ڪتاب جو نالو: ورقُ ورقُ تاريخ (چونڊ نثري ٽڪرا)
مصنف: عبدالواحد آريسر
ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 29 جنوري 2018 ع
پڙهيو ويو: 904 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 463 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ورقُ ورقُ تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري قومپرست اڳواڻ، نثر ۽ تقرير جي بيمثال شخصيت عبدالواحد آريسر جي نثري ٽڪرن جي چونڊ تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب منصور مزاري آهي.
دنيا ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت عبور هجي، سائين جي. ايم. سيد ڪٿي لکيو آهي ته: ”ننڍي کنڊ ۾ مون صرف ٻه ماڻهو اهڙا ڏٺا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت دسترس آهي. هڪ مولانا آزاد ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اَرڏو اُترادي : ها آريسر ياد ايندين...!
  • اداري پاران
  • مرتب پاران
  • مهاڳ
  • چونڊ نثري ٽڪرا

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10

  • حق ۽ واسطا محفوظ اداري وٽ محفوظ

    ورقُ ورقُ تاريخ
     ڪتاب جو نالو: ورقُ ورقُ تاريخ
     ليکڪ: عبدالواحد آريسر
     سهيڙيندڙ: منصور مزاري
     موضوع: سياست
    (مختلف ڪتابن ۽ انٽرويوز تان کنيل چونڊ ٽڪرا)
     ڇاپو: پهريون، جون 2015ع
     ڪمپوزنگ /لي آئوٽ: نظير چانڊيو، شنڪر لال سکواڻي
     ٽائيٽل: ڪپتان ابڙو
     ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
     مُلهه: 200 رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن : سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    2018ع


    ارپنا

    عبدالواحد آريسر جي
    جيون ساٿياڻي
    ڪيسر آريسر جي نالي


    ــ منصور مزاري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ورقُ ورقُ تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري قومپرست اڳواڻ، نثر ۽ تقرير جي بيمثال شخصيت عبدالواحد آريسر جي نثري ٽڪرن جي چونڊ تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب منصور مزاري آهي.
    دنيا ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت عبور هجي، سائين جي. ايم. سيد ڪٿي لکيو آهي ته: ”ننڍي کنڊ ۾ مون صرف ٻه ماڻهو اهڙا ڏٺا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت دسترس آهي. هڪ مولانا آزاد ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر.“
    هي ڪتاب ايلسا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري منصور مزاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اَرڏو اُترادي : ها آريسر ياد ايندين...!

    وقت ساريندو وري توکي وري،
    ڪير ڏيندو قوم کي سا دلبري.

    ڪير لکندو قوم لاءِ ايڏا ڪتاب،
    ڪير کوليندو وري دل جي دري.

    تو اُٿي گهر گهر اُٿاريو قوم کي،
    تو سان گڏ رهبر سائينءَ جي رهبري.

    ها وڏين گاڏين ۾ ليڊر کوڙ هُئا،
    پر نه ڪنهن ڄاتو وڏو ماڻهو ٿري.

    ها آريسر ياد ايندين سنڌ کي،
    هر وقت جي تقرير تحرير ڪچهري.

    تو چيو هو سچ آ وربو وري،
    موت ’ارڏن‘ کان اڳي ويندو مري.


    اداري پاران

    قومي ڪارڪن منصور مزاريءَ جي هيءَ ٻي ڪوشش آهي، جيڪا هُن عبدالواحد آريسر جي مختلف ڪتابن مان چونڊ ڪيل جملن کي ڪتابي صورت ڏني آهي. پهريون ڪتاب سائين جي. ايم. سيد جي 111هين سالگرهه جي موقعي تي آندو ويو هو. ڪتاب جو نالو آريسر صاحب پاڻ نياز همايونيءَ جي شاعري مان چونڊ ڪري ”منهنجي اڱڻ مُساڳُ جو وڻ“ رکيو هو، اُهو ڪتاب نه رڳو پڙهندڙن کي پسند آيو، پر خود سائين عبدالواحد آريسر کي پڻ بهتر لڳو هو، ۽ پاڻ ڪتاب جي تعريف ڪندي چيو هُئائين ته: ”چونڊ ٽڪرن کي اڃا به وڌايو وڃي ها، جيئن ڪتاب وڏو ۽ جامع ٿئي ها. “
    آريسر صاحب جي حُڪم موجب منصور مزاريءَ ٻيو ڪتاب ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو. اُهو ڪتاب حقيقت ۾ اسان کي 25 اپريل تي آڻڻو هو، پر وقت ساٿ نه ڏنو، جنهن ڪري رهجي وياسين.
    3 مئي تي عبدالواحد آريسر صاحب اسان کان وڇڙي ويو ۽ اسان سوچيو ته سندس چاليهي جي موقعي تي هيءُ ڪتاب ”ورق ورق تاريخ“ آڻجي. اهڙيءَ تجويز تي ڀاءُ منصور مزاري ڏينهن رات هڪ ڪري مواد مون ڏانهن موڪليو، جيڪا ڪوشش ڪامياب وئي ۽ اسان ڪتاب اوهان پڙهندڙن تائين پهچايو آهي.

    _ واحد ڪانڌڙو
    چيئرمين
    ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد


    مرتب پاران

    قومي تحريڪ سان منهنجو لاڳاپو ننڍپڻ کان ئي آهي، ڇو ته منهنجو وڏو ڀاءُ (ڊاڪٽر خالد حسين مزاري) اڳ ۾ ئي قومي تحريڪ سان سلهاڙيل هو ۽ آءٌ ان جي اثر هيٺ هُئس. جڏهن کان سمجهه پئي، تڏهن کان ڪتاب پڙهڻ جو شوق ٿيو، هڪ ڏينهن، ادا جي شيلف مان پڙهڻ لاءِ ڪتاب پئي ڳوليم ته، سائين عبدالواحد آريسر جي هڪ ڪتاب ”اسان جيئن جيئي ڪو“ تي نظر پئي، سائينءَ جو نالو ته اڳ ۾ ئي ٻُڌل هو، تنهن ڪري ان کي پڙهڻ جو ارادو ڪري ڪتاب هٿ ۾ کنيم. جيئن ئي پڙهڻ ويٺس ته هڪ هڪ لفظ منهنجي اندر ۾ لهندو ويو ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ اهو پهريون ڪتاب هو، جنهن جو هر لفظ مون کي پنهنجو لڳو هو، ڪٿي ايئن پئي محسوس ٿيو ته آءٌ محبوبا جو خط پيو پڙهان، ڪٿي ته منهنجا ڳوڙها پئي وَهيا، جنهن جو مون کي احساس ئي نه رهيو، اهو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ آءٌ، سائين آريسر جو ديوانو ٿي پيس ۽ سائينءَ جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ۽ پوءِ ساڻس ملڻ لاءِ تڙپ پيدا ٿي. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات محترم وهاب ڀيي جي ورسيءَ تي سنڌ جي قومي شاعر ۽ منهنجي اُستاد اَرڏي اُتراديءَ جي معرفت ٿي. مون سائينءَ کي گهر اچڻ جي دعوت ڏني، جيڪا هُن دل سان قبول ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن تي سائين مون وٽ آيو ۽ رات به اُتي ئي ترسيو، جتي منهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر خالد حسين، عبدالواحد آريسر کان هڪ يادگار انٽرويو ورتو، جيڪو ڪافي وقت کان پوءِ جسقم جي ترجمان پرچي ”پيغام سنڌ“ ۾ ڇپيو. بهرحال سائين عبدالواحد آريسر سان ايئن ئي ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو اڻ کٽ سلسلو جاري رهيو، اُهو سائينءَ جي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين قائم ۽ دائم رهيو. سائين جن جو مون سان پيار ۽ ايتري حد تائين ٿي ويو، جو جڏهن به پاڻ ضلعي گهوٽڪي يا ڪشمور ايندو هو ته، رات جو مون وٽ ئي ترسڻ پسند ڪندو هو، ۽ چوندو هو ته، مون کي تو وٽ اچي سُڪون مِلندو آهي. حالانڪه ڪافي قومي ڪارڪن، ڪجهه پراڻا ڪامريڊ ۽ هاڻوڪا وڏيرا آريسر صاحب کي منٿون ڪندا هئا ته اسان کي به ٽائم ڏيو، رات اسان وٽ ترسو، پر سائينءَ جو اهو ئي جواب هوندو هو ته: ”نه اڄ آءٌ منصور وٽ وڃان پيو، ڪنهن ٻئي دفعي اوهان وٽ ايندس.“ ۽ پوءِ هر ڪنهن کي اها خبر هوندي هئي ته سائين مون وٽ ئي ترسندو هو، مون سائينءَ سان ڪافي دفعا سفر به ڪيو، جڏهن به آءٌ سائينءَ سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويهندو هُئس ته آريسر صاحب ڊرائيور کي پوئين سيٽ تي ويهڻ لاءِ چوندو هو ۽ ڊرائيونگ لاءِ مون کي چوندو هو، بهرحال سائينءَ سان اڻ ڳڻيون يادگيريون آهن. جيڪڏهن قلم ۽ وقت ساٿ ڏنو ته تفصيل سان ڪنهن ٻئي ڀيري ضرور لکندس.
    مون آريسر صاحب جا تقريباً جيڪي مارڪيٽ ۾ ڪتاب موجود آهن، اُهي پڙهيا آهن، جڏهن کان فيس بوڪ (سوشل ميڊيا) استعمال ڪرڻ شروع ڪيو اٿم، تڏهن کان مون سائين جي. ايم. سيد ۽ آريسر صاحب جي مختلف ڪتابن مان چونڊ ٽڪرا سوشل ميڊيا تي ”عبدالواحد آريسر جي نالي سان ٺاهيل“ پيج تي رکڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. ڪافي عرصي کان پوءِ مون اُهو ذڪر پنهنجي پياري دوست واحد ڪانڌڙي سان ڪيو، جنهن تجويز ڏيندي چيو ته، ڇو نه ان کي ڪتابي شڪل ڏجي ۽ پوءِ ايئن ئي پهريون ڪتاب 17 جنوري 2015ع تي سائين جي. ايم. سيد جي 111هين سالگرهه تي پڌرو ڪيو ويو، جيتريون ڪاپيون واحد سائين آنديون، اُهي منهنجي سامهون هٿو هٿ وڪرو ٿي ويون.
    مون ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آريسر صاحب کي فون ڪئي، سائين حال احوال کان پوءِ چيو ته اوهان جا چونڊ ڪيل نثري ٽڪرا بهترين آهن، پر اُهي ٿورڙا آهن، سو محنت ڪريو ۽ ان جو ٻيو جُلد آڻيو، ته جيئن سڄو مواد هڪ هنڌ مُيسر ٿي سگهي. مون سائين جي هدايتن ۽ سائينءَ جي نثر جو عاشق هئڻ ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر محنت ۽ ڪوشش ڪري، هي ٻيو ڪتاب تيار ڪيو آهي، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    اميد ڪريان ٿو ته منهنجي محنت ۽ سائين جي نثر جو جادو اوهان کي ضرور وڻندو. آريسر صاحب توڙي جو اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، پر سائينءَ جو حڪم منهنجي لاءِ ڪنهن مقدس ڪتاب جي آيت کان گهٽ نه آهي. آءٌ، سائينءَ جي تحرير ۽ تقرير ٻنهي جو عاشق آهيان، مون کي پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق به سائينءَ جي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ ٿيو.
    دنيا ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت عبور هجي، سائين جي. ايم. سيد ڪٿي لکيو آهي ته: ”ننڍي کنڊ ۾ مون صرف ٻه ماڻهو اهڙا ڏٺا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت دسترس آهي. هڪ مولانا آزاد ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر.“
    آريسر صاحب، مولانا آزاد، جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌي، مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي. ايم. سيد کان متاثر هو ۽ انهن کي پڙهڻ کان پوءِ هن مسجد جا ختما ڇڏي سيد سان ملي سنڌ جي آزاديءَ جي عشق جو جام پيتو، جيئن گانڌيءَ کي نهرو ۽ مولانا آزاد مليا، تيئن ئي سائين جي. ايم. سيد کي آريسر صاحب مليو، جنهن سائين جي. ايم. سيد جي فڪر کي جهر جهنگ تائين پهچايو. پيرين پيادل، ميلن جا ميل سفر ڪري، ۽ ڪڏهن لوڪل گاڏين ۾ ڪِرايو نه هئڻ ڪري کيس لاٿو ٿئي ويو، تنهن هوندي به هر حال ۾ هن همٿ نه هاري ۽ سيد جو پيغام ڪارونجهر کان وٺي مريد شاخ- ڪشمور تائين پهچايو. هي آزاديءَ جو متوالو سيد ۽ سنڌ جو پيغام کڻي انهن ننڍڙن شهرن، ڳوٺن ۽ ڀِٽن تائين به ويو، جن تي اڄ ڏينهن تائين ڪافي ليڊرن جا پير ته پري، پر نظر به نه پهتي آهي.
    آريسر صاحب، آخري وقت ۾ جڏهن اسپتال ۾ داخل ٿيو هو، ته آءٌ مسلسل انهن ماڻهن سان رابطي ۾ هئس، جيڪي سائينءَ سان گڏ هئا، پر انهن مان ڪنهن به ڪڏهن تفصيلي حال احوال نه ڏنو ته سائين ڪيئن آهي، پوءِ آخر آءُ پهرين مئي 2015ع تي سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي، صرف سائينءَ سان ملڻ ۽ طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ گهران نڪتس ۽ 2 مئي 2015ع تي صبح جو ڪراچي پهتس، جتي پنهنجي هڪ قريبي دوست (جنهن سان گهريلو تعلقات آهن)، وٽ ويس، جتي ناشتو ڪري اسپتال لاءِ نڪتس اتي پهچي سڌو سائينءَ جي روم ۾ هليو ويس، جيئن دروازو کوليم ته سائين جي نظر مون تي پئي ۽ سائينءَ مُسڪرايو ته خوشيءَ مان منهنجون اکيون ڀرجي آيون، سائينءَ سان پيرن تي هٿ رکي مليس، جنهن جو سائين هميشه انڪار ڪندو هو، پر منهنجي عادت هئي، جو آءٌ پيرن تي هٿ رکڻ کان سواءِ رهي ڪو نه سگهندو هوس. بهرحال مون سائينءَ کان طبيعت جي باري ۾ پڇيو ۽ پوءِ سائينءَ مون کان سمورو حال احوال ورتو، ڳوٺ جو، ڀائرن جو ۽ ٻين ڪافي شين جي باري ۾ مون کان پڇيائين، مون کي ته ان وقت سائين ڪافي بهتر لڳو، مون ڪافي ٽائم اتي گذاريو. منجهند جي ماني آئي ته سائينءَ جي ڪمري ۾ اسين صرف ٻه ڄڻا هئاسين، هڪ آءٌ ۽ ٻئي جو نالو مون کي ياد ڪونهي، ڇو ته ان ماڻهوءَ سان ڪڏهن ايتري ويجهڙائپ نه رهي آهي، سائين مون کي چيو ته: ”جيڪڏهن سُوپ آهي ته مون کي ڏي.“ مون ڏسي ڪري چيو ته سائين سُوپ ناهي، پر رائتو آهي ۽ چانور آهن. سائينءَ چيو: ”ٺيڪ آهي رائتو ڏي.“ پوءِ سائينءَ ٿورو رائتو کاڌو ۽ چيائين ته ان ۾ چانور وجهي ڏيو، چانور وجهڻ کان پوءِ ان ٻئي همراهه چمچ سان کارائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سائينءَ چيو: ”نه، آءٌ پاڻ کائيندس.“ پوءِ سائينءَ پاڻ ماني کاڌي، مانيءَ کان پوءِ ڪافي دير ڪچهري ٿي، ان دوران منهنجي موبائيل فون تي ميسيج آيو ته جمن دربدر جي گهرواري گذاري ويئي آهي، مون سائينءَ کي ٻڌايو ته آريسر صاحب تصديق لاءِ هڪ فون نمبر ملائڻ لاءِ چيو، جيڪو سائينءَ جي ڳوٺ جو هو ۽ اتان معلوم ڪيائين، کيس گهڻو ڏک ٿيو، ۽ پوءِ ڊرائيور گيان کي گهرائي پهريان ان کي پگهار ڏنائين ۽ پوءِ چيائين ته سومر تي ڳوٺ هلنداسين، پهريان جمن جي تڏي تي ويهنداسين ۽ پوءِ گهر هلنداسين. ان دوران ادل سومرو، اياز گل ۽ ٻيا ڪافي ماڻهو آيا، آءٌ اتي ئي هئس، پوءِ سائينءَ شام جو حُڪم ڪيو ته مون کي ”پٽيل“ فلم ڏيکاريو. ڪافي دير کان پوءِ هڪ نوجوان ليپ ٽاپ تي اُها فلم کڻي آيو، پر بدقسمتيءَ سان نيٽ جي اسپيڊ سُٺي نه هئڻ ڪري اُها فلم نه هلي سگهي ۽ پوءِ مون سائينءَ کان تقريباً رات جو ساڍي نائين وڳي موڪلايو ته سائين آءٌ هلان ٿو ۽ صبح جو موٽي ايندس ته سائينءَ چيو ٺيڪ آ.
    رات جو واپس پنهنجي دوستن جي رهائشگاهه تي آيس، سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ جي ڪري گهري ننڊ اچي ويئي، صبح جو اُٿي جيئن موبائل ڏٺم ته لاتعداد فون ڪالس لڳل هيون ۽ سوين ميسيج هُئا، جن کي پڙهڻ سان پتو پيو ته: ”سائينءَ اسان ۾ ناهي رهيو.“ ان مهل تي مون ڪو رد عمل نه ڏيکاريو، ڇو ته جن جي گهر آءٌ ترسيل هئس، اُهي سڀ گهر ڀاتي سُتل هُئا، پر ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ پوءِ خبر ناهي ته آءٌ اسپتال ڪيئن پهتس، ڪافي دير کان پوءِ اهو خيال آيو ته سائين رات جو ته بلڪل ٺيڪ هو ۽ ماني به پاڻ کاڌائين، فلم جي فرمائش به ڪيائين، ڪافي کل ڀوڳ ۽ مذاق به هلندي رهي ته اچانڪ سائينءَ کي ڇا ٿيو؟ اهڙين سوچن ۾ مان گُم ٿي ويم ۽ ڪيئي خيال ذهن ۾ ايندا رهيا.
    خير اهو هڪ وڏو سوال آهي، جنهن جو جواب وقت ۽ تاريخ ڏيندي. مون سائينءَ کي آخري دم تائين آزاديءَ جي پرچار ڪندي ڏٺو، اڪثر ته ائين ٿيندو آهي، جو زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ ماڻهو پنهنجا گناهه بخشرائڻ جي ڳالهه ڪندا آهن، پر هن صوفي منش انسان جي آخري وقت ۾ به زبان ۽ دماغ ۾ صرف آزاديءَ جو تصور هو، هن جي رڳن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو عشق رت جيان سمايل هو، جن ماڻهن ۾ وطن جي حُب نه هوندي هُئي، انهن کان پري رهندو هو. بلڪل انهيءَ شعر وانگر ته:
    جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ،
    پوءِ منهنجي تو کان دُوري آ.
    ۽ ٻي ڳالهه ته آخري وقت تائين سائينءَ کي ڪتابن سان تمام گهڻو پيار رهيو، اسپتال ۾ جڏهن به ڪو دوست ڪتاب ڏيئي پئي ويو ته ڪتاب ڏسي سندس جسم ۾ ڄڻ ته ڪا اضافي قُوت اچي پئي ويئي ۽ ڪتاب جو هڪ - هڪ صفحو ورائي پيار مان پئي ڏٺائين. بهرحال علم، ادب ۽ آزاديءَ جي تڙپ کيس آخري دم تائين رهي. سائينءَ سان اسپتال ۾ جيترو ٽائم آءٌ گڏ رهيس، ته اتي ڪافي ڳالهيون مون محسوس ڪيون، جن جو تصور به نه هو، پر ان جو ذڪر ڪرڻ هتي مناسب نه ٿو سمجهان، پر وقت مليو ته ڪنهن ٻئي هنڌ ضرور ڪندس. بهرحال سائينءَ جي وڇوڙي سان صرف سنڌ ۽ سنڌ جا قومي ڪارڪن بي سهارا ناهن ٿيا، پر اُهي لفظ ۽ جملا به يتيم ٿي ويا آهن، جن کي بهترين ۽ خوبصورت تشبيهن سان تحرير ۽ تقرير ۾ استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ صرف عبدالواحد آريسر وٽ هو.
    هُو جَا ٻَري هير، ڪَاڇي ڏُونگر ڪَنڌيين،
    ٻِيو ٻارِيندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري.
    (ڀٽائي)

    _منصور مزاري
    مريد شاخ، گهوٽڪي


    مهاڳ

    ڇا ان شخص جي مهانتا صرف ان ۾ هُئي ته هُو قومي تحريڪ جو سائين جي. ايم سيد کان پوءِ سڀ کان وڏو ليڊر هُجڻ جي باوجود انڙآباد جي ڪچي گهر ۾ رهندو هو؟
    ڇا ان شخص جي عظمت صرف ايتري هُئي، ته هن ڪڏهن به هٿڪڙين وارن هٿن سان معافي نامو نه لکيو؟
    ڇا ان شخص جي وڏائي فقط اها هئي ته هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن ڪنهن کي تِر جيترو تضاد نظر آيو؟
    اهي ته هن جي حوالي سان معمولي ڳالهيون هُيون، اهي ڳالهيون هن ڪڏهن ڪنهن انٽرويو ۾ نه ڪيون. هو هام هڻڻ وارو ماڻهو ئي نه هو. هن ڪڏهن ڪنهن انٽرويو ۾ پنهنجي قربانيءَ جو ڪو تذڪرو نه ڪيو. هن جڏهن به ڳالهايو تاريخ جي تناظر ۾ سماج تي ڳالهايو. هن جي لاءِ سياست ذاتي ترقيءَ جي سيڙهي نه پر اجتماعي تبديليءَ جي صدا هئي، ۽ هن اهي صدائون ايتريون ورجايون، جو هو پاڻ هڪ صدا ٿي ويو، اها صدا جيڪا ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪراچيءَ جي ڇُلندڙ ساگر کان وٺي جيڪب آباد جي جلندڙ آسمان تائين پوري سنڌ ۾ ان پکيءَ وانگر اُڏامندي هئي، جيڪو پنهنجي رک مان وري ٻيهر جنم وٺي اُڏامندو آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن ته اهو محسوس ٿيندو هو، ته ڄڻ سياست هن جو قيد هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو هو ته ڄڻ هن عملي سياست لاءِ جنم نه ورتو هجي. هو ان لاءِ هن ڌرتيءَ تي آيو هو، ته جيئن مُئل جذبن کي پنهنجي موسيقيءَ جهڙي آواز سان جيئاري سگهي. هو بنيادي طور تي هڪ تخليقي دل ۽ تخيلاتي ذهن جو انسان هو. جيڪڏهن سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي مناسب قيادت ميسر هجي ها ته هو جلسن ۾ جذبا اڀارڻ واريون تقريرون ڪرڻ بدران پنهنجي قلم سان سنڌ جي تقدير کي تبديل ڪرڻ واريون تحريرون لکندو رهي ها. هن کي ڪتابن سان عشق هو. هو من پسند ڪتاب جي صفحي کي ايتري نفاست سان ورائيندو هو، جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب جي ڳلن تان وارن جي چڳ هٽائيندو هجي! پر هن کي اهڙيون حالتون نه مليون، جو هو سنڌ جي ماضي ۽ حال کي ملائي، ان روشن مستقبل کي تخليق ڪري سگهي، جنهن جو هن کي ايترو يقين هو، جيترو يقين رات جي پوئين پهر کي صبح جي سرخيءَ جو هوندو آهي. هو عملي سياست جي عذاب ڀرين رَوين جو زهر پيئڻ لاءِ صرف ان ڪري تيار ٿيو، ڇو ته سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ليڊرشپ جي حوالي سان ڪو متبادل نه هو.
    هن جا عهدا ته ازل ۾ هئا. هو قيادت کي ڪو اعزاز نه سمجهندو هو. هن لاءِ ليڊرشپ ان صليب جيان هئي، جنهن تي يسوع مسيح خدا سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته: ”اي منهنجا رب! مان تنهنجو شڪر گذار آهيان، جو هن آزمائش لاءِ تو منهنجي چونڊ ڪئي آهي.“ قومي تحريڪ جو عهدو ڪنهن جي لاءِ ننڍڙو تاج ۽ قومي تحريڪ جي ڪرسي ڪنهن جي لاءِ ننڍڙو تخت هوندي! پر هن لاءِ ليڊرشپ سدائين ان صليب جيان رهي، جنهن کي هو پنهنجي وجود مان وهندڙ رت سميت ڳهليندو رهيو، انهن گهٽين ۾، جن گهٽين لاءِ اياز لکيو هو ته:
    ”رستو ڪُهاڙو،
    توڙي ٻنهي پاسئين،
    پرينءَ جو پاڙو.“
    هن لاءِ قيادت ڪهاڙيءَ جي ڌار هئي. ۽ وڍيل پيرن سان آخري ساهه تائين وڌندو رهيو! جيڪڏهن سائين جي. ايم سيد سنڌ جو سقراط هو ته عبدالواحد آريسر قومي تحريڪ جو معصوم مسيح هو!!
    هو جيڪو انڙآباد جي ستارن ڀري آسمان هيٺان ويهي اياز جا اهي ٻول جهونگاريندو هو ته:
    ”هو مون کان ڇا لاءِ ڊڄن ٿا؟
    مون وٽ پيار سوا ٻيو ڇاهي!“
    هن وٽ پيار سوا ٻيو ڪجهه به نه هو، پر جنهن وٽ پيار هجي ۽ ايترو پيار هجي، جيترو دهشت ڀرئي درياهه ۾ ترندڙ سهڻيءَ وٽ هو ته هن کي ٻيو ڇا گهرجي؟ ان ڪري هن ڪڏهن به طلب جي تمنا نه ڪئي. هو پاڻ ۾ پورڻتا جو اهڙو عظيم احساس هو، جنهن کي دنيا جي ڪشش ڪڏهن به راهه تان ٿيڙي نه سگهي. هو قومي تحريڪ جو ڪاڪ ڪڪوريو ڪاپڙي هو! جڏهن سنڌ غلاميءَ جي چڪڻ مان چڙهي، تڏهن اها ان شخص جو پورو رُوپ پسي سگهندي، جنهن سدائين سُوريءَ تي نينهن جا نعرا هنيا. هو جيڪو ائين تحرير ڪندو هو، جئين باغيءَ جي هٿن ۾ خودڪار هٿيار هلندو آهي. هو جيڪو ائين تقرير ڪندو هو، جيئن آتش فشان جبل ڦاٽندو آهي. هو غلامين کي غرق ڪندڙ غرور واري حُسن جو امين اڳواڻ هو. هو پنهنجي نازڪ وجود سان هڪ سرڪش سالار هو. هن قلم کي ائين کنيو هو، ڄڻ ته اها درياهه خان جي تلوار هجي. هن عشق واري ويڙهه ۾ ڪڏهن به پاڻ کي ڍال نه ڍڪيو. اڪثر ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته هو بنيادي طور تي هڪ باغي اڳواڻ هو. هن کي هٿيارن سان وڏو چاهه هو ۽ هن کي مزاحمت سان محبت هئي. هن پاڻ کي مليل جدوجهد جي ذميواري وڏي شان ۽ مان سان نڀائي، پر آرهڙ جي آڪاس هيٺان جلندڙ جبل جهڙو شخص اصل ۾ ماڪ ۾ ڀنل گلن جي اها ٽاري هو، جيڪا ڀيڄ ڀنيءَ ۾ پوپٽن جو انتظار ڪندي آهي. هن سموري زندگي جدوجهد سنک ڦوڪيا، پر اصل ۾ هو محبت جو ڪومل ۽ مٺڙو گيت هو! اهو گيت، جيڪو ڳائڻ جي لاءِ هن پنڇيءَ جهڙي پياري ماڻهو ڌرتيءَ تي جنم ورتو هو ۽ هو آخر تائين ٽئگور وانگر اهو گيت نه ڳائي سگهيو، ڇو ته سنڌ جي سياسي ميدان ۾ هلندڙ ويڙهه هن کي ايتري فرصت ئي نه ڏني، جو هٿيار رکي ساز کڻي ۽ تار کي ڇيڙي، ان ۾ پنهنجي اندر جو ارمان اوتي سگهي.
    ”ڌرتي ڪوئي دان،
    مون کان گيت رُسي ويا،
    ڪڍندي ورهيه لڳي ويا،
    ڪک منجهاران ڪان،
    ڌرتي ڪوئي دان،
    مون کان گيت رُسي ويا.“
    هو سنڌ جو پهريون ۽ شايد آخري تخليقي دل ۽ تحقيقي ذهن رکندڙ اڳواڻ هو. هو جيڪو هڪ ٻار کان وڌيڪ حساس پر پنهنجي سهپ ۾ فولاد جهڙو مضبوط مڙس ماڻهو هو. منصور مزاريءَ هن تي ڪجهه لکڻ بدران هن جي لفظن جي هن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، ڇو ته هن جي شان وٽان اهڙا لفظ ڪٿان ايندا؟ جيڪي هن جو اهو عظيم رُوپ پسائي سگهن، جنهن کي پورو پسڻ لاءِ سنڌ کي ڪارونجهر جي سارڌڙي نامي جهرڻي مان نيڻ ڌوئڻا پوندا. اها سنڌ جيڪا هن کي وڃائي ويٺي آهي، اها سنڌ هن کي ائين ياد ڪندي جيئن ڪنهن مغربي ليکڪ لکيو آهي ته: ”اي منهنجا محبوب! تون اسان کي جڏهن به ياد ايندين، اسان کي اسان جا گناهه ياد ايندا“
    مان منصور مزاريءَ جو شڪر گذار آهيان ته هن جي مرتب ڪيل ڪتاب جو مهاڳُ لکڻ سبب مون کي ان عظيم انسان جي عظمت کي هڪ ڀيرو وري ڀِنل اکين سان ڏسڻ جو موقعو ميسر ٿيو، جيڪو منهنجو محبوب دوست به آهي.
    اهو اجرڪ جهڙو انسان سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جو سچ هو، جنهن کي صرف لطيف جي انهن لفظن ذريعي ئي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي ته:
    کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
    توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي ان جي نه لهي.


    ــ اعجاز منگي
    ڪراچي
    ___________
    3 جون 2015
    رات جو ساڍا 10 وڳا


    چونڊ نثري ٽڪرا

    1


    _ مخدوم (بلاول) صاحب پورهيت هو ۽ ڪورڪو ڌنڌو ڪري رزق حلال ڪمائيندو هو، جنهنڪري پيري مريديءَ واري طريقي موجب پئسا وٺڻ ۽ عياشيون ڪرڻ جي سخت خلاف هو. پير، جيڪي پاڻ نِڪما ٿي مريدن جي ڏن تي گذارو ڪندا هئا، اُهي بهرحال معاشري ۾ اثر رکندڙ جي باوجود مڪمل طور نِڪما ٿي چُڪا هئا، ان ڪري مخدوم پاڻ پورهيو ڪندو هو ۽ خليفن ۽ مريدن کي پورهئي ڪرڻ جي تلقين ڪيائون. پاڻ سٺو ڪوري هو، ۽ ڪپڙو ٺاهيندو هو، ان ڪري ئي نياز همايونيءَ پنهنجي شعرن ۾ ڪوريءَ جي اهميت بيان ڪئي آهي.
    ٻي وڏي ڳالهه اها ته اسان وٽ مرشد هميشه پير، يا سيد هوندا هئا ۽ مريد عرف عام ۾ ڪُت خَلق. جيئن ته اُهي ٻاهريان هئا، تنهنڪري انهن کي مقامي ماڻهن جي ذلتن جو احساس نه ٿيندو هو. هي ته ڏيهي ماڻهو هو ۽ سماٽ قبيلي جو فرد هو_ ۽ اهو پهريون دفعو هو، جو هڪڙي سمي جا مريد يا پوئلڳ سيد به هئا، ان ڪري هن کي سنڌ جي مسڪيني حالت جي خبر هئي. اهو ئي سبب هو، جو هن ڏن تي بندش وڌي. ان جو هڪڙو مثال: سائين جي. ايم. سيد شادين جي دعوتن جو احتمام ڪندو هو، جيڪي ست، ست ڏينهن هلنديون هيون، پر ماڻهن کان نينڍ نه وٺندو هو، پر اڄ جيڪي اسان وٽ پير مچي مواڙ ۽ سوئر ٿيا ويٺا آهن، انهن مان اڪثر ٻاهر جا آهن، پاڻ پورهيو ڪونه ڪن ۽ ٻين جي پورهئي تي ڌاڙو هنيو ويٺا آهن. مون کي سلام راجپوت چيو ته: ”ٽلٽي اچ ته توکي مخدوم صاحب جي گهر ۾ ڪورڪي ڌنڌي واريون مشينون ڏيکاريان!“ پورهيو عيب ناهي، ڪنهن ليڊر جو ڀاءُ پورهيو ڪري، اهو عيب نه آهي.

    [ڪتاب: سچ وڏو ڏوهاري آ، صفحو:43،44]



    _ سائين امير حيدر شاهه ٻڌايو ته، سندن خاندان ۾ اڃا تائين ڪن ۽ نڪ نه ٽوپيا ويندا آهن. مون امير حيدر شاهه کان پڇيو ته، ان جي حڪمت عملي ڪهڙي آهي؟ سائينءَ مون کي انتهائي روشن دماغ قدر جي حيثيت سان حڪمت عملي ٻڌائي ته، قديم دَور ۾ قبائلي جنگين دوران، عورتن کي ٻانهيون بنائڻ وقت سندن ڪن يا نڪ ٽوپي، انهن ۾ زنجيرون وجهي، بازارن ۾ گهلي ويندا هئا، ان ڪري مخدوم صاحب عورت جي غلامي ۽ مجبوريءَ جو هر طرح خاتمو ڪرڻ لاءِ اهو اصول رائج ڪرايو ته، نڪ ۽ ڪن نه ٽوپايو، انهيءَ سان ظالمن کي وجهه ملندو ۽ عورتن جي ڪن، يا نڪ ۾ رسيون يا ڌاڳا وجهي کين گهلي ذليل ڪندا. ٻيو ته اقتصادي طور بدحال سنڌ ۾ زيورن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪيترائي خاندان مصيبت جو شڪار ٿي رهيا آهن. مون جڏهن سائين امير حيدر شاهه جي زباني اهو اصول مخدوم بلاول جي ورسيءَ تي بيان ڪيو ته، محترمه غنويٰ ڀٽو پنهنجي پٽ جونيئر ذوالفقار کي انگريزيءَ ۾ سمجهائيندي چيو ته، ”سنڌ ۾ پنج سئو سال اڳ مفڪر قسم جا ماڻهو موجود هئا، جيڪي ان قسم جي سوچ رکندا هئا.“

    [ڪتاب: سچ وڏو ڏوهاري آ، صفحو: 45،46]



    _ ارادو هماليه وانگر مضبوط، ذهن آسمان وانگر بُلند ۽ سمنڊ جهڙو گهرو، گفتگو تقدير جي ڪتبي وانگر صاف ۽ سچي، دل ٻارَ جي مُرڪ وانگر مقدس ۽ معصوم، زندگي سنڌوءَ جي وهڪري وانگر سدائين مصروف عمل، وجود سانوڻ جي ڪڪر وانگر فيض رسان، علم سدائين ثمر ريز، قلم خارا شگاف تلوار کان وڌيڪ تيز، همت رُڪ جهڙي ڏاڍي، حوصلي ۾ پيغمبرانه استقامت، جدوجهد ۾ تاريخ جي رفتار وانگر بي ريائي، گفتگوءَ ۾ علم، ۽ سوچ ۾ فلسفو، عمل ۾ انقلاب، برتاءَ ۾ انسانيت دوستي، جابرن جي جبر، حاڪمن جي حشمت، ڏاڍن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، ڊڪٽيٽرن جي سفاڪيءَ، خونخواري، ظلم ۽ بربريت کي پيرن سان ٺڪرائيندڙ، وطن دوستيءَ، قومپرستيءَ ۽ آزاديءَ جي نظريي تي موت وانگر اڻٽر ٿي هلندڙ، اهو آهي جي. ايم سيد! جيڪو ڪنهن وقت عالم، مؤرخ، سياستدان ۽ محرڪ هو، پر اڄ پنهنجي لازوال خوبين ۽ خصلتن، ڪوششن ۽ ڪاوشن جي ڪري خود هڪ علم آهي، تاريخ آهي، سياست آهي، تحريڪ آهي ۽ تذڪرو آهي. هن پنهنجي ذهن کي علم جي سمنڊ سان ملائي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. هو سنڌ جي تاريخ جو لازوال حصو آهي، هن سياست جي اصولن کي نه رڳو ايجاد ڪيو آهي، پر پنهنجي خونِ جگر سان آبياري ڪري انهن کي زنده جاويد بنائي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي وجود کي سنڌ جي تحريڪ ۾ هميشه هميشه لاءِ ضم ڪري ڇڏيو آهي.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 311]


    _ ننڍي کنڊ جي ورهاست ’سنڌي ادب‘ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. ورهاڱي کان اڳ ۾ سنڌ اندر ترقي پسند ادب جي تخليقڪارن مان اڪثريت هندو سنڌين جي هئي. هنن وٽ پڙهندڙن جي وسيع حلقي سان گڏ، نشر ۽ اشاعت جا بي انداز وسيلا هئا. ملڪ جي ورهاڱي وقت نه صرف اهي اديب هليا ويا، پر پڙهندڙن جي حلقي سان گڏ نشر و اشاعت جو پورو سرشتو پڻ درهم برهم ٿي ويو.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 317]


    _ ادب ئي آهي، جنهن جي وسيلي اسان کي پتو پوي ٿو ته مختلف زمانن ۾ انساني سوچ، لاڙا، رُجحان، خيال ۽ انومان ڇا رهيا آهن؟ اهو آءٌ ان ڪري چئي رهيو آهيان ته انساني ذهن جو تخليقي عمل، ماحول، معاشري ۽ سماج ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن ۾ اُڀري ايندڙ واقعن جو ئي پڙاڏو آهي. ذهن جو تخليقي عمل صرف شيشو يا آئينو آهي، جنهن ۾ معاشرتي حالتن جو عڪس ظاهر ٿيندو رهي ٿو، ان ڪري ادب کي زندگيءَ کان خارج سمجهندڙ ماڻهن وٽ انساني زندگيءَ جو مفهوم انتهائي محدود ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ جيڪا ٻي ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي، سا آهي خيال پرستي: جنهن جو مطلب هي آهي ته، انساني ذهن بجاءِ خود قادر مطلق ۽ خالق مطلق آهي، جيڪو ڪن ۽ اکيون بند ڪري تخليق ڪندو رهي ٿو، جنهن ۾ سماج جي تخليقي عمل جو ڪو به اثر ۽ دخل ناهي. اها ڳالهه انتهائي مُدي خارج ۽ واهيات آهي.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 320]



    _ هر فاتح، فتح ڪيل ملڪ جي نه صرف مردن کي ڪُهي، عورتن کي ٻانهيون بنائيندو آهي، نه صرف درسگاهن، ڪتب خانن ۽ عبادت گاهن کي تباهه ۽ برباد ڪندو آهي، نه رڳو گهرن، ٻنين، ديرن، ڳوٺن، شهرن، وستين ۽ پڊن کي باهه جي خوراڪ بنائيندو آهي، نه ڇڙو مال، ملڪيت، سون، چاندي، هيرا، جواهر، خزانا ۽ خرجينون لُٽيندو آهي، نه صرف تهذيب، ثقافت، هنر، صنعت، اَڏاڻن، کڏين ۽ بازارن کي ناس ڪندو آهي، نه رڳو زبان ختم ڪرڻ لاءِ عالمن جون ڄڀون وڍرائيندو آهي، شاعرن جون نِڙيون گُهٽيندو آهي، ڪاتبن جا هٿ قلم ڪندو آهي، ودوانن کي ڦاسيون ڏيندو آهي، پر تاريخ ساز شخصيتن کي قتل ڪرڻ سان گڏ، مفتوح قوم جي تاريخ کي تباهه ڪري، تاريخ جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهي، ان جي شڪل، صورت ۽ حُليو بگاڙي ڇڏيندو آهي، ڪنهن قوم جي ايندڙ نسل کي اونداهيءَ ۾ رکڻ خاطر، هٿرادو، جُڙتو، من گهڙت ۽ پنهنجي نظام ۽ نظريي جي خوبين بيان ڪرڻ سان گڏ مقامي ماڻهن جي تذليل ۽ تحقير جي انتهائي قابلِ نفرت تصوير پيش ڪندو آهي.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 332]



    _ جي ايم سيد، پهريون شخص آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ جي فاتحن طرفان ڏنل تسلسل کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ هن سنڌ جي تاريخ کي نج ’قومي بنياد‘ تي مطالعي ڪرڻ جي شروعات ڪئي. انهن عظيم ۽ زندهه جاويد فرزندانِ زمين کي سنڌي عوام جي هيرن جي صورت ۾ پيش ڪيو، جن غير ملڪي فاتحن جي اشاري تي درٻاري مؤرخن خسيس حيثيت ڏني هئي. هن پنهنجي قلم ذريعي مذهب، مصنوعيت جا نقاب پٽي، سندن اصلي صورت ۾ عوام جي ٿُڪن ۽ لعنتن جي وسڪاري جو مستحق ثابت ڪري ڏيکاريو.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 335]


    هن سرزمينِ سنڌ جي بقا ۽ بچاءُ جي جنگ وڙهندڙ سرويچ انسانن کي سنڌي قوم جي تمام عقيدتمندين ۽ محبتن جو حقدار ٺهرايو. مهاراجا سهيرس، راجا ڏاهر، دودي سومري، دولهه دريا خان، شهيدِ سنڌ الهه بخش سومري، هيمون ڪالاڻي ۽ ٻين انيڪ فرزندانِ سنڌ جي لازوال تاريخي ڪردارن کي، اهڙن ڏيئن جي حيثيت ڏني، جن جي روشنيءَ ۾ ’نئين سنڌ‘ جا معمار پنهنجو سفر طئي ڪري سگهن. هن ئي ٻڌايو ته جن ماڻهن کي درٻاري مؤرخن اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي عوام وٽ هيرن جي حيثيت ۾ پيش ڪيو آهي، سي حقيقت ۾ سنڌ جا دشمن، سنڌي عوام جا قاتل، سنڌ جي سون سريکيءَ سڀيتا جا ويري ۽ سنڌ جي شاهوڪاريءَ جا ڌاڙيل، چور ۽ ڊاڪو هُئا. اهي ئي ماڻهو هُئا، جن سنڌي عوام کي بيدرديءَ سان ڪُٺو، اُهي ئي نام نهاد اسلام جا علمبردار هُئا، جن سنڌي عوام جي گهرن، شهرن، واهڻن ۽ وستين کي باهه ڏيئي، پنهنجي بدترين انسانيت دشمن ذهينيت جو ثبوت ڏنو.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 335،336]



    ’شهيدانِ سنڌ‘ جي.ايم سيد جو اهو لاثاني ۽ لافاني ڪتاب آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ جي مطالعي جو رُخ موڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ ڪتاب ذريعي تهذيب، مذهب ۽ انسانيت جا نام نهاد علمبردار، پهريون ڀيرو سنڌي عوام جي سامهون خونخوار ۽ وحشي درندن جي صورت ۾ بيٺل نظر ايندا. اهو ئي ڪتاب آهي، جنهن سنڌي علم ۽ ادب جي پارکُن کي ذهن نشين ڪرايو ته دارا، ابن قاسم، محمود غزنوي، علاؤالدين خلجي، شاهه بيگ ارغون، عبدالرحيم خان خانان، فرخ سير، چارلس نيپيئر، لارڊ ويول سنڌي عوام جي محبت جا نه، پر نفرت جي لائق آهن، ڇو ته اهي سنڌي عوام جا هيرا نه، پر قومي قاتل آهن. مهاراجا سهيرس، ڏاهر، دودو، دريا خان، مخدوم بلاول، شاهه حيدر، شاهه عنايت، هوشو، هيمون ۽ الهه بخش سومرو سنڌي قوم جا هيرا آهن، ڇو ته انهن ئي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون هيون. اُهي ئي آهن، جن پنهنجي رت جي آخري ڦُڙي کي سنڌ جو سهاڳ برقرار رکڻ لاءِ ان جي سينڌ ۾ سنڌُور طور وِڌو.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 337،336]


    _ جي. ايم. سيد پنهنجن ڪتابن، تقريرن، خطبن، مقالن ۽ مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي مذهبي ڇڪتاڻ جي ڪُن مان ڪڍي، سيڪيولر بنيادن تي ان جي ترتيب، تنظيم ۽ مطالعي جو رواج وڌو.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 339]



    _ جي. ايم. سيد پنهنجي سياست جو پورو دارومدار وحدت الوجود تي رکيو. هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهه مون“ ۾ دنيا جي اڳيان، سنڌ جي صوفين جي فڪر مان اخذ ڪري دنيا جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ ٽن نڪتن تي مشتمل پروگرام رکيو آهي: (1) اتحادِي، (2) ترقي بني آدم، (3) امن عالم جنهن جو سارو دارومدار وحدت الوجود تي آهي.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 352، 351]


    2


    _ سنڌ جي بگڙيل، مسخ ٿيل، ڦٽيل ۽ رت هاڻي تاريخ، جيڪا فاتحن جي درٻاري مؤرخن جي قصيده نويس قلم مان نڪري اسان تائين پهتي آهي، تنهن مان پتو پوي ٿو ته سنڌي قوم گڏجي ڌار ڌار ٽولن، جٿن، گروهن، جماعتن ۽ قبيلن جي صورت ۾ وڙهندي رهي آهي. هن غلامي جي زندگيءَ تي ڪڏهن به رضامندو نه ڏيکاريو آهي. هن جي مرد خواه عورت، ٻُڍي خواه ٻار، جوان خواه جوانڙيءَ جي دل ۾ وطن جي ويرين لاءِ نفرت ۽ حقارت، غيض ۽ غضب، ڪاوڙ ۽ غصي جون بٺيون ٻرنديون رهيون آهن ۽ سنڌ جي سرزمين جو هر کيت، هر ميدان، هر ڪنڌي ۽ ڪانهن، هر ڍنڍ ۽ ڍورو، هر جهنگ ۽ وستي، هر بر ۽ پوٺو، ٻاهرين حاڪمن خلاف هڪ مضبوط قلعو ثابت ٿيندو رهيو آهي ۽ سنڌي ماڻهوءَ جا وار سدائين رت ڀڪليا رهيا آهن.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 363]



    _ سنڌ جي تاريخ اسان کي ڏيکاري ٿي ته، ايراني حڪمرانن جي ڪٽڪن جي هٿان سنڌي حاڪم راجا راءِ سهيرس وڙهندي شهيد ٿئي ٿو، پوءِ به سنڌي فوج فاتحن کي ناڪام ۽ نامراد واپس موٽڻ تي مجبور ڪيو. مهاراجا سهيرس ۽ ايرانين جي جنگ جي ذڪر ۾ سنڌ جي تاريخ لکندڙ درٻاري مؤرخن جي واهيات، ذليل، غليظ ۽ عوام دشمن ذهنيت جي پروڙ پوي ٿي.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 363، 364]



    _ پاڪستان جي فوجين مون کي هڪ ڀيرو چيو هو ته: ”اسان توکي درست ٿيڻ جو موقعو ڏيئي رهيا آهيون.“ پر مون کين جواب ڏنو هو ته: ”توهان جي موقعي مان نه آءٌ درست ٿيو آهيان، نه سنڌ درست ٿي آهي ۽ نه توهان درست ٿيا آهيو. آءٌ ته خدا کان به درست ٿيڻ جا موقعا گهرندس، پر انهيءَ ’درستيءَ‘ جو مطلب ڇا آهي؟“

    [ڪتاب: سچ وڏو ڏوهاري آ، صفحو: 71]


    _ غلامي نيٺ غلامي آهي، جيستائين اها موجود آهي، ان وقت تائين غلام جو اهو حق آهي ته ان مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 379]


    _ يوناني فلسفيءَ هيراقليتس، مسيح جي پيدائش کان 500 ورهيه اڳ چيو هو: ”دنيا کي ڪنهن فرضي خدا يا انسان پيدا ڪونه ڪيو آهي، پر هي هميشه دکندڙ، ڀڙڪندڙ ۽ زندهه رهندڙ باهه هئي ۽ رهندي: هڪ اهڙي باهه، جيڪا باقاعدي ٻرندي ۽ وسامندي آئي آهي. دائمي وسامڻ ان جي مقدر ۾ لکيل ئي ڪونهي.“ ساڳي ڳالهه آءٌ قومي آزاديءَ جي جذبي ۽ قومپرستيءَ جي باري ۾ به چئي سگهان ٿو، ته قومي وجود ۽ بقا جي اها باهه، هن سرزمين تي تمام گهڻو آڳاٽي آهي ۽ هتي جي انسان جي سيني ۾ ڪنهن نه ڪنهن رُوپ ۾ دکندي آئي آهي. ڪڏهن اُلائن جي صورت ۾، ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي ڀمڀٽ بڻي، ڪڏهن ڪنهن جوڳيءَ جي جوءِ مان آڌيءَ ويلي اُمڙ بڻي. ساڳي باهه، اڄ جي دور ۾ وڌيڪ جوش سان ڀڙڪڻ لڳي آهي. جي. ايم. سيد ان باهه کي ڦوڪون ڏئي وڌيڪ تيز ۽ ڀڙڪيدار بڻايو آهي. کيس ان باهه جي نه وسامڻ تي مڪمل يقين آهي ۽ هن اهو يقين پوريءَ سچائيءَ، ديانتداريءَ ۽ همت سان سنڌي قوم جي دلين ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 394،393]


    _ جڏهن بنگلاديش، جي آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته، آمريڪا جيڪو هميشه قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي مخالفت ڪندو رهيو آهي. تنهن بنگلاديش جي آزادي جي تحريڪ جي مخالفت ڪئي ۽ روس پنهنجي روايت مطابق ته، ”جنهن تحريڪ ۾ سامراج (ننڍو يا وڏو) دشمن هجي ۽ جنهن جي آمريڪا ۽ چين مخالفت ڪن، تنهن جي ضرور حمايت ڪئي وڃي. سو بنگلاديش جي تحريڪ آزاديءَ جي ان ڀرپور حمايت ڪئي ۽ ان لاءِ ڀارت جي گڏيل مدد سان بنگلاديش جي تحريڪ، ڪاميابيءَ سان وڃي همڪنار ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو آزاد بنگلاديش جي حڪومت شيخ مجيب الرحمان جي قيادت ۾ مڪمل طور روس ڏانهن جُهڪيل هئي. هوڏانهن هندستان ۾ مِسز گانڌيءَ جي حڪومت اڳي ئي روس نواز هئي، ان ڪري اهو پورو خطو آمريڪا جي هٿان نڪري ويو.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 450]


    _ استاد منظور علي خان، شيخ مجيب الرحمان کي مخاطب ٿي چيو ته: ”سائين! لطيف سائين، هيءُ بيت اوهان لاءِ چيو آهي:
    سکر سي ئي ڏينهن جي مون گهاريا بند ۾،
    وسايم وڏ ڦڙا مٿي ماڙين مينهن،
    نيئر منهنجو نينهن، اُجاري اڇو ڪيو.
    (شاهه)
    سائين جي. ايم. سيد لطيف جي انهيءَ بيت جو انگريزيءَ ۾ ترجمو شيخ صاحب کي ٻڌايو ته، شيخ صاحب استاد منظور علي خان کي مخاطب ٿي چيو: ”خان صاحب، لطيف، اهو شعر منهنجي لاءِ نه پر جي. ايم. سيد لاءِ چيو آهي، جنهن زندگيءَ جو منهنجي عمر جي اڌ برابر حصو جيل ۾ گذاريو آهي ۽ آءٌ سياسي ميدان ۾ ثابت قدميءَ لاءِ شاهه صاحب کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما سمجهان ٿو.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 465، 466]




    _ عام طرح جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ورثي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، ان ۾ سندس اهلِ اولاد، موڙي، مال ملڪيت، زمينن ۽ جائداد کي ڳڻيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ حساب سان ان کي بد نصيب يا خوش قسمت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا آهن. اهو قانون انهن سڀني اميرن توڙي غريب ماڻهو سان لاڳو آهي، جيڪي زندگيءَ جو مقصد انفرادي تصور ڪندا هجن، ۽ صرف انفرادي زندگي خوشحاليءَ سان گذارڻ چاهيندا هجن، پر دنيا ۾ اهڙا هزارين ۽ لکين ماڻهو ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهندا، جن زندگيءَ جو مقصد ڪنهن اعليٰ ۽ عظيم آدرش جي حاصلات کي بنايو، ان لاءِ جدوجهد ڪيائون. ڪي اهو آدرش ماڻي ويا ته ڪي انهيءَ راهه ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا. اهڙن انسانن ۾ اديب، شاعر، فلاسافر، سائنسدان، سماج سڌارڪ ۽ سياستدان اچي ٿا وڃن، جن کي جلاوطن ڪيو ويو، ڦاسيءَ چاڙهيو ويو، تيل ڪڙاهيءَ ۾ ڪاڙهيو ويو، گهاڻن ۾ پيڙيو ويو، جيئري کلون لهرايون ويون، ڪتن، چيتن ۽ شينهن جو کاڄ بنايو ويو. آلِ اولاد سوڌو قتل ڪرائي مٿن گهوڙا ڊوڙايا ويا. اهڙن ماڻهن جو ورثو، انساني قافلي جي عام انسانن کان الڳ، ڌار ۽ نرالو ٿيندو آهي، جيڪو غير قانوني، دائمي اثر رکندڙ ۽ انسانيت جي ڪيترن ايندڙ نسلن لاءِ روشني ۽ رهنمائيءَ جو ڪارڻ بڻبو آهي. سقراط، عيسيٰ، فارابي، ابن سينا، فردوسي، ابوالعليٰ معريٰ، ماڻڪ، ابو حنفيه ڪاليداس، منصور، سرمد، شاهه عنايت، لطيف، مارڪس، لينن، گانڌي، مائو ۽ مجيب الرحمان جي ورثي جي ذڪر ۾ مال ملڪيت ڳڻڻ ئي حماڪت آهي، انهن جو جيڪو به سرمايو آهي سو آهي سندن فڪر جي روشني، سندن جدوجهد، سندن تخليقون، سندن خدمتون، قومي ملڪن ۽ انسانيت لاءِ، جيڪي دائمي آهن، ديرپا آهن ۽ سدائين تاريخ جون محرڪ قوتون ٿي رهنديون.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 497]



    _ پاڪستان جا حڪمران پنهنجي آقائن جي چوڻ تي جي. ايم. سيد کان وٺي اڪبر بگٽيءَ ۽ نواب خير بخش تائين، ڪنهن به سخت لهجي اختيار ڪرڻ واري ليڊر کي پسند ڪرڻ لاءِ نه تيار هئا، نه آهن ۽ نه وري رهندا.

    [ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 52]


    _ اسان جي سنڌ ۾ هيءَ روايت مشهور آهي ته دودي سومري جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي هڪڙي قبيلي (جنهن کي ريٻاري سڏيو وڃي ٿو) قسم کنيو هو ته: ”جيستائين اسان دودي جي ڌرتيءَ تان دودي جي دشمنن کي ناس نه ڪنداسين، تيستائين ڪارو ويس پائيندا رهنداسين“ ۽ ان قبيلي جا مرد ۽ عورتون اڄ تائين ڪارو ويس ئي استعمال ڪري رهيا آهن، ۽ اهڙو ئي قَسمُ مهاراجا پرتاب سنگهه جي هٿيار ٺاهيندڙ قبيلي (جنهن کي ’ڪاريا‘ سڏيو وڃي ٿو) کنيو هو ته: ”جيستائين اسان مهاراجا پرتاب سنگهه جي دشمنن مغلن کي ناس نه ڪنداسين، تيستائين ٿانون ۾ ماني نه کائينداسين، کٽ تي نه سمهنداسين ۽ سٺو گهر ٺاهي نه رهنداسين“_ ۽ هو ان وقت تائين ان تي عمل ڪندا رهيا، جيستائين 1947ع ۾ هندستان آزاد ٿيو، ۽ جواهر لعل نهروءَ چتواڙ اچي ان قبيلي جي ماڻهن کي گهرائي اعلان ڪيو ته: ”هاڻي هندستان تي حڪومت مهاراجا پرتاب سنگهه جي آهي، ڌاريا سڀ ختم ٿي ويا آهن، ان ڪري سُوءَ ختم ڪريو!“
    سنڌين کي به دودي جي ’ريٻارين‘ ۽ پرتاب سنگهه جي ’ڪارين‘ وانگر اهو وَچن ڪرڻ گهرجي ته اسان به تيستائين سُک سان نه سمهنداسين، جيستائين سنڌ تي ڪنهن به غلاميءَ ۽ بالادستيءَ جو نشان باقي آهي.

    [ڪتاب: سچ وڏو ڏوهاري آ، صفحو: 71]



    _ محترمه (بينظير ڀٽو) سياسي مصلحت تحت ئي سائين (جي. ايم. سيد) جي عذر خواهيءَ تي آئي ۽ انتهائي سادي ۽ سنڌي طريقي سان هن دُعا به گهري ۽ مختصر ڳالهايائين ـ نه ته اُها عورت، جيڪا عالمي فورمن تي نهروءَ جي اسٽائيل ۾ انگريزي ڳالهائيندي هئي، (جيتوڻيڪ کيس خبر هئي ته انهي انداز سان انگريزي ڳالهائڻ سان آءٌ نهرو نه ٿي سگهنديس)، ڇو ته دنيا جي ملڪن جي ليڊرن لاءِ وزيراعظم جي ڪرسي اعزاز هوندي آهي، پر نهروءَ جو وجود هندستان جي وزارت عظميٰ لاءِ اعزاز هو.

    [ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 67،66]


    3


    _ اسان جا هي ليڊر، جيڪي فوجي جنرل جي ڏنڊي کان لهرائيندا آهن، انهن لاءِ اها ڳالهه سبق جهڙي آهي ته، جڏهن هر سال 15 آگسٽ جي صبح جو هندستاني فوج هندستان جي صدر ۽ وزيراعظم کي سلامي ڏيندي هئي، ته نهرو پنهنجو چهرو فوج جي طرف کان هٽائي ڇڏيندو هو، ته جيئن کين خبر پوي ته آزادي مون ورتي آهي، توهان ناهي ورتي.

    [ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 67]



    _ سائين جي. ايم. سيد جي فاتحه پڙهڻ کان پوءِ هلڪي ڦلڪي غير سياسي گفتگو شروع ٿي. سائين امير حيدر شاهه ويٺلن جو تعارف ڪرايو. سڀ کان پهريائين منهنجي نالي ٻڌايائين ته: ”هي عبدالواحد آريسر آهي، سائين جي. ايم. سيد جو سياسي جانشين ـ آءٌ ته صرف سائين جي مزار جو مجاور آهيان“ اُن تي محترمه چيو ته: ”آريسر صاحب! توهان جو نالو ته ڏاڍو ٻڌو اٿم، پر ڪڏهن ملاقات ڪانه ٿي آهي.“ مون کيس ٻڌايو: ”توهان سان ته نه، پر توهان جي نامور والد سان ملاقاتون ٿيون آهن.“ محترمه کي شايد خبر هئي ته ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ آءٌ ڪافي وقت جيل ۾ رهيو آهيان، انهيءَ احساس تحت هوءَ چوڻ لڳي ته: ”آريسر صاحب! ڪلهه جا سياسي دشمن اڄ جا دوست ٿي سگهن ٿا، ۽ اڄوڪا سياسي دوست سڀاڻي جا دشمن ٿي سگهن ٿا.“ ان تي مون کيس احترام سان چيو هو ته: ”آءٌ جنهن شخص جو پوئلڳ آهيان، ان وٽ سياست ۾ اختلاف ۽ اتحاد ته ٿي سگهندا هئا، پر وٽس سياسي دشمنيءَ جو تصور نه هو، ڇو ته دشمني قبائلي سسٽم ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. ”منهنجي ان ڳالهه تي بينظير مرڪي انگريزيءَ ۾ چيو:“
    Mr Arisar you are correct!
    اسان کي سياست ۾ اهڙي ئي روايت کي هٿي وٺرائڻ گهرجي.“ ان بعد هن چيو: ”بهرحال پاڻ وري ملنداسين.“
    [ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 70،69]



    _ تعزيتي تقريب ختم ٿي_ ۽ هن وڃڻ وقت مون کي چيو ته ”وري ملنداسين!“ ۽ واقعي هن پنهنجو اهو خيال مختلف ذريعن سان مون تائين پهچايو، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جا ٻه اهم اڳواڻ امر لعل ۽ بيگم اشرف عباسي اهم هئا، پر محترمه جي ذهن ۾ جيڪو منصوبو هو ۽ ان منصوبي جي عمل ڪرڻ لاءِ هن جيڪو ملڻ جو طريقيڪار اختيار ڪيو هو، نه اُن منصوبي جي تڪميل جي مون وٽ طاقت هئي ۽ نه ئي هن جي ملڻ جي طريقيڪار سان آءٌ متفق هيس. نيٺ هن جي انتهائي اصرار کان پوءِ مون سنڌ جو هڪ روايتي جواب کيس ڏياري موڪليو، جيڪو هو ته: ”محترمه! توهان سر شاهنواز جون پوٽيون آهيو ۽ منهنجي لاءِ احترام لائق آهيو، پر اسين رات جي اونداهين ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سان ناهيون ملندا!“ نتيجي طور اسان جي ملاقات نه ٿي سگهي.

    [ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 72]


    _ سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سڪندر يونانيءَ کان وٺي مغلن جي حملن تائين، هن سرزمين جا جيڪي به بهادر وطن تان گهورجي ويا سي سنڌي ماڻهن لاءِ آزاديءَ جو پيغام ڇڏي ويا. سنڌ جي معلوم تاريخ ۾ اسان کي پهريون شهيد مهاراجا سهيرس ملي ٿو. جيڪو ايراني شهنشاهه هٿان موجوده بلوچستان جي سرحد تي نڙيءَ ۾ تير لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو هو. پر سنڌي ماڻهن سندس پُٽ جي قيادت ۾ وڏي زوردار جنگ ڪري، سنڌ تي ايران کي قبضو نه ڪرڻ ڏنو.
    مهاراجا ڏاهر جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن سندس پُٽ ’ڏهرسين‘ جي قيادت ۾ سنڌ جي آزاديءَ جي جنگ جاري رکي_ ۽ دودي سومري جي شهادت کان پوءِ ساري سنڌ ’ماتمي لباس‘ پهرڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ به سنڌ جي قبيلن ۾ جاري آهي. دريا خان ۽ مخدوم بلاول جي شهادت کان پوءِ سنڌين اُنهن جي خون مان ڳاڙها جهنڊا ٺاهي، ٻن سئو سالن تائين جنگ ڪئي ۽ سنڌ جي هر ڳوٺ کي آزاديءَ جي جنگ جو مورچو بنائي ڇڏيو ۽ نيٺ سنڌين کي اٻوجهه ۽ اڻڄاڻ سمجهندڙ تاريخدانن جي نظر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي سامراج مغل امپائر کي مٽيءَ ۾ ملندي ڏٺو، ۽ سنڌ آزاد ٿي وئي. اڄ ڪا مغلياڻي لکنو جي بالاخاني تي نظر ايندي، پر انهن مان ڪا به سموري ننڍي کنڊ ۾ نورجهان نه آهي.

    [ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 83،82]



    _ اها ڳالهه سنڌ جي سڀني پُٽن ۽ ڌيئرن کي سوچڻ گهرجي، ته ماڻهوءَ جو بوتو مٽيءَ جو پِنوڙو آهي، اهو ڪنهن وقت به ڳري ۽ ڀُري سگهي ٿو، پر جڏهن به هو ڪنهن ظالم جي مٿي ۾ سوراخ ڪري ٿو ته، ڪائنات جو ’وِهائو تارو‘ بنجي وڃي ٿو.

    [ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 87]


    _ نياز همايوني سنڌ جو وڏو شاعر هو، بقول شيخ اياز جي ته هو عوامي شاعر هو، کيس انگريزي اچي ها ته فلسفي کان مون وانگر واقف هجي ها ۽ مون کان وڏو شاعر هجي ها. نياز همايوني سنڌي ٻوليءَ جو بادشاهه شاعر هو، ڇو ته سندس شاعري ۾ چُڪ نه هوندي هئي، جڏهن ته وڏن شاعرن جي شاعريءَ ۾ چُڪون هونديون آهن- ويندي شيخ اياز جي شاعري مان به چُڪون ڪڍي سگهجن ٿيون، پر نياز همايوني جي شاعريءَ ۾ چُڪ جي گنجائش نه هوندي هئي. هو سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر هو، ڪميٽيڊ نظرياتي شاعر هو. زندگيءَ ۾ هڪ دفعي هن مون سان انڪشاف ڪيو شاعري بابت ته: ”جڏهن پٺاڻن ڪشمير تي حملو ڪيو هو، مون انهن تي هڪ شعر لکيو هو، هي منهنجي زندگيءَ جي وڏي غلطي آهي. آءٌ ان شاعريءَ تي پشيمان به آهيان. اُهو شعر ڪڏهن به آءٌ پنهنجي شاعري جي ڪتاب ۾ نه ڇپائيندس.“
    نياز همايوني، سائين جي. ايم. سيد جو وڏو عاشق هو. سائين جي چاليهي تي کيس شاعري پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو ويو ته شاعري نه پڙهي سگهيو ۽ روئي پيو. نياز، شهيد الله بخش سومري جو پڻ وڏو مداح هو.

    [نياز همايوني جي ورسي مناسبت سان سوشل ميڊيا لاءِ ورتل پيغام)، 3 جنوري 2011ع]


    _ صادق فقير جي وڇوڙي جو ٻڌندي ئي آءٌ بي اختيار روئي ويٺس، ڇو ته سنڌ ٿر جي هڪ ٻاٻيهي فنڪار جي آواز کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي، ۽ سنڌ کي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ڏهاڳ ڏئي ويو، شيخ اياز چيو هو ته: ”جهڙي منهنجي شاعري آهي، انهي کي اهڙي ئي انداز ۾ صرف صادق ئي ڳايو آهي.“ واقعي جڏهن اياز جي وائي، نظم يا لوڪ گيت صادق جي آواز ۾ ٻڌندا هئاسين ته سنڌ بي اختيار جُهومي پوندي هئي. صادق سان منهنجو ناتو ازل کان هو، ڇو ته صادق ۽ آءٌ ٿر سان تعلق رکندڙ آهيون ۽ آءٌ جڏهن منهنجي نياڻيءَ اندرا جي سالگرهه ملهائيندو هئس ته ان پروگرام ۾ صادق، بغير فيس جي پنهنجي مڌر آواز سان پوري محفل کي جُهومائي ڇڏيندو هو. جڏهن خدا انسان جو بُت تراشيو ۽ ان بُت ۾ رُوح وڌو ته، ان جي اندران موسيقيءَ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو، اهو آواز شايد صادق فقير جو سريلو آواز هو. صادق جي وڇوڙي مون کي جهوري وڌو آهي، انهيءَ ڪري لفظ ۽ آواز ساٿ نٿا ڏين، جو وڌيڪ آءٌ لکائي سگهان.

    [صادق فقير جي وڇوڙي تي سوشل ميڊيا لاءِ ورتل پيغام]


    _ حڪمرانن پاڪستان اهڙي ڳئون وانگر ورتو هو، جنهن جي لاءِ پهرين سوچيو ويو ته ڏُهي کائينداسون، پوءِ سوچيو ويو ته ڪُهي کائينداسون.

    [تقرير مان کنيل ٽڪرو]



    _ حقيقت هي آهي ته، سواءِ مدرسي جي شاگرديءَ جي ڪجهه عرصي واري سياسي زندگيءَ جي، جنهن ۾ آءٌ ۽ موجوده سنڌ جي چوٽيءَ جو شاعر ادل سومرو، ٻئي JUI جي شاگرد ونگ سان سلهاڙيل رهياسين، پوءِ اسان ٻنهي محسوس ڪيو ته اسين رُڃ ۾ ڀٽڪي رهيا آهيون، ان ڪري ان تنظيم کي ٻنهي ڄڻن ڇڏيو. ادل سومري قومي خدمت شاعريءَ ۾ سمجهي ۽ مون قومي خدمت سائين جي. ايم. سيد جي فڪر سان سلهاڙجڻ کي سمجهيو. ان تي فارسي شعر جو هي مفهوم ٺهي ٿو اچي ته: ”آءٌ ۽ مجنون ٻئي عشق جي اسڪول ۾ هئاسين، هو رڻ پٽن ڏانهن هليو ويو، ۽ آءٌ گهٽين ۾ رُسوا ٿي ويس.“

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 10]


    _ سياست، يونيورسٽي جي فيڪلٽيءَ ۾ ڀلي سائنس (Political Science) هجي، پر اها عوام ۾ کڻي وڃڻ کان پوءِ ’آرٽ‘ ٿي وڃي ٿي. ڪامياب سياستدان، (ڪامياب مان منهنجي مراد اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي وزيراعظم ٿيڻ ناهي) اهو آهي، جيڪو ڪنهن به بدنصيب قوم جي خوش نصيب مستقبل جا پيغام ڇڏي وڃي.

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 10]


    _ فطري طرح مون کي جيڪا زندگي ملي، ان تي صبر ڪري ويهي رهڻ کپندو هو ۽ دل جي ويران رڻ پٽ ۾ ڪنهن گلستان پوکڻ جي جُسارت نه ڪرڻ کپندي هئي، پر اُها منهنجي خوش نصيبي هئي، جو مون کي سن جي سائينءَ جي محبت نصيب ٿي. اسين ٿر جا ماڻهو نه رڳو اَن جا بکايل، پاڻيءَ جا اُڃايل ۽ محبت کان وانجهيل هوندا آهيون، پر سيد وٽ مون کي بيپناهه محبت ملي، جيتوڻيڪ ان محبت ۾ ڪنهن نوجوان عورت جي گرم ڀاڪُرن جي تپش نه هئي، ۽ نه وري ڪنهن نشيلي ناريءَ جي نيڻن جا خنجر هئا، پر سانوڻ جي ڪڪر جو ڇانورو ۽ وڏ ڦڙي جي ٿڌڪار هئي، جنهن مون کي ڪارونجهر کان وٺي ڪشمور تائين جي ماڻهن جي هڪ عظيم خواهش ۽ دلڪش مقصد جي آرزوئن ۽ اُمنگن سان ڀرپور بنائي ڇڏيو، ۽ منهنجي دماغ ۾ خوبصورت زندگيءَ جون ڪئين جنتون جُڙي ويون، ۽ ڪيترائي ٽيڙو ٽانڊاڻن وانگر ٽمڪڻ لڳا ۽ اُها عظيم خواهش هئي سنڌ جي شاندار، باوقار، مالهان جي چُنريءَ جي رنگن جهڙي من موهيندڙ آزادي، انهي سلسلي ۾ هن ڏٻري جسم دنيا ۾ ايجاد ٿيندڙ هر عذاب ۽ اذيت جي لذت ماڻي.

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 40]



    _ حقيقت ۾ انڪار دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهي. اهو انڪار ئي هيو، جنهن سُقراط کي زهر جو پيالو پيئڻ تي مجبور ڪيو، اهو انڪار ئي هيو، جنهن موسيٰ کان فرعون جي خدائيءَ کي غرق ڪرائي ڇڏيو، اهو انڪار ئي هيو لات ۽ منات کان، جنهن محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم کي طائف جي واديءَ ۾ پٿرن سان چڪنا چور ٿيڻ تي مجبور ڪيو، ۽ اهو انڪار هُيو، جنهن سرمد کي اهو چوڻ تي مجبور ڪيو ته: ”ها، آءٌ اُگهاڙو رهندس، ڇو ته آءٌ مڇيءَ وانگر آهيان، ۽ مڇيءَ کي ڪوئي لباس نه ٿيندو آهي.“ ۽ اهو انڪار ئي هيو، جنهن سورهيه بادشاهه کي سُوريءَ جو سينگار بڻجڻ لاءِ تيار ڪيو. ها، اهو انڪار ئي هيو، جنهن الهه بخش سومري کي انگريزن جي لقبن کي لت هڻي گوليءَ جي خوبصورت موت کي قبول ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ ڇا اُها انڪار جي اعليٰ ترين شڪل نه هُئي، جنهن سيد جهڙي ماڻهو کي اڪيلي سر پاڪستان جي جابر ترين قوتن سان ٽڪر کائڻ لاءِ تيار ڪيو.
    عام طرح ماڻهو چوندا آهن ته، لشڪر ۽ خزاني کان سواءِ بادشاهه ٿيڻ مشڪل آهي، هنن جي ذهنن ۾ لشڪر ۽ خزانو خارجي قوتون هونديون آهن، پر دنيا جي نوجوان مردن ۽ عورتن جي ڪونڀٽ جي ٻُور جهڙين دلين تي راڄ ڪندڙ انسانن جا خزانا- لشڪر انهن جي اندروني دنيا ۾ لڪيل هوندا آهن. تاريخ جي تسلسل جي انهيءَ انڪار جي مئخاني مان مون به شايد ڪوئي جام لِڪ چوريءَ ۾ پي ورتو هوندو، جنهن مون کي هن مرحلي تي عذابن سان منهن مقابل ٿيڻ جو ايڏو شوق بخشيو، جهڙو محبوب جي اڻ ڇُهيل چپڙن کي چمڻ جو شوق عاشق کي هوندو آهي.

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 41]


    4


    _ صبح جو آءٌ جيئن ئي شيريٽن جي هائيٽس مان اُٿي چانهه پيئڻ ويس، اُتي سائين امير حيدر شاهه جو ملازم بيٺو هو، جنهن مون کي ٻڌايو ته، سائين هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته مون ڪو به رد عمل طاهر نه ڪيو، ۽ کيس چيم ته آءٌ اچان ٿو حيدر منزل تي، پوءِ حيدر منزل پهتس ۽ پوءِ منهنجي مصنوعي صبر جا سڀ بند ٽٽي پيا، ماڻهو حيران هئا ته هن کي ڇا ٿيو، مون کي خبر ناهي ته ڪنهن انگريزي اخبار جي خاتون صحافي آئي، جنهن مون کان پڇيو توکي ٿيو ڇاهي؟ مون چيو: ”محترمه! مون کي ته ڪجهه ناهي ٿيو، پر سنڌ کي سڀ ڪجهه ٿي ويو آهي،“ ۽ پوءِ مون اتي تجويز ڏني ته ٻه شيون ٿيڻ گهرجن. سائينءَ جي جسد خاڪيءَ کان اڳ لطيف سائينءَ جو سُر کاهوڙي پڙهندو هلجي مائيڪ تي، ۽ ٻيو اتي قرآن شريف، گيتا، بائيبل ۽ شاهه جو رسالو سن ۾ پڙهيا وڃن ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته، منهنجي پهرين تجويز قبول نه ڪئي وئي، پوءِ ڪراچي شهر ائين خاموش ٿي ويو، ڄڻ سڄي شهر کي سانپ سراپي ويو هجي ۽ ننڍڙا ٻار اسڪولن کان موڪل ملڻ کان پوءِ فوٽ پاٿن تي سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ماڻهو کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ موجود هئا. بهرحال ٽول پلازه ٽپڻ کان پوءِ سُر کاهوڙي ڳائجڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ سن ۾ چارئي اِلهامي ڪتاب پڙهيا ويا. شاهه جو رسالو ڊاڪٽر تنوير عباسي، گيتا جيئم ڀڳت، بائيبل مسٽر پيٽرڪ ۽ قرآن شريف حافظ سحر پڙهيو، ۽ ان کان پوءِ اپريل جو مهينو، 26 تاريخ، شديد گرمي اوچتو آسمان تي ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ صرف جنازي نماز کان مزار تائين وڏ ڦڙو وسڻ شروع ٿيو ۽ ٻيو ڪٿي به نه وُٺو. مون دعا پڙهڻ کان پوءِ هڪڙو فارسيءَ جو شعر پڙهيو، جنهن جو مفهوم هي هو ته: ”اي مٽي! هن مهمان جي توکي پارت هجي، جيڪو سڄي سنڌ جو نور هُيو. اڄ اسان تنهنجي ڀاڪرن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.“

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 49،48]


    عشق اسان وٽ آرائين جئين آيو جهول ڀري،
    ڪوئي ڪيئن ڪري، ڪوئي ڪيئن ڪري.
    اياز جي هي سِٽ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ رومانس جو هزارين سالن تي پکڙيل ڏينهن ۽ راتين جي روايتن، محبتن، ٽهڪن، مهڪن دانن ۽ مسرتن جو اظهار آهي. سنڌ ۾ صدين کان وٺي اهو دستور رهيو آهي ته جڏهن وڻ ڦوٽ جي مند شروع ٿيندي هئي ۽ نوجوان دلين ۾ محبتون انڊلٺ جي رنگن وانگر فضائن کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺنديون هيون، سُڪل وڻ گونچ ڪڍندا هئا، ڦوڳن ۾ ڦوعيون ستارن جي ٻُور وانگر ڦهلبيون هيون، ڳاڱين ۾ ڪارونجهر جي ڪامڻين جي ڳلن جهڙا ڳاڙها ڳاڱيٽيا رچي راس ٿيندا هُئا ۽ انبن جي ٻُور جي خوشبوءِ ڪنهن نڪور بدن جي خوشبوءِ وانگر چؤطرف ڦهلبي هئي، ۽ ٻٻرن ۾ محبوب جي ڦُليءَ جهڙا ڦر نروار ٿيندا هئا، ان وقت اسان جا مالهي انهن رنگ برنگي گُلن ڦلن جا جهول ڀري امير غريب جي دروازي تي وڻ ڦوٽ جي سوکڙي گهر وارن کي آڇيندا هئا ۽ موٽ ۾ گهر ڀاتي هنن کي سون چانديءَ جا ٽوڪرا ڏئي روانو ڪندا هئا. انهي منظر کي اياز پنهنجي وائيءَ جي هن لازوال سٽ ۾ بيان ڪيو آهي. عام منگتو ته سون، چانديءَ جي ٽڪرن تي راضي ٿي ويندو هو، پر جڏهن عشق جذبن جا جهول ڀري ڪنهن ڪامڻيءَ جي در تي اچي، ته ان کي ڪيئن ٿو راضي ڪري سگهجي؟ مون مٿي سنڌ جي گلن ۽ ڦلن جو ذڪر ڪيو آهي، اڄ جو پڙهندڙ شايد منهنجي خيال پرستيءَ تي کِلي ته هن ڀڙڀانگ سنڌ ۾ گل ڦل ڪٿي آهن؟ ٻٻرن ۾ محبوب جي ڦليءَ جهڙا پيلا گل؟ واقعي اڄ جو سوچيندڙ صحيح آهي، ڇو ته آءٌ جنهن دور جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو دَور دولهه دريا خان ۽ ڄام نظام الدين جو دور هو، اهو دور ڏاهر ۽ نور محمد ڪلهوڙي جو دور هو، جنهن نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ سنڌ جي آدمشماري ته 21 لک ماڻهن تي مشتمل هئي، پر سنڌ جي زرعي زمين 30 لک ايڪڙ آباد ٿيندي هئي، ايس ڪي بلوچ ”پاڻي منجهه پساهه“ انهي دور ۾ پاڪستان نه ٺهيو هو، ان دور ۾ سنڌو جي سرڪش رواني کي عالمي ادارن جا سونا لغام نه پيا هئا ۽ ان دور ۾ پنجاب سامراج سنڌو جي سرڪش موجن جي سامهون منگلا ۽ تربيلا جهڙا هٿرادو پهاڙ کڙا نه ڪيا هئا ۽ سنڌو ائين آزاد رقص ڪندڙ ۽ موج ڀريو مهراڻ هوندو هو، جنهن ۾ سون ۽ چانديءَ سان ڀريل ٻيڙا سڌو سمنڊ ۾ داخل ٿي سنڌ جي محنت ۽ سامان لنڪا، تيل ۽ زن جبار تائين پهچائيندا هئا، هي اهو ئي دور هو، جنهن ڀٽائيءَ جي طاقتور قلم کان اهڙا شعر چوايا.
    ڏِٺي ڏِيارِي سَامُونڊِيَن سَڙه سَنڀايا،
    وِجهيو وَر وَنجهه کي روئي وَڻجَارِي،
    مَارِيندَئِي مَارِي، پِرَهه سُور پِرِين جَا.
    (شاهه)
    ڪَانڌ تُنهنجي پَانڌ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،
    ڪَامِل ڪَپاهن ۾ پَئِي ٺَار ٺَران،
    تَاري توءِ تَران، جِيئن وَر وِهاڻي وِهوڙيو.

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 55،54]



    _ وڻ ڦوٽ جي مُند منهنجي لاءِ وسڪاري کان وڌيڪ دلڪش هوندي آهي، سموري دنيا ويلنٽائين ڊي 14 فيبروري تي ملهائيندي آهي، پر آءٌ اهو ڏينهن 15 فيبروري تي ملهائيندو آهيان، پوءِ جهڙو به موقعو هجي، ڪو جهنگلي گل وٺڻ وارو ۽ دل جي گلاب تي ريشمي آڱرين سان پها پيدا ڪندڙ نه به هجي، پوءِ به آءٌ ٻهراڙي ۾ نڪري ويندو آهيان، ۽ ڪنهن وڻ مان مُڃر پٽي، مون جهڙي بدحال ٻڪرار جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو آهيان.
    (نوٽ: وڻ ڦوٽ جي مند 15 فيبروري کان شروع ٿيندي آهي)

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 55]



    _ صادق فقير، جنهن جي راڳ ٻڌڻ لاءِ آءٌ ائين بيقرار هوندو آهيان، جيئن ازل جا اُڃايل چار چپ هڪ ٻئي ۾ پيوست ٿيڻ لاءِ بيقرار هوندا آهن.

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 56]



    _ جڏهن صادق ڳائيندو آهي، ته ان وقت مون کي محسوس ٿيندو آهي، ته ڄڻ پارڪر جي پهاڙن مان روپلي جي، سنڌ جي آزادي جي ويڙهه لاءِ ڏنل سڏ جو پڙاڏو صادق جي رُوح ۾ لهي ويو آهي، ۽ هو جڏهن اياز گل ۽ ادل سومري کي ڳائيندو آهي، ته مون کي لڳندو آهي ته مٺيءَ جي سڀني ڪُنوارين جا چُوڙا هڪ ئي انداز ۾ تاڙين جي ڦهڪي تي ڪو سُريلو راڳ پيدا ڪري رهيا آهن.

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 56]



    _ (سائين جي. ايم سيد کي سنڌي پورهيت سنگت طرفان تاج محل هوٽل ۾ ڏنل آجياڻو)
    انهيءَ آجياڻي ۾ سائين ابتدائي طرح چيو ته: بيشڪ وڏن شهرن ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ سان خرچ گهڻو اچي ٿو، پر پوءِ به شهر عالمي ميڊيا جا مرڪز ٿين ٿا، ان ڪري اهڙين گڏجاڻين ۾ چيل لفظ ۽ ڪيل ڳالهيون عالمي ايوانن تائين پهچن ٿيون. آءٌ هتي موجود ماڻهن جي هجوم کي ڏسي خوش ناهيان ٿيو، ڇو ته مون کي خبر آهي ته مون سان لاڳاپو رکڻ جي دعويٰ ڪندڙن مان 80 سيڪڙو ڪرمنل آهن ۽ ڪرائيم ڪنهن به تحريڪ جي زوال جو وڏو ڪارڻ آهي، پر ڇا ڪريان ڀٽ ڌڻيءَ چيو آهي.
    تيسين ڀيلي سين ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
    ان ڪري آءٌ درگذر ڪري مڙئي ڪم هلايان پيو. سائين جي انهيءَ تقرير تي صبح جو سنڌ جي ڪميونسٽ صحافي فقير محمد لاشاري ايڊيٽوريل لکيو، جنهن جو عنوان هو ”بيشڪ پيغمبر پنهنجي قومن سان ائين ڳالهائيندا آهن.“

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 68،67]


    _ ڊي ايس پي مون کي عام گاڏيءَ مان لاهي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهاريو، ۽ پاڻ ڊرائيونگ ڪرڻ لڳو، مون کي چوڻ لڳو ته: ”خبر آهي ته مون توکي پاڻ سان گڏ ڇو ويهاريو آهي؟“ مون چيو ته: ”اڳيان اسان جو ماڊل تعلقو ٽنڊو محمد خان آهي ۽ تو پٿرن کان بچڻ لاءِ پاڻ سان گڏ ويهاريو آهي.“ هن چيو ته: ”اها شيءِ ناهي، اصل حقيقت هي آهي ته سج گرهڻ ٿي چڪو آهي، ۽ تنهنجي عادت جي مون کي خبر آهي، ته سنڌ جي ٻنين ۽ کيتن کان مٽيندي، تون انهن ڏانهن ائين ڏسندو آهين، جيئن ڪو حوس پرست وڏيرو الهڙ جوانيءَ ڏانهن ڏسندو آهي. ان ڪري سج گرهڻ جي اثرن کان بچڻ لاءِ توکي مون پاڻ سان ويهاريو آهي، ڇو ته منهنجي گاڏيءَ جا شيشا ڪارا آهن.

    [ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 73]



    _ 1981ع ۾ آءٌ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد، گهر اچڻ کان پهرين سن ويس. سائين ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين ڦٽڪا لڳڻ وقت ڪيئن محسوس ڪيئي؟ مون پنهنجي لفظي جادوگريءَ کان ڪم وٺندي چيو ته: ”سائين! مون هر ڦٽڪي تي ائين محسوس ڪيو ته سنڌ مون کي چُمي ڏئي رهي آهي!“

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 51]



    _ سيد اسان جي بُکين دماغن کي عقيدن جي خوراڪ ڏيڻ بدران، فڪر جي خوراڪ ڏني، ۽ اسان جي بُکين پيٽن کي لفظن سان ڀرڻ بجاءِ آزاديءَ يعني سنڌو ديش جي قيام سان پنهنجي ملڪ جا وسيلا، پنهنجي عوام لاءِ استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو_ ۽ اهو آواز اسان جي لاءِ آخري ۽ واحد ذريعو آهي، پنهنجن دماغن ۽ پيٽن کي سيراب ۽ شاداب ڪرڻ جو.

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 76]


    5


    _ سنڌ ڌرتي، جنهن جي عشق مون کي استاد ازل کان اها تعليم ڏياري، سا ايڏي ته دلڪش آهي، جو مون کي هر نظارو، مُند جو هر اثر ۽ هوا جو هر جهوٽو پنهنجو پاڻ تي فدا ڪرڻ لاءِ ائين سڏيندو آهي، جئين شاهه محمد نابينا جي نَڙ جو هر سُر، پنهنجي محبوب کي سڏيندو هو. بهار جي مند ۾ جڏهن ٻٻرن ۾ گل ٽڙندا آهن، تڏهن هر گل محبوب جي نَڪ ۾ پيل سونَ جي ڦليءَ وانگر لڳندو آهي. جڏهن ڪونڀٽن ۾ مڃر لڳندي آهي ته محسوس ٿيندو اٿم ته محبوب پنهنجي چوٽيءَ ۾ موتيي جا گجرا وجهي ڇڏيا آهن، ۽ جڏهن منهنجيءَ ڌرتيءَ تي ڪوئي معصوم مرڪندو آهي، ته آءٌ سمجهندو آهيان ته خدا جي صفت صرف هڪ ئي آهي، ۽ اها آهي شفقت! ان ڪري، آءٌ سمجهان ٿو ته منهنجو روح ناقابِل شڪست آهي، ڇو ته اهو مڪمل سچ آهي، سونهن آهي، شفقت آهي، محبت آهي!

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 84]


    _ هڪ دفعي محترم سائين جي. ايم. سيد کان سندس نياڻي دُرشهوار سيد ڪتاب ”ديار دل داستان محبت“ پڙهي سوال ڪيو ته: ”سائين! جنهن صوت ۾ توهان محبت جا مبلغ آهيو ۽ انسانيت جي نجات صرف مذهب محبت ۾ ئي سمجهو ٿا، ته پوءِ پنجابين ۽ پناهگيرن سان نفرت ڇو ٿا ڪريو؟ جڏهن ته محبت مثبت جذبو آهي ۽ نفرت منفي ۽ ڌار ڪندڙ وصف آهي؟“ سائين جو جواب هي هو: ”آءٌ پنجاپين ۽ پناهگيرن کان نفرت ڪونه ٿو ڪريان، پر جهڙي ريت انسان کي پنهنجي جسم جي سڀني عضون سان محبت هوندي آهي، ۽ جڏهن ڪو عضوو اهڙي حالت کي پهچي وڃي، جو ان کي وڍڻ کان سواءِ پورو انساني جسم ختم ٿيندو نظر اچي، ته پوءِ انسان پنهنجي جسم جي ڀلائي لاءِ پنهنجي محبوب عضوي کي وڍڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو آهي. ساڳي حالت منهنجي، سامراجي پنجاپين ۽ پناهگيرن جي باري ۾ آهي. اهي ان عضوي وانگر ٿي ويا آهن، ان ڪري انهن کان سنڌ جي محبت واري ماحول کي پاڪ ڪرڻ ضروري آهي. اهي نفرت جا جراثيم آهن ۽ هڪ محبت جي داعيءَ جي حيثيت ۾ مون کي نفرت جي هر حالت کي ختم ڪرڻو آهي.

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو]


    _ غلامي، انهيءَ غلاميءَ مان زندگيءَ جي ٻين شعبن جون پابنديون ڦٽي نڪرن ٿيون. سياسي غلامي جي جڙ آهي وڏيرڪو ظالمانه ۽ جابرانه نظام، جنهن سموري سنڌي سماج کي بيوسي ۽ محڪوميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي.

    [ڪتاب: روح جا ريلا، صفحو: 33]



    _ چيو ٿو وڃي ته جيڪي مسلمان قوم کي نه ٿا مڃين سي اسلام ۽ پاڪستان جا غدار آهن. آءٌ انهن حاڪمن کي چوندس ته: مسلمان قوم کي اقوام متحده ڪونه ٿي مڃي، ان کي غدار قرار ڏيئي منجهائنس نڪري اچو، مسلمان قوم کي چين نه ٿو مڃي، ان سان دوستي ختم ڪريو، مسلمان قوم کي آمريڪا قبول نه ٿو ڪري، ان کان سڙيل ڪڻڪ گهرائڻ بند ڪريو، لبيا، شام، عراق، بنگلاديش ۽ انڊونيشيا ڪونه ٿا مڃن انهن سان ڪاٽا ڪريو، آءٌ اڳتي وڌي چوندس ته مسلمان قوم کي نبي ڪريم صه به ڪونه ٿو مڃي، تنهن ڪري سندس اُمت سڏائڻ بند ڪريو، اهو آءٌ محمدصه تي الزام ڪونه ٿو هڻان، پر مون وٽ ان لاءِ ثبوت آهي، جنهن وقت رسول سائين طائف ۾ تبليغ ڪرڻ ويا، ته اتي جي ماڻهن پاڻ سڳورن کي ڏاڍا پٿر، ٺڪر ۽ ڪنڊا هنيا، ان وقت پاڻ سڳورن فرمايو ته ”اللهم اهد قومي انهم لايعلمون“ يعني ”الله سائين منهنجي قوم کي ساڃاهه ڏي اها هن وقت مون کي نه ٿي سمجهي.“ انهي جملي ۾ حضور جن طائف جي ڪافر کي پنهنجي قوم قرار ڏنو آهي. حالانڪه پاڻ سڳورا مسلمان ۽ تنگ ڪرڻ وارا غير مسلم ڪافر هئا، جيڪڏهن جدا مذهب هجڻ سان قومون ٺهن ها ته پاڻ سڳورا طائف جي ڪافرن کي ”منهنجي قوم“ نه چون ها، چون ها ته الله تعاليٰ ڪافرن کي هدايت ڏي، جيڪڏهن محمدصه ۽ ابوجهل هڪ قوم جا فرد ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن ياسر عرفات ۽ جارج بش هڪ قوم جا فرد ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن سعد زغلول پاشا ۽ مصر جو پادري هڪ قوم ٿي سگهن ٿا، ته پوءِ جي. ايم. سيد ۽ ڪلياڻ آڏواڻي، تنوير عباسي، ڪيرت ٻاٻاڻي، زينت عبدالله چنه، پوپٽي هيراننداڻي، نياز همايوني ۽ نارائڻ شيام، شيخ اياز ۽ کيئل داس فاني، ابراهيم جويو ۽ اتم هڪ قوم جا فرد ڇو نه ٿا ٿي سگهن؟ آءٌ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته، اهي اسان جي قوم جا نهايت ئي قيمتي ۽ اهم فرد ۽ جُز آهن. اسان انهن جي مجلسن ۽ محفلن کي ڪيئن وساري سگهنداسين؟ اسان انهن جي ڪچهرين، انهن جي ٽهڪن ۽ لڙڪن کي ڪيئن وساري سگهنداسين؟ جن جي ڪري سنڌ مختلف گلن جو چمن هئي، جن جي ڪري سنڌي زبان کي اوج ۽ عروج هو، جن جي ڪري سنڌ ۾ رنگ رتول ۽ ٻهه ٻهه ٻول هئا، جن جي ڪري سنڌ جا چانڊاڻا ۽ مانڊاڻا آزاد ۽ آباد هئا، جن جي ڪري آواز سانوڻ جي ڪڪر جيان سنڌ ۾ اڀرندو هو ۽ جيوڻيءَ جا گيت ڏياري جي ڏيئي وانگيان لاٽون ڪندا هئا، جيڪڏهن اسان انهن کي ڌار سمجهون، معني اسان سنڌ جي تهذيب کي ورهائي ڇڏيون، سنڌي ٻوليءَ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيون ۽ شاهه جي رسالي کي ٻه ٽڪر ڪري هڪڙو هتي رکون ۽ ٻيو ڀارت موڪلي ڇڏيون، جنهن وقت اسان سنڌ جي آزاديءَ ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪريون ٿا. ان وقت اسان نه صرف هڪ ڪروڙ سنڌين جي ڳالهه ڪريون ٿا، پر ڀارت ويل ويهه لک سنڌين جي به ڳالهه ڪريون ٿا، هانگ ڪانگ، سيلون، برما، سينگاپور ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل سنڌين جي ڳالهه ڪريون ٿا.
    جيڪڏهن سنڌ آهي ته پوءِ اهي سڀ سنڌي به آهن، پر جيڪڏهن سنڌ نه آهي، ته پوءِ ڪو به سنڌي باقي رهي نه ٿو سگهي.
    ڪَڻا مَنجهه قَرار، هُئا هيڪاندا سَنگ ۾،
    ڳاهي ڳَاهه فِراقَ جِي، ڪَيا ڌَارُون ڌَار،
    نَه ڄَاڻَان ٻِيهَار، ڪير مِلَندو ڪَنهِن سَان.

    [ڪتاب: کٽڻهار کڙِيا، صفحو: 47،46]


    _ اڄ جڏهن ڀُٽي جي لاش کي اردو اخبارون پنهنجي وڪري لاءِ، پنجابي سياستدان ڦرلٽ جي استحڪام لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، ان وقت مون کي شيخ مجيب الرحمان جي سياسي ڇنڊ ڇاڻ حرف به حرف سچي نظر اچي رهي آهي، ۽ اسان سنڌين جهڙي طرح 9 سال اڳ ۾ ڪنهن ڏاهپ واري ڳالهه نه ٻڌڻ جو قسم کڻي ڇڏيو هو، ساڳئي طرح اڄ به اسان پنهنجي وجود جي ڀلائيءَ ۽ بچاءَ واري هر ڳالهه نه ٻڌڻ ۽ نه سمجهڻ جو ڄڻ ته قسم کڻي ڇڏيو آهي_____؟

    [ڪتاب: مجيب ۽ ڀٽو]



    _ جڏهن صبح جي وقت ڇِت واري سنهي سوراخ مان سِج جا ڪِرڻا جيل جي کوليءَ ۾ داخل ٿيا، تڏهن مون کي اهو وقت ياد اچي ويو، جڏهن امان مون کي هنج ۾ کڻيِ پرهه ڦٽيءَ ويل ڏُڌ وِلوڙيندي هئي.

    [ڪتاب: جيل ڊائري ترم ياترا]


    _ سائين جي. ايم. سيد جي شخصيت تي مان ڇا ڳالهايان؟ مون جڏهن به سائين جي. ايم. سيد جي عظيم ۽ اڏول شخصيت تي غور ڪيو آهي، ته پاڻ ائين سمجهيو اٿم ته هڪڙو ننڍڙو ماڻهو هماليه جي چوٽيءَ ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڏسندي ڏسندي نظر ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي، پر هماليه جي چوٽي کيس نظر نه اچي سگهي. جي. ايم. سيد ۾ هزارين خوبين سان گڏ، ٻه شيون تمام اهميت واريون آهن. پهرين هيءَ ته هن جي خودداري ۽ غيرت ايتري ته مضبوط ۽ فولادي هئي، جو پاڪستان جو ڪوبه حڪمران جي. ايم. سيد کي لالچ ڏيڻ جي جُرئت نه ڪري سگهيو. ٻي ڳالهه ته هو ايڏو ته بهادر انسان هو، جو هن جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ۾ ظالم جابر کان خوف جو ذرو به شامل نه هو.


    _ هڪ ماڻهو، هڪ جماعت، هڪ قوم ۽ هڪ ملڪ، جڏهن محوڪم هجن، غلاميءَ ۽ بالادستيءَ جون زنجيرون سندس وجود کي ويڙهي ويون هجن، ظلم ۽ ڏاڍ جو ديو، ان جي نڙگهٽ ۾ نيش ٽُنبيو رت پيئندو رهي، ذهن ۽ ضمير لانگ بوٽن هيٺان لتاڙبا رهن، عزت ۽ وقار گهايل هرڻيءَ جيئان زندگيءَ جي تلاش ۾ بيابانن اندر ڊوڙندا رهن، موت، وحشت، درندگيءَ ۽ خونخواريءَ جو ديو، انساني وستين، محفلن، مجلسن ۽ انساني ضمير جي هيڻائيءَ ۽ بيوسيءَ تي اگهاڙو ٿي نچندو رهي، ۽ سندس واڇُن مان بيشمار انسانن جو رت ڳڙندو رهي، جتي ذهن تي لَٺ جو قبضو هجي، سَچ لاءِ صليب هجي، گولِي قلم کان مٿانهين هجي، علم تي جهالت سوڀ حاصل ڪرڻ جو ٻهروپ ڌاري، انصاف ۽ حق جي مهانڊي تي ظلم ۽ جبر جي دانگي ملي وئي هجي، جتي نه پيءُ جو پٽڪو سلامت هجي ۽ نه ماءُ جي هنج_ اهڙي وقت ۾ هڪ سڄاڻ ۽ باشعور اديب ۽ فنڪار جو فرض آهي، ته هو انهيءَ سموريءَ صورتحال کي تبديل ڪرڻ ۽ عوام جي مفاد ۾ حق ۽ سچ کي سوڀاري ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري اچي، نه رڳو نڪري اچي، پر پنهنجيءَ سموريءَ سچائيءَ ۽ سگهه، پنهنجي سموريءَ ڏات ۽ شعور جي روشنيءَ ۾ سچائيءَ ۽ خير جي قدرن جي باري ۾ عوام جي رهنمائي ڪري!


    _ قرآن ۾ موت کي ’يقين‘ چيو ويو آهي، يعني هڪ اهڙو ڪيفيتي اظهار، جنهن جي واقعي ٿيڻ ۾ ڪنهن به شڪ، وهم ۽ گمان جي ڪابه گنجائش باقي نه هجي. علمي طرح انهيءَ يقين کي هرڪو مڃيندو، سمجهندو ۽ اُچاريندو رهندو آهي، پر اهو مڃڻ، سمجهڻ ۽ اُچارڻ ائين هوندو آهي، جيئن ٻئي درجي ۾ پڙهندڙ ٻارُ سچل سرمست جو بيت ياد ڪري دهرائيندو رهي! البته انهيءَ يقين جو ڌڪ ڳري پٿر وانگر احساساتي دنيا جي شيشي تي ان وقت لڳندو آهي، جڏهن انسان کان ڪا اهڙي شخصيت جدا ٿي وڃي، جنهن سان جذباتي ناتا ڳنڍيل هجن. جڏهن اهڙي شخصيت جي باري ۾ اهو يقين ٿي ويندو آهي ته کيس اسان وري ڪڏهن به ڏسي نه سگهنداسون، ان وقت جذباتي دنيا ۾ اهڙو زلزلو پيدا ٿي ويندو آهي، جيڪو ذهن ۽ دماغ جا سمورا ڪاڪ محل ڊاهي وجهندو آهي ۽ انسان هيڏي ساري ڪائنات ۽ ان جي هل چل ۾ پاڻ کي اڪيلو، بيوس، مايوس ۽ اداس سمجهندو آهي ۽ کيس اهو احساس هيڪاري وڌيڪ ستائيندو آهي ته انسان جي حياتيءَ جي ڏينهن کي، موت جو ڪارو ڪانءُ اَن جي داڻن وانگر چُڳندو ٿو اچي!



    _ گاڏي تيزيءَ سان ڊوڙندي پئي ويئي، سنڌ جا ساوا کيت ۽ ٻنيون منهنجي نگاهن جي وسيلي، دل ۾ محبوب جي مُرڪ وانگر لهندي پئي ويا. سامهون هڪ ڳوٺ آيو. نج سنڌي ڳوٺ جو نمونو، مٽيءَ جا ڪچا گهر، چوڌاري وڻراهه، ڳوٺ کان ٻاهران پڪل انب وانگر جوڀن سان ڀرپور عورتون، واٽر تان پاڻي ڀري رهيون هيون. ڳوٺ جو اهو نظارو ڏسي منهنجي دوست چيو: ”ڏس ڪيڏو نه من مهڻو آهي سنڌي ڳوٺ جو نظارو.“ مون ڳوٺ ڏانهن ڏٺو ته ڳوٺ ۾ موجود اڪيلي پڪي جاءِ تي پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو جُهولي رهيو هو، ان وقت مون کان رڙ نڪري ويئي ۽ دوست کي چيم ته: ”ڏاهر جي لاش جي سيني ۾ ابن قاسم جو خنجر ٽُنبيو پيو آهي يا دودي سومري جي دل ۾ خلجي جي تلوار ٽُنبي پيئي آهي!


    6


    _ هڪ ترقي پسند دانشور مون کان پڇيو ته: ”هڪ ڀُٽو اهو هو، جنهن اوهان جي راءِ مطابق، سنڌ کي سندس سمورن وسيلن سميت پنجابين وٽ گروي رکيو ۽ غلام بنايو، ۽ ٻيو ڀُٽو اهو، جيڪي ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهي ويو. سندس پوئين ڪردار ۽ پهرئين ڪردار جي باري ۾ تنهنجي راءِ ڇا آهي؟“ مون الٽو هن کان پڇيو ته پهرين مون کي هڪ سوال جو جواب ڏي.
    روايت آهي ته: ”چنيسرنالي هڪ سومرو دهليءَ جو ڪو لشڪر وٺي سنڌ ۾ آيو، دهليءَ جي لشڪر هٿان سنڌ تباهه ٿي وئي، دودن جو خاندان مارجي ويو ۽ پساهه ڏيندڙ دودي جي شهپر کي جڏهن دهلوي سپاهه جي ڪمانڊر لت هنئي ته چنيسر ڪاوڙجي پيو ۽ تلوار ڪڍي هندي فوج سان وڙهندي مارجي ويو. تون مهرباني ڪري چنيسر جي انهن ٻنهي لاڙن جي وضاحت ڪر؟“ هن حيران ٿي مون ڏانهن ڏٺو ۽ چوڻ لڳو ته مون کي جواب ملي ويو آهي.



    _ هن (سيد) جو ڪردار باک جي پهرئين ڪِرڻي جهڙو اجرو هو، هن جو آواز ازل ۽ اَبد جو اهڙو گيت هو، جيڪو ڪائنات ۾ ڪنهن به موسيقار نه ڳاتو هو، پوءِ به هن کي عذابن جي اوڙاهن مان گذرڻو پيو، هن ٽن ديوتائن جي سامهون پنهنجي ڪنڌ کي جهڪايو هو ۽ ماڻهن کي چوندو هو ته انهن ٽن ديوتائن جي سامهون ئي جهڪو، ۽ جيڪو انهن ٽن ديوتائن جي چرنن ۾ عقيدت جا ڦول نڇاور ڪندو، تنهن جو ڪنڌ ڪنهن به ٻئي طاقتور خدا جي سامهون نه جُهڪندو، اهي ٽي ديوتا هئا ”علم، آزادي ۽ محبت.“



    _ ادب خزانو آهي، ان خزاني جو مالڪ حقيقت ۾ سرزمين آهي. شاعر، اديب ۽ دانشور ادب کي کوٽي، نروار ڪري، ماڻهن جي ذهن ۾ نقش ڪن ٿا ۽ ان خزاني جي مالڪ قوم ٿئي ٿي. جنهن قوم پنهنجي ادب کي ڪوسيءَ ڪُک وانگر ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو، اها قوم زندهه رهندي مري ڪو نه ويندي.

    [ڪيسوٻاءِ مئگزين کي ڏنل انٽرويو:
    انٽرويوڪندڙ: فقير الماس نهڙيو، اپريل 2014ع]


    _ آءٌ ٿر جو ماڻهو آهيان، بلڪه راجسٿاني آهيان ۽ هن وقت بئراجي ايريا ۾ رهان پيو. منهنجو جنم 1949ع ڌاري ٿر جي ڳوٺ انڙآباد ۾ ٿيو. اپريل 1958ع ۾ ڳوٺ صاڀي جي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ پنج درجا پاس ڪرڻ بعد غربت سبب انگريزي تعليم حاصل ڪري نه سگهيس، ۽ ڳوٺ جي مدرسي ۾ داخلا وٺي فارسيءَ جي تعليم ورتي ۽ قرآن شريف جو ترجمو ۽ حديث ڀينڊي شريف ۽ حيدرآباد جي مدرسن ۾ پڙهيم، ۽ قرآن شريف جو تفسير رحيم يار خان ۾ مولانا عبدالغني وٽ پڙهيم، ايئن ئي منهنجي ٻالڪپڻ جي عمر ختم ٿيڻ لڳي ۽ مون جوڀن ۾ پير پاتو.

    [ڪيسوٻاءِ مئگزين کي ڏنل انٽرويو:
    انٽرويوڪندڙ: فقير الماس نهڙيو، اپريل 2014ع]



    _ سياست شوق ٿي وئي آهي، بلڪه سياست هڪ مزيدار شيءِ آهي. اڳي هٿڪڙين جو آواز خوفناڪ لڳندو هو، هاڻي ڪنهن ناچڻيءَ جي پير جي جهانجهر ٿي لڳي. ان ڪري اهي مصيبتون تڪليفون سانڍي، اڄ سياست جي پُرخمار واديءَ ۾ آهيون.

    [ڪيسوٻاءِ مئگزين کي ڏنل انٽرويو:
    انٽرويوڪندڙ: فقير الماس نهڙيو، اپريل 2014ع]


    _ منهنجي خيال ۾ بين الاقوامي ادب اڄ ڪلهه سنڌي ادب کان پوئتي آهي، ڇو ته بين الاقوامي ادب جي ماءُ سڏجندڙ يورپ ۾ شاعري تمام گهٽ ٿئي ٿي، ۽ ڪهاڻيون به گهٽ لکيون وڃن ٿيون، ۽ فلمون ۽ ناول وڌيڪ لکجن ٿا. يورپ جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ تخليقي پورهيو تمام وڌيڪ ٿئي ٿو. اهو سنڌي اديبن جو ڪمال چئبو. مثال طور: مرزا قليچ بيگ کان وٺي محمد ابراهيم جويي تائين، اسان جي اديبن سنڌي ادبي کيتر کي مالا مال ڪيو آهي، بلڪه ايئن کڻي چئجي ته سرهاڻ سان واسي ڇڏيو آهي.

    [ڪيسوٻاءِ مئگزين کي ڏنل انٽرويو:
    انٽرويوڪندڙ: فقير الماس نهڙيو، اپريل 2014ع]



    _ سنڌ جي تاريخ تي تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. سنڌي تاريخ جيڪا لکي وئي آهي، اها صحيح نه آهي، بلڪه جُڙتو ۽ هٿرادو لکي وئي آهي. اسان وٽ ڪجهه ڪجهه ليکڪ مثال طور: حسام الدين راشدي، رحيمداد مولائي شيدائي يا رائيچند هريجن انهن حقيقي تاريخ لکي آهي، باقي خوش آمدي تاريخ لکي وئي آهي.

    [ڪيسوٻاءِ مئگزين کي ڏنل انٽرويو:
    انٽرويوڪندڙ: فقير الماس نهڙيو، اپريل 2014ع]


    _ زندگي شفاف ۽ شاندار چشمي وانگر آهي ۽ زندگي ڪڏهن ڪڏهن گجگوڙ گهٽائون آهي، زندگي ڪڏهن ڪڏهن لوهه جي ڪوڪن وانگر آهي، جيڪي مسيح کي مٿي ۾ هنيا ويا. زندگي ڪڏهن ڪڏهن موسيٰ جو پَسيل طور سينا جو جلوو آهي. زندگي ڪڏهن ڪڏهن شاهه جي شاعري وانگر ٿي لڳي، ته ڪڏهن ڪڏهن وري صادق فقير جو آلاپ بڻجي پوندي آهي. اياز چيو: ”جڏهن صادق مون کي ڳايو هو، تڏهن مون سمجهيو ته صرف ٿري ئي آهن، جيڪي مون کي ڳائي سگهن ٿا.“ زندگي مختلف رنگن روپن جو نالو آهي، ڪنهن هڪ شيءِ جو نالو ناهي.

    [ڪيسوٻاءِ مئگزين کي ڏنل انٽرويو:
    انٽرويوڪندڙ: فقير الماس نهڙيو، اپريل 2014ع]


    _ سوال: وڏن ماڻهن تي شبابن جا الزام لڳندا رهندا آهن اُهي ڪيتري حد تائين سچا آهن؟
    جواب: (کلندي) اياز چيو آهي ته: ڪتاب، شباب، شراب ۾ مون کي انتخاب لاءِ چيو وڃي ته مان ڪتاب پسند ڪندس، شباب ۽ شراب کي رکيو وڃي ته آءٌ شباب کي پسند ڪندس، آخر ۾ شراب کي.
    شباب ته ڪنهن خوش نصيب کي ئي نصيب ٿيندو آهي. شباب ڪجهه گهڙين لاءِ هوندو آهي، شباب سدائين جوان نه هوندو آهي، شباب ڪجهه مرحلا ڪجهه ڏينهن ڪجهه مهينا هلي سگهي ٿو وڌيڪ نه.

    [ڪيسوٻاءِ مئگزين کي ڏنل انٽرويو:
    انٽرويوڪندڙ: فقير الماس نهڙيو، اپريل 2014ع]



    _ دنيا آزاد ماڻهن لاءِ ڏاڍي خوبصورت آهي، پر اسان سنڌين لاءِ غلاميءَ جي ڪري ڪوجهي ۽ ڪروڌ سان ڀريل آهي.


    _ سامراج هر انهي ملڪ، قوم ۽ گروهه کي سڏي سگهجي ٿو، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٻئي ملڪ ۽ قوم تي قبضو ڪري، ان کي پنهنجي بيٺڪيت بنائي اتان جو ڪچو مال کڻائي، پنهنجي ملڪ جي ڪارخانن ۽ واپار ۾ واڌارو ڪري، ۽ تيار ڪري، مال وڏي اگهه ۾ وري ساڳئي غلام قوم کي وڪڻي، ۽ اهڙي طريقي سان ٻٽي قسم جي پرماريت هلائي، غلام ملڪ جي ماڻهن مان رت ۽ مت جو آخري ڦڙو به نپوڙي ڪڍي.


    _ لطيف اهڙو شاعر نه هو، جنهن روحاني رازن ۽ رمزن بيان ڪرڻ لاءِ شاعري جو سهارو ورتو هو، پر هو هڪ قومي مفڪر ۽ سنڌ جي ماضيءَ جي تاريخ جو رازدان هو، جنهن کي خبر هئي ته ڪهڙي طرح سنڌي جوانن کي سنگهرن ۾ جڪڙي، ايران جي بازارن ۾ جلادن جي تلوار جو کاڄ بڻجڻ لاءِ اُڇلايو ويندو هو. هن کي خبر هئي ته ڪهڙي ريت گلاب جي پنکڙين جهڙن جسمن وارين، سج ۽ چنڊ کان سهڻين ۽ ڪومل سنڌياڻين کي گهوڙن جي پُڇن ۾ ٻڌي بغداد ۽ بصري جي گهٽين ۾ نيلام ڪيو ويندو هو. هن کي ڄاڻ هئي ته کين شام ويلي ارڙو اندر درياهه جي ڪپ تي ٻرندڙ ڏيئا آخري ڀڙڪو کائي وسامي ويا هئا! هن کي سُڌ هئي ته ڪهڙي نموني گاهي ماهي سنڌ جي سون ورنين شامن ۾ سنڌ جي فضا انساني رت ۽ فاتحن جي گهوڙن جي پيشاب سان ڀرجي رهي هئي. هن کي پتو هو ته ڪهڙيءَ ريت دولهه دريا خان ٺٺي جي چپن تي آخري مُرڪ برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي مقدس لهوءَ جو نذرانو ڏنو هو. لطيف کان هي ڳالهه به ڳُجهي ڪانه هئي ته ڪهڙيءَ ريت مغل سامراج سنڌ جي معصوم عوام جي سِسين جو لابارو ڪندو رهيو هو. هن کي اهو به پتو هو ته هڪ ٻئي پٺيان ڪيئن نه سنڌ جي عوام جي ڳچين ۾ غلاميءَ جا ڳٽ پوندا رهيا هئا، ۽ انهيءَ سڀ سان گڏوگڏ کيس سنڌ جي عوام جي تاريخي جدوجهد ۽ قربانيءَ، ويڙهه ۽ جنگ، وطن جي ويرين لاءِ نفرت ۽ ڪروڌ ۽ حاڪم جي حڪمن کان نفرت ۽ سرڪشيءَ جو پورو پورو علم هو.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 327،326]


    7


    _ منهنجو صدين کان بسيرو گٽرن بجاءِ هالار جي چوٽيءَ تي رهيو آهي. منهنجو مسڪن، صدين کان هن ڌرتيءَ جي اناج جي خوشبوءَ سان ٽمٽار پرينءَ جي پيشانيءَ جهڙا کيت ۽ عاشق جي دل جهڙا ڪُشادا ميدان رهيو آهي. آءٌ انهي قافلي جو فرد آهيان، جنهن عرب، چين، يورپ، آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ هميشه اوندهه خلاف روشنيءَ جي فائدي ۾ گٽرن جي خاتمي ۽ فضائن جي بلندين جي حق ۾، گندگيءَ کي مٽائڻ ۽ انساني ذهن کي خوشبوءِ جي زندگيءَ سان ڀرڻ لاءِ جنگيون پئي ڪيون آهن.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 426]


    _ ڄام نظام الدين سنڌ تي اشوڪ اعظم کان وڌيڪ ۽ اڪبر اعظم جيترو وقت حڪومت ڪئي، پر نه هن ڪنهن جنگ جي خونريزيءَ کان ڊڄي اشوڪ وانگر ٻڌمت اختيار ڪيو، ۽ نه ئي اڪبر وانگر ماڻهن جي سِسين جا منارا ٺهرايائين. تاريخ ۾ هن جي وقت ۾ صرف هڪ جنگ جو احوال ملي ٿو، اهو شاهه بيگ ارغون طرفان سنڌ جي سرحدن تي حملو هو ۽ ان کي روڪڻ لاءِ، اُن سنڌ جي تاريخ جي اڄوڪي روح، دريا خان کي موڪليو هو.

    [ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان]


    _ غلامي ئي اهڙي لعنت آهي، جيڪا انسان جي ذهني ۽ جسماني صلاحيتن کي اُڏهي وانگر کائي کوکلو بنائي ڇڏيندي آهي، ۽ آزادي ئي اهڙي نعمت آهي، جيڪا انساني صلاحيتن جي چمن کي نسيم سحر وانگر تازو ۽ شاداب رکي سگهي ٿي.

    [ڪتاب: جي ايم سيد]



    _ سنڌ شاهه عنايت ۽ سچل سرمست جي روايتن کي اقبال ۽ جالنڌري جي نظريي تي قربان پئي ڪري. لاش قبرستان مان ڪڍي اُڇلائڻ جو سلسلو جاري رهيو، ته سنڌ نه رهندي. سچل سرمست جو خليفو نماڻو فقير مسلمان نه هئڻ باوجود سندس پيرانديءَ ۾ دفن ٿيل آهي، شاهه عنايت جي درگاهه جي آس پاس به ڪيترائي غير مسلم دفن ٿيل آهن.

    [ڀوري ڀيل جي لاش کي قبر مان ڪڍي ٻاهر اڇلڻ جي ردِ عمل ۾ 14-10-2013ع تي ميڊيا ۾ ڏنل بيان]


    _ سائينءَ جي پوٽي جي شاديءَ جي دعوت هئي ۽ ان ۾ سائين به آيل هو. مانيءَ جو پروگرام جيئن ته دير سان هو، ان ڪري مون سوچيو ته، آءٌ عمر خيام جي ٽن رباعين تي عمل ڪري دعوت ۾ ويندس ۽ ماني کائي موٽي ايندس ۽ سائينءَ سان ڪونه ملندس. آءٌ جيئن پنڊال ۾ داخل ٿيس ته سائينءَ جي نظر مون تي پئجي وئي، ماڻهو موڪليائين ته وٺي اچوس. ظاهر ڳالهه آهي ته منهنجي ان وقت حالت اها هئي ته:
    ’با خدا ديوان باش، با محمد هوشيار باش‘
    مون ان وقت خلق کي خدا جو جلوو پئي سمجهيو ۽ جي. ايم. سيد کي محمد جو اوتار، ان ڪري وٽس وڃڻ کان لهرايم، پر ڪارڪن مون کي کنڀي کڻي ويا، جيڪي اڄ مون کي ائين ڇڏي ويا آهن، جيئن ڏڪار ۾ ٿري ماڻهو پنهنجا اَجها ڇڏي ويندا آهن. مون کي کڻي سائينءَ جي ڀر ۾ ويهاريائون. منهنجي وات مان انگور جي ڌيءَ جي چُميءَ جي خوشبوءِ اچي رهي هئي ۽ عمر خيام جي رباعين جي ڪُنوارن منهنجن وارن کي ٽڙ پکڙ ڪري ڇڏيو هو. منهنجي ويهڻ شرط سنڌ جي هڪ شاطر سياستدان منهنجي ظاهري ڪيفيت ڏانهن اشارو ڪندي سائينءَ کي چيو ته: ”هي عبدالواحد آريسر آهي توهان جو، رائيٽ هينڊ؟“ ان وقت اسٽيج تي سنڌ جو ذات سياستدان، وڏيرو، مير ۽ پير ويٺل هو. سائينءَ پنهنجو هٿ مٿي کڻي، ان ٽوڪ جو جواب هن طرح ڏنو: ”ها هي آهي عبدالواحد آريسر! منهنجو نه صرف رائيٽ هينڊ پر رائيٽ اينڊ ليفٽ بوٿ هينڊز، منهنجي تحريڪ لاءِ سڀ گهربل امتحان پاس ڪري آيو آهي ۽ مون کي هن تي فخر آهي.“

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 31،30]


    _ ان مذهبي جنون ۽ جنگ باز ذهنيت ئي هي بنياد پرستي ۽ ملائيت پکيڙي آهي. اهي مُلا، جيڪي هڪ ڪلاڪ ۾ فتوا ڏيئي ماڻهن کي ڦاسيءَ تي ٽنگرائن ٿا، تن لاءِ مولانا آزاد هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”ايشيا ۾ مصنف جو قلم ۽ سپاهي جي تلوار گڏجي حق پرستن، محب وطنن ۽ خدا جي طرفدارن جو خون ڪيو آهي، ۽ ان تي مذهب جي مقدس چادر وڌي وئي آهي.“
    اڄ به هتي ائين پيو ٿئي، تڪڙي انصاف جي نالي ۾ تڪڙيون بي انصافيون پيون ٿين.

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 73]


    _ اڄ ڏينهن تائين دنيا جي فاتحن هر شيءِ فتح ڪري ورتي آهي، پر سچ، سونهن، محبت ۽ شفقت کي فتح ناهن ڪري سگهيا، ڇو ته اُهي شيون خدائي ذات جو پرتوو آهن ۽ خدا جي ذات ناقابِل شڪست آهي ۽ هن ڌرتيءَ تي اهي شيون مون اڻميون ڏٺيون آهن. ان ڪري ان لاءِ پنهنجين هڏين جي ٽڙڪاٽن جي موسيقيءَ ۾ جيڪا لذت مخدوم بلاول محسوس ڪئي هئي، سا آءٌ محسوس ڪريان ٿو ۽ اهو راز مون پروڙي ورتو آهي، ان ڪري پنهنجي وجود کي سنڌ جي وجود سان ملائي هڪ ڪري ڇڏيو اٿم.

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 84]


    _ هن وقت جيڪا سرد هوا هلي رهي آهي، جنهن سان هڏين جو گودو به ڄمي ويو آهي، پر توهان هت موجود آهيو، ڇو ته جدوجهد جي جنهن ميدان ۾ اسان آهيون، تنهن اسان جي دل جي سِگرين کي ٻاري ڇڏيو آهي. اسان جا ولولا آسمانن جي وُسعتن ۾ اڏامڻ لاءِ تيار آهن ۽ اسان جا حوصلا جسماني ۽ روحاني مصيبتن کان بي نياز آهن. هاڻي غلاميءَ جي اونداهي رات گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهندي، ڇو ته ان غلاميءَ جي خاتمي لاءِ سائين جي. ايم. سيد جي پرستارن ڪيتريون شهادتون ماڻيون آهن ۽ پرستارن جي شهادت سان ئي صبح جو روشن چهرو ڏسي سگهبو آهي.

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 77،76]


    _ توهان کي خبر آهي ته آزادي ڇا آهي، اها جڏهن پنهنجو اظهار ڪندي آهي، ته ڪيئي دليون ڪومائجي وينديون آهن ۽ ڪيئي ڳاٽ ڦاسين تي لڙڪندي نظر ايندا آهن، پر پوءِ به ان وقت جا صبح ۽ ان سمي جون شامون تبديل ٿي وينديون آهن. صبح جي اُفق ڪئين اهڙا نياپيا کڻي ايندي آهي، جن تي ڪيئي ڪُنواريون دليون ڌڙڪڻ شروع ڪنديون آهن، ۽ سنجها جون شفقون اهڙي لالاڻ کڻي اينديون آهن، جيڪا يا ته صرف ڪنوار جي ڳلن تي حياءُ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي، يا شهيد جي رت جي رُوپ ۾ اظهار ڪندي آهي. ڇا توهان کي اها آزادي کپي، جنهن ۾ سُر ۽ سنگيت جا ستئي سُر آهن. انساني عصمتن جا احرامن کان بُلند مينار آهن ۽ ڀٽائي جي سُرن جا سڀ سور سمايل آهن؟ يا توهان کي غلامي کپي؟ جيڪا اهو چاهيندي آهي، ته آزاديءَ جا سڀ ليڪا ڊاهي ڇڏيو، ۽ غلاميءَ جا نوان ليڪا ٺاهيو، ڪهڙن به خوبصورت نالن ۽ نعرن ۾، پر آءٌ پنهنجي عمعصر عالم مولانا آزاد جي لفظن ۾ چوندس ته: غلاميءَ جا توهان ڪيڏائي خوبصورت نالا ڇو نه رکو، پر اها منهنجي محبوب ٿي نٿي سگهي. ها اچو ته انهن ليڪن جا رستا بند ڪريون، جيڪي غلاميءَ جا نوان ليڪا هُو اسان کي ڏيکارڻ چاهي ٿي.

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 73]


    _ سنڌي سماج ڪيترين ئي غلامين جو شڪار آهي. زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ هن جي اڳتي وڌڻ ۽ صحت مندانه ارتقا جون سموريون واٽون بند آهن، انهن سڀني غلامين مان خطرناڪ غلامي سياسي غلامي آهي.


    _ سائين جي. ايم. سيد اسان کي دلين جي سفر ڪرڻ جو چيو، ۽ اهو پڻ چيو هو ته، زمين جي ويڪر ڏاڍي ننڍڙي آهي، پر دل جي زمين جي ويڪر خدا جي تصور جهڙي لامحدود آهي.
    ملڪ دل جو موڪرو، جنهن جو عرش زمين آسڻ.
    ماڻهو لفظن ذريعي دماغن جو شڪار ڪندا آهن، پر توهان محبت جي ذريعي دلين جو شڪار ڪريو، ڇو ته دليون زمينن ۽ آسمانن کان وڌيڪ وسيع آهن، مسجدن ۽ مندرن کان وڌيڪ مقدس آهن.

    [ڪتاب: ڇا ته شخص هو]


    8


    _ سنڌيو! اوهان پنهنجن جسمن، ڪپڙن ۽ وارن جي اسٽائيلن ڏانهن ڏسڻ بجاءِ ’جيئي سنڌ‘ جي ڪارڪنن کي ڏسو. هي به ڪنهن ڪاڪ جا راڻا هوندا، ڪائي مومل ته هنن جي واٽ به نهاريندي هوندي، ڪنهن ماءُ جي اکين جي روشني هي به آهن. ڪائي توتلي ۽ ٻاتي زبان هنن کي به ادا ادا چوڻ لاءِ واجهائيندي هوندي، ليڪن هي جانٺا ۽ ڪٺور انسان انهن شين کان منهن موڙيو، اوهان جي مستقبل سنوارڻ لاءِ بُکن، ڏکن، دڙڪن، جيلن ۽ قيدن جون مصيبتون خنده پيشاني سان برداشت ڪري رهيا آهن. هنن کان ڌرتي ۽ انهن جي ماڻهن سان عشق سِکو.


    _ مهاجرن جڏهن پاڪستان ۽ اسلامي قوميت کان انڪار ڪيو، ته اسان ان کي سٺو سنؤڻ سمجهيو سين، خصوصاً هنن جو پنجاب سان تضاد ۾ اچڻ، اسان هنن جي حمايت به ڪئي، ۽ هنن کي پنهنجي جلسن ۾ به گهرايو سين، پر ان حيثيت ۾ ته اهي سنڌي آهن، ۽ سنڌي قوم جو حصو، جيڪو اردو ڳالهائي ٿو. اسان هنن تي هي واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته، اهي اهو طئه ڪن ته اهي سنڌ ۾ لٽجي آيا آهن ۽ اڄ اسان جا ڀائر آهن يا هو فاتح آهن ۽ ڪن شهرن ۾ ٽائر ساڙي، سنڌين تي حڪومت ڪرڻ ٿا چاهين، جيڪڏهن هو اسان جا ڀائر آهن ته پوءِ اسان جي شهرن جا نالا بدلائڻ بند ڪن، ۽ هر مسئلي ۾ اسان سان سهڪار ڪن، پر جيڪڏهن فاتح آهن ته پوءِ کين ياد رکڻ گهرجي، ته سنڌ ۾ تمام گهڻا فاتح ٿي آيا، شهرن جا نالا به مٽايائون، پر اڄ انهن جي قبرن جو نشان به ڪونه ٿو ملي، ۽ جن جون قبرون مقبرا آهن انهن تي ڪُتا پيشاب ڪن ٿا، ۽ گڏهه لِڏون لاهن ٿا ۽ سرزمين سنڌ جي مٽي تمام وڏن وڏن فاتحن جي لشڪرن ۽ قومن کي ڳڙڪائي وئي آهي، جيڪي هتا جا ڄاوا ٿي رهيا، اهي اڄ هزارين سال گذرڻ باوجود موجود آهن. ڏيوجي ۽ ملجي صورت ۾ موجود رهندا باوقار طريقي سان، مستقبل جي سنڌ آزاد ۽ پاڻ ڀري هوندي، اها مون کي پڪ آهي، ان ڪري پناهگيرن کي پنهنجي دماغن مان اجائي واويلا ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.


    _ سياستدانن جون ٻوليون ووٽرن لاءِ هونديون آهن، اهي کڻي لنڊن مان اُڀرن يا نئين ديري مان، تهذيبن ۽ انسانيت جي بلنديءَ جا آواز صرف انهيءَ سرزمين کان اُٿي سگهن ٿا، جنهن سرزمين کي ’سن‘ سڏيو وڃي ٿو!


    _ سنڌ جا سيد پنهنجي ذات لکڻ مهل سدائين نالي جي اڳيان سيد ۽ نالي کان پوءِ شاهه لکندا آهن، پر جي. ايم. سيد، نالي کان پوءِ سيد لکندو هو، ۽ هو شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه نالي کان اڳ ۾ لکندو هو، ٻئي تاريخ جا وڏا ماڻهو هئا.


    _ اوهان انسانيت کي اونداهي جهالت، تعصبي ڪٽرپڻي ڏانهن واپس وٺي وڃڻ چاهيو ٿا ۽ آءٌ انسانن کي علم، روشني، رواداري ۽ وسيع نظريي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهيان ٿو.
    اوهان اونداهي جا عاشق آهيو ۽ آءٌ روشنيءَ جو راهي آهيان.


    _ غلامي مسئلن جي ماءُ آهي، جيڪا هر روز مسئلن جي ناجائز اولاد کي جنم ڏيندي رهي ٿي.
    جيستائين ان بدڪردار ماءُ کي ختم نه ڪبو، تيستائين هو مسئلن جي حرامي اولاد کي جنم ڏيندي رهندي.



    _ سنڌ ان خوبصورت ڇوڪريءَ جيان آهي، جنهن جي چپن جو رَسُ چُوسڻ لاءِ ڳوٺ جا ڳڀرو ڏينهن رات شهپر وٽيندا رهن ٿا.


    _ آءٌ انڪار ٿو ڪريان اوهان جي اونداهه واري سياست کان، آءٌ غلط ٿو سمجهان توهان جي گٽر واري زندگي کي، آءٌ بغاوت ٿو ڪريان گندگيءَ جي سياست جي باني زيوس ديوتا جي تقدس ۽ احترام کان، آءٌ آخري وير تائين وڙهندس، روشني ۽ صداقت جي جنگ جو هن سرزمين تي ناقابِل فراموش نشان ڇڏڻ ٿو چاهيان، توهان وٽ ديوتائن جي طاقت آهي ۽ مون وٽ حوصلي جي قوت، اوهان کي تلوار جي جيت تي ڀروسو آهي، ۽ مون کي انساني حوصلي جي ابدي فتح تي ايمان.


    _ مون کان متحده قومي موومينٽ جي هڪڙي ماڻهوءَ سوال ڪيو ته، آزاد سنڌ جو تصور تو وٽ ڪهڙو آهي؟ مون ان کي جواب ڏنو ته، آزاد سنڌ جو تصور مون وٽ هي آهي ته منهنجي ڳوٺ انڙآباد ۾ جتي ديويون به سُڪي ويون آهن، اتي هِل پارڪ جهڙا پارڪ هجن، جتي نوجوان جوڙا مسلم ۽ غير مسلم هجن، ان ۾ منهنجي ڌيءَ به ڇو نه شامل هجي، هٿ هٿ ۾ وجهي رقص ڪن ۽ اياز جي شاعري ڳائن، اهي ذهني ۽ جسماني طرح ايڏا آسودا هجن، جو اهي اهڙي رقص ڪرڻ وقت هڪ ٻئي جي جسم ڏانهن نه، پر سنڌ جي آسمان تي کڙندڙ ستارن ڏانهن ڏسن، ۽ اڃا وڌيڪ شاندار سنڌ تعمير ڪرڻ جو سوچين. هن مون کي چيو اهي ته خواب آهن. مون چيو ته، جيڪو ماڻهو خوبصورت خواب نٿو ڏسي سگهي، اهو مستقبل کي خوبصورت نٿو ڪري سگهي.


    _ مون ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي آهي، ڇو ته جنهن شيءِ سان عشق ٿي ويندو آهي ته اها پياري لڳندي آهي. عشق ۾ ٿڪاوٽ محسوس نه ٿيندي آهي ۽ روز بروز اڳتي وک وڌائبي آهي، جيئن محبوب سان ويجهڙائي ٿي سگهي. اهڙي ريت سنڌ سان مون کي عشق ٿي پيو آهي، ۽ تنهن ڪري ’محبوب‘ سنڌ جي مٽي به مقدس لڳندي آهي، ۽ زندگيءَ ۾ ته ڪيئي پيڙائون آيون ۽ ڀوڳنا ئون ڀوڳيون آهن، پر منهنجي پيرن اهڙي سفر ۾ ڪٿي ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي آهي، ۽ سنڌ جي مٽيءَ تي جان به قربان ٿي وڃي ته بهتر آهي.


    _ عزت ۽ آزادي واري سياست هڪ باهه آهي، جيڪا پهرين پاڻ ڀڙڪندي آهي ۽ پوءِ دلين کي ڀڙڪائيندي آهي، ۽ دل جيستائين درد جي لذت کان واقف ناهي، تيستائين برف جو هڪڙو ٽڪڙو آهي، جيڪو پاڻي ته ٿي سگهي ٿو، پر ڏيئي جو وٽ نٿو ٿي سگهي، اسان کي پنهنجيون دليون برف جا ٽڪرا بنائڻ بدران آڳ جا شعلا بنائڻيون پونديون.


    _ جي. ايم. سيد اسان جي قومي غيرت ۽ قومي آزاديءَ جي علامت آهي، ۽ منهنجي ماءُ منهنجي ذاتي غيرت جي علامت آهي. اسان پنهنجون ذاتي غيرتون قومي غيرتن تان قربان ڪري ڇڏيون آهن.


    9


    _ سائين جي. ايم. سيد کي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ شوق جيڪڏهن ڪن شين جي ڏسڻ جو هو ته اهي لائبريريون هيون. سائين جي. ايم. سيد جي هڪڙي همعصر مون کي ٻڌايو ته، نوجواني جي وقت جڏهن ننڍي کنڊ جا نوجوان پنهنجون راتيون، نائيٽ ڪلبن ۾ چانديءَ جهڙن جسمن سان پنهنجون اکيون روشن ڪرڻ، ۽ رقاصائن جي وارن ۾ پيل رِبن کي نانگ جي وات ۾ پيل موتيءَ سان تشبيهه ڏيڻ ۾ گذاريندا هئا، ان وقت نوجوان جي. ايم. سيد افلاطون، ابن رشد، ڪارل مارڪس ۽ ٽائن بي جي ڪتابن جي آرسين ۾ سنڌ جو شاندار مستقبل ڏسڻ ۾ گذاريندو هو.


    _ زندگي اهڙي طريقي سان گذارجي، جو فرد کان وٺي اجتماع جي وچ ۾ ماڻهو اوچي ڳاٽ سان ڳالهائي سگهي.
    معافيون وٺي به ماڻهو جيئرو رهي سگهي ٿو، اعترافِ جرم ڪري به ماڻهو حياتيءَ جي ڏوريءَ کي ڊگهو ڪري سگهي ٿو، ۽ ايجنٽ بنجي به ماڻهو زندگيءَ جي ڏينهن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو، پر اهڙي زندگي، اهو ڪينسر جو روڳ آهي، جو هر ڏينهن، ماڻهوءَ جي ذهن ۽ ضمير کي اندران ئي اندران ڪوريندو رهندو آهي، ۽ جڏهن اهڙو ماڻهو، خاص ڪري سياسي ڪارڪن، مجمعن ۾ بهادريءَ واريون ڳالهيون ڪندو آهي، ته ان وقت مون کي محسوس ٿيندو آهي، ته ڄڻ ڪا هڪ طوائف، عصمت جي عظمت تي ليڪچر ڏئي رهي آهي!

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 19،18]


    _ ڪنهن ماڻهوءَ کي قيد ڪرڻ ۾، قابض قوتن جو مقصد هوندو آهي، ته هن کي پنهنجيءَ مرضيءَ سان جيئڻ، گهمڻ، سوچڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ کان روڪڻ، خاص ڪري سياسي ماڻهن کي قيد ڪرڻ جو مطلب عوام سان رابطي ڪٽڻ جي ڪوشش هوندي آهي، جيئن مثبت مقصد ۽ پنهنجي نظريي جي هُو پرچار ڪري نه سگهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ اهڙين منفي قوتن کي آزادي ۽ حوصلي افزائي ملندي آهي، جيئن اهي قيد ٿيندڙ ماڻهوءَ جي مقصد جي خلاف ڀرپور پروپيگنڊا ڪري سگهي.

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 22]


    _ ڪنهن قيديءَ تي تشدد ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي، ته اُن کي ذهني ۽ جسماني طرح ايترو ٽوڙي ڇڏجي، جو هُو ڪابه سرگرمي جاري رکي نه سگهي، ۽ پوءِ هو يا ته حڪمرانن جو بُوٽ چٽائو بنجي وڃي، يا صوفيت جي فراري طريقي تي عمل ڪندي، گوشه نشين ٿي وڃي.

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 23]


    _ سنڌي قوم جي بدقسمتي اها رهي آهي، هن غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ، آزادي ۽ اُن جي لذت ۽ مزن کي ڏٺو ئي نه آهي. سائنس جو هڪڙو اصول اهو به آهي ته، جنهن عضوي کان ڪم نه وٺبو آهي، ته اهو ڪجهه وقت کان پوءِ ناڪاره ۽ آخر ۾ ختم ٿي ويندو آهي. انهيءَ اصول موجب سنڌي قوم مان آزاديءَ جي لذتن، مزن، خوشين ۽ مسرتن واري حِس ئي ختم ٿي وئي آهي. اُها صرف سائين جي. ايم. سيد ۽ اُن جي هلچل ئي آهي، جنهن سنڌين کي آزاديءَ جو وساريل خواب ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو خواب، جيستائين پنهنجن سمورن خوبصورت منظرن سميت سنڌي ماڻهن جي من جي مندرن ۾، سانجهيءَ ٽاڻي ٻرندڙ ڏيئي وانگر روشن نه ٿو ٿئي، تيستائين سنڌ جا نوجوان مختلف نعرن، نظرين، لالچن ۽ سرابن ۾ ڀٽڪندا رهندا.

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 25]


    _ مون فلسفي ۾ اهو پڙهيو آهي ته: ”اهو ماڻهو ڊهي پوندو آهي، جيڪو پنهنجي عمل تي پشيمان ٿيندو آهي، ۽ ان کي ڏوهه سمجهندو آهي.“

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 25]


    _ جيڪڏهن ڪجهه لمحا مون کي خوشيءَ جا مُيسر ٿيا آهن، ته اُنهن جي پٺيان هڪدم ڏک ۽ بيوسيءَ جا ڪلاڪ ايندا رهيا آهن. ان ڪري ٿوري خوشي ملڻ وقت به آءٌ گهٻرائيندو آهيان، ته متان ان جي پٺيان غم جي لهر نه اچي وڃي!

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو60]


    _ انساني زندگي ڏکن جو طويل داستان آهي. ڪائنات جي سموريءَ تاريخ ۾، سمورن انسانن جا ڏک، سمورين خوشين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وزنائتا ۽ دل ڏاريندڙ هوندا آهن، ۽ انسان کي بقول سائين جي. ايم. سيدجي: ”قدرت ويسر جي عجيب نعمت ڏني آهي، جيڪا انساني خوشيءَ جي هڪ لمحي ۾ ڏکن جا سال وساري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن انسان کي اها نعمت ميسر نه هجي، ته شايد انسان جيئرو رهي ئي نه سگهي.“

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 60]


    _ مون ڪڏهن به سازش جي ذريعي سنڌ جي آزاديءَ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 84]


    _ هنن منهنجي اکين تان پٽي کولي، ۽ مون پنجن مهينن ۾ پهريون دفعو سنڌ ڏٺي. منهنجي ذهن ۾ حسنين هيڪل جا لفظ گونجڻ لڳا، جنهن چيو هو: ”آءٌ سادات جي قتل کان پوءِ آزاد ٿيس ۽ مون مصر تي نظر وڌي ته مون کان بيساخته رڙ نڪري ويئي ته مار! مصر ايڏو خوبصورت آهي!!“
    مون کي خبر هئي ته هنن سپاهين کي هيڪل جي خبر ئي ناهي، پر اکيون کلڻ بعد پهريون دفعو مون کي محسوس ٿيو ته ”مار سنڌ ايڏي خوبصورت آهي!!“

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 98،97]


    _ هڪ تخليقڪار نه رڳو لفظن جو خالق ٿيندو آهي، پر پنهنجن انهن لفظن جو پالڻهار پڻ هوندو آهي. لفظن جي پالنا ۽ پرورش جو مطلب اهو آهي ته، تخليقڪار انهن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم سان نه رڳو سچو رهي، پر پنهنجي عمل وسيلي انهن جي سچائيءَ ۽ سونهن کي وڌائيندو ۽ سنواريندو پڻ رهي. بلڪل اهڙي پاٻوهه ۽ محبت سان، جهڙي پاٻوهه ۽ محبت سان هڪ ماءُ پنهنجي وياءَ سان هر قدم تي پنهنجي سچي محبت جو ثبوت، پنهنجي عمل ۽ ادائن سان ڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪو تخليقڪار پنهنجي لفظن کي پالي ۽ تاتي نه ٿو، ته پوءِ اهو اُن ڪنواري ماءُ وانگر آهي، جيڪا پنهنجي ٻار کي گُهٽو ڏيئي ماري ڇڏيندي آهي يا گٽر ۾ اُڇلائي ڇڏيندي آهي.
    آءٌ جڏهن ’تخليقڪار‘ جو لفظ استعمال ڪري رهيو آهيان، تڏهن منهنجو مطلب هي آهي شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ مقرر، خاص ڪري سياسي مقرر. اُهي جيڪڏهن پنهنجي تخليق سان سچا ناهن ۽ انهيءَ کي پاٻوهه سان پالين ۽ تاتين نٿا، ته پوءِ اهي تخليقڪار نه پر لفظ آهن، يا ڪنواريون مائرون آهن.

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 131]


    _ اسان محبت ڇو ڪندا آهيون، ان لاءِ ته اسين محسوس ڪندا آهيون ته اسان جي زندگيءَ ۾ ڪو خال آهي، جنهن کي ڀرجڻ کپي. اسان جي دل جي اڱڻ ۾ ڪا ويراني آهي، جنهن کي آباد ٿيڻ گهرجي. اسان جي زندگيءَ ۾ اونداهيءَ جو واسو آهي، ان کي روشن ٿيڻ کپي. اسان جو روپ بي رنگ ٿي ويو آهي، ان ۾ ڪي رنگ اچڻ کپن_ ڳاڙها، گلابي ۽ انڊلٺ جهڙا. اسان جي زندگين ۾ اداسين ۽ مايوسين جون گهنگهور گهٽائون ڇانئجي ويون آهن، اتي ڪي محبت ۽ مسرتن جا ديپ جلڻ کپن، فقط ان لاءِ ۽ ايتري لاءِ اسين محبت ڪندا آهيون.

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 141]


    _ گهڻو اڳ مون لکيو هو، اهڙي دنيا جتي لذت جي چاشني نه هُجي، ڪنهن گناهه جو سُرور نه هجي، ڪنهن نيڪيءَ جي لطافت نه هجي، ڪنهن سزا جي اذيت نه هجي، ڪنهن تخليق جو درد نه هجي، ڪنهن چاهنا جي لذت نه هجي، ڪنهن خواهش جي گرمي نه هجي، ڪنهن ڪوشش جو جمال ۽ ناڪاميءَ جو ملال نه هجي، اهڙي دنيا ڪنهن ملائڪ جي رهڻ جي لائق ته ٿي سگهي ٿي، انسان لاءِ نه.

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 143،142]


    10


    _ منهنجي خيال ۾ جيئن لذت پرست انسان ڪائنات جي هر خوبصورتيءَ کي ايئن چُوسن ٿا، جيئن ان جي هڏين مان مِکُ به چوسي وٺن، ته جيئن مڪمل سُرور ۽ لذت حاصل ڪري وٺن_ تيئن اُهي ماڻهو، جيڪي ڏک پرست آهن، سي به سمورا درد جا رشتا پنهنجي جيءَ سان جڙي، سموريون پيڙائون شراب جي پيگ وانگر پي وڃن ٿا، ۽ پنهنجي ذهن ۾ لذت ۽ سُرور محسوس ڪن ٿا.

    [ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 143]


    _ انسان ابتدائي اشتراڪي دور مان گذري، جڏهن قبيلائي دور ۾ داخل ٿيو ۽ منجهس، ذاتي ملڪيت، قبضي ۽ تسلط جي شعور پختگي حاصل ڪئي، ان وقت کان ئي انسان جي ذهن ۾ وڌ کان وڌ شيون پنهنجي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ وٺڻ جي خواهش زور وٺندي وئي.

    [ڪتاب: قومي تحريڪ ۾ رُڪاوٽون، صفحو: 9]


    _ ڊگهيءَ غلاميءَ دوران محڪوم قوم اهڙي حالت کي وڃي پهچندي آهي، جو ان کي نظرياتي طرح ته هڪ قوم چئي سگهبو آهي، ليڪن هڪ قوم جي فردن جي پاڻ ۾ لاڳاپن ۽ ڳانڍاپن لاءِ جيڪي خصوصيتون ۽ خوبيون هئڻ گهرجن، سي بلڪل ختم ٿي وينديون آهن.

    [ڪتاب: قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون، صفحو: 34]


    _ دنيا جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته قومي آزاديءَ جي تحريڪ جو بنياد
    (1) ثقافت
    (2) تاريخ
    (3) زبان
    (4) حب الوطني
    (5) آزاديءَ جي قائدن تي رکڻ گهرجي.

    [ڪتاب: قومي تحريڪ ۾ رُڪاوٽون، صفحو: 35]


    _ انقلابي تحريڪن جي تاريخ جي هڪ وڏي ماهر جو چوڻ آهي ته: ”ثقافت تاريخ جو ڦل آهي“ ان جو مطلب هي ٿيو ته، جنهن ملڪ جي تاريخ جي جهڙي رفتار رهي هوندي، پيداواري ذريعن جي جيڪا ڪيفيت هوندي، انساني سڀاءَ ۽ ان تي جاگرافيائي ماحول جيڪو اثر وڌو هوندو، قبيلائي دور، جاگيرداري دور ۽ آخر ۾ بيٺڪي سرشتي جي جيڪا حالت رهندي آئي هوندي، تنهن جو اندازو ان ملڪ جي قومي ثقافت جي ڌار ڌار شاخن کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو.
    [ڪتاب: قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون، صفحو: 36]


    _ هي ڳالهه ظاهر آهي ته ايندڙ نسل کي وقت، ماحول، حالتون ۽ تاريخي رفتار ويندڙ نسل کان ڌار ۽ جدا ملنديون آهن، ان ڪري هو پنهنجي اڳئين نسل جي ڇڏيل يادگار ۽ ورثي ۾ تبديليون ۽ ترميمون، اضافا ۽ گهٽتايون ڪندو، ڪجهه پنهنجون ايجادون، پنهنجا ڏک ۽ سُک، جيڪي گذريل نسل کان بهرحال مختلف هوندا آهن، سي ملائيندو ثقافت جي سلسلي ۽ زنجير کي اڳتي وڌائيندو ايندو آهي، اهوئي سبب آهي، جو ثقافت لاءِ چيو ويندو آهي، ته ثقافت وَهندڙ درياهه وانگر آهي، جنهن ۾ رزانو نوان اضافا ۽ واڌارا پيا اچن. ظاهر آهي ته انسان پنهنجي پيدائش کان وٺي هڪ جاءِ تي نه بيٺو آهي، ۽ نه ئي سندس فڪر ۽ ذهن. جڏهن انساني قافلو خود درياهه وانگر روان دوان آهي، ته ان جي محسوسات جي عملي روپ ۾ تبديلي اچڻ ضروري آهي ۽ ان کي به درياهه وانگر وهندڙ ئي هئڻ گهرجي.

    [ڪتاب: قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون، صفحو: 37]


    _ فطرت جو قانون آهي ته انسان پنهنجي محنت ۽ مشقت سان جيڪا شيءِ تخليق ڪندو آهي، سا کيس بيحد پياري ۽ عزيز هوندي آهي. اهو ان جي هڪ ذري تان به دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ڪونه ٿيندو آهي. ان کان سواءِ انساني ۽ نظريات جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته انسان جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي وڌ کان وڌ چاهي ٿو، ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي اها شيءِ انساني روايتن جي لڙي آهي.
    دنيا جي مکيه پيغمبرن کان وٺي جديد دور جي انقلابي مفڪرن تائين، هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي تحريڪ دوران انهن روايتن، ريتن ۽ رسمن کي ڇيڙڻ بجاءِ پنهنجي تحريڪ لاءِ هٿيار طور ڪتب پئي آندو آهي.

    [ڪتاب: قومي تحريڪ ۾ رُڪاوٽون، صفحو: 38،37]


    _ تاريخ، هڪ مسلسل عمل ۽ لڳاتار وهڪرو آهي، جيڪو قومن جي تشڪيل، پيداواري ذريعن جي واڌاري ۽ ان جي ذريعي سياسي، سماجي، معاشي ۽ اخلاقي طبقن ۽ گروهن جي پيدائش جي حڪايت ۽ شڪايت ٻڌائيندو، ٺاهيندو، ڊاهيندو وڌندو رهي ٿو.

    [ڪتاب: قومي تحريڪ ۾ رُڪاوٽون، صفحو: 43]


    _ محبوب جي وارن ۾ ويڙهيل خوشبودار گجري جيان مهڪندڙ، مرڪندڙ موکيءَ جهڙي مست موسم، سحر انگيز ۽ دلفريب ادائن جو امين شفاف دلين جو ڌڻي، سنڌ جي جوڌن، جوانن، سرويچن ۽ ماکيءَ جهڙن مٺڙن ماڻهن جو محبوب هر نئين جنم ۾ اسان سان همقدم همسفر رهندو.


    _ سنڌ ڌرتي، جنهن جي عشق مون کي استادِ ازل کان اها تعليم ڏياري، سا ايڏي ته دلڪش آهي، جو مون کي هر نظارو، مُند جو هر اثر ۽ هوا جو هر جُهوٽو، پنهنجو پاڻ تي فدا ڪرڻ لاءِ ايئن سڏيندو آهي، جيئن شاهه محمد نابينا جي نَڙ جو هر سُر پنهنجي محبوب کي سڏيندو هو. بهار جي مند ۾ جڏهن ٻٻر ۾ گُل ٽڙندا آهن، تڏهن هر گل محبوب جي نَڪ ۾ پيل سونَ جي ڦليءَ وانگر لڳندو آهي. جڏهن ڪونڀٽن ۾ مَڃُر لڳندو آهي ته محسوس ٿيندو اٿم ته محبوب پنهنجي چوٽيءَ ۾ موتئي جا گجرا وجهي ڇڏيا آهن، ۽ جڏهن منهنجيءَ ڌرتيءَ تي ڪوئي معصوم مُرڪندو آهي ته آءٌ سمجهندو آهيان ته خدا جي صفت صرف هڪ ئي آهي ۽ اها آهي شفقت! ان ڪري، آءٌ سمجهان ٿو ته منهنجو روح ناقابلِ شڪست آهي، ڇو ته اهو مڪمل سچ آهي، سونهن آهي، شفقت آهي، محبت آهي!

    [ڪتاب: سِرَ جي صدا سُرَ ۾، صفحو: 32]


    _ علم اهو ناهي، جيڪو صرف ڊگرين تي لکيو ويندو آهي. اوهان کي حيرت ٿيندي ته مولانا ابوالڪلام آزاد، هندستان جو پهريون وزير تعليم، ڪنهن به قسم جي ڊگريءَ کان محروم هو؛ پر سندس علمي بلنديءَ کي ستارا به سجدا ڪندا هئا. بمبئيءَ کان آزاد سنڌ جو وزير تعليم، سائين جي. ايم. سيد مئٽرڪ پاس به نه هو، پر سندس علمي ۽ ادبي عظمت جي قدمن کي هماليه جون چوٽيون به جهُڪي چُمنديون هيون.

    [ڪتاب: سِرَ جي صدا سُرَ ۾، صفحو: 33]


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 690
    ڪتابن جو مشاهدو: 916873
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 310757
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ