ڪتاب جو نالو: رهجي ويل منظر
مصنف: طارق عالم
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1995
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 20 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1939 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 945 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آهستي آهستي دکي ٿو، ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي، جذباتيء ۽ احساساتي ڪيفيتون سرن وانگر اُڀرن ٿيون. سرن ۾ پورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا، ۽ ڌن مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقت تائين پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي دکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجهامندا محسوس ٿو ڪري.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • مهاڳ
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11

  • مهاڳ

    رومانس جي ڪهاڻي سڄي دنيا ۾ ساڳي آهي. جوان ۽ جوانڙي ڪٿي نه ڪٿي ملندا آهن. پهرين مرڪي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا آهن، پوءِ ڳالهين ۾ ٺهي هڪ ٻئي کي ويجهو ايندا آهن ۽ ٻين کان پري ٿيندا ويندا آهن. ٽهڪن ۾ لڙڪن جو اهو سلسلو نيٺ ٽا! ٽا! تي اچي بيهندو آهي. اها ٽا! ٽا! شاديءِ کان اڳ به ٿيندي آهي ۽ شاديءَ کان پوءِ به. شاديءَ کان پوءِ واريءَ ٽا! ٽا! ۾ رڳو اهو فرق اچي ويندو آهي ته گهر جون ڀتيون ٻنهين ڌرين کي پنهنجن ٻکن ۾ جهلي بيهنديون آهن ۽ کين ٻاهر نڪرڻ نه ڏينديون آهن. دراصل ڌريون هڪ ٻئي کي ڇڏي ڀتين سان پيار ڪرڻ لڳنديون آهن. ۽ جي ٽا! ٽا! شاديءَ کان اڳ ٿي آهي ته پوءِ ڌريون ڀتين جي بدران انهن واٽن، وڻن جي ڇانئن ۽ انهن ڪنڊن پاسن سان پيار ڪرڻ لڳنديون آهن جتي هو اٿيا ويٺا، هليا ۽ کليا. ڪنهن نه ڪنهن ’سنجها‘ ڪنهن نه ڪنهن ’پنهونءَ‘ جي اها ڪهاڻي دنيا جي سڀني يونيورسٽي ڪئمپسن ۾ جنم وٺندي رهندي آهي ۽ ان کي ڪو نه ڪو طارق عالم لکندو ئي آهي، پر مسئلو ڪنهن ڪئمپس ۾ جنم وٺندڙ ۽ ختم ٿيندڙ رومانس جي عام موضوع جو نه آهي، مسئلو اهو آهي ته ان ڪهاڻيءَ اندر ڇا ڇا چيو ويو آهي ۽ ڪيئن چيو ويو آهي. طارق عالم جو هيءَ ناول به ان ئي نڪته نگاهه کان پرکي سگهجي ٿو.
    گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان جي (شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي) مون ڪابه اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي ۽ پاڻ ۾ ايترو جڪڙيو هجيس جو صبح جو 11 وڳي کان شام جو 7 وڳي تائين هڪڙي ئي نشست ۾ پڙهي ويو هجانس. سو به تڏهن جڏهن هن ناول جي ڊمي پڙهڻ کان ٿورو وقت اڳ اينڊريا نيومين Andrea Newman جو ڪئمپس جي زندگيءَ تي لکيل هڪ سهڻو ناول A share of the world پڙهيو ويٺو هجان.
    طارق عامل جنهن ذهني نسل مان آهي، اَهو هلڪڙي جذباتيت، نعري بازي، لفاظي، ورجا، سطحيت، شوبازي ۽ مشرق جي مخصوص فينٽسيءَ جو ماريل نسل آهي. ان ڪري اها توقع ئي نه هئي ته ڪو طارق عالم سنڌي زبان جو پهريون شاهڪار ناول لکندو. پر جيئن بادشاهيءَ جو قصو بيان ڪندا آهن ته بادشاهه بي اولاد مري ويو ته درٻارين فيصلو ڪيو ته ڪبوتر ٿا هوا ۾ ڇڏيون، اُڏري اُڏري جنهن جي مٿي تي وهندو اُهو ملڪ جو بادشاهه ٿيندو. سو سنڌي زبان جي هن تخليقي شاهڪار جو ڪبوتر کي الائي ڪهڙي من ۾ آئي، جو هو ڪنهن اصلي شهزادي جي بدران رول ڇوڪري طارق عالم جي سِر تي اچي ويٺو. ڪنهن جي ڀاڳن سان ريس ته ڪانهي پر اُميد الله ۾ آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي سندس مٿي تي ڪبوتر جي بدران ڪانگ وهاريو ويندو، هي ڳالهه تخليق جي ته اُها ڇم ڇم ڪندي وٽس ئي آئي آهي.
    هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آهستي آهستي دکي ٿو، ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي، جذباتيء ۽ احساساتي ڪيفيتون سرن وانگر اُڀرن ٿيون. سرن ۾ پورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا، ۽ ڌن مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقت تائين پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي دکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجهامندا محسوس ٿو ڪري.
    ناول جي صنف جتي وڌ ۾ وڌ آرٽ جي گهوري آهي، اُتي ان کي لکڻ لاءِ اوتري ئي هنرمندي ٿي کپي، ڇاڪاڻ ته ناول جي ڪينواس ٻين سڀني صنفن جي مقابلي ۾ وڏو ۽ طاقتور آهي. ڊگهي پنڌ ۾ ساڳيءَ رفتار ۽ موڊ سان هلڻ يا آرٽ ڪرافٽ جو توازن برقرار رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ۽ خاص ڪي ان صورت ۾ اهو ڪم وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿو جڏهن سنڌي ادب ۾ هنرمنديءَ تي ڌيان ڏيڻ ته ڇا، ان کي عيب سمجهيو ويندو آهي. يا وري ڪجهه ڌريون هنرمنديءَ تي ايتو زور ڏينديون آهن جو آرٽ گم ٿي ويندو آهي ۽ رڳو ناصحانه قسم جو ڪرافٽ ئي ڪرافٽ وڃي بچندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن ناول ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ جو توازن ڏسي خوشيءَ سان گڏ حيرت به ٿئي ٿي. سنجها ۽ پنهونءَ جي رومانس شروع ٿيڻ کان وٺي ظهير ۽ سنجها جي رومانس تائين ناول کي شاه ڪاريگريءَ سان آڻيو ويو آهي. ليکڪ ڪٿي به ٿيڙهه کائي ٻئي پاسي ايترو نه هليو ويو آهي، جو مرڪزي لائين غائب ٿيندي محسوس ٿئي، جيتوڻيڪ هي ناول رڳو سنجها ۽ پنهونءَ جي رومانس تائين محدود نه آهي. هن ناول ۾ نصير، ناردمني ٽيلي اسٽار، راحت حسين، صبا، سنجها جي ’ادا‘ پارٽي ۽ چڻن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو مرڪزي ڪردارن سان گڏجي ڪئمپس جو هڪ پورو ۽ خاص پهلو پڙهندڙ اڳيان چٽو ڪري ٿا بيهارين. اهي سڀ اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ڪئمپس جي ڀرپور نمائندگي ٿا اڪن، منجهن ڪوبه غير معمولي نه آهي. ۽ وڏي ڳالهه ته اهي ڪردار پنهنجي تحرڪ سان ڪهاڻيءَ کي مرڪزي نقطي يا مرڪزي لائين تان نه ٿا هٽائين. ايتريقدر جو ناول نويس ڪئمپس مان نڪري ڪراچيءَ ۾ عليءَ جي گهر ٿو اچي ته علي ۽ سندس زال جي جهيڙي ۾ به کيس پنهنجو مستقبل نظر ٿو اچي ۽ عليءَ جي گهر کي هو ناول ۾ ايترو ئي ٿي آڻي جيترو ان جي ضرورت آهي نه ته عليءَ جي ڪردار ۾ ايڏي ته ڇڪ آهي جو اِهو ڪردار ناول جي مرڪزي جو فيوز کي وڏي خوشيءَ سان اُڏائي سگهي ٿو.
    جتي مرڪزي لائين کان هٽي وڃڻ ناول لاءِ نقصانڪار آهي، اوتي خود ان لائين تي قائم رهڻ به خطري کان خالي نه آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ صورتحال ۾ ليکڪ ڪٿي به يڪسانيت، ورجاءُ ۽ سست رفتاريءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. پر هن ناول ۾ ليکڪ ساڳيءَ واٽ تي هلندي ڏاڪي به ڏاڪي زندگيءَ جا ۽ رشتن جا نوان پهلو کوليندو توڙ ڪري ٿو جتان تان کڻي ٿو اُتي ئي وڃي ٽوڙي ٿو پر تان کڻڻ ۽ تان ٽوڙڻ جي وچ واري عرصي ۾ هو زندگيءَ جا ڪئين زنگ ۽ روپ ڏيکاري ٿو. اُهي رنگ روپ اهي آهن جيڪي اسان ڏسندا ته رهندا آهيون پر انهن کي کولي پڌرو ڪري نه سگهندا آهيون.
    اسان وٽ سنڌي ادب ۾ بلڪ پوري مشرق جي فڪشن ۾ اڪثر جيڪي ڪردار ملندا آهن، اُهي يا ته فرشتا هوندا آهن يا شيطان، جيڪي پنهنجا پنهنجا نعرا هڻندا غازي يا شهيد ٿيندا نظر ايندا آهن. اسان فرشتن ۽ شيطانن جا ليکڪ آهيون. اسان وٽ ماڻهو تمام گهڻو تخليق ڪيو ويو آهي. ٻه چڱايون چار مدايون رکندڙ ماڻهو چٽڻ لاءِ وڏي بهادري، وڏي فراخدلي ۽ ظالمانه حد تائين منصف مزاجي ٿي کپي. ۽ طارق هن ناول ۾ پنهنجون اهي خصوصيتون ڏيکاريون آهن. هن سڄي ناول ۾ پنهنجي ڪنهن به دوست ڪردار تي رحم نه کاڌو اٿس، ڪنهن به دشمن ڪردار سان بي انصافي نه ڪئي آهي. ڪنهن به ڪردار جي مٿي تي سڱ نه آهن. ڪٿي به اصل جو، پيار جو ۽ چڱائيءَ جو نعرو هنيل نه آهي. ڀلا جي ڪو ماڻهو نعرو هڻي به سهي ته ليکڪ جو ايجاد ڪيل نعرو ڇو هڻي، پنهنجو نعرو ڇو نه هڻي. جيتوڻيڪ هن ناول ۾ پنهون، طارق جو پنهنجو ڪردار لڳي ٿو ۽ هو ان ڪردار وسيلي ڪوبه نعرو هڻائي سگهي ٿو. پر هن ايماندار ۽ شريف ماڻهوءَ ائين نه ڪيو آهي. بلڪ هنڌ هنڌ پنهنجا ڇوڏا به لاهي ويو آهي.

    عبدالقادر جوڻيجو
    ڄام شورو، سنڌ.


    1

    ان زماني ۾ نظر آئي هئينءَ جڏهن شرٽ جا مٿيان بٽڻ بند ڪرڻ سدائين وساري ويهندو هئس. جڏهن مان ’ڪلين شيؤ‘ هوندو هئس، ۽ جڏهن مون وٽ رڳو ٻه پينٽس ۽ چار شرٽس هونديو هيون.
    توکي تنهنجو ڪلاس فيلو ۽ تنهنجي پيءَ جو اسسٽنٽ، فيڪلٽي گهمائي رهيو هو. هن چيو هو:
    ’هي پوليٽيڪل سائنس جو ڊپارٽمينٽ اٿئي.‘
    تنهنجي آڏو اچي ويو هئس؛ ان مهل مون سان نصير به هو. تو ڪنڌ کڻي مون ڏانهن نهاريو هو ۽ مون ڪنڌ جهڪائي. تنهنجين سنهين فريمن واري نظر جي عينڪ پٺيان وشال پر اداس نيڻ منهنجي چهري مٿان ’اسٽاپ فريم‘ ٿي ويا هئا. قد ۾ مون کان ڇهه انچ ننڍي هوندينءَ. تنهنجن ’يو‘ شيپ وارن ۾ بي انت ’ڪروز‘ هئا. مون کي ياد آهي ته توکي سائي رنگ جو پهراڻ پيل هو. جنهن مان تنهنجون ٻانهون ڪلهن تائين ڌنڌليون پئي نظر آيون.
    اسان اڳتي هليا ويا هئاسون؛ نصير چيو هو:
    ’اِها، اُها ئي اٿئي جنهن جو مون توسان ذڪري ڪيو هو. يار ڏاڍي تيز ڇوڪري آهي.‘
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نصير مون کي آرٽس فيڪلٽيءَ جي ٻاهرين ڪينٽين جي ٻاهران نظر آيو هو. تون ان مهل ڊپارٽمينٽ جي شاگردن سان گڏ بيٺي هيئن ۽ هو سڀ تنهنجي چوڦير بيٺل هئا. نصير سان وڌي وڃي مليو هئس، ڪنول چيو هُئي:
    ’سنجها، هن کي ڏسي توکي ڊارون جي ٿيوري ته ياد نه ٿي اچي!‘ مون ڏانهن ڏٺو هيئي هڪ کن لاءِ. ۽ چيو هيئي:
    ’هِن لاءِ مان ائين نه چوندوس؛ ڇو ته مان هن سان فري ناهيان‘ اهي تنهنجا پهريان لفظن هئا مون لاءِ چيل.
    ڪاريڊور جي ٿلهي تي ويهي اُس جو تاءُ وٺندي پهريون ڀيرو مون سان پاڻ ڳالهايو هيئي:
    ’توهان پڙهندا آهيو؟‘
    ’ها‘
    ’ڇا ۾.......؟‘
    ’فائن آرٽس ۾‘
    ’فائنل ايئر ۾ آهيو‘
    ’نه: مان ته انٽر ئي هن سال ڏني آهي.‘
    ’ان جو مطلب ته تون مون کان ننڍو آهين!‘
    ’توهان جي عمر ڇا آهي؟‘
    ’ٽيويهه سال. تنهنجي؟‘
    ’ٻاويهه سال.‘
    ’ان جو مطلب ته مان توکي مار ڪڍي سگهان ٿي! ڇو ته تون مون کان سال ننڍو آهين.‘
    ’نه، نه، گهر ۾ ننڍي هجڻ جي حيثيت ۾ دڙڪا کاوان ۽ هتي به توهان مار ڏينديون!‘
    تو ڪجهه کن اڳ اسان جي ڀرسان اچي بيٺل پنهنجي دوست ڏانهن مرڪي، تارا گول ڦيرائي چيو هو:
    ’ٻڌئي؟‘
    تنهنجي دوست به مرڪي پئي هئي. تو چيو هو:
    ’هيءَ منهنجي پرائمري جي دوست آهي، شبنم. اسان ٻنهي گڏجي يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن ورتي آهي: بس رڳو ڊپارٽمينٽ الڳ آهن.‘
    اسان هڪ ٻئي کي ’وش‘ ڪيو هو؛ مان هن جي چهري تي بي ترتيبيءَ سان لڳل روج کي ڏسي رهيو هئس ته چيو هيئي:
    ’تون تصويرون ٺاهي ويندو آهين؟‘
    ’ها ٺاهي ته ويندو آهيان.‘
    تو پنهنجي جينز جي نيري ويڪري پرس جي ڪنهن ڪنڊ مان، تصويرن جو پيڪٽ ڪڍي چيو هو:
    ’مون کي ٺاهي ڏيندين منهنجي تصوير؟‘
    ’ها ڇو نه.......؟‘
    تو پنهنجي هٿ ۾ جهليل پيڪٽ مون ڏانهن وڌائي ڇڏيو هو. ٻن کان سواءِ ٻيو سڀ رنگين هيون. تنهنجا هڪ ٻه ڪلوز اپ سٺا لڳا هئم. پر تو مون کي پنهنجي اسٽوڊيو ۾ نڪتل فوٽو ڏيندي چيو هو:
    ’ٺاهي ڏيندين نه.............؟‘
    تنهنجي اها تصوير ’آرٽيفيشل‘ لڳي هئم. مون کي هر ’ايجنڊ‘ شئي کان چڙ آهي. پر مون مٿينءَ دل سان چيو هو:
    ’ها‘
    ’ڪيترن ڏينهن ۾.............؟‘
    ’هفتي کن ۾!‘
    هفتي مان ڪيترائي هفتا لنگهي ويا پر مان تنهنجو پورٽريٽ ٺاهي نه سگهيس. اڪثر پڇندي هئينءَ:
    ’منهنجي تصوير...........‘
    ڪونه ڪو ڪوڙ ڳالهائي ڇڏيندو هئس. تنهنجو پورٽريٽ ڇو نه ٿي ٺاهي سگهيس....؟ سڌ نه اٿم. جڏهن ته تو کان اڳ ڪيترين ڇوڪرين جا پورٽريٽ ٺاهي ڏئي چڪو هئس. تون نه ’سيڪسي‘ هئينءَ نه اڏي خوبصورت. پوءِ به تو ۾ ڪجهه هو؛ ڪا اهڙي ڇڪ جنهن مون کي تو لاءِ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. اها ڇڪ شايد يا يقينن تنهنجي ’انٽليڪچوئلنيس‘ هئي. تو ۾ اهي سڀ ڳالهيون هيون جيڪي ’بولڊ‘ ڇوڪريءَ ۾ هئڻ گهرجن. ڇوڪرن جي ميڙ ۾ هوندي به سڀني تي ’ڊامينيٽ‘ ڪندي هئينءَ. ’ڪنفيوزن‘ تنهنجي پاسي کان بو نه لنگهندي هئي. ڳالهائڻ مهل تو پاڻ لاءِ ڳالهايل لفظن جي آخري لفظ ۾ ’و‘ جو اضافو ڪري ڇڏيندي هئينءَ. جيئنءَ:
    ’مان اڄ توهان کي ڪمپني ڏئي نه سگهندوس‘
    مان ۽ نصير توکي تنهنجي اسٽاپ تائين ڇڏڻ ويا هئاسون ته چيو هيئي:
    ’گانو ٻڌايانو-.....؟‘ ۽ ڳائڻ لڳي هئينءَ:
    “Brown girl in the ring”
    تنهنجو آواز ٻڌي محسوس ٿيو هئم ڄڻ ڪوئي غفائن مان ڳائيندو هجي. نٽهڻ اس ۾ منهنجو ذهن تنهنجي آواز جي برف باريءَ ۾ وڃائجي ويو هو.
    ٻئي ڏينهن- پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي ڪاريڊور جي ٺلهه کي ٽيڪ ڏئي ويٺل نظر آئي هئينءَ... تنهنجي ڳولا ۾ تو تائين پهتو هئس.
    مون ڏانهن اداس نيڻ کڻي نهاري چيو هيئي؛
    ’ويهه.‘
    تو آڏو ويهي رهيو هئس. مون ڏانهن ڏسندي رهي هئينءَ ڪي گهڙيون. پوءِ چيو هيئي:
    ’ڪهاڻيون به لکندو آهين؟‘
    ’ها‘
    ’۽ شاعري به؟‘
    ’اهو سڀ ڪنهن ٻڌايو اٿوَ!!؟‘
    ’ڪلاڪار کي سڃائڻ لاءِ ڪنهن به آئڊينٽٽي ڪارڊ جي ضوررت نه پوندي آهي.‘
    ماٺ ڏسي پنهنجو هٿ وڌائيندي چيو هيئي:
    ’تو کي هٿ ڏسڻ ايندو آهي.....؟‘
    تنهنجو مينهن وساڙي جهڙو هٿ، پنهنجن ٻنهن هٿن ۾ جهليندي چيو هئم:
    ’ها مون کي ڪوڙ ڳالهائڻ ايندو آهي.‘
    کن لاءِ تنهنجا اداس نيڻ ٽانڊاڻن جان جرڪي پيا هئا؛ ۽ هلڪا ٽهڪ، سڏڪا بڻجي هوائن ۾ اڏري ويا هئا. چيو هيئي:
    ’ڏس منهنجي زندگيءَ جي ليڪ ڪيڏي نه ٽٽل آهي....‘ تنهنجي زندگيءَ جي ليڪ ڏانهن ڏٺم هئم. جيڪا سيلاب جي زد ۾ اچي ويل ٽريڪ جي پٽڙين وانگر ڪيترن ئي هنڌن تان اکڙيل هئي.
    ’هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءِ سنجها.........؟‘
    ’ٻڌءِ.‘ تجسس مان چيو هيئي.
    ’ڪجهه ڏينهن ٿيندا هڪ نوجوان جو ايڪسيڊنٽ ٿيندي ڏٺم هئم.‘
    ’پوءِ، ڇا هو مري ويو هو.......؟......؟‘
    ’ها- هو مري ويو هو. مون هن جي رت ۾ لت پت کليل تريءَ ۾ ڏٺو هو.....‘
    ’ڇا هو هن جي تريءَ ۾..............!!؟‘
    ڊگهو ساهه ڇڏائجي ويو هئم؛ چيو هومانءِ:
    ’سنجها، هن جي کليل تريءَ ۾ زندگيءَ جي ليڪ ڏاڍي ڊگهي هئي.‘
    منهنجي هٿن مان پنهنجو هٿ کسڪائيندي چيو هيئي:
    ’مون کي ڪوبه سمجهي نه سگهيو آهي.‘
    ’مون کي خبر آهي تون به ٻين مشرقي ڇوڪرين جيان، انڊيا تان نشر ٿيندڙ فرمائشي پروگرام جا گانا ٻڌي خوابن جي پيرس ۾ پهچي ويندي هوندينءَ...........؟‘
    ’مون چيو نه، مون کي ڪوبه سمجهي نه سگهيو آهي، گهر وارا به نه..........‘
    ڪاوڙ ۾ اٿي هلي وئي هئينءَ، ۽ مان تنهنجن پيرن ۾ پاتل ’پينسل هيل‘ جا آواز پاڻ کان پري ٿيندي ٻڌندو رهيو هئس.
    ڪنهن ٻڌايو هو:
    ’سنجها کي بلڊ ڪينسر آهي.‘
    من ۾ زلزلو اچي ويو هئم. پاتالن تائين ڌڏي ويو هئس. تنهنجا چيل جملا الر ڪري آيا هئا.
    ’مون کي ڪوبه سمجهي نه سگهيو آهي.‘- ڪلاس ۾ ويٺي هئينءَ؛ محسوس ٿيو هئم ڄڻ هئم ڄڻ سورج پوين پساهن ۾ هو جنهن جا پيلا اداس پاڇا تنهن نيڻن ۾ الهي آيا هئا. توڏانهن وڌي آيو هئس تون ڪنهن اونهين سوچ مان ڪنڊ ۾ پيل بلئڪ بورڊ کي گهوري رهي هئينءَ.
    ’سنجها!‘
    هلڪو ڇرڪ ڀري مون ڏانهن نهاريو هيئي.
    ’هيٺ هلون؛ پارڪ ۾؟..........؟‘ تو کان پڇيو هئم.
    ’چانهه پياريندين...........؟‘ هن ساڳي کنڀيرتا سان چيو هو.
    ’رڳو چانهه؟.....؟‘
    ’پيٽيز به.‘
    ’پر هڪڙي شرط تي‘
    ’چئو‘
    ’بل تون ڏيندينءَ‘
    ’ڇو ڪا خاص ڳالهه آهي‘
    ’نه عام ڳالهه آهي. پئسا ڪونهه‘
    منهنجو جواب ٻڌي تو مرڪي ڏنو هو. ٻئي فيڪلٽيءَ جي پارڪ ۾ هليا آيا هئاسون. ڇٻر تي ويهندي کاٻي طرف ڏسندي چيو هيئي:
    ’پٽي آڻي ڏي.‘
    مان ڇٻر مٿان ڊوڙندو، ڪيترن ئي گلابن جا لاش تنهنجي آڏو آڻي رکيا هئا.
    ’ايترا سارا!!!“؟....‘
    حيران ٿي وئي هئينءَ.
    ‘مان تو لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو. سواءِ آڪاش مان تارا ٽوڙي آڻي ڏيڻ جي!‘
    تنهنجا اداس نيڻ ٽمڪي پيا هئا ٽيڙن جيئن ۽ هر طرف ڦهلجي ويا هئا هوائن ۾ تنهنجن ٽهڪن جا ڪارا گلاب.
    ’سنجها؛ تون چاهين ته مان تولاءِ پنهنجي ’ٽين ايج‘ محبوبا کي به ڇڏي سگهان ٿو.....‘
    ’نه مهرباني.‘
    چاهيو هئم ڪنهن طرح توکي پنهنجو ڪرڻ. توکي بي انتها سک ڏيڻ.
    تون پنهنجي ’ڊپارٽمينٽ‘ جي هڪ شاگرد، جيڪو توکان سال سينئر هو، ۾ انٽريسٽ وٺڻ لڳي هئينءَ. اندر ئي اندر ڀُري پيو هئس؛ خبر ناهي ڇا ڏسي ورتو هو تو ان اڇاتري ماڻهونءَ ۾!!؟. هو ته انهن منجهان هو جيڪي نه هوندي به پارٽنرس جا ڪپڙا پائي فيڪلٽيءَ ۾ اچي شو آف ڪندا آهن. جن جي شخصيت رڳو ڪپڙن جي شوخيءَ ۾ ئي ظاهر ٿي سگهندي آهي.- توکي ڪيترائي ڀيرا هن سان ڪمپني ڪندي ڏٺو هئم. انهن ڏينهن ۾ مون تنهنجن نيڻن ۾ پيار جا ڳاڙها گلاب مرڪندي ڏٺا هئا. محسوس ٿيو هئم ڄڻ مون غلطيِءَ مان ڪنهن غلط اسٽيشن تي لهڻ جو ڪوشش ڪئي هئي، يا شايد توکي سُڌ نه هئي ته تون جنهن کي سورج پئي ڄاتو سو حقيقت ۾ ڪنهن ملڪ طرفان ڇڏيل جڙتو اُپگرهه کان گهٽ نه هو. جڏهن تون ان ٽيلي اسٽار کي به سڀين آڏو ’ادا‘ چوندي هئينءَ. محبت ڪرڻ جي باوجود؟
    مان ۽ نصير فيڪلٽيءَ جي سيڪنڊ فلور تان لهي رهيا هئاسين ته ڏاڪڻين جي اڳين ديوار کان شبنم نڪتي هئي. سندس چهري تي رک اڏامي رهي هئي؛ اسان کي ڏسي چيو هئائين:
    ’خبر پيوءَ.......؟ سنجها جي حالت ڏاڍي خراب آهي. کيس ڪالهه سول هاسپٽل جي ڪينسر وارڊ ۾ کڻائي ويا آهن.‘
    پير ڌرتيءَ تان اکڙي ويا هئم؛ لفظ کلي جو اونڌاهين سرنگهه مان هٿوراڙيون ڏيندا زبان تائين پهتا هئا: ’مون کي- سنجها وٽ وٺي هلندينءَ.....؟‘
    ’ٺيڪ آهي؛ مان ٿور دير کان پوءِ وينديس. تون ڀلي مون سان هلجانءِ.‘
    اهو چئي هوءَ اڳتي هلي وئي هئي. ڪنهن بحري جهاز جيان ڄڻ سمنڊ جي اونهائين ۾ ڪرڻ لڳو هئس. اسان ٻئي ديوار پار ڪري ڏاڪڻين ڏانهن لڙي ويا هئاسين ته پهرين ڏاڪي مٿان توکي ويٺل ڏٺو هوسون-او-نو-..............!!؟؟‘ رڙ منهنجي چپن مان ٺڪاوءَ تي ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويل ڳيري جيان نڪري وئي هئي ۽ مان گوڏن ڀر ويهي تنهنجي هٿن کي چمي ورتو هو. ان اوچتي عمل تي ڪجهه به چئي نه سگهي هئينءَ. سواءِ عجب کائڻ جي. تو منهنجي شبنم سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ٻڌي ورتي هئي شايد. پر مون کي تنهنجي مذاق مٿان ڏک ٿيو هو.
    نصير جي بهاني توکي ڏسڻ آيو هيس. تنهنجن سڀني ادن جا موڊ خراب هئا. ٽيلي اسٽار جو به جنهن ۾ تون انٽريسٽيڊ هئينءَ. هنن مون ڏانهن بيحد ڌڪار منجهان ڏٺو هو. ۽ سڀ ٽڙي پکڙي ويا هئا. تون به اڻ ڏٺو ڪري ٽيلي اسٽار سان هلي وئي هئينءَ. نصير مون ڏانهن وڌي آيو هو؛ چيو هئائين:
    ’پيارا، اهي سڀ توتي ڪاوڙجي پيا آهن ته تو ڀري ڪاريڊور ۾ سنجها جي هٿ تي ’ڪِس‘ ڇو ڪئي آهي.‘
    ان ڏينهن تنهنجن مڙني همدردن مٿان کل آئي هئم؛ ۽ مون کي تنهنجا اهي ادا، ڪنهن وڏي بنگلي ۾ پلجندڙ ننڍڙن فيشني ڪتن جهڙا لڳا هئا جيڪي رڳو ڀونڪي سگهندا آهن. مان چپ چاپ هليو ويو هئس. ان ئي شام جو نصير ملي ويو هو، چيو هئائين:
    ’هڪ نئين خبر.‘
    ’ڪنهن جي باري ۾؟‘
    ’سنجها جي هن ڊپارٽمينٽ وارن ادن مان اهو جنهن سان هوءَ گهڻو فري آهي سو در حقيقت ’اڪنامڪس‘ واري ان ڇوريءَ مٿان مرندو آهي جنهن کي پائڻ ڇا، پر ڇهڻ به هن لاءِ اڻ ٿيڻي آهي. ۽ ها..... ......... ٽيلي اسٽار اڄ اشفاق کي پئي ٻڌايو ته سنجها ڪاليج لائيف ۾ به هڪ زبردست رومانس ڪري چڪي آهي جيڪو مشڪل سان پوڻا ٻه سال مس هليو هو. ۽ سنجها جو چاهيندڙ سنجها جي هڪ دوست مٿان عاشق ٿي پيو هو. ۽ سنجها کي ئي پنهنجي ان دوست سان دوستي رکائڻ لا چيو هئائين. سنجها پنهنجي چاهيندڙ مٿان اٿلي پئي هئي. چيو هيائينس: ’تون گندي ناليءَ جو گندو ڪيڙو آهين. مون کي ڏک آهي، رهندو پنهنجن وڃائي ڇڏيل چاهتن تي.‘

    سنجها هن کي هميشه لاءِ گڊ باءِ چئي ڇڏيو هو. هوءَ اندران ئي اندران ڀري پئي هئي؛ ٻڌو آ ’مينٽل‘ به ٿي پئي هئي. ٽيلي اسٽار ته چيو پئي، ’سنجها سموڪر‘ به زبردست آهي. ۽ هوءَ جا شبنم آهي نه.... سا ته ٻڌو آهي بلڪ پروفيشنل آهي هڪ فلم ڏيکارينس ۽ مطلب پورو ڪري وٺ.‘
    اهو سڀ ٻڌي تولاءِ منهنجون محبتون شديد ٿي ويون هيون. ان کان پوءِ ڏاڍي سٺي لڳڻ لڳي هئينءَ، بڪل پاڻ جهڙي. محسوس ٿيو هئم ڄڻ تون انهن مڙني پيچرن کي پار ڪري چڪي هئينءَ جن کي پار ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪرو مرد، ۽ ڇوڪري عورت بڻجي ويندي آهي.
    ڪاريڊور ۾ ڪرسيءَ مٿان ويٺل هئينءَ، توکي وش ڪيو هئم جنهن جو ڏاڍو سرد جواب ڏنو هيئي. تنهنجي آڏو ڪارنِس تي ويهي رهيو هئس. مون ڏانهن عجيب انداز مان ڏسندي رهي هئينءَ، ۽ سرد آواز ۾ چيو هيئي:
    ’پنهنجي ڊپارٽمينٽ نه وڃڻ سان توهان کي ڪو نقصان رسي ٿيو؟‘
    ’هرو ڀرو پنهنجو ٽائيم وڃائيندو آهين، تون به منهنجو ننڍو ادا آهين. مان نه ٿي چاهيان تون پنهنجا ڪلاس مِس ڪرين.‘
    ’مون وٽ جذبا، پڙهائيءَ کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا.‘
    ’چريو آهين.‘
    کن رکي چيو هيئي:
    ’تنهنجي شادي ٿيل آهي؟‘
    ’نه، پر ’مئريج‘ ماڻهوءَ کي هميشه مائٽن جي مرضيءَ سان ڪرڻ گهرجي. مائٽ ڪڏهن به اولاد لاءِ غلط فيصلا نه ڪندا آهن.‘
    ۽ مان اوچتو چئي ويٺو هئس:
    ’ڪلين بولڊ ٿيڻ کان پو هر ماڻهو ائين ئي سوچيندو آهي.‘
    هڪدم چپ ٿي وئي هئينءَ. تنهنجن اداس نيڻن ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا.
    تنهنجي ڊپارٽمينٽ نه آيو هئس، نه نصير سان مليو هئس. ٽئين ڏينهن نصير صبح جو مون وٽ آيو هو چيو هئائين:
    ’اڄ اسان جي ڊپارٽمينٽ ۽ انٽرنيشنل رليشنز جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ آهي. هل ته اسٽيڊيم هلون.“
    اسان اسٽيڊيم پهچي ويا هئاسون. مون ڏٺو هو تون منهنجي وڏي ڀاءُ کي ڪجهه چئي رهي هئينءَ. توهان وٽ اچڻ مناسب نه سمجهيو هئم. منهنجو وڏو ڀاءُ توسان ڳالهائي وريو هو ته موڊ خراب هئس؛ زهر ٻڏل آواز ۾ چيو هئائين:
    ’اهڙين ڇوڪرين سان ڳالهائڻ جو ڪهڙو ضرور........؟‘
    کيس ڪو جواب ڏيان ئي، منهنجو وڏو ڀاءُ ڪاوڙيل ڏاند جيان اسٽيڊيم جا ڏاڪا لتاڙيندو، پيرن مان آوازن جي ڌوڙ اڏائيندو هليو ويو هو. هڪ کن لاءِ توڏانهن نهاريو هئم.’يو‘ شيپ وارن مٿان ڪرڪيٽئر ڪيپ تاڻيل هئي ۽ اکين مٿان سن گلاسز. ان مهل ڏاڍي افسوس مان پنهنجي ان ادا کي، اکين تي دوربين رکي پهرين بال تي آؤٽ ٿيندي ۽ واپس ايندي ڏسي رهي هئينءَ جيڪو توکي بيحد ويجهو وهندو هو. ڪرڪيٽ ڏسي گهر واپس آيو هئس ته ڀاءُ چيو هو:
    ’هن توکي گاريون پئي بڪيون.‘
    ’سو ته سندس رائيٽ آهي.‘
    منهنجو جواب ٻڌي ڀاءُ گلاس اڌ ۾ روڪي ڇڏيو هيو؛ ۽ وات ۾ ڀريل گرڙي زور سان ڌرتيءَ مٿان اڇلائي ڇڏي هئي. پوءِ اڌيڪو گلاس به.
    نصير اچي ٻڌايو هو:
    ’هن توکي گاريون پئي بڪيون.‘
    جواب ۾ کلي ڇيو هئس. نصير افسوس مان چيو هو:
    ’سنجها کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو.‘
    مون ٻاريءَ ۾ بيٺل گلاب مان هڪ گل پٽي، نصير جي ڪوٽ جي ڪالر مٿان هڻي چيو هو:
    ’ڏس گل تنهنجي ڪوٽ جي ڪالر مٿان ڪيڏو نه خوبصورت پيو لڳي؟‘
    نصير پنهنجن چپن جي ڪنڊن تي مرڪ جا پوپٽ کڻي هليو ويو هو.
    پنهنجي ڊپارٽمينٽ کان واپس پئي وريس ته هڪ سڃاڻو اچي مليو هو. ملندي ئي چيو هئائين:’هن جا سڀ ’ادا‘ تو مٿان ڪاوڙيل آهن. هنن چيو پئي هاڻ جيڪڏهن تون هنن جي ڊپارٽمينٽ ۾ ويندين ته هو پنهنجن غيرتي ٺونشن سان تنهنجو منهن، ڪجهه مهينن لاءِ سڃاڻپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيندا. هڪ اڌ ته توکي گار ڏيندي چيو هو.... جو ڪلاڪار آهي؛
    ڪلاڪار هوندا ئي وڏا.........آهن.‘
    ’ها شايد هو سڀ سچ ئي چون ٿا.‘
    هن سڃاتل کي جواب ڏئي هلڻ لڳو هئس ته هن پٺيان رڙ ڪري چيو هو:
    ’هو جيڪو هن جي تمام ويجهو آهي، تنهن جا ته تومٿان ڏاڍا خار آهن؛ تو سنجها جو هٿ هن آڏو چميو هو ڇا....؟‘
    ’ڪاش ائين ٿيو هجي ها.‘ چپن ۾ ڀڻڪيو هئم. ان ئي ڏينهن مون توهان ٻنهين کي هڪ پبلڪ پليس تي ڇٻر مٿان بلڪل ويجهو ويٺل ڏٺو هو. توکي ۽ تنهنجي ان ادا کي جنهن کي ان ڳالهه تي اعتراض هو ته مون وچ فيڪلٽيءَ ۾ تنهنجو هٿ چميو هو. پوءِ توهان مون کي ڪٿي نه ڪٿي هڪ ٻئي جي ويجهو نظر ايندا هئو. ۽ آئون ڪنڌ جهڪائي من ئي من ۾ تولاءِ دعائون گهرندو هليو ويندو هئس؛ دعائن تي يقين نه هوندي به.
    ۽ خبر پئي هئي هڪ ڀيري ته تو آڏو ٽيلي اسٽار جي پت وائکي ٿي پئي هئي ته هو توسان نه پر ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان رومانس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. پوءِ به پنهنجي ٽيلي اسٽار ’ادا‘ مان آس نه ڇڏي هئي ۽ مون کي شديد دک ٿيو هو؛ يونيورسٽي اچڻ ڇڏي ڏنو هئم. ۽ جيئن ته واندي ويهڻ سان عذاب جي سرڪڻ ڦاهي وڌيڪ سوڙهي ٿي ويندي آهي تنهنڪري هڪ اخبار ۾ پريس فوٽو گرافر بڻجي ويو هيس.


    2

    خبر ناهي گهڻن ڏينهن پڄاڻان......؟
    شايد مهينو-منهنجي وڏي ڀاءُ منهنجي آڏو پيل ڪرسيءَ مٿان ويهندي چيو هو:
    ’هوءَ آئي هئي. توسان ملڻ پئي چاهيائين؛ چيو هومانس: هو مصروف ٿي ويو آهي؛ هاڻ ڪنهن سان به نه ملندو . پر هن ضد ڪندي چيو آهي ته تون سڀاڻي هن سان ضرور مل. مون سان چڱي دير ڪچهري ڪيائين؛ بيحد پياري ڇوڪري آهي.‘
    ٻئي ڏينهن تو وٽ آيو هئم. ان وقت ڊپارٽمينٽ جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڪجهه سوچي رهي هئينءَ. مون کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي اڳتي وڌي آئي هئينءَ. ٻئي ماٺ ماٺ، وک وک، سيڪنڊ فلور جي اڪيلي ڪنڊ ۾ اچي ويا هئاسون. تنهنجن گهرن نيڻن ۾ تڪڻ لڳو هئس ته چيو هيئي:
    ’ائين نه ڏسندو ڪر؛ محسوس ٿيندو آهي ڄڻ تنهنجو اکيون مون کان ڪجهه گهرنديون هجن.‘
    نگاهون تنهنجن نين تان هٽائي آڪاش ۾ ترندڙ اڪيلي ڪڪريءَ مٿان کپائي ڇڏيون هئم. آڪاش ۾ تڪيندي چيو هيئي:
    ’ڪيتري نه اڪيلي آهي....؟،
    توڏانهن ڏٺو هئم. چيو هيئي:
    ’مٿي هلون.....؟‘
    فيڪلٽيءَ جون ڏاڪڻيون چڙهندا، قبي مان ٿيندا، ڇت مٿان اچي ويا هئاسون سڀئي مٿاهيون هيٺاهيون بڻجي ويون هيون. آسمان ۾ ڏٺو هئم؛ ڪڪري هوريان هوريان هڪ وڏي ڪڪر سان ٻکين پئجي رهي هئي. تو پهريان ڪڪريءَ ۽ ڪڪر ڏانهن ڏٺو هو. پو اک ٽيٽ ڪري مون ڏانهن؛ مرڪ ٻنهي جي چپن مٿان ڦهلجي وئي هئي.
    ملڻ لڳا هئاسين.
    پهرين فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾، پوءِ فيڪلٽيءَ جي پارڪ ۾، ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ جي اڪيلن روڊن مٿان. هڪ ڀيري مان، تون ۽ شبنم سينٽرل لائبريريءَ جي ٿلهن کي ٽيڪ لڳائي ايندڙ ويندڙ نون آيل ڇوڪرن جي وائڙائپ مٿان کلي رهيا هئاسون ته فيڪلٽي ۽ لائبريريءَ جي وچ واري روڊ مٿان، هڪ لائيت رنگ جي ڪار موڙ ڪٽي، فيڪلٽيءَ ڏانهن وڌڻ لڳي هئي، سلو اسپيڊ ۾، مون ڏٺو تنهنجين اکين ۾ ڪي رنگ لهي آيا هئا. ۽ شبنم جي چهري تي به. تو چيو هو:
    ’ڏس اُها ئي آهي نه.....؟‘
    ’رنگ ته اهو ئي آهي.‘
    ’ها: اهائي آهي.‘
    ڪنهن، ڪار جي سائيڊ وارو شيشو لاهي تو ڏانهن ڏٺو هو. پوءِ ڪار ٻيو موڙ ڪٽي فيڪلٽيءَ جي ڪينٽين سامهون بيهي رهي هئي؛ ڪار مان ڪوئي لٿو هو ۽ پارڪ جي آڏ واري سيمينٽد گرل تي وڃي ويهي رهيو هو. تڪڙ ۾ اٿي بيهي رهي هئينءَ. پنهنجو بلو جينز وارو پرس ڪلهي مٿان سَٽي، وڃڻ لڳي هئينءَ.
    ’ڪيڏانهن.....؟‘
    ’باءِ، سڀاڻي ملنداسين.‘
    .پر ڇو..........‘؟‘
    ان لاءِ جو هو ڪار وارو منهنجو ڪزن اهي ۽ مون کي وٺڻ آيو آهي؛ خبر ناهي ڇا ڳالهه آهي.... ۽ تون مهرباني ڪري منهنجي پرس مان هٿ ڪڍي ڇڏ ته ڪٿي منهنجي يونيورسٽي نه وڃائين.‘
    نه چاهيندي به پرس مان هٿ ڪڍي ڇڏيا هئم، تون ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان لڏندي لمندي هلي وئي هئينءَ. هو گرل تان لٿو هو؛ تون ڪار ۾ ويهي رهي هئينءَ.. ڪار ٽرن ڪٽي منهنجي آڏو پوري اسپيڊ سان ڦيٿن مان چرڙاٽ ڪڍائي گم ٿي وئي هئي. شبنم مون ڏانهن ڏٺو هو. سندس چهري تي مون لا همدرديءَ جا ڀاوَ پگهر جي ڦڙن جيان جرڪي پيا هئا.
    تون پوليٽيڪل سائنس جي سيمينار ۾ پنهنجي فرينڊس سان ويٺي هئينءَ. مون کي اکين سان پاڻ ڏانهن سڏيو هيئي. ڪيتري دير مون کي لنوائي پنهنجين فرينڊس سان ڳالهائيندي رهي هئينءَ. بور ٿيندو رهيو هئس. توهان سڀ سيمينار مان نڪري ٻاهر اچي ويون هيوءُ: مون کي ڪولر وٽ ڇڏيندي چيو هيئي:
    ’هڪ منٽ مان اچان ٿي.‘
    نه ڄاڻ ڪيترا منٽ تنهنجو انتظار ڪندو رهيو هئس. تون نه آئي هئينءَ. ان ڏينهن پنهنجي نه هئڻ جو احساس شدت سان ٿيو هئم. ۽ مان هلندو رڙهندو. انگلش ڊپارٽمينٽ وٽ پهتو هئس؛ ڪنهن نئين ڇوڪري سان ٺلهه کي ٽيڪ ڏئي ڪمپني ڪري رهي هئينءَ. منهنجي اندر ڄڻ ڊي ڊي ٽي هارجي وئي هئي. اجنبين جيان اڳتي هليو ويو هئس. پٺيان سڏ ڪيو هيئي پر مان هلندو ئي ويو هئس.
    ان رات انهيءَ ڇوڪري کي ڳوليندو سندس روم تائين پهتو هئس. منهنجي حالت ڏسي سمجهي ويو هئو. چيو هيائين:
    ’تون تمام سٺو آهين.‘
    مئل آواز ۾ چيو هيومانس:
    ’مون کي سنجها سان محبت آهي.‘
    ’بکي ٿي پئي هن وقت به،‘
    ’مان هن کي وڃائڻ نه ٿو چاهيان.‘
    ’سٺي ڳالهه آهي مان ته اهو به چاهيان ٿو، تون هن کي انهن ڇوڪرين جي دائري مان ڪڍي آ؛ جيڪي دراصل هن جون دوست ناهن. هو سڀ ڪرپٽ آهن؛ سنجها بيحد سٺي آهي.‘
    ماٺ ٿي ويو هئم. هن چيو هو:
    ’پهريون ڀيرو ڪنهن ڇوڪريءَ سان يونيورسٽيءَ ۾ ملي ڀيڻ هجڻ جو احساس ٿيو آهي. مان به تنهنجي مدد ڪندس.‘
    ان وقت اهو ڇوڪرو، گلوڪوز جو ڀريل گلس لڳو هئم.
    ٻي ڏينهن پوليٽيڪل سائنس جي ڪنڊ وٽ ملي هئينءَ؛ اڳين ڏينهن کان وڌيڪ سهڻي ٿي پئي هئينءَ. ٻئي وک وک هلندا آرٽس فيڪلٽيءَ جي گيمس لا ٻاهران بڻيل ’وِنگ‘ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيا هئاسين. ان ڏينهن اسان ٻنهين، خدا تي ڊگهو بحث ڪيو هو. تنهنجي گلي ۾ الله لکيل لاڪيٽ پيل هو ۽ منهنجي گلي ۾ صليب. منهنجي هر ڳالهه کي رد ڪندي آخر ۾ عام لهجي ۾ چيو هيئي:
    ’مون وٽ نه ايندو ڪر، ٽيون ڏينهن منهنجي ڪزن مون کي دڙڪا ڏنا هئا.‘
    اندر ئي اندر ڪنهن اونهين کاهيءَ ۾ ڪرندو ويو هئس. ويندي ويندي پينٽ جي پئچ پيڪٽ مان تو لا آندل سوپاريون ۽ کٽمٺا توڏانهن وڌائيندي چيو هئم:
    ’ڪنهن ڇڏي وڃڻ سان ڪوئي مري ناهي ويندو؛ پر وسارڻ لا ڪي ڏينهن، ڪي مهينا، ڪي سال، عذاب ڀوڳڻو پوندو آهي.‘
    وک وک هليو ويو هئس ڄڻ هر وک ڊهندو ويو هئس.
    سڀ رستا اجنبي بڻجي ويا هئا.
    رات جو ڪنهن دوست پڇيو هو:
    ’سنجها کي وسارڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳندئي........؟‘
    ’صديون؟‘
    ’هڻ؟ تو جهڙو بولڊ ماڻهو به ايترو ڏانهن لڳائيندو، هڪ ’آرڊنري، ڇوڪريءَ کي وسارڻ ۾.....!!!؟‘
    ان مهل مون کي پنهنجو دوست ڏاڍو ’آرڊنري‘ لڳو هو. کلي پيو هئس. کلي پيو هئس الائجي روئي پيو هئس پر مون کي جيسين ياد آهي اهو آواز کلڻ جو ئي هو.
    ٻيهر پنهنجي ڌنڌي سان لڳي ويو هئس.
    هر وقت کلي ۾ ڪيمرا لڙڪائي، شهر ۾ ٿيندڙ حادثن پٺيان ڊوڙندي سوچيندو رهندو هئس؛ ڪا اهڙي ڪيمرا به هجي ها، جيڪا اندر ۾ ٿيندڙ حادثن جا به فوٽو ڪڍي سگهي ها. ۽ آئون پنهنجي اندر ۾ ٿي پيل اکٽ حادثن جي فوٽو گرافز جي نمائش ڪرايان ها ڪنهن چوڪ مٿان. شام جو هڪ لاوارث لاش جو فوٽو ڪڍي، جيڪو سول هاسپيٽل جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ فرش تي پيل هو، گهر ويو هئم ته نصير ٻڌايو هو:
    ’هن تنهنجو پڇيو پئي؛ ڪجهه پريشان به هئي.‘
    سوچيو هئم تون ته ٻن جملن ۾ سڀ رشتا ناتا ٽوڙي منهن موڙي فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ عائب ٿي وئي هئينءَ؛ پوِ ڪنهن اجنبيءَ جي پڇا ڇا لاءِ........؟
    منجهند جو وريم پئي ته شبنم سان گڏ توکي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم هئم. چاهيو هئم لنوائي هليو وڃڻ؛ پر ائين ڪري نه سگهيو هئس ۽ تون ڪنهن رومانٽ فلم جي ’ڪٽ تو ڪٽ‘ سين جيان پهرين پيرن تائين، پوءِ ڇاتين تائين، پو ڪلهن تائين، چهري تائين، ۽ آخر ۾ سڄي اسڪرين تي ڪائنات مٿان تنهنجن اداس نيڻن جو ’ٽائيٽ ڪلوز‘ ڦهلجي ويو هو. جنهن ۾ اڏامي رهي هئي هر طرف وڇوڙي جي واري. دل چاهيو توکي ڳراٽڙي پائي ’ڪِس‘ ڪرڻ لاءِ؛ نرڙ تي، اکين تي، ڳلن تي، نڪ ۽ چپن تي. پنهنجن سمورن جذبن مٿان لت رکي ڇڏي هئم. شبنم چيو هو:
    ’هن سان ملو هن کي چوندا آهن سنجها.‘
    ’ها آ...........‘
    پنهنجي ’ها آ‘ شام جي اداس پاڇن ۾ گم ٿيندڙ ڪو ڪڻڇي لڳو هو. رهجي وئي هئي جنهن جي رڙ ’ها آ‘ تو چيو هو:
    ’سڀاڻي ايندين........؟‘
    ’تون چاهين ته.‘
    ’مان چاهيان ٿي.‘
    ’ايندس.‘
    ’نه چاهيان ته .......؟‘
    ’نه ايندس.‘
    ’ڇو؟‘
    ’تنهنجو چاهڻ، مون لاءِ سڀ ڪجهه آ. مان چاهيان ٿو تنهنجي چاهڻ سان اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃي جيڪو تون چاهين ٿي ۽ اهوسڀ ٿيندي رهجي وڃي جيڪو تون نه ٿي چاهين.‘
    تنهنجي چوڦير پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيو هئس. تون ڪلاس جي ڊگهين درين جي رنگ لڳ شيشن ۾ گوريندي رهي هئينءَ. محسوس ٿيو هئم ڄڻ تون درين جي ٻئي پار ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئينءَ، وڃايل آواز ۾ پڇيو هيئي:
    ’مان جيڪا اندران آهيان؛ ٻاهران ڇو نه آهيان......‘
    ’اسان جيڪڏهن پنهنجا اندر پنهنجي ٻاهران مڙهي هلون نه، ته هڪ وک به نه هلي سگهون.‘
    ’ها نه........؟‘
    هڪدم چيو هيئي. پر آئون ڪجهه به چئي نه سگهيو هئم؛ گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيندي به.
    ’تون مون وٽ روز ايندي....؟‘
    ’جيڪڏهن تون چاهين ته........؟‘
    ’هاڻ شايد مان روز چاهيندوس. سڀاڻي ايندي؟‘
    ’ها،
    ’مون کي ويساهه نه ٿو اچي،‘
    ’توکي مون تي ويساهه رکڻ گهرجي.‘
    ’ها، سڀاڻي ضرور اچجاءِ- مان گهران نيل ڪٽر کڻي ايندوس: تنهنجا نهن ڏاڍا وڏا ٿي ويا آهن.‘
    چيو هئم:
    ’نفسياتدانن جو چوڻ آهي، جن ماڻهن جا نهن گهڻو ڪري وڏا هوندا آهن سي سدائين تصور جي دنيا گهمندا رهندا آهن.‘
    ڪو به جواب نه ڏنو هيئي؛ خاموشيءَ سان منهنجي شرٽ جو مٿيون بٽڻ بند ڪري ڇڏيو هيئي جيڪو مان ننڍپڻ کان بن ڪرڻ وساري ڇڏينديو هئس.
    ڊپارٽمينٽ پابندي سان نه وڃڻ سبب ڪجهه ٽيسٽون رهجي ويون هيون. هونءَ به انٽر جي هڪ سبجيڪٽ ۾ رهجي ويو هئس جنهن جو فارم ته ڀري ڇڏيو هئم پر جنهن ڏينهن ’سپلي‘ ڏيڻي هئم ان صبح جو هلڪي ڦڙ ڦڙ پئجي رهي هئي. چاهيندي به امتحان ڏيڻ لاءِ موڊ ٺاهي نه سگهيو هئس. پينٽ جي پئچ پيڪٽ ۾ سلپ وساري تو وٽ هليو آيو هئس. ان ڏينهن علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار تي مون ڏانهن ڏسندي چيو هيئي:
    ’مون کي مڇن وارا ڇوڪرا ڏاڍا زبردست لڳندا آهن.‘
    ۽ منهنجي نڪ ۽ چپن واري خالي حصي کي ڏسڻ لڳي هئينءَ. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ منهنجا چپ نڀور ڪارين مڇن ۾ وڃائجي ويا هئا. پهريون ڀيرو شدت سان احساس ٿيو هئم ته وڏين مڇن سان ته ماڻهو پنهنجي ڪوڙي کل به ڏاڍي آرام سان لڪائي سگهي ٿو. ۽ پوءِ مان پاڻ کي وڻڻ لڳو هئس.
    انهن ايترن ڏينهن ۾ تنهنجو ڪوبه ادا، مون سان نه ٽڪرايو هو. هُو به نه جنهن کي مان ٽيلي اسٽار سڏيندو هئس. جيڪو توکي ويجهو هو: ۽ جنهن کي وڏو اعتراض هو ته مان وچ ڪاريڊور ۾ تنهنجو هٿ ڇو چميون هو.
    هڪ ڀيري سنڌالاجيءَ ٻاهران سرينهن جي وڻ هيٺيان منهنجي ڀر ۾ ويهي ڌرتيءَ تان ننڍڙيون پٿريون ميڙي رهي هئينءَ، ته مون پڇيو هئو:
    ’ٻڌ، تنهنجو اهو ادا ڪٿي آهي؟ جنهن کي اعتراض هو ته مون سڀن آڏو تنهنجو هٿ ڇو چميو....! ۽ جنهن مون کي بي انتها مار ڏيڻ ٿي چاهي ۽ جنهن مون کي گاريون به بڪيون هيون؟‘
    چيو هيئي ڏاڍي ڌڪار مان:
    ’ڇڏينس؛ ڍنڍ ۾ هڻينس. هن کي مون کان وڌيڪ جي ڳولا آهي.!
    کن رکي ڌرتيءَ تان هڪ گولو تراکڙو پٿر کڻي منهنجي تريءَ تي رکندي پڇيو هيئي:
    ’تون مون سان مئريج ڪندين.........؟‘
    مون پنهنجي تريءَ مٿان رکيل تراکڙي پٿر کي ڏسندي پچيو هو:
    ’هي ڇا آهي.....؟‘
    ’ماني‘ پل کن ماٺ رهي وري پڇيئي:
    ’هون مون سان مئريج ڪندين........؟‘
    ’ها‘
    تون وائڙي ٿي وئي هئينءَ. شايد مون مان اها اميد نه هئي.
    رات جو ڊائري ۾ لکيو هئم- اسان سڀ سفر ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪنهن اسٽاپ تي مرڪ جا گل ۽ باءِ جو آٽوگراف ڏئي هلي ويندي.
    ۽ مان سندس پيرن ۾ پاتل نفيس سينڊيل جي ’پينسل هيل‘ جا آواز پاڻ کان ڏور ويندي ٻڌندو رهندس.
    علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار تي ڏاڍيون گهريون ڳالهيون ڪيون هيئي. منهنجي کاٻي پاسي ويٺل هئينءَ؛ ايترو ويجهو جو مون کي محسوس ٿيو هوڄڻ منهنجي کاٻي ڪک سوني ٿي وئي هجي. ڏاڍو هوريان پئي ڳالهايئي ڄڻ تون منهنجي ڀر ۾ نه منهنجي قبر جي ڪتبي جي ڀر ۾ ويٺل هجين. تنهنجا نيڻ ساروڻيون بڻجي پيا هئا. نيڻ نه هئا ڄڻ سرينهن جي ٽاريءَ ۾ اٽڪيل ٻه جهنجڻيون هيون. جيڪي ڪنهن به گهڙيءَ هوا جي زور تي ساروڻين جي ياد تي ڪري به سگهيون ٿي. ڪِري اڏامي به سگهيون ٿي ڪنهن به ڏسا ڏانهن، چئن ڏسائن مان. چيو هيئي؛
    ’نه مان توسان مئريج نه ڪندوس؛ تو سان مئريج ڪري پنهنجا سڀ در بند ڪرائڻ نه ٿي چاهيان. مان اهي در بند ٿيندي ڏسي نه سگهندوس.‘
    پر نه ڄاڻ ڇو..... انهن مڙني دروازن کي پنهنجن هٿن سان هوريان هوريان بند ڪري ڇڏيو هيئي ۽ تنهنجو سمورو خوف سپر ها وي تان ويندڙ، ’اين- ايل- سي‘ جي ٽرڪ هيٺيان اچي مري ويو هو. مري ويو هو! مري ويو هو الائجي بيهوش ٿي ويو هو....؟ ان منجهند جو قاضيءَ جي ٿلهي کي ٽيڪ ڏئي تو چپن ۾ ڀڻڪيو هو.
    ’اڄ صبح، يونيورسٽي ايندي مون هن کي ڏٺو هو بس جي دريءَ مان. ڏسندي ئي ڀانيو هوم، ڄڻ سڀ ڪجهه پٺتي رهجي ويو هجي، هن سان گڏ. دل چاهيو هو هلندڙ بس جي دريءَ مان ٽپو ڏئي ڇڏيان.‘
    چپ چپ روئڻ لڳي هئينءَ. رات جي پوئين پهر ۾ سانيتڪي وهندڙ نديءَ جيان. مون کي ڏاڍي ريس آئي هئي ان مٿان جنهن کي تو ايڏو چاهيو هو. سوچيو هئم- ڪڏهن جيڪو هو ملي ويو هو مون کي ته مان هن جا اهي چپ ضرور چمندس. جن سان هن پهريون ڀيرو تنهنجن ڪنوارن چپن کي ’ڪِس‘ ڪئي هئي.
    ساڳي تاريخ تي، تو پنهنجا چپ منهنجي ڊائريءَ مٿان اتاري ڇڏيا هئا.
    اڄ به انهيءَ پني مٿان تنهنجي لپسٽڪ جي سرهاڻ ۽ شفق رنگ چپ ستل آهن. تنهنجي اڌ کليل چپن هيٺيان سائي مس ڀريل پين سان لکي ڇڏيا هئم، ’امداد‘ جي ترائيل جا بند:- وري ملون نه ملون، زندگي رهي نه رهي.
    الائي ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي.
    چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون
    اکين ۾ پو اها روشني رهي نه رهي.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ-
    قاضيءَ جي مزار تان تقريبن ٽين وڳي اٿي، سنڌالاجيءَ ڏانهن ويندڙ روڊن تي پهتا هئاسون؛ مون کي الائجي ڇا سمجهيو هو، جهٽ ڏئي توکي ٻانهه ۾ کڻي ورتو هئم. رڙيون نڪري ويون هيئي. ان مهل تون خوف ۾ ويڙهجي وئي هئينءَ جڏهن ڊوڙڻ لڳو هئس. انهيءَ ڦٿڪ ڦٿڪان ۾ منهنجن هٿن جي پڪڙ مان تون کسڪي وئي هئينءَ ۽ تون هٿن ڀر روڊ مٿان ڪري پئي هئينءَ. جڏهن اٿي هئينءَ ته ساڄي هٿ جون به آڱريون رهڙيل هيئي. ان وقت منجهند جا سوا ٽي ٿيا هئا. هن مهل رات جي چار ٿي رهيا آهن. انهيءَ وچ واري عرصي ۾ الائجي ڪيترا ڀيرا منهنجا هٿ تنهنجي سرير تان کسڪي ويا آهن. انهيءَ وچ واري عرصي ۾، مون ڏاڍو ڀوڳيو آهي؛ ڀوڳيان پيو. بلڪل ائين جيئن، زبردست برسات کان پوءِ نه ڄاڻ ڪيتري دير شهر جون ديوارون روئنديون آهن. ڦڙي ڦڙي، ڦڙي ڦڙي.
    تو وٽ روز اچڻ ڪري ۽ تنهنجي ڀرپور موٽ سبب، مون ڏٺو ته تنهنجا سڀ ’ادا‘ توکي هڪ هڪ ڪري ڇڏي ويا هئا. ٽيلي اسٽار به. هو سڀ مون تي جک کائڻ لڳا هئا. هنن اسان جي چر پر تي نظر رکڻ لا فيڪلٽيءَ ۾ ڇولا وڪندڙ ڇوڪري کي ڇڏي ڏنو هو. ان ڳالهه جي سُڌ اسان ٻنهي کي هئي؛ ۽ پرواهه اسان ٻنهي کي نه- توکي ياد هوندي 23 مارچ 1980ع تي موڪل هئي ۽ چويهينءَ تي تنهنجي ٽيسٽ. ان صبح جو مون کي هڪ ڊاڪٽر دوست ملي ويو هو، جنهن مون کي ڪينسر جي باري ۾ ڀوائتيون ڳالهيون ٻڌايون هيون. نُهن کان چوٽيءَ تائين ڊپ جي ڪنڊ تارن ۾ ويڙهجي ويو هئس. تنهنجي ڪلاس جي کليل در وٽ اچي توکي ڏسڻ لڳو هئس. تون لکڻ ۾ محو هئينءَ. ڀانيو هئم، تون ’ماس ڪميونيڪيشن‘ جي ٽيسٽ نه، پر پنهنجي آخري وصيت لکي رهي هئينءَ.
    منجهند جو مون کي ڪلاس ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ لڳي هئينءَ، جيڪو مون نه ٿي چاهيو. ان وقت پاڻ کي به ڪلاس ۾ پيل ڪرسيءَ جيان لڳو هئس جنهن تان تون اٿي وڃڻ لڳي هئينءَ. ان وقت تائي تون مون کي ڪرسي ئي سمجهندي رهي هئينءَ شايد.
    مون توکي ان پل به نه روڪيو هو. سڌ هئم ته تون منهنجي روڪڻ سان ڪڏهن نه رڪندينءَ. (ضد تنهنجي وجود جو حصو هو.) توسان گذاريل هر ڏينهن مون کي آخر لڳندو هو. ويندي ويندي منهنجي ڳل تي هلڪي ’ڪِس‘ ڪري وئي هئينءَ. ۽ مان ٽيبل مٿان رکيل هٿن ۾ پنهنجو منهن لڪائي، تنهنجي ’پينسل هيل‘ جا آواز پري ويندي ٻڌندو رهيو هئس. ڪجهه دير کان پوءَ تنهنجي نفيس سينڊل جا آواز، پاڻ ڏانهن ايندي محسوس ٿيا هئا. لڳو هئم، تنهنجي وڃڻ کان پو ڪاريڊور ۾ تنهنجي سينڊل جا رهجي ويل پڙاڏا آهن؛ جيڪي اچي رهيل هئا/ چي رهيا آهن. مان هميشه پنهنجي دل جو ڌڙڪو تنهنجي ’پينسل هيل‘ مان ايندي ٻڌندو هئس ۽ تنهنجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي دل بيهجندي محسوس ڪندو هئس. ڄڻ مرڻ لڳندو هئس.
    تون واپس اچي ويئي هيئن. تنهنجن نيڻن ۾ ايلاز سمايل هو.
    ’ڏس مان موٽي آئي آهيان...... سوچيم متان تون ناراض ٿي وڃين.‘
    ’نه؛ تون هلي وڃ نه.........؟‘
    ٻانهن مان ڪڍي چيو هئم. ۽ سوچيو هئم هونئين هڪ نه هڪ ڏينهن تون به اڪيلو ڇڏي هلي ويندينءَ. محبتن جي معاملن ۾ منهنجي حيثيت سدائين سرحدون پار ته ڪرئڻ وارن جهڙي رهي آهي. مان ڪيڏانهن ويندس......؟؟ تون ته انهن مان هئينءَ جيڪي محبتن جون سرحدون پار ڪندا هليا ويندا آهن. اڳتي گهڻو اڳتي؛ ان کان به ۽ ان کان به........
    تو جڏهن به چاهيو هو سپر هائي وي جي فوٽ پاٽ تي بيهي آگوٺي جي هلڪي اشاري سان ڪارن کان لفٽ ورتي هيئي. جڏهن به ڪار ۾ چڙهي هئينءَ منهن ورائي مون ڏانهن نهارڻ ضروري نه سمجهيو هيئي. ۽ ڪار منهنجين اکين کان ائين ٽٻڪي ۾ ڦري ويندي هئي، جيئن ان مهل منهنجي حيثيت تنهنجي آڏو ٽٻڪو بڻجي ويندي هئي. ان وقت به شايد توکي خبر نه هئي، ته سموري ڪائنات جو وجود ٽٻڪي تي بيٺل آهي. توکي ته اها سڌ به نه پئجي سگهي هئي ته ڪنهن دؤر ۾ هيءَ ڪائنات پاڻ هڪ ٽٻڪو هئي ۽ مان تو لاءِ ٽٻڪو هوندي به ڪائنات هوندو هئس. اڄ مان ڪائنات هوندي به ٽٻڪو بڻجي ويو آهيان. اهڙو ٽٻڪو جيڪو پولارن ۾ گم ٿي رهيو آهي.
    ڪار تنهنجي ڪمزوري هوندي هئي. تون هميشه ڪار جي ماڊلز تي ڊفينس سوسائٽي جي بنگلن تي ۽ نٽهڻ اس ۾ کڙيءَ تائين پگهر ۾ ٻڏل هوندي به ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾، فوم جي گاديلن تي ڇاتين ڀرليٽي، ’رموور‘ سان پنهنجن ننهن تان پراڻي نيل پالش لاهيندڙ ڇوڪرين جي باري ۾ ڏاڍو ڳالهائيندي هئينءَ. ان وقت اهي سڀ تنهنجا خواب هوندا هئا؛ رڳو تنهنجا. منهنجا خواب ته تڏهن به سخت گرميءَ ۾ يوڪلپش ۽ سرينهن جي وچ ٺهيل پيچري تان وک وک هلندا رهندا هئا، پنهنجي ماڳ ڏانهن. جتي ڪنهن به ڪار لاءِ ڪوبه روڊ ٺهيل نه هو.
    انهن ئي ڏينهن ۾، اهو ساڳي لائيٽ رنگ واري ڪار وارو تو وٽ آيو هو، جيڪو هڪ ڀيرو اڳ به توکي مون کان جدا ڪري چڪو هو. ان ڏينهن به تون مون کي ڇڏي هلي وئي هئينءَ ڇو ته انهن ڏينهن ۾ تنهنجو خواب مان نه، ڪار هوندي هئي.
    گهڻن گهڻن ڏينهن پڄاڻان جڏهن تون مون کي پنهنجين سمورين شدتن سميت چاهڻ لڳي هئينءَ ته اهو لائيٽ رنگ جي ڪار وارو توکي وٺڻ آيو هو پر تو هن کي موٽائي ڇڏيو هو. ۽ يقين ٿي ويو هئم ته مان تنهنجو خواب بڻجي ويو آهيان. تو مون کي چيو هو؛
    ’مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ. مان هاڻ توسان ڪوبه ڪوڙ ڳالهائڻ نه ٿي چاهيان. هو منهنجو ڪزن ناهي. ڪاليج لائيف ۾ جڏهن برقعو پائيندي هئس هو مون کي مليو هو. مون ’جليل‘ کان سخت چوٽ کاڌي هئي. ان زماني ۾ ڏاڍو ڀوڳيو هئم. ۽ مون لاءِ سڀ مرد هڪ جهڙا ٿي پيا هئا، منهنجي موالي مامي جي وهاڻي هيٺيان رکيل چرس منهنجي جياپي جو هلڪو ترورو بڻجي پيو هو. خبر ٿئي.... مان روز فري پيريڊ ۾؛ ڪاليج جي پٺين پاسي قبرستان ۾ وڃي چرس جيڪا سگريٽ ٺاهي پيئندي هوس. آئون ڏاڍو ’ريليڪس‘ محسوس ڪندي هوس. انهن ئي ڏينهن ۾ هو لائيٽ رنگ جي ڪار وارو منهنجي پٺيان اچڻ لڳو هو. ۽ مان نه چاهيندي به هڪ ڏينهن هن سان ڪار ۾ ويهي رهي هئس. مون کي ڪار جي دريءَ منجهان ڪائنات ڏاڍي سکي ستابي نظر ايندي آهي. هو اڪثر مون کي ڪاليج جي گيٽ تي بيٺل پٽيوالي هٿان سڏائي وٺندو هو. منهنجا هن سال ڪي وڏا ’سيڪسيوئل‘ ناتا نه هئا سواءِ ڪنهن ’ڪول ڪارنر‘ تي ڪار پارڪ ڪري ’ڪِس‘ جي. ها مون هن سان شادي ڪرڻ چاهي هئي اها خبر هوندي به ته هو زال وارو هو. هو مون سان پنهنجي زال جون ڏاڍيون شڪايتون ڪندو هو. هوءَ سندس مائٽياڻي هئي ۽ ’اسٽيٽس‘ ۾ شايد هن کان وڌيڪ.‘
    تنهنجيون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ، محسوس ٿيو هئم، تون پاڻ کي مسلسل تباهه ڪندي آئي هئينءَ. منهنجي چاهنا تولا وڌيڪ گهري ٿي وئي هئي. هونءَ به مون کي اداس ڇوڪريون فوٽ پاٿ تي رديءَ ۾ وڪامجندڙ قيمتي ڪتابن جهڙيون لڳنديون آهن. پوءِ تنهنجين محبتن جا سمورا رستا مون طرف لڙي آيا هئا. هوريان هوريان ٻئي هڪ ٻئي جون ضرورتون بڻجي پيا هئاسين.
    انهن ئي ڏينهن مان هڪ ڏينهن تي، تو منهنجي ڊائري کولي پڙهي هئي. جڏهن 1.4.1980 واري پيج تي تو پنهنجي ’پينسل هيل‘ وارو ذڪر پڙهيو هو ته چيو هيئي:
    ’انهن مان ناهيان جن منجهان سمجهي رهيو آهين.
    جيڪڏهن تنهنجي شرٽ جو کليل بٽڻ بند ڪري ڇڏيو اٿم ۽ اڄ جڏهن مان تنهنجي هر ڏک جي ڀائيوار بڻجي چڪي آهيان ته سمجهي ڇڏ، تنهنجو سفر ختم ٿي چڪو آهي. ۽ مان تنهنجي سفر جي آخري منزل آهيان. هاڻ تون ڪڏهن به منهنجي ’پينسل هيل‘ جا آواز پاڻ کان پري ٿيندي ٻڌي نه سگهندين. مان پنهنجون سموريون محبتون تو مٿان گهورڻ چاهيان ٿي.‘
    ان ڏينهن کان پوءِ ’پينسل هيل‘ وارو سينڊل هميشه لاءِ لاهي ڇڏيو هو. محسوس ٿيو هئم، تو پنهنجا سمورا خواب ’ڊسٽبن‘ ۾ اڇلي. يوڪلپٽس جي ڊگهن وڻن واري رستي مٿان ٽاڪ منجهند جو، منهنجن پنڌ گهمندڙ خوابن وٽ، اگهاڙين پيرن هلي آئي هئينءَ ۽ تنهنجوقد ٻه انچ ننڍي ٿي وڃڻ بدران ڇهه انچ ڊگهو ٿي ويو هو. تون مون کي پاڻ جيتري ئي محسوس ٿي هئينءَ، هر طرح سان.
    علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار جي ڀر ۾ بيٺل سرينهن جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي، آمهون سامهون بيٺا هئاسين. تون وڻ جي سامهون ٺهيل ٿلهي تي ويٺي هئينءَ ۽ تنهنجو منهن روڊ طرف هو، مان سرينهن جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هئس. منهنجو منهن تو ڏانهن ۽ پٺ روڊ طرف هئي. روڊ ڏانهن ڏسندي چيو هيئي؛
    ’ماڻهو ٿا اچن‘
    ’گهڻا آهن...........؟‘
    ’چار.‘
    ’انهن مان ڪو هڪ ’سليڪٽ، ڪر جيڪو ٻين ٽن کان وڌيڪ سهڻو هجي.‘
    ’ها، جيڪو نيري ڊريس ۾ آهي؛ بيحد سهڻو ٿو لڳي.‘
    سرينهن جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي انهن چئن جي اچڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو هوس. نه، شايد رڳو نيري ڊريس واري جو. هنن جي پيرن جا کڙڪا منهنجي ڀرمان لنگهي اڳتي وڌيا هئا ته چيو هيئي:
    ’ڏس... جيڪو نيري ڊريس ۾ آهي. ڪيڏو سهڻو، ڪيڏو نه سهڻو آهي..........؟‘
    ڪنهن اڻڄاتل خوف مان، منهن ورائي ڏٺم هئم نيري ڊريس واري ڏانهن. جيڪو باقي ٽن ڄڻن جي لوچ ۾ ننڍڙا پتڪڙا ٽپ ڏيندو وڃي رهيو هو سمورو خوف هوا ٿي ويو هئم. ۽ مان وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي تنهنجي هوندي سوندي سرينهن کي ٻک پائي ڇڏيو هئم. ٻارن وانگر پڇيو هيئي:
    ’ڇا هو سهڻو ناهي؟‘
    ’نه هو بي انتها سهڻو آهي. مون کان به: توکان به. اسان ٻنهي کان.‘
    ’ها. واقعي هو اسان ٻنهين کان وڌيڪ سهڻو آهي. ڇو ته هو اسان ٻنهين جو حصو آهي. نه اسان ٻئي هن جو حصو آهيون... اسان ٽيئي هڪ آهيون. اسان مان ڪوبه ٻيو ڪونهي: ڪوبه ٽيون ڪونهي..... اسان ٻئي ’هو‘ آهي. توهان ٻئي، مان آهيان. هو ۽ مان، تون آهين.‘
    تنهنجو هٿ سرير تي گسڪڻ لڳو هو. ڀانيو هئم ڄڻ مان تو ڏانهن گسڪڻ لڳو هوس. ان وقت تون مون کي هڪ ڊگهي گسڪڻ لڳي هئينءَ جنهن جي لسي حصي تان منهنجا ٻئي پير کسي ويا هئا. مان پوري رفتار سان ترڪندو تنهنجي نرڙ، نيڻن، ڳلن، ۽ ڳچيءَ کان ٿيندو چپن تائين پهچي ويو هئس؛ جيڪي اڻلکا ٿڙڪي رهيا هئا. اکيون ٻوٽجي ويون هئم. پهرين پنهنجا چپ، پوٰ سمورو وجود وساري ويٺو هئس. ڀانيو هئم ڄڻ سنڌوءَ جي وچ ۾ ترندڙ ٻيڙيءَ مٿان اونڌيي منهن ستون پيو هوس. منهنجا چپ ٻيڙيءَ جي پيٽ تي چهٽيل هئا؛ لهر لهر جهومڻ لڳو هوس؛ اڪيلو مان نه، ٻيڙي به. پر ٻيڙي به غائب ٿي وئي هئي: ٻئي لهرن مٿان ٻڏي وڃڻ جي ڀوءَ کان هڪ ٻئي سان چهٽي پيا هئاسون. لهرو هيون جيڪي اسان کي لوڏي رهيو هيون: هيٺ مٿي، ساڄي کاٻي، کاٻي ساڄي. ان ڏينهن اسان جي هٿ ترين ۾ اکيون ڦٽي پيو هيون، جيڪي اڪثر محبت جي شدت پيدا ڪري وٺندي آهي ۽ هٿ جسم جي سڀني ڳلين جو سير ڪرڻ لڳندا آهن.


    3

    سخت جهڙ هو. اسان ٻيئي آرٽس فيڪلٽيءَ جي پٺين پهاڙيءَ تي پير لڙڪائي ويٺا هئاسون. هلڪي ڦڙ ڦڙ به پئجي رهي هئي. مون آسمان تي هڪ ٻئي مٿان سٿيل ڪڪرن ڏانهن ڏسندي چيو هو:
    ’آسمان بيروت بڻجي ويو آهي.‘
    ڄڻ رات جي ڪنهن پهر آسمان کي باهه لڳي، وسامي چڪي هئي. صبح جو رهجي ويو هو نڀور ڪارو دونهون؛ هڪ ٻئي مٿان سٿيل. دونهون جيڪو ڊوڙي رهيو هو اتر کان ڏکڻ ڏسا. جڏهن مان آسمان ڏانهن نهاريو هو. اکٽ ڦڙيون منهنجين پنبڻين تي ڪريون هيون ۽ ڪيتريون ڳالهائڻ سبب وات جي کاهيءَ ۾ وڃائجي ويون هيون. ان مهل مان پنهنجو کليل وات پنهنجين اکين سان ڏٺو هو. پي انتها گهرو. اونهون. ڦڙيون آسمان تان ٽٽي پنهنجي وات تائين ايندي ڏٺيون هئم ۽ وات جي اونهيءَ کاهيءَ ۾ ڪرندي به. پوءِ رڳو رهجي ويا هئا پڙاڏا سندس سنهين چيخن جا؛ منهنجن ڪنن ۾.
    ’هلون.....‘
    ’ڪيڏانهن......؟‘
    ڪنڌ کڻي ڏٺو هيئي؛ تنهنجن نيڻن ۾ انڊلٺ جا ست ئي رنگ اوچتو ئي اوچتو هڪ رنگ ۾ گم ٿي ويا هئا؛ ڳاڙهي، ريٽي ڳاڙهي رنگ ۾. ڳاڙهاڻ جيڪا تنهنجن نيڻن مان اڏري سڄي ڪائنات تي ڦهلجي وئي هئي. ٻئي هٿ ۾ هٿ ڦاسائي، ننڍن وڏن پٿرن تي پٺ کپائي ساڄي کاٻي بيلنس ڪندا پهاڙيءَ کان هيٺ لهي پيا هئاسون. تنهنجو هٿ منهنجي چيلهه تي ۽ منهنجو هٿ تنهنجي ڪڇ ۾ سري ويو هو. هلڻ لڳا هئاسي اوڀر طرف، اهو پيچرو ان وقت تولاءِ ڀلي نئون هجي پر مون لاءِ سترنهن سال پراڻو هو. جيڪو هن وقت تولا به پراڻو ٿي چڪو آهي. هلندي اسان جو زبانون ماٺ هيون پر اسان جا هٿ مسلسل ڳالهائي رهيا هئا. ٻنهيون لتاڙيندا. سرينهن ۽ يوڪلپٽس جي سرهاڻ ڀريل ڊگهن وڻن جي وچ مان هلندا، روڊ، پيچرا ۽ ڳليون لتاڙيندا رهيا هئاسون، آڪاش تو گهاٽو ڪارو دونهون ڏکڻ ڏسا ڏانهن مسلسل ڊوڙي رهيو هو. ڦڙيون اسان جي پنبڻين، ڳلن، چپن ۽ ڳچين تي لڳي ڪتڪايون ڪري ڪنهن طرف وٺي وڃي رهيو هيون.
    پهچي ويا هئاسون جتي اسان کي پهچڻ کپندو هو. منهنجو آگوٺو ۽ ڏسڻي، پاڻ ۾ ملي کاٻي کان ساڄي اڌ گول ۾ ڦري ويون هيون. آواز آيو هو:
    ’ٽڙڪ‘ تالو منهنجي هٿ ۾ هو ۽ ڪنڍي تو کولي ڇڏي هئي. اندر اچي ويا هئاسون، سمورا آواز ٻاهر رهجي ويا هئا. منهنجا چپ تنهنجي ڪن جي پاپڙيءَ هيٺيان رڙهي آيا هئا؛ نيڻ منهنجي چهري تان ترڪي آڱرين ۾ اچي ويا هئا. صوفا تان گسڪي، گلم تي وڇائجي ويا هئاسون. تنهنجو کاٻو هٿ ڪياڙيءَ ڏانهن کڄي ويو هو: آواز آيو هو ’ززززپ.‘ هوا تيز گهلي هئي. دريءَ جو تاڪ ٺڙڪي سان کي بند ٿي ويو هو ۽ دريءَ مٿان لڙڪيل ريشمي پردو جهٽڪي سان ڏوري مان نڪري هوا ۾ اڏامي گلم تي ڦهلجي ويو هو. ۽ سڀ ڪجهه ’ا‘ ٿي ويو هو. تون گلم تي اوڀر کان اولهه طرف کسڪڻ لڳي هئينءَ هوريان هوريان جيئن دريا ۾ ڪا لهر، هوا جي زور تي هڪ ڪناري کان ٻيڙي ڪناري ڏانهن سفر ڪرڻ لڳي. پهريان هڪ لهر، پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ڪيتريون ئي. ڪي ڪناري تائين ته ڪي اڌ ۾ رهجي ويل. درين جي شيشن تي مينهن پوڻ جي رفتار تيز ٿي ويئي هئي. پهريان ڪجهه ڪجهه، پوءِ ان کان به وڌيڪ برسات جي ڦڙين جو آواز ملي هڪ ٿي ويو هو. شيشا سڀئي پاڻي ٿي ويا هئا. هلڪي ٿڌ هوندي به تنهنجو چهرو ٽاڪ منجهند جو تغاريون ڍوئيندڙ ڪولهڻ جي چهري جيان. پگهرجي ويو هو. تنهنجيون پنبڻيون، پوپٽ جي پرن جيان ڦڙڪي ويو هيون ۽ چپ به. ۽ مهنجي اندران ڪجهه واچوڙي جهڙو ڦيريون کائي اڏري ويو هو. ۽ مون کي محسوس ٿيو هو ڄڻ ڌرتي مٿي کڄي وئي هئي يا شايد آسمان هيٺ لهي آيو هو. تنهنجا هٿ منهنجي سرير تان ريڙهيون پائي گلم تي پئجي رهيا هئا.
    ٻاهر نڪتا هئاسون، ڪڪرن جو دونهون ٽٽي چڪو هو. آڪاش ڪٿان هلڪو نيرو، ڪٿان گهرو نيرو ظاهر ٿي پيو هو. ڌرتيءَ تي نالا ٺاهي وهندڙ پاڻيءَ ۾، آڪاش پنهنجي ان وقت نظر ايندڙ سمورن رنگن سميت مرڪي رهيو هو. اسان ان پاڻيءَ ۽ آڪاش مٿان، هٿن ۾ هٿ ڏئي خالي ٿي ويل ڪڪرن جيان اڏري پيا هئاسون. ڪيڏا نه هلڪا ٿي پيا هئاسون.
    تنهنجا ڪيترائي روپ ٿي پيا هئا. ڪڏهن لهرون ڪڏهن گسڪڻ، ته ڪڏهن لهرن مٿان لڏندڙ ٻيڙي. ڦهلجي ويا هئاسون سڄي يونيورسٽيءَ مٿان. پهاڙين جي گهٽڻ کان وٺي ديوين جي ننڍڙن جهنگلن تائين. يا شايد سڀئي گهٽ ۽ ديوين جا ننڍڙا جهنگل اسان جي اندر ڦلهجي ويا هئا.
    هوريان هوريان تون پنهنجي پرائمريءَ جي انهن سمورين ساهڙين کان الڳ ٿي وئي هئينءَ. جن سان انهن جي ڪرتوتن جي ناتي نه، ڊگهي دوستيءَ جي ناتي گڏ رهندي پئي آئينءَ ۽ جن جي ڪري تون بدنام به ٿي رهي هئينءَ. جيڪو نه مون چاهيو ٿي، نه هن، جنهن سان تون انگلش ڊپارٽمينٽ جي ڪارنر وٽ ويهي ڪچهري پئي ڪئي، مون کي پوليٽيڪل سائنس جي ڪولر وٽ وساري. هن جڏهن توکي مڙني ڇوڪرين کان پرتي ٿيندو ڏٺو هو: جيڪو هن چواڻي، هڪ فلم تي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه ارپي ڇڏينديون هيون. ته مون کي ڏاڍا ڀاڪر پائي چميون ڏيڻ لڳو هو.
    تنهنجو ٽيلي اسٽار ادا، ۽ سندس ساٿياري آخري سال جو رزلٽ نڪرندي ئي ائين اڏامي ويا هئا جيئن پهرئين پهر پيلاڪ سج نڪرڻ سان ڌرتيءَ تان اڏامي وڃي. جيڪڏهن ڏک هئم به ته نصير جي يونيورسٽي ڇڏي وڃڻ جو.
    تنهنجي گهرج بڻجي پيو هوس، تنهنڪري ئي مان پريس فوٽو گرافر جي نوڪريءَ کي الوداع چئي توکي پابنديءَ سان ’اٽينڊ‘ ڪرڻ لڳو هوس. ۽ پاڻ وڌيڪ آزاديءَ سان گهمڻ لڳا هئاسون. پهريون ڀيرو جڏهن ڪراچيءَ هليا هئاسون ته انهيءَ عليءَ، جنهن کي هڪ ڀيري، جڏهن مون سان ملڻ آيو هو ته توکيس ست سريون ٻڌايون هيون، ڪيڏو نه پيار ڏنو هو هن ۽ سندس زال..........! هنن جو ٻن سالن جو راهل ڪيڏو نه ڏنگو هو....... جنهن لاءِ تو بوهري بازار مان پينٽ ۽ شرت به ورتي هئي. ۽ ها هڪ جنرل اسٽور تان پاڻ ’ڊاٽي رف رائيڊڙ‘ جو پيڪٽ به ته ورتو هو.........؟
    علي ۽ سندس زال پاڻ کي نويڪلو ڪمرو ڏئي ڇڏيو هو. اهي سياري جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا. ان رات پاڻ مسلسل هڪ ٻئي جي ڪنن سان ڀرسان ڳالهائيندا رهيا هئاسون.... توسان ڳالهائڻ مهل پهرين منهنجي کاٻي اک جا ڇپر تنهنجي ساڄي ڳل مٿان کلندا ۽ بند ٿيندا رهيا هئا. جنهنجو مزيدار احساس محسوس ڪرائڻ لاءِ تون به هڪدم پنهنجي ٻيءَ اک جا ڇپر منهنجي کاٻي ڳل مٿان کولڻ ۽ بند ڪرڻ لڳي هئينءَ. تنهنجا کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ ڇپر مون کي پنهنجي ڳل تي پوپٽ جي پرن جيان محسوس ٿيا ها. پوءِ پاڻ واري واري سان هڪ ٻئي جي ڳلن تي اکيون ڇنڀڻ لڳا هئاسون. ان رات تو هڪ ٻي به عجيب حرڪت ڪئي هئي، تو پنهنجو کاٻو نيڻ منهنجي ساڄي نيڻ جي ايڏو ته ويجهو آڻي ڇڏيو هو جو اسان ٻنهن جي نيڻن جون ماڻڪيون ’فيڊ آئوٽ‘ ٿي ويون هيون. تو ڪجهه دير بنا اک ڇنڀڻ جي ڏسڻ کان پوءِ سرٻاٽن ۾ پڇيو هو:
    ’تنهنجي نيڻ ۾ سونهري رنگ لهي آيو آهي؛ توکي منهنجي نيڻ ۾ نظر اچي ٿو.....؟‘
    مون ڏٺو هو ان گهڙيءَ، تنهنجي کاٻي نيڻ ۾ به ڪو رنگ چمڪي پيو هو. سونهري نيرو، سونهري نارنگي، يا شايد رڳو سونهري، پر مون کي ساهي ساهيءَ سان اهي سڀئي رنگ تنهنجي کاٻي نيڻ ۾ نظر آيا هئا. ان رات تون گهڻي ڀاڱي مون کان صبا جي باري ۾ پڇندي رهي هئينءَ. تون مون کي ڪجهه اوڳاڇڻ پئي چاهيو. اهو ئي ته مان ۽ صبا ڪراچيءَ ۾ اچي سنجوڳ ڪيو هو يا نه.....؟ پر تو نه ڄاتو سنجها ته سنجوڳ جو اصل سک ته سدائين تو مان ماڻي سگهيو هوس، ڇو ته منهنجين سمورين محبتن جا پيچرا تو تائين اچي دنگ ٿي، ٿي ويا. پر توکي ويساهه پو به نه آيو هو ۽ تنهنجو شڪ مٽائڻ لاءِ منهنجا چپ تنهنجي ڪياڙي، لڳن، چپن ۽ ٻين حصن مٿان. ڪجهه ڳولهڻ لڳا هئا. اهو ڪجهه جيڪو هنن ڪڏهن به صبا جي وجود تي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي.
    ان کانپوءِ پاڻ جڏهن به ڪراچي آيا هئاسون ته پپوءِ جي گلشن واري خالي بنگلي جي مٿين بيڊروم ۾ ستا هئاسون؛ جتي پپوءِ جي ممي ۽ ڊيڊي اچي رهندا هئا. ڪيڏو ’ڪمفرٽ ايبل‘ هو اهو بيڊ روم ۽ ڪيڏيون سڀاويڪ هيون اهي گهميل گهميل ميرانجهڙيون راتيون جن ۾ اسان جو شديد پيار سمايل هو. انهن ڪڏهن نه وسرندڙ حسين راتين ۾ به، تون مون کي پيار ڪندي اوچتو اداس ٿي ويندي هئينءَ ۽ شڪ جي نظرن سان ڏسندي پڇندي هئينءَ: ’صبا سان هت گهڻيون راتيون گذاريون هيئي پنهون.......؟‘
    نيئن سال جي ايڊميشن لسٽ تي ڪيترن نالن سان گڏ هڪ نمبر آڏو لکيل هو: مُس- صبا حميد فخري. ڊاٽر آف مسٽر حميد فخري.‘
    پريويس جا ڪلاس شروع ٿي ويا هئا، ٻين سان صبا به اچڻ شروع ڪيو هو. تراکڙو منهن. وڏا ڀورا ناسي نيڻ جن جا ڇپر ڪڏهن ڪڏهن بند ٿي کلندڙ، ننڍڙي پر وڻندڙ نڪ هيٺان ٻه ڀريل چپ. پورو پنو قد، گول ڪلها، آڪڙيل ڇاتيون، هر وک تي ڇلندڙ. هر کنيل وک بي پرواهه ۽ تکي. تيز هلڻ سبب سندس ريشمي وار ساڄي کاٻي جهاتيون پڇائيندڙ. پهرين نظر ۾ هوءَ مون کي ڏاڍي اسٽائلش نظر آئي هئي. صبا جڏهن به مون کي ڪاريڊور ۾ ٽڪرائي هئي، مان شعوري طور ڏانهس ڏسڻ کان لنوائي ڇڏيو هو. مون کي اهڙيون ڇوڪريون زهر لڳنديون آهن جيڪي سمجهنديون آهن سندن ويهڻ سان سڄي ڪائنات ويهي ٿي رهي ۽ سندن اٿڻ سان هر شئي چر پر ۾ اچي ٿي. صبا شروع ۾ اهڙي ئي لڳي هئي. پوءِ هن تو سان ملڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ تنهنجي ڪري مون سان به. ۽ صبا، منهنجي سندس لاءِ قائم ڪيل راءِ کي غلط ڪري ڇڏيو هو. صبا هر ننڍڙي ڳالهه تي وڏا ٽهڪ ڏئي کلي پوندي هئي. کلڻ جي معاملي ۾ هوءَ مون کي پاڻ جهڙي لڳي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪيمر کڻي سڄي يونيورسٽيءَ ۾ تنهنجا ’سنپس‘ ڪڍيا هئم ۽ سموري يونيورسٽي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ٿي وئي هئي.
    توهان جي ڊپارٽمينٽ پاران لڳندڙ اسٽڊي ٽوئر ۾ صبا مون سان فري ٿي وئي هئي. جڏهن به اهڙي ڪاٽوئر لڳندي هئي پاڻ بس جي جنهن به سيٽ تي ويهندا هئاسون اها ڄڻ اسان جي ملڪيت بڻجي ويندي هئي. شروع کان آخر تائين ان سيٽ تي ڪوبه ويهڻ جي سگهه ساري نه سگهندو هو. ۽ تون مون کي ان سيٽ تان اٿڻ نه ڏيندي هئينءَ، نه ئي پاڻ اٿندي هئينءَ. شايد توکي ڊپ هو ته تنهنجي اٿي وڃڻ سان، ڪو ٻيو تنهنجي سيٽ ولاري ڇڏيندو. پر انهن ٻن ڏينهن جي اسٽڊي ٽوئر ۾ الائجي ڇو تو صبا کي مون سان فري ٿيڻ ڏنو هو. شايد توکي يقين هو ته صبا مون ’رف‘ ۽ بي پرواهه سان عشق ڪڏهن به ڪري نه سگهندي. ان ڳالهه جو احساس مون کي به هو. ان سموري ٽوئر ۾ رڳو هڪ ڀيرو ڪاوڙي هئينءَ. واپسيءَ تي جڏهن بس ۾ جهليل سنڌي اخبار جي هڪ خبر جي سٽ ڏانهن اشارو ڪري ڪنهن ڏکئي اکر جي معنيٰ ڇي هئي. بس، مڪليءَ پهتي هئي، ڪجهه ڏنگن شاگردن گوڙ ڪيو هو:
    ’اسان ملا لٽر جي قبر ڏسنداسون‘
    اسان کي ملا لٽر جي قبر ڏيکاريو‘
    ’سائين، ملان لٽر جي قبر به اسان جي اسٽڊي ٽوئر ۾ شامل آهي.‘
    بس ۾ هلڪا دٻيل ٽهڪ سيٽن هيٺان بانبڙا پائڻ لڳا ها.
    صبا وائڙن وانگر پڇيو هو:
    ملان لٽر جي قبر ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي.....؟‘
    مان پنهنجا چپ هن جي ڪن ويجهو آڻي، هن کي ملان لٽر جي قبر جي خاصيت ٻڌائي ڇڏي هئي. ۽ صبا ٻئي هٿ وات تي رکي ٽهڪن ۾ پئجي وئي هئي. تنهنجن نيڻن ۾ هڪ ئي مهل توائيپڻو ۽ حسد ڀرجي آيو هو. خونخوار لهجي ۾ مون کي سڏي پاڻ سان گڏ ويهڻ لا چيو هيئي. تنهنجي ڀر ۾ اچي ويٺو هوس؛ ڌڪار مان چيو هيئي:
    ’ڪهڙي ضرورت هئي.‘
    ’ڇاجي....؟‘
    ’هن کي اهو ڪن ۾ ٻڌائڻ جي؛ جيڪو مان هت ويهي ٻڌي سگهي آهيان.‘
    ’ٻڌي يا سمجهي......؟‘
    مون کي ڪوبه جواب نه ڏنو هيئي ٺٽي جي بادشاهي مسجد تائين مون سان نه ڳالهايو هيئي. جنهن کي صبا به محسوس ڪيو هو.
    ان اسٽڊي ٽوئر کان پو، جيڪا صبا جي پهرين ۽ اسان جي ٽين هئي، صبا مهينو نه آئي هئي. خبر پئي هئي، ’صبا بيمار آهي.‘ ٽوئر مان موٽي رات جو گهر اچي وهنتي هئي ۽ پکو هلائي سمهي پئي هئي. صبح جو ڪرنگهي ۾ شديد سور سان بخار ٿي پيو هوس. مهيني کان پوءِ هڪ صبح جو ڪاريڊور ۾ نظر آئي هئي؛ شايد واپس وڃي رهي هئي. مون کي ڏسندي پري کان ئي رڙ ڪئي هئائين:
    ’هاءِ!‘
    تکيون وکون کڻندي ويجهو پهچي وئي هئي. چوڻ لڳي:
    ’وڏي افسوس جي ڳالهه آهي.....‘
    ’ڪهڙي.......؟‘
    ’ڪا سڌ به لڌئي؛ ڪير مئو ڪير بچيو......؟‘
    ’مون کي افسوس آهي.‘
    ’ها ڀئي، اوهان کي سنجها جي فوٽو گرافس ڪڍڻ کان فرصت ملي ته ڪنهن ٻئي تي به نظر پئي نه. اوهان جي هٿ ۾ ڪيمرا هجي نه هجي، پر اوهان جي اکين جا ٻئي لينس هر وقت سنجها جي چهري تي فوڪس هوندا آهن.‘
    ’ان ڪري جو سنجها منهنجي محبوبا آهي.‘
    ’ها توهان ٻئي سا آهيون.‘
    ’ٿينڪس.‘
    ’پنهنجي ڳالهه آهي.‘ مرڪي پئي هئي. وڃڻ لڳو هوس ته چيو هئائين:
    ’سنجها جي اڄ ٽيسٽ آهي ۽ هوءَ ٽيسٽ پئي ڏي.‘
    ’مون کي خبر آهي.‘
    ’اڪيلو ويهي ڇا ڪندين.........؟‘
    ’انتظار.‘
    ’مان اڄ بور آهيان،‘
    ’پوءِ.....‘
    ’تون مون کي ايستائين ڪمپني ڏئي سگهين ته ڏاڍو سٺو جيسين سنجها ٽيسٽ ڏئي وٺي.‘
    صبا کي سندس ساهيڙين وٽ ٿانيڪو ڪرڻ لاءِ، هن سان سڄي فيڪلٽي رلندو رهيو هوس پرهن جي هڪ به ساهيڙي نظر نه آئي هئي. ٿڪجي اسان سيڪنڊ فلور جي ڏاڪڻين مٿان ويهي رهيا هئاسون. وقت گذارڻ لاءِ ڳالهائڻ لڳو هوس:
    ’اوهان جو پيءُ ڇا ڪندو آهي.......؟‘
    ’وڪيل آهي.‘
    ’ٻين لفظن ۾ ڪوڙ جو واپاري آهي.....؟‘ اهو ٻڌي صبا ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئي. وري پڇيو مانس:
    ’پيءُ جون اڪيليون آهيو.......؟‘
    ’نه مون کان وڏيون منهنجيون ٻه ڀيڻون ٻيون به آهن.‘
    ’پرڻيل آهن‘
    ’ها، ٻنهين هن ئي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آهي. پڙهائيءَ جي دوران ٻن سنڌي ڇوڪرن سان شاديون رچائي ڇڏيون اٿن. چڱا موچارا زميندار ڇوڪرا آهن. پر منهنجي پپا جي خواهش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ مان ڪنهن سنڌيءَ سان مئريج نه ڪريان.‘
    ’ڇو....؟‘
    ’اهو ته پپا ئي ٻڌائي سگهندو......‘
    ’۽ تنهنجي ممي..........؟‘
    صبا ڪجهه گهڙين لاءِ ماٺ ٿي وئي هئي. پوءِ چيو هئائين:
    ’منهنجي اصل ممي ڪراچي ۾ رهندي آهي هتي منهنجي ’اسٽيپ مدر‘ رهندي آهي، مون کي بنهه ناهي وڻندي.‘
    ’ڀائر گهڻا اٿوءَ.....؟‘
    ’هڪ. پر نه هئڻ جهڙو. پپا کي هن جو ڏاڍو ڏک آهي، ميٽرڪ کان وڌيڪ نه پڙهي سگهيو. جڏهن ته پپا هن کي ڊاڪٽر بنائڻ ٿي چاهيو. پاڻ کي وڏو غيرتمند سمجهندو آهي. مون تي ڪرڙي نظر رکندو آهي. مون کي هن جي ڪابه پرواهه ناهي. پپا چوندو آهي، منهنجي پٽ به تون آهين، ته ڌيءَ به تون.‘
    ’خواب ڏسندي آهين؟‘
    ’خواب.......... منهنجا خواب اسان جي گهر جي مٿئين ڪمري جي روڊ ڏانهن کلندڙ دريءَ مان، آپ گهات ڪري چڪا آهن. هاڻ هڪ خواهش آهي.‘
    ’ڪهڙي.........‘
    ’يا ڪنهن پوڙهي پر امير ترين ماڻهوءَ سان شادي ڪريان، يا ڪوئي ساٿ ڏي ته ’بينڪ رابري‘ يا اسمگلنگ ڪريان.‘
    ’بي انتها حسين عورت کان، ڪنهن به طرح گهٽ ڀيانڪ خواب ناهن.‘
    صبا ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئي ۽ کلندي چيو هئائين:
    ’ڳالهيون خوبصورت ڪري سگهندو آهي.‘
    ’۽ مان پاڻ .........؟‘
    ’ٺيڪ آهين.‘
    تون ٽيسٽ ڏئي اچي وئي هئينءَ، ۽ اسان ٽنهين ڏاڪڻين مٿان ويهي چانهه پيتي هئي.
    صبا پهرين مون کي پنهنجي اڪيلي نالي سان سڏيندي هئي. پر پوءِ ڪنهن لاشعوري خوف کان منهنجي نالي اڳيان ’ادا‘ جو واڌارو آڻي ڇڏيو هئائين. پهريون ڀيرو شدت سان احساس ٿيو هئم، ته لفظ جو رشتن سان ڪو ايڏو گهرو لاڳاپو به ناهي. هن جي ’ادا‘ جي خطاب کان پوءِ مان ڪجهه ڊڄي ويو هوس ۽ تون بي اوني ٿي وئي هئينءَ.
    هڪ ڀيري صبح جو، تون، مان ۽ صبا، فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾، روڊ واري پاسي کان ٿلهن کي ٽيڪ ڏئي بيٺا هئاسون، ته صبا پرس مان هڪ لفافو ڪڍي مون طرف وڌائيندي چيو هو:
    ’هن ۾ منهنجي ان خواب جون تصويرون آهن. جنهن تي منهنجا ٻيا خواب بيٺل هئا. ۽ جنهن جي ڪري منهنجن مڙني خوابن اڄ کان ڇهه مهينا اڳ منهنجي ڪمري جي دريءَ مان آپ گهات ڪري ڇڏيو هو.‘
    اسان هڪ هڪ ڪري سڀ تصويرون ڏٺيون هيون. ڪيڏو حسين هو صبا جو خواب.....؟ يونان جي شهزادن جهڙو. فوٽو گرافس ڏسي صبا کي واپس ڪيا هئم ته هن چيو هو:
    ’اڄ ڏهين وڳي هو پنهنجون تصويرون به واپس کڻي ويندو.‘
    واچ ۾ ٽائيم ڏٺو هيئي: ڏهن ۾ ڏهه منٽ هئا. پوري ڏهين وڳي سلور ڪلر جي ڪار آرٽس فيڪلٽيءَ جي مين گيٽ آڏو اچي بيٺي هئي. جنهن مان لٿو هو يونان جو شهزادو. هن اکين تان سن گلاسز هيٺ ڍرڪائي؛ سيڪنڊ فلور ڏانهن نهاريو هو. جتي تون، مان ۽ صبا بيٺا هئاسون. صبا جو منهن محرم جي ڏهين بڻجي ويو هو. هوءَ ڪاريڊور مان وچڙندڙ وکون کڻندي وڃڻ لڳي هئي، ڄڻ گهاٽي ڌٻڻ ۾ هيٺ لهندي وئي هئي. هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو هوسون. ان گهڙيءَ اسان کي محسوس ٿيو هو. ڄڻ ڪوئي مري ويو هو.
    صبا مون کي مظلوم لڳڻ لڳي هئي، منهنجيون سموريون همدرديون صبا جي گهر ڏانهن ويندڙ رستن جي ٻنهين پاسي اڀري آيل گهاٽا وڻ بڻجي پيون هيون. صبا کي چڱيءَ طرح سڌ هئي ته منهنجين سمورين محبتن جا پيچرا تو وٽ اچي ختم ٿي ويندا آهن. هڪ ڀيري هن چيو هو:
    ’مون کي خبر آهي، تون سنجها سان بي انتها محبت ڪندو آهين. ايتري قدر جو توهن کي پاڻ مٿان مڙهي ڇڏيو هو. هوءَ سڀين آڏو توسان ’مس بيهيو‘ به ڪندي آهي. ۽ تون ان کي به هن جو پيار سمجهي لنوائي ڇڏيندو آهي. اهو سڀ ڄاڻندي به مان چاهيان ٿي، تون مون سان ملندو رهه. الائجي ڇو.... توسان ملي سک جو احساس ٿيندو اٿم.‘
    ۽ مان صبا جو وڌيڪ خيال ڪرڻ لڳو هوس. شايد ان ڪري به جو مون کي ’فرسٽريٽيڊ‘ ڇوڪريون فوٽ پاٿ تي رديءَ ۾ وڪامندڙ قيمتي ڪتابن جهڙيون لڳنديون آهن. هڪ ڀيري صبا کي چيو هئم:
    ’آئون جيڪڏهن دنيا جو امير ترين ماڻهو هجان ها، ته هڪ محل ٺهرايان ها، جنهن ۾ ساري جڳ جون ’فرسٽريٽيڊ‘ ڇوڪريون پنهنجي مرضيءَ سان جيون گهارين ها.‘ صبا منهنجي ڳالهه ٻڌي وڌيڪ اداس بڻجي وئي هئي.
    منهنجو صبا جي گهر روز وڃڻ ڪُکڻ لڳو هيئي. منهنجا صبا لاءِ هر وقت خلوص مان چيل جملا، توکي برا لڳندا هئا ۽ صبا لاءِ تنهنجي دل ۾ ڀريل محبت ۽ همدردي، اسپرٽ بڻجي اڏامي وئي هئي؛ ۽ تون مون مٿان چٿر ڀريل جملا اڇلڻ لڳي هئينءَ. پهرين گهٽ، پوءَ ڪجهه وڌيڪ. موقعو مناسب ڏسندي، توکي تنهنجي ڪلاس فيلوز، منهنجي ۽ صبا جي خلاف ڀرڻ لڳيون هيون جن ٻرنديءَ مٿان پيٽرول جو اثر ڏيکاريو هو. پوءِ تو مون تي سڌا سنوان الزام مڙهڻ شروع ڪيا هئا. ڪجهه به سمجهي نه سگهيو هئس؛ وائڙو بڻجي ويو هئس. توکي هر طريقي سان سمجهائڻ چاهيو هئم پر تون ڪجهه به سمجهڻ جي موڊ ۾ نه هئينءَ.
    انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو هڪ پيارو دوست جيڪو ’نارد مُني‘ بڻجي ويو هو اسان ٽنهي جي وچ ۾ ڪنهن مضبوط رسي جيان اڀري آيو هو. هو قد جو بندرو، رنگ جو سانورو هو. هن جي نظر جي عينڪ پٺيان نظر ايندڙ چنجهيون اکيون ائين لڳنديون هيون ڄڻ ڪنهن ڏنگي ٻار، چشمي جي شيشن پٺيان ٻه مئل ماڪوڙيون رکي ڇڏيون هجن. سندس ننڍڙي پٿاريل نڪ مٿان هر وقت ائين چهٽيل هوندو هو. جيئن رش ۾ فوٽ بورڊ مٿان لڙڪندڙ ڪو شخص، جنهن جا ٻه ئي پير فٽ بورڊ يعني هن جي نڪ تي، ۽ ٻئي هٿ ريلنگس ۾ يعني هن جي ڪنن تي، پوري سگهه سان چهٽيل هجن. جڏهن هو ڪنهن سازش ۾ ڪامياب ٿيندو هو ته سندس مئل ماڪوڙين جهڙيون، اکيون جيئريون ماڪوڙيون بڻجي پونديون هيون ۽ چشمي پٺيان هيڏانهن هوڏانهن چرڻ لڳنديون هيون. ۽ کلڻ وقت سندس ٿلهن چپن پٺيان ڏند ائين ظاهر ٿي پوندا هئا، جيئن باغ طرف کلندڙ دريءَ جا ٻئي طاق هوا جي زور تي کلي وڃن هڪ زوردار ٺڙڪي سان. ۽ ظاهر ٿي پئي ٻئي طرف سائي ڇٻر مٿان ڪا ڏانگاري. ’نارد مني‘ مون کي ڏاڍو پيارو هو، هو هو به ڏاڍو سٺو. ڪنهن زماني ۾ جڏهن نه تون هئين نه صبا، هو مون کي پيار ڪرڻ جي حد تائين چاهيندو هو. تڏهن هو مون کي بلڪل برو نه لڳندو هو، ۽ هن جون سموريون خاميون هن جي خاصيتن جو حصو لڳنديون هيون. تڏهن مون کي هن جي مرڪ فرشتي جهڙي معصوم. ۽ سندس ٽهڪ ڏنگن ٻارڙن جهڙا محسوس ٿيندا هئا. حقيقت ۾، اسان هڪ ٻئي لا سٺا ۽ مهان اوسيتائين هوندا آهيون جيسين تائين هڪ ٻئي جي ڳالهين جو احترام ڪندا آهيون. نارد مُني جذباتي هو ۽ جذباتي هئڻ جي ناتي بيوقوف. انهيءَ ڪري ئي هو ماڻهن لاءِ رايا جلد قائم ڪندو هو ۽ بدلائي ڇڏيندو هو. جنهن زماني ۾ توهان ٻنهين جو ڪوبه تصور مون وٽ نه هو، اسان ٻئي گڏجي پيئندا هئاسين، ساڳئي گلاس ۾. تڏهن اسان ٻنهين وٽ اوبر جو تصور بلڪل ڪونه هو. نارد مُني جڏهن رڳو منهنجو دوست هو، هڪ سٺو دوست تڏهن مون هن کي توسان ملايو هو. نارد مُني جي وڏي ۾ وڏي ٽريجڊي عورت هئي. هن سان ڪڏهن به ڪنهن عورت رومانس نه ڪيو هو، سواءِ پروفيشنل عورتن جي. جن جي محبتن جا دروازا سدائين پئسن وارن لاءِ کليل رهندا آهن. ۽ هو پئسن ڪمائڻ جا سڀ گر ڄاڻندو هو. نه، هن ڪڏهن به ڪنهن جو کيسو نه ڪٽيو هو. ۽ نه ئي هن ۾ ڌاڙي هڻڻ جي سگهه هئي. نارد مُنيءَ ۾، اهي سڀ خاصيتون هيون جيڪي ڪمرشيل آرٽسٽ ۾ هئڻ گهرجن، جيڪي مان پيدا ڪري نه سگهيو هئس. مان ٻين جي مرضيءَ، ٻين جي حڪم تي ڪابه لائين نه ڪڍي سگهندو آهيان ۽ هن جا هٿ هميشه هرهڪ جي حڪم جي انتظار ۾ رڪيل رهندا هئا، ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هو. اها هن جي سٺائي هئي، هن گهر وارن جي مجبورين آڏو سيز فائر ڪري ڇڏيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ان ڪمايل پئسن مان، اڌ کان وڌيڪ وئيشيائن ۽ شراب تي وڃائي ڇڏيندو هو. کيس ڏوهاري نه ٿو سمجهان ڇو ته عورت بهرحال مرد جي وڏين ضرورتن مان هڪ ضرورت آهي. مون کي خبر آهي، ته هو دوستن سان شديد محبتون ڪندڙ هو. پر مان اهو وساري ويٺو هئس ته هو عورت جي معاملي ۾ هميشه کان ويچارو هئڻ سبب منهنجي خلاف به استعمال ٿي سگهيو ٿي. ها، پهرين هو استعمال ٿي ويو هو. پوءِ هن شعوري ڪوشش سان منهنجي خلاف ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
    صبا ۽ مان سينٽرل لائبريريءَ جي روڊ مٿان آمهون سامهون ويٺا هئاسون. يونيورسٽيءَ جي ڇڙواڳ هوا پنهنجي سموري سگهه سان گهُلي، روڊ جي ٻنهي پاسن کان يوڪلپٽس جي قد آور وڻن کي سجدا ڪرائي رهي هئي ۽ يوڪلپٽس جا ڊگها پن، هوا جي زور تي چوڏيل ۾ گول ڦرندڙ ٻارن جيان بوڊ ۾ ڀرجي تاڙيون وڄائي رهيا هئا. صبا يوڪلپٽس جي چوٽين کان به مٿي گهوري چيو هو:
    ’توکي خبر آهي، منهنجي ممي ۽ پاپا ۾ ’سيپريشن‘ جو واحد سبب ڪهڙو هو؟‘
    ’ڪهڙو هو؟‘
    ’شڪ، منهنجو پاپا ڏاڍو شڪي مزاج رهيو آهي. پاپا مميءَ سان لو مئريج ڪئي هئي، تڏهن پاپا وڪيل نه هو. خيرپور ۾ ’ٽي اينڊ ٽي‘ ۾ ’ايس- ڊي- او‘ هو، ممي اڻ پڙهيل هئي. پاپا کيس پنهنجي پرسنل سيڪريٽريءَ کان ٽيوشن ڏيارائڻ لڳو هو، مميءَ تي شڪ ٿيڻ لڳو ۽ پاپا پنهنجي پرسنل سيڪريٽريءَ کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ان ڳالهه تي مميءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. پاپا ۽ مميءَ ۾ اڪثر جهيڙو ٿيڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن ممي گهر مان هلي وئي. ڪجهه هفتن کان پوءِ سندس خط آيو هو جنهن ۾ لکيل هو ته مميءَ پپا جي پرسنل سيڪريٽريءَ سان شادي رچائي ڇڏي هئي. پاپا ڪڏهن به، مون کي مميءَ وٽ وڃڻ کان نه روڪيو آهي. ان ڪري مان ڪنهن تي به شڪ ڪرڻ نه چاهيندي آهيان ۽ مان هن تي به ڪڏهن شڪ نه ڪيو.
    پر.... هن منهنجي پرڻيل ساهيڙيءَ سان رات گذاري هئي. اها سڌ هوندي به، ته هوءَ منهنجي ساهيڙي هئي ۽ مان سندس محبوبا...... مون کي سخت ڏک رسيو هو. ان ڏينهن ڏاڍو رني هئس. ڪيڏو مانُ هئم هن تي... مون کي سڌ هئي ته هو هر رات نئين ڇوڪريءَ سان گذاريندو آهي. پر مون کي يقين هو ته هو مون سان محبت ٿو ڪري. مون کي مانُ هوندو هو ته هو منهنجين ساهيڙين جي بي انتها عزت ٿو ڪري. پر ائين نه هو.... ۽ هن منهنجي ساهيڙيءَ سان رات گذاري، مون کي محسوس ڪرايو هو ته هن کي.......‘
    صبا وڌيڪ ڪجهه به چئي نه سگهي هئي. پرس مان گولڊ ليف جو پئڪيٽ ڪڍي، سگريٽ دکائي، ڊگها ڊگها سوٽا هڻڻ لڳي هئي، منهنجو نادر مُني دوست مون کي ڳوليندو مون تائين پهتو هو. هن جي صبا سان سڃاڻپ ڪرائيندي چيو هئم:
    ’هي منهنجن پيارن دوستن مان هڪ آهي. منهنجا دوست مون کي پنهنجي محبوبا جيڏا پيارا آهن. ۽ مون کي پنهنجا سڀ دوست پنهنجو پرتؤ لڳندا آهن. هن سان ملي توکي، منهنجي هئڻ جو احساس وڌيڪ گهرائيءَ سان محسوس ٿيندو.‘


    4

    ان ملاقات کان پوءِ نادر مني، صبا مٿان پنهنجين سمورين سچاين سميت عاشق ٿي پيو هو. اها ڳالهه هن مون کي ڪنهن طرح محسوس ڪرائي هئي، جيڪڏهن هو محسوس نه به ڪرائي ها. تڏهن به محسوس ڪري چڪو هئس. هر طرح سان چاهيو هئم ته صبا ناردمنيءَ ۾ دلچسپي وٺي. هڪ ڀيري صبا سان ڏاڍو بحث ڪيو هئم. تڏهن صبا ڪجهه ڏک ۽ ڪجهه ڪاوڙ مان چيو هو:
    ’جيڪڏهن، تون، مون مان جان ڇڏائڻ چاهين ٿو ته صاف لفظن ۾ چئي ڇڏ. جيسين تنهنجي دوست جو تعلق آهي مان هن جي عزت ڪندي آهيان. بيشڪ هو هڪ سٺو ڇوڪرو آهي. ۽ مون کي ان ڪري به چڱو لڳندو آهي، ته هو منهنجي ڪراچيءَ واري ڪزن جهڙو آهي جيڪو مون کي ڏاڍو چاهيندو آهي. جنهن کي اها به چڱيءَ طرح خبر آهي ته مان هن سان نه، پر ڪنهن ٻئي سان عشق ڪندي آهيان، مان هن کان ڪجهه به نه لڪائيندي آهيان. مون هن کي هميشه سٺو دوست سمجهيو آهي. منهنجو ڪزن ۽ تنهنجو دوست، ٻئي هڪ جهڙا آهن ۽ ٻئي عزت لائق آهن. پر عشق ڪرڻ لائق ناهن. مون وٽ پيار جو پنهنجو ’ڪنسيپٽ‘ آهي. ۽ جيئن ته اهو منهنجو پنهنجو آهي تنهن ڪري مان انهيءَ ۾ ٻئي ڪنهن جي مداخلت بلڪ برداشت نه ڪنديس. تنهنڪري، پليز تون خدا جي واسطي پنهنجي دوست کي سمجهائي ڇڏ ته مون طرفان، پنهنجي لاءِ ايڏا وڏا آئڊيئلز نه بڻائي جو انهن جي ٽٽڻ سان، سندس ننڍڙو وجود دٻجي وڃائجي وڃي.‘
    صبا جي ايڏي تفصيلي جواب کان پوءِ وڌيڪ ڳالهائڻ فضول سمجهيو هئم. پر اُهي سڀ ڳالهيون نارد مُنيءَ کي نه ٻڌايون هئم، سڌ هئم هو جذباتي هو ۽ حساس به، چيو هو مانس:
    ’صبا سان ملندو رهه، هن کي توجهڙي ۽ سٺي ۽ سٻاجهي پيار ڪرڻ واري جي ضرورت آهي. ’جڏهن تون مون سان هوندي هئينءَ ته، ڪوشش ڪري صبا کي نارد مُنيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هئس. ان آس تي ته، شايد صبا جي اندر ۾ هن لاءِ محبت جي ڪا چڻنگ ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ بڻجي پئي پر مون ڄاتو ٿي ته اهو سڀ اڻ ٿيڻو هو. هڪ ڀيري وجهه وٺي صبا مون کي پنهنجي ان دوست آڏو چئي ڇڏيو هو:
    ’ڏس، مان توکي اڄ تنهنجي هن دوست آڏو چوان ٿي؛ پوءِ اها هن جي مرضي ته هي ڪنهن کي به وڃي ٻڌائي، ان جي مون کي پرواهه نه آهي. ته مان تو ۾ سنجيدگيءَ سان دلچسپيءَ وٺڻ لڳي آهيان. هاڻ تنهنجي مرضي، تون مون کي ٿڏي ڇڏ يا مون سان ملندو رهه. الائجي ڇو..... تون خوبصورت نه هوندي به مون کي سٺو لڳندو آهين. مون کي محسوس پيو ٿئي.......اهو مان پاڻ کي ٻيو وڏو دوکو ڏئي رهي آهيان.‘ صبا جي ڀورن ناسي کليل نيڻن ۾ ڪجهه ڀرجي ويو هو. جنهن کي هن پولارن ۾ گهوري غائب ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻيو سگريٽ ڪڍي، دکائي، ڊگها ڊگها سوٽا هڻڻ لڳي هئي. محسوس ٿيو هئم، ڄڻ هن اهو سڀ نارد مُنيءَ کي ٻڌائڻ چاهيو هو. منهنجي دوست جي چهري تان سڀ شوخ رنگ اڏامي ويا هئا. جي رهجي به ويو هو ته، ڳوڙهو ناسي رنگ ۽ ڦڪي مرڪ. ۽ نارد مُني بهانو ٺاهي هليو ويو هو.
    ’تو کي ايئن ڪرڻ نه کپندو هو ۽ هونءِ به توکي ڄاڻ آهي ته.....’ صبا منهنجي جملي کي اڌ ۾ ڪٽي، پنهنجو سگريٽ وارو هٿ هوا ۾ ٻه ٽي ڀيرا لوڏي چيو هو:
    ’ها ها مون کي خبر آهي ته تنهنجين محبتن جا رستا سنجها وٽ پهچي ختم ٿي وڃن ٿا. ۽ تون سنجها جي ڪري پنهنجي ’ٽين ايج‘ محبوبا کي به ڇڏي چڪو آهين. اهو سڀ ڄاڻندي به يار... مان گهلجي رهي آهيان توڏانهن. نه چاهيندي به مان، مان تنهنجي ڳالهين جي سيلاب جي زد ۾ اچي وئي آهيان. اسپيڊ سان توڏانهن لڙهي رهي آهيان.‘
    صبا ٻئي هٿ پنهنجي نرم وارن مٿان کپائي ڇڏيا هئا. سرد آواز ۾ چيو هئم:
    ’۽ لڙهندڙ ماڻهو هميشه ٻڏي ويندا آهن.‘
    هن اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو هو. پوءِ آڱرين ۾ فلٽر تائين جلي ويل سگريٽ کي.
    ’مون کي خبر آهي.‘
    صبا چيو هو مئل آواز ۾ ۽ جلندڙ سگريٽ ڇڙواڳ هوا ۾ اڇلائي ڇڏيو هئائين. ۽ فلٽر ويو هو هوا جي لهرن تي ڊوڙندو پري تائين. هوءَ اٿي بيٺي هئي؛ ايندڙ بس ڏانهن وڌندي چيو هئائين:
    ’مان شام جو پنهنجي گهر تي انتظار ڪنديس.‘
    ان شام، صبا جي گهر ۾ ڪوئي به نه هو. صبا پاڻ ٻڌايو هو، ۽ مان سندس اهڙي ڄاڻ ڏيڻ جي باوجود به سدائين جيان پنهنجي مخصوص اڪيلي صوفا تي وڃي ويهي رهيو هوس. چيو هئائين:
    ’يا ته تون ڏاڍو ظالم آهين يا بيوقوف.‘
    ’مان سدائين ٻين جي مرضيءَ جو احترام ڪندو آهيان، ها تون مون کي بيوقوف چئي سگهين ٿي.‘
    ’سنجها هميشه ٻين جي آڏو تنهنجي بي عزتي ڪندي آهي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.‘
    ’اهو منهنجو ۽ سنجها جو مسئلو آهي، توکي ڏک بلڪل نه ٿيڻ گهرجي.‘
    ’ڇا.‘ مون کي پنهنجو نه ٿو سمجهين.......؟‘
    ’توکي ڪڏهن به پرائو نه ڄاتو اٿم.‘
    ’پوءِ ........ ؟‘
    ’سنجها گهڻا ڏک سٺا آهن، مان هن جو سک آهيان.‘
    صبا جي منهن تي رات ڇانئجي وئي هئي. ڀڻڪيو هئائين:
    ’سنجها واقعي خوش نصيب آهي.‘
    ’ٻڌوآ، ’ايريز‘ رومانس جي سلسلي ۾ ڏاڍو انتها پسند هوندا آهن. منهنجو دوست به ’ايريز‘ آهي. تون چاهين ته هاڻ به هو تو وٽ اچي سگهي ٿو. يقين ڪر هو توکي ڏاڍو پيار ڏيندو.....؟‘
    تنهنجو دوست سٺو آهي پر مان هن سان عشق ڪرڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهان.‘
    ’ڏاڍي بدقسمت آهين.‘
    ’ها تون ٺيڪ ٿو چئين؛ منهنجا خواب يا ته منهنجي گهر جي مٿين ڪمري جي روڊ طرف کلندڙ دريءَ مان آپ گهات ڪري ڇڏيندا آهن وري منهنجن خوابن جو ايبارشن ٿي ويندو آهي.‘
    اهو چوندي هوءَ ڊرائنگ روم مان نڪري وئي هئي. واپس آئي هئي ته سندس هٿ ۾ چانهن ۽ چپن ۾ سگريٽ جلي رهيو هو. منهنجي آڏو رکيل ٽيبل مٿان ڪوپ رکي ، منهنجي ڀر ۾ صوفا جي ٻانهن تي ويهي رهي هئي.
    چيو هومانس:
    ’توکي خبر آهي......؟ سنجهان اڄ ڪلهه توکان ڪيترو توائي آهي؟‘
    ’تو مٿان يقين نه اٿس.‘
    ’ڇو نه هوءَ اڳ ۾ هڪ دوکو کائي چڪي آهي. ۽ مان هن کي ٻيهر هر گز برباد ٿيڻ نه ڏيندس.‘
    ’هڪ ڏينهن هوءَ توکي برباد ڪري هلي ويندي.‘
    ٽهڪ نڪري ويا هئا. ۽ مان الائجي ڪيتري دير کلندو رهيو هوس. صبا چيو هو:
    ’تون ڀل ان کي منهنجي ’جيليسي‘ سمجهه پر مون کي خبر آهي ته هوءَ توسان شادي بلڪل نه ڪندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن لاءِ تو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي. برباد ته تون هاڻ به ٿي چڪو آهين. ان حالت ۾ گهٽ ۾ گهٽ مان ته توسان شادي بلڪل نه ڪريان؛ ها رومانس ڪري سگهان ٿي. ۽ سنجها به توسان رومانس ٿي ڪري؛ رڳو رومانس.‘
    تون ڪلاس ۾ ويٺي هئينءَ. نارد مُني به؛ جنهنجون تون همدرديون حاصل ڪري چڪي هئينءَ. ڇو ته عورت جي معاملي ۾ هو هميشه کان ويچارو هو؛ ان مهل به توهان منهنجي باري ۾ ڳالهائي رهيا هيئو. در وٽ ئي بيهي رهيو هوس. چيو هيئي:
    ’اچ.............‘
    ٽيبل پٺيان رکيل، ’ٽيچرس‘ چيئر مٿان اچي ويهي رهيو هوس. ماٺ بڻجي انهن ڏانهن ڏسڻ لڳي هئينءَ. نارد مُنيءَ جون چشمي پٺيان ماڪوڙين جهڙيون اکيون ڪجهه سوچي رهيون هيون. طوفان جي اچڻ کان اڳ جهڙي ماٺ جو احساس ٿيو هئم. هڪ ڊگهي ماٺ کانپوءِ، نارد مُني چيو هو:
    ’مان هلان ٿو.‘
    هو هليو ويو هو، چيو هيئي:
    ’تنهنجو روز صبا سان ملڻ مون کي پاڳل بڻائي ڇڏيندو........‘
    ’توکي مون تي ۽ پاڻ تي ويساهه هئڻ گهرجي.‘
    ’ڏاڍي خطرناڪ ڇوري آهي.‘
    ’هجي به ته مون کي ڇا ڪندي......‘
    ’هوءَ توسان رومانس ٿي ڪري.‘
    باوجود ڪوشش جي تنهنجي آواز ۾ ڪاوڙ ٿڙڪي وئي هئي.
    ’ڪير ٿو چئي.....؟..........‘
    ’تون ڇا ٿو سمجهين، مان ايتري بيوقوف آهيان........؟‘
    طوفان جي ڌنڌ چوڏسا ڇانئجي ويو هو.
    ’اهڙين ذليل ڇورين جو ٻيو ڪم ئي ڪهڙو آهي.‘
    تنهنجو آواز خالي ڪلاس روم ۾ گهوماٽيون کائڻ لڳو هو. مٽي منهنجي اکين ۾ پئجي وئي هئي، چڀڪو آواز ۾ ڀرجي ويو هو:
    ’سنجها!‘
    ’ها ها، مان چوندوس. هوءَ ذليل آهي، انتهائي ڪميڻي، ڪريل ’مين‘ آهي.‘
    ’اسان کي ڪوبه حق نه ٿو پهچي ڪنهن کي برو چوڻ جو.‘
    ’برائي، سٺائيءَ جو وجود آهي. تنهن ڪري مان بري کي برو، سٺي کي سٺو چوڻ جو حق رکان ٿي. سمجهيئي.......‘
    ’جيڪڏهن ڪو برو هجي ته.‘
    ’صبا بري آهي.‘
    ’اهڙي طرح اسان سڀ، ڪنهن جي نه ڪنهن جي نظر ۾ برا ضرور آهيون.‘
    ’مون کي ڪنهن به ’آرگيومينٽ‘ جي ضرورت ناهي.‘
    ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئم. رڙ ڪري چيو هيئي:
    ’منهنجو دماغ خراب نه ڪر.‘
    لڙڪ لڙڪ لڙهي پئي هئينءَ، منهنجن ٽهڪن جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو هو.
    ’تون ڏاڍي پاڳل آهين.‘
    ’هه، ها. ها تڏهن ته مسلسل دوکا کائيندي پئي اچان؛ دوستين جي نالي ۾، محبتن جي نالي ۾، سچائين جي نالي ۾.‘ پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيو هوس. تو پرس کولي، ’ويليم فائيو‘ جي شيشي ڪڍي، هڪ گوري زبان تي رکي، پاڻيءَ جو ڍڪ ڀري ڇڏيو هيئي.
    ’گوريون ٻيهر کائڻ لڳي آهين؟‘
    ٽشوءَ سان لڙڪ اگهندي، ٻارن جيان ڪنڌ ڌوڻي چيو هيئي:
    ’توسان ڪوڙ نه ڳالهائيندس، پوئين ڏيڍ مهيني کان گوريون ٻيهر کائڻ لڳي آهيان. خوابن ۾ به تون مون کي صبا سان هٿ ۾ هٿ ڏئي گهمندي نظر ايندو آهين. ان ڇوريءَ، منهنجي زندگيءَ ۾ زهر اوتي ڇڏيو آهي. مون کي محسوس ٿيندو آهي جيسين تون مون سان هوندو آهين، منهنجو هوندو آهين. الڳ ٿيڻ کانپوءِ، تنهنجيون ٻانهون، تنهنجا چپ، سڀ پراوا بڻجي ويندا آهن.‘
    شدت سان احساس ٿيو هئم، ڄڻ توسان دوکو ڪري رهيو هئم. چيو هئم:
    ’ڇا ٿي چاهين.......؟‘
    ’منهنجي ڪا حيثيت آهي؟‘
    ’تنهنجي حيثيت، منهنجي هئڻ جي احساس آهي.‘
    ’اها تنهنجي خواهش آهي.....؟‘
    ’ڪجهه به سمجهه.......؟‘
    ٻوڏاري ۾ پئجي ويو هوس. چيو هئم:
    ’ٺيڪ آهي.‘
    ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي هئينءَ. چيو هيئي:
    ’هيڏي آ......‘
    تنهنجي ويجهو آيو هوس. پنهنجون ٻانهون پکيڙي چيو هيئي:
    ’ڀاڪي پاءِ.........‘
    تنهنجي مختصر چيلهه جي چوڏس، ٻانهن جو زنجير وڪوڙي ڇڏيو هئم. چيو هيئي:
    ’زور سان پاءِ.‘
    ٻانهن جو گهيرو، تنهنجي چيلهه تي وڌيڪ سوڙهو ڪري ڇڏيو هوم.
    ’اڃان به.‘
    ڪجهه وڌيڪ سوڙهو ڪري ڇڏيو هوم.
    ’اڃان به.‘
    جسم جو زور ٻانهن ۾ اوتي ڇڏيو هوم. رڙ نڪري وئي هيئي:
    ’بس بس.‘
    مون زور وڌائي ڇڏيو هو. کلندي، چنگهندي چيو هيئي:
    ’مري ويندوس.‘
    ٻانهن جو زور گهٽائي ڇڏيو هئم ۽ تنهنجا ٽهڪ، ڪلاس روم جي فضا ۾ ’ايئر فريشنر‘ بڻجي، چوڏسا ڦهلجي ويا هئا. صبا ڪلاس ۾ داخل ٿي هئي. سندس چهري تي رات ڀانئجي وئي هئي. صبا کي ڏسي هڪ پل لاءِ، تنهنجن ٽهڪن کي بريڪ لڳي ويو هو. پوءِ تون وڌيڪ قد آور ٽهڪ ڏئي ٽڙي پئي هئينءَ، ۽ تنهنجون ٻانهون منهنجي چيلهه ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي ويون هيون. صبا در تان ئي واپس هلي وئي هئي.
    ڪلاس روم مان نڪري، ڪاريڊور ۾ آيا هئاسون ته صبا کي ڏٺو هئم. جيڪا ڪاريڊور جي ڪنڊ ۾ ٺلهه کي ٽيڪ ڏئي، گل مهر جي ڳاڙهن گلن ۾ هڪ گهوري رهي هئي. کن لاءِ منهنجي اندر زلزلو مچي ويو هو. ها، رڳو. کن لاءِ اسان ٻئي وک وک سڃاتلن ۾ مرڪ جو اڌ کڙيل مکڙيون ورهائيندا هلڻ لڳا هئاسون.
    صبا مون سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهائڻ چاهيو هو ۽ مان لنوائي ويو هوس. هڪ ڀيري فيڪلٽيءَ جون ڏاڪڻيون چڙهي رهيو هوس ته صبا گرلز ڪينٽين جي لوهي گيٽ مان نڪري ذري گهٽ ڊوڙندي منهنجي آڏو اچي بيهي رهي هئي. اکين ۾ گهوريندي چيو هئائين:
    ’چاهين ٿو مان يونيورسٽي ڇڏي هلي وڃان.......؟‘
    ڏاڪڻين جي وچ تي ٺلهه بڻجي ويو هوس.
    ’مون آخر تنهنجو ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي.......؟‘
    ڪنڌ جهڪائي، تو وٽ هليو آيو هوس. چيو هئم:
    ’منهنجي گلي ۾ تڪليف آهي.‘
    تو پرس مان ’اسٽريپسلز‘ ڪڍي ڏني هئي. ڪجهه دير کان پوءِ صبا اسان جي ڀر مان لنگهي وئي هئي. تو منهنجي چهري تي ڪوبه تاثر نه ڏسي چيو هو:
    ’ڪيڏي اداس هئي.....؟‘
    مرڪي پيو هئس.
    ’ڏک نه ٿو ٿيئي.......؟‘
    ’فائدو........؟‘
    ’يار، هوءَ توسان عشق ٿي ڪري.‘
    ’۽ مان توسان.‘
    ’مان فلائنگ ساسر کائيندوس.‘
    تو ٻانهن ورائي منهنجي ٻانهن ۾ وڌي هئي. ڊپارٽمينٽ جي آفيس جي دروازو پار ڪري سيڪنڊ فلور جي پٺين ڪاريڊور ۾ اچي ويا هئاسون. هميشه جيان اتان ئي ٻن فلائنگ ساسرن جو آرڊر ڏنو هوسون. ۽ هن هميشه جيان سيليفين جي ٿيلهيءَ م فلائنگ ساسر بند ڪري، اسان ڏانهن اڇلائي هئي. هڪ ڀيري ته پاڻ ڊپارٽمينٽ جي آفيس مان پلاسٽڪ جي ننڍڙي بالٽيءَ جي ڪڙي ۾ تنهنجو ۽ شبنم جو رئو ٻڌي ان فلائنگ ساسر واري کان آئسڪريم به ورتي هئي.
    رات جو شدت سان احساس ٿيو هئم ته مون کي صبا سان ائين هلڻ نه کپندو هو. ڇو ته رشتن ٽورڻ جا به ڪي اصول ٿيندا آهن؛ جيئن رشتن قائم ڪرڻ جا. جيڪي تو نه ٿي ڄاتا. تون ته ٻارن وانگر هئينءَ، بس هي ٿيڻ گهرجي، هي نه ٿيڻ گهرجي کان سواءِ تو وٽ ڪنهن به ٽين ڳالهه جي اهميت نه هئي. ۽ مان اهو ڄاڻندي به ته محبتن ۾ ماڻهن سوا هڪ ٻئي جي، سڄي دنيا کي ’جيليسيز‘ ڏيندو ۽ وٺندو آهي، ٻئي ڏينهن صبح جو تنهنجي غير حاضريءَ ۾، صبا کي سندس ڪلاس جي ڊگهي دريءَ مان سڏي ان مهل ڪارڊ ڏنو هو جڏهن سيما ۽ شگفته به ساڻس گڏ ويٺيون هيون. ڪارڊ ڏيندي سرٻاٽن ۾ چيو هومانس:
    ’في الحال هن کي نه پڙهجانءِ.‘
    سيما مون کي معنيٰ ڀريل نظرن سان ڏٺو هو. دريءَ تان هٽي ڪارنرس تي ويهي رهيو هئس. تون سيمينار ۾ ڪتاب واپس ڪري اچي وئي هئينءَ. اسان ڪاريڊور مان ايندڙ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي هلڻين، هيئر اسٽائيلن، لباس ۽ ميڪ اپ مٿان تنقيد ڪري مزو وٺي رهيا هئاسون ته، مون کي شدت سان باٿ روم جو خيال آيو هو ۽ مان ذري گهٽ ڊوڙندو هليو ويو هوس. ٽوائلٽ مان ٻاهر نڪتو هوس ته ڏٺو هئم، سيما توسان گڏ ويٺي هئي. ويجهو پهتو هئس ته هوءَ اٿي هلي وئي هئي. تنهنجو موڊ آف هو. منهنجي ويهڻ کان اڳ چيو هيئي کهري آواز ۾:
    ’صبا کي جيڪو ڪارڊ ڏنو اٿئي، واپس وٺينس.‘
    ڪجهه چوان ئي، تو ڪلاس روم جي کليل درِيءَ ڏانهن وڌندي چيو هو:
    ’نه، تون ڇو-؟ مان پاڻ ئي وٺندوس.‘
    دريءَ مان صبا کي سڏي چيو هيئي:
    ’صبا پنهونءَ جيڪو توکي ڪارڊ ڏنو آهي. واپس ڪري.......‘
    صبا وائڙائپ منجهان مون ڏانهن ڏٺو هو، منهنجي چهري تي ڪجهه نه پسي چيو هيائين:
    ’ڪهڙو ڪارڊ........؟‘
    ’ڪارڊ شرافت سان واپس ڪر.‘
    ’مون وٽ ڪوبه ڪارڊ ڪونهي.........‘
    صبا پرس ڪرسيءَ تان کڻي ٻاهر نڪري آئي هئي.
    ’توکي شرم اچڻ گهرجي. نيچ، ذليل، ڪميڻي.........“‘
    تنهنجن گارين جي پڙاڏن تي ڪاريڊور ۾ گهمندڙ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا.
    ’تون مون کي ڀيڻ به چئين ٿي، ۽ مون سان ايڏو وڏو دوکو به ڪرين ٿي......؟.... تو...... تون هن ڀاءُ به چئين ٿي، ۽ ڀاءُ سان عشق به ڪرين ٿي...........؟.......... ٻڏي نه ٿي مرين اهو سڀ ڪرڻ کان...........؟‘
    صبا مون ڏانهن ڀريل ڀريل نيڻن سان تڪڻ لڳي هئي.
    توکي ٻانهن کان وٺي گهلڻ لڳو هوس. مون سان گڏ گهلجندي پرس مان ’ويليم فائيو، جي شيشي ڪڍي هوا ۾ لهرائي چيو هيئي:
    ’ياد رک، جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته منهنجي موت جي ذميدار تون هوندينءَ، تون‘
    صبا، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ميڙ جي وچ ۾ ڪلاس جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي، مون ڏانهن گهوريندي رهي هئي. ۽ مان توکي ٻانهن کان گهليندو سيڪنڊ فلور جي ڪنڊ ۾ وٺي ويو هوس.
    ’توکي اهو سڀ، وچ ڪاري دور ۾ نه ڪرڻ کپندو هو. هر ماڻهوءَ جي عزت هوندي آهي.‘
    ’عزت-؟ اهڙيءَ ذليل ڇوريءَ جي-؟ جيڪا مون سان فراڊ ٿي ڪري؟ جيڪا توکي مون کان کسڻ ٿي چاهي-؟-‘
    ’هوءَ توسان ڪوبه فراڊ نه ٿي ڪري. نه ئي مون کي توکان کسي سگهي ٿي. جيسين مان پاڻ نه چاهيان.‘
    ’تون به ته مون سان فراڊ ڪرڻ لڳو آهين، واعدو ڪرڻ جي باوجود، هن کي ڪارڊ ڏنئي. هن سال ڳالهائين ٿو......‘
    ’مان هن سان رڳو پنهنجا ’رليشنس‘ ختم ڪري ڇڏيا آهن. جن تي توکي سدائين شڪ رهيو آهي.‘
    ’رليشنس ختم ڪرڻ لاءِ ڇا اهو سڀ ڪرڻ ضروري هو؟‘
    ’ها، آخر ۾ مون ضروري سمجهيو.‘
    ’تون فراڊ آهين، فراڊ آهين. تو مون سان دوکا ڪيا آهن، تون مون سان دوکا ڪندو رهيو آهين.‘
    ’ايڏو وڏو الزام نه هڻ، سنجها.‘
    ’مان هڻندوس، ڇو ته تون هن نيچ ڇورا مٽائيندڙ ڇوريءَ جي ڪري، مون سان دوکا ڪيا آهن.‘
    ۽ مان چئي ويٺو هوس: ’تنهنجو، پنهنجي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي.......؟‘
    هڪدم چپ ٿي وئي هئينءَ. بي عزتيءَ جو احساس تنهنجن نيڻن ۽ چپن جي ڪنڊن تي لهي آيو هو. ’سٺو ٿيو ٻڌائي ڇڏيئي. مان ايتري ئي خراب آهيان نه........؟،
    ’خراب اسان سڀ آهيون سنجها. تنهنڪري اسان ڪنهن کي خراب چوڻ جو حق نه ٿا رکون.‘
    ’نه نه خراب رڳو مان آهيان، رڳو مان.‘
    نيڻن ۾ ڀرجي آيل لڙڪ ٽشوءَ سان اڳهندي پرس کڻي وڃڻ لڳي هئينءَ.
    ’ڪيڏانهن.........؟‘
    ’مان خراب آهيان توکي ڪا سٺي ڇوڪري ملي وڃي نه، ته ان سان شادي ڪري ڇڏجانءَ.‘
    ’سنجها..... ڳالهه ٻڌ...... منهنجي ڳالهه ٻڌ، سنجها.......‘
    ۽ تون ويندي رهي هئينءَ. ڪاوڙ جو زهر جسم ۾ ڦهلجي ويو هئم. ڀريل آواز ۾ چيو هئم:
    ’ٺيڪ آهي، مون کي ڇڏڻ ٿي چاهين نه .......؟‘ سمجهي ڇڏيندس ته اسان منزلن جي ڳولها ڪندي، غلط رستن تي ڀٽڪي، هڪ ٻئي سان ملي ويا هئاسون. گڊ باءِ.‘
    ڪاوڙيل ڏند جيان وڃڻ لڳو هوس. تو پٺيان رڙ ڪئي هئي:
    ’پنهون، منهنجي ڳالهه ٻڌ........‘
    مان هلندو ويو هوس. ۽ تون رڙيون ڪرڻ لڳي هئينءَ:
    ’پنهون، پنهون.......... منهنجي..........‘ ڊوڙندي اچي منهنجي ڏوري کان جهلي چيو هيئي:
    ’مان مري ويندوس.‘
    ’مان فراڊ آهيان نه...........؟ هن وقت تائين توسان فراڊ ڪندو آيو آهيان!‘
    ’ڏس مان توکي ٻانهون ٿي ٻڌان........ مان مري ويندوس.‘
    اندر ئي اندر آٺر جي ويو هوس. جڏهن به مون کي هٿ ٻڌا هيئي، پاڻ کي ڏاڍو ڪريل محسوس ڪيو هئم. ڇو ته مان دنيا جي هر عورت لاءِ ڪهڙا به غلط احساس ڇو نه رکندو هجان، پر ساڳي وقت پنهنجي ماءُ جو تقدس به پسندو آهيان. آڱرين سان تنهنجا لڙڪ اگهي ڇڏيا هئم. ۽ پاڻ مسلسل هڪ ٻئي جي ڀرسان هلندي به، اڪيلا اڪيلا، چپ چپ، ڄاتل سڃاتل رستن مٿان اجنبين جيان هلندا رهيا هئاسون. پوءِ تو ٻانهن ورائي منهنجي چيلهه ۾ وڌي هئي ۽ ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي هئينءَ. پر مان سڌو ئي سڌو هلي رهيو هوس. منهن ۾ ڏسندي چيو هيئي: ’مون ڏانهن ڏس.....؟‘ هڪ نظر تنهنجي چهري تي اڇلي منهن ڦيري ڇڏيو هئم: چيو هيئي: ’ڏس نه..............؟‘ تنهنجن نيڻن ۾ نهاريو هئم. چيو هيئي: ’ناراض آهين؟‘
    ’نه‘
    ’مون ڏانهن ڇو نه ٿو..............؟‘
    ’ڏسان ته پيو.‘ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندي هلڻ لڳا هئاسون. ۽ مرڪ ٻنهين جي چپن تي سري آئي هئي. هميشه جيان تالو مون کوليو هو ۽ ڪنڍي تو. سڀئي آواز ٻاهر رهجي ويل هئا. ان ڏينهن تو مون کي ڏاڍو پيار ڪيو هو، نيڻن تي، نڪ تي، چپن تي، ڪلهن تي ۽ سيني تي. پهريان هلڪيون هلڪيون ’ڪسِس‘ پوءِ هلڪا هلڪا چڪ. آخر ۾ ڇتوڙ نموني چڪ پائي، چرين جيان چيو هيئي:
    ’تون منهنجو آهين.‘
    ’رڳو منهنجو آهين.‘
    ’منهنجو آهين.‘
    ’منهنجو آنهه.....‘
    .منهنجو..........‘
    ’منهن...‘
    .ممه........‘
    ..........۽ ڪجهه دير اڳ اسان ٻنهين جي وچ ۾ کڙو ٿي ويل اجنبيت جو گرم ۽ سخت احساس هوريان هوريان ڍرو پئجي ويو هو. ٻئي نستا ليٽي، ڇٿ ۾ گهورڻ لڳا هئاسون.
    ڪارڊ، جيڪو هڪ ڏينهن اڳ مون صبا کي ڏنو هو تنهن جي اڳين حصي تي، ڳاڙهي تر ۾ اڇن اکرن سان لکيل هو: ‘Sorry’ ڪارڊ جي پٺيان لکيو هئم:
    ’صبا- نه مان توسان ملندس، نه تون مون سان ملڻ جي ڪوشش ڪج. جيڪڏهن ڪٿي ملي به وڃون ته اسان جي چهرن تي سواءِ اجنبيت جي ٻيو ڪوبه احساس نه هئڻ گهرجي. (منهنجو ’رموٽ‘ ڪنٽرول سنجها جي هٿ ۾ آهي.)- روبوٽ
    اهوئي ڪارڊ هو، جنهن لاءِ تو ايڏي واويلا مچائي هئي. صبا جي ڀري ڪاريڊور ۾ بي عزتي ڪئي هئي. هوءَ سڀ ڪجهه ٻڌندي به رات جي پوئين پهر وهندڙ ڪنهن ماٺيڻي نديءَ جيان چپ چاپ مون ڏانهن ڏسندي رهي هئي. نيڻن ئي نيڻن ۾ چوندي رهي هئي: (اهو سڀ تون آهين؛ آزمائي وٺ جيترو آزمائي سگهين.)
    صبا کي تو پنهنجو ڪامپليڪس بڻائي ڇڏيو هو. اٿندي ويهندي، خوابن ۾ به. مان صبا لاءِ سوچڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ تو شروع ڪري ڇڏيو هو. هوءَ مون کي ياد به نه هوندي هئي ۽ تون مون کي ياد ڏياري ڇڏيندي هـئين. اصل ۾ صبا ذهني طور تنهنجي ذهن تي ’ڊامينيٽ‘ ڪري وئي هئي . ڪجھ نه هوندي به، تو هن کي گھڻو ڪجھ بڻائي ڇڏيو هو. تو صبا کي ايترو ته پنهنجي مٿان سوار ڪري ڇڏيو هو. جو هوءَ هرو ڀرو منهنجي خيالي محبوبا ۽ تنهنجي دشمن بڻجي وئي هئي. انهي. ڳالهه تان روز وڙهڻ لڳا هئاسون. ڪلاس ۾، رستن مٿان ۽ گھر ۾، تو کي هميشه صبا جي ذڪر کان روڪيندو هوس. ۽تون وڌيڪ شڌت سان هن لاءِ ڳالهائڻ لڳندي هئينءَ. صبا، منهنجي تو پاران مڙهيل، نه ختم ٿيندڙ ڪهاڻي بڻجي پئي هئي. هڪ ڀيري ته تو هن جو ايترو ذڪر ڪيو جو مان ايبنارمل ٿي ويو هوس. ان ۾ تنهنجو ڏوهه نه هو. توکي احساس هو ته هوءَ تو کان وڌيڪ ’اٽريڪٽو‘، ’سيڪسوئل‘ ۽ اسٽائلش هئي. ۽ مون کي پهريون ڀيرو شدت سان احساس ٿيو هو ته تنهنجي ’بولڊنيس‘ اصل ۾ تنهنجي اوڻائين جو ’ماسڪ‘ هئي. توکي پاڻ تي ويساهه نه هو، تنهنڪري تون مون تي به ويساهه ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ صبا تنهنجي لاءِ هڪ ذهني عذاب بڻجي وئي هئي. منهنجي ڪري صبا جو وچ ڪاريڊور ۾ اپمان ٿيو هو، جنهن جو مون کي ڏک هو. چاهيو هئم سندس گهر وڃي معافي وٺڻ پر تنهنجو مانُ ٽوڙڻ نه ٿي چاهيم. ڇو ته مون توسان سمورين سچاين سان محبت ڪئي هئي. تڏهن ئي ته مون کي تنهنجا سمورا ’ڪامپليڪس‘ تنهنجي سونهن جو حصو لڳندا هئا. تڏهن ئي ته مان پنهنجي سموري ’سوشل لائيف‘ کي الوداع چئي ڇڏيو هو. تنهنجو رويو منهنجي هر دوست سان ڪيڏو ڪڙو هوندو هو؟ منهنجن دوستن کي تو سدائين پنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾، ٿوهر جي نه ٽٽندڙ ديوار سمجهيو هو. نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا، منهنجن دوستن کي منهنجي آڏو نيچ بڻايو هيئي. پر پوءَ به هنن مون وٽ اچڻ نه ڇڏيو هو. ها، هنن اچڻ گهٽائي ضرور ڇڏيو هو. هڪ ڀيري علي، ڪراچيءَ مان ڪهي مون سان ملڻ آيو هو. پاڻ فائينل جي ڪلاس ۾ ويٺا هئاسون، هن کي ڏسندي ئي تنهنجو موڊ خراب ٿي ويو هو. پوءِ به جڏهن هو نه اٿيو هو ته هن کي کليل لفظن ۾ نڪري وڃڻ لاءِ چيو هيئي. ۽ هو نڪري وڃڻ بدران مرڪڻ لڳو هو. مان هن سان گڏجي وڃڻ لڳو هوس ته تون ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي هٿ ۾ جهليل ننڍڙي ڪينچي پوري سگهه سان مون ڏانهن اڇلائي هئي. ڪينچي هوا ۾ اڏامندي منهنجي ڪنڌ کان اڏرندي وڃي دروازي ۾ کتي هئي. ويٺل ڇوڪرين کان رڙيون نڪري ويون هيون. ٻاهر نڪتا هئاسون ته علي مرڪي چيو هو: ’تنهنجي محبوبا ۽ منهنجا زال ۾ ڪوبه فرق ناهي. اصل ۾ اسان جون زالون ۽ محبوبائون اسان جن دوستن کي پنهنجون پهاڄون ٿيون سمجهن.‘
    پوءِ جڏهن ڪراچي هليا هئاسون ته ٽئين ڏينهن عليءَ جي ئي گهر رهياهئاسون!
    ريڊيو تي توکي نيوز ڪاسٽر جي نوڪري ملي وئي هئي. تون مهيني جا آخري ٻارهن ڏينهن شام جو ريڊيو وڃڻ لڳي هئينءَ، مان اڪثر تو وٽ ايندو هوس. توهان جي نيوز سيڪشن ۾ منهنجو دوست ظهير به ساڳين ڏينهن تي نيوز ٽرنسليٽ ڪندو هو. تون هن جي خاندان کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندي هئينءَ. هڪ ڀيري حيرت مان چيو هيئي:
    ’يار، ڪمال آهي......... ظهير چڱي امير خاندان جو آهي. پوءِ به ٽن سؤن جي لاءِ ٽاڪ منجهند جو ڪٿان کان ڪهي ٿو اچي......؟‘
    هڪ ئي سيڪشن ۾ ڪم ڪرڻ سبب، تون ظهير سان فري ٿي وئي هئينءَ. ۽ تنهنجي، منهنجن ٻين دوستن جيان بيحد عزت ڪرڻ لڳو هو. جنهن ڏينهن تو وٽ اچي نه سگهندو هوس، ظهير توکي ريڊيو جي گيٽ تان رڪشا پڪڙي ڏيندو هو. ۽ مان بي اونو ٿي ويو هوس. ڇو ته مان چاهيندو هوس ته توکي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچي. ظهير جيترو قدآور ۽ سمارٽ هو، اوترو ئي سڀاءُ جو سلڇڻو.
    منهنجي انهيءَ ناردمُني دوست، جنهن کي تو منهنجي جاسوسيءَ تي لڳائي ڇڏيو هو ۽ جيڪو پنهنجا فرض، ڪنهن پگهاردار جاسوس جيان نڀائي رهيو هو، جنهن توکي اهو چئي مون کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ چيو هو: ’جيڪو شخص پنهنجي ماءُ سان سچو ناهي، سو ڀلا توکي ڪهڙي سچائي ڏيندو.‘ ۽ جنهن. شروع شروع ۾ ظهير کي تنهنجي لاءِ چيو هو، ’اڙي يار، مان سنجها کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. وڏي چڪر باز ۽ فلرٽ آهي. ڏسجانءِ هڪ ڏينهن پنهونءَ کي ڇڏي هلي ويندي.‘ نه مان پنهنجي ماءُ سان نفرت ڪندڙ هوس، نه، ئي تون چڪر باز هئينءَ. اها ناردمُنيءَ جي عورت ۽ دوستيءَ جي باري ۾ محدود ’اينالائيسس‘ هئي. پر مان اڄ به کيس هڪ سٺي چترڪار ۽ ٻن شريف ماڻهن جي وچ ۾ جهيڙو ڪرائي، صفائيءَ سان گم ٿي ويندڙ جي حيثيت ۾ مڃان ٿو. ها اهي ٻئي ڳالهيون هن ۾ اتم موجود هيون!
    ناردمُني صبا سان به اڪثر ملندو رهندو هو. ڪنهن ٻڌايو هوس ته صبا انهن ڇوڪرين مان آهي، جيڪي وڏن وڏن ’پريزنٽس‘ تي هرکي پونديون آهن ۽ هن محنت سان ڪمايل پئسن مان صبا کي قيمتي ’پريزنٽس‘ پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. هو اهو ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهيو هو ته عورت ۽ رشوت وٺندڙ باس ۾ ڪوبه تعلق نه هوندو آهي.
    ڪراچي ويو هئس. ساڳئي ئي ڏينهن تي ڪنهن پهر، صبا به ڪراچي هلي وئي هئي. اهڙي سڌ توکي نارد مُني ڏئي ڇڏي هئي. جنهن ڏينهن واپس آيو هئس. ان رات جي ڪنهن پهر صبا به واپس اچي وئي هئي. اهڙي سڌ به توکي ناردمُني پنهنجو فرض سمجهي پهچائي هئي. توسان مليو هوس. تنهنجن نيڻن ۾ ساري جڳ جو درد ڀريل نظر آيو هئم. پاڳلن جيان مون کي ڏسڻ لڳي هئينءَ. ڪجهه به سمجهي نه سگهيو هوس. چاهيو هئم توسان ڳالهائڻ، پر تو سواءِ گهورڻ جي ڪجهه به نه ڳالهايو هو. ۽ مان واپس هليو آيو هوس. ٻيءَ رات نارد مُني سهڪندو سهڪندو مون وٽ آيو هو. چيو هئائين:
    ’يار وڏو چڪر ٿي پيو هو. وڏي محنت سان معاملي کي سنڀاليو اٿم‘ ڪنهن اڻ ڄاتل خطري جو احساس ٿيو هئم. چيو هئائين: ’منجهند جو اتفاق سان صبا ۽ سنجها، راحت حسين وٽ ملي ويون هيون. ٻنهين ۾ سخت ڏي وٺ ٿي هئي. اهو ئي راحت حسين جيڪو مون کي بنهه ڪونه وڻندو هو. سندس چهرو به ڪيڏو نه ڀيانڪ هو.....؟ جنهن جي آفيس ۾ سڄي شهر جا جوڙا اچي رومانس ڪندا هئا ۽ هن کان پنهنجا مسئلا حل ڪرائيندا هئا. جيڪو پاڻ کي وڏو پامسٽ، سيڪالاجسٽ ۽ ائسٽرلاجيءَ جو ماهر سمجهندو هو. سندس چواڻي، هو اڄ تائين ٽيهه عشق ڪري چڪو هو. پر مون کي حيرت هئي ته هو پنهنجي اڪيلي زال کي به ’سيٽسفاءِ‘ ڪري نه سگهيو هو. هوءَ کانئس گهڻا سال اڳ طلاق وٺي چڪي هئي. کيس سڄي شهر ۾ ۽ خاص طور تي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ عشقن جي گهڻي سڌ هئي. تون، مون کي به ڪيترا ڀيرا هن وٽ وٺي هلي هئينءَ، پر مان ڪڏهن به هن جي پيرن ۾ پاڻ وڇائڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. ڇو ته مون ڪڏهن به ڪنهن ٽئين کي پنهنجي ذاتي معاملي ۾ داخل ٿيڻ جو حق نه بخشيو هو. هميشه چاهيو هئم. جو ڪجهه به اسان ٻنهين جي وچ ۾ ٿئي. اسان تائين محدود رهي. پر تون هر سڃاتل جي آڏو منهنجي ۽ صبا جي شڪايتن جي بٽالين کي کڙو ڪري، مارچ پاسٽ ڪرائڻ لڳندي هئينءَ، جيڪي تنهنجا پنهنجا پيدا ڪيل خوف هئا. ان وقت مون کي تو مٿان ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. پر تون پنهنجي هر علظ عمل کي حق سمجهي استعمال ڪندي هئنيءَ ۽ منهنجي هر صحيح عمل کي ظلم چئي رد ڪري ڇڏيو هيئي. ناردمُنيءَ ٻڌايو هو: راحت حسين وٽ، توهان ٻنهين ۾ سخت ڏي وٺ ٿي هئي، ۽ منهنجي لاءِ چيو هيئي: پنهون.....؟ جنهن وٽ هڪ پينٽ هڪ شرٽ کان سواءِ آهي ڇا.......؟ جنهن کي مان جڏهن چاهيان، ڇڏي سگهان ٿي. ۽ هن ڪنگلي کي مون کان سواءَ ’لفٽ‘ ڏيندو به ڪير؟ ناردمُنيءَ اهو به ٻڌايو هو ته تنهنجن انتها جي گارين ۽ الزامن کي پوءَ صبا ٻارن جيان روئي پئي هئي. اها تنهنجي ظلم جي انتهائي هئي سنجها؛ نه ته صبا انهن مان هئي، جن جي اندر ۾ ڏک جا هزارين وائلن ڇو نه وڃي پون، پر لڙڪ ڪڏهن به سندس پنبڻين جي سرحدن کي پار ڪري نه سگهندا آهن.
    اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ ڏک جو ٻاٻر دونهون اندر ئي اندر منهنجي ساهه کي گهٽڻ لڳو هو. صبا اوچتو گن پوائنٽ تي اچي ويل بي گناهه ڇوڪري لڳي هئي. نارد مُني ويندي ويندي مون کي تنبيهه ڪري ويو هو، ’سڀاڻي شام جو تون مون کي ريڊيو اسٽيشن ٻاهران ضرور مل. ۽ خدا جي واسطي، سنجها توکي ڪجهه به چئي، جذباتي نه ٿجانءِ، ڇو ته هن کي سخت ڏک ۽ ڪاوڙ آهي.‘ ۽ مان سڄي رات سمنڊ جيان ڇلندي گذاري ڇڏي هئي.


    5

    ناردمُني ۽ مان ريڊيو جي گيٽ وٽ تنهنجو انتظار ڪري رهيا هئاسون. تون ڊيوٽي ختم ڪري ريڊيو جي گيٽ مان کنڊر چهري سان نڪتي هئينءَ. ۽ نستين وکن سان اسان ڏانهن اچڻ لڳي هئينءَ. منهنجي آڏو اچي ائين ڏٺو هيئي، ڄڻ مون تنهنجن ڏنل محبت ۾ پرپُٺ زهر ملائي ڇڏيو هو.
    چپ چاپ هلندا ’حلال احمر‘ جو گيٽ کولي ننڍڙي پارڪ ۾ ويهي رهيا هئاسون. ڪاوڙ ۽ ڏک منهنجي سيني ۾ اليڪٽرڪ ڪٽر ۾ اوچتو اچي، ٻه اڌ ٿي ويل هٿن جيان ڦٿڪي رهيا هئا. آخر تون اسان جي وچ ۾ هڪ ٻاهرين کي گهلي آئي هئينءَ؟ نارد مُني ڪير ٿيندو هو اسان جي محبت ۽ دکن جي وچ ۾ پُل بڻجڻ وارو........؟ توکي هميشه چيو هئم، ’سنجها، تنهنجون ڏنل محبتون ۽ ڏک رڳو منهنجي لاءِ آهي. ان ڪري انهن تي رڳو منهنجو حق آهي. انهن جو اظهار ٻين آڏو ڪرڻ، معنيٰ تنهنجن ڏنل مقدس جذبن جا وچ روڊ تي ڪپڙا ڦاڙڻ آهن. ۽ توکي به منهنجن ڏنل جذبن جو احترام هئڻ گهرجي. ’پر فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾، ان کان پوءِ راهت وٽ پوري آواز سان صبا ۽ مون مٿان الزامن جي پٿر بازي، ۽ ان مٿان نارد مُنيءَ کي وچ ۾ آڻي تون منهنجن ڏنل محبتن ۽ دکن جا وچ روڊ تي هڪ ئي سٽ ۾ سڀئي ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا.
    نارد مُنيءَ جي شڪي ڳالهين توکي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو هو. تون خيالن ۾ مون کي پاڻ کان الڳ ٿيندي ڏسي يا سمجهي. پاڻ کي ’ان سيڪيوئر‘ بڻائي ڇڏيو هو ان جي بچاءُ ۾ تون هر وک بنا سوچڻ جي کڻندي هلي وئي هئينءَ. اسان ۾ ويڇن جو بنياد رکڻ وارو نارد مُني هو، جنهن جي سڌ مون کي ته اڳ ئي پئجي وئي هئي، پر توکي نه. تو سدائين هن کي پنهنجو همدرد ڄاتو هو. مڃان ٿو هو تنهنجو همدرد هو، پر اهڙو همدرد جيڪو رڻ مان موٽي آيل ماڻهوءَ کي گلوڪوز جي گلاس ڀري ڏي، پر ان ۾ سائنائيڊ جا ٻه ٽي ڦڙا وجهڻ نه وساري. تون مسلسل مون ڏانهن گهوري ريهي هئينءَ، ڀريل نيڻن سان. جن ۾ آخر تائين منهنجي خلاف ’سلوگنز‘ لهرائي رهيا هئا. شروعات ڪرڻ نه ٿي چاهيم. مون ڳالهائڻ ئي نه ٿي چاهيو. سڌ هيم ته منهنجي زبان مان هڪ لفط به ٿڙيو ته هر ڏسا ڌنڌ چانئجي ويندو ۽ سڀ ڪجهه وڃائجي ويندو. نارد مُنيءَ چيو هيئي: ’ڏس هي تو وٽ اچي ويو آهي.‘
    تنهنجن نيڻن ۾ منهنجي خلاف لهرائيندڙ ’سلوگنز‘ وڌيڪ گهرا ٿي ويا هئا. نارد مُنيءَ چيو هو: ’توهان کي ڳالهائڻ گهرجي......‘ ڄڻ پيٽرول جي ٽانڪيءَ کي ڪنهن تيلي ڏيکاري ڇڏي هئي.
    ’اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان بهتر هيئي مون کي ماري ڇڏين ها. تون......... تون منهنجين سمورين ڏنل محبتن کي ’ڊسٽ بن‘ ۾ اڇلي هليو وئين..........؟ هن ٽڪي جي ڇوريءَ سان راتيون گذارڻ لاءِ.......؟ راتيون....... گذارڻ........؟ توکي پنهنجي سنجها جو به خيال نه ٿيو....... رتيءَ برابر به نه.........؟ انهن ڏينهن لاءِ سچايون ڏنيون هيئي.......؟ انهن ڏينهن لاءِ..........؟ مان مري ويندوس پنهون، مان مري ويندوس.‘ تنهنجن نيڻن ۾ لهرائيندڙ سمورا ’سلوگنز‘ لڙڪن جي سيلاب ۾ لڙهي ويا هئا. لڙهڻ لڳا ها.
    ’غلط آهي اهو سڀ.‘ لفظ زبان مان ڦٽڪي نڪتا هئم. رڙ ڪري چيو هيئي:
    ’غلط ناهي، صحيح آهي، تون هن سان گڏجي ڪراچيءَ ويو هئين. هن سان گڏ ڪراچيءَ مان واپس موٽيو آهين. هن ذليل ڇوريءَ سان. تون ڇا ٿو سمجهين.... آئون ايڏي بيوقوف آهيان.....؟‘ طنز تنهنجن چپن تي ڪنڊن تان سمڻ لڳو هو ۽ نيڻن ۾ ڌڪار.
    ’اها ئي ته وڏي ٽريجڊي آهي.‘
    ’ها ها، مان بيوقوف آهيان. تڏهن ايڏو وڏو دوکو ڏنو اٿئي.‘
    ’تون منهنجين محبت جي انتهائي تائين ڪڏهن به پهچي نه سگهنديئنءَ، تون........... مون کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهي آهين--‘
    ڪاروڙ جي اُس مٿان ڏک جي شام ڦهلجي وئي هئي. ۽ سڀ ڪجهه سرمائي ڌنڌ ۾ ڌنڌ جي خواب بڻجي ويو هو. لڙڪ، آواز ۽ جسم سان گڏ ڌڏي ويا هئا. ڪجهه به چوڻ کان سواءِ، جهرندڙ جيءَ سان اٿي بيٺو هئم. مون سان گڏ تون ۽ نادر مُني اٿي بيٺو هو. مئل آواز ۾ چيو هيئي: ’مان سڀاڻي ايندس، انتظار ڪندين.........؟‘ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي، وک وک ڊهندو هليو ويو هوس. نه چاهيندي به منهنجا پير، صبا جي گهر ڏانهن گهلجي ويا هئا.
    مون کي ڏسندي صبا جي چهري تي پرهه ڦهلجي وئي هئي. چيو هئائين؛
    ’اڄ منهنجي دل چيو پئي، تون ضرور ايندين.‘
    ’ڇو.....؟‘
    اڪيلي صوفيا تي ويهي رهيو هوس.
    ’توکي سنجها ملي آهي........؟‘
    ’نه.‘ صبا سان ڪوڙ ڳالهايو هئم. ۽ هن سڪون جي ڊگهو ساهه کڻي چيو هو.
    ’شڪر آ‘
    ڇو........؟‘
    ’خبر ٿئي ڪالهه ڇا ٿيو هو....؟‘
    ’ڇا ٿيو هو....؟‘
    ’تون پورن ٽن مهينن کانپوءِ آيو آهين.‘
    ’ڪالهه ڇا ٿيو هو.........؟‘
    ’تنهنجو نارد مُني دوست مون کي راحت حسين وٽ وٺي ويو هو. اهو چئي ته راحت حسين مون کي گهرايو آهي.‘
    ’پوءِ؟‘
    ’مون کان اڳ سنجها ويٺي هئي. ۽ مان سمجهي وئي هيس ڪجهه غلط ضرور آهي.‘
    ’هون..........؟‘
    راحت حسين مون کي چيو ’مان توکي پنهنجين ڌئين وانگر سمجهندو آهيان.‘ چپ چاپ ٻڌندي رهي هيس، پوءِ چيائين: ’مون کي صاف ٻڌائي ڇڏ، تون پنهونءَ لاءِ ڪهڙا احساس ٿي رکين؟‘ چيومانس: ’سر، هو ڏاڍو سٺو آهي، بي انتها. منهنجي دل، ۾ هن لاءِ بي انتها عزت آهي.‘ چوڻ لڳو: ’تون هن سان ڪراچيءَ ۾ گهڻا ڏينهن رهي هئينءَ؟‘ ڏاڍي حيرت لڳي هئم ته تون ۽ مون سان گڏجي ڪراچيءَ هلندين.......؟ اهڙي منهنجي قسمت ڪٿي. چيومانس: ’سر، آئون ڪراچي وئي ته هيس، پر اڪيلي ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي گهر رهي هيس. پر مون سان گڏ، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه هو--‘ سنجها مسلسل مون کي گهوري رهي هئي. سندس چهرو باهه جو الو بڻجي ويو هو. رڙ ڪري چيائين: ’هيءَ بڪواس ٿي ڪري، ڪوڙ ٿي ڳالهائي. سر، هن منهنجو جيئن حرام ڪري ڇڏيو آهي. هن ذليل ڇوريءَ. مون کان منهنجو سڀ ڪجهه کسي ورتو آهي. هيءَ پوريون ٽي راتيون، هن سان گڏ سمهي آئي آهي. هن ڇوريءَ جو سواءِ ٻين جا گهر ڦٽائڻ جي ڪوبه ڪم ناهي، خدا سندس سڪون برباد ڪيو آهي. ’سنجها ايڏو زور سان ڳالهايو هو، جو آفيس جا سڀئي ملازم ڪٺا ٿي ويا هئا. ۽ مان زندگيءَ ۾ ٻيو ڀيرو پنهنجن لڙڪن تي ڪنٽرول ڪري نه سگهي هيس. مون کي سمجهه ۾ اڃا به نه ٿو اچي ته سنجها مون تي ايڏو وڏو الزام ڇا لاءِ مڙهي ڇڏيو آهي....؟ ۽ ها جڏهن سنجها چيو: ’اهو پنهون؟ جنهن وٽ هڪ پينٽ ۽ هڪ شرٽ کان سواءِ آهي ڇا... جنهن کي مون کان سواءِ چاهيندو ڪير.....؟‘ تڏهن منهنجي دل چاهيو هو ته چئي ڇڏيانس. مان؛ مان هن کي چاهيو آهي، مان هن کي چاهينديس. پر منهنجي اندر ۾ ڀرجي آيل دک ۾ منهنجا لفظ ٻڏي ويا هئا. رڳو ايترو چئي سگهي هئم، ’سر، اهو الزام آهي.‘ سنجها مون کي ٻيهر پوري سگهه سان ذهن تي تري آيل گاريون ڏيڻ لڳي هئي. ايتريون گاريون، جو راحت حسين به کيس ڇنڀي ڇڏيو هو ۽ سنجها اهو چئي ته، ڪوئي به سندس ڪونهي، روئندي وڃڻ لڳي هئي. نارد مُنيءَ کيس ٻانهن کان روڪي جذباتي لهجي ۾ چيو هو: ’توکي پنهونءَ کي ناهي ڇڏڻو.‘ اسان ٻئي الائجي ڪيتري دير روئينديون رهيون سين. اسان کي راحت حسين ڏاڍو سمجهايو هو. مان سنجها سان ان شرط تي پرتي هيس ته هوءَ اڳتي ڪڏهن به ٻين جي آڏو تنهنجي بي عزتي نه ڪندي ۽ سنجها مون سان ان شرط تي ڳالهيون آهي ته مان هاڻ ڪڏهن به توکي لفٽ نه ڏيندس.‘
    ’تمام سٺو‘ اتي وڃڻ لڳو هوس.
    ’ڪيڏانهن.......؟‘
    ’سنجها سان واعدو ڪري چڪي آهين.‘
    ’پر منهنجي ڳالهه ته ٻڌ، جان.‘
    ’چئو.‘
    ’ويهه.‘
    ويهي رهيو هئس. صبا منهنجي کيسي مان سگريٽ جو پيڪيٽ ڪڍي سگريٽ چپن جي ڪمان ۾ ڪشي، چيو هو: ’پابنديءَ سان پيئڻ لڳو آهين؟‘
    ’ڪڏهن ڪڏهن خواهش ٿيندي آهي، بي حساب پيئڻ تي.‘ ماچيس ڏانهنس وڌائيندي، مون به سگريٽ چپن ۾ ڀڪوڙي ڇڏي هئي. صبا، پهرين پنهنجي، پوءِ منهنجي سگريٽ ساڳي تيلي سان دکائي هئي. ’تون مون کي سگريٽ پيئڻ کان روڪيندو ڇو نه آهين؟‘
    ’تنهنجو پپا ڪٿي آهي؟‘
    ’ڏيالداس ويو آهي، ٻه ڪلاڪ پيا آهن، سندس اچڻ ۾.‘
    ’۽ تنهنجو ڀاءُ........؟‘
    ’ڇڏينس.‘
    ’تون مون کي، سگريٽ ڇڪڻ کان ڇو نه روڪيندو آهين.؟‘
    ’تون ان ڪري منهنجي آڏو پيئندي آهين ڇا......؟‘
    ’هو و نم...... نه.‘
    ’تو تي هروڀرو جي پنهنجائپ وارو پوز هڻڻ نه چاهيندو آهيان. توکي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، تون پيئن ٿي.‘
    ’ضرورت؟-- ضرورت ته مون کي ٻين شين جي به پئي ٿي.....؟‘
    ’مثلن.........؟‘
    ’ڇا، هر ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي؟‘ صبا جي نيڻن ۾ ڪجهه لهي آيو هو. مون وات ۾ ڀرجي آيل دونهين کي زبان جو ڏر ڏئي، سيني ۾ لاهي پوريءَ سگهه سان هوا ۾ اڏاري ڇڏيو هو. مرڪي چيو هئائين:
    ’تون ئي ٻڌائي.......؟‘
    ’ڇا ٿو چئي سگهان؟‘
    ’سڀ کان وڏو انگ هوندي به، تو پاڻ کي زيرو بڻائي ڇڏيو آهي.‘
    ’زيرو اهو انگ آهي مس صبا، جيڪو جنهن به انگ جي آڏو لڳندو آهي ته ان انگ جو ملهه وڌي ويندو آهي.‘
    ’اڄ توکي ياد ڪيئن آئي آهيان؟‘
    ’ڏسڻ آيو هوس.‘
    ’ڇا......؟‘
    ’هڪ عورت جو عورت سان ڪيل واعدو ڪيترو سچو آهي.‘
    ’ان جي معنيٰ سنجها سان ملي آيو آهين.......؟‘
    ’هون‘
    ’توکي سنجها ڇا ٻڌايو آهي.......؟‘
    ’ڪجهه به نه.‘
    ’پهريون ڀيرو عقل کان ڪم ورتو اٿئي.‘
    ’نه، بيوقوفيءَ کان.‘
    ’تون هر ان ڳالهه کي بيوقوفي ۽ بي ايماني سڏيندو آهين، جيڪا منهنجي سڪون جو سبب بڻبي آهي.‘ صبا اٿي اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺي هئي.
    ’سنجها منهنجي محبت جي انتها آهي.‘
    صبا رڻ نيڻن سان مون ڏانهن ڏسي هلڪو ڪنڌ ڌوڻي ٻاهر نڪري وئي هئي. واپس آئي هئي ته سندس هٿن ۾ چانهه هئي. هن ڪوپ منهنجي آڏو رکيل ٽيبل تي رکندي چيو هو:
    ’تو کي مون سان ڪراچي هلڻو پوندو.‘
    ’ضروري آهي......؟‘
    ’ها‘
    ’ڇو؟‘
    ’الزام ته هونئين لڳي چڪو آهي، توسان گڏ سمهڻ جو.‘
    ’ڪوڙ کي سچ ثابت ڪرڻ ٿي چاهين؟‘
    ’منهنجي خواهش توسان گڏ رڳو ڪراچي هلڻ جي آهي.‘
    ’رهنداسين ڪٿي.......؟
    ’جتي تون رهائيندين.‘
    ’۽ جي ڪجهه ٿي وڃي ته.....؟‘
    ’ڇا ٿو فرق پئي؟‘ چوندي صبا جو آواز ترندي ترندي ٻڏي ويو هو.
    ’پاڻ کي بدنام ڪرائڻ ٿي چاهين.....؟‘
    ’بدنامي؛ اڃا ڪنهن ٻي شيءَ جو نانءُ هوندو آهي ڇا؟‘
    ’تو وٽ سنجهان ڪيل زيادتين جي معافي وٺڻ آيو هوس.‘
    ’تنهنجي ناءُ تي مليل هر ذلت، مون کي هاڻ اعزاز محسوس ٿيڻ لڳي آهي.‘
    ’اڄڪلهه، تنهنجي پٺيان ميراڻي به چريو لڳو پيو آهي؟ ايترو هينڊسم، ايترو فٽ، ايڏو قدآور، ڊانسر، بهترين سائيڪلسٽ ۽ ٻيو به الائجي ڇا ڇا.....؟‘
    ’مون کي ٻارن پالڻ جو شوق ڪونهي.‘
    ’ميراڻي توکي ٻار ٿو لڳي.......؟‘
    ’جنهن ماڻهوءَ ۾ ’آءِ لو يو‘ چوڻ جيتري ’ڪريج‘ به نه هجي. تنهن سان ڀلا رومانس ڪهڙو؟‘
    ’۽ نارد مُني........؟‘
    ’تنهنجي ان دوست جي ڏاڍي عزت ڪندي هئس. پر مون کي محسوس پيو ٿئي هن سڄي فساد جي جڙ اهو شخص آهي.‘
    ’ڪيئنءَ--؟‘
    ’جڏهن ڪراچي پئي ويس ته ان شخص مون کان پڇيو هو. اهو به نه واپس ڪڏهن ايندس.....؟ راحت حسين وٽ سڄو چڪر سندس ئي هلايل هو. تون ان شخص کان هوشيار رهجانءِ.‘
    ’اهو سڀ، هن جو تو سان پيار جو رد عمل آهي.‘
    ’ماءِ فوٽ.‘
    ’۽ هن جا پريزنٽز--؟‘
    ’مون نه ورتا هئامانس، ناهيد کي ڏئي ويو هو.‘
    ’ناهيد؟‘
    ’ها ئي بليڪي........؟‘
    ’انگلش واري..........؟‘
    ’ها.‘
    ’جنهن جا روز نوان ’ريومرس‘ فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊورز ۾ ڊوڙندا وتندا ها........؟‘
    ’جناب.‘
    ’اڄ ڪلهه ڪنهن سان آهي؟‘
    ’ڪوئي پنهور ڇوڪرو آهي. هڪ وڏي آرڪيٽيڪٽ جو پٽ آهي. ڇوڪرو کانئس سال ننڍو آهي.‘
    ’اهو ئي، جيڪو ايتري ننڍي عمر ۾ هيروئن جو استعمال ڪندو آهي. ۽ پنهنجي عمر کان وڏو نظر ايندو آهي.....؟‘
    ’تون ڪيئن سڃاڻينس.......؟‘
    ’هن جو پيءُ آرڪيٽيڪٽ کان وڌيڪ، انٽليڪچوئل ۽ انگريزيءَ جي اسڪالر جي حيثيت ۾ مشهور آهي.‘
    ’اڇا-؟‘
    ’هن سان گهڻا ڏينهن رهندي؟‘
    ’شاديءَ جو پروگرام اٿن. ڇوڪرو عمر ۾ ننڍي هئڻ سبب کانئس ’ڊپريس‘ رهندو. ۽ وڏي ڳالهه اها ته ڇوڪري وٽ اهو سڀ ڪجهه آهي جنهن جي ناهيد کي ڳولها هئي.‘
    ’توکي به ته اهڙي ئي امير جي ڳولها آهي نه؟‘
    ’اهڙا ماڻهو رڳو شادي ڪرڻ لاءِ بهتر ثابت ٿيندا آهن.‘
    ’۽ رومانس--؟‘
    ’تو جهڙن سان ڪري، مڪمل لطف وٺي سگهجي ٿو. تو جهڙا جيڪي زندگيءَ، موت، ڏک سک کان سواءِ، سيڪس ۽ محبت کان پوءِ ايندڙ تباهڪارين بابت به ڪڏهن سامهون واري کي ڏسي، ڪڏهن پولارن ۾ گهوري، لفظن جا خواب ناڪ ڪنول تارين ۽ ڪڏهن لفظن جا ڀاري پٿر، هوائن جي سمنڊ ۾ ٻوڙڻ ڄاڻيندا آهن.‘
    ’لفظن جا ’لينڊ اسڪيپ‘ ته تون به سٺا ٺاهي ڄاڻين ٿي؟‘
    ’تو سان ملي، ڳالهائڻ جي سگهه وڌي ويندي آهي.‘
    ’مان هلان ٿو.‘
    ’۽ ڪراچي--؟‘
    ’ساري.‘
    ’ڇا واقعي ايڏي نيچ آهيان؟‘
    ’ڪير تو چئي..........؟‘
    ’هونءَ سنجها چوندي هئي، اڄ تنهنجو رويو ٿو چئي؟‘
    ’آخر، اهو سڀ ڇو ٿي ڪرڻ چاهين......؟‘
    ’تنهنجي ناءُ تي مليل گاريون مون کي ايترو ’رائيٽ‘ ته ڏين ٿيون ته مان توکي هڪ ڀيرو پنهنجيءَ مرضيءَ سان ڪنهن به طرف وٺي وڃڻ جو پورو حق راکن ٿي. هونئن به ماڻهو هاڻ مون کي تنهنجي نالي سان، گهڻو نه ته ٿورو ئي سهي، سڃاڻڻ لڳا آهن.‘
    صوفيا تان اٿي کاٻي پاسي بڻيل ڪٻٽ جي شيشي جا تاڪ کولي، ڪتاب ڏسڻ لڳو هوس.
    ’ٻڌ، توکي راجندر، قرت العين، منٽو ۽ پريم چند وڻندا آهن نه. مان هنن سڀين کي الڳ ڪري رکيو آهي. جيڪڏهن کڻي وڃڻ چاهين ته ڀل کڻي وڃ.‘
    ’پر هي ڪتاب تي تنهنجي مميءَ جا يادگار آهن؟ جيڪي توکي تنهنجي ممي جيترائي پيارا آهن؟‘
    ’الائجي ڇو—تون به مون کي مميءَ جيترو ئي پيارو ٿيندو پيو وڃين.‘
    ’تنهنجو ڳالهيون ذهين ٻارن جيتريون سندر ۽ پياريون آهن.‘
    ’ٿينڪ يو.‘
    صبا پٻن تي بيهي، هٿ ڦهلائي، ڪٻٽ جي مٿئين حصي ۾ الڳ ڪري رکيل ڪتابن جو سيٽ ڪڍي، مون ڏانهن وڌايو هو.
    ’ٻڌ، تنهنجي ممي سهڻي آهي؟‘
    ’هڪدم گريس فل.‘
    ’منهنجي ننڍڙي لاڪون خواهش رهي آهي ته ڪنهن وڏي عمر جي گريس فل ليڊيءَ سان رومانس ڪريان.‘
    ’ڇا مطلب-؟‘
    ’مطلب؟ مطلب ته تنهنجي ممي مون سان رومانس ڪندي؟‘
    ’بڪواس نه ڪر. ڀڄ هتان.‘ صبا پنهنجي چهري پٺيان ڀرجي آيل کل کي روڪيندي چيو هو.
    ’مان سنجيدهه آهيان؟‘
    ’مان توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي، توکي ڪنهن سان به رومانس ڪونهي، سواءِ هن جي.‘
    ’ها ائين ته آهي.‘
    ’اهو سڀ پنهنجي جاءِ تي هميشه قائم رهي. پر اهو به ياد رکجانءِ ته ’سيٽرڊي‘ تي ٻارنهن وڳي مان تنهنجو ڪيفي جارج وٽ انتظار ڪنديس. ۽ مون کي سُڌ آهي ته تون ايترو به مئل ذهن ناهين جو انسان جذبن جو احترام نه ڪرين؟‘
    ’اِهو اُن ڏينهن جي، انهن لمحن تي ڇڏي ٿا ڏيو؟‘
    ’اچي وئي منهنجي ريشمي گڏي.‘
    امڙ جو آواز صبح سان ڪن پيو هئم. رلي هٽائڻ بنائي سمجهي ويو هوس ته، تون اچي وئي آهين. مو اندازو لڳايو هو ته، تو هاڻ امان کي ڀاڪر پاتو آهي. هاڻ چشمو لاهي، ڪلهن تي پيل ڪاري تر سان هلڪن گول گلن واري چادر لاهي ويڙهي آهي. ۽ ناسي لفافي مان، ڪارو روئو ڪڍي چادر لفافي ۾ وجهي ڇڏي اٿئي. ۽ هاڻ، تون منهنجي ويهاڻي جي هيٺيان پيل سيف جي چاٻي کڻندينءَ.... هڪ کن کان پوءِ، تنهنجي هٿ جو گسڪو ويهاڻي جي هيٺان ٻڌو هئم پوءِ سيف کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو ٺڙڪو به. منهنجي ويهاڻي جي هيٺيان تنهنجي هٿ جو گسڪو ٻيهر ٿيو هو. تو ڄاٻي واپس رکي ڇڏي هئي.
    اهو سڀ نه ڏسندي به سمجهي ويو هوس ته. تنهنجو چهرواداسي ۽ گنڀيرتا جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل آهي. ڇو ته هن کان اڳ به گهر ۾ پير پائيندي هئينءَ، ته سڀ کان پهرين تنهنجي ڇڻڪڻين آواز سان چيل ٻول: ’اسلام عليڪم‘ ۽ پوءِ تنهنجا شرارت ۾ ٻڏل ٽهڪ گهر جي هر ونگ ۾ پينگهه ٻڌي لڏڻ لڳندا هئا ۽ پوءِ ورانڊي يا ڪمري ۾ ويٺل يا ستل، مهنجي وڏي ڀاءُ تي جرح ’هن تيليءَ کي ڏسو ...... اڃا تائين ستو پيو آهي؟ اڙي اُٿ خدا جا بندا ڪجهه گهم ڦر. کاءُ پيءُ ته ٿلهو ٿيءُ.... ڀاڄائي، مڙ سنهين کي ڪجهه کاراءِ پيار ته ڏسڻ ۾ اچي....؟‘ ’اڙي تون وري ڪاڏي ٿي ڊوڙندي وتين ڪونج؟‘ منهنجي ننڍڙي ڀائٽيءَ کي ٻانهن ۾ جڪڙي چوندي هئينءَ، ’هان!!؟ هيڏا وڏا ننهن؟ گندي، هنن هٿن سان کائيندي آهين.؟ آئوچ- هاڻي تنهنجن ۽ چاچنهين جي ننهن ڪٽڻ جو ذمو به مون کنيو آهي؟‘ ۽ منهنجي ذڪر سان گڏ ڄڻ اسٽين گن جي پوائنٽ مون انهن ٿي ويندي هئي. ’هن نواب صاحب کي ڏسو.... اڃا تائين ستو پيو آهي.‘ ٻئي کن ۾ منهنجي مٿان پيل رليءَ کي پوري سگهه سان سٽ ڏيندي هئينءَ. جنهن جي مون کي اڳ ۾ سڌ هوندي هئي. تنهنجي ڪري، مان رليءَ کي اندران ئي ٻنهين هٿن سان مضبوط پڪڙي وٺندو هوس. ’آئون چوانءَ ٿي ڇڏ.‘ ۽ منهنجا هٿ رليءَ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي ويندا ها. ’نه ٿو ڇڏين....؟ چڱو بيهه.‘ ڪجهه کنن کان پوءِ، تون سٽ سان منهنجي مٿان رکي لاهي ڇڏيندي هئينءَ. هٿ ۾ ڀريل گلاس ٿورو پاسيرو ڪندي چوندي هئينءَ: ’اٿين ٿو يا.... هاريانءِ؟‘ ۽ آئون ٽهڪن ۾ پئجي ويندو هوس، تنهنجو ڇڻڪڻو ڌمڪي ٻڏل آواز ٻڌي گول کليل نيڻ ڏسي. ’اٿ.... کليل ڇو پيو.....؟ مان ڪو لطيفيو ٻڌايو اٿمانءِ!‘
    اٿندي، وڌيڪ ٽهڪن ۾ پئجي ويندو هوس. مون کي تنهنجي ڪيل رعب تي ڏاڍي کل ايندي هئي ۽ مان تومٿان ڪوڙو رعب ڪڏهن به ڪجهه سيڪنڊن کان وڌيڪ ڪري نه سگهندو هوس، خبر نه اٿم ڇو...... تڏهن به مون کي ڏاڍي کل ايندي هئي. ۽ مان ٽهڪن ۾ پئجي ويندو هوس.
    ’ڇو چپ آهين......؟ پنهونءَ ڪجهه چيو اٿئي.....؟‘ ادي وڏيءَ جو آواز ڪن ٻريو هئم. مئل آواز ۾ چيو هيئي:
    ’نه، بس ائين ئي.‘
    ’ها ها، چيو هوندس پنهونءَ ڪجهه.’امان جو آواز ٻريو هو. ’ڇورا. سنجها سان ڇو وڙهيو آهين.....؟‘ امان منهنجي منهن تان رلي هٽائي ڇڏي هئي.
    ’ڇڏينس آئي، هن کي سمهڻ ڏي. هن کي مون کان وڌيڪ ملي وئي آهي.‘ چوندي ته منهنجي مٿان نظرون کپائي ڇڏيون هيون.
    ’ڪير آهي--؟ مون کي ٻڌا، ڄنڊا ته پٽي اچانس، گهر وڃي. ‘امان توکي ڳراٽڙي پائي عجيب لهجي ۾ چيو هو. ’تو کان وڌيڪ به ڪا ٿي سگهي ٿي؟‘ تون امان جي هنج مان مون ڏانهن فاتحاڻي انداز ۾ نهارڻ لڳي هئينءَ. امان ۽ ادي وڏي توکي ڪيڏو چاهينديون هيون؟ مون کان به وڌيڪ. هنن ذهني طور توکي پنهنجو ڪري ورتو هو. توئي ته امان ۽ ادي وڏيءَ کي پنهنجائپ جو شديد احساس ڏياريو هو. ۽ هنن توکي پنهنجي ملڪيت سمجهي ورتو هو. ڪيڏيون ساديون هونديون آهن اسان جون مائر ۽ ڀنيرون؟ ۽ مان پنهنجي لاءِ وٺي آيل هر شيءَ تنهنجي نانءُ سان منسوب ڪري ڇڏيندو هوس.
    ’امان، هي سلوار قميص ڏس؟‘
    ’ڏاڍي سٺي آهي. گهڻي ورتي اٿئي؟‘
    ’ان ڏينهن ڪراچي ويا هئاسون نه، سنجها وٺي ڏني هئي، ’گليمرون‘ تان.‘
    ’نياڻي کي وٺي ڏين سو ته گهوريون، اڃا به خرچ ٿو ڪرائينس-؟ ماڻهوءَ کي ڪو حياءُ ٿيندو آهي.‘
    هري شئي وٺي آڻي ڏيندي هئينءَ. ڪڏهن شيونگ ڪريم، ڪڏهن رومال، ڪڏهن جوراب، ان ڪري به ته تنهنجي اوڌر هڪ وڏي جنرل اسٽور تي هلندي هئي. پر جڏهن به مون وٽ پئسا ايندا هئا. تون حساب کولي ويهي رهندي هئينءَ. مون کي تنهنجي اها ڳالهه وڻندي هئي. انهن ڳالهين ڪري ئي تون مون کي ڪڏهن اجنبي نه لڳي هئينءَ ڪيڏو ’بولڊ‘، ’ريئلسٽڪ‘ ڇو نه هجان... پر سنڌي هجڻ جي ناتي آئيڊيل ازم ڪنهن ٻار جيان منهنجي قميص جو دامن جهليو آيو آهي. اهو منهجو آئيڊيل ازم ئي هو جو محبتن ۾ توکي سدائين ڏيڻ چاهيو هئم.
    هونءَ به مون تو کان ڪڏهن وٺڻ نه چاهيو هو. (سواءِ پيار ۽ ڏکن جي) سڌ هئم تنهنجون گهرجون منهنجن گهرجن کان ڳريون هيون. تڏهن ئي ته ٽن سؤن جي خصيص رقم لاءِ يونيورسٽيءَ مان سڌو ريڊيو هلي ويندي هئينءَ. ۽ انهن مليل ٽن سؤن مان، ڏيڍ سؤ رڪشائن جي حوالي ٿي ويندا هيئي. گهر ۾ ڊسٽرپ هئڻ ڪري به شايد تون گهر کان گهڻو پري رهڻ چاهيندي هئينءَ. توکي پنهنجي ماءُ سان اڪثر اها شڪايت رهندي هئي ته هن کي رڳو پنهنجا پٽ پيارا آهن. تنهن ڪري هوءَ پنهنجي هر ڪاوڙ تو مٿان هاري ڇڏيندي آهي.


    6

    تنهنجي بابا جي وفات کان پوءِ، توهان جو گهر مسئلن جي ڇانوڻي پئجي پيو هو. سڀ کان پهرين توهان پنهنجي پريس وڪڻي ڇڏي هئي. پوءِ تنهنجين ڪرائين مان سونيون چوڙيون غائب ٿي ويون هيون. هڪ ڏينهن روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو هيئي: ’بابا سائينءَ پنهنجي حياتيءَ ۾، منهنجي ٿيڻ واري گهوٽ لاءِ جيڪا ٻن تولن جي سوني منڊي ۽ راڊو واچ وٺي رکي هئي، ڪالهه منهنجو ڀاءُ وڪڻي آيو. سچ پنهون، ڪالهه ان ڳالهه تي مون اڏاڍو احتجاج ڪيو هو. يار- اسان ڌاڍا ’ڪرائيسس‘ ۽ ڦاسي ويا آهيون. جنهن مسواڙ جي گهر ۾ سالن کان رهندا پيا اچون، تنهنجو مالڪ هاڻ گهر جي ان حصي کي پنجاهه هزار ۾ وڪڻڻ ٿو چاهي. مجبورن اهو اسان کي وٺڻو پوندو. پنهون، مون کي بابا سائين جي تو لاءِ ورتل واچ ۽ منڊيءَ جي وڪامجي وڃڻ جو بي انتها افسوس آهي.‘ ۽ مون کي راڊو واچ، منڊيءَ جو هلڪو به ڏک نه ٿيو هو. مون ته هميشه تنهنجن چپن تي مرڪ پوپٽ، نيڻن ۾ سک جا ڪرڻا ۽ هٿن ۾ خوشيءَ جا گل ڏسڻ چاهيان هئا. پر تون منهنجين ڏنل سچاين کي دوکو، ۽ ٻين جي دوکن کي ازلي سچائي سمجهي، منهنجي ڏنل مرڪ تي پوپٽن کي پنهنجن چين جي ڪنڊن تان اڏاري ڇڏيو هو ۽ گذري ويل ٽن سالن ۾ جنهن سچائيءَ سان تنهنجي نيڻن ۾ سک جا ڪرڻا پويا هئا، تن کي تو روئي روئي ٺاري رک بڻائي ڇڏيو هو. ۽ منهنجن ڏنل خوشيءَ جي سمورن گلن کي تو هوائن ۾ اڏاري ڇڏيو هو.
    هنڌ ڇڏي، وهنجي، تيار ٿي توسان گڏ هلڻ لڳو هوس. ’اهو سڄو ڏينهن فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور ۾، رستن مٿان گڏ هوندي به، تنها تنها ۽ ويجهو هوندي به دور دور گهمندا رهيا هئاسين. اهڙن موقعن تي ماٺ رهندو هوس يا پنهنجي منهن ڳائڻ لڳندو هوس. ها، اداسيءَ ۾ پنهنجي منهن ڳائڻ منهنجي عادت ۾ شامل آهي. الائجي گهڻن ڪلاڪن جي ماٺ کان پوءِ، تو منهنجي ڪک ۾ چهنڊڙي پاتي هئي.
    ’ٻڌ، مان جيڪڏهن مري وڃان، توکي ڏک ٿيندو.....؟‘ اهڙن موقعن تي توکي چاهيندي به ڏسي نه سگهندو هوس. بنا ڏسڻ جي چيو هئم:‘
    ’تنهنجي مري وڃڻ کانپوءِ، ڪائنات مون لاءِ پنهنجو سمورو موهه وڃائي ويهندي، اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن هوندو؟‘
    ’تو کي مون سان ڪيترو پيار آهي......؟‘
    ’تون منهنجي آڪسيجن آهين.‘
    ’۽ صبا .........؟‘
    ’توکي نارد مُنيءَ ئي ٻڌايو آهي نه، ته آئون صبا سان ڪراچي ويو هوس.......؟‘
    ماٺ بڻجي وئي هئينءَ.
    ’تون کي مون سان محبت آهي نه سنجها؟‘
    تومون ڏانهن ڏسي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيو هو.
    ’پوءَ تون مون تي يقين ڇو نه ٿي ڪرين!‘
    ’ڪريان ٿي.‘
    ’پوءِ هي نارد مُني..... هي راحت حسين. اهو سڀ ڇا هو....؟‘
    ’واعدو ڪر، نارد مُنيءَ کي نه ٻڌائيندين؟‘
    ’نه‘
    ’تنهنجي ۽ صبا جي ڪراچيءَ وڃڻ جو ۽ گڏ موٽڻ جو اطلاع نارد مُنيءَ ئي ڏنو هو. پر يار مان حيران آهيان.... توهان ٻئي هڪ ئي ڏينهن ڪيئن هليا ويا هئا؟ ۽ واپس به‘
    ’نارد مُنيءَ ان ڏينهن مون کي صبا سان گڏ ڏٺو هو؟‘
    ’نه جهنم ۾ هڻين. آئينده نه مان راحت حسين وٽ ويندس، نه نارد مُنيءَ سان ڳالهائيندس. هو سڀ اسان ٻنهين کي الڳ ڪري ڇڏيندا؟‘
    ’توکي سڌ آهي ته نارد مُني صبا سان رومانس ٿو ڪري. پر جيڪڏهن صبا کيس لفٽ نه ٿي ڏي ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان....؟‘
    ’ڇڏينس، جهنم ۾ هڻينس. پنهنجو ڇا؟‘ تو پنهنجي ٻانهن منهنجي چيلهه ۾ ورائيندي منهنجي چهري ۾ ڏسندي چيو هو:
    ’ڏس نه.......؟‘ ڏٺو هئم تو ڏانهن خالي نهار سان.
    ’ناراض آهين.........؟‘
    ’نه‘ لهجي ۾ زوري آندل خاليپڻو.
    ’ڀاڪي پاءِ؟‘
    ۽ لڪائڻ چاهيندي به مرڪ منهنجي چپن تي سرڪي آئي هئي. پهاڙين تان لهندي توکي ٻانهن ۾ کڻي ورتو هئم. تون رڙيون ڪندي رهجي وئي هئينءَ. مان پهاڙيءَ جي اڻ گهڙيل لاهيءَ تان ڊوڙندو هليو ويو هوس.
    ڇنڇر تي تقريبن هڪ وڳي، ڪيفي جارج وٽان لنگهيو هوس. صبا، ميڊيڪل اسٽور واري گهٽيءَ مان نڪري آئي هئي. چاهيندي به لنوائي نه سگهيو هوس. ڄڻ اڳيان ديوار اچي وئي هئي. صبا، ٻارن جهڙي مرڪ سان مون ڏانهن وڌي آئي هئي. هڪدم چوڻ لڳي:
    ’مون کي يقين هو، تون ضرور ايندين.‘
    ’توکي ته ٻارنهين تائين هليو وڃڻو هو.‘
    ’منهنجي واچ ۾ اوسين ٻارنهن نه وڄن ها، جيسين تون نه اچين ها.‘
    ’پر مان توکي اهو ٻڌائڻ آيو آهيان ته توسان هلي نه سگهندس....‘
    ’ڇو-؟!‘
    ’مجبوري آهي.‘
    ’اهڙي ڪهڙي مجبوري اٿئي........؟‘
    ’ڪنهن ٻئي ڀيري هلنداسون......؟‘
    صبا جي چهري تي ڪجهه دير اڳ جيڪي خوشيءَ جا چنڊ چڙهي آيا هئا، الهي ويا هئا. ۽ سندس چهرو رات جو پويون پهر ٿي پيو هو. اڌ اجهاڻل نيڻن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي هئي. پوِ ڪوماڻيل چپن ۽ ڍرڪيل ڪنڌ سان بغل ۾ پرس هڻي، پير تي پير رکي وڃڻ لڳي هئي. سندس ريشمي وار هوا جي جهوٽن تي لوندڙين پٺيان جهاتيون پائي مون کي ڏسڻ لڳا هئا. صبا ڪجهه وکن جي فاصلي تي بڻيل، ڪراچيءَ جي بس اسٽاپ تي بيهي مون ڏانهن نهارڻ بنا، ننهن تا پالش لاهڻ لڳي هئي.
    ڪراچيءَ جي بس، اسان ٻنهين جي وچ ۾ اچي، ڪجهه گهڙيون بيهي هلي وئي هئي. ڏٺو هئم، صبا مسلسل ننهن تان پالش لاهي رهي هئي. ڏانهس وڌي ويو هئم صبا کنڊر چهري ۽ ڀريل نيڻن سان مون ڏانهن نهاريو هو. چيو هئم:
    ’او-ڪي. پر منهنجي کيسي ۾ رابيل جي گلن کان سواءِ ڪجهه ڪونهي.‘
    صبا هٿ وڌائي منهنجي کيسي مان سمورا گل ڪڍي پنهنجي پرس ۾ وجهي ڇڏيا ها. ۽ پرس مان چار سؤ ڪڍي منهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا ها. (اها منهنجي پهرين بي ايماني هئي توسان.) ڇو ته اهي پهرين ڳالهه هئي جيڪا گذريل ٽن سالن کان توکي نه ٻڌائي هئم، ۽ نه ٻڌائي سٺو ڪيو هئم. ڇو ته توسان رهي مون کي شدت سان احساس ٿيو هو، زال يا زال جهڙي محبوبا سان هر وقت سچ ڳالهائڻ بيحد هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي. صبا مون کي پنهنجي ڪزن سان ملايو هو، جو کيس ڏاڍو چاهيندو هو. بيشڪ هن جو مهانڊو ۽ هڏ ڪاٺ نارد مُنيءَ جهڙو هو، سواءِ معمولي فرق جي. هو بيحد آرٽسٽڪ نيچر، پر پائڻ جي معاملي ۾ رف لڳو هئم. رئڪ ۾ رکيل ڪتابن ۾ بائيبل کان اداس ڪيپٽال ۽ ڪامو؛ هر من هيس ۽ ڪافڪا کان وٺي ميڪسم گوڪيءَ تائين ڪتاب پنهنجي خيالن ۾ گم هئا. ذهن ۾ صبا جا جملا رڙهي آيا هئا: ’پپا چوندو آهي، اهڙي سست ۽ ڪاهل ڇوڪري سان تنهنجي شادي ڪرائي توکي جهنم ۾ اڇلڻ جي برابر آهي.‘ ته هي ان سست ڪاهل نوجوان جو ڪمرو هو. مون سوچيو هو. هن کٿل جينز جي کيسي مان سگريٽ ڪڍي مون ڏانهن وڌايا هئا. مون کان اڳ صبا سگريٽ کڻي ورتو هو. پهرين هن منهنجو پوءِ صبا جو آخر ۾ پنهنجو سگريٽ جلايو هو. ۽ سوٽو هڻي چيو هئائين:
    ’توهان وٽ زندگيءَ لاءِ ڪهڙو ’ڪانسيپٽ‘ آهي؟‘
    ’زندگيءَ کي پنهنجي ڪابه معنيٰ ڪونهي.‘
    ’پر ان جملي کي ته پنهنجي معنيٰ آهي؟‘
    ’ها، ساڳيءَ طرح جيئڻ لاءِ به اسان کي بي معنيٰ زندگيءَ کي ڪانه ڪا معنيٰ ڏيڻي پوندي آهي. اهڙيءَ طرح زندگيءَ کي پنهنجي پاران ڏنل ڪا معنيٰ، ماڻهوءَ جو ڪائنات ۾ موههُ پيدا ڪري وٺندي آهي. ۽ ماڻهو ڪائنات جي رفرنس سان زندگيءَ کي پيار ڪرڻ لڳندو آهي.
    ’ڇا اڪيلو رهي جي نه ٿو سگهجي....؟‘
    ’ڀوڳي سگهجي ٿو- پنهنجي ذات جي جياپي لاءِ رشتن جو سهارو وٺڻو ئي پوندو. ڀل اهو هٿراڌو ئي ڇو نه هجي.‘
    ’معنيٰ ته رشتا ماڻهوءَ جي پنهنجي ذات جي جياپي لاءِ ضروري آهن......؟‘
    ’بلڪل- زلزلي ۾ سڀئي رشتا، سسي سوڙها ٿي، پنهنجي اندر گم ٿي ويندا آهن. ۽ جي رهجي به ويندو آهي ته رڳو انٽريسٽ.‘
    ’انٽريسٽ.........؟‘
    ’ان زلزلي ۾ ماءَ جو ٻار لاءِ رڙڻ، ڪنهن نوجوان جو پنهنجي محبوبا کي چرين وانگيان سڏڻ، يا ڪنهن ڪنجوس دولتمند جو دولت لاءِ پاڳل بڻجي وڃڻ؛ اصل ۾ اهو سڀ ان ڳوليندڙ ماڻهوءَ جو ان گم ٿي ويل شئي ۾ انٽريسٽ جو ڪارڻ آهي. توهان ڪنهن به شئي جي وڻڻ، پيار ڪرڻ، پائڻ ۽ وڃائڻ کي ذات جي دائري مان ٻاهر ڪڍي نه ٿا سگهو.‘
    ’۽ چوائس؟‘
    ’جنهن ڇوڪريءَ کي اڄ مان شديد چاهيان ٿو، ضروري ناهي ته شاديءَ کان پوءِ کيس ايڏو شديد چاهيان.‘
    ’مون نه سمجهيو........؟‘
    ’ماڻهوءَ جي وڏي ٽريجڊي اها آهي پيارا، جنهن شئي کي هو حاصل ڪري وٺندو آهي، تنهن مان موههُ وڃائي ويهندو آهي. منهنجي ننڍڙي ڀائٽيءَ جو موههُ رانديڪن ۾ اوسين هوندو آهي جيسين اهي دڪان جو شوڪيس ۾ هوندا آهن. حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهي يا ته گهر جي ڪنڊ ۾ پيا هوندا آهن، يا پنهنجون ٽنگو ٻانهون وڃائي ويهندا آهن.‘
    ’توهان جو ڳالهيون مايوس ڪندڙ آهن.‘ ۽ مان ٽهڪ ڏئي کلي پيو هوس. صبا نيڻن جي هلڪي دڏڪي سان پڇيو هوس:
    ’ڪيئن، اهي نه آونچي شئي...........؟‘
    ’اسان جي وڏي ٽريجڊي اها آهي، ته اسان ’اينالائسنس‘ ڪرڻ جي سگهه رکون ٿا. ۽ جڏهن شعور جي هٿ سان ڪائنات جي حقيقتن تان پردو کڄندو آهي، ته ماڻهو اڪيلو ٿي پوندو آهي.‘ مون آخر ۾ چيو هو.
    شام جو مان ۽ صبا هروڀرو ايلفيءَ ۽ بوهري بازار ۾ رلندا رهيا هئاسون. شام جي سرمائي ڌنڌ ۾ سائين بورڊ چمڙن جيان جاڳي پيا هئا. روڊن تي ڪارن جي پيهه وڌي ويئي هئي. آسمان تي ڪٿان ڪٿان سنبل جي انبڙيءَ مان ڦٽي نڪتل ميرانجهڙي ۾ نرم ڪپهه جهڙا ڪڪر تري رهيا هئا. ۽ گهميل هوا ۾، اڳيان پويان، ساڄي کاٻي، خوبصورت نيڻ، نرم گرم چپ، شفاف ڪرايون ۽ خوشبوءَ ۾ ٻڏل ٽهڪڙن جي وڏ ڦڙي ۾ ڀڄندي به، توسان گڏ يونيورسٽيءَ جي سانتيڪن روڊن مٿان هٿ ۾ هٿ ڏئي، وک وک هلندو رهيو هوس.
    رات جو صبا پنهنجي مميءَ جي گهر هلي وئي هئي. ۽ آئون گهرن نيڻن واري ڪهاڻيڪار دوست وٽ هليو ويو هوس. هن پنهنجي گنڀير آواز ۾ مرڪندي چيو هو:
    ’اڄ ڪهڙي پار جي هوا گهلي آهي، جنهن توکي هتڙي پڄايو آهي.......؟‘
    ’ماني کاڌي ٿئي........؟‘
    ’نه‘
    ’مان ٺاهي کارايانءِ، يا هيٺ هلون؟‘
    ’هيٺ ٿا هلون.‘
    فلئٽ جون ڏاڪڻيون لهندي پڇيو هئائين:
    ’ڀاڄائي سنجها کي نه وٺي آيو آن ڇا......؟‘
    (منهنجا اڪثر دوست توکي ڀاڄائي ڪري سڏيندا هئا. سنجها، هي منهنجو اهو دوست هو، جنهن پاڻ کي ڪڪڙ جو پلاءُ رڌي کارايو هو. پلاءُ کائي حيران ٿي وئي هئينءَ. ته ڪو مرد اهو به ڪهاڻيڪار، ايڏو سٺو رڌ پچاءُ ڪري سگهي ٿو.....؟ منهنجا دوست جن سان تون ڪڏهن بري هلي هئينءَ، تن وٽ جڏهن به ويا هئاسون ته هنن پنهنجا نيڻ اسان جن پيرن ۾ ڊورمئٽ جيان وڇائي ڇڏيا هئا.) چيو هومانس:
    ’سنجها کي ته نه- پر صبا سان گڏجي آيو آهيان.‘
    ’صبا...........؟‘
    ’سنجها جي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندي آهي.‘
    ’سنڌياڻي آهي؟‘
    ’نه، مهاجر.‘
    ’سنجها کي ڇڏي ڏنئي ڇا-؟‘
    ’تون سمجهي سگهين ٿو.......؟‘
    ’نه، پر تو ڳالهه ئي اهڙي ٻڌائي.........؟‘
    منهنجو هي ڪهاڻيڪار دوست، آڱرين تي ڳڻڻ کان مٿي جيترا رومانس ڪري چڪو هو. ڏهن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رهندي به مون کي دادو ڪئنال جي ڪپ تي لڳا سنجهيءَ جي وڻ جهڙو لڳندو آهي. جنهن جي ٿڌي ڇانوءَ ۾ ڪو واٽهڙو ڪنڌ هيٺان پٽڪو ڏئي، ڪي گهڙيون آرام ڪري سگهي. يا جنهن هيٺان ڳوٺ جا ٻار پنهنجا ڪپڙا، ڍاڪون ۽ چونئريون رکي ڀر ۾ وهندڙ ڪئنال ۾ ٽپ ڏئي، تڙڳي تڙڳي، ٿڪي ٽٽي اچي ساهي پٽن، عورت، منهنجي دوست جي جيئڻ جو سبب هئي. چوندو آهي: مون کي حيرت ٿيندي آهي.... جڏهن ماڻهو چوندا آهن، محبت رڳو هڪ وار ٿيندي آهي. کيس دوستن جي رومانسز ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق رهندو آهي. منهنجو هو ڪهاڻيڪار دوست پاڻ کي پوڙهو سمجهندو آهي ۽ مون کي هميشه شادي ڪري ڇڏڻ جي تلقين ڪندو رهندو آهي. جڏهن ته ڄمار ۾ مون کان وڏو هوندي به ننڍو لڳندو آهي. ۽ اڻپرڻيل به.
    صبح جو صبا ڪريم آباد جي پل وٽ منهنجو انتظار ڪري رهي هئي. رڪشا مان لٿو هئس ته ٿڌو شوڪارو ڀري چيو هئائين:
    ’ايتري دير.......؟‘
    ’ٿي وئي.‘
    ’منهنجي دل ۾ وسوسا پيدا ٿي پيا هئا.‘
    ’ڇو......؟‘ اسان ٽريفڪ هئڻ ڪري، ڏاڍيان ڳالهائيندا هلڻ لڳا هئاسي.
    ’مون سمجهيو، تون واپس هليو وئين..........؟‘
    ’دوکو دوکو هوندو آهي صبا. پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو. پر ان جو اهو مطلب نه وٺجانءِ ته مان توسان رومانس ٿو ڪريان...... توکي شايد سُڌ نه آهي، ته مان پنهنجي دل سنجها جي پرس ۾ وساري آيو آهيان.‘ صبا پرس کولي منهنجي آڏو ڪندي چيو هو:
    ’هي ڏس، تنهنجن رابيل جي گلن جي مهڪ سان منهنجو سڄو پرس ڀريل آهي. رات مان هن پرس کي پنهنجي ويهاڻي جي ڀر ۾ کولي سمهي پئي هيس. ۽ الائجي ڪيترن مهينن کان پوءِ بنا سليپنگ پلز جي گهري ننڊ ستي هيس.‘
    ’توهان سليپنگ پلز کان سواءِ ننڊ نٿيون ڪري سگهو؟‘ منهنجو آواز ڀرسان لنگهي ويندڙ تيز رفتار بس جي هارن ۾ دٻجي ويو هو.
    ’ڇا.......؟‘
    ’سليپنگ پلز کائڻ کان سواءِ به ته ننڊ ڪري سگهجي ٿي؟‘
    ’گورين کائڻ سان يادن جي ٽريفڪ جو عذاب پهچائيندڙ گوڙ ذهن کان ڪوهين ميل پري هليو ويندو آهي.‘
    ’بڪواس ٿي ڪرين؟‘
    ’کائي ڏس ته خبر پئجي ويندئي.‘
    ’ڪاڏي هلون؟‘
    ’جيڏانهن تون چاهيندين؟‘
    ’حيدرآباد هلون؟‘
    ’ڇو؟‘
    ’هيڏي ٽريفڪ ۾ اچي، مون کي پنهنجي حيثيت ٻڙي محسوس ٿيندي آهي؟‘
    توئي چيو هو.......؟‘
    ’ڇا-؟‘
    ’ته ٻڙي اهو انگ آهي، جيڪو جنهن به انگ جي اڳيان لڳي ته ان جو تعداد وڌي ويندو آهي؟‘
    ٽهڪ نڪري ويو هئم ’ڏاڍي سوئر آهين.‘ مرڪي پئي هئي ۽ سندس مرڪ روڊ تان خالي ويندڙ ٽيڪسيءَ کي سڏڻ ۾ گم ٿي وئي هئي. ٽيڪسي زوردار بريڪن سان فوٽ پاٿ وٽ اچي ڄمي وئي هئي. ويهندي چيو هئائين: ’ڪلفٽن.‘ ٽيڪسي لالو کيت ڏانهن ڊوڙڻ لڳي هئي. چيو هئم: ’صبا لطيفو ٻڌندين؟‘ ’ٻڌاءَ‘. هن هڪ نظر مون تي وجهي دريءَ کان ٻاهر ڏسندي چيو هو. مان بال پين شرٽ مان ڪڍي، کولي سندس ويڪري گلي مان جهاتيون پائيندڙ ڇاتين مٿان ليڪ پائي ڇڏي هئي. هن ڇرڪ ڀري ڊرائيور ڏانهن ڏٺو هو، جيڪو پنهنجن خيالن ۾ گم هو. ٽهڪن ۾ پئجي ويو هوس.
    ’سمنڊ کي ڏسي توکي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟‘
    سمنڊ جي ڇولين کي ڏسندي، پيرن مان سينڊل لاهي هٿن ۾ کڻندي پڇيو هئائين. مون جوراب بوٽ ۾ وجهي بوٽ جون ڪهيون پينٽ جي بليٽ سان ٻڌندي چيو هو:
    ’سمنڊ مون کي رابيندرناٿ ٽئگور جي گيتا انجلي لڳندو آهي. مون ٽئگور جي گيتا انجلي سدائين جوتا لاهي الٿي پلٿي هڻي پڙهي آهي، ۽ محسوس ڪيو اٿم پنهنجي جسم تي سندس جملي جي هر لهر کي سمنڊ جي ڇوليءَ جيان. مون کي جڏهن به سمنڊ گهمڻ جو شوق جاڳيندو آهي، ٽئگور کي پڙهندو آهيان.‘
    ’ٽئگور جيڪو بنگال جو شاعر آهي........؟‘
    ’ها.‘
    ’مون سندس شاعري ته نه پڙهي آهي. پر سندس تصويرون ڏٺيون آهن. هن جي چهري ۾ به سمنڊ جيڏي ئي گهرائي ۽ جلال ڀريل نطر ايندو آهي.‘
    هڪ تکي ڇولي اسان جي پيرن کي ڇهندي ڪناري جي آخر تائين هلي وئي هئي ۽ واپس ويندي اسان جي پيرن جي ترين مان واري جا ذرا کسڪائيندي هلي وئي هئي. اداس هوندي به خوشي منهنجي سرير ۾ سمائجي وئي هئي. ڪجهه گهڙين لاءِ ڪناري جي ٻيءَ ڀڪ سڄو شهر لهر بڻجي ويو هو. صبا ڏانهن ڏٺم هئم، سندس نيڻن ۾ ٻليءَ جي اکين جهڙي روشني ڦهلجي وئي هئي. سندس ڀريل چپ گل تي ويهندڙ پوپٽ جي پرن جيان ڦڙڪي ويا هئا. ٻي لهر آئي آهي (ڄڻ منهنجو برين واش ڪري وئي هئي.) صبا سامهون هوندي به سمنڊ جي ٻئي پار نظر آئي هئم. شايد مان به هن کي ائين نظر آيو هئم. صبا ٻانهون ڦهلائي مون ڏانهن وڌي هئي. هن جن ٻانهون منهنجي چيلهه ۾ ويڙهجي ويون هيون، جيئڻ شِو جي جهوڙي ۾ نانگ. ۽ منهنجا هٿ صبا جي تراکڙي چهري ۾ ڀرجي ويا هئا. ڀانيو هئم ڄڻ ڳڻپ کان ٻاهر ٽيولپ جا گل هٿ جي ٻڪ ۾ سمائجي ويا هجن، ۽ گلن جي گهڻائيءَ جي ڪري منهنجو ٻڪ وڌيڪ ويڪرو ٿي ويو هجي. جهڪندو ئي هليو ويو هوس. منهنجا چپ، منهنجو سمورو وات ڪنهن هلڪي گرم ۽ مٺي شئي سان تر ٿي ويو هو. الائجي ڪيتريون لهرون پيرن جي ترين مان واري کسڪائي هليون ويون هيون........؟ ڌار ٿيا هئاسي ته چيلهه چيلهه ڀڳل هئاسي. واري کسڪي وڃڻ ڪري پير ننڍڙين کڏن ۾ کتل هئا. مون کي ياد اچي ٿو، اهڙي ئي هڪ ڊگهي ۽ گهري ڪِس مون توکي رات جي پوئين پهر ۾ آرٽس فيڪلٽيءَ جي ٻاهرين پارڪ ۾ ڪئي هئي . ان رات توهان فائينل وارن کي فيڪلٽي جي آڊيٽوريم ۾ فيئرويل ڏني هئي. ٽيلي اسٽار ۽ سندس ٻولڙين کي ڏسي تنهنجو موڊ خراب ٿي ويو هو. اسان ٻاهر نڪري آيا هئاسي. پارڪ ۾ پسار ڪندي، تارن کي ڏسندي چيو هئ: ’دل چاهي ٿي، توکي ڪِس ڪريان.‘ تو منهن مٿي ڪري، اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون. هوا جو ٿڌو جهوٽو گهليو هو ۽ پارڪ جي ننڍڙي گيٽ وٽ يوڪلپٽس جي سهاري بيٺل چنبيليءَ جي هٻڪار سڄي سرير ۾ ڦهلجي وئي هئي. ۽ پوءِ سموري آڪاش تي چپ چمڪي پيا هئا. کليل، اڌ کليل. وسندڙ ٻرندڙ چپ.
    ٽئين ڏينهن شام جو صبا مون کي ساڳي ئي پل جي ڪنڊ وٽ ملي هئي. هلڻ لڳا هئاسي. صبا چيو هو:
    ’مون کي وٺي هل.‘
    ’ڪاڏي......؟‘
    ’پنهنجي دوست جي فليٽ تي.‘
    ’تون مون سان ڪنهن پبلڪ پليس تي هجي يا خالي فليٽ ۾ ڳالهه ساڳي آهي.‘
    ’اها منهنجي خواهش آهي.‘
    ’او-ڪي.‘ ٽيڪسي پڪڙي فليٽ تي اچي ويا هئاسي. چاٻي مون وٽ هئي. انٽر لاڪ ۾ چاٻي گهمائيندي سوچيو هئم.........‘ جيڪڏهن صبا جي جاءِ تي تون هجين ها، ته منهنجي چاٻي گهمائڻ کان پوءِ هينڊل ضرور تون گهمائين ها.‘ اسان اندر اچي ويا هئاسي. صبا پرس ڪتابن جي ڍير تي اڇلي، پاڻ پلنگ تي اهلجي پئي هئي ۽ مان ٻئي پلنگ تي. سڄو ڪمرو لاڙڪاڻي جي زيتونن جي خوشبوءَ سان واسيل هو جيڪي منهنجي دوست کي ڪوئي ڳوٺان اچي ڏئي ويو هو. پلنگ هيٺان جهڪي زيتونن جو ٽوڪرو ڇڪي ٻاهر ڪڍيو هئم. هڪ زيتون پاڻ کنيو هئم ۽ ٻيو صبا ڏانهن اڇلايو هئم. صبا زيتون ۾ چڪ هڻي اڀرندي پاسي واري ڀت مٿان لڳل پوڙهي جي تصوير جي ڀنڀي ڏاڙهيءَ ۾ ڏسندي پڇيو هو:
    ’هي ڪير آهي......؟‘
    ’ٽالسٽاءِ.‘
    ’ٽالسٽاءِ، جنهن جو اينا ڪرينينا لکيل آهي.....؟‘
    ’ها اهو ئي.‘ کن رکي چيو هئم:
    ’توکي شايد سڌ نه هجي، پر اها حقيقت آهي ته، هن شخص جي زال هن سان ڏاڍيون ۽ عوبتون ڪندي هئي. ايڏيون جو هي مولائي عورتن کان هميشه لاءِ الرجڪ ٿي ويو هو.‘
    ’هڪ ڏينهن تنهنجي به اهڙي حالت ٿيندي.‘
    منهنجو زيتون ۾ چڪ اڌ رهجي ويو هو. ٽهڪ نڪري ويا هئم. صبا چيو هو:
    ’پر نه- تون بچي ويندين. ڇو ته مون کي يقين آهي سنجها توسان شادي بلڪل نه ڪندي. تون ڀل ان کي منهنجي جيلسي ئي سمجهه.‘
    ٽهڪن جي گوڙ ۾ گم ٿي ويو هئم. صبا ٻيو ڀيرو ساڳيان جملا چيا هئا، مان ٻيو ڀيرو دل کولي کليو هئم، ۽ مون کي ٻيو ڀيرو عورت جي عورت مٿان جيلسي تي ڏاڍي کل آئي هئي. جڏهن ٽهڪ هوائن ۾ غائب ٿي ويا هئا، ته صبا جي هٿ ۾ هڪ چڪ جيتري زيتون کي ڏسندي چيو هئم:
    ’تون اهڙيون ڳالهيون فقط ان لاءِ ٿي ڪرين، ته جيئن سمورا زيتون تون کائي وڃين، مان رڳو کلندو رهان........؟‘
    ’نه- هي به تون کائي ڇڏ.‘ هن آخري هڪ چڪ جيترو بچيل زيتون مون ڏانهن اڇلايو هو. ۽ منهنجي هٿ واري هڪ چڪ لڳل زيتون ڏانهن اشارو ڪندي چيو هئائين:
    ’اهو مون کي ڏي........‘
    مون زيتون هن ڏانهن اڇلايو هو جنهن کي هن ٻنهين هٿن ۾ جهپي ورتو هو. اسان ٻئي چپ چاپ زيتون کائڻ لڳا هئاسون، بلڪل ائين جيئن ٻير جي ٽارين تي نوريئڙا ٻنهين هٿن ۾ ٻير پڪڙي ڪترڻ لڳن. صبا زيتون کائي چيو هو:
    ’ٻڌ.‘
    ’چئو.‘
    ’سگريٽ پيئندين.........؟‘
    ’ورتيون اٿئي ڇا؟‘
    ’نه، اسٽيپ فادر جون رات چورايون هئم.‘ هن سگريٽ پرس مان ڪڍندي ٻئي پنهنجي چپن ۾ ڀيڪوڙي جلايو هيون. ۽ هٿ وڌائي چيو هئائين:
    ’اچي وٺ.‘
    مون هٿ وڌائي کانئس سگريٽ ورتي هئي. سوٽي هڻڻ سان محسوس ٿيو هئم، ڄڻ صبا جي لپسٽڪ جي خوشبو دونهن سان گڏ اندر ۾ سمائجي وئي هجي. صبا به ٽي گهرا سوٽا هڻڻ کان پوءِ چيو هو: ’ڪالهه سڄي رات مان خواب ۾ سمنڊ وارو منظر ڏسندي رهي هيس. صبح جو مون کي محسوس ٿيو هو ڄڻ سڄي رات مان پنهنجي بستري تي نه پر سمنڊ جي ڪناري گذاري هجي.
    ’خواب ڪڏهن به ساڀيا نه ٿيندڙ خواهشن جا ڌنڌلا عڪس هوندا آهن. مس صبا حميد.‘
    ’ڌنڌلا عڪس- ڌنڌلا، اڙي ها. صبح جڏهن وهنتس پئي ته منهنجو ڌيان تنهنجي ڪالهوڪي ٻڌايل لطيفي ڏانهن هليو ويو. مون کي باٿ روم ۾ ڏاڍي کل آئي هئي. پر مميءَ جي ڀؤ کان کل کي گهٽي ڇڏيو هيم. ۽ مان چاهيندي به پنهنجي ان حصي کي نه صابڻ ملي سگهي هيس، نه ٽاول سان مهٽي سگهي آهيان. ڏسندين.........؟‘
    صبا ڪياڙيءَ وٽان هُڪ کولي کاٻو هٿ پٺيان ورائي زپ کي هيٺ کسڪائي ڇڏيو هو.
    ’هي ڏس-؟ پر ٿورو ڌنڌلو ٿي ويو آهي.‘
    ’هونم‘
    ’ڏس آهي نه......؟‘
    صبا جي چپن تي سوڀ جي هلڪي مرڪ ۽ نيڻن ۾ نيري روشني پرٽجي وئي هئي. نيري روشني جيڪا صبا جي نيڻن مان نڪري ڪمري ’۾ ڦهلجڻ لڳي هئي. سڄو ڪمرو هلڪو نيرو ٿيندو ويو هو. چيو هئائين: آ وٺٺ، هي ڇلو تون پائي ڇڏ.‘ ڏسڻي آڱر مان ڇلو لاهي مون ڏانهن وڌايو هئائين.
    ’مون کي اهڙين شين سان ڪابه دلچسپي ناهي.‘
    ’ها ها مون کي خبر آهي، پر هن کي تون پائي ڇڏي.‘
    ’ڇا ڪندس پائي........؟‘
    ’مون کي خوشي ٿيندي. هٿ ڏي.... پليز؟‘
    هٿ وڌائي ڇڏيو هئم. صبا منهنجين مختلف آڱرين ۾ ڇلو لاهڻ ۽ پائڻ لڳي هئي. آهستي آهستي نيرو ڌنڌ وڌيڪ گهرو ٿي ويو هو. نه ڄاڻ ڪهڙي پل صبا، ڇلي سان گڏ پنهنجيون سموريون آڱريون منهنجي آڱرين جي ڀورن ۾ پيهي ڇڏيون هيون. محسوس ٿيو هئم، ڄڻ سمنڊ جي تهه ڏانهن وڃڻ لڳو هوس. سڀئي آواز سمنڊ جي سطح تي رهجي ويا هئا. سڄو ڪمرو نيرن لهرن سان ڀرجي ويو هو جن ۾ صبا هوريان هوريان ترندي مون تائين پهچي وئي هئي. بلڪل ائين جيئن سمنڊ جي اندر ماڻهون پنهنجي وجود جي ڳوراڻ وڃائي ويهي ۽ اڏامڻ لڳي لهرن جي ٻانهن تي. صبا جا ريشمي وار، نيرين لهرن تي ’سلوموشن، ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿيندا منهنجي چهري جي چوڏس ۾ ڦهلجي ويا هئا. سمنڊ جي اونهائي ۾ ڪرڻ لڳي هئم. ۽ منهنجا هٿ بد خواسيءَ ۾ صبا جي لسي پٺيءَ تي ريڙهيون پائڻ لڳا هئا جيئن مٿانهين تان هيٺ ڪرندڙ شخص جا هٿ پهاڙ جي اڀي سڌي سنواٽي حصي ۾ هيٺاهينءَ ڏانهن ڪرڻ کان بچڻ لاءِ حفاظتي هنڌ ڳوليندا آهن. پنهنجي ساڄي ڇاتيءَ مان شديد تڪليف جو احساس ٿيو هئم. پوري سگهه هٿن ۾ ميڙي صبا کي پاڻ کان ڌار ڪري ڇڏيو هئم. صبا ٻئي پلنگ تي ڪري. ٻنهين هٿن جون آڱريون نرم وارن ۾ پيهي ٻڏل ساهن سان ٽهڪن ۾ پئجي وئي هئي. ڀانيو هئم ڄڻ سمنڊ جي تهه ڏانهن ويندي امالڪ سمنڊ جي سطح تي پهچي ويو هوس. نيرو ڌنڌ گهوماٽي کائي گيلري ڏانهن کلندڙ دريءَ جي سيرن مان غائب ٿي ويو هو. ۽ شهر جو سمورو گوڙ، گيلري جو دروازو پار ڪري ڪمري ۾ ڦهلجي ويو هو. ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ لڳو هوس، وات کولي پوري سگهه سان. ساهن تي قابو پائي صبا ڏانهن ڏٺم هئم، جيڪا مون ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي. ساڄي ڇاتيءَ ۾ پوسراڻ وڌي وئي هئي. ڪنڌ جهڪائي ڏٺو هئم، صبا جي ڏندن جي ڇاپ ٽهڪ ڏئي رهي هئي. هوءَ پرس مان هيئر برس ڪڍي وارن ۾ ڏيڻ لڳي هئي. پوءِ ننڍڙو آئينو ڪڍي کاٻي هٿ ۾ جهلي، ساڄي هٿ سان چپن مٿان لپسٽڪ ترڪائڻ لڳي هئي. ڪال بيل وڳي هئي، دروازي ڏانهن ويندي صبا ڏانهن ڏٺو هئم، صبا جا هٿ تڪڙ ۾ پٺيءَ ڏانهن وڌي ويا هئا. آواز ٿيو هو: (ززز زززپ). ۽ سندس هٿ ڪياڙيءَ وٽ اچي بيهي ريهو هو. منهنجو ڪهاڻيڪار دوست اندر اچي ويو هو. مون صبا ڏانهن اشارو ڪري چيو هو: ’صبا حميد فخري.‘ صبا جي چپن تي مرڪ جي هلڪي ڪريم حرڪي پئي هئي. ’صبا هي منهنجو دوست ڪهاڻيڪار آهي. ڏهن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رهندو پيو اچي. پر هن ۾ ڪراچي جي ماڻهن جي ڪابه خاصيت پيدا ٿي نه سگهي آهي، بلڪل ائين جيئن اڄ تائين سندس بستري ۾ هڪ به منگهڻ پيدا نه ٿي سگهيو آهي... هي مون کي هن فليٽ ۾ رهندي به دادو ڪئنال جي ڪپ تي لڳل سنجهي جي گهاٽي وڻ جهڙو لڳندو آهي.‘
    منهنجي دوست جي چهري تي چپن کان وڌيڪ نيڻ مرڪڻ لڳا هئا. اهڙو احساس شايد کيس به ٿيو هو ۽ هو ٽهڪ ڏئي مون سان گڏ پلنگ تي ويهي رهيو هو. کاري مان زيتون ڪڍي صبا کي ڏيندي چيو هئائين:
    ’في الحال هن کان وڌيڪ مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري ٿو سگهان.......؟‘
    صبا زيتون ۾ هلڪو چڪ هنيو هو. هن مون ڏانهن اشارو ڪري پڇيو هوس:
    ’هن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو توهان سان گڏ هيستائين هليون آيون آهيو......؟‘
    صبا منهنجي نيڻن ۾ نيڻ اڙائي چيو هو:
    ’هن جي نيڻن وانگر هن جون ڳالهيون به خوبصورت آهن. هن جي ڳالهين وانگر هن جو انداز به خوبصورت آهي.‘ کن رکي صبا پڇيو هوس:
    ’هن ۾ توهان کي ڪا خاص خامي نظر آئي آهي ڇا..........‘
    ’جي؟.......جي نه.‘
    صبا جي اوچتي سوال تي منهنجو دوست ڪجهه پريشان ٿي ويو هو. صبا چيو هو:
    ’دير ٿي وئي آهي.‘ ۽ اسان اٿي بيهي رهيا هئاسون.
    بس ڪراچيءَ جي ٽول پلازا پار ڪري، ريڊ انڊينز جي ڪمان مان پوري سگهه سان ڇڪي ڇڏي ڏنل تير جيان هوائن ۾ اڏامڻ لڳي هئي. کليل دريءَ مان هوائون اندر ڌوڪي آيون هيون. صبا جا ريشمي وار منهنجي منهن تي ٿڌڙا ڪڍڻ لڳا هئا. صبا پرس کولي لفافو ڪڍندي چيو هو: ’نيزا کائيندين.........؟ مان جڏهن به واپس ويندي آهيان، ممي مون کي نيزا وٺي ڏيندي آهي ته جيئن منهنجو سفر مصروف گذري.‘
    هن هلڪو گلابي رومال پنهنجي هنج ۾ پکيڙي، سمورا نيزا مٿان پرٽي ڇڏيا هئا. پوءِ رومال جي چئني ڪنڊن کي پاڻ ۾ ملائي رومال کي هٿن ۾ مهٽڻ لڳي هئي. مهٽي رومال کولي ڇڏيو هئائين. نيزن جو سمورو ناسي تهه رومال کي چهٽي پيو هو. نيزو آڱر ۽ آڱوٺي ۾ جهلي مٿيون کوپو نينهن سان لاهڻ لڳو هوس. صبا پهرين منهنجي آڱرين ۾ ٽٽندڙ نيزي کي، پوءِ مون کي ڏسي مرڪي پئي هئي. مرڪندي چيو هئائين: ائين نه هيئن کاءُ. وڌيڪ آسانيءَ ۽ مزي سان کائيندين، صبا نيزو آڱوٺي ۽ آڱر جي سهاري جهلي، سندس اڌ حصو ڏندن وچ ۾ ڏئي هلڪي چٻ ڏني هئي ته نيزي جو اڌ کوپو هن جي ڳاڙهن چپن جي اندر جرڪندڙ ڏندن وچ ۾ رهجي ويو هو. جنهن کي هن ٻئي هٿ سان ڪڍي آڱر ۽ آڱوٺي جي مٿان ظاهر ٿي پيل ڳڀ کي ڏندن سان کڻي ورتو هو. مون مرڪي ٻيو نيزو ڏندن ۾ رکيو هو ته صبا چرچي ۽ ٽوڪ جي گڏيل سڏيل لهجي ۾ چيو هو:
    ’سنجها سان رهي تو ماڻهو واريون عادتون وساري ڇڏيون آهن؟‘
    مون ڏندن ۾ جهليل نيزو کليل دريءَ مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو هو.
    ’توکي ايڏي وڏي جملي ڳالهائڻ جو حق ڪنهن بخشيو آهي صبا.......؟‘
    منهنجي لفظن جي سرد هوائن صبا جي چهري ۽ هٿن تي ڄڻ پارو ڪيري وڌو هو. هوءَ وساڻل نيڻن سان مون ڏانهن تڪڻ لڳي هئي.
    ’مان سنجها لاءِ هڪ به کوٽو اکر ٻڌڻ کي پنهنجو، سنجها جو ۽ پاڻ پنهنجو ايمان سمجهندس. ڇو ته سنجها منهنجي وڃائجي ويل سپنن جي ساڀيا آهي.... ۽ تون انڪري سٺي آهين، بي انتها عزت لائق، جو تنهنجي لڌل سپنن جي ساڀيا وڃائجي وئي آهي. ان هوندي به تون ڀريل ميڙ ۾ پنهنجي سمورين پيڙائن کي لڪائي ڀرپور ٽهڪ ڏيڻ جي فن کان واقف آهين.‘


    7

    صبا هوريان هوريان نيڻ کڻي منهنجي سرد چهري تان نگاهون هٽائي ڪيتري دير کان هڪ هنڌ پيل هٿن ڏانهن ڏٺو هو. پهريان هڪ آڱر چوري هئائين، پهريان ڪجهه پوءِ ڪجهه وڌيڪ. هن هنج ۾ هڪ ٻئي مٿان رکيل هٿن جي سمورين آڱرين کي چورڻ شروع ڪيو هو. ۽ هٿ کڻي دريءَ جو سڄو شيشو کولي ڇڏيو هئائين. هوا، زنا جي ڏوهه ۾ ڇڏائي ڀڄندڙ ڏوهيءَ پٺيان ڪنهن مڇريل هجوم جيان، اندر ڌوڪي، هر طرف ڦهلجي وئي هئي. صبا کليل دريءَ مان پٺ ڏانهن ڊوڙندڙ بي انت ڦهليل ميدان جي آخر ۾ نظر ايندڙ سرمائي ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙي سلسلي ڏانهن تڪڻ لڳي هئي.
    ’سنجها اڄ تائين تو مٿان جيڪي الزامن جا ڦاها اڇلايا آهن تن جو پڇتاءُ اٿم. ۽- ۽ ان جي پڇتاءُ جي ڀوڳنا کي گهٽائڻ لاءِ آئون سنجها سان ويساهه گهاتي ڪري توسان هليو آيو هئس. رڳو تنهنجي هئڻ جي احساس کي جيئري رکڻ لاءِ ....۽ اڄ مان جيڪڏهن تو آڏو پنهنجي اندر جي سمورين سچاين سميت اعتراف ڪري به ڇڏيان، ته منهنجي اندر ۾ توسان ۽ تنهنجي جسم سان محبت ڪرڻ جو جذبو پنهنجي سموري سگهه سان جاڳي پيو آهي تڏهن به ڪو فرق نه پوندو ڇو ته ڪوبه ماڻهو هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ سچي ۽ شديد محبت ڪري نه ٿو سگهي.‘
    هڪ ئي مهل ڪيترا لڙڪ، صبا جي نيڻن جي پڇڙين مان ڇڏائجي، هوائن ۾ ڦيريون پائي منهنجي ڳلن، چپن ۽ نڪ تي پتڪڙن ٻارن جي نرم گرم هٿن جيان چهٽي پيا هئا.
    ’صبا........‘
    هن سرمائي ڌنڌ ۾ ويڙهيل پهاڙي سلسلي ڏانهن گهوريندي وڃايل لهجي ۾ ڀڻڪيو هو:
    ’هون.‘
    ’توکي سدائين خوش ڏسڻ چاهيو هئم. پر تنهنجن ڏکن ۾ واڌارو آڻڻ کان سواءِ توکي ڪجهه به ڏئي نه سگهيم. مون کي ناڪاميءَ جو احساس هميشه رهندو.‘
    ’هميشه کان ائين ٿيندو آيو آهي....‘
    ’ها صبا، جاڳ ۽ ننڊ جي وچ ۾ لڌل سپنن جي ڪابه حقيقت نه هوندي آهي.‘ ٻيهر ڪيترا لڙڪ هوائن تي اڏندا منهنجي نرڙ ۽ لوندڙيءَ وٽ ننڍڙن هٿن جيان چنبڙي پيا هئا.
    ’صبا، دري بند ڪري ڇڏ. تنهنجا لڙڪ منهنجي اندر ۾ وڍ وجهي رهيا آهن.‘
    صبا هڪدم منهن ورائي منهنجن نيڻن ۾ نيڻ کپائي چيو هو:
    ’تون ڇا ٿو سمجهين....مان هر ڳالهه تي، ٻارن وانگر روئڻ وارن مان آهيان........؟ هي ته هوا جي دٻاءُ تي زور نڪري پيل پاڻي آهي.‘
    صبا جو آواز ويهجي ويو هو. هن پنهنجو ٻانهون دريءَ جي ڪارنس مٿان کپائي تنهن مٿان ڪنڌ ڍرڪائي ڇڏيو هو.
    ’مون کي خبر آهي، تون ڏاڍي بهادر آهين. تڏهن ئي ته تنهنجي ڳالهه جو مانُ رکندي توسان آخري ڀيرو ملڻ آيو هوس.‘
    ’اڄ کان پوءِ مون سان نه ملندين.......؟‘
    ’نه‘
    صبا جهٽڪي سان دري بند ڪري ڇڏي هئي ۽ سڀئي هوائون رڙيون ڪنديون پٺ ڏانهن رهجي ويون هيون.
    ’اڄ کان پوءِ منهنجا پير انهن سمورين هيٺاهين ڏانهن کڄندا، هن کان اڳ جن لاءِ منهنجي ذهن ۾ رڳو تصور ايندو هو.‘
    پوءِ مان هن کي روز نئين ڇوڪري سان ڏسندو هوس. اڪيلو مان نه، تو به ڏٺو هو. صبا مون کي ڏسي، انهن ڇوڪرن سان ڳالهائيندي وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳندي هئي. هن جا ٽهڪ جيڪي ڪڏهن مون لاءِ اڇا ڪبوتر هوندا هئا، پوءِ ٽانڊا بڻجي پيا هئا. پر مون هن کي ڪڏهن به نه روڪيو هو. سڌ هئم صبا ايڏي آسانيءَ سان هر ڪنهن آڏو وڇائجڻ واري نه هئي. پوءِ به الائجي ڇو.... هن کي ٻين سان ڏسي ڏک جي ابت ڪنڊڙي منهنجي گلي ۾ اڀري پوندي هئي. جنهن جو عذاب سڄي جسم ۾ پرٽجي ويندو هو. اهو ڏسڻ کان پوءِ، تون پرسڪون ٿي وئي هئينءَ. صبا سان روز نئين ڇوڪري کي ڏسي تنهنجن شفن رنگ چپن تي مرڪي جي ڪونجن جي قطار اڏرڻ لڳندي هئي. ۽ تنهنجا نيڻ مون کي چوڻ لڳندا هئا: ’ڏٺئي، اها ٿئي مس صبا حميد. جنهن کي تون پوتر سمجهندو هئين......؟‘
    ’هي ڇلو ڪنهن ڏنو اٿئي........؟‘
    منهنجي آڱر ۾ پاتل صبا جي ڇلي ڏانهن شڪ جي نگاهه سان ڏسندي چيو هيئي.
    ’هي منهنجي ڪوي دوست جي آهي. ڪالهه ڪراچيءَ مان واپس ايندي ڏيڻ وسري ويو هئم‘
    ڪوڙ ڳالهايو هئم. ڇو ته ڪوڙ مون کي پنهنجي چوڌاري ڪنهن مضبوط قلعي جهڙو محسوس ٿيڻ لڳو هو. ۽ سچ جا سمورا رستا وڇوڙي جي رڻ ڏانهن ويندي نظر آيا هئم.
    ’لڳي ته ليڊيز ٿو.......؟‘
    ’ها، شايد زال جو اٿس.‘
    تون ڇلي جي سونهري روشنيءَ ۾ غور سان ڏسڻ لڳي هئينءَ، ڄڻ ڇلي ڏيندڙ جو چهرو سونهري روشنيءَ ۾ ڳولڻ لڳي هئينءَ، ڪجهه به نه پسي ڇلو منهنجي چيچ مان لاهي پنهنجي ڏسڻي آڱر ۾ پائي چيو هيئي:
    ’ڏس، هاڻ وڌيڪ خوبصورت ٿي لڳي نه......؟‘
    ڇلي پيل آڱر ڏانهن هلڪي مرڪ سان ڏسڻ لڳي هئينءَ. سوچيو هئم، توکي جيڪڏهن ڇلي ڏيندڙ جي سڌ پئجي وڃي ته جيڪر ان ڇلي کي ايڏي سگهه سان آسمان ڏانهن اڇلائي ڇڏين، جو ڌرتيءَ جي ڇڪ وڃائي هميشه لاءِ پولارن ۾ گم ٿي وڃي. چيو هئم:
    ’هون، زبردست ٿو لڳي.‘
    ۽ تو پنهنجين ساهڙين کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته، هي ڇلو مون توکي مڱڻي تي وٺي ڏنو آهي. منهنجن گهڻن دوستن ۽ تنهنجين ڪجهه ساهڙين کي اها ڄاڻ هئي ته اسان جو مڱڻو ٿي چڪو آهي.
    توکي ياد آهي........؟ هڪ شام منهنجي هڪ ڏنگي دوست، ظهور کي رازداريءَ مان ٻڌايو هو: ’پنهون ۽ سنجها هفتو اڳ ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏي آهي. پر في الحال ان ڳالهه کي آئوٽ ڪرڻ نه ٿا چاهين. تنهنڪري في الحال تون به ڪنهن کي نه ٻڌائج.‘ منهنجي ان ڏنگي دوست کي سڌ هئي ته ظهور کي جنهن ڳالهه تي زور ڏئي روڪبو، تنهن کي سڄي شهر ۾ اخبار بڻائي ڇڏيندو آهي. ظهور منهنجي ڏنگي دوست سان ان راز کي راز رکڻ جو واعدو ڪري، ٽيليفون بوٿ هليو ويو هو. ۽ پنهنجي ڪزن پپوءَ کي جيڪو منهنجو تمام پيارو دوست آهي، ٽيليفون تي ٻڌايو هئائين:
    ’هڪ نئون انڪشاف، پنهونءَ ۽ سنجها ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏي آهي.‘
    رات جو منهنجو ڏنگو دوست مون وٽ آيو هو ۽ هٿ ٻڌي چيو هئائين: ’توکان جيڪڏهن ظهور يا ڪو تنهنجي سنجها سان ڪورٽ ميريج بابت ڪجهه پڇن، ته ها چئي ڇڏجانءِ، ڪجهه ڏينهن لاءِ نئين چينج ٿي پوندي.‘ ٻئي ڏينهن صبح سان پپوءِ منهنجي گهر آيو هو. ان مهل تون منهنجي پيرن ۾ پاتل بوٽ جون ڪهيون ٻڌي رهي هئينءَ. پپوءِ رڙ ڪري چيو هو: ڪانگريٽچوليشنز‘ توکي سلام ڪري، مون کي ڀاڪر پائي ڳچيءَ تي چمي ڏئي چيوهئائين: ’اڙي ڀاڙيا، يارن کان به لڪائي ڪيئي........؟‘
    مون پنهنجي اندر ۾ اٿلون کائيندڙ کل کي مرڪ جي ٻنڌ ڏيئي چيو هو: ’في الحال اها ڳالهه سيڪريٽ رکڻي آهي. مون پنهنجي گهر وارن کي به نه ٻڌائي آهي.‘
    ’ڇو ڀلا.......؟‘
    ’يار سنجها جون ڪجهه مجبوريون آهن.‘
    ’ڪهڙيون مجبوريون.........؟‘ تو ٻئي بوٽ جي ڪهين کي ڳنڍ ڏيندي ٻارن وانگر پڇيو هو.
    ’اها، پاڻ ٻنهين جي شاديءَ جي خبر.........‘
    ’ها اهڙي خبر جيڪڏهن منهنجي گهر پهچي وڃي ته ڪهرام مچي وڃي.‘ توکلندي چيو هو.
    ’اڇا .........؟ بهرحال ’يو آر گريٽ.‘ اسان جي پوري لڏي ۾ توهان ٻئي بهادر آهيو. مون امڙ کي به ٻڌايو آهي. ڏاڍي خوشي ٿي. چيو اٿائين سڀاڻي شام جي ماني اچي اسان وٽ کائون.‘
    ’پر ڪهڙي خوشيءَ ۾--؟ تون وائڙي ٿي وئين هئين. اک ڀڃي چيو هو مانءِ:
    ’پنهنجي شاديءَ جي خوشيءَ ۾.......؟‘ توکي سُڌ هئي ته مان ۽ منهنجا دوست اڪثر اهڙيون شرارتون ڪندا رهندا آهيون.
    تون ڳالهه جي تهه تائين پهچي ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئينءَ ۽ کلندي مون کي ڀاڪر پائي چيو هيئي؛ ’اڙي ها، پاڻ ايترو ته گڏ رهيا آهيون جو هاڻ ته لڳي ٿو پنهنجيءَ شاديءَ کي سال گذري ويا آهن.‘
    پپوءِ مرڪي چيو هو: ’لڳندو به ائين آهي.‘
    ’اسان تنهنجي دعوت قبول ڪيون ٿا پر ٿوري ڦير ڦار سان.‘
    ڪهڙي ڦيرڦار؟‘
    ’اها ته شام جي نه پر سڀاڻي منجهند جي ماني توهان وٽ.‘
    ’ها اهو ٺيڪ آهي.‘ تو مرڪي چيو هو.
    پپوءِ جي امڙ اسان کي ڪيڏو پيار ڏنو هو......؟ سندس شخصيت پرهه جي پهرين سج جهڙي ۽ سندس آواز پرهه جي پهرين سج جي ڪرڻن جهڙو تازگي ۽ جلا بخشيندڙ هو. اسان ڊائننگ ٽيبل تان اٿي ڊرائنگ روم ۾ اچي چانهه پيڻ لڳا هئاسون ته اوچتو صبا جو ذڪر کڻي وٺي هئينءَ. حيران ٿي ويو هئم. تون مون تي الزام هڻڻ لڳي هئينءَ. ۽ مان پنهنجي صفائيءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو هوس. ڪنهن وڪيل جيان امڙ منهنجي پيش ڪيل صفائي ٻڌي، توکي تاڪيد ڪيو هو: ’ڌيءَ توکي پنهنجي گهوٽ تي يقين ڪرڻ گهرجي.‘ تون ماٺ ٿي وئي هئينءَ ۽ مان ذلت جي احساس کڻي توسان گڏ ٻاهر نڪري آيو هوس.
    پاڻ يوڪَلپٽس ۽ سرينهن ڀريل روڊ لتاڙي اتي پهتا هئاسون جتي پهچي سمورا آواز ٻاهر رهجي ويندا هئا. تو منهنجي اگهاڙي سيني تي اڀريل ذري گهٽ ڪاري ٿي ويل چڪ کي ڏسي رڙ ڪئي هئي:
    ’هي ڇا هي.....؟‘
    ’ڇا هي؟‘
    وائڙن جيان پنهنجي اگهاڙي سيني جي ساڄي پاسي صبا جي لڳايل چڪ کي ڏٺو هئم. رڳو هڪ پل لاءِ ککو وکو ٿي ويو هوس. ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي کلي چيو هئم:
    ’اها راهل جي مهرباني آهي.‘
    ’راهل--؟‘
    ’عليءَ جو پٽ ناهي.....؟ جنهن لاءِ تو بوهري بازار مان شرٽ ۽ پينٽ به ورتي هئي؟‘
    ’پرهي ڏند ته ٻار جا نه ٿا لڳن.......؟‘
    ’هن جا اڳيان به ڏند بلڪل ماءُ وانگر تيز ۽ ويڪرا آهن.‘
    ’ڇا ڪيو هئس تو......؟‘
    ’چهنڊري پاتي هئي مانس چتڙ ۾.‘
    تون ٽهڪ ڏئي کلي پئي هئينءَ ۽ پوءِ چڪ مٿان آڱريون ڦيري افسوس مان چيو هيئي:
    ’ڪيڏو ته زور سان چڪ پاتو ٿئي حرام زادي....؟‘
    ’۽ هنن جي باري ۾ توهان جي ڪهڙو خيال آهي؟‘
    مون ڏورن ۽ ڪلهن وٽ تنهنجن پاتل چڪن ڏانهن اشارو ڪري پڇيو هو.
    ’مان ته پائيندوس، منهنجي مرضي. تون ڪير ٿيندو آهين ڙي مون کي روڪڻ وارو؟‘
    تون پنهنجا ڏند منهنجي کاٻي اُرهه ۾ کپائي ڇڏيا هئا. تنهنجي چڪ جي شدت جيڏي تيز ٿي وئي هئي اوترو منهنجي اندر ۾ پيدا ٿي پيل خوف آٺربو ويو هو. ۽ اسان لهر لهر لڙهندا هليا ويا هئاسون. محبتن جي وادي ڏانهن.
    صبا جي گهر ڏانهن ويندڙ سمورن رستن مٿان ڦٽي پيل منهنجي همدردي ۽ خلوص جا وڻ موسمي ٻوٽن جيان سڙي ڇانڀر بڻجي ويا هئا.
    اسان رستن تي مليا هئاسون ۽ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي هليا ويا هئاسون. صبا کي ڏسي نيڻن ۾ اجنبيت ڀرجي ويندي هئي. ۽ مون کي ڏسي هن جي نيڻن ۾ اداسيءَ جا پيلا گل ڦٽي پوندا هئا. سندس چهرو جنگ کانپوءِ آخري بچي ويل ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندو هو. ان گهڙيءَ هن جون کڄيل وکون سست ۽ منهنجيون وکون وڌيڪ تيزيءَ سان کڄڻ لڳنديون هيون.
    مڃان ٿو سنجها، جڏهن صبا مون کي اتفاق سان نظر آئي به هئي، ته منهنجو وجود طوفان جي زد ۾ اچي ويل شاهه بلوط جيان ٽڙڪاٽ ڪندو ڌرتيءَ ڏانهن ڪرڻ لڳندو هو. پنهنجا سمورا ڪم وساري، اخبار جي ڦاٽل ٽڪر جيان رستن ۽ گهٽين ۾ اڏامڻ لڳندو هوس. انهن گذري ويل ڏهن مهينن ۾ هڪ ڀيرو، صبا مون کي فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊور مان لنگهندي ڏسي بيهي رهي هئي، چيو هئائين: ’ٻڌ‘ بيهي رهيو هوس.
    ’تو منهنجو ڇلو سنجها کي ڏئي ڇڏيو آهي....؟‘
    ’ها.‘
    ’ڇو؟‘
    ’مون ۾ ۽ سنجها ۾ ڪو فرق آهي ڇا؟‘
    ’مان رڳو اهو ڄاڻا ٿي، ته ڇلو مو توکي ڏنو هو.‘
    ديوار بڻجي ويو هوس، چيو هئائين:
    ’ڪنهن جي ڏنل محبتن جي امانتن کي به سنڀالي سگهڻ جي قوت نه ٿو رکين؟‘
    ’سنجها مون کي مليل سمورين محبتن ۽ امانتن جي مالڪ آهي.‘
    ’ڇلو يا تنهنجي آڱر ۾ هجڻ گهرجي يا سنڌوءَ جي لهرن ۾.‘
    ’ساري صبا.‘
    ’مون کي تنهنجي ساري جي ضرورت ناهي.‘
    ’مان توکي ڇلي جي قيمت ڏئي سگهان ٿو؟‘
    ’تون ٻيو ڏئي به ڇا سگهندين........؟‘
    ’مان ڄاڻان ٿو، رابيل جهڙين اجرين ۽ سڳنڌ ڀريل عقيدتن ۽ نئين ڄاول ٻار جي سرير جهڙين گرم محبتن جي موٽ دنيا جو ڪوبه امير ترين ماڻهو پئسن سان لڳائڻ چاهي به ته لڳائي نه سگهندو. پر صبا.....‘
    ’مون تي خوبصورت لفظن جا ڦاها نه اڇلاءِ مان ڄاڻي چڪي آهيان، خوبصورت لفظ رڳو ذهنن تي حڪومت هلائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.‘
    ’مون کي ٽيز ٿي ڪرين...........؟‘
    صبا جي چپن تي مرڪ ڪنهن خوبصورت خنجر جي نوڪ جيان چمڪي پئي هئي. چيو هئائين: ’ٽيز هميشه جيئرن ماڻهن کي ڪبو آهي.‘
    ان کان اڳ جو ڪو جواب ڏيان، صبا ڪجهه پريان بيٺل ڏانهس سڃاتل نظرن سان تڪيندڙ سهڻي نوجوان ڏانهن ريشمي وار لهرائيندي مرڪي هلي وئي هئي.
    تنهنجي پاران صبا کي مليل ذلت، موٽ ۾ صبا جي ڊگهي ماٺ ۽ ان ماٺ جي پٺ ۾ مون لاءِ ڇپ هنيل پيار. ها، رڳو پيار ڇو ته هن ڪڏهن به مون سان ڪو وڏو واعدو نه ڪيو هو. ڪلهي تي ڪنڌ ڍرڪائي، ڪو وڏو ڪوڙ نه ڳالهايو هو. صبا ڪڏهن به منهنجن هٿن تي هٿ رکي، نيڻن ۾ نيڻ اٽڪائي نه چيو هو:- ’مان توسان شادي ڪنديس. پوءِ ڇو نه مون کي سڀ ڪجهه ڇڏڻو پئي. پوءِ ڇو نه تون مون کي فوٽ پاٿ مٿان ٽينٽ هڻين ڏين. ۽ جيڪڏهن تون مون کي نه ملين، ته مان ڪنهن کي به نه ملندس. مون توکي چاهيو آهي. تنهنڪري منهنجو سرير هميشه تنهنجي امانت رهندو. هن سرير تي هميشه تنهنجي هٿن، چپن جي روشني چمڪندي رهندي. هنن نيڻن ۾ هميشه تنهنجي ياد ڪنهن بن ۾ واچوڙي جيان گهوماٽيون کائيندي رهندي. ۽ جيڪڏهن تون مون کي نه ملين، مان سماج جي سمورين موسمن سان ٽڪر کائي، پنهنجي وجود کي تنهنجي ياد جو المناڪ کنڊر بڻائي ڇڏيندس.‘
    ها، صبا ڪڏهن به گنڀير آواز ۾ لڙڪ ڀريل نيڻن سان مون ڏانهن ڏسي ائين نه چيو هو. هن ته رڳو مون کي چاهيو ٿي. ۽ موٽ ۾ رڳو چاهتن جا ڳاڙها گلاب ٿي وٺڻ چاهيا. شادي ته هن ڪنهن امير ماڻهوءَ سان ڪرڻ چاهي هئي. مون کي اهو چوندي ڪابه هٻڪ نه ٿي ٿئي صبا کي تنهنجي ڏنل ذلتن، منهنجي اندر صبا لاءِ محبت جو جذبو جاڳائي ڇڏيو هو. پر مون پنهنجي اندر صبا لاءِ جاڳي پيل جذبي کي، سمورن محبت جي احساسن کي گهر ۾ گهڙي آيل چور سمجهي، ضمير جي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙهي ڇڏيو هو. پهرين مون پاڻ کي توهان ٻنهين جي وچ ۾ ڪنهن قيمتي تاج جيان سمجهيو هو. جنهن کي حاصل ڪرڻ وارو سلطنت جو مالڪ ٿي سگهيو ٿي. اهڙي احساس منهنجي اندر مڳي پيدا ڪري ڇڏي هئي. پر ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ، اوچتو مون کي محسوس ٿيو هو، مان توهان ٻنهين جي وچ ۾ ڪنهن فوٽبال جيان رهيو هوس. جيڪو توهان جي عورتاڻي انا پرستيءَ ۾ هوڏ جي لتن ۾ لتاڙجي رهيو هو. ۽ مون پنهنجي دل جي ان چئمبر مان جنهن ۾ صبا لاءِ هر نيڪ ۽ سچي جذبي جا ويو ڪارڊ پيل هئا، ڪڍي يونيورسٽيءَ جي ڇڙواڳ هوائن ۾ اڏاري ڇڏيا هئا.
    مان جيڪو ڪڏهن ڇڙواڳ هوائن وانگر هوندو هوس. توسان ملي ڍنڍ ۾ بيٺل پاڻيءَ جيان ٿي پيو هوس. فيڪلٽيءَ جا ڪاريڊور، ڪلاس روم، يوڪلپٽس ۽ سرينهن سان ڀريل روڊ، پهاڙيون، ديوين جا ننڍڙا جهنگل ۽ هن گهر جو ڪمرو، ڪابه ته ڦير ڦار نه آئي هئي انهن ۾ ايترو وقت وهامي هن گهر جو ڪمرو، ڪابه ته ڦير ڦار نه آئي هئي انهن م ايترو وقت وهامي وڃڻ کان پوءِ به؟ سواءِ فيڪلٽيءَ جي ديوارن تان ڊاهي ويل پراڻن نعرن مٿان. نئين سر لڳي ويل نعرن جي..........؟ هڪ مخصوص من ۾ سرينهن جي ٽارين ۾ ٽڙي پيل ساڳين گلن جي.......؟ هن ڪمري ۾ اسان ٻنهين جي وچ ۾ ٿيندڙ عمل ۾. پر اهو سڀ ساڳيون هو. ساڳيو ٿي ويندو هو. ماڻهو سيني ڀر رڙهي يا پٺيءَ ڀر رڙهي پر رڙهندو ته پوءِ به ڌرتيءَ مٿان ئي نه....؟ ڪيڏي نه محدود زندگي بڻجي وئي هئي؟ مون کي هر منظر چئن ڊگهين ديوارن ۾ ڦاٿل نظر اچڻ لڳو هو. پنهنجي هن ڪمري وانگر؟ ڪڏهن ڪڏهن توسان گهمندي محسوس ٿيندو هو ڄڻ اسان ٻئي گهلجي رهيا هئاسون. ڄڻ ڪنهن اسان جي چيلهن ۾ ڪو ڊگهو ڳرو نظر نه ايندڙ زنجير ٻڌي ڇڏيو هو. هلڪي هلڪي بيزاري ڪر کڻڻ شروع ڪيو هو. جڏهن تون مون کي هن ڪمري ڏانهن هلڻ لاءِ چوندي هئينءَ، ته منهنجي اندر ۽ عجيب موجهه ٿيڻ لڳندي هئي.... نه چاهيندي به توسان گهلجڻ لڳندو هوس. ڇا هو هن ڪمري ۾ .....؟ ساڳي کٽ، ساڳيو گلم، ساڳيا صوفا، اها ئي ڏاکڻين پاسي کلندڙ دري، ۽ دريءَ کان ٻاهر ساڳيو منظر..... اها ئي تون، اهو ئي مان، ساڳيا چپ، ساڳيا هٿ، ساڳيا عمل...... نه ٻيڙيءَ جي ڇلڻ جو گهرو احساس. مٿانهينءَ کان هيٺاهينءَ ڏانهن گسڪن جو سيسڙاٽ ڪڍي ڇڏيندڙ جذبو... ورجاءُ، ورجايل آسڻ ..... موٽ ۾ ٿڪ شديد ٿي ويل. ۽ پوءِ ٺري ويل احساس سان برفاڻا هٿ، هٿن ۾ ڏئي ساڳين رستن مٿان گهلجڻ. ايترو ماٺ ڏسي پڇندي هئينءَ:
    ’چپ ڇو آهين.....؟‘
    ’ائين ئي.‘
    ’ڪجهه ڳالهاءِ.....؟‘
    ’ڇا.....؟‘
    ’سڀ ڪجهه ته ڳالهائي ڇڏيو آهي. گهڻو اڳ، هاڻ ته ڇڙا پڙاڏا آهن.‘
    ’بيزار ٿي ويو آهين مون مان ......؟‘
    موٽ ۾ اندر جي سمورن جذبن کي لڪائي، خالي ڀيانڪ ٽهڪ ڏئي پنهنجي نستين ٻانهن ۾ توکي ڀري چوندو هوس:
    ’ڪڏهن ماڻهو پاڻ کان بيزار ٿيو آهي ڇا.....؟‘
    ۽ تون هزارين ڀيرا اڳ پڇيل سوال ورجائيندي هئينءَ:
    ’مون سان ڪيڏو پيار اٿئي......؟‘
    جو منهنجي بيزاريءَ کي توائيءَ ۾ بدلي ڇڏڻ لاءِ ڪافي هوندو هو. پر مان پاڻ تي جبر ڪري ڪونه ڪو رومانٽڪ جواب ڏئي ڇڏيندو هوس. اندر ۾ پيدا ٿي پيل ماٺ وڌيڪ گهري اونهين ٿي ويندي هئي. ۽ مان ماٺ جي ماري ڇڏيندڙ خاموشيءَ کان ڊڄي توسان گڏ هلندي ڪيترائي گيت، غزل، آزاد نظم، وايو هڪ ٻئي پٺيان جهونگارڻ لڳندو هوس. اندر ۾ پيدا ٿي پيل ماري ڇڏيندڙ خاموشيءَ کان؟ يا لائجي تنهنجي پڇيل سوال ’چپ ڇو آهين؟‘
    جي خوف کان. پر اهو سڀ هوندي به ڪا ڇڪ هوندي هئي جا اسان ٻنهين کي اڪيلائين ۾ هڪ ٻئي لاءِ سوچڻ تي، شدت سان ياد ڪرڻ تي مجبور ڪندي هئي.
    تون پنهنجي آخري سال جون سموريون ٽيسٽون ڏئي چڪي هئينءَ. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٿيسز به سبمٽ ڪري ڇڏي هيئي. رزلٽ نڪرڻ تائين پاڻ ملندا رهيا هئاسون. رزلٽ نڪرڻ کان پوءِ تون پهرئين هفتي ۾ ٽي ڀيرا. وچئين هفتي ۾ ٻه ڀيرا. ۽ آخري هفتي ۾ هڪ ڀيرو اچڻ لڳي هئينءَ. پنهنجي چيلهه ۾ نظر نه ايندڙ ڀاري زنجير ڄڻ ڍور پئجي ويو هو. منظرن جي چوڏس ديوارون ته نظر آيون هئم، پر ڪجهه دور دور. ۽ پهريون ڀيرو مان پاڻ کي ڊگهي عرصي جي نطر بنديءَ کان آزاد ٿيل محسوس ڪرڻ لڳو هوس. سڀئي ڏٺل پيچرا ۽ وڻ ڌوتل ۽ اجرا محسوس ٿيا هئم.
    مهيني جا آخري ٻارنهن ڏينهن تنهنجو ريڊيو تي ڪانٽريڪٽ هوندو هو. مهيني جي انهن ڏينهن ۾ تنهنجي چوڻ تي روز شام جي تو وٽ اچڻ لڳو هوس. تنهنجي ڊيوٽي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه ڪلاڪ پاڻ ڪڏهن اولڊ ڪئمپس جي ليڊيز پارڪ ۾، ته ڪڏهن شهاب (منهنجو دوست) جي ڊرائنگ روم ۾ گذارڻ لڳا هئاسون. پابندي سدائين مون کي قيد جي احساس ڏياريو آهي سنجها! پر مون هميشه تنهنجي چيل لفظن جو مانُ رکيو هوندو. مان ته انهن منجها آهيان، جيڪي پاڻ عذاب جي پلصراط تان لنگهي به پنهنجين محبوبائن سان ڪيل واعدا پاڙيندا آهن. ۽ تنهنجي خواهشن جي احترام مون لاءِ آسماني ڪتابن پاران موڪليل حڪم جيڏو ئي اهم ۽ احترام لائق هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انسان هجڻ جي ناتي، هن سماج ۾ رهندي جتي ٻيا به رهن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ٻين جي جذبن جو نه چاهيندي به احترام ڪرڻو پوندو آهي. منهنجي وڏي ٽريجدي آها آهي سنجها ته مان ڪنهن جي به بي عزتي ڪري نه سگهندو آهيان. ٽي وي تي ايندڙ سيريز ’ورلڊ ايٽ وار‘ (World at war) ۾ ڪڏهن به جرمنن جو يهودين کي لتون مڪون ۽ منهن ۾ ٿڪون هڻڻ وارو سيڪيئنز ايندو هو، ته مان نه چاهيندي به اٿي هليو ويندو هوس. مون کي لڳندو هو، ڄڻ اهو سڀ ڪنهن يهوديءَ تي نه پر مون تي وهي رهيو هجي. ان ويل مان ننهن کان چوٽيءَ تائين ذلت جي احساس ۾ ڪرڻ لڳندو هوس.
    انهن منجهان آهيان، جن لاءِ ٻار وڏن کان وڌيڪ عزت لائق هوندا آهن. مون کي ياد ٿو اچي.....هڪ ڀيري پوريءَ رفتار سان (شهر جي روڊن تي آهستي هلي نه سگهندو آهيان) هڪ اسڪول جي گيٽ وٽان لنگهي رهيو هوس جتي ٻار رسيس هئڻ سبب شيون کائي رهيا هئا، منهنجو کڄيل هٿ هڪ پنجن سالن جي ٻار جي هٿن ۾ جهليل ڪچورين جي پليٽ تي لڳو هو ۽ پليٽ ڪچورين سوڌي وڃي روڊ تي ڪري هئي. يقين ڪر. ان مهل مون کي پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. مون هن ٻار کي تمام گهڻي معذرت سان اکٽ چميون ڏئي معافي گهري هئي. ۽ ڪچورين واري کي هڪ پليٽ جي جاءِ تي ٻن پليٽن جا ڏوڪڙ ڏئي هليو ويو هوس. تون ان کي نفسيات جي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به ذهني بيماريءَ جو نالو ڏئي سگهين ٿي. مون کي ان جي پرواهه ناهي. مان ته موڊ ٿيڻ تي ڀريل روڊن مٿان زور سان ڳائيندي، انڌن کي روڊ پار ڪرائيندي، يا پوڙهن جي مٿن تي بار ڍورائڻ ۾ ڪوبه شرم يا عار محسوس نه ڪيو آهي. اهو سڀ ڪرڻ کان پوءِ مون کي پنهنجي هئڻ جو احساس وڌيڪ شدت سان ٿيو آهي.
    ها ته مون چيو پئي، تنهنجي خواهشن جو احترام مون لاءِ آسماني ڪتابن ۾ موڪليل حڪمن جيترو اهم رهيو آهي. ۽ جيئن ته انسان هئڻ جي ناتي هن سماج ۾ رهندي جتي اسان جهڙا ٻيا به رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن انهن جي جذبن جو احترام به ڪرڻو پيو هوندم. اهڙن موقعن تي يقينن مون کان تنهنجي ڪيل خواهش جي عمل ۾ ڪوتاهي ٿي وئي هوندي. جنهن تي تون هميشه جيان ڏمري به هوندييءَ. (اها تنهنجي منهنجي لاءِ شديد محبت هوندي هئي الائجي تنهنجي ذهن جي ڪنڊ ۾ مون لاءِ رهجي ويل شڪ آ؟)
    اها حقيقت آهي ته تنهنجي دير سان اچڻ ڪري، سرد پئجي ويل محبت جي جذبي ۾ نئين سر، گرمي پيدا ٿي وئي هئي. توکي گهڻا ڏينهن نه پسي لڳندو هئم هوائن مان آڪسجين ختم ٿيندي پئي وڃي. اندر ۾ گهٽ وڌي ويندي هئي. جڏهن توکي اچڻو هوندو هو، اها رات ٻارن وانگر عيد جي صبح جو اوسيئڙو ڪندي اڌ جاڳ اڌ ننڊ ۾ لڌل خوابن ۾ نوان ڪپڙا پائي، مٺائيءَ جي دڪانن تان چانديءَ جي ورڪن ۾ ويڙهيل مٺائي وٺندي گذري ويندي هئي. صبح جو ساجهر اک کلڻ جي باوجود هنڌ ۾ پيو هوندو هوس. ته جيئن هميشه جيان تنهنجي سينڊل جو رومانٽڪ آواز، پرس سٽڻ ۽ مخصوص ڇڻڪڻي لهجي ۾ ’اسلام عليڪم‘ جو سرهاڻ ڦهلائي ڇڏيندڙ آواز، پوءِ پنهنجي ويهاڻي جي هيٺيان چاٻيءَ جي ڳولها ۾ تنهنجي آڱرين گسڪڻ سان گڏ سيف کلڻ جو آواز ٻڌي، آخر ۾ پيرن وٽان تنهنجي هٿن سان رليءَ جي سٽ سان ڌار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳندو هوس. تون ايندي هئينءَ ته منهنجي اندر تنهنجي انتظار ۾ سڪي ويل وڻن جي ٽارين ۾ ڄڻ سوين رنگن جون ربينون ۽ رومال لهرائڻ لڳندا هئا. پر توسان ملڻ پڄاڻا سڀئي منظر ساڳين چئين ديوارن ۾ بند ٿي ويندا هئا. تون اچڻ شرط ڪنهن نه ڪنهن جهيڙي جو بنياد وجهي ڇڏيندي هئينءَ، ۽ مون کي تنهنجي اچڻ جي خوشي، پنهنجي مرتئي جو ماتم لڳندي هئي. محسوس ٿيڻ لڳو هئم تون پنهنجي چيلهه ۾ نظر نه ايندڙ ڳري زنجير جي بار کان بيزار ٿي پئي هئينءَ. نه چاهيندي به گهلجڻ لڳي هئينءَ ان اسهه بار هيٺ.
    مهيني جي پوين ٻارنهن ڏينهن ۾ تو وٽ پابندي سان اچڻ لڳو هوس. پهريان نيوز سيڪشن ۾ پوءِ نه چاهيندي به گيٽ جي ٻاهر. هڪ شام جو گهمندي ڦرندي چيو هيئي:
    ’ريڊيو جو عجيب ماحول آهي. تنهنجو روز اڄن تو لاءِ به تڪليف ڏيندڙ هوندو.....؟ تنهنڪري اڳتي مان پاڻ تو وٽ ايندي رهندوس. ڪڏهن ڪو ضروري ڪم پيو به ته ظهير کي ميسيج ڏئي ڇڏيندوس. هو توکي پهچائي ڇڏيندو.‘
    پوءِ تون پندرهين ڏينهن اچڻ لڳي هئينءَ. امان، ادي وڏي ۽ منهنجي ننڍڙي ڀائيٽي رابيلا تنهنجي کوٽ محسوس ڪرڻ لڳيون هيون. امان اڪثر تنهنجي دير ڪرڻ تي پريشان ٿي پڇندي هئي:
    ’سنجها کي ته وٺي اچ..... ڏاڍي ياد ٿي اچي. بيمار ته ناهي.....؟‘
    رابيلا منهنجي سيف تي لڳل هڪ ٻئي جي چيلهن ۾ ٻانهون ڦاسائي نيڻن ۾ گهوريندڙ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي تصوير کي ڏسندي چوندي هئي:
    ’پنهون؟ هي تون آهين نه.......؟‘
    ’ها، ۽ هيءَ ڇوڪري ڪير آهي.....؟ مان پڇندو هومانس. رابيلا جي چهري تي مائيڪل اينجلو جي ٺاهيل پينٽنگز ۾ معصوم فرشتن جي چهرن تي نظر ايندڙ مرڪ جهڙي لکا ٿيڻ لڳندي هئي. ننڍڙا هٿ ڳلن تي رکي چوندي هئي:
    ’سنجها چاچي.‘ ننڍڙا هٿ پکيڙي وڌي ويل ننهن کي ڏسندي چوندي هئي:
    ’پنهون......؟ پنهون؟ ڪڏهن ايندي؟ چاچي سنجها، ڪڏهن ايندي؟‘
    ۽ مان توکي ريڊيو تي ٽيليفون ڪري، اچڻ لاءِ چوندو هوس، تون ايندي هئينءَ ته تنهنجي ايندي ئي محسوس ٿيندو هو ڄڻ گهر جي ڀتين کي نئون رنگ لڳي ويو هجي. امان، ادي وڏي، رابيلا سڀ ڪيڏا ٻهڪي پوندا هئا.


    8

    پندرنهن ڏينهن بدران مهيني ۾ هڪ ڀيرو اچڻ لڳئينءَ، گهر ۾ پير پائيندي تنهنجي منهن تي ٿڪ ۽ بيزاريءَ جا سڀئي اداس رنگ پکڙجي ويندا هئا. سڀني سان ملي پئجي رهندي هئينءَ، ڪڏهن انب جي وڻ هيٺيان، ڪڏهن ورانڊي ۾، هڪ ڏينهن تون منهنجي ڀر مان اٿي، سيف تي لکيل پنهنجي ۽ منهنجي نانءَ جا حرف اکوڙي ڇڏيا هئا. ڪنهن ٻئي نه تو منهنجي دل جي ديوار تي لکيل مقدس عبارت کي پنهنجن وڏن ننهن سان کرڙي ڇڏيو هو. ڄڻ منهنجي دل يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ جي ڪا ديوار هئي جنهن تي تنهنجو نالو نه، پر ڪو سياسي نعرو لکيل هو..... منهنجي ڀر ۾ ويهندي کرڙيل نانءَ ڏانهن ڏسي مرڪندي چيو هيئي:
    ’صبا جو نانءُ لکي ڇڏجان.‘ ذهن ۾ ڀرجي ويل ڪاوڙ ۽ ڏک هٿن ۾ اٿلي پيو هو. هٿ هوائن ۾ کڄي واپس موٽي آيا هئا. ان لاءِ جو اهو سڀ ڪنهن ٻئي نه، تو ڪيو هو. ۽ توکي منهنجي هر شئي مٿان اڌيڪا هو، سيف ۾ پيل هر شئي کان وٺي منهنجي جسم جي هر حصي تائين. ڪيلاش بڻجي ويو هوس، جنهن جي هر ڏسا برف ستل هوندي آهي ۽ اندر آڳ.
    تو.کي پنهنجي ماءُ جو ڏاڍو خيال ٿيڻ لڳو هو ۽ پنهنجي ڀاءُ کان شديد خوف. پوءِ تو ڪڏهن به هن ڪمري ڏانهن هلڻ لاءِ نه چيو.
    هڪ ڀيري چيو هومانءَ ’هلون.....؟‘ عجيب بيزاريءَ مان چيو هيئي:
    ’نه، موڊ نه ٿو ٿئي.‘
    محسوس ٿيو هئم. تون پنهنجي چيلهه ۾ ٻڌل، نظر نه ايندڙ ڳري زنجير کي ٽوڙڻ جي جاکوڙ ڪري رهي هئينءَ. اڪيلي سرر نه، ڪنهن ٻئي جي مدد سان. ديوارن ۾ ڦاٿل سڀئي منظر ڌڏڻ لڳا هئا ديوار سميت. چاهيندي به توکي ڪِس نه ڪئي هئم. نظر آئي هئم چپن مٿان لڳل لپسٽڪ ۾ اجنبيت جي هلڪ هلڪي ڪاراڻ.
    هڪ ڊگهي وڇوٽي کان پوءِ آئي هئينءَ، چيو هيئي:
    ‘ڊپارٽمينٽ هلڻو آهي.‘
    ’ڪنهن وٽ........؟‘
    ’ظهير وٽ.‘
    ’باٽني.......؟‘
    ’ها.‘
    ’تنهنجو موڊ آف آهي؟‘
    ’ٻڌائيندي مانءِ.‘
    رستي ۾ چيو هيئي: ’اسان جي سيڪشن انچارج اسان جي ٽائپسٽ کي چيو پئي، ظهير چئي ٿو، سنجها پهريان هڪ ليکڪ سان عشق ڪندي هئي، پوءِ هڪ آرٽسٽ سان، ۽ هاڻ منهنجي پويان هٿ ڌوئي پئجي وئي آهي.‘
    ڄڻ بن ۾ باهه لڳي وئي هئي. کامندو هليو ويو هوس. ڪجهه به چئي نه سگهيو هوس. توکي ظهير سان ملائي هليو ويو هئم. ڇو ته ظهير سان ڦٽائڻ نٿي چاهيم. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ تون مون کي فيڪلٽيءَ جي ٻاهرين پارڪ ۾ ملي هئينءَ. اسان سانت جي رڻ ۾ ڀٽڪندا رڙهڻ لڳا هئاسون. پنهنجي منهن ڳالهايو هيئي:
    ’مون کي ته اڳي ئي يقين هو، ظهير ائين نه چيو هوندو...... اها ڪنهن ٻئي جي حرامپائي آهي.‘
    ڪجهه به نه ڪڇيو هوس. گهر اچي ڪمري جي ڀت سان لڳل کٽ کي ٽيڪ ڏئي اهلي پيو هوس. ۽ تون منهنجي هنج ۾ ليٽي مون ڏانهن تڪڻ لڳي هئينءَ. تنهنجا نيڻ تنهنجي اندر ۾ ڪجهه لڪل هئڻ جي شاهدي ڏئي رهيا هئا. ڀريل آواز ۾ چيو هئم:
    1983ع پنهنجي وڇوڙي جو سال آهي.
    هلڪو ڇرڪ نڪري ويو هيئي، تو تڪڙ ۾ منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيو هو. لڳو هئم ڄڻ پنهنجي وات تي هٿ رکڻ چاهيو هيئي. پر غلطيءَ ۾ منهنجي وات تي رکجي ويو هيئي. مئل آواز ۾ چيو هيئي:
    ’ائين نه چئو.....‘
    تو پنهنجو هٿ هٽائي، خشڪ ٿي ويل لپسٽڪ هاڻان چپ منهنجي چپن تي پهريائين رکي، پوءِ چهٽائي ڇڏيا هئا. الائجي ڇو......؟ تنهنجا چپ ڇڪجي سخت ٿي ويا هئا. چيو هئم ٿورو هٽندي:
    ’ٿورن ڏينهن ۾ ڪيل واعدن سان گڏ ڪس ڪرڻ به وساري ڇڏيو اٿئي؟‘
    ٿڙيل ساهن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي هئينءَ. خالي آواز ۾ چيو هئم:
    ’ڪس، تير تاڻيل ڪمان جهڙن چپن جو نه، ماکيءَ سان ڀري اڳتي وڌائي ڏنل سپين جهڙن چپن جو نالو هوندو آهي.‘
    تو ڍرا پئجي ويل اڌ کليل چپ اکيون ٻوٽي، منهنجي هنج مان ڪنڌ کڻي مون ڏانهن وڌائي ڇڏيا هئا. ٺريل آواز ۾ چيو هئم:
    ’ياد ڪري ڇڏ اها ڳالهه، ڪڏهن نه ڪڏهن ڪم اچي ويندئي.......؟‘
    تون اکيون ڦاڙي وائڙائپ مان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي هئين.
    هڪ سڃاتل چيو هو:
    ’نارد مُني چئي ٿو، سنجها هاڻ پنهونءَ کي سمجهي وئي آهي. وٽس وڃڻ ڇڏي ڏنو اٿئين.‘
    درد جو ڪان سيني ۾ کپي ويو هئم، ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئس.
    ٻن مهينن کان پوءِ آئي هئينءَ. بيزاريءَ ۽ ٿڪ سان گڏ اداسيءَ جو رنگ به چهري تي کڻي، گهڻي دير ويهڻ کان پوءِ مئل آواز ۾ چيو هيئي:
    ’مان توسان شادي ڪري نه سگهندوس. مون کي پنهنجن ڪيل واعدن تي ڏک آهي. اصل ۾ مون کي اهو سڀ اڳ ۾ ٻڌائي ڇڏڻ گهربوهو.... پر اڳ ۾ مون کي اهو سڀ ايڏو ناممڪن نه لڳندو هو. جيڏو هاڻ ٿي پيو آهي. منهنجو ڀاءُ الائجي ڇو، توکان ڏاڍو چڙيل آهي. چئي ٿو مان پاڻ کي شوٽ ڪري ڇڏيندس.... مان توسان رومانس ڪيو آهي، مان توسان رومانس ڪندي رهندوس... منهنجو جسم، منهنجا نيڻ، منهنجا چپ، منهنجا هٿ، هميشه تنهنجا رهندا. توسان نه، ته ڪنهن سان به شادي نه ڪندوس.‘
    صبا جا جملا سقراط جي آخري تقرير جي سٽن جيترائي امر لڳا هئم. ’سنجها توسان رڳو رومانس ٿي ڪري، رڳو رومانس.‘............من ۾ اٿلي پيل درد کي لڪائڻ لاءِ ٽهڪ ڏئي کلي پيو هوس. چيو هيئي:
    ’مون کي خبر آهي، تنهنجا ٽهڪ جيڏا اونچا آهن، تنهنجو درد اوڏو گهرو آهي.
    ’درد.....؟ درد جو زهر ته ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما جي تباهي کان به اڳ هوائن ۾ مليل آهي.‘
    اداس لهجي ۾ پڇيو هيئي:
    ’منهنجي مري وڃڻ جو ٻڌي روئيندين.......؟‘
    ’گهڻو اڳ، هر ڳالهه تي ٻار بڻجي روئي ڏيندو هوس. هاڻ چاهيندي به روئي نه سگهندو آهيان.... ڪجهه ڏينهن ٿيندا، هڪ جلوس تي گولي هلائيندي پوليس منهنجي هڪ جگري يار کي شوٽ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته هن ڪوبه نعرو نه هنيو هو. هو ته ٿڌي پاڻيءَ جي ڳولها ۾ نڪتو هو. ان ڏينهن کان روئڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، اندر سڄو تنور بڻجي ويو آهي. ٻاهران لباس جو برف ۾ ڍڪيل آهيان.....لڳي ٿو سمورا لڙڪ اندر جي ڄر سبب ٻاڦ بڻجي اڏري ويا آهن......‘
    اٿندي چيو هيئي:
    ’مان ايندي رهندوس.... تون ٽيليفون ڪندو رهجانءِ؟‘ توکي بس اسٽاپ تي ڇڏڻ هليو هوس، اولهه طرف نهاريو هيئي.
    لهندڙ سورج جا سمورا اداس رنگ تنهنجي عينڪ جي شيشن تي لهي آيا هئا.
    مونجهه وڌي وئي هئي. ڪراچيءَ هليو ويو هئم، پنهنجي دوست عليءَ وٽ. سندس گهر ۾ سانت لڳي پئي هئي. هو ڊسٽرب ٿي لڳو ڊرائينگ روم ۾ صوفا تي اڌ ستل، ڪجهه سوچي رهيو هو. مون کي ڏسندي خوشيءَ مان هلڪو ڇرڪ نڪري ويو هوس. چيو هئائين:
    ’سٺو ٿيو جو اچين وئين........نيرن ڪئي اٿئي.........؟‘
    ’نه.‘
    ’اچ ته ڪرايانءَ.........‘
    ٻانهن کان گهليندو هليو ويو هو. اڱڻ ۾ هٿرادو بڻيل بورچيخاني ڏانهن.
    ’ڀاڀي ڪاٿي آ......؟‘
    ’ان کي ڇڏي.‘
    هو ڊبل روٽيءَ تي مکڻ هڻڻ لڳو هو. ۽ مکڻ هڻي سيڪڻ لڳو هو.
    ’ٻار ڪاٿي آهن.....؟‘
    ڳليءَ ۾ راند کيڏندا هوندا.‘
    اوچتو ڀر واري ڪمري مان هڪ وڏو سڏ ڪو اڀريو هو.
    عليءَ زور سان چيو هو:
    ’روئو.........اڃان زور سان رئو. آواز نه ٿو اچي.‘
    ’ڪير ٿو روئي.........؟‘
    ’بس ڙي يار، روئي ٿي پنهنجن ڀاڳن تي.‘
    ٽهڪل ڏئي کلي پيو هئم. اهو سڀ مون لاءِ نئون نه هو.
    ها، ڪنهن ٻئي لاءِ نئون ٿي سگهيو ٿي. هن سلائيز ٺاهي. ڪجهه مون کي ڏنا هئا ۽ ڪجهه اندر کڻي ويو هو. ڪمري مان آواز آيو هو:
    ’آ.....اُٿ کاءُ.‘
    ’مان نه کائينديس......‘ ۽ سڏ ڪن جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو.
    ’اٿ جان، کاءُ.‘
    ’مان نه کائينديس نه کائينديس....‘ ۽ سڏڪن جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو.
    ’مان چوانءِ ٿو، اٿي کاءَ.........؟‘
    ’چئي ڇڏيم نه کائينديس . مون کي تنگ نه ڪر.‘
    اوچتو هڪ زوردار چماٽ جو آواز آيو هو. ۽ منهنجي دوست جو ڪاوڙ ۾ ٻڏل جملو:
    ’اٿ کاءُ، مان توکي جيڏو پيار سان چوان ٿو. اوڏي وڏي ايڪٽنگ ٿي ڪرين.........؟‘
    سڏڪن جو سلسلو ڪجهه وڌيڪ بلند، ڪجهه وڌيڪ تکو ٿي ويو هو. هو ٻاهر نڪري آيو هو. سندس منهن تي ڪنهن ڪاوڙ جو تاثر نه هو.
    مون سان گڏ ويهي، سلائيز کائڻ لڳو هو:
    ’ڳالهه ڇا ٿي آهي......؟‘
    مون کي اک هڻي بلند آواز ۾ چيو هئائين:
    ’وڃي پڇيس...........؟‘
    اندر ويو هوس. ڀاڀي اونڌي منهن پلنگ تي روئي رهي هئي. سڏڪن سبب سڄو جسم لڏي رهيو هوس.‘
    ’ڇا ڳالهه ٿي آهي، ڀاڀي......؟‘
    منهنجو آواز ٻڌي ڀاڀي سانت بڻجي وئي هئي.
    ’عليءَ ڪجهه چيو اٿئي......‘ علي اندر آيو هو. چيو هئائينس:’ٻڌائينس ٻڌائينس......؟‘ ۽ ڀاڀيءَ جي سڏڪن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو هو.
    ’ٻڌائينس نه، پڇڻ آيو ٿئي.....؟‘ ڀاڀي منهن مٿي ڪري ڏٺو هو. سڄول چهرو لڙڪن سان وهنتل هوس. سڏڪن وچ ۾ چيو هئائين:
    هن کان ئي پڇي وٺ....؟“
    ’مان ته اصل توکي ڪهاڙيون هنيون آهن....؟‘ علي جي لهجي ۾ هلڪي ٽوڪ اڀري آئي هئي، ۽ ڀاڀي سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي.
    ’اٿ ته هلون ڙي.‘ عليءَ ٻانهن کان وٺي ٻاهر گهليندي چيو هو. ڀاڀي تڪڙ ۾ پلنگ تي اٿي ويٺي هئي. رڙ ڪري چيو هئائين:
    ’تون ٻاهر نه ويندين.‘
    ’ڳالهه ڇا ٿي آهي، ڀاڀي.....؟
    ’صبح جو نڪرندو آهي ته رات جو بيگاهه وقت ايندو آهي. گهر ۾ چوويهه ڪلاڪ دوست هوندا ٿس. مان اڪيلي ٻن ٻارن کي ڪيسيتائين سنڀاليان.....؟ اڄ اسڪول ۾ ٻارن کان امتحان وٺڻو هو، چيو مانس، اڄ تون اسڪول نه وڃ ٻارن سان گهر ۾ هج. چيائين، هڪ کي تون وٺي وڃ. مان ٻار سنڀاليان يا اسڪول ۾ ٻارن کان امتحان وٺان....؟
    ...........سڄي گهر ۾ گاسليٽ هاري ڇڏيو اٿائين. باهه پئي ڏنائين.‘
    سڏڪن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو هو.
    مون پڇيو هو:
    ’ته ان ۾ وڙهڻ جي ڪهڙي ڳالهه هئي.....؟‘
    عليءَ چيو هو:
    ’هيءَ اهو سڀ ٻارن سامهون ڪندي آهي.. رڙيون، واڪا، روئڻ ....اڄ به ٻنهي ٻارن کي چماٽون وهائي، سامان کڻي پنهنجي گهر وڃڻ لڳي هئي.... تون ئي ٻڌاءَ، اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ ٻار ’ان سيڪيورٽي‘ جي مرض جا شڪار نه ٿيندا........؟ سائيڪڪ ڪيس نه بڻبا........؟...........اچ هلون‘ هو مون کي ٻانهن کان وٺي گهلڻ لڳو هو. ڀاڀي ڀڙڪو ڏئي اٿندي چيو هو:
    ’وڃين ٿو ته پنهنجي ٻارن کي به وٺيون وڃ. مان نه سنڀاليندي مان. ۽ سيف منجهان ڪپڙا ڪڍڻ لڳي هئي.
    ’نه سنڀالين، پاڻ ئي فوٽ پاٿ تي ڌڪا ٿاٻا کائي وڏا ٿي پوندا.‘
    علي مون کي ٻانهن کان گهليندو ٻاهر وٺي ويو هو. ڳليءَ ۾ ڀاڀيءَ جا آواز پڙاڏا ڪرڻ لڳا هئا.
    ’آئون چوانءَ ٿي، وٺيو وڃ پنهنجا ٻار.......؟‘ علي مون کي گهليندو ئي هليو ويو هو. چيم هئم:
    ’توهان کي نه وڙهڻ گهرجي...........‘
    ’منهنجي شديد محبتن هن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي........‘
    علي چوندي چپ ٿي ويو هو. محسوس ٿيو هئم، ان جملي کان پوءِ هن گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو هو. جيڪو مون بنا ٻڌڻ جي ٻڌي ورتو هو. اسان منهوڙي هليا ويا هئاسون. علي سمنڊ جي ڪناري تي ليٽي سمنڊ کي ڏسڻ بدران آڪاش جي وسعتن ۾ گهورڻ لڳو هو. مان سوچڻ لڳو هوس. (لو ميريج اهو جهاز آهي، جيڪو آڪاس جي بلندين تي پهچي امالڪ پنهنجو ٻارڻ وڃائي ويهي. ۽ ٽٽي پيل تاري جيان ڪرڻ لڳي ڌرتيءَ ڏانهن پوري رفتار سان.) سوچي ڇڏيو هئم. محبتن ۾ يا شديد پيار ڪرڻ گهرجي، يا شديد نفرت. شادي هر گز نه.
    تنهنجي شادي نه ڪري سگهڻ جي مجبوريءَ کي خوبصورت سبب ڏئي پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو هئم. ها سنجها، اها پيڙا جيڪا ماڻهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ کانپوءِ به وڃائي نه سگهي. بهتر آهي ڪجهه به نه پائي ڀوڳيندو رهي......پائي وڃائڻ جي ڀوڳنا کان وڃائي ڪجهه نه پائڻ جي ڀوڳنا وڌيڪ بهتر وڌيڪ سڦلتا واري هوندي آهي. پائي به ڪجهه نه پائي سگهجي. اهڙي پائڻ کان نه پائڻ، ڪيڏي عزت جوڳي وک آهي.....؟ ها، ماڻهوءَ کي رڳو محبت ڪرڻ گهرجي. بي انتها ..... سڀني ٻنڌڻن کان آزاد پيار، هوائن ۾ مٿي تمام مٿي نيري آڪاس جي وسعتن هيٺ اڏامندڙ اڇي ڪبوتر جهڙو اجرو پيار، مون کي مان هو ته، تو مون کي نه پائيندي به ايترو چاهيو ٿي. منهنجي من ۾ تنهنجو تقدس وڌيڪ گهرو ۽ سگهارو ٿي ويو هو. اهو سڀ سمجهي وٺڻ کان پوءِ منهنجو وجود بلڪ هلڪو، پوپٽ جهڙو ٿي ويو هو. ۽ مان سک جي ننڊ سمهي رهيو هوس.
    هڪ ڏينهن منهنجو ساڳيو گهرين نيڻن وارو ڪهاڻيڪار دوست مون وٽ آيو هو. اکين ۾ نهاري گنڀير آواز ۾ چيو هئائين:
    ’ٻڌو آهي سنجها توکي ڇڏي ڏنو آهي.......؟‘
    منهنجي چپن مٿان اڀريل گهاٽيون مڇون به شايد چپن تي پکڙجي ويل مرڪ کي لڪائڻ ۾ ناڪام ويون هيون. جواب ۾ منهنجو دوست به هلڪو مرڪي پيو هو. چئو هئم:
    ’تنهنجو اهو جملو، بلڪ ائين آهي، جيئن ڪوئي ڪنهن کي چئي، هو ماڻهو ٻن سالن کان ساهه کڻڻ بنا جي رهيو آهي.‘
    منهنجو جملو ٻڌي، منهنجو دوست پنهنجي آواز جيان گنڀير ٿي چيو هو.
    ’سنجها اڄ ڪلهه ريڊيو تي نيوز ٽرانسليٽ ڪندڙ ڪنهن ظهير ڇوڪري سان گهمڻ لڳي آهي....؟‘
    ٽهڪ منهنجي ڪاڪڙي جي گهٽ مان چونڪڙيون ڀريندا هليا ويا هئا.
    ’ظهير...... ظهير منهنجي پيارن دوستن مان هڪ آهي. بيحد سلجهيل ۽ سٻاجهو، کيس سُڌ آهي ته سنجها منهنجي محبوبا آهي.‘
    ’ٻڌائڻ واري کي شايد ان ڳالهه جي سُڌ ڪونهي.... نه تو مون سان اهڙي ڳالهه نه ڪري ها. ڇو ته اسان سنڌي، پنهنجن دوستن جي محبوبائن کي پنهنجين ڀيڻن جيڏو ئي مقدس سمجهندا آهيون... اسان ته انهن ويشائن ڏي به نه ويندا آهيون، جن سان اسان جي يارن واسطا هوندا آهن.‘
    هڪ ٻه ڀيرا توساڻ ٽيليفون تي ڳالهائڻ چاهيو هئم. پر لائين ۾ گڙ ٻڙ هئڻ سبب منهنجو آواز تو تائين پهچي نه سگهيو هو.
    وقت گذارڻ لاءِ پپوءَ وٽ هليو ويو هوس. ڪيتري دير منهن ۾ تڪيندو رهيو هو. مرڪي پيو هئس:
    ’منهنجن نيڻن ۾ ڪو سچ وڃائجي ويو اٿئي ڇا....؟‘ ڏکويل آواز ۾ چيو هئائين:
    ’ٻڌو آهي، تو ۾ ۽ ڀاڄائي سنجها ۾ سيپريشن ٿي وئي آهي؟‘
    وڇون وٺي ويا هئم:
    ’آخر اهڙين غلط ڳالهين ڦهلائڻ ۾ ماڻهن کي ڪهڙا گنج ٿا ملن.....‘
    ڏاڍا جک آيا هئم پپوءَ وٽان بنا چانهه پيئڻ جي هليو ويو هوس.
    تنهنجي اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو هوس. يا شايد ماڻهن جي ڳالهين منهنجي انتظار ۾ شدت آڻي ڇڏي هئي. صبا جي چواڻي توکي پاڻ تي ڊامينيٽ ڪري ڇڏيو هئم. ايترو جو منهنجو وجود تنهنجي نانءَ جو پڙاڏو بڻجي پيو هو، توکي پسي پنهنجي هئڻ جو احساس جاڳي پوندو هو.... منهنجي جيون ۾ تون پهرين ڇوڪري نه هئينءَ سنجها؛ جنهن سان محبت ڪئي هئم: بلڪل ائين جيئن تنهنجي جيون ۾ مان پهريون ڇوڪرو نه هوس جنهن سان تو محبت ڪئي هئي. توکان اڳ منهنجي جيون ۾ جيڪي به آيون هيون ۽ هليون به ويون هيون، تن جي هلي وڃڻ تي منهنجو اندر ڪڏهن به هيروشيما بڻجي نه سگهيو هو. چاهيندي به راتيون جاڳي هنن کي ياد ڪري نه سگهيو هوس. شايد ان ڪري، جو هو سڀ منهنجي دل جو دروازو کڙڪائي، مون کان اجازت وٺي مون تائين پهتيون هيون ۽ تون پهرين ڇوڪري هئينءَ جنهن منهنجي دل جي دروازي کي پوريءَ سگهه سان کولي ڇڏيو هو. بنا کڙڪائڻ جي، بنا ڪنهن اجازت جي. ۽ اندران ڪنڍي هڻي مون تائين پهتي هئينءَ. تڏهن منهنجي ’ٽين ايج‘ محبوبا مهنجي دل جو دروازو بند ڏسي، اجهل محبتن جا کڻي آيل گل، سر جهڪائي واپس کڻي وئي هئي. ۽ پوءِ وفا انهن عقيدت جي گلن کي چپ چاپ پنهنجي ڪورس جي ڪتابن ۾ رکي ڇڏيو هو. اڄ تائين اهڙي ڇوڪري نه ڏٺي اٿم سنجها، جيڪا پنهنجن ڏنل مقدس جذبن جو اپمان پنهنجن نيڻن سان ڏسندي به سياري جي رات جيان ماٺ رهي. ۽ پنهنجي دل جي دروازي سان گڏ نيڻن جا سمورا تاڪ کولي انتظار ڪندي رهي.
    ڪنهن ٻڌايو هو توکي بلڊ ڪينسر آهي. مون کي ياد اچي وئي هئي، سيفل ملوڪ ڍنڍ تي گذاريل اها شام. جنهن جا سڀئي رنگ ڏسندي ڏسندي ڍنڍ جي شفاف جل ۾ لهرائيندا ٻڏي ويا هئا. مان بنا پٺ ڏانهن ڏسڻ جي توڏانهن ڊوڙندو هليو آيو هوس. پر تنهنجي ويجهو پهچي سڌ پئي هئم، تون ڪنهن جسماني بيماريءَ ۾ نه پر ذهني موجنجهارن جي دٻائن هيٺ پنهنجي وجود کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئينءَ. انهيءَ زماني ۾ ڏٺم هئم. تون ننڊ جون گوريون گهڻائيءَ ۾ واپرائيندي هئينءَ. ايتريون جو صبح جو ڊپارٽمينٽ ۾ ڳالهائيندي، گهمندي جهولڻ لڳندي هئينءَ. ساهت، آرٽ ۽ سياست تي جيڏو خوبصورت ڳالهائيندي هئينءَ، اوڏيءَ خوبصورتيءَ سان ڪوڙ به ڳالهائي سگهندي هئينءَ. ۽ جنهن مهل تو ڪوڙ ڳالهايو هو، ان ڳالهايل ڪوڙ کي گذرندڙ ڪنهن به گهڙيءَ ۾ ڪوڙ مڃڻ لاءِ تيار نه ٿي هئينءَ. اهڙا ڪوڙ تون رڳو پنهنجي بچاءَ لاءِ ۽ ٻين جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڳالهايا هوندا. هر ڳالهه جي انتها تائين پهچڻ جي سگهه سان گڏ تون ڳالهائڻ جي ڏات کان به چڱي ريت واقف هئينءَ. منهنجا گهڻا دوست تنهنجي ڳالهين کان متاثر ٿي تنهنجي عزت ڪرڻ لڳا هئا. اڪيلائيءَ ۾ جڏهن به ويهي تنهنجي اينالائيس ڪئي هئم ان نتيجي تي پهتو هوس ته سٺو ڳالهائڻ ۽ بولڊ نيس تو ۾ ان ڪري اڀري آيو هيون يا تو پيدا ڪري ورتيون هيون جو تو ۾ ظاهري ڪو ايڏو خاص ’آٽريڪشن‘ ڪونه هو. پهرين محبت جي ناڪاميءَ تو ۾ سيڊازم ۽ انسيڪئورٽيءَ جو احساس پيدا ڪري ڇڏيو هو.... انهيءَ سبب تون مون سان ننڍين ڳالهين تي وڙهي پوندي هئينءَ. مون کي پاڻ کان هڪ پل لاءِ به الڳ ٿيڻ نه ڏيندي هئينءَ. پوِ اوچتو ئي اوچتو... تنهنجو چهرو، ٿڪ ۽ بيزاريءَ جو مهان پورٽريٽ بڻجي پيو هو. مون وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو هيئي. ماڻهو عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا. ٻن مهينن کان پوءِ به جڏهن تون نه آئي هئينءَ ته انتظار ڪري نه سگهيو هوس. توکي ڏسڻ لاءِ منهنجا پير پاڻ مرادو ريڊيو اسٽيشن جي گيٽ ڏانهن وڌڻ لڳا هئا. جهوني پپر جي اوٽ ۾ بيهي تنهنجو انتظار ڪرڻ لڳو هوس. ۽ شام ڄڻ پپل جي پنن مان ڇڻي سڄي حيدرآباد مٿان ڇائنجي وئي هئي. توکي ڏسڻ جي شدت وڍيڪ گهر ٿي وئي هئي. چاهيو هئم تون جلدي نڪري اچ. پر تون ٽائيم کان به ڪلاڪ دير سان نڪتي هئينءَ. ظهير توسان گڏ هو. مون کي سُڌ هئي ته هو توکي گيٽ وٽان ئي رڪشا پڪڙي ڏيندو پر مان اهو ڏسي حيران ٿي ويو هوس ته هو توکي گيٽ وٽان رڪشا پڪڙي ڏيڻ بدران تنهنجي ڀر ۾ هلڻ لڳو هو. توهان ٻئي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ وک وک هلڻ لڳيا هئو. بلڪل ائين، جيئن اڳ تون مون سان انهن روڊن تي هلندي هئينءَ ۽ هلندي، ايندڙ رومانٽڪ مستقبل جا خواب ڏسندي هئينءَ....پير پير ٽهڪ ڏئي ٽڙي پوندي هئينءَ. اڄ انهن روڊن تي تون ظهير سان مرڪون ورهائيندي وڃي رهي هئينءَ. منهنجي پيار جي شهر تي دک جو ايٽم بم ڪري پيو هو، ۽ سڄو اندر هيروشيما بڻجي ويو هو. سموريون عقيدتون، محبتون ۽ تقدس جا پرزا هوائن ۾ اڏامڻ لڳا هئا. ذهن خالي، زبان ميٽ، نڙي ڪنڊن ڀريل سرنگهه بڻجي پئي هئي. مرندڙ احساس کان منهنجا پير پاڻ مرادون توهان جي ڇڏيل پيرن مٿان کڄڻ لڳا هئا. تنهنجي پيرن ۾ پينسل هيل پاتل هئي، اها پينسل هيل سنجها، جيڪا تو منهنجي ڊائري پڙهڻ کان پوءِ لاهي ڇڏي هئي. اهو چئي ته، ’هاڻ تون ڪڏهن به هيل جا آواز پاڻ کان پري ٻڌي نه سگهندين. ڇو ته مان تنهنجي آخري منزل آهيان. ۽ مان پنهنجون سمورين بچايل محبتون تو مٿان وارڻ چاهيان ٿي.‘
    ان شام مان تنهنجي پينسل هيل جا آواز پاڻ کان پري ٿيندي ٻڌي، توڏانهن ڊوڙڻ چاهيو هو، نستين ڏنگن ڀُرندڙ وجود سان، بلڪل ائين، جيئن ڪو ٻار وچ شهر ۾ ناراض ٿي ويل ماءُ پٺيان ڊوڙڻ لڳي. تنهنجا زندگيءَ سان ٽمٽار ٽهڪ منهنجي جسم تي پريشر ڪڪر مان نڪتل ٻاڦ جيان لڳي رهيا هئا. ۽ مان وڻندڙ ٿڌ هوندي به پگهرجي درياهه ۾ ٻڏي ويو هوس. تون هيئنءَ جو بنا پٺ ڏانهن نهارڻ جي، خوابن جي نئين حسين واديءَ جي ڌنڌ ۾ ويڙهجي وڌي رهي هئينءَ. اڳتي گهڻو اڳتي. سموري جسم جي سگهه، پيرن جي ترين ۾ ميڙي، هڪ ڳليءَ مان شارٽ ڪٽ ڪري توهان جي اڳيان اجنبين جيان وڃڻ لڳو هوس. مون کي اوچتو ڏسي ڇرڪجي وئي هئينءَ. مهينن کان لڪيل اندر جي ڳالهه منهن تي وائکي ٿي پيئ هيئي. مون ڏانهن ڏسي ائين کلي ڏنو هيئي. جيئن پنهنجي ئي گهر ۾ چور ڪندي ڪو پڪڙجي پئي ۽ اندر جي خوف ۽ شرم کي لڪائڻ لاءِ کلي پئي ڦڪي کل. منهنجي چهري تي پاڻ لاءِ ڪابه سڃاڻپ جي لکا نه ڏسي چيو هيئي:
    ’امان ڪيئن آهي.......؟‘
    ’ٺيڪ آ-هي.‘ نڙيءَ مان اوپرو آواز نڪتو هو. بيهي نه سگهيو هوس. دل جي ڊپ لپ ڊپ لپ آفريڪا جي گهاٽي جهنگل ۾ اماس رات جو. ڪنهن اداس شيديءَ جي گوڏن ۾ ڦاٿل نغاري مان نڪرندڙ دم دم بڻجي وئي هئي. جنهن جي پڙاڏي ۾ سڄو شهر جهنگل سراپجي ويو هو. ٿڙندڙ وکن سان وڃڻ لڳو هوس. شهر جا سڀ دڳ قبرسان ڏانهن ويندي لڳا هئم. تو پٺيان سڏ ڪيا هئا. ۽ مون کي اهي سڏ واٽ ويندڙ کان ٽائيم پڇڻ وارا محسوس ٿيا هئا. اسٽريٽ لائيٽس قبرن مٿان ٽمڪندڙ ڏيئا لڳيون هيون. سمورا خواب نيڻن مان اڏامي آسمان ۾ ٽمڪندڙ تارا بڻجي پيا هئا. ڀٽون بڻجي ويل روڊ مٿان ڀٽڪڻ لڳو هوس:
    ’او-نو. مون سان ويساهه گهاتي.....؟؟ مون سان-؟؟.....؟؟- هن آخر ائين ڪري ڇڏيو.....؟- او، نو. امپاسيبل. امپاسيبل...... ناممڪن. هو منهنجو دوست.... هوءَ منهنجي محبوبا .... منهنجي زندگيءَ، منهنجي پتني.... منهنجو دوست منهنجو موت- منهنجي زندگي.... منهنجو موت، منهنجي زندگي، منهنجي محبوبا.... ويساهه گهاتي موسان .....؟..... پهنجي پتي سان؟ پنهنجي دوست سان؟؟ مون سان.....؟ خدا سان؟ ۽ ...... اونو نو نو.... اهو سڀ ناممڪن آهي، امپاسبيل.......‘
    اوچتو پٺيان ڪنهن چيو هو:
    ’ڇا ناممڪن آهي، ڇا ممڪن. سڀ ناممڪن آهي. سڀ ممڪن، جو ڪجهه آهي ممڪن ۽ ناممڪن جي وچ ۾ آهي. پائڻ ۽ وڃائڻ جي وچ ۾.‘
    ڇرڪ ڀري پٺيان ڏٺو هئم. گوتم بيٺو مرڪي رهيو هو خشڪ چپن تي زبان ڦيري چيو هئم:
    ’تون- گوتم- آهين نه........؟...........؟‘
    ٽهڪ ڏئي چيو هئائين:
    ’دوستن کي سڃاڻن ڪڏهن کان ڇڏي ڏنو اٿئي......؟‘
    ’ڏس، مان.... هن وقت به توکي سڃاڻان ٿو. جڏهن ته شهر جا سمورا رستا وسري ويا اٿم.‘
    ٽهڪ ڏئي کلي پيو هو. ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو هئائين:
    ’ڪا ڳالهه ناهي. مان تنهنجي مدد ڪندس.‘ ۽ ڇرڪ ڀري پنهنجو هٿ منهنجي ڪرائيءَ مان ڪڍي ڇڏيو هئائين.
    ’توکي ته ڏاڍو بخار آهي؟‘
    ’مان ٺيڪ آهيان. تنهنجا هٿ ٺري ويا آهن.‘
    ’ڪجهه پيتو اٿئي ڇا......؟‘
    ’نه.... پيئاريندين..........؟‘
    ’سنجها ڪيئن آهي؟‘
    ڪنهن پوريءَ سگهه سان سيني مٿان ٺونشو وهائي ڪڍيو هو. ٻڏي ويو هوس، درد جي پئسفڪ ۾- ٻيهر پڇيو هئائين:
    ’سنجها ڪٿي آهي.....؟‘
    ’سنجها......‘ چيو هئم ’سنجها پنهنجي نئين پريميءَ سان.‘
    گوتم ٽهڪ ڏئي چيو هو:
    ’ناممڪن.‘
    ميٽ چپن تي زبان ڦيرائي جهيڻي آواز ۾ چيو هئم:
    ’سڀ ناممڪن آهي، سڀ ناممڪن؟‘
    گوتم سرد آهه ڀري، منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهن وراهه ڇڏي هئي.
    گوتم منهنجن انهن دوستن منجهان هو- جن سان چاهيندي به فري نه ٿي سگهبو آهي. جن سان پنهنجائپ هوندي به اوپرائپ محسوس ٿيندي آهي. جن سان ملي ڳالهائڻ کان کلڻ تائين، کلڻ کان هلڻ تائين سڀ ڪوڙو لڳندو آهي. اهڙن دوستن سان ملي منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو آهي. انهيءَ ڪري گوتم کي پري کان پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي، لنوائڻ لڳندو هوس. پر ان رات هن سان ائين اوچتو ملي پنهنجائپ جو شديد احساس ٿيو هئم. ان گهڙيءَ گوتم مون کي اهڙي ريلنگ لڳو هو، جنهن کي پڪڙي پاڻ کي هيٺياهينءَ ڏانهن ڪرڻ کان بچائي پئي سگهيس، پيرن کي ڌرتيءَ مٿان ڦٻائي هن سان هلندي چيو هئم:
    ’مون کي اڄ تنهنجي ڪمپنيءَ جي ضرورت آهي....؟‘
    ’مان توسان گڏ آهيان.‘ گهڙي رکي چيو هئائين: ’اڳ ۾ ڊاڪٽر وٽ هلون.‘
    ’نه مون کي وڊيو سينٽر وٺي هل.‘
    ’وڊِيو سينٽر.....؟‘
    ’ها.‘
    ’ڪهڙي گيم کيڏندو آهين؟‘
    ’فراگر‘
    ’فراگر.....؟....‘ جنهن ۾ ڏيڏر کي ٽريفڪ ڀريل شاهراهه پار ڪرائڻي پوندي آهي‘
    ’ها اهائي.‘
    ’ريلي ايڪس، ٽينڪ، گليگا، ٽائيم پائلٽ ڇو نه کيڏندو آهين؟‘
    ’مون کي انهن راندين مان ايندڙ ڌماڪن، جهازن جي سيٽين ۽ گولين جي آواز کان چڙ آهي.‘
    ’پر فراگر ته ڪوئي به نه کيڏندو آهي.....؟‘
    ’مان کيڏندو آهيان، جنهن ڏينهن ڪنهن جي مدد ڪري نه سگهندو آهيان. جنهن ڏينهن سخت دکي هوندو آهيان.‘
    وڊيو سينٽ هليا ويا هئاسو. ’فراگر‘ جي ڪيبن هميشه جيان خالي پئي هئي. ۽ ’اسٽار وارو گيمز‘ تي ماڻهن جا هشام متل هئا، هنن جي چپن تي ڀيانڪ مرڪ ۾ اکين ۾ وحشت ڀريل هئي. مان ڪائونٽر تان ٻه ٽوڪن وٺي هڪ فراگر جي ڀانڊاري ۾ وجهي ڇڏيو هو. ٽريفڪ، اسپيڊ سان ڊوڙڻ شروع ڪيو هو مان فراگر کي ٽريفڪ پار ڪرائڻ لڳو هوس. مسلسل فراگر کي ٽريفڪ پار ڪرائيندو رهيو هوس. ۽ بونس/ ثواب ڪمائيندو رهيو هوس. گوتم چيو هو:
    ’ڏهه ٿيڻ وارا آهن، يونيورسٽيءَ جي آخري بس هلي نه وڃي.‘
    سنجها، وڊيو سينٽر مان ٻاهر نڪرندي ئي توکي ٻيهر ظهير جي ڀر ۾ هلندي ڏٺو هئم. پاڻ کي توهان جي پٺيان هڪ سين هئي جنهن جو ڪوبه ڇيڙو نه هو. جنهن ۾ هڪ پل لاءِ به وقفو نه پئي آيو. ان سين سان گڏ ڪوئي هو جيڪو مسلسل منهنجي دل مٿان خنجرن سان وار ڪري رهيو هو. پر مان هوس جو مئس ئي نه ٿي. رڳو تڙپيس پئي، رڳو تڙپيس پئي، خنجر جي نه کٽندڙ گهائن تي. ٻڌل ڏٺو هئم پاڻ کي پهاڙ جي چوٽي مٿان، ڳجهه منهنجو جيرو ٽڪڻ لڳي هئي- (پروميٿس بڻجي پيو هوس)- گوتم آخري بس ۾ سٿيل شاگردن ڏانهن ڏسندي چيو هو:
    ’سول هاسپٽل وٽ لهي پونداسون....؟‘
    ’نه مان ڪابه بخار جي گوري کائي، ٺيڪ ٿي ويندس.‘ گوتم سان سندس هاسٽل اچي ويو هوس. مون کي ڏسي، سندس روم پارٽنر ڪنهن ٻئي روم ڏانهن هليو ويو هو. گوتم پاڻيءَ سان ڀريل گلاس ۽ ’نولجين‘ آڻي ڏني هئي. گوري ڳهي گوتم جي ٽيبل تي پيل رف بوڪ ۽ بال پين کڻي، پلنگ تي ويهي ڀت کي ٽيڪ ڏئي تو ڏانهن کلڻ لڳو هوس. ڇا....؟ مون کي هن مهل چڱيءَ طرح ياد ڪونهي. پر مان لکندو رهيو هوس. منهنجي دل پنن تي ڊوڙندڙ بال پين کان وڌيڪ رفتار سان ڌڙڪي رهي هئي. جسم مان ڄر نڪرندي محسوس ٿي رهي هئم. گوتم ماني آڻي رکي هئي. چيو هومانس:
    ’مون کي چانهه گهرجي گوتم، بنا کنڊ کير جي سخت ڪڙڪ...؟‘
    ڪڙڪ چانهه جا ڍڪ ڀريندو هليو ويو هوس. ان وقت مون کي چانهه جي ڪوڙاڻ نه جهڙي لڳي هئي. بلڪل ائين جيئن، نانگ جي ڏنگيل کي نم جو وٽو پيئڻ مهل ڦڪو محسوس ٿيندو آهي. چانهه پي ٻيهر لکڻ لڳو هوس. گوتم منهنجي اکڙيل ساهن کي ڏسي، هٿ ۾ جهليل ميگيزين هنڌ تي کليل ڇڏي، منهنجي ڀر ۾ اچي ويهي رهيو هو. لکڻ بند ڪري ڏانهنس ڏسڻ لڳو هوس. همدرديءَ مان چيو هئائين:
    ’تنهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، توکي آرام ڪرڻ گهرجي....؟‘
    ڪوبه خواب نه ڏئي سگهيو هوس. چيو هئائين:
    ’بتي وسائي ڇڏيان....؟‘
    ’ها، سڀئي بتيون وسائي ڇڏ.‘
    گوتم سڀ بلب وسائي ڇڏيا هئا. ڪمرو منهنجي اندر جي ڪنڊ بڻجي پيو هو. پلنگ تي سنئون ٿي ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ورائي ڇڏيو هئم. اوندهه رستا بڻجي پئي هئي. جنهن مٿان تون ظهير جي ڀر ۾ وک وک مرڪون ورهائيندي وڃي رهي هئينءَ. هر ڏسا تنهنجي پينسل هيل جا پڙاڏا گونجڻ لڳا هئا، پڙاڏا، جيڪي مون کان پري ٿي رهيا هئا. ڳجهه منهنجو جيرو ٽڪڻ لڳي هئي. مان تنهنجن ٽهڪن جي پڙاڏن ۾ دفن ٿيڻ لڳو هوس. مونجهه گلو گهٽجڻ لڳو هئو ۽ مون دروازو کولي ڇڏيو هو. گوتم ڀر ۾ رکيل ٽيبل ليمپ ٻار چيو هو:
    ’ڪيڏانهن .....؟‘
    ’ٻاهر.‘ ڊگها ساهه کڻڻ لڳو هوس. گوتم پيرن ۾ جتي پائيندي چيو هو:
    ’مان به هلان ٿو.‘
    ’نه، منهنجي ڪري پنهنجي ننڊ نه ڦٽاءِ.‘
    ’مون کي ننڊ نه ٿي اچي.‘
    هن هڪ ڪمبل مون ڏانهن وڌائي، ٻيو پاڻ کي ويڙهي ڇڏيو هو. اسان انٽرنيشنل هاسٽل جي سنسان ڪاريڊور مان هلندا، ٻاهر نڪري آيا هئاسون. وڻ ۽ رستا ٿڌي ۾ ويڙهجي اڪيلا ۽ اداس نظر اچي رهيا هئا، سورنهينءَ جي چنڊ جي مرڻينگهه روشنيءَ ۾ باٽني ڊپارٽمينٽ وٽان لنگهندي چيو هئم:
    ’مون کي روئڻ نه ٿو اچي گوتم... مان روئڻ ٿو چاهيان.‘
    گوتم اداس ٿي ويو هو. خالي آواز ۾ چيو هئائين، هوريان:
    ’مان تنهنجي درد کي محسوس ڪريان پيو دوست..... جنهن مان تون لنگهي رهيو آهين.... مان الاجي ڪيتريون راتيون جاڳي، اداس راتين ۾ اڪيلائين جي زهر پيتو آهي.. ۽ پي من ئي من ۾ سڏڪيو آهيان.‘
    ڀڻڪيو هئم: ’اڳي ڳالهه ڳالهه تي روئي ڏيندو هوس. ....هاڻ وڏن وڏن وڇوڙن تي به ڇپر آلو نه ٿو ٿئي... منهنجو اندر بٺي بڻجي پيو آهي گوتم. مان روئڻ چاهيان ٿو.....‘


    9

    گوتم سگريٽ جلائي مون کي ڏنو هو، ٻيو پاڻ جلائي ڊگهو سوٽو هڻي سمورو دونهون سيني ۾ لاهي ڇڏيو هئائين. کن رکي ڀڻڪيو هو:
    ’روئندو اڳي مان به ڏاڍو هوس... پر هاڻ محسوس ٿيندو آهي، مري ويو آهيان....‘
    ان رات ڏاڍو روئڻ چاهيو هئم. ٻارن جيان روڊ تي سمهي، اکين تي هٿ رکي، پاڻ کي روئارڻ لاءِ گذري ويل سمورن دکن کي ياد ڪرڻ لڳو هوس ۽ ياد اچي ويئي هئي. پنهنجي هڪ ڳالهه، چيو هئم:
    ’گوتم، اڳي- گهڻو اڳي جڏهن منهنجو وڏو ڀاءُ بيروزگار هوندو هو ۽ مان ٽيليفون اٽينڊنٽ، تنهن زماني ۾ پگهار مان ڪجهه پيسا بچايا هئم. پنهنجي وڏي ڀاءُ کڻي چيو هئم، ’مون ڪجهه پئسا گڏ ڪيا آهن، مون کي هڪ ڪوٽ وٺڻو آهي.‘ منهنجي وڏي ڀاءُ چيو هو: ’هل مان توکي لنڊا مان زبردست ڪوٽ وٺي ٿو ڏيان....‘ منهنجو ڀاءُ مون کي شهر جي مشهور لنڊا جي دڪان تي وٺي ويو هو.... هن مون کي پنهنجن هٿن مان ڪيترائي ڪوٽ پاريا هئا. پوءِ... هن کي ٻه ڪوٽ وڻي ويا هئا. منهنجي ڀاءُ انهن مان هڪ جي قيمت پڇي هئي.... دڪاندار ڪوٽ جي قيمت منهنجي کيسي ۾ پيل پئسن کان ڪجهه گهٽ ٻڌائي هئي. تڏهن منهنجي ڀاءُ، منهنجي کيسي ۾ پيل پئسن ۾ ٻئي ڪوٽ گهريا هئس. تڏهن مون رڙ ڪري چيو هو... ’ٻه نه هڪ! مون کي هڪ ڪوٽ گهرجي .....‘ ان گهڙيءَ منهنجي اندر جو مفاد پرست ماڻهو جاڳي پيو هو... نه چاهيو هئم، ته منهنجو ڀا به منهنجن پيسن مان ڪوٽ وٺي. منهنجو وڏو ڀاءُ، مون کي ڏاڍو چاهيندو آهي....بلڪل ٻارن وانگر. اڄ جڏهن مان بيروزگار آهيان.... ته هو مون ڏانهن پابنديءَ سان پيسا موڪليندو آهي... پينٽ پيس... شرٽس.. پرفيومز.. يار، مان ڏاڍو سيلفش.. آهيان. ڪميڻو....‘
    لڙڪ ريڙهيون پائي پنبڻين وٽ مڙي آيا هئا. چيو هئم:
    ’منهنجا دوست مون کي مسخرو سمجهندا آهن... هو سمجهندا آهن..... مون کي ڪوبه غم، ڪوبه ڏک ڪونهي.... هنن ڪڏهن به منهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ناهي ڏٺو. مان جيڪو ايڏو خواش....‘
    منهنجو ڳلو دک سان ڀرجي ويو هو. وڌيڪ چئي نه سگهيو هوس. گوتم مون کي ڀاڪر پائي چيو هو:
    ’مون کي خبر آهي، تون ڇا آهين.... مون کي خبر آهي ته تون هميشه ايترا وڏا ٽهڪ ڏئي ڇو کلندو آهين....‘
    مون لڙڪن کي ٻانهن سان اگهندي، سڏڪن کي گهٽيندي چيو هو:
    ’گوتم.... ماڻهو محبتن جي موٽ ۾ ويساهه گهاتيون، دوستين جي نانءَ تي دوکا ڇو ڏيندا آهن....؟‘
    ’سڀئي ماڻهو ’فراگر‘ کي رستو پار ڪرائي نه سگهندا آهن دوست.‘
    ’ها.... اسان اڄ تائين ڪنهن کي به شربت ۾ زهر ملائي ڏئي نه سگهيا آهيون، اڄ تائين... ڪنهن جي به پٺيءَ ۾ خنجر کپائي سگهيا اهيو..... ماڻهو، اهو سڀ ڪيئن ڪندا آهن....؟‘
    ’جيئرن احساسن وارا ماڻهو، ڪنهن جي به پٺيءَ ۾ خنجر کپائي نه سگهندا آهن.‘ گوتم چيو هو.
    مون کي ڄڻ ڪجهه ياد اچي ويو هو، چيو هئم:
    ’ها... جيئرن احساسن وارا ماڻهو، ماڻهوءَ کي ماڻهونءَ هٿان مرندي ڏسي آتم هٿيا ڪري ڇڏيندا آهن....‘
    اسان ڳالهائيندا. ڀلڪندار آرٽس فيڪلٽيءَ جي پويان کٽي ويل پهاڙيءَ تي پير لڙڪائي ويهي رهيا هئاسون. چنڊ جو لاش رات جو درياهه ۾ هوريان هوريان اولهه ڏسا ڏانهن لڙهي رهيو هو. وڪلپٽس جي جهڳٽي ۾ علام آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار جو اڇو قبو سرچ لائيٽس جي روشنين ۾ وڻن وچان، اڀرندڙ چنڊ جيان اڌ روشن نظر اچي رهيو هو. تمام پريان حيدرآباد جون روشنيون هلڪي ڪوهيڙي ۾، ٽانڊاڻن جيان ٽمڪي رهيون هيون. گوتم. حيدرآباد جي روشنين ڏانهن تڪڻ لڳو هو.
    مون وڻن مان اڌ روشن نظر ايندڙ قاضيءَ جي مزار ڏانهن گهوريندي چيو هو:
    ’مان آتم هٿيا ڪري ڇڏيندس....‘
    گوتم ڏڪي ويو هو. ڪلهن تان کسڪي ويل ڪمبل سرير سان ويڙهي ڇڏيو هئائين.
    ’خودڪشي مسئلن جو حل ته ڪونهي دوست....؟‘
    ’مسئلن جو ته ڪو به حل ڪونهي.... هر حل پٺيان اکٽ مسئلا ڇپ هنيون ويٺا آهن.‘
    گوتم اداس ٿي ويو هو. چيو هئائينءَ ’اسان کي پنهنجي مائرن لاءِ جيئڻ گهرجي.... ڇو ته ڪائنات جون سموريون بي غرض محبتون ماءُ کان شروع ٿي، ماءُ وٽ ئي اچي ختم ٿي وڃن ٿيون.‘ کن رکي گهٽيل آواز ۾ چيو هئائين: ’ننڍي هوندي مون زهن ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو اسڪيچ ٺاهي ڇڏيو هو. جتي به ويندو هوس، جتان به لنگندو هوس، هر چهري ۾ پنهنجو آئيڊئل ڳولهڻ لڳندو هوس. پوءِ مهنجي مائٽن، منهنجي نه چاهڻ جي باوجود منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي..... جڏهن منهنجي شادي ٿي پئي ۽ منهنجي هٿن تي ميندي هنيئون پئي ته مان ڳاج ڳائيندڙ ٽوليءَ ڏانهن ڏٺو هو. مان اهو ڏسي حيران ٿي ويو هوس ته دهل وڄائيندڙ ڇوڪري بلڪل منهنجي تصوراتي آردش جهڙي هئي.... ان مهل مون کي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ منهنجو پير اوچتو ڪنهن بارودي سرنگهه تي پئجي ويو هو. منهنجي جسم جا ٽڪر هوائن ۾ وکري ويا هجن.... وقت هٿن مان ڇڏائجي چڪو هو. اها سڄي رات مان پنهنجي زال سان گڏ ڪنهن لاش جيان پيو رهيو هوس.... پوءِ......پوءِ هوريان هوريان ايڊجسٽ ڪري ڇڏيو هئم. پر موٽ ۾ ڇا مليو...؟ اداس راتين ۾ اڪيلائين جو زهر. ڀوڳنا...... نه کٽندڙ پيڙا.... رڳو ان لاءِ جو منهنجي زال جا مائٽ، منهنجي ڀيڻ کي سکي رکي نه سگهيا.... منهنجي ڀيڻ واپس گهر هلي آئي. موٽ ۾ منهنجي گهر وارن منهنجي زال کي گهر ۾ رهائڻ کان نابري واري ڇڏي.... ۽ مان ٽن سالن جي ڌيءَ هوندي، بي انتها پيار ڪرڻ واري زال هوندي به، اداس راتين ۾ اڪيلائن جو زهر پيئندي به جيئندو رهيو آهيان... رڳو پنهنجي ماءُ لاءِ.... پوءِ، ڇا مون کي به آتم هٿيا ڪري ڇڏڻ گهرجي....؟ مري وڃڻ گهرجي سڀئي رشتا ڇڏي ......؟ ڇا ڏکن کان ڇوٽڪاري جو اهوئي حل وڃي رهيو آهي.....؟‘
    ان رات گوتم بلڪل پاڻ جهڙو لڳو هئم. چيو هئم:
    ’اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون...... اسان جا دک ساڳيان آهن. ۽..... ۽ اسان سڀئي فلئٽس جي ديوارن جيان هڪٻئي جي آسري بيٺل آهيون.....‘
    ان رات گوتم مون کي اهي ڳالهيون سمجهائيندو رهيو هو، جيڪي هن کان اڳ مان پنهنجن ڪيترن اداس دوستن کي راتيون جاڳي سندن من ۾ جيئڻ لاءِ اتساهه جاڳائڻ لاءِ ٻڌائي چڪو هوس. سڀ پهاڙيون ۽ رستا روشن ٿي ويا هئا. ڪجهه روئڻ ۾ ڪجهه ڳالهائڻ ڪري مان ڪنهن حد تائين ريلڪس ٿي ويو هئم.
    گهر پهچي اندر ٻيهر رجهڻ لڳو هو. ڪمري جون ديوارون سوڙهيون بڻجي ساهه ٻوساٽڻ لڳيون هيون. گهر ٽارچر ڪئمپ لڳو هئم. گهر مان نڪري ٻي مقصد رلڻ لڳو هوس هڪ ڳليءَ کان ٻي ڳليءَ تائين، هڪ روڊ کان ٻئي روڊ تائين. سوچڻ لڳو هوس ڪالهوڪي واقعي تي، اکٽ ڀيرا سوچڻ جي باوجود...... اهي ڳليون اهي رستا جن تي ڪڏهن مون سان هوندي هئينءَ.... تن مٿان ڪالهه هن سان ائين پئي ٽلينءَ ڄڻ. اهو ڪو ٻيو نه ’مان‘ هوس... ۽ ’مان‘ ڌارين وانگر آيس پئي تو پٺيان... ’مان جيڪو تولاءِ سورج هوندو هوس.... جنهن کي جڏهن نه پسندي هئينءَ ته تو لاءِ ڏينهن به رات بڻجي پوندو هو... اهو ’مان‘ جنهن کي پائڻ لاءِ تون فوٽ پاٿن مٿان ٽينٽ هڻي ويهڻ لاءِ به تيار هوندي هئينءَ. جيڪو تنهنجي سمورن ماڪ ڀنل خوابن جو محور هوندو هو.....
    ڪيڏي آرام سان تنهن کي ڇڏي ڏنو هيئي....؟ مون کي سڌ آهي جڏهن قربتن جي ماکيءَ ۾ ويڇن جو لوڻ پئجي ويندو آهي، تڏهن نه ملي سگهڻ جا سبب سولائيءَ سان ملي ويندا آهن/ پيدا ٿي پوندا آهن. (ماءُ جو امالڪ هر وقت بيمار ٿي پوڻ، ڀاءُ جي هر وقت ائين اوچتي آڏي پڇا.....؟) ڪيڏو سهڻي نموني تو (مون کي) (مون کان) انڪار ڪري ڇڏيو هو...؟ ڪيڏي بيزار ٿي پوندي هئينءَ مون وٽ اچي...؟ پر هن سان ڪالهه ڪيڏو ٺهيل ٺڪيل هئينءَ....؟ ڄڻ نوڪريءَ تان نه، ڪنهن فنڪشن تان وري هجين.... ڪيڏي روشني هئي تنهنجن نيڻن ۾.....نه ماءُ جي بيماري جو دک، نه ڀاءُ جي آڏي پڇا جو ڀئو.... ٽانڊن جو مينهن وسندو رهيو هو، هلندو رهيو هوس پڄرندو کامندو رهيو هوس. شهاب ملي ويو هو. (اهو ئي شهاب سنجها... جنهن جي ڊرائنگ روم ۾ پرهه جي پهرين پهر جهڙيون شامون گذاريون هيون سين)... اجهاڻل چهري ڏانهن ڏسي پڇيو هئائين: ’خير ته آهي......؟‘
    ’خير......‘ فلمي مرڪ مرڪيو هئم.
    ساڳي ئي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويا هئاسون. ڏٺم هئم ان صفا ڏانهن جيڪو پنهنجي ويهڻ کان پوءِ الف ليليٰ! جو قالين بڻجي ويندو هو ۽ پوءِ ان روشندان ڏانهن، جتي پنهنجون سچايون اڇلايا هيون، چيو هئائين:
    ’ختم ٿي ويو ڇا....؟‘
    ’ها.‘
    ٽهڪ ڏئي کلي پيو هو: ’ان تي ايڏي اداس ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي....؟‘ کن رکي چيو هئائين: ’ڇوڪريءَ کي ماڻڻ کان پوءِ جيترو جلد ٿي سگهي ڇڏي ڏجي. ڇو ته ڇهجي وڃڻ کان پوءِ، ڇوڪري شادي ۾ گهوريل گلابن جهڙي ٿي پوندي آهي. مون کي ڏس..... الائجي ڪيتريون آيون، ڪيتريون ويون....؟‘ پيارا، موسمون ۽ ڇوڪريون ته ’انجواءِ‘ ڪرڻ لاءِ اينديون آهن.....؟‘ ذهني عذاب پيدا ڪرڻ لاءِ نه.... چيو هومانس: ’تون عجيب ماڻهون آهين.....؟‘
    مرڪ هن جي مرادنگي سان ٽمٽار منهن کي وڌيڪ حسين بڻائي ڇڏيو هو. اجري چهري تي نيڻ ڪليسا ۾ رکيل ٻن ميڻ بتين جيان جرڪي پيا هئس. هن اٿي دري کولي ڇڏي هئي. مون سندس عقاب جي ڦهليل پرن جهڙن ڪلهن ۽ شاهه بلوط جيڏي قد ڏانهن ڏسي چيو هو:
    ’اڳي تون وزم پيئندو هئين.....‘
    ”پيئندين ڇا....؟“
    ’پيئار.‘
    ’اڳ ۾ ڪڏهن پيتو اٿئي.....؟‘
    ’نه.‘
    ’سگريٽ جو سوٽo هڻي ويندو آهين.....؟‘
    ’باقاعدي.‘
    ’ٺيڪ آهي.‘
    هو سگريٽ ٺاهڻ لڳو هو. ڪمري ۾ مخصوص بوءِ پٿارجي وئي هئي. شهاب سگريٽ کي بند ڪري مون ڏانهن وڌايو هو:
    ’آ-وٺ.‘ چيو هئائين:‘ هڪ ئي دم سان اندر ۾ پاٿولي هڻي ويهي رهيل سمورا ڏک اک ڇنڀ ۾ اڏري ويندئي.‘ ڪش هنيو هئم. هڻندو هليو ويو هوس. شهاب مون ڏانهن مرڪي نهاريو هو. مرڪ هن جي چپن تان ترڪي منهنجي چپن تي پهچي وئي هئي. مرڪڻ لڳو هوس. مون سان گڏ ڪمري جون چارئي ديوارون به مرڪڻ لڳيون هيون.
    ’ڪيئن.....‘
    ’وا آآآ.....‘
    سڀ وساري ويٺو هوس، کانئس موڪلائي ٻاهر نڪري آيو هوس. اُس هوندي به هري ڏسا ڪڪر، ڇائنجي ويا هئا. وڻن جون لامون ڌرتيءَ تي پٿارجي ويون هيون. ڀلڪڻ لڳو هوس. مان ڀلڪڻ لڳو هئم، الائجي رستا ڀلڪڻ لڳا هئا....؟ نه ڄاڻ ڪهڙي گهڙي رستا ڀلڪندي، تون مون کي ظهير جي ڀر ۾ هلندي نظر آئي هئينءَ ۽ منهنجي دل جنڊ جي پڙن جي وچ ۾ اچي ويل ڪڻڪ جي داڻو بڻجي پئي هئي. موٽ کائي تکين وکن ۾ اکڙيل ساهن سان ’ڊيلڪس‘ ۾ هليو ويو هوس. ڪائونٽر تي ويٺل کي تنهنجي ٽيليفون نمبر ٻڌائي، رسيور هٿ ۾ سوگهو جهلي جهرندڙ جيءَ سان وڄندڙ رنگ جون سيٽيون ٻڌندو رهيو هئم ٻئي طرف ڪنهن رسيور کڻي ورتو هو:
    ’هيلو....؟‘ تنهنجي ڇڻڪڻُ آواز گونجيو هو. ’پنهون ٿو ڳالهايان......‘ نڙيءَ کي آلو ڪري ڏڪندڙ آواز کي وس ۾ ڪندي چيو هئم:
    ’ها، چئو.....؟‘
    ’سنجها، مون کي تنهنجي سخت ضرورت آهي.....؟‘
    ’ها مان ڪوشش ڪندوس اچڻ جي.‘
    ’پليز تون جلدي اچ....‘
    ’ها مان ايندوس....‘
    ’ڪڏهن.... ؟‘
    ’جلد.‘
    ’ڪڏهن جلد.....؟....؟‘
    ’جڏهن چئين.....؟‘
    ’هاڻي هلي اچ، پليز......؟‘
    ’هاڻي!!!؟‘ (عجيب ٽهڪ) ’ايمپاسيبل.‘
    ’سنجها پليز.....مان توسان ملڻ ٿو چاهيان.......؟‘
    ’ڇا؟!!؟‘
    ’پوءَ.....؟ سڀاڻي، سڀاڻي ته ايندينءَ نه......؟‘
    ’سُڀاڻي-؟ نه، سڀاڻي مون کي هڪ ضروري ڪم آهي.‘
    ’سنجها، سنجها مان ڏاڍو عذاب ۾ آهيان ..... تنهنجو مون سان ملڻ ضروري آهي. پليز ڪجهه سمجهه سنجها....؟‘
    ’مجبوري آهي.‘
    ’ٻڌ توکي مون سان محبت آهي.....‘
    (هلڪو ٽهڪ) ’مون کي ڪنهن سان به محبت ناهي. سواءِ پنهنجي.‘
    ’مون سان به نه.......؟‘
    ’مون چيو، نه.......؟‘
    ’چئو چئو سنجها، توکي مون سان محبت آهي.....؟‘
    (طنز گاڏڙ ٽهڪ) ’ها آهي.. بس.....؟‘
    ’مون کي ڪس ڪر....؟‘
    (ٽهڪ عجيب ٽهڪ)
    ’سنجها پليز مون کي ڪس ڪر.....‘
    ’اڇا........؟!!!؟‘ ۽ هلڪي چميءَ جو آواز.
    ’توکي مون سان محبت آهي نه......؟‘
    ’هه آ آ آ‘ (احسان ڪندڙ لهجو)
    ’ظهير سان ڇو ٿي گهمين سنجهان....‘
    ’مون کي هن سان گهمندي مزو ٿو اچي‘
    ’رومانس ڪرڻ لڳي آهينس.....؟‘
    ’چئي ڇڏيم: مون کي ڪنهن سان به محبت ڪونهي...‘
    ’مون، مون کي تنهنجي گهرج آهي سنجها....؟‘
    ’ها ها مان ايندوس.‘
    ’ڪڏهن.....؟ ڪڏهن.....؟‘
    ’ٻئي ڏينهن.‘
    ’ٻئي ڏينهن....!؟..... سڀاڻي اچ نه....؟‘
    ’چئي ڇڏيم پرينهن.‘
    ’....... ايندينءَ نه........؟‘
    (هلڪو ٽهڪ) ’ها ها آآآ‘
    ’سنجها........‘
    ’سنجها...........‘
    ’مان ٻڌان پئي.‘
    ’نوڪري ڇو ٿي ڪرين.......؟‘
    ’گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ؟‘
    ’ٽي سئو رپيا ته مهيني تي توکي مان ڏئي سگهان ٿو؟‘
    ’ها، پر مان محنت سان ڪمائڻ چاهيان ٿي.‘
    ’سنجها.........؟‘
    ’ها، چئو؟‘
    ’ڇا هن وقت تائين، مان تنهنجي ڪابه گهرج پوري نه ڪئي آهي.....؟‘
    ’ٿورو ٿو ٿڦين......؟‘
    ۽ مان کامندو هليو ويو هوس. ڪيڏي نيچ ٿي وئي هئينءَ، ڳالهائڻ ۾؟
    ’مون ته ائين ڪڏهن ناهي سوچيو.......؟‘
    ’چوين ته پيو......؟‘
    ’توکي تو چوان، توکي، تون جا مون لاءِ هميشه بي لباس لفظ جيان رهندي آئي آهين.‘
    چپ ٿي وئي هئينءَ.
    ’بي وقوف ٿو لڳان نه توکي، هن وقت....؟‘
    ’تون ۽ بي وقوف!!!؟‘ ٽهڪ، طنز ۾ ٻڌل ٽهڪ، نه کٽندڙ ۽ مان ڪرندڙ هيٺاهينءَ ڏانهن. ڦيريون پائي بولاٽيون کائي نه کٽندڙ اونهائيءَ ڏانهن. ڪيڏو سستو لڳو هوس پاڻ کي....؟
    گهر اچي ٽٽي پيو هوس اگهاڙي کٽ مٿان. چارئي ڏسائون منهنجي کٽ جي چوڌاري واچوڙي جيان ڦرڻ لڳيون هيون. اها سڄي رات جاڳڻ کان پوءِ به شام تائين، ننڊ منهنجي کٽ جي پيرانڌيءَ وٽ بيهي منهنجي حالت مٿان مرڪندي رهي هئي. تنهنجا ٽيليفون تي ڳالهايل جملا بگهڙ بڻجي منهنجو ماس پٽيندا رهيا هئا. مان ڊگها ڊگها ساهه کڻندو گهر مان نڪري ويو هوس. ڊوڙندو رهيو هوس روڊ مٿان سڪون جي ڳولها ۾ ۽ ڀوڳنائن جي پکيا بگهڙ ڊوڙندا رهيا هئا منهنجي ڪڍ چاهيندي به ظهير سان نه مليو هوس. سٺو شهر بگهڙن ڀريل جهنگل لڳو هئم. جڏهن چوڪيدار چور ۽ دوستين جا دعويدار، ڌاڙيل بڻجي ويندا آهن ته ويساهه هر شئي تان کڄي ويندو آهي، پاڻ تان به. منهنجو دوست ظهير.... دوست، منهنجو پيارو دوست ...... پر سڄو ڏوهه ظهير جو به ته نه هو.........؟ ۽ سڄو ڏوهه تنهنجو به ته نه هو....؟ سڄو ڏوهه نارڊ مُني جو به ته نه هو....؟ پر، پر ڪجهه ڏوهه منهنجو به هو....۽ ڪجهه ڏوهه اسان ٻنهين جو به هو....؟ ها ڏوهه ته اسان ٻنهي جو هو ۽ ڏوهاري ته اسان مان ڪوئي به نه هو ......؟ اسان سڀ بي گناهه هئاسي سنجها.....؟ ۽ پنهنجا پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان نڀائي رهيا هئاسون، نباهي چڪا هئاسون.
    سوچ جا سڀ سلسلا سوڙها بڻجي هڪ ئي محور تي ڦرڻ لڳا هئا. پابنديءَ سان وزم پيئڻ لڳو هوس.
    جنهن صبح جو توکي اچڻو هو. ان صبح جو وزم گهڻي پيئڻ ڪري منهنجو گلو سالن کان سڪل کوهه جينا ڪلراٺجي ويو هو. چپ سڪل پنن جهڙا ٿي پيا هئا. ننڍڙي موريءَ تي ويهي تنهنجو انتظار ڪرڻ لڳو هوس. بس آئي هئي. پهرين اسٽاپ تي بيٺي به هئي. پر تون نه لٿي هئنيءَ. بس منهنجي ڀر مان لنگهي هئي. ڏٺو هئم تون فرنٽ سيٽ تي ويٺي هئينءَ. سمجهي ويو هوس، ته تون انهن رستن تان اچڻ نه ٿي چاهيو، جن کي اورانگهي ڪڏهن مون وٽ پيار ونڊڻ ايندي هئينءَ.
    موريءَ تان اٿي اڳئين اسٽاپ ڏانهن هلڻ لڳو هوس. شايد تو مون کي موري تي ويٺل ڏسي ورتو هو، تڏهن ئي ته گهر وڃڻ بدران، موريءَ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو هيئي.....؟ سنسان روڊ جي هڪ ڪنڊ کان مان تو ڏانهن اچي رهيو هوس، ٻئي کان تون موڏانهن. تنهنجي ڪلهن تي پيل ڪاري تر واري چادر جا پلوءَ هوائن ۾ اڏامي رهيا هئا، تون سست وکن سان من ڏانهن اچي رهي هئينءَ....ڪيتري عجيب ڳالهه هئي سنجها...؟ ماڻهو سدائين ملڻ لاءِ وڇڙندا آهن، ۽ اسان هميشه وڇڙڻ لاءِ ملي رهيا هئاسون....؟!؟ لڙڪ نيڻن جي پليٽ فارم تي وڇوڙو بڻجي رڙهي آيا هئا ۽ دک گلي ۾ ريل جي سيٽي بڻجي ڦاسي پيو هوس. اسان ٿا ٻڙجندا هڪ ٻئي اڳيان اچي بيهي رهيا هئاسون. کاٻي طرف ڳليءَ ڏانهن اشارو ڪري پڇيو هومانءِ:
    1هن ڳليءَ مان، پاڻ اڳي ڪڏهن لنگهيا آهيون-؟‘ ڪنڌ کي ناڪار ۾ لوڏي ڇڏيو هيئي چيو هئم:
    ’هن ڳليءَ مان گهر ته ويجهو آهي، پر مان توکي وٺي نه هلندس، ڇو ته ڪجهه ڳليون، ڪجهه رستا اهڙا به هجن- توکان وڇڙڻ پڄاڻان جن تان ڪڏهن لنگهان به، ته مون کي ڪجهه به ياد نه اچي-‘
    مئل آواز ۾ چيو هيئي:
    ’صحيح آهي....‘
    پاڻ وڏو چڪر ڪاٽي ان پيچري تان گهر اچي ويا هئاسون، جنهن تان اڪثر مون وٽ ايندي هئينءَ. توکي پسندي، ئي امان جي اڌ اجهاڻل نيڻن ۾ پرهه جي پهرين پهر جهڙو سوجهرو ڦهلجي ويو هو. ادي وڏيءَ جي چپن تي مرڪ جا هنج ترڻ لڳا هئا. رابيلا، رابيل جيان ٽڙي پئي هئي. تنهنجي منهن تي موت جي تار آڻيندڙ جهڙو تاثر ڇپ ماريو ويٺو هو. مئل منهن سان، بورچيخاني جي در کي ٽيڪ ڏئي، امڙ جي سامهون ويهي رهي هئينءَ ۽ امان سدائين وانگر تو آڏو پراڻين ڳالهين جون اڳڙيون کولي ويهي رهي هئي. چيو هئم:
    ’امان، هن سان پنهنجون ڳالهيون نه ڪندي ڪر. هيءَ ويچاري اڳي ئي پريشان آهي.‘
    ٻاهر وڃڻ لڳو هوس. تو منهنجي پٺيان ايندي چيو هو:
    ’ها، آئي مان پرائي آهيان نه.....مون سان پنهنجوين ڳالهيون نه ڪندا ڪيو.‘
    گهر جي ٻاهران بڻيل جهوپڙيءَ ۾ کٽ تي اچي آهلي پيو هوس. تون گهر جو در ڏئي کٽ جي ايس تي ويهي رهي هئيينءَ. نه ڄاڻ ڪيتري دير، اجنبين جيان چپ چاپ ويٺا رهيا هئاسون. ماٺ منهنجي هنياوءَ تي ڇپ وانگر ڇانئجڻ لڳي هئي. چيم هئم:
    ’ڇڏڻ ٿي چاهين.......؟‘
    ’مجبوري آهي.‘
    ’اهو سڀ پهريان ڇو نه سوچيو هيئي....؟
    ’اندازو نه هئم.‘
    ’تو کي خبر آهي..... امان ۽ ادي وڏي، تولاءِ ڪهڙا خواب لڌا آهن....؟‘
    ’ها‘
    ’انهن جي خوابن جي تو وٽ ڪائي اهميت ڪانهي.....؟‘
    ”آهي.... پر.... مان ڇا ٿي ڪري سگهان....؟“
    ’تون ڪري به ڇا ٿي سگهين سنجها، سواءِ پاڻ کي ۽ ٻين کي فريب ڏيڻ جي...تون رڳو وڏا خواب ڏسي ۽ ڏيکاري سگهندي آهين.... مون کي خبر آهي ته، مون کي خبر آهي ته تون اداس ڳالهيون ڪري ماڻهن جي دلين ۾ پهريان همدردي، پوءِ محبت جو جذبو پيدا ڪندي آهين.... رڳو ان لاءِ جو تو ۾ ڪوبه سيڪشوئل اٽريڪشن ناهي.... ڪابه سڌي سنئين ڇڪ ڪونهي. مون سان ملڻ کان اڳ.... توکي بلڊ ڪينسر هو.... ۽ .... ۽ مون کي پڪ آهي، ظهير جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ، تون يقينن ڪنهن ٻيءَ ڀيانڪ بيماريءَ جو شڪار ٿي وئي هوندينءَ....‘
    ’تون به مون سان دوکا ڪيا هئا....؟‘
    ’بدلو ٿي وٺين........؟‘
    ’..............‘
    ’مان جيڪڏهن توسان دوکا ڪرڻ چاهيان ها... ته هن وقت تائين تون مري چڪي هجين ها. صبا ۾ اهي سڀ ’ڪوالٽيز‘. اهي سڀ ’ايفرٽس‘ هئا، جيڪي تون ڪڏهن به پيدا ڪري نه سگهندينءَ... پر مان تنهنجي هر ڳالهه جو مانُ رکيو هو، ڇو ته زندگي مون کي توسان گذارڻي هئي. محبت مون تو سان ڪئي هئي. صبا سان نه.‘
    ڪوبه جواب نه ڏئي سگهي هئينءَ. تنهنجو چهرو زوردار طوفان جي زد ۾ اچي اکٽ هنڌن تان ڀڄي پيل ڪنهن ڪاسميٽڪس جي پبلسٽي بورڊ وانگر بڻجي پيو هو. جهڪي منهنجي سڪل پنن جهڙن چپن تي ڪِس ڪرڻ چاهي هيئي.
    ’مري ويل ماڻهن تي ڪنهن به گرم ڇهاءَ جو اثر ناهي ٿيندو....‘
    پر تون منهنجي ٺوٺ چپن تي پنهنجا نرم گرم چپ گسڪائيندي رهي هئينءَ. توکي هٽائيندي چيو هئم:
    ’پنهنجي ڇهڻ جا سمورا حق واسطا ته، تون گهڻو اڳ مون کان کسي چڪي آهين سنجها.. هاڻ نه تنهنجو منهنجي سرير تي، نه منهنجو، تنهنجي شرير تي اڌيڪار آهي.‘
    پر تون ٻيهر مون تي جهڪي پئي هئينءَ، چيو هئم:
    ’جڏهن محبتون وڃائجي وينديون آهن، تڏهن ڇهاءُ پنهنجي سموري معنيٰ ۽ ڇڪ وڃائي ويهندو آهي... ۽ مان جسمن سان نه، جذبن سان پيار ڪندو آهيان. جسم سان پيار ڪرڻو هجيم ها ته صبا سان وڃي چڪو هجان ها، اڄ ايڏو نه ڀوڳيان ها.‘
    توکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هو، تو پنهنجي قميص جي زپ کي اڌ کولي چيو هو:
    ’هي سڀ تنهنجو آهي... هي سڀ هميشه تنهنجو رهندو آ، وٺ .....؟‘
    ’بند ڪري ڇڏ سڀ ڪجهه سنجها، هاڻ ان سڀ تي ظهير جو حق آهي.‘
    تون ڀُري پيئ هئينءَ.
    ’مان ڇا ڪريان پنهون.....؟.... مان ڇا ڪريان............؟‘
    ظهير ۾ مون کي جيل نظر ايندو آهي... هن جو ڳالهائڻ، هن جا ٽهڪ... هن جو چهرو..........‘
    لڙڪ تنهنجن نيڻن ۾ رڙهي آيا هئا.
    ’توکي چاهڻ کان پوءِ مون ته هر عورت ۾ توکي ڳولهيو آهي سنجها....؟‘
    ’ها.....مان مڃان ٿي پنهون، مڃان ٿي ته اها منهنجي عادت بڻجي وئي آهي............ ان ڏاڍو چاهيو هو، تو سان رهڻ، توکي پائڻ... پر مان گهڻو عرصو ڪنهن سان به رهي نه سگهندي آهيان... هي ڏس... (تو پنهنجي ساڄي هٿ جو بُڪ ڏيکاريندي يو هو) جليل، جليل کان پوءِ تون... تو کان پوءِ ظهير ۽ ظهير کان پوءِ به هڪ ٻي محبت جي لڪير منهنجي هٿ ۾ اڪريل آهي. مون کي... مون کي خبر ناهي اهو ڪير هوندو....؟ پر، پر مان ظهير سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي. اها منهنجي خواهش آهي. يقين ڪر، مون کي هن سان ڪوبه رومانس ناهي. پر هن وٽ اهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪو تو وٽ ڪونهي. مان سدائين مسواڙ جي گهرن ۾ رهندي آئي آهيان... مون کي شاديءَ کان پوءِ مسواڙ جي گهر نه گهرجي... مون کي پنهنجو، بلڪل پنهنجو آئيڊيل گهر گهرجي.....؟‘


    10

    ’تون کي، آخري ڀيرو ڏسڻ چاهيو هئم... ماڻهن جي ڪيل ڳاليهن جي تصديق ڪرڻ چاهي هئم. مون کي محسوس پيو ٿئي، ماڻهو هميشه اهڙن موقعن جي ڳولها ۾ رهندا آهن.‘
    ’مون کي... شرم آهي. پڇتاءُ آهي، پنهنجي غلط سوچ تي.‘
    ’آئين نه چئو پنهون، مون کي احساس آهي، تو مون کي بي انتها پيار ڏنو آهي.. تومون کي گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي.... منهنجي دل ۾ تولاءِ عقيدت ۽ محبت ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندي، پر.... پر نه چاهيندي به، مون کي توکي الڳ ٿيڻو پوندو... يقين اٿم، پنهنجي سنجها کي سکي ڏسڻ لاءِ، تون اهو سڀ برداشت ڪري ويندين... ۽، ۽ ٿي سگهي ٿو مان تو وٽ واپس اچي وڃان. تون وقت جو انتظار ڪر....؟‘
    ڀيانڪ ٽهڪ نڪري ويو هئم.
    ’هاڻ مان ڪنهن به خوش فهميءَ ۾ رهي نه سگهندس سنجها .... هاڻ مان ڪنهن به دوکي ۾ رهڻ نه چاهيندس.‘
    ڦڪي مرڪ تنهنجي چپن تي ڏڪي وئي هئي. اسان ماٺ ٿي ويا هئاسون (ڄڻ مري ويا هئاسون هڪ ٻئي لاءِ.) ڊگهي ماٺ کان پوءِ چيو هيئي:
    ’هڪ ڳالهه چوانءِ....؟‘
    ’چئو.‘
    ’تون صبا وٽ ڪڏهن به نه وڃجانءِ........؟‘
    ’ڇو.....؟‘
    ’مان اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندوس.‘
    ’تون برداشت ڪري وئي آهين.....؟‘
    ’پر تون هن وٽ نه ويندين.‘
    ’مان صبا جي بي انتها عزت ڪندو هوس... ڪندو آهيان. ڇو ته هن ڪڏهن به پاڻ کي ۽ مون کي فريب ڏيڻ لاءِ، ڪو وڏو خواب نه ڏيکاريو هو. ۽ جڏهن تون سڀ ناتا ٽوڙي منهنجي دوست کي شادي ڪرڻ لاءِ راضي ڪري سگهين ٿي، ته مون کي به حق پهچي ٿو ته صبا جي چپن تي اکيون ٻوٽي ڪِس ڪريان.‘
    تو زوردار چماٽ منهنجي ڳل تي وهائي ڪڍي هئي. ٿپيل آواز ۾ چيو هيئي:
    ’تون هن وٽ نه ويندين.....؟‘
    ’ڪهڙي ناتي سان ٿي روڪين.....؟‘
    ’تون سان گذريل سمورن سچن ۽ نه وسرندڙ ناتن سان.‘
    ’اهي سچا ناتا، جيڪي اڄ تون فقط ڪجهه لفظن سان ٽوڙي چڪي آهين.....؟‘
    ’مون کي ايڏو عذاب نه ڏي پنهون....‘
    روئڻ لڳي هئينءَ. امان دروازو کولي اسان ڏانهن اچڻ لڳي هئي. تو ٽشوءَ سان لڙڪن کي اگهي ڇڏيو هو. مون کي چيو هو:
    ’امان، اڄ هيءَ هميشه، هلي وڃڻ لاءِ هتي آئي آهي.‘
    ’ڇو ........!!؟‘
    ’هن جون ڪجهه مجبوريون آهن. پڇي وٺوس... ؟ اڄ کان پوءِ مون کي ڪڏهن به سنجها کي آڻڻ لاءِ نه چئجو.‘
    ’ها، آئي؛ مان ڏاڍي خراب آهيان... توهان جي لائق ناهيان....‘
    امان کي ڀاڪر پائي سڏڪن ۾ پئجي وئي هئينءَ. ان وقت تنهنجي پٺي مون ڏانهن ۽ امان جو مک مون ڏانهن هو. ڏٺو هئم. امان جي نيڻن جي آڪاس تي لڙڪن جا ڪبوتر اڏامڻ لڳا هئا. امان مون ڏانهن ائين ڏٺو هو، ڄڻ اهو سڀ ٻڌي مان مري ويندس. پر مان ٽهڪ ڏئي چيو هو:
    ’تون ڇو ٿي روئين....؟ سنجها ته مون کي ٿي ڇڏي وڃي....؟‘
    امان لڙڪن وچ ۾ چيو هو:
    ’ايترا آسرا ڏئي ڇڏي ٿي وڃين....؟ ائين ته نه ڪري ڌيءَ.....؟‘
    ’سڏ ڪندي چيو هيئي: ’مجبوري آهي. آئي مجبوري آهي....‘
    کوکلا ٽهڪ ڏئي چيم هئم:
    ’مجبوري به ڪا سئي هوندي آهي امان....؟‘
    امان پنهنجا لڙڪ اگهي هلي وئي هئي. مان جهوپڙيءَ جي سيرن مان ڇڻي ايندڙ آسمان جي نيراڻ ۾ گهورڻ لڳو هوس. لڙڪ اگهندي چيو هيئي:
    ’صبا وٽ نه... تون وفا وٽ هليو وڃجانءِ....منهنجي پاران معافي وٺي ڇڏجانس، مون هن سان ويساهه گهاتي ڪئي هئي....؟‘
    چپ چاپ سيرن مان ڇڻي ايندڙ آسمان جي نيراڻ ۾ گهوريندو رهيو هوس. تون چوندي رهي هئينءَ:
    ’مون کي هن وقت اهو چوڻ ته نه گهرجي... پرمان چوان ٿي.... توکي منهنجو قسم اهو سڀ ضرور مڃجانءِ...؟‘
    ’ڇا....؟‘
    ’مون کي سڌ آهي، ته مون کان اڳ جن به ڇوڪرين توسان رومانس ڪيو هو، انهن جي هلئي وڃڻ کان پوءِ، تو انهن کي سندن سمورا نيگيٽور ۽ فوٽو گرافز واپس ڪري ڇڏيا هئا، ۽....۽ پنهون .... منهنجي ڪزن کي... منهنجا ڪجهه فوٽو گرافز وڻي ويا آهن... هوءَ مون کان نيگيٽوز ٿي گهري ....ڏس، تون غلط نه سمجهه جانءِ....؟.....تون مون کي منهنجي نيگيٽوز ڏئي ڇڏ، مان توکي هفتي جي اندر واپس ڪري ڇڏيندوس....؟‘
    ’کڻي وڃن چاهين ٿي، ته سڌيءَ طرح گهري وٺ ....؟‘
    ’اڙي نه ته، مان توکي هفتي جي اندر واپس ڪري ڇڏيندوس....؟‘
    مون توکي تنهنجا سمورا نيگيٽوز ۽ پازيٽو واپس ڪري ڇڏيا هئا. چيو هيئي:
    ’هفتي جي اندر واپس ڪري ويندوس....؟‘ هفتي مان مهينا گذري ويا هئا، پر تو نيگيٽوز واپس نه ڪيا هئا. ڏينهن توکي ٽيليفون ڪري چيو هئم:
    ’سنجها، نيگيٽوز...؟‘
    خالي آواز ۾ چيو هيئي: ’توکي انهن مان ڪهڙا گهرجن؟‘ مون خاموشيءَ سان رسيور ڪريڊل ته رکي ڇڏيو هو. سمجهي نه سگهيو هوس.، تو ايتري سستي نموني مون کان پنهنجا نيگيٽوز آخر ڇو ورتا هئا.....!!؟‘ جڏهن ته سڌي طرح گهري سگهينءَ پئي....؟
    جنهن ڏينهن تون آخري ڀيرو مون کي مون کي هميشه لاءِ ڇڏڻ آئي هئينءَ، مان پنهنجي هڪ دوست کان موٽر سائيڪل وٺي، توکي تنهنجي گهر ڇڏي آيو هوس. مون کي ياد اچي ويو هو اهو ڏينهن، جڏهن تون ۽ مان اسڪوٽر تي المنظر آيا هئاسون. کاڌا هئاسون، چڪن سينڊوچز ۽ آئسڪريم سوڍا واپسيءَ تي مون اسڪوٽر پوري رفتار سان سپر هائي وي تي ڇڏي ڏنو هو. تو وڏا ٽهڪ ڏئي پنهنجون ٻانهون منهنجي ڳچيءَ ۾ ورائي ڇڏيون هيون پر جنهن ڏينهن توکي تنهنجي گهر ڇڏڻ ٿي ويس، هڪ ٽرڪ کي اوورٽيڪ پئي ڪيم ته تون منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهڻ بدران، ڪالر کان ڇڪي خوف مان رڙيون ڪندي چيو هيئي:
    ’آهستي هلاءِ پنهون، پليز آهستي هلاءِ ڪٿي ايڪسيڊنٽ نه ٿي وڃي....؟‘
    ٽهڪن جي درياهه ۾ ٻڏي ويو هوس.
    تو پنهنجي چيلهه منجهان نظر نه ايندڙ ڳرو زنجير ٽوڙي ڇڏيو هو. سڀئي منظر چئن ديوارن جي قيد مان آزاد ٿي ويا هئا. تنهنجي پڄاڻا ڀوڳنائن مٿان اڪيلائي واسو ڪري وئي هئي. واپس گهر اچي، تنهنجا ڏنل پرزنٽس جن ۾ ببلي گز مان ڪڍي ڏنل مختلف ڪارن جا اسٽيڪرز، منهنجي ڊائرين مٿان مون لاءِ لکيل گاريون ۽ ڪٿي پيار، تنهنجا وٺي ڏنل ڪولابا (جن مان هڪ کي تو ڪاوڙ ۾ اچي، ٽوڙي مروڙي ڇڏيو آهي) 1977ع جو ڪيلينڊر جنهن ۾ دنيا جي مختلف ڪلاڪارن جا فوٽو گرافز ۽ سندن ننڍڙو تعارف به ڏنل آهي، ڪجهه خط، هڪ عيد ڪارڊ، هڪ لاڪٽ ۽ ڪيلينڊر مٿان ويڙهي ڏنل نيرو لغڙائي پنو. اهي سڀ سيف جي عام خاني مان ڪڍي اندرين لاڪر ۾ رکي ڇڏيا هئا....۽ 1980ع واري ڊائري پڙهي هئم: (تنهنجي ڊاهي ڇڏڻ کان پوءِ به پڙهڻ ۾ اچي رهيو هو، لکيل هو):
    28.1.1980
    اڄ کان استعمال ۾ اچي ويو آهيان، اڻ ٻڌايل مدي تائين.
    (انهيءَ پيج هيٺيان لکيو هئم)
    2.2.1980
    جيڪڏهن انهن لفظن کي ڊاهي به ڇڏيو اٿئي، ته ڊاهڻ واري جذبي جي سچائيءَ کي هميشه ياد رکجانءِ.
    17.3.1980
    (مختلف ايگلز ۾ تنهنجن چپن جون ڇڏيل مهرون تن جي هيٺيان لکي ڇڏيل امداد جي ترائيل جا ڪجهه بند)
    وري ملون نه ملون زندگيءَ رهي نه رهي
    الائي ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي
    چپن کي ٿورڙو اڳتي ڪري ڏسي تو ٺون.
    اهائي ته اها تاريخ هئي سنجها، جڏهن مون پهريون ڀيرو تنهنجن چپن کي پنهنجي چپن سان ڇهي ڏٺو هو. اکيون ٻوٽي.
    28.3.1980
    هوءَ جا اڄڪلهه مون سان گڏ آهي ۽ منهنجي گلي جي کليل بٽڻن کي بند ڪري ٿي. (جيڪي سدائين بند ڪرڻ وساري ڇڏيندو آهيان). ۽ منهنجي هر ڏک جي ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي. هلندي هلندي ڪنهن به ايندڙ پل ۾ پنهنجو هٿ منهنجي هٿن مان کسڪائي، مرڪ جا گل ۽ باءِ جو آٽو گراف ڏئي هلي ويندي. ۽ مان سندس پيرن ۾ پاتل، پينسل هيل واري سينڊل مان نڪرندڙ آواز، پاڻ کان پري ٿيندي ٻڌندو رهندس.
    29.3.1980
    هن مون سان خدا تي بحث ڪيو، مسلسل (منهنجي ڳچيءَ ۾ پيل صليب کي ڏسندي رهي) ۽ منهنجي هر دليل کان انڪار ڪندي رهي. آخر ۾ عام لهجي ۾ چيائين:
    ’مون وٽ نه ايندو ڪر.‘
    هر وک ڊهندو هليو ويو هوس.
    (سنجها، مون کي اهو ڏسي، سوچي حيرت ٿي هئي ته جنهن ڏينهن، جنهن شام توکي ريڊيو تي ڏسڻ آيو هوس، ان ڏينهن به تاريخ 29 ئي هئي. فرق هو به ته ٽن سالن جو.... ٽن سالن جو ۽ جڳهه جو. ڪاريڊور جو ۽ روڊ جو. صبح جو ۽ شام جو. مون کي محسوس پيو ٿئي اسان جي ملڻ ۽ وڇڙڻ جي وچ ۾ ٽن سالن جي نه، ڪجهه ڪلاڪن جي وڇوٽي هئي..... صبح کان شام تائين جي. انهن ڪجهه ڪلاڪن ۾، اسان هڪ ٻئي کان بي انت محبتون ۽ بي انت ڏک ڏئي چڪا هئاسين).
    5.4.1980
    سنسان روڊ تان ويس پئي، هوءَ منهنجي سامهون اچي بيٺي. هن سان گڏ شبنم به هئي. مون ڏٺو، سندس نيڻن ۾ ڪجهه ڏينهن جي وڇوڙي جي پيڙا کي. چيائين:
    ’ڪينءَ آهين؟‘ چيم: تو آڏو آهيان.‘ چيائين: ’سڀاڻي مون وٽ ايندين....؟‘ چيم: ’جي تون چاهين ته.....؟‘ چيائين: ’ها مان چاهيان ٿي.... هاڻي شايد روز چاهيان.......‘
    16.4.1980
    آسمان سڄو ڪڪرن سان ڇانيل هو. اسان فيڪلٽيءَ جي پوئين پهاڙي تي پير لڙڪائي ويٺا هئاسون. هن مون ڏانهن ڏسندي چيو: ’هلون....؟‘ سندس نيڻن ۾ ڳاڙها ڏورا لهي آيا هئا. اچي ويا هئاسون چئن ديوارن جي پناهه ۾ ۽ سمورا آواز در کان ٻاهر رهجي ويا هئا. (ڪيڏو خوش آهيان اڄ؟)
    من ڀرجي آيو هو. ڊائري بند ڪري ڇڏي هئم. سيف جي لاڪر کولي تنهنجو لکيل عيد ڪارڊ ڏٺو هئم، لکيل هو:
    My ‘Punhoon’
    You made my wish come true.
    MY every happiness
    Belongs to you.
    If you are alive I am alive.
    If you are sad, I am sad.
    You are my everything
    And all my dreams are for you.
    Very soon they would become true
    Yours for ever Sanjha.
    ۽ اڄ .... مان جيئرو هوندي به تو لاءِ مري چڪو هوس... اڄ....منهنجي مٿان ڏک بگهڙ بڻجي چڙهي آيا هئا، ۽ تون سک جي ننڊ ستل هئينءَ... ۽ مان تنهنجو سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه هوس.. ڪارڊ واپس سيف جي لاڪر ۾ رکي گهر مان نڪري، بس پڪڙي يونيورسٽي هليو ويو هوس. گهمڻ لڳو هوس اهي سڀ گهٽ جتي ڪڏهن اڪيلو نه هوندو هوس، تون به مون سان گڏ هوندي هئينءَ، پنهنجي مڙني سچائين سميت ۽ جڏهن جامع مسجد جي ڀر واري مير نور محمد روڊ جي ٺهيل ننڍڙي موريءَ جي ٻئي ڀر، ديوين جي گهاٽي جهنگل ۾ پهتو هوس، جتي ڪڏهن پاڻيءَ جو ننڍڙو تلاءُ به هوندو هو.. ۽ هلڪي هلڪي جهنگلي ڇٻر به؛ ته مون کي ياد آئي هيءَ. اها ڳالهه... هڪ ڀيري پاڻ ننڍڙي موريءَ تي ويهي روڊ تان ويندڙ ماڻهن جي وڃن جو انتظار ڪري رهيا هئاسون. جڏهن سڄو روڊ خالي ٿي ويو هو، ته اسان اندر هليا آيا هئاسون. جهنگلي ڇٻر تي ويٺا ئي مس هئاسون ته روڊ تي ڊوڙڻ جا آواز آيا هئا. تو منهنجي خالي هٿ ڏانهن ڏسي هلڪي رڙ ڪري چيو هو: ’منهنجو چشمو....؟‘ وائڙئپ منجهان چيو هئم: ’مون وٽ هو ڇا....؟‘ ’ها آ آ آ.‘ ۽ مان ديوين منجهان ٺهيل سوڙهي پيچري تان ذري گهٽ ڊوڙندو روڊ تي اچي ويو هوس. ڏٺو هئم موريءَ جي ڀت ڏانهن، جتي ڪجهه به نه هو... ۽ پوءِ روڊ تي ڊوڙندڙ ڇوڪرن ڏانهن ڏٺو هئم، جتي حيدرآباد ويندڙ ڪراچيءَ جي بس ڏانهن ڊوڙي رهيا هئا، سڀ کان آخر ۾ هڪ ٿلهو ڇوڪرو پنهنجي ويڪري منهن تي تنهنجو نفيس نظر جو چشمو ڦهڪائي. ٿاٻا کائيندو بس ڏانهن ڊوڙي رهيو هو. مون کي ڏاڍي کل آئي هئي. مان ٻئي هٿ پيٽ تي رکي ٽهڪن ۾ پئجي ويو هوس.
    پهريان جڏهن تون مون کي ملي هئينءَ، توکي اسٽارز تي يقين هوندو هو. چوندي هئينءَ: ’تون ايريز ۽ مان اسڪارپيو، تون باهه آهين ۽ مان پاڻي. پاڻ ٻنهي جو ذهني لاڳاپو بيحد مشڪل آهي. هوريان هوريان تنهنجا سڀئي يقين اين-ايل-سي جي ٽرڪ هيٺيان اچي ويا هئا. تنهنجو اسٽارز تان يقين کڄي ويو هو. هڪ ڏينهن مون کي ڳراٽڙي پائي چيو هيئي: ’اسٽارز، سڀ بڪواس آهن.... تون ايريز ۾ مان اسڪارپيو هوندي به هڪ ٻيئ کي ڪيڏو چاهيون ٿا..جڏهن ته اسان کي ڪنهن به حال ۾ گڏ رهڻ نه گهرجي. پوءِ اوچتو ئي اوچتو صبا اسان ٻنين جي وچ ۾ اچي وئي هئي. تو چيو هو: ’ورگو ڏاڍا مصلحت پسند، اندر جا کوٽا ۽ ڪميڻا هوندا آهن. هو پنهنجون ڳالهيون ڪنهن کي به نه ٻڌائيندا آهن، ٻين جون سڀ ڳالهيون ڄاڻڻ جي چڪر ۾ رهندا آهن. مون کي ان اسٽار کان نفرت آهي.‘
    پر سنجها، اهو به ڪيڏو وڏو الميو آهي....؟ ظهير، جنهن سان تو شادي ڪرڻ ٿي چاهين. اڄ جيڪو تنهنجي مڙني خوابن جو مالڪ آهي. تنهن جو اسٽار به ته ورگو آهي... ؟ مون کي محسوس پيو ٿئي، تون صبا سان نفرت ڪندي به هن لاءِ بيحد عزت ۽ احترام رکين ٿي. جڏهن ظهير جي سالگرهه هوندي، تون نه چاهيندي به صبا کي ضروري يا ڪندينءَ!
    هر سڃاتل اڪيلو ڏسي پڇندو هو:
    ’سنجها ڪٿي آهي....؟‘
    مون کي چڙ هئي ان سوال کان، اهڙن سوالن پڇندڙن کان. گهر هوندو هوس ته امان مون کي اجايو پيار ڪرڻ لڳندي هئي. ٻانهون ڦهلائي، پنهنجي ٻڪ ۾ منهنجي مئل مک کي ڀري ڳائڻ لڳندي هئي، سهرا ۽ سهرا ٻرنديءَ تي گاسليٽ... جيڪو ٿيڻو هو، ٿي چڪو. جيڪو ٿيڻو هوندو آهي، تنهن کي ڪوبه روڪي ناهي سگهندو....ڪڪر جيڪڏهن شڪليون مٽائڻ ڇڏي ڏين، ته ڪڪر نه پهاڙ سڏائين. مون کي سڌ هئي، انهن ڳالهين جي...پر ڀوڳنا جو احساس نه هئم. ٿيڻ لڳو هو، ٿي رهيو آهي... ٿيڻ به گهرجيم، آخر مان (آهيان)، (هئس) ناهيان...۽ جيسين (آهيان) ڀوڳڻو پوندو. دل آهي جا، چتا بڻجي پئي آهي. خبر ناهي ڪيترن سالن کان ٻڌل آهيان، چوکنڀو پهاڙ جي چوٽيءَ تي، ۽ ڳجهه منهنجي ڪلهي تي ويهي منهنجو جيرو ٽڪي رهي آهي. مون کي چڙ آهي، امان جي اجائي پيار کان.... مون کي چڙ آهي، پڇ پڇان کان... مون کي چڙ آهي، ڇو...؟ ڇا لاءِ.....؟ ڪيئنءَ......؟ ڪڏهن؟ ۽ ڪٿي....؟ کان. محسوس پيو ٿئيم هو سڀ هن گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. جنهن ۾ ڪري پيو آهيان... جا گهڙي ته ناهي ڪا بي انت کاهي آهي، جنهن ۾ ڪرندو پيو وڃان ۽ منهنجي دل ٻوساٽبي ٿي وڃي.
    قبرن تي وڃڻ، دعائون گهرڻ ۽ اگربتيون ٻارڻ، عجيب لڳندو آهي، پر توکان وڇڙڻ کان پوءِ جڏهن ڀوڳنائن جي سرڪڻ ڦاهي منهنجي ڳچيءَ ۾ سوڙهي ٿي ويندي هئي، ته تنهنجي بابا سائين جي قبر تي وڃي اگربتيون ٻاري ڇڏيندو هوس. اکيون ٻوٽي ڊگها ساهه کڻي خوشبوئن جي واس وٺڻ لڳندو هوس. منهنجون سموريون ڀوڳنائون ڪڪر بڻجي هوائن ۾ اڏامي وينديون هيون. سڪون خوشبو بڻجي منهنجي اندر ۾ سمائجي ويندو هو. اهڙي ئي هڪ شام، تنهنجي بابا سائين جي قبر تي اگربتيون ٻاري سڪون جي اڻ لکي احساس هيٺ هالڪو بڻجي، روڊ تي اچي ويو هوس. ته هڪ ڪار زوردار بريڪ سان منهنجي ڀر ۾ اچي بيهي رهي هئي. ظهير ڊرائيونگ سيٽ واري دريءَ مان منهن ڪڍندي چيو هو:
    ’ڪهڙا حال آهن....؟‘
    ’تنهنجي آڏو آهن.‘
    ’ڪيڏانهن ويو هئين....؟‘
    ’سيڪا ٽريسٽ وٽ.‘ مرڪي چيو هئم. هو هلڪو ٽهڪ ڏئي، ٻاهر اچي ويو هو.
    ’اچين نه ٿو مون وٽ....؟‘
    ’مان ته هر وقت توسان گڏ هوندو آهيان.‘
    ’ڪيئنءَ....؟‘
    ’سنجها ۽ مون ۾ ڪوبه ته فرق ناهي......؟‘
    ظهير جي اوجل مک تي جرڪندڙ نيڻن مٿان، ڄڻ چٻرا لهي آيا هئا. سوچ ۾ پئجي ويو هو. گنڀير بڻجي چيو هئائين:
    ’مون سان هلندين....؟‘
    اسان ٻئي ميرن جي قبرستان ۾ اچي ويا هئاسون. جهوني قبي جي ڪماني دروازي، جي هڪ ٿلهي تي ظهير ويهي رهيو ۽ ٻئي تي مان. ٻئي ڪيتري دير شام جي سرمائي ڌنڌ ۾ گهوريندا رهيا هئاسون. هن مضبوط لهجي ۾ چيو هو:
    ’حقيقت ۾ مون اهو نه چاهيو هو.. مون کي خبر هئي، مون کي خبر آهي ته سنجها توکي بيحد چاهيندي هئي .... سنجها سٺي آهي، بي انتها... پر تون هن کي سمجهي نه سگهين... تون هن کي ڏاڍا ڏک ڏنا ۽ سنجها تنهنجي ڏنل ڏکن کر مٽائڻ لاءِ، سليپنگ پلز کائڻ لڳي.... گهر جي اونڌاهين ڏاڪڻين ۾ ويهي، سگريٽ مٿان سگريٽ پيئندي رهي....مون سنجها کان سموڪنگ بند ڪرائي... مون هن کان سليپنگ پلز ڇڏايا... سنجا تو سان محبت ڪئي، موٽ ۾ تو هن کي سواءِ ڏکن ۽ نفرتن جي، ڪجهه به نه ڏنو. تون سنجها کي سمجهي نه سگهين... آئون ڊاڪٽر ناهيان، پر دوائن جي خبر اٿم. مون پاڻ سنجها جي پرس ۾ ڊاڪٽر جي پرسڪرپشن ڏٺي آهي، پڙهي آهي. توکي سڌ ناهي. پر اها حقيقت آهي ته سنجها، هارٽ پيشنٽ ٿي پئي آهي. مون کي ڪنهن به ايندڙ گهڙيءَ تي يقين ڪونهي ... خبر ناهي سنجها... هوءَ ڪنهن به ايندڙ گهڙيءَ تي يقين ڪونهي...خبر ناهي سنجها... هوءَ ڪنهن به ايندڙ گهڙيءَ ۾....مون... مون سنجها جي مختصر زندگيءَ ۾ ڪجهه مهينن جو واڌارو آندو آهي.... آئون هن جي اداس زندگيءَ ۾ انڊلٺ جا ستئي رنگ ڀريندس، آئون سنجها سان شادي ڪندس.‘
    منهنجي اندر ڪيترائي ڀيانڪ ٽهڪ پڙاڏاجي ويا هئا. ظهير مون کي اهو ٻار لڳو هو، جيڪو وڏن جون ٻڌل ڳالهيون پاڻ سان منسوب ڪري، پنهنجي دوستن جي سٿ ۾ سينو ڦوڪي ٻڌائيندو آهي ۽ ٻڌائي پاڻ کي مڙني کان وڌيڪ ذهين ۽ هوشيار سمجهڻ لڳندو آهي. ۽ سنجها، مان ان شام تنهنجي ذهانت جو قائل ٿي ويو هوس. چيو هئم:
    ’بيشڪ، ظهير مان سنجها کي سواءِ ڏکن جي ڪجهه نه ڏئي سگهيس... منهنجي ٽن سالن جي پکيڙ تي، تنهنجي مهينن جي قرب ڀاري آهي.. ڇو ته تون هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان محبت ٿو ڪرين، جيڪا ڪجهه گهڙين جي مهمان آهي.. تو هن کان سليپنگ پلز ۽ سموڪنگ بند ڪرائي، هن کي نئين زندگي بخشي ڇڏي آهي. تون اورتار آهين، مان راڪشس... تون مهان آهين، مان نيچ ..... تون سڀ ڪجهه آهين، مان ڪجهه به نه...‘
    ڏيادار مرڪ هن جي خوبصورت چپن تي پکڙجي وئي هئي. اسان ميرن جي قبرستان مان نڪري روڊ تي اچي ويا هئاسون. ڊرائيونگ سيٽ تي ويهندي مهربان آواز ۾ چيو هئائين:
    ’ڪيڏانهن ويندين....؟’
    ’مان پهچي ويندس، تون هليو وڃ.‘
    ڪار اسٽارٽ ڪري، گيئر مٽائي، بريڪ تان پير هٽائي ايڪسيليٽر تي زور وڌائي ڇڏيو هئائين، ڦيٿن مان چرڙاٽ نڪتا هئا، مان ويندڙ ڪار جي ڳاڙهين بتين ڏانهن ڏٺو هو، جيڪي اونڌهه ۾ گم ٿي رهيون هيون. مون کي اهي ڳاڙهيون بتيون، تنهنجن نيڻ جهڙيون لڳيون هيون، جيڪي پنهنجي فتح تي مرڪي رهيو هيون، لازوال مرڪ.


    11

    سال کان پوءِ صبا وٽ هليو ويو هوس.
    سمجهيو هئم، هن سان ملي، دل جو بار هلڪو ٿي ويندو. ڪال بيل وڄائي هئم. ڪجهه دير کان پوءِ ڪنهن پڇيو هو:
    ’ڪير....؟‘
    ’پنهون.‘
    در کلي ويو هو صبا جو مک ظاهر ٿيو هو. هن پنهنجا وار گهڻا ننڍا ڪرائي ڇڏيا هئا. انهن وارن جي صبا مون کي خالي خالي لڳي هئي. کيس هلڪو نيرو سليپنگ گائون اوڍيل هو. بنا لپسٽڪ جي چپ ڪجهه وڌيڪ ناسي نظر آيا هئم، شايد هن سموڪنگ جي اسپيڊ وڌائي ڇڏي هئي. مون کي ڏسي عجيب هن جي، ڀورن ناسي نيڻن ۾ ڪراس بڻجي کپي ويو هو. چيو هومانس:
    ’اندر اچڻ لاءِ نه چوندينءِ.....؟‘
    هن لوهي گيٽ کولي ڇڏيو هو. مان ڊرائينگ روم جي ساڳي اڪيل صوفيا تي هميشه جيان ويهي رهيو هوس. ڪابه ته چينئج نه آئي هئي، هن جي ڊرائينگ روم ۾. ڄڻ سال اڳ جو ڪو فوٽو گراف ڏسي رهيو هوس. صبا منهنجي اداس منهن تي جهنگلي ڇٻر وانگر، ڦٽي آيل ڏاڙهيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳي هئي. ڏک جون ڪوئلون، هن جي چپن جي شاخن تي لهي آيون هيون. ڏسندي رهي هئي.
    ’ڇا ٿي ڏسين صبا.......؟‘
    ’ڇڏي ويئي نه.........؟‘ ڌڏيل آواز ۾ چيو هئائين.
    ’ها.....صبا...‘ ڪنڌ لوڏي ڀري پيو هوس.
    ’مون توکي چيو هو نه... ؟ مان توکي چوندي هيس نه پنهون....؟‘ توسان رڳو رومانس ڪري سگهجي ٿو....‘
    ’تون ڪيئن آهين.....؟‘
    ’گذارو ٿئي پيو... صحافي بڻجي وئي آهيان ۽ جاويد ماڊرن موٽرز ۾، ڪارن ۾ ايئر ڪنڊيشنز ۽ ٽيپ رڪارد فٽ ڪندو آهي.‘
    ’جاويد......؟‘
    ’منهنجو مڙس آهي.‘
    ’تو......تو شادي ڪري ڇڏي صبا؟‘
    ’ها‘
    ’ٽيڪنيشن سان.......؟‘
    ’ها‘
    ’۽، ۽ تنهنجا خواب......!!؟‘
    ’توئي چيو هو، خواب ڪڏهن به ساڀيا نه ٿيندڙ، خواهشن جا ڌنڌلا عڪس هوندا آهن؟‘
    صبا ڪارنر ٽيبل تان سگريٽ جو پيڪٽ کڻي سگريٽ ڪڍي دکائي ڊگهو سوٽ هنيو هو.
    ’اهو سڀ ته فلمن ۽ ناولن ۾ ٿيندو آهي....؟‘
    ’ڪڏهن ڪڏهن ممڪن، ناممڪن ممڪن بڻجي ويندو آهي.‘
    ’ڪٿي رهندا آهيو....؟‘
    ’گهر جي مٿئين حصي ۾.‘
    ’ان ڪمري ۾، جنهن جي دري ٽريفڪ ڀريل روڊ ڏانهن کلندي آهي.....؟‘
    ’ها، تون منهنجو بيڊ روم ڏسندين........؟‘ اچ مان توکي پنهنجو بيڊ روم ڏيکاريان.‘
    صبا مون کي پنهنجي بيڊ روم ۾ وٺي هئي. فرش تي هلڪي نيري پس منظر مٿان، ڳوڙهي نيري گلن واري ڪارپٽ وڇايل هو، ڊبل بيد جي ڪارنر ٽيبل تي صبا ۽ سندس مڙس جي شاديءَ جو فوٽو فريم ٿيل هو. روڊ ڏانهن کلندڙ دريءَ مٿان هلڪو نيرو پڙدو لڏيو پئي ۽ دريءَ جي کاٻي پاسي، ٻن جاڙن ٻارن جو ڪلرڊ پوسٽر چهٽيل هو. صبا بيڊ تي ويهندي چيو هو:
    ’ڪيئن آهي پنهنجو بيڊ روم....‘؟
    ’خوبصورت‘
    ’۽ منهنجو مڙس....؟‘ هن فريل ٿيل فوٽو ڏانهن ڏسندي چيو هو:
    ’خوبصورت‘
    ’منهنجو مڙس بي انتها سٺو آهي... هو منهنجي هر خواهش جو احترام ڪندو آهي. جاويد کي مون سان لازوال محبت آهي، جيتري منهنجي توسان هئي........آهي.‘
    صبا ڳالهائيندي شوڪيس ڏانهن هلي وئي هئي. چابي ڦيرائي، تاڪ کولي هٿ وڌائي بوتل ڪڍي. سينٽرل ٽيبل تي رکندي چيو هئائين:
    ’تنهنجي لاءِ آهي.‘
    ’هيءَ...؟‘
    ’مون چيو نه.. منهنجو مڙس مون سان لازوال محبت ڪندو آهي. اسان ڪڏهن ڪڏهن پيئندا آهيون.‘
    پوءِ... توهان ڇا پيئندءُ.....؟‘
    “Don’t worry about it”
    ’نه صبا، مان وڃان ٿو....‘
    ’ڊڄ نه، ويهه ويهه. هو اڍائين وڳي کان اڳ نه ايندو. ۽ پپا جي ته توکي خبر آهي.‘
    ’پر صبا......؟‘
    صبا در ڏانهن ويندي چپن تي آڱر رکي ڇڏي هئي. واپس آئي هئي ته سندس هڪ هٿ ۾ جڳ، برف ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هئي. ٻئي هٿ ۾ ٻه نفيس گلاس. جڳ ڪلاس ٽيبل تي کي بوتل کولي ڇڏي هئائين صبا پيڪ ٺاهي، هڪ مون ڏانهن وڌايو هو ۽ ٻيو پاڻ کنيو هو چيئرز ڪندي چيو هئائين:
    ’جاويد جي مهانتا جي نالي.‘
    اسان پيئندا رهياسين، پهريان ٻه پيڪ تڪڙا. پويان ٻه پيڪ آهستي. صبا آخري ڍڪ ڀري، سگريٽ دکائي ڌڏيل آواز ۾ چيو هو:
    ’اڄ ته پنهنجي دل سنجها جي پرس ۾ نه وساري آيو آهين نه، پنهون......؟‘
    ’نه .........ويندي ويندي سنجها منهنجي دل، منهنجي ڀر ۾ وساري وئي هئي.‘
    ’گهڻا ٽڪر ٿيل هئي....؟‘
    ’حسابن ۾ ننڍي هوندي کان جڏو آهيان... ميٽرڪ ۾ حسابن جو پيپر ئي نه ڏيڻ ويو هوس... صبا، مان آٽو گراف ڏيڻ کان ان ڪري لنوائيندو آهيان، جو مون کي ڊيٽ لکڻي پوندي آهي... ان مهل مون کان وسري ويندو آهي ته ٽياسيءَ ۾ ٽي اڳيان ايندا يا پويان... مان... مان دراصل اڳيان پويان جي چڪرن ۾ پوڻ نه چاهيندو آهيان... صبا، مان... مان ڏيڻ چاهيندو آهيان بي حساب، وٺڻ چاهيندو آهين بي حساب‘
    ’مون، مون بي حساب گاريون کاڌيون آهن، رڳو تنهنجي ڪري، ڪاريڊور ۾.. آفيسز ۾... روڊن تي.. جڏهن تو ڪال بيل وڄائي هئي نه، دروازو کولڻ آئي هيس، ته مون در جي ڀر ۾ لڳل سورج مکيءَ ڏانهن ڏٺو هو. جنهن تي هڪ گار ويٺل هئي، ۽ مون ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي.. پر سورج مکيءَ جو منهن ان وقت به سورج ڏانهن کڄيل هو. بلڪل ائين جيئن هن وقت منهنجو منهن، تو ڏانهن ڄپيل آهي. مون کي نڪ تي بار پيو محسوس ٿئي. ڏس ڪا گار ته ويٺل ناهي....؟‘
    ’نه، تنهنجو چهرو ته اجرو جر آهي.‘
    ’منهنجي چهري جي اجري جر مان، منهنجو اندر نظر اچي پيو ڇا.....؟‘
    ’ها.‘
    ’گهڻين گارين جا ڍير پيل آهن، منهنجي اندر... ؟‘
    ’تنهنجي اندر جي چوڪ تي، هڪ بورڊ لڳل آهي.‘
    ’ڪا گار لکيل هوندي پڪ...؟ ڏس، رائٽنگ سنجها جي ته ناهي.....؟‘
    ’رائيٽنگ....؟ رائيٽنگ ته الائجي ڪنهن جي آهي، پر بورڊ تي بولڊ اکرن ۾ لکيل آهي.Keep City Clean”“ !
    ’مون ڏي اچ ته.. تنهنجي صفائي ڪري ڇڏيان...؟‘ صبا پنهنجي سليپنگ گائون جو ڏوريون کولي ڇڏيون هيون.
    ’هي ڇا ٿي ڪرين صبا....؟‘
    ’صفائي.....؟‘
    ’چڙهي وئي اٿئي. آرام ڪر....؟‘
    ’ڪنهن تي...؟ ڇا....؟ گار.......؟ هي گاريون منهنجو پيڇو نه ڇڏينديون... دراز کوليندي آهيان ته، گاريون نڪري اينديون آهن..... ڪپڙا ڇنڊيندي آهيان ته، گاريون ڇڻڻ لڳنديون آهن. ڪالهه رات مان ۽ جاويد آڳنڌ ۾ ستا پيا هئاسون، جاويد آسمان ڏانهن اشارو ڪري چيو هو:
    ’ڏس آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويا آهن‘ مون ڏٺو هو، آسمان سڄو گارين سان ڀريل نظر آيو هئم. پوءِ ڪيتريون گاريون هوائن ۾ اڏامنديون، منهنجي مٿان اچي ڪريون هيون. مان پلنگ تان اٿي ڪمري ۾ ڀڄي وئي هيس، جاويد کي چيو هئم. مان ٻاهر نه سمهنديس، پلنگ اندر کڻي اچ.. ٻڌ پنهون... ان کان اڳ جو مان گارين جي پٿرن ۾ زندهه دفن ٿي وڃان... مون کي بچائي وٺ. مون کي گارين ۾ دفن ٿيڻ کان بچائي وٺ....مون کي بچاءَ، پنهون.....؟‘
    سليپنگ گائون هن جي ڀريل ڪلهن تان ترڪي پلنگ تي پکڙجي ويو هو.
    ’مون کي خبر آهي... مون کي خبر آهي ته، تون مون ڏي نه ايندين... تون چاهين ٿو ته مان، سنجها جي ڏنل گارين ۾ جيئري دفن ٿي وڃان... ڇو ته توکي سنجها پياري آهي...’بي انتها. توکي ٻيو ڪوبه پيارو ڪونهي. ڪوبه نه.‘
    “You are great saba…”
    ’ نه نه مان عظيم ناهيان.. مان، مان ڊسٽ بن آهيان..... جنهن ۾ سڀني گارين جا پاروٿا ٽڪر اڇلايا آهن. هن يونان جي شهزادي ....تو... سنجها، سڀني سڀني.....I am not great… I am not great
    صبا پلنگ تي اونڌي سمهي، ٻارن وانگر روئي پئي هئي. ٿڙندڙ وکون کڻندو صبا ڏانهن وڌيو هوس. پلنگ تي پکڙيل سليپنگ گائون کڻي کيس ڍڪي ڇڏيو هئم. من هيرڻ پن ٿي ويو هئو. گوڏا ٽيڪي، صبا جي سڏڪن سبب ڏڪندڙ پيرن مٿان، چپ رکي ڇڏيا هئم. لڙڪ لڪيءَ جي جبلن ۾، ياعلي جي نعرن سان، ڪنن تائين ڀرجي ويندڙ کوهه جيان نيڻن جون سموريون ٻنڌون ڀڃي، اٿلي پيا هئا. اندر سڄو پڙاڏجي ويو هو.
    ‘You are great sabaaaa……’
    شهر ٽارچر ڪئمپ بڻجي پيو هو. ساروڻيون پهاڙي وڇون. جيڪي هر وقت منهنجي ذهن جي سيرن مان نڪري، منهنجي منهن... ڪلهن... سيني..... هٿن .. ۽ پيرن تي رڙهڻ لڳندا هئا. ڍڪجي ويندو هوس، ساروڻين جي پهاڙي وڇن ۾. زهر منهنجي سڄي سرير ۾ رت بڻجي ڊوڙڻ لڳو هو. پنهنجي لاءِ عذاب بڻجي ويو هوس. تڏهن مون شهر کان گهڻو ڏور هليو وڃڻ چاهيو هو... ۽ پٺن سان سفاري ڪِٽ ٻڌي گهر مان نڪري آيو هوس. ڀلڪندي، ڪيفي جبيس جي ٻاهران اچي، فوٽ پاٿ تي لڙڪيل وال پوسٽرز ڏسي رهيو هوس ته، پٺيان ڪنهن چيو هو:
    ’ڪيڏا خوبصورت ٻار آهن.....؟‘
    پهريان مرڪندڙ ٻارن جي وال پوسٽر ڏانهن ڏٺم هئم ۽ پوءِ منهن ورائي پٺيان. وفا مرڪي رهي هئي. ڪا، شئي نهائينءَ مان اڇل ڏئي سيني تائين پهچي، واپس نهائينءَ ۾ گم ٿي وئي هئي. چيو هئم:
    ’تون....!!!؟‘
    ’سامهون بڪ اسٽور تان پنهنجي لاءِ 1983ع جي ڊائري ۽ هن لاءِ (وفا، ڀر ۾ بيٺل، پاڻ کان پنج سال وڏي نظر ايندڙ سانوري، پر بيحد اسٽائلش ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪري چيو هو) نئين سال جو هار اسڪوپ بڪ وٺي ٻاهر نڪتيس ته سامهون تون نظر اچي وئين....؟‘
    ’سامون هج يا پٺيرو... مون کي هميشه سامهون ئي نظر ايندو آهين.‘
    ’ڳالهائڻ سکي ورتو اٿئي؟‘
    ’ڪو سمجهڻ وارو هجي، ته ڳالهائڻ ڏکيو نه لڳندو آهي.‘ اداس هوندي به مرڪي پيو هوس. وفا اسٽائلش ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪري چيو هو:
    ’هي منهنجي ڪزن آهي، چمپا، ڪراچي ۾ رهندي آهي....۽ چمپا، هي پنهون آهي....‘
    ’لڳي ٿو.‘ چمپا مرڪي چيو هو.
    ’ڇا؟‘
    ’پنهون.‘
    چمپا جي جواب اسان جي چپن تي، مرڪ جي مٺائي ورهائي ڇڏي هئي.
    ’هلو ڀلا....؟‘
    ’تون فري آهين پنهون....؟‘
    ’فري ئي فري‘ ڌڪيل مرڪ مرڪي چيو هئم.
    چمپا منهنجي چهري تي ڪو خاص تاثر نه ڏسي، پرس سنڀاليندي رروڊ ڪراس ڪري، پرينءَ ڀر پارڪ ڪيل ڪار ڏانهن هلي وئي هئي.
    پٺينءَ سيٽ تي ويهي رهيو هوس، وفا منهنجي ڀر ۾ اچي ويهندي چيو هو:
    ’المنظر هلون چمپا...؟‘
    ’خودڪشيءَ جو موڊ آهي ڇا....؟‘
    ’تو ساٿ ڏين ته....؟‘
    ’نه سائين، ڪار گهر واپس ڪير موٽائيندو؟‘
    وفا کان ٽهڪ نڪري ويا هئا. ڪار تلڪ چاڙهي لهي، سول هاسپٽل جو موڙ ڪٽي، هيرآباد ڏانهن ڊوڙڻ لڳي هئي. چما ٽيپ رڪارڊ جو بٽڻ آن ڪري ڇڏيو هو. ۽ ڪوئي ڳائڻ لڳو هو:
    My darlin had some work
    So I went to the show alone.
    They turned off the lights
    And turned the projector on
    And I saw my darling and my best friend walking in.
    As I was sitting right there they didn’t see me,
    And they sat right in front of me
    And when he kissed her lips I almost died.
    And in to the middle of the color cartoon,
    I started to cry,
    Then I started walking to home,
    When mama saw the tears, said,
    Baby what is wrong,
    And Just to keep form telling her a lie.
    I Just said, sad movies make me cry,
    Sad movies always make my cry…
    ڪار ڄامشوري جي پل اورانگهي، موڙ ڪٽي المنظر وٽ اچي وئي هئي.
    پريان سنڌوءَ جون ڇڙواڳ لهرون، هوائن تي ململ جي کيلي پيل ٿانن وانگر، لهرائڻ لڳيون هيون، لهرن ڏانهن ڏسندي مون کي پنهنجو ٿريو دوست ڏاڍو ياد آيو هو. جيڪو محبت جي ڳولها ۾ نڪتو هو ۽ نفرتن جي درياهه ۾ ٻڏي ويو هو، ٻڏي ويوهو الائجي ٻوڙيو ويوهو...؟ ڏسڻ وارن ٻڌايو هو، ٽن ڏينهن کانپوءِ، پوليس جڏهن سندس مڙهه پل جي ٻائيتالهين دروازي مان ڪڍيو..... ته هن جون ٻئي مٺيون ڀڪوڙيل هيون، جن ۾ ڀريل هئي، واري... واري... ڪا به مکڙي ڪوبه گل نه واري ته هن جي ڪوٽ جي کيسن ۾ به ڀريل هئي... اهو ڪوٽ جنهن ۾ هن سان گڏ هلندي جنوريءَ جي پارن ۾، مان پنهنجا ٺري ويل هٿ وجهي، پارو ٿيڻ کان بچائيندو هوس... ۽ هو منهنجي اهڙين حرڪتن تي، ٽهڪ ڏئي کلي پوندوهو، ۽ کلندي هڪدم ماٺ بڻجي ويندو هو. مون کي سندس ان ڳالهه تي ڏاڍي کل ايندي هئي. کانئس پڇندوهوس: ٻُڌ تون ٽهڪ ڏئي هڪ دم ماٺ ڇو ٿي ويندو آهين....؟‘ ڪو جواب ڏيڻ کان سواءِ، ڪار رنگ واري چورس فريم جي عينڪ پٺيان نظر ايندڙ، ميرانجهڙن نيڻن سان تڪڻ لڳندو هو....
    ’ڇا ٿو سوچين...؟‘ وفا مون کي چپ ڏسي پڇڻ لڳي.
    ’سوچيان پيو.....موت کانپوءِ ڇاهي...؟‘
    ’موت کانپوءِ ....؟ موت کان پوءِ ٻاويهين ڊسمبر کان به ڊگهي، نه کٽندڙ رات آهي.‘
    ’ايڏي ميچوئر ڪڏهن کان ٿي وئي آهين...؟‘
    ’جڏهن تو پهرين ڪِس ڪئي هئي.‘ چمپا ڪرسيءَ تان اٿي ريلنگس ڏانهن هلي وئي هئي.
    ’پهرين ڪِس؟‘
    ’جڏهن مان رڳو سورنهن سالن جي هئس ۽ تون ايڪيهن سالن جو...؟‘
    ’اڄ مان پنجويهين ۾ آهيان؟‘
    ’مان ويهين ۾.‘
    ’گذريل ٽن سالن ۾ مون سان ڇو نه ملي هئينءَ وفا...؟‘
    ’مون پاڻ نه چاهيو هو.‘
    ’ڇو؟‘
    ’تون مصروف هئين نه....؟‘
    ’۽ تون....؟‘
    ’انتظار پئي ڪيم.‘
    ’ڪنهن جو؟........‘
    ’تنهنجو.‘
    ’منهنجو .....؟‘
    ’ها..... تنهنجو.‘
    ’۽ هاڻ.......؟‘
    ’تون ملي ويو آهين.‘
    ’ڪير ٿو چئي....؟‘
    ’پهريان ماڻهن پئي چيو، هاڻ تنهنجو چهرو پيو ٻڌائي.، مان ٽيبل تان پاڻيءَ جو ڀريل گلاس کڻي، چپن تي لڳائي ڇڏيو هو. وفا چيو هو:
    ’ڇڏي ويئي نه....؟‘
    سڄو پاڻي زهر بڻجي ويو هو، ۽ مان هڪ ئي ڳيت ۾ پي ويو هوس. کن رکي چيو هئائين:
    ’’چيو هيئي... هوءَ گهڙين جي مهمان آهي... هن کي سچين محبتن جي ضرورت آهي... مان هن کي سڀ ڪجهه ڏيندس... ڏيئي ڇڏيئس نه سڀ ڪجهه....؟ ملي ويون هن کي سچيون خوشيون....؟ ڏٺو ٿئي پاڻ کي ...؟‘
    ’مان اڄ هليو ويندس.‘
    ’ڪيڏانهن....؟‘‘
    ’ڪنهن به طرف.‘
    ’توکي سڌ آهي، مون ڪيڏو انتظار ڪيو آهي...؟‘
    ’انتظار...بي جرم سزا...پولار ۾ اونڌي لٽڪجڻ جي ڀوڳنا:‘
    ’پنهون....؟‘
    ’جي...؟‘
    ’آءِ، لو، يو؟‘
    ’تون...تون ڏاڍي سٺي آهين، بي انتها...‘ مون پنهنجو هٿ، ٽيبل مٿان پکڙيل وفا جي هٿ مٿان رکي ڇڏيو هو.
    ’ڇا ٿو چاهين...؟‘
    ’سڀ چاهنائون مري ويون....‘
    ’واپس ڪڏهن ايندين؟‘
    ’چئيِ نه ٿو سگهان.‘
    ’پاڻ سان گڏ مون کي به ڏک ڏيڻ چاهين ٿو...؟‘
    ’وفا...پاڇي ۾ ڪوبه ڪلو کوڙي، پاڻ کان ڌار ڪري نه سگهيو آهي.‘
    وفا منهن مٿي ڪري، مٿان اچي بيٺل بيري کي خالي آواز ۾ چيو هو:
    ’چڪن سينڊوچز ۽ ٽي ببل اپ.‘
    ’چڪن سينڊوچز ۾ ٽي ببل اپ....چڪن سينڊوچز ٽي... ۽ چڪن سينڊوچز...اوچتو منهنجي زهن جي سير مان هڪ وڏو پهاڙي وڇون نڪري رڙهندو، منهنجي دل واري پاسي لهي آيو هو، ۽ پنهنجا پير کوڙي ڏنگڻ لڳو هو.
    ’ٻه پليٽ چڪن سينڊوچز، ۽ ٻه، آئسڪريم سوڍا...‘ هڪ ڀيري پاڻ هڪ دوست کان موٽر سائيڪل وٺي. المنظر آيا هئاسون... سنڌوءَ جي ڪناري ڇٻر مٿان رکيل ڪرسين تي اچي وهي رهيا هئاسون. توبيري کي چيو هو
    ’ٻه پليٽ چڪي سينڊوچز ۽ ٻه آئسڪريم سوڍا....‘
    ’منهنجي لاءِ ڪوڪ.‘ چمپا گرل تان هٿ هٽائي، اسان ڏانهن ايندي چيو هو ۽ بيرو هليو ويو هو.
    ڪجهه ئي دير ۾ سينڊوچز ۽ بوتلون ٽيبل تي رکي بيرو واپس هليو ويو هو. چمپا سنيڊوچ ۾ چڪ وجهندي پڇيو هو:
    ’توهان جي سفاري ڪِٽ ۾ ڇا پيل آهي....؟‘
    ‘اڌ ڊزن ڪهيون، سئيون ٻه، پيڪيٽ. هڪ ريل، چار سويون، بٽڻ نولجين، بسڪوپان، اسٽرپسلز، اٺ پيڪيٽ پيڪسيز جا چيڪليٽس، هڪ ڏونگھو، چانهه جي پتي، کنڊ، پائوڊر ملڪ، ماچيس اڌ ڊزن، رسو، ٽارچ ،اجرڪ، ڪجهه خالي ڪاپيون، ست بال پين، بسڪيٽس، چاڪو، ٽوئر سٽ ڊپارٽمينٽ جو نقشو، برش، واٽرڪلر، پينسلون ۽ اسڪيچ بڪ‘
    ڪيڏانهن ٿا وڃو...........؟
    ’هچ هاءِ ڪنگ تي.‘
    ”ڪيسين تائين...؟
    ’جيسين تائين وڃي سگھيس.‘
    چهري مان ٿڪل ۽ اداس ٿا لڳو.......؟
    ’رڳو اداس چئو،‘
    ’ڇو آهيو......؟
    ’عادت ۾ شامل آهي.‘
    ’سيلف امپوز ٿا ڪريو......؟
    ’سيلف امپوز ڪرڻ وارا ، ڏاڍا نيچ هوندا آهن.‘
    ’..................‘
    ’توهان ۾ ڪا خاص ڳالهه ته ناهي.......؟‘
    ’ڪينءَ؟ ‘
    ’وفا توهان جي ڏاڍي تعريف ڪندي آهي. ‘
    ’وفا جي سٺائي آهي.‘
    ’بس توهان ٺيڪ آهيو، خوبصورت ناهيو.‘
    ’مون ڪڏهن سمجهيو به ناهي.‘
    ’ڇا......؟
    ’پاڻ کي خوبصورت.‘
    ’ڇو؟‘
    ’خوبصورت هجڻ ۽سمجهڻ جو حق رڳو،ڇوڪرين کي هئڻ گھرجي .‘
    ’۽ مردن کي ........؟‘
    ’خبر هئڻ گھرجي.‘
    ’ته .......؟
    ’ته خوبصورتي ڇاهي....؟‘
    ’ڇا هي خوبصورتي.....؟‘
    ’جيڪا منهنجي اندر ۾ آهي.‘
    ’ڇا هي توهان جي اندر ۾......؟‘
    ’جيڪو سنڌوءَ جي لهرن ۾ آهي.‘
    ’ڇا آهي سنڌوءَ جي لهرن ۾......؟‘
    ’جيڪو توهان جي نيڻن ۾ آهي.‘
    ’توهان ڳالهايو خوبصورت ٿا.‘
    ’خوبصورت ڳالهين سان، ته ڪنهن جو به پيٽ ڀرجي ناهي سگهندو.‘
    اسان ٽئي ماٺ ٿي کائڻ لڳا هئاسون. گهڻي دير کانپوءِ چمپا ٻيهر چيو هو:
    ’توهان ٻئي، شادي ڇو نه ٿا ڪري ڇڏيو....؟‘
    ’حاصل ٿي وڃڻ کانپوءِ، هر شئي پنهنجي معنيٰ وڃائي ڇڏيندي آهي.‘
    وفا پنهنجو منهن مٿي ڪري، مون ڏانهن ڏٺو هو. مون کي لڳو هو، ڄڻ هن چيو هو:
    ’اهو تون نه، تنهنجي اجائي حاصلات کان پوءِ جي مايوسي ڳالهائي رهي آهي.‘
    ٻيهر ڪنڌ نوائي کائڻ لڳي هئي. چمپا پرس مان آٽو گراف بڪ ڪڍندي چيو هو:
    ’نه مون کي ڪهاڻين پڙهڻ جو شوق آهي، نه ٽي-وي تان پيش ٿيندڙ، سنڌي ڊرامن ڏسڻ جو. پر پوءِ به خبر ناهي ڇو، توهان کان آٽو گراف وٺڻ تي، جيءُ چاهي ٿو.‘ چمپا آٽو گراف بوڪ مون ڏانهن وڌائيندي، مرڪي چيو هو:
    ’آٽو گراف پليز؟‘
    پاڻ ڏانهن سري آيل آٽو گراف کي کولي، ڪيتري دير آٽو گراف جي پيلي ڪارڊ جي پيلاڻ ۾، تڪيندو رهيو هوس. پوءِ پينٽ جي پچ پيڪٽ مان بال پين ڪڍي، لکي ڇڏيو هئم.
    ’ضروري ناهي، اسان جنهن طرف ڊوڙي رهيا هجون، منزل به ان طرف هجي، منزل ته ڪنهن به طرف ٿي سگهي ٿي.
    اتر –ڏکڻ- اولهه – اوڀر.
    ڊيٽ لکڻ کان سواءِ، چمپا کي واپس ڪري ڇڏي هئم. چمپا پڙهڻ لڳي هئي. بيرو آيو هو، ۽ وفا بل تي پنجاهه روپيا رکي ڇڏيا هئا. بيرو هليو ويو هو، وفا آٽو گراف بڪ چمپا کان وٺي، پڙهڻ لڳي هئي. بيرو آيو هو. وفا پنج روپيا رکي ٻيا پيسا کڻي چيو هو:
    ’هلون.....؟‘
    اسان ٽئي ڏاڪڻيون لهي، ڪار وٽ اچي ويا هئاسون. وفا پٺيون در کولي چيو هو:
    ’اچ.....؟‘
    ’نه.‘
    وفا جي چپن جي ڪنڊن سان گڏ نيڻن ۾ ڪجهه ڌڏي ويو هو. مرڪي چيو هئم:
    ’اوڪي؟....‘
    ’گوڊ باءِ.‘ چمپا مرڪي چيو هو گاڏي اسٽارٽ ڪري ڇڏي هئائين. مان هلڻ شروع ڪيو هو، ڪار ڄامشوري جي پل جي موڙ تائين، مون سان گڏ هلي هئي. مان ڪار ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ، سپر هاءِ وي تي پهچي ڄامشوري ڏانهن هلڻ شروع ڪيو هو. ڪار اوڀر ڏانهن الهي وئي هئي. ڳائڻ لڳو هوس:
    Feelings,
    Feelings of Love,
    Again in my heart
    Feelings,
    Feelings like I`II never have you,
    Or the feelings I never lost you
    Again in my heart
    Feelings.
    پٺيان ڪنهن زور سان بريڪ هنيو هو. ڇرڪ ڀري پٺ ڏانهن ڏٺو هئم. چمپا ڊرائيونگ سيٽ تان مرڪي رهي هئي. وافا پٺيون در کولي، ٻاهر اچي وئي هئي. هٿ ۾ جهليل ڊائري مون ڏانهن وڌائيندي چيو هئائين:
    ’رکي ڇڏ.‘
    ’پر، هيءَ ته، تو پاڻ لاءِ ورتي آهي....؟‘
    ’الڳ هميشه تو ئي مون کي سمجهيو آهي....؟ پهريان به، هاڻ به. هان وٺ رکي ڇڏي......؟‘
    مرڪڻ چاهيو هئم. پر مرڪ هوائن جي رُخ تي رکيل ڏيئي جي لاٽ جيان ڦڙڪي اجهامي وئي هئي. محسوس ٿيو هئم، وفا تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪي ڇڏيو هو ۽ مان هن کان چپ چاپ ڊائري وٺي ڇڏي هئي. وفا ڪار ۾ ويهي دروازو بند ڪري ڇڏيو هو. ڪار موڙ ڪٽي واپس اوڀر ڏانهن موٽي وئي هئي. ڪار کي پاڻ کان ڏور ويندي ڏسندي رهيو هوس. سراپيل من سان ڊائري کولي ڏٺي هئم. چوٿين مهيني جي ساڳي تاريخ واري پيچ تي لکيل هو:
    To,
    Loving ‘Punhoon’
    First love is the last love
    Which can neither be created
    Nor can be destroyed.
    ڪيتريون گهڙيون ڪراچي واهه مٿان ٺهيل، موريءَ جي سيمنٽ جي جهنگلي تي ويهي، سوچيندو رهيو هوس. گهڻو ڪجهه، ڪجهه به نه سمجهي ڊائري بند ڪري، ٿڪل ٽهڪ ڏئي کلي پيو هوس. ٽهڪ، اڌ مئل ٽهڪ ۽ هلڻ لڳو هوس، هلندو رهيو هوس. روڊ، رستا...پيچرا..... لاهيون چاڙهيون... ميدان، سڀ منظر پٺ ڏانهن رهندا ويا هئا. ميدان هو، مان هوس ۽ سورج هو. هلندا رهيا هئاسون، پوءِ سورج به ٿڪجي پيو هو.
    هن مهل رات جا ٻه ٿين پيا، مان جڏهن هن پهاڙ تي چڙهيس پئي، ته سورج رات جي آخري الٽي اولهه ۾ هاري، آسمان ۾ هٿوراڙيون هڻي ٻڏي ويو هو. مٿي پهچڻ تائين مون کي سڌ ناهي، ڪيتري دير لڳي هئي. پر مان چڙهندو ئي هليو ويو هوس. پهريان تيز، پوءِ ڪجهه آهستي، آخر ۾ هٿن پيرن ڀر، هڦجي ويو هوس. پهاڙيءَ جي مٿاڇري تي پهچي، سفاري ڪٽ سوڌو پٺيءَ ڀر ليٽي، ڊگهن ساهن ۾ ٻڏي ويو هوس. کليل سرمائي آڪاش ۾ هر ڏسا، ترورا اڏامڻ لڳا هئا. زبان ڪاڪڙي تائين ٺڪر بڻجي وئي هئي. ۽ خاموشي ڪنن ۾ تيز سوساٽ جي آري هلائيندي رهي هئي.
    هن وقت رات جا ٻه ٿي ويا آهن. ان وچ ۾ ٻه ڀيرا چانهه ٺاهي بسڪٽس سان پيتي آهي... دل ته هن وقت به چانهه ٺاهي پيئڻ تي ٿئي ٿي، پر هاڻ مان ننڊ ڪرڻ چاهيان ٿو... ڪيڏو سک آهي. هتي....؟ سک جيڪو ميلن تائين پکڙيل آهي... مان ڏک جون سموريون سرحدون پار ڪري آيو آهيان..... (ڇا ڏک جي به ڪا پڄاڻي هوندي آهي.....؟) خبر ناهي، پر هن مهل مون کي ائين محسوس پيو ٿئي ڄڻ، سڀ نفرتون...سڀ محبتون، اوندهه ۾ وڃائجي ويون آهن. هوا ۾ هلڪي نشو چاڙهيندڙ، ٿڌ به شامل ٿي وئي آهي.... ۽، ۽ مون کي هن پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي ستي، ائين پيو محسوس ٿئي، ڄڻ اکيون ڇنڀيندڙ ترن جو ڇٽ، منهنجي مٿان جهڪي آيو آهي. مان مسلسل سوچيندو رهيو آهيان.... سوچيندو ۽ ڀوڳيندو رهيو آهيان... نه چاهيندي به... ورجاءَ کي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ننڊ منهنجن ڇپرن تي ماکيءَ لار جيان اوتجي پئي آهي، مان وڌيڪ جاڳي نه ٿو سگهان، وڌيڪ جاڳڻ به نه ٿو چاهيان... مان، مون کي معاف ڪري ڇڏجو، مون کي سخت ننڊ، ننڊ، ننڊ، نن....


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 534
    ڪتابن جو مشاهدو: 553162
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 213182
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ