ڪتاب جو نالو: سيتا زينب
مصنف: زيب سنڌي
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 10 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 702 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 269 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • سيتا زينب جو ڪريڊٽ سيتا ڏانهن وڃي ٿو! (مهاڳ)
  • ناول

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23
  • 24
  • 25
  • 26
  • 27
  • زيب سنڌي جا ڇپيل ڪتاب
  • زيب سنڌي جا ايندڙ ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    Roshni Book No. 572
    ڪتاب جو نالو: سيتا زينب
    صنف: ناول
    ليکڪ: زيب سنڌي
    ڇاپو پهريون: © روشني 2011ع
    ڪمپوزنگ: رفيق حسين ڪولاچي
    روشني ڪپوزرس، حيدرآباد.
    ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
    ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    قيمت: -/150 رپيا


    SEETA ZAINAB
    (Novel in Sindhi)
    by: Zaib Sindhi
    Composed by: Rafique Hussain Kolachi
    Roshni Composers & Printers Hyder Chowk, Hyderabad
    Printed: Fine Communication, Hyderabad, Sindh.
    Published by: Roshni Publication, Kandiaro
    First Edition © Roshni 2011
    اسٽاڪسٽ
    شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد.، ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد.
    ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي.، حسين عامر نيوز ايجنسي، مين بس اسٽاپ، سجاول.
    مهراڻ ڪتاب گهر، گهنٽي ڦاٽڪ لاڙڪاڻو+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
    مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو + نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
    اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه.، عوامي بڪ اسٽال، نواب شاهه، سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو
    حافظ ڪتب خانو، کپرو + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ.+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
    ٿر ڪتاب گهر عمرڪوٽ+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
    مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر + الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر
    گل ڪتاب گهر، لک در، شڪارپور+تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
    سارنگ ڪتاب گهر چمن بازار ڪنڊيارو، مڪتبيه عزيزيه کهڙا
    سچل ڪتاب گهر، درازا قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو.


    انتساب

    جيجي زرينا بلوچ جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سيتا زينب“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي جو لکيل ناول آهي.
    زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين زيب سنڌي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سيتا زينب جو ڪريڊٽ سيتا ڏانهن وڃي ٿو! (مهاڳ)

    ڪهاڻي لکندي جڏهن به مون پنهنجي رائيٽنگ ٽيبل جي اڳيان کڙڪيءَ جو بلائينڊر هٽائي ٻاهر ڏٺو، ته ٻاهر جو منظر پنهنجي گهرَ جي چنبيليءَ جي وڻ سبب مون کي خوبصورت ته لڳو، پر اهو منظر ٽيبل تي پيل ڪهاڻيءَ جي ڪينواس جيان ڏاڍو محدود نظر آيو. ڪهاڻي منهنجي ادبي زندگيءَ ۾ پهرين عشق جهڙو درجو رکي ٿي. اڻيتاليهه سال اڳ، ٻاراڻي ادب جي اڌ صفحي جيتري ڪهاڻي لکڻ کان وٺي، ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ طويل ڪهاڻيون لکڻ جي باوجود به اندر ۾ ڪا اڃ، ڪا تشنگي باقي رهجي ويندي هئي ۽ دل چاهيندي هئي ته عشق ۾ اڃا اونهون لهان. ڪهاڻيءَ کي وڏي ڪينواس تي پينٽ ڪيان، ناول لکان، پر ناول لکڻ جيترو وقت ئي نٿي ڏنو زندگيءَ!
    زندگيءَ جي هڻ وٺ کان وقت ڦري ناول لکڻ شروع ڪيم، ته هڪ ڏينهن اوچتو بيمار ٿي پيس. درد جي شدت ايتري وڌي جو گهرڀاتين کي سڏي ڀرسان ويهاريم ته متان مري وڃان. ان وقت منهنجي اندر ۾ شدت سان اها خواهش پيدا ٿي هئي، ته جيڪر اهو درد دور ٿي وڃي ۽ مان اسپتال وڃڻ بجاءِ پنهنجي رائيٽنگ ٽيبل تي وڃي ويهان، جنهن تي منهنجو هي ناول ”سيتا زينب“ اڌورو پيل هو، پر درد جي شدت وڌندي ئي رهي. رات جو نوين وڳي منهنجي ڏيپلائي دوست، ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ چيو، ”تنهنجو اڄوڪي رات ۾ آپريشن ٿيندو.“
    سرجن وٽ ويس ته هن چيو، ”وڌيڪ وقت ناهي توهان وٽ. هڪدم آپريشن ڪرڻو پوندو.“ ان رات منهنجو آپريشن ٿيو ۽ مون کي جيئڻ جو وڌيڪ وقت ملي ويو.
    اسپتالون مون کي ناهن وڻنديون. مان ٽي ڏينهن اسپتال جي ڪمري ۾ گذاري گهر موٽي آيس ۽ ڏهاڪو ڏينهن بيڊريسٽ تي رهيس. مون هروڀرو جي رڙ واڪي ۽ اخباري خبر کان سواءِ، خاموشيءَ سان وڃي آپريشن ڪرايو هو ۽ فقط ڪجهه ويجهن دوستن کي ئي خبر هئي، جيڪي طبيعت پڇڻ آيا هئا. منهنجي دوست سليم خان ديسوالي، جنهن منهنجي پهرين اردو ڊراما سيريل ”جانشين“ ڊائريڪٽ ڪئي هئي، تنهن بيڊ جي پاسي ۾ ويهي پنهنجائپ سان ڪچهري ڪندي چيو، ”يار، جلدي ٺيڪ ٿي ۽ وري مون کي ڪو نئون ڊرامو لکي ڏي!“ کيس چيم، ”ناول لکڻ شروع ڪيو اٿم. اهو لکي پورو ڪيان ته ڊرامو پوءِ لکندس.“ سليم ناول جي اسٽوري لائين پڇي. کيس ناول جي ڪهاڻي ٻڌايم ته سندس ڪَنَ کڙا ٿي ويا ۽ سندس هجت ۽ محبت مون کي انهيءَ ناول جي اسٽوري لائين تي ٽيلي فلم لکڻ لاءِ مڃائي ورتو. بيماريءَ جي بستري تان اٿيس ته، بيماريءَ واري حالت ۾ ڪيل وعدي کي پاڻي ڏنم ۽ ”سيتا زينب“ جي نالي سان ئي مون اردو ٽيلي فلم لکي سندس حوالي ڪري ڇڏي. اها ٽيلي فلم پاڪستان جي هڪ اهم ٽي وي چينل ARY تان ڪيترائي ڀيرا ٽيليڪاسٽ ٿي، پر پوءِ منهنجو هي ناول اڌورو ئي رهجي ويو.
    اڻ پوري ناول کي ماهوار ”امرتا“ جي ايڊيٽر، منهنجي دوست فقير محمد ڍول قسطن ۾ شايع ڪري، مون کي اڳتي لکڻ لاءِ آماده ڪيو، پر ”امرتا“ جي ريگيولر نه نڪرڻ سبب، وري به هي ناول اڌورو ئي رهيو. اڌورائيءَ جي انهن وقتن ۾ هن ناول جا ڪردار ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائين ۾ منهنجي اندر جي ليکڪ سان شڪايت ڪندا رهيا ته اسان بس رهياسين اڌورا اڌورا....! ۽ هن ناول جي مکيه ڪردار، سيتا لاءِ مون کي ائين لڳندو هو، ڄڻ مون ڪنهن زنده سلامت ڇوڪريءَ کي مصيبتن جي ڪنهن موڙ تي خطرن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ئي تخيل جي ڪردار سيتا منهنجي اندر جي ليکڪ کي شدت سان بيچين ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڪري سالن پڄاڻان هي ناول مڪمل ٿيو آهي، ته هن ناول ”سيتا زينب“ جو ڪريڊٽ به، ناول جي تخيلي ڪردار سيتا ڏانهن ئي وڃي ٿو، جنهن جي ڪري هي ناول تڪميل تائين پهچي سگهيو.

    زيب سنڌي
    11- ڊسمبر 2001ع
    حيدرآباد


    ناول

    1

    ”تون منهنجو انتظار ڪجانءِ سيتا، مان ضرور ايندس!“ ٽيليفون رسيور مان ايندڙ سلمان جو آواز، سنگ مرمر جي بُت جهڙي حسين سيتا جي ڪنن جون پاپڙيون گرم ڪندو، سندس دل ۾ موجود انديشن سان وڃي ٽڪرايو، هوءَ سوچ ۾ پئجي- وئي. هڪ پل جي اُها سوچ ايتري گهري هئي، جو سيتا کان جواب ڏيڻ ئي وسري ويو.
    ”ڇا پئي سوچين سيتا؟“ سلمان پڇيو.
    سيتا هڪ نظر پنهنجي ڪمري جي ٻيڪڙيل دروازي طرف ڏٺو ۽ پوءِ مائوٿ پِيس کي پنهنجي چپن جي ويجهو ڪري، رازداريءَ واري انداز سان سلمان کي صلاح ڏنائين، ”تون ... تون سوچي وٺ سلمان!“
    ”سيتا، مسلمان آهيان مان!“ سلمان هڪدم وراڻيو، “۽ اهو هڪ مسلمان جو وعدو آهي، ته مان ڪڏهن به تنهنجو ساٿ نه ڇڏيندس!“
    سيتا جي دل ۾ موجود انديشن، سندس چپن تي اچڻ جي ڪوشش ڪئي، ”سلمان! ڏس... ائين نه ٿئي ته...“
    ”ڪجهه ڪونه ٿيندو!“ سلمان، سيتا جي ڳالهه ڪٽي ورتي، ”تون همت کان ڪم وٺ سيتا!“
    ”مون ۾ ايتري همت آهي سلمان، تڏهن ته مون ايڏو وڏو فيصلو ڪيو آهي.“ سيتا وراڻيو، ”پر تون... وري به سوچي وٺ!“
    ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين سيتا؟ مون کي ڪجهه سوچڻ جي ضرورت ناهي!“ سلمان هڪدم وراڻيو.
    سيتا ٿڌو ساهه کنيو، ”ته پوءِ ٺيڪ آهي، ضرور اينديس مان!“
    اوچتو سيتا جي ڪمري جو در کُلي پيو، ته سيتا ڇرڪي در طرف ڏٺو، دروازي ۾ سيتا جي باوقار ۽ بارعب ماءُ جانڪي ٻائي بيٺي هئي. سيتا ماءُ طرف ڏسندي ٽيليفون جو رسيور رکي ڇڏيو.
    ”ڪنهن سان پئي ڳالهائين؟“ جانڪي ٻائيءَ سخت لهجي ۾ پڇيو.
    ”امي ... مان .... مان شِيلا سان ڳالهائي رهي هيس!“ سيتا ڦڪي مرڪ جو گل ماءُ کي ڏيڻ چاهيو.
    ”ڇو ٿي ڪوڙ ڳالهائين سيتا!“ جانڪي ٻائيءَ ڏک ۽ ڪاوڙ مان وراڻيو ۽ اڳتي وڌي اچي سيتا جي پاسي ۾ ويهي رهي.
    سيتا ڪو به جواب نه ڏنو.
    جانڪي ٻائيءَ بيحد ڏک ۽ فڪرمنديءَ سان سيتا جي ڪلهي تي هٿ رکيو، ”توکي چڱيءَ طرح خبر آهي سيتا، ته تنهنجي ننڍي ڀيڻ گيتا ۽ سندس مڙس جو موت فقط ڪو حادثو نه هيو!“
    سيتا ٿڌو ساهه کنيو. سندس خوبصورت نيريون اکيون آليون ٿي ويون. آلين اکين ۾ بيحد پياري ننڍي ڀيڻ جو عڪس لهي آيس. ڏک جي شديد احساس کان هن چپ ڀيڪوڙي ڇڏيا.
    ”گيتا ته گهران ڀڄي پنهنجي مرضيءَ سان هڪ هندوءَ سان ئي شادي ڪئي هئي.“ جانڪي ٻائيءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”پر ڪمذات هيو روي!“
    سيتا ڪوبه جواب نه ڏنو، چپ چاپ ويٺي رهي.
    جانڪي ٻائيءَ پنهنجو هٿ سيتا جي ڪلهي تي رکيو، سندس لهجي ۾ مستقبل جي ڳڻتي هئي، ”سيتا، خبر آهي توکي... ته ڇا پئي ڪرين تون!؟“
    سيتا خاموش ويٺي رهي.
    جانڪي ٻائيءَ جا چَپَ خوف کان ڪنبڻ لڳا، ”جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي فقط اها به خبر پئي... ته تون.... تون هڪ مسلمان ڇوڪري سان فون تي ٿي ڳالهائين ته هو توکي جيئرو نه ڇڏيندو!“
    سيتا مُنهن ڦيري ڇڏيو.
    ”سمجهڻ جي ڪوشش ڪر سيتا.“ جانڪي ٻائيءَ ڳيت ڏئي ڳالهايو، ”شنڪر توکي به قتل ڪرائي ڇڏيندو!“
    سيتا، ماءُ جو هٿ پنهنجي ڪلهي تان هٽائي ڇڏيو.
    ”اڄ توکي مون سان گڏ مندر هلڻو پوندو!“ جانڪي ٻائيءَ جي لهجي ۾ ٿوري سختي اچي ويئي.
    ” نه امان، نٿي دل چوي منهنجي تون هلي وڃجانءِ.“ سيتا جي لهجي ۾ دٻيل بيزاري هئي.
    ”ڌرم کان دوريءَ ئي تنهنجي دل کي غلط واٽ تي وڌو آهي. هلڻو ئي پوندو اڄ توکي مندر.“ جانڪي ٻائيءَ اٿندي چيو، ”۽ ها، پنهنجي دل کي به سمجهائي ڇڏجانءِ!“
    جانڪي ٻائي، سيتا جي ڪمري مان نڪري وئي. سيتا سوچ ۾ پئجي وئي، ڪنهن ٻُڏ تر جو شڪار ٿيڻ لڳي.

    مندر ۾ سيتا پنهنجي ماءُ جانڪي ٻائيءَ جي ڀرسان ئي بيٺل هئي. جانڪي ٻائيءَ جا پوڄا لاءِ هٿ جوڙيل هئا ۽ مندر ۾ ڀڄن جو آواز گونجي رهيو هو:
    اوم جڳديش هري
    سوامي جئي جڳديش هري
    ڀڳت جنون ڪي سنڪٽ
    ڇن ۾ دور ڪري، اوم.....
    ڀڄن جو تاثر جانڪي ٻائيءَ جي اندر ۾ اونهون لهندو ويو ۽ سندس اکيون بند ٿي ويون. هوءَ چپن ئي چپن ۾ ڀڄن جا شبد اُچاريندي رهي ۽ بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ ويندي رهي.
    سيتا، ڀرسان بيٺل پنهنجي ماءُ جي چهري طرف ڏٺو ۽ محسوس ڪري ورتو، ته سندس ماءُ بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ هلي وئي آهي. سيتا پوئتي ڏسڻ بنا، پوئين پير هلڻ شروع ڪيو ۽ پوڄا ڪندڙن جي وچ مان ٻاهر نڪري وئي.
    مندر جو اڱڻ لتاڙي، سيتا مندر جي پوئين در طرف وڃڻ لڳي.
    ننڍڙي شهر جو اهو مندر، هڪ وڏي ڍنڍ جي ڪناري، هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ مٿان ٺهيل هو، جنهن جي پوئين در کان ڍنڍ تائين ڏاڪڻ ٺهيل هئي.
    سيتا آهستي آهستي ڏاڪا لهندي هيٺ آئي ۽ سيمينٽ جي ٺهيل ٿَلهي تي اچي ويهي رهي. هر طرف خاموشي ۽ اڪيلائي هئي. شام جي خاموشيءَ ۾ وڻن جي پنن سان ٽڪرائجندڙ تيز هوا ۽ ڪناري سان ٽڪرائجندڙ ڍنڍ جي لهرن جو سنگيت موجود هو. هوا ۽ پاڻيءَ جي سنگيت ۾ گيتا پاڻ کي ڏاڍو هلڪو ۽ پُرسڪون محسوس ڪيو. هڪ نظر هن مندر طرف ڏٺو ۽ ڪنڌ ڦيرائي، ٿڌو ساهه کڻي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ڪجهه لمحن کان پوءِ سندس هٿ بي اختيار دعا لاءِ کڄي ويا. بند اکين ۽ خاموش چپن سان، هن دل ئي دل ۾ دعا گهرڻ شروع ڪئي، ”يا الله! مان احسانمند آهيان تنهنجي، جو تو مون کي سڌو رستو ڏيکاريو... او منهنجا مالڪ! تون دلين جو حال ڄاڻين ٿو.... ۽ تون ڄاڻين ٿو ته مان ڪيتري مجبور ۽ لاچار آهيان، جو مان تنهنجي هستيءَ جو دل سان اقرار ڪرڻ جي باوجود ٻين جي سامهون ان جو اظهار نٿي ڪري سگهان.... اي پروردگار! مون جيڪو فيصلو ڪيو آهي ۽ جنهن رستي جي چونڊ ڪئي اٿم، انهيءَ راهه تي منهنجي مدد فرماءِ!“
    دعا لاءِ کنيل هٿ چهري تي ڦيريائين، ته پنهنجي ئي هٿن جي ڇُهاءَ سان پنهنجي اندر ۾ ڪا طاقت منتقل ٿيندي محسوس ڪيائين. پنهنجي اهڙي احساس تي هوءَ پاڻ حيران رهجي وئي. بند اکيون کوليائين ته پنهنجي سامهون نظر جي حد تائين ڦهليل پرسڪون ڍنڍ جيان، پنهنجو اندر به بي حد پُرسڪون محسوس ڪيائين. هڪ لمحي لاءِ هوا بند ٿي وئي، ته هن ڀرسان پيل هڪ ننڍڙو پٿر کڻي ڍنڍ ۾ اُڇليو. پاڻيءَ جي سطح تي هڪ ٻئي پويان دائرا ٺهڻ شروع ٿي ويا ۽ هو مرڪي پيئي.
    ”سيتا!“ اوچتو جانڪي ٻائيءَ جي سڏ کيس ڇرڪائي وڌو. هن ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو.
    جانڪي ٻائي، مندر جي دروازي مان نڪري ڏاڪڻ لهي رهي هئي.
    سيتا هڪ ڊگهو ساهه کڻي اٿي بيهي رهي.
    جانڪي ٻائيءَ ڀرسان اچي سيتا جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. سندس لهجي ۾ هلڪي ناراضگي ۽ شڪايت هئي، ”اڄ به تو پوڄا نه ڪئي!“
    سيتا ڪوبه جواب نه ڏنو.
    ”سدائين تون پوڄا ڇڏي هتي هلي ايندي آهين!“ جانڪي ٻائيءَ حيرت سان چيو، ”ڇا ٿو ملي توکي هتي!؟“
    ”سُڪون!“ سيتا مرڪي پيئي، ”ڏاڍو سُڪون ٿو ملي مون کي هتي.“
    سيتا جي سڪون کي، ڪوشش جي باوجود جانڪي ٻائي سمجهي نه سگهي.

    اڌ کان وڌيڪ رات گذري چڪي هئي.
    پرلوڪ پڌاري ويل سيٺ گوپال داس جي مهل نما حويليءَ ۾ هر طرف خاموشي ڇانيل هئي. رات جي سانت کي فقط شنڪر جا کونگهرا ئي ٽوڙي رهيا هئا. شنڪر جا وڏي آواز وارا کونگهرا سيتا جي بيڊ روم تائين به پهچي رهيا هئا.
    زيرو بلب جي اڌ اونداهي ماحول ۾ بيڊ تي ليٽيل سيتا جون اکيون کليل هيون. کيس يقين هو ته نه فقط سندس وڏو ڀاءُ شنڪر، پر سندس ماءُ جانڪي ٻائي به گهري ننڊ ۾ هوندي، پر ان جي باوجود سيتا خاموش ليٽيل ئي رهي. هن چاهيو ٿي ته سندس ڀاءُ ۽ ماءُ جيان، سندس ننڍڙي شهر جي گهٽين کي به ننڊ وٺي وڃي، ته جيئن هوءَ ننڊ پيل گهٽين مان آسانيءَ سان ٻاهر نڪري وڃي.
    شنڪر جي کونگهرن جو آواز وڏو ٿيندو ويو. جڏهن سيتا کي يقين ٿي ويو، ته نه فقط سندس گهر ڀاتين ۽ نوڪرن کي گهري ننڊ آهي، پر سندس شهر جون اکيون به بند ٿي چڪيون آهن، تڏهن هوءَ هڪ ڊگهو ساهه کڻي بيڊ تي ويهي رهي. ڪي لمحا سوچڻ کان پوءِ هن اٿي بيڊ جي هيٺان لڪايل پنهنجو ننڍڙو ٽريول بيگ ڪڍيو ۽ بي آواز قدمن سان بيڊروم کان ٻاهر هلي وئي.
    اڌ اونداهيءَ ۾ هن حويليءَ جو سڄو اڱڻ لتاڙي، حويليءَ جي ٻاهرئين در وٽ پهچي، هڪ نظر پوئتي منهن ورائي ڏٺو ۽ پوءِ در کولي ٻاهر نڪري، در ٻيڪڙي ڇڏيو. پنهنجي حويليءَ جي در وٽ بيهي، ڊنل نظرن سان گهٽيءَ ۾ ٻنهي پاسي ڏٺائين. هر طرف خاموشي ۽ ويراني هئي. فقط پري کان ڪٿان ڪنهن ڪتي جي ڀؤنڪڻ جو آواز اچي رهيو هو. سيتا در وٽ بيٺي ئي پنهنجي پوتيءَ سان چهري کي ويڙهي ڇڏيو، ويڙهيل چهري مان فقط سندس ڊنل هرڻيءَ جهڙيون اکيون ئي ٻاهر نظر اچي رهيون هيون. هن ڊگهو ساهه کڻي، هٿ ۾ جهليل ٽريول بيگ جو بيلٽ پنهنجي ڪلهي ۾ وڌو ۽ خاموش قدمن سان، ديوارن جو پاسو وٺي هلڻ شروع ڪيو. سندس هر وک، پهرين کنيل وک کان وڌيڪ تيز ٿيندي وئي ۽ هن ذري گهٽ ڊوڙندي هلڻ شروع ڪيو.
    ”خبردار!!“
    اوچتو وڏي رڙ تي سيتا ڇرڪي پيئي ۽ تيزيءَ سان اڳتي وڌندڙ قدمن کي هڪدم روڪي ورتائين. سندس دل جو دهڪو وڌي ويو. ڪنهن جي ويجهو ايندڙ قدمن جي آواز سان گڏ لٺ جي زمين تي ٿيندڙ ٺڪ ٺڪ، سيتا کي سامهون واري گهٽيءَ جي موڙ کان ايندڙ چوڪيدار جو احساس ڏياري ڇڏيو. هن لِڪڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر اهڙي ڪابه جاءِ نه هئي، جيڪا سندس وجود کي چوڪيدار جي تيز نظرن کان بچائي سگهي. هن پوئتي منهن ڪري گهٽيءَ طرف ڏٺو، پر گهٽيءَ جو ڊگهو فاصلو به کيس پنهنجو دشمن محسوس ٿيو. چوڪيدار جي لٺ جو آواز ويجهو ايندو پئي ويو. ڪنهن به لمحي چوڪيدار گهٽيءَ جي موڙ کان ظاهر ٿي پئي سگهيو. سيتا جي ڊنل هرڻيءَ جهڙين اکين، وري ڪنهن پناهه لاءِ واجهايو. سندس نظر هڪ گهرَ جي در تي ٽنگيل پردي طرف وئي ۽ نظر جي ڪڍ سيتا جو وجود ان پردي پويان هليو ويو. ٻئي لمحي ئي چوڪيدار ”هوشيار... خبردار...“ جا واڪا ڪندو ۽ لٺ جي ٺڪ ٺڪ ڪندو ساڳئي گهٽيءَ ۾ اچي ويو. پردي پويان لڪل سيتا ڪنڌ هيٺ ڪري ڏٺو. پردو سندس گوڏن تائين هيو، گوڏن کان هيٺ سندس ڄنگهون ۽ پير پردي کان ٻاهر هيا. چوڪيدار جي ويجهو ايندڙ قدمن ۽ لٺ جي آواز سيتا جي جسم ۾ خوف جي ڪنبڻي طاري ڪري ڇڏي. چوڪيدار پردي واري در جي سامهون اچي بيهي رهيو، هن ٻه ٽي دفعا لٺ کي زورسان فرش تي هڻي ٺڪ ٺڪ جو وڏو آواز پيدا ڪيو ۽ هڪ زوردار رڙ ڪئي، ”خبردار...!“ سيتا جو ساهه سُڪي ويو. هلڪي هلڪي ٿڌ هوندي به، هن پنهنجي سڄي جسم تي پگهر جي آلاڻ محسوس ڪئي. سيتا پردي جي هڪ ننڍڙي سوراخ مان ٻاهر ڏٺو. ڀوائتي چهري وارو چوڪيدار پردي واري در طرف ڏسي رهيو هو. سيتا کان ساهه کڻڻ وسري ويو، کيس يقين ٿي ويو ته چوڪيدار پردو هٽائي هن کي ٻانهن کان جهلي وٺندو ۽ اڄوڪي رات، محبوب جي وصل بجاءِ کيس موت جي واديءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيندي. چوڪيدار پردي واري در ڀرسان اچي بيهي رهيو. کيسي ۾ هٿ وجهي پن جي ٻيڙي ۽ ماچيس ڪڍيائين ۽ پردي واري در جي دڪيءَ تي ويهي رهيو. چوڪيدار ٿڪاوٽ وارو هڪ تمام وڏو ساهه کنيو، ته سندس پٺيان پردي ۾ لڪل سيتا جي اندر ۾ خوف جي شدت تهائين وڌي وئي. چوڪيدار جي پٺيان اڌ فوٽ جي فاصلي تي پردي پويان لڪل سيتا سوچيو، ’جيڪڏهن چوڪيدار ٿڪاوٽ سبب پوئتي ٽيڪ ڏني ته...‘ سيتا وڌيڪ ڪجهه سوچي نه سگهي. وڌيڪ سوچڻ ئي کيس موت برابر محسوس ٿي رهيو هو. چوڪيدار ٻيڙي دکائي هڪ ڊگهو سوٽو هنيو ۽ اٿي کڙو ٿيو. سيتا سڪون جو هڪ ڊگهو ساهه کنيو ته پنهنجي ئي ساهه جي آواز تي ڇرڪي پيئي ۽ هن کنيل ساهه کي واپس هوا ۾ ڇڏڻ بجاءِ پنهنجي اندر ۾ ئي روڪي ورتو. چوڪيدار لٺ جي ٺڪ ٺڪ ڪندو، ”هوشيار... خبردار...“ جا واڪا ڪندو گهٽيءَ ۾ اڳتي وڌي ويو. سيتا ٿورو پردو هٽائي، پٺيري ويندڙ چوڪيدار طرف ڏٺو ۽ وقت وڃائڻ بجاءِ پردي منجهان ٻاهر نڪري آئي. هوءَ چوڪيدار طرف پوئتي ڏسندي ۽ بي آواز قدمن سان هلندي، گهٽيءَ جي موڙ تائين پهچي ٻي گهٽيءَ ۾ هلي وئي.


    2

    ننڍڙي شهر جي اها ريلوي اسٽيشن انگريزن جي زماني جي ٺهيل هئي. رات جي اونداهيءَ ۾ پليٽ فارم تي فقط ٻه پراڻي زماني جا ليمپ ٻري رهيا هيا. اڌ اونداهي پليٽ فارم جي هڪ بينچ تي ميرا ڪپڙا پهريل هڪ جُهور پوڙهو ۽ سندس پوڙهي زال ريل جي انتظار ۾ ويٺل هيا. ٻنهي جي وچ ۾ بينچ تي سامان جي هڪ وڏي هڙ رکيل هئي. بينچ جي ڀرسان ڪجهه ڪتا فرش تي منهن رکيو سُتا پيا هئا. پليٽ فارم کان ٻاهر بيٺل برسات جي پاڻيءَ مان ايندڙ ڏيڏرن ۽ جيتن جا آواز پليٽ فارم تي به گونجي رهيا هئا. پليٽ فارم جي پاسي تي بڙ جي قديم وڻن جي هڪ ڊگهي قطار هئي. بڙ جي انهن قديم ۽ بيحد وڏن وڻن پليٽ فارم جي ماحول کي رات جي اونداهيءَ ۾ ڏاڍو پراسرار بڻائي ڇڏيو هو. سيتا هڪ بڙ جي ئي ويڪري ٿُڙ پويان لڪل هئي. بڙ جي وڻ هيٺان ڦهليل پراسرار اونداهيءَ ۽ بڙ جي انهيءَ ويڪري ٿُڙ، ڊنل هرڻيءَ جهڙي سيتا کي ڪيتري دير کان دنيا جي شڪاري نظرن کان بچائي رکيو هو. خوف ۾ ورتل هئڻ جي باوجود سيتا جي اندر ۾ ان وقت خوشي ڪَرَ موڙي جاڳي پيئي، جڏهن پليٽ فارم تي گهنٽي وڄائي ريل جي اچڻ جو اعلان ڪيو ويو. سيتا، بڙجي ٿُڙ پويان ڪنڌ ٻاهر ڪڍي ريل جي پٽڙين طرف ڏٺو، ته سلمان جا فون تي چيل جملا سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا، ”تون ڪا به ڳڻتي نه ڪجانءِ سيتا... مان پنهنجي شهر کان ٽرين ۾ سوار ٿي ايندس، ان ڪري اڳ ۾ ئي ٽرين ۾ موجود هوندس. ٽرين جي پهچڻ سان تون پليٽ فارم تي سامهون اچي وڃجانءِ، مان پاڻيهي توکي سڏي وٺندس.“
    سيتا مرڪي اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ آئيندي جي اميدن جا هٿ جهلي ورتا. سندس بند نيڻن ۾ وصل جا ڪيئي منظر هڪ ٻئي پويان ايندا رهيا... پري کان ايندڙ ريل جي هارون جي آواز کيس اکيون کولڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن وري ريل جي پٽڙين طرف ڏٺو. پٽڙين تي پري کان ايندڙ ٽرين جي انجڻ جي هلڪي هلڪي روشني هئي ۽ ٽرين جو آواز ويجهو ايندو پئي ويو. ريل جي ويجهو ايندڙ آواز سان سيتا جي دل جو دهڪو وڌندو پئي ويو. جيئن ئي ٽرين جي انجڻ نظر آئي، سيتا بيگ کڻي، پنهنجو سڄو خوف بڙ جي ٿڙ وٽ ڦٽي ڪري ڊوڙندي ٻاهر نڪري آئي ۽ پليٽ فارم تي ليمپ جي روشنيءَ ۾ وڃي بيهي رهي، جيئن ريل جي بيهڻ کان اڳ ئي ريل ۾ موجود سلمان کيس ڏسي وٺي.
    ريل پليٽ فارم تي اچي بيهي رهي، پر سيتا کي ڪٿان به ڪو سڏ نه ٿيو. ليمپ جي روشنيءَ ۾ بيٺل سيتا کي وسوسا ورائي ويا. هن ليمپ جي روشنيءَ ۾ بيٺي ئي ريل کي ٻنهي پاسي آخر تائين ڏٺو، پر ريل جي ڪنهن به کڙڪيءَ يا دروازي مان سلمان جو چهرو ظاهرنه ٿيو. ليمپ جي روشنيءَ ۾ بيٺل سيتا جي اندر ۾ اونداهي ڀرجي وئي. هن هڪ دفعو وري ٻنهي پاسي واجهايو ۽ پوءِ ٽرين جي ڀرسان اچي، انجڻ واري طرف ڊوڙندي هن پاڻ ئي سڏ ڪرڻ شروع ڪيا، ”سلمان.... سلمان...!“ هوءَ ٽرين جي انجڻ پويان لڳل پهرين بوگيءَ تائين ڊوڙندي هلي وئي، پر کيس سلمان جي وراڻي نه ملي. هن بيحد مايوسيءَ مان، شدت سان سهڪندي پوئتي نهار ڪئي. کيس احساس ٿيو، ته هن جنهن ليمپ جي هيٺان بيهي سلمان جو انتظار ڪيو هو، اهو ٽرين جي وچ واري فاصلي تي هو. ٽرين جا اڌ گاڏا ان ليمپ جي ٻئي طرف بيٺل هيا. هن وري تيزيءَ سان پوئتي ڊوڙڻ شروع ڪيو. ڊوڙندي وڏي آواز سان رڙيون ڪري سلمان کي سَڏڪندي رهي. اڃا هوءَ بيٺل ٽرين جي اڌ فاصلي تائين مس پهتي ته ٽرين جي هارون جي آواز سان گڏ آهستي آهستي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. ريل جي اڳتي وڌڻ سان پوئتي ڊوڙندڙ سيتا جي قدمن ۾ تيزي اچي وئي، هوءَ سلمان لاءِ رڙيون ڪندي ٽرين جي آخري گاڏي تائين پهچي وئي، پر سلمان جي وراڻي کيس نه ملي. هن مايوسيءَ مان ڪنڌ ورائي، ويندڙ ٽرين طرف ڏٺو،جنهن جي رفتار وڌي وئي هئي. اوچتو سيتا جي ذهن ۾ پنهنجي ڀاءُ شنڪر جو چهرو ڦري آيو. سيتا کي يقين ٿي ويو ته هاڻي فقط اها ويندڙ ريل ئي کيس شنڪر جي هٿان مرڻ کان بچائي سگهي ٿي. اهو خيال ايندي ئي ڊنل هرڻيءَ جهڙي سيتا، ٽرين ۾ سوار ٿيڻ خاطر، پنهنجي پوري قوت سان ٽرين جي پويان ڊوڙڻ شروع ڪيو، پر ٽرين ۽ سيتا جي وچ ۾ فاصلو وڌندو ئي ويو. ٽرين جي پويان ڊوڙندڙ سيتا کي احساس ٿيو ته سندس پويان موت ڊوڙي رهيو آهي. موت کان بچڻ لاءِ سيتا وڌيڪ تيزيءَ سان ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس پير ٿڙي ويا. هن منهن ڀر پليٽ فارم تي اچي ڦهڪو ڪيو ۽ بيگ سندس هٿن مان نڪري ڏهاڪو فُٽ پري هليو ويو. گوڏن، ٺونٺين ۽ کاڏيءَ تي آيل زخمن جي درد سبب هن زور سان اکيون بند ڪري نرڙ کي فرش تي رکي ڇڏيو. اونڌي منهن پئي هن هڪ وڏو ساهه کنيو، ته سندس سڄي جسم مان سُور جون سَٽون اڀري ويون، پر ٻئي لمحي ئي سموري سُور تي موت جو خوف حاوي ٿيندي محسوس ڪيائين. موت کان بچڻ لاءِ، اٿڻ خاطر هن پنهنجي جسم جي سڄي قوت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اٿڻ کان اڳ ئي ويجهو ايندڙ ڪنهن جي قدمن جي آواز سندس سڄي طاقت ڦري ورتي. کيس پڪ ٿي وئي ته اهو سندس ڀاءُ شنڪر ئي هوندو، جيڪو رات جي پوئين پهر جاڳي پوندو هو. سيتا کي يقين ٿي ويو ته شنڪر کيس گهر ۾ نه ڏسي ڳوليندو پليٽ فارم تائين پهچي ويو هوندو ۽ هن ئي پليٽ فارم تي، کيس ليٽيل حالت ۾ ئي گولي هڻي ماري ڇڏيندو. هر ويجهو ايندڙ قدم جي آواز سان سيتا موت کي پنهنجي ويجهو ايندي محسوس ڪيو. سندس نڙي خشڪ ٿي وئي ۽ سڄو جسم نستو ٿي ويو. اوچتو سندس ٻانهن ۾ ڪو هٿ پيو، ته هن جي وات مان زندگيءَ جي آخري آواز جهڙي دهشت واري رڙ نڪري وئي. سيتا پاڻيءَ کان ٻاهر پيل مڇيءَ جيان ڦٿڪي پاسو ورائي هٿ وجهندڙ طرف ڏٺو، پر اهو شنڪر نه هو. شنڪر جي عمر جيترو ئي هڪ اوپرو شخص سندس مٿان جُهڪيل هو، جنهن جي چهري تي ننڍڙي ڏاڙهي هئي ۽ کيس اڇي رنگ جو يونيفارم پاتل هيو. ان شخص سيتا کي هوش ۾ ڏسي سندس ٻانهن ڇڏي ڏني. هلڪي سڪون سان گڏ سيتا جي اندر ۾ هڪ نئون خوف واسو ڪري ويو. اهو اوپرو شخص پليٽ فارم تي پيل سيتا جي ڀرسان اوڪڙون ويهي رهيو.
    ”توهان پاڻ اٿي سگهندئو، يا مان توهان جي مدد ڪيان؟“ اوپري شخص نرم لهجي سان پڇيو.
    سيتا ڪو به جواب نه ڏنو. نرم لهجو به سندس اندر مان خوف جي شدت کي نه گهٽائي سگهيو، تڏهن به هن پنهنجي جسم جي پوري طاقت گڏ ڪئي ۽ اٿي گوڏن ڀر ويهي رهي. خوف کان سندس سڄو جسم ڪنبي رهيو هو. هن ڊنل نظرن سان اوپري شخص جي چهري ۾ ڏٺو.
    ”ڪير آهيو توهان؟“ اوپري شخص انتهائي نرم لهجي ۾ پڇيو.
    سيتا ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، سندس چَپَ ڪنبيا، پر لفظَ چپن کان ٻاهر نه نڪتا. ڄڻ لفظن به خوف سبب چپن جي پويان پناهه وٺي ڇڏي هجي.
    جواب نه ملڻ تي اوپرو شخص اٿي ڪجهه فاصلي تي پيل سيتا جي ٽريول بيگ طرف هليو ويو.
    سيتا خشڪ ٿي ويل نڙيءَ سان ڳيت ڏئي، اٿي ڀڄي وڃڻ لاءِ سوچيو، پر خوف جي شدت سبب، ڪوشش جي باوجود اٿي نه سگهي. کيس لڳو، ڌرتيءَ جي هِن گولي تي، هُن لاءِ ڪا به پناهه گاهه ناهي. چئني پاسن کان فقط موت جا قدم ئي هن طرف وڌي رهيا آهن، تڏهن هن مايوسيءَ مان ڪنڌ جهڪائي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    ”ٻڌايو، ڪير آهيو توهان؟“ اوچتي آواز سيتا کي ڇرڪائي وڌو.
    سيتا ڪنڌ مٿي ڪرڻ بنا اکيون کوليون ته پنهنجي ڀرسان ٻن پيرن کي بيٺل ڏٺائين. کيس لڳو، ڄڻ رات جي سانت ۾ موت جا قدم سندس ڀرسان اچي بيٺا هجن.
    اوپري شخص سيتا جو ٽريول بيگ فرش تي رکيو ۽ سيتا جي ڀرسان اوڪڙون ويهي رهيو، ”ٻڌايو ڇو نٿا ڪير آهيو توهان؟“
    نه سيتا ۾ ڪنڌ کڻي اوپري شخص طرف ڏسڻ جي طاقت هئي ۽ نه اهو ٻڌائڻ جي همت، ته هوءَ ڪير آهي. سندس دل چاهيو، جيڪر ڌرتي ڦاٽي پوي ۽ هوءَ ان ۾ سمائجي، مستقبل جي سمورين مصيبتن کان بچي وڃي، پر نه ڌرتي ڦاٽي ۽ نه سيتا پاڻ کي محفوظ ڀانيو. سندس اندر ۾ قتل ٿيڻ جو خوف ٻيهر ڪَرَ کڻي جاڳي پيو.
    ”توهان ڪو جواب ڇو نٿيون ڏيو!؟“ اوپري شخص جي آواز ۾ ٿوري بيزاري شامل ٿي وئي.
    سيتا خوف مان ڪنڌ کنڌ مٿي ڪري، اوپري شخص جي چهري ۾ ڏٺو. ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر لفظن سندس چپن جي پناهگاهه مان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي اندر ۾ گهُٽَ محسوس ڪئي. هڪ ڊگهو ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سندس اهو ساهه اڌ ۾ ئي ٽُٽي پيو ۽ هوءَ اوچتو سُڏڪي پيئي. ٻئي هٿ چهري تي رکي، مٿو پنهنجي گوڏن تي رکي ڇڏيائين. سندس گهُٽيل سُڏڪن ۾ موت جي دهشت شامل ٿي وئي.
    ”ڇو پيون روئو توهان!؟“ اوپري شخص ٿوري حيرت ۽ همدرديءَ مان پڇيو.
    سيتا جو چهرو سندس هٿن ۾، گوڏن مٿان ئي پيل رهيو، پر سندس سڏڪن جو آواز وڌي ويو. رات جي پراسرار خاموشيءَ ۾ سندس سڏڪن جو آواز سڄي ريلوي پليٽ فارم تي گونجڻ لڳو. سندس سڏڪن ۾ اهڙي دهشت هئي، جو اوپرو شخص ڪجهه چوڻ چاهيندي به ڳالهائي نه سگهيو، تڏهن هن پنهنجو هٿ سيتا جي مٿي تي رکي ڇڏيو.
    سيتا پنهنجي مٿي تي همدرديءَ وارو ڇهاءُ محسوس ڪري ڪنڌ کنيو، ته لفظ سڏڪن سان گڏ سندس چپن مان اوچتو ڀڙڪو ڏئي ٻاهر نڪري آيا، ”مان... مارجي وينديس... مارجي ويندس مان اڄوڪي رات ۾ ...!!“
    ”پر ڇو!؟“ اوپري شخص انتهائي حيرت ۽ پريشانيءَ مان پڇيو.
    ”هُو... هُو مون کي...“ سيتا سڏڪن جي وچ مان ڳالهايو، ”هو قتل ڪري ڇڏيندو مون کي... ماري ڇڏيندو مون کي!!“
    ”پر ڇو؟“ اوپري شخص جي پريشاني وڌي وئي، ”ڪير قتل ڪري ڇڏيندو توهان کي!؟“
    ”خدا جي واسطي... پليز....“ سيتا پنهنجا ڪنبندڙ هٿَ جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي، دهشت مان روئندي ڳالهايو، ”مون کي بچايو... پليز... منهنجي زندگي بچايو!!!“ سيتا ڪوشش جي باوجود به پنهنجا هٿ جوڙي نه پئي سگهي ۽ سندس هٿ بار بار جدا پئي ٿي ويا.
    ”هٿ نه جوڙيو.“ اوپري شخص چيو، ”اٿو ۽ هلو مون سان گڏ.“
    ”جي!!“ هوءَ ڇرڪي پيئي. سندس اندر جي عورت ۾ هڪ نئون خوف جاڳي پيو. سندس اندر ۾ به رات لهي آئي. هڪ دفعو ٻيهر سيتا جي دل چاهيو، جيڪر ڌرتي ڦاٽي پوي ۽ هوءَ ان ۾ سمائجي وڃي.
    ”اٿو جلدي ڪيو.“ اوپرو شخص اٿي بيهي رهيو.
    سيتا فرش تي ويٺي ويٺي ئي ڏاڍي بي وسيءَ مان اوپري شخص جي چهري طرف ڏٺو. پليٽ فارم جي ليمپ جي هلڪي روشنيءَ ۾، اوپري شخص جو چهرو به کيس رات جهڙو ئي پرسرار لڳو ۽ سيتا جي لڱن مان ڌُرڙي نڪري وئي.
    اوپري شخص، سيتا جي چهري جي تاثر مان سندس اندر جي عورت جي وسوسن کي محسوس ڪري ورتو، ”نه ڊڄو توهان. مان اسٽيشن ماسٽر آهيان ۽ هن پليٽ فارم تي ئي منهنجي آفيس آهي.“
    سيتا هڪ ٿڌو ساهه کنيو، هٿ فرش تي رکي، پنهنجي نستي جسم کي زور ڏئي مٿي ڪيائين ۽ اٿي بيهي رهي.
    اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ فرش تي پيل سيتا جو ٽريول بيگ کڻي ورتو. پليٽ فارم تي پکڙيل ليمپ جي هلڪي روشنيءَ ۾، رات جي آخري پهر ۾ اسٽيشن ماسٽر جي پويان هلندي، سيتا بار بار خوف مان اوسي پاسي ۽ پوئتي پئي نهاريو. هوءَ فيصلو نه پئي ڪري سگهي ته خطرو سندس پٺيان آهي، يا هُوءَ پاڻ هڪ ٻئي خطري جي پويان وڃي رهي آهي.

    اسٽيشن ماسٽر جي آفيس ۾ ويٺي سيتا کي چڱيرڙي دير گذري چڪي هئي، پر نه سندس جسم جي ڪنبڻي ختم ٿي هئي ۽ نه ئي سندس خوف ۾ ذري برابر به ڪا گهٽتائي ٿي هئي. هن بار بار پوئتي منهن ورائي خوف مان آفيس جي در طرف ٿي ڏٺو. کيس يقين هو ته ڪنهن به وقت سندس ڀاءُ شنڪر موت بڻجي اچي سندس مٿان ڪڙڪندو.
    ”ها...“ اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ ڪجهه سوچيندي، فڪرمنديءَ ۽ افسوس سان چيو، ”ته توهان... گهران ڀڄي نڪتيون آهيو!“
    سيتا ڪوبه جواب نه ڏنو. ٽيبل تي پيل پاڻيءَ جي باٽل کڻي، پاڻيءَ جا ڪجهه ڍڪ وات ۾ اوتي ڇڏيائين.
    ”ڪٿان جون رهندڙ آهيو توهان؟“ عابد عليءَ پڇيو.
    سيتا ڳيت ڏئي، ڪنبندڙ آواز سان ڳالهايو، ”هو... هو جيڪو... روڊ جي پريان وارو پاڙو آهي...“
    ”جتي هندو آباديءَ جي اڪثريت آهي؟“
    ”ها، هندو آهيان مان به. سيتا نالو آهي منهنجو.“
    ”توهان جي والد صاحب جو نالو ڇاهي؟“
    سيتا ڪوبه جواب نه ڏنو. خوف مان پوئتي ڪنڌ ورائي در طرف ڏٺائين. آفيس جي در کان ٻاهر پليٽ فارم تي رات جي آخري پهر جي اونداهي ڦهليل هئي.
    ”ٻڌايو!“ اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ ٽيبل جي ٻئي طرف ويٺل سيتا کان وري پڇيو، ”ڇا نالو آهي توهان جي والد صاحب جو؟“
    ”سيٺ...“ سيتا ڏڪندڙ چپن سان ڳالهايو، ”سيٺ گوپال داس...“
    ”توهان...“ عابد انتهائي حيرت سان ڳالهايو، ”توهان سيٺ گوپال داس جي ڌيءَ آهيو!“
    ”جي.“ سيتا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ هڪ ڊگهو ساهه کنيو، ڄڻ سيٺ گوپال داس جي ڌيءَ جي گهران ڀڄڻ تي کيس افسوس ٿيو هجي، ”سيٺ گوپال داس ته ڏاڍو شريف ماڻهو هيو.“
    سيتا پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي نه کنيو.
    ”سيٺ گوپال داس ته رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ سڄي زندگي يتيمن ۽ بيواهه عورتن جي مدد ڪئي هئي.“ عابد عليءَ پنهنجي ننڍڙي ڏاڙهيءَ مٿان هٿ ڦيري ڳالهايو، ”۽ سيٺ صاحب پنهنجي سياسي اثر سان به هن علائقي جي ماڻهن کي ڪافي فائدو پهچايو.“
    سيتا ڪو به جواب نه ڏنو، هن ڪنڌ ورائي دروازي طرف ڏٺو.
    عابد عليءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”۽ ٻڌو اٿم ته انهيءَ نيڪيءَ واري ڪم کي هاڻي توهان جي ماءُ جاري رکيو پئي اچي.“
    ”پر...“ سيتا خشڪ ٿي ويل چپن سان ڳالهايو، ”منهنجو ڀاءُ شنڪر... امان ۽ بابا جي بلڪل ابتڙ آهي!“
    ”سڀ خبر آهي مون کي.“ عابد عليءَ ڊگهو ساهه کڻي تلخيءَ مان چيو، ”چڱيءَ طرح واقف آهيان مان شنڪر جي ڪارنامن کان!“
    ”هُو... هُو شنڪر...“ سيتا اوچتو خوف مان ڪنبي ويئي، ”گهر کان ڀڄڻ جي ڏوهه ۾ ... قتل به ڪري سگهي ٿو مون کي!“ سيتا پنهنجي پويان ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻڌي، دهشت مان ڇرڪي پوئتي نهاريو.
    سيتا جي پويان اڌ اڇي ٿي ويل ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو بيٺل هو، جنهن جي چهري تي هلڪي پراسرار مرڪ هئي.
    ”ڪير... ڪير آهي هي!؟“ سيتا دهشت ڀريل آواز سان اسٽيشن ماسٽر عابد ڏانهن نهاريو.
    ”عبدالله نالو آهي هن جو.“ عابد عليءَ سڪون سان وراڻيو،
    ”منهنجو اسسٽنٽ آهي. ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهي.“
    ”نيڪي ته سائين الله ٿو ڏئي، منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي!“ عبدالله نرم لهجي ۾ چيو.
    سيتا پنهنجو رئو مٿي تي ٺاهي رکيو.
    ”عبدالله!“ عابد عليءَ جي لهجي ۾ فڪرمندي هئي.
    ”جي... جي سر؟“ عبدالله ادب سان وراڻيو.
    ”ٻاهر خيال ڪجانءِ، جيڪڏهن پليٽ فارم تي ڪو شڪي ماڻهو نظر اچي ته هڪدم اچي مون کي ٻڌائجانءِ.“ عابد عليءَ جي آواز ۾ فڪرمنديءَ سان گڏ ڪجهه پريشاني به شامل هئي.
    ”جي سر!“ عبدالله واپس ٻاهر هليو ويو.
    سيتا جي چهري تي خوف جا پاڇا وڌيڪ گهرا ٿي ويا. کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هوءَ ڇا چوي ۽ ڇا ڪري.
    اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ پنهنجي ٽيبل جي خاني مان تسبيح ڪڍي ورتي ۽ تسبيح جي داڻن کي ڦيرائيندي ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويو. ڪمري ۾ پراسرار خاموش ڇانئجي وئي. انهيءَ پراسراريت کي رات جي اونداهيءَ ۽ پري کان ايندڙ ڏيڏرن جي آوازن وڌيڪ پراسرار بڻائي ڇڏيو هو. اوچتو پليٽ فارم تي وڏي آواز سان گڏ ڀؤنڪندڙ ڪتي جي آواز تي سيتا ڇرڪي پيئي، سندس لڱ ڪانڊارجي ويا، چپ ڏڪڻ لڳس، چهرو هيڊو ٿي ويس، ڪجهه ڳالهائڻ چاهيائين پر آواز سندس وات مان نه نڪري سگهيو.
    ”مان سمجهان ٿو توهان جي حالت کي.“ عابد ڪجهه سوچيندي، همدرديءَ ۽ سمجهائڻ واري انداز سان ڳالهايو، ”ڏسو، جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ڀاءُ شنڪر مان جان جو خطرو آهي، ته مان توهان جي والده سان رابطو ٿو ڪيان، ته جيئن هوءَ پاڻ اچي توهان کي عزت ۽ حفاظت سان واپس وٺي وڃي.“
    ”نه، بلڪل نه!؟“ سيتا هڪدم وراڻيو.
    ”پر ڇو نه!؟“ عابد عليءَ حيرت مان پڇيو.
    ”ان ڪري ته...“ سيتا ٿڌو ساهه کنيو، ”مون واپس وڃڻ لاءِ گهر ناهي ڇڏيو!“
    ”پر جنهن جي ڪري توهان گهر ڇڏيو، اُهو به ته ڪو نه آيو!“ عابد عليءَ ڪنڌ ڌوڻي چيو، ”واپس پنهنجي گهر نه ويندئو ته ڪيڏانهن ويندئو!؟“
    سيتا جو چهرو درد جي تصوير بڻجي پيو، ڪو به جواب نه ڏئي سگهي.
    ”ٻڌايو!“ عابد عليءَ لفظن تي زور ڏيندي پڇيو، ”ڪيڏانهن ويندئو هاڻي توهان!؟“
    سيتا ميز تي ٺونٺ رکي پنهنجي نرڙ تي هٿ رکي ڇڏيو.
    هڪ لمحو سوچي عابد عليءَ غور سان سيتا ڏانهن ڏٺو. نرم لهجي ۾ پڇيائين، ”توهان... ڪنهن جي وعدي تي پنهنجو گهر ڇڏيو؟“
    سيتا جي دل ڄڻ ٻه ٽڪر ٿي پيئي. هن ڪنڌ مٿي کنيو ته سندس نرڙ تي رکيل هٿ ڄڻ نستو ٿي وڃي ٽيبل تي ڪِريو. سندس اکين ۾ درد لهي آيو. ڪو به جواب نه ڏيئي سگهي.
    ”ڪير آهي اُهو، جيڪو نه آيو اڄ؟“ عابد عليءَ پڇيو.
    ”هُو...“ ڪنهن تير جيان هڪ ڊگهو ساهه سيتا جي اندر ۾ لهي ويو، ”هُو مون سان... يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهندو هو.“
    ”ڪير آهي اُهو؟“ عابد عليءَ لفظن تي زور تي ڏيئي پڇيو.
    ”مسلمان آهي... سلمان نالو اٿس!“ سيتا سُڏڪي جهڙي آواز سان ڳالهايو.
    ”ڇا!!“ عابد علي ڇرڪي پيو، ”توهان هڪ مسلمان جي ڪري پنهنجو گهر ڇڏيو آهي!“
    ”ها!“ سيتا ٿڌو ساهه کنيو، ”مون... مسلمان ٿي هُن سان شادي پئي ڪرڻ چاهي!“
    عابد عليءَ پنهنجو تسبيح وارو هٿ ٽيبل جي مٿان رکي ڇڏيو، ڪنڌ جهڪائي سوچ ۾ پئجي ويو.
    سيتا پنهنجي اک مان نڪتل هڪ لڙڪ کي آڱر سان اُگهي ورتو.
    عابد علي پنهنجي جهڪيل ڪنڌ سان وارن ۾ هٿ ڦيري ڪي لمحا سوچيندو رهيو ۽ پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري، سيتا ڏانهن حيرت ۽ فڪرمنديءَ سان ڏٺائين، ”ڇا توهان... فقط هڪ مسلمان سان شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجو مذهب ڇڏڻ ٿيون چاهيو!؟“
    ”اهڙي ڳالهه بلڪل ناهي.“ سيتا پهريون ڀيرو سڪون سان ڳالهايو.
    ”ته پوءِ!؟“ عابد عليءَ وڌيڪ حيرت سان هڪدم پڇيو.
    ”اهو سچ آهي ته هُن جي محبت جي ڪري مون کي اسلام سان دلچسپي پيدا ٿي هئي.“ سيتا نهايت اعتماد سان ڳالهايو، ”۽ پوءِ ... پنهنجي گهر وارن کان لڪائي مون ڪيترائي اسلامي ڪتاب به پڙهيا.“
    عابد علي غور سان سيتا جي ڳالهه ٻڌندو رهيو.
    سيتا هڪ لمحي کان پوءِ پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”۽ هاڻي... مان دل سان اسلام کي سچو مذهب مڃيان ٿي.“
    ”سبحان الله!“ عابد عليءَ جي چهري تي هلڪي مرڪ ڦهلجي وئي.
    سيتا کي ٿورڙي دير لاءِ ڏاڍي سڪون جو احساس ٿيو ۽ هن پهريون ڀيرو ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏني.
    عابد عليءَ جي چهري تان اوچتو مرڪ اڏامي ويئي. هو بيحد فڪرمند ٿي ويو، ”پر... توهان کي چاهيندڙ ته... آيو ئي ڪو نه!“
    ”شايد...“ سيتا جي دل وسامي ويئي، ”متان هُن کي ڪا مجبوري ٿي پيئي هجي!“
    عابد عليءَ بيحد افسوس سان ڳالهايو، ”پر هُن توهان جي مجبوريءَ کي بلڪل نه سمجهيو، ته سندس نه اچڻ جي ڪري توهان ڪيڏي مشڪل ۾ ڦاسي پونديون!“
    سيتا اوچتو ڇرڪي سڌي ٿي ويهي رهي، سندس آواز ۾ دهشت ڀرجي وئي، ”ها! شايد... شايد مان قتل ٿي وڃان اڄ رات ئي!!“ خوف کان سيتا جو سڄو جسم ٿڌو ٿي ويو، هڪ دفعو ٻيهر سندس جسم کي ڪنبڻي ورائي وئي.
    سيتا جي ڳالهه تي عابد عليءَ کي به پريشاني ورائي وئي. انهيءَ لمحي ئي اوچتو ڪٿان گوليءَ جو آواز آيو. سيتا ڇرڪي اٿي بيهي رهي، سندس چهري تي موت جو رنگ ڇانئجي ويو، ”شايد... شايد شنڪر پيو اچي!“
    ”ضروري ناهي ته شنڪر ئي هجي!“ عابد علي به اٿي بيهي رهيو، ”ڪڏهن ڪڏهن رات جو هونءَ به گولين جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.“
    دهشت کان سيتا جو سڄو جسم زور زور سان ڪنبڻ لڳو، هن لاءِ بيهڻ مشڪل ٿي پيو، ”ڇا توهان... توهان منهنجي مدد نٿا ڪري سگهو!؟“ سيتا جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
    عابد علي سوچ ۾ پئجي ويو، سندس هٿ ۾ جهليل تسبيح جا داڻا تيزيءَ سان هلڻ لڳا.
    دهشت سبب سيتا جي جسم سان گڏ سندس آواز به ڏڪڻ لڳو، ”ڇا... ڇا توهان... اهو چاهيندئو ته... هڪ ڇوڪري... جيڪا اسلام قبول ڪرڻ ٿي چاهي... پر... پر اُها... مسلمان ٿيڻ کان پهرين ئي قتل ٿي وڃي!؟“
    عابد عليءَ جي هٿ ۾ جهليل تسبيح جا داڻا وڌيڪ تيزيءَ سان هلڻ لڳا.
    ”ٻڌايو... پليز جواب ڏيو...“ سيتا ڪنبندڙ چپن سان ٻيهر ڳالهايو، ”ڇا توهان چاهيو ٿا... ته... ته مان مسلمان ٿيڻ کان اڳ ئي مارجي وڃان!؟“
    ”هون!“ عابد علي ڇرڪي پيو، ”نه... بلڪل نه!“
    ”ته پوءِ...“ سيتا ڏڪندڙ هٿ جوڙيا، ”خدا جي واسطي... منهنجي مدد ڪيو... مون کي بچايو!“ سيتا جي اکين مان تيزيءَ سان ڳوڙها وهڻ لڳا.
    ”عبدالله!“ عابد عليءَ دروازي طرف ڏسي رڙ ڪئي.
    عبدالله پن جي ٻيڙي پيئندو ۽ کنگهندو آفيس ۾ اندر لنگهي آيو، ”جِي سر؟“
    ”ٿوري دير ۾ لگيج گذرندي، خيال رکجانءِ“. عابد عليءَ، عبدالله طرف ڏسندي چيو.
    ”جي سر! پر ڇا توهان وڃو پيا؟“ عبدالله ٿورو حيرت سان پڇيو.
    ”ها.“ عابد عليءَ مختصر جواب ڏنو، ڄڻ هو وڌيڪ ڳالهائڻ نه چاهيندو هجي.
    ”پر سر، هيءَ ڇوڪري ڪير آهي؟“ عبدالله هڪ نظر سيتا ڏانهن ڏسي، حيرت مان پڇيو.
    عابد عليءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”مان هن ڇوڪريءَ جي ڪري ئي پيو وڃان، هن جي زندگي خطري ۾ آهي!“
    عبدالله ڇرڪي پيو، ”ڇا سر!؟“
    ”مان فجر جي نماز کان پوءِ موٽي ٿو اچان.“ عابد عليءَ وراڻيو، ”موٽي اچي توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس.“
    ”جي سر!“ عبدالله چاهيندي به ڪجهه وڌيڪ پڇي نه سگهيو.
    ”پنهنجو اجرڪ مون کي لاهي ڏي عبدالله!“عابد عليءَ هٿ وڌايو.
    ”جي... جي سر!“ عبدالله پنهنجي جسم تي ويڙهيل اجرڪ لاهي عابد عليءَ کي ڏئي ڇڏيو.
    عابد عليءَ اڳتي وڌي اجرڪ سيتا جي مٿي تي وجهندي چيو، ”نقاب لڳائي ڇڏيو، جيئن توهان کي ڪو سڃاڻي نه وٺي.“
    سيتا اجرڪ کي پنهنجي جسم تي ويڙهي، اجرڪ جي هڪ پلئه سان منهن ڍڪي ڇڏيو، فقط سندس اکيون ٻاهر نظر اچي رهيون هيون.
    ”جلدي هلو.“ عابد عليءَ ٽيبل تي رکيل سيتا جو ٽريول بيگ کنيو ۽ آفيس جي دروازي ڏانهن وڌيو. سيتا سندس ڪڍ آفيس کان ٻاهر هلي وئي. عبدالله حيرت مان اتي ئي بيٺل رهجي ويو.


    3

    ريلوي اسٽيشن ٻاهران رات جي پوئين پهر جي اونداهي ڇانيل هئي، جنهن کي ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران ٻرندڙ اڪيلي ۽ پراڻي بلب وڌيڪ پراسرار بڻائي ڇڏيو هو. عابد عليءَ جي هٿ ۾ سيتا جو ٽريول بيگ هو ۽ هو ڏاڍو تڪڙو، ڪجهه فاصلي تي ٺهيل ريلوي جي پراڻن رهائشي ڪوارٽرن طرف وڌي رهيو هو. پنهنجي ئي پاڇي کان ڊڄندڙ سيتا ذري گهٽ ڊوڙندي سندس ڪڍ وڃي رهي هئي. اسٽيشن ماسٽر تڪڙو هلندو ڪوارٽرن واري سوڙهي گهٽيءَ ۾ هليو ويو. سيتا اڃا سوڙهي گهٽيءَ جي موڙ وٽ مس پهتي، ته هن پويان ڪنهن جيپ جو آواز ٻڌو. هن ڇرڪي پوئتي نهاريو ته کيس شنڪر جي جيپ نظر آئي، جيڪا انتهائي تيزيءَ سان اچي ريلوي اسٽيشن اڳيان بيٺي. سيتا هڪدم سوڙهي گهٽيءَ ۾ هلي ويئي. هن ۾ اهو ڏسڻ جي همت نه هئي، ته شنڪر سان سندس ڪيترا باڊي گارڊ گڏ هيا ۽ وٽن ڪيترا هٿيار هئا. هوءَ وڌيڪ تيزيءَ سان ڊوڙندي عابد عليءَ جي ڀر سان هلي وئي، تيسين عابد عليءَ پنهنجي ڪوارٽر جي ڀرسان پهچي در کڙڪايو. عابد عليءَ اڃا هٿ هيٺ مَس ڪيو، ته سندس ڀرسان پهتل سيتا زور زور سان در کڙڪائڻ شروع ڪيو. هوءَ لڳاتار زور زور سان در کي ڌَڪَ هڻندي رهي.
    عابد عليءَ حيرت سان سيتا طرف ڏٺو، ”ڪجهه صبر کان ڪم وٺو، در کولڻ لاءِ ڪنهن کي اچڻ ته ڏيو!“
    ”هُو... هُو... پهچي ويو آهي!“ سيتا دهشت مان ڳالهايو ۽ دروازي کي ڌڪ هڻندي رهي.
    جيسين عابد عليءَ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي، تيسين در کلي ويو ۽ عابد عليءَ کان اڳ ۾ سيتا اندر هلي وئي. جيئن ئي عابد علي اندر داخل ٿيو، سيتا پاڻ ئي هڪدم در بند ڪري ڇڏيو ۽ دهشت واري لهجي ۾ چيو، ”شنڪر... شنڪر اسٽيشن تي ويو آهي!“
    ”ڪير آهي هيءَ؟“ عابد عليءَ جي زال خديجه حيرت مان عابد عليءَ کان پڇيو.
    ”سيتا...“ عابد علي هاڻي پاڻ به پريشان ٿي ويو هو، ”سيتا نالو آهي هن جو!“
    ”هن کي هتي ڇو وٺي آيا آهيو!؟“ خديجه حيرت ۽ پريشانيءَ مان پڇيو.
    عابد عليءَ خديجه کي جواب ڏيڻ بجاءِ سيتا کي ٻُڌايو، ”هيءَ منهنجي زال آهي... خديجه.“
    ”توهان ڪجهه ٻڌايو ڇو نٿا؟“ خديجه وڌيڪ پريشانيءَ ۽ حيرت مان پڇيو، ”ڪير آهي هيءَ !؟“
    ”سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو.“ عابد عليءَ خوف مان ڏڪندڙ سيتا طرف ڏسي، خديجه کي چيو، ”تون هن کي اندر ته وٺي هل.“
    ڪمري ۾ پهچي، عابد عليءَ سيتا جي باري ۾ خديجه کي مختصر لفظن ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. خديجه همدرديءَ سان ڀر ۾ ويٺل سيتا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جلهي ورتو. سيتا جو خوف اڃا به گهٽ نه ٿيو هو، هن پنهنجي سامهون ويٺل عابد عليءَ طرف ڏٺو ۽ ڏڪندڙ آواز سان ڳالهايو، ”ڪٿي... ڪٿي هُو... توهان جو اسسٽنٽ... شنڪر کي ٻڌائي ته نه ڇڏيندو!؟“
    عابد عليءَ پنهنجي ڳڻتي لڪائي سيتا کي دلاسو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ”نه... منهنجي خيال ۾... هو نه ڪندو ايئن....“
    سيتا، عابد عليءَ جي لهجي جي بي اعتمادي محسوس ڪري ورتي، ”ڇا... ڇا توهان کي پڪ آهي... ته هُو... ڪجهه نه ٻڌائيندو؟“
    ”عبدالله ڏاڍو عقلمند ماڻهو آهي.“ عابد عليءَ ڊگهو ساهه کڻي وراڻيو، ”مان نٿو سمجهان ته هو ڪا اهڙي غلطي ڪندو.“
    ”پر... پر جيڪڏهن...“ سيتا پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائي، ”هُن... ٻڌائي ڇڏيو ته...“ سيتا جي اکين ۾ موت جهلڪڻ لڳو.
    خديجه، سيتا جي هٿ کي پنهنجي ٻنهي هٿن جي وچ ۾ رکي زور ڏنو، ”الله تي ڀروسو ڪر سيتا!“
    سيتا جو جسم وري ڪنبڻ لڳو، ”جيڪڏهن... جيڪڏهن شنڪر کي خبر پئجي وئي ته... ته هن گهرَ جون ديوارون به مون کي نه بچائي سگهنديون....“
    عابد عليءَ پنهنجي اشهد آڱر سڌي ڪري مٿي کنئي، ”هُن جي هستي ته بچائي سگهي ٿي.“
    ”ها... پر... پر...“ سيتا جي جسم جي ڏڪڻي وڌي وئي، هوءَ پنهنجو جملو پورو ڪري نه سگهي.
    ”پر ڇا!؟“ عابد عليءَ ٿڌو ساهه کنيو.
    ”هُو... شنڪر...“ سيتا جي آواز ۾ موت جي دهشت ڀرجي وئي، ”شنڪر... ڪنهن به وقت... هتي پهچي... مون کي قتل ڪري سگهي ٿو!“
    عابد علي ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ، اوچتو اٿي ٻاهر هليو ويو. عابد عليءَ جي اوچتو ٻاهر وڃڻ سبب، سيتا جي دل ۾ هڪڙي لمحي اندر ڪيئي وسوسا جاڳي اٿيا ۽ سندس چهرو پِيلو ٿي ويو. خديجه پنهنجو هٿ سيتا جي ڪلهي تي رکيو، ”زندگي ۽ موت، سڀ الله جي هٿ ۾ آهي سيتا، تون سڀ ڪجهه الله تي ڇڏي ڏي.“
    ”ٿي سگهي ٿو... شنڪر... عبدالله تي ڪا سختي ڪري... ۽... ۽ هو... سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي...!“ سيتا موت کي ڄڻ پنهنجي ويجهو ايندي محسوس ڪيو.
    ”الله جي ذات کان مايوس نه ٿي سيتا!“ خديجه دلاسو ڏئي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”الله وڏو ڪارساز آهي.“
    سيتا چاهيندي به ڪو جواب ڏئي نه سگهي. گرمي نه هوندي به هن پنهنجي ڪياڙيءَ مان پگهر وهندي محسوس ڪيو. ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. عابد علي جيئن اوچتو ڪمري کان ٻاهر هليو ويو هو، تيئن ئي هو اوچتو وري ڪمري ۾ هليو آيو. سيتا ڪنڌ ورائي، ڏرا ڏئي ويل اکين سان عابد عليءَ طرف ڏٺو.
    ”سيتا!“ عابد عليءَ بيٺي بيٺي هلڪي آواز سان چيو.
    سيتا جو ساهه سڪي ويو.
    ”توهان...“ عابدعليءَ هڪ لمحو سوچي ڳالهايو، ”توهان مسلمان ٿيڻ چاهيو ٿيون نه؟“
    ”ها.“ سيتا ٿڌو ساهه کنيو.
    ”منهنجو خيال آهي ته اهڙي نيڪ ڪم ۾ دير بلڪل نه ڪرڻ گهرجي.“ عابد عليءَ سيتا جي سامهون ويهندي چيو، ”ڇو ته... انسان کي خبر ناهي هوندي، ته ڪڏهن سندس ساهن جي ڏور ٽُٽي پوي ۽ سندس کنيل ساهه اڌورو رهجي وڃي!“
    سيتا شدت سان ڇرڪي پئي. کيس لڳو ڄڻ سندس نڙگهٽ مٿان ڪاتي رکي وئي هجي، ”ته... ته ڇا... توهان سمجهو ٿا ته... منهنجي موت جو وقت اچي ويو آهي!!؟“
    ”زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، توهان گهٻرايو نه.“ عابد عليءَ سيتا کي دلاسو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    سيتا سوچ ۾ پئجي وئي. کيس سمجهه ۾ نه آيو، ته ساڻس ڇا ٿيڻ وارو آهي.
    ”سيتا، ايمان جو رستو اختيار ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.“ عابد عليءَ نهايت نرميءَ سان چيو، ”توهان هاڻي ئي مسلمان ٿي وڃو.“
    ”پر... ڪيئن؟“ سيتا هڪدم چيو، ”ڪنهن جي هٿ تي؟“
    ”منهنجي هٿان.“ عابد عليءَ وراڻيو، ”مان ٿو توهان کي ڪلمو پڙهايان.“
    سيتا بنا دير جي هاڪار سان ڪنڌ لوڏي ڇڏيو.
    عابد علي مرڪي پيو ۽ هن پنهنجي زال خديجه ڏانهن ڏٺو، ”خديجه، سيتا کي پنهنجا ڪپڙا پارائي، وضو ڪرائي وٺي اچ.“
    خديجه مرڪي سيتا جو هٿ جهلي کيس ٻئي ڪمري طرف وٺي وئي. عابد علي سدائين وضوءَ سان ئي رهندو هو، ان ڪري هو خاموشيءَ سان سيتا جي اچڻ جو انتظار ڪندو رهيو. اها سوچ هن لاءِ ڏاڍي سڪون ڏيندڙ هئي ته اڄ سندس هٿان، ڪنهن کي مسلمان ڪرڻ جهڙو نيڪيءَ جو ڪم ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه ئي دير ۾ سيتا، خديجه سان گڏ واپس ڪمري ۾ آئي ته هو سيتا ڏانهن ڏسي مرڪي پيو. خديجه جا ڪپڙا پهريل ۽ مٿي تي رئو رکيل سيتا ڪجهه بدليل بدليل لڳي رهي هئي. هن سيتا ۽ خديجه کي ويهڻ جو اشارو ڪيو. سيتا سندس سامهون پراڻي صوفا تي خديجه جي ڀرسان ويهي رهي. سيتا جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ هوءَ ڏاڍي پرسڪون نظر اچي رهي هئي.
    هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ، عابد عليءَ سيتا جي طرف ڏسي بيحد نرم لهجي ۾ چيو، ” چئو... بسم الله.“
    ”بسم الله.“ سيتا ساڳيا لفظ اچاريا.
    ”الرحمان.“ عابد علي واضح آواز سان اچاريو.
    ”الرحمان.“ سيتا سندس پيروي ڪئي.
    ”الرحيم.“ عابد عليءَ اچاريو.
    ”الرحيم.“ سيتا وري به سندس پيروي ڪئي.
    عابد عليءَ نهايت احترام سان چيو، ” لا اِلهٰ اِلالله “
    سيتا به ساڳئي احترام سان چيو، ” لا اِلهٰ اِلالله “
    عابد عليءَ بيحد ادب سان چيو، ”محمد رسول الله.“
    سيتا، عابد عليءَ جهڙي ئي باادب آواز سان چيو، ”محمد رسول الله.“
    انهيءَ لمحي ئي اوچتو ٻاهريون در کڙڪيو ۽ سيتا ڇرڪي پئي.
    عابد عليءَ فڪرمنديءَ سان خديجه طرف ڏٺو، ”ڪير ٿي سگهي ٿو هن مهل!؟؟“
    خديجه وٽ به فقط فڪرمندي هئي، عابد عليءَ جي سوال جو جواب نه. عابد علي خاموشيءَ سان اٿي ٻاهر هليو ويو. سيتا سڀ ڪجهه الله تي ڇڏي، پراڻي صوفا جي ٽيڪ تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون. هوءَ چپن ئي چپن ۾ ورد ڪرڻ لڳي، ” لا اِلهٰ اِلالله ... لا اِلهٰ اِلالله... لا اِلهٰ اِلالله....“
    ڪجهه دير کان پوءِ عابد علي ڪمري ۾ آيو ته سيتا اکيون کولي ڏانهس ڏٺو ۽ سڌي ٿي ويهي رهي.
    ”عبدالله هيو.“ عابد عليءَ مرڪي ويهندي چيو، ”مون چيو هو نه ، ته عبدالله ڏاڍو عقلمند انسان آهي. هُن ڪجهه به ناهي ٻڌايو شنڪر کي.“
    ”يا الله! لک شڪر تنهنجا“ خديجه بي اختيار مرڪي چيو.
    سيتا وري صوفا جي ٽيڪ تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن پاڻ کي ڏاڍو هلڪو ۽ پرسڪون محسوس ڪيو. سندس چپن بي اختيار ورد ڪرڻ شروع ڪيو، ” لا اِلهٰ اِلالله.... لا اِلهٰ اِلالله....“
    انهيءَ لمحي ئي فجر جي ٻانگ جو آواز فضائن ۾ گونجي اٿيو، ”الله اڪبر... الله اڪبر....“
    عابد علي خديجه طرف ڏسندي هڪدم اٿي کڙو ٿيو، ”مان مسجد پيو وڃان. سيتا کي تون پاڻ سان گڏ نماز پڙهائجانءِ.“
    ”ها، منهنجي لاءِ ته اهو وڏي سعادت جو ڪم آهي.“ خديجه مرڪي وراڻيو، ته سيتا جي چهري تي به مرڪ ڦهلجي وئي.
    عابد علي ڪمري کان ٻاهر هليو ويو، ته خديجه کان اڳ ۾ ئي سيتا وڃي مصلو کنيو.


    4

    پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ئي گهران نڪتل شنڪر، سيتا کي چئني ڏسائن ۾ ڳولڻ کان پوءِ وارِي ناڪامي ساڻ کڻي، هاڻي شام جي پهر حويليءَ ۾ اچي پنهنجي ماءُ جانڪي ٻائيءَ جي سامهون بيٺو هو. جانڪي ٻائيءَ جي ڪمري ۾ ڳالهائيندڙ شنڪر جو آواز سڄي حويليءَ ۾ گونجي رهيو هو، ”توهان کي خبر به هئي، ته سيتا جو ڪنهن مسلمان ڇوڪري سان چڪر آهي ۽ توهان مون کي ٻڌايو به ڪونه!“
    ”ڇا ٻڌايان ها!“ جانڪي ٻائيءَ ڏک مان وراڻيو، ”مان ڊنس پئي ته....“
    ”ته مان تنهنجي ٻي ڌيءَ کي به قتل ڪرائي ڇڏيندس!“ شنڪر جانڪي ٻائيءَ جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ رڙ ڪئي.
    ”ها!“ شنڪر جي سامهون بيٺل جانڪي ٻائيءَ ڏک مان وڏو ساهه کڻي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
    شنڪر هڪ لمحي لاءِ پنهنجي مٿئين چَپَ کي ڏندن ۾ ڀيڪوڙيو ۽ پوءِ لفظن تي زور ڏيندي، باهه جهڙي ٻرندڙ لهجي سان ڳالهايو، ”گيتا ته گهران نڪري هڪ هندوءَ سان ئي شادي ڪئي هئي، پر ڪم ذات هيو اُهو ڇورو... پر... سيتا ته...“ شنڪر هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ هن اوچتو رڙ ڪئي، ”ڏسان ته ڪيترو ٿي لڪي سيتا... ڪيترو ٿي جيئري رهي!!“
    ”صبر...“ جانڪي ٻائيءَ رعبدار آواز سان چيو، ”ڪجهه ڌيرج کان ڪم وٺ شنڪر!“
    ”هيڏي ڳالهه ٿيڻ کان پوءِ، ڪيئن ٿو صبر ڪري سگهان مان!“
    شنڪر پنهنجي جسم مان ٻاڦ نڪرندي محسوس ڪئي، ”سيتا ۽ انهيءَ مسلمان ڇوري کي ته ڳولي ڳترا ڪندس، پر... پر مان... انهيءَ سڄي خاندان کي ماري پورو ڪندس، جتي سيتا هوندي!“
    ”شنڪر!“ جانڪي ٻائيءَ جي لهجي ۾ رعب جي جهلڪ هئي. هن لفظن تي زور ڏئي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ” تو گيتا ۽ سندس مڙس رويءَ کي ايڪسيڊنٽ جو ڊرامو رچائي قتل ڪرايو هو، ته مان فقط ان ڪري زهر جو ڍُڪ ڀري وئي هيس ته تون منهنجو هڪڙو ئي پٽ آهين ۽ مون توکي بچائي ورتو هو. پر... پر هاڻي تو اهڙي ڪا حرڪت ڪئي ته....“
    ”ڦاسي ڏياري ڇڏجو مون کي!“ شنڪر، جانڪي ٻائيءَ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي رڙ ڪئي، ”گولي هڻي ماري ڇڏجو مون کي!“
    جانڪي ٻائيءَ ڌمڪيءَ جهڙي ۽ انتهائي سخت لهجي سان ڳالهايو، ”شنڪر! نه ڇڏينديس مان هاڻي توکي!“
    ”توهان کي جيڪو ڪرڻو هجي سو ڪري وٺجو!“ شنڪر سخت ڪاوڙ مان چيو، ”۽ مون کي جيڪو ڪرڻو آهي، اهو مان ضرور ڪندس!!“ شنڪر زور سان دروازي کي ڌڪو ڏيئي ڪمري مان ٻاهر نڪري هليو ويو.
    جانڪي ٻائي ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڊبل بيڊ جي ڪنڊ تي ويهي رهي. کيس خبر هئي شنڪر جي ضد، ڪاوڙ ۽ انتقام وارن جذبن جي. کيس پڪ ٿي وئي ته جيڪڏهن سيتا، شنڪر کي هٿ لڳي وئي ته هو بنا دير جي کيس ماري ڇڏيندو. جانڪي ٻائيءَ کي ڳڻتي ورائي وئي. هوءَ ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم ٿي وئي. اوچتو جيپ اسٽارٽ ٿيڻ جي آواز سان جانڪي ٻائي ڇرڪي پئي. کيس پڪ ٿي ويئي ته شنڪر، سيتا کي مارڻ کان سواءِ سُک سان نه ويهندو. هڪ لمحو سوچي، هُوءَ ڊبل بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي رکيل ٽيليفون سيٽ ڏانهن سُري وئي. رسيور کڻي هن نمبر ٽچ ڪيا. جڏهن ٻئي طرف سندس ڪال رسيو ڪئي وئي ته، هن بنا ڪنهن تمهيد جي چيو، ”ڊي آءِ جي صاحب، مان مسز گوپالداس پئي ڳالهايان....“
    جيتوڻيڪ خانداني ڀرم خاطر جانڪي ٻائيءَ، سيتا جي گهر ڇڏي ڀڄي وڃڻ جي ڳالهه لڪائڻ پئي چاهي، پر هاڻي پوليس جي مدد کان سواءِ وٽس ڪو به وسيلو نه هو. سيتا سان گڏ هن شنڪر کي به بچائڻ ٿي چاهيو، ان ڪري هن پوليس آفيسر کي شنڪر جي ڪا به شڪايت نه ڪئي، پر فقط اها تاڪيد ڪئي ته سيتا کي هٿ ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. جانڪي ٻائيءَ کي پنهنجي سماجي حيثيت جو اندازو هو. هن کي خبر هئي ته سندس هڪڙي ٽيليفون ڪال تي سڄي علائقي ۾ ٿرٿلو مچي ويندو ۽ پوليس شنڪر کان اڳ سيتا کي ڳولي هٿ ڪري وٺندي.
    ڊبل بيڊ جي سائيڊ ٽيبل وٽ ويٺي ويٺي، جانڪي ٻائيءَ پنهنجو مٿو ڳرو ٿيندي محسوس ڪيو. هن پنهنجا پير فرش تان کڻي بيڊ تي رکيا ۽ بيڊ جي هيڊ بورڊ کي ٽيڪ لڳائي، دل ئي دل ۾ سيتا جي سلامتيءَ لاءِ پرارٿنا ڪرڻ لڳي.


    5

    ”ماشاءَ الله، توهان مسلمان ته ٿي ويئو.“ عابد عليءَ شام جي چانهه پيئندي مرڪي سيتا ڏانهن ڏٺو، ”پر سلمان سان نڪاح ڪرڻ کان پهرين مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ٿي، قائدي مطابق پنهنجو بيان ضرور رڪارڊ ڪرائي وٺجو.“
    ”جي!“ خديجه جي ڀر سان ويٺل سيتا، مرڪي پنهنجي رئي جي پلئه کي مٿي تي ٺاهي رکيو.
    عابد عليءَ هڪ لمحو سوچي ڳالهايو، ”پر... حيرت آهي ته جنهن نوجوان جي ڪري توهان پنهنجو گهر ڇڏيو، انهيءَ جي گهر جي ايڊريس به ناهي توهان وٽ!“
    ”اسان ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ هياسين ته اتي ئي ملندا هياسين.“ سيتا وراڻيو، ”ان کان پوءِ اسان جو فقط فون تي ئي رابطو رهيو آهي. مون وٽ ته بس، سلمان جو موبائل نمبر ئي آهي.“
    ”سندس نمبر به ته لڳاتار بند ٿو ملي نه!“ عابد عليءَ فڪرمنديءَ سان چيو، ”توهان وٽ موبائل فون ڪونهي؟“
    ”هئي، پر ڪجهه ڏينهن اڳ شنڪر ڦري ورتي هئي.“ سيتا وراڻيو، ”کيس شڪ پئجي ويو هو ته مان ڪنهن ڇوڪري سان ڳالهايان ٿي.“
    عابد عليءَ پنهنجي کيسي مان، پنهنجي موبائل فون ڪڍي سيتا طرف وڌائي، ”هي توهان رکي ڇڏيو پاڻ وٽ.“
    ”نه“. سيتا وراڻيو، ”بس توهان ڪوشش ڪندا رهجو سلمان جي نمبر تي.“
    عابد عليءَ چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪپ ٽيبل تي رکيو. هڪ لمحو سوچي هن سيتا جي ڀرسان ويٺل پنهنجي زال خديجه طرف ڏٺو، ”خيال رکجانءِ، پاڙي اوڙي ۾ ڪنهن کي به خبر نه پوي، ته سيتا اسان جي گهر ۾ آهي.“
    ”ها، توهان انهيءَ ڳالهه جو فڪر نه ڪيو.“ خديجه وراڻيو.
    ”جيڪڏهن ڪا عورت به در تي اچي، ته اڳ ۾ سيتا کي لڪائي پوءِ در کولجانءِ.“ عابد عليءَ فڪرمنديءَ سان چيو.
    ”مان سمجهان ٿي،“ خديجه پنهنجو هٿ ڀرسان ويٺل سيتا جي هٿ مٿان رکندي چيو، ”ته سيتا کي لڪائي رکڻ ڪيترو ضروري آهي.“
    ”۽ ها خديجه، سيتا کي پاڻ سان گڏ نماز پڙهائجانءِ.“ عابد عليءَ اٿندي چيو، ”سيتا کي نماز سيکارڻ هاڻي تنهنجو ڪم آهي.“
    ”منهنجي لاءِ ته اهو وڏي ثواب جو ڪم آهي.“ خديجه مرڪي اٿندي وراڻيو. خديجه سان گڏ سيتا به اٿي بيهي رهي.
    ”بيشڪ“. عابد علي به مرڪي پيو، ”وڏو ثواب حاصل ٿيندو توکي.“
    خديجه مرڪي سيتا طرف ڏسي چيو، ”توهان هن جو ڪو اسلامي نالو نه سوچيو ڇا اڃا؟“
    ”ٿورڙي ته مهلت ڏي.“ عابد عليءَ مرڪي وراڻيو، ”سيتا لاءِ ڪو ڏاڍو سٺو نالو ٿو سوچيان.“
    ”پر ديرنه ٿيڻ کپي.“ خديجه چيو، ”اهو به ته هڪ نيڪيءَ جو ڪم آهي.“
    ”حاضر.“ عابد عليءَ در ڏانهن ويندي چيو، ”دروازو اندران بند ڪري ڇڏجانءِ.“
    خديجه، دروازو بند ڪرڻ لاءِ عابد عليءَ جي پويان هلي وئي. سيتا مرڪي، ڪنهن خوبصورت تصور ۾ گم ٿي وئي، ۽ اها شام رات ۾ گم ٿي وئي.

    عابد علي رات جي ماني کائڻ گهر آيو ته سيتا سواليه نشان جيان اچي سندس اڳيان بيٺي.
    عابد عليءَ سيتا جي اکين ۾ اٽڪيل سوال محسوس ڪري ورتو. ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”مون ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي آهي، پر... لڳاتار بند پيو ملي سلمان جو نمبر!“
    مايوسيءَ جي بار سبب سيتا جو ڪنڌ پاڻيهي هيٺ ٿي ويو.
    ”پر توهان فڪر نه ڪيو،“ عابد عليءَ همدرديءَ سان چيو، ”جيسين سلمان نٿو اچي، تيسين توهان هتي رهي سگهو ٿيون.“
    خديجه اچي سيتا جي ڪلهي تي هٿ رکيو، ”ها سيتا، توکي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.“
    سيتا جو ڪنڌ جهڪيل ئي رهيو.
    عابد عليءَ زال ڏانهن ڏٺو. سندس لهجي ۾ فڪرمندي هئي، ”در کولڻ کان پهرين تو سيتا کي لڪائي ڏاڍو عقلمنديءَ جو ڪم ڪيو خديجه. سيتا جي سلسلي ۾ هاڻي اسان کي مستقل طور تي ڏاڍو احتياط ڪرڻو پوندو.“
    سيتا، سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کنيو، ”منهنجي ڪري توهان به پريشانيءَ ۾ اچي ويا آهيو!“
    ”ڪجهه به نه چئجانءِ وڌيڪ!“ عابد عليءَ هڪدم چيو، ”اسان ٻئي پنهنجو فرض پيا ادا ڪريون،توهان تي احسان نٿا ڪريون.“
    سيتا مٿي تي هٿ رکي ويهي رهي.
    ”دل نه لاهيو توهان.“ عابد عليءَ سيتا کي دلاسو ڏنو، ”ٿي ويندو سلمان سان رابطو.“
    سيتا ڪو به جواب نه ڏنو. سندس اکيون سانوڻيءَ جون سهيليون ٿي پيون.


    6

    پليٽ فارم جي پراسرار اونداهي ماحول ۾ اسٽيشن ماسٽر عابد علي هڪ بينچ تي ويٺي ويٺي، ڪنهن اونهي سوچ ۾ ائين گم ٿي ويو هو، ڄڻ هو ڪنهن ميوزيم جي بينچ تي ويٺل مجسمو هجي؛ پر مجسمي جيان ساڪت ويٺل عابد عليءَ جو ذهن ڏاڍو متحرڪ هو. اڄ هُو سيتا جي سلامتيءَ بابت ڏاڍو فڪرمند ٿي پيو هو، جو هن شنڪر جي هٿياربند ماڻهن کي شهر ۾ نُوس نُوس ڪندي ڏٺو هو. ڪجهه هٿياربندن کي هن ريلوي اسٽيشن جي اوسي پاسي ۽ پليٽ فارم تي به چڪر ڏيندي ڏٺو هو، پر هن اها ڳالهه ڄاڻي واڻي سيتا کي نه ٻڌائي هئي. هن ته اها ڳالهه پنهنجي زال خديجه کي به نه ٻڌائي هئي. هٿياربندن کي ڏسڻ کان پوءِ هن بيشمار دفعا سلمان سان رابطي جي ڪوشش ڪئي هئي، پر سلمان جو نمبر بند ئي مليو هو. عابد عليءَ جي پريشاني وڌي وئي هئي. هن چاهيو ٿي ته سيتا جلدي هتان نڪري وڃي، جيئن سيتا جي زندگي محفوظ رهي. انهيءَ سوچ، انهيءَ فڪر ئي عابد عليءَ کي ڪنهن مجسمي جيان ساڪت ڪري ڇڏيو هو.
    اڌ کان وڌيڪ رات گذري چڪي هئي. ريلوي پليٽ فارم تي پراڻي زماني جا ٻه ليمپ ٻري رهيا هئا، جن جي اڻ پوري هئڊي روشنيءَ اونداهيءَ کي ختم ڪرڻ بجاءِ، پليٽ فارم جي ماحول کي وڌيڪ پُراسرار بڻائي ڇڏيو هو. اڄ پليٽ فارم تي رات جي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيڻ لاءِ ڪوبه مسافر موجود ڪونه هو. پليٽ فارم تي هڪ ڪُتِي هيڏانهن هوڏانهن نُوس نُوس ڪري رهي هئي ۽ ٻه ڪتا سندس ڪڍ هلي رهيا هئا. ٻنهي ڪتن ٿوري ٿوري دير کان پوءِ هڪٻئي کي ڏند ڏيکاري ۽ ٿورو ڀؤنڪي، ڪُتِيءَ تي پنهنجو حق جتائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ڪتن جي هلڪي ڀؤنڪ سان گڏ پليٽ فارم تي تِڏن جا آواز به گونجي رهيا هئا. پليٽ فارم جي ٻاهران بيٺل برساتي پاڻيءَ مان ايندڙ ڏيڏرن جي آوازن ۽ رکي رکي هوا جي ڪنهن زوڪٽ پليٽ فارم جي پُراسراريت کي وڌائي ٿي ڇڏيو. ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم، بينچ تي ساڪت حالت ۾ ويٺل عابد علي به پليٽ فارم جي ماحول جو حصو لڳي رهيو هو.
    مجسمي جيان ساڪت حالت ۾ ويٺل عابد عليءَ جي جسم ۾ اوچتو تحرڪ پيدا ٿيو ۽ هُن ڇرڪي پنهنجي پاسي ۾ نهاريو. بينچ تي عبدالله سندس ڀر سان ويهي چڪو هو.
    ”ڇا پيا سوچيو سر؟“ عبدالله پَنَ جي ٻيڙي دُکائيندي پڇيو.
    عابد عليءَ هڪ تمام ڊگهو ساهه کنيو، “سيتا جي باري ۾ پئي سوچيم.“
    ”توهان ته هن جي زندگي بچائي آهي سر.“ عبدالله ڏاڍي عقيدت واري انداز سان عابد عليءَ جي هٿ مٿان پنهنجو هٿ رکيو، ”۽ توهان ايمان جي راهه تي آڻڻ ۾ به سيتا جي مدد ڪئي آهي. تمام وڏو ثواب ملندو توهان کي.“
    ”انهيءَ ثواب ۾ تون به مون سان شريڪ آهين عبدالله.“ عابد عليءَ پنهنجي هٿ مٿان پيل عبدالله جي هٿ کي زور ڏنو.
    ”مون ته ڪجهه ناهي ڪيو سر!“ عبدالله ناڪار سان ڪنڌ لوڏيو.
    ”تمام وڏو ڪم ڪيو آهي تو عبدالله.“ عابد علي اٿي بيهي رهيو.
    عبدالله اٿندي حيرت مان وراڻيو، ”مون توهان جي ڳالهه نه سمجهي سر!“
    ”تو وڏي عقلمنديءَ جو ڪم ڪيو آهي عبدالله.“ عابد عليءَ سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”شنڪر کي سيتا جي باري ۾ ڪجهه به نه ٻڌائي، سيتا جي زندگي ته تو بچائي آهي.“
    ”شنڪر جهڙي بگهڙ کي ڪيئن ٻڌايان ها سيتا جي باري ۾!“ عبدالله سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کنيو. سندس چهرو درد جي تصوير بڻجي ويو، ”سيتا کي ڏسي مون کي پنهنجي ڌيءَ زينب ياد اچي ويئي هئي سر!“
    عابد عليءَ، عبدالله جي ڪلهي تي همدرديءَ سان زور ڏنو، ”زينب جو درد اڃا به تنهنجي دل ۾ موجود آهي؟“
    ”ها سر، مان ڀلا... ڪيئن ٿو وساري سگهان اهو منظر، جڏهن منهنجي ڌيءَ زينب ڪنوار بڻجي، پنهنجي گهوٽ سان هن ئي ريلوي اسٽيشن تان رخصت ٿي رهي هئي.“ عبدالله جون اکيون آليون ٿي ويون، هن پاڻ تي جبر ڪري ڳالهايو، ”۽... ۽ ٽرين تي چڙهندي زينب جو پير ترڪي ويو... ۽... هوءَ... ٽرين هيٺان اچي ٻه ٽڪر ٿي وئي... سندس شاديءَ وارو ڳاڙهو وڳو... سندس ئي رت سان ريٽو ٿي ويو...“ عبدالله پاڻ تي وڌيڪ جبر ڪري نه سگهيو. هُو پنهنجي چهري مٿان هٿ رکي سُڏڪي پيو ۽ واپس بينچ تي ويهي رهيو.
    عابد علي همدرديءَ سان عبدالله جي ڀرسان ويهي رهيو، پر همدرديءَ جو ڪوبه لفظ سندس وات مان نه نڪتو. عبدالله جي درد اڳيان عابد عليءَ پنهنجي لفظن کي ڏاڍو هيڻو پئي محسوس ڪيو.
    سُڏڪا ڀريندي عبدالله ڳوڙهن سان آلي ٿي ويل پنهنجي چهري تان هٿ هٽائي، پٽڙيءَ جي هڪ حصي طرف هٿ سان اشارو ڪري درد مان رڙ ڪئي، ”انهي... انهيءَ جاءِ تي منهنجي زينب ٻه ٽڪر ٿي وئي هئي!“ عبدالله پنهنجي مٿي تي ڌڪ هڻي، هٿ کي مٿي تي ئي رکيل ڇڏي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ سُڏڪن جي وچ ۾ ڳالهائيندو رهيو، ”۽ پوءِ زينب جي ماءُ به... انهيءَ صدمي ۾ ئي... مون کي... مون کي اڪيلو ڇڏي... الله کي پياري ٿي وئي.“
    پليٽ فارم تي عبدالله جا سُڏڪا گونجندا رهيا. سندس سُڏڪن رات جي اونداهيءَ ۾ درد ڀري ڇڏيو هو. اهو درد، عابد عليءَ به پنهنجي اندر ۾ اوتجندي محسوس ڪيو. عابد عليءَ ڪيئي ڀيرا عبدالله کي دلاسو ڏيڻ چاهيو، پر عابد عليءَ جي زبان کان ڄڻ سمورا لفظ وڇڙي ويا هئا. ڪيتري دير کان پوءِ هُو فقط هڪڙو ئي مختصر جملو اُچاري سگهيو، ”صبر ڪر عبدالله، صبر کان ڪم وٺ.“ ۽ هن پنهنجو هٿ ڀرسان ويٺل عبدالله جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو.
    ”ها سر!“ عبدالله پنهنجا سُڏڪا روڪڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ ڳوڙها اُگهندي ڳالهايو، ”صبر کان سواءِ... ڪا ٻي واٽ به ته ناهي سر... پر سر... منهنجي زينب....“ عبدالله خاموش ٿي ويو. ڄڻ سندس زبان زينب جي نالي کان پوءِ ٻئي ڪنهن لفظ کي اُچارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هجي.
    ”زينب!“ عابد عليءَ چپن ۾ زينب جو نالو اُچاري عبدالله ڏانهن ڏٺو، ”عبدالله!“
    ”جِي سر!“ عبدالله هڪ وڏو ٿڌو ساهه کنيو، ڄڻ پنهنجي اندر ۾ موجود درد جي تپش کي هن ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
    ”توکي ڪو اعتراض ته نه ٿيندو جيڪڏهن...“ عابد عليءَ هڪ لمحو سوچي ڳالهايو، ”جيڪڏهن سيتا جو اسلامي نالو زينب رکجي ته؟“
    ”نه سر، مون کي ڪهڙو اعتراض ٿيندو.“ عبدالله جي غم منجهان ڄڻ ننڍڙي خوشي اُسرڻ لڳي، ”مون کي ته پاڻ خوشي ٿيندي سر، سيتا به ته... مون لاءِ منهنجي نياڻيءَ جهڙي ئي آهي.“
    ٽرين جي هارون جي هلڪي آواز ٻنهي کي ڇرڪائي وڌو. درد جي وهڪري ۾ لڙهندي هو ٻئي وساري ويٺا هئا ته ٽرين جي اچڻ جو وقت ٿي ويو هو ۽ کين ڊيوٽي به ڪرڻي هئي. هنن ٻنهي هڪدم اٿي پٽڙيءَ ڏانهن ڏٺو. پري کان ٽرين جي انجڻ جي روشني نظر اچي رهي هئي. سامهون کان اها ئي ٽرين اچي رهي هئي، جنهن زينب کي ٻه ٽڪر ڪري موت جي وات ۾ وجهي ڇڏيو هو. اها ئي ساڳي ٽرين جنهن ۾ سلمان نه اچي، سيتا کي موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي تي ڇڏي ڏنو هو.


    7

    ”موت جي چنبي کان سيتا ڇا بچندي شنڪر!“ دل مراد مرڪي پنهنجي چنبي کي ڏٺو، ”دلمراد موت جيان ئي ڪنهن جو پيڇو ڪري سگهي ٿو.“
    شنڪر جي اوطاق جي ڊرائنگ روم ۾ سندس اڳيان دل مراد ويٺو هو. دل مراد، جيڪو تر جو سڀ کان وڏو ڏوهاري ۽ ڪرائي جو قاتل هيو، جنهن جي هٿان ئي شنڪر پنهنجي ننڍي ڀيڻ گيتا ۽ سندس مڙس رويءَ کي روڊ حادثي جو ڊرامو ڪري مارائي ڇڏيو هو. اڄ صبح سان اهو ئي دل مراد، شنڪر جي سامهون ويٺو هو.
    شنڪر پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي دل مراد طرف ڏٺو ۽ ڊگهو ساهه کڻي چيائين، ”سيتا نه ڪنهن ٽرين ۾ سوار ٿي آهي ۽ نه بس ۾.“
    ”انهيءَ جو مطلب ته توهان جي ڀيڻ هن ئي تر ۾ موجود آهي.“ دل مراد پنهنجي وڏين مُڇن مٿان هٿ ڦيرايو.
    ”ها دل مراد!“ شنڪر ڏند ڪرٽيندي وراڻيو، ”پر... ڪا خبر نٿي پوي ته آخر هُوءَ ڪٿي لڪل آهي.“
    ”موت ۽ دل مراد جي جهڙپ ۾ ڪوبه فرق ناهي شنڪر.“ دل مراد لفظن تي زور ڏئي ڳالهايو، ”منهنجا ماڻهو ڪتن جيان بوءِ سنگهندا شڪار تائين پهچي ويندا آهن!“
    ”ها دل مراد!“ شنڪر وراڻيو، ”تڏهن ئي ته هن ڪم لاءِ به توکي ئي سڏايو اٿم.“
    ”دل مراد جو ته ڪم ئي توهان جهڙن ماڻهن جي دل جون مرادون پوريون ڪرڻ آهي.“ دل مراد مرڪي چيو، ”بس اڳي جيان ئي پنهنجو هٿ کُليل رکجو شنڪر سيٺ!“
    ”فقط هٿ ئي نه، هن ڀيري مان پنهنجي ٽجوڙي به تنهنجي لاءِ کُليل رکندس دل مراد.“ شنڪر سڌو ٿي ويهي رهيو.
    دل مراد مرڪي پيو. ”بس... ته پوءِ ائين سمجهو، دل مراد جو تير نشاني تي ئي آهي.“
    ”هن ڀيري فقط ڇورَي ۽ ڇورِيءَ کي نشانو ناهي بڻائڻو.“ شنڪر پنهنجي اندر ۾ ٻرندڙ باهه جي تپش کي شدت سان محسوس ڪندي چيو، ”پر جتي به سيتا هجي، انهي خاندان جو جڻ ٻچو رلائڻو آهي.“
    ”توهان جو حڪم کپي شنڪر سيٺ!“ دل مراد مرڪي چيو، ”هاڻي ٻاهر ويٺل ٻچڙن لاءِ ڪو داڻو پاڻي به آڻي ڏيو.“
    شنڪر هاڪار سان ڪنڌ لوڏي اٿي کڙو ٿيو. ڊرائنگ روم مان ٻاهر نڪتو ته هال ۾ ويٺل شنڪر جا ڏهاڪو هٿيار بند اٿي بيهي رهيا. شنڪر هٿياربندن جي وچ مان گذرندو اوطاق جي ٻاهرئين در طرف هليو ويو.

    پنهنجي حويليءَ واري بيڊروم ۾ رکيل ٽجوڙي کولي شنڪر نوٽن جون ڪجهه دستيون ڪڍيون ته سندس ماءُ جانڪي ٻائي بيڊ روم اندر هلي آئي، ”ڇو کنيا اٿئي ايترا پئسا!؟“
    شنڪر ناراض نظرن سان ماءُ طرف ڏٺو، ”پنهنجي ئي ٽجوڙيءَ مان ڪجهه کڻڻ لاءِ به هاڻي ڇا مون کي توهان کان پڇڻو پوندو؟“
    ”ڪٿي... ڪٿي تون... سيتا لاءِ ته...“ پريشانين ۾ ورتل جانڪي ٻائي پنهنجي انديشن کي پنهنجي زبان تي آڻڻ جو سَتُ ساري نه سگهي.
    ”پئي ڪا خبر سيتا جي!؟“ شنڪر ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿيندي چيو،
    ”باقي اسان جي عزت جي اَرٿِي کڄڻ جي خبر سڄي دنيا کي پئجي وئي!“
    جانڪي ٻائيءَ ٿڌو ساهه کڻي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر شنڪر جي ڳالهه جو وٽس ڪوبه جواب نه هو.
    ”ڏٺيون اٿوَ اڄوڪيون اخبارون؟“ شنڪر زهر ڀريل آواز سان سوال ڪيو.
    ”ها.“ جانڪي ٻائيءَ جو ڪنڌ جهڪي ويو.
    ”ڪيڏي وڏي هيڊنگ سان خبر لڳي آهي!“ شنڪر جي اکين مان اُلا نڪرڻ لڳا، ”سيٺ گوپال داس جي ڌيءَ مسلمان چاهيندڙ سان ڀڄي وئي!“
    جانڪي ٻائيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو. ڊبل بيڊ جي ڪُنڊ تي ويهي مٿي تي هٿ رکي ڇڏيائين.
    ”مون توهان کي روڪيو هو نه، ته پوليس کي وچ ۾ نه آڻيو.“ شنڪر جا ڪاوڙ مان چَپَ ڪنبڻ لڳا، ”ڌوڙ ڪري ڇڏي توهان خاندان جي مريادا.“
    ”مون به سوچي سمجهي پوليس سان رابطو ڪيو هو.“ جانڪي ٻائيءَ مضبوط لهجي سان، ڪنڌ کڻي شنڪر ڏانهن ڏسندي چيو.
    ”نه ڪرڻ کپندو هو ائين توهان کي!“ شنڪر ذري گهٽ رڙ ڪئي، ”مان ڪو چُوڙيون پائي ويٺو آهيان!“
    جانڪي ٻائي هڪدم اٿي بيهي رهي. سندس آواز ۾ رعب جي جهلڪ هئي، ”ته ڇا سيتا کي مان تنهنجي بي رحميءَ تي ڇڏي ڏيان ها!“
    ”ته ڇا ڳولي ورتو سيتا کي پوليس؟!“ شنڪر، نوٽن جون دستيون جهليل هٿ کي پنهنجي ڇاتيءَ تي هڻندي، لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”مان ڳولي ڏيکاريندس سيتا کي... مان!“
    مون کي پڪ آهي ته توکان پهرين پوليس سيتا کي ڳولي لهندي.“ جانڪي ٻائيءَ رعب ۽ اعتماد سان وراڻيو.
    ”اڃان تائين ته ڪا خبر ناهي پئي توهان جي ڌيءَ جي!“ شنڪر طنز ڪئي.
    ”توکي خبر آهي شنڪر،“ جانڪي ٻائيءَ جي آواز ۾ پورو اعتماد ۽ دٻدٻو هو، ”ته منهنجي هڪڙي فون ڪال سان انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويندو آهي. سڄي علائقي جي پوليس سيتا جي ڳولا ۾ آهي.“
    ”ڏسنداسين... ڏسنداسين ته سيتا منهنجي چنبي ۾ ٿي ڦاسي، يا توهان جي پوليس ٿي کيس ڳولي لهي.“ شنڪر نوٽن جون دستيون هٿ ۾ لوڏيندو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
    مضبوط حواس هئڻ جي باوجود جانڪي ٻائيءَ جي دل ڏڪي وئي. هُوءَ وڏو ساهه کڻي ڊبل بيڊ جي ساڳي ڪُنڊ تي ويهي رهي. کيس سيتا جا فڪر ورائي ويا. چپن ئي چپن ۾ سيتا جي سلامتيءَ لاءِ پرارٿنا ڪندي، هن ڪنڌ جهڪائي پنهنجو هٿ مٿي تي رکي ڇڏيو.


    8

    اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ جو ڪنڌ جهڪيل هو. سندس هٿ نرڙ تي ۽ ٺُونٺ ٽيبل تي رکيل هئي. اڄ صبح کان ئي هُو ڏاڍو فڪرمند هو. هاڻي منجهند جا ٻه اچي ٿيا هئا، پر سندس پريشاني جيئن پوءِ تيئن وڌندي پئي رهي. سندس پريشانيءَ جو سبب هيا دل مراد جا اهي هٿياربند، جن جون سرگرميون اوچتو ئي اوچتو شهر ۾ وڌي ويون هيون. عابد عليءَ، دل مراد جي ماڻهن جي سرگرمين جو مطلب چڱيءَ طرح سمجهيو پئي.
    ”ڇا حال آ ماسٽر صاحب!“ اوچتي آواز تي عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کنيو، ته سندس سامهون ايس ايڇ او بيٺو هو. ايس ايڇ او کي ڏسي، هُو نفسياتي طور تي ٿورو وڌيڪ پريشان ٿي ويو. هن اٿڻ چاهيو پر اُٿي نه سگهيو.
    ايس ايڇ او ڪرسي ڇڪي ويهي رهيو. سندس چهري ۾ ڏسندي پڇيائين، ”توهان جي طبيعت ٺيڪ ناهي ڇا؟“
    ”نه نه...“ عابد عليءَ مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ”مان... مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان.“
    ”نه ماسٽر صاحب...“ ايس ايڇ او مُرڪي پيو، ”اڄ ڪا توهان کي پريشاني ضرور آهي!“
    عابد عليءَ جي جسم مان سِيءَ جي سَٽ اڀري ويئي. سندس اندر ۾ شڪ جو ڪنڊو چُڀڻ لڳو، ’ڪٿي پوليس کي خبر ته نه پئجي ويئي آهي ته...‘ هُو ڪجهه وڌيڪ سوچڻ جوسَتُ نه ساري سگهيو.
    ”ڇو چُپ آهيو ماسٽر صاحب؟“ ايس ايڇ او غور سان عابد عليءَ جي چهري ۾ ڏٺو.
    ”نه نه...“ عابد علي پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، ”توهان ٻڌايو ڪيئن اچڻ ٿيو؟“
    ”مون کي توهان کان سيٺ گوپال داس جي ڌيءَ سيتا جي باري ۾ پڇڻو آهي.“
    خوف کان عابد عليءَ جي ڪياڙي ٿڌي ٿي وئي، کيس پڪ ٿي وئي ته پاڙي جي ڪنهن عورت سيتا کي سندس گهر ۾ ڏسي ورتو هوندو ۽ ڳالهه پوليس تائين پهچي وئي هوندي.
    ”توهان چُپ ڇو آهيو ماسٽر صاحب؟“ ايس ايڇ او ٿورو حيرت مان پڇيو.
    ”نه.“ عابد عليءَ پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، ”اهڙي... اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي سر!“
    ”توهان سڃاڻو ٿا سيتا کي؟“ ايس ايڇ او غور سان عابد عليءَ کي ڏٺو.
    ”جِي؟“ عابد علي وڌيڪ پريشان ٿي ويو، ”مان... مان ڇو سڃاڻندس سيتا کي!“
    ”چيو وڃي ٿو ته جڏهن هُوءَ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، تڏهن ڪڏهن ڪڏهن ٽرين ۾ به ويندي هئي.“
    ٿي سگهي ٿو... پر... مان نٿو سڃاڻان سيتا کي.“
    ”هيءَ آهي سيتا.“ ايس ايڇ او پنهنجي کيسي مان سيتا جو فوٽو ڪڍي عابد عليءَ جي اڳيان رکيو، ”توهان ڏٺو آهي هن کي؟“
    عابد علي هڪ نظر پنهنجي سامهون پيل سيتا جي ننڍڙي تصوير ڏانهن ڏسي، ايس ايڇ او کي ڏٺو، ”نه... مون انهي ڇوڪريءَ کي ڪڏهن به ناهي ڏٺو.“
    ”توهان يقين سان ٿا چئو؟“ ايس ايڇ او جي لهجي ۾ پروفيشنل شڪ جي جهلڪ هئي.
    ”جِي، بلڪل!“ عابد عليءَ ڳيت ڏئي وراڻيو، ”مان پوري يقين سان چوان ٿو.“
    ”اهو فوٽو توهان پاڻ وٽ رکي ڇڏيو.“ ايس ايڇ او چيو، ”جيڪڏهن توهان کي اها ڇوڪري اسٽيشن تي نظر اچي، ته هڪدم مون کي اطلاع ڪجو.“
    ”بلڪل.“ عابد عليءَ هلڪو سُڪون محسوس ڪيو، ”جيڪڏهن مون کي اها ڇوڪري نظر آئي ته مان بنا دير جي توهان کي اطلاع ڪندس.“ هن پنهنجي کيسي مان پرس ڪڍي سيتا جو فوٽو پرس ۾ رکي ڇڏيو.
    ايس ايڇ او موڪلائي هليو ويو ته عابد عليءَ جي ڳڻتي وڌي وئي. شنڪر... دل مراد... پوليس... سڀ سيتا کي ڳولي رهيا هئا ۽ سيتا سندس گهر ۾ لڪل هئي! سيتا جي سلامتيءَ سان گڏ عابد عليءَ پنهنجي سلامتي به خطري ۾ محسوس ڪئي. ڪجهه سوچي هُو اٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي آفيس جي در مان ٻاهر نڪري، پليٽ فارم تي اچي ويو. پليٽ فارم بلڪل ويران هو، فقط ڪجهه ڪتا بڙ جي هڪ وڻ هيٺان ننڊ پيل هئا. هن اتي بيٺي بيٺي ئي کيسي مان موبائل فون ڪڍي، سلمان جو نمبر ٽچ ڪيو. اتفاق سان سلمان جو نمبر کيس کُليل ملي ويو ۽ ٻئي طرف بيل وڄڻ لڳي. عابد علي هڪ نظر وري به پليٽ فارم جي ٻنهي پاسي ڦيرائي ۽ هڪدم پنهنجي آفيس اندر هليو ويو. اڃا هُو پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي مس ته هن موبائل تي ٻئي طرف جو آواز ٻڌو، ”هيلو!“
    ”توهان... توهان سلمان پيا ڳالهايو!؟“ عابد عليءَ هڪدم پڇيو.
    ”جِي ها“ سلمان وراڻيو، ”توهان ڪير؟“
    عابد عليءَ مختصر طور پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ سلمان کي سيتا ۽ هتان جي حالتن جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو ۽ کيس هڪدم اچڻ لاءِ چيو. جواب ۾ سلمان جون ڳالهيون ٻڌي، عابد عليءَ جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا. عابد علي انتهائي ڳڻتيءَ واري حالت مان چيو، ”پر سلمان صاحب، هوءَ ته مسلمان به ٿي چڪي آهي. توهان جو انتظار پئي ڪري!“
    ”مون چيو نه، منهنجو والد صاحب اوچتو وفات ڪري ويو، ان ڪري مان نه اچي سگهيس.“ سلمان وراڻيو.
    ”ته پوءِ...“ عابد عليءَ هڪدم چيو، ” اڄ رات واري ٽرين ۾ هليا اچو توهان.“
    ”نه، هاڻي مان ڪڏهن به اچي نه سگهندس.“ سلمان وراڻيو.
    ”پر ڇو!؟“ عابد عليءَ ذري گهٽ رڙ ڪئي.
    ”اڄوڪي اخبار ڏٺي آهي توهان؟“ سلمان پڇيو.
    ”اها ڳالهه آهي!“ عابد عليءَ ڏک ۽ ڪاوڙ مان چيو، ”ڪيڏي نه بهادر آهي اها ڇوڪري... ۽ تون....“
    ”ڇا ڪيان مان!“ سلمان ڏک مان وراڻيو، ”بابا جي وفات کان پوءِ، هاڻي سڀ ذميداريون مون تي اچي ويون آهن!“
    ”ته ڇا... اها ڇوڪري... جنهن تنهنجي ڪري پنهنجو گهر ڇڏيو... پنهنجو مذهب ڇڏيو... اها تنهنجي ذميداري ناهي؟“
    ”هونءَ ته مان کيس وٺي، ڪيڏانهن نڪري وڃان ها.“ سلمان وڏو ساهه کڻي ڏک مان ڳالهايو، ”پر... هاڻي منهنجي پيرن ۾ پنهنجي بيوه ماءُ ۽ ڇهن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جون زنجيرون پئجي ويون آهن... هاڻي... هاڻي ته مان... ڀڄي به نٿو سگهان سيتا کي وٺي!“
    عابد عليءَ هڪدم لفظن تي زور ڏئي ڳالهايو، ”زينب نالو آهي هاڻي هُن جو.“
    ”جِي!“ سلمان ندامت سان چيو، ”زينب کي چئجو ته... ڏاڍو مجبور ٿي پيو آهيان مان... معاف ڪري ڇڏي مون کي!“
    ڪال ڊسڪنيڪٽ ٿي وئي. عابد عليءَ هڪدم وري نمبر ٽچ ڪيو، پر ڪال سلمان جي نمبر سان ڪنيڪٽ نه ٿي. عابد عليءَ جي ڪنن تائين پهتو رڪارڊ ٿيل ڪمپيوٽرائزڊ آواز، ”آپ ڪا مطلوبه نمبر اس وقت بند هَي...“ عابد عليءَ هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويو.

    رات جو نوين وڳي ريلوي اسٽيشن کان گهر ويندي، عابد عليءَ پنهنجي قدمن کي ڏاڍو ڳرو محسوس ڪيو. منجهند جو چئين وڳي سندس ڊيوٽي ختم ٿي هئي ۽ سندس اسسٽنٽ عبدالله به پوري چئين وڳي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي پهچي ويو هو، تڏهن به عابد علي گهر نه ويو هو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته گهر وڃي هُو زينب کي ڇا ٻڌائيندو... ڇا چوندو کيس، ته جنهن جي ڪري تون سيتا مان زينب بڻجي وئينءَ، انهيءَ توکي پنهنجو ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي! هاڻي به نيم اونداهين ۽ ويران رستي تي هلندي عابد علي انهن ئي سوچن ۾ گم هو. گهر جو فاصلو گهٽ ٿيڻ سان سندس وکون وڌيڪ ڳريون ٿي رهيون هيون. هن جي دل ئي نه پئي چاهيو ته هُو گهر واپس وڃي، پر واپس گهر ته کيس وڃڻو ئي هو. رات جو ٽين وڳي واري ٽرين لاءِ وري کيس ڊيوٽيءَ تي واپس به اچڻو هو. هُو نه چاهيندي به ڳرا ڳرا قدم کڻندو، آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيو هو. اڃا هُو اڌ پنڌ تي ئي هو ته سومهڻيءَ جي اذان جو آواز سندس ڪنن سان ٽڪرايو، ” الله اڪبر... الله اڪبر...“ ٻانگ جي آواز تي هن جا ڳرا قدم اوچتو هلڪا ٿي ويا ۽ هن تڪڙو هلڻ شروع ڪيو.
    اذان جي وقت تي سدائين عابد عليءَ جا پير پاڻهي مسجد طرف وڌڻ لڳندا هئا. کيس ياد نه هيو ته اٺن سالن جي عمر کان شروع ڪيل نماز، پنجٽيهن سالن جي عمر تي پهچڻ تائين، بنا ڪنهن مجبوريءَ جي هن قضا ڪئي هجي.
    مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ ۽ اجتماعي دعا گهرڻ کان پوءِ به هُو ڪيتري دير تائين مسجد ۾ ئي ويٺو رهيو، زينب جي سلامتيءَ ۽ عزت لاءِ دعائون گهرندو رهيو. چڱي دير کان پوءِ جڏهن مسجد مان ٻاهر نڪتو ته سندس دل کي ڪافي حد تائين سڪون ملي چڪو هو.


    9

    عابد علي اڃان ورانڊي ۾ کٽ تي ويٺو مس، ته زينب اکين ۾ سوال کڻي اچي سندس سامهون بيٺي. هُو ڪنڌ جُهڪائي چُپ چاپ ويٺو رهيو. هن ۾ همت ئي نه هئي زينب سان نظر ملائڻ جي ۽ ڪجهه ڳالهائڻ جي، پر زينب سندس سامهون بيٺي ئي رهي. تڏهن هن نه چاهيندي به ڪنڌ مٿي ڪري زينب جي چهري ڏانهن ڏٺو. زينب جي اکين ۾ هڪڙو ئي سوال اٽيڪل هو، جنهن کي عابد عليءَ چڱي طرح سمجهيو ٿي، پر سوال کي سمجهندي به هن ڪجهه نه ڳالهايو. تڏهن زينب جي اکين ۾ اٽڪيل سوال سندس چپن تي اچي ويو، “سلمان سان... ڪو رابطو ٿيو؟“
    عابد عليءَ هڪ ڊگهو ساهه کڻي، هڪڙي ئي لفظ جو ننڍڙو جواب ڏنو. ”ها.“
    ”ڇا!“ زينب جي اکين ۾ ڄڻ ڊگهي پنڌ کان پوءِ منزل تي نظر پوڻ واري جوت جرڪي پيئي، سندس چپن تي زندگيءَ جهڙي مرڪ ڦهلجي وئي، ”ڪڏهن ايندو سلمان مون کي وٺڻ!؟“
    زينب کٽ جي ڀر سان رکيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي. عابد عليءَ ڪوبه جواب نه ڏنو. ڪو جواب ڏئي هن زينب جي اکين کان جوت ۽ سندس چپن کان مرڪ ڦرڻ نٿي چاهي.
    ”ٻڌايو نه، ڇا چيو سلمان؟“ زينب اتاولي ٿي پئي.
    ”هن...“ عابد عليءَ وڏو ساهه کنيو، ”هن چيو ته... سندس والد اوچتو گذاري ويو، جنهن ڪري هُو نه اچي سگهيو.“
    ”اوهه... ويري سيڊ!“ زينب جي مرڪ تي غم جو پاڇو پئجي ويو ۽ سندس ڪنڌ جهڪي ويو.
    عابد عليءَ کي موقعو ملي ويو اتان اٿي وڃڻ جو، پر اڃان هن اٿڻ لاءِ سوچيو مس ته زينب ڪنڌ مٿي ڪري ڏانهنس ڏٺو، ”مون چيو هو نه، هن جي ڪا مجبوري هوندي، جنهن ڪري نه اچي سگهيو هوندو.“
    ”ها. توهان ته... ائين ئي چيو هو.“ عابد عليءَ ائين جواب ڏنو، ڄڻ هُو انهيءَ موضوع تي ڳالهائڻ ئي نه چاهيندو هجي.
    ”ته پوءِ... ڪڏهن ٿو اچي سلمان؟“ زينب جي اکين ۾ اميد جاڳي پئي.
    عابد عليءَ ڪوبه جواب نه ڏنو، ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيائين. سندس چهري جي سنجيدگيءَ تي، مايوسيءَ پَرَ ڦهلائڻ شروع ڪيا. سندس چهري طرف ڏسندي، زينب پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ اونداهي ڦهلجندي محسوس ڪئي. سندس دل وسامڻ لڳي. هن کان بي اختيار ذري گهٽ رڙ نڪري وئي، ”توهان ٻڌايو ڇو نه ٿا، ڇا چيو سلمان؟“
    عابد عليءَ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر زبان سندس ساٿ نه ڏنو. هن بيوسيءَ مان زينب ڏانهن ڏٺو ۽ منهن ڦيري ڇڏيو. انهيءَ لمحي عابد عليءَ جي زال خديجه ڪمري مان نڪري آئي ۽ زينب جي ڀر سان ٻي ڪرسيءَ تي اچي ويهي رهي.
    ”پليز... پليز مون کي ٻڌايو.“ زينب روئڻهارڪي ٿي پئي، ”ڪڏهن وٺڻ ايندو سلمان مون کي!؟“
    عابد عليءَ ڏاڍي بيوسيءَ مان ڪنڌ ورائي زينب طرف ڏٺو، ”هن... هن چيو ته... زينب کي چئجو ته مون کي معاف ڪري ڇڏي!“
    ”ڇا مطلب!؟“ زينب ڇرڪي پئي.
    ”هاڻي... هاڻي...“ عابد عليءَ نه چاهيندي به زينب کي چئي ڏنو،
    ”ڪڏهن به نه ايندو توهان کي وٺڻ.“
    زينب پٿر جي مورتيءَ جيان چُپ ٿي وئي. سندس وات مان ٻڙڪ به ٻاهر نه نڪتي، پر کيس لڳو ڄڻ سندس اندر جي ڪائنات ۾ ڪيئي ڌماڪا ٿيا هجن. سندس دل جي دنيا ۾ ڪا وڏي دهشتگردي ٿي هجي. ڪيئي پل گذري وڃڻ کان پوءِ به، زينب جيئن جو تئين ويٺي رهي، ته خديجه سندس ڪلهي تي هٿ رکي کيس لوڏيو، ”زينب!“ تڏهن زينب ڄڻ اوچتو آتش فشان جيان ڦاٽي پئي. دل ڏاريندڙ هڪ سُڏڪو هن جي وات مان نڪتو ۽ هن پنهنجا ٻئي هٿ پنهجي چهري جي مٿان رکي ڇڏيا. خديجه کيس دلاسا ڏيندي رهي، پر زينب جا سُڏڪا بند ئي نه پئي ٿيا. گهڻي دير کان پوءِ جڏهن زينب جا سُڏڪا گُهٽجڻ لڳا. تڏهن عابد عليءَ ڏک ۽ همدرديءَ سان زينب ڏانهن ڏٺو، ”ان شخص لاءِ ٿيون روئو، جنهن کي توهان جي درد جو ذري برابر به احساس ناهي!“
    خديجه، زينب جي ڪلهي کي زور ڏئي وري کيس دلاسو ڏنو،
    ”صبر ڪر زينب ــ صبر ڪر.“
    زينب اوچتو پنهنجو ڳوڙهن هاڻو چهرو پنهنجي هٿن مان ٻاهر ڪڍيو. سُڏڪن ڀريل آواز ۾ سندس اندر جو سمورو درد شامل ٿي ويو،
    ”جنهن جي ڪري پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنم، انهيءَ پنهنجو ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو... ۽... منهنجو پنهنجو ڀاءُ... موت جو روپ بڻجي ويو آهي منهنجي لاءِ... هاڻي... هاڻي مان ڪيڏانهن وينديس!“
    ”ڪيڏانهن ڪونه ويندئو توهان!“ عابد عليءَ هڪدم وراڻيو.
    ”پر... آخر ڪيسين!“ زينب سُڏڪندي، بيحد مايوسيءَ مان چيو،
    ”ڪيسين مان توهان تي بار بڻجي رهينديس!!“
    ”نه زينب نه.“ عابد عليءَ بيحد همدردي سان چيو، ”توهان بار نه، رحمت آهيو اسان لاءِ.“
    زينب ته وري پنهنجي چهري مٿان هٿ رکي سُڏڪي پئي، پر خديجه جي چهري تي فڪرمنديءَ جو تاثر پڌرو ٿي پيو.


    10

    ڊبل بيڊ جي هيڊ بورڊ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل عابد عليءَ جي چهري تي فڪرمندي ڦهليل هئي. هن اڃا ليٽڻ لاءِ سوچيو ئي پئي ته خديجه ڪمري ۾ اچي در ٻيڪڙي ڇڏيو.
    ”آخر ڪيسين... اسان زينب کي ڪنهن گناهه جيان لڪائي رکنداسين!؟“ خديجه جي لهجي مان سندس اندر جي ڳڻتيءَ ڳالهايو.
    ”هُوءَ ڪو گناهه نه، ثواب جو سبب آهي اسان جي لاءِ.“ عابد عليءَ هڪدم چيو، ”تمام وڏو اجر ملندو آخرت ۾ اسان ٻنهي کي انهيءَ جو.“
    ”پر هن دنيا سان ڪيئن منهن ڏيون!“ خديجه جي آواز ۾ ڳڻتيءَ سان گڏ خوف به هو، ”جانڪي ٻائيءَ جهڙي با اثر عورت جي ڌيءَ آهي هُوءَ... پوليس به هن کي ڳوليندي ٿي وتي... ۽ ... ۽ مٿان وري شنڪر جهڙي خطرناڪ ماڻهوءَ جي دشمني....“
    ”ڪمزور نه ٿي خديجه..!“ عابد عليءَ، خديجه کي همت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ڇا... ڇا اسان...“ خديجه ڪجهه سوچيندي ڳالهايو، ”زينب کي دارالامان نٿا موڪلي سگهون؟“
    ”تون ڇا ٿي سمجهين، ته شنڪر جهڙي ڀاءُ کان، دارالامان جي ديوارن ۾ زينب کي امانَ ملي ويندي!؟“ عابد عليءَ ٿڌو ساهه کنيو.
    ”پر...“ خديجه خوف مان چيو، ”زينب جي ڪري ته اسان جي زندگي به خطري ۾ پئجي وئي آهي!“
    ”منهنجي يا تنهنجي زندگي، زينب جي زندگيءَ کان وڌيڪ اهم ناهي منهنجي لاءِ.“ عابد عليءَ پنهنجي ننڍڙي ڏاڙهيءَ مٿان هٿ ڦيريو.
    خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، پر سندس چهري تي ڦهليل خوف ۾ ناراضگيءَ جو تاثر به شامل ٿي ويو.
    ”سُمهي پئه تون به ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ مون کي به ننڊ ڪرڻ ڏي.“
    عابد عليءَ ليٽندي چيو، ”رات جو ٽين وڳي واري ٽرين لاءِ مون کي وري اسٽيشن تي وڃڻو آهي ۽ انهيءَ کان پهرين مون کي تهجد نماز به پڙهڻي آهي.“
    عابد عليءَ پاسو ورائي ٻئي طرف منهن ڪري ڇڏيو. خديجه به سندس پاسي ۾ ليٽي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    رات جو ٻين وڳي وهاڻي ڀرسان رکيل عابد عليءَ جي موبائل فون جو الارم وڳو ته سندس اک کُلي پئي ۽ هن زال جي چهري طرف ڏسندي هڪدم موبائل فون ڏانهن هٿ وڌايو. هن نٿي چاهيو ته سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪري ٿڪجي پيل خديجه جي ننڊ ڦٽي پوي. عابد عليءَ موبائل فون جو الارم بند ڪيو ته دٻيل دٻيل سُڏڪن جو آواز سندس ڪَنن تي پيو. هُو اٿي ويهي رهيو. بيڊ تي ويٺي ئي هن محسوس ڪيو ته اهو زينب جي سڏڪن جو آواز هو، جيڪو ٻئي ڪمري مان اچي رهيو هو. هُو سوچ ۾ پئجي ويو، مُنجهي پيو. کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هن وقت هُو زينب جي ڪمري ۾ وڃي يا نه وڃي، ڇو ته زينب لاءِ بهرحال هُو نامحرم ئي هو. زينب جا سُڏڪا لڳاتار سندس ڪنن سان ٽڪرائبا رهيا ۽ هُو زينب جو درد برداشت نه ڪري سگهيو. هڪ نظر هن خديجه طرف ڏٺو، خديجه گهري ننڊ ستل هئي. هُو بيڊ تان لهي آيو ۽ بي آواز قدمن سان هلندو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
    نامحرم عورت زينب جي ڪمري جو در کولڻ کان اڳ ۾، عابد عليءَ دل ئي دل ۾ دعا گهري الله کان معافي گُهري ۽ پوءِ در کي ٿورو زور ڏنو. ڪمري ۾ کٽ تي گوڏن ڀر ويٺل زينب جو مٿو سندس گوڏن تي رکيل هو ۽ سندس دٻيل دٻيل سُڏڪا گونجي رهيا هئا. عابد عليءَ در جي ٻاهران بيٺي ئي ٿورو کنگهي زينب جو ڌيان ڇڪايو. زينب ڇرڪي ڪنڌ مٿي کنيو ته سندس نظر در ٻاهران بيٺل عابد عليءَ تي پئي ۽ هن پنهنجي مٿي تان لهي ويل رئو، ڇڪ ڏئي پنهنجي مٿي تي رکي ڇڏيو.
    عابد علي، زينب جي کٽ ڀر سان اچي بيٺو. بيحد نرم ۽ همدرديءَ واري لهجي ۾ چيائين، ”مان سمجهان ٿو توهان جي ڏک ۽ توهان جي تڪليف کي زينب!“
    غم جي شدت سبب زينب پنهنجا چپ ڀيڪوڙي ڇڏيا، پر لڙڪ اکين مان لارون ڪري وهندا رهيا.
    عابد علي، زينب کان پرڀرو کٽ جي پيرانديءَ وٽ ڪُنڊ تي ويهي رهيو، ”صبر کان ڪم وٺو زينب، الله کي ياد ڪيو.“
    زينب سُڏڪي سان گڏ ٿڌو ساهه کنيو ته هُوءَ سڄي لڏي وئي، ”الله کان سواءِ ... آهي به ڪير منهنجو....!“
    ”بيشڪ!“ عابد عليءَ اشهد آڱر مٿي ڪئي، ”اهو پروردگار ئي اسان سڀني جو سهارو آهي، پر توهان دل نه لاهيو زينب. مان آهيان، خديجه آهي. اسان به ته توهان جا پنهنجا آهيون.“
    ”الله کان پوءِ هن دنيا ۾ توهان جو ئي ته سهارو آهي.“ زينب پنهنجو سُڏڪو روڪي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”توهان جو سهارو نه هجي ها ته... ته شايد... جيئري به نه هجان ها هن مهل تائين... فقط... توهان ئي ته منهنجا پنهنجا آهيو.“
    عابد عليءَ جون اکيون آليون ٿي ويون. بي اختيار هن جو هٿ زينب جي چهري طرف وڌي ويو ۽ هن زينب جي اکين مان ڪرندڙ هڪ لڙڪ کي پنهنجي هڪ آڱر سان اُگهي ورتو. ان مهل ئي اوچتو در جو کڙڪو ٿيو. عابد علي ۽ زينب ڇرڪي در طرف ڏٺو.
    در ۾ خديجه بيٺل هئي، سندس اکين مان اُلا نڪري رهيا هئا. خديجه هڪڙي پل جو منظر ڏسڻ کان پوءِ اتي بيهي نه سگهي ۽ هڪدم واپس هلي وئي.
    عابد عليءَ هڪ نظر زينب جي چهري طرف ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي هٿ کي ڏٺو. کيس يقين ٿي ويو ته انهيءَ هڪڙي لمحي سندس زال جي اڳيان غلط فهميءَ جي هڪ وڏي ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي. هُو هڪدم اٿيو ۽ زينب جي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
    زينب هڪ نئين پريشانيءَ سبب ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    خديجه پنهنجي ڪمري ۾ دوروازي کي پٺي ڏئي خالي ديوار کي تڪي رهي هئي، پر سندس اندر خالي نه هو. سندس اندر ۾ باهه ڀڙڪي رهي هئي. سندس اندر جي عورت جو سڄو وجود اندر ئي اندر جلڻ لڳو هو. انهي تپش، انهيءَ باهه کي سندس اکين جي آلاڻ به جهڪو نه ڪري سگهي. انهن ئي اکين سان ته هن پنهنجي مڙس کي غير عورت سان گڏ ڏٺو هو. اوچتو هن پنهنجي ڪلهي تي هٿ جو ڇُهاءُ محسوس ڪري، ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو. سندس سامهون عابد علي بيٺو هو.
    ”خديجه!“ عابد عليءَ ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي،
    ”مان... مان ته....“
    ”ڇا مان مان...!“ خديجه زهر ڀريل لهجي سان چيو، ”ڪهڙا مسلمان آهيو توهان!“
    ”پر... ڇا ڪيو آهي مون اهڙو!؟“ عابد عليءَ انتهائي حيرت ۽ ڏک سان چيو.
    ”رات جو اڪيلائيءَ ۾ هڪ نامحرم عورت جي ڪمري ۾ ٿا وڃو!“ خديجه جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا. سندس آواز ۾ وڌيڪ ڪڙاڻ شامل ٿي وئي، “نامحرم عورت جا ڳل ٿا ڇُهو ۽...“
    ”ڏس خديجه! منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر!“ عابد عليءَ زال جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي نرميءَ سان ڳالهايو، ”مان ته... هن جي روئڻ جي آواز تي....“
    خديجه پنهنجي ٻانهن تان مڙس جو هٿ سَٽَ ڏيئي پري ڪري، سندس جملو ڪٽي ورتو، ”هن جي روئڻ جي آواز تي ويا هيئو، يا سندس سڏڻ تي!“
    ”شرم ڪر!“ عابد عليءَ ڪاوڙ مان رڙ ڪئي، ”تون هڪ شريف ڇوڪريءَ تي ڪوڙو الزام پئي هڻين!“
    ”سڀ ڪجهه اکين سان ڏٺو اٿم.“ خديجه به رڙ ڪري چيو، ”مان الزام نٿي هڻان!“
    عابد علي سڪتي ۾ اچي ويو، زال ڏانهن ڏسندو ئي رهجي ويو.
    عابد علي ۽ خديجه جا آواز ٻئي ڪمري ۾ زينب تائين به پهچي رهيا هئا، جن کي برداشت ڪرڻ هن لاءِ ڏاڍو مشڪل بڻجي پيو هو.
    عابد عليءَ هڪ ٿڌو ساهه کڻي گُهور وجهي خديجه کي ڏٺو، ”ته ڇا... شڪ ٿي ڪرين تون منهنجي ڪردار تي!؟“
    ”ها!“ خديجه هڪدم تلخيءَ سان وراڻيو، ”جيڪڏهن توهان ايتري مضبوط ڪردار جا مالڪ هجو ها ته مون کي جاڳايو ها، چورن جيان لڪي هن جي ڪمري نه وڃو ها!“
    ”تون سمجهين ڇا ٿي!؟“ عابد علي ڄڻ اوچتو باهه جيان ڀڙڪي پيو، ”ڇا سمجهيو آهي تو مون کي!؟“
    ”سڀ سمجهان ٿي.“ خديجه نفرت مان وراڻيو، ”سڀ خبر پئجي وئي آهي مون کي!“
    ”ڇا!“ عابد عليءَ ڪاوڙ، حيرت ۽ ڏک مان پڇيو، ”ڇا جي خبر پئي آهي توکي؟ !“
    ”اهو ئي... جيڪو هن گهر ۾ ٿي رهيو آهي!“ خديجه ڪراهت سان وراڻيو.
    ”ته ڇا...“ عابد عليءَ سخت ڪاوڙ، ڏک ۽ حيرت مان چيو،
    ”بدڪردار ٿي سمجهين تون مون کي !؟“
    ”توهان جو ڪردار ته توهان جي اڄوڪي عمل مان ئي ظاهر ٿي پيو آهي.“ خديجه نفرت سان چيو، ”ڪراهت ٿي اچي مون کي توهان کان!“ خديجه ڪنڌ ڦيرائي، مُنهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
    عابد عليءَ جي اندر ۾ ڄڻ ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو. سندس سچائيءَ ۽ محبتن جو سڄو محل هڪڙي ئي لمحي ۾ ڀسم ٿي ويو. سندس ڪنن جون پاپڙيون گرم ٿي ويون ۽ سندس سڄي وجود ۾ ڪنڊا چُڀڻ لڳا. هڪٻئي پويان هن ڪيترائي وڏا وڏا ساهه کنيا ۽ هر ساهه سان گڏ، هن جي ڪاوڙ هڪ نئين انتها تي پهچندي رهي. سندس اندر ۾ ٿيل ايٽم بم جي ڌماڪي جي گرميءَ سندس لفظن سان گڏ ٻاهر نڪرڻ شروع ڪيو، ”جيڪڏهن... جيڪڏهن تون مون کي بدڪردار ٿي سمجهين... ڪراهت ٿي اچي توکي مون مان... ته مان آزاد ٿو ڪيان توکي!“
    خديجه حيرت مان ڪنڌ ورائي مڙس طرف ڏٺو.
    عابد عليءَ جي وات مان سندس اندر ۾ ٿيل ايٽم بم جي ڌماڪي جو پڙاڏو ٿيو، ”مان توکي طلاق ٿو ڏيان!“
    ”ڇا!“ خديجه اوچتو ڇرڪي پئي. باقي سڀ ڳالهيون هڪدم کانئس وسري ويون.
    ”مان توکي طلاق ٿو ڏيان!!“ عابد عليءَ ٻيو ڀيرو چيو.
    ”بس ڪيو!“ خديجه هڪدم پنهنجو هٿ عابد عليءَ جي وات مٿان رکي ڇڏيو سندس سڄو جسم ڪنبڻ لڳو. هن انتهائي صدمي ۽ دهشت مان رڙ ڪئي، ”خدا جي واسطي... نه چئجو ٽيهر!“
    عابد عليءَ سٽ ڏئي خديجه جو هٿ پنهنجي وات تان هٽائي ڇڏيو. لفظ سندس وات مان ائين ڀڙڪو ڏيئي ٻاهر نڪتا، ڄڻ پڃري ۾ قيد پکي، پڃري جو در کُلڻ لاءِ آتا ويٺا هجن ۽ هن ٽيون ڀيرو چئي ڏنو، ”مان توکي طلاق ٿو ڏيان!!!“
    خديجه هڪڙي ئي لمحي ۾ پنهنجي سڄي دنيا تباهه ٿيندي ۽ ان جو ملبو پنهنجي مٿان ڪرندي محسوس ڪيو. سندس سڄي وجود کي درد ورائي ويو. هُوءَ سڪتي واري حالت مان عابد عليءَ طرف ڏسندي رهي، جيڪو اکيون بند ڪري پنهنجي ڪنڌ مٿان هٿ ڦيري ڊگها ڊگها ساهه کڻي رهيو هو. ڄڻ هُو گُهٽ محسوس ڪري رهيو هو.
    عابد علي اکيون کولي ڪجهه دير خديجه طرف ڏٺو ۽ پوءِ هڪ تمام وڏو ساهه کڻي ڪمري کان ٻاهر وڃڻ لڳو.
    خديجه، پٺيرو ويندڙ عابد عليءَ طرف ڏٺو. عابد علي دروازي کان ٻاهر هليو ويو ۽ هُو ڪمري ۾ اڪيلي رهجي ويئي، تڏهن اوچتو رنڀ جهڙو هڪ سڏڪو سندس چپن جا بند ٽوڙي نڪتو ۽ سندس سڄي وجود کي نهوڙي ويو. سندس اکين جا بند ٽُٽا ته سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي. هن پنهنجا ٻئي هٿ چهري مٿان رکيا ته پيرن سندس وزن سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو . هُوءَ بي اختيار هيٺ جهڪندي وئي ۽ سندس گوڏا فرش تي وڃي لڳا. سندس جلندڙ جيءَ مان نڪرندڙ سڏڪن جي ٻاڦ سڄي گهر ۾ ڦهلجي وئي.
    رات جي خاموشي ۾، اڱڻ تي انتهائي بيچينيءَ سان ٽهلندڙ عابد عليءَ جي پيرن جي آواز سان گڏ ڪمري مان ايندڙ خديجه جي سڏڪن جو آواز به گونجي رهيو هو. هلڪي سردي هئڻ باوجود تيز قدمن سان ٽهلندڙ عابد عليءَ جو سڄو جسم پگهرجي ويو هو ۽ سندس لؤندڙيون ڌَنوِي رهيون هيون. تيز قدمن سان ٽهلندي اوچتو هُو هڪ هنڌ بيهي رهيو ۽ سندس اکيون اونداهي آسمان ڏانهن کڄي ويون. هن جي وات مان بي اختيار وڏي رڙ نڪري وئي، ”يا الله...! هي ڇا ٿي ويو... ڇا ڪري ڇڏيو مون....!!“
    عابد عليءَ جو چهرو آسمان طرف ئي رهيو ۽ سندس ڏکارين اکين مان ٻه لڙڪ نڪري، سندس ڪنن کي لڳا. هن هڪ ڊگهو ساهه کڻي، ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي وکري ويل وارن ۾ هٿ ڦيريو ته سندس نظر ٻاهرئين در طرف هلي وئي ۽ هُو ڇرڪي پيو.
    ٻاهريون در کُليل هيو.
    عابد علي هڪ پل وڃائڻ کان سواءِ ڊوڙندو دروازي تائين ويو ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
    رات جي اونداهيءَ ۾، اليڪٽرڪ پول تي لڙڪندڙ هڪ پراڻي بلب جي ناڪافي روشنيءَ کان سواءِ گهٽيءَ ۾ ڪجهه به نه هيو. عابد عليءَ تڪڙ تڪڙ ۾ ڪنڌ ورائي ڪيئي ڀيرا گهٽيءَ جي ٻنهي پاسي ڏٺو، پر سُڃ کان سواءِ کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. هُو واپس مڙيو ۽ جنهن تيزيءَ سان ٻاهر نڪتو هو. ساڳي تيزيءَ سان هُو گهر ۾ اندر هليو ويو. کيس يقين ٿي ويو ته خديجه ۽ سندس وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران ئي، صدمي سبب زينب گهر مان نڪري وئي هوندي. تڏهن به هُو پڪ ڪرڻ خاطر ڊوڙندو زينب جي ڪمري ۾ هليو ويو. ڪمري ۾ سڀ ڪجهه موجود هيو، سواءِ زينب جي. عابد عليءَ جو ساهه سُڪي ويو. ڪيئي وسوسا سندس اندر ۾ جاڳي پيا.
    ٻئي ڪمري ۾ اڃا به خديجه جا سُڏڪا جاڳي رهيا هئا. فرش تي ويٺل خديجه جو مٿو سندس گوڏن تي رکيل هو ۽ مٿي مٿان سندس هٿ رکيل هئا. عابد عليءَ ڪمري جي در ۾ اچي مايوسيءَ مان رڙ ڪئي،
    ”زينب هتان هلي ويئي آ !“
    خديجه ساڳيءَ حالت ۾ سُڏڪندي رهي. پنهنجي درد کان سواءِ، باقي حالتون هن لاءِ معنى وڃائي چڪيون هيون.
    عابد عليءَ انتهائي پريشانيءَ ۽ فڪرمنديءَ مان ڳالهايو، ”زينب ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي پوي!“
    خديجه پنهنجي ئي غم ۾ ڦاٿل رهي، ساڳئي حالت ۾ سڏڪندي رهي.
    ”تون... تون دروازو بند ڪري ڇڏجانءِ.“ عابد عليءَ تڪڙ ۾ ڳالهايو، ” مان هُن کي ڳولڻ ٿو وڃان!“ عابد عليءَ جنهن تڪڙ سان ڳالهايو، انهيءَ تڪڙ سان ئي دروازي مان واپس هليو ويو.
    خديجه پنهنجي گوڏن تان مٿو کڻي، سانوڻيءَ جي سهيلين جهڙين اکين سان ڪمري جي در طرف ڏٺو. ڪمري جي در منجهان رات جي اونداهي نظر اچي رهي هئي، جنهن ۾ هاڻي اميد جي ڪنهن به ڏيئي جي روشني باقي نه رهي هئي.


    11

    ننڍڙي شهر جي سوڙهين ۽ اونداهين گهٽين ۾ عابد علي ڪيتري دير کان لڳاتار ڊوڙي رهيو هو. انهن سوڙهين گهٽين ۾ روشنيءَ جو ڪوبه انتظام نه هيو، جنهن ڪري ڪيترا دفعا هُو ٿاٻڙجي ڪِرڻ کان بچيو هو. هلڪي سردي هئڻ باوجود سندس سڄي جسم مان پگهر وهي رهيو هو ۽ هُو شدت سان سهڪي رهيو هو، تڏهن به هن ڊوڙڻ بند نه ڪيو. هر نئين گهٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ وقت هن فقط هڪڙي لمحي لاءِ بيهي گهرن اندران ايندڙ هلڪي روشنيءَ ۾ غور سان گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي تائين ڏسڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ زينب کي نه ڏسي وري تيزيءَ سان ڊوڙڻ پئي شروع ڪيو. هڪ تمام سوڙهي گهٽيءَ مان ڊوڙندي سندس ڪلهو اليڪٽرڪ پول سان ٽڪرائجي ويو. هن پاڻ کي ڪِرڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ديوار سان وڃي ٽڪرايو. ديوار سان ٽڪرائجڻ ڪري هن پنهنجي جسم مان سُور جون سَٽون اُڀرندي محسوس ڪيون. سندس ڄنگهن مان طاقت ڇڏائجي وئي. اتي ئي ديوار جي سهاري بيٺي بيٺي هن واپس گهر هليو وڃڻ لاءِ سوچيو، پر ٻئي لمحي ئي زينب جي سلامتيءَ جي خيال کيس بيچين ڪري ڇڏيو. هن ٻه ٽي وڏا ساهه کنيا. پنهنجي جسم جي سڄي طاقت گڏ ڪيائين ۽ وري هر ممڪن حد تائين تيز ڊوڙندو ٻي گهٽيءَ ۾ هليو ويو.
    عابد علي، رات جو اونداهيءَ ۾ شهر جون گهٽيون لتاڙي، شهر کان ٻاهر ويندڙ رستن کان ٿيندو ريلوي اسٽيشن تي پهتو. ريلوي پليٽ فارم به شهر جي گهٽين ۽ شهر کان ٻاهر ويندڙ رستن جيان ويران هو. هن هڪ وڏو ساهه کڻي پليٽ فارم تي ٻنهي پاسي نهاريو، پر مايوسيءَ کان سواءِ کيس ڪجهه به نه مليو. کيس پڪ ٿي وئي ته زينب، ڪُتن جيان نوس نوس ڪندڙ شنڪر جي هٿياربند ماڻهن جي هٿ چڙهي وئي هوندي. اهو سوچي سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ته اڄوڪي رات جي پيٽ ۾ ئي زينب مارجي ويندي، ڇو ته شنڪر جهڙي پٿر دل ماڻهوءَ مان رحم جي اميد ته ڪري ئي نٿي سگهجي.
    عابد علي مايوسيءَ مان ڪنڌ جُهڪائي بيهي رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ هن ڪنڌ کڻي وري پليٽ فارم جي ٻنهي پاسي ڏٺو. پليٽ فارم تي ٻرندڙ پراڻي ليمپ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هڪ بڙ جي وڻ پٺيان هن کي هلڪي چُرپُر محسوس ٿي. عابد عليءَ جي اندر ۾ اميد جاڳي پئي. زينب جڏهن سيتا جي حيثيت سان پنهنجي حويليءَ کان ڀڳي هئي ته کيس انهيءَ بڙ جي وڻ پويان ئي لڪل ملي هئي. عابد عليءَ کي پڪ ٿي وئي ته اڄ به زينب اتي ئي اچي لڪي هوندي. هُو تڪڙو تڪڙو بڙ جي وڻ ڏانهن وڌيو. اڃا هُو وڻ جي ڀرسان پهتو ئي نه هو، ته وڻ هيٺيان وري چُرپُر ٿي ۽ هڪ ڪتو ڀؤنڪندو اٿي بيهي رهيو. عابد علي ڇرڪي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيو. ڪتو ڪو خطرو نه سمجهي وري وڻ جي هيٺيان ويهي رهيو. عابد عليءَ ڪنڌ ورائي پليٽ فارم طرف ڏٺو. ويران پليٽ فارم تي سندس آفيس جو در کُليل نظر اچي رهيو هو، جنهن مان بلب جي هلڪي روشني پليٽ فارم تي پئجي رهي هئي. عابد عليءَ ڄاتو ٿي ته آفيس ۾ سندس اسسٽنٽ عبدالله موجود هوندو، پر عابد عليءَ جي دل نه چاهيو ته هُو پنهنجي آفيس وڃي، ڇو ته کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هُو ڇا چوندو عبدالله کي، ته هن مهل ڇو آيو آهي آفيس... ڪيئن ٻڌائي سگهندو ته هن پنهنجي زال خديجه کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي ۽ زينب سندس گهر ڇڏي موت جي مُنهن ۾ هلي وئي آهي!
    بڙ جي وڻ هيٺان بيٺي عابد عليءَ کي ڀنواٽي اچڻ لڳي. سندس مٿو ڦِرڻ لڳو. کيس لڳو، جيڪڏهن هُو ڪجهه دير وڌيڪ بيٺو رهيو ته ڪِرِي پوندو. هُو پاڻ سنڀالي پليٽ فارم تي ٺهيل بينچ تي وڃي ويٺو. اوچتو ٿڌي هوا جو هڪ تيز جُهوٽو سندس جسم سان ٽڪرايو، پر سندس اندر ۾ دُکندڙ درد اوچتو ڀڙڪو ڏئي ڀنڀٽ بڻجي پيو. زينب جي هليي وڃڻ سان گڏ خديجه کي ڏنل طلاق جي غلطيءَ سندس اندر کي ٽُڪرا ڪري ڇڏيو. هن افسوس سان هڪ ڊگهو ساهه کنيو ته سندس اهو ساهه سُڏڪي ۾ بدلجي ويو. هن انهيءَ اوچتي سُڏڪي کي روڪڻ جي ڪوشش ته ڪئي، پر بي اختيار روئي پيو. هن پنهنجا ٻئي هٿ چهري مٿان رکي ڇڏيا ۽ ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان ڪيتري دير تائين روئندو رهيو.


    12

    رات جي اونداهيءَ ۾ جڏهن عابد علي بيحد مايوس ۽ ٿڪل قدمن سان پنهنجي گهرَ جي در تي واپس پهتو، ته کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هاڻي هُو ڪيئن نظر ملائي سگهندو خديجه سان. هُو ڪيئن معافي وٺي سگهندو خديجه کان ۽ ڪيئن تلافي ڪري سگهندو طلاق واري غلطيءَ جي. هن در کڙڪائڻ لاءِ هٿ وڌايو ته سندس هٿ ڪنبڻ لڳو. هن نه چاهيندي به ڏڪندڙ هٿ سان در کڙڪايو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو.
    ڪجهه دير کان پوءِ خديجه جو هيڻو آواز سندس ڪَنن تي پيو، ”ڪير؟“
    ”مان آهيان...“ عابد عليءَ شڪست کاڌل لهجي ۾ چيو، ”در کول...“ پر در نه کُليو.
    ”در کول خديجه!“ عابد عليءَ پريشانيءَ مان چيو، ”مان آهيان...“
    پر وري به در نه کُليو.
    ”خديجه !“ عابد عليءَ جو آواز روئڻهارڪو ٿي پيو، ”خدا جي واسطي در کول!“
    خدا جو واسطو ڏيڻ سان در ته کُلي پيو، پر در ۾ اندر ڏسڻ سان ئي عابد عليءَ جي دماغ ۾ ڌماڪو ٿيو. خديجه جو چهرو رئي جي پلاند سان ڍڪيل هو ۽ در کولڻ کان پوءِ هُوءَ در مان هٽي وئي. انهيءَ احساس عابد عليءَ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ته هاڻي هُو ۽ خديجه هڪ ٻئي لاءِ نامحرم ٿي چڪا آهن. هن سُڏڪي جهڙو هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ اندر داخل ٿي در بند ڪيائين، ته ديوار طرف منهن ڪري بيٺل خديجه ڏانهن سندس نظر کڄي وئي. هن پٺيري بيٺل خديجه کان معافي وٺڻ چاهي، پر قسمت جيان زبان به سندس ساٿ نه ڏنو ۽ سندس ڪنڌ جهڪي ويو. بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي هُو جُهڪيل ڪنڌ سان بيحد ڳرا ٿي ويل قدم کڻندو ڪمري طرف هليو ويو.
    ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان عابد علي ڇرڪي بيهي رهيو. ڪپڙن واري الماڙي کُليل هئي، بيڊ تي خديجه جا ڪجهه ڪپڙا ۽ خالي بيگ رکيل هئي. بيڊ تي وکريل ڪپڙن جيان عابد عليءَ کي پنهنجي سڄي دنيا وکريل محسوس ٿي. اڃا هُو پنهنجي وکريل دنيا تي سوچي ئي رهيو هو ته چهري تي نقاب اوڍيل خديجه ڪمري ۾ اندر آئي ۽ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي بيڊ تي پيل پنهنجا ڪپڙا بيگ ۾ وجهڻ لڳي. عابد علي خاموش بيٺو رهيو. هن چاهيو پئي ته خديجه کيس گهٽ وڌ ڳالهائي، شڪايت ڪري، پر خديجه چُپ چاپ پنهنجا ڪپڙا بيگ ۾ وجهي، بيگ جي زپ بند ڪئي ته عابد عليءَ جي پريشاني هڪدم وڌي وئي، ”هي... هي تون ڇا پئي ڪرين....!“
    ”طلاق ٿي چڪي آهي اسان جي!“ خديجه ڏکويل آواز سان ڳالهايو ۽ اٿي بيهي رهي.
    ”پر... تون ويندينءَ ڪيڏانهن!؟“ عابد عليءَ بيحد پريشانيءَ مان تڪڙو تڪڙو ڳالهايو، ”ڪير آهي تنهنجو هن دنيا ۾؟ ماءُ، پي، ڀاءُ، ڀيڻ، ڪو ويجهو مائٽ... ڪوئي به ته ناهي!“
    ”منهنجو الله ته آهي مون سان!“ خديجه جي آلين اکين مان ٻه لُڙڪ ڪِرِي سندس چهري جي نقاب ۾ جذب ٿي ويا.
    ”ها، بيشڪ... پر... پر تون ويندينءَ ڪيڏانهن!؟“ عابد عليءَ جي نڙي خشڪ ٿي وئي.
    ”الله جي زمين تمام وڏي آهي!“ خديجه بيگ کڻندي چيو.
    ”پر...“ عابد عليءَ خشڪ ٿي ويل نڙيءَ سان ڳيت ڏئي پڇيو، ”تون ويندينءَ ڪيڏانهن؟“
    ”خبر ناهي!“ خديجه هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ وک وڌائي.
    عابد عليءَ انتهائي پريشانيءَ مان پنهنجون ٻئي ٻانهون سڌيون ڪري، خديجه جي گذرڻ جو رستو روڪي ورتو، ”تون... ڪيڏانهن به نه ويندينءَ تون....“
    ”ته ڇا...“ خديجه شديد ڏک ۽ ڪاوڙ مان وراڻيو، ”ته ڇا... حرام جي زندگي گذاريان هن گهر ۾!؟“
    ”توبهه نعوذبالله!“ عابد عليءَ پنهنجي ٻنهي ڪنن جي پاپڙين کي جهليندي چيو.
    ”پري ٿيو منهنجي رستي کان!“ خديجه ٻي وک اڳتي وڌائي.
    ”تون... تون ويهه ته سهي...“ عابد عليءَ جي پريشاني تهائين وڌي وئي، ”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ!“
    ”پري ٿيو منهنجي اڳيان!“ خديجه وڌيڪ سختيءَ سان چيو.
    ”خدا جي واسطي...“ عابد عليءَ بيحد پريشانيءَ سان منٿ ڪئي،
    ”مان توکي الله جو واسطو ٿو ڏيان... تون ويهه، منهنجي ڳالهه ٻُڌي وٺ!“
    خديجه الله جو واسطو ٻڌي پرتي پيل ڪرسيءَ تي وڃي ويهي رهي، ”جي!؟“
    عابد علي ڪمري ۾ ٻئي طرف پيل بيڊ جي ڪُنڊ تي وڃي ويهي رهيو ۽ ندامت سان سندس ڪنڌ جُهڪي ويو.
    ”جي...“ خديجه ڏکويل لهجي سان چيو، ”ڇا چوڻو آهي توهان کي!؟“
    ”اهو ئي...“ عابد علي خشڪ چپن مٿان زبان ڦيرائي ڳالهايو، ”اهو ئي ته... نه وڃ ڪيڏانهن به تون... هتي ئي رهه!“
    ”نٿي رهي سگهان هاڻي مان هن گهر ۾!“ خديجه انڪار سان ڪنڌ لوڏيو، ”نه ڪيو اهڙي ڳالهه!“
    ”پر...“ عابد عليءَ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو.
    ”نامحرم ٿي چڪا آهيون اسان هڪ ٻئي لاءِ!“ خديجه بيحد تلخيءَ سان ڳالهائي، پنهنجي چهري جي نقاب کي ٿورو وڌيڪ مٿي ڪري ڇڏيو.
    ”ها... لڪل... اسان نامحرم ٿي چڪا آهيون هڪ ٻئي لاءِ.“ عابد عليءَ درد مان هڪ ڊگهو ساهه کڻي چيو، سندس اکيون آليون ٿي ويون، ”۽ ... ۽ اسان هن هڪڙي ئي گهر ۾، ٻن اجنبين جيان... ڌار ڌار رهنداسين!“
    ”نه!“ خديجه بيحد سختيءَ سان چيو.
    ”منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر خديجه !“ عابد عليءَ، خديجه کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هن گهر مان نڪرڻ تنهنجي لاءِ ٺيڪ ناهي!“
    خديجه مُنهن ڦيري ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
    ”خدا جي هن زمين تي بيشمار بدڪار ماڻهو به موجود آهن.“ عابد عليءَ بيحد فڪرمنديءَ سان چيو، ”نه چاهيندي به تون... گناهن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي سگهين ٿي!“
    ”پر...“ خديجه پريشان ٿي وئي، ”پر هاڻي... اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسان هڪڙي گهر ۾ رهون.... !“
    ”ڇو ناهي ممڪن؟“ عابد عليءَ هڪدم چيو، ”توکي مون تي ڀروسو ناهي يا پاڻ تي!؟“
    خديجه ڪو به جواب نه ڏنو، سوچ ۾ پئجي وئي.
    ”ٻڌاءِ خديجه؟“ عابد عليءَ ٿڌ ساهه کنيو، ”جواب ڏي!“
    ”پر... ڇو؟“ خديجه مُنجهي پيئي، ”آخر... ڪيسين مان هڪ نامحرم سان هن گهر ۾ رهنديس!؟“
    ”فقط ان وقت تائين...“ عابد عليءَ جو ساهه مُنجهڻ لڳو، ”جيسين... تنهنجي... تنهنجي عدت جا ڏينهن پورا ٿين!“
    ”۽... ۽ پوءِ؟“ خديجه بيچين ٿي وئي.
    عابد عليءَ ڪو به جواب نه ڏنو. شديد ندامت ۽ ڏک کان سندس ڪنڌ جُهڪي ويو.
    ”ٻڌايو!“ خديجه بيحد پريشانيءَ مان پڇيو، ”ڪيڏانهن وينديس عدت جا ڏينهن هتي پورا ڪرڻ کان پوءِ مان!؟“
    عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ئي، بيحد ندامت سان ڳالهايو، ”پوءِ ته تون... عدت کان پوءِ...“ هُو وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيو. سندس ڪنڌ وڌيڪ هيٺ ٿي ويو.
    ”ڇا عدت کان پوءِ!؟“ خديجه جي آواز ۾ وسوسا شامل ٿي ويا.
    عابد علي چاهيندي به ڪنڌ مٿي ڪري نه سگهيو. هن جهڪيل ڪنڌ هوندي ئي وراڻيو، ”عدت کان پوءِ ته... تون ٻي شادي ڪري به... عزت جي زندگي گذاري سگهين ٿي!؟“
    ”ڇا!؟“ خديجه ڇرڪي پئي. سندس وجود اندر ڄڻ ڪو وڏو ڌماڪو ٿيو. هُوءَ اوچتو سُڏڪي پئي.
    عابد عليءَ بيوسيءَ مان ڪنڌ کڻي خديجه ڏانهن ڏٺو. خديجه نقاب اوڍيل چهري مان ظاهر اکين تي هٿ رکي سُڏڪي رهي هئي.
    ”خديجه! ٻيو ڪو به رستو ناهي تو وٽ!“ عابد عليءَ ڏاڍي بيوسيءَ مان چيو.
    خديجه ڪو به جواب نه ڏنو، ڪنڌ جُهڪائي روئندي رهي.
    عابد عليءَ سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کنيو، ”اسان ٻئي ڌار ڪمرن ۾ رهنداسين... پردو ڪندينءَ تون مون کان!“
    خديجه جي هڪ وڏي درد ڀريل سُڏڪي عابد عليءَ کي ڇرڪائي وڌو.
    ”مان...“ عابد عليءَ جي لهجي ۾ ڏک سان گڏ همدردي ۽ محبت به شامل ٿي وئي، ”مان نٿو چاهيان خديجه... ته... ته توکي ڪا تڪليف پهچي!“
    خديجه پنهنجي چهري تي پيل نقاب کي جهلي ڪنڌ مٿي ڪيو. سُڏڪا ڀريندي چيائين، ”پر... پر ڇا... اهو جائز آهي... اسان جو ائين هڪ گهر ۾ رهڻ ۽ هتي ئي منهنجو عدت جا ڏينهن گذارڻ؟“
    ”اسان جي دين ۾ انسان لاءِ آسانيون آهن، مشڪلاتون نه.“ عابد عليءَ ڪجهه سوچيندي چيو، ”وري به مان ڪنهن عالمِ دين سان مشورو ضرور ڪندس.“
    خديجه سُڏڪا ڀريندي به سوچ ۾ پئجي ويئي.
    عابد عليءَ، خديجه ڏانهن ڏسندي هٿ جوڙي منٿ ڪئي، ”پر توکي الله جو واسطو آهي خديجه، نه ڇڏي وڃ اڄ هن گهر کي!“
    سُڏڪا ڀريندڙ خديجه ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو. عابد علي خاموشيءَ سان اُٿي ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. پويان ڪمري ۾ رهجي وئي خديجه ۽ رات جي سانت ۾ گونجندڙ سندس سُڏڪا.


    13

    عابد علي فجر جي نماز پڙهڻ مسجد فقط ان ڪري نه ويو، ته متان سندس غيرموجودگيءَ ۾ خديجه گهر ڇڏي هلي نه وڃي. عابد عليءَ گهر جي ورانڊي ۾ ئي نماز پڙهي. نماز کان پوءِ مصلي تي ويٺي هن دعا لاءِ هٿ کنيا ته بي اختيار سُڏڪي پيو. سُڏڪا ڀريندي هُو دل ئي دل ۾ دعا گهرندو رهيو، ”يا الله! هي ڇاٿي ويو... ڇا ڪري وڌو مون... معافي ڏي... معافي ڏي منهنجا مالڪ، مون کي معافي ڏي... غلطي ٿي وئي... مون کان ڏاڍي وڏي غلطي ٿي وئي... هڪڙي ئي طعني جي جواب ۾ مون پنهنجي نيڪ ۽ باڪردار زال کي طلاق ڏئي ڇڏي! هن جو ته ڪو به ڏوهه نه هو... منهنجي ئي غلطي هئي، جو مان نامحرم عورت جي ڀرسان وڃي ويٺس ۽ خديجه غلط فهميءَ جو شڪار ٿي وئي... مون کي معافي ڏي منهنجا مالڪ...مون کي معافي ڏي...!“
    عابدعليءَ سُڏڪا ڀريندي دعا لاءِ کنيل هٿ پنهنجي چهري تي ڦيريا ته ان مهل خديجه پنهنجاڪپڙا کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪتي. سندس چهرو ڍڪيل هو ۽ هُوءَ ٻئي ڪمري طرف وڃڻ لڳي.هُوءَ عابد عليءَ جي ڀر سان لنگهي ته مصلي تي ويٺل عابد عليءَ ڪنڌ مٿي ڪرڻ کانسواءِ ڳالهايو، ”خديجه !“
    خديجه،عابد عليءَ کي پُٺي ڏئي، ٻئي طرف مُنهن ڪري بيهي رهي.
    مصلي تي ڪنڌ جُهڪائي ويٺل عابد عليءَ هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ڏاڍي ڏک، پڇتاءَ ۽ ندامت سان چيو، ”خديجه! مان گناهگار آهيان توهان جو... وڏي غلطي ڪري ويٺو آهيان مان!“
    خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، ٻئي طرف مُنهن ڪيو بيٺي رهي. سندس ڳاڙهيون ٿي ويل آلين اکين مان لڙڪ نڪري، چهري جي نقاب ۾ جذب ٿي ويا.
    ”پنهنجي انهيءَ غلطيءَ جو ازالو ڪرڻ ته منهنجي وس ۾ ناهي.“ عابد عليءَ روئڻهارڪي آواز سان چيو، ”بس... مان فقط معافي ئي گُهري سگهان ٿو توهان کان...“
    ٻئي طرف مُنهن ڪري بيٺل خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، هن فقط هڪ ٿڌوساهه کنيو.
    ”جيڪڏهن...توهان معاف ڪري ڇڏيندؤ...“ عابد علي سُڏڪي پيو، ”ته... ته شايد مون کي...الله به معاف ڪري ڇڏي!“ هُو وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائي سگهيو ۽ ٻئي هٿ پنهنجي چهري مٿان رکي ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان سُڏڪا ڀرڻ لڳو.
    عابدعليءَ کي پُٺي ڏيئي بيٺل خديجه جي چپن مان به هڪ سُڏڪو ٻاهر نڪري آيو ۽ هُوءَ ڪوبه جواب ڏيڻ بنا ٻئي ڪمري طرف هلي وئي. انهيءَ ٻئي ڪمري ڏانهن، جنهن ۾ عابد عليءَ لاءِ نامحرم ڇوڪري زينب، ڪجهه ڏينهن رهي هتان هلي وئي هئي.
    طلاق واري اڄوڪي حادثي عابد عليءَ کي لوڏي ڇڏيو هو. هُو پنهنجي اندر ئي اندر ڀڄي ڀُري ۽ وکري چڪو هو. گهرَ جي اڱڻ ۾ فجر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ هُو ڪمري اندر هليو آيو هو ۽ ڏاڍو رُنو هو پنهنجي مُنهن ڪيتري دير تائين ٻارن جيان سُڏڪا ڀريندو رهيو هو ۽ سجدي ۾ ڪرِي الله کان معافيون گهرندو رهيو هو. هُو لڳاتار سجدي ۾ پيل رهيو هو. سجدي مان ڪنڌ تڏهن مٿي ڪيو هئائين، جڏهن سندس ڪنڌ ۽ ڪرنگهي ۾ سُور پئجي ويو هو. سجدي مان ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان پوءِ هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته سندس ڪرنگهي مان سُور جي شديد سَٽَ اڀري وئي هئي. ڪوشش جي باوجود هُو اُٿي نه سگهيو هو، تڏهن سجدي لاءِ جُهڪيل حالت ۾ ئي پاسو ورائي ڪرونڊڙو ٿي مصلي تي ليٽي پيو هو. ائين، جيئن ڪو ننڍڙو ٻار پنهنجا گوڏا پيٽ طرف ڪري، ڪنڌ ڇاتيءَڏانهن لاڙي وڪوڙجي سمجهي پوندو آهي.
    عام طور فجر جي نماز کان پوءِ خديجه چانهه ٺاهي اچي عابد عليءَ جي اڳيان رکندي هئي. هُو ٻئي گڏ ويهي چانهه پيئندا هئا ۽ پوءِ خديجه گهر جي ڪم کي جُنبي ويندي هئي ۽ عابد علي ڪجهه دير واڪ ڪري موٽي ايندو هو،ته هن لاءِ نيرن تيار ٿي چڪي هوندي هئي. جڏهن سيتا هن گهر ۾ آئي هئي ته سندن صبح واري روٽين ٿورڙي تبديل ٿي وئي هئي، جو عابد عليءَ پاڻ ئي خديجه کي چيو هو ته هُوءَ سيتا جي ڪمري ۾ وڃي ساڻس گڏ چانهه پيئي ۽ کيس دلداري ڏيندي رهي، پر اڄ سڀ ڪجهه بدلجي چڪو هو. سيتا ته زينب بڻجي، نه ڄاڻ اڄ ڪيڏانهن هلي وئي ۽ انهيءَ ساڳي ڪمري ۾ خديجه، پنهنجي درد سان گڏ اندر هلي وئي هئي. فجر جي نماز وقت خديجه جيئن ٻئي ڪمراندر وئي هئي ته وري ٻاهر نه نڪتي هئي.
    عابد علي پنهنجي ذهني ۽ جسماني درد سان گڏ، فرش تي وڇايل مصلي تي ئي ليٽيو پيو هو ۽ صبح جا نَوَ ٿي ويا هئا. اڄ عابد عليءَ جي دل ئي نه پئي چاهيو آفيس وڃڻ تي، پر کيس نوڪري ته ڪرڻي ئي هئي. عابد عليءَ جي پُٺيءَ ۽ ڪنڌ جو سُور گهڻو گَهٽجي چڪو هو، پر سندس اندر جو درد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ئي رهيو هو. هُو اهو سوچي آفيس وڃڻ لاءِ اُٿيوته ريلوي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙين غلطين جي ڪري وڏا حادثا به ٿي پوندا آهن.
    عابد علي الماڙيءَ مان اسٽيشن ماسٽر واروپنهنجو يونيفارم ڪڍي پاتو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. گهرَ جي ٻاهرئين در ڏانهن ويندي هُو اچتو بيهي رهيو ۽ ڪنڌ ورائي ٻئي ڪمري جي در طرف ڏٺائين. ڪمري جو در ٻيڪڙيل هو، پر ٻنهي تاڪن جي وچ ۾ ٿورڙي وٿي هئي. ڪجهه سوچي هُو ٻئي ڪمري جي درطرف وڌي ويو. در وٽ پهچي، هن بي اختيار وٿيءَ مان اندر ڏٺو.
    ڪمري اندر بيڊ تي خديجه ڪنڌ جُهڪائي ويٺل هئي. بيحد ڏکاري ۽ اداس. پنهنجي ئي سوچن ۾ گم سم.
    در جي وٿيءَ مان هڪڙو ئي لمحو اندر ڏسڻ کان پوءِ، هڪدم عابد عليءَ کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ هن وٿيءَ وٽان پنهنجو چهرو هٽائي ڇڏيو. چپن ۾ ئي نعوذبالله چوڻ کان پوءِ هن دل ئي دل ۾ الله کان پنهنجي غلطيءَ جي معافي ورتي، جو کيس احساس هو ته خديجه هاڻي سندس زال نه رهي آهي، پر هاڻي خديجه هن لاءِ هڪ نامحرم عورت بڻجي چڪي آهي، جنهن ڏانهن هڪ نظر ڏسڻ به گناهه آهي. در جي پاسي ۾ بيٺل عابد عليءَ جو ڪنڌ جُهڪي ويو. هن ٿڌو ساهه کڻي، درطرف ڏسڻ بنا سڏ ڪيو، ”خديجه!“
    ڪمري اندران ڪوبه جواب نه آيو.
    عابد عليءَ در طرف منهن ڪري ٿورو وڏي آوازسان سڏ ڪيو، ”خديجه!“
    ڪمري اندر بيڊ تي ڪنڌ جُهڪائي ويٺل خديجه ڇرڪي در طرف ڏٺو. در جي ٻيڪڙيل ٻن تاڪن جي وچ مان ٻاهر جي روشني ڪمري اندر اچي رهي هئي. خديجه پنهنجي مٿي تي پيل رَئو ٺاهي رکيو، پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو. هڪ لمحي کان پوءِ هن وري عابد عليءَ جو سڏ ٻُڌو، ”او خديجه!“
    خديجه بيڊ تان اٿي وڃي در جي پاسي ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهي، جيئن ٻاهران جي نظر مٿس نه پئجي سگهي. هُن نه چاهيندي به، سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کڻي هلڪي آواز سان جواب ڏنو، ”جِي!“
    ”مان ڊيوٽيءَ تي پيو وڃان.“ در جي ٻاهران بيٺل عابد عليءَ جو اداس آواز اندر آيو، ”گهر جو ٻاهريون در بند ڪري ڇڏجانءِ.“
    خديجه جي دل چاهيو ته هُوءَ عابد عليءَ کي روڪي ۽ کيس ناشتو ٺاهي ڏي، پر چاهيندي به هُوءَ کيس نه روڪي سگهي ۽ ٻئي لمحي عابدعليءَ جي ويندڙ قدمن جو آواز سندس ڪَنن تي پيو. ڪمري اندر، دروازي جي پاسي ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺل خديجه ڪجهه سوچي، پنهنجي مٿي تي پيل رَئي کي ڇِڪ ڏئي پنهنجو چهرو ڍڪيو ۽ در جو هڪ تاڪ کولي پُٺيري ويندڙ عابد عليءَ طرف نهاريو، ” ٻُڌو !“
    عابد علي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيو. هن پوئتي ڪنڌ ورائڻ کان سواءِ ڳالهايو، ”جي؟“
    ”هُو... هُوءَ...“ خديجه جي لهجي ۾ ڏک ۽ پريشانيءَ جو گڏيل تاثر هو، ”زينب... ڪيڏانهن وئي؟“
    ”وساري ڇڏيو هن کي.“ عابد عليءَ پوئتي منهن ورائڻ کان سواءِ سرد لهجي ۾ چيو، ”اڄ کان پوءِ هِن گهر ۾ زينب جو ڪوبه ذڪر نه ٿيندو!“
    ”پر...“ خديجه ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو.
    ”مون چيو نه، هاڻي زينب جو هِن گهر ۾ ڪوبه ذڪر نه ٿيندو.“ عابد عليءَ ڏکاري ۽ بيحد سرد لهجي ۾ چيو، ”بس... ائين سمجهو ته هُوءَڪو افسانو هئي!“
    ”زينب ڪو افسانو نه، جِيئري جاڳندي حقيقت هئي.“ خديجه لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”توهان ٻڌايو ڇو نٿا، ته ڪيڏانهن وئي زينب!؟“
    ”مون چيو نه، وساري ڇڏيو زينب کي... هُوءَ سدائين لاءِ هن گهر مان وڃي چڪي آهي.“ عابد عليءَ ٿورو جذباتي ٿي ڳالهايو. سندس آواز ۾ گهرو ڏک هو.
    ”تڏهن به...“ خديجه هارايل آواز ۾ ڪجهه چوڻ چاهيو، پر وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي.
    ”زينب هن گهر ۾ ڪجهه ڏينهن گذاريا ۽ هتان هلي وئي...“ عابد عليءَ جو آواز ڀرجي آيو ۽ هن بي اختيار ڪنڌ ورائي خديجه طرف ڏٺو. سُڏڪي جهڙي ڊگهي ساهه کان پوءِ هن انتهائي ڏکاري آواز ۾ چيو، ”۽... ۽ هاڻي...تون هن گهر ۾ چئِن مهينن جي مهمان آهين!!“ عابد عليءَ جو ڪنڌ پاڻهي جُهڪي ويو.
    رَئي سان پردو ڪري، در کي ٽيڪ ڏئي بيٺل خديجه جو اندر ڄڻ ٻيهر ٻه ٽُڪر ٿي پيو. سندس وات مان هڪ گرم ساهه ٻاهر نڪتو، ڄڻ سندس اندر ۾ ڪا باهه ٻرندي هجي. سندس اکيون آليون ٿي ويون ۽ هن ڪَنبندڙ چپن سان ڳالهايو، ”ها... ڄاڻان ٿي... ته... ته اهي چار مهينا به... چئِن ڏينهن جيان گذري ويندا... ۽ ... ۽ ...“
    خديجه وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائي سگهي، پر هن ڏٺو ته سندس سامهون ڪنهن مجرم جيان ڪنڌ جُهڪائي بيٺل عابد عليءَ جي اکين مان ٻه لڙڪ نڪتا ۽ فرش تي وڃي ڪريا. درد وچان عابد عليءَ جون اکيون زور سان بند ٿيون، اکيون کولڻ کان سواءِ هُن منهن ڦيرائي ٻئي طرف ڪيو ۽ تڪڙو تڪڙو هلندو گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
    عابد علي ٻاهر نڪري ويو ته ڪمري جي در کي ٽيڪ ڏئي بيٺل خديجه جي اکين اڳيان ڄڻ سڄو گهر خالي ٿي ويو. ڪي لمحا هُوءَ جيئن جوتيئن ساڪت پنهنجي جاءِ تي بيٺي رهي ۽ پوءِ بي اختيار سندس قدم اڳتي وڌيا. ڪجهه قدم اڳتي وڃي هُوءَ گوڏن ڀر فرش تي ويهي رهي. فرش تي پيل عابد عليءَ جي هڪ لڙڪ مٿان پنهنجي هڪڙي آڱر رکيائين، ته اوچتو اُٻڙڪو ڏئي هڪ سُڏڪو سندس وات مان نڪتو. هن عابد عليءَ جي فرش تي ڪريل لڙڪ تان آڱر کڻي، پنهنجي وات تي هٿ رکي سُڏڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پنهنجي اندر مان نڪرندڙ درد جي درياهه کي بند ٻڌي نه سگهي. هُوءَ ڪنهن ننڍڙي ٻارڙيءَ جيان ڍنڍڪرون ڏئي روئي پئي. سندس ڪنڌ جُهڪي ويو ۽ فرش جي جنهن ٽُڪري تي عابد عليءَ جا ٻه لڙڪ ڪريا هئا، ان جاءِ تي سانوڻيءَ جي بارش ٿيڻ لڳي ۽ ڪڪريون هيون خديجه جون اکيون.


    14

    جانڪي ٻائيءَ پنهنجي حويليءَ ۾ رکيل دُرگاديويءَ جي مجسمي اڳيان بيهي چپن ئي چپن ۾ پرارٿنا ڪري ڪنڌ ڦيريو ته هن پنهنجي پاسي ۾، ڪجهه فاصلي تي بيٺل شنڪر کي ڏٺو. شنڪر خاموشيءَ ۽ ڏاڍي غور سان ڏانهنس ڏسي رهيو هو. شنڪر جي خاموشيءَ جانڪي ٻائيءَ جي دل ۾ سوين وسوسا جاڳائي ڇڏيا، ”ڇو پيو ائين چتائي ڏسين شنڪر!؟“
    ”سيتا ڪٿي آهي؟“ شنڪر جي لفظن ۾ ڄڻ ڪو طوفان لڪل هو.
    ”ڪا خبر ناهي مون کي.“ جانڪي ٻائيءَ هڪ ڊگهو ساهه کنيو.
    ”جوان ڌيءَ جي گهران ڀڄي وڃڻ باوجود توهان جي چهري تي اڄ سُڪون جي جهلڪ آهي!“ نڪر ذومعنى لهجي سان چيو، ”۽ توهان چئو ٿيون ته ڪا خبر ناهي توهان کي !“
    ”ها شنڪر!“ جانڪي ٻائيءَ وراڻيو، ”مون کيواقعي خبر ناهي ته ڪٿي آهي سيتا !“
    ”ته پوءِ توهان جي لهجي ۾ اهو ٺهراءُ، اهوسُڪون ڇا لاءِ آهي!؟“ شنڪر لفظن تي زور ڏئي ڳالهايو.
    ”شنڪر! توکي جيڪڏهن منهنجي چهري تي ڪا سُڪون جي جهلڪ نظر اچي ٿي، ته اها شايد فقط ان ڪري هجي ته سيتا توکي هٿ ناهي اچي سگهي.“ جانڪي ٻائيءَ جون اکيون آليون ٿي ويون، ”باقي منهنجو اندر ته اڌ ٿيو پيو آهي...!“
    شنڪر ڪاوڙ مان مُنهن ڦيري ڇڏيو.
    جانڪي ٻائيءَ جي اکين مان لڙڪ وهي پيا، ”مان ته فقط سيتا جي ڪنهن خير جي خبر لاءِ اُتاولي آهيان.“
    شنڪر ڪاوڙ مان ماءُ طرف ڏٺو، سندس لهجي ۾ زهر ڀرجي آيو، ”مان جيئرو آهيان ته سيتا جي باري ۾ خير جي ڪا خبر ڪڏهن به توهان کي ٻُڌڻ نصيب نه ٿيندي !“
    ”دَيا ڪر شنڪر...“ جانڪي ٻائيءَ لڙڪوهائيندي پٽ جي اڳيان هٿ جوڙيا، ”دَيا ڪر منهنجي حال تي... ماءُ آهيان مان!“
    شنڪر جي فطرت ۾ دَيا نالي جي ڪا شيءِ موجود ئي نه هئي. هُو ماءُ کي پٺي ڏئي اُتان هليو ويو.
    جانڪي ٻائيءَ جيڪي هٿ شنڪر جي اڳيان جوڙيا هئا، اهي اڃان به جڙيل ئي هيا. وهندڙ لڙڪن وارين اکين سان کُليل خالي در ڏانهن ڏسندي، جانڪي ٻائيءَ منظر کي ڌنڌلو ٿيندي محسوس ڪيو. سندس رڳن ۾ رت بدران ڄڻ مايوسي ڊوڙڻ لڳي. تڏهن اميد جي ڪنهن ڪرڻي خاطر، هن ڪنڌ ورائي اهي جُڙيل هٿَ دُرگاديويءَ طرف ڪري ڇڏيا. لڙڪ لاڙيندڙ سندس اکيون بند ٿي ويون. سندس چهري تي سڄي زندگيءَجو ڪرب مِڙي آيو ۽ بند اکين سان دُرگا ديويءَ اڳيان پرارٿنا ڪندي هُوءَ سيتا جي تصور ۾ گم ٿي وئي.


    15

    سيتا، جيڪا زينب بڻجڻ کان پوءِ، پنهنجي ئي ننڍڙي شهر ۾ ڪجهه ڏينهن عابد عليءَ جي گهر ۾ لڪل رهي هئي، پر جڏهن اڄ اَسُر ويل هُوءَ عابد عليءَ جي گهر مان ٻاهر نڪتي هئي، تڏهن کيس احساس ٿيو هو ته عابد عليءَ جوگهر، ڪو عام گهر نه، پر هُن لاءِ پناهگاهه هو. عابد عليءَ جي گهر کان ٻاهر هر طرف هُن خطرو ئي محسوس ڪيو هو، پر هُوءَ ڄڻ واڳن جي وات مان بچندي درياهه پار ڪري وئي هئي. هاڻي هُوءَ پنهنجي يونيورسٽيءَ جي زماني جي دوست الماس جي گهر ۾، سندس ئي پاسي ۾ ويٺل هئي ۽ سندس هڪ هٿ الماس جي هٿ ۾ هو.
    ”يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ به هن جي ذهن ۾ بغاوت ڀريل هئي.“ الماس سامهون ويٺل پنهنجي مڙس رفيق طرف ڏسندي چيو، ”پر... مون کي اندازو نه هو ته ڪڏهن عملي طور به سيتا ايڏي بغاوت جو مظاهرو ڪري سگهي ٿي!“
    ”هاڻي منهنجو نالو سيتا نه، زينب آهي!“ زينب ڄڻ احتجاج ڪندي هڪدم چيو، ”هاڻي مون کي زنيب جي نالي سان ئي سڏيو.“
    رفيق، زينب جي احتجاج تي مرڪي پيو. هُن الماس طرف ڏسندي چيو، ”لڳي ٿو، تنهنجِي دوست پنهنجي بغاوت تي مضبوطيءَ سان بيهڻ جي همت به رکي ٿي!“
    ”اها همت ئي ته آهي، جيڪا مون کي هيستائين وٺي آئي آهي.“ زينب ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”ٻيو ته ڪجهه به ناهي مون وٽ!“
    ”جيڪڏهن تو وٽ همت آهي، ته باقي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو زينب.“ الماس پنهنجي هٿ ۾ جهليل زينب جي هٿ کي زور ڏيندي چيو، ”تون بلڪل صحيح جاءِ تي پهتي آهين.“
    ”ها زينب! الماس جو ته ڪم ئي عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. هن ته بيشمار عورتن کي پناهگاهن تائين پهچايو آهي.“ رفيق چيو، ”پر توهان ته سندس دوست به آهيو.“
    ”مان زينب کي پنهنجي گهر ۾ ئي رهائڻ ٿي چاهيان.“ الماس پنهنجي مڙس طرف ڏسندي چيو، ”مان قطعي اهو نه چاهينديس ته زينب ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري پناهگاهه ۾ وڃي رهي.“
    ”پر...“ زينب هڪدم چيو، ”مان... مان گهڻووقت توهان تي بار ٿيڻ نه چاهينديس.“
    ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين زينب!؟“ الماس پنهنجائپ واري ٿوري ناراضگي ۽ ڏک سان زينب طرف ڏٺو.
    ”ها زينب!“ رفيق چيو، ”مون کي ته ڪواعتراض ناهي، پر هي گهر فقط منهنجو ناهي، الماس جو به آهي.“
    زينب ٿڌو ساهه کنيو. احسانمنديءَ سبب سندس اکيون آليون ٿي ويون. هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    ”۽ مان هڪ وڪيل جي حيثيت سان به توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو زينب!“ رفيق همدرديءَ سان چيو.
    مدد جو لفظ ٻڌي، زينب بي اختيار ڪنڌ کڻي رفيق طرف ڏٺو.
    ”جيڪڏهن توهان چاهيو...“ رفيق چيو، ”ته مان هڪڙي ڏينهن ۾ شنڪر کي گرفتار ڪرائي هٿڪڙيون لڳرائي سگهان ٿو.“
    ”نه، بلڪل نه!“ زينب ڄڻ ڇرڪي هڪدم وراڻيو.
    ”پر ڇو نه!؟“ رفيق حيرت مان پڇيو.
    ”بيشڪ... بيشڪ مان پنهنجو مذهب تبديل ڪري،سڀ ڪجهه ڇڏي چڪي آهيان، سيتا مان زينب بڻجي چڪي آهيان، پر... پر تڏهن به هُو... هُومنهنجو... ڀاءُ ته آهي نه!“
    ”اهو ڀاءُ، جيڪو تنهنجي رت جو پياسو آهي!“ الماس جي لهجي ۾ زهر ڀرجي آيو.
    ”ها....“ زينب ٿڌو ساهه کنيو، سندس اکين مان ٻه لڙڪ ڪرِي پيا، ”تڏهن به... تڏهن به... مان قطعي اهو نه چاهينديس ته... ته منهنجي ڀاءُ کي ڪا تڪليف پهچي!“
    رفيق بنا ڪجهه چوڻ جي اٿي هليو ويو.
    الماس پنهنجي ڀرسان صوفا تي ويٺل زينب جي آلين اکين کي پنهنجي هٿ سان اُگهيو ته زينب سُڏڪي پئي. الماس، زينب کي پنهنجي ڀاڪر۾ ڀريو ته کيس زينب جي جسم ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي، ڄڻ زينب جو وجود اڃا به موت جي خوف ۾ ويڙهيل هو.

    ٻئي ڏينهن تي الماس جي گهر ۾، ڊرائنگ روم جي انهيءَ ساڳئي صوفا تي شنڪر ويٺل هو، جنهن تي ڪالهه زينب ويٺي هئي. شنڪر جون اکيون ڪاوڙ مان ڳاڙهيون ٿيل هيون. شنڪر جي بوسڪيءَ جي قميض جي پاسي مان واضح طورتي، هيٺيان روالور جو ڀراءُ محسوس ٿي رهيو هو. هُو ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم هو.
    ”ادا شنڪر!“ الماس انتهائي افسوس ۽ حيرت جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ڳالهايو، ”مون کي سخت حيرت ۽ ڏک ٿيو آهي، ته سيتا ائين گهر ڇڏي هلي وئي آهي.“
    شنڪر گُهورَ وجهي الماس طرف ڏٺو، ”پر هُوءَآئي ته ڪراچيءَ ئي آهي!“
    ”اهو... اهو توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو!؟“ الماس ٿورو گهٻرائجي وئي.
    ”سؤ سيڪڙو يقين آهي مون کي!“ شنڪر جي لهجي ۾ يقين جي جهلڪ هئي، ”ڇو ته اسان جي سڄي تر ۾ هن جو ڪوبه نالو نشان ناهي مليو!“
    ”تڏهن به...“ الماس پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي ڳالهايو، ”تڏهن به... اهو توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته، هُوءَ لازمي طور ڪراچيءَ ئي آئي هوندي!؟“
    شنڪر ٿڌو ساهه کنيو، ”هڪ ته ڪراچي انسانن جو هڪ سمنڊ آهي، جتي آسانيءَ سان لِڪي سگهجي ٿو ۽ ٻيو...“ شنڪر خاموش ٿي ويو.
    ”ٻيو ڇا!؟“ الماس ٿورو اُتاولائيءَ سان پڇيو.
    ”ٻيو ته... ڪراچيءَ ۾ ئي هن جون وڌيڪ سهيليون به آهن.“ شنڪرهڪ پل سوچي وري ڳالهايو، ”۽ منهنجو خيال آهي ته... توهان کي ته سيتا جي باري ۾ ضرور ڪا خبر چار هوندي!“
    الماس پنهنجي اندر ئي اندر ۾ ڇرڪي پئي. ڄڻ سندس چوري پڪڙجي پئي هجي. هُن پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر لفظن سندس ساٿ نه ڏنو.
    شنڪر پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌايو، ”اها ڳالهه مان ان ڪري ٿو چوان، ته هتي مان سيتا جي جن به سهيلين سان مليو آهيان، انهن سڀني جو چوڻ آهي ته يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ توهان ئي سيتا جي وڌيڪ ويجهو هُيَئو.“
    زينب جي سلامتيءَ جي خيال، الماس جي دل ۾ ڄڻ اوچتو طاقت ڀري ڇڏي. هُن هڪدم پنهنجي پريشانيءَ تي قابو پائي ڏاڍي اعتماد سان چيو، ”نه ادا شنڪر، مون کي سيتا جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي.“
    ”مون سان ڪابه غلط بياني نه ڪجو!“ شنڪر جي لهجي ۾ ٿوري سختي اچي وئي.
    ”ڇو ڪنديس مان غلط بياني!“ الماس به ٿورو سخت لهجي سان جو اب ڏنو، ”مون بيشمار عورتن جي مدد ڪئي آهي. جيڪڏهن سيتا مون وٽ اچي ها، ته مان پهرئين ڏينهن ئي هُن کي ڪورٽ مان تحفظ ڏياريان ها ۽ سيتا سان گڏ پريس ڪانفرنس به ڪري چڪي هجان ها!“
    پريس ڪانفرنس جو نالو ٻُڌي شنڪر چپ ٿي ويو. هن هڪ ڊگهو ساهه کڻي ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو.
    ”ادا شنڪر!“ الماس مصلحت جي تحت، پنهنجي طبيعت جي اُبتڙ ڳالهايو، ”جيڪڏهن سيتا کي ڳولڻ ۾ منهنجي ڪنهن مدد جي ضرورت پوي، ته مون کي ضرور ٻڌائجو.“
    ”جي نه. مان پاڻ هن کي ڳولي وٺندس.“ شنڪراٿندي چيو، ”هُوءَ پاتال ۾ وڃي به مون کان لِڪي نٿي سگهي!“
    ”توهان چانهن ته پِي وڃو.“ الماس اُٿندي چيو.
    ”نه.“ شنڪر هڪ وڏو ساه کڻي ڳالهايو، ”منهنجي اندر ۾ ته اڳ ۾ ئي باهه ٿي ٻري ...“ شنڪر جي آواز ۾ سختي اچي وئي، ”۽ اها باهه .... فقط سيتا جي رت سان ئي اجهامي سگهي ٿي!“
    شنڪر تڪڙو تڪڙو هلندو ڊرائنگ روم کان ٻاهرنڪري ويو. الماس حيرت ۽ پريشانيءَ مان اُتي ئي بيٺل رهجي وئي.
    ٻئي ڪمري ۾ در جي ڪُنڍِي اندران بند ڪري، در کي ٽيڪ ڏيئي بيٺل زينب، وڏي آواز ۾ ڳالهائيندڙ شنڪر جون سڀ ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون ۽ خوف کان سندس سڄو جسم ڪنبِي رهيو هو. اوچتو ڪمري جو در کڙڪيو، ته سندس ساهه سُڪي ويو. کيس پڪ ٿي وئي ته ڪمري جو ڪمزور دروازو، شنڪر هٿان مرڻ کان کيس نه بچائي سگهندو.
    ”در کول زينب!“ در کڙڪڻ جي آواز سان گڏ، الماس جو آواز سندس ڪنن تي پيو، پر زينب تڏهن به در نه کوليو ۽ نه ئي سندس جسم جي ڪنبڻي ختم ٿي.
    ”زينب در کول.“ الماس ٻيهر ڪجهه وڏي آواز سان چيو.
    بند دروازي کي اندران پٺيءَ سان ٽيڪ ڏئي بيٺل زينب کي لڳو، در کولڻ سان ئي الماس جي پويان کيس شنڪر بيٺل نظر ايندو ۽ شنڪر جو هٿ، الماس جي ڪلهي مٿان ٽپي سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو. هوءَ اتي ئي بيٺي بيٺي شنڪر جي گهُٽي سان مري ويندي.
    ”نه ڊڄ زينب!“ الماس ٻاهران رڙ ڪئي، ”شنڪر هليو ويو آهي.“
    بند دروازي کي ٽيڪ ڏئي بيٺل زينب هڪ ڊگهو ساهه کنيو، پر سندس جسم جي ڪنبڻي گهٽ نه ٿي.
    ”ٻڌين نه پئي ڇا.... در کول!“ الماس رڙ ڪئي.
    زينب اڻڄاتي خوف مان ڳيت ڏئي، در ڏانهن منهن ڪري، در جي ڪنڍيءَ ڏانهن هٿ وڌايو ۽ ڏڪندڙ هٿ سان ڪنڍي کولي ته، ٻاهرين ڌڪي سان دروازو پاڻيهي کلي ويو. زينب بي اختيار ڇرڪي پوئتي هٽي وئي.
    الماس اڳتي وڌي زينب جي ڪنبندڙ هٿ کي جهلي ورتو، ”ڇو ٿي ايڏو ڊڄين.... چري ٿي آهين ڇا!؟“
    ”تو.... تو شنڪر کي.... ڪجهه ٻڌايو ته ڪونه؟“ زينب خوف جي شدت سان ڳالهايو. ٿڙڪندڙ جسم سان گڏ سندس چَپَ به ڪنبي رهيا هئا.
    ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين زينب!“ الماس، زينب جي ٻنهي هٿن کي مضبوطيءَ سان پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو، ”گهٻراءِ نه، مون هن کي ڪجهه ناهي ٻڌايو.“
    زينب اوچتو پنهنجا هٿَ ڇڏائي، الماس کي زور سان پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ بي اختيار سڏڪا ڀري روئي پئي.
    الماس پنهنجي ڀاڪر ۾ موجود زينب جي مٿي پويان هٿ ڦيريو، ”ايترا وڏا قدم کڻڻ جي همت به رکين ٿي ۽ وري هيئن ڪمزور به پئي ٿئين!“
    زينب ڪو به جواب نه ڏنو، الماس جي ڀاڪر ۾ سندس ڪلهي تي مٿو رکي سڏڪندي رهي. ڪنهن ننڍڙي ٻارڙيءَ جيان سڏڪندي زينب کي الماس جو ڀاڪر ڪنهن مضبوط پناهه گاهه جيان محسوس ٿيو، جنهن ۾ ڄڻ ماءُ واري شفقت ۽ محبت به شامل هئي. ڀاڪر جي پناهه گاهه ۾ سڏڪندڙ زينب کي وري شنڪر ياد پيو ته کيس ائين لڳو، ڄڻ شنڪر اوچتو ڇڪ ڏئي کيس الماس جي ڀاڪر مان ڪڍي وٺندو ۽ اتي بيٺي بيٺي ئي گهٽو ڏئي سندس ساهه ڪڍي ڇڏيندو. اهڙو خيال اچڻ سان ئي هوءَ شدت سان ڇرڪي پئي. هن هڪدم پاڻ کي الماس جي ڀاڪر مان ڇڏائي ڪنڌ ورائي ڪمري جي در طرف ڏٺو.
    ”ڇا پئي ڏسين!؟“ الماس جي نراڙ تي حيرت جي ريکا ظاهر ٿي پئي.
    ”هو.... هو.... شنڪر....“ زينب ڪنبندڙ چپن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چهري کي ڳوڙهن ۽ پگهر پاڻي پاڻي ڪري ڇڏيو هو.
    ”پنهنجي وجود تان خوف جي اِها چادر لاهي ڇڏ زينب!“ الماس، زينب جو هٿ جهلي ورتو، ”ڪونهي شنڪر هتي. هليو ويو آ هو. نه ڊڄ هاڻي.“
    ”شنڪر جي هيستائين پهچڻ کان پوءِ....“ زينب ڳيت ڏئي خوف مان ڳالهايو، ”مان.... مان واقعي ڏاڍو ڊڄي ويئي آهيان!“
    ”همت کان ڪم وٺ، همت کان!“ الماس کيس مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ”بهادر ٿيءُ!“
    زينب پاڻ کي ڏاڍو هيڻو محسوس ڪيو. هوءَ اڳتي وڌي ڊبل بيڊ جي ڪنڊ تي وڃي ويهي رهي. ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”بهادريءَ لاءِ طاقت گهرجي. مون وٽ ڇا آهي الماس، ڪهڙي طاقت آهي!؟“
    ”بهادري ته پاڻ هڪ وڏي طاقت آهي زينب.“ الماس، زينب جي ڀرسان ويهندي چيو، ”جيڪڏهن تو ۾ همت نه هجي ها ته ڪيئن ايترا وڏا فيصلا ڪري تون پنهنجي سسٽم کي چيلينج ڪرين ها!؟“
    زينب ڳيت ڏيئي ڳالهايو، ”خبر ناهي.... خبر ناهي ڪيئن ٿي ويو اهو سڀ ڪجهه مون کان!“ زينب پنهنجي لهجي ۾ پاڻ ئي حيرت محسوس ڪئي.
    ”توکي پنهنجي اندر جي طاقت جو پاڻ به اندازو ناهي زينب.“
    الماس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”تنهنجو جنهن سماجي سيٽ اپ سان تعلق آهي، انهيءَ کي ٽوڙڻ ايترو آسان ڪم نه هيو، جيڪو تو ڪيو آهي!“
    زينب هڪ ڊگهو ساهه کڻي پنهنجي چُنيءَ سان چهرو صاف ڪيو.
    ”تون سڀ سماجي زنجير ٽوڙي اڌ رات جو پنهنجي گهر جي چائنٺ اورانگهي ٻاهر نڪري سگهين ٿي. سيتا مان زينب ٿي سگهين ٿي. شنڪر ۽ سندس هٿياربند ماڻهن جي گهٽين ۾ موجودگيءَ باوجود، ساڳئي ننڍڙي شهر جي هڪ ننڍڙي گهر ۾ لڪل رهي سگهين ٿي. جنهن جي خاطر گهر ڇڏيئي، ان جي بي وفائي برداشت ڪري سگهين ٿي. وري پنهنجي پناهه گاهه مان اڌ رات جو نڪري، وک وک تي موجود خطرا پار ڪري، ڪراچيءَ ۾ منهنجي گهر تائين پهچي سگهين ٿي. انهيءَ کان وڌيڪ توکي پنهنجي همت ۽ بهادريءَ لاءِ ڪهڙو سرٽيفڪيٽ گهرجي!؟“ الماس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”اهو.... اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کانپوءِ به....“ زينب جي لهجي ۾ پريشاني هئي، ”پو به.... ڊپ ٿو لڳي مون کي شنڪر کان. ماري ڇڏيندو هو مون کي.“
    رفيق، زينب جو آخري جملو ٻڌندو اوچتو ڪمري ۾ داخل ٿيو،
    ”ڪير آيو هو اڄ هتي؟“ رفيق ٿورو حيرت مان الماس کان پڇيو.
    ”توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟“ الماس اٿي بيهندي پڇيو.
    ”مان هاڻي جيئن گهر آيس ته اسان جي چوڪيدار ٻڌايو ته ڪو ماڻهو آيو هو، جيڪو وڃڻ مهل سخت ڪاوڙ ۾ هو.“ رفيق ڪجهه فڪرمنديءَ ۽ پريشانيءَ مان ڳالهايو.
    ”شنڪر آيو هو.“ الماس وڏو ساهه کڻي چيو.
    ”هن کي زينب جي باري ۾ خبر پئجي وئي ڇا!؟“ رفيق ڇرڪي پڇيو.
    ”نه.“ الماس سڪون سان چيو، ”مون زينب کي لڪائي ڇڏيو هو.“
    ”پر هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ کي ايئن آزاد نه رهڻ گهرجي.“ رفيق فڪرمنديءَ سان ڪجهه سوچيندي چيو، ”هڪدم گرفتار ڪرائڻ کپي شنڪر کي!“
    ”اهڙو ڪجهه به نه ڪجو توهان!“ زينب هڪدم اٿي بيهي رهي،
    ”مان پنهنجي ڀاءُ کي ڪابه تڪليف پهچائڻ نه ڏينديس توهان کي!“
    ”پر زينب....“ رفيق ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو.
    زينب هڪدم چيو، ”جيڪڏهن توهان اهڙو ڪجهه ڪندا، ته نه رهنديس مان توهان جي گهر ۾. هلي وينديس مان هتان!“ زينب جو سڄو جسم ڪنبڻ لڳو.
    رفيق بنا ڪجهه چوڻ جي ڪمري مان هليو ويو.
    ”ٺيڪ آهي.... ڪجهه ڪونه ٿا ڪيون تنهنجي پياري دشمن ڀاءُ کي!“ الماس، زينب جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، ”پر گهٽ ۾ گهٽ تون پنهنجي وجود تان خوف جي چادر ته لاهي ڦٽي ڪر!“
    ”انهيءَ.... انهيءَ خوف مان جان ڇڏائڻ ايترو آسان ناهي الماس!“
    زينب خوف مان ڳيت ڏيندي، ڏڪندڙ چپن سان ڳالهايو، ”توکي.... ناهي اندازو ته.... ته شنڪر.... ڪيڏو خطرناڪ انسان آهي!“
    ”پنهنجي خطرناڪ دشمن ڀاءُ جا سڀ خطرا تون پوئتي ڇڏي آئي آهين زينب!“ الماس کيس آٿت ڏئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هاڻي تون پنهنجي ڀاءُ يا ڪنهن ڀوتار جي جاگير ۾ ناهين، جتي جهنگ جو قانون هلي!“
    زينب ٿڌو ساهه کڻي ويهي رهي.
    ”تون هتي مڪمل طور تي محفوظ آهين زينب.“ الماس، زينب جي ڀرسان ويهندي چيو، ”۽ اسان سلمان سان به رابطو ڪنداسين، کيس سمجهائينداسين ته تون سندس پيار جي ڪري هن حال تائين پهتي آهين.“
    زينب مايوسيءَ جو ڊگهو ساهه کنيو، ”ڪو فائدو ناهي سلمان سان ڳالهائڻ جو. شنڪر جي نالي کان هو ته مون کان به وڌيڪ ڊنل آهي.“
    ”تون مايوس نه ٿي زينب.“ الماس کيس آٿت ڏني، ”ڪوشش ڪرڻ ۾ ڇاهي!“
    ”ڪوشش ته عابد صاحب به ڪئي هئي.... عابد صاحب جو سلمان سان فون تي رابطو به ٿيو هو، پر....“ زينب وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي. سندس اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
    ”روئين ڇو ٿي چري!“ الماس پيار ۽ پنهنجائپ مان زينب جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ ورتو.
    ”عابد علي صاحب انتهائي شريف ۽ همدرد انسان هيو. سندس.... سندس زال خديجه به ڏاڍي نيڪ عورت هئي.... پر.... پر منهنجي ڪري انهن جي وچ ۾ غلط فهمي پيدا ٿي پئي.“ زينب جي اکين مان لڙڪن جي زنجير ڪِرڻ لڳي، ”۽ .... ۽ منهنجي ڪري سندن گهر برباد ٿي ويو....!!“
    زينب جي وات مان سڏڪو نڪتو، ته الماس کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.


    16

    خديجه واشنگ مشين ۾ ڪپڙا وجهندي، جڏهن عابد عليءَ جي هڪ شرٽ هٿ ۾ کنئي، ته شرٽ مان عابد عليءَ جي جسم جي خوشبو، خديجه جي کنيل ساهه سان گڏ سندس اندر ۾ سمائجي وئي ۽ ان شرٽ کي واشنگ مشين جي پاڻيءَ ۾وجهڻ کان ڄڻ سندس هٿ جواب ڏئي ڇڏيو. ڪي لمحا هوءَ چپ چاپ شرٽ کي ڏسندي رهي. اوچتو اها شرٽ مٿي ٿي سندس چهري جي ڀرسان اچي پهتي ته هوءَ ائين ڇرڪي پئي ڄڻ پنهنجو پاڻ، جادوئي انداز سان شرٽ سندس چهري جي ڀرسان آئي هجي، شرٽ کي جهليندڙ پنهنجي ئي هٿ تي ڄڻ سندس اختيار نه رهيو هو. هوءَ پنهنجي اهڙي عمل تي پاڻ ئي حيران ٿي وئي. لاشعوري عمل کانپوءِ هن شعوري طور شرٽ کي پنهنجي چهري جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ شروع ڪيا ۽ شرٽ مان محسوس ٿيندڙ عابد عليءَ جي جسم جي خوشبو کي پنهنجي وجود ۾ سميٽيندي رهي. سندس ڪنن جون پاپڙيون گرم ٿيڻ لڳيون. اوچتو کيس گناهه جو احساس ٿيو ۽ هن عابد عليءَ جي شرٽ کي هڪدم پنهنجي چهري تان پري ڪري ڇڏيو. هڪ لمحو بيحد پشيمانيءَ مان پنهنجي هٿ ۾ جهليل شرٽ ڏانهن ڏٺائين. گناهه جي شديد احساس سبب سندس هٿ ڪنبڻ لڳا ۽ هن هڪدم شرٽ کي واشنگ مشين جي پاڻيءَ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو. سندس اندر جو سڄو پڇتاءُ سندس آواز ۾ شامل ٿي ويو، ”توبهه نعوذبالله!“ گناهه جي احساس سبب سندس ڪنڌ جهڪي ويو ۽ پڇتاءَ جي بوجهه سبب هن لاءِ بيهڻ مشڪل ٿي پيو. هوءَ واشنگ مشين جي ڀرسان ئي ڪنڌ جهڪائي ويهي رهي. ويهڻ شرط ٻئي هٿ مٿي تي رکيائين ته ندامت سبب سندس اکين مان لڙڪ لڙي پيا. اکين سان گڏ سندس چپن جا بند به ٽٽي پيا، ”يا الله! تون غفور رحيم آهين.... تون ڪمزور انسانن جون خطائون معاف ڪندڙ آهين.... معافي ڏي مالڪ سائين.... ۽ مون کي ثابت قدم رهڻ جي توفيق عطا فرماءِ....!“ ۽ پوءِ توبهه تائب ٿيندي، اتي ويٺي ويٺي ئي هوءَ سڏڪن ۾ ٻُٽجي ٻيڻي ٿي وئي.


    17

    ان مهل رات جا ڏهه ٿيا هئا، جڏهن عابد عليءَ اسٽيشن ماسٽر جو يونيفارم پهري پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو ته پاڻ کي ڏسڻ شرط سندس چهري تي اداسي اچي وئي. روز جيان پنهنجي اندر ۾ پڇتاءَ جي ڇيت چڀڻ جو درد، روح جي گهراين تائين محسوس ڪندي سوچيائين، ”طلاق ٿي وڃڻ باجود خديجه منهنجو ڪيڏو خيال ٿي رکي.... ڪيڏي وفادار هئي مون سان....!“ خديجه جي چڱاين تي سوچيندي عابد عليءَ پنهنجي اندر ۾ گهُٽَ محسوس ڪئي ۽ هن ايڏو ڊگهو ساهه کنيو، جو ان بيحد ڊگهي کنيل ساهه جي پڄاڻيءَ تي سندس ساهه منجهي بيهي رهيو.
    ”ماني....!“
    خديجه جي اوچتي آواز تي ڇرڪي، عابد عليءَ بيحد ڊگهو کنيل ساهه ٻاهر ڇڏيو ته سندس ساهه ۾ ساهه پيو. هن بي اختيار پوئتي منهن ورائي ڏٺو. خديجه تي نظر پوڻ سان عابد عليءَ کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.
    چهري تي پنهنجي پوتيءَ جو نقاب ويڙهيل خديجه، عابد عليءَ جي ماني ٽيبل تي رکي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي.
    عابد علي نه چاهيندي به ماني کائڻ لاءِ ويهي رهيو. هن گراهه وات ۾ وڌو ته پهرين گراهه ئي سندس نڙيءَ مان هيٺ لهڻ کان نابري واري ڇڏي، پر پوءِ به هن ٻه ٽي گراهه جيئن تيئن ڪري زوريءَ ڳيتون ڏئي اندر ڪيا ۽ پوءِ مانيءَ مان هٿ ڪڍي ورتو. ٻنهي هٿن کي پاڻ ۾ گَسائي، هٿ ڇنڊي ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏنائين ته سندس نظر ديوار تي ٽنگيل وڏي سائيز واري پراڻي گهڙيال طرف هلي وئي. گهڙيال جي ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ ڪمري سان گڏ سندس اندر ۾ به گونجڻ لڳي. هو لڳاتار گهڙيال طرف ڏسندو رهيو. گهڙيال جي وڏي ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ جو آواز ڪمري ۾ ته اوتري جو اوترو ئي رهيو، پر ٽڪ ٽڪ جو اهو آواز عابد عليءَ جي اندر ۾ وڌندو رهيو، وڏو ٿيندو رهيو.... کيس لڳو، ڄڻ وقت سندس سڀ ڪجهه ڦري ورتو هجي. گهڙيال جا ڪانٽا کيس ڪنهن ايڪسپريس ٽرين جي ڦيٿن جيان محسوس ٿيا، جيڪي تيزيءَ سان خديجه کي هن کان پري کڻي وڃي رهيا هئا. بيشڪ طلاق ٿي وڃڻ کان پوءِ هنن ٻنهي جي وچ ۾ زال ۽ مڙس واري فطري تعلق جو ته، تصور به هنن ٻنهي جي وچ ۾ نه هو، پر طلاق واري ڏينهن کان پوءِ عابد عليءَ اڄ تائين ڄاڻي واڻي ڪڏهن، خديجه جو چهرو به نه ڏٺو هو. ان جي باوجود، عدت جي ڏينهن ۾ خديجه جي ساڳئي ئي گهر ۾ موجودگي عابد عليءَ لاءِ ڄڻ رڃ ۾ ڇانوري جهڙي هئي، پر جيئن جيئن عدت جا ڏينهن گذرندا پئي ويا، تيئن اهو ڇانورو به ڄڻ ختم ٿيندو پئي ويو. لڳاتار گهڙيال طرف ڏسندي عابد عليءَ محسوس ڪيو ته عدت جا ڏينهن پورا ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن خديجه سدائين لاءِ سندس گهر مان هلي ويندي، تڏهن هو ڄڻ ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان گهر ۾ اڪيلو رهجي ويندو. وقت جو ڦيٿو خديجه کي سدائين لاءِ هن کان پري کڻي ويندو ۽ هو سدائين لاءِ پڇتاءَ جي پينڊوليم تي ٽنگيل رهجي ويندو!
    خديجه پاڻيءَ جو گلاس آڻي عابد عليءَ جي اڳيان ميز تي رکيو ته هو ڇرڪي پيو.
    ”توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه!؟“ خديجه، عابد عليءَ جي پريشان چهري ۽ اڻ کاڌل مانيءَ طرف ڏسندي فڪرمنديءَ سان پڇيو.
    ”ها.... ٺيڪ آهي.“ عابد عليءَ هيڻي لهجي سان ڳالهايو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.
    ”ته پوءِ ماني ڇو نٿا کائو؟“ خديجه پنهنجي چهري تي ويڙهيل نقاب کي ٺيڪ ڪندي چيو، جيڪو اکين کان ٿورڙو هيٺ ٿي ويو هو.
    ”بس الائجي ڇو.... نٿي وڻي ماني!“ عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ بنا چيو.
    جيتوڻيڪ عابد عليءَ جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ خديجه جو چهرو به نقاب ۾ ويڙهيل هو، پوءِ به خديجه کي اوچتو جڏهن اهو احساس ٿيو ته هوءَ لڳاتار عابد عليءَ جي سامهون بيٺي آهي، تڏهن هن منهن ٻئي طرف ڪري، عابد عليءَ کي پٺي ڏيندي ڏک مان چيو، ”اڳي ماني نه وڻندي هيوَ ته شڪايت ڪندا هيئو، پر هاڻي ته شڪايت به نٿا ڪيو!“
    ”مون کي توهان سان ڪابه شڪايت ناهي.“ عابد عليءَ جو ڪنڌ جيئن جو تيئن جهڪيل ئي رهيو، ”بلڪ توهان جي مهرباني آهي جو اسان جي وچ ۾ طلاق ٿي وڃڻ باوجود، توهان منهنجي کاڌي پيتي جو خيال رکيو آهي ۽ اڳي جيان ئي گهر کي به صاف سٿرو رکيو آهي!“
    ”مهرباني ته توهان جي آهي، جو عدت جو وقت به توهان جي گهر ۾ گذاري رهي آهيان.“ عابد عليءَ کي پٺي ڏئي، ڪمري جي در طرف منهن ڪري بيٺل خديجه فڪر منديءَ سان ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو،
    ”ڪا خبر ناهي ته عدت جا ڏينهن هن گهر ۾ گذارڻ کان پوءِ مان ڪيڏانهن وينديس!“
    ”توهان ڳڻتي نه ڪيو خديجه!“ عابد عليءَ جو ڪنڌ جهڪيل ئي رهيو، ”الله وڏو آهي.“
    ”بيشڪ.... بيشڪ الله وڏو آهي.“ خديجه درد مان ڳيت ڏني، ”پر هن سڄي دنيا ۾ ته منهنجو ڪوبه ويجهو مٽ مائٽ يا عزيز ڪونهي.... سڀ ڪجهه توهان ئي هيا.... پر.... طلاق کان پوءِ ته....“ خديجه وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي.
    ”توهان کي خبر آهي ته مان توهان کي طلاق ڏيڻ واري غلطيءَ تي ڏاڍو پشيمان به آهيان ۽ پاڻ کي توهان جو مجرم به محسوس ڪندو آهيان!“ عابد عليءَ پڇتاءَ جي گهري احساس سان ڳالهايو، ”رب رحيم آهي، توهان جي عدت جا ڏينهن پورا ٿيڻ کان پوءِ توهان لاءِ ضرور ڪا بهتريءَ جي صورت پيدا ڪندو.“
    ”هڪ عورت لاءِ گهرَ جهڙي پناهه گاهه کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بهتر صورت ٿي سگهي ٿي!“ خديجه جي سڄي وجود کي مايوسي ورائي وئي، ”عدت جي باقي رهيل ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ته.... مون کي هي گهر ڇڏڻو ئي پوندو!“
    ڪنڌ جهڪائي ويٺل عابد عليءَ کي احساس ٿيو ته جهڪيل ڪنڌ هئڻ جي باوجود، سندس نظر پٺيري بيٺل خديجه جي پيرن تي پئجي رهي هئي، تڏهن هن ڪرسيءَ کي ڦيرائي ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ۽ پٺيري بيٺل خديجه کي پٺي ڏئي ڇڏي. طلاق ٿي وڃڻ سبب ٻنهي کي شدت سان اهو احساس هو ته، هو ٻئي هڪ ٻئي لاءِ نامحرم آهن. ان ڪري خديجه جي پردو ڪرڻ باوجود سندن اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته، هو وڌيڪ وقت لاءِ هڪ ٻئي جي سامهون نه هجن. خديجه فقط ماني ڏيڻ لاءِ ئي عابد عليءَ جي ڪمري ۾ ايندي هئي ۽ هو پاڻ ۾ تمام گهٽ ڳالهائيندا هئا. ڪڏهن ٿورو وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته خديجه، عابد عليءَ جي ڪمري ٻاهران در جي اوٽ ۾ بيهي ڳالهائي وٺندي هئي يا عابد عليءَ کي خديجه سان ڳالهائڻو هوندو هو، ته هو خديجه جي ڪمري جي در ٻاهران وڃي بيهندو هو ۽ خديجه ڪمري جي اندران ئي سندس ڳالهه جو جواب ڏيندي هئي. هڪ ئي ڪمري ۾، هڪ ٻئي کي پٺي ڏئي ڳالهائڻ جو اتفاق به گهٽ ئي ٿيندو هو.
    پٺيري ويٺل عابد عليءَ کي اندازو هو، ته خديجه اڃا به سندس ڪمري ۾ موجود آهي، پر تڏهن به هن پڪ ڪرڻ لاءِ ڳالهايو، ”خديجه!“
    ”جي!“ خديجه جهيڻي آواز سان وراڻيو.
    ”توهان جي هن گهر مان وڃڻ جو ڏک ته سڄي زندگي مون کي اندر ئي اندر کائيندو رهندو.“ عابد عليءَ جون اکيون آليون ٿي ويون،
    ”پر.... سڄي زندگي دعا ڪندو رهندس مان توهان کي.“
    ”دعائن ۾ ته مون کي به توهان سدائين ياد رهندا. ايئن ئي، جيئن هاڻي به جڏهن دعا لاءِ هٿ کڻندي آهيان، ته منهنجي چپن مان پهرين دعا توهان جي سلامتيءَ ۽ خوشين لاءِ ئي نڪرندي آهي.“ خديجه جو آواز ڀرجي آيو، ”پر.... منهنجي ڪا غلطي يا ڪوتاهي هجي ته معاف ڪري ڇڏجو مون کي!“
    ”غلطي ته مون ڪئي هئي.... ڪوتاهي ته مون کان ٿي هئي.... جو پنهنجي ڪاوڙ کي ضبط نه ڪري سگهيو هئس.... ۽ ننڍڙي ڳالهه تي توهان کي طلاق ڏئي ڇڏي هيم!“ عابد عليءَ جي اکين مان ٻه لڙڪ ٽمي سندس ننڍڙي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اٽڪي پيا، ”پر.... وري به مان توهان جو شڪر گذار آهيان، جو توهان منهنجي گذارش تي پنهنجي عدت جا ڏينهن هتي گذاريو پيا.... ۽ الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان، جو طلاق کان پوءِ به الله پاڪ اسان ٻنهي کي ثابت قدم رکيو آهي ۽ ڪبيري گناهه کان محفوظ رکيو آهي.“
    خديجه ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”توهان ٻي شادي ضرور ڪري ڇڏجو!“
    عابد علي ڪرسيءَ تان اٿي بيهي رهيو. هن پٺيري بيٺل خديجه طرف منهن ورائي ڏسڻ کان سواءِ ئي ٿورو ناراض انداز سان چيو، ”ڏسو، مون توهان کي اڳي به چيو هو ته مون کي اهڙي صلاح نه ڏيندا ڪيو!“
    ”هڪ ڳالهه سچ ٻڌايو.“ خديجه جو آواز ڪنبي رهيو هو.
    ”ڇا؟“
    ”زينب ڪٿي آهي!؟“ خديجه جي نڙي ۾ اٽڪيل سوال ڀڙڪو ڏئي ٻاهر نڪتو.
    ”ڏسو.... مون ڪيترا دفعا چيو آهي ته هن گهر مان وڃڻ کان پوءِ مون کي زينب جي ڪابه خبر ناهي!“ عابد عليءَ نهايت تحمل سان وراڻيو.
    خديجه خاموش رهي.
    ”توهان کي خبر آهي ته مان ڪوڙ ڳالهائڻ جي گناهه کان بچندو رهيو آهيان.“ عابد عليءَ جي لهجي ۾ شڪايت سان گڏ گڏ ڏک به هو،
    ”پر ان جي باوجود توهان اهو سوال مون کان ڪيترائي ڀيرا پڇيو آهي!“
    خديجه چپ چاپ بيٺي رهي.
    عابد عليءَ کي لڳو، ته شايد خديجه کي اڃا به سندس ڳالهه تي اعتبار نه آيو هجي. ڪجهه لمحا سوچي هن ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”چئو ته اڄ مان قسم کڻان ان سلسلي ۾!“
    ”نه نه....“ خديجه هڪدم وراڻيو، ”قسم کڻي پاڻ سان گڏ مون کي به گناهگار نه ڪيو!“
    ”خديجه! توهان يقين ڪيو ته مون کي ڪابه خبر ناهي ته زينب ڪيڏانهن هلي وئي!“ عابد عليءَ وري هڪ ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”ايئن ئي، جيئن ريلوي اسٽيشن تي بيٺل مسافرن جي باري ۾ خبر ناهي هوندي، ته ڪهڙو مسافر ڪيڏانهن ويندو.“
    خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو.
    هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ، عابد عليءَ وري ڳالهايو، ”هي گهر ته بس.... زينب لاءِ ڄڻ هڪ پليٽ فارم ئي هيو، جتي ڪجهه وقت ترسي هوءَ نڄاڻ ڪيڏانهن هلي وئي!“
    ”۽ هاڻي مان انهيءَ ساڳئي پليٽ فارم تي بيٺي آهيان!“ خديجه اداسيءَ مان چيو.
    عابد عليءَ وٽ خديجه جي ڳالهه جو ڪوبه جواب نه هو. هو چپ چاپ ديوار طرف منهن ڪيو بيٺو رهيو.
    ”پليٽ فارم تي بيٺل مسافر کي منزل جي خبر ته هوندي آهي.“
    خديجه جي آواز ۾ ولر کان وڇڙيل ڪونج جهڙو درد هو، ”مون کي ته اها به خبر ناهي ته وقت ۽ حالتن جي ٽرين مون کي ڪيڏانهن کڻي ويندي!“
    ”نائيٽ ڪوچ جي گذرڻ جو وقت ٿي ويو آهي. مان وڃان ٿو.“
    عابد علي، خديجه جو درد برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ڪنڌ جهڪائي، خديجه جي پاسي مان گذري ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
    خديجه رات جي سانت ۾، پنهنجي سُڏڪي سان گڏ عابد عليءَ جي ڪمري ۾ ئي بيٺل رهجي وئي.


    18

    ڊبل بيڊ جي هيڊ بورڊ تي مٿو رکي، ٽيڪ ڏئي ويٺل زينب جي چهري تي شديد مايوسي ۽ اداسي هئي. سندس ڀرسان الماس ويٺل هئي. رات جي خاموشيءَ ۽ سائيڊ ٽيبل تي رکيل ليمپ جي مڌم روشنيءَ، زينب جي چهري جي مايوسيءَ ۽ اداسيءَ ۾ وڌيڪ گهرائيءَ جو رنگ ڀري ڇڏيو هو. زينب ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”حالتون مون کي توهان جي در تائين وٺي آيون هيون الماس. پر.... مان گهڻو وقت توهان تي بار ٿيڻ نٿي چاهيان!“
    ”مان ڪيترا دفعا توکي سمجهايان، ته تون بار ناهين اسان تي.“ زينب جي ڀرسان بيڊ تي ويٺل الماس سندس هٿ پڪڙي پنهنجائپ سان چيو، ”دوست آهين تون منهنجي!“
    ”تڏهن به الماس تنهنجو مڙس رفيق.... ڇا سوچيندو ته....“
    الماس، زينب جو جملو ڪٽي ورتو، ”زينب! توکي شايد اڃا اندازو ناهي ٿي سگهيو ته، رفيق ۽ منهنجي پاڻ ۾ ڪيتري انڊر اسٽينڊنگ آهي!“
    زينب ٿڌو ساهه کنيو، ”انڊر اسٽينڊنگ ته خديجه ۽ عابد صاحب جي به هئي پاڻ ۾، پر....“ زينب خاموش ٿي وئي. ڄڻ سندس نڙيءَ ۾ ڪنڊو چڀي پيو هجي.
    ”پر ڇا؟ چئه.... پنهنجي ڳالهه پوري ڪر!“ الماس مصنوعي ڪاوڙ مان چيو.
    ”منهنجي ڪري خديجه ۽ سندس مڙس عابد علي جي وچ ۾ غلط فهمي ٿي!“ زينب ڳيت ڏئي، پڇتاءَ سان چيو، ”هنن جي طلاق منهنجي ڪري ٿي ۽ سندن گهر برباد ٿي ويو!“
    ”ان ۾ تنهنجو ڪوبه قصور ناهي زينب!“ الماس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    زينب ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ گهري سوچ ۾ گم ٿي وئي. سندس اکيون آليون ٿي ويون. ڪي پل خاموشيءَ جا گذري ويا. جڏهن خاموشيءَ جا پل ڊگها ٿيڻ لڳا، ته الماس پنهنجي هٿ ۾ جهليل زينب جي هٿ کي لوڏيو، ”ڇا پئي سوچين زينب!؟“
    ”ڏس الماس!“ زينب هڪ لمحو سوچي، ڊگهو ساهه کڻي ڳالهايو، ”مان نٿي چاهيان ته.... متان.... منهنجي ڪري هن گهر ۾ به ڪا تلخي پيدا ٿئي!“
    ”چري آهين ڇا!“ الماس هلڪي ڪاوڙ سان هڪدم وراڻيو، ”نه ٿيندي هن گهر ۾ ڪابه تلخي. مون کي ۽ رفيق کي تون خديجه ۽ عابد علي جي بئڪ گرائونڊ سان ڀيٽڻ جي ڪوشش نه ڪر!“
    ”پر.... تڏهن به....“ زينب ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لفظن سندس زبان جو ساٿ نه ڏنو، ته هوءَ خاموش ٿي وئي.
    ”ڇا تڏهن به؟“ الماس لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”تون چوڻ ڇا ٿي چاهين!؟“
    ”ڏس الماس!“ زينب هڪ لمحو سوچي پوءِ ڳالهايو، ”الماس.... مان توهان تي سدائين لاءِ بار ٿي نٿي رهڻ چاهيان!“
    ”وري ساڳئي ڳالهه!“ الماس، زينب تي چڙي پئي.
    زينب ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”پليز الماس، مون کي ڪنهن شيلٽر هوم موڪلي ڇڏيو!“
    ”اوه ماءِ گاڊ!“ الماس پنهنجي مٿي تي هٿ هڻندي چيو، ”تون ڇا لاوارث آهين، جو ڪنهن شيلٽر هوم ۾ وڃي رهندينءَ!“
    زينب وڌيڪ اداس ٿي وئي. هن هڪ بيحد ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”الماس.... تنهنجي دوستيءَ کان سواءِ.... باقي ته مان لاوارث ئي بڻجي وئي آهيان!“
    ”پليز، نه ڪر شيلٽر هوم وڃڻ جهڙيون ڳالهيون. مان ته اڃا آهيان نه تنهنجي لاءِ. هي گهر به تنهنجو ئي آهي زينب!“
    ”الماس، جيڪڏهن تون مون کي ڪنهن شيلٽر هوم تائين نه پهچائيندينءَ، ته مان پاڻ ڪوشش ڪنديس ته زندهه سلامت ڪنهن شيلٽر هوم تائين پهچي سگهان!“
    ”يا خدا.... ڇا ڪيان.... ڪيئن سمجهايان توکي!“ الماس پريشان ٿي وئي.
    ”ڪا ضرورت ناهي مون کي وڌيڪ سمجهائڻ جي!“ زينب جي لهجي ۾ ارادي جي پختگي هئي، ”آخري فيصلو آهي اهو منهنجو!“
    الماس، زينب جي ارادي جي مضبوطيءَ کي محسوس ڪري ورتو. ڪجهه دير تائين سوچيندي رهي ۽ پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچي، هن ڪنڌ کڻي زينب طرف ڏٺو، ”زينب، جيڪڏهن تون هروڀرو به پاڻ کي اسان تي بار ٿي سمجهين، ته پوءِ تون ڪا جاب ڪر.“
    ”الماس، مان ته ڪنهن اهڙي ڪمزور پکيءَ جيان آهيان، جيڪو فقط پڃري جي قيد ۾ ئي محفوظ رهي سگهي ٿو ۽ پڃڙي مان نڪرڻ شرط ڪنهن باز جي شڪاري نظر سندس زندگيءَ جو آخري لمحو بڻجي سگهي ٿي.“ زينب ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”مان آزاد فضائن ۾ ٻاهر نڪرنديس ته شنڪر جو شڪار ٿي مري وينديس!“
    زينب جي ڳالهه الماس جي دل کي تير جيان نشاني تي لڳي. الماس فڪرمند ٿي وئي، سوچ ۾ پئجي وئي.
    ”ڇا پئي سوچين الماس؟“ زينب، الماس کي اونهي سوچ ۾ گم ڏسي پڇيو.
    ”سوچيان پئي.... ته مان سلمان سان ڳالهايان، کيس فون ڪري سمجهايان ته....“
    ”عابد علي صاحب به سلمان سان ڳالهايو هو، پر سلمان انڪار ڪري ڇڏيو هو.“ زينب بيحد ڏک مان هڪدم چيو، ”هاڻي ڪابه ضرورت ناهي سلمان سان ڳالهائڻ جي!“
    ”پر هڪڙو دفعو وري ڪوشش ڪري ڏسڻ ۾ ڇاهي زينب!“
    الماس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”چيم نه، ته هاڻي ڪابه ضرورت ناهي سلمان سان ڳالهائڻ جي.“
    زينب سختيءَ سان چيو، ”مون کي خيرات جي طور تي ڪنهن جو ساٿ نٿو گهرجي!“
    ”جذباتي نه ٿي زينب. تون مون کي سلمان جو نمبر ته ڏي.“
    زينب ڪوبه جواب نه ڏنو. منهن ڦيري ڇڏيائين. الماس، زينب جي ڀرسان رکيل موبائل فون کڻي ورتي. زينب، الماس جو هٿ پڪڙي ورتو ۽ مايوس لهجي سان چيو، ”الماس، مون به هن نمبر تان سلمان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پهرين دفعي هن ڪال اٽينڊ ته ڪئي هئي، پر منهنجو آواز ٻڌڻ شرط فون بند ڪري ڇڏي هئائين. ان کان پوءِ به مون ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي هئي، پر هر دفعي هن منهنجي ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي هئي!“
    ”ته پوءِ مان پنهنجي فون تان ٿي سلمان کي ڪال ڪيان.“ الماس، زينب کان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو.
    ”نه. ڪا ضرورت ناهي.“ زينب انڪار سان ڪنڌ لوڏيندي چيو.
    ”بحث نه ڪر. بس هڪڙو دفعو مون کي سلمان سان ڳالهائڻ ڏي!“ الماس ضد ڪيو.
    زينب ٿڌو ساهه کڻي چپ ڪري ويهي رهي.
    الماس ڀرسان پيل پنهنجي موبائل فون کڻي، زينب جي فون مان سلمان جو نمبر ڏسي، پنهنجي فون ۾ نمبر ٽچ ڪيو ۽ فون ڪن تي رکي. زينب، الماس جي ڪن تي رکيل فون هڪدم ڦري، فون جو اسپيڪر آن ڪري، الماس جي هٿ ۾ واپس ڏني ته ان مهل سلمان جو آواز موبائل فون جي اسپيڪر مان ٻڌڻ ۾ آيو، ”هيلو!“
    الماس، هڪ نظر زينب ڏانهن ڏسي، موبائل فون کي پنهنجي چهري جي سامهون آڻي ڳالهايو، ”سلمان صاحب، مان الماس پئي ڳالهايان.“
    ”ڪير الماس؟ مون توهان کي سڃاتو ڪونه!“ سلمان جو آواز رات جي سانت ۾ ڪمري اندر گونجڻ لڳو، جنهن کي الماس سان گڏ زينب به چٽيءَ طرح ٻڌو پئي.
    ”مان يونيورسٽيءَ ۾ زينب....“ الماس وراڻيو، ”منهنجو مطلب آ، سيتا جي ڪلاس ميٽ ۽ دوست هيس.“
    ”جي جي.... بلڪل.... ياد آهيو مون کي توهان.“ سلمان جو آواز آيو.
    ”پر توهان زينب کي ته بلڪل وساري ڇڏيو آهي!“ الماس، سلمان کي ميار ڏني.
    ”ڏسو، ان سلسلي ۾ مان ڪجهه به ڳالهائڻ نٿو چاهيان.“
    ”توهان کي خبر به آهي ته سيتا توهان جي چوڻ سان گهر ڇڏيو هو ۽ هوءَ مسلمان ٿي، سيتا مان زينب بڻجي وئي آهي!“ الماس لفظن تي زور ڏيندي ڳالهايو.
    ”پر توهان ڇو ٿيون مون سان ان موضوع تي ڳالهايو!؟“ سلمان جو ٿورو حيرت ڀريو آواز ڪمري ۾ گونجيو.
    ”ان ڪري ته زينب هاڻي ڪراچيءَ ۾، منهنجي گهر ترسيل آهي.“ الماس چيو، ”۽ سندس حالت مون کان ڏٺي نٿي ٿئي!“
    سلمان ڪوبه جواب نه ڏنو.
    هڪ لمحو سوچي الماس وري ڳالهايو، ”زينب جي ڳولا ڪندو شنڪر منهنجي گهر تائين به اچي چڪو آهي. خطري ۾ آهي زينب جي زندگي، پر پوءِ به توهان کي ڪو احساس ئي ناهي زينب جو!“
    ”ته ڇا....“ موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جو ڊنل آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”شنڪر کي خبر پئجي وئي آهي ته-“
    ”نه- مون لڪائي ڇڏيو هو زينب کي.“ الماس وراڻيو.
    ”اوه!“ سلمان جي سڪون واري ڊگهي ساهه جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”اهو توهان ڏاڍو سٺو ڪيو.“
    ”پر سلمان، هاڻي زينب منهنجي گهر ۾ رهڻ لاءِ به تيار ناهي!“
    الماس فڪرمنديءَ سان چيو.
    ”ته پوءِ....“ سلمان پريشانيءَ مان پڇيو، ”ڪيڏانهن ويندي زينب!؟“
    الماس هڪ نظر زينب طرف ڏٺو، جيڪا اداسي ۽ خاموشيءَ سان اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي رهي هئي ۽ پوءِ الماس پنهنجي هٿ ۾ جهليل موبائل فون ڏانهن منهن ڪري چيو، ”توهان اچو ۽ زينب سان نڪاح ڪري کيس منهنجي گهر مان وٺي وڃو.“
    ”نه.... بلڪل نه!“ موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جو ڇرڪيل آواز گونجيو، ”اهو قطعي ممڪن ناهي. ڏاڍو مجبور آهيان مان!“
    ”ته ڇا هوءَ شيلٽر هوم هلي وڃي!؟“ الماس ڪاوڙ مان چيو،
    ”لاوارثن واري زندگي وڃي گذاري!؟“
    ”ڏسو، مون چيو نه، ته مان ڪجهه به نٿو ڪري سگهان زينب لاءِ!“
    ”جنهن توهان جي ڪري پنهنجو گهر، ماءُ ۽ مذهب کي به ڇڏي ڏنو، ان لاءِ توهان ڪجهه به نٿا ڪري سگهو!“ الماس ڪاوڙ مان چيو، ”توهان جي ڌوڪي برباد ڪري ڇڏي آهي زينب جي زندگي!“
    الماس، زينب طرف ڏٺو. زينب جي چهري تي لڙڪ لڙهيون بڻجي پيا هئا ۽ سندس چپ ڪنبي رهيا هئا. الماس ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪرڻ واري هئي، ته موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جو آواز آيو، ”پليز ڌيان سان منهنجي ڳالهه ٻڌو.“
    الماس ٿڌو ساهه کڻي، زينب تان نظرون هٽائي، موبائل فون طرف ڌيان ڏنو. هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ موبائل فون جي اسپيڪر مان وري سلمان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”شنڪر جي سختين سبب، پنهنجي گهر ۾ سيتا کي موبائل فون رکڻ جي اجازت نه هئي.“
    ”هاڻي هوءَ زينب اهي، سيتا نه!“ الماس هڪدم چيو.
    ”جي ها، خبر آهي مون کي!“ سلمان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”توهان نالن ۾ نه الجهو، پليز منهنجي ڳالهه ٻڌي وٺو.“
    ”جي، ٻڌان پئي!“ الماس سرد لهجي ۾ وراڻيو.
    ”مون توهان کي ٻڌايو پئي ته سيتا کي موبائل فون رکڻ جي اجازت نه هئي، ان ڪري سيتا سان منهنجو رابطو سندس گهرَ جي لينڊ لائين فون وسيلي ئي هيو.“ الماس جي هٿ ۾ جهليل موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جو آواز مسلسل ڪمري ۾ گونجندو رهيو، ”بيشڪ سيتا منهنجي ڪري پنهنجو گهر ڇڏيو هو، پر جيڪڏهن مان پنهنجي وعدي مطابق سيتا کي وٺڻ لاءِ نه پهچي سگهيو هوس، ته اهو منهنجو ڌوڪو نه، پر مجبوري هئي، جو منهنجو پيءُ اوچتو گذاري ويو هو!“
    ”گهٽ ۾ گهٽ توهان هن کي اطلاع ته ڪيو ها، ته هوءَ ان رات گهر نه ڇڏي ها!“ الماس شڪايت سان چيو.
    ”مون پنهنجي پيءُ جي لاش تان ڪيترائي دفعا پري ٿي سيتا لاءِ فون ڪئي هئي، پر هر دفعي شنڪر ئي فون اٽينڊ ڪئي هئي ۽ منهنجو سيتا سان رابطو نه ٿي سگهيو هو. منهنجي گهر ۾ منهنجي پيءُ جو لاش رکيل هو، ته مان ڪيئن گهر ڇڏي سيتا سان گڏ ڪيڏانهن ڀڄي وڃان ها!“ موبائل فون جي اسپيڪر مان ايندڙ سلمان جو آواز بند ٿي ويو ۽ سندس ڊگهو ساهه ٻڌڻ ۾ آيو.
    ”توهان جو هن سان رابطو نه به ٿي سگهيو هو، تڏهن به اها توهان جي ذميداري هئي.“ الماس موبائل فون ڏانهن ڏسندي ڳالهايو، ”ڪجهه به ڪيو ها، پر هن کي ائين اڪيلو نه ڇڏيو ها!“
    ”شايد.... شايد توهان به صحيح ٿا چئو پر....“
    ”پر توهان ته ان کان پوءِ به هن جو ساٿ ناهي ڏنو!“ الماس هڪدم چيو، ”هوءَ مسلمان ٿي سيتا مان زينب بڻجي وئي پر....“
    سلمان، الماس جو جملو اڌ مان ڪٽي ورتو، ”اسٽيشن ماسٽر عابد علي مون سان فون تي رابطو ڪري سڀ ڪجهه ٻڌايو هو مون کي، پر بابا جي اوچتي وفات کان پوءِ، پنهنجي ماءُ ۽ ڇهن ننڍن ڀينرن ڀائرن جي ذميداري منهنجي مٿان اچي وئي آهي!“
    ”ته ڇا زينب توهان جي ذميداري ناهي!؟“ الماس جي لهجي ۾ اڃا به ڪاوڙ موجود هئي.
    موبائل فون جو اسپيڪر خاموش رهيو. سلمان جو ڪوبه آواز نه آيو. ڪي پل خاموشيءَ جا گذري ويا. خاموشيءَ جي انهن لمحن ۾ فقط هڪ هلڪو آواز ٿيو، زينب جي دٻيل دٻيل سڏڪي جو.
    الماس هڪ نظر ڏک مان زينب طرف ڏٺو ۽ پوءِ موبائل فون طرف ڏسي ڳالهايو، ”توهان ڪو جواب ڇو نٿا ڏيو!؟“
    ”ڇا جواب ڏيان!“ موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جي آواز سان گڏ سندس شوڪاري جو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو.
    ”ڇا زينب توهان جي ذميداري ناهي!؟“ الماس پنهنجي سوال کي ورجايو.
    هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ سلمان جو بي وسيءَ وارو آواز آيو، ”مجبوري آهي.... مان زينب جي ذميداري نٿو کڻي سگهان!“
    ”پيار ته انسان کي طاقت ڏيندو آهي سلمان. توهان جي مجبوري آهي يا شنڪر جي خوف ۾ مبتلا ٿي ڪمزور ٿي ويا آهيو توهان به!“
    الماس طنز ۽ چڙ مان وراڻيو.
    ”ها.... اهو به درست آهي، ته اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي مان شنڪر جهڙي خطرناڪ ماڻهوءَ جي دشمنيءَ کان وڌيڪ ڊنل آهيان!“ سلمان جو آواز آيو، ”ڇو ته.... بابا جي وفات کان پوءِ.... مان.... مان پاڻ کي ڏاڍو ڪمزور محسوس ڪري رهيو آهيان!“
    الماس ڪوبه جواب نه ڏنو، ٿڌو ساهه کڻي خاموش ٿي وئي. خاموشيءَ جا ڪيترائي لمحا گذري ويا ۽ انهن خاموش لمحن ۾ زينب اندر ئي اندر گهُٽجندي رهي. خاموشيءَ جي انهن لمحن جو انت، سلمان جي شڪست ڀرئي آواز سان ٿيو، ”زينب جي سلسلي ۾ وري ڪڏهن به مون سان رابطو نه ڪجو.... ۽.... زينب کي چئي ڇڏجو ته مان هن لاءِ مري چڪو آهيان!“ ۽ پوءِ هڪدم لائين ڊسڪنيڪٽ ٿي وئي.
    زينب کي ائين لڳو، ڄڻ فون جي نه، پر سندس زندگيءَ جي لائين ڊسڪنيڪٽ ٿي وئي هجي. سلمان جي آخري جملي، گوليءَ جيان زينب کي اندر ئي اندر ماري ڇڏيو. اندر ۾ لڳاتار دٻيل سڏڪو، جڏهن زينب جي چپن جا بند ٽوڙي ٻاهر نڪتو، ته کيس ائين لڳو، ڄڻ هوءَ پنهنجي ئي لاش مٿان ماتم ڪندي هجي.
    الماس رات جو دير تائين زينب سان گڏ ويٺي رهي، سندس دلجوئي ڪندي ۽ کيس سمجهائيندي رهي، پر زينب کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. ڪافي دير تائين روئڻ کان پوءِ زينب خاموش ته ٿي وئي، پر ور ور ڪري سندس ذهن ۾ سلمان جو چيل آخري جملو گونجندو رهيو، ”زينب کي چئي ڇڏجو ته مان هن لاءِ مري چڪو آهيان.... زينب کي چئي ڇڏجو ته....“ زينب جون اکيون روئي روئي سنڌ جيان خشڪ ٿي ويون. هاڻي سندس دل روئي رهي هئي. دل اندر ٿيندڙ بارش جي باوجود، بظاهر هوءَ خاموش ۽ پرسڪون نظر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر سندس ظاهري خاموشيءَ پويان هزارين طوفان اٿي رهيا هئا ۽ سوين سوناميون سانباها ڪري رهيون هيون.
    زينب جيان ئي سندس پاسي ۾، ڊبل بيڊ جي هيڊ بورڊ تي مٿو رکي، ٽيڪ ڏئي ويٺل الماس کي محسوس ٿيو ته زينب هاڻي گهڻي حد تائين پرسڪون ٿي وئي آهي. الماس ڪجهه سوچي، بيڊ تان اٿندي چيو، ”مان هڪڙي منٽ ۾ اچان ٿي زينب!“
    الماس ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي ته زينب جي سيني ۾ پيدا ٿيندڙ سوناميءَ ۾ شدت اچي وئي، پر تڏهن به هن پنهنجي اندر جي طوفانن ۽ سونامين کي پنهنجي چهري جو رخ ڪرڻ کان روڪي رکيو. ڪجهه دير ۾ ئي الماس ڪمري ۾ واپس آئي ته سندس هٿ ۾ پاڻيءَ جو ڀريل گلاس هو. الماس، زينب جي پاسي ۾ ويهندي، ننڊ جي گوري هن ڏانهن وڌائيندي چيو، ”گوري کائي ڇڏ ته سڪون جي ننڊ اچي ويندئي.“
    زينب ڪنهن روبوٽ جيان الماس جي ڳالهه تي عمل ڪيو ۽ گوري ڳهي ڇڏي.
    ”ليٽي پئه ۽ پنهنجي ذهن کي پرسڪون رک، ته جيئن ننڊ اچي وڃئي.“ الماس، زينب جي پٺيءَ تي هٿ رکي چيو.
    زينب وري به ڪنهن روبوٽ جيان ئي الماس جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ سڌي ليٽي اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
    الماس بيڊ تي ليٽيل زينب جي پاسي ۾ ئي ويٺل رهي ۽ لڳاتار سندس چهري ۾ ڏسندي رهي. اڌ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ جڏهن الماس محسوس ڪيو ته زينب کي گهري ننڊ وٺي وئي آهي، تڏهن الماس خاموشيءَ سان اٿي ڪمري جي لائيٽ بند ڪئي ۽ ڏاڍي احتياط سان در کولي، بي آواز قدمن سان ڪمري کان ٻاهر نڪري، ڪمري جو در بند ڪري ڇڏيو.
    ڪمري جو در بند ٿيڻ شرط زينب اٿي ويهي رهي.
    ڪمري جي اونداهيءَ ۾ زينب ڪيتري دير تائين ساڳئي حالت ۾ بيڊ تي خاموش ويٺي رهي. ور ور ڪري سندس دماغ ۾ سلمان جو چيل آخري جملو گونجندو رهيو، ”زينب کي چئي ڇڏجو ته مان هن لاءِ مري چڪو آهيان.... زينب کي چئي ڇڏجو ته....“ سلمان جو جملو ڪنهن نظر نه ايندڙ، نه نڪرندڙ ۽ سخت اذيت ڏيندڙ سنهڙي ڇيت جيان زينب جي دماغ ۾ چڀندو رهيو. دل جي ايوان ۾ لڳاتار هڪڙي ئي جملي جي پڙاڏي سبب کيس ڀنواٽيون اچڻ لڳيون. هوءَ سڄي پگهرجي وئي. اندر ئي اندر ۾ ڪنهن اڌ ڪٺل جانور جيان ڦٿڪندي ۽ تڙپندي رهي. سلمان جي جملي جي گوليءَ فقط سندس روح کي ئي گهائل نه ڪيو هو، پر سندس جسم به جلي رهيو هو. هن پنهنجي اندر ۾ گُهٽَ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪيو. سندس ساهه منجهڻ لڳو. هن جي دل چاهيو، جيڪر سندس ساهه نڪري وڃي ته هوءَ سڄي عذاب مان آجي ٿي وڃي، پر سندس دل جون خواهشون ڪٿي پوريون ٿيون هيون! هن پاڻ کي ڏاڍو بيوس ۽ لاچار محسوس ڪيو، ته سندس زندگيءَ جي خواهشن تي سندس اختيار ڇو ناهي....! پنهنجي زندگيءَ جهڙي اونداهي رات ۾ هن حسرت جو هڪ ڊگهو ساهه کنيو، ته سندس دل جي اونداهين ايوان ۾، کيس هڪڙي خواهش جي پورائي جو ڪرڻو ته نظر اچي ويو. هن دل جي انهيءَ خواهش تي سوچيو، ته جيڪر ساهه نڪري وڃي ته هوءَ سڄي عذاب مان آجي ٿي وڃي.... هوءَ چاهيندي به دل جي اها خواهش رد ڪري نه سگهي ۽ بيد تان لهي، اونداهيءَ ۾ ڪمري جي دروازي طرف هلي وئي.
    لائونج ۾ وڃي هن زيرو بلب جي هلڪي روشنيءَ ۾، خاموشيءَ سان ڊوائيڊر جي خاني ۾ پيل دوائن جي وچ مان ننڊ جي گورين جو ڀريل پئڪيٽ کنيو. ساڳئي خاموشيءَ سان وڃي فرج کوليائين ۽ پاڻيءَ جو گلاس ڀري، لائونج ۾ ئي گلاس کي ميز تي رکي هوءَ صوفا تي ويهي رهي. گورين جي پئڪيٽ مان سموريون گوريون ڪڍي، هڪ ئي وقت وات ۾ وجهي ڇڏيائين. پاڻيءَ جو گلاس کڻي وات ۾ اوتيائين ته ڪجهه گوريون سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيون. کيس اٻڙڪو اچڻ وارو هو، جو هن هڪدم گلاس ۾ بچيل پاڻي وات ۾ اوتي ڳيت ڏني. ڳيت ڏيڻ سان سموريون گوريون سندس نڙيءَ کان هيٺ لهي ويون ۽ اٻڙڪو ته رڪجي ويو، پر پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ۾، شيشي جو گلاس سندس هٿ مان ڇڏائجي، وڏي آواز سان فرش تي ڪري ٽڪرا ٿي ويو. زينب ٽٽي پيل گلاس جيان، پنهنجي اندر کي به ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي محسوس ڪيو. زندگيءَ جي آخري ساهن مان هڪ ڊگهو ساهه کڻي، صوفا کي ٽيڪ ڏئي، ڄنگهون سڌيون ڪري جسم کي ڍرو ڇڏي ڏنائين. هڪ لمحي لاءِ آخري دفعو سلمان کي تصور جي نظر سان ڏسي، سدائين لاءِ سلمان کان پري وڃڻ لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيائين.


    19

    اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ٻاهران ڪوريڊور ۾ بيٺل الماس سخت پريشانيءَ ۽ بيچيني مان، لڳاتار وارڊ جي در ۾ نظرون وجهي بيٺي هئي. رکي رکي سندس اکين مان لڙڪ ٿي ڪريا ۽ هن کي جيتريون به دعائون ياد هيون، اهي سڀ ڪيترائي ڀيرا ورائي ورائي پڙهي چڪي هئي. هاڻي به سندس چپن ۾ ڪا دعا اٽڪيل هئي. هوءَ ڪنهن خير جي خبر خاطر پاڻ تي جبر ڪندي رهي. الماس جي حالت ڏسي رفيق بار بار کيس دلاسا ڏئي رهيو هو. ساهه منجهائيندڙ ڊگهي انتظار کان پوءِ وارڊ جو در کليو ته هوءَ رفيق کان اڳ ۾ تڪڙي تڪڙي هلندي ڊاڪٽر جي ويجهو پهچي وئي.
    ”ڊاڪٽر صاحب، ڪيئن آهي زينب!؟“ الماس بيچينيءَ مان هڪدم پڇيو.
    ڊاڪٽر هڪ لمحو سوچي، بنا ڪو جواب ڏيڻ جي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ته الماس بي اختيار ڊاڪٽر کي ٻانهن کان پڪڙي ورتو. ذري گهٽ روئندي چيائين، ”پليز ڊاڪٽر صاحب!“ سندس چپ ڪنبي رهيا هئا ۽ سڏڪو سندس نڙيءَ ۾ اٽڪيل هو.
    ڊاڪٽر، الماس جي حالت ڏسي، چاهيندي به ڪو جواب نه ڏنو.
    رفيق، الماس جي ڪلهي تي هٿ رکي کيس آٿت جو زور ڏئي، ڊاڪٽر طرف ڏسندي چيو، ”پيشنٽ جي جيڪا به ڪنڊيشن آهي، پليز اسان کي ٻڌائي ڇڏيو!“
    ڊاڪٽر ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”ڪا گهڻي اميد ناهي، بس دعا ڪيو!“
    الماس جي نڙيءَ ۾ ڪو هڪڙو سڏڪو اٽڪيل نه هو، هڪڙي سڏڪي جي پويان درد جو هڪ ڊگهو تسلسل لڪل هو. اسپتال جي ڪوريڊورس ۾ پري تائين الماس جا سڏڪا گونجڻ لڳا ۽ رفيق لاءِ الماس کي سنڀالڻ مشڪل ٿي پيو. هو کيس ڀاڪر ۾ ڀري، لفظن جي سهاري کان سواءِ کيس آٿت ڏيندو رهيو ۽ کيس آهستي آهستي ڪوريڊور ۾ پيل بينچ طرف وٺي ويو.
    رفيق جي پاسي ۾ بينچ تي ويٺل الماس ڪافي دير کان پوءِ جڏهن سامت ۾ آئي، تڏهن پهرين سوچ سندس ذهن ۾ اها آئي، ته زينب زندگيءَ ۽ موت جي اهڙي ٻواٽي تي بيٺل آهي، جتي هر گذرندڙ لمحي سان زندگيءَ جو رستو سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي.... ۽.... ۽ جنهن شخص زينب کي موت جي اونداهي واٽ تي پهچايو آهي، اهو شخص هن مهل سڪون جي ننڊ پيو هوندو....! انهيءَ سوچ الماس جي وجود ۾ سخت نفرت، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڀري ڇڏيو. هن ڀرسان پيل پرس مان پنهنجي سيل فون ڪڍي سلمان جي نمبر تي ڪال ڪئي. ڪجهه دير کان پوءِ سلمان جو ننڊاکڙو آواز آيو، ”ڏسو، مون توهان کي چيو هو ته زينب جي سلسلي ۾ وري ڪڏهن به مون سان رابطو نه ڪجو، پر توهان ته منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي!“
    ”زندگي ته توهان زهر ڪئي آهي زينب جي!“ الماس سخت ڪاوڙ مان جواب ڏنو، ”زينب خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ۽.... ۽ شايد.... زندگيِءَ جا آخري ساهه کڻي رهي آهي!“
    ”ڇا....!!؟“ سلمان جو ڇرڪيل آواز آيو.
    رفيق ٿڌو ساهه کڻي، فون تي سخت ڪاوڙ ۽ نفرت مان ڳالهائيندڙ الماس الماس طرف ڏٺو.
    الماس چيو، ”۽ مسٽر سلمان، مون کي ڪو شوق ناهي توهان سان ڳالهائڻ جو.... ڳالهائڻ لاءِ هاڻي ته ڪجهه بچيو به ناهي....!“ الماس سخت ڪاوڙ مان فون بند ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي بيحد پياري دوست زينب جي وڇوڙي جو تصور ڪري، ڊگها ڊگها ساهه کڻي پنهنجي اندر جي گهاءَ کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ڀرسان ويٺل رفيق، الماس جي پٺيءَ پويان ٻانهن ورائي سندس ڪلهي ۾ هٿ وجهي کيس وڌيڪ پنهنجي ڀرسان سوري، سندس ڪلهي تي آٿت جو زور ڏنو ته الماس جي هٿ ۾ جهليل موبائل فون جي بيل وڄڻ لڳي. الماس فون جي اسڪرين تي سلمان جو نالو ڏسي، فون رفيق جي هٿ ۾ ڏيندي نفرت جي انتهائن سان چيو، ”هن کي سختيءَ سان روڪي ڇڏيو ته وري ڪڏهن به رابطو نه ڪري، نه ته سندس خلاف اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين!“
    رفيق هاڪار سان ڪنڌ لوڏي ڪال رسيو ڪئي، ته الماس ٻئي طرف منهن ڪري ٻيهر سڏڪي پئي.


    20

    شام جي وقت ريلوي پليٽ فارم تي سائي جهنڊي هٿ ۾ جهلي بيٺل عابد عليءَ جي اڳيان نان اسٽاپ تيز رفتار ٽرين وڏي آواز سان گذري وئي. سيڪنڊن اندر سڄي ٽرين گذري وڃڻ کان پوءِ، عابد عليءَ ڪنڌ ورائي ويندڙ ريل طرف ڏٺو، ته سندس نظر تيزي سان ويندڙ ريل جي آخري بوگيءَ جي پٺ تي ڄمي وئي. ڪجهه ئي دير ۾ آخري بوگي هڪ نقطي ۾ بدلجي سندس نظرن جي حد اڪري وئي، تڏهن به ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي هو جيئن جو تيئن ويندڙ ٽرين واري طرف ڏسندو رهيو.
    ”سر....!“
    ويران پليٽ پليٽ فارم تي بيٺل عابد علي، پنهنجي اسسٽنٽ عبدالله جي آواز تي ڇرڪي پيو، ”جي....!“
    ”ٽرين ته ڪڏهوڪو هلي وئي سر.“ عبدالله ٿورو حيرت سان چيو، ”توهان ڇا بيٺا سوچيو هتي!؟“
    عابد عليءَ ڊگهو ساهه کڻي اداسيءَ سان چيو، ”سوچيان پيو.... جيئن ڪيتريون گاڏيون هن اسٽيشن تي بيهڻ کان سواءِ هليون وينديون آهن، تيئن ئي وقت به گذرندو ئي هليو ٿو وڃي!“
    ”جيڪي گاڏيون اسان جي اسٽيشن تي نٿيون بيهن سر، اهي گاڏيون ته اڳتي وڃي ڪنهن ٻئي اسٽيشن تي ضرور بيهن ٿيون، پر وقت ڪٿي به نٿو بيهي، اڏامندو ئي هليو ٿو وڃي.“ عبدالله هلڪي مرڪ سان وراڻيو.
    عابد علي سائي جهنڊي عبدالله جي هٿ ۾ ڏئي، پنهنجي آفيس ڏانهن وڌندي سوچ ۾ پئجي ويو. کيس لڳو ته وقت جي اڏام، سندس سوچ جي اڏام کان تمام گهڻو تيز آهي.


    21

    پنهنجي ڪمري ۾ ليٽيل عابد علي رات جو دير تائين اونداهيءَ ۾ پاسا ورائيندو رهيو. ٽرين جي آخري بوگيءَ جيان تيزيءَ سان ويندڙ وقت جي احساس کيس بيچين ڪري ڇڏيو هو. هن ننڊ ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، ننڊ جي گوري به کاڌائين، پر ننڊ سندس اکين کان ڄڻ ڪنهن محبوب جيان رسي هلي وئي هئي. ننڊ لاءِ هلايل سندس سمورا حيلا هار کائي ويا ته هو بيڊ تي اٿي ويهي رهيو. هٿوراڙي هڻي وهاڻي جي پاسي ۾ پيل موبائل فون کنيائين. موبائيل فون کي روشن ڪري وقت ڏٺائين. ڏيڍ ٿيو هو. ٻيهر ليٽڻ جو سوچيائين، پر سندس اندر جي بيچينيءَ کيس اٿاري کڙو ڪيو ۽ هو ڪمري جي در طرف وڌي ويو. ورانڊي مان گذري، ٻئي ڪمري جي در تي پهچي سوچيائين، جيڪڏهن هڪڙو دفعو در کڙڪائڻ سان جواب نه مليو، ته هو واپس هليو ويندو. هن دروازي جي تاڪ کي هٿ سان کڙڪايو ته هڪدم خديجه جو ڇرڪيل آواز ٻڌائين، ”جي....!!“
    ”مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي!“ عابد عليءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو.
    ”هڪڙو منٽ ترسو!“ ڪمري اندران خديجه جو آواز آيو.
    عابد علي ڪنڌ جهڪائي در ٻاهران بيٺل رهيو.
    خديجه رئو مٿي تي ٺاهي رکي، رئي جي پلئه سان منهن ڍڪيو ۽ اٿي دروازي طرف هلي وئي. در جو تاڪ تمام ٿورڙو کولي، تاڪ جي اوٽ ۾ بيهي چيائين، ”جي....!؟“
    ”جاڳو پيون توهان به!“ عابد عليءَ ٿڌو ساهه کنيو.
    ”ها، ننڊ نه پئي اچي!“ خديجه اداسيءَ مان وراڻيو.
    عابد عليءَ تمام ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”جڏهن زندگيءَ جا مشڪل مرحلا سامهون ايندا آهن، تڏهن ننڊ به ساٿ ڇڏي هلي ويندي آهي!“
    خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو. پنهنجي رئي جي پلئه کي ڏندن ۾ ڀيڪوڙي ڇڏيائين.
    ”اسان جي طلاق کي چار مهينا گذري ويا آهن!“ عابد عليءَ جهڪيل ڪنڌ سان چيو، ”۽ توهان جي عدت جا باقي فقط ڏهه ڏينهن بچيا آهن!“
    هڪ لمحي لاءِ خديجه کان ساهه کڻڻ وسري ويو. ٻئي لمحي ڏندن ۾ ڀيڪوڙيل رئي جو پلئه ٻاهر ڪڍي وڏو ساهه کڻي چيائين، ”مان سمجهان ٿي توهان جي ڳالهه.... ته هاڻي مون کي جلدي هن گهر مان وڃڻو آهي!“
    ”پر سوال ته وري به اهو ئي آهي ته....“ عابد عليءَ انتهائي پريشانيءَ سان پنهنجا هٿ مهٽيندي چيو، ”توهان ويندئو ڪيڏانهن....!“
    خديجه ڪوبه جواب نه ڏئي سگهي.
    عابد عليءَ پنهنجي هٿن کي مهٽيندي، ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي ۾ ڦاسائي ڇڏيون، ”مون ڏاڍو سوچيو آهي پر.... ڪوبه حل ڪونهي انهيءَ معاملي جو.... ٻيو ڪوبه رستو ناهي....!“ عابد علي چپ ٿي ويو.
    خديجه در جي تاڪ پويان خاموش بيٺي رهي.
    ”مون کي خبر آهي ته توهان بيحد نيڪ ۽ شريف عورت آهيو ۽....“ عابد عليءَ جا ڀيڪوڙيل هٿ ڇڏائجي ويا ۽ هن پاڻ تي جبر ڪري ڳالهايو، ” .... ۽ توهان.... ڪنهن به شريف ماڻهوءَ سان زندگي گذاري سگهو ٿيون!“
    خديجه پنهنجي سڄي وجود کي وڍجندي محسوس ڪيو ۽ پنهنجو مٿو، هٿ سان جهليل تاڪ تي رکي منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيائين.
    عابد علي ڪي لمحا چپ چاپ بيٺو رهيو ۽ پوءِ پاڻ تي جبر ڪندي چيائين، ”جيڪڏهن.... توهان اجازت ڏيو ته.... ته مان.... انهيءَ سلسلي ۾ توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو!“
    خديجه در جي تاڪ تان مٿو کڻڻ کان سواءِ درد مان پنهنجا چَپَ ڀيڪوڙي ڇڏيا، اکيون زور سان بند ڪري ڇڏيائين.
    ”توهان جي رشتي جي سلسلي ۾.... مان.... مان ڪنهن سان ڳالهائي سگهان ٿو!“ عابد عليءَ پنهنجو ساهه منجهندي محسوس ڪيو.
    خديجه انتهائي پريشانيءَ سان پنهنجو مٿو در جي تاڪ تان مٿي کنيو، ته سندس اکيون وسڻ جا ويس ڪرڻ لڳيون. سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کڻي چيائين، ”پر.... اسان جي طلاق جي ڪنهن کي به خبر ناهي. ڇا چوندا ماڻهو، ته هڪ مڙس.... پنهنجي زال جي لاءِ ٻيو مڙس پيو ڳولي!!“
    عابد علي ڊگهو ساهه کڻي پاڻ ۾ ڳالهائڻ جي همت پيدا ڪئي، ”توهان کي خبر آهي ته مون طلاق جا ڪاغذ ٺهرائي ڇڏيا هئا، اهو ثبوت ته آهي اسان وٽ!“
    خديجه جون اکيون سانوڻيءَ جون سهيليون ٿي پيون.
    ”۽ مان....“ عابد عليءَ جون اکيون به آليون ٿي ويون، ”مان پنهنجي انتهائي اعتبار جوڳن دوستن سان ڳالهائيندس.... انهن منجهان.... شايد.... شايد ڪوئي توهان سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي پوي!“
    خديجه ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڳالهائي نه سگهي. لفظ ڪنڊي جيان سندس نڙي ۾ اٽڪي پيا.
    ”توهان کي خبر آهي ته منهنجا دوست نهايت شريف انسان آهن.“ جهڪيل ڪنڌ هئڻ سبب، عابد عليءَ جي اکين مان ٻه لڙڪ نڪتا ته سڌو وڃي زمين تي ڪريا. هن ڳيت ڏئي پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”پر.... تڏهن به جيڪڏهن توهان کي ڪو اعتراض آهي، يا.... يا پنهنجي لاءِ ڪو شخص نظر ۾ هجيوَ ته.... مون کي ٻڌائي سگهو ٿيون!“
    خديجه جي نڙيءَ ۾ ڪنڊي جيان اٽڪيل لفظن، سڏڪن جو روپ اختيار ڪري سندس چپن جا بند ٽوڙيا، ته هن پنهنجي چپن تي هٿ رکي، پاڻ کي گهُٽي، زندگيءَ جو زهر پنهنجي اندر ۾ ئي اوتڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”توهان يقين ڪيو خديجه!“ عابد عليءَ پنهنجي دل تي ڇِپَ رکي ڳالهايو، ”مان توهان جي پوري مدد ڪندس.... جيڪڏهن.... جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ ڪوئي آهي ته....!“
    خديجه پنهنجي سڏڪن کي گهُٽيندي، وڏ ڦڙا وسائيندڙ اکين کي زور سان بند ڪيو ۽ هوءَ پنهنجي جسم کان روح تائين شرم ٻوٽيءَ جيان ڪومائجي به وئي.
    عابد علي ڪيتري دير تائين ڪنڌ جهڪائي خاموش بيٺو رهيو. جڏهن خديجه جي گُهٽيل سڏڪن جو آواز ڪجهه گهٽيو، تڏهن عابد عليءَ ڪنهن جواب لاءِ پنهنجو جُهڪيل ڪنڌ کڻي در جي تاڪ طرف ڏٺو. ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”توهان منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو.... ڪوئي آهي توهان جي نظر ۾!؟“
    ”مون ته....“ خديجه گهُٽيل سڏڪن جي وچ مان ڳالهايو، ”مون ته زندگيءَ ۾.... توهان کان سواءِ.... ڪڏهن ڪنهن ڏانهن نظر کڻي ڏٺو ئي ناهي!“
    خديجه جي لفظن، گولين جيان عابد عليءَ جي سڄي دل کي ٽُنگ ڪري ڇڏيا ۽ سندس اکيون تيز بارش ۾ وهندڙ نيسارن جيان وهي پيون. هن پنهنجو پاڻ کي ڦاٽي پوڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندي ڳالهايو، ”ته پوءِ.... ڇا توهان.... مون کي.... مون کي اهو اختيار ڏيو ٿيون.... ته.... ته مان.... توهان جي رشتي لاءِ ڪنهن سان ڳالهايان!؟“
    دروازي جي پويان ڪنهن جواب اچڻ بجاءِ، در جو ٿورڙو کليل تاڪ زور سان بند ٿيو، پر بند دروازو خديجه جي بيحد ڊگهي ۽ درد ڀرئي سڏڪي کي، عابد عليءَ جي ڪنن تائين پهچڻ کان روڪي نه سگهيو. خديجه جي انهيءَ سُڏڪي ڪاتيءَ جيان عابد عليءَ جي وجود کي وڍي ڇڏيو ۽ عابد علي ڪنهن ٻانهن وڍيل ٻار جيان، اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندو ٻئي ڪمري طرف هليو ويو.


    22

    عابد عليءَ جون اکيون ٿورو سڄيل ۽ ڳاڙهيون هيون. ائين پئي لڳو، ڄڻ هن اوجاڳو به ڪيو هجي ۽ تمام گهڻو رنو به هجي. هو ڪيتري دير تائين ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو ۽ سوچيندو رهيو ته هو پنهنجي ڳالهه ڪيئن ۽ ڪٿان شرع ڪري. گهڻو سوچڻ کان پوءِ هن سڌي سنئين ڳالهه ڪرڻ ئي مناسب سمجهي. هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ نهايت رازداريءَ واري انداز سان پنهنجي عزيز ترين دوست شريف الدين کي ٻڌايو، ”مون پنهنجي زال خديجه کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي!“
    ”ڇا!!“ شريف الدين ائين ڇرڪي پيو، ڄڻ هن جي سامهون ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو هجي. هو حيرت مان ڦاٽل ۽ ساڪت اکين سان عابد عليءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    عابد عليءَ، شريف الدين جي نظرن جي تير کان بچڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    ڪيتري دير تائين حيرت ۽ شرمندگي هڪ ٻئي جي اڳيان خاموش رهيون. نيٺ انهيءَ خاموشيءَ کي شريف الدين جي ئي حيرت ڀرئي آواز ٽوڙيو، ”پر.... پر تو ڇو ڪيو ائين!؟“
    ”بس.... غلطي ٿي وئي....!“ عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ڏک ۽ شرمندگيءَ سان چيو.
    ”توکي اندازو آهي، ته تنهنجي انهيءَ غلطيءَ هُن ويچاريءَ جي ته زندگي برباد ڪري ڇڏي!“ شريف الدين ڪاوڙ مان چيو.
    ”ها.... آهي اندازو!“ عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ندامت سان چيو.
    ”هُنَ ويچاريءَ جو ته دنيا ۾ ڪو مٽ مائٽ ئي ڪونهي! ڪيڏانهن هلي وئي؟“ شريف الدين انتهائي ڏک مان پڇيو.
    ”منهنجي ئي گهر ۾ آهي!“ عابد عليءَ جو ڪنڌ جهڪيل ئي رهيو.
    ”هوءَ ڪيڏانهن بَرُ مُنهن ڪري نڪري نه وڃي!“ شريف الدين انتهائي فڪرمنديءَ سان اٿندي چيو، ”مان.... مان پنهنجي گهرواريءَ کي هُن ڏانهن ٿو موڪليان!“
    عابد عليءَ اٿي بيٺل شريف الدين جو هٿ پڪڙي ورتو، ”هوءَ ڪيڏانهن ڪونه ويندي. مون ڪو اڄ ناهي ڏني طلاق!“
    شريف الدين جي مٿان حيرتن جو پهاڙ ڪريو. هو حيرتن جي وزن هيٺ دٻجي، پاڻيهي واپس ويهي رهيو، ”تڏهن.... تڏهن تو.... ڪڏهن ڏني آهي طلاق!؟“
    عابد عليءَ ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو، ”چار مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن!“
    ”ڇا....!“ شريف الدين جي اڳيان ڄڻ ٻيهر ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو، ”پر.... پر.... طلاق کانپوءِ به.... اڄ تائين هوءَ تنهنجي گهر ۾ آهي.... توبهه نعوذ بالله.... توبهه نعوذ بالله....!!“ شريف الدين پنهنجي نڪ ۽ ڪنن جي پاپڙين تي آڱريون رکي توبهه تائب ٿيڻ لڳو، ڄڻ هن اها ڳالهه ٻڌي به ڪو گناهه ڪيو هجي.
    عابد عليءَ هڪدم چيو، ”مون کي غلط نه سمجهجانءِ شريف الدين!“
    شريف الدين ڪاوڙ مان چيو، ”زال کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ به گهر ۾ ويهاري ويٺو آهين ۽....“
    ”هڪڙو لفظ به وڌيڪ نه چئجانءِ!“ عابد عليءَ هڪدم شريف الدين جي ڳالهه ڪٽي، پنهنجو هٿ سندس وات تي رکي ڇڏيو،
    ”منهنجي يا خديجه جي ڪردار تي شڪ نه ڪجانءِ!“
    شريف الدين، عابد عليءَ جو هٿ پنهنجي وات تان هٽائي خاموش ٿي ويهي رهيو، پر سندس اندر ۾ اڻتڻ مچي وئي.
    ”ٻڌ! غور سان منهنجي ڳالهه ٻڌ....!“ عابد عليءَ ڊگهو ساهه کڻي چيو،
    ”طلاق کان پوءِ مون اڄ تائين هن جو چهرو به ناهي ڏٺو. هوءَ مون کان پردو ڪندي آهي ۽ اسان ٻئي ڌار ڪمرن ۾ رهندا آهيون. اسان ٻنهي کي احساس آهي ته اسان هڪ ٻئي لاءِ نامحرم بڻجي چڪا آهيون!“
    شريف الدين کي حيرتون وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويون.
    ”طلاق کان پوءِ خديجه ۽ مان.... اسان ٻئي ثابت قدم رهيا آهيون!“ عابد عليءَ، شريف الدين جي اکين ۾ اکيون ملائي چيو، ”هوءَ فقط عدت جا ڏينهن پورا ڪرڻ لاءِ ئي منهنجي گهر ۾ رهيل آهي!“
    ”ته پوءِ.... پوءِ هوءَ ڪيڏانهن ويندي!؟“ شريف الدين انتهائي حيرت ۽ انتهائي فڪرمنديءَ سان پڇيو.
    ”مون کان ڪوبه سوال پڇڻ کان اڳ ۾، تون منهنجي هڪڙي سوال جو جواب ڏي!“ عابد عليءَ لفظن تي زور ڏيندي چيو.
    چپن ۾ ڪيئي سوال اٽڪيل هئڻ جي باوجود، شريف الدين سواليه نظرن سان عابد عليءَ ڏانهن ڏٺو.
    ”ايمانداريءَ سان جواب ڏجانءِ ته ڇا توکي منهنجي ڳالهه تي اعتبار آهي، ته خديجه ۽ مان طلاق کانپوءِ ثابت قدم رهيا آهيون!؟“
    شريف الدين هڪ لمحو ٿڌيءَ دل سان سوچي، هڪ ڊگهو ساهه کڻي وراڻيو، ”ها.... مان توهان ٻنهي جي ڪردار تي شڪ نٿو ڪري سگهان. مون کي تنهنجي ڳالهه تي پورو ڀروسو آهي.“
    عابد عليءَ ڊگهو ساهه کڻي ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي ڇڏي، ”هاڻي پڇ، توکي جيڪو به سوال پڇڻو آهي!“
    ”نه.... مون کي ڪوبه سوال ناهي پڇڻو.“ شريف الدين فڪرمنديءَ سان چيو، ”پر هوءَ عدت جا باقي ڏهاڪو ڏينهن گذاري ڪيڏانهن ويندي ويچاري!“
    عابد عليءَ سڌو ٿي ويهندي چيو، ”انهيءَ مسئلي جي ڪري ته مان تو ڏانهن آيو آهيان يار!“
    ”مان ڇا ٿو ڪري سگهان انهيءَ سلسلي ۾!؟“ شريف الدين حيرت مان پڇيو.
    عابد عليءَ ڪجهه گهڙيون خاموش رهي، پاڻ ۾ همت پيدا ڪري ڳالهايو، ”مان.... مان خديجه کي.... تنهنجي حوالي ٿو ڪرڻ چاهيان!“
    شريف الدين پريشان ٿي ويو، ”ته ڇا.... هڪ نامحرم عورت کي سڄي زندگي مان پنهنجي گهر ۾ رهايان....! توبهه نعوذ بالله....!“
    ”نامحرم جي حيثيت سان نه.“ عابد عليءَ جون اکيون آليون ٿي ويون، سندس دل ٻه ٽڪر ٿي پئي، پر هن پاڻ تي جبر ڪري ڳالهايو،
    ”خديجه کي مان.... تنهنجي نڪاح ۾ ڏيڻ ٿو چاهيان!“
    شريف الدين کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار ئي نه آيو. جيڪڏهن کيس پنهنجي ڪنن تي اعتبار اچي ها، ته هو ڪو جواب ڏي ها، ان ڪري هو خاموش ته رهيو، پر حيرتن جي سمنڊ ۾ لڙهڻ لڳو. کيس پنهنجي ڪنن سان ٻڌل ڳالهه تي اعتبار تڏهن آيو، جڏهن عابد عليءَ هٿ جوڙي کيس منٿ ڪئي، ”شريف الدين، تون منهنجو رازدار ۽ ويجهو دوست آهين، انڪار نه ڪجانءِ!“ ۽ پوءِ عابد علي ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪي پيو.
    پنهنجي بيحد عزيز دوست جي غم شريف الدين جي اندر ۾ گهاءُ ڏئي ڇڏيو ۽ هو سوچ ۾ پئجي ويو.
    عابد علي ڪيتري دير تائين ڪنڌ جهڪائي سُڏڪندو رهيو. سندس وجود وڍبو ۽ ٽڪر ٿيندو رهيو. جڏهن سندس سڏڪا بند ٿيا، تڏهن به هو اندر ئي اندر ۾ گهُٽبو ۽ لُڇندو رهيو، پر هو ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ئي شريف الدين جي جواب جو انتظار ڪندو رهيو. عابد عليءَ کي اها ته پڪ هئي، ته سندس دل گهريو ۽ همدرد دوست انڪار نه ڪندو، پر تڏهن به هن ڪنڌ کڻي شريف الدين سان نظر ملائڻ جو سَتُ پاڻ ۾ نه پئي ساريو. جڏهن ڪافي دير تائين خاموشي ڇانيل رهي، تڏهن عابد عليءَ آهستي آهستي ڪنڌ کڻي شريف الدين ڏانهن ڏٺو.
    شريف الدين ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم هو.
    عابد عليءَ ٿڌو ساهه کڻي، آلين اکين سان شريف الدين ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڇا پيو سوچين شريف الدين!؟“
    شريف الدين فقط هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ خاموش رهيو.
    عابد عليءَ آس نراس واري نظر سان شريف الدين ڏانهن ڏسندي، بيحد هيڻي لهجي ۾ چيو، ”ڇا ٿو چئين شريف الدين، تون خديجه کي پنهنجي نڪاح ۾ قبول ڪندين نه!؟“
    عابد عليءَ جي اميدن جي ابتڙ، شريف الدين انڪار سان ڪنڌ لوڏي ڇڏيو!
    عابد عليءَ، خديجه کي ڏنل طلاق جي درد سان گڏ پاڻ کي ذلتن جي اونهين کاهيءَ ۾ ڪرندي محسوس ڪيو. سندس ڪنڌ پاڻيهي جهڪي ويو، ڄڻ ذلتن جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ سان سندس ڪنڌ ڀڄي پيو هجي.
    ”مان جوان نياڻين جو پيءُ آهيان، ٻي شادي نٿو ڪري سگهان عابد علي!“ شريف الدين جو آواز تير جيان عابد عليءَ جي ڪنن ۾ داخل ٿيو، ”تون ڪنهن ٻئي دوست سان ڳالهائي ڏس!“
    شريف الدين جي جملي، ذلتن جي کاهيءَ ۾ ڪِري پيل عابد عليءَ جي وجود کي ڪنهن ڇِپَ جيان چچري ۽ چيڀاٽي ڇڏيو. هو ذلتن جي اونهين کاهيءَ جهڙي اونهين سوچ ۾ گم ٿي ويو. هن ۾ هاڻي دوست سان نظر ملائڻ جي ته ڇا، پر ايتري همت به باقي نه رهي هئي، جو هو اٿي اتان هليو وڃي، ان ڪري جهڪيل ڪنڌ سان چپ چاپ ويٺو رهيو. سندس دل چاهيو، جيڪر ڌرتي ڦاٽي پوي ۽ هو ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ئي ڌرتيءَ جي سيني ۾ سمائجي وڃي.
    مسجد مان سج لٿي جي ٻانگ جو آواز اچڻ لڳو، ”الله اڪبر.... الله اڪبر.... اشد ان لا اِلله اِلا الله....“
    عابد عليءَ اذان کي ڌيان سان ٻڌڻ خاطر پاڻ کي سمورين سوچن کان آزاد ڪرڻ چاهيو، پر نه هو پاڻ کي انهن سوچن کان آزاد ڪري سگهيو ۽ نه ئي ذلتن جي کاهيءَ مان نڪري سگهيو.
    اذان پوري ٿي ته شريف الدين پنهنجو هٿ عابد عليءَ جي ڪلهي تي رکندي، همدرديءَ ۽ پنهنجائپ سان چيو، ”هل ته نماز پڙهڻ هلون. الله وڏو ڪارساز آهي، سندس رحمت مان مايوس نه ٿي، هو ضرور ڪا بهتريءَ جي صورت پيدا ڪندو.“
    عابد عليءَ نماز پڙهڻ خاطر ئي پاڻ ۾ ايتري همت پيدا ڪري سگهيو، جو هو فقط اٿي سگهيو، پر ڪنڌ مٿي ڪري نه سگهيو. هو جهڪيل ڪنڌ سان ئي دوست جي گهَرَ جي اوطاق مان گهٽيءَ ۾ نڪري ويو. جيتوڻيڪ عابد علي ۽ شريف الدين ساڳئي مسجد جا جماعتي هيا، پر جيسين شريف الدين اوطاق جو در اندران بند ڪري گهرَ جي دروازي کان ٻاهر نڪري، تيسين عابد علي ٻي مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ، جهڪيل ڪنڌ سان ئي ڀرسان واري گهٽيءَ ۾ داخل ٿي تڪڙو تڪڙو اڳتي هليو ويو.
    سج لٿي جي نماز کان پوءِ آهستي آهستي سمورا نمازي مسجد مان هليا ويا. عابد علي مسجد ۾ ويٺو رهيو. جڏهن پيش امام به پنهنجي حجري طرف هليو ويو ته هو مسجد ۾ اڪيلو رهجي ويو. خديجه کي دربدر ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ هن همت ڪري پنهنجي عزيز ترين ۽ رازدار دوست کي خديجه سان شادي ڪرڻ لاءِ ته چيو هو، پر دوست جي انڪار کان پوءِ هو پنهنجي نظرن ۾ پاڻ ڪري پيو هو. هن ۾ همت نه رهي هئي ته هو مسجد مان نڪري پنهنجي گهر به وڃي سگهي، تنهن ڪري سمهڻيءَ جي نماز پڙهڻ تائين هن مسجد ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو. اڪيلائيءَ ۾ اهو سوچي هو وڌيڪ پريشان ٿي ويو، ته خديجه جي عدت جا باقي فقط نوَ ڏينهن وڃي بچيا هئا. هن بي اختيار دعا لاءِ هٿ کنيا ته سندس اکين مان لڙڪ وهي اچي سندس هٿن تي پيا. هو سڏڪا ڀريندو، خديجه جي زندگيءَ ۾ ڪنهن بهتريءَ لاءِ ٻاڏائيندو رهيو ۽ سندس چهري هيٺان جهليل دعا واري ٻُڪ ۾ سندس لڙڪ جمع ٿيندا رهيا. لڳاتار روئي دعا گهرندي هن آهستي آهستي پاڻ کي پرسڪون ٿيندي محسوس ڪيو. ڪافي دير کان پوءِ جڏهن دعا لاءِ کنيل هٿ چهري تي ڦيريائين، ته خديجه جي زندگيءَ ۾ ڪنهن چڱائيءَ جو ڪو ٻيو رستو کيس سمجهه ۾ اچي ويو.


    23

    ”پاڙي ۾ هوندي به ڄڻ ته تون آهين ئي ڪونه!“ اڱڻ ۾ کٽ تي پلٿي هڻي ويٺل پاڙيسري عورت سوميءَ خديجه سان شڪايت ڪئي،
    ”مهينا گذري ويا، پر تون نه آئينءَ ته سوچيم، ڀلا مان ئي ٿي تو وٽان چڪر هڻي وڃان!“
    ”ڪا مجبوري هئي.... نه ته.... ضرور اچان ها مان به.“ خديجه مرڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
    ”اڙي مائي، اهڙي به ڪهڙي مجبوري، جو منهن ڏيکارڻ کان به وئي آهين!“ سوميءَ ميار ڏني.
    خديجه جواب ڏيڻ بجاءِ پريشانيءَ مان ٻاهرين در طرف ڏٺو ۽ سندس پريشاني وڌي وئي، جو عابد عليءَ جي اچڻ جو وقت ٿي ويو هو. سوچيائين، عابد علي اچي ويو ته مان پاڙيسري عورت جي سامهون عابد عليءَ کان ڪيئن پردو ڪري سگهنديس، جو پاڙي ۾ ته ڪنهن کي به اسان جي وچ ۾ ٿي ويل طلاق جي خبر ئي ناهي.... ۽ جي پردو نه ڪنديس ته گناهگار ٿينديس!
    ”ڇا ٿيو ٿي مائي، تون ته ڪو جواب ئي نٿي ڏئين!“ سوميءَ حيرت ۽ ناراضگيءَ سان چيو، ”منهنجو اچڻ نه وڻيو اٿئي ته کڻي هلي وڃان!“
    خديجه چوڻ ته اهو چاهيو ته، ها.... جلدي هلي وڃ تون هن گهر مان.... پر ائين چئي نه سگهي ۽ نه چاهيندي به چيائين، ”نه نه.... تنهنجي ته مهرباني آهي جو ڪڏهن ڪڏهن اچين ٿي.“
    انهيءَ مهل ئي در کڙڪيو ته خديجه ڇرڪي پئي. کيس پڪ ٿي وئي ته عابد علي اچي ويو هوندو. هن بيحد پريشانيءَ مان هڪ نظر ٻاهرين در طرف ڏٺو ۽ وري سوميءَ طرف ڏٺائين. دروازو ٻيهر کڙڪيو، تڏهن به خديجه پريشانيءَ مان ويٺي رهي.
    ”تون ڏسين ڇو نٿي وڃي ته ڪير آهي در تي!“ سوميءَ ٿورو حيرت سان چيو، تيسين ٽيهر در کڙڪيو.
    خديجه نه چاهيندي به اٿي ۽ در تائين هلي وئي، ”ڪير؟“
    ”مان آهيان.... عابد علي.“ در جي ٻاهران آواز آيو.
    خديجه منهن ڍڪڻ لاءِ پنهنجي پوتيءَ ۾ هٿ وڌو، پر پوءِ سوميءَ طرف ڏسي پوتيءَ جي پلئه کي ڇڏي ڏنائين. پردو ڪرڻ کان سواءِ در جي ڪنڍي کولي هڪدم منهن ڦيري ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين.
    سوميءَ حيرت مان خديجه طرف ڏٺو.
    عابد علي جهڪيل ڪنڌ سان گهر ۾ داخل ٿيو ۽ در بند ڪري، جهڪيل ڪنڌ سان ئي اڱڻ ۾ کٽ تي ويٺل سوميءَ کي سلام ڪري ڪمري طرف هليو ويو. ان وقت تائين خديجه ٻاهرين در وٽ ئي چهرو ٻئي طرف ڪري بيٺل رهي. جڏهن خديجه کي احساس ٿيو ته عابد علي ڪمري ۾ هليو ويو آهي، تڏهن هوءَ ڪنڌ جهڪائي خاموشيءَ سان اچي سوميءَ جي ڀرسان ويهي رهي.
    ”ڇو.... ڇا ڳالهه آ....“ سوميءَ مرڪي خديجه جي چهري ۾ ڏسندي چيو، ”مڙس کي ڏسي منهن ڦيرائي ڇڏيئي!“
    ”جي.... هو.... بس.... ائين ئي!“ خديجه منجهي پئي، وڌيڪ پريشان ٿي وئي.
    ”پر مان ته سمجهي ويس!“ سوميءَ جي مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي.
    خديجه ڇرڪي پئي، ”ڇا....! ڇا سمجهي وئينءَ!؟“
    ”اهو ئي.... ته اڄڪلهه ناراض آهيو هڪ ٻئي کان!“ سوميءَ مرڪي چيو.
    ”هون....“ خديجه ٿڌو ساهه کنيو، ”ها....!“
    ”اها ناراضگي به پيار جي نشاني آهي.“ سوميءَ هلڪو ٽهڪ ڏئي چيو، ”مان وڃان ٿي، متان هو توکي پرچائڻ لاءِ اچي ڀاڪر وجهي!“
    خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو. هن پنهنجي اندر ۾ درد جي لهر محسوس ڪئي.
    سوميءَ کٽ تان اٿي، کٽ تي پيل پنهنجو برقعو کنيو ۽ ذومعنيٰ انداز سان مرڪندي چيائين، ”زال مڙس جو رشتو به عجيب آهي.... ڏينهن جو وڙهندا آهن ۽ رات جو وري ٺهي ويندا آهن....!“
    سوميءَ برقعو پائي، خديجه سان موڪلاڻيءَ جو ڀاڪر پاتو، ”چڱو مان هلان ٿي، پر هاڻي ڏينهن ٻن ۾ تون ضرور اچجانءِ.“
    خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، جو هن ڪوڙ ڳالهائڻ جو گناهه نه پئي ڪرڻ چاهيو ۽ نه ئي پاڙي جي عورت کي اهو ٻڌائي پئي سگهي ته ٻن ڏينهن کانپوءِ هوءَ هن گهر ۾ ته ڇا، پر هن شهر ۾ به نه هوندي. سومي هلي وئي ته خديجه آسمان طرف ڏٺو. آسمان تي ڪڪر مڙي آيا هئا ۽ خديجه پنهنجي دل اندر غم جي گهٽائن کي گڏ ٿيندي محسوس ڪيو.


    24

    ٻاهر بادل برسي رهيا هئا ۽ خديجه جي دل اندر غم جي بارش ٿي رهي هئي. ٻاهر پَٽ پِسي رهيا هئا ۽ خديجه جون اکيون ڀنل هيون. رات جو هڪ ٿي ويو هو، پر ننڊ جو پکي سندس اکين جي آکيري ۾ نٿي آيو، ڄڻ ننڊ جو پکي پنهنجو آکيرو ئي ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو هو. هوءَ جاڳندي رهي، ايندڙ وقت لاءِ سوچيندي ئي رهي.... بيڊ تي ويٺي ويٺي سندس چيلهه ۾ سور پئجي ويو هو، پر تڏهن به هوءَ مٿي تي هٿ رکي ويٺي ئي رهي. اوچتو ڪمري جو در کڙڪيو ته هوءَ ڇرڪي پئي.
    ”جاڳو ٿيون نه توهان؟“ ٻاهران عابد عليءَ جو آواز آيو.
    ”ها.“ خديجه مختصر جواب ڏنو.
    ”مان اندر اچان؟“ ٻاهران عابد عليءَ جو آواز آيو.
    ”جي!“ خديجه وري به هڪڙي ئي لفظ جو جواب ڏنو، ۽ ڳچيءَ ۾ پيل رئو مٿي تي رکي، چهرو به ڍڪي ڇڏيائين.
    ”مون کي پڪ هئي ته اڄ توهان کي اڃا ته ننڊ نه آئي هوندي!“
    عابد عليءَ ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو ۽ ڪجهه فاصلي تي پيل ڪرسيءَ تي وڃي ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيو.
    ”توهان کي ڇو نٿي ننڊ اچي!؟“ خديجه، عابد عليءَ طرف ڏسڻ کان سواءِ پڇيو.
    عابد عليءَ ڪا دير خاموش رهيو ۽ پوءِ ڊگهو ساهه کڻي چيائين،
    ”نٿي اچي مون کي به ننڊ.... ائين، جيئن مسافر سڄي رات پليٽ فارم تي انتظار ڪندا رهن ۽ اچڻ واري ٽرين ئي ڪينسل ٿي وڃي!“
    خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، پر هڪ بيحد ڊگهو ساهه کنيائين.
    عابد علي ڪجهه دير چپ چاپ ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو ۽ پوءِ ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ڏک مان چيائين، ”مان سمجهان ٿو.... اڄ.... ڏاڍو اداس هوندئو توهان!“
    خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو.
    عابد عليءَ جو جهڪيل ڪنڌ ٿورو وڌيڪ جهڪي ويو. پنهنجي ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي ۾ جڪڙي ڇڏيائين ۽ پاڻ تي جبر ڪري چيائين، ”سڀاڻي توهان کي هن گهر مان وڃڻو آهي پر....“ لفظن سندس ساٿ نه ڏنو ته هو چپ ٿي ويو، پر ڳوڙهن سندس ساٿ ڏنو ۽ سندس اکيون آليون ٿي ويون.
    خديجه وري به خاموش رهي، پر سندس من جي بن تي گهنگهور گهٽائون گجگوڙ ڪرڻ لڳيون.
    عابد عليءَ پنهنجا هٿ مهٽيندي ٿڌو ساهه کنيو. ڳيت ڏئي چيائين،
    ”رخصتي پيءُ ماءُ جي گهر مان ٿيندي آهي ته انهيءَ ۾.... خوشي شامل هوندي آهي.... تڏهن به ڇوڪري اداس هوندي آهي.... پر.... توهان جي رخصتي ته ڏاڍي مختلف آهي.... سانحو آهي اها ته....!“
    خديجه پنهنجي جسم ۾ رت بجاءِ درد کي ڊوڙندي محسوس ڪيو. زور سان اکيون بند ڪري، چپ ڀيڪوڙي ڇڏيائين ۽ اندر مان اٿندڙ درد جي لهر کي اندر ۾ ئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر پوءِ به سندس بند اکين مان ٻه لڙڪ ٻاهر نڪري آيا.
    ”پر....“ عابد عليءَ پنهنجي وجود کي ريل جي ڦيٿن هيٺان ڪٽجندي محسوس ڪيو، پر تڏهن به جبر ڪري چيائين، ”عبدالرحيم ڏاڍو سٺو انسان آهي.... هو.... هو توهان کي خوش رکڻ جي پوري ڪوشش ڪندو.“
    عابد عليءَ جي لفظن سان خديجه جي اکين جا بند ڀڳا ته، خديجه جو چهرو ٻوڏ آيل سنڌ جيان پاڻي پاڻي ٿي ويو.
    ”عبدالرحيم ريلوي ۾ ڪنڊيڪٽر گارڊ آهي.“ عابد عليءَ پاڻ تي جبر ڪري وري ڳالهايو، ”ان ڪري.... پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ريل ۾ روانو ٿيندو آهي ته، گهر ۾ سندس ٻه معصوم ٻارڙا اڪيلا هوندا آهن!“
    خديجه جي اکين مان سندس لڙڪ ته سنڌوءَ جيان رستو ٺاهي، سندس چهري تان وهندا رهيا، پر هن پنهنجي چپن جا بند ٽٽڻ نه ڏنا ۽ هڪ سڏڪي کي نڙي اندر ئي گُهٽي روڪي ورتو.
    عابد عليءَ جي اکين مان ٻه لڙڪ نڪتا ۽ سندس ننڍڙي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اٽڪي پيا. روئڻهارڪي آواز سان چيائين، ”زال جي وفات کانپوءِ.... هن کي به.... توهان جهڙي ئي.... ڪنهن نيڪ عورت جي ضرورت هئي، جيڪا سندس معصوم ٻارن کي ماءُ بڻجي پالي سگهي!“
    اوچتو ٻاهر برسندڙ بادلن زور سان گجگوڙ ڪئي ته ان وقت خديجه جي چپن جو بند به ٽٽي پيو ۽ هڪ وڏو سڏڪو بادلن جي گجگوڙ سان گڏ گونجي پيو. جيسين عابد علي آٿت جا ڪي لفظ سوچي، تيسين خديجه جي نه کٽندڙ سڏڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو. خديجه جا درد ڀريا سڏڪا ٻڌڻ عابد عليءَ لاءِ ممڪن نه رهيو ۽ هو چاهيندي به خديجه کي ڪا آٿت ڏئي نه سگهيو، جو اهڙي موقعي لاءِ آٿت جهڙا ڪي لفظ ته وٽس هيا به ڪونه. هو جهڪيل ڪنڌ سان ئي اٿيو ۽ ٻاهرين در طرف هليو ويو.
    ٻاهر ڪڪرن مان بارش ٿي رهي هئي ۽ ڪمري اندر اکڙين منجهان.


    25

    ڪمري ۾ مولوي صاحب ۽ عابد عليءَ کان سواءِ فقط نڪاح جا چار گواهه موجود هئا.
    ”توکي خديجه بنت الله بخش زال قبول آهي؟“ مولوي صاحب عبدالرحيم کان پڇيو، ته عابد عليءَ کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”قبول آهي.“ عبدالرحيم وراڻيو، ته عابد عليءَ جي دل اندر ڌماڪو ٿيو.
    ”توکي خديجه بنت الله بخش زال قبول آهي؟“ مولوي صاحب ٻيهر پڇيو.
    ”قبول آهي.“ عبدالرحيم جي جواب سان عابد عليءَ جي دماغ ۾ ڌماڪو ٿيو.
    ”توکي خديجه بنت الله بخش زال قبول آهي؟“ مولوي صاحب قانون موجب ٽيهر پڇيو ته عابد عليءَ جي دل چاهيو، جيڪر عبدالرحيم انڪار ڪري ڇڏي ۽ خديجه نه ڪنهن ٻئي جي ٿي سگهي ۽ نه ئي هن گهر مان هلي وڃي.
    ”قبول آهي.“ عبدالرحيم جي ٽيهر اقرار سان عابد عليءَ جي اندر ۾ ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو. سندس سڄي دنيا تاراج ٿي وئي ۽ هن پنهنجي دل ۾ درد کي پاسا ورائندي محسوس ڪيو.
    مولوي صاحب، عبدالرحيم جو خديجه سان نڪاح پڙهائڻ شروع ڪيو ته عابد علي جي دل جي دنيا ۾ زلزلو اچي ويو. کيس لڳو، ڄڻ سندس وجود وکري رهيو هجي، اندر ئي اندر ٽڪرا ٿي رهيو هجي. پنهنجي وجود ۾ باهه ڀڙڪندي محسوس ڪيائين ۽ سڄو جسم پگهرجي ويس. هن پنهنجي ئي گهر جي ڪمري مان اٿي وڃڻ چاهيو، پر نڪاح خاطر پڙهجندڙ قرآني آيت سبب ائين نه ڪري سگهيو، جو الله جو ڪلام ٻڌڻ ڇڏي اٿي وڃڻ جو گناهه هن نٿي ڪرڻ چاهيو. هو خاموشيءَ ۽ احترام سان ويٺو رهيو، پر سندس دل مان سور جي هڪ شديد سٽ اڀري ته هن ڊگهو ساهه کڻي پنهنجي دل مٿان هٿ رکي ڇڏيو. سندس ڪياڙيءَ مان پگهر لڙڪن جيان لار ڪري وهي پيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته نڪاح خاطر پڙهجندڙ آيت پوري ٿيڻ کان پهرين ئي سندس دل ٽٽي پوندي ۽ هو مري ويندو. کيس يقين ٿي ويو ته خديجه جو ٻيو مڙس عبدالرحيم اڳ ۾ سندس جنازي کي ڪلهو ڏيندو ۽ پوءِ خديجه کي پاڻ سان وٺي ويندو. انهن سوچن ۾ هن کان اهو به وسري ويو ته ڪمري اندر قرآن پاڪ جي تلاوت ٿي رهي آهي ۽ سندس ڌيان هٽي ويو آهي. اوچتو کيس احساس ٿيو ته مولوي صاحب نڪاح پڙهائي پورو ڪري چڪو آهي ۽ مولوي صاحب سميت نڪاح جي گواهن دعا لاءِ هٿ کنيا آهن. هن پنهنجي دل مٿان رکيل هٿ کنيو ۽ پنهنجا ٻئي ڏڪندڙ هٿ دعا لاءِ کنيائين ته سندس اکين مان ٻه لڙڪ ٽمي اچي سندس هٿن ۾ پيا. پنهنجي هٿن ۾ پيل لڙڪن کي ڏسندو هو خديجه جي خوشين لاءِ دعا گهرندو رهيو.
    مولوي صاحب دعا پوري ڪري عبدالرحيم کي شاديءَ جي مبارڪ ڏني ته عابد عليءَ جي وجود اندر ايٽم بم جو ٻيو زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ سندس دل جي دنيا هيروشيما بڻجي وئي. مولوي صاحب کان پوءِ ڪمري ۾ موجوده نڪاح جي چئني گواهن گهوٽ کي واري واري سان مبارڪ ڏني. عابد علي، خديجه جي نئين گهوٽ کي مبارڪ ته نه ڏئي سگهيو، پر هن پنهنجو جهڪيل ڪنڌ کڻي فقط گهوٽ طرف ڏٺو. گهوٽ جو چهرو خوشيءَ مان ٻهڪي رهيو هو، سندس چپن تي مرڪ هئي ۽ هو هڪ دوست جي هٿ ۾ جهليل پليٽ مان مٺائي کڻي رهيو هو. عابد عليءَ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ مان چپ ڀيڪوڙي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ٻئي لمحي هن پنهنجي جهڪيل چهري هيٺان مٺائيءَ جي پليٽ ڏٺي ۽ مٺائي کارائيندڙ ساڳئي شخص جو آواز سندس ڪنن تي پيو، ”وات مٺو ڪيو!“ پر عابد عليءَ جو سڄو وجود زهر سان ڀرجي ويو. جهڪيل چهري سان ئي هن جي اکين مان ٻه لڙڪ ٽمي وڃي مٺائيءَ مٿان ڪريا. کيس لڳو، هو ڦاٽي پوندو ۽ سندس جسم جا ٽڪرا ۽ رت ڪمري جي ديوارن ۽ ڇت کي وڃي لڳندو. هو اوچتو اٿيو ۽ تيزي سان ڪمري جي در طرف وڌيو، پر ڪمري جي در تائين پهچڻ کان اڳ ئي سندس اندر ڦاٽي پيو ۽ هو هڪ دردناڪ سڏڪي سان گڏ در کان ٻاهر نڪري ويو.


    26

    خديجه رني ته رات کان وٺي هئي. ننڊ ڪنهن ڪونج پکيءَ جيان سندس اکين کان وڇڙي وئي هئي، ته سڄي رات سندس اکين ڳوڙن سان گڏ گذاريو هو، جنهن ڪري اهي گلابي ٿي سڄي به پيون هيون. جنهن وقت عبدالرحيم سان سندس نڪاح جا گواهه وٽس آيا هئا، ان مهل کان جو هن سڏڪا ڀرڻ شروع ڪيا هئا ته اهي اڃا تائين بند نه ٿيا هئا. هوءَ بيڊ جي هڪ ڪنڊ تي ويٺل هئي ۽ سندس پاسي کان هڪ سوٽ ڪيس رکيل هو. سوٽ ڪيس ۾ سندس ڪپڙا ۽ چوڙيون ته موجود هيون، پر ان سوٽ ڪيس ۾ سندس دل موجود ڪونه هئي. سندس دل ته هن ئي گهر جي هر ڪنڊ ۾ پيل هئي. ڪچن جي الماڙيءَ کان وٺي بيڊ جي وهاڻي هيٺان، هر هنڌ سندس دل رکيل هئي. هن کي لڳو، ته هن گهر مان ويندي ويندي سندس دل، در جي چائنٺ تي ئي رهجي ويندي....
    هي گهر ته خديجه ڇڏڻ ئي نٿي چاهيو. هي گهر، جنهن جي هوءَ ستن سالن تائين مالڪياڻي هئي، پر عدت وارا چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن هوءَ ساڳئي ئي گهر ۾ مهمان بڻجي رهي هئي. ساڳئي ئي گهر ۾ مالڪياڻيءَ مان مهمان بڻجي رهڻ جو درد هن هر ڏينهن جي هر پل ۾ محسوس ڪيو هو، تڏهن به هن گهر جي هر ڪنڊ ۾ سندس دل رکيل هئي ۽ هي گهر سندس دل ۾ پيل هو.... ۽ هاڻي، اڄوڪي ڏينهن جو هر گذرندڙ پل سندس دل کي ڏنڀ ڏئي رهيو هو. ننڍا ننڍا سڏڪا ڀريندي سندس اکين مان ته پاڻي ٿي ٽميو، پر عابد عليءَ جي اڪيلاين واري حالت تي سوچيندي سندس دل رت پئي رني. عابد علي، جيڪو سندس هٿ جي مانيءَ تي ايترو هريل هو، جو اڪثر دعوتن مان به رسمي طور تي ٻه گرهه کائي، گهر موٽي اچي سندس هٿ جي ماني کائيندو هو. سوچيائين، ”مون کانپوءِ ڪير خيال رکندو عابد عليءَ جو.... ڪنهن جي هٿ جي ماني کائيندو.... آفيس کان ٿڪجي موٽندو ته ڪير سندس مٿي کي زور ڏيندو.... ڪنهن سان ڳالهائيندو اڪيلاين ۽ اداسين ۾.... ڇا هو رات جو ٿڪل ٽٽل ڊيوٽيءَ تان موٽندو ۽ بک تي سمهي پوندو.... ننڊ نه ايندس، ته پنهنجي طلاق ڏيڻ واري غلطيءَ تي سوچي روئي پوندو....!“ عابد عليءَ جي اهڙي حالت جو تصور ڪري خديجه جي وجود ۾ وڍ پوڻ لڳا. اوچتو سندس دل ۾ خيال آيو ته عابد عليءَ کان طلاق ٿيڻ جي باوجود، هوءَ عدت وارن ڏينهن جيان جيڪر سدائين هن ئي گهر ۾ رهي. عدت وارن ڏينهن جيان ئي ڌار ڪمري ۾ رهي ۽ عابد عليءَ کان پردو به ڪري، پر سدائين سندس خدمت ڪري، جيئن عابد عليءَ کي ڪا تڪليف نه ٿئي، ڪڏهن هو بک تي نه سمهي پئي، پر.... هاڻي ته وقت سندس هٿن مان واريءَ جيان وهي ويو هو....
    عابد عليءَ جي ايندڙ وقت جي اڪيلاين ۽ تڪليفن تي سوچيندي سندس ساهه منجهڻ لڳو. بيشڪ عابد عليءَ کيس طلاق ڏيڻ جي غلطي ڪري وڌي هئي، جنهن جي هو نڄاڻ ڪيترا دفعا روئي ۽ هٿ جوڙي کائنس معافي گهرندو رهيو هو، پر گڏ گهاريل ستن سالن ۾ عابد عليءَ کيس ايترو پيار ڏنو هو، جو جڏهن به هوءَ طلاق ۽ پيار جو حساب ڪندي هئي، ته وري به پاڻ کي ئي عابد عليءَ جي پيار جي قرضي محسوس ڪندي هئي. اهو عابد عليءَ جو پيار ئي هيو، جو طلاق جي باوجود اڄ به هن گهر جي هر ڪنڊ ۾ سندس دل رکيل هئي. عابد عليءَ جي مسلسل سوچ سندس دل کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وئي، ته سندس دماغ جون رڳون ڦاٽن لڳيون. هن سڏڪن هاڻا ساڻا ساڻا ساهه کڻندي، ويٺي ويٺي ئي پنهنجو مٿو بيڊ جي هيڊ بورڊ تي رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪا مهل گذري وئي. اوچتو در کڙڪيو ته هوءَ ڇرڪي پئي. سندس ساهه سڪي ويو. کيس لڳو، هي گهر ڇڏڻ جو موت جهڙو لمحو سندس مٿان لامارو ڏئي رهيو آهي.
    ”مان آهيان....“ در ٻاهران عابد عليءَ جو جيءَ کي جهير ڏيندڙ ڏکارو آواز آيو، ”مان.... فقط هڪڙي منٽ لاءِ اندر اچڻ ٿو چاهيان!“
    خديجه پوتيءَ جي پلئه کي ڇڪي پنهنجو چهرو ڍڪيو ۽ سڌي ٿي ويهي رهي، ”جي....!“
    در کليو ۽ عابد علي جهڪيل ڪنڌ سان ڪمري ۾ داخل ٿيو. هو بيڊ تي ويٺل خديجه جي ڀرسان آيو ۽ هڪ جيولري باڪس خديجه جي ڀرسان بيڊ تي رکندي چيائين، ”هي توهان ڇو ناهي کنيو!؟“
    ”مون کي انهيءَ جي ضرورت ناهي!“ خديجه ويٺي ويٺي ئي وراڻيو، سندس ڪنڌ به جهڪيل ئي هيو.
    ”ڇو ناهي ضرورت!“ عابد عليءَ پنهنجو چهرو ٿورو ٻئي پاسي ڪري ڳالهايو، ”زيور ته هر عورت جي ضرورت هوندو آ.“
    ”پر.... اهي زيور.... مون پنهنجي ڏاج ۾ ته نه آندا هيا!“ خديجه جي جهڪيل نظرن جي سامهون عابد عليءَ جا پير هئا، ”توهان ئي ٺهرائي ڏنا هيا اهي زيور!“
    ”توهان جي لاءِ ئي ٺهرايا هئم، کڻي وڃو پاڻ سان!“ عابد عليءَ بيحد ڏکاري ۽ منٿ واري لهجي سان چيو.
    خديجه خاموش رهي، جيئن جو تيئن ويٺي رهي.
    عابد عليءَ جون ڀنل اکيون ڀرجي آيون. ڳيت ڏئي چيائين، ”منهنجي طرفان.... آخري تحفو سمجهي قبول ڪري وٺو!“
    عابد عليءَ سان آخري گڏجاڻيءَ واري آخري ملاقات ۾، خديجه جي هيٺ جهڪيل نظرن جي سامهون، ٻن پٽين واري اسپنج جي چپل مان عابد عليءَ جا پير نظر اچي رهيا هئا. خديجه جي اندر ڄڻ ڪنهن آخري خواهش جنم ورتو. هن پنهنجي چهري تان پوتيءَ جي پلئه کي ٿورو پاسي تي ڪيو ۽ ڪنهن پکيءَ جي جهڙپ جيان، هن اوچتو بيڊ تان لهي عابد عليءَ جي پيرن کي چمي ورتو. عابد عليءَ ڇرڪي پنهنجي پيرن طرف ڏٺو ۽ هڪدم پوئتي هٽي ويو. خديجه ذري گهٽ فرش تائين جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ئي، پنهنجي چپن کان پري ٿي ويل عابد عليءَ جي پيرن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ رئي جي پلئه کي ڇڪي، پنهنجو چهرو ڍڪي، فرش تي ئي سڌي ٿي ويهي رهي. عابد عليءَ جون اکيون وسي پيون. ڪي پل هو فرش تي ڪنڌ جهڪائي ويٺل خديجه ڏانهن بيحد ڏک، حيرت ۽ پيار سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي دل ۾ خديجه لاءِ پيدا ٿيندڙ نئين پيار کي گُهٽيندي چيائين، ”ويندي ويندي مون کي وڌيڪ گناهگار ته نه ڪيو!“
    خديجه جهڪيل ڪنڌ سان فرش تي ئي ويٺي رهي. پاڻ تي جبر ڪرڻ جي باجود هڪ سڏڪو سندس بند چپن مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ سندس اکيون سانوڻيءَ جون سهيليون ٿي ويون.
    عابد علي پنهنجي دل خديجه جي پيرن وٽ ڇڏي، دل جي جاءِ تي پٿر رکي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
    فرش تي ويٺل خديجه جي اکين اڳيان ڏينهن ڏٺي جو رات جهڙي اونداهي ڇانئجي وئي.


    27

    ريلوي پليٽ فارم تي عابد عليءَ جي اندر جهڙي اونداهي ۽ ويراني ڇانيل هئي. پليٽ فارم جا ڏاڪا چڙهندڙ عابد عليءَ جي هٿ ۾، خديجه جو سامان سان ڀريل سوٽ ڪيس هو. عابد علي جي پويان خديجه جو ٻيو مڙس عبدالرحيم هيو، جنهن خديجه جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جڪڙي ورتو هو. هو ٽئي اڃا پليٽ فارم تي پهتا ئي نه هيا ته پري کان ايندڙ ٽرين جي هارون جي آواز رات جي خاموشيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو. عابد عليءَ سوٽ ڪيس پليٽ فارم تي رکيو ته نئون گهوٽ عبدالرحيم خديجه جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي، عابد عليءَ جي ڀرسان اچي بيهي رهيو. عابد عليءَ ڪنڌ جهڪائي عبدالرحيم جي هٿ ڏانهن ڏٺو، جنهن ۾ خديجه جو سهڻو هٿ جڪڙيل هو. عابد علي پنهنجي بيحد پياري اڳوڻي زال جو هٿ، سندس ٻئي مڙس جي هٿ ۾ هڪ پل کان وڌيڪ ڏسي نه سگهيو ۽ درد مان حسرت جو هڪ ڊگهو ساهه کڻي، منهن ڦيري ريل جي پٽڙين ڏانهن ڏٺائين. پٽڙين جي آواز سان گڏ، پريان کان ايندڙ ٽرين جي انجڻ جي لائيٽ به نظر اچي رهي هئي ۽ پليٽ فارم جي هڪ ڪنڊ وٽ بيٺل عابد عليءَ جو اسسٽنٽ عبدالله بيماريءَ واري حالت سان پنهنجي هٿ ۾ جهليل ريڊ ليمپ لوڏي رهيو هو.
    عابد عليءَ ڪجهه چوڻ لاءِ منهن ڦيرئي عبدالرحيم ڏانهن ڏٺو. پري کان ايندر ٽرين جي هلڪي روشنيءَ ۾ به عابد عليءَ کي خديجه جي نئين گهوٽ عبدالرحيم جو مرڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ چهرو نظر اچي ويو، ته عابد عليءَ کان اها ڳالهه ئي وسري وئي جيڪا هن کيس چوڻ چاهي ٿي. عابد عليءَ پنهنجي اندر ۾ ساهه سڪائيندڙ حسرت سان گڏ شديد رقابت محسوس ڪئي ۽ ڪنڌ ڦيرaئي سامهون ايندڙ ٽرين ڏانهن ڏٺائين، جيڪا هاڻي ڪافي ويجهو پهچي چڪي هئي. ٽرين کي ويجهو ايندي ڏسي، هن هڪدم ڪنڌ ورائي پنهنجي اندر ۾ موجود ڳالهه خديجه جي نئين گهوٽ کي چوڻ چاهي، پر ان کان اڳ ٽرين جو بيحد وڏي آواز سان هارون وڳو ته عابد عليءَ جي ڳالهه سندس چپن ۾ ئي اٽڪي پئي ۽ ٽرين ٺڙڪ ٺڙڪ جا آواز ڪندي اچي پليٽ فارم تي پهتي. پٽڙيءَ تي ريل جي آهستي هلندڙ ڦيٿن ۽ بريڪ جي آواز سبب هو خاموش بيٺو رهيو. جيئن ئي ٽرين پليٽ فارم تي بيٺي ۽ آواز بند ٿيا ته عابد عليءَ وقت کي پنهنجي هٿن مان ويندي ڏسي، هڪدم پنهنجا هٿ جوڙي، خديجه جي نئين مڙس طرف ڏٺو ۽ روئڻهارڪي آواز سان چيائين، ”مهرباني ڪري خديجه جو خيال رکجو.... کيس ڪا تڪليف نه ڏجو!“ عابد عليءَ جون اکيون ته آليون هيون، پر هن پنهنجي اندر مان اٿندڙ سڏڪي کي نڙي وٽ ئي روڪي ورتو ۽ اهو روڪيل سڏڪو ڪنڊي جيان سندس ڪاڪڙي ۾ چڀڻ لڳو.
    عابد عليءَ جي چيل ڳالهه ٻڌي ۽ سندس حالت ڏسي، برقعي اندر گونگا ڳوڙها ڳاڙيندڙ خديجه جي چپن مان دٻيل سڏڪو نڪتو ۽ سندس اندر اڌ ٿي پيو.
    خديجه جي نئين مڙس عبدالرحيم، خديجه جي اڳوڻي مڙس عابد عليءَ جي جوڙيل هٿن کي پنهنجي هٿن جي وچ ۾ جهلي، سندس هٿن کي آٿت ڏيڻ وارو زور ڏنو ۽ مرڪي پيو.
    اها ٽرين فقط ٻه منٽ انهيءَ ننڍڙي اسٽيشن تي بيهندي هئي ۽ عابد عليءَ پنهنجي ذاتي سبب جي ڪري ٽرين کي اڌ منٽ به وڌيڪ روڪرائڻ نٿي چاهيو، ان ڪري هن پنهنجا جوڙيل هٿ هڪدم عبدالرحيم جي هٿن مان ڪڍي ورتا ۽ هيٺ پيل سوٽ ڪيس ڏانهن نظر ڪري، سوٽ ڪيس کڻڻ لاءِ هٿن وڌائڻ وارو هو، ته ڪنهن بم جي ڌماڪي جيان اوچتو زينب جي سلام ڪرڻ جو آواز سندس ڪنن سان ٽڪرايو. هن سوٽ ڪيس کڻڻ بجاءِ نظر کڻي ڏٺو ته زينب سندس سامهون بيٺي هئي! مرڪندڙ زينب جي ڀرسان هڪ سهڻو نوجوان به بيٺل هو. زينب تڪڙ تڪڙ ۾ چيو، ”اسان هن ئي ٽرين ۾ سوار آهيون. توهان تي نظر پئي ته لهي آياسين!“ ۽ پوءِ زينب ساڳئي تڪڙ سان، پنهنجي پاسي ۾ بيٺل نوجوان جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، ”هي آهي سلمان.... منهنجو مڙس!“
    عابد عليءَ جي مٿان حيرتن جو پهاڙ ڪري پيو. سندس اکيون ڦاٽي ويون.
    پنهنجي نئين مڙس جي ڀرسان بيٺل، برقعي ۾ ويڙهيل خديجه ڏانهن ته زينب جو ڌيان ئي نه ويو، پر برقعي ۾ اندر ئي اندر طوفان سان گڏ زلزلو به اچي ويو.
    زينب، حيرتن جي پهاڙ هيٺان دٻيل عابد عليءَ جو هٿ جهلي ورتو ۽ معافي واري انداز سان چيائين، ”مون کي ڏاڍو افسوس آهي ته منهنجي ڪري پيدا ٿيل غلط فهميءَ سبب، توهان ۽ ڀاڀيءَ جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي هئي!“
    عابد علي حيرتن جي پهاڙ هيٺان ئي دٻيل رهيو، جنهن ڪري هو نامحرم عورت زينب جي هٿ مان پنهنجو هٿ به نه ڇڏائي سگهيو. رات جي سانت ۾ ننڍڙي ۽ ويران ريلوي اسٽيشن تي ٽرين جي هارون جو ڦاڙيندڙ آواز گونجيو، ته زينب پاڻ ئي عابد عليءَ جو هٿ ڇڏي سلمان جو هٿ جهلي ورتو ۽ سلمان سان تڪڙي تڪڙي ٽرين طرف هلي وئي.
    ٽرين جو زوردار هارون ٻيهر وڳو ته عابد علي ڇرڪي پيو. هن تڪڙ ۾ هيٺ پيل سوٽ ڪيس کنيو، ته خديجه جو نئون مڙس، خديجه جو هٿ پڪڙي ٽرين طرف وڌيو. عابد علي، خديجه جي سامان وارو سوٽ ڪيس کڻي، خديجه ۽ سندس نئين گهوٽ جي پٺيان هلندو ٽرين طرف وڌيو.
    عبدالرحيم اڳ ۾ پاڻ ٽرين ۾ چڙهي، خديجه کي هٿ ڏئي ٽرين ۾ سوار ڪرايو. عابد عليءَ پليٽ فارم تي بيٺي بيٺي ئي، سوٽ ڪيس کي مٿي کڻي ٽرين ۾ در وٽ رکيو ۽ ٽرين جي در وٽ ان جاءِ تي پنهنجو هٿ رکي ڇڏيائين، جتي پير رکي خديجه ٽرين ۾ سوار ٿي هئي. عبدالرحيم سوٽ ڪيس کڻي، خديجه سان گڏ بوگيءَ ۾ اندر هليو ويو ۽ عابد عليءَ کان ساهه کڻڻ ئي وسري ويو. پليٽ فارم تي بيٺل عابد عليءَ جو هٿ بوگيءَ جي فرش تي، خديجه جي پير رکڻ واري جاءِ تي ان وقت تائين پيل رهيو، جيسين ٽرين هلڻ شروع ڪيو. ٽرين هلي ته عابد علي بي اختيار ٿي، ٽرين سان گڏ ڊوڙي، بوگيءَ جي درين ڏانهن نظر ڪري خديجه کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خديجه ڪنهن به دريءَ ۾ کيس نظر نه آئي ۽ پوءِ اها بوگي تيزيءَ سان اڳتي هلي وئي. هو بي وسيءَ مان پليٽ فارم تي بيهي رهيو. ٽرين پليٽ فارم ڇڏي تيزيءَ سان پري ٿيندي وئي، پر هو بي وسيءَ مان ڏکويل نظرن سان ان وقت تائين ٽرين ڏانهن ڏسندو رهيو، جيسين دور ٿيندڙ ٽرين جي درين جون اهي روشنيون گهڻو دور وڃي رات جي اونداهين ۾ گم ٿي ويون ته سندس اکيون جلڻ لڳيون ۽ کيس لڳو، ته اها ٽرين سندس زندگيءَ جون سموريون روشينون پاڻ سان کڻي کيس اونداهين ۾ اڪيلو ڇڏي وئي آهي. هن جلندڙ اکين ۽ جلندڙ دل سان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    بڙ جي وڏن وڻن واري ريلوي پليٽ فارم تي پراڻي زماني جا فقط ٻه ليمپ ٻري رهيا هئا، جن جي جهيڻي ۽ هيڊي روشنيءَ، پليٽ فارم جي اونداهيءَ کي ختم ڪرڻ بجاءِ، ان کي پراسرار بڻائي ڇڏيو هو. بيحد ڊگهي پليٽ فارم جي وچ تي ڪيتري دير کان اڪيلائيءَ واري حالت ۾ ڪنڌ جهڪائي، خاموش ۽ گم سم بيٺل عابد عليءَ مايوسيءَ مان ڪنڌ کڻي، پليٽ فارم جي ٻنهي پاسن ڏانهن ڏٺو، ته پليٽ فارم جي ويرانيءَ سندس اندر جي اڪيلائيءَ کي ويتر وڌائي ڇڏيو. اڪيلائيءَ جي شديد احساس سان، هن بيحد ڪرب مان پنهنجي خالي هٿن کي مهٽيو ۽ بيٺي بيٺي ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان ڍنڍڪرون ڀري روئي پيو. کيس ائين لڳو، ڄڻ هو اهڙو ننڍڙو ٻار هجي، جيڪو ڪنهن ڏورانهين، ويران ۽ اوپري ريلوي اسٽيشن تي ماءُ کان وڇڙي رهجي ويو هجي ۽ ٽرين هلي وئي هجي.
     


    زيب سنڌي جا ڇپيل ڪتاب

    1. گهُٽيل خواهشون (ڪهاڻيون) 1977ع
    2. زندگي درد جي ٻانهنِ ۾ (ڪهاڻيون) 1981ع
    3. موهن جي دڙي جو خزانو (ترجمو) 1982ع
    4. اسان زنده رهنداسين (ترجمو) 1983ع
    5. پٿر دل (ترتيب) 1983ع
    6. ڌرتي ماءُ (ترجمو) 1984ع
    7. فلسطيني ڪهاڻيون (ترتيب) 1985ع
    8. ڪنوار جي سيج (ترجمو) 1991ع
    9. خليل جبران جي جيون ڪٿا (ترجمو) 1992ع
    10. جنم (ترتيب: تاج جويي سان گڏ) 1992ع
    11. ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر (ڪهاڻيون) 2001ع
    12. ڪيفي قليچ (انٽرويوز) 2009ع
    13. حيدرآباد 47 ڪلوميٽر (ڪهاڻيون) 2010ع
    14. سيتا زينب (ناول) 2011ع


    زيب سنڌي جا ايندڙ ڪتاب

    1. ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون
    2. دل جي ڳالهه (ڪالم)
    3. آوارا بادل ۽ زيب (شاعري)


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 690
    ڪتابن جو مشاهدو: 916848
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 310756
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ