ڪتاب جو نالو: جپسي
مصنف: زيب سنڌي
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 01 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 588 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 209 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جپسي : يورپ جا خانه بدوش سنڌي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب يورپ ۾ رهندڙ جپسين بابت مختلف ليکڪن جي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • Roshni Book No. 718
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • جپسي : يورپ جا خانه بدوش سنڌي
  • لاڏائو لڏي ويا

  • جپسي سنگيت ۽ لوڪ گيتن جو سنڌي بنياد
  • سنڌي موسيقارن جي هجرت ۽ جپسين جو سنڌي نسل
  • وڻجارا (جپسي ): سنڌين جا وڇڙيل ڀائر
  • سنڌي ۽ جپسي ٻولين جون هڪ جهڙايون
  • جپسي سنڌي
  • ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءِ سنڌ سان آهي؟
  • جپسي
  • در در جا مسافر
  • يورپ ۾ رهندڙ جپسي ڪير آهن؟
  • جپسي- I
  • جپسي- II
  • جپسي / لاڏائو
  • جپسين جو پيڇو
  • يورپ ۾ ڀٽڪندڙ سنڌي: جپسي
  • جپسي سنڌي آهن ...
  • رومانيا جي جپسين جا سنڌين وارا شوق
  • جپسي
  • پير اڃا مون پنڌ ۾

  • سِنٽي Sinti يا سنڌي (يورپي) جپسي
  • سرحدن کي بي معنيٰ بڻائيندڙ ماڻهو !
  • جپسي : سنتي، سيگاني يا روماني سنڌي
  • غارُن ۾ رهندڙ جپسي
  • حياتيءَ جي حفاظت لاءِ رُلندڙ جپسي !
  • لاڏائن جا لفظ ۽ رنگ

  • جپسي شاعره: پاپوزا
  • پاڻ کي سنڌياڻي سڏائيندڙ جپسي مصوره: ڪترزينا پولوڪ
  • جپسي ليکڪا ۽ صحافي: راڪسي فريمين
  • زيب سنڌي جا مارڪيٽ ۾ موجود ڪتاب
  • زيب سنڌي جا ايندڙ ڪتاب

  • Roshni Book No. 718

    ڪتاب جو نالو: جپسي: يورپ جا خانه بدوش سنڌي
    سهيڙيندڙ: زيب سنڌي
    ڇاپو پهريون: روشني 2015ع
    ڪمپوزنگ: رفيق حسين ڪولاچي
    روشني ڪپوزرس، حيدرآباد.
    ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
    ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ
    قيمت: -/250 رپيا



    JYPSY:
    EUROPE JAA KHANA BADOSH SINDHI
    (Gypsies: Sindhi Travellers Of Europe)
    (ANTHROPOLOGY)
    Compiled by: Zaib Sindhi
    Composed by: Rafique Hussain Kolachi
    Roshni Composers & Printers Hyder Chowk, Hyderabad
    Printed: Fine Communication, Hyderabad, Sindh.
    Published by: Roshni Publication, Kandiaro
    First Edition Roshni 2015

    اسٽاڪسٽ
    شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد.
    ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بوڪ هائوس، پريس ڪلب، حيدرآباد
    ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي. لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ عبدالله بُڪ سينٽر، لاڙڪاڻو
    مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو + نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
    اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سڪرنڊ
    مهراڻ بُڪ ڊيپو، کپرو +العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ، ٿر ڪتاب گهر، مٺي + اڪرم بوڪ اسٽال، ميرپورخاص
    سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو + مدني اسلامي ڪتب خانو، دادو
    مراد بڪ اسٽال، سيوهڻ + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ، مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر + الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر
    تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
    لغاري بڪ ڊيپو، ٺري ميرواهه + مڪتبه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
    قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ ڪنڊيارو + سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊِيارو


    انتساب

    لاڙڪاڻي واسي عزيز دوست
    حفيظ الله عباسي
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جپسي : يورپ جا خانه بدوش سنڌي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب يورپ ۾ رهندڙ جپسين بابت مختلف ليکڪن جي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
    سنڌ مان مختلف سببن ڪارڻ، مختلف وقتن تي ننڍن وڏن گروهن جي صورت ۾ ڪيترائي ماڻهو لڏو کڻي هليا ويا، انهن مان اڪثر ڪري اهي جنهن به ڌرتيءَ تي ويا، اتان جي خمير ۾ شامل ٿي اتان جا ئي ٿي ويا. انهن مان ڪيترن ماڻهن اتان جي مٽيءَ سان ناتو جوڙڻ باوجود پنهنجي تاريخي تشخص کي ياد رکيو. ا هي ڪتاب يورپ جي لاڏائو سنڌين ، جپسين بابت سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ پهريون ڪتاب آهي ، ڄڻ ته هڪ پرائيمر آهي.
    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين زيب سنڌي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    جپسي : يورپ جا خانه بدوش سنڌي

    تاريخ ( History)، قديم آثارن جو علم (Archaeology) ۽ علم الانسان (Anthropology)جا علم، هڪ ئي زنجير جون ڪڙيون آهن. قديم دور کان وٺي سنڌ مان ۽ سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ٿيندي رهي آهي.تاريخ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي ڌاريا سنڌ ۾ آيا، انهن سنڌ جي مٽيءَ سان رشتو جوڙيو ۽ سنڌي ٿي ويا. سنڌ مان مختلف سببن ڪارڻ، مختلف وقتن تي ننڍن وڏن گروهن جي صورت ۾ ڪيترائي ماڻهو لڏو کڻي هليا ويا، انهن مان اڪثر ڪري اهي جنهن به ڌرتيءَ تي ويا، اتان جي خمير ۾ شامل ٿي اتان جا ئي ٿي ويا. انهن مان ڪيترن ماڻهن اتان جي مٽيءَ سان ناتو جوڙڻ باوجود پنهنجي تاريخي تشخص کي ياد رکيو. اهو ئي سبب آهي ته عرب دنيا جي ڪيترن عالمن جي نالي سان ”السندي“ (سنڌي) لکيل نظر اچي ٿو. ساڳئي طرح سان يارهين صدي عيسويءَ ۾ ايران جي رستي سنڌ / هند مان لڏ پلاڻ (Migration) ڪندڙ ۽ آمريڪا توڙي يورپ جي مختلف ملڪن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن کان خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندڙ جپسي پاڻ کي سِنتي (Sinti) سڏائين ٿا. چيو وڃي ٿو ته سِنتي ، سنڌي لفظ جي بگڙيل يا تبديل ٿيل صورت آهي.
    آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ موجود خانه بدوش جپسين جي پاڻ ۾ ميل ملاقات جو مرڪز رومانيا آهي، جتي هر سال دنيا ۾ موجود جپسين جو هڪ وڏو ميڙاڪو به ٿئي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندڙ سنتي / جپسي انهن ملڪن جون مقامي ٻوليون ته ڄاڻن ٿا، پر ڌار ڌار ملڪن ۾ موجود هوندي به انهن سڀني جپسين جي مادري زبان هڪڙي ئي آهي ، جنهن کي روما (Roma)۽ روماني (Romany) چون ٿا. جپسين جي انهي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي سنڌي لفظ موجود آهن. انهن لفظن مان ڪيترن لفظن جي صورت ڪجهه تبديل به ٿي آهي ، پر ڪيترا ئي لفظ اڄ به ائين ساڳي صورت ۾ موجود آهن ۽ ڳالهايا وڃن ٿا، جيئي اڄوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهايا وڃن ٿا. اهڙن لفظن جو ڪجهه تفصيل هن ڪتاب ۾ پڻ موجود آهي. سنڌي ۽ روما ٻولين جي اهڙي هڪ جهڙائيءَ جي حوالي سان گل محمد عمراڻي صاحب پنهنجي مقالي ”سِنٽيSinti يا سنڌي (يورپي) جپسي ڪير آهن؟“ ۾ نهايت ڪارائتو ۽ دلچسپ حوالو ڏنو آهي : ”هي روماني ٻولي دنيا جي پنجن ئي کنڊن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا سنڌي ٻولي جي ڌيءَ آهي...“
    لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن جي دربدريءَ ۽ خانه بدوشيءُ دوران جپسي لوڪن تي مختلف ملڪن ۾ ڏاڍ، جبر ۽ ظلم جا ڪيترائي پهاڙ ڪيرايا ويا ۽ کين تعليم جهڙي بنيادي انساني حق کان به هر ممڪن حد تائين محروم رکيو ويو. انهن ملڪن جي مقامي ماڻهن جون نفرتون خانه بدوش جپسين جو هر هنڌ پيڇو ڪنديون رهيون ۽ هنن لاڏائن جتي به وڃي خيما کوڙيا، اتي ڌڪار ئي انهن جي آجيان ڪئي. هر هنڌ انهن سان غير انساني سلوڪ اختيار ڪيو ويو. جرمنيءَ جي نازي حڪمران، ڊڪٽيٽر هٽلر جي دور ۾ ته سندس فوج انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي، حيوانيت کان به اڳتي وڌي لکين جپسين کي بنا ڪنهن ڏوهه جي گئس چيمبرس ۾ وجهي ٻوساٽي ماري ڇڏيو. نازين اها ساڳئي ڪار يهودين سان به ڪئي هئي، جو هٽلر جو خيال هو ته يهودين ۽ جپسين کي جيئڻ جو ڪوبه حق ناهي، جنهن ڪري دنيا مان انهن جو وجود مڪمل طور تي ختم ٿيڻ گهرجي! ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ حيوانيت جي اهڙين انتهائن جي باوجود ، دنيا ۾ در در جاڌڪا کائيندڙ جپسين نه فقط پنهنجي وجود کي برقرار رکيو، پر پنهنجي جپسي سڃاڻپ کي به قائم رکيو آهي. جپسين ۾ گهڻا ٻار ڄڻڻ جي لاڙي سبب سندن انگ ۾ واڌ به ٿيندي رهي آهي. ويجهي ماضيءَ کان جپسين کي مختلف ملڪن ۾ بنيادي انساني حق ملڻ لڳا آهن. اسپين ۽ ويلس ۾ سندن حالتون ڪجهه وڌيڪ بهتر آهن. خانه بدوشيءَ سان گڏ هاڻي ڪيترا جپسي ٿانيڪي زندگي (Settled Life) گذارن ٿا، پر تنهن هوندي به اڪثر ملڪن ۾ سندن حالت اڄ به گهڻي حد تائين رحم جوڳي آهي. سماجي سطح تي اڄ به انهن کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ۽ ڪمتر سمجهيو وڃي ٿو ۽ کين ڌڪاريو وڃي ٿو. خانه بدوشيءَ واري زندگي گهاريندڙ ڪِن جپسين جي هلندڙ ڦِرندڙ گهرن (ٽريلرس) تي رنگن سان سِرَن جي ڊزائين واري چترڪاري به ٿيل آهي ته ڪِن جي ٽريلرس مٿان عام شهري گهرن جهڙيون بالڪونيون به ٺهيل آهن، جن مان انهن لاڏائن جي ٿانيڪي زندگيءَ لاءِ حسرت جو اندازو ٿئي ٿو.
    نامناسب حالتن ۾ پلجندڙ جپسي ٻار وڏا ٿي کيسا ڪٽڻ ، چوريون ڪرڻ ۽ اهڙين ئي ٻين سماجي براين ۾ به مبتلا ٿي وڃن ٿا، پر ڪيترن جپسين انتهائي مشڪل حالتن ۾ به تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ڪن هنڌن تي اهي انتظامي عهدن تي به ڪم ڪن ٿا. ڪجهه جپسين علم ، ادب ۽ صحافت ۾ به پاڻ مڃايو آهي ، پر جپسي لوڪن وڌ ۾ وڌ شهرت راڳ، ناچ، شاعري ۽ موسيقيءَ وسيلي حاصل ڪئي آهي. راڳ، ناچ ۽ موسيقي ته ڄڻ سندن اَڍ (Heredity) ۾ شامل آهي. بيشمار جپسي فائين آرٽس جي انهن شعبن سان لاڳاپيل آهن ۽ انهن پنهنجي فن وسيلي نالو به ڪمايو آهي ته ناڻو به. راڳ، ناچ ۽ موسيقي صدين کان وٺي ، هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين منتقل ٿيندڙ سندن ورثو رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان سادن لفظن ۾ جيڪڏهن کين ميراثي به چئجي ته شايد غلط نه ٿئي. جپسي مرد ۽ عورتون آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جي گهٽين ، شاهراهن ۽ ميدانن کان وٺي نائيٽ ڪلبس ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نچندي ۽ ڳائيندي وڄائيندي نظر اچن ٿا. جپسي ڪنگس (Gypsy Kings) نالي راڳين جي هڪ گروپ ته دنيا ۾ وڏي شهرت ماڻي آهي. اسان جي نامياري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي مطابق، ”سندن ڪلامن ۾ جيڪو آلاپ آهي، اهو آلاپ مهراڻي (سنڌ ) جي ڪيترن ئي لوڪ گيتن جي آلاپ سان ملي ٿو.“
    علم ادب سان لاڳاپيل ۽ ٻين ڪيترن پڙهيل لکيل جپسين کي پنهنجي اصل نسل (Origin) جو اندازو به آهي. کين خبر آهي ته هڪ هزار سال اڳ سندن ابا ڏاڏا هند/ سنڌ کان لڏ پلاڻ ڪري نڪتا هئا. ڪجهه جپسي ته پاڻ کي سنڌي نسل جو ئي سمجهن ٿا. رولاڪي ته جپسين جي اَڍ ) ( Heredity ۾ سمايل آهي، تنهن ڪري اها ڳالهه امڪان کان ٻاهر ناهي ته ڪي سُکيا ستابا جپسي ، سياحت جي خيال سان ئي سنڌ ڏسڻ چاهيندا هجن، پر بدقسمتيءَ سان هاڻي اسان جي ملڪ جون حالتون سياحن لاءِ سازگار ئي ناهن رهيون. اها ڳالهه به امڪان کان ٻاهر ناهي ته شايد بهتر حالتن واري زماني ۾ ڪي جپسي انفرادي طور تي سنڌ مان ٿي به ويا هجن، پر اهي ڪي ليکڪ يا صحافي نه هجن، جنهن ڪري سندن اهڙي ڪنهن سياحت جو احوال اسان کي معلوم نه ٿي سگهيو هجي.
    ڪو زمانو هو جڏهن اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي پرڏيهي سياح روز ايندا هئا. مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ ڪراچيءَ جي تفريحي ماڳن، هوٽلن ۽ فيشن ايبل بازار ايلفنسٽن اسٽريٽ (جنهنجو جو نالو تبديل ڪري زيب النساءِ اسٽريٽ رکيو ويو آهي!) ۾ اڪثر بيشمار پرڏيهي سياح بي فڪريءَ سان گهمندي ڦرندي ڏٺا هئا. اسان وٽ جڏهن ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچ جو تصور به ڪونه هو ۽ سڄي ملڪ ۾ ساديون بسون نظر اينديون هيون، تڏهن گورن يورپي سياحن سان ڀريل لگزري ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچز به ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي شهر ۾ نظر اينديون هيون. لاڙڪاڻي ۾ ڪڏهن پنڌ ٽولن جي صورت ۾ ، ڪڏهن هڪ جوڙو ته ڪڏهن وري ڪا اڪيلي يورپي سياح عورت به بي فڪريءَ سان گهمندي ڦرندي ۽ پسار ڪندي نظر ايندي هئي. مون کي ته اها ننڍي نيٽي جپاني ڇوڪري به ياد آهي، جيڪا لاڙڪاڻي کان موهن جي دڙي ويندڙ پراڻي لاريءَ ۾ اڪيلي سر سفر ڪري رهي هئي. هاڻي ته اسان جي ملڪ جون حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو دنيا جا ڪيترا ملڪ پنهنجن شهرين کي پاڪستان وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿا ۽ خود اسان جي ملڪ جا ادارا ايڪڙ ٻيڪڙ ايندڙ پرڏيهين کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏين ٿا. موهن جي دڙي جهڙي عظيم تاريخي ورثي سميت بيشمار تاريخي، تهذيبي ۽ تفريحي سياحتي ماڳن جي موجودگيءَ باوجود اسان جي ملڪ جي ٽوئرسٽ انڊسٽري ختم ٿي چڪي آهي.پرڏيهين اسان جي ملڪ ڏانهن مُنهن ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر اسان جي پاڙيسري ملڪ انڊيا ڏانهن پرڏيهي سياحن جي لانڍ لڳي پئي آهي ۽ انهن ۾ ڪي جپسي نسل جا ماڻهو به اچن ٿا. اهڙا جپسي به ، جن کي پنهنجي هندي/ سنڌي اصل نسل جي ٿوري گهڻي ڄاڻ به آهي. هن ڪتاب ۾ ذڪر هيٺ آيل ليکڪا راڪسي فريمين ۽ چترڪار عورت ڪتريزينا پولوڪ به هندستان جو سفر ڪري چڪيون آهن. پاڻ کي سنڌي اصل نسل منجهان مڃيندڙ ڪترزينا پولوڪ جي ته پينٽنگس جي نمائش جو به انڊيا ۾ انتظام ڪيو ويو هو.
    اڄ به اڪثر جپسي لوڪ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ سدائين سفر ۾ واري خانه بدوش زندگي گذارن ٿا ۽ انهن جي وڏي اڪثريت اڻ پڙهيل آهي، پر ٿانيڪي زندگي ((Settled Life گذاريندڙ ڪجهه باشعور جپسي ته پنهنجي اصل نسل ((Origin بابت به ڄاڻن ٿا. جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ انتها پسنديءَ ۽ دهشت گرديءَ جهڙيون بلائون نه هجن، ته اهڙا ڪجهه جپسي پنهنجي Roots جي ڳولا خاطر ممبئي وڃي سگهن ٿا ته اهي ڪراچيءَ توڙي سنڌ جي ٻين ماڳن جو سفر به اختيار ڪري سگهن ٿا، پر هتي ته پرڏيهي صحافين ۽ شهرين کي پڪڙي سندن سسيون ڌڙن کان ڌار ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري پرڏيهي محققن به اسان جي ملڪ کان منهن موڙي ڇڏيو آهي! اسان ته پاڻ به انتها پسنديءَ ۽ دهشت گرديءَ جي ٻمنهين بلا جي وات ۾ ڦاٿل آهيون. شهرن جي شاهراهن، تفريحي ماڳن مڪانن، مسجدن، مندرن ۽ عيسائين جي عبادت گاهن تي خود ڪش حملن ۽ بم ڌماڪن کان ويندي درسگاهن تي حملا ڪري معصوم ٻارڙن ۽ استادن کي شهيد ڪرڻ جهڙا ايترا ڪلور ٿي چڪا آهن، جن جو تصور ڪري لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. هتي ته هندن لاءِ به زمين تنگ ٿيندي پئي وڃي، جنهن ڪري وقت بوقت سنڌي هندو سنڌ مان لڏي انڊيا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ويندا رهن ٿا. اهڙين حالتن ۾ هزار سال اڳ لڏي ويل ڪو جپسي ڪيئن ٿو سنڌ ڏسڻ اچي سگهي!
    پاڪستان سميت دنيا جي ڪجهه ٻين اسلامي ملڪن ۾ انتها پسنديءَ ۽ دهشت گرديءَ جي ٻمُنهين بلا سانڊي جيان رنگ به مٽائيندي ٿي رهي. اسلام ۾ ته قديم آثارن کي الله جون نشانيون چيو ويو آهي، پر انتها پسندن ۽ دهشت گردن جي نظر ۾ قديم آثار ڪفر جون نشانيون آهن! پاڪستان، مصر (Egypt) ۽ عراق اهڙا اسلامي ملڪ آهن ، جن جي دامن ۾ قديم انساني تهذيب ۽ تاريخ جا بيحد اهم ماڳ مڪان موجود آهن. ڪي سال اڳ افغانستان ۾ پهاڙن تي تراشيل گوتم ٻڌ جي وڏن ۽ تاريخي مجسمن کي ڊائنامائيٽ ۽ بمن سان ٽوڙي تباهه ڪيو ويو هو. ستين مارچ 2015ع تي ميڊيا وسيلي اهي خبرون پهتيون ته هڪ دهشت گرد تنظيم عراق ۾ ٻه هزار سال تائين جي قديم تاريخي شهرن حضر ۽ نمرود جي آثارن کي بلڊوزرن ۽ ٻي هيوي مشينري سان ڊاهي، ميساري پَٽ ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ کان اڳ عراق جي شهر موصل جي ميوزيم ۾ رکيل قديم تاريخي مجسمن کي تباهه ڪرڻ جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي هئي! قديم انساني تهذيب جي اهڙي برباديءَ کي پرائي گَهرَ ۾ لڳل باهه سمجهي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، جو تاريخي آثارن کي ڪفر جون نشانيون سمجهندڙن لاءِ موهن جي دڙي کان وٺي هڙپا ۽ ٽيڪسيلا تائين جهڙا ماڳ مڪان سندن اک ۾ چڀندڙ ڪنڊو ئي هوندا. اهو تصور ڪندي به خوف ٿو محسوس ٿئي، ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو مستقبل جو ڪو محقق موهن جي دڙي جي زندهه سلامت شهر جي تباهيءَ تي تحقيق ڪرڻ بجاءِ اها تحقيق نه ڪري، ته موهن جي دڙي جا آثار ڪيئن تباهه ٿيا!
    تاريخي ۽ تهذيبي حوالي سان اسان جا حڪومتي توڙي عوامي رويا به بهتر ناهن ، اهو ئي سبب آهي ته بي بي سي جي هڪ رپورٽ ۾ موهن جي دڙي کي “آخري پساهه کڻندڙ قديم شهر” چيو ويو آهي ! اسان جا حڪومتي ادارا نه فقط انڊيا ۽ برطانيا کان ، موهن جي دڙي مان هٿ آيل ۽ اوڏانهن کڄي ويل نوادرات (Antiques) واپس وٺي ناهن سگهيا، پر موهن جي دڙي تي موجود ميوزيم منجهان چوري ٿيل نوادرات به ڪيترا سال گذرڻ جي باوجود هٿ ناهن ڪري سگهيا. ميوزيم مان اها چوري پرڏيهن نه، پر اطلاعن مطابق ڏيهي چورن جو ئي ڪارنامو آهي. عوامي سطح تي به موهن جو دڙو لتاڙبو، ميساربو ۽ برباد ٿيندو رهي ٿو. ڪنهن خاص ڏينهن تي تماشبين ماڻهن جي جلسي جهڙن وڏن هجومن کي موهن جي دڙي مٿان به بيٺل ڏٺو ويو آهي ته ڪڏهن وري موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ نوجوانن ائين موٽر سائڪلون به پئي ڊوڙايون آهن ، ڄڻ اهي قديم تاريخي ماڳ جون نه، پر لاڙڪاڻي يا ڪنهن ٻئي شهر جون گهٽيون هجن! موهن جي دڙي جي زمين تي قبضا ڪري گهر ٺاهڻ توڙي مڇيءَ جا تلاوَ ٺاهڻ جهڙيون تصويرون ۽ خبرون به هڪ ٻئي پويان هي لفظ لکڻ وارن ڏينهن (مارڄ 2015ع) ۾ ئي اخبارن جون زينت بڻيون آهن! 14 مارچ 2015ع جي “ڪاوش” اخبار ۾ ڇپيل خبر مطابق، “موهن جي دڙي جي انچارج ڪيوريٽر 40 ايڪڙن تي ٿيندڙ قبضن ۾ ملوث 75 ماڻهن جي لسٽ پوليس کي ڏني آهي، پر انهن قبضو ڪندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي !“ لاکين جي دڙي تي گيهه جو ڪارخانو ٺاهڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي ته ڪاهوءَ جي دڙي تان سِرون ٺاهڻ لاءِ مٽي به کنئي وئي آهي! مڪلي ۽ چوڪنڊيءَ جي تاريخي قبرستانن مان ته قبرن تي لڳل قديم پٿر ۽ ڪتبا به چوري ٿيندا رهيا آهن! تاريخي ۽ تهذيبي آثارن جي ڪهڙي ڪهڙي تباهيءَ جو ذڪر ڪجي ۽ ڪهڙي ڪهڙي برباديءَ تي لـُڙڪ لاڙجن!!
    ذڪر هيو جپسين جو ۽ وڃي نڪتاسين پنهنجي ملڪ جي ڏکوئيندڙ موجوده حالتن ۽ قديم تاريخي آثارن ڏانهن، پر مون ته پهرين ئي عرض ڪري ڇڏيو هو ته تاريخ ( History)، قديم آثارن جو علم (Archaeology) ۽ علم الانسان (Anthropology)جا علم، هڪ ئي زنجير جون ڪڙيون آهن، سو وري موٽي ٿا اچون جپسين ڏانهن ...
    تاريخ ، تهذيب ، قديم آثارن ، لوڪ ادب ، لسانيات توڙي علم الانسان سان وابستا اسان جا سمورا ماهر اهو ته مڃين ٿا ته جپسين جو تعلق سنڌ سان آهي ، پر حيرت جي ڳالهه آهي ته ان جي باوجود هن بيحد اهم موضوع تي تحقيقي ڪم اٽي ۾ لوڻ برابر به ناهي ٿيو! جڏهن ته انگريزي ءَ ۾ جپسين تي ايترو ڪجهه لکيو ويو آهي، جيڪو ڳڻپ کان ٻاهر آهي. انگريزيءَ ۽ ٻين يورپي ٻولين کان سواءِ جپسين بابت فارسي ٻوليءَ ۾ به تمام گهڻو مواد موجود آهي. انهيءَ جو سبب ته سمجهه ۾ اچي ٿو جو جپسي سنڌ جي واديءَ مان نڪري پهرين ايران ۾ وڃي آباد ٿيا هئا، جتان پوءِ هنن يورپ طرف لڏو کنيو هو. ڊاڪٽر نبي خان بلوچ مطابق ، ” سنڌ جي قديم ڪاسبي موسيقارن کي لورو، لورا، لوڌا، لوري ۽ لورائو (لاڏاڻو) جي نالي سان ڏورانهن ڏينهن ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. سنڌي موسيقيءَ کي انهن ملڪن ۾ پهچائڻ جو سهرو انهن جي سر تي آهي. پنجين صدي عيسويءَ ۾ اهي ايران پهتا، جڏهن ايران جي ساساني بادشاهه بهرام گُور (430-438ع) سان مقامي سنڌي راجا چنڱل راءِ جو ٺاهه ٿيو، جنهن سڱ ۾ پنهنجي ڌيءَ ساڻس پرڻائي ۽ ڏاج ۾ ديبل ۽ مڪران جو علائقو ڌيءَ کي ڏنائين. اها شادي ضرور سنڌ ۾ ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا هي علائقا آزاد هئا. شاهي شادي ۾ راڳ روپ ۽ ساز سرود جي وڏي محفل منعقد ٿي ۽ موسيقيءَ جو شوقين شاهه ايران سنڌ جي قابل راڳين کان بيحد متاثر ٿيو. هن سنڌ جي راجا چنگل راءِ کان، انهن سنڌي راڳين کي پاڻ سان ايران وٺي وڃڻ جي اجازت ورتي. سندس فرمائش تي انهن جو هڪ وڏو تعداد ايران موڪليو ويو.“ ڊاڪٽر بلوچ مطابق اٽڪل ٻه صديون پوءِ، سنڌ جي ٻين نسلي گروهن اولهه طرف ايران ۽ عرب ملڪن ڏانهن لڏ پلاڻ شروع ڪئي. انهيءَ حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو، ”سنڌ جا ٻيا لڏيندڙ قبيلا، جيڪي ڪنهن خاص ڌنڌي سان واڳيل نه هئا، هر طرف پکڙجي ويا ۽ هٿ جي هنرن سان پيٽُ قُوت ڪرڻ لڳا. اُنهن گهڻ نسلي سنڌي قبيلن مان جپسي نسل پيدا ٿيو. اُهي خانه بدوش جپسين جا ابا ڏاڏا هئا. يورپي ملڪن ۾ جپسي قبيلن جي آمد يارهين صدي عيسوي ۾ ٿي، جيڪا جاري رهي. پهريائين مڪران ۽ ايران جي علائقن ۾ گهڻو عرصوآباد رهي، اُنهن آخرڪار اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. انهن جو هڪ ريلو ايران مان لنگهي، اولهه پاسي عراق، شام، فلسطين، مصر، اتر آفريڪا ۽ اسپين طرف وڌي ويو. ٻين اُتر پاسي، آرمينا ۽ تُرڪي مان گذري آخرڪار بلقان جي ملڪن ۽ يورپ ۾ وڃي ديرو دَمايو. انگريزن اُنهن کي ”جپسي“ نالو ڏنو. تاهم، جپسين جي ٻوليءَ، جيڪا اصلي پراڪرت ٻولي جي ديسي لفظن جو ذخيرو هئي، انهيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي گهڻائي ڏيکاري ٿي ته جپسين جو اصل نسل سنڌي آهي.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيان ٻين محققن به جپسين جو تعلق سنڌ ۾ موجود لورا ذات سان به ڄاڻايو آهي. انهيءَ ذات وارا ماڻهو سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ به موجود آهن. مون پنهنجي ننڍپڻ جي آورگيءَ واري زماني ۾ ، لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان گذرندڙ ريلوي لائين جي ڀرسان لورا ذات جي ماڻهن کي لوهارڪو ڪم ڪندي ڏٺو هو.
    اسان جي ڪجهه محققن هن موضوع ۾ دلچسپي به ورتي . ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي ته، ”آئون گذريل ٻارنهن سالن ۾ هن موضوع تي مواد گڏ ڪندو رهيو آهيان...“ تنهن هوندي به ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب جو انهِيءَ موضوع تي هڪڙو ئي مختصر مقالو ملي سگهيو آهي، پر انهيءَ مقالي ۾ نهايت ڪارائتي معلومات موجود آهي، جنهن مان سندن هن موضوع تي وسيع مطالعي جو اندازو به ٿئي ٿو. بيشڪ ته سنڌيءَ جي ڪجهه ٻين محققن به هن موضوع تي ڪجهه نه ڪجهه لکيو آهي پر اهو سڀ ڪجهه به تمام ٿورو آهي. سوچڻ جو نقطو اهو آهي ته اهي سنڌي (جپسي) جتي جتي ويا، اتي ته انهن تي تحقيق ٿي ۽ انهن تي تمام گهڻو لکيو به ويو، پر اهي جتان (سنڌ منجهان) لڏي ويا اتي، انهن جي اصل ڌرتيءَ تي انهن کي وساريو ويو ۽ اٽي ۾ لوڻ جيتري تحيقيق به نه ٿي! جڏهن ته انگريزي ، فرينچ، جرمن، اسپينش ۽ ٻين يورپي ٻولين سميت فارسيءَ ۾ پڻ نه فقط انهن تي تمام گهڻو لکيو ويو، پر هاليووڊ ۾ انهن تي ڪيتريون ئي فيچر فلمون به ٺاهيون ويون آهن. (سنڌيءَ ۾ فلم جي جمع فلمَ آهي، پر اڄ ڪلهه غلط العام فلمون رائج ٿي ويو آهي!) فيچر فلمن کان سواءِ آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ جپسين بابت ڊراما ۽ تحقيقي بنياد تي (Research Based) ڊاڪيومينٽري فلمون ٻه ٺهنديون رهن ٿيون. جپسين تي ڊاڪيومينٽري فلمن جي حوالي سانGypsy Heart Productions جو ڪم ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. انگريزيءَ سميت ٻين يورپي ٻولين ۾ ته تحقيق کان سواءِ جپسين تي تخليقي انداز سان به گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. ڪيترائي ناول ۽ بيشمار ڪهاڻيون (Short Stories) انهن جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون. 1999ع ۾ ادب جو نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ جرمن ناول نگار، ڊراما ليکڪ ۽ اسڪالر گنٿر گراس(Gunter Grass) پڻ جپسين تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي . جپسين بابت نه فقط يورپ ۽ آمريڪا جي مختلف ليکڪن لکيو آهي پر جپسي نسل سان تعلق رکندڙ ڪيترن ليکڪن پاڻ به گهڻو ڪجهه لکيو آهي. مختلف ملڪن ۾ ادب سان گڏ ڪيترا جپسي صحافت سان به لاڳاپيل آهن. روس مان ته پنجاسي سال اڳ جپسين جي هڪ اخبار(O nevo drm) ”نئون ڌرم“ جاري ٿي هئي. (nevo drm ۽ نئون ڌرم لفظن ۾ به معني توڙي آوازن جي ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي !)
    جپسين بابت لکندڙ ، توڙي جپسي نسل سان تعلق رکندڙ اڪثر ليکڪ جپسين جو اصل نسل (Origin) انڊيا ئي لکن ٿا، پر ڪجهه ليکڪ ان جو تعلق سنڌ سان به ٻڌائين ٿا. حقيقت ۾ اهو ڪم سنڌ جي محققن جو آهي ته اهي سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي انهن ٽـُٽل ڪڙين کي ملائڻ جهڙي تحقيقي ڪم طرف وڌيڪ ڌيان ڏين. اهو ڪم هرو ڀرو مُنجهيل سُٽَ جهڙو مشڪل به ناهي، ڇوته انگريزيءَ ۾ جپسين ۽ سندن لڏ پلاڻ بابت تمام گهڻو Source Material موجود آهي، جنهن مان تحقيق لاءِ تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي.
    پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ قوم سان محبت ۽ دلچسپي هر فرد جي فطرت ۾ موجود هجي ٿي. اهڙي جذبي سبب ئي ڪجهه سال پهرين مون اخباري ڪالم جي طور تي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل انهيءَ موضوع تي هڪ مختصر آرٽيڪل ته لکيو هو ، پر هڪ ليکڪ جي حيثيت سان تحقيق (Research)۽ علم الانسان Anthropology) ( سان وابستگي نه هئڻ ڪري مون جپسين بابت وڌيڪ ڪجهه نه لکيو. انهيءَ موضوع سان دلچسپيءَ سبب جڏهن مون فقط اهو ڄاڻڻ لاءِ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ يورپ جي انهن لاڏائو سنڌين ، جپسين بابت ڪيتري ۽ ڪهڙي تحقيق ٿي آهي ته مون کي سخت مايوسيءَ جو مُنهن ڏسڻو پيو. نه فقط اهو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ جپسين بابت ڪو هڪڙو به مڪمل ڪتاب موجود نه هيو، پر هيل تائين فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٿورا مقالا يا مضمون لکيا ويا هئا، سي به ڪنهن هڪڙي هنڌ سهيڙيا نه ويا هئا، تڏهن مون سوچيو ته انهن ٿورڙن مقالن ۽ مضمونن کي سهيڙي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻجي. انهيءَ خيال سان انهن مقالن ۽ مضمونن جي ڳولا شروع ڪيم ته سواءِ هڪ مضمون جي ، جيڪو ڪي سال اڳ مون ”ڪاوش“ اخبار جي سنڊي ايڊيشن ۾ پڙهيو هو، اهو نه ملي سگهيو، جڏهن ته باقي مقالا ۽ مضمون ڳولي هٿ ڪيم ، (جن منجهان پنج ته فقط هڪڙي ئي ليکڪ محترم خورشيد قائمخانيءَ جا لکيل آهن.) تڏهن اندازو ٿيو ، ته اهو سمورو مواد به مناسب ضخامت جهڙي ڪنهن ڪتاب جيترو ناهي. پاڻ کي بي يقينيءَ ۾ محسوس ڪيم ته هن اهم موضوع تي سنڌيءَ ۾ فقط ايترو ئي لکيو ويو آهي ! اهڙي صورت حال ۾ ڪيترن ئي ليکڪ دوستن سان رابطا ڪيم ته متان انهيءَ حوالي سان انهن ليکڪن ڪجهه لکيو هجي يا انهن وٽان ڪنهن ٻئي ليکڪ جي اهڙي ڪنهن ڇپيل مضمون يا مقالي جي معلومات ملي سگهي. منهنجي اهڙي تلاش جي جواب ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ٻڌايو ته گهڻو وقت اڳ انڊيا جي ڪنهن سنڌي رسالي ۾ جپسين بابت ڪو آرٽيڪل سندن نظر مان گذريو هو ، پر ڪوشش جي باوجود به اهو آرٽيڪل نه لڀي سگهيو. (ممڪن آهي ته الانا صاحب جو ٻڌايل اهو آرٽيڪل گنگا رام سمراٽ جو ئي هجي ، جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل آهي ، ڇوته جڏهن مون گنگا رام صاحب جو ڪتاب “سنڌي سئو وير”، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي لائبريريءَ ۾ وڃي ڪڍرايو ته خبر پئي ، ته ڪتاب جي اها ڪاپي الانا صاحب پاران سنڌالاجيءَ کي تحفي طور ڏنل هئي.) عثمان ميمڻ صاحب ٻڌايو ته سندس به ڪو آرٽيڪل لکيل آهي ، پر اهو کائنس لڀي نه سگهيو. جڏهن ته منهنجي ٻن ليکڪ دوستن اسحاق انصاريءَ ۽ ذوالفقار هاليپوٽي ٻڌايو ته جپسين جي موضوع تي هنن وٽ سندن اڻ ڇپيل آرٽيڪل موجود آهن، جيڪي منهنجي گذارش تي انهن ٻنهي دوستن هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيا. انهيءَ کان پوءِ مون ڪجهه وڌيڪ دوستن کي گذارش ڪئي ، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ٽي ٻيا نوان آرٽيڪل به دوستن لکي ورتا ۽ جپسين جي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ هي پهرين ڪتاب وجود ۾ اچي سگهيو. هن ڪتاب ۾ شامل مقالن ۽ مضمونن ۾ جپسين بابت ڪجهه بنيادي ڳالهين جو ورجاءُ به ٿيو آهي ، پر جيئن ته اهي مقالا ۽ مضمون ڌار ڌار وقتن تي مختلف ليکڪن لکيا آهن ، تنهن ڪري اهڙو ڪجهه ورجاءُ لازمي طور تي ٿيڻو ئي هو ، پر تنهن هوندي به ڪيترن مقالن ۽ مضمونن ۾ نهايت ڪارائتي معلومات موجود آهي ، جيڪا پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن ڪتاب ۾ ”لاڏائو لڏي ويا“ جي عنوان هيٺ اهي مضمون ۽ مقالا ڏنا ويا آهن، جيڪي اڳ سنڌيءَ ۾ ڇپيل هئا. ڪتاب جي ”پير اڃان مون پنڌ ۾“ واري حصي ۾ اڻ ڇپيل آرٽيڪل شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ”لاڏائن جا لفظ ۽ رنگ“ جي عنوان هيٺ، ڪجهه انهن جپسي شخصيتن بابت مواد موجود آهي، جن ادب، صحافت ۽ آرٽ وسيلي پاڻ مڃايو آهي.
    هن ڪتاب جي ضخامت ئي وڌائڻي هجي ها ته ٻه چار آرٽيڪل ترجمو ڪري به شامل ڪري سگهجن ها، پر هن موضوع تي منهنجي ترجيح سنڌ جي ليکڪن / محققن پاران ، يا سنڌي ءَ ۾ ٿيل / ٿيندڙ تحقيق آهي. ڪتاب ۾ شامل ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي انگريزيءَ ۾ لکيل آرٽيڪل جو ترجمو ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب ڪيو آهي، جڏهن ته اردو صحافت سان لاڳاپيل منهنجي پراڻي دوست شبير سومري جپسي ليکڪا راڪسي فريمين (Roxy Freeman) کان سندس ڪيل انٽرويو کي سنڌيءَ ۾ فيچر جو روپ خاص طور تي هن ڪتاب لاءِ ڏنو آهي. مان ٿورائتو آهيان انهن سڀني ليکڪن جو جن جا ڇپيل يا اڻ مقالا / مضمون هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ٿورا سائين نفيس احمد ناشاد جا به ، جنهن ٽماهي ”مهراڻ“ جي پراڻن شمارن منجهان ليلو رچنداڻي ۽ ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي جا مقالا ڳولي مون تائين پهچايا. نوجوان ليکڪ واحد پارس هيسباڻيءَ جا به ٿورا، جنهن انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي ۾ ، مواد جي ڳولا ۾ منهنجي مدد ڪئي. بيشڪ اهو ممڪن آهي ته هن موضوع تي سنڌيءَ ۾ اڃا به ڪجهه لکيو ويو هجي. پڙهندڙ يا ليکڪ اهڙي ڪنهن ليک جي مون کي ڄاڻ ڏيندا ته سندن مهرباني ٿيندي، جيئن انهن تحريرن کي هن ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن لاءِ سنڀالي رکي سگهجي . هن ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ پڻ انهيءَ موضوع تي لکجندڙ / ڇپجندڙ مواد بابت به منهنجي ساڳئي ئي گذارش آهي .
    هي ڪتاب يورپ جي لاڏائو سنڌين ، جپسين بابت سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ پهريون ڪتاب آهي ، ڄڻ ته هڪ پرائيمر آهي ، بيشڪ ته هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي . پنهنجي موضوع جي حوالي سان بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪو پٿر نه سهي ، هڪ ننڍڙو ڪنڪر ئي سهي ، جيڪو شايد تاريخ ، تهذيب ، قديم آثارن ، لوڪ ادب ، لسانيات توڙي علم الانسان جي ڄاڻو محققن جو هن موضوع طرف ڌيان ڇڪائي سگهي ۽ ڪا وڌيڪ مُدلِل ۽ جامع تحقيق سامهون اچي سگهي . مان ته نه انهن علمن جو ماهر آهيان ۽ نه ئي محقق ، پر هن ڪتاب کي سهيڙيندي ۽ جپسين بابت لڳاتار مطالعو ڪندي ، هن فقير جي تخليقي ذهن ۾ ڪي جپسي ڪردار ضرور ڪَرَ موڙڻ لڳا آهن ...!!

    حيدرآباد زيب سنڌي
    30 مارچ 2015ع zaibsindhi@hotmail.com


    لاڏائو لڏي ويا

    جپسي سنگيت ۽ لوڪ گيتن جو سنڌي بنياد

    ايران ۾ سنڌي لورا موسيقار
    سنڌ جي قديم ڪاسبي موسيقارن کي لورو، لورا، لوڌا، لوري ۽ لورائو (لاڏاڻو) جي نالي سان ڏورانهن ڏينهن ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. سنڌي موسيقيءَ کي انهن ملڪن ۾ پهچائڻ جو سهرو انهن جي سر تي آهي. پنجين صدي عيسويءَ ۾ اهي ايران پهتا، جڏهن ايران جي ساساني بادشاهه بهرام گُور (430-438ع) سان مقامي سنڌي راجا چنڱل راءِ جو ٺاهه ٿيو (1)، جنهن سڱ ۾ پنهنجي ڌيءَ ساڻس پرڻائي ۽ ڏاج ۾ ديبل ۽ مڪران جو علائقو ڌيءَ کي ڏنائين. (2) اها شادي ضرور سنڌ ۾ ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ جا هي علائقا آزاد هئا. شاهي شادي ۾ راڳ روپ ۽ ساز سرود جي وڏي محفل منعقد ٿي ۽ موسيقيءَ جو شوقين شاهه ايران سنڌ جي قابل راڳين کان بيحد متاثر ٿيو. هن سنڌ جي راجا چنگل راءِ کان، انهن سنڌي راڳين کي پاڻ سان ايران وٺي وڃڻ جي اجازت ورتي. سندس فرمائش تي انهن جو هڪ وڏو تعداد ايران موڪليو ويو. (3) فرودوسيءَ (جي شاهنامه) مطابق چونڊ ڏهه هزار مرد ۽ زالون راڳي ۽ موسيقار، ’لوريان‘ موڪليا ويا:
    ”ازن آن لوريا برگزين ده هزار
    نر و ماده بر زخم بربط سوار.“
    انهن (لوريان) جي نسلي شناخت ۾ ادبي دلچسپي، تڏهن پيدا ٿي جڏهن اٽڪل هڪ هزار سال اڳ، حمزه اصفهاني هي راءِ ڏني ته اهي ”زط“ (4) يعني سنڌي جَتَ هئا. حمزه اصفهاني نائين صدي عيسويءَ جو وقاع نگار (واقعا بيان ڪندڙ) اديب آهي. سنڌي جَتَ، اٺين صدي عيسويءَ کان ٻين سنڌي قبيلن سان گڏ، گهڻائيءَ ۾، عراق ۽ شام طرف لڏ پلاڻ ڪئي هئي، انهن سڀني سنڌي نسل قبيلن کي، نائين صدي عيسوي ۽ انهيءَ کان پوءِ جي حمزه اصفهاني جهڙي وقائع نگارن
    ”زط“ جي عمومي نالي سان ڄاڻايو آهي. ليڪن جن ”لوريان“ پنجين صدي عيسويءَ کان گهڻو اڳ ايران طرف رخ ڪيو هو، اهي سنڌي جَتَ ٿي نه ٿي سگهيا، ڇاڪاڻ ته ڳائڻ وڄائڻ سندن ڪرت ۾ شامل نه هو ۽ روايتي ادب مان ظاهر آهي ته موسيقي جتن جو پيشو نه هو. اهي موسيقار جيڪي ايران جي شاهي درٻار ۾ پهتا سي لورن ۽ لورين کانسواءِ ٻيا ڪي ٿِي نه ٿا سگهن.
    سندن موسيقي جي مهارت ۽ شاهِ ايران جي عنايت سبب هو ايران جي سماج جو هڪ ڳنڍيل حصو بنجي ويا ۽ سندن قوم کي ”لورا“ (يا لوري) سڏيو ويو ۽ پاڻ ”لوريان“ يا ”لوليان“ جي نالي سان سڏجڻ لڳا (لوري يا لولي عدد واحد). سندن عمده ۽ شيرين راڳ ۽ آواز کين ايران جي عوام ۾ مشهور ڪري ڇڏيو ۽ نسل در نسل ياد رهندا آيا، جيئن ايراني شاعري، ادب ۽ ڏند ڪٿائن مان معلوم ٿئي ٿو. (5)
    ”لوريان“ جي پيشورانه مهارت جو اثر گهٽ اهميت وارو نه ٿَي ٿِي سگهيو. لازمي طور تي هنن ايران جي شاهي درٻار ۾ نوان راڳ ۽ نيون ڌُنون رائج ڪيون هونديون ، جن سندن ايران ۾ پکڙجي وڃڻ ۽ مستقل اقامت اختيار ڪرڻ بعد ايراني ۽ سنڌي موسيقي جي طرزن ۽ گلوڪاري جي امتزاج جي صورت ورتي. اهڙيءَ ريت سنڌي يا ايراني لوريان موسيقي جا مضبوط بنياد قائم ٿيا ۽ اها روايت جيڪا بعد ۾ عرب ملڪن ۾ پڻ رائج ٿي، سا دُور رسُ نتيجن جو سبب بڻي.
    سنڌي لوريان جي ايران ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ سبب سندن ٻيا ڏيهي ڀائر به اچي ايران ۾ آباد ٿيا ۽ بعد ۾ ڀر پاسي وارن عرب ملڪن ۾ پکڙجي ويا. سنڌي چارڻن، گَوَين ۽ موسيقارن، لڳي ٿو ته، ايران جي شاه بهرام گور جي ئي حڪمرانيءَ ۾ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو هو. هن ساساني شهنشاهه جي موسيقيءَ سان رغبت، سندس اوائلي عرب ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي زماني ۾ پيدا ٿي هئي. جواني ۾ بهرام کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”الحيره“ موڪليو ويو هو. الحيره عرب سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ ۽ قديم بابل جي علم ۽ ثقافت جو مرڪز هو. اتي ٻين علمن ۾ تربيت حاصل ڪرڻ سان گڏ، هن موسيقي جي ڄاڻ پڻ حاصل ڪئي هئي. (6) پوءِ جڏهن بهرام گور ايران جو شهنشاهه ٿيو، تڏهن به سندس ”الحيره“ سان سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپا قائم رهيا. ”الحيره“ جا فنڪار ضرور، بهرام گور جي دريافت ڪيل سنڌي موسيقارن کان واقف ٿيا هوندا. اهو هڪ عظيم ڪارنامو هو ۽ اهو عين ممڪن آهي ته بهرام گور جي سرپرستيءَ ۾ عظيم سنڌي لورا موسيقار، الحيره جي درٻار ۾ پنهنجي فن جي مظاهري لاءِ پهتا هوندا ۽ اهڙي ريت سندن عرب ملڪن ۾ پکڙجڻ جو موقعو ميسر ٿيو.


    جِپسي خانه بدوش قوم جي سنگيت جو سنڌي بنياد
    اها ستين صدي عيسوي هئي، جڏهن هڪ برهمڻ پرچارڪ چَچَ، سنڌي سَمي ٻُڌ بادشاهه جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي. اهڙيءَ طرح مذهبي رواداري رکندڙ ٻُڌمَت کي، جارحيت (اڳرائي) ڪندڙ برهمڻ ڌرم اکيڙي ڇڏيو. مذهبي جنوني چَچُ، ”مانُوءَ“ جا ذات پات جي فرق وارا قانون لاڳو ڪرڻ لڳو، جنهن کان سنڌي سماج جا هيٺيان طبقا متاثر ٿيا. انهن تي جيڪي پابنديون مڙهيون ويون، انهن جو هڪ مثال ”جت“ قوم سان ڪيل ڪارِ مان ظاهر ٿو ٿئي. جَتَ سنڌي قوم جو هڪ وڏو حصو هئا. ”انهن کي نرم ڪپڙا پائڻ کان منع ڪئي وئي ۽ جنهن نرم ڪپڙا پاتا انهيءَ کي سزا ڏني وئي. کين چيو ويو ته ڪاري گوڏ ٻَڌن ۽ ڪلهن تي کهرو ڪپڙو رکي هلن. انهن کي مٿي ۽ پيرين اگهاڙو هلڻو هو. گهرن کان ٻاهر سڃاڻپ لاءِ، پاڻ سان هڪ ڪتو وٺي هلڻو هو. سردار کان سواءِ ٻيو ڪو هَني تي ويهي سواري ڪري نه ٿي سگهيو. انهن کي سُونهون ڪري قافلن سان گڏ موڪليو ويندو هو. انهن کي سرڪاري بورچيخانن لاءِ ٻارڻ پڻ ڪٺو ڪرڻو هو.“ (7)
    اهڙي قسم جي سخت پابندين مان لڳي ٿو ته خانه بدوش جَتَن ۽ ٻين هيٺين طبقن، پورهيتن، فنڪارن، ڌنارن جيڪي نه ته ڪنهن هڪ هنڌ ويٺل هئا ۽ نه ڪو ڪنهن پڪي نوڪريءَ ۾ هئا، تن کي مجبور ڪيو ته هُو ”سنڌو ماٿري“ ڇڏي وڃن. جت اڳيئي قافلن جا سونهان هئا ۽ شايد انهن ئي پهريائين اولهه طرف ايران ۽ عراق ڏانهن لڏيو. پوءِ هنن ٻين سنڌي قبيلن کي پڻ لڏڻ ۾ مدد ڪئي. جَتَ، اُٺن، مينهن ۽ ٻئي چوپائي مال سان واڳيل هئا، تنهن ڪري هُنن کي نوان چراگاهه گهربل هئا، سو ڪجهه عرصو مڪران جي ڀرپاسي ۾ ترسي، پوءِ ايران جي سرحدن اندر مستقل طور تي آباد ٿي ويا. ايران ۾ اڳ آباد ٿيل ”لورا“ ساڻن ملي ويا هوندا.
    سنڌ جا ٻيا لڏيندڙ قبيلا، جيڪي ڪنهن خاص ڌنڌي سان واڳيل نه هئا، هر طرف پکڙجي ويا ۽ هٿ جي هنرن سان پيٽُ قُوت ڪرڻ لڳا. اُڻهن گهڻ نسلي سنڌي قبيلن مان جپسي نسل پيدا ٿيو. اُهي خانه بدوش جپسين جا ابا ڏاڏا هئا. يورپي ملڪن ۾ جپسي قبيلن جي آمد يارهين صدي عيسوي ۾ ٿي، جيڪا جاري رهي. پهريائين مڪران ۽ ايران جي علائقن ۾ گهڻو عرصوآباد رهي، اُنهن آخرڪار اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. انهن جو هڪ ريلو ايران مان لنگهي، اولهه پاسي عراق، شام، فلسطين، مصر، اتر آفريڪا ۽ اسپين طرف وڌي ويو. ٻين اُتر پاسي، آرمينا ۽ تُرڪي مان گذري آخرڪار بلقان جي ملڪن ۽ يورپ ۾ وڃي ديرو دَمايو. انگريزن اُنهن کي ”جپسي“ نالو ڏنو. تاهم، جپسين جي ٻوليءَ، جيڪا اصلي پراڪرت ٻولي جي ديسي لفظن جو ذخيرو هئي، انهيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظڻ جي گهڻائي ڏيکاري ٿي ته جپسين جو اصل نسل سنڌي آهي. (8)
    انهن اوائلي لڏي ويندڙ سنڌي نسلن ۾ هڪ وڏوتعداد وڌيڪ مهم جُو ”لورن“ جو هو، جيڪي لوهار ۽ موسيقار هئا، جيئن اڄ به آهن. انهن کي سندن ڪِرت سبب ”سِگاني“ (Tsigane) جي نالي سان سڏيو ويو، جيڪو فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ کين ”زگونر“
    (Zigeuner) ڪوٺيو ويو. شايد اهي الفاظ تُرڪي ٻولي جي لفظ ”زنچائر (Zincire) مان نڪتلآهن، جنهن جي معنيٰ آهي ”لوهه“. اسپين ۾، جتي هُو اوائلي عرب دور ۾ آيا هئا، کين سندن اصل وطن سنڌ جي حوالي سان ”سنتانو (Sintanos) جو نالو ڏنو ويو. جيڪو اڳتي هلي ”هنتانو“
    (Hintanos) ۾ تبديل ٿي ويو. جيئن هاڻي مروج آهي، جيتوڻيڪ لکڻ ۾ ”گنتانو“ آهي. (9) اُهي پاڻ سان سنڌي موسيقي ۽ راڳ کڻي آيا، جيڪو ٻهراڙيءَ جي ماڻهن ۾ مقبول ٿيو ۽ انهن جي آڏو هنن ناچ ۽ راڳ پيش ڪري پنهنجي روزي ڪمائي ٿي.
    اڄ به اسپين جا جپسي (Gypsies) خاص طور تي، پنهنجي موسيقيءَ جي مهارت سبب مشهور آهن. اوڀر يورپ ۾ به، جپسي موسيقيءَ ۾ ڀَڙُ آهن. انهن بلقان (اسپين ۽ آسپاس) جي ملڪن جي موسيقيءَ جي روايت کي سانڍيو ۽ سنڀاليو آهي. اهي جيڪي اڳتي نه وڌيا ۽ عراق ۾ ئي رهجي پيا، سي اڄ به اتي آهن ۽ قوالين (قوال يا راڳي) جي نالي سان سڏيا وڃن ٿا. اهي پنهنجي ڍولن، يڪتارن ۽ ٻين تارن وارن سازن جي واڄي ۽ ڌُنَ تي اڄ به نچندا ۽ ڳائيندا رهن ٿا، جيئن سنڌي ۽ بلوچي لورا مڱڻهار وڌيڪ مهارت ۽ قابليت سان اڄ به انهيءَ ڌنڌي سان لڳل آهن.
    اسپين جي لوڪ گيتن جهڙوڪ سگائيڊلاز، (Seguidillas) سوليريز، (Soleares) فانڊانگو (Fandangos) وغيره بابت، اسپين جي جپسين جي دعويٰ آهي ته اهي هنن برصغير (هندستان- پاڪستان) مان آندا هئا، پر جيئن ته هي گيت سنڌ جي مخصوص ڳيچن (سُرن ۽ آلاپن) سان مشابهت رکن ٿا، هنن اهي شايد سنڌ مان آندا. (10)


    حاشيا ۽ حوالا
    1 شادي جي موقعي تي موسيقارن جي حوالن لاءِ ڏسڻ گهرجي ابن البلخي جو ڪتاب فارسنامه (گب ميموريل سيريز) ص 82، الطبري (دَائلنَس-1/868، ابن مسڪويه (تجريب-1/157) ۽ ثعلبي (غرار ص، 650-64).
    2 ’طبقاتِ ناصري‘ جو مصنف مقامي حڪمران کي راءِ/راي ڪري لکي ٿو. فردوسي پنهنجي ’شاهنامه‘ ۾ انهيءَ کي شنگل (يعني سنڌيءَ ۾ چنڱل) جي لقب سان ڄاڻائي ٿو.
    يه نزديک ’شنگل‘ فرستاد کس
    چنين گفت کاي شاه فرياد رس
    از آن ’لوريان‘ برگزين ده هزار
    نروماده بر زخم بربط سوار
    که اُستاد برزخم دستان بود
    وز آوازِ رامش جان بود
    چونامه بنزديک ’شنگل‘ رسيد
    سراز فخر بر چرخ گردون کشيد
    هم آنگاهه ’شنگل‘ گزين کرد زود
    زلولي، کجا شاه فرمود بود‘
    (طبقاتِ ناصري، ج 1، ص 162)
    3 ’رودت الصفا‘ ۾ لکيل لوڪ ادب مطابق ’بهرام گور‘ پنهنجا گماشته موڪليا، جن برصغير مان ٻارهن هزار جي تعداد ۾ ڳائڻا آندا (رودت الصفا 1/763) فردوسيءَ مطابق اهي ڏهه هزار هئا.
    4 سِني ملوک الارض وَ الانبياِ، ص 25.
    5 شاعر ڪامل اسماعيل چوي ٿو:
    ’با ترکتاز طره هندي تو مرا
    همواره همچو بنگئه لوري است خان و مان
    جناب حافظ شيرازي جو ارشاد آهي ته:
    ’فغان کين لوليان شوخ و شيرين کار و شهر آشوب
    چنان بردند صبر اَزدل که ترکان خوانِ يغمارا‘.
    ’صبا زان لولي شنگول سرمست
    چه داري آگهي چوست حالش
    6 الطبري، ’دَائنلس‘، 1/185
    7 فتحنامه سند المعروف چچنامه، فارسي، ص 315، سنڌي ترجمو، ص ص 313-314.
    منوشاستر مان حوالو ڏيندي، هوديوالا هي نتيجو اخذ ٿو ڪري ته چچ جتن کي چنڊالن واري حيثيت ڏني (هوديوالا، اسٽڊيز اِن انڊو مسلم هسٽري، ص 86)
    8 يورپ جا جپسي پنهنجو اصل نسل ويساري ويٺا آهن ۽ هاڻي پاڻ کي رومانوي يا روم (رومن) چون ٿا.
    9 عزيز بلوچ، ڪانٽي جونڊو سُو اوريجن واءِ اِوَوليوُشن، مئڊر، 1955ع.
    10 ايضًا (۽ بلوچ اين اي)، اسپينش ڪانٽي جونڊو ائنڊ اٽس اوريجن اِن سنڌي ميوزڪ، ص 42.

    (ڪتاب: ” سنڌ ۾ موسيقي جي اوسر “، ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ترجمو: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي،
    پهريون ڇاپو 2009ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو)


    سنڌي موسيقارن جي هجرت ۽ جپسين جو سنڌي نسل

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


    سنڌي موسيقارن جي هجرت ۽ جپسين جو سنڌي نسل

    سنڌي موسيارن جي ايران، عرب ملڪن ۽ اڳتي مغرب ڏانهن هجرت
    بهرام گور واري دور کان ٻه صديون کن پوءِ، ڪيترن ئي ٻين سنڌي قبيلن کي سنڌ ڇڏڻي پيئي ۽ هو ڪافي وڏي تعداد ۾ ايران ۽ عرب ملڪن ۾ ويا، جتان آخرڪار مغرب جي يورپي ملڪن ۾ وڃي پهتا. سندن اها هجرت ۽ لڏپلاڻ ستين صدي عيسويءَ ۾ ٿي، جڏهن چچ نالي هڪ برهمڻ پنڊت گنگا واري ماٿري مان ڪهي اچي سنڌ پهتو، ۽ اتي پنهنجي حڪمت عمليءَ سان سنڌ جي ’سمن جي راءِ گهراڻي‘ جو خاتمو آڻي سنڌ جي حڪومت تي پنهنجو قبضو ڄمايائين. ان وقت سنڌ جا ’سما راءِ‘ ٻُڌمت جا پوئلڳ هئا، ۽ پڻ سندن رعيت صدين کان وٺي بُڌمت جي پيرو ۽ ڇوت ڇات کان آجي هئي. چچ پنهنجي برهمن ڌرم کي زور وٺائڻ لاءِ سنڌ جي قومن ۽ قبيلن سان ’منوَ جا قاعدا ۽ قانون‘ لاڳو ڪيا، جن ۾ پورهيتن، ڪاسبين ۽ ٻين ڪن غريب ۽ ڪنگال قبيلن کي گهٽ ذات وارا سُودر ٺهرائي مٿن ذلت آميز پابنديون وڌيون ويون. مثلاً جت قبيلن سان هيءُ برتاءُ ڪيو ويو:
    ”لوهاڻي جي جتن کي ذليل ڪري انهن جي اڳواڻن کي سزا ڏيئي، کانئن ضمانت وٺي، قلعي ۾ بند ڪري مٿن هيٺيان شرط مڙهيائين ته: سواءِ ڪن خاص حالتن جي هو ترار نه کڻندا، بخمل ۽ ريشم جا ڪپڙا نه پهريندا، سندن مٿين چادر کڻي سوٽي هجي پر سندن هيٺين گوڏ ضرور کهري اوني ڪاري يا ڳارهي رنگ جي هوندي، گهوڙي تي هنو نه رکندا، مٿو ۽ پير اگهاڙا ڪندا، گهر کان ٻاهر نڪرندا ته ڪتا پاڻ سان ڪاهيندا، برهمڻ آباد جي حاڪم جي بورچيخاني لاءِ ڪاٺيون پهچائيندا رهندا ۽ رهبري توڙي جاسوسيءَ لاءِ پڻ کين ئي موڪليو ويندو.“ (1)
    محقق ’هوڙي والا‘ جي راءِ ۾ ، چچ جتن سان ’مُنو جي ڪوڊ‘
    موجب چنڊالن وارو برتاءُ ڪيو (2). برهمن گهراڻي جي حڪومت جي پوري دور ۾ (3) سنڌ جي غريب پورهيت قبيلن سان ڇوت ڇات جون پابنديون لاڳو رهيون، جنهن ڪري، جتن، لورن، لنگهن ۽ ٻين پورهيت قبيلن برهمن حڪومت جي بُري برتاءُ کان تنگ ٿي سنڌ ڇڏي ۽ اولهه طرف ايران ڏانهن هجرت ڪيائون. اهو لڏپلاڻ جو سلسلو برهمن گهراڻي واري دور جي اسي سالن 630-711ع تائين جاري رهيو. انهن قبيلن مان گهڻا موسيقار هئا.
    جپسي (gypsy) ۽ سندن سنڌي نسل
    هنن هجرت ڪندڙن ۾ وڏو تعداد خاص طرح اهڙن پورهيتن ۽ ڪاسبين جو هو جيڪي پرديس م به پنهنجي فن ۽ هنر ذريعي ڪمائي ٿي سگهيا، ٻيا ڪاسبي پنهنجي پنهنجي پيشي سان گذران ڪري ٿي سگهيا ۽ ڪي اهڙا ڪنگال به هئا جن کي در در گداگري ڪري پيٽ پالڻو ٿي پيو. اهي سنڌي قبيلا اول ايران ۾ پهتا ۽ پکڙيا، اتان پوءِ هڪڙا عرب ملڪن ڏانهن ويا ۽ عراق، شام ۽ مصر مان ٿيندا اندلس ۽ انگلستان پهتا، ته ٻيا آذربائيجان مان آرمينيا ۽ روس مان ٿيندا يورپي ملڪن ۾ پکڙيا. سنڌ مان يورپ تائين پهچڻ ۾ انهن کي ڪي صديون (7 کان 14 صدي عيسوي تائين) لڳي ويون . انگلستان ۾ يا ته هو ’ايجپٽ‘ (مصر) کان پهتا ، يا وري انگريزن کين پهريائين مصر ۾ ڏٺو ۽ مصري (Egyptian) ڪري ڀانيو ، ۽ انهيءَ ڪري کين ’جپسي‘
    (Gypsy) ڪوٺيائون. 14 صديءَ ۾ جڏهن هو جرمني ۽ فرانس ۾ پهتا ته جرمن کين ”ٽزي- گوءِ- نر“ (Zigeuner) ته فرينچن کين ”سيگان“
    (Tsiganse) ڪري سڏيو. اهي نالا غالباً سندن لوهارڪي پيشي تان ڪنهن ترڪي لفظ (4) تان پيا، جنهن مان گمان نڪري ٿو ته منجهائن گهڻا سنڌ جي ’لورن‘ جي نسل مان هئا، ڇاڪاڻ ته راڳ رقص ۽ لوهارڪو ڪم قديم وقت کان وٺي لورن جا اباڻا پيشا ٿي رهيا آهن. اندلس (اسپين) ۾ غالباً کين صحيح طور ”سنتانو“ (Sintano) يعني سنڌ جا ڪري سڏيو ويو، جو پوءِ ڦري ”هيتانو“ (Hitanos) ٿيو، ۽ اڄ تائين ائين اچارجي ٿو جيتوڻيڪ ان کي (Gitanos) ڪري لکيو وڃي ٿو. بهرحال مغرب جا موجوده ”جپسي“ انهن آڳاٽن مگر مختلف سنڌي قبيلن جو اولاد آهن جن مان ڪي پهريائين پنجين صديءَ ۾ سنڌ مان ايران آيا ۽ ان کان پوءِ ٻيا وڏي تعداد م ستين صدي م سنڌ مان ايران پهتا ۽ اتان اڳتي وڌيا. سندن ٻولين م اڃان تائين ڪيترائي ’پراڪرتي‘ الفاظ موجود آهن، جي ستين صدي واري آڳاٽي سنڌي ٻولي جا آهن.
    هن تفصيل جو مقصد هي آهي ته پنجين ۽ پوءِ ستين صديءَ ۾ اولهه طرف هجرت ڪندڙ سنڌي پورهيت، ڪاسبي ۽ پيشه ور قبيلن ۾ گهڻا ڳائڻا ۽ وڄتا هئا. غالباً لورن موسيقارن جو وڏو تعداد شامل هو، ڇاڪاڻ ته لورن قبيلن کي ٻه صديون اڳ ايران ۽ عرب ملڪن سان واقفيت ٿي چڪي هئي. سنڌ مان انهن لڏيندڙن ۽ جهان گشت قبيلن، خصوصاً لورن موسيقارن، سنڌي موسيقيءَ کي ايران ۽ وچ مشرق تائين پهچايو، جنهن جا اهڇاڻ ۽ آثار اسان کي پوءِ واري اسلامي دور ۾ ملن ٿا. هن وقت تائين وچ مشرق توڙي يورپ جي مختلف ملڪن جي ’جپسي‘ گروهن ۾ راڳ جي روايت قائم آهي. اسپين ملڪ جا جپسي سندن راڳ جي ذوق ۽ مهارت کان مشهور آهن. مشرقي يورپ جا ’جپسي‘ قبيلا پڻ ڳائڻ وڄائڻ ۾ مشهور آهن ۽ انهن ئي
    ’بالڪن‘ رياستن جي موسقيءَ جي روايت کي زنده رکيو آهي. عراق جي خانه بدوش ’جپسي‘ قبيلن ۾ راڳيندڙن ٽولن کي ’قوليه‘ (قوال ؟) سڏيو وڃي ٿو، ۽ ’رباب‘ سندن وڄت جو خاص ساز آهي. انهن آڳاٽن قبيلن جي اباڻي ملڪ سنڌ ۾، اڄ تائين سندن هم پيشي لورن، لنگهن ۽ مڱڻهارن ۾ ساڳيءَ طرح راڳ و رقص جو ذوق شوق موجود آهي.


    حاشيا
    (1) فتحنامو عرف چچنامو، فارسي متن ص 47؛ سنڌي ترجمو (سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد) ص 65؛ اليٽ ۽ ڊائوسن جي تاريخ، ج1، ص 151.
    (2) هوڙي والا، شاهپور شاهه هرمزجي: ’هند- اسلامي تاريخ جو مطالعو‘ مطبوع ممبئي 1939ع، ج1، ص86، سندس راءِ
    “These unfortunate people were treated ... as helots or outcasts and pariahs of human race ... Chach treated the Juts like the Chandalas. Manu says of the latter that “they should be made to live outside the town, that their sole wealth must be dogs and asses, their clothes must consist of the cerecloths of the dead, their dishes broken pots and their ornaments of rusty iron” (hodivala, Shahpurshah Hormasji: Institutes, X 12, 29 Studies in Indo-Muslim History 1939, Bombay, P.86)
    (3) ڏاهر پڻ جتن کي ذليل ڪري ٿي سمجهيو (ڏسو فتحنامو: سنڌي ترجمو. ص 83)
    (4) ترڪي Cincere (زنجير) يعني لوهارڪو ڪم.

    (ڪتاب: ” سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ “، ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز، 1978ع)


    وڻجارا (جپسي ): سنڌين جا وڇڙيل ڀائر

    وڻجارا (جپسي ): سنڌين جا وڇڙيل ڀائر

    ليلو رچنداڻي


    سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ آهي ”وڻجارو“، ان جي معنيٰ آهي، اهو جو وڻج واپار ڪري. سنڌي اتهاس شاهد آهي ته وڻجارو، وڻج واپار جي لحاظ کان ٻيا ڏيهه پئي ڦريو آهي. هو ڪڏهين چين ولايت ته ڪڏهن جاوا ۽ سوماترا؛ ڪڏهن سمرقند ۽ تاشقند، ته ڪڏهن بغداد ۽ بصري ڏانهن پئي ويو آهي. شاهه صاحب اهڙن وڻجارن جو ڪافي ذڪر ڪيو آهي. وڻجاري لاءِ وڻجاريءَ جي سڪ ۽ پريم کي به شاهه جي شعر ۾ چڱو ئي پلٽيو ويو آهي.
    دنيا جي تختي تي هن وقت به، هڪ قوم رهي ٿي جا گذر سفر جي لحاظ کان گهڻو ڪري پيئي ڦرندي رهندي آهي، ان قوم جو نالو آهي ”بنجارا“. انگريزي ٻولي ۾ ان کي چون ’جِپسي‘ (Gypsy). ان قوم تي اهو ’جپسي‘ نالو ان ڪري پيو آهي، جو چون ٿا ته: اها قوم، ايجپٽ يعني مصر کان ئي يورپ ويئي هئي، ۽ بعد ۾ اتي ئي وڃي پکڙي هئي. ان ’جپسي‘ قوم جي شروعات ۽ اتهاس تي ڪيترا ليک لکجي تيار ٿيا آهن ۽ گهڻن ودوانن جي اها راءِ آهي ته اها ’جپسي‘ قوم، اوائل ۾ هند جي اتر- اولهه واري حصي جي رهواسڻ هئي ۽ ڪن حالتن ڪري اها مجبور ٿي اتان لڏي، پهرين ايران ۽ ميسو پوٽيما ايراضين ۾ اچي رهي؛ ۽ اتان پوءِ مصر ڏانهن ويئي. هدستان جي اتر-اولهه واري ايراضي معنيٰ ’پنجاب ۽ سنڌ‘ جي ايراضي. چئبو ته اها ’بنجارا‘ قوم اصل ۾ پنجابي يا سنڌي قوم جو ئي هڪ حصو هئي.
    لڏپلاڻ جا ڪارڻ
    سوال آهي ته اهي بنجارا، جيڪڏهن اصل ۾ سنڌي يا هندي هئا، ته پوءِ اهي پنهنجي وطن کي هميشھ لاءِ خيرباد ڇوڪري ويا ؟ “The story of Gypsies” جو ليکڪ لکي ٿو ته: ”جنهن وقت سڪندر اعظم هندستان تي حملو ڪيو هو، ان وقت ئي اهي لوڪ هند مان نڪري آيا ٿا ڏسجن. پوءِ يا ته انهن کي پنهنجي وطن مان زوريءَ هڪاليو ويو آهي، يا ته هو خوشيءَ سان يونانين سان شريڪ ٿيا آهن. پهرين هو ننڍين ٽولين ۾ نڪتا آهن، ۽ پوءِ ئي انهن جي پٺيان وڏيون ٽوليون نڪتيون آهن.“
    گئريئرسن ۽ ٻيا انگريز ودوان وري سمجهن ٿا ته: ”محمود غزنويءَ، جو سترهن دفعا هندستان تي ڪاهون ڪيون، سو هن هر دفعي هزارن هندين کي غلام ڪري پئي پنهنجي ملڪ نيو، جن مان پوءِ ڪيترن کي ٻانهپ مان آزاد ڪيو ويو، جي پنهنجي وطن ورڻ بدران اڳتي مصر ڏانهن وڌي ويا.“
    ايران جي مشهور شاعر فردوسيءَ ته وري هڪ عجيب ڳالهه پنهنجي ”شاهنامي“ ۾ لکي آهي. هو چوي ٿو ته: ”ايران جي شاهه بهرام گور، اتر هندستان جي ان وقت جي راجا شنکل کي وينتي ڪئي هئي ته ايران جي قومي جلسي ۾ ڀاڳ وٺڻ لاءِ ويهه هزار گَويا موڪليا وڃن. ان وينتيءَ کي قبول ڪندي، هندو راجا مشهور سنگيت ڪار ايران موڪلي ڏنا. انهن هندي گوين جي سنگيت ۽ راڳ، ايران جي شاهه کي ايترو ته موهي ڇڏيو، جو هُن کين ايران ۾ رهڻ لاءِ مفت ۾ زمينون، ڍڳا ۽ اناج وغيره ڏنو، پر جيئن ته اهي ڳائيندڙ هندي ڪُڙمي طبقي جا لوڪ نه هئا، ان ڪري هنن ترت ئي اناج ۽ ٻيون سوکڙيون خلاص ڪري ڇڏيون. پوءِ ته ايراني شاهه به مٿن ڪاوڙجي پيو ۽ هنن کي پنهنجي ملڪ مان لوڌي ڪڍيائين. اهي هندي، پوءِ مصر ڏانهن هليا ويا، جتان يورپ ڏانهن ڦهلجي ويا.“
    ’جپسي‘ قوم جي هڪ ڏندڪٿا ۾ به چيل آهي ته: هو اوائل ۾ هند ۾ رهندا هئا، ۽ سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ کين پاراتو مليو ته ’هو رُلندا رهندا‘! ان وقت کان وٺي ئي هو پئي رُليا آهن، ۽ ڪٿي ٿانئيڪا ٿي نه ويٺا آهن.
    ڪيترن ’جپسي‘ لوڪن ۾ اڄ به هندي رسمون ۽ رواج مروج آهن. ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين، هنن جون ڪيتريون ئي رسمون، هندي رسمن ۽ ريتن جهڙيون آهن. ڪن قومن ۾ ته ’سويمبر‘ جي رسم به مروج آهي. شاديءَ وقت هندن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار مٿان چانور اڇلايا ويندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح کين خوشحال رهڻ جي دعا ڪئي ويندي آهي . جپسي لوڪن ۾ به اهڙي رسم آهي. هنن جا انگ به هندي انگن جهڙا آهن. جهڙوڪ:
    هندي انگ جپسي انگ سنڌي انگ
    ايڪ اِڪ هڪ
    دو دوئي ٻه
    تين تِرن ٽي
    چار ستور چار
    پانچ پنچ پنج
    ڇي شو ڇَهه
    سات افت ست
    آٺ اکٽ اٺ
    نو نؤ نوَ
    دس دش ڏهه
    جپسي ۾ ’ويهن‘ کي چون ”دباردش“، يعني ’ٻه دفعا ڏهه‘. ’سومر‘ کي چون ”پرٿم دوش“، ۽ ’ٻڌر‘ کي ”ترتُيه دوش“ جپسي ۾ ”شوشئي“ معنيٰ، سنڌي ’سهو‘ (خرگوش). ”ڪليه“ معنيٰ، سنڌي ’ڪلهه (yesterday). اهو لفظ ’سڀاڻي‘ جي حيثيت ۾ به ڪم ايندو آهي. هڪ ليکڪ جارج بارو، جي لکڻ موجب: جپسي ٻوليءَ ۾ ٽي هزار کن لفظ ٿيندا، ۽ انهن مان گهڻا لفظ سنسڪرت يا ٻئي ڪنهن هندي ٻوليءَ (هندي، پنجابي، سنڌي، گجراتي وغيره) جا ئي آهن.“
    ٻيا همروپ ۽ هم معنيٰ وارا ڪجهه لفظ هيءُ آهن:
    جپسي لفظ سنڌي لفظ
    ڇُري ڇُري Knife
    بال وار Hair
    يڪ اک Eye
    ڪن ڪن Ear
    نڪ نڪ Nose
    ڪارو (ڪالو) ڪارو Black
    راءِ راءِ King
    بَرو بڙو (وڏو) Great
    ٿان ٿان Place
    تد ڏڌ Curd
    ماس ماس Meat
    پاني پاڻي Water
    پس ڀوسو Straw
    بڙهؤ ٻڍو Old
    چوري چوري Stealing
    رات رات Night
    رت رت Blood
    چڪ چِڪ Mud
    تون تون You
    سچو سچو True
    تتو تتو Hot
    ساري رات ساري رات Whole night
    سنڌي ۾ حرف نفي آهن:’نه، نڪو، مَ‘، جپسي ٻوليءَ ۾ به حرف: ’نه، م، نستي، ننئي‘ آهن.مثال طور جپسي ”نه جانو“ معنيٰ ’نه ڄاڻان‘، ”تي نه دڪاو“ معنيٰ ’نه ڏسان‘، ”تي نه کاوي“ معني ’نه کائي‘. اهڙيءَ طرح ”م ڪر“
    معنيٰ ’م ڪر‘ (نه ڪر). جپسيءَ ۾ ’م‘ ظرف نفي اڪثر ’امر‘ ۾ گڏي ويندي آهي، جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ به آهي. جهڙيءَ طرح ”م پي“ معنيٰ ’مَ پيءُ‘
    (نه پيءُ)، ”م کا“ معنيٰ ’م کاءُ‘ (نه کاءُ)، ”م دڪ“ معنيٰ ’م ڏس‘.
    ڪن ودوانن جي راءِ موجب، جپسي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ سان مشابهت رکندڙ آهي، ۽ ڪن جي راءِ موجب، وري سورت ضلعي جي، گجراتي ٻولي آهي.
    سنڌين سان لاڳاپو
    انهن لفظن مان صاف ظاهر پيو لڳي، ته ’جپسي‘ قوم جو گهڻي قدر لاڳاپو سنڌين سان ئي هو. يورپ جي ڪن حصن ۾ هو پاڻ کي ’زنگنلي‘، ته ڪٿي ’رومي‘، ته ڪٿي وري ’سنتي‘ سڏائيندا آهن. ’سنتي لفط مان ظاهر آهي ته هو ”سنڌي“ سان واسطو رکندڙ آهن ، ڇو ته نه فقط چيني ڀاشا ۾ ’سنڌ‘ کي ”سنتو“ چوندا آهن، پر ساڪ ڀاشا جي لفظ ”سنتو“ جي معنيٰ به آهي. ”ندي“. ڪيترا جپسي لوڪ، هڪٻئي سان گڏ ملندا آهن، تڏهن هڪٻئي کي ”سنتي“ ڪري پڪاريندا آهن، جنهن اکر جو مطلب آهي ’ساٿي‘.
    ڀاشا وگيانن ان ”سنتي“ لفظ جو رشتو ”سنڌي“ سان جوڙيو آهي. مشهور اتهاسڪار هيروڊوٽس ته صاف ڄاڻايو آهي ته ”سنڌي“ نالي هڪ ننڍڙي هندي قوم، ڪاري سمنڊ ويجهو تامن نالي ٻيٽ ۾ رهندي هئي. اهو سمو، عيسوي صديءَ کان ڇهه-اٺ سؤ ورهيه اڳ جو آهي.“ چمن لال جو لکڻ آهي ته ”پنجاب جي هڪ ايراضيءَ ۾ ’چنگر‘ نالي هڪ پٺتي پيل قوم هن وقت به رهندي آهي، جا هڪ ’سنڌوئي‘ قوم جو جزو آهي، ۽ جنهن جي ٻولي ’سنڌي‘ ٻوليءَ سان رشتو رکندڙ آهي، اها قوم ئي ايران جي اندروني ايراضين تائين ويل ٿي ڏسجي.“
    جپسيءَ جي ٻوليءَ ۾ ايراني ۽ آرمينيا جي ٻولين جا به اثر آهن، جي ڏيکارين ٿا ته هو ڪجهه وقت انهن ايراضين ۾ ضرور رهيا آهن. ايران جي جڏهن ساساني حڪمرانن جو راڄ هو، تڏهن ئي شايد هو هند مان لڏي ايران ۾ وڃي رهيا ٿا ڏسجن. هنن پوءِ فرات نديءَ جي ڏاکڻي حصي ۾ ڊاٻو ڪيو ۽ عربن سان گڏجي، ملڪن کي فتح ڪرڻ ۾ انهن کي ساٿ ڏنو؛ پر عباسي خليفي مامون الرشيد جي موت کان پوءِ، هنن ان ملڪ کي ڇڏي ڏنو. آرمينيا مان ٿي هُو سِريا (شام) منجهان لنگهي، وڃي اتر آفريڪا ۾ پهتا. اتان وري هو ڪجهه يورپ ڏانهن ڦهلجي ويا ۽ ڪجهه وچ آمريڪا جي ايراضين ڏانهن هليا ويا. هنن جي نرالين رسمن جي ڪري هر ملڪ ۾ مٿن ظلم ۽ ستم پئي ڪيو ويو. ڪن هنڌن تي ته کين ناس ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا ويا. جهڙيءَ طرح گذريل ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ خود جرمنيءَ جي ڊڪٽيٽر هٽلر کين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ظلم ۽ ستم جي باوجود به اهي زندهه رهيا آهن ۽ پنهنجي وجود ۽ تهذيب کي قائم رکيو اٿن.
    جپسي قوم ڳائڻ-وڄائڻ ۾ استاد آهي. سنگيت سندن پيشو آهي. قوم جو ننڍو وڏو شخص سهڻيءَ طرح ڳائي ڄاڻي. ان ڪري ئي هن قوم کي ڪن هنڌن تي مانُ به پئي مليو آهي. سندن هستيءَ ۾ رهڻ جو هڪ سبب اهو به آهي، جو روس ۾ هنن کي گهڻي ۾ گهڻو ساٿ ۽ سهڪار پئ مليو آهي. روس جي هڪ راڻيءَ ’ڪئٿرائين ٻيءَ‘ ته هنن کي رهڻ لاءِ سرڪاري زمينون ڏيئي ڇڏيون. هن وقت رومانيا، هنگري، بلگيريا، ۽ چيڪو سلويڪيا ۾ ’جپسي‘ گهڻي انداز ۾ رهيل آهن. اهي سڀ ساميوادي ملڪ آهن، انهن ۾ کين ترقي ڪرڻ لاءِ سڀ سهولتون ڏنيون وييون آهن. شري چمن لال جو چوڻ آهي ته: ”انهن ملڪن ۾ جپسين جا سهڪاري کيت قائم ڪيا ويا آهن، ۽ جپسي قوم ترقيءَ ڏانهن تڪڙيون وکون وڌائي رهي آهي.“ يوگوسلويا جي سرڪار پڻ جپسين کي ترقي ڪرڻ لاءِ سُٺا نگرواسي ٿيڻ ۾ زبردست مدد ڪري رهي آهي.
    جپسي قوم جي فرد لاءِ چيو وڃي ٿو ته: هن جيترو پيار پنهنجي سنگيت جي ڪلا کي پئي ڪيو آهي، اوترو پيار هن پئسي کي نه پئي ڪيو آهي. سنگيت جي تانَ جي ڌوم، هن يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مچائي ۽ ڪيترن لوڪن کي پاڻ تي موهت ڪري ڇڏيو. هڪ مشهور يورپي ودوان، ارونگ برائون جو رايو آهي ته ”جپسي لوڪ پنهنجو سنگيت هندستان مان ئي کڻي آيا.“ يورپ جي سنگيت جو ابو ، بيٿووَن چيو ويندو آهي؛ پر ان لاءِ به معلوم ٿيو آهي ته هن ڪجهه سنگيت جي سکيا وائنا (آسٽريا) ۾ رهندڙ جپسي لوڪن جي سنگيت مان ئي ورتي هئي.
    يوروپي سنگيت جي ٻي سَند، ڊالڪروز نالي سنگيتڪار کي ٺهرايو ويو آهي. هن لاءِ به چيو ويو آهي ته هن هنگريءَ جي هڪ جپسي سنگيتڪار کي پاڻ وٽ گهرايو هو ته جيئن سندس شاگردن کي سنگيت جي سکيا ڏئي. 1825ع ۾ بهاريءَ نالي هڪ جپسي سنگيتڪار، وائنا جي شهنشاهه اڳيان پنهنجي سنگيت جو مظاهرو ڪري، نه صرف شهنشاهه کي خوش ڪيو، پر درٻار جي استرين کي پڻ موهي وڌو.
    سنڌي جاتيءَ لاءِ به مشهور آهي ته هوءَ ڳائڻ وڄائڻ ۾ هوشيار آهي. اٺين صديءَ جي هڪ جين آچاريه اديوتن، پنهنجي ”ڪوليه مالاڪٿا“ ۾ سنڌين لاءِ صاف لکيو آهي ته ”اهي سٺو ڳائيندڙ ۽ مرڪندڙ شخص آهن.“
    جپسين کي پنهنجي اتهاس جو پورو پتو ڪونهي، پر گهڻن کي اهو وشواس ويٺل آهي ته سندن ابا-ڏاڏا هند جا ئي رهاڪو هئا. سندن هڪ راجا جو نالو ’زنديلو‘ چيو وڃي ٿو، ۽ ’زندو‘ معنيٰ ’انڊو‘-”سنڌو“. اهو زنديلو لفظ به سنڌيءَ ٻوليءَ جي اکرن جي بناوت جهڙو ئي پيو لڳي، جهڙوڪ: ’سانديلو‘، ’سنديلو‘ وغيره.
    جپسي ٻوليءَ ۾ مٽن-مائٽن لاءِ اهي لفظ آهن:
    فين (ڀيڻ)، فرل (ڀاءُ)، سسرو (سهرو)، سسئه (سس)، ڪاڪ (ڪاڪا، چاچو)، سالو (سالو)، مانس (ماڻهو). ان کان سواءِ ٻيا اکر آهن: بڪرو (ٻڪر، ٻڪرو)، مک (مک)، ڪير (ڪولي)، آنرو (آنو، بيدو)، سنگ (سڱ)، ٿرُ (دونهون)، انگر (اڱر)، ڪندو (ڪنڊو)، کوو (کوهه)، راڻي (راڻي)، چور (چور)، مزو (ماني)، ارو (اٽو)، زورالو (زور وارو)، سوانگ (سانگ، ٻهروپي)، اوچو (اُچو، ڊگهو)، نڪلن (نڪرڻ، وڃڻ)، سوتو (ستو، سمهيل)، سوسڪ (ڇو)، سگو (سگهو، جلدي)، ست (ست، سار)، شڪو (سُڪو، سڪل)، شنو (سڻڻ، ٻڌڻ)، شکؤ (سکڻ)، شرو (سرو، مٿو)، سو (سڀ)، پڇو (پڇڻ)، پيشو (پيسڻ)، پيرو (پيرو، پير)، پير ننگو (پير ننگو، پير اگهاڙو)، پيلو (وهانءُ)، پٽ (پٽ، ڪپڙا)، پنگو (پنگلو)، اوتيه (اتي)، نئه (ننهن)، مڙس (مڙس، مڙد)، مئي (منهن)، ميل (ميل، مر، مٽي) ميلالو (ميراڙو، ميرو)، متو (متو، ست)، مارو (مارو، ماڙهو)، لوو (لوڀ)، کر (کر)، کنجو (کنهڻ)، جوو (جون)، جو (جَوَ-Barley)، دنو (ڏنو، ڏنل)، درياو (درياهه)، چمي (چُمي-Kiss)، اناو (آڻڻ)، اواو (اچڻ)، بهتالو (بيتالو)، بروالو (گجراتي-ڀروارو، ڀاڳيو)، بينگ (ڀينگ) وغيره.
    جهڙيءَ طرح هر هڪ ديو جي آستان کي سنڌيءَ ۾ ’ٿانَ‘ به چئبو آهي، اهڙيءَ طرح جپسي به ”ٿانَ“ چون، هندستان لاءِ ته هنن جو لفظ آهي ”بروٿان“، معنيٰ وڏو ملڪ
    اڃا به جپسي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ آهن، جي سنڌي هم معنيٰ وارن لفظن سان ميل پيا کائين ۽ هندي يا ٻيءَ ٻوليءَ ۾ اهي لفظ ڦريل روپن ۾ موجود آهن. ان مان ظاهر آهي ته جپسي هر خيال سان سنڌيءَ کي قريب آهي.

    (ٽماهي ”مهراڻ“ شمارو 3 ــ 1967ع)


    سنڌي ۽ جپسي ٻولين جون هڪ جهڙايون

    سنڌي ۽ جپسي ٻولين جون هڪ جهڙايون

    ليلو رچنداڻي
    اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
    هلڻ هارا سپرين ، رئان تان نه رهن،
    آءُ جهليندي ڪيترو، آيل سامونڊين،
    پڳهه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾،
    (شاهه)
    شاهه جن وڻجارن جو ذڪر ڪيو آهي، اهي سنڌ جائي رهاڪو هئا. انهن چين ولايت وڃي واپار ڪري سنڌ کي ڀريو ڀاڳيو پئي رکيو ، پر وڻجارن جو ٻيو هڪ قسم آهي ، جنهن جو ڪو مقرر ٺڪاڻو ڪونهي. ڪڏهن ڪٿي نه ڪڏهن ڪٿي ! انهن وڻجارن کي عام طرح جپسي (Gypsy ) ئي چيو ويندو آهي. مٿن اهو نالو ايجپٽ (مصر) ديش تان پيو ٿو ڏسجي. جيتوڻيڪ ائين به چيو پيو وڃي ته انهن جو وطن ڪنهن سمي هندستان ئي هو. هنن جي ٻوليءَ جا ڪيترا ئي اکر، ٻوليءَ جي نحوي بناوٽ ڪجهه اتر اولهه ڀارت، خاص ڪري سنڌي ۽ پنجابي ٻوليءَ جي اکرن جي نحوي بناوٽ سان ميل جول رکندي نظر ٿي اچي. ٻوليءَ جي هڪجهڙائي اها ڄاڻَ ٿي ڪري ته انهن وڻجارن جو ڪنهن سمي سنڌ سان گهاٽو سٻنڌ ٿي ڏٺو. اهي شايد هزار ورهيه اڳ هند مان لڏي وڃي دنيا جي مختلف ايراضين ۾ وسيا آهن.
    وڻجارن کي روس ۾ زگيني، اسپين ۾ زنڪيلي، بلگيريا ۽ بالڪن ٻيٽن م ائزنگين، جرمنيءَ ۾ زنگينر، ترڪستان ۽ ايران م زنگيري چيو ويندو آهي. اهي پاڻ به ڪن هند پاڻ کي زنگيرو ته ڪن هنڌ زنڪيلي ته ڪن هنڌ وري سنتي سڏائيندا آهن. ڀاشا وگيانين انهن مختلف لفظن جو بنياد زند، هند، اند ئي ڄاڻايو آهي. ڪي اهي لفظ ”سنڪر“
    شبد مان نڪتل ڄاڻائين ٿا، پر انهن مڙني اکرن مان سنتي اکر ڪجهه اهميت وارو آهي. پئشاچي ٻولين (اتر اولهه هند جي ٻولين) ۾ ”د“
    ”ت“ ٿي ويندو آهي. ”دامودر“ شبد کي ”تاموتر“ چيو ويندو آهي. (ڏسو: ورج لعل شاستريءَ جوڌاڄڻو سنگره). ان حالت ۾ سنڌي ڦري سنتي ٿيو هجي ته ان ۾ عجب ئي ڪهڙو ؟ چيني ڀاشا ۾ به ”سنڌ“ کي ”سنت“ ئي سڏيو ويندو آهي. چيني ياتري آءِ سنگه ”سنتو“ (H. Sintu) جي نالي ئي سنڌوءَ کي چيني ساهتيه ۾ پرسڌ ڪيو هو. (ڏسو: ڊسڪوري آف انڊيا، ليکڪ جواهر لعل نهرو ) وڻجارن تي جو سنتي نالو پيل آهي، سو ٿي سگهي ٿو ته ”سنڌي“ هجي ۽ مٿن اهو نالو ”سنڌونديءَ“ جي ويجهو رهڻ ڪري پيو هجي.
    وڻجارا (جپسي ) پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڀوت پريت کي ”بينگه“ چوندا آهن ۽ ان ڪري هو نرڪ کي ”بينگه ڪو تان“ يعني ڀوت جو آستان سڏيندا آهن. هڪ ڀاشا وگياني جو چوڻ آهي ته ”بينگه اکر ڪنهن به هندستاني ٻوليءَ ۾ ڪونهي ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ اهو اکر ان معنيٰ وارو ملي ويندو ، ان ٻوليءَ سان ئي جپسي قوم جو سڌو تعلق سمجهيو ويندو.“
    سنسڪرت ۾ هڪ لفظ آهي ”ڀيڪ“ جنهن جو مطلب آهي ڏيڏر ، پر اهو لفظ ”بينگ“ لفظ سان ميل نٿو کائي. البت سنڌي لفظ ”ڀينگَ“
    معنيٰ سُڃَ ، ان ”بينگ“ لفظ جي نزديڪ آهي. جنن ڀوتن جي واسي واري هنڌ تي هميشھ سڃ ئي رهندي آهي. سنڌي ”ڀينگستان“ ۽
    ”بينگ ڪو تان“ ۾ تفاوت ٿورو آهي.
    سنڌيءَ ۾ مذڪر ”لو“ پڇڙي سان ۽ مونث ”اي“ پڇڙيءَ سان ظاهر ڪئي ويندي آهي. مثال: ڇوڪرو، گهوڙو، ڀولو وغيره مذڪر روپ ۽ ڇوڪري، گهوڙي، ڀولي وغيره مونث روپ آهن. جپسي ڀاشا ۾ به اهڙو ئي نيم آهي. مثال: رڪلو معنيٰ ڇوڪرو ۽ رڪلي معنيٰ ڇوڪري. هندي ۽ پنجابي خواه ٻين ٻولين ۾ اهڙو نيم ڪونهي. جپسيءَ ٻوليءَ ۾ ”ڇاوو“ اکر جو ارٿ به ”ڇوڪرو“ ئي آهي. سنسڪرت اک ”شاو“ جو مطلب هو ”جانور جو ٻچو.“ آچاريه هيمچندر جي راءِ موجب اهو
    ”شاو“ شبد پراڪرت ڀاشا ۾ ڦري ٿيو ”ڇاو“. جپسي ”ڇاوو“ ان
    ”ڇاوو“ لفظ جو ئي هڪ روپ ٿو ڏسجي. جهوني گجراتي ڀاشا ۾
    ”ڇوڪرو“ لفظ جو ٻيو لفظ هو ”ڇييو“ جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جو بنياد به سنسڪرت ”شاو“ ئي هو. ان حالت ۾ جانور جو ٻچو ڦڙي انسان جو ٻچو ٿيو هجي، ان ۾ عجب ئي ڪهڙو!
    سنڌيءَ ۾ مذڪر واحد ”اُ“ پڇاڙيءَ سان ٿيندو آهي. مثال ڇوڪر، بگهڙ، کيل وغيره. جپسي ٻوليءَ ۾ به ڪجهه قدر ائين ئي آهي. مثال پال، جنهن جي معنيٰ آهي پيالو.
    ويلش روماني ٻولي (ويلش جي جپسي ٻولي) ”ڪيدن“ لفظ جو مطلب آهي ”مون ڪيو“ ، جيڪو گجراتي ”ڪيڌون“ جي نزديڪ آهي ، پر جهوني سنڌيءَ ۾ اهڙو روپ به موجود هو. ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند پنهنجي ”سنڌيءَ ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنسڪرت ۾ ”ڪر“ معنيٰ ڪرڻ ۽ ”ڪرت“ معنيٰ ”ڪيو“ جنهن جو اچار اول ڦري ٿيو ڪدو ۽ پوءِ ٿيو ”ڪيو“. ڪي آڳاٽا پراڪرت وارا اسم مفعول هن وقت به سنڌيءَ ۾ آهن مثال:
    ڪڪرا ڪربلا جا عليءَ تي اگهٺاس
    (شاهه)
    ”اگهٺو“ اکر هاڻي چوندا آهيون ”اَگهيو“ پر جي پراڪرت جي بدران چئجي ته اپڀرنش مان ئي ”ڪيدو“ لفظ آيو آهي ته وڌيڪ صحيح آهي. ڇو ته ان جو روپ اپڀراش ۾ ”ڪيدلئه“ ئي هو. اها ”ئه“ پڇڙي ڦري ”وَ“ ٿي آهي. ”ئه“ پڇڙي پراڪرت جي نه پر اپڀرنش بوليءَ جي ئي خوبي چئي ويندي آهي ۽ ۽ اپڀرنش مان ئي سنڌي نڪتل ڄاڻائي وڃي ٿي.
    ”ڪيو، ٿيو ۽ ٻيا اهڙا اسم مفعول جيڪڏهن پوري طرح صفت ڪري ڪم آڻڻا هوندا اٿئون ته انهن جي پٺيان ”ل“ پڇاڙي گڏي چئون ”ڪيل، ٿيل“ وغيره.“ (سڌي بوليءَ جي تاريخ). اهو ”ل“ انگريزي جپسي (روماني) ٻوليءَ جي لفظ ”ملهه“ ۾ به وڌل آهي.
    ”ڪندو هوس“، ”س“ پڇاڙي سنسڪرت ڌاتو ”اس“ مان ورتل آهي. ”اس“ ڌاتوءَ مان ئي معاون فعل ”اسمي“ معنيٰ ”آهيان“ نڪتل آهي. جپسي ٻوليءَ ۾ به اهو ڌاتو ”اس ۽ ايس“ روپن ۾ ظاهر آهي. مثال جپسي اکر ”ڪير اوس“ جو مطلب آهي ”ڪندو هوس.“
    آچاريه هيمچندر سنه 1112ع ۾ لکيل ”پراڪرت وياڪرڻ“ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”اپڀرنش ۾ ”ڪير“ شبد سنٻنڌي روپ ۾ ڪم آيل آهي.“ جپسي ٻوليءَ م به ان ”ڪير“ شبد اهڙو ئي ڪم ڪيو آهي جو ”ايسڪرو“ آڪيرو“ وغيره لفظن ۾ ظاهر آهي. مثال: ”دروسيس ڪيري رڪلي“ معنيٰ دروسيس ڪيري ڇوڪري، انهن لفظن ۾
    ”ڪيري“ لفظ ”ڇوڪري“ لفظ سان سنٻنڌي روپ ۾ آيل آهي. ڪير“
    لفظ ”ڪيڻ ۽ ڪڻ“ ۾ به بدلجي سگهي ٿو. سنڌي لاڙي ٻوليءَ ۾ اهو ”ڪڻ“ لفظ ساڳيو ئي سنٻنڌي ڪم ٿو ڪري. ”ڪڻ، جو مطلب آهي ”کي“ مثال ڪڻم معنيٰ مون کي، ڪڻيس، معنيٰ هن کي.
    ڪير ٻانڀڻ ڪن جي ڪير ڄاڻي ڪيڻاس.
    (شاهه)
    ”آءُ، کاءُ“ امرن ۾ ”اُ“ پڇڙي ۽ ”وٺاءِ، کڻاءِ“ امرن ۾ ”ئه“ پڇڙي آيل آهي. ”ا“ پڇڙي هندي ۾ ”ؤ“ جي صورت ۾ ايندو آهي. اها ”ؤ“ پڇڙي اپڀرنش مان آيل آهي. مثال ڪجنئه (ڏسو: هيمچندر). پراڪرت ۾ ”اُ“
    نه پر ”م“ پڇڙي هئي. مثال ڪرم، ڄاڻيم وغيره، ترڪيءَ ۽ ويلش جي جپسي ٻولين م ”و“ پڇڙي آهي. مثال ”لاو، داو، ڪيراو“ وغيره.
    جپسي ٻوليءَ ۾ اسم فاعل ٺاهڻ لاءِ مکيه لفظن کي ”اينگرو، گيئيرو، ميسيڪو“ لفظ گڏڻا پوندا آهن. جهڙوڪ ڀاڳ اينگرو معنيٰ آگ (باهه) وارو، مانگو مينگرو معنيٰ بکاري، چنگا گيئيرو معنيٰ لڙائي ڪندڙ، ڪامو ميسڪو معنيٰ ڪام (پريم) ڪندڙ يعني پريمي، عاشق، انگريزي ٻوليءَ جو مانگر Monger جپسي مينگرو ۽ سنڌي مڱڻو يا مڱڻهار هڪ جهڙا شبد آهن. سنڌي ٺينگڙو معنيٰ ٺينگه (ٽپا) ڏيندڙ ڪٿي. ان لفظ ۾ به ”اينگرو“ ته نه سمايل آهي ؟
    لفظن جي لحاظ کان ڏسبو ، ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪيترائي جپسي لفظ سنڌي لفظن سان ميل کائين ٿا جهڙوڪ:
    جپسي اکر سنڌي اکر جپسي اکر سنڌي اکر
    مانگ مگه (بيکه) چنگا چنگ (لڙائي)
    ڪام ڪام (پريم) ڀاگ آگ (باهه)
    چور چور چري ڇري
    بڪ بک رات رات
    لُوڻ لُوڻ رب ڄڀ
    جيوُ جيوُ (جنتو) پچ پڇ
    جپسي ”ليس“ معنيٰ ”وٺ، کڻ“ لاڙي ٻوليءَ ۾ به ”ليس“ لفظ آهي ، جنهن جو مطلب آهي ”حاضر، تيار.“ جپسي لفظ ”سڻ“ لفظ سنڌي سڻ (بڌ) جي برابر آهي. جپسي ”شوبڻس“ معنيٰ سمجهه. جپسي ”آونا“ معنيٰ
    ”آءٌ، اچ“ ۽ ”بيش“ معنيٰ ”ويهه“ اهڙيءَ طرح جپسي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ آهن جي سنڌي، پنجابي، ملتاني سان لفظن ميل کائين ٿا.
    انهن ڳالهين مان اهو صاف ظاهر پيو ٿئي ته جپسي قوم ڪنهن وقت سنڌ جي بلڪل قريب ئي رهندي هئي يا جي ائين چئجي ته هوءَ سنڌي وشال قوم جو هڪڙو ٽڪرو هئي ته غلط نه ٿيندو.
    اهڙي طرح اوائلي سنڌي پنهنجي زماني جي دور ۾ دنيا جي ڪيترين ئي قومن سان لهه وچڙ ۾ آيا. سنڌي هڪ واپاري قوم پئي رهي آهي، ان ڪري واپار جي لحاظ کان هوءَ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پئي ويئي آهي. سنڌ هڪ هريو ڀريو ٽڪرو پئي رهيو آهي ، ان ڪري ڌارين ملڪن جڏهن به هند تي حملو پئي ڪيو، تڏهن گهڻي ڀاڱي پهريون نشانو هنن سنڌ کي ئي بڻايو. ڪي ڌاريا سنڌ ۾ رهي به پيا ۽ سنڌي قوم ۾ جذب ٿي ويا.
    انهن ميلاپن مان ئي سنڌي قوم جون ڪيتريون جاتيون ٺهي ويون. سنڌ جي هڪ جاتيءَ جو نالو آهي کٽي. ٽاڊ جي راءِ موجب کٽي قوم راجستان ۾ به رهندي هئي ۽ اها جرمنيءَ تائين ويل هئي. ٿي سگهي ٿو ته کٽي قوم وارا جرمن لوڪن ۽ انهن جي ٻوليءَ سان به لهه وچڙ ۾ آيا هجن، پر اهو ڪڏهن ٿيو، اهو اتهاس جو هڪ غيبي ورق آهي.

    (ڪتاب: ” سنڌوءَ جي جهلڪ “، ليکڪ: ليلو رچنداڻي،
    ڪمل سنڌي پرنٽنگ پريس، احمد آباد (انڊيا)، 1963ع)


    جپسي سنڌي

    جپسي سنڌي

    گنگا رام سمراٽ
    سڄي يورپ ، رشيا، ايجپٽ وغيره ۾ گهمندڙ هڪ جاتي آهي، جنهن ۾ مختلف علائقن جا ڀارت واسي شامل آهن، جيڪي هزارن ورهين کان گهمندڙ حالت ۾ رهن ٿا. اهي يورپ جي هر ڀاڱي ۾ ڦهليل آهن. سندن ٻولي هڪ آهي. مڪاني حالتن ڪري فرق به آهي. اڪثر قسمت ڀيٽڻ جو ڪم ڪندا آهن. گهوڙيسوار به ڏاڍا سٺا آهن. نالا، سنسڪار سڀ هندو اٿن، جن لاءِ هڪ عجيب نالو الائي ڪيئن جپسي (Gypsy) عام ٿي ويو آهي. انيڪ ودوانن انهن جي اصل نسل تي کوج ڪئي آهي. ڀارت مان مهاپنڊت راهل سانڪرتياين انهن نسبت شخصي حالتن ۽ اڀياس جي آڌار تي گهڻي کوج ڪئي آهي. ان مطابق :
    ”هو پاڻ کي ڪارو (ڪالو-Kalo) ۽ ٻين کي اڇو (پرنو-Parno) چوندا آهن. پاڻ کي ماڻهو (منشچ- Manusch) ۽ باقي ٻين کي ڌاريا (گڙسيو – gadsio) چوندا آهن. انهن ئي جپسي جاتي ۾ سنڌي به آهن ، پر لڳ ڀڳ سڀ پاڻ کي هڪ ٻئي ۾ سنتي (سنڌي، ساٽي- Sinte) ڪري سڏ ڪندا آهن.“
    انهيءَ مان اهو اندازو ٿو ٿئي ته منجهن گهڻائي سنڌين جي آهي. ٿي سگهي ٿو جيڪي هيراڊوٽس وغيره جي آڌار تي (Sindi) وغيره اشارا آهن ، اهي اڪثر پراچين ڪال جا هي سڀ سنڌي جپسي آهن. شري راهل، ان جي فوٽ نوٽ ۾ لکيو آهي ته ”سنڌين جي ننڍي جاتي، جنهن جو هيراڊوٽس ذڪر ڪيو آهي، جيڪي تمن اَپٻيٽ ۽ اوڀر سرحد تي پانٽس (Pontus) ڪناي کان انپا (Anapa) تائين واپار ڪندا هئا:

    “The little Aryan tribe of SINDOI mentioned by Herodouts , who carried on trade on the Taman peninsula, and on the east frontier coast of Pontus to Anapa.” (Ibid)

    وري ان سنتي (SINTE) لفظ لاءِ اڳتي لکي ٿو، ”هي لفظ جنهن مان ڀارتيـَتا ٿي بکي، سو ڀارتي اپٻيٽ جي سندوئي (Sindoi) قوميت جي ياد ٿي ڏياري ۽ پڻ ’ندي ۽ پرانت سنڌو‘ ۽ واسطيدار ٻولي سنڌي. (Ibid, P. 35-36)
    شري راهل هڪ انگريز شري فٽز گيرالڊ (B.V. Fitzgerald) جو رايو ڏنو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته: ”ڪيترا ماڻهو جپسين ۾ ڀيد ڪندا آهن ۽ کين اسپين جا جپسي، هنگري جا جپسي يا رشيا جا جپسي چوندا آهن ۽ ائين مڃيندا آهن ته اهي سڀ ڀن ڀن آهن ۽ ڀن ڀن ٻوليون ڳالهائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو ڀن ڀن ديشن ۾ رهن ٿا، پر حقيقت ۾ اهڙو ڪو به ڀيد منجهن ڪونهي. هو سڀ فقط جپسي آهن ۽ بنيادي طرح فقط هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪٿان آيا؛ اتر اولهه ڀارت، شايد لورستان (ايران) کان ، ڪيئن به هو هندوڪش پرديش مان ڪٿان آيا.“ (ساڳيو: صفحو 13)
    جرمنيءَ ۾ هو پاڻ کي زندو (سنڌي يا هندي) سڏائيندا آهن. (صفحو 15) نيدرلئنڊ جي ليڊن (Leyden) يونيورسٽيءَ جي شري واليي استران (Valyi Istvan) سندن ٻوليءَ جو اڀياس ڪري ٻڌايو ته ترڪي، گريس، هنگري، برهيميا، رشيا، پولنڊ ۽ سيريا جي جپسين جا هڪ هزار شبد سنسڪرت مان آهن. (صفحو 14).
    ڪن جي راءِ موجب، هو منگول آڪرمڻ وقت سنسڪرت ڪٽنب کان ڪٽجي ويا ۽ ٻن ڀاڱن ۾ وڙڇجي ايران ۾ داخل ٿيا. هو سٺا سنگيت ڪار، گهوڙيسوار ۽ سون چانديءَ جي هنر ۾ ماهر هئا. ايران ۾ سندن سٺو سنگيتڪار هئڻ ناتي سواگت ڪيو ويو ۽ کين لُوري (لاڙي ؟) چيو ويندو هو. ايران ۾ هو اڃا تائين ان نالي سان سڏبا آهن. هو گهڻي عرصي تائين اتي رهيا. (صفحو 26)
    بعد ۾ روم، منوچي ۽ سنتي (سنڌي) سيريا ۽ آرمينيا ڏانهن ويا، جتي هو وري جدا ٿي ويا. هڪڙا ڪاڪيشس رستي جارجيا ۽ رشيا ۾ ويا. ڪي اناتوليا رستي ترڪيءَ ۾ ويا جتي وري هو ڦِٽي الڳ ٿيا. وڏو ٽولو رومانيا، هنگري ۽ بوهيميا ۾ ويو، ٻيو سمنڊ جهاڳي ڪريٽ (Crete) کان ڪورفو (Corfu) ۾ وڃي وسيو. ايران مان ٻيو گروهه جن ۾ جيتن (جت- Gitan) ۽ ڪالا (Kales) عرب رستي ڳاڙهي سمنڊ ويا، فلسطين رستي ايجپٽ ۾ پهتا، جتي چڱي وقت تائين رهيا. بعد ۾ اسلامي حملي وقت لبيا کان اتر آفريڪا ڪناري تان اسپين پهتا. (بلڪل پراچين ڪال وارو اباڻو رستو جيئن مٿي لکيو ويو آهي ) گريس ۾ کين اچنگني (Acingani) چيو ويندو هو ۽ آهي. (صفحو 28).
    1490ع ۾ هو انگلينڊ ۾ پهتا، جتان هڪ ٽولو آئرلئنڊ ۾ ويو، جنهن جو اڳواڻ جان فا (John Faw) هو جيڪو پاڻ کي ننڍي ايجپٽ جو ارل (Earl) سڏائيندو هو، جنهن جو اسڪاٽلنڊ جي راجا جيمس چوٿين سواگت ڪيو (صفحو 28). هي اڪثر ’رومني‘ نالي سان پرسڌ آهن. ائين هو سڄي يورپ، رشيا الائي ڪٿي ڪٿي ڦهلجي ويا آهن. 1930ع ڌاري رشيا ۾ سندن هڪ اخبار (O Nevo Drm) (نئون ڌرم) نالي سان شروع ٿي.
    ڏکڻ فرانس جي جهنگلي پرديش ڪمرگو (Camar Gue) ۾ سال ۾ هڪ دفعو 24 کان 26 مئي تائين سندن شاهي ميلو لڳندو آهي، جتي سڀ قسم جا جپسي اچي شامل ٿيندا آهن جتي شري بيٿني ۽ سنت سر (St. Sara) جي پوڄا ڪندا آهن. اتي هو ڪروڙپتي، وڪيل، ڪوي، ڪلاڪار، ڪاريگر، سنگيتڪار ۽ نرتيه ڪار جي روپ ۾ نظر ايندا آهن. اهي روم (رومني) هجن چاهي منوچي (Manouche)، سنتي (سنڌي) هجن چاهي جيتن (جت) يا ڪالي، سڄي دنيا مان اچي اتي گڏ ٿيندا آهن. (صفحو 31)

    يوگوسلاويا جي وڏي ڄاڻو شري اُهلڪ (Dr. Rade Uhlik)، جنهن جپسي وشيه جو ڏاڍو گهرو اڀياس ڪيو آهي ۽ ٽيهارو کن ليک ۽ ڪتاب ان وشيه تي تيار ڪيا آهن، تنهن جي ملاقات ۽ رايو شري راهل پنهنجي مٿئين ڪتاب م هن طرح ڏنا آهن:
    راهل : سڀ جپسيلاجسٽ ان ۾ يڪراءِ آهن ته جپسي ڀارت مان آيا؟
    اُهلڪ : ها، منش شاستر ۽ ڀاشا جي آڌارتي، خاص ڪري سندن ڪي قبائلي نالا اهڙا آهن جيڪي ڀارت ۾ به آهن. ڀارت ۾ ڊوم آهن ته هتي آرمينيا ۾ لوم ۽ يورپ ۾ روم ۽ رومني سڏبا آهن.
    سوال : ڪن اهڙن قبيلن جا نالا ٻڌايو؟
    جواب : لوواري (Lovari =لاڙي ؟) اوڀر يورپ ۾ ۽ لوهار ڀارت ۾. ذڪسرچي (Zaxarachi) ۽ سؤ راشٽري؛ تامر ۽ تمر؛ سنتي (Sinte) ۽ سنڌي؛ زت (Zutt) ۽ جت. ان کان سواءِ اوڀر يورپ، خاص ڪري هنگريءَ ۾ ٺاڪر به آهن.
    سوال : منجهائن ڪي ڏند ڪٿائون به توهان ٻڌيون آهن؟
    جواب: ها، ڪيتريون، جن تي ڪيترا ڪتاب لکيا اٿم. سندن پوراڻڪ راجا پينگ (Penga) ۽ سرڳ تي لوڪ ڪٿا لکي آهي جا منجهن عام آهي. هو لنگ جو به اُليک ڪندا آهن ۽ ڪيڪ به لنگ جي روپ م پچائيندا آهن.
    سوال : ڪيترا لفظ توهان گڏ ڪيا آهن ۽ ڪيترا سنسڪرت آهن؟
    جواب : اٽڪل ڏهه هزار. جن ۾ سٺ سيڪڙو ڀارتي آهن، 5 سيڪڙو گريڪ ۽ باقي ڀن ڀن ملڪن مان لنگهڻ ۽ رهڻ تي گرهڻ ڪيا اٿن. (صفحو 5-104)
    شري اُهلڪ جو رايو هن طرح آهي:

    “On the basis of common language and anthropological types it has been proved that gypsies came from India. Moreover names of gipsy tribes in Europe are similar to those in India such as Jat (Zutt), Sindhi (Sinte), and Lovari (Lohar)- Lari”, (Ibid, P. 103).

    سندن سنڌيءَ سان ملندڙ ڪجهه لفظ هي آهن:
    ڀيڻ (phen)، بک (bhukh)، دک (dokh)، ڪاڪو (kak)، ڄڀ (chib)، ڇڪ (chhik)، سر- سرو (sero)، ڪن (kan)، سالو(salo)، ديوتا (devata)، گهوڙو (gra)، گانءِ (guruv)، اندر (andre)، اڳلو (angla)، لوڻ (lon)، مرڻ (merava)، ستو- سمهڻ (sutto)، ڇري (churi)، سڻ- ٻڌ (shoon)، مان ڪريان (me kerav)، تون ڪر (tu keres)، وغيره. لنڊن کي براگاو (وڏو ڳوٺ) ۽ انگلنڊ جي راڻي کي برو راڻي (وڏي راڻي) چوندا آهن. (Ibid PP.105-7)
    رشيا ۾ هو گهڻي ۾ گهڻو ڦهلي وڌيا ويجهيا آهن. انگلينڊ وغيره ۾ مٿن ظلمَ ڪري هڪالڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. روس ۾ اٽڪل 35 ورهيه اڳ هو اتي ٻه لک کن هئا. سندن خوبين ڪري هو اتي ملي ضم ٿي ويا آهن. روسي گيت، روسي لوڪ گيت ۽ روسي ساهتيه جپسي لوڪ گيتن سان ڇانيل آهن. ڪو به روسي ناليرو ليکڪ اهڙو ڪونه هوندو جنهن جپسين تي قلم نه هلايو هجي. ڪو به شاهاڻو اميراڻو گهر ڪونه هوندو جنهن ۾ جپسي خون مليل نه هجي. اٽڪل 35 ورهيه اڳ ٻه لک کن هئا ۽ روس ۾ جيڪا به رنگا رنگي ۽ سندرتا آهي ان جو بنياد هي جپسي آهن. هنن جيڪي رشيا کي ڏنو آهي، چاهي سنگيت ۽ ناچ ۾ چاهي ڪلا ۽ ساهتيه ۾ اهو سڀ سندن اڻ مٽجندڙ ڇاپ جيان رهندو. اگر وڌاءُ نه ٿئي ته انهن سنڌي ۽ هندي جپسين جو روس جي انتيءَ ۾ وڏو هٿ آهي. روسي، جپسي شاديون هڪ اتهاسڪ حقيقت آهي.

    هڪ ڳالهه
    چون ٿا روس جي مهاراڻي ڪئٿرين (Catherine) محلات جي درين کان هڪ قداور پر ڏتڙيل ۽ ڏاڙهيءَ واري جپسيءَ کي هيٺان لنگهندي ڏٺو. هن راجڪمار پوٽيمڪن (Potemkin) کي چيو ته ان کي هت وٺي اچو. ڪلاڪ کان پوءِ هو حاضر ٿيو. مگر ان وقت هو سنان ڪيل، سڳنڌ مکيل ۽ سهڻا وڳا پهرايل هو. راڻي خفي ٿي چيو: ”مون هن کي جيئن هو تيئن ڏسڻ ٿي چاهيو ۽ نه جيئن هيئنر آهي“.
    جپسي چپ چاپ راڻيءَ جو منهن تڪيندو رهيو ۽ پوءِ ڪئٿرين جي غريب ڪٽنب جو نسل ياد ڪري ، جنهن جي کيس ڄاڻ هئي، هن راڻيءَ کي مخاطب ٿي چيو: ”مون پڻ تو کي اصلي روپ ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو، جيڪا تون هنئينءَ ۽ نه جيئن هينئر آهين!“
    راڻي اهو ٻڌي غصي ۾ اچي کيس اگهاڙو ڪري ۽ هٿڪڙين سان جڪڙي ٻاهر ٿڌ ۾ سڄي رات بيهڻ جو حڪم ڏنو. صبح جو راڻيءَ ٻاهر اچي ڏٺو ته سپاهي (جيڪو گرم ڪپڙن سان ڍڪيل هو) سو مري چڪو هو ۽ سيءَ ۾ سڪي ڪاٺ ٿي ويو هو، جڏهن ته اگهاڙو جپسي مزي سان ساڻس گڏ ستو پيو ۽ کونگهرا هڻي رهيو هو“. (صفحو113)
    سندن ديوتائون برهما (Baramy)، اندر (Jandra)، لڪشمي (Laki) ۽ ماتا (ڌرتي ماتا چوندا) آهن. (صفحو 114)
    سندن سنسڪار، پرارٿنائون سڀ هندو ڍنگ جون آهن ۽ اڃا به آهن. ساز ۾ وايولن (Violin) يورپ کي سندن دين آهي. ان ساز تي هو خاص ڪري رامڪلي (Ram Gillie) راڳ وڄائيندا آهن. سندن اکيون خاص چمڪندڙ آهن. چون ٿا ته اوندهه ۾ به چمڪندڙ نظر اينديون آهن. نه کلڻ کي گناهه سمجهندا آهن. ڀارت اچڻ ۽ ڏسڻ جي به ڏاڍي اُڪيراٿن ڇو ته هزارين ورهين کان پوءِ دريا رستي کين ڀارت جي ڄاڻ پيئي آهي.
    جپسين جو سمورو نسل هرو ڀرو سنڌين جو ڪونهي، انيڪ ڀارتواسي به آهن پر گهڻائي سنڌين جي انهن ۾ آهي، اها حقيقت آهي. پوءِ اهي ڪي اڳ ويا آهن ته ڪي بعد اتيا چارن کان ڀڄي ويا آهن. ليڪن هن وقت ٻئي لهرون گڏيل آهن.
    (ڪتاب: ” سنڌي سؤوير “، ليکڪ: گنگا رام سمراٽ،
    ڪَپل پرنٽنگ پريس، سهجپور احمد آباد (انڊيا) 1979ع)


    ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءِ سنڌ سان آهي؟

    ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءِ سنڌ سان آهي؟

    شيخ عزيز
    __
    دنيا جي مختلف حصن ۾ هڪ اهڙي قوم به رهي ٿي جيڪا يورپ، جزائر ۽ ڪيئي ايشيائي ملڪن، برازيل ۽ آمريڪا تائين ڏٺي وڃي ٿي، تڏهن به ان جو ڪو وطن نه آهي ، اهي جپسي سڏجن ٿا. ڪڏهن گهوڙن جو واپار ڪن ٿا، ڪڏهن لوهارڪو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪڏهن وري وائلن وڄائي گذارو ڪن ٿا. هي پڪا گهر نٿا بنائين ۽ ننڍن ننڍن ڦيٿن وارين گاڏين جا گهر بنائي انهن ۾ رهن ٿا ۽ چند اهڙيون گاڏيون بنائي ڪٿي کُليءَ جڳهه تي ترسن ٿا. اهو ئي سندن ڪاروان ۽ وطن آهي.
    انهن جي هيءَ رَوش ۽ زندگيءَ جو طريقو اهڙو مشهور ٿي ويو آهي، جو دنيا جي سمورن ملڪن ۾ انهن کي انهيءَ حوالي سان ڄاتو ويندو آهي . ڪن ملڪن ۾ انهن جا نالا مقامي زبانن ۾ بدلجي ويندا آهن پر ڪهڙي به نالي سان سڏيو وڃي، ان جو مطلب جپسي ئي هوندو. اڄ گهڻو ڪري هر زبان ۾ جپسي محاوري طور هر انهيءَ شخص کي سڏيو ويندو آهي، جيڪو ترڪ وطن تيزيءَ سان ڪندو هجي.
    جپسي ڪير آهن ؟ انهن جو اصل وطن ڪٿي آهي ؟ اهي اهڙا سوال آهن، جن تي ڪافي وقت کان لکيو پيو وڃي. ماهرين عمرانيات ۽ لسانيات پنهنجي پنهنجي انداز سان انهيءَ جستجو ۾ لڳل آهن ۽ اهڙيءَ طرح انهن جي متعلق ڪيترن قسمن جا نظريا هڪ ئي وقت ۾ ڏنا وڃن ٿا. تحقيق جي اوائلي زماني ۾ انهن جي جسماني ساخت، موسيقي ۽ لباس کي ڏسي ماهرن شروع ۾ هيءُ اندازو ڪيو ته انهن جو اصل وطن مصر آهي ۽ هيءُ خيال ڊگهي عرصي تائين ڇانيل رهيو. انهيءَ ڪري ابتدائي تحقيق ۾ انهن کي مصر جي نسبت سان جپسي چيو ويو ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ هيءَ لفظ مستقل معنيٰ اختيار ڪري ويو. فرانسيسي، چيڪ، سلاوڪ، روسي، پولش، هنگاروي زبانن ۾ انهن جي لاءِ الڳ الڳ نالا آهن. سمورن ملڪن ۾ انهن جي رهڻي ڪرڻي هڪ جهڙي آهي. انهيءَ ڪري سمورا محققين انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته هي هڪ ئي نسل ۽ هڪ ئي جغرافيائي خطي سان واسطو رکن ٿا. گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ نقل مڪانيءَ جي سمورن مروجه امڪانن جي پيش نظر انهن کي پنهنجو پراڻو خيال بدلائڻو پيو ته انهن جو اصل وطن مصر هو ، پر اتر اوڀر هندستان جيڪو هينئر پاڪستان آهي، اهو آهي، انهن جي زبان، الفاظ ۽ لهجو سنسڪرت سان ملن ٿا ۽ اهو هاڻي به هتان جي زبان ۾ مروج آهي.
    اهو طئي ٿيڻ کان پوءِ ته جپسي جو اباڻو وطن پاڪستان آهي، هيءَ ڏسڻو آهي ته انهن ايڏي وڏي پيماني تي نقل مڪاني ڇو ڪئي، ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙيءَ طرح ڪئي ؟
    ليلو رچنداڻيءَ جي خيال مطابق هي سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهاڪو هئا، جيڪي سڪندر اعظم جي هندوستان ۾ آمد جي وقت هتان نڪري يورپ جي طرف ڏانهن هليا ويا ۽ پوءِ ننڍن ننڍن ٽولن ۾ مختلف ملڪن ۾ ڦهلجي ويا. انگريزي مورخ گريزن مطابق محمود غزنويءَ جي حملن کان پوءِ هو هڪ وڏي تعداد کي غلام بڻائي پاڻ سان وٺي ويو هو. ايراني شاعر فردوسي ”شاهنامه“ ۾ ايراني بادشاهه بهرام گور (220-238ع) جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن هتان اٽڪل 20 هزار موسيقارن کي پاڻ وٽ گهرائي انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ڪيو ، ليڪن بعد ۾ اهي اتان مصر جي طرف روانا ٿي ويا. ممڪن آهي ته هتان جڏهن هو مختلف يورپي ملڪن جي طرف روانا ٿيا ته انگريزن انهن کي ايجپٽ (مصر) جي نسبت سان جپسي سڏڻ شروع ڪيو. جيڪو گروپ جنهن ملڪ ڏانهن ويو اتي اهو ڌار نالي سان سڏجڻ لڳو. مثال طور اسپين ويا ته گٽانا سڏجڻ لڳا. يونان ۾ گپتا داس، البانيه ۾ اجوت، فرانس ۾ انهن کي ڪڏهن بوهينس سڏيو ويو ته ڪڏهن وري سارازن يا مراقفي. سويڊن ۾ تاتار، نيدر لينڊ ۾ پائيڊن، جرمن ۾ زگيرونر، روس ۾ زيگان، سلاوڪ ۾ زنگارو، ترڪيءَ ۾ شينگهالي . اهڙي طرح انهن کي مختلف نالن سان سڏيو ويو.
    فري يونيورسٽي آف برلن جو جرمن اسڪالر ڊاڪٽر سگرڊ ويسٽر ڦال انهيءَ خيال جو آهي ، ته برصغير مان انهن قبيلن جي لڏپلاڻ اٺين صديءَ ۾ شروع ٿي ۽ وري سن 1000ع جي لڳ ڀڳ ، جڏهن وچ ايشيا کان ڏکڻ جي طرف وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ کان پوءِ ، منگولن جي حملن بعد هي قبيلا اولهه جي طرف روانا ٿيا. انهن جو هيءُ عمل ڪيئي مرحلن ۾ ٿيو ۽ ڪيترائي سو سال لڳي ويا ۽ آخر ڪار هو آمريڪا جي ڪناري تي به پهتا.
    ڊچ مشترق ڊي گوئسجو سنڌ جي هڪ ”جت“ قبيلي کي انهن جپسين جو جَدِ امجد قرار ڏنو آهي ، جن کي سندس خيال ۾ عربن
    ”زط“ سڏيو آهي.
    بهرحال هيءَ ڳالهه طئي آهي ته جپسي قبيلي جو اصل وطن اتر اولهه هندوستان جو اهو علائقو آهي ، جيڪو هينئر پاڪستان سڏجي ٿو ۽ هتان حالتن جي تبديليءَ يا بهرام گور جي آڇ جي ڪري هو ايران ويا ۽ پوءِ اتان وڌيڪ لڏپلاڻ ٿي.
    جيئن تاريخي حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو ، انهن جهان گشت قبيلن ڪڏهن به ڪنهن سرزمين کي پنهنجو وطن بنائي مستقل سڪونت اختيار نه ڪئي، کيتي واڙيءَ کي انهن پنهنجو نه ڪيو ۽ نه ڪنهن هنر کي مستقل طرح اختيار ڪيو ، تنهن ڪري ننڍڙا ڪم ڪندا رهيا. انهن جون عورتون گهر جو ڪم ڪنديون آهن. هي موسيقيءَ جا عاشق آهن ۽ جڏهن به کين موقعو ملندو آهي ، هي ننڍيون محفلون ڪندا آهن. تنهن ڪري ننڍن طائفن جي صورت ۾ هي ماڻهن کي تفريح به مهيا ڪندا آهن. انهن جون عورتون ڳوڙهي رنگ جا لباس پائينديون آهن ۽ ناچ ۾ مردن جو ساٿ ڏينديون آهن. قسمت جو حال ٻڌائڻ انهن جو پسنديده مشغلو آهي ۽ اڄ به يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪيترن هنڌن تي جپسي علم ِ جو تش ۽ دست شناسيءَ جي ڪري سڃاتا ويندا آهن.
    مغربي ڪتابن ۾ هن جهان گشت قبيلي جو سڀ کان پهريون ذڪر يونان جي مائونٽ ايٿما جي گرجا ۾ رکيل چند مخطوطات ۾ ملي ٿو، جيڪي 1100ع ۾ لکيا ويا هئا. وري سن 1322ع ۾ جزيره ڪريٽ جي نوادرات ۾ ۽ سال 1346ع ۾ ڪروت ۾ انهن جا آثار ڏٺا وڃن ٿا. اهڙي طرح سال 1407ع ۾ هائيلڊ شهر (جرمنيء) ۾، سال 1414ع ۾ بيسل ۽ ميريزن ، سال 1416ع ۾ مالديو ۽ هنگري ۾ ، 1417ع پئرس ۾، ۽ 1447ع ۾ بارسلوانا ۾ انهن جا آثار ملن ٿا.
    هو جڏهن يورپ ۾ داخل ٿيا ته گهوڙن تي سوار هئا ۽ انهن سان گڏ ڪتا به هئا. هيءَ اهو دور هو جڏهن يورپ ۾ زندگيءَ جو اهڙو طريقو صرف وڏن رئيسن ۽ نوابن لاءِ مخصوص هو. هو هر ملڪ ۾ سڀ کان الڳ کليل ميدان ۾ رهندا هئا. انهيءَ جي ڪري سندن زبان، رنگ، نسل ۽ ٻيا طريقا ساڳيا ئي رهيا. البت حالتون بدلجڻ سان انهن جي قافلن سان گڏ ، گهوڙن سان ڇڪجندڙ ننڍا گهر هوندا هئا ۽ هاڻي هي موٽر ڪارن ۽ ٽرڪن وارا گهر بنائڻ لڳا آهن.
    جپسي پنهنجي پس منظر کان بلڪل بي خبر آهن. وڌ ۾ وڌ هو پاڻ کي ”رم“ نسل سڏائين ٿا، جنهن جي معنيٰ سندن زبان ۾ انسان آهي. باقي سمورن غير جپسي ماڻهن کي هو ”ڪاجي“ سڏيندا آهن، جنهن جي معنيٰ جهنگلي آهي. هو پنهنجي زبان کي روماني سڏيندا آهن. سندن جسم مضبوط هوندا آهن. سندن مهانڊو برصغير جي اصليت جو واضح ثبوت ٿئي ٿو. انهن جي عورتن جا ڊگها ۽ گهاٽا ڪارا وار ۽ ڪاريون اکيون آهن. هو ڊگهيون اسڪرٽ ۽ شوخ رخن وارا ڪپڙا پائينديون آهن، وارن کي سهڻي نموني سان ڦڻي ڏيئي چوٽيون به ٺاهينديون آهن. انهن جي جاڳڻ ۽ سمهڻ جو وقت مقرر نه آهي، جڏهن مرضي پوندن ته ڪم ڪندا ۽ ٿڪڀا ته سمهي پوندا ، تنهن ڪري هو ڪم اهڙ امنتخب ڪندا آهن جيئن مٿن ڪا پابندي نه هجي. انهيءَ عادت جي ڪري دنيا ۾ آزاد خيال طبقي جي لاءِ جپسي ، زندگيءَ جي علامت بڻجي پيا آهن، . هو ڪرسين جي بدران زمين تي ويهڻ پسند ڪندا آهن، تاهم هاڻي هيءَ عادت ختم ٿي وئي آهي. انهن جون عورتون سبڻ ۽ ڀرت جو ڪم نه ڪنديون آهن ، البت هو زيور پهرڻ پسند ڪنديون آهن، جن ۾ سونن سڪن جو وڏو حصو هوندو آهي.
    جپسين جي زندگيءَ جا ڪيئي دلچسپ پهلو آهن ، جن ۾ هڪ هي تصور آهي ته هو انهيءَ لاءِ سفر ڪندا آهن ته ٻين هنڌن تي آباد پنهنجن عزيزن سان ملي سگهن ۽ ٻيو سبب پنهنجن ٻارن جي لاءِ مناسب سَڱَ تلاش ڪرڻ ٻڌايو وڃي ٿو. هو پنهنجي ئي قبيلي ۾ شادي ڪندا آهن پر زياده ڪوشش اها ڪندا آهن ته بلڪل قريبي خون جو رشتو نه هجي.
    قديم زماني ۾ انهن جو قافلو گهوڙن تي مشتمل هوندو هو ، جيڪو بعد ۾ ترقي ڪري ٻن ڦيٿن واري ۽ ان تي لڏيل سامان بنجي ويو ۽ پوءِ هي آهستي آهستي ضرورت مطابق چئن ڦيٿن واري گاڏين تائين پهتو. انگلينڊ، فرانس، جرمني، پولينڊ ۽ ان جي ويجهن ملڪن ۾ هو بند گاڏين ۾ رهندا ۽ سفر ڪندا هئا، جن کي هو ”دردن“ يا ”دردد“ سڏيندا آهن، هي آمريڪي لفظ آهي. ترڪي ۽ افغانستان ۾ هو شاميانو پسند ڪندا آهن. جڏهن ته يونان ۽ اسپين ۾ هو گڏهه استعمال ڪندا آهن. برصغير ۾ هو ڏاند استعمال ڪندا آهن ۽ وچ ايشيا ۾ اٺ، ميڪسيڪو ، وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ هو شاميانا استعمال ۾ آڻيندا آهن ۽ باربردارئيءَ جي لاءِ ٽرڪ ڀاڙي تي وٺندا آهن. آمريڪا جي ڪن حصن ۾ ۽ يورپي ملڪن ۾ ڪيترا قبيلا هاڻي موٽر ڪارن کي به استعمال ڪندا آهن.
    انهن جو کاڌو برصغير جي کاڌي جي بلڪل ويجهو آهي، يعني مصالحي وارو گوشت ڀُڃي کائڻ پسند ڪندا آهن، سبزيون به شوق سان کائيندا آهن. گهوڙي جو گوشت بلڪل نه کائيندا آهن ۽ شراب جو استعمال گهڻو ڪري خوشيءَ جي موقعي جي لاءِ مخصوص هوندو آهي.
    جپسي پنهنجو مستقل وطن ڪٿي به نه بنايو، جنهن جي ڪري هو بنيادي شهري سهولتن کان محروم رهيا. ڪن يورپي ملڪن ۾ انهن تي معاشري کي بگاڙڻ جو الزام به لڳايو ويو ۽ ڪڏهن هو اقتصادي بار به تصور ڪيا ويا. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران اٽڪل چار لک جپسين کي جرمنيءَ مان ڪڍيو ويو هو ، جيڪي پوءِ اسپين ۽ ويلز هليا ويا ويا. هونءَ به هو پنهنجي رهڻي ڪرڻي اهڙيءَ طرح رکندا آهن جو ڪنهن ٻاهرئين دٻاءَ جي اثر باوجود، پنهنجو تشخص ۽ وجود بچائي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به انهن ۾ اهي ئي روايتون آهن، جيڪي صديون اڳ هيون. ان جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته انهن ۾ ڏوهه نٿا ٿين يا گهٽ ٿين ٿا. ٻيو هيءُ ته جنگ ۽ جهيڙي جي خلاف هوندا آهن ۽ سندن ضرورتون مختصر هونديون آهن. انهن جي تشخص برقرار رهڻ جو سبب سندن زبان به آهي، حالانڪه هو جتي به ويا ته اتان جي زبان اختيار ڪيائون ، تڏهن به پنهنجي زبان کي برقرار رکيو اٿن ۽ اهو ئي ماهرن جي تحقيق جو سڀ کان وڏو وسيلو رهيو آهي.
    جپسي پنهنجي زبان کي روماني سڏين ٿا، جنهن تي لسانيات ۽ عمرانيات جي ماهرن جڏهن تحقيق شروع ڪئي ته انهن کي شڪ پيو ته ان جون پاڙون سرزمين سنڌ تائين پکڙيل آهن. ماهرن سال 1781ع ۾ ئي سنسڪرت سان ان جو رشتو ڳنڍيو هو ، جڏهن جرمن فلا لاجسٽ هينرڪ مورز گيريلين ۽ جيڪب ڪارل ڊيگر انهيءَ تي مقالو لکيو. وري برطانوي ماهر جيڪب پئرنٽ، جرمن ماهر اگسٽ فريڊرڪ پاٽ، يوناني اسڪالر اليگزينڊر چارجز پاسپتي ان جي تصديق ڪئي وري 1919ع ۾ برطانوي اسڪالرن الفريڊ وولز، لنڊن اسڪول آف اسٽڊيز جي سربراهه رالف ٽرنر ان جو لساني رشتو ۽ سلسلو تلاش ڪيو. سال 1922ع ۾ ان جي مقالي بعنوان ”انڊو آريائي تهذيب“ ۾ روماني جي حيثيت ۾ ٻٽو تعلق ڏيکاريو ويو.
    تازو جيڪا تحقيقات ٿي آهي، انهيءَ سلسلي ۾ جرمن مشترق ڊاڪٽر سر گڊويٽڦال ۽ ڪن ٻين مغربي ماهرن انهيءَ طرف اشارو ڪيو ته جپسي گهڻو ڪري سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جا رهندڙ هئا، پوءِ تاريخ جي بدلجندڙ رخ تي ترڪ وطن ڪري ويا.
    ماهرن انهيءَ ضمن ۾ موسيقيءَ کي وڏي اهميت ڏين ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته جپسي موسيقيءَ جون ڪيئي ڌنون اڄوڪي سنڌي موسيقيءَ ۽ اسپيني موسيقيءَ سان ملن ٿيون ۽ موسيقيءَ جو هيءُ سفر جپسين جي ذريعي ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ لوريان طبقي جو ذڪر خاص طرح اچي ٿو، جيڪي اڄ به سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رهن ٿا. هيءَ ڳالهه ته مغربي ماهر به تسليم ڪري چڪا آهن ته جپسي هن وقت جن قبيلن ۾ ورڇيل آهن انهن ۾ نشورا، منشاوايه، ڪلارسٽس، لورا مشهور آهن.
    مٿيان سمورا ماهر انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته روماني زبان سنسڪرت جي هڪ شاخ آهي ۽ ان جو لهجو ٻين سمورين شاخن کان مختلف آهي. پاڪستان جا ماهر انهيءَ خيال جي پرزور تائيد ڪن ٿا ته جپسي هن علائقي جا آهن، جيڪي پاڻ سان گڏ زبان کني ويا هئا. انهن اڄ تائين ان جو لهجو ۽ ساخت برقرار رکي آهي. هيءَ ڳالهه به دلچسپيءَ کان خالي ناهي ته روماني زبان ۾ گهڻو ڪري ٽي هزار لفظ مروج آهن، جيڪي بقول ليلو رچنداڻي ، اڪثر اهڙا آهن جن ۾ هن علائي سان يڪسانيت ڏٺي وڃي.
    جپسي نسل تعداد جي لحاظ کان هن وقت دنيا ۾ 30 لک جي قريب آهي، پر هن وقت تائين جيڪا تحقيق انهيءَ تي ٿي آهي شايد ڪنهن ٻئي طبقي تي ٿي هجي. سال 1914ع ۾ جارج بلئڪ نالي هڪ اسڪالر ان تي صرف ببلو گرافي ڇاپي ته ان ۾ 577 ڪتابن ۽ مقالن جو ذڪر هو، جنهن کان پوءِ تحقيقي اشاعت ۾ اڃا به اضافو ٿيو آهي. هن وقت تائين صرف هيءُ طئي ٿي سگهيو آهي ته سندن تعلق برصغير سان آهي. جرمني ۽ برطانيا ۾ ٿيندڙ انهيءَ تحقيق تان وڌيڪ پردا لهندا، تڏهن وڌيڪ پتو پئجي سگهندو ته هيءُ نسل واقعي سنڌو ماٿريءَ مان نڪري وسيع تهذيب سان ڀرپور دنيا ۾ ڦهليو هو ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ ان ۾ ايتري قدر هڪجهڙائي ڇو آهي !
    (ماهوار ”شهباز“ حيدرآباد ، جنوري ــ فيبروري 1993ع)


    جپسي

    جپسي

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
    __
    (1988ع ۾ آءٌ برطانيه ويس ۽ اسڪول آف اورينٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز لنڊن ۾ اچ وڃ جو گهڻو سلسلو رهيو. لئبرري، ڪلاسن، ڪئٽين، هاسٽلن ۽ شاگردن جي ٻين مشغولين کي ڏسڻ جو موقعو مليو. موٽي اچڻ کان پوءِ ڪي ڳالهيون ذهن ۾ ڪَر موڙينديون رهيون. اُنهن ۾ سري لنڪا، پاڪستان، آفريڪا ۽ ٻين هنڌن تي دهشتگردي ۽ انسان تي ظلم جي حوالي سان ناوليٽ ”شڪار“ لکيم، جيڪو 1994ع جي ٽماهي ”مهراڻ“ (نمبر 3 ۽ 4) ۾ ڇپيو. هن ناوليٽ جو منظرنامو لنڊن واري اسڪول جو ٺهيل هو، جتي دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد اچي ٿا گڏ ٿين. انهن ۾ سنڌ جو دودو، ڀارت جا گل بهار سنگهه ۽ انوپ، سَري لنڪا جي سريتا، چين جي چِنگ لِنگ کوُ، هالينڊ جي مارٿا ۽ هڪ جِپسي ڪردار ”لَکانو“ آهي. ناوليٽ جي ڪهاڻيءَ جي رٿا پنهنجيءَ جاءِ تي آهي، پر اُن ۾ ’جپسين‘ بابت انسائيڪلوپيڊيا مان مليل انگ اکر ڏنا هئم. اُنهن جو مول مقصد
    ’لکاني‘ جي سڃاڻپ ڪرائڻ هو. ناوليٽ جو اُهو خاص ٽڪرو هتي تمهيد طور ڏيان ٿو، جنهن ۾ جِپسپن جو يورپ ۾ پهچڻ ۽ مٿن ٿيل ظلمن جو مختصر بيان آهي:
    ”جيئن ٻئي اُميدوار جو نالو پڪاريو ويو، تيئن سڀني شاگردن جا ڪن کڙا ٿي ويا. نالو هو ’لکانو‘. هڪ قداور شخص اسٽيج طرف وڌيو. جينز پاتل، ڇيٽَ جي ويڪري قميص ۽ مٿي تي نراڙ وٽ سائي پٽي ٻڌل. وڏن مڻين جي هڪ مالها ڪنڌ ۾، ۽ هڪ مالها چيلهه تي پٽي وانگر ٻڌل هئس، جنهن مان به ڪي مڻين جون سَريون هيٺ لڙڪي رهيون هئس. جِست جي سِڪن جي به هڪ مالها ڪنڌ ۾ جهر مهر ڪري رهي هئس. دودي جو ته وات ڦاٽي ويو، ته ڇا کيس هڪ سنڌيءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو! ’لکانو‘ ته سنڌي نالو هو. ويٺلن ۾ ’جِپسي جِپسي‘ جا سُرٻاٽ ٿيا. هاڻي دودي کي به ڪجهه سمجهه ۾ آيو.
    لکانو جيڪا انگريزي ڳالهائي رهيو هو، سا لهجي جي لحاظ کان ڪن کي فرينچ ته ڪن کي رومانين لڳي رهي هئي. لکاني جو آواز آهستي آهستي بلند ٿيندو ويو: ’آءٌ اوهان جو حقيقي خادم آهيان. آءٌ هڪ برجستو ۽ بي تعصب شخص آهيان، جو تاريخ مون کي اهو سبق ڏنو آهي. منهنجا وڏا اندازاً اٺ سؤ ورهيه اڳ پنهنجو وطن، جيڪو اُتر اولهه ڀارت هو، ڇڏي مصر کان ٿيندا يورپ ۽ آمريڪا تائين پکڙجي ويا. اِن ڪري اسان کي ’جپسي‘ سڏيو ٿو وڃي. اسان تي ۽ دنيا جي ٻين ڪمزور طبقن تي ظلم ڪيو ويو. سوين ڪتاب جپسين جي باري ۾ لکيا ويا آهن. اولهه جي ڪنهن به ملڪ ۾ اسان سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويو. مون جيئن هوش سنڀاليو تيئن پاڻ کي اسپين جي هڪ شهر بارسلونا جي ٻاهران گهوڙن سان ڇڪجندڙ ۽ ڳوڻين سان ڍڪيل هڪ ٽريلر ڍانچي ۾ ڏٺم. منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ صبح جو شهر ويندا هئا ۽ شام جو چار پئسا ڪمائي گهر موٽندا هئا. مون کي خبر نه هئي ته ڪهڙو ڌنڌو ٿا ڪن. ڪجهه وڏو ٿيس ته خبر پيئي ۽ پوءِ آءٌ به روزگار لاءِ ٻاهر نڪتس.
    مون کي معلوم آهي ۽ اوهين به ڄاڻو ٿا ته جپسي ڪير آهن؟ پردوستو! مسئلو فقط جپسين جو نه آهي، مسئلو دنيا جي سمورن مسڪينن ۽ بي گهرن جو آهي. آءٌ پنهنجي هم وطن مسٽر دودي سان مقابلو ڪريان يا هٿ کڻي وڃان؛ پر هن پليٽ فارم تان دنيا جو ضمير جاڳائڻ اسان جو بنيادي مقصد آهي. ليکڪن اسان کي متفق طور اُتر اولهه ڀارت يعني ’سنڌوماٿر‘ مان لڏي اولهه ڏي آيل ڄاڻايو آهي. ڪن اِهو به خيال ظاهر ڪيو آهي ته اسين پهرين مصر پهتاسين. اسان جي قوم اڄ يورپ ۽ آمريڪا ۾ لکن ۾ آهي ۽ گهڻو ڪري ٽوڪرا ٺاهڻ، قسمت ٻڌائڻ، نچڻ ڳائڻ ۽ ڪن صاحبن جي خيال موجب چوريون ڪرڻ اسان جو ڌنڌو آهي. شايد دنيا ۾ ٻيو ڪير به چوري ڪونه ٿو ڪري! ڪتابن ۾ اسان کي رولو، لوفر ۽ ڳُجهڙا به سڏيو ويو. انسائيڪلوپيڊيا ۽ تاريخ جي ڪتابن موجب جپسي ڪريٽ ۾ 1322ع ۾ نظر آيا. 1346ع ۾ ڪورفو ۾، جرمنيءَ جي شهر هيلڊشين ۾ 1416ع ۾، مالديويا ۽ هنگريءَ ۾ 1417ع ۾ ، پئرس ۾ 1427ع ۾ ۽ بار سلونا ۾ 1447ع ۾ نظر آيا. اسين پاڻ کي ”روم“ به چوندا آهيون، جنهن جو مطلب آهي ’ماڻهو‘. ايئن ’منش‘ به سڏائيندا آهيون. باقي خلق کي ’گاجي‘ يعني ڌاريو ڄاڻندا آهيون. اسان جو اسپيني نالو ’گيٽانو‘ آهي. اسان کي اولهه ۾ ويڙهاڪ ۽ هاڃيڪار ڄاتو ويو ۽ يورپ ۾ اسان کي ماريو ويو. جرمنيءَ ۾ اسان کي پنهنجي اصل وطن جي مناسبت سان ’سنتي‘ يا سنڌي‘ سڏيو ويو. قانون ٽوڙيندر ۽ ٺڳ به ڄاتو ويو.
    فريڊرڪ وليم اول 1725ع ۾ حڪم ڏنو ته 18 سالن کان وڏي عمر جي سڀني جپسين کي ڦاسي ڏني وڃي. ساڳين سالن ۾ رومن سلطنت جي چارلس ٻئي به سڀني جپسين لاءِ موت جو وارنٽ ڪڍيو. بوميميا ۾ عورتن جو ساڄو ڪن ڪپڻ، سلسيا ۽ موراويا ۾ کاٻو ڪن ڪپڻ جو حڪم ڪيو ويو. جناب عالي! اِهي ڳالهيون ڪتابن ۾ لکيل آهن. انصاف ڏسو. هٿ ڏيکاري اوهين پنهنجو ڀاڳ ڄاڻڻ ٿا گهرو ۽ ڏوهه اسان جو آهي ! راڳ ٻڌڻ اوهين گهرو ٿا ۽ ڏوهه ڳائڻ واري جو آهي! مرچ اوهان کي پسند ڪونهي، پر ڪو ٻيو کائي ته اُهو اوهان جو ڏوهاري آهي! ويهين صديءَ ۾ به اسان سان نسلي متڀيد روا رکيو ٿو وڃي. اسان جا ’هم قوم‘ مختلف ملڪن اسپين، فرانس، برطانيه، جرمني، رومانيه، بلگيريا، روس ۽ آمريڪا ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ آهن. اوهين ڏسو ته ڪٿي نڪورنو ڪارا باخ ۾ اسان کي ته نه پيو ماريو وڃي! ڪٿي نڪولائي چائوسسڪو جي ظلم هيٺ اسين ته نه پيڙيا ويا آهيون! اسان تي ظلم به ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جي آدمشماري به وڌي پيئي. غلط ۽ گهٽايل انگ اکر گهڻو وقت هلي نه سگهندا. اسين به مغرب جي چمڪ ۾ پنهنجو خوبصورت چهرو ڏسڻ گهرون ٿا. برطانيه جي جپسي قومي ڪائونسل جي صدر چيو آهي ته اسين به ٻي عام مخلوق وانگر هڪ هنڌ رهي مفيد ۽ ڪامياب زندگي گهارڻ گهرون ٿا.
    نازي ڪئمپن ۾ پنج لک جپسي ماريا ويا. جپسين کي باهه ۾ ساڙيو ويو. ٻانهن تي سڃاڻپ جا داغ ڏنا ويا. فرانس ۾ سندن سڃاڻپ جون خاص چيٺون رکڻ ۽ طلب ڪرڻ تي پوليس کي ڏيکارڻ جو حڪم ڪيو ويو. مَنُش (جپسي) قبيلي کي فرانس ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو. يورپي برادريءَ ۾ فقط ٽيهه سيڪڙو جپسي ٻار اسڪول وڃي سگهن ٿا. جپسين کي فقط بيڪار پيل زمين تي رهڻ ڏنو وڃي ٿو. هاڻي حالات بدليا آهن. 1989ع ۾ يورپي برادريءَ جي وزيرن جي ميٽنگ ۾ جپسين جي تعليم، ثقافت ۽ روماني زبان جي ترقيءَ لاءِ سوچيو ويو آهي. اڄ جپسي نوجوان سماج جو هڪ ڪارآمد حصو بنجڻ گهرن ٿا. دوست! مون کي اوهان جي ساٿ جي ضرورت آهي.“
    جذبات کان ٻيئي اُميدوار مغلوب آهن. دودو ۽ لکانو ٻيئي ڀاڪرين پئجي ٿا وڃن. لکانو دودي کي زور ڀري صدارت لاءِ اڳيان آڻي ٿو. خير! جپسين جي باري ۾ انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جو ڏنل احوال لکاني جي تقرير ۾ هو. اهو بنيادي ۽ مختصر احوال آهي، جيڪو ٻين ليکڪن به پنهنجن مقالن ۾ آندو آهي. آءٌ گذريل ٻارهن سالن ۾ هن موضوع تي مواد گڏ ڪندو رهيو آهيان. اُن جي بنياد تي هن گروهه جي اصل نسل، زندگي، ثقافت ۽ زبان جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون عرض ڪريان ٿو. عبدالجبار)
    ***
    جپسي هڪ وڏو گروهه هو، جو انسائيڪلوپيڊيا جي تحرير ۽ ٻئي تحقيقي مواد موجب ڀارت (هاڻي هند-پاڪ) جي اُتر اولهه علائقن مان اولهه طرف اٽڪل هزار سال اڳ لڏيندو ويو. اهو گروهه پهرين شايد ايران ۽ مصر ۽ پوءِ اُتان يورپ ڏانهن ويو.
    ايترو اسان ڪونهي جو جپسين بابت چند حوالن ڏيڻ سان ڪنهن آخري نتيجي تي پهچي سگهجي. ڪافي ڪجهه لکجڻ بعد به اِهو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي ته اُهي سنڌ، پنجاب، راجسٿان، گجرات يا بلوچستان مان لڏي ويا. هڪ صوبي مان يا انهن سڀني صوبن (۽ ايراضين) مان لڏي ويا. ’مغرب ۽ مشرق ۾ اُنهن خانه بدوش ماڻهن تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. ان ڳالهه تي سڀ محقق متفق آهن ته: ”جپسي هڪ رولو ۽ خانه بودش نسل آهي. اُهي روماني زبان ڳالهائين ٿا. اُهي اصل اُتر اولهه ڀارت جا رهاڪو هئا ۽ اٽڪل 1000ع ۾ اولهه ڏي لڏپلاڻ شروع ڪيائون. اُنهن جو تعداد 5 کان 6 ملين (50 کان 60 لک) آهي.“
    ڪينٿ ڪازنر (Kenneth Katznr) لکي ٿو ته، ”جپسين جي عام ۽ بنيادي ٻولي روماني (Romany) اهي، جيڪا لفظ روم Rom (ماڻهو) مان نڪتل آهي. هيءَ اُها ٻولي آهي، جيڪا يورپ ۽ آمريڪا جا رهاڪو مختلف جپسي ٽولا ڳالهائين ٿا. (1). ”جپسين ۽ سندن ٻولين اولهه ۾ گهڻي دلچسپي پيدا ڪئي آهي ۽ اوڀر ۾ به ماڻهن ۾ تجسس آهي. جارج ايف بلئڪ (George F. Black) هڪ جپسي ببليو گرافي تيار ڪئي، جنهن ۾ 4577 عنوان (ڪتاب ۽ مقالا) ڄاڻايل آهن. اُهي ڪتاب ۽ مقالا گهڻو ڪري يورپ جي سڀني ٻولين ۾ آهن. اُنهن ۾ اسپيني (Spanish) زبان به شامل آهي. هيستائين موجود ڪيل تحريري مواد، سوانحي خاڪن، انسائيڪلوپيڊيا ۽ ڊڪشنرين موجب جپسين جي مختلف ٽولن جا اصل وطن به مختلف آهن، پر اهو سڀ مڃين ٿا ته ”جپسي رولو گروهه آهن ۽ اوڀر کان اولهه ڏانهن آيا آهن. مئڪملن جي “Concise Dictionary of world History” ۾ آيو آهي ته: ”اهي اُتر هند کان ايران ڏي لڏي آيا. اهو وقت ڏهين صدي عيسويءَ جو هو. يورپ ۾ 15 صدي عيسويءَ ۾، ۽ اُتر آمريڪا ۾ اٽڪل 18 صدي عيسويءَ ۾ آيا. پراڻي ريت موجب جپسي هنرمند آهن. وندرائيندڙ ۽ قسمت ٻڌائڻ وارا به بڻيا. اُهي قافلن سان سفر ڪندا رهيا. هر هنڌ ٻاهريان هئا. ان ڪري کين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيڻو پيو. خاص طور هٽلر جي هٿان اندازاً چئن کان پنجن لکن تائين جپسي ماريا ويا.“ (2) هن باري ۾ هڪ ٻيو محقق رالف. ايل. ٽرنر (Ralph L. Turner) لکي ٿو ته: ”جپسي نيم-خانه بدوش (Semi-nomadic) سنتي/ سنڌي (Sindi) آهن. جرمنيءَ ۾ اهو نالو (سندي) اٿن.“ (3)
    لفط ”سنتي“ لاءِ اهو به خيال ظاهر ڪيو ويو ته چيني زبان ۾ ”سنڌ“ کي ”سنت“ (۽ سنڌيءَ کي ”سنتي“) چئجي ٿو. ان سلسلي ۾ ليلو رچنداڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جي جهلڪ“ ۾ پنڊت جواهر لال نهروءَ جي ”ڊسڪوري آف انڊيا“ جو حوالو ڏئي ٿو (4). حقيقت ۾ چيني زبان ۾ ”سنڌ“ کي ”شِن تَ“ چئجي ٿو (5). اهو معياري محاوري (Dialect) موجب آهي. آءٌ اُهو پڙهيو آهيان. ٻين محاورن (ڏکڻ) ۾ ’ش‘ گهڻو ڪري. ’س‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي.
    انسائيڪلو پيڊيا آمريڪانا موجب جپسي رولو ٽولا آهن ۽ اوڀر مان 14 صدي عيسويءَ ۾ لڏي آيا. خاص طور هند مان (6). اُهي يورپ ۾ چوڏهين صدي عيسويءَ کان وٺي نظر اچن ٿا. اها داخلا يورپ جي تاريخي رڪارڊ ۾ ٿيل اهي. ان جو اختصار تمهيد ۾ ناوليٽ جي ڪردار لکاني جي گفتگو ۾ به آندل آهي. اهي انسائيڪلوپيڊيا مان ورتل انگ اکر (Data) آهن. يورپ ۾ اهو عام طور تسليم ٿيل آهي ته جپسي ”مصر“ (ايجپٽ) کان آيا. ”ايجپشن“ مان بگڙي لفظ ”جپسي“
    ٿيو. انهن تي جرمني ۽ ٻين هنڌن تي جيڪو ظلم ٿيو، اهو تمهيد ۾ ڏيئي آيا آهيون.
    گروليئر جي اڪئڊمڪ انسائيڪلوپيڊيا ۾ جپسين جي زبان جي باري ۾ معلومات ڏيڻ سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته اُهي ”مَنوُش“ آهن. کين اِهو نالو فرانس ۾ مليل آهي. جرمنيءَ ۾ ”سنتي“ (Sinti) سڏجن ٿا. سندن ٻولي رومانيءَ وانگر آهي، پر ڪافي جرمن لفظ اٿس (7) (هتي شايد ”روماني“ مان ليکڪ جي مراد رومانين (Romanian) آهي). هي ليکڪ جپسين کي ڪاڪيزين (Caucasoid) نسل سان واسطو رکندڙ سڏي ٿو (8). هي ليکڪ کين گهٽ ذات به سڏي ٿو (9).
    جپسين جي زبان ۽ ثقافت بابت تفصيل سان ذڪر اڳتي ايندو، پر سندن زبان جي باري ۾ ڪي حوالا هتي به آڻيون ٿا. ڪامپٽن جي انسائيڪلوپيڊيا موجب، جپسين جو خيال آهي ته هُو ڀارت کان آيا آهن ۽ سندن ٻوليون سنسڪرت تي آڌاريل آهن، جيڪا ڀارت جي قديم ٻولي آهي (10).
    لوئي برٽرانڊ جي ”تاريخ اسپين“ ۾ آهي ته هُو پاڻ کي ’روم‘
    (ماڻهو) ۽ ٻين کي ’گاجي‘ (ڌاريو) چوندا اهن. مسلمانن جي اسپين ۾ حڪومت دوران عيسائي ۽ يهودي، اسپيني زبان جو پهريون محاورو
    ”رومان“ ڳالهائيندا هئا. (11)
    سنڌ ۽ هند جي محققن، ليکڪن ۽ سياحن به جپسين بابت ڪجهه لکيو آهي. اُنهن ۾ گنگارام سمراٽ، ليلو رُچنداڻي، شيخ عزيز ۽ خورشيد قائمخانيءَ جا حوالا ڏيڻ مناسب ٿيندا. جناب گنگا رام سمراٽ، هن کان گهڻو اڳ ”آريه ورت“ ڪتاب ۾ سنڌ، هند، هندو مذهب ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جي عظمت ۽ ڦهلاءُ توڙي يورپ تي ٻولين جي اثر بابت گهڻو لکيو هو. هن وقت جنهن ڪتاب مان حوالا وٺي رهيا آهيون، سو ”سنڌو سؤوير“ آهي. هن ۾ ڀارت ورش جي زبان ۽ ثقافت جي قدامت ۽ ڦهلاءُ بابت ۽ پڻ سنڌ جي عظمت بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. تنهن سان گڏ سنڌ جي جپسين بابت به لکيو اٿس. انگريزي ڪتابن جي حوالن سان پنهنجي دعويٰ کي پڪو ڪيو اٿس. هو لکي ٿو ته ”جپسين جا مختلف ٽولا مصر (ايجپٽ) کان ٿيندا يورپ ۽ آمريڪا ۾ داخل ٿيا.“ (12). سمراٽ لکي ٿو ته: ”لڏي ويندڙ سنڌو يا اُن جي ڀر مان روانا ٿيا ۽ ايجپٽ ۾ ڏکڻ کان داخل ٿيا. لڏي ويندڙ سنڌي اڳتي وڌيا ته نئين پرديش جي ڳولا ۾ ڦُٽي الڳ ٿيا. جيڪي اُتي رهيا، سي ايٿوپين هئا ۽اوڀر ۾ رهيا. اسين سدا اهو ٻڌندا پئي آيا آهيون ته ايٿوپيا وارا ڀارتي ”سنڌي“ آهن“ (13). ”هڪڙو ٽولو اُتر آفريڪا ۾ لڏي ويو ۽ لبيا ۾ وڃي وسيو. هڪڙي ٽولي اُنهن (سنڌين) کان الڳ ٿي آفريڪا ۽ يورپ جي وچ وارو جبرالٽر جو ڳچي سمنڊ پار ڪري ايبيرين ٻيٽ کي آخري منزل بنايو.“ (14) سمراٽ، رابرٽ شا (Robert Shaw) جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”سنڌوءَ جا سنڌي ايٿوپيا ۾ ويا، پوءِ ايجپٽ (مصر) ۾ وڃي اُن کي آباد ڪيائون ۽ پوءِ اسپين به ويا“ (15). ائين سنڌ جي ماڻهن سنڌ ورڪين جي واپار لاءِ لڏپلاڻ، جاوا ۽ ٻين ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ وسڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ جو ذڪر به سمراٽ صاحب تفصيل ۽ ڪتابن جي حوالن سان ڪري ٿو (ص 234). دنيا ۾ سنڌين جي پراڻن ماڳن مڪانن ۽ ڳوٺن جو ذڪر ڪندي، فلسطين ۾ هڪ ڳوٺ ”سنڌياڻي“ (Sindhiany) جو به ذڪر ڪري ٿو (16). جپسين جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”سڄي يورپ، رشيا، ايجپٽ وغيره ۾ گهمندر هڪ جاتي آهي، جنهن ۾ مختلف پرانتن جا ڀارت واسي شامل آهن، جيڪي هزارن ورهين کان گهمندڙ حالت ۾ رهن ٿا. يورپ جي هر ڀاڱي ۾ ڦهليل آهن. سندن ٻولي هڪ آهي. مڪاني حالتن جي ڪري فرق به اٿن. اڪثر قسمت ٻُڌائڻ جو ڪم ڪندا آهن. گهوڙيسوار به ڏاڍا سٺا آهن. نالا ۽ سنسڪار سڀ هندوانه اٿن، جن لاءِ هڪ عجيب نالو الائي ڪيئن ’جپسي‘ (Gypsy) پرسڌ ٿي ويو آهي“ (17). وڌيڪ لکي ٿو ته ”انهيءَ جپسي جاتيءَ ۾ ’سنڌي‘ به آهن. هُو هڪٻئي کي ’سنتي‘/’سنڌي‘ ڪري سڏيندا آهن.“ (18) هڪڙن سنڌين جو يوناني مؤرخ هيروڊوٽس(Hirodouts) ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پنج سؤ قبل مسيح ۾ ٿي گذريو آهي. (ص333)، انهيءَ ڪري سنڌين، سنڌ ورڪين ۽ جپسين جي لڏپلاڻ اڃان به آڳاٽي ليکبي. هن مؤرخ ڪاري سمنڊ وٽ ”سنڌيڪا“ (Sindhica) بندر جو به ذڪر ڪيو آهي (19).سمراٽ لکي ٿو ته: ”رشيا ۾ هو گهڻي ۾ گهڻو ڦهلجي وڌيا ۽ ويجهيا آهن. روس ۾ اٽڪل 35 ورهيه اڳ هُو اُتي ٻه لک کن هئا. پنهنجين خوبين جي ڪري هُو اُتي مقامي آباديءَ ۾ ملي ضم ٿي ويا. روسي گيت، روسي لوڪ گيت، روسي ساهتيه، جپسي لوڪ گيتن سان ڇانيل آهي. روسي-جپسي شاديون هڪ اتهاسڪ حقيقت آهي.“ (ص 335)
    ليلو رُچنداڻي جپسين کي ”وڻجارا“ سڏي ٿو: ”شاهه جن وڻجارن جو ذڪر ڪيو آهي، اهي سنڌ جا ئي رهاڪو هئا. انهن چين ولايت وڃي واپار ڪري سنڌ کي ڀريو ڀاڳيو پئي رکيو، پر وڻجارن جي ٻي هڪ قوم آهي، جنهن جو ڪو مقرر ٺڪاڻو ڪونهي. اُنهن وڻجارن کي عام طور ’جپسي‘ چيو ويندو آهي.“ (ص 20)
    رچنداڻي صاحب ائين به لکي ٿو ته: ”اهو به چيو وڃي ٿو ته انهن جو وطن ڪنهن سمي هندستان هو. هنن جي ٻوليءَ جا ڪيترا اکر ۽ نحوي بناوت، ڪجهه اُتر اولهه ڀارت خاص ڪري سنڌوءَ، پنجاب جي ٻوليءَ جي اکرن سان ميل جول رکندي نظر اچي ٿي. ٻوليءَ جي هڪجهڙائي اها سِڌِ ٿي ڪري ته انهن جو ڪنهن سمي ’سنڌ‘ سان گهاٽو سنٻنڌ هو.“ (21)
    ”اهي شايد هزار ورهيه اڳ هند مان لڏي وڇي دنيا جي مختلف ايراضين ۾ وسيا. انهن وڻجارن کي روس ۾ زگيني، جرمنيءَ ۾ زنگنيز، ايران ۽ ترڪستان ۾ زنگيري چيو ويندو آهي. اهي پاڻ به ڪن هنڌن تي پاڻ کي ’زنگيرو‘ ته ڪن هنڌن تي ’زنڪيلي‘ ته ڪن هنڌ وري ”سڀنتي“ (سنڌي) سڏائيندا آهن“ (22).
    مختلف نالن جو جيستائين تعلق آهي ته انهن جي باري ۾ ليکڪن ۾ اختلاف به آهي. هن کان اڳ ان ڳالهه جو ذڪر ٿي آيو آهي. منهنجي دوست شيخ عزيز جپسين تي هڪ مضمون ”ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءِ سنڌ سان آهي؟“ جي عنوان سان لکيو آهي، جنهن ۾ شيخ صاحب جپسين جي اصل نسل بابت مليل معلوامت سان گڏ انهن جي ثقافت ۽ جيوت جي مختلف معاملن بابت لکيو آهي. سنڌ مان ايران ڏي ويندڙ لوليان/ لوريان واري نظريي جي پس منظر ۾ مشهور شاعر فردوسيءَ جي ايران جي بادشاهه بهرام گور (220-238ع) جي ڪيل بيان جو حوالو ڏيندي، شيخ صاحب لکي ٿو ته: ”جنهن (بهرام) هتان (سنڌ مان) اٽڪل 20 هزار موسيقارن کي پاڻ وٽ گهرائي، انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ڪيو“ (23). شيخ عزيز، ڊچ مستشرق ڊي گوئسجو جي حوالي سان سنڌ جي ’جت‘ قبيلي کي جپسين جو امجد قرار ڏنو آهي، جن کي عربن ’زط‘ چيو(24). شيخ صاحب موسيقيءَ سان سندن وابستگيءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. (25).
    ڪن سياحن به جپسين جو ذڪر ڪيو آهي. انهن پنهنجي سفر جي بياني سلسلي ۾ ذڪر ته ڪيو آهي، پر اُن جي ڪا تاريخي حيثيت سَنَدَ نه آهي. خورشيد قائم خانيءَ جي ڪتاب ”ڀٽڪتي نسلين“ ۾ به جپسين تي ٻه ٽي عنوان آهن. هُن به مليل تاريخي حوالن کي ورجايو آهي. ڪٿي ڪٿي ذاتي رابطي جو ذڪر به ڪيو آهي. سندس لکڻ موجب پهريون حوالو حمزه اصفهانيءَ جي تحريرن ۾ ملي ٿو، جنهن لکيو ته ”هندستان مان ٻارهن هزار ڳائڻ ۽ نچڻ وارا آيا“ (26). سنڌ جي تاريخ ۾ اها مشهور روايت آهي ته سنڌ مان ڪي ڳائڻا ايران ويا. انهن کي لوليان/ لوريان سڏيو ويو آهي. ممڪن آهي ته ان جو بنياد ’لورو‘ (فارسيءَ ۾ جمع لوريان) هجي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ’لوليان‘ جي باري ۾ لکيو آهي: ”ڪي ڪاسبي ۽ گداگر قبيلا پهرين ايران، مصر، اندلس ۽ برطانيه پهتا. مصر ۾ پهرين ڏٺا ويا ته انگريزن کين جپسي ڪوٺيو“ (ص16). ترڪي ۾ لوهار ڪو ڌنڌو ڪرڻ ڪري کين
    ’سيگان‘ سڏيو ويو (ص 17). گهڻا لورن جي نسل مان آهن (ص17). لورن کي ٻه صديون اڳ ايران ۽ مصر سان واقفيت ٿي چڪي هئي (ص17) ڊاڪٽر صاحب ڪن فارسي شعرن جا حوالا به ڏنا آهن، جن موجب لوليان/ لوريان واري نظريي کي هٿي ملي ٿي(27).
    جيڪڏهن ايرانين لوريءَ کي ’لولي‘ (جمع لوليان) ڪري ڄاتو آهي ته ’لورا‘ يا ’لوري‘ سنڌ جي هڪ ذات به آهي. لغات ۾ به لورو هڪ ذات ڄاڻايل آهي(28). جُنگشاهيءَ طرف به ذات جا ’لورا‘ رهن ٿا. ’لورو‘ لفظ عام معنيٰ ۾ ڪنهن ڪريل شخص يا پيڇو نه ڇڏيندڙ کي به چئبو آهي (29).’لوريڙ‘ به هڪ ذات آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارسيءَ جي هڪ اڳوڻي استاد محترم ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب، جيڪو اصل روهڙيءَ جو آهي، تنهن هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته ”لوليان“ اصل ۾ ’روهڙان‘ مان آهي. فارسيءَ وارن اڪثر ’ر‘ کي ’ل‘ سان بدلايو آهي ۽ ’روهڙيءَ‘ کي ’لهري‘ لکيو اٿن. لفظ ’لوري‘ شاهه جي رسالي ۾ ڪوهياريءَ ۾ هڪ وائيءَ ۾ ٻن مصرعن ۾ آيو آهي:
    اديون آريچن جو لَھ لڳو مون ’لوري‘
    ڪشي ڪان ڪمان مان، لائي وئڙا ’لوري‘ (30)
    سُر ديسيءَ جو هڪ بيت اهڙو به آهي جنهن ۾ لفظ ’لوري‘ ذات جي لحاظ کان نمايان آهي:
    ڇوري ندوري، نڪو مائٽ مُنڌَ جو،
    سوين هلن ساٿ ۾، ڪمي ۽ ڪوري،
    آءٌ پن آهيان ان ۾، لنگهي ۽ ’لوري‘،
    لنگهائين لطيف چئي، ٿر جا ٿوري،
    آهيان ازوري، تنهنجي جوري جبل لنگهيان. (31)
    اڪثر شاعرن جي ڪلام ۾ لنگهي، فقير، مڱتي ۽ پٺيان پوندڙ جي معنيٰ ۾ ’لورو‘ لفط گهڻو ڪم آيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪن شعرن جا جيڪي حوالا ڏنا آهن، انهن مان به اهو نظريو پڪو ٿو ٿئي ته سنڌ جا ’لورا‘ ذات جا ماڻهو، جن جو ڳائڻ وڄائڻ سان به واسطو هو، غريب، ڪاسبي ۽ گداگر به هئا، سي ايران ويا ۽ ”لوريان/ لوليان“
    سڏجڻ ۾ آيا. شعر هي آهن:
    ازان لوريان برگزين ده هزار،
    نروماده برزخم بربط سوار. (فردوسي)
    افغان ڪين لوليان شوخ شيرين کار شهر آشوب،
    چنان بُردند صبراز دل ڪه، ترڪان خدان يغمارا (حافظ)
    ڇو جو ’لورا موسيقي‘ (لوليان) مقبول ٿي، ان ڪري ان قوم جي ايان ۾ شهرت ٿي (32). اڳتي مصر، يورپ ۽ خاص طور اسپين ۾ هن سنگيت پنهنجو نه رڳو اُتي اثر ڇڏيو، پر جپسي موسيقي ۽ ناچ لئه جو به شهرو ٿيو (32). اسپين ۾ جپسين کي ’سِن تانو‘ (Sintano) يعني ”سنڌ جا“ سڏيو ويو، جيڪو ’هتانو‘ (Hitano) ٿيو ۽ هاڻي عام طور ”گِٽانو“ (Getano) سڏجن ٿا. (33).

    حوالا ۽ سمجهاڻيون
    1. Katzner Kenneth. Languages of the World London, 1977, p. 107.
    2. Mac Millans Concise Dictionary of World History, Bruce wetterau, New York, 1983, pp. 337. 338.
    3. Turner, Ralph L. Position of Romani in Indo-Aryan, 1927. p.649.
    4. رچنداڻي، ليلو. ”سنڌوءَ جي جهلڪ“، ڪمل سنڌي پرنٽنگ پريس احمد آباد، 1963، ص.44.
    5. A concise English-Chinese Dictionary, Peking, 1965, p. 920.
    6. Encyclopedia Americana, vol. 13. 1987. p.649.
    7. Groliar’s Academic Encyclopedia, vol. 9. 1985, p. 415.
    8. Ibid, p.415.
    9. Ibid, p. 415.
    10. Compton’s Pictured Encyclopedia and a Pact In, vol. 6., pp. 235-236.
    11. Bertrand, Louis and Parte. C History of Spain, part I, London, 1952, p. 74.
    12. سمراٽ، گنگارام، ”سنڌو سؤوير“ ڪَپل پرنٽنگ پريس، سهجپور احمد آباد 1979ع، ص 316-317.
    13. ايضاً، ص 316
    14. ايضاً، ص 317
    15. ايضاً، ص 322
    16. ايضاً، ص 330
    17. ايضاً، ص 332
    18. ايضاً، ص 333
    19. ايضاً، ص 329
    20. ”سنڌوءَ جي جهلڪ“، ص 40-41
    21. ايضاً، ص 41
    22. ايضاً، ص 41
    23. عزيز، شيخ: رسالو ”شهباز“، حيدرآباد، (جنوري-فيبروري 1993ع) مقالو: ”ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءَ سنڌ سان آهي.“ ص 150.
    24. ايضاً، ص 151
    25. ايضاً، ص 152
    26. قائم خاني، خورشيد: ”ڀٽڪتي نسلين“ روهتاس، ٻُڪس لاهور، 1991ع، ص 60
    27. بلوچ، نبي خش خان: .سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ شاهه لطيف ثقافتي مرڪز 1978ع، ص ص 16-17
    28. ايضاً، ”جامع سنڌي لغات“، جلد پنجون، سنڌي ادبي بورڊ، ص 2527
    29. ايضاً، ص 2527
    30. قاضي، علامه آءِ آءِ : ”شاهه جو رسالو“، سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع، وائي، داستان ڇهون، سُرڪوهياري.
    31. ايضاً، سُرديسي، بيت 20، داستان 4
    32. حوالو ڏنل، نمبر 27، ص ص 8-9
    33. ايضاً، ص 17.
    (ٽماهي ”مهراڻ“، اونهارو ، 2004ع)


    در در جا مسافر

    در در جا مسافر

    عبدالقادر جوڻيجو
    __
    پنهنجي زندگيءَ جا ڳچ سال فيلڊ ريسرچ ۾ ڳاريندڙ، اسان جي روايتي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪافي سال اڳ ۾ ڦاٽ کاڌو هو ته سائبيريا کان وٺي اسپين تائين، سڄي يروپ ۾ در در جا مسافر ”جپسي“ اصل ۾ سنڌ جا رهاڪو آهن. کانئس پوءِ چندي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي هڪ کڙپيل اسڪالر بي بي سي ريڊيو جي ذريعي اها دعويٰ پڙ تي اڇلائي ته ”جپسي“ اصل ۾ پنجاب جا رهاڪو آهن. ان کان پوءِ هڪ ٻئي پويان راجستاني ۽ گجراتي اسڪالر انهيءَ ڳالهه تي پڙ ٻڌي بيهي رهيا ته ”جپسي“ اصل ۾ راجستان ۽ گجرات جا رهاڪو آهن. ائين ”جپسي“ هڪ ڳجهارت بڻجي ويا.
    ڪجهه سال اڳ پاڪستان ٽيليوزن تي هڪ قسط وار ڊاڪيومينٽري “World at War” هلي. سالن جي محنت کان پوءِ ٺاهيل انهيءَ ڊاڪيومينٽريءَ ۾ جنگ جي سٽيل ۽ دونهاٽيل يورپ مان هڪ قافلو لنگهندي نظر ٿو اچي ۽ پويان ڪامنٽيٽر جا هي لفظ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته، ٻئي عظيم جنگ ۾ ٻيون ڪئين مضبوط قومون پنهنجين ثقافتن سميت ڌوڙ ٿي ويون، پر قديم زماني ۾ ڏکڻ ايشيا (انڊوپاڪ) مان لڏي ايندڙ ڏنگي طبيعت جي جپسين پنهنجا ڪئين ماڻهو مارائڻ کان پوءِ به هيڏيءَ ساريءَ جنگ جو اثر قبول نه ڪيو ۽ هو پنهنجي واٽن تي وڳندا رهيا. اهي لفظ ٻڌڻ کان پوءِ اها پڪ ٿي وڃي ٿي ته جپسي اصل ۾ انڊوپاڪ جا ماڻهو آهن. انگريز اسڪالر ڪڏهن به ڪچي ڳالهه نه ڪندو آهي.
    ان ڊاڪيومينٽريءَ کان پوءِ ٻئي عظيم جنگ ۾ يهودين جي قتل عام تي ٺهيل رت روئاريندڙ بلاڪ بسٽر ڊراميه سيريل “Holocaust” جو وڊيو هن ملڪ ۾ آيو. هي شاهڪار ڊرامو جنهن به ڏٺو هوندو، اهو پنهنجا لڙڪ جهلي نه سگهيو هوندو. چيو وڃي ٿو ته ڊرامه سيريل “Roots” کان پوءِ هن ئي ڊرامه سيريل آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن جون گهٽيون خالي ڪري ڇڏيون هيون ۽ درٻوٽ ٿي ويئي هئي. انهيءَ سيريل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ واري هاڪاريل اداڪاره مئرل اسٽريپ جو مصور مڙس نازين جي هڪ عقوبت خاني ۾ ٻين قيدين سان گڏ پٿر ڪٽيندو نظر اچي ٿو ۽ ٻين قيدين مٿان نازي سپاهي بندوقون تاڻيو بيٺا آهن. پٿر ڪٽيندي اتي ٻه قيدي سگريٽ جي ٽوٽي تان پاڻ ۾ وڙهي پوندا آهن. نازي سپاهي کين چتاءُ به ڏيندا آهن، ته به اُهي ٻئي قيدي نازي سپاهين جي چتاءَ کي لفٽ نه ڪرائيندا آهن ۽ پاڻ ۾ وڙهندا رهندا آهن. انهيءَ تي هڪ نازي سپاهي ٻئي سپاهيءَ کي چوندو آهي ته ”اهي يورپي ناهن پر انڊو پاڪ جا جپسي آهن. پاڻ جو چيو نه مڃيندا، هڻين گولي.“ ائين ٻئي ڄڻا ڪڙ ڪڙ ڪندڙ گولين جو شڪار ٿي ويندا آهن.
    حقيقتن تي ٻڌل انهيءَ ريسرچ اورئنٽيڊ سيريل مان به اهو لڳي ٿو ته آمريڪي اسڪالرن جي نظر ۾ به جپسي يورپي ناهن، پر انڊوپاڪ مان لڏي آيل آهن.
    اڄ ڪلهه موسيقيءَ جي دنيا ۾ “Gypsy Kings” نالي ڳائڻن جي هڪ ٽولي سڄي دنيا کي کڙڪائي ڇڏيو آهي. جپسي ڳائڻن جو اهو ٽولو جتي به پهچي ٿو ته، اتي لکين ماڻهو سندن ڪلام ٻڌي پاڻيءَ مان نڪري ويندا آهن. اتفاق سان انهن ڳائڻن جي ٽولي جي ڪلامن جي هڪ عدد سي ڊي مون وٽ به آهي. انهيءَ سي ڊيءَ کي مون غور سان ٻڌو آهي، جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته سندن ڪلامن ۾ جيڪو آلاپ اهي، اهو آلاپ مهراڻ جي ڪيترن ئي لوڪ گيتن جي آلاپ سان ملي ٿو.
    اها ته ٿي پڪ ته جپسي اصل ۾ انڊوپاڪ جا رهاڪو آهن. باقي رهي اها ڳالهه ته اهي ”در در جا مسافر“ جپسي سنڌي آهن يا پنجابي يا راجستاني آهن يا گجراتي ته اها ڳجهارت ڀڃڻ کان اڳ انهيءَ ڳالهه جي جانچ وٺنداسين ته انهن ”در در جي مسافر“ خانه بدوشن جون ذاتيون ۽ ڌنڌاڪهڙا ڪهڙا هئا. ڪجهه ذاتيون هتي بيان ڪجن ٿيون.
    ڪوچڙا
    ٿر جي ٽاڪ منجهند آهي. ڌُپ گرميءَ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو آهي. واري تپي اهڙي ٿي ويئي آهي، جو اگهاڙو پير واريءَ تي رک ته سڄو پير سڙي لڦون ٿي وڃي. ڳئون ٻڪريون وڻن ۾ منهن هڻيو سهڪن پيون. پري کان هڪڙو همراهه وڏي لٺ هٿ ۾ کڻيو ڳوٺ ڏانهن ٽٽو اچي. ڀٽ تي اڏيل هڪ ڳوٺ جي هڪ گهر مان جهونو ٻاهر نڪري اوٽي (اڱڻ) تي بيهي، اکين تي هٿن جا ڇپر ٺاهي، چوڌاري ڊگهي نظر ٿو وجهي ته کيس نظر ٿو اچي ته هائو ٻيلي! همراهه وڏي لٺ کڻيو ڳوٺ ڏانهن ٽتو اچي. جهونو ڳوٺاڻو پري کان ايندڙ مسافر جي هلڻيءَ مان ئي سمجهيو وڃي ٿو ته اهو مسافر ڪير آهي. ڳوٺاڻي کي وڌيڪ پڪ تڏهين ٿئي ٿي جڏهن مسافر گهرن اڳيان پهچي، پنهنجي ڄاڙي لٺ تي ٽيڪي بيهي رهي ٿو. ڄاڙيءَ هيٺان لٺ ڏيئي بيهڻ جو اهو انداز به هڪ ڳجهارت آهي، جيڪو ڀڃي. ڳوٺاڻو ڳجهارت ڀڃي ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو، جيڪا هن ريت آهي:
    ”اوريون آهين يا پريون آهن؟“
    ”پريون آهيان.“
    ”اڪيلو ڇو آهين؟“
    ”هن دنيا ۾ سڀ ماڻهو اڪيلا آهن.“
    ”ماني ٽڪر کپيئي يا ڪو ٻيو رولڙو آهي؟“
    ”اهو توتي ڇڏيل آهي.“
    ”ٺيڪ آهي. تنهنجي ڳالهه سمجهي ويس. تو کي ماني ٽڪر آڻيو ٿو ڏيان، پر هڪڙي ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏ.“
    ”حڪم سرڪار“
    ”هن راڄ ۾ يا آسپاس جي ست راڄيءَ ۾ ڪا کس ڪئي اَٿوَ ته پوءِ پنهجي سڄي لڏي کي چٽڻي ٿيل سمجهجو. هاڻي ڇا ٿو چوين؟“
    ”چوان اهو ٿو ته ماني ٽڪر ڏي ته هيءُ پٽ ئي ڇڏي وڃون.“
    ”وري به سوچي وٺ.“
    ”سوچي ڇڏيو اٿم.“
    اها پڪ وٺڻ کان پوءِ ڳوٺاڻو گهرن ڏانهن هليو ٿو وڃي ۽ وڏي لٺ وارو ماڻهو بيهي مانيءَ ٽڪر جو انتطار ٿو ڪري.
    اصل ۾ لٺ وارو اڪيلو مسافر ڪوچڙو آهي. ٻنهين ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته ڪوچڙن جو ڌنڌو آهي ٺڳي، چوري ۽ کاٽ هڻڻ. ڪوچڙن جو اصل ڌنڌو اهو ئي هو. ڪوچڙا لڏو لاهي ڪنهن ڳوٺ جي ڀر ۾ اچي وهندا هئا. ڏينهن جو پنڻ جي بهاني مائين کي گهرن ۾ موڪليندا هئا. مائيون پنڻ سان گڏ جاسوسي به ڪنديون هيون ته ڪهڙو گهر سڀرو آهي، جنهن کي رات جو کاٽ هڻي سگهجي. انهيءَ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن رکي مرد کاٽ هڻندا هئا ۽ پوءِ راتو رات اهو پٽ ڇڏي ويندا هئا. ڪوچڙن کي ٻن ٽن ڪمن ۾ وڏي مهارت حاصل هوندي هئي، هڪ ته پير لڪائڻ، ڪيڏو به وڏو پير سندس پير کڻي نه سگهي. پير لڪائڻ لاءِ ڪوچڙا پيرن هيٺيان ٻُوههَ (ٿر جو هڪ ٻوٽو) جا ٻُچا ٻڌندا هئا. وڃڻ وقت اڳتي هلڻ جي بدران پوئين پير هلندا هئا ۽ پنهنجي اصلي آڏيءَ وک کي سڌي وک ڪري ۽ سڌيءَ وک کي آڏي وک ڪري هلندا هئا. ڪڏهين پيرن جو پٻ ته ڪڏهين پاسو هڻندا هئا، جو اصل پيري ڀل پيو ماءُ کي ياد ڪري. پر انهن ڪوچڙن کي جيڪا صدين کان وٺي وڏي مهارت حاصل هئي، اها هئي سوشل سائڪالاجيءَ جي ڄاڻ. ڪوچڙا هلندڙ ماڻهوءَ جي وک مان، بيٺل ماڻهوءَ جي نگاهه مان ۽ ليٽيل ماڻهوءَ جي ساهه کڻڻ جو انداز مان اهو صحيح ڪري وٺندا هئا ته ماڻهوءَ جي اندر جي سوچ جو رخ ڪهڙو آهي. اهو علم کين ڏوهه ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو هو.
    پر وقت دنيا جي چالاڪ ۾ چالاڪ ماڻهو، ذاتين ۽ قومن کي ڌوئي ڦٽو ٿو ڪري. هيءُ وقت ڪلاشنڪوف ڪلچر جو وقت آهي، جنهن ۾ ڪوچڙن جون اٽڪلون گولين جي ڪڙڪن ۾ غائب ٿي چڪيون آهن. گولين اڳيان پنهنجو پاڻ کي بيوس سمجهي ڪوچڙن پنهنجا اصلي پٽ ڇڏي شهر اچي وسايا آهن ۽ اصلي ڌنڌو ڇڏي پنڻ ۾ لڳي ويا آهن. پر تنهن هوندي به سوشل سائڪالاجي کين ڪم اچي رهي آهي ۽ هو ڏسڻ مان صحيح ڪري وٺندا آهن ته ڪهڙو ماڻهو صدا ساڻ خيرات ڏيندو ۽ ڪهڙو ماڻهو پٽائي پٽائي خيرات ڏيندو. ڪوچڙن جي هاڻي نشاني اها آهي ته جيڪو پنڻو اوهان کي رت ڪري ماري ۽ اصل جند ڇڏڻ لاءِ تيار نه هجي ته پڪ سمجهو ته اهو ڪوچڙو پنڻو آهي. سندن روين ۾ جيڪا شدت هئي، اها اڃا به موجود آهي، پر بيوس اٺ بار ڇڏي چڪا آهن.
    جوڳي
    نه چوري چڪاري، نه ٺڙڪ ٺڳي، نه ضدا ضدي، نه گلا غيبت، نه دل ۾ غير، ڏي ته به خير، جي نه ڏي ته به خير، جوڳي رمتا ڀلا. جوڳين جي انهن ادائن ئي ته ننڍي کنڊ جي وڏن شاعرن کي ڪُٺو. ڀڳتي تحريڪ کان وٺي صوفي فقيرن تائين، لوڪ گيتن کان وٺي فلمي گيتن تائين، جتان جتان ٻڌندو وڃ ته جوڳي جوڳي پئي پوي. آئون پنهنجي ڳوٺائي يار جوڳي جوهر ناٿ جون جڏهن ڳالهيون ٻڌندو آهيان ته مون کي ويٽنام جي جنگ جي رد عمل ۾ جنم وٺندڙ ڪير ويڪ جي لکيل ناول “On the Road” جو اهو جملو ياد اچي ويندو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته، ”علم يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاندار عمارتن مان حاصل نه ٿيندو آهي، پر علم مسافرن جي هيٺان اڏامندڙ ڌوڙ مان حاصل ٿيندو آهي.“ اها ته پڪ اٿم ته جيڪ ڪيرويڪَ جوڳي نه ڏٺا هوندا، پر سندس گروءَ ۽ “Howl” جهڙي دٻالٽ نظم کي تخليق ڪندڙ ايلن گنسبرگ ضرور جوڳي ڏٺا هوندا، جيڪو گانجو ڇڪڻ لاءِ راتين جون راتيون ڪلڪتي جي گهٽين ۾ پيو هوندو هو. ڪلڪتي کان وٺي ڪراچيءَ تائين ۽ مدراس کان وٺي پشاور تائين، قدمن هيٺيان ڌوڙ اڏائيندڙ جوڳين کي ڪير نٿوس ڃاڻي؟ جوڳي ته پني به ڪونه. جوڳي ته زهريلا نانگ جهلي، انهن کي پالي ٿو. پوءِ انهن نانگن بلائن جو تماشو ڏيکاري ۽ مرليءَ جهڙو ڏکيو ساز وڄائي انهيءَ محنت جو اجورو ٿو وٺي.
    جوڳين جون ڪجهه نُکون (شاخون) هن ريت آهن، (1) گورکناٿ (2) پنوار (3) ٻانڀڻيا (4) آديسي (5) لاهوتيا (6) پارڪري (7) مرکٽ
    (8) سينهڙيون.
    اهي ته ٿيون سندن اصلي نکون، پر جوڳين جي رولڙي، سڀاءَ ۽ لوڪ شعور، ٻين ماڻهن جي دلين ۾ جيڪا ”هڻ ته چتي“ قسم جي رومانوي ڪيفيت پيدا ڪئي ۽ ماڻهن جي دلين ۾ گهر ٺاهيا، ته انهيءَ جي نتيجي ۾ راڄ ڪري ويٺل راجپوتن جي ڪجهه ذاتين جا ماڻهو ساڻن شامل ٿي، جوڳين جو اڻ ٽر حصو بڻجي ويا. ائين جوڳين ۾ اضافو ٿيو. اهي نکون هن ريت آهن: (1) راٺوڙ (2) سولنڪي (3) جويا (4) دَل (5) تُنيا (6) ٺَڪَر.
    انهن ساڳين ذاتين مان ڪجهه ذاتيون اڳتي هلي مسلمان به ٿيون. ماڻهن جي دلين تي قبضو ڪرڻ وارا جوڳي ڪيترن ئي نانگن بلائن تي به قبضو ڪري ڄاڻن. نانگن بلائن تي جوڳي قبضو ڪري سگهن ٿا، انهن مان ڪجهه قسم هن ريت آهن: ارڙ، ڪاريهر، تليهر، چُوڙهو، اڪشاڌاري، پدم، گڊو، ڳاڙهو، ڌامڻ، انجنيئر، ايريال، کپر، ڪورڪنڊ، ٻه منهين، چتري، گونگلو، ٽڪلو، هڻ کڻ، پيئڻ، سنگ چور، ڪُلمار، کوکريو، ڊمر ۽ ٻيا نانگ بلائون.
    انهن نانگن بلائن مان ڌامڻ، انجنيئر، ڪورڪنڊ، ٻه منهين، گونگلو، ٽلو ۽ کوکريو ۾ ٺپ زهر ڪونه ٿئي. ٻئي پاسي پدم، هڻ کڻ، سنگ چور ۽ ڪُلمار جو ڏنگ اهڙو ته خوفناڪ هوندو آهي، جو ماڻهوءَ کي ڌڪ لڳڻ کان پوءِ اهو ٻي وک کڻي نه سگهندو آهي.
    جوڳي بلائن جي هڪ قسم کي بي گُري به سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ ته اها بلا جوڳين کي جهل نه ڏيندي آهي، جي جهلي به منجهائن زهر ڪڍي وجهن ته انهيءَ بلا جو ختم ڪيل زهر ٻيهر تيزيءَ سان اچي ويندو آهي. نه رڳو جوڳي، پر ڳوٺن جون مائيون ڪنهن کي پٽ پاراتو ڏينديون آهن ته چونديون آهن، ”مئا! ڪا لنڊي کائينئي.“ اها لنڊي نالي بلا هرو ڀرو واٽ تي اڇراٽ ڏسي ويهي رهندي آهي ته جيئن ڪو ماڻهو اتان لنگهي ته ٽپ ڏيئي ماڻهوءَ کي ڏنگي سگهي. هن بلا جي ڌڪ جي پهچ فوٽ کن مٿي ٿيندي آهي. مٿان مصيبت وري اها آهي ته سنڌ ۾ جيڪي به نانگن بلائن جا قسم آهن، انهن مان 80 سيڪڙو لنڊي هوندي آهي. جوڳي ته هن بلا کي هٿ ڪونه لائي، پر اوهان ۽ اسان کيس آسانيءَ سان پنهنجي پڪڙ ۾ آڻي سگهون ٿا. اهو هيئن ته ٽارچ هٿ ۾ کڻي اکين ۾ هڻوس ته لنڊي انڌي ٿي ويندي آهي. پوءِ ڪُٽي کڻي مڃ ڪريوس. نه ته ٻئي حالت ۾ لنڊي اوهان کي اسپتال جو در ڏيکاري ڇڏيندي.
    جوڳين جا قصا سندن ڪشالن کان ڊگها آهن. پر اهي ساڳيا جوڳي اڳي لڏا کڻي هلندا هئا، ساڻن جوڳياڻيون به گڏ هوندوين هيون، پر هاڻي جوڳي پاڻ وٽ سنڌ ۾ مهراڻي (زرعي زمين سان لڳندڙ وارياسو علائقو جيڪو پراڻي سڪل درياءَ هاڪڙي جي کٻي ڪپ تي آهي) جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ آباد ٿي ويا آهن. هڪ هنڌ آباد ٿيڻ جي باوجود جوڳين ٻين ”در در جي مسافرن“ وانگيان اڃا تائين پنهنجي شناخت نه وڃائي آهي ۽ جوڳي رمتا ڀلا جو سلسلو اڃا جاري آهي. آخر ۾ جوڳين لاءِ آئون هت پنهنجو ئي لکيل انگريزي جملو ڏيان ٿو، جنهن کي آئون پاڻ انهيءَ ردم ۾ ترجمو ڪري نٿو سگهان.
    Still Jogi’s creat fears with their snakes and tears with their flutes.
    ٻڙها
    اوهان جيڪڏهن آرڪيالاجسٽن جي صحبت ۾ رهيا هوندا ته سندن زبانان هڪ اکر ذر ذر ٻڌو هوندوَ. اهو اکر آهي ”ٽيرا ڪوٽا“. اصل ”ٽيرا ڪوٽا“ ”ٽيراڪوٽا“ جو ورد ڪري اوهان جا ڪن کائي ڇڏيندا. هر انسان جو اهو بنيادي حق آهي ته هو ٻئي جا ڪن کائيندو رهي، پر ڪنن ۾ چڪ هڻي، ٻئي همراهه کي ڪنن کان واندو ڪرڻ جو کيس حق ناهي. اهي ٽيرا ڪوٽا هڪ قسم جا قديم رانديڪا آهن، جيڪي ٽئڪسلا کان وٺي ڀنڀور تائين قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان هٿ اچن ٿا. پر اهي رانديڪا ڪنهن ٺاهيا؟ ۽ ڪيئن ٺاهيا؟ صدين کان وٺي اڃا تائين سلامت آهن. انهن سوالن جا جواب ڏيڻ کان آرڪيالاجسٽ به لاچار آهن. پر پاڻ وٽ ڪلچرل ائنٿراپالاجيءَ جي حساب سان انهن سوالن جو جواب چٽو پيو آهي ته اهي رانديڪا ٻڙهن جي هٿ جي وڄا آهي. پنجاهي سال کن اڳ ٻڙها اهڙا ئي مضبوط ۽ صدين تائين سلامت رهڻ وارا رانديڪا ٺاهيندا هئا، جن کي ”ٽيرا ڪوٽا“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. مردن جو ڪم هو رانديڪا ٺاهڻ ۽ عورتن جو ڪم هو گهر گهر وڃي رانديڪا ڏيئي اناج وٺڻ.
    سندن رانديڪن ٺاهڻ جي وِڄا جو اصل قصو هن ريت آهي ته، پراڻي درياءَ هاڪڙي جي ڪنڌين ڪپرن تي، ڪن ڪن هنڌن تي، هڪ خاص قسم جي مضبوط چيڪي مٽي هٿ ايندي هئي، انهيءَ چيڪي مٽيءَ کي صرف ٻڙها ئي سڃاڻي سگهندا هئا ۽ ٻئي عام ماڻهوءَ جي جاءِ نه هوندي هئي. اها چيڪي مٽي هٿ ڪرڻ کان پوءِ ڳوهي، انهيءَ مٽيءَ تان رائلن (وڏن داڻن واري واريءَ جا هنڌ) هيٺيان کوٽي ڪڍيل واري گڏي ٻنهي کي ڳوهيندا هئا. ڳوهي ڳوهي جڏهين مٽي ۽ واري پاڻ ۾ هڪ ٿي وينديون هيون، تڏهن انهيءَ سان ٻڙها رانديڪا ٺاهيندا هئا. رانديڪا ٺاهڻ کان پوءِ انهن رانديڪن کي ڪرڙ جي ڪاٺين جي ڪِر ۾ پچائڻ سان گڏوگڏ سڙڻ وقت ڪرڙ جي ڪاٺيءَ مان جيڪو ٽيپو ٽيپو ٿي رس نڪرندو آهي، انهيءَ رس جا ڇنڊا به رانديڪن مٿان هاريندا ويندا هئا ته جيئن رانديڪن ۾ وڌيڪ مضبوطي اچي وڃي . انهن رانديڪن کي ٺاهڻ کان پوءِ اهي رانديڪا واريءَ ۾ پوري ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ ڏينهن جا ڏينهن اهي رانديڪا واريءَ ۾ پوريا پيا هوندا هئا. پوءِ جڏهن وقت ڀرجي ايندو هو ته رانديڪا کڏ مان ڪڍي، صاف ڪري عورتن جي حوالي ڪندا هئا، جيڪي اهي رانديڪا اناج جي بدلي ۾ وڪرو ڪنديون هيون. انهن رانديڪن کي ئي ٽيرا ڪوٽا جو نالو ڏنو ويو آهي. ٽيرا ڪوٽا کي ڏسي اها شاهدي ملي ٿي ته ٻڙها صدين کان وٺي هلندا اچن ٿا ۽ سندن ذات قديم ترين ذاتين مان هڪ آهي.
    ٻڙها اڃا به رانديڪا ٺاهي وڪڻن ٿا، پر کين خبر آهي ته بي قدريءَ جو زمانو آهي، ان ڪري هو اڳي واري محنت ڪرڻ بدران عام ٺڪر جا رانديڪا ٺاهين ٿا، جيڪي هٿ مان هيٺ ڪرڻ سان ڀڄيو ٽڪر ٿيو وڃن.
    هزارين سالن جو سفر هاڻي منٽن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. رهندو نانءُ الله جو.
    ڪبوترا
    اصيل ڪتو به ڏاڍو سياڻو جانور آهي.کائي پٽ ڪندڙ انهن اصيل ڪتن جون ڀؤنڪون ڌار ڌار ٿين. جي ڪتو گنئر ڪري ڳوٺ ڏانهن مڙڻ جي بدران ٻاهر سڌو منهن ڪري وٺي ڊوڙ ڪري ته سمجهه ته ڳوٺ ڏانهن ايندڙ لڏو خيري ناهي. جي اصيل ڪتو گنئر ڪرڻ جي بدران ٺلهو ڀؤڪندو وڃي ته سمجهه ته ڳوٺ ڏانهن ايندڙ لڏو مڙيئي لڏو آهي- نه فائدو نه نقصان. پر جي ساڳيو ڪتو سنهي ڀؤنڪ ڪري ڳوٺ ڏانهن مڙي پنهنجي يارن ٻين ڪتن ۽ ٻارن ڏانهن ڊوڙندو ٽپ ڏيئي هيڏاڏنهن هوڏانهن ڦيريون پائي خوشيءَ جو اظهار ڪري ته سمجهه ته ڳوٺ ۾ ڪو موج ميلوٿيڻ وارو آهي. گهوڙاير!اڃا ٽيهارو سال به نه ٿيا آهن جو گڏهن تي ڪي ڊگها، ڪي مڙيل ته ڪي سڌ سنها ڪاٺ، رسا، ڪُنڍا ۽ ڪڙيون سٿيل ۽ اڳيان پويان مائيون مرد پنڌ هلندا هئا. ڳوٺ جون مائيون وري ماني پچائڻ اڌ ۾ ڇڏي، پوتين کي لامارا ڏينديون ٻاهر نڪري اينديون هيون.ڳڀرو ڇورا مٿي ۾ اڌ اڌ پاءُ تيل جو ۽ اکين ۾ سرمو وجهي، لٺ چمڪائي ڌڙڪندڙ دلين سان ٻاهر نڪرڻ جا سانبها ڪندا هئا. سدائين چيلهه چٻي ڪري هلندڙ پوڙهن جون چيلهيون سڌيون ٿي وينديون هيون. ڳالهه ڳالهه تي تاڙيءَ جو ڦهڪو پيو پوندو هون.
    هي ڪهڙا مزمان آهن، جن ستل رونقون جاڳائي وڌيون آهن؟ انهن مزمانن جي لڏي کي ڪبوترن، جو لڏو ڪري چئبو آهي.No Hawks but Doves پير پدم، اک ڪارو ڪارونڀار، چيلهه چهبڪ، بت رٻڙ، برشي باردت گهرمري،ڪبوتري ڪاٺيءَ چڙهي ۽ تاڻيل رسي وک وک جو انتطار ڪري. ٿر جا ماڻهو ڪبوترن جي انهيءَ لڏي جو ائين انتطار ڪندا هئا، جيئن ٿر جو بکايل مال مينهن جو انتطار ڪندو آهي. ٿرن برن ۾ ڪبوترن جو مچايل هيءُ مانڊاڻ صدين کان پئي هلندو آيو. ٻين خانه بدوش ذاتين کي وقت ختم ڪيو، پر ڪبوترن کي ڪبوترين جي سونهن مارائيو. پهرئين پهرئين ڪجهه ڪبوتريون ناري جي زميندارن پاڻ وٽ وهاريون (نالا ڪونه ٿا کڻون، ڳالهه کي پردي ۾ ٿا رکون) ۽ پوءِ ڏانهنِ ٻيا هٿ وڌڻ لڳا. ڪبوترن کي سيتل ٿيڻو پئجي ويو. هن وقت ساون پٽن ۾ اڏيل ننڍڙن ننڍڙن شهرن ۾ سستا فلمي گانا ڦاٽل آواز ۾ ڳائي ڳائي، اکين جا اشارا ڏيئي، ٿلهين چيلهين کي موڙا ڏيئي هوٽلن تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڪبوتريون دام ۾ ڦاسائڻ ۽ پنجن ڏهن جو نوٽ ڇڏائڻ ۾ پوريون آهن- ڀت کاڄي ويو آهي، باقي ڪاري کُرڙ وڃي بچي آهي.
    ٻاليشاهي
    1971ع جي جنگ پنهنجي عروج تي آهي. پنهنجي وقت جو ذهين ماڻهو، ون يونٽ ٽوڙيندڙ، بنگالين کي 56 سيڪڙو نمائندگي ڏيندڙ، ٽي ويءَ تان هر سياستدان کي ڳالهائڻ جو حق ڏيندڙ، پاڪستان ۾ پهرئين ۽ آخري فيئر اليڪشن ڪرائيندڙ، اليڪشن کان پوءِ اڪثريت حاصل ڪندڙ ليڊر شيخ مجيب الرحمان کي وزيراعظم بنائڻ جو اعلان ڪندڙ ۽ حاڪم ٿي رهڻ جي باوجود بئنڪ اڪائونٽ خالي رکڻ وارو ايماندار پشتون جنرل يحييٰ ٻين ساٿين جي تاڻيل گن پوائنٽ تي مجبور ٿي، بنگالين جي ڪوس جو حڪم ڏيڻ کان پوءِ ڊسٽرب ٿي شراب جو سهارو وٺي، شراب ۾ غوطا کائڻ شروع ڪري ٿو، جو کيس خبر آهي ته هو جلد ئي تاريخ جي ظلم جو نشانو (Victim of History) بڻجڻ وارو آهي ۽ پراوا اڏيل ڦندا ريءَ گناهه سندس ڳچيءَ ۾ پوڻا آهن. هو انهن ڦندن جي ور چڙهڻ کان اڳ ۾ پنهنجي اندر جي دنيا کي داءَ تي لڳائي ٿو ڇڏي. نه ڏسنداسين نه ڪڙهنداسين.
    جنگي جهازن جا ٻرڙاٽ، توبن جا ڦهڪا، ٽئنڪن جي کڙ کڙ ۽ گولين جا وسڪارا آهن. بارڊر جي ٻنهين پاسن ماڻهن جا جذبا ٻڏتر ۾ آهن. ايڏي ساري هڻ هڻان ۾ راولپنڊيءَ مان ٽٽل ڪَلندرن ۽ ڪڃرن جو لڏو بارڊر سان لڳندڙ پنهنجي صدين کان ٺهيل واٽ وٺي، ڪراچيءَ جي ماڳ تي پهچڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪلندرن جي هٿن ۾ بندوقون هئڻ بدران رڇ آهن ۽ ڪڃرن وٽ ڀولڙا. اگهاڙي آسمان هيٺان هلندڙ هن پرامن قافلي کي نه گولين جي پرواهه آهي، نه بمن جي. مرڻ کي مري وڃبو، پر پنهنجي وات کوٽي نه ڪبي. هو ڪراچي انهيءَ لاءِ پهچڻ جا جتن ڪري رهيا آهن ته جيئن ڪراچيءَ جي ماڳ تي پهچي اتي ٻارن، وڏن ۽ ننڍڙن جي دل وندرائي، اُتان وري ٻيءَ منزل کي پٽين.
    ڪلندر ۽ ڪڃر ٻاليشاهين جون ٻه نکون (شاخون) آهن ۽ هي ئي خانه بدوش آهن، جن ۾ صدين کان وٺي مدرانه سماجي نظام هليو پئي آيو. فيصلو ڦڙو ۽ ڏي وٺ سڀ عورتن جي بلي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي گار ڏيندا آهيون ته کيس ”ڪڃر“ چوندا آهيون. پر هاڻي هن ذات جي ماڻهن مان عورت جي پيرن هيٺان زمين کسڪي رهي آهي ۽ مرد چڙهت ڪندو پيو وڃي. باقي سندن رولڙو جاري آهي. منجهن ڪي ڳالهيون اهڙيون به آهن جي نه سلڻ جهڙيون، نه ٻڌڻ جهڙيون ۽ نه لکڻ جهڙيون ڪٿي ڪٿي چُپ چڱي آهي.
    سنياسي
    هنديءَ جي لفظ سنياسي جي معنيٰ آهي جهنگ بدر ٿيڻ. هي سنياسي نه ته رام جا پوڄاري آهن، جنهن کي ري گناهه سزا طور چوڏهن سال سنياس ڪاٽڻو پئجي ويو ۽ نه ئي وري ڪو مهاتما ٻڌ جا پوڄاري آهن، جنهن پنهنجي روح جي زخمن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سنياس ورتو. هي سنياس ته تو مون جهڙن عام ماڻهن جي جسماني زخمن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ورتو ويو. سنياسين جي ڊريس ته هڪ ئي هوندي هئي گيڙو رنگ جي، پر نسلي لحاظ کان هي ماڻهو خانه بدوش مان به خانه بدوش ٿيل ماڻهن مان هئا. ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئون ته هي ماڻهو ڌار ڌار ذاتين جا هوندا هئا. ڪو ماڻهو ڪنهن لڏي مان ٽٽو، ته ڪو ماڻهو ڪنهن ڳوٺ مان ٽٽو. ائين پن پن ٿي پنهنجو لڏو جوڙيندا هئا. انهن ۾ مرد به هوندا هئا ته ٽانڪو ٽانڪو عورتون به هونديون هيون. هي لڏا مينهن جي مند ۾ هاڪڙي جا کاٻا ڪنارا ۽ ڪنڌيون اچي جهليندا هئا. اصل ۾ سائي پٽ سان ٻک ڏيئي هلندڙ علائقي روهيءَ (پنجاب) ۽ مهراڻي (سنڌ) ۾ مينهن جي مند ۾ ايڏي وڻڪار ۽ ٻوٽا اڀرندا آهن جو ڳڻڻ کان ٻاهر هوندا آهن. هتي قسمين قسمين ٻوٽيون اڀرنديون آهن، جن جو آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان. هي لڏا جڙين ٻوٽين جي تلاش ۾ مهراڻي ۽ روهيءَ جو پٽ ڇڏي، ڪڏهن ڪڏهن بلوچستان ۾ موجود هنگلاج تائين وڃي پهچندا هئا. سندن عبادت ۾ رياضت هئي ته جڙيون ٻوٽيون ڳولي، انهن جڙين ٻوٽين جي ذريعي خلق خدا جيءَ جو علاج ڪرڻ ۽ ڦٽن تي پها رکڻ. هي اسان جا لوڪ ڊاڪٽر هئا، جيڪي اڄ ڪلهه جي ڊاڪٽرن وانگر دلين ۾ لالچ جا انبار کڻي نه هلندا هئا، نه ئي سندن خوابن ۾ ڳاڙها ساوا نوٽ ناچ ڪندا هئا.
    قدرت خدا جي ته ولايت جي جن ماڻهن ميڊيسن ٺاهيون، اڄ اهي ئي ولايت جا ماڻهو مريض کي انجيڪشن هڻڻ، اينٽي بايوٽڪ ڏيڻ ۽ ڪارٽيزون جو زهر نبض ۾ اوتڻ کان پاسو ڪري، اهڙين جڙين ٻوٽين جي تلاش ۾ رهندا آهن، جن جو رس چس (سَتُ) ڪڍي اهڙيون گوريون ٺاهجن جن جا ڪي سائيڊ افيڪٽ نه هجن. فزيو ٿراپي، سائيڪو ٿراپي ۽ ميڊيڪل ائنٿراپالاجي جو رواج وڌندو پيو وڃي، پر تنهن هوندي به پڙهندڙ يارن کي صلاح آهي ته هو جديد ميڊيسن ڇڏي اڄ ڪلهه جي نيم حڪيم خطره جان قسم جي ويڄن کان پاسو ڪن، نه ته اڳيون سوجهرو به چٽ ڪرائي وجهندا. ڪيترين ئي بيمارين جو ڇوٽڪارو جديد ميڊيسين ۾ رکيل آهي ۽ ڪيترين ئي جڙين ٻوٽين جا سائيڊ افيڪٽ موتمار آهن. اهي سنياسي ئي لڏي ويا جن کي اهي خبرون هونديون هيون. هاڻي ويهي انتطار ڪريو ته مغرب جا سنياسي ڪهڙا رنگ ٿا ڏيکارين ۽ ڪهڙين جڙين ٻوٽين جو ڏس ٿا ڏين. انهيءَ کان پوءِ ڏٺو ويندو.
    ”در در جا مسافر“ جي ذڪر کي في الحال مختصر ٿو ڪجي.
    گواريا
    چوڙا، چوڙيون ۽ ڪاچ جو سامان وڪڻڻ وارا.
    جنڊا موڙا
    جنڊ ٺاهڻ ۽ ٺپڻ وارا.
    گاگڙا
    ڳوهون شڪار ڪري کائڻ وارا.
    رائوڙا
    ڪن صاف ڪرڻ وارا.
    جوڳيا
    ڄورون هڻي، خراب رت ڪڍڻ وارا.
    پاويا
    سارنگيءَ تي راسوڙا ڳائڻ وارا. لوهارڪو ڌنڌو ڪرڻ وارا.
    لوري
    ٺِڪَرَ جون لوٽيون ٺاهي وڪڻڻ وارا، جهيرڻا ٺاهڻ وارا.
    پارڪريا
    گگر ۽ کونئر لاهڻ وارا.
    اسان جا ڪجهه دوست ڪولهين ۽ ڀيلن کي به خانه بدوش سڏين ٿا، پر منهنجي نظر ۾ اهي موسم آهر لڏو کڻندا آهن ۽ ڪم پورو ٿيڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ پهچندا آهن. جيڪڏهن اسان انهن ذاتين کي به خانه بدوش ۾ شامل ڪيون ته ان ۾ بروهين، ٻروچن ۽ سماٽن جون به ڪيتريون ئي ذاتيون اچي وينديون. باقي ”ميري دل ميري مسافر“ ته هر ڪوئي آهي.
    هاڻي اچون ٿا انهيءَ ڳجهارت تي ته اهي خانه بدوش ذاتيون اصل ۾ ڪٿان جون آهن، ته ڳالهه گهڪي وهيڻي بيٺي آهي. اصل ۾ اهي ماڻهو سنڌي به آهن، پنجابي به آهن، راجستاني به آهن ۽ گجراتي به آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي محور جو نڪتو ٿر آهي. اهو ٿر پاڪستان ۽ ڀارت جي ڄاڻايل چئني پرڳڻن مان لنگهندو، گجرات ۽ سنڌ جي ڇيڙي ۾ عربي سمنڊ سان وڃي لڳي ٿو.
    باقي جيڪي جپسي يورپ ۽ اسپين ۾ پاتا وڃن ٿا، انهن ۾ سندن ٻه ذاتيون اچي وڃن ٿيون. هڪڙا ”ڪبوترا“ آهن، جيڪي لوڪ سرڪس ڪندا آهن ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا ڪاريگر آهن ۽ ٻيا ”ڪوچڙا“ آهن، جيڪي اتي ٺڳيون چوريون ڪندا آهن. سندن ڌنڌا ئي شاهدي ڏيو بيٺا آهن ته باقي ٻئي ثبوت جي ڪهڙي ضرورت ٿي رهي.

    (ڪتاب ”در در جا مسافر“ ، ليکڪ: عبدالقادر جوڻيجو،
    روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو. ڇاپو ٻيو 2010ع )


    يورپ ۾ رهندڙ جپسي ڪير آهن؟

    يورپ ۾ رهندڙ جپسي ڪير آهن؟

    الطاف شيخ
    ___
    پنهنجي نارويجن ساٿي ڪئپٽن ڍال نيلسن جو اوسلو ريلوي اسٽيشن تي انتطار ڪري رهيو هوس. پاڻ ڳوٺ ويل هو ۽ ان رات اسان کي ريل گاڏيءَ رستي اوسلو کان اسٽاڪهوم واپس روانو ٿيڻو هو.
    ريلوي پليٽ تارم تي وڏو تعداد ناروي ۽ سئيڊن جي ماڻهن جو هو. ڪجهه ڪجهه آفريڪن ملڪن جا شيدي، عرب ۽ ڪيترائي ايشيائي پڻ هئا. آئون سوير ئي ريلوي اسٽيشن تي اچي ويو هوس، سو اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر جو چڪر ڏئي، چانهه جو ڪوپ وٺي ڪنڊ ۾ رکيل صوفا تي ويهي پيتم. هنن برفاني ملڪن جي سيءَ ۾ گرم چانهه يا ڪافيءَ جو ڪوپ ايترو ئي مزو ڏئي ٿو ، جيترو پنهنجي ملڪ جي گرم چاليهي ۾ ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس.
    چانهه پيئندي وقت ڏٺم ته ٽرين هلڻ ۾ اڃان ڪلاڪ سوا هو. آهستي آهستي ماڻهو اچي رهيا هئا. وقت گذارڻ لاءِ ماڻهن سان خبرون چارون ڪرڻ چاهيم ٿي. ناروي ۽ ڊئنمارڪ ۾ اها ڳالهه ڪامن آهي ته ٻنهي ملڪن جي هوائي اڏن ۽ وڏين ريلوي اسٽيشنن تي صفائيءَ جو ڪم توهان کي پاڪستاني مرد يا عورتون ڪندي نظر نظر ايندا. اهڙي هڪ مرد ۽ عورت (صفائي ڪندڙ) سان خبر چار ڪري چانهه وڪڻندڙ عرب کان ناروي جا پئسا بدلايم. ايتري ۾ ڪجهه نوجوان عورتون کليل وارن ۽ ڪي راجستاني نموني جي پڙن ۾ ته ڪي جينز اسڪرٽن ۾ اچي ڀر واري صوفا تي ويٺيون. هو اوسلو جي ڪنهن يونيورسٽيءَ جون بنگالي ۽ هندستاني هيون جيڪي ڪنهن ڪلچرل شو ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڀر واري ڪنهن شهر ڏي وڃًي رهيون هيون. آئون ساڻن ڳالهائي رهيو هوس ته اتي منهنجو نارويجين دوست اچي ويو ۽ آئون کانئن موڪلائي اچي هن سان مليس.
    ”اهي جپسي ڪير آهن؟“ هن مون کان پڇيو.
    ”جپسي نه پر اهي اعليٰ تعليم يافته عورتون آهن، جيڪي بنگلاديش ۽ انڊيا جون آهن.“ ٻڌايومانس ، ”تو کي اهي جپسي ڪيئن ٿيون لڳن؟“
    ”سندن ڊگهن وارن، چهري ۽ رنگ مان مون سمجهيو جپسي آهن.“
    اسان جي ڀر واري محلي ۾ رهندڙ منهنجي هڪ سئيڊش سڃاڻي جي گهر ويندو هوس ته ڪڏهن ڪڏهن ڀر واري پارڪ ۾ ڪجهه ٿلهيون عورتون ۽ ڇوڪريون دڦ وڄائي ڳائيندي نظر اينديون هيون. سئيڊش همراهه ٻڌايو ته اهي جپسي ماڻهو آهن، جيڪي رومانيا، هنگري ۽ ٻين ڀرپاسي وارن ملڪن کان هتي پنڻ اچن ٿا. ”اهي وڏا چور آهن.“ هن راز واري نموني ۾ ٻڌايو.
    اسان جي هڪ موراڪو جي دوست جي پوليش زال وٽ هر هفتي گهر جي صفائيءَ لاءِ هڪ ڊگهن وارن واري عورت ۽ مرد آچر ڏينهن ايندو آهي. هوءَ ساڻن پولش زبان ۾ ڳالهائيندي آهي. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين، ”هي غريب جپسي آهن، جيڪي پولينڊ کان لڏي هتي آيا آهن. هتي سئيڊن ۾ نوڪر رکڻ جي اجازت ناهي پر هي لڪي مون وٽ ڪم لاءِ ايندا آهن ۽ آئون به کين ماني ڀور ۽ ڪپڙا گنديون ڏيندي آهيان.“
    ”جپسي اصل ڪٿي جا آهن؟“ پڇيومانس.
    ”خبر ناهي ته اصل ڪٿي جا آهن پر سڄي يورپ ۾ نظر اچن ٿا ۽ بدوئن وانگر روزگار جي تلاش ۾ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي رلندا رهن ٿا. ساڻن هر ڪو نفرت ڪري ٿو. هر ڪو کين چور چوي ٿو. غريب ويچارا!“ هن افسوس ڪندي بڌايو.
    اسان جي گهر جي مٿان پڻ هڪ پولينڊ جي عورت رهي ٿي، جيڪا امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪم ڪري ٿي. هڪ ڏينهن هوءَ گهر ۾ نه هئي . سندس آفيس ۾ ڪو ڪم ڪندڙ همراهه پڇائيندو مون وٽان اچي نڪتو. شڪل ۾ اسان جهڙو ننڍي کنڊ جو همراهه لڳي رهيو هو. پڇيومانس ڪير آهين. وراڻيائين،”انڊين سک.“
    ”پوءِ ته هندي يا پنجابي ايندي هوندءِ؟“ چيومانس.
    سندس نه ڪرڻ تي مون کي تعجب لڳو. کيس ڏاڙهي به نه هئي.
    ”پوءِ تون ڪهڙو سک آهين؟“ پڇيومانس
    ”منهنجا ڏاڏا پڙڏاڏا هزار سال کن اڳ انڊيا کان هتي آيا.“ هن انگريزيءَ ۾ ٻڌايو. جيتوڻيڪ اها به صحيح طرح نه پئي آيس. سئيڊش ئي ڳالهائين ٿا.
    ”ڪمال آهي!“ مون تعجب کاڌو ۽ دل ۾ سوچيو ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن يورپ جو رخ انگريزن جي اچڻ بعد ئي رکيو آهي. هي ڪير آهي ۽ ڪهڙا پيو گشا هڻي.
    مون کي حيرت ۾ ڏسي چيائين،”آئون جپسي آهيان. تو کي خبر ناهي ته جپسي ڪير ٿيندا آهن؟“ ۽ پوءِ هو ڪجهه لفظ چوڻ لڳو جن مان ڪجهه پنجابي ۽ هندي جا هئا ۽ ٻيا شايد سنسڪرت وغيره جا هجن. پر اهي مون نه سمجهيا. بهرحال مون کي تعجب لڳو ته هيءُ ڪهڙي مخلوق آهي.
    اهڙي طرح هڪ دفعي ٻه نوجوان مرد مليا جيڪي اسان جي پاسي جا لڳي رهيا هئا.
    “Are you Indians?” مون پڇيو.
    “Yes. But we are Gypsies” هنن وراڻيو.
    ”اهو ڪيئن؟“ مون پڇيو.
    ان تي هڪ پنجابيءَ ۾ هڪ ٻي ٽي انگ ٻڌائن لڳو.
    ”توهان ارڊو يا هندي ڳالهائي سگهو ٿا.“ مون پڇيو.
    ”سوين سال گذرڻ جي عرصي ۾ اسان جي زبان ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي، نه ته اوريجنلي اسان انڊيا جا آهيون.“ هن ٻڌايو.
    منهنجي لاءِ اهي ڳالهيون بيحد انوکيون هيون. گذريل ويهن پنجويهن سالن ۾ يورپ جي ڪيترن شهرن ۾ جپسي مردن توڙي عورتن کي نچندي يا پندي ضرور ڏٺو هو پر مون اهو ئي سمجهيو ٿي ته اهي يورپ جي ڏورانهن ڳوٺن جا آهن، جيئن اسان وٽ باگڙي عورتون وڏا پڙا پائي شهرن ۾ پنڻ لاءِ اينديون آهن.
    ۽ پوءِ هڪ دفعي يورپ جي هنن (Gypsies ) جپسين بابت جن کي روما پڻ چون ٿا،م نيوز ويڪ رسالي ۾ تحقيقي ۽ دلچسپ مضمون پڙهيم، جنهن مان معلوم ٿيو ته يورپ جا هي جپسي (روما) هڪ هزار سال کن اڳ هدستان جي اڄ واري پنجاب واري رياست کان لڏي نڪتا. سندن واسطو گهٽ ذات جي قبيلي سان هو. هو چار سو سال کن وچ روس ۽ بلقاني رياستن ۾ دربدر ڀٽڪندا رهيا. ان بعد جڏهن يورپ ۾ پهتا ته اتي جا ماڻهو کين مصر جا سمجهي (ايجپشن) Egyption سڏڻ لڳا، جيڪو لفظ پوءِ جپسي ٿي ويو. گهڻي تعداد ۾ هي جپسي جيئن ته شروع ۾ رومانيا ۾ رهيا ان ڪري کين ”روماني“ يا ٺلهو روما (Roma) پڻ سڏيو وڃي ٿو.
    هنن جپسين جي شڪل اسان ايشين سان ڪافي ملي ٿي پر رنگ ۾ ڪي ڪي تمام گهڻو صاف آهن. شايد هيتريون صديون يورپ جي ٿڌن ملڪن ۾ رهي رنگ سڌري ويو اٿن يا ٿي سگهي ٿو اصل کان اڇا هجن ،جو اڄ به اسان جي اتر ۾ رهندڙ ڪي ڪي پٺاڻ توڙي افغاني يورپين وانگر اڇا آهن. منجهن ڪي سردي مهانڊا آهن يعني وڏي ۽ ڊگهي منهن وارا آهن ته ڪي تمام سهڻا آهن، خاص ڪري ننڍي عمر جون ڇوڪريون. هنن (جپسين)لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي رومانيا ۾ گهڻو عرصو رهيا ۽ اتي جي امير زميندارن وٽ غلام ٿي رهيا جن وٽ هنن هيٺائين درجي جو پورهيو ڪيو. گهر گهٽيون صاف ڪرڻ، هر ڏيڻ، رڍون-ڍڳيون پالڻ، ڪتن جي سار سنڀال لهڻ وغيره ۽ جڏهن غلامي ختم ٿي ته هنن وچ يورپ ڏي لڏپلاڻ شروع ڪئي.
    جيتوڻيڪ سڄي يورپ ۾ اڄ به هنن جپسين کي هيٺاهين درجي جو سمجهيو وڃي ٿو پر وري هنن جا پاڻ ۾ به درجا ۽ ذاتيون آهن، جيڪي سندن پورهئي ۽ واپار جي حساب سان مليل آهن. ڳائڻا ۽ ڳهه ٺاهڻ وارا ٻين کان اتاهان سمجهيا وڃن ٿا. ان بعد گل وڪڻندڙ، جانور پاليندڙ، رڇن کي ڪرتب سيکاريندڙ، هڪ هنڌ ٽڪي رهڻ وارا در در ٽڪڻ وارا وغيره وغيره. سڄي يورپ ۾ هنن جي جملي آدمشماري هڪ ڪروڙ (ڏهه کن ملين) آهي. هو جنهن ملڪ ۾ رهن ٿا اتي جي زبان به ڳالهائين پر پنهنجو پاڻ ۾ پنهنجي زبان روماني ڳالهائين، جيڪا هندي، سنسڪرت، پنجابي ۽ يورپي ملڪن جي ٻولين جو ڦيٽ آهي.

    (ڪتاب: ”يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون“ ليکڪ الطاف شيخ ،
    نيو فيلڊس پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1995ع.)


    جپسي- I

    جپسي- I

    خورشيد قائمخاني
    __
    هر سال 24 هين مئي تي يورپ جا جپسي يا لاڏڙائو سانوڻيءَ جي ڪڪرن جيان، يورپ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان نڪري اڳتي وڌندا، ڏکڻ فرانس جي رهون درياءَ جي دوآٻي ۾ هڪڙي ننڍڙي سامونڊي ڪناري واري شهر ”سينٽ اين ميريءَ“ ۾ اچي ڳاهٽُ ٿين ٿا. سڄي يورپ ۾ اهو ڏيهاڙو ’جپسي تهوار‘ طور مشهور آهي. وڏن وڏن قافلن جي روپ ۾ جپسين جا ڪيئي گهراڻا، پنهنجن گهوڙن ۽ گَٽارن سميت، هزارن جي انگ ۾ هتي گڏ ٿين ٿا، ۽ پوءِ پنهنجي خاص فليمينڪو ناچ ۽ گيتن ڀريو طوفان برپا ڪري ٿا ڏين، جتي اُهي پنهنجي اوتار ڪاري ميڊونا سارا يا ڪالي ماتا جي مورتي ڪڍن ٿا. ڏکڻ فرانس ۾ جپسين جي ان سڳوري ميلي جي تاريخ اٽڪل پنج سؤ ورهيه آڳاٽي آهي.
    جپسي اصطلاح پنهنجي روايتي ۽ رومانوي وجد ۾ آڻيندڙ معني وڃائيندو پيو وڃي.اهو اصطلاح هاڻي اسان جي حواسن تي اهو جادوئي اثر نٿو ڇڏي، جيڪو ڪجهه ورهيه اڳ گبريل گارشيا مارڪئيز جي ڪتاب ”ويڳاڻپ جا سؤ ورهيه“ جا شروعاتي صفحا پڙهڻ سان ٿيندو هو. جپسي اصطلاح جي اصل معنيٰ هاڻي ڀٽڪندڙ انسانن جي هزارين ورهين جي ڏکن ۽ پيڙائن سان ڀرپور ويڳاڻپ کان پوءِ، ويتر گهري ۽ حقيقي ٿي وئي آهي.
    يونيسڪو جي هاڻوڪي کوجنا پٽاندڙ: يورپ ۽ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل جپسي اٽڪل هزار ورهيه اڳ هندستان مان آيا هئا، ۽ اهو ته اُهي هندستان جي هاڻوڪن لاڏائن جو ئي حصو آهن. هندستان جا اِهي لاڏائو اڄ به ننڍي کنڊ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڀٽڪندي ڏسي سگهجن ٿا. ڪڏهن ۽ ڪهڙين خاص حالتن ۾ هنن هندستاني ڌرتيءَ کان سدائين لاءِ موڪلايو ۽ ڇو؟ تنهن بابت جپسولوجسٽ اٽڪل هڪ سؤ ورهين جي وجنا کان پوءِ به ڪو حتمي رايو جوڙي نه سگهيا آهن.
    اها سچائي چِٽي آهي، ته پنهنجي هزار ورهين واريءَ پراسرار لڏپلاڻ دؤران جپسي جيڏانهن به ويا، هندستان کان به بدتر نسلي متڀيد جو ساڻن ورتاءُ ٿيو، ۽ يورپ جي اڪثر قومن مٿن ڏاڍا جا پهاڙ ڪيرايا. پوليس صدين کان سندن مردن کي قانوني طور شڪار ڪيو. هنن جي ڀوپين عورتن کي کي ڏانئڻ (Witches) چئي جيئرو ساڙيو ويو ۽ ٻيءَ مهاڀاري ويڙهه دؤران نازين اٽڪل ٽيهه لک جپسين کي قتل ڪري ڇڏيو. پنجاهه لک يهودين جي مارجڻ تي توڻي انساني عالمي ضمير کي جهَٻو ۽ ڌَڏڪو به آيو، ۽ ان ڏس ۾ معاوضو ڏئي ان جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، پر جپسين تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم کي عالمي برادريءَ ايئن وساري ڇڏيو، ڄڻ اُهي انسانَ ئي نه هئا. مقصد ته جپسين يا لاڏائن بابت انساني ضمير هڪ مُئل حقيقت کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. هندستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان ويندي دنيا جي ڏورانهن علائقن تائين ڦهليل جپسي قبيلن جي تاريخ نسلي، مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي متڀيد توڙي تعصب جو بدترين مثال آهي، جيڪو انسان ذات جي مُنهن تي بُڇڙي داغ جيان ڪارٺ بڻجي صدين تائين چُهٽيل رهندو. ڪوبه انسان اجتماعي طور يا شوق وچان نَرڳ جي واٽ نٿو قبولي، پر ماڻهو سدائين بيوسيءَ ۾ ٻئي انسانَ هٿان ذلت ڀريو جيون گهارڻ تي مجبور ٿين ٿا، ۽ ماڻهن جي اصل تاريخ به ان انساني عمل جو پاڇو آهي.
    ننڍي کنڊ جي هاڻوڪن لاڏائن جي حالت ڏسي اهو اندازو لڳائڻ ڏُکيو نه آهي، ته آريا ويدڪ هدستان جي ذات پات تي ٻَڌل ظالماڻو ۽ ڪٺور سماج ئي کين پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌِڪڻ جو اصل ڪارڻ رهيو آهي.
    فيليڪس گرانڊ چوي ٿو ته، ”اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ته هندستاني لاڏائن اهو پيڙا ڀريو سفر ڪڏهن شروع ڪيو، پر اهو چوڻ ڏکيو نه آهي، ته پنج هزار ورهيه اڳ اهي لاڏائو انتهائي سُڌريل تهذيب جا وارث هئا. لاڏائن طرفان هندستان جي سرحد اُڪرڻ جو سبب ڀلي ڪهڙو به هجي، پر ان هزارين ورهين جي لاڏائو جيون دؤران يورپ جي ڪنهن ملڪ به کين قبول نه ڪيو. اَڇوتن ۽ ڌِڪاريل ماڻهن جيان کين نه رُڳو ڌار رکيو ويو، پر ڪنهن نه ڪنهن بهاني کين غلام منڊين ۾ وڪڻڻ، جيلن ۾ واڙڻ يا وري کين ڏيهه نيڪالي ڏيڻ عام رسم هئي. بيٺڪيتي دؤر ۾ اٽڪل سمورين بيٺڪيتي طاقتن کين ڏوهاري ڪوٺي، پنهنجي ملڪن مان تڙي ٻاهر ڪيو. ايئن يهودين يا آفريڪي غلامن جيان آهستي آهستي کين سڄيءَ دنيا ۾ وکيريو ويو. مقصد ته نسل پرست آرين هٿان سڄي دنيا ۾ جپسين کي اُن ڏاڍ سان مُنهن ڏيڻو پيو، جنهن کان اُهي هندستان مان ڀڄي نڪتا هئا.
    هندستاني لاڏائن بابت سڀني کان اڳ پهريون ليک، اسان کي ايران جي حمزي اصفهانيءَ جي قلم سان ڏهين صدي عيسويءَ ۾ لکيل ملي ٿو. هُن جي چوڻ موجب: اٽڪل ٻارهن هزار فنڪار هندستان کان آيا، جن ۾ ناچُو، ڳائڻا، جوتشي ۽ گهوڙن ۽ قالينن جا واپاري شامل هئا، ۽ اُهي ورلي چوري چڪاري ڪندا ۽ لوڙهيون به هڻندا هئا. ان بيان کان اٽڪل پنجاهه ورهيه پوءِ ساڳيو ذڪر فردوسيءَ به ’شاهنامي‘ ۾ ورجايو.
    خيال آهي، ته ايران کان لاڏائن جو اهو قافلو يا ننڍڙا قافلا، ٻن طرفن ۾ ورهائجي ويا: هڪڙي گروهه اُڀرندي يورپ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو، جيڪو سربيا، بلغاريا، رومانيا، پولينڊ، هنگري ۽ روس مان ٿيندو سائيبيريا تائين وڃي پهتو؛ جڏهن ته ٻيو گروهه اُلهندي ۽ ڏاکڻي يورپ ڏانهن وڌيو، جيڪو جرمني، برطانيا کان ٿيندو. اسڪينڊي نيويا پهتو، ۽ سندس ٻيو حصو فرانس، پورچو گال، اٽلي، اسپين ۽ يونان پهتو. انهيءَ سفر دؤران ڪجهه يورپي لفظ سندن هندستاني ٻوليءَ ۾ شامل ٿيا، ۽ ڪجهه ثقافتي اثر اُهي يورپي ملڪن ۾ ڇڏيندا ويا.
    يورپ جي چوڏهين صديءَ جي عيسائي پادرين ۽ ياترين انهن لاڏائن بابت چڱو مواد ڇڏيو آهي. فرائر سيمون لکيو، ته هُن انهن لاڏائن کي ڪريٽ ۾ ڏٺو، جتي اُهي ڪارن تنبوئن ۾ رهندا هئا، ۽ کين حامَ جو نسل سمجهيو ويندو.
    يونان ۾ سندن چڱي ۽ وڏي وسندي هئي. رنگ روپ پٽاندر ڪارا يا سانورا هئا، ۽ ننڍڙين جهوپڙين ۾ رهندا هئا. اهي ڀلوڙ لوهار، قلعيگر يا پِتل جو ڪم ڪندڙ ، ڇَٻيون ٺاهيندر، جوتشي ۽ ٻين فنڪاراڻي صلاحيتن وارا هئا. سندن هٿ جي هُنرن کان متاثر ٿي يونانين سندن وسنديءَ جو نالو ’ننڍڙو ايجپٽ‘ رکيو، جنهن سببان آهستي آهستي ماڻهو کين ايجپشين (مصري) سڏڻ لڳا؛ ۽ پوءِ ساڳيو لفظ بدلجي مخفف طور ’جپسي‘ بڻجي ويو، جيتوڻيڪ انهن لاڏائن جو ايجپٽ يا مصر سان ڪوبه واسطو نه هو.
    انومان آهي، ته ايران مان نڪرن کان پوءِ اهي لاڏائو ڊگهي عرصي تائين ترڪيءَ ۽ يونان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهيا، تنهنڪري سندن ٻوليءَ تي تُرڪي ۽ يوناني ٻولين جو گهڻو اثر آهي، پر پوءِ تُرڪن ۽ بازنطيني رومين وچ ۾ جنگ لڳڻ سببان اُهي يورپ جي اندروني علائقن ڏانهن وڌيا.
    1418ع ۾ سندن وڏا جَٿا هنگري ۽ جرمنيءَ ڏانهن وڌندي ڏٺا ويا. تنهن وقت وٽن بادشاهه سگمنڊ طرفان ڏنل راهداريءَ جو پروانو هو. پوءِ اُهي بالٽڪ سمنڊ جي سامونڊي ڪنارن سان لڳو لڳ هلندي، فرينڪفرٽ مان لنگهندي ڏٺا ويا.
    1419ع ۾ اهي فرانس ۾ ڏٺا ويا، ۽ان ڏيهه جي سرحد پارَ نه ڪيائون، ڇو ته ان پار ٻئي بادشاهه جي حڪومت هئي، ۽ سندس راهداريءَ جو پروانو وٽن نه هو. انهيءَ زماني تائين سندن قبائلي سردار يورپي انداز جيان ڊيوڪ ۽ ڪائونٽ سڏرائڻ لڳا. انهيءَ جو هڪڙو سبب اهو به هو، ته هاڻي اهي يورپ جي جنگين ۾ حصو وٺڻ لڳا، ۽ جنگ کٽڻ کان پوءِ بادشاهه طرفان سندن سردارن کي اُهي لقب ملڻ لڳا ۽ اُهي کين عزت توڙي احترام به ڏيڻ لڳا.
    آگسٽ 1427ع دؤران جپسي، فرانس ۾ نروار ٿيا، جنهن وقت اهو علائقو برطانيا جي قبضي ۾ هو. پيرس جي ماڻهن لاءِ سندن وسندي، هٿ سان ٺهيل شيون وٺڻ ۽ وڪڻڻ ۽ وڻندڙ وندر طور مشهور ٿي، جتي ماڻهو کانئن شيون وٺندا به هئا، ۽ سندن نَچڻ ڳائڻ مان به وندرجندا هئا. پوءِ تُرت پيرس ۾ انهن لاڏڙائن بابت نرالا هُل هلڻ لڳا. هڪڙي افواهه موجب: جپسي، جادوگر هئا، ۽ جڏهن ماڻهن کين قسمت جو حال ٻُڌائڻ لاءِ هٿ پئي ڏيکاريو، ته ڳُجهي نموني سندن کيسن مان ٻَٽُون غائب ٿي پئي ويا، وغيره. پيرس جي بُشپ انهن افواهن کي توڻي غلط ڪوٺيو، پر نتيجي طور انهن لاڏائن کي پيرس ڇڏڻو پيو.
    جولاءِ 1492ع ۾ ڊيوڪ آندري جي سرواڻيءَ ۾ لاڏڙائن جو هڪرو وڏو جَٿو اٽليءَ جي شهر فورلي ۽ بلونا مان لنگهيو. پُڇڻ تي جپسين وراڻيو، ته اُهي پوپ سان ملڻ لاءِ پيا وڃن. اصل ۾ جپسين کي تُرت پتو پيو هو، ته تنهن زماني ۾ ڪَٽر عيسائي پادري، عيسائي ياترين کي مسافريءَ ۾ گهڻيون سهوليتون ڏيندا هئا، تنهن ڪري جپسين هڪدم عيسائيت جو ويس اوڍيو، ته جيئن عيسائي ياتريءَ طور کين يورپي سرحدَ اُڪرڻ جو بهانو ملي سگهي، ۽ ايئن اُهي پوپ کان راهدريءَ جو پروانو وٺڻ ۾ به سوڀارا ٿيا. اٽليءَ ۾ اُهي پوپ کان راهداري وٺي، فرانس جي وچان لنگهندي، عيسائي ياتري طور اسپين پهتا، جتي ڪاسٽيلون جي ڪانسٽيبل ۽ چانسلر ڪائونٽ ميگوئل لوڪس سندن عزت ۽ احترام سان شاهي قلعي ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو.
    سورهينءَ صديءَ جي پورچوگال ۾ جپسي ’سيگاني‘ سڏائيندا هئا، جنهن جو مطلب هو ڳائڻا. انهيءَ عرصي ۾ هنن جا ڪجهه جَٿا انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ به پهتا، پر اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ ۾ اڳ ۾ ئي مقامي لاڏائڻ جي چڱي آبادي هئي، تنهن ڪري کين اهي ڏيهه ڇڏڻا پيا.
    1505ع ۾ جپسي سردار ڪائونٽ انتونيو گاگينو جي اڳواڻيءَ ۾ وڏو لشڪر اسڪاٽش جهاز تي چڙهي ڊينمارڪ پهتو. انومان آهي، ته کين اسڪاٽ لينڊ کان ڏيهه نيڪالي ڏني وئي هئي. هنن وٽ اسڪاٽ لينڊ جي بادشاهه جيمز چوٿين طرفان ڊينمارڪ جي بادشاهه جان ڏي لکيل هڪڙو سفارشي خط هو. ٻئي رڪارد موجب 1512ع ۾ ڪائونٽ انتونيو ۽ سندس جپسي، سوئيڊن پهچي اسٽاڪهوم ۾ گهِڙيا. سوئيڊن جا ماڻهو انهن نرالن لاڏائن کي ڏسڻ لاءِ اچي ڳاهُٽ ٿيا.
    ناروي ۾ جپسي سڀني کان اڳ 1544ع ۾ ڏٺا ويا، پر انهن جپسين کي برطانيا مان جبري سمنڊ رستي تڙي پار ڪيو يو هو. انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي نيم لاڏائو ماڻهن جيان سوئيڊن ۽ ناروي جي نيم لاڏائو مقامي ماڻهن به انهن هندستاني لاڏائن کي پسند نه ڪيو، ۽ کين فن لينڊ استونيا ڏانهن ڌڪي ڇڏيائون. انهيءَ عرصي ۾ هنگريءَ جي جپسين جو وڏو تعداد پولينڊ ۽ لٿوانيا ۾ مشهور پئي ٿيو.
    هوڏانهن 1501ع ۾ ڏکڻ روس ۾ به جپسي گروهه چُر پر ڪندي ڏٺا ويا. اهي جَٿا پولينڊ کان يوڪرين ڏانهن وڌيا پئي. 1721ع ۾ پولينڊ جي ميداني علائقن جا جپسي، سائيبيرا جي راڄڌاني تيبولسڪ ۾ گهڙيا. اهڙيءَ ريت پندرهين صديءَ کان ارڙهين صديءَ تائين هي پُراسرار هندستاني لاڏائو، يورپ جي سموري ڊيگهه ۽ ويڪر ماپي چُڪا هئا. نه رُڳو يورپ پر اُهي آفريڪا ۽ آمريڪا جي ڏورانهن علائقن ۾ به پُهچي چُڪا هئا، پر اُتي کين بيٺڪيتي يورپي طاقتن، ڏيهه نيڪالي ڏئي ’ڪاري پاڻي‘ طور اوڏانهن موڪليو هو.
    سڀ کان اڳ اسپين، جپسين کي اوقيانوس سمنڊ پار پنهنجي بيٺڪيتن (ڏکڻ آمريڪا) ۾ ڏيهه نيڪالي ڏني ، جنهن کي ڏسندي پرتگال به سيگاني جپسين يک جلاوطن ڪري زبردستيءَ انگولا، ڪيپ وردي ۽ برازيل جي بيٺڪيتن ۾ موڪليو. اهو اندازو آهي، ته اهو عمل سورهين صديءَ ۾ ٿيو.
    سترهين صديءَ ۾ اسڪاٽ لينڊ، جپسين کي جميڪا ۽ بار بادو جي ٻيٽن ۽ ارڙهين صديءَ ۾ ورجينا جي آمريڪي بيٺڪيت ۾ موڪليو. بادشاهه لوئي چوٿين جي زماني ۾ غلام جپسين کي ڇُوٽ ڏني وئي، ته جيڪڏهن اُهي آمريڪا جي ڪالونين ۾ جلاوطن ٿيڻ پسند ڪن، ته کين آزاد ڪيو ويندو. کين سزا طور غلام بڻايو ويو هو.
    رُڳو اوڻيهين صديءَ ۾ ايئن ٿيو، جو جپسين وڏي تعداد ۾ پاڻهُرتو آمريڪا لَڏڻ شروع ڪيو. هاڻي جپسي ڪئناڊا، ڪيليفورنيا، ميڪسيڪو، وچ آمريڪا، ارجنٽائين، چِلي، برازيل وغيره پُهچي چُڪا آهن. گيتانو، روم، مانش، سيگاني، سنتي، ڪالو، سندن ڪجهه قبائلي نُکون اهن. انهيءَ عرصي ۾ پنهنجن هندستاني لاڏائو وڏڙن جيان اُهي گهڻو نه بدليا آهن، بلڪ پنهنجي ماضيءَ سان هوڏ ۽ هَٺ وچان چُهٽيل آهن، ۽ اها ئي سچائي سندن بابت سڀني کان وڌيڪ اچرج جوڳي آهي.
    هنن جا ڌنڌا، ٻولي، ثقافت ۽ رسم توڙي رواج اڃا تائين ساڳيا آهن، جيڪي هندستاني لاڏائو جيوَن ۾ هئا. انهيءَ مامري ۾ اُهي هندستان جا انتهائي ديش ڀڳت، آدرشي ۽ شانائتا ماڻهو ثابت ٿيا آهن.

    (ڪتاب; ڀٽڪنڙ نسل ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ،
    روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)


    جپسي- II

    جپسي- II

    خورشيد قائمخاني
    ___

    ڪنهن به تاريخ يا سماجي سائنس جي ڳنڀير شاگرد لاءِ اها سچائي، اچرج کان گهٽ نه آهي، ته جپسين جو بنيادي لاڳاپو هندستاني سماج سان ئي آهي ، يا اهو ته انهن جي روماني ٻوليءَ جو بنيادي ناتو به پراڪرت، هندي يا اولهندي راجستان ۽ گجرات وارن لاڏڙائن جي لهجي سان ويجهو آهي، ۽ اهو ته ثقافتي تهذيب ۽ پيشيواراڻي طور به جپسي، هندستاني لاڏائن سان اچرج جوڳيءَ حد تائين هڪجهڙائي رکن ٿا.
    مثال طور؛ رنگ روپ جي ڏس ۾ هاڻي به اڪثر جپسي هندستاني ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ هاڻوڪي زماني تائين جپسي شهرن کان پري جهنگن ۽ بيابانن ۾ جهُڳيون ۽ وسنديون ٺاهيندا رهيا آهن. جپسي مادراڻي سرشتي تي هلن ٿا، ۽ ٻارن جي سار سنڀال توڙي نيپاج عام طور ڏاڏيون ۽ نانيون ڪن ٿيون. اُهي ڇوڪرين جو ننڍيءَ ڄمار ۾ شادي ڪن ٿا، ۽ وڏيءَ ڇوڪريءَ جي شادي سدائين ننڍيءَ کان اڳ ٿئي ٿي. هر ڇوڪري جو پيءُ ڪجهه پئسا ڪنواريتن کي ڏئي ٿو. ڪنوار جو سڱ اڪثر گهوٽيتا گهُرن ٿا، ته رشتو طئي ٿئي ٿو. ڪنوار جي ڪنوارپ کي گهڻو اهم سمجهيو وڃي ٿو. شاديءَ جي موقعي تي قبائلي مائٽ پري پري کان ڪَهي اچي اِن ۾ شامل ٿين ٿا، ۽ ڀَت، ناچ ۽ گيتن سان مهمانن کي ريجهايو وڃي ٿو. ٻار جي ڄمڻ مهل به جپسين جا رسم توڙي رواج هندستاني سماج سان هڪجهڙائي رکندڙ آهن. جپسي، سارا نالي ڪاري ميڊونا جي پوڄا ڪن ٿا، جنهن بابت انومان آهي، ته اهو هندستاني لاڏائن جي ’ڪالي ماتا‘ جو بگڙيل روپ آهي.
    جپسي صدين کان دنيا جي رولاڪيءَ دؤران پنهنجي اصلي وطن کان ٻاهر نهايت اڻوڻندڙ حالتون هوندي به پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي سُڃاڻپ کي وڏي جوش ۽ جذبي سان جياريندا اچن. اُهي جتي به ويا، ۽ پنهنجين جَڙن کان ڀلي ڪيڏو به پري ويا هجن، پر اُهي ڏاڍيءَ ڳنڀيرتا سان پنهنجين آڳاٽين رسمن توڙي رواجن سان چُهٽيل رهيا. اهو چوڻ ته سڄي دنيا سندن وطن آهي، هڪڙي نپٽ ڪُوڙ کان گهٽ نه آهي، بلڪ سچائي اها آهي، ته ٻاهرين دنيا جي هر مُلڪ ۾ ويڳاڻپ ۽ ڌاريائپ سندن پيڇو ڪندي رهي، ۽ پنهنجي اصلي وطن ۽ اصلي گهر جي ساروڻي سندن دل ۾ لڳاتار دُکندي رهي، جنهن جي ڳولا ۾ اُهي دُنيا جي ڪُنڊ ڪُرڇ ۾ ڀٽڪندا رهيا. پر هنن جي زندگيءَ جو سڀني کان وڏو الميو اهو رهيو آهي، جو انساني همدرديءَ ۽ ڀائيچاري جا جذبا يا سماجي تحفظ جو احساس، جيڪو اهي ڪنهن آڳاٽي ماضيءَ م پنهنجي وطن ۾ ئي وڃائي آيا هئا، پوءِ وري کين ڪڏهن به نه مليو ۽ جيڪڏهن انفرادي طور ڪجهه جپسين کي ڪنهن مُلڪ ۾ مليو، ته اُهي اُتي رَچي سي ويا. مثال طور اُڀرندي يورپ ۾ انقلاب کان پوءِ پولينڊ، هنگري ۽ روس ۾ سوشلسٽ حڪومتن، جپسين جا قوميتي حق مڃيندي کين سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جپسي منطقي طور انهن ملڪن ۾ سماج جو هڪڙو اَٽوٽ حصو بڻجي ويا.
    اُلهندي يورپ جي بورزوا صنعتي انقلاب ۽ بيٺڪيتي سرشتي هنن جي بچيل جيوَن کي نهوڙي ناس ڪيو. تِکي ڦهلجندڙ ٽرانسپورٽ جي سرشتي ۽ واهيات مشيني شين جي گهڻائيءَ، جپسي دستڪاريءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. ۽ اهي بُکَ مرڻ لڳا. اُلهندي جي نئين صنعتي سماج م سندن کاپي جي هڪڙي واٽ هئي، ۽ اها هيءَ هئي، ته اهي هاڻي لُٽيندڙ سرمائيداراڻي سرشتي ۾ ڦهلجندڙ صنعتي فيڪٽرين ۾ سستي اجوري تي مزدوري ڪن، جيئن ته جپسي ايئن ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿيا، ته کين هر صنعتي مُلڪ ۾ ڌِڪاري شهرن مان تڙيو ويو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن شهرن کان تڙجڻ ايڏو شديد هونود هو، جو پوليس جي مارڪٽ ۽ جيل جي هوا کائڻ کان پوءِ کين ڏيهه نيڪالي ڏني ويندي هئي. 1499ع ۾ اسپين جي بادشاهه فرڊيننڊ ۽ راڻي ازابيلا هڪڙو قانون منظور ڪيو، جنهن پٽاندر جپسين جي لڏپلاڻ کي ڏوهه ڪوٺيو ويو، ۽ جنهن جي ڏوهه ۾ کين ڦٽڪا هڻڻ، هٿ پير وڍڻ، عمرقيد جي سزا ڏيڻ، جيئرو ساڙڻ، مارڻ يا وري جلاوطن ڪرڻ جو رواج پئجي ويو. يورپي سماج ۾ ايندڙ ٽن صدين تائين جپسين کي لڏپلاڻ واري زندگيءَ کان روڪي مزدور بنائڻ لاءِ نِت نوان قانون ٺاهيا ويا، جن ذريعي سندن زندگين کي جهنم کان به وڌيڪ بدتر بڻايو ويو. جپسين، اسپين ۾ فليمينڪو ناچ ۽ گيتن جي پيڙهه اِن دؤر ۾ رکي، جنهن مان سندن گهرا ڏُک ۽ پيڙا توڙي ڪاوڙ ظاهر ٿئي ٿي. الهندي يورپ جي ٻين ملڪن جو ورتاءُ به ڪو ايڏو مختلف نه رهيو. بيلجيئم جي حڪومت هنن کي اقليت مڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ اتي کين ڪڏهن ڪي حق نه مليا. يورپ جي اڪٿر ملڪن ۾ جپسين بابت پراڻا قانون اڄ ڏينهن تائين لاڳو آهن.
    فرانس ۾ 1960ع ۾ قانون منظور ٿيو، جنهن وسيلي سمورن جپسين کي پنهنجن ٻارن ٻچن سميت روزاني چُر پر بابت پوليس کي ڄاڻ ڏيڻي پوي ٿي. ”۽ توهان اها اميد رکو ٿا، ته اسان جا ٻار توهان جي اسڪولن ۾ پڙهندا؟“ هڪڙي جپسيءَ چيو.
    يورپ ۾ هٽلر جي جرمن نازي فسطائي سرشتي کان پوءِ جپسين جو عام قتل شروع ٿيو. هڪڙي اندازي موجب: هنن جي آباديءَ پٽاندر يورپ ۾ نازين هٿان مرندڙ جپسين جو تعداد يهودين کان به وڌيڪ هو.
    نازي جرمنيءَ ۾ 38-1937ع دؤران هزارين جپسين کي جهلي نازي ڪئمپن ۾ پهچايو ويو. نازي ايس. ايس. جي ڊاڪٽر مٿن نِت نوان نسلي تجربا ڪيا، ۽ ايس. ايس. نيٺ اها راءِ ڏني، ته سمورن جپسي مردن کي کَدڙو بڻايو وڃي، ته جيئن جرمن آريا سماج جي رت کي پاڪ رکي سگهجي. انهن غير جپسي مردن کي به، جن جپسي عورتن سان شادي ڪئي هئي، کدڙو ڪيو ويو. جپسين بابت نازين جي رٿابندي صاف ۽ سادي هئي؛ يعني ”کين ڍڳن جيان خصي ڪيو، ڏيهه نيڪالي ڏيو، يا وري ماري ڇڏيو.“ پر جرمن نازين جو وڻندڙ شُغل مارڻ ئي هو.
    1941ع ۾ نازين مڪمل طور جپسين کي مارڻ جو اخري فيصلو ڪيو (جنهن کي تاريخ ۾ Final Solution به چوندا آهن) رُڳو پولينڊ جي نازي ڪئمپن ۾ ٽيهه هزار جپسين کي موت جي ماٿريءَ ۾ پهچايو ويو. بيلجيم، هالينڊ ۽ فرانس مان هزارين جپسين کي جهلي آشويز جي مشهور ڪئمپ ۾ موڪليو ويو، ۽ ماريو ويو. انهن ڪئمپن مان ڀڄي جيئرو بچندڙ ڪولڪا ۽ ڪرائوزر جهڙن ماڻهن، جپسين جي ان عوامي قتل بابت دل ڌوڏيندڙ ڀوائتي ڄاڻ ڏني، جيڪو جولاءِ 1944ع ۾ ٿيو. مقصد ته يوڪرين، ڪريميا، ۽ بالٽڪ سمنڊ جي رياستن ۾ جتي به جرمن ويا، تن جپسين کي نهوڙي ناس ڪيو.
    يوگو سلاويا ۾ جپسين ۽ يهودين جو اهو عوامي قتل 1941ع ۾ شروع ٿيو. هنن کي جهنگن ۾ وٺي وڃي گوليون هنيون وينديون هيون. انهن علائقن جي ڪُڙمين کي جپسي ۽ يهودي عورتن ۽ ٻارڙن جون رڙيون، ڪيهون ۽ ڪيڪون هينئر به ياد آهن، جڏهن کين مارڻ لاءِ ٽرڪن م ڀَري انهن علائقن ۾ نيو ويندو هو.
    جپسين کي سڀني کان وڌيڪ هاڃو هنگريءَ ۾ ٿيو، جتي سمورن جپسين مان پنجهتر سيڪڙو جپسي رهندا هئا. هڪڙي اندازي موجب: هنگريءَ ۾ ٻه لک جپسين کي قتل ڪيو ويو، ۽ سموري يورپ ۾ پنج لک جپسي ماريا ويا.
    ڪجهه بچندڙ ماڻهن، موت جي وات ۾ جپسين جي بهادري ۽ زندگيءَ سان پيار بابت اکين ڏٺل واقعا ٻُڌايا آهن. جپسين سان گڏ قيدي بڻجندڙ ۽ هاڻي اسرائيل ۾ رهندڙ مريم نويخ ٻُڌايو ته: ”اهو ڄاڻندي به ته کين سڀاڻي ماريو ويندو، اهي سڄي رات پنهنجن ٻارن ۽ عورتن کي ڏَڍُ ڏيڻ لاءِ ڳائيندا ۽ نچندا هئا، ۽ پوءِ پرهه ڦٽيءَ مهل کين گوليون هنيون وينديون هيون. جڏهن وڙهڻ جي مهل ايندي هئن، ته اهي هٿين خالي يا چاقئون جي مدد سان مشين گنن سان هٿياربند نازين تي جُلهه ڪندا هئا. اهي بيشڪ جيالي نسل جا ماڻهو هئا.“
    ٻي مهاڀاريءَ جنگ جي پُڄاڻيءَ تي جيتوڻيڪ جپسين جي جاني توڙي مالي نقصان جي پورائي ۽ معاوضي لاءِ عالمي عدالتن ۾ قانون ٺهيا، پر اڄ ڏينهن تائين جپسين کي ڪنهن به قسم جو ڪو معاوضو نه ڏنو ويو، ۽ نه ئي جنگ کان پوءِ يورپ سندن بابت پنهنجو ورتاءُ بدلايو. ظاهر آهي، ته يورپي سماج جي ان ڪٺورتا، جپسين کي ويتر چيڙائي وڌو آهي.
    ڪجهه ورهين کان پوءِ اُهي پنهنجي هندستاني ثقافتي سُڃاڻپ بابت ڦُڙتيءَ ۽ چُستيءَ سان عمل پيا ڪن. هاڻي اُهي هر هنڌ پنهنجي رومانوي ڪانگريس ڪوٺائين ٿا، ۽ هاڻي دنيا جا جپسي هڪڙي تنظيمي ڍانچي ۾ جُڙندا پيا وڃن. ڪيئي لساني ماهر، روماني ٻولي ۽ سندس هدستاني بنياد بابت کوجنا ۾ رڌل آهن. روماني ٻولي توڻي گهڻي لچڪيدار آهي، ۽ منجهس سڄيءَ دنيا جي ٻولين جا لفظ موجود آهن، پر سندس گرامر ۽ لفظن جي پيڙهيائتي پاڙ هندي، سنڌي، مارواڙي، گجراتي ۽ پنجابي ٻولين سان ملندڙ جُلندڙ آهي.
    ڊاڪٽر اختر حسين رائپوري پنهنجي ڪتاب ”گرد راهه“ ۾ لکيو آهي، ته لنڊن ۾ ”سوهو“ ۾ هن ڪجهه جپسين کي ڳائيندي ٻُڌو، جن جا بولَ هئا:
    ”اپر دي رخ آر چڙڪلا اينڊ چڙڪلي ني،
    انڊر دي رخ آر پيارا اينڊ پياري ني.“
    مارواڙي ڀيل ۽ ڪَڇي اڄ به جهرڪَ کي ’چِڙڪلو‘ ئي چون ٿا.
    نڪولائي سليچنڪو، هڪڙي جپسي لوڪ ڪٿا هن ريت ٻڌائي آهي:
    ”آڳاٽي زماني ۾ سگهارن ۽ سُهڻن ماڻهن جو هڪرو قبيلو، هندستان ۾ درياءَ ڪناري رهندو هو. هنن جي موهيندڙ، مٺن ۽ پيار سان ڀرپور گيتن ۾ هڪڙو وڻندڙ رَس هو، ۽ سندن جهومائيندڙ ۽ موهيندڙ ناچن ۾ زندگيءَ جو جوڀن هو. شايد هنن کي پنهنجي فني گهرائيءَ ۽ قوت سببان هيءَ ڄاڻ هئي، ته اها کين هر هنڌ ڀٽڪڻ تي مجبور ڪندي.“
    جپسي ايڏيءَ نرم مٽيءَ مان به ٺهيل نه هئا، ۽ نه ئي اهي سولائيءَ سان وقت هٿان هار مڃڻ لاءِ تيار هئا. اولهه جي ڇسي مشيني دنيا کي ڌڪاري، اڄ به اٽڪل ٽيهه لک جپسي، هن دنيا جي گولي تي روان دوان آهن. يورپ لاءِ نازين جي ظالم ڪاهه جيتوڻيڪ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچي چڪي آهي، پر جپسين جا ڏُک ۽ پيڙا ساڳي آهي.
    آئون 1974ع ۾ واشنگٽن ڊي. سي ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي دوست شيخ اڪبر عالم سان گڏ رهندو هوس. هڪڙي ڏينهن صبح جو ڪنهن گهر جو دروازو کُڙڪايو. مون دروازو کوليو، ته زماني جي ستايل هڪڙي اڌڙوٽ ڄمار جي عورت کي گهاگهاري ۾ ڏٺم. هُوءَ مون کي ڏسي مُرڪي. مون اچرج مان پُڇيو:
    ”تون ڪير آهين، ۽ ڇا ٿي چاهين؟“
    ”ڇا هيءُ اِڪيءَ جو گهر آهي؟“ هُن پُڇيو،
    ”ها!“ مون وراڻيو.
    ”ائون لاطيني جپسي آهيان. هڪڙي آمريڪيءَ مون سان شادي ڪري مون کي هتي آندو ۽ هيڪلو ڇڏي ڏنائين. آئون ڏاڍي بُکايل آهيان. تون منهنجو پنهنجو ماڻهو آهين. مون کي ٿورڙي مدد جي گهُرج آهي.“ هوءَ آهستي آهستي ڳالهائيندي ماٺ ڪري بيٺي رهي. مون کي جيئن ته تنهن زماني ۾ جپسين بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي، تنهن ڪري کيس ڌنڌوڙي فقيرياڻي سمجهي، مون دروازو هڪدم بند ڪري ڇڏيو.
    ان وقت کي اڍائي ورهيه لنگهي چُڪا آهن، پر هاڻي جڏهن آئون ان پوڙهيءَ بابت سوچيان ٿو، ته مون کي پاڻ منجهه هڪڙو نازي ڀُوت ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ ان کان پوءِ مون پنهنجي ان لاشعوري ڄٽپائيءَ تي پنهنجي پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو. شايد ان ڪري آئون به لاڏائن جيان ڀٽڪندو رهيو آهيان! ڄڻ زندگيءَ، سچائيءَ ۽ سُڪون جا دروازا مون تي بند ٿي ويا هجن!

    (ڪتاب; ڀٽڪنڙ نسل ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ،
    روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)


    جپسي / لاڏائو

    جپسي / لاڏائو

    خورشيد قائمخاني
    _____

    لاڏائو ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڇو ٿا ڀٽڪن؟ هنن جا مستقل ڳوٺ ۽ ٺڪاڻا ڇو نه آهن؟ هنن جي باقاعدي ڌرتي ۽ وسنديون ڇو نه آهن؟ اهي شهرن کان پري، ويرانن ۽ بيابانن ۾ لڏا ڇو لاهيندا رهيا؟ آهن ۽ ڪُڙمت بجاءِ شڪار ۽ پِنڻ تي گُذران ڇو ڪندا رهيا آهن. انهن سوالن مون کي اڪثر پريشان ڪيو آهي ۽ منهنجو رَويو ساڻن همدرداڻو رهيو آهي، ڇو ته آءٌ سمجهان ٿو، ته ماڻهو ڏک سُور سان ڀرپور زندگي رضاڪاراڻي طور قبول نٿا ڪن، بلڪ ايئن ڪرڻ تي کين مجبور ڪيو وڃي ٿو ۽ وقت گُذرڻ سان، سندن متعلق اسان جي ذهنن ۾ هڪڙو اسٽيريو ٽائيپ (Stereo Type) تصور ٺهي وڃي ٿو. مثال طور؛ اهي پوريءَ ريت انسان نٿا هجن، وحشي ٿين ٿا. هنن جو ڪو دين مذهب نٿو هجي ۽ اهو ته اهي جاهل، ڪِنا، ڪارا، ڪوجها ۽ اڻپورا ماڻهو ٿين ٿا، جيڪي ڌيان ۽ ڀروسي جوڳا نٿا ٿين، بلڪ چور لوفر ٿين ٿا.
    جيڪڏهن اڄ هن سُڌريل دؤر ۾، هنن جي اها حالت آهي، ته پوءِ اڄ کان هڪ هزار ورهيه اڳ جي دؤر ۾، هنن جي زندگي ڪيڏين ڏکيائين سان ڀرپور رهي هوندي. تاريخي شاهدين موجب هي لاڏائو ماڻهو هزار ورهيه اڳ، پنهنجي هندستاني ٻولي ۽ ثقافت کي ڇاتيءَ سان لائي، هن ڌرتيءَ کي ڇڏي، اولهه ڏانهن نڪري ويا، يا کين نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. ايندڙ ميلنيم ۾ اهي ڦهلجي، اولهندي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين پهچي ويا يا پُهچايا ويا. انهيءَ دؤران هنن پنهنجي ٻولي (جيڪا قديم هندي آهي) نه ڇڏي ۽ نه ئي پنهنجا آڳاٽا ڌنڌا، پر انهيءَ دؤران ٻاهرين دنيا ۾ هنن سان ڇا وهيو واپريو، سو انساني تاريخ جو المناڪ داستان آهي. دنيا ۾ ڦرڻ واري، ان ڊگهي عرصي ۾ مٿن انيڪ ظلم ۽ ڏاڍ ٿيا. اهي جتي به ويا، کين نسل پرستيءَ، سماجي تعصب ۽ ڪٽر قومپرستيءَ جو نشانو بڻايو ويو. هنن کي جانورن جيان ماريو ويو، ٻَڌي جي حساب سان ڦاهيءَ تي لڙڪايو ويو، جيئرو ساڙيو ويو ۽ غلام بڻايو ويو. اهي ٻين ملڪن ۽ نو آبادين ڏانهن جلاوطن ٿيندا رهيا، پر ان دؤران وطن واپسيءَ جو شايد ئي هنن ڪڏهن سوچيو هوندو. ائين اهي پنهنجي ڌرتيءَ تان وکري، ائين وڃائجي ويا، ڄڻ ماءُ جي گود مان وڃايل ٻار! ڳالهه کُٽائڻي، ته هندستان ۽ پاڪستان جي ڌرتيءَ تان هڪ هزار ورهيه اڳ، ويل انهن لاڏائن کي هاڻي جپسي چيو وڃي ٿو. هنن کي جپسي ڇو ٿو سڏيو وڃي، تنهن جو به دلچسپ داستان آهي. هنن جي ٻولي، جيئن مون اڳ ۾ چيو، بنيادي طور هندي آهي ۽ هاڻي ’روماني‘ سڏجي ٿي. اها ٻولي، روماني ڇو ٿي سڏجي، تنهن جي کين به ڄاڻ نه آهي.
    ٻيءَ مهاڀاري جنگ جي زماني ۾، هٽلر جي نازي جرمنن، جرمنيءَ ۽ اوڀر يورپ جي جپسي ماڻهن جو لکن جي تعداد ۾ عام قتل ڪيو. هنن جو ڏوهه اهو هو، ته اهي ’اڻ آريا‘ ۽ ڪارا ڏيهي ماڻهو هئا، جن نج جرمن آريا نسل کي بگاڙيو پئي. آشويز (Auschwitz) ۽ ٻين نازي جرمنيءَ جي ٽارچر ڪئمپن ۾، انهن جپسي ماڻهن تي ڇا وهيو واپريو، تنهن جو به هڪڙو هولناڪ داستان آهي.
    تازو مون جپسين بابت هڪڙو غير معمولي ڪتاب پڙهيو آهي. ازابيل فونيسڪا جي لکيل ڪتاب جو نالو آهي ‘Bury Me Standing’ (مون کي بيٺل حالت ۾ دفن ڪجو) هُن اِهو ڪتاب اوڀر ۽ اولهه يورپ جي ڪيئي ملڪن ۾ سفر ۽ کوجنا ڪندي لکيو آهي. جيئن ته فونيسڪا روماني ٻولي به ڳالهائي ٿي، تنهن ڪري حقيقتون دلچسپيءَ کان خالي نه آهن. آءٌ هتي فونيسڪا جي ڪتاب جا ڪجهه ٽُڪرا ڏيڻ چاهيندس، جن مان پتو پوي ٿو، ته صدين جي لڏپلاڻ دؤران، جپسي ماڻهن تي ڇا وهيو واپريو!
    ”جرمن ٻوليءَ ۾، هنن کي ’سِنتي ۽ روما‘ سميت ’زيگنر‘ به سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ ايئن ڌڪار جوڳي آهي، جيئن ڪهن زماني ۾ آفريڪا مان غلام بڻائي آندل ماڻهن کي، نيگر يا نيگرو (۽ اسان جي ٻوليءَ ۾ حبشي) سڏيو وڃي ٿو. آشويز جي ٽارچر ڪئمپن ۾، سندن جسمن کي’Z‘ جي اکر سان داغ ڏنا ويندا هئا، جن کي نيٺ ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن سميت موت جي ماٿريءَ ۾ موڪليو ويندو هو.
    ”ارڙهين صديءَ ۾ ڊچ ريپبلڪ جي طريقيڪار واري پيرويءَ ۾ رستن تي اهڙا سائن بورڊ لڳل هئا، جن تي لکيل هو، ته جهلجڻ تي جپسين کي مارڪُٽ ۽ ڪوڙا هڻڻ سميت، ڦاسيءَ ڏئي سگهجي ٿي ۽ اهو ته جپسي گروهه بابت، ڄاڻ ڏيندڙ شخص کي انعام ڏنو ويندو. لادين ڪافرن جي شڪار واري نالي تي، تنهن وقت جپسين جي شڪار جو رواج ڊچ ريپبلڪ ۾ عام هو. رهائن لينڊ جي هڪ زميندار جي شڪاري فهرست ۾، شڪار جي تفصيل طور، ’هڪ جپسي عورت ۽ سندس کير پياڪ ٻار‘ جي به شڪار طور داخلا ٿيل هئي.
    ”هن شڪار (جپسي مارڻ) جي مشهور ٿيڻ کان گهڻو اڳ، ڊينمارڪ ۾ جپسي سردار لاءِ موت جي سزا جو قانون رائج هو. پندرهن ورهين کان پوءِ، سوئيڊن به سمورن جپسي مردن کي موت جي سزا ڏيڻ جو قانون منظور ڪيو. 1471ع کان وٺي 1637ع تائين اڄوڪي يورپي يونين جيان، هڪڙي ڪَٺور قانونن واري يونين ٺهيل هئي، جنهن ۾ اسپين، جرمني، هالينڊ، پورچوگال، انگلينڊ، ڊينمارڪ، فرانس، فلانڊرس، اسڪاٽ لينڊ، بوهيميا، پولينڊ، لٿوانيا ۽ سوئيڊن وغيره شامل هئا. انهن سڀني ملڪن ۾، سفاڪاڻا جپسي دشمن قانون جوڙيل هئا. انگلينڊ ۾ ڦاهي ۽ ڏيهه نيڪاليءَ جو رواج هو، جڏهن ته فرانس ۾ وئيس چوڏهين جي دؤر ۾ جپسين کي داغ ڏيڻ ۽ مٿو ڪوڙڻ جو رواج هو. مخالف رياستن ۾ ڌار ڌار قانون جوڙيل هئا. موراويا ۾ جپسي عورتن جو کاٻو ڪَن وڍيو ويندو هو. بوهيميا ۾ ساڄو ڪَن ڪپڻ کي ترجيح ڏني ويندي هئي تنهن ڪري جپسين جي ڳولا ۽ سُڃاڻپ سولي ٿي پوندي هئي. 1686ع ۾ فريڊرڪ ويلهم، جرمني جي عظيم شهزادي، قانون منظور ڪيو ته جپسي واپار نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي گهر ٺاهي سگهن ٿا. مشهور جپسي محقق آنگس فريزر موجب 1710ع ۾ شهزادي ايڊولف فريڊرڪ قانون منظور ڪيو، جنهن پٽاندڙ جپسين کي ڦٽڪا هڻڻ، داغ ڏيڻ ۽ ڏيهه نيڪالي ڏيڻ، عام ڳالهه هئي ۽ واپس موٽڻ تي کين ڦاهي چاڙهيو ويندو هو. جڏهن ته هنن جي ڏهن ورهين کان ننڍيءَ ڄمار جي ٻارن کي، ڦُري عيسائي گهراڻن حوالي ڪيو ويندو هو، ته جيئن سندن پرورش عيسائي طور ٿي سگهي.
    ”ان کان هڪ سال کن پوءِ، سيڪسونيءَ جي فريڊرڪ آگسٽس I هڪڙو قانون منظور ڪيو، ته جيڪڏهن ڪو جپسي جهلجڻ مهل مزاحمت ڪري، ته کيس گولي هڻي سگهجي ٿي. 1714ع ۾ مينز (Maintz) جي آرڪ بشپ اعلان ڪيو، ته جپسين کي عدالتن جي حُڪم کانسواءِ، سزا ڏئي سگهجي ٿي، ڇو ته سندن زندگيءَ جو ڍنگ، غيرقانوني آهي. 1725ع ۾ پرشيا ۾ ارڙهن ورهين کان وڏيءَ ڄمار جي سمورن جپسين کي، عدالتن جي اجازت کانسواءِ ڦاهيءَ ڏيڻ جو حُڪم هو. 1734ع ۾ الفريڊ ڊيلمن پنهنجي ڪتاب ’زيگنر بُڪ‘ (Zigeuner buch) ۾ لکيو، ته جپسين جو وجود اٽڪل ختم ٿي چُڪو آهي.“
    هڪڙي آڳاٽي مواد موجب، جڏهن يورپ ۾ جپسين کي اُن ڌرتيءَ تي، نه رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، ته هي ماڻهو جرمني، فرانس، اسپين ، ڊچ ريپبلڪ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي سرحدن سان لڳو لڳ رهڻ لڳا. خاص ڪري انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي سرحدن تن ڏينهن ۾ تڪراري هئي، ۽ ايئن چورن لوفرن طور، جپسين جي وسندي سمجهي ويندي هئي.
    فونيسڪا لکي ٿي، ته ”پيٽرڪ فاءِ اُن سرحد تي رهندڙ هڪڙو جپسي هو، جنهن کي 1715ع ۾ ڪنهن ڏوهه جي شڪ ۾ پنهنجي ستن ساٿين سميت، جن ۾ ڇهه عورتون هيون، آمريڪا ۾، ورجينيا جي نو آباديءَ ڏانهن نيڪالي ڏني وئي. سزا طور هن جا ٻئي ڪَن وڍيا ويا ۽ سندس گهر واريءَ کي پوئتي رکيو ويو. والٽر اسڪاٽ پنهنجي مشهور افساني گائي مانرنگ (Guy Mannering) ۾ هن جي گهر واريءَ کي امر بڻائي ڇڏيو آهي. پوءِ جين گورڊن کي به سترهن ورهين کان بعد اسڪاٽ لينڊ مان جپسي ۽ لُچي هجڻ جي تهمت ۾، نيڪالي ڏني وئي. هوءَ جيتوڻيڪ تنهن وقت پوڙهي ٿي چُڪي هئي، ۽ بيمار رهندي هئي، ڇو ته ان دؤران هُن نه رُڳو پنهنجي مڙس، بلڪ پنهنجي نوَن پُٽن کي وڃائي چڪي هئي، جن ۾ هڪڙو ڇوڪرو قتل ٿيو ۽ ٻين کي ڦاسي ڏني وئي هئي. جين گورڊن، پنهنجي باقي حياتي انگلش سرحد سان لڳو لڳ گهُمندي رهي ۽ شهزادي چارلس جي حق ۾ نعرا هڻندي، زماني کي پاراتا ڏيندي رهندي هئي. نيٺ 1746ع ۾ هڪڙي ڏينهن مڇريل مجموعي، هن کي به سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.
    مقصد ته جپسين جي ڏکن جو داستان، گهڻو آڳاٽو ۽ گهرو آهي. اسڪاٽ لينڊ ۾، آڳاٽي زماني ۾ ڪا ماءُ پنهنجي ٻارن کي هينئن لولي ڏيندي هئي:
    “Hush ye, hush ye, dinna fret yeh,
    the black tinkler winna get ye.”
    (چُپ ٿي وڃ منهنجا لال! نه روءِ، ڏس ڪارو جپسي تنهنجيءَ تاڙ ۾ آهي!)
    1986ع ۾ جڏهن آءٌ انگريزيءَ ۾ ڪالم لکندو هوس، ته هڪڙي ڏينهن ’ڊان‘ جي انجم نياز، مذاق وچان مون کي چيو، ”تون جپسين بابت لکندي ٿڪجين نٿو!“ مون لحاظ ڪندي، ان جو جواب نه ڏنو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيو، ”بلڪل ائين، جيئن تون اوچن ايوانن ۾ رهندڙن لاءِ لکندي نٿي ٿڪين!“
    (ڪتاب; پرهه جو پانڌيئڙو ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)


    جپسين جو پيڇو

    جپسين جو پيڇو
    خورشيد قائمخاني
    ____________

    سنڌ ۾ ٽنڊي الهيار ضلعي جي، ضلعي مرڪز ۽ منهنجي ڳوٺ ٽنڊي الهيار ۾ هر سال سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ مقامي لاڏائن جو هڪڙو وڏو ميلو لڳي ٿو، جيڪو راما ديوَ (پير) جي نالي سان مشهور آهي. ٽي ڏينهن هلندڙ ان ميلي ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان لکين لاڏائو ۽ نيم- لاڏڙو گڏ ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي رنگين ۽ ڀڙڪيدار پوشاڪ پائي، نچندي ڳائيندي، پنهنجي اوتار راما پير کي ڀيٽا ڏين ٿا. انهن لاڏائن جو ناتو ويدن کان اڳ واري هندو مذهب سان آهي. توڻي راما پير جي اصل سماڌي راجسٿان جي ضلعي جوڌپور ۾ آهي، پر هاڻي جيئن ته انهن لاڏائن لاءِ هندستان وڃڻ سولو ڪم نه آهي، تنهن ڪري هاڻي اهو ميلو ٽنڊي الهيار ۾ ئي ملهائين ٿا، جتي کتري پاڙي ۾ راما پير جي نالي تي وڏو مندر آهي. هن ميلي معرفت هڪڙي پاسي لاڏائن سان منهنجو چاهه هو، پر جڏهن مون کي پتو پيو، ته عالمي جپسي لاڏائو به سندن وڇڙيل حصو آهن ته ان سوال تي منهنجو چاهه ايڏو وڌيو، جو مون انهن ٻنهي گروهن وچ ۾ ڀيٽ ڪندي کوجنا جو ارادو ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ ’اسٽار‘ ۽ ’هيرالڊ‘ ۾ ڪجهه تحقيقي مقالا به لکيم. عالمي جپسين جي ٻوليءَ کي روماني سڏيو وڃي ٿو.
    هڪڙي ڏينهن ڪچهريءَ دؤران منهنجي محقق دوست حليم بروهيءَ پنهنجي کوجنا جي سلسلي ۾، جنهن جو جپسي سوال سان ڪو ناتو نه هو، ٻڌايو ته، الهندي راجسٿان ۾ لوڻي درياءَ جي نالي سان هڪڙو کارو درياءُ وهي ٿو، پر ڪنهن زماني ۾ هيءُ درياءُ مٺو هو، ۽ روما جي نالي سان مشهور هو. جڏهن اهو درياءُ کارو ٿيو، يا سندس مٺي شاخ سُڪي وئي، ته ان جي ڪنارن سان رهندڙ ماڻهو اُجڙي ويا، ۽ اُتان لڏي ويا.
    روما درياءَ جو نالو ٻُڌندي ئي منهنجي ذهن م هڪڙو سوال اڀريو، ته ايئن ته نه آهي، جو جپسين جي اوائلي جٿن جو ناتو ان دريائي ڌرتيءَ سان هجي، ڇو ته سومناٿ تي چڙهائيءَ کانپوءِ محمود غزنويءَ جي فوج جي واپسي ان علائقي مان ٿي هئي، ممڪن آهي، ته انهن لاڏائن سندن رهبري ڪئي هجي، يا وري پيڇو ڪيو هجي. بهرحال، هنن جو غزنيءَ جي فوج سان ايران وڃڻ يا وٺي وڃڻ جو لاڳاپو جُڙي ٿو. جيئن ته اسان جا ماڻهو سدائين ٻوليءَ جي مدد سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائين ٿا، ته ڄڻ هي اهي ماڻهو ٿيا، جيڪي ”روماني ٻولي ڳالهائين ٿا.“ پراڪرت ۾ ’ني‘ جو مطلب ٿئي ٿو: ’جي.‘ معني روما جي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو! سو شايد وقت سان گڏوگڏ ان ٻوليءَ تي اهو نالو پئجي ويو هجي! روماني ٻولي، يعني روما جي ٻولي، جيڪا بيشڪ الهندي راجسٿان جي لهجي سان گهڻو ملندڙ آهي، تنهن ڪري مون جپسين تي ڪم جي سلسلي ۾ اولهه جي ملڪن ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، جيتوڻيڪ ان ڪم لاءِ اوڀر ۽ اولهه يورپ جو علائقو وڌيڪ لاڀائتو هو، جتي جپسين جون وڏيون وسنديون آهن، پر ڪجهه ڳالهين سبب مون آمريڪا ۽ ڪئناڊا وڃڻ ئي ٺيڪ سمجهيو.
    24 جولاءِ 1987ع تي آئون مصري ايئر لائين وسيلي نيويارڪ لاءِ روانو ٿيس. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن هوائي جهاز دبئي لهڻ لاءِ هيٺ جهُڪيو، ته مون کي ايئن لڳو، ڄڻ اهو ٿر ۾ پئي لٿو. جهاز جي دريءَ مان مون کي وارياسي سمنڊ م ننڍيون ننڍيون اَڇيون عمارتون ٻيٽ جيان ڏسڻ ۾ آيون، ۽ مون کي اهو ڏسي ڏاڍو اچرج ٿيو، ته اهڙي بنجر ۽ ويران وارياسي علائقي، منهنجي مُلڪ ۾ ’دبئي چلو‘ جي وڻندڙ نعري کي جنم ڏنو هو، پر تيل جي دولت ۾ ئي شايد اهو جادو هو، جو ماڻهو پاڻمرادو اهڙي ڀڙ ڀانگ ۽ ٺوٺ جاءِ تي پاڻهُرتو غلاميءَ يا جلاوطنيءَ جي زندگي گهارڻ لاءِ اُتاولا هئا.
    ڪجهه ڪلاڪن جي وڌيڪ اڏام کان پوءِ ڪويت ۽ وري سعودي عرب مٿان ٿيندي اسان قاهرا پهتاسين. پهرئين ڏيک ۾ قاهرا مون کي ڪراچيءَ جهڙو لڳو، پر ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ قاهرا گهڻو سٿرو ۽ هر لحاظ کان ڀلوڙ شهر هو، پر مصر ۾ مون کي پاڪستان سان هڪڙي اچرج ۾ وجهندڙ ثقافتي ۽ تهذيبي هڪجهڙائپ جو احساس ٿيو. مثال طور نيل درياءَ جي دو آٻي واري ماٿري، عظيم ۽ آڳاٽي آفريڪي تهذيب جي وارث هئي، پر هاڻي اهي آڳاٽا ڪارا، مصري سماج جي هيٺين طبقي جا ماڻهو ڀانئجن ٿا، جڏهن ته اڇا ۽ فاتح عرب مٿئين تهه جي حڪمران طبقي طور بلڪل ايئن جيئن سنڌو درياءَ جي آڳاٽي دراوڙي تهذيب جا ماڻهو، جيڪي هاڻي هيٺين ذاتين جو حصو آهن، ۽ پوءِ وارا ڪوڪيشائي حملو ڪندڙن جو اولاد پاڪستاني سماج جو حڪمران طبقو!
    پيرس اسان جي ايندڙ منزل هو، ۽ پوءِ زندگيءَ جي هڪڙي ڊگهي ڏينهن کان بعد شام جو نيويارڪ پهتس، رواج موجب لبرٽي جي مجسمي، ڪينيڊي ايئرپورٽ تي لهڻ کان اڳ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
    نيويارڪ ۾ ايندڙ چئن مهينن تائين، ننڍپڻ جي هڪڙي دوست جي گهر ۾ رهيس، جيڪو وچئين مين هٽن ۾ رهندو هو. پوءِ جيئن منهنجي زندگيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي، منهنجي آتما ۽ سرير ٻن متضاد دنيائن ۾ ورهائجي ويا، يعني رات گهارڻ لاءِ ته گورن ماڻهن جي چونڊيل وسنديءَ م رهندو هوس، جڏهن ته سڄو ڏينهن جپسين جي ڳولا ۾ ڪارن ۽ هسپانوي هارليم جو طواف ڪندو يا وري يهودين جي خاص علائقي برانٽن جي سامونڊي ڪناري يا وري اطالوي مافيا جي مشهور ڳڙهه بروڪلين هائٽس ۽ چائنا ٽائون وغيره ۾ گهمندو رهندو هوس پر جپسين کي ڳولڻ، جان جوکي ۾ وجهڻ جو ڪم هو! ڇو ته آمريڪي ماڻهو پاڻ لاڏائن جيان زندگي گهاريندا هئا ۽ ٻيو جپسي ، آمريڪي نو آبادڪارن جي زندگي4 کي ڌڪاريندي نه ته گرين ڪارڊ جا قائل هئا، ۽ نه ئي ٽيڪس ڀريندر نوڪرين جا. اهي ته هاڻي به پُراسرار پاڇن جيان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندا رهن ٿا، ۽ ايئن جپسي آمريڪا ۾ به پاڻ بابت اهو رومانوي تاثر جوڙيو ويٺا هئا، جنهن لاءِ اهي سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهن.
    ”هنن جي شان ۽ انا جو اندازو لڳايو!“ مون سوچيو، ته عام پاڪستاني، امير توڙي غريب، آمريڪي شهريت ماڻڻ لاءِ پنهنجو گهر تڙ، ٻار ٻچا ۽ مقامي شهريت تان هٿ کڻڻ لاءِ سڪي ٿو ۽ ٻئي پاسي هي جپسي لاڏائو هئا، جيڪي آمريڪا ته ٺهيو، دنيا جي ڪنهن ملڪ جي شهريت وٺڻ لاءِ تيار نه ٿيا.
    هڪڙي ڏينهن ايئن گهُمندي ڦرندي هڪڙي شيدي دوست مون کي صلاح ڏني، ته مون کي آزاد ۽ ڇُڙواڳ ماڻهن جي وسنديءَ ۾، جيڪا گرين وليج جي نالي سان مشهور آهي، وڃڻ گهُرجي، جتي موڪل واري ڏينهن ڌنڌوڙي فنڪار، موسيقار، مصور، دُهلاري، مداري، جوتشي ۽ ٽپتائي گڏ ٿين ٿا، ۽ واشنگٽن اسڪوائر نالي هڪڙي وڏي پارڪ جهڙي چوڪ تي پنهنجو فن ڏيکارين ٿا، ۽ اهو ته جوتشين جي روپ ۾ اڪثر اتي جپسي به اچن ٿا. پوءِ هر آچر تي آئون سڄو ڏينهن واشنگٽن اسڪوائر تي گهارڻ لڳس، پر اڃا تائين مون کي ڪوبه جپسي اتي ڏسڻ ۾ نه آيو. هڪڙي ڏينهن آئون ڇا ٿو ڏسان، ته هڪڙي ڪاري ۽ ٿُلهي عورت، هندستاني طريقي موجب پلانڪيءَ سان فُٽ پاٿ تي ويٺل آهي، ۽ سندس سامهون ڪپڙي تي جپسي مڻڪن جي هٿن سان ٺاهيل هار، ٻانهين ۽ دستڪاريءَ جا ڪجهه نمونا رکيل آهن، جيڪي هُن وڪيا پئي. هن جي ڀرسان جوتش تي لکيل هڪڙو ڪتاب به پيل هو. ايئن هن اهو سامان به پئي وڪيو، ته ماڻهن جو هٿ ڏسي قسمت جو حال به پئي ٻڌايو. اهو ڏسي مون کي ڳنواريا ۽ شامي لاڏڙو عورتون ياد آيون، جيڪي ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد جي بازارن ۾ فُٽ پاٿ تي ايئن ويهي دستڪاريءَ جون شيون وڪڻنديون هيون. هن جي پيشانيءَ تي ساڌوئن جيان اڇي رنگ جون لڪيرون ٺهيل هيون. هن جو نالو عشيا ڪارا بيڪرو هو.
    ”ڇا تو کي ڪارا جي معنيٰ اچي ٿي؟“ مون کانئس پُڇيو.
    ”ها،“ هن چيو. ”روماني ٻوليءَ ۾ ان جو مطلب آهي ڪارو.“ هن وراڻيو.
    ”ڇا تو کي سُڌِ آهي، ته اهو لفظ منهنجي پاڪستاني ٻوليءَ جو آهي؟“ مون پڇيو.
    ”ها، منهنجا مائٽ گهڻو اڳ هندستان کان آيا هئا ۽ اسان جو ناتو هندستان جي لاڏائن سان آهي.“ هن چيو
    آئون ان تاريخي کوجنا تي ايڏو سرهو ٿيس، جو جوش ۾ اچي جپسين بابت ڪيئي سوال يڪساهيءَ ۾ پُڇي ورتا، ڄڻ هوءَ ڪنهن عجائب گهر جو ڪو نادر نمونو هئي، ۽ اک ڇنڀ ۾ الوپ ٿي ويندي!
    ”تون ضرورت کان وڌيڪ ڳالهيون ٿو ڪرين، ۽ مون کي پنهنجن مائٽن بابت تو کي نه ٻُڌائڻ گهرجي!“ هن رکائيءَ سان منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    ”پر آئون ته تنهنجن مائٽن مان ئي آهيان. آڳاٽي ديش مان تو کي ڳولڻ آيو آهيان. پوءِ تون انهن ماڻهن بابت ڄاڻ مون کان ڇو ٿي لڪائين!“ مون احتجاج ڪندي چيو.
    ”تنهنجي ڳالهين مان ائين لڳي ٿو، ته تون پوليس جو ايجنٽ آهين.“ هن ٽوڪ ڪندي چيو.
    هن جي رکائيءَ ۽ ٽوڪ کان منهنجي مُنهن جو پنو ئي لهي ويو، ۽ آئون شرم وچان ڪجهه گهڙيون ائين ئي صفا ماٺ بيٺو رهيس! ۽ ڪارا جهاتي پائي، چتائي منهنجو چهور پڙهي رهي هُئي! انهيءَ گهڙيءَ ڪجهه گورا مرد ۽ عورتون هن جي شين تي اتاڇري نهار وجهي اڳتي لنگهي ويا.
    ”هي ماڻهو منهنجون شيون وٺڻ نه، پر چورائڻ چاهين ٿا.“
    هوءَ ڀڻڪي.
    اوڏيءَ مهل هڪڙي گوري عورت اتي اچي بيٺي ۽ ڪجهه گهڙيون ڪارا جي شين جو جائزو وٺڻ کان پوءِ هن مون ڏانهن گهوري ڏٺو ۽ پڇيائين ،”ڇا تون هن عورت جو ساٿي جپسي آهين؟“
    ”ها.“ مون چيو. ”هيءَ عورت منهنجي ڀيڻ آهي.“
    ڪارا جي چهري تي مرڪ ڦهلجي وئي. پوءِ هوءَ پنهنجي ٿيلهي منجهان مُرلي ڪڍي وڄائڻ لڳي، ۽ سندس چمڪندڙ اکين مان شرارت ڇُلڪڻ لڳي.
    ”تون ڇا ٿو چاهين؟ جيڪڏهن تون ڪا جپسي عورت ڳولين ٿو، ته آئون تو کي هڪڙي ڏاڍي سُندر ۽ سُهڻي عورت سان ملائي سگهان ٿي، پر هوءَ ڏاڍي ڪٺور به آهي. تنهنجي دل ٽوڙي وجهندي.“ هن طنزيه لهجو جاري رکيو.
    ”ڀيڻ ڪارا! مون کي غلط نه سمجهه.“ مون پهريون ڀرو جذباتي ٿيندي چيو. ”تون اسان جي وساريل ماڻهن مان آهين ۽ آئون تنهنجيءَ ڳولا ۾ هتي پهتو آهيان. منهنجي ڳالهه شايد تو کي عجيب لڳي، پر اهو سچ آهي. مون کي هر حالت ۾ پنهنجي مائٽن سان ملڻو آهي.“
    ”اڇا، ته وڃي ملين، تو کي ڪير ٿو روڪي؟“ هن سُڪون وچان وراڻيو.
    ”پر ڪٿي، مون کي ڏَسُ پتو گهُرجي.“ مون زور ڏنو.
    ”ڏس پتو؟ جهنگن م وڃ، جبلن ۾ ڳولهين. شايد مينو پلس جي شهر ۾ تنهنجو رابطو ٿئي.“
    ”مينو پلس شهر آهي ڪٿي؟“ مون ڳنڀيرتا مان پڇيو.
    ”اهو تون ڪنهن ٽريول ايجنٽ کان پڇي سگهين ٿو.“ هن به ساڳيءَ ڳنڀيرتا مان موٽ ڏني.
    مون کي جڏهن اهو احساس ٿيو، ته هن هيستائين مون سان چَٿَرَ پئي ڪئي، ته مون کي ٿورڙي ڪاوڙ آئي، ۽ مون ڀُڻڪندي چيو، ”ڪارا! تون به ڪن کولي ٻڌ. ڀلي تو کي ڪيڏو خراب لڳي، پر آئون تنهنجو گهر ڏسڻ ۽ تنهنجي ڪٽنب سان ملڻ ضرور ويندس!“ مون اڏولتا مان چيو.
    ”گهر! تو اڄ ڏينهن تائين ڪيترن جپسين جا گهر ڏٺا آهن؟ ڇا تنهنجي ملڪ ۾ لاڏڙائن جا گهر آهن؟ جيڪڏهن اسان جا گهر هُجن ها، ته پوءِ اسان سڄيءَ دنيا ۾ ڌڪا کائيندا ڇو ڦِرون؟“ هن وياڪل نيڻن سنا گهوريندي مون کان پڇيو.
    ڪجهه گهڙين لاءِ مون کي ماٺ وٺي وئي، ۽ ائين ئي چپ چاپ ڪيو ويٺو رهيس؟ مون کي ڳالهه سمجهه م نه پئي آئي، ته آئون هن مائيءَ کي پنهنجي باري ۾ ڪيئن ويساهه ڏياريان. نيويارڪ جي فُٽ پاٿ تي ان ڪنگلائيءَ ۾ ويٺي، مون کي سنڌ ۾ شامي (جوتشي) لاڏائن جي ڪئمپ ياد آئي، جتي گذريل سال مون سان ان قسم جو واقعو پيش آيو هو. ٻهراڙيءَ جي بيابان ۾ ڪکن ڪانن مان ٺهيل شامين جون جهوپڙيون، عورتن، ٻارن، ڪُتن ۽ گڏهن سميت بلڪل ويران هيون. هنن جا اڪثر مرد پنهنجي پراسرار ڌنڌي واسطي ڪوهين ڏور نڪري ويا هئا. ڪجهه ايران، عراق ۽ سعودي عرب تائين ڦيري ڪري ايندا هئا.
    جڏهن آئون ڪيمپ پهتس، مون کي پنهنجي هٿ جي ٺهيل شين جو خريدار سمجهي، هنن منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو. شامين جي سوٽي ڌاڳي جي دستڪاري ڏاڍي اوچي قسم جي هوندي آهي، ۽ سندن جوڳي رَليون هزارين رپين جي لاڳت جون هونديون آهن. پر هڪدم اهي مون کي پاڻ بابت اچرج ۾ وجهندڙ سوال پڇندي ڏسي، مون بابت هڪدم شڪي ٿيا ۽ مون کي ڪئمپ ڇڏي وڃڻ لاءِ چيائون. جڏهن آئون شرمندو ٿي ڪئمپ کان ٻاهر نڪتس، ته ڪنهن پويان اهو ڀُڻڪو ڪيو، ”وڏو آيو آهي همدرد بڻجي.ايترا ورهيه ڪٿي هو. پوليس جو ايجنٽ ڪٿي جو!“
    منهنجي جيتوڻيڪ ڪيئي لاڏائو قبيلن سان دوستي آهي، پر اڄ ڏينهن تائين آئون شامي جوتشي قبيلي جي ڪنهن هڪڙي ڀاتيءَ سان به دوستي رکي نه سگهيس ، ۽ نيويارڪ جا شامي جپسي کانئن گهڻو مختلف نه لڳا.
    ”اڙي هاڪارا! هاڻي مون سمجهيو، ته تنهنجو ناتو شامي قبيلي سان آهي. پاڪستان ۾ شامي هينئر به تو جيان قسمت جو حالُ ٻُڌائين ٿا، ۽ بلڪل تو جيان انتهائي پُراسرار ۽ شڪي آهن.“
    ”شامن! شامن!“ چئي هن ڪجهه سوچيندي ڪنڌ لوڏيو.
    شام پئي ٿي، ۽ سڄو ڏينهن مون ڪارا سان مٿو کپائيندي گذريو هو، پر اڃا به هن مون سان ايڏ رکائيءَ جو ورتاءُ پئي ڪيو، جيترو شروع ۾. شايد هوءَ مون کان ان سبب به ڪاوڙيل هئي، جو جيڪڏهن آئون منجهانئن ئي هوس، ته پوءِ گورن ماڻهن جيان نرالا ۽ واهيات سوال پڇي ايڏي ڌاريائپ ڇو پئي ڏيکاريم. مون ڏيهي ڍنگ واپرائيندي داءُ مٽايو، ۽ کانئس پڇيم، ”ڪارا! تو کي بُک لڳي هوندي. صبح کان دُڪان کولي ويٺي آهين، ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي اچان؟“
    ”ها، پيئڻ لاءِ ڪجهه بيئر وٺي اچ.“ هن هڪدم حڪم ڏنو. ”۽ ها، شمپئن آڻجانءِ.“ آئون پري نڪري ويس، ته هن پويان آواز ڏنو!
    بيئر پيئڻ کان پوءِ هوءَ مدهوش ٿي ويئي، ۽ ڀرپاسي واريءَ دنيا کي پٽ پاراتا ڏيڻ ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي.
    ”گورا رڳو هڪڙو ڪم ڄاڻن ٿا. غريب عوام جي لُٽمار ۽ فوجي اڏا ٺاهڻ ۽ ڀلي ۾ ڀلا هٿيار ٺاهڻ، ڏس ته لاطيني آمريڪا، ايشيا ۽ آفريڪا جو هنن ڪهڙو حال ڪري ڇڏيو آهي!“ هوءَ ڪجهه گهڙيون ساهه پٽي وري ڪرڪڻ لڳي.
    ”هنن کي چئو، ته اهي پنهنجون پليت آڱريون نڪارا گوا کان ٻاهر ڪڍن. کين چئو ته اهي دنيا ته فتح ڪري سگهن ٿا، پر ان تي ضابطو نٿا رکي سگهن. ان کي ڇوٽڪارو اسان ڏيارينداسين.“
    ڀرسان لنگهندڙ گورا هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون بيهن پيا، ۽ وري سندس گاريون ٻڌي گهٽ وڌ ڳالهائيندي اڳتي نڪري پيا وڃن. پر هڪڙي گوري نؤجوان آسمان ڏانهن سڌي آڱر کڻي عشيا کي هڪڙي گار ڏني. عشيا به ساڳيءَ زبان ۾ کيس سَتَ سُريون سُڻايون!
    ”ڏٺو تو؟“ هن شينهڻ جيان وڦلندي چيو، ”گورا ڪيڏا بُڇڙا ۽ پليت آبادڪار آهن. پر اسان سندن حرامپائين ۾ شامل نه ٿينداسين. هي سڀ نازي آهن. آئون نوريم برگ جي شاهد آهيان.“ ۽ هوءَ ڇڙواڳ ڳالهائيندي رهي.
    آئون عشيا ڪارا جو اهو حال ڏسي ٿورڙو گهٻرائجي ويس، ته متان پوليس وارو اچي اسان ٻنهي کي گرفتار نه ڪري، ڇو ته واشنگٽن اسڪوائر جي چوڪ تي شراب پيئڻ جي منع هئي، ۽ عشيا ڪارا ڪاوڙ ۾ وِڦلي پئي.
    مون کيس ٿڌو ڪرڻ واري انداز ۾ چيو، ”ڪارا! ڀانئجي ٿو، ته تون ٿڪجي پئي آهين. بُک لڳي هوندءِ، کائڻ لاءِ ڪجهه آڻيان؟“ هن جي وات مان گِڦَ پئي وَهِي. هُوءَ ڪجهه دير خاموش ٿي، وري ڪجهه جهيڻائيءَ سان چيائين، ”ڪجهه پيزا وٺي اچ!“
    آئون تڪڙو ئي کاڌو وٺڻ لاءِ ڊوڙي پيس. جڏهن آئون موٽيس، ته ڇا ٿو ڏسان ته، عشيا فُٽ پاٿ جي پيرڙيءَ تي جهومندي هندستان ڍنگ ۾ پئي نچي، ۽ هوءَ پنهنجي ٿُلهي جسم هوندي به هلڪي ڦُلڪي پکيءَ جيان هوا ۾ جهومي پئي. هن جي نچڻ جو ڍنگ ڏاڍو موهيندڙ هو. هن نچڻ مهل جهونگاريو به پئي. کاڌو اچڻ کان پوءِ هوءَ ماٺ ڪري پٽ تي ويهي کائڻ لڳي. ان دوران، اسان هڪٻئي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي، ڄڻ اسان ٻنهي کي هڪٻئي آڏو ڪنهن سبب پڇتاءُ هجي. پوءِ هن پنهنجي دڪان کي ويڙهي هڪڙيءَ ڳوٿريءَ ۾ وڌو ۽ مون ڏانهن ڏسندي مُليل جُليل جذبن سان سلام ڪيو ۽ رواني ٿي وئي.
    ”ڇا سڀاڻي به تون هتي دڪان کوليندينءَ؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”الاءِ!“ هن ڦيرو ڏئي مون تي اتاڇري نظر وڌي، ۽ رستي جي ڪُنڊ تي پهچي، ماڻهن جي ميڙ ۾ الوپ ٿي ويئي ۽ پوءِ ايندڙ چئن مهينن دوران جيستائين آئون نيويارڪ ۾ رهيس، وري کيس ڪڏهن به نه ڏٺم.

    (ڪتاب; ڀٽڪنڙ نسل ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ،
    روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)


    يورپ ۾ ڀٽڪندڙ سنڌي: جپسي

    يورپ ۾ ڀٽڪندڙ سنڌي: جپسي

    منوج ڪمار
    ____

    مون کي بيٺل دفن ڪجو.
    جو پنهنجي ڪاروان جي،
    گهوڙي گاڏي ۾،
    صدين جو سفر ڪندي،
    اوڪڙو ويهي
    هاڻي ٿڪجي پيو آهيان.
    مون کي بيٺل دفن ڪجو.
    اهي سٽون يورپ جي هڪ خانه بدوش شاعر جون آهن . اِنهن سٽن ۾ اُنهن خانه بدوشن جي مسلسل سفر جو درد به آهي، ته شايد هڪ ٿانيڪي جڳهه تي رهڻ جي خواهش به آهي. سموري يورپ ۾ ڦهليل اهي خانه بدوش جن کي اسان جپسين جي نالي سان سڃاڻون، اهي آخر آهن ڪير؟ انهن جو سفر ڇا رهيو آهي؟ انهن جي تاريخ ڇا آهي؟ انهن سڀني سوالن کي ڪافي حد تائين ازبيلا فونسيا پنهنجي شاندار ڪتاب ”Burry me stading“ (مون کي بيٺل دفن ڪجو) ۾ ڏنا آهن. پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ هن جسپين ۽ انهن جي هزار سالن جي سفر کي انتهائي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي. انهن جي سفر ۾ باهه جي چوگرد سندن گيتن جو به ذڪر آهي، ته گورن پاران انهن سان ڪيل نفرتن جي ڪٿا به آهي. انهيءَ سفر ۾ آزاد زندگيءَ جا ٽهڪ به آهن، ته قيدن دوران سڏڪن جو ذڪر به آهي. انهن بدنامين ۽ الزامن جا تفصيل به آهن، ته انهن شهرتن جا قصا به آهن. درد در، گلي گلي، نگر نگر ڀٽڪندڙڻ انهن جپسين جي پراسرار ۽ رازن سان ڀريل زندگين کي ازبيلا پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ سمويو آهي.
    اصل ۾ اهي جپسي آهن ڪير؟ نين تحقيقن، رت جي ٽيسٽن، جينياتي کوج ۽ ٻوليءَ جي رشتن مان هاڻ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته يورپ جي تقريباً سڀني ملڪن ۾ ڦهليل انهن جپسين جو تعلق سنڌ سان آهي. اهي سنڌ، راجستان، ۽ پنجاب ۾ مختلف موسمن ۾ پنهنجا پڙاءُ وجهندا هئا، پر انهن جو لساني توڙي جو رت جو رشتو وري به سنڌ سان ئي هو. اڄ تقريباً هزار سالن جي هيڏي هيبتناڪ سفر ۽ هزارين ميلن جي مفاصلي جي باوجود انهن جپسين سنڌ سان پنهنجو رشتو قائم رکيو آهي. مغربي جرمني ۾ رهندڙ جپسي ته پاڻ کي سڏائين ئي سنٽي (Sinti) ٿا، جيڪو ”سنڌي“ جو ٿورو ڦريل اچار آهي .بلڪه هاڻ ته اهي جپسي انهيءَ ڦِريل اچار کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. جرمنيءَ ۾ هاڻ اهي سنڌ سان پنهنجي رشتن جي تجديد واري عمل طور پنهنجو پاڻ کي سنڌي ئي سڏائين پيا. انهيءَ ڏس ۾ جرمنيءَ جي شهر فريڊرگ ۾ رهندڙ انهن سنٽي جپسين جي تنظيم جو نالو ئي آهي Freibrug Sindhi Union (فريبرگ سنڌي اتحاد) جيڪو سندن سنڌ سان انهيءَ رشتي جو وري ڳانڍاپو آهي. نه فقط ايترو پر سندن ٻولي ، جنهن کي اهي روماني سڏين ٿا، انهيءَ ۾ لفظن جو اڌ کان وڏو ذخيرو هن وقت به سنڌيءَ جو آهي. جيتوڻيڪ مختلف ملڪن ۾ رهڻ ڪري انهن لفظن جي صورت ڪجهه تبديل ٿي وئي آهي ۽ انهن مان ڪافي لفظ ته خود جديد سنڌي ۾ به متروڪ ٿي ويا آهن، پر انهيءَ جي باوجود به سندن ٻوليءَ ۾ سنڌي لفظن جي هن وقت به چڱيءَ طرح سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي. روماني ٻوليءَ ۾ هن وقت به سنڌي لفظ جهڙوڪ ڏند، لوڻ ، منهن، اک، نڪ، ڪاڪو (چاچو) ماڻهو، بک، ڄڀ، چور، ڏس، پاڻي، ڀيڻ، پشم، رت، ڇري، ٻول بلڪل سڃاڻي سگهجن ٿا، جيڪي واضح ثبوت آهن . سنڌ سان سندن هزار سالن تي ڦهليل انهيءَ رشتي جا نه فقط ايترو پر ، ”ڌڱاڻو“ جهڙو ٺيٺ سنڌي نالو به توهان کي وٽن ملندو. انهيءَ کان سواءِ روماني ٻولي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۽ جوڙجڪ ۾ ڪافي هڪجهڙايون آهن.
    يورپي جپسين ۾ وڏي ۾ وڏو قبيلو قلندرن جو آهي. سنڌ ۾ هن وقت به قلندر آهن، جيڪي رڇ جو ناچ ڏيکاريندا آهن. اهي سنڌي قبيلا يورپ ۾ وڃي ڪيئن نڪتا؟ انهيءَ تي ڪافي متضاد رايا آهن. عظيم ايراني شاعر فردوسي مطابق اهي قبيلا ناچ ۽ گاني جا ماهر هئا. ايران جي بادشاهه بهرام گور کين پاڻ وٽ گهرايو هو ۽ اهي قبيلا اچي ايران ۾ ويٺا. هڪ ٻئي مورخ مطابق اهي خانه بدوش قبيلا محمود غزنوي جي هندستان تي حملي وقت اتان نڪري ويا، پر اهو به ممڪن آهي ته ، ڇاڪاڻ ته اهي قبيلا مسلسل سفر ۾ رهندا آهن، تنهن ڪري اهي قبيلا پهرين افغانستان، پوءِ ايران ۽ اتان کان ترڪيءَ هليا ويا. ترڪيءَ ڇاڪاڻ ته يورپ جي در تي واقع آهي، تنهن ڪري اهي ترڪيءَ مان مشرقي يورپ جي ملڪن جهڙوڪ بلغاريه، رومانيه، البانيا، چيڪو سلواڪيه ۽ هنگري ۾ اچي وسيا. ان کان پوءِ مغربي يورپ جي ملڪن خاص طور تي جرمني، اسپين ۽ يونان ۾ ڦهلجي ويا. انهن خانه بدوش ماڻهن جي عجيب ٻولي ۽ رسمن سبب يورپ جا ماڻهو تعجب ۾ پئجي ويا. يورپي لوڪن غلطيءَ وچان اهو سمجهيو ته اهي مصر مان آيا آهن ۽ ڇاڪاڻ ته يورپي ٻولين ۽ خاص طور تي انگريزيءَ ۾ مصر لاءِ لفظ ايجبٽ (Egypt) ۽ مصري ماڻهن کي ايجيپشن (Egyption) چيو ويندو آهي، سو انهن سنڌي قبيلن کي ايجپشي چيو ويو ، جيڪو هاڻ ڦري وڃي جپسي (Gypsy) بيٺو آهي پر اهي خانه بدوش قبيلا پاڻ کي جپسي نه سڏائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن خانه بدوشن مان گهڻن جو تعلق ڊوم قبيلي سان آهي، سو اهي پاڻ کي ڊوم سڏائيندا هئا. پوءِ اهو لفظ ڊوم ڦري روم ٿيو. هن وقت گهڻي ڀاڱي خانه بدوش پاڻ کي روما سڏائيندا آهن ۽ پنهنجي سنڌي گاڏڙ ٻوليءَ کي روماني سڏيندا آهن.
    پر انهن روما يا جپسي ماڻهن لاءِ يورپ ڪو مهربان ثابت نه ٿيو. يورپ ۾ هنن سنڌي قبيلن تي ٿيل ظلمن جا داستان تاريخ جا شايد اونداها ترين باب آهن، جن جا مثال تمام گهٽ ملن ٿا. هو جيڏانهن به ويا، کين سدائين شڪ ۽ نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويو. 1589ع ۾ ڊيمنارڪ جي بادشاهه اهو حڪم جاري ڪيو ته جنهن به جپسي کي ڏسو ته يا کيس ملڪ مان ڪڍو يا ماري ڇڏيو. سويڊن ۾ پڻ جپسين جي اچڻ تي پابندي هئي.
    برطانيه ۾ به جپسين کي ڏسندي ئي قيد ۾ واڙڻ جو حڪم هو ، ڇاڪاڻ ته انگريز کين جادوگرفر ، چور ۽ ٺڳ سمجهندا هئا. هزارين جپسين کي زوري آمريڪا موڪليو ويو، جتي اهي غلاميءَ جي زندگي گذاريندا هئا. ساڳئي طريقي سان ٻين يورپي ملڪن ۾ به جپسين کي زوري غلامي ۾ ورتو ويو، کانئن جبري پورهيو ورتو ويو ۽ سوين سالن تائين جپسي انفرادي ماڻهن، حڪومتن ۽ چرچ جا غلام ٿي رهيا. مالڪن پاران جپسي عورتن سان جنسي زيادتيون ڪيون ويون. ايتري قدر جو سندن ڳائڻ وڄائڻ تي به پابندي وڌي وئي، جيڪو سندن روح هيو. 1716ع ۾ هنگري جي راڻيءَ ، جپسين کي ”نوان هنگرين“ قرار ڏنو ۽ مٿانئن اها پابندي مڙهي ته اهي پنهنجي ٻولي نه ڳالهائين، هنگري جا طريقا اختيار ڪن ۽ عيسائيت اختيار ڪن.
    جپسين تي سڀ کان وڏو جبر هٽلر جي نازي جرمني ۾ ٿيو. هٽلر جي نسلي پالسيءَ ۾ جرمن قوم اوچي ۽ آرين نسل سان تعلق رکندڙ هئي. يهودين ۽ جپسين کي اڻ آريا قرار ڏنو ويو، پر حقيقت اها هئي ته جپسي سڀ کان پراڻي آرين نسل سان تعلق رکندا هئا، پر هٽلر تاريخدانن تي اهو زور وڌو ته اهي انهيءَ حقيقت کان انڪار ڪن ته جو جپسي آريا هئا. نازي پروپيگنڊا ۾ کين گهٽ نسل، هيٺين درجي جا انسان ۽ غير سماجي قرار ڏنو ويو. 1937ع ۾ اهو قانون پاس ڪيو ويو ته ڪو جرمن ڪنهن جپسي سان شادي نٿوڪري سگهي. هٽلر جي انهيءَ قانون جو مقصد اعليٰ جرمن آريائي رت کي ملاوٽ کان پاڪ رکڻ هو. ايتري قدر جو ڪنهن جي ستين پيڙهيءَ ۾ به جپسي خون هو ته انهيءَ کي ڪنهن جرمن سان شادي ڪرڻ کان منع هئي.
    نازين وٽ ته جپسي ڄڻ ڪا بيماري هئي، جنهن کي روڪڻ لازمي هو. 1937ع کان وٺي کين ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۽ جيلن ۾ واڙيو ويو. جپسي مردن کي زوريءَ نامرد ۽ خصي بڻايو ويو ته جيئن سندن نسل اڳتي وڌي نه سگهي. 1938ع ڌاري يهودين سان گڏ جپسين جي پوري نسل کي ختم ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو. جرمنيءَ جي انهن سنٽي (سنڌي) جپسين کي پولينڊ ۽ هنگريءَ جي نازي ڪئمپن ۾ رکيو ويو ، جتي کين آهستي آهستي موت ڏانهن ڌڪيو ويو. هٽلر جي وزير هينرچ هملر جي نگرانيءَ ۾ جپسين کي گئس چيمبرن ۾ ڌڪيو ويو، جتي زهريلي گئس ذريعي کين ماريو ويو. آگسٽ 1944ع تائين جڏهن هٽلر جي فوجن کي شڪست آئي ته انهن ڪئمپن ۾ فقط چار هزار جپسي وڃي باقي بچيا. باقي پندرهن لک جپسي موت جو شڪار ٿي ويا.
    ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي ۽ هٽلر جي شڪست کان پوءِ به جپسين کي ڪو انصاف نه مليو. ڪجهه لک يهودين جي موت جي ڪري يهودين کي اسرائيل جو ملڪ ڏنو ويو ، پر پندرهن لک جپسين جو رت ائين ئي مٽيءَ ۾ ملي ويو. آمريڪا پاران هٽلر جي جنگي ڏوهن خلاف جڏهن باقي بچيل نازي اڳواڻن تي نيورمبرگ ۾ ڪيس هلايو ويو، ته کانئن يهودين جي موت جو پڇاڻو ڪيو ويو، پر پندرنهن لک جپسين جي موت جو کانئن ڪوبه پڇاڻو نه ڪيو ويو ۽ نه ئي انهيءَ جرم جي کين ڪا سزا ملي . نه رڳو ايترو، پر يهودين کي نازي ظلمن جي عيوض معاضو ڏنو ويو، پر ڪنهن جپسي کي اهو معاوضونه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته پندرهن لکن جپسين جي موت جو ڪو رڪارڊ ئي نه رکيو ويو هو.
    نازين جي ظلم واري منصوبي آشوانز جي سٺ سالن جي پوري ٿيڻ تي ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ناحق مارجي ويندڙ کي جڏهن ياد ڪيو ويو، ته جپسين جو ڪوبه ذڪر نه هو. سنڌي نسلن جا اهي جپسي تاريخ جي جبر دوران اونداهين راهن ۾ بيگناهه مارجي ويا ۽ سندن رت جو ڪو نشان تاريخ جي صفحن تي ئي نه هو.
    انهن سمورين اذيتن ۽ جبر جي باوجود جپسي لوڪن پاڻ کي وري به سنڀالي ورتو. يورپ جي موسيقي، راڳ ۽ ناچ جا ڪي تمام وڏا نالا هن وقت به اهي سنٽي يا سنڌي آهن. جپسي موسيقيءَ جو يورپ ۽ هالي ووڊ جي فلمن ۽ ڊرامن ۾ وڏو ڪردار آهي. جيتوڻيڪ يورپ ۾ ڀٽڪندڙ اهي سنڌي قبيلا وقت جي تبديلي سان هاڻ اهي ساڳيا نه رهيا آهن، هاڻي انهن مان گهڻا پنهنجا ساڳيا اصلوڪا ۽ روايتي طور طريقا ڇڏي رهيا آهن ۽ جديد زندگيءَ جا طريقا اختيار ڪري رهيا آهن. هاڻي جپسي جيڪي پاڻ کي روما سڏائين ٿا، سي پنهنجي الڳ تشخص کان به واقف آهن ۽ انهيءَ تي فخر به ڪن ٿا. يورپ ۾ جپسي يا روما هاڻ خانه بدوش زندگي گذارڻ بدران هڪ ٿانيڪي زندگي گذارڻ چاهين ٿا. انهن مان ڪافي سياست ۾ به آهن. ڪي وڏن عهدن تي به آهن. يونيورسٽين ۾ پروفيسر به آهن، پر ڪي اڃا پنهنجي انهيءَ روايتي زندگي تي قائم به آهن. خبر نه آهي ته سنڌ جا هي قبيلا جيڪي هزار سال اڳ اسان کان وڇڙي ويا هئا، اهي وري ڪڏهن واپس ايندا به يا نه؟ پرسنڌ سان انهن جي رشتي کي قائم ضرور رکڻ گهرجي.

    (روزانه ”ڪاوش“ 20 جون 2005ع)


    جپسي سنڌي آهن ...

    جپسي سنڌي آهن ...
    زيب سنڌي
    ____

    انٽرنيٽ تي هڪ ٿري ڇوڪريءَ کي ٻٻر جي وڻ هيٺان واريءَ تي نچندي ڏسڻ کانپوءِ، جڏهن مون انٽرنيٽ تي ئي، يورپ جي هڪ نائيٽ ڪلب جي ڊانسنگ فلور تي ناچ ڪندڙ جپسي ڇوڪريءَ جي ڊانس ڏٺي ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جو ٻنهي جو ناچ لڳ ڀڳ ساڳيو ئي هو! ساڳيائي اسٽيپس، ساڳئي چيلهه جي لوڏ، ساڳيائي هٿن ۽ اکين جا اشارا ۽ ساڳئي ئي جسم جي اڇل ! ٿر ۾ ٻٻر جي وڻ هيٺان ۽ يورپ جي ڪلب ۾ نچندڙ ڇوڪرين جي انهيءَ حيرت انگيز هڪ جهڙائيءَ مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو!
    يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ “جپسي” ماڻهن لاءِ اسان جي ڪجهه محققن جو خيال آهي ته اهي اصل ۾ سنڌي آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ هتان لڏي ويا هئا.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ توڙي ڪجهه ٻين محققن جي خيال موجب، جپسين جو تعلق سنڌ جي ڪجهه ٻين قبيلن سان گڏ لورا قبيلي سان به آهي . لورا ذات جا ماڻهو اڄ به سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ موجود آهن. لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان گذرندڙ ريلوي لائين جي ڀرسان رهندڙ ، لورا ذات جي ڪجهه ماڻهن کي ٽيهارو سال اڳ مون پاڻ به لوهارڪو ڪم ڪندي ڏٺو هو.
    ليلو رچنداڻي صاحب جي تحقيق مان ڄاڻ ملي ٿي ته جپسين کي ”بنجارا“ به چيو وڃي ٿو ۽ اهو لفظ، سنڌي لفظ “وڻجارا” جي بدليل صورت آهي. ليلو رچنداڻيءَ مطابق ، ماهرن جو رايو آهي ته اها جپسي قوم اوائل ۾ برصغير جي اتر-اولهه (پنجاب-سنڌ) واري حصي جي رهواسي هئي ۽ اتان لڏي پهرين ايران ۽ ميسو پوٽيما ايراضين ۾ اچي رهي ۽ اتان کان پوءِ اها قوم مصر ڏانهن وئي. ليلو رچنداڻيءَ وڌيڪ لکيو آهي ته، ”هيءَ قوم يورپ جي ڪن حصن ۾ پاڻ کي ”زنگنلي“ ته ڪٿي ”روما“ ته ڪٿي وري ”سِنتي“ سڏائيندي آهي. ”سنتي“سنڌيءَ جي بدليل صورت آهي.“ ليلو رچنداڻي پنهنجي دعويٰ جي ثبوت لاءِ هروڊوٽس جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”سنڌي نالي هڪ ننڍڙي قوم، ڪاري سمنڊ ويجهو ٽامن نالي ٻيٽ ۾ رهندي هئي. اهو وقت عيسوي صديءَ کان ڇهه-اٺ سئو سال اڳ جو آهي.“ ليلو رچنداڻي، هڪ ٻئي محقق چمن لال جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”پنجاب جي ايراضيءَ ۾ جنگر نالي هڪ پٺتي پيل قوم هن وقت به رهندي آهي، جيڪا هڪ سنڌوئي قوم جو جزو آهي ۽ جنهن جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ سان رشتو رکندڙ آهي، اهائي قوم ايران جي اندروني ايراضين تائين ويل ٿي ڏسجي.“ انهيءَ بحث مان ليلو رچنداڻيءَ صاحب اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته جپسي ، دراصل سنڌي وڻجارا هئا، جيڪي عيسوي سن کان ڇهه-اٺ صديون اڳ، ڪاري سمنڊ تائين پهچي چڪا هئا. هن پنهنجي تحقيق ۾ جپسي توڙي سنڌي ٻولين ۾ موجود ساڳين لفظن جو به ذڪر ڪيو آهي. جيئن ڇري، نڪ، ڪارو، راءِ، تون، چور، ماس، رت، مڙس ۽ ڪي ٻيا لفظ، جيڪي اڄ به ٻنهي ٻولين م رائج آهن ۽ ڳالهايا وڃن ٿا. ساڳئي وقت هن سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن اهڙن لفظن جو ذڪر به ڪيو آهي،جيڪي بدليل صورت ۾ جپسي ٻوليءَ ۾ رائج آهن. جيئن وار-بال، ماڻهو-مانس، ٻڪرو-بڪرو، سڱ-سنگ، راڻي-راني وغيره.
    جپسين بابت سنڌيءَ ۾ ته نالي ماتر ئي تحقيق ٿي آهي، پر انگريزيءَ ۽ ٻين يورپي ٻولين سميت فارسيءَ ۾به جپسين بابت ڪافي مواد موجود آهي. انگريزيءَ ۾ ٿيل تحقيق ۾ جپسين کي مجموعي طور فقط انڊين ئي ثابت ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي سنڌي هئڻ ڏانهن ڪي گهٽ اشارا ئي ملن ٿا. هتي انهيءَ اهم حقيقت کي به ذهن ۾ رکڻ گُهرجي ته جپسين موجوده ننڍي کنڊ جي علائقن مان هڪ هزار سال کان وڌيڪ عرصو اڳ لڏيو هو ۽ انهيءَ زماني ۾ ، هن علائقي اندر ٻه وڏا ملڪ سنڌ ۽ هند موجود هئا. هند (انڊيا) ته اڄ به دنيا جي نقشي تي هڪ وڏي ملڪ جي حيثيت سان موجود آهي ، جنهن ڪري دنيا ۾ هند کي ته چڱيءَ طرح ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ، پر سنڌ پنهنجي تاريخي ۽ جاگرافيائي حيثيت وڃائي، هڪ ننڍڙو خطو وڃي بچيو آهي ، جنهن ڪري هند جي ڀيٽ ۾ سنڌ بابت جپسين سميت دنيا جا ماڻهو گهٽ ڄاڻ رکن ٿا. شايد انهيءَ سبب (گهٽ ڄاڻ ) ڪري به عام طور تي دنيا ۾ جپسين جو اصل نسل (origin) انڊيا سمجهيو وڃي ٿو. اڪثر جپسي پاڻ به اهو ئي ٻڌائين ٿا ته سندن تعلق هندستان سان ته هو، پر سنڌي هئڻ جي ڳالهه هو پاڻ به نٿا ڪن ، جيئن سنڌ جي نامياري سياح ليکڪ الطاف شيخ کي ڪوپن هيگن جي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ اهڙا ٻه نوجوان نظر اچن ٿا، جن کي ڏسي الطاف کي لڳي ٿو ته اهي اسان جي ئي علائقي جا آهن ۽ الطاف شيخ جڏهن انهن نوجوانن سان ڳالهائي ٿو ته نوجوان کيس ٻڌائن ٿا ته هو جپسي آهن ۽ سندن وڏن جو تعلق انڊيا سان هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن اهي جپسي نوجوان، الطاف شيخ کي پنهنجي ٻوليءَ جا ڪي لفظ ٻڌائين ٿا ته الطاف صاحب کي به ڪجهه لفظ سنڌيءَ جا لڳن ٿا.
    سنڌ کي سڀ کان پهرين ”شاهه جو رسالو“ ڏيندڙ ۽ سنڌي گرامر لکندڙ ارنيسٽ ٽرمپ جو واسطو به چپسين سان پيو هو. 31-مارچ 1828ع تي جرمنيءَ جي سرسبز علائقي ۾ جنم وٺندڙ ارنيسٽ ٽرمپ اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس ڳوٺ ۾ ڪي جپسي آيا ۽ ٽرمپ جي جپسين ٻوليءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ارنيسٽ ٽرمپ جي جپسي ٻوليءَ ۾ دلچسپي ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ سان دلچسپي ۽ سڀ کان اڳ شاهه لطيف جو رسالو ترتيب ڏئي، جرمنيءَ مان ڇپائي سنڌ واسين کي ڏيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکڻ ڇا قفط اتفاق هو، يا انهن جپسين منجهان ئي ارنيسٽ ٽرمپ کي سنڌي ٻوليءَ جي ڪا سُتي پئي هئي !؟
    چيو وڃي ٿو ته ڪيئي صديون اڳ جپسين جو هڪ وڏو تعداد رومانيا ۾ وڃي آباد ٿيو هو، جنهن ڪري کين روماني يا روما به چيو ويو، پر دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ کين جپسي ئي سڏيو وڃي ٿو ۽ دنيا ۾ سندن مجموعي آبادي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي. رومانيا ۾ هر سال هنن لاڏائو جپسين جو هڪ ميلو به لڳي ٿو، جنهن ۾ هو پنهنجين نياڻين کي وڪرو به ڪن ٿا. سنڌ جي ڪجهه قبيلن ۾ به نياڻين کي وڪرو ڪرڻ جي روايت موجود رهي آهي ۽ ان روايت تي سنڌيءَ ۾ جمال ابڙي جي مشهور ڪهاڻي ”پيراڻي“ ۾ پڻ لاڏائو قبيلي جي هڪ فرد کي پنهنجي نياڻي وڪرو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
    يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ جپسي ماڻهو پيٽ گذر لاءِ ثقافت سان لاڳاپيل هٿ جي هنرن جهڙا ڪم به ڪن ٿا ته ڪجهه جپسي گهورڙيا به آهن، پر صدين کان وٺي اڄ تائين ڪيترن جپسين جي روزگار جو ذريعو ناچ گانو ئي آهي ۽ ناچ گاني جي ڌنڌي سان واڳيل جپسين کي سندن سماج ۾ مٿانهون درجو مليل آهي. ڪيترائي جپسي فنڪار راڳ ۽ موسيقيءَ جي دنيا ۾ اڄ اهم حيثيت جا مالڪ آهن ، جن يورپ ۽ آمريڪا ۾ نالو به ڪمايو آهي ته ناڻو به .
    جيتوڻيڪ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ ڪي جپسي ٿانيڪي زندگي (setteled life) به گذارين ٿا، پر اڄ به اڪثر جپسي ڪنهن هڪ جاءِ تي گهر گهاٽ ٺاهي نٿا رهن ۽ لاڏائو قبيلن واري زندگي گذارين ٿا. لاڏائو هئڻ جي باوجود ڪيترائي جپسي گهرن جهڙي آرام واري زندگي به گذارين ٿا ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ انهن کي لڏو کڻڻ ۾ دير به نٿي لڳي، ڇو ته حيثيت مطابق ڪن جپسين جا گهر وڏن وڏن ٽريلرس ۾ به ٺهيل آهن. اهڙا ئي وڏا ٽريلر، جيڪي سنڌ ۾ اسان کي سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي پنجاب، افغانستان توڙي ٻين ملڪن ڏانهن سامان کڻي ويندي نظر اچن ٿا. جپسين جي ٽريلرس ۾ ٺهيل اهڙن گهرن ۾ بيڊ روم ۽ ڊرائنگ روم جهڙين سهولتن سان گڏ ايئرڪنڊيشنر، فرج، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، موبائل فون ۽ ٽيليويزن جهڙيون شيون به هجن ٿيون. ڪجهه گهٽ حيثيت وارن جا گهر ننڍن ٽريلرس ۾ به آهن ته غريب جپسين جا سندن حيثيت مطابق اڃا به سادا سودا ۽ ننڍا آهن، جن کي هو گهوڙن وسيلي به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪندا ۽ سفر ڪندا رهن ٿا. اهي جنهن به شهر يا ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ وڃي بيهن ٿا، اتي ”جهنگل ۾ منگل“ ٿيو وڃي ۽ ناچ گاني جون محفلون مچي وڃن ٿيون.
    شروع ۾ مون هڪ نج ٿري ڇوڪريءَ ۽ يورپ جي هڪ جپسي ڇوڪريءَ جي ناچ ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪنهن ٻئي معمولي فرق کان سواءِ ڪو فرق هو ، ته اُهو فقط اِهو هو ته، ٿري ڇوڪري ٻٻر جي وڻ هيٺان واريءَ تي نچي رهي هئي ۽ فقط هڪ ننڍڙو ٿري نينگر طبلو وڄائي رهيو هو، جڏهن ته اها جپسي ڇوڪري يورپ جي ڪنهن نائيٽ ڪلب ۾ ، ڊاسنگ فلور تي فل آرڪسٽرا سان رنگن ۽ روشنين وچ ۾ ڊانس ڪري رهي هئي ، تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ فقط ڳالهائجندڙ ٻولين ۾ ڪجهه لفظن جي هڪجهڙائي ، توڙي رنگ روپ ۽ شڪل شبيهه ۾ يڪسانيت به ڪنهن گروهه لاءِ، ، ڪنهن قوم سان تعلق جون سئو سيڪڙو يقيني ثابتيون ناهن، پر ان سان گڏ ريتن رسمن ، لوڪ ناچ، لوڪ موسيقي ۽ خاص طور تي لوڪ گيتن جي هڪجهڙائيءَ جهڙا عنصر به ان سلسلي ۾ بيحد مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ان ڪري اسان جي محققن کي ان حوالي سان به تحقيق ڪرڻ گهرجي ، تڏهن ئي اها ڳالهه واضح ٿي سگهندي ته جپسي پنهنجي اصل نسل (origin) ۾ ڪيتري حد تائين سنڌي آهن يا سندن ڪهڙي گروهه جو تعلق سنڌ سان آهي ، ڇوته انهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهي سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن مان لڏي ويل آهن .
    جپسي سنگيت جي سنڌي بنياد جو مختصر ذڪر ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به ڪيو آهي ، پر جيڪڏهن انهيءَ حوالي سان وڌيڪ تفصيل سان مُدلل تحقيق ڪئي وڃي ، ۽ جپسي ۽ سنڌي موسيقي ، لوڪ گيتن ۽ لوڪ ناچ ۾ خيال ۽ فڪر جي ڪا هڪجهڙائي ملي ٿي ته اها اڃا به وڌيڪ پختي ثابتي ٿي سگهي ٿي ، ڇوته لوڪ ادب ۽ فن ۾ تڪڙي تبديلي ناهي ايندي . لوڪ ادب ۽ فن ۾ خيال جي اصلوڪي صورت ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ساڳئي موجود رهندي آهي . جيڪڏهن ائين نه هجي ها ، ته هزار سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ، اسان کي اسپين ۽ سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ م هڪجهڙائي نه ملي سگهي ها. (ٿورو وڌايل ۽ سڌاريل )

    (روزانه ”ڪاوش“ 19 جولاءِ 2011ع)


    رومانيا جي جپسين جا سنڌين وارا شوق

    رومانيا جي جپسين جا سنڌين وارا شوق

    پروفيسر محبوب علي شاھه
    ____

    ڪاوش جي 19 جولاءِ 2011ع واري شماري ۾ جپسين بابت زيب سنڌيءَ جو مضمون نظر مان گذريو، جنهن ۾ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ جپسي ماڻهن بابت لکيو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾جپسي (لاڏائو) ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد رومانيا ۾ وڃي آباد ٿيو، جنهنڪري کين روماني به چيو ويو. مونکي چار سال 1976-80ع شماريات ۾ پي ايڇ ڊي جي سلسلي ۾ بخارسٽ (رومانيا) ۾ رهڻو پيو. انهيءَ عرصي ۾ مون جپسين کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. انهن ڏينهن ۾ اتي جاجپسي انڊين فلمون شري 420، هاٿي ميري ساٿي، ڪٽي پتنگ وغيره گهڻي شوق سان ڏسندا هئا ۽ فلم جو هر شو هائوس فل ويندو هو. هر هڪ جپسي مرد توڙي عورت هڪ انڊين فلم گهڻا دفعا ڏسندو هو. گهڻو ڪري ٽيپ رڪارڊر گڏ کڻي ايندا هئا، زبان سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئن، ان جو ترجمو اسڪرين تي ايندو هو پر فلمن جا گانا رڪارڊ ڪري زور سان وڄائيندا ۽ خوش ٿيندا هئا. راجڪپور ۽ نرگس سندن پسنديده اداڪار هئا.
    مون ڪن جپسين کي سنڌي موسيقي ٻڌائي، جيڪا انهن کي تمام گهڻو وڻي ۽ انهن کي سنڌ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق جاڳيو. خاص ڪري عابده پروين، استاد ابراهيم ۽ استاد جمن جا گانا هنن کي ڏاڍا وڻيا.
    جپسي پڙهائيءَ کان گهڻو پري هوندا آهن، اهي ننڍڙو ڪاروبار يا ننڍي نوڪري ڪارخانن وغيره ۾ ڪم ڪندا آهن. اتي ڪارخانن جون ٽي شفٽون هلنديون آهن ۽ گهڻو ڪري رات واري شفٽ ۾ ، سخت سرديءَ ۾ جڏهن برف پئي پوندي هئي، مون کين ڪم تي ويندي ڏٺو.
    جپسي سنڌين وانگر تمام مهمان نواز آهن، سندن گَهرَ ٻاهران تمام سادا، گهڻو ڪري انگور جي ولين سان ڍڪيل پر اندر تمام سينگاريل آهن. رومانيا جا جپسي شروع ۾ ٿورا رُکا لڳندا آهن ، پر پوءِ جڏهن ساڻن واقفيت ٿي ويندي آهي، ته ڏاڍا فري ٿي ويندا آهن. کائڻ پيئڻ جا تمام شوقين آهن ۽ پگهار ملڻ جي پهرين ڏينهن اڌ پگهار کائڻ پيئڻ تي خرچ ڪري ڇڏيندا آهن. گهر ۾ انگور مان شراب ٺاهيندا هئا، جنهن کي سئويڪا چوندا ۽ ڏاڍي شوق سان پيئندا هئا. مسافر کي مسافر ۽ کنڊ کي زهر چوندا هئا. جپسي بيضن ۽ پٽاٽن مان تمام گهڻن قسمن جا کاڌا ٺاهيندا آهن .
    رومانيا جي جپسين جو رنگ سنڌين جهڙو ۽ بدن جي بيهڪ به سنڌين وانگر ئي آهي. سندن شادين ۾ به سنڌين وانگر مايون ڳائينديون آهن ۽ پنهنجن بهادرن ۽ سورمن جا قصا به ٻڌائينديون آهن. جپسي عورتن جو لباس ڍلو چولو ۽ شلوار آهي. ٻهراڙيءَ جا جپسي پنهنجي خاندان سان، مال لاءِ گاهه جي تلاش ۾ سفر ڪندا رهندا آهن. رومانيا جا جپسي پاڪستان ۽ انڊيا مان جيڪي شاگرد ايندا آهن، انهن کي به جپسي ئي سمجهندا آهن.

    (روزانه ”ڪاوش“ 2 ــ آگسٽ 2011ع)


    جپسي

    جپسي
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    ____

    جِپسي (Gypsy): ايران جي مشهور شاعر فردوسي، شاهنامي ۾ لکيو آهي ته ايران جي شاهه بهرام گور، اتر هندستان جي ان وقت جي راجا شنگل کي عرض ڪيو ته ايران جي قومي جلسي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ويهه هزار ڳائڻا موڪليا وڃن. انهيءَ تي راجا مشهور ڳائڻا ايران موڪلي ڏنا. انهن ڳائڻن جي راڳ ايران جي شاهه کي اهڙو ته موهي ڇڏيو، جو کين ايران ۾ رهڻ لاءِ مفت ۾ زمينون، ڍڳا، اناج وغيره ڏنائين، پر جيئن ته ڳائڻا ٻني ٻاري کان اڻ ڄاڻ ۽ خانه بدوش قبيلن مان هئا، تنهن ڪري اهي مصر ڏانهن هليا ويا، جتان يورپ ۾ پکڙجي ويا. جپسي قوم بابت هڪ ڏند ڪٿا هيءَ به آهي ته اهي هند ۾ رهندا هئا، سڪندر اعظم کين پاڻ سان وٺي ويو، جيڪي ايران ۾ ئي رهيا، پوءِ هڪ هنڌ ٿانيڪا ٿي نه ويٺا ۽ خانه بدوش ئي رهيا. جپسي لوڪن ۾ اڄ به نه فقط ڪيتريون رسمون ساڳيون آهن، پر ٻوليءَ جا گهڻا لفظ به ساڳيا آهن، اهي ٻوليءَ ۾ جيئن ته ڇُري، بال (وار) ڪَن، نڪ، ڪارو، راءِ، بڊو(وڏو)، ٿانءُ، ماس، پاني(پاڻي، بڙهو (پوڙهو)، چوري، رات، رتُ، تون، سچو، ساري رات وغيره جهڙا لفظ استعمال ڪن ٿا، ان ڪري انهن لفظن مان ظاهر آهي ته جپسين جو گهڻي قدر لاڳاپو سنڌ سان هو. يورپ جي ڪن حصن ۾ هو پاڻ کي ’زنگلي‘ ته ڪٿي ’روسي‘ ته ڪٿي وري ’سنتي‘ سڏائيندا آهن. سنتي لفظ مان ظاهر آهي ته هو سنڌي آهن. لسانيات جي ماهرن ان لفظ جو رشتو سنڌيءَ سان جوڙيو آهي. مشهور يوناني مورخ ڄاڻايو آهي ته: ”سنڌي نالي هڪڙي هندي قوم ڪاري سمنڊ جي ويجهو رهندي هئي، اهو زمانو عيسوي سنه کان ڇهه سئو ورهيه اڳ جو آهي“، چمن لال به لکيو آهي ته: ”پنجاب جي هڪ ايراضيءَ ۾ ’چنگر‘ نالي هڪ پٺتي پيل قوم رهندي هئي، جيڪا سنڌوئي جو هڪ جزو آهي، جن جي ٻولي سنڌيءَ سان واسطو رکندڙ آهي. اها ئي قوم ايران جي اندرين ايراضين تائين ڏسجي ٿي.“ جپسي ٻوليءَ ۾ ايراني ۽ آرمينيا جي ٻولين جا اثر به آهن، جيڪي ڏيکارين ٿا ته هو ڪجهه وقت انهن ايراضين ۾ ضرور رهيا آهن. ايران ۾ جڏهن ساساني حڪمرانن جو راڄ هو، تڏهن ئي هو شايد هند مان لڏي ايران ۾ وڃي رهيا هوندا. هنن پوءِ فرات نديءَ جي ڏاکڻي حصي ۾ ڊاٻو ڪيو ۽ عربن سان گڏجي ملڪن کي فتح ڪرڻ ۾ سندن ساٿ ڏنو، پر عباسي خليفي مامون الرشيد جي موت کان پوءِ هنن ان ملڪ کي ڇڏي ڏنو. آرمينيا مان ٿي هو سيريا (شام) منجهان لنگهي وڃي اتر آفريڪا ۾ پهتا. اتان وري هو ڪجهه يورپ ڏانهن ڦهلجي ويا. سندن نرالين رسمن جي ڪري ملڪ ۾ مٿن ظلم ڪيو ويندو هو. ڪن هنڌن تي ته کين ناس ڪرڻ لاءِ قدم به کنيا ويا، جيئن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ خود جرمنيءَ جي حاڪم هٽلر کين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ظلم ستم جي باوجود اهي زنده سلامت رهيا ۽ پنهنجي وجود کي قائم رکيو اچن.
    جپسي ڳائڻ وڄائڻ ۾ ماهر آهن، انهيءَ ڪري هر هنڌ کين مان پئي مليو. روس جي هڪ راڻي ’ڪئٿرائين‘ ته کين رهڻ لاءِ سرڪاري زمين ڏئي ڇڏي هئي. هن وقت رومانيا، هنگري بلغاريا ۽ چيڪوسلواڪيا ۾ ’جپسي‘ گهڻي تعداد ۾ رهيل آهن. سنڌي قوم لاءِ مشهور آهي ته هوءَ ڳائڻ وڄائڻ ۾ هوشيار آهي. اٺين صدي عيسويءَ جي هڪ جين آچاريه اديوتن پنهنجي ’ڪوليه مالا ڪٿا‘ ۾ سنڌين لاءِ صاف لکيو آهي ته اهي ڳائيندڙ ۽ مرڪندڙ ماڻهو آهن، جپسين کي پنهنجي اصل نسل جو پورو پتو ڪونهي، پر گهڻن کي اهو يقين آهي ته سندن ابا ڏاڏا هند جا ئي رهاڪو هئا، سندن هڪ راجا جو نالو ’زنديلو‘ چيو وڃي ٿو (زندو= سنڌو). جپسي (Gypsy) لفظ مٿن ڪنهن وقت مصر (Egypt) ۾ رهڻ سبب پيو.

    (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون ، صفحو 465 ،
    سنڌي لينگويج اٿارٽي ، حيدرآباد ، ڇاپو پهريون ، 2011ع )


    پير اڃا مون پنڌ ۾

    سِنٽي Sinti يا سنڌي (يورپي) جپسي

    سِنٽي Sinti يا سنڌي (يورپي) جپسي

    گل محمد عُمراڻي
    ___
    خانه بدوش قبيلا عرف جپسي (Gypsy) اصل ۾ ڪير آهن؟ هي اصطلاح عالم الانسان جي تحقيقي کيتر ۾ عام طور تي يورپي nomadic وڻجارن جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جنهن جي Gipsy, “Spelling” به هاڻ مستعمل ۽ مروج آهي. هنن کي روماني (Romany) ۽ روم لوڪ (Rom) به چئبو آهي. هي رولاڪ اصل ۾ ڪير آهن؟ تلاش ڪبي ته انهن تي علمي روشني انسائيڪلو پيڊيا برٽنيڪا (Encyclopedia Brittanica) هن ريت، سندس جُلد 5 ۽ صفحي 593 تي وجهي ٿو، ”هيءُ ڪاري رنگ وارا Canucasoid (ڪوهه قافي نسل وارا ماڻهو آهن ) اهو آهي علم الانسان جو هڪ اصطلاح. هي رولاڪ لوڪ جيڪي جيڪي اصل ۾ ته اتر هندستان جا آهن، پر صدين کان هاڻ هن جديد دور ۾ سڄي دنيا ۾ رهن ٿا، خاص ڪري يورپ کنڊ ۾ جتي ٽيهه لک کن آهن. هي خانه بدوش جپسي عام طرح سان هڪ مخصوص ٻولي ڳالهائين ٿا، جنهن کي روماني (Romany) چئبو آهي، جيڪا وري جديد هند يورپي (Indo-European) ٻولين جي هندي (Indic) سٿ سان تعلق رکي ٿي ، جيڪي ٻوليون هاڻ اتر هندستان ، پاڪستان ، افغانستان ۽ ايران ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون.
    روماني Romany زبان سان گڏوگڏ (جيڪا هُنن جي مادري ٻولي آهي)، جپسي لوڪ سڄي يورپ جي هر انهي ملڪ جي زبان به رواني سان ڳالهائين ٿا جتي هو رهن ٿا.
    هم عصر علم انسان (Anthropology) جا ڄاڻو هن ڳالهه تي متفق آهن ته هيءَ هند يورپي جپسي (خانه بدوش قبيلا) مسلسل لڏپلاڻ (migration) اصل ۾ هندستان کان ئي ڪندا رهيا آهن. 11 صدي عيسوي ۾ هي لوڪ ايران ۾ ترسيل هئا ۽ 14 صدي عيسوي ۾ هي ڏکڻ اوڀر يورپ تائين پهچي چڪا هئا ۽ وري 15 صدي عيسوي ۾ هنن جو مسڪن (گهر گهاٽ) مغربي يورپ هئو. 20 صدي جي آخري اڌ تائين اهي رولاڪ جپسي لوڪ ڪَهندا ڪَهندا وڃي اتر، ڏکڻ آمريڪا ۽ آسٽريليا تائين پهچي ويا هئا! اها آهي انهن جي مختصر ڪهاڻي. اهي جنم جنم جا وڻجارا جپسي لوڪ پنهنجو پاڻ کي هڪڙي ئي خاص Generic word (ڌاتو لفظ) سان متعارف ڪرائيندا آهن. اهو لفظ آهي روم (Rom) جنهن جي معنيٰ سندن مادري ٻولي يا عام فهم جپسي ڀاشا ۾ آهي مُڙس يا ماڻهو ، يعني هو پاڻ کي مڙس ماڻهو سڏرائڻ پسند ڪن ٿا. (آهي نه سنڌين واري خاصيت !) ۽ غير جپسين (Non-Gypsies) کي سڏين ٿا گاجي (Gadje) جنهن مطلب آهي ڇَسو ، ڀوڪ بصر يا وحشي (Barbarian) خانه بدوشيءَ واري زندگي ۽ جيوت جي ڪري هو ڪڏهن ڪنهن به آدمشماري ۾ سرڪاري طرح ڳڻپ ۾ آيائي ناهن. پر تنهن هوندي به، هڪ محتاط اندازي موجب سندن تعداد هينئر دنيا ۾ چاليهن کان پنجاهه لکن جي لڳ ڀڳ آهي. اهو تعداد سڄي دنيا جي شماريات (Survey) موجب آهي، پر ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ اصل ڪونه ٿيندو ته هنن جي غالب اڪثريت هاڻي به ڏکڻ ۽ وچ يورپ ۾ رهي ٿي. آمريڪا (ڏکڻ ۽ اتر) ڏانهن به پهتل آهن.Social Science عرف سماجي علمن جي قاعدن مطابق غيرآباد قبيلا (unsettled tribes) جن جو گهر گهاٽ نه آهي ۽ جيڪي آباد شهري ۽ ديهي علائقن جي ويجها رهن ٿا، اهي ازل کان ئي هر قسم جي الزامن هيٺ ايندا رهن ٿا. 15 صدي کان وٺي هنن تي چوري چڪاريءَ ، ٻارن کي کڻڻ، ڪارو جادو ڪرڻ ۽ ٽوڻو ڦيڻو ڪرڻ ، مطلب ته هر قسم جي سماجي ڏوهن جا بهتان لڳندا رهيا آهن ، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ته سچا به هوندا آهن، پر عموماً انهن کي قربانيءَ جو ٻڪر (Scapegoat) بڻايو ويندو آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته هنن جي خانه بدوشيءَ جا ٻه مکيه ڪارڻ يورپي گورن ماڻهن جي نسل پرستي ۽ ڪٽر مذهبي اڻسهپ آهن. هنن جي مٿان زوري ڏيهه نيڪالي جو قديم ڪارو قانون ته مسلسل ئي لڳندو رهيو آهي ، جنهن کي هاڻ ڏيهه نيڪالي (Banishment) چئبو آهي .
    جيتوڻيڪ نسلي طرح سنڌي يورپي ، جپسي پاڻ آريائي نسل جا آهن پر سندن سانوري رنگ جي ڪري ، نازي جرمني ۾ هٽلر شاهيءَ جي نسل پرست فاشي ٽئين شهنشاهيت ۾ چار لک جپسي بشمول ڇهه لک يهودين جي عقوبتي ڪئمپن ۾ نيست و نابود ڪري ڇڏيا. انهن مظلومن جو ڪو به داد فرياد ڪڏهن ڪونه ٿيو. اسرائيل ته وري به نيور مبرگ جنگي مقدمن م نازي فاشي اعليٰ جنرلن ۽ ڪاردارن کي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙاهيو پر هنن مظلوم جپسين يا سنڌي ڀائرن جي لاءِ داد فرياد ڪرڻ وارو ڪير به ڪونه هو ۽ نه ئي آهي. پاڻ وٽ ايترو احساس هاڻ به ڪونهي ته اهي خانه بدوش وڻجارا پنهنجا وڇڙيل وڏا آهن يا ڪنهن وقت هوندا. افسسوس! سماج وادي يورپ جا اديب ۽ سڄاڻ دانشور هنن لاءِ مسلسل لکندا رهيا آهن پر اهي 1990ع کان پوءِ به هاڻي ته ٿورائيءَ ۾ وڃي بچيا آهن ، جيڪي هند شناسي يا جپسي اڀياس جا مرڪز هلائين ٿا. فرانس جا ڪارا قانون، جپسي قبيلن کي شهرن جي ڀرسان ڪئمپون هڻن کان منع ٿا ڪن ۽ کين باقاعده پوليس ٿاڻن تي رپورٽ ڪرڻ لاءِ پابند به ڪن ٿا. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ هنن تي ڳرا ٽيڪس به لڳا ۽ کين زوريءَ فوج ۾ جنگ وڙهڻ لاءِ ڀرتي به ڪيو ويو ، جتان هزارين جپسي وري نه موٽيا.
    يورپ ۾ فقط ٻه ملڪ اهڙا آهن جتي جپسي هاڻي پوري طرح کپ کوڙي آباد ٿي چڪا آهن ، اهي ملڪ آهن اسپين ۽ ويلس1990ع کان اڳ مشرقي يورپ جي سماجوادي ملڪن هنن کي قانوني طرح سان پاڻ وٽ جذب ڪرڻ جون چڱيون ڪوششون ورتيون پر ڪٿي ٿا خانه بدوش هڪ جاءِ جا ٿين؟ هڪ جاءِ تي رهن ها ته هنن کي جپسي (لڏو لٺ تي) ڇو چون ها !
    هڪ دلچسپ سماجي رسم جيڪا هنن ۾ اڃان تائين هلندي اچي ، اها آهي مائٽن جي طرفانن رٿيل شادي ۽ گهوٽين طرفان ڪنواريتن کي رقم ڏيڻ. آهي نه مخصوص هندستاني (ديسي) رسم! روايتي طور تي جپسين ڌنڌو ڌاڙي به اهڙو رکيو آهي جيئن هو هميشھ سرگردان ۽ سفر ۾ رهن ٿا ، يعني ڪارواني زندگي گذارين ٿا. شروع شروع ۾ ڳئون، رڍون، ٻڪريون پاليندا هئا ۽ انهن جو وڻج واپار ڪندا هئا. مال جي پالنا ڪندا هئا ۽ پڙيون لڳائيندا هئا. جست جي ٿاون جي قلعي ڪرڻ ۽ باسڻ وڪڻڻ، عورتون ۽ مرد ڳائڻ وڄائڻ ، نچڻ ، جادوئي ڪرتب ڏيکارڻ ، ٺينگ ٽپا ڏيڻ ، خير خيرات پنڻ ، عورتن طرفان هٿ ڏسڻ، شيشي جي گولن کي تڪي قسمت جا حال احوال ٻڌائڻ، فالون ، زائچا ۽ رمل ڪڍڻ، نقلي طاقت جا شربت ٺاهي وڪڻن ۽ وندر ورونهه جا کيڏ تماشا ڏيکارڻ جا ماهر هوندا هئا ۽ آهن. توهان ڏسندئو ته اهي سڀ ڪرتون ۽ ڪم هتي برصغير هندستان ۽ پاڪستان ۾ اڃا تائين وڻجارا ڪن پيا. ويٽرينري سرجري جي سائنسي هُنر جي شروعات کان اڳ جپسي ڀاڳين کان ، يورپي گورا پنهنجن جانورن جي بيمارين ۽ علاج متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍي وٽن ايندا هئا. ٽٽل ٿاون ، خاص طور تي جست ۽ ٽامي جي ديڳڙن ديڳڙين جي مرمت ڪرڻ جا به هيءَ اصل وڏا ماهر آهن.
    اهي سڀ ڳالهيون 19 صدي تائين جپسي ڪلچر ۾ شامل هيون. بلڪ گهڻي قدر هلنديون اچن. هاڻ 21 صديءَ ۾ جپسي وڏين وينن ، ٽريلرز (Trailers) ۽ ٽرڪن ۾ پنهنجو اسباب رکيو گهمندا وتن ۽ انهن قافلن کي ڪاروان چون. اڳ گهوڙا ۽ خچر هنن جا وهٽ هوندا هئا، هاڻي وڏيون طاقتور موٽرون ۽ وئنون هنن جي ڪارروانن کي سڄي يورپ ۾ گهمائينديون وتن. اڃان به گڏيل ڪٽنبن ۾ گڏجي رهن ٿا ۽ پيءُ پٽ شادي کان پوءِ به ساڳئي چئن ڦيٿن واري وئن ۾ گڏ رهن ٿا.
    هنن جي قبائلي ورڇ ۽ بيهڪ به پنهنجن اصلي پرڳڻن، ماڳن مڪانن ۽ زبانن جي بنياد تي آهي. جپسي علمن جو اڀياس ڪندڙن هنن کي ٽن خاص گروپن يا گرون ۾ ورهائين ٿا.

    (1) ڪلدراش (Kalderash)
    هي اصلي لوهارڪو ڪم ڪندڙ قبيلو آهي. جيڪي بلقان ۽ پوءِ اتان وري وچ يورپ کان ٿيندا آيا آهن. هي اڄ ڪلهه يورپ م گهڻائيءَ ۾ آهن.

    (2) گٽانوز
    هي اصل فرينچ لفظ (Gitans) کان ماخوذ يا ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي هڪ وڏو قبيلائي گروهه. هي پورچوگال، اسپين، اتر آفريقا ۽ ڏکڻ فرانس ۾ گهڻي تعداد ۾ قيام پذير آهن ۽ ڪلا ۽ آرٽس ، راڳ رنگ (Entertainment) جا وڏا ماهر آهن.

    (3) مانوش (Manouches)
    فرينچ ۾ هنن کي سنٽي (Sinti) به چون ٿا، جيڪو اصل ۾ لفظ سنڌي (Sindhi) آهي. هي بازيگرن (Travelling Showman) ۽ سرڪس ۾ ڪم ڪندڙ، ڪرتب بازن جي قوم آهي.
    اهي آهن پنهنجا سنڌي وڻجارا جيڪي 15 صدي عيسوي ۾ (600 سال اڳ) سنڌ مان سفر ڪري ايران ۽ اليسس (Alsace) ۽ جرمني ۾ اچي رهيا. لفظ Sintiجيئن اڳ ۾ بيان يل آهي ، دراصل لفط Sindhiجو بگڙيل يورپي روپ آهي. Wikipedia ۾ لکيل ته هي بنجارا يا وڻجارا پاڻ پنهنجي شناخت ايئن ڪرائين ٿا ته هو اصل م سنڌ کان لڏي آيل آهن. جيتوڻيڪ انيڪ اسڪالر، ان دعويٰ سان پوري طرح سهمت ناهن، هو انهن کي راجسٿاني، ملتاني ۽ پنجابي بلڪ هندستاني اصل نسل مڃن ٿا ، پر لفظ Sinti بذات خود وڏو دليل آهي ته اصل لفظ Sindhi آهي.
    سنٽي (Sinti) جرمني ۽ آسٽريا ۾ 15 صدي جي آخر م وارد ٿيا. ساڳي وڪي پيڊيا هنن جي آمد جي تاريخ قبل از 1540ع ٻڌائي ٿي. هنن سان روما (Roma)جپسين جيان (Holocaust) جرمن نسل ڪشيءَ جي جنون ۾ تمام گهڻا ڪلور ٿيا. جيتوڻيڪ هو 16 صدي تائين پوري طرح عيسائيت قبول ڪري چڪا هئا ، ته به هنن کي عام طرح شڪ جي نظرن سان ڏٺو ويندو هو ۽ هنن تي گداگري ۽ چوري چڪاريءَ جي تهمت لڳندي رهندي هئي. 1899ع تائين هر پوليس ٿاڻي تي هنن لاءِ ڏوهاري قبيلن Criminal Tribes)) جو قانون لاڳو ڪيل هوندو هو ۽ هنن لاءِ هڪ شاهي عام رجسٽر رکيل هوندو هو ، جتي هو حاضري ڀرائيندا هيا. نازي دور ۾ ايڊولف آئخ مئن (Adolf Eichman) ته هنن جي نسل ڪشيءَ جي مسئلي کي به يهودي مسئلي جيان حل ڪري ڏيکاريو. اهو حل هو زهريلي گئس وسيلي هنن جي ”ڪمتر نسل“ جو خاتمو ڪجي ! جيڪي گئس چئمبرن کان بچيا، انهن کي پولينڊ ۽ يوگو سلوويا ڏانهن ڌڪي ڪڍيو ويو، حالانڪ نسلي طرح هي جپسي پاڻ به آريا (هندستاني) هئا ۽ هٽلر به آريائي نسل پرستيءَ جو وڏو مبلغ هو ۽ هو يهودين کي سامي نسل جو چئي واجب القتل قرار ڏئي چڪو هو. يهودين جي داد فرياد ڪرڻ وارا اينگلو آمريڪي عيسائي سامراجي فاتح ته پيدا ٿيا، پر هنن روما ۽ سنڌي وڻجارن جي داد رسي نه هندستان ڪئي ۽ نه ئي اسان جي سنڌي ڀائرن ڪا اهڙي F.I.R جرمن نسل پرستن تي اڄ تائين ڪٽرائي آهي. سنڌي جپسين موسيقيءَ جي دنيا ۾ وڏو نانءُ ڪمايو آهي، جن م ڪجهه موسيقارن جا نالا آهن جانگو رائن هارٽ (Django Reinhartd), جنهن کي Gypsy Jazz جو ابو سڏيندا آهن ، جيڪو گٽار وڄائيندڙ آهي. ٻيا به گهڻا جاز موسيقيءَ جا ماهر سنڌي جپسي آهن، جن ۾ قابل ذڪر آهن، ڊرافي ڊوشر (Drofi Deutscher) جمي روزنبرگ (Jimmy Rosenberg) ۽ پالس شيفر (Palus Schafer) .
    اصل ۾ لفظ (Gypsy) بذات خود هڪ وڏي لساني غلط فهمي جو نتيجو آهي. شروع ۾ يورپ جا ماڻهو اهو سمجهندا هئا ته هي ڪارا وڻجارا ۽ خانه بدوش مصر (Egypt) کان آيا آهن ۽ ان ڪري انگريزن هنن کي (Egyptian) سڏيو ، جيڪو بگڙي Gypsy ٿي ويو. فرانس ۾ هنن کي Gitans ۽ اسپين ۾ هنن کي Gitano سڏيو ويو ، پر هنن پنهنجو پاڻ کي Rom سڏرايو، جنهن جو مطلب اڳئي واضح ڪيو ويو آهي روما نسل جو ماڻهو يا مڙس يا مڙس ماڻهو. هنن جي مئونث کي رومني (Romni) سڏيو ويو. Dom (ميراثي) به هنن جهڙو هڪ هندستاني اصل نسل وارو قبيلو آهي.

    هنن روماني جپسين جي ٻولي جو نالو آهي ئي روماني يا روماني جِب (Chib) جيڪو منهنجي خيال مطابق لفط ڄِڀَ جي ئي بگڙيل صورت آهي. اتي ئي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي هي همراهه اصل ۾ زبان ڪهڙي ڳالهائيندا هئا ۽ زبان کي ڄڀ چوڻ وارا سنڌي ئي ٿي سگهن ٿا. هوئن به زبان ۽ ڄڀ ۾ ڪهڙو فرق آهي ! اردو/هندي ۾ زبان جو مطلب ئي ڄڀ آهي. هاڻي هنن جي روماني ”جڀ“ (زبان) جو 7 شڪيلون يا قسم آهن. جن مان هڪ (Sinti) سنڌي ـــ روماني آهي ، جنهن کي هاڻي ٽي لک ماڻهو يورپ ۾ ڳالهائين ٿا. هي واحد هند آريائي ٻولي آهي ، جيڪا هندستان پاڪستان کان ٻاهر پلجي وڌي ٿي آهي ، ان ڪري ان کي New Indo_Aryan ٻولي چون ٿا. هندستان کان ٻاهر اچڻ کان پوءِ هن تي بلقاني ۽ يوناني ٻولين جو تمام گهڻو اثر ٿيو آهي. هاڻي ته جنهن ملڪ ۾ جپسي (روما) رهن ٿا ,اتي جي زبانن جو زبردست تاثير سندن مادري ٻولي روما ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. دوم (Dom) ۽ لوم (Lom) به روماني قبيلن سان گڏ آيل ڏسجن ٿا ۽ انهن جي تاريخي ورثي ۾ موسيقي، شاعري ۽ نرت ڪلا شامل آهن. اڳ علم انسان جا ماهر ڊوم ۽ روماني جپسين کي هڪ ئي قبيلي جون ٻه مختلف نُکون سمجهندا هئا ، پر ويجهڙائيءَ ۾ تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ڊوم لوڪ هندستان کان تقريباً ڇهين صدي عيسويءَ ۾ لڏپلاڻ ڪري وچ مشرق، اتر آفريقا، ايران ۽ ترڪي ۾ وڃي رهيا. اهڙي طرح هو يورپ وڃڻ بدران وچ مسرق ۽ اتر آفريقا ۾ رهجي ويا. روما لوڪ پوءِ پندرهين صديءَ تائين يورپ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ هاڻي اتي جا مستقل باشندا آهن، پر آهن وري به وڻجارا يعني خانه بدوش.

    جپسي زبان کي روماني ٻولي چوندا آهن. طبعي علم انسان (Physical Anthropologist) جا ماهر هن ٻوليءَ کي هاڻ پوري وثوق سان، حتمي طرح سان هندستاني اصل جي اها زبان ڪوٺين ٿا، جيڪا پنهنجي نسل يا بڻ بنياد ۾ اتر هند آريائي (Indic) آهي. هن تي گرئرسن (Grierson) جو تاريخي ڪتاب A Linguistic Survey Of India تمام بهترين ۽ بنيادي حوالو آهي ، جنهن جو ترجمو (سنڌي ٻولي وارو حصو) پاڻ وٽ اڳ ئي ٿيل آهي. (ڏسو سنڌي ٻولي اٿارٽي جا مختلف مضمون ۽ گريئرسن وارو جلد.)

    هي روماني ٻولي دنيا جي پنجن ئي کنڊن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا سنڌي ٻولي جي ڌيءَ آهي. افسوس جي اها ڳالهه آهي ته هن ٻوليءَ کي جنهن جا هاڻ مشرقي يورپ ۾ ڳالهائڻ وارا لکن جي تعداد ۾ آهن ، ڪا به سرڪاري مڃتا يا قانوني پذيرائي اڃا تائين ڪونه ملي آهي. حيرت انگيز حقيقت اها آهي ته روماني ٻوليءَ جو مڪمل وياڪرڻ يا گرامربلڪل اتر هندستاني جديد ٻولين سان مشابهت رکي ٿو. روماني Dialects (مختلف لهجا) هاڻي هم عصر ماهر لسانيات فرانزوان مڪلوش (Franzvon Miklosich) مطابق هاڻي 13 آهن ، جيڪي انهن ملڪن جي اثر مقامي زبانن جي هيٺ آهن . اهي زبانون يوناني، رومانئين ، هنگرئين، پولش، روسي، چيڪو سلووڪ، جرمن، فنش، اسڪئينڊينويئن ، اطالوي، سربو، ڪروشيئن، ويلش ۽ اسپئنش آهن .

    اچو ته سندس اکرن (Diction) جي ذخيري تي نظر وجهون, انهي لاءِانسائڪلو پيڊيا برٽينڪا جو حوالو ڏيان ٿو:

    “It is in its vocabulary that Romany best reflects the wanderings of its speakers. The main sources (apart from original Indian stock) are Iranian (Doshman “enemy” from Persion Doshman) Armenian, Greck, Drom “way”) Romanian bolta “shop” from bolta) Hungarian (bino “sin”, from bun) and the Shavic languages glas “voice”, rebniko “pond”, grab “tomb” dosta “enough” ale “but”). Indo-Aryan words include bokh “hunger” from Sindhi/ Hindi. “bhukh” bal “hair”, from Sanskrit/ Sindhi “Vara” “Bala” gelo gone Sindhi/ Sanskrit “wayo” “Gayo”, the past participle of “za” “go” compare Bangali “jawa” “gaelo” and “rat” blood.

    Bibliography:
    1. Encyclopedia Britannica.
    2. Wikipedia
    3. Cöncise Oxford Dictionary
    4. Cambridge History of India.
    5. Peoples History of India
    6. Dictionary of Race,Ethnicity and Culture.
    7. Discovery of India.
    8. Sindh through Centuries.
    9. Sindh Gazetteers.Aitkens,Hughes n Sorley.


    سرحدن کي بي معنيٰ بڻائيندڙ ماڻهو !

    سرحدن کي بي معنيٰ بڻائيندڙ ماڻهو !
    ذوالفقار هاليپوٽو
    ____

    يورپ ۾ هر سال اٺين اپريل تي Roma Day ملهايو ويندو آهي ، جنهن جو مک نعرو هوندو آهي”The Roma hold up a mirror to European Society about its treatment of outsiders“ ايناتوليا (جديد ترڪيءَ) کان آئيرلينڊ تائين منعقد ٿيندڙ ان بين الاقوامي سرگرميءَ جو پس منظر هي آهي ته ، يورپ ۾ انساني حقن تي ڪم ڪندڙ سماجي ۽ سياسي تنظيمون، سنتن، جپسين، گيتانيز، رولاڪن، تسگين، يفتيز، مانوچي ۽ روما سڃاڻپ رکندڙ قبيلن سان اظهار يڪجهتيءَ لاءِ ٻاهر نڪرنديون آهن . سندن چوڻ هوندو آهي ته يورپ ۾ آباد انهن ماڻهن جي حقن، ثقافت، ٻوليءَ ۽ آرٽ جو اقرار ڪري ان کي تحفظ ڏنو وڃي.
    روما انساني حقن جو سرگرم ڪارڪن ديميتبر گارجيف جو چوڻ آهي ته ”The World Roma Day Units Europe as aria and is a remnant of this connection“
    روما جنهن کي يورپ ۾ Romana/Romany به لکيو، پڙهيو ۽ سڏيو وڃي ٿو، انهن جو ڪهڙو لاڳاپو آهي، هند ـ سنڌ سان ؟ ۽ يورپ ۾ جپسين تي ٿيندڙ تحقيق ۾ کين ڇو ڳنڍيو ويو آهي برصغير سان ؟ ان بابت ڪيترائي ڪتاب موجود آهن ۽ محقق متفق آهن ، ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ (ٻاهران اچي آباد ٿيندڙ ) سنت ، جن کي انگريزيءَ جپسي سڏين ٿا. سي هندستان کان رلندا پندا يورپ ۽ آمريڪا پهتا.
    جپسيز جو موضوع جيترو دلچسپ آهي اوترو ئي متنازعه ۽ مختلف خيالَ رکندڙ آهي. اها خبر اڄ تائين نه پئجي سگهي آهي ته پهريون جپسي ڪهڙي دؤر ۾ ڪهڙي وقت تي ۽ ڪهڙي هنڌان ڪٿي وڃي آباد ٿيو، پر ان موضوع تي مسلسل ڪم ڪندڙ ۽ موجوده جپسيز سان انٽرويوز ۽ فوڪس گروپ ريسرچ ذريعي گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيل آهي ته جپسي سنڌ ۽ هنڌ کان تڙجي آيل رولاڪ آهن.
    يورپ پهتل جپسيز بابت يورپ ۾ ٿيل ريسرچ جو هر رخ چوي ٿو ته جنهن دؤر ۾ جپسيز هت پهتا ته يورپ اونداهين دؤر ۾ ڦاٿل هو، جنهن کي تاريخ جو اونداهو دؤر چئجي ٿو. جپسيز پنهنجي مخصوص ۽ منفرد اسٽائل، ميوزڪ، آرٽ فنون لطيفه جي ٻين گُرن ۽ مهارت ڪري ماڻهن کي متاثر ڪرڻ لڳا.
    چرچ جي هڪ هٽي هئي، گهرن کان دربدري، بي يارومددگار هن قبيلي کي پادرين پنهنجي لاءِ زبردست گمراهي تصور ڪيو ۽ کين عيسائيت ۾ ڦاسايو ويو. پوپ مارٽن ڇهين جي دؤر ۾ ان جو سلسلو تمام وڌيو.
    Ejected from their home land (پنهنجي وطن کان تڙجي ويل ) جو خطاب مليل هيءَ برادري يورپي لارڊز- ڊيوڪز (شهزادن) ڪائونٽس ۽ ارلز (يعني چڱن مڙسن ۽ اثرائتن اُمرائن ) وٽ وندر جو سامان بڻيا. جيئن جيئن دنيا اندر بنيادي انساني حقن ۽ سياسي تبديلين جي سرگرمين، تحريڪن ۾ انقلابن ڪَــُر کنيو ، ته جتي ٻين انسانن جي معاملي تي بحث وڌيا، اتي جپسين بابت به تحقيق جا در کليا ۽ يورپ ۾ هن آباديءَ جي انساني حقن تي به بحث شروع ٿي ويا.
    پهرين مستند تحقيق چوي ٿي ته چند سون تي ٻڌل پهريون باضابطا جپسي لڏو 1417ع ۾ گڏيل جرمنيءَ پهتو هو. ان دور جي رومن امپائر جي ڌڻي سگمنڊ ۽ هنگري ۽ بوهيميا جي بادشاهن کين ڀليڪار ڪيو. برطانوي بادشاه چارلس iv جي پُٽَ کين ڪپڙا، لٽا، تحفا ۽ بيو سامان گفٽ ڪيو.
    هي دؤر يورپي دنيا جي تاريخ جو شاندار ، ۽ سگهاري سماجي ۽ سياسي تحريڪن جو دور هو، جڏهن يورپ سلطنت عثمانيه کان الڳ ٿي پنهنجي جداگانه تشخص لاءِ وڙهي رهيو هو ۽ چارلس چوڏهين ۽ رومن امپائر جا شهزادا گڏيل فوجون کڻي 1396ع ۾ سلطنت عثمانيه کي الوداع چوڻ جي جنگ جوٽي رهيا هئا.
    غور سان ڏٺو وڃي ته يورپ ۾ جپسيز جي اچڻ جون تاريخون ۽ دور ۽ وري انهيءَ عرصي ۾ سنڌ اندر سياسي اٿل پٿل جا دور ۽ وري انهن جو تقابلي جائزو وٺجي ، ته جپسيز جي لڏپلاڻ جا سبب ڪافي حد تائين سمجهه ۾ اچڻ جهڙا آهن. هاڻ ان ڳالهه تي به بحث هلندڙ آهي، ته جن جن دورن ۾ جتان جتان جپسيز جي لڏپلاڻ ۽ پوءِ آباديءَ جا ثبوت ملن ٿا، انهن جڳهن تي مقانن، ملڪن ۽ خِطن جي سماجي ۽ سياسي دورن جي تقابلي جائزو وٺجي ، جيئن معلوم ٿي سگهي ته ڪهڙن سبب ۽ دٻاءَ جي ڪري جپسيز لڏپلاڻ جو شڪار بڻيا.
    ڪوهه قاف جي پرين ۽ جنن وانگر سنت جپسين بابت به ديومالائي قصن ۽ ڏند ڪٿائن جون ڪهاڻيون موجود آهن.
    ”رهني ڪو گهر نهين سارا جهان همارا“ مثل جپسي اهڙا آزاد پنڇي چئجن ٿا، جن وٽ سموري ڌرتي، گهر جو اڱڻ ۽ سمورو آسمان مَنگهه آهي، اهڙي ڪشادي ۽ وشال ڇت آهي جو هو ڪنهن به Space Fixing جي حق ۾ نه رهيا آهن. گهر ته گهر هوندو آهي پر 16/12 جي ڪمرن ۽ 6/8 واري سائيز جي وهنجڻ جاين ۽ ڪاڪوسن جي پابنديءَ کان بي نياز جپسين جي دنيا ئي الڳ آهي. انهن وٽ گهر تڙ جو تصور ئي ٻيو آهي. هيءَ جاگرافيائي سرحدن جي پابندين کان آجي ۽ ڪنهن به لساني، فرقه وار سڃاڻپ کان آجي اهڙي قوم آهي ، جنهن سڀ کان پهرين عالمگيريت جو تصور ڏنو. ملڪن جون سرحدون هنن لاءِ بي معنيٰ آهن. ذاتي، گروهي، لساني ۽ نسلي سڃاڻپ هنن لاءِ بي ضرر آهي . نتيجي ۾ جنهن ملڪ ۾ ڏسو، اينٿرايالاجست، سماجي سائنسدان ۽ ثقافتن تي ڪم ڪندڙ ماهر سندن Origin پنهنجو ئي ديس ٻڌائين ٿا. ڇا اهو ڳالهه هنن لاءِ اعزاز ناهي ته کين ڪيتريون ئي سرحدون Own ڪن ٿيون.
    سنڌ جي وڏي محقق ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو خيال آهي ته دنيا ۾ جيڪي جپسي موجود آهن، اهي سنڌ کان روانا ٿيل آهن. اهو خيال پڙهڻ سان ئي ڪجهه بنيادي سوال اڀرندا هوندا ذهنن ۾، پر اهو سنڌ جي ڳالهه ڪري، جنهن جون سرحدون ڪنهن زماني ۾ ڪشمير کان ڪراچي تائين هيون ۽ جنهن برصغير رڳو هند ۽ سنڌ هيا. ڊاڪٽر نبي بخش صاحب جو خيال آهي ته جپسي يا سنتي، سڀ کان اڳ سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) پهتا، پوءِ اهي سنتي اڳيان وڌندا وڌندا وڃي يورپ ۽ دنيا جي ٻين خطن تائين پهتا.
    مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي ته سنڌ جي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار سائين شوڪت حسين شورو پاران 2006ع ۾ ڊائريڪٽر سنڌ الاجي جي حيثيت سان ڊاڪٽر اين بي قاضي صاحب جي ليڪچر جو انتظام ڪيو هو ، جنهن ۾ قاضي صاحب پنهنجي تحقيق جي بنياد تي دليل پيش ڪيا. سندس چوڻ هو ته يورپ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ گهاٽي رنگ يا چمڙيءَ وارا ماڻهو نٿا رهن ۽ اڇي چمڙيءَ واري انهيءَ کنڊ ۾ اوهان کي صدين کان گهري يا گهاٽي رنگ واري آبادي ، سواءِ سنتين يا جپسين جي ڪٿي به نظر نه ايندي ۽ هنن جي گفتگو، لهجي ۽ ٻوليءَ مان سولائيءَ سان اندازو لڳائي سگهبو ته هو هند/سنڌ ۾ ڳالهائجندڙ صوتياتي لهجن سان ٺهڪندڙ آهن. يورپ ۾ اهڙي نسل کي روماني سڏيو ٿو وڃي، جن جي مخصوص سڃاڻپ سندس ڊريس ۽ منفرد ميوزڪ آهي. اهي رولاڪ سنتي ملڪن مٿان ملڪ مٽائيندا، هر ملڪ جي ثقافت، ٻوليائي مزاج ۽ تهذيبي اثر مان ڪجهه نه ڪجهه ساڻ کڻندا، هڪ نئين رنگ کي جوڙيندا وڃي هڪ يونين گروپ جي شڪل اختيار ڪئي آهي.
    هي رولاڪ جتان جتان لنگهيا يا جن جن سرحدن کي پار ڪيائون، اتي کين مختلف نالا ڏنا ويا. جنهن وقت هي ايران ٽپيا ته مقامي ماڻهن سندن ڪرت ۽ ڪم ڏسي کين لذتان (luzistan) جو نالو ڏنو، ميڊيٽيرين سمنڊ ٽپڻ کان اڳ عربي سمنڊ وسيلي يورپ ويندڙ عربن کين زُٿ (Zuth) جو نالو ڏنو. سنڌ ۾ هو جات ۽ ڪولهي طور سڃاتا ٿي ويا. شاهه نامه فردوسيءَ ۾ رولاڪن جي هجرت ڪري آيل جنهن لڏي جو تذڪرو موجود آهي، سو به پار پتا ڏئي ٿو ته جپسي عربي سمنڊ کان بحرين رستي 420-38 هجري ۾ ايران پهتا. ان وقت ڇاڪاڻ ته سفر جو واحد ذريعو رڳو سامونڊي رستا هئا، تنهن ڪري اهي ايران ۽ يورپ کان ٿيندا (فارسي سمنڊ پار ڪندا)، وڃي اصولڪي ايسٽرن پهتا ۽ بالڪن رياستن (چيڪو سلواليا وغيره) ۾ ديرو ڄمايائون . ٻيا وري ميڊيٽرين سمنڊ رستي ترڪيءَ کان ٿيندا مغربي يورپ يعني جرمني وغيره پهتا. ڊاڪٽر قاضي پنهنجي تحقيق ۾ ان خيال جي تصديق ڪندي ٻڌائي ٿو ته اهو دور 1000-800 صدي عيسوي جو آهي ۽ اهو دليل بلڪل مستند آهي.
    ڪيترائي ڪتاب اهو به لکن ٿا ته سنڌ مان لڏي ويل رولاڪ قبيلن مان ڪن کي يورپي ملڪ آسٽريا ۾ سيٽل ڪري کين وڏا زرعي فارم ڏنا ويا، ته جيئن هو هارپو ڪن پر ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ مثل رولاڪين جا خواب ۽ جڳ تياڳ جو رومانس کڻي سرحدن کي بي معنيٰ بنائڻ وارا، هيڏانهن کان هوڏانهن گهمڻ ڦرڻ وارا سنتي ڪٿي ٿا هڪ هنڌ ٺڪاڻو ڪن. سو 1750ع ۾ ڪيل آسٽريائي ماڻهن جو اهو تجربو به ناڪام ٿيو.
    حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن سنتين ترڪي، ايران، عرب دنيا، بالڪن رياستن، يورپ، برطانيه ۽ آمريڪا تائين سفر ڪيئن طئي ڪيا ۽ سفر جا ڪهڙا طريقا استعمال ڪيا !
    1871ع ۾ جرمن ايمپائير ٺهڻ کان پوءِ ٻنهي جرمنين ۾ رهندڙ جپسين مٿان ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به آيا ۽ هو هر وقت اک ۾ رهڻ لڳا. 2001ع ۾ ميونخ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيو ”Siuti and Roma“ جنهن ۾ لکيل آهي ته غير يورپي جپسي ماڻهن کي ڪيئن هٽلر جي فاشسٽ تنظيم ايس ايس جي ڪمانڊر هملر باهه ۾ ساڙايو ، تشدد ڪيو ۽ جبري پورهيو ڪرايو.
    ڊاڪٽر قاضي به پنهنجي تحقيق ۾ انهن قصن کي بيان ڪيو آهي ۽ ايستائين به لکيو آهي ته ،”زرياب خليفي هارون الرشيد جي دربار ۾ ميوزڪ وڄائيندا هئا ۽ عرب اهي عجيب غريب ڌنيون ٻڌڻ سان پنڊ پهڻ ٿي ويندا هئا.
    سنڌ جو هڪ ٻيو نوجوان محقق حسين بخش ملاح سنتن، جپسين بابت پنهنجو تحقيق ”Origins: Gypsies among us“ ۾ لکي ٿو ته يورپ ۾ جپسين تي ٿيندڙ ڪيترين ئي تحقيقن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ، ته جپسي دراصل Southern Pakista۽ Northarernaria India کان آيل رولاڪن جو ٽولو آهي.
    حسين بخش ملاح لسانيات، صوتياتي اثرن ٻوليائي تاثرات ۽ تاريخ جي ڪرانالاجي کان وڌيڪ جپسين جي ميوزڪ ۽ آرٽ ڏانهن ڇڪ واري پاسن تي غور ڪري ٿو ۽ ڏاڍو سهڻو نقطه نظر پيش ڪري ٿو. هڪ هنڌ لکي ٿو ته ، جپسين بابت پيش ٿيندڙ ڏند ڪٿائن ۽ ڪهاڻين کي ماڻهو ان وقت وڌيڪ رومانس ۽ چاهه سان ڏسن ٿا ، بلڪه جپسين سان پيار ڪرڻ لڳن ٿا، جڏهن هو ماڌوري کي ”چولي ڪي پيڇي ڪيا هي“، هيما مالني کي فلم شعلي ۾ ”جب تڪ هي جان مين ناچون گي“ ۽ لاجواب ڊانسر هيلن کي ”پيا تو اب تو آجا“ ڳائيندي ۽ سيڪسي ڊانس ڪندي ڏسن ٿا. پوءِ ته هر مرد جي دل ۾ هڪ جپسي عورت سان پيار ڪرڻ جي جوت جاڳي ٿي، هر مرد، جپسين کي ماڌوري، هيلن ۽ هيما مالني سمجهي ٿو. جپسين جي لهجي، ٻولي، ڳالهه ٻولهه جي انداز ۽ روين بابت ٿيلPhonatic Analysis ۽ Linguistic Reasearch ٻڌائي ٿي ته هنن جو گرامر، لهجي، صورتخطي ۽ حروف تهجي ۾ اڄوڪي يورپ ۾ سيٽل روما ڪلچر جي سنڌي، هنڌي، سرائيڪي، پنجابي مارواڙي، راجستاني ٻوليائي لهجن ۽ صورتخطيءَ سان وڏي هڪجهڙائي آهي. سندن استعمال ٿيندڙ لفظ اڄ به ساڳيا آهن . مثال طور هو اڄ به اگني ۽ باهه لفظ استعمال ڪن ٿا. آرتا (اٽو)، بوسا (ڀوسو)، دگُدا (کير)، لوني، لونا (جديد سنڌي، لابارو)، مُک (چهرو- ٻوٿ يا مُنهن)، پانيا (پاڻي)، سر (مٿو ۽ سرُ)، سپنا (خواب)، دُکا، (درد، ڏک) وغيره وغيره. اهي لفظ هاڻي به سنڌي، هندي، سرائيڪي، راجستاني، پنجابي ۽ مارواڙيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا.
    هڪڙي تحقيق چوي ٿي ته جڏهن هند سنڌ جو سرحدون وسيع هيون ته هي افغانستان رستي هيلمند ندي پار ڪري ايران پهتا ۽ پوءِ عرب دنيا خاص طور تي مصر ۽ پوءِ ميڊيٽرين ۽ ترڪي ٽَپي يورپ پهتا. هڪ خيال هيءَ به آهي ته تاريخي طور انهن دورن ۾ پرشين گلف گهڻ واپاري ۽ تجارتي لنگهه هو ۽ هي وچولي بلوچستان کان ٿيندا ، ايران ٽپندا ايسٽرن يورپ پهتا.


    جپسي : سنتي، سيگاني يا روماني سنڌي

    جپسي : سنتي، سيگاني يا روماني سنڌي
    اسحاق انصاري
    ___

    1990 جي فيبروريءَ ڌاري مان جڏهن براتيسلاوا جي لينگويج اسڪول ۾ داخل ٿيو هيس ته اتي پهرين ڏينهن ۾ اسان جي استاد يوزف ويلڪي ڪلاس هلندي اهو ليڪچر ڏنو هو ته ، جڏهن به هاسٽل کان ٻاهر نڪرو ته ٿڌ جي ڪري پنهنجو پاڻ کي بچائي نڪرو، ٻيو جيڪڏهن ڊالر وغيره مٽايو ته ڪنهن بينڪ مان مٽايو، باقي سيگانين(جپسين) کان پاڻ بچائجو. مون ان وقت تائين سيگاني نه ڏٺا هيا. مون پنهنجي استاد کان پڇيو ته اهي سيگاني ڪير آهن ۽ کين ڪيئن سڃاڻي سگھبو ته هُن منهنجي چهري طرف ڏسندي مرڪندي وراڻيو”جيڪي ماڻهو توکي پاڻ جهڙا لڳن پر تنهنجي ٻولي نه سمجھن اهي سيگاني آهن“
    واقعي به جڏهن مان براتيسلاوا ۾ پريئر مارڪيٽ (جيڪو بعد ۾ ٽيس مارٽ ٿيو) جي ڀرسان هڪ ٽولي کي ڏٺم جيڪي زالين مردين گڏ هيا اهي واقعي به مون کي پاڻ جهڙا لڳا.غور سان ڏٺم ته هنن جون شڪليون اسان پاڪستانين ۽ انڊين جهڙيون، ڳالهائن به وڏي واڪ. حالانڪ نه ته اتان جا سلوواڪ ماڻهو هلڪي آوازَ سان ڳالهائن. عورتن کي گھڻو ڪري وڏو اسڪرٽ يا ايئن چئون ته هتان جي باگڙين جهڙن گھگھرن جهڙو پڙو، مٿان شرٽ پاتل. مردن کي ته خير پينٽ شرٽ پاتل هئي ۽ گھڻو ڪري کين مُڇون رکيل هيون.
    سلوواڪيا ۾ هنن کي اتان جا ماڻهو ڪو سٺي نظر سان نه ڏسندا هيا. گھڻو ڪري کين چور، ٺڳ يا اڻ سڌريل سمجھندا هيا ۽ محسوس ڪرائيندا هيا. ان ۾ ڪو شڪ به ناهي ته هو انهن سڀني ڪمن ۾ حصو وٺندا هيا. گھڻو ڪري مارڪيٽن يا بازارن ۾ رلندا نظر ايندا هيا. هو ڪم ڪار گھٽ ڪندا هيا ، ڇو جو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان هو پنهنجو پاڻ کي ان فِٽ ڪرائي حڪومت طرفان مليل وظيفي تي هلندا هيا. جنهن ڪري به اتان جا ماڻهو هنن کي ناپسند ڪندا هيا ته هو ايڏي محنت ڪن ٿا ۽ سندن محنت جي پيسن مان هنن کي گھر ويٺي وظيفو ملي ٿو.
    هونئن ته سڄي يورپ ۾ جپسي آهن پر ايسٽ يورپ جي بلغاريه، رومانيا، هنگري، چيڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ ۾ گھڻائي ۾ نظر ايندا. انهن ملڪن ۾ کين روماني، سيگاني چيو ويندو آهي. مشڪل سان کين ڪٿي جپسي سڏيو ويندو هجي.
    مون کي عادتن ۾ هُو يورپينس کان وڌيڪ اسان جي ويجھو نظر آيا. هڪ ڊيموگرافيءَ جي شاگرد هجڻ جي ناتي، منهنجي دلچسپي هنن ۾ وڌي، ٻيو ته هونءَ به مان اڳ ۾ ٻڌو هيو ته هو اصل ۾ انڊيا جا آهن.
    مون هنن مان ڪجھه جپسين سان دوستي رکي جنهن کي منهنجا سلوواڪ دوست خراب سمجھندا هيا.
    اصل ۾ اهي جپسي يا روماني ڪي هڪ ڀيري جي هجرت يا لڏپلاڻ جو نتيجو ناهن. ان ڪري هنن جي وچ ۾ به مختلف نالا آهن جيئن لوري، سنتي، سيگاني وغيره.
    روماني يا جپسين جي اصل نسل جي باري ۾ گھڻي تحقيق کان پوءِ ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته اصل انڊيا جا ئي آهن ، پر اهي سڀ ڪنهن هڪ نسل، هڪ قبيلي، هڪ ذات يا هڪ حصي سان تعلق نه ٿا رکن.
    هندن ۾ جيئن ته چار ذاتيون ڄاڻايون ويون آهن اصل ۾ جيڪي ”منو جي قانون“ مطابق آهن. برهمڻ، کتري،ويش، ۽ شودر. اهڙي ريت هر ذات کي خاص ڪم ڪرڻا هيا. يورپ ۾ جڏهن اهي جپسي پهتا ته هنن اتي به پنهنجي اباڻي ڪِرت کي جاري رکيو ، ڪي لوهار هيا، ڪي ويڙهاڪ هيا، ڪي ڳائڻ وڄائڻ ۾ ماهر هيا ته ڪي وري رازڪو ڪم ڄاڻيندا هيا.
    ان ڪمي ماڻهن ۾ ڪجھه ذاتين جو وري هڪ گروپ جڙيل هو ۽ انهن کي دومبا Domba سڏيندا هيا، جيڪو اصل ۾ دوم (مرد) يا دومني(عورت) جو جمع هو. جنهن جي معني آهي ماڻهو يا انسان. جيئن ته هر گروپ يا علائقي جو وڏو هڪ ٺاڪر هوندو هو ۽ اڃا تائين اهو لفظ جپسين جي ڪن لهجن ۾ ملي ٿو. (Ronald Lee)
    يارهين صديءَ جي شروعات ۾ محمود غزنويءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هندوستان ۾ ڦُر لُٽ ڪئي وئي. جيڪا مسلسل جاري رهي.جنهن ڪري ڪجھه راجپوت ٽولن اتان لڏ پلاڻ ڪئي. ڪجھه ڏکڻ ڏانهن ويا ته ڪي وري ٻين پاسن ڏانهن نڪري ويا. انهن مان هڪ وڏو حصو ڪشمير طرف نڪتو . جتي ڊراڊڪ ٻولي ڳالهائي پئي وئي ، هتي هي ماڻهو ڪجھه نسلن تائين رهيا جنهن ڪري سندن ٻوليءَ تي اتان جي ٻوليءَ جا به اثر پيا. اتي به آخرڪار حملي آورن کان تنگ ٿي اهي گروپ شاهراهه ريشم وٺي پرشيا ويا جتي ڪجھه نسلن تائين رهڻ کان پوءِ هنن بليڪ سي وٽ تريبيزونڊ ايمپائر Empire of Trebizond طرف ويا، جتان جا ماڻهو آرمينين ٻولي ڳالهائيندا هيا. تنهن ڪري هنن جي ٻوليءَ تي آرمينين ۽ پرشين ٻولين جا به اثر پيا.
    اتان به سلجوڪ ترڪن جي ڪري روما کي اها ڌرتي ڇڏي قسطنطنيه (استنبول) وڃڻو پيو. انهن سڀني ٻولين جي اثرن ڪري ڊوما، هاڻي روما ٿي پيا هيا. جيئن ته سڀني لڏپلاڻ ڪيل ماڻهن ۾ وڏو گروپ روما جو هو ۽ هنن ۾ نئين ماحول سان ڪنهن حد تائين رلي ملي وڃڻ جا هنر به هيا، تنهن ڪري هاڻي انهن سڀني جپسين کي روما جي نالي سان سڏيو ويو. اهڙي ريت روما پنهنجي لڏپلاڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ هو بالڪان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ رومانيا ۽ سلاوڪ ايريا ۾ پهتا. اهڙي ريت اتان جي ٻولين جا اثر به هنن تي پيا جنهن ڪري هن وقت سندن ٻولي ڪهن هڪ ٻوليءَ سان واسظو نه ٿي رکي. ان کان علاوه پوءِ اتان هي 1500ع ۾ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ورهائجي ويا. جيئن ته روما جي يورپ ۾ اچڻ کان اڳ مڊل ايسٽ مان ڪجھه ٽولا يورپ آندا ويا هيا ، جيڪي بازيگري، ڳائڻ وڄائڻ ۽ ٻين فنون سان واسطا رکندا هيا. هنن جو رنگ ظاهر آهي يورپين جي مقابلي ۾ مختلف هو، انڪري شروع ۾ هنن کي ايجيپشن جي نالي سان سڏيو ويندو هو پوءِ ان لفظ جپسي جي صورت ورتي.
    ڊاڪٽر اين بي جي قاضي، انسٽيٽيون آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جون 2008 ۾ پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ بڌايو ته ”هو گھڻي تحقيق کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو آهي ته جپسي يا سنتي اصل ۾ روهڙي ۽ سکر علائقي جا آهن.“
    جڏهن ته مخلتف ماڻهن جا مختلف رايا آهن. ڪن جوخيال آهي ته اهي اصل ۾ راجستان جا آهن ڪي کين گجرات جو سمجھن ٿا ته ڪي وري انهن کي پنجاب جو ڄاڻائن ٿا، پر مون کي اهو ضرور ياد آهي ته 90 جي ڏهاڪي ۾ نيو نازي ازم يورپ ۾ وڌڻ لڳو ته جپسين تي به حملا ٿيڻ لڳا. انهن کي ماريو پئي ويو يا وري سندن گھر ساڙيا پئي ويا ته گھڻن جپسين انڊيا جي سفارت خاني ۾ درخواست ڏني ته هنن کي انڊيا جي ويزا ۽ شهريت ڏني وڃي ، ڇو جو هو اصل ۾ انڊيا جا آهن.
    منهنجو هڪ ڀيري سندن شادي ۾ وڃڻ ٿيو ته سندن کوڙ ساريون رسمون به اسان سان ملندڙ جلندڙ هيون، سندن ناچ به جھمر جي انداز سان ملندڙ جلندڙ هو. ائين ته اسپينش ناچ فلينگو به ڄڻ ته جھمر جو ماڊرن انداز آهي. ان کان علاوه ننڍي عمر جي شادين جو راوج به هنن وٽ موجود هو. سندس رهڻ وارا علائقا به ٻين سلاوڪ کان مختلف هيا. ان ۾ ڪو سلاوڪن جو ڏوهه ناهي، هنن کي به ساڳي نموني جا گھر ۽ پاڙا ڏنا ويا هيا پر هنن پنهنجين عادتن ۽ سهولتن مطابق انهن کي پنهنجي اسٽائيل ۾ ڦيرائي وڌو هو. سندن فليٽن يا گھرن جا در اڻلڀ ، جيڪي هنن باهه ۾ ٻار ڇڏيا هئا. صفائي به اسان جي ڪنهن ڳوٺ جهڙي. سندن ٻوليءَ ۾ مون کي گھڻا لفظ هڪجهڙا به نظر آيا. هنن جون کوڙ عورتون به روحن کي گھرائن، انهن کي تابع ڪرڻ، هٿ ڏسڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ مصروف آهن، جن وٽ نه رڳو جپسي پر ٻيا يوروپين به پنهنجي قسمت جو احوال ٻڌڻ ۽ مري ويل ماڻهن جي روح سان ڳالهائڻ يا رابطي لاءِ هنن وٽ اچن ٿا.
    پولينڊ، هنگري، رومانيا، يا ايسٽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ مون کي اهي نظر آيا. گھڻو ڪري اهي ٽولا ٿي مختلف هنڌن تي موسيقي ٻڌائي پنهنجو گذر سفر ڪري رهيا هيا.
    هونئن ته اهو مشهور آهي ته هٽلر ٻي جنگ عظيم ۾ يهودين کي ماريو ۽ ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۾ رکيو پر ان سان گڏ ڪميونسٽن ۽ جپسين کي به ماريو ويو. 2 ۽ 3 آگسٽ 1944 واري رات کي ”جپسين جي رات“ سڏيو وڃي ٿو. ان رات سڀني جپسين کي ڪنسنٽريشن ڪيمپ جي بنڪرن مان ان آسري تي ٻاهر ڪڍيو ويو ته کين پيڻ لاءِ پاڻي ۽ کائڻ لاءِ ماني ڏني ويندي ، ڇو جو نازي سپاهين کي خبر هئي ته اهي آرام سان گيس چيمبرز ڏانهن نه ويندا. پوءِ کين زبردستي ٽرڪن ۾ وجھي گيس چيمبرس ڏانهن نيو ويو پر هو آخر تائين وڙهندا رهيا. هولوڪاسٽ واري زماني ۾ ٻن کان پنجن لکن تائين جپسين کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو.
    آخر ۾ بحث کي سميٽيندي، هڪ جپسيءَ پاران پنهنجي اصل نسل جي باري ۾ انٽرنيٽ تي لکيل اها تحرير هتي ڏئي رهيو آهيان. اتفاق سان مون وٽ ان ويب سائيٽ جو حوالو موجود ناهي . مون سندس تحرير کي جيئن جو تيئن رکيو آهي ، ان ۾ اسپيلنگ جي غلطين کي به درست نه ڪيو اٿم. مون وٽ جيڪو جپسين تي مواد گڏ ٿيل آهي انهن ۾ اها پڻ موجود آهي:
    I am a gypsy and for years I wonder where the real origanil homeland the gypsies is really. This is what I know first of all about gypsies. We speak a language that originally came from Punjabi and Hindi or Multan and Sindhi.
    We have a Jati or Caste System Which include Blacksmith Caste, Transportion Caste, Musician Caste, Arcobats and dancers and fortune teller. Gypsies cluster geneticially with Punjabi and Rajput. Gypsies origanally left our because of Mahmud Ghanznavi around 1001 A.D. Gypsies were called the Chave Romane the Sons of Rama. gypsies were part of Rajputana and so were a people called Lohanas who are trade caste now but 1000 year ago the were Suryavanshi who claim descent Raghuvanshi. Loh Ranas or Iron Kings or Lohanas were know for thier iron weapon making skills. Lohanas used ruled Afghanistan, Kashmir,in the Punjab Sindh. The called this are area Lohar Pardesh. This is the place I think gypsies called from. The Rajputana was part of Lohar Pardesh which include the Punjab and the Northern part of Sindh. Lohanas started leaving the homeland the same time we gypsies did. Lohanas are Punjabi and Sindhi gypsies Punjabi and Sindh too. Raghuvanshi were part of Eastern part of the Rajputana gypsies were too. both gypsies and Lohanas are cliam descent from Rama. Lohanas were know for there iron weapon making skill and so are were gypsies. I think Lohanas and gypsies are one and the same
    (ترجمو: مان هڪ جپسي آهيان، سالن کان وٺي مان ان ڳولها ۾ رهيو آهيان ته اسان جي اصل ڌرتي ڪهڙي آهي. اها ئي پهرين ڳالهه مون چپسين جي باري ۾ ڄاتي. اسان جيڪا ٻولي ڳالهايون ٿا اها پنجابي، هندي يا ملتاني ۽ سنڌي آهي. اسان وٽ جاتي يا ڪاسٽ سسٽم آهي ان ۾ لوهار ذات، سواري واري ذات، موسيقي وارا، بازيگر، ناچو ۽ قسمت ٻڌائيندڙ ۽ نجومي شامل آهن. جپسي، جينيٽيڪلي پنجاب ۽ راجپوت سان واسطو رکن ٿا. جپسي 1001ع سن ۾ محمود غزنوي جي ڪري نڪتا. جپسين کي شاوي روماني يعني راما جا پٽ به چيو ويندو آهي. جپسي راجپوتانه جو حصو هيا ۽ انهن ماڻهن کي لوهاڻا سڏيو ويندو هو جيڪي هاڻي واپاري ذات آهي، جڏهن ته هزار سال اڳ اهي سرياونشي هيا جيڪي پنهنجو پاڻ کي راگھوونشي جا پونئير سمجھندا هيا. لوهه راڻا يا لوهه بادشاهه يا لوهاڻا، لوهه مان مختلف شيون ٺاهڻ جا ماهر هيا. لوهاڻن افغانستان، ڪشمير، پنجاب ۽ سنڌ ۾ حڪومت ڪئي. ان حصي کي لوهار پرديش سڏيو ويندو هو. راجپوتانا به لوهار پرديش جو حصو هو، جنهن ۾ پنجاب ۽ سنڌ جو اتريون پاسو شامل هو. لوهاڻن ۽ جپسين ساڳي وقت پنهنجي ڌرتيءَ تان لڏپلاڻ ڪئي. راگھوونشي، راجپوتانا جي اڀرين پاسي جا هيا ۽ جپسي به اتان جا آهن. ٻئي لوهاڻا ۽ جپسي پنهنجو پاڻ کي راما جا پونئير/پوئلڳ سڏائن ٿا. لوهاڻا ۽ جپسي لوهه جي شين ٺاهڻ جا ماهر هيا. منهنجي خيال م لوهاڻا ۽ جپسي ساڳي ڳالهه آهن .)


    غارُن ۾ رهندڙ جپسي

    غارُن ۾ رهندڙ جپسي
    هدايت بلوچ
    ___

    جپسي اصل سنڌ جا هئا. سنڌ مان جپسين جي وڏي تعداد
    ۾ لڏ پلاڻ سال 1001 کان 1027 دوران ٿي جڏهن افغانستان جي
    حاڪم محمود غزنوي سنڌ تي حملو ڪيو. تنهن کان پوءِ چنگيز خان
    ۽ تيمورلنگ جي حملن سبب جپسين جي وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ ٿي. هن وقت جپسين جا ٽي پاڙا يا ذاتيون آهن
    1. مشرقي جپسي (ڊوماوي)، جيڪي مصر ۽ وچ اوڀ ۾ موجود آهن.
    2. مرڪزي جپسي (لوماورن)، جيڪي آرمينيا ۽ وچ ترڪيءَ ۾ موجودآهن.
    3. مغربي جپسي (روماني). جپسين کي روم يا روماني به چيو ويندو
    آهي.انهن جي ٻولي به روماني آهي . (روم کي اٽلي وارو روم نه سمجھيو وڃي)
    جپسين جي اوائلي تاريخ مطابق هي هڪ ثقافتي گروپ هو ، جنهن کي بعد ۾ جپسي جو نالو ڏنو ويو. اهي مرڪزي
    هندستان ۾ خانه بدوشن واري زندگي گذاريندا هئا. پوءِ انهن کي
    ڊوم (DOM) به سڏيو ويو. ڊوم مختلف گَھرو ڪاروبار به ڪندا
    هئا، جن ۾ ديڳڙيون ۽ ٿانو ٺاهڻ ، جست ۽ ٽامي جي ٿانون
    تي چٽساليون ڪرڻ پڻ شامل هوندو هو.
    جپسي چالڪ ۽ حرفتي مشهور رهيا آهن . اهي يورپ ۾
    نواب ، شهزادا، اتم، امير ۽ وڏ گهراڻن جا ماڻهو سڏائڻ لڳا.
    مڪاني ماڻهن کان رعايتون ۽ ڏن وصول ڪرڻ لڳا. سندن چوڻ
    هو ته اهي لٽل انجپٽ (LITTLE EGYPT) مان تڙجي نڪتا آهن.
    توهان انگريزيءَ ۾ ايجپٽ لکو ته ائين لڳندو ته ڄڻ لفظ جپسي ايجپٽ مان ٺهيو آهي. سندن زبان ۾ مٺاڻ سبب اهي مڪاني ماڻهن جي قريب ٿي ويا. (جيئن اسان هندستان مان آيلن جو آڌرڀاءُ ڪيو هو ۽ نتيجي ۾ اسان کي ڇا مليو !)
    اهڙي طرح جپسين جو يورپ ۽ اسپين ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو پر پوءِ انهن مان گهڻا مڪار ثابت ٿيا. انهن جون عورتون قسمت جو حال ڏسينديون هيون. اهي مڪاني عورتن ۽ مردن کي چونديون هيون ته تنهنجي گهراڻي تي وڏي آفت اچڻ واري آهي اها مان ٽاري سگھان ٿي پر پئسا گهڻا لڳندا. اهڙيءَ طرح اهي مڪاني ماڻهن جا کيسا خالي ڪنديون هيون. گھڻي وقت کان پوءِ مڪاني ماڻهن کي خبر پئي ته اهي ٺڳ ، رهزن ۽ ڌوڪيباز آهن.
    اسپين ۽ گريناڊا ۾جپسين جا اٽڪل ٽي هزار قبيلاموجود آهن جيڪي غارن ۾ رهندا آهن. انهن غارن ۾ هڪ ڪوٺي به آهي ته ٻه سئو وٺين تائين به غارن ۾ گھر موجود آهن. جپسين جا غارن اندر نه فقط گھر ، پر اسڪول ، چرچ ۽ اسٽور پڻ موجود آهن.


    حياتيءَ جي حفاظت لاءِ رُلندڙ جپسي !

    حياتيءَ جي حفاظت لاءِ رُلندڙ جپسي !
    قاضي آصف
    ___

    جپسي ڪير آهن، ڪٿان جا آهن؟ ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻ جو تجسس رڳو اسان کي نه آهي، پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ان حوالي سان تحقيق ٿيندي رهي آهي ۽ بحث مباحثا ٿيندا رهياآهن. تقريبا سڀني تحيقيتن ۾ آڱريون سنڌ ڏانهن کڄن ٿيون ته دنيا ۾ صدين کان ڦرندڙ جپسين جو اصل تعلق سنڌ سان آهي . اها به هڪ حقيقت آهي ته اسان کي پنهنجي باري ۾ گهڻيون حقيقتون ۽ سچايون ٻين ئي ٻڌايون آهن. اهي حقيقتون ٻڌي اسان حيران ئي ٿيندا رهيا آهيون .
    مان هتي فقط ٽن حوالن جو ذڪر ڪندس. اهي ٽئي سنڌ کان ٻاهر جا آهن.
    پهريون حوالو
    اسٽيفني جي فولسي Stephanie G. Folse
    هن 1995 ۾ يونيورسٽي آف ڊينيور منجهان انٿراپالوجي سائنس ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان لاءِ تحقيقي مقالو لکيو. هو لکي ٿو:
    جپسين جو بڻ بڻياد ڳولهڻ لإءِ ضروري آهي ته اهو ڏسجي ته انهن جي ٻوليءَ تي ڪهڙين ٻولي جو اثر آهي. ان سان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته جپسين جو اصل تعلق هندوستان جي علاقي (هاڻي پاڪستان ) سنڌ سان آهي . تاريخ ۾ اتان هنن جي ٽي دفعا وڏيون لڏ پلاڻ ٿي . پهريون ڀيرو افغاني حڪمران محمود غزنوي جي حملن (1027۔1001) وقت ، ٻي محمود غوري (1192۔1191) ۽ ٽين چنگيز خان (1227۔1215) پاران سنڌوءَٕ جي ڪنارن تي سخت حملن وقت . هنن ماڻهن جو تعلق هنرمند، فنڪارن، ،ڌاتن جو ڪم ڪندڙ ۽ ٻيون ڪرتون ڪندڙن سان هو. ان کان پوءِ 200 سالن تائين هنن آهستي آهستي، مصر، اتر آفريڪا، اتراولهه ۾ بازنطين شهنشاهت ، ڏکڻ بالڪاني ملڪن سربيا، بلگاريا، هنگري ۽ ان جي چوڦيرعلائقن ۾ وڃي آباد ٿيا. يورپ ۾ رهندڙ جسپي بهرحال محمود غزنويءَ جي دور جا بي گهر ٿيل ماڻهو آهن. سموري يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ جپسين جي زندگيءَ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته هو ڪٿي به ٽڪاءُ نه ڪري ويٺا. ان جو خاص سبب اهو آهي ته هنن جي ذهن ۾ اها ڳالهه رهي ، ته جيئن ئي سندن وطن تي محمود غزنويءَ جا حملا ختم ٿيا ته هو واپس پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿيندا. ايئن، جيئن ڪيوبا جا بي گهر ٿيل ماڻهو اڃان تائين پنهنجو سامان ٻڌيون ويٺا هوندا آهن ته، اجهو حالتون ٺيڪ ٿيون ۽ هو اجهو ٿا واپس پنهنجن گهرن ڏانهن وڃن . ان آسري ۾ هنن صديون گذاري ڇڏيون آهن !
    بيو حوالو
    ٽائمز آف انڊيا ۾ مئي 2013 ۾ ڇپيل مضمون
    هن مضمون ۾ لکيل آهي ته : دنيا ۾ موجود جپسين جي بڻ ٻڻياد جو پيرو کڻڻ سان اها خبر پوي ٿي ته، اهي اصل ۾ هندوستان جي علاقي سنڌ مان ويل آهن ۽ هو ڪالي ماتا جي پوڄا ڪندڙ آهن . جپسين جي قبيلي روما جي دعوا آهي ته هنن جا وڏا سنڌوءَ جي ڪنارن تي آباد جنگجو هئا ۽ سندن اصل ماڳ سنڌ ۾ موهن جو دڙو آهي . روماني ٻولي جو بنياد سنسڪرت آهي . جسپي دنيا جي لاءِ سدائين حيرت جو سبب رهيا آهن . هنن لاءِ اهڙيون چوڻيون به موجود آهن ته هوهڪ بستري تي ٻه دفعا نه سمهندا آهن، هڪ ئي کوه مان ٻيو دفعو پاڻي نه پيئندا آهن ۽ ڪا به ندي سال ۾ ٻه دفعا نه ٽپندا آهن.
    ٽيون حوالو
    Minority Rights Group International (MRGI)
    هن گروپ پاران جرمنيءَ ۾ موجود روما، سنتي جپسيز جي باري ۾ تفصيلي رپورٽ موجود آهي . هن رپورٽ ۾ سنتي (سنڌي جي بگڙيل صورت) جپسيز جي حالتن جو ڪجهه اهڙو ذڪر ٿيل آهي ، جو پڙهندي اکين جون پنبڙيون آليون ٿيو وڃن . تعارف ۾ ئي لکن ٿا ته جرمني ۾ هڪ لک 70 هزار روما ۽ ٽي لک سنتي جپسي آهن . هو جرمنيءَ جي مختلف علائقن ۾ رهندا آهن . پر انهن جي گهڻائي جو نه ڪو مستقل گهر آهي نه رياست .
    هو جرمني ڏانهن 14 هين ۽ 15هين صدي ۾ آيا . جرمن روما پاڻ کي سنتي چوندا آهن ، جيڪي اصل ۾ سنڌ کان هتي آيا . شروع ۾ انهن کي رومن شهنشاهيت طرفان تحفظ حاصل هو ۽ سندن ڪيترن ئي علاقن ۾ ڀليڪار ڪئي وئي هئي ، پر جرمنيءَ مان رومن شهنشاهيت ختم ٿيڻ کانپوٕ 1482ع ۾ انهن تي سخت پابنديون مڙهيون ويون . ڪنهن به غيرسنتي کي اهو حق هو ته هو سنتي ماڻهوءَ جو شڪار ڪري سگهي . انهن جي بي عزتي ڪرڻ، زبردستي ڪرڻ ۽ کين قتل ڪرڻ جي به اجازت هئي . ارڙهين صديءَ ۾ سنتين خلاف قانون ڏاڍا خطرناڪ هئا. فريڊرڪ وليم جي 1725ع ۾ جاري ڪيل حڪم تحت سنتين کي پڪڙي، بنا ڪيس هلائڻ جي ڦاهي ڏئي سگهبي هئي . فرنڪفرٽ ۾ ، بعد ۾ ٻارن کي تحفظ ڏنو ويو. ارڙهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تي سنتين کي هيٺين ذات طوربرداشت ڪرڻ شروع ڪيو ويو. انهن کي مزدوري ڪرڻ ۽ ساز وڄائي روزگار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ، پر انهن جي آباديءَ کي ڪنهن هڪ جاءِ تي رهڻ جي اجازت نه ڏني وئي .انهن کي ڪڻو ڪڻو ڪري مختلف علائقن ڏانهن موڪليو ويو.
    جرمنيءَ ۾ نازي دور روما، سنتين لاءِ هڪ دفعو ٻيهر وڏي عذاب جو دور هو. 1935ع ۾ نازي جرمنيءَ سنتي جپسيز جي شهريت ختم ڪري ڇڏي . روما ۽ سنتي جپسين نازي ظلمن کان بچڻ لاءِ 1930ع ۾ ئي آسٽريا ڏانهن ڀڄڻ شروع ڪيو ، پر 1938 ۾ نازين جي آسٽريا تي قبضي سان انهن جي مٿان ساڳيو عذاب جاري رهيو. نازين طرفان يهودين، سنتي، روما جپسين سميت ڪجهه قبيلن کي مڪمل طورختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ 1941 ۾ هڪ مهم شروع ڪئي وئي هئي. جرمني ۽ جرمنيءَ جي قبضي هيٺ آيل ملڪن ۾ به لکين سنتين ، روما کي ڪنسٽريشن ڪيمپن ۾ واڙي ، انهن کي قتل ڪيو ويو. جرمني ۽ آسٽريا ۾ رجسٽر 40 هزار سنتي ۽ روما جپسين مان 25 هزارن کي 1945 ۾ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گيس چيمبرن ۾ وجهي ۽ فائرنگ اسڪواڊ ذريعي قتل ڪيو ويو. جرمنيءَ ۾ اڄ تائين سنتي ۽ روما، نسل پرستي جو شڪار آهن . انهن جي آبادين تي حملا ڪيا وڃن ٿا، سنتي ۽ روما جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وڃي ٿي. هاڻي ته هنن مان گهڻن پنهنجي سڃاڻپ به مٽائڻ شروع ڪئي آهي جو کين سنتي ۽ روما جي حيثيت ۾ روزگار نه ٿو ملي .
    ***
    اها دعوا ته جپسي سنڌ جا آهن، ڪنهن سنڌيءَ نه ، دنيا جي ٻين ماڻهن جي ڪيل آهي .هتي سنڌ ۾ ته انهن کي وساريو ويو آهي . جرمنيءَ ۾ دنيا جي اقليتن جي تنظيمن سان رابطو ڪري سنتين، روما ۽ ٻين قبيلن جي جپسين تائيڻ پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي . هنن سوين سال اڳ زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي ڌرتي ڇڏي هئي ۽ هو اڄ به ڌرتي جي گولي تي حياتيءَ جي حفاظت لاءِ سرگردان آهن !!


    لاڏائن جا لفظ ۽ رنگ

    جپسي شاعره: پاپوزا

    جپسي شاعره: پاپوزا
    خورشيد قائمخاني
    ___
    هُن جو نالو پاپوزا هو. پولينڊ جا جپسي، پاپوزا، ’گُڏين‘ کي چون ٿا. هوءَ گُڏين جيان سُندر هئي. هوءَ وڏي ٿي ته مشهور لاڏائو ڳائڻي ۽ شاعره طور مشهور ٿي، پر 1987ع ۾ جڏهن سندس وفات ٿي، ته دنيا هن کي بلڪل وساري چُڪي هئي، ۽ هوءَ گمناميءَ ۽ ڪسمپرسيءَ جو ڪفن پائي، هن بيدرد دنيا مان ڇوٽڪارو ماڻي وئي.
    ٻين پولش جپسين جيان پاپوزا جو ڪٽنب به، جپسين واري زندگي گهاريندو هو. اُهي سال جو وڏو حصو گهوڙن ۽ گاڏين جي قافلي جي روپ ۾، سفر ۾ رهندا هئا. اڳيان مرد هلندا هئا، ۽ پٺيان عورتون، ۽ ٻار کُليل گاڏين تي چڙهيل هوندا هئا. ڪجهه امير گهراڻن وٽ، پڪي ڇت واريون گاڏيون به هونديون هيون، جن ۾ شيشن سان جڙيل سوڙهيون موريون ٺهيل هونديون هيون. وري ٻين ۾ هيري جي شڪل جون چؤڪور دريون لڳل هونديون هيون، جن تي اُڪر سان ڪاٺ ۽ پِتل جا رڱيل سانچا جَڙيل هوندا هئا. هڪڙي وڏي ڪاروان ۾، ڪڏهن ڪڏهن ڪيئي جٿا شامل هوندا هئا. جڏهن اهي چر پر ۾ ايندا هئا، ته انهن ۾ گهوڙا، گاڏيون، مرد، عورتون، ٻار ڪُتا ۽ رڇن سميت الائي ڇا ڇا شامل هوندو هو. 1960ع واري ڏهاڪي جي وچ تائين، اهي ان ڍنگ سان هلندا، اوڀرندن ٻيلن مان ٿيند، سَون جي تعداد ۾، تاترا جي ٽڪرين ۾ داخل ٿيندا هئا، جيڪي پولينڊ جي ڏکڻ ۾ آهن. هونئن، هنن جا مختلف ڌنڌا هئا، پر پاپوزا جو ڪٽنب، گٽار وڄائيندو هو ۽ اُتر ليٿوانيا کان وٺي، اوڀر تاترا جي ٽڪرين تائين، پنهنجا وڏا گٽار ۽ وينا جهڙن سازن کي، گڏ کڻي هلندا هئا، ته ڊوڙندڙ گاڏين تي اهي ساز سڙهن جيان ڦڙڪندي نظر ايندا هئا.
    جڏهن اُهي ڌار ڌار رستن تي سفر ڪندا هئا، ته ٻين گروهن سان رابطو رکڻ خاطر، چوراهن تي ٻئي پاسي نڪرندڙ رستن جي ڪُنڊ تي، پنهنجو طرف بدلائڻ جو نشان ڇڏي ويندا هئا. ڪڏهن اهو نشان، ڳاڙهي ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڪاٺين جي ننڍڙي ڀَري هوندي هئي، ته ڪڏهن خاص انداز ۾ ٽوڙيل يا وڍيل ٽاري ۽ يا وري ڪا هڏي هوندي هئي. پولينڊ جا جپسي انهن نشانن کي ’شيپرا‘ چون ٿا، پر جپسي کين ’پترين‘ (پتر، چِٺي يا خط) سڏين ٿا. ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا جادو ٽوڻن سان ڀرپور اوبر سمجهي کين هٿ نه لڳائيندا هئا.
    1920ع واري زماني ۾، جپسي عورتن ۾ پڙهڻ لکن جو رواج نه هو. پاپوزا اڃا ننڍڙي هئي، جو کيس پڙهڻ جو شوق ٿيو. لڏپلاڻ دؤران جڏهن قافلو ڪٿي ڊاٻو ڪندو هو، يا وري سياري ۾ عام ڏينهن کان ڪجهه وڌيڪ عرصي لاءِ گهرڙا ٺاهي رهندو هو، ته پاپوزا ڪنهن پاڙي جي دردمند غير جپسيءَ وٽ، چوريءَ جي ڪُڪڙ عيوض سبق وٺي پڙهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪيترن ڪُڪڙن عيوض، کانئس ڪتابَ به وٺندي هئي، ۽ سازن هيٺان لڪائي ڇڏيندي هئي. هڪڙي ڏينهن ڪتاب پڙهندي هوءَ جهلجي پئي، ته کيس ڏاڍي مارَ ملي ۽ سندس ڪتاب ضايع ڪيا ويا، پر هوءَ باغي طبيعت جي ڇوڪري هئي. هُوءَ جڏهن قافلي جي ڪارين اکين واري هڪڙي ڇوڪري سان پيار ونڊڻ لڳي، ته ايتري ۾ سندس شادي پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي، هڪڙي اڌڙوٽ ڄمار جي سارنگي وڄائيندڙ سان، ڪرائي ويو. شادي ته ٺيڪ رچي، پر هوءَ پاڻ ڏکاري هئي. هُن کي ڪو ٻار نه ٿيو، ۽ نيٺ هوءَ ڳائڻ لڳي.
    پاپوزا کي ڀلي محبت جي روپ ۾ ڪجهه نه مليو هجي، پر سندس مُڙس، ديوني واج سُٺو ساٿي ثابت ٿيو، ۽ هُن سندس پورو ساٿ ڏنو. پاپوزا، جپسين جي روايتي لوڪ ڪهاڻين ۽ گيتن جي مدد سان جذباتي گيت لکڻ شروع ڪيا، جيڪي جزوي گيت ۽ جزوي نظم هئا. جپسي گيتن جيان، هن جا گيت، موضوع ۽ سُر، ٻنهي موجب جوش ڏياريندڙ هئا. انهن ۾ وڃائجڻ جو ڏوراپو به هو، ۽ ڊگهن رستن جون ڏکيائون به . اهڙن ڊگهن رستن جو ذڪر، جيڪي ڪٿي به نه پهچندا هئا، ۽ نه ئي جتان واپسي ممڪن هئي!
    عالمي جنگ ۾، پاپوزا جي خاندان جا هڪ سؤ ماڻهو ماريا ويا هئا، پر اهو سانحو، هن جي تصورن تي اثر انداز نه ٿيو. هُن پولينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ رُلندي، پنهنجن ماڻهن جي تاريخ تي، تنقيدي انداز ۾ لکيو، جن جي هر جاءِ تي، رُڳو ساڳئي ڍنگ جي زندگي هئي. ڊگها رستا ۽ مٿن هلندر چلندڙ زندگي....! جيڪا هاڻي پُڄاڻيءَ ويجهو هئي، ۽ اُن جي جاءِ تي متبادل طور به ڪجهه ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. هُن ڪٿي ڪٿي پنهنجي گيتن جو اظهار هينئن ڪيو آهي:
    ”اي منهنجا خدا! آءٌ ڪيڏانهن وڃان؟
    آءٌ ڇا ڪريان؟
    پنهنجا وڃايل گيت ۽ ڪَٿائون؛
    ڪٿي ڳوليان؟

    هاڻي ته ٻِيلا به منهنجا نه رهيا؛
    نه ئي درياءَ، رستي سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا!

    اي منهنجا مقدس ويرانا!
    منهنجا ڪارا ابا!
    جپسين جا ڏينهن هاڻي ختم ٿيا،
    تڏهن به آءٌ کين ڏسان ٿي!
    ٽِڙيل، ڀوڳائي، چرچائي ۽ آسودا؛
    زور آور، شفاف پاڻيءَ جيان!

    رولاڪيءَ جي حال ۾ مست!
    تون کين ٻُڌي سگهين ٿو؛
    جڏهن اُهي ڳالهائڻ چاهين؛
    ويچارا گونگا آهن!

    پاڻي مُڙي نٿو ڏسي،
    پري ڀڄي ٿو، ڀاڄوڪڙ جيان؛
    جتي اکيون کيس نه ڏسي سگهن!
    رولاڪيءَ ۾ رُڌل، ويچارو رُلندر، وهندڙ پاڻي!
    ناستالجيا (ڏيهه يا وطن جي اُڪير ۽ سِڪ) جپسي گيتن جو تَت ۽ سارَ رهي آهي، پر ناستالجيا ڪهڙيءَ ڳالهه جو؟ ’ناستو‘ جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي: ”گهر اچڻ“ پر جپسين جو ته ڪو گهر ئي ناهي هوندو!! انهيءَ کان به عجيب ڳالهه اها آهي، ته اُهي ڏيهه يا وطن ڏانهن موٽڻ جا ڪي خواب به نٿا اُڻين. جپسي زندگيءَ ۾ يوٽوپيا (تصوراتي دنيا) جو گهڻو واهپو آهي. يوٽوپيا.... اوٽوپيا... جو مطلب آهي: ”بي وجود“ يا ”بيجاءِ“ هڪ اهڙي تصوراتي جاءِ، جنهن جو ڪو وجود نه هجي. تنهن ڪري يوٽوپيا لاءِ، ناستالجيا جو مطلب ٿيو: هڪ اهڙي جاءِ ڏانهن موٽڻ جي خواهش، جتي گهر جو وجود ئي نه هجي!
    شايد، اهو ئي جپسي ماڻهن جو سڀني کان وڏو الميو رهيو آهي. اُهي رُڳو هڪ چاهه، ڀاونا ۽ هڪ اڻڄاڻ خواهش کي دل ۾ سمائي رُلندا رهن ٿا. هڪ اهڙي ماضيءَ جي ياد ۾، جيڪو جيڪر هو، ته ڪڏهوڪو سندن ذهنن مان وڃائجي چوڪو آهي، ۽ اُها ناستالجيا ۾ ڀاڳ يا قسمت پرستيءَ (جنهن کي اُهي ”بخت“ چون ٿا) جو به وڏو حصو شامل آهي. سربيا جي هڪڙي جپسي گيتَ جا ٻولَ هينئن آهن:
    ”تباهي، ڪنڌيءَ تي آهي،
    ڪڏهن نه هئي!
    ٿيڻ ڏي!
    ان سان ڪهڙو فرق پوندو!
    ٿيڻو آهي، سو ٿيندو!“
    مقصد ته پاپوزا واقعن ۽ جاين بابت لکيو ۽ ڳايو. ڪڏهن ڪڏهن اِهي گيت، ڊگها سوانحي تجربا بڻجي ويندا هئا. ٻي مهاڀاريءَ جنگ جي زماني ۾، جهنگ ۾ لڪڻ واري تجربي کي هُن ’رت جا ڳوڙها‘ جي نالي سان لکيو آهي، ته 1943ع/1944ع ۾ جرمن نازين هٿان مٿس، ڇا وهيو واپريو. هُن يهودين جو ذڪر به ڪيو، جن سان گڏ ٻيلن ۽ آشويزن جي خوني ڪئمپ ۾، زندگي ۽ موت جون سختيون سَٺيون!
    جڏهن 1949ع ۾، پولينڊ جي شاعر فيڪووسڪي، پاپوزا کي ڳائيندي ٻُڌو، ته سندس جوهر کي سُڃاتو ۽ هن جي شاعريءَ ۽ گيتن کي سهيڙڻ شروع ڪيو. 1950ع ۾ پاپوزا جا نظمَ ’پرابليمي‘ نالي هڪڙي مئگزين ۾ ڇپيا. جنهن جي ڪجهه عرصي کان پوءِ، ڪميونسٽ حڪومت، جپسين جي لڏپلاڻ تي پابندي لاڳو ڪئي، ۽ ائين پاپوزا لڏپلاڻ جي زندگيءَ کان موڪلايو پر حڪومت، پاپوزا جا نظمَ لڏپلاڻ خلاف پروپيگنڊا طور استعمال ڪيا ۽ سندن خلاف سخت قانون لاڳو ڪيا. اهڙا ساڳيا قانون، ڪميونسٽ حڪومت، چيڪو سلواڪيا (1958ع)، بلگاريا (1958ع) ۽ رومانيا (1962ع) ۾ به لاڳو ڪيا، جنهن موجب لڏپلاڻ کي، ڏوهه جوڳي سزا قرار ڏنو يو ۽ ان کان به وڌيڪ کِل جوڳي حقيقت اها هئي، جو 1960ع ۾ انگلينڊ ۽ ويلس ۾ لڏپلاڻ توڻي جائز هئي، پر جپسي ڪنهن هڪ جاءِ تي ڪئمپ هڻي نه ويهي سگهندا هئا، ۽ ائين ڪرڻ، قانون جي ڀڃڪڙي هئي. نيٺ 1968ع ۾ به اُتي لڏپلاڻ کي قانوني ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو. انهيءَ دؤران، ڪنهن به جپسين جي پنهنجي خواهش کي، نه سمجهيو ۽ نه ئي آڏو رکيو. ظاهر آهي، ته هنن جي ظلم ۽ ڏاڍ جون اِهي ڪاوشون به ناڪام ٿي ويون. پاپوزا جا نظم ڇپجڻ جي ڪجهه مهينن کان پوءِ، جپسي سردارن جي هڪڙي گروهه، پاپوزا کي غير جپسي (گاجو) ماڻهن سان رابطا رکڻ جي ڏوهه ۾، سزا جون ڌمڪيون ڏنيون، تڏهن هُن لکيو.
    ”ٻيلن ۽ دريائن کانسواءِ،
    مون کي ڪو به نٿو سمجهي!
    جيڪو به آءٌ چوان ٿي،
    سو ڪڏهوڪو گُذري ويو؛
    ۽ اسان جو سڀ ڪُجهه لُٽجي ڦُرجي ويو؛
    منهنجي نؤجوان زندگيءَ جو وقت به !“
    واقعي، پاپوزا کي ڪو به نه سمجهندو هو، نه پنهنجا، ۽ نه ئي ڌاريا گاجو. هُن فيڪو وسڪي طرفان سهيڙيل نظمن جو، سندس ڪتاب ڇپجڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي . ڇا، هوءَ پنهنجن نظمن جي ترجمي مان مطمئن نه هئي، يا هُن اُنهن تي نظرثاني ڪرڻ پئي چاهي؟ هُن ڇپائيندڙ اداري سان به رابطو ڪيو، پر ڪنهن، کيس کنگهيو نه نه ! هوءَ واپس موٽي ۽ پنهنجن نظمن ۽ گيتن جي سهيڙيل سموري مواد کي، ساڙي ڇڏيو، جنهن ۾ هُن جا ٽي سؤ نظم شامل هئا. ڇا کيس جپسي سردارن جي ڌمڪين جو ڊپ هو، يا جپسي قسمت پرستيءَ جو!
    هُن فيڪو وسڪيءَ کي لکيو: ”جيڪڏهن تون اِهي گيت ڇاپين ٿو، ته اُهي منهنجي کَل لاهي ڇڏيندا، ڇو ته هن سميت اُهي به اُگهاڙا ٿي ويندا. پر الائي ان کان پوءِ، منهنجي جسم تي، نئين چمڙي ڦُٽي، جيڪا پهرئينءَ کان وڌيڪ سهڻي هجي!“
    انهن نظمن ۽ گيتن جي ڇپجڻ سان ئي، پولش روما جي ’بڙو شيرو‘ (وڏڙن جي پئنچائت) پاپوزا تي، مقدمو هلائي کيس ’معرڪه‘
    ڪوٺيو، جنهن جو مطلب آهي، ناپاڪ ۽ اَڇوت، جنهن سان ناتو ۽ لاڳاپو رکڻ منع هجي. پوءِ ايندڙ اٺن مهينن تائين هوءَ هڪڙي نفسياتي اسپتال ۾ رهي، ۽ جنهن کان پوءِ چوٽيهن ورهين تائين، جيستائين هوءَ جيئري رهي، هٿرادو هيڪلائيءَ ۾ رهي. فيڪو وسڪي به کانئس پاسيرو ٿي ويو.
    مقصد ته کيس، نه رُڳو پنهنجي نسل کان ڇِني ڌار ڌار ڪيو يو، پر جيئن ايندڙ نسلَ به کانئس اڻڄاڻ رهي. هوءَ لغوي معني ۾ پنهنجي رسمي نالي موجب ”گُڏي“ بڻجي وئي، پر گونگي، ٻوڙي ۽ ڀڳل ٽُٽل گُڏي! پوءِ پاپوزا ڪڏهن به نه ڳايو!
    1987ع ۾، هوءَ خاموشيءَ ۽ گمناميءَ کي ڀاڪر پائي، هن دنيا مان موڪلائي وئي. تازو ازابيل فونيسڪا، پنهنجي مشهور ڪتاب “Bury Me Standing” ۾ پاپوزا کي ساراهيو آهي. پاپوزا مري سگهي ٿي، پر هُن جي آتما ڪڏهن نه مرندي! هُن جا سچائيءَ ۽ درد سان ڀرپور گيت، سدائين جيئرا رهندا!!

    (ڪتاب; پرهه جو پانڌيئڙو ، ليکڪ ، خورشيد قائمخاني ،
    روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ڇاپو پهريون ، 2008ع)


    پاڻ کي سنڌياڻي سڏائيندڙ جپسي مصوره: ڪترزينا پولوڪ

    پاڻ کي سنڌياڻي سڏائيندڙ جپسي مصوره: ڪترزينا پولوڪ

    علي حسن ملاح
    ____

    ”مان 1961ع ۾ يوڪرين ملڪ جي شهر ڪيو ۾ ڄايس، پولينڊ ۾ جوان ٿيس ۽ 1983ع ۾ اهو ملڪ ڇڏي اچي جرمني جا وڻ وسايم ، جتي مان برلن شهر جي ڪروزبرگ علائقي ۾ مصوري ، آرٽ جا نمونا ۽ رانديڪا جوڙيان ٿي . هاڻي منهنجي دل ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ نٿي چوي منهنجي آرٽ جي شروعاتي تصورن تي جنگ جا پاڇا نمايان آهن، جنهن جنگ جي دوران منهنجي ڪٽنب تمام گهڻو ڀوڳيو، اهو زمانو يورپ ۾ اسان سنڌين (يورپ ۾ اسان تي ٽي نالا سنتي ، روما ۽ جپسي رکيل آهن) تي ظلم ۽ سزائن جو زمانو هو. منهنجي بابا ڪڏهن به پنهنجي اصليت بابت نه ڳالهايو. مون ڄاتو ٿي ته اصليت ۽ ماضيءَ بابت منهنجي بابا جي ايڏي ڊگهي خاموشي ڇو آهي . نيٺ اٺ سال اڳ مون کي منهنجي سنڌي اصليت هجڻ جي خبر پئجي وئي . اهو منهنجي لاءِ آسان نه هو ته مان پنهنجي بابا سان ٻي مهاڀاري جنگ بابت ساڻس ڳالهايان ، جنهن روماني ٻار هجڻ جي ناتي ان سڄي عرصي دوران ڀوڳيوهو. منهنجو والد ٻي مها ڀاري جنگ دوران لڪندو رهيو نيٺ بچي ويو ، پر مان نٿي ڄاڻان ته منهنجا وڏڙا ڪٿي دفنايل آهن!“
    اهڙو اظهار ڪترزينا پولوڪ پنهنجي ويب سائيٽ http://www.katarzynapollok.de تي ڪيو آهي .
    ڪترزينا يورپ ، ڀارت ،فلسطين ۽ اسرائيل جا دورا ڪري پنهنجي وڏڙن سان ٿيل ظلم کي دستاويزي شڪل ۾ آڻڻ ۽ پنهنجي ڪينواس جي زينت بنائڻ لاءِ جتن ڪري ٿي . يورپ ۾ ڇڙوڇڙ زندگي گهاريندڙ اهي سنڌي جن کي مصر مان آيل تصور ڪري مٿن نالو “جپسي” رکيو ويو هو ، مگر سڄي دنيا جي علم بشريات ، ماهرن ۽ تاريخي دستاويزي حوالن هاڻي اهو ثابت ڪيوآهي ته ، سندن وڏڙن جو تعلق سنڌ سان آهي . هٽلر ۽ نازي جرمنن يهودين کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ ظلم جو شڪار انهن لاڏائو قسم جي سنڌين بڻايو ، جيڪي سڄي يورپ ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ غير منظم انداز ۾ رهن ٿا. 2006ع ۾ جڏهن ڪترزينا پولوڪ ڀارت جو دورو ڪيو هو ته هن ڀارت سرڪار کان اهو مطالبو ڪيو هو ته يورپ ۾ ظلم جو شڪار ٿيل ۽ ڀٽڪندڙ سنڌين کي “جنگي قيدي” جو درجو ڏنو وڃي . ڪترزينا پولوڪ يورپ سميت سڄي دنيا ۾ پنهنجي فن جون نمائشون ڪري ، پنهنجي وڏڙن سان ٿيل ظلم ، پنهنجي سنڌي شناخت ، پنهنجي ٻوليءَ سان رشتو ۽ ڌرتيءَ سان ناطو ظاهر ڪري ، پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري ٿي . 2005ع ۾ سينٽر فار مائگريشن ريسرچ ۽ انٽرنيشنل روماني اسٽڊيز ڪانفرنس ۾ جيڪا بلگي يونيورسٽي استنبول ، ترڪيءَ ۾ ”يورپ جو ٻيو پاسو” جي عنوان تحت ڪوٺائي وئي هئي ان ۾ پڻ ڪترزينا شرڪت ڪري پنهنجي چترڪاريءَ جي نمائش ڪئي هئي .
    “منهنجي فنڪارانه اظهار ۾ ڪافي شيون نمايان آهن، ڇو ته مان ڪيتريون ئي سرحدون پار ڪندي رهندي آهيان ، جنهن ڪري منهنجي آرٽ جي اسٽائل ۾ ڪوبه پهلو هڪ هنڌ بيٺل ناهي ، اهو ئي منهنجو ”رولاڪي“ اسٽائل نمايان آهي ۽ ڪٿي مون روايتن جو ڀرم به رکيو آهي . اهي اهڃاڻ ۽ تصور به مون سان گڏ گڏ هلن ٿا ، جيڪي منهنجي زندگي جي رولاڪيءَ جو حصو رهيا آهن . آرٽ ۾ اظهار کي اسان پنهنجون معنائون ۽ مطلب ڏيون ٿا ۽ انهن کي هڪ هنڌ نٿا بيهاريون ، ڇو ته اسان عملي طور ۽ تصور ۾ سرحدون اورانگهيندا رهون ٿا. اسان پنهنجي ”روماني“ سڃاڻپ تي وڌيڪ ڌيان ڏيون ٿا. موجوده دور ۾ پنهنجي روماني سڃاڻپ نمايان کي ڪيئن برقرار رکجي ۽ ان کي اظهار جو ذريعو بڻائجي؟ اسان کي ”روماني“ ۽ ”غير روماني“ آرٽسٽن بابت ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ، جيڪي پنهنجي چترڪاريءَ ۾ روايتي ”روماني نظارن ۽ زندگيءَ“ جي عڪاسي ڪن ٿا. اسان انهن مشهور مصورن کي ڄاڻو ٿا جن پنهنجي پورٽريٽس ۾ جپسي زندگيءَ کي ڀرپور نموني چٽيو آهي . جيئن مشهور اطالوي مصور ڪارواگيو (Caravaggio) يا جرمن مصور اوٺو ملر ) (Otto Mueller جن پنهنجي پاڻ بابت بار بار اها دعويٰ پئي ڪئي ته اسان سنڌي آهيون . اهي جملا سندس انٽرويو منجهان اخذ ڪجن ٿا، جيڪو سندس ئي جرمن زبان ۾ ويب سائيٽ تي موجود آهي:
    ”مان پنهنجي چترن ۾ تکا رنڱ ڇو ٿي استعمال هيٺ آهيان؟ اهو مون کي وڌيڪ احساس تڏهن ٿيو جڏهن مون ڀارت دورو ڪيو،شايد اهائي منهنجي شناخت آهي.“
    ڪترزينا جي فن جو موضوع هڪ عورت ستيلا به آهي ، جنهن جي تصوير يورپ جي سمورن ميوزمن ۾ موجود آهي ، جيڪي هن رولاڪ نسل جي ظلمن کي دستاويزي شڪل ڏيو سانڍيو ويٺا آهن . ستيلا ، جيڪا نازين هٿان گرفتار ٿي گئس چيمبر ۾ اجل جو شڪار ٿي وئي ، جنهن تي ناول ۽ فلم پڻ ٺاهي وئي ستيلا کي ريل جي دٻي ۾ ويهاري نازي ڪيمپ ڏانهن موڪليو وڃي ٿو ، جنهن دوران ستيلا دٻي جي دريءَ مان ليئو پائي ٻاهر آزاد دنيا کي ڏسي ٿي ، جنهن کي ڪترزيناپنهنجي آرٽ ۾ هٿ جي ٻن آڱرين مان ظاهر ڪيو آهي. ڪترزينا جي فن جو موضوع ،جنگو رينهارٽ به آهي ، جيڪو يورپ ۾ گٽار جي حوالي سان وڏو نانءُ ٿي اڀريو.
    ڇا ڪترزينا پنهنجي اصلي وطن سنڌ به اچي سگهي ٿي؟ ڇا موهن جو دڙو ، منڇر، ٻهراڙيءَ جي عورتن جون ٽڪ واريون رليون، تيز رنگ وارا ڀرت جا نمونا ۽ ٻهراڙيءَ جي سنڌي عورت جي معاشي صورتحال سندس فن اثر انداز ٿي سگهي ٿي؟ اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهم سوال ڪترزينا پولوڪ جي ڪينواس جي زينت بنجڻ لاءَ آتا آهن.

    (روزانه ”ڪاوش“ سنڊي ميگزين)


    جپسي ليکڪا ۽ صحافي: راڪسي فريمين

    جپسي ليکڪا ۽ صحافي: راڪسي فريمين
    شبير سومرو
    ____

    جڏهن مان اندر گهِريس ته ڪاليج جي رسيپشن ڊيسڪ تي ويٺل سهڻي ڪلارڪ ڇوڪريءَ ڪنڌ کڻي مون کي ڏٺو ۽ هڪدم ئي سندس اکين ۾ نفرت جا اُلا ڀڙڪڻ لڳا. مون جڏهن سندس آڏو بيهي کيس مخاطب ڪيو ته هن طنز مان مون ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو.
    ”مون کي هن ڪاليج ۾ داخلا وٺڻي آهي.“ مون اهو چئي پنهنجو داخلا فارم هن جي آڏو رکيو ، جيڪو مون گهر ويٺي گهرايو هو. هن بيزاريءَ مان فارم کنيو، پڙهيائين ۽ پوءِ چوڻ لڳي ،”هتي مهانگي ۽ اعليٰ تعليم ڏني ويندي آهي. ڪاليج جو سليبس به جديد ۽ مهانگو آهي. ٻيو ته هتي فقط اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل ٿينديون آهن، جن جو اسڪولي رڪارڊ تمام ڀلو هجي. تو ته پنهنجي ۾ فارم ڪنهن اسڪول جو نالو لکيو ئي ڪونهي ، ته پوءِ ههڙي ڪاليج ۾ داخلا ڪيئن ملندئي !؟“
    هن ڇوڪريءَ جي لهجي ۾ وڏو تڪبر ۽ مون لاءِ نفرت هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ مون کي سڃاڻي وئي هئي ته مان عام انگريز ڇوڪري ناهيان ، هڪ رولو جپسي آهيان، جنهن جو نه گهر هوندو آهي، نه ڪو شهر ۽ نه وري ڪو وطن ئي هوندو آهي .... اهي ته ڪڏهن ڪنهن اسڪول جو مُنهن ئي نه ڏسندا آهن ۽ مان وري هيڏي جديد رايل ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جي سَڌَ پئي ڪيان!
    هائو، هن جي ڳالهه به صحيح هئي . مان رولاڪ خانه بدوش قبيلي جي هڪ ڄٽ ڇوڪري، جنهن تي ڪو اعتبار نه ڪري، جنهن کي ڪو پنهنجي ويجهو بيهڻ نه ڏئي، جنهن وٽ ڪو گهر گهاٽ نه هجي، سا وڏن ماڻهن جي نفيس ٻارن سان گڏ ويهي ڪيئن ٿي پڙهي سگهي؟ پر مان جپسين بابت روايتي سوچ ٽوڙڻ لاءِ ئي هي سڀ ڪجهه ڪيان پئي. بي شڪ مان پڪي گهر بجاءِ ٽپڙين، ڪمبلن ۽ گلمن جي پراڻن ٽڪرن سان ٺهيل تنبو ۾ رهندڙ آهيان، اسان جي قبيلي ۾ ڪو به ماڻهو ڪنهن عزت ڀرئي روزگار سان لاڳاپيل ناهي. اسان ماڻهن کي سڀئي ”مهذب“ شهري ڌڪار جي نظر سان ڏسندا آهن ۽ اسان کي چور، ڌوڪي باز، مڪار ، مداري ۽ بشني سمجهندا آهن. منهنجي ته ابي ڏاڏي به ڪڏهن ڪنهن اسڪول جو در نه ڏٺو هو. انهيءَ پس منظر هوندي مان وري لنڊن جي سڀ کان شاندار ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ آئي هيس ! اها ته مون ڏاڍائپ ٿي ڪئي ! جنهن ڪري هوءَ رسيپشنسٽ ڇوڪري ، جيڪڏهن نفرت جو سلوڪ پئي ڪري ته هُن جو ڏوهه به نه هو... پر ڏوهه ته منهنجو به نه هو! مون انهيءَ داخلا فارم ۾ پوئين اسڪول وارو خانو خالي ڇڏي ڏنو هو. مون جڏهن زندگيءَ ۾ ، ڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري جي شڪل ئي نه ڏٺي هئي ته ڀلا ڪهڙي اسڪول جو نالو لکان ها !؟
    مون سوچيو ته مان تڪڙ ۾ هن سهڻي برٽش ڇوڪريءَ آڏو ڳالهه واضع ڪيان، نه ته هوءَ مون کي “Get Lost” چوڻ ۾ دير نه ڪندي. سو مون ڏاڍي اعتماد مان کيس ٻڌايو ،”مان ڪڏهن اسڪول مان ناهيان ڀڳي ، نه مون ڪڏهن ڪلاسن جو ڪم اڌورو ڇڏيو آهي ... اصل ۾ مان اڄ تائين ڪنهن اداري ۾ پڙهڻ ويٺي ئي ناهيان.“
    مون اهو چئي محسوس ڪيو ته هاڻي هوءَ سمجهي ويندي ته مان ڇا ٿي چاهيان ۽ هوءَ منهنجو فارم قبول ڪري، في اوڳاڙي، داخلا ڪارڊ ٺاهي ڏيندي. پر هوءَ صفا گُڪ مُڪ لڳي ويٺي هئي. مون کيس وڌيڪ سمجهائڻ لاءِ مقرر فيءَ جا پئسا کيسي مان ڪڍي، فارم جي مٿان رکيا ۽ پڇيومانس ، ” هاڻي ڀلا منهنجي ايڊميشن ڪندينءَ يا اڃا نه؟“
    ”پر تون.... پر تون ته هتي داخل سڀني شاگردن شاگردياڻين کان صفا وڏي آهين ! ٻيو ته ايڊميشن کان اڳ هتي مختلف سبجيڪٽن جون ٽيسٽون وٺندا آهن. تون اهي ٽيسٽون ڪيئن ڪليئر ڪندينءَ، جڏهن ته تون پڙهيل ئي ناهين !؟“
    مون کي لڳو ته مٿس منهنجو رعب ويهندو ٿو وڃي ، سو مان پنهنجو کيل جاري رکيو ، ”ها، بي شڪ مان ڪلاس جي سڀني ٻارن کان وڏي لڳنديس، ڇو جو مان 22 سالن جي آهيان ۽ اهي وڌ ۾ وڌ 15 يا 16 سالن وارا ٻار هوندا، پر اهو ڪو مسئلو ڪونهي. مان سڀئي ٽيسٽون به ڪليئر ڪري وٺنديس پر انهن جي تياريءَ لاءِ ٽائيم ڪيترو ڏيندؤ؟“
    ”ڏس، هن وقت ڪلاس وارن جو اڌ سيشن ته ٿي ويو آهي . تون ايندڙ سال لاءِ وڃي تياري ڪر. اڃا نَوَ مهينا وچ ۾ پيا آهن، ڪنهن ماستر يا ماسترياڻيءَ کان ٽيوشن پڙهه وڃي. جڏهن مٿئين سال داخلائون کُلن ته اچي فارم ڀرجانءِ.“
    ”اڃا نو مهينا پيا آهن ...!! انهن نون مهينن ۾ ته مان هڪڙو جپسي ٻار ڄڻي ٿي سگهان.“ مون کيس مذاق جي انداز ۾ چيو ته هوءَ وائڙي ٿي وئي. مان فارم ۽ پئسا کنيا ۽ سندس سامهون رکيل هڪ بئنچ تي ويهي رهيس ته جيئن هوءَ منهنجي چرچي جو ڌڪ پچائي، سامت ۾ اچي ته في ايڊوانس جمع ڪرائڻ وارو خفو به لاهي ڇڏيان.“
    ***
    اهو احوال آهي راڪسي فري مين جو ، جيڪا ماضيءَ جي مشهور جپسي فليمنڪو ڊانسر آهي. هن ڊانس ڪندي سڄي دنيا جو سير ڪيو آهي ۽ وڏي دولت ڪمائي اٿس. پر جپسي لائف کيس ننڍي لاکان ئي پسند ناهي جو عام سيٽلڊ، گهر تڙ وارا ماڻهو جپسين کان ڏاڍي نفرت ڪن ٿا، کين ويجهو اچڻ ناهن ڏيندا ۽ انهن کي چور، بشني، ڄٽ ۽ رولو سمجهندا آهن. راڪسي ان عام رويي کان بيزار ٿي ننڍي وهيءَ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ جپسي زندگي ڇڏي، عام ”شريفاني“ زندگي گذاريندي ، ڪنهن چڱي دولتمند همراهه سان شادي ڪري، وڏو گهر وسائيندي ۽ ٻار ڄڻيندي.
    اڄ ڪيئي سالن جي رولڙن، جاکوڙ ۽ محنت سان راڪسي پنهنجو اهو خواب، اهو ضد پورو ڪري ورتو آهي. هوءَ نه فقط هڪ اهم شخص جي زال آهي پر کيس ٻار به آهن . لنڊن جي پوش علائقي ۾ ٺاهوڪو گهر به اٿس ۽ ها.... هوءَ اڄ جپسي ڊانسر کان وڌيڪ مشهور به آهي. هوءَ جپسي رائٽر ٿي چڪي آهي، جنهن جا ڪالم دنيا جي اڌ درجن کن اهم اخبارن ۾ هر هفتي شايع ٿين ٿا، جن جي ڪمائيءَ تي راڪسي فري مين سُک جي سپنن کي سچ ڪري، شاندار زندگي گذاري رهي آهي. هوءَ فقط جپسين بابت ڪالم لکندي آهي ۽ ايتري دلچسپ انداز م ٿي لکي ، جو سندس سينڊيڪيٽڊ ڪالمن جو سڪ مان انتظار ڪيو ٿو وڃي. هن جو ڪتاب Little Gypsy ايترو مقبول ٿيو آهي جو دنيا جي الائي ڪيترين ٻولين ۾ ان جو ترجمو ٿيو آهي ۽ راڪسيءَ چواڻيءَ ان ڪتاب جي رائلٽي ايتري ته ملندي ٿي رهي جو سڄي زندگي ويهي ان جو کٽيو کائي سگهي ٿي.
    مون راڪسيءَ جو هڪڙو ڪالم امريڪي اخبار ۾ پڙهيو هو، جيڪو يورپ ۾ جپسين جي زندگيءَ بابت هو. اهو ڪالم دنيا جي هڪ وڏي اخبار ۾ ڇپيو هو، جنهن جي هيٺان راڪسيءَ جي ٽويٽر ۽ فيس بڪ آءِ ڊي به ڏنل هئي. اتان مون کيس فيس بڪ تي ڳولي لڌو ۽ کيس فرينڊ رڪيسٽ سان گڏ ميسيج ۾ پنهنجو مختصر تعارف به موڪليم . هوءَ اوڏيءَ مهل آن لائن هئي. سو ٿوريءَ دير ۾ ئي رڪيسٽ قبول ڪري ورتائين ۽ ميسيج جو جواب به ڏنائين. تنهن کان پوءِ مون کانئس سندس ٻين ڇپيل ڪالمن جا Link به گهريا ۽ سندس ڇپيل ڪتابن جي پبلشر به پڇيومانس . ان تي هن ڪتاب جا ڪجهه اقتباس ۽ گهربل معلومات ٻئي ڏينهن تائين موڪلي ڏني. اهو سڀ مواد پڙهي مون کي سندس انٽرويو ڪرڻ جو شوق ٿيو. اهڙو ميسيج موڪليومانس ته پاڻ اڳ ڇپيل هڪ ٻن انٽرويوز جا لنڪ شيئر ڪيائين ۽ لکيائين ته اهي پڙهي، تسلي نه ٿئي ته واڌو سوال موڪلي ڏجو ، مان جواب موڪلي ڏينديس. ايئن راڪسي فري مين جو هڪ تفصيلي فيچر تيار ڪري، اڙدو اخبار ”نئي بات“ جي سنڊي ميگ ۾ شايع ڪيم. اهو ڇپجڻ واري صبح تي ئي الائي ڪيترن پاڪستانين پڙهي، فيس بڪ تي راڪسيءَ کي ڳولي ورتو ۽ ان ڇپيل فيچر جو فوٽو ساڻس شيئر ڪيائون . هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ مون کي Thanks جو ڊگهو ميسيج موڪلي آڇ ڪيائين ته جيڪڏهن سندس ڪتاب اڙدو ۾ ترجمو ڪري ڇپرايان ته هوءَ 50 سيڪڙو رايلٽي مون کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. مون کي کل آئي ته هوءَ انگريزي ۽ ٻين يورپي ٻولين جي پروفيشنل پبلشرن تي هِريل آهي ۽ سمجهي ٿي ته پاڪستاني پبلشرز به انهن وانگر سندس ڪتاب جي رايلٽي ملينز (Millions Dollars) ۾ ڏيندا. ٻڌايومانس ته مائي ، هتي ڪاپيون ڪي پنج سئو يا هزار مَسَ ڇپجنديون آهن ۽ پبلشر وري رايلٽي ڏيڻ بجاءِ ، ڪيترن ليکڪن کان ته ڪتاب جو خرچ وٺي پوءِ ڪتاب ڇاپيندا آهن. اها ڳالهه ٻڌي هوءَ وائڙي ٿي وئي ته 18 ڪروڙ آباديءَ واري ملڪ ۾ ايڏو انڌير ڪيئن هوندو؟ بهرحال اها آڇ اتي ايف بيءَ تي ئي مري وئي.
    هاڻي اچون ٿا اڄ جي سڀ کان مشهور جپسي ليکڪا جي پنهنجي ابتدائي زندگيءَ تي... ڏسو ته هن آخر ڪهڙي سبب جي ڪري جوانيءَ کان اڳي ئي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ خانه بدوشن واري زندگي ترڪ ڪري عام يورپي يا امريڪي شهري زندگي گذاريندي. گهر ٺاهيندي، شادي ڪري ڪنهن هڪ ملڪ جي شهريت وٺندي ۽ پوءِ سيٽلڊ لائف جو لطف ماڻيندي . اڄ هوءَ اهو مقصد ماڻي چڪي آهي... پر اهو احوال تفصيل سان کانئس ئي ٻڌون ٿا:
    ”مون کي ننڍپڻ کان جيڪي بي عزتيون ۽ ذلتون سهڻيون پيون، سي سڀ ان ڪري هيون جو مان خانه بدوش خاندان جي غريب ڇوڪري هيس، اسان جو ڪو گهر گهاٽ نه هو ۽ نه وري ڪو وطن ئي هو ، پر مان وري اهو سمجهندي هيس ته اهڙي خانه بدوشيءَ جو اهو به فائدو آهي ته هر شهر منهنجو پنهنجو آهي ۽ هر وطن به تيستائين اسان جو آهي ، جيستائين اسان اتان لڏو پٽي، ڪنهن ٻئي ملڪ نه وڃي ويهون. ائين سڄي دنيا ۾ اسان جي پيرن جي ڌوڙ اڏندي رهي ٿي. ان هوندي به اسان سان هر شهر ، هر ملڪ جي ماڻهن جو جيڪو سلوڪ هوندو هو، سو ڏاڍو خراب هوندو هو. انهيءَ ڪري ئي مون هوش سنڀالڻ تي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن به موقعو مليو، مان رولڙن ۽ بي گهريءَ واري هيءَ جپسي زندگي ڇڏي، پنهنجو گهر ٺاهي، ڪنهن هڪ ملڪ ۾ رهنديس. شادي ڪنديس ۽ ملڪ جي آباديءَ م واڌارو ڪنديس. اڄ مان اهو مقصد ماڻي چڪي آهيان. دنيا جي هڪ مشهور ملڪ ۾ وڏي شهر (لنڊن) جي ذميدار شهري آهيان. پنهنجي لکڻ واري پورهيي مان ڪمائي گذارو ڪيان ٿي. منهنجون لکڻيون ماڻهن ۾ تمام مقبول آهن ۽ اهي کين فينٽسي کان وڌيڪ دلچسپ لڳن ٿيون.“
    راڪسيءَ کي جڏهن سفوڪ ڪاليج مان اهو آسرو مليو ته هوءَ ايندڙ سيشن جي تياري ڪري اچي داخلا وٺي ، ته هن موٽي اچي پنهنجي جهوپڙن ۾ ئي هڪ ٽيوٽر جو انتظام ڪيو ۽ ان کان اهي سڀ مضمون پڙهيا ۽ ٽيسٽ جي تياري ڪئي ته جيئن ڪاليج وارا کيس فيل ڪري نه سگهن. هن پنهنجي جنون ۾ ٺپ اڻ پڙهيل هجڻ باوجود اهڙي تياري ڪئي جو ڪاليج جي داخلا ٽيسٽ ۾ پوزيشن کنيائين. هاڻي ڪاليج وارن وٽ کيس داخلا نه ڏيڻ جو ڪو به قانوني بهانو نه هو. هوءَ ڪاليج ۾ آئي ته پنهنجي ڪلاس کانسواءِ ٻين ڪلاسن جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کان به عمر ۽ قدبت ۾ گهڻي وڏي هئي ، جنهن ڪري هم ڪلاسي اڪثر کيس چيڙائيندا به هئا پر هن آڏو جيئن ته هڪڙو مقصد هو، تنهن ڪري هن اهي چرچا ۽ اڻوڻنڙ رويا کِلي برداشت ڪيا. ايستائين جو ڪاليج ۾ ”آنٽي“ طور به مشهور ٿي وئي.
    ”منهنجي پالنا انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کان مختلف انداز ۾ ٿي هئي، تنهن ڪري مان انهن نرم نازڪ ۽ نفيس شهري ٻارن کان مضبوط ، قداور ۽ Rough Tough هيس. ساڳئي وقت ”مذاق پروف“ به هيس. مان جن ڏکين حالتن مان گذري آئي هيس، انهن جي ڀيٽ ۾ ڪاليج جو ماحول مون لاءِ جنت جهڙو هو.
    ”اسان سڄي عمر روڊ رستن جي پاسن کان خيما کوڙي رهندا هئاسين يا جپسي ڪاروان (ويگن) ۾ ئي سمهي پوندا هئاسين، جنهن کي گهوڙا ڇڪيندا هئا. منهنجا ڇهه ڀائر ۽ ڀيڻيون سڳيون هيون ۽ ماٽيجي ماءُ مان به ٽي ڀائر هئا. جپسين ۾ گهڻا ٻار هجڻ فخر جي ڳالهه ليکبي آهي. خاص طور تي جپسين ۾ ڇوڪرين جي اهميت وڌيڪ هوندي آهي ، جو اهي ماءُ پيءُ سان رهي کين ڪمائي کارائينديون آهن. اسان ۾ ڪزنز ميريج جو رواج تمام مضبوط آهي ، پر منهنجي ماءُ پيءُ جو لاڳاپو الڳ الڳ تهذيبن سان هو. منهنجي ماءُ آمريڪا جي هڪ معزز ۽ سيٽلڊ خاندان مان هئي، جنهن کي بابي سان سچي محبت ٿي ته هوءَ گهر، ماءُ پيءُ ۽ شهر ڇڏي، بابي سان نڪري آئي ۽ شادي ڪري مُلڪان ملڪ ان سان گهمڻ لڳي. ٿي سگهي ٿو ته مون تي ماءُ جي ان پس منظر جو اثر ٿيو هجي، جنهن ڪري مون جپسي زندگي ڇڏي، سيٽل زندگي گذارڻ شروع ڪئي آهي. مون کانسواءِ اسان ڀيڻن ڀائرن مان ڪنهن به اسڪول جو مُنهن نه ڏٺو. ان جي بجاءِ اسان جي پيءُ اسان سڀني کي موسيقي، رقص (جپسي رقص فليمنڪو) سيکاريو. آرٽ ۽ ڪرافٽ جي جپسي سامان جو هنر سيکاريو. اسان جو پيءُ (ماءُ سان گڏ) اسان کي ڪڏهن خيمي ۾ ويهاري نه سيکاريندو هو، بلڪ هو اسان کي جهنگلن، ريگستانن ۽ جبلن جا ڏکيا پنڌ ڪرائي ، فطرت سان اسان جو لاڳاپو جوڙيندو هو ، انهن کليل علائقن ۾ جيئڻ جا جتن ڪرڻ سيکاريندو هو. ڪتا ۽ ٻيا چوپايا پالڻ، نانگ پڪڙڻ، پکين کي ڦاسائڻ ۽ انهن جون ٻوليون ڳالهائڻ، ٻوٽن جا فائدا، جڙي ٻوٽين جون خوبيون ۽ استعمال سيکاريندو هو. ماني ٽڪي نه ملڻ جي صورت ۾ ڪيئن شڪار ڪري پيٽ ڀرجي يا جهنگلي ميوا، پن يا ٻنين مان سبزيون، ساڳ، پٽاٽا، گوگڙو ڪڍي ڪيئن کائجن؟ ان ڪري اسان ڪڏهن به بک نه مئاسين. ايستائين جو نانگن ۽ ڏيڏرن جهڙا جاندار به کائي ويلو ٽاري ويندا هئاسين. صحرا جي سفر ۾ پاڻي کٽي ويندو هو ته ريگستاني واري کوٽي اندر پوريل ٻوٽن جون پاڙون ڪڍي، اهي چوسي اڃ اجهائي وٺبي هئي. اسان مان ڪنهن به ڪڏهن چونپل يا ٻوٽ پائڻ جي عياشي نه ڪئي. باقي جپسي تقريبن، شادي مراديءَ يا تهوارن تي ٺاهوڪي تياري ڪري شامل ٿبو هو. مان اٺن سالن جي عمر ۾ ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي سنڀالڻ، کارائڻ پيارڻ ۽ آبادين م وٺي وڃي، ڪمائي ڪرڻ جا ڪرتب سکي ورتا هئا. اسان کي کيسا ڪترن جو هنر به ايندو هو پر ان کي آزمائڻ جي ڪڏهن ضرورت نه پوندي هئي ، جو اسان جا ڪم ٻين جائز طريقن سان ئي پورا ٿي ويندا هئا ، پر سچ ته زندگيءَ جون سڀ ضرورتون پوريون ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اسان پري پري کان پاڻي ڀري ايندا هئاسين، مان سڀني ڀاتين لاءِ ماني ٽڪي ڪندي هيس. ننڍن ٻارڙن جي نيپيز بدلائڻ، کين وهنجاري سهنجاري تيار ڪندي هيس. اها صفائي سٿرائي مون کي امان جي زور ڀرن تي سکڻي پئي ، جو هوءَ جنهن ڪٽنب مان آئي هئي سو وڏو گهراڻو هو، جتي ٻار ۽ وڏا نوان اڇا اجرا ڪپڙا پائي ٻاهر نڪرندا هئا. هونءَ اسان جپسين ۾ صفائي يا صاف ڪپڙن پائڻ، ايستائين جو وهنجڻ يا هٿ منهن ڌوئڻ جو رواج به گهٽ هوندو آهي. باقي سيلاني هوندي، رستي ۾ ڪو درياهه ، چشمو يا تلاءُ ملي ويو ته پوءِ ڪيترا ئي ڏينهن اتي لڏو لاهي ويهبو هو. خوب وهنجبو هو ۽ ڪپڙا لٽا ڌوئي صاف ڪبا هئا ته ايندڙ ڪيترن مهينن تائين وري اهڙو موقعو ملي الائي نه. بابو روايتي خانه بدوش رهيو آهي، سو ديسي جپسي زندگيءَ ۾ مگن رهندو آيو آهي. هو ننڍين ٽنگن وارا مضبوط گهوڙا وٺڻ ۽ کپائڻ جو ڪم ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو چڱو سودو ڪري ايندو هو ته وڏي عياشي ڪرائيندو هو ۽ اسان ڪيترائي ڏينهن ٻوڙ ماني کائڻ جي لائق ٿي پوندا هئاسين. هونءَ نه ته اسان وٽ روڪ ڏوڪڙ هوندا ئي ڪونه هئا، جو سيڌو وٺي سگهون ، سو مڙئي پيو گاڏو گهِلبو هو. جڏهن پئسا به نه هوندا هئا، بک به ڏاڍي هوندي هئي ته اهڙن ڏينهن ۾ اسان صبح جو سوير اٿي، ڪنهن فارم هائوس تي وڃي، ميوا پٽڻ جي مزدوري ڪندا هئاسين ۽ باغ وارن جي اجازت سان يا ڪڏهن وري چوريءَ ٻه ٽي زيتون، ڪو گدرو يا صوف کائي وٺندا هئاسين.“
    انساني تهذيب ۽ ارتقا ۾ باهه وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهيءَ ڪري جپسي قبيلا به باهه ٻاري اڪثر ان جي چوڌاري ويهي ڪئمپ فائر جو لطف وٺندا آهن. ان بابت راڪسي ٻڌائي ٿي:
    ”اسان جي زندگي جيئن ته تنبن يا جهوپڙين م گذرندي هئي، ان ڪري مينهوڳيءَ جي مند اسان لاءِ وڏيون مشڪلاتون ۽ تڪليفون آڻيندي هئي. برساتون، سي به وري آئرلينڊ ۽ يورپ وارن ملڪن جون اهڙيون هونديون آهن جو اسان جا تنبو پاڻيءَ ۾ ترندا وتندا هئا. مينهن شروع ٿيڻ سان هر ڪٽنب ڀڄي وڃي ڪاروان (ويگن گاڏي) ۾ پناهه وٺندو هو. اسان ڇوڪريون ۽ مايون پهرين خراب ٿيڻ وارو سامان محفوظ ڪنديون هيوسين. ان دوران اسان پاڻ ڀِڄي ڀَتُ ٿي وينديون هيونسين ۽ پوءِ ڏڪندي ڏڪندي ڪاروان ۾ اچي پناهه وٺنديون هيونسين. ڪاروان ۾ به سيءَ کان بچاءَ جو ڪو بندوبت نه هوندو هو. نه هيٽر هوندو هو ۽ نه وري اندر باهه ٻاري سگهبي هئي. سڄي سياري ۾ برساتون ايئن پاڻ کي ميرن سيرن ڪمبلن ۽ ڪپڙن ۾ ويڙهي سيڙهي گذارو ڪبو هو. گرمين ۾ پکو به نه هوندو هو جو ساهه منجهائيندڙ تپش ۽ پگهر کان بچاءَ ڪري سگهجي. اسان اندر ويهي تاس کيڏندا رهندا هئاسين يا وري نوان نوان ڪرتب سوچيندا ۽ هڪ ٻئي کان سکندا هئاسين، جيڪي عوامي جاين تي ماڻهن کي ڏيکاري چار ڏوڪڙ ڪمائي سگهجن. مون کي تاس جي پتن ذريعي حسابن جي ڄاڻ به آئي. حساب يا ميٿس ۾ مهارت مون کي ڪاليج ۾ ڏاڍي ڪم آئي. اسان جپسي ڪيلڪيوليٽر مان ته ڄاڻون ڪونه ، سو هزارن لکن جا حساب به اسان ننڍي لاکان زباني حل ڪرڻ سکندا آهيون. اهو هنر مون کي سفوڪ ڪاليج ۾ ڏاڍو ڪم آيو ۽ شاگردن توڙي استادن ان جي ڪري مون کي ڏاڍي اهميت ۽ عزت ڏني. اي بي سيءَ سان واقفيت منهنجي ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي ڪرائي هئي ۽ هوءَ ٻاراڻين آکاڻين جا ڪتاب وٺي آڻي مون کي پڙهائيندي هئي. ايئن ٻارهن سالن جي عمر ۾ مون ڪلاسڪ ادب سان به هٿ ڳنڍيا، جن ۾ فٽز جيرالڊ، اي ايم فوسٽر ۽ ايميلي برونيٽ جون لکڻيون امان مون کي ڏيندي هئي ته پاڻ به پڙهان ۽ کيس به پڙهي ٻڌايان. جڏهن امان اهڙا ڪتاب آڻي نه سگهندي هئي ته مان خيراتي دڪانن تان وڃي وٺي ايندي هيس يا مٽن مائٽن کي فرمائش ڪندي هيس ته مون کي سالگره جي تحفن ۾ ڪتاب آڻي ڏجو. ان ڳالهه تي جپسي مائٽ ڏاڍيون ٽوڪون ڪندا هئا ته هيءَ واهه جي جپسي ڇوڪري ساماڻي آهي ، جيڪا ڪتاب ٿي گهري! تن ڏينهن م مون کي اهو پتو ئي نه هو ته ميڊيا اسان جپسين کي ڪيئن پيش ڪندو آهي. اسان شهري ٻارن سان کيڏي نه سگهندا هئا سين، جو اهي اسان کي ويجهو اچڻ ئي نه ڏيندا هئا. گاريون ڏئي ۽ پٿر هڻي ڀڄائي ڪڍندا هئا. اهي صبح جو روز صاف يونيفارم پائي اسڪول ويندا هئا ته اسان ، خاص طور تي مان کين حسرت مان بيهي ڏسندي هيس. اهي اسان جپسي ٻارن سان ڏاڍو ڀڇڙو سلوڪ ڪندا هئا. هڪ ڀيري مون پنهنجي ڀاءُ کان پڇا ڪئي هئي ته شهري ماڻهن جا ٻار اسان کان نفرت ڇو ٿا ڪن؟ ان تي هن لاپرواهيءَ مان وراڻيو هو ته” جي اهي نفرت ٿا ڪن ته اسان ڪهڙي انهن سان محبت ٿا ڪيون؟ ڀلي پيا نفرت ڪن، اسان جپسي آهيون، اسان کي ڇاهي؟“
    ”وري به اهي ڇو ٿا ايئن ڪن؟“ مون پنهنجي ڳالهه تي زور ڏنو هو.
    ان تي منهنجي ڀاءُ چيو هو، ”اسان جپسي آهيون. انهيءَ ڪري شهري ماڻهو ۽ انهن جا ٻار اسان کان ڊڄن ٿا. انهيءَ ڪري اهي اسان کي ويجهو اچڻ ناهن ڏيندا.“
    ”مان جيئن ته ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا، سو اها هُر کُر رهندي آئي ته ماڻهو ڀلا اسان سان ايئن ڇو ٿا ڪن؟ ان بابت به نيٺ ڪتابن مان ئي پتو پيو ، ته شهري ماڻهو اسان لاءِ ڪهڙا خيال ٿا رکن ۽ انهن جي مٿي ۾ اسان خلاف غرور ۽ تڪبر ڀريل آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن. اهي سمجهن ٿا ته خانه بدوش جيئن ته ڪنهن گهر يا ديس جا مالڪ ناهن، ان ڪري انهن ۾ وفاداري ۽ وطن دوستيءَ جي عنصر به ناهي هوندو. اهي بشني ۽ چور آهن، جيڪي سامان سان گڏ شهرين جا ٻارڙا به اغوا ڪري وڃن ٿا. هو اهو به سوچين ٿا ته جپسي سندن سر زمين تي مفت رهن ٿا ۽ سرڪار کي ڪو ٽئڪس به نه ادا ڪن ٿا، نه وري ملڪ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا. انهيءَ ڪري انهن جي جيتري بي عزتي ڪجي، سا گهٽ آهي. اهو رويو ان ڪري به آهي جو جپسي ماڻهو اڪثر ڪري اڻ پڙهيل آهن. سو کين پنهنجي بابت شهرين جي خيالن جو پتو به نٿو پوي. ان صورت ۾ توهان هنن آڏو ڪهڙو رد عمل ظاهر ڪندؤ؟ جي جپسين جو ڪو رد عمل ئي نه هوندو ته شهري ماڻهو پنهنجن پراڻن خيالن تي قائم رهندا. اڃا به وقت گذرڻ سان هي خيال پُختا ٿي نظرين جي صورت اختيار ڪري ويندا.“
    سفوڪ ڪاليج مان پاس ٿي، راڪسيءَ هڪ اوپن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ اتان 2013ع ۾ ڊگري ماڻي نڪتي. ان کان پوءِ هن فيصلو ڪيو ته هوءَ جرنلزم جوائن ڪندي ته جيئن پنهنجي جپسين جي رنگا رنگ زندگيءَ جا قصا بيان ڪري سگهي ۽ عام شهري ماڻهن جا اهي خيال به تبديل ڪري سگهي، جيڪي هو جپسين بابت رکن ٿا. هن برانٽن جرنلسٽ نيٽ ورڪ ۾ شموليت اختيار ڪري جرنلزم ۾ ڊپلومه ورتي. انهيءُ تعليم دوران هن جي سنگت هڪ ڇوڪري سان ٿي، جنهن سان هوءَ گڏ رهڻ لڳي. اڳتي هلي ٻنهي هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ شروع ڪيو ته شادي ڪري ڇڏيائون. اهڙي ريت راڪسي پنهنجي ماءُ جي ابتڙ ڪم ڪري به ناناڻڪي ڪٽنب واري زندگيءَ جي چونڊ ڪئي. ماڻس معزز ڪٽنب، گهر ۽ وطن ڇڏي، هڪڙي خانه بدوش مرد کي پسند ڪري. ان سان شادي ڪئي ۽ راڪسيءَ ان جي برخلاف تعليم حاصل ڪري، شهري زندگي چونڊي ، هڪ شهري نوجوان سان شادي ڪري گهر سنڀالڻ لڳي.عملي زندگيءَ ۾ هوءَ هاڻي جپسي ناهي رهي پر هن جو جپسي روح هن جي بدن ۾ موجود آهي، جيڪو کانئس جپسين جا قصا ڪهاڻيون لکرائي ٿو.
    هوءَ برائٽن جي سهڻي شهر ۾ هڪ فليٽ ۾ رهي ٿي. هن جي گهر جي بالڪنيءَ مان شهر جون گهڻ ماڙ عمارتون، وڏا ڪشادا روڊ رستا ۽ گاڏيون نظر اچن ٿيون.هن پنهنجي خواب جي ساييان ماڻي ورتي آهي. سندس چوڻ آهي ته ، ”جتي سپنو ساڀيان ٿيڻ جي سرهائي اٿم، اتي اهو ڏک به اٿم ته مان هاڻي آزاد فطرت کان پري ٿي وئي آهيان.“
    راڪسيءَ کي اها آسان زندگي ڪو آسانيءَ سان نه ملي آهي. ان لاءِ هن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ سڄي دنيا م رولڙا ڪيا آهن. هن جڏهن ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو هو ته هوءَ تعليم پرائي سيٽل زندگي گذاريندي، تڏهن ماءُ پيءُ کيس ٻڌائي ڇڏيو هو ته وٽن ايترا ڏوڪڙ ناهن جو کيس پڙهائي سگهن. ان تي راڪسيءَ پيءُ کي چيو هو ته هوُ کيس فليمنڪو (جپسي ڊانس) جي سکيا ڏياري، اڳتي هو پاڻ گذارو ڪندي. ان تي پڻس سڄي ڪٽنب کي ساڻ ڪري ٻن سالن لاءِ نارفوڪ ۾ اچي رهيو هو ۽ اتي راڪسيءَ کي فليمنڪو رقص ۽ ڪاسٽرناٽ (جپسي ”چپڙيون“) وڄائڻ جي تربيت ڏياري هئائين. اتي رهڻ لاءِ هن جپسي ڪٽنب نارفوڪ جي شهري ڪونسل کان ميدان جو هڪرو ٽڪرو ڪرائي تي ورتو هو ، جتي پنهنجو ڪاروان بيهاريو هئائون ۽ جانورن به ٻڌا هئائون. ايئن والدين قربانيون ڏئي کيس پروفيشنل فليمنڪو ڊانسر ٿيڻ جو موقعو ڏنو.
    سندس چوڻ آهي ته ،”سترهن سالن جي عمر ۾ مان رقص سکڻ شروع ڪيو ۽ ٻن سالن کان پوءِ تيار ٿي مان دنيا کي پيرن هيٺان لتاڙڻ اڪيلي ئي نڪري کڙي ٿيس ته جيئن جپسي رقاصه طور رقم ڪمائي، تعليم حاصل ڪري سگهان. مون سڊني شهر کان رقص جي شروعات ڪئي. اتي جي بازار ۾ جپسي رقص کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو. اسپين ، جيڪو فلمينڪو ڊانس جو ميزبان ملڪ ليکيو ٿو وڃي، اتي مون شوقين ڇوڪرين کي مهينن جا مهينا هن رقص جي تربيت ڏني ۽ انڊيا جي ممبئي ۽ ٻين شهرن م به رقص ڪري پئسا گڏ ڪيم. انهيءَ ورلڊ ٽوئر مان جام آمدني ٿي ته موٽي برطانيه آيس. اچڻ سان ان سياحت جو احوال مرچ مصالحه هڻي لکڻ ويٺيس ۽ امان کان اها لکڻي پڙهائي، سُڌاري، پوءِ هڪڙي اخبار کي کڻي موڪليم. هفتي ٻن ۾ اهڙا چار پنج ڪالم لکي مختلف اخبارن کي روانا ڪيم. تڪڙا جواب اچڻ شروع ٿيا ۽ ٻن ٽن اخبارن سان معاهدا به ٿي ويا. ائين مان ڪالم نگار بڻجي ويس ۽ جرنلزم مان پئسا ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.“
    راڪسي جڏهن ورلڊ ٽوئر تان ڪمائي، لنڊن موٽي آئي، تڏهن هن سفوڪ ڪاليج جو رخ نه ڪيو هو، بلڪ ان کان پوءِ به پنجن سالن تائين هن ڪمائي ڪئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن پنهنجو کاتو کولي چيڪ ڪيائين ته تسلي ٿيس ته ڪم هلي ويندو. تنهن کان پوءِ ئي هوءَ رقم کڻي، ڪاليج ۾ ڌوڪيندي وئي هئي ، جتي کيس ٻڌايو ويو ته ٽيسٽ پاس ڪرڻ، رقم جمع ڪرائڻ کان وڌيڪ لازمي آهي ۽ ٽيسٽ ۾ ٽن هزار لفظن تي مشتمل مضمون لکڻو پوندو ته هوءَ ايتري دير سان پڙهڻ ڇو ٿي ويهي؟
    راڪسيءَ ايندڙ نَوَ مهينا پنهنجي جپسي ڪاروان ۾ ڏينهن رات محنت ڪئي. هڪ ٽيوتر جي مدد سان ڪاليج جا سبجيڪٽ سمجهي پڙهي، ٽيسٽ جي ايتري جنون سان تياري ڪيائين جو ان سال داخلا وٺندڙن ۾ پوزيشن حاصل ڪيائين. هن ڪاليج ۾ تعليم جي ضرورت سبب ، هُن GCSE جا ڪتاب پڙهيا ۽ انهن کي سمجهڻ به لڳي. هوءَ انهن بابت ٻڌائي ٿي ،”مون اڳ م اهي ڪتاب ۽ انهن ۾ لکيل مواد بار بار رَٽي ياد ڪيو. بعد ۾ سمجهڻ لاءِ پڙهڻ لڳيس تڏهن به ڪافي ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. مثال طور مون کي اها خبر ئي نه ٿي پئي ته هٽلر ڇا جي ڪري بدنام هو؟ يا هيسٽنگز واري جنگ ڪڏهن لڳي؟ مون کي ته اها به خبر نه هئي ته ساهه کڻڻ جو سرشتو ڪيئن ٿو ڪم ڪري؟ نه ئي ڪنهن جملي ۾ مون کي ساهيون يا وقفا ڪرڻ (Punctuations) ايندا هئا ، پر اصل ڳالهه اها هئي ته منهنجي اندر ۾ سکڻ ۽ سمجهڻ جي جُنوني خواهش، اڃا به هٻڇ هئي ، جو مان اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو ۽ سفوڪ ڪاليج ۾ وڏ گهراڻن ذهين شاگرد ۽ شاگردياڻين جو نه رڳو مقابلو ڪيم پر گهڻن کي پوئتي به ڇڏي ڏنم.“
    هوءَ ننڍپڻ کان اهو خواب ڏسندي ٿي آئي ته هڪ ڏينهن هن جو ڪنهن وڏي شهر جي پوش ايريا ۾ پنهنجو گهر هوندو ، ان گهر جي بالڪنيءَ ۾ بيهي هو شهر جو نظارو ڪندي ، ان گهر مان کين ڪو به ايئن تڙي ڪڍڻ وارو نه هوندو ، جيئن جپسين کي شهري ماڻهو پنهنجين زمينن تان لوڌي ڪڍندا آهن. اڄ اهو سڀ راڪسيءَ سچ ڪري ڏيکاريو آهي.
    هن جو چوڻ آهي ته ، ”اهو خواب ، انهن ڏينهن ۾ منهنجي اصل حالت جو رد عمل هوندو هو ، جيڪا رات جو ويگن جي پوئين حصي ۾ سمهڻ مهل ٿيندي هئي. ڀائرن ڀيڻين جون لتون منهنجي مٿان اچي ڦهڪو ڪنديون هيون. سڄي رات انهن کي پاڻ مٿان هٽائڻ ۾ گذري ويندي هئي ۽ ننڊ پوري ئي نه ٿيندي هئي ، جو صبح سوير امان بابي وارا اچي اٿاريندا هئا. ان ويگن ۾، جهوپڙيءَ ۾ يا جپسي ڪئمپ ۾ ڪا اهڙي جاءِ نه هوندي هئي، جتي ماڻهو پنهنجي منهن ويهي سوچ ويچار ڪري سگهي يا پنهنجي پاڻ سان ڪچهري ڪري سگهي. ان خيال سان مون کي پوُر پوندا هئا ته مان جهنگ مُنهن ڪري هلي ويندي هيس. اتي وڃي جهنگلي گل پٽيندي هيس، پوپٽ پڪڙيندي هيس ۽ ڪم واريون جڙيون ٻوٽيون چونڊي ، ٻه ٽي ڪلاڪ گذاري پوءِ گهر ايندي هيس. ان دوران منهنجي سوچڻ جو سلسلو جاري رهندو هو. جڏهن رُلي پِني ڪئمپ موٽندي هُيس ته ڪو به نه پڇندو هو ته ايترو وقت ڪاٿي هُئينءَ؟ شهر جي عام ڪٽنبن ۾ اهو رواج نه هو. اهي ٻارن خاص طور تي پنهنجي ڇوڪرين تي نظر رکندا هئا ته اهي ڪاڏي ٿيون وڃن، ڪنهن سان ملن ٿيون ۽ ڇا ٿيون ڪن؟ مون کي ايئن ٻارن تي نظر رکڻ، انهن جو خيال ڪرڻ ۽ کين پابند رکڻ وارو رواج وڻندو هو. جڏهن ته اسان جپسين ۾ ايئن ناهي. اتي ڪنهن کي به ڪنهن جي پرواهه ناهي هوندي. جپسي ماءُ پيءُ فقط ان ڳالهه کي اهميت ڏيندا آهن ته انهن جا ٻار ڪيترا ڏوڪڙ ڪمائي آيا آهن. اهو ڪير به نه ڏسندو آهي ته ڪيئن ڪمائي موٽياآهن؟“
    راڪسي پنهنجن ٻارن جي حوالي سان اصل لاپرواهه ناهي. هوءَ سندن تعليم، اٿڻ ويهڻ ۽ دوستن تي نظر رکي ٿي . سندن سٺي تربيت لاءِ سختي به ڪري ٿي . راڪسيءَ جو چوڻ آهي ته ، ”مان کين سٺو شهري بڻائڻ ٿي گهران. مان چاهيان ٿي ته منجهن جپسين واري سخت محنت جي عادت ڀلي هجي، زندگيءَ جي ڏکن ڏاکڙن سان مقابلو به ڪن پر اخلاق، ادب آداب ۽ قانون جي پابندي ڪندڙ شهري بڻجن ، جيڪي هن سماج ڏانهن ذميوار هجن. گهٽ ۾ گهٽ بالغ ٿيڻ تائين ته منهنجا ٻار منهنجي مرضيءَ موجب هلن، پوءِ هر ڪو آزاد آ... کٽن سندن ڀاڳ !“


    زيب سنڌي جا مارڪيٽ ۾ موجود ڪتاب

    زيب سنڌي جا مارڪيٽ ۾ موجود ڪتاب

    • ڌُنڌ ۾ گُم ٿيل منظر (ڪهاڻيون) 120
    • حيدرآباد 47 ڪلوميٽر (ڪهاڻيون) 150
    • سيتا زينب ( ناول ) 150
    • سيتا زينب (اردو) ترجمو: شاهد حنائي ( ناول ) 200
    • توکي مون ساريو ( نثر ) 320
    • سنڌ جي ڳالهه (ڪالم ـــ مضمون) 200
    • ڪيفي قليچ (ٽي وي انٽرويوز ) 200
    • اسان زنده رهنداسين (آتم ڪهاڻي: ترجمو ) 120
    • ڌرتي ماءُ (ناول : ترجمو) 130
    • ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون (ترتيب) 350
    • جپسي: يورپ جا خانه بدوش سنڌي (ترتيب) 250




    شاه لطيف ڪتاب گهر
    گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ


    زيب سنڌي جا ايندڙ ڪتاب

    زيب سنڌي جا ايندڙ ڪتاب

    • شهر جي ماءُ (ڪهاڻيون )
    • آوارا بادل ۽ زيب (شاعري )
    • سرحدن جو مسافر (ناو ل )


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 690
    ڪتابن جو مشاهدو: 916868
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 310757
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ