏي ۽ وافر مقدار ۾ مهيا ڪيو ويو آهي، جو هاڻي ان جي بجيٽ ۾ واڌ ڪرڻ بدران ويتر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته صورتحال اها آهي جو باقي سنڌ ته ڇڏيو پر صرف گادي واري شهر ڪراچيءَ ۾ عوام پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ خلاف رستن تي نڪري ٽائر ساڙي رهيو آهي. جنهن وقت وڏو وزير سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ سنڌ جي بجيٽ پيش ڪري رهيو هو. ٺيڪ ان وقت لياري ۾ عوام بجلي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف رستن تي بيهي ماتم ڪري رهيو هو. احتجاج سبب رستا بند هئا. مرد، عورتون ۽ ٻار مٿن تي دلا ۽ مٽ کڻي پاڻي لاءِ در در ڀٽڪي رهيا هئا. هڪ طرف پاڻي ۽ بجلي لاءِ احتجاج ٿي رهيو هو ته ٻئي طرف وڏي وزير پاڻي ۽ بجلي واري بجيٽ ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندي سنڌ جي انقلابي بجيٽ پيش ڪري رهيو هو.
    جنهن صوبي جي عوام کي پاڻي، بجلي، تعليم ۽ صحت جون سهوليتون ميسر ڪرڻ لاءِ رقمن جي کوٽ آهي. ان ئي صوبي ۾ آبادي تي واڌ لاءِ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪابه مناسب رٿابندي ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي. ان جو مثال سنڌ بجيٽ جي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ پاپوليشن پلاننگ لاءِ هڪ روپيو به مخصوص نه ڪرڻ آهي. ٻيو ته ڇڏيو پر حڪومت کي سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو به فڪر ڪونهي. آخرڪار ڀينگ ٿيڻ کان پوءِ به هيءَ سخاوت ڪيستائين جاري رهندي. جيڪا حڪومت پنهنجن ئي شهرين جو پيٽ پالڻ لاءِ ڳيتون ڏئي رهي آهي، ان کي هتي اڳ ئي رهندڙ پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو ته اونو ڪونهي پر اٽلندو بنگلاديش مان به لکين ماڻهو هتي گهرائي آباد ڪرڻ جا بندوبست ڪيا پيا وڃن.
    سنڌ جي بدحالي جو صرف ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ جيڪي 4 ارب روپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، ان رقم جو به وڏو حصو يعني 3 ارب 37 ڪروڙ 80 لک روپا اڳ کان شروع ٿيل منصوبن تي خرچ ڪيو ويندو. يعني 84 سيڪڙو رقم ته هلندڙ رٿائن لاءِ مخصوص ٿي ويندي. باقي 62 ڪروڙ 20 لک روپين مان سنڌ ۾ جيڪا نئين اڏاوت ۽ ترقي ٿيندي سا به جڳ ڏسندو.
    آخرڪار هي صورتحال اسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندي. آخر هي ڏسندي وائسندي سنڌ جي نڙيءَ تي ننهن ڇو پيو ڏنو وڃي. پاڻي، بجلي، زراعت، صنعت، تيل، معدنيات، تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي شعبن جي رقمن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ کان پوءِ به ڪهڙي منهن سان اهي اعلان ڪيا پيا وڃن ته سنڌ جي عوام کي مثالي تحفو ڏنو ويو آهي.
    بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ بهتر عمل آهي، جنهن جي ڀليڪار ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي، پر ان جو مطلب اهو به نه هئڻ گهرجي ته عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ بدران اڳ مليل اڻ پوريون سهوليتون به واپس ورتيون وڃن. ٽيڪس لڳائڻ کانسواءِ به سنڌ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ نوان گس ۽ پيچرا تلاش ڪري سگهجن ٿا. وفاق سنڌ سان ناڻي ايوارڊ ۾ جيڪا ناانصافي ڪئي آهي، ان جو ازالو ڪرائي سنڌ لاءِ پنهنجو پورو حصو حاصل ڪري سگهجي ٿو. وفاق مالياتي ايوارڊ هيٺ سنڌ کي حصي طور ملندڙ رقم مان ساڍا ست ارب روپيا گهٽائي ڇڏيا آهن. اين ايف سي ايوارڊ هيٺ سنڌ کي حصي طور 39 ارب 82 ڪروڙ روپيا ملڻا هئا، پر هاڻي صرف 32 ارب 31 ڪروڙ روپيا ڏنا ويندا، ان تي وفاق سان احتجاج ڪري پوري رقم حاصل ڪرڻ گهرجي. تيل، گئس معدنيات، بندرگاهه، ڪڻڪ، ڪپهه، چانورن تي رائلٽي وٺي سگهجي ٿي. آخرڪار جڏهن ٻيا صوبا تماڪ تي به رائلٽي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، ته پوءِ اسان وٽ ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وهي رهيون آهن. جو اسان گهر وڪڻي، ملڪيتون نيلام ڪري وفاق جو ڀڀ ڀريندا رهون. آخرڪار سنڌ کي پنهنجي آمدني مطابق ناڻي ايوارڊ مان حصو ڇو نه ٿو ڏياريو وڃي. هتان جي پوئتي پيل علائقن ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇي لاءِ وفاق کان ڇو نه ٿيون خاص گرانٽون ورتيون وڃن. آخر بلوچستان ۽ سرحد صوبي کي اهڙيون رعايتون ملي سگهن ٿيون ته پوءِ ڇا سنڌ پاڪستان جو حصو ناهي، جو ان کي بنيادي ضرورتن کان محروم رکيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت اجائي خوشفهميءَ کي ڇڏي مخالف ڌر جي گڏيل تعادن سان وفاق کان پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري. سنڌ تان آبادي جو اضافي بار گهٽائڻ لاءِ جوڳا بندوبست ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏئي. نه ته جيڪڏهن ههڙيون بجيٽون پيش ٿينديون رهيون ته سڄي سنڌ موهن جو دڙو بڻجي ويندي ۽ دنيا جا ماڻهو هن نااهل قوم جي ڪاهلي جو تماشو ڏسڻ لاءِ سياحن جي صورت ۾ هتي ايندا.

    (ڇپيل، روزاني پاڪ ڪراچي، 18 جون 1997ع)


    جمهوريت مٿان لٽڪندڙ اٺين ترميم جي تلوار

    اڄ ڪالهه ملڪ ۾ صدر ۽ وزيراعظم جي اختيارن تي وڏو چوٻول متل آهي. 1973ع جي آئين ۾ ڪنهن کي ڪهڙا اختيار مليل آهن، اهو معاملو هاڻي اخبارن جي ڪالمن ۽ پارليامينٽ جي ايوان مان نڪري اعلى عدالتن ۾ پهچي چڪو آهي. صدر طرفان پنهنجن اختيارن جي تشريح ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ٻه الڳ الڳ ريفرنس موڪليا ويا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ان معاملي تي ڪهڙو بحث هلي رهيو آهي ۽ اهو ڪهڙي نتيجي تي پهچندو. ان تي اسان في الحال ڪا به راءِ ڏيڻ نه ٿا گهرون. پر هڪ ڳالهه، جنهن سڄي ملڪ جي باشعور ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، اُها هيءَ آهي ته ملڪ جا سياستدان پنهنجن طئه ڪيل منشورن ۽ مقصدن ڏانهن ڪيترا سچا آهن. هنن عوام سان ڪيل واعدن کي ڪيتري قدر نڀايو آهي. اڄ جڏهن ملڪ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، ان وقت به اها ئي صورتحال آهي، جيڪا هن کان اڳ نواز شريف جي دور ۾ موجود هئي. يا ان کان به اڳ پي پي جي اڳوڻي دور حڪومت ۾ موجود هئي. جوڻيجو حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ملڪ ۾ ٽي ڀيرا اسيمبليون چونڊجي آيون آهن، ٽئي ڀيرا اهڙين پارٽين جي حڪومت قائم ٿي آهي، جن پنهنجي منشور ۾ عوام سان واعدو ڪيو هو ته 1973ع جي آئين ۾ آمريت جي دور ۾ ڪيل هڪ طرفيون ۽ جمهوريت دشمن ترميمون ختم ڪيون وينديون. نه صرف آئين کي پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو ويندو پر پارلياماني نظام کي به وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو ويندو. جيئن عوام جون چونڊيل حڪومتون بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.
    جڏهن مارشل لا جي خاتمي کان پوءِ ٿيل عام چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ پي پي جي حڪومت قائم ٿي، ان وقت اٺين ترميم جي موجودگيءَ ۽ صدر ۽ وزيراعظم جي اختيارن ۾ عدم توازن سبب مشروط اقتدار حاصل ڪيو ويو. وزيراعظم بينظير ڀٽو ان وقت به مخالف ڌر کي آئين ۾ ڪيل عوام دشمن ترميمن جي خاتمي لاءِ ساٿ ۽ سهڪار ڪرڻ جو سڏ ڏنو هو. پر مخالف ڌر صرف پي پي حڪومت سان دشمنيءَ جي بنياد تي ان مٿان لٽڪندڙ اٺين ترميم جي تلوار کي هٽائڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. جنهن جو اڳتي هلي اهو نتيجو نڪتو جو صدر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي عوام جي چونڊيل اسيمبلين کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن ان وقت حڪومت ۽ مخالف ڌر آئين ۾ ترميم بابت متفق ٿي وڃن ها ته نه صرف چونڊيل حڪومتن مٿان اها لٽڪندڙ تلوار هميشه لاءَ هٽي وڃي ها، پر خود جمهوري ادارن کي مستحڪم ٿيڻ جو موقعو ملي پوي ها. مخالف ڌر جنهن اٺين ترميم جي آڙ ۾ بينظير جي اڳوڻي حڪومت کي هٽائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، ان ئي ترميم پوءِ سندن حڪومت جو به خاتمو ڪري ڇڏيو. نواز شريف دور ۾ به مخصوص پارٽي مفادن هيٺ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ پي پي اٺين ترميم جي خاتمي لاءِ آءِ جي آءِ سان سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه وقت لاءِ جيڪڏهن اهو تسليم به ڪري وٺجي ته آءِ جي آءِ حڪومت بدترين ڌانڌلين جي ذريعي چونڊجي آئي هئي. پر جيڪڏهن ان ڳالهه کي وسيع تر جمهوري مفادن هيٺ نظرانداز ڪندي اٺين ترميم جي خاتمي لاءِ نواز شريف سان سهڪار ڪيو وڃي ها ته اڄ وري ان ئي قسم جا انديشا ۽ انومان پئدا نه ٿين ها. هن وقت وزيراعظم بينظير ڀٽو جن معاملن تي مخالف ڌر کي ساٿ ڏيڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اپيلون ۽ ٽپيلون ڪري ڪري رهي آهي، بلڪل ساڳيءَ طرح نواز شريف پنهنجي حڪومت دوران انهن معاملن تي ان وقت جي مخالف ڌر سان سرچاءَ لاءِ پريشان هو. پر دنيا ڏٺو ته ٻن وڏين پارٽين جي ناعاقبت انديشين نه صرف سندن حڪومتن جو خاتمو آڻي ڇڏيو، پر ملڪ ۾ جمهوري ادارا ۽ پارليامينٽري نظام به محفوظ ۽ مضبوط نه ٿي سگهيو.
    سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب جسٽس سيد سجاد علي شاهه صدراتي ريفرنس جي سماعت ڪندي اها ئي ڳالهه چئي آهي ته، ”ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون اٺين ترميم تي سخت تنقيد ته ڪنديون رهيون آهن، پر ان جي خاتمي لاءِ هنن ڪڏهن به سنجيده ڪوشش نه ڪئي آهي“. جنهن ڪري ان چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿي ٿئي ته هو ان ترميم کي به پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ گهرن ٿيون. هن وقت مخالف ڌر ساڳي طرح اٺين ترميم هيٺ موجوده حڪومت جي خاتمي جا مطالبا ڪري رهي آهي، جيئن هن کان اڳ پي پي مخالف ڌر ۾ هوندي ان ترميم کي نواز حڪومت جي خاتمي لاءِ ضروري سمجهيو هو.
    جيڪڏهن سياسي پارٽيون اٺين ترميم کي پنهنجن خاص سياسي مفادن هيٺ استعمال ڪنديون رهيون ۽ ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪردار ادا نه ڪيو ته نه ملڪ اندر جمهوري ادارا مستحڪم ٿي سگهندا ۽ نه وري هتي ڪا مستحڪم حڪومت قائم ٿي سگهندي. هن صورتحال ۾ جيڪڏهن نواز شريف اقتدار ۾ اچي به وڃي ٿو ته ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته سندس حڪومت کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويندو. يا سندس حڪومت خلاف اٺين ترميم جي تلوار کي استعمال نه ڪيو ويندو. ان ڪري دانشمنديءَ جي اها ئي تقاضا آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر پنهنجن ننڍن وڏن اختلافن کي پاسيرو رکي، اٺين ترميم سميت آئين ۾ ڪيل مڙني عوام دشمن ترميمن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪن. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن اقتداري ڌر کي ڪا قرباني به ڏيڻي پوي ته جمهوريت ۽ پارلياماني نظام جي وسيع تر مفاد ۾ ان کان نه ڪيٻايو وڃي. آخرڪار ڪنهن کي ته ان معاملي تي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. ڪجهه ڏي وٺ جي بنياد تي جمهوريت مٿان آيل خطرن کي ٽارڻو پوندو. جيڪڏهن ملڪ جي ٻنهي وڏين پارٽين هاڻي به پنهنجن ذاتي انائن ۽ اقتدار جي لالچ خاطر ڪو ڪردار ادا نه ڪيو، ته ملڪ جو عوام کين معاف نه ڪندو. هنن جا جمهوريت ۽ پارلياماني نظام جي مضبوطيءَ لاءِ سڀ واعدا ۽ دعوائون نه صرف نسورو ڪوڙ ثابت ٿينديون، پر سندن عوام جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڏنل نعرا به دوکو ۽ فريب ثابت ٿيندا. سياستدانن جي ان ڪردار سان جمهوري ادارا مستحڪم ٿيڻ بدران ويتر ڪمزور ۽ ناڪاره بڻجي ويندا. جنهن سان ملڪ ۾ آمريت مڙهڻ جي خواهش رکندڙ مهم جو ماڻهن کي سگهه ملندي ۽ هو پنهنجن ناپاڪ ارادن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. ان کان اڳ جو سازشي قوتون جمهوري ادارن تي وار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، آئين مان اٺين ترميم جو خاتمو آندو وڃي. پارلياماني نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو وڃي. جيئن اڳتي هلي چونڊيل حڪومتن کي نه صرف اطمينان سان پنهنجي منشور تي صحيح طرح عمل ڪرڻ جو موقعو مهيا ٿي سگهي پر هو پنهنجو آئيني مدو به پورو ڪري سگهن. اها ئي ڳالهه ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ بهتر ثابت ٿيندي ۽ عوام جو سياستدانن مٿان اعتماد سگهارو ٿيندو.


    ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ۽ ننڍن صوبن جا اعتراض

    مسلم ليگ حڪومت جو وڏو مينڊيٽ هاڻي هٿوڙا بڻجي ننڍن صوبن کي چٿڻ ۽ چيڀاٽڻ لڳو آهي. ننڍن صوبن جي عوام منجهه مسلم ليگ جي حڪومت لاءِ جيڪي اميدون پيدا ٿيون هيون ته هيءَ حڪومت وڏي صوبي سان واسطو رکڻ ۽ اُن جي نمائندگي هجڻ جي صورت ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي عوام سان انصاف ڪندي، اهي اميدون ڏينهون ڏينهن ڪافور بڻجي رهيون آهن. هن کان اڳ ته ننڍن صوبن مان ڪٺپتلي ۽ نالي ماتر اختيارن واري حڪمران قيادت آڻي، ظاهري طور اهو ڏيک ڏنو ويندو هو ته ننڍن صوبن سان جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان ۾ پنجاب نه پر سندن ئي پنهنجي قيادت ملوث آهي. هن کان اڳ هميشه ٻين جي ڪلهن تي بندوق رکي محڪوم عوام کي نشانو بڻايو ويندو هو. پر هاڻي شايد حاڪمن کي ان ٽياڪڙيءَ جي به ضرورت محسوس نه ٿي آهي، ان ڪري هو سڌو سنئون پنهنجي سڄي طاقت، مڪاري، فريب ۽ اٽڪل بازين سان سامهون اچي چڪا آهن.
    ننڍن صوبن خلاف جيڪي به فيصلا ڪيا پيا وڃن، ان کي ملڪي مفادن جو نالو ڏنو پيو وڃي ۽ عوام کي ملڪي استحڪام جا واسطا وڌا پيا وڃن. گذريل ڏينهن اڳ ان ئي مقصد هيـٺ اسلام آباد ۾ هڪ قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ۽ پاڻي جي وسيلن جي استعمال بابت قومي ڪانفرنس ۾ نه صرف سنڌ ۽ سرحد کي نقصان رسائيندڙ ۽ سندن تباهي جو ڪارڻ بڻجندڙ ڪالا باغ ڊيم لاءِ راهه هموار ڪئي وئي پر ملڪ جي انجنيئرن، ماهرن ۽ گهڻ گُهرن جي هڪ نام نهاد ٽولي ملڪ ۾ هڪ وڏي ڊيم ٺاهڻ بابت هڪ ٺهراءَ به منظور ڪري ورتو. جنهن کي هاڻي صوبن وچ ۾ ان معاملي تي اتفاق راءِ قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هي ڪانفرنس جنهن ماحول ۽ موقعي تي منعقد ڪئي وئي، ان حڪمرانن جي مڙني چالبازين کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ته هيءَ ڪانفرنس چئني صوبن جي سياستدانن، آبپاشي جي ماهرن ۽ سياسي پارٽين جي نمائندگي تي ٻڌل نه هئي، ٻيو ته هن ڪانفرنس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ماهرن طرفان شرڪت نه ڪئي وئي. جيتوڻيڪ خود پاڻي ۽ بجلي واري وزير راجا نادر پرويز موجب ٻنهي صوبن جي ماهرن کي دعوت ڏني وئي هئي، پر جنهن نموني هي سڄو ٽرڪساٽ رچايو ويو هو، ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ماهرن کي يقين هو ته اتي نه ته سندن موقف ٻڌو ويندو ۽ نه ئي وري سندن کي ڪا اهميت ملندي، جنهن جي ڪري هنن ان نام نهاد ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪرڻ ئي پنهنجي حق ۾ بهتر سمجهيو.
    جڏهن هڪ حساس ۽ اهم مسئلي تي ٿيندڙ ميڙاڪي ۾ ٻن صوبن جي ڪا به نمائندگي نه هجي ۽ هنن اهڙي قسم جي ڪنهن ڪوشش جو ئي بائيڪاٽ ڪيو هجي ته پوءِ اتان منظور ٿيندڙ ٺهراءُ جي باقي ڪهڙي اهميت بچي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن ڪانفرنس ۾ صرف ئي صرف پنجاب صوبي سان واسطو رکندڙ آبپاشي ماهرن، فني ماهرن، انجنيئرن، سياستدانن ۽ اهم ڪامورن شرڪت ڪئي. جيڪڏهن اسپيڪر الاهي بخش سومري جهڙو ڪو اوپرو ماڻهو به موجود هو ته اهو به پنجاب جي مفادن جي رکوالي طور انتهائي عاليشان رڪارڊ رکي ٿو. آخرڪار مسلم ليگ جي حڪومت کي وڏو مينڊيٽ رکڻ باوجود اهڙي ڪنهن ترڪتال ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي. ڇاڪاڻ ته هو ته وڏي مينڊيٽ هجڻ سبب ملڪ جو نالو ته ڇا پر ان جو وجود به تبديل ڪري سگهن ٿا.
    ننڍن صوبن جي عوام کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ۽ پنجاب جي نمائندگي ڪندڙن جو اهو موقف پنهنجي عقل ۽ فهم کان مٿانهون ٿو لڳي ته ڪالاباغ ڊيم بابت صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو. آخرڪار هي عوام کي بنائڻ بي وقوف بنائڻ وارا حربا ڪيستائين استعمال ٿيندا رهندا ۽ ڪارگر بڻبا، ڇاڪاڻ ته جڏهن، سنڌ ۽ سرحد جون اسيمبليون ٻه ٽي ڀيرا اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪري ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن. ته پوءِ اڃا کين ڪهڙو انڪار راءِ گهرجي. ٻن صوبائي اسيمبلين طرفان ڊيم خلاف ٺهراءُ منظور ٿيڻ کانپوءِ اڃا ڪٿان اتفاق راءِ آندو ويندو، جنهن جي بنياد تي ڪالا باغ ڊيم تعمير ٿي سگهندو. صوبن جو اسيمبليون ئي اتان جي عوام جي نمائندگي ڪنديون آهن. هاڻي جڏهن انهن جو جواب سامهون اچي چڪو آهي ته پوءِ ڪهڙي اتفاق راءِ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
    هن قومي ڪانفرنس ۾ پنجاب جي نمائندن سنڌونديءَ تي ڊيم اڏڻ بابت جيڪي به وضاحتون ۽ حجتون پيش ڪيون آهن، سي ڪنهن به طرح حقيقتن ۽ انصاف جي ويجهو نظر نه ٿيون اچن. هن ڊيم بابت سنڌ ۽ سرحد کي جيڪي خاطريون ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، اهي ماضي جي تجربن جي آڌار تي پنجاب جي انتهائي خوفناڪ شڪل سامهون آڻين ٿيون. جڏهن اڃا هي ڊيم اڏاوت هيٺ ئي نه آيو آهي ته ان کان اڳ ئي گذريل اڌ صدي کان سنڌ کي پنهنجي گهربل پاڻيءَ کان سڪايو پيو وڃي. هن کان اڳ جيڪي به ڊيمون ۽ ڪئنال اڏيا ويا آهن، انهن جنهن نموني سنڌ جي جياپي وارن ذريعن جي لتاڙ ڪئي آهي. تنهن مان وڏي صوبي جي باقي ڀائرن ڏانهن ساک ۽ پت پڌري ٿي پوي ٿي. جڏهن به سياري جي مند ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي، ان وقت ڊيمن مان ايندڙ پاڻي سنڌ لاءِ حرام قرار ڏنو ويندو آهي. پنجاب ۾ اڏيل ڪئنالن جا منهن کولي سنڌوءَ جا سنڌ ڏانهن ايندڙ وهڪري جا در بند ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن ڊيمن ۾ گڏ ٿيل پاڻي واقعي چئني صوبن جي ضرورت لاءِ هوندو آهي ته پوءِ اها مهرباني صرف پنجاب تي ڪرڻ قومي يڪجهتي جو ڪهڙو مثال چئجي!
    پاڪستان ۾ برابري ۽ ڀائيچاري ۽ هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻ ۽ حقن جو خيال رکڻ واري تصور هيٺ شامل ٿيندڙ يا هن ملڪ جي جوڙجڪ ڪندڙ صوبن سان اڄ تائين جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، تنهن خود هڪ ڀيرو هن ملڪ جا بنياد لوڏي ان کي ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيو آهي. اڄ خود هن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ اها ڳالهه چوي ٿو ته جيڪڏهن قومي معاملا اتفاق راءِ سان نه اُڪلايا ويا ته ٻيهر اوڀر پاڪستان جهڙو سانحو پيش اچي سگهي ٿو. جڏهن حڪمران سڀ ڪجهه سمجهن به ٿا ته پوءِ ڳالهين جا ڪوٽ اڏڻ بدران ان سلسلي ۾ عملي قدم به کڻڻ گهرجن. هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته معاملا اتفاق راءِ سان طئه ٿيڻ گهرجن ته مٿان وري اهو به چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ نين ڊيمن جي اڏاوت شروع ڪئي ويندي. ڇاڪاڻ ته ائين نه ڪرڻ ڪفر برابر هوندو. هو هر معاملي کي عقلي ۽ علمي بنيادن تي طئه ڪرڻ بدران اسلام ۽ قومي يڪجهتي کي آڏو آڻڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن. آخر ڪار اسان کي به اهو ٻڌايو وڃي ته خداوند قدوس ڪهڙي طرح ان ڳالهه ۾ راضي ٿيندو، ته هڪ صوبي کي سرسبز ڪرڻ لاءِ ٻئي کي بيابان ۾ تبديل ڪيو وڃي. ان جي ماڻهن کي خدا جي نعمتن کان محروم ڪيو وڃي. ڇا اسلام ۽ پاڪستان جو مطلب صرف اهو آهي ته پنجاب جي مفادن تي باقي صوبن کي قربان ڪيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته شايد وزيراعظم نواز شريف ملڪ جي ٻيهر ٽٽڻ وارو دڙڪو به سنڌ واسين کي ڏنو آهي ته جيڪڏهن هنن پنجاب جي ها سان ها نه ملائي ۽ اتفاق راءِ پيدا نه ڪيو ته ٻيهر اوڀر پاڪستان جهڙو سانحو پيش اچي سگهي ٿو. هن کان اڳ به پاڪستان ٽوڙڻ جا ذميورا اهي ماڻهو ئي رهيا آهن، جيڪي اڄ قومي اتفاق راءِ جا پٽڪا ٻڌي ملڪي يڪجهتي جو دهل وڄائي رهيا آهن. جيڪڏهن واقعي هنن ماضي مان سبق حاصل ڪيو آهي ته پوءِ کين مڙني قومي معاملن تي ننڍن صوبن جي راءِ کي اهميت ڏيڻي پوندي، معاملن کي منجهائڻ بدران کليل نموني پيش ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اڃا به چالاڪين ۽ چالبازين سان گڏ ڌمڪائڻ ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ جي بنياد تي هڪ طرف فيصلا ڪيا ويا ته پوءِ شايد هن ملڪ جي وزيراعظم جا انديشا ۽ انومان حقيقتن ۾ تبديل ٿي تاريخ جو حصو بڻجي وڃن.

    (ڇپيل، روزاني عوامي اواز ڪراچي، 11 فيبروري 1998ع)


    ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جا اعلان ۽ بي وس بڻايل قومن جو ڪيس

    ڌرتيءَ جي هن گولي تي جتي دنيا جي ٻين خطن ۾ نفرتون ۽ تڪرار ختم ٿي رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن سرچاءُ ۽ ڀائپي سميت هڪ ٻئي جي حقن جو احترام ڪرڻ وارو لاڙو پختو ٿي رهيو آهي. اتي بدقسمتيءَ سان پاڪستان ان ڏس ۾ جيئن پوءِ تيئن زوال جو شڪار آهي. هر گذرندڙ گهڙي هن وفاقي ملڪ جي يونٽن وچ ۾ نفرتن ۽ تڪرارن جا نوان نوان باب کولي رهي آهي. وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رنجشون ۽ وڏي صوبي جون ننڍن صوبن سان دشمنيون ان حد تائين پهچي چڪيون آهن، جتان تقريبن هاڻي واپسي ناممڪن نظر پئي اچي. ننڍن صوبن مٿان سندن مرضيءَ جي خلاف جيڪي فيصلا مڙهيا پيا وڃن، تن سان هن ملڪ جي يونٽن وچ ۾ رت جون لڪيرون ڇڪجي ويون آهن. جيڪي هر گذرندڙ گهڙيءَ سان وڌيڪ گهريون ٿي رهيون آهن.
    تازو وڏي مينڊيٽ جي دعويدار مسلم ليگ حڪومت وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم ان اجلاس کي خطاب ڪندي اها ڳالهه بنا ڪنهن ججهڪ جي وڏي واڪي ڪئي آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺاهيو ويندو ۽ ان سان ڪوبه متاثر نه ٿيندو.“ هن ڀيري ماضيءَ وانگر صرف سکڻو اعلان نه ڪيو ويو آهي، پر ايندڙ 5 سالن واري منصوبي ۾ ڪالاباغ ڊيم پراجيڪٽ کي به شامل ڪيو ويو آهي ۽ ان مقصد لاءِ ڏيڊ کرب رپيا رکڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب کي ان معاملي تي باقي ٽن صوبن جي رضامنديءَ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ڊيم کي هر قسم جي مخالفت کي ڪچلي به ٺاهيو ويندو. سنڌونديءَ تي ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي کي جنرل ضياءَ جي مارشل لا دوران سنجيدگيءَ سان اختيار ڪيو ويو هو. ان سلسلي ۾ چئني صوبن کي جڏهن اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ان منصوبي کي خالص فني بنيادن تي رد ڪري ڇڏيو هو. سنڌ طرفان اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ پنهنجي نهري پاڻي واري حصي کان محروم ٿي ويندي، جنهن سان هتي نه صرف زرعي معيشيت مڪمل طور تباهه ٿي ويندي، پر ان سان ٻيلي جي تباهي اچڻ سبب ماحوليات جو به مسئلو جنم وٺندو، ٻيلن جي سڪي سڙي ناس ٿي وڃڻ سبب جهنگلي جيوت جو انت اچي ويندو. سنڌ سموري قدرتي سونهن ۽ حسن کان وانجهجي ويندي. سنڌ جي آبپاشيءَ وارن ماهرن موجب ڊيم ٺهڻ سان سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي ايتري ته کوٽ پيدا ٿيندي جو ربيع جي فصلن جهڙوڪ ڪڻڪ، ڪمند، سرنهن، وغيره لاءِ گهربل پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي. جنهن سان نه صرف سنڌ پر پاڪستان به پنهنجي زرعي معيشيت جي هڪ اهم حصي کان محروم ٿي ويندو. کاڌي خوراڪ ۾ خود ڪفيل هي ملڪ ڪڻڪ، تيل، گيهه ۽ ڪپڙي جهڙين بنيادي ضرورتن لاءِ به ٻين ملڪن جو محتاج ٿي ويندو. جڏهن ته سنڌو درياهه مان مناسب مقدار ۾ سمنڊ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ پنهنجون حدون اورانگهي مٿي چڙهي هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۽ وسنديون پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ناس ڪري ڇڏيندو. جنهن سان سنڌ جا ٺٽو ۽ بدين ضلعا وڏي پئماني تي متاثر ٿيندا.
    هونئن به ڪالاباغ ڊيم کان اڳ جيڪي به سنڌو درياهه تي ڊيم اڏيا ويا آهن، يا ان مان ڪئنال ڪڍيا ويا آهن، تنهن لاءِ ڪنهن به قسم جون قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن. سنڌ پاڻيءَ جي ورڇ جي حوالي سان جيڪي به اعتراض ڪيا آهن، انهن کي هميشه ملڪ جي سالميت، ڀائپي ۽ ڀائيچاري جي نعرن ۽ ڏنڊي هيٺ دٻايو ويو. اهڙو آواز بلند ڪندڙن تي صوبائي تعصب پکيڙڻ ۽ ملڪ دشمني سميت ٻيا ڪرڀ جوڳا الزام هنيا ويا. ماضيءَ ۾ پاڻي تي جيڪو ڌاڙو هنيو ويو، ان جا به عملي نتيجا انتهائي ڀيانڪ نڪتا. هر سال اونهاري جي موسم ۾ سنڌ جي بئراجن، واهن ۽ شاخن مان واري اڏامڻ لڳندي آهي. ساوا ستابا کيت اجڙي ويندا آهن، سنڌ جي حڪمرانن طرفان احتجاج جي باوجود سنڌ ڏانهن ايندڙ پاڻي جا در بند ڪيا ويندا آهن، جڏهن هن وقت اها صورتحال آهي جو سنڌ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پنجاب جي محتاج بڻيل آهي ته پوءِ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان ته ان جي موت ۽ حياتيءَ جا اختيار به پنجاب يعني مرڪز جي هٿ وس ٿي ويندا.
    ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان بلوچستان جو به ساڳيو سنڌ وارو موقف آهي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي نهري پاڻي جو دارومدار به سنڌوندي تي آهي، جيڪڏهن سنڌوندي جي پاڻي تي ڪوبه ڌاڙو لڳي ٿو ته ان کان بلوچستان به ساڳيءَ طرح متاثر ٿيندو، جهڙي طرح سنڌ سوڪهڙو جو شڪار ٿيندي. جڏهن ته سرحد صوبي جو ڪيس به انتهائي وزندار آهي، ڇاڪاڻ ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير سان سرحد صوبي جي لکين ايڪڙ زمين سم ۽ ڪلر جو کاڄ بڻجي پنهنجي زرخيزي وڃائي ويهندي. سرحد جا ڪيترائي واهڻ، وسنديون ۽ شهر سم جي پاڻي ۾ ٻڏي ويندا. ان ڪري سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان طرفان ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي مخالفت جا ڪي به سياسي سبب نه پر مڪمل فني ۽ اتان جي عوام جي جياپي سان لاڳاپيل آهن.
    پنجاب، پاڪستان جي وجود کان وٺي اڄ تائين مختلف هيلن، بهانن ۽ زور زبردستيءَ سان ننڍن صوبن جي حق تلفي ڪندو آيو آهي. هر ان منصوبي کي قومي اثاثو قرار ڏنو ويندو آهي، جيڪو خود سندس مفادن جي حوالي سان ڪمائتو ۽ ڪارگر هوندو آهي. 50 سالن جي تاريخ اهڙين ڪيترين ئي ثابتين ۽ شاهدين سان ڀري پئي آهي، جو ڪيترائي اهڙا منصوبا سٽيا ويا ۽ انهي تي عمل ڪرايو ويو، جيڪي باقي صوبن جي حوالي سان اعتراض جوڳا هئا. هن وقت به ڪالاباغ ڊيم تي جيڪا ڳت ڏني پئي وڃي، ان پويان بجلي حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ پنجاب جون لکين ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ وارو مفاد لڪل آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ توانائي جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي حڪمت عمليون ۽ ٽيڪنالاجيون موجود آهن. هيڏي وڏي تڪراري منصوبي کي شروع ڪرڻ بدران سنڌ مان نڪرندڙ ڪوئلي تي بجلي گهر قائم ڪري سگهجن ٿا. پر موجوده حڪومت ڄاڻي واڻي ان معاملي کي منجهائي ۽ بگاڙي رهي آهي. گذريل پ پ حڪومت ۾ ٿر مان هٿ آيل ڪوئلي تي بجلي گهر اڏڻ وارن عالمي معاهدن کي منسوخ ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن واقع ملڪ مان توانائي جو بحران ختم ڪرڻ جو ئي مقصد آهي ته پوءِ آخرڪار هروڀرو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي ڳت ڇو پئي ڏني وڃي. ايڏي وڏي ڊيم ٺاهڻ بدران ڪوئلي کان سواءِ سنڌو درياهه جي سنڌ مان گذرندڙ وهڪري تي به ننڍا ڊيم جوڙي توانائي جي بحران جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. ان مقصد خاطر سنڌ سان واسطو رکندڙ آبپاشيءَ جا ماهر حڪومت کي ڪيتريون ئي تجويزون ڏئي چڪا آهن.
    ڪالاباغ ڊيم نه صرف صوبن وچ ۾ تڪراري مسئلو بڻجي چڪو آهي، پر خود ان لاءِ امداد ڏيندڙ اداري عالمي بئنڪ به ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عالمي بئنڪ جي ماهرن موجب ان معاملي تي تڪرار پيدا ٿيڻ سبب گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان حڪومت ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ ڊيم واري مامري تي ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي. عالمي ماهرن موجب ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ماحوليات ۽ ٻيهر بحاليءَ وارا مسئلا ايترا ته پيچيده ٿي چڪا آهن، جو ڪالاباغ ڊيم ۾ هٿ وجهڻ کان اڳ انهن مسئلن کي تفصيلي نموني ۽ سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻو پوندو. ماهرن موجب جيڪڏهن پاڪستان حڪومت اها ڊيم تعمير ڪرڻ به چاهي پوءِ به ان سان لاڳاپيل ماحولياتي ۽ ٻيهر بحالي وارن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٻه يا ٽي سال لڳي سگهن ٿا. عالمي بئنڪ جي ماهرن موجب هاڻي اهو منصوبو مالي لحاظ کان ايڏو ته مهانگو ٿي چڪو آهي جو ان لاءِ رقمن جو بندوبست ڪرڻ پاڪستان جهڙي ڪنگال ملڪ لاءِ ناممڪن آهي.
    مسلم ليگ حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ ايندڙ 5 سالن واري منصوبي ۾ صرف 150، ارب رپيا رکيا آهن، جڏهن ته ماهرن موجب ان تي موجوده دور ۾ 3 کرب 60 ارب رپيا لاڳت ايندي، جيڪڏهن اهڙي وڏي منصوبي ۾ هٿ وڌو ويو ته پاڪستان ۾ تعمير ۽ ترقي سميت ٻيا ضروري منصوبا ۽ ڪم ڪار مڪمل طور بيهجي ويندا. جنهن ڪري ڪالاباغ ڊيم نه صرف صوبن جي تڪرار سبب پر خود مالي لحاظ کان به ناقابل عمل منصوبو بڻجي چڪو آهي. ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ڪو هڪ يا ٻن سالن جو کيل ناهي، پر ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جو وقت کپي. ان هيڏي وڏي عرصي دوران پاڪستان پنهنجي توانائيءَ جون ضرورتون ڪيئن پوريون ڪندو. اهو به هڪ وڏو سوال آهي. جڏهن ته ان منصوبي کي ڪالعدم قرار ڏئي جيڪڏهن ٻيا متبادل اختيار ڪيا وڃن ته ان سان نه صرف مالي مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، پر ٿوري مدي اندر توانائيءَ جي وڌندڙ بحران کي به ڪنهن حد تائين حل ڪري سگهجي ٿو.
    جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي کي امداد ڏيندڙ عالمي ادارا به رد ڪري چڪا آهن ۽ ان کي پاڪستان لاءِ فائديمند قرار نه ٿا ڏين، ٻئي طرف سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جون صوبائي اسيمبليون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ان جي مخالفت ۾ ٺهراءَ منظور ڪري چڪيون آهن، پوءِ به اهڙي تڪراري رٿا تي زور ڏيڻ ۽ ان لاءِ زبردستي هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ ڪٿان جي دانشمندي قرار ڏئي سگهجي ٿي. جيڪي ڌريون ۽ ٽولا ملڪ جي خير خواهيءَ ۽ مالڪيءَ جا دعويدار آهن، انهن اڄ تائين ملڪ جي ڀلائي، تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان جيڪي به ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، تن هن بدقسمت ملڪ کي هميشه هاڃو ئي رسايو آهي. اهي ئي ماڻهو ٻيهر ملڪي ايڪي ۽ اتحاد جي نالي تي ڪالاباغ ڊيم جو پٽڪو پٽي رهيا آهن، جن جي پرڪارن سبب 1971ع ۾ اسان کان بنگالي ڀائر جدا ٿي ويا هئا يا کين زور زبردستيءَ سان ڇني الڳ ڪيو ويو هو. هن وقت جڏهن ملڪ ۾ گڏيل صلاح ۽ راءِ سان ڀائيچاري وارو ماحول ۾ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ماضيءَ جي غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ ماحول تيار ڪرڻو آهي. ان وقت هٿ وٺي ڪمزور قومن ۽ قوميتن کي هن تاڃي پيٽي کان بيزار ۽ بتال ڪرڻ جون سازشون سٽيون پيون وڃن. حڪمرانن جي اهڙن هڪ طرفن فيصلن سان جيڪڏهن سڀاڻي خدا نه ڪري هن 50 سال پراڻي جوڙجڪ کي ڪو هاڃو رسيو ته ان جا ذميدار به اهي ماڻهو هوندا، جيڪي ملڪي سالميت ۽ استحڪام جي نالي تي نفرتن جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. قومن وچ ۾ دشمنيون پيدا ڪري کين هڪ ٻئي کان ڌڪي ڌار ڪرڻ جا سامان پيدا ڪري رهيا آهن. هاڻي به وقت نه ويو آهي ته موجوده وڏي مينڊيٽ جي دعويدار حڪومت پنهنجي سگهه کي استعمال ڪندي صوبن وچ ۾ ڀائيچاري وارو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ حقيقي بنيادن تي فيصلا ڪري. اهڙن مڙني قوتن جي حوصلي شڪني ڪئي وڃي، جيڪي ملڪ جي ڀلائي جي نعري هيٺ ان جا بنياد کوٽي رهيا آهن.

    (ڇپيل روزانو سچ ڪراچي، 1 جون 1998ع)


    ڪراچي - حيدرآباد موٽروي ۽ سنڌ حڪومت جو تازو مؤقف

    سنڌ سان وفاق جون مهربانيون هاڻي سڀ ليڪا لتاڙي چڪيون آهن. گذريل 52 سالن اندر هن ديس جي ماڻهن سان ملڪ جي تحفظ ۽ سالميت سميت ٻين خوبصورت نعرن ۽ نظرين جي بهاني سان جيڪي هاڃا ڪيا ويا آهن، تن جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ورهاڱي کان اڳ واري خوشحال سنڌ هاڻي بئنڪن جي قرضي بڻجي چڪي آهي. ان جا ماڻهو روزگار جي اڻ هوند، بک، بيماريءَ ۽ بدحاليءَ سبب اجتماعي خودڪشيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ته سنڌ ايتري آسودي هوندي هئي، جو هتان جا ماڻهو کير، مکڻ ۽ لسي وڪرو ڪرڻ ڪبيرو گناهه سمجهندا هئا، پر هاڻ انهن ئي سکين ستابن ماڻهن جي مالي وسيلن تي قبضو ڪري کين ان منزل تي رسايو ويو آهي، جو اڄ هن قوم جا ٻچا ٻيو ته ٺهيو پر بسن ۽ گاڏين ۾ پيرين اگهاڙا ٿي پاڻي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. مضبوط مرڪز جي نالي تي يا ملڪي دفاع جي آڙ ۾ اسان جون خوبصورت زمينون، واپار، معدني وسيلا، پاڻي، روزگار جا ذريعا سڀ ٻاهران آيل ماڻهن حوالي ڪري سنڌ جي معاشي ناڪابندي ڪئي وئي آهي. هي سلسلو 1947ع کان جيئن جاري ٿيو آهي، سو بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. جيڪڏهن ان تي ڪو احتجاج ٿئي ٿو يا آواز بلند ٿئي ٿو ته ان لاءِ هڪيا تڪيا قاعدا قانون ٺهيا پيا آهن. ٽڪي جهڙا ايڪٽ پاس ڪري، آئينن ۾ ترميمون ڪري سنڌ جي مال تي قبضي جي هٻج کي قانوني جواز مهيا ڪيا پيا وڃن.
    اڄ جڏهن سنڌ جا ماڻهو، مڙني ناانصافين ۽ واعدي خلافين خلاف متحد ٿي رهيا آهن ته انهن جو گهيراءُ تنگ ڪرڻ لاءِ نت نوان پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ظاهري طور سنڌ جي خيرخواهي ۽ سڃاڻپ جا اعلان ۽ اقرار ڪري اهڙيون ته سازشون ۽ مڪاريون ڪيون پيون وڃن، جن سان هتان جي ماڻهن جي پنهنجن وسيلن ۽ دولت تان مالڪي واري دعويٰ دڦُ ٿي وڃي. تازو وفاقي حڪومت 21 جون 1999ع تي فوجي فائونڊيشن سان ڪراچي – حيدرآباد سپر هاءِ وي کي موٽر وي ۾ تبديل ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي. ان معاهدي کان اڳ وزير اعظم نواز شريف ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران سنڌ جي عوام کي خوشخبري ٻڌائيندي اهو اعلان ڪيو هو ته پنجاب وانگر سنڌ ۾ به موٽر وي ٺاهيو ويندو. جنهن بعد سنڌ حڪومت جي رضامندي حاصل ڪرڻ بدران مرڪز نه صرف موٽر وي ٺاهڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو، پر 8 ارب روپين جي ان رٿا جو ٺيڪو به فوجي فائونڊيشن حوالي ڪيو ويو. ڇا سنڌ کي اهڙي ڪنهن رٿا جي ضرورت هئي يا ان قسم جو ڪو مطالبو ڪيو ويو هو؟ انهن مڙني سوالن کي پاسيرو رکي نه صرف هڪ طرفو فيصلو ڪيو ويو پر سنڌ حڪومت کي هڪ حڪم ذريعي اها به هدايت ڪئي وئي ته هو 21 سپٽمبر 1999ع کان سپرهاءِ وي تان اوڳاڙي ٿيندڙ ٽول ٽيڪس جا سڀ حق واسطا فوجي فائونڊيشن حوالي ڪري ڇڏي. وفاق جي ارهه زورائي ته ڏسو ته هنن سنڌ جي هڪ عاليشان روڊ تي قبضو ڪرڻ ۽ ان مان ٿيندڙ آمدني کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان صرف وات ٽڪاڻي به نه ڪئي. ائين محسوس ڪرايو ويو ڄڻ ته سنڌ هن ملڪي وفاق جو ڪو خودمختيار يونٽ نه پر ڪا فتح ڪيل ڪالوني هجي. جنهن جي مرضيءَ ۽ منشا جي ڪابه حيثيت نه هجي. وزير اعظم نواز شريف جي حڪومت پنهنجي ڳري مينڊيٽ جي نشي ۾ سڀ وفاقي قدر، آئيني ۽ قانوني گهرجون لتاڙڻ ۾ ذري برابر جي به پرواهه نه ڪئي.
    تازو 25 آگسٽ 1999ع تي جڏهن روزاني سچ طرفان ڪراچي - حيدرآباد موٽروي جي موضوع تي سيمينار ڪرايو ويو ته ان ۾ شريڪ ٿيندڙ مڙني سياستدانن، فني ماهرن، ٽرانسپورٽرن ۽ ٻين باشعور ماڻهن نه صرف ان رٿا کي رد ڪيو هو، پر ان سان سنڌ کي پهچندڙ نقصانن کان به سڄي ملڪ جي عوام ۽ حڪمرانن کي آگاهه ڪيو ويو. سنڌ جا ماهر ان راءِ جا آهن ته ڪراچي - حيدرآباد سپرهاءِ وي سنڌ جي ملڪيت آهي. ڇاڪاڻ ته هن روڊ تي وفاق جيڪا لاڳت ڪئي هئي. اها ون يونٽ جي ٽٽڻ بعد سنڌ جي کاتي ۾ وڌي وئي هئي ۽ سپر هاءِ وي کي سنڌ جي ملڪيت قرار ڏنو ويو هو. ان ڪري وفاق طرفان هاڻي هن روڊ تي مالڪي جا اختيار جتائڻ جو ڪوبه آئيني ۽ قانوني جواز ناهي. وفاق جو هي فيصلو اصل ۾ سنڌ سان ڪا سڄڻائپ نه پر ان کي هر مهيني ٿيندڙ 9 ڪروڙ روپين جي آمدنيءَ کان محروم ڪرڻ جي سازش آهي. وفاق، سنڌ کان ٻيا ته سڀ وسيلا ڦري ورتا آهن، پر هاڻي روڊ جي ٿيندڙ آمدني کان به محروم ڪرڻ گهري ٿو. جيڪڏهن خالص فني بنيادن تي به ڏسجي ته سنڌ کي موٽروي جي ڪابه ضرورت ناهي. سپر هاءِ وي جي چئن لائينن واري روڊ ۾ اڄ به ايتري گنجائش آهي، جو اهو ايندڙ ٻن ڏهاڪن تائين ٽريفڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. هن وقت مالي وسيلن جي اڻ هوند سبب سنڌ جا سڀ رستا ۽ روڊ تباهه ٿي چڪا آهن. انهن جي مرمت لاءِ حڪومت وٽ هڪ ٽڪو به موجود ڪونهي. ان تباهه ٿيل رستن جي مرمت نه ٿيڻ سبب سنڌ جي هاءِ ويز تي موتمار حادثن ۾ هر روز 22 ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا. سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي ڪيترن ئي هنڌن تان ويهجي چڪو آهي. جنهن ڪري ٽريفڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلاڪ ٿيو وڃي. حڪمران ملڪ جي هن وڏي رستي جي مرمت ڪرائڻ بدران موٽروي تي زور ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن حڪمرانن کي سنڌ سان ايتري ئي همدردي آهي ته ان کي موٽروي ڏيڻ بدران فارم کان مارڪيٽ تائين 4 هزار ڪلوميٽر لنڪ روڊ ٺهرائي ڏنا وڃن. جنهن سان نه صرف سنڌ ۾ مواصلات جو سسٽم بهتر ٿي ويندو، پر ڳوٺن جي ترقي ٿيندي ۽ زراعت جي سيڪٽر ۾ هڪ وڏو انقلاب اچي ويندو.
    اصل ۾ موٽروي، سنڌ جي ترقيءَ ۽ تعمير جي رٿا نه پر هتان جي زمين تي قبضي جي هٻڄ آهي. فوجي فائونڊيشن کي سپرهاءِ وي جي چئن لائينن واري روڊ کي 6 لائينن ۾ تبديل ڪرڻ کان اڳ ئي ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي جا حق ڏيڻ سڄي ڳالهه کي وائکو ڪري ڇڏي ٿو. فوجي فائونڊيشن کي اهو ٺيڪو ملڻ سان ٽول ٽيڪس جي اگهن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو. جنهن سان ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ واڌ ايندي. ان سان گڏ سنڌ ساليانو ڏيڊ ارب روپين جي آمدني کان محروم ٿي ويندي. جڏهن ته فوجي فائونڊيشن روڊ تي هڪ روپيو به لاڳت ڪرڻ کان اڳ ئي روزانو لکين روپيا آمدني حاصل ڪرڻ لڳندي. آخر اهو ڪهڙو منطق آهي جو هڪ خانگي ڪمپني کي سنڌ جا زميني ۽ آمدني وارا وسيلا انعام ۾ ڏنا پيا وڃن. نه صرف سنڌ جي روڊ تي قبضو ڪري ان کي پنجاب جي نمائندگي ڪندڙ هڪ ڪمپنيءَ کي مقاطعي تي ڏنو پيو وڃي، پر ان سان سپر هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان صنعتي ايريائون ۽ ٻيون رهائشي ڪالونيون جوڙي پنجاب جي ماڻهن کي آباد ڪرڻ جي به خوفناڪ رٿا تيار ڪئي وئي آهي. جنهن سان سنڌي ماڻهو نه فقط اقليت ۾ اچي ويندا پر هو پنهنجي گادي ۽ بندر گاهه واري شهر تان مالڪي جا اختيار وڃائي ويهندا.
    سنڌ حڪومت، ”سچ“ سيمينار بعد موٽروي رٿا عام بحث جو موضوع بڻجڻ سبب ان تي ڪيترائي ڀيرا پنهنجو مؤقف تبديل ڪيو آهي. ڪجهه وقت اڳ ان رٿا بابت اعتراض جو اعلان ڪيو ويو، پر جڏهن تازو وزير اعظم نواز شريف، سنڌ جي صلاحڪار سيد غوث علي شاهه جي مقرري بعد ڪراچي پهتو هو ته سنڌ حڪومت طرفان ان رٿا تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه هجڻ جو اعتراف ڪيو ويو. اهو بيان هيٺين سطح تي ڪامورن جو ڪارنامو هيو يا ان ۾ سنڌ جي والي وارثن جي رضامندي شامل هئي. ان بابت صرف ملائڪ ئي ڄاڻي سگهن ٿا. تازو هڪ نالي وارو انگريزي اخبار پنهنجي هڪ خاص رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت سپر هاءِ وي وفاق حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. وفاق طرفان 21 سيپٽمبر تي سپر هاءَوي جي مالڪي وارا حق فوجي فائونڊيشن حوالي ڪرڻ واري حڪم نامي جي جواب ۾ سنڌ، وفاقي حڪومت کي پنهنجن اعتراضن کان آگاهه ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ان سان سنڌ پنهنجي ريگيولر آمدنيءَ کان محروم ٿي ويندي. ان ڪري وفاق جيڪي فنڊ موٽروي ٺاهڻ لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سو موٽروي ٺاهڻ بدران هتان جي تباهه ٿيل روڊن جي مرمت لاءِ ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت، وفاق جي ان جي رويي تي به اعتراض ڪيو آهي ته موٽروي ٺاهڻ واري منصوبي ۽ ان بابت فوجي فائونڊيشن سان معاهدي متعلق صوبائي حڪومت سان ڪوبه مشورو نه ڪيو ويو. جيڪڏهن واقع سنڌ سرڪار ان رٿا کي رد ڪيو آهي ته حڪومت جي ان فيصلي کي سنڌ جو عوام ضرور ساراهه ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندو. ڇاڪاڻ ته هتان جي وسيلن ۽ آمدنيءَ جي ذريعن جو تحفظ ڪرڻ سنڌ حڪومت جي آئيني، قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي. ان ذميواري جي ادائگي ۾ هتان جو عوام حڪومت سان گڏ هٿ ونڊائڻ لاءِ تيار آهي.
    وفاق ۽ خاص ڪري پنجاب اڄ تائين ننڍن صوبن سان جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي، تنهن ملڪ منجهه نه صرف بيچيني کي جنم ڏنو آهي. پر ان سان خود ملڪ جي بنيادن کي هاڃو رسيو آهي. اڄ هي جيڪي مرڪز مخالف جذبا پيدا ٿيا آهن، سي ڪنهن لٻاڙي سياستدان جو ڪرشمو ناهي، پر اصل ۾ انهن جا مادي بنياد موجود آهن. ان ڪري ملڪ سان محبت، وفاداريءَ ۽ سڄاڻائپ جي اهائي تقاضا هوندي ته ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ سان اڻ برابري وارو سلوڪ بند ٿيڻ کپي. اهڙن مڙني فيصلن کي رد ڪيو وڃي، جنهن سان ملڪي سالميت تي ڇنڊا پون. اڄ جڏهن ملڪ جي مڙني اهم شعبن جو واڳون پنجاب جي قيادت حوالي آهن ته هنن کي گذريل 52 سالن اندر ننڍن صوبن سان ٿيل بي واجبين جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هاڻي به ساڳيو هوڏ ۽ قبضي واري هٻڇ جاري رهي ته پوءِ ماضيءَ جهڙا ڪيترائي سانحا جنم وٺي سگهن ٿا.

    (ڇپيل روانو سچ ڪراچي، 10 سيپٽمبر 1999ع)


    آمريڪا – ريڊ انڊينز ۽ سنڌي

    ڪڏهن ڪڏهن ڪي خبرون يا اعلان باقي جڳ جهان لاءِ ننڍڙا هوندي به ڏاڍا ڇرڪائيندڙ ۽ مانائتا هوندا آهن. ڪن قومن جا ڪي تاريخي قدم ۽ فيصلا پنهنجن عظمتن سبب وڏ ماڻهپي لاءِ مقرر ٿيل مڙني ماپن ۽ پئمانن ۾ به سمائجي نه سگهندا آهن. اهڙو ئي هڪ فيصلو 20 صدي جي پڄاڻي واري سال جي شروعات ۾ آمريڪا بهادر ڪري واقع انهن ملڪن ۽ قومن لاءِ جرئتمنداڻو ۽ انصاف ڀريو مثال قائم ڪيو آهي، جن پنهنجي ترقي ۽ تعمير جو بنياد ئي ٻين مظلوم قومن، ستايل ۽ محروم ڪيل ماڻهن جي رت ۽ پگهر تي وڌو آهي. آمريڪا سرڪار، نئين سال جي موقعي تي، آمريڪا کنڊ جي اصل رهواسين ريڊ انڊينز جي زمين تي پهرين عالمي جنگ جي موقعي تي ڪيل قبضو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن موجب ريڊ انڊينز کي 32 هزار هيڪٽر زمين واپس ڪئي ويندي. هلندڙ صديءَ دوران ڪنهن ملڪ طرفان ڪنهن ٻي قوم جي ايڏي وڏي ايراضي رضاڪارانه نموني واپس ڪرڻ جو هي وڏو فيصلو هوندو. جيڪڏهن آمريڪا جيڪا سڄي دنيا جي لٺ سرداري جي دعويدار آهي. ريڊ انڊينز کي اها زمين واپس نه به ڪري ها ته ڪو به کانئس پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارو ڪين هيو، نه وري ويچارن ريڊ انڊينز کي ايڏي طاقت ۽ قوت هئي، جو هو پنهنجي اباڻي ملڪيت تان قبضو ختم ڪرائي سگهن ٿا.
    آمريڪا بهادر جو اهو اعلان سنڌ واسين لاءِ ته واقعي حيرت جوڳو آهي پر شايد انهن قوتن لاءِ به شرمساري جو سبب بڻجي سگهي، جيڪي گذريل اڌ صديءَ کان ملڪ جي وحدت، سالميت، اتحاد ۽ ڏاڍ جي بنياد تي سنڌ جي سرسبز کيتن تي قابض آهن. هن ڌرتيءَ جي ڪک مان ان اپائي پيٽ جو دوزخ ڀريندڙ ان جا فرزند ته ٺهيو، پر صرف دوست به نه ٿي سگهيا آهن. 1947ع جي ورهاڱي کان ۽ موجوده وفاق ۾ شموليت کان پوءِ هڪ وڏي منصوبابنديءَ هيٺ سنڌ جي ڌرتيءَ تي والار شروع ٿي. بئراجن جون زمينون پنجاب کان آيل ماڻهن کي ڪوڏين جي اگهن تي ڏئي هتان جي اصل رهواسين کي آبپاشي جي نئين نظام جي نعمتن کان محروم ڪيو ويو، بعد ۾ منگلا ڊيم، تربيلا ڊيم، چشمه لنڪ ڪئنال جي متاثرن جا ڪٽڪ چاڙهي سنڌ ڌرتي، سنڌ واسين جي پيرن هيٺان سرڪائڻ جوعمل جاري رهيو، جنهن کي اڄ سوڌو ڪٿي به ڪو ٽاڪو لڳندو نظر نه ٿو اچي. فوجين، رانديگرن، سميت لاهور ۽ سيالڪوٽ جي پهلوانن کي ته ڇڏيو پر قبضي جي هٻڇ ۾ عرب شيخن کي به هتان جي زمين سان نوازڻ کان وسان ڪين گهٽايو ويو. اڄ جيڪڏهن ڪاٿو لڳايو وڃي ته سنڌ جي اپت واري ڀلوڙ بئراجي زمين جو 60 کان 70 سيڪڙو اوپرن ماڻهن ۽ خاص ڪري پنجاب جي والار پسند قوتن جي قبضي هيٺ اچي چڪو آهي.
    اسان جي پياري پاڪستان ۾ اسان جا آقا ۽ حاڪم ”لوڪ وڃي لهوارو، تون اوچع وهه اوڀار“ واري چوڻي تي سئو سيڪڙو عمل ڪري رهيا آهن. هڪ طرف هانگ ڪانگ ۽ مڪائو صدين کانپوءِ چين کي واپس ٿي چڪا آهن، اسرائيل پنهنجي نسلي اڳرائي ۽ هوڏ تان لهي فلسطينين کي پنهنجي ڌرتي واپس پيو ڪري، شام جي گولان وارين ٽڪرين تان قبضو ختم ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. ٻئي طرف اسان جا يار سڄي دنيا کي پٺي ڏئي پنهنجي والار کي نه صرف جائز قرار پيا ڏين پر ان کي جاري رکڻ لاءِ نوان منصوبا ۽ ٽڪساٽ گهڙيا پيا وڃن. ان سڄي ذهنيت جي باوجود هنن جي ذهن ۽ ضمير ۾ اها اڻ تڻ ضرور موجود هوندي ته صدين جا قبضا به ڪنهن جي مالڪي واري آفاقي حق کي ريٽي نه ٿا سگهن. اڄ نه سڀاڻي والاريل زمينون، ماڳ ۽ مڪان ضرور واپس ڪرڻا پوندا. ڇاڪاڻ ته قومن جا تاريخي حق ۽ واسطا ڪجهه سالن ۽ صدين جي قبضي سان غير محفوظ ڪري نه ٿا سگهجن. اڳي پوءِ مالڪي صرف انهن مالڪن جي هلندي، جن کي اها نعمت قدرت عطا ڪئي آهي.
    اسان جي حاڪمن ۽ آقائن جي وات مان ڪڏهن ڪڏهن سچ اوڳاڇجي به پوندو آهي. هو نه چاهيندي به اهو اعتراف ڪري وجهندا آهن ته هنن ملڪ جي مظلوم قومن سان انصاف ڀريو سلوڪ نه ڪيو آهي، پر پوءِ به هو ڏوهن جو اعتراف ڪرڻ باوجود به انهن جو ازالو ڪرڻ کان گوٿناٿون ڪندا آهن. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ به ملڪ جي سربراه سميت سندس ڪابينا جي اهم ماڻهن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته پاڪستان جي موجوده ڍانچي ۾ مظلوم قومن سان زيادتيون ٿيون آهن، جنهن سبب اسان کان اڳوڻو اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو. خود موجوده فوجي سربراهه جنرل پرويز مشرف پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ قوم کي جيڪا ايجنڊا ڏني هئي، ان جو مکيه نقطو اهو به هيو ته صوبن کي پنهنجا اختيار ڏنا ويندا، ساڻن جيڪي زيادتيون ٿيون آهن، تن جو ازالو ڪيو ويندو. پر اڄ جڏهن انهن اعلانن ۽ اقرارن کي 100 ڏينهن به مس گذريا آهن ته اهي اڻ محسوس ٿيندڙ دز هيٺان دٻجي غائب ٿي ويا آهن. صوبن کي اختيار ڏيڻ وارا ايجنڊا گڏهه جي مٿي تان سڱن وانگر غائب ٿي وئي آهي. آخر اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي حاڪمن کي پنهنجن ئي لفظن جي حرمت کي پئمال ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهن ٿيون.
    دنيا آمريڪا جي ڪردار کي ڪيڏو به خراب نظرن سان ڇو نه ڏسندي هجي. ان جي مختلف ملڪن خلاف ڪيل ڪاررواين کي ڪيترو به ڪراهت جوڳو ڇو نه سمجهيو وڃي. پر هو اڄ به دنيا مٿان ان ڪري راڄ پئي ڪري، جو هن پنهنجي ملڪ جي عوام کي آزاديون گهٽ وڌ ئي سهي پر مهيا ڪري ضرور ڏنيون آهن. جنهن جو پاڪستان جهڙو ملڪ تصور به نه ٿو ڪري سگهي. جيڪو ملڪ ۽ ان جا حاڪم پنهنجن ئي ماڻهن کي بنيادي حق، انساني آزاديون ۽ قومي برابري مهيا ڪري نه ٿا سگهن. سي ڪهڙي منهن سان ٻين قومن مٿان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف آواز بلند ڪري سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ عالمي حمايت ۽ امداد حاصل ڪري سگهن ٿا. ان ڪري چڱاين جي شروعات هميشه گهر کان ڪرڻ گهرجي. جيئن آمريڪا ريڊ انڊينز جي زمين تان قبضو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڪئي آهي.

    (ڇپيل، روزانه سچ ڪراچي، 22 جنوري 2000ع)


    بنياد پرستيءَ ڏانهن وڌندڙ سنڌ

    سنڌ کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڪينسر جهڙو هڪ خطرناڪ مرض اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري رهيو آهي. هتان جا سڀ ساڃهه وند ماڻهو ۽ انهن جون تنظيمون ان مرض جي مڙني خوفناڪين کان چڱي نموني واقف هوندي به ان خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪوبه ان مرض جي دوا ڳولڻ ۽ ان کي ناس ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪونهي. اهو خطرناڪ مرض هتي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بنياد پرستي ۽ فرقيواريت آهي. جيڪا آهستي آهستي اسان جي الڳ قومي وجود، وطن، ٻولي، تاريخي روايتن ۽ ثقافتي قدرن کي نهوڙي ناس ڪري رهي آهي. اسان جو نوجوان نسل، جيڪو تاريخي تسلسل ۽ ارتقا جي اصولن موجب وڌيڪ باشعور، عالمي امن جو پرچارڪ، مذهبي رواداري ۽ سهپ جو مجسمو بڻجڻ کپي ها، سو مدي خارج ۽ دقيانوسي روايتن، مذهبي ۽ فرقيوار جنون جي ور چڙهندو پيو وڃي. سنڌ جي مٿئين طبقي يعني جاگيردار ڪلاس طرفان هتان جي وچولي طبقي جي وطن دوست، ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر آڏو بند ٻڌڻ، انهن جي تنظيمي اوسر آڏو رڪاوٽون وجهڻ سبب هتي دقيانوسي سوچ رکندڙ مدي خارج فرقيوار ٽولن ۽ جماعتن کي اسرڻ، نسرڻ ۽ مضبوط ٿيڻ لاءِ ميدان خالي مهيا ٿي مليو آهي. مٿيون طبقو پنهنجي ويڪائو ذهنيت جي ڪري هر شيءَ کان لا تعلق بڻجي، پنهنجي ڊهندڙ طبقاتي وجود کي ٿوڻيون ۽ ٿنيا ڏيڻ ۾ مشغول آهي. اهو ئي مٿيون طبقو صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن جمهوريت پسند بڻجي ويندو آهي، ته ڪڏهن وري نظريه ضرورت تحت آمريت جي جهوليءَ ۾ وڃي پناهه وٺندو آهي.
    ون يونٽ واري دور ۾ سنڌ اندر جيڪا سجاڳي جي لهر پيدا ٿي هئي ۽ رجعت پرستيءَ خلاف جيڪو علمي ادبي جهاد شروع ٿيو هو، تنهن جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا وارن ڏينهن ۾ ڦوهه جواني ماڻڻ بعد ٻيهر موٽ کاڌي آهي. اسان جي پڙهيل لکيل وچولي طبقي جي تنظيمي ڇڙواڳين، موقعي پرستيءَ، عياشين ۽ آسائشن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهڻ، هتي نه صرف مايوسيءَ ۽ نراسائيءَ کي پختا بنياد ميسر ڪيا آهن، پر ان نااميديءَ ۽ ڇڙواڳيءَ سبب هاڻي اسان کي ان ڳالهه جي ڪا به پرواهه نه رهي آهي، ته شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ديس کي فرقيواريت جي نالي تي ڪهڙيون اُماڙيون بڇايون پيون وڃن. صوفين جي ديس سنڌ ۾ هن وقت حالت اها وڃي رهي آهي جو ترقي پسند، وطن دوست ۽ روشن خيال ماڻهن جي صفن ۾ نه صرف ڏينهون ڏينهن ڏار پوندا پيا وڃن، پر هو صرف هاڻي اخباري بيانن جي حد تائين وڃي محدود ٿيا آهن، سندن واڌ ويجهه جا سڀ دڳ ۽ رستا بند ٿي چڪا آهن. مسڪين، اٻوجهه ۽ معصوم ماڻهن کي سبز باغ ڏيکاري، دلاسا ڏئي، طوفاني پرچار جي آڌار تي بنياد پرست ڪئمپن ۾ ڌڪيو پيو وڃي. نوجوان نسل قومي ۽ طبقاتي جدوجهد، ترقي پسند شعور ۽ رواداري بدران فرقيوار تشدد پسند تنظيمن جو سڻڀو گرهه بڻجي رهيو آهي. جنهن سبب نه صرف سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ڏينهون ڏينهن ماٺي ٿيندي پئي وڃي، پر ان جي اوسر 20 سال اڳ واري حد تي رُڪجي وئي آهي. اسان جا نوجوان جهاد جي نالي تي ڪشمير ۽ افغانستان ۾ وڃي ته ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن ٿا، پر پنهنجي ئي قومي حقن، انساني آزادين ۽ بنيادي ضرورتن جي حاصلات لاءِ آڱر مان رت جو هڪ ڦڙو به وهائڻ لاءِ تيار ناهن. ڇا اها اسان جي قومي ۽ ترقي پسند تحريڪن جي شڪست ناهي، جو اسان پنهنجي نوجوانن کي پنهنجن ئي حقن جي حاصلات لاءِ سرگرم نه رکي سگهيا آهيون، پر ٻيا ست ڌاريا ماڻهو ۽ ٽولا کين پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. تاريخي تسلسل ۽ رفتار موجب هئڻ ته ايئن گهرجي ها ته اڄ سنڌ منجهه مذهبي رواداري، سيڪيولر سوچ، فرقيوار سهپ ۽ جديد انساني قدر وڌيڪ جٽادار ۽ ناقابل شڪست هجن ها، پر هتي تاريخ جو ڦيٿو ڏينهون ڏينهن ابتو ڦري رهيو آهي.
    افغانستان جي عوامي جمهوري انقلاب خلاف آمريڪي آشيرواد سان جيڪو نام نهاد جهاد شروع ٿيو هو، تنهن سڄي ملڪ سميت خاص ڪري سنڌ جهڙي سيڪيولر ۽ صوفي ماڻهن جي ديس کي به پنهنجي وڪڙ منجهه آڻي ڇڏيو آهي. هتي بنياد پرست ٽولا ۽ فرقيوار تنظيمون نه صرف متحرڪ ۽ سگهاريون ٿيون، پر هنن پاڻ کي جنگي بنيادن تي منظم ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيو. اهڙين تنظيمن کي جنرل ضياءُ، ملڪ جي سياسي پارٽين ۽ جمهوريت پسند قوتن کي ڪمزور ۽ نيست و نابود ڪرڻ لاءِ سرڪاري سرپرستي مهيا ڪئي، فنڊ ڏنا، جنگي تربيت لاءِ هٿيارن جي کلي عام چرپر ۽ خريداري لاءِ ڇپر ۽ ڇانو مهيا ڪئي. افغانستان مان سوويت فوجن جي واپسيءَ بعد جڏهن اتي بنياد پرست ٽولا اقتدار ۾ آيا ۽ هڪ ٻئي جو رت وهائڻ ۾ مصروف ٿي ويا ته ان عمل نه صرف هتان جي بنياد پرستن کي تقويت بخشي پر کين افغانستان جي اندر پنهنجا اتحادي به ملي ويا. جنهن بعد پاڪستان سميت سنڌ ۾ اهڙين قوتن کي وڌڻ ويجهڻ ۽ متحرڪ ٿيڻ لاءِ کليل ميدان ۽ ماحول ميسر ٿيو. ان سڄي عمل خلاف سنڌ منجهه ڪابه سگهاري مزاحمتي ۽ فڪري قوت اڳيان نه آئي. اسان جون روشن خيال ڌريون سرڪاري سنڌ دشمن عملن خلاف ته متحرڪ رهيون، پر هنن عوام کي بنياد پرستيءَ جي وڌنڌڙ اثر کان بچائڻ لاءِ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي.
    اڄ سنڌ منجهه صورتحال ان حد تائين خطرناڪ ٿي وئي آهي، جو هتي مذهبي جنونين جا ٽولا بازارن، گهٽين، ڳوٺن ۽ چوواٽن تي حقوق الله ۽ حقوق العباد بدران فتني ۽ فساد جا واعظ ڪري رهيا آهن. اهي ٽولا سرڪاري يونيورسٽين، اسڪولن، ڪاليجن ۾ پهچي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ترقي پسند فڪر ۽ شعور خلاف وڏي واڪي ڪچڙن ذهنن ۾ بارود جي بوءِ ڀري رهيا آهن. انهن کي ڪوبه جهلڻ، روڪڻ ۽ ٽوڪڻ وارو ڪونهي، هو کلم کلا نوجوانن منجهه نه صرف فرقيواريت جي پرچار ڪري رهيا آهن، پر اتان جهاد جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي پنهنجن جهادي فوجي ٽولن ۾ شامل ڪري رهيا آهن. هتان جي وڏن شهرن جي تعليمي درسگاهن ۾ بنياد پرستن پنهنجن حامين جي مدد سان انهن اهل علم ۽ باشعور استادن خلاف ڌرتي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. جيڪي نوجوانن کي ايندڙ وقت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد علم، سائنس ۽ ٽئڪنالاجي سميت مهذب انساني قدرن ۽ ماڻهپي جو درس ڏيڻ ۾ مشغول آهن.
    سنڌ ۾ بنياد پرست ٽولا هڪ منظم رٿابندي هيٺ ننڍن شهرن جي سرڪاري ۽ فلاحي مقصدن لاءِ رکيل پلاٽن، راندين جي ميدانن ۽ پارڪن لاءِ مخصوص ڪيل ايراضين تي قبضا ڪري اتي پنهنجا اڏا قائم ڪري رهيا آهن. اهڙن اڏن کي ظاهري طور ديني درسگاهن جو نالو ڏئي اتي خالص مذهبي تعليم ڏيڻ جي بدران هزارين شاگردن کي جهاد جي نالي تي فتني ۽ فساد لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي. اتي هڪ رٿابندي سان جنوني فوج تيار ڪئي پئي وڃي. مدرسن جي خوبصورت نانءَ تي جڙيل اهڙن اڏن کي نه صرف زڪوات فنڊ مان هر سال ڪروڙين روپيا ڏنا پيا وڃن، پر ڪيترائي پرڏيهي ملڪ انهن جي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڳري مالي مدد ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ اهڙن درسگاهن جو مقصد ديني تعليمي گهٽ پر هڪ مخصوص فرقي جي پرچار وڌيڪ رهي آهي. ان قسم جي درسگاهن جا ڪنهن نه ڪنهن بنياد پرست تنظيم ۽ ان جي سهڪاري پرڏيهي ملڪ سان رابطا موجود آهن. جيڪي خاص وقتن تي کين پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا. ملڪ ۾ شيعا سني فساد به ان سلسلي جي ڪڙي رهيا آهن، خود اسان جا حڪمران مختلف وقتن تي اها ڳالهه تسليم ڪندا آيا آهن ته ڀر وارا اسلامي ملڪ اهڙين فرقيوار تنظيمن کي مالي مدد مهيا ڪري رهيا آهن. اڳوڻي نواز شريف حڪومت ۾ جڏهن اوچتو ئي اوچتو هڪ فرقيوار تنظيم کي منظم دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو پئي ويو ۽ ملڪ ۾ هر طرف مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين هنڌن تي بمن جا ڌماڪا شروع ٿي ويا هئا ته ان وقت پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سميت خود وزيراعظم ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته افغانستان جا طالبان دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهن. حڪومت طرفان ان سلسلي ۾ افغانستان سان باضابطه احتجاج ڪري اها اپيل ڪئي وئي هئي ته هو اتي نه صرف دهشتگرد ڪئمپون بند ڪرائي پر اهڙين ڪئمپن ۾ پاڪستاني طالبان کي سکيا ڏيڻ جو عمل به بند ڪيو وڃي. خود اڄ به ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو جنرل پرويز مشرف اها ڳالهه ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگرديءَ جون ڪئمپون بند ڪرائڻ لاءِ افغان حاڪمن سان ڳالهيون ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ ته ان سبب نه صرف افغانستان پاڻ ڏکيائين جو شڪار ٿي رهيو آهي، پر پاڪستان به دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي. پاڪستان کي عالمي سطح تي دهشتگرد قرار ڏيڻ لاءِ سازشون سٽيون پيون وڃن. پاڪستان ۾ اڄ ڪالهه جيڪي تنظيمون ڪشمير جي نالي تي هٿيار ۽ گولا بارود گڏ ڪري رهيون آهن ۽ جنگي تربيتي ڪئمپون قائم ڪيون ويٺيون آهن، تن جي ان عمل سان ملڪ لاءِ ڪابه سڄاڻائپ نه ٿي رهي آهي. اٽلندو پاڪستان جو ڪيس عالمي سطح تي ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. خود ڪشميرين لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ٿي رهيون آهن. اڄ ملڪ منجهه ڪشمير ۽ افغانستان جي نالي تي جيڪي جنگي ٽولا وجود ۾ اچي رهيا آهن، اهي سڀاڻي اتان واندڪائي ملڻ بعد هتي به ڪابل ۽ قنڌار جهڙين خونريزين کي جنم ڏيندا.
    70 ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ سنڌ منجهه سيڪيولر ڌريون انتهائي سگهاريون هيون، هتان جو نوجوان نسل ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن جي اثر ۾ هيو. ترقي پسند شعور ۽ روشن خيالي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي، نوجوانن منجهه جديد فڪر ۽ رواداري ڏانهن رجحان هيو. اسان جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بنياد پرست ۽ فرقيوار تنظيمن لاءِ نو گو ايرياز بڻيل هيون. هتان ڪشمير ۽ افغان جهاد جي نالي تي نوجوانن جون کيپون ڀرتي نه ڪيون وينديون هيون. جديد قومپرستي، سوشلزم ۽ سيڪيولرزم هتان جي نوجوانن جا آئيڊيل فڪر هيا. انهن موضوعن تي ڪيترائي رسالا ۽ هزارين ڪتاب شايع ٿيندا هئا، پمفليٽن ۽ اسٽيڊي سرڪلن ذريعي نوجوانن جي رهنمائي ڪئي ويندي هئي، پر بعد ۾ اسان جي وطن دوست ۽ ترقي پسند تنظيمن جي غير فعال ٿيڻ، سندن قيادت منجهه عياشي ۽ ڇڙواڳي پيدا ٿيڻ سبب اهو عمل اتي رڪجي ويو. جنهن سبب وچولي طبقي منجهه جيڪا مايوسي ۽ فراريت پيدا ٿي، تنهن جيڪو خال پيدا ڪيو، ان کي بنياد پرست ۽ فرقيوار تنظيمن ڀرڻ شروع ڪيو. اڄ حالت اها آهي جو اسان جي تعليمي ادارن مان نوجوانن کي جهاد جي نالي غير سرڪاري لشڪرن ۾ ڀرتي ڪري ڪشمير ۽ افغانستان جي اندر ٻرندڙ باهه ۾ اڇليو پيو وڃي. ان سڄي وهنوار تي اسان جون سڀ ڌريون خاموش آهن، ان عمل جي ڪابه مزاحمت نه پئي ڪئي وڃي. ماڻهن منجهه اهڙن معاملن خلاف ڪوبه شعور ۽ سمجهه پيدا ڪرڻ ڄڻ ته سندن فرضن ۾ ئي شامل نه رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي اسان جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ افغانستان ۽ ڪشمير کان اسان جي ڳڀرو نوجوانن جا لاش پهچي رهيا آهن.
    اڄ اسان جون جيڪي تنظيمون سنڌ جي حقن جي نانءُ تي پنهنجا دڪان سجايو ويٺيون آهن، انهن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد کان ڪير به انڪاري ڪونهي، پر معاملو صرف اتي ختم نه ٿو ٿئي. اسان کي ان سان گڏوگڏ پنهنجي عوام کي فرقيواريت ۽ بنيادي پرستيءَ جي باهه کان به بچائڻ جي ضرورت آهي. منجهن علمي بنيادن تي ترقي پسند شعور ۽ سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ به جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. نوجوانن کي روشن خياليءَ جو درس ڏيڻ ۽ جهالت پسند قوتن جي چنبي مان ڪڍڻ لاءِ جنگي بنيادن تي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. نه ته ايندڙ 10 سالن ۾ سنڌ جو هي نقشو نه رهندو. نه صرف سنڌ جي الڳ وطن ۽ قوم وارو تصور ختم ٿي ويندو، پر اسان جو وطن فرقيوار ۽ بنياد پرست قوتن جو جنگي ميدان بڻجي ويندو. اسان هندو، مسلم، شيعا، سني، وهابي ۽ بريلوي جي چڪر ۾ هڪ ٻئي جا ڪنڌ ڪوريندا وتنداسين. اسان جي درسگاهن تي جاهل فوجن جا پهرا هوندا، جديد علم ۽ شعور جي خواهش ڪبيرو گناهه بڻجي ويندي. روشن خيالي ۽ سيڪيولر سوچ ڦاهيءَ جو ڦندو بڻجي ويندي. دنيا 21 هين صدي جي نعمتن مان فيضياب ٿيندي رهندي پر اسان هڪ ٻئي جي رت جا پياسا بڻجي وينداسين. هي سوال اسان لاءِ اڄ جو وڏو چئلنج آهي، ڇا اسان جديد سنڌ جي اڏاوت لاءِ اهو چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

    (ڇپيل، روزانو سچ ڪراچي، 13 فيبروري 2000ع)


    ٿر کي ديوار ڏياري ڇڏيو!

    اسان جڏهن مٺيءَ کان نئون ڪوٽ اچي رهيا هئاسين ته نئون ڪوٽ اچڻ کان اڳ هڪ ”جهوني قلعي“ وٽ ٺهيل پوليس چيڪ پوسٽ تي ترسڻ وقت پوليس واري پڇيو ته، ”اوهان سنڌ جي ڪهڙي شهر پيا وڃو؟“ سندس ان سوال منهنجي دماغ جا در کڙڪائي ڇڏيا. ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ مٺيءَ ۾ هڪ گاڏين جي گئراج تي ويٺل پوڙهي ٿري به ساڳيو سوال ڪيو هو ته، ”اوهان سنڌ جي ڪهڙي شهر کان آيا آهيو؟“ سندن اهي سوال واقعي دل ۽ دماغ تي هٿوڙا هڻي رهيا هئا ۽ ان ۾ قصور ٿرين جو نه پر شايد اسان سڀني سنڌ واسين جو هيو. اسان واقعي کين ايترو ته اڪيلو، اٻاڻڪو ۽ نراس ڪري ڇڏيو آهي، جو هو ”نئون ڪوٽ جي جهوني ڪوٽ“ کان اڳتي واري علائقي کي سنڌ نه پر ٿر چوندا آهن. سنڌ، جيڪا ٿرين لاءِ سکئي، ستابي ۽ خوشحال ديس جي تصور طور موجود آهي، تنهن لاءِ ڄڻ ته سندن دلين تي ڪنڊيدار سرحدي لڪيرون ڇڪيل هجن!
    ٿر جي ڀٽن تي سوين سج لهي ويا، پر سندن سوڪهڙي سٽيل مکڙن تي ڪڏهن به بهار جي ڪنهن جهوٽي مرڪ نه آندي. سدائين بک، بدحالي، پاڻيءَ جي اڻاٺ، خوفناڪ بيمارين جا حملا ۽ اڻ ٻڌل وائرس جا راتاها، ڪڏهن ڪڏهن ته آفريقا جي جهنگلن ۽ برپٽن ۾ ايندڙ ڏڪارن کي به شرمائي ڇڏيندا آهن. آفريقي پوءِ به ان ڳالهه ۾ ٿرين کان وڌيڪ خوش نصيب آهن، جو جڏهن سندن اگهاڙن پٺن ۽ ڪرنگهي جي هڏي کي ڇهندڙ پيٽن واريون تصويرون عالمي ميڊيا جون زينت بڻبيون آهن، ته کين پيٽ ڍائيل ملڪن طرفان پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ ڪجهه امداد ۽ دوائون پڻ ملي پونديون آهن. پر اسان جي واڳ ڌڻين کي ٿري ماڻهن جي عزت نفس جو ايڏو ته خيال هوندو آهي جو سندن بکايل چهرا ٽي وي تي ڏيکاري دنيا کان امداد حاصل ڪرڻ جو کل جوڳو عمل سندن وس کان ٻاهر هوندو آهي.
    گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جو ٿر هڪ خطرناڪ بيماري وائرل انفيڪشن جو شڪار آهي. هڪ طرف ٿري ماڻهو بدترين ڏڪار جي لپيٽ ۾ آهن، تي مٿان وري کاڌي جي کوٽ ۽ صاف پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب ”وائرل انفيڪشن“ ٻارن، ٻڍن، عورتن، مردن، تي راتاهو هڻڻ شروع ڪيو آهي. صرف اخبارن تائين پهتل اطلاعن موجب مري ويندڙن جو انگ 175 کان به ٽپي ويو آهي. جڏهن ته ڪيترائي مريض اسپتالون نه هجڻ سبب گهرن ۾ تڙپي ۽ سڏڪي رهيا آهن. ڀلا جيڪڏهن اسپتالون به هجن ته ڪهڙو فرق ٿو پوي. ڏڪار سٽيل ماڻهن ۾ دوائن خريد ڪرڻ ته ڇا پر اسپتالن تائين ڀاڙا ڀري پهچڻ جي به سگهه نه آهي. رڳو وائرل انفيڪشن هجي ته به ان هڪڙي آفت کي منهن ڏجي، پر هتي ته دنيا جهان جي مڙني بيمارين ۽ مصيبتن ٿر جو در ڳولي لڌو آهي. ٿر ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن موجب هر هزار ماڻهن منجهان 160 ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا آهن. بيماريون ۽ ڏڪار رڳو قدرتي مصيبتون هجن ته به ماڻهو قسمت تي ڏوهه ڏئي ماٺ ڪري ويهي رهي. پر هتي ته وڏو عمل دخل اسان جي واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ جو به آهي. ڀلا جيڪڏهن هندستان سان لاڳاپيل ٿر واري علائقي ۾ واهه کوٽائي پاڻي پهچائي سگهجي ٿو، اتي اسپتالون، اسڪول ۽ بجلي مهيا ڪري ماڻهن کي سک ۽ خوشحالي ڏئي سگهجي ٿي ته پوءِ سنڌ واري ٿر ۾ اهي شيون ڇو ممنوع قرار ڏنل آهن؟ اڻ برابريءَ جي ته اها انتها چئبي جو هڪ وڏي صوبي ۾ روڊن ۽ رستن جو ڄار هوندي به اتي موٽر وي تعمير ڪيا پيا وڃن. شهرن ۾ زير زمين يا فلاءِ اوور پليون ٺاهي، خوبصورت پارڪ، فٽ پاٿون يا باغ باغيچا جوڙيا پيا وڃن. پر ٻئي طرف ٿر کي پاڪستان يا سنڌ جو حصو سمجهڻ بدران ڪنهن آفريقي رياست وانگر اوپرو ملڪ سمجهي، ان جي ڏکن سورن کان لاتعلق بڻجي وڃجي ٿو. ٺيڪ آهي، جيڪڏهن اسان ۽ توهان جي ذهنن ۽ ضميرن تي چڙهيل ڪٽ سبب اهو تصور پختو ٿي چڪو آهي، ته ٿر کي پنهنجي ئي جسم جو حصو سمجهڻو ناهي ته پوءِ ڀلا جيئن انسانيت جي ناتي افغانستان، بوسنيا يا ڪنهن آفريقي ملڪ جي امداد ڪئي ويندي آهي، ٿرين سان به ساڳيو قرب ٿيڻ گهرجي. پوءِ ڀلي ٿرين ۾ اهو احساس وڌيڪ پختو ٿئي ته ٿر پاڪستان يا سنڌ جو حصو نه پر ڪو اوپرو علائقو آهي. جنهن ڏانهن ترڪيءَ وانگر اسلام آباد مان امدادي سامان جا جهاز ڀري ته نه موڪليا ويا آهن، پر گڏهه گاڏن تي اٽي جون ٻوريون ۽ دوائن جا کوکا خيرات طور روانا ڪيا ويا آهن.
    ويندي ويندي اهو به چوندو هلجي ته ان ڳالهه جو به بندوبست ٿيڻ گهرجي جو ٿر کي ”جهوني ڪوٽ“ وٽان ديوار ڏياري ڇڏجي. متان اتان ڪو ڏڪر رستو ڀلجي سنڌ يا پاڪستان ۾ داخل ٿئي يا وائرل انفيڪشن کي ٿر جون ڀٽون روڪڻ کان قاصر ٿي وڃن ۽ اها باقي ملڪ جي سکي ستابي زندگيءَ ۾ ڪو ڀونچال نه مچائي ڇڏي.

    (ڇپيل روزانه ڪاوش حيدرآباد، 14 مارچ 2000ع)


    ڪوڙو تون ڪفر سين

    4 ڪروڙ سنڌي ماڻهن جو وجود، سندن شعور ۽ عالمي انساني حقن جي حاصلات لاءِ منجهن موجود تڙپ پياري پاڪستان جي حڪمراني کان هضم نه ٿي ٿئي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين، آمريت ۽ آپيشاهيءَ خلاف جدوجهد هجي يا وري جمهوري حقن لاءِ جدوجهد کان وٺي قومي حقن جي حاصلات لاءِ هلچل هجي، ان جو جيڪڏهن اکين تان تعصب جا کوپا لاهي تجزيو ڪيو وڃي ته انهن مڙني جدوجهدن جي سراڻي وارو ڪردار سنڌين ئي ادا ڪيو آهي. اهائي سندن شعوري پختگي ۽ ماڻهپو هتان جي حڪمرانن جي نڙگهٽ ۾ مڇيءَ جي ڪنڊي وانگر اٽڪي بيٺو آهي، جنهن کي نه هو ٻاهر ڪڍي سگهن ٿا ۽ نه وري ڳيت ڏيئي هضم ڪرڻ جو حوصلو ساري سگهن ٿا. پوءِ سڙي دل سان بهتان بازيون، ٺڳيون ۽ فريب ڪري سمجهن ٿا ته هو سنڌ جي شعور ۽ ڏاهپ بابت دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.
    اسان جي صدر جنرل مشرف صاحب جي سنڌين تان ڪاوڙ لهڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي، کيس جڏهن به ڪو موقعو ملندو آهي ته سنڌين کي نااهل، ناسمجهه، جاهل، ڄٽ ۽ اڌ پڙهيل جا لقب ڏيڻ پنهنجو منصبي فرض سمجهندو آهي، تازو صدر جنرل پرويز مشرف، ملڪ واسين کي ڪيل خطاب ۾ سنڌين کي مخاطب ٿيندي جيڪي ڪلمات ادا ڪيا آهن، انهن مان ته اهو ئي تاثر ملي ٿو ته هو هن جاهل قوم (سنڌين) جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ موڪليو ويو آهي. شايد اهو ان ڪري به هجي جو هو جنهن طبقي سان واسطو رکندڙ آهي، انهيءَ طبقي (فوج) جي هن کان اڳ آيل حڪمران جنرل ضياءُ الحق به پاڪستان جي اقتدار تي قبضو ڪرڻ بعد دعويٰ ڪئي هئي ته کيس هن قوم جي رهنمائي ۽ نجات لاءِ الله تعاليٰ طرفان خاص نمائندو مقرر ڪري موڪليو ويو آهي، جيئن هو هن جاهل قوم کي سنئين دڳ تي آڻي، سندس مشڪلاتون گهٽائي، پرڪائنات جي خلق سندس هٺ ۽ هوڏ کي آزاد فضائن ۾ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو.
    حڪمران چون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو بي سمجهه آهن، بي عقل آهن. پر هنن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته سنڌ جا ماڻهو ”چريا کريا“ ضرور آهن، پر سڃاڻن سڀني کي ٿا. سنڌي ماڻهو موجوده پاڪستان جي سيٽ اپ ۾ مڙني قومن کان وڌيڪ ڏاها، باشعور ۽ محب وطن آهن. تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ماڻهو ڪڏهن به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ فرقيواريت ۾ مبتلا نه رهيا آهن، هنن ڪڏهن به دين ۽ ڌرم جي نالي تي هڪ ٻئي جا ڪنڌ نه ڪٽيا آهن. برصغير جي ورهاڱي وقت به جن ماڻهن لکين بي گناهه مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جو قتل عام ڪيو، عورتن جي عصمت دري ڪئي، نا بالغ نياڻين جي معصوم ۽ پاڪ جسمن ۾ وحشت جون سنگينيون ٽنبيون، اهي سنڌي نه هئا پر ان سڄي عمل ۾ اڄ اسان مٿان حڪمراني ڪندڙن جا ابا ڏاڏا ضرور شامل هوندا. اڄ به جيڪڏهن ورهاڱي دوران وهيل رت جو پيرو کڻبو ته سندن ئي نسل جا هٿ رنگيل نظر ايندا. بنگلاديش ۾ 30 لک بي گناهه پاڪستانين جي خون جا ڇنڊا، ڪنهن به سنڌ ڄائي جي منهن ۽ ڇاتي تي نظر نه ايندا.
    پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين دهشتگردي، مذهبي انتها پسندي ۽ جنونيت سنڌ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي. سنڌ جا حقيقي وارث ٽارچر سيلن جا خالق نه رهيا آهن، هنن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش ٻورين ۾ بند ڪري تحفي طور نه ڏنا آهن. خانگي لشڪر ۽ مجاهدن جا ٽولا سنڌ جي سرزمين مان ڦٽي نه نڪتا آهن، پر پنجاب ۽ سنڌ جي گادي واري شهر جون مخصوص آباديون انهن جي نرسري رهيون آهن. اڄ به جنگي جنونين جا اڏا پنجاب جي شهرن ۾ موجود آهن، ٽارچر سيلن جا پيرا انهن جي گهرن ڏانهن وڃن ٿا، جيڪي اڄ پاڻ کي قوم جا قائد قرار ڏيندي ٿڪجن نه ٿا.
    سنڌ جي ضمير ۽ خمير ۾ انسانيت سان محبت، ماڻهپو، سهپ، رواداري، ڪهل، رحم ۽ درگذر جا تصور ائين سمايل آهن، جيئن ننڍڙي معصوم ٻارڙي لاءِ ماءُ جي ڇاتي ۾ پاڪ ۽ پويتر کير موجود هوندو آهي. اسان جا حڪمران اڄ دهشتگردي، مذهبي جنونيت ۽ انتها پسندي خلاف آمريڪي ڏوڪڙن عيوض ويڙهه ۾ مصروف آهن، پر سنڌ جي ماڻهن ته ان وقت به جنگي ٽولن ۽ دهشتگرد گروپن جي سرواڻي ۽ واڌ ويجهه جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن وقت موجود حڪمران اڳوڻي سوويت يونين جي افغانستان ۾ موجودگي خلاف ”عظيم جهاد“ ۾ مصروف هئا. سنڌ جي مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم ڪنهن آمريڪي ڊالر جي لالچ يا ميزائيل حملي جي خوف جي محتاج نه رهي آهي. سنڌ ته جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ به طالبان ڪلچر جي واڌ ويجهه جي مخالفت ڪئي هئي، مذهب جي نانءُ تي عوام منجهه وڇوٽيون پيدا ڪرڻ واري عمل کي انسانذات لاءِ زهر قاتل قرار ڏنو هو. پر ان وقت سنڌين کي دهريو، روس ۽ ڀارت جو ايجنٽ قرار ڏئي چٿيو ۽ چيڀاٽيو ويو هو. پر تاريخ ثابت ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو باشعور هجڻ ڪري وقت جي حالتن ۽ نزاڪتن کان حڪمرانن کان وڌيڪ باخبر هئا. اسان جيڪا ڳالهه ڪالهه ڪنداسين، حڪمران آمريڪي ڊالر ۽ ميزائل جي خوف کان اڄ ڪرڻ تي مجبور آهن، پوءِ به چيو پيو وڃي ته سنڌ جا ماڻهو ناسمجهه ۽ جاهل آهن.
    ملڪ ۾ فوجي آپيشاهين، غير جمهوري فيصلن ۽ انساني حقن جي لتاڙ خلاف سڀ کان وڌيڪ موثر آواز سنڌ مان اٿيو آهي. ملڪ کي جيڪي به جمهوري ۽ انساني حق ٿوري ٿڪي انداز ۾ حاصل ٿيا آهن انهن جي پٺيان سنڌي ماڻهن جو رت ۽ پگهر شامل رهيو آهي. 1983ع ۽ 1986ع جي جمهوري هلچل جي نه فقط سنڌ سرواڻي ڪئي پر پنهنجا ڪونڌر ڪهايا، ڳوٺ ۽ وسنديون برباد ڪرايون. ان کان اڳ اوڀر پاڪستان تي فوجي چڙهائي خلاف اولهه پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ احتجاج سنڌ ۾ ئي ٿيو. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو باشعور نه هجن ها، منجهن سياسي ڏاهپ نه هجي ها ته هو به ٻين قومن ۽ طبقن وانگر طاقتور حڪمرانن جي دلالي ڪندي، اهو سڀ حاصل ڪري وڃن ها، جيڪي ٻيا طبقا ۽ گروپ حاصل نه ڪري سگهيا آهن.
    سنڌ ۽ ان جي ڌڻين کي اڄ جيڪي طعنا ۽ مهڻا ملي رهيا آهن، ان جو واحد سبب اهو ئي آهي جو سنڌي ظالم، جابر، قبضا گير نه رهيا آهن. هنن ڪڏهن به طاقت جو سرچشمو بندوق کي قرار نه ڏنو آهي. سنڌ جي 5 هزار سالن جي تاريخ گواهه آهي ته سنڌين پاڙيسري ملڪن ۽ قومن کي تهس نهس ۽ تاراج ڪرڻ لاءِ لشڪر نه جوڙيا آهن، هٿيار گڏ نه ڪيا آهن، پر هنن وسنديون ۽ واهڻ ساڙڻ بدران شهر اڏيا آهن، تهذيبن جو بنياد وڌو آهي، علم ۽ هنر کي پنهنجو هٿيار قرار ڏنو آهي. پر بدقسمتي آهي جو اڄ سنڌ انهن جي راڄ هيٺ اچي وئي آهي، جن جو نه ته ڪو ديس رهيو آهي ۽ نه وري ڪا تهذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ رهي آهي. مغلن، ارغونن ۽ ترخانن جي نسل سان واسطو رکندڙ باقيات پنهنجي ذهنيت ان دراوڙ مٿان مڙهڻ گهري ٿي، جنهن علم ۽ دانش جا مرڪز ساڙي ڀسم ڪرڻ بدران موهن جي دڙي ۽ آمري جي ڪک ۾ امن عالم جا گيت سرجيا، ڪنهن بندوقچي کي سلوٽ ڪرڻ بدران سرنهن جي گلن وچ ۾ ناچ ڪندي سڄي ڪائنات کي نه فقط جهومائي ڇڏيو ۽ پنهنجي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو.
    مـــوهــن جي دڙي جــي مٽي مان ٿي ماضــــيءَ جي ڪـــا يـاد اچي،
    هـــن ديــــس جـــــا ماڻـــــهـــو ڏاهــا هـــــا جــــن لاءِ جـيئــــي سنــڌ اڃـا.
    
    (لکيل ۽ شايع ٿيل: 2004 ع )


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 742
    ڪتابن جو مشاهدو: 1154195
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 368760
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ