ڪتاب جو نالو: اڃارو جيون
مصنف: سومار سنگم مڱڻهار
ڇپائيندڙ: السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 02 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 270 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 56 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”اڃارو جيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري (سنڌوءَ حرفي) تي مشتمل هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار سومار سنگم مڱڻهار آهي. سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي .
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • سنگم درد جو عڪاس شاعر (مهاڳ)
  • سنگم سومار نئين ٽهي جو اڀرندڙ شاعر
  • سنگم ساهه جهڙو مٺو ماڻهو
  • زندگـــيءَ جــــو ســــفر
  • (الف)

  • غزل
  • (2) غزل
  • (3) غزل
  • (4) وائي
  • (ب)
  • (ٻ)
  • (ڀ)
  • (ت)
  • (ٿ)
  • (ٽ)
  • (ٺ)
  • (ث)
  • (پ)
  • (ج)
  • (ڄ)
  • (جهه)
  • (ڃ)
  • (چ)
  • (ڇ)
  • (خ)
  • (د)
  • (ڌ)
  • (ڏ)
  • (ڊ)
  • (ڍ)
  • (ذ)
  • (ر)
  • (ڙ)
  • (ز)
  • (س)
  • (ش)
  • (ص)
  • (ض)
  • (ط)
  • (ظ)
  • (ع)
  • (غ)
  • (ف)
  • (ڦ)
  • (ق)
  • (ڪ)
  • (ک)
  • (گ)
  • (ڳ)
  • (گهه)
  • (ڱ)
  • (ل)
  • (م)
  • (ن)
  • (ڻ)
  • (و)
  • (هه)
  • (ء)
  • (ي)
  • چئو سِٽاء

  • ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : اُڃارو جيون
    ليکڪ جو نالو : سومار ”سنگم“ مڱڻهار
    موضوع : شاعري
    ڇاپو : پهريون
    تعداد : 1000 هڪ هزار
    قيمت : 200 سئو روپيا
    سال : جون 2017ع
    ڇپائيندڙ : السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان
    سهڪار : سنڌي ادبي سنگت، ٽنڊو محمد خان
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽر اينڊ پبلشر حيدرآباد
    03332634650




    ڪتاب جي ملڻ جو هنڌ
     مڱڻهار هائوس پيپلز ڪالوني ٽنڊو محمد خان
    فون نمبر : 3613354-0342


    ارپنا

    پياري پُٽ
    احسان علي، ڀاءُ تاج محمد
    ۽
    ڀائيٽي صائمه مڱڻهار
    جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڃارو جيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري (سنڌوءَ حرفي) تي مشتمل هن خوبصورت مجموعي جو تخليقڪار سومار سنگم مڱڻهار آهي.
    سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي .
    هي ڪتاب السنگم ادبي سٿ ٽنڊو محمد خان پاران، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي محمد خان پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبلشر حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين سومار سنگم جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سنگم درد جو عڪاس شاعر (مهاڳ)

    زندگي جتي کوڙ ساريون معنائون رکي ٿي، اتي هئڻ جو احساس ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. جتي جيئرو رهڻ، کائڻ پيئڻ، آرام ۽ آسائش جي ڳولا ۾ رت ولوڙڻ ۽ پاڻ کان ٻاهر نڪري نه سوچڻ، پنهنجي ذات تائين محدود رهڻ ، زندگي جي حسن کي لانجهو ڪن ٿا. اتي جيئڻ سان گڏ جاڳڻ، پنهنجي وات جو گرهه ٻئي جي ضرورت تي قربان ڪرڻ، پنهنجي نيڻن جي ننڊ ڦٽائي، سماج جي ناسورن جا ڦٽ سڪائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ ئي زندگي جو ازلي حسن آهي. خاموشي موت جو نالو ۽ هلچل زندگي جو نالو آهي. زندگي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ بجاءِ ڪجهه ڪرڻ جو نالو آهي. انهي ئي ضرورت جي اهميت کي محسوس ڪندي، بلنگز اهو چيو هو ته، ”انسان هتي ڪجهه ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي ، جيڪڏهن هو ڪا چڱائي نه ٿو ڪري سگهي ، ته برائي به ڪري ، وقت جي رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکائي . گمنامي جي موت مرڻ کان بهتر آهي ته ، انسان ڄمي ئي نه .“
    ڪجهه ڪرڻ سان ئي ، ماڻهو تاريخ جي دفتر ۾ پنهنجو نالو لکائي سگهي ٿو. پوءِ وقت جي ساهمي ۾ انهي ڪيل عمل جي تور تڪ ٿيندي آهي . تاريخ جي رڪارڊ ۾ بري يا ڀلي عمل ڪرڻ وارن جي لسٽ موجود آهي . ماڻهو جا عمل توري انهي لسٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي . تاريخ جي بي رياءَ عدالت ئي عملن جي نتيجن کي ڏسي ، پنهنجي فيصلن جا تاج گذري ويل ماڻهن جي سرن تي رکي ڇڏيا آهن . جن کي ڏسي پونئر سندن ياد ملهائين ٿا . ڪنهن به ڪم جي نتيجي جي تورتڪ بروقت ڪرڻ مشڪل آهي . عملن جي نتيجن جو وزن ڪجهه عرصي بعد ئي ظاهر ٿيندو آهي . پوءِ انهي وزن آهر انهي ماڻهو کي امرتا ملندي آهي . اهوئي سبب آهي ، جو پنهنجي وقت جي نامور حڪمرانن جا ڪيل عمل تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ سندن پونئرن لاءِ شرمساري جو سبب آهن . پر پنهنجي وقت جي مسڪين ۽ توجهه نه ڇڪائيندڙ فقيرن جا عمل وقت جي پارس سان سڃجي سونا ٿي پيا آهن . اهوئي سبب آهي جو تاريخ جي رڪارڊ ۾ نامور بادشاهن جا ڪنڌ پنهنجي دور جي فقيرن جي قدمن ۾ جهڪيل آهن .
    تاريخ ۾ نالي لکائڻ لاءِ ماڻهو جي عملن کان وڌيڪ ماڻهن جي ثابت قدمي وڌيڪ ڪمائتي ثابت ٿيندي آهي. ڪي ماڻهو پنهنجي عملن جي پاڻ تورتڪ ڪندا آهن. سندن خود تنقيدي عمل جي غلطي کين گهڻو پوئتي ڇڏي ويندي اهي. سنهي ڪتڻ جي خفقان ۾ هو پنهنجي زندگي وڃائي گمنامي جي موت مري ويندا آهن . پر ڪي ماڻهو پنهنجي اڀري حال سارو به سنهي ڪتڻ جي آسري ۾ وقت وڃائڻ بدران ڪجهه نه ڪجهه ڪري ويندا آهن . سندن انهي ڪيل عمل سان هو تاريخ جي رڪارڊ ۾ نالو لکائي، گمنامي جي لعنت کان بچندي ، پويان پنهنجو نالو يادگيري لاءِ ڇڏي ويندا آهن. انهي بابت شاهه سائين ڪيڏو نه معنيٰ خيز نياپو ڇڏي ويو آهي .
    چائت پائي چِت ۾، سَنهُون ڪَتِيو جن،
    تن جو صَرافن، دُڪو داخل نه ڪيو!
    محبت پائي مَن ۾، رَنڍا روڙيا جن،
    تن جو صَرافن، اڻ توريو اگهائيو. (شاهه)
    اهي مٿيان ٻئي بيت زندگي جي عمل جا رهنما اصول آهن . جن تي عمل ڪندي سومار سنگم پنهنجي شاعري جو هي ٻيون ڪتاب اُڃارو جيون منظرِ عام تي آندو آهي . جنهن جي مهاڳ لکڻ لاءِ مون کي حڪم ڪيو اٿس.
    سومار سنگم جي شاعري ۾ چائت چِت ۾ پائي سَنهُون ڪتڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي . پر محبت مَن ۾ پائي نه هئڻ جي جاءِ تي ، ڪجهه هئڻ جي احساس سان ڀرپور رنڍا روڙ ڪيل آهي . هن ڪتاب سان نه صرف سومار سنگم جي شاعري جو ٻيون ڪتاب ميدان ۾ اچي، سندس صاحبِِ ڪتاب هئڻ واري اعزاز کي ٻيڻو ڪندو ، نه صرف سنڌي ڪتابن جي لسٽ ۾ هڪ وڌيڪ ڪتاب جو اضافو ٿيندو . پر سندس رنڍا روڙ ، سندس ثابت قدمي ۽ فيصلي جي قوت سبب ، سندس دور جي ڪيترن ئي سنهون ڪتيندڙ شاعرن کان کيس اڳتي کڻي ويندي . مون کي ذاتي طور خبر آهي ته سندس ڪيترن ئي خيرخواهن سندس شاعري جي فني خامين جي نشاندهي ڪندي ، کيس ڪتاب منظر عام تي آڻڻ کان روڪيو پئي . پر هن پنهنجي روڙيل رنڍن کي نيٺ ميدان ۾ آڻي ئي ڇڏيو .
    هن ڪتاب ۾ شامل سومار سنگم جي شاعري جي فني گهاڙي ٽن جي خامين تي ، يا لفظن جي اُبهام بابت ته ڪو جڳاندري شاعر اڳتي هلي تنقيد ته ڪري سگهي ٿو ، پر سومارسنگم جي حقيقي مشاهدن ۽ حالتن جي عڪاسي ، مجبورن جي دلين ۾ ٻاريل روشني جي ڏيئن کان انڪار نه ڪري سگهندو . سومار شاعري جي فني پيچيدگين کان واقف نه هئڻ جي باوجود به پنهنجي شاعري ۾ جام مينا اوتڻ بجاءِ ، درد جي عڪاسي ڪندڙ شاعر آهي . سندس شاعري ۾ محبوب جي رتامي ڳلن ، لالي لاتل لبڙن ، ڪنڍن ڪارن ڪاڪلن جي ڪوڙڪين جي مانڊاڻ جي جاءِ تي ، هڙٻاٺيون نڪتل مهانڊن جي درد جي عڪاسي ضرور ٿيل آهي . هو پنهنجي وقت جو اهو شاعر آهي . جنهن زندگي جي درد کي نه صرف ڀوڳيو آهي ، پر انهي تي رت جا ڳوڙها به ڳاڙيا آهن . هو درد سان عشق ڪندڙ اهو سجاڳ شاعر آهي .جنهن دردن جو انت آڻيندڙ جدوجهد ۾ شامل ٿِيڻ لاءِ وڏي واڪي سڏ به ڪيا آهن .
    حقيقت ۾ سومار سنگم جتي درد جو عڪاس شاعر آهي . اتي نواڻ پسند به آهي . هن جڏهن منهنجي شاعري جي سنڌي ٻولي جي پهرين ٻاونجاهه اکري سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي ڪلاسن ۾ ٻڌي ، ته کيس به شوق پيدا ٿيو ،ته هو به ٻاونجاهه اکري لکي سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ ٻاونجاهه اکري لکندڙ شاعر جو اعزاز ماڻي . حالانڪ منهنجي سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري تي مبني شاعري جي ڪتاب “ سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه ” کي سنڌ ۽ پوري دنيا ۾ ملندڙمڃتا کي ڏسندي ، ساڻس گڏ ڪيترن سنڌي شاعرن جي دل ۾ ٻاونجاهه اکري لکڻ جو اتساهه پيدا ٿيو آهي . ڪيترن سنڌي شاعرن ٻاونجاهه اکريون لکڻ به شروع ڪيون آهن . ٽنڊومحمدخان جو ڀلوڙ شاعر عاشق ڳاهو به اهڙي ڪوشش ڪري پيو . هو سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري ۾ ٽيڙو لکي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ پيش به ڪري چڪو آهي . پر سندس اڃان اهڙو ڪتاب سنڌي ادب جي واڌاري جو سبب ناهي بڻيو . پر سومار سنگم پنهنجي غربت سبب پنهنجي وات جو گرهه قربان ڪندي ، سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري “ سنڌوءَ حرفيءَ ” جو ڪتاب ميدان ۾ آڻي ، مون کان پوءِ ٻئي سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري لکندڙ شاعر جو نيٺ اعزاز ماڻي ورتو. آهي ڪيترن ئي ٻاونجاهه اکري تي طبع آزمائي ڪندڙ سندس هم عصرشاعرن کي پنهنجي غربت ۽ بي سمري هئڻ جي باوجود به ملهه ماري ويو آهي .
    سومار سنگم جي شاعري پڙهڻ سان درد جون سُوٽُون اُڀرن ٿيون . هن جي شاعري جي فني خوبين جي نفاست ۽ علم عروض جي قاعدن کي پاسيرو رکندي ، اچو ته ٿورو شاعرانه جائزو وٺون ، ته درد جي هن شاعر جي شاعري ۾ اها ڪهڙي خوبي آهي . جنهن سان سندس هي رنڍا روڙ صرافن وٽ اگهامجڻ جو سبب بڻبي .
    سومار ڪا وڏي هام به نه ٿو هڻي ، هو پنهنجي دلي ڪيفيت ڪهڙي نه نماڻائي واري انداز ۾ بيان ڪري ٿو ته:
    جـــيــون ڪٿا ويٺو لکان
    پنهنجي خـطـا ويٺو لکان
    رت سان ڀري قلم اک مان
    لــڙڪــن عــطـا ويٺو لکان.
    يا وري پنهنجي مشاهدن تجربن ۽ جوڀن جي بيوفائي کي ڪهڙي نه منفرد انداز ۾ بيان ڪيو اٿس . جوڀن جي جاڙ تي ڪافي شاعرن لکيو آهي . پر هن نواڻ جو مظاهرو ڪندي ، گذاريل گهڙين ۽ وارن جي رنگ بدلجي ڪارن مان اڇو ٿيڻ واري ڳالهه کي پنهنجي منفرد نموني سان نئين نڪور تشبيهه ڏيندي ، ڪهڙو نه دل کي وڻندڙ سلوڻو انداز اختيار ڪيو آهي . هو چئي ٿو ته.
    ڀــڄـنـدي وڃــي پئي زندگي
    پــڇـنـدي وڃــي پئي زندگي
    وارن جــئي رنــگــن اوٽ ۾
    لڪندي وڃي پئي زندگي.
    محبت جو پرچارڪ هي فقير انسان محبت کي ئي مذهب سمجهي ٿو. سماج ۾ ڏڦيڙ ۽ هر قسم جو ڦيٽاڙو وجهندڙن تي ڦٽڪار ڪندي ، محبت جي انڪاري ماڻهن کي ڪافر سمجهندي چوي ٿو:
    ڦــٽــڪار وجـهـو ڦـيـٽاڙ تي ، جوڙ جو ٽوڙي .
    محبت سنڌو منڪر جو ، ڪفار جي صورت.
    سنڌي ٻاونجاهه اکري جي استعمال ۾ ايندڙ سمورن اکرن کي به اصل آوازن وارن لفظن سان استعمال ڪيو اٿس . خاص ڪري پنجن سنڌي اکرن ڃ ، ڙ ، ڱ ، ڻ ، ء ، کي رسمي طور غير ٺهڪندڙ آوازن وارن اوپرن لفظن سان استعمال ڪرڻ بجاءِ . منهنجي ڳوليل اصل آوازن وارن لفظن کي استعمال ڪيو اٿس . جيئن ڃي اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ ڃوڃڻ جي معنيٰ آهي . ونگ ، ڍنگ ، جيڪو سُوئاڍڳيءَ کي ڀاڳيا ڏهڻ وقت وجهندا آهن . انهي کي استعمال ڪندي هڪ وائي ۾ چوي ٿو ته :
    ڃـــــوڃـــــڻ ڇِـــــن پـــــيــــرن،
    ٻـــــول تـــــه ٻـــــاڙو ســـــچ،
    ڪوڙن لـڳـي مچ.
    دهـــــشت ســـــامـــــهون تون،
    ســـــيـــــنون تـــــاڻـــــي اچ
    ڪوڙن لڳي مچ.
    ساڳئي نموني ٻئي اکر ڙي سان شروع ٿيندڙ لفظ ڙاڪون ، جنهن جي معنيٰ درياءَ ۾ پاڻي جي لاٿ سبب ڪنارن جي واري ۾ پيل ڏار يا ڦوٽون آهي . انهي لفظ کي هڪ ٻي وائي ۾ استعمال ڪندي چوي ٿو ته :
    ڙَاڪُون ســـــنڌوءَ جي ڪپ!
    وڻ ڀي سُـــــڪي ڇـــــوڏا!
    ٿيا هاڻي!
    لـــــڳيون لُـــــڪون آهـــــن،
    ٿـــــو هـــــر کِـــــپون ٿـــــوڏا!
    ٿيا هاڻي!
    ساڳئي طرح سنڌي ٻولي جي اکر ڱي سان شروع ٿيندڙ لفظ ڱڱو، جنهن جي معنى چهچ ڳاڙهو رنگ آهي، انهي کي استعمال ڪندي هڪ غزل ۾ چوي ٿو ته :
    ڱِڱيون کڻي اکيون، چوڻ ڳالهه وڏي آهي،
    هٿ جي اشارن سان. ڪرڻ ڳالهه وڏي آهي.
    وري سنڌي ٻولي جي ڻي اکرسان شروع ٿيندڙ لفظ ڻُڻُو ، جنهن جي معنيٰ آهي . چڻن ، مٽرن ، چئونرن يا مانجهلي جو اهو داڻو ، جيڪو پاڻي ۾ تمام گهڻو ڪاڙهڻ بعد به نه ڳري ۽ سڄو رهجي وڃي ، ان کي ڻُڻو داڻو چيو ويندو آهي . انهي کي استعمال ڪندي هڪ وائي ۾ چوي ٿو ته :
    ڻـــــاڻـــــو ڪري ڇـــــومن!
    مـــــونکي ڇـــــڏي ساجن!
    تون نه پرين وڃ!
    اکـــــيون ”سنگم“ تولئي،
    را تـــــون پـــــيون جــــاڳن،
    تون نه پرين وڃ!
    سنڌي ٻولي جو اکر ء، جنهن سان شروع ٿيندڙ لفظ ئوئان يعني تازي ڄاول ٻار جي روئڻ جو آواز. انهي لفظ کي به هڪ غزل ۾ڏاڍي معنيٰ خيز نموني استعمال ڪيو اٿس. جيئن چوي ٿو ته:
    ئُوئَان واري اوٽ ڇڏي ڏي ،
    راڻي دل جي کوٽ ڇڏي ڏي .
    نفرت جي ڀِت ڇو ته اڏين ٿي،
    ڪيول فيرڻ ڪوٽ ڇڏي ڏي!
    اهڙي ريت ٻاونجاهه اکرن سان شروع ٿيندڙ اصل لفظن کي چونڊي استعمال ڪرڻ جي مشق پوري ڪندي ، هن سنڌي ٻولي جي ادبي تاريخ ۾ ٻاونجاهه اکري لکندڙ مون کان پوءِ ٻئي شاعر طور پاڻ کي ڳڻايو آهي. جيڪا ڳالهه کيس سنڌي تاريخ ۾ نمايان درجو ڏياريندي، جيڪا ئي هن فقير جي مڃتا لاءِ ڪافي آهي. انهي مان ئي پتو پوي ٿو، ته هن جي هي رنڍا روڙ اڳتي هلي صرافن وٽ اگهامي ويندي.
    مشڪور ڦلڪارو
    ٽنڊو محمد خان، سنڌ تاريخ؛ 31 مارچ 2017ع


    سنگم سومار نئين ٽهي جو اڀرندڙ شاعر

    محمد سومار سنگم سان منهنجي سڃاڻپ ڪا نئين نه آهي شايد دوست حيران ٿين ته ٽنڊو محمد خان جي ادبي لڏن ۾ اسان پراڻا گهاٽا واسطيداررهيا آهيون ايستائين جو اعظم ڀٽي کي اڃان مڇين جي ساوڪ مس هئي ته سنگم سان تعلقات پراڻا ٿي ٿڌا ٿي چڪا هئا پر اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته اسان جو اهو واسطو خانداني، هو نه ڪئين ادبيءِ شرما وانگر آئون به جڏهن لئي مان لٺ ڀڃي ڊاڪٽر ٿيو هوس ته مون پهرين ڪلينڪ لاکاٽ ۾ کوليو اها ڳالهه 1980ع کان ٿورو پوءِ جي آهي.سومار سنگم به ديهه لاکاٽ جي سم نالي سرڪاري ڀڏي تي خاندان سان گڏ رهائش پذير هو آئون به علاج سانگي سندس ڳوٺ ويندو هوس. سندس والد مون کي عزت ڏيندي ڪچهريون ڪندو هو جيڪي مون کي اڃان ياد آهن. پرسومار ڳوٺ هفتي هفتي ايندو هو شوگر ملن جو اوج هو شايد پاڻ ملازم يا اتي دڪانداري ڪندا هئا ايئن اسان جا تعلقات وڌيا .اهو اهو زمانو آهي جنهن زماني ۾ آئون لطيفي ڊائجيسٽ ۾ لطيف تي تحقيقي مضمون لکندو هوس جن ۾ مون ثابت ڪيو هو ته غلام شاه گلان ڪڃري جو پٽ نه هو نه ئي گلان شاه ڀٽائي وٽ نچندي،هئي .ايئن مون به لاکا ٽ ڇڏي ٽندو محمد خان ۾ لطيفي دواخاني جو بنياد وڌو.ادبي شوق جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر ٿياسين .اداره سنڌي ادب ختم ٿي چڪو هو اداره گلشن ادب سڪرات جي حالت ۾ هو سو اهڙي ماحول ۾ پير آغا جان آغا مهران ادب فورم جو بنيا د وڌو مون لطيفي ادبي رهاڻ ،۽ تاج ٽکڙائي خود انجمن ادب هو ان جو ذڪر ڪرڻ سج کي چنڊ ڏيکارڻ برابر آهي.ان مجموئي ماحول ۾ خبر پئي ته سومار سنگم به ادبي کيتر ۾فعال آهي انهن سڀني فورمن ۾ پاڻ شريڪ ٿيندا هئا واسطا ته اڳيئي هئا جيڪي وري نئين سري سان استوار ٿيا سومار سنگم سان گڏ انهيءَ ڪاروان کي هلائيندا رهياسين ايستائين جو سنگم جو هڪ پروگرام لطيفي ادبي رهاڻ جي آفيس ۾ ٿيو جنهن جو جو ڦوٽو سندس پهرين ڪتاب ۾ موجود آهي.پاڻ پهرين مون کي ان ڪتاب تي لکڻ تي چيو هئائون پر لاڳيتو بيمار ۽ ڪراچي جي چڪرن ڪري ڪجهه لکي نه سگھيس هن دفعي واعدو ڪيوم مانس ته جيتوڻيڪ هن وقت بخار آهي پر توهان جي ڪتاب تي ضرور لکندس .ٽندو محمد خان جي اديبن ۾ اها بهترين ڳالهه آهي يا بدترين ته هو،تبصري لکڻ مهل ڪتاب تي تبصرو لکندائي نه آهن بلڪه تنقيد جي ڀر مار هوندي آهي ايئن نه هئڻ کپي ليکڪ ويچارو گھران خرچ ڪري وري جي ٻه ٻول لکرائي اسين سندس پورهيي کي يڪسر رد ڪر ي پنهنجي ڳالهه ڪريون سراسر غلط آهي منهنجي خيال ۾ منهنجا اهي دوست ڪتاب جي تبصري ۽ تنقيد جي فرق کي شايد سمجهي نه سگھيان آهن ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ ان تي تنقيد ڪرڻ جو رستو کليل هوندو آهي، سومار جو ڪتاب “اڃارو جيون” جو سرسري جائزي سان گڏ خوبين خامين جو به جائزو ورتم پاڻ فهرست ۾ سنڌي ٻولي جي ٻاونجاه اکريءَ ۾ ترتيب ڏنل شاعري .حقيقت ۾ جڏهن به غزل يا شاعري الفا بيٽيڪل لکبي آهي ته ان کي ديوان جو عنوان ڏنو ويندو آهي جيڪا شاعري بحر وزن تي هوندي آهي پر سومار هن ۾ وايون به ڏنيون آهن . جيڪي بحر تي ٿي نٿيون سگھن. جئين ته }بحر متقارب وزن فعولن مثمن سالم{ وائي
    گـــهـــڙو ڪـــڇ پيـــاســـو ســـڄڻ ڀـــي اُڃارا!
    سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!

    ســـفراڻ کـــٽو ٿـــي پـــيـــو هـــاڻ جـــيـــون
    ٿـــڪاســـون پـــيـــا دل هـــلـــي بـــي ســـهارا
    سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!
    اسان جا ڪافي دوست بحروزن جي ڳالهه ڪندا آهن انهن کي جڏهن چئبو ته بابا ڀلا تنهنجي شاعري وزن تي ته آهي پر بحر ڪهڙو آهي ته بغليون وڄائيندا آهن. جيستائين اسان کي بحر جي خبر نه هوندي ته وزن ڪيئن ٺهندو ان حساب ،سان سومار جي شاعري کي بحر وزن تي پرکڻ چير ڦاڙ ڪرڻ جي برابر ٿيندو جي مون کي بحر نٿو اچي ته چوان ته سومار سنگم جي فلاڻي سٽ وزن تي نه آهي ته نا انصافي ٿيندي .انهيءَ ڪري سو مار جي شاعري کي جيڪڏهن ڪير بحروزن تي پرکي ته اهو ڇپجڻ کان پوءَ ممڪن آهي سڀڪنهن کي تنقيد جو حق آهي. سومار جي شاعري جا خيال ذاتي ۽ انوکا يا نقل ٿيل نه آهن انهيءَ ڪري سندس ڪجه جملا غلط لکجن ٿا مثلا.
    ٻوڙيءَ سرن اڻيو ،گھونسلو هو. هن جملي جو مقصد ٿئي ٿو ته ٻوڙي کي سرن اڻيو آهي منهنجي خيال ۾ اهو غلظ آهي.
    واڳـــــو جــهــلــي تــارو ســيــر مــان ٿو
    هرڻي شينهن کان ڪٿ ڇڏايو آ،
    هي بند به مڪمل نه آهي اهڙا ڪافي مثال آهن پر جيئن ته شاعر جا پنهنجا خيال ۽ رمزون آهن خدا ڄاڻي هن ڪهڙي رمز ۾ لکيا آهن. سومار ڪافي نوان لفظ به استعمال ڪيا آهن ته وري ڪٿي بيهڪ صحيح نظر نٿي اچي. مجموئي طور تي آئون چوندس ته سومار سنگم نئين ٽهي جو هڪ بهترين اڀرندڙ شاعر آهي پاڻ ٻين شاعرن جي شاعريءَ جو به مطالعو ڪن خود ڀٽائي شاه عنايت جون مڪمل سٽون پنهنهجي شاعري ۾ استعمال ڪيون آهن ايئن ارود فارسي يا ٻين ٻولين جون سٽون استعمال ڪرڻ جائز آهن جنهن کي شاعري جي زبان ۾ تضمين چوندا آهن .منهنجي خيال ۾ سندس شاعري جي رفتار اها رهي ته اهو ڏينهن پري ڪون هوندو جو سندس شاعري ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جھونگھاري ويندي.

    حڪيم محمد يوسف کتري
    تاريخ ؛ 2017-03-12


    سنگم ساهه جهڙو مٺو ماڻهو

    زندگي جيڪا نالو ئي خوبصورتيءَ جو آهي جنهن جو سڀاءَ، استاهه، جستجو، محبت ۽ عذاب جهڙن مزاج رکندڙ الٽي ميٽم جو زندگيءَ سان حسين تعلقات وڌيڪ حسناڪي برپا ڪري ٿو ۽ جنهن مان اسان کي ويساهه ٿيو وڃي ته ڪجهه گهڙيون پل ئي سهي زندگي کانسواءِ ٻيو ڪو به سچ ناهي جنهن جو نعم البدل ڪوئي ناهي هي سچ دنيا جي سمورن نظرين/ مذهبي ۽ غير مذهبي انقلابن ۽ هر جستجو جي اڻکٽ تاريخ کان به وڏو سچ ۽ سونهن آهي ۽ ان زندگيءَ جي سونهن سان پيار ڪرڻ لاءِ سومار سنگم به هڪ ڪردار آهي. ڪردار به اهو جو زندگيءَ جي سونهن جي حاصلات لاءِ انيڪ ڏکين پيچرن مان گذريو هجي شعور ۽ لاشعور جهڙن سنگين حالتن مان گذرندي سنگم منهنجو 1990ع کان بي ساخته واقف ڪار ٿي وڃي ٿو. هڪ ڀا.ئيندڙ نوجوان سنگم سادو سودو ٿوري ئي عرصي ۾ مونکي پنهنجو دوست ڪري ڇڏيائين.
    سنڌي ادبي سنگت جي شاخ آبادگار شگر ملز ۾ کوليا.ئين. جاکوڙي نوجوان هوندو هو سنگم مون سان گڏ ڪڏهن سکر ته ڪڏهن ڪراچي ، روهڙي الاءِ ڪٿي ڪٿي پيو ادبي سنگت جي پروگن من ۾ هلندو هو ۽ هو آهسته آهسته شاعري ڏانهن شعوري متوج ٿيو ۽ آءُ ان وقت نثر جي پهل ڪندو هئس. سومار سنگم ۽ سارنگ اچي گڏيا ته سنگت ضلعو حيدرآباد مڪمل سرگرم ٿي ويو سنگم هڪ غريب مزدور جو پٽ ۽ آءُ هڪ بس ڪنڊيڪٽر جو پٽ ڪاهي پيا سين ادب جي اڻٿڪ سفر ۾. مون ڪجهه ڪهاڻيون لکيون ڪتاب ڇپر ايو پوءِ سياسي سفر ڏانهن راغب ٿي ويس پر سومار سنگم نه مڙيو، شاعري ڪندي ڪندي ڪتاب روپ سندرتا کان پوءِ اُڃارو جيون جيڪو سنڌي ادب ۾ ٻي سنڌو حرفي تي لکي ذري گهٽ نه پر مڪمل شاعر ٿئي ويو آهي ........ سنگم گهر جي بيٺڪ تي آيو!
    حڪم ڪيائين ته! هن ڪتاب تي ڪجهه لکي ڏيءَ مون سنگم جي اکين ۾ ڏٺو ته سندس اکين ۾ لڪل شاعر جي نماڻڪي ۽ سنگم هڪ مولانا جي روپ ۾ سٺو لڳي رهيو هو سندس اسرار مون تي ٺهيو ٿي هو منهنجو ادبي دوست رهيو آهي!
    مسودو ڏيئي هو هليو ويو ......... سامهون رکيم ..... پڙهيم
    بشارت ملي مون ڏسڻ نور تنهنجو!
    خوابن ۾ مون وٽ اچڻ حُور تنهنجو!
    ٿئي شل اسان جو سنگم يار دنيا،
    مثالي هجي سو ملڻ حُور تنهنجو!
    واهه سنگم ته شاعر ٿي ويو آهي!
    Very Good Sangamسنگم مُنهن مهاندي مان رومينٽڪ نه لڳندو آهي ته سندس سٽون ته رومينٽڪ ماحول جو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿيون. هي ڏسو پڙهو:
    تون ڇڏ لِڪِي، گلڙا هڻڻ!
    ڪوئي ڏسي ويري ملڻ!
    منهنجو تريءَ نالو لکي،
    تنهنجو رکي چپڙا چمڻ!
    دوستو هيئن به چوي ٿو:
    ٿاڻي نه گھاڻي ڊڄون ٿا!
    پهريان نه هاڻي ڊڄون ٿا!
    دڙڪا نه ڏي تون اسان کي،
    پڻهين نه ماڻهين ڊڄون ٿا!
    سنگم شاعري جي خوبصورتي کي ڀر پور انداز ۾ Enjoy ڪري ٿو، سکي ٿو ، تڙپي، مسڪرائي ۽ عذاب ڀوڳڻ جهڙن بي پناهه دليرين مان گذري ٿو ۽ وري سماج جي بي جا وهنوار ۾ ٻچن لاءِ مزدوري ڪري پيٽ پالڻ جو آرٽ ۽ اذيت به سهي ٿو ڄڻ ته باهه جي آوي ۾ پچي ٿو اهو سنگم منهنجي اک جي دوربين ۾ بي ترتيب شخص ضروري آهي پر هڪ سادو سودو بنا ڪنهن جي تنقيد ۽ واهه واهه جي لکڻ جو عهد ڪندڙ شاعر آهي. سنگم ساهه جهڙو مٺو ماڻهو شل زندگي سندس لاءِ هميشه اتساهه جو سبب رهي. ۽ پاڻ لکندو رهي سنڌ جا گيت.
    سارنگ شاهه
    ٽنڊو محمد خان
    تاريخ؛ 17 مارچ 2017ع


    زندگـــيءَ جــــو ســــفر

    زندگي آسمان جو رنگ، سج جي ڪِني، چنڊ جو وصف، رات جي ڪِتي، درياهه جو ڪُن، موسم جي آرس، عشق جو جنون، محبوب جي مُرڪ، اکين جو ليئڙو، هوا جي ڇرڪ ۽ شاعر جو نثر زندگي آهي. زندگي هڪ ڪردار ۽ ڪردار زندگيءَ جو مرڪز آهي ۽ مرڪز هڪ سوال آهي جنهن جو جواب سڃاڻپ آهي، سڃاڻپ ڪردار جي وڻ مان ڦُٽل گل جيڪو پهرين سونهنءَ خوشبوءَ ڏيڻ کان پوءِ مُرجھائڻ سندس فطري عمل آهي پر سندس نڇاور ڪيل مهڪ جي تازگي محسوس ڪندڙ هر ذهن تي مٺاڻ ڇڏي ويندو آهي، جيڪو اهم سوال آهي جنهن ڪري جيون جي مالڪ انسان جي سڃاڻپ سندس سياسي ، سماجي ، علمي ، ادبي ، ۽ انساني خدمتون پڻ ياد ڪري ڳڻيون ۽ واکاڻيون وينديون آهن ان ڪري منهنجي ڪوشش آهي ته آئون تتل اُس ۾ بيٺل اُڃاري پورهيتن جي قطار ۾ بيهي پاڻ کي ڳڻايان . جنهن لاءِ شاهه چواڻِي ته ( تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي ) منهنجي خوش نصيبي آهي جو مالڪ مونکي هاريءَ جي گهر ۾ پيدا فرمايو هونءَ به محنت ڪندڙ الله تعالى جو دوست آهي . ۽ دوست جون تمام خاميون عيب نظر ٽار ڪري سندس ڪنهن هڪ خوبيءَ ۽ وڻندڙ وصف کي ڏسي ساڻس پيار ڪبو آهي. جيڪا صفت الله جي آهي جو تمام مخلوق کان وڌ انسان سان پيار ڪندو آهي مون نماڻيءَ سگهڙ جيجل حڪيمان جو هٿ جهلي سنڌ ڌرتيءَ تي هلڻ سکيو سندس اڌ رُني اکين مونکي پنهنجو جيون سنڀالڻ ۽ سنوارڻ جو ڏانءُ ڏسيو جنهنجي شروعات 1972ع ۾ قرآن شريف جي تعليم هُئي جيڪا مون بُزرگ سائين سليمان جتوئي مدرسو ڳوٺ حاجي محمد ارباب سمون لاکاٽ ۾ حاصل ڪئي. سائين سليمان نهايت ئي شفيق فارسي، عربي ۽ علم عروض جو ڄاڻو، احمد ملاح ۽ لطيف جو پارکو ۽ پاڻ مولودي هئڻ ڪري سڀنيءَ سُرن جو ڄاڻو گهڻ رکو ۽ ساڃاهه وند، مخلص شخص آهي جنهنجي گارِحره جهڙي پُر سڪون ڇانءَ ۾ مون اک کوليندي ئي زماني جي مڙنيءَ حقيقت کي پنهنجي نظر جي شناسائيءَ سان پرکي ورتوهو مولوي ۽ مولودي ٿيڻ منهنجي وس ۾ نه هو باقي شاعر ٿي سگهيو آهيان جيڪا خوشي ۽ سائين جي دُعا هئي ته عمر ۽ پئسي سان وڏو ٿيڻ الله جي وس ۾ آهي باقي تون نالي جو وڏو ضرور ٿيندين يقينن سندن دعا قبوليت ماڻِي جو منهنجي اڄ شاعر “سنگم” سان سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ ٿي آهي. مون وقت جا ايندڙ زلزله ۽ طوفان لتاڻيندي پنهنجي اکين جي ٻُڪن ۾ اميدن جو ڏيئڙو قلم جي چِڻنگ ڏيندڙ نوڪ سان ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . جسم جي گُمبس ۾ بند دل جي حسرتن کي ساڀيا ڏيڻ لاءِ اکين جي هڪ جهلڪ ۾ نوانوي رنگ ڏسڻ سان گڏ پيار جو رنگ ضرور ڏٺو آهي جنهن کي ڳولڻ لاءِ اڃان به جتن ڪري رهيو آهيان جنهن جا ڪجهه شُعاءُ وفادار جيون ساٿي نور بانو مڱڻهار جي صورت ۾ مليا آهن جيڪا مون سان زندگيءَ ۾ هم سفر رهي منهنجو هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيندي محنت ڪش ۽ فرمان بردار اولاد سان منهنجو گهر روشن ڪيو آهي. مون پنهنجن ۽ پراون جي عزت ڪندي ساڻن ڀلايون ۽ مٿن محبتن جا ڇل ورکا ڪياهن پر سندن نان خوشگوار ورتاءُ ۽ بيجا نفرتون برداشت ڪري پنهنجي ماڻهپي واري فرض شناسائي پوري ڪندي زندگيءَ جو سفر جيڪو دوست ۽ احباب هوندي به اڪيلو محسوس ڪيو آهي. يقينن زندگي هڪ سوال جو فطري جواب آهي ڇو ته انسان دنيا ۾ ايندو ته خوشيون ۽ محبتون کڻي آهي پر ويندو صرف نفرتون ۽ ارمان کڻي آهي. مون زندگيءَ ۾ جيڪو حاصل ڪيو سو ٻن ڪتابن هڪ ”روپ سُندرتا“ ۽ ٻيو ”اُڃارو جيون“ جي صورت ۾ ۽ جيڪو ڪجھ وڃايو سو الله تعالى جا حڪم، نبي ڪريمﷺ جون سنتون ، قرآن ۽ حديث تي پورو عمل نه ڪرڻ ۽ ٻيو جيجل ماءُ جون ڪومل مرڪون، ننڊايل اکين جا پيار ۽ ٿڪل هٿن جا ڇعاءُ جيڪي زندگي ۾ ڪڏهن به حاصل نه ٿيندا نه وري وِسرندا ۽ ڀائرن جو بيجا رسامون مون کي دل ڳِلافن ۾ لڳل مڇيءَ جي سر ڪنڊي جيان چُبهندو اڌرُنون ڪندو رهندو آهي. منهنجو پهريون ڪتاب “ رُوپ سُندرتا ” جنهن لاءِ مون 24 سال ادب جي رِڻ ۾ سفر ڪندي ڪارون وس ڪرڻ کان پوءِ جنوري 2016ع ۾ ڇپجي سگهيو آهي. جنهن ۾ ڪجهه فني اُوڻاين سان گڏ بحر وزن پُروف جون غلطيون هيون ان جي باوجود تمام پڙهندڙن “ رُوپ سُندرتاءَ ” کي پسند ڪندي عاجز گل لغاري، مدد علي ساحل، ميان مير خان چانڊيو، عبدالعزيز ڀٽ، حاجي حنيف چنه، سوز ملاح ۽ کوڙ پيارن تجويزون ڏيندي حوصلا افرائيءَ ڪئي ، جنهن سهڪار تحت آئون ٻيو ڪتاب“ اُڃارو جيون ” جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکري ۾ سنڌوءَ حرفيءَ تي جيڪو مختلف }بحرن جي وزن تي جن ۾ بحر حزج مثمن سالم جنهنجو وزن مُفَاعيلن 3 دفعا مثمن سالس}بحر رمل مثمن مقصوري وزن فاعلاتن{ }بحر متقارب مثمن وزن فعولن { سالم ۽ غير سالم جي وزن تي شاعريءَ جو ڪتاب لکيو آهي. جنهن کي سنڌي ادب ۾ ٻي سنڌوءَ حرفيءَ چئبو. جنهن ۾ غزل سان گڏ وائي جيڪا ڇند تي لکبي آهي ، پر مون وايون به وزن تي لکيون آهن . ڇو ته الفابيٽيڪل شاعري لکبي ئي بحر وزن تي آهي . عربي ۽ فارسيءَ ۾ ٽيهه اکريون به وزن تي لکيون ويون آهن . اسان کي سنڌي شاعري علمِ عروض تي لکي سنڌي ادب جي حسناڪي کي بحال رکڻ گهرجي . اسان اڃارو جيون ۾ چند بحرن جي وزن تي موتي نه پر رنڊا روڙ، گل نه پر ڪنڊا ميڙ ڪرڻ جي اهڙي ڪوشش ضرور ڪئي آهي . جنهن جي ڪمپوزنگ سھُڻي شاعر نثار ناز ۽ پون لعل ڪئي آهي . جن ڪافي غلطيون دُرست ڪري سُڌارا آندا. جهانزيب علي ڪمپوزنگ جي سيٽنگ ڪري سنڌوءَ حرفيءَ کي سهڻي ڊزائين ۽ ڪتاب کي خوبصورت ٽائيٽل ڏئي مڪمل ڪيو. جيڪو سندن هنر ۽ سچائي آهي. منهنجو ٽيو ڪتاب “دل جي ڪربلا “ نثري نظم جو ڪمپوزنگ تي آهي ،جيڪو انشا الله تعالى سال 2018ع ۾ اوهان جي زيرِ نظر هوندو.
    آئون سنڌ جي ڏاهي اديب ۽ صوفي شاعر مشڪور ڦلڪاري کان متاثر آهيان جنهن سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکريءَ تي ڪتاب “ سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه ” سنڌوءَ حرفيءَ تي پهريون ڪلام لکيو آهي انهي ۾ 520 بيت 62 ڪافيون 25 وايون ، 11 ڀڄن، 7 گيت، 6 نظم، 2 دُعائون، 2 ترانا، هڪ لولي، هڪ غزل ۽ 6 چئو سٽا ترتيب ڏنل آهن جنهن لاءِ بقول شاعر مرحوم فتع محمد سمون لاکاٽ واري جي ته 1980ع ۾ اسان بزمِ ادب طالب الموليٰ جي ڪافي شاعرن ڪوشش ڪئي، پر سنڌو حرفي نه لکي سگھياسين جنهن لاءِ طالب الموليٰ فرمايو ته اهو سنڌ جو عظيم شاعر هوندو جيڪو سنڌوءَ حرفي لکندو. يقينن اها دعا 36 سالن کان پوءِ 2016ع ۾ قبول ٿي آهي جيڪا مڃتا “مشڪور” ماڻي چڪو آهي اسان ساڻس رِيس ڪندي غزل، وائي، ۽ چئو سٽا سنڌوءَ حرفيءَ تي لکيا آهن اُميد آهي ته اسان جي اِنڪساري قبول پوندي. آئون مشڪور جو نهايت ئي مشڪور آهيان جن منهنجي مختصر شاعري تي سنڌوءُ حرفيءَ جي مسودي کي دل سان قبول ڪري پاڻ. تفصيلي مهاڳ لکڻ سان گڏ منهنجي شاعريءَ ۾ لفظن جي ڪافي کوٽ کي پورو ڪندي درست ڪيو جيڪا سندن مخلصي آهي ۽ مونکي فخر آهي ته مشڪور جهڙي رهبر منهنجي مالڪي ڪئي سائين جا وڏا وڙ.
    حڪيم يوسف کتري ءَ سان منهنجو واسطو سال 1980ع کان پوءِ ٿيو جيڪو ٿر اُڃاري مورجيان پر هڻندو لطيفي ادبي رهاڻ ۽ ڏات ڊائجيسٽ کان اُڏام ڪندو، منهنجي ڪتاب اُڃارو جيون تائين پهتو آهي. سائين جي تبعت نا ساز هئڻ جي باوجود منهنجي ڪتاب تي رايو لکيو اٿن. سندن واعدي وفا کي سلام منهنجي الله تعاليٰ کان دعا آهي ته شال. حڪيم يوسف کتري، امداد حسني ، تاج ٽکڙائي ، مشڪور ڦلڪارو ، اياز پا ٽولي، فدا حسين سرهيو ، حاتم مگسي ، غلام نبي ڪيريو، کيمچند شرما، عزيز ٽالپر، قيمت سنڌي ۽ مخمور مهيري زندگيءَ جون بهارون ڏسندا رهن ڇو ته اسان لاءِ سنڌ ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جو هر فرد اعظيم آهي تئين هيءَ اسان لاءِ اعظيم آهن. سارنگ شاهه سان منهنجي سال 1990ع ۾ سنگت آبادگار کولڻ کان پوءِ سنگت ٽنڊو محمد خان پاران ٻيجل سنڌيءَ سان ملهايل شام دوران شناسائي ٿيڻ سان سٺي دوستي ٿي جا اڄ به قائم آهي. پاڻ منهنجي ٻئي ڪتاب اُڃارو جيون تي رايو لکي دوستيءَ جو فرض نڀايو اٿن سندن وڏا قُرب.. ۽ اعظم ڀٽيءَ تعارف لکي منهنجي زندگي جي حقيقت کي چٽيو آهي. اعظم جي مهرباني.



    سومار ”سنگم“ مڱڻهار
    باني السنگم ادبي سٿ
    ٽنڊو محمد خان


    (الف)

    غزل

    غزل

    اُڃارو اُسَ تَتل جيون، ڪنڊن جو گهر وٺان جوڙي،
    هٿن تي لُڙڪ ڪريا تن، ڇنڊن جو گهر وَٺان جوڙي!

    لِڪائي ٿو ڪڪر سج کي، خِلا جيڪر وَڃِي مونکان،
    جهلي تارا کَڻِي چوڏس ، چنڊن جو گهر وٺان جوڙي!

    اُپائي تر سمنڊ سارو، اچان هيرن ڀري ڪِشتو،
    کڻي سونا سِڪا چاندِي، ڳنڍن جو گهر وٺان جوڙي !

    سڏي پينون يتيمن کي ، اچان اڀتال سڀ ڳولي،
    گڏي گونگا انڌا ڪاڻا، منڊن جو گهر وٺان جوڙي!

    ڪري ورکا پيارن گل، تڙي نفرت ڪڍان سنڌ مان،
    ڇڏي وڏ ماڻهپائي بس، ننڍن جو گهر وٺان جوڙي!

    ولي سارا وٺي سڪندر، مٿان ڌرتيءَ ڪري جرڳو،
    سڄو عالم شهر ميڙي ، ٽنڊن جو گهر وٺان جوڙي!

    هُجي دربار جِي ڪُرسِيءَ، عمر ويٺل ”سنگم“ جيڪر،
    ملڻ انصاف جي لئه اڄ، گِهنڊَن جو گهر وٺان جوڙي !


    (2) غزل

    (2) غزل

    اَللهَ سُڃاڻي ٿو، سِتم گار جِي صُورت ،
    شل رب نه پسائي، ڪني ڪِردارَ جِي صُورت !

    بُڇڙاڻ سندي بدبُوءَ، اچي جنهن جي بدن مان،
    سا ڏُور هُجي ڏائڻ ، مُنهن ڪارَ جِي صُورت!

    شيطان ڪنان بدتر، دهرين هجي ماڻهو،
    سوچوڪ چنڊي، جهڙو ، ڪوٽڪار جِي صُورت،

    ڦِٽ ڪار وجهو ڦيٽاڙ تي ، جوڙ جو ٽوڙي،
    محبتن سندو مُنڪر، جو ڪُفار جِي صُورت

    ڏاتار وساري ڇو، طلب گار تون ويٺين،
    دربانَ گُهرن توکان ، ديدارَ جِي صُورت !

    سردار نَبِي سُهڻي ، سندي دل ۾ آهي سِڪَ،
    ڏيکار سگهو مونکي ، سندم يارَ جِي صُورت !

    سُومار ”سنگم“ معافي ملي شال جي مولا،
    هر بار گُهري درَ تي مڱڻهارَ جِي صُورت !


    (3) غزل

    (3) غزل

    اول واکاڻ الله جِي، گهڻِي تبليغ ڪريو سڀ،
    جماعت جا سَچِي حق تي، کڻِي تبليغ ڪريو سڀ!

    ڇڏي ڪم ڪار دُنيا جا ، وڃو رب جي رضا خاطر،
    چِلو ڪي چار ماهن گڏ، هڻِي تبليغ ڪريو سڀ !

    ڌڻِيءَ جي وس ٿيڻ سڀ ڪجهه ، رکڻ سو ڀروسو گُهرجي،
    هُجڻ ايمان جو ڪامل، وَڻِي تبليغ ڪريو سڀ !

    وڃي گهر گهر ڀلائي ڪر، سڏي ماڻهو دڻي جي در،
    جُهڪن مومن اچي رب کي ، بڻي تبليغ ڪريو سڀ!

    جسم پوشاڪ رک دل ، پاڪ بضتن کان صفا دوئي،
    بُخل ڪيني ڪنان سارا، ڇڻي تبليغ ڪريو سڀ!

    سِکِي ڪلمون غسل فرضن، نمازن جا ٿيو عادِي،
    نَبِيءَ وارو عمل سارو ، سُڻِي تبليغ ڪريو سڀ !

    ڏِنُو خُطبو نَبِيءَ آخر، ٿيو جي دين آ مُڪمل،
    صحابه سڀ ” سنگم “ پکڙِي، ڌَڻِي تبليغ ڪريو سڀ!


    (4) وائي

    (4) وائي

    آتم ڪٿا پنهنجي ڪوي!
    ويٺو لکي!

    ڪاغذ چٽي ڪارا اکر،
    جيون خطا پنهنجي ڪوي،
    ويٺو لکي!

    زندگي بڻي تحرير جا،
    سا اِرتقا پنهنجي ڪوي،
    ويٺو لکي!

    ڀوڳي نفرتن قيد هو،
    جزبن سزا پنهنجي ڪوي،
    ويٺو لکي!

    سهڻي سڄڻ کي اڄ ”سنگم“،
    ها اِلتجا پنهنجي ڪوي،
    ويٺو لکي!


    (ب)

    (ب)
    غزل

    بِشارت ملي مون ڏسڻ، نور تنهنجو،
    خوابن ۾ مون وٽ اچڻ، حُور تنهنجو.

    هٿن تي لهي رات آيو، هلي چنڊ،
    جبل تي هيو ڄڻ لهڻ، طُور تنهنجو.

    سڀاڳي رهي ٿي اڃان، ويل هرڪا،
    اچڻ ياد تنهنجي رهڻ، پُور تنهنجو.

    اسان تو سوائي، نه ئين ڪو ته سوچو،
    اسان لئي ٻيو ڇو ٿيڻ؟ ڏُور تنهنجو.

    اکڙين منجهان مون، ڪڍي ننڊ تڙي اڄ،
    رکي پير تارن هلڻ، ڀُور تنهنجو.

    زبان تي رڳو بس، ڪري وِرد ويٺس،
    اِثم روز تازو ڪرڻ، گور تنهنجو.

    ٿئي شل اسان جو ”سنگم“ يار دنيا،
    مِثالي هجي سو ملڻ، حُور تنهنجو.



    (2)
    غزل

    بارش ڪَکائون گهر،ڪيرايو آ،
    هارِيءَ ڀڄِي ٻچڙن، بچايو آ!

    ٻڪرِي ڪُتو هيٺان، اچي ڪاٺن،
    چُپِجِي ساهه ڪڪڙن، وڃايو آ !

    ڪاتر، ڪُتو، غليل، سهن مارِي ،
    گَسَ تي شڪاري ڀي گهٽ، لڳايو آ!

    واڳو جهلي تارُو، سيرَ مان ٿو،
    هرڻِيءَ شينهن کان ڪِٿ، ڇڏايو آ !

    جنگ جو نه ڪو مون کان، عقل جانور،
    ڏاڍو گِداڙيءَ پُٽ، پڏايو آ.

    ٻوڙيءَ سرن اُڻيو، گونسلو هو،
    جھولو هوا جنهنجو، لُڏايو آ.

    ڪانگل تڙي ڪوئل، ”سنگم“ وڻ تان ،
    گهر ڇو ؟ ڪنڊن جو تو، ڦٻايو آ!



    (3)
    وائي

    بهار گُذرندِي رهي.
    گُلَ ڇڻندا رهيا!

    آڙهنگ تَتو جي هُيو،
    خزان اُسرندِي رهي.
    گُلَ ڇڻندا رهيا!

    رُڃ اُڏريون رکون،
    هوا پسرندِي رهي.
    گُلَ ڇڻندا رهيا!

    رات گُگهيلِيءَ منجهان،
    چاندنِي اُڀرندِي رهي.
    گُلَ ڇڻندا رهيا!

    تون نه آئين جي ”سنگم“
    ڏات رُوئندِي رهي.
    گُلَ ڇڻندا رهيا!


    (ٻ)

    (ٻ)
    غزل

    ٻاري رک ڏيئو، رات ڪارِي تون!
    واچوڙن ورَ کان ، ڏات سارِي تون !

    لوڏي پَنَ ڇاڻي ، جي هوا ٿِي گُلڙا،
    ميڙي رک سا گُلَ، ذات کارِي تون !

    لهرن وچ کيتر، ٿي ڪلا سُڏڪي،
    ڇيڙي سان ڇولِي ، لات هارِي تون !

    نوٽن جي آهي راند ساري هِت،
    تنهنجن جذبن کي مات، ماري تون!

    هٿ جي مُٺ مان جيڪا، وَڃي سِرڪِي،
    دريا جي چمڪڻ ، ڌات وارِي تون!

    توکي رسمن جي ، چُپ لڳي جاهاڻي،
    تنهنجو بند ڇو؟ آ وات آري تون!

    سُورن سان جُڙيو، ”سنگم“ آ تُنهنجو،
    نفرت ڇو ؟ ٻاڙِي، ذات نارِي تون !



    (2)
    وائي

    ٻيڙو پُڄائي تَڙِ!
    پتڻ وٺ پوءِ!

    سوگهو سُکاڻو جهل،
    واري ٻَڌِي ور وڙ.
    پتڻ وٺ پوءِ!

    سِيرن وچان ساري ،
    ڪر تون ڪناري ڪڙ.
    پتڻ وٺ پوءِ!

    پاڻيءَ مَڇيون مانگر،
    کائي وڃن ڇو هڙ ؟
    پتڻ وٺ پوءِ!

    منزل ”سنگم“ سوکِي،
    تڪڙو هلي جو ڀَڙ.
    پتڻ وٺ پوءِ!


    (ڀ)

    (ڀ)
    غزل

    ڀيلاڙ ٿِي زندگي، فصل چيٽَ وانگي!
    ڙاڪون ڪري دريا، سُڪل ٻيٽَ وانگي!

    قسمت اسان جي ٿِي آ، موبائل لوڪل،
    بيڪار سا هاڻي ، ڦِٽل سيٽَ وانگي !

    وڪجي جسم سستو، پيو ضمير ماڻهوءَ،
    بازارَ جِي حسينا، ٻڌل ريٽَ وانگي!

    سنگدل اسان کي ٿو ، چوي يار ڄاڻِي ،
    سو ئي چوڻ مهڻو، لڳل نيٽَ وانگي!

    مڃتا ملي سُهڻي ، سڏي هاڻ توکي،
    آهي سنڌوءُ سان اڄ ، ڏنل ڀيٽَ وانگي!

    دوئي ڪڍو دل مان ، نفرتون وري سڀ،
    وارن پيل چيڙهه ، ڀِڳل ،ميٽَ وانگي!

    دل جو ”سنگم“ خالِي، پيو مدار آهي ،
    دلبر اڃان تولئه سِپل پيٽَ وانگي!



    (2)
    غزل

    ڀڳوان ڪو راضِي ڪري، رحمان ڪو راضِي!
    ڄاڻِي ڪري ويٺس رُڳو، شيطان ڇو؟ راضِي!

    دولت وڻِي نارِي مزا، دُنيا سندا مونکي،
    مُرڪون کسي ڪنهنجون ڪيم، گردان ڪو راضِي!

    تڪبر ڀڃِي مڻڪو ڪجي، جيجل جُهڪِي سجدو،
    هڪ رات جي تڪليفَ جو ، ارمان ڪو راضي!

    هر سال جان موٽي، اچي ٿوماهه جي مقدس
    روزا رکي رب جا ڪجي ، رمضان ڪو راضِي!

    واکاڻ ٿي عالم سخي، ڏاتارَ جِي صورت،
    درَ تي بُکايل جي ڪجي، مهمان ڪو راضِي!

    جيون سندي ساٿيءَ، ڏيو لازم هجن جي حق؟
    خالق سندي کِلوت، رکو فرمان ڪو راضي!

    پينار ٿِي پرچائي ”سنگم“ مخلوق مالڪَ جِي،
    پوءِ ماڻهپو ماڻج، ڪري انسان ڪو راضِي!



    (3)
    وائي

    ڀلاري سنڌ ڀٽائيءَ جي هلي ڏسجي!
    سُهڻي سنڌ ڀلي ڏسجي!

    پتڻ سارا رهن مڏيون هتي مانجهي،
    مُهاڻن هت پلا جهليل ڇلي ڏسجي،
    سُهڻي سنڌ ڀلي ڏسجي!

    سُريلو لاڙ جو لهجو مٺي ٻولي،
    لڳائي دل ملن دل سان ملي ڏسجي،
    سُهڻي سنڌ ڀلي ڏسجي!

    اڃان اوطاقن ۾ خاطر ٿئي ساڳي،
    وِڇايل اُت ڪنبل اجرڪ رلي ڏسجي،
    سُهڻي سنڌ ڀلي ڏسجي!

    بُخاري پير جيلاني ”سنگم“ بُزرگ،
    سوا لک سنڌ سخي قلندر ولي ڏسجي،
    سُهڻي سنڌ ڀلي ڏسجي!


    (ت)

    (ت)
    غزل

    تون ڇڏ لِڪِي ، گُلڙا هڻڻ
    ڪـــوئي ڏسي، ويري ملڻ !

    مُنهنجو ترِيءَ ، نالو لِکــــي،
    تُنهنجو رکــي، چپڙا چُــمڻ!

    چنڊ ٿِي لڳي، پيرن تَرِي،
    گوڏي رکي ، ڇيرون ٻَڌڻ !

    جوڙي سلامت، شل رهي،
    پنهنجو پرين، زندگي رهڻ،

    دنيا ڏسِي، ساري جلي،
    پارڪ ٽنڊو، گڏي گهمڻ،

    دل جو تلاءُ ، گڏجي ترون،
    ڪُندري ٽُٻِي، تو هٿ جهلڻ !

    سوچي ”سنگم“، هاڻي سگهو،
    گُهرجي رُڳو ، هڪ دل ٿيڻ



    (2)
    وائي

    تڻڪي، تند وڄائي راڳي!
    ڀيرو سُر ٻُڌائي مڱڻا.
    ڳائي راڳ راڳي!

    توسان ڀر لڳائي جاڳن ،
    رُوح اندر جيڪي رهڻا.
    ڳائي راڳ راڳي!

    اُڏرِي هُو ٽِمڪڻا ٽِمڪن،
    جُگنو هر رات ٻرڻا.
    ڳائي راڳ راڳي!

    رب جي هل رضا گڏجِي،
    تارِيءَ جنهن تَڳِيءَ تڳڻا.
    ڳائي راڳ راڳي!

    ويندو مڙهه مِٽيءَ هرڪو،
    هٿين خالي ”سنگم“ سکڻا.
    ڳائي راڳ راڳي!


    (ٿ)

    (ٿ)
    غزل

    ٿوهر جوجسم، چِيري ڪنڊا،
    ساوڪ ڇڄ ڳِلون ، جِهيري ڪنڊا !

    جيڪي روز ٿا ، نڪرن ورِي ،
    ڇو ؟ آڪاشَ جي، نِيري ڪنڊا!

    فِرموٽِي ٺهِي، پلڙي منجهان ،
    تو هَٿَ تي وِڌا، هيري ڪنڊا!

    مورا کي مڇي، گندڻي ڀلي،
    دريا جي پلي، کيري ڪنڊا،

    تو جيوت ٻچا، ورتا جهلي،
    سيڙهه ٿي هڻي، تيري ڪنڊا،

    تُنهنجا هِنَ لڳا، اُب هم لفظ،
    مون دل کي ورِي، سِيري ڪنڊا!

    اکين جي ”سنگم“ ڇپرن لِڪِي،
    تو اکين هنيا ، ڦيري ڪنڊا !



    (2)
    وائي

    ٿر جا سُڪا هِن اَڪ!
    لڳي جا لُڪ!

    واريءَ ڀٽن سِرڪِي،
    آهِن اُڏاڻا ڪک،
    لڳي جا لُڪ!

    پاڻيءَ اُڃارا ٿر،
    جيوت مرن ٿا بُک،
    لڳي جا لُڪ!

    ڪوراڙيون ماڻهن،
    کائن ڪري سي ڊُڪ،
    لڳي جا لُڪ!

    ڏاهي ”سنگم“ جيجل،
    ڏاڍا ڏسي ٿي ڏُک،
    لڳي جا لُڪ!


    (ٽ)

    (ٽ)
    غزل

    ٽِڪِي دل تي رهن يادون، اڃان تائين ،
    پرين توسان مُلاقاتون ، اڃان تائين!

    صبر دل کي اچي اکين ، نَه ڪا ننڍ ٿِي،
    پيون جاڳن تڪي راتون ، اڃان تائين !

    اڱڻ وڻ تي هُئا ويٺل ، پکي سارا،
    ڪيون تن پي ورِي لاتون، اڃان تائين!

    چون جِي جِي سداعاشق، کِلِي سُهڻن،
    ٻُڌن تن ٻوڏ ٿا واتون ، اڃان تائين !

    زبان سان ڀل تڙي ڏيندا ، رهن پنهنجا،
    پراون کان ملن ماتون، اڃان تائين !

    اسان کان پوءِ پيو روندي، ڏسي جي گس،
    وري هيڪل وجِهي جهاتون، اڃان تائين !

    عشق آغوش ٿا پلجن، ”سنگم“ شاعر،
    وري پُڇندين اِهو ڇا تون؟ اڃان تائين!



    (2)
    وائي

    ٽڪن ٽوپي گُلن اجرڪ،
    سنڌي ماڻهو!

    سچا هيرا صفا سُهڻا،
    لڳن جيڪي سندا زمرڪ،
    سنڌي ماڻهو!

    اچو قلندر سوين پانڌي،
    ٻُڪن پاڻي پين تبرڪ،
    سنڌي ماڻهو!

    مٽر مُڱ دال جا عادي،
    لُلر ڄانڀي وجھن ادرڪ،
    سنڌي ماڻهو!

    سڃاڻپ ٿي ”سنگم“ سنڌ جي،
    ڏسو عالم سڄي مشرق،
    سنڌي ماڻهو!


    (ٺ)

    (ٺ)
    غزل

    ٺاهي مِٽيءَ ماڻهو ڏِني، انسان جِي صُورت!
    مخلوق کي اشرف ڪري ، احسان جِي صُورت!

    موسى گُهري موڪل، ملائي طُور سينا تي ،
    ڏيکار سگهو مونکي ، ڌڻِيءَ رحمان جِي صُورت!

    نُصرت ڪَئِي مالڪ، اچِي مڱڻي سندي دُنيا،
    واپس وٺي اُن کي ويو، مهمان جِي صُورت!

    ڇيرو ن ٻَڌي ڪنٺا، وجهي گيڙوءَ رتا ڪپڙا،
    راضي ڪري رب کي پيو، ڀڳوان جِي صُورت!

    چهرو مٽي رونڪ ، وئي دل ميرسان ڀرجي،
    سائي لڳي هاڻي، هڙو هُن مان جِي صُورت!

    ڌرتيءُ رهي دهريا، انڪار ڇو رب کان؟
    رهندي نه خنزيري، توخان جِي صُورت!

    حاجت روان سڀ جو صرف ، الله ”سنگم“ آهي
    کولي ڏسو آيت رُڪوع ، قرآن جِي صُورت !



    (2)
    وائي

    ٺوٺا چٻاڙي، ڍور بُکيو!
    ٿر جيارو ڙي!

    جوڳي مُرليون، نانگ پويان،
    ڳولي نڀاڳو، نور بُکيو!
    ٿر جيارو ڙي!

    *ڍولير ٻولي، ڪلر ڪاري ،
    وارِيءَ اُڃارو ، مور بُکيو!
    ٿر جيارو ڙي!

    غريب کسي ڪو، جيئڻ جو حق،
    بيوس ڪري ٿو، شور بُکيو!
    ٿر جيارو ڙي!

    توکان گُهري ٿو ”سنگم“ توکي،
    هاڪار زيرِ آ، غور بُکيو !
    ٿر جيارو ڙي!


    (ث)

    (ث)
    غزل

    ثوابن کان گُناهن جِي ، گهڻائِي دوست،
    کڻي جي لِسٽ مون پنهنجي، ڳڻائِي دوست!

    ڪرڻ انسان جي خدمت ، رُڪوع سجدا هِتِ،
    وڃي تبليغ ڇو ٿوتون ؟ وڻائِي دوست !

    وڻي تو ڪين ٿِي پنهنجِي، حيا وارِي لَڄَ،
    ڏسِي ڇو زال ڌارِي ؟ڪنڌ ڌُڻائِي دوست!

    رکي نڪ تي سندا ڪاوڙ، هجي ٿي سُهڻي،
    چئي ڇاڇا؟ پيو هو ڀُڻ، ڀُڻائي دوست!

    ڏئي رت ريج لڙڪن جو، ٻني پوکي سا،
    لُڻي سورن ڀري سر تي ، کڻائي دوست!

    چوڻ سچ تي ڪنڊن اُڇلي، جيان ٿرڄائي،
    زبان تي سا مُهرَ تازِي، هڻائِي دوست!

    کڻي کارِي مَيارن گُل ، ”سنگم“ در آيو،
    رکِي دل جِي چپن مُرلِي ، سُڻائِي دوست!



    (2)
    وائي

    ثابت قومي ڪريو گھڻائي!
    آدم شُماريءَ ۾!

    گھر گھر سربراهه سڀ لِکايو،
    پنهنجن ساري ٻارن ڳڻائي،
    آدم شُماريءَ ۾!

    راڻو راڻي ڪارڊ بنان ڪو،
    رهجي ڇو ٿي؟ ڪا سنڌ ڄڻائي،
    آدم شُماريءَ ۾!

    سنڌ جا رهندڙ سنڌ جا سڏايو،
    گڏجي اوهان ڄڻ سگھه بڻائي،
    آدم شُماريءَ ۾!

    قومي جاڳرتا موهم ”سنگم“ اڄ،
    لکجي ٻولي سنڌ جي سڻائي،
    آدم شُماريءَ ۾!


    (پ)

    (پ)
    غزل

    پڪل پوکون ڇڏي سرڙا، وڃن جِت ٿا پکي واپس!
    ورڻ تن جو ورِي مُشڪل، اچن ڪِٿ ٿا پکي واپس!

    ٻُڌڻ جهرڪن سندي ٻولِي، اڱڻ وڻ تان اچي ساڳِي،
    پرهه ڪڻ ڇن پُڪارون اڄ، ورن وِٿ ٿا پکي واپس!

    چُڳي پيرون مِٺِي مَڪَ تي، ڪرڻ چِرچِر وڻي وَهِيَنِ،
    ڏيڻ ڦيرا ڪبوترجا ، گهرن گِت ٿا پکي واپس!

    رهن راهي رُڳو رڻ جون ، خِلا ڪونجون قطارن سي،
    لڳن کائڻ *ظُراتن کي ڪِرن رِت ٿا پکي واپس!

    ٻڌل پڃري تتر طوطو، ڀڄڻ جا وجهه پيو ڳولي،
    لڳي تاڙي رڳو هٿڙن، ڀڄن ڀِت ٿا پکي واپس!

    رهي جھيڙو هتي جيءَ سان، ڏسو هر ساهه تي سختي،
    ڪٿي مورن اُهي ڪوڪون، رهن تِت ٿا پکي واپس!

    سفر دُنوِي ”سنگم“ پورو، ٿيڻ تي بس اجهو هاڻي،
    محل واپس اچي ڀونئرن ، ڏِسن ڇِت ٿا پکي واپس!

    (2)
    وائي

    پڙهي پيو ٻار،
    بيت ڀٽائيءَ جا!

    سرکا چوي اکر،
    سِمَي ٽي سُر تار،
    بيت ڀٽائيءَ جا!

    ٻوليءَ پيو پنهنجيءَ،
    آڻي اُتم اُچار،
    بيت ڀٽائيءَ جا!

    وايون ٻُڌائي ور،
    مارن وري وڻ جهار،
    بيت ڀٽائيءَ جا!

    سنڌ جو ”سنگم“ پُختو،
    هرڪو ٻچو هوشيار،
    بيت ڀٽائيءَ جا!


    (ج)

    (ج)
    غزل

    جُگنو جاڳي ، سارِي رات!
    دل جي بتڙي، ٻاري رات!

    هلندي پيرن ، رڻ تون جهاڳ،
    ڄڻ ويهاڻي، ڪارِي رات!

    پاڻي واري، ٻارا ڀرڻ،
    ٿڪبو ناهي، هارِي رات!

    وسرِي ڌڻ رِڍ ، جا ڌراڙن،
    ٻڪري بگهڙن ،مارِي رات!

    چپجي کائي، ڪارو نانگ،
    جوڳيء پيرن، کاري رات!

    چورن جِي ٿِي ، چاٽِي نيٺ،
    ڀاڳن ڦُرجي، نارِي رات!

    پنهنجو سهڻي ٿيندو ”سنگم“،
    چنڊ جي ڀاڳن، واري رات!



    (2)
    وائي

    جنڊڙيءَ ڏري ساريون،
    لا! جنهن، سُپَ ۾ تاريون،
    کِلندي هارياڻي!

    چانورَ ننگهه ۾ وجهندي،
    مُهريون مٿان واريون،
    کِلندي هارياڻي!

    سورج مُکي گُلَ پَٽي،
    ڪانڀا ڀري کاريون،
    کِلندي هارياڻي!

    ٽانڊي سنگهن سيڪي،
    آڀون پَٽي ٽاريون،
    کِلندي هارياڻي!

    تِرن ڳُڙ، ڳهيلا ”سنگم“،
    ٽُڪيون ٽُڪي ٺاريون،
    کِلندي هارياڻي!


    (ڄ)

    (ڄ)
    غزل

    ڄڻي جيجل غني اهڙو، *عبدالستار مُشڪل اڄ!
    اچن دُنيا ولِي واپس، سخي ڏاتار مُشڪل اڄ!

    لڳل گولِي هُجن زخمي، بچائڻ هنجهه کڻي ماڻهو،
    غُسل لاشن ڪفن ڏولِي، ڪرڻ تِن تار مُشڪل اڄ!

    غريبن کي سڏي جوڙا، بُکايل کي ڏيڻ کاڌو،
    وڃِي بيمار جي گهر ڪو، پڇڻ سنسار مُشڪل اڄ!

    صبر هو سادگِي هُنَ وَٽ، وڳو ڪارو ڪئي سالون،
    رَکِي بُکيو پيٽ پنهنجو ، ڏيڻ ڏاڪار مُشڪل اڄ!

    اڃان دنيا ۾ ايمبولينس هلي ٿي ايڌيءُ سروس،
    پني فقرا ڪيو صدقو ڪري سردار مُشڪل اڄ!

    ڪري هجرت اچي سنڌ جو، سڏايو جنهن سنڌي ماڻهو،
    فِڪر هِن قوم کي آهي، ملڻ سويار مشڪل اڄ!

    گهڻا سڪندر هُئا حاتم، ويا سارا هٿن خالي،
    کڻي ڪو سر ”سنگم“ ويندو، پڳون دستار مُشڪل اڄ!


    (2)
    وائي

    ڄاڃي اچن ٿا گهر،
    دُهل ته وڄايو در،
    ڏسي جيجل!

    سهرا اڱڻ تي اڄ،
    ذرذر ته ڳايو ذر،
    ڏسي جيجل!

    ڀائر چڱا ڳڏجِي،
    پٽڪي ورايو ور،
    ڏسي جيجل!

    گاڏِيءَ سجائي گُل،
    سرگس گُهمايو تر،
    ڏسي جيجل!

    لانئون ”سنگم“ سُهڙل،
    لهندو ونيءَ سان ور،
    ڏسي جيجل!


    (جهه)

    (جهه)
    غزل

    جهلِي ڀوڳن ونِي ورَ جا ، وري کِلندي!
    ڀڳِي ٻانهن منجهان هر هر، ڪري هلندي!

    رکِي جيون ڏنا ساٿِيءَ ، ٻُڪن ڳلڙا،
    چپن سان گڏ چُمي زُلفن، سري لُڏندِي!

    رهي ٻن جي نه ڪو وچ تي رسم پڙدو،
    حجابن ڀِتِ نه ئِي درڪو! درِي لڳندي!

    مڃي ڀڳوان ٿِي نارِي ، مُڙس پنهنجو،
    ڇڏي تڪبر ڪري پوڄا، پري جُهڪندِي!

    هلي واهڻ ڏسون وستي، شهر سارا،
    ڀلاري سنڌ سُڳنڌ سهڻي، ٺري گُھمندي!

    سدا قائم رهي دُنيا، هتي ساڳِي اڃان،
    ڪندڙ محبت هجن دل سان ذري رکندي!

    چٽو نالو لکي هٿ تي، ”سنگم“ منهنجو،
    لِڪايو هو صنم مون کان، ترِي چُمندي!



    (2)
    وائي

    جهوليءَ وڌا کلندي چانور،
    راڻيءَ ڪندي درتي ماڻا،
    چانور داڻا !

    جوڳيءَ وئي مُرلي وسري،
    دل جي پئي رِ سڪي پاڻا،
    چانور داڻا !

    مومل ڪٿي هڪڙي هڪڙي،
    موهي سوين راجا راڻا،
    چانور داڻا !

    سهڻي اچي ميهر خاطر،
    دريا هتي اُڪري هاڻا،
    چانور داڻا !

    پنهنجو ”سنگم“ ڏسندي ماڻهو،
    پسري ڪئي پوندا خاڻا،
    چانور داڻا !


    (ڃ)

    (ڃ)
    غزل

    ڃوڃڻ محبت سندا، ڇو ڇِنون؟
    آهن دل سان ٻڌل، ٻنڌ ٻنون!

    دلبر ٿو گھر وڃڻ، جي ڪري،
    مونکي هيڪل ڇڏي، اڌ رُنون!

    ايڏو روئي نه وڃ، تون پرين،
    ڪوئي چولو ڏسي، تو ڀِنون!

    ڳڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ اي چري،
    ٿينداسين تون وني، مان ونون!

    بد روحن جي نظر، ٿي لڳي،
    وارن کولي نه هل، ڇٽ گھنون!

    چنڊ راتون ڇو کسي؟ ٿو وٺي ،
    سورن جو هر ڪڍي، سج ڪنون!

    توسان پنهنجو ”سنگم“ ٿو لِکان،
    مونکي آڻي قلم، ڏي پنون!



    (2)
    وائي

    *ڃوڃڻ ڇِن پيرن،
    ٻول ته ٻاڙو سچ،
    ڪوڙن لڳي مچ!

    سارا لنگهه پنجوڙن،
    رسيون ٽوڙي رڇ،
    ڪوڙن لڳي مچ!

    دهشت سامهون تون ،
    سينو تاڻي اچ،
    ڪوڙن لڳي مچ!

    ڊينگهر سارا گسَ،
    پورن ٻارج ڳچ،
    ڪوڙن لڳي مچ!

    گُهنگھرو ”سنگم“ پائي،
    سچ ته بيٺو نچ،
    ڪوڙن لڳي مچ!


    (چ)

    (چ)
    غزل

    چڻا وڪڻي وٺِي ٻالڪ، اٽو آيو!
    مٿي تي گهر کڻي چانور، ڪٽو آيو!

    گتا ميڙي ربڙ ٽڪڙا ، ڏئي پڙ تي ،
    بچائي ڪاٺيون ٻارڻ، ڦٽو آيو!

    هنڍا هوٽل ملي ٻانهون، پيون ٿڪجي،
    گندو پاڻي ڪڍي گٽرن، فِٽو آيو!

    اُتر سيءَ سامهون، ايندي ڪُتن کي هو،
    اڪيلو رات گلين مان، ٽُٽو آيو!

    هڻي جهاڙو وڏاڻي گهر، اڳڻ پوچو،
    وٺي جيجل پُراڻو هُو، لٽو آيو!

    قدر جي رات پاڙي مان ، پِنِي لولا،
    ڪُڪڙ ٻوڙون ڀري ٿيلي، وٽو آيو!

    عيدَ ڇورن ”سنگم“ ڪهڙِي، وڳو ڪهڙو،
    ابي جي اوٽ کان وانجهيل، کُٽو آيو!



    (2)
    وائي

    چوٽيءَ ٻڌي گُل پڻيون!
    ڇوريون وڃن ڪاليج!

    سينگار ساراجن کي،
    وارن ڏئي سڀ ڦڻيون،
    ڇوريون وڃن ڪاليج!

    ٽولا ڪري ڇهه ست،
    ٽي چار ٿي پنج ڄڻيون،
    ڇوريون وڃن ڪاليج!

    ويندي وري ڪي ايندي،
    دل کي هيون سي وڻيون،
    ڇوريون وڃن ڪاليج!

    پوتر ”سنگم“ جزباتن،
    ڪومل ڪلِي پد مڻيون،
    ڇوريون وڃن ڪاليج!


    (ڇ)

    (ڇ)
    غزل

    ڇڏي يادون رڳو تو وٽ، رُسامڻ تي پکي ڄڻ ڪو،
    خِلا برزخ هڻي پرڙا، اُڏامڻ تي پکي اُڻ ڪو!

    ڏسي ٿو ٽڪ ٻڌِي توکي، يڪي ساهي پيو سِڪ مان،
    ملڻ مُشڪل وڳر ٿيندو، ٽُٽامڻ تي پکِي رِڻ ڪو!

    ٻري جيڪو پيو ڏيئڙو، اوٽ تُنهنجِي اڄوڪو پل،
    هوا بارش لڳن کنوڻون ، پُسامڻ تي پکِي پڻ ڪو !

    ٿيا چوڻا چُڳڻ پُورا، ڪرڻ چُوچون چمن تي اڄ،
    ويا ڳارا ڏيڻ وسرِي، ٺُڪامڻ تي پکي ڪڻ ڪو!

    هٿن چوڳو چُڻا يو تو، ٻُڪن پاڻي جھلي جنهنکي،
    چُنجل ساهير ڪئين وسري، چُڳا مڻ تي پکي چُڻ ڪو!

    هڏن پڃري دري کولِي، اچي دربان آخر اڄ،
    وڃڻ جو وجهه ويو مِلجي، هلامڻ تي پکي هڻ ڪو!

    چُڪي پاڻِيءَ گهرڻ جو وس، وٽان جنهن جي”سنگم“ ويئڙو،
    ڇڄڻ تي تند رهي باقِي، وُسامڻ تي پکي وڻ ڪو!



    (2)
    وائي

    ڇو ٿي؟ پئي دل بي چئي،
    هاڻي وري!

    جهليان پيو جنهن کي پرين،
    توکان سگهي جيڪا رهي،
    هاڻي وري!

    جاٿي ڏکاري روز ٿي،
    سوچي سڄڻ تنهنجو سهي،
    هاڻي وري!

    عادت سندا مجبور سڀ،
    سهڻا وڃن سُڌمان ڏئي
    هاڻي وري!

    اکيون ”سنگم“ روئن پيون،
    گڏ پاڻ ٿي سڏڪي پئي،
    هاڻي وري!




    (ح)
    غزل

    حق تي لڳن هر روز ٿا، ڌاڙا نوان،
    غيرن گھڙي ورتا، گهاڙا نوان!

    باعزت ٿيندي ٿا ڏسون، بي عزت هِت،
    رهزن هڻي ويٺو هتي، واڙا نوان!

    فورو ڪري هِن ديس کي، بدنام ٿو،
    ليڊر هڻي ڊاڙون ڪري، لاڙا نوان!

    رشوت وٺي هرهڪ ادارو ٿو اڃان،
    وڌجن پيا اگهه تيل جا، ڀاڙا نوان!

    مذهب ٿيو سولو مٽڻ، هر قوم لاءِ،
    ماڻهو مٽي ذاتون ٿيا، پاڙا نوان!

    تنهنجو اسان سان ڇو ”سنگم“؟ ٿيندو اڙي،
    سنڌ جي نه ڪُک مان غيرتون، ناڙا نوان!



    (2)
    وائي

    حاجت روان سڀ جو سُٺو ،
    الله ڌڻي!

    روزي رزق هر هڪ ملي،
    مشڪل ڪُشا احهڙو مٺو،
    الله ڌڻي!

    ڄاڻي غير الله گُهري،
    مالڪ ڏيڻ وارو، وٺو،
    الله ڌڻي!

    قبرن ڪري سجدا ، هڏن ،
    جهنم وڃن جن سان ، رُٺو،
    الله ڌڻي!

    قرئت ڪندي، قارِي ”سنگم“،
    مُصلي مٿان روئندي ، ڏٺو،
    الله ڌڻي!


    (خ)

    (خ)
    غزل

    خبر ڇاتي؟ رُٺو ٿا ٻار ، پرچايون!
    ڏئي ٽافِي سِڪو کي ٽار ، پرچايون!

    انگل ارڏن کڻي سِرَ تي، اسين سارا،
    ڪري منٿون پيا جي يار، پرچايون!

    اسان سان بي وفائي جو، ڪري دوست،
    پيا اُنَ کي وري هربار، پرچايون !

    لڪائي لُڙڪ ٿا پنهنجا، کِـلايون جڳ،
    ڪري سُر شاعري غمدار، پرچايون!

    نچايو نيهن جي مونکي، ٻڌي گُھنگھرو،
    ڏئي فيرا گُروءَ گِـرنار، پرچايون.

    الائي ڇا؟ پيو سهڻو ڪري ڀُڻ ڀُڻ،
    ٻُڌي وڌ گھٽ وڏي ٿا گار، پرچايون.

    اسان جو ٿي ويو آهي، ”سنگم“ جنهن سان،
    وڃي درَ تي سڄڻ سرڪار، پرچايون !



    (2)

    وائي

    خير جي خبر شل اچي!
    ٽي وي تي ڏٺم!

    بم لڳن جتي گوليون،
    ڪو وري ڪٿي ٿي بچي،
    ٽي وي تي ڏٺم!

    ڪارنهن قتل ٿي وني،
    ڏنڊ ڏني وئي ڪا ڪچي،
    ٽي وي تي ڏٺم!

    ٿو کڄي سري عام ڪو،
    پيءَ پيو جلي ڪو پچي،
    ٽي وي تي ڏٺم!

    ڇو؟ ”سنگم“ جُڙي ٿو ٽُٽي،
    رِيت جي پيا سون ڏچي،
    ٽي وي تي ڏٺم!


    (د)

    (د)
    غزل

    درس گاهن ادب واري ، ادارن سان هلو گڏجِي،
    سنگت سنڌ ڏي وڌائي وک، وقارن سان هلو گڏجي!

    سنڌو حرفِي لکِي مشڪور ٻاونجهاهه اکر تي نج،
    بيت ڪافِي ، گيت وايون، سچارن سان هلو گڏجِي!

    امر جليل سچا صُوفِي، عزم وارا اڃان ماڻهو،
    سنڌي ٻوليءَ سندا وارث، سنگهارن سان هلوگڏجي!

    ٽِکڙ وڻ جي ڦُٽا ٽارِيءَ ، حُسيني، تاج گُل، آڪاش، !
    جِندو، وِيران ، هُدى، نُورل نثارن ، سان هلو گڏجي!

    علم پرچار جي سنڌ کي ، ضرورت آ گھڻي هاڻي،
    پرائڻ تعليم لاءِ سڀ، سگهارن سان هلو گڏجي!

    وطن سنڌ جو نه وانجھل ڪو، هنر کان هِت رهي واسي،
    مڃائڻ پاڻ کي دنيا، مهارن سان هلو گڏجي.

    مشق جارِ ي سُخن رکجان، قلم سان جنگ ”سنگم“ جوٽي،
    اناالحق جو هڻي نعرو، هزارن سان هلو گڏجي!



    (2)
    وائي

    در ڀِٽَ ڌڻِيءَ زيارت جا، ڪندي ڇورِي،
    گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!

    چادر چُمي وليءَ جِي هُن، گُهرِي دُعا،
    لوڏي پئِي اُتي پينگهو، جهلي ڏُورِي!
    گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!

    نفرت ڪَنا، مٿانهين سنڌ اسان جي ربّ،
    ڪريو مهر جنهن تي مولا، ذرا ٿوري !
    گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!

    ڪوسو نه واءُ لڳي ڪڏهن، وري شل تن،
    سنڌ سورمن سندي جيجل، لڳي لوري.
    گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!

    تهذيب جا سنڌي ٽوپِي، ”سنگم“ اجرڪ،
    وارث سنڌي رکي هلندا، عمر پُورِي !
    گُهري سنڌ جو، امن ڀُوري!


    (ڌ)

    (ڌ)
    غزل

    ڌڻي سُڃاڻي ٿو ڪُتو!
    رکي پراون جو پَتو!

    ڌڻيءَ ڪري پيرن پوي،
    وڃڻ مهل گهر مان ڇِتو!

    ڌڻيءَ ڪنان هت بي خبر،
    اڃان ٿيو ڇو؟ ٿا وَتو!

    ٿري هلن پيرن نگا،
    ڀٽن، ڀرم جن جو بتو!

    زِنا ورن کان بدترن،
    ٿيو هتي ماڻهو لِتو!

    ضمير کي لالچ لڳو،
    زنگن هتي زهري پِتو!

    ٽُٻِي ”سنگم“ ڳولين ڌُوڙ
    ڪٿي پيو تون رب سَتو!



    (2)
    وائي

    ڌيءَ پرڻِي وڃي پر!
    روئِي رڙِي جا در!
    ڇڏي گهرپِيءَ جو.

    اُٺ پاکڙي ويهي،
    کوهن اُڃاري جر!
    ڇڏي گهرپِيءَ جو.

    بيوس بُکارِي اڄ،
    ٿر جي ڀٽن تان تر!
    ڇڏي گهرپِيءَ جو.

    ڌڻ سرتيون ساري ،
    ڊيلون چوئنرا چر!
    ڇڏي گهرپِيءَ جو.

    جوڙي ”سنگم“ نارِي،
    پويان وڃي ٿِي ور!
    ڇڏي گهرپِيءَ جو.


    (ڏ)

    (ڏ)
    غزل

    ڏُکاري سنڌ رُني جيجل، نماڻي اڄ،
    وهن نيرون رُڳو رت جون ، ڪُماڻي اڄ!

    سبب سُورن پُڇي ڪوئي، حَلالِي پُٽ،
    لتاڙِي سينڌ سُرماڻي، سُڄاڻي اڄ!

    ڇنو، ڏاوڻ ڊڀن نوڙي، ڳچيءَ ما ڳٽ،
    ٽياسن تي جهلي نارِي ٽنگاڻي اڄ!

    اڃان جاڳي نه ٿي غيرت ، اسانجِي ڇو؟
    ڏسون اکين ڀڃي گوڏا، پڄاڻِي اڄ!

    ڄڻي ڌارڻ هتي دُشمن، رڳو سنڌ جا،
    سسي سوئر جھلي، ڀڃجو بُجاڻي اڄ!

    کڻي دودي هٿن تلوار، هِشمت سان،
    ڪري ڏيکاريو، واڄٽ وڄاڻي اڄ!

    سنڌو ڌرتي ”سنگم“ ٻولي سُڃاڻپ سنڌ،
    شروع سنڌ کان ختم سنڌ تي، ڪهاڻِي اڄ!


    (ڊ)

    (ڊ)
    غزل

    ڊنڍ پاڻيءَ مان، ميڙي ڪوڏ!
    پاڻ وڙهايا ،ترين توڏ!

    ڪوڏين ڪُڏندي، ڇيڇل راند،
    تو چلهر ، مون ڌاڻي دوڏ!

    سڏَ مٺن تُنهنجن تي، جِيءُ چيم،
    تو ته ڏِني مونکي ، ٻاڙي ٻوڏ!

    ٻڪرين چاري، پلڙن ٽار،
    ٻٻُر لُڏياسين ، گڏجي لوڏ!

    ها هڻي ويٺس، هاڻي هام،
    دل ٻڌي توتي، دلبر هوڏ!

    سيءَ سياري جي آهي رات،
    ڪاٺيون چونڊي هلجن ڇوڏ!

    شام واٽر مان ، گڏجي ”سنگم“،
    جامَ جهلياسين پوپر پوڏ!


    (ڍ)

    (ڍ)
    غزل

    ڍولڻِي وَڻِي وئِي آهين!
    اک ڪنڊو هَڻِي وئِي آهين!

    چپن تي پيو وساريان پر،
    دل اندر ڳڻِي وَئِي آهين !

    من اُڇلَ ۾ ، چند ٽهڪ داڻا،
    ڇو چِڻِي چُڻِي وئِي آهين ؟

    اکڙيون ڏسن اڃان سي گَس،
    پير جت کڻِي وئِي آهين !

    کوڙ هتي هيون، حسينا تون؟
    لک منجهان ڌُڻي وئِي آهين!

    ڪن ڏئي لڪل سندي دل جو،
    راز رن سُڻِي وئِي آهين!

    چيٽ پوءِ ٿيو ”سنگم“ ناهي،
    جا ڪَتِي لُڻِي وَئِي آهين !


    (ذ)

    (ذ)
    غزل

    ذِڪر رب جو زُبان جارِي ، رکو يارا!
    ڪري صوفي ويا بزرگ، وَلي سارا!

    نفس نانگو ٻڌو جن پيٽ، جو لانگو،
    ويا تن مقبرا اڏجي، چمڪ وارا!

    وٺو عبرت وڃو ڪانڌِي، جنازي سان،
    دفن ڌرتيءَ ڪري تون مون، اچن پارا!

    گهرو قبرن ڪنا ڇا ٿا ، ڏِسِي واسِي؟
    مٽِيءَ جا ڍير سي آهن، ڪلر ڪارا!

    حقوالڪل حق پڇو ويندو، عبادت اُت،
    رنجايون هِت اسان پاڙو، ڪري مارا.

    رکي هل خوف رب جو ڙي، ڏسي پٽ تي،
    لتاڙين ڇو؟ پيو جيوت زمين تارا.

    وساري ڇو طيب ڪلمون، ”سنگم“ ويٺان،
    پڇو سو آخرت ويندو، قبر ڌارا!


    (ر)

    (ر)
    غزل

    رکڻ مُسلم ڏاڙهي ، بار ڏس لڳي،
    اچڻ ڪاري پوءِ اڇي، کار ڏس لڳي!

    وچن عورت ٿِي ڪري، هٿ رکي سينڌ،
    ڏئي مردن ڏاڙهي، پار ڏس لڳي!

    ڪري چهرو نُور ٿِي ، عزت پڻ اُتم،
    حسن يوسفَ اکڙين ، ٺار ڏس لڳي!

    رکي محبت جو نبيءَ سان سچي اِهو،
    ڌڻيءَ رب کي سو ته، دلدار ڏس لڳي!

    ٻُهارو ڄڻ ٻوُٿَ کي، ريزرِي هڻِي،
    لُڌڙ پاڻيءَ ڪو تنجڻ ٻار ڏس لڳي!

    حُڪم مالڪ جي پيو، روز جو فري،
    نڀاڳو نا سُور سَو، نار ڏس لڳي.

    سُنت لازم جا رسولِي ، رکڻ ”سنگم“،
    سُڃاڻپ مومن گلي ، هار ڏس لڳي!



    (2)
    غزل

    رُکا سڏ تو لڳا مونکي ، چٿر وانگي،
    لکي شاعر نئون ڪوئي ، نثر وانگي!

    ڪري ڀوڳن رقيبن جي ، ورِي اڳيان ،
    رُٺي مون کان هئي سهڻي ثمر وانگي!

    پني تي پينسل سان لکي مومل،
    هنيا گُل تو هُئا اُڇلي، پٿر وانگي!

    اشارن تي هلايو تو، هڻي چپٽي،
    قبولي ٻار جان ورتم، اثر وانگي!

    سچي ڳالهه وڻي گهرَ جي،نه ڪنهن ماڻهوءَ،
    وڃي ڇنبڙي پيو هرڪو ، ککر وانگي!

    ڪَٽي جيون پيو وڻ کي، وقت واڍو،
    سُڪل ول مالهي هاڻي، قطر وانگي!

    سهڻ سُورن بڻي عادت، ”سنگم“ آهي،
    کينو ڏُکڙن سڱن تي آ، ٻڪر وانگي!


    (ڙ)

    (ڙ)
    غزل

    *ڙاڪ جا دل ٻيٽ تي آ، پئي هاڻي،
    تو چيا جي لفظ مونکي ، تنهن ٽاڻي،

    بي رُخي، توکي نه ايڏي، جُڳائي ير،
    خاڪسارن ڪري ڪاوڙ، طنز اک تاڻي!

    سُور سو ناسُور ٻيهر، ٿيو تازو،
    تن تپايو ڇو وري ؟ ان کڻي کاڻي!

    عزت موٽي جي سڪن ها، ملي ساڳي،
    سونَ هيرا سا ڏئي ها، وٺان ناڻي!

    هڪ هڪاڻي ڇو؟ ڪري ٿو وڃي مون سان،
    تن وري پيرن هٽي، تو ڌڻي آڻي!

    اُٺ چري هر وڻ وڃي، نم هجي يان اڪ،
    ڄار ٻُٻرن سان ٻڌل، ڀل هجي لاڻي!

    يار موٽي ڪونه اچبو، ”سنگم“ در تو،
    گهر هُجي شيشي سندو يا، محل راڻي!


    (2)
    وائي

    ڙاڪون سنڌوءَ جي ڪپ!
    وڻ ڀي سُڪي ڇوڏا!
    ٿيا هاڻي!

    لڳيون لُڪون آهن،
    ٿوهر کِپون ٿوڏا،
    ٿيا هاڻي!

    جهاڳي ڀِٽون واريءَ،
    هيڻا هلي توڏا،
    ٿيا هاڻي!

    بکيو سُتو هاري،
    ڀرپيٽ جا گوڏا،
    ٿيا هاڻي!

    سُهڻي ”سنگم“ سنڌ کي،
    هر طرف کان لوڏا،
    ٿيا هاڻي!


    (ز)

    (ز)
    غزل

    زال چهري وارَ ڪريل، هٽائي ور،
    پيو پينگهي سُتل جِي ننڊ ، ڦٽائي ور!

    چُمڻ رُخسار، پي جُوڻس ، ڏٺا ٻارن،
    اها ڳالهه ڪري ڀوڳن، نٽائي ور!

    جوان جذبا رهن تازا، جيان وڻ جي،
    فُٽن پريت پيارا گُل، پٽائي ور!

    اسي سالن جنم ڏينهڙو ، ڪري تازو،
    اڱڻ ساري پيو گُلڙا، ڇٽائي ور!

    وٺي سو عيد جا ڪپڙا، ڏئي درزيءَ،
    ڪڙائي ڀرت تي ڪُڙتو، چِٽائي ور!

    ٽنڊو پارڪ ڇٻر ويهي، ڪڍي ڦوٽا،
    پيو ور، ور نوان، جوڙا مٽائي ور!

    عمر جِي حَدَ سندو پابند، نه ڪو ماڻهو،
    سندا دُنيا ”سنگم“ رنگڙا، مَٽائي ور!



    (2)
    وائي

    زُلف ريشم وڻِي، مهڪڻ حناء مونکي.
    سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!

    ڪندي واکاڻ دلبر ڇو؟ زبان ٿڪجي،
    چپن تي تازگي ساڳي، ثناء مونکي!
    سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!

    سڳو سائو ٻَڌو ساڄِيءَ ڪرائِي تو،
    وڳو ڪارو وڻِي اجرڪ اڃان مونکي !
    سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!

    ڏسن اکيون پيون توکي، سندا گھوري،
    ملي راحت پئي دل تو ڪنان مونکي!
    سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!

    جسم هڪ ٿِي رهون ، يڪسان ، ”سنگم“ هاڻي،
    اچي صد بار، هنجهه تُنهنجي، فنا مونکي !
    سڄڻ ٻانهُنِ، پناهه مونکي!


    (س)

    (س)
    غزل

    سوا سڄڻن ڪجن عيدون، ڪرڻ مُشڪل، قريبن آ،
    هڻي مهندي رنگڻ هٿڙا، روايت سا، رقيبن آ!

    سبب ڪهڙي لڳن ڏينهڙا، خبر ناهي، ڌڻِي ڄاڻي،
    وڌِي وهمن ڪيا گهيرا، مُنجهايو من، مُجيبن آ!

    ڏُکن ڏاري ڦَٽِي دلڙِي، وهن اشڪن ڀري اکيون ،
    ڀِنا، ڳلڙا، بِنا، جن جي ، اندر ارمان، عجيبن آ!

    پريتن جا، پروئڻ جي ،گُهري پينار ٿو موتِي،
    ڇنڻ واجب ڀلا ڪهڙي، ڳنڍي جا، تند طبيبن آ!

    ڏُکاري دل ڪئي پنهنجن، پراون تي ڪجي ڏُک ڇو؟
    جسم جھيرون ڪري سارو، ڪُٺو احهڙو عزيزن آ.

    وقت جابر جيان مونکي، ستايو ڇو؟ وري هاڻي،
    لکائي مون نه سا قسمت. مٿان لکيو نصيبن آ.

    اڱڻ دلبر اچن ها جي، گُلن ورکا، ”سنگم“ ٿي ها،
    چمن ٿِي ڪهڪشان سارو، هلي جا حُجَ حبيبن آ!



    (2)
    وائي

    سگهو موٽِي اچن ٻچڙا،
    لڳو اُلڪو امڙ آهي!

    ڇڏي اسڪول جي در تي،
    اچي ٻارن چُمي ڳِلڙا،
    لڳو اُلڪو امڙ آهي!

    لڳو در تي ڪڙو هر هر،
    پيادل تي لڳن ڌڪڙا،
    لڳو اُلڪو امڙ آهي!

    پئي جانچي ڏسي ڳليون،
    اچن کِلندا وري گُلڙا،
    لڳو اُلڪو امڙ آهي!

    دُعا سنڌ جي ”سنگم“ جيجل،
    ڏسي موڙن ٻڌل پُٽڙا،
    لڳو اُلڪو امڙ آهي!


    (ش)

    (ش)
    غزل

    شراب کان ڪوابن ڏنو مزو،
    شباب کان ججابن ڏنو مزو!

    اِخلاق سونهن جو، ڍڪي جسم،
    چَپ چُپ هُئا، گُلابن ڏنو مزو!

    ڏسجي وفا ٿي، ريکا هٿن،
    قسمت جي نوابن، ڏنو مزو!

    رهجي سوال سڀ ويا، اڌورا ۽،
    هاڪارڻي جوابن، ڏنو مزو،

    پيار جو مُنڪر، ماري وِڌم،
    فطرت جي ثوابن، ڏنو مزو!

    دُنيا ۾ ئي، جلِي ٿِي، رک وياسين،
    جهنم کان اڳي ، عذابن ڏنو مزو!

    سوچن لهروچ ”سنگم“ ، ٻُڏي تَري،
    اکڙين جي خوابن، ڏنو مزو!



    (2)
    وائي

    شوم وڏيرو ، سوئر خاري!
    حق گُهرڻ تي.

    پوک ڪمند جي ساري وڪڻي،
    ڇو نه حصو هو ڏي ٿو هاري!
    حق گُهرڻ تي.

    پورهيت آ ڏُکڙن ڏاڍو،
    سور سَهي ٿو زندگي سارِي!
    حق گُهرڻ تي.

    زال کسي ٿو مُرڪون ور جي،
    لُڙڪ وهن ٿا اکين نارِي!
    حق گُهرڻ تي.

    قوم ڪميڻي دُشمن ”سنگم“،
    سنڌ ۾ قيامت آندي ڪارِي!
    حق گُهرڻ تي.


    (ص)

    (ص)
    غزل

    صبر دل کي سوا توکان ، اچي دلبر،
    ڏسن اکيون تڪي راهون ، نه ڪو هر هر!

    ڪري ٿي رات يادن سان ، گُگهيرو من،
    اُميدن جو پوي اُڀري، قمر جيڪر!

    صفا مروه جبل چوٽِي ، اچان تو وٽ،
    رڻن جي دم وَڃي نڪري، اهو بهتر!

    هڻي ٻانهون هلون، هتڙي فخر سان اڄ،
    رقيبن منهن گُھمايون، گڏ تئي جو تر.

    لڳي تاڙي اٿم، تنهنجي، ستاڙي سچ؟
    پيو تڙپان هتي، هڪڙو، ڏسي تو در.

    وڇوٽِي ڪر ختم هاڻي، رهون گڏجي،
    اڏي پنهنجو ڪٿي ڪوئي، ڪکن جو گهر!

    *ڪَوَچِ جيون سندي آهي، ”سنگم“ دُنيا،
    لکي نالو ڇڏي دفتر، هلون ڪو ير!


    (2)
    وائي

    صورت سُٺا ماڻهو انسان ٿي!
    مرڪِي پئي مٺڙي!

    لالچ سندي ميراڻ مان پُخراج تون،
    نڪري منجهان هيرا زمر مرجان ٿي.
    مرڪِي پئي مٺڙي!

    ايندڙ ڏکيءَ جي ويل ڪم جيڪو اچي،
    سڏجي درد جو سو اُٿي درمان ٿي،
    مرڪِي پئي مٺڙي!

    رحمت وسي باريءَ سندا ٿي عام جي،
    ڪڪرن ڀري ڪڻيون شجر شمشان ٿي،
    مرڪِي پئي مٺڙي!

    ٽوڙڻ بجاءِ جوڙڻ ”سنگم“ گهرجي هتي،
    فرمان آ رب جو نه نان فرمان ٿي،
    مرڪِي پئي مٺڙي!


    (ض)

    (ض)
    غزل

    ضمير جاڳي ڀِي نٿو، ڀوتارَ جو!
    ڪميڻي بي مُهابي، هُنَ سردارَ جو!

    ويو وڪوڙي ويرِي ، اسان جِي قوم کي،
    اچو رستو اسين روڪيون، بدڪارَ جو!

    لُٽِي نياڻي ورِي آهي، هُنَ بدذات ڇو؟
    حرامي ڦر ڏسو ڪڃر، پُٽ ٻن چارَ جو!

    لتاڙي ننگ پيو نانگو، شريفن جا،
    ڪجي ڇا ڇا؟ تنهن مُنڪر، منهن ڪار جو.

    تقاظا ٿِي ختم، انصاف جِي اڄڪلهه،
    کسي حق پيو هرڪو، حقدارَ جو !

    عدالت انساني ڪجي احتساب،
    سزا ان کي ڏيئي ڪجي نروار جو.

    ڏسون ڏُکارِي سنڌ ٿا، ”سنگم“ سارا هِت،
    اسان پُڄاڻِيءَ ڇا ٿيندو، سڄي سنسارَ جو!


    (ط)

    (ط)
    غزل

    طرف دارِي امامن سان، ڪري سارا،
    شمر بي شرم گڏجِي، سڀ ٿيا مارا!

    ڪيو مجبور معصومن، ڪميڻي ڏس،
    ڪري پاڻي پيڻ جو بند، جهلي چارا!

    رسم مومن اسان محرم، ڪندي پورِي،
    وٺي ليلم نوان جوڙا، وجهون ڪارا!

    ڪجي افسوس دل سان اڄ، امامن جو،
    پٽي ڇاتي حُسيني ڇو؟ ، هڻي نعره !

    خنجر هيٺان ، ادا جن ٿي ڪئي نماز،
    ڪيا پورا پئي تن، هر وقت وارا.

    اسان ڪهڙي زبان سان ٿا وٺون اثمن،
    هُئا جي پاڪ سي پو تر، نبي پيارا.

    ”سنگم“ رڻ قافلو حسينڻ جو،
    ڏسِي چنڊ بي ردا بيبين، رُنا تارا!


    (ظ)

    (ظ)
    غزل

    ظُلم پُڃاڻي، ٿيندي پڪ !
    ختم ڪهاڻي، ٿيندي پڪ!

    ڏئي وڏيرو، هاريءَ حق،
    رسم وڏاڻي، ٿيندي پڪ!

    لڳڻ پرائي، ڳالهه تي،
    عقل وڃاڻي، ٿيندي پڪ!

    مڇيءَ ڀڄائي، نوري کِک،
    سمي مُهاڻي ، ٿيندي پڪ!

    سدان سُهاڳڻ ، ناري سنڌ،
    وني وراڻي، ٿيندي پڪ!

    شئي سنيءَ مان، نفرت اڄ،
    ڀڄِي پَراڻي ، ٿيندي پڪ!

    کڻي امن جو، پرچم سنڌ،
    ”سنگم“ نِڀاڻي، ٿيندي پڪ!



    (2)
    نظم

    ظالم اڳواڻ کي جُهڪِي
    گوگي چوهاڻ کي جُهڪِي،
    ڇورِيءَ جواڻ کي جُهڪِي،
    گابي گامڻ کي سجدو!
    ڪري پيو انسان.

    مُشرق مُنڪر کي جُهڪِي،
    جابر ، آمر کي جُهڪِي،
    مورک پٿر کي جُهڪِي،
    لوٽي ٻاڳُڻ کي سجدو !
    ڪري پيو انسان.

    اُٺڻ ڍاٽِيءَ کي جُهڪِي،
    چرڳ ناٺيءَ کي جُهڪِي،
    سُڪل ڪاٺِيءَ کي جُهڪِي،
    ڪارِي ڪانگڻ کي سجدو!
    ڪري پيو انسان.

    سُونهن وارن کي جُهڪِي،
    اکين ڪارِينِ کي جُهڪِي،
    ”سنگم“ پيارن کي جُهڪِي،
    اِڇا ڌارِيءَ نانگڻ کي سجدو!
    ڪري پيو انسان.


    (ع)

    (ع)
    غزل

    عَلَمَ کي ملي ٿو ، صرف سان غُسل!
    ولِيءَ جي قبرَ کي، برف سان غسل!

    مري ڪو موالِي. ڪچو پي ٺرو،
    ٿئي اُن شهيدن، شرف سان غسل!

    نويلڻ نياڻي، حوس ٿي مڙد،
    پيل چڪ جسم تي، ڪِرف سان غسل.

    کڻي ٻار ڪچري، حرامي مُئل،
    ڏجي تن پيو ، هرطرف سان غُسل!

    ٿيو بم ڌماڪو، جسم ڇي ڇڙا،
    رکي هڙَ هڏن جِي، حرف سان غسل!

    جهازن ڪري ڪي،سڙهي مُئا.
    سڃاڻي اندازن، عرف سان غسل!

    اچي پُٽ هلي ٿو ”سنگم“ جي ڏيڻ
    چُمي هٿ ڪفن کي، ظرف سان غسل!



    (2)
    وائي

    عجب ٿو لڳي ڳاڙهي وڳي،
    کدڙو هڻي تاڙي!

    عزت جي نظر مُستحق،
    ڏسو تن ڀلي لالچ چڏي،
    کدڙو هڻي تاڙي!

    اچي گھر دُعائون سو ڏئي،
    وٺي لاڳ جوڙا ٿو وڃي،
    کدڙو هڻي تاڙي!

    ڪکن جوپڙي ڪنهن ڀر هڻي،
    پکي گھر ڏريءَ ويهندو اڏي،
    کدڙو هڻي تاڙي!

    هلي جو “سنگم” اِخلاق سان،
    رهي خوش ٿو سوئي هتي،
    کدڙو هڻي تاڙي!


    (غ)

    (غ)
    غزل

    غَمِ دل جو نثار، ڪونهي ڪو!
    ڪوئي غم گُسار ڪونهي ڪو!

    سوچن جي اُڏار، ڇوليون هِن،
    يادن کي وسار، ڪونهي ڪو!

    گُل ڇانورو لباس، هو پرين پر،
    چهري تي نکار، ڪونهي ڪو!

    بيجا خوش آمدون، ڪرڻ سان ،
    ماڻهو جو وقار، ڪونهي ڪو!

    زندگي ٿر ڪنڊا، پئي ٿئي ڇو؟
    ٽهڪن وڻ انار، ڪونهي ڪو،

    نفرت جا ڀري، کڻي ويو ڇل،
    ٻيڙي کي ڪنار، ڪونهي ڪو.

    ٽوڙي وشواس جو ”سنگم“ سو
    کَرَ جهڙو، مڪار، ڪونهي ڪو!



    (2)
    وائي

    غير کي پنهنجو سڏي، ڀُلجڻ لڳس!
    ٿي وڏي سا ڀُل!

    مهربان قاتل ٿيو، جذبن سندو،
    وقت جي رهزن هٿان، فُرجڻ لڳس،
    ٿي وڏي سا ڀُل!

    ڏي پيو پنهنجو ڀري، هرڪو زهر،
    سور دل جو ماٺ سان سُرڪڻ لڳس،
    ٿي وڏي سا ڀُل!

    دروليءَ تي جي ويم ، منتون کڻي،
    جسم جا ٿي ڇيڇڙا، اُڏرڻ لڳس،
    ٿي وڏي سا ڀُل!

    روح قلندر جو ”سنگم“ رت سان ٻُڏل،
    پاڻ کي تنها ڏسي، سُڏڪڻ لڳس،
    ٿي وڏي سا ڀُل!


    (ف)

    (ف)
    غزل

    فطرت جا رنگ، لڳي زندگي،
    جوڀن ارڏو، مڳي زندگي!

    ماڻهن اڳيان، هڻي ويٺس،
    ليڊر بڻجي، کڳي زندگي!

    مون کان ڇوري، ڇڏائي جند،
    ڌارڻ ساري، ڀڳي زندگي!

    سهڻي جان، آسرا ڏيندي،
    پنهنجي ٿي آ، وِڳي زندگي!

    اُڻجي چوٽي، سگهي ناهي،
    اڻڀن وارن، سڳي زندگي!

    هاڻي جيڪا، ٺهي مس سا،
    ورتي ڇو تو؟ ڇِڳي زندگي!

    تنهنجو اڄ ڇا؟ ”سنگم“ ٿيندو؟
    سُورن سان تو، تڳي زندگي!



    (2)
    غزل

    فنڪار موٽِي نه ايندو، ڪنور!
    يوسف، جُمن، ابراهيم، پنهور!

    ڳايا غزل گيت سرمد سهرا،
    وايون علڻ ڄڻ ته گُل تي ڀنور!

    ڀاڳِي وسائِي هُئي فوزيا،
    سليمان . مٺو، جلال، چندر!

    مصري ، بچايو ۽ رُونجهو امير!
    اقبال ، جوڳي ۽ خميسو جنجهر!

    شاعر جي مُٺ مان ٿو، اُڀري راڳي،
    دُنيا ۾ جنهنجو ٿئي ٿو، نالو امر!

    سوين سال ٿو جو، گُهونجي ڪنن،
    ٻُڌ جي ٿو واهڻ، سو وستي شهر!

    آواز جو ”سنگم“ رهندو زنده،
    سُر ساز سنگيت، سارو سحر!


    (3)
    وائي

    فِڪر سنڌ جو سوا پنهنجن، ڪندو ڪهڙو،
    ٿئي ڪوئي اسان جهڙو!

    مُنافق ڇو؟ اڃان سنڌ مان نٿو نڪري.
    ڪنڊو ديوي ڪلر جو ڊڀ، ڪِنون احهڙو!
    ٿئي ڪوئي اسان جهڙو!

    عدو ٿِي ڇانورو ڇو ٿو؟ رهي ڌرتِيءَ،
    ڪڍو اُن َ کي تڙي احهڙو ، چئي تهڙو!
    ٿئي ڪوئي اسان جهڙو!

    هٿن کسجي پئي ڌرتي، سنڌو هاڻي،
    اُٿي دودا ٿيو هوشو، سچو سهڙو.
    ٿئي ڪوئي اسان جهڙو!

    لکج سنڌ آجپي تائين، ”سنگم“ وايون،
    قلم سان تر ڪڍِي غيرن ، هڻي کَهِڙو!
    ٿئي ڪوئي اسان جهڙو!


    (ڦ)

    (ڦ)
    غزل

    ڦاهي ٽنگڻ گهرجي جهلي، خُدڪار کي !
    اغوا ڪري ننڍڙي پيو، جو ٻار کي !

    پوشاڪَ جي اُجري اڇي، کي ڇا ڪجي؟
    دل جي کُنڊي ماڻهو، ڪِني ڪردار کي !

    وڪڻي وسيلا ڪو، ڪميڻي سچ چوي،
    سنڌ جي دلالِي، ڪن ڪٽو ڪمدار کي !

    جھيڙا لساني جن، وڌا جھانگين،
    مومن پڪا سي هِت، وڻن ڀوتارکي!

    ڪِلرن ڪيا ڪيڏا، ظلم شهرين،
    ماري مٺا نالي، ڪئي منٺار کي!

    ويڇا وساري هڪ ٿيو، سارا سنڌي،
    در گُذر تون، ڪر اڻ وڻي، ويچار کي !

    واعظ وڏي واڪي ڪري، شاعر پيو،
    سمجهي اچي ڪوئي، ”سنگم“ سومار کي!


    (ق)

    (ق)
    غزل

    قسم ڪوڙو کڻي سرتي، اڃان ماڻهو!
    خبر هوندي ٿيو ، بي خبر ڄاڻو!

    دراڙن کان ڦُري مينهون، وڃن زورِي،
    هُجي ڏينهن ڏٺو ٽاڪڙ ، منجهند ٽاڻو!

    وڳو ڇوري گهران عاشق، کڻي ورتو،
    مڃي مجبور ٿي ان کي ، سڏي پاڻو!

    ڪُتي پيرا کڻي چورن، جهلي ورتا،
    رکي رئيس پيو ڪکَ تِن، منڊو ڪاڻو!

    وٺڻ رشوت ڇڏڻ، قاتل ادارن ڪم،
    ڇُٽي ڏوهي وڃي، دُبئي لنڊن خاڻو.

    سياسي آڙ تي هاڻي، ٿيو ليڊر،
    فُري پنهنجن ڪکن گھرڙا، ڍڳو گھاڻو.

    شهرشودن ڳوٺ ڌاڙيل، جو قبضو،
    لڳو هر هنڌ ”سنگم“ ڇا لئه وري ٿاڻو!


    (2)
    غزل

    قرباني جون کلون پِنِي!
    غيرن ورتي سنڌ ۾ ٻَنِي!

    ڏاڍو هيڻن وٺي ڀتا،
    شهر ۾ مل ٿو هَڻي مُنِي!

    ليڊر جو گهر ٺهي پڪو،
    غريب ڇانئين، ڪکن ڇَنِي!

    رئيس گهرمان ڪڍي زال،
    گارڙين سان ڪري ڪِنِي!

    اوطاقُن تي ٽڪي مڙس،
    هيڪل گهاري رات وَنِي!

    سُڌرڻ هن قوم جي نه وس،
    بيوس جيڪا هتي بَنِي!

    سوچي ڳالهه ”سنگم“ ڪجي،
    سمجهن شيئا ڀلي سُنِي!


    (3)
    وائي
    *قلندر لعل جي نگريءَ رقص جاري ڏس!
    بمباري ڏس!

    پانڌيئڙا هُئا ٽولا ولي جي در تي،
    پينارن سندي چهرن اڪس زاري ڏس،
    بمباري ڏس!

    واحد کي سڏڻ جو وِرد تون ٻولي تِن،
    روحاني مهڪ تِن جي لڪس واري ڏس،
    بمباري ڏس!

    رحمت جا پون ڪِرڻا پيا جھوليءَ تِن،
    ڀرجڻ ڀاگ وارن جا بڪس ڀاري ڏس،
    بمباري ڏس!

    راهي حق هُئا بيٺل ”سنگم“ هٿ جوڙي،
    ماري سي وِڌا نا حق نُڪس گھاري ڏس،
    بمباري ڏس!


    (ڪ)

    (ڪ)
    غزل

    ڪڪرن ۾ لڪو چنڊ هو، پرين پار جِي صُورت!
    پوشاڪ ڍڪي اجرڪ، شاهڪار جِي صُورت!

    محبوب ملي يوسف، مشهابت ڏسو گُلَ سان ،
    رُخسار وڻن مُرڪون، گُلزار جِي صُورت!

    خُد غرض نه ٿِي ايڏو، حُسنِ ناز تون پرور،
    توکي نه جُڳائي ٿِي ، ستم گار جِي صُورت!

    دُنيا ۾ رهن هيڪل، اڃان کوڙ ٿا ماڻهو،
    ساٿي نه سفر ڪوئي، سڄڻ سار جِي صُورت،

    هر رات پُڄاڻي ٿي ڪري، سج اُڀاريندي،
    اکيون به ڏسن روئي صبع ٻار جِي صُورت،

    ڏاتار پُڪاري ٿو، طلب گار تو مولا،
    ڏيکار سگهو مونکي، سندم يار جِي صُورت!

    ويڳاڻ ٿيا جذبا، سُڪا حسرتن جا پن،
    خاموش ”سنگم“ چهرا، پپر ڄار جِي صُورت،



    (2)
    وائي

    ڪينجھر ڪنڌيءَ تي گھر مُهاڻِيءَ جو!
    احساس ڏياري ٿو!

    ٻارن ڍڪي ڪارن اڇو جوڙو،
    جيجل پئي ڪاٽن نواڻِيءَ جو،
    احساس ڏياري ٿو!

    جذبا ترن پاڻيءَ پيا ڇِلرن،
    ارمان ٿيا ڀورا جواڻِيءَ جو،
    احساس ڏياري ٿو!

    ويٺل سخي ڪائي اڪيلي تڙ،
    نوري لڳي سائي نماڻِيءَ جو،
    احساس ڏياري ٿو!

    اٽڪي چپن ڳالهه ”سنگم“ دل جي،
    سمجهي سڄڻ مطلب سُڻاڻِيءَ جو،
    احساس ڏياري ٿو!


    (ک)

    (ک)
    غزل

    کُلي وارن ڏئي ڪارن ڦَڻِي آئِي،
    ورِي مونکي اڃان ويتروڻِي آئِي!

    چِٽِي مهندِي ڪرايون هٿ، ٻئي پيرن،
    ڀِرُن وچَ تي ڪجل بنديا، هَڻِي آئِي!

    لبن مُرڪون هٿن گُلڙا، لڪائي اڄ،
    ڀَرِي محفل ڏيڻ ڪنهنکي، کَڻِي آئِي!

    پگھر منهن تي هُئس موتي، غُصي آور،
    الائي ڇو؟ وري ڪنهن تي، تڻِي آئِي!

    وٺي سُهڻي سهيلي سٿ، ڀٽائيءَ تي،
    ڏسڻ سنڌ ڪوٽ ٿر جو سا، رڻِي آئِي!

    مندر اڳيان اِڇا ڌارِيءَ جيان نانگڻ،
    رات چوڏس هلِي هِڪڙِي ڄَڻِي آئِي!

    گُرو شڪتِي، هُجي احهڙِي، ”سنگم“ جيڪر،
    ڪري حاصل وٺان ٻُڪڙن، مَڻِي آئِي!



    (2)
    غزل

    کدڙو کيڪارَ مان ، ڇا ڄاڻي؟
    گڏهه جو ڦر گار مان ، ڇا ڄاڻي؟

    حرامي هر ٻار، لُچ ٿيندو آ،
    عزت بنگلي ، ڪار مان ڇا ڄاڻي؟

    چٺ ۾لڪيو جنهن، رُڳو جوٺو سو،
    مکڻ ماکي لار مان ڇا ڄاڻي؟

    رات جا ڇوري نچي نوٽن تي،
    مڙد جي پيارَ مان ڇا ڄاڻي؟

    جو وڄائي پيو زندگي ڊڍ ،
    تند تنبوري تار مان، ڇا ڄاڻي؟

    مٺ مٽيءَ جا ڪنڀر، ٺاهي سو،
    تِير سِراڻ ڌار مان، ڇا ڄاڻي؟

    ”سنگم“ تولئه بس ، اشارو ڪافِي،
    چرڳ سنسار مان ڇا ڄاڻي؟


    (گ)

    (گ)
    غزل

    گيڙو پاتو رنگ جوڳي!
    مُرلي ڍارو ڍنگ جوڳي!

    ڪِشِتو، ڪُندري، بغل بگري،
    چارڻ چوري چنگ جوڳي!

    دلبريون جانچي ڏٺيون ،
    در در ڳولي دنگ جوڳي!

    گُھنگھرُو پيرن، ڇم ڇم آ،
    چولو تن تي، تنگ جوڳي!

    ڌوڻي قلندر، در تي ڪنڌ،
    وارن کولي، ونگ جوڳي!

    جهيڙو جوٽي نفسي ويٺو،
    من جو ماري ڏنگ جوڳي!

    تڪيو پٽ ”سنگم“ آ جن جو،
    رب تي تن جو ننگ جوڳي!


    (2)

    غزل

    گُل وفا جا هُن مٿان ، ورکڻ لڳس!
    با وفا سوئي نه هو ، ڀُلجڻ لڳس!

    غير کي پنهنجو سڏي ، غلطي ڪيم،
    وقت جي رهزن هٿان، فُرجڻ لڳس!

    ٿوهلان نفرت سندي، تلوار تي،
    پير ڌاريءَ تي رکي، گُذرڻ لڳس.

    ڪوٽڪاڻو ڪو نه هو، منهنجو ڪٿي،
    رات جو هِت هُت پهر، ترسڻ لڳس!

    تو هئين تاڙي ڀري ، تاڙيءَ مٿان،
    ٿر اُڃاري جان پکيءَ ، اُڏرڻ لڳس!

    تو وڃڻ جي جي ڪئي ، روندو ڇڏي،
    پاڻ کي تنها ڏسي ، سُڏڪڻ لڳس!

    ٿي پوي تو سان ”سنگم“، جيون سندو،
    ساهه پل جي اِرتقا، اَرپڻ لڳس!


    (ڳ)

    (ڳ)
    غزل

    ڳرو سنڌ لئي ٿيو، هر سال ڇوهاڻي؟
    سنڌي مارن سندو، رب حال ٿو ڄاڻي.

    جنوري سترانهه، ڏي خوشيون ماڻهن،
    ڌڻي ڀاڳن سنڌو، پل شال سو آڻي.

    اُڀاري سج سُخن، جو ڪر سُکاري سنڌ،
    ٿين مارو ، مالا مال موراڻي.

    چٽيءَ واري کپي ٿي سنڌ ۽ هندو ڀائر
    سڄڻ سارا هجن، آل نال اولاڻي.

    وفا جو ور ٻڌي، سوگهو هندوري سنڌ،
    رکي چوڪڙي چٽن، کٽ خال ڪو واڻي.

    نفرتن کان مٿانهين ، سنڌ اسانجي ڏس،
    محبتن ڇل، ڀري ٿرٿال گھوراڻي.

    تڏي عزتون، اسانجو وڙ ”سنگم“آهي،
    ڪري سرگور، ڄاڻو ڏال ڏوٿاڻي.


    (2)
    وائي

    ڳالهه سئو جي هِڪ،
    چوان بيٺو!

    تون سنڌ غدارن مان،
    منهنجو سهي آ شڪ،
    چوان بيٺو!

    ويري اسان جو تون،
    مونکي هُئي سا پڪ،
    چوان بيٺو!

    غيرن تڙي ڪڍبا،
    سارا جھلي تن لڪ،
    چوان بيٺو!

    سنڌ سان ”سنگم“ ناتو،
    جيجل رکون ٿا سِڪ،
    چوان بيٺو!


    (گهه)

    (گهه)
    غزل

    گهران ناٺِيءَ وٺِي ڌيءَ کي، اچڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!
    خُلا ڇورِي وٺڻ ڪورٽ، وڃڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!

    کِجي پاسو کڻِي ڌيءَ جو، فٽائڻ هٿ وٺي گھر کي،
    رهي راضي پئي ورسان، ڇِنڻ جو پيءَ ٻڌو پٽڪو!

    ڪرڻ منٿون سڄو پاڙو، هلي آيا چڱا در تي ،
    مٽي رُخ ماڻهپو مُنڪر، ڀڃڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!

    لڳي لالچ لنگهو نوٽن، ٻتڙ پنج لک ٻَڌِي ٻولِي!
    نياڻي گونگڙي پرڻو، ڪرڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!

    وڪامڻ ڌڻ لڳا ڌيئرن، وڃي آچرپِڙِيءَ تي هِتِ،
    جُهڪائي ڪنڌ ڪُسڻ ڪاتِيءَ، وڍڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!

    رُڳو سُڏڪڻ سِکي نارِي، ڪرڻ ماتم هتي هاڻي،
    ٿئي تذليل ٿِي تنهنجي، ڏسڻ جو پيءَ ٻَڌو پٽڪو!

    سِکو جوڙڻ ”سنگم“ ٽوڙڻ، ملي ڇا ٿو مُنافق کي،
    کِلائي جڳ پيو ٽهڪن، ٻُڌڻ جو پيءَ، ٻڌو پٽڪو!



    (2)
    وائي

    گهڙو ڪڇ پيا سو سڄڻ ڀي اُڃارا !
    سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!

    صبر جو ڪنڊو دل ڳِلافن ۾ اٽڪي!
    پرين جا ڪيا هُن هُئا چپ سُڪارا
    سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!

    ڪڪر جي وُٺو هو پکي جي ڏريءَ تي!
    وُٺا لُڙڪ اکين وٺي نڪ ڪنارا!
    سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!

    سفراڻ کُٽو ٿي پيو هاڻ جيون!
    ٿڪا سون پيا دل هلي بي سهارا!
    سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!

    اسان جوڙيو آ ”سنگم“ سورڙن سان!
    ڏسي ڌُک ٻين جا ٿيون ٿا ڏُکارا!
    سُڪل کوهه اوڙو اسان ڀي اُڃارا!


    (ڱ)

    (ڱ)
    غزل

    *ڱِڱيون کڻي اکيون، چوڻ ڳالهه وڏي آهي!
    هٿ جي اشارن سان ڪرڻ ، ڳالهه وڏي آهي!

    ڪو ٿو ٻُڌي ڪجهه ڪو، سُڃاڻي ٿو وري چهرا،
    چُر پُر چپن سمجهي وڃڻ، ڳالهه وڏي آهي!

    مُرڪي ملي هر سان لڳي سهڻو پيو سڀ کي،
    اهڙو عجب ان جو ملڻ، ڳالهه وڏي آهي!

    گندگار کان جنهن کي بچايو، رب ڌڻي آهـــــي،
    هر حـــال تي راضـــي رهـڻ ، ڳالهه وڏي آهي!

    مُخلص رهي پنهنجن ۽ پراون سـان پيو ساڳي،
    دل جو سچو ماڻهو، هُجڻ ، ڳالهه وڏي آهي!

    دُنيا سندا جيڪو هُنر، سارا سکي هاڻي،
    مزدور ٿِي هارِي رهڻ، ڳالهه وڏي آهي!

    ڳولي پيو گونگو هتي، ساٿِي ”سنگم“ هر ڪو،
    حق ماڻهپي جو تِن گُهرڻ، ڳالهه وڏي آهي!


    (2)
    وائي

    ڱِڱن چپڙن وڻي ڳالهه، چوڻ ٻولي،
    سڄڻ ڍولي !

    کِلي اظهار اُلفت جو ڪيو سهڻيءَ،
    ڏسي ڪائي نه کاڻي اک، چٽن چولي،
    سڄڻ ڍولي !

    لڳي پهرو پرينءَ تي پڪ، ويو آهي،
    ملڻ مون سان اچڻ جا وجهه، پيو ڳولي،
    سڄڻ ڍولي !

    اڪيلو هِت ڪري ڪنهنجي، سهاري تون،
    وئي آهين وري مونکي، رڻن رولي.
    سڄڻ ڍولي !

    اڀاڳي ويل ڇو؟ هاڻي ”سنگم“ لئي ٿي.
    ويا سارا سُخن، کسجي هٿن هولي.
    سڄڻ ڍولي !


    (ل)

    (ل)
    غزل

    لوڙهي ڏِٺِي ماکي امڙ!
    ڪاڙهي تتي لاٿِي امڙ!

    پار،پار تي اُڏرن مکا،
    ڏانٽي ڇڪي ڪاٺي امڙ!

    هٿ ڏنگن پير ڪنڊڙا لڳس،
    ڊينگهريءَ گندِي ڦاٿِي امڙ!

    رس ميڻ وٽو ڀرجِي ويو،
    سڀ ونڊي ڏنوڀاتِي امڙ!

    سنڀاري رکي ٻارن لاءِ،
    سياري سندو ساٿي امڙ !

    شِفاءِ سا حِڪمت سندي،
    ڄڻي ٻار ڏي چاٽي امڙ !

    ”سنگم“ کي ڏنِي جيجل سڏي،
    مکڻ سان گڏي مانِي امڙ!



    (2)
    وائي

    لاري تون ڪنهنجي لڳِي،
    لاکيڻي جيجل لڏي،
    ڇوٿِي وڃِي!

    اکين جي اڳيان هَلِي،
    پاڙو پيءَ جو ڌِيءَ ڇڏي،
    ڇوٿِي وڃِي!

    گنب مِٽيون جوڙي هتي،
    راڳي راڻي گهر ڀڏي،
    ڇوٿِي وڃِي!

    پيرن پنڌ هاڻي ورِي،
    تون رڻ جاڳڻ سج وڏي،
    ڇوٿِي وڃِي!

    جهوري مُنهنجو جِيءَ ”سنگم“،
    مونکي هت گُوندر گڏي،
    ڇوٿِي وڃِي!


    (م)

    (م)
    غزل

    من اڱڻ تي وسن شل، وري مينهڙا،
    تون نه آئين پرين، پئي ڏٺم ڏينهڙا!

    گس نيهاري رُنو جي، هُئو اکڙين،
    لُڙڪ ڳل تان لڙي جي، هيل هن پيئڙا !

    تو سهاري جيان ٿي، اڃان ير هتي،
    سڏ مٺا تو ڪيم جِيءَ منجهان جيئڙا!

    ڊيل ڪُرڪي پئي ٿر، ڀِٽِن جي مٿان،
    ڪر کڻي ٿو نچي مور، پر هينئڙا!

    دل پياسڻ ۽ اک، اُڃاري ٿي ڏسي،
    ڪڪر کي ٿي پائي پئي جا ليئڙا !

    ٿي بنجر دل زمين آ، وئي هاڻي،
    ڇو ته؟ احهڙا هِن، نصيب ڏکي ٿيئڙا !

    جڳ جُڙن شل ”سنگم“ جوڙٻن جا ورِي،
    لوڪ سارو ڏِسي، نج هُجن ، نينهڙا!


    (2)
    وائي

    ماڳ سنڌ جو پيو ميثار جي!
    موهن جو دڙو!

    چِٽ ، چِٽي جو ويو چيتر اُها،
    مورتي ساکڻي سينگار جي،
    موهن جو دڙو!

    هِن دري دور کي ٻيهروري،
    سنڌ پراڻي وٺي ڏيکارجي،
    موهن جو دڙو!

    پرت جا هي سڀي آسارهِن،
    ساپيارن ادا سيکار جي،
    موهن جو دڙو!

    شل اسان جو ”سنگم“ سنڌ سان رهي،
    گِهنڊ ٻڌي اُهو جهنڪار جي،
    موهن جو دڙو!


    (ن)

    (ن)
    غزل

    ننڊ ڪاوڙجِي وَئِي،ٻار وانگي!
    مون اکين مان هُئي،يار وانگي!

    پرچائڻ جي ڪَئي کوڙ ڪوشش،
    ڊوڙي هرڻي ڀڳِي، ڪار وانگي!

    ٽُڳيل ڌاڳو ٽُٽو، رِلي ءَ خواب،
    ڪوريئڙي، جي ڪچي ، ڄار وانگي!

    ڙاڪون، دل جي پيون ، ٻيٽ تي اڄ،
    جيون جي وڻ ، ڄمونءَ ٽار وانگي!

    ٻاڙا آهن لڳا، ٻول تنهنجا،
    ٻالڪ واري ڏنل، گار وانگي!

    هڏڪي هر هر لڳي هاڻ مونکي،
    آهي تنهنجي سڄڻ، سار وانگي!

    در تان واپس ٿيو ”سنگم“ خالي،
    فطرت جي سو ڇنل ، هار وانگي!



    (2)
    وائي

    نانگ ڌرتِيءَ مٿان، باز بڻجي کڻو
    ڀَٽون وارِيءَ ڀِٽِن،مور چونڊي چُڻو!

    رلي پيرن هڻي، سُتا ڇو؟ ٿا رهو ،
    پئي ڦُر جي سنڌو، اُٿي دانهون سُڻو!
    ڀَٽون وارِيءَ ڀِٽِن،مور چونڊي چُڻو!

    ڌار سنڌ کي ڪرڻ ، هتي جيڪو گُهري،
    تاڙ تِن کي سڏي، وڃي گهر گهرهڻو!
    ڀَٽون وارِيءَ ڀِٽِن،مور چونڊي چُڻو!

    رکو عورت ڀرم، سڀي سنڌ جا ٻچا،
    ٿيو ڌاڙيل پرو، ڦل ماڇي بڻو!
    ڀَٽون وارِيءَ ڀِٽِن،مور چونڊي چُڻو!

    سيسَ سارا ”سنگم“ راڪ شڪڙن جهلي،
    گاهه جنتر جيان، پوکَ وانگر لُڻو!
    ڀَٽون وارِيءَ ڀِٽِن،مور چونڊي چُڻو!


    (ڻ)

    (ڻ)
    غزل

    *ڻڻو ڳولي چڻن داڻو، ڪڍڻ گُهرجي!
    مسوري مُڱ مٽر ڇاڻو، ڪڍڻ گُھرجي!

    ڏري جندڙيءَ رتڙيا سڀ، ڪري چانور،
    سُپن تاري ٻرٽ ساڻو، ڪڍڻ گُهرجي!

    ڪڻڪ مڪئي بصر مرچن، ڪجي پوکي،
    ٻنيءَ لاهن لئي لاڻو، ڪڍڻ گُھرجي!

    ڦُٽي نفرت نڀاڳو ٻج، سنڌوءَ ڌرتيءَ،
    جهلي سو وڻ پَٽي پاڻو، ڪڍڻ گُهرجي!

    تڪي ڪورا جسم جيڪو عزت گهرَ جِي،
    هُجي وارث راڄ راڻو، ڪڍڻ گُهرجي!

    فُري سنڌ کي ، ملِي غيرن، وڃي پنهنجو،
    سنڌوءَ مُنڪر انڌو ڪاڻو، ڪڍڻ گُهرجي!

    سنڌوءَ حرفِي ”سنگم“ تون ڇا؟لکي ڄاڻي،
    تڪڙ بازِي ، مگر ماڻو ، ڪڍڻ گُهرجي!


    (2)
    وائي

    ڻاڻو ڪري ڇو مَن؟
    مونکي ڇڏي ساجن،
    تون نه پرين وڃ!

    هيڪل پکي هاڻي،
    توکان سوا جيون،
    تون نه پرين وڃ!

    بارش ڀِڳل ڪپڙا،
    ٻارڻ ٻري ٿو تن،
    تون نه پرين وڃ!

    پيرن اُگهاڙي رڻ،
    وارِيءَ وڇون وڙڪن،
    تون نه پرين وڃ!

    اکيون ”سنگم“ تولئه،
    راتون پيون جاڳن،
    تون نه پرين وڃ!


    (و)

    (و)
    غزل

    وٺي مُرشد سڌو گهر ٿا، اچون سارا،
    اڇو چهرو اندر جن جو، وڇون ڪارا!

    اچڻ سان ئي تڪي زالون، ڇتو ڇورِي،
    وات ڦاڙي ، گِگُون ڳاڙي، ڪڇون وارا،

    ڪُٽِي مهٽِي ، ڪُڪڙَ ڪرٽي، چٽي ماکِي،
    رهي راتون، لڪي ٺڪرن، چٺون کارا!

    ڪر امت جون هڻي ڦوڪون، ٻڌي ڌاڳا،
    فُري مايون وڃي راڄن، ڪري مارا !

    جماعت جي ٻڌي پٽڪي، وجهي ٽوپيءَ،
    ٺڳي مومِن پيو سڀ کي، ڏئي لارا !

    قدر پيرن حيا ڪهڙو، مُريدن جو،
    ٻچن ڪاهي وڃن ٻڪرِي، ڳئون تارا!

    ”سنگم“ پنيا نه درَ پِنِ تون، سُڃاڻي رب،
    جُهڪِي غيرن گُهرين ڇا ٿو؟ لُڪون پارا!



    (2)
    وائي

    وفا ڪجي ڀلي ڪجي!
    وفا پيار جو عمل!
    پيار جي ڪجي پهل!

    وقت پيو وڃي هٿان،
    ڏسي وٺو گهڙي ٻڌل،
    پيار جي ڪجي پهل!

    رکو ڀرم رِستن جو،
    جڙي نه پٽ سڳو ڇڳل،
    پيار جي ڪجي پهل!

    پريم ڪار کان نه ڪا،
    رهي پريمڙي رُٺل،
    پيار جي ڪجي پهل!

    پريت جو ”سنگم“ پرين،
    وسارجو وري نه پل،
    پيار جي ڪجي پهل!


    (هه)

    (هه)
    غزل

    هڻي ڪوڏر ٿڪو هارِي، گڏي گارو!
    مٿان بيٺل وڏيرو هو، صفا کارو!

    ڪري نيرون اڱڻ راڳو، سڄي گهرَ جو،
    لنگڻ گُزري ويو هُن کي، ڏينهن سارو !

    ڇُٽي بيگارمان جي جند، شُڪر نوڪر،
    ڀڳو گهرڏي ويو پند ڳوٺ ، ويچارو !

    ٻُٻر پيهي ٻچن ويهي ، ٿيو سرهو،
    ڏنو جوڻس لسي فيڏر ، گرم ڏارو !

    جياپو پورهيتن جو، مثالي ڏس،
    وڏيرو هر سندن ويري، رهي مارو !

    گزارو جن سندو مُشڪل، هتي آهي،
    رهن سي خوش ٿا جن جو، ٻني نه ٻارو !

    ڏٺا مارن سندا ڏکڙا ، ”سنگم“ آهن،
    ملي ڪاسُک گهڙي تن کي، وري وارو !



    (2)
    غزل

    اَلف حمزو ڀري ٿو جيئن ، اَلف جو کُڻ،
    علم شروع ڪجي ٿو تيئن ، اَلف سان ڄڻ !

    سنڌي اکرن سندي ترتيب ، ڏسُ سُهڻي،
    ڏئي ڏاهو ويو ڃي ڱي ، وري ڻي وڻ !

    پٽي ٻارن ڪئي پوري، يڪي سان جن،
    لکي پهرين سبق سنڌ جو، سکن پڙهڻ !

    ادب اخلاق جا مالڪ، سنڌي ماڻهو،
    محب سارا مٺا ماکي، مکڻ جا مڻ !

    مشغلو مچ ڪچهري آ، سندو سُگهڙن،
    وڄائين چنگ پيا ڏيئي، تنبوري تڻ !

    ڪري جِرڳا رهن جھانگي، وطن سنڌ جا،
    چرن سارا پيا گڏجي، ڌراڙن ڌڻ !

    سڳوري سنڌ سنڌي ٻولي، ”سنگم“ مارُن،
    ثقافت تن سندي اجرڪ ، ڀلارو ڏڻ !



    (3)
    وائي

    هت ۾ ڇو ؟ هٿيار کڻجن ، گل ڪتابن جي بجائي!
    تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!

    ڏاڍ هيڻن سان ڪري ڪو، پاڻ کي ڏاڍو سڏائي،
    تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!

    چور گهرجو ٿي پوي جي ، گهر ڌڻي ڇاڇا ؟ لڪائي،
    تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!

    من شياتي زهر کان هِت ، جند وري ڪوڪِٿ ڇڏائي،
    تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!

    سود جي بازار ڪنڃري ، مڙس چڱڙو ڪنڌ جُهڪائي،
    تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!

    پوڙهو ڇوڪر پيو ٿي، وارڪاراهو ڪرائي،
    تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!

    جوڙيو دل کي ”سنگم“ تو، لوڀ سان لالچ لڳائي،
    تون ٻُڌائي، تون ٻُڌائي!


    (ء)

    (ء)
    غزل

    ئُوئَان واري اوٽ، ڇڏي ڏي!
    راڻي دل جي کوٽ، ڇڏي ڏي!

    نفرت جي ڀت ڇو ته ، اڏين ٿي،
    ڪيول فيرڻ ڪوٽ، ڇڏي ڏي!

    عزتون توکي راس، اچن شل،
    نڪ جي ڏاڍي موٽ، ڇڏي ڏي !

    تنهنجا بانچي پير، ڏسي ڪو،
    نچڻي پت تي نوٽ ، ڇڏي ڏي!

    موکان جي ٿي پاڻ، لڪائين،
    چهري وارن چوٽ ، ڇڏي ڏي!

    پرکا رُت تون، شام بسنت،
    چيڪي مٽڙي فوٽ، ڇڏي ڏي!

    ٽوڙي پنهنجو ”سنگم“ سگهين ٿي،
    منهنجو سينون جوٽ، ڇڏي ڏي!



    (2)
    وائي

    ئُو ئَان ٻولي اِل لله، جي ڄمندي رُنون ٻار!
    جوڙيا سائين جنسار!

    وسري سارا عورت ويا ، جيڪي ڏٺا سور،
    جهوليءَ جنهنجي ننڊڙو هيو، لکندي پُنون ٻار،
    جوڙيا سائين جنسار!

    عيسى موسى يوسف رکي نالو لڳي سڏڻ،
    ڪُڏندي ڊُڪندي گهرٿواچي ، ٽپندي ٻنون ٻار،
    جوڙيا سائين جنسار!

    ڪارو ڪو ئي ڳو روٿيو ، ارڏو هتي مڙد،
    راڻو ڪائي راڻي ٿئي، وڌندي ونون ٻار،
    جوڙيا سائين جنسار!

    پوتر جيجل جو آ ”سنگم“ ٻچڙن اُتم آر،
    زوري ءَ ان کان ورتو کسي ، روندي ڇنون ٻار،
    جوڙيا سائين جنسار!


    (ي)

    (ي)
    غزل

    يار آچا نورو ڪڪر ، جي نموني،
    شمس آڪاش تي قمر ، جي نموني.

    هُن نبايا وچن ڪري ، فرض پورو،
    ڏي پيو ساٿ هم سفر، جي نموني.

    سير ڪشتي وڻي لهر، ڇوليون ٿي،
    چپ ڪنارن هُئا بندر، جي نموني.

    رات جيون پُڄا ڻيون، ٿو ڪري جي،
    صبح صادق جيان فجر، جي نموني.

    دل ڪهاڻي چٽِي قلم سان هُئي مون،
    جا ڪتابن لکي نثر . جي نموني.

    مور پرڙن جيان هيو ، جي پرين ڇٽ،
    ڇانءُ اُن جي ڪئي شجر جي نموني.

    سام بسنت پئي ، ٿئي جا ”سنگم“ رُت،
    هير ٿڌڙي لڳي اُتر جي نموني.



    (2)
    وائي

    يار موٽي سگهو اچ اڱڻ تي وري!
    اچ اڱڻ تي وري!

    تو سوا ٿي لڳي رڻ حياتي چري،
    اچ اڱڻ تي وري!

    چنڊ وڻي ئي نٿو رات تارن ڀري،
    اچ اڱڻ تي وري!

    ڇو؟ وئي آ پرين تو اسان کان سري،
    اچ اڱڻ تي وري!

    هاڻ ويندا سچا نيٺ جزيا مري،
    اچ اڱڻ تي وري!

    لُڙڪ وسڪار ٿي دل پوي ٿي ڏري،
    اچ اڱڻ تي وري!

    ها اُڃارو ”سنگم“ ڄڻ مينهن ڪو ٿري،
    اچ اڱڻ تي وري!


    چئو سِٽاء

    چئو سِٽاء

    الف سان ٻار ڪئي ، علم جي ابتدا،
    گُهرِي جو الله کان ، رَبِ زِدَنِي علما،
    پڙهيو ٻاونجهاهه ، سنڌي سو حرفن،
    قبولي سا هُئي، امڙ جي دُعا!

    بيل لڳو درتي ڪنهن، آندو سنديش آهي،
    پار پرين کان ئين ، اهو دل کي انديش آهي،
    يار ملاتون نه ئين ، ديدار ڪو ٿيءَ ٿو،
    لڳل اسانجي ئي ”سنگم“ تي بس بنديش آهي!

    ٻوڙن ٻُڌين، سنڌ جي گِلا،
    توکي هُجن، مُنهن تي کلا،
    ڇو ٿو؟ لڄائين قوم تون،
    غيرن جُهڪي، پيرن دلا !

    ٻاگھل ڄمي، ٻائي هِتي،
    سنڌ جي سندا، ڄائي هِتي،
    ويران ٿئي، هرڪو لهڻ،
    وڙهي حقن، سائي هِتي!




    ڀڄندي وڃي پئي زندگي،
    پُڇندي وڃي پئي زندگي،
    وارنت جيئي رنگن اوٽ ۾،
    لِڪندي وڃي پئي زندگي!

    تاڙي لڳي، ٿي ٻِن هٿن،
    هٿ تي رکي، هٿ ڏي وچن،
    سر تي کڻي، سلام ڪجي،
    هر وقت جي، ڪارن اڇن!

    ٿي رات ڪاري ته ڇاهي،
    تولاٽ ٻاري ته ڇاهي،
    هيراڪ آئون ڪنڊن جو،
    پٽ سُتس هاري ته ڇاهي!

    ٿاڻي نه گهاڻي ڊڄون ٿا،
    پهرين نه هاڻي ڊڄون ٿا،
    دڙڪا نه ڏي تون اسانکي؟
    پڻهين نه ماڻهين ڊڄون ٿا!




    ٽڪ تري، ڏيکاري هٿ،
    هُن چري، اُلاري هٿ،
    راڪ شڪ، هڻندي کل،
    سا وري، ٿي واري هٿ !

    ٺهي دل جو، يڪين احهڙو،
    اڇي پاڻيءَ، جيان تهڙو،
    ڪڍي سڀ مير، اڄ من جو،
    رهون ڌرتيءَ، اڳي جهڙو!

    ثواب ڪمائڻ، سوکو آهي،
    سهڻو مڃائڻ، سوکو آهي،
    انسان کي رک، راضي تون بس،
    رب کي سُڃاڻڻ، سوکو آهي!

    پويان ڀڄندي، وڃي زندگي،
    مون کان پُڇندي، وڃي زندگي،
    ڪومل ناريءَ، جيان هيڪل،
    ٻانهن لڪندي، وڃي زندگي!



    جيون ڪٿا، ويٺو لِکان ،
    پنهنجي خطا، ويٺو لِکان ،
    رت سان ڀري قلم اک مان،
    لُڙڪن عطا، ويٺو لِکان !

    ڄاڻو ٿئي، اڻ ڄاڻ ٿو،
    ماڻهو سُڃاڻو هاڻ ٿو،
    غربت وڏي، هِن گار کان،
    ڪاوڙ رکي، تو ساڻ ٿو!

    جھرڪ سندا، ڀيرا ڳڻڻ،
    ماڪ پکي، ذرڙا چُڳڻ،
    وس ۾ ڪٿي، تنهنجي ”سنگم“
    سوار سان پيدل پُڄڻ!

    ڃوڃڻ اڙي تو کي ٻڌي پيرن،
    قابو ڪبو تنهنجي هٿن ميرن،
    وڌندو وڃي حد کان اڃان ويري،
    ڄاڻو سڌاري ٿا اسان غيرن!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 587
    ڪتابن جو مشاهدو: 717681
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 246110
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ