ڪتاب جو نالو: منفرد
مصنف: مسرور پيرزادو
ڇپائيندڙ: امبر پبليڪيشنز
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 22 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 594 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 250 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب 2014ع ۾ امبر پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ اظهار پيرزادو ۽ عمران سھتو ڪئي آهي جڏهن ته لي آئوٽ گلبانو مرزا، ٽائيٽل فوٽو گرافي عبدالحسين ميراڻي ۽ ٽائيٽل آغا جان جي محنتن جو ثمر آهي..
اسان ٿورائتا آهيون شاعر، ليکڪ ۽ پياري دوست مسرور پيرزادي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سَمهاڳ
  • تون حقيقت، مجاز ڀي تون آن،
  • خوشي به ڪين رهي آ، الم به ڪونهي ڪو،
  • هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو!
  • هائو ماضي بعيد آهيان مان،
  • ھتان جي ڳالهه ھر ڪائي، اسان کي عشق سمجھائي،
  • پيارَ- پيالو پِيءُ!
  • جُدا رهي تون پرينءَ کان پنهنجي رهي نه سگهندين، چيو هيو مون،
  • مُسافر جيئن ماڻهو آ، سفر وانگي حياتي آ،
  • ٻه چار ڏينهن هليو، منهنجو، يار جو قِصّو،
  • وني! منھنجي، وني! منھنجي
  • ھر شيءِ آھي مرڻي بابا!
  • پاليو جنهن کي پيٽ ۾، پاڻ وِساري مـُون،
  • شعر لکڻ آ شوق جنين جو، اهڙا شاعر ڪيئي آهن،
  • مِينهن وسندو رهيو
  • مُحبّت قيد ڪِيو آھي ته پو آزاد ٿيو آھيان،
  • دل جو مڃان ٿو منهنجي، ڌڙڪو اُهو نه آ،
  • سالُ نئون آ، حالُ پُراڻو،
  • مڪالمو
  • سُک سان ڪڏهن هڪٻئي سوا، نه ئي تون هُئينءَ، نه ئي مان هُيس،
  • دل چوي ٿي ته اڄ غزل لِکجي،
  • هوءَ زمين، آسمان ٿي ويئي،
  • ڳالهڙيون هُن جون
  • تو سان منهنجي ناهي چاهت، ايئن به ناهي،
  • بابا بلهي شاهه چيو آ،
  • هيءَ ڳالهه راز جي آ، رکجانءِ راز ۾،
  • ڀانيان ڀاڳُ،
  • بي گهر هان گهر هوندي ڀي،
  • ُھائي رقص ۾ آھي
  • ساري ساري رات رُلون ٿا، چنڊ، هوا ۽ مان،
  • ڪٿي ۽ ڪيئن خُدا آ؟ خبر نه آ مون کي،
  • ساڙُ
  • ناهي جي چنڊُ، پوءِ ستارو بُرو نه آ،
  • تنهنجو عشق
  • هن عشق جي شهادت جو شانُ مختلف آ،
  • پرينءَ کي پاڻ پَسان ٿو، نئين نموني سان،
  • سفر اوکو به سوکو آ، اڃا وک تيز تر آهي،
  • صرف کپي هوءَ سانوري،
  • هاڻ وڌي ويو آ منهنجو غم،
  • سنڌ پرينءَ جو پاڇو ناھي
  • ساٿي! ڏِسّ اُٿي اچي،
  • تون جي آهين ته پوءِ پُوري آ،
  • زندگي به ڇا آهي! وَٺُ وٺان لڳي پئي آ،
  • هلي آ! ساهه سُڀاڻي هلي، هلي نه هلي!
  • ڄمڻ کان پو مرڻ آهي، ائين آهي ته ڇو آهي؟
  • هيءَ عُمر قيد آهي، هيءَ زندگي نه آهي،
  • منهنجي دل ۾ تون ئي تون آن، تون ئي تون آن بس،
  • سو عشق جو ڪمال، اڃا ياد ٿو اچي،
  • نينهن جو ناچ ڪو نچو هاڻي!
  • ادا! حالت وڏي سنگين آهي،
  • تو بنان گهر
  • هن دل جي ڳالهه هاڻ ٻڌائي ڇڏڻ کپي!
  • تون به ناهين نه شاعري ٿئي ٿي،
  • يار! هي رک رکاءُ ڇو آخر؟
  • ڪارڻ
  • رڳو تخليق منهنجي آ، تڏهن ڀي هيءَ عوامي آ،
  • رڳو بس ڏينهن ڇو هڪڙو؟
  • هر پيار ڀَلو هوندو آهي، پو پيار ڀلي ڪهڙو به هجي!
  • وڏا پنڌَ پهاڙَ جا،
  • توبن ٿو وَڍي روُح اُتر واءُ، هلي آءُ!
  • مون ڏي مٺڙا مـُڙ!
  • عيد به ڪهڙي عيد آ!!
  • دهشت ڏس درياهه جي
  • چڙهيو آ درياهه
  • وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي
  • ٽُڪرا ٽُڪرا سنڌ کي، ڪرڻ ٿو چاهين،
  • لُڇي ۽ تڙپي ٿي سنڌ ساري،
  • نظم - وطن واپس وَرُ!
  • دڙي جي دانھن درديلي
  • ڏاڍو آھه ڏُڪار،
  • وطن پيو تڙپي
  • ماڻھو ڪو محفوظ نه آهي
  • لَڏي نه وڃجانءِ!
  • ڀُوري ڀيل بابت ھڪ نظم
  • باھ بلوچستان ۾
  • هيءَ وادي به ٿي ويران، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!
  • غزه وانگر اسان جي دل،
  • ڇمر جيئن ڇا ڇا وَسي اَکِ آهي!
  • جاڙَ سڄي آ جاٽَ،
  • نِينهن سندا اي نانگ! اسان کي ڏنگ اڃا ڀي،
  • جَهانُ هيءُ سمورو فريب آ بابا!
  • ناهي جت مولا،
  • ايترو نااُميد ڇو آهين؟
  • لنگهيا ڪيڏا لڪَ،
  • زندگي چوڏول آهي،
  • هاڻ وِڃاءِ وجود،
  • هي جيڪو منهنجو فن آهي،
  • تعبير ٿيو آ خواب، مگر دير ٿي وئي،
  • سُور جي سامان ۾ ڇا ڇا نه آ!
  • هيءَ حُسن جي حقيقت، ڪو خواب ٿي سگهي ٿي،
  • اسان جي آب اکين مان وَهي رهيو آهي،
  • ڪا چانڊوڪيءَ جي رات هجي، ۽ تون به هُجين، ٻيو ڇا گهرجي!
  • ٿورڙو ڪُفر دين ۾ آهي؟
  • هي عشق هميشه گهاءُ نئون، او سجني! گهُرندورهندوآ،
  • شهر ۾ هڪ فقير جاڳي ٿو،
  • هر هنڌ هر جڳهه تي، هُو ٿو نظر اچي،
  • دنيا کي ديوانو گهرجي!
  • ڪارنامو ڪو چاهه مان نڪتو،
  • درد سارو تمام ٿي ويندو،
  • جتي به آ پيار جو ڪو پاڙو،
  • هلاڪو نه ڪوئي سِڪندر کپي،
  • هلي آ هاڻي ۽ ڏِس ته چاهت جي چنڊ ۾ ڇا چٽاءُ آهي!
  • ڪوئي شعر اهڙو لِکڻ وارو آهيان،
  • وڏو ڏُکُ ڏاڍو ڏسڻ وارو آهيان،
  • گُلن جيان ئي ڏنو درد واسُ اڄ ڀي آ،
  • هُو اچي يا نه اچي، توکي سڏڻ ۾ ڇاهي!
  • عشق ۽ انقلاب ۾ گذري،
  • اڃا ته ابتدا آ، انتها به ڏِسڻي آ،
  • مٽائي فاصلا سڀئي ڪا گُفتگو ته ڪجي،
  • پـُڇي ٿي پيار منجهان ڇا کي پيار چئبو آ؟
  • ڏاڍي جي ڏاڍ تي هيءَ، ڏَڪ ڏَڪ دنيا ڏَڪي آ،
  • ابتدا ڪري ڏس تون، انتها ڪندس آئون،
  • زندگي تو بنان گذارو آ،
  • هي زمانو ڪِنو ڌپارو آ،
  • تو بن حيات جو هي سفر ٿي نه ٿو سگهي،
  • مان ٿو وڃان حيات ڇڏي اڄ ممات ۾،
  • ذات پنهنجي سڄي مون ڊاهي آ،
  • برهه جي باهه ۾ ڀڙڪيس، ڀلو ڪو بخت هيو،
  • انور پيرزادي جي ياد ۾
  • هتي ته ڪجهه به نه هو، بس خيال هو اڳ ۾،
  • هن خزان کي بهار ڪير ڪري!
  • پنهنجي وجود جو ڀي، مون کي پتو نه آهي،
  • يار کي پيار ٿي ويو هوندو،
  • پيار جو گُل پيو ڇڻي هاڻي،
  • آڳ وانگر عشق ٻرندو ٿو وڃي،
  • سڀ آ چَيل چَوڻ لئه، باقي بچو به ڇاهي!
  • لوءِ هن مان لَڏي ويو آهي،
  • جڏهين به مينهن وَسندو، ڏاڍو تون ياد ايندين،
  • زمينن آسمانن ۾، سدائين ساٿ هونداسين،
  • تون ڳَلَ تان ڳوڙها پيو اُگهندين، جنهن وقت به ڳايو ويندس مان،

  • سَمهاڳ

    زندگي چوڏودل آهي،
    ٻار جئن انسان آهي،
    جو ڊڄي ڀي ٿو انهي کان،
    پو به ٿو ان ۾ چڙهي،
    خوف ڀي کائي پيو ۽،
    ٿو مزو ماڻي به پيو۔

    زندگي شاعريءَ جو موضوع آهي۔ الاءِ ته ڪڏهن کان ۽ الائي ته ڪيستائين زندگي شاعريءَ جو موضوع رهندي۔ شايد تيستائين جيستائين زندگي آهي۔ دراصل زندگي ئي اهو سرچشمو آهي، جتان ٻيا هڙ موضوع ڦٽي نڪرن ٿا۔ هر موضوع جو سڌو/اڻ سڌو لاڳاپو زندگيءَ سان ئي آهي پر مسرور جي جنهن نظم جون مٿي ڇهه سٽون ڏنيون اٿم، جيڪو ان نظم جي ٻن بندن مان پهريون بند آهي، ان جو موضوع خود زندگي آهي، جنهن ۾ هڪ اَڄاتو خوف به آهي ته ڄاتو مزو به آهي۔ جڏهن خوف واري ڪيفيت اڀري ٿي ته مزو گم ٿيو وڃي ۽ مزي واري ڪيفيت زندگي کي وڪوڙي ٿي ته خوف الوپ ٿيو وڃي! نظم جي ٻئين بند جون پهريون ٻه سٽون هي آهن:
    زندگي چوڏول آهي
    جو مٿي ۽ هيٺ ٿئي ٿو۔
    جو مٿي ۽ هيٺ ٿئي ٿو، مان رڳو مٿي ۽ هيٺ ٿيڻ وارو مفهوم نڪري ٿو يا هيٺ ۽ مٿي ٿيڻ وارو مفهوم به ڪڍڻو پوندو؟ سو چئي به نٿو سگهجي! انهن ٻن سٽن کان پوءِ واري سٽ
    سُک ڏئي ٿو ڏُک ڏئي ٿو
    مزو ۽ خوف، ڏک ۽ سک زندگي جا ئي روپ آهن۔ ان نظم ۾ مٿي سان بلندي ۽ هيٺ سان پستي جو تصور به اڀري ٿو! ان سِٽ ۾ ڏک کانپوءِ واري سک جو مفهوم به آهي يا نه ؟ !
    نيٺ پورو ٿو چڪر ٿئي
    جڏهن ته زندگيءَ جو چڪر، ڦيرو ڪڏهن به پورو نٿو ٿئي! اهو هلندو ئي رهي ٿو۔ ها جيڪڏهن هڪ جيوِ جي، هڪ ساهه واري جي، هڪ پراڻيءَ جي زندگي جو ذڪر آهي ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي.
    مسرور جي شاعريءَ ۾ حياتي ۽ مماتيءَ جا موضوع موجود آهن.

    مسافر جيئن ماڻهو آ،سفر وانگي حياتي آ،
    سڀن جي آخري سائين! اها منزل مماتي آ.

    ممڪن آهي ته مٿئين نظم ۾ جنهن تي ڪو به عنوان نه آهي، زندگيءَ جي شروع ۽ پڄاڻيءَ وارو فلسفو بيان ڪيو ويو هجي!
    بهرحال ان نظم ۾ حياتي ۽ مماتيءَ جي موضوع کي هڪ نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي۔ تنوير جو هڪ شعر آهي:
    زندگي لڏندي رهي ٿي پينگهه جان
    هڪڙي پاسي ياس ۽ ٻئي پاسي آس۔
    تنوير به ٻن پاسن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ مسرور به هيٺ ۽ مٿي جي ڳالهه ڪئي آهي۔ زندگي انهن ٻن ڇيڙن، پاسن / هيٺ، مٿي جي وچ ۾ آهي۔ آد ۽ انت جي ٻن ڇيڙن ۾ وچ آهي، جيڪو ئي زندگي آهي، عدم وجود ۽ عدم! پر شاعري انهن ٻن ڇيڙن/ پاسن، آد /انت واري وچ کي به موضوع بڻائي ٿي، يعني عدم/ وجود/ عدم شاعري جا موضوع آهن پر ائين صرف اعليٰ ۽ ارفع تصوريت سان ئي ممڪن آهي ۽ ان تائين رسائي جو واحد وسيلو وجدان آهي:
    نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لـَحـَمُ،
    بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدم،
    مون توهين سين سڱ، اها ساڃاهه سپرين
    (شاهه سائين سر مارئي)
    موضوع جيئن ته ٻولي ۽ ڪنهن گهاڙٽي ۾ ئي اظهارجن ٿا. انڪري ٻولي ۾ گهاڙيٽي جي ڏس ۾ شاعر کي سدائين سچيت رهڻ گهرجي.
    Poetry essentially is figurative language concentrated
    So that its form is both expressive and evocative
    (The best poems of English language)
    ٽي ايس اليٽ جي لفظن ۾ شاعر جي بنيادي ذميواري پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن آهي ته هو ان جو بچاءُ ڪري ۽ ان جي واڌ ويجهه ڪري .
    ٻولي ۽ گهاڙيٽي جي آڌار تي ئي اڳتي هلي هڪ شاعر جي لهجي ۽ اسلوب جو تعين ٿئي ٿو، ان ڏس ۾ گهڻو ڪجهه لکيو هئم ۽ ڪجهه مثال به ڏنا هئم پر پوءِ اهو مواد پاڻ ئي رد ڪري ڇڏيم، ان جو مکيه ڪارڻ ته اهو ئي هو ته ان ۾ نالن نه کڻڻ جي ڪري ڳالهه نٿي ٺهي ۽ نالن کڻڻ جي ڪري تلخي وڌي ٿي۔ ٻيو ته هڪ شاعر پنهنجي مطالعي، مشق ۽ تجربي سان ان ڏس ۾ گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو۔ مسرور پيرزادي مان اهڙي توقع ڪري سگهجي ٿي:

    ويڙهه وڙهي مون لفظن سان
    رائيفل خنجر هوندي ڀي۔

    شاعر جنهن احساساتي گهرائيءَ تائين لهي ٿو ۽ اتان معنيٰ جا موتي کڻي ٿو اچي، ضروري نه آهي ته اسين ان جا پڙهندڙ / ٻڌندڙ ان گهرائي تائين لهون، پر ڏسڻو اهو پوندو ته هن اسان جي احساسن جي ڪيتري قدر ترجماني ڪئي آهي۔ مثلا مسرور جو هي شعر ڏسو:

    ڌاريو پنهنجو پاڻ لڳي،
    پنهنجو ئي تر هوندي ڀي۔

    پنهنجي ئي تر ۾ اجنبيت جي انهي احساس جي پسمنظر ۾ هڪ گهري پيڙ آهي ۽ پيڙ ئي اسان ۾ ۽ شاعر ۾ مشترڪه آهي ۽ ان ڪري اهو شعر اسان جي احساس جو ترجمان بڻجي ٿو وڃي۔ ان شعر ۾ “ ئي” جهڙو روز مره جي ڳالهه ۾ ڪتب ايندڙ معمولي لفظ غير معمولي بڻجي ويو آهي.
    مسرور پيرزادي پنهنجو ڪلام ڳچ عرصو اڳي مون کي ڏنو هو، ان تي لکڻ لاءِ اهو چئي ته جڏهن موڊ ٿيئيو، تڏهن ڏسي وٺجو، ان وچ ۾ ان قسم جا ٻيا ڪم يعني مهاڳ لکڻ وارا اچي ٿي ويا، انهي وچ ۾ آءُ مسرور جو ڪمپوزڊ مواد پڙهندو به رهيس، نوٽس به وٺندو رهيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن فون تي يا روبرو مسرور سان ويچار ونڊ به ٿيندي رهي پر جڏهن به انهن نوٽس کي سٽاءُ ۾ آڻڻ پئي گهريم ته هي ڀيري نيون ڳالهيون ذهن ۾ ٿي آيون۔ ڪن شاعرن جا ڪي من پسند موضوع هوندا آهن۔ مسرور جا به آھن، جهڙوڪ “حيات ۽ ممات”!
    مسافر جيئن ماڻهو آ سفر وانگر حياتي آ
    سڀن جي آخر سائين! اها منزل مماتي آ.

    زندگيءَ جو پرين وڳو لاهي،
    موت جو مون کي پائڻو آهي۔

    حيات ۽ ممات به هڪ وسيع ۽ شاعريءَ جو اوترو ئي قديم موضوع آهي، جيترو خود حيات ۽ ممات آهي۔ شاعري، مذهب، سائنس ۽ فلسفي جا اهي قديم موضوع رهيا آهن ۽ هي لوڪ سٽ ان جو ثبوت آهي، جيڪا 13-11 ماترائن تي آهي.
    مرڻو ناهي مهڻو، پرڻو ناهي گار
    پر مسرور موت کي وڌيڪ
    ڪري ٿوIdealize
    سڏي ٿو موت محبوبه جيان، مون کي وڃان ٿو مان۔
    جڏهن ته هو اهو به چئي ٿو ته:

    عارضي آ، مڃان پيو، پو ڀي
    زندگيءَ سان لڳاءُ ڇو آخر!!

    يا!

    جيون ۾ ڪيڏو ڏک آهي ۽ ڪيڏو ٿورو سک آهي،
    پر پوءِ به جيون پيارو آ، بيڪار ڀلي ڪهڙو به هجي.

    ان غزل جي هڪڙي خوبي ته اها آهي ته ان جي هر شعر جي پهرين سٽ ۾ ٻٽو قافيو آهي۔ جيئن، هجن، ٺهن/عجيب، طبيب/ اڳيان، جان/ ڏک، سک۔ قافين جو اهو سٽاءُ قافيءَ جو رنگ آهي۔ سانگيءَ جي ڪافيءَ جي هڪ مصرع:
    لوئي هيم لڱن تي لاکي، پهي پهن جي پيئڻ لاءِ پاکي
    شاهد صاحب ستار، ٻيون نه گهران هوند شيون شيون ميان.
    (ڪليات سانگي ص 387)
    سچل سرمست:
    شهر ڀنڀور کان ٿيم آزادي، ڪيچ ويندي ئي ڏٺم شادي
    تنهن سان نينهن نڀايان، پوءِ نهاريان ڪئين؟
    (رسالو سچل سرمست ص 445)
    حافظ شاهه:
    سهسين سڄڻ جا سور سٺا مون، ورهه وڇوڙا ڏک ڏٺا مون
    واليءَ وصل جو واءُ ورايو، وچان وڇوڙي ورق ويو ڙي
    .(پيام غمگسار ص25)
    سچل، سانگي، حافظ شاهه جي ڪافين ۽ مسرور جي غزل لئه، گهاڙيٽو لڳ ڀڳ ساڳيو آهي۔ فرق آهي ته صرف سُر ۽ عروضي هيئت جو، جنهن سر سان ڪو به سنٻنڌ نه آهي۔ اهو هڪ بنيادي فرَق آهي، چوت ۽ لکت واري شاعريءَ ۾ اصل ۾ منهنجي راءِ ۾ 16 ماترائن وارو گهاڙيٽو فعلن 4 ڀيرا ” دنيا جي سڀني ٻولين جو واحد مشترڪ گهاڙيٽو آهي۔ سنڌي شاعريءَ ۾ ته رڳو ان گهاڙيٽي ۾ چوڻييون (منظوم) آهن پر ٻاراڻا ٻول به آهن.
    ارچڪ مرچڪ، ڌاڻا ڌرچڪ۔
    انگريزي ۾ به:
    Twinkle twinkle little star
    ڪبير:
    تين بار جي پرتي نهاوين
    ڪايا پيتو خبر نه پاوين (7)
    (سنت ڪبير ص 287 )
    بلھا شاھ:
    مک ويکڻ دا عجب نظارا
    رک دلدر اُٺ گيا سارا
    رين وڊي ڪري پسارا
    دن اگي ڌرو ديوال ني (8)
    (آکيا بلهي شاهه ني، ص 290 )
    16 ماترائن جي ٻيڻ 32 ماترائون ۽ فعلن 4 ڀيرا جي ٻيڻ 8 ڀيرا فعلن، جيئن ته ڪافي سُر تي آڌارڪ آهي ۽ ڪبير جي واڻي به سُر تي آڌارڪ آهي، پر مسرور جو غزل عروض تي آهي، جيڪو رڪنن جو بحر آهي، اهو انڪري به چوان ٿو ته ان غزل ۾ حروف علت حذف ڪرڻ جو اصول عروض وارو ئي آهي جڏهن ته ماترڪ ڇنڊ ۾ سُر حذف ٿئي ٿو ۽ ائين چٽي / اڻ چٽي اچار جي اصول موجب ٿئي ٿو۔ مثال طور مسرور جي انهي غزل جو هڪ شعر آهي:
    ڀلي ڪيڏو مرض عجيب هجي، پر جڏهين عشق طبيب هجي،
    سو پل ۾ چاڪ چڱو ٿيندو، بيمار ڀلي ڪهڙو به هجي.
    ان جي مصرع ثاني ۾ چاڪ چڱو وزن ۾ ته پورو آهي پر ان مان اها چڱي ڀلي واري معنيٰ نٿي نڪري،
    چڱو ڀلو سو پل ۾ ٿيندو، بيمار ڀلي ڪهڙو به هجي
    سان ان جو گهاڙيٽو ماٽرڪ ڇند وارو ٿي ويندو، مٿي جيڪي ڪبير، سچل سرمست، سانگي، بـُلها شاهه جا مثال ڏنا اٿم، تن جو مقصد اهو ئي آهي ته اسان جي شاعرن کي پنهنجي اصل ڏانهن به رجوع ڪرڻ کپي ۽ سنڌي شاعري جي سريلي لوڪ ڪلاسيڪل روايت سان اُميري پائي رشتو جوڙڻ کپي، ڪافيار شاعرن سچل سرمست کان وٺي طالب الموليٰ تائين انهي سريلي روايت کي قائم رکيو ۽ اڳتي وڌايو، اڄ نه رڳو ڪافي معدوم ٿي چڪي آهي پر ان جو ذڪر به ڏاڍن آمرن آگرن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي، هتي وستار سان نه سهي، ٿورن لفظن ۾ ٻڌائڻ اهو ضروري آهي ته مرزا قليچ بيگ “سنڌي ويا ڪرڻ” ۾ بيت جو وزن امڪاني طور فارسي رڪنن ۾ ڏنو آهي. صفحي 342 تي اها ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهه آهي، تڏهن اڃا ڊاڪٽر جهمٽملهه خوب چند يا وناڻي جي اهم تصنيف “چند سڳنڌ” نه آئي هئي، نه ئي ڊاڪٽر الياس عشقي جون شاهه سائين جي بيتن جي گهاڙيٽي بابت تحرويرون ڇپيون هيون پر ڊاڪٽر نبي خان بلوچ شاهه سائين جي بيتن جو ڇيد سر ۽ ماترڪ ڇند بدران عروض موجب ڪيو آهي، “شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، جلد پهريون ۾ (ص 145 ) يا جيئن عزيز ڪنگراڻي بيت جو وزن ”فعلن فاعلن، فعلن فعلن فاع“ مقرر ڪري ٿو، ان مان لڳي ٿو ته :
    (1) موجوده دور جي بيت ۽ وائي کي به عروض اصول تي لکيو پيو وڃي.
    (2) موجوده دور جو بيت ۽ وائي گهڻي ڀاڱي سر يا ماترڪ ڇند تي نه آهي
    اهو انومان ان ڪري به ٿئي ٿو ته انهن صنفن ۾ احذاف گهڻي ڀاڱي عروضي اصول موجب ڪيا وڃن ٿا، “ مسرور” جي مواد ۾ بيت ۽ وايون به آهن، مونکي خبر نه آهي سر ۽ماترڪ ڇند جي کيس ڪيتري ڄاڻ آهي؟ يا هن ڪلاسيڪل بيت ۽ خصوصا لاکيڻي لطيف جي بيت ۽ وائي جو ڪيترو مطالعو ڪيو آهي! اهو ساڳيو سوال غزل جي حوالي سان به آهي، اهو ڌيان رهي ته بنان دليل ۽ ثبوت جي هر راءِ باطل آهي، روايتي شاعري کي فارسيت زده ۽ روايتي دور کي بي تعلق دور ’ جهڙن اڇاترن راين بلڪ گمراهه ڪندڙ هٿ ٺوڪين فتوائن کي جيئن جو تيئن قبولڻ بدران نون دوستن کي خاص طور روايتي دور جو مطالعو پنهنجي سر پڙهي ڪرڻو پوندو، ان ڏس ۾ “آئون آهيان نياز” جي مهاڳ ۾ به لکيو اٿم ۽ اهو اعتراف ڪيو اٿم ته روايتي دور جي شاعري لاءِ بنان پڙهڻ جي اهڙي هت ٺوڪي فتويٰ ڏني وئي هئي، سانگي جو هڪ شعر هانو تي هُري آيو اٿم:
    هئا معشوقن جا ماڳ هتي، هئا رنگ، روپ ۽ راڳ هتي
    هئا برهه وارن جا ڀاڳ هتي، سي ڦيري ڏيئي ڦٽائي ويا،
    (ڪليات سانگي ديوان پهريون ص 7)
    هڪ شاعر کي ٻڌڻ ، پڙهڻ ۽ ان تي لکڻ ٻين جو ڪم آهي پر گذريل ۽ گذرندڙ دور جي شاعري جو مطالعو ڪرڻ خود شاعر جو ڪم آهي۔ مشاهدي ۽ تجربي وانگر غزل گو شاعرن کي ته روايتي عزل جو مطالعو ضرور ڪرڻ کپي۔ پنهنجي اڄ کي ڪالهه سان جوڙي سڀاڻي جي سپنن کي ساڪار ڪري سگهجي ٿو۔ وڻ جي پاڙ جي جيتري اونهي هوندي ان جو ٿُڙ اوترو ئي مضبوط ۽ ڇٽ اوترو ئي پکڙيل هوندو۔ ماضي بعيد جي تلخ حقيقتن تائين شاعر کي پاڻ پهچڻو پوندو۔ مسرور جي لفظن ۾:

    هاءُ ماضي بعيد آهيان مان،
    تنھنڪري ئي جديد آهيان مان۔
    سمنڊ سان مان ندي جيان ملندس،
    شوق ڪوئي شديد آهيان مان۔
    جيئن موجود پل عدم مان جنم وٺي گذري ويندو، وري عدم ۾ هليو ويندو_ ڪڙيون مٺيون يادون ڇڏي تيئن شاعر به لفظ لفظ ڪري سٽ سري ۾ پوئي ٿو. اهو سوال پوءِ جو آهي ته شاعر اهي پل لفظن جي صورت ۾ يادگار بڻائي سگهيو آهي يا نه؟ ڏسڻو اهو پوندو ته هن اهڙو اُدم ڪيو به آهي يا نه ؟ منهنجي راءِ ۾ ”مسرور“ اهڙو اُدم ڪيو ضرور آهي۔
    هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو،
    ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو!
    مان ويريءَ جو ڪو وار سهي، ها ڪين پيس ڪڏهين به ڊهي،
    پر يار ڪيو ڪو وار هيو ۽ وار به ڪو اهڙو تهڙو!
    ويرين جي ڌڪ ته سهي وڃبا آهن پر يارن جا ڌڪ سهڻ ڏاڍو ڏکيا آهن. انهي شعر جو پهريون لفظ مان آهي ۽ انهي ۾ اسين سڀ آهيون، ڌارين جا به ماريل ته پنهنجن جا به! اسان جي پوري تاريخ تي ٺهڪيل آهي اهو شعر! هڪ شاعر انهي کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿو چئي/ ڪري سگهي؟ ۽ هر دور جي شاعر اهو ئي ڪجهه چيو/ ڪيو آهي، پر جن لاءِ چيو ۽ ڪيو آهي اُهي ڪٿي آهن؟ اُهي جيڪي اسان جا پنهنجا آهن، يار آهن انهن جو وهنوار ڪهڙو رهيو آهي؟ سانگي انهن کي ڦيري ڏئي ڦٽائڻ وارا چيو آهي سو، ضمير متڪلم (مان) جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته ان شعر کي ذاتي حوالي سان ڏٺو وڃي يا جيئن يار به واحد جي صيفي ۾ آهي ته وار به ، ته ان شعر ۾ اسان منجهان هر ڪو مان آهي.
    غزل جي مصرع اوليٰ ۾ ٻٽي قافيي وارو سٽاءُ “ مسرور” جي ٻين غزلن ۾ به آهي، جيئن:

    هيءَ بات مختلف آ، هيءَ ڏات مختلف آ،
    تنهن لاءِ ئي ته منهنجو ديوان مختلف آ
    شاعر کي ٻين کان لازمي طور مختلف هئڻ گهرجي۔ ائين هن جي انفراديت جو به تعين ٿئي ٿو ۽ ائين تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن تقليد بدران تخليق ڏانهن ڌيان هجي:

    ناممڪن ممڪن ڪري
    اڻ ٿيڻو ڪجهه ٿيءُ،
    جيسين آنهه جهان ۾!

    شيون، چهرا منظر شاعر جي اکين آڏو هوندا آهن، واقعا، حادثا، سانحا به هن جي سامهون ٿيندا رهندا آهن ۽ هڪ شاعر انهن کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهي. پر اهي خارجي لقاءَ داخلي سطح تي شاعر جي ڪيفيت ۽ احساس سان رلمل ٿي شعر جو روپ وٺندا آهن۔ سهائي رقص ۾ آهي، سال نئون حال پراڻو جي عنوان سان نظم يا اها وائي جيڪا مسرور پنهنجي ڀيڻ جو ٻارڙي جي فوت ٿي وڃڻ تي چئي آهي، واقعه نگاري جي زمري ۾ اچن ٿا:

    جيڪو پيرن کان پنيو، باسي مون باسون
    جنهن جي لاءِ لکين هيون، چپن منجهه چميون
    سو ته مري ويو ٻارڙو

    ”مسرور“ پنهنجي ڀيڻ جو سور ان جي ئي زباني اظهاريو آهي ۽ هڪ شاعر جي حيثيت سان هڪ ماءُ جي ڏک کي بيان ڪيو آهي ۽ ان ريت اهو ڏک هر ان ماءُ جو ڏک آهي، جنهن سان ان قسم جو هاڃو ٿيو آهي، اهو ضروري به نه آهي ته ڪنهن واقعي جي ٿيندي ئي نظم ٿي وڃي يا نه ٿئي! ائين به ٿي سگهي ٿو ته صرف ان جو تاثر شاعر جي لاشعور ۾ رهجي وڃي يا ڪاسٽ جڙي وڃي ۽ ان نظم جو خاڪو ٺهي وڃي ۽ پني تي آڻڻ سان اها سٽ /خاڪو نظم جي روپ ۾ پڌرو ٿئي۔ جيئن سهائي رقص ۾ آهي واري سٽ آهي، جيڪا ان نظم جو عنوان پڻ آهي ۽ هر بند کان پوءِ وراڻي طور اچي ٿي:

    لطيفي لات تي هن جي،
    بدن جي شاعري ٻڌندي
    خدائي رقص ۾ َآهي
    سهائي رقص م آهي!

    نرت جيئن انگ ڪويتا آهي، تيئن ڪويتا وري شبد نرت آهي، ٻنهي لاءِ رياض لازمي آهي پر اها انگ ـ ڪويتا ۽ شبد ـ نرت فطرت ۾ هئڻ کپي۔ نرت ۽ ڪويتا آڳاٽا ماڌيم آهن، ڀاونا جي اظهار جا۔ هن نظم ۾ روشني (ڇنڊ، ستارا) سُر (گلڙن جو گنگنائڻ) ساز (واءِ جو ويڻا وڄائڻ) .. اهو سڄو منڊ سهائي جي رقص منڊيو آهي! ۽ پنهنجي تخيل جي قوت سان شاعر انهيءَ رقص جي تاثر کي لفظن جي روپ ۾ پني تي پلٽيو آهي۔ ٻيئن بند ۾ جدائي ۽ ٽيئن بند ۾ روز ماڻهن جي مرڻ، گولين جي هلڻ جو ذڪر آهي ۽ آخر ۾ حسن ۽ ڪلا جي ڳالهه ڪيل آهي، جيڪي هن دنيا کي بچائي سگهن ٿا.
    شاعر ڪٿان ڪٿان متاثر ٿو ٿئي؟ ڪٿان ڪٿان ۽ ڪهڙا ڪهڙا موضوع ٿو آڻي؟ ۽ ڪيئن انهن کي لفظن جو روپ ڏئي، انهن کي پني تي ٿو پلٽي؟ انفرادي طور به ان جو دلچسپ اڀياس ٿي سگهي ٿو۔ جيئن مسرور جو نظم ”وني منهنجي! وني منهنجي“ آهي يا ”ساڙ“ نظم آهي يا غزل ۾ هن جن موضوعن تي لکيو آهي۔ هڪ وني پنهنجي ٻار گهر ۽ ور لاءِ ڇا ڇا نٿي ڪري؟ هن نظم ۾ ان جو ڏاڍي خوبصورتيءَ سان ذڪر ڪيو ويو آهي۔ ونيءَ جي ڏهاڙيءَ جي ننڍين ننڍين ڳالهين ڪمن، سڀاءُ جو نفاست سان اُوڄو ڪيل آهي انهي نظم ۾۔ ٽڙيل پکڙيل ڪتابن کي ترتيب سان رکڻ خود ورجي زندگي کي ترتيب ڏيڻ جو سليقو آهي ۽ ور کي ونيءَ جا ڳوٺل اٽي هاڻا هٿ ڪنهن حسينا جي حنائي، نرم هٿن ۽ ڪنهن نمازيءَ جي دعا جي لاءِ کڄيل هٿن کان وڌيڪ سهڻا ٿا لڳن۔ ڇاڪاڻ ته ونيءَ جي ڳوٺل اٽي ۾ پورهئي سان پيار به ڳوٺل آهي.

    جڏهن هيءَ پيار جي پوتر
    اُجهائين پياس ٿي پياري!
    تڏهن دنيا جي سڀ کان ئي،
    حسين عورت لڳين ٿي.

    ”ساڙُ“ نظم نقاد /تنقيد جي حوالي سان آهي۔ مسرور جي ھڪ غزل جي هڪ شعر ۾ ب ساڳيو موضوع آيل آهي:

    سندءِ تنقيد ٿي ماري نه مون کي پر رڳو توکي
    اها تنقيد ڄڻ اهڙو ڪو حملو آپگهاتي آ!

    هتي مسرور جو هڪ مختصر نظم ڏيڻ گهران ٿو:

    ساري سنڌ ته پاڻ پرين آ،
    سنڌ پرينءَ جو پاڇو ناهي!
    سنڌ ته پاڻ پرين سپرين آ!
    ٿر، اتر، لاڙ، وچولو،
    رُوپ سڄڻ جو ڪاڇو آهي!

    پهرين مون انهيءَ نظم کي بنا ڪنهن ٽيڪا ٽپڻيءَ جي ڏيڻ پئي گهريو۔ ڇاڪاڻ ته ان نظم لکڻ جي تحريڪ ”مسرور“ کي ڪٿان ملي، يا رسول بخش پليجي جي لفظن ۾ جيڪي هن حسن درس جي هڪ نظم ٻڌڻ کانپوءِ کائنس پڇيا هئا ته ”ان نظم جي وجه نزول ڇاهي؟“ ان جو جواب کيس ڪهڙو مليو، سا ته خبر نه آهي پر “مسرور ” جي ان مختصر نظم جي “وجه نزول” خود حسن درس جي هڪ نظم جي هيءَ سٽ آهي.
    ساري سنڌ پرين جو پاڇو
    اها سٽ جهڙوڪر حسن درس جي سڃاڻپ بڻجي وئي ۽ سندس پهرين ورسيءَ تي جامي چانڊئي پنهنجي هڪ لکڻيءَ ۾ ان سٽ کي هيئن لکيو:
    ساري سنڌ “حسن” جو پاڇو!
    پاڇو سدائين ڪنهن ”وجود“ جو ئي ٿيندو آهي۔ گهڻين روشين ۾ ۽ اونداهه ۾ ”پاڇو“ ناموجود هوندو آهي، جڏهن ته “وجود” موجود هوندو آهي ۽ اهميت ظاهر آهي ته ”وجود“ کي ئي آهي۔ جيئن حسن درس جو ”وجود“ هن جي شاعريءَ ۾ موجود آهي يا جيئن جاميءَ جي سٽ ۾ حسن لاءِ اُڪير موجود آهي پر ”مسرور“ پنهنجي ان مختصر نظم ۾ ”سنڌ“ کي، يعنيٰ”وجود“ کي اهميت ڏني آهي.
    سنڌ ته پاڻ پرين سپرين آ
    ٻي ڳالهه جيڪا ان مختصر نظم جي حوالي سان چوڻي آهيم سا اها ته مختصر نظم مان مراد ٿوريون سٽون به ناهي، بلڪل ائين جيئن طويل نظم جو مطلب گهڻيون سٽيون ناهي، جيئن شاعر سمجهن ٿا ۽ صفحن جا صفحا لکي ويندا آهن، جڏهن ته نظم توري شاعر اتي جو اتي بيٺا هوندا آهن، رڳو ويچار ٻڌندڙ گهوماٽين ۾ هوندو آهي۔ پڙهندڙ ان ڪري نه لکيو اٿم جو هو صفحا/پنا بنا پڙهڻ جي ورائي سگهي ٿو. يا ڪجهه سٽن/ بندن پڙهڻ کان پوءِ نظم کي ٺپي ڇڏيندو آهي۔ مختصر نظم ٿورين سٽن/ لفظن ۾ گهري / گهڻي ڳالهه چوڻ جو ڏانءُ آهي ۽ ”مسرور“ وٽ اهڙو ڏانءُ آهي ۽ هيٺيون نظم منهنجي ڳالهه جو دليل آهي:

    مون ڀي توکي ڪين ڇڏيو هو،
    تو ڀي مون کي ڪين ڇڏيو هو،
    پيار گڏيو هو پاڻ ٻنهي کي،
    پيار ڇڏيو هو پاڻ ٻنهي کي۔

    ڪي شاعر ته غزل سان به ساڳي ڪار ڪندا آهن يا ته اڌ اکريءَ کان ڪم وٺندا آهن يا وري ڪو به قافيو نه ڇڏيندا آهن، جن ۾ هرڪات سڪنات جو خيال نه رکيو ويندو آهي ۽ بي جوڙ ۽ غلط قافيا هڻي ويندا آهن!
    ڪڏهن ڪڏهن شاعري تي لکندي اسين ٻوليءَ وزن جي ڪنهن سهو چڪ يا بي ڌياني جي ڪڍ لاهي پائي پئجي ويندا آهيون ۽ خيال ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيندو اٿئون! ، ڪڏهن وري خيال جي اوچائي نهداري نواڻ کي ائين چهٽي پوندا آهيون جو وزن يا گهاڙيٽو جنهن ۾ اهو خيال پيش ڪيو ويو آهي، ان جي سقم ڏانهن يا ته اسان جو ڌيان نه ويندو آهي يا وري اسان ڄاڻي واڻي ڍڪ ڍڪي ڇڏيندا آهيون. يا “مهاڳ” ۾ اهڙي گنجائش نه هوندي آهي، سر، ماترڪ ڇند، عروض_ جيڪو به ماڌيم هجي، ان جون گهرجون پوريون ڪرڻ لازمي آهن، احذاف ۽ مخفف محض وزن جي پورائي لاءِ نه ڪرڻ کپن، مثلا آهيان مخفف (اترادي لهجي ۾) هان آهي پر شاعر هان کي به وزن جي پورائي لاءِ (هه) ڪري ٿا ڇڏين! آهي، آهه، آ مستحمل آهي پر اڪثر شاعر آ کي به حذف ڪري آ ٿا ڪن، جنهن جي معنيٰ نه يا اڻ آهي ساڳئي صورتحال ضميري پچارين ۾ اصم تصخير جي آهي ۽ جي نشاني يا ته نٿي ڏني وڃي يا وري غلط ڏني ٿي وڃي ”مخلص“ جي هڪ مطلع مثال طور ان ڏس ۾ (اها مطلع پهريون ڀيرو پنهنجي ڳوٺ ٽکڙ جي وڏي اسڪول جي پهرين اسڪول روم جي هڪ ڀت تي ”سعيد“ ٽکڙائي جي سهڻن هٿن اکرن سان لکيل ڏٺي هيم، اهو اسڪول ته ڊهي پٽو پٽ ٿي ويو پر اها مطلع ڇت تان ڊهي نه سگهي):
    پئي جام ۾ جي عڪس تنهنجي جلوه گري جو
    دم بند خجالت کان ٿي شيشي ۾ پري جو
    (11 ) (رهنمائي شاعري صه 168 )
    ان ۾ ”گري“ ۽ پري قافيا آهن، سنڌي اچار موجب گري ۽ پري هئڻ کپي پر روايتي دور ۾ لکيو به ائين ويندو هو ته پڙهيو به ائين ويندو هو، ڇاڪاڻ ته ائين ڄاتو ويو ته ‘ءَ’ لکڻ ۽ پڙهڻ سان تقطيع مهل ان کي به ڳڻيو ويندو ۽ شعر وزن کان خارج ٿي ويندو. ”سانگي“ جي غزل جي هڪ مطلع ۽ مطلع ثاني :
    ڪڙن سان ڪجن مرڪڙائي جون ڳالهيون
    مٺن سان ڪجن پر مٺائي جون ڳالهيون
    اسان ساڻ ڪر آشنائي جون ڳالهيون
    اي سهڻا سڄڻ ڪر سچائي جون ڳالهيون
    (رهنمائي شاعري صه 105 )
    اتي صرف ”مٺائي“ ۾ ‘ءَ’ جي نشاني آهي، شايد ڀل وچان منهنجي راءِ ۾ ‘ءَ’ جي نشاني ڏيڻ لازمي آهي، ان ڏس ۾ چٽي / اڻ چٽي (گڏيل) اُچار وارو اصول آڏو رکڻ کپي. ٻولي /اُچار حرڪات سڪنات جي ڏسڻ ۾ اهڙا بحث نٿا ڪيا وڃن، شاعرن کي ”رهنمائي شاعري“ (ڊاڪٽر ابراهيم خليل) “سنڌي ويا ڪرڻ ”(قليچ)“ سنڌي ٻولي جي تاريخ” (ڀيرو مل) ضرور پڙهڻ کپن. هونئن چوندا آهن ته ”پڪي گهڙي کي ڪنا ته پوندا آهن“. پر شاعر ڪو ”گهڙو“ ناهي. هن کي آخري ساهه تائين به سکندو رهڻو آهي. ڳالهه ٻئي پاسي هلي وئي، اصل ۾ ”مسرور“ جي هيٺئين شعري جي حوالي سان ڪجهه چوڻ پئي گهريم:

    حسين ڪاٺ جو سامان ڀي ٻڌائي ٿو،
    وڍيل وڻن جي پرين! ڏار ڏار جو قصّو.

    اهو شعر وڻن جو نوحو آهي۔ پنهنجو هڪ ٽيڙو پيو ياد اچيم:
    هيا ڪيئه نه ڳڻ
    لاشن جيئن پيا هيا
    جمڙائوءَ تي وڻ!
    لاکيڻي لطيف چيو آهي ته :
    دل ڪر درخت جي دستور !
    ڇاڙپ لڳي ڇڳا ڪرن، ميوا جهلي نت ٻور!
    ڪيڏي نه اڀاڳ جي ڳالهه آهي ته هاڻي اسان وٽ نه دل آهي، نه درخت آهي نه ئي دستور آهي۔ سنڌ جا قدرتي ۽ هٿرادو پوکيل ٻيلا هئا، اهي وڍي ناس ڪيا ويا، وڻ جيڪي ڇانوَ، پلڙا، ٻوري، ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون، گهرن اڏڻ لاءِ ٿوڻيون، ٿنڀ، پٽيون ۽ داسا، ماکيون ۽ ميوا ڏين ٿا، انهن کي انتهائي بيدرديءَ سان وڍيو ويو۔ ان سان نه رڳو جهنگلي جيوت ناس ٿي وئي پر قدرتي آفتن کي روڪڻ جو هڪ مکيه وسيلو به ختم ڪيو ويو ۽ سنڌ جو وايو منڊل گدلو ٿي ويو!
    غزل جهڙي معجوب قسم جي قنف ۾ ان موضوع کي تغزل جي رڱ ۾ رڱڻ ساراهه جوڳي ڪوشش آهي ئي، پر غزل کي موضوعي پابندي مان به ڪڍيو ويو آهي.
    سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته “جهنگ ننگ آهي” پر هاڻي اسان وٽ نه جهنگ آهي ۽ نه ئي ننگ آهي!

    پير ننگا حيات جا آهن،
    وقت کي رڻ ڪو تتل لکجي!

    حيات ۽ وقت بليغ استعارا بڻجي ويا آهن، انهيءَ شعر ۾! ”مسرور“ بنيادي طور تي غزل جو شاعر آھي ھو حيات ۽ وقت جي صورتحال کي ٿورن ۽ تز لفظن ۾ اسان آڏو آڻڻ ۾ سڦل آهي. حيات جيوت اڄ به خاص ڪري ٽين دنيا ۾ ۽ سنڌ ۾ ڏکي بکي اگهاڙي ۽ اگهي آهي۔ تتل رڻ وارو اگهاڙي پيرين پنڌ آهي، جيڪو ڪٿي نٿو کٽي۔ مٿان وري جيڪي سوکڙيون (ليڊر) اسان کي مليون، ماضي توڙي حال ۾ انهن عوام کي ٻارڻ جي ڪاٺين وانگر ٻاريو.
    غزل اھو ئي ڪامياب آھي جنھن جو ھر شعر سُٺو ھجي۔ مسرور اھڙا غزل لکيا آھن۔

    هائو ماضي بعيد آهيان مان،
    تنهن ڪري ئي جديد آهيان مان.

    منهنجي من ۾ ئي منهنجو مُرشد آ،
    پنهنجي من جو مُريد آهيان مان.
    ==============
    دل چئي ٿي اڄ غزل لکجي،
    پيار جو يار پَل پل لکجي۔

    اڻ ٻڌل کي وري وري ٻڌجي،
    اڻ لکيل ۾ اڻ چيل لکجي۔

    اھو سمورو غزل پڙھڻ جھڙو آھي ۽ ڪڙھڻ جھڙو بہ۔
    غزل جي هڪ شعر ۾ پوري ڪٿا چئي ڇڏڻي آهي، يعني ٻن سٽن ۾ هڪ خيال، هڪ احساس، هڪ وارتا پيش ڪري ڇڏڻي آهي. ائين ته ٻه سٽي بيت، دوهي ۽ سورٺي ۾ به هوندو آهي. پر غزل جي صنف ۾ مطلع جي وچ ۾ ٻيا به شعر هوندا آهن ۽ انهن هر شعر موضوعاتي لحاظ کان ڌار ڌار هوندو آهي. غزل جي اها جتي هڪ خوبي ليکجي ٿي، اتي اها ۽ ان جي خامي پڻ چئي وڃي ٿي. سنڌ جي شاعري جي روايت ٻي طرح جي ۽ ان کان مختلف آهي۔ ان ڪري سنڌي ۾ مسلسل غزل به ملي ٿو ۽ ”مسرور“ وٽ به اهڙي روايت ملي ٿي.
    ”مسرور“ جي هن غزل جي هيٺيئن شعر ۾ زندگيءَ جو حسن آهي يا شاعريءَ جو! ان ۾ زندگي، حسن، نيڻ، عشق، خواب، ڪجل هڪ ڪري ماترا سان آيل آهن ۽ مجموعي تاثر پيدا ڪن ٿا:

    زندگيءَ جي حسين نيڻن ۾،
    عشق جي خواب کي ڪجل لکجي!

    هر شاعر جو پنهنجو جهان هوندو آهي، يا هئڻ کپي. ”مسرور“ جو به پنهنجو جهان آهي. ٻين کان مختلف جهان، جيڪو هن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان جوڙيو آهي.
    منهنجو جهان پنهنجو، اهڙو آهي ڪنهن جو،
    منهنجي جهان جو هر انسان مختلف آ!
    هيءَ بات مختلف آ، هيءَ ڏات مختلف آ،
    تنهن لاءِ ئي ته منهنجو ديوان مختلف آ!
    ”مسرور“ جي هڪ سٽ منهنجي ذهن تي پهرين سٽ جيڪو تاثر ڇڏيو، اهو مون نوٽ نه ڪيو پر آءُ ان شعر تي مسلسل سوچيندو رهيس. ائين ٿي سگهي ٿو ته ”مسرور“ جي من پسند موضوع، حيات ۽ ممات جي جهاجهه جي ڪري اهڙو فوري تاثر جڙيو هجي! ڳچ ڏينهن ۽ راتيون ان شعر بابت سوچيندو لوچيندو رهيس. تان جو هڪ پل اهڙو آيو، جو اهو شعر منهنجو دڳ جهلي بيهي رهيو ۽ ڳوٽ ڀڄي پئي ته ”مسرور“ نه رڳو ان شعر ۾ زندگي ۽ موت بابت هڪ نئون نقطو پيش ڪيو آهي، پر ان کي ”چولي مٽائڻ“ واري قديم اصطلاح سان پڻ جوڙيو آهي، جنهن جي معنيٰ جوڻ مٽائڻ، پنر جم آهي۔

    زندگيءَ جو پرين! وڳو لاهي،
    موت جو مون کي پائڻو آهي!

    جدت ۽ قدامت جي سنگم جو حوالو ”مسرور“ جي شعرن ۾ موجود آهي۔
    شاعري خود هڪ نظريو آهي، ان کي ڪنهن به ٻاهرئين نظرئي جي ضرورت نه آهي. البت ٻاهرين نظرين کي شاعريءَ جي ضرورت آهي ۽ آهي مهل ڪمهل پنهنجي سند طور شاعريءَ کي استعمال ڪندا رهندا آهن پر ”مسرور“ وٽ شاعريءَ لاءِ هڪ نڪته نظر آهي.
    ڪهڙو سو شعرُ جنهن ۾ ڪونهي ڪوئي ترّنم!
    نغمو سو ڪهڙو جنهن ۾، ڪا نغمگي نه آهي!
    آهي وزن به پُورو ۽ شعر ڀي سُٺو آ،
    بس شعر منجهه تنهنجي ديوانگي نه آهي!
    شاعريءَ جو شوق رکڻ وارا “مسرور” جي چوڻ موجب ڪيترائي آهن ۽ شوق جو ڪو ملهه به ڪونهي. پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ جو شوق وري به ٺيڪ آهي پر ڪيترا اهڙا به شاعر آهن، جن کي شاعريءَ جو ”شونقڙو“ آهي.

    شعر لکڻ آ شوق جنين جو، اهڙا شاعر ڪيئي آهن،
    شعر عبادت آھ جنين جو، اهڙا شاعر ٿورا آهن۔

    ۽ ”مسرور“ به اهڙن ئي ٿورن شاعرن مان آهي۔ هن سنڌي غزل کي اوڄ ڏني آهي، ان جي آبروءَ کي برقرار رکيو آهي، تجربي جو ساهس ڪيو آهي، نعريبازيءَ کان گريز ڪيو آهي، فن آرٽ ۽ ڪلا کي ترجيح ڏني آهي.

    عشق جي آڳ آ جا وسامي نٿي،
    آءُ جلندو رهيس، مينهن وسندو رهيو!
    مينهن جي گائڪي، مينهن جي شاعري،
    آءُ ٻڌندو رهيس، مينهن وسندو رهيو!
    شعرائن ٿا وسن، جن ڦُڙيون ٿيون پون،
    آءُ لکندو رهيس، مينهن وسندو رهيو!

    ان غزل ۾ ”مسرور“ مينهن جي وسندڙ ڦڙين جو جل ترنگ جاڳائي ڇڏيو آهي۔ هر شعر جي مصرعي ثاني ۾ جلندو، ٻڌندو، لکندو سان رديف ”رهيس مينهن وسندو رهيو“ ۾ رهيس / رهيو ”وسندو “ جوصوتي آهنگ ۽ ڀنل ڀنل ڏيک هڪ ئي وقت ڀڄائي ۽ ڀڙڪائي ٿو ڇڏي، جذبات کي! شاهه سائينءَ جو سُر سارنگ مان هڪ بيت هانوءَ تي هُري آيو آهي:
    مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هيڪڙي،
    جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان،
    بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين۔
    يا ”مسرور“ جو اهو غزل جنهن جو هر شعر سواليه نشانيءَ تي ختم/ شروع ٿئي ٿو! پر انهن سوالن جا جواب ڪنهن وٽ به نه آهن، سواءِ ان جي ته اهو فطرت جو نيم آهي۔ انهن سوالن ۾ حيرانگي به آهي تجسس به ته ووڙ، ولوڙ به۔ ان غزل ۾ ڪافين جو سٽاءُ نيارو ۽ پيارو آهي.

    ڏسڻ کان پوءِ کلڻ آهي، کلڻ کانپوءِ ملڻ آهي،
    ملڻ کان پوءِ ڇڄڻ آهي، ائين آهي ته ڇو آهي؟

    ”مسرور“ جتي هٿ ٺوڪي تنقيد کي نندي ٿو ۽ “ساڙ” جهڙو نظم لکي ٿو، اتي هو ياري باشيءَ واري “ واهه واهه” جي به خلاف آهي. آءُ سمجهان ٿو ته اسان جي ادب ۽ شاعري ۽ مجموعي طور سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي مسئلو به اهو آهي۔ هر ڪو جديد شاعر طور سڏرايو ٿو وجي پر هاڻي جديد، اهم شاعر چوڻ تي به دنگ نٿو ڪيو وڃي، بلڪ وڏي شاعر کان به ڳالهه چڙهي وئي آهي ۽ تمام وڏو شاعر/وڏي شاعرا واريون فتوائون صادر ٿي رهيون آهن. ڪجهه مخصوص ٽولا آهن، جيڪي خسيس مفادن لاءِ جيري ڪاڻ ٻڪري ڪهي رهيا آهن. هڪ شاعر کي اهڙي اگري نگري صورتحال ۾ وڌيڪ سچائي ۽ ذميواريءَ سان پنهنجي تخليقي ڪم ۾ رڌل رهڻ کپي ۽ هٿ ٺوڪي تنقيد جو به اهو ئي جواب آهي۔ ساڳئي وقت هن کي سکڻي واهه تي به ڀنڀلجڻ نه گهرجي:

    دوستيءَ جي نڀاءَ لئه “وهه واهه”،
    شاعريءَ ساڻ دشمني ٿئي ٿي۔

    هڪ شاعر جي بقا هن جي شاعريءَ ۾ آهي پر اها واقعي شاعري هجي به! لعل پشپ چيو آهي ته هر تخليقڪار جي تخليق ڪرڻ جو محرڪ ڄاتي، اڄاتي امر ٿيڻ جو جذبو ئي هوندو آهي۔ زندهه رهڻ واري شاعريءَ جو مدار ان جذبي جي گهرائيءَ تي آهي. “مسرور” اهڙو اظهار پنهنجي هڪ نظم “ مڪالمو” ۾ ڪيو آهي جنهن ۾ شاعري شاعر سان مخاطب آهي ۽ هن کي پاڻ ڏانهن سڏي ٿي ته جيڪڏهن شاعر دنيا جي ڌنڌن پٺيان رلڻ بدران رڳو شاعريءَ جي ئي ڪڍ لڳي ته جيڪر اها شاعر کي ايڏا سک ڏئي جو هو سوچي به نٿو سگهي:

    ڏاڻ ايڏا ڏات جا توکي ڏيان،
    جيترا تون ڪين ميڙي ٿو سگهين!
    آءُ مون ڏي!
    آءُ آهيان بس رڳو تنهنجي بقا،
    ٻيو ته سڀ ڪجهه آ فنا،
    سڀ فنا........
    سڀ فنا..............
    ان نظم مڪالمو جي انهن آخري سٽن تي هن سمهاڳ جي پڄاڻي ڪرڻ پئي گهريم پر سوال ۽ ڳالهيون پوءِ به دڳ جهلي ٿي بيٺيون، جهڙوڪ: شاعر پنهنجي ڏات سان شاعري تخليق ڪري ٿو پر هتي شاعري، شاعر کي ڏات کي ڏاڻ آڇي ٿي. ان شرط سان ته جي شاعري دنيا بدران هن جي ڪڍ لڳي! هونئن ته “ مسرور ” جي شاعري جو اوڄو ڪيترن هنڌن تي ضدن/ ابتڙن تي ڪيل آهي، جيئن ملڻ/ڇڄڻ، حيات/ممات، بقا/فنا... پر هن نظم ۾ دنيا ۽ شاعري آهي، دنيا خارجي آهي ۽ شاعري داخلي، خارجي جي مشاهدي جي پرک داخلي سطح تي ٿئي ٿي، منظر، شيون، چهرا سڀ خارجي لقاءَ آهن، دنيا جون ڪيتريون ئي معنائون آهن، جيئن:
    جهان، جڳ، سنسار، لوڪ، زمين، پرٿوي
    ٻومي دنيا جا ماڻهو، لوڪ، خلق، دولت،
    ناڻو، ڌن.
    (سائل ڪوش صه 250 )
    شاعري ۾ ڪتب آيل لفظ جي معنيٰ عام يا ڪوش جي معنيٰ کان اڳتي جي معنيٰ هوندي آهي. اصطلاحي معنيٰ کان به اڳتي جي معنيٰ_ استعاراتي معنيٰ! يعنيٰ عارضي. دقتي. جرتي، ڦوٽو جيئن ! ۽ شاعري شاعر کي عارفيت کان دائميت ڏانهن سڏي ٿي، فنا کان بقا ڏانهن! هتي مون کي ڪنهن ٻڌل ڪلام جو هي ٿل ياد اچي رهيو آهي:
    ڇڏي ڏي ملڪ دنيا کي،
    ويهي ٻڌ عشق جون ڳالهيون
    هتي عشق آهي ۽ ”مسرور“ جي نظم ۾ ”شاعري“ ! شاعري شاعر جو عشق آهي، ان نظم لاءِ اهڙو جواز ڏئي سگهجي ٿو؟ نظم ۾ _ ايترو، جيترو، ايترا، جيترا، جيترن_ ان مقدار کي منهم يا غير مبهم ڪن ٿا، جيڪو رلڻ ( دنيا جي ڌنڌن پٺيان) سکن ( جيڪي شاعري ڏئي سگهي ٿي) خوشبو ( شعرن جي گلن جي) ڏاڻ ( ڏات جا ) سان لاڳاپيل آهي، اهو مقدار جيڪو شاعر کي شاعري آڇي ٿي، انهن لفظن سان اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ايترو ڪيترو ؟ ان جواب جو جواب نظم ۾ ئي هڪيو ڪيو ويو آهي ته ايترن شعرن جي گلڙن جي خوشبو، ڏات جا ايترا ڏاڻ، ايترا سک، جو شاعر جو سوچي به نٿو سگهي! پر اهو سڀ تڏهن ٿيندو، جڏهن شاعر جنهن کي ‘ سهڻا’ چئي شاعري مخاطب آهي، جيترو دنيا جي ڌنڌن پٺيان رُلي ٿو، ايترو ( ان کان به گهٽ نه وڌ) شاعري جي ڪڍ لڳندو! هر تخليق کان پوءِ شاعر کي هڪ سک سري ٿو پر اها تخليق ڪيتري پيڙا کانپوءِ پني تي پلٽجي ٿي، اهو ڪير ٿو ڄاڻي؟ شايد شاعر به نه!
    ايترا توکي ڏيان مان سک سهڻا
    شاعري جي آڇ ذات جي سکن لاءِ آهي؟ يا پوري دنيا جي سکن لاءِ! هتي دنيا کي تياڳڻ يا سنياس وٺڻ جي ڳالهه به نه آهي، صرف جيترو ۽ اوترو وارو شرط آهي! لاکيڻي لطيف جو هي بيت منهنجي ڳالهه کي شايد ڳڻڻ جيترو ڪري:
    ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ
    جنين جي وردنهن، سڄڻ آيو مان ڳري!
    (سُر حسيني)
    امداد حسيني


    تون حقيقت، مجاز ڀي تون آن،

    تون حقيقت، مجاز ڀي تون آن،
    تون ئي سُر آنهه، ساز ڀي تون آن.

    تون غُرور ۽ گهُمنڊ آن منهنجو،
    منهنجي نِوڙت، نِياز ڀي تون آن.

    ھار، سينگار، سُونهن ڀي تون آن،
    منهنجو نخرو ۽ ناز ڀي تون آن.

    تون ئي ظاهر ظهور آن چوڏس،
    پانهنجو پاڻ راز ڀي تون آن.

    تون سُکن جو سندم سبب سائين!
    ۽ ڏُکن جو جواز ڀي تون آن.


    خوشي به ڪين رهي آ، الم به ڪونهي ڪو،

    خوشي به ڪين رهي آ، الم به ڪونهي ڪو،
    ڪرم به ڪين اوهان جو، سِتم به ڪونهي ڪو.

    عجيب آهه اسان جي به ڪيفيت هاڻي،
    وجود آهه وِڃايو، عدم به ڪونهي ڪو.

    بچو نه آهه اسان وٽ اوهان جو ڪجهه هاڻي،
    اوهان جي هاڻ جُدائيءَ جو غم به ڪونهي ڪو.

    اسان نه دين ڌرم جا، اسان نه دنيا جا،
    خدا ته ڪين مليو ۽ صنم به ڪونهي ڪو.

    رهان ٿو آنءُ اڃا تائين يار! دنيا ۾،
    جڏهن ته مون کي هِتي هاڻ ڪم به ڪونهي ڪو.


    هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو!

    هو مون ڀي هڪڙو پيار ڪيو، ۽ پيار به ڪو اهڙو تهڙو!
    ها منهنجو ڀي ڪو يار هيو ۽ يار به ڪو اهڙو تهڙو!

    ڇا رُوپ هُيس، ڇا رنگ هيس، ڇا واسُ هيس، ڇا انگ هُيس!
    هُو شخص به ڪو گلزار هو ۽ گلزار به ڪو اهڙو تهڙو!

    مون عشق- نشي ۾ ڪين ڏٺو، ۽ يار سندي هان پار پُڳو،
    درياهه به تارئون تار هيو ۽ تار به ڪو اهڙو تهڙو!

    مضبوط عمارت جيئن هئي، هيءَ پنهنجي محبت اوءِ مٺي!
    بس شڪ جو ان ۾ ڏار پيو ۽ ڏار به ڪو اهڙو تهڙو!

    مان ويريءَ جو ڪو وارُ سَهي، ها ڪين پَيس ڪڏهين به ڊَهي،
    پر يار ڪيو ڪو وار هيو ۽ وار به ڪو اهڙو تهڙو!

    مون چاهيو دنيا ۾ رهندي دنيا جو حِصّو ڪين ٿجي،
    پر دنيا ڪوئي ڄارُ هيو ۽ ڄارُ به ڪو اهڙو تهڙو!


    هائو ماضي بعيد آهيان مان،

    هائو ماضي بعيد آهيان مان،
    تنهن ڪري ئي جديد آهيان مان.

    منهنجي من ۾ ئي منهنجو مُرشد آ،
    پنهنجي من جو مُريد آهيان مان.

    پاڻ ۾ ئي رڳو نه آهيان مان،
    پاڻ کان ڀي مزيد آهيان مان.

    موت سان فوت ڪين ٿيندس مان،
    عشق جو ڪو شهيد آهيان مان.

    سمنڊ سان مان نديءَ جيان ملندس،
    شوق ڪوئي شديد آهيان مان.

    نااُميدي اُميد آ مون لئه،
    ايترو پُر اميد آهيان مان.

    ڪنهن پُراڻي ئي پيار تي لکيل،
    شعر ڪوئي جديد آهيان مان.


    ھتان جي ڳالهه ھر ڪائي، اسان کي عشق سمجھائي،

    ھتان جي ڳالهه ھر ڪائي، اسان کي عشق سمجھائي،
    خدا جي ڀي اڪيلائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

    لڪن مان وئي لنگھي سسئي، تري درياھه وئي سُھڻي،
    ڏُکيائيءَ ۾ به سولائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

    رُڳو ھڪ منجهه سڀ آھي ۽ سڀ ۾ ڀي رُڳو ھڪ آ،
    اھا سڀ منجهه ھيڪائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

    ڪتابن ۾ به لاعلمي، خبر ۾ آھه بي خبري،
    ۽ نادانيءَ ۾ دانائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

    خوشيءَ ۾ درد آ ڪوئي، فقيريءَ ۾ اميري آ،
    عياشيءَ ۾ اُداسائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

    گُلن جي نازڪي سمجھي ۽ پٿّر جي به ڏاڍائي،
    سمندر جي به گھرائي، اسان کي عشق سمجھائي۔


    پيارَ- پيالو پِيءُ!

    پيارَ- پيالو پِيءُ!
    جيسين آنهه جهان ۾ .

    گُلڙن وانگر گهارِ تون،
    جيون اهڙو جِيءُ!
    جيسين آنهه جهان ۾ .

    نا ممڪن، ممڪن ڪري،
    اڻ ٿيڻو ڪجهه ٿيءُ!
    جيسين آنهه جهان ۾ .

    وڻ جئن ڦل ۽ ڇانوَ ڏي!
    سَههُ تون گرمي، سيءُ!
    جيسين آنهه جهان ۾ .

    آهن رشتا عارضي،
    وَني، پُٽ ۽ ڌيءُ،
    جيسين آنهه جهان ۾ .


    جُدا رهي تون پرينءَ کان پنهنجي رهي نه سگهندين، چيو هيو مون،

    جُدا رهي تون پرينءَ کان پنهنجي رهي نه سگهندين، چيو هيو مون،
    فراق جو درد موت جهڙو، سهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

    چيو هيو مون ته لُڙڪ منهنجا! ڀلي پيو وهه، اڃا گهڻو وهه!
    ڪڏهن ته اهڙو به وقت ايندو، وهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

    جنون ۾ پاڻ کي او جاني! صفا گهڻو ڀي نه ڊاهجان تون،
    گهڻو ڊهي وئين اگر ته پو تون ٺهي نه سگهندين، چيو هيو مون.

    غُرور ۽ تون گهُمنڊ جي چوٽ تي صفا جيڪڏهن چڙهي وئين،
    ته پوءِ سجدي جي لاءِ سائين! لهي نه سگهندين، چيو هيو مون.


    مُسافر جيئن ماڻهو آ، سفر وانگي حياتي آ،

    مُسافر جيئن ماڻهو آ، سفر وانگي حياتي آ،
    سڀن جي آخري سائين! اِها منزل مِماتي آ.

    مٺا! هيءَ شاعري منهنجي، جا مون هر روز ڳاتي آ،
    کڻي جو هيءَ ذاتي آ، تڏهن ڀي ڪائناتي آ.

    نه آهين تون مگر آهي، اسان سان درد هي تنهنجو،
    لڳي ٿو درد هي تنهنجو، اسان جي گهر جو ڀاتي آ.

    سندءِ تنقيد ٿي ماري، نه مون کي پر رڳو توکي،
    اها تنقيد ڄڻ اهڙو ڪو حملو آپگهاتي آ.

    اوهان جي آس ۾ اڄ ڀي، گذاريون عُمر ٿا گوري!
    اڃا ڀي رُوح پياسو آ، اڃا ڀي اکّ آتي آ.


    ٻه چار ڏينهن هليو، منهنجو، يار جو قِصّو،

    ٻه چار ڏينهن هليو، منهنجو، يار جو قِصّو،
    مگر لکيو مون سڄي عمر پيار جو قِصّو.

    لَڄي لَڄي هو بيابان ٿي ويو سارو،
    ٻُڌي ڪو اُڃَ لڳل آبشار جو قِصّو.

    ٻُڌايو آهه ڇڻيل هِن گُلاب اڄ مون کي،
    اُجاڙ باغ سندي ٽار ٽار جو قِصّو!

    حَسين ڪاٺ جو سامان ڀي ٻُڌائي ٿو،
    وَڍيل وڻن جي پرين! ڏار ڏار جو قِصّو.

    مزي سان کيڏ حياتيءَ جي راند تون راڻا!
    وِسار هاڻ کٽڻ جو ۽ هار جو قِصّو.

    فضُول، ربط بنان ۽ بغير منطق جي،
    حيات هيءَ لڳي ٿي ڪو ٻار جو قِصّو.


    وني! منھنجي، وني! منھنجي

    وني! منھنجي، وني! منھنجي

    وني! منھنجي، وني! منھنجي،
    جڏھن ماني پچائين ٿي،
    ته تنھنجا ھٿ اٽي ڳوھيل
    حسينائن جي نازڪ ۽
    حنائي نرم ھٿڙن کان
    لڳن سھڻا پيا مون کي۔
    اھي ھٿ ڪنھن نمازيءَ جي
    دُعا گھرندڙ ھٿن کان ڀي
    گھڻا افضل مٺي! آھن۔
    جڏھن ڌوئين پئي ڪپڙا،
    جڏھن ڦريو ڏئين ٿي تون،
    جڏھن ٻارن کي ريجھائي
    ڪھاڻي ٿي ٻڌائين تون،
    جڏھن اسڪول جو ڪم ڀي
    انھن کان ٿي ڪرائين تون،
    ڪري محنت محبت سان،

    سنوارين گھر سڄو ٿي تون،
    ٽڙيل پکڙيل ڪتابن کي،
    جڏھن ترتيب ڏين ٿي تون،
    جڏھن ڊرامو ڏسي ڪوئي،

    گھڻو روئي پوين ٿي تون،
    جڏھن ننڍڙين خوشين تي ئي
    گھڻو خوش ٿي وڃين ٿي تون،
    جڏھن ھيءَ پيار جي پوتر
    اُجھائين پياس ٿي پياري
    تڏھن دنيا جي سڀ کان ئي
    حسين عورت لڳين تي تون۔
    وني! منھنجي، وني! منھنجي۔


    ھر شيءِ آھي مرڻي بابا!

    ھر شيءِ آھي مرڻي بابا!
    دنيا آھي ڇڏڻي بابا!

    جسم جُدا ٿيو ليڪن تنھنجي
    سار سدا آ رھڻي بابا!

    منھنجي جيون منجهه اوھان جي
    ڪين ڪمي آ ڀرڻي بابا!

    پوئين ملھه ۾ موت کٽي ٿو
    مات اسان کي مڃڻي بابا!

    ڪجهه به رھي ٿو ڪين ھميشه
    ھر شيءِ اچڻي وڃڻي بابا!

    وقت وڃي ٿو اڳتي ڊُڪندو
    ڇال ڏئي جئن ھرڻي بابا!

    وقت سمندر آھي جنھن جي
    وير نه ڪائي ورڻي بابا!

    جيءُ جُھري پيو آ توکان پو
    ڳالھ اھا ھئي ڪرڻي بابا!


    (بابا جي وفات کان پوءِ لکيل)


    پاليو جنهن کي پيٽ ۾، پاڻ وِساري مـُون،

    پاليو جنهن کي پيٽ ۾، پاڻ وِساري مـُون،
    سو ته مري ويو ٻارڙو.
    جيڪو پِيرن کان پِنيو، باسي مون باسُون،
    سو ته مري ويو ٻارڙو.
    جنهن سان ڏُک ۽ سُکّ جون، ڳچُّ ڪيم ڳالهيون،
    سو ته مري ويو ٻارڙو.
    جنهن جي لاءِ لکين هيون، چپّن منجهه چُميون،
    سو ته مري ويو ٻارڙو.
    جنهن کي ڪين ڏسي سگهيم، رهندي ڪي رانديون،
    سو ته مري ويو ٻارڙو.
    جنهن لئه سِبيم چولڙيون، رنگن رنگن جون،
    سو ته مري ويو ٻارڙو.
    موليٰ! ٻچڙو مون ڏئي، کسيئه پو ڇاکئون؟
    سو ته مري ويو ٻارڙو.


    (پنهنجي ڀيڻ جي درد جي ترجماني هن وائيء َ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهيم، جنهن جو ٻار ڄمڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي الله کي پيارو ٿي ويو)


    شعر لکڻ آ شوق جنين جو، اهڙا شاعر ڪيئي آهن،

    شعر لکڻ آ شوق جنين جو، اهڙا شاعر ڪيئي آهن،
    شعر عبادت آهه جنين جو، اهڙا شاعر ٿورا آهن.

    مال ۽ دولت جي رستي جا، يار! مسافر ڪيئي آهن،
    دل ۽ روح سندي رستي جا، يار! مسافر ٿورا آهن.

    محبت ۾ محبوب ٿيڻ جا، ماڻهو ماهر ڪيئي آهن،
    عشق ڪري عاشق بڻجڻ جا، ماڻهو ماهر ٿورا آهن


    مِينهن وسندو رهيو

    مِينهن وسندو رهيو


    مِينهن ۾ هوءَ مِٺي ، پئي کِلي ۽ پُسي،
    آنءُ ڏسندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

    هن جي جوڀن سندي، حُسن جي مينهن ۾،
    آنءُ پُسندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

    عشق جي آڳ آ، جا وِسامي نه ٿي،
    آنءُ جلندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

    مينهن ۾ نينهن جا، زخم تازا ٿيا،
    آنءُ لڇندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

    مينهن ۾ لُڙڪ هي، سڀ ويا اڄ لِڪي،
    آنءُ روئندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

    منهنجي هستي مِٺي ! آ جهُريل جهُوپڙي،
    آنءُ ڊهندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

    مِينهن جي گائڪي، مِينهن جي شاعري،
    آنءُ ٻُڌندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.

    شعر ائن ٿا اچن، ڄڻ ڦڙيون ٿيون پون،
    آنءُ لِکندو رهيس، مِينهن وسندو رهيو.


    مُحبّت قيد ڪِيو آھي ته پو آزاد ٿيو آھيان،

    مُحبّت قيد ڪِيو آھي ته پو آزاد ٿيو آھيان،
    جُدائيءَ جي تباھيءَ مان جُڙي آباد ٿيو آھيان۔

    ڪري غلطيون سِکيو آھيان، ڪِري آئون اُٿيو آھيان،
    وڏيون مارون مٺا! کائي اچي اُستاد ٿيو آھيان۔

    مُھين جو مان دڙو آھيان، ڊھي پو ڀي کڙو آھيان،
    وڏا ماڻھو ڏسڻ آيا، جڏھن برباد ٿيو آھيان۔

    ڌِڪاريو آ ويو مون کي ته ويجھو ٿي ويو آھيان،
    وِساريو آ ويو مون کي ته ڏاڍو ياد ٿيو آھيان۔

    گھڻو ڪجهه ڪين ھو جڏھين، تڏھن مان خوش ھيس ڏاڍو،
    جڏھن سڀڪجهه مليو آھي ته پو ناشاد ٿيو آھيان۔


    دل جو مڃان ٿو منهنجي، ڌڙڪو اُهو نه آ،

    دل جو مڃان ٿو منهنجي، ڌڙڪو اُهو نه آ،
    پر تنهنجو ڀي ته جانان! جلوو اُهو نه آ،

    اڄ عشق جو اکين ۾ سپنو اُهو نه آ،
    اڳ جئن جنون ۽ سو جذبو اهو نه آ.

    دُنيا، جهانُ سارو، ساڳيو اُهو ئي آ،
    بس پيار ئي او پياري! پنهنجو اُهو نه آ.

    منزل جو ڏوھه ان ۾، ڪهڙو ڀلا پرين!
    ڀٽڪيل اسين، اسان جو رستو اُهو نه آ.

    هڪ شخص جي وڃڻ سان دنيا اُها نه آ،
    هُن بن اسان جي گهر جو نقشو اُهو نه آ،

    ماڻهو به وقت سان ٿو مٽبو رهي مٺا!
    هر ڪو ملي ٿو مون سان جيڪو اُهو نه آ.


    سالُ نئون آ، حالُ پُراڻو،

    سالُ نئون آ، حالُ پُراڻو،
    جاري آهه زوال پراڻو.

    ساڳي بُک ۽ بدحالي آ،
    ديس سڄي جي اک آلي آ،
    هٿيارن جا وات کلن ٿا،
    ماڻهو سڀ خاموش رهن ٿا،
    "ٺا، ٺا، ٺا" آواز اچن ٿا،
    روز ڪئين انسان مرن ٿا،
    ڪير بچي ٿو، ڪير مري ٿو،
    ليڊر ڪوئي ڪين ڏسي ٿو،
    هُو بس پنهنجو پيٽُ ڀري ٿو،
    مال لُٽي ٿو، عيش ڪري ٿو.


    ڪين اجهو آ، ڪين لٽو آ،
    ڪين بُکايل لاءِ اٽو آ،
    پو به چوي ٿو اڄ جو حاڪم،
    آهه جمهوريت پنهنجي قائم.
    ڪهڙي هيءَ جمهوريت آهي!
    ڪهڙي هيءَ سياست آهي!
    پنهنجو آهه سوالُ پُراڻو.
    سالُ نئون آ، حال پُراڻو،
    جاري آهه زوال پُراڻو آ.


    مڪالمو

    مڪالمو



    شاعريءَ مون کي چيو،

    "جيترو تون ٿو رُلين دنيا جي ڌنڌن جي پُٺيان،
    ايترو منھنجي پٺيان جي تون رُلين،
    ايترا تو کي ڏيان مان سُکّ سُهڻا!
    جيترا تون ڪين سوچي ٿو سگهين،
    ايترن شعرن جي گُلڙن جي ڏيان خوشبوءِ توکي،
    جيترا تون ڪين پوکي ٿو سگهين.
    ڏاڻ ايڏا ڏات جا توکي ڏيان،
    جيترا تون ڪين ميڙي ٿو سگهين.

    آءُ مون ڏي!
    آنءُ آهيان بس رڳو تنهنجي بقا،
    ٻيو ته سڀ ڪجهه آ فنا،
    سڀ فنا ................
    سڀ فنا .................


    سُک سان ڪڏهن هڪٻئي سوا، نه ئي تون هُئينءَ، نه ئي مان هُيس،

    سُک سان ڪڏهن هڪٻئي سوا، نه ئي تون هُئينءَ، نه ئي مان هُيس،
    پر پو به دُک ۾ دلربا! نه ئي تون هُئينءَ، نه ئي مان هُيس.

    تنهنجو به هو ڪو همسفر، منهنجي به هئي ڪا همسفر،
    هڪٻئي جي دل کان پر جُدا، نه ئي تون هُئينءَ، نه ئي مان هُيس.

    مُون بن اڌُوري تون هُئينءَ، تو بن اڌورو مان هيس،
    هن پيار ۾ پوري پِيا! نه ئي تون هُئينءَ، نه ئي مان هُيس.

    تون ڀي وفا ڪا ڪين ڪئي، مون ڀي وفا ڪا ڪين ڪئي،
    پر پوءِ ڀي ڏس بيوفا، نه ئي تون هُئينءَ، نه ئي مان هُيس.

    آيا هيا سين سير لئه، ۽ پيار جي ڪنهن خير لئه،
    سنسار ۾ رهند سدا، نه ئي تون هُئينءَ، نه ئي مان هُيس


    دل چوي ٿي ته اڄ غزل لِکجي،

    دل چوي ٿي ته اڄ غزل لِکجي،
    پيار جو يار! پلُّ پلُ، لِکجي!

    اڻ ٻُڌل کي وري وري ٻُڌجي،
    اڻ لِکيل ۽ ڪو اڻ چيل لِکجي!

    عشق کي آنءُ ٿو لِکان سسئي،
    ۽ جدائيءَ کي جَبل لکجي!

    سانوريءَ کي سماج- سينور ۾،
    ڪوئي اُجرو، اَڇو ڪنول لِکجي.

    پيار ڪو ٻار، حرڪتي لکجي،
    هانءُ رانديڪڙو ڀڳل لکجي.

    پير ننگا حيات جا لِکجن،
    وقتَ کي رڻُّ ڪو تَتل لکجي.

    زندگيءَ جي حَسين نيڻن ۾،
    عشق جي خواب کي ڪجل لکجي.

    آ ڪِري پاندَ ۾ اچي پاڻهي،
    ڇوڪري ڦلُّ ڪو پَڪل لکجي.

    ڪوئي طوفان رنجشون لکجن،
    دوستي ڏارُ ڪو ٽُٽل لکجي!

    منزلون ويجهڙيون هيون، آهن،
    پر مُسافر ٿَڪل ٿَڪل لکجي!

    ها، حياتي لکان مِلڻ کي مان،
    ۽ جُدائي کي اجل لکجي.

    رُوح لکجي گُلاب جو ٻُوٽو،
    شاعري، مينهن ڪو وُٺل لکجي.

    شاعري آهه شاعرن جو ڪم،
    قول کي ڀي مٺا! عمل لکجي.


    هوءَ زمين، آسمان ٿي ويئي،

    هوءَ زمين، آسمان ٿي ويئي،
    منهنجو سارو جهان ٿي ويئي،

    هاڻ هر گُل جو واسُ آ هُن ۾،
    ڇوڪري گُلستان ٿي ويئي.

    جيئن جئن جسم جُهور پوڙهو ٿيو،
    تيئن تئن دل جوان ٿي ويئي.

    خامشي، گُفتگو اسان جي آ،
    بي زباني زبان ٿي ويئي.

    مان زمانن جي قيد ۾ ناهيان،
    لامڪاني مڪان ٿي ويئي.

    زندگي هيءَ "يقين" آ ڪڏهين،
    ۽ ڪڏهن هيءَ "گمان" ٿي ويئي.

    جنهن جي تياري صفا نه آهي، سو
    زندگي امتحان ٿي ويئي.

    هاءِ! ڪيڏين فضول ڳالهين ۾،
    زندگي هيءَ زيان ٿي ويئي.

    اڄ ڪري موت جي حوالي ٿي،
    زندگي مهربان ٿي ويئي،

    منهنجي خاموش زندگيءَ جي آ،
    شاعري ترجمان ٿي ويئي.

    ڳالهه، جنهن جو بيانُ ناممڪن،
    شعر ۾ سا بيان ٿي ويئي.

    شاعري اِئن رچيل آهستيءَ ۾،
    جو سڃاڻپ- نشان ٿي ويئي.


    ڳالهڙيون هُن جون

    دوستي هُن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
    دل لڳي هُن ڇوڪريءَ سان ٿي وئي آ،
    جنهن جو چهرو چنڊ جهڙو ڪين آهي،
    چَپَّ جنهن جا پنکڙيون ناهن گلن جون
    وارَ جنهن جا ڪي گهٽائون ڪين آهن،
    جسم جنهن جوسنگ مرمر جئن تراشيل ڪين آهي.
    هوءَ بظاهر عام آهي ڇوڪري،
    ها مگر آ خاص مون لئه ڇوڪري.

    حُسن گوري رنگ جو نالو نه آهي،
    حُسن نازڪ انگ جو نالو نه آهي،
    حُسن سهڻن ئي مهانڊن جو به نالو ڪين آهي،
    حُسن ڀـُوري باهه جهڙي ڪنهن بدن جي
    يار! شعلن جو به نالو ڪين آهي.

    حُسن هڪڙو آهه جادو
    جو اکيون ٿو ڏي نيون،
    جن اکين جي چار سـُو
    عشق جون محلاتيون.

    حُسن هن جو هن جي چهري ۾ نه آهي،
    حُسن هن جو هن جي آهي ڳالهڙين ۾.
    ڳالهڙيون هـُن جون نديءَ جئن نيارڙيون،
    ڳالهڙيون هن جون هوا جئن هلڪڙيون،
    ڳالهڙيون هن جون ته اهڙيون،

    ڳوٺ جي ڪنهن ڳئون جي ڄڻ کير جهڙيون، پاڪ صاف،
    جر جي پاڻي وانگر ڄڻ شفاف-
    ڳالهڙيون هن جون مٺيون ماکيءَ جهڙيون،
    ڳالهڙيون هن جون کٽيون انبڙيءَ جهڙيون،
    ڳالهڙيون هن جون اچانڪ ٿي ويل ڄڻ ڪو جهڙالو،

    ڳالهڙيون هن جون انڌيري ۾ اجالو،
    ڳالهڙيون هن جون ڀلي ڪنهن ڀرت جهڙيون،
    ڳالهڙيون هن جون رليون ڄڻ ٽُڪ واريون،
    ڳالهڙيون هن جون سياري ۾ سوڙ جهڙيون سُٺيون ،

    ڳالهڙيون هن جون چُميون ڄڻ چاهه واريون،
    ڳالهڙيون هن جون گلن جون ڄڻ ته ٽاريون،
    ڳالهڙيون هن جون ڏکڻ جي هير جهڙيون،
    ڳالهڙيون سنڌوءَ جي ڄڻ سير جهڙيون –
    حـُسن هن جو هن جي چهري ۾ نه آهي،
    حـُسن هن جو هن جي آهي ڳالهڙين ۾.


    تو سان منهنجي ناهي چاهت، ايئن به ناهي،

    تو سان منهنجي ناهي چاهت، ايئن به ناهي،
    آنهه رڳو تون ئي بس راحت، ايئن به ناهي.

    تو بن ڀي مان کِلندي جيون گهاريان ويٺو،
    پر تنهنجي ڪا ناهه ضرورت، ايئن به ناهي.

    تو سان اڳ جئن پيار به ناهي پر او پياري!
    ٻئي ڪنهن سان ٿي آهه مُحبّت، ايئن به ناهي.

    آهه سهولت هر ڪا مُيّسر پوءِ به منهنجي،
    سُک سان گذري ٿي هر ساعت، ايئن به ناهي.

    تو سان هاڻي ڪين ملان ٿو، ان جو مطلب،
    تو سان مون کي آهه شڪايت، ايئن به ناهي.

    پئسو گهٽ ڪمايو ۽ مون شعر گهڻا لکيا،
    ڳالهه انهيءَ تي آهه ندامت، ايئن به ناهي.


    بابا بلهي شاهه چيو آ،

    بابا بلهي شاهه چيو آ،
    "منهنجو رانجهڻ مڪو"
    عشق عبادت آهه اسان جي!

    درس نه ڏيو ڪي دين ڌرم جا،
    ڪا بڪواس نه بڪو!
    عشق عبادت آهه اسان جي!

    ٽُڪ ٽُڪ ٽُڪ ٽُڪ عقل ڪري ٿو،
    عشق هڻي ٿو ڇڪو!
    عشق عبادت آهه اسان جي!

    دلبر! دل جي آڏو دنيا،
    ڪين لهي ڪو ٽڪو،
    عشق عبادت آهه اسان جي!

    ڪا به ڪچائي ڪين رهي آ،
    پيار ڪيو آ پڪو،
    عشق عبادت آهه اسان جي!


    هيءَ ڳالهه راز جي آ، رکجانءِ راز ۾،

    هيءَ ڳالهه راز جي آ، رکجانءِ راز ۾،
    آهي لِڪل حقيقت، مٺڙا! مجاز ۾.

    هن جي وجود ۾ ئي آهي خدا لِڪل،
    سنگيت جئن لِڪل آ خاموش ساز ۾.

    پيغام، فلسفي ۽ تبليغ کان گهڻي،
    آ سُونهن شاعريءَ جي سوز و گداز ۾.

    آ شاعري عبادت، جنهن منجهه ئي مٺا!
    مان ٿو ملان خُدا سان، جئن تون نماز ۾.


    ڀانيان ڀاڳُ،

    ڀانيان ڀاڳُ،
    مِليو مون محبوب آ.

    ڪين ڪڏهن مون آ ڪيو،
    ترڪ نه ڪوئي تياڳُ،
    مِليو مون محبوب آ.

    مون ۾ رستو ماڳ جو،
    مون ۾ منهنجو ماڳُ،
    مِليو مون محبوب آ.

    نيڻين نِنڊ نِهوڙ تون،
    جاني! هاڻي جاڳُ!
    مِليو مون محبوب آ.

    پنڌ پرينءَ ڏي پانهنجو،
    شعر، رياضت، راڳُ.
    مِليو مون محبوب آ.


    بي گهر هان گهر هوندي ڀي،

    بي گهر هان گهر هوندي ڀي،
    تنها، لشڪر هوندي ڀي.

    ڪين وڻي ٿو هاڻ مون کي،
    سُهڻو منظر هوندي ڀي.

    مون ته عبادت ڪئي دل ۾،
    مسجد، مندر هوندي ڀي.

    عشق نظر آيو اُجرو،
    مٽّي ۽ مر هوندي ڀي.

    آخر ٻاهر ڇو رُليس؟
    اهڙو اندر هوندي ڀي!

    عشق ملايو ساهڙ سان،
    پنهنجو گهر، ورُ هوندي ڀي.

    زن بن مان مفلس آهيان،
    يار! زمين، زر هوندي ڀي.

    دل جو دشمن آهي هُو،
    دل جو دلبر هوندي ڀي.

    مان پرواز ڪيان پنهنجي،
    ٽُٽّل پر پر هوندي ڀي.

    ڪيڏي آهي رونق ٿي!
    مون تي کنڊر هوندي ڀي.

    اُڃّ لٿي ئي ڪين سندم،
    ساٿ سمندر هوندي ڀي.

    پنهنجو پاڻ لڳو ڪمتر،
    مون کي برتر هوندي ڀي.

    توکان حال ڀلو آهي،
    منهنجو ابتر هوندي ڀي.

    ڌاريو پنهنجو پاڻ لڳي،
    پنهنجو ئي ترُ هوندي ڀي.

    دنيا تياڳ ڪئي آ مون،
    ٺٺ ۽ ٺانگر هوندي ڀي.

    ويڙهه وڙهي مون لفظن سان،
    رائيفل، خنجر هوندي ڀي.


    ُھائي رقص ۾ آھي

    ُھائي رقص ۾ آھي

    نچي ٿو چنڊ چوڏهينءَ جو،
    ستارا ڇير پائن ٿا،
    وڄائي واءُ ٿو وينا،
    ۽ گُلڙا گُنگُنائن ٿا،
    لطيفي لات تي ھن جي،
    بدن جي شاعري ٻُڌندي،
    خدائي رقص ۾ آھي،
    سُھائي رقص ۾ آھي۔

    ملڻ جون موسمون ناھن،
    جدائي آ خزان جھڙي،
    سڀئي ميلاپ جا سپنا،
    ڇڻن ٿا ھاء! پن پن ٿي،
    مگر دل پو به پاگل آ،
    ڏسي ٿي خواب ئي ويٺي،
    بھارن جا سرءُ ۾ ڀي،
    جدائي رقص ۾ آھي،
    سُھائي رقص ۾ آھي۔



    مرن ٿا روز پيا ماڻھو،
    ھلن ٿيون روز ھت گوليون،
    نشاني تي پکي آھن،
    جي ٻولن پيار جون ٻوليون،
    رڳو ھت روڄ راڙو آ،
    ويون ٽھڪن سنديون ٽوليون،
    بچائي حـُسن ئي سگھندو،
    رڳو بس ھاڻ دنيا کي،
    بچائي ھيءَ ڪلا سگھندي،
    رڳو بس ھن زماني کي،
    اھائي ڳالھ ھن مون کي،
    ٻُڌائي رقص ۾ آھي،
    سُھائي رقص ۾ آھي۔


    ساري ساري رات رُلون ٿا، چنڊ، هوا ۽ مان،

    ساري ساري رات رُلون ٿا، چنڊ، هوا ۽ مان،
    ٽيئي ساگر ساڻ ڇُلون ٿا، چنڊ، هوا ۽ مان.

    ڏينهن سڄو بيڪار رهون ٿا پاڻ ته پيارا! پر
    جيئن ٿئي ٿي رات، کُلون ٿا، چنڊ، هوا ۽ مان.

    تنهنجي درشن لا اچون ٿا، ڇا ڀي ٿي پئي ڀل،
    تنهنجو رستو ڪين ڀُلون ٿا، چنڊ، هوا ۽ مان.

    دُور دنيا کان پنهنجي مستيءَ منجهه مگن آهيون،
    ڄڻ ڪنهن جهُولي منجهه جُهلون ٿا، چنڊ، هوا ۽ مان.


    ڪٿي ۽ ڪيئن خُدا آ؟ خبر نه آ مون کي،

    ڪٿي ۽ ڪيئن خُدا آ؟ خبر نه آ مون کي،
    وُجود ۾ يا جُدا آ؟ خبر نه آ مون کي.

    مِمات بعد حيات آ؟ خبر نه آ مون کي،
    فنا کان پوءِ بقا آ؟ خبر نه آ مون کي.

    حيات هيءَ حقيقت اسان جي آهي يا،
    خيال، خواب ادا! آ؟ خبر نه آ مون کي.

    هي آسمان به ڪوئي جهان آهي يا،
    فقط اهو ڪا خلا آ؟ خبر نه آهي مون کي.

    خبر پوي ته ڀلا ڪيئن راز جي ڪنهن کي!
    خبر مون کي ته اها آ، خبر نه آ مون کي!


    ساڙُ

    منھنجي ساراھ ٿي رھي آھي
    ساڙ م ھُو سڙي رھيو آھي،
    مون تي تنقيد ڪا ڪرڻ جي لئه
    شعر منھنجا پڙھي رھيو آھي۔

    بس چُڪون ئي رڳو تلاشڻ لئه،
    ڪوششون ھُو ڪري رھيو آھي،
    شعر ۾ حُسن ڪين ٿو ھُو ڏسي،
    بس خرابيون ڏسي رھيو آھي۔

    پوءِ منھنجي خلاف ھو ويٺو،
    ڪي مقالا لکي رھيو آھي،
    پاڻ اڳتي وڌڻ جي خاطر ھو،
    پير منھنجا ڪڍي رھيو آھي۔



    لوڪ کي پوبه پر گھڻو ڏاڍو،
    شعر منھنجو وڻي رھيو آھي،
    تير ھن جو ھڻڻ مونکي چاھيو،
    سو ته ھـُن کي لڳي رھيو آھي.

    مُرڪندي آنءُ جي رھيو آھيان،
    تڙپندي ھُو مري رھيو آھي۔


    ناهي جي چنڊُ، پوءِ ستارو بُرو نه آ،

    ناهي جي چنڊُ، پوءِ ستارو بُرو نه آ،
    تنهنجي خيال جو هي سهارو بُرو نه آ!

    نقصانُ عشق ۾ به مِٺا! فائدو اَٿي،
    ڌنڌي ۾ دل جي يار! خسارو بُرو نه آ.

    هِن بُکّ ۾ بِرهه جي ڀلا کائجي دغا!
    هن اُڃّ منجهه لُڙڪ هي کارو بُرو نه آ.

    پنهنجو نه آهه ڪير ته پو غير سان مِلو!
    ها، پيار هي پرائو، اُڌارو بُرو نه آ !

    تعبير انقلاب سندو خواب جي نه ٿئي،
    ته به خواب انقلاب جو يارو! بُرو نه آ!


    تنهنجو عشق

    تنهنجو عشق

    مون ته شراب چَکيو ئي ناهي،
    پو به نَشي ۾ آهيان ڏاڍو،
    تنهنجو عشق نشو آ مون لئه.

    مون ته نماز پڙهي ئي ناهي،
    پو به خدا جي آهيان ويجهو،
    تنهنجوعشق عبادت مون لئه.

    مون ته ڪتاب پڙهيو ئي ناهي،
    پوءِ به سڀ ڪجهه سمجهيو آهي،
    تنهنجو عشق ڪتاب آ مون لئه.

    مون ته لکيو ڪو لفظ به ناهي،
    پوءِ به شاعر آهيان ٿي ويو،
    تنهنجوعشق ته شعر آ مون لئه.


    هن عشق جي شهادت جو شانُ مختلف آ،

    هن عشق جي شهادت جو شانُ مختلف آ،
    ڪنهن مات ۾ به مٺڙا! ڪو مانُ مختلف آ.

    ڪَنڊا لڳا ۽ منهنجون، هي آڱريون لَهُو ٿيون،
    پر جو سجايو آ مون، گُلدان مختلف آ.

    منهنجو جَهانُ پنهنجو، اهڙو نه آهه ڪنهن جو،
    منهنجي جهانَ جو هر، انسان مختلف آ.

    آزاد ٿي وڃڻ جي، خواهش نه ڪا رهي ٿي،
    هن زندگيءَ جو هي زندان مختلف آ.

    هيءَ بات مختلف آ، هيءَ ڏات مختلف آ،
    تنهن لاءِ ئي ته منهنجو ديوان مختلف آ.


    پرينءَ کي پاڻ پَسان ٿو، نئين نموني سان،

    پرينءَ کي پاڻ پَسان ٿو، نئين نموني سان،
    نوان ڪي خواب ڏسان ٿو، نئين نموني سان.

    جهانَ جي ته ڪهاڻي گهڻي پُراڻي آ،
    مگر اِها به لِکان ٿو، نئين نموني سان.

    اُصول عشق جا ٺاهيا به مون نوان آهن،
    سو عشق آنءُ ڪيان ٿو، نئين نموني سان.

    جڏهن کان ڏُکُّ وڏو آ پرين! مليو مون کي،
    تڏهن کان ٽَهڪَ ڏيان ٿو، نئين نموني سان.


    سفر اوکو به سوکو آ، اڃا وک تيز تر آهي،

    سفر اوکو به سوکو آ، اڃا وک تيز تر آهي،
    اوهان جي سارَ او سائين! اسان جي همسفر آهي.

    اوهان سان عشق آ مون کي، اوهان جو ساٿ ٿو گهرجي،
    وڏو هي فلسفو ناهي، قِصو هي مختصر آهي.

    مِلڻ جو سُکُّ ڀي سانڍيو، ڇِڄڻ جو ڏُکُّ ڀي سانڍيو،
    اوهان پاران مِليو جيڪو، سو سانڍيو عُمر ڀر آهي.

    اسان جي دل رهي آهي، پرين! خانه بدوشن جان،
    ڪڏهن هِتڙي، ڪڏهن هُتڙي، سدائين دربدر آهي.

    ڪٿان آيا اسين آهيون؟ ۽ وينداسين وري ڪاڏي؟
    چڱو ٿيو جو انهن ڳالهين کان ماڻهو بي خبر آهي.

    وڇوڙي- اُسّ ۾ ميوو، پچي ٿو شاعريءَ جو پيو،
    اِئين ناهي ته توکان پو، حياتي بي ثمر آهي.


    صرف کپي هوءَ سانوري،

    صرف کپي هوءَ سانوري،
    ها، ها بس هوءَ هِڪَ.
    ساري هن سنسار ۾.

    پياري! آهي پيار کي،
    ڇوهي ڪائي ڇِڪَ،
    ساري هن سنسار ۾.

    تنهنجي لڳندي آھ بس،
    ساجن! مون کي سِڪَ،
    ساري هن سنسار ۾.

    ظاهر آهي لِڪَ ۾،
    ۽ ظاهر ۾ لِڪَ.
    ساري هن سنسار ۾.

    اڇّو اُجرو عشق هو،
    چولو توڙي چِڪَ،
    ساري هن سنسار ۾.


    هاڻ وڌي ويو آ منهنجو غم،

    هاڻ وڌي ويو آ منهنجو غم،
    دانهن نه ڪائي ۽ نه اکيون نم.

    هن دنيا کي دانائي ۽،
    درويشيءَ جو گهرجي سنگم.

    روح به منهنجو زخمي آهي،
    آهه ڪيو مون ايڏو ماتم!

    توکي ثبوت خدا جو گهرجي؟
    آهه ثبوت سڄو هي عالم.

    اُڀ جي چاهت ڌرتيءَ سان آ،
    ڏس! ته چُمي تي گُل کي شبنم.

    سولائيءَ ۾ آهه ڏُکيائي،
    جيون سولو هوندي جوکم.

    جنّت (جنهن مان تڙجي نڪتين)
    ماڻڻ، تنهنجو مقصد آدم!



    ڪين اڃا نرواڻ ملي آ،
    باقي، مان ڀي آهيان گوتم.

    سمنڊ رڙي ٿو درد وچان ۽،
    چئي ٿو "سروم دُکم دُکم".

    "جو دم غافل، سو دم ڪافر"
    توکي ساريان ٿو مان هردم.

    توبن منهنجي جيءَ جا جاني!
    هيءُ جهان به آهه جهنم.

    مصروفيت بيڪار ڪيو آ،
    منهنجي فرصت منهنجوآ ڪم.

    منهنجو ملڪ مُحبّت آهي،
    منهنجو شعر انهيءَ جو پرچم.

    ڪهڙو شعرُ اهو ڀي جنهن ۾،
    فن ۽ من جو ناهه ترّنم!


    سنڌ پرينءَ جو پاڇو ناھي

    ساري سنڌ ته پاڻ پرين آ،
    سنڌ پرينءَ جو پاڇو ناهي!
    سنڌ ته پاڻ پرين، سپرين آ!
    ٿرّ، اتر ۽ لاڙ، وچولو،
    رُوپ سڄڻ جو ڪاڇو آهي!


    ساٿي! ڏِسّ اُٿي اچي،

    ساٿي! ڏِسّ اُٿي اچي،
    صبح سندو هي سِجُ،
    رات وِهامي آ وئي.

    مِينهن جيان وس مون مٿان،
    کنوڻ جيان تون کِجُ!
    رات وِهامي آ وئي.

    پرهه ڦٽيءَ جئن پيار آ،
    نينهن اوهان سان نِجُ،
    رات وهامي آ وئي.

    جيون - جهوپي لاءِ تون
    ٿونڻيون، ٿنڀا ٿِجُ!
    رات وِهامي آ وئي.

    سُونهن ٿيان مان صبح جي،
    ڏات ته اهڙي ڏِجُ!
    رات وِهامي آ وئي.


    تون جي آهين ته پوءِ پُوري آ،

    تون جي آهين ته پوءِ پُوري آ،
    تو بنان زندگي اڌوري آ!

    ها آجهي ۽ اَٽي، لَٽي وانگر،
    پيار ڀي جان جان! ضروري آ!

    آهه ماحول هي مُعطّر ٿيو،
    کِلّ هن جي به ڄڻ کٿوري آ.

    ساڻ تنهنجي ۽ ياد ۾ تنهنجي،
    عمر گذري پرين! سموري آ.

    آنءُ سهڻيءَ جيان ٻُڏي ويندس،
    هيءَ درياھ جيئن دُوري آ.

    ڪنهن به لالچ بنان اُجوري جي،
    شاعريءَ جي ڪئي مزوري آ.


    زندگي به ڇا آهي! وَٺُ وٺان لڳي پئي آ،

    زندگي به ڇا آهي! وَٺُ وٺان لڳي پئي آ،
    تَڙ تَڪڙ رڳي آهي، هڻ هڻان لڳي پئي آ.

    ديس جي سياست ڀي، بي خبر آ منزل کان،
    بس هُجوم آهي ۽ هَل هَلان لڳي پئي آ.

    جو وَڌي پيو تنهن جي، راهه ٿي وڃي روڪي،
    سڀ ڄُنڊا پَٽن ٿا پيا، پَٽ پٽان لڳي پئي آ.

    يارَ، پيارَ جي پويان، اعتبارَ جي پويان،
    روزگار جي پويان، ڊُڪ ڊُڪان لڳي پئي آ.

    مسئلا ننڍا آهن پر اَنا وَڏي آهي،
    ٿورڙين ئي ڳالهين تي وِڙهه وڙهان لڳي پئي آ.

    عاشقي ۾ ھڪ شاعر، جو لکي ويو آ ھي،
    عالمن جي ان تي اڄ، جھڳ جھڳان لڳي پئي آ.


    هلي آ! ساهه سُڀاڻي هلي، هلي نه هلي!

    هلي آ! ساهه سُڀاڻي هلي، هلي نه هلي!
    خبر نه آهه حياتي هُجي، هجي نه هجي!

    هلي آ! گُلَّ جيان جسم هي ٽڙيل آ اڄ،
    سڀاڻ تازگي ان ۾ رهي، رهي نه رهي!

    هي چاههُ، چنڊ جيان چوڏهينءَ جي ٿي ويو آ،
    هلي آ! چاندني پو هيءَ بچي، بچي نه بچي!

    مان پنهنجو پاڻُ سنواري رکان ٿو ساجن لئه،
    اِها سندس آ پو مرضي ڏسي، ڏسي نه ڏسي!

    لِکان ٿو رنگ سمورا حيات جا آئون،
    ڀلي ڪو شخص انهن کي پڙهي، پڙهي نه پڙهي!


    ڄمڻ کان پو مرڻ آهي، ائين آهي ته ڇو آهي؟

    ڄمڻ کان پو مرڻ آهي، ائين آهي ته ڇو آهي؟
    کِلڻ کان پو رُئڻ آهي، اِئين آهي ته ڇو آهي؟

    دُکڻ کان پو ٻَرڻ آهي، ٻَرڻ کان پو مَچڻ آهي،
    مَچڻ کان پو وِسڻ آهي، ائين آهي ته ڇو آهي؟

    ڏِسڻ کان پو کِلڻ آهي، کِلڻ کان پو مِلڻ آهي،
    مِلڻ کان پو ڇِڄڻ آهي، ائين آهي ته ڇو آهي؟

    جڏهن ڪا شيءَ ٺهي آهي، تڏهن پو سا ڊَهي آهي،
    ٺَهڻ کان پو ڊَهڻ آهي، اِئين آهي ته ڇو آهي؟

    سڏي ٿو موت محبوبا جيان مون کي، وڃان ٿو مان،
    مرڻ بدران بَچڻ آهي، ائين آهي ته ڇو آهي؟


    هيءَ عُمر قيد آهي، هيءَ زندگي نه آهي،

    هيءَ عُمر قيد آهي، هيءَ زندگي نه آهي،
    ڪا موت تائين ان مان، آزادگي نه آهي.

    افسوس آهه مون کي، تو بن به خوش رهان ٿو،
    افسردگي اِها آ، افسردگي نه آهي.

    بس عشق ساڻ حاصل، پائندگي ٿئي ٿي،
    باقي ته ڪنهن به شيءِ ۾، پائندگي نه آهي.

    هاڻي پرين! هلي آ! مَن منهنجي ۾ ڀلي آ!
    هاڻي گناهه ڪنهن جي، ڪا گندگي نه آهي.

    جَنّت جي لوڀ ڇڏ تون، دوزخ جو خوفُ ڇڏ تون!
    هي لوڀ، خوف آهي، هيءَ بندگي نه آهي.

    ساڳيو بهار آهي، پر سو نکار ناهي،
    خوابن جي ڀي گُلن ۾ ڪا تازگي نه آهي.

    مصروف ٿي ويو هان، ڪم ڪار ۾ گهڻو مان،
    فرصت جو عيش ۽ سا آوارگي نه آهي.

    ها پيار منجهه تنهنجي، رُسوائيون مليون ڪي،
    پر پو به پيار تي ڪا، شرمندگي نه آهي.

    مون کي مٺا! مُيّسر، ھر آ ھتي سهولت،
    ها پر سُڪون واري، سا زندگي نه آهي.

    محبوبڙي نه مون کي، ڪائي ملي مُڪّمل،
    ڪنهن ۾ جمال، ڪنهن ۾، شائستگي نه آهي.

    پيالا چَپن- چُمين جا، مون لاءِ اج به آهِن،
    پر هاڻ تن لئه مون ۾، ڪا تشنگي نه آهي.

    ڪهڙو سو شعر جنهن ۾، ڪونهي ڪوئي ترّنم!
    نغمو سو ڪهڙو جنهن ۾، ڪا نغمگي نه آهي!

    آهي وزن به پُورو، ۽ فڪر ڀي سُٺو آ،
    بس شعر منجهه تنهنجي، ديوانگي نه آهي!


    منهنجي دل ۾ تون ئي تون آن، تون ئي تون آن بس،

    منهنجي دل ۾ تون ئي تون آن، تون ئي تون آن بس،
    تنهنجي دل ۾ مان ئي ناهيان، مان ئي ناهيان ڇو؟

    جيڪو لفظ لکيو مون دل سان، دنيا چئي ٿي ڊاهه!
    اهڙو سُهڻو لفظ مان ڊاهيان، آخرڊاهيان ڇو؟

    پيار ڪري ٿو هر ڪو ليڪن مون تي اُلرون ڇو؟
    ڇا بس مان ئي ڏوهي آهيان؟ مان ئي آهيان ڇو؟

    چريائپ جون سڀُّ لڪيرون، منهنجي هٿ ۾ ڇو؟
    جنهن کي چاهيان مان ئي چاهيان، مان ئي چاهيان ڇو؟

    ( آخري شعر هڪ پنجابي شعر جو ترجمو آهي)


    سو عشق جو ڪمال، اڃا ياد ٿو اچي،

    سو عشق جو ڪمال، اڃا ياد ٿو اچي،
    پنهنجو اُهو زوال، اڃا ياد ٿو اچي.

    جنهن جو مثال ڪا به حَسين چيز ڪين آ،
    ماڻهو سو بي مثال، اڃا ياد ٿو اچي.

    جنهن جو نه ڪو جواب اڃا تائين آ مِليو،
    سو سُونهن جو سوال، اڃا ياد ٿو اچي.

    ڪوئي خيال، خوابُ رهيو ڪين جنهن کان پو،
    سو خواب ۽ خيال، اڃا ياد ٿو اچي.

    هر ڪا خوشي لڳي ٿي ڦِڪي جنهن کان پومون کي،
    مٺڙو اُهو ملال، اڃا ياد ٿو اچي.

    جنهن منهنجي زندگيءَ کي تبديل هو ڪيو،
    سو ڏينهنُ، ماههُ، سالُ، اڃا ياد ٿو اچي.

    جنهن مون کي آهه ذوق ڏنو هي جمال جو،
    سو تنهنجو آ جمال، اڃا ياد ٿو اچي.


    نينهن جو ناچ ڪو نچو هاڻي!

    نينهن جو ناچ ڪو نچو هاڻي!
    پيار جي رنگ ۾ رچو هاڻي!

    نِينهن جي مِينهن جو مزو ماڻيئه،
    بس گهڻو ٿيو، اچو! بَچو هاڻي!

    پيار جي ڪا ڪندي اداڪاري،
    پيار ٿي وِيو سچو پچو هاڻي.

    زندگي موٽ آهه کائيندي،
    ٿي ويو آ ٻُڍو، ٻچو هاڻي.

    هيءَ بازار جيئن دنيا آ،
    ڪين ڪجهه آ هتي سچوهاڻي!

    باهه ٿي ڪا پئو بغاوت جي،
    نوجوانو! مَچو مَچو هاڻي!

    دوستو! مان مري ويو آهيان،
    ڪوڙَ، ساراهه سان اچو هاڻي!


    ادا! حالت وڏي سنگين آهي،

    ادا! حالت وڏي سنگين آهي،
    خوشيءَ ۾ دل سندم غمگين آهي.

    پَتو پوندءِ، ڪري ڏِس پيار ڪنهن سان،
    ته جيون ڪيترو رنگين آهي!

    اکين جو هي ڪَڪر ڏاڍو وُٺو آ،
    اسان جي خوابَ جي تدفين آهي.

    حياتي هونءَ ته آهي بي سَوادي،
    ها، لُڙڪن- ذائقو نمڪين آهي.

    اَٿس جي ڪين ماڻهن سان مُحَبت،
    ته ديني آدمي لادين آهي.

    ڏٺو دنيا ۾ ناهي جنهن خُدا کي،
    وڏو سو آدمي نابين آهي!


    تو بنان گهر

    تو بنان گهر اِئين لڳي ٿو هِي،
    رنگَ بن ڪينواس خالي ڄڻ،
    آهه هر شيءَ اُداس، خالي ڄڻ،
    باهه بن چُلهه ڪا ٻُسي آ ڄڻ،
    ڪو پَنن بن اُگهاڙو خالي وڻ،
    ٻار بن ماءُ جو ڀريل جئن ٿڻ،
    زائفان ٻار بن هجي ڪا ڄڻ،
    ڪنوار سينگار بن هجي ڪا ڄڻ،
    کنڊ بن ڪوپ چانهه جو ڪو ڄڻ،
    لوڻ بن ٻوڙ بي سوادو ڄڻ،
    وائڙو ڄڻ ڌنار بن ڪو ڌڻ،
    ٻارڙن کان بغير ڄڻ ته اڱڻ،
    ڪوئي گلدان گُل بنان آ ڄڻ،
    ڪو نئون پيار ڀُل بنان آ ڄڻ،
    تو بنان گهر اِئين لڳي ٿو هِي.


    هن دل جي ڳالهه هاڻ ٻڌائي ڇڏڻ کپي!

    هن دل جي ڳالهه هاڻ ٻڌائي ڇڏڻ کپي!
    رنڊڪ ۽ روڪ ٽوڪ هٽائي ڇڏڻ کپي!

    هي مالُ ميڙجي نه، ورهائي ڇڏڻ کپي!
    جيڪو ڪمائجي سو کپائي ڇڏڻ کپي!

    جو پاڻُ پاڻَ سان نه کڻي، پار ٿو پُڄي،
    سو پاڻ مان به جان ڇڏائي ڇڏڻ کپي!

    ٿورو جي اڳ ۾ پاڻَ مُئاسين ته پوءِ ڇا!
    ڇوعشق جو شراب گهٽائي ڇڏڻ کپي؟

    اچ اچ ته راز فاش ڪيون ۽ مزا ڏسون،
    جا ڳالهه ٿورڙي آ، وَڌائي ڇڏڻ کپي!

    جو خواب ۽ خيال حقيقت نه ٿي سگهي،
    سو خواب ۽ خيال ڀُلائي ڇڏڻ کپي!


    تون به ناهين نه شاعري ٿئي ٿي،

    تون به ناهين نه شاعري ٿئي ٿي،
    ايئن بيڪار زندگي ٿئي ٿي.

    لفظ ٿورا، پرين! گهڻا ڳوڙها،
    هيءَ ملاقات آخري ٿئي ٿي،

    ڏِس ته خاموش هيءَ ندي پياري،
    منظرن لاءِ آرسي ٿئي ٿي.

    کوڙ ماڻهو حَسين آھن پر،
    هر ڪنهين سان نه عاشقي ٿئي ٿي.

    چوڏهينءَ رات تو بنان ڪاري،
    ساڻ تنهنجي ئي چاندني ٿئي ٿي.

    روح جي غار ۾ به ڪنهن ڪنهن جي،
    شاعري تيز روشني ٿئي ٿي.

    دوستيءَ جي نڀاءَ لئه "وھ، واھ"
    شاعريءَ ساڻ دشمني ٿئي ٿي.

    شاعري ڳالهه حُسن جي آهي،
    حُسن جي حَدّ سادگي ٿئي ٿي۔


    يار! هي رک رکاءُ ڇو آخر؟

    يار! هي رک رکاءُ ڇو آخر؟
    ايترو بچ بچاءُ ڇو آخر؟

    لِڪَّ ۾ حُسن پُرڪشش آهي،
    نار! ايڏو نُماءُ ڇو آخر؟

    پيار جو ڄار آهه آزادي،
    تنهنجو تنهن کان ڇڏاءُ ڇو آخر؟

    پيار مان گُلّ مون ڏنو جنهن کي،
    تنهن ڏنو مون کي گهاءُ ڇو آخر؟

    اي بهارن جي مُند! تو ۾ سو،
    هيل ناهي هُڳاءُ ڇو آخر؟


    مان ستارا به ٿو سگهان لاهي،
    ايترو ڀي وڌاءُ ڇو آخر؟


    زندگيءَ ۾ نڀاءُ ئي ڪونهي،
    نينهن ۾ ئي نڀاءُ ڇو آخر؟

    ڏِس ته هيڏي حَسين دنيا کي،
    ڪو نه آهي جٽاءُ، ڇو آخر؟

    عارضي آ، مڃان پيو، پو ڀي،
    زندگيءَ سان لڳاءُ ڇو آخر؟


    ڪارڻ

    مون ڀي توکي،
    ڪين ڇڏيو هو،
    تو ڀي مون کي،
    ڪين ڇڏيو هو،
    پيارَ گڏيو هو،
    پاڻ ٻنهي کي،
    پيارَ ڇڏيو هو،
    پاڻ ٻنهي کي.


    رڳو تخليق منهنجي آ، تڏهن ڀي هيءَ عوامي آ،

    رڳو تخليق منهنجي آ، تڏهن ڀي هيءَ عوامي آ،
    سڀن لئه شاعري آهي، کڻي جو خود ڪلامي آ.

    اوهان جي ئي غلاميءَ ۾، ويو آزاد ٿي آهيان،
    نه آزادي آ ڪا اهڙي به جهڙي هيءَ غلامي آ!

    سڄو سنسار هي پيارا! سڄو وهنوار هي پيارا!
    سڀئي فاني اٿي پيارا ! مگر مُحبت مُدامي آ!

    مِلو ٿا ڪين مُحبت مان، ڊڄو ٿا يار! دنيا کان،
    رُڪاوٽ عشق ۾ جانان! اوهان جي نيڪ نامي آ.

    سفر ٿوري جي ڪارڻ ڀي، ڪبو ڪو انتظام آهي،
    مٿان ٿي موت تڏهين ڀي، سندءِ بي انتظامي آ.

    اُهي جن کي زماني ظلم سان ۽ جبر سان ماريو،
    ڏني تن جي مزارن تي، زماني اڄ سلامي آ!


    رڳو بس ڏينهن ڇو هڪڙو؟

    رڳو بس ڏينهن ڇو هڪڙو؟

    مُحُّبت جو ملهايان مان،
    رڳو بس ڏينهن ڇو هڪڙو؟
    مُحبّت روز ٿيندي آ!!
    مُحبّت روز هوندي آ!

    مُحبت زندگيءَ وانگر،
    پرين! هر ويل هوندي آ!،
    مُحبت ساهه جئن سهڻي!
    سدائين ساٿ هوندي آ!

    محبت ڀي گلن وانگر
    پرين! هر روز ڦٽندي آ،
    محبت ڀي نديءَ وانگر
    نئون ڄڻ روز وهندي آ،

    محبت ٻار وانگر ئي،
    پئي هر روز وڌندي آ،
    محبت هيءَ هوا وانگر،
    پرين! هر وقت هوندي آ.

    محبت اُڃّ آ منهنجي،
    ڏهاڙي سا اُجهائيندس،
    محبت بُکّ آ منهنجي،
    ڏهاڙي سا ته لاهيندس.




    محبت مُرڪ آ منهنجي،
    ڏهاڙي ڇو نه مرڪان مان؟
    محبت گيت آ منهنجو،
    ڏهاڙي ڇو نه سو ڳايان!

    محبت ٽهڪ آ منهنجو،
    ڏهاڙي سو ته مان ڏيندس!
    محبت لُڙڪ آ منهنجو،
    ڏهاڙي سو وهائيندس!

    محبت ئي عبادت آ،
    ڪندس سا روز مان جانان!
    محبت هيءَ تلاوت آ،
    ڪندس جا روز پيو دل سان.

    محبت رسم ناهي جا،
    ملهايان ڏينهن هڪڙي تي،
    اِها آزاد پنڇي آ،
    ڪيان ڇو قيد پڃري ۾؟
    محبت جو ملهايان مان،
    رڳو بس ڏينهن ڇو هڪڙو؟
    محبت روز ٿيندي آ!
    محبت روز هوندي آ!


    هر پيار ڀَلو هوندو آهي، پو پيار ڀلي ڪهڙو به هجي!

    هر پيار ڀَلو هوندو آهي، پو پيار ڀلي ڪهڙو به هجي!
    ها يار خدا جو جلوو آ، پو يار ڀلي ڪهڙو به هجي!

    ٻيا ٻارَ ڀلي سُهڻا به هجن، هوشيار هجن، ڪيڏا به ٺهن!
    پر پنهنجو ٻار ته ٻي شي آ، پو ٻار ڀلي ڪهڙو به هجي!

    ڀل ڪيڏو مرض عجيب هجي، پر جڏهين عشق طبيب هجي!
    سو پل ۾ چاڪ چڱو ٿيندو، بيمار ڀلي ڪهڙو به هجي!

    جي عشق هلي اڳيان اڳيان، ڪنهن هاديءَ جان، ڪنهن رهبر جان،
    پو هر ڪو سفر آسان ٿئي، دشوار ڀلي ڪهڙو به هجي!

    جيون ۾ ڪيڏو ڏُک آهي! ۽ ڪيڏو ٿورو سُک آهي،
    پر پوءِ به جيون پيارو آ، بيڪار ڀلي ڪهڙو به هجي!


    وڏا پنڌَ پهاڙَ جا،

    وڏا پنڌَ پهاڙَ جا،
    وِتري پوءِ به وکَ،
    ماڻهو شاهه لطيف جا.

    عشق رڳو اوڇڻ اَٿن،
    نه لانگوٽيءَ لِکَ،
    ماڻهو شاهه لطيف جا.

    مُحَبت- منزل ماڻيَن،
    تار تَري ڪا تِکَ،
    ماڻهو شاهه لطيف جا.

    مَڇّيءَ هاڻا ميرڙا،
    کارا جن جا کِکَ،
    ماڻهو شاهه لطيف جا.


    توبن ٿو وَڍي روُح اُتر واءُ، هلي آءُ!

    توبن ٿو وَڍي روُح اُتر واءُ، هلي آءُ!
    سنسار سڄي ۾ نه سڄڻ! ساءُ، هلي آءُ!

    تون آءُ، ڇمر ڇانوَ جيان يار! اسان وٽ
    ڪيڏو نه جُداين جو سَٺو تاءُ، هلي آءُ ُ!

    مان اڄ به اُهو ٻار، ننڍو ٻار ئي آهيان،
    اُگهه لُڙڪَ ۽ پرچاءِ! سندم ماءُ! هلي آءُ!

    ٻولي ۽ وطن جو هي ڇڏي فرق، هلي آءُ!
    ڀاڪـُر ته وڏو پاءِ! ادا ڀاءُ! هلي آءُ!

    توبن ته حياتي به مماتيءَ جيان آهه،
    تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ!


    مون ڏي مٺڙا مـُڙ!

    مون ڏي مٺڙا مـُڙ!
    جيون منهنجو جاڙ آ.

    چاهتَ چُپ چُپات ۾،
    لوڪ ڪري ٿو لُڙ،
    جيون منهنجو جاڙ آ.

    حُقّي وانگي ڪن پيا،
    ماڻهو بـُڙ بـُڙ بـُڙ،
    جيون منهنجو جاڙ آ.

    سُونهن ڇـُپي وئي سجَّ جي،
    جاني! ڇانيو جـُهڙ،
    جيون منهنجو جاڙ آ.

    پَڪّيون پاڙون پيار جون،
    وڍّ ڀلي تون ٿڙ،
    جيون منهنجو جاڙ آ.


    عيد به ڪهڙي عيد آ!!

    ڏسي مُنهن محبوب جو، اسان ڪئي سين عيد،
    دلبر جي هيءَ ديد، چنڊ ڏسڻ آ عيد جو.

    تنهنجي هُجڻ ساڻ ئي، اسان جي آ عيد،
    دلبر! تنهنجي ديد، عيد ڪرائي اوچتو.

    عيد ته منهنجي اي مٺا! محرم بن ماتم،
    صدمن ۽ سُورن سندا، طعام گهڻا کادم،
    لڙڪن جا لالڻ! گهڻا، شربت ڀي پيتم،
    اوگهڙ جو اوڇڻ اڇو، پيارا ڪو پاتم،
    پيار بنان پريتم! عيد به ڪهڙي عيد آ!


    ڏُُکن ۾ ڏاڍو ڏڌيل، سائين! سارو ديسُ،
    ڪيئن نئون ڪو ويسُ، پائي ڪيان عيد مان؟


    دهشت ڏس درياهه جي

    پاڻي ئي پاڻي رڳو، ڪجهه به نه پاڻيءَ ريءَ،
    مِينهن وسي ٿو اُڀ مان، ٻوڏ درياهي هيءَ،
    لُڙڪن ۾ سڀ جيءَ، هيل ٻُڏن ٿا سنڌ جا.


    ٻوڙي سڀ ڪجهه ٻوڏ ٿي، سڀني مُٺ ۾ ساهه،
    ديوانا درياهه! هاڻي ٿورو هوش ڪر!

    پوڙهو منهنجي ڳوٺ جو، گهُري ٿو هيءَ دعا،
    او منهنجا موليٰ! ٻاجهه ڪجان هن ديس تي.


    ٻوڙي ويئي ٻوڏ آ، منهنجا ڳوٺ، شهر،
    ڀريل جيڪي ڀيڻ! ها، خالي ٿيا سي گهر،
    ڏاڍا ٻوڏ ڏمر، ڪيا ساري ديس تي.


    ڇوهيون، ڇِتيون، ڇوليون، سنڌوءَ اهڙي سير،
    جهڙا تِکا تِير، دهشت ڏس درياهه جي!
    ڇوهيون،ڇِتيون، ڇوليون، ڪُنن جا ڪڙڪا،
    دريا جا دڙڪا، هِنئيون ڦاڙن ٿا پيا.

    هيل ته هِنئين ڦاڙ آ، دريا جي دهشت،
    ڪائي قيامت، وِيرن ۾ آ وائڙا.
    سِنڌو سُڪي هو ويو، واري هو واري،
    ماڻهن ان جي پيٽ ۾، ٺاهيا گهر ڀاري،
    لاهي سنڌوءَ آسرو، ويٺا واپاري،
    هاڻي آئي آهه پر، سِنڌوءَ جي واري،
    زاري ڙي زاري! سنڌو آيو موج ۾!


    واري ئي واري ڏسي، ماڻهن سمجهيو موتُ،
    هي ڪئن ٿيندو فوتُ، دريا جيئرو آ اڃا!

    ٻوڏ به ٻيلي! ٿي رڙي، تنهنجو ٻوڙي گهر،
    سارو هي سائر، مٿو پنهنجو ٿو پِٽي.


    ٻوڏ اچي ٿي ڳوٺ ۾، گهر ڇڏيان ٿو مان،
    ڄڻ ته سمورو لُڙڪ ڪو، ٿي ويو مان آهيان،
    ويٺو ٿو سوچيان، ٻُڏجي يا هلجي لڏي!


    گهر جي در کي اڄ هڻي، ڪُلف وڃان ٿو مان،
    ڀـُتيون ڀِتيون ٿيون چون: "وڃين ڇو ٿو ميان!
    اڄ تائين تو سان، مون ته نڀايو ڪيترو!"


    گهر چوي ٿو غم مان، وڃ وڃ جان بچاءِ،
    پنهنجا لُڙڪ لڪاءِ! مان به نه ڪٿ روئي پوان.

    هي ماڻهو جيڪي مئا، ٻوڏ نه ٻوڙيا سڀُ،
    چئي ٿو نيرو نڀُ، حاڪم ئي ڪم چورها!

    ( 2010۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کان پوءِ لکيل)


    چڙهيو آ درياهه

    سالن پُڄاڻان پرين! چڙهيو آ درياهه،
    فون اچي ٿو ڳوٺ مان، شهر لڳي ٿو باهه،
    سِڪي منهنجو ساهه، ڏسڻ ڪارڻ ڳوٺ کي.

    ڳوٺان آئي آ خبر، چڙهيو آ درياهه،
    ڪاش ڪيان مان هيل ڪو، لهر لهر سان چاهه،
    منهنجو سِڪيو ساهه، لُڙڪ لڙي پيا ڳلّ تان.


    اي- سي ڪمرا شهر جا، ڇڏي ڇورا!هلُ!
    ڳوٺ سراپا ڳلُ، چُمي جو درياهه ٿو.

    موج ڀريي مهراڻ ۾، هل ته هلي تُڙڳون،
    مرُّ مٺا!ٰ لاهيون، ساري پنهنجي رُوح تان.

    سنڌو سالن پو مٺا!، هيل وريو آهي،
    ڳولي ٿو سوڳوٺ جو، شاعر ڪٿ آهي،
    ڇو نه وريو آهي، ڳڀرو اڃا ڳوٺ جو؟

    وهندي هن درياهه جي، موسيقي ٻُڌجي،
    ناچ مٺا! نچجي، ان جي هر هڪ لهر تي.

    وڏا ٿيندا ڪين هي، ٻهراڙيءَ جا ٻارَ،
    ٿوري گهڻي ڳالهه تي، لُڙڪ ڳلن تي لارَ،
    تن سدائين سارَ، رهندي آهي ڳوٺ جي.


    وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي

    ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
    وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي.

    صبح جو ماڪ جِت اُٿندي،
    پَنن جي بستري تان آ،
    اُنھيءَ پل مَينھن ڏُُڀندي آ،
    چَڙين جو ساز هُو سُهڻو،
    سُريلي ڳالھه چوندو آ.

    امان جي چانھه جي چُسڪي،
    طعامن کان گھڻي مٺڙي.
    جتي جا وڻَ به منهنجي لئه،
    اِئين آهن جئن ڳوٺائي،
    ڏِسي مون کي اُهي ئي وَڻَ،
    کِلي ڄڻ اِيئن چوندا ِهن:
    "مسين آن يار تون آيو!"

    ٿين ٿيون وِيھه منهنجي لئه
    جتي جون ميرڙيون واٽون،
    ٻڌائن بيت سھڻيءَ جا
    جتي درياھ جون دانھون.
    ڪُراڙين عورتن کان مان،

    پُراڻا ڪي ٻُڌان سهرا،
    ۽ پوڙهن کان پُڇان آئون
    قِصا ڪي لوڪ ڏاهپ جا.

    مُهين جي اوٽ ۾ لهندڙ،
    ڏسان سورج وڃي اڄ مان،
    ڏسان هو چنڊ چوڏهينءَ جو،
    مٿان سنڌوءَ جي اڄ مان.

    جتي جهولا اونهاري ۾،
    جتي پارا سياري ۾،
    مگر مَن پو به خوش آهي
    "وليم شيڪسپيئر" وانگي،
    جو وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي،
    هيو چوندو: "اچو هيڏي!
    اچو هيڏي! اچو هيڏي!
    هتي بس سخت موسم کان،
    سوا ويري نه ڪو آهي!"

    ڇڏي اڄ شور شهرن جو،
    وڃان ٿو ڳوٺ ڏي پنهنجي۔


    ٽُڪرا ٽُڪرا سنڌ کي، ڪرڻ ٿو چاهين،

    ٽُڪرا ٽُڪرا سنڌ کي، ڪرڻ ٿو چاهين،
    خِيال ڪجان سائين! پاڻ نه ٽُڪرا ٿي وڃين.

    وَڍي تو آهي وِڌو، سُهڻو سنڌ- وجود،
    مَڪو، مدينو به ڄڻ، جنهن ۾ هو موجود،
    سڀني سِڪ- سُجود، جنهن کي ڪَيَڙو عشق ۾.


    ڪانئر! ڪُرسيءَ لاءِ تو، سنڌ وِرهائي آ،
    ٿَڃُ لَڄائي آ، پنهنجي مٺڙي ماءُ جي.

    سنڌ کپائي تو ڪئي، آهي غَداري،
    توکي ڪڏهن ساري، معاف نه ڪندي سنڌڙي.

    هِيرن لئه تاريخ ۾، مِٺيون مُحبتون،
    ٿوڪن لاءِ ٿُڪون، سدا آهن سنڌ ۾.


    لُڇي ۽ تڙپي ٿي سنڌ ساري،

    لُڇي ۽ تڙپي ٿي سنڌ ساري،
    اڃا به ڪاري سا رات جاري.

    اڃا به پيارن پکيئڙن کي،
    پيو ٿو ماري اُهو ئي ماري.

    گُلاب هر ڪو ڇِنو وڃي ٿو،
    اُداس گُلشن جي هر ڪا ٽاري.

    اڃا به اڳ جيئن سنڌ تي پئي،
    ڪري ٿي ڪاهون ڪا فوج ڌاري.

    اڃا به لاشا جوان پٽن جا،
    کڻي پئي هيءَ سنڌ ساري.

    اڃا به گهر آ اسان جو مقتل،
    شهادتن سان اسان جي ياري.

    اسان جي لئه عيد سُوءَ آهي،
    غلام قومن جي ڪهڙي ڏياري!

    اڃا به آ عشق ڏوهه هتڙي،
    اڃا مُحبّت ٿئي ٿي ڪاري.

    سُڪي ويو آهه سنڌ- دريا،
    جتي هو پاڻي، اُتي آ واري.

    اڃا به ڪمزور هِت ڪُلهن تي،
    رهي ٿو جيون جو بار ڀاري.


    نظم - وطن واپس وَرُ!

    وطن واپس وَرُ!
    سنڌ اسان جي سوهڻي.
    آهه رسالو شاهه جو، نيارو هيءُ نگر.
    سنڌ اسان جي سوهڻي.
    سنڌوءَ جي ساگر سندي، سائين! سيوا ڪر!
    سنڌ اسان جي سوهڻي.
    جنّت هوندي ڪينڪي، جهڙو ڪاڇو، ٿُرُ.
    سنڌ اسان جي سوهڻي.
    دل وانگر درويش جي، مست آ هر منظر.
    سنڌ اسان جي سوهڻي.
    کِلَّ اسان جي کيرٿر، ۽ قد ڪارونجهر.
    سنڌ اسان جي سوهڻي.
    هي موهن جو آ دڙو، منهنجي من جو گهر.
    سنڌ اسان جي سوهڻي.
    سيوهڻ پنهنجي سوُنهن ۽، مُرڪَ مٺا! منڇر.
    سنڌ اسان جي سوهڻي.
    سُونهن ڏسي ان تي ڪيو، سڀني ڏاڍ ڏمر،
    سنڌ اسان جي سوهڻي.
    مُلڪَ گُهمي، موٽي اچي، پنهنجي مِٽيءَ مَرُ!
    سنڌ اسان جي سوهڻي.


    دڙي جي دانھن درديلي

    فقيرن جي نگر ۾ ڪلهه،
    وزيرن پئي عياشي ڪئي،
    وڏو ھو شور دُھلن جو،
    دڙي جي دانھن دٻجي وئي۔

    جتي ڪنگ پريسٽ ھو پيارو،
    اُتي اڄ وات ڳاڙھو ڪو،
    نقالي ڇوڪرو آھي۔
    جتي موھن دڙي جي ڪلهه،
    نچي ھُئي ناچ سمبارا،
    اُتي پئسن تي پيشه ور
    نچيون ٿي ناچڻيون ڪيڏيون!

    ثقافت سان مُحبت ڪا،
    ھجئي جي ٿورڙي ڀي ھا،
    ته موھن جي دڙي جي دانھن سمجھين ھا!
    تون ڀُرندڙ تن ڀِتين جي بات سمجھين ھا!
    تون ڪِرندڙ تن سِرُن جو درد سمجھين ھا!
    تون مسڪينن سان مُرڪين ھا!
    غريبن ساڻ گڏجين ھا!
    اُھي جيڪي رُڳو آھن،

    سمورو سگھ سرچشمو،
    اُنھن جي لاءِ سوچين ھا!
    اُنھن جي لاءِ لوچين ھا!
    مگر تُون دُور ھُئين ڏاڍو،
    مزن ۾ چُور ھُئين ڏاڍو،
    اميرن سان شرابن ۽ شبابن ۽ ڪبابن ۾،
    رُڳو مصروف ھُئين ڏاڍو،
    ٻُدي تو ڪين پر ڪائي،
    دڙي جي دانھن درديلي،
    دڙي جي دانھن درديلي۔
    _________________________
    (موھن جي دڙي تي ٿيل سنڌ فيسٽيول کان پوءِ لکيل)


    ڏاڍو آھه ڏُڪار،

    ڏاڍو آھه ڏُڪار،
    ھيل ڏُکيءَ جي ڏيهه ۾۔

    جيون-ٽاريءَ تان ڇڻيو،
    گُل وانگر ھر ٻار،
    ھيل ڏُکيءَ جي ڏيهه ۾۔

    پنھنجن ڪيو پاڻ تي،
    ويرين وانگر وار،
    ھيل ڏُکيءَ جي ڏيهه ۾۔

    ماڻھو مرن بُک ۾،
    عيش ڪري ڀوتار،
    ھيل ڏُکيءَ جي ڏيهه ۾۔

    مايون، ٻچا، مرد سڀ،
    رُنا زارئون زار،
    ھيل ڏُکيءَ جي ڏيهه ۾۔


    وطن پيو تڙپي

    مريض جيئن اسان جو وطن پيو تڙپي،
    مگر شفا جو ڏيي سو طبيب ڪونھي ڪو،
    ڏڏن ڏُکايو بدن آھه ديس جو سارو،
    چڱو جو چاڪ ڪري سو حبيب ڪونھي ڪو۔

    اڃا به رات جي اُوندھه جي حڪمراني آ،
    اڃا به قيد ۾ آ سجُ ڏينھن جو يارو!
    اڃا به موت سزا آهه سچّ جي سائين!
    وري وري ٿو اچي ڪُوڙ جو ھتي وارو۔

    اڃا به رنگ ۽ خوشبوءَ جو قتل عام آھي،
    ٽڙيل گُلن کي ڇنڻ جي به رسم جاري آ،
    اڃا به امن جي پيارن پکين تي او پيارا!
    شڪارين جي نشانن جو خوف طاري آ۔

    اچو، اچو اي جوانو! نظام بدلايون،
    سماج ڌپّ ڪري آ ويو جو سو ڊاھيون،
    اچو ته ڪوٽ وڏا ظلم سندا سڀ ڊاھيون،
    اچو ته زندگيءَ کي، حُسن، سچّ کي چاھيون۔


    ماڻھو ڪو محفوظ نه آهي

    مسجد، مندر، گرجا گھر ۾
    ماڻھو ڪو محفوظ نه آهي،
    مسلم، ھندو ۽ عيسائي
    ھا ھا، ڪو محفوظ نه آهي۔

    مذھب جي نالي ۾ جڏھين،
    ڪٿ ڀي ڪو انسان مري ٿو،
    تڏھين ربُّ رحيم رُئي ٿو،
    تڏھين ڄڻ ڀڳوان مري ٿو۔

    تڏھين بائيبل ڀي سُڏڪي ٿي،
    تڏھين ڄڻ قرآن رُئي ٿو،
    گيتا مان ڀي لُڙڪ لڙن ٿا،
    جڏھين ڪو انسان مري ٿو۔

    ماڻھن مذھب کي دنيا ۾،
    نفرت جو آ ڌندو ٺاھيو،
    محبت کي بس مارڻ جي لئه
    ڄڻ ڪو ڦاھيءَ ڦندو ٺاھيو۔


    لَڏي نه وڃجانءِ!

    لَڏي نه وڃجانءِ!
    ڀاءُ! نه ڇڏجان ڀُونءِ تون.

    پنهنجي وَڻَّ- وجود کي، وَڍي نه وِجهجانءِ!
    ڀاءُ! نه ڇڏجان ڀُونءِ تون.

    گَهَري جا تاريخ ۾، پاڙَ نه سا پَٽجانءِ!
    ڀاءُ! نه ڇڏجان ڀُونءِ تون.

    گڏجي، سَڏجي گهارجان، ڏُک ۽ سُک ونڊجانءِ!
    ڀاءُ! نه ڇڏجان ڀُونءِ تون.

    عيدون، هوليون ساڻ مون، هِتڙي گڏُّ ڪجانءِ!
    ڀاءُ! نه ڇڏجان ڀُونءِ تون.

    سياست جون سڀ سازشون، تون ناڪام ڪجانءِ!
    ڀاءُ! نه ڇڏجان ڀُونءِ تون.

    جيجل اَمَڙ سنڌ کي، ڪين ڪڏهن ڇڏجانءِ!
    ڀاءُ! نه ڇڏجان ڀُونءِ تون.
    ____________________________
    (سنڌي ھندن جي سنڌ مان لڏپلاڻ تي لکيل)


    ڀُوري ڀيل بابت ھڪ نظم

    ڀُورا، منھنجا ڀاءُ!
    ماڻھو من جا ڪارا آهن۔
    ذاتين جي زنجيرن ۾ ھُو جڪڙيل آهن،
    ڪنڌ انھن جا اڪڙيل آھن۔
    ڀيلن کي ۽ ڪولھين کي ھُو
    ماڻھو ڪين مڃن ٿا،
    تن سان ڪڏھين کائن۽ نه پيئن ٿا،
    توڙي تن جي ننگن ۾ ھُو
    گندي اک وجھن ٿا۔

    ڀُورا، منھنجا ڀاءُ!
    تنھنجو لاش ڪڍيو ويو جڏھين ڌرتيءَ مان،
    رڙ نڪتي ھئي ڏادي تڏھين
    پرڪرتيءَ مان،
    لُڙڪ لڙيا آڪاش منجههان ھا،
    چند به چُپ چُپ، سھميل ھو ۽
    تارو تارو سُڏڪي پيو ھو۔

    ڀُورا، منھنجا ڀاءُ!
    ھن ڌرتيءَ تي،

    جنھن کي ماڻھو
    صُوفين جي ڌرتي به چون ٿا،
    ان تي اھڙا واقعا ٿين ٿا،
    جيڪي گندا داغ ھُجن ٿا،
    جيڪي ڪڏھين ڪين لھن ٿا،
    جيڪي سدائين ظاھر ڪن ٿا،
    ماڻھن جي من جي ڪارنھن کي۔

    ڀُورا، منھنجا ڀاءُ!
    ماڻھو من جا ڪارا آهن۔
    _____________
    (مذهبي انتهاپسندن بدين جي شهر پنگريو ۾ روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائيندڙ ڀوري ڀيل جي لاش کي قبر مان ڪڍي ٻاھر ڦٽو ڪيو ھو)


    باھ بلوچستان ۾

    ڪير وسائيندو؟
    باھه بلوچستان ۾۔

    پھري ۾ بندوق جي، امن نه آ ايندو۔
    باھه وڃي ٿي ڦھلبي، ديس جلي ويندو۔
    امن به کنڀيل ڀاءُ جئن، ڇا موٽي ايندو؟
    پنھنجو ڳاٽ پھاڙ جئن، ڪير جھڪائيندو؟
    نيٺ ته پنھنجو خون ھي، رنگ به لائيندو۔

    ڪير وسائيندو؟
    باھه بلوچستان ۾۔


    هيءَ وادي به ٿي ويران، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!

    هيءَ وادي به ٿي ويران، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!
    شهر سارو ٿيو سنسان، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!

    ظُلم ڏس! قتل ٿي انسان رهيو آ، چوڏس،
    آهه قاتل به سو انسان، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!

    هر طرف خون وهي، خون وهي ماڻهوءَ جو،
    امن جو آهه ڪو امڪان؟ ڏسون ڇا ٿو ٿئي!

    زندگي هيءَ گذارڻ به ڏُکّي آ ڏاڍي،
    موت آهي هتي آسان، ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!

    نيٺ ڪڏهين ته وري زندگيءَ کي چاهيندو!
    سڀ ڪندو ناس يا نادان؟ ڏِسون ڇا ٿو ٿئي!


    غزه وانگر اسان جي دل،

    غزه وانگر اسان جي دل،
    رتو رت ٿي وئي آھي۔

    فلسطيني شھيدن جئن،
    اسان جا خواب ماريا ويا،
    گُلابن جيئن سڀ سھڻا،
    اسان جا ٻار ماريا ويا۔

    محد مان جي ھيا نڪتا،
    لحد ۾ سي لٿا آهن،
    ٻچن جي ميّتن کي ھت،
    ڏنا پيئرن ڪُلھا آهن،

    ٻنيون ويران ٿيون ھتڙي،
    ونيون بيواھه ٿيون ھتڙي،
    جنين ۾ ساھه ھو سڀ جو،
    اُھي بي ساھه ٿيون ھتڙي۔

    بدن آ چُور زخمن سان،
    اسان تي روز آ حملو،
    ڏنگي ھت ڏينھن ٿو ھر ڪو،
    ھڻي ٿي رات راتاھو۔

    غزه جي مائرن جھڙو،
    اسان جو غم گھڻو آھي،
    اوھان جي سوچ سوڙھي آ،
    اسان جو ڏک وڏو آھي۔

    مٺا درويش! تو وانگر،
    لھوءَ سان ٿو لکان ويٺو،
    سڄي تاريخ پنھنجي مان،
    اکين سان جا ڏسان ويٺو۔

    غزه وانگر اسان جي دل،
    رتو رت ٿي وئي آھي۔

    _________________
    (درويش: فلسطين جو شاعر محمود درويش)


    ڇمر جيئن ڇا ڇا وَسي اَکِ آهي!

    ڇمر جيئن ڇا ڇا وَسي اَکِ آهي!
    جڏهن کان اوهان سان اڙي اَکِ آهي.

    نظر جو نه ايندو آ سو ڀي ڏسان ٿو،
    جڏهن کان اندر جي کُلي اَکِ آهي.

    اُڏامي پئي آسمانن تي اوچي،
    ڪويءَ جي به ڪائي پکي اَکِ آهي.

    ڏٺا ڏکّ ڏاڍا، مون خوابن ۾ آهن،
    گهڙي کن جو منهنجي لڳي اَکِ آهي.

    مسين ڪا مُسّرت مِلي آهه مون کي،
    ته ظالم زماني وِڌي اَکِ آهي.

    لِڪايان گُلن کي ته ڪئن مان لڪايان؟
    سڀن جي انهن تي بُري اَکِ آهي.

    هو خوابن جو ڪو خوبصورت خزانو،
    وڃايو، جڏهن مون پٽي اَکِ آهي.

    وڏي جنهن تي ويٺو ڪرين ٿو وڏائي،
    انهيءَ تي نه پنهنجي ٻُڏي اَکِ آهي.

    وڇوڙي ۾ تنهنجي سڙيون پئي اکيون هي،
    ڏسي توکي ساجن! ٺري اَکِ آهي.


    جاڙَ سڄي آ جاٽَ،

    جاڙَ سڄي آ جاٽَ،
    ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟

    پيارا! تو ڏي پئي وڃي،
    ويندڙهر ڪاٽ واٽَ،
    ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟

    رات رِڙهي ئي ڪين ٿي،
    ٻيلي! آهي ٻاٽَ،
    ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟

    نِينهن جيان وس مِينهن! تون،
    آهي اُُڃَ اُساٽَ،
    ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟

    پنڌُ ڪيان مان پيار ڏي؟
    گهوريان هي گهر گهاٽ؟
    ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟


    نِينهن سندا اي نانگ! اسان کي ڏنگ اڃا ڀي،

    نِينهن سندا اي نانگ! اسان کي ڏنگ اڃا ڀي،
    پيار! اسان کي پنهنجي رنگ ۾ رنگ اڃا ڀي.

    تنهنجي لامحدوديت سمجهي ڪئن محدود خرد؟
    توتي سوچي ذهن رهي ٿو دنگ اڃا ڀي.

    توڏي اچجي يا پنهنجي گهر موٽي وڃجي؟
    ذهن ڪري ٿو دل سان ويٺو جنگ اڃا ڀي.

    تنهنجو منهنجو هاڻي ڪو به تعلّق ناهي،
    پوءِ به ماڻهو ڪيڏو ڪن ٿا تنگ اڃا ڀي.

    منهنجوهي ماحول مُعطّر ڪن ٿيون مٺڙي!
    تنهنجون يادون گُلڙن جئن مون سنگ اڃا ڀي.


    جَهانُ هيءُ سمورو فريب آ بابا!

    جَهانُ هيءُ سمورو فريب آ بابا!
    مگر ڇا پيار به پُورو فريب آ بابا؟

    فريب ناهه تنبوري جي تار وارو سُرُ،
    مگرهيءَ تار، تنبُورو، فريب آ بابا!

    هي رنگُ رُوپ سدائين نہ ٿو رهي سُهڻا!
    پو سانورو آ يا ڀُورو، فريب آ بابا!

    فريب آهه سڄي عمر جي مزوري ڀي،
    ۽ عُمر ڀر جو اُجورو، فريب آ بابا!


    ناهي جت مولا،

    ناهي جت مولا،
    آهن اُت رولا،
    سائين! منهنجي ساهه جا.

    مون لئه مِينهن به تون مِٺا!
    ۽ تون ئي جهولا،
    سائين! منهنجي ساهه جا.

    هيءَ حياتي آهه بس،
    پنهنجي ئي ڳولا،
    سائين! منهنجي ساهه جا.

    ڪاهون دل تي ڪن پيا،
    دنيا جا ٽولا،
    سائين! منهنجي ساهه جا.

    پيار پهر پهراڻ جان،
    ۽ چاهت - چولا،
    سائين! منهنجي ساهه جا.


    ايترو نااُميد ڇو آهين؟

    ايترو نااُميد ڇو آهين؟
    ربُّ آهي مِٺا! جليل وڏو.

    رُوح ۾ جي اَٿي جمال وڏو،
    پوءِ سنسار آ جميل وڏو.

    ويڄُ منهنجي وُجود جو آڻيو،
    هي ڏُکايو، ڏَڏَن آ ڏِيل وڏو.

    گيتَ دنيا انهي جا ڳائيندي،
    جنهن کي دنيا ڪيو ذليل وڏو.

    خواب ڪو خوفناڪ آ جيون،
    ٿي ويو آهه جو طويل وڏو۔


    لنگهيا ڪيڏا لڪَ،

    لنگهيا ڪيڏا لڪَ،
    پيارا! تنهنجي پيار ۾.

    ويندي تنهنجي واٽ تي،
    ٿَڪّ به ڪهڙا ٿڪَ!
    پيارا! تنهنجي پيار ۾.

    مُند مَلهاري پئي لڳا،
    سارا جهولا جهَڪَ.
    پيارا! تنهنجي پيار ۾.

    دلبر! جي تون دُور آن،
    چند هڻي ٿو چَڪَ.
    پيارا! تنهنجي پيار ۾.

    دنيا جا مون دل مٿان،
    دل سان سَٺا ڌَڪَ،
    پيارا! تنهنجي پيار ۾.
    پنهنجي ميل سندي مون کي!
    پيارا! آهي پَڪَ.
    پيارا! تنهنجي پيار ۾.


    زندگي چوڏول آهي،

    زندگي چوڏول آهي،
    ٻار جئن انسان آهي،
    جو ڊڄي ڀي ٿو انهي کان،
    پو به ان ۾ ٿو چڙهي پيو،
    خوف ڀي کائي پيو ۽
    ٿو مزو ماڻي به پيو.

    زندگي چوڏول آهي،
    جو مٿي ۽ هيٺ ٿئي ٿو،
    سُک ڏيي ٿو، ڏُک ڏيي ٿو،
    نيٺ پورو ٿو چڪر ٿئي،
    هڪ وڃي ٿو ٻيو اچي ٿو،
    ٻار جئن انسان هر ڪو،
    هي خُدا ويٺو هلائي،
    زندگي چوڏول آهي.


    هاڻ وِڃاءِ وجود،

    هاڻ وِڃاءِ وجود،
    جاني! منهنجي جيءَ جا.

    نابُودي ناهي فنا،
    نابُودي آ بُود،
    جاني! منهنجي جيءَ جا.

    عشق- عبادت ڪر پيو،
    ڪر تون سُونهن سُجود،
    جاني! منهنجي جيءَ جا.

    آهه شهود به غيب ۽،
    آهي غيب شهُود.
    جاني! منهنجي جيءَ جا.

    راهون سڀ جنهن لئه رُليون،
    سو مون ۾ موجود .
    جاني! منهنجي جيءَ جا.


    هي جيڪو منهنجو فن آهي،

    هي جيڪو منهنجو فن آهي،
    دلبر! تنهنجو درپن آهي.

    عشق جلايو آڳ جيان آ،
    هاڻي مون من ڪُندن آهي.

    جيون ۾ جو جان وجهي ٿو،
    سو بس، ها بس، ساجن آهي.

    دل تو لئه ۽ جسم به تو لئه،
    تو لئه منهنجو تن من آهي.

    گُلڙن جهڙيون تنهنجون يادون،
    ذهن سندم هي گلشن آهي.

    چنڊ جيان آ چاهت تنهنجي،
    منهنجي رات به روشن آهي.

    گند وچان گذريو آهيان پر،
    پوءِ به اُجرو دامن آهي.


    تعبير ٿيو آ خواب، مگر دير ٿي وئي،

    تعبير ٿيو آ خواب، مگر دير ٿي وئي،
    آ ختم ٿيو عذاب، مگر دير ٿي وئي.

    جنهن جا ڏٺا سين خوابَ ڪي سُمھندي ۽ جاگندي،
    آيوآ انقلاب، مگر دير ٿي وئي.

    گُذري وئي آ رات ڏئي رنج رُوح کي،
    اُڀريو آ آفتاب، مگر دير ٿي وئي.

    مشڪل هيو سُڪون لَهڻ زندگيءَ جو،
    حل ٿيو آ سو حساب، مگر دير ٿي وئي.

    توکان سوال عشق سندو مون ڪيو هيو،
    تو ڀي ڏنو جواب، مگر دير ٿي وئي.

    ڏسندي اوهان جي راهه مٺا! هو مري ويو،
    اچ، اچ ادا، جناب! مگر دير ٿي وئي.


    سُور جي سامان ۾ ڇا ڇا نه آ!

    سُور جي سامان ۾ ڇا ڇا نه آ!
    عاشقن جي شان ۾ ڇا ڇا نه آ!

    آ رسالو شاهه جو ڪا ڪائنات،
    ان تنبوري– تان ۾ ڇا ڇا نه آ!

    آ فرشتو ۽ اهو شيطان ڀي،
    هڪڙي ئي انسان ۾ ڇا ڇا نه آ!

    ڪجهه به ٿئي ٿو ڪين پنهنجي وچّ ۾،
    پو به پر امڪان ۾ ڇا ڇا نه آ!

    ڪنهن دُعائون ۽ ڏنيون گاريون به ڪنهن،
    مون کي مليو دان ۾ ڇا ڇا نه آ!

    رنگ، خوشبوئون، ڪنڊا ۽ نازڪيون،
    شاعريءَ- گلدان ۾ ڇا ڇا نه آ!


    هيءَ حُسن جي حقيقت، ڪو خواب ٿي سگهي ٿي،

    هيءَ حُسن جي حقيقت، ڪو خواب ٿي سگهي ٿي،
    ناياب ٿي سگهي ٿي، ڪمياب ٿي سگهي ٿي.

    هـُو حُسن جيڪڏهن اڄ، جلوو پَسائي پنهنجو،
    خاموش پو مُحبّت، بيتاب ٿي سگهي ٿي.

    پاڻي ڪو پيار جو جي، پيارا! هتي به پهچي،
    صحرا جيان ھيءَ دلڙي، سيراب ٿي سگهي ٿي.

    عاشق ٻُڏي ئي ويندا، گهر گهاٽ ڀي گهڻا ئي،
    هيءَ سُونهن تنهنجي سهڻي، سيلاب ٿي سگهي ٿي.

    اونداهه رات جي ۾، ۽ پنڌ پانهنجي ۾،
    هيءَ شاعري اسان جي، مهتاب ٿي سگهي ٿي.


    اسان جي آب اکين مان وَهي رهيو آهي،

    اسان جي آب اکين مان وَهي رهيو آهي،
    هي من اوهان جي جُدائي سَهي رهيو آهي.

    مرڻ سمئه هو لڳي ٿو حسين ڏس ڪيڏو!
    حسين جيئن ڪو سُورج لَهي رهيو آهي.

    جتان نه ڪو به مُسافر ڪڏهن وريو واپس،
    اُتان جي هـُو به سفر لئه ڪَهي رهيو آهي.

    حسين محل جيان شاهڪار ماڻهو هو،
    مگرهوهاڻ سمورو ڊَهي رهيو آهي.

    کسي نه موت سگهيو سُونهن سوڀيا هن کان،
    اڇي ڪفن ۾ به ڏاڍو ٺَهي رهيو آهي.


    ڪا چانڊوڪيءَ جي رات هجي، ۽ تون به هُجين، ٻيو ڇا گهرجي!

    ڪا چانڊوڪيءَ جي رات هجي، ۽ تون به هُجين، ٻيو ڇا گهرجي!
    هر بات، مُحبّت- بات هجي، ۽ تون به هُجين، ٻيو ڇا گهرجي!

    جئن سڀني جي خواهش آهي، تئن منهنجي ڀي خواهش آهي،
    گُلزار هجي، برسات هجي، ۽ تون به هُجين، ٻيو ڇا گهرجي!

    "آ عمر اجائي عشق بنان، ها سونهن بنان ۽ سچّ بنان"
    هيءَ وائي هر ڪنهن وات هجي، ۽ تون به هُجين، ٻيو ڇا گهرجي!

    ها، رات سندو انجام هجي، پنڇين جي پياري لات هجي!
    ڪا پيار سندي پرڀات هجي، ۽ تون به هُجين، ٻيو ڇا گهرجي!

    هر وقت نه گهُرجين تون مون کي، هر وقت ته مان ڀي "مان" ناهيان،
    جل ٿل جڏهين جذبات هجي، ۽ تون به هُجين، ٻيو ڇا گهرجي!


    ٿورڙو ڪُفر دين ۾ آهي؟

    ٿورڙو ڪُفر دين ۾ آهي؟
    تو لئه سجدو جبين ۾ آهي.

    ذهن ۽ دل جي حُسن جو سنگم ،
    ڪين هر ڪنهن حسين ۾ آهي.

    هُو سراپا دماغ ماڻهو آ،
    کوٽ دل جي ذهين ۾ آهي.

    آهه "اثبات" ڪا نفيءَ ۾ ڀي،
    ڪيترو "هائو" ڪين ۾ آهي!

    نِينهن جو نانگ ناهه منهنجي وس،
    سو سپيري جي بِين ۾ آهي!

    شڪّ ۾ روح هي رُلي ويندءِ،
    صرف راحت يقين ۾ آهي.

    رُوح منهنجو اڃا اوهان سان آ،
    جسم منهنجو زمين ۾ آهي.


    هي عشق هميشه گهاءُ نئون، او سجني! گهُرندورهندوآ،

    هي عشق هميشه گهاءُ نئون، او سجني! گهُرندورهندوآ،
    پوءِ لطف پيوماڻيندو آ، جئن گهاءُ سو ڪُرندو رهندو آ.

    انسان به ڪکڙن، ڪانن ۽ ڪاٺين جو ٺاهيل جهُوپو آ،
    ۽ صدمن جي طوفانن ۾، هي جهُوپو جهُرندو رهندو آ.

    ها، ڪو ڪو ماڻهو ساٿ رهي ڀي دُور پيو لڳندو آهي،
    ۽ دُور رهي ڪو ماڻهو ڀي، هن هانءَ ۾ هُرندو رهندو آ.

    ڪا سِٽَّ به سونَ جيان آهي، ڪا ڳالهه به ڳهڻي جهڙي آ،
    ۽ سِڪّن جي ڇن ڇن وانگر، ڪو ٻولُ به ٻُرندو رهندو آ.


    شهر ۾ هڪ فقير جاڳي ٿو،

    شهر ۾ هڪ فقير جاڳي ٿو،
    جنهن جو هردم ضمير جاڳي ٿو.

    بيوفائيءَ جي رات ۾ روئندي،
    عشق جو ڪو اسير جاڳي ٿو.

    ٽهڪَ آرام سان سُتا هن جا،
    پر سندس نِير نِير جاڳي ٿو.

    سُکّ سان ڪئن ڀلا سُمهي سگهندو؟
    مارئي! هي ملير جاڳي ٿو.

    نِنڊ گهري غريب کي پٽ تي،
    محل ۾ پر امير جاڳي ٿو.

    رُوح هن جو سُتو پيو آهي،
    شهر جو بس سرير جاڳي ٿو.

    سڀ سُمهن، پوءِ پاڻ ملنداسين،
    شوق پنهنجو شرير جاڳي ٿو.


    هر هنڌ هر جڳهه تي، هُو ٿو نظر اچي،

    هر هنڌ هر جڳهه تي، هُو ٿو نظر اچي،
    هر شيءِ ۾ مون کي هن جو جلوو نظر اچي.

    سڀني کان هو الڳ آ، سڀني کان هو جدا،
    هو ئي هجوم ۾ ٿو هڪڙو نظر اچي.

    جڏهين اکين ۾ هن جي، گَهرو گهڻو گهڙيس،
    تڏهين جَهانُ ٿو هي گَهرو نظر اچي.

    تون عشق ساڻ اُجريون اکڙيون ڪري ته ڏس!
    ميري نگاهه سان ٿو ميرو نظر اچي.

    آسان آهه جيڪو، مشڪل پيو لڳي،
    اوکو ٿو پنڌ مون کي سوکو نظر اچي.

    چاهيان ٿو مان ته ڪنهن کي دلڙي ڏيان مگر،
    سائين! نه ٿو ڪو سائل اهڙو نظر اچي.


    دنيا کي ديوانو گهرجي!

    دنيا کي ديوانو گهرجي!
    ماڻهو ڪو مستانو گهرجي!

    هيءَ حقيقت سمجهائڻ لئه،
    ڪوڙو ڪو افسانو گهرجي!

    تعبيرن جو ڏَسُّ ڏيي جو،
    اهڙو خواب سهانو گهرجي!

    ناداني، دانائو! گهرجي،
    دانائي، نادانو! گهرجي.

    دنيا ۾ رهندي، دنيا کان،
    يار! رهڻ بيگانو گهرجي!

    مون کي ملڻو آ "مون" سان ئي،
    مون کي ڪو ويرانو گهرجي!

    مان ڪا مشڪل شيءَ نه گهُران ٿو،
    "انسانيت" انسانو! گهرجي!

    دوزخ جهڙي ڌرتي هاڻي،
    جنَّت جيئن جوانو! گهرجي!

    توسان ملڻو آھه ضروري،
    مون کي ڪين بهانو گهرجي.

    عشق- شراب کپي ٿو مون کي،
    مُحبت جو مئخانو گهرجي!

    اِن بن منهنجي ڪين سري ٿي،
    عشق- نشو روزانو گهرجي!


    ڪارنامو ڪو چاهه مان نڪتو،

    ڪارنامو ڪو چاهه مان نڪتو،
    ڪو وري آ ڪراهه مان نڪتو.

    عشق ۾ جو مليو ثواب آهي،
    جسم جي سو گناهه مان نڪتو.

    سوئي سمجهي سگهيو خوشيءَ کي، جو
    درد جي درسگاهه مان نڪتو.

    منهنجي منزل خدا هيو، جيڪو
    عشق جي شاهراهه مان نڪتو.

    هُن سندو ساههُ ڪين آ نڪتو،
    اصل ۾ هو آ ساهه مان نڪتو.

    ڪين ڪٿ تنهن پناهه ڪا ماڻي،
    پيار جي جو پناهه مان نڪتو.

    ڪين ڪجهه هُن ڪُڇيو هيو ليڪن،
    نِينهن هُن جي نِگاهه مان نڪتو .

    دردُ سو شعر مان نه آ نڪتو،
    دردُ منهنجي جو آهه مان نڪتو.

    شعر، موتيءَ جيان مُحبّت جي،
    هن سمندر اٿاهه مان نڪتو.


    درد سارو تمام ٿي ويندو،

    درد سارو تمام ٿي ويندو،
    اڄ پرين همڪلام ٿي ويندو.

    بادشاهي مزاج جو ماڻهو،
    عاشقيءَ ۾ غُلام ٿي ويندو.

    حُسن سان هي حلال آ جيون،
    حسُن بن پر حرام ٿي ويندو.

    سا جڳهه مسجدن جيان هوندي،
    جِت پرينءَ جو قيام ٿي ويندو.

    هن زماني جي ظلم جو پيارا!
    عشق ئي انتقام ٿي ويندو.

    ڪنهن به پٿّر هنيو اگر ڪنهن کي،
    پوءِ هت قتل عام ٿي ويندو.

    چڻنگ ٿي تون پوين اگر ڪائي،
    باهه وانگي عوام ٿي ويندو.

    جيڏو تو ۾ جُهڪاءُ آ، تيڏو،
    تنهنجو اُوچو مقام ٿي ويندو.

    عشق جو اختتام ئي منهنجي،
    عمر جو اختتام ٿي ويندو.

    آنءُ فاني هان، شعر پر منهنجو،
    زندگيءَ جو دوام ٿي ويندو.

    تون وٺي هل الله جو نالو،
    ڪونه ڪو انتظام ٿي ويندو.


    جتي به آ پيار جو ڪو پاڙو،

    جتي به آ پيار جو ڪو پاڙو،
    اُتي ڪميڻن کنيو ڪهاڙو.

    اسان جي اوگهڙ، اسان جو اوڇڻ،
    آ چنڊ، سُورج ۽ گُل اُگهاڙو.

    حيات- گاڏي، الله - منزل،
    ۽ عشق ڀائو! اٿي ڪو ڀاڙو.

    اسان ٻنهي گڏ جنم آ ورتو،
    هي دردُ آ منهنجو ڀاءُ جاڙو،

    جوان هي عشق ٿي ويو آ،
    ويو هان مان جيئن ٿي ڪُراڙو.

    اسين به آهيون ڪي جانور ڄڻ،
    جهان هي آهه ڪوئي واڙو.

    سموري دولت ۽ ڌن کڻي ويو،
    هڻي ويو موت آهه ڌاڙو.

    جتي خوشي ۽ هئي کلّ ڪائي،
    اُتي رڳو آهه روڄ راڙو.

    رڙي ٿي هر ڪائي راتڙي پئي،
    ڏکن ۾ گذري ٿو هر ڏهاڙو.

    مِٺا مِٺا سُر رُسي ويا سڀ،
    آ هاڻ هر ڪوئي ٻول ٻاڙو.


    هلاڪو نه ڪوئي سِڪندر کپي،

    هلاڪو نه ڪوئي سِڪندر کپي،
    ڀٽائي کپي! ڪو قلندر کپي!

    خدا جِت رهي سوئي اندرُ کپي!
    نه مسجد کپي ۽ نه مندر کپي!

    هي درياهه دل جو چوي ٿو پيو:
    مُحبت سندو ڪو سمندر کپي!

    ٻکن جون هي ٻيڙيون ٻئي جت جهليون،
    بِرهه جو ڪو اهڙو ئي بندر کپي!


    هلي آ هاڻي ۽ ڏِس ته چاهت جي چنڊ ۾ ڇا چٽاءُ آهي!

    هلي آ هاڻي ۽ ڏِس ته چاهت جي چنڊ ۾ ڇا چٽاءُ آهي!
    نه دير ڪر۽ هي سمجهه سُهڻي! نه چاندنيءُ کي جٽاءُ آهي.

    اِيئن نه تون سمجهجان ته منهنجي، وئي آ مُرجهائِجي مُحبّت،
    اڃا گلُن جئن اِها ٽِڙيل آ، اڃا به ان ۾ هڳاءُ آهي.

    حسين ايڏي ته هوءَ ناهي، مگر لڳي پيار ۾ ٿي سُهڻي،
    نه چنڊ چوندس نه ڦُول هن کي، اهو اجايو وڌاءُ آهي .

    مِزاج منهنجي ۾ ڪائي آڪڙ ۽ هٺّ اڳ ۾ هيو ڪو مٺڙا!
    مگر جڏهن کان هي عشق ٿيو آ، تڏهن کان مون ۾ جهُڪاءُ آهي.

    حيات آهي حسين جيڏي، ممات ڀي آ حسين تيڏي،
    ڀلا پو ڇاڪاڻ يار! تنهنجو، ممات کان هي بچاءُ آهي؟


    ڪوئي شعر اهڙو لِکڻ وارو آهيان،

    ڪوئي شعر اهڙو لِکڻ وارو آهيان،
    حياتي امر مان ڪرڻ وارو آهيان.

    چيل جو نه آهي، چوڻ وارو آهيان،
    ٻُڌل جو نه آهي، ٻُڌڻ وارو آهيان.

    مان سوچيان پيو ٿو، ٻُڌي تون به سگهندين،
    اُها ڳالهه جيڪا ڪرڻ وارو آهيان.

    اوهان جون هي ڳالهيون، سمندر جئن سُهڻيون،
    انهن جي ڪُنن ۾ ٻُڏڻ وارو آهيان.

    اڃا ويهه! ۽ پوءِ ڏسجانءِ مون کي،
    سندم رنگ ۾ مان اچڻ وارو آهيان.

    اِجهو ٿو ڇُهي پيار پارس جيان هي،
    اِجهو سون سارو ٿيڻ وارو آهيان.

    سنڀلجي ته ايڏو ويو هاڻ آهيان،
    جو مون کي لڳي ٿو ڪِرڻ واروآهيان.


    وڏو ڏُکُ ڏاڍو ڏسڻ وارو آهيان،

    وڏو ڏُکُ ڏاڍو ڏسڻ وارو آهيان،
    جُدائي مان تنهنجي سهڻ وارو آهيان.

    مُئل ياد ماڻهو، گهڻو ٿا اچن پيا،
    لڳي ٿو ته مان ڀي مرڻ وارو آهيان.

    سندم پيار دنيا سان آهي وڌي ويو،
    لڳي ٿو ته دنيا ڇڏڻ وارو آهيان.

    ڪنهين گُل وانگي، ٽِڙڻ کان اڳيئي،
    ڪنهين جي هٿان مان ڇِڄڻ وارو آهيان.

    حياتيءَ سندو گهر سنواري سنواري،
    لڳي ٿو ته مان خود ڊهڻ وارو آهيان.

    لڳي تيز طوفان ٿو موت جو پيو،
    ۽ مان ڏار وانگر ٽٽڻ واروآهيان.

    نه ڳالهاءِ، بس روڪ تون ڳالهه پنهنجي،
    پيوهان ڀريو مان، رئڻ وارو آهيان.


    گُلن جيان ئي ڏنو درد واسُ اڄ ڀي آ،

    گُلن جيان ئي ڏنو درد واسُ اڄ ڀي آ،
    اسان جي يار! طبيعت اُداس اڄ ڀي آ.

    پُڇي جي هُو ته اوهان ڀي ٻُڌائجو هُن کي،
    نراس ڪالهه هيو جو نراس اڄ ڀي آ.

    اڃا به نيڻ اٿس ڳالهه ڳالهه تي آلا،
    حساس ڪالهه هيو جو حساس اڄ ڀي آ.

    جُدا ٿئي ته ڪئين سال ٿي ويا پو ڀي،
    لڳي ٿو هو ته سندم آس پاس اڄ ڀي آ.

    اسان کان چنڊ جدا ٿي ويو ته پو جيون،
    اُماس رات جيان هو، اُماس اڄ ڀي آ.


    هُو اچي يا نه اچي، توکي سڏڻ ۾ ڇاهي!

    هُو اچي يا نه اچي، توکي سڏڻ ۾ ڇاهي!
    آزمائي اها قسمت به ڏِسڻ ۾ ڇا هي!

    بس اِهو عشق ئي آهي جو ڪري ٿو جادو،
    باقي هڏ ماس جي سُهڻي ۽ سڄڻ ۾ ڇاهي!

    جي ملي مند بهاري ته پُڇان مان اُن کان،
    ديس منهنجي جي ڪڏهن راهه وٺڻ ۾ ڇاهي!

    تون پُڇين ٿو ته مزو ڪهڙو مُحبت ۾ آ؟
    تون پتنگن کان مزو پُڇ ته جلڻ ۾ ڇاهي!

    هاڻ تون ڪين رهي آنهه ته مان سوچان ٿو،
    فرق ڪو منهنجي هِجڻ ۽ نه هِجڻ ۾ ڇاهي!

    زندگي آهه ڪو مقصد ۽ اُنهي جو ماڻڻ،
    باقي بس ساهه کڻڻ، ساهه کڻڻ ۾ ڇاهي!

    زندگي راند اجائي آ، اجائي جنهن ۾،
    هار ۾ آهه ڀلا ڇا! ۽ کٽڻ ۾ ڇاهي!

    زندگيءَ جيئن بدلبو رهان ٿو مان هردم ،
    موسمن جيئن ڀلا يار! ڦِرڻ ۾ ڇاهي!


    عشق ۽ انقلاب ۾ گذري،

    عشق ۽ انقلاب ۾ گذري،
    عمر ساري سراب ۾ گذري.

    موت جي جاڳ ٿي ته سمجهوسين،
    زندگي هيءَ خواب ۾ گذري.

    بس رڳو هـُو مليو نه ڇا مون کي!
    عمر ساري عذاب ۾ گذاري.

    ڪجهه عياشي ۽ ڪجهه عبادت ڪئي،
    ڪجهه گنهه ڪجهه ثواب ۾ گذري.

    زندگي بي حساب چاهي هئي،
    حل نه ٿيندڙ حساب ۾ گذري.

    ڪنهن سُڪل گُلّ جئن رکيل ڀُل ۾،
    هيءَ حياتي ڪتاب ۾ گذري.

    پيار دل ۾ رکي دُکيا سين ٻئي،
    ۽ جواني حجاب ۾ گذري.


    اڃا ته ابتدا آ، انتها به ڏِسڻي آ،

    اڃا ته ابتدا آ، انتها به ڏِسڻي آ،
    هيءَ جان جسم کان ٿيندي جُدا به ڏِسڻي آ.

    اڃا ته هِجر جي مون کي هوا به ڏسڻي آ،
    حيات موت جيان تو سوا به ڏِسڻي آ.

    فنا به منهنجي او پيارا! نشو نما آهي،
    فنا کان پوءِ ئي مون کي بقا به ڏِسڻي آ.

    مرڻ کان پوءِ وڃي ٿوهي آدمي ڪا ڏي؟
    مرڻ کان پوءِ ئي هيءَ ماجرا به ِڏسڻي آ.

    گذاريان ٿو گناهن سندا هي ڏينهن غضب،
    مڃان ٿو مون کي مٺي! پو سزا به ڏِسڻي آ.


    مٽائي فاصلا سڀئي ڪا گُفتگو ته ڪجي،

    مٽائي فاصلا سڀئي ڪا گُفتگو ته ڪجي،
    جا دل ۾ آهه شڪايت سا رُوبرو ته ڪجي.

    اسان جو عشق عبادت هي جيستائين ٿئي،
    سو تيستائين ڀلا دل کي باوضو ته ڪجي.

    مٽي ته ڪين سگهان ٿو وجود جو چولو،
    مگر هي آھ جو ڦاٽل، ڀلا رفو ته ڪجي.

    ڏِجي ڪو رنگ حياتيءَ جي بي رنگينيءَ کي،
    لکي ڪي شعر ڀلا دل لهو لهو ته ڪجي.


    پـُڇي ٿي پيار منجهان ڇا کي پيار چئبو آ؟

    پـُڇي ٿي پيار منجهان ڇا کي پيار چئبو آ؟
    چوان ٿو سادگي اهڙيءَ کي پيار چئبو آ.

    صحيح سڃاتو سين ساجن، پِي عشق جو پيالو،
    اصل ۾ هوش کي هتڙي خمار چئبو آ.

    هِتي نه عشق نه ئي عقل، علم آهي ڪو،
    انهي ئي حال کي ڏاها! ڏڪار چئبو آ.

    شڪار آهه شڪاريءَ کي شڪار ڪيو،
    جو هوش هاري انهي کي شڪار چئبو آ.

    لهُو لهُو رڳو لاشا گُلن جا پيا آهن،
    ٻُڌاءِ يار! انهي کي بهار چئبو آ.

    هي حُسن عشق، وفا ۽ جفا ختم ٿي وئي،
    ڀلا پو ڇاهي جنهن کي پائدار چئبو آ؟


    ڏاڍي جي ڏاڍ تي هيءَ، ڏَڪ ڏَڪ دنيا ڏَڪي آ،

    ڏاڍي جي ڏاڍ تي هيءَ، ڏَڪ ڏَڪ دنيا ڏَڪي آ،
    پر پريت پنهنجي پياري، هر ڏاڍ کان پَڪي آ.

    هي ڄاڻندي ته سڄڻي، ايندي وري نه واپس،
    مون روز روز هُن جي، هيءَ راهه پئي تَڪي آ.

    تو بن اُداس گذري، هيءَ زندگي يَڪي آ،
    غم هي سَهي سَهي دل، اڄ پئي ٿَڪي ٿَڪي آ.

    دل تي جو ڌَڪُ دلبر، منهنجي هنيو هُيو سو،
    اڄ تائين آهه تازو، اڄ تائين دل ڌَڪي آ.

    سالن کان پوءِ هن جي، دَر تي پُڳس جو آئون،
    حيران ۽ پريشان، هوءَ ٿي هَڪي ٻَڪي آ.

    هيءَ سرد رات جهڙي، ٿي زندگي وئي آ،
    ۽ آڳ عشق جي ڀي، جانان! جهَڪي جهَڪي آ.


    ابتدا ڪري ڏس تون، انتها ڪندس آئون،

    ابتدا ڪري ڏس تون، انتها ڪندس آئون،
    پو ڀلي جفا تون ڪر، پر وفا ڪندس آئون.

    عشق جون نمازون ئي پيو ادا ڪندس آئون،
    خوش هُجين، جتي ڀي هُج، هيءَ دعا ڪندس آئون.

    دل سندي مان رستي تي، ٿو هلان هميشه ئي،
    تنهن ڪري ئي دنيا کي پيو خفا ڪندس آئون.

    عشق خود صلو آهي، شعر خود صلو آهي،
    عشق، شاعري ويٺو، او مٺا! ڪندس آئون!

    هيءَ خود شناسي آ، ۽ خدا شناسي ڀي،
    شاعري، انهي جي لئه ، پيو سدا ڪندس آئون.


    زندگي تو بنان گذارو آ،

    زندگي تو بنان گذارو آ،
    هي جياپو به ڄڻ اُڌارو آ.

    چنڊ پنهنجو شهيد ٿيو آهي،
    سوڳ ۾ هر ڪو ئي ستارو آ.

    عشق ۾ تون گهُرين عياشي ٿو،
    هي نفعو ڪين آ، خسارو آ.

    اک اُتڙي وڃي اڙي آهي،
    جت چَوڻ ۽ نه ڪو ئي چارو آ.

    ڀاڪرن ۾ ڀري ته وٺ مون کي،
    هيءَ جُدائي به سيءُ پارو آ!

    فرد ڪم آ ڪندو اداري جو،
    فرد تي ڪم ڪندو ادارو آ.

    شاعريءَ کي مٺو ڪري ٿو هي،
    لُڙڪ ڳل تان لڙيو جو کارو آ.


    هي زمانو ڪِنو ڌپارو آ،

    هي زمانو ڪِنو ڌپارو آ،
    پيار پر ڄڻ گُلن جو ٻارو آ.

    مارِ! مُکڙي ۽ چئه ته ڪاري آ،
    مارِ! پوپٽ ۽ چئه ته ڪارو آ!

    ڇو ڇِنين پيو انھي کي ٽاريءَ تان؟
    ڏِس ته ڪيڏو گلاب پيارو آ!

    آنءُ سالن کان پوءِ پهتس جو،
    مُسڪرايو هي گهر جو ڄارو آ.

    هيءَ فجر- ٻانگ ۽ پکين لاتيون،
    ڳوٺ چـُپ چاپ، ڇا نظارو آ!

    ڪين ساراهه ٿو ٻُڌي پنهنجي،
    ڪيترو هاءِ هُو لڄارو آ.

    تو ڪيو جيئن پئي وڻيو توکي،
    هاڻ پنهنجو وريو هي وارو آ.


    تو بن حيات جو هي سفر ٿي نه ٿو سگهي،

    تو بن حيات جو هي سفر ٿي نه ٿو سگهي،
    گوندر ۾ صرف هاڻ گذر ٿي نه ٿو سگهي.

    جيون سڄو گذارجي تو کان سواءِ ڪئن؟
    توکان سوا ته ڏينهن بسر ٿي نه ٿو سگهي.

    دل ٿي چوي جوان، حسين تون سدا هُجين،
    دل ٿي چوي اِئين ئي، مگر ٿي نه ٿو سگهي.

    تون، مان جِتي هُجون اُتي نابين سڀ هُجن،
    پر ظلم ڏِس ته اهڙو نگر ٿي نه ٿو سگهي.

    هاڻي ته ڪنهن به شيءِ جو اثر ڪين ٿو ٿئي،
    هاڻي ته موت جو به اثر ٿي نه ٿو سگهي.


    مان ٿو وڃان حيات ڇڏي اڄ ممات ۾،

    مان ٿو وڃان حيات ڇڏي اڄ ممات ۾،
    هڪ ڪائنات کي ڇڏي ٻي ڪائنات ۾.

    بس موت جو خيال سڄي آ حيات ۾،
    سو ڏينهن ڏينهن ۾ به سوئي رات رات ۾.

    هن موت جيئن چورُ ڏِٺو سين نه ساٿيو!
    سڀ ڪجهه کڻي هليو ويو هڪ واردات ۾.

    مون کي کپي حسين اُها ڇوڪري الا!
    جنهن جو نه حـُسن آهه ڪٿي ممڪنات ۾.

    ٿورو به ڪين رحم ڪجان منهنجي حال تي،
    مون کي مزو اچي ٿو مٺا! مشڪلات ۾.

    مدهوش ٿي ويس مان اوهان کي ٻُڌي ٻُڌي،
    ڪيڏو نشو اوهان جي هيو بات بات ۾.

    انسان پنهنجو پاڻ تعارف آ پانهنجو،
    ڇا لاءِ تون پوين ٿو انهي ذات پات ۾.

    هـُو ٿا چون ته موت رڳو بس نجات آ،
    مون کي نجات ڀي نه ملي ان نجات ۾


    ذات پنهنجي سڄي مون ڊاهي آ،

    ذات پنهنجي سڄي مون ڊاهي آ،
    تنهنجي تصوير پوءِ ٺاهي آ.

    سچ پُڇين جي ته پيار ۾ پيارا!
    پنهنجي تڪليف ئي مون چاهي آ.

    ڪين انصاف عشق سان ٿيو آ،
    عقل جي ڀاءُ! بادشاهي آ.

    هاڻ تعمير ڪئن ڪجي ٻيهر؟
    ايتري ٿي وئي تباهي آ!

    وقت مون کي ڇڏي ويو پُٺتي،
    ٿورڙي مون پٽي جو ساهي آ.

    زندگي راهه آهه منزل جي،
    هر ڪو انسان ان جو راهي آ.

    ويڙهه لفظن سان ٿو وڙهان ويٺو،
    منهنجو هر شعر ڪو سپاهي آ.

    شاعريءَ ساڻ عشق منهنجي تي،
    ڏيڻي تاريخ کي گواهي آ.


    برهه جي باهه ۾ ڀڙڪيس، ڀلو ڪو بخت هيو،

    برهه جي باهه ۾ ڀڙڪيس، ڀلو ڪو بخت هيو،
    ملي سڪون ويو آ، سفر جو سخت هيو.

    نياز مند مُحبت ۾ مون ڪرڻ چاهيو،
    مگر هـُو شخص وڏو ئي انا پرست هيو.

    ٿڪا ٽـُٽا ها سڀئي ڇانو ۾ اچي ويٺا،
    اسان جي دل به وڏو يار! ڪو درخت هيو.

    هي وقت آ جو جُدا ٿيون مگر تون مان،
    لباس هئا سين هڪٻئي جو، سو به وقت هيو.

    عجيب عشق سندو هي نشو به آهه وڏو!
    سڄو جهانُ لڳو پئي ته مون سان مست هيو.

    اوهان به يار! حقيقت کڻي مڃو هاڻي،
    سفر ڏُکيو نه هيو، حوصلو ئي پست هيو.

    اسان جي لاءِ فقيري وڏي اميري هئي،
    اسان جو شعر اسان لاءِ تاج تخت هيو.


    انور پيرزادي جي ياد ۾

    سنڌ جو هڪ ڳوٺ ٻلهڙيجي به آ،
    جنهن ۾ “انور” نالي هڪڙو شخص هو،
    هُو، جو موهن جي دڙي جو شخص هو،
    چنڊ جو سنڌوءَ ۾ ڄڻ عڪس هو.

    هُو فقيرن سان فنا هو فقر ۾،
    عالمن سان علم ۾ هو اٽڪندو،
    دوستن سان ٽهڪ ڏيندو هو وڏا،
    عاشقن سان عشق ۾ هو روئندو.

    هن جبل سان جيءُ پنهنجو جوڙيو،
    کنڊرن ۾ پاڻ کي هن ڳوليو،
    هن ڪتابن کي رکي پٺتي ڇڏيو،
    ۽ دنيا ۾ ڄاڻ کي هن ڳوليو.

    هُو گُلن سان گفتگوءَ ۾ گڏُ رهيو،
    دوستي هن جي هئي درياهه سان،
    هُو ستارن سان ڪندو سُس پُس هيو،

    چنڊ کي ڀي هو چمُيندو چاھ سان.
    طبع ۾ ھُو ايترو آزاد هو،
    جو ڪنهين شعبي ۾ ڦاٿو ڪينڪي،
    زندگيءَ جو هن مزو پئي ماڻيو،
    ۽ ڪيائين ڪو به ڪاٿو ڪينڪي.

    مڌُ پئيندو هو محبت جو مٺو،
    سڪ جا سگريٽ ساڙيندوهيو،
    پيار پوکيو، پيار ئي هن پئي لُڻيو،
    پيار ئي ويٺو ورهائيندو هيو.

    انقلابي هُو پکي ڳاڙهو هيو،
    واڙيو جيڪو ويو هو جيل ۾،
    هن ڏٺا لاها ۽ چاڙها ڪيترا،
    زندگيءَ جي ظلم جهڙي کيل ۾.

    سنڌ ۾ جيڪا ڏٺي هن سُونهن هئي،
    سا ڀٽائي جي نظر سان هُن ڏٺي،
    هو رسالو شاه جو، هن جو وطن،
    هر گهٽي جنهن جي محبت جي گهٽي.

    ڏُکّ کائي پر اڏوهيءَ جئن ويس،
    درد جي ڪينسر وگهي هُو ويو مري،
    زندگيءَ جو هي وڏو درياه پي،
    پار پهتو، نيٺ آخر هُو تري.

    موت، ماڻهو روز ٿو ماري پيو،
    ڪو مگر ٿو موت کي ماري ڇڏي،
    هُو به اهڙو ئي امر ماڻهو هيو،
    موت جنهن کي ڪين ٿو ماري سگهي.


    هتي ته ڪجهه به نه هو، بس خيال هو اڳ ۾،

    هتي ته ڪجهه به نه هو، بس خيال هو اڳ ۾،
    ۽ ڪجهه به ڪين هُجڻ جو جمال هو اڳ ۾.

    ڏُکن منجهان مون سُکن کي صحيح سڃاتو آ،
    خوشي آ هاڻ مگر ڪو ملال هو اڳ ۾.

    زوال جنهن جو ڏسي ٿو عجب وٺي توکي،
    جهان ۾ سو سڄي با ڪمال هو اڳ ۾.

    جلوس پوءِ جوابن جا شروع ٿيا جاني!
    مگر انهن کان گهڻو ئي سوال هو اڳ ۾.

    ننڍو ڪري هي ڇڏيو آهه حرص سياست جي،
    جهان هي ته رهڻ لئه وشال هو اڳ ۾.


    هن خزان کي بهار ڪير ڪري!

    هن خزان کي بهار ڪير ڪري!
    هاڻ توساڻ پيار ڪير ڪري!

    مُئي پُڄاڻان مِلين ته هاڻ مران،
    ايترو انتظار ڪير ڪري!

    مُند آئي بهار جي آهي،
    دل مگر خوشگوار ڪير ڪري!

    ڏُکّ جو سُکّ جو حياتيءَ ۾،
    هاڻ ويٺو شمار ڪير ڪري!

    سا جواني جنُون هئي جانان!
    هاڻ دل بيقرار ڪير ڪري!

    منهنجي ناپائدار جيون کي،
    پيار سان پائدار ڪير ڪري!

    ڪُوڙ جي هن جهان ۾ جاني!
    سچ تي اعتبار ڪير ڪري!

    هر ڪو پنهنجي سُکن جو ٿو سوچي،
    سنڌ جي لئه سڪار ڪير ڪري!


    پنهنجي وجود جو ڀي، مون کي پتو نه آهي،

    پنهنجي وجود جو ڀي، مون کي پتو نه آهي،
    هن عشق جيئن جاني! ڪوئي نشو نه آهي!

    هاڻي نه تون به "تون" آن، هاڻي نه مان به "مان" هان،
    معنيٰ ته منهنجا مٺڙا! هاڻي مزو نه آهي.

    هي موت آ شڪاري، جنهن آ حيات ماري،
    هن جي شڪار کان ڪو، ماڻهو بچو نه آهي.

    سُهڻي ٻڏڻ کان پوئي، ميهار سان ملي آ،
    مضبوط هيءَ مُحَبّت، ڪچّو گهڙو نه آهي.

    مون تي کلين پيو تون، تنهنجو به ڏوهه ناهي،
    ها، ڇو ته عشق توکي، لالڻ! لڳو نه آهي.

    جيڪو ڏٺو نه هو سو، ڏيکاريو عشق آهي،
    سو عشق آ ٻڌايو، جيڪو ٻڌو نه آهي.


    يار کي پيار ٿي ويو هوندو،

    يار کي پيار ٿي ويو هوندو،
    پيار پو ڄار ٿي ويو هوندو.

    خوبصورت اڳي کان ڀي هاڻي،
    پيار ۾ يار ٿي ويو هوندو.

    سارَ هن کي سَجائيندي هوندي،
    پيار سينگار ٿي ويو هوندو.

    عشق ڪڏهين نه جنهن ڪيو هوندو،
    سو گُنهگار ٿي ويو هوندو.

    پيار جي ڄار ۾ پکي آزاد،
    خود گرفتار ٿي ويو هوندو.

    ويڄَ لاچار ٿي ويا هوندا،
    عشق آزار ٿي ويو هوندو.

    ڪين هُو ڊوڙ ۾ نظر آيو،
    تيز رفتار ٿي ويو هوندو.

    زال ڄڻ ماءُ ٿي وئي هوندي،
    مڙس ڄڻ ٻار ٿي ويو هوندو.


    پيار جو گُل پيو ڇڻي هاڻي،

    پيار جو گُل پيو ڇڻي هاڻي،
    سانوري! ڪجهه نه ٿو وڻي هاڻي.

    عاشقيءَ جو شراب ڇا پيتو!
    ٻيو نشو ڪين ٿو وڻي هاڻي.

    ٿورڙو درد هو ته روئان پيو،
    خوش ڪيو درد آ گهڻي هاڻي.

    ظلم ايڏو وڌي ويو آهي،
    زخم ڪوئي نه ٿو ڳڻي هاڻي.

    ڏات ڪمزور ٿي وئي آهي،
    بار دل جو نه ٿي کڻي هاڻي.


    آڳ وانگر عشق ٻرندو ٿو وڃي،

    آڳ وانگر عشق ٻرندو ٿو وڃي،
    سيءُ سياڻپ جو به ٽَرندو ٿو وڃي.

    موت تنهنجي کان مٺا! پوءِ ٿو لڳي،
    ڄڻ ته ڪجهه مون ۾ به مَرندو ٿو وڃي.

    عُمر جي اڄ ڀي نديءَ تي سانوري!
    تنهنجو گُل جئن پيار تَرندو پيو وڃي .

    مرض وانگر درد جنهن کي ٿو لڳي،
    سو منش اندر ۾ ڳرندو ٿو وڃي.

    عشق ۾ اُجري رهيو هو هـُو اڳي،
    علم ۾ پر هاڻ کرندو ٿو وڃي.


    سڀ آ چَيل چَوڻ لئه، باقي بچو به ڇاهي!

    سڀ آ چَيل چَوڻ لئه، باقي بچو به ڇاهي!
    سڀ آ لکيل، لکڻ لئه، باقي بچو به ڇاهي!

    افسوس! تون به هاڻي، ٿي آن ويو مُڪمّل،
    تنهنجي اڃا وڌڻ لئه، باقي بچو به ڇاهي!

    هي جسم ڀي کڻي وڃ! اي دل جا چور! هاڻي،
    هن جسم جي هُجڻ لئه، باقي بچو به ڇاهي!

    تون جو هلي وئي آن، ڄڻ زندگي هلي وئي،
    زندهه پرين! رهڻ لئه ، باقي بچو به ڇاهي!


    لوءِ هن مان لَڏي ويو آهي،

    لوءِ هن مان لَڏي ويو آهي،
    هو سفر تي وڏي ويو آهي.

    مان مڃان ڪيئن هيءَ حقيقت، هـُو
    هيءَ دنيا ڇڏي ويو آهي.

    ظُلم ڪيڏو ڪري ويو آهي،
    مون کي جيئرو ڇڏي ويو آهي!

    مُرڪ ۾ لُڙڪ آ ملائي ويو،
    سُکّ ۾ ڏُک گڏي ويو آهي.

    ڄڻ ته ديوار چين جيڏي آ،
    ياد جيڪا اڏي ويو آهي.

    رات جو خواب ۾ اچي منهنجي،
    ڄڻ ته مون کي سڏي ويو آهي.

    مان به هُن ڏي ڪڏهن هليو ويندس،
    جيئن هو يار ڏي ويو آهي.


    جڏهين به مينهن وَسندو، ڏاڍو تون ياد ايندين،

    جڏهين به مينهن وَسندو، ڏاڍو تون ياد ايندين،
    جڏهين به چنڊ چَڙهندو، ڏاڍو تون ياد ايندين.

    ڪا ڳالهه ڀي نه هوندي، پوڀي تون ياد ايندين،
    جڏهين به جيءُ جهُرندو، ڏاڍو تون ياد ايندين.

    هر مُند تنهنجي مٺڙا! آڻي ٿي سڪَ سهڻا!
    جيسين هي ساهه هلندو، ڏاڍو تون ياد ايندين.

    جڏهين به يار مڙندا، ۽ گُل کلَ جا کڙندا،
    تڏهين ڪو لُڙڪ لڙندو، ڏاڍو تون ياد ايندين.

    جڏهين به مُند مٽبي، ۽ هيءَ هوا بدلبي،
    جڏهين به واءُ ورندو، ڏاڍو تون ياد ايندين.

    هر موت منجهه تنهنجو ئي موت ياد ايندو،
    ماڻهو جڏهن ڪو مرندو، ڏاڍو تون ياد ايندين.


    زمينن آسمانن ۾، سدائين ساٿ هونداسين،

    زمينن آسمانن ۾، سدائين ساٿ هونداسين،
    ٻنهي جانان! جهانن ۾، سدائين ساٿ هونداسين.

    محبت جون مٺيون ڳالهيون لکيل جن ۾ پيون آهن،
    انهن سڀني ڪتابن ۾، سدائين ساٿ هونداسين.

    درياهن ۾، هوائن ۾، شرابن ۾، خمارن ۾،
    ۽ تحفن جي گُلابن ۾، سدائين ساٿ هونداسين.

    جوابن جي جتي ڀيڻي نه آهي ڪا به اي سهڻي!
    اتي تون، مان سوالن ۾ سدائين ساٿ هونداسين.


    تون ڳَلَ تان ڳوڙها پيو اُگهندين، جنهن وقت به ڳايو ويندس مان،

    تون ڳَلَ تان ڳوڙها پيو اُگهندين، جنهن وقت به ڳايو ويندس مان،
    ۽ من من ۾ موجود رهي، هر ساهه سمايو ويندس مان.

    تحرير وڃي رهندس آئون، تصوير وڃي رهندس آئون،
    پو ڪيئي گهرن جي ديوارن تي يار! سَجايو ويندس مان.

    مان جيسيتائين جيئرو هان ٿو لوڪ گهَٽائي قَدُ منهنجو،
    پر ڪين جڏهن هِت هوندس مان، ڏسجان ته وَڌايو ويندس مان.

    جيئن ٿيندو آ تئن ٿيندو پيو، سنسار ائين ئي هلندو پيو،
    ڪي ڏينهن ته ساريو ويندس مان پر پوءِ ڀُلايو ويندس مان.

    مان ڪين هُجي ڀي هِت هوندس، ٿي سُورج مان توکي ڏسندس،
    ڪنهن گُلَ جو رُوپ وٺي ايندس، تو ساڻ ملايو ويندس مان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393378
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159177
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ