ڪتاب جو نالو: سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون
مصنف: جبران زيب (سهيڙيندڙ)
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 03 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 1080 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 489 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
منٽو جي ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي جو سهيڙيندڙ جبران زيب آهي. سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ پڻ منٽوءَ جو نالو نئون ناهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جون ڪهاڻيون مختلف وقتن تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه ترجمن جا ننڍا ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ، پر هن ڪتاب جي صورت ۾ پهريون دفعو منٽوءَ جي ڪهاڻين جو هڪ وڏو تعداد سهيڙيو ويو آهي ، جنهن سان سنڌي ادب جا پڙهندڙ سعادت حسن منٽو جي فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهندا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • سعادت حسن منٽو : بيباڪ ۽ وڏو ڪهاڻيڪار
  • مان ۽ منٽو
  • ڪهاڻيون

  • ٽوبا ٽيڪ سنگهه
  • گولي
  • ٻوڙن جي پويان
  • کولي ڇڏ
  • پنج ڏينهن
  • سڙڪ ڪناري
  • ڦوجو حرامي
  • گلن جي سازش
  • منحوس
  • برقعو
  • غسل خانو
  • نئون سال
  • مصريءَ جو ٽڪرو
  • آپگهات
  • ڀنگياڻي
  • هاڻي ٻيو ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي
  • فرشتو
  • ملاوٽ
  • سوڳنڌي
  • منتر
  • ڪرامت
  • غلطي !
  • نئون قانون
  • ڪرامتن وارو مولوي
  • ڪاري سلوار
  • هوءَ ڇوڪري
  • مزوري
  • سهڪار
  • ورڇ
  • ايڪويهه مختصر ڪهاڻيون
  • تصوير
  • طلاق
  • ساڍا ٽي آنا
  • هتي منٽو دفن آهي

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    Roshni Book No. 772
    ڪتاب جو نالو: سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون
    سهيڙيندڙ: جبران زيب
    ڇاپو پهريون: روشني 2016ع
    ڪمپوزنگ: رفيق حسين ڪولاچي
    روشني ڪپوزرس، حيدرآباد.
    ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
    ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ

    قيمت: -/350 رپيا


    Sadat Hassan Manto Jon Kahanion
    (Short Storis of Sadat Hassan Manto)
    in sindhi languge
    Compiled by: Jibran Zaib
    Composed by: Rafique Hussain Kolachi
    Roshni Composers & Printers Hyder Chowk, Hyderabad
    Printed: Fine Communication, Hyderabad, Sindh.
    Published by: Roshni Publication, Kandiaro
    First Edition Roshni 2016

    اسٽاڪسٽ

    شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد.
    ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بوڪ هائوس، پريس ڪلب، حيدرآباد
    ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي. لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ عبدالله بُڪ سينٽر، لاڙڪاڻو
    مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو + نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
    اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سڪرنڊ
    مهراڻ بُڪ ڊيپو، کپرو +العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ، ٿر ڪتاب گهر، مٺي + اڪرم بوڪ اسٽال، ميرپورخاص
    سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو + مدني اسلامي ڪتب خانو، دادو
    مراد بڪ اسٽال، سيوهڻ + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ، مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر + الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر
    تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
    لغاري بڪ ڊيپو، ٺري ميرواهه + مڪتبه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
    قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ ڪنڊيارو + سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊِيارو


    انتساب

    سائين مولا بخش چانڊيو
    ۽
    سائين جامي چانڊيو
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. منٽو جي ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي جو سهيڙيندڙ جبران زيب آهي.

    سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيو آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ پڻ منٽوءَ جو نالو نئون ناهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جون ڪهاڻيون مختلف وقتن تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه ترجمن جا ننڍا ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ، پر هن ڪتاب جي صورت ۾ پهريون دفعو منٽوءَ جي ڪهاڻين جو هڪ وڏو تعداد سهيڙيو ويو آهي ، جنهن سان سنڌي ادب جا پڙهندڙ سعادت حسن منٽو جي فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهندا.
    سعادت حسن منٽوءَ جو سندس زندگيءَ ۾ ته اهو قدر نه ڪيو ويو ، جنهن جو هو حقدار هو، بلڪه کيس ايذايو ويو ، پر سندس وفات کان پوءِ کيس اردو ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار به چيو ويو ته شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا ويا.

    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين زيب سنڌي صاحب ۽ پياري جبران زيب جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سعادت حسن منٽو : بيباڪ ۽ وڏو ڪهاڻيڪار

    سعادت حسن منٽو 11 مئي 1912ع تي هندستان جي ننڍڙي شهر سمبرالا (ضلعو لڌيانا) ۾ ڪشميري خاندان جي هڪ فرد غلام حسين منٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. هو اهڙن ذهين ٻارن مان هو، جيڪي ذهين هجڻ باوجود روايتي تعليم ۾ دلچسپي ناهن وٺندا. اهو ئي سبب آهي ته سعادت حسن منٽو 1931ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ايف اي ۾ ٻه ڀيرا ناپاس ٿيو ۽ جڏهن ايف اي جو ڏاڪو اُڪري علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ پهتو ته پڙهائيءَ ۾ سندس دل نه لڳي، مٿان وري بيماريءَ جو حملو، جنهن ڪري هن تعليم کي جاري نه رکيو .
    هن پنهنجي فني ۽ صحافتي سفر جي شروعات 1943ع کان ڪئي. هن ڪجهه وقت لاهور جي هڪ اخبار ۾ به ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ هن بمبئي جي ڪجهه اخبارن ۾ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت هو آل انڊيا ريڊيو لاءِ ڊراما ۽ فيچر به لکندو رهيو ته مببئي جي فلم ڪمپنين سان به ليکڪ طور وابسته رهيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 1948ع ۾ سعادت حسن منٽو لاهور لڏي آيو.
    سعادت حسن منٽو پنهنجي ادبي زندگيءَ جي ابتدا ترجما نگار جي حيثيت سان ڪئي ۽ هن دنيا جي مشهور ليکڪن آسڪر وائلڊ ، ميڪسم گورڪي ۽ انتونيو چيخوف جي لکڻين کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن پنهنجي پهرين اصلوڪي ڪهاڻي ”تماشا“ جي عنوان سان لکي، جنهن کان پوءِ هو لڳاتار ڪهاڻيون لکندو رهيو. سندس قلم جي پختگي ڏسي ڪيترن ليکڪن اهو يقين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اهي سعادت حسن منٽوءَ جون اصلوڪيون تخليقي ڪهاڻيون آهن. هن تي اها تهمت هنئي وئي ته هن اهي لکڻيون به هن ٿوري تبديليءَ سان ترجمو ڪري پنهنجي نالي سان پيش ڪيون آهن. هو الزامن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ لکندو رهيو . هن زندگيءَ جي تلخ حقيقتن تي نهايت بي خوفيءَ سان لکيو. سندس قلم جي تلخيءَ سبب هن تي فحش نگاريءَ جا الزام به لڳا. سندس ڪجهه ڪهاڻين سبب مٿس عدالت ۾ ڪيس پڻ هلايا ويا. هن هڪ هنڌ لکيو ،”مان ڪهاڻي ناهيان لکندو پر حقيقت اها آهي ته ڪهاڻي مون کي لکندي آهي. مان تمام گهٽ پڙهيل لکيل ماڻهو آهيان. هونءَ ته مون ويهن کان مٿي ڪتاب لکيا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي حيرت ٿيندي آهي ته اهو ڪير آهي، جنهن اهڙيون سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن ، جن تي عدالت ۾ ڪيس هلندا رهن ٿا!“
    منٽوءَ 200 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون. جڏهن ته هن ڊراما، خاڪا ۽ مضمون به لکيا ته ساڳئي وقت هو ڪامياب اسڪرين رائيٽر به هو. هن پنهنجي لکيل هڪ فلم ۾ اداڪاري پڻ ڪئي هئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ آتش پاري ، منٽو ڪي افساني ، دهوان ، لذتِ سنگ ، چغد ، سياهه حاشيي ، خالي بوتلين خالي ڊبي ، ٺنڊا گوشت ، نمرود ڪي خدائي ، بادشاهت ڪا خاتمه ، يزيد ، سڙڪ ڪي ڪناري ، اوپر نيچي اور درميان ، بغير عنوان ، برقعي ، بغير اجازت ، شڪاري عورتين ، ڪالي شلوار ۽ رتي ماشه تولا ، گنجي فرشتي ، نورجهان سُرورِ جهان ، لائوڊ اسپيڪر ۽ منٽو ڪي مضامين شامل آهن. سعادت حسن منٽو نهايت بيباڪ ۽ حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو. هو اهڙو ڪهاڻيڪار هو ، جنهن جي ڪهاڻين جا ڪردار ، اڄ تائين به سماج ۾ هر طرف جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا.
    سعادت حسن منٽوءَ ٻائيتاليهن سالن جي عمر ۾ 18 جنوري 1955ع ۾ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب، ڪيترن سالن جي لڳاتار شراب نوشيءَ سبب، آخري وقت تي کيس دل جو دورو پيو، جيڪو سندس زندگيءَ جي پڄاڻي ثابت ٿيو.
    سعادت حسن منٽوءَ جو سندس زندگيءَ ۾ ته اهو قدر نه ڪيو ويو ، جنهن جو هو حقدار هو، بلڪه کيس ايذايو ويو ، پر سندس وفات کان پوءِ کيس اردو ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو ڪهاڻيڪار به چيو ويو ته شخصيت ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا ويا. سندس وفات کان پوءِ هن تي انڊيا ۾ ٻه فلمون ٺاهيون ويون، جڏهن ته پاڪستان ۾ پڻ سندس فن ۽ شخصيت تي هڪ فلم ”منٽو“ ٺاهي وئي، جيڪا 2015ع ۾ رليز ٿي. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ”نشانِ امتياز“ (وفات کان پوءِ) ڏنو ويو ۽ پاڪستان جي پوسٽل ڊپارٽمينٽ 2005ع ۾ سندس ورسيءَ جي موقعي تي هڪ ٽڪلي پڻ جاري ڪئي.
    سعادت حسن منٽو جي جنم وقت ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته اهو ٻار جسماني طور تي ته وڏي عمر نه ماڻيندو ، پر هو اردو ادب جي تاريخ ۾ امرتا حاصل ڪري وٺندو. هو اردو ڪهاڻيءَ تي اهڙي ڇاپ ڇڏيندو ، جيڪا صدين کان پوءِ به موجود رهندي ۽ ايندڙ وقتن جا ڪيئي ڪهاڻيڪار سندس پيچري تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا، پر انهن مان ڪوبه منٽوءَ واري منزل نه ماڻي سگهندو.
    سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيو آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ پڻ منٽوءَ جو نالو نئون ناهي. ڪيترن ئي سالن کان هن جون ڪهاڻيون مختلف وقتن تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن مان ڪجهه ترجمن جا ننڍا ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ، پر هن ڪتاب جي صورت ۾ پهريون دفعو منٽوءَ جي ڪهاڻين جو هڪ وڏو تعداد سهيڙيو ويو آهي ، جنهن سان سنڌي ادب جا پڙهندڙ سعادت حسن منٽو جي فن ۽ فڪر کان واقف ٿي سگهندا.
    روشني پبليڪيشن پاران مون تي اعتماد ڪري ، ”سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون“ سهيڙڻ جو ڪم سونپيو ويو ، جيڪو مان پنهنجي والد محترم زيب سنڌيءَ جي همت افزائيءَ ۽ رهنمائيءَ سان ئي تڪميل تائين پهچائي سگهيس، جنهن لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان.

    حيدرآباد جبران زيب
    1 ــ اپريل 2016 jibranzaib@hotmail.com


    مان ۽ منٽو

    سعادت حسن منٽو

    منٽو بابت هيل تائين گهڻو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي. سندس حق ۾ گهٽ مخالفت ۾ وڌيڪ. اهي رايا سامهون رکي ڪو به عقلمند منٽو بابت صحيح راءِ قائم ڪري نه ٿو سگهي. مان هي مضمون لکڻ وقت اهو سوچي رهيو آهيان، ته منٽو بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ڪافي مشڪل ڪم آهي، پر هڪ لحاظ کان سولو به آهي، ڇا لاءِ ته مون کي منٽو سان تمام گهڻو ويجهو رهڻ جو شرف حاصل رهيو آهي ۽ سچ پڇو ته مان منٽو جو همراز به آهيان. هيل تائين هن شخص متعلق جيڪو به لکيو ويو آهي، مون کي ان تي اعتراض نه آهي، پر ايترو ضرور چئبو ته جيڪو ڪجهه انهن مضمونن ۾ پيش ڪيو ويو آهي سو حقيقت کان مٿڀرو آهي. گهڻا کيس شيطان چوندا آهن ۽ گهڻا گنجو فرشتو... پر ترسو مان ڏسي وٺان ته، ڪٿي هو ٻڌي ته ناهي رهيو... نه، هاڻي ٺيڪ آهي. مون کي ياد آيو ته هي وقت هن جي پيئڻ جو هوندو آهي. هن کي شام جو ڇهين وڳي کان پوءِ ڪوڙو شربت پيئڻ جي عادت آهي.
    اسان ٻئي گڏ ئي ڄاوا آهيون ۽ گڏ ئي مرنداسين، پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته سعادت حسن مري وڃي ۽ منٽو نه مري ۽ مون کي اهو انديشو هميشه ڏاڍو ڏک ڏيندو آهي. مان ساڻس دوستي نڀائڻ ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي ڪئي. جيڪڏهن هو زندهه رهيو ۽ مان مري ويس، ته ائين ٿيندو جو آني جو خول سلامت رهندو ۽ ان جي اندران واري سفيدي ۽ زردي گم ٿي ويندي.
    هاڻي مان گهڻي تمهيد ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان، توهان کي صاف صاف ٿو ٻڌايان، ته مون منٽو جهڙو ونٽي ماڻهو اڄ تائين پنهنجي زندگي ۾ ناهي ڏنو.
    هن بابت ايتري ڄاڻ ڪافي آهي. هونءَ ته مان منٽو کي ڄمڻ کان ئي سڃاڻان، اسان ٻئي هڪ ئي وقت يارهين مئي 1912ع تي پيدا ٿياسين، پر هي سدائين اها ڪوشش ڪندو رهيو ته ڪميءَ جيان پنهنجو منهن لڪائي رکي ۽ پوءِ ڳولهيو نه لڀي.... پر مان هن جو همراز آهيان، مون هن جي هر چرپر جو مطالعو ڪيو آهي.
    اچو ته هاڻي توهان کي اهو ٻڌايان ته هي ڪهاڻيڪار ڪيئن بڻيو. تنقيد نگار وڏا وڏا ڊگها مضمون لکي پنهنجي وسيع علم جو ثبوت ڏيندا آهن.... شوپن هار، فرائيڊ، هيگل، نٽ شي ۽ مارڪس جا حوالا ڏيندا آهن پر اهي حقيقت کان ڪوهين ڏور هوندا آهن. منٽو جو ڪهاڻيڪار ٿيڻ ٻن متضاد سببن جي پاڻ ۾ ٽڪراءَ جو نتيجو آهي. سندس والد، کيس الله بخشي، ڏاڍو سخت طبعيت جو هو ۽ هن جي ماءُ وري اوتري ئي حد درجي جي نرم دل، انهن ٻن پاٽن ۾ پيسجي هي ڪڻڪ جو داڻو ڪيئن ۽ ڪيڏي مشڪل سان ٻاهر نڪتو هوندو سو اندازو توهان پاڻ ئي ڪري سگهو ٿا.
    هاڻي مان سندس اسڪولي زندگي ڏانهن ٿو اچان، ڏاڍو ذهين ڇوڪرو هو ۽ ڏاڍو شرارتي پڻ ان وقت قد وڌ ۾ وڌ ساڍا ٽي فٽ مس هيس. هي پنهنجي پيءَ جو آخري ٻار هو، کيس پنهنجي پيءَ ماءُ جي محبت ته ملي پر هن جا ٽي وڏا ڀائر جيڪي هن کان عمر ۾ ڪافي وڏا هئا ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ٿي ڪيائون انهن سان هن کي ڪڏهن به ملاقات جو موقعو ئي نه مليو هو. هن جي خواهش هئي ته اهي هن سان ملن ۽ ساڻس وڏن ڀئرن وارو سلوڪ رکن، اهو سلوڪ کيس تڏهن نصيب ٿيو، جڏهن ادبي دنيا هن کي تمام وڏي ڪهاڻيڪار طور مڃي چڪي هئي.
    چڱو، ته هاڻي هن جي ڪهاڻيڪار واري حيثيت بابت ٻڌو. هو پهرين نمبر جو فراڊ آهي. هن پهرئين ڪهاڻي بعنوان ”تماشو“ لکي جيڪا بمليان واري باغ جي خوني حادثي بابت هئي اها هن پنهنجي نالي سان نه ڇپرائي، جنهن ڪري هو پوليس جي پڪڙي کان بچي ويو.
    ان کانپوءِ هن جي مزاج ۾ هڪ نئين لهر پيدا ٿي ته هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪري. انهيءَ حوالي سان هڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هو انٽرنس جو امتحان ٻه ڀيرا فيل ٿي پاس ڪيو هو. سو به ٿرڊ ڊويزن ۾، ۽ توهان کي اهو ٻڌي به حيرت ٿيندي ته هي اردو جي پرچي ۾ فيل ٿيو هو.
    هاڻي ماڻهو ٿا چون، ته هو اردوءَ جو تمام وڏو اديب آهي ۽ مان اهو ٻڌي کلندو آهيان ته اردو هن کي هاڻي به ناهي ايندي، هو لفظن پويان ائين ڀڄندو آهي جيئن ڪو ڄار وارو شڪاري پوپٽن پويان، جيڪي کيس هٿ ناهن ايندا ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن جي لکڻين ۾ خوبصورت لفظن جي کوٽ آهي. هو ڏنڊائي آهي پر جيترا ڏنڊا هن جي ڪنڌ تي لڳا آهن سي هن ويچاري وڏي خوشيءَ سان برداشت ڪيا آهن.
    هن جي ڏنڊي بازي عام محاوري واري جاٺي بازي نه پر خاص قسم جي آهي، هي هڪ اهڙو انسان آهي جيڪو سڌي سڙڪ بدران اکڙيل رستي تي هلندو آهي ۽ ماڻهو سمجهندا آهن ته ڄاڻ ڪريو ڄاڻ ڪريو... پر هي بدبخت اڄ تائين ناهي ڪريو.... شايد ڪري پئي، اونڌي منهن.... ته ٻيهر اٿي ئي نه، پر مان ڄاڻان ٿو ته مرڻ وقت هو چوندو ته هو ان ڪري ڪريو هيو ته جيئن ڪرڻ واري احساس جي مايوسي ختم ٿي وڃي.
    مان ڪيترا ڀيرا چئي چڪو آهيان ته منٽو پهرئين نمبر جو فراڊ آهي، جنهن جو اڃا به وڌيڪ ثبوت اهو آهي ته هو اڪثر چوندو رهندو آ ته هو ڪهاڻي سوچيندو ناهي، خود ڪهاڻي هن کي سوچيندي آهي. اهو به ڪوڙ آهي، جڏهن ته مان ڄاڻان ٿو ته جڏهن هو ڪهاڻي لکڻ ويهندو آهي ته سندس اها ئي حالت ٿيندي آهي، جيئن ڪنهن مرغي کي آنو ڏيڻو هوندو آهي، پر هي آنو لڪي ناهي ڏيندو پر سڀني جي سامهون ڏيندو آهي. سندس يار دوست ويٺا هوندا آهن ۽ ٽي ڌيئرون گوڙ ڪنديون رهنديون آهن. هو پنهنجي مخصوص ڪرسيءَ تي اوڪڙون ويهي آنا ڏيندو ويندو آهي، جيڪي بعد ۾ چون چون ڪندڙ ڪهاڻيون بڻجي وينديون آهن. سندس زال کانئس ناراض رهندي آهي ته هو اهي ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏي، ڪوئي دڪان کولي پر منٽو جي ذهن ۾ جيڪو دڪان کليل آهي، تنهن ۾ مڃارڪي سامان کان ڪيترو ئي وڌيڪ ٻيو سامان موجود آهي. ان ڪري هو اڪثر سوچيندو رهندو آهي ته جيڪڏهن هن ڪو اسٽور کولي ته ائين نه ٿئي ته هو ڪولڊ اسٽوريج يعني سرد خانو بڻجي وڃي جتي هن جا سڀئي خيال ۽ فڪر ڄمي وڃن. مان هي مضمون ته لکان پيو پر اهو ڊپ آهي ته منٽو مون کان ڪاوڙجي نه وڃي. سندس هر شيءَ برداشت ڪري سگهجي ٿي پر ڪاوڙ سهي نه ٿي سگهجي. ڪاوڙجڻ مهل هو صفا شيطان بڻجي پوندو آهي. پر فقط ڪجهه منٽن لاءِ ۽ اهي چند منٽ الله پناهه ڏي !
    ڪهاڻيون لکڻ جي معاملي ۾ هي نخرا ضرور ڪندو آهي، پر مان ڄاڻان ٿو ڇا لاءِ ته مان هن جو همراز آهيان... ته هو نخرو پيو ڪري. هن هڪ ڀيري پاڻ لکيو هو، ته هو رات جو سوچيندو سمجهه ۾ ڪجهه به نه ايندس، صبح جو پنجين وڳي اٿندو ۽ اخبار مان ڪنهن ڪهاڻيءَ جي رس چوسڻ لاءِ سوچيندو. پر کيس ناڪامي پلئه پوندي. پوءِ هو غسل خاني ويندو جتي پنهنجي تپيل مٿي کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته جيئن ڪجهه سوچڻ لائق ٿي سهگي، پر ناڪام ٿيندو. پوءِ ڪاوڙجي پنهنجي زال سان جهيڙو ڪرڻ لڳندو. اتان به ناڪامي ٿيندس، ته ٻاهر پاڻ وٺڻ هليو ويندو. پاڻ سندس ٽيبل تي پيو هوندو پر ڪهاڻي جو موضوع پوءِ به هن جي سمجهه ۾ نه ايندو. آخر انتقامي طور قلم يا پينسل هٿ ۾ کڻندو ۽ هڪ ڪهاڻي جي شروعات ڪري ڏيندو. باپو گوپي ناٿ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، هتڪ، محي، موذيل، اهي سڀئي ڪهاڻيون هن ائين ئي فراڊ سان لکيون آهن.
    اها عجيب ڳالهه آهي ته ماڻهو هن کي غير مذهبي سمجهندا آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنهن حد تائين هو ان زمري ۾ اچي ٿو. ان ڪري ته اڪثر ڪري هو تمام وڏن موضوعن تي قلم کڻندو آهي ۽ پنهنجين لکڻين ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪندو آهي، جن تي اعتراض جي گنجائش به ٿي سگهي ٿي. پر اهو مان ڄاڻان ٿو ته جڏهن به هن ڪو مضمون لکيو، پهرين صفحي جي پيشانيءَ تي 786 ضرور لکيو، جنهن جو مطلب آهي ”بسم الله“ ۽ هي شخص جيڪو اڪثر خدا جو منڪر نظر ايندو آهي، ڪاغذ تي مومن بڻجي ويندو آهي. هي اهو ڪاغذ ۽ منٽو آهي، جنهن کي اوهان ڪاغذي بابائن وانگر صرف آڱرين ۾ ئي مروڙي سگهندئو، نه ته لوهي هٿوڙن سان به ٽٽڻ وارو ماڻهو ناهي.
    هاڻي مان منٽو جي شخصيت طرف پيو اچان. جنهن کي چند لقبن ۾ بيان ڪجي ٿو، هو چور آهي، دغاباز آهي.
    هن اڪثر پنهنجي گهر واريءَ جي غفلت مان فائدو ورتو آهي ۽ سوين رپيا چورايا آهن. هيڏانهن اٺ سئو رپيا رکيا ۽ هوڏانهن هي چور اکين سان تڪڻ شروع ڪري ڏيندو ته هن ڪٿي رکيا آهن ۽ ٻئي ڏينهن انهن مان ئي هڪ نوٽ گم ڪري ڇڏيندو ۽ ان ويچاريءَ کي جڏهن ان نقصان جي خبر پوندي هئي ته نوڪرن کي دٻائڻ شروع ڪندي هئي... هونءَ ته منٽو بابت مشهور آهي ته هو سچار آهي، پر مان ان سان سهمت ناهيان. پهرين نمبر جو ڪوڙو آهي. شروع شروع ۾ هن جو ڪوڙ گهر ۾ هلي ويندو هو. جنهن ۾ منٽو جي هڪ خاص قسم جي ٽچ هوندي هئي، پر پوءِ هن جي زال کي خبر پئجي وئي ته اڄ تائين خاص معاملن بابت هو جيڪو ڪجهه چوندو رهيو آهي. سو ڪوڙ هو. منٽو ڪوڙ ڪجهه وڌيڪ ڳالهائيندو آهي، پر سندس گهر وارا هاڻي اهو سمجهڻ لڳا آهن ته هن جي هر ڳالهه ڪوڙ آهي، ان تر جيان جيڪو ڪنهن عورت پنهنجي ڳل تي سرمي سان ڪڍيو هجي.
    هو اڻ پڙهيل آهي، ان ڪري ڪڏهن مارڪس جو مطالعو نه ڪيو اٿائين، فرائيڊ جو ڪو به ڪتاب هن جي نظرن مان ناهي گذريو، هيگل جي فقط نالي کان ئي واقف آهي، هيولڪ ابلس کي هي فقط نالي سان ئي سڃاڻيندو آهي پر مزي جي ڳالهه آهي ته ماڻهو.... منهنجو مطلب آهي تنقيد نگار، چوندا آهن ته هي انهن مڙني مفڪرن کان متاثر آهي. جيتري قدر مون کي خبر آهي، منٽو ڪنهن جي به خيال کان متاثر ناهي ٿيندو، اهي دنيا کي سمجهائڻ وارا سڀ چغل آهن، دنيا کي سمجهائڻ نه گهرجي، ان کي خود سمجهڻ گهرجي... پاڻ کي سمجهائي سمجهائي هو اهڙي سمجهه ٿي چڪو آهي، جيڪا عقل ۽ فهم کان مٿي آهي. هو ڪنهن ڪنهن وقت اهڙيون ته عجيب عجيب ڳالهيون ڪندو آهي جو مون کي کل اچي ويندي آ، اها ڳالهه پوري اعتماد سان ٿو چوان، ته منٽو جنهن تي فحش نگاريءَ جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڪيس هلي چڪا آهن، اصل ۾ ڏاڍو طهارت پسند آهي پر مان اهو چوڻ کان به نه ٿو رهي سگهان، ته هو پاڻ تي تنقيد ۽ ڦٽ لعنت به ڪندو رهندو آهي.

    سنڌيڪار :رضوان گل


    ڪهاڻيون

    ٽوبا ٽيڪ سنگهه

    ورهاڱي کان ٻه ٽي سال پوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي حڪومتن کي خيال آيو ته ٻين قيدين جيان چرين جي مٽ سٽ به ٿيڻ گهرجي، يعنيٰ جيڪي مسلمان چريا هندوستان جي پاڳل خانن ۾ آهن، انهن کي پاڪستان پهچايو وڃي ۽ جيڪي هندو ۽ سک پاڪستان جي پاڳل خانن ۾ آهن انهن کي هندوستان حوالي ڪيو وڃي.
    نه ڄاڻ اها ڳالهه مناسب هئي يا غير مناسب بهرحال دانشورن جي فيصلي مطابق ٻنهي پاسي اعليٰ سطح جون ڪانفرنسون ٿيون ۽ آخر ڪار چرين جي منتقلي جو هڪ ڏينهن مقرر ٿي ويو. سٺيءَ ريت جاچ جوچ ڪئي وئي، اهي مسلمان چريا جن جا مٽ مائٽ پاڪستان ۾ ئي هئا، اتي ئي رهڻ ڏنا ويا، جيڪي باقي بچيا تن کي سرحد ڏانهن روانو ڪيو ويو. هتان پاڪستان مان ڇو ته تقريبن هندو ۽ سک وڃي چڪا هئا ان ڪري ڪنهن کي به هتي ترسائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. جيترا هندو، سک چريا هئا سڀني کي پوليس جي حفاظت ۾ سرحد تي پهچايو ويو. اتان جي خبر ناهي، پر هتي لاهور جي پاڳل خاني ۾ جڏهن ان تبديليءَ جي خبر پهتي ته ڏاڍيون دلچسپ ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، هڪ مسلمان چريو جيڪو ٻارهن سالن کان هر روز باقائدگيءَ سان ”زميندار“ (اخبار) پڙهندو هو. تنهن کان جڏهن هڪ دوست پڇيو، ”مولبي صاحب، اهو پاڪستان ڇا ٿيندو آهي ته ان ڏاڍي غور ۽ فڪر ڪرڻ بعد جواب ڏنو، “هندوستان ۾ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي پاڪيون ٺهنديون آهن.“
    اهو جواب ٻڌي سندس دوست مطمئن ٿي ويو.
    اهڙي ريت هڪ چريي سک ٻئي چريي سک کان پڇيو، ”سردار جي اسان کي هندوستان ڇو پيو اماڻيو وڃي.... اسانکي ته اتان جي ٻولي به ناهي ايندي.“
    ٻيو کليو، ”مون کي ته هندستان جي ٻولي ايندي آهي.... هندستاني ڏاڍو آڪڙجي آڪڙجي گهمندا آهن....“
    هڪ ڏينهن وهنجندي وهنجندي هڪ مسلمان چريي ”پاڪستان زندهه باد“ جو نعرو ايڏي ته زور سان هنيو جو فرش تي ترڪي ڪري بيهوش ٿي ويو.
    ڪيترا چريا اهڙا به هئا جيڪي چريا هئا نه، اهڙن ۾ اڪثريت اهڙن قاتلن جي هئي جن جي مائٽن آفيسرن کي ڪجهه ڏئي وٺي کين پاڳل خاني اماڻي ڇڏيو، جيئن هو ڦاسي جي سزا کان بچي وڃن. اهي ٿورو گهڻو سمجهندا هئا ته هندستان ڇو ورهائجي ويو آهي ۽ پاڪستان ڇا آهي، پر صحيح واقعن ۽ حالتن کان هو به بي خبر هئا. اخبارن مان ڪوبه پتو نه پوندو هو ۽ پهرو ڏيندڙ سپاهي اڻ پڙهيل ۽ جاهل هئا، انهن جي گفتگو مان به ڪو نتيجو ڪڍي نه سگهندا هئا. تن کي فقط ايتري خبر هئي ته هڪ شخص محمد علي جناح آهي، جنهن کي فقط قائد اعظم چوندا آهن. ان مسلمانن لاءِ هڪ جدا ملڪ جوڙيو آهي، جنهن جو نالو پاڪستان آهي. اهو ڪٿي آهي، ڪهڙي هنڌ آهي، ان بابت کين ڪابه سُڌ نه هئي. اهو ئي سبب هو جو اڳ پاڳل خاني ۾ موجود اهي سڀئي چريا ان مسئلي ۾ الجهيل هئا ته هو پاڪستان ۾ آهن يا هندوستان ۾. اگر هندستان ۾ آهن ته پاڪستان ڪٿي آهي ۽ جي هو پاڪستان ۾ آهن ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هو ڪجهه وقت پهريون اتي ئي رهندي هندستان ۾ هئا.
    هڪ چريو ته پاڪستان ۽ هندستان، هندستان ۽ پاڪستان جي چڪر ۾ اهڙو ڦاٿو جو هو اڳ کان به وڌيڪ چريو ٿي ويو. هو هڪ ڏينهن ٻهاري ڏيندي وڻ تي چڙهي ويو ۽ هڪ ڏار تي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقرير ڪندو رهيو جيڪا پاڪستان ۽ هندستان جي نازڪ مسئلي تي هئي. سپاهين ان کي هيٺ لهي اچڻ لاءِ چيو ته هو اڃا به مٿي چڙهي ويو. کيس دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون ته هن چيو، ”مان نه هندوستان ۾ رهڻ ٿو چاهيان، نه پاڪستان ۾. مان هن وڻ تي ئي رهندس.“
    وڏيءَ مشڪل کان پوءِ جڏهن هن جو دورو گهٽيو ته هو هيٺ لٿو ۽ پنهنجي هندو سک دوستن سان ڀاڪر پائي روئڻ لڳو، اهو خيال ايندي سندس دل ڀرجي آئي ته اهي هن کي ڇڏي هندستان هليا ويندا.
    هڪ ايم ئي پاس ريڊيو انجنيئر، جيڪو مسلمان هو ۽ ٻين چرين کان بلڪل الڳ باغ جي هڪ خاص ٽڪري ۾ سمورو ڏينهن چپ چاپ گهمندو ڦرندو هو سو اڄ اوچتو پنهنجا ڪپڙا لاهي ننگو ٿي باغ ۾ هلڻ لڳو.
    چنيوٽ جو هڪ موٽو متارو مسلمان چريو، جيڪو مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن رهي چڪو هو، ڏينهن ۾ پندرهن سورنهن ڀيرا وهنجندو هو. ان هڪدم اها عادت ڪڍي ڇڏي. سندس نالو محمد علي هو، ان ڪري هڪ ڏينهن هن پنهنجي جهنگلي ۾ اعلان ڪري ڇڏيو ته هو قائد اعظم محمد علي جناح آهي. ان جي رِيس ۾ هڪ سک چريو ماسٽر تارا سنگ بڻجي ويو. ممڪن هو ته ان جهنگلي ۾ ڪا خون ريزي ٿي پوي ها، ان ڪري انهن ٻنهين کي خطرناڪ چريو قرار ڏئي، الڳ الڳ بند ڪيو ويو.
    لاهور جو هڪ نوجوان هندو وڪيل، جيڪو محبت ۾ ناڪامي ٿيڻ ڪري چريو ٿي پيو هو. ان کي جڏهن اها خبر پئي ته امرتسر هندوستان ۾ هليو ويو آهي ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇا لاءِ ته انهيءَ ئي شهر جي هڪ هندو ڇوڪريءَ سان کيس محبت هئي. جيتوڻيڪ ان ڇوڪريءَ وڪيل کي ٿڏي ڇڏيو هو، پر هن چريو ٿيڻ بعد به کيس نه وساريو هو. هي انهن سڀني هندو ۽ مسلمان ليڊرن کي گاريون ڏيندو هو، جن ملي ڀڳت ڪري هندوستان کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. هن جي محبوبه هندوستاني بڻجي وئي ۽ هي پاڪستاني.
    جڏهن چرين جي تبديلي جي ڳالهه شروع ٿي ته وڪيل کي ڪيترن ئي چرين دلجاءِ ڏني ته دل نه لاهه تو کي هندوستان ئي موڪليو ويندو، ان هندوستان ۾، جتي سندس محبوبه رهندي آهي. پر اهو لاهور کي به ڇڏڻ نه پيو چاهي، ڇا لاءِ ته هن جو خيال هو ته امرتسر ۾ سندس پرئڪٽس نه هلي سگهندي.
    يورپين وارڊ ۾ ٻه اينگلو انڊين چريا هئا. انهن کي جڏهن خبر پئي ته هندوستان کي آزاد ڪري انگريز هليا ويا ته کين ڏاڍو صدمو رسيو. هو لڪي ڇپي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان اهم مسئلي تي ڳالهائيندا رهندا هئا ته پاڳل خاني ۾ هاڻي سندن ڪهڙي حيثيت هوندي يورپين وارڊ ۾ رهندا يا کين اتان ڪڍيو ويندو، بريڪ فاسٽ ملندو يا نه، ڇا انهن کي ڊبل روٽيءَ بدران انڊين مانيءَ ۾ زهر ملائي ته....
    هڪ سک هو، جنهن کي پاڳل خاني ۾ پندرهن سال ٿي چڪا هئا. ان جي واتان هر وقت اهي عجيب و غريب لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، ”او پڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا منگ دي دال آف دي لال ٽين.“ نه ڏينهن جو سمهندو هو نه رات جو. چوڪيدارن جو چوڻ هو ته پندرنهن سالن جي وڏي عرصي ۾ هو هڪ لمحي لاءِ به ناهي ستو، البته ڪڏهن ڪڏهن ڀت سان ٽيڪ ڏئي ويهندو هو.
    هر وقت بيهڻ ڪري هن جا پير ۽ پنيون سڄي ويا هئا. پر هو ايڏي جسماني تڪليف جي باوجود به سمهندو نه هو، هندستان ۽ پاڪستان جي چرين جي مٽا سٽا واري ڳالهه جڏهن به پاڳل خاني ۾ نڪرندي هئي ته هي تمام گهڻي غور سان ٻڌندو هو. ڪو کانئس پڇندو هو ته ڀلا تنهنجو ڇا خيال آهي، ته ڏاڍو سنجيده ٿيندي جواب ڏيندو هو، ”او پڙدي گڙ گڙدي انيڪس دي بي ڌيانا دي منگ دي دال آف دي پاڪستان گورنمينٽ.“ پر بعد ۾ آف دي پاڪستان گورنمينٽ جي جڳهه آف دي ٽوبا ٽيڪ سنگهه گورنمينٽ ورتي ۽ هن ٻين چرين کان پڇا ڪرڻ شروع ڪئي ته ٽوباٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي، جتان جو هي رهاڪو آهي، پر ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هندستان ۾ آهي، يا پاڪستان ۾. جيڪي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا سي خود منجهي پوندا هئا، ته سيالڪوٽ پهريون هندوستان ۾ هوندو هو پر هاڻي ٻڌائين ٿا ته پاڪستان ۾ آهي. ڪهڙِي خبر لاهور جيڪو اڄ پاڪستان ۾ آهي سڀاڻي هندوستان ڏي هليو وڃي. يا وري سڄو هندوستان ئي پاڪستان ٿي وڃي. اهو به ڪو سيني تي هٿ رکي چئي سگهي ٿو ته هندوستان ۽ پاڪستان ٻئي ڪنهن ڏينهن غائب ئي ٿي وڃن.
    دير دير سان وهنجڻ ڪري ان چريي سک جي ڏاڙهيءَ ۽ مٿي جا وار پاڻ ۾ ملي ڄمي ويا هئا. جنهن ڪري سندس شڪل ڀوائتي ٿي پئي هئي پر ماڻهو بيزرر هو، پندرهن سالن ۾ هن ڪنهن سان به جهيڙو جهڳڙو نه ڪيو هو. پاڳل خاني جي پراڻن ملازمن کي هن بابت ايتري ڄاڻ هئي ته ٽوباٽيڪ سنگهه ۾ سندس ڪافي زمينون هيون. چڱو ڀلو زميندار هو پوءِ اوچتو هن جو دماغ ڦري ويو، سندس مائٽ لوهه جي ٿلهن زنجيرن ۾ ٻڌي هن کي پاڳل خاني ۾ داخل ڪرائي ويا، جيڪي مهيني ۾ هڪ ڀيرو ملاقات لاءِ ايندا هئا ۽ هن جي خيريت معلوم ڪري هليا ويندا هئا. چڱي وقت تائين اهو سلسلو هلندو رهيو پر جڏهن پاڪستان ۽ هندوستان ۾ گوڙ گهمسان شروع ٿيو ته پوءِ انهن جي اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو.
    هن جو نالو بش سنگهه هو پر سڀ کي ٽوبا ٽيڪ سنگهه چوندا هئا. هن کي ڪنهن به ڳالهه جي خبر نه هئي ته اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي، مهينو ڪهڙو ۽ ڪائون آهي، ڪيترا سال گذري چڪا آهن، پر هر مهيني جڏهن هن جا مٽ مائٽ ساڻس ملڻ ايندا هئا ته هن کي پنهنجو پاڻ خبر پئجي ويندي هئي ۽ هو چوڪيدار کي چوندو هو ته هن جي ملاقات اچي رهي آهي. انهيءَ ڏينهن هو سٺي نموني وهنجندو ۽ بدن تي صابڻ زور سان مهٽيندو هو ۽ وارن ۾ تيل لڳائي ڦڻي ڏيندو هو. اهي ڪپڙا جيڪي ڪڏهن به استعمال نه ڪندو هو سي ڪڍرائي پائيندو ۽ ٺهي سنبري مائٽن سان ملڻ ايندو هو. اهي کانئس جيڪڏهن ڪجهه پڇندا هئا ته چپ چاپ رهندو هو يا وري ڪڏهن ڪڏهن ”او پڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا وي منگ دي دال آف دي لال ٽين“ چوندو هو.
    هن جي هڪ ڌيءَ به هئي، جيڪا هر مهيني هڪ آڱر وڌندي وڌندي پندرهن سالن ۾ جوان ٿي چڪي هئي. بش سنگهه ته ان کي سڃاڻيندو ئي ڪونه هو. هوءَ ننڍڙي هئي تڏهن به پنهنجي پيءُ کي ڏسي روئيندي هئي ۽ جڏهن جوان ٿي تڏهن به ان جي اکين مان ڳوڙها ٽمندا هئا. پاڪستان ۽ هندستان جو قصو شروع ٿيو ته هن ٻين چرين کان پڇڻ شروع ڪيو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي. جڏهن کيس ممطئن ڪندڙ جواب نه مليو ته هن جي تڙپ وڌڻ لڳي، هاڻي ته ساڻس ڪوئي ملڻ به نه ايندو هو، جنهن ڪري سندس دل جو آواز، جيڪو کيس اچڻ جي خبر ڏيندو هو سو به ختم ٿي ويو.
    هن کي وڏي خواهش هئي ته اهي ماڻهو اچن جيڪي همدرديءَ جو اظهار ڪندا هئا ۽ هن لاءِ فروٽ، مٺائي ۽ ڪپڙا کڻي ايندا هئا. هو جيڪڏهن انهن کان پڇي ها ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي ته هو يقينن کيس ٻڌائن ها ته پاڪستان ۾ آهي، يا هندوستان ۾، ڇا لاءِ ته هن جو خيال هو ته هو ٽوبا ٽيڪ سنگهه کان ئي ايندا آهن. جتي سندس زمينون آهن.
    پاڳل خاني ۾ هڪ چريو اهڙو به هو جيڪو پاڻ کي خدا چوندو هو. ان کان جڏهن هڪ ڏينهن بش سنگهه معلوم ڪيو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه پاڪستان ۾ آهي يا هندوستان ۾ ته ان عادت موجب وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو، ” اهو پاڪستان ۾ آهي، نه هندوستان ۾، ڇا لاءِ ته اسان اڃا ڪو حڪم ناهي ڏنو.“
    بش سنگهه ان خدا کي ڪيترائي ڀيرا ايلاز منٿ ڪيا ته هو حڪم ڏئي ڇڏي ته اهو جنجهٽ ختم ٿئي، پر هو ڏاڍو مصروف هو، ڇا لاءِ ته کيس ٻيا به ڪيترائي حڪم ڏيڻا هئا.
    هڪ ڏينهن بيزار ٿي ان تي وڄ جيان ڪڙڪي پيو.
    ”او پڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا دي منگ دي داخل آف ناهي گورو جي داخلاصا اينڊ داهي گوروجي ڪي فتح... جو بولي سو نهال ست سري اڪال“.
    انهيءَ مان شايد اها ئي مراد هئي ته تون مسلمانن جو خدا آهين. سکن جو خدا هجين ها ته ضرور منهنجي ٻڌين ها.
    چرين جي منتقلي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽوبا ٽيڪ سنگهه جو هڪ مسلمان دوست ساڻس ملاقات لاءِ آيو. هن کان اڳ هو ڪڏهن به نه آيو هو. بش سنگهه جون نظرون جيئن ئي ان تي پيون ته هڪدم واپس ٿيڻ لڳو. سپاهين کيس روڪيو ۽ چيو ته ”هي تو سان ملڻ آيو آهي. تنهنجو دوست فضل دين.“
    بش سنگهه فضل دين کي گهوري ڏٺو ۽ چپن ۾ ڪجهه بڙ بڙ ڪرڻ لڳو. فضل دين اڳتي وڌي اچي سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو، ”مان گهڻن ڏينهن کان سوچي رهيو هوس ته تو سان ملان پر واندڪائي نه ٿي ملي، تنهنجا سڀ عزيز قريب خير سان هندوستان هليا ويا مون کان جيتري مدد ٿي سگهي، سا ڪئي... تنهنجي ڌيءَ روپ کي...“
    فضل دين رڪندي رڪندي چيو، ”ها.... هوءَ.... هوءَ به چڱي ڀلي هئي.... ۽ انهن سان گڏ هلي وئي.“
    بش سنگهه چپ چاپ بيٺو رهيو، فضل دين چوڻ لڳو، ”انهن مون کي چيو هو ته تنهنجو حال احوال وٺندو رهان هاڻي مون ٻڌو آ ته تون هندوستن پيو وڃين. ادي بليئر سنگهه ۽ ادي وادوا سنگهه کي منهنجا سلام ڏجانءِ. چئجان ته فضل دين ڏاڍو خوش آهي. توهان جيڪي ٻه ڀوريون مينهون ڇڏي ويا هيئو انهن مان هڪ کي پاڏو ڄايو آهي، ٻيءَ کي ٻه پاڏا ڄاوا هئا پر اهي ڇهن ڏينهن جا ٿيا ته مري ويا. ٻيو ... مون لاءِ ڪا خدمت هجي ته چئجو. مان هر وقت تيار آهيا. ۽ هي تو لاءِ ٿورڙا چڻا کڻي آيو آهيان.“
    بش سنگهه چڻا وٺي ڀرسان بيٺل سپاهي جي حوالي ڪري کانئس پڇيو ”ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي؟“
    فضل دين حيرت وچان وراڻيو. ”ڪٿي آهي... اتي ئي آهي جتي هيو. ”
    بش سنگهه وري پڇيس“ پاڪستان ۾ يا هندوستان ۾؟“
    ”هندستان ۾.... نه نه پاڪستان ۾... “ فضل دين وائڙو ٿي ويو.
    بش سنگهه بڙ بڙڪندو هليو ويو“ اوپڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا دي منگ دي دال آف دي پاڪستان اينڊ هندوستان آف دي درفٽي مون“.
    منتقليءَ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، هتان کان اوڏانهن ۽ اوڏانهن کان هتي اچڻ وارن چرين جون فهرستون به پهچي چڪيون هيون ۽ منتقلي جو ڏينهن به طئه ٿي چڪو هو.
    سخت سيءَ وارا ڏينهن هئا. جڏهن لاهور جي پاڳل خاني مان هندو ۽ سک چرين سان ڀريل بسون پوليس محافظ دستي سان گڏ روانيون ٿيون، جن سان واسطيدار عملدار به ساڻ هئا.
    واهگا بارڊر تي ٻنهي طرفان جا سپرنٽينڊنٽ هڪ ٻئي سان مليا ۽ ابتدائي ڪارروائي ختم ٿيڻ بعد خيالن جي ڏي وٺ به شروع ٿي، جيڪا سڄي رات جاري رهي.
    چرين کي گاڏين کان ٻاهر ڪڍي کين ٻين آفيسرن حوالي ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هو، گهڻا ته گاڏيءَ مان لهڻ لاءِ راضي ئي ڪونه هئا، جيڪي لهڻ تي راضي هئا تن کي سنڀالڻ مشڪل هو، ڇا لاءِ ته اهي وري هيڏي هوڏي ڀڄي ٿي ويا. جيڪي اگهاڙا هئا تن کي ڪپڙا پارايا ويا پر انهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي جسم تان لاهي ٿي ڇڏيا. ڪو گاريون ڏئي رهيو هو ڪو ڳائي رهيو هو، ته ڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا.
    چرين عورتن جو گوڙ وري الڳ هو، مٿان وري سيءَ ايترو ته شديد هو جو ڏند به کڙڪي رهيا هئا. چرين جي گهڻائي ان منتقلي جي حق ۾ نه هئي. ان ڪري کين اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي ته کين پنهنجي جڳهه تان کڻي ڪٿي پيو اڇليو وڃي، اهي چند جيڪي ڪجهه سمجهه وارا هئا”پاڪستان زندهه باد“ ۽ ”پاڪستان مرده باد“ جا نعرا لڳائي رهيا هئا. ٻه ٽي ڀيرا جهيڙو ٿيندي ٿيندي رهجي ويو. ڇا لاءِ ته گهڻن مسلمانن ۽ سکن کي اهو نعرو ٻڌي ڪاوڙ اچي رهي هئي.
    جڏهن بش سنگهه جو وارو آيو ۽ واهگا جي هن پار واسطيدار آفيسر هن جو نالو رجسٽر ۾ داخل ڪيو ته هن پڇيو ”ٽوبا ٽيڪ سنگهه ڪٿي آهي؟.... پاڪستان ۾ يا هندوستان ۾؟“
    واسطيدار آفيسر کلي چيو، ”پاڪستان ۾.“
    اهو ٻڌي بش سنگهه پنهنجي بچيل ساٿين ڏانهن وٺي ڀڳو. پاڪستاني سپاهين کيس پڪڙيو ۽ ٻئي پاسي وٺي وڃڻ لڳا پر ان هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ”ٽوبا ٽيڪ سنگهه هتي آهي...“ ۽ پوءِ تيز تيز رڙيون ڪرڻ لڳو: ”او پڙدي گڙ گڙ دي انيڪس دي بي ڌيانا دي منگ دي داخل آف ٽوٻا ٽيڪس سنگهه اينڊ پاڪستان.“
    هن کي ڏاڍو سمجهايو ويو ته ڏس هاڻي ٽوبا ٽيڪ سنگهه هندستان ۾ هليو ويو آهي. هن جيڪڏهن نه مڃيو ته کيس زوريءَ اوڏانهن موڪليو ويندو. پر هن نه مڃيو. جڏهن هن کي زوريءَ ٻئي پاسي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وچ ۾ هڪ هنڌ تي اهڙو ڄمي بيهي رهيو جو اتان کيس ڪا به طاقت چوري پوري نه پئي سگهي.
    ماڻهو ڇو ته بيزرر هو ان ڪري ساڻس وڌيڪ زور زبردستي نه ڪئي وئي. سپاهي کيس اتي ئي بيٺل ڇڏي هليا ويا ۽ منتقلي جو ٻيو ڪم شروع ٿي ويو. سج نڪرڻ کان اڳ ۾ جڏهن هر طرف بلڪل خاموشي هئي ته بش سنگهه جي نڙي مان هڪ اڀ ڏاريندڙ رڙ نڪتي. هيڏانهن هوڏانهن ڪيترائي آفيسر ڀڄندا آيا ۽ ڇا ڏسن ته اهو شخص جيڪو پندرهن سالن تائين ڏينهن رات ٽنگن تي بيهندو رهيو هو سو منهن ڀر ڪريو پيو آهي. هيڏي خاردار تارن پويان هندستان هو. هوڏي ساڳين خاردارن تارن جي پويان پاڪستان. وچ ۾ زمين جي ان ٽڪري، جنهن جو ڪوبه نالو نه هو، اتي ٽوٻاٽيڪ سنگهه پيل هو.

    سنڌيڪار :رضوان گل


    گولي

    شفقت منجهند جو آفيس کان پهتو ته گهر ۾ مهمان آيل هئا. عورتون وڏي ڪمري ۾ ويٺل هيون. شفقت جي زال عائشه سندن مهمان نوازي ۾ رڌل هئي. جيئن ئي شفقت اڱڻ ۾ داخل ٿيو ته سندس زال ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس ٻڌايائين ته ”عزيز صاحب جي گهر واري ۽ ان جون ڌيئرون آيون آهن.“
    شفقت ٽوپي لاهي نرڙ تان پگهر گهيو. ”ڪير عزيز صاحب؟“
    عائشه جهيڻي لهجي ۾ جواب ڏنو، ”تنهنجي بابا جو دوست“
    ”او..... چاچا عزيز.“
    ”ها، ها اهو ئي!“
    شفقت حيرت وچان چيو. ” پر اهي ته آفريقا ۾ هئا.“
    عائشه چپن تي آڱر رکي چيو ”ٿورو آهستي ته ڳالهايو. هو آفريقا ۾ ئي هئا پر جيڪو آفريقا ۾ هجي سو واپس نه ٿو اچي سگهي ڇا؟“
    ”نه . هاڻي تون شروع ٿي وئينءَ!“
    ”توهان ته اصل وڙهڻ ٿا لڳو.“
    عائشه ڪمري ۾ ليئو پاتو.“ عزيز صاحب آفريقا ۾ ئي آهي. پر سندس زال ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ آئي آهي. ڪنهن سٺي ڇوڪري جي ڳولها ۾ آهي.“
    اندران عزيز جي گهر واري جو آواز آيو.“ عائشه تو شفقت کي ٻاهر ڇو روڪيو آهي. وٺي اچيس اچ پٽ شفقت تو کي ڏٺي ڏينهن ٿي ويا هئا.“
    ”اجهو آيس، چاچي !“ شفقت ٽوپي ڪوڪي ۾ ٽنگي ۽ اندر ڪمري ۾ داخل ٿيو. ”السلام عليڪم چاچي.“
    عزيز جي گهر واريءَ اٿي کيس دعا ڏني ۽ مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو. شفقت ويهڻ سان ئي ڏٺو ته سامهون صوفي تي ٻه ڀوريون ڇوڪريون ويٺل هيون. هڪ ننڍي هئي ٻي وڏي. ٻنهي جا مهانڊا ملندڙ جلندڙ هئا. عزيز صاحب پاڻ به دلڪش ماڻهو هو سندس اها دلڪشي ٻنهي ڇوڪرين ۾ به هڪ جهڙي ورهايل هئي. اکيون ماءُ تي نيريون ، وار ڀورا ۽ وڏا. ٻنهين کي چوٽيون ٿيل هيون، ننڍي جو چهرو وڏي جي مقابلي ۾ وڌيڪ نکريل هو وڏي جو چهرو ضرورت کان ڪجهه وڌيڪ سنجيده هو.
    سندن ماءُ کين مخاطب ٿيندي چيو ”پٽ سلام ڪيو ڀاءُ کي.“
    ننڍي اٿي شفقت کي سلام ڪيو. وڏي ويٺي ئي جهجهڪندي چيو، ”سلام“
    شفقت کين مناسب انداز ۾ جواب ڏنو، جنهن کان پوءِ عزيز صاحب ۽ آفريقا، بابت ڳالهين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. جنهن ۾ نيروبي، ٽانگا نيڪا، دارالسلام، ڪراتينا ۽ يوگنڊا جون ڳالهيون به ٿيون. ڪٿان جي موسم سٺي آهي ۽ ڪٿان جي خراب، ميوا ڪٿي سٺا ٿيندا آهن. ميون جو ذڪر نڪتو ته ننڍي چيو ”هتي هندوستان ۾ ته انتهائي خراب فروٽ ٿو ملي.“
    ”نه نه تمام سٺو ميوو ملندو آهي بشرطيڪه موسم هجي.“ شفقت پنهنجي هندستان جي لڄ رکڻ لاءِ چيو.
    ”غلط آهي.” ننڍيءَ نڪ ۾ گهنج وجهندي چيو.“ امان توهان ڪالهه هتان جيڪي مالٽا ورتا هئا، ڇا اتان جي مچنگن جو مقابلو ڪري سگهندا.“
    ڇوڪرين جي ماءُ ڳالهايو”پٽ شفقت هي صحيح ٿي چوي هتان جا مالٽا اتان جي مچنگن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن.“
    عائشه ننڍي کان پڇيو”طلعت اهو مچنگو ڇا آهي؟ نالو ته ڏاڍو عجيب و غريب اٿس.“
    طلعت کلي پئي”آپا هڪ مالٽي جهڙو ئي فروٽ ٿيندو آهي. ايترو ته سواد هوندو اٿس جو مان بيان نه ٿي ڪري سگهان. ۽ رس..... هڪ نيپوڙيو.... هي جيڪو گلاس پيو آ تارئون ڀرجي وڃي.“
    شفقت گلاس کي ڏسي اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، “ اهو ميوو ايترو وڏو هوندو آهي جو هڪ مچنگي مان هيڏو وڏو گلاس ڀرجي ويندو آهي؟“
    طلعت وڏي فخر سان چيو.”جي ها.“
    شفقت اهو ٻڌي چيو، ”ته پوءِ اهو ميوو ڪافي وڏو هوندو.“
    طلعت ڪنڌ ڌوڻيو.”جي نه ، اها ئي ته ان جي خوبي آهي ته رس سان ڀريل هوندو آهي، ۽ امان اتان جو انناس مانيءَ جيترو ته ..... ڪيڏو نه هن جو هڪ هڪ داڻو ٿيندو آهي.”
    ڪافي دير تائين انناس جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. طلعت گهمڻ ڳالهائڻي هئي. آفريقا سان سندس عشق هو، اتان جي هر شيءَ کيس پسند هئي.... وڏي ، جنهن جو نالو نگهت هو بلڪل چپ چاپ ويٺي هئي ته هي ان سان مخاطب ٿيو. ”توهان کي شايد هنن ڳالهين ۾ ڪا دلچسپي ناهي.“
    نگهت پنهنجا چپ چوريا. ”جي نه.... مان ٻڌان پئي دلچسپيءَ سان.“
    شفقت وراڻيو ”پر توهان ڳالهايو نه پئي“
    عزيز جي زال جواب ڏنو. ”پٽ شفقت هن جي طبعيت ئي اهڙي آهي.“
    شفقت بي تڪلف ٿيندي چيو ”چاچي هن عمر ۾ ته ڇوڪرين کي خاموشي پسند هئڻ نه گهرجي.“ پوءِ نگهت سان مخاطب ٿيو. ”توهان کي ڳالهائڻو پوندو.”
    نگهت جي چپن تي هلڪي شريملي مرڪ اچي وئي. ”ڳالهايان ته پئي. ادا.“
    شفقت مرڪندي چيو ”تصويرن سان دلچسپي آهي توهان کي ؟“
    نگهت نظرون هيٺ جهڪائيندي جواب ڏنو ”جي آهي“
    ”ته پوءِ اٿو ته مان توهان کي البم ڏيکاريان... ٻئي ڪمري ۾“ اهو چئي شفقت اٿيو، ”هلو“
    عائشه شفقت جو هٿ پڪڙي کيس اکين ئي اکين ۾ اشارو ڪيو، جنهن کي شفت سمجهي نه سگهيو ۽ سواليه نظرون سان پنهنجي گهر واري ڏانهن ڏسندو رهيو. هي سوچ ۾ ئي گم هو ته طلعت اٿي بيٺي. ”هلو ادا... مون کي ٻين جا البم ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي. مون وٽ پڻ ڪافي ڪليڪشن آهي.“
    شفقت طلعت سان گڏ ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو. نگهت خاموش ويٺي رهي. شفقت طلعت کي تصويرون ڏيکايندو رهيو. حسب عادت طلعت ڳالهائيند رهي پر، شفقت جو ڌيان ڪنهن ٻئي طرف هو. هو نگهت بابت سوچي رهيو هو ته هوءَ ايڏي خاموش ڇو آهي. هن سان گڏ تصويرون ڏسڻ ڇو نه آئي. جڏهن هن کيس هلڻ لاءِ چيو ته عائشه هن جو هٿ ڇو پڪڙيو ۽ ان اشاري جو ڇا مطلب هو جيڪو هن اکين سان ڪيو، تصويرون ختم ٿي ويون. طلعت البم کنيا ۽ شفقت کي چيائين،“ باجيءَ کي ڏيکاريان، کيس تمام گهڻو شوق آهي تصويرون گڏ ڪرڻ جو.“
    شفقت پڇڻ وارو ئي هو ته جيڪڏهن ان کي شوق آهي ته ساڻن گڏ ڇو نه آئي، پر طلعت البم کڻي ڪمري مان نڪري وئي. شفقت وڏي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته نگهت وڏي دلچسپي سان تصويرون ڏسي رهي هئي. هر تصوير کيس خوشي ڏئي رهي هئي.
    عائشه ڇوڪرين جي ماءُ سان ڳالهين ۾ مشغول هئي. شفقت کين ڏسندو رهيو. هن جو چهرو جيڪو چند گهڙيون اڳ ضرورت کان وڌيڪ سنجيده هو سو هاڻي ٻهڪي پيو. ائين ٿي لڳو تصويرون جيڪي آرٽ جو خوبصورت نمونو هيون ۽ هن کي سڪون بخشي رهيون هيون. هاڻي سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي پر جيئن ئي هڪ گهوڙِي ۽ صحتمند عورت جي تصوير آئي ته اها چمڪ گهٽجي وئي. هڪ ننڍڙي آهه سندس سيني ۾ اڀري ۽ اتي ئي دٻجي وئي.
    تصويرون ختم ٿي ويون ته نگهت شفقت ڏانهن نهاريندي پيار ڀري انداز ۾ چيو. ”ادا توهان جي مهرباني!“
    شفقت نگهت کان البم وٺي رکي ڇڏيو. هن جي من ۾ ڪيترائي سوال اڀري رهيا هئا. کيس ائين ٿي لڳو ته ڪو تمام وڏو راز هن ڇوڪريءَ سان لاڳاپيل آهي. هن سوچيو شايد ڪو اڻ پورو عشق يا ڪو نفسياتي حادثو. چانهه آئي ته شفقت، نگهت سان مخاطب ٿيو، ”اٿو چانهه ٺاهيو. اهي ڪم ڇوڪرين جا آهن.“
    نگهت خاموش رهي پر طلعت ٽپو ڏئي اٿي. ”ادا مان ٿي ناهيان”
    نگهت جو چهرو وري ڌنڌ ۾ وڪوڙجي ويو. شفقت جو تجسس اڃا به وڌڻ لڳو. هن جڏهن هڪ ڀيرو غير ارادي طور تي نگهت کي چتائي ڏٺو ته هوءَ گهٻرائجي وئي. شفقت کي دل ئي دل ۾ ان غير مناسب حرڪت تي افسوس ٿيو.
    چانهه پيئندي هتان هتان جون بي شمار ڳالهيون ٿيون جن ۾ طلعت تمام گهڻو حصو ورتو. ٽينس جو ذڪر نڪتو ته هن شفقت کي وڏي فخر واري انداز ۾ ٻڌايو ته هوءَ نيروبي ۾ پهريون نمبر ٽينس پليئر هئي ۽ پندرهن ويهه ڪپ حاصل ڪري چڪي هئي. نگهت بلڪل چپ ويٺي رهي، سندس ان چپ ۾ اداسي هئي ۽ کيس به ان ڳالهه جو احساس هو ته هوءَ خاموش هئي.
    هڪ ڳالهه جيڪا شفقت خاص طور تي نوٽ ڪئي ته عزيز جي گهر واري جو نسبتن وڌيڪ خيال نگهت طرف هو. هن پاڻ اٿي وڏي پيار ڀرئي انداز ۾ کيس ڪريم رول کڻي ڏنا. وات صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجو رومال ڏنائينس، هوءَ ڳالهين جي ذريعي به سندس مٿي تي محبت ڀريو هٿ ڦيرائي رهي هئي.
    موڪلائڻ جو وقت آيو ته عزيز جي گهر واريءَ برقعو کنيو. عائشه سان ڀاڪر پائي ملي، شفقت کي دعا ڏني ۽ پوءِ نگهت جي ڀر م بيهي اکين ۾ تري آيل ڳوڙهن کي لڪائيندي پيار ڀري انداز ۾ چيو، “ڌيءَ هلو ته هلئون “
    طلعت ٽپو ڏئي اٿي، عزيز جي گهر واريءَ نگهت کي هڪ ٻانهن کان ورتو، ٻئي ٻانهه کان طلعت پڪڙيو ۽ کيس اٿاريو ويو. شفقت ڏٺو ته هن جو هيٺيون ڌڙ بلڪل بي جان هو. هڪ لمحي لاءِ شفقت تي سڪتو طاري ٿي ويو. جڏهن پاڻ سنڀاليائين ته هن کي اندر ۾ هڪ ڇڪ محسوس ٿي.
    ڏڪندڙ ٽنگن سان ماءُ ۽ ڀيڻ جو سهارو وٺندي هن پنهنجو هٿ نرڙ جي ويجهو آڻي شفقت ۽ عائشه کي سلام ڪيو. ڪيڏو نه پيارو ۽ معصوم انداز هو پر انهي انداز ڄڻ ته شفقت تي ڪو وار ڪيو. راز کلي چڪو هو. سڀ کان پهريون خيال جيڪو هن جي دل ۾ آيو سو هي هو ته. ”قدرت ڇو ايتري بي رحم آهي. هيڏي خوبصورت ۽ پياري ڇوڪري ۽ هن سان ايڏو ظالماڻو سلوڪ. هن معصوم جو آخر گناهه ڪهڙو هو جنهن جي کيس ايڏي وڏي سزا ڏني وئي؟“
    عائشه کين ٻاهر تائين ڇڏڻ وئي. هو ڪنهن فلسفيءَ جيان سوچيندو رهيو. ان وقت ئي سندس دوست اچي ويا ۽ هو پنهنجي زال سان نگهت بابت ڪا به ڳالهه ڪري نه سگهيو. پنهنجي دوستن سان تاس کيڏڻ ۾ اهڙو ته مشغول ٿي ويو جو نگهت ۽ ان جو درد کانئس وسري ويو. جڏهن رات ٿي ۽ عائشه هن کي نوڪر ذريعي نياپو ڪيو ته اچي ماني کاءُ ته ان وقت هن کي فقط راند جي ڪري نگهت جي ڳالهه وساري ويهڻ جو شدت سان افسوس ٿيو. هن ان ڳالهه جو ذڪر عائشه سان به ڪيو. پر ان کيس چيو ”توهان ماني کائو تفصيلي ڳالهيون پوءِ ڪبيون.“
    زال مڙس گڏ ستل هئا، جڏهن کان سندس شادي ٿي هئي هي ڪڏهن به رات جو هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيا هئا پر ان عرصي ۾ کين ڪو ٻار نه ٿيو هو. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته عائشه ۾ ڪوئي نقص آهي جيڪو فقط آپريشن سان ئي ختم ٿي سگهي ٿو. زال مڙس ڏاڍي پيار محبت واري زندگي گذاري رهيا هئا. سندن وچ ۾ ڪا به رنجش نه هئي. رات جو ٻئي گڏ سمهندا هئا. حسب معمول جڏهن گڏ ستا ته شفقت کي نگهت جي ياد اچي وئي. هن هڪ ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي گهر واري کان پڇيو ”عائشه، ويچاري نگهت کي ڇا ٿيو هو!“
    عائشه آهه ڀريندي افسوسناڪ لهجي ۾ چيو ”ٽن مهينن جي هئي ته سندس هيٺيون ڌڙ بيڪار ٿي ويو.“
    شفقت جي دل ۾ نگهت لاءِ همدردي جو جذبو پيدا ٿي پيو. هن پنهنجي زال جي پٺي کي پنهنجي سيني سان ملائيندي چيو“ ”عائشه خدا ڇو ايترو....؟“
    عائشه ڪو به جواب نه ڏنو، شفقت کي ڏينهن وارا منظر ياد اچڻ لڳا.
    ”جڏهن مان هن کي چيو هو ته هلو، مان توهان کي البم ڏيکاريا ۽ تو منهنجو هٿ ان ڪري پڪڙيو هو ته....!“
    ”هاها، ٻيو نه ته ڇا؟.... توهان ته هر هر...“
    ”الله ٿو ڄاڻي مون کي خبر نه هئي.“
    ”ان کي پنهنجي اپاهج هئڻ جو تمام گهڻو احساس آهي.“
    ”تنهنجي اها ڳالهه ٻڌي مون ائين محسوس ڪيو جيئن ڪنهن منهنجي سيني ۾ ڪو تير هڻي ڇڏيو هجي.“
    ”جڏهن هوءَ آئي ته خدا جو قسم مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ويچاري کي پيشاب ڪرڻو هو. ماءُ ۽ ننڍي ڀيڻ سان گڏ وئي. اڳٺ کوليو... ۽ بند ڪيو... ڪيڏي نه خوبصورت آهي..... ويٺي هجي ته خدا جو قسم.... بلڪل خبر نه پوي ته فالج اٿس.“
    ”تمام ذهين ڇوڪري آهي“
    ”اڃا؟!“
    ”سندس ماءُ پئي ٻڌائي ته هن کيس چئي ڇڏيو هو ته امان مان شادي نه ڪنديس، ڪنواري ويٺي هونديس.“
    شفقت ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو. جنهن کانپوءِ هن انتهائي ڏکاري لهي ۾ چيو، ”ان جي معنيٰ ته هن کي ان ڳالهه جو شديد احساس آهي ته ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ ڪو به راضي نه ٿيندو.“
    عائشه شفقت جي سيني تي آڱرين سان ڦڻي ڏيندي چيو ”شفقت صاحب ڪير ڪندو شادي هڪ معزور سان؟!“
    ”نه نه ائين نه چئه عائشه!“
    ”ايڏي وڏي قرباني آخر ڪير ڏئي سگهندو شفقت صاحب؟“
    ”تون ٺيڪ ٿي چوين.“
    خوبصورت آهي، کاڌي پيتي گهراڻي جي ڇوڪري آهي. سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر....“
    ”مان سمجهان ٿو. پر....“
    ”مردن جي دل ۾ رحم ڪٿي آهي؟“
    شفقت پاسو بدلائيندي چيو ”ائين نه چئه عائشه؟“
    عائشه به پاسو بدلايو. ٻئي آمهون سامهون ٿي ويا. مان سڀ ڄاڻان ٿي، ڪوئي اهڙو مرد ڳولهه جيڪو هن ويچاريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي.“
    ”مون کي خبر ناهي، پر...“
    ”وڏي ڀيڻ آهي، ويچاريءَ کي ڪيڏو نه ڏک ٿيندو هوندو جو هن جي ننڍي ڀيڻ جي شاديءَ جون ڳالهيون پيون هلن.“
    ”صحيح ٿي چوين تون !“
    عائشه هڪ ڊگهي آهه ڀري، ”ڇا ويچاري ائين ئي سڄي عمر ڪڙهندي رهندي.“
    ”نه“ اهو چئي شفقت اٿي ويهي رهيو.
    عائشه پڇيو.” ڇا مطلب؟“
    ”تو کي ساڻس همدردي آهي؟“
    ”ڇو نه؟“
    ”الله جو قسم کڻي چئه“
    ”هاڻي اها به ڪا قسم کڻائڻ جي ڳالهه آهي، هر انسان کي ان سان همدردي هئڻ گهرجي.“
    شفقت چند گهڙيون خاموش رهڻ بعد چيو، ”مان هڪ ڳالهه سوچي آهي.“
    عائشه خوش ٿيندي چيو، ”ڪهڙي؟“
    ”مون کي هميشه ان ڳالهه جو احساس رهيو آهي ته تون هڪ بلند خيال عورت آهين، اڄ تو منهنجي انهيءَ خيال کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. مان.... خدا شل مهنجي ان ارادي کي استقامت بخشي... مان ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته مان نگهت سان شادي ڪندس... سڄو ثواب توکي ملندو.“
    ڪجهه دير خاموشي کان پوءِ يڪدم ڄڻ ڪو بم ڦاٽو.
    ”شفقت صاحب! مان هن کي گولي هڻي ماري ڇڏينديس، جي تو هن سان شادي ڪئي!“
    شفقت ائين محسوس ڪيو ڄڻ کيس زبردست گولي لڳي هجي ۽ هو مري پنهنجي زال جي هنج ۾ دفن ٿي ويو هجي.

    سنڌيڪار :رضوان گل


    ٻوڙن جي پويان

    اهو ڪهڙو شهر هو، ان بابت مان سمجهان ٿو، ته اوهان کي پڇڻ جي ضرورت آهي، نه مون کي ٻڌائڻ جي. بس ايترو ئي ٻڌڻ ڪافي آهي ته اهو هنڌ، جيڪو هن ڪهاڻيءَ سان تعلق رکي ٿو سو پشاور جي اوسي پاسي ۾ آهي، سرحد جي ويجهو جتي اها عورت رهندي هئي. سندس گهر جهوپڙي نما هو، ٻوڙن جي پويان.
    گهاٽا ٻوڙا هئا جن جي پويان انهيءَ عورت جو گهر هو، ڪچي مٽيءَ مان جڙيل، گهاٽن ٻوڙن جي ڪري سندس گهر لڪيل هو جنهن ڪري ٻاهرين سڙڪ تان گذرندڙ به ڏسي نه سگهندو.
    ٻوڙا بلڪل سڪل هئا پر زمين ۾ اهڙيءَ ريت کتل هئا جو هڪ ڀت بڻجي ويا هئا. نه ڄاڻ ان عورت اهي پاڻ پوکيا هئا يا اڳ ۾ موجود هئا. بهرحال چوڻ جو مطلب ته اهي هڪ وڏو پردو بڻيل هئا.
    گهر چئو يا مٽيءَ جي جهوپڙي، فقط ٽي ننڍيون ننڍيون ڪوٺڙيون هيون پر صاف سٿريون. سامان مختصر هو پر سٺو، پوئين ڪمري ۾ هڪ تمام وڏو نهوار وارو پلنگ هو. ان سان گڏ هڪ ڏيئو به هو جنهن ۾ هر روز نئون تيل ۽ نئين وٽ وڌي ويندي هئي.
    هاڻي مان توهان کي ان عورت جو نالو ٻڌايان. جيڪا ان ننڍڙي گهر ۾، جيڪو ٻوڙن جي پويان لڪل رهندو هو، پنهنجي جوان ڌيءَ سان گڏ رهندي هئي.
    مختلف روايتون آهن. ڪافي ماڻهو چون ٿا ته اها هن جي ڌيءَ ناهي. اها هڪ يتيم ڇوڪري هئي جنهن کي پالي نپائي وڏو ڪيو هئائين. گهڻا وري ائين به چون ٿا ته اها هن جي ناجائز اولاد هئي. ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته اها هن جي سڳي ڌيءَ آهي. بهرحال حقيقت جيڪا به هجي ان بابت ڪا به ڳالهه يقين سان نه ٿي چئي سگهجي. هيءَ ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ توهان پاڻ ئي ڪا راءِ قائم ڪري وٺجو.
    ڏسو ، مون کان ان عورت جو نالو ٻڌائڻ وسري ويو. ڳالهه دراصل اها آهي ته ان جو نالو ڪائي اهميت نه ٿو رکي، توهان سندس نالو جيڪو به سمجهو، سڪينا، مهتاب، گلشن يا ڪو ٻيو... ڀلا نالي ۾ ڇا هي رکيو، پر توهان جي سهولت لاءِ مان هن کي سردار چوندس.
    سردار پڪي عمر جي هئي، ڪنهن زماني ۾ يقينن خوبصورت هوندي. سندس ڳاڙهن ڀورن ڳلن ۾ جهريون پئجي ويون هيون پر هن جي عمر ايڏي وڏي هئي ڪونه پر هتي سندس ڳلن سان ڪوبه واسطو ناهي.
    ان جي ڌيءَ (نه ڄاڻ هوءَ ان جي ڌيءَ هئي يا نه) خوبصورتيءَ جو هڪ دلڪش نمونو هئي. هن جي ظاهري ڏيک ويک مان ائين بنهه نه ٿي لڳو ته ڪو هوءَ فحش آهي پر اها به حقيقت آ، ته سندس ماءُ هن کان ڌنڌو ڪرائيندي هئي ۽ جام پئسا ڪمائيندي هئي ۽ اها به حقيقت آهي ته ان ڇوڪريءَ، جنهن جو نالو کڻي نواب ٿا رکون، کي ان ڌنڌي کان نفرت نه هئي، اصل ۾ هي آباديءَ کان پري هڪ اهڙي هنڌ تي پلي هئي جتي کيس صحيح ازدواجي زندگيءَ بابت ڪا خبر چار نه هئي..... جڏهن سردار هن سان پهريون مرد. بستري تي ان نهواري پلنگ تي متعارف ڪرايو ته هن ائين ئي سمجهيو ته شايد سڀني ڇوڪرين جي جوانيءَ جي شروعات ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، هاڻي هيءَ پنهنجي انهيءَ زندگيءَ کان واقف ٿي چڪي هئي، مرد جيڪي پري پري کان هن وٽ ايندا هئا انهن سان گڏ ان وڏي نهواري پلنگ تي سمهندي هئي. هن ائين ئي سمجهيو ٿي ته بس اهو ئي سندس زندگيءَ جو مقصد آهي.
    هونءَ ته هوءَ هر لحاظ کان هڪ فاحشه عورت هئي پر سچ پڇو ته هن کي ان ڳالهه جو قطعي طور احساس نه هو ته ڪو هوءَ گناهه واري زندگيءَ گذاري رهي آهي. هوءَ انهيءَ ڳالهه تي غور به ڪيئن ٿي ڪري سگهي، ڇا لاءِ ته هن کي ان قسم جو ڪو موقعو ئي نه مليو هو.
    هن جي بدن ۾ خلوص هو، هوءَ هر مرد جيڪو هفتي ڏيڍ هفتي کانپوءِ ڊگهي مسافري ڪري ايندو هو، پنهنجو پاڻ ان جي حوالي ڪري ڇڏيندي هئي. ان ڪري ته هوءَ سمجهندي هئي ته هر عورت جو اهو ئي ڪم آهي. هوءَ ان مرد جي هر قسم جي آسائش ۽ آرام جو خيال رکندي هئي. انهيءَ جي ننڍڙي تڪليف به برداشت ڪري نه سگهندي هئي.
    هن کي شهر جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي ڪابه ڄاڻ نه هئي، هن قطعي طور اهو نه ٿي ڄاتو ته جيڪي مرد هن وٽ موٽرن ۾ چڙهي ايندا آهن سي صبح جو سوير پنهنجا ڏند برش سان صاف ڪرڻ جا عادي آهن، ۽ اکيون کولڻ سان ئي سڀ کان پهريون بستري ۾ ئي چاءِ جي پيالي پيئندا آهن ۽ پوءِ ضروري حاجت لاءِ ويندا آهن. پر هن مردن جي عادتن مان اهو اندازو لڳائي ورتو هو کيس ڏکيائي ضرور ٿيندي هئي ڇو ته سڀ مرد هڪ جهڙا نه هوندا هئا. ڪو صبح جو ساجهرئي سگريٽ گهرندو هو، ڪو چاءِ ۽ ڪجهه وري اٿڻ جو اصل نالو ئي ڪونه کڻندا هئا. ڪجهه سڄي رات جاڳندا رهندا هئا ۽ صبح جو موٽر ۾ سوار ٿي ڀڄي ويندا هئا.
    سردار بي فڪر هئي، هن کي پنهنجي ڌيءَ تي، يا جيڪا به هيس. پورو پورو اعتماد هو ته هوءَ پنهنجي گراهڪن جي سٺي ريت سنڀال ڪندي. ان ڪري هوءَ آفيم جي هڪ گولري کائي ستي پئي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هن جي ضرورت پوندي هئي. مثال طور جڏهن ڪنهن گراهڪ جي طبعيت وڌيڪ شراب واپرائڻ سبب يڪدم خراب ٿي ويندي هئي ته هوءَ نشي واري حالت مان اٿي نواب کي هدايت ڪندي هئي ته ان کي کٽاڻ کارائي ڇڏي، يا ڪوشش ڪري ته گرم پاڻيءَ ۾ لوڻ ملائي گرڙا ڪرائي ڇڏيس ۽ پوءِ ٿڦڪيون هڻي سمهاري ڇڏينس.
    سردار ان معاملي ۾ وڏي محتاط هئي ته جيئن ئي ڪو گراهڪ ايندو هو ته هيءَ ان کان نواب جي فيس اڳ ۾ ئي وصول ڪري محفوظ ڪندي هئي. ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ دعائون ڏيندي هئي ته آرام سان..... ۽ پاڻ آفيم جي هڪ گوري دٻيءَ مان ڪڍي وات ۾ وجهي سمهي پوندي هئي.
    جيڪي پئسا ايندا سي سردار جا ۽ جيڪي تحفا وصول ٿيندا ها سي نواب وٽ ئي هوندا هئا. هن وٽ اچڻ وڃڻ وارا دولتمند هئا ان ڪري هيءَ سٺي کان سٺا ڪپڙا پائيندي هئي ۽ قسمين قسمين ميوا ۽ مٺايون کائيندي هئي.
    هوءَ خوش هئي مٽيءَ سان ليپو آيل ان گهر ۾ جيڪو صرف ٽن ننڍين ڪوٺين تي مشتمل هو، هوءَ پنهنجي مختصر ڄاڻ مطابق ڏاڍي خوشگوار زندگي گذاري رهي هئي. هڪ فوجي آفيسر هن کي گرامو فون ۽ ڪافي رڪارڊ آڻي ڏنا هئا. واندڪائيءَ ۾ انهن کي وڄائي فلمي گانا ٻڌندي هئي ۽ انهن جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. هن جي ڳلي ۾ ڪا رس نه هئي. شايد هيءَ ان کان بي خبر هئي. سچ پڇو ته کيس ڪنهن ڳالهه بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي وري هن کي اها خواهش هئي ته هيءَ ڪنهن ڳالهه کان واقف ٿي. جنهن رستي تي هن کي هلايو ويو هو ان کي هن قبول ڪري ورتو هو سو به بي خبريءَ ۾.
    ٻوڙن جي هن پار دنيا ڪيئن هوندي، ان بابت هن کي ڪابه ڄاڻ نه هئي، سواءِ ان جي ته هڪ ڪچي سڙڪ آهي، جتان هر ٻئي ٽئين ڏينهن هڪ موٽر ڌوڙ اڏائيندي ايندي آهي ۽ رڪجي ويندي آهي، هارون وڄندو آهي، سندس ماءُ يا جيڪا به هئي، کٽ تان اٿندي آهي ۽ ٻوڙن جي ڀرسان وڃي موٽر واري کي چوندي آهي ته موٽر ڪجهه پرڀرو بيهاري اندر هليو اچي ۽ هو اندر هليو ايندو آهي ۽ نهواري پلنگ تي هن سان گڏ ويهي مٺين ڳالهين ۾ مشغول ٿي ويندو آهي.
    هن وٽ اچن وڃڻ وارن جو تعداد ڪو گهڻو نه هو. لڳ ڀڳ پنج ڇهه مستقل گراهڪ هئا ۽ سردار اهڙي ريت انتظام ڪري ڇڏيو هو ته جيئن گراهڪن جو هڪ ٻئي سان ملڻ نه ٿئي، وڏي هوشيار عورت هئي. هن هر گراهڪ لاءِ خاص ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو هو سو به اهڙي سيبتائب سان جو ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ملندو هو. ان کان علاوه ضرورت وقت ان جو به انتظام ڪندي رهندي هئي ته نواب ماءُ نه بڻجي وڃي. جن حالتن ۾ نواب زندگي گذاري رهي هئي تن ۾ هن جو ماءُ بڻجن يقيني هو پر سردار ٻن اڍائي سالن کان ان قدرتي خطري سان منهن ڏيندي رهي هئي.
    ٻوڙن جي پويان اهو سلسلو ٻن اڍائي سالن کان ڏاڍي هموار طريقي سان هلي رهيو هو، پوليس وارن کي ڪوبه علم نه هو، بس فقط اهي ئي ماڻهو ڄاڻيندا هئا جيڪي اتي ايندا هئا. ٻوڙن پويان، هڪ ڏينهن مٽيءَ سان جڙيل ان گهر ۾ هڪ انقلاب آيو، هڪ تمام وڏي موٽر غالبن ڊوج هئي، اتي اچي بيٺي، هارن وڳو، سردار ٻاهر آئي ته هن ڏٺو ته ڪو اجنبي آهي. هن ان سان ڪجهه به نه ڳالهايو، اجنبيءَ به هن کي ڪجهه نه چيو، موٽر پرڀرو بيهاري لهي آيو ۽ سڌو هنن جي گهر ۾ گهڙي آيو جيئن ڪو سالن کان ايندڙ ويندڙ هجي. سردار ڏاڍي پريشان ٿي، پر نواب دروازي وٽان ان اجنبيءَ جي کلي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪمري ۾ وٺي وئي جنهن ۾ نهواري پلنگ هو، ٻئي ان تي گڏ ويٺا ئي مس هئا ته سردار اچي وئي. وڏي هوشيار عورت هئي، ڏٺائين ته اجنبي ڪنهن دولتمند گهراڻي جو ماڻهو آهي، سٺي شڪل صورت اٿس، صحتمند آهي، هن ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيندي ئي سلام ڪيو ۽ پڇيائينس ته کيس هيڏانهن جو رستو ڪنهن ڏيکاريو؟
    اجنبي کليو ۽ وڏي پيار ڀري انداز سان نواب جي گوشت سان ڀريل ڳلن ۾ پنهنجي آڱر هڻي چيو ”هن.“
    نواب اوچتو هڪ پاسي سري وئي ۽ پنهنجي خاص ادا سان چيائين ”هان..... مان ته توهان سان ڪڏهن ملي ئي ناهيان.“
    اجنبيءَ جي مرڪ چپن تي اڃا به وڌيڪ ڦهلجي وئي”اسان ته ڪيترا ئي ڀيرا ملي چڪا آهيون“
    نواب پڇيو، ”ڪٿي؟ڪڏهن؟“ حيرت وچان سندس ننڍڙو منهن اهڙو تاثر ڏيڻ لڳو جو سندس دلڪشيءَ ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿي ويو. اجنبي هن جو نرم هٿ پڪڙيو ۽ سردار ڏانهن ڏسندي چيائين. ”تون اهي ڳالهيون هاڻي سمجهي نه سگهندينءَ. پنهنجي ماءُ کان پڇ“
    نواب اڻ ڄاڻائي واري معصوم انداز ۾ پنهنجي ماءُ کان پڇيو ته هي شخص ساڻس ڪٿي مليو هو. سردار سڄو معاملو سمجهي وئي ته اهي ماڻهو جيڪي هن وٽ ايندا آهن انهن مان ئي ڪنهن هن سان نواب جو ذڪر ڪيو هوندو ۽ سڄو ڏس پتو ٻڌائي ڇڏيو هوندو، هن نواب کي چيو،”مان ٻڌائي ڇڏينديس تو کي.“
    اهو چئي هوءَ ٻاهر هلي وئي، کٽ تي ويهي هن آفيم جي دٻي مان گوري ڪڍي کاڌي ۽ سمهي پئي. هوءَ مطمئن ٿي وئي ته ماڻهو چڱو آهي ڪا گڙ ٻڙ نه ڪندو.
    اجنبي، جنهن جو نالو هيبت خان هو ۽ هزارا ضلعي جو تمام وڏو وڏيرو هو، نواب جي حسن ۽ دلڪشيءَ مان ايڏو ته متاثر ٿيو جو موڪلائڻ وقت سردار کي چيائين ته آئينده نواب ڏي ڪو به نه اچڻ گهرجي، سردار ڏاڍي هوشيار عورت هئي. هن هيبت خان کي چيو”خان صاحب اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.... ڇا توهان ايڏا پئسا ڏئي سگهندو!“
    هيبت خان سردار جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ سئو سئو جي نوٽن جي هڪ دستي ڪڍي نواب جي قدمن ۾ ڦٽي ڪئي، پوءِ هن پنهنجي هيري جي منڊي آڱر مان لاهي نواب کي پارائي ۽ تيزيءَ سان ٻوڙن جي هن پار هليو ويو.
    نواب نوٽن طرف اک جي پڇڙيءَ سان به نه ڏٺو، بس دير تائين پنهنجي سينگاريل آڱر کي تڪيندي رهي، جنهن تي وڏي هيري مان رنگ برنگي شعاع نڪري رهيا هئا. موٽر اسٽارٽ ٿي ۽ ڌوڙ اڏائيندي هلي وئي. هوءَ ٻوڙن جي اڃا به وڌيڪ ويجهو اچي بيٺي پر هاڻي ڌوڙ کان سواءِ سڙڪ تي ڪجهه به نه هو سردارن نوٽن جي دستي کڻي ڳڻين چڪي هئي. هڪ نوٽ ٻيو به هجي ها ته پورا ٻه هزار هجن ها، پر هن کي ان جو افسوس نه هو. سڀئي نوٽ هن پنهنجي گهير دار شلور جي کيسي ۾ وڌا ۽ نواب کي اتي ئي ڇڏي پنهنجي ڪوٺي ڏانهن وڌڻ لڳي ۽ دٻيءَ مان آفيم جي هڪ وڏي گوري ڪڍي وات ۾ وڌائين ۽ اطمينان ڪري دير تائين سمهي پئي.
    نواب ڏاڍي خوش هئي. گهڙي گهڙي پنهنجي ان آڱر کي تڪي رهي هئي، جنهن ۾ هيري جي منڊي پيل هئي. ٽي چار ڏينهن گذري ويا، ان دوران هن جو هڪ پراڻو گراهڪ آيو، جنهن کي سردار چيو ته پوليس جو خطرو آهي جنهن ڪري هن ڌنڌو هاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، اهو گراهڪ جيڪو ڪو خاص دولتمند نه هو، ناڪام ٿي واپس هليو ويو. سردار هيبت خان کان تمام گهڻي متاثر ٿي هئي. هن آفيم کائي پرباش ٿي سوچيو هو ته جيڪڏهن آمدني ايتري ئي رهي جيتري پهريون هئي ۽ ماڻهو فقط هڪ ئي هجي ته وڌيڪ بهتر آهي ۽ هاڻي هن اهو فيصلو ڪيو هو ته باقي ٻين کي به آهستي آهستي اهو چئي ٽرخائيندي ته پوليس وارا هنن جي پويان آهن ۽ هيءَ اهو نه ٿي ڏسي سگهي ته سندن عزت خطري ۾ پئجي وڃي.
    هيبت خان هڪ هفتي کان پوءِ ظاهر ٿيو، ان دوران سردار ٻين گراهڪن کي منع ڪري چڪي هئي ته هو هاڻي هيڏانهن جو رخ نه ڪن.
    هو انهيءَ ساڳئي شان سان آيو جنهن شان سان پهرئين ڏينهن آيو هو. اچڻ سان ئي هن نواب کي پنهنجي ڇاتيءَ سان چهٽائي ڇڏيو، سردار ان سان ڪجهه به نه ڳالهايو. نواب ان کي..... بلڪه ائين ٿيو ته هيبت خان هن کي ڪوٺڙيءَ ۾ وٺي ويو، جتي نهواري پلنگ هو، هن ڀيري سردار اندر نه آئي ۽ پنهنجي کٽ تي آفيم جي گوري کائي چنگهندي رهي. هيبت خان کي نواب جي الهڙ جواني ڏاڍي پسند آئي هئي، هوءَ پيشيور عورتن جي چالن کان قطعي ناواقف هئي، هن ۾ اهو گهريلو عورتن وارو انداز به نه هو جيڪو عام گهرن جي عورتن ۾ هوندو آهي، هن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي جيڪا سندس پنهنجي ئي هئي ٻين کان بلڪل مختلف هوءَ ان سان هنڌ ۾ ائين سمهندي هئي جيئن ڪو ٻار پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ سمهندو آهي ان جي ڇاتيءَ تي هٿ ڦيريندو آهي، ان جي نڪ ۽ ناسن ۾ هٿ وجهندو آهي، ان جا وار پٽيندو آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي ننڊ پئجي ويندو آهي.
    هيبت خان لاءِ هي هڪ نئون تجربو هو، هن لاءِ عورت جو اهو قسم بلڪل نرالو، دلچسپ ۽ فرحت ڏيندڙ هو. هو هاڻي هفتي ۾ ٻه ڀيرا اچڻ لڳو هو. نواب ان لاءِ هاڻي بي انتها ڪشش جو باعث بڻجي چڪي هئي.
    سردار خوش هئي ڇا لاءِ ته هاڻي هن جي کيسي ڀرجڻ لاءِ ڪافي نوٽ ملي ويندا هئا پر نواب پنهنجي معصوميت باوجود به اڪثر سوچيندي هئي ته هيبت خان ڊنل ڊنل ڇو آهي، جيڪڏهن ڪچي سڙڪ جي هن پار ڪا لاري يا موٽر گذريندي آهي ته هي گهٻرائجي ڇو ويندو آهي ۽ هن وٽان اٿي ٻاهر وڃي لڪي لڪي تڪيندو آهي ته ڪير هو.
    هڪ رات ٻارهين وڳي ڌاري سڙڪ جي ويجهو ڪا لاري گذري. هيبت خان ۽ نواب ٻئي هڪ ٻئي سان گڏ سمهيا پيا هئا ته هيبت خان هڪدم ڪنبڻ لڳو ۽ اٿي ويهي رهيو. نواب ڪچي ننڊ ۾ هئي، هو ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ ڏڪڻ لڳو ته نواب جي پوري جسم ۾ لرزش اچي وئي، جيئن ڪو سندس اندر ۾ زلزلو اچي ويو هجي رڙ ڪري هن پڇيو ”ڇا ٿيو؟“
    هيبت خان هاڻي ڪجهه سامت ۾ اچي ويو هو، هن پاڻ کي اڃا به وڌيڪ سنڀاليو ۽ چيو ته ”ڪا ڳالهه ناهي مان.... مان شايد خواب ۾ ڊڄي ويو هوس.“
    لاري جو آواز رات جي سانت ۾ پري کان هاڻي به اچي رهيو هو. نواب کيس چيو ، ”نه خان، ڪا ٻي ڳالهه آهي، جڏهن به ڪا لاري يا موٽر سڙڪ تان گذرندي آهي، ته تنهنجي اها ئي حالت ٿيندي آهي.“
    هيبت جي شايد اها ڏکندڙ رڳ هئي جنهن تي نواب هٿ رکيو هو. هن پنهنجي مردانگيءَ جي لڄ رکڻ لاءِ تيز لهجي ۾ چيو، ”تون بڪواس ڪري رهي آهين. موٽرن ۽ لارين کان ڊڄڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو.“
    نواب جي دل ڏاڍي نازڪ هئي، جنهنڪري کيس صدمو رسيو ۽ هن روئڻ شروع ڪيو، هيبت خان جڏهن کيس پرچايو ته نواب جو جسم هن جي اڃا به ويجهو اچي ويو.
    هيبت خان سٺي قد ڪاٺ وارو خوبصورت ماڻهو هو، هن جي ڀاڪر ۾ پهريون ڀيرو نواب پنهنجي اندر هڪ چرپر محسوس ڪئي هئي، هن کي جسماني لذت جي الف ب پهريون ڀيرو هيبت خان ئي سيکاري هئي. هاڻي هي ساڻس محبت ڪرڻ لڳي هئي. ائين کڻي چئجي ته محبت جي اصل معنيٰ هن کي هاڻي سمجهه ۾ اچڻ لڳي هئي. هو جيڪڏهن هڪ هفتو گم ٿي ويندو هو ته نواب گرامو فون تي درديلا گانا ٻڌندي هئي ۽ پاڻ به انهن سان گڏ ڳائيندي ۽ آهون ڀريندي هئي پر هن کي اها ڳالهه الجهائي وجهندي هئي ته هيبت خان موٽرن ۽ لارين کان گهٻرائيندو ڇو آهي!
    مهينا گذري ويا، هنن ٻنهي جي وچ ۾ اڃا به وڌيڪ ويجهڙائي ٿيندي وئي پر ان سان گڏوگڏ هن جي الجهن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو، هاڻي هيبت خان چند ڪلاڪن لاءِ ايندو هو ۽ افراتفريءَ واري صورتحال ۾ واپس هليو ويندو هو، نواب محسوس ڪندي هئي ته اهو سڀ ڪجهه مجبوريءَ سببان پيو ٿئي، نه ته هيبت خان دلي طور اهو چاهيندو هو ته هتي گهڻي دير ترسي، نواب ڪيترائي ڀيرا هن کان پڇيو هو پر هن ڳالهه کي ٽار صحيح جواب نه ٿي ڏنو.
    هڪ ڏينهن صبح جو سوير ان جي ڊوج ٻوڙن جي هن پار اچي بيٺي نواب ستل هئي، هارن وڳو ته ڇرڪ ڀري اٿي، اکيون مهٽيندي ٻاهر آئي تيستائين هيبت خان پنهنجي موٽر پري بيهاري گهر جي ويجهو پهچي چڪو هو، نواب ڊڪندي اچي هن کي چنبڙي پئي. هيبت هن کي اندر ان ڪمري ۾ کڻي آيو جتي نهواري پلنگ پيل هو. ڪافي دير تائين ٻئي ڳالهيون ڪندا رهيا، پيار ۽ محبت جون ڳالهيون..... نه ڄاڻ نواب ڇا سوچيو جو هن جي دل ۾ زندگيءَ جي پهرئين فرمائش ڪرڻ جو خيال جاڳيو، چيائين ”خان..... مون کي سون جا ڪڙا وٺي ڏي.“
    هيبت خان هن جي گوشت سان ڀريل ڳاڙهين ڀورين ٻانهن کي ڪئي ڀيرا چميو ۽ چيو، ”سڀاڻي ئي اچي ويندا، تنهنجي لاءِ ته منهنجي جان به حاضر آهي.“
    نواب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ” خان صاحب...... ڇڏيو به ... جان ته اسان کي ڏيڻي پوندي.“
    هيبت خان اهو ٻڌي سوين ڀيرا صدقي ٿيو ۽ ڏاڍو بر لطف وقت گذاري هليو ويو ۽ اهو واعدو ڪري ويو ته سڀاڻي ايندو ۽ سون جا ڪڙا هن جي نرم نرم هٿن ۾ پاڻ پهرائيندو.
    نواب خوش هئي، ان رات هوءَ دير تائين ان ڪوٺڙيءَ ۾ نچندي رهي جنهن ۾ نهواري پلنگ هو. سردار به خوش هئي. ان رات هن وري دٻيءَ مان آفيم جي هڪ وڏي گوري ڪڍي ۽ ڳهي سمهي پئي.
    ٻي ڏينهن نواب اڃا به وڌيڪ خوش ٿي رهي هئي ته اڄ سون جا ڪڙا اچڻ وارا آهن ۽ هيبت خان اهي پاڻ پهرائيندو. اهو سڄو ڏينهن منتظر رهي پر هو نه آيو. هن سوچيو شايد موٽر خراب ٿي پئي هوندس. شايد رات جو ئي اچي وڃي. هيءَ سڄي رات جاڳندي رهي پر هيبت خان نه آيو، هن جي نازڪ دل کي ڏاڍو صدمو پهتو هن پنهنجي ماءُ کي، يا هوءَ جيڪا به هيس، هر هر ٿي چيو ”خان ناهي آيو.... واعدو ڪري ڦري ويو.“ پر وري هن سوچيو ۽ چيو ”ائين ته ناهي ته ڪجهه ٿي ويو هجي“ ۽ وري وسامي ٿي وئي.
    ڪيتريون ئي ڳالهيون سندس ذهن ۾ اچي رهيون هيون، موٽر جو حادثو، اچانڪ بيماري، ڪنهن ڌاڙيل جو حملو... پر هر هر هن کي لارين ۽ موٽرن جي آوازن جو خيال ايندو هو جن کي ٻڌي هيبت خان گهٻرائجي ويندو هو.... هيءَ انهيءَ بابت پهرن جا پهر سوچيندي رهندي هئي پر سندس سمجهه ۾ ڪجهه به نه ايندو هو.
    هڪ هفتو گذري ويو. ان دوران هن جو ڪو پراڻو گراهڪ به نه آيو، ڇا لاءِ ته سردار انهن سڀني کي منع ڪري چڪي هئي. ٽي چار موٽرون ۽ لاريون البته ان سڻڪ تان ڌوڙ اڏائينديون گذري ويون، نواب کي هر ڀيري اهو خيال ٿي آيو ته ڊڪندي انهن جي پويان وڃي ۽ انهن کي باهه لڳائي اچي. هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اهي ئي شيون آهن، جيڪي هيبت خان کي هتي اچڻ لاءِ رڪاوٽ جو سبب بڻيل آهن پر وري سوچيندي هئي ته موٽر ۽ لاريون رڪاوٽ جو سبب ڪيئن ٿيون ٿي سگهن ۽ پنهنجي ڪم عقليءَ تي کلندي هئي. پر اها ڳالهه هن جي عقل کان مٿي هئي ته هيبت خان جهڙو مرد انهن آوازن کي ٻڌي گهٻرائجي ڇو ويندو آهي. ان حقيقت کي هن جي دماغ جو ڪوبه دليل وساري نه سگهندو هو ۽ پوءِ هوءَ ڏاڍي پريشان ۽ غم زده ٿي گرامون فون تي درديلا گانا ٻڌڻ شروع ڪندي هئي ۽ سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو.
    هڪ هفتي کان پوءِ منجهند جو نواب ماني کائڻ کان پوءِ فارغ ٿي چڪي، ڪجهه وقت آرام ڪرڻ لاءِ سوچي رهي هئي ته اوچتو ٻاهر سڙڪ تي موٽر جي هارن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ٻئي اهو آواز ٻڌي ڇرڪيون، ڇا لا ته اهو هيبت خان جي ڊوج جو آواز نه هو. سردار ٻاهر نڪتي ته ڪو پراڻو ماڻهو هجي ته کيس واپس ڪري، پر هوءَ جڏهن ٻوڙن وٽ پهتي ته هن ڏٺو ته هڪ نئين موٽر ۾ هيبت خان ويٺو آهي ۽ پوئين سيٽ تي هڪ خوش پوش ۽ خوبصورت عورت ويٺل آهي.
    هيبت خان موٽر ڪجهه پرڀرو بيهاري ۽ ان خوبصورت سان گڏ هنن جي گهر طرف وڌڻ لڳو. سردار سوچيو ته هي ڇا سلسلو آهي، عورت جي لاءِ ته هيبت خان ايڏو پريان هتي ايندو آهي پوءِ هيءَ عورت جيڪا ايڏي خوبصورت آ، جوان آ، قيمتي ڪپڙا پهريل اٿس، ان سان گڏجي هتي ڇا ڪرڻ آيو آهي.
    هيءَ اڃا اهو سوچي ئي رهي هئي ته هيبت خان ان خوبصورت عورت جنهن کي قيمتي زيور پهريل هئا، گهر ۾ وٺي آيو، هن سندن پويان پويان هلڻ شروع ڪيو، هن طرف انهن ٻنهي مان ڪنهن به ڌيان نه ڏنو.
    جڏهن هيءَ اندر آئي ته هيبت خان، نواب ۽ اها عورت ٽئي ان نهواري پلنگ تي ويٺل هئا ۽ سانت لڳي پئي هئي. عجيب قسم جي سانت زيورن سان سٿيل عورت البته ڪجهه حد تائين ٿوري حيران ٿي لڳي ۽ هن جي هڪ ٽنگ ڏاڍي زور سان لُڏي رهي هئي.
    سردار چانئٺ جي ڀر م ئي بيهجي وئي. سندس قدمن جو آواز ٻڌي هيبت خان هن طرف ڏٺو ته هن سلام ڪيو. هيبت خان ڪوبه جواب نه ڏنو، هو سخت گهٻرايل هو.
    انهيءَ عورت جي ٽنگ لڏڻ بند ٿي وئي ۽ هوءَ سردار سان مخاطب ٿي، ”اسان آيا آهيون ته ڪجهه کائڻ پيئڻ جو ته بندوبست ڪر.“
    سردار مهمان نوازيءَ واري ڀرپور انداز ۾ چيو”جيڪو تون چوين هاڻي تيار ٿي ويندو.“
    ان عورت جنهن جي مهانڊن مان صاف ظاهر هو ته هو وڏي ترڪ تال عورت آهي. هن سردار کي چيو، ”ته پوءِ تون هن هل بورچي خاني ۾ چلهه ٻار، وڏي ديڳڙي آهي گهر ۾؟“
    ”ها آهي!“ سردار پنهنجو وزني مٿو چوريو.
    ”ته پوءِ وڃ، ان کي ڌوئي صاف ڪر، مان اجهو آيس.“ اها عورت پلنگ تان اٿي ۽ گرامون فون ڏسڻ لڳي. سردار معذرت واري لهي ۾ چيو ”گوشت وغيره ته هتي نه ملندو.“
    ان عورت هڪ رڪارڊ تي سئي رکي چيو، ”ملي ويندو، تو کي جيڪو چيو آ سو ڪر ۽ ها باهه گهڻي هجي.“
    سردار اهي حڪم وٺي هلي وئي. هاڻي اها خوش پوش عورت مرڪندي نواب سان مخاطب ٿي ”نواب اسان تو لاءِ سون جا ڪڙا کڻي آيا آهيون.“
    اهو چئي هن پنهنجي پرس کولي ۽ ان مان نفيس ڳاڙهي ڪاغذ ۾ ويڙهيل ڪڙا ڪڍيا، جيڪي ڪافي وزني ۽ خوبصورت هئا.
    نواب پنهنجي ڀر م ويٺل خاموش هيبت خان کي تڪي رهي هئي. نواب هڪ نظر ڪڙن تي وڌي ۽ ڏاڍي نرم ۽ نازڪ پر هيسيل لهجي ۾ پڇيو، ”خان، هيءَ ڪير آهي؟“
    هن جو اشارو ان عورت ڏانهن هو.
    ان عورت ڪڙن سان کيڏندي ڳالهايو”مان ڪير آهيان؟ مان هيبت خان جي ڀيڻ آهيان.“ ۽ ائين چئي هيبت خان طرف ڏٺائين، جيڪو هن جي ان جواب تي سڪڙجي ويو هو. پوءِ هن نواب کي ڏانهنس تڪيندي چيو، ”منهنجو نالو هلاڪت آهي.“
    نواب کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. هوءَ انهي عورت جي اکين کان ڊڄي رهي هئي، جيڪي يقينن خوبصورت ته هيون پر ڀوائتي انداز ۾ کليل هيون، انهن مان جهڙوڪ باهه وسي رهي هئي.
    هوءَ اڳتي وڌي ۽ گهٻرايل هيسيل نواب جون ٻانهون پڪڙيون ۽ انهن ۾ ڪڙا وجهڻ لڳي، ٻانهون ڇڏيندي هيبت خان سان مخاطب ٿي، ”تون وڃ هيبت خان، مان هن کي چڱي طرح ٺاهي سنواري تنهنجي خدمت ۾ پيش ڪرڻ چاهيان ٿي.“
    هيبت خان مهو لڳو پيو هو. جڏهن هو نه اٿيو ته ان عورت جنهن پنهنجو نالو هلاڪت ٻڌايو هو، ڪجهه زور سان چيو ”وڃ.... تو ٻڌو نه !“
    هيبت خان نواب کي ڏسندو، ٻاهر هليو ويو. هو ڏاڍو پريشان هو. سندس سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هو ڪيڏانهن وڃي ۽ ڇا ڪري؟
    گهر جي ٻاهران جيڪو ورانڊي جيان هو، ان جي هڪ ڪنڊ ۾ ننڍڙو بورچي خانو هو، هي جڏهن ان جي ويجهو پهتو ته ڏٺائين ته سردار باهه ٻاري رهي هئي، هن ان سان ڪجهه به نه ڳالهايو ۽ ٻوڙن جي هن پار سڙڪ تي هليو ويو... سندس حالت نيم ديوانن جهڙي هئي. ٿوري کڙڪي تي به هي ڇرڪي پوندو هو.
    جڏهن هن کي پريان کان هڪ لاري ايندي نظر آئي ته هن سوچيو ته هو ان کي روڪي ۽ ان ۾ چڙهي هتان گم ٿي وڃي پر جڏهن اها ويجهو آئي ته اهڙي ڌوڙ اٿي جو هي ان ۾ گم ٿي ويو هن سڏ ڪيا پر مٽيءَ جي ڪري هن جو ڳلو ان لائق ئي نه رهو جو وڏو آواز ڪڍي سگهي.
    مٽِي گهٽ ٿي ته هيبت خان بي حال هو. هن چاهيو ٿي ته ٻوڙن پويان ان گهر ۾ وڃي جتي هن ڪيترائي ڏينهن ۽ ڪيتريون ئي راتيون نواب جي مست جواني جي ڀر ۾ گذاريون هيون پر هي نه وڃي سگهيو، سندس قدم ئي نه ٿا کڄيا.
    هي ڪافي دير تائين ڪچي سڙڪ تي بيهي سوچيندو رهيو ته هي معاملو ڇا هي؟ اها عورت جيڪا هن سان گڏ آئي هئي انهيءَ سان هن جا ڪافي پراڻا واسطا هئا، فقط انهيءَ حوالي سان ته هو ان جي مڙس جي تعزيت لاءِ ويو هو جيڪو هن جو گهاٽو دوست هو، پر اتفاق سان اها تعزيت هنن جي تعلق ۾ تبديل ٿي وئي. مڙس جي موت کان ٻئي ڏينهن تي ئي هو ان جي گهر ۾ هو ته ان عورت هن کي اهڙو محڪوم بڻايو ۽ پنهنجو پاڻ هن جي حوالي ڪيو جو ڄڻ ته هي ڪو سندس غلام هجي. هيبت خان عورت جي معاملي ۾ بلڪل اڻ ڄاڻ ۽ ڪورو هو. جڏهن شاهينا هن سان پنهنجي عجيب و غريب انداز ۾ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيون ته هن لاءِ اها ئي تمام وڏي ڳالهه هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهينا وٽ بي انداز دولت هئي ڪجهه پنهنجي ۽ ڪجهه پنهنجي مرحوم مڙس جي، پر هيبت کي هن جي دولت سان ڪا به دلچسپي نه هئي. کيس شاهينا ۾ فقط انهيءَ ڪري دلچسپي هئي جو هوءَ هن جي زندگيءَ ۾ ايندڙ پهرئين عورت هئي. هي ان جي حڪم جو بندو ان ڪري به ٿي ويو هو جو بلڪل اڻ ڄاڻ هو.
    ڪافي دير تائين هي ڪچي سڙڪ تي سوچيندو رهيو، آخر ڪار هن کان رهيو نه ٿيو ۽ ٻوڙن پويان گهر طرف هلڻ لڳو. هن ورانڊي واري ننڍڙي بورچي خاني ۾ سردار کي ڪجهه پڃندي ڏٺو، هو اندر ان ڪمري طرف ويو جتي نهواري پلنگ هو پر دروازو بند ٿيل هو. هن آهستي در کڙڪايو، چند گهڙين بعد دروازو کليو ڪچي فرش تي سڀ کان پهريون هن کي خون ئي خون نظر آيو، هي ڇرڪي پيو. پوءِ هن شاهينا کي ڏٺو جيڪا دروازي جي تاڪ سان لڳي بيٺي هئي، هن هيبت خان کي چيو ”مان تنهنجي نواب کي سنبرائي ڇڏيو آهي.“
    هيبت خان پنهنجي خشڪ نڙي کي ٿڪ سان ڪجهه تر ڪري کانئس پڇيو، ”ڪٿي آهي؟“
    شاهينا جواب ڏنو ”ڪجهه ته هن پلنگ تي آهي پر.... پر هن جو بهترين حصو بورچي خاني ۾ آهي“
    هيبت خان تي هن جو مطلب سمجهڻ کان بغير ئي هيبت طاري ٿي وئي. هو ڪجهه به نه ڪڇي سگهيو، اتي ئي چانئٺ جي ڀر ۾ بيٺو رهيو. پر هن ڏٺو ته فرش تي گوشت جا ننڍا ننڍا ٽڪرا به پيل آهن ۽ هڪ تيز ڇري به پيل آهي ۽ نهواري پلنگ تي ڪو ئي ليٽيل آهي، جنهن تي خون لڳل چادر به پيل آهي.
    شاهينا مسڪرائيندي چيو ”چادر کڻي ڏيکاريان..... تنهنجي ٺهيل. سنواريل نواب آهي... مان هن کي پنهنجي هٿن سان سينگاريو آهي... پر تون پهرين ماني کائي وٺ..... تو کي بک لڳي هوندي. سردار ڏاڍو لذيز گوشت ڀڃائي رهي آهي. ان جون ٻوٽيون مان خود پنهنجن هٿن سان ڪٽيون آهن.“
    هيبت خان جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون. تيز رڙ ڪري چيائين،
    ”شاهينا تو هي ڇا ڪيو؟“
    شاهينا مرڪي چيو، ”جان من، هي پهريون ڀيرو ناهي... ٻيو ڀيرو آهي. منهنجو مڙس الله کيس جنت نصيب ڪري تو وانگر ئي بي وفا هو، مان خود ان کي ماريو هو پنهنجي هٿن سان ۽ سندس گوشت پچائي ڪانون ۽ هِلن کي کارايو هو... تو سان مون کي پيار هو.... ان ڪري مان تنهنجي بدران...“
    هن جملو پورو نه ڪيو ۽ پلنگ تان خون لڳل چادر هٽائي ڇڏي، هيبت خان جي رڙ سندس نڙي اندر ئي رهجي وئي ۽ هو بيهوش ٿي ڪري پيو.
    جڏهن هن کي هوش آيو، ته هن ڏٺو، شاهينا ڪار هلائي رهي آهي، ڪنهن غير علائقي ۾.

    سنڌيڪار :رضوان گل


    کولي ڇڏ

    امرتسر کان اسپيشل ٽرين منجهند جو 2 بجي هلي ۽ اٺن ڪلاڪن کانپوءِ مغل پور پهتي. رستي ۾ ڪيترائي ئي ماڻهو ماريا ويا. ڪافي زخمي ٿيا ۽ ڪجهه هيڏي هوڏي ڀٽڪي ويا.
    صبح جو ڏهين وڳي ڪيمپ جي ٿڌي زمين تي جڏهن سراج الدين اکيون کوليون ته کيس چو طرف مردن، عورتن ۽ ٻارن جو سمنڊ نظر آيو جنهن ڪري هن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي قوت اڃا به گهٽجي وئي.
    هو ڪافي دير تائين ميري آسمان کي ٽڪ ٻڌي تڪيندو رهيو. هونءَ ته ڪيمپ ۾ هر پاسي گوڙ گهمسان هو پر پوڙهي سراج الدين جا ڪن جهڙوڪ بند هئا. کيس ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيو، ڪو کيس ڏسي محسوس ڪندو ته ڪو اوني سوچ ۾ غرق آهي، پر ائين هيو ڪو نه، هن جا هوش و حواس خطا هئا ۽ سندس سمورو وجود خلا ۾ گم هو.
    نيري آسمان طرف ڏسي ڏسي سراج الدين جون نظرون سج سان ٽڪرايون، تيز روشني هن جي اندر ۾ گهڙي وئي ۽ هو جاڳي پيو. سندس دماغ ۾ ڪيتريون ئي تصويرون گردش رهيون هيون، ڦرلٽ، باهه، ڀڄ ڊڪ. اسٽيشن، گوليون، رات ۽ سڪينا...... سراج الدين يڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ چرين جيان پنهنجي چوطرف پکڙيل انساني سمنڊ کي جاچڻ شروع ڪيائين.
    پورا ٽي ڪلاڪ هي ”سڪينا سڪينا“ پڪاريندو ۽ رلندو رهيو پر هن کي پنهنجي جوان اڪيلي ڌيءَ جي ڪابه خبر نه پئي. چوطرف هڪ افراتفري وارو ماحول هو.... ڪوئي پنهنجو ٻار ڳولهي رهيو هو، ڪوئي ماءُ، ڪوئي زال ۽ ڪوئي ڌيءُ... سراج الدين ٿڪي ٽٽي هڪ هنڌ ويهي رهيو ۽ حافظي تي زور ڏئي سوچڻ لڳو ته سڪينا هن کان ڪڏهن ۽ ڪٿي جدا ٿي هئي پر سوچيندي سوچيندي هن جو دماغ سمينا ماءُ جي لاش تي ڄمي ويو. جنهن جا آنڊا ٻاهر نڪتل يا. ان کان اڳتي هو ڪجهه به سوچي نه ٿي سگهيو.
    سڪينا جي ماءُ مري چڪي هئي. ان سراج الدين جي اکين آڏو ساهه ڏنو هو، پر سڪينا ڪٿي هئي، جنهن جي لاءِ ان جي مرندڙ ماءُ چيو هو ته ”مون کي ڇڏي ڏي ۽ سڪينا کي وٺي جلدي ڀڄي وڃ“ سڪينا ماءُ سان سان گڏ ئي هتي ۽ ٻئي پيرين اگهاڙيون ڀڄي رهيون هيون سڪينا جو رئو ڪري پيو هو، جنهن کي کڻڻ لاءِ هن بيهڻ چاهيو هو پر سڪينا رڙ ڪري ڇڏيو هو”بابا..... ڇڏيو“ پر ان رئو کڻي ورتو هو..... اهو سوچيندي سوچيندي هن پنهنجي ڪوٽ جي اڀريل کيسي ڏانهن ڏٺو ۽ ان ۾ هٿ وجهي. هڪ ڪپڙو ڪڍيو.... سڪينا جو اهو ئي رئو هو.... پر سڪينا ڪٿي هئي؟
    سراج الدين پنهنجي ٿڪيل دماغ تي ڏاڍو زور ڏنو پر هو ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيو... ڇا هو سڪينا کي اسٽيشن تائين وٺي آيو هو.... ڇا هوءَ اسان سان گڏ گاڏيءَ ۾ سوار ٿيل هئي؟ رستي ۾ جڏهن گاڏي روڪي وئي هئي ۽ ڦورو اندر گهري آيا هئا ته ڇا هو بيهوش ٿي ويو هو جو اهي سڪينا کي کڻي ويا؟
    سراج الدين جي ذهن ۾ سوال ئي سوال هئا پر جواب ڪونه هو. ان کي همدردي جي ضرورت هئي.... سراج الدين روئڻ چاهيو پر سندس اکين مدد نه ڪئي. ڳوڙها نه ڄاڻ ڪاڏي غائب ٿي ويا هئس. ڇهن ڏينهن کان پوءِ جڏهن حالتون ڪجهه ٺيڪ ٿيون ته سراج الدين انهن ماڻهن سان مليو جيڪي سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار هئا. اٺ نوجوان هئا جن وٽ بس به هئي ۽ بندڪون به. سراج الدين انهن کي لک دعائون ڪيون ۽ سڪينا جو قد بت ۽ منهن مهانڊو ٻڌايو:
    ”رنگ ڀورو اٿس ۽ ڏاڍي خوبصورت آهي. مون تي ناهي پنهنجي ماءُ تي آ.... عمر سترهن سالن جي لڳ ڀڳ اٿس.... اکيون وڏيون وڏيون.... وار ڪارا، سڄي ڳل تي وڏو تر... منهنجي سڪي لڌي هڪڙي ڌيءَ آهي.... ڳولهي ڏيو ته خدا توهان جو ڀلو ڪندو.“
    رضاڪار نوجوانن وڏي جذبي سان ڪراڙي سراج الدين کي يقين ڏياريو ته سندس ڌيءَ جيئري هوندي ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هن وٽ هوندي.
    اٺن ئي نوجوانن ڪوشش ڪئي، سر ڌڙ جي بازي لڳائي هو امرتسر ويا. ڪيترين عورتن، ڪيترن مردن ۽ ڪيترن ئي ٻارن کي ڪڍي انهن کين محفوظ هنڌن تائين پهچايو. ڏهه ڏينهن گذري ويا، پر انهن کي سڪينا ڪٿي به نه ملي.
    هڪ ڏينهن هو انهيءَ خدمت جي لاءِ بس تي امرتسر وڃي رهيا هئا ته انهن کي ڪڇ هرٽا جي ڀرسان هڪ ڇوڪري نظر آئي. بس جو آواز ٻڌي هن ڀڄڻ شروع ڪيو. رضاڪارن گاڏيءَ کي روڪايو ۽ سڀئي ان جي پويان ڀڳا، هڪ فصل مان انهن ان ڇوڪريءَ کي پڪڙيو. ڏٺائون ته ڏاڍي خوبصورت هئي. سڄي ڳل تي وڏو تر به هيس، هڪ ڇوڪري کيس چيو گهٻراءِ نه.... ڇا تنهنجو نالو سڪينا آهي؟ ڇوڪريءَ جو چهرو هيڊو ٿي ويو، پر جڏهن سڀني ڇوڪرن ان کي دم دلاسو ڏنو ته سندس ڊپ ختم ٿيو ۽ هن اهو مڃيو ته هوءَ سراج الدين جي ڌيءَ آهي.
    اٺن ئي رضاڪار نوجوانن چڱي ريت سڪينا کي دلجاءِ ڏني. کيس ماني کارائي ، کير پيئاري بس ۾ ويهاريو ويو. هڪ نوجوان پنهنجو ڪوٽ لاهي هن کي ڏنو ڇا لاءِ ته رئو نه هئڻ ڪري هوءَ ڏاڍي ڏکيائي محسوس ڪري رهي هئي ۽ هر هر پنهنجي سيني کي ٻانهن سان ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
    ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. سراج الدين کي سڪينا جو ڪوبه پتو نه پيو، هو سڄو ڏينهن مختلف ڪيمپن ۽ آفيسن جا چڪر لڳائيندو رهندو هو، پر ڪٿان به هن جي ڌيءَ جي خبر نه پئي، رات جو دير تائين هي انهن رضاڪارن جي ڪاميابي لاءِ دعائون گهرندو رهيو جن کيس يقين ڏياريو هو ته ”جيڪڏهن سڪينا زندهه هوندي ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان کي ڳولهي وٺندا.“
    هڪ ڏينهن سراج الدين ڪيمپ ۾ انهن رضاڪارن کي ڏٺو جيڪي بس ۾ ويٺل هئا. سراج الدين ڊڪندو ڊڪندو انهن وٽ پهتو. بس هلڻ واريئي هئي ته هن کانئن پڇيو”پٽ منهنجي سڪينا جي ڪا خبر پئي!“
    سڀني هم آواز ٿي چيو ”پئجي ويندي پئجي ويندي“ ۽ بس هلي پئي.
    سراج الدين هڪ دفعو وري انهن نوجوانن جي ڪاميابي لاءِ دعا گهري ۽ هن دل جو بار ڪجهه هلڪو ٿيو.
    شام ٿيڻ واري هئي جو ڪيمپ ۾ جتي سراج الدين ويٺل هو. ان جي ڀرسان ئي ڪجهه گڙ ٻڙ ٿي هئي. چار ماڻهو ڪجهه کڻي اچي رهيا هئا. هن پڇا ڪئي ته کيس ٻڌايو ويو هڪ هوا جي ڌيءَ ريلوي لائين جي ڀرسان بيهوش پيل هئي جتان ماڻهو ان کي کڻي آيا آهن. سراج الدين انهن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ڇوڪريءَ کي اسپتال وارن جي حوالي ڪري هليا ويا.
    ڪجهه گهڙين تائين هي ائين ئي اسپتال جي ٻاهران هڪ ڪاٺ جي ٺلهه سان ٽيڪ ڏئي بيٺو رهيو، ۽ پوءِ آهستي آهستي اندر هليو ويو. ڪمري ۾ ڪوبه نه هو، سراج الدين ننڍا ننڍا قدم کڻندو ان ڏانهن وڌيو. ڪمري ۾ اچانڪ روشني ٿي. سراج الدين لاش جي هيڊي چهري تي چمڪندڙ تر ڏٺو ۽ وڏي رڙ ڪئي. ”سڪينا!“
    ڊاڪٽر جنهن ڪمري ۾ روشني ڪئي هئي. ان سراج الدين کان پڇيو ”ڇا آهي؟“
    سراج الدين جي نڙيءَ مان صرف اهو ئي نڪري سگهيو، ”مان.... مان... هن جو پيءُ آهيان!“
    ڊاڪٽر اسٽريچر تي رکيل لاش ڏانهن ڏٺو، ان جي نبض جانچي ۽ سراج الدين کي چيو ”دري کولي ڇڏ!“
    سڪينا جي مئل جسم ۾ چرپر ٿي. ان بي جان هٿن سان اڳٺ کوليو ۽ شلوار هيٺ سرڪائي ڇڏي. ڪراڙي سراج الدين خوشيءَ مان رڙ ڪئي“ جيئري آهي منهنجي ڌيءَ جيئري آهي.”ڊاڪٽر نهن کان چوٽي تائين پگهر ۾ شل ٿي ويو.

    سنڌيڪار :رضوان گل


    پنج ڏينهن

    ڄمون رستي ڪشمير وڃبو ته وچ ۾ هڪ ننڍڙو جابلو ڳوٺ ٽبوت ايندو آهي جيڪو ڏاڍو پر فضا هنڌ آهي. هتي ٽي بي جي مريضن لاءِ ننڍڙو سيني ٽوريم ٺهيل آهي. هونءَ ته اڄ کان اٺ نو سال اڳ مان ٽبوت ۾ پورا ٽي مهينا گذاري چڪو آهيان ۽ ان صحت افزا هنڌ سان منهنجي جوانيءَ جو هڪ اڻپورو پيار به وابسته آهي، پر هن ڪهاڻي سان منهنجي ڪنهن به ڪمزوري جو تعلق ناهي.
    ڇهه ست مهينا اڳ مون کي پنهنجي هڪ دوست جي گهر واريءَ کي ڏسڻ لاءِ ٽبوت وڃڻو پيو جيڪا ان سيني ٽوريم ۾ زندگي جون آخري گهڙيون گذاري رهي هئي. مان جيئن ئي اتي پهتس ته هڪ مريض گذاري ويو. ويچاري پدما جو ساهه، جيڪو اڳ ئي ئي تڪليف سان کڄي رهيو هو سو ويتر منجهي ويو، مان نه ٿو چئي سگهان ته سبب ڪهڙو هو، پر منهنجي خيال ۾ فقط اتفاق هو جو چئن ڏينهن اندر ان ننڍڙي سيني ٽوريم ۾ ٽي مريض هڪ ٻئي پويان مرندا ويا. جيئن ئي ڪو بسترو خالي ٿيندو هو يا ڪنهن انسان جي رڙ يا سڏڪو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته سموري سيني ٽوريم ۾ هڪ عجيب قسم جي اداسي ۽ پريشانيءَ وارو ماحول ٿي ويندو هو. اهي مريض جيڪي اميد جي سنهي تند سان اٽڪيل هئا سي اونداهين ۾ گم ٿيڻ لڳندا هئا.
    منهنجي دوست جي گهر واري پدما ته صفا وسامي ويندي هئي. سندن سنهڙن چپن تي موت جي پلاڻ ڏڪڻ لڳندي هئي ۽ هن جي گهرين اکين ۾ انتهائي رحم جهڙي حالت پيدا ٿئي ويندي هئي.
    سڀ کان پهريون هڪ خوفزده ”ڇو؟“ ۽ ان جي پويان گهڻا ڊڄڻا ”نه“.
    ٽئين مريض جي موت کان پوءِ مان ٻاهر ورانڊي ۾ ويهي زندگيءَ ۽ موت بابت سوچڻ لڳس.... سيني ٽوريم هڪ اهڙي گودام جيان پئي لڳو، جنهن ۾ هي مريض بصرن جيان سٿيل هجن.
    هڪ ڪانٽو اچي سٺي ريت ڳريل بصر کي ڳولي کڻي هليو ويندو هو. هيءَ ڪيڏي نه عجيب تشبيهه هئي جيڪا منهنجي ذهن ۾ بار بار اچي رهي هئي. مان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه سوچي سگهيس، ته موت انتهائي خطرناڪ شيءِ آهي. يعني توهان چڱا ڀلا جي رهيا آهيو، ڪو مرض اچي چنبڙي ٿو ۽ ماڻهو مري وڃي ٿو. افسانوي حوالي سان به زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ جو اهو انجام چست نظر نه ٿو اچي.
    ورانڊي مان اٿي اندر آيس، ڏهه پندرهن قدم کنيم ته پويان آواز آيو: ”دفنائي آيئو ٻاويهين نمبر کي؟“
    مان سامهون ڏٺو اڇي بستري تي ٻه ڪاريون اکيون مسڪرائي رهيون هيون. اهي اکيون، مون کي بعد ۾ خبر پئي ته هڪ بنگالي عورت جون هيون جيڪا ٻين مريضن کان بلڪل الڳ طريقي سان موت جو انتظار ڪري رهي هئي.
    هن جڏهن ائين چيو ته ”دفنائي آيئو ٻاوهين نمبر کي؟“ ته مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ انسان کي نه پر... ۽ سچ پڇو ته ان مريض کي قبر ۾ لاهيندي منهنجي دل ۽ دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ به اهو احساس پيدا نه ٿيو ته ڪو هن جي مرڻ سان دنيا ۾ ڪو خيال پيدا ٿي پيو آهي.
    مان جڏهن وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ان بنگالي عورت وٽ وڃي بيٺس جنهن جون اکيون خطرناڪ بيماريءَ باوجود چمڪندڙ ۽ تازيون هيون ته هن مسڪرائيندي چيو، ”منهنجون نمبر چوٿون آهي.“ پوءِ هن اڇي چادر جا گهنج ٺاهيندي ڏاڍي بي تڪلف انداز ۾ چيو، ”توهان مرد ساڙڻ ۽ دفنائڻ ۾ ڪافي دلچسپي وٺندا آهيون.“
    مون ائين ئي جواب ڏنو، ” نه نه. “ ۽ ائين اها مختصر گفتگو ختم ٿي ۽ مان پنهنجي دوست ڏانهن هليو ويس.
    ٻئي ڏينهن هر روز جيان مان سير تي نڪتس هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿي رهي هئي. جنهن موسم ڏاڍي پياري ۽ معصوم لڳي رهي هئي. نيريون نيريون ڌنڌ ۾ وڪوڙيل ٽڪريون، روڊ تي ڪرندڙ پٿر. صحتمند پوري پني قد واريون مينهون. بس هر پاسي خوبصورتي هئي. هڪ پر اعتماد خوبصورتي، جنهن کي ڪنهن چور جي چورائڻ جو کٽڪو نه هو.
    مان سير ڪري واپس سيني ٽوريم ۾ داخل ٿيس ته سڀني مريضن جا لٿل چهرا ڏسي سمجهي ويس ته هڪ عدد پٽيو هلي پيو... يارهون نمبر يعنيٰ پدما.
    هن جي اندر ٿي ويل اکين ۾ جيڪي کليل ئي رهجي ويون هئس مون ڪيترائي ”ڇو“ ۽ ان جي پويان خوفزده ”نه نه“ وارا لفظ پڙهيا. ويچاري !!
    مينهن وسي رهيو هو، جنهن ڪري خشڪ لڪڙا گڏ ڪرڻ ۾ ڪافي مشڪلن جو منهن ڏسڻو پيو. منهنجو دوست اتي ئي چتا جي ڀر ۾ ويٺو رهيو ۽ مان سندس سامان ٺيڪ ڪرڻ سيني ٽوريم هليو آيس. اندر داخل ٿيندي ئي مون کي وري انهيءَ بنگالي عورت جو آواز آيو.
    ”ڏاڍي دير ڪري ڇڏي توهان.”
    ”ها، برسات جي ڪري ڪاٺيون نه ٿي مليون، ان ڪري دير لڳي وئي.“
    ”ٻين هنڌن تي ڪاٺين جا دڪان هوندا آهن، پر مون ٻڌو آهي ته هتي هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڪري پاڻ کي ئي ڪاٺيون گڏ ڪرڻيون پونديون آهن.“
    ”ها“
    ”ويهي رهو نه.“
    مان هن جي ڀر ۾ پيل اسٽول تي ويهي رهيس ۽ هن هڪ عجيب قسم جو سوال ڪيو: ”ڳولا ڪندي ڪندي جڏهن توهان کي ڪنهن خشڪ ڪاٺيءَ جو ٽڪرو ملي ويندو هوندو ته توهان خوش ٿيندا هوندو؟“
    هن منهنجي جواب جو انتظار نه ڪيو ۽ پنهنجي چمڪدار اکين سان مون ڏانهن گهوريندي چيو، ”موت بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟“
    ”مون گهڻا ڀيرا سوچيو آهي پر سمجهه ۾ ناهي اچي سگهيو.“
    هوءَ ڪنهن داناءَ جيان مرڪي پئي ۽ ٻارن واري معصوم انداز ۾ چوڻ لڳي”مان ڪجهه ڪجهه سمجهي سگهان ٿي.... ڇا لاءِ ته ڏاڍا موت ڏٺا اٿم..... ايترا، جيترا توهان شايد هزار سال جيئرا رهي به نه ڏسي سگهو. مان بنگال جي رهواسڻ آهيان، جتان جو ڏڪار اڄ ڪلهه ڏاڍو مشهور آهي. توهان کي ته خبر ٿي هوندي، اتي لکين ماڻهو مري چڪا آهن ۽ ڪيترائي مضمون لکجي چڪا آهن، پوءِ به ٻڌو آ انسان جي انهيءَ عمل جو نقشو صحيح طرح ناهي ظاهر ٿي سگهيو. موت جي هن منڊي بابت سوچيو.“
    پڇيومانس ”ڇا؟“
    هن ساڳئي انداز ۾ جواب ڏنو، ”مون سوچيو ته هڪ ماڻهوءَ جو مرڻ موت آهي... هڪ لک ماڻهن جو مرڻ تماشو آهي... سچ ته موت جو اهو خوف جيڪو ڪڏهن منهنجي دل ۾ ويٺل هو سو هاڻي بلڪل ختم ٿي چڪو آهي. هر بازار ۾ جيڪڏهن ڏهه ويهه ارٿيون ۽ جنازا نظر اچڻ لڳن، ته ڇا موت جو اصل مطلب مري نه ويندو؟مان فقط ايترو سمجهي سگهي آهيان ته اهڙن بي تماشي موتن تي روئڻ بيڪار آهي. چريائپ آهي. پهرئين ڳالهه ته ايترن سان ماڻهن جو مرڻ ئي وڏي چريائپ آهي!“
    يڪدم پڇيومانس، ”ڪنهن جي ؟“
    ”ڪنهن جي به هجي.... چريائپ آهي، هڪ ڀريل شهر تي بم اڇلايو..... ماڻهو مري ويندا.... کوهن ۾ زهر وجهي ڇڏيو.... جيڪو به انهن جو پاڻي پيئندو، مري ويندو... هي ڪارو ڏڪار، جنگ ۽ بيماريون سڀ بڪواس آهن... انهن حالتن ۾ مري وڃڻ ائين آهي جيئن ڪنهن ڇت جي هيٺان اچي وڃڻ، پر دل جي هڪ جائز خواهش جو موت تمام وڏو موت آهي..... انهن حالتن ۾ مري وڃڻ ائين آهي جيئن ڪنهن ڇت جي هيٺان اچي وڃڻ، پر دل جي هڪ جائز خواهش جو موت تمام وڏو موت آهي...... انسان کي مارڻ ڪجهه به ناهي پر ان جي فطرت کي مارڻ تمام وڏو ظلم آهي.“
    اهو چئي هوءَ ڪجهه وقت چپ ٿي وئي، پر وري پاسو بدلائي چوڻ لڳي.”منهنجا خيال اڳ ائين نه ها، سچ پڇو ته مون کي سوچڻ ۽ سمجهڻ جو وقت ئي نه مليو هو، پر ان ڏڪار مون کي هڪ بلڪل نئين دنيا ۾ اڇلي ڇڏيو. ”هوءَ چپ ٿي مون ڏانهن نهارڻ لڳي.
    مان پنهنجي هڪ ڪاپيءَ ۾ يادگيريءَ لاءِ هن جون ڪجهه ڳالهيون نوٽ ڪري رهيو هئس.
    ”هيءَ توهان ڇا پيا لکو؟“
    مون سچائيءَ کان ڪم وٺندي چيو، ”مان ڪهاڻيڪار آهيان..... جيڪي ڳالهيون مون کي دلچسپ لڳنديون آهن، سي نوٽ ڪري وٺندو آهيان.“
    ”او! پوءِ ته مان تو کي پنهنجي پوري ڪهاڻي ٻڌائينديس.“
    ٽي ڪلاڪ جهيڻي آواز ۾ هوءَ مون کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي رهي، جيڪا مان پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪيان ٿو. غير ضروري تفصيلن ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي. بنگال ۾ جڏهن ڏڪار آيو ته ماڻهو ڌڙا ڌڙ مرڻ لڳا، ته سڪينا کي سندس چاچي هڪ لوفر ماڻهو وٽ پنجين سئين ۾ کپايو، جيڪو کيس لاهور وٺي آيو ۽ هوٽل ۾ رهائي هن مان پئسا ڪمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. جيڪو پهريون ماڻهو انهيءَ مقصد لاءِ آندو ويو، اهو هڪ خوبصورت ۽ تندرست نوجوان هو. ڏڪار کان اڳ جڏهن اٽي ۽ لٽي جو ڪو فڪر نه هو، ته هوءَ اهڙي ئي نوجوان جا خواب ڏسندي هئي جيڪو سندس مڙس ٿئي، پر هتي ته هن جو سودو ٿي ڪيو ويو. هڪ اهڙي فعل لاءِ کيس مجبور ٿي ڪيو ويو، جنهن جو تصور اچڻ سان ئي هوءَ ڏڪڻ لڳندي هئي.
    جڏهن هن کي ڪلڪتي کان لاهور آندو ويو ته کيس ڄاڻ هئي ته ساڻس ڪهڙو سلوڪ ٿيڻ وارو آهي. هوءَ باشعور ڇوڪري هئي، سٺي ريت سڀ ڪجهه سمجهي ٿي سگهي ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هن کي سڪو بڻائي هر هنڌ رلايو ويندو، هن کي سڀ خبر هئي پر انهيءَ قيديءَ جيان جيڪو رحم جي اميد نه هوندي به آس رکيون ويٺو هوندو آهي، کيس ڪنهن ناممڪن حادثي جي توقع هئي... اهو حادثو ته نه ٿيو پر هن جي اندر ۾ ايتري همٿ ٿي جو رات جو هوشياريءَ سان هوٽل مان ڀڄي نڪرڻ. ۾ ڪامياب ٿي وئي.
    هاڻي لاهور جا روڊ هئا ۽ هن لاءِ نوان خطرا، وک وک تي ماڻهن جون نظرون کيس گهائي رهيون هيون، ماڻهو هن کي گهٽ پر هن جي جواني جيڪا لڪڻ واري شيءِ نه هئي، کي ڪجهه وڌيڪ ئي گهوري رهيا هئا، ڄڻ برمي سان سندس جسم ۾ سوراخ ڪري رهيا هجن. جواني جيڪڏهن سون چانديءَ جو زيور هجي ها ته شايد ان کي ماڻهن جي نظرن کان بچائي ها، پر هوءَ هڪ اهڙي شيءِ جي حفاظت ڪري رهي هئي، جنهن تي ڪوبه سولائي سان حملو ڪري ٿي سگهيو.
    هوءَ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون ڪڏهن هتي، ڪڏهن هتي، گهمندي ۽ ڀٽڪندي رهي، بک ۾ پاهه ٿي وئي هئي، پر هن ڪنهن جي آڏو هٿ ڊگهو نه ڪيو، ڇا لاءِ ته کيس خوف هيو ته هن جو اڳتي وڌندڙ هٿ سندس عصمت سميت ڪنهن اونداهي ڪوٺڙيءَ ڏانهن نه ڇڪجي وڃي... دڪانن ۾ سجايل مٺايون ڏسندي هئي، هوٽلن تي ماڻهن کي وڏا وڏا گرهه کڻندي ڏسندي هئي، هن جي چئني پاسن کان کائڻ پيئڻ جي شين جو ڏاڍي بيدرديءَ سان استعمال ٿيندو هو.... پر ڄڻ ته دنيا ۾ هن جي حصي جو ڪوبه داڻو نه رهيو هو.
    هن کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مانيءَ جي اهميت جو اندازو ٿيو. پهريون کيس ماني ملندي هئي، هاڻي هن منايءَ سان ملڻ ٿي چاهيو پر ملي نه ٿي سگهي. چئن ڏينهن جي لنگهڻ هن کي پنهنجي ئي نظرن ۾ هڪ شهيد ته بڻائي ڇڏيو هو پر سندس جسم به لرزي ويو هو ۽ اها روحاني آشتي به آخر ڪار ختم ٿيڻ لڳي.
    چوٿين ڏينهن شام جو جڏهن هڪ گهٽيءَ مان گذري رهي هئي ته نه ڄاڻ ڇا ذهن ۾ آيس جو هڪ گهر ۾ گهڙي وئي، اندر وڃڻ کان پوءِ خيال آيس ته ڪو پڪڙِي وٺندو. هاڻي منجهنس ايڏي طاقت به ته ناهي رهي، پر اهو سوچيندي سوچيندي اڱڻ جي ڀرسان پهچي چڪي هئي. هلڪي اونڌهه ۾ هن گهڙا منجيءَ تي ٻه صاف دلا ڏنا ۽ انهن سان گڏ ئي ميون سان ڀريل ٻه ٿال. صوف، ناسپتيون، ڏاڙهون، هن سوچيو ڏاڙهون بڪواس آهن.. صوف ۽ ناسپتيون ٺيڪ آهن... دلي تي ڍڪڻيءَ بجاءِ پيالو ڏنل هو. هن ڍڪ لاهي ڏٺو ته ان ۾ ملائي ڀريل هئي. هن کڻي بغير ڪجهه سوچڻ جي جلدي جلدي کائڻ شروع ڪيو، ٿوريءَ دير بعد سڄي ملائي هن جي پيٽ ۾ هئي، ڪيڏو نه فرحت بخش لمحو هو، وسري ويس ته ٻي ڪنهن جي گهر ۾ آهي.... اتي ئي ويهي صوف ۽ ناسپتيون کائڻ شروع ڪيون. گهڙا منجيءَ هيٺان ٻيو ڪجهه به نه هو. کيرڻي. ٿڌي هئي، پر هن سڄو ٿانءُ خالي ڪري ڇڏيو. يڪدم نه ڄاڻ ڇا ٿي ويو، سندس مٿو چڪرائجڻ لڳو. اٿي بيٺي، ڪٿان کنگهڻ جو آواز آيو، هن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر مٿو چڪرائجي ويس ۽ ڪري بيهوش ٿي وئي.
    جڏهن هوش آيس ته هڪ صاف سٿري بستري تي سمهيل هئي سڀ کان پهريون کيس اهو خيال آيو ته لٽجي ته ناهيان وئي... پر هڪدم اطمينان ويس ته هوءَ صحيح سلامت آهي. اڃا ڪجهه ٻيو سوچڻ مس شروع ڪيائين ته هلڪي هلڪي کنگهه جو آواز آيو. هڪ هڏن جو پڃرو ڪمري ۾ داخل ٿيو.
    سڪينا پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪافي ڏڪار سٽيل ماڻهو ڏٺا ها، پر هي ماڻهو انهن کان تمام مختلف هو.
    ويچارائپ هن جي اکين مان ليئا پائي رهي هئي پر ان ۾ اناج جي خواهش نه هئي، هن پيٽ بکيا ڏٺا هئا جن جي نظرن ۾ هڪ اگهاڙي ۽ عجيب ڇڪ هوندي هئي، پر هن مرد نظرن کيس چمڪندڙ ڏيئو نظر آيو هڪ جي ڌنڌلو پردو جنهن جي پويان هو ڊڄي ڊڄي هن ڏانهن نهاري رهيو هو. خوف ته سڪينا کي ٿيڻ کپندو هو، پر گهٻرايل هو هيو. هن هٻڪندي هٻڪندي عجيب قسم جو حجاب محسوس ڪندي چيو ”جڏهن تون کائي رهي هئينءَ ته مان ڪجهه پرڀرو بيٺو هوس.اف مون ڪيڏي شڪل سان پنهنجي کنگهه کي روڪيو هو. جيئن تون وڌيڪ کائي سگهين ۽ مان اهو خوبصورت منظر دير تائين ڏسي سگهان. بک ڏاڍي پياري شيءِ آهي، پر هڪ مان آهيان جيڪو انهيءَ نعمت کان محروم آهيان، پر محروم نه چوڻ گهرجي، ڇا لاءِ ته مون پاڻ ئي ان شيءِ کي ماري ڇڏيو آهي.“
    سڪينا ڪجهه به سمجهي نه سگهي. هو هڪ ڳجهارت هو، جنهن کي ڀڃندي ڀڃندي هڪ ٻئي ڳجهارت ٿي بڻجي وئي، پر ان جي باوجود سڪينا کي هن جون ڳالهيون سٺيون لڳيون، جن ۾ انسانيت جي گرمي هئي ۽ هن پنهنجو سڄو داستان ان شخص کي ٻڌائي ڇڏيو. هو خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو، جيئن هن تي ڪو اثر ئي نه ٿيو هجي، پر جڏهن سڪينا سندس ٿورا مڃيا ته هن جون اکيون جيڪي ڳوڙهن کان بي نياز هيون. يڪدم آليون ٿي ويون ۽ ۽ هن ڳنڀير آواز ۾ چيو،”هتي ئي رهه . مان ٽي بي جو مريض آهيان..... مون کي ڪو کاڌو.... ڪو ميوو ناهي وٺندو. تون کائيندي ڪر مان توکي ڏسندو رهندس....“ پر هڪدم هن مسڪرائڻ شروع ڪيو، “ ڪيڏي نه چريائپ آهي. ڪو ٻيو ٻڌندو ته ڇا چوندو.... يعني ٻيو ڪو کائي ۽ مان ڏسندو رهان... نه سڪينا..... هونءِ منهنجو خواهش آهي ته تون هتي ئي رهه.......“
    سڪينا ڪجهه سوچڻ لڳي ”نه.. منهنجو مطلب توهان هن گهر ۾ اڪيلا ۽ مان.... نه نه .... ڳالهه اها آهي ته مان.....“
    اهو ٻڌي هن کي اهڙو صدمو پهتو جو هو ڪجهه دير لاءِ بلڪل گم سم ٿي ويو. جڏهن ڳالهايائين ته سندس آواز کوکلو هو، ”مان ڏهن سالن تائين اسڪول ۾ ڇوڪرين کي پڙهائيندو رهيو آهيان، مان انهن کي هميشه پنهنجون ڌيئرون سمجهو..... تون..... تون هڪ ٻئي ڌيءَ ٿي ويندينءَ.“
    سڪينا لاءِ ٻي ڪا به جڳهه نه هئي، جنهن ڪري هيءَ ان پروفيسر وٽ ترسي پئي.
    هو هڪ سال ۽ ڪجهه مهينا جيئرو رهيو. ان دوران بجاءِ ان جي ته سڪينا هن جي خبر چار لهي، ابتو هو، جيڪو بيمار هو. هن کي آسائش ۽ آرام پهچائڻ ۾ ائين مصروف رهيو جيئن ٽپال وڃڻ واري آهي ۽ هو جلدي جلدي خط ۾ اها ڳالهه، جيڪا سندس ذهن ۾ هئي، لکڻ ۾ مصروف رهيو.
    هن جي اهڙي ڌيان جنهن ڌيان جي کيس ضرورت هئي، سڪينا کي ڪجهه مهينن ۾ ئي نکاري ڇڏيو هاڻي پروفيسر کانئس ڪجهه پري رهڻ لڳو پر هن جي ڌيان ۾ ڪو به فرق نه آيو.
    آخري ڏينهن ۾ حالت خراب ٿي وئي، هڪ رات جڏهن سڪينا هن جي ويجهو ئي ستل هئي. هو اچانڪ اٿيو ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو،”سڪينا، سڪينا!“
    اهي رڙيون ٻڌي سڪينا گهٻرائجي وئي. پروفيسر جي اکين ۾ جيڪا چمڪ هوندي هئي، سا موجود نه هئي، هاڻي هڪ وڏو غم سڪينا کي سندس اکين ۾ نظر آيو. پروفيسر ڏڪندڙ هٿن سان سڪينا جا هٿ پڪڙي ۽ چيو ”مان مران پيو.... پر هن موت جو مونکي ڪو ڏک ناهي.... ڇا لاءِ ته تمام گهڻا موت منهنجي اندر ۾ ٿي چڪا آهن. تون ٻڌندينءَ منهنجو داستان.... ڄاڻڻ چاهيندينءَ ته مان ڇا آهيان....؟ ٻڌ..... هڪ ڪوڙ آهيان..... تمام وڏو ڪوڙ...... منهنجي سموري زندگي پنهنجو پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائيندي ۽ پوءِ وري ان کي سچ بڻائڻ ۾ گذري آهي..... اف ڪيڏو تڪليف وارو، غير فطري ۽ غير انساني ڪم هو. مون هڪ خواهش کي ماريو هو. مون کي اهو معلوم نه هو ته مونکي ان قتل کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي خون ڪرڻا پوندا. مان سمجهندو هوس ته هڪ درد بند ڪرڻ سان ڇا ٿيندو، پر مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته جسم جا سڀ دروازا بند ڪرڻا پوندا.... سڪينا! هي مان جيڪو ڪجهه چوان پيو هڪ فلسفياڻي بڪواس آهي. سڌي ڳالهه اها آهي ته مان پنهنجو ڪريڪٽر بلند ڪندو رهيس ۽ پاڻ تمام گهڻين اوناهين ۾ ڪرندو رهيس. مان مري ويندس ۽ هي ڪريڪٽر.... هي بي رنگ..... منهنجي خاڪ تي اڏامندو رهندو..... اهي سڀئي ڇوڪريون، جن کي مان ڪاليج ۾ پڙهائيندو هوس، سي ڪڏهن مون کي ياد ڪنديون، ته هڪ فرشتو هو. جيڪو انسانن ۾ هليو آيو هو. تون به منهنجن نيڪين کي نه وسارينديسنءَ ، پر حقيقت اها آهي ته جڏهن کان تون هن گهر ۾ آئي آهين، هڪ لمحو به اهڙو ناهي گذريو. جڏهن مان تنهنجي جوانيءَ کي گندي نگاهه سان نه ڏٺو هجي. مون تصور ۾ ڪيترائي ڀيرا تنهنجي چپن کي چميو آهي. ڪيترا ئي ڀيرا مون تنهنجي هنج ۾ پنهنجو منهن رکيو آهي پر هر ڀيري مون کي انهن تصويرن جا پرزا پرزا ڪرڻا پيا آهن. پوءِ مون انهن پرزن کي ٻاري خاڪ ڪري، انهن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيو. مان مري وينديس... ڪاش مون ۾ ايتري همت هجي ها ته پنهنجي انهيءَ اوچي ڪردار کي هڪ ڊگهي بانس تي لنگور جيان ويهاري ڊگ ڊگي وڄائي ماڻهن کي گڏ ڪيان ها ته اچو ڏسو عبرت حاصل ڪيو...“
    ان واقعي بعد پروفيسر فقط پنج ڏينهن جيئرو رهيو. سڪينا جو بيان آهي ته مرڻ وقت هو ڏاڍو خوش هو. جڏهن هو آخري هڏڪين ۾ هو ته هن سڪينا کي صرف اهو چيو، ”سڪينا! مان لالچي ناهيان. زندگيءَ جا هي آخري پنج ڏينهن منهنجي لاءِ ڪافي آهن. مان تنهنجو شڪر گذار آهيان.“

    سنڌيڪار :رضوان گل


    سڙڪ ڪناري

    اهي ئي ڏينهن هئا، آسمان هن جي اکين جيان اهڙو ئي نيرو هو جهڙو اڄ آهي. اجرو ۽ نکريل ۽ اُس به اهڙي ئي خوبصورت خوابن جهڙي. مٽي جي خوشبو ان ويل منهنجي دل ۽ دماغ ۾ رچي وئي هئي ۽ مون ستي ستي پنهنجو ڦتڪندڙ روح هن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.
    هن مون کي چيو هو، ”تون مون کي جيڪي هي چند گهڙيون نوازيون آهن، يقين ڪر، منهنجي زندگيءَ ۾ اڳ اهڙيون گهڙيون ڪڏهن نه آيون هيون..... هي جيڪي خالي هنڌ تون اڄ منهنجي وجود ۾ ڀري ڇڏيا آهن سي تنهنجا شڪر گذار آهن. تون منهنجي وجود ۾ ڀري ڇڏيا آهن سي تنهنجا شڪر گذار آهن. تون منهنجي زندگيءَ ۾ نه اچين ها ته شايد اهي سدائين اڌورا رهن ٿا.... منهنجي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، مان تو کي ٻيو ڇا چوان. مان هاڻي مڪمل آهيان ۽ هاڻي مونکي تنهنجي ضرورت ناهي رهي.....“ ۽ ائين چئي هو هليو ويو هميشه لاءِ. منهنجا نيڻ ٽميا، منهنجي دل رني. مان هن کي منٿ ميڙ ڪئي. کانئس لک ڀيرا پڇيو، ته منهنجي ضرورت هاڻي تو کي ڇو ناهي رهي.... جڏهن ته مون کي سندس ضرورت تمام گهڻي شدت سان ته هاڻي ٿي رهي آهي. انهن لمحن کان پوءِ....
    هن چيو، ”تنهنجي وجود جي جنهن ذري کي منهنجي تڪميل جي ضرورت هئي، اهي لمحا چونڊي چونڊي اها ضرورت پوري ڪندا رهيا.... هاڻي جيئن ته تڪميل ٿي چڪي آهي، انهيءَ ڪري تنهنجو ۽ منهنجو رشتو خود بخود ختم ٿي چڪو آهي.“
    ڪيڏا نه بي رحم لفظ هئا! مون کان اهو برداشت ٿي نه سگهيو. مان رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري روئڻ لڳس، پر هن تي ڪو به اثر نه ٿيو. مان کيس چيو” هي ذرا جن سان تنهنجي هستيءَ جي تڪميل ٿي آهي سي منهنجي ئي وجود جا حصا هئا. ڇا انهن جو مون سان ڪو رشتو ناهي. ڇا منهنجي وجود جو باقي حصو انهن سان پنهنجو ناتو ڇني سگهي ٿو؟ تون ته مڪمل ٿي ويو آهين، پر مونکي اڌورو ۽ اڻپورو ڪري.... ڇا مون ان ڪري تو کي پنهنجو معبود بڻايو هو؟“
    هن چيو ته ”ماکي جون مکيون کڙين ۽ گلن جي رس چوسي ماکي ٺاهينديون آهن پر هو ان جي هڪ بوند به مکڙين ۽ گلن جي چپن تائين ناهن آڻينديون. خدا پنهنجي پرستش ڪرائيندو آهي پر پاڻ بندگي ناهي ڪندو.
    عورت روئي سگهندي آ..ثبوت پيش ناهي ڪري سگهندي. ان جو سڀ کان وڏو ثبوت سندس اک مان ڇلڪي نڪرندڙ ڳوڙها آهن. مان هن کي چيو، .”ڏس، مان روئي رهي آهيان. منهنجيون اکيون ڳوڙها ڳاڙهي رهيو آهن..تون وڃين پيو، ته وڃ، پر هنن وهندڙ ڳوڙهن مان ڪجهه ڳوڙها ته پنهنجي رومال جي ڪفن ۾ ويڙهي گڏ کڻي وڃ. مون کي خوش ڪرڻ لاءِ ئي سهي!“
    هن چيو، ”مان تو کي خوش ڪري چڪو آهيان.مان تو کي اها مڪمل خوشي ڏئي چڪو آهيان، جنهن جا تون فقط خواب ئي ڏسندي هئينءَ.ڇا انهن لمحن جو لطف ۽ سحر تنهنجي زندگيءَ جي بقايا لمحن جو سهارو نه بڻجي سگهندو؟ تون ٿي چوين ته منهنجي تڪميل تو کي اڌورو ڪري ڇڏيو آهي. پر ڇا اهو اڌورو هئڻ ئي تنهنجي زندگيءَ کي متحرڪ رکڻ لاءِ ڪافي ناهي؟مان مرد آهيان... اڄ تو منهنجي زندگيءَ جو پورائو ڪيو آهي.... سڀاڻي ٻيو ڪو ڪندو.... منهنجو وجود ڪجهه اهڙي ئي قسم جي مٽيءَ مان جڙيل آهي، جنهن جي زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي لمحا ايندا جڏهن هن کي ان پورائي ڪرڻ جي پياس ٿيندي..... ۽ اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون ڀرينديون جيڪي انهن لمحن جون پيدا ڪيل خالي جڳهون ڀرينديون رهنديون.
    مان روئندي ۽ ليلائيندي رهيس.
    مون چيو، ”اهي چند گهڙيون جيڪي هينئر هينئر منهنجي مٺ ۾ هيون...... نه.... مان انهن حالتن جي مٺ ۾ هيس. مون ڇا لاءِ پاڻ ان جي حوالي ڪري ڇڏيو.. مون ڇو پنهنجي ڦتڪندڙ ۽ تڙپندڙ روح کي هن جي اندر جي قيدخاني ۾ وجهي ڇڏيو. ان ۾ سرور هو. هڪ لطف هو... پرڪيف.. هڪ تاثير هو.” پر...... هي ڇا ٿيو جو اهو ته ثابت ۽ سالم ٿي رهجي ويو.... پر هي ڇا، جو هو هاڻي منهنجي ضرورت ئي محسوس نه ٿو ڪري پر مون کي ته انهيءَ تڙپ ۾ اڃا شدت پئي محسوس ٿئي.... هو زور آور بڻجي ويو آهي ۽ مان ڪمزور ٿي وئي آهيان.... آسمان تي به بادل ڀاڪر پائي ملن، هڪ روئي روئي وسڻ لڳي ۽ ٻيو ان بارش سان فقط کيڏندو رهي ۽ ڀڄندو وڃي.... اگهو ڪٿان جو قانون آهي؟.... آسمان جو؟...... زمين جو..... يان جو خالق جو؟
    مان سوچيندي رهيس.
    ٻن روحن جو هڪ ٻئي سان ملي گڏ ٿي وڃن ۽ وسيع ٿي وڃڻ.... ڇا اهو سڀ ڪجهه شاعري آهي..... ٻه روح گڏ ٿي ضرور ان نيڍڙي نقطي تي پهچندا آهن، جيڪو اڳتي هلي ڪائنات بڻيو آهي... پر هن ڪائنات ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ روح کي ڇا لاءِ گهايو ويندو آهي... ڇا ان ڏوهه ۾ ته هن ڪنهن ٻئي روح کي ان ننڍڙ نقطي تي پهچڻ ۾ مدد ڪئي هئي؟ هي ڪهڙي ڪائنات آهي؟
    اهي ئي ڏينهن هئا. آسمان هن جي اکين جيان ائين ئي نيرو هو جيئن اڄ آ ۽ اس به اهڙي ئي.... ۽ مون ائين ئي ستي ستي پنهنجو ڦتڪندڙ روح هن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو... هو موجود نه آهي.... ۽ خبر ناهي هو هاڻ ڪهڙين گهٽائن سان کيڏي رهيو آهي... هو پنهنجي تڪميل ڪري هليو ويو. هڪ نانگ جيڪو مون کي ڏنگي هليو ويو پر هاڻي هن جي ڇڏيل لڪير الاءِ جي ڇو منهنجي پيٽ ۾ پاسا ورائي رهي آهي.... ڇا هيءَ منهنجي تڪميل ٿي رهي آهي؟
    نه نه ائين ڪئين ٿو ٿي سگهي.... اهو ته ڏوهه آهي.... پر هي منهنجي جسم جون خالي جايون ڇا لاءِ ڀرجڻ لڳيون آهن...... هي جيڪي کڏون هيون سي ڪهڙي گند سان ڀرجي رهيون آهن.... منهنجي رڳن ۾ هي ڪهڙي قسم جون سيسراٽيون نڪرڻ شروع ٿيون آهي...... مان پنهنجي پيٽ ۾ ڪنهن ننڍڙي نقطي کي سميٽڻ لاءِ ور وڪڙ کائي رهي آهيان.... منهنجي ٻيڙي ٻڏي هاڻي ڪهڙي سمنڊ ۾ نروار ٿيڻ جي لاءِ وڌي رهي آهي....؟
    هي منهنجي اندر ۾ چلهن تي ڪهڙي مهمان لاءِ کير گرم ٿي رهيو آهي.... هي منهنجو دماغ منهنجي خيالن جي رنگين ڌاڳن سان ڪنهن لاءِ ننڍڙيون پوشاڪون ٺاهي رهيو آهي.
    منهنجو رنگ ڪنهن جي لاءِ نکري رهيو آهي.... منهنجي انگ انگ ۾ اٽڪيل هڏڪيون، لولين ۾ ڇو پيون تبديلن ٿين...
    اهي ئي ڏينهن هئا... آسمان هن جي اکين جيان ائين ئي نيرو هو جيئن اڄ آهي... پر هي آسمان اوچاين تان هيٺ لهي ڇو منهنجي پيٽ ۾ سمائجي ويو آهي.... هن جون نيريون نيريون اکيون ڇو منهنجي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳيون آهن؟
    منهنجي ڇاتيءَ جي ڳولائين ۾ مسجد جي محرابن جهڙي تبديلي ڇو پئي اچي نه، نه.... هي پاڪائي ڪجهه به ناهي.... مان هنن محرابن کي اوڙهي ڇڏيندس... مان پنهنجي اندر جي سڀني چلهن کي ٺاري ڇڏيندس، جن تي ري ڪوٺئي مهمان لاءِ خدمتن جون تيارون ٿي رهيون آهن.... مان پنهنجي خيالن جا رنگ برنگي ڌاڳا پاڻ ۾ وچڙائي ڇڏيندي.
    اهي ئي ڏينهن هئا.... آسمان هن جي اکين جيان اهڙو ئي نيرو هو جيئن اڄ آهي..... پر مان اهي ڇو ٿي ياد ڪيان جن جي سيني تان هو پنهنجا نقش قدم به کڻي هليو ويو آهي.
    پر هي..... هي نقش ڪنهن جو آهي.... هي جيڪو منهنجي پيٽ جي گهرائين ۾ تڙپي رهيو آهي.... ڇا اهو منهنجو ڄاتل ناهي.... !
    مان هن کي اکيڙي ڇڏيندس.... ان کي مٽائي ڇڏينديس.... هي ڦرڙي آهي.... ڳوڙهو آهي.... تمام خطرناڪ ڳوڙهو..... پر مون کي ائين ڇو پيو محسوس ٿي ته هو پهو آءِ.... پهو آ ته ڪهڙي زخم جو؟.... ان زخم جو جيڪو هو مون کي ڏئي هليو ويو هو؟..... نه نه...... ته ائين ٿو لڳي جيئن و پيدائشي زخم جي ڪري هجي.... اهڙي زخم جي ڪري جيڪو مون ڪڏهن ڏٺو به نه هو. جيڪو منهنجي ڪک ۾ نه ڄاڻ ڪڏهن کان ستل هو.
    هيءَ ڪک ڇا... فضول مٽيءَ جي شيءِ..... ٻارن جو رانديڪو، مان ان کي ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس!
    پر هي ڪير منهنجي ڪن ۾ چئي رهيو آهي”هيءَ دنيا هڪ چو واٽو آهي.... پاڻ کي ڇو ٿي هتي ڏٺو ڪرين.... ياد رک تو تي آڱريون کڄنديون.
    آڱريون هن تي ڇو نه کڄنديون جيڪو پنهنجي هستي مڪمل ڪري هليو ويو هو..... ڇا انهن آڱرين کي اهو رستو ناهي ڏٺل..... هي دنيا هڪ چو واٽو آ..... پر ان وقت ته مون کي هڪ ٻه واٽي تي ڇڏي هليو ويو هو.... هڏي به اڌوري هئڻ جو احساس هو هوڏي به... هيڏي به ڳوڙها هئا هوڏي به ڳوڙها...
    پر هي ڪنهن جو ڳوڙهو منهنجي سپيءَ ۾ موتي بڻجي رهيو آهي.... آڱريون کڄنديون، جڏهن سپيءَ جو منهن کلندو ۽ موتي ترڪي ٻاهر چو واٽي تي اچي ڪرندو ته آڱريون کڄنديون... ۽ اهي آڱريون نانگ بڻجي انهن ٻنهين کي ڏنگنديون ۽ پنهنجي زهر سان انهن کي نيرو ڪري ڇڏينديون....
    آسمان هن جي اکين جيان ائين ئي نيرو هو جيئن اڄ آهي... اهو ڪري ڇو نه ٿو پوي اهي ڪهڙا ٿنڀا آهن جن جي بنياد تي هي بيٺو آهي... ڇا تنهن ڏينهن جيڪو زلزلو آيو هو سو انهن بنيادن کي ڌوڏڻ لاءِ ڪافي نه هو.... هي ڇا لاءِ اڃا تائين منهنجي مٿان ساڳئي ريت بيٺل آهي؟
    منهنجو روح پگهر ۾ شل آهي.... ان جو هر سوراخ کليل آهي.... چئني پاسن کان باهه جا ڀڙڪا آهن..... منهنجي اندر بٺيءَ ۾ سون رجي رهيو آهي... شعلا ڀڙڪي رهيا آهن... سون ٻرندڙ جبل جي لاوي وانگر اٻري رهيو آهي.... منهنجي رڳن ۾ نيريون اکيون ڊوڙي رهيون.... گهنٽيون وڄڻ لڳيون آهن..... ڪوئي اچي رهيو آهي..... ڪوئي اچي رهيو آهي..... بند ڪري ڇڏيو بند ڪري ڇڏيو سڀ ڪڙا.......
    بٺي اونڌي ٿي چڪي آهي.... پگهريل سون وهي رهيو آهي..... گهنٽيون وڄي رهيون آهن.... هو اچي رهيو آهي...... منهنجون اکيون منڍجي رهيون آهن... نيرو آسمان ڪنو ٿي هيٺ اچي رهيو آهي.
    هي ڪنهن جي روئڻ جو آواز آ، ان کي چپ ڪرايو..... ان جون رڙيون منهنجي دل تي هٿوڙا هڻي رهيون آهن، چپ ڪرايو.... ان کي چپ ڪرايو..... ان کي چپ ڪرايو..... مان هنج بڻجي رهي آهيان.... منهنجون ٻانهون کلي رهيون آهن.... چلهن تي کيد اٻري رهيو آه..... منهنجي سيني جون گولائيون پياليون بڻجي رهيون اهن..... کڻي اچو ان گوشت جي لوٿڙي کي منهنجي دل جي تنبيل رت جي نرم نرم ڳلن ۾ سمهاريو.... نه ڇنو..... نه ڇنو هن کي.... مون کان جدا نه ڪيو..... خدا جي واسطي هن کي مونکان جدا نه ڪيو.
    آڱريون.... آڱريون کڄڻ ڏيو... مون کي ڪا پرواهه ناهي.... هي دنيا چو واٽو آهي..... گلڻ ڏيو منهنجي زندگي جا سڀئي راز.
    منهنجي زندگي تباهه ٿي ويندي.... ٿيڻ ڏيو. مون کي منهنجو گوشت واپس ڪيو... منهنجي روح جو اهو ٽڪرو مون کان نه ڇنو.... توهان نه ٿا ڄاڻو ته هي ڪيترو قيمتي آ. هي گوهر آ جيڪو مون کي انهن چند گهڙين عطا ڪيو آ... اهي چند گهڙيون جن ۾ منهنجي وجود مان ڪيترين ئي ذرن جي چونڊ ڪري تڪميل ڪئي وئي هئي ۽ مونکي منهنجي خيال ۾ اڌورو ڇڏي هلي ويو هو.... منهنجي تڪميل اڄ ٿي آهي.
    مڃو کڻي.... مڃو به... منهنجي پيٽ جي خلا کان پڇو.... منهنجي کير سان ڀريل ڇاتي کان پڇو..... انهن لولين کان پڇو، جيڪي منهنجي انگ انگ ۽ رڳ رڳ ۾ سموئجي ويون آهن.... اهن جهولن کان پڇو. جيڪي منهنجي ٻانهن شامل ٿي ويا آهن.
    منهنجي چهري جي پيلاڻ کان پڇو جيڪي گوشت جي هن لوٿڙي جي ڳلن کي پنهنجون سڀ سرخيون چوسائيندي رهي آهي.... انهن ساهن کان پڇو جيڪي لڪي ڇپي هن کي هن جو حصو پهچائيندا رهيا آهن.
    آڱريون..... کڄڻ ڏيو آڱريون.... مان انهن کي ڪٽي ڇڏينديسن.... گوڙ ٿيندو..... مان اهي آڱريون کڻي پنهنجي ڪنن ۾ وجهي ڇڏيندس.... مان گونگي ٿي وينديس، ٻوڙي ٿي ويندس...... منهنجو گوشت..... منهنجا اشارا سمجهي.... سگهندو.... مان ان کي ڳولهي ڳولهي سڃاڻي وينديس.... انڌي ٿي ونديس..... ڏس، مان هٿ ٿي جوڙيا..... تنهنجي پيرن ٿي پوان....
    منهنجا کير سان ڀريل ٿانون اونڌا نه ڪيو... منهنجي دل جي تنبيل خون جي نرم نرم ڳلن کي باهه نه لڳايو. منهنجي ٻانهن جي جهولن جون رسيون نه ٽوڙيو، منهنجي ڪنن کي انهن گيتن کان محروم نه ڪيو. جيڪي هن جي روئڻ سان مان ٻڌي سگهان.
    نه ڇنو.... نه ڇنو.... مون کان جدا نه ڪيو.
    لاهور، 21 جنوري
    ڌوٻي منڊيءَ مان پوليس کي نئين ڄاول ڇوڪري، سرديءَ ۾ ڏڪندڙ حالت ۾ ملي، جيڪا سڙڪ جي هڪ ڪناري تي پئي هئي. پوليس ان کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ڪنهن پٿر دل ماڻهو ٻارڙي جي ڳچي کي زور سان ڪپڙو ويڙهي ان جي اگهاڙي بدن کي پسيل ڪپڙي ۾ ٻڌي ڇڏيو هو، جيئن هوءَ سيءَ ۾ مري وڃي، پر هوءَ زندهه هئي. ٻارڙي ڏاڍي خوبصورت هئي. اکيون نيريون هئس. کيس اسپتال پهچايو ويو.
    نه ڇنو... نه ڇنو.... هي منهنجي ڪک جو سندور آهي.... هيءَ منهنجي ممتاز جي نرڙ جي بنديا آهي.... منهنجي گناهه جو ڪوڙو ميو آهي.... ماڻهن هن تي ٿو ٿو ڪندا.... مان اهو سڀ ڪجهه چٽي ڇڏيندس.

    سنڌيڪار :رضوان گل


    ڦوجو حرامي

    ٽي هائوس ۾ حرامين جون ڳالهيون شروع ٿيون، ته اهو سلسلو ڪافي دير تائين جاري رهيو. هر ڪنهن گهٽ ۾ گهٽ هڪ حراميءَ بابت پنهنجا تاثر بيان ڪيا جنهن سان ان جو زندگيءَ ۾ واسطو پئجي چڪو هو. ڪو جالنڌر جو هو، ڪو لڌيانه جو ۽ ڪو لاهور جو، پر سڀئي اسڪول يا ڪاليج جي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ هئا. مهر فيروز صاحب سڀني کان آخر ۾ ڳالهايو. پاڻ چيائون، ”امرتسر ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو ڦوجي حراميءَ جي نالي کان واقف نه هجي. هونءَ ته هن شهر ۾ ٻيا ڪيترائي حرامي هئا پر هن جي جوڙ جا نه هئا. هو پهريون نمبر حرامي هو، اسڪول ۾ هن سڀني ماسترن جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو، هيڊ ماستر جنهن کي ڏسي چڱن ڀلن شيطان ڇوڪرن جو مٽ وهي ويندو هو سو به ڦوجي کان گهٻرائيندو هو، ڇا لاءِ ته هن تي ان جي ڏنڊي جو به ڪو اثر نه ٿيندو هو. انهيءَ ڪري بيزار ٿي هيڊ ماستر هن کي مارڻ به ڇڏي ڏنو هو.
    هي ڏهين جماعت جي ڳالهه آهي، هڪ ڏينهن يارن دوستن هن کي چيو ”ڦوجا! جي تون پنهنجا ڪپڙا لاهي اگهاڙو ٿي سڄي اسڪول جو چڪر لڳائيندين ته اسان توکي هڪ رپيو ڏينداسين.“ ڦوجو رپيو وٺي ڪن ۾ ڦاسايو، پنهنجا ڪپڙا لاهي ٿيلهي ۾ وڌا ۽ سڀني جي سامهون هلڻ لڳو، ڪلاسن کان گذرندو اچي هيڊ ماستر صاحب جي آفيس وٽ پهتو، در کوليائين ۽ زڙاپ اندر نه ڄاڻ ڇا ٿيو، هيڊ ماستر صاحب هڪو ٻڪو ٿي ٻاهر نڪتو ۽ پٽيوالي کي گهرائي چيائين، ”وڃ، ڀڄندو وڃ ڦوجي حراميءَ جي گهران ان جا ڪپڙا کني اچ، چوي ٿو ته مان مسجد جي ڀر ۾ وهنجان پيو ته منهنجا ڪپڙا ڪو چور کڻي هلي ويو.“
    دينيات جو ماستر مولوي پوٽيٽو هو، خبر ناهي، ان کي پوٽيٽو ڪهڙِي خيال کان چوندا هئا ڇو ته پٽاٽن کي ته ڏاڙهي ناهي هوندي. ان کان ڦوجو ڪجهه ڊڄندو هو، پر هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو انجمن جي ميمبرن جي سامهون مولوي صاحب غلطيءَ وچان هن کان هڪ آيت جو ترجمو پڇي ويٺو، ڪرڻ ته ائين کپندو هوس ته خاموش رهي ها، پر ڦوجو حرامي ڪيئن سڃاتو وڃي جيڪو زبان تي آيس، ڦهڪائي ويٺو. مولوي پوٽيٽو جا پگهر وهي پيا، ميمبر ٻاهر نڪتا ته هن ڪاوڙ مان ڏڪندي ٿڙڪندي پنهنجو ڏنڊو کنيو ۽ ڦوجي کي ٻه ٽي وهائي ڪڍيائين، پر هي وڏي ادب سان چوندو رهيو. “مولوي صاحب ! منهنجو ڏوهه ناهي، مون کي ته ڪلمو به چڱي طرح ناهي ايندو ۽ توهان وري هڪڙي سچي آيت جو مطلب پڇيو“
    مارڻ سان مولوي پوٽيٽو صاحب جي دل نه ٺري ته هو ڦوجي حراميءَ جي پيءُ وٽ دانهن کڻي ويو. ڦوجي جي پيءَ ان جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون ۽ پوءِ رحم واري لهجي ۾ چيو”مولوي صاحب! مان پاڻ هن کان بيزار ٿي ويو آهيان. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن جي اصلاح آخر ٿيندي ڪهڙيءَ ريت، هاڻي ڪلهه جي ئي تازي ڳالهه آ ته مان غسل خاني ۾ هيس ته هن ٻاهران ڪڙو ڏئي ڇڏيو. ڏاڍي ڪاوڙ مان گاريون ڏنيون مانس، پر هن چيو ته اٺ آنا ڏيڻ جو واعدو ڪندين ته دروازو کلندو ۽ جيڪڏهن ڦري وئين ته ٻئي ڀيري ڪڙي ۾ تالو به لڳائيندس ۽ پوءِ مجبور ٿي اٺ آنا ڏيڻا پيا. هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته اهڙي نٺ ڇوري کي مان ڪيان ڇا! رب ٿو ڄاڻي ته هن جو ڇا ٿيندو. پڙهي ڌوڙ به ڪونه ٿو.“ جڏهن انٽرنس جو امتحان ٿيو ته سڀني کي پڪ هئي ته هي فيل ٿيندو پر نتيجو نڪتو ته ڪلاس ۾ سڀني کان وڌيڪ مارڪون ئي هن جون هيون! هن جي پنهنجي ڪوشش هئي ته هو ڪاليج ۾ داخلا وٺي، پر پيءُ جي خواهش هيس ته هي ڪو هنر سکي، انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو هي ٻه سال آواره رلندو رهيو، انهيءَ عرصي دوران هن جيڪي حرام پايون ڪيون انهن جي تمام وڏي فهرست آهي. بيزار ٿي آخر ڪار سندس پيءُ هن جي ڪاليج ۾ داخلا ڪرائي. اتي پهرئين ئي ڏينهن اها حرڪت ڪيائين ته مئٿمئٽڪس جي پروفيسر جي سائيڪل کڻي وڻ جي مٿئين ڏار تي لڙڪائي ڇڏيائين. سڀ پريشان ته سائيڪل اتي پهتي ڪيئن ، پر اهي ڇوڪرا جيڪي اسڪول ۾ ڦوجي سان گڏ پڙهندا هئا سي سمجهي ويا ته هي ڪارنامو ڦوجي کان سواءِ ٻي ڪنهن جو ٿي ئي نه ٿو سگهي ۽ ان هڪ ئي حرڪت جي ڪري هن جو سڄي ڪاليج سان تعارف به ٿي ويو. اسڪول ۾ هن جي سرگرمين جو ميدان ڪجهه محدود هو پر ڪاليج ۾ اهو ميدان وسيع ٿي ويو. پڙهائي ۾، راندين ۾، مشاعرن ۾ ۽ بحث مباحثن ۾ هر هنڌ ڦوجي جو نالو روشن ٿيل هو ۽ وري ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ايترو ته روشن ٿي ويو جو سڄي شهر ۾ هن جي داداگيري جو ڌاڪو ڄمي ويو. ۽ وڏا وڏا ڍنگ بدمعاش به هن کان ڪئه کائڻ لڳا. بندرو قد پر بدن ڪسرتي هيس. هن جي ٽڪر هڻڻ جو اندازو ڏاڍو مشهور هوندو هو ايڏي ته زور سان سامهون واري جي سيني يا پيٽ ۾ پيٽ ۾ ٽڪر هڻندو هو جو اڳلي جي سڄي وجود ۾ زلزلو اچي ويندو هو.
    انٽر ۾ پهتو ته ائين ئي مزي وٺڻ خاطر هن ڪاليج جي پرنسپال جي نئين گاڏيءَ جي پيٽرول واري ٽانڪيءَ ۾ چار آنا کنڊ وجهي ڇڏي. پرنسپال کي ڪٿان خبر پئجي وئي ته اها خطرناڪ حرڪت ڦوجي جي ئي آهي پر حيرت جي ڳالهه اها هئي ، ته پرنسپال هن کي معاف ڪري ڇڏيو. اها خبر بعد ۾ پئي ته ڦوجي کي ان جي گهڻن رازن جي خبر هئي. هونءُ ڦوجو پاڻ قسم کڻي چوندو هو ته مان پرنسپال کي ڪنهن به قسم جي ڌمڪي وغيره نه ڏئي هئي ته مون کي سزا ڏيندين ته راز فاش ڪندو مانءِ.
    هي اهو زمانو هو جڏهن ڪانگريس جو ڏاڍو زور هو، انگريزن خلاف کلي عام جلسا جلوس ٿيندا هئا، حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ناڪام ڪوششون ٿي چڪيون هيون، گرفتارين جي ڀرمار هئي، سڀئي جيل باغين سان ڀريل هئا. آئي ڏينهن تي ريل جون پٽڙيون اکيڙيون وينديون وينديون هيون، خطن جي دٻن ۾ گندرف وارا مادا وڌا ويندا هئا، بم ٺهڻ لڳا ها، پستول پڪڙيا ويندا هئا، مطلب ته هڪ افراتفري وارو ماحول هو ۽ ان ۾ اسڪول ۽ ڪاليج جا شاگرد به شامل هئا. ڦوجو سياسي ماڻهو بلڪل نه هو، منهنجي خيال ۾ ته هن کي اها به خبر نه هئي ته مهاتما گانڌي ڪير هو، پر هڪڙي ڏينهن جڏهن اوچتو هن کي پوليس گرفتار ڪيو سو به هڪ سازش جي سلسلي ۾، نه سڀني کي ڏاڍي حيرت ٿي.
    ان کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي سازشون پڪڙيون ويون هيون. سانڊرس جي قتل جي سلسلي ۾ ڀڳت سنگهه ۽ دت کي ڦاسي اچي چڪي هئي، ان ڪري هي معاملو به ڏاڍو سنگين ٿي لڳو. الزام هي هو ته مختلف ڪاليجن جي ڇوڪرن پاڻ ۾ گڏ ٿي هڪ ڳجهي جماعت ٺاهي آهي. جنهن جو مقصد ملڪ جو تختو اونڌو ڪرڻ آهي. انهن مان ڪجهه ڇوڪرن ڪاليج جي ليباريٽريءَ مان پڪرڪ ايسڊ چورايو هو جيڪو بم ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي. ڦوجي جي باري ۾ شڪ هو ته هي انهن جو اڳواڻ آهي ۽ کيس سڀني ڳجهن رازن جي خبر آهي. هن سان گڏ ڪاليج جا ٻه ٻيا ڇوڪرا به پڪڙيا ويا، انهن ۾ هڪ مشهور بئريسٽر جو پٽ هو ۽ ٻيو رئيس. انهن جو ته ڊاڪٽري معائنو ڪرايو ويو، جنهن ڪري پوليس جي مارڪٽ کان بچي ويا پر غريب ڦوجي کي ناهوڪي گڏ آئي. ٿاڻي ۾ ويچاري کي ابتو ٽنگي ڪٽيو ويو، برف جي نادين تي بيهاريو ويو. مطلب ته هن کي هر قسم جي جسماني اذيت پهچائي وئي ته راز جون ڳالهيون ٻڌائي پر هي به ڪتي جي هڏي هو، ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين بلڪه اتي به هي پنهنجن حرڪتن کان نه مڙيو. هڪ ڀيرو جڏهن مار برداشت نه ڪري سگهيو ته هن صوبيدار کي هٿ روڪڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ واعدو ڪيائين ته سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو. بلڪل بيحال ٿي ويو هو ان ڪري هن گرم گرم کير ۽ جليبيون گهريون، طبعيت سامت ۾ آيس ته صوبيدار قلم ۽ ڪاغذ کنيو ۽ چيائين ته ”ها ڀائو، هاڻي ٻڌاءِ.“ ڦوجي پنهنجي مار کاڌل عضون جو جائزو وٺي جواب ڏنو، ”هاڻي ڇا ٻڌايان، طاقت اچي وئي آهي، وري چاڙهيو پنهنجي ٽڪٽڪيءَ تي.“
    اهڙا ٻيا به ڪيترائي قصا آهن، جيڪي ياد ناهن پر آهن ڏاڍا پر لطف ملڪ حفيظ جيڪو اسان جو هم جماعت هو، ان جي زباني ٻڌجن ها ته وڌيڪ مزو اچي ها.
    هڪ ڏينهن پوليس جا ٻه سپاهي ڦوجي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ وٺي اچي رهيا هئا ته ضلعي ڪچهريءَ ۾ هن جي نظر ملڪ حفيظ تي پئي جيڪو اتي ڪنهن ڪم سان آيل هو. کيس ڏسندي ئي رڙ ڪيائين ”السلام عليڪم ملڪ صاحب !“ ملڪ صاحب ڇرڪي پيو. ڦوجو هٿڪڙين ۾ ان جي سامهون بيٺو مرڪي رهيو هو.
    ”ملڪ صاحب ! ڏاڍو اداس ٿي ويو آهيان، دل ٿي چئي توهان به اچو مون ڏي. بس منهنجي زبان مان تنهنجو نالو نڪرڻ ئي ڪافي آهي.“ ملڪ حفيظ جڏهن اهو ٻڌو ته سندس روح قبض ٿي ويو. ڦوجي هن کي ڏاڙهي ڏيکاري. ”گهٻراءِ نه ملڪ! مذاق ٿو ڪيانءِ، هونءَ مون لاءِ ڪا خدمت هجي ته ٻڌاءِ جانءِ.“
    هاڻي اهو توهان ئي ٻڌايو ته هو ڇا ٿي ڪري سگهيو. ملڪ حفيظ گهٻرائي رهيو هو اک وٺي ڀڄڻ وارو ئي هو ته ڦوجي چيس ”ادا، ٻيو ته اسان کان ڪجهه به نه ٿي سگهندو، چوين ته تنهنجي بدبو دار کوهه جو گند ڪڍرايان.“
    ملڪ حفيظ ئي توهان کي ٻڌائي سگهندو ته ڦوجي کي ان کوهه کان ڪيترن نفرت هئي، ان جي پاڻي مان هن کي مئل ڪوئن جي ڌپ ايندي هئي، نه ڄاڻ ڇو ماڻهو ان کي صاف نه ڪرائيندا هئا.
    ملڪ حفيظ جي بيان مطابق هڪ هفتو پوءِ، هو ٻاهر وهنجڻ لاءِ نڪتو، ڇا ڏسي ته ٻه ٽي ٽوٻا کوهه جي گندگي ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. ڏاڍو حيران ٿيو ته ڳالهه ڇا هي، هنن کي گهرايو ڪنهن آ، پاڙيسرن جو اندازو هو ته وڏي ملڪ صاحب کي ويٺي ويٺي خيال اچي ويو هوندو ته کوهه جي صفائي ڪرائي وٺجي، ماڻهو به ڇا ياد ڪندا. پر جڏهن انهن ماڻهن کي اها خبر پئي ته ننڍي ملڪ صاحب کي ته ان باري ۾ ڪابه سڌ ناهي ۽ وڏو شڪار تي ويل آهي، ته کين اڃا وڌيڪ حيراني ٿي. پوليس جا بنا وردي وارا سپاهي ڏسي خبر پئي ته ڦوجي جي نشاندهي تي هو کوهه مان بم ڳولي رهيا آهن. ڪافي دير تائين گند نڪرندو رهيو، پاڻي صاف شفاف ٿي ويو ، پر بم ته ڇا، ڪو ڦٽاڪو به نه نڪتو، پوليس ڏاڍي ڪاوڙ مان ڦوجي کان ٻيهر پڇا ڪئي، ته هن مسڪرائيندي صوبيدار کي چيو. ”مون کي ته پنهنجي يار جو کوهه صاف ڪرائڻو هو سو ٿي ويو.“ ڏاڍي معصوم شرارت هئي، پر پوليس هن کي ايترو ته ماريو، ايترو ته ماريو جو اڌ مئو ڪري ڇڏيائونس، ۽ هڪ ڏينهن اها خبر آئي ته ڦوجو سلطاني گواهه بڻجي ويو آهي ۽ ان واعدو ڪيو آ ته سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو.
    چون ٿا، هن تي وڏي ڦٺ لعنت ٿي. هن جي دوست ملڪ حفيظ به کيس ڏاڍيون گاريون ڏنيون، جيڪو ڦوجي کان اڳ ئي ڏاڍو ڊنل هو ته متان سندس نالو نه کڻي وجهي، هاڻي خبر ناهي ڪنهن ڪنهن کي ڦاسائيندو . اصل ۾ ڳالهه اها هئي ته هي مار کائي کائي ٿڪجي پيو هو، جيل ۾ هن سان ڪنهن کي ملڻ به نه ٿي ڏنو ويو، مرغيون وغيره کائڻ لاءِ ڏيندا هئس پر سمهڻ نه ٿي ڏنائونس، هي ننڊ جو ڏاڍو پيارو، ان ڪري تنگ ٿي هن سچي دل سان واعدو ڪيو ته بم ٺاهڻ واري سازش جا سڀ راز ٻڌائي ڇڏيندو. هي هيو ته جيل ۾ ئي، پر مٿس ڪنهن به قسم جي سختي نه هئي، ڪيترائي ڏينهن ته هن آرام ڪيو سندس انگ انگ ڍلو ٿي ويو هو. جڏهن سٺي خوراڪ مليس، بدن تي مالشون ٿيس، ته همراهه بيان لکرائڻ جي لائق ٿيو. صبح جو لسيءَ جا ٻه گلاس پي پنهنجو داستان بيان ڪرڻ شروع ڪندو هو، ٿوري جهٽ رکي ناشتو ايندو هو ان کان فارغ ٿي پندرهن ويهه منٽ آرام ڪندو هو ۽ وري ڪڙيءَ سان ڪڙي ملائي بيان جاري رکندو هو. توهان محمد حسين اسٽينو گرافر کان پڇو. جنهن هن جو بيان ٽائيپ ڪيو هو. ان جي چوڻ موجب ڦوجي پورو هڪ مهينو ورتو ۽ ان سموري راز جو ڄار کولي رکيو جيڪو سازشين ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين وڇايو هو يا وڇائڻ جو ارادو رکن پيا. هن ڪيترين ئي ماڻهن جا نالا ورتا، اهڙين هزارين جڳهن جا نالا ٻڌايا جتي سازشي ماڻهو لڪي لڪي ملندا هئا ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ترڪبيون سوچيندا هئا. محمد هسين اسٽينو گرافر مطابق ته هن جو اهو بيان اڍائي سئو فل اسڪيپ صحفن تي مشتمل هو. جڏهن اهو ختم ٿيو ته پوليس ان کي سامهون رکي پلان ٺاهيو، ان ڪري فورن نيون گرفتاريون ڪيون ويون ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڦوجي جي ماءُ ڀيڻ پٽجڻ لڳيون، اخبارن ۾ دٻيل لفظن ۾ ڦوجي جي خلاف زهر اوڳاڇيو، اڪثريت حڪمرانن جي خلاف هئي، ان ڪري هن جي غداريءَ جي هر هنڌ تي مذمت ٿي. هي وڏو ڪلف لڳل پٽڪو ٻڌي، ڊبل گهوڙي بوسڪي جي قميص ۽ چاليهه هزار لٺي جي گهيردار شلوار پائي جيل ۾ ائين هلندو هو، جيئن ڪو آفيسر معائنو ڪري رهيو هجي. جڏهن سڀ گرفتاريون ٿيون ۽ پوليس پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري ورتي ته سازشين جو اهو ڪيس عدالت ۾ پيش ٿيو. ماڻهن جي رش ٿي وئي هئي، پوليس جي حفاظت ۾ جڏهن ڦوجو ظاهر ٿيو ته ڪاوڙيل ماڻهو نعرا هڻڻ لڳا. ”ڦوجو حرامي مرده باد، ڦوجو غدار مرده باد“ هجوم ۾ ڪاوڙ هئي، خطرو هو ته ڦوجي تي ٽٽي نه پون، ان ڪري پوليس کي لاٺي چارج ڪرڻي پئي، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. عدالت ۾ مقدو پيش ٿيو، ڦوجي کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته ان بيان لاءِ ڇا ٿو چوين جيڪو پوليس کي ڏنو اٿئي، ته هن پنهنجي لاعلميءَ جو اظهار ڪيو. ”جناب! مان ته ڪو بيان ڏنو ئي ناهي، هنن هڪ وڏو پنن جو دستو تيار ڪيو هو، جنهن تي مون کان صحيح ڪرائي ورتي هئائون، اهو ٻڌي بقول ڦوجي جي انسپيڪٽر جون وايون بتال ٿي ويون ۽ جڏهن اها خبر اخبارن ۾ ڇپي ته سڀ حيران ٿي ويا، ڦوجي هي وري ڪهڙو نئون چڪر ڦيرايو آهي!
    چڪر نئون ئي هو، ڇا لاءِ ته عدالت ۾ هن هڪ نئون بيان لکرائڻ شروع ڪيو، جيڪو پهرئين بيان کان بلڪل مختلف هو، اهو به تقريبن پندرهن ڏينهن جاري رهيو، جڏهن ختم ٿيو ته فل اسڪيپ جا 158 پنا ڪارا ٿي چڪا هئا. ڦوجي جي چوڻ موجب ان بيان سان پوليس جيڪا عمارت جوڙي راس ڪئي هئي، سا هڪ ڌڪ ۾ ڊهي وئي، سڄو ڪيس درهم برهم ٿي ويو. نتيجو اهو نڪتو جو ان سازش ۾ جيترا گرفتار ٿيا هئا. انهن مان اڪثر آزاد ٿي ويا، ٻن ٽن کي ٽي ٽي سال ۽ چئن پنجن کي ڇهه ڇهه مهينن جي سزا ملي، جيڪي ٻڌي رهيا هئا انهن مان هڪ پڇيو ”۽ ڦوجي کي؟“ مهر فيروز چيو، ”ڦوجي کي ڇا ٿيڻو هو، هو ته واعدي معاف گواهه هو.“
    سڀني ڦوجي جي حيرت انگيز ذهانت کي ساراهيو هن پوليس کي ڪيڏي صفائيءَ سان بيوقوف بڻايو. هڪ همراهه جنهن کي هن جي شخصيت ڏاڍو متاثر ڪيو هو، مهر فيروز کان پڇيو ”ڦوجو اڄ ڪلهه ڪٿي هوندو آهي؟“
    ”هتي ئي لاهور ۾ دڪان اٿس،“ ائين ڪندي بيرو بل کڻي آيو ۽ پليٽ مهر فيروز جي سامهون اچي رکيائين، ڇا لاءِ ته چاءِ وغيره جو آرڊر هن ئي ڏنو هو. ڦوجي جي شخصيت کان متاثر ٿيندڙ همراهه بل ڏٺو ۽ ان جو اڳتي وڌندڙ هٿ رڪجي ويو ڇا لاءِ ته بل وڌيڪ هو. پوءِ هو مهر فيروز سان مخاطب ٿيو، ”توهان جي ان ڦوجي حراميءَ سان ڪڏهن ملڻ گهرجي“
    مهر فيروز اٿيو، ”توهان ان سان ملي چڪا آهيو. هي خاڪسار ئي ڦوجو حرامي آهي، بل توهان ڏئي ڇڏجو السلام عليڪم“ اهو چئي هو تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.

    سنڌيڪار :رضوان گل


    گلن جي سازش

    باغ جا سڀئي گل باغي ٿي پيا هئا، گلاب جي سيني ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪا ڏئي رهي هئي، سندس رڳ رڳ ۾ جوش ڊوڙي رهيو هو. هڪ ڏينهن هو پنهنجو ڪنڊن وارو ڪنڌ مٿي کڻي، وڏي غور ۽ فڪر کان پوءِ پنهنجن ساٿين سان مخاطب ٿيو:
    ”ڪنهن کي ڪوبه حق ناهي ته اسان جي پگهر مان پنهنجي عيش جو سامان مهيا ڪري.... اسان جي زندگيءَ جون بهارون اسان لاءِ آهن ۽ اسان انهن ۾ ڪنهن جي به شرڪت برداشت نه ٿا ڪري سگهون!“ گلاب جو منهن ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو. سندس پتيون ٿڙڪي رهيون هيون. سڀئي مکڙيون اهو گوڙ ٻڌي جاڳي پيون ۽ حيرت وچان هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳيون. گلاب جو مرداڻو آواز ٻيهر بلند ٿيو:
    ”هر روح کي پنهنجن حقن جي نگراني ڪرڻ جو حق حاصل آهي ۽ اسان گل انهي کان جدا ناهيون، اسان نه نازڪ ۽ حساس آهيون. گرم هوا جي هڪ لهر اسان جي دنيا جا رنگ ۽ خوشبو ختم ڪري سگهي ٿي ۽ شبنم جو هڪ ڦڙو اسان جي اڃ اجهائي سگهي ٿو. ڇا اسان انهيءَ مالهي جي کهرن هٿن کي برداشت ڪري سگهنداسين، جنهن تي موسمن جي تبديلي جو ڪوبه اثر ئي ناهي ٿيندو؟“
    موتئي جي گل رڙ ڪئي،”بلڪل نه“
    گل لالا جي اکين ۾ خون ڀرجي آيو ۽ چوڻ لڳو، ”انهي جي ظلم سان منهنجي ڇاتي داغدار ٿي وئي آهي. مان ان ظلم خلاف بغاوت جو ڳاڙهو جهنڊو بلند ڪندڙ پهريون گل آهيان.“ اهو چئي هو ڪاوڙ مان تڙڪڻ لڳو.
    چنبيليءَ جون ڪليون حيران هيون، ته هي گوڙ ڇا جو آهي. هڪ مکڙيءَ ناز واري انداز سان گلاب جي ٻوٽي طرف جهڪي ۽ چوڻ لڳي، ”تو منهنجي ننڊ خراب ڪئي آهي، آخر ڪار ايڏيون رڙيون ڪري ڇو پيو ڳالهائين؟“
    هڪ ٻيو گل جيڪو پريان بيٺو گلاب جي قائداڻي تقرير تي غور ڪري رهيو هو، تنهن چيو ”قطرو قطرو ملي درياءُ ٺهندو، اسان ڀلي ته ڪمزور گل هجون پر جيڪڏهن سڀئي ملي هڪ ٿيون ته پنهنجي جاني دشمن کي تباهه ڪري سگهون ٿا، اسان جون پتيون جيڪڏهن خوشبو پيدا ڪري سگهن ٿيون ته زهريلي گيس به تيار ڪري سگهن ٿيون... ڀائرو! گلاب جو ساٿ ڏيو ۽ پنهنجي فتح سمجهيو.“اهو چئي هن اخوت واري جذبي مان سڀني گلن ڏانهن نهاريو.
    گلاب ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته چنبيليءَ جي مکڙيءَ پنهنجي نازڪ جسم کي لهرائيندي چيو، ”اچ تون مون کي شعر ٻڌاءِ، مان تنهنجي هنج ۾ سمهڻ ٿي چاهيان.... تون ته شاعر آهين، منهنجا پرين، اچ ته گڏجي بهار جي هنن خوشگوار ڏينهن کي اهڙين فضول ڳالهين ۾ ضايع نه ڪيون ۽ انهيءَ دنيا ۾ هلون جتي ننڊ ئي ننڊ آهي. مٺري ۽ دل لڀائيندڙ ننڊ !“
    گلاب جي سيني ۾ هڪ ڪشش برپا ٿي وئي، ان جي نبض جي ڌڙڪڻ تيز ٿي وئي، کيس ائين محسوس ٿيو ته هو ڪنهن اونهي گهرائيءَ ۾ لهي رهيو آهي. ان مکڙِءَ جي گفتگو جي اثر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو، ” نه مان جنگ جي ميدان ۾ لهڻ جو قسم کڻي چڪو آهيان، هاڻي اهي سڀئي پيار ڀريا جملا مون لاءِ بي معنيٰ آهن.“
    مکڙيءَ پنهنجي لچڪندڙ جسم کي لامارو ڏيندي پيار ڀري لهجي ۾ چيو ”آه ! منهنجا پيارا گلاب ! اهڙيون ڳالهيون نه ڪر مون کي وحشت ٿيندي آهي... چانڊوڪين راتين جو خيال ڪر. جڏهن مان پنهنجو لباس لاهي انهيءَ نوراني ڦوهاري هيٺان وهجنديس ته تنهنجي ڳلن جي ڳاڙهاڻ جو اچڻ وڃڻ ڪيڏو نه پيارو لڳندو ۽ پوءِ تون منهنجا چپ ڪيئن نه ديوانن جيان چمندين.... ڇڏي ڏي انهن فضول ڳالهين کي، مان تنهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي سمهڻ ٿي چاهيان.“
    ۽ چنبيلي جي نازڪ ادائن واري مکڙي گلاب جي تڙڪندڙ ڳل سان چهٽي آ هلي پئي... گلاب مدهوش ٿي ويو. چئني پاسن کان دير تائين ٻين گلن جون صدائون بلند ٿيون رهيون پر گلاب نه جاڳيو.... هو سڄي رات خمار ۾ وڪوڙيل رهيو.
    صبح جو مالهي آيو، هن گلاب جي گل سان گڏ چنبيلي جي مکڙيءَ چهٽيل ڏٺوو. هن پنهنجو کهرو هٿ وڌايو ۽ ٻنهي کي ڇني جدا ڪري ڇڏيو.

    سنڌيڪار :رضوان گل


    منحوس

    نعيم گهمندو گهمندو هڪ باغ ۾ لنگهي ويو. کيس اتان جو ماحول ڏاڍو پسند آيو. ڇٻر تي ليٽي هن پاڻ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”ڪيڏي نه وڻندڙ فضا واري جاءِ آهي.... حيرت آهي جو اڄ تائين منهنجين نظرن کان اوجهل رهي هئي... نظرون.... اوجهل.......“
    ايترو چئي هو مشڪيو. ”نظر هوندي به شيون نظر نٿيون اچن.... آهه نظر جي هي بي نظري! دير تائين هو گاهه تي ليٽيو رهيو ۽ ٿڌاڻ محسوس ڪندو رهيو، پر سندس خود ڪلامي جاري هئي: ”هي نرم نرم ڇٻر ڪيڏي نه فرحت بخش آهي. اکيون پيرن جي ترين ۾ هليو ٿيون وڃن.... ۽ هي گل..... هي گل ايڏا خوبصورت ناهن جيتري انهن جي خوشبوءِ آهي. هر شيءِ جيڪا هر جائي آهي، خوبصورت ٿئي ٿي. هر جائي عورت، هر جائي مرد..... ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. هي خوبصورت شيون پهريائين پيدا ٿيون يا خوبصورت خيال.... هر خيال خوبصورت ٿئي ٿو پر مصيبت اها آهي ته هر گل خوبصورت نٿو ٿئي. مثال طور هي گل!“ هن اتي هڪ گل ڏانهن ڏٺو ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ جاري رکيائين: ”هي گل هن ٽاري تي اوچي ڳاٽ بيٺو آهي. ڪيڏو نه مزيدار ٿو لڳي. بهرحال هي جاءِ خوب آهي... هڪ تمام وڏو دماغ لڳي ٿي...... روشني به آهي ۽ پاڇولا به آهن.... ائين محسوس ٿئي ٿو ته هن وقت مان نه، بلڪه هي جاءِ سوچي رهي آهي... وڻندڙ فضا واري جاءِ. جاڪيا اڄ تائين منهنجين نظرن کان اوجهل رهي.....
    انهيءَ کان پوءِ نعيم محبت ڀريو ڪو غزل ڳائڻ شروع ڪيو. اوچتو موٽر جي هارن جو گهرو آواز سندس دل جي ساز جون سڀ تارون جهنجهوڙي ٿو ڇڏي. هڪ ڇرڪ کائي اٿي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته هڪ موٽر پاسي کان بيٺي آهي ۽ هڪ وڏين مڇن وارو ماڻهو ڏانهس قهري نگاهن سان ڏسي رهيو آهي. انهيءَ مڇن واري ماڻهو گجي پڇيو ”اڙي تون ڪير آهين؟“
    نعيم، جيڪو پنهنجي نشي ۾ سرشار هو، ڇرڪ ڀريو: هي موٽر هن باغ ۾ ڪٿان آئي؟
    مڇن واري ماڻهو، جيڪو انهي باغ جو مالڪ هو، بڙبڙايو: ڏسڻ ۾ ته شريف ماڻهو لڳي ٿو، پر هتي ڪيئن گهڙي آيو... ڪيڏي اطمينان سان ليٽيو هو ڄڻ باغ پڻس جو هجيس. پوءِ هن وڏي آواز ۾ نعيم کي سڏيندي چيو. ”اڙي ڪجهه ٻڌين ٿو؟“
    نعيم جواب ڏنو ”سائين ٻڌان پيو.... اچو اچو ڏاڍي وڻندڙ فضا واري جاءِ آهي.”باغ جو مالڪ سڙي ويو. ”وڻندڙ فضا جا پٽ...... هيڏانهن اچ.“
    نعيم ليٽي پيو. ”ادا، مون کان اٿيو نٿو ٿئي، تون خود ئي هلي آءُ، خدا جو قسم، ڏاڍي دلفريب جاءِ آهي، تنهنجا سڀ ٿڪ لهي ويندا.“
    باغ جو مالڪ موٽر مان ٻاهر نڪتو ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي نعيم جي ڀرسان آيو ”اٿ هتان.“
    نعيم جي ڪنن کي سندس تکو آواز ڏاڍو ڏکيو لڳو. ”ايترو زور سان نه ڳالهاءِ.... اچ، هتي منهنجي ڀرسان ليٽي پئو، بلڪل خاموش، جهڙي طرح مان ليٽيو پيو آهيان، اکيون بند ڪري ڇڏ. پنهنجو سمورو جسم ڍرو ڇڏي ڏي. دماغ جون سڀ بتيون وسائي ڇڏ. پوءِ جڏهن تون انهيءَ اونداهي ۾ هلندين ته تنهنجون ڳوليندڙ آڱريون غير ارادي طور تي اهڙيون بتيون روشن ڪنديون جن جي وجود کان تون بلڪل بي خبر هئين.... اچ، مون سان گڏ ليٽي پؤ.“
    باغ جي مالڪ هڪ کن لاءِ سوچيو ۽ نعيم کي چيائين، ”چريو ٿو لڳين.“
    نعيم کليو. ”نه..... تون ڪڏهن چريا ڏٺا به ناهن. منهنجي جاءِ تي جيڪڏهن هتي ڪو چريو هجي ها ته هو انهن وکريل ٻوٽن ۽ ٽارين تي ٻارن جي ڳلن وانگر لٽيڪل گلن مان ڪڏهن مطمئن نه ٿئي ها..... چريائپ اطمينان جو نالو ناهي منهنجا دوست...... پر اچ، پاڻ چريائپ جون ڳالهيون ڪريون....“
    ”بڪواس بند ڪر.... نڪري وڃ هتان.“
    ”اڙي تون ڪير آهين؟..... وڏو ڪو بدتميز آهين.“
    باغ جي مالڪ کي ڪاوڙ اچي وئي. هن پنهنجي ڊرائيو کي سڏيو ۽ چيائين ته هو نعيم کي ڌڪا ڏيئي باغ مان ٻاهر ڪڍي.
    جڏهن نعيم ٻاهر وڃي رهيو هو ته هن گيٽ تي هڪ بورڊ ڏٺو جنهن تي لکيل هو: ”بنا اجازت اندر اچڻ منع آهي.“ هو کليو، ”حيرت آهي جو هي باغ منهنجين نظرن کان اوجهل رهيو، نظر هوندي به شيون نظر نٿيون اچن..... آهه، نظر جي هي بي نظري!“
    اتان کان نڪري، نعيم تصورن جي هڪ نمائش ۾ هليو ويو جيئن پنهنجو ذهني ٿڪ دور ڪري سگهي.
    هال ۾ داخل ٿيندي ئي کيس عورتن ۽ مردن جو جهرمٽ نظر آيو، جيڪو ديوارن تي لڳل بينٽنگز ڏسي رهيو هو.
    هڪ شخص ڪنهن پارسي عورت کي چئي رهيو هو، ”مسز فوجدار، هي پينٽنگ توهان ڏٺي؟ ”
    مسز فوجدار تصوير کي هڪ نظر ڏسڻ کان پوءِ، اتي بيٺل هڪ عورت ڏانهن غور سان ڏٺو ۽ انهيءَ مرد کي، جيڪو غالبا سندس ٿيڻ وارو مڙس هو، مخاطب ٿي چيائين، ”ڏسين ٿي.... شيرين ڪيڏي نه ٺهي ٺڪي آئي آهي؟“
    هڪ نوجوان عورت هڪ نون عمر ڇوڪريءَ کي چئي رهي هئي، ”ثريا هتي اچي تصويرون ڏس.... تون هتي بيهي ڇا ٿي ڪرين؟“
    ثريا کي تصويرن سان ڪائي دلچسپي نه هئي. اصل ۾ کيس پنهنجي بواءِ فرينڊ سان ملڻو هو. هڪ اڌڙوٽ عمر جو مرد، جنهن کي پينٽنگس سان ڪائي دلچسپي ڪانه هئي، پنهنجي اڌڙوٽ عمر دوست کي چئي رهيو هو. ”بلي زڪام سبب اچي نه سگهي آهي. اوهان کي ته خبر آهي ته کيس پينٽنگس سان ڪيڏي نه دلچسپي آهي. هاڻي ته هو پاڻ تمام سٺيون تصويرون ٺاهي وٺندي آهي، ٽيون ڏينهن پينسل ۽ ڪاغذ کڻي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي سائيڪل جي تصوير ٺاهيائين.... مان ته دنگ رهجي ويس.“
    نعيم ڀرسان بيٺو هو، هن هلڪي طنز سان چيو، ”هوبهو سائيڪل لڳندي هوندي.“
    ٻئي دوست ڏسندا رهجي ويا ته هي ڪير بدتميز آهي، منجهانئن هڪ
    ڄني هڪدم ئي نعيم کان پڇيو، ”اوهان ڪير آهيو؟“
    نعيم هڪو ٻڪو ٿي ويو، ”مان... مان....“
    ”مان مان ڇا ٿو چئين.... ٻڌاءِ نه تون ڪير آهين؟“

    نعيم پاڻ سنڀالي چيو، ”اوهان ٿورو ڌيرج سان پڇو..... مان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو.“
    ”تون هتي ڪيئن آئين؟“
    نعيم جو جواب مختصر هو: ”جي پنڌ.“
    عورتن ۽ مردن، جيڪي آسپاس تصويرون ڏسڻ بدران الائي ڪهڙين ڳالهين تي تبصرو ڪري رهيا هئا. کلڻ شروع ڪيو، ايتري ۾ نمائش جو منتظم آيو. کيس جڏهن نعيم جي گستاخي جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته هن تمام ڪڙي انداز ۾ کانئس پڇيو ”تو وٽ ڪارڊ آهي؟“
    نعيم ڀورائي وچان چيو، ”ڪارڊ؟...... ڪهڙو ڪارڊ؟ پوسٽ ڪارڊ؟“
    منتظم پنهنجي لهجي کي ڪڙڪ بنائيندي نعيم کي چيو، ”بنا اجازت تون اندر هليو آئين.... ڀڄ هتان هاڻي جو هاڻي.“
    نعيم هڪ تصوير کي دير تائين ڏسڻ چاهيو ٿي، پر کيس اوچتو اتان نڪرڻو پيو. هو سڌو پنهنجي گهر ويو. دروازي کي کڙڪايائين ته سندس نوڪر فضلو ٻاهر نڪتو، نعيم کانئس پڇيو، ”ڇا مان اندر اچي سگهان ٿو؟“
    فضلو هڪ ٻڪو ٿي ويو. ”سائين..... سائين.... هي توهان جو پنهنجو گهر آهي، اجازت ڇا جي؟“
    ”نعيم کيس چيو، ”نه فضلو، هي منهنجو گهر ناهي، هي گهر جيڪو مون کي سک ميسر ڪري ٿو، منهنجو ڪيئن ٿي ٿو سگهي، مون کي هاڻي هڪ نئين ڳالهه جي خبر پيئي.“
    فضلو ادب وچان پڇيو، ”ڪهڙي سائين؟“
    نعيم چيو، ”اهو ئي ته هي گهر منهنجو ناهي البته هن جو گند ڪچرو ۽ سڀ غلاظتون منهنجون آهن... اهي سڀ شيون جنهن مان مون کي بيزاري ٿئي ٿي، منهنجون آهن، پر اهي شيون، جن مان مون کي راحت ملي ٿي، اهي ڪنهن ٻئي جون.... خدا ڄاڻي ڪنهن جون آهن. مان هاڻي ڊڄان ٿو، ڪنهن سٺي شيءِ کي پنهنجي چوندي ڊپ ٿو ٿئيم، هي پاڻي منهنجو ناهي. هي هوا منهنجي ناهي: هتي آسمان منهنجو ناهي. هو ڪمبل، جيڪو مان سياري ۾ اوڍيندو آهيان، منهنجو ناهي، انهيءَ ڪري جو مان انهن مان راحت طلب ڪندو آهيان... فضلو وڃ تون به منهنجو ناهين...“
    نعيم فضلو کي ڪابه ڳالهه ڪرڻ نه ڏني. هو هليو ويو.
    رات جا ڏهه وڄي چڪا هئا.... هيرامنڊيءَ جي هڪ ڪوٺي تان ”پيئا بن ناهين آوت چين“ جا ٻول اڏري اچي رهيا هئا.
    نعيم انهيءَ ڪوٺي تي هليو ويو. اندر مجرو ٿي رهيو هو. هن چانئٺ تي بيهي زور سان انهي ڳائڻيءَ کان پڇيو، ”ڇا مان اندر اچي سگهان ٿو؟“
    ڳائڻي گانو بند ڪيو ۽ نعيم کي چيائين، ”اچو اندر اچو، تشريف رکو، اوهان اجازت ڇو ٿا گهرو؟“ نعيم اندر داخل ٿيو، هن مجرو ٻڌڻ وارن ٽن چئن مردن ڏانهن ڏٺو ۽ طوائف کان پڇيائين. ”هنن صاحبن کي ڪو اعتراض ته نه ٿيندو؟“
    طوائف مشڪي چيو، ”هنن کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو.... هوڏانهن مسند تي ويهو.... هان هي وهاڻو وٺو.“
    نعيم ويهي رهيو. هن ڪمري جو جائزو ورتو ۽ طوائف کي چيائين ”هي ڪيڏي نه سٺي جاءِ آهي.“
    طوائف گنڀير ٿي ويئ.”اوهان مون تي چٿر ڪرڻ آيا آهيو.... هي سٺي جاءِ آهي، جنهن کي شريف ماڻهو حد کان وڌيڪ گندي سمجهن ٿا.“
    نعيم وراڻيو، ”هي سٺي جاءِ انهيءَ ڪري آهي جو هتي بنا اجازت اندر اچڻ منع ناهي، جو بورڊ ٽنگيل ناهي،، اهو ٻڌي طوائف ۽ سندس مجرو ٻڌڻ وارا تماشائي سڀ کلڻ لڳا، نعيم ائين محسوس ڪيو ته هيءَ دنيا هڪ اهڙي قسم جي طوائف آهي، جنهن جو مجرو ٻڌڻ لاءِ هن قسم جا منحوس ماڻهو اچن ٿا.

    ترجمو: ولي رام ولڀ


    برقعو

    ظهير جڏهن ٿرڊ ايئر ۾ پهتو ته هن هڪ ڏينهن محسوس ڪيو ته کيس عشق ٿي ويو. ۽ عشق به اهڙو جو هڻ کڻ قسم جو.
    ٿرڊ ايئر ۾ داخلا ملڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن جڏهن ڪاليج کان گهر پهتو ته دل ۾ ڏاڍو خوش هو ڄڻ کيس داخلا نه پر لڪل خزانو مليو هجي. هو جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيڻ وارو هو ته هن جي نظر هڪ ٽانگي تي پئي ۽ ٽانگي مان لهندڙ هڪ ڇوڪري. هن ٽانگي مان لهندي هزارين ڇوڪريون ڏٺيون هيون پر هيءَ ڇوڪري سندس دل جي پاتال ۾ پهچي وئي.
    ڇوڪري ٽانگي واري کي ڀاڙو ڏئي ظهير جي ڀر واري گهر ۾ داخل ٿي. ظهير سوچيو ته هو ان جي موجودگي کان ايترو غافل ڪيئن رهيو آهي.
    حقيقت هي هئي ته ظهير آوره قسم جو نوجوان ڪونه هو. هن کي صرف پنهنجي ذات سان دلچسپي هئي. سوير اٿندو، ڪاليج ويندو، ليڪچر ٻڌندو ۽ گهر واپس ايندو، ٿورو آرام ڪندو ۽ پوءِ پڙهائي ۾ مصروف.
    هونئن به ڪاليج ۾ ڪيتريون ڇوڪريون سندس ڪلاس ميٽ هيون پر هن اڄ تائين ڪنهن سان نه ڳالهايو هو. اها ڳالهه ڪونه هئي ته هو ڪو رکو هو پر حقيقت ۾ ته هن جو سڄو وقت پڙهائي ۾ گذرندو هو. پر جڏهن هن پهريون ڀيرو ان ڇوڪريءَ کي ڏٺو هو ته ان ڏينهن جو پوليٽڪل سائنس جو ليڪچر ۽ حافظ جا شعر ڦر ڪري سندس ذهن مان اڏامي ويا. صرف هو انهن هٿن بابت سوچڻ لڳو هو جنهن ۾ هن ڪتاب ڏٺا هئا. سنهڙيون- سنهڙيون اڇيون آڱريون. ظهير ان جي صورت ڏسڻ چاهي پر هن جي برقعي جو ڪپڙو ايترو ته ٿلهو هو جو کيس ڪجهه به نظر نه آيو، ڇوڪري تيز تيز وکون کڻي هن جي ڀر واري گهر ۾ هلي وئي هئي پر هو اڃا تائين اُت بت بڻيو بيٺو رهيو. هن سوچيو ٿي ته ايترو ويجهو هوندي به ڄاڻ سڃاڻ ڪونهي.
    گهر ۾ گهڙندي ئي هن ماءُ کان سوال ڪيو.
    ”اسان جي پاڙي ۾ ڪير رهن ٿا؟“
    سندس ماءُ لاءِ اهو سوال حيرت ۾ وجهندڙ هو.
    ”ڇو؟“
    ”بس ائين ئي پڇيم.“
    ”ٽي ڀينر ۽ هڪ ڀاءُ آهن، سندن ماءُ پيءَ مري چڪا آهن، سندن ڀاءُ وڏو آهي اهو ئي سندن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. ڏاڍو سٺو ڇوڪر آهي. هن پنهنجي شادي ان لاءِ نه ڪئي آهي ته پهريون سندس ڪلهن تان ڀينرن جو بار لهي.“
    ظهير کي انهن ڳالهين سان ڪابه دلچسپي نه هئي. هو صرف ڄاڻن چاهي پيو ته ان ڇوڪريءَ جي باري ۾ جيڪا هٿ ۾ ڪتاب کڻي ناز سان ڀر واري گهر ۾ داخل ٿي هئي ۽ هوءَ انهن ٽنهي مان هڪ هئي.
    ماني کائي هو پکي هيٺان ليٽي پيو. هن جي عادت هئي ته ماني کائڻ کان پوءِ هڪ ڪلاڪ ضرور سمهندو هو پر ان ڏينهن کيس ننڊ نه آئي. سوچون وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويس.
    ڪئي ڏينهن گذريا پر وري ان ڇوڪري سان ميل نه ٿيو. ڪئي ڏينهن هو گهر جي ڇت تي بيهي ان جي اچڻ جي اوسيڙي ۾ رهيو. پر هن کي نه اچڻو هو نه آئي. ظهير مايوس ٿي ويو. هن سوچيو هي ڳالهيون سڀ بيڪار آهن، پر عشق کيس بيهڻ نٿي ڏنو.
    هن آخر ۾ سوچيو ته ڇا به ٿي پوي هو ان ميدان ۾ مڙس ماڻهو نڪرندو.
    گهڻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن هو ڪاليج کان واپس وريو ٿي ته هن پنهنجي اڳيان هڪ ٽانگو ڏٺو. جنهن ۾ برقعي واري ڇوڪري ويٺي هئي. هن جو اندازو بلڪل ٺيڪ نڪتو ڇو ته اهائي ڇوڪري هئي، ٽانگو بيٺو ظهير به سائيڪل تان لهي بيٺو، ڇوڪري جي هڪ هٿ ۾ ڪتاب هئا ۽ ٻئي هٿ سان هن ڀاڙو ادا ڪيو. ۽ هلڻ لڳي، پر ٽانگي واري کيس پويان سڏ ڪيو.
    ”اي بيبي اوهان ڇا ڏنو.“
    هن جي لهجي ۾ بدتميزي هئي، ڇوڪري بيٺي. هن برقعي جي نقاب مان ٽانگي واري کي ڏٺو. ”ڇا ڳالهه آهي؟“
    ٽانگي وارو لهي آيو ۽ هن جي هٿ تي اٺ آنا رکي چوڻ لڳو ”اٺ آنا ڪرايو نه ٿيندو.“
    ڇوڪري ڏڪندڙ لهجي ۾ وراڻيو. ”مان روزانو ايترو ڏيندي آهيان.“
    ٽانگي وارو ڏاڍو واهيات هو، چوڻ لڳو. ”اوهان سان رعايت ڪندم پر!“
    اهو ٻڌي ظهير جوش ۾ اچي ويو، سائيڪل ڦٽي ڪري، سڌو اچي هن ٽانگي واري کي هڪ ٺونشو وهائي ڪڍيو. هو ٿڙي ڪري پيو. ظهير ڇوڪريءَ کي چيو، ”اوهان وڃو مان هن حرامي سان پاڻ ئي منهن ڏيندس.“
    ڇوڪري چوڻ چاهيو شايد مهرباني جا لفظ نڙي ۾ اٽڪي پيس، هوءَ ڪجهه چوڻ بنائي هلي وئي.
    ظهير ڏاڍو خوش هو ڇو جو پنهنجي محبوبه جي اڳيان بهادري ڏيکاري هئي. ۽ هن ائين به محسوس ڪيو هو ته ڇوڪريءَ گهر ۾ گهڙندي هن کي غور سان تڪيو هو.
    ان بعد ئي ظهير مٿي کان پيرن تائين هن جي عشق ۾ گرفتار ٿي ويو ۽ هن پنهنجي ماءُ کان جاچ ڪري هن جو نالو ڄاڻي ورتو هو. ياسمين هن جي محبوبه جو نالو هو.
    نالي ڄاڻڻ کانپوءِ هن سوچيو ته پنهنجي محبوبه کي هڪ زوردار خط لکي. هن ڪيئي خط لکيا ۽ ڦاڙي ڇڏيا پر آخر ڪار هن هڪ ڊگهو خط لکي رکيو ۽ سوچيائين ته هن کي اهو خط ضرور ڏيندو.
    گهڻن ڏينهن کان پوءِ ظهير سائيڪل تي ڪاليج کان واپس وريو ٿي ته هن جي نظر سامهون ويندڙ ٽانگي تي پئي. جنهن ۾ ياسمين ويٺل هئي. هوءَ جڏهن گهر وڃڻ لڳي هئي ته هن همٿ ڪري، کيسي مان خط ڪڍي ان کي ڏيندي چيو. ”هي اوهان جو ٽانگي ۾ وسري ويو هو.“
    ياسمين هن کي برقعي مان گهور ڪري ڏٺو ۽ پوءِ مرڪي چيو. ”مهرباني“
    اهو چوندي ئي هوءَ هلي وئي. ظهير پرسڪون ٿي ويو پر سندس دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي ڇو جو هن کي پتو نٿي پيو ته خط جو حشر ڇا ٿيندو اڃا اتي ئي بيهي حشر متعلق سوچي رهيو هو ته هڪ ٻيو ٽانگو اچي بيٺو. ان مان به هڪ برقعي واري ڇوڪري لٿي ۽ ڪرايو ادا ڪري گهر هلي وئي پر ظهير کي ائين لڳو ته اها ڄڻ ياسمين هجي. ظهير سوچيو ته شايد اها سندس ننڍي ڀيڻ هجي.
    ظهير خط ڏئي اهو سمجهيو ٿي ته ڄڻ اڌ فتح حاصل ڪري چڪو آهي پر ٻئي ڏينهن هڪ ننڍڙي ڇوڪري جي هٿان کيس هڪ ڪاغذ جو ٽڪر مليو ته هن کي يقين ٿي ويو ته هن سڄي فتح حاصل ڪئي آهي. ڪاغذ تي لکيل هو.
    ”اوهان جو محبت نامو مليو. جن جذبات جو اوهان ذڪر ڪيو آهي ان متعلق مان ڇا چوان، مان اوهان جي ٻانهي آهيان.“
    اهو پنو پڙهندي ئي ظهير جي واڇ گودو ٿي وئي. ڪوبه پيرڊ اٽينڊ ڪري نه سگهيو رڳو وتيو ٿي باغ ۾ ڦيرا پائيندو ۽ ڪاغذ پڙهندو.
    ٻه ڏينهن گذري ويا پر ياسمين سان سندس ڏيک ويک نه ٿي. هن کي سخت ڳڻتي ٿي ڇو ته هن هڪ ڊگهو خط لکي رکيو هو ۽ هن کي ڏيڻ ٿي چاهيو. ٽئين ڏينهن ظهير کي هوءَ ٽانگي تي نظر آئي. جڏهن هن ڀاڙو ڏنو ۽ وڃڻ لڳي ته ظهر سائيڪل کي هڪ پاسي اڇلائي هن ڏانهن مڙيو ۽ ياسمين جو هٿ پڪڙيندي چيو.
    ”سرڪار هي چند ڪاغذ اوهان جا ٽانگي ۾ رهجي ويا هئا.“ ياسمين ڪاوڙ مان هٿ کي جهٽڪو ڏئي هن کان هٿ ڇڏايو ۽ تکي لهجي ۾ چيو. ”بدتميز –توکي شرم ڪونه ٿو اچي“
    اهو چئي هوءَ هلي وئي ۽ ظهير جا محبت ڀريل خط هوا ۾ وکري هيڏانهن هوڏانهن ڌرتي تي ڦهلجي ويا. هو وائڙو هو ته جا ڇوڪري چئي سگهي ٿي ته مان تنهنجي ٻانهي آهيان. سا وري اهڙو رويو ڪيئن اختيار ڪري سگهي ٿي. هن سوچيو ته شايد اهو به هن جو انداز هجي.
    ڏينهن گذرندا رهيا، ظهير جي ذهن تي ياسمين جا اهي لفظ هر وقت سوار رهيا بدتميز تو کي شرم نٿو اچي، پر ان سان گڏ کيس اهي لفظ به چٽي نموني ياد هئا ته ”مان تنهنجي ٻانهي آهيان“
    ظهير ان دوران ڪيئي خط لکيا ۽ ڦاڙي ڇڏيا. هن سوچيو ته سٺن لفظن ۾ هو ياسمين کي چوي ته هن سندس محبت جي توهين ڪئي آهي. پر هن کي لفظ نٿي مليا. خط لکيا ئي پر سڀ بيڪار، ان ڪري هن سڀ خط ڦاڙي ٿي ڇڏيا.
    هڪ ڏينهن هن وٽ هڪ ڇوڪرو چٺي کڻي آيو. ۽ کيس هٿ ۾ ڏئي هليو ويو. هن سائيڪل جي هوا ڀرڻ جي پمپ هڪ پاسي رکي اهو لفافو کوليو هڪ ننڍڙي پني تي لکيل هو.
    ”اوهان ايترو جلد مون کي وساري ويٺا. ڪيڏانهن ويا اوهان جا واعدا. خير اوهان وساريو ته ڀلي وساريو پر هي ٻانهي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.“
    ظهير حيران پريشان ٿي ويو. هن اهي چٺي ور ور ڪري پڙهي. سندس سامهون ٽانگي ۾ ياسمين وئي ٻي هن تڪڙ ڪئي ۽ ٽانگي هلڻ کان اڳ ئي هن ياسمين جي ڀر ۾ ايندي چيو ”توهان جي چٺي ملي. خدا واسطي پاڻ کي ٻانهي نه چوندي ڪر. مون کي ڏک ٿيندو آهي“
    ياسمين برقعي جو پلئو مٿي ڪيو ۽ ڪاوڙ وچان چون لڳي.
    ”بدتميز توکي شرم نٿو اچي، مان تنهنجي ماءُ کي اڄ ئي چوندس ته تون مون سان حرڪت پيو ڪرين.“
    ٽانگو پل کن ۾ اکين اڳيان غائب ٿي ويو. ظهير جي هٿ ۾ چٺي رهجي وئي ۽ سوچيندو رهيو ته هي ڇا پيو ٿئي. هڪ پاسي اقرار ٻئي پاسي انڪار، پوءِ هن جي ذهن ۾ هڪ ڳالهه پئي آئي ته اهو محبوبن جو انداز آهي. هو چاهينديون آهن ته اهڙي کليل نموني رستي تي هنن سان اهڙو اظهار نه ڪيو وڃي. خط و ڪتابت سان ئي سڀ ڳالهيون حل ڪيون وڃن. ان ڪري ٻئي ڏينهن تي هن هڪ ڊگهو خط لکيو ۽ هو جڏهن ڪاليج کان واپس وريو ته هن ياسمين کي ٽانگي ۾ ڏٺو جيڪا ٽانگي کان لهي ڀاڙو ڏئي رهي هئي. هن هڪ پاسي سائيڪل بيهاري خط هن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو. هن ڪجهه نه ڪڇيو صرف برقعي مان ظهير ڏي نهاري هلي وئي.
    ظهير ائين محسوس ڪيو ته هوءَ برقعي اندران مرڪي رهي هئي. هن جو حوصلو وڌي ويو. انڪري ٻئي ڏينهن هو جيئن ئي ڪاليج وڃن لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو ته هوءِ بيٺل هئي. شايد ٽانگي جو اوسيئڙو پئي ڪيائين. سڄي هٿ ۾ ڪتاب هيس ۽ کاٻو هٿ خالي هيس، جيڪو هوا ۾ جهوليو ٿي.
    ميدان خالي هو يعنيٰ بازار ۾ آمدرفت ڪونه هئي. ظهير موقعي جو فائدو وٺڻ خاطر، هٿ ۽ حوصلو ڪري ان جي ڀر ۾ اچي بيٺو ۽ هن جو هڪ هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڪري جذباتي لهجي ۾ وراڻيو ته ڊارلنگ اها ڪهڙي شرافت آهي، هڪ پاسي تون خطن ۾ پيار جو اقرار پئي ڪرين ته ٻئي طرف گاريون پئي ڏئين.
    ظهير اڃا مس ابتدائي لفظ چيا ته ياسمين سينڊل لاهي هن جي مٿان وسڪارو لائي ڏنو. ظهير جا حوصلا خطا ٿي ويا. ياسمين هن کي بيشمار گاريون ڏنيون پر هن جي حوصلي خطا ٿيڻ سان هن هڪ ٻه گار نه ٻڌي. هو وائڙو ٿي پنهنجي گهر طرف وڌيو متان ڪو ڏسي وٺي. هن سائيڪل کنئي ۽ ڪاليج ڏانهن وڃڻ وارو ئي هو ته ٽانگو هليو ۽ ياسمين هلي وئي. هن کي مس مس سانت آئي. ايتري ۾ هڪ برقعي واري ٻي ڇوڪري ان ئي گهر مان نڪتي جنهن گهر مان ياسمين نڪتي هئي هن ظهير کي ڏسي هٿ سان اشارو ڪيو پر ظهير ڊنل هو بيٺو رهيو.
    جڏهن ڇوڪري ڏٺو ته ظهير نه چريو ته هوءَ سندس ڀر ۾ ايندي هڪ ڪاغذ جو پرزو سندس اڳيان ڪيرائي هلي وئي.
    ”ظهير ڪاغذ کنيو، لکيل هو.
    ”تون مون کي ڪيستائين بيوقوف بڻائيندين تنهنجي ماءُ منهنجي ماءُ سان ڇو نٿي ملي. اڄ پلازه سئنيما تي مل ٺيڪ 3 وڳي.
    تنهنجي پروين.

    ترجمو: رانجهو جماڻي


    غسل خانو

    وڏي دروازي وٽان اندران ايندي ڏاڪڻين جي ڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڪوٺي آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڇيڻا ۽ ڪاٺيون رکيا ويندا هئا پر هينئر ان ۾ ٺل لڳائي مردانو غسل خانو ٺاهيو ويو آهي. فرش مضبوط بنايو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته گهر جي پيڙهه ۾ پاڻي نه هليو وڃي. هن ۾ صرف هڪڙي دري آهي، جيڪا ٻاهرين گهٽي ڏانهن کلي ٿي. هن ۾ رنگ لڳل شيخون لڳل آهن.
    مان پنجين درجي ۾ پڙهندو هوس جڏهن اهو غسل خانو منهنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيو. توهان کي تعجب ٿيندو ته غسل خانا انساني زندگيءَ ۾ ڪيئن داخل ٿين ٿا. منهنجي ڪهاڻي ٻڌندا ته اوهان کي ڄاڻ پوندي ته هي غسل خانو منهنجي زندگيءَ ۾ ڪيئن داخل ٿيو ۽ منهنجي زندگي جو حصو بنجي ويو.
    هونئن ته مان غسل خاني کان ان وقت کان واقف آهيان جڏهن هن ۾ ڇيڻا وغيره پيل هوندا هئا.
    هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته اسڪول کان گهر ايندي سردار دوهاسنگهه ميوي فروش وٽان هڪ ڏاڙهون چورايم مان ۽ منهنجا دوست هر روز اتان ڪجهه نه ڪجهه چورائيندا هئاسين. سردار دوها سنگهه سڄو ڏينهن نشي ۾ الوٽ پيو هوندو هو، پر اسان وڏي چوري ڪونه ڪندا هئاسين، ڪڏهن ٻه چار انگور، ڪڏهن ڪو صوف، ڪڏهن ڊاک وغيره. هڪ ڏينهن مون زيادتي ڪئي ۽ پڪڙجي پيس.
    دوها سنگهه هڪدم پنهنجي ابدي ننڊ مان جاڳيو تيزي ۽ ڦڙتي سان دڪان تان لهي مون کي پڪڙيو جو مان دنگ رهجي ويس. ان سان گڏ منهنجا حواس خطا ٿي ويا. پهريون ته مان چوري کي راند سمجهندو هوس پر جڏهن سردار جا پادر کاڌم ته خبر پئي ته چوري ڇا هي!
    ننڍ پڻ کان ئي مون کي اهو خيال رهيو ته ماڻهن جي آڏو ذليل نه ٿيان. پوءِ جڏهن ڀريل بازار ۾ پاڻ کي ذليل ٿيندو ڏٺم ته سردار جي کان معافي ورتم اڳتي لاءِ توبهه ڪيم، هن جي دل ڏاڍو چڱي هئي. هن مون کان ڏاڙهون ڦري، ٽوڪري ۾ رکندي چيو. ”وڪيل صاحب اچي ته ان کي ٻڌايان ٿو ته تنهنجي پٽ هاڻي چوري ڪرڻ شروع ڪئي آهي“
    منهنجي دل بيهجي وئي، مان سمجهيم ته جلدي جان ڇٽي، مون دل ۾ سوچيو ته جيڪڏهن هي ڪمبخت سردار جي بابي سان ڳالهه ڪئي ته بابو سڄي گهر کي منهنجي چوري بابت ٻڌائيندو.
    جنهن وقت سردار بابي جو نالو ورتو. منهنجي اکين اڳيان بابي جي تصوير اچي وئي. ڀريل ٿيلهو منهنجي ڪڇ ۾ ڳورو ٿي ويو. ٽنگن مان طاقت نڪري وئي، دل ڌڙڪڻ لڳي، هر هر بابي جي غصي واري شڪل اکين اڳيان ڦرڻ لڳي.
    سخت پريشاني جي عالم ۾ گهر پهتس، غسل خاني وٽ رڪجي سوچڻ لڳس ته جيڪڏهن واقعي سردار جي بابي کي منهنجي چوري متعلق ٻڌايو ته گهر ۾ طوفان اچي ويندو. بابو سڀ ڪجهه معاف ڪري ڇڏيندو. هو پر چوري ڪڏهن معاف نه ڪندو هو.
    اسان جي پراڻي نوڪر نبوءِ هڪ دفعي ڏهه رپيا امان جا چورايا، امان هن کي معاف ڪري ڇڏيو پر جڏهن بابي کي خبر پئي ته هن نبوءَ کي ڪڍي ڇڏيو ۽ چيائين. ”مان پنهنجي گهر ۾ ڪنهن چور کي نٿو رهائي سگهان”
    هن جا اهي لفظ منهنجي ڪنن ۾ ڪيئن دفعا گونجڻ لڳا، مان مٿي وڃڻ لاءِ اڃا پير ڏاڪي تي رکيا هيا ته هن جو آواز آيو. خبر ناهي هو منهنجي وڏي ڀاءُ کي ڇا چئي رهيو هو پر مان سمجهيو ته هو نبوءَ کي گهر کان ڪڍي رهيو هو ۽ منهنجي ڪنن تي اهي آواز اچي رهيا هئا.
    ”مان پنهنجي گهر ۾ ڪنهن چور کي رهائي نٿو سگهان.“
    منهنجا پير ڳورا ٿي ويا ۽ مٿي وڃڻ بدران هيٺ لهي آيس، خبر ناهي دل ۾ ڇا ٿيو. مان غسل خاني ۾ وڃي سچي دل سان دعا گهري ته بابي کي منهنجي چوري جي ڄاڻ نه پوي، دعا گهرڻ کان پوءِ منهنجي دل جو بار هلڪو ٿيو، ان ڪري مان مٿي هليو ويس.
    خدا منهنجي دعا قبول ڪئي ، سردار دوها سنگهه جو دڪان اڃا قائم آهي پر اڃا تائين بابي سان چوري جو ذڪر نه ڪيو اٿس. غسل خانو اتان کان منهنجي زندگي ۾ داخل ٿيو.
    هڪ دفعو ٻيهر اهڙي ڳالهه وري ٿي، مان مزي خاطر بازار ۾ پهريون دفعو سگريٽ پيئندو ٿي ويس ته بابي جي دوست ڏسي ورتو، ان ڪاوڙ وچان سگريٽ کي اڇلائي ڇڏيو ۽ چيائين، ”تون ڏاڍو آواره ٿي ويو آهين تو کي وڏن جو خيال ڪونهي، تنهنجي بابي کي چئي اڄ ئي تو کي مار ڪڍرايان ٿو.“
    ڏاڙهونءَ جي چوري جي بنسبت سگريٽ پڻ اڃا به خطرناڪ هيو، منهنجو بابو خود سگريٽ پيئندو هو پر پنهنجي اولاد لاءِ انهي کي سختي سان منع ڪئي هئي، هڪ ڏينهن منهنجي ڀاءُ جي کيسي مان سگريٽن جو پاڪيٽ نڪتو هو ته هن کي هڪ ٿڦر وهائيندي چيو هئائين. ”جيڪڏهن مان ٻيهر تو کي سگريٽ ڏٺو ته تو کي ان ڏينهن گهر مان ڪڍي ڇڏيندس.“
    منهنجو ڀاءُ سمجهي ويو هو ۽ هر روز هو هڪ سگريٽ آڻيندو هو ۽ لڪي لڪي پيئندو هو.
    مان پنهنجي ڀاءُ کان ٽي سال ننڍو آهيان، ظاهر آ جيڪڏهن منهنجو سگريٽ پيئڻ اهو به کلي بازار ۾ بابو ڪنهن به نموني برداشت نه ڪري ها. منهنجي ڀاءُ ثقلين کي ته بابي صرف ڌمڪي ڏني هئي پر مون کي ته يقينن گهر کان ڪڍي ڇڏي ها.
    گهر ۾ گهڙڻ کان اڳ ۾ غسل خاني ۾ دل سان دعا گهري ته اي رب منهنجي پيءُ کي منهنجي سگريٽ پيئڻ جي ڄاڻ نه پوي. دعا گهرڻ کان پوءِ منهنجي دل مان خوف گهٽيون ۽ مٿي هليو ويس.
    اوهان چوندا ته هرو ڀرو غسل خاني ۾ وڃي دعا ڇو گهرجي ٻيا هنڌ به آهن، بابي کي ڄاڻ نه پئي ڇاڪاڻ جو بابي جو دوست انهي ئي شام جو ڪلڪتي هليو ويو. جتي هو مستقل رهي پيو.
    غسل خاني تي اڃا پختو يقين ان لاءِ ٿيو جو مان ڏهين درجي ۾ دعا گهري ۽ قبول پئي، ميٽرڪ جو پيپر هو، مان غسل خاني ۾ وڃي سڄو ڪتاب ڦاڙي پاڻ وٽ رکيو ۽ دعا گهري ته ڪنهن مٿان بيٺل استاد جي نظر نه پوي ۽ مان ڪاپي چڱي نموني ڪري وٺان ۽ ٿيو به ائين.
    هڪ دفعو نه ڪيئي دفعا ائين ٿيو غسل خاني ۾ گهريل هر دعا قبول پئي. منهنجي ڀاءُ کي اها خبر هئي پر اهو اهي ڳالهيون فالتو سمجهندو هو. ڇا به ٿي پئي منهنجو تجربو آهي ته غسل خاني ۾ گهربل دعا قبول پئي، مان ٻين هنڌن تي به دعا گهري ڪٿي به قبول نه پئي. ائين ڇو ٿيو ان جو ڪير جواب ڏئي....!
    چند سال اڳ جو هڪ دلچسپ واقعو اوهان کي ٻڌايان ٿو. منهنجي چاچي جي شادي هئي، ان واسطي هو سينگارپور کان آيو هو. هن جو گهر ۽ اسان جو گهر گڏوگڏ هئا. ان ڪري جيڪا رونق هن جي گهر ۾ هئي سا اسان جي گهر ۾ به هئي. بلڪه اسان جي گهر ۾ رونق هئي، ڇو جو ڇوڪريءَ وارا اسان جي گهر ۾ ترسيل هئا. اڌ رات جو دهلن جو آواز گونجندو هو. ٿيندڙ ڪنوار سان ڇيڙ ڇاڙ، تيل، ميندي، ٻارن جون رڙيون، ڪنوارين ڇوڪرين جون مستيون، سينڊلن جا آواز، مطلب ته هر وقت هڪ هنگامو مچيل هو.
    جڏهن اهڙا هنگاما ٿيندا ته ان وقت ڇوڪرين کي تنگ ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي، يا کڻي ائين چئو ته ڇوڪرين کي تنگ ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي. اسان جو هڪ مائٽ هيو، ان جي ڇوڪري مون کي ڏاڍو.پسند هئي، جيڪا اڳ ٻه ٽي دفعا اچي چڪي هئي. هن کي هٿ لائبو ته کل جا ڦهارا نڪري ويندا هيس هن جي چپن، اکين جي ڪنارن، ڪنن جي پاپڙين ۽ چهري جي هٿرادو ڪاوڙ هر وقت کل لاءِ ڦاٽندا هئا. مان ان کي تنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هوس.
    خدا جو ڪرڻ وري ڏسو، ڏاڪڻ جي بتي خراب ٿي وئي، بلب فيوز ٿيو يا خدا ڄاڻي ڇا ٿيو، بهرحال سٺو ٿيو، هوءَ هر هر لهي چڙهي پئي چڙهندي مون سان ضرور سامهون ٿئي پئي ۽ مان اونڌاهي جو فائدو ورتو ٿي.
    ۽ پوءِ ڪنهن جي اچڻ جو کڙڪو ٿيو – کٽ- کٽ- ۽ مان هوشيار ٿي بيهي رهيس.- بابو هيو، ان پڇيو، ”ڪير آ“ مون وراڻيون
    ”عباس آهيان،“ هن اونداهي ۾ هڪ زوردار ٿڦر وهائي ڪڍي ۽ چيو .شرم ڪر هتي اونداهي ۾ بيهي ڇوڪرين سان ڇيڙ ڇاڙ پيو ڪرين“ ثريا هينئر هينئر پنهنجي هڪ ساهيڙي سان تنهنجي حرڪت جو ذڪر ٿي ڪيو. ۽ جي هوءَ پنهنجي ماءُ سان اهو ذڪر ڪري ته، خبر اٿئي ڇا ٿيندو؟ واهيات ڇورا- توکي پنهنجو نه ته پنهنجي وڏن جو خيال ڪرڻ کپي ... ۽ ثريا سان تنهنجي وهانءَ جي ڳالهه اڄ ئي سندس ماءُ مون سان ڪئي آهي، لعنت هجئي.“
    کٽ – کٽ- کٽ مٿان ڪنهن جي لهڻ جو آواز آيو، بابي ٻيو دفعو چماٽ وهائي هليو ويو.
    کٽ – کٽ- کٽ اها ثريا هئي- منهنجي ويجهو لنگهندي، مون کي گهوريندي ۽ چڙ وچان اهو چوندي هلي وئي ته ”خبردار مون سان وري حرڪت ڪئي اٿئي امان کي وڃي چونديس.“
    مان وائڙو حيران ۽ پريشان ٿي بيٺو رهيس ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. دماغ تي ڏاڍو زور ڏنم – پر سڀ بيڪار – ايتري ۾ غسل خاني جو دروازو کوليو ثقلين ٻاهر نڪتو- مان وائڙو ٿي ويس. ”ڀائو تون هتي ڇا پيو ڪرين“
    ان وراڻيو، ”دعا پئي گهريم-“
    ”ڇاڪاڻ.....“
    مرڪندي هن وراڻيو، ”ثريا کي مون تنگ ڪيو هو نه!“
    مون اوهان سان ڪو ڪوڙ ٿي ڳالهايو ته هن غسل خاني ۾ جيڪا دعا گهري وڃي سا ضرور قبول پوندي.


    ترجمو: عبدالمنان جمالي


    نئون سال

    ڪئلينڊر جو آخري پنو جنهن تي 31 ڊسمبر لکيل هئو، هڪ گهڙيءَ جي اندر هن جي سنهڙين آڱرين واري هٿ ۾ هئو، هاڻي ڪئلينڊر هڪڙي ٺوٺ سڪل وڻ پئي لڳو، جنهن جي ٽارين جا سڀ پر سرءُ جي جهوٽن اڏائي ڇڏيا هجن!
    ڀت تي پڳل گهڙيال ٽڪ ٽڪ پئي ڪئي، ڪئلينڊر جو آخري پنو جيڪو ڏيڍ انچ ڪاغذ جو ننڍڙو ٽڪر هئو، هن جي سنهڙين آڱرين ۾ ائين پيو ڏڪي ڄڻ موت جي سزا جو قيدي ڦاهيءَ جو تختي اڳيان بيٺو هجي.
    گهڙيال ٻارنهن ڌڪ هنيا، پهرئين ڌڪ تي آڱرين ۾ چرپر ٿي ۽ آخري ڌڪ تي ڪاغذ جو اهو ٽڪرو ننڍڙي گولي ٺهي ويو. آڱرين اهو ڪم ڏاڍي بي رحمي سان ڪيو ۽ جنهن شخص جون اهي آڱريون هيون. اهو آڱرين کان به وڌيڪ بي رحمي سان ڪاغذ جي ان گولي کي ڳهي ويو. هن جي چپن تي تيزابي مرڪ تري آئي، ڪئلينڊر کي فاتحانه نظرن سان ڏسي چيائين”مان تو کي کائي ويو آهيان، بنا چٻاڙڻ جي ڳهي ويو آهيان“
    ان کان پوءِ هڪ اهڙو ٽهڪ اڀريو جنهن ۾ انهن توپن جو آواز دٻجي ويو جيڪي نئين سال جي شروعات تي ڪٿي پري پئي گونجيون.
    جيستائين انهن توپن جو آواز جاري رهيو، هن جي سڪل نڙي مان ٽهڪ ٻرندڙ لاوي وانگر نڪرندا رهيا، هو بي حد خوش هئو، بي حد خوش، اهو ئي سبب هو جو هن جي حالت چرين جهڙي هئي. سندس خوشي آخري درجي تي پهتل هئي، هو سڄي جو سڄو کليو پئي پر سندس اکيون رنيون پئي ۽ جڏهن کليو پئي ته توهان هن جي ڏڪندڙ چپن کي ڏسي سمجهي وڃو ها ته هن جو روح ڪنهن سخت عذاب مان پيو گذري. هو هر نعرو پيو هڻي ”مان تو کي کائي ويو آهيان بنا چٻائڻ جي ڳهي ويو آهيان. هڪ هڪ ڪري ٽي سئو ڇاهٺ ڏينهن کي، ليپ ڏينهن سميت!“
    خالي ڪئلينڊر سندس ان عجيب و غريب دعويٰ جي تصديق پيو ڪري.
    اڄ کان ٺيڪ چار سال پهرين جڏهن هو پنهنجي ڪلهن تي مصيبتن جا جبل کڻي، پنهنجو رزق پاڻ ڪمائڻ لاءِ ميدان ۾ آيو ته ڪيترائي ماڻهو هن تي کليا هئا. ڪيترن ماڻهن هن جي ”همت“ جو مذاق اڏايو هئو، پر هن انهن ڳالهين جي ڪا پرواهه ئي نه ڪئي ۽ هن کي هاڻي به ڪنهن جي پرواهه ڪٿي هئي. هن کي رڳو پنهنجي ئي پرواهه هئي ۽ بس، ٻين جي جنت تي هو سدائين پنهنجي دوزخ کي ترجيح ڏيندو هو ۽ هاڻي به ان اصول جو پابند هئو.
    هو انهن ڏينهن ۾ گڏهن وانگر ڪم ڪندو هو، ڪتن کان وڌيڪ ذليل زندگي پيو گذاري، پر اهي ڳالهيون هن جي راهن ۾ رنڊڪ نه بنيون.
    ڪيترا ڀيرا هن کي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻو پيو. هن هٿ ڊگهيڙيو پر هڪ شان سان هو چوندو هو، ”اهي سڀ فقير جيڪي رستن تي جهوليون جهلي، ڪشتا کڻي ڦرندا ٿا وڌن، انهن کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏجي، خيرات وٺي اهي ذليل ڪتا شڪر گذار ٿا نظر اچن، جيتوڻيڪ انهن کي مهرباني گاريون ڏيئي مڃڻ گهرجي، جيڪي خيرات گهرن ٿا سي ايترا لعنتي ناهن، جيترو اهي ماڻهو جيڪي ڏين ٿا، خيرات سمجهي جنت ۾ هڪڙي ٿڌي ڪوٺي بڪ ڪرائڻ وارا سوداگر!“
    هن کي ڪيترا ڀيرا رپئي پئسي جي مدد وٺڻ لاءِ شهر جي دولتمند ماڻهن وٽ وڃڻو پيو. هن دولتمندن کان مدد ورتي، هنن جون ڪمزوريون انهن ئي وٽ وڪڻي ! ۽ هن اهو سودو ڪنهن اڻڄاڻ دڪاندار وانگر ڪونه ڪيو، ”توهان شهر وارن جي صحت جا محافظ مقرر ڪيا ويا آهن، پر حقيقت ۾ توهان بيماريون پيدا ڪرڻ جا ٺيڪيدار آهيو، حڪومت جي ڪتابن ۾ توهان جي نالي اڳيان هيلٿ آفيسر لکو ويندو آ، پر مهنجي ڪتاب ۾ توهان جو نالو مرض وڪڻڻ وارن ۾ لکيل آهي، ٽيون ڏينهن توهان سنگتڙن جا ٻه سئو ٽوڪرا پاس ڪري موڪليا جيڪي طبي اصول جي مطابق ماڻهن جي صحت لاءِ سخت نقصانڪار هئا. ڏهه ڏينهن پهرين تقريبا ٻه هزار ڪيلن تي توهان پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون، جن ۾ هر هڪ بيماري جي پڙي هو ۽ اچ توهان ان پراڻي ۽ غليظ عمارت کي بچائي ورتو، جتي بيماريون ٿيون پيدا ٿين ۽.....“
    عام طور تي هن کي اڳتي ڪجهه چوڻ جي ضرورت ئي يپش نه ايندي هئي. ان ڪري جو هن جو سودو تمام گهٽ ڳالهائڻ سان ئي پڪو ٿي ويندو هئو.
    هو هڪڙي سستي ۽ بازاري قسم جي اخبار جو ايڊيٽر هئو، جنهن جي اشاعت ٻه سئو کان وڌيڪ نه هئي، اصل ۾ هو اشاعت جو قائل ئي نه هو، هو چوندو هو ”جيڪي ماڻهو اخبار پڙهن ٿا سي بيوقوف آهن، ۽ جيڪي ماڻهو اخبار پڙهي ان ۾ لکيل ڳالهين تي يقين ڪن ٿا سي سڀني کان وڏا بيوقوف آهن، جن ماڻهن جي پنهنجن زندگي هنگامن سان پر هجي، انهن جو ڇپيل چٿڙن سان ڪهڙو مطلب؟“
    هو اخبار ان ڪري ڪونه ڪڍندو هئو ته ڪو هن کي مضمون لکڻ جو شوق هئو يا هو اخبار جي ذريعي سان شهرت حاصل ڪرڻ پيو چاهي، نه، بلڪل نه هڪ ٻن ڪلاڪن جي مصروفيت کان سواءِ، جيڪا سندس اخبار جي اشاعت لاءِ ضروري هئي، باقي سڄو وقت هو انهن خوابن جي تعبير ڏسڻ ۾ گذاريندو هئو. جيڪي ڪيتري وقت کان هن جي ذهن ۾ موجود هئا، هو پنهنجي لاءِ هڪ اهڙو مقام ٺاهڻ پيو چاهي جتي ڪو هن کي تنگ نه ڪري، جتي هو اطمينان حاصل ڪري سگهي، پوءِ ڀلي اهو ٻن سيڪنڊن لاءِ ئي ڇو نه هجي.
    ”جنگ جي ميدان ۾ فتح ڀلي ماڻهو مرڻ ڪنڌيءَ تي هجي ته نصيب ٿئي، پر ٿئي ضرور ۽ جيڪڏهن شڪست ٿي وڃي، مرڻو پوي ته ڪهڙو حرج آ، شڪست کائينداسين پر فتح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، موت انهن جو جيڪي موت کان ڊڄي جان ڏين، ۽ جيڪي زنده رهڻ جي ڪوشش ۾ موت کي چنبڙي پون، سي زنده آهن ۽ هميشه زنده رهندا، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي لاءِ!“
    دنيا هن جي خلاف هئي، جيڪو ماڻهو به هن سان ملندو هو کانئس نفرت ڪندو هو، هو خوش هو، نفرت ۾ محبت کان وڌيڪ تيزي هوندي آهي، جيڪڏهن سڀ ماڻهو مون سان محبت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏن ته پوءِ مان ته ان ڦيٿي وانگر ٿي وڃان، جنهن کي هيٺ مٿي، اندر ٻاهر، هر جاءِ تي تيل ڏنو ويو هجي، مان ڪڏهن به ان گاڏي کي اڳتي نه ڌڪي سگهندس، جنهن کي ماڻهو زندگي چوندا آهن.“
    تقريبن سڀ هن جي خلاف هئا ۽ هو پنهنجي انهن مخالفن کي ائين ڏسندو هو ڄڻ موٽر جي انجڻ ۾ لڳل پرزن کي ڏسندو هجي ”اهي ڪڏهن ٿڌا نه ٿيڻ کپن“ ۽ هن اڃا تائين انهن کي ٿڌو نه ٿيڻ ڏنو هو، هو ان آڙاهه کي ٻرندو رکڻ پيو چاهي، جنهن تي پنهنجا هٿ ڏئي هو ڪم ڪندو هئو، جنهن ڏينهن هو پنهنجي مخالفن ۾ ڪنهن نئين ماڻهو جو واڌارو ڏسندو هو ته پنهنجي دل کي چوندو هو ”اڄ مون آڙاهه ۾ هڪ ٻي سڪي ڪاٺي وجهي ڇڏي آ، جيڪا گهڻي رات تائين ٻرندي رهندي.“
    سندس هڪ دشمن ڪنهن جلسي ۾ هن جي خلاف ڏاڍو زهر اوڳاڇيو، ايتري قدر جو هن کي گاريون به ڏنائين سندس ان دشمن جو خيال هو ته اهي گاريون ٻڌي هن جي ننڊ ڦٽي پوندي پر هو ته ان ڏينهن معمول کان وڌيڪ آرام سان ستو، الٽو سندس دشمن جي ننڍ ڦٽي پئي، سڄي رات اکين ۾ گذاريائين سڄي رات ضمير ستائيندو رهيس، نيٺ صبح جو اٿي هن وٽ آيو ۽ معافي گهريائينس ”مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو مون توهان جهڙي بلند اخلاق انسان کي گاريون ڏنيون.... اصل ۾ اهو مون ڏاڍي تڪڙ ۾ ڪيو، سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ.... مون کي ڀڙڪايو ويو هو، مان پنهنجي ڪئي تي شرمنده آهيان، مون کي اميد آ ته توهان مون کي معاف ڪندا، مون کان تمام وڏي غلطي ٿي!“
    بلند اخلاق! انهي لفظ اخلاق کان هن کي ڏاڍي چڙ هئي، اخلاق، انسانيت جي منهن تي تهه چڙهيل ...
    اخلاق، اخلاق، اخلاق....... يعني ڇا ؟
    هي نه ڪر، هو نه ڪر جو ٻي معنيٰ رٽو، انسان جي آزاد سرگرمين تي سينسر!
    کيس خبر هئي ته سندس ڪمزور دل دشمن ڪوڙ ڳالهايو هو، پر الائي ڇو هن کي ڪاوڙ ڪونه لڳي، مرڳو هن کي ائين محسوس ٿيو ته جيڪو ماڻهو معافي پيو گهري ان جي ڪا عزيز ترين شيءِ فنا ٿي وئي آهي، هو ڏاڍو بي رحم سمجهيو ويندو هو ۽ اصل ۾ هو هئو به ڏاڍو بي رحم، نرم و نازڪ جذبات کان سندس دل بلڪل خالي هئي، پر ان پٿر جهڙي دل تي هن کي ڪا شيءِ رڙهندي محسوس ٿي، کيس ان ماڻهو تي رحم اچڻ لڳو،
    ”اڄ تون روحاني طور تي مري وئين ۽ مون کي تنهنجي ان موت تي افسوس آ!“
    اهو ٻڌي هن جي دشمن کي وري گاريون ڏيڻيون پيون، پر سندس ڪنن تائين ڪو آواز ڪونه پهتو ، گهڻو وقت ٿيو ته هو ان کي ڪنهن قبرستان ۾ دفن ڪري چڪو هئو.
    چئن سالن کان هو ائين ئي پيو، جيئي، زبردستي دنيا جي مرضي جي خلاف، گهڻيون ئي طاقتون کيس برباد ڪرڻ لاءِ آتيون هيون پر هو پنهنجي وجود جو هڪ ذرو به جنگ ڪرڻ کان سواءِ هنن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، جنگ، جنگ، جنگ، هر دشمن طاقت خلاف جنگ، رحم کان بي خبر، عشق و محبت کان پرهي، اميد، خوف ۽ استقبال کان بيگانو ۽ پوءِ جيڪو ٿئي سو ٿئي!!
    چئن سالن کان هو زماني جي تيز هوائن ۾ هڪ مضبوط ڊگهي وڻ وانگر بيٺو هو، مند جي مٽا سٽا ٿي سگهي ٿو هن جي جسم تي اثر ڪيو هجي، پر سندس روح تي اڃا تائين ڪو اثر نه ٿيو هو، اهو ساڳيو اهڙي جو اهڙو هئو، جهڙو چار سال پهرين هو، لوهه وانگر سخت، اها سختي قدرت جي طرفان نه هئي، پر هن پاڻ پيدا ڪئي هئي، هو چوندو هو،”نرم و نازڪ روح کي پنهنجي سيني ۾ رکي تون زماني جي سخت زمين تي نٿو هلي سگهين، جيڪو گل جي پتي سان هيري جو جگر ڪپڻ چاهي، انهي کي پاڳل خاني ۾ بند ڪرڻ کپي.“
    شاعراڻن خيالن کي هن پنهنجي دماغ ۾ ڪڏهن جاءِ نه ڏني ۽ جيڪڏهن غير ارادي طور تي اهڙا خيال سندس دماغ ۾ پيدا ٿي ويندا هئا ته هو انهن ”حرامي ٻارن“ جي هڪدم نڙي گهٽيندو هو، هو چوندو هو ”مان انهن ٻارن جو پيءُ نٿو ڦٽو ٿيڻ چاهيان، جيڪي منهنجي ڪلهن تي ٻار ٿي پون.“
    هن پنهنجي حياتي جي ساز جا سڀ تار پٽِ تي اڇلائي ڇڏيا هئا، جن مان نرم و ناز سر نڪرندا آهن.
    ”زندگيءَ جو صرف هڪڙو ساز آ جيڪر رجز آهي، جيڪو اڳتي وڌڻ، حملو ڪرڻ، مرڻ ۽ مارڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿو، ان ساز کان سواءِ باقي سڀ راڳ فضول آهن، جيڪي جسم تي ٿڪ چاڙهي ڇڏيندا آهن.“
    سندس دل جواني جي باوجود عشق محبت کان خالي هئي، هن جي نظرن آڏو هزارين خوب صورت ڇوڪريون ۽ عورتون گذري چڪيون هيون پر انهن مان ڪنهن هڪ به سندس دل تي اثر نه ڪيو هو، هو چوندو هو ”هن پٿر ۾ عشق جا جيوڙا نٿا لڳي سگهن!“
    هو اڪيلو هو، بلڪل اڪيلو، کجيءَ جي ان وڻ وانگر جيڪو ڪنهن تتل وارياسي ۾ اڪيلو بيٺو هجي، پر هو ان اڪيلائي کان ڪڏهن نه گهٻرائيندو هو، اصل ۾ هو اڪيلو ڪڏهن هوندو ئي ڪونه هو، ”جڏهن مان ڪم ۾ مشغول هوندو آهيان ته اهو ئي منهنجو ساٿي هوندو آ ۽ جڏهن مان ان کان واندو ٿيندو آهيان ته منهنجا ٻيا ويچار منهنجي آس پاس گڏ ٿي ويندا آهن، مان سدائين پنهنجي دوستن جي محفل ۾ هوندو آهيان، هو پنهنجا ڏينهن ائين گذاريندو هو ڄڻ انب کائيندو هجي، شام جو جڏهن هنڌ تي ليٽندو هو ته ائين محسوس ڪندو هو ڄڻ هن ڏينهن کي چوسيل ککڙيءَ وانگر اڇلائي ڇڏيو هجي، جيڪڏهن توهان سندس ڪمري جي ڀت هجو ها ته اهي لفظ وري وري توهان جي ڪنن سان ٽڪرائجن ها، جيڪي سمهڻ وقت هن جي زبان مان نڪرندا هئا، ”اڄ جو ڏينهن ڪيڏو کٽو هو. هن سال جي ٽوڪري ۾ جي ٻيا ڏينهن به اهڙي ئي قسم جا هوندا ته مزو اچي ويندو“ ۽ راتيون، توڙي روشن هجن يا اونداهيون، سندس نظر ۾ طوائفون هيون، جن کي هو سج اڀريندي ئي وساري ڇڏيندو هو.
    چئن سالن کان هو ائين ئي پيو زندگي گذاري ، ائين لڳندو هو ڄڻ هو ڪنهن اتانهين جاءِ تي ويٺو هجي، هٿوڙو کڻي، زماني جو لوهي ڦيٿو هن جي سامهون پيو گذري ۽ هو ان ڦيٿي تي پنهنجي هٿوڙي سان ڌڪ هڻي پنهنجا ٺپا هڻندو ٿو وڃي. هڪ ڏينهن جڏهن گذري ٿو ته هو ڦيٿي کي ٿوري دير لاءِ جهلي ٿو وٺي ۽ پوءِ ڇڏي، چوي ٿو ”هاڻي وڃ، مان تو کي چڱي طرح استعمال ڪري چڪو آهيان.“
    ڪجهه ماڻهن کي افسوس ٿيندو آ ته اسان فلاڻو ڪم فلاڻي وقت تي ڇو نه ڪيو ۽ اهو پڇتاءُ هو گهڻي دير تائين محسوس ڪندا آهن پر هن کي اڃا تائين ان قسم جو افسوس يا ڏک نه ٿيو.... جيڪو وقت سوچڻ ۾ ضايع ٿيندو آ، هو ان مان بنا سوچڻ سمجهڻ جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پوءِ ڀلي کيس نقصان ئي ڇو نه ٿئي، جيڪڏهن سوچي سمجهي هلڻ ۾ فائدو هجي ها ته پيغمبرن ۽ نيڪ ماڻهن جي زندگي ڏکڻ ۽ مصيبتن سان ڀريل هرگز نه هجي ها. جيڪي هر ڪم سوچي سمجهي ڪندا هئا، جڏهن سوچ ويچار ڪرن کان پوءِ به نقصان ٿئي يا ناڪاميءَ کي منهن ڏيڻو پوي ته پوءِ ڇا ان کان بهتر ناهي ته سوچ ويچار ۾ پوڻ کان سواءِ ئي نتيجن کي منهن ڏجي!
    انهن چئن سالن ۾ هن کي هزارين ناڪامين کي منهن ڏيڻو پيو، رڳو منهن نه ڏيڻو پيو، پر مٿي کان پير تائين ڏسڻو پيو، پر هو پنهنجي اصولن تي ائين ئي قائم رهيو جيئن تيز لهرن ۾ ڪو جبل بيڄو هجي،
    اڄ رات ٻاهرين وڳي کان پوءِ ئي نئون سال سندس سامهون پئي آيو ۽ پراڻي سال کي هو هضم ڪري ويو هو، بنا اوڳرائي ڏيڻ جي،
    نئين سال جي اچڻ تي هو، خوش هو، جيئن ملهه جي ميدان ۾ ڪو نامور پهلوان پنهنجي نئين سال جي مقابلي لاءِ هٿيار کڻي تيار ٿي بيٺو هو، هاڻي هو بلند آواز ۾ چئي رهيو هو”مان تو جهڙن چئن پهلوانن کي هارائي چڪو آهيان، هاڻي تو کي به ڦهڪو ڪري ڪيرائيندس.“
    دل ڀري خوشي ملهائڻ کانپوءِ هو نئين ڪئيلندڙ ڏانهن وڌيو، جيڪو هڪ ميري ڀت تي مٿئين پاسي لڳل هو، تاريخ واري پاسي کان هن هڪ سٽ سان مٿيون ڪاغذ پري ڪري چيو”ٿورو پردو ته هٽاءِ – ڏسان ڪهڙي شڪل آ تنهنجي.... مان آهيان تنهنجو مالڪ، تنهنجو آقا.... تنهنجو سڀ ڪجهه!“
    پهرين جنوريءَ جي تاريخ جو پنو ظاهر ٿيو، هڪڙو ٽهڪ بلند ٿيو ۽ هن چيو، ”سڀاڻي رات تون به فنا ٿي ويندين!“

    ترجمو: صبينه قاضي


    مصريءَ جو ٽڪرو

    ڪجهه ڏينهن کان منهنجو روح ۽ منهنجو جسم ٻئي بيمار ٿي پيا هئا. روح ان لاءِ بيمار ٿيو جو مون پنهنجي ماحول جي ڀوائتي روپ کي ڏٺو ۽ جسم ان لاءِ ته سردي لڳڻ سبب منهنجا عضوا سٽجي ويا هئا. ڏهن ڏينهن تائين مان پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو پلنگ تي ليٽيو پيو هيس- پلنگ- ها! پلنگ ئي ان کي چئو- چئن لڪڙن جو ٺهيل هڪ لوهه جي وڏي چادر- لوهه جي چادر وارو پلنگ بلڪل- ان مان هڪڙو فائدو اهو به آهي جو منگهڻ ويجهو ئي نه ايندا.
    هي پلنگ مون کي پاڙي جي هڪ دوست سليم ڏنو هو، مان ته زمين تي سمهندو هوس پر سليم احمد اهو ڏسي مون کي اهو لوهه وارو پلنگ ڏنو ته مان ڌرتي بدران لوهه جي چادر تي سمهان،
    خير ڇڏيو انهن فضول ڳالهين کي، ها ته ڳالهه ٿي ڪيم روح ۽ جسم جي جيڪا سخت بيمار ٿي پيا هئا ۽ نه پڇو ته مون سان ڏهن ڏينهن ۾ ڪهڙِي حالت ٿي، پاڻ کي ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ لٽڪيل سمجهيم.
    ڏهن ڏينهن جي ان حالت گذرڻ کان پوءِ منهنجي حالت ٺيڪ ٿي وئي، ڏهه ٿيا هئا، اس سامهون ڪارخاني جي بلند چمنيءَ سان ملي ڪمري ۾ پکڙجي وئي هئي، مان لوهي پلنگ تان اٿس، آرس ڀڳم ۽ جسم ۾ طاقت پيدا ڪرڻ جي جاکوڙ ڪيم ڪمري تي نظر پوندي ئي دنگ رهجي ويس، ڪمرو بلڪل بدليل لڳو، اکين تي اعتبار نه آيو، ٻيهر غور ڪري ڏٺم، سڄي هٿ تي ڊريسنگ پيل هئي، پر اڄ هن جي پالش چمڪي رهي هئي، ڪمري جي وچ تي پيل ٽيبل به اڄ مون کي وڻي ڏاڍي پئي جرڪي، ڀت تي پنج ڇهه تصويرون لڳل هيون، جيڪي مون پهرين ڪونه ڏٺيون هيون.
    انهن تصويرن مان هڪ تي منهنجي نظر ٽڪ ٿي وئي، ويجهي کان کيس ڏٺم – جديد فوٽو گرافي کي داد ڏيڻو پيو. هڪ خوبصورت ۽ جوان ڇوڪريءَ جي تصوير هئي، وار ڪٽيل جيڪي ڪنن مٿان اڏاميا ٿي ڇاتي سامهون کان ٿورو اگهاڙي. ان اگهاڙپ کي سندس جلڪندڙ ڀوريون ٻانهون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون، سنهڙيون سنهڙيون آڱريون جنهن مان جهاتي پائيندڙ چهرو، جنهن مان حيا ڇلڪيو ٿي.
    مان دير تائين ان تصوير کي گهوريندو رهيس. پيٽ ئي نٿي ڀريو، مان وائڙو هيس ته هي تصوير ڪٿان آئي. ان وائڙائپ ۾ ئي مان غسل خاني ڏانهن وڌيس. ڪمري جي چوٿينءَ ڪنڊ ۾ نلڪي هيٺان هڪ سر رکيل هئي، هن جڳهه تي هڪ جست جي بالٽي، صابڻ داڻي، ڏندن جو برش، ڏاڙهي لاهڻ جو سامان، صابڻ جون ٻه چڪيون ، پائونڊر جي دٻي، ۽ پنج ڇهه ڪٽ لڳل بليڊ، هي هيو اسان جو غسل خانو، نذير صاحب جنهن جو هي ڪمرو هو، صبح جو سوير اٿي وهنجندو هو ۽ مان ستل هوندو هوس ۽ مزي سان وهجندو هوس.
    غسل خاني ڏي ويندي مون ٻيهر هڪ نظر ڪمري کي ڏٺو. هاڻي ڪجهه ڪجهه ان ڪمري ۾ پنهنجائپ نظر آئي، سامان جيئن هيو تيئن پيو هو.
    هڪ هنڌ ويهي مون جڏهن ڏندڻ هڻڻ شروع ڪيو ته سوچيم ته ڪمرو اهو ئي آهي، جنهن ۾ هڪ سو ويهه راتيون گذاريون اٿم ۽ پوءِ منهنجي سمجهه ۾ سڀ ڪجهه اچي ويو ته ڪمري ۾ پنهنجائپ ڇو نٿو محسوس ڪريان. اهو ان ڪري جو اڃا ان ڪمري ۾ فقط هڪ سو ويهه ڏينهن گذاريا اٿم صبح جو نڪرندو هوم ته دير تائين رات جو ورندم هوم پوءِ ڀلا ڪيئن ڪمري جون شيون سڃاڻپ ۾ اچن ۽ وڏي ڳالهه ته نه هي ڪمرو منهنجو آهي ۽ نه وري ان ۾ رکيل شيون، ۽ اهو به ته سچ آهي ته وڏا شهر انسانيت جاقبرستان هوندا آهن.
    مان جنهن ماحول ۾ جيون گهاريان پيو، ان ۾ يڪسانيت آهي، ان ڪري ئي دل گهٻرائجي پيو وڃي. دل گهريو ته هي شهر ڇڏي ڪٿي ويراني ۾ هليو وڃان، صبح جو سوير اٿي وهنجڻ ۽ آفيس پهچي شام پنا ڪارا ڪرڻ، اتان واندو ٿي هڪ ٻئي آفيس ۾ پنج ڇهه ڪلاڪ اهو ئي بور ڪندڙ ڪم ۽ رات جا يارهين وڳي، اونداهي ۾ ئي ڪپڙا لاهي ، لوهي پلنگ تي سمهڻ! ڇا اها زندگيءَ آ.
    زندگي ڇاهي؟ اهو نه منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي، مان سمجهان ٿو ته زندگي هڪ ننڍڙو جواب آهي، جنهن جي ڌاڳي جي هڪ پاسو اسان جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي ۽ پوءِ اسين انهن ڌاڳن کي اکيليندا رهندا آهيو ۽ جڏهن ڌاڳي جو ٻيو پاسو هٿ ۾ ايندو آهي ته اهو طلسم جنهن کي زندگي چئبو آهي، ٽٽي پوندو آهي.
    جڏهن زندگيءَ جا لمحا ڪٽبا نظر اچن ۽ ذهن جي تختي تي ڪجهه يادگار چمندا رهن ٿا، سمجهو انسان زندهه آهي ۽ مهينا گذرڻ ڪوبه خيال نه اچي ته سمجهو زندگي ختم ٿي وئي آهي. زندگيءَ جي ڪتاب ۾ جيڪڏهن لڳاتار خالي پنائي هجن ته ڪيڏو رنج ٿيندو ٻين کي ان باري ۾ ڪجهه ٿئي يا نه پر مون کي اهو احساس ضرور ٿيندو آهي. زندگي جي خالي ڪاپي اسان کي ان لاءِ ته ڏني وئي آهي ته اسين ان جي هر خالي پني کي استعمال ڪريون پر ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته مون کي ڪا ڳالهه ئي نظر نٿي اچي جو ڪاپي جي پنن تي لکان – سواءِ ٻن ٽن پنن جي، جنهن ۾ منهنجون يادون آهن، اهي مون کي ڪيڏا نه پيارا آهن، جي اهي اوهين ڦاڙي ڇڏيو ته منهنجي حياتي کنڊ بڻجي ويندي. اوهين يقين ڪريو منهنجي ماضي جون قبرون ايڏيون حسين آهن جو مان هر وقت انهن مٿان مٽيءَ جو ليپو ڪندو رهندو آهيان.
    منهنجي آڏو هڪ ڀت تي هڪ پراڻو ڪئلينڊر لڙڪي رهيو آهي، جنهن جي ميري ڪاغذ تي بانس جي ڊگهن ڊگهن وڻن جي تصوير آهي، مان ان کي ڪيتري عرصي کان گهوريندو اچان، ان پٺيان پري تمام پري مون کي پنهنجي وڃايل زندگيءَ جو اولڙو نظر ايندو آهي.
    مان هڪ ٽڪريءَ تي وڻن جي ڇانو ۾ ويٺو آهيان، بيگو اڻ ڄاڻ بڻجي گوڏا کوڙي پنهنجو مٿو منهنجي ويجهو آڻيندي چوي ٿي، ”اوهان مڃيو ئي نٿا جائي پائي مان ڪراڙي ٿي وئي آهيان، جي اڃا يقين ته اچئي ته هي مٿي جا وار ڏس جيڪي اڇا ٿي ويا آهن.“
    چوڏهن سال ٻهراڙي جي ماحول پليل ۾ ڇوڪري مون کي چئي رهي هئي ته مان پوڙهي ٿي وئي آهيان، خبر ناهي ڇو ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي هئي، ان کان اڳ، هوءَ ڪيئن دفعا ائين مون کي چئي چڪي هئي، منهنجو خيال آهي ته جوان ماڻهن کي ٻڍاپي جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جو شوق هوندو آهي، اهو مان ان لاءِ چوان ٿو جو مون کي به ڪيترا دفعا اهو خيال آيو آهي، مان ان جي خشڪ مگر نرم وارن کي آڱريون ڦيرڻ لڳس، ”تون ڪڏهن به پوڙهي ٿي نٿي سگهين.“
    هن پنهنجو مٿو مٿي کڻي چيو،” ڇو مان پوڙهي ڇو نٿي ٿي سگهان؟“
    ”ان لاءِ جو تو ۾ ڀر واري سڀني وڻن، پهاڙن ۽ وهندڙ ندين جي سڄي جواني سمويل آهي.“
    هن وڌيڪ ويجهو ايندي چيو ”خبر ناهي، اوهين ڪهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهيون، مون کي ڪا سمجهه ۾ نٿي اچي، وڻن ۽ پهاڙن کي ڀلا جواني ٿيندي آهي.“
    ”توکي سمجهه ۾ اچي يا نه اچي پر مون کي جيڪو چوڻو هو سو چئي ڇڏيو.“
    ”اوهان سٺو ڪيو، پر اوهان منهنجي وارن ۾ ائين ئي هٿ ڦيراندا رهو، مون کي سرور پيو اچي.”
    ”ٺيڪ آهي سائين.“ اهو چئي مان هن جي وارن ۾ هٿ ڦيرڻ لڳس ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيون. مون کي ائين لڳو جيئن منهنجا الجهيل خيال هجن ۽ مان پنهنجي آڱرين سان سلجهائي رهيو هوس.
    دير تائين مان هن جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندو رهيس ۽ هو ماٺ ڪيو ويٺي رهي ۽ پوءِ هن ننڊاکڙيون اکڙيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو ۽ ننڊ ۾ وهنتل آواز سان چيو ”جيڪڏهن مونکي ننڊ اچي وئي ته؟“
    ”نه پوءِ مان جاڳندو رهندس.“
    ننڊا کڙي مرڪ هن جي چپڙن تي وکري وئي ۽ منهنجي آڏو هوءُ ڌرتي تي ليٽي رهي، ٿوري دير بعد ننڊ هن کي پنهنجي جهولي ۾ لڪائي ڇڏيو.
    بيگو ستل هئي ۾ سندس جواني جاڳي ٿي، جيئن ساگر هيٺان گرم لهرون ڊڪنديون رهنديون آهن. اهڙي نموني هن جي سپنن گهريل بدن ۾ جواني ڊوڙي رهي هئي. سڄي هٿ کي مٿي هيٺان ڏئي ٽنگون سوڙهيون ڪري ستي پئي هئي. هن جو هڪ هٿ مون ڏانهن سريل هو، مان هن جي سنهڙين آڱرين جي سهڻائپ کي گهوريو ٿي، هن جي هيٺئين چپ جي ڪنارن تي ٿورڙي ڏڪڻي آئي. ڪيتري نه سٺي لڳي پئي، هن جي سيني جي اڀار ۾ دل جون ڌڙڪنون زندگي پيدا ڪري رهيون هيون. سيني جي ننڍڙي واديءَ ۾ ٻنهي طرفان جا اڀار پاڻ سان ملي ويا هئا.
    منهنجي نگاهه هن جي سيني مٿان کيسي تي پئي. خدا ڄاڻي ان ۾ ڇا هو، بيگو زوري ان ۾ اها شيءِ وڌي هئي، ڄڻ جل ٿي لڳو، منهنجي ذهن ۾ اهو خيال جاڳيو ته ڏسان ته هن جي کيسي ۾ ڇا آهي ۽ هوريان کيسي جي تلاشي وٺڻ جو سوچيم ئي مس ته هوءَ ڪر موڙي جاڳي پئي. هن هوريان هوريان اکيون کولي ڏٺو پوءِ هن جي چپڙن تي مرڪ تري آئي.
    چوڻ لڳي، ”اوهان ڏاڍا.... آهيو؟“
    ”ڇو؟ مون ڇا ڪيو آهي؟“
    هوءَ اٿي ويٺي، ”مان ستي رهيس ۽ تو مون کي جاڳائڻ جي به تڪليف نه ڪئي، مان جيڪڏهن شام تائين ستل هجان ها ته ؟“ ۽ هن اکيون ڦيرائيندي چيو، ”هاءِ منهنجا رب، مان پنهنجي جان هير کي وساري ويٺي آهيان.“
    سامهون پهاڙيءَ کي سانواڻ ۾ ونهتل ڏسي، ڏاڍي اطمينان سان چوڻ لڳي، ”ڪيتري ڀلي آ منهنجي هير.“
    هن کي پنهنجي مينهن جي ڳڻتي هئي، جيڪا اسان جي سامهون پهاڙيءَ تي چري رهي هئي.
    مون پڇيو، ”تنهنجي هير ته آهي پر رانجهو ڪٿي آهي؟“
    ”رانجهو“ هوءَ ٽڙي پئي. اکين اکين ۾ هن ڪجهه چوڻ چاهيو پر ڪجهه نه چئي سگهي ۽ کلي پئي.
    ”رانجهو – رانجهو – رانجهو“ هن ڪيئي دفعا لفظ دهرايا ۽ چوڻ لڳي.
    ”رانجهو مان ڇا ڄاڻان ڪٿي هوندو.“
    مون وراڻيو، ”تنهنجي هير جو ڪونه ڪو ته رانجهو هوندو مون کان لڪائڻ چاهين ٿي ته ڀلي لڪاءِ“
    ”ان ۾ لڪائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، بيگو اکيون مٽڪائيندي چيو ”جي ڄاڻ هوندي ته به وڃي ان کان پڇ- پر ڪن ۾ پڇجانءِ وڃين ته رانجهو ڪٿي آهي.“
    ”مون ان کان پڇيو آهي-“
    ”ان ڇا چيو؟“
    ”ان چيو بيگو کان پڇ- ان کي سڀ ڄاڻ آهي“
    ”ڪوڙ – ڪوڙ- پهرين نمبر جي ڪوڙي.“ بيگو ٻارن جيان ڇال ڏني.
    ”منهنجي هير شرميلي آ – اها ڳالهه تو کي ڀلا ڪيئن ٻڌائيندي. اوهان ڪوڙ پيا ڳالهايو- پري ٿيو- ڪنواري ڇوڪرين سان اهڙيون ڳالهيون ڪندي اوهان کي شرم نٿو اچي.“
    منهنجون نگاهون هن جي اڀريل کيسي تي ٻيهر پيون خدا ڄاڻي ان ۾ ڇا هو.
    ”بابا- مون کي بخش- تنهنجي هير ڪنواري آ دنيا جون سڀ مينهون ڪنواريون آهن، مان ڪنوارو آهيان ۽ تون ڪنواري پر اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي هن ڪنواري کيسي ۾ ڇا آهي؟“
    ان پنهنجي اڀريل کيسي ڏانهن ڏٺو ۽ ڏندن ۾ آڱريون وجهي چوڻ لڳي.
    ”شرم ڪر- منهنجي کيسي ۾ منهنجيون شيون پيون آهن.“
    ”جي- شيون-“
    ”ها! ها! شيون- ۽ ها مان تو کي ڪڏهن به اهو نه ٻڌائينديس ته هي ڇا آهي- تو ڪڏهن پنهنجي چمڙِي جي ٿيلهي ۾ پيل شين متعلق ٻڌايو آهي.“
    ”مان هڪ هڪ شي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيان اچي هي وٺ ٿيلهو-“ مان ٿيلهو ان جي آڏو رکي ڇڏيو.
    ”پاڻ کولي ڏس سڀ شيون پر ياد رکجان تو کي به سڀ شيون ڏيکارڻيون پونديون.“
    ”پهريون مان ٿيلهي جي تلاشي تي وٺان“ ۽ پوءِ هن هڪ هڪ شيءِ ڪري ڏٺي ۽ هڪ هڪ ڪري سڀ شيون ڪڍڻ لڳي، هڪ انگريزي ناول، پيڊ، ٻه پينسلون، هڪ رٻڙ، ڏهه ٻارنهن لفافا ۽ ڪجهه لکيل ڪاغذ هي منهنجون شيون هيون.
    جڏهن هر شيءَ ٿيلهي جي ڏٺي ته مون کيس چيو ته ”هاڻي هيڏي ڪر پنهنجو کيسو.“ هن منهنجي ڳالهه جي ورندي نه ڏني، ٿيلهي ۾ سڀ شيون رکندي هن چيو ، ”اڃا کيسو ڏيکار“ ائين چوندي ئي هن کيسي ۾ هٿ وڌو،
    مان کيسو کولي بيٺس، هن کيسي مان سڀ ڪجهه ڪڍي ورتو. هڪ ٻٽو، ننڍڙو چاڪو، چاٻيون. هن چاقو کي ڌرتي تي رکندي چيو”هي مان کڻان ٿي مونکي وڍڻ جي ڪم ۾ ايندو.“
    ”سڀ ڪجهه ، کڻ – پر مون کي اهو ٻڌاءِ ته تنهنجي کيسي ۾ ڇا هي؟“
    ”جيڪڏهن مان نه ڏيکاريان ته.“
    ”نه پوءِ- جهيڙو ٿيندو-“
    ”ڀلي ٿئي مان ڊڄان ٿورئي ٿي.“ اهو چوندي ئي هوءَ پنهنجي رئي ۾ لڪي وئي ۽ کيسي مان ڪجهه ڪڍڻ لڳي، مون زوردار آواز ۾ چيو، ”ڏس اهو ٺيڪ ناهي تون ڪجهه مون کان لڪائين ٿي“
    ”تون يقين ڪر- تو کي سڀ ڪجهه ڏيکارينديس“
    ”ها! ها! مان سمجهان ٿو تنهنجون سڀ چالاڪيون سڌي نموني سان ڏيکار نه ته مان زوري ڏسي وٺندس.“
    ٿوري دير کان پوءِ هوءَ اڳتي وڌي چوڻ لڳي، ”ڀلي ڏسو اوهان“
    مان هن جي کيسي ۾ هٿ وجهڻ وارو ئي هيس جو سندس اڀريل سيني کي ڏسي چپ ٿي ويس.
    ”تون پاڻ ئي سڀ شيون هڪ هڪ ڪري ڪڍي ڏيکار، ان مان تنهنجي ايمانداريءَ جي خبر پوندي“
    ”نه نه تون پاڻ ئي ڪڍي ڏس، پوءِ چوندين ته ڪجهه لڪائي ڇڏئي“
    ”تو کي مان ڏسان ته ٿو....“
    ”جيڪا تنهنجي مرضي“ هن اهو چوندي ٻه آڱريون کيسي ۾ وجهي هڪ ريشمي ڪپڙي جو ٽڪرو ڪڍيو.
    ان تي مون هن کان پڇيو، ”هن بيڪار ڪپڙِي کي تون ڇو ٿي سنڀاليندي رهين-“
    ”مان هن مان رومال ٺاهيندس- پوءِ ڏسجاءِ تون-“
    ۽ هوءَ واري واري سان هڪ هڪ شيءَ ڪڍي جهولي ۾ رکڻ لڳي.
    ”اڃا ڪا شيءَ بچي-“
    ”جي نه“
    بيگو ڏس مون سان ڪوڙ نه ڳالهاءِ – مون اها شيءَ تاڙي ورتي آهي، سڌو سنئون مون کي ٻڌايءِ ته ڇا لڪايو اٿئي- اهڙي نموني تنگ ڪندوسانءِ جو ياد ڪندينءَ-“
    مان به کڻي پنهنجا هٿ هنن جي ڪلهن تي رکيا هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي، ٿڙڪي ڏڪي، ڀڄي وئي، رئي مان ڪا شيءَ ڪري- مان ڊڪي وڃي اها شيءَ کنئي. اها هئي مصريءَ جو ٽڪرو – جيڪا هن مون کان لڪائي ٿي.


    ترجمو: رانجهو جمالي


    آپگهات

    زاهد جي طبعيت ئي اهڙي هئي جو هر ڪو ان کا متاثر هو. هن 25 ورهين جي عمر ۾ شادي ڪئي. شادي ڪرڻ وقت هن وٽ ڏهه هزار رپيا موجود هئا. شادي جو خرچ 5 هزار آيس ۽ اوترائي بچي پيس.
    زاهد ڏاڍو خوش هيو، هن جي زال سگهڙ ۽ سهڻي هئي ۽ زاهد کي ساڻس بيپناهه محبت ٿي وئي، ۽ هوءَ به ڪسر نه گهٽائيندي هئي. ٻئي پاڻ کي جنت ۾ محسوس ڪندا هئا.
    هڪ سال کانپوءِ هنن کي هڪ ڌيءَ ڄائي جيڪا هوبهو ماءُ تي ويل هئي . سهڻيون سهڻيون اکيون، ننڍڙا ننڍڙا خوبصورت چپ. هن ڇوڪريءَ جي نالي رکڻ ۾ ٻنهي کان دير ٿي وئي. هو سوچي رهيا هئا پر ڪنهن فيصلي تي نٿا پهتا، ٻنهي کي ٻين جا چونڊيل نالا پسند ڪونه هئا. زاهد جي زال چاهي پئي ته سندس مڙس ڪو نالو رکي.
    زاهد ڪافي ڏينهن سوچ ويچار ڪئي پر هن کي ڪو موزون نالو سمجهه ۾ نه آيو جيڪو هو پنهنجي ڌيءَ تي رکي. هن جڏهين زال کي چيو ته نالي رکڻ لاءِ تڪڙ ڪهڙِي آهي، سوچي نالو رکنداسين پر سندس زال جو اسرار هيو ته جلد نالو رکيو وڃي.
    ”في الحال ائين نٿو ٿي سگهي ته اسين صرف ان کي ڌيءَ چئون؟“
    ”نه ته چريو آن ڇا ؟ائين وري ڪيئن ٿيندو!“
    ” ته پوءِ تون ئي ڪو نالو چونڊ.“
    ”نه نه- اهو تنهنجو ڪم آهي.“
    ”ته پوءِ ٿورا ڏينهن انتظار ڪيو، مان ڪتابن جو مطالعو ڪيان متان ڪو نالو ملي وڃي. مون کي يقين آ ضرور ملندو“
    ”کل جهڙِ ڳالهه ڪريو پيا- مون اڄ تائين اهو ناهي ٻڌو ته ڪو نالي رکڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻا پوندا آهن.“
    ”منهنجا دوست ته اڪثر ائين ڪندا آهن ۽ سٺا سٺا نالا رکي ويندا.“
    ”جي اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ وٺي آ لغتون ۽ ڪتاب.“
    ”پيسا ڪٿان آڻيان؟“
    ”منهنجو پرس الماري ۾ پيل آهي انهيءَ مان پيسا کڻ-“
    زاهد ماٺ ماٺ ۾ الماري کولي پرس مان پيسا ڪڍي بازار ڏانهن روانو ٿيو. هو ڪتابن جي هڪ دڪان تي ويو ۽ ڪيئي قسم جا ڪتاب ۽ لغتون ڏٺيون ۽ نيٺ هڪ خاص قسم جي لغت خريد ڪري رستي سان ئي پڙهندو ٿي آيو ته کيس هڪ دوست مليو جيڪو کيس بوٽن جي دڪان تي وٺي ويو. ان وٽ کيس هڪ ڪلاڪ لڳي ويو ڇو جو سندس اهو دوست ڪافي عرصي بعد مليو هو. جڏهن هن کي اها خبر پئي ته زاهد کي ڌيءَ ڄائي آهي ته هن ٽجوري کولي 11 رپيا ڪڍي زاهد کي ڏنا ۽ چيائين ”ڌيءَ کي ڏجان ته تنهنجي چاچي ڏنا آهن. ۽ ها نالو ڇا رکيو اٿئي ان جو؟“
    زاهد هٿ کي ڏسڻ لڳو، هن جو دوست جوتا صاف ڪندي چوڻ لڳو، ”يار نالي رکڻ ۾ ڪهڙي دير ٿي لڳي، ” سمينا، شاهينا، شريفان يا الماس...“
    زاهد وراڻيو، ”اهي سڀ بڪواس آهن پراڻا نالا آهن.“
    ”ڏسنداسين ته اوهين ڪهڙي بڪواس ٿا ڪريو. ۽ ها ننڍڙي جي ڌڻي حياتي وڌائي باقي نالي نه رکڻ تي ڪهڙو فرق ٿو پوي.“
    رستي تي هو هلندو به رهيو ۽ سوچندو به رهيو ۽ هن کي لڳو ته اها لغت ڦٽي ڪري ۽ زال کي چئي ته نالي ۾ رکيو ڇا هي خدا سندس حياتي وڌائي.
    مختلف خيالن جي محور ۾ ڦاٿل هو ۽ هن جي دل تيزي سان ڌڙڪي رهي هئي. هن سوچيو سندس ذهن ۾ خراب خيال پيا اچن. ٿوري هلڻ کانپوءِ هن جي طبعيت وڌيڪ خراب ٿي وئي. هن چاهيو ته اڏامي گهر پهچي ۽ ڌيءَ جي پيشاني چمي، ڀاڪر پائي.
    هو تيز تيز وکون کڻندو هلندو رهيو پر ٿورو پنڌ ڪرڻ کان پوءِ هو سهڪڻ لڳو ۽ هڪ دڪان تي ٿلهي تي ويهي رهيو. ايتري ۾ سندس آڏو هڪ ٽانگو لنگهيو ۽ جنهن کي روڪائي ان ۾ چڙهي پيو. – هل هل جلدي هل مون کي جلدي گهر پهچڻو آهي، پر گهوڙو ڏاڍو سست نڪتو، هن ڪيئي دفعا ٽانگي واري کي دٻايو پر سڀ بي سود، پهريون ته ٽانگي وارو دٻ برداشت ڪندو رهيو پر جڏهن هن کان وڌيڪ برداشت نه ٿي ته ٽانگي واري هن کي ٽانگي مان لاهي ڇڏيو ۽ ڀاڙو به نه ورتو. زاهد وڌيڪ ششدر ٿي ويو هن کي جلد گهر پهچڻو هو – ايتري ۾ هڪ ٻيو ٽانگو لنگهيو ۽ هو ان ۾ چڙهي ويٺو
    گهر ۾ داخل ٿيندي ئي ڄمي ويو. ڇا ٿو ڏسي ته سندس اڱڻ ۾ عورتن جو ميڙ لڳو پيو آهي، جيڪي پاڙي واريون هيون، هو دروازي تي ئي ڄمي ويو. هڪ عورت ٻي کي چئي رهي هئي ”مشڪل سان نياڻي بچي ... دورو سخت پيو اٿس –“
    هو تيزي سان چرين وانگر اندر ڪمري ڏانهن ڀڳو، سندس زال جي رڙ ٻڌي دهلجي ويو-”هاءِ منهنجي ٻچڙي مري وئي.“ ۽ هن جي زال بيهوش ٿي وئي. سڀ عورتون اندر گهڙي آيون هڪ عورت جي مڙس کي ڪار هئي. اهو تڪڙو ڊاڪٽر کي وٺي آيو. سندس زال کي هڪ ٻه انجيڪشن لڳايو ويون، جنهن کان پوءِ هن کي هوش آيو زاهد سڪتي ۾ اچي ويو هو. هن جون سڀ قوتون ختم ٿي چڪيون هيون، هو اڱڻ تي ڪرسي تي ويهي لغت کي بغل ۾ ڪري آسمان ڏانهن تڪي رهيو هو، جيئن هو پنهنجي ڌيءَ لاءِ نالي ڳولهڻ ۾ محو هجي. نياڻي کي دفنائڻ جو پهر آيو ته زاهد ماٺ ٿي ويو ۽ هوش ۾ اچي ويو. هن ڪو ڳوڙ هو نه وهايو. ڪفن ۾ ڍڪيل نياڻي کي کنيو ۽ پنهنجي دوستن ۽ پاڙيسرين سان گڏ قبرستان ڏانهن روانو ٿيو. اتي اڳ ۾ ئي قبر کوٽي وئي هئي. زاهد نياڻي کي قبر ۾ رکي سندس ڀر ۾ لغت رکي پوري ڇڏيو. سڀني سمجهيو ته قرآن شريف رکيو ويو ۽ دنگ رهجي ويا ته اهو ته ڪفر آهي پر زاهد کي ڪنهن به ڪجهه نه چيو صرف پنهنجي منهن ڀڻڪندا رهيا.
    نياڻيءَ کي پوري جڏهن زاهد گهر پهتو ته کي پتو پيو ته سندس زال کي سخت بخار آهي. جلدي ڊاڪٽر گهرايو ويو، ان ڏسندي ئي زاهد کي چيو ته حالت سخت خراب آهي، ان ڪري ڪجهه يقين سان چئي نٿو سگهجي. زاهد مٿان ڄن بجلي ڪري هجي، پر هن حوصلو ڪري ڊاڪٽر کان پڇيو. ”مرض ڪهڙو آهي؟“
    ”گهڻا مرض ڪٺي ٿيا آهن، هن کي هڪ سخت صدمو پهتو آهي، ٻيو هن جي دل ڪمزور آهي. ٽيون ته هن کي هڪ سئو پنج ڊگري بخار آهي“ ڊاڪٽر سيون هيون، دوا ڏني پر حالت نه سڌري..
    ڏهن پندرنهن ڏينهن بعد هن کي ٿورو هوش آيو. زاهد سک جو ساهه کنيو ۽ سندس پياري زال کيس پاڻ ڏي سڏ ڪري ڪمزور آواز ۾ چيو، ”منهنجو هاڻي پوپون وقت اچي ويو آهي. مان چند گهڙين جي مهمان آهيان“ زاهد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    ”هي تون ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين. خدا نخواسته جيڪڏهن تو کي ڪجهه ٿي ويو ته مان ڪيئن جيئرو رهندس.“
    هن جي زال هن ڏي ڏٺو، ”اهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن، مان مري ويس ته ٻي ايندي. خدا اوهان جي وڏي ڄمار ڪري - ۽ -“
    هن هڪ هڏڪي ڏني ۽ هڪ سيڪنڊ اندر هن جو روح پرواز ڪري ويو زاهد ماٺ ۽ صبر ڪيو ۽ ڪفن دفن کان واندو ٿي رات جو گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ ريلوي ٽائيم ٽيبل ڏسي ريلوي لائين جو رخ ڪيو، رات جو ساڍي نائين وڳي گاڏي اچڻي هئي، هن سوچيو ته ريل جي پٽڙي تي ليٽي پوندو ۽ ريل هن جو انت آڻي ڇڏيندي..
    ”مون کي ڊگهي ڄمار جي گهرج ڪانهي- هي زندگي جيترو مختصر ٿي وڃي اوترو چڱو، مان وڌيڪ صدما سهڻ جهڙو ناهيان...”
    هو جڏهن ريلوي جي پٽڙيءَ تي پهتو ته هن کي پري کان ريل جي روشني نظر آئي. پر هو اڃا پري هئي. هن سوچيو ته جڏهن ويجهو ايندي ته هو ليٽي پوندو. گاڏي ويجهو اچي وئي.
    زاهد اڳتي وڌيو پر اوچتو هن ڏٺو ته هڪ ماڻهو ڪٿان ظاهر ٿيو ۽ ريل جي پٽڙي جي وچ تي اچي بيٺو.
    ريل ڏاڍي تيز رفتار سان اچي رهي هئي. هو تيزي سان ڀڳو ۽ ان شخص کي ڌڪو ڏئي پٽڙي تان هٽائي ڇڏيو.
    گاڏي هلي وئي. زاهد هن ماڻهو کان پڇيو، ” ڇا تو آپگهات ڪرڻ چاهين پيو؟“
    ”ها!“
    ”پر ڇو“
    ”ان لاءِ جو هاڻي صدمن سهڻ جي سگهه نه رهي آهي.“
    زاهد کيس همٿ ڏياريندي وراڻيو، ”ڀاءُ! زندگي زندهه رهڻ جو نالو آهي، ان کي چڱي نموني گذار، آپگهات بزدلي آهي، پنهنجي حياتي جو ڏيئو پاڻ ئي وسائڻ ڪهڙي عقلمندي آهي. اٿ پنهنجي صدمن کي وساري ڇڏ. جي انسان جي زندگي ۾ ڏک نه هجن ته پوءِ خوشيون ڪيئن اينديون هل مون سان گڏ....“


    ترجمو :سلطاناابڙو


    ڀنگياڻي

    ”پري ٿي“
    ”ڇو؟“
    ”مون کي تو مان بوءِ اچي ٿي.“
    ”هر انسان جي جسم جي هڪ خاص بوءِ هوندي آ هي. اڄ ويهن سالن کان پوءِ تو کي بڇان ڇو محسوس ٿئي.“
    ”ويهه سال- الله ئي ڄاڻي ٿو ته مان ايترو وڏو عرصو ڪئين گذاريو آهي.“
    ”ڇا مان ان عرصي ۾ تو کي تڪليف ڏني آهي؟“
    ”ڪڏهن به نه .“
    ”ته پوءِ اڄ اوچتو تو کي مون مان بوءِ ڪيئن اچڻ لڳي. جنهن سان تنهنجو نڪ جيڪو ماشا الله ڪافي وڏو آهي. ايڏو غضب ناڪ ٿي رهيو آهي... تون پنهنجو نڪ ته ڏس... پڪوڙو آهي.“
    ”مان ان کان انڪار نٿو ڪريان. پڪوڙا ته تو کي خبر آهي مون ڏاڍا پسند آهن.“
    ”تو کي هر واهيات شيءِ پسند هوندي آهي- گند ڪچري سان به توکي دلچسپي آهي.“
    ”گند ڪچرو اسان جوئي ته هوندو آهي، ان ۾ ماڻهو دلچسپي ڇو نه وٺي- ۽ تون ڄاڻي ٿي ته اڄ کان ڏهه سال اڳ جڏهن تنهنجي هيري جي منڊي گم ٿي وئي هئي ته مان اها گند ڪچري جي ڍير مان تو کي ڳولي ڏني هئي.“
    ”وڏو احسان ڪيو هو ته مونتي.“
    ”احسان جو سوال ناهي- فارسي جو شعر آهي ... خاڪ ساران راجه وقارت منگر توچه داني که درين گرد سواري باشد.“
    ”مان ڌوڙ سمجهيو.“
    ”اها ئي ڳالهه آهي جو تو اڃا تائين مون کي نه سمجهيو آهي- نه ته ويهه سال هڪ ماڻهو کي سڃاڻڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن.“
    ا”انهن ويهن سالن ۾ تون مو کي ڪهڙو سک ڏنو آهي.“
    “تون ڏک جي ڳالهه ڪر- ٻڌاءِ مان تو کي ان عرصي ۾ ڪهڙو ڏک ڏنو آهي؟“
    ”هڪ به نه.“
    ”ته پوءِ ان چوڻ جو ڇا مطلب هو- ان ويهن سالن ۾ تو مونکي ڪهڙو سک ڏنو آهي.“
    ”تون منهنجي ويجهو نه اچ- مان سمهڻ چاهيان ٿي.“
    ”ان ڪاوڙ ۾ تو کي ننڊ ايندي.“
    ”ڌوڙ ايندي- بهرحال اکيون بند ڪري ليٽي پوند يس....“
    ”۽ ڇا ڪندينءَ.“
    ”ليٽي ان ڏينهن تي ڳوڙها وهائينديس جڏهن مان توسان ٻڌي وئي هيس.“
    ”تو کي ياد آهي اهو ڪهڙو ڏينهن هو- سال ڪهڙو هو وقت ڪهڙو هو.“
    ”مان ڪڏهن اهو ڏينهن وساري سگهان ٿي- خدا ڪري اهو ڪا ڇوڪريءَ نه ڏسي.“
    ”تون ٻڌاءِ ته- مان تنهنجي يادگيري جو امتحان وٺڻ گهران ٿو.“
    ”هاڻي تون منهنجو امتحان وٺندين- پري ٿي- مون کي تو مان بوءِ اچي ٿي.“
    ”حد ٿي وئي آهي- تنهنجو ايڏو وڏو نڪ جيڪو الائي ڪاٿي ختم ٿو ٿئي، ان کي آخر ٿيو ڇا آهي- مون مان ته ان کي سٺي خوشبو اچڻ گهرجي- تو مون کي انهن ويهن سالن ۾ هزارين دفعا چيو آهي ته تون جڏهن ڪنهن ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ اتان نڪري ويندو آهين، ته مان سمجهي ويندي آهيان ته تون اتي آيو هئين.“
    ”تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين.“
    ”ڏس- مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اڄ تائين ڪوڙ نه ڳالهايو آهي- مون تي الزام نه هڻ.“
    ”واهه، واهه، وڏو سچار آهين- منهنجو سئو جو نوٽ چورائي ويو هئين.“
    ”اها ڪڏن جي ڳالهه آهي.“
    ”ٻه جون 1952ع جي جڏهن سلميٰ پيٽ ۾ هئي.“
    ”اها تاريخ تو کي چڱي ياد آهي.“
    ”ڇو نه يا هوندي- جڏهن تنهنجي منهنجي اهڙي سخت لڙائي ٿي هئي.... مان اندرين ڪمري ۾ هيس- تون صفائيءَ سان چاٻي ويهاڻي هيٺان ڪڍي، ٻي ڪمري مان ڪٻٽ کوليو ۽ ان ۾ ست سئو هئا. جن مان هڪ سئو جو نوٽ اڏائي ويو هئين. مان جڏهن ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ اٿي ڏٺا ته توسان منهنجو جهيڙو ٿيو پر تون هئين جو سيهڙ جون ٽي ڄنگهان چوٿون پڇ... آخر مان ماٺ ٿي ويس.“
    ”هي ٻي جو 1952ع جي ڳالهه آهي. اڄ ڪلهه سن 1968 هلي رهيو آهي. هاڻي ان ڳالهه جو فائدو!“
    ”فائدو ته هر حال ۾ تنهنجو رهندو آهي- منهنجي هڪ نيلم جي منڊي به تو غائب ڪري ڇڏي هئي، پر مان تو کي ڪجهه نه چيو هو.“
    ”ڏس مان تنهنجي جان جو قسم کائي چوان ٿو، ان نيلم جي منڊي جي باري ۾ مون کي ڪجهه خبر ناهي.“
    ”۽ ان سَوَ جي نوٽ جي باري ۾؟“
    ”هاڻي تنهنجي جان جو قسم کاڌو اٿم،“
    ”سڄ پچ ٻڌائڻو ئي پوندو. مان چورايو ضرور هيو ، پر ان لاءِ جو ان مهيني مونکي پگهار دير سان ملي هئي، ۽ تنهنجي سالگرهه هئي، تو کي ڪجهه تحفو ته ڏيڻو هو، انهن ويهن سالن ۾ تنهنجي هر سالگرهه تي پنهنجي طاقت مطابق ڪجهه نه ڪجهه تحفو ڏيندو رهيو آهيان.“
    ”ڏاڍا تحفا ڏنا اٿئي مون کي.“
    ”ناشڪري ته نه ٿي.“
    ”مان گهڻا دفعا چئي چڪي آهيان، پري ٿي وڃ- مون کي تون مان بوءِ ٿي اچي.“
    ”ڪنهن جي.“
    ”اهو تو کي معلوم هجڻ گهرجي.“
    ”مان پاڻ کي ڪيئي دفعا سنگهيو آهي، پر منهنجي پڪوڙِ ي جهڙي نڪ ۾ اهڙي ڪابه بوءِ نه آئي آهي، جنهن تي ڪنهن زال کي اعتراض ٿئي.“
    ”تون ڳالهيون ٺاهڻ ڄاڻين ٿو.“
    ”۽ ڳالهيون ڊاهڻ تو کي، منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي، اڄ تون ايترو ناراض ڇو آهين.“
    ”پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏس.“
    ”هن وقت مان قميض ناهي پاتي.“
    ”ڇو؟“
    ”سخت گرمي آهي.“
    ”سخت گرمي هجي يا نرمي- تو کي قميض نه لاهڻ گهرجي ها، اها ڪا شرافت ناهي.“
    ”محترمه تو به قميض لاهي ڇڏي آهي- پنهنجي اگهاڙي دن کي ڏس.“
    ”اوه- هي مان ڪهڙِ بيهودگي ڪئي آهي.“
    ”هي بيهودگي تون گرمين ۾ ويهن سالن کان ڪندي پئي اچين.“
    ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“
    ”خير ڪوڙ ڳالهائڻ هر مرد جي عادت هوندي آهي.“
    ”تون مونکان پري رهه.“
    ”ڇو؟“
    ”توبهه - لک ڀيرا چئي چڪي آهيان، ته مون کي تو مان گندي بوءِ ٿي اچي.“
    ”پهرين ته بوءِ هئي، هاڻي گندي ٿي وئي.“
    ”خبردار جو تو مونکي هٿ لاٿو آهي.“
    ”اهڙي بيزاري آخر ڇو؟“
    ”مان هاڻي تو کان قطعي بيزار ٿي چڪي آهيان.“
    ”انهن ويهن سالن ۾ تو ڪڏهن به بيزاريءَ جو اظهار نه ڪيو آهي.“
    ”هاڻي ته ڪريان ٿي.“
    ”پر ان جو سبب به ته معلوم ٿئي.“
    ”مان چوان ٿي، مون کي نه ڇهه.“
    ”تو کي مون کان اهڙي بيزاري ڇو.“
    ”تون ناپاڪ آهين- بي حد خراب آهين.“
    ”ڏس تون تمام زيادتي ڪري رهي آهين.“
    ”تو گهٽ ڪئي آهي، ڪوئي شريف ماڻهو تو وانگر اهڙِ ذليل حرڪت نٿو ڪري سگهي.“
    ”ڪهڙي.“
    ”اڄ صبح ڇا ٿيو هو.“
    ”اڄ صبح – بارش پئي هئي.“
    ”بارش پئي هئي- پر ان بارش ۾ تو ڪنهن کي هنج ۾ کنيو هو؟“
    ”اوهه !“
    ”بس ان جو جواب هاڻي اوهه ئي آهي- مان پڪڙيو جو آهي تو کي.“
    ”ڏس منهنجي جان.“
    ”مون کي پنهنجي جان ٻان نه چئه- تو کي شرم اچڻ کپي،“
    ”ڪنهن ڳالهه تي- گناهه تي؟“
    ”مان چوان ٿي ماڻهو گناهه ڪري، پر اهڙي گندگي ۾ نه ڪري.“
    ”مان ڪهڙِ گندگيءَ ۾ ڪريو آهيان؟“
    ”اڄ صبح تون ان ... ان-“
    ”ڇا؟“
    ”هن ڀنگياڻي کي- جوان ڀنگياڻي کي جيڪا مٺائي واري سان ڀڄي وئي هئي....“
    ”لاحول ولا- توبهه عجيب عورت آهي- هوءَ غريب حامله هئي. بارش ۾ ٻهاري ڏيندي هن کي غش اچي ويو ۽ ڪري پئي. مان ان کي کنيو ۽ هن جي ڪوارٽر ۾ کڻي ويس.“
    ”پوءِ ڇا ٿيو؟“
    ”تو کي خبر آهي ته هوءَ مري وئي.“
    ”هاڻي- ويچاري- مان ته برف ٿي وئي آهيان.“
    ”منهنجي ويجهو اچ.“
    ”مان قميص پايان.“
    ”ان جي ڪهڙي ضرورت آهي- تنهنجي قميض ته مان آهيان.“
    ترجمو: ڄام وقار حسين قادري


    هاڻي ٻيو ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي

    هيءَ دنيا به عجيب و غريب آهي، خاص ڪري اڄ جو دؤر! قانون سان جنهن طرح فريب ڪيو وڃي ٿو، ان جي متعلق شايد توهان کي ڄاڻ نه هجي. اڄڪلهه قانون هڪ بي معنيٰ لفظ ٿي پيو آهي. هيڏانهن ڪو نئون قانون ٺهيو ناهي ۽ هوڏانهن حضرت انسان ان جو ٽوڙ سوچي ٿا وٺن. ان کان علاوه پنهنجي بچاءُ جون به ڪيئي صورتون ڳولهي ٿا وٺن!
    ڪنهن اخبار تي آفت اچڻي هجي ته اچي وڃي، پر ان جو مالڪ محفوظ رهندو، ان ڪري جو پرنٽ لائن ۾ ڪنهن ڪاسائيءَ يا ڌوٻي جو نالو بحيثيت پرنٽر پبلشر ۽ ايڊيٽر جي درج ٿيندو، ڇو جو جيڪڏهن اخبار ۾ ڪا اهڙي تحرير ڇپجي وڃي، جنهن تي سرڪار کي اعتراض ٿئي، ته اصل مالڪ بجاءِ ڪاسائي يا ڌوٻي گرفت ۾ اچي ويندو ۽ هن تي ڏنڊ وڌو ويندو يا قيد ڪيو ويندو. ڏنڊ ظاهر آهي، ته اخبار جو مالڪ ادا ڪندو، پر قيد ته هو ڪاٽي نه ٿو سگهي. ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ان قسم جو معاهدو ٿيندو آهي، ته جيڪڏهن هو قيد ٿيو ته اخبار جو مالڪ هن جي گهر مقرر، پئسا هر مهيني پهچائي ڇڏيندو ۽ اهڙي معاهدي ۾ خلاف ورزي تمام گهٽ ٿيندي آهي.
    جيڪي ماڻهو ناجائز طور تي شراب وڪڻندا آهن، انهن وٽ ٻه ٽي اهڙا ماڻهو ضرور موجود هوندا آهن، جن جو ڪم صرف اهو هوندو آهي ته جيڪڏهن پوليس ڇاپو اچي هڻي ته اهي گرفتار ٿي وڃن ۽ ڪجهه مهينن جي قيد ڪٽي واپس اچي وڃن. ان جو معاوضو انهن کي مناسب ملندو رهي ٿو.
    ڇاپو هڻندڙ به پهرين ئي انهن کي آگاهه ڪري ڇڏيندا آهن، ته اسين اچي رهيا آهيون، توهين پنهنجو انتظام ڪري وٺو. اهڙي طرح فورن انتظام ٿي وڃي ٿو. يعني مالڪ غائب ٿي ويندو ۽ ڪرائي جا ماڻهو گرفتار ٿي ويندا آهن. اها به هڪ قسم جي ملازمت آهي پر دنيا ۾ جيتريون ملازمتون آهن، ڪجهه ان ئي قسم جون آهن.
    آءُ جڏهن امين پهلوان سان مليس، ته هو ٽن مهينن جي قيد جي سزا ڪاٽي آيو هو. پڇيومانس، ”امين! هن دفعي ڪيئن جيل ۾ وئين؟“
    امين کليو:”پنهنجي ڪاروبار جي سلسلي.“
    ”ڪهڙو ڪاروبار هو؟“
    ”جيڪو هو، اهو ئي آهي.“
    ”پريار ٻڌاءِ ته ....“
    ”ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو، پر ته به پڇي رهيو آهين.“
    مون ٿوري دير کان پوءِ هن کي چيو:”امين! تو کي آئي ڏينهن جيل ۾ وڃڻ پسند آهي ڃا؟“
    امين پهلوان کليو:”سائين پسند ۽ ناپسند جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿي! ماڻهو مون کي پهلوان سڏيندا آهن، حالانڪه مون اڄ تائين آکاڙي جي شڪل ئي ناهي ڏٺي! اڻ پڙهيل آهيان! ٻيو ڪو هنر به نه ٿو اچيم! بس جيل وڃڻ ٿو اچي. اتي آءُ خوش رهندو آهيان ۽ مون کي ڪا به تڪليف محسوس نه ٿي ٿئي. توهان روزانو آفيس ٿا وڃو، ڇا اهو جيل ناهي!؟“
    آءُ ڪڇي نه سگهيس ۽ هن کي چيم: ”تون صحيح ٿو چوين امين، پر آفيس وڃڻ وارن جو معاملو ٻيو آهي. ماڻهو انهن کي خراب نظرن سان نه ٿا ڏسن.”
    ”ڇو نه ٿا ڏسن سائين! هتي جا جيڪي به منشِي ۽ ڪلارڪ آهن، انهن کي ڪير سٺي نظرن سان ڏسندو آهي!؟ رشوتون وٺن ٿا، ڪوڙ ڳالهائين ٿا ۽ پهرين نمبر جا فريبي ٿين ٿا! مون ۾ ته اهڙو ڪو به عيب ناهي. آءُ پنهنجي روزي تمام گهڻي ايمانداريءَ سان ڪمائيندو آهيان!“
    مون هن کان پڇيو: ”اهو ڪيئن ڀلا !؟“
    هن جواب ڏنو: ”اهو ائين ته جي ڪنهن جو ڪم ڪندو آهيان ۽ جيل ۾ سزا دوران محنت ۽ مزدوري ڪندو آهيان. پوءِ ان شخص کان جنهن جي خاطر مون سزا ڀوڳي هئي، مون کي ڪجهه رپيا ملندا آهن ته اهو منهنجو معاوضو هوندو آهي. ان تي ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو. آءُ رشوت ته نه ٿو وٺان. حلال جي ڪمائي کائيندو آهيان. ماڻهو مون کي غنڊو ٿا سمجهن، وڏو خطرناڪ غنڊو! پر آءُ توهان کي ٻڌايان ٿو، ته مون اڄ تائين ڪنهن کي چماٽ به ناهي هنئي. منهنجي لائين بلڪل الڳ آهي.“
    هن جي لائين واقعي ٻين کان مختلف هئي، مون کي حيرت ٿي ته ٽي چار ڀيرا جيل وڃڻ جي باوجود هن ۾ ڪا به تبديلي ڪانه ٿي، هو تمام گهڻو سنجيده پر سادي قسم جو ماڻهو هو، جنهن کي ڪنهن جي به پرواهه ڪانه هئي. قيد ڪاٽڻ کان پوءِ جڏهن به ايندو هو، ته سندس وزن گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پائونڊ کن وڌيڪ هوندو هو.
    هڪڙي ڏينهن مون هن کان پڇيو: ”امين! ڇا جيل جو کاڌو توکي راس اچي ويو آهي؟“
    هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ جواب ڏنو: ”کاڌو ڪهڙو به هجي، ان کي راس ڪرڻ ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪم آهي. مون کي دال کان نفرت هئي پر جڏهن پهريون ڀيرو مون کي اتي پٿرن سان ڀريل دال ڏني وئي ته مون چيو، يار امين هي سڀ کان سٺو کاڌو آهي. کاءُ ۽ پهلوان ٿي پنهنجي رب جو شڪر بجا آڻ. اهڙيِءَ طرح آءُ هڪ ٻن ڏينهن ۾ عادي ٿي ويس. محنت مزدوري ڪري کاڌو کائيندو هوس ۽ ائين محسوس ڪندو هئس جيئن مون گنجي جي هوٽل تان پيٽ ڀري ماني کاڌي آهي.”
    مون هڪڙي ڏينهن هن کان پڇيو، ”تو ڪڏهن ڪنهن عورت سان محبت ڪئي آهي؟“
    هن پنهنجا ٻئي ڪن پڪڙي چيو: ”خدا بچائي ان محبت کان. مون کي صرف پنهنجي ماءُ سان محبت آهي.“
    مون هن کان پڇيو:”تنهنجي ماءُ جيئري آهي!؟“
    ”جي ها! خدا جي فضل ۽ ڪرم سان تمام گهڻي پوڙهي آهي، پر توهان جي دعا سان، ان جو سايو منهنجي سر تي دير تائين قائم رهندو ۽ هوءَ ته هر وقت منهنجي لاءِ دعائون گهرندي ٿي رهي. ته خدا مون کي نيڪيءَ جي هدايت ڪري!“
    مون هن کي چيو:”خدا تنهنجي ماءُ کي سلامت رکي، پر توکي ڪنهن عورت سان محبت ٿي آهي يا نه! ڏس مون سان ڪوڙ نه ڳالهائجان!“
    امين پهلوان تمام تيز لهجي ۾ چيو: ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اڄ تائين ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهايو، مون ڪنهن عورت سان محبت ناهي ڪئي.“
    مون پڇيو: ”ڇو؟“
    هن جواب ڏنو:”ان ڪري جو مون کي ان سان دلچسپي ئي ناهي.“
    آئون خاموش رهيس.
    ٽئين ڏينهن هن جي ماءُ کي فالج ٿي پيو ۽ هوءَ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي، امين وٽ هڪ پئسو به نه هو. هو سوڳوار، مغموم ۽ دلشڪسته ٿيو ويٺو هو ته شهر جي هڪ سيٺ محمد دين جي طرفان هن کي سڏ آيو.
    هو پنهنجي عزيز ماءُ جي لاش کي ڇڏي، سيٺ وٽ ويو ۽ ان کان پڇيائين: ” ڇو سيٺ صاحب! توهان مون کي سڏايو آهي؟“
    سيٺ صاحب چيو:”تو کي ڇو سڏايو آهي!؟ هڪ خاص ڪم آهي.“
    امين جي دل ۽ دماغ تي پنهنجي ماءُ جي ڪفن دفن جو خيال تري رهيو هو، هن حيرانگيءَ مان پڇيو: ”سائين اهو خاص ڪم ڪهڙو آهي؟“
    سيٺ صاحب سگريٽ دکايو:”بليڪ مارڪيٽ جو قصو آهي. مون کي خبر پئي آهي، ته اڄ منهنجي گودام تي ڇاپو هنيو ويندو مون سوچيو ته امين پهلوان تمام سٺو ماڻهو آهي، جيڪو ان کي چڪائي سگهي ٿو.“
    امين غمگين انداز ۾ چيو:”توهان فرمايو آءُ توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟“
    ”يار خدمت ٻدمت جي ڳالهه تون نه ڪر. بس فقط ايتري ڳالهه آهي. ته جڏهن ڇاپو لڳي، ته گودام جو مالڪ تون هوندين ، گرفتار ٿي ويندين. ڏنڊ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي لک هوندو ۽ هڪ يا ٻه سال قيد جي سزا.“
    ”مون کي ڇا ملندو؟“
    ”جڏهن اتان آزاد ٿي ايندين ته معاملا طئه ڪري وٺنداسين.“
    امين سيٺ صاحب کي چيو:”سائين! اها تمام پري جي ڳالهه آهي. ڏنڊ توهان ڀريندؤ، پر قيد ته آءُ ئي ڪاٽيندس. توهان هينئر ئي سودو ڪريو.“
    سيٺ صاحب کليو: ”اڄ تائين مون تو سان ڪڏهن واعدي خلافي ڪئي آهي؟ گذريل دفعي مون تو کان ڪم ورتو ۽ تو کي ٽن مهينن جي قيد جي سزا ملي هئي ته ڇا مون جيل ۾ هر قسم جي سهولت تو کي ڪانه پهچائي! تو ٻاهر اچي مون کي ڇا چيو، ته تو کي جيل ۾ ڪا به تڪليف ڪانه ٿي هئي. جيڪڏهن تون ڪجهه عرصي لاءِ جيل هليو وئين ته اتي تو کي هر آسائش ملندي رهندي.”
    امين چيو:”ها سائين اهو سڀ صحيح آهي پر....“
    ”پر ڇا!؟“
    امين اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا:”سيٺ صاحب منهنجي ماءُ گذاري وئي آهي.“
    ”ڪڏهن؟“
    ”اڄ صبح جو.“
    سيٺ صاحب افسوس جو اظهار ڪندي چيو: ”ڀلا تدفين ڪرائي ڇڏيئي!؟“
    امين جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا:”سائين اڃا تائين ڪجهه به انتظام نه ٿي سگهيو آهي.... مون وٽ ته آفيم کائڻ لاءِ به پئسو ناهي.“
    سيٺ صاحب ڪجهه وقت غور ڪرڻ کان پوءِ امين کي چيو:”تون هيئن ڪر. منهنجو مطلب آهي، ته ڪفن دفن جو بندبوست آءُ هينئر ئي ٿو ڪري وٺان. تون ڪنهن به قسم جو فڪر نه ڪر، تون گودام تي وڃ ۽ وڃي پنهنجي ڊيوٽي سنڀال.“
    امين پنهنجي ميري قميض جي ڪف سان ڳوڙها اگهيا:”پر سائين آءُ پنهنجي ماءُ جي جنازي کي ڪلهو به نه ڏيان!“
    سيٺ صاحب فلسفياني انداز ۾ چيو:”اهي سڀ رسمون آهن. مرحومه کي دفنائڻو آهي. سو اهو ڪم تمام سٺيءَ طرح سان ٿي ويندو. تو کي جنازي سان گڏ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجي وڃڻ سان جنازي کي ڪهڙي راحت ملندي هوءَ ويچاري ته هن دنيا مان هلي وئي آهي. هن جي جنازي سان ڪير به گڏ وڃي. ڪهڙو ٿو فرق پوي، حقيقت ۾ توهين جاهل آهيو، آءُ جي مري وڃان ته مون کي ڪهڙي خبر ته منهنجي جنازي ۾ ڪهڙِ ڪهڙي عزيز ۽ دوست شرڪت ڪئي. مون کي ساڙيو وڃي ته ڪهڙو فرق پوندو يا منهنجي لاش کي جانورن حوالي ڪيو وڃي ته مون کي ڪهڙي خبر پوندي. تون اجايو جذباتي نه ٿي. دنيا ۾ سڀ کان ضروري شئي اها آهي ته پنهنجي ذات جي متعلق سوچيو وڃي. آءُ تو کان پڇان ٿو ته تنهنجي ڪمائي جا ڪهڙا وسيلا آهن؟“
    امين سوچڻ لڳو، ڪجهه وقت پنهنجي حيثيت تي غور ڪرڻ بعد چيائين:”ائين! منهنجي ڪمائي جا وسيلا توهان کي معلوم آهن. مون کان ڇا ٿا پڇو؟“
    ”مون ان ڪري پڇيو جو تو کي منهنجي ڪم ڪرڻ ۾ ڪهڙو اعتراض آهي. آءُ تنهنجي ماءُ جي ڪفن دفن جو بندوبست هينئر ئي ٿو ڪري وٺان ۽ جڏهن تون جيل مان واپس ايندين ته....“
    امين پهلوان اڍنگي انداز ۾ چيو:”ته پوءِ توهان منهنجو به بندوبست ڪري وٺو!“
    سيٺ صاحب وائڙو ٿي ويو:.”تون ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪرين امين پهلوان!“
    امين پهلوان ٿورو سخت انداز ۾ چيو”امين پهلوان جي اهڙي جي تهڙي توهان ٻڌايو ته مون کي ڪيترا پئسا ملندا، آءُ پنجاهه هزار کان گهٽ ڪونه وٺندس!“
    ”پنجاهه هزار ته تمام وڏي رقم آهي!“
    امين چيو:”گهڻا آهن يا گهٽ، آءُ ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان. آءُ جڏهن قيد ڪاٽي ايندس، ته پنهنجي ماءُ جي قبر سنگ مرمر جي ٺهرائيندس، هوءَ مون کي گهڻو ڀائيندي هئي!“
    سيٺ صاحب هن کي چيو:”ٺيڪ آهي يار، تون پنجاهه هزار وٺجان.“
    امين پهلوان سيٺ صاحب کي چيو:”مون کي پئسا ڏيو ته آءُ ڪفن دفن جو بندوبست ڪري وٺان، ان کان پوءِ آءُ توهان جي خدمت جي لاءِ حاضر ٿي ويندس.“
    سيٺ صاحب پنهنجي کيسي مان ٻٽون ڪڍيو:”تنهنجو ڪهڙو ڀروسو آهي!“
    امين کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن هن کي ڪچي گار ڏني هجي:”سيٺ صاحب! توهان مون کي بي ايمان ٿا سمجهو؟ بي ايمان توهان آهيو! ان ڪري ته پنهنجي افعالن جو بار منهنجي ڪلهن تي وجهي رهيا آهيو!“
    سيٺ صاحب وقت جو ڄاڻو هو، هو سمجهي ويو ته امين ناراض ٿي ويو آهي تنهن ڪري هن پنهنجي غلط زباني جي هڪدم معذرت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر امين تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿيو.
    جڏهن امين گهر پهتو، ته هن ڏٺو ته غسل ڏيندڙ هن جي ماءُ کي غسل ڏئي چڪا هئا ۽ ڪفن ڏئي رهيا هئا. امين حيران ٿيو ته ان تي هن وقت ۾ هيءَ مهرباني ڪنهن ڪئي آهي؟ سيٺ صاحب! پر هن ته سودو ڪرڻ ٿي چاهيو! هن هڪ ماڻهو کان جيڪو قبر کي سينگارڻ لاءِ گل ٺاهي رهيو هو پڇيو: ”هي انتظام ڪنهن ڪيو آهي!؟“
    گل واري جواب ڏنو:”سائين توهان جي زال ڪيو آهي.“
    امين اندر ويو ڏٺائين ته هڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري سندس کٽ تي ويٺي هئي. امين هن کان پڇيو: ”تون ڪير آهين- هتي ڇو آئي آهين!؟“
    آءُ سيٺ محمد دين جي ڌيءَ آهيان، ان سان توهان جي جيڪا گفتگو ٿي هئي. اها مون سڄي ٻڌي ورتي ۽... ۽...“
    امين چيو:”هاڻي ٻيو ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي!“

    ترجمو: ميرزا دبير


    فرشتو

    هو بس اسٽينڊ تي بيٺي اي روٽ واري بس جو انتظار ڪري رهي هئي . هن جي آسپاس ڪيئي مرد بيٺا هئا. انهن مان هڪ هن کي چتائي ڏسي رهيو هو. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هي شخص سرائيءَ سان هن جي دل ۽ دماغ ۾ سل ڪري رهيو آهي.... هن جي عمر اهائي ڪا ويهه ٻاويهه سال ٿيندي پر ان پختا ساليءَ جي باوجود هوءَ گهٻرائي رهي هئي. سياري جا ڏينهن هئا پر ان جي باوجود هن ڪيئي دفعا پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهيو.... هن جي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪري بس اسٽينڊ تي بيهڻ بجاءِ ڪو ٽانگو ڪري گهر وڃي.... يا واپس پنهنجي سهيليءَ وٽ وڃي..... هن جي اها نئين نئين سهيلي ٿي هئي. هڪ پارٽيءَ ۾ انهن جي ملاقات ٿي ۽ هو ٻئي هڪ ٻئي کان متاثر ٿيون..... اهو پهريون موقعو هو جو هوءَ پنهنجي سهيليءَ جي چوڻ تي ان جي گهر آئي هئي.
    نوڪر بيمار هيو پر جڏهن سندس سهيليءَ گهڻو اصرار ڪيو ته هوءَ اڪيلي ئي ان جي گهر هلي وئي..... ٻه ڪلاڪ هتان هتان جون ڳالهيون ڪنديون رهيون. وقت مزي ۾ گذري ويو.... هن جي سهيليءَ جنهن جو نالو شاهده هو، تنهن ويندي وقت چيو، ” سلميٰ ، هاڻي تنهنجي شادي به ٿيڻ گهرجي.“ سلميٰ شرمائجي وئي.
    ”ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪرين شاهده مون کي شادي ناهي ڪرڻي.“
    ”ته ڇا سڄي عمر ڪنواري رهندينءَ؟“
    ”ڪنواري رهڻ ۾ ڪهڙو حرج آ ...“ شاهده مسڪرائڻ لڳي، ”مان به ائين چوندي هيس پر جڏهن شادي ٿي ته دنيا جون تمام لذتون مون تي ظاهر ٿيون. اها ته عمر آهي جڏهن ماڻهو پوريءَ طرح شاديءَ جي لطافتن مان لطف اندوز ٿو ٿئي.... تون منهنجو چوڻ وٺ بس هڪ ٻن مهينن جي اندر ڪنوار ٿي وڃ- تنهنجي هٿن تي ميندي مان پاڻ لڳائينديس.”
    ”ڇڏ ان مزاق کي... “ شاهده سلميٰ جي ڳل تي هلڪي پيار ڀري ٿڦ هنئي.
    ”اهو مزاق آهي؟اگر اهو مزاق آهي ته پوءِ ڄي دنيا مزاق آهي. مرد ۽ عورت جو رشتو به فضول آهي- مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر تون هڪ ازلي ۾ ابدي رشتي کان انڪاري ڇو آن؟ ”ڏسندس ته تون مرد کان بغير ڪيئن ٿي جي سگهين- خدا جو قسم چري ٿي ويندينءَ..... چري!“
    ”سٺو آ ته چري ٿي وڃان- چرين لاءِ هن دنيا ۾ ڪا جاءِ ڪونهي ڇا، هيترا سارا چريا آهن- آخر اهي به ته جيئن تيئن جي رهيا آهن.“
    ”جيئن تيئن جيئڻ ۾ ڪهڙو مزو آ پياري سلميٰ.... مان تو کي چوان ٿي جڏهن کان منهنجي شادي ٿي آ منهنجي ته دنيا ئي بدلجي وئي آ، منهنجو مرس ڏاڍو پيار ڪندڙ آهي.“
    ”ڪهڙو ڪم ڪندو آهي“
    ”مون سان محبت ڪندو آهي اهو ئي ان جو ڪم آ، الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي.... منهنجو هٿ هن ڪڏهن به تنگ ٿيڻ ناهي ڏنو“ سلميٰ محسوس ڪيو هن جي دل تنگ ٿي رهي آهي.
    ”شاهده مون کي تنگ نه ڪر- مون کي شادي ناهي ڪرڻي- مون کي نفرت آ مردن کان.“
    ”ڇو؟“
    ”بس ائين ئي هاڻي مان تو کي ڇا چوان.“
    ”مردن کان مون کي به نفرت هوندي هئي پر جڏهن منهنجي شادي ٿي ۽ ”منهنجي مڙس مون کي پيار ۽ محبت ڏني ته مون کي پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته مرد عورت لاءِ ڪيترو لازمي آهي.“
    ”ڀلي هجي پر مون کي ان جي ضرورت ناهي.“
    شاهده کلي، ”سلميٰ هڪ ڏينهن تون ضرور ان ڳالهه جي قائل ٿي ويندينءَ ته مرد عورت لاءِ لازمي آهي- ان کان سواءِ هوءَ هڪ اهڙي گاڏي آهي، جنهن جا ڦيٿا نه هجن- منهنجي شادي کي هڪ سال ٿيو آهي.... ان هڪ سال ۾ مون کي جيتريون مسرتون ۽ راحتون منهنجي مڙس پهچايون آهن. مان بيان نٿي ڪري سگهان.... خدا جو قسم هو فرشتو آهي..... فرشتو.... مون تي جان قربان ڪندو آهي.“
    سلميٰ اهو ائين محسوس ڪيو ڄڻ هن جي مٿي تي فرشتا پر ڦڙ ڦڙائي رهيا هجن.
    هن سوچڻ شروع ڪيو شايد مرد عورت لاءِ لازمي هجي.... پر جلد هن جي دماغ ۾ اهو خيال آيو ته هن جي عقل هن جو ساٿ ناهي ڏنو. مرد جي ڪهڙي ضرورت آهي- ڇا عورت ان کان سواءِ جي نٿي سگهي- جيئن شاهده هن کي ٻڌايو ته هن جو مڙس ڏاڍو پيار ڪرڻ وارو آهي ڏاڍو نيڪ خصلت آهي- پر ان مان اهو ته ثابت نٿو ٿئي ته هو شاهده لاءِ لازمي هيو....
    سلميٰ حسين هئي..... اڀريل اڀريل جوڀن..... ڀريل هٿ پير..... ڪشادي پيشاني..... چيلهه کان هيٺ ڪارا ڊگها وار..... ڊگهو نڪ ۽ ان تي تر...... جڏهن هوءَ پنهنجي سهيليءَ کان اجازت وٺي غسل خاني ۾ وئي ته هن آئيني ۾ پاڻ کي غور سان ڏٺو ۽ ان کي ڏاڍي الجهن محسوس ٿي. هوءَ سوچڻ لڳي آخر هي جسم ۽ حسن، هي اڀار ڪنهن لئه آهي. قدرت جي سڄي ڪاريگري بيڪار پئي وڃي.... اناج پيدا ٿيندو آ ته ماڻهو ان مان پنهنجو پيٽ پاليندو آهي.... ان جي جواني به ته ڪنهن ٻنيءَ ۾ بيٺل سنگ جيان هئي- اکر ان کي ڪوئي کائيندو نه، ته سڙي سڪي نه ويندي.
    هوءَ ڪافي دير تائين غسل خاني ۾ آئيني سامهون سوچيندي رهي. هن جي ذهن ۾ هن جي سهيليءَ جون سڀ ڳالهيون گونجي رهيون هيون.... مرد عورت لاءِ تمام ضروري آهي.... هن جو مڙس هن سان ڏاڍو پيار ڪندو آهي هو فرشتو آهي.... سلميٰ هڪ لمحي لاءِ محسوس ڪيو ته هن جا ڪپڙا ۽ هن جو رئو فرشتن جا پر بڻجي ويا آهن. هوءَ گهٻرائجي وئي.... جلدي فارغ ٿي ٻاهر نڪري آئي.
    ٻاهر ورانڊي ۾ مکيون ڀون ڀون ڪري رهيون هيون.- سلميٰ کي ائين لڳو ڄڻ هي به فرشتا هجن جيڪي ويس بدلي آيا آهن. پوءِ جڏهن هن جي سهيلي هن کي پنهنجي گهر جي سامهون واري باغ ۾ وٺي وئي ۽ اتي هن ٻه ٽي پوپٽ ڏٺا ته اهي به هن کي فرشتا ڏسجڻ ۾ آيا.... پر هن ڪيئي دفعا سوچيو ته اهڙا رنگين ننڍڙا پتڪڙا فرشتا ڪيئن ٿا ٿي سگهن.... هن کي ڪافي دير تائين فرشتا ئي فرشتا پئي ڏسجڻ ۾ آيا، جيڪي هن جي ويجهو ئي آيا هن کي پيار ٿي ڪيئون. هن جي چهري کي ٿي چمئيون-هن جي سيني تي ٿي همٿ ڦيرئون..... جنهن مان هن کي ڏاڍي راحت ٿي ملي... پر هن فرشتن جي هٿن کي سختي سان پري ڪندي انهن کي چيو- وڃو – هليا وڃو هتنون- توهان جو گهر ته آسمان تي آهي هتي ڇا ڪرڻ آيا آهيو.... هو فرشتا هن کي چوڻ لڳا- اسان فرشتا ناهيون حضرت آدم جي اولاد آهيون- اهو بزرگ جنهن کي جنت مان ڪڍيو ويو- پر اسان تو کي وري جنت ۾ پهچائڻ جو واعدو ٿا ڪيون. ها اتي کير جون نديون ٿيون وهن ۽ ماکيءَ جون به- سلميٰ ائين محسوس ڪيو ڄڻ هن جي سيني مان کير جا گوها نڪرڻ لڳا هجن ۽ هن جا چپ مٺاس سان ڀرجي ويا هجن- شاهده هر هر هن سان پنهنجي مڙس جون تعريفون پئي ڪيون.
    اصل مقصد هن جو اهو هيو ته جيئن هن جي ڀاءُ سان سلميٰ جو رشتو ٿئي، پر گهر ۾ هي پهرين ملاقات هئي ان ڪري هو کُلي ڳالهائي نه سگهي... بهرحال هن اشارن اشارن ۾ سلميٰ تي اهو واضح ڪري ڇڏيو ته هن جو مڙس ڏاڍو شريف ۽ محبت ڪرڻ وارو ماڻهو آهي ۽ ان جو ڀاءُ ان کان به وڌيڪ شريف النفس آهي. سلميٰ اهو اشارو نه سمجهي سگهي. ان ڪري جو هوءَ ڏاڍي سادي طبعيت واري هئي. هن صرف ايترو چيو، ”اڄڪلهه جي زماني ۾ شريف ماڻهن جو ملڻ محال آهي- تون خوشقسمت آهين جو تو کي اهڙو سٺو خاندان مليو آهي. جنهن جو هر ماڻهو نيڪ ۽ شريف آهي.... افسوس آ جو منهنجو مڙس هن وقت گهر ۾ موجود ناهي نه ته مان تو کي ان سان ضرور ملايان ها- وري ڪڏهن سهي...“
    ”ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“
    ”ائين ان کي ڪم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت- لکن جي ته جائداد آهي- گهر ۽ دڪانن جو ڪرايو ئي هر مهيني ٻن هزارن جي قريب وصول ٿيندو آهي. ان کان علاوه ماشا الله زمينون آهن، انهن جي آمدني الڳ آهي. اَن َ پاڻيءَ جي ڪائي ڪمي ناهي- ڪڻڪ گهر ۾ پئي آهي. چانور به- هر قسم جي سبزي به هر وقت ميسر آهي- الله جو وڏو فضل ڪرم آهي- ان جو ننڍو ڀاءُ اڄ ڪلهه لنڊن ۾ آهي. زراعت متعلق خبر ناهي ڇا سکي رهيو آهي...... هڪ مهيني اندر واپس اچي رهيو آهي اهو پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ڀيٽ ۾ گهڻو حسين آ. تون ان کي ڏسندينءَ ته ...“
    سلميٰ گهٻرايل لهجي ۾ چيو“ ها ها.... جڏهن هو ايندو ته ان سان ملڻ جو اتفاق به ٿي ويندو...“
    شاهده چوڻ لڳي ”ڏاڍو شريف ڇوڪرو آهي- اصل پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر.“
    ”جي ها- ضرور هوندو- آخر شريف خاندان سان تعلق اٿس.“
    ”هو بس اچڻ وارو ئي آهي... تون مون کي پنهنجي هڪ تصوير ڏئي ڇڏ“
    ”ڇا ڪندينءَ؟“
    ”بس ماکي لڳائي چٽيندي مانس.“ اهو چئي شاهده سلميٰ جي منهن کي چميو ۽ وري پنهنجي مڙس جون تعريفون شروع ڪري ڏنائين. سلميٰ تنگ اچي وئي. هن ٿوري دير کان پوءِ ڪو بهانو بڻائي اجازت ورتي- ۽ بس اسٽينڊ تي پهتي جتان هن کي اي روٽ واري بس تي وڃڻو هو....
    هوءَ جڏهن اتي پهتي ته هڪ مرد هن کي خراب نظر سان ڏسڻ شروع ڪيو- هوءَ پريشان ٿي وئي. سياري جا ڏينهن هئا. پر پوءِ به هن ڪيئي دفعا نرڙ تان پگهر اگهيو- اسٽينڊ تي هڪ بس آئي هن ان جو نمبر به نه ڏٺو جيئن ئي ٻه ٽي مسافر لٿا هوءَ تڪڙي ۾ بس ۾ ويهي رهي.
    اهو ماڻهو به بس ۾ داخل ٿيو- هن جي پريشاني اڃا وڌي وئي. اتفاق اهڙو ٿيو جو بس جي انجڻ ۾ ڪائي خرابي پيدا ٿي جنهن جي ڪري ان کي بيهڻو پيو- سڀني مسافرن کي چيو ويو ته- توهان لهي وڃو ڇو جو هيءَ بس ڪافي ٽائيم تائين نه هلي سگهندي. سلميٰ هيٺ لٿي ته اهو شخص جيڪو هن کي چتائي ڏسي رهيو هو- اهو به ٻاهر نڪتو- روڊ تي هڪ ڪار وڃي رهي هئي. هن ان جي ڊرائيور کي سڏ ڪيو، ”امام الدين.“
    امام الدين ڪار هڪدم بيهاري – ان شخص سلميٰ کي هٿ مان ورتو ۽ چيائين،”اچو هيءَ ڪار منهنجي آهي- جاتي به توهان وڃڻ چاهيو مان توهان کي ڇڏي ايندس.”
    سلميٰ انڪار نه ڪري سگهي ۽ ڪار ۾ ويهي رهي- هن کي ماڊل ٽائون وڃڻو هيو- پر هو ته هن کي ڪنهن ٻي هنڌ وٺي ويو- ۽ سلميٰ محسوس ڪيو ته مرد واقعي عورت لاءِ لازمي آهي.
    هن پنهنجي زندگيءَ جو بهترين ڏينهن گذاريو- خير پهريان ته هن ڏاڍا حيلا هلايا- احتجاج ڪيو- پر ان شخص آخر هن کي راضي ڪري ورتو- ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن سلميٰ ان شخص جو ٻٽون کولي ائين ئي ڏٺو پئي ته ان ۾ هڪ پاسي کان شاهده جو فوٽو هيو- هن هٻڪندي پڇيو، ”هي- هي- عورت ڪير آهي؟“
    ان شخص جواب ڏنو، ”منهنجي زال.“
    سلميٰ جي وات مان دانهن نڪري وئي،”توهان جي زال!“
    شاهده جو مڙس کلڻ لڳو”ڇا مردن جون زالون ناهن هونديون!”

    ترجمو: عرزه عروج


    ملاوٽ

    امرتسر ۾ علي محمد جو ريزڪي دڪان هو، ننڍڙو پر ان ۾ هر شيءَ موجود هئي. ڪجهه اهڙي طريقي سان سامان رکيو ويو هو جو سامان سٿيل نظر نه پئي آيو. امرتسر ۾ ٻيا دڪان وارا بليڪ ڪندا هئا پر علي محمد واجبي اگهه تي مال وڪرو ڪندو هو. اها ئي ڳالهه هئي جو ماڻهو پري پري کان هن وٽ ايندا هئا ۽ پنهنجي ضرورت جون شيون خريد ڪندا هئا.
    علي محمد مذهبي قسم جو ماڻهو هو. گهڻو منافعو وٺڻ هن جي نظر ۾ گناهه هو. اڪيلو ماڻهو هو ان لاءِ جائز منافعو ئي ڪافي هو. هو سڄو ڏينهن دڪان تي ويهندو هو، گراهڪن جي رش لڳل هوندي هئي. هن کي ڪڏهن ڪڏهن افسوس ٿيندو هو جڏهن هو ڪنهن گراهڪ کي سن لائٽ صابڻ جي هڪ ٽڪي نه ڏئي سگهندو هو، يا ڪيلي فورنين پوپي تيل جي بوتل ڇو ته اهي شيون هن کي گهٽ تعداد ۾ ملنديون هيون، بليڪ نه ڪرڻ جي باوجود هو خوشحال هو. هن وٻهه هزار رپيا گڏ ڪري رکيا هئا. جوان هو، هڪ ڏينهن دڪان تي ويٺي ويٺي هن سوچيو ته هاڻي شادي ڪرڻ گهرجي. خراب خراب خيال دل ۾ اچن ٿا. شادي ڪيان ته زندگيءَ ۾ مزو اچي ويندو. ٻار ٻچا پيدا ٿيندا انهن جي پالڻ لاءِ مان اڃا به وڌيڪ ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندس.
    هن جا والدين گهڻو عرصو اڳ مري چڪا هئا، هن جو نه ڪوئي ڀاءُ هو ۽ نه وري ڪا ڀيڻ هئي. دنيا ۾ بلڪل اڪيلو هو. شروع شروع ۾ جڏهن هو ڏهن سالن جو هو ته اخبارون وڪڻڻ شروع ڪيائين. ان کان پوءِ قلفيون وڪڻڻ لڳو. جڏهن هن وٽ هڪ هزار رپيا جمع ٿي ويا ته هن هڪ ننڍو دڪان ڪرائي تي ورتو ۽ ريزڪي سامان خريد ڪري ويهي رهيو. ماڻهو ايماندار هو، ان ڪري هن جو دڪان ٿوري ئي عرصي ۾ هلي پيو، ۽ جيستائين آمدني جو تعلق هو ته هو ان مان بي فڪر هو پر هن چاهيو پئي ته پنهنجو گهر وسائي، هن جي زال هجي ٻار هجن ۽ هو انهن لاءِ گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري، ان لاءِ هن جي زندگي جي مشين اهڙي بڻجي ويئي هئي، صبح جو دڪان کوليندو هو، گراهڪ ايندا هئا انهن کي سودو ڏيندو هو. شام جو دڪان بند ڪندو هو ۽ هڪ ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ جيڪا هن شريف پوره ۾ ورتي هئي سمهي پوندو هو. گنجي جي هوٽل تان صرف هڪ وقت ماني کائيندو هو، صبح جو نيرن شانڀي حلوائي جي دڪان تي ڪندو هو، پنهنجو دڪان کوليندو ۽ شام تائين گدي تي ويٺو رهندو هو. هن جي اندر ۾ شادي جون خواهشون زور وٺنديون ويون. پر سوال هي ٿي اٿيو ته ان معاملي ۾ هن جي مدد ڪير ڪري. امرتسر ۾ سندس نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مٽ مائٽ هو جو هن لاءِ ڪوشش ڪري هو ڏاڍو پريشان هو. شريف پوره جي ڪوٺيءَ ۾ رات جو سمهڻ وقت هو ڪيئي دفعا رنو. ان لاءِ ته هن جا پيءُ ماءُ ايترو جلدي ڇو مري ويا. هن لاءِ ٻيو ڪجهه نه ته تيستائين ته زندهه رهن ها جو گهٽ ۾ گهٽ هن جي شاديءَ جو ته بندوبست ڪري وڃن ها، هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو شادي ڪيئن ڪري. هو گهڻي دير تائين سوچيندو رهندو هو. انهيءَ دوران هن وٽ ٽي هزار جمع ٿي ويا. هن هڪ ننڍو گهر جيڪو صاف سٿرو ۽ سٺو هو، ڪرائي تي وٺي ڇڏيو پر رهندو شريف پوره واري ڪوٺي ۾ ئي هو. هڪ ڏينهن هن اخبار ۾ هڪ اشتهار ڏٺو جنهن ۾ لکيل هو شاديءَ جا خواهشمند صاحب اسان سان رابطو ڪن. ليڊي ڊاڪٽر ۽ هر قسم جا رشتا موجود آهن، خط لکو يا خود اچي ملو. آچر ڏينهن هو دڪان ڪونه کوليندو هو. ان ڏينهن هو شادي دفتر واري ائڊريس پڇائيندو اتي پهتو، جتي هن جي ملاقات هڪ ڊگهي ڏاڙهيءَ واري بزرگ سان ٿي. علي محمد پنهنجو مقصد بيان ڪيو. ڏاڙهي واري بزرگ ميز جي خاني مان ويهه پنجويهه فوٽو ڪڍيا ۽ هن کي هڪ هڪ ڪري ڏيکاريا جيئن علي محمد انهن مان ڪوئي هڪ پسند ڪري. هڪ ڇوڪريءَ جو فوٽو علي محمد کي پسند اچي ويو. ڇوڪري ننڍي عمر جي ۽ خوبصورت هئي، هن شادي ڪرائڻ واري ايجنٽ کي چيو:”جناب! هيءَ ڇوڪري مون کي پسند آهي.“
    ايجنٽ کليو”تو هيرو پسند ڪيو آهي.“
    علي محمد ائين محسوس ڪيو ڄڻ اها ڇوڪري سندس پناهه ۾ اچي وئي آهي. هن ايجنٽ کي چيو:”بس جناب توهان ڳالهه پڪي ڪري ڇڏيو.“
    ايجنٽ سنجده ٿيندي کيس چيو: ”ڏسو ...... هيءَ ڇوڪري جيڪا توهان پسند ڪئي آهي، حسين هئڻ کان سواءِ هڪ تمام وڏي خاندان سان تعلق رکي ٿي، پر توهان کان زياده فيس ڪونه گهرندس.“
    ”توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي جناب..... مان يتيم ڇوڪرو آهيان، جيڪڏهن توهان منهنجو اهو ڪم ڪري ڇڏيو ته توهان کي سڄي عمر پنهنجو پيءُ سمجهندس.“
    ايجنٽ جي مڇن ڀريل چپن تي مسڪراهٽ وري ظاهر ٿي.”جيئندو رهه. مان توهان کان صرف 3 سئو رپيا رپيا فيس وٺندس.“
    ”سائين جي وڏي مهرباني. مون کي منظور آهي.“
    علي محمد ايجنٽ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس کيسي مان ٽي نوٽ سئو سئو جا ڪڍي ڏنا. تاريخ ٻڌجي وئي نڪاح ٿيو. رخصتي به ٿي وئي. علي محمد جيڪو ننڍو گهر ڪرائي تي ورتو هو تنهن کي سينگاريو هو ۽ ان ۾ وڏي چاهه سان پنهنجي ڪنوار کي وٺي ويو. پهرين رات جو تصور خبر ناهي هن جي دل ۽ دماغ ۾ ڪهڙِ قسم جو هو پر جڏهن هن ڪنوار جو منهن تان رئو پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان مٿي ڪيو ته ذري گهٽ بيهوش ٿي ويو. نهايت بد شڪل عورت ڪنڌ جهڪايو هن جي اڳيان ويٺي هئي. ايجنٽ هن سان دولاب ڪيو هو. علي محمد ٿڙندو ٿاٻڙندو ٻاهر نڪري ويو ۽ شريف پوره وڃي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ دير تائين سوچيندو رهيو ته هي ٿيو ، پر هن جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو. صبح جو هن پنهنجو دڪان نه کوليو، ٻه هزار هن پنهنجي زال کي حق مهر ان ئي رات ڏئي ڇڏيا هئا. ٽي سئو رپيا ايجنٽ کي. هاڻي هن وٽ صرف ست سئو رپيا هئا. هو ايتري تائين بد دل ٿي ويو هو جو سوچيائين شهر ئي ڇڏي ڏي. سڄي رات جاڳندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو، آخر هن فيصلو ڪري ئي ڇڏيو. صبح ڏهين بجي هن پنهنجو دڪان پنجين هزارن ۾ وڪڻي ڇڏيو ۽ ٽڪيٽ وٺي لاهور هليو ويو. لاهور ويندي گاڏي ۾ ڪنهن وڏي صفائي سان هن جو کيسو ڪٽيو ۽ سمورا پئسا کڻي ويو. علي محمد تمام گهڻو پريشان ٿي ويو پر هن سوچيو ته شايد خدا کي اهو ئي منظور هو.
    لاهور پهتو ته هن جي ٻئي کيسي ۾ صرف ڏهه رپيا ۽ يارنهن آنا هئا. انهن مان هن ڪجهه ڏينهن گذارو ڪيو پر پوءِ فاقن جي نوبت اچي وئي. انهيءَ دوران ڪٿي نه ڪٿي ملازم ٿيڻ جي به تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو هو ايستائين مايوس ٿي ويو جو هن خودڪشي جو ارادو ڪيو پر هن ۾ ايتري جرئت نه هئي. انهيءَ جي باوجود هڪ رات هو ريل جي پٽڙي تي ليٽي پيو. ٽرين اچي رهي هئي پر ڪانٽو بدليو ۽ ٽرين ٻي لائين تي هلي وئي جو هن کي اوڏانهن ئي وڃڻو هو. هن سوچيو شايد موت دوکو ڏئي ويندو آهي. هن خودڪشي جو خيال ڇڏي ڏنو ۽ هيڊ ۽ مرچ پيهڻ واري هڪ چڪي تي ويهه رپيا مهيني تي نوڪري اختيار ڪئي هتي هن کي پهرين ڏينهن ئي معلوم ٿي ويو ته دنيا دوکو ئي دوکو آهي. هيڊ ۾ پيلي مٽي جي ملاوٽ ڪئي ويندي آهي ۽ مرچن ۾ ڳاڙهين سرن جي .
    ٻه سال هو ان چڪيءَ ۾ ڪم ڪندو رهيو. ان جو مالڪ هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ سئو رپيا مهيني جي حساب سان ڪمائيندو هو. ان دوران علي محمد پنج سئو رپيا جمع ڪيا هئا. هڪ ڏينهن هن سوچيو جڏهن سڄي دنيا ۾ فريب آهي ته پوءِ به ڇو نه فريب ڪري.
    هن هڪ جدا چڪي قائم ڪئي ۽ ان ۾ مرچ ۽ هيڊ ۾ ملاٽ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. هن جي آمدني هاڻي ڪافي وڌڻ لڳي. هن کي شاديءَ جو ڪافي دفعا خيال آيو پر جڏهن هن جي اکين جي سامهون ان پهرين رات وارو نقشو ايندو هو ته هو ڏڪي ويندو هو.
    علي محمد خوش هو، هن فريبڪاري پوري طرح سکي ورتي هئي. هن کي هاڻي ان جا سڀ گر معلوم ٿي ويا هئا. هڪ مڻ مرچن ۾ ڪيتريون سرون پيهي ملايو وڃن. هيڊ ۾ ڪيتري هيڊي رنگ جي مٽي وڌي وڃي ۽ وري وزن جو حساب، اهي سڀ هن کي چڱي طرح معلوم هئا.
    پر هڪ ڏينهن هن جي چڪي تي پوليس جو ڇاپو لڳو، هيڊ ۽ مرچن جا نمونا بوتلن ۾ وجهي مهر بند ڪيا ويا ۽ جڏهن ڪيميڪل اگزمنر جي رپورٽ آئي ته انهن ۾ ملاوٽ آهي ته هن کي گرفتار ڪيو ويو. هن جو لاهور ۾ ڪير هو جو هن جي ضمانت ڏي. ڪيئي ڏينهن هو لاڪ اپ ۾ بند رهيو، آخر مقدمو عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هن کي ٽي سئو رپيا ڏنڊ ۽ هڪ مهيني جي قيد با مشقت سزا ملي. جرمانو هن ادا ڪيو ۽ هڪ مهيني جي قيد بامشقت سزا به ڀوڳيائين. اهو هڪ مهينو هن جي زندگيءَ جو خراب ۽ ڏکيو مهينو هو. ان دوران هو اڪثر سوچيندو هو ته هن بي ايماني ڇو ڪئي. جڏهن ته هن پنهنجي زندگيءَ جو اهو اصول بڻايو هو ته هو فريبڪاري وغيره نه ڪندو. وري هو سوچيندو هو ته هن کي پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ جو هو نه هتان جو رهيو هو ۽ نه ئي هتان جو. هن جو ڪردار مضبوط ناهي بهتر اهو ئي آهي ته هو مري وڃي، جيئن هن جي ذهني پريشاني به ختم ٿي وڃي.
    جيل کان ٻاهر نڪتو، مضبوط ارادو ڪري چڪو هو ته خودڪشي ڪندو. جيئن سڄو معاملو ئي ختم ٿي وڃي. ان غرض سان هن ست ڏينهن مزدوري ڪئي ۽ ٻه ٽي رپيا گڏ ڪري هن سوچيو ته اهو ڪهڙو زهر آهي جيڪو ڪارائتو ٿي سگهي ٿو.
    هن صرف هڪ ئي نالو ٻڌو هو زهر جو، جيڪو وڏو قاتل هوندو آهي..... سنکيو..... پر سنکيو ڪٿان ملندو؟
    هن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. آخر هن کي هڪ دڪان تان سنکيو ملي ويو. هن عشاءَ جي نماز پڙهي، خدا کان پنهنجي گناهن جي معفي گهريائين. سنکيو کاڌائين ۽ فٽ پاٿ تي سمهي پيو.
    هن ٻڌو هو ته سنکيو کائڻ واري جي وات مان گج نڪرندي آهي. ان تي تشنج جا دورا پوندا آهن، ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي پر هن کي ڪجهه به نه ٿيو، سڄي رات هو پنهنجي موت جو انتظار ڪندو رهيو، پر موت نه آيس. صبح جو اٿي هو ان دڪان واري وٽ ويو. جنهن کان هن سنکيو خريد ڪيو هو ۽ ان کان پڇيائين:”جناب! هي توهان مون کي ڪهڙو سنکيو ڏنو هو جو ان جي کائڻ سان مون کي اڃا تائين موت ناهي آيو.“
    دڪان واري هڪ آهه ڀري ۽ کيس وڏي افسوسناڪ لهجي ۾ چيو،”ڇا چوانءِ منهنجا ڀاءُ.... اڄڪلهه هر شيءِ نقلي پئي اچي يا وري ان ۾ ملاٽ ٿئي پئي”

    ترجمو: سومرو شبير احمد


    سوڳنڌي

    سڄي ڏينهن جي ٿڪي ماندي، هوءَ هينئر ئي بستري تي ليٽي هئي ۽ ليٽندي ئي کيس گهري ننڊ اچي وئي هئي. ميونسپل ڪاميٽي جو داروغو، جنهن کي هو سيٺ صاحب سڏيندي هئي، هن جي جسم کي چُور چُور ڪري، شراب جي نشي ۾ مست، هينئر ئي گهر ڏانهن روانو ٿيو هو. هو رات اتيئي گذاري ها پر هن کي پنهنجي زال جو، جا کيس بي حد ڀائيندي هئي، ڏاڍو خيال هو.
    اهي رپيا جي هي داروغي کان، پنهنجي جسماني محنت عيوض وصول ڪيا هئا، هن جي چست، ٿُڪن سان آلي ٿيل ڪوٽيءَ هيٺان، ٻاهر تي اڀريل نظر اچي رهيا هئا. ساهه جي کڻڻ سبب ٽامي مليل چانديءَ جا اهي سِڪا وڄڻ ٿي لڳا ۽ انهن جي جهنڪار هن جي دل جي خاموشي ڌڙڪنن ۾ سمائجي ٿي ويئي. ائين ٿي محسوس ٿيو ڀانءِ انهن سڪن جي چاندي پگهرجي هن جي دل جي خون ۾ ٽپڪي رهي هئي!
    هن جي ڇاتي اس ۾ پيل لڪڙي جيان، تتل هئي. اها گرمي ڪجهه ته ان ”برانڊيءَ جي باعث هئي، جنهن جو آڌيو داروغي پاڻ سان آندو هئو ۽ ڪجهه ان بيڙ جو جنهن ۾ سوڍا ختم ٿي وڃن سبب، هنن پاڻي ملائي پيتو هو.
    هوءَ ساڳوان جي ڊگهي ۽ ويڪري پلنگ تي، اونڌي منهن ليٽي پيئي هئي. هن جون ڪلهن تائين اگهاڙيون اگهاڙيون ٻانهون پلنگ تي ائين ڦهليون پيون هيون، ڄڻ اهي بي جان هيون.
    ڪمرو تمام ننڍڙو هو، جنهن ۾ بيشمار شيون هيڏانهن هوڏانهن ٽڙيون پکڙيون پيون هيون، پلنگ هيٺان ٽي چار سڪي ٺوٺ ٿي ويل چمپل پيا هئا، جن مٿان خارش جي بيماريءَ ۾ ورتل ڪتو، ليٽيو پيو هو. گهڻو کنهڻ سبب ڪتي جي جسم تان ڪيترا وار ڇڻي ويا هئا ۽ پريان ائين ٿي لڳو ڄڻ پير اگهڻ لاءِ پراڻو ٽاٽ ٻيڻو ڪري رکيو ويو آهي.
    ڪمري ۾ هڪ طرف تختي تي سينگار جو سامان رکيو هو ۽ ان تختي جي بلڪل ئي مٿان لوهي پڃري ۾ هڪ طوطو پنهنجي ڳچي پٺيءَ طرف موڙي کنڀن ۾ لڪائي سمهيو پيو هو. هن جي چئوطرف زيتون جون زريون پيون هيون، جن مٿان مڇر لامار ڏيئي رهيا هئا.
    پلنگ جي ڀر ۾ بيد جي هڪ آرام ڪرسي رکيل هئي، جا گهڻي سنڀال باوجود به مر کان پاڻ بچائي نه سگهي هئي. ڪرسيءَ جي کاٻي طرف ڪاٺ جي هڪ ننڍڙي ٽپائي تي ”هز ماسٽر وائس“ جو گرامو فون رکيو هو، جنهن کي هوءَ اڪثر گراهڪ جي اڻ موجودگيءَ وقت وڄائيندي هئي، ٽپائيءَ جي بنهه مٿان ڀت ۾ چئن ماڻهن جون جدا جدا فريمن ۾ مڙهيل تصريون ٽنگيل هيو. انهن کان ٿورو ئي پريان ”گڻيش ڀڳوان“ جي تصوير ٽنگيل هئي، جنهن جي گرد تازن ۽ ڪومايل گلن جا هار نظر اچي رهيا هئا. تصوير جي گهاٽن رنگن مان ائين ئي لڳو ڀانءِ اها ڪنهن ڪپڙي جي تاڪئي تان لاٿي وئي هئي. گڻيش مهراج جي تصوير ويجهو ئي هڪ تختي تي تيل سان ڀريل لوهه جو هڪ پيالو ۽ مٽيءَ جو هڪ ڏيئو رکيا هئا.
    جڏهن هوءَ بوهڻي ڪندي هئي، تڏهن گڻيش ڀڳوان جي تصوير اڳيان اچي، انهن پيسن کي تصوير سان ڇهائي، پنهنجي مٿي جي سينڌ تائين آڻي، پنهنجي چوليءَ ۾، مٿئين حصي کان وجهي ڇڏيندي هئي. ڇاتي اڀريل هئڻ سبب، اها جهجهن رپين کي پاڻ ۾ سمائي سگهندي هئي، البته جڏهن ماڌو پوني مان ايندو هئو تڏهن هن کي رپيا اتان ڪڍي پلنگ جي پائي هيٺان کوٽيل کڏ ۾ لڪائڻا پوندا هئا. ماڌوءَ کان پئسا لڪائڻ جو اهو طريقو سوڳنڌيءَ کي رام لال دلال ٻڌايو هو، هن کي جڏهن اها سڌ پيئي ته ماڌو ور ور ڪري پوني کان اچي سوڳنڌيءَ کان ٿورا گهڻا پيسا ڦري ٿو وڃي، تڏهن هو خاموش رهي نه سگهيو.
    ”سوڳنڌي! تو ان حراميءَ کي ڪڏهن لاڪڙ يار بڻايو آهي؟ پنهنجي کيسي مان پائي خرچ ته نٿو ڪري، اٽلندو عيش ڪرڻ کان سواءِ تو کان ئي ڪجهه نه ڪجهه ڦري ٿو وڃي! سوڳنڌي، دال ۾ ضرور ڪو ڪارو آهي. حرامزادي ۾ ضرور ڪا اهڙي ڳالهه آهي جو تون کيس ڀانئڻ لڳي آهين- ستن سالن کان هيءُ ڌنڌو ڪري رهيو آهيان. مان توهان ڇوڪرين جي سڀني ڪمزورين کان وقاف آهيان.“
    ائين چئي، رام لال جو بمبئي جي مختلف پاڙن ۾ رهندڙ هڪ سو ويشيائن، جن جو اگهه ڏهن رپين کان سئو رپين تائين هو، جي دلالي ڪندو هو، هن کي سمجهائڻ لڳو، ”پنهنجي خون پسيني جي ڪمائي، ائين نه اڏاءِ حرام زادي!- ڏسجانءِ، اهو ماڻهين جو.....“ هن گار ڏيندي چيو، ”تنهنجي انگ تان ڪپڙا به لاهي ويندو. منهنجي صلاح مڃ- پلنگ جي پائي هيٺان، ننڍڙي کڏ کوٽي ان ۾ پنهنجا پئسا لڪائي ڇڏيندي ڪر- ۽ جڏهن ماڌو اچي، تڏهن کيس هينئن چوندي ڪر، ماڌو! تنهنجو قسم، اڄ صبوح کان ڪجهه به نه کاڌو اٿم، ٻاهران هڪ ڪپ چانهه ۽ ٿورا بسڪوٽ نه گهرائيندين؟- بک وچان منهنجي پيٽ ۾ ڪوئا ڊوڙِي رهيا آهن!- سمجهيئه ؟- تمام نازڪ وقت اچي ويو آهي. ڪانگريسن شراب بندي ڪري، بازار به مندي ڪري ڇڏي آهي- پر تو کي ڇا آهي؟ توکي ته ڪٿان نه ڪٿان چڪي، ڀيڻ لاءِ ملي ٿي وڃي، ڀڳوان جو قسم، جڏهن به تو وٽ ڪا خالي ٿيل بوتل ڏسندو آهيان، ۽ دارونءَ جي بانس سگهندو آهيان، تڏهن دل چاهيندي آهي ته جونءَ بڻجي، تنهنجن وارن ۾ پاڻ لڪائي ڇڏيان!“
    سرڳنڌيءَ کي پنهنجي ڇاتي بيحد پسند هئي، هڪ ڀيري جمنا کيس چيو هئو، ”مئي! ان سختائيءَ جي سنڀال نه ڪيئه ته اها حسن جي جهلڪ جلد ئي غائب ٿي ويندءِ.“
    سوڳنڌيءَ اهو ٻڌي کلي ڏنو هئو،”جمنا! تون سڀني کي پاڻ جهڙو ڇو ٿي سمجهين؟- ڏهه رپيا ڏيئي، ماڻهو تنهنجي جسم جي هڏي هڏي چور ڪري ٿا وڃن ته تون ائين ٿي سمجهين ته ٻين سان به ائين ٿيندو هوندو؟- ائين ڪرڻ جي ڪنهن کي مجال آهي؟“ ۽ کن پل لاءِ ترسي، هوءَ وري چوڻ لڳي، ”اڙي! ها، مٺي راتوڪي ڳالهه ٻڌ. رات جو ٻي بجي رام لال دلال هڪ پنجابي گراهڪ وٺي آيو هئو. مون رات جا ٽيهه رپيا وٺڻا ڪيا ۽ هو پلنگ تي ليٽيو ئي مس ته مون بتي وسائي ڇڏي. ٻڌين ٿي، جمنا؟ - بس اوندهه ٿينديئي هن جو بدن ڏڪڻ لڳو ۽ هن جو سمورو جوش غائب ٿي ويو. هو ور ور ڪري بتي پاڙڻ لاءِ چئي رهيو هو ۽ مان کلي رهي هيس. مان ٿورو وڌيڪ ڏانهسن کسڪيس ته هن هيٺ ٽپ ڏيئي بتي ٻاري. هو سارو پگهرجي ويو هو ۽ بتي ٻاري، هو پلنگ تي آيو ته مون ٽپ ڏيئي بتي وسائي ڇڏي – سچ، جمنا ! ڏاڍو مزو آيو. اونداهه ۽ روشني اک ٻوٽ، راند ڪري رهيون هيون. ڪڏهن روشني اوندهه مٿان پئي غالب پيئي ته ڪڏهن اوندهه روشني مٿان! ۽ ٽرام جي کڙ کڙ ٿينديئي هو اٿي ڀڳو- حرامز ادي ٽيهه رپيا پڪ ئي پڪ سٽي ۾ ڪمايا هوندا، جو ائين مفت ۾ ڏيئي ويو.- جمنا، تون بلڪل الهڙ آهين، ڪيترا طريقا آهن مون وٽ، انهن کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ!“
    سوڳنڌيءَ وٽ واقعي ڪيترا طريقا هئا ۽ هوءَ اهي پنهنجن سڀني ساهيڙين کي به ٻڌائيندي هئي، ”گراهڪ شريف لڳي، ۽ گهڻي بڪ بڪ نه ڪري ته کيس خوب ڇيڙيو، هن کي ڪتڪتائي ڪريو، ڏاڙهي وڏي هجيس ته ٻه چار پيار ڀريا هٿ ڦيري سندس ڏاڙهيءَ مان ٻه ٽي وار ڇڪ ڏيئي ڇني وٺو- هو ڏند ڏيکارڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪندو - ۽ جي وڏي پيٽ وارو سيٺ هجي ته هن جي پيٽ تي هٿ گهمائينديون رهو ۽ کيس پنهنجو مطلب سڌ ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏيو. وقت گذرندي ئي کيس هلي وڃڻو پوندو ۽ اوهان جي جان بچي پوندي. ۽ ها، سانتيڪا مرد ڏاڍا خطرناڪ ٿيندا آهن. جيڪڏهن هنن جو داءُ ڪامياب ويندو آهي ته هڏي هڏي چور ڪري ڇڏيندا آهن.“
    پر سوڳنڌي ايترو چالاڪ نه هئي، جيترو هوءَ خود کي ٻين اڳيان ظاهر ڪندي هئي. هن جا گراهڪ تمام ٿورا هئا ۽ هوءَ حد درجي جي جذباتي ڇوڪري هئي ۽ انهيءَ سبب ڪري ئي اهي سڀ طريقا جي هن کي ياد هئا، هن جي دماغ مان وهي هن جي پيٽ ۾ هليا ويندا هئا، جنهن مٿان هڪ ٻار پيدا ڪرڻ سبب گهنج پئجي ويا هئا. انهن گهنجن کي پهريون ڀيرو ڏسڻ وقت هن ائين محسوس ڪيو هو ڀانءِ هن جي خارش ۾ ورتل ڪتي، پنهنجي پنجي سان اهي نشان هن جي پيٽ تي اڪيري ڇڏيا هئا. جڏهن به ڪا ڪتي بي رخائي سان هن جي پالتو ڪتي ويجهو گذري ويندي هئي، تڏهن هو شرمندگي دور ڪرڻ لاءِ ڌرتي تي پنهنجن پنجن سان اهڙي ئي قسم جا نشان بڻائيندو هو!
    هوءَ ڏاڍي گرم مزاج هئي پر جيئن ئي، ڪوئي ڪا نرم ۽ نازڪ ڳالهه، ڪري ڪومل ٻول هن کي چوندو هو، ته اها گرمي جهٽ، پگهرجي، هن جي جسم جي ٻين حصن ۾ ڦهلجي ويندي هئي.
    جيتوڻيڪ مرد ۽ عورت جي جسماني ميلاپ کي هن جو دماغ بلڪل فضول سمجهندو هئو، هن جي جسم جا باقي عضوا، ان جا مشتاق هئا! هن ٿڪ ٿي چاهيو- اهڙو ٿڪ، جو انهن کي جهنجهوڙي، انهن کي مار ڏيئي سمهارڻ تي مجبور ڪري!- اها ننڊ ٿڪجڻ، ٽٽجڻ بعد ايندي آهي، ڪيتري نه مزيدار هوندي آهي!- اها بي هوشي، جا مار کائڻ بعد طاري ٿيندي آهي، ڪيترو نه آنند ڏيندي آهي؟ ڪنهن وقت ائين محسوس ٿيندو آهي ته تون آهين نه ڪنهن وقت ائين سمجهيو آهي ته تون نه آهين! ۽ ان هئڻ ۽ نه هئڻ جي وچ ۾ ڪنهن ڪنهن وقت ائين محسوس ٿيندو آهي. ته تون هوا ۾ تمام مٿي لٽڪي پئي آهين، مٿان هوا، هيٺان هوا ساڄي هوا، کاٻي هوا، چوطرف بس هوائي ئي هوا آهي، ۽ ان هوا ۾ ساهه ٻوساٽجڻ به هڪ خاص لطف ڏيندو آهي!
    ننڍپڻ ۾ جڏهن هوءَ اک ٻوٽ راند ڪندي هئي، ۽ پنهنجي ماءُ جي وڏي صندوق کولي ان ۾ لڪي ويهندي هئي، تڏهن ٿوري هوا ۾ ساهه گهٽجڻ سان گڏ پڪڙجي پوڻ جي خوف وچان اها تيز ڌڙڪن، جا هن جي دل ۾ پيدا ٿيندي هئي، ڪيترو نه مزيدار هوندي هئي!
    هن چاهيو ٿي ته هوءَ پنهنجي سڄي زندگي اهڙي ئي هڪ صندوق ۾ لڪي گذاري، جنهن ٻاهران ڳولهيندڙ ڦرندا رهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڳولهي لهن، جيئن هوءَ به کين ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري! هي زندگي، جا هوءَ پنجن سالن کان گذاري رهي هئي. اکٻوٽ راند ئي ته هئي!- ڪڏهن هوءِ ڪنهن کي ڳولهي لهندي هئي ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو اچي هن کي ڳولهي لهندو هو! - ۽ ائين هن جي زندگي گذري رهي هئي.
    هوءَ خوش هئي، انهيءَ لاءِ جو هن کي خوش رهڻو ٿي پيو، هر روز رات جو ڪونه ڪو مرد، ساڳئي ئي ان ويڪري پلنگ تي هوندو هو ۽ سوڳنڌي کي، انهن کي خوش ڪرڻ جا بيشمار طريقا ياد هئا، پر باوجود اهو فيصلو ڪرڻ جي ته هوءَ انهن اڳيان بي رخي سان پيش ايندي، هوءَ هميشه جذبات جي ڌارا ۾ وهي ويندي هئي ۽ پوءِ فقط هڪ پياسي عورت باقي رهجي ويندي هئي!-
    هر رات هن کي ساڳي ڪهاڻي دهرائڻي پوندي هئي. جيڪو به نئون يا جهونو چهرو اتي ايندو هئو، چوندو هئو ”سوڳنڌي! مان تو کي پيار ٿو ڪريان!“ ۽ سوڳنڌي اهو سمجهڻ باوجود ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ان مهل موم بڻجي ويندي هئي، ۽ ائين محسوس ڪندي هئي، گويا سچ پچ هن سان پيار ڪيو ويندو هئو ... پيار-! ڪهڙو نه سندر لفظ ...! ڪيتري نه مستي ڀريل آهي ان لفظ ۾! هوءَ چاهيندي هئي جيڪر اهو ”پيار“ پگهرجي وڃي ۽ هوءَ ان سان پنهنجي جسم جي هڪ هڪ انگ تي تيل جيان مالش ڪري ، جيئن اهو هن جي رڳن ۾ سمائجي وڃي، يا ان کي پنهنجي اکين ۾ آڻي پلڪن کي بند ڪري ڇڏي. جڏهن به پيار ڏيڻ ۽ پيار وٺڻ جو اهو جذبو هن ۾ جاڳندو هئو، تڏهن هوءَ هڪ وار تڙپي اٿيندي هئي ۽ هوءَ چاهيندي هئي ته ڀر ۾ پيل مرد کي گود ۾ کڻي، ٿڦي، لوليون ڏيئي، اتي پنهنجي گود ۾ ئي سمهاري ڇڏي!
    پريم ڪرڻ جي شڪتي هن ۾ ايتري قدر ته هئي جو هوءَ هر نئين گراهڪ سان سچ پچ محبت ڪري سگهندي هئي ۽ وري ان محبت کي نباهي به سگهندي هئي. اڄ تائين هوءَ انهن چئن مردن سان، جن جا فوٽا سندس ڪمري جي ڀت ۾ لٽڪي رهيا هئا، پنهنجو پريم اڃا نباهي رهي هئي. هر وقت اهو احساس هن جي دل ۾ موجود رهندو هئو ته ”هوءَ ڏاڍي سٺي آهي“ پر اها خوبي مردن ۾ ڇو نه آهي؟- اها ڳالهه هوءَ نه سمجهي سگهندي هئي. هڪ ڀيري آئينو ڏسندي، بي اختيار هن جي زبان مان نڪري ويو هئو. ”سوڳنڌي! زماني تو سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو!“
    اهو زمانو ، يعني پنجن سالن جا ڏينهن ۽ راتيون، هن جي جيون جي هر تار سان ٻڌل هئو. جيتوڻيڪ ان زماني مان هن کي اها خوشي نصيب نه ٿي هئي، جنهن جي خواهش هن جي دل ۾ موجود هئي، هوءَ چاهيندي هئي نه ائين ئي هن جا ڏينهن ڪٽجندا رهن. هن کي ڪهڙا محل کڙا ڪرڻا هئا؟
    هن جو عام اگهه ڏهه رپيا هئو، جنهن مان اڍائي رپيا رام لال دلاليءَ جا ڪاٽيندو هئو باقي ساڍا ست رپيا هن کي ملي ئي ويندا هئا. اهي هن جي اڪيلي سر لاءِ ڪافي هئا ۽ ماڌو جڏهن پوني مان سوڳنڌيءَ کي ٺڳڻ ايندو هئو تڏهن هوءَ ڏهه پندرنهن رپيا هن کي ڀيٽا طور ڏيندي هئي! ۽ اها ڀيٽا انهيءَ لاءِ هئي جو هن کي ماڌوءَ سان ڪجهه ٿي ويو هئو... رام لال دلال ٺيڪ ٿي چيو، هن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور هئي جيڪا سوڳنڌيءَ کي وڻي وئي هئي... سوڳنڌيءَ جي جڏهن ماڌوءَ سان پهرين ملاقات ٿي هئي، تهن هن چيو هو، ”لڄ نٿي اچيئي، پنهنجو اگهه ٻڌائيندي؟ ڄاڻين ٿي، تون مون سان ڪهڙي شيءَ جو سودو ڪري رهين آهين؟ ۽ جيئن تون چئين ٿي، اڍائي رپيا دلال جا، باقي رهيا ساڍا ست، ٿيا نه ساڍا ست ؟.... ۽ تون ساڍن ستن رپين ۾ مون کي اها شيءَ ڏيڻ جو وچن ڏين ٿي، جا تون ڏيئي نٿي سگهين. ۽ مان اها شيءَ وٺڻ آيو آهيان جا وٺي نٿو سگهان!- مونکي عورت کپي، پر ڇا تو کي هن ويل ڪنهن مرد جي ضرورت آهي؟ هر گز نه- تو کي منهنجي ضرورت سان ٻڌجڻو ٿو پوي، تون مجبور آهين- مان آزاد آهيان- تنهنجو مهنجو ناتو ئي ڪهڙو آهي؟- ڪوبه نه- بس اهي ڏهه رپيا، جن مان اڍائي دلالي ۾ هليا ويندا ۽ باقي هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ويندا. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ اهي ڏهه رپيا وڃي رهيا آهن!... انهن جو وڄڻ تون به ٻڌي رهي آهين، ۽ مان به ٻڌي رهيو آهيان- تنهنجو من هڪ ڳالهه سوچي رهيو آهي ۽ منهنجو ڀي- ڇو نه ڪو اهڙو رستو وٺجي، جنهن تي هلڻ لاءِ تو کي منهنجي ضرورت پوي ۽ مون کي تنهنجي؟ ٻوني ۾ حوالدار آهيان، مهيني ۾ هڪ دفعو اچي، ٽي چار ڏينهن رهي هليو ويندس. تون هيءَ ڌنڌو ڇڏي ڏي خرچ پکو مان تو کي موڪلي ڏيندس. گهڻي مسواڙ ڏيندي آهين هن ڪمري جي؟“
    ماڌوءَ اڃا به گهڻو ڪجهه چيو هو ۽ ان سوڳنڌي جي ذهن تي اهڙو ته گهرو اثر ڪري ڇڏيو هو جو هوءَ ماڌو کي پنهنجو سمجهي رهي هئي ۽ خود کي حوالدارڻ سمجهڻ لڳي هئي. ڳالهيون ڪرڻ بعد ماڌوءَ ڪمري ۾ ٽريل پکڙيل شين کي ٿانيڪو ڪري رکيو هئو ۽ اهي اگهاڙيون تصويرون جي وهاڻي هيٺان رکيون هيون، سوڳنڌي کان پڇڻ بنا ڦاڙيندي چيو هئو، ”سوڳنڌي! مان اهڙيون تصويرون هت رکڻ نه ڏيندس ۽ هيءُ دلو – ڪيترو نه ميرو آهي؟ ۽ هي- هي ڪپڙا ؟- هي چنديون – ڪيتري نه ڌپ ٿي اچي انهن مان !؟ کڻي ٻاهر ڦٽي ڪر انهن کي- ۽ هي تو پنهنجن وارن جي ڪهڙِ نه ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي؟- ۽- ۽- !“
    ٽن ڪلاڪن بعد سوڳنڌي ۽ ماڌو پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا هئا ۽ سوڳنڌي کي ته ائين ٿي محسوس ٿيو، ڀانءِ هوءَ سالن کان ان حوالدار کي سڃاڻندي هئي. ان وقت تائين ڪنهن به ميرن، بدبِودار ڪپڙن، ميري دلي اگهاڙين تصويرن بابت سوچيو به نه هئو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن هن کي اهو محسوس ڪرڻ جو موقعو ڏنو هئو ته هن جو هڪ گهر آهي، جنهن ۾ سامان ٿانيڪو رکي سگهجي ٿو. ماڻهو ايندا هئا ۽ بستري جي غلاضت کي به محسوس ڪرڻ کان سواءِ هليا ويندا هئا. ڪوبه سوڳنڌي کي ائين نه چوندو هئو ته ”ڏس ته، اڄ تنهنجو نڪ ڪهڙو نه ڳاڙهو ٿي ويو آهي! زڪام نه ٿي پويئي- مان تو لاءِ دوا وٺي ٿو اچان!“ پر ماڌو ڪيترو نه سٺو هو. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هن کي ماڌوءَ جي ضرورت آهي- ۽ هنن ٻنهي جو ناتو گهرو ٿي ويو.
    سڳنڌي ماڌوءَ جي ان پنهنجائپ تي اصل پگهرجي ويئي هئي ۽ هن سان هوءَ ايترو هري مِري ويئي گويا هوءَ هن کي سالن کان سڃاڻندي هئي.
    مهيني ۾ هڪ دفعو ماڌو هن وٽ ايندو هئو ۽ واپس ورڻ وقت هميشه آئين چوندو هئو، ”ڏس سوڳنڌي! جي تو اهو ڌنڌو شروع ڪيو ته تو سان منهنجو ڪوبه واسطو نه رهندو. ڪنهن به ڌارئي کي هت رهايئه ته تو کي چوٽيءَ کان گهلي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو مانءِ! ها! هن مهيني جي خرچ لاءِ رپيا پوني پهچندي ئي تو کي مني آرڊر ڪندس. ها، گهڻي مسواڙ آهي ڪمري جي؟“
    پر نه ماڌو ڪڏهن پوني مان پئسا موڪليا هئا ۽ نه ئي وري سوڳنڌيءَ اهو ڌنڌو ڇڏيو هئو. جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هئو، تنهن جي ٻنهي کي چڱي ريت خبر هئي پر نه سوڳنڌيءَ ڪڏهن ماڌو کي چيو هئو، ”تون ايتري ڦڙ ڦڙ ڇا جي ٿو ڪرين، هڪ ڪوڙِي به ڏني آهي تو؟“ ۽ نه ئي وري ماڌو ڪڏهن هن کان پڇيو هو، ”مون تو کي ڪڏهن به پيسا نه ڏنا آهن. پوءِ تو وٽ اهي اچن ڪٿان ٿا؟“ ٻئي ڪوڙا هئا. ٻئي هڪ ملمعو چڙهيل زندگي گذاري رهيا هئا، پر سوڳنڌي خوش هئي، جنهن کي سڄو سون نه ملي، سو سون جو پاڻي چڙهيل ڳهڻن تي ئي راضي ٿي ويندو آهي!
    سوڳنڌي انهيءَ وقت ٿڪجي ٽٽجي سمهي پيئي هئي، بجليءَ جو بلب، جنهن کي وسائڻ هوءَ ڀلجي وئي هئي، هن جي سر مٿان لٽڪي رهيو هئو ۽ سندس تيز روشني هن جي اکين سان ٽڪرائجي رهي هئي، پر هوءَ گهري ننڊ ۾ هئي-
    دروازو کڙڪيو. رات جو ٻي بجي ڪير ٿو اچي سگهي؟ ڪڙي جي کڙ کڙاهٽ، مکين جي ڀون ڀون جو روپ وٺي، سوڳنڌي جي ڪنن تائين پهتي ۽ جڏهن دروازو زور سان کڙڪايو ويو تڏهن هوءَ حيران ٿي اکيون مهٽيندي اٿي. پلنگ تي هوءَ اڪيلي هئي. هن جهڪي پلنگ هيٺان ڏٺو ته ڪتو سڪل چمپلن مٿان منهن رکيو سمهيو پيو هئو ۽ ننڊ ۾ کيس چيڙائي رهيو هئو ۽ طوطو پٺيءَ جي وارن ۾ منهن لڪائي سمهيو پيو هئو.
    دروازو وري کڙڪيو . هوءَ اٿي کڙي ٿي- سور وچان هن جو مٿو ڀانءِ ڦاٽي رهيو هئو. دلي مان پاڻي ڀري هن گرڙي ڪئي ۽ باقي پاڻي ڳيت ڪري پي هن دروازي جو هڪ ٽاڪ کوليو. ”رام لال؟“ هن چيو.
    ”ڪو اندر آهي ڇا؟“ رام لال پڇيو.
    ”نه.“
    ”نه پوءِ دروازو ڇو نه پئي کوليئه؟“ رام لال جي آواز ۾ زور اچي ويو. ”ائين جي هڪ هڪ ڇوڪريءَ منهنجو ڪلاڪ ڪلاڪ وڃايو ته پوءِ مون به دلالي ڪئي! چڱو، جلد ڪر، منهنجو منهن ڇا ٿي تڪين؟- اها ساڙهي لاهي، هوءَ گلن واري واري ساڙهي پاءِ ۽ چهري کي چمڪائي، مون سان گڏ هل- ٻاهر موٽر ۾ هڪ سيٺ تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهي.“
    سوڳنڌي ڪوبه جواب ڏيڻ کان سواءِ پنهنجو پاڻ آرام ڪرسي مٿان اڇلايو ۽ رام لال هن طرف ڌيان نه ڏيئي، آرسيءَ سامهون بيهي وارن ۾ ڦڻي ڏيڻ لڳو. سوڳنڌي هٿ وڌائي، ٽپائيءَ تان بام جي شيسي کڻندي چيو، ”رام لال! منهنجي طبعيت ٺيڪ نه آهي. مان ٻاهر نه هلي سگهنديس. ان سيٺ کي هت وٺي اچين ته سٺو.“
    ”هو هت ڪيئن ايندو؟ جينٽلمين آهي- هو ته گهٽي جي موڙ وٽ موٽر بيهاريندي به ڇرڪي رهيو هئو. تون ڪپڙا بدلائي، هيٺ هل، سڀ چڱي ٿيندي!“ رام لال جواب ڏنو.
    ساڍن ستن رپين جي ئي ڳالهه هئي. طبيعت ٺيڪ نه هوندي، هوءَ ڪڏهن به اهو سودو منظور نه ڪري ها- پر- پر هن کي رپين جي سخت ضرورت هئي. هن جي پاڙي ۾ رهندڙ مدراسڻ جو مڙس موٽر هيٺان اچي مري ويو هو ۽ هن پنهنجي ڌيءَ سميت ڳوٺ وڃڻ ٿي چاهيو، پر هن وٽ ڀاڙي لاءِ پيسا نه هئا ۽ سوڳنڌي همدرديءَ ڀرئي لهجي ۾ هن کي چيو هئو”تون ڪوبه خيال نه ڪر، ڀيڻ! منهنجو مرد پوني مان اچڻ وارو ئي آهي. جيئن ئي ايندو تيئن ئي مان تو لاءِ رپين جو بندوبست ڪنديس.“ هن اٿي ڪپڙا بدلايا، منهن تي پائوڊر هنيو ۽ پاڻيءَ جو هڪ گلاس پي، هوءَ رام لال سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿي.
    گهٽِِيءَ ۾، جا شهر جي عام روڊن کان به ويڪري هئي، بلڪل خاموش ڇانيل هئي. گئس جا اهي فانوس، جي لوهه جي ٿنڀن مان لڳل هئا، اڳ بنسبت ڌنڌلي روشني ڦهلائي رهيا هئا. جنگ سبب انهن فانوسن جي شيشن کي ميرو ڪيو ويو هئو ۽ انهن جي ڌنڌليءَ روشنيءَ ۾، گهٽيءَ جي موڙ وٽ هڪ موٽر نظر اچي رهي هئي.
    موٽر جي در ويجهو پهچي، رام لال موٽر ۾ ويٺل جينٽلمين کي چيو، ”سائين، هوءَ اچي ويئي... ٿورا ڏينهن مس ٿيا اٿس، ڌنڌو شروع ڪئي....“ ۽ ائين چئي، هن سوڳنڌي طرف منهن ڪري چيو، ”اڳيان اچ، سوڳنڌي!.... سيٺ تو کي سڏي رهيو آهي....“
    ساڙهيءَ جي پلؤ کي آڱر هيٺان ويڙهندي، هوءَ موٽر جي در ٻاهران اچي بيهي رهي. موٽر جي اندران ٽارچ جي روشني ٻاهر نڪري، سوڳنڌي جي چهري تي پيئي... هن جون خمار واريون اکيون روشني جو تاب نه سهي، ٻوٽجي ويون.... ٽارچ بند ٿيڻ جو آواز آيو... روشني غائب ٿي وئي.... سيٺ جي زبان مان ”اون- هون“ لفظ نڪتا ۽ ٻئي کن ۾ موٽر جي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز آيو....
    سوڳنڌي ڪجهه سمجهي ئي سمجهي، تنهن کان اڳ موٽر اڳتي وڌي ويئي. هن جي اکين ۾ ٽارج جي روشني جو اثر باقي هئو، هوءَ سيٺ جو چهرو به پوري ريت ڏسي نه سگهي هئي. آخر اهو ٿيو ڇا هئو؟ ”اون هون“ لفظ هن جي ڪنن ۾ مکين جي ڀون ڀون جيان گونجي رهيا هئا. ڇا مطلب هئو آخر ان ”اون – هون“ جو؟ ڇا؟ - ڇا-؟
    ”سوڳنڌي! تون پسند نه پيئين!.... ٻن ڪلاڪن جي محنت اجائي وئي- چڱو ، مان هلان ٿو.“ رام لال ائين چئي هليو ويو.
    سوڳنڌي جا ٺپ تي ٺري ويا. هن جي گول گول ٻانهن، هن جي ٽنگن، هن جي سڄي جسم ۾ هڪ قسم جي لرزش اچي وئي. هن جو بدن ڏڪڻ لڳو.... ”ڪٿي آهي اها موٽر؟- اهو سيٺ؟..... سو هن مون کي پسند نه ڪيو؟..... هن جي ......“ گار هن جي دل مان نڪري، زبان جي سر تائين پهچي. ٻاهر نه نڪري سگهي، هوءَ گار ڪنهن کي ڏئي؟ سيٺ جي موٽر گهڻو پري وڃي چڪي هئي، موٽر جي ڳاڙهي بتي به آهستي آهستي رات جي وانده ۾ غائب ٿيندي پئي وئي، هن کي ائين محسوس ٿيو ڀانءِ اها ڳاڙهي بتي، ”اون- هون“ جو روپ وٺي هن جي جسم ۾ داخل ٿي ويئي هئي. هن جي دل چاهيو ته هوءَ زور سان رڙ ڪري چوي، ”او سيٺ! ذرا موٽر روڪ....... صرف هڪ منٽ لاءِ موٽر روڪ.....“ پر سيٺ جو پٽ، لعنت آهي هن جي ذات تي، تمام پري هليو ويو هئو! سنسان بازار ۾ هوءَ اڪيلي بيٺي هئي... ريشمي ساڙهي جنهن تي وڏا وڏا گل ڀريل هئا، جا هوءِ خاص موقعن تي پائيندي هئي، پوئين پهر جي هوا جي جهوٽن ۾ جهومي رهي هئي پر اڄ اها ساڙهي ۽ ان جي ريشمي سراسراهٽ، هن کي نانگ جيان ڏنگي رهي هئي. هن چاهيو پئي ته اها ساڙهي ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏي، جا هوا ۾ جهومندي ”اون- هون“ چئي رهي هئي. ڳلن تي هن گلابي پائوڊر هنيو هئو ۽ چپن تي سرخي... جڏهن هن کي اهو خيال آيو ته هن اهو سينگار خود کي پسند ڪرائڻ لاءِ ڪيو هئو، تڏهن شرم وچان هوءَ پگهر ۾ شل ٿي وئي... ۽ اها شرمندگي دور ڪرڻ لاءِ هوءَ دل ۾ چوڻ لڳي، ”مون ڪو ان مئي سيٺ کي ڏيکارڻ لاءِ ٿورو ئي پاڻ سينگاريو هئو..... اها نه منهنجي عادت آهي... منهنجي ڇا، اها سڀني جي عادت آهي... پر- پر-” هوءَ ويچارن لڳي، ”رات جو ٻي بجي جو وقت- رام لال دلال - ۽ - ۽ هي بازار- ۽ هوءَ موٽر- ۽ ٽارچ جي روشني...“
    اهو سوچينديئي هن جون نگاهون روشني کي چيرينديون ان طرف وڌڻ لڳيون، جنهن طرف موٽر وئي هئي ۽ هن کي هوا جي هر جهوٽي ۾ موٽر جي انجڻ جي ڦڙڦڙاهٽ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي.
    هن جي نرڙ تان بام جي ليپ، جو سينگار ڪرڻ جي دوران ۾ غائب ٿي ويو هئو، پگهر اچڻ باعث هن جي مسامن ۾ داخل ٿيڻ لڳو ۽ هن کي پنهنجي مٿي تي ڪنهن ٻئي جو مٿو هئڻ جو گمان ٿيڻ لڳو - ۽ جڏهن هوا جو هڪ جهوٽو هن جي نرڙ کي ڇهندو گذري ويو تڏهن هن کي محسوس ٿيو ڀانءِ سرد ٽين جو ٽڪرو ڪپي، هن جي نرڙ تي لنبيو ويو آهي. مٿي جو سور جيئن جو تيئين قائم هئو پر خيالن جي ڊڪ ڊوڙ ۽ گوڙ شور ان سور کي پنهنجي هيٺان دٻائي ڇڏيو هئو. سوڳنڌيءَ ڪيترا ڀيرا ان سور کي پنهنجن خيالن هيٺان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. هن چاهيو ته هن جو انگ انگ ڏکڻ لڳي- هن جي مٿي ۾ سور ٿئي- هن جي ٽنگ- هن جي پيٽ- ۽ هن جي ٻانهن ۾ سور ٿئي- اهڙو سور جو هن کي صرف ان سور بابت ئي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پوي ۽ هن کان ٻيو سڀ ڪجهه ڀلجي وڃي، اهو سوچيندي سوچيندي هن جي دل ۾ ڪجهه ٿيڻ لڳو- ڇا اهو سور هئو؟ هڪ کن لاءِ هن جي دل سسي وئي ...
    اهو ڇا هئو؟.... لعنت ! اها ته اها ئي ”اون هون“ هئي، جا هن جي اندر ۾ ڪڏهن سڪڙجي نه ڪڏهن ڦهلجي ٿي وئي.
    هن گهر وڃڻ چاهيو پر هن جي ٽنگن هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ هوءَ چپ چاپ سوچڻ لڳي، رام لال جو خيال آهي ته هن کي منهنجي شڪل شبيهه پسند نه آئي- پر شڪل شبيهه بابت ته هن ڪونه چيو هئو؟- هن چيو هئو، ”سوڳنڌي، تون پسند نه پيئنءَ!“ – هن کي – هن کي- منهنجي شڪل ئي پسند نه آئي – نه آئي ته ته ڇا ٿيو؟ مون کي به ته ڪيترن گراهڪن جون شڪيون نه وڻنديون آهن؟ - اهو، جو اماس ڏينهن آيو هئو، ڪيتري نه ڀيانڪ شڪل هئس؟- ڪيتري نه ڪراهت پي آئي هن مان؟- ڇا منهنجي دل ڪچي ڪچي نه پئي ٿئي؟- ٺيڪ آهي، پر سوڳنڌي – تو ته کيس ڪونه ڌڪاريو هئو - تو ته کيس ڪونه ٺڪرايو هئو- پر هن هوٽل واري سيٺ ته تنهنجي چهري تي ٿڪيو آهي- ”اون هون!“ ان ”اون- هون“ جو ٻيو مطلب ٿي ڪهڙو ٿو سگهي؟ سوڳنڌي اهو سوچي رهي هئي، ۽ هن جي پير جي آڱوٺي کان مٿي جي چوٽِيءَ تائين باهه ٻري رهي هئي. هن کي ڪنهن وقت پاڻ مٿان غصو پئي آيو ته ڪنهن وقت رام لال دلال مٿان، جنهن رات جو ٻي بجي هن کي بي آرام ڪيو هئو پر ٻئي ئي کن انهن ٻنهي کي بيقصور سمجهي، ان سيٺ بابت سوچڻ لڳي. سيٺ جو خيال اينديئي هن جا ڪن، هن جون ٻانهون ٽنگون، هن جي جسم جا سڀ انگ ڏڪندي، سيٺ کي هڪ وار وري ڏسڻ جو خيال ظاهر ڪرڻ لڳا- هن جي دل ۾ اها خواهش، ڏاڍي شدت سان پيدا ٿي رهي هئي، ته جيڪي ڪجهه ٿي چڪو هئو، هڪ وار وري ٿئي- صرف هڪ وار- هوءَ آڱر تي ساڙهي جو پلئه ويڙهيندي، آهستي آهستي موٽر طرف طرف وڌي... ٽارچ جي روشني موٽر مان نڪري هن جي چهري تي پوي، ”اون هون“ جو آواز اچي ۽ هوءَ- سوڳنڌي- انڌا ڌنڌ پنهنجن ٻنهي پنجن سان هن جي چهري تان ماس نوچڻ لڳي- وحشي ٻلي جيان هن مٿان ٽپو ڏئي ۽- ۽ پنهنجن آڱرين جا ڏهه ئي ننهن، جي هن فيشن طور وڏا ڪيا هئا، ان سيٺ جي چهري ۾ ٽنبي ڇڏي- وارن کان جهلي کيس موٽر مان ٻاهر گهلي، ڌڙا ڌڏڙ کيس مڪون هڻڻ لڳي، ۽ جڏهن ٿڪجي پوي- تڏهن روئڻ لڳي .....
    روئڻ جو خيال، سوڳنڌيءَ کي صرف انهيءَ لاءِ آيو هو جو هن جي اکين ۾ غصي جي شدت ۽ بيوسيءَ سب ٽي چار وڏا وڏا ڳوڙها ٺهي رهيا هئا يڪا يڪ سوڳنڌيءَ پنهنجين اکين کان سوال ڪيو”توهان روئو ڇو ٿيون؟ ڇا ٿيو آهي، جو توهان وهڻ لڳيون آهيو؟-“
    اکين کان ڪيل سوال چند گهڙين تائين انهن ڳوڙهن ۾ ترندو رهيو، جي هينئر پلڪن تي ڪنبي رهيا هئا. سوڳنڌي انهن ڳوڙهن مان دير تائين ان طرف گهوريندي رهي، جنهن طرف سيٺ جي موٽر ويئي هئي.
    ڦڙ ڦڙ ڦر- اهو آواز ڪٿان آيو!؟- سوڳنڌي حيران ٿي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائي ، پر اتي ڪوبه ڪونه هئو – اڙي! اهو ته منهنجي دل جي ڌڙڪڻ جو آواز هئو ۽ مون سمجهيو هئو ته اهو موٽر جو آواز آهي- منهنجي دل .... ڇا ٿي ويو آهي منهنجي دل کي؟ اڄ ئي ان کي ڪو روڳ ٿيو آهي- ڪي گهڙيون اڳ نه چڱي ڀلي هئي، پوءِ هينئر هڪ هنڌ بيهي ”ڌڪ ڌڪ“ ڇو ٿي ڪري؟ - ڀانءِ اها دل نه پر اهو گسيل رڪارڊ آهي، جو سئي هيٺان اچي بيهي ”رات ڪٽي گن گن تاري تاري تاري جي رٽ لڳائي ڏيندو آهي!- آسمان ۾ تارا چمڪي رهيا هئا.- سوڳنڌيءَ انهن طرف ڏسندي چيو، ”ڪهڙا نه سندر....!“- هن چاهيو ٿي ته پنهنجو من ڪنهن ٻيءَ شيءِ ۾ لڳائي پر جڏهن هن ”سندر“ چيو تڏهن جهٽ هڪ خيال هي جي اندر ۾ ٽپو ڏنو ”هي تارا سندر آهن پر تون ڪيتري نه بدصوت آهين؟- ايتري ۾ ئي ڀلائي ويٺيئن ته هينئر ئي تنهنجي چهري تي ٿڪيو ويو آهي؟“
    سوڳنڌي بدصورت ته نه هئي، اهو خيال اينديئي اهي تمام عڪس هڪ هڪ ڪري، هن جي اکين ۾ ڦرڻ لڳا، جي گذريل پنجن سالن ۾ هوءَ آئيني ۾ ڏسي چڪي هئي. ان ۾ شڪ نه آهي ته هن جو رنگ روپ هينئر اهو نه رهيو هو، جو اڄ کان پنج سال اڳ، جڏهن هوءَ سڀني ڳڻتين کان آجي، پنهنجي ماءُ پيءَ سان گڏ رهندي هئي پر هوءَ بدصورت ته ڪانه ٿي ويئي هئي. هن جي شڪل شبيهه انهن عام عورتن جهڙِي هئي، جن کي، گهمندي ڦرندي، مرد گهوريندا رهندا آهن. هن ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هيون، جي هن جي خيال ۾، هر مرد ان عورت ۾ هئڻ ضروري سمجهندو آهي، جنهن سان هن کي هڪ ٻه راتيون گذارڻيون هونديون آهن. هو جوان هئي! هن جا عضوا چست هئا! سنان ڪندي، ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هن جون نگاهون پنهنجي رانن تي پونديون هيون تڏهن خود هوءَ به انهن جي گولائي ۽ چڪڻاهٽ پسند ڪندي هئي. هوءَ خوش خلق هئي، انهن پنجن سالن ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو هن وٽان خوش نه ٿي موٽيو هئو! هوءَ ڏاڍي رحمدل هئي! گذريل ناتال ۾، جڏهن هوءَ ٻئي علائقي ۾ رهندي هئي، هڪ نوجوان ڇوڪرو هن وٽ آيو هو، صبح جو اٿي جڏهن هن ٻئي ڪمري ۾ وڃي ڪليءَ تان پنهنجو ڪوٽ لاٿو تڏهن ٻٽون غائب ڏٺائين. سوڳنڌيءَ جو نوڪر ٻٽون کڻي ڀڄي ويو هئو، هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هو موڪلون گذارڻ لاءِ حيدرآباد کان بمبئي آيو هئو ۽ واپس وڃڻ لاءِ هينئر هن وٽ پائي به نه هئي. سوڳنڌي ترس کائي هن کي سندس ڏهه رپيا واپس موٽائي ڏنا هئا! مون به ڪهڙي خراب آهي؟ اهو سوال سوڳنڌي هر ان شيءَ کان ڪيو، جا هن جي اکين سامهون هئي، هن واري واري سان، گيس جي انڌن فانوسن ، لوهه جي ٿنڀن، فٽ پائري جي چوڪنڊن پٿرن، ۽ سڙڪ جي اکڙيل بجري طرف ڏٺو ۽ پوءِ آسمان طرف، جو سندس مٿان جهڪيل هئو، آليون اکيون کڻي نهاريو، پر هن کي هن جي سوال جو ڪو جواب نه مليو؟- پر جواب هن جي اندر ۾ موجود هئو، هن کي خبر هئي ته هوءَ خراب نه پر سٺي آهي، پر هن چاهيو ٿي نه ڪو ٻيو به انهيءَ ڳالهه جي ساک پري. ڪو- ڪوبه- هن جي ڪلهن تي هٿ رکي صرف ايترو چوي، ”سوڳنڌي! ڪير ٿو چوي ته تون خراب آهين؟ جيڪو تو کي خراب ٿو سمجهي، اهو خود خراب آهي.“ پر نه، ايترو چوڻ جي به ڪا ضرورت نه هئي. ڪنهن جو هيترو چوڻ تي ڪافي هئو، ”سوڳنڌي! تون ڏاڍي سٺي آهين!“
    هوءَ سوچڻ لڳي ته هن ڇو ٿي چاهيو ته ڪو هن جي ساراهه ڪري؟ - هن کان اڳ ان بابت ايتري شدت سان نه هن ڪڏهن به نه سوچيو هئو؟ پوءِ اڄ ڇو هوءَ بي جان شين کي به اهڙين نظرن سان ڏسي رهي هئي. ڀانءِ هوءَ پنهنجي سٺي هئڻ جو احساس انهن مٿان طاري ڪرڻ چاهي رهي هئي! هن جي جسم جو ذرو ذرو ڇو ماءُ بڻجي رهيو هئو؟ هوءَ ماءُ بڻجي، ڌرتي جي هر شيءِ کي پنهنجي گود ۾ کڻڻ لاءِ ڇو تيار ٿي رهي هئي؟ هن جي دل ڇو چاهي رهي هئي ته سامهون واري لوهه جي ٿنڀي کي ڀاڪي پائي ۽ ان جي سرد لوهه تي پنهنجا گرم گرم ڳل رکي ڇڏي ! - ۽ ائين ان جي سڄي سردي چوسي وٺي !
    ٿوري دير لاءِ هن کي ائين محسوس ٿيو ته گئس جا انڌا فانوس، لوهه جا ٿنڀا، فٽ پائري جا چوڪنڊا پٿر ۽ هر ڪا اها شيءِ، جا رات جي سناٽي ۾ هن جي آسپاس هئي، همدردي جي نظرن سان هن کي ڏسي رهي هئي، ۽ هن مٿان جهڪيل آسمان ميرانجهڙي چادر جيان لڳي رهيو هو، جنهن ۾ بي شمار سوراخ هئا، هن جون ڳالهيون سمجهي رهيو هئو ۽ سوڳنڌي کي به ائين محسوس پئي ٿيو گويا هوءَ تارن جي ٻولي سمجهي رهي هئي، پر هن جي اندر ۾ آخر هي الجهن ٿي ڪهڙي هئي؟- هوءَ ڇو پنهنجي اندر ۾ ان موسم جو اثر محسوس ڪري رهي هئي، جا بارش کان اڳ طاري ٿيندي آهي- هن جي دل چاهي رهي هئي ته هن جي جسم جو هر مسام کلي پوي ۽ جيڪي ڪجهه هن جي اندر ۾ اڀري رهيو آهي ان رستي ٻاهر نڪري وڃي- پر اهو ڪيئن ٿئي؟ - ڪيئن؟
    سوڳنڌي گهٽيءَ جي موڙ وٽ، پوسٽ جي ڳاڙهي دٻي ويجهو بيٺي هئي- هوا جي تيز جهوٽن سبب، دٻي جي لوهي ڄڀ، جا ان جي کليل وات ۾ لٽڪندي رهندي آهي، وڄڻ لڳي ته سوڳنڌي جون نگاهون هڪدم ان طرف ڊوڙي ويون، جنهن طرف موٽر وئي هئي، پر هن کي ڪجهه به نظر نه آيو. هن جي ڪيتري نه خواهش هئي ته اها موٽر هڪ ڀيرو وري اچي ۽- ۽- ٻئي لمحي ۾ هن خود کي دلاسو ڏيندي چيو ته ”نه ٿي اچي نه نه اچي- مان ڇو پنهنجي جيءَ کي جلايان؟- گهر هلي آرام ڪرڻ گهرجي- آخر انهن جهڳڙن ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟- ڪجهه به نه – هل سوڳنڌي، گهر هل ... ٿڌي پاڻي جو هڪ گلاس پي، ٿورو بام مکي سمهنديئن ته فرسٽ ڪلاس ننڊ اچي ويندئي ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو – سيٺ ۽ سندس موٽر جي.....“
    ۽ ائين هن جي دل تان بار گهٽجي ويو ۽ هن ائين محسوس ڪيو گويا هوءَ ڪنهن ٿڌي پاڻيءَ جي تلاءَ مان سنان ڪري ٻاهر نڪتي هئي. پوڄا ڪرڻ بعد جيئن هوءَ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪرڻ لڳي ۽ گهر طرف هلڻ وقت، خيالن جي بار کان آجي هئڻ سبب ، هن جا قدم ڪيترائي ڀيرا لڙکڙايا.
    هوءَ پنهنجي پاڙي وٽ پهتي ته هڪ وار وري سڄو واقعو، جو ساڻس گذري چڪو هئو، هن جي ذهن ۾ ڊوڙڻ لڳو ۽ سور جيان هن جي روم روم ۾ ڇانئجي ويو- هن جا قدم وري ڳورا ٿي ويا ۽ هوءَ اها ڳالهه ڏاڍي شدت سان محسوس ڪرڻ لڳي ته ڪنهن کيس گهران سڏ ڪرائي، ٻاهر بازار ۾، منهن ٽي روشني جي چماٽ هنئي هئي، هڪ شخص، هينئر ئي هن جي بيعزتي ڪئي هئي ۽ اهو خيال اينديئي هن پنهنجين پاسيرين تي ڪنهن جا سخت آڱوٺا محسوس ڪيا، ڀانءِ ڪو هن کي ڀيڙ ٻڪريءَ جيان چڱي طرح پرکي رهيو هو . جسم ۾ ته آيا، گوشت به هئس يا وارن سبب بدن ڀريال هئس!- هن چاهيو ته سيٺ کي بددعا ڏئي – پر - پر، هن سوچيو، بددعا مان ڇا ورندو؟ - مزو نه تڏهن اچي ها، جڏهن هو سامهون هجي ها ۽ هوءَ هن جي وجود جي هر ذري تي لعنت وجهي ها- هن کي ڪي اهڙا لفظ چوي ها، جو زندگي ڀر هن کي بي چين رهڻو پوي ها- ڪپڙا ڦاڙي، هن سامهون، اگهاڙي ٿي بيهي رهي ها- ۽ چويس ها-” اهو ئي نه وٺڻ آيو آهين تون؟ - وٽ پيسا ڏيڻ کان سواءِ ئي اهو کڻي وڃ – پر جيڪي ڪجهه مان آهيان، جيڪي ڪجهه منهنجي اندر ۾ لڪل آهي، اهو تون ته ڇا، تنهنجو پيءُ به نٿو خريد ڪري سگهي-“
    انتقام جا نوان نوان طريقا، سوڳنڌي جي ذهن ۾ اچي رهيا هئا پر جڏهن هن سوچيو ته سيٺ جو هن سان ملڻ محال هئو تڏهن هن کي هڪ ننڍڙي گار ڏيڻ تي ئي پاڻ کي راضي ڪري ورتو – بس صرف هڪ گار- جا هن جي نڪ جي چهنب تي ماکيءَ جي مک جيان ويهي ۽ هميشه اتي ڄمي پيئي هجي-
    سوچيندي سوچيندي هوءَ ٻي ماڙ تي، پنهنجي ڪمري ٻاهران پهچي ويئي. چوليءَ مان ڪنجي ڪڍي هن ڪلف کولڻ لاءِ هٿ وڌايو، ته هن جي حيرانيءَ جي ڪا حد نه رهي!- ڪنڊي ۾ ڪلف ڪونه هئو!- هن زور سان دروازي جي تاڪن کي ڌڪو ڏٺو، پر دروازو اندران بند هئو. هڪ کن بعد اندران، ڪنڍي کلڻ جو آواز آيو ۽ سوڳنڌي اندر داخل ٿي. ماڌوءَ مسڪرائيندي دروازو بند ڪري سوڳنڌي کي چيو، ”سو آخر تو اڄ کان منهنجي چوڻ تي عمل ڪرڻ شروع ئي ڪيو آهي!- صبح جو سير ڪرڻ، تندرستي لاءِ نهايت فائدي مند آهي، روز اڄ جيان صبح جو گهمڻ ويندينءَ ته تنهنجي بدن مان سموري سستي غائب ٿي ويندي- ۽ تنهنجي ڪمر جو به سور به ويندو رهندو- وڪٽوريا گارڊن تائين ته چڪر هڻي آئي هونديئن؟- ڪيئن؟“
    سوڳنڌي خاموش رهي ۽ ماڌوءَ به جواب ملڻ جي خواهش ظاهر نه ڪئي. دراصل جڏهن ماڌو ڳالهائيندو هئو تڏهن ان جو اهو مطلب نه هوندو هئو ته سوڳنڌي انهيءَ ۾ ضرورت حصو وٺي ۽ سوڳنڌي جڏهن ڪا ڳالهه ڪندي هئي ته ماڌوءَ لاءِ به انهيءَ م حصو وٺڻ ضروري نه هوندو هئو- کين ڳالهه چوڻي هوندي هئي ۽ هو چئي ڏيندا هئا.
    ماڌو بيد جي ڪرسي تي ويهي، ٽنگ مٿان ٽنگ رکي مڇن تي آڱريون ڦيرڻ لڳو.
    سوڳنڌي پلنگ تي ويهندي چيو، ”مان اڄ تنهنجو انتظار ڪري رهي هئس“
    ”انتظار؟- تو کي ڪيئن خبر پيئي ته مان اچي رهيو آهيان؟“
    سوڳنڌي جا ڀيڪوڙيل چپ کليا، انهن مٿان هڪ پيلي مسڪراهٽ ظاهر ٿي، ”مون رات تو کي سپني ۾ ڏٺو هو- پر جاڳيس ته ڪوبه ڪونه هئو- سو ٻاهر چڪر هڻڻ نڪري ويس-“
    ماڌوءَ خوش ٿي چيو ”۽ مان اچي ويس- ڪنهن ٺيڪ چيو آهي، دل کي دل سان راهه ٿيندي آهي- تو اهو خواب ڪهڙي وقت ڏٺو هو؟“
    ”اٽڪل چئين بجي-“
    ماڌو ڪرسي تان اٿي، سوڳنڌي جي ڀر ۾ ٿي ويٺو، ”۽ مون تو کي ٺيڪ ٻي بجي، سپني ۾ ڏٺو هئو- تون اها ئي گلن ڀريل ساڙهي پهري، منهنجي ڀر ۾ بيٺي هئينءَ- تنهنجن هٿن ۾- ڇا هئو تنهنجن هٿن ۾ ؟- ها، تنهنجي هٿن ۾ رپين جي ڳوٿري هئي، تو اها ڳوٿري مون طرف وڌائي چيو،”ماڌو، تون فڪر ڇو ٿو ڪرين؟ وٺ، هي ڳوٿري- اڙي، ڇا منهنجا پئسا تنهنجا نه آهن؟ سوڳنڌي! تنهنجو قسم؟ مان ان گهڙي ئي ٽڪيٽ وٺي تو طرف هليو آيس- ڇا ٻڌايانٰ، ڏاڍو پريشان آهيان! راهه گناهه هڪ ڏوهه ۾ اڙجي ويو آهيان- پنجويهه ٽيهه رپيا هجن ته جيڪر انسپيڪٽر جي مٺ گرم ڪري، ڇوٽڪارو حاصل ڪريان، ٿڪجي ته نه پيئي آهين نه تون؟- سمهي پئه ته مان ٿورا زور ڏيانءِ- سير جي عادت نه هجي ته اڪثر ٿڪ ٿيندو آهي- هيڏانهن پير ڪري سمهه !“
    سوڳنڌي، ٻنهي ٻانهن جو وهاڻو ٺاهي، ان مٿان ڪنڌ رکي، ليٽي پيئي - ۽ هن ماڌو کي چيو، “ماڌو! ڪهڙِي مئي، توتي ڪيس ڪيو آهي؟ جيل ٻيل جو ڊپ هجي ته مون کي ٻڌاءِ – پنجويهه ٽيهه ڇا، اهڙن موقعن تي سو سوا سئو جو به خيال نه ڪرڻ گهرجي- جان آهي ته جهان آهي- بس هاڻي بس ڪر- ٿڪ ڪو خاص نه آهي- ها، مون کي سربستي ڳالهه ٻڌايءِ- ڪيس جو نالو ٻڌندي ئي، منهنجي دل ڌڪ ڌڪ پيئي ڪري- واپس ڪڏهن ويندين؟-“
    ماڌوءَ سوڳنڌيءَ جي وات مان شراب جي بانس سنگهي، موقعي جو فائدو وٺندي چيو، ”ٻنپهرن جي گاڏيءَ ۾ ئي واپس وڃڻو پوندو- جيڪڏهن سانجهيءَ کان اڳ پنجاهه سئو رپيا ڏئي انسپيڪٽر جي مُٺ گرم نه ڪيم ته .... وڌيڪ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي- پنجاهه رپين مان ڪم هلي ويندو.“
    ”پنجاهه !“ ائين چئي، سوڳنڌي اٿي انهن چئن تصويرن ويجهو ويئي، جي ڀت تي ڏنگيون پيئون هيون. کاٻي طرف کان ٽئين فريم ۾ ماڌوءَ جي تصوير مڙهيل هئي ۽ گلدار پردي اڳيان رکيل ڪرسي تي هو، رانن تي پنهنجا هٿ رکي ويٺو هئو. قريب ئي ٽپائي تي ٻه ٿلها ڪتاب رکيا هئا. فوٽو ڪڍائڻ وقت، فوٽو ڪڍائڻ جو خيال ماڌو مٿان ايتري قدر غالب هئو، جو هن جي هر ڪا شئي، فوٽي مان ٻاهر نڪري گويا پڪاري رهي هئي، ”اسان جو فوٽو نڪرندو؟ اسان جو فوٽو نڪرندو!؟“
    ڪئميرا طرف ماڌو اکيون ڦاڙي ڏسي رهيو هئو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ فوٽو ڪڍائڻ وقت هن کي ڏاڍي تڪليف محسوس ٿي رهي هئي.
    سوڳنڌي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي- هن جي کل اهڙي ته تکي ۽ چڀندڙ هئي جو ماڌو جي جسم ۾ سيون چڀڻ لڳيون پلنگ تان اتي، هو سوڳنڌي جي ويجهو ويو. ڪنهن جي تصوير ڏسي، تو کي ايتري کل پئي آئي؟“
    سوڳنڌي کاٻي طرف جي پهرين تصوير طرفا اشارو ڪيو، جا ميونسپالٽي جي داروغي جي هئي،”منشي پالٽي جي داروغي جي.... شڪل نه ڏسينس، ڄڻ پاروٿو واڱڻ!- چيائين ٿي، مان مٿائنس عاشق ٿي پئي آهيان! هيءَ منهن ۽ مسور جي دال ... ائين چئي، هن فريم کي اهڙو ته زور سان ڇڪيو، جو فريم سان گڏ ڀت مان ڪوڪو به پلسٿر سوڌو نڪري آيو!
    ماڌو جي حيرت اڃا درو نه ٿي هئي ته سوڳنڌي فريم کي دريءَ مان ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو. ٻه ماڙ تان اهو فريم، هيٺ ڏامرجي جي پڪي فرش مٿان ڪريو ۽ شيشو ڀڄڻ جو آواز ٻڌي، سوڳنڌي چيو، ”راڻي ڀنگياڻي، گند ميڙڻ ايندي ته منهنجي ان راجا کي به کڻي ويندي!“
    هڪ وار وري ان تکي ۽ نوڪدار کل جو ڦوهارو، سوڳنڌي جي چپن مان وهڻ لڳو، ڀانءَ هوءَ انهن تي چاقو يا ڇري جي ڌار تيز ڪري رهي هئي.
    ماڌوءَ ڏاڍي تڪليف سان مشڪي، کلڻ لڳو، ”هي..... هي..... هي.....“
    سوڳنڌي ٻيو فريم به سٽ ڏيئي ڇڪي، دريءَ مان ٻاهر ڇليو، ”هن حرامزادي جو هتي ڪهڙو ڪم آهي؟- ڀونڊيءَ شڪل جو ڪوبه ماڻهو هت نه رهندو- ڪيئن ماڌو؟“
    ماڌو هڪ وار وري ڏاڍي مشڪل سان مشڪي کلڻ لڳو. ”هي... هي...“
    هڪ هٿ سان سوڳنڌي پڳڙي واري ماڻهو جي تصوير لاٿي ۽ ٻيو هٿ ان فريم ڏانهن وڌايو، جنهن ۾ ماڌو جي تصوير مڙهيل هئي. ماڌو جتي ويٺو هو، اتي ڄمي ويو. ڄڻ هٿ فوٽو طرف نه پر هن طرف وڌي رهيو هو! ۽ ٻئي ئي کن ۾ فوٽو ڪوڪي سميت سوڳنڌي جي هٿ ۾ هئو!
    زوردار ٽهڪ ... هن ”ڇي“ چئي ۽ ٻئي فريم کڏ تي، دريءَ مان ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيا، ٻه ماڙ مان جڏهين فريم ڏامرجي پڪي فرش تي ڪريا ۽ شيشو ڀڄڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو تڏهن ماڌو کي ائين محسوس ٿيو، ڀانءِ هن جي جسم جو ڪو انگ ڀڄي پيو هئو پر ان هوندي به هن چپن تي مشڪ آڻيندي چيو، ”چڱو ڪيئي مون کي به اهو فوٽو پسند نه هئو.“
    هوءَ آهستي آهستي ماڌو طرف وڌي ۽ هن جي ڀرسان اچي چيو، ” تو کي اهو فوٽو پسند نه هئو پر مان پڇان ٿي ته تو ۾ اهڙي ڪهڙي خوبي آهي، جا ڪنهن کي وڻندي هجي؟ هيءَ تنهنجو ڪوڙِ جهڙو نڪ- هي تنهنجو وارن سان ڀريل مٿو- هي تنهنجا مڙيل ڪن. هيءَ تنهنجي وات مان ايندڙ بانس- هيءَ تنهنجي بدن جي مر؟ تو کي پنهنجو فوٽو پسند نه هئو، ڇي- پسند به ڪيئن پوي؟ تنهنجا عيب جو هن لڪائي ڇڏيا هئا!.... اڄ ڪالهه جو زمانو ئي اهڙو آهي!“
    ماڌو پٺتي هٽندو ويو. آخر جڏهن هن جي پٺ ڀت سان وڃي لڳي تڏهن هن پنهنجي آواز ۾ زور پيدا ڪري چيو، ”ڏس، سوڳنڌي! مون کي ائين ٿو لڳي، تون پنهنجو اکيون ڌنڌو وري ڪرڻ لڳي آهين- مان تو کي آخرين ڀيرو چوان ٿو-“
    سوڳنڌي ماڌو کي اڌ ۾ ڪٽي، سندس ئي لهجي ۾ چوڻ لڳي، ”جيڪڏهن تو وري پنهنجو ڌنڌو شروع ڪيو ته بس، تنهنجو منهنجو ناتو هميشه لاءِ ٽٽي پوندو.... تو وري ڪنهن کي پاڻ وٽ رهايو ته چوٽي کان پڪڙي، گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو سانءِ. هن مهيني جي خرچ لاءِ پئسا، بوني پهچنديئي، مني آرڊر ڪري موڪليندو سانءِ- ها، ڪيتري مسواڙ ڏيندي آهين، هن ڪمري جي؟“
    ماڌو جو مٿو چڪر کائڻ لڳو!
    سوڳنڌي وري چوڻ شروع ڪيو، ”ٻڌايان ٿي- پنرنهن رپيا مسواڙ آهي، هن ڪمري جي- ۽ ڏهه رپيا منهنجي مسواڙ آهي- ۽ جيئن تو کي خبر آهي، تنهن مان اڍائي رپيا دلاليءَ جا ويندا آهن، باقي ٿيا ساڍا ست! ساڍا ست ٿيا نه؟ انهن ساڍن ستن رپين ۾، مون اها شيءِ ڏيڻ جو وچن ڏنو هئو، جا مان ڏيئي ئي نٿي سگهيس، ۽ تون اها شيءِ وٺڻ آيو هئين، جا تون وٺي ئي نٿو سگهئين!- تنهنجو منهنجو ناتو ئي ڪهڙو هئو؟- ڪو به نه – بس اهي ڏهه رپيا تنهنجي ۽ مهنجي وچ ۾ وڄي رهيا هئا- سو اسان ٻنهي اهڙو رستو اختيار ڪيو هئو جيئن تو کي منهنجي پيئي ۽ مون کي تنهنجي – اڳ تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڏهه رپيا وڄندا هئا، اڄ پنجاهه وڄي رهيا آهن ! ۽ انهن جو وڄڻ تون به ٻڌي رهيو آهين ۽ مان به انهن جو وڄڻ ٻڌي رهي آهيان- اڙي ! هي تو وارن جي ڪهڙي ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي؟“
    ائين چئي سوڳنڌي ماڌو جي ٽوپي، آڱر سان هڪ طرف اڏائي ڇڏي. اها حرڪت ماڌو کي تمام خراب محسوس ٿي ۽ هن تمام ڪوڙي آواز ۾ چيو، ”سوڳنڌي!“
    سوڳنڌيءَ ماڌو جي کيسي مان رومال ڪڍي سنگهي، ڌرتي تي ڦٽي ڪندي چيو، ”ڪيتري نه ڌپ ٿي اچي منجهانئس!- کڻي ٻاهر ڦٽي ڪر!“
    ”سوڳنڌي!“ ماڌوءَ رڙ ڪئي.
    ”سوڳنڌي جا پٽ ! تون هت آيو ڇا لاءِ آهين؟- هت ڪا ماڻهين رهندي آهي، جو تو کي پنجاهه رپيا ڪڍي ڏيندي.؟ يا تون ڪو اهڙو ڳڀرو جوان آهين، جو مان تو تي هرک هاري ويٺي آهيان؟ - ڪتا، ڪميڻا، مون تي ٿو رعب ڄمائين؟- بکاري ، تون ڇا ٿو سمجهين پاڻ کي؟ مان پڇان ٿي، تون آهين ڪير؟ چور يا ڳنڍيڪپ- ڪهڙي خيال سان هت آيو آهين؟
    سڏايان پوليس کي ؟- پوني ۾ تو مٿان ڪيس ٿئي نه ٿئي، هت ته تو مٿان هڪ ڪيس ڪيان.“
    ماڌو هيسجي ويو. دٻيل لهجي ۾، هو صرف ايتري قدر چئي سگهيو، ”سوڳنڌي! تو کي ڇا ٿي ويو آهي؟“
    ” مون کان اهڙو سوال پڇڻ وارو، تون ڪير آهين؟- ڀڄ هتان، نه ته-“
    سوڳنڌي جو بلند آواز ٻڌي، هن جو خارش ۾ ورتل ڪتو، جو سڪل چمپلن مٿان، ڪنڌ رکي سمهيو پيو هئو، اٿي کڙو ٿيو ۽ ماڌو طرف منهن ڪري ڀونڪڻ لڳو. ڪتو ڀونڪڻ لڳو ۽ سوڳنڌي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
    ماڌو ڊڄي ويو، اڇلايل ٽوپي کڻڻ لاءِ هو هيٺ جهڪيو ته سوڳنڌي گجندي چيو، ”خبردار- اتي ئي رهڻ ڏي- پوني پهچنديئي، تو کي مني آرڊر ڪنديس!“
    ائين چئي هوءَ زور سان کلڻ لڳي ۽ کلندي کلندي، بيد جي ڪرسي تي ڪري پيئي. هن جي ڪتي ڀونڪي ڀونڪي ماڌو کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڏاڪڻ تان هيٺ لاهي، جڏهن هو ڏنگو ڦڏو پڇ لوڏيندو، سوڳنڌي وٽ موٽِي آيو ۽ هن جي پيرن وٽ ويهي پنهنجا ڪن لوڏڻ لڳو، تڏهن سوڳنڌي ڇرڪ ڀريو. هن پنهنجي طرف هڪ گهرو سناٽو ڏٺو، اهڙو سناٽو جو هن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن کي هر ڪا شئي خالي پئي ڏسڻ ۾ آئي- ڀانءِ مسافر جي گاڏي، سڀني اسٽيشنن تي مسافر لاهي، هينئر لوهه جي شيڊ ۾ بلڪل اڪيلي بيٺي هئي. اهو خال، جو اچانڪ سوڳنڌي ۾ پيدا ٿيو هو، هن کي بي حد تڪليف پهچائي رهيو هئو، هن ڪافي دير تائين، ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بي سود، هوءَ هڪ ئي وقت بي شمار خيال، پنهنجي دماغ ۾ ٺونسي رهي هئي، پر هن جو دماغ ڄڻ ڇاڻِي ٿي پيو هئو، هيڏانهن هوءَ دماغ کي خيالن سان ڀري رهي هئي ۽ هوڏانهن اهو خالي پئي ٿي ويو.
    ڪافي دير تائين هوءَ بيڊ جي ڪرسي تي ويٺي رهي، ڪافي ويچارڻ بعد به جڏهن هن کي پنهنجي دل پرچائڻ جو ڪو طريقو نه سمجهيو، تڏهن هن پنهنجي خارش ۾ ورتل ڪتي کي گود ۾ کنيو ۽ کيس ساڳي ويڪري پلنگ تي، پنهنجي پهلوءَ ۾ ليٽائي، سمهي پئي!


    ترجمو: ٺاڪر چاولا


    منتر

    رام عمر ۾ ته برابر ننڍڙو هو پر شرارتن جي لحاظ کان وڏڙو ئي هو. چهرو نهايت معصوم ۽ ٻالو ڀولو، اهڙو ڪوبه نشان ڪونه هئس، جنهن مان شوخي ظاهر ٿيندي هجي. جسم جو هر هڪ عضوو ٿلهو، ان سبب جڏهن هلندو هئو ته محسوس ٿيندو هئو ڀانءِ فوٽ بال ليٿڙندو پيو وڃي. عمر اٺ سال پر ڏاڍو ذهين ۽ چالاڪ . هن جي ذهانت ۽ چالاڪي جو اندازو سندس پيشاني مان لڳائڻ نهايت ئي مشڪل هو، هن جو پيءَ شنڪر آچاريا، ايم اي- ايل ايل بي چوندو هو: رام سان ”مک ۾ رام بغل ۾ ڇري“ وارو پهاڪو بلڪل پورو لڳي ٿو اچي.
    رام جي مک مان ”رام نام“ ته ڪنهن به نه ٻڌو هو پر هن جي بغل ۾ ڇري بجاءِ ڇڙي ضرور هوندي هئي، جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن هو ”فيئر بئنڪس“ يعنيٰ بغدادي چور جي تلوار بازي جو نقل ڪندو هئو.
    جنهن وقت رام جي ماءُ هن کي ڪن کان ڇڪيندي شنڪر آچاريا سامهون وٺي آئي، ان وقت هو بلڪل چپ هو. اکيون خشڪ هئس ۽ هڪڙو ڪن، جيڪو ماءُ جي هٿ ۾ هئس، سو ٻئي ڪن کان ذرا وڏو پئي نظر آيو. هو هلڪو مشڪي رهيو هو ۽ هن جي مشڪ مان بلا جي ٻال ڀولائي پئي بکي. ماڻس جو چهرو ڪاوڙ سبب ڳاڙهو لعل هو ۽ رام جي چهري طرف نهارڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو ته هو ماءُ سان راند ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجو ڪن، پنهنجي ماءُ جي هٿ ۾ ڏيئي هڪ خاص قسم جو لطف حاصل ڪري رهيو آهي.
    جنهن وقت رام کي انهيءَ نموني پيءُ وٽ آندو ويو، تنهن وقت شنڪر آچاريا هن کي ڪن مهٽ ڪرڻ لاءِ، اٿي ٺهي جڙي ويٺو، جيتوڻيڪ هن، سندس ڪن ڇڪي ڇڪي ڊگها ڪري ڇڏيا هئا پر رام جي حرڪتن ۾ ڪو فرق ئي ڪونه پيو هئو، عدالت ۾ هو قانون جي زور تي گهڻو ڪجهه ڪري سگهندو هو پر هتي هن ننڍڙي ڇوڪري اڳيان هن جي دال نه ٿي ڳري.
    هڪ دفعي شنڪر آچاريا ڪنهن حرڪت سبب کيس ڊيڄارڻ لاءِ چيو، ”رام! سٺو ڇوڪرو بڻج نه ته مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي پرميشور تو کان ناراض نه ٿي وڃي.“
    ”سو ڇا ... توهان به ته مون کان ناراض ٿي ويندا آهيو، پوءِ توهان کي ڪونه مان مڃائيندو آهيان؟“
    ”پر بابا، پرميشور ڪير آهي؟“ ٿوري دير غور ڪري هن پڇيو.
    ”ڀڳوان، ٻيو ڪير. اسان سڀني کان وڏو آهي“
    ”هن جاءِ جيڏو ٿيندو؟“
    ”ان کان به وڏو!- ڏس، آئينده شرارت نه ڪج، نه ته هو تو کي ماري ڇڏيندو!“ شنڪر آچاريا رام کي ڊيچارڻ لاءِ، پرميشور کي خوفناڪ صورت ۾ هن پيش ڪندي ويچاريو هو ته رام سڌري پوندو ۽ آئينده شرارت ڪرڻ کان باز اچي ويندو. پر رام، جو ان وقت سانت ڪري ويٺو هو ۽ پنهنجي ذهن جي تارازي ۾ ڀڳوان کي توري رهيو هئو، تنهن ڪجهه دير غور ڪرڻ بعد نهايت معصوميت سان پڇيو، ”بابا! مون کي پرميشور ڏيکاريندا؟“
    شنڪر آچاريا کي ائين محسوس ٿيو ته هن جي وڪالت جي ڊگري ڪنهن به ڪم جي نه آهي. ڪنهن مقدمي جو حوالو ڏيڻو هجين ها ته فائيل ڪڍي ڏيکاريس ها يا هند سرڪار جي ڪرمنل لاءِ امنڊمينٽ ائڪٽ يا ڊفينس، رولس بابت ڪجهه پڇيو هجيس ها ته هو پنهنجي ميز تان اهو ٿلهو ڪتاب کڻي، ان جا ورق ورائڻ شروع ڪري ها، جنهن جي جلد تي رام ڪپ سان گل ۽ ٻوٽا اڪري ڇڏيا هئا، پر هو پرميشور کي- جنهن بابت کيس به چڱي طرح خبر ڪانه هئي ته ڪير آهي ۽ ڪٿي ٿو رهي، ڪٿان پڪڙِ اچي؟
    هن کي جيئن اها خبر هئي ته چوري جي ڏوهه سان 369 قلم لڳايو ويندو آهي، تئين اها به سڌ هئس ته ماريندڙ ۽ پيدا ڪندڙ کي پرميشور چئبو آهي ۽ جيئن اها خبر نه هئيس ته قانون ٺاهيندڙ اصل ڪير هئو، تيئن پرميشور جي اصليت جي به سڌ نه هئس. هو ايم اي ۽ ايل . ايل بي ته برابر هئو پر هن اهي ڊگهريون ههڙن جهنجٽن ۾ ڦاسڻ لاءِ نه، بلڪه پيسا ڪمائڻ لاءِ ئي ورتيون هيون.
    هو رام کي نه پرميشور ئي ڏيکاري سگهيو ۽ نه ئي ان باري ۾ ڪو وزنائتو جواب ڏئي سگهيو. اهو سوال اهڙي نموني ۽ اچانڪ ڪيو ويو هو جو هن جو دماغ ئي خالي ٿي ويو. هو صرف ايترو چئي سگهيو،”وڃ رام، وڃ، منهنجو دماغ نه کاءُ، مون کي اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.“
    ۽ هن ڀيري هن کي ڪم ته گهڻو ئي ڪرڻو هو پر جهو نين شڪستن کي وساري، هن ان کي نئين مقدمي جو فيصلو ڪرڻ ئي ٿي چاهيو.
    رام ڏانهن غصي ڀريل نظرن سان ڏسندي، هن پنهنجي زال کان پڇيو، ”اڄ هن ڪهڙي نئين حرڪت ڪئي آهي. جلدي ٻڌاءِ، اڄ مان هن کي ٻيڻي سزا ڏيندس.“
    مسز شنڪر آچاريا رام جو ڪن ڇڏيندي چيو. ”هن مئي منهنجي ته زندگي ئي زهر ڪئي آهي. جڏهن ڏسو نه پيو نچي، ٽپي، نه آئي جو شرم نه وئي جو لحاظ . صبح کان تنگ ڪري رهيو آهي، سٽڻ ڪٽڻ باوجود به حرڪتن کان باز نٿو اچي، رڌڻي مان ٻه ، ڪچا ٽماٽا کڻي کاڌا اٿس. هاڻي سائي ڀاڄي ۾ ڇا وجهان سندس سر ؟“
    شنڪر آچاريا کي ڌڌڪو اچي ويو. هن ڀانيو هئو ته رام خلاف ڪو سنگين الزام هوندو، پر اهو ٻڌي ته هن صرف ٻه ڪچا ٽماٽا کاڌا هئا، هو ڏاڍو نا اميد ٿي ويو. رام کي ڌمڪائڻ ۽ مارڻ لاءِ هن جيڪي تياريون ڪيون هيون، سي سڀ ٿڌيون ٿي ويون. هن محسوس ڪيو ته هن جو سينو يڪا يڪ خالي ٿي ويو هو. جئن هڪ ڀيري هن جي موٽر جي ڦيٿي جي هوا نڪري ويئي هئي.
    ٽماٽا کائڻ ڪو ڏوهه نه هئو. اڃا ويجهڙائي ۾ ئي، هن جي هڪ دوست، جو جرمني کان ڊاڪٽري جي اعليٰ سند وٺي موٽيو هو، هن کي ٻڌايو هو ته ٻارن کي ماني سان گڏ ڪچا ٽماٽا ضرور ڏيڻ گهرجن، جو انهن ۾ وٽامن گهڻي انداز ۾ ٿين ٿا، پر ڇاڪاڻ ته کيس رام کي ڇنڊ ڪڍڻي هئي ۽ هن جي زال جي به اها مرضي هئي، هن انهي سبب ٿوري دير غور ڪرڻ بعد هڪ قانوني نقطو خيال ۾ رکي، دل ئي دل ۾ خوش ٿي پٽ کي چيو،”منهنجي ويجهو آءُ، ۽ جيڪي پڇان ان جو صحيح جواب ڏي.“
    رام جي ماءُ هلي ويئي ۽ رام چپ چاپ ۾ اچي پيءُ جي ڀر ۾ بيٺو.
    ”تو ٻه ڪچا ٽماٽا ڇو کاڌا؟“
    ”ٻه ڪٿي هئا- امي ته ڪوڙ ٿي ڳالهائي.“
    ”چڱو، تون ٻڌاءِ گهڻا هئا؟“
    ”ڏيڍ – هڪ ۽ اڌ.“ رام آڱرين سان هڪ ۽ اڌ جو نشان ڏيکاريندي چيو.”ٻئي اڌ مان ته اميءَ منجهند جو چٽڻي ٺاهي هئي.“
    ”چڱو ڏيڍ ئي سهين، پر تو اهي کنيا ڇو؟“
    ”پائڻ لاءِ.“
    ”ٺيڪ آهي“ پر اها تو چوري ڪئي.“
    شنڪر آچاريا قانوني نقطو پيش ڪيو.
    ”چوري!؟ - بابا، مون چوري ڪان ڪئي آهي. ٽماٽا کاڌا اٿم، پر اها چوري ڪئين ٿي؟ ائين چئي، هو پٽ تي ويهي غور سان پيءُ ڏانهن نهارڻ لڳو.
    ”اها چوري آهي. ٻئي جي شيءِ بنا اجازت جي کڻڻ چوري ئي آهي.“ شنڪر آچاريا به ائين چوندي دل ۾ ويچارو ته هو سندس ڳالهه کي چڱي ريت سمجهي ويو هوندو.
    ”پر بابا، ٽماٽا ته اسان جا هئا- منهنجي اميءَ جا-؟!“
    شنڪر آچاريا منجهي پيو، پر پاڻ سنڀالي چيائين، ”تنهنجي اميءَ جا هئا، ٺيڪ آهي، پر تنهنجا نه هئا. جا شيءِ هن جي آهي، سا تنهنجي ڪيئن ٿي، ٿي سگهي؟- ڏس، سامهون ميز تي تنهنجو رانديڪو پيو آهي. کڻي اچ ته تو کي سمجهايان“
    رام سٽ ڏيئي اٿيو ۽ ڊوري ڪاٺ جو گهوڙو آڻي پيءُ کي ڏنائين.
    ”ڏس، هيءُ گهوڙو تنهنجو آهي نه؟“
    ”ها.“
    ”هاڻي جيڪڏهن مان تو کي پڇڻ کان سواءِ اهو کڻي پاڻ وٽ رکان ته انهيءَ کي چوري چئبو ۽ مان ٿيس چور.“
    ”نه بابا، توهان اهو پاڻ وٽ رکي سگهو ٿا، مان توهان کي چور ڪونه چوندس. مون وٽ راند لاءِ هاٿي جو آهي؟- ڇا توهان ڪونه ڏٺو آهي؟- ڪالهه منشيءَ دادا آڻي ڏنو اٿم. ترسو، مان توهان کي آڻي ٿو ڏيکاريان”
    رام، تاڙيون وڄائيندو، ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو ۽ شنڪر آچاريا اکيون ڇيندو رهجي ويو.
    ٻئي ڏينهن شنڪر آچاريا کي ڪنهن خاص ڪم سبب پوني وڃڻو پيو. هن جي وڏي ڀيڻ، اتي رهندي هئي، ڪيترن ڏينهن لاڪر، رام کي ڏسڻ لاءِ پئي تڙڦي ۽ شنڪر آچاريا ”ايڪ پنٿ، دوڪاج“ موجب رام کي به ان شرط تي وٺي ويو ته واٽ تي ڪابه حرڪت نه ڪندو. رام ”وي ٽِي“ اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهچڻ تائين ان شرط جي بجاءِ آوري ڪندو رهيو، پر هوڏانهن ”ڊيڪن ڪئين “ هلي ۽ هيڏانهن رام جي دماغ ۾ حرڪتون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون.
    شنڪر آچاريا سيڪنڊ ڪلاس گاڏي جي ويڪري نرم گديدار سيٽ تي ويهي اخبار پڙهي رهيو هو ۽ سيٽ جي ڇيڙي وٽ رام دريءَ مان ٻاهر نهاري رهيو هئو ۽ هوا جو زور ڏسي سوچي رهيو هئو،”اها مون يک اڏائي وڃي ته ڪيتري نه فرحت اچي.؟“
    شنڪر آچاريا پنهنجي عينڪ جي پڇڙين کان رام طرف ڏٺو ۽ هن کي ٻانهن کان ڇڪي، سيٽ نه ويهاريندي چيو، ”تون آرام ڪرڻ ڏيندين ڪين نه؟.... ماٺ ڪري ويهه. “ ائين چوندي هن جي نظر رام جي نئين ٽوپيءَ تي وڃي پيئي، جا رام جي مٿي تي چمڪي رهي هئي.
    ”ٽپي لاهي رک، نالائق، هوا ۾ اڏامي ويندءِ.“ ۽ رام جي مٿي تان ٽوپي لاهي هن سندس گود ۾ ڪري رکي.
    پر ڪجهه ئي دير بعد ٽوپي وري رام جي مٿي تي هئي ۽ هو دريءَ مان ڪنڌ ٻاهر ڪڍي، ڊوڙندڙ وڻن کي غور سان ڏسي رهيو هئو. وڻن جي ڊڪ ڊوڙ رام جي ذهن ۾ ”لڪ ڇپ“ جي دلچسپ راند جو نقشو ڇڪي رهي هئي.
    هوا جي زور اخبار کي موڙي ڇڏيو ۽ شنڪر آچاريا کي برخردار جو ڪنڌ وري دريءَ مان ٻاهر نظر آيو. غصي کان پٽ کي ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي ڀر ۾ ورهايندي چيائين،”هتان هڪ انچ به چريو آهين ته تنهنجو خير نه آهي،“ ائين چئي هن سندس ٽوپي لاهي کڻي هن جي گوڏن تي سٽي.
    ان ڪم کان واندو ٿي هن اخبار کنئي ۽ اڃا اها سٽ پئي ڳولهيائين، جتي پڙهڻ ڇڏيو هئائين ته رام وري دريءَ مان ٻاهر ليئا پائڻ لڳو ۽ ٽوپي سندس مٿي تي هئي. شنڪر آچاريا کي بخيلي وٺي ويئي. هن جو هٿ بکئي جانور جي چنبي جيان ٽوپي طرف وڌيو ۽ ٻئي ئي پل، اها ٽوپي سيٽ هيٺان وڃي سوگهي ٿي. اهو سڀ ڪجهه ايترو ته جلد ٿيو جو رام کي انهيءَ جي سمجهڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو. هن منهن ورائي پيءُ ڏانهن نهاريو پر سندس هٿ خالي ڏسي، روئڻهارڪو ٿي دريءَ مان ٻاهر ڏٺو. ريل جي پٽن مٿان ، گهڻو پٺيان، هڪ خاڪي ڪاغذ جو پرزور هيٺ مٿي اڏامندو نظر آيس، هن سمجهيو، اها سندس ٽوپي هئي.
    اهو خيال اينديئي هن جي دل کي ڏاڍي ضرب پهتي، پيءُ ڏانهن شڪايت ڀريل نظرن سان ڏسندي، هن چيو، ”بابا- منهنجي ٽوپي!“
    شنڪر آچاريا خاموش رهيو.
    ”منهنجي ٽوپي!“ رام جي آواز ۾ لرزش اچي ويئي.
    شنڪر آچاريا اڃا به خاموش رهيو. پيءُ جو هٿ پڪڙِي، رام روئڻهارڪو ٿي چيو، ”منهنجي ٽوپي! بابا؟“
    شنڪر آچاريا هن جي هٿ کي جهٽڪو ڏيئي چيو، ”ڪيرائي ڇڏي هوندءِ- هاڻي روئين ڇو ٿو؟“
    رام جي اکين ۾ ٻه وڏا ڳوڙهي تري آيا.
    ”پر لوڏو ته توهان ئي ڏنو هئو؟“ چئي روئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو.
    شنڪر آچاريا ٿورو ڇڙٻيس ته هو اڃا به وڏي آواز ۾ روئڻ لڳو. هن کيس چپ ڪرائڻ جي بيحد ڪوشش ڪئي پر وريو ڪجهه به نه. رام جو روئڻ صرف ٽوپي ئي بند ڪرائي ٿي سگهي. نيٺ ڪڪ ٿي شنڪر آچاريا چيو، ”ٽوپي موٽي ايندي پر انهيءَ شرط تي ته تون وري نه پائيندين!“
    رام جي اکين جا ڳوڙها ائين خشڪ ٿي ويا، جيئن تتل ريتيءَ ۾ برسات جا قطرا جذب ٿي ويندا آهن. هن پيءُ طرف رڙهي چيو، ”چڱو، ٽوپي واپس گهرايو!“
    ”ائين ٿورو ئي موٽي ايندي - منتر پڙهڻو پوندو!“
    گاڏي جا سڀ مسافر پيءُ پٽ جي گفتگو ٻڌي مشڪي رهيا هئا.
    ”منتر-!“ ائين چوندي رام کي دل تي اها ڳالهه تري آئي، جنهن ۾ هڪ ڇوڪري منتر پڙهي ٻين ٻارن جون شيون گم ڪيون هيون.
    ”بابا، منتر پڙهو.“ ائين چئي هو غور سان پيءُ طرف نهارڻ لڳو، گويا منتر پڙهڻ وقت شنڪر آچاريا جي گنجي ٺوڙهه ئي سڱ نڪري اچڻا هئا!
    شنڪر آچاريا اهو منتر ياد ڪندي، ، جو هن ننڍي هوندي ”اندر ڄار“ ۾ پڙهيو هئو، چيو،
    ”تون وري حرڪت نه ڪونه ڪندين؟“
    ”نه، بابا.“ رام منتر جي اونهائيءَ ۾ غوطا کائيندي پيءُ کي ڪابه حرڪت نه ڪرڻ جو وچن ڏنو.
    شنڪر آچاريا کي منتر ياد اچي ويو ۽ هن دل ئي دل ۾ پنهنجي حافظي کي داد ڏيئي، چيو، ”اکيون بند ڪر.“
    برا رام اکيون ٻوٽيون ۽ شنڪر آچاريا منتر اچارڻ شروع ڪيو، ”اونگ نما ڪاميشري، مدمديش اوتما دي ڀرينگ سواهه.“
    شنڪر آچاريا جو هڪ هٿ سيٽ هيٺان ويو ۽ رام جي ٽوپي اچي سندس سٿرن تي پيئي.
    رام اکيون کوليون. ٽوپي هن جي مني نڪ هيٺان پيئي هئي ۽ شنڪر آچاريا جي نڪ جي چهنب، عينڪ جي سونهري فريم هيٺان ڦڙ ڦڙ ڪري رهي هئي- عدالت ۾ ڪيس کڻڻ بعد به سندس نڪ جي چهنب ائين ڦڙ ڦڙ ڪندي هئي.
    ”ٽوپي اچي ويئي!“ رام صرف ايترو چئي سگهيو. شنڪر آچاريا کيس چپ ڪري ويهڻ جي هدايت ڪري اخبار پڙهڻ لڳو. هڪ خبر بيحد دلچسپ ۽ سنسني خيز هئي. هو منتر وغيره ڀلجي اها پڙهڻ ۾ محو ٿي ويو. ڊيڪن ڪئين بجليءَ جي پرن تي تيز رفتار سان اڏامي رهي هئي. ان جي لوهي ڦيٿن جي گڙ گڙاهٽ، ان سنسني پيدا ڪندڙ خبر جي هر هڪ سٽ ۾ جوش ۽ تيزي ڦوڪي رهي هئي. شنڪر آچاريا پڙهي رهيو هو:
    ”عدالت ۾ سناٽو ڇانيل هئو، صرف ٽائيپ رائيٽر جي ٽڪ ٽڪ پئي ٻڌڻ ۾ آئي. اچانڪ جوابدار وڏي واڪي رڙ ڪئي،”بابا!-“
    عين ان وقت رام زور سان پڪاريو، ”بابا!“
    شنڪر آچاريا کي ائين محسوس ٿيو ته خبر جي آخري سٽ جا لفظ ڪاغذ تي اٿي کڙا ٿيا آهن.
    رام جا ڏڪندڙ چپ ٻڌائي رهيا هئا ته هن ڪجهه خاص چوڻ ٿي چاهيو.
    شنڪر آچاريا ترشيءَ مان چيو،”ڇا آهي؟“ ۽ عينڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٽوپيءَ کي سيٽ تي رکيل ڏسي ٿڌو ساهه کنيائين.
    ”بابا، ساڳيو منتر وري پڙهو!“ رام پيءَ ويجهو سري چيو.
    ”ڇو؟“ چوندي شنڪر آچاريا رام جي ٽوپي ڏانهن غور سان ڏٺو، جا سيٽ جي ڇيڙي ۾ پيئي هئي.
    ”توهان جا جيڪي ڪاغذ هت رکيا هئا، مون ٻاهر اڇلائي ڇڏيا.“
    رام ٻيو ڪجهه به چيو پر شنڪر آچاريا جي اکين اڳيان اونداهه ڇانئجي وئي، هن دري کان ليئو پائي ٻاهر ڏٺو پر ريل جي پٽن سان گڏ پکين جيان ڦڙ ڦڙائيندڙ ڪاغذ جي پرزن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه آيس.
    ”تو اهي ڪاغذ اڇلائي ڇڏيا، جيڪي هت رکيا هئا؟“ هن ساڄي هٿ سان سيٽ طرف اشارو ڪندي پڇيو.
    رام ڪنڌ سان ها ڪندي چيو، ”توهان ساڳيو منتر پڙهو نه؟“
    شنڪر آچاريا کي اهڙو ڪوبه منتر يا ڪونه هئو. جو گم ٿيل شين کي سچ پچ واپس آڻي سگهي. هو سخت پريشان هئو، اهي ڪاغذ، جي رام اڇلائي ڇڏيا هئا، سي هڪ نئين مقدمي جا هئا، جن ۾ چاليهن هزار رپين جي دعوا جا ضروري دستاويز به هئا. شنڪر آچاريا، ايم . اي – ايل. ايل . بي، جي بازيءَ پنهنجي ئي چال کان هار کاڌي هئي. هڪ ئي پل ۾ هن جي قانوني دماغ ۾ ڪاغذن جي بابت سوين خيال آيا. ظاهر هئو ته هن جي اصيل جو نقصان، هن جو پنهنجو نقصان هئو، پر ان وقت هو ڪري ئي ڇا ٿي سگهيو؟- رڳو ايترو ته ٻيءَ اسٽيشن تي لهي، ريل جي پٽن سان گڏ هلندو ڏهه پندرنهن ميل انهن ڪاغذن جي ڳولها ڪري ۽ پوءِ به کٽي سندس قسمت.
    هڪ کن اندر سوين ڳالهيون سوچڻ بعد آخر هن فيصلو ڪري ورتو ته جيڪڏهن ڪاغذ نه مليا ته اصيل اڳيان بلڪل الي ويندو ۽ چوندو” ته هن کي ڪاغذ مليا ئي ڪونه آهن. “ اخلاقي ۽ قانوني لحاظ کان اهو سراسر بي واجبي هئو پر انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري ئي ڇا ٿي سگهيو؟
    ان تسلي بخش خيال جي باوجود شنڪر آچاريا جي نڙيءَ ۾ ڪوڙاڻ پيدا ٿيندي ٿي وئي. اچانڪ هن کي خيال آيو ته ڪاغذن جي بنڊل جيان رام کي به کڻي گاڏي مان ٻاهر اڇلائي، پر خيال کي دل ۾ دٻائي هن ڏانهس نهاريو.
    رام جي چپن تي هڪ عجيب و غريب مسڪراهٽ ڦهليل هئي.
    ”بابا، منتر پڙهو نه!“ هن آهستي چيو.
    ”ماٺ ڪري ويهه نه ته ڳچي مروٽي ڇڏيندو سانءِ.“ شنڪر آچاريا ڏند ڪرٽيندي چيو.
    هڪ مسافر جي چپن تي، جو غور سان پيءُ ۽ پٽ جي گفتگو ٻڌي رهيو هو، معنيٰ ڀريل مسڪراهٽ نچي رهي هئي.
    رام اڳيان سري آيو، ”بابا، اکيون ٻوٽيو، مان منتر ٿو پڙهان“ شنڪر آچاريا اکيون بند نه ڪيون، پر رام منتر پڙهڻ شروع ڪيو.
    ”رنگ ميانگ شيانگ، دومداگ....... فرودما......... سواهه.“ ۽
    ”سواه“ سان گڏ ئي شنڪر آچاريا جي گوشت سان ڀريل رانن تي ڪاغذن جو بنڊل اچي ڪريو.
    شنڪر آچاريا جي نڪ جي چهنب عينڪ جي سونهري فريم هيٺان زور سان ڦڙ ڦڙائڻ لڳي.
    رام جي مني نڪ جون ڳاڙهيون ڳاڙهيون ناسون به ڦڙڪي رهيون هيون.


    ترجمو: گوپال رامسنگهاڻي


    ڪرامت

    فسادن ۾ لٽيل مال هٿ ڪرڻ لاءِ پوليس تلاشي وٺڻ شروع ڪئي ته واپارين کي بيحد تڪليف درپيش آئي.
    لٽ جو مال، قيمتي، ليڪن وزن ۾ هلڪو هو.
    راتو رات ڪجهه گهرن کان ٻاهر اڇليو ويو، ڪجهه ميدانن ۾ پوريو ويو. ليڪن ”بلئڪ مارڪيٽ“ جي مال جو مسئلو مشڪل ٿي پيو.
    هڪ واپاري کي ٻه ڳوڻيون کنڊ جون هيون. رات جي اونداهي ۾ ٿاٻڙندي، جيئن تئين هڪ ڳوڻ ڀر واري کوهه ۾ اڇليائين، ليڪن ٻي ڳوڻ اڇليندي واپاري کوهه ۾ ڪري پيو. رڙيون ٻڌي، ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿيا. ٻه مضبوط ماڻهو نوڙين ذريعي کوهه ۾ لٿا ۽ واپاريءَ کي ٻاهر ڪڍيائون.، ليڪن ڪجهه ڪلاڪن بعد واپاري مري ويو.
    ٻئي ڏينهن هٽڪي هچڪي، ماڻهن کوهه مان پاڻي ڇڪيو ته بيحد مٺو نڪتو.
    رات جو واپاريءَ جي قبر تي ڏيئا ٽمڪڻ لڳا!

    ترجمو: نانڪ مدناڻي


    غلطي !

    ”اڙي، ڪير آهين؟“
    ”تون ڪير آهين؟“
    ”هر هر مهاديو“
    ”هر هر مهاديو!“
    ”ثابتي؟“
    ”منهنجو نالو ڌرمچند آهي.“
    ”اها ثابتي ڪانهي!“
    ”چئن ويدن مان ڪابه ڳالهه ٻڌائي سگهان ٿو.“
    ”نه، ٻِي ڪا ثابتي ڏي.“
    ”ٻي ڪهڙي؟“
    ”پتلون ڍلي ڪر!“
    گهڻي هچڪ بعد پتلون ڍلي ڪئي وئي.
    ”ماريو! ماريو!!“
    ”ترسو، ترسو! مان توهان جو ڀاءُ آهيان- ڀڳوان جو قسم توهان جو ڀاءُ....!“
    ”نه هيءُ ڇا آهي؟“
    ”ڀائرو مان دشمن جي علائقي مان پيو اچان- جان بچائڻ لاءِ ائين ڪرڻ کان سواءِ.... ائين ڪرڻ کانسواءِ ٻيو چاڙهو ڪين هو- صرف اها شيءِ غلط آهي، باقي بلڪل.....!“
    ”اڏايو غلطيءَ کي!“
    ”نه ڀائرو! ڀائرو....“
    پر غلطي اڏائي ويئي- رڙ ڪري، ڌرمچند به اڏامي ويو!

    ترجمو: نانڪ مدناڻي


    نئون قانون

    منگو ڪوچوان پنهنجي اڏي ۾ عقلمند ماڻهو سمجهيو ويندو هئو. جيتوڻيڪ هن جي تعليمي حيثيت نه جي برابر هئي ۽ هن ڪڏهن به اسڪول جو منهن نه ڏٺو هو، تڏهن به ڄڻ هن کي دنيا جي سڀني ڳالهين جي خبر هئي. اڏي جا اهي سڀ ڪوچوان، جن کي اهو ڄاڻڻ جي خواهش هوندي هئي ته دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، استاد منگوءَ جي وسيع علم کان بخوبي واقف هئا.
    ڪجهه ئي ڏينهن اڳ جڏهن استاد منگو پنهنجي هڪ سواريءَ کان اسپين ۾ جنگ ڇڙڻ جو افواهه ٻڌو هو ته هن گاما چوڌريءَ جي ويڪري ڪلهي تي ٿڦڪي ڏيئي، مدبرن واري انداز ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي، ”ڏسجانءِ، چوڌري ٿورن ئي ڏينهن ۾، اسپين ۾ جنگ ڇڙي ويندي!“
    ۽ جڏهن گاما چوڌري پڇيو هوس ته اسپين ڪٿي آهي تڏهن استاد منگو ڌيرج سان جواب ڏنو هئو،”ولايت ۾، ٻيو ڪٿي؟“
    اسپين ۾ جنگ ڇڙڻ جي خبر جڏهن اسٽيشن ٻاهران ٽانگن جي اڏي تي، جتي ڪيترائي ڪوچوان ڌرتي تي ويهي حقو ڇڪي رهيا هئا، پهتي هئي تڏهن سڀ دل ئي دل ۾ استاد منگو جي قابليت کي داد ڏيڻ لڳا هئا ۽ استاد منگو انهيءَ وقت مال روڊ جي چمڪندڙ سطح تي ٽانگو هلائيندي، پنهنجي سواريءَ سان هندو مسلم فساد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيو هئو. انهي ڏينهن، سانجهي ٿيڻ کان ٿورو اڳ جڏهن هو اڏي تي آيو، تڏهن هن جو چهرو غير معمولي طور ڳاڙهو هئو. حقي جو دؤر هلندي هلندي، هندو مسلم فسادن جي ڳالهه ڇڙي ته استاد منگوءَ مٿي تان خاڪي پڳڙي لاهي ڪڇ ۾ دٻائي عالماڻي نوع ۾ چيو، ”اهو ڪنهن پير جي پٽ جو ئي نتيجو آهي، جو هندن ۽ مسلمانن ۾ چاقو ۽ ڇريون هلنديون ٿيون رهن. مون پنهنجن وڏن کان ٻڌو آهي ته اڪبر بادشاهه ڪنهن درويش جي دل ڏکائي هئي ۽ ان درويش ڪاوڙ وچان هن کي اهو پاراتو ڏنو هو ته تنهنجي هندستان ۾ هميشه فساد ٿيندا رهندا- ۽ جڏهن کان اڪبر بادشاهه جو راڄ ختم ٿيو آهي، هندستان ۾ فسادن مٿان فساد ٿي رهيا آهن. هي ڪانگريسي هندستان کي آزاد ڪرائڻ ٿا چاهن، پر مان چوان ٿو ته اگر هي هزار سال به ڀت سان مٿو ڀڃندا رهن ته به ڪجهه نه ورندو، وڌ ۾ وڌ ائين ٿيندو جو انگريز هليا ويندا ۽ ڪو اٽلي وارو يا روس وارو، جنهن بابت ٻڌو اٿم ته ڏاڍو طاقت وارو آهي، هليو ايندو ۽ هندستان هميشه غلام رهندو. اڙي ها! مون کان اهو ٻڌائڻ ته وسري ئي ويو ته پير اڪبر بادشاهه کي اهو پاراتو به ڏنو هو ته هندستان تي هميشه ڌاريا ئي راڄ ڪندا رهندا.“
    استاد منگو کي انگريزن کان سخت نفرت هئي ۽ ان نفرت جو سبب هو اهو ڏيندو هو ته اهي، هن جي هندستان مٿان پنهنجو سڪو ٿا هلائن، هندستانين مٿان قسمين قسمين ظلم ٿا ڪن. پر ان نفرت جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو جو ڇانوڻي جا ”گورا“ هن کي ڏاڍو ستائيندا هئا، هن سان ڪتن جهڙو سلوڪ ڪندا هئا. تنهن کان سواءِ هن کي سندن چمڙِيءَ جو رنگ به نه وڻندو هو. جڏهن به هو ڪنهن گوري جي سرخ ۽ سفيد چهري کي ڏسندو هو، تڏهن کيس ڄڻ الٽي اچي ويندي هئي. هو چوندو هو ”انهن جو ڳاڙهو، گهنجن ڀريو چهريو ڏسي، مون کي اهڙو لاش ٿو يا اچي، جنهن تان مٿين سنهي چمڙي ڳري هيٺ ڪرندي هجي.“
    جڏهن به ڪنهن گوري سان هن جو جهڳڙو ٿيندو هو تڏهن سڄو ڏينهن هن جي طبعيت پريشان رهندي هئي ۽ شام جو اڏي تي موٽي،”هر“ ڇاپ سگريٽ ڇڪيندي يا حقي مان ڪش لڳائيندي ان گوري کي دل کولي گاريون ڏيندو هو. ڪڇي گار ڏيئي، پنهنجي ڪنڌ کي ڍلي پڳڙيءَ سميت جهٽڪو ڏيئي چوندو هو، ”آيا هئا ٽانڊو کڻڻ ۽ ٿي ويٺا آهن مالڪ! نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي انهن حرام زادن باندرن ۽ وري رعب ته ائين ٿا ڄمائين، گويا اسان سندن ابن جا زر خريد ٻانها آهيو-!“ جيسين تائين هن جو ڪو ساٿي هن وٽ ويٺو هوندو هو، تيسين تائين هو پنهنجي سيني ۾ عرصي کان دکندڙ باهه کي ٻاهر ڪڍندو رهندو هو،”شڪل ڏسينس ته ڄڻ ڪوڙهه جي بيماري اٿس، ڌڪ هڻڻ بعد ائين ٿي گٽ مٽ ڪيائين، ڄڻ مون کي ڪچو چٻارڻ جو خيال ڪيو هئائين. تنهنجو قسم، پهرين ته خيال آيو ته هن جي کوپري ذريون ذريون ڪري ڇڏيان، پر اهو سوچي باز اچي ويس ته ان مردود کي مارڻ، پنهنجي بيعزتي ڪرڻ آهي...“ چوندي چوندي هو ٿوري دير چپ ٿي ويندو هو ۽ نڪ کي خاڪي قميص جي ٻانهن سان صاف ڪرڻ بعد وري چوڻ شروع ڪندو هو، ”قسم اٿم ڀڳوان جو، انهن لاٽ صاحبن جا ناز سهندي سهندي مان ته ڏاڍو تنگ ٿي پيو آهيان. انهن جو چٻرو ڏسنديئي رڳن ۾ خون ٽهڪڻ ٿو لڳي. ڪو نئون قانون ٻانون ٺهي ته انهن کان نجات ملي، نه ته....“
    ۽ جڏهن هڪ ڏينهن استاد منگو، ڪچهري کان پنهنجي ٽانگي ۾ ٻه سواريون کنيون ۽ انهن جي گفتگو مان هن کي خبر پئي ته هندستان ۾ نئون قانون شروع ٿيڻ وارو آهي تڏهن هن جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. ٻه مارواڙي، جي ڪچهري ۾ پنهنجي ديواني مقدمي جي سلسلي ۾ آيا هئا، گهر موٽندي، نئين قانون يعنيٰ انڊيا ائڪٽ بابت پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا.
    ”ٻڌو آهي ته پهرين اپريل کان هندستان ۾ نئون قانون شروع ٿيندو- ڇا هر ڪا شيءِ بدلجي ويندي؟“
    ”هر ڪا شيءِ نه نه بدلجندي، پر چون ٿا ته گهڻو ڪجهه بدلجي ويندو ۽ هندستانين کي آزادي ملي ويندي.“
    ”ڇا وياج متعلق به ڪو نئون قانون پاس ٿيندو؟“
    ”انهي بابت جاچ ڪرڻ گهرجي، سڀاڻي ڪنهن وڪيل کان پڇنداسين.“
    انهن مارواڙين جي ڳالهه ٻولهه، استاد منگو جي دل ۾ بيحد خوشي پيدا ڪري رهي هئي. هو پنهنجي گهوڙي کي هميشه گاريون ڏيندو هو ۽ ان کي چهبوڪ سان ڏاڍو ماريندو هو پر تنهن ڏينهن، هو وري وري مڙي پٺيان ويٺل مارواڙين طرف ڏسي رهيو هو ۽ پنهنجين وڏين مڇن جا وار هڪ آڱر سان، نهايت صفائي سان مٿي ڪري، گهوڙي جي پٺي تي واڳون ڍلون ڪري، پيار وچان چئي رهيو هئو، ”هل پٽ، هل- ذرا هوا سان ڳالهيون ته ڪري ڏيکار...!“
    مارواڙين کي انهن جي منزل تي پهچائي، هن انارڪليءَ ۾ دينو حلوائي جي دڪان تي اڌ سير ڏهيءَ جي لسي پي هڪ زوردار اوڳرائي ڏني ۽ مڇن جي وارن کي وات ۾ وجهي، انهن کي چوسيندي، اهڙي ئي بلند آواز ۾ چيو ”هت تيري ايسي ڪي تيسي.“
    شام جو اڏي تي موٽيو ته هميشه جي ابتڙ اتي پنهنجي واقفڪارن مان ڪنهن کي به نه ڏسي هن جي سيني ۾ عجيب و غريب طوفان برپا ٿي ويو. اڄ هو هڪ تمام وڏي خبر پنهنجن دوستن کي ٻڌائڻ وارو هو، تمام وڏي خبر- ! ۽ ان خبر کي پنهنجي اندر مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هو ڏاڍو پريشان ٿي رهيو هو، پر اتي ڪو به ڪونه هو. اڏ ڪلاڪ تائين هو چهبڪ ڪڇ ۾ دٻائي، اسٽيشن جي اڏي جي لوهي ڇت هيٺان، بيقراريءَ جي حالت ۾ ٽهلندو رهيو، هن جي دماغ ۾ سٺا سٺا خيال اچي رهيا هئا. نئين قانون جي خبر هن کي هڪ نئين دنيا ۾ آڻي بيهاريو هو. هو ان نئين قانون بابت، جيڪو پهرين اپريل کان، هندستان سان لاڳو ٿيڻ وارو هو. پنهنجي دماغ جون سڀ بتيون روشن ڪري غور ڪري رهو هو. هن جي ڪنن ۾ مارواڙيءَ جو اهو انديشو، ”ڇا وياج بابت ڪو نئون قانون پاس ٿيندو؟“ وري وري گونجي رهيو هو، هن جي سڄي جسم ۾ خوشيءَ جي لهر ڊورائي رهيو هو. ڪيترائي ڀيرا پنهنجين گهاٽين مڇن اندران کلي هن انهن مارواڙين کي گار ڏني، ”...... غريبن جي کٽ ۾ لڪل منگهڻ، نئون قانون انهن لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ثابت ٿيندو!“
    هو ڏاڍو خوش هو. هن خيال ٿي ڪيو ته گورن، سفيد ڪوئن، (هو انهن کي ان نالي سان ياد ڪندو هو) جا ٻوٿ، نئون قانون لاڳو ٿيندئي هميشه لاءِ ٻرن ۾ غائب ٿي ويندا.
    جڏهن نَٿوُ گنجو، بغل ۾ پڳڙي دٻائي، اڏي ۾ داخل ٿيو ته استاد منگو اڳتي وڌي، هن جو هٿ پنهنجن هٿن ۾ وٺي بلند آواز ۾ چوڻ لڳو، ”پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪر... اهڙي خبر ٻڌائيندو مانءِ جو دل خوش ٿي ويندءِ خوشيءَ وچان تنهنجي گنجي ٺوڙهه تي وار اڀري ايندا!“ ائين چئي، منگو هر هر چپن تي ڄڀ ڦريندي، نئين قانون بابت پنهنجي دوست کي ٻڌائڻ لڳو،.ڳالهه هلندي هن ڪيترائي ڀيرا نَٿو گنجي جي هٿ مٿان زور سان پنهنجو هٿ هڻي چيو، ”تون ڏسندو رهه، ڇا ٿو ٿئي، اهو روس وارو بادشاهه ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري ساهي پٽندو.“
    استاد منگو موجوده سوويت نظام جي اشتراڪي سرگرمين بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هو ۽ هن کي اتان جا نوان قانون ۽ ٻيون نيون چيزون ڏاڍيون پسند هيون. انهي لاءِ هن ”روس واري بادشاهه“ کي ”انڊيا ائڪٽ“ يعنيٰ نئين قانون سان کڻي ملايو ۽ پهرين اپريل تي پراڻي نظام ۾ جيڪي نيون ڦيرو، ڦارون ٿيڻ وارون هيون، هن انهن کي ”روس واي بادشاهه“ جي اثر جو نتيجو ٿي سمجهيو.
    ڪجهه عرصي کان پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ ”لال چولن“ جي تحريڪ جاري هئي، استاد منگو ان تحريڪ کي پنهنجي دماغ ۾” روس واري بادشاهه“ ۽ وري نئين قانون سان گڏي ڇڏيو هو، انهي کان سواءِ جڏهن به هو ڪنهن کان ٻڌندو هو ته فلاڻي شهر ۾ هيترن بم ٺاهيندڙن کي پڪڙيو ويو يا فلاڻي هنڌ هيترن ماڻهن تي بغاوت جي الزام ۾ مقدمو هلايو ويو آهي ته انهن سڀني واقعن کي نئين قانون جا اهڃاڻ سمجهندو هو ۽ دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيندو هو.
    هڪ ڏينهن هن جي ٽانگي ۾ ٻه بئريسٽر ”نئين قانون“ تي سخت تنقيد ڪري رهيا هئا ۽ هو خاموشي سان انهن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. انهن مان هڪ چئي رهيو هو، ”نئين قانون جوٻيو حصو فيڊريشن آهي جيڪو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. دنيا جي تاريخ ۾ اڄ تائين نه ڏٺو ويو آهي ۽ نه ٻڌو ويو آهي. سياسي نظريي جي لحاظ کان به اهو فيڊريشن بلڪل غلط آهي. اڃا به ائين چوڻ گهرجي ته ان کي فيڊريشن چئي ئي نٿو سگهجي.“
    انهن بئريسٽرن ۾ جيڪا گفتگو ٿي، ان ۾ ڪيترا لفظ انگريزي هئا. انهي لاءِ استاد منگو صرف مٿين جملي کي ئي ڪي قدر سمجهيو ۽ هن انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍيو ته اهي ماڻهو هندستان ۾ نئين قانون جي اچڻ کي سٺو نٿا سمجهن ۽ ائين به نٿا چاهين ته ڪو وطن آزاد ٿئي ۽ انهيءَ خيال جي اثر هيٺ هن ڪيترا ڀيرا انهن ٻن بئريسٽرن کي حقار ت ڀريل نظرن سان ڏسي دل ئي دل ۾ چيو، ”ٽوڊي ٻچا!“
    جڏهن هو ڪنهن کي دٻيل آواز ۾”ٽو ڊي ٻچا“ چوندو هو ته دل ئي دل ۾ اهو محسوس ڪري ڏاڍو خوش ٿيندو هو ته هن لقب کي صحيح هنڌ استعمال ڪيو آهي ۽ هن ۾ شريف ماڻهو ۽ ”ٽو ڊي ٻچي“ کي سڃاڻڻ جي لياقت آهي.
    ان واقعي بعد ٽئين ڏينهن هو گورنمينٽ ڪاليج جي ٽن شاگردن کي پنهنجي ٽانگي ۾ ويهاري ”مزنگ“ وڃي رهيو هو ته هن انهن ٽن ڇوڪرن کي پاڻ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو:
    ”نئين قانون منهنجيون اميدون وڌايون آهن، اگر..... صاحب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ته ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ نوڪري ضرور ملي ويندي.“
    ”هونئن به ڪافي جايون خالي ٿينديون، شايد ان گڙ ٻڙ ۾ ڪجهه اسان جي هٿ به لڳي وڃي.“
    ”ها، ها، ڇوڪين...“
    ”هي بيڪار گرئجوئيٽ، جي ماريا ماريا ڦري رهيا آهن، انهن جو ڪجهه تعداد ته ضرور گهٽجندو...“
    ان گفتگو استاد منگو جي دل ۾ نئين قانون جي همت اڃا به وڌائي ڇڏي ۽ هو ان کي اهڙي شيءِ سمجهڻ لڳو، جا ڏاڍي چمڪندڙ هجي. نئون قانون.... ! هو ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا سوچيندو هو. ”يعني ڪا نئين شيءِ! ۽ هر دفعي هن جي نظرن سامهون پنهنجي گهوڙِي جو اهو نئون ساز ٿي آيو، جو هن ٻه سال اڳ چوڌري خدا بخش کان چڱي طرح ٺوڪي وڄائي خريد ڪيو هو. ان ساز ئي، جڏهن اهو نئون هو، هنڌ هنڌ لوهه جون لڪل ڪيل ڪليون چمڪنديون هيون ۽ جتي جتي پتل جو ڪم هو، اهو سون جيان چمڪيدار ۽ ڀڀڪيدار لڳڻ ضروري هو.
    پهرين اپريل تائين استاد منگو، نئين قانون خلاف ۽ سندس فائدي ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌو پر ان بابت جيڪو تصور، هو پنهنجي ذهن ۾ قائم ڪري چڪو هو، بدلجي نه سگهيو. هن سمجهيو ٿي ته پهرين اپريل تي، نئين قانون جي اينديئي، سڄو معاملو صاف ٿي ويندو ۽ هن کي يقين هو ته ان جي اچڻ تي جيڪي شيون نظر اينديون، انهن مان هن جي اکين کي ضرور ٿڌڪار پهچندي .آخر ڪار مارچ جا ايڪٽيهه ڏينهن گذري ويا ۽ اپريل جي شروع ٿيڻ ۾ رات جا ڪجهه خاموش ڪلاڪ باقي رهجي ويا. موسم، هميشه خلاف، سرد هئي ۽ هوا ۾ تازگي هئي، پهرين اپريل تي استاد منگو، صبح جو سوير اٿيو ۽ طنبلي ۾ وڃي ٽانگي ۾ گهوڙو جوٽي، ٻاهر نڪري ويو، هن جي طبعيت اڄ غير معمولي طور تي مسرور هئي- هو نئين قانون کي ڏسڻ وارو هو!
    هن صبح جي سرد ڌنڌلڪي ۾ ڪيترن ئي تنگ ۽ کليل بازارين جو چڪر لڳايو پر هن کي هر ڪا شيءِ پراڻي نظر آئي- پراڻي- آسمان جيان پراڻي! هن جي نگاهن اڄ خاص طور تي نئون رنگ ٿي ڏسڻ چاهيو پر سواءِ ان ڪلنگيءَ جي، جا رنگ برنگي کنڀن مان ٺهيل هئي، ۽ سندس گهوڙِي جي مٿي تي ڄميل هئي، ٻيون سڀ شيون کيس پراڻيون نظر اچي رهيون هيون. اها نئين ڪلنگي، هن نئين قانون جي خوشي ۾ 31 مارچ تي، چوڌري خدا بخش کان ساڍي چوڏهين آني خريدي هئي.
    گهوڙي جي ٽاپ- ٽاپ- جو آواز، ڪاري سڙڪ ۽ ان جي آسپاس ، ٿورو مفاصلو ڇڏي، لڳايل بجليءَ جا ٿنڀا، دڪانن جا بورڊ، هن جي گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ پيل گهنگهرن جي جهنڪار، بازار ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهو انهن مان ڪهڙي شيءِ نئين هئي؟ظاهر آهي ته ڪابه نه، پر استاد منگو مايوس نه هو.
    ”اڃا ڪافي سوير آهي، دڪان به ته سڀ بند آهن.“ اهو خيال هن کي ڌيرج ڏيئي رهيو هو، انهي کانسواءِ هن اهو به پئي سوچيو ته ”هاءِ ڪورٽ ۾ نوين بجي کانپوءِ ئي ڪم شروع ٿيندو آهي، پوءِ ايترو جلدي نئون قانون ڪٿان نظر ايندو؟“
    هن جو ٽانگو گورنمينٽ ڪاليج جي دروازي ويجهو پهتو ته گهڙيال نَوَ ٺڪاءُ هنيا. ڪاليج جي وڏي دروازي مان ٻاهر نڪرندڙ شاگرد خوش نظر اچي رهيا هئا پر استاد منگو کي الائي ڇو انهن جا ڪپڙا ميرا نظر اچي رهيا هئا. شايد انهيءَ جو سبب اهو هو ته اڄ هن جي نگاهن ڪنهن غير معمولي جلوي جو نظارو ڪرڻ ئي چاهيو. ٽانگي کي ساڄي هٿ طرف موڙي، هو ٿوري دير لاءِ وري نارڪليءَ ۾ پهتو، بازار جا قريب قريب اڌ دڪان کلي چڪا هئا ۽ ماڻهن جي آمدرفت به وڌي وئي هئي. حلوائين جي دڪانن تي گراهڪن جي ڪافي رش هئي، مڃار جون نمائشي شيون شيشي جي الماڙين ۾ ڏسندڙن جون دليون موهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون ۽ بجلي جي تارن تي ڪيترا ڪبوتر پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا، پر استاد منگو لاءِ انهن سڀني شين ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه رهي هئي!- هن نئون قانون ڏسڻ ٿي چاهيو، ٺيڪ ساڳئي نموني جئين هو پنهنجو گهوڙو ڏسي رهيو هئو.
    جڏهن استاد منگو جي گهر ٻار چمڻ وارو هو ته هن چار پنج مهينا ڏاڍي بيقراري ۾ گذاريا هئا، هن کي يقين هو ته ٻار ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور ڄمندو پر هو انتظار جون گهڙيون نٿي ڪاٽي سگهيو. هن چاهيو ته هو پنهنجي ٻار کي صرف هڪ دفعو ڏسي، انهي بعد اهو ڀلي آرام سان ڄمندو رهي ۽ انهيءَ خواهش جي اثر هيٺ هن ڪيترائي ڀيرا پنهنجي بيمار زال جي پيٽ کي دٻائي، ان مٿان ڪن رکي، پنهجي ٻار بابت ڪجهه ڄاڻڻ چاهيو هو پر هن کي ناڪام رهڻو پيو هو. هڪ دفعي هو انتظار ڪندي ڪندي ايتري قدر ته تنگ اچي ويو هو جو پنهنجي زال مٿان ڏمري پيو، ”تون هر وقت مڙدي جيان پيئي ٿي رهين، اٿي ڪجهه گهم ڦر، تنهنجي لڱن ۾ ٿوري طاقت ته اچي. ائين سمهڻ مان ڪجهه به نه ورندو، ڇا تون سمجهين ٿي ته ائين سمهي پئي تون ٻار ڄڻي سگهندينءَ؟“
    استاد منگو ڏاڍو جلد باز هو، هن جي زال گنگا، هن جي ان قسم جي بيقارين کي ڏسي عام طور هن کي چوندي هئي، ”اڃا کوهه کوٽيو نه ويو آهي ۽ تون اڃ وچان بي حال ٿي رهيو آهين.“
    ڪجهه به هجي پر استاد منگو، نئين قانون جي انتظار ۾ ايترو ته بيقرار نه هو جيترو هن کي پنهنجي طبعيت مطابق ٿيڻ گهريو هو. هو اڄ نئين قانون کي ڏسڻ لاءِ گهران نڪتو هو، ٺيڪ ساڳي طرح جيئن هو گانڌي يا جواهر لال جي سرگس جو نظارو ڪرڻ لاءِ نڪرندو هو. ليڊرن جي عظمت جو اندازو، استاد منگو هميشه انهن جي جلسي جي هنگامن ۽ انهن جي ڳچين ۾ وڌل گلن جي هارن مان لڳائيندو هو، اگر ڪو ليڊر گينڊي جي گلن سان سٿيل هجي ته استاد منگو اڳيان اهو وڏو ماڻهو هو ۽ اگر ڪنهن ليڊر جي جلسي ۾ غنڊا گرديءَ وچان ٻه ٽي فساد ٿيندي ٿيندي رهجي وڃن ته هن جي نگاهن ۾ اهو اڃا به وڏو هو، ۽ هاڻي نئين قانون کي هن پنهنجي ذهن جي انهيءَ تارازي ۾ تورڻ ٿي چاهيو.
    انارڪلي مان نڪري، هو مال روڊ جي چمڪندڙ سطح تي پنهنجي ٽانگي کي آهستي آهستي هلائي رهيو هو ته موٽرن جي دڪان ويجهو، هن کي چاوڻي جي هڪ سواري ملي وئي، ڀاڙو طئه ڪرڻ بعد هن پنهنجي گهوڙِ کي چهبوڪ ڏيکاريو ۽ دل ۾ سوچيو، ”ٺيڪ ئي ٿيو- شايد ڇانوڻي مان ئي نئين قانون جي ڪا خبر ملي وڃي.“
    ڇانوڻي پهچي، استاد منگو سواري کي منزل تي رسائي، کيسي مان سگريٽ ڪڍي، ساڄي هٿ جي آخري ٻن آڱرين ۾ دٻائي دکايو ۽ پٺئين طرف ٿي ويهي رهيو. جڏهن استاد منگوءَ کي ڪنهن سواريءَ جي ڳولها نه ڪرڻي هوندي هئي، يا هن کي ڪنهن گذريل واقعي تي غور ڪرڻو هوندو هو ، ته هو عام طور اڳين سيٽ ڇڏي، پٺئين طرف ڏاڍي آرام سان ويهي، پنهنجي گهوڙِ جون واڳون ساڄي هٿ جي چوڌاري ويڙهي ڇڏيندو هو. اهڙن موقعن تي هن جو گهوڙو ٿورو هڻڪارڻ بعد ڏاڍي ڌيمي چال هلڻ شروع ڪندو هو، هن کي ڪجهه دير لاءِ ڊڪ ڊوڙ کان موڪل ملي هجي.
    گهوڙِي جي چال جيان استاد منگو جي دماغ ۾ خيالن جي امد ڏاڍي سست پئي ٿي. جيئن گهوڙو آهستي آهستي قدم کڻي رهيو هو، تئين استاد منگو جي ذهن ۾ نئين قانون بابت نوان انديشا داخل ٿي رهيا هئا. هو نئين قانون هيٺ ميونسپل ڪاميٽي ۾ ٽانگن لاءِ نمبر ملڻ جي طريقي تي غور ڪري رهيو هو ۽ ان قابل غور ڳالهه کي نئين قانون جي روشني ۾ ڏسڻ جو سعيو ڪري رهيو هو. اچانڪ هن کي ائين محسوس ٿيو، ڀانءِ ڪنهن هن کي سواري لاءِ سڏيو هجي، هن مڙي پٺيان ڏٺو. سڙڪ جي ٻئي ڀر بجلي جي ٿنڀي ويجهو بيٺل هڪ گورو هن کي سڏي رهيو هو.
    مٿي ٻڌايو ويو آهي ته استاد منگو کي گورن کان بي حد نفرت هئي، انهيءَ لاءِ جڏهن هن پنهنجي تازي گراهڪ کي گوري جي شڪل ۾ ڏٺو ته هن جي دل ۾ نفرت جا جذبا پيدا ٿي پيا. پهرين ته هن جي دل ۾ خيال آيو ته گوري طرف ڌيان نه ڏئي، هن کي ڇڏي هليو وڃي، پر بعد ۾ هن سوچيو”انهن جا پيسا ڇڏڻ به بيوقوفي آهي، ڪلنگيءَ تي مفت ۾ ساڍا چوڏنهن آنا خرچيا اٿم ڇا؟ اهي هن مان ئي وصول ڪرڻ گهرجن.“ ائين سوچي هن ٽانگو گوري طرف وڌايو.
    خالي سڙڪ ئي نهايت صفائي سان ٽانگو موڙي هن گهوڙي کي چهبڪ ڏيکاريو. اکٻوٽ ۾ هو بجلي جي ٿنڀي وٽ پهتو، گهوڙي جون واڳون ڇڪي هن ٽانگو روڪيو ۽ پٺين طرف ويٺي ويٺي گوري کان پڇيو، ”صاحب بهادر کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“
    ان سوال ۾ بلا جي طنز هئي. ”صاحب بهادر“ چوندي هن جو مڇن هيٺان لڪل مٿيون چپ هيٺ ڇڪجي ويو هو ۽ ڳل جي هن طرف جا هلڪي ليڪ نڪ جي ناسن کان کاڏي تائين ڦهلجي وئي هئس. سان هڪ لرزش سان گهري ٿي ويس. گويا ڪنهن نوڪيلي چاقو سان شيشم جي ڪارسري ڪاٺي ۾ ڇيد ڪيو هو.
    جڏهن گورو، جيڪو بجلي جي ٿني جي اوٽ ۾ هوا جو رخ بچائي، سگريٽ دکائي رهيو هو، مڙي ٽانگي جي پائدان طرف قدم وڌايو، ته اچانڪ استاد منگو ۽ هن جون نظرون چار ٿيون ۽ ائين محسوس ٿيو ڀانءِ آمهون سامهون وارين چئن بدوقن مان گوليون خارج ٿيون ۽ پاڻ ۾ ٽڪرجي هڪ آتشين طوفان بڻجي مٿي اڏامي ويون.
    استاد منگو، جو پنهنجي ساڄي هٿ تان واڳ جا وڪڙ کولي ٽانگي تان هيٺ لهڻ وارو هو، پنهنجي سامهون بيٺل ”گوري“ کي ائين ڏسي رهيو هو گويا ان جي وجود جي ذري ذري کي پنهنجين نگاهن سان چٻاڙي رهيو هو، ۽ گورو پنهنجي نيري پتلون تان ڪجهه ائين ڇنڊي رهيو هو ڀانءِ هو استاد منگو جي ان حملي کان پنهنجي وجود جي ڪجهه حصي کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    گوري سگريٽ جو دونهون ٻاهر ڪڍندي چيو ، ”هلندي يا وري گڙ ڀڙ ڪندين؟“
    اهو ئي آهي! اهي لفظ استاد منگو کي ذهن ۾ پيدا ٿيا ۽ هن جي چوڙي ڇاتي ۾ نچڻ لڳا.
    اهو ئي آهي! هن اهي لفظ پنهنجي من ۾ ئي دهرايا ۽ هن کي پڪو يقين ٿي ويو ته اهو گورو، جو هن سامهون هو، اهو ئي هو، جنهن سان گذريل سال هن جو جهيڙو ٿي پيو هو ۽ خوامخواهه جي جهڳڙي ۾ هن کي ڪيتريون ڳالهيون سهڻيون پيون هيون. استاد منگو هن جو دماغ جاءِ تي آڻي ڇڏي ها، هن جو وجود ختم ڪري ڇڏي ها، پر ڪنهن سب هو خاموش ٿي ويو هو، هن کي ڄاڻ هئي، اهڙين ڳالهين ۾ عدالت جو نزلو عام طور ڪوچوالن مٿان ئي ڪرندو آهي.
    استاد منگو گذريل سال جي لڙائي ۽ پهرين اپريل جي نئين قانون تي غور ڪندي، گوري کي چيو، ته ”ڪيڏانهن وڃڻو اٿئي؟“
    استاد منگو جي لهچي ۾ هن جي چهبڪ جيان تيزي هئي.
    ”هيرا منڊي“ گوري جواب ڏنو.
    ”پنج رپيا لڳندا“ استاد منگو جون مڇون لڏڻ لڳيون.
    ”پنج رپيا! ڇا تون-“
    ”ها، ها، پنج رپيا.“ چوندي استاد منگو جو وارن سان ڀريل ساڄو هٿ ڀيڪوڙجي هڪ زوردار مڪ جي شڪل وٺي بيٺو”هلندين، يا بيڪار ڳالهيون ٺاهيندين؟“
    گورو گذريل سال جي واقعي کي پيش نظر رکي، استاد منگو جي ڇاتي جي چوڙائي کي نظر انداز ڪري چڪو هو، هو سوچي رهيو هو، هن جي ٺوڙهه کي وري خارش کنيو آهي ۽ ان حوصلو وڌائيندڙ خيال جي اثر هيٺ هو آڪڙجي ٽانگي طرف وڌيو ۽ پنهنجي ڇڙيءَ سان استاد منگو کي ٽانگي تان هيٺ لهڻ جو اشارو ڪيائين، ان پالش ٿيل سنهي ڇڙيءَ ، استاد منگو جي ٿلهي ران کي به ٽي دفعا ڇهيو. هن بيٺي هوندي، مٿان بندري گوري کي ڏٺو، ڀانءِ هن پنهنجي نظرن جي وزن سان ئي هن کي بينهين ڇڏڻ ٿي چاهيو، ۽ پوءِ هن جي مڪ، ڪمان مان تير جيان مٿي کڄي وئي ۽ اک ٻوٽ ۾ گوري جي کاڏي هيٺان ڄمي وئي. ڌڪو ڏيئي هن گوري کي پري هٽايو ۽ هيٺ لهي هن مٿان مڪن جا وسڪارا ڪرڻ لڳو.
    ششدر ۽ حيران گوري هيڏانهن هوڏانهن سميٽجي استاد منگو جي وزني مڪن کان بچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن ڏٺائين ته مخالف مٿان ديوانگي جهڙي حالت طاري آهي، هن جي اکين مان شرارا وسي رهيا آهن، تڏهن هو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو. ان چيخ و پڪار استاد منگو جي ٻانهن جي ڪم ۾ اڃا به تيزي آندي هو گوري کي دل کولي ماري رهيو هو ۽ گڏو گڏ چئي رهيو هو، ”پهرين اپريل تي به اها آڪڙ... پهرين اپريل تي به ساڳي آڪڙ.... هاڻي اسان جو راڄ آهي ٻچا!“
    ماڻهو ڪٺا ٿي ويا ۽ پوليس جي ٻن سپاهين ڏاڍي مشڪل سان گوري کي استاد منگو جي گرفت مان آزاد ڪرايو. استاد منگو انهن ٻن سپاهين جي وچ ۾ بيٺو هو. هن جي ويڪري ڇاتي، وڏن ساهن سبب هيٺ مٿي ٿي رهي هئي، وات مان گگ وهي رهي هئي ۽ پنهنجي مسڪرائيندڙ اکين سان حيرت زده ميڙ طرف ڏسي ڪنبدڙ آواز ۾ چئي رهيو هو، ”اهي ڏينهن گذري ويا، جڏهن خليل خان ڪبوتر اڏائيندو هو، هاڻي نئون قانون آهي، ميان- نئون قانون !“
    ۽ ويچارو گورو پنهنجي بگڙيل چهري سان بيوقفن جيان ڪڏهن استاد منگو طرف ڏسي رهيو هو ۽ ڪڏهن هجوم طرف.
    استاد منگو کي پوليس جا سپاهي ٿاڻي تي وٺي ويا. رستي ۾ ۽ ٿاڻي اندر هو ”نئون قانون“ چوندو رهيو پر ڪنهن به ڪين ٻڌس.
    ”نئون قانون! نئون قانون! ڇا ٿو بڪين؟ قانون اهو ئي پراڻو آهي!“
    ۽ هن کي حوالات ۾ بند ڪيو ويو.


    ترجمو: نانڪ مدناڻي


    ڪرامتن وارو مولوي

    چوڌري موجو پراڻي بڙ جي ڇانو ۾ کٽ تي سڪون سان حقو پي رهيو هو ۽ هن جي وات مان دونهون نڪري ٻنپهرن جي گرم هوا ۾ گم ٿي پئي ويو.
    هو صبح کان پنهنجي ٻنيءَ ۾ هرُ هلائي ٿڪجي پيو هو. سخت گرمي هئي ۽ ڪانو جي پئي اک نڪري، پر هن سڪون سان حقو پي مزو پئي ورتو. حقو پيئڻ سان هن جو سارو ٿڪ لهي ويو هو.
    هن جي پگهر به سڪي ويو آهي پر هن کي جسم ۾ ٿڌاڻ محسوس ڪونه ٿي هو جيڪڏهن ٿڌاڻ محسوس ڪري پيو ته اها هن کي حقي پيئڻ سان نصيب ٿئي پئي.
    هو حقي مان ڀرپور مزو وٺي رهيو هو، هن کي خبر آهي ته هن جو ٿڪ صرف چند گهڙيون حقو پيئڻ سان لهي سگهي ٿو.
    هن جو پگهر بلڪل سڪي ويو ۽ گرم هوا هن کي ڪا به ٿڌاڻ ڪونه ٿي پهچائي، پر حقي جو ٿڌو لذيذ دونهون هن جي دل ۽ دماغ کي سرور پهچائي رهيو آهو.
    هاڻي ماني جو وقت هو، ماني ۽ لسي هن ڏانهن سندس اڪيلي سڪيلڌي ڌيءَ جينان کڻي ايندي هئي. هو روزانو ٺيڪ وقت تي ماني کڻي پهچندي هئي، گهر ۾ جينان کي ڪوبه هٿ ونڊائڻ وارو ڪونه هو، هن جي ماءُ هئي جنهن کي به ٻه سال اڳ چوڌري موجوءَ طلاق ڏئي ڇڏي هئي.
    هن جي سڪيلڌي ڌيءَ جينان نهايت فرمانبردار ڇوڪري هئي، هو پنهنجي پيءَ جو تمام گهڻو خيال رکندي هئي، گهر جو ڪم ڪار به نهايت هوشياري سان ڪندي هئي. واندڪائي ۾ هوءَ چرخو هلائيندي هئي يا پنهنجين سهلين سان ڳالهين ۾ گذاريندي هئي. چوڌري موجوءَ جي زمين ايڏي وڏي به ڪانه هئي پر هن جي پنهنجي گذاري لاءِ ڪافي هئي. جنهن ڳوٺ ۾ چوڌري موجو رهندو هو، اهو ڳوٺ بلڪل ننڍڙو ڳوٺ هو، هن جي ڳوٺ ڀرسان ڪابه ريلوي اسٽيشن ڪانه هئي، ڪوبه سڌو رستو شهر ڏانهن ڪونه پئي آيو. ڪچو رستو هو جيڪو ڪنهن ٻئي وڏي ڳوٺ وٽان پڪي رستي سان ملندو هو. چوڌري موجو هر مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي گهوڙي سوار ڪري ان وڏي ڳوٺ ڏانهن ويندو هو ۽ روز مره جو ضروري سامان وٺي آڻيندو هو.
    پهريون هو ڏاڍو خوش هو، هن کي ڪوبه فڪر ڪونه هو، ٻن ٽن سالن کان هن کي پٽ جي اولاد/ وارث بابت فڪر ورايو جيڪو سندس نصيب ۾ نه هيو پر پوءِ هن شڪر ڪندي چيو ته جيڪو الله کي منظور. هينئر جڏهن کان هن پنهنجي زال کي طلاق ڏئي پيڪين اماڻي ڇڏيو آهي تڏهن کان هن جي زندگي تتل رڻ ٻڻجي وئي آهي. هو سمجهي ٿو ته سندس زال سڄو ڀاڳ پاڻ سان کڻي وئي آهي. چوڌري موجو هڪ مذهبي ماڻهو آهي پر هن کي صرف ٽن شين جي خبر آهي. هڪ الله جي عبادت ڪرڻ، ٻيو جيڪو الله جو رسول پاڪ آهي ان جا حڪم مڃڻ ۽ ٽيون قرآن پاڪ جيڪو خدا جو ڪلام آهي ۽ جيڪو رسول پاڪ جن تي نازل ٿيو آهي ۽ بس.
    نمازن ۽ روزي کان بي پرواهه ماڻهو هن ڳوٺ ۾ رهندا هئا. هن جي ڳوٺ ۾ ڪا به مسجد ڪانه هئي ڏهه پندرنهن گهر گهر هئا اهي به ٿوري ٿوري سڏ پنڌ تي آباد هئا. ماڻهو صرف الله جو ذڪر ڪندا هئا. انهن جي دلين ۾ صرف خدا جو خوف رهندو هو. تقريبن هر گهر ۾ قرآن شريف موجود هوندو هو پر پڙهڻ ڪوبه ڪونه ڄاڻيندو هو. سڀئي احترام سان قرآن شريف کي پوتيون پهرائي طاق تي رکي ڇڏيندا هئا. قرآن شريف جي ضرورت تڏهن پوندي هئي. جڏهن ڪنهن کان ڪا ڳالهه سچي ڪرائڻي پوندي هئي يا ڪنهن ڳالهه تي قسم کڻڻو پوندو هو.
    ڳوٺ ۾ ملان، مولويءَ جي شڪل تڏهن نظر ايندي هئي جڏهن ڪو وهانءُ ٿيندو هو باقي جنازي جي نماز به ڳوٺ وارا پاڻ پڙهندا هئا. چوڌري موجو اهڙن موقعن تي تمام گهڻو ماڻهن جي ڪم ايندو هو. هن جي گفتار ۾ وڏو اثر هو، هو جڏهن به ڪنهن مرحوم جي خوبين جي واکاڻ ڪندو هو يا مغفرت لاءِ دعا ڪندو هو اهو ڄڻ هن جي گهر جو ڀاتي هو. گذريل سال هن جي دوست دينوءَ جو جوان پٽ مري ويو ته هن ان نوجوان جي لاش کي قبر ۾ لاهيندي چيو، ” هاءِ هاءِ ڇا ته حسين جوان هو، ٿڪ اڇليندو هو ته ويهه وال پري ڪرندي هئي، هن جي پيشاب جي ڌار تمام پري وڃي ڪرندي هئي، ساهه منجهائڻ جو ته ماهر هو. نعرو هڻي ٻن آڱرين سان نڪ کي ائين کوليندو هو جيئن ڪُڙتي جو بٽڻ کلي پوي. يار دينو لاءِ ته اڄ قيامت جو ڏينهن آهي. تون ڪڏهن به هي صدمو برداشت ڪري نه سگهندين. اهڙو حسين نوجوان.... اهڙو خوبصورت جوان....نيتي سونارڻ جهڙي خوبصورت هٺيلي ڇوڪريءَ هن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي تعويذ ڪيا پر واهه سائين واهه قربان وڃان دينو تنهنجي پٽ تان..... تنهنجو ڇوڪرو لنگوٽي ٻڌڻ جو ماهر هو، خدا ڪري جنت ۾ سڀ کان حسين حور هن کي ملي ۽ اتي به لنگوٽي ٻڌڻ ۾ پڪو رهي ته جيئن الله تعاليٰ خوش ٿي هن مٿان رحمون نازڪ ڪندو رهي. آمين.“
    هن جي خطبي ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهن جنهن ۾ دينو به شامل هو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا ۽ پاڻ موجوءَ جي اکين مان به ڳوڙها وهي نڪتا هئا.
    چوڌري موجو جڏهن پنهنجي زال ڦتان کي طلاق ڏني هئي ته هن ڪنهن بزرگ يا ملان مولوي سان صلاح جي ضرورت محسوس ڪئي. هي وڏن کان ٻڌندو پئي آيو ته ٽي ڀيرا طلاق...... طلاق....... طلاق چوڻ سان قصو ئي ختم ٿي وڃي ٿو. طلاق ڏيڻ کان پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن کي احساس ٿيو ته هن جلد بازي کان ڪم ورتو آهي ۽ غلط فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي هن کي پشيماني ٿي ۽ هاڻي هو پڇتائي رهيو هو. زال مڙس وچ م جهيڙو ٿيندو رهندو آهي پر طلاق واري نوبت نه ايندي آهي. در گذر ڪرڻ گهرجي هان!
    ڦتان هن کي بيحد پسند هئي، هاڻي هوءَ جوان ڪونه هئي پر پوءِ به هن کي هن جو سڊول جسم وڻندو هو، هن جون مٺيون مٺيون ڳالهيون هن کي موهي وجهنديون هيون،آخر هوءَ جينان جي ماءُ به هئي. هاڻي ڇا ٿيندو تير ڪمان مان نڪري چڪو هو.
    چوڌري موجو جڏهن به ڦتان بابت سوچيندو هو ته هن جي حقي جو دونهون هن جي نڙي ۾ ڦاسي پوندو هو.
    ماءُ وانگر جينان به نهايت خوبصورت هئي، ٻن سالن ۾ ڪافي وڏي ٿي چڪي هئي، هاڻي خوبصورت جينان جواني جي ڏاڪي تي چڙهي چڪي هئي. هن جي انگ انگ مان جواني ڦٽي نڪتي هئي. چوڌري موجو کي هاڻي هن جي وهانءَ جو به فڪر هو. ان موقعي تي ڦتان هن کي گهڻو ياد ايندي هئي.
    وڏي کٽ تي چوڌري موجو پنهنجي جاءِ ٺاهيندي ۽ گوڏ کي ٺيڪ ڪري حقي مان ڊگها ڊگها ڪش هڻڻ لڳو ۽ کنگهڻ لڳو. کنگهڻ دوران هن کي ڪنهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ”اسلام عليڪم ورحمته الله و برڪاتھُ“
    چوڌري موجوءَ ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو ته هن کي سفيد ڪپڙن ۾ هڪ ڊگهي ڏاڙهي وارو بزرگ نظر آيو. هن سلام جو جواب ڏنو ۽ سوچڻ لڳو ته هي شخص ڪٿان آيو؟بزرگ جي وڏين اکين ۾ سرمو پاتل هو ۽ رعبدار پئي لڳو، سندس سونهاريءَ جا وار اڌ اڇا اڌ ڪارا هئا. سفيد دستار سان مٿو ڍڪيل هئس ۽ ڪنڌ تي پيلي رنگ وارو ريشمي رومال ۽ هٿ ۾ چانديءَ جي مٺئي واري ٿلهي لٺ هئي، پيرن ۾ ڳاڙهي رنگ جو نرم جوتو پهريل هوس.
    چوڌري موجو جڏهن بزرگ کي غور سان ڏٺو ته هن جي دل ۾ عزت ۽ احترام پيدا ٿيو ۽ هو کٽ تان جلدي اٿي بزرگ کي هٿ ادب جا ٻڌي چوڻ لڳو، ” سائين اوهان ڪٿان کان آيا آهيو ۽ ڪيئن حاضر ٿيا آهيو؟“
    بزرگ چپن تي هلڪي مسڪراهٽ آڻي چيو، ”پير فقير ڪٿان به اچن ... هنن جو ڪوبه گهر ڪونه هوندو آهي. هنن جي اچڻ وڃڻ جو ڪوبه وقت مقرر ڪونهي. الله تبارڪ تعاليٰ جيڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو اوڏانهن هلي پوڻ، جتي رڪجڻ جو حڪم مليو اتي رڪجي پياسين.“
    چوڌري موجو بزرگ جي انهن لفظن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو هن اڳتي اچي بزرگ جا هٿ وڏي احترام سان چميا ۽ پنهنجي اکين تي رکيا، ”چوڌري موجو جو گهر اوهان جو پنهنجو گهر آهي بزرگ سائين“
    بزرگ سڳورو هلڪي مرڪ سان کٽ تي ويٺو ۽ پنهنجي چانديءَ جي مٺئي واري لٺ کي ٻنهي هٿن سان جهلي ان تي پنهنجو مٿي ٽيڪي چيو ”الله جل شان کي تنهنجي الائي ڪهڙي ڳالهه پسند آئي جو پنهنجي هن حقير ۽ عارضي بندي کي تو وٽ موڪليو اٿائين.“
    چوڌري موجود خوش ٿي پڇيو، ”مولوي صاحب اوهان الله جي حڪم سان هتي آيا آهيو؟“
    مولوي صاحب پنهنجو لٺ مٿان ٽيڪيل ڪنڌ مٿي کڻي چيو ” ته ڇا مان تنهنجي حڪم تي آيو آهيان، اسين تنهنجا ٻنها آهيو يا ان جا جنهن جي عبادت ۾ چاليهه سال گذاري رتبو حاصل ڪيو آهي.“
    چوڌري موجو ڊڄي ويو ۽ پنهنجي مخصوص سادي ۽ ڳوٺاڻي پر خلوص، سچن جذبن سان احترامن مولوي صاحب کان معافي ورتي ۽ چيائين ”مولوي صاحب اسان کي ته نماز پڙهڻ به ڪونه ٿي اچي اسان کان روزانو ڏوهه به ٿي وڃن ٿا، اسين گنگهار آهيو اسان جي بخشش هاڻي تنهنجي هٿن ۾ آهي”
    مولوي صاحب سرمي لڳل وڏين اکين کي بند ڪندي چيو ”مان ان لاءِ هتي آيو آهيان.“
    چوڌري موجو پاڻ زمين تي هيٺ ويهي رهيو ۽ مولوي صاحب جي پيرن کي زور ڏيڻ لڳو، ان وچ ۾ چوڌري موجوءَ جي سڪيلڌي ڌيءَ جينان به آئي. جينان مولوي کي ڏٺو ته رئي سان منهن کي ڍڪي پردو ڪرڻ لڳي. مولويءَ جڏهن جينان کي ڏٺو ته پڇيو، ”چوڌري هي ڪير آهي؟“
    ”منهنجي ڌيءَ مولوي صاحب، جينان نالو اٿس.“
    مولوي صاحب اڌ اکيون کليل ۽ اڌ اکيون بند ڪري جينان کي ڏسي چوڌري کي چيو، ”اسان جهڙن فقيرن کان ڪهڙو پردو!“
    ”اوهان کان ڪوبه پردو ڪونهي مولوي صاحب، پردو وري ڪهڙو سائين!“
    چوڌري جينان کي چوڻ لڳو”جينان هي مولوي صاحب آهي الله جو خاص نمائندو. هن کان ڪهڙو پردو ٿي ڪرين، پردو نه ڪر.“
    جينان رئي سان ڍڪيل چهري تان رئو هٽائي پنهنجي پيءَ جي حڪم جي بجا آوري ڪئي، مولوي سرمي لڳل اکين مان جينان کي ڏسي، موجو کي چيو، ”تنهنجي ڌيءَ خوبصورت آهي چوڌري.“
    انهن لفظن تي جينان شرمائڻ لڳي ۽ مولوي صاحب کي موجو جواب ڏيندي چيو، ”مولوي صاحب، ماءُ تي وئي آهي.“
    ”ڪٿي آهي هن جي ماءُ؟“
    مولوي صاحب وري جينان جي ڦوهه جواني تي نظر وڌي.
    چوڌري موجو گهٻرائجي ويو ته هو هاڻي ڪهڙو جواب ڏي، مولوي صاحب وري پڇيو ”هن جي ماءُ ڪٿي آهي چوڌري.“
    چوڌري جلدي جواب ڏنو ”گذاري وئي آهي.“
    مولوي صاحب جون اکيون وري جينان ڏانهن گهورڻ لڳيون. مولوي صاحب چوڌري جي جواب مان مطمئن نه ٿيو ۽ وڏي رعب سان چيو، ”چوڌري تون ڪوڙ ٿو هڻين.“
    موجو مولوي صاحب جي پيرن تي ڪري پيو ۽ پيشماني واري حالت ۾ چيو، ”جي سائين مون ڪوڙ ڳالهايو آهي... مون کي معاف ڪندا... مان وڏو ڪوڙو ماڻهو آهيان، مون جينان جي ماءُ کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي.”
    مولوي هڪ ڊگهي ”هون“ ڪري نظرون جينان کان هٽائي موجو کي چيو، ”تون گنهگار آهين ڪهڙو قصور هو ان بي زبان جو؟“
    موجو پريشان ٿي ويو ۽ چيائين، ”مون کي ته ڪا خبر ڪانهي مولوي صاحب... معمولي ڳالهه هئي جو وڌي وڃي طلاق تائين پهتي، مان واقعي گنهگار آهيان، طلاق ڏيڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي ئي مون سوچيو هو ته مان ڪهڙِي بيوقوفي ڪئي آهي؟ پر ان وقت ڇا ٿي سگهيو پئي. جهرڪيون فصل چڳي چڪيون هيون پڇتاءُ سان ڇا ٿي سگهيو پئي مولوي صاحب!“
    مولوي صاحب چانديءَ جي مٺئي واري لٺ موجوءَ جي ڪنڌ تي رکي چيو، ”الله تعاليٰ جي ذات وڏي آهي. هو رحيم ۽ وڏو ڪريم آهي. هو چاهي ته بگڙيل ڪم به بڻائي سگهي ٿو، ان جو حڪم ٿيو ته هي حقير فقير تنهنجي نجات لاءِ ڪو رستو ڪڍي وٺندو.“
    موجوءَ شڪر گذار ٿي مولوي جي ٽنگن کي چنبڙي پيو ۽ روئڻ لڳو، مولوي صاحب وري جينان کي گهرڻ لڳو. جينان جي اکين مان به ڳوڙها وهي نڪتا هئا.
    مولوي صاحب رعبدار ۽ حاڪماڻي لهجي ۾ جينان کي چيو، ”هيڏانهن اچ ڇوڪري!“
    اهڙي حڪم کي جينان به ٽاري نه سگهي، هوءَ ماني ۽ لسي کي هڪ پاسي کري مولوي جي کٽ ڏانهن هلي آئي مولوي صاحب هن کي ٻانهن کان وٺي چيو”هتي ويهه ....“
    جينان زمين تي ويهڻ لڳي ته مولوي هن جي ٻانهن کي مٿي ڇڪي چيو،”مٿي کٽ تي مون سان ويهه ....“
    جينان مولوي سان کٽ تي ويهي رهي، مولوي صاحب جينان جي چيلهه ۾ ٻانهن ٽپائي ڇڪي پنهنجي ويجهو ڪري پڇيو، ”ڇا کڻي آئي آهين منهنجي کائڻ لاءِ؟“
    جينان هن کان پاڻ ڇڏائڻ لڳي پر مولوي جي ٻانهن هن جي چيلهه ۾ مضبوط جڪڙيل هئي. جينان ڪو چارو نه سمجهي جواب ڏنو، ”جي.... ماني ساڳ ۽ لسي آهي.”
    مولوي صاحب جينان جي نازڪ پر مضبوط چيلهه کي هڪ ڀيرو وري هٿ سان زور ڏيندي چيو، ”ماني ڪڍ ۽ مون کي کاراءِ.“
    جينان اٿي ته مولوي صاحب موجو جي ڪنڌ کي چاندي جي مٺئي واري لٺ سان زور ڏئي اٿاريو، ”اٿ چوڌري..... منهنجا هٿ ڌوئار.“
    موجو ٽپ ڏئي اٿيو. ڀرسان کوهه هو اتان پاڻي ڀري آيو ۽ مولوي جا هٿ عاجزي ۽ مريداڻي انداز ۾ ڌوئاريا. جينان کٽ تي ماني رکي. مولوي صاحب سموري ماني ۽ ساڳ چٽ ڪري ويو، مٿان لسي جا ٻه ٽي وٽا پي جينان کي حڪم ڏنو ته هوءَ هاڻي هٿ ڌوئاري. جينان حڪم جي انحرافي نه ڪري سگهي ڇاڪاڻ جو مولوي جي شڪل صورت ۽ ان جو لب ولهجو حڪماڻو هو.
    مولوي صاحب اوڳرائي ڏئي زور سان الحمد الله چيو ۽ ڏاڙهي تي آلو هٿ ڦيرايائين ته ايتري ۾ هڪ ٻي اوڳرائي ڏئي کٽ تي ليٽي پيو. مولوي هڪ اک کي بند ڪري ٻي اک سان جينان جي اڀريل ڇاتين کي ڏسندو رهيو، جينان جلدي ٿانو کڻي هلي وئي. مولوي صاحب هاڻي ٻئي اکيون بند ڪري چيو ”موجو هاڻي آءُ آرام ڪندس.”
    موجو ڪافي دير تائين مولوي صاحب جي ٽنگن ۽ پيرن کي زور ڏيندو رهيو، جڏهن هن ڏٺو ته مولوي سمهي پيو آهي ته هو چلم ۾ تمام وجهي بکي پيٽ حقو پيئڻ لڳو پر هو اڄ ڏاڍو خوش هو هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هن جي زندگيءَ جو وڏو بار هلڪو ٿي ويو هجي، هن دل ۾ پنهنجي مخصوص سادي ۽ ڳوٺاڻي انداز ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو، جنهن پنهنجي طرفان مولوي صاحب جي روپ ۾ رحمت جو فرشتو هن ڏانهن موڪليو هجي.
    پهرين هن چيو ته مولوي وٽ ويٺو رهي ته جيئن خدمت ۾ ڪا ڪسر نه رهجي وڃي پر جڏهن ڏٺائين ته ڪافي دير ٿي وئي آهي ۽ مولوي گهري ننڊ ۾ ستل آهي ته هو اٿيو ۽ پنهنجي زمين ڏانهن هليو ويو ۽ پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. هن کي ته اهو به خيال نه رهيو هو ته پيٽ بکيو آهي پر هو نهايت خوش هو ته هن جي حصي جي ماني به مولوي کائي ويو ۽ هن کي ان جو ثواب ضرور مليو هوندو.
    شام کان پهريائين جڏهن زمين جي ڪم ڪار کان واندو ٿي واپس وريو ته هن کي نهايت ڏک پهتو ته مولوي صاحب موجود ڪونه هو. هن پنهنجو پاڻ تي لعنت ملامت ڪئي ته هو مولوي کي اڪيلو ڇڏي ڇو ويو هو، ڪاش! هن جي حضور ۾ ويٺو رهان ها. شايد هو ناراض ٿي ويو هجي ۽ بددعا ڪري ويو هجي. جڏهن موجو اهو سوچي رهيو هو ته هن جو جسم ڏڪي رهيو هو ۽ اکين مان نير ويهي نڪتا هئا.
    موجوءَ مولوي صاحب کي هر هنڌ تلاش ڪيو پر هو ڪٿي به ڪونه مليو. شام ٿي وئي، هن جو ڪوبه اطلاع يا پتو نه پئجي سگهيو، موجود پنهنجو پاڻ کي سست ڪاهل چئي لعنت ملامت ڪئي. هو ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳو. هن کي رستي ۾ ٻه گهٻرايل نوجوان مليا. موجوءَ انهن نوجوانن کان گهٻراهٽ ۽ پريشاني جو سبب پڇيو ته هنن پهريائين لنوايو پر پوءِ اصل ڳالهه ڪري ٻڌائي ته هو جڏهن زمين ۾ پوريل شراب جو مٽ ڪڍي پي رهيا هئا ته نوراني صورت وارو بزرگ يڪدم نظر آيو ۽ غضبناڪ نظرن سان اسان کي ڏسي چيو ته اوهين حرام پي رهيا آهيو، جنهن شيءِ کي الله تبارڪ و تعاليٰ حرام قرار ڏنو آهي اهو پي ڪري ڪيڏو گناهه ڪيو آهي. جنهن جو ڪوبه ڪفارو ڪونهي. پوءِ اسان کي ڪابه جرئت ڪانه ٿي سگهي ته ڪجهه چئي سگهون. واءُ مينهن هڪ ڪري هتي پهچي ساهه کنيو آهي.
    موجو انهن نوجوانن کي ٻڌايو ته اهو نوراني صورت وارو بزرگ الله جو پهتل ٻانهو آهي خدا خير ڪري هاڻي هن ڳوٺ تي الائي ڪهڙو عذاب نازل ٿيندو، هڪ ته هو هن کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو ٻيو وري نوجوانن کي حرام شئي پيئندي ڏسي ورتو هئائين.
    ”الله پناهه ۾ رکي.... هاڻي الله ئي نگهبان آهي نوجوانو!“ چوڌري وڦلندو پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. جينان گهر ۾ موجود هئي پر هن سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪيائين ۽ خاموش ٿي کٽ تي حقو پيئڻ لڳو. هن جي ذهن تي پهتل ٻانهو سوار هو. هاڻي هن کي يقين ٿي ويو ته خدا جي آفت ضرور نازل ٿيندي.
    شام جو ماني تيار هئي، جينان مولوي لاءِ به ماني تيار ڪئي هئي. جڏهن هن پنهنجي پيءَ موجو کان مولوي بابت پڇيو ته هو ڪٿي آهي؟ ته موجو ڏک ڀري لهجي ۾ چيو ”هليو ويو.... هليو ويو....“ هن جو اسان گنهگارن وٽ ڪهڙو ڪم.
    جينان کي خود ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ جو مولوي صاحب چيو هو ته ڦتان واپس اچي سگي ٿي پر هينئر ته هو الائي ڪيڏانهن وڃي چڪو هو! جينان خاموش ٿي ننڍڙي کٽولي تي ويهي رهي ۽ ماني به ٿڌي ٿي وئي.
    ٿوري دير ۾ ڪنهن جي اچڻ جو آواز آيو، پيءَ ۽ ڌيءَ ڇرڪجي ويا، موجو تڪڙ ۾ اٿي ٻاهر ويو ۽ چند گهڙين ۾ مولوي سميت گهر ۾ داخل ٿيو، ڏيئي جي هلڪي روشني ۾ جينان مولوي کي ڏٺو ته هو لڏندو لمندو پئي آيو. هن جي هٿ ۾ هڪ ننڍڙو مٽ هو.
    موجو مولوي صاحب کي سهارو ڏئي کٽ تي ويهاريو. مولوي مٽ موجو کي ڏيندي وڦلندي چيو، ”اڄ خدا منهنجو سخت امتحان ورتو آهي. تنهنجي ڳوٺ جا ٻه نوجوان شراب جو مٽ ڪڍي پيئڻ وارا هئا ته آئون پهچي ويس، اهي نوجوان مون کي ڏسي وٺي ڀڳا، مون کي گهرو صدمو پهتو ته ننڍڙي عمر ۾ ايڏو وڏو گناهه پر پوءِ مون سوچيو ته هن عمر ۾ اڪثر نوجوان ڀٽڪي وڃن ٿا، ان لاءِ مون الله تعاليٰ جي حضور ۾ نياز نوڙت سان منٿون ڪري عرض ڪيو ته اي الله هنن نوجوانن جو گناهه معاف ڪيو وڃي، نيٺ جواب مليو، خبر اٿئي موجو! ڪهڙو جواب مليو؟“
    ”نه سائين، نه....“
    ”الله تبارڪ و تعاليٰ جواب ۾ فرمايو ته ڇا تون انهن نوجوانن جو گناهه پاڻ تي کڻين ٿو؟ مون عرض ڪيو ،ها سائين.... آواز آيو ته هي سارو مٽ کڻي پي وڃ، مان الله.... انهن نوجوانن جي خشش ڪري ڇڏيندس.“
    موجو وري اهڙِي دنيا ۾ هليو ويو جيڪا هن جي پنهنجي خيال جي پيداوار هئي، هن جي لڱن مان سيراٽيون نڪري ويون ”ته اوهان پي ڇڏيو....!؟“
    مولوي ڳالهائڻ وقت تمام گهڻو وڦلي رهيو هو، ”ها! مون پي.... پي.... مون نوجوانن جو گناهه پنهنجي سر تي کنيو آهي.... رب العزت جي آڏو سرخرو ٿيڻ لاءِ پيتو آهي. مٽ ۾ اڃان به شراب آهي. اهو به مون کي ئي پيئڻو پوندو، مٽ کي سنڀالي رک ۽ ڏس هن مان هڪ ڍڪ به هيڏي هوڏي نه ٿئي.“
    موجود مٽ جو منهن ڪپڙي سان بند ڪري ڪمري ۾ رکي واپس صحن ۾ آيو ته مولوي صاحب جينان کان مٿي تي زور ڏياري رهيو هو ۽ هن کي چئي رهيو هو ،”جيڪو ماڻهو ٻي ماڻهو جي ڪم اچي اهو شخص الله تعاليٰ کي تمام گهڻو پيارو آهي ۽ الله ان مان خوش رهندو آهي ۽ هاڻي هو مون مان تمام گهڻو خوش آهي ۽ مان تو مان گهڻو خوش آهيان.“
    ان خوشي ۾ مولوي صاحب جينان کي ڀرسان ويهاري هن جي پيشاني تان چمي ورتي ۽ جينان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر مولوي زوري ڀاڪر وجهي ويهي رهيو، مولوي جينان کي پنهنجي سيني سان لڳائي موجو کي چيو ”چوڌري تنهنجي ڌيءَ جينان جا ڀاڳ کليا اٿئي.“
    چوڌري اها ڳالهه ٻڌي مولوي آڏو هٿ ادب جا ٻڌي احسان مند ۽ شڪر گذار ٿيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو“ هي سڀ اوهان جي ڪرم سان ٿيو آهي، اوهان جو لک لک ڀلايون.“
    مولوي جينان کي وري ٻيهر پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيو، “الله مهربان آهي، جينان آئون تو کي هڪ وظيفو ٻڌائيندس اهو پڙهندي رهه تو تي الله تعاليٰ هميشه مهربان رهندو.“
    ٻئي ڏينهن مولوي ڏاڍي دير سان ننڊ مان اٿيو. موجو خوف کان زمين تي به ڪونه ويو ۽ صحن ۾ مولوي جي کٽ ڀرسان ويٺو رهيو، جڏهن هو اٿيو ته موجوءَ هن کي ڏندڻ ڪرايو، وهنجاريو ۽ هن جي حڪم مطابق شراب جو مٽ کڻي هن جي آڏو رکيو. مولوي صاحب ڪجهه پڙهي مٽ جو منهن کولي ٽي ڀيرا مٽ ۾ شوڪاريو ۽ ٽي پيالا ڀري پي ويو ۽ مٿي آسمان ڏانهن نهاري ڪجهه پڙهائين ۽ بلند آواز ۾ چيائين، ”يا منهنجا مولا آئون تنهنجي هر امتحان ۾ پورو لهندس.... موجو وڃ..... حڪم ٿيو آهي ته تون هاڻي وڃ ۽ پنهنجي گهر واري ڦتان کي وٺي اچ، هينئر رستو ملي ويو آهي تون وڃ.“
    موجود ڏاڍو خوش ٿيو. جلدي جلدي هن گهوڙي تي زين رکي مولوي کي چيو آءُ صبحوڪي سج ۾ واپس ورندس ۽ جينان کي چيائين ته مولوي صاحب جو خيال رکجانءِ ۽ خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه رهائجانءِ.
    جينان ٿانون صاف ڪرڻ ۾ رڌل هئي ۽ هوڏانهن مولوي کٽ تي ويهي هن کي گهري رهيو ۽ شراب جون پياليون پي رهيو هو. ان کان پوءِ هن ٿلهن مڻين واري تسبيح کيسي مان ڪڍي پڙهڻ شروع ڪئي جڏهن جينان ڪم مان واندي ٿي ته مولوي چيو. ”جينان وضو ڪري آءُ.“
    جينان سادگيءَ سان جواب ڏنو، ” مولوي صاحب مون کي وضو ڪرڻ نه ٿو اچي.“
    مولوي پيار مان جينان کي هدايت ڪئي ته هو الله تعاليٰ کي ڪهڙو جواب ڏيندي اهو چئي مولوي جينان کي وضو ڪرائڻ لڳو ۽ جيئن ئي جينان وضو ڪري رهي هئي ته مولوي هن جي بدن جي هر عضوي کي تڪيندو رهيو. وضو ڪرائڻ کان پوءِ مولوي صاحب مصلو گهريو. مصلو نه مليو ته مولوي جينان کي دڙڪا ڏنا ۽ رلهي وڇائڻ لاءِ چيو. هوءَ رلهي کڻي آئي. مولوي حڪم ڏنو ته هن کي اندر ڪمري ۾ وڇاءِ ۽ جينان ڪمري ۾ رلهي وڇائي. جڏهن جينان رلهي وڇائي ته مولوي جينان کي ٻاهرين در جي ڪنڊي لڳائڻ لاءِ حڪم ڪيو ۽ جينان در کي ڪنڊي ڏني پوءِ مولوي صاحب چيو شراب ۽ پيالو کڻي آ. جينان شراب جو مٽ ۽ پيالو کڻي هن جي اڳيان رکيو، مولوي شراب جو مٽ ۽ پيالو ڀري اڌ پيالو هڪ ڳيت ۾ پي ويو ۽ اڌ پيالو سامهون رکي ڇڏيو ،پوءِ تسبيح کي سورڻ لڳو. انهي دوران جينان سندس ڀرسان ويٺي رهي، ڪافي دير مولوي اکيون بند ڪري وظيفو پڙهندو رهيو ۽ اکيون کولي ٽي ڀيرا شراب جي پيالي ۾ شوڪاريو ۽ جينان کي حڪم ڪيو ته” هي شراب جو پيالو پي ڇڏ.“
    جينان شراب جو پيالو هٿن ۾ کنيو ته هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا. مولوي جلال ۾ اچي ويو ۽ جينان کي گهرڻ لڳو“مان چوانءِ ٿو پي وڃ، تنهنجا سمورا ڏک سور لهي ويندا.“
    جينان شراب جو پيالو کڻي پي وئي. مولوي چپن تي هلڪي مسڪراهٽ آڻي جينان کي چيو ، ”مان وري وظيفو پڙهڻ شروع ڪيان ٿو جڏهن وظفيو پڙهندي شهادت جي آڱر سان اشارو ڏيانءِ ته اڌ پيالو مٽ مان ڪڍي پي ڇڏجانءِ...... سمجهي وئينءَ.“ مولوي صاحب هن کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي ڪونه ڏنو ۽ اکيون بند ڪري مراقبي ۾ هليو ويو. جينان جي وات جو ذائقو خراب ٿي ويو. هن کي ائين لڳو ته هن جي سيني مان باهه جا الا نڪري رهيا هجن ، هو چاهي پئي ته اٿي ٿڌو پاڻي پيئي پر هو اٿي نه سگهي. نڙي سڙي رهي هيس.، ايتري ۾ مولوي صاحب شهادت واري آڱر مٿي کنئي. جينان به مڪمل هپناٽائيز ٿي چڪي هئي. هن بي وسيءَ ۾ جلدي پيالو مٽ مان ڀري پي ڇڏيو. هن کي ڪوڙاڻ جو احساس ٿيو ۽ هن ٿوڪڻ به چاهيو پر هو اٿي نه سگهي . مولوي صاحب وري اکيون بند ڪري تسبيح کي سورڻ لڳو، جينان جو مٿو چڪرائجي رهيو هو ۽ هن کي ننڊ اچي رهي هئي. هن نيم بيهوشي واري حالت ۾ محسوس ڪيو ته هو ڪنهن ڏاڙهي مچ ڪوڙيل جوان مرد جي هنج ۾ هئي ۽ هو بهشت ڏيکارڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو هو.
    جينان جڏهن اکيون کوليون ته هن پاڻ کي رلهيءَ تي ليٽيل محسوس ڪيو، هن خماريل اکين سان هيڏي هوڏي نهاريو پوءِ هن سوچڻ شروع ڪيو ته هو هتي ڇو سمهي پئي هئي. ٿوري دير ۾ جينان کي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو ۽ هو وري سمهڻ لڳي پر هڪدم اٿي ويٺي. مولوي صاحب ڪٿي هو؟ ۽ بهشت....؟ ڪير به ڪونه هو... هوءَ ڪمري کان نڪري صحن ۾ آئي ته ڪافي ڏينهن گذري چڪو هو ۽ مولوي ٻاهر وضو ڪري رهيو هو. مولوي جينان جي پيرن جو آواز ٻڌي پوئتي جينان ڏانهن نهاريو ۽ هلڪي مسڪراهٽ چپن تي آندائين. ايتري ۾ جينان واپس ڪمري اندر هلي وئي ۽ رلهي تي ويهي پنهنجي ماءُ بابت سوچڻ لڳي جنهن کي پڻس موجو وٺڻ ويو هو، جنهن جي واپس ورڻ ۾ پوري رات باقي هئي. هن کي سخت بک لڳي هئي، هن ڪجهه پچايو به نه هو، هن جي ننڍڙي پريشان دماغ ۾ بيشمار ڳالهيون آيون. ان وچ ۾ مولوي صاحب آيو ۽ چئي هليو ويو ته ”مون کي تنهجي پيءَ لاءِ هڪ وظيفو ڪرڻو آهي، ساري رات قبر مٿان ويهندس ۽ صبح سوير موٽي ايندس ۽ تنهنجي لاءِ به دعا گهرندس“
    مولوي صبح سوير گهر ۾ آيو. هن جي وڏين اکين ۾ سرمو ڪونه هو. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون. هو هٻڪي هٻڪي ڳالهائي رهيو هو ۽ قدم به لڙکڙائجي رهيا هئس. هو صحن ۾ ايندي ئي جينان کي ڏسي مسڪرائڻ لڳو ۽ اڳتي وڌي جينان کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي چمڻ لڳو پوءِ کٽ تي ويهي رهيو، جينان ننڍڙي کٽ تي ويهي رهي ۽ گذريل ڌنڌلي واقعي بابت سوچڻ لڳي. هاڻي هن کي پيءَ جو به انتظار هو جنهن کي هينئر تائين پهچڻ گهرجي ها، ماءُ کان وڇڙي به هن کي ٻه سال ٿي چڪا هئا ۽ بهشت... بهشت ڇا ته بهشت هو ۽ ڇا ته بهشت جا مزا هئا.....!! اهو مولوي صاحب هو؟ پر هن کي ڌنڌلو خيال هو ته ان ماڻهو کي ڏاڙهي مڇ بلڪل ڪونه هئي ۽ هو بلڪل ڳڀرو جوان هو.
    مولوي ٿوري دير کان پوءِ جينان کي چيو”جينان اڃا تائين موجو ڪونه پهتو آهي.”
    جينان خاموش رهي.
    مولوي وري هن کي چيو، ”مان ساري رات هڪ پراڻي قبرستان ڪنڌ جهڪائي اونداهي رات ۾ هن لاءِ وظيفو پڙهندو رهيس. ڪڏهن ايندو هو؟ ڇا تنهنجي ماءُ کي وٺي ايندو؟“
    جينان صرف ايترو جواب ۾ چيو، ”مون کي خبر ناهي شايد ايندا هجن.... امان به ايندي پر صحيح خبر نٿي پوي.“
    ايتري ۾ ڪنهن جي اچڻ جو آواز آيو. جينان جيئن ئي اٿي ته سندس ماءُ ڦتان سامهون نظر آيس هو هن کي ڏسي ڀاڪر ۾ پئجي وئي ۽ هن جي اکين مان لڙڪ وهي نڪتا. موجود اچڻ سان ئي مولوي صاحب کي وڏي عزت ۽ احترام سان سلام ڪيو. هن پنهنجي زال ڦتان کي چيو ”ڦتان سلام ڪر مولوي صاحب کي.“
    ”ڦتان ڌيءَ کان الڳ ٿي ۽ اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي اگهي اڳيان وڌي ڪري مولوي کي سلام ڪيو. مولوي پنهنجي ڳاڙهين اکين سان ڦتان کي گهوري موجوءَ کي چيو، ”ساري رات قبر مٿان ويهي تنهنجي لاءِ وظيفو ڪيو آهي، هاڻي جو هاڻي اتان اٿي آيو آهيان. الله تعاليٰ منهنجي ٻڌي ورتي آهي. انشاءَ الله سڀ ٺيڪ ويندو.“
    موجود فرش تي ويهي مولوي جي پيرن کي زور ڏيڻ لڳو ۽ ايترو ته مولوي جو احسان مند هو جو ان احسان جو اظهار به نه ڪري پئي سگهيو، هن ڦتان کي روئڻهارڪي آواز ۾ چيو ”هيڏانهن اچ ڦتان تون ئي مولوي جو شڪر ادا ڪر مون کي ته نٿو اچي.“
    ڦتان پنهنجي مڙس سان گڏ اچي ويٺي ۽ صرف ايترو چئي سگهي ته ”اسين غريب تنهنجي احسان جو بدلو ڪئين چڪائينداسين.!“
    مولوي ڦتان کي غور سان ڏسي موجو کي چيو، ”موجو تو درست چيو ته ڦتان خوبصورت آهي، هن عمر ۾ به جوان آهي بلڪل ٻي جينان ٿي لڳي، پر ان کان به وڌيڪ خوبصورت آهي. مان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندس، ڦتان اهو سڀ الله جو فضل ۽ ڪرم سان ٿيو آهي.“
    زال مڙس خاموش ٿي ويا. موجو مولوي جي پيرن ۽ ٽنگن کي زور ڏيندو رهيو، جينان چلهو ٻاري رهي هئي. ٿوري دير ۾ مولوي اٿيو، ڦتان جي مٿي تي هٿ رکي شفقت ۽ پيار ڏنو ۽ موجو کي چيو، ” الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ۽ پوءِ وري انهي کي پنهنجي زال بڻائڻ چاهي ته اها عورت ڪنهن ٻئي مرد سان نڪاح ڪري ۽ پوءِ ان کان طلاق حاصل ڪري اهڙي. طرح پوءِ اها ساڳي زال ساڳئي مڙس جي جائز زال آهي.“
    موجو آهستي چيو ”سائين اهو ته مون به ٻڌو آهي.“
    مولوي موجو کي اٿاريو ۽ هن جي ڪنڌ تي هٿ رکي چيو، ”مون خدا تعاليٰ جي حضور ۾ دعا گهري آهي ته موجو کي اهڙي ڏکي سزا نه ڏي هن غريب کان ڀل ٿي چڪي آهي پوءِ آواز آيو ته آءُ الله روزانو تنهنجون سفارشون ڪيستائين ٻڌندو رهندس تو کي پنهنجي لاءِ جيڪو گهرڻو آهي گهر، آءُ الله ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مون عرض ڪيو يا الله منهنجا آقا، دنيا جهان جا ملڪ، مان پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه گهرندس، تنهنجو سڀ ڪجهه مون کي ڏنل آهي، موجو کي پنهنجي زال سان محبت آهي، ارشاد فرمايائون ، آءُ الله موجو جي پنهنجي زال سان محبت جو ۽ تنهنجي اميان جو امتحان وٺندس، تون هڪ ڏينهن لا ڦتان سان نڪاح ڪر ۽ ٻي ڏينهن طلاق ڏئي موجو جي حوالي ڪري ڇڏ. مان الله تنهنجي لاءِ صرف اهو ئي ڪري سگهان ٿو، اهو به ان ڪري جو تون چاليهه سال منهنجي دل سان عبادت ڪئي آهي.“
    موجو خوش ٿيندي مولوي صاحب کي چيو ”سائين مون کي منظور آهي.....“
    موجو جي منظوري کان پوءِ مولوي جي منهن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو ڦتان تي فاتحانه نظر وجهندي هن پڇيو ”تون ٻڌاءِ ڦتان؟“
    پر موجو ڦتان جي جواب جو انتظار ئي ڪونه ڪيو ۽ چئي ڇڏيو، ”سائين اسان ٻنهي کي منظور آهي.“
    مولوي اکيون بند ڪري چپن ۾ ڪجهه پڙهڻ لڳو، پڙهي ٻنهي مٿان شوڪاريائين ۽ آسمان ۾ نهاريائين، ”الله تبارڪ تعاليٰ اسان سڀني کي امتحانن ۾ پاس ڪيو آهي، موجو کي چيائين چڱو موجو مان هاڻي هلان ٿو، تون ۽ جينان اڄ رات ڪٿي هليا وڃجو ۽ صبح سوير اچجو.“ اهو چئي مولوي ٻاهر هليو ويو.
    جينان ۽ موجو تياري ڪئي. جڏهن شام جو مولوي واپس آيو ته هنن سان نهايت مختصر ڳالهايو شايد هو ڪجهه ورد ڪري رهيو هو. آخر ۾ مولوي اشارو ڪيو، جنهن تي موجو جينان کي ساڻ ڪري گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
    مولوي صاحب در جي ڪنڊي چاڙهي ڦتان کي چيو ”تون اڄ رات منهنجي زال آهين وڃ اندران بسترو کڻي کٽ تي وڇاءِ اسين سمهنداسين.“ ڦتان اندران ڪمري مان بسترو کڻي کٽ تي وڇايو.
    مولوي ڦتان کي چيو ”تون ويهه مان اچان ٿو.“
    اهو چئي مولوي اندر ڪمري ۾ ويو ۽ ڪمري ۾ ڏيئو ٻاري ڪنڊ ۾ پيل مٽ کي ڇلڪائي ڏٺو. اڃا شراب موجود هو. هن مٽ کي وات تي چاڙهي وڏا وڏا ڍڪ پيتا ۽ ڪنڊ ۾ پيل ريشمي رومال سان ڏاڙهي مڇن ۽ چپن کي صاف ڪرڻ لڳو.
    ڦتان کٽ تي ويٺي رهي ڪافي دير کان پوءِ مولوي ڪمري کان ٻهار آيو ته هن جي هٿ ۾ پيالو هو ۽ پيالي ۾ ٽي ڀيرا پڙهي دم ڪيائين پوءِ ڦتان کي ڏنائين، ” وٺ هي پيالو پي وڃ.“
    ڦتان سارو پيالو پي وئي الٽي اچڻ لڳس ته مولوي هن جي پٺي کي مهٽڻ لڳو ۽ چيائين، ”جلدي ٺيڪ ٿي وڃ.“
    ڦتان مولوي جي ڪرامت سان جلد ٺيڪ ٿي وئي ۽ مولوي صاحب هن جي جسم کي چنبڙي پيو.
    صبح سوير جينان ۽ موجو گهر واپس آيا ته هنن ڏٺو ته صحن ۾ ڦتان ليٽي پئي آهي ۽ مولوي موجود ڪونه هو. موجو سوچيو ته شايد مولوي ٻاهر زمين ڏانهن ويو آهي، هن ڦتان کي ننڊ مان جاڳيو. ڦتان آرس ڀڃندي آهستي آهستي اکيون کولي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳي بهشت.... بهشت....“ پر جڏهن هن موجو کي سامهون ڏٺو ته هن مڪمل اکيون کوليون ۽ بستري تي ليٽي پئي.
    موجو پڇيو، ”مولوي صاحب ڪٿي آهي؟“
    ڦتان اڃا پوري هوش ۾ ڪونه آئي هئي،”مولوي صاحب ڪهڙو؟ مولوي صاحب... هو ته.... خبر ناهي ڪيڏانهن ويو.“
    ” هتي ته ڪونهي. ” موجو چيو ، ”مان ٻاهر ٿو ڏسانس“
    هو وڃي رهيو هو ته ڦتان جي هلڪي رڙ هن کي ٻڌڻ ۾ آئي. موجود واپس وريو هن ڏٺو ته ڦتان ڪا شئي وهاڻي هيٺان ڪڍي رهي هئي ۽ جڏهن پوري ڪڍي ٻاهر رکيائين ته هن چيو ”هي ڇا آهي....!“
    موجود چيو، ”وار.....!!“
    ڦتان وارن کي فرش تي اڇلايو، موجود وارن کي فرش تان کڻي غور سان نهاريو ته ڏاڙهي ۽ مڇ!
    جينان گڏ بيٺي هئي تنهن چيو، ”مولوي جي ڏاڙهي ۽ مڇ!“
    ڦتان کٽ تي ويٺي ئي چيو، ”ها! ها مولوي جي ڏاڙهي ۽ مڇون آهن.“
    موجو وڏي چڪر ۾ پئجي ويو ته مولوي ويو ڪيڏانهن پر جلد هن جي سادي ۽ سٻاجهي دماغ ۾ خيال آيو ته ۽ هن جينان ۽ ڦتان کي چيو، ”توهان بلڪل نه سمجهيو ،پر مان سمجهي ويس. اهو ڪوئي ڪرامتن وارو بزرگ هو، جيڪو اسان جو ڪم لاهي ويو ۽ هي نشاني ڇڏي ويو.“ هن انهن وارن کي چميو ۽ اکين تي رکيو ۽ وارن کي جينان کي ڏيندي چيو ”وڃ انهن وارن کي صاف ڪپڙي ۾ ويڙهي وڏي صندوق ۾ رک، خدا جي حڪم سان گهر ۾ برڪت رهندي.“
    جينان اندر ڪمري ۾ وئي. موجو ڦتان جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ پيار سان چوڻ لڳو، ”مان هاڻي نماز پڙهڻ سکندس ۽ ان بزرگ لاءِ دعا گهرندس جنهن اسان ٻنهي کي ملايو.“
    موجود جي انهن لفظن تي ڦتان خاموش ٿي وئي.

    ترجمو: بشير منگي


    ڪاري سلوار

    دهلي اچڻ کان اڳ ۾ هوءَ انبالا ڇانوڻيءَ ۾ رهندي هئي جتي ڪيئي گورا انگريز هن جا گراهڪ هئا. انهن گورن سان ملڻ جلڻ ڪري هن انگريزي جا ڏهه پندرنهن جملا سکي ورتا هئا پر هوءَ انهن جملن کي گهڻي ڀاڱي ڳالهائڻ وقت استعمال نه ڪندي هئي پر جڏهن هوءَ دهلي ۾ آئي۽ هن جو ڪاروبار نه هليو ته هڪ ڏينهن هن پنهنجي پاڙيسري تمنچه جان کي چيو، ”دس ليف- ويري بيڊ“ معنيٰ هي زندگي ڏاڍي خراب آهي، ڇاڪاڻ جو ڪجهه کائڻ لاءِ به ڪونه ٿو ملي.
    امبالا ڇانوڻي ۾ هن جو ڌنڌو ڏاڍو سٺو هلندو هو. ڇانوڻيءَ جا گورا شراب پي هن وٽ ايندا هئا ۽ ٽن چئن ڪلاڪن ۾ ئي اٺن ڏهن گورن سان منهن ڏئي ويهه ويهه رپيا ڪمائي وٺندي هئي. هي گورا هن جي هم وطنن جي مقابلي ۾ ڏاڍا سٺا هئا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اهڙي زبان ڳالهائيندا هئا جنهن جو مطلب سلطانه سمجهي نه سگهندي هئي پر انهن جي زبان کان لاعلمي سلطانه جي حق ۾ سٺي ثابت ٿي. جڏهن گورن کي ڪجهه رعايت کپندي هئي ته هوءَ چوندي هئي، ”صاحب منهنجي سمجهه ۾ توهان جي ٻولي نه ٿي اچي.“ گورا هن سان حد کان وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ ڪندا هئا ته هوءَ پنهنجي زبان ۾ گورن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪندي هئي ۽ اهي گورا حيرت مان هن جي منهن کي ڏسندا هئ.ا هوءَ چوندي هئي ”صاحب تون چٻرو آهين، حرام زادو آهين – سمجهيئي؟ ” اهي لفظ چوڻ وقت هو پنهنجي لهجي ۾ سختي پيدا نه ڪندي هئي پر وڏي پيار سان انهن کي ڇنڀيندي هئي، ان تي گورا کلندا هئا ان وقت اهي گورا سلطانه کي واقعي چٻرا نظر ايندا هئا.
    پر هتي دهليءَ ۾ جڏهن هو آئي آهي ته هڪ به گورو هن وٽ نه آيو، ٽي مهينا هن کي هندستان جي هن شهر ۾ رهندي گذري ويا، جنهن جي لاءِ هن ٻڌو هو ته وڏا امير ماڻهو هتي رهن ٿا جيڪي گرمين ۾ شملا هليا ويندا آهن، پر صرف ڇهه ماڻهو هن وٽ ايندا رهندا هئا. صرف ڇهه يعنيٰ مهيني ۾ ٻه .ٻيا به اڙيا ٿڙيا ان ڇهن گراهڪن کان سواءِ آيا هئا. هن کي خدا ڪوڙ کان بچائي ته ساڍا ارڙهن رپيا وصول ٿيا هئا. ٽن رپين کان وڌيڪ ڪوبه گراهڪ ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه هو، سلطانه انهن مان پنج ماڻهن کي پنهنجو ريٽ ڏهه رپيا ٻڌائيندي هئي پر تعجب جي ڳالهه آ ته انهن مان هڪ ائين چئي ڏنو ته ”مان ٽن رپين کان هڪ رپيو به وڌيڪ نه ڏيندس.“ الائي ڪهڙي سبب کان هر هڪ ماڻهو سلطانه کي ٽن رپين جي قابل سمجهندو هو پر جڏهن ڇهون ماڻهو آيو ته هن خود ان کي چيو، ”ڏس مان ٽي رپيا هڪ ٽائيم جا وٺندس، ان کان گهٽ بلڪل نه هاڻي تنهنجي مرضي آهي ته مونسان ٽائيم پاس ڪرين يا پنهنجو رستو وٺ.” ڇهين ماڻهو اها ڳالهه ٻڌي ڪو به اعتراض نه ڪيو ۽ هن وٽ خاموشي سان هليو آيو. جڏهن هو ڪمري جي دروازي کي بند ڪري پنهنجو ڪوٽ لاهڻ لڳو ته سلطانه چيو ”هڪ رپيو کير جو به ڏي“ هن هڪ رپيو ته نه ڏنو پر کيسي مان اٺ آنا ڪڍي هن جي تريءَ تي رکيا ۽ سلطانا خاموشي سان اٺ آنا غنيمت سمجهي ورتا ۽ پوءِ اتان هلي وئي.
    ساڍا ارڙهن رپيا ٽن مهينن ۾..... ويهه رپيا ماهوار هن جي جڳهه جو ڪرايو هيو، جنهن کي مالڪ مڪان انگريزي زبان ۾ فليٽ چوندو هو، ان ۾ هڪ اهڙو واش روم هو جنهن ۾ زنجير ڇڪڻ سان ساري گندگي پاڻي جي زور سان هڪدم غائب ٿي ويندي هئي ۽ پاڻي گڙ گڙ ڪري نڪري ويندو هو. شروع شروع ۾ ته پاڻي جي گڙ گڙ هن کي وڏو ڊيڄاري وڌو، پهرين ڏينهن جڏهن هوءَ واش روم ۾ وئي ته هن جي چيلهه ۾ شدت سان سور ٿي رهيو هو. هو جڏهن رفع حاجت مان فارغ ٿي مٿي اٿي ته هن لٽڪيل زنجير جو سهارو ورتو، زنجير کي ڏسي هن کي خيال آيو ته هي فليٽ خاص ماڻهن جي رهائش لاءِ تيار ڪيو ويو هو، هيءَ زنجير ان لاءِ لڳائي وئي آهي ته اٿڻ وقت تڪليف نه ٿي ۽ سهارو ملي وڃي، پر هن جڏهن زنجير کي پڪڙي اٿڻ چاهيو ته مٿان کٽ کٽ جو آواز آيو ۽ پوءِ هڪدم پاڻي گڙ گڙ ڪري نڪتو ۽ هن جي وات مان رڙ نڪري وئي.
    خدا بخش ٻئي ڪمري ۾ پنهنجو فوٽو گرافيءَ جو سامان ٺاهي رهيو هو، هڪ صاف بوتل ۾ هائيڊروڪونين وجهي رهيو هو ته هن سلطانه جي رڙ ٻڌي، ڪمري کان ٻاهر نڪري آيو ۽ سلطانه کان پڇيو“
    ڇا ٿيو؟- هيءَ رڙ ته تنهنجي هئي؟“
    سلطانه جي دل ڌڙڪي رهي هئي. هن چيو ”هي نئون واش روم آ.... الائي ڇا آهي؟ ريل گاڏيءَ ۾ لٽڪيل زنجير وانگر هتي به واش روم ۾ زنجير لٽڪيل آهي، منهنجي چيلهه ۾ سور هو مون سوچيو ته زنجير جو سهارو وٺان پر هن زنجير سان ڇيڙ ڇاڙ مون کي ايترو پريشان ڪري ڇڏيو جو تو کي ڇا ٻڌايان؟“
    ان تي خدا بخش ڏاڍو کليو ۽ هن سلطانه کي واش روم بابت سڀ ڪجهه سمجهايو ۽ چيو ته هي واش روم نئين فيشن وارو آهي، جنهن ۾ زنجير ڇڪڻ سان سڄي واش روم جي گندگي هيٺ زمين ۾ دفن ٿي وڃي ٿي.
    خدا بخش ۽ سلطانه جو پاڻ ۾ ڪيئن ميلاپ ٿيو هو، اها هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي. خدا بخش راولپنڊي جو رهاڪو هو. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ هن لاري هلائڻ سکي، چئن سالن تائين هو راولپنڊي ۽ ڪشمير جي وچ ۾ لاري هلائيندو رهيو، ان کان پوءِ ڪشمير ۾ هن جي دوستي هڪ عورت سان ٿي جنهن کي هو ڀڄائي لاهور وٺي آيو، لاهور ۾ جڏهن هن کي ڪوبه ڪم نه مليو ته مجبورن هن ان ڪشميري عورت کي بدپيشي تي ويهاري ڇڏيو. ٻه ٽي سال مسلسل ڪم هلندو رهيو پر هوءَ عورت گهڻي دير هن سان نه هلي سگهي ۽ ٻئي شاهينگ سان گڏ ڀڄي وئي. جڏهن خدا بخش کي اها خبر پئي ته اها ڪشمير عورت امبالي ۾ آهي ته هن امبالي اچي ان عورت جي ڳولها شروع ڪئي، ڳولهيندي ڳولهيندي هن کي سلطانه ملي وئي، سلطانه به هن کي پسند ڪيو اهڙي طرح ٻنهي جو ميلاپ ٿيو.
    خدا بخش جي اچڻ کان پوءِ سلطانه جو ڪاروبار عروج تي پهتو، عورت جيئن ته اعتماد وڌيڪ رکندي آهي تنهن ڪري سلطانه سمجهيو ته خدا بخش وڏو ڀاڳوان آهي، جنهن جي اچڻ سان هن جي قسمت جاڳي پئي ۽ هن جي ترقي ٿيندي وئي. اهڙي طرح سلطانه جي دل ۾ خدا بخش جي لاءِ عزت وڌي وئي.
    خدا بخش محنتي ماڻهو هو، سڄو ڏينهن محنت ڪندو هو. هن جي هڪ فوٽو گرافر سان دوستي ٿي پئي جو ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران ڪئميرا سان فوٽو ڪڍندو هو، ان کان هن فوٽو گرافري واري هنر ۾ مهارت سکي ورتي. پوءِ هڪ ڏينهن سلطانه کان سٺ رپيا وٺي نئين ڪئميرا خريد ڪري آيو، هن پردو ٺهرايو، ٻه ڪرسيون خريد ڪيون ۽ فوٽو ڌوئڻ وارو سڀ سامان خريد ڪري پنهنجو جدا ڪم شروع ڪيو.
    هن جي فوٽو گرافري شاندار هئي جنهن ڪري هن ٿوري وقت ۾ پنهنجو دڪان امبالا ڇانوڻي ۾ کولي ورتو، جتي هو گورن جا فوٽو ڪڍندو هو. هڪ مهيني اندر هن جي ڪيترن گورن سان واقفيت ٿي آخر هو سلطانه کي ڇانوڻي واري علائقي ۾ وٺي ويو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو،. خدا بخش جي ذريعي ڪيئي گورا سلطانه جي زلفن جا اسير بڻجي ويا ۽ آمدني ۾ ٻيڻي ٿي وئي.
    سلطانه ڪنن لاءِ والا خريد ڪري ورتا، ساڻ ساڍن پنجن تولن جا ڪنگڻ به ٺهرائي ورتا، ڏهه پندرنهن سٺيون سٺيون ساڙيون به خريد ڪري ورتيون، گهر ۾ فرنيچر به نئون گهرايو ويو. قصو مختصر امبالا ڇانوڻي ۾ هو خوشحال زندگي گذارڻ لڳا پر هڪ ڏينهن خدا بخش جي دل کي الاءِ ڇا ٿيو جو هن دهلي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ڪيئن سلطانه انڪاري ڪري!! ڇاڪاڻ جو خدا بخش کي پنهنجي لاءِ مبارڪ ۽ ڀاڳن ڀري شخصيت سمجهي پئي، سلطانه خوشيءَ خوشي سان دهلي وڃڻ قبول ڪري ورتو. هن اهو به سوچيو ته دهلي جهڙي وڏي شهر ۾ جتي وڏا امير ماڻهو رهن ٿا هن جو ڌنڌو سٺو هلندو. هن پنهنجي سهيلين جي واتان دهلي جي وڏي تعريف ٻڌي هئي، هتي حضرت نظام الدين اولياءَ جي درگاهه به آهي، جنهن سان سلطانه کي بيحد عقيدت هئي، تنهن ڪري جلدي جلدي گهر جو سامان وڪڻي هوءَ خدا بخش سان گڏ دهليءَ پهتي. هتي پهچي خدا بخش ويهه رپيا ماهوار تي هڪ ننڍو فليٽ ڪرائي تي ورتو جتي هو ٻئي رهڻ لڳا.
    هڪ ئي قسم جي نون تعمير ٿيل گهرن ۾ ڊگهي قطار جيڪا سڙڪ سان گڏ هلي رهئي هئي. ميونسپل ڪاميٽي پاران شهر جو هڪ حصو خاص طور محنت ڪش ماڻهن لاءِ مقرر ڪيو هو، جيئن هو وچ شهر ۾ جڳهه جڳهه تي پنهنجا ننڍڙا ڪاروبار نه ڪن، هيٺ دڪان هئا ۽ مٿي ٻه ماڙ رهائشي فليٽ، سڀ عمارتون هڪ ئي ڊزائين جون هيون تنهن ڪري شروع شروع ۾ سلطانه کي پنهنجو فليٽ ڳولهڻ ۾ وڏي تڪليف ٿي هئي پر جڏهن هيٺ ڌوٻي واري پنهنجو بورڊ در جي اڳيان لڳايو ته هن کي هڪ پڪي نشاني ملي، ”هتي ميرا ڪپڙا ڌوتا وڃن ٿا“ هي بورڊ پڙهندي ئي پنهنجو فليٽ ڳولهي وٺندي هئي. اهڙي طرح هن ڪيئي نشانيون پنهنجي گهر ڳولهڻ لاءِ قائم ڪيون هيون ته جيئن هو ڀلجي نه پوي. مثال طور وڏن اکرن ۾ جتي ” ڪوئلن جو دڪان“ لکيل هوندو هو اتي هن جي سهيلي هيرا ٻائي رهندي هئي، جا ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو تي راڳ ڳائيندي هئي. جتي ”اميرن جي کاڌي جو خاص انتظام آهي“ لکيل هوندو هو اتي هن جي ٻي سهيلي مختيار رهندي هئي. واڻ جي ڪارخاني مٿان انوري رهندي هئي، انوري ان ڪارخاني جي سيٺ وٽ ملازم هئي، سيٺ صاحب رات جو پنهنجي ڪارخاني جي سنڀال پاڻ ڪندو هو، ان ڪري اڪثر راتيون انوري وٽ گذاريندو هو.
    دڪان کوليندي ئي گراهڪ ٿورا ايندا هئا. سلطانه بيڪار ويٺي هوندي هئي پر هن ان اميد تي پاڻ کي تسلي ڏني ته هي مهينو به گذري ويندو. ٻئي مهيني ۾ ڪافي ماڻهو ايندا پر ٻئي مهيني به هن جي ڪوٺي تي ڪو گراهڪ نه آيو. هن کي سخت پريشاني ٿي. هڪ ڏينهن هن خدا بخش کي چيو ، ”خدا بخش- هتي آئي ٻه مهينا پورا ٿي ويا آهن پر ڪنهن اسان جي ڪوٺي طرف رخ نه ڪيو آهي- مڃان ٿي اڄ ڪلهه بازار ٿڌي آهي، پر ايتري به ٿڌي نه هجي جو مهيني ڀر ۾ به ڪو ماڻهو شڪل ڏسڻ نه اچي!”
    خدا بخش کي به اها ڳالهه پريشان ڪري رهي هئي، هو خاموش هو پر جڏهن سلطانه پاڻ هن سان ڳالهه ڇيڙي وڌي ته هن چيو، ”مان ڪيترن ئي ڏينهن کان ان ڳالهه تي سوچيان ٿو، اڄ ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته جنگ جي سبب ڪري ماڻهو پريشان آهن ۽ هيڏانهن جو رستو وساري چڪا آهن، يا وري هيئن به ٿي سگهي ٿو....“ هو ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته ڏاڪڻ تي ڪنهن جي چڙهڻ جو آواز آيو. خدا بخش ۽ سلطانه ان آواز طرف ڌيان ڏنو ، ٿوري دير ۾ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. خدا بخش وڃي دروازو کوليو. هڪ ماڻهو اندر داخل ٿيو، هي پهريون گراهڪ هو، جنهن ٽن رپين ۾ سودو طئه ڪيو. ان کان پوءِ پنج ٻيا آيا، معنيٰ ٽن مهينن ۾ ڇهه ماڻهو جنهن مان سلطانه کي صرف ساڍا ارڙهن رپيا وصول ٿيا. ويهه رپيا ماهوار فليٽ جي ڪرائي ۾ هلايا ويندا هئا. پاڻي جو ٽيڪس، بجلي جو بل جدا هو، ان کان سواءِ گهر جا ٻيا خرچ به هئا. جنهن ۾ کاڌو پيتو، لٽا ڪپڙا دوا دارون شامل هو. ساڍا ارڙهن رپيا ٽن مهينن ۾ آيا ته هن کي آمدني نه ٿو چئي سگهجي. سلطانه پريشان ٿي وئي. ساڍن پنجن تولن جا اٺ ڪنگڻ جيڪي هن امبالي ۾ ٺهرائي ورتا ها، آهستي آهستي وڪڻڻ شروع ڪيائين. جڏهن آخري ڪنگڻ وڃي بچيو ته هن خدا بخش کي چيو، ”تون منهنجي ٻڌ ۽ هل ته واپس امبالي ۾ هلون، هتي اسان جو ڇاهي؟ اسان کي هي شهر راس نه آيو، تنهنجو ڪم به امبالي ۾ سٺو هلندو هو، هل ته اُتي هلون. جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان کي پنهنجي سر جو صدقو سمجهي هن آخري ڪنگڻ کي به وڪڻي اچ، مان سامان ٻڌي ٿي وٺان اڄ رات جي گاڏي ۾ هتان نڪري هلنداسين.“
    خدا بخش آخري ڪنگڻ سلطانه کان ورتو ۽ چيو، ”نه منهنجي جان، امبالا هاڻي ڪونه هلنداسين. هاڻي دهلي ۾ ئي رهي ڪمائينداسين. هي تنهنجون چوڙيون ۽ ڪنگڻ سڀ واپس ايندا. الله تي ڀروسو رک هو وڏو ڪار ساز آهي، هتي به ڪونه ڪو هيلو وسيلو بڻائيندو.“
    سلطانه خاموش ٿي وئي. هن جو آخري ڪنگڻ به هن جي ٻانهن مان لهي ويو، هن کي گهڻو ڏک پهتو، پر هوءَ ڇا ڪري. پيٽ به ته آخر ڪنهن حيلي سان پالڻو آهي. جڏهن پنج مهينا گذري ويا آمدني خرچ جي مقابلي ۾ چوٿائيءَ کان به گهٽ رهي ته سلطانه وڌيڪ پريشان ٿي وئي. خدا بخش به سارو ڏينهن گهر کان ٻاهر رهڻ لڳو. سلطانه کي اهو ڏک به کائي ويو. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته پاڙي ۾ هن سان ٻه ٽي سهيليون ملڻ اينديون هيون، جن سان هوءَ پنهنجو فارغ وقت گذاريندي هئي پر هن وٽ روز انهن جو اچڻ ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهڻ هن کي برو لڳندو هو، تنهن ڪري آهسته آهسته سلطانه انهن سهيلين سان ملڻ جلڻ بند ڪري ڇڏيو. سارو ڏينهن هوءَ گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي. ڪڏهن هو پنهنجي پراڻن ڦاٽل ڪپڙن جي سلائي ڪندي هئي ته ڪڏهن ٻاهر بالڪونيءَ ۾ لوهي جهنگلي وٽ بيهي رهندي هئي ۽ سامهون ريلوي شيڊ ۾ انجڻن کي ڏسندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بي مطلب وقت گذاريندي هئي.
    سڙڪ جي ٻئي طرف مال گدام هو جيڪو هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڦهليل هو. ساڄي هٿ تي لوهي ڇت جي هيٺان وڏيون وڏيون ٻوريون پيل هيون ۽ هر قسم جو سامان وکريل پيو هوندو هو جڏهن ته کٻي هٿ تي هڪ وڏو ميدان هو، جنهن اندر بيشمار ريل جون پٽڙيون وڇاريل هيون. اس ۾ لوهه جون پٽڙيون چمڪنديون هيون ته سلطانه پنهنجي هٿن طرف ڏسندي هئي جن جون نيريون رڳون بلڪل ان پٽڙين وانگر اڀريل نظر اينديون هيون. ان ڊگهي ۽ کليل ميدان ۾ هر وقت انجڻ ۽ گاڏا هلندا رهندا هئا، ڪڏهن هت ته ڪڏهن هت. انهن انجڻن ۽ گاڏن جي هلڻ سان ڇڪ ڇڪ ڦڪ ڦڪ جو آواز گونجندو هو. هڪ ڏينهن صبح سوير جڏهن هوءَ ننڊ مان اٿي بالڪونيءَ ۾ آئي ته هن کي هڪ عجيب منظر نظر آيو. ڌنڌ ۾ انجڻن مان گهاٽو دونهون نڪري رهيو هو، جيڪو آسمان طرف ٿلهن ماڻهن وانگر مٿي ويندي نظر آيو، ٻاڦ جا وڏا وڏا ڪڪر هڪ وڏي آواز سان پٽڙين مان اٿندا نظر آيا، جيڪي اک ڇنڀ جي دير ۾ پاڻ ۾ ملي ٿي ويا، پوءِ ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ريل گاڏي جي ڪنهن دٻي کي انجڻ ڌڪو ڏئي ڇڏي ڏنو هجي ۽ اهو دٻو اڪيلو پٽڙين تي هلندو ڏسي هن کي پنهنجو خيال آيو. هوءَ سوچي پئي ته هن کي به ڪنهن زندگيءَ جي پٽڙي تي ڌڪو ڏئي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هوءَ خوبخود هلي رهي آهي، ٻيا ماڻهو هن جو ڪانٽو بدلائي رهيا آهن ۽ هوءَ هلي رهي آهي.- پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو ڌڪي جو زور به آهستي آهستي ختم ٿي ويندو. هوءَ ڪٿي بيهجي ويندي، ڪنهن اهڙِي جڳهه تي جيڪا هن ڪڏهن ڏٺي به نه هوندي !
    هوءَ ته اڪثر بنا مقصد ڪيئي ڪلاڪ ريل جي انهن پٽڙين تي هلندڙ انجڻن طرف ڏسندي رهندي هئي ۽ طرح طرح جا خيال هن جي دماغ ۾ ايندا رهندا هئا. امبالا ڇانوڻي ۾ جڏهن هوءَ رهندي هئي ته اسٽيشن جي ڀرسان ئي هن جو گهر هيو پر اتي هن ڪڏهن به انهن شين کي اهڙين نظرن سان نه ڏٺو هو. هاڻي ته هن جي دماغ ۾ اهو خيال هر هر ڦري رهيو هو. جيڪو سامهون ريل جي پٽڙين جو حال هيو، جڳهه جڳهه ٻاڦ ۽ دونهون اٿي رهيو هو، هڪ تمام وڏو چڪلو لڳي رهيو هو. جتي ڪيتريون ريل گاڏيون هيون جن کي چند ڳورا انجڻ ڌڪي رهيا هئا. سلطانه کي اهي ڳورا انجڻ سيٺ محسوس ٿيندا هئا، جيڪي امبالا ۾ هن وٽ ايندا ويندا هئا. پوءِ وري ڪڏهن ڪڏهن هو ڪنهن انجڻ کي آهسته آهسته گاڏن جي قطار وٽان گذرندي ڏسندي هئي ته هن کي محسوس ٿيندو هو ته چڪلي جي بازار ۾ مٿي ڪوٺن طرف ڪو نهاريندو پيو وڃي.
    سلطانه سمجهي پئي ته اهي ڳالهيون سوچڻ دماغ جي خرابي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ان خيال کان هن بالڪوني ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو. خدا بخش کي هن ڪيئي ڀيرا چيو ، ”ڏس منهنجي حال تي رحم ڪر هاڻ تون گهر ۾ رهندو ڪر. مان سڄو ڏينهن بيمارن وانگر پئي آهيان.“ پر خدا بخش هر دفعي سلطانه کي اهو چئي تسلي ڏني،”جان من.... منهنجي ٻاهر وڃڻ جو سبب روزگار جي ڳولا آهي، الله ڪندو ته ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيڙو پار ٿي ويندو.“
    پورا پنج مهينا گذري ويا پر سلطانه جو ٻيڙو پار نه ٿيو ۽ نه وري خدا بخش جو. محرم جو مهينو مٿان اچي رهيو هو پر سلطانه وٽ ڪارا ماتمي ڪپڙا ٺهرائڻ لاءِ پئسا ڪونه هئا. مختيار ليڊي هيملٽن واري نئين ڊزائين جي قميص ٺهرائي هئي، جنهن جون ٻانهون ڪاري جهارجهٽ جون هيون، ان سان گڏ ميچ لاءِ هن وٽ ڪاري ساٽن جي سلوار هئي، جيڪا ڪجل وانگر چمڪندي هئي. انوريءَ ريشمي جارجهٽ جي هڪ وڏي ملائم ساڙهي خريد ڪئي هئي. هن سلطانه کي ٻڌايو ته هوءَ ساڙهي جي هيٺان سفيد بوسڪي جو پيٽي ڪوٽ پائيندي جيڪو نئون فيشن آهي. ساڙهيءَ سان گڏ پائڻ لاءِ انوري ڪاري بخمل جو هڪ جوتو به خريد ڪري آئي هئي. سلطانه جڏهن اهي سڀ شيون ڏٺيون ته هن کي اهو احساس کائي ويو ته محرم ملهائڻ لاءِ هن وٽ اهڙو لباس خريد ڪرڻ جي طاقت ناهي.
    انوري ۽ مختيار وٽ جڏهن اهي ڪپڙا ڏسي گهر واپس آئي ته هن جي دل ڏاڍي غمگين ٿي، هن کي ائين معلوم ٿيو ته ڄڻ هن جي جسم ۾ ناسور پيدا ٿي چڪو هجي. گهر بلڪل خالي هو خدا بخش هميشه جيان ٻاهر هو، دير تائين هو رلهيءَ تي وهاڻو رکي هيٺ ليٽي پئي هئي، پر جڏهن هن جي ڳچي مٿي هئڻ ڪري سور ٿيو ته هو اتان اٿي ٻاهر بالڪوني ۾ هلي آئي جيئن ڏکايل خيالن کي دماغ مان ڪڍي سگهي.
    سامهون پٽڙين تي ريل گاڏي جا دٻا بيٺا هئا، پر اتي ڪا به انجڻ موجود نه هئي. شام جو وقت هو اوندهه ٿيڻ واري هئي. بازار م اهڙن ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي چڪي هئي جيڪي هيڏي هوڏي نهاريندي پنهنجي گهرن ڏانهن راهي هئا. انهيءَ دوران هڪ ماڻهو ڪنڌ مٿي ڪري سلطانه طرف نهاريو. سلطانه به هن ڏانهن ڏسي مسڪرايو، ٻئي طرف کان سلطانه اهو وساري ويٺي ته سامهون پٽڙين تي هڪ انجڻ اچي رهي هئي. سلطانه ان طرف غور سان ڏٺو ۽ هن جي دل ۾ خيال آيو ته انجڻ به ڪاري رنگ جو لباس پهريو آهي. اهڙو عجيب و غريب خيال دماغ مان ڪڍڻ لاءِ هن هڪ ڀيرو وري سڙڪ ڏانهن نهاريو ته اهو ساڳيو ماڻهو ريل گاڏي ڀرسان بيٺو هو جيڪو سلطانه طرف حوس ڀري نظرن سان نهاري رهيو هو. سلطانه هن کي هلڪو هٿ جو اشارو ڏنو ۽ ان ماڻهو هيڏي هوڏي ڏسي سلطانه کي اشارو ڪيو ته ڪهڙِي طرف کان اچي؟سلطانه هٿ جي اشاري سان هن کي مٿي اچڻ جو رستو ٻڌايو. ٿوري دير ۾ اهو ماڻهو مٿي هليو آيو.
    سلطانه هن کي رلهيءَ تي ويهاريو. جڏهن هو ويٺو ته هن ڳالهائڻ ٻولهائڻ شروع ڪندي چيو، ”مٿي ايندي ڊڄو پيا؟“
    هن ماڻهو اهو ٻڌي مسڪرائيندي چيو، ”تو کي ڪيئن معلوم ٿيو...؟ گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ئي ڪونهي.“
    سلطانه چيو، ”اهو مون ان لاءِ چيو ته توهان دير تائين اتي بيٺا رهيا ۽ پوءِ ڪجهه سوچي مٿي آيئو.“
    هن اهو ٻڌي ڏاڍو مسڪرايو، ”تو کي غلط فهمي ٿي آهي مان تنهنجي مٿان واري فليٽ طرف ڏسان پيو، ته اتي به هڪ عورت بيٺي هئي جيڪا ڪنهن مرد کي آڱوٺا ڏيکاري رهي هئي. مون کي اهو منظر پسند آيو پر بالڪوني ۾ سبز بلب روشن ٿيو ته مان ڪجهه دير بيهي رهيس، سبز روشني مون کي ڏاڍي پسند آهي اکين کي سٺي لڳندي آهي.” اهو چئي هن ڪمري جو جائزي ورتو ۽ پوءِ اٿي بيٺو
    سلطانه پڇيس”توهان وڃي رهيا آهيو؟“
    هن ماڻهو جواب ڏنو ”نه، مان تنهنجي هن گهر کي ڏسڻ چاهيان ٿو – هل مون کي سمورا ڪمرا ڏيکار.”
    سلطانه هن کي ٽئي ڪمرا هڪ هڪ ڪري ڏيکاريا. هن ماڻهو بلڪل خاموشيءَ سان انهن ڪمرن کي ڏٺو جنهن کان پوءِ هو ٻئي واپس ساڳي ڪمري ۾ آيا، جتي پهريون ويٺا هئا ته ان ماڻهوءَ چيو ”منهنجو نالو شنڪر آهي.“
    سلطانه پهريون دفعو غور سان شنڪر طرف نهاريو. هو ننڍي وچولي قد جو معمولي شڪل ۽ صورت جو ماڻهو هو پر هن جون اکيون غير معمولي طور تي صاف ۽ شفاف هيون. ڪڏهن ڪڏهن اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي چمڪ پيدا ٿئي پئي طاقتور ۽ ڪسرتي جسم وارو هو، ڪنن جي مٿان ٿورا اڇا وار هئس، خاڪي رنگ جي گرم پتلون پاتل هئس. سفيد قميص، جنهن جو ڪالر ڳچي وٽان مٿي هيو.
    شنڪر ڪجهه وقت ان رلهي تي ائين ويٺو رهيو ڄڻ لڳي پيو ته سلطانه هن جي گراهڪ هجي. ان احساس سلطانه کي پريشان ڪري ڇڏيو تنهن ڪري هن شنڪر کي چيو، ”حڪم ڪيو.....“
    شنڪر ويٺو هو، اهو ٻڌي ڪري ليٽي پيو ”مان ڇا چوان ڪجهه تو چئه. سڏ به مون کي تو ئي ڪيو آهي.“ جڏهن سلطانه ڪجهه نه ڳالهايو ته اهو ماڻهو اٿي بيٺو،
    سلطانا ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، ”مون سمجهيو....“
    ان ماڻهوءَ چيو، ”هاڻي منهنجي ڳالهه ٻڌ، جيڪو ڪجهه تو سممجهيو اهو غلط آهي. مان انهن ماڻهن منجهان ناهيان جو ڪجهه ڏين، ڊاڪٽرن وانگر منهنجي به فيس آهي. مون کي جڏهن تو مٿي گهرايو ته فيس ته تو کي هاڻي ڏيڻي پوندي.“
    اهو ٻڌي سلطانه جو ذهن چڪرائجي ويو، پر ان جي باوجود هن کان بي اختيار کل نڪري وئي، ”توهان ڇا ڪندا آهيو؟“
    شنڪر جواب ڏنو ”اهو جيڪو ڪم توهان ڪندا آهيو.“
    ”ڇا...؟“
    ”تون ڇا ڪندي آهين؟“
    ”مان... .مان.... مان ڪجهه به ته ناهيان ڪندي.”
    ”مان به ڪجهه نه ڪندو آهيان.”
    سلطانه ڪاوڙ مان چيس، ”اها ته ڳالهه نه ٿي.... توهان ڪجهه نه ڪجهه ته ضرور ڪندا هوندؤ.“
    شنڪر وڏي اطمينان سان جواب ڏنو، ”تون به ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندي هوندينءَ“
    ”جهڪ ماريندي آهيان.“
    ”مان به جهڪ ماريندو آهيان.“
    ”ته اچ ٻئي جهڪ ماريون.“
    ”مان حاضر آهيان، مگر جهڪ مارڻ جا پئسا مان ڪڏهن ڏيندو ناهيان.“
    ”هوش ڪر... هي لنگر خانو ناهي.“
    ”مان به والنٽيئر ناهيان.“
    سلطانه اهو ٻڌي چپ ٿي وئي. هن پڇيو ”والنٽيئر ڇا ٿيندو آهي؟“
    شنڪر جواب ڏنو ”چٻرو.“
    ”پر مان ته چٻري ناهيان!“
    ”پر هو خدا بخش جيڪو تو سان گڏ رهندو آهي اهو ضرور چٻرو آهي.“
    ”ڇو؟“
    ”ان لاءِ ته هو ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ اهڙي خدا ترس فقير وٽ پنهنجي قسمت بهتر بنائڻ خاطر وڃي ٿو، جنهن جي پنهنجي قسمت زنگ ڳل تالي ۾ بند آهي.“ اهو چئي شنڪر وڏو ٽهڪ ڏنو.
    سلطانه چيو، ”تون هندو آهين ان لاءِ تو کي اسان جي بزرگ هستين جو مذاق نه اڏائڻ گهرجي.“
    شنڪر مسڪرايو، ”اهڙين جاين تي هندو مسلم سوال پيدا نه ٿو ٿئي.“
    ”تون هرو ڀرو ڇو ٿو ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪرين.... رڳو ڳالهائيندو رهندين ڇا؟“
    ”انهيءَ شرط تي جيڪو مان تو کي پهريون ٻڌائي چڪو آهيان....“
    سلطانه اُٿي بيٺي ”هاڻي هتان هليو وڃ پنهنجو رستو وٺ.“
    شنڪر آرام سان اٿيو، پتلون جي کيسن ۾ ٻئي هٿ وڌائين ۽ ويندي ويندي چيائين، ”مان ڪڏهن ڪڏهن هن بازار مان گذرندو آهيان، جڏهن به تو کي منهنجي ضرورت پوي مون کي سڏي وٺجانءِ..... مان وڏي ڪم جو ماڻهو آهيان.“
    شنڪر هليو ويو. سلطانه ڪاري رنگ وارو لباس وساري دير تائين اهو سوچيندي رهي ته هن ماڻهوءَ جي ڳالهين هن جي ڏک کي هلڪو ڪيو آهي. اگر هو امبالي ۾ آيو هجي ها جتي هوءَ خوشحال هئي ته هوءَ ان ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻي رنگ ۾ ڏسي ها. ممڪن هو ته ان ماڻهو کي هوءَ ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ها پر هتي هوءَ ڏاڍي اُداس رهندي هئي ۽ غريب به ٿي وئي هئي تنهن ڪري شنڪر جون ڳالهيون هن کي پسند آيون.
    شام جو جڏهن خدا بخش آيو سلطانه هن کان پڇيو ”اڄ تون ساور ڏينهن ڪٿي غائب هئين؟“
    خدا بخش ٿڪجي چور چور ٿي چڪو هو ، تنهن وراڻي ڏنس، ”پراڻي قلعي کان پيو اچان، جتي هڪ بزرگ ڪجهه ڏينهن کان ترسيل آهي، ان وٽ روزانو ويندو آهيان ته جيئن اسان جا ڀلا ڏينهن اچن .....“
    ”تو کي ان بزرگ ڪجهه اُميد ڏني آهي؟“
    ”نه اڃا تائين هو مون مٿان مهربان نه ٿيو آهي، پر سلطانه مان ان جي خدمت ڪيان ٿو ،ان جو اجر ضرور ملندو، الله جي فضل سان مان ان وٽ روزانو ويندو رهيس ته ضرور اسان جا ڀاڳ ڀلا ٿيندا.“
    سلطانه جي دماغ ۾ محرم جو خيال هو. خدا بخش کي روئڻهارڪي لهجي ۾ چوڻ لڳي ته ”سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر ٿو رهين.... ۽ مان هتي پڃري ۾ قيد رهان ٿي نه ڪنهن ڏانهن اچي ٿي سگهان، نه وري وڃي ٿي سگهان. محرم مٿان اچي پيو، پر تو کي ڪو فڪر ئي ناهي ته مون کي ڪارا ڪپڙا وٺڻا آهن، گهر ۾ ٽڪو به ناهي منهنجا سونا ڪنگڻ هيا سي به هڪ هڪ ڪري وڪڻي ڇڏيئي، هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا ٿيندو؟ هئين فقيرن جي پويان ڪيستائين ڦرندو رهندين. مون کي اهو ٿو نظر اچي ته هتي دهليءَ ۾ خدا به اسان کان منهن موڙي چڪو آهي، منهنجي مڃين ته پهنجو ڪم ڪار شروع ڪر ڪجهه ته سهارو ملي پوندو.“
    خدا بخش رلهيءَ تي ليٽندي چيو، ”پر ڪم شروع ڪرڻ لاءِ به ته پئسا کپن- خدا جي واسطي اهڙيون ڏک ڀريون ڳالهيون ته نه ڪر مون کان هاڻي برداشت نه ٿو ٿئي. مون سچ پچ ته امبالا کي ڇڏڻ واي وڏي غلطي ڪئي هئي، پر جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو اهو سڀ ڪجهه الله جي وس ۾ آهي، ۽ هو اسان لاءِ ڀلائي ڪندو، ٿي سگهي ٿو ڪجهه تڪليفن برداشت ڪرڻ کان پوءِ اسان.....“
    سلطانه خدا بخش جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ”تون خدا واسطي ڪجهه ڪر ته سهي. چوري ڪر يا ڌاڙو هڻ پر مون کي هڪ سلوار جو ڪپڙو ضرور وٺي ڏي. مون وٽ سفيد بوسڪيءَ جي هڪ قميص پئي آهي، ان کي مان ڪارو رنگ ڏياري ٿي وٺان ۽ سفيد رنگ جو رئو به مون وٽ موجود آهي، اهو ئي جيڪو تو مون کي ديواليءَ تي ڏنو هو، ان کي به قميص سان گڏ ڪارو رنگ ڪرايان ٿي. بس رڳو سلوار جي کوٽ آهي. ڇا به ٿي پئي اها سلوار مون کي وٺي ڏي.... ڏس، تو کي منهنجو قسم، ڪٿان نه ڪٿان مون کي ضرور وٺي ڏي-“
    خدا بخش اٿي ويٺو ”هاڻي تون هرو ڀرو ان ڳالهه تي زور ڏئي رهي آهين- مان ڪٿان آڻيان- مون کي آفيم کائڻ لاءِ به پئسا ڪونهن.“
    ”ڪجهه به ڪر پر مون ساڍن چئن والن واري ڪاري ساٽن جي سلوار خريد ڪري ڏي“
    ”دعا ڪر اڄ رات ئي الله تعاليٰ ٻه ٽي گراهڪ توڏي موڪلي ڏي.“
    ”پر تون ڪجهه نه ڪندين- تون جيڪڏهن چاهين ته ايترا پئسا پيدا ڪري سگهين ٿو. جنگ کان پهريائين ساٽن جو ڪپڙو ٻارنهن چوڏهن آنن ۾ وال ملي ويندو هو سو هاڻي سوا رپئي وال جي حساب سان ملي ٿو. ساڍان چئن والن تي ڪيترو خرچ ٿيندو؟“
    ”تون چوين ٿي ته ڪوشش ڪريان ٿو.“ اهو چئي خدا بخش اٿيو،
    ”هاڻي تون انهن ڳالهين کي وساري ڇڏ ته مان هوٽل تان ماني وٺي اچان“
    خدا بخش هوٽل تان ماني وٺي آيو، ٻنهي گڏجي ماني کاڌي ۽ سمهي پيا. صبح ٿيو ته خدا بخش پراڻي قلعي واري بزرگ فقير وٽ هليو ويو ۽ گهر ۾ سلطانه اڪيلي رهجي وئي ٿوري دير ليٽي رهي ڪجهه دير سمهي پئي، هيڏي هوڏي ڪمرن ۾ گهمندي رهي، منهجند جي ماني کائڻ کان پوءِ هن پنهنجو سفيد رئو ۽ سفيد بوسڪي جي قميص ڪڍي هيٺ لانڊري واري کي رنڱڻ لاءِ ڏئي آئي، جتي ڪپڙن ڌوئڻ کانسواءِ رنڱائي جو ڪم به ٿيندو هو.
    اهو ڪم ڪرڻ کان پوءِ واپس اچي هو فلمي رسالن کي پڙهڻ لڳي جنهن ۾ هن جي ڏٺل فلمن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ گيت ڇپيل هئا. هوءَ ڪتاب ۽ رسالا پڙهندي پڙهندي سمهي پئي، جڏهن ننڊ مان اٿي ته شام جا چار ٿي چڪا هئا، اس اڱڻ ۾ ٿوري موجود هئي. هوءَ اُن جي سهڻي گرم چادر ويڙهي اچي بالڪوني ۾ بيٺي. هڪ ڪلاڪ سلطانه بالڪوني ۾ بيٺي رهي هاڻي ته سج به لهڻ وارو هو. بتيون روشن ٿي چڪيون هيون، هيٺ سڙڪ تي رونڪ لڳي پئي هئي. سردي ۾ شدت هئي. سڙڪ تي ايندڙ ويندڙ ٽانگن ۽ موٽرن جي طرف ڪجهه وقت هو ڏسندي رهي، ايتري ۾ هن کي اوچتو شنڪر نظر آيو. گهر جي هيٺان پهچندي ئي هن ڪنڌ مٿي ڪري سلطانه کي ڏسي مسڪرايو. سلطانه نه چاهيندي به هن کي هٿ جو اشارو ڏئي مٿي سڏي ورتو.
    جڏهن شنڪر مٿي آيو ته سلطانه سخت پريشان ٿي ته هاڻي هن کي ڇا چوي. دراصل هن شنڪر کي ائين ئي بنا سوچ سمجهه جي اشارو ڪيو هو. شنڪر بي حد مطمئن هو، هو گهر ۾ ائين ويٺو هو جيئن پنهنجي گهر ۾. وڏي بي تڪلفيءَ سان پهرين ئي ڏينهن وانگر، هو وهاڻو مٿي هيٺان ڏئي ليٽي پيو. جڏهن سلطانه دير تائين هن سان نه ڳالهايو ته هن سلطانه کي چيو، ”تون مون کي سئو دفعا مٿي سڏي سگهين ٿي ۽ سئو دفعا چئي سگهين ٿي ته گهر مان نڪري وڃ..... مان تنهنجي ڳالهين تي ناراض نه ٿيندس.”
    سلطانه پريشان ٿيندي چيو، ”ويهه تو کي وڃڻ لاءِ ڪير ٿو چوي.“
    شنڪر مسڪرايو، ” ته هاڻي منهنجون شرطون تو کي سڀ منظور آهن!“
    سلطانه مسڪرائيندي چيو ”ڇا تون مون سان نڪاح ڪري رهيو آهين؟“
    ”نڪاح يا شادي ڇا جي؟ نه تون ڪنهن سان پوري عمر نڪاح ڪري سگهندينءَ ۽ نه مان. اهي سڀ رسمون اسان جي لاءِ ناهن.... ڇڏ انهن فضول ڳالهين کي ڪم جي ڳالهه ڪر.“
    ”ٻڌاءِ ڪهڙي ڳالهه ڪيان؟“
    ”تون عورت آهين.... اهڙي ڳالهه شروع ڪر جو ٻه گهڙيون منهنجي دل بهلجي وڃي، هن دنيا ۾ صرف دڪاندار ئي ته ناهن، ڪجهه ٻيو به آهي.“
    سلطانه ذهني طور تي هاڻي شنڪر کي قبول ڪري چڪي هئي، سا چوڻ لڳي، ”صاف صاف چئه تو کي مون کان ڇا گهرجي؟“
    ”جيڪو تو کان ٻيا گهر ڪندا آهن.“ ليٽيل شنڪر اٿي ويهي رهيو.
    ”تو ۾ ۽ ٻين ۾ پوءِ ڪهڙو فرق رهندو؟“
    ”تو ۾ ۽ مون ۾ ڪو فرق ڪونهي. ها پر ٻين ۽ مون ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.“
    ”اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون آهن جيڪي پڇبيون ناهن، ماڻهو پاڻ سمجهي ويندو آهي....“
    ”سلطانه ڪافي دير تائين شنڪر جي ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ چيو، ”مان سمجهي وئي آهيان“
    ” ته ٻڌاءِ تنهنجو ڇا ارادو آهي؟“
    ”تون کٽي وئين مان هارائي ويس، پر مان چوان ٿي اڄ ڏينهن تائين تنهنجي ائين ڪنهن به ڳالهه قبول نه ڪئي هوندي.“
    ”تون غلط ٿي چوين.... هن محلي ۾ ڪيتريون ئي ساديون عورتون ملي وڃن ٿيون، جو تو کي يقين نه ايندو ته عورت اهڙي ذلت به قبولي ٿي وٺي ، جيڪا تو بغير ڪنهن احساس جي قبول ڪري ورتي آهي.... تنهنجو نالو سلطانه آهي نه؟“
    ”ها، سلطانه آهي.“
    شنڪر اٿي بيٺو ۽ کلڻ لڳو ”منهنجو نالو شنڪر آهي... منهنجو نالو به عجيب آهي، هلي آ ته اندر ڪمري ۾ هلون.“
    شنڪر ۽ سلطانه رلهي واري ڪمري ۾ واپس آيا. ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسي مسڪرائي رهيا هئا. خبر ناهي ڪهڙِي ڳالهه تي. جڏهن شنڪر وڃڻ لڳو ته سلطانه چيس”شنڪر! منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃيندين؟“
    شنڪر چيس”پهرين ڳالهه ٻڌاءِ.“
    سلطانه پشيمان ٿيندي چيو، ”تون چوندين ته مان پئسا وصول ڪرڻ چاهيان ٿي پر....“
    ”چئه چئه... چپ ڇو وئينءَ؟“
    سلطانه همت کان ڪم وٺندي چيو ”محرم اچي رهيو آهي ۽ مون وٽ ايترا پئسا ڪونهن ته مان ڪارو سلوار ٺهرائي سگهان..... منهنجي گهر جا حال تنهنجي اڳيان آهن. قميص ۽ رئو مون وٽ موجود آهن جيڪي مون رنگ واري کي رنڱڻ لاءِ ڏنا آهن.“
    شنڪر اهو ٻڌي چيو ”تون ڇا ٿي چاهين ته مان تو کي ڪجهه پئسا ڏيان جو تون ڪاري سلوار ٺهرائي سگهين؟“
    سلطانه جلدي ۾ جواب ڏنو ”نه منهنجو مطلب هي آهي ته جيڪڏهن ٿي سگهئي ته تون مون کي هڪ ڪاري سلوار ٺهرائي ڏي.”
    شنڪر مسڪرايو، ”منهنجي کيسي ۾ اتفاق سان ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه پئسا هوندا آهن. بهرحال مان ڪوشش ڪيان ٿو ته محرم جي پهرين تاريخ تي توکي ڪاري سلوار ملي. بس هاڻي ته خوش ٿي.“
    سلطانه جي ڪنن ۾ پيل والن کي ڏسندي شنڪر چيو، ”ڇا هي والا تون مون کي ڏئي سگهين ٿي؟“
    سلطانه مسڪرائيندي چيو ”تون انهن کي ڇا ڪندين؟ چاندي جا معمولي والا آهن، جن جي قيمت وڌ ۾ وڌ پنج رپيا ٿيندي.“
    ان تي شنڪر چيس، ”مون تو کا والا گهريا آهن انهن جي قيمت ناهي پڇي؟ ٻڌاءِ ڏين ٿي؟“
    ”هان هي وٺ.“ سلطانه والا لاهي شنڪر کي ڏنا.
    شنڪر جي وڃڻ کان پوءِ هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو پر شنڪر وڃي چڪو هو. سلطانه کي قطعي يقين نه هو ته شنڪر پنهنجو واعدو پورو ڪندو ، پر اٺن ڏينهن کان پوءِ محرم جي پهرين تاريخ تي صبح جو نائين وڳي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. سلطانه در کوليو ته سامهون شنڪر بيٺو هو. هن اخبار ۾ ويڙهيل شيءِ سلطانه کي هٿن ۾ ڏيندي چيو ”ساٽن جي ڪاري سلوار آهي. ڏسي وٺ، شايد ڊگهي نه هجي.... هاڻي مان هلان ٿو.“
    شنڪر سلوار ڏئي هليو ويو. هن سلطانه سان وڌيڪ ڪا به ڳالهه نه ڪئي. هن جي پتلون ۾ گهنج پيل هئا ۽ سندس وار وکريل هئا. ائين پيو لڳي ڄڻ هاڻ ڪو ننڊ مان اٿي سڌو هن وٽ آيو هجي.
    سلطانه اخبار ۾ ويڙهيل شيءِ کي کولي ڏٺو، ساٽن جي ڪاري سلوار هئي ۽ اهڙِ ئي سلوار هئي جيڪا هوءَ مختيار وٽ ڏسي آئي هئي. سلطانه ڏاڍي خوش هئي ۽ والن جي سودي جو هن کي افسوس نه هو، ڇو ته سلوار ڏئي شنڪر پنهنجو واعدو وفا ڪيو هو.
    ٻن پهرن جو هوءَ هيٺ لانڊري واري وٽان پنهنجي رنڱيل قميص ۽ رئو کڻي آئي. ٽئي ڪارا ڪپڙا جڏهن هن پنهنجي تن تي پهريا ته دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. سلطانه دروازو کوليو ته مختيار داخل ٿي. هن سلطانه جي ٽن ڪپڙن واري ڪاري لباس کي ڏسندي چيو ”قميص ۽ رئو ته رنڱيل ٿو محسوس ٿئي پر هي سلوار نئين آهي..... ڪڏهن ٺهرائي اٿئي؟“
    سلطانه چيو، ”اڄ ئي درزي کڻي آيو هو.“
    اهي لفظ جڏهن هن چيا ته هن جون نظرون مختيار جي ڪنن تي پيون، ”هي والا ڪٿان ورتا اٿئي؟“
    مختيار جواب ڏيندي چيس، ”اڄ ئي گهرائي ورتا آهن.“
    ان کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ ٿوري دير تائين خاموشي ڇانئجي وئي.

    ترجمو: بشير منگي


    هوءَ ڇوڪري

    شام جا چار ٿيا هئا، سخت گرمي هئي، جيئن ٻن پهرين جو 12 وڳي سخت گرمي ٿيندي آهي. هاڻ به ساڳيو ئي حال هو. هن بالڪونيءَ کان نهار ڪئي ته هن کي هڪ ڇوڪري نظر آئي جيڪا اُس ۽ گرميءَ کان بچڻ لاءِ وڻ هيٺان پلٿي هڻي ڏئي ويٺي هئي. ڇوڪريءَ جو رنگ گهرو سانورو هو. سريندر جي نظر جڏهن ان تي پئي ته هن کي ان ڇوڪريءَ سان ٻه پهر گهارڻ جي خواهش پيدا ٿي..
    وقت شام جا چار ٿي چڪا هئا پوءِ به سخت گرمي هئي. سريندر جو جسم سخت گرمي هئڻ ڪري پگهريل هو، سريندر چئن ڪلاڪن ۾ هڪ گلاس پاڻي جو پيتو هو پر هي پگهر ان کي سمجهه ۾ نه آيو هو. هو پگهر ۾ شل ٿي چڪو هو،
    جڏهن هن ان ڇوڪريءَ کي پپل جي وڻ هيٺان ڏٺو هو ته هن سوچيو ته دنيا جي خوشقسمت ڇوڪري آهي جنهن کي نه ڪنهن گرمي جو احساس آهي نه وري ڪنهن موسم جو. هوءَ بي پرواهه سخت گرميءَ ۾ پپل جي وڻ هيٺان بي فڪر ويٺي آهي، ٻئي طرف سريندر پگهر ۾ شل هو. هن جي گنجي پگهر سبب هن جي جسم سان چنبڙيل هئي. هو ائين پيو محسوس ڪري ڄڻ ڪنهن هن جي جسم تي موبل آئل هاريو هجي.
    سريندر جي اندر ۾ خواهش پيدا ٿي ته هو پگهريل هجڻ باوجود ان ڇوڪريءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀري پيار ڪري.
    آسمان جو رنگ خاڪسرو هو. اُڀ تي هلڪا بادل ڇانيل هئا. مٽيءَ ۽ هوا جي ميلاپ سان اُ تي رائو ڇانيل هو، ان رائي منجهان اُس جي جهلڪ موجود هئي پر اها ڇوڪري اطمينان سان پنهنجي ڌن ۾ مگن پپل جي وڻ هيٺان ويٺي هئي.
    سريندر هن کي غور سان نهارڻ لڳو، هن جو رنگ گَهرو سانورو هو پر هن جا مهانڊا خوبصورت هئا، جيڪي سريندر جي اکين ۾ چپي رهيا هئا.
    مزدور پيشي واري ڇوڪري پئي لڳي. ٿي سگهي ٿو هوءَ پينو فقيرياڻي هجي. سريندر هن بابت مختلف اندازا هڻڻ لڳو پر ڪو به فيصلو ڪري نه سگهيو. هاڻي هو اهو پيو سوچي ته ڇوڪريءَ کي هو گهر اچڻ جو اشارو ڪري يا نه ...؟
    گهر ۾ سريندر بلڪل اڪيلو هو، هن جي ماءُ ۽ ڀيڻ ڪوهه مري وييل هيون. والد وفات ڪري چڪو هو، هن جو نننڍو ڀاءُ اسڪول جي هاسٽل ۾ ئي رهندو هو. سريندر جي عمر ستاويهه سالن جي لڳ ڀڳ هئي، سريندر اڳ ۾ پنهنجي گهر جي ٻن اڌڙوٽ عمر جي نوڪرياڻين سان لذت واريون گهڙِون گذاري چڪو هو.
    سخت گرميءَ باوجود به سريندر جي اندر ۾ خواهش پيدا ٿي ته هو پپل جي وڻ هيٺان پلٿي ماري ويٺل ڇوڪريءَ وٽ وڃي يا کيس اشارو ڪري ته هو هن ڏانهن هلي اچي ته ٻئي ڄڻا گرمي جي موسم ۾ پگهريل هئڻ باوجود به هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀرين.
    سريندر بالڪوني وٽ بيهي زور سان کنگهڪر ڪئي پر ڇوڪريءَ هن ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو. سريندر ڪيترائي ڀيرا زور سان کنگهڪر ڪئي، وري به ڪو نتيجو نه نڪتو ته هن ڇوڪري کي سڏ ڪري ورتو“ هيڌانهن .... ٿورڙو هيڏانهن به ته نهاريو!“
    پر ان ڇوڪريءَ سريندر ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو نه وري هن طرف نهاريو. هوءَ پنهنجي پني کي کنهندي رهي. سريندر کي پريشاني ٿي ته جيڪڏهن ان ڇوڪري بجاءِ ڪو ڪتو اتي بيٺل هجي ها ته هو ضرور آواز ٻڌي هن ڏانهن ڌيان ڏي ها. جيڪڏهن ڪتي کي هن جو آواز نه وڻي ها ته هو هن مٿان ڀونڪي ضرور ها پر هي عجيب ڇوڪري آهي جيڪا هن جو آواز به ٻڌي نه ٿي سگهي، جيڪڏهن ٻڌي ٿي ته ان کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏي ٿي.
    سريندر خفا ٿيندي هڪ وڏي رڙ ڪندي ڇوڪريءَ کي سڏيو ”اي ڇوڪري!“ ڇوڪري وري به هن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، نيٺ سريندر ڪاوڙ مان اٿيو ۽ پنهنجو ململ جو چولو پائي هيٺ لهي آيو. جڏهن ڇوڪريءَ وٽ پهتو ته هو مسلسل پنهنجي پٺيءَ کي کنهي رهي هئي. سريندر هن جي مٿان اچي بيٺو. ڇوڪريءَ هڪ نظر سريندر تي وڌي ۽ هن پنهنجي سلوار کي هيٺ ڪري پنيءَ کي ڍڪي ڇڏيو.
    سريندر ”تون هتي ڇا پئي ڪرين؟“
    ڇوڪريءَ جواب ۾ چيس” ويٺي آهيان.“
    ”ڇو ويٺي آهين؟“
    ڇوڪري اٿي بيٺي، ”هاڻي مان اٿي بيٺي آهيان.“
    سريندر حيرت ۾ پئجي ويو ”تنهنجي اٿي بيهڻ سان ڇا ٿيندو مون کي تون اهو ٻڌاءِ ته تون هيتري دير کان هتي ڇو ويٺي آهين؟“
    ڇوڪريءَ چيس ”توکي ڇا کپي؟“
    سريندر ٿوري دير لاءِ پنهنجي وجود کي ڳولڻ لڳو ...
    ”مون کي ڇا کپي.... ڪجهه به نه. مان گهر ۾ اڪيلو آهيان.... جيڪڏهن تو مون سان هلندينءَ ته تنهنجي مهرباني ٿيندي“
    ڇوڪريءَ جي سانوري چپن تي عجيب مسڪراهٽ ظاهر ٿي”مهرباني ... ڇا جي مهرباني..... مان هلان ٿي!”
    ۽ پوءِ گڏجي هلڻ لڳا. جڏهن هو مٿي گهر ۾ داخل ٿي ڪمري اندر پهتا ته ڇوڪري صوفي بدران فرش تي هيٺ ويهي رهي ۽ پني کي کنگهڻ لڳي... سريندر هن جي ڀرسان ويهي سوچڻ. لڳو ته هاڻي کيس ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪٿان کان ڳالهه ٻولهه شروع ڪجي.
    سريندر هن جي بدن جو جائزو ورتو.... هوءَ ايڏي خوبصورت ڪانه هئي، پر منجهس اهي نقش ۽ رنگ روغن ضرور موجود هئا جيڪي نوجوان ڇوڪرين ۾ هوندا آهن.... هن جا ڪپڙا ميرا هئا پر ڪپڙن مان هن جو مضبوط جسم نظر اچي رهيو هو.
    سريندر چيس ”هيٺ ڇو ويٺي آهين، مٿي صوفي تي اچي ويهه...“
    ڇوڪريءَ چيس ”نه مان هتي ٺيڪ آهيان”
    سريندر به هن سان گڏ هيٺ فرش تي ويهندي چيو ، ”تنهنجي مرضي... ڀلا اهو ته ٻڌاءِ تون آهين ڪير ۽ پپل جي وڻ هيٺان ايتري دير کان ڇو ويٺي هئينءَ؟“
    ”مان ڪير به آهيان، پپل هيٺان ڇو ويٺي آهيان.... ان سان تنهنجو ڪوبه مطلب نه هجڻ گهرجي.” اهو چئي ڇوڪري پنهنجي سلوار جو پاچو هيٺ ڪري پني کي ڍڪي ڇڏيو ۽ کنگهڻ بند ڪري ڇڏيائين.
    سريندر ڇوڪريءَ جي مست جوڀن بابت سوچي رهيو هو، هو دل ئي دل ۾ ڇوڪريءَ جي انهن ٻن نوڪراڻين سان ڀيٽ ڪري رهيو جن سان هن ٻه ٽي ڀيرا لذت واريون گهڙيون گذاريون هيون. هو ان نتيجي تي پهتو ته اهي نوڪراڻيون ڍليون ۽ اڌ وهي کائي چڪيون هيون، جيئن سالن کان استعمال ٿيل پراڻيون سائيڪلون هجن، پر هن ڇوڪري جو ته هر پرزو پنهنجي جاءِ تي ٽائيٽ هو.
    سريندر ڪڏهن به انهن نوڪراڻين کي پنهنجي صوفي جي زينت نه بڻايو هو. اهي نوڪراڻيون هن کي زوريءَ منٿون ڪري لذت ماڻڻ لاءِ تيار ڪنديون هيون پر سريندر محسوس ڪيو ته هن ڀيري هن کي پاڻ ڪجهه اڳڀرو ٿيڻو پوندو. هو اهڙي مشڪل کان واقف نه هو پر اڄ همت کان ڪم ورتائين ۽ ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ زوردار ٻک وڌائين.
    ڇوڪريءَ پاڻ ڇڏائيندي چيو ”هي ڇا پيو ڪرين؟“
    سريندر هڪ ڀيرو وري پريشان ٿي ويو، ”مان..... مان ..... ڪجهه به نه.“
    ڇوڪريءَ جي سانورن چپن تي عجيب مُرڪ ظاهر ٿي. ”آرام سان ويهه!“
    سريندر آرام سان ويهي رهيو، پر جسم ۾ جوانيءَ جي ڀڙڪيل باهه هن کي آرام سان ويهڻ نه ڏنو ۽ هن ڇوڪريءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري سيني سان لڳائي ڇڏيو.
    ڇوڪريءَ ته گهڻائي هٿ پير هنيا پر هن ڀيري سريندر هن جي سموري بندن کي گرفت ۾ مضوط ڪري ڇڏيو. ڇوڪري هيٺ فرش تي ڪري پئي ۽ سريندر هن جي مٿان اچي پيو، پوءِ نهايت تيزي سان پنهنجا چپ هن جي چپن تي رکي ڌڙا ڌڙ چميون ڏيڻ لڳو. ڇوڪري بيوس ٿي سريندر جي هيٺان دٻجي وئي هئي.
    سريندر سمجهيو ته هاڻي ڇوڪري مطمئن ٿي وئي آهي، تنهن ڪري هن پنهنجا هٿ سندس قميص اندر داخل ڪيا ۽ هن جي ارهن کي مهٽڻ لڳو پوءِ ته سمورو ميدان سريندر جي هٿ هيٺ هيو. ڪجهه ئي لمحن ۾ سريندر پگهر ۾ شل ٿي ويو . سريندر کي پڪ ٿي ته هاڻي ميدان هن جي هٿ ۾ آهي. هن وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ بند ڪئي ۽ ڇوڪريءَ کي پلنگ تي ليٽي پوڻ لاءِ چيو. ڇوڪري فرش تان اٿي پلنگ تي وئي ۽ سريندر به هن سان گڏجي پلنگ تي اچي ليٽيو. ڀرسان پليٽ ۾ مالٽا ۽ ڇري رکيل هئي. ڇوڪريءَ هڪ مالٽو کڻندي سريندر کان پڇيو ”مالٽو کانوان؟“
    ”ها ها، هڪ ڇو سڀ کاءُ.“
    سريندر ڇري کنئي ۽ مالٽو ڇلهڻ لڳو، ڇوڪريءَ مالٽو ۽ ڇري کسي سريندر کي چيو ”مان پاڻ ڇلهي کائينديس.”
    هن نفاست سان مالٽي کي ڇلهيو ۽ ان جون ڦارون جدا جدا ڪيون، هڪڙي ڦار سريندر ڏي وڌائي ۽ ٻي پاڻ مزي سان چوسيندي رهي. پوءِ چيائين”تو وٽ پستول آهي؟“
    سريندر جواب ۾ چيس”ها آهي ته سهي، پر تون ڇا ڪندينءَ؟“
    ڇوڪريءَ جي سانورن چپن تي عجيب مسڪراهٽ ظاهر ٿي. چيائين”مون ائين ئي پڇيو. تو کي ته خبر آهي اڄ ڪلهه هندو مسلمان فساد پيا هلن.“
    سريندر ٻيو مالٽو کنيو ۽ چيائين اهي فساد اڄ کان ته شروع ڪونه ٿيا آهن، ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهن. مان پنهنجي پستول سان چار مسلمان قتل ڪري چڪو آهيان جيڪي خطرناڪ خوني ماڻهو هئا.“
    ”سچ!“ اهو لفظ چئي هوءَ اٿي بيٺي .چيائين ”مون کي پستول ته ڏيکار.“
    سريندر اٿيو ۽ ٻئي ڪمري مان گولين سان ڀريل پستول کڻي آيو . چيائين ”هان هي وٺ، پر ترس“ هن پستول جي سيفٽي پن ٺاهي ورتي، ڇاڪاڻ جو اهو گولين سان ڀريل هو.
    ڇوڪري پستول هٿن ۾ زور سان جهليندي سريندر کي چيو”مان به اڄ هڪ مسلمان مارينديس.“ اهو چئي هن سيفٽي پن کي هڪ طرف ڪيو ۽ سريندر مٿان پستول جا فائر ڪيا. ٿوري دير ۾ سريندر جو جسم پٽ تي وڃي ڪريو.
    ”هي ڇا ڪري ڇڏيئي؟“
    ڇوڪريءَ جي سانورن چپن تي مسڪراهٽ ظاهر ٿي ۽ چيائين ”اهي چار مسلمان جيڪي تو هن پستول سان ماريا هئا تن ۾ هڪ منهنجو پيءُ به هو.“

    ترجمو: بشير منگي


    مزوري

    ڦرلٽ جي بازار لڳي پئي هئي ۽ گرمي ۾ ڏاڍو واڌارو ٿي ويو جڏهن چؤطرف باهه ڀڙڪڻ لڳي.
    هڪ ماڻهو هارمونيم جي پيٽي کنيو خوش خوش ڳائيندو پيو وڃي.
    هڪ ننڍڙو ٻار جهولي ۾ پاپڙ کنيو ڀڳو پيو وڃي. ٿُڏو جو ان کي آيو ته ڪجهه پاپڙ ڪري پيا. ٻار انهن کي کڻڻ لاءِ جهڪيو ته هڪ ماڻهو، جنهن جي مٿي تي ڪپڙن سبڻ جي مشين هئي، هن کي چيو:
    ”رهڻ ڏي پٽ.“
    بازار ۾ آواز سان هڪ ڀريل ٻوري ڪري. هڪ شخص جلدي ۾ وڌي پنهنجي ڪاتيءَ سان ان جو پيٽ چيريو ته آنڊن بدران کنڊ، اڇن اڇن داڻن واري کنڊ ٻاهر نڪري پئي. ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ پنهنجون جهوليون ڀرڻ لڳا. هن جلدي ۾ پنهنجو ويڙهيل لٽو ڪڍيو ۽ مٺيون ڀري ڀري ان ۾ وجهڻ لڳو.
    ”پري ٿيو- پري ٿيو-“ هڪ ٽانگي وارو تازو رڱيل الماريون کنيو گذري ويو.
    ڊگهي گهر جي دري مان ململ جو تاڪيو ڦڙلاٽ ڪندو ٻاهر نڪتو. شعلي جي زبان آهستگي سان هن کي چٽيو... روڊ تائين پهتو ته خاڪ جو ڍير هو.
    ”پوُن پُون- پُون پُون-“ موٽر ڪار جي هارن جي آوز سان گڏ ٻن عورتن جون رڙيون به شامل هيون.
    لوهه جي هڪ سيف ڏهن پندرهن ماڻهن ڇڪي ڪڍي ۽ لٺين جي مدد سان ان کي کولڻ شروع ڪيو.
    ڪائو اينڊ گيٽ کير جا ڪيترائي دٻا ٻنهي هٿن تي کنيو پنهنجي گاڏي سان ان کي ٽيڪ ڏيندو هڪ ماڻهو دڪان مان ٻاهر نڪتو ۽ آهستي آهستي بازار ۾ هلڻ لڳو.
    ڏاڍيان آواز آيو: ”اچو! اچو! ليموينڊ جون بوتلون پئو. گرمي جي موسم آهي.“
    ڪنڌ ۾ ڪار جو ٽائر وڌل هڪ ماڻهو ٻه بوتلون ورتيون ۽ مهرباني مڃڻ کان سواءِ هليو ويو.
    هڪ آواز آيو: ”ڪو باهه وسائيندڙن کي اطلاع ڏي. سڀ ڪجهه سڙي ويندو.“ ڪنهن به ان مفيد مشوري تي ڌيان نه ڏنو.
    ڦرلٽ جي بازار انهي طرح گرم رهي ۽ ان گرمي ۾ چئني پاسي ڀڙڪندڙ باهه لاڳيتو واڌارو آڻيندي رهي، گهڻي دير کان پوءِ ٽڙ ٽڙ جا آواز آيا. گوليون وسڻ لڳيون.
    پوليس کي بازار خالي نظر آئي. پر پوءِ پري دونهين ۾ موڙ ڀرسان هڪ ماڻهو جو پاڇو نظر آيو. پوليس جا ماڻهو سيٽيون وڄائيندا هن جي پٺيان ڀڳا. پاڇو تيزيءَ سان دونهين ۾ گهري ويو. پوليس جا سپاهي به هن جي پٺيان ويا.
    دونهين جي حد ختم ٿي ته سپاهين کي هڪ ڪشميري مزور پٺيءَ تي ڳوري ٻوري کنيون ڀڄندي نظر آيو. سيٽين جون نڙيون خشڪ ٿي ويون پر اهو ڪشميري مزور نه بيٺو. هن جي پٺيءَ تي وزن هو، معمولي نه، هڪ ڀريل ٻوري هئي. پر هو ايئن ڀڄي رهيو هو ڄڻ پٺيءَ تي ڪجهه هجيس ئي نه.
    سپاهي سهڪڻ لڳا. تنگ اچي هڪ ڄڻي پستول ڪڍي گولي وهائي ڪڍي، جيڪا ڪشميري مزور جي پٺيءَ ۾ لڳي. ٻوري هن جي پٺيءَ تان ڪري پئي. گهٻرائجي هن پٺيان ايندڙ سپاهين کي ڏٺو. پٺيءَ مان وهندڙ رت تي به هن غور نه ڪيو، پر هڪ ئي جهٽڪي سان ٻوري کنئي ۽ پٺيءَ تي رکي وري ڀڄڻ لڳو.
    سپاهين چيو: ”وڃڻ ڏيوس، جهنم ۾ وڃي.“
    اوچتو منڊ ڪائيندي ڪشميري مزور لڏيو ۽ ڪري پيو. ٻوري هن جي مٿان اچي پئي.
    سپاهين هن کي پڪڙيو ۽ ٻوري سميت وٺي ويا.
    رستي ۾ ڪشميري مزور ڪيترائي ڀيرا چيو ته ”سائين توهان مون کي ڇو ٿا پڪڙيو، مان ته غريب ماڻهو آهيان، چانورن جي هڪ ٻوري آهي، گهر ۾ کائيندم. توهان ناحق مون کي گولي هنئي.“ پر هن جي هڪ به نه ٻڌي وئي.
    ٿاڻي ۾ به ڪشميري مزور پنهنجي صفائيءَ ۾ گهڻو ڪجهه چيو. ”سائين، ٻين ماڻهن وڏو وڏو مال کنيو مان ته رڳو هڪ چانورن جي بوري کنئي. سائين مان ڏاڍو غريب آهيان. هر روز ڀت کائيندو آهيان.“
    جڏهن هو همت هاري بيٺو ته هن پنهنجي ميري ٽوپيءَ سان مٿي جو پگهر اگهيو ۽ چانورن جي ٻوري کي حسرت سان ڏسندي ٿاڻيدار آڏو هٿ ڊگهيري چيو: ”چڱو سائين! تون ٻوري پاڻ وٽ رک، مون کي پنهنجي مزوري ڏيو. چار آنا!“

    ترجمو: رياضت ٻرڙو


    سهڪار

    چاليهه پنجاهه لٺ بردار ماڻهن جو هڪ ٽولو لٽ ڦر ڪرڻ لاءِ هڪ گهر ڏانهن وڌي رهيو هو. اوچتو ان ڀيڙ کي چيري هڪ ڏٻرو ۽ اڌيڙ عمر وارو ماڻهو ٻاهر نڪتو ۽ هن ليڊرانه انداز ۾ لٽيرن کي مخاطب ٿيندي چيو: ”ڀائرو هن گهر ۾ بيشمار دولت آهي، بي انداز قيمتي سامان آهي، اچو ته اسان سڀئي گڏجي هن تي قابض ٿيون ۽ مال غنيمت پاڻ ۾ ورهائي کڻون.“
    هوا ۾ ڪيئي لٺيون اڀيون ٿيون. ڪيئي مڪون بلند ٿيون ۽ وڏي واڪ نعرن جو وسڪارو ٿيڻ لڳو. چاليهه پنجاهه ماڻهن جو ساڳيو ٽولو ان ڏٻري ۽ اڌڙوٽ عمر واري ماڻهو جي قيادت ۾ ان گهر ڏانهن تيزيءَ سان وڌڻ لڳو. جنهن ۾ بي انداز دولت ۽ بيشمار قيمتي سامان هو.
    گهر جي مک دروازي وٽ بيهي ان ڏٻري ماڻهوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر ڦورن سان مخاطب ٿيندي چيو ”ڀائرو هن گهر ۾ جيترو به مال آهي، اهو سڀ توهان جو آهي، پر ٻيلي هڪ ٻئي کان کسڻ جي ڪوشش نه ڪجو ۽ نه ئي پاڻ ۾ وڙهجو ، هليا اچو.“
    هڪڙي رڙ ڪئي، ” دروازي کي تالو آ.“
    ٻئي رڙ ڪري چيو ”ڀڃوس!“
    ”ڀڃوس...... ڀڃوس!“
    هوا ۾ ڪيئي لٺيون بلند ٿيون، ڪيئي مڪون اڀيون ۽ بلند نعرن جو مينهن وسڻ لڳو.
    ڏٻري ماڻهوءَ هٿ جو اشارو ڪري دروازو ڀڃڻ وارن کي روڪيو ۽ مرڪي چيو ”ڀائرو ترسو. مان ان کي چاٻيءَ سان کوليان ٿو.“ اهو چئي هن پنهنجي کيسي مان چاٻين جو ڇڳو ڪڍيو ۽ انهن مان هڪ چاٻي چونڊي تالي ۾ وجهي ان کي کوليو. ٽالهيءَ جو وزنائتو در چيڪٽ ڪري کلي پيو ۽ ماڻهن جو حجوم چرين وانگر اندر داخل ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ڏٻري ماڻهوءَ نرڙ جو پگهر ٺوٺ سان اگهندي چيو ”ڀائرو تڪڙ نه ڪيو جيڪي ڪجهه هن گهر ۾ آهي سڀ توهان جو آهي ته پوءِ ان افراتفريءَ جي ڪهڙي لوڙ پئي آهي؟“
    حجوم ۾ هڪدم ضبط پيدا ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ هڪ هڪ ڄڻو ٿي گهر ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيو. جيئن ئي هنن سامان لٽڻ شروع ڪيو ته وٺ سٺ مچي وئي ۽ ڏاڍي بي رحميءَ سان لٽيرا شين جي لٽ ڪرڻ لڳا.
    ان ڏٻري ماڻهوءَ جڏهن اهو منظر ڏٺو ته ڏاڍي ڏکاري آواز ۾ لٽيرن کي چيو ”ڀائرو ڪجهه شرم ڪيو. پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ وٺ سٺ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. سيبتائيءَ مان ڪم وٺو. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا وڌيڪ قيمتي شيءِ هٿ اچي وئي آهي ته ان سان ساڙ نه ڪريو. گهر تمام وڏو آهي پنهنجي لاءِ ڪا ٻي شيءِ ڳولهي وٺو. ايئن ڪرڻ ۾ وحشي نه ٿيو، تاڪوڙو وجهندؤ ته شيون ڀڄي ڀري پونديون جنهن ۾ نقصان توهان جو ئي آهي.“
    هٿ کس ڪندڙن ۾ هڪ ڀيرو وري ضابطو اچي ويو. ڀريل گهر آهستي آهستي خالي ٿيڻ لڳو.
    ڏبرو ماڻهو گهڙيءَ گهڙيءَ هنن کي هدايتون ڏيندو رهيو ”ڏس ڀاءُ هي ريڊيو آهي آرام سان کڻ ايئن نه ٿئي جو ڀڄي پوي. اچي وٺ هيءُ ان جي تار به ساڻ کنيون وڃ. ويڙهيس يار ويڙهيس ... اها اخروٽ جي ڪاٺيءَ جي کٽ آهي... عاج جي گينڊي ڏاڍي نازڪ آهي ... ها هاڻي ٺيڪ آ.نه نه. هتي نه پيءُ بدمست ٿي ويندين. اها کڻي گهر وڃي پيءُ.... ترس، ترس. مون کي مين سوئچ بند ڪرڻ ڏي. ايئن نه ٿئي جو متان توکي ڪرنٽ لڳي وڃي.....“
    ايتري ۾ هڪ ڪنڊ کان لڙ ٿيو. چار لٽيرا ريشمي ڪپڙي جو هڪ ٿانُ هڪ ٻئي کان کسي رهيا هئا. ڏٻرو همراهه تيزيءَ سان انهن ڏانهن وڌيو ۽ ملامت ڀري لهجي ۾ انهن کي چيو ”توهان ڪيڏا نه بي سمجهه آهيو. ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيندؤ اهڙي قيمتي ڪپڙي کي. گهر ۾ سڀ شيون موجود آهن گز به هوندو رڳو ڳولهي وٺو ۽ ماپ ڪري ڪپڙو پاڻ ۾ ورهائي کڻو.“
    اچانڪ ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز آيو . هئو هئو هئو. اک ڇنڀ ۾ هڪ وڏو ڪتو هڪ ئي بل سان اندر ٽپيو. ٽپڻ سان ئي هن ٻن ٽن ڦورن کي ڦٽي وڌو. ڏٻري رڙ ڪئي، ”ٽائيگر ٽائيگر!“
    ٽائيگر جنهن جو ڀوائتو وات هڪ لٽيري جي ڪنڌ ۾ هيو، پڇ لٽڪائيندي ڏٻري ماڻهوءَ ڏانهن نيڻ نوڙائي پير مٿي کڻڻ لڳو.
    ڪتي جي اچڻ سان ئي سڀ لٽيرا ڀڄي ويا. صرف هڪ ڄڻو رهجي ويو جنهن جي ڪنڌ جو ٽڪرو ٽائيگر جي وات ۾ هو. ان ڏٻري ماڻهوءَ ڏانهن ڏٺو ۽ پڇيو، ”ڪير آهين تون؟“
    ڏٻرو همراهه مشڪيو ۽ چيائين، ”هن گهر جو مالڪ. ڏس ڏس خيال ڪر تنهجي هٿ مان چينيءَ جو ٿانوُ ٿو ڪري!“

    ترجمو: شوڪت بخاري


    ورڇ

    هڪ ماڻهوءَ پنهنجي لاءِ ڪاٺ جي هڪ وڏي صندوق منتخب ڪئي. جڏهن ان کي هو کڻڻ لڳو ته اها پنهنجي جاءِ تان هڪ انچ به نه چري سگهي.
    هڪ شخص جنهن کي شايد پنهنجي مطلب جي ڪا شيءِ لڀي ئي نه پئي، تنهن صندوق کڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري کي چيو, ”مان تنهنجي مدد ڪيان؟“
    صندوق کڻڻ وارو مدد وٺڻ لاءِ راضي ٿيو. جنهن کان پوءِ ان ماڻهوءَ جنهن کي پنهنجي مطلب جي ڪا به شيءِ نه ٿي ملي، پنهنجي سگهارن هٿن سان صندوق کي زور ڏنو ۽ کڻي پنهنجي پٺيءَ تي رکيائين. ٻئي به هن کي ٿوري ٽيڪ ڏني. بئي ٻاهر نڪتا.
    صندوق ڏاڍي ڳوري هئي ۽ گهڻي بار هئڻ ڪري هو چنگهي رهيو هو، پر انعام ملڻ جي لالچ ڪري هن جي جسماني تڪليف جو احساس مري چڪو هو.
    صندوق کڻڻ واري جي بنسبت صندوق جي چونڊ ڪرڻ وارو ڏاڍو ڏٻرو هيو. سڄي واٽ صرف هو هڪ هٿ جو سهارو ڏئي پنهنجي حق قائم رکندو رهيو. جڏهن ٻئي ڄڻا محفوظ جاءِ تي پهتا ته صندوق کي هڪ طرف رکي ان کي کڻڻ واري چيو، ”ٻڌاءِ ته هن صندوق جي مال مان مون کي ڇا ملندو.؟“
    صندوق تي پهرين نظر وجهڻ واري جواب ڏنو ”چوٿون حصو.“
    ”تمام گهٽ آهي.“
    ”نه گهٽ بلڪل ناهي اڃا به گهڻو آهي ڇاڪاڻ جو سڀ کان پهريائين مون ان تي هٿ رکيو هو.“
    ”ٺيڪ آ، پر هيستائين ان چيلهه چٻي ڪندڙ ٻوجهه کي کڻي ڪير آيو؟“
    ”اڌو اڌ تي راضي آهين؟“
    ”ٺيڪ آ، کول صندوق.“
    صندوق کولي وئي ته ان مان هڪ ماڻهو ٻاهر نڪتو.
    هٿ ۾ تلوار هيس. ٻاهر نڪرندي ئي هن ٻنهي حصيدارن کي چار چار ٽڪر ڪري ڇڏيو.

    ترجمو: شوڪت بخاري


    ايڪويهه مختصر ڪهاڻيون

    ٻارڙو
    ماشي تي هٿ لڳو پستول مان واڪا ڪندي گولي ٻاهر نڪتي. دريءَ مان ٻاهر ليئو پائيندڙ ماڻهو اتي ئي ڍير ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ماشي تي ٻيهر آڱر لڳي ٻي گولي ٽڙڪاٽ ڪندي ٻاهر نڪتي ۽ سڙڪ تي ويندڙ پخاليءَ جي پاڻيءَ سان ڀريل پخال ۾ وڃي لڳي جيڪا اتي ئي ڦاٽي پئي ۽ پخال وارو منهن ڀر وڃي لڳو. سندس رت پخال مان وهندڙ پاڻيءَ سان ملي ان ۾ شامل ٿي ويو.
    ٽيون ڀيرو نشانو گسي ويو. گولي هڪ آلي ڀت ۾ وڃي لڳي. چوٿين گولي هڪ پوڙهي عورت کي پٺيءَ ۾ وڃي لڳي هوءَ رڙ به نه ڪري سگهي ۽ اتي ئي ملڪ الموت سان وڃي ملي. پنجين ۽ ڇهين يعني ٻئي گوليون بيڪار ويون نه ڪو مئو نه وري ڪو زخمي ئي ٿيو. گوليون هلائڻ وارو وائڙو ٿي ويو اوچتو سڙڪ تي هڪ ٻارڙو ڊوڙون پائيندو نظر آيو. گولين هلائڻ واري پستول جو منهن ان طرف ڪيو. سندس ساٿيءَ چيو،” هي ڇا ٿو ڪرين؟“
    ”ڇو؟“ گولين هلائڻ واري پڇيو.
    ”گوليون ته ختم ٿي چڪيون آهن.“
    ”تون چپ ڪر. ايڏڙي ٻار کي ڪهڙي خبر؟“


    ڪارروائي
    جڏهن حملو ٿيو ته پاڙي ۾ اقليت جا ڪجهه ماڻهو مارجي ويا. جيڪي بچيا اهي پنهنجا سر ساڻ ڪري وٺي ڀڳا. هڪ ماڻهو ۽ سندس زال پنهنجي گهر جي تهه خاني ۾ اهڙو وڃي لڪيا جو لاڳيتا ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون گذري وڃڻ جي باوجود به قاتلن جي نظر سندن مٿان نه پئي. اهڙي طرح ٻه ڏينهن ٻيا به گذري ويا ته ٻنهي زال مڙسن جي حالت اهڙي وڃي بيٺي جو هو زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ٻاهر نڪري آيا.
    مڙس ڏاڍي جهيڻي آواز ۾ ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي چيو، ”اسان ٻئي پنهنجو پاڻ کي توهان جي حوالي ڪريون ٿا. اسان کي ڀلي ماري ڇڏيو.“
    ٻڌندڙ سوچ ۾ ٻڏي ويا. ”اسان جي ڌرم ۾ ته جيو هٿيا پاپ آهي.“
    اهي سڀ جيني هيا، پر انهن پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي زال مڙسن کي مناسب ڪارروائي جي لاءِ ٻئي پاڙي وارن ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيو.

    قبر تي ڏيئو
    ڦر ٿيل مال هٿ ڪرڻ لاءِ پوليس ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا، ڀَوَ ۾ ماڻهو لٽيل سامان رات جي انڌيري ۾ ٻاهر ڦٽو ڪرڻ لڳا. انهن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به هيا جن پنهنجو سامان به پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو. جيئن قانوني گرفت کان آجا رهي سگهن.
    هڪ ماڻهوءَ کي ڏاڍي ڏکيائي ٿي. هن وٽ کنڊ جون ٻه بوريون هيون، جيڪي هن پساريءَ جي دڪان تان ڦريون هيون. هڪ ٻوري ته هو جيئن تيئن ڪري رات جي انڌيري ۾ وڃي ڀر واري کوه ۾ ڦٽي ڪري آيو. پر جڏهن ٻي کڻي وڃي کوهه ۾ وجهڻ جي ڪيائين ته پاڻ به ٻوريءَ سوڌو وڃي کوهه ۾ ڪريو.
    رڙيون ٻڌي ماڻهو گڏ ٿي ويا. کوهه ۾ رسيون وڌيون ويون. ٻه همراهه هيٺ لٿا ۽ ان ماڻهوءَ کي ٻاهر ڪڍيائون. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ هو مري ويو.
    ٻئي ڏينهن جڏهن ماڻهن ان کوهه مان پيئڻ لاءِ پاڻي ڪڍيو ته اهو مٺو هو. ان رات کان ئي ان ماڻهوءَ جي قبر تي ڏيئا ٻرڻ لڳا.

    اصلاح
    ”ڪير آهين تون؟“
    ”هري هري مهاديو، هري هري مهاديو، هري هري مهاديو.“
    ”ثبوت ڪهڙو اٿئي؟“
    ”ثبوت. منهنجو نالو ڌرم چند آهي.“
    ”اهو ڪو ثبوت ناهي.“
    ”چئني ويدن مان ڪا به ڳالهه مون کان پڇيو.“
    ”اسان ويدن ٻيدن کي نه سڃاڻو، ثبوت ڏي.“
    ”ڇا؟“
    ”پاجامو ڍلو ڪر.“
    ”پاجامو ڍلو ٿيو ته هُل مچي ويو. ماريوس ماريوس. بيهو بيهو مان توهان جو ڀاءُ آهيان. ڀڳوان جو قسم مان توهان جو ڀاءُ آهيان.“
    ”ته پوءِ هي ڪهڙو نمونو آهي.؟“
    ”جنهن علائقي کان مان اچي رهيو آهيان، اهو اسان جي دشمنن جو هو انڪري مجبوراً مون کي ايئن ڪرڻو پيو ..... صرف پنهنجي جان بچائڻ لاءِ .... هڪ اها چيز غلط ٿي وئي آهي. باقي بلڪل ٺيڪ آهيان.“
    ”اڏاريو غلطيءَ کي.“
    غلطيءَ کي اڏاريو ويو. ڌرم چند به ان سان گڏ ئي اڏري ويو.

    جيلي
    صبح جو ڇهين وڳي پيٽرول پمپ جي ڀرسان ريڙهيءَ تي برف وڪڻڻ واري کي ڇرو هنيو ويو. ستين وڳي تائين هن جو لاش سڻڪ تي پيو رهيو جنهن تي برف ڳري پاڻي ٿي وهندي رهي.
    سوائين ستين وڳي پوليس لاش کڻي ويئي. برف ۽ رت سڻڪ تي پيا رهيا.
    هڪ ٽانگو جڏهن ان جي ڀرسان گذريو ته ٻار سڻڪ تي ڄميل رت جي چمڪندڙ لوٿڙن ڏانهن ڏٺو ته سندس وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ پنهنجي ماءُ جي ٻانهن کي سٽ ڏيئي ٻار آنڱر سان ان طرف اشارو ڪندي کيس چيو ”ممي جيلي ته ڏس.“

    سڏ
    باهه لڳڻ سان سڄو پاڙو سڙي رک ٿي ويو. صرف هڪ دڪان وڃي بچيو. ان جي پيشانيءَ تي هنن اکرن وارو بورڊ لڳل هو. ”هتي عمارت سازيءَ جو سڀ سامان ملي سگهي ٿو.“

    خبردار
    ڪجهه لٽيرا گهر جي مالڪ کي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان سوگهو ڪري کيس ٻاهر گهلي آيا. هو پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي وڏي واڪ کين چوڻ لڳو ”توهان مون کي ڀلي ماري ڇڏيو پر خبردار جو منهنجي ملڪيت کي هٿ به لاتو اٿوَ.“

    هميشھ جي موڪل
    ”وٺ... وٺ متان ڀڄي وڃي.“
    شڪار ٿو رڙي ڀڄ ڊڪ کان پوءِ پڪڙجي پيو.
    جڏهن نيزا هن جي سيني کي چاڪ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته هن ڏڪندڙ آواز ۾ رڙيون ڪندي چيو ، ”مون کي نه ماريو، مون کي نه ماريو. مان ته موڪلن ۾ پنهنجي گهر وڃي رهيو آهيان!“

    ڳاٽو ڀڳو
    ”مون هن جي نڙ گهٽ تي خنجر رکيو ۽ آهستي آهستي گهمائي ان کي ذبح ڪري ڇڏيو.“
    ”هي تو ڇا ڪيو؟“
    ”ڇو؟“
    ”ان کي ڇو ڪُٺئي؟“
    ”مزو ايندو آ اهڙي طرح.“
    ”مزو ايندو آ جا پٽ، تو کي ان جو ڳاٽو ڀڃڻ گهربو هو.“
    ۽ اهڙي طرح ڪُهندڙ جو ڳاٽو ڀڳو ويو.

    زال جي ڇڙٻ
    وڏي ڏکيائيءَ سان زال مڙس گهر جو ٿورو سامان بچائڻ م سوڀارا ٿيا. جوان ڇوڪريءَ جو ڪو به پتو نه پيو. ننڍڙي ٻارڙيءَ کي ماڻس پنهنجي سيني سان چنبڙائي رکيو. هڪ ڀوري مينهن هئي جنهن کي لٽيرا ڦري ويا. ڳئون بچي وئي پر ان جو گابو نه مليو.
    زال مڙس، انهن جي ننڍڙي ڇوڪري ۽ ڳئون هڪ جاءِ تي لڪل هئا. گگهه اونداهي رات هئي. ٻار بک ۾ روئڻ شروع ڪيو. خاموش فضا ۾ ڄڻ ڪو دهل وڄڻ لڳو. خوفزده ماءُ ٻار جي وات تي هٿ رکي ڇڏيو ته جيئن دشمن ٻڌي نه وٺي. آواز منجهي ويو. پيءُ احتياط ڪندي پنهنجي مٿان مضبوط چادر وجهي ڇڏي.
    ٿوري دير کان پوءِ پري کان ڪنهن گابڙي جو آواز آيو. ڳئونءَ جا ڪن اڦڙا ٿي ويا ۽ اٿي هيڏي هوڏي ڊوڙڻ ۽ رنڀون ڪرڻ لڳي. ان کي ماٺ ڪرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي وئي پر بي سود.
    لڙ ٻڌي دشمن به پهچي ويو. پري کان ئي لالٽين جو سوجهرو ڏسي زال پنهنجي مڙس کي ڇڙٻ ڏيندي چيو.
    ”ڇو هن حيوان کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو هئين؟“

    مون ۾ آهين تون
    ٻه دوستن پاڻ ۾ ملي ڏهن ويهن ڇوڪرين مان هڪ کي چونڊي ٻائيتاليهين روپئين خريد ڪيو. رات گذارڻ کان پوءِ هڪ دوست ان ڇوڪريءَ کان پڇيو ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    ڇوڪريءَ جيئن ئي پنهنجو نالو ٻڌايو ته هو پريشان ٿي ويو.
    ”اسان کي ٻڌايو ويو هو ته تون ٻئي مذهب جي آهين.“
    ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”ان ڪوڙ ڳالهايو هو.“
    اهو ٻڌي هو ڀڄندو پنهنجي دوست وٽ پهچي کيس چوڻ لڳو، ”هن حرامزادي اسان سان ڌوڪو ڪيو آهي. اسان جي ئي مذهب جي ڇوڪري پاڻ کي ڏني اٿائين. هل ته هلي کيس موٽائي ڏئي اچون.“

    آپگهات
    هن جي آپگهات تي سندس دوست چيو:
    ڏاڍو بيوقوف هيو. مون هن کي ڏاڍو سمجهايو ته ڏس يار ، جي تنهنجو مٿو ۽ ڏاڙهي ڪوڙيو اٿائون ته ان جو اهو مطلب ناهي ته تنهنجي ڌرم ئي ختم ٿي ويو. روز ڏهي استعمال ڪر، گروءَ چاهيو ته هڪ ئي سال ۾ تون ٻيهر اُهڙي جو اُهڙو ٿي ويندين.

    عاجزي
    هلندڙ گاڏيءَ کي بيهاري ٻئي مذهب جي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي. تلوارن ۽ گولين سان گهايل ڪيو ويو. ان کان واندو ٿي گاڏيءَ جي ٻين مسافرن کي حلوو، کير ۽ ميوو کارايو ويو. گاڏي هلڻ کان پهريون مهمان نوازي ڪرڻ وارن جي اڳواڻ مسافرن کي مخاطب ٿي چيو.
    ”ڀائرو ۽ ڀينرو! اسان کي گاڏي جي اچڻ جو اطلاع ڏاڍي دير سان مليو. اهو ئي سبب آهي جو اسان جهڙي طرح چاهيون پيا اهڙي طرح اوهان جي خدمت نه ڪري سگهيا آهيون.“

    واردات
    پهرين واردات ناڪي واري هوٽل جي ڀرسان ٿي. هڪدم ئي اتي هڪ سپاهيءَ کي بيهاريو ويو.
    ٻي واردات ٻئي ڏينهن تي شام جو اسٽور جي سامهون ٿي. سپاهيءَ کي پهرين جاءِ تان هٽائي ٻي واردات واري جاءِ تي بيهاريو ويو.
    ٽئين واردات رات جو ٻارهين وڳي ڌوٻيءَ جي دڪان جي ڀرسان ٿي. جڏهن انسپيڪٽر صاحب سپاهيءَ کي ان نئين جاءِ تي پهرو ڏيڻ جو حڪم ڏنو،
    سپاهيءَ ڪجهه ويچار ڪرڻ کان پوءِ چيو، ”مون کي اتي بيهاريو وڃي جتي نئين واردات ٿيڻ واري آهي.“

    ساري
    خنجر پيٽ کي چيريندي
    دن جي هيٺان پهچايو ويو.
    اڳٺ ڪٽجي ويو
    خنجر هڻڻ واري جي وات مان هڪدم
    افسوس سان ڀريل هي لفظ نڪتا.
    ”چ، چ، چ، چ.... غلطي ٿي وئي....!“

    سرگنگا رام
    هجوم رخ بدلايو ۽ سرگنگارام جي بت تي اچي ڪڙڪيو. لٺيون وسايون ويون. سرون ۽ پٿر هنيا ويا. هڪڙي منهن تي ڏامر مليو ته ٻيو وري تمام پراڻا پادر جمع ڪري انهن جا هار ٺاهي بت جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ لاءِ اڳتي وڌيو، پر پوليس اچي وئي ۽ گوليون هلڻ شروع ٿي ويون. پادرن جو هار پارائڻ وارو زخمي ٿي پيو.
    جيتوڻيڪ ملم پٽيءَ لاءِ ان کي سر گنگارام اسپتال ۾ ئي موڪليو ويو.

    رعايت
    ”منهنجي اکين جي سامهون ته منهنجي جوان ڌيءَ کي نه ماريو.“
    ”چڱو هن جي مڃ کڻي. ڪپڙا لاهي، ڇڏي ڏيوس. هڪ طرف.“


    فينستائي
    گاڏي بيٺل هئي.
    ٽي بندوقچي هڪ دٻي جي ڀرسان آيا. درين مان اندر ليئو پائي انهن مسافرن کان پڇيو، ”ڏيو خبر ڪو مرغو آهي؟“
    هڪ مسافر چوندي چوندي چپ ٿي ويو. باقي ٻين جواب ڏنو ، ”نه.“
    ٿوري دير کان پوءِ چار همراهه ڀالا کنيون آيا. درين مان اندر ليئو پائي انهن مسافرن کان پڇيو، ”ڏيئو خبر ڪو مرغو ٻرغو آهي؟“
    اهو مسافر جيڪو پهريون ڪجهه چوندي چوندي رڪجي ويو هو، ان جواب ڏنو ”خبر ناهي، توهان اندر اچي خود ئي ڪاڪوس ۾ ڏسو.“
    ڀالن وارا اندر داخل ٿيا. انهن ڪاڪوس جو در ڀڳو جنهن مان هڪ مرغو نڪري پيو.
    هڪ ڀالي واري چيو ”ڪيوس حلال.“
    ٻئي چيو ”نه هتي نه. دٻو خراب ٿي پوندو. ٻاهر وٺي هلوس.“

    شاهوڪار
    هو پنهنجي گهر جو تمام ضروري سامان هڪ ٽرڪ ۾ رکرائي ٻئي شهر ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ان کي ماڻهن جهلي ورتو. انهن مان هڪ همراهه ٽرڪ ۾ پيل مال تي لالچي نظر وجهي چيو، ”ڏسو يار ڪيڏي نه مزي سان هيترو سارو مال اڪيلو اڏاريون پيو وڃي.“
    سامان جي مالڪ مشڪندي چيو، ”جناب اهو سامان منهنجو پنهنجو آهي.“
    ٻه ٽي ماڻهو کليا.
    ”اسان سڀ ڄاڻون ٿا. هڪ ماڻهوءَ رڙ ڪئي، ”لٽيوس هي شاهوڪار ماڻهو آهي. ٽرڪ ساڻ کڻي ٿو چوريون ڪري.“


    ڏوراپو
    ”ڏس يار !
    بليڪ مارڪيٽ جواگهه به ورتئي
    ۽ اهڙو ته ردي پئٽرول ڏنئي
    جو هڪ به دڪان نه سڙيو!“

    ٿڪاوٽ
    ”مئو ناهي. ڏس نه اڃا ساهه اٿس.“
    ”ڇڏيس کڻي يار، مان ته ٿڪجي پيو آهيان.“
    ترجمو: شوڪت بخاري


    تصوير

    ”ٻار ڪٿي آهن؟“
    ”مري ويا آهن.“
    ”سڀ جو سڀ؟“
    ”ها سڀ جو سڀ، اوهان کي اڄ انهن جي متعلق پڇڻ جو ڪيئن خيال آيو آهي؟“
    ”مان انهن جو پيءُ آهيان.“
    ”اوهان جهڙو پيءُ خدا ڪري ته پيدا نه ٿئي.“

    ”تون اڄ ايترو خفا خفا ڇو آهين منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي. پل ۾ رتي، پل ۾ سير. آفيس مان ٿڪجي آيو آهيان ۽ تنهن جي بڪ بڪ شروع ٿي وئي آهي. بهتر هيو ته مان اتي آفيس ۾ پکي جي هيٺان آرام ڪيان ها.“
    ”پکو هتي به آهي، اوهان آرام پسند آهيو، هتي به آرام ڪري سگهو ٿا.“
    ”تنهنجي ٽوڪ بازي ڪڏهن ختم نه ٿيندي. منهنجو خيال آهي ته اها شيءِ تو کي ڏاج ۾ ملي هئي.“
    ”مان چوان ٿي مون سان اهڙي ڊيگهه نه ڪر، تنهنجي اکين جو پاڻي ئي ختم ٿي ويو آهي.“
    ”هتي ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، تنهنجي اها جواني ڪيڏانهن وئي؟ مان ته ائين محسوس ڪيان ٿو جهڙوڪر سئو سالن جو پوڙهو ٿي ويو آهيان.“
    ”اهو اوهان جي عملن جو نتيجو آهي، مون ته پاڻ کي ڪڏهن به پاڻ کي ائين محسوس نه ڪيو آهي.“
    ”منهنجا عمل ايترا خراب ته ناهن ۽ پوءِ به تنهن جو مڙس آهيان، ايترو به محسوس نٿو ڪري سگهان ته تنهنجي جواني زوال پذير آهي.“
    ”مون سان اهڙي زبان ۾ گفتگو ڪر جيڪا سمجهي سگهان. اهو زوال پذير وري ڇا آهي؟“
    ”ان کي ڇڏ، اچ، محبت پيار جون ڳالهيون ڪريون.“
    ”تو هاڻ ته چيو ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻڪ سئو سالن جو ڪو ڪراڙو هجن.“
    ”دل ته جوان آهي.“
    ”تنهنجي دل کي مان ڇا چوان! اوهان ان کي دل ٿا چئو، مون کان ڪو پڇا ڪري ته مان چونديس ته پٿر جو هڪ ٽڪرو آهي، جيڪو ان شخص پنهنجي سيني ۾ دٻائي رکي ڇڏيو آهي ۽ دعويٰ اها ٿو ڪري ته ان ۾ محبت ڀريل آهي! اوهان محبت ڪرڻ ڇا ڄاڻو، محبت ته صرف عورت ئي ڪري سگهندي آهي.“
    ”اڄ تائين ڪيترين عورتن مردن سان محبت ڪئي آهي، ٿورو تاريخ جو مطالعو ڪر. هميشه مردن ئي عورتن سان محبت ڪئي ۽ ان کي نڀايو، عورتون ئي هميشه بي وفا رهيون آهن.“
    ”ڪوڙ، شروع کان آخر تائين ڪوڙ، بي وفائي هميشه مردن ڪئي آهي.“
    ”۽ ها! هڪ انگلستان جي بادشاهه هڪ معمولي عورت جي لاءِ تخت تاج ڇڏي ڏنو هو، اهو ڇا سکڻو فرضي ڪردار آهي.“
    ”بس هڪ مثال پيش ڪيئي ۽ مون تي رعب وجهڻ خاطر.“
    ”تاريخ ۾ اهڙا هزارين مثال موجود آهن، مرد جڏهن عورت سان عشق ڪندو آهي ته هو ڪڏهن به پوئتي ناهي هٽندو. ڪم بخت پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏيندو آهي، پر پنهنجي محبوب کي تر جو به نقصان پهچڻ نه ڏيندو آهي. تون نٿي ڄاڻين ته مرد جڏهن محبت ۾ گرفتار هجي، ان ۾ ڪيتري طاقت هوندي آهي.“
    ”سڀ ڄاڻان ٿي، اوهان کان ڪلهه الماڙيءَ جو ڄميل دروازو به نه کلي سگهيو. آخر مون کي ئي زور لڳائي کولڻو پيو.“
    ”ڏس، جانو! تون زيادتي ٿي ڪرين. تو کي خبر آهي ته منهن جي سڄي ٻانهن ۾ سور هيو. مان ان ڏينهن آفيس به نه ويو هيس سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات سور ۾ ڦٿڪندو رهيوهوس، تو منهنجو ڪو به خيال نه ڪيو ۽ پنهنجي سهيليءَ سان گڏجي سينما تي هلي وئينءَ“
    ”اوهان ته بهانو ڪري رهيا هئا.“
    ”ظلم ڙي! يعني مان اهو بهانو ڪري رهيو هوس! سور جي ڪري منهنجو خراب حال هو ۽ تون چوين ٿي ته بهانو بڻائي رهيو هوس . لعنت آهي اهڙي زندگي تي.“
    ”اها لعنت منهنجي مٿان وڌي وئي آهي.“
    ”تنهنجي عقل مٿان پٿر پئجي ويا آهن، مان پنهنجي زندگي جو سور پٽيان ٿو“.
    ”اوهان ته هر وقت روئيندا رهندا آهيو.“
    ”تون ته کلندي رهندين آهين، ان جي لاءِ جو تو کي ڪنهن جي پرواهه نه هوندي آهي، ٻار جهنم ۾ وڃن، منهنجو جنازو ڀل نڪري، هي گهر سڙي خاڪ ٿي وڃي پر تون لکندين رهنديئن. اهڙي بي وڙي عورت مون اڄ تائين پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي.“
    ”ڪيتريون عورتون هن وقت تائين ڏٺيون اٿئي؟“
    ”هزارين لکين، رستن تي اڄڪلهه عورتون ئي عورتون نظر اچن پيون.“
    ”ڪوڙ نه ڳالهاءِ، اوهان ڪا نه ڪا خاص عورت ضرور ڏٺي آهي.“
    ”خاص طور تي مان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟“
    ”مان اوهان جا راز کولڻ نٿي چاهيان، مان هاڻ هلان ٿي.“
    ”ڪيڏانهن؟“
    ”هڪ سهيليءَ ڏانهن. ان سان پنهنجو ڏک بيان ڪنديس، ڪجهه روئينديس، ان کي به روئارينديس، ائين من هلڪو ٿي پوندو.“
    ”اهو ڏک جيڪو پنهنجي سهيليءَ سان بيان ڪرڻو اٿئي، مون کي ٻڌائي ڇڏ، مان تنهنجي غم ۾ شريڪ هجڻ جو واعدو ٿو ڪريان.“
    ”اوهان جا واعدا ڪڏهن وفا ٿيا آهن؟“
    ”تون گهڻي زيادتي پئي ڪرين، مون اڄ تائين جيڪو به واعدو ڪيو آهي، پورو ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن ٿيندا جو مون کي چيو هيئي چانهه جو هڪ سيٽ آڻي ڏي، مون هڪ دوست کان پئسا قرض کڻي ڪافي سهڻو قيمتي سيٽ خريد ڪري تو کي آڻي ڏنو هو.“
    ”مون تي وڏو احسان ڪيئي، اهو ته اوهان پنهنجي دوستن جي لاءِ آندو هو، ان مان ٻه پيالا ڪنهن ڀڳا آهن؟ ڀلا اهو کڻي ٻڌاءِ!“
    ”هڪ پيالو تنهنجي وڏي ڇوڪري ڀڳو، ٻيو تنهنجي ننڍي نڀاڳي.“
    ”سڄو الزام تون هميشه انهن مٿان هڻندين آهين! چڱو هاڻ اهو بحث بند ڪر، مون کي وهنجي سهنجي ڪپڙا پائي، جوڙو ٺاهي وڃڻو آهي.“
    ”ڏس مون اڄ تائين ڪڏهن سختي نه ڪئي آهي، مان هميشه تو سان نرميءَ سان پيش آيو آهيان، پر اڄ تو کي حڪم ڏيان ٿو ته تون ٻاهر نٿي وڃين سگهين.“
    ”وڏي ڳالهه آ، وڏو آيو آ، مون تي حڪم هلائڻ وارو، اوهان آهيو ڪير؟“
    ”جلدي وساري ڇڏيئي، مان تنهنجو مڙس آهيان.“
    ”مان نٿي ڄاڻان، مڙس ڇا ٿيندو آهي؟ مان پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ آهيان، مان ٻاهر وينديس ۽ ضرور وينديس، ڏسان ٿي مون کي ڪير ٿو روڪي.“
    ”تون نه ويندينءَ، بس اهو منهنجو فيصلو آهي.“
    ”فيصلو هاڻ عدالت ئي ڪندي.“
    ”عدالت جو هتي سوال ڪٿان آيو! منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اڄ تون ابتيون ڳالهيون ڇو پئي ڪرين، سڌي فضيلت جي ڳالهه ڪر، وڃي وهنج ته تنهنجو دماغ ٿڌو ٿئي.“
    ”اوهان سان رهندي مان مٿي کان پيرن تائين برف ٿي چڪي آهيان.“
    ”ڪا به عورت پنهنجي مڙس مان خوش نه هوندي آهي، ڀل اهو ويچارو ڪيڏو به شريف ڇو نه هجي، ان مان نقص ڪڍڻ عورتن جي فطرت ۾ شامل آهي. مون تنهنجيون ڪافي خطائون ۽ غلطيون معاف ڪيون آهن.“
    ”مون خدا نه ڪري ڪهڙِي خطا ڪئي آهي؟“
    ”گذريل سال ميگا شلجم جيڪو وڏي ٺٺ سان پچائڻ جو ارادو ڪيو هيئي، شام جو چلهه تي رکي تون ننڊ پئجي وئينءَ. صبح جو جڏهن مان باورچيخاني ۾ چانهه ٺاهڻ جي لاءِ ويس ته سڙي ڪوئلو ٿي ويا هئا، ان کي لاهي چلهه تي باهه ٻاري چانهه پچائي، تون سمهي رهي هئينءَ.“
    ”مان اها بڪواس ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهيان.“
    ”ان جي لاءِ جو ان ۾ ڪوڙ ذرو به ناهي. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته عورت کي سچ ۽ حقيقت ٻڌڻ کان ڇو چڙ آهي، مان جيڪڏهن چوان ته تنهنجو کٻو ڳل سڄي جي مقابلي ۾ ڪيڏو نه ٿلهو آهي، ته تون سڄي عمر نه بخشين، پر اها حقيقت آهي، جنهن کي شايد تون به ڀليءَ ڀت ڄاڻين ٿي، ڏس! اهو پيپر ويٽ اتي ئي رک! کڻي منهنجي مٿي ۾ هنيئي، ته پوءِ ٿاڻي پهچندينءَ.“
    ”مون پيپر ويٽ ان جي لاءِ کنيو آهي ته هي اوهان جي چهري جي عين مطابق آهي، ان جي اندر هوا جا بلبلا آهن، اهي اوهان جون اکيون آهن. هي ڳاڙهي جيڪا شئي آهي اهو اوهان جو نڪ آهي، جيڪو هميشه ڳاڙهو رهندو آهي. مون جڏهن اوهان کي پهريون دفعو ڏٺو ته مون کي ائين لڳو، اوهان جي اکين جي هيٺان ڳئون جون اکيون آهن!“
    ”تنهن جو من هلڪو ٿيو؟“
    ”منهنجي دل ڪڏهن به هلڪي نه ٿيندي، مون کي اوهان وڃڻ ڏيو. وهنجي شايد هتان هميشه جي لاءِ هلي وڃان.“
    ”وڃڻ کان اڳ اهو ته ٻڌاءِ ته وڃين ڪهڙي سبب جي ڪري ٿي!“
    ”مان ٻڌائڻ نٿي چاهيان، اوهان پهرين درجي جا بي شرم آهيو.“
    ”جانم! تنهنجي ان سڄي گفتگو جو مطلب اڃا تائين منهنجي سمجهه ۾ نه آيو، خبر ناهي تو کي يڪدم ڪهڙي شڪايت پيدا ٿي پئي آهي.“
    ”ٿورو پنهنجي ڪوٽ جي اندر کيسي ۾ هٿ هڻي ڏس.“
    ”منهنجو ڪوٽ ڪٿي آهي؟“
    ”آڻيان ٿي، آڻيان ٿي.“
    ”منهنجي ڪوٽ ۾ ڇا ٿو ٿي سگهي. وسڪي جي بوتل هئي، اها ته مون ٻاهر ئي ختم ڪري اڇلائي ڇڏي هئي، پر ٿي سگهي ٿو ته رهجي وئي هجي!“
    ”هي وٺو پنهنجو ڪوٽ.“
    ”هاڻ مان هن جو ڇا ڪيان؟“
    ”ان جي اندر واري کيسي ۾ هٿ وجهو ۽ ان ڇوڪريءَ جي تصوير ڪڍو جنهن سان اوهان اڄ ڪلهه عشق ٿا ڪريو.“
    ”قهر ڙي، تو ته منهنجا حواس خطا ڪري ڇڏيا! اها تصوير منهنجي جان، منهنجي ڀيڻ جي آهي، جنهن کي تو اڃا تائين نه ڏٺو آهي. آفريڪا ۾ آهي، تو هي خط نه ڏٺو آهي، گڏ ئي ته هيو، هي وٺ.“
    ”هاءِ ڪيڏي نه خوبصورت ڇوڪري آهي، منهنجي ڀاءُ جي لاءِ بلڪل صحيح رهندي.“


    عبدالواحد سومرو


    طلاق

    هاڻي توهان سان منهنجو صلح ٿيڻ تمام مشڪل آهي مون کي طلاق ڏئي ڇڏيو. "
    " لاحول ولا، هي تون ڇا چئي رهي آهين؟ ٻٽيهن ڪاتين سان به وائي سوائي ڪڍجي. تو ۾ سڀ کان وڏو عيب اهو آهي ته توکي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا دورا ٿا پون جو تون هوش حواس وڃائي ويهي ٿي رهين.“
    "توهان وري ڪهڙو هوش و حواس ۾ آهيو، چوويهه ڪلاڪ نشي ۾ ڌُت ٿا رهو."
    "آئون تو وانگي بغير پيئڻ جي به اجايو سجايو ته نه ٿو بڪان" .
    "ته ڇا آئون پئي اجائي سجائي بڪان. "
    "اهو مون ڪڏهن چيو پر تون اهو خود سوچ ته هي طلاق وٺڻ ڇا آهي؟ "
    "بس آئون وٺڻ ٿي چاهيان، جنهن مڙس کي پنهنجي زال جو ذرو به خيال نه هجي، ان کان طلاق نه گهرجي ته ٻيو ڀلا ڇا گهرجي؟"
    "تون طلاق کان علاوه هونءَ ٻيو سڀ ڪجهه گهـُـري سگهين ٿي. "
    "توهان مون کي ڏئي ئي ڇا ٿا سگهو؟ "
    "هي تو مون تي هڪڙو نئون الزام هنيو آهي تو جهڙي خوشنصيب زال ٻي ڪهڙي هوندي گهر ۾."
    "لعنت آهي اهڙي خوش نصيبيءَ تي. "
    "ان تي لعنت نه وجهه، خبر ناهي ته تون ڪهڙي ڳالهه تان ناراض آهين پر آئون توکي دل جي سچائيءَ سان يقين ٿو ڏياريان ته آئون توسان بي پناهه محبت ٿو ڪريان. "
    "خدا مون کي ان محبت کان پنهنجي پناهه ۾ رکي.. "
    "هون! ڇڏ انهن دل ساڙيندڙ ڳالهين کي ٻڌاءِ ننڍڙيون اسڪول ويون؟ "
    "توهان کي انهن سان ڪهڙي دلچسپي آهي، اسڪول وڃن يا جهنم ۾ آئون ته دعا ٿي ڪريان ته مري وڃن."
    "ڪنهن ڏينهن تنهنجي زبان مون کي تپيل چمٽي سان ٻاهر ڇڪي ڪڍڻي پوندي، شرم نٿو اچئي جو پنهنجي اولاد لاءِ اهو ٿي بڪين. "
    "مون چيو نه ته مون سان بدڪلامي نه ڪريو، شرم ته توهان کي اچڻ گهرجي ته هڪ عورت سان جيڪا توهان جي زال آهي ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ توهان جو فرض آهي، ان سان توهان بازاري انداز ۾ گفتگو ڪري رهيا آهيو. حقيقت ۾ اهو توهان جي خراب سوسائٽي جو اثر آهي.“
    ”۽ جيڪو توهان جي دماغ ۾ ڦيٽاڙو آهي ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ "
    "توهان ٻيو ڪير؟ "”ڏوهاري ته هميشه مون کي ئي ٿي چوين. سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي ڇا ٿي ويو آهي! "
    ”مون کي ڇا ٿيو آهي، جيڪو به ٿيو آهي، اهو صرف توهان جي ڪري ٿيو آهي. هر وقت منهنجي سر تي سوار ٿا رهو. آئون توهان کي چئي چڪي آهيان ته مون کي طلاق ڏيو. "
    "ڇا ٻي شادي ڪرڻ جو ارادو اٿئي؟ مون کان بيزار ٿي وئي آهين؟ "
    "حيف آهي توهان تي، مون کي ڪا اهڙي تهڙي عورت سمجهيو اٿوَ؟ "
    "طلاق وٺي ڇا ڪندينءَ؟"
    "جتي اَجهو مليو هلي وينديس. محنت مزدوري ڪري پنهنجن ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالينديس. "
    "تون مزدوري ڪيئن ڪري سگهندينءَ. صبح جو نوين بجي ٿي اٿين. نيرن ڪري وري ليٽي ٿي پئين. ڏينهن جي ماني کائڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪلاڪ ٿي سـُـمهين. پنهنجو پاڻ کي ته ڌوڪو نه ڏي! "
    "ها ها هر وقت آئون سـُـتي پئي آهيان. توهان آهيو جيڪي هر وقت جاڳندا ٿا رهو. ڪالهه ئي توهان جي آفيس مان هڪ ماڻهو آيو هو، هو چئي رهيو هو ته صاحب کي جڏهن ڏسو ميز تي مٿو رکيو غش لڳو پيو آهي. "
    "اهو ڪير هو، احمق جو پٽ؟ "
    "توهان پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪريو."
    "مون کي ڪاوڙ اچي وئي،ڪاوڙ ۾ ماڻهو پنهنجي زبان قابو ۾ نٿو رکي سگهي."
    "مون کي توهان تي ڪاوڙ اچي رهي آهي پر مون ته ڪو به واهيات لفظ استعمال ناهي ڪيو. انسان کي هميشه تهذيب جي دائري ۾ رهڻ گهرجي پر هي سڀ توهان جي خراب سوسائٽي جو اثر آهي جو توهان اهڙا لفظ پنهنجي گفتگو ۾ استعمال ڪريو ٿا. "
    "آئون توکان پڇان ٿو ته منهنجي خراب سوسائٽي ڪهڙي آهي؟ "
    "اهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڪپڙي جو تمام واپاري چوي، ان جا ڪپڙا توهان ڪڏهن ڏٺا آهن. تمام سادي قسم جا ۽ اهي به ميرا. هونءَ ته هو بي اي آهي پر ان جي عادت، طور طريقا ۽ اٿڻ ويهڻ اهڙو ته واهيات آهي جو ڪراهت ٿي اچي. "
    " هو مدن مست آهي. "
    "اها ڪهڙي بلا آهي. "
    "تون ڪا نه سمجهندينءَ مون کي اجايو وقت ضايع ڪرڻو پوندو. "
    "توهان جو وقت ته تمام قيمتي آهي. هميشه هڪ ڳالهه ڪرڻ تي به ضايع ٿي ٿو وڃي. "
    "تون چوڻ ڇا ٿي چاهين؟ "
    "آئون ڪجهه به نه ٿي چوڻ چاهيان، جيڪو چوڻو هو، چئي ڇڏيم. بس طلاق ڏئي ڇڏيو، ته جيئن منهنجي جند ڇـُـٽي، ان روزانو جي جهيڙن کان منهنجي زندگي اڻ وڻندڙ ٿي وئي آهي.“
    "تنهنجي زندگي ته محبت ڀريل لفظن سان به اڻ وڻندڙ ٿيو وڃي، ان جو علاج ڇا آهي؟“
    "ان جو علاج صرف طلاق آهي.“
    "ته پوءِ سڏ ڪنهن مولويءَ کي تنهنجي خواهش اها ئي آهي ته آئون انڪار ڪو نه ڪندس. "
    "آئون ڪٿان سڏيان مولويءَ کي؟“
    "ڏس! طلاق تون ٿي گهرين، جيڪڏهن مون کي وٺڻي هجي ها ته آئون ڏهه مولوي چپٽي وڄائڻ سان گهرائي وٺان ها. تون مون مان ان سلسلي ۾ ڪنهن مدد جي توقع نه رکجان تون ڄاڻ تنهنجو ڪم ڄاڻي. "
    "توهان منهنجي لاءِ ايترو ڪم به نٿا ڪري سگهو؟“
    "بلڪل نه! "
    "توهان ته اڄ تائين اهو چوندا آيا آهيوته توهان کي مون سان بي پناهه محبت آهي."
    "صحيح آهي، همراهي جي حد تائين جدائيءَ لاءِ نه“
    "ته هاڻ آئون ڇا ڪريان؟ "
    "جيڪو من ۾ اچنئي ڪر ۽ ڏس مون کي هاڻي گهڻو تنگ نه ڪر. ڪنهن مولويءَ کي گهراءِ ، هو طلاق نامو لکي ڏئي، آئون ان تي صحيح ڪري ڇڏيندس
    "حق مهر جو ڇا ٿيندو؟ “
    ”طلاق تو پاڻ گهري رهي آهين، تنهن ڪري ان جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.“
    "واهه واهه“
    ”تنهنجو ڀاءُ وڪيل آهي ، ان کان خط لکي پڇي وٺ. جڏهن عورت طلاق گهري ته هوءَپنهنجي حق مهر جي طلب نه ٿي ڪري سگهي."
    "ته پوءِ هيئن ڪريو ته توهان مون کي طلاق ڏئي ڇڏيو. "
    "آئون اها بيوقوفي ڇو ڪريان مون کي ته توسان پيار آهي. "
    "توهان جا اهي نخرا مون کي پسند ناهن. پيار هجيوَ ها ته مون سان اهڙو سلوڪ ڪريو ها؟!"
    "توهان سان مون ڪهڙي بدسلوڪي ڪئي آهي؟"
    "ڄڻ توهان ڪجهه ڄاڻو ئي نٿا. اها ٻن ٽن ڏينهن جي ڳالهه آهي، توهان منهنجي نئين ساڙهي سان پنهنجا بوٽ صاف ڪيا. "
    "خدا جو قسم نه! "
    "ته ڇا جنن اچي اهي ڪم ڪيا؟ "
    "آئون ايترو ٿو ڄاڻان ته تنهنجون ٽئي ڌيئرون پنهنجي بوٽن جي مٽي تنهنجي ساڙهي سان صاف ڪري رهيون هيون. مون انهن کي دڙڪا به ڏنا هئا. "
    "اهي اهڙيون بدتميز ناهن. "
    ڪافي بدتميز آهن، ان ڪري جو تون انهن کي صحيح تربيت نه ٿي ڏئين. "
    اسڪول مان اچن ته انهن کان پڇجانءِ ته انهن ساڙهي جو ناجائز استعمال ڪيو هو يا نه. "
    "مون کي انهن کان ڪجهه پڇڻو ناهي. "
    "تنهنجي دماغ کي اڄ خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي. اصل حقيقت جي سڌ پوي ته آئون به ڪو نتيجو قائم ڪري سگهان. "
    "توهان نتيجا قائم ڪندا رهو پر آئون پنهنجو نتيجو قائم ڪري چڪي آهيان. بس توهان مون کي طلاق ڏئي ڇڏيو، جنهن مڙس کي پنهنجي زال جو بلڪل خيال نه هجي، ان سان گڏ رهڻ جو ڪهڙو فائدو؟
    "مون هميشه تنهنجو خيال رکيو آهي. "
    "توهان کي خبر آهي ته سڀاڻي عيد آهي. "
    "خبر آهي ڇو؟ ڪالهه ئي ته آئون ننڍڙين لاءِ سينڊل وٺي آيس ۽ انهن جي ڪپڙن لاءِ مون هفتو اڳ توکي پئسا به ڏنا هئا. "
    "اهي پئسا ڏئي توهان منهنجي پيءُ ڏاڏي تي وڏو احسان ڪيو آهي. "
    "احسان جو سوال ئي ناهي، ڳالهه ڇا آهي؟ "
    "باقي پئسا تو ڏئي ڇڏيا؟“
    "جي نه ڏيان ها ته ڪپڙا سبجن ڪيئن ها؟ "
    "ته هي پئسا تون مون کان هينئر ئي وٺي ڇڏ. منهنجو خيال آهي ته سڄي ناراضگي ان ڳالهه جي هئي.
    آئون چوان ٿي ته سڀاڻي عيد آهي.“
    "ها ها! مون کي خبر آهي، آئون ڪڪڙ جو گوشت گهرايان ٿو. ان کان علاوه سـَـيون به تو به ڪجهه انتظام ڪيو آهي؟“
    "آئون خاص انتظام ڪنديس. "
    "ڇو؟ "
    "آئون چاهيان ٿي ته سڀاڻي سائي ساڙهي پايان. سائي سينڊل لاءِ آرڊر ڏئي آئي هيس. توهان کي ڪيترا ڀيرا چيو هيم ته وڃي چينوءَ جي دڪان تان معلوم ڪريو ته سينڊل تيار آهي يا نه؟‍! پر توهان کي مون ۾ ڪا دلچسپي هجي ها ته توهان وڃو ها."
    "لاحول ولا.... هي جهيڙو سڄو سائي سينڊل جو آهي. سرڪار! توهان جو سائو سينڊل آئون ٽي ڏينهن اڳ ئي وٺي آيو هيس. توهان جي الماري ۾ رکيو آهي توهان ته سڄو وقت ستا پيا آهيو. توهان الماري ته کولي ئي ڪا نه هوندي!"

    سنڌيڪار؛ ممتاز علي وگهيو


    ساڍا ٽي آنا

    ”مون خون ڇوڪيو، ڪنهن انسان جي خون ۾ همٿ ڇو رنڱيم: اهو هڪ ڊگهو داستان آهي. جيستائين مان اوهان کي ان جو تفصيل نه ٻڌائيندس، تيسين اوهان کي ان جي خبر پئجي ڪين سگهندي، مگر هن وقت اوهان صاحبن جي گفتگوءَ جو موضوع ”جرم ۽ سزا“ آهي، ”انسان ۽ جيل“ آهي، جيئن ته مانجيل ۾ رهي چڪو آهيا، تنهنڪري ان باري ۾ منهنجي راءِ غلط ٿي نٿي سگهي. مون کي ”منٽو“ صاحب ساب پورو اتفاق آهي ته جيل مجرم جي اصلاح ڪري نٿو ٿي سگهي. مگر اها حقيقت ايترا دفا ته دهرائي ويئيآهي، جو ان تي غور ڪرڻ سان ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ ته هو هزار ڀيرا اڳ جو ٻڌايل لطيفو وري وري بيان ڪري رهيو آهي..... ۽ هي لطيفو نه آهي ته ڇا آهي؟- جڏهن حقيقت جي ڄاڻ هوندي به هزارن جي تعداد ۾ جيلخانا موجود آهن، هٿڪڙيون آهن........ ۽ هو ننگ انسانيت ٻيڙيون! مان قانون جي اهڙي زيور سان آراسته ٿي چڪو آهيان!“-ائين چئي، رضويءَ مون ڏانهن ڏٺو ۽ مشڪيو. هن جا ٿلها ٿلها حبشين جهڙا چپ ڪجهه عجيب انداز ۾ چريا ۽ هن جون ننڍيون ننڍيون مخمور اکيون، جي ڪنهن خونيءَ جون پئي معلوم ٿيون، چمڪڻ لڳيون.
    جڏهن هن اوچتو ئي اسان جي گفتگو ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، ته اسين سڀيئي ڏڪي وياسون. هو اسان جي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ڪريم واري ڪافي پي رهيو هو، جڏهن هن پنهنجو تعارف ڪرايو، تڏهن اسان کي اهي سڀيئي واقعا ياد اچي ويا، جي سندس قتل جي واردات سان تعلق رکندڙ هئا، سرڪاري شاهد بڻجي، هن وڏيءَ صفائيءَ سان پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿين جي، ڦاسيءَ جي ڦندي کان، جان آزادي ڪرائي هئي. هن ان ڏينهن آزاد ٿي آيو هو، ڏاڍي مانائتي نموني هو مون مخاطب ٿيو؛ ”معاف ڪجو، منٽو صاحب! اوهان جي گفتگو سان منهنجي دلچسپي آهي، مان اديب ته ڪونه آهيان، پر اوهان جي گفتگو جو موضوع اهڙو آهي، جنهن بابت پنهنجي ڀڳل ٽٽل زبان ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور چئي سگهندس.“ ان کانپوءِ وري چيائين، ”منهنجو نالو صديق رضوي آهي: لنڊي بازار ۾ جو خون ٿيو هو، مان ان ۾ جوابدار هيس.“
    مون انهيءَ خون بابت صرف مٿاڇريءَ طرح اخبار ۾پڙهيو هو: پر جڏهن رضويءَ پنهنجو تعارف ڪرايو، ته منهنجي ذهن ۾ ان جون سرخيون اڀري آيون.
    اسان جي گفتگو جو موضوع اهو هو ته ”واقعي جيل مجرم جي اصلاح ڪري ٿو؟“ مان خود محسوس ڪري رهيو هوس ته اهڙي گفتگو ڪري، اسين گويا هڪ چوسيل ڳنڍيري وري چوسي رهيا هئاسون. رضويءَ جڏهن ائين چيو: ”هيءَ حقيقت ايترا دفعا ته دهرائي ويئي آهي، جو ان تي غور ڪندي ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ ته هزار دفعا اڳ جو ٻڌايل لطيفو بيان ٿي رهيو آهي“_ ته مون کي وڏي تسڪين ملي ويئي، مون ائين سمجهيو ته رضويءَ ڄڻ ته منهنجي خيالن جي ترجماني ڪئي آهي. ڪريم_ڪافي ختم ڪري، رضويءَ پنهنجين ننڍڙين مخمور اکين سان مون ڏانهن ڏٺو، ۽ ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان چيو: ”منٽو صاحب، انسان گناهه ڇو ٿو ڪري، گناهه ڇا آهي، سزا ڇا آهي_ مون ان بابت ڏاڍو غور سان سوچيو آهي. منهنجي اڻپوري ءَ سمجهه موجب هيئن آهي ته هر گناهه جي پٺ ۾ هڪ تاريخ آهي..... زندگيءَ جي واقعات جو هڪ وڏو حصو ان جي تهه ۾ هوندو آهي_ ڏاڍو منجهيل ۽ ڏنگو ڦڏو. مان نفسيات جو ماهر نه سهي، پر ايتري ڄاڻ ضرور اٿم ته ڪوبه انسان، ڄاڻي ٻجهي، پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڏوهه ڪونه ٿو ڪري، مگر حالات کان مجبور ٿي ائين ڪري ٿو. قتل جي گناهه ۾ قاتل برابر گنهگار آهي، مگر مقتول به صفا ڇٽي نتو سگهي!“
    نصير چيو، اوهان بلڪل درست فرمايو آهي.“
    رضويءَ وري ڪافي لاءِ آرڊر ڏنو ۽ نصير کي چيو، ”مون کي معلوم نه آهي: پر مون جيڪي ڪجهه چيو آهي سو مشاهدي جي مدنظر؛ نه ته هيءِ موضوع ڏاڍو پراڻو آهي. منهنجو خيال آهي ته وڪٽر هيوگو، جيڪو فرانس جو هڪ مشهور ناول نويس هو_شايد ڪنهن ٻئي ملڪ جو هجي، توهان کي ته خبر ڄاڻ هوندي_تنهن جرم ۽ سزا بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي. مون کي هن جي تصنيف مان ڪجهه فقرا ياد آهن...“ ائين چوندي، هو مون ڏانهن مخاطب ٿيو؛ ”منٽو صاحب،شايد اوهان جو ئي ڪيل ترجمو هو- ڇا هو؟ اها ڏاڪڻ ڪڍي ڇڏيو، جا انسان کي ڏوهن ۽ ڏکن ڏانهن وٺي وڃي ٿي.“ مان هاڻي سوچيان ٿو ته اها ڏاڪڻ ڪهڙي آهي، ۽ ان جا ڏاڪا آخر ڪيترا آهن!
    ”ڪجهه به هجي: اها ڏاڪڻ ضرور آهي، ۽ ان کي ڏاڪا به آهن_ ۽ جيئن آءُ سمجهان ٿو، بنهه بيشمار آهن: انهن جي ڳڻپ، انهن جو شمار ڪرڻ ئي ناممڪن آهي.
    ”منٽو صاحب، حڪومت راءِ شماري ڪرائي ٿي: حڪومت آدمشماري ڪرائي ٿي، حڪومت هر قسم جي شماري ڪرائي ٿي: پوءِ ان ڏاڪڻ جي ڏاڪن جي شماري ڇو نٿي ڪرائي؟ ڇا، هي ان جو فرض نه آهي؟ مون خود ڪيو_ ليڪن ان ڏاڪڻ جا ڪيترا ڏاڪا طي ڪري پوءِ ڪيم؟ حڪومت مونکي سرڪاري شاهد بنايو، ان لاءِ ته خون جو ثبوت ملي، جو ان وٽ ڪونه هو. پر سوال هي آهي ته مان پنهنجي گناهه جي معافي ڪنهن کان وٺان؟ اهي حالتون جن مونکي خون ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو، هاڻ منهنجي نزديڪ نه آهن. انهن ۽ منهنجي وچ ۾هڪ سال جو مفاصلو آهي. مان ان مفاصلي کان معافي وٺان، يا انهن حالتن کان، جي پريان بيهي منهنجا ويچارا ڪڍي رهيون آهن....؟“
    اسين سڀ رضوي جون ڳالهيون وڏي غور سان ٻڌي رهيا هئاسون. هو بظاهر تعليم يافته نه پئي معلوم ٿيو، پر هن جي گفتگو مان ظاهر هو ته هو تعليم يافته آهي ۽ گفتگو ڪرڻ جي سليقي مان واقف آهي، مان ڪجهه چوان ها، مگر مون چاهيو پئي ته هو ئي چوندو رهي، ڳالهائيندو رهي ۽ مان ٻڌندو رهان. ان ڪري مون هن جي گفتگو جي وچ ۾ ڪجهه به نه ڪڇيو.
    سندس ڪافي اچي ويئي، ٻه چار ڍڪ ڀري، هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”خدا ڄاڻي مان ڇا بڪندو رهيو آهيان؛ پر منهنجي دل ۾ هر وقت هڪڙي ماڻهو جو خيال رهيو آهي... ان ماڻهوء جو_جو اسان سان جيل ۾ گڏ هو. ان کي ساڍا ٽي آنا چورائڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سال قيد جي سزا مليل هئي!“
    نصير حيرت سان پڇيس، ”فقط ساڍن ٽن آنن جي چورائڻ ڪري؟“
    رضوي برف جهڙن ٿڌن لفظن ۾ چيو، ”هائو... فقط ساڍن ٽن آنن جي چورائڻ ڪري-جي ان کي نصيب به نه ٿيا، ڇاڪاڻ ته هو پڪڙجي پيو، اها رقم خزاني ۾ محفوظ آهي، ۽ ڦڳو ڀنگي غير محفوظ!_ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته هو وري پڪڙيو وڃي_ ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته هن جو پيٽ وري هن کي مجبور ڪري_ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته هن کان پائخانا صاف ڪرائڻ واران هن کي پگهار نه ڏيئي سگهن_ ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته هن جي پگهار ڏيندڙن کي به پنهنجو پگهار نه مليو هجي. اهو ”ٿي سگهي“ جو سلسلو، منٽو صاحب، عجيب غريب آهي. سچ پڇو ته دنيا ۾ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو_رضويءَ کان خون به ٿي سگهي ٿو.“ ائين چئي، هو ڪجهه وقت لاءِ خاموش ٿي ويو.
    نصير هن کي چيو، ”توهان ڦڳو ڀنگيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا....“
    رضويءَ پنهنجين ڀورين مڇن تان، رومال سان ڪافي صاف ڪئي. ”ها، ڦڳو ڀنگي چور هجڻ جي باوجود_يعني قانون جي نظرن ۾ هو چور هو_اسان جي نظر ۾ پورو ايماندار هو؛ خدا جو قسم، مون اڄ تائين اهڙو ايماندار ماڻهو نه ڏٺو آهي. ساڍا ٽي آنا برابر هن چورايا هئا_ ۽ هن ڪورٽ ۾ صاف چئي ڏنو هو ته ”هيءَ چوري برابر مون ڪئي آهي ۽ مان پنهنجي حق ۾ ڪابه شاهدي پيش ڪرائڻ نٿو چاهيان. مان ٻن ٽن ڏينهن کان بکيو هوس. لاچار مون کي ڪريم درزيءَ جي کيسي ۾ هٿ وجهڻو پيو. منهنجي ٻن مهينن جي پگهار جا پنج روپيا رهندڙ هئا. حضور، هن جو به ڪو قصور ڪونه هو. هن جا پاڻ ڪيترا گراهڪ سلائيءَ جا پئسا جهليو ويٺا هئا. حضور، مان اڳ به چوريون ڪري چڪو آهيان. هڪ دفعي ميم صاحب جي ٻٽونءَ مان ڏهه روپيا ڪڍيا هئم. مون کي هڪ مهينو سزا ملي هئي. وري ڊپٽي صاحب جي گهران هڪ چانديءَ جو رانديڪو چورايو هوم_صرف ان لاءِ جو منهنجي پٽ کي نمونيا ٿي پئي هئي ۽ ڊاڪٽر في گهري رهيو هو. حضور، مان اوهان سان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان، مان چور نه آهيان، حالتون ڪجهه اهڙيون هيون، جو مون کي چوري ڪرڻي پئي_ ۽ حالتون ڪجهه اهڙيون هيون جو مان پڪڙجي پيس. مون کان وڏا وڏا چور موجود آهن حضور، پر اهي اڃان تائين پڪڙيا نه ويا آهن. حضور، هاڻ ته منهنجو پٽ به نه آهي ۽ زال به ڪانه آهي.... پر افسوس اهو آهي ته اڃا منهنجو پيٽ جيئرو آهي_هي مري وڃي ته جيڪر سارو جهنجهٽ ئي ختم ٿي وڃي. حضور، مون کي معاف ڪريو!،... ليڪن ”حضور“، ان کي معاف نه ڪيو، ۽ عادتي ڏوهاري سمجهي هن کي ٻارهن مهينا سخت پورهئي سان سزا ڏني.“
    رضوي بي تڪلف انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو، جنهن ۾ ڪوبه وڌاءُ يا بناوت نه هئي. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ لفظ خود بخود هن جي زبان تي اچي رهيا هئا.
    مان بلڪل خاموش هوس؛ سگريٽ مٿان سگريٽ پي رهيو هوس ۽ هن جي گفتگو ٻڌي رهيو هوس. نصير وري هن ڏانهن مخاطب ٿيو: ”اوهان ڦڳوءَ جي ايمانداريءَ بابت ڪجهه چئي رهيا هئا...“
    ”هائو“، رضويءَ کيسي مان ٻيڙي ڪڍي دکائي_ ”مون کي معلوم نه آهي ته قانون جي نظر ۾ ايمانداري ڇا آهي. ليڪن مون کي يقين آهي مون ڏاڍيءَ ايمانداريءَ سان خون ڪيو هو: ۽ منهنجو خيال آهي ته ڦڳو ڀنگيءَ به وڏيءَ ايمانداريءَ سان ساڍا ٽي آنا چورايا هوندا. منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو ايمانداريءَ کي صرف چڱين ڳالهين ڏانهن منسوب ڇو ٿا ڪن- ۽ سچ پڇو ته مان هاڻ اهو سوچڻ لڳو آهيان ته آخر چڱائي ۽ برائي آهي ڇا؟ هڪ شي اوهان لاءِ سٺي آهي: مون لاءِ بري ٿي سگهي ٿي. ڪنهن سوسائٽيءَ ۾ ڪا چيز سٺي سمجهي وڃي ٿي، ٻيءَ ۾ ساڳي چيز خراب،. اسان مسلمانن ۾ بغل جا وار وڌائڻ گناهه سمجهيو وڃي ٿو، ليڪن سک اهڙي گناهه کان بينياز آهن. اگر هي وار وڌائڻ واقعي گناهه آهي، ته خدا انهن کي سزا ڇو نٿو ڏئي. جيڪو هو خدا آهي، ته منهنجو کيس عرض آهي ته ”خدا جي واسطي هي انسانن جا ٺاهيل قانون ٽوڙي ڇڏ- هنن جا بڻايل جيل ڊاهي ڇڏ، ۽ آسمانن تي پنهنجون ڪورٽون برپا ڪر، ۽ خود پنهنجي ڪورٽ ۾ انهن کي سزا ڏي،- ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪجهه نه، ته انصاف ته ٿئي!“
    رضويءَ جي اهڙي تقرير مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. هن جي دل جو درد ئي در اصل تاثير جو سبب هو. هو ڳالهائي رهيو هو ته ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ هو اسان سان نه، بلڪه پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪري رهيو آهي.
    هن جي ٻيڙي وسامي ويئي هئي. شايد ان ۾ تماڪ جي ڪا ڳنڍ اچي ويئي هئي؛ ڇو جو هن پنج ڇهه دفعا ان کي مچائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر جڏهن نه مستي ته ڦٽي ڪيائينس، ۽ مون ڏانهن مخاطب ٿي چيائين: ”منٽو صاحب! ڦڳو ساري زندگي مون کان نه مسرندو. اوهان کي ٻڌائيندس ته اوهان چوندا ته جذبات آهن. ليڪن خدا جو قسم جذبات جو هن ۾ ڪوبه دخل نه آهي- مان هن جو دوست ڪو هوس، نه هوئي منهنجو دوست هو؛ ڇو جو هو هر وقت پاڻ کي ائين ئي سمجهندو رهيو.“
    رضويءَ کيسي مان ٻي ٻيڙي ڪڍي: مگر اها ڀڳل هئي. مون هن کي سگريٽ آڇيو، جو هن ورتو- ”مهرباني، منٽو صاحب، معاف ڪجو! مون ايتري بڪواس ڪئي آهي، جا مون کي نه ڪرڻ کپندي هئي: ان ڪري جو ماشاالله اوهان“...
    مون هن کي وچ ۾ ڪاٽيندي چيو، ”رضوي صاحب، مان هن وقت منٽو نه آهيان: صرف سعادت حسن آهيان. اوهان پنهنجي گفتگو جاري رکيو، مان ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان ٻڌي رهيو آهيان.“
    رضوي ٿورو مشڪيو ۽ هن جي ننڍڙين مخمور اکين ۾چمڪ اچي وئي_ ”اوهان جي وڏي نوازش آهي...“ وري نصير ڏانهن مخاطب ٿيو: ”مان ڇا چئي رهيو هوس؟“
    مون يادگيري ڏياريمانس؛ ”اوهان ڦڳوءَ جي ايمانداريءَ بابت ڪجهه چوڻ پئي چاهيو.“
    ””ائو“- ائين چئي هن منهنجو پيش ڪيل سگريٽ دکايو. ”منٽو صاحب، قانون جي نظر ۾ هو عادتي چور هو. ٻيڙين لاءِ هڪ ڏينهن هن اٺ آنا چورايا هئا. ڏاڍي مشڪلات کانپوءِ هن جڏهن ڀت ٽپي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هن جي پير جي هڪ هڏي ڀڃي پيئي- جنهن لاءِ هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال علاج ڪرائيندو رهيو، مگر جڏهن منهنجو هم_جرم دوست” جرجي“ هن جي هٿ ويهه ٻيڙيون موڪليندو هو، تڏهن هو پوليس جي نظرن کان بچائي ويهن جون ويهه ئي ٻيڙيون آڻي منهنجي حوالي ڪندو هو. سرڪاري شاهدن تي ڏاڍي ڪڙي نظر رکي ويندي آهي، ليڪن جرجيءَ، ڦڳوءَ کي پنهنجو دوست ۽ همراز بنايو هو، ڦڳو ڀنگي هو، ليڪن هن جي فطرت ڏاڍي خوشبودار هئي، پهريائين پهريائين جڏهن هو جرجيءَ وٽان ٻيڙيون کڻي آيو، تڏهن مون سوچيو ته هن حرامزادي چور ضرور ڪجهه غائب ڪيون هونديون؛ مگر بعد ۾ مون کي معلوم ٿيو ته هو بلڪل ايماندار هو، ٻيڙين لاءِ اٺ آنا چورائي هن پنهنجي پير جي هڏي ڀڃائي هئي، جنهن لاءِ هو ٻارنهن مهينا علاج ڪرائيندو رهيو هيو؛ مگر هت جيل ۾، جت تماڪ جو ملڻ مشڪل ۽ ناياب هو ۽ جنهن جو هن کي ملڻ هڪ ناممڪن ڳالهه هئي، هو جرجيءَ جون سڀ ڏنل ٻيڙيون منهنجي حوالي ڪندو هو- ڄڻ ته اهي وٽس هڪ امانت هيون! جڏهن هو ٿورو وقت گهٻرائڻ کانپوءِ مون کي چوندو هو، ”سائين، هڪڙي ٻيڙي ته ڏيو“ ته مان هن کي صرف هڪڙي ٻيڙي ڏيندو هوس_ انسان ڪيڏو ته ڪميڻو آهي!“ رضويءَ اهڙي نموني پنهنجي گردن کي جهڪايو، ڄڻ ته پاڻ کان پاڻ نفرت ڪري رهيو هو.
    ”جيئن مان عرض ڪري چڪو آهيان، مون مٿان سخت پابندي هوندي هئي-سرڪاري شاهدن سان ائين ئي ٿيندو آهي. جرجي منهنجي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آزاد هو. هن جي لاءِ رشوتون ڏيئي ڪري گهڻيون ئي سهولتيون ميسر ڪيون ويون هيون. صابڻ ملندو هوس؛ ٻيڙيون ملنديون هيس؛ جيل اندر رشوت ڏيڻ لاءِ پئسا به ملي ويندا هئس، ڦڳو ڀنگيءَ جي سزا ختم ٿيڻ۾ باقي ٻه چار ڏينهن وڃي بچيا هئا، جڏهن هن پويون دفعو جرجيءَ وٽان مون کي ويهه ٻيڙيون آڻي ڏنيون، تڏهن مون هن جو شڪريو ادا ڪيو. هو جيل مان نڪرڻ لاءِ خوش ڪونه هو. مون جڏهن هن کي مبارڪ ڏني، تڏهن هن چيو، ”حضور، مان وري هتي اچي ويندس؛ بکئي انسان کي چوري ڪرڻي ئي پوي ٿي_بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن بکئي انسان کي کاڌو کائڻو ئي پوي ٿو. سائين اوهان ڏاڍا چڱا آهيو... مون کي ايتريون ٻيڙيون ڏيندا رهيا! خدا ڪري اوهان جا سڀ دوست ڇٽي وڃن. جرجي اوهان کي ڏاڍو ڀائيندو آهي.“
    نصير اهو ٻڌي، شيد پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو: ”اهڙي ماڻهوءَ کي صرف ساڍن ٽن آنن چورائڻ ڪري سزا ملي هئي!“
    رضويءَ گرم ڪافيءَ جو ڍڪ ڀريندي، نرم لهجي ۾ چيو؛ ”هائو، فقط ساڍن ٽن آنن چورائڻ جي ڏوهه ۾... ۽ اهي خزاني ۾موجود آهن_خدا کي خبر انهن سان ڪهڙي پيٽ جي آگ اجهامندي!“
    رضويءَ ڪافي جو هڪ وڌيڪ ڍڪ ڀريو، ۽ مون ڏانهن مخاطب ٿيو: ”منٽو صاحب! هن جي ڇٽڻ ۾ فقط هڪ ڏينهن رهجي ويو هو، ۽ مون کي ڏهن روپين جي ڏاڍي گهرج هئي، مان تفصيل ۾ وڃڻ نٿو چاهيان_مون کي اهي پئسا سنتريءَ کي رشوت طور ڏيڻا هئا. مون ڏاڍيءَ مشڪل سان ڪاغذ پينسل هٿ ڪري، جرجيءَ ڏانهن هڪ خط لکيو هو، جو ڦڳو جي ذريعي ان تائين پهچايو هوم ته ”هو ڪهڙي به نموني مون ڏانهن ڏهه روپيا موڪلي“. ڦڳو اڻ پڙهيل هو، شام جو هو مون سان مليو، جرجيءَ جو خط مون کي ڏنائين_ان سان گڏ ڏهن رپين جو ڳاڙهو نوٽ به آڻي منهنجي هٿ تي رکيائين، مون خط پڙهيو. لکيل هو : ”رضوي پيارا، ڏهه رپيا موڪلي ته رهيو آهيان، مگر عادتي چور جي هٿ، خدا ڪري توکي ملن: ڇو جو هو سڀاڻي ئي جيل مان آزاد ٿي وڃڻ وارو آهي.“ مون جڏهن اها چٺي پڙهي، تڏهن ڦڳو ڀنگي ڏانهن ڏسي مشڪيم ته هن کي ساڍن ٽن آنن چورائڻ جي جرم ۾ هڪ سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ملي هئي، مان سوچڻ لڳس ته جيڪڏهن هو اهي ڏهه روپيا چورائي ها، ته کيس ساڍا ٽي آنا في سال جي حساب سان ڪيتري سزا ملي ها...؟“ ائين چئي، رضويءَ ڪافيءَ جو آخري ڍڪ ڀريو ۽ رخصت وٺڻ کانسواءِ ئي ڪافي هائوس کان ٻاهر نڪري ويو.

    ترجمو: علي بخش ميمڻ


    هتي منٽو دفن آهي

    بلونت گارگي

    منٽو جو نالو مون پهريون ڀيرو 1944ع ۾ انهيءَ وقت ٻڌو، جڏهن آئون نوڪري جي ڳولا ۾ پهريون ڀيرو دهلي آيو هئس. جنگ جي ڪري هر گريجويٽ ۽ پوسٽ گريجويٽ کي ڀرتي ڪيو پي ويو. آئون به آل انڊيا ريڊيو ۾ جنگ جون خبرون ٻڌائڻ واري شعبي ۾ ماهوار ٻن سئو رپين تي ڀرتي ٿي ويس. اسين ڇهه ڄڻا هڪ وڏي ڪمري ۾ ويهي، اڌ ڪلاڪ خبرن جي ترجمي ڪرڻ ۽ ڏهه منٽ اهي نشر ڪرڻ ۾ لڳائيندا هئاسين. باقي سڄو وقت ڊاڙون ڊشون هڻندا رهندا هئاسين، پر آرمي جي حڪم موجب اسين ٻاهر نڪري نٿي سگهياسين.
    اسين اڪثر ڪري در پُوري هڪٻئي کي لطيفا ٻڌائيندا هئاسين. هري سنگهه ادبي ۽ سياسي دلچسپ واقعا ٻڌائيندو هو ته ڪڏهن وري ميز تي چڙهي نچڻ لڳندو هو. ۽ اسين سڀئي هڪئي وقت رڌم ۾ تاڙيون وڄائيندا هئاسين، پر انهيءَ سڄي خرمستي جو رنگ رنگ ادبي هوندو هئو.
    سياري جي مند ۾ ٻاهر هلڪي رمجهم پئجي رهي هئي. دلين تي عجيب ويراني ڇانئيل، چڊو موڪل وٺي شراب، پيئڻ هليو ويو، اسين بي سکائي جو شڪار ٿيا ويٺا هئاسين، ڪنهن به شئي ۾ دِل نٿي لڳيسين، وڃڻ مهل چڊو ادب لطيف جو ”افسانا نمبر“ ڇڏي ويو. آئون کڻي پنا ورائڻ لڳس، انهيءَ ۾ ڪرشن چندر جي مشهور ڪهاڻي ان داتا هئي، جيڪا بنگال جي ڪاري ڏڪار تي لکيل آهي، انهيءَ ڊگهي ڪهاڻي کي ڏهه ٻارنهن صفحا پڙهي ڇڏي ڏنم، پوءِ ٻين اديبن جي ڪهاڻين تي نظر وڌم، پر ڪو اتساهه پيدا نه ٿيو، اوچتو منهنجي نظر سعادت حسين منٽو جي نالي تي پئي. ڏاڍو عجيب نالو هو، منٽو... جيئن لارڊ منٽو يا نيٽو... يا ومٽو... گهڻو نقلي ۽ مزاحيه نالو... پوءِ ڪهاڻي جو نالو پڙهيم ”بوءِ!“
    ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته هڪئي وهڪري ۾ سڄي ڪهاڻي پڙهي پوري ڪيم. ڇا ته ڪهاڻي هئي. لفظ لفظ خوبصورت، ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جا روحاني ۽ جسماني رشتا بي حد چٽا ۽ جادو ڀريل هئا. مون کي اڃا تائين انهيءَ ڪهاڻي جا جملا، تشبيهون ۽ ساهن جو بيان ياد آهي. انهيءَ جو ايترو ته اثر ٿيو. جو خبر ئي نه پيم ته پنج ٿي چڪا آهن ۽ منهنجا سنگتي گهر وڃڻ جي لاءِ اٿي کڙا ٿيا آهن.
    ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ مون پهريون ڀيرو اردو ادب جي باري ۾ ڍنگ سان سوچيو. اڳ ۾ منهنجون ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون پڙهيل هيون، جن جو پسمنظر ڪشمير هو، جن ۾ پيار ۽ غريبيءَ جي تڙپ هئي. ٻين اديبن جي ڪهاڻين پڙهڻ جو موقعو به مليو هئم، پر سڀني کي پڙهي ايئن محسوس ٿيو ته اهڙي ڪهاڻي ته آئون به لکي سگهان ٿو، پر جڏهن منٽو کي پڙهيم ته محسوس ٿيو ته آئون اهڙي ڪهاڻي لکي نٿو سگهان. ڪاش! آئون اهڙي انوکي ۽ اعليٰ معيار جي ڪهاڻي لکي سگهان. نه، آئون ايڏي عظيم ڪهاڻي لکي نٿي سگهيس.
    منٽو منهنجي لاءِ ڪهاڻيءَ جو آدرش بنجي ويو.
    هڪ ڏينهن اوچتو مانجهاندي کانپوءِ آفيس جو پٽيوالو منهنجي ميز تي هڪ لفافو رکي ويو. الائجي ڇو، مون کي انهيءَ لفافي ۾ ڪو خطرو نظر آيو، ڪو سنگين ڏوهه، ڪو پريشان ڪندڙ نياپو. لفافو کولڻ کان اڳ واري بدلي مون کي اڃا سوڌي ياد آهي. لفافو کوليم، مون کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو. آئون لفافو کڻي مئنيجر بخشيءَ وٽ ويس. هن چيو ته اسين ڪو سبب ٻڌائڻ جي لاءِ تيار ناهيون. هيءَ وٺ مهيني جي ايڊوانس پگهار ۽ منهنجي نوڪري تان ڪڍڻ جو سبب اهو هو ته حڪومت منهنجي گذريل سرگرمين جي ڇنڊڇاڻ، ڳجهي پوليس جي ذريعي مڪمل ڪري ورتي هئي. هنن کي خبر پئي ته مون کي 1942ع جي آزادي جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو. مون کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ جو اهو سبب ڪافي هو.
    مون ڪمري ۾ وڃي سنگتين کي اها خبر ٻڌائي، همدرديءَ جي ڪري هڪ هنڌي ليکڪ روئڻ لڳو. مون پگهار جي پئسن مان هڪ ڪڙڪ نوٽ ڪڍيو ۽ سڀني جي لاءِ چانهه ۽ پيسٽرين جو آرڊر ڏنم.
    چڊي انهي ننڍڙي الوداعي تقريب جي صدارت ڪندي پنهنجي خاص انداز ۾ چيو. ”اوءِ الئو جا پٺئو! اوهين سڀ هتي سرڪار جي غلامي ڪندا رهندا ۽ هيءُ پکي آزاد ٿي ويو.“
    وڃڻ مهل هن مون کي منٽوءَ جي ڪهاڻي جو ڪتاب سوکڙي طور ڏنو. هو خود دهلي ريڊيو اسٽيشن تي منٽوءَ سان گڏ ڪم ڪري چڪو هو ۽ اڪثر ڪري منٽوءَ جون ڳالهيون ڪندو رهندو هو. هو چوندو هو. منٽو سڀني جو پيءُ هو، هتي ٻه سال نوڪري ڪري دهلي هليو ويو ۽ پنهنجي پويان هڪ سؤ ڊراما ۽ فيچر ڇڏي ويو. اهو اوپندر ناٿ اشڪ سڄي عمر ساڻس سنگت رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر منٽو کيس ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو.
    مون کي انهي وقت به انهي ڳالهه جو احساس هو ته منٽو هڪ انوکو ادبي معجزو آهي. مون کي خبر هئي ته ڪجهه وقت کانپوءِ ماڻهو پڇندا ته منٽو ڪهڙي ڪيفي ٽيريا ۾ ويهندو هو، ڪٿي رهندو هو، ڪهڙي قسم جي پين استعمال ڪندو هو. ريڊيو اسٽيشن جي ڪهڙي ڪمري ۾ ويهي لکندو هو.
    انهن ڏينهن ۾ آئون منٽو سان گڏ ڪم ڪندڙن سان گڏيس، ۽ هن بابت ننڍي وڏي معلومات گڏ ڪيم. ريڊيو اسٽيشن جي ماڙي صنوبر خان جي ريسٽورنٽ هئي، جتي هو چانهه پيئڻ ويندو هو، منٽو ٿيلهي ۾ اردو جو ننڍو ٽائپ رائٽر کڻي ريڊيو اسٽيشن تي ايندو هو ۽ سڌو ٽائيپ رائٽر تي ئي ڊرامو لکي ڏيندو هو، کيس پنهنجي فن تي وڏو ناز هو، ڪيترائي ڀيرا هو شرط هڻي ڊرامو لکندو هو. هڪ ڀيري هن دوستن جي سامهون اعلان ڪيو ته هو ڪوبه نالو يا عنوان تجويز ڪن، هو انهيءَ تي ڊرامو لکي ڏيندو. شرط ٻه ڊزن بيئر جون بوتلون هيون.
    هڪ دوست چيو ”ڪبوتري، لک انهي تي ڊرامو، منٽوءَ ٽائپ رائٽر ۾ ڪاغذ وڌو ۽ ڪبوتري ۽ ڊرامو لکي ورتو، جيڪو گهڻو مشهور ٿيو، هڪ ڀيري هو دوستن سان ڊرامي تي شرط هڻي رهيو هو ته ڪنهن ڪمري ۾ گهڙندي چيو ”ڇا آئون اندر اچي سگهان ٿو؟ ٻي ڄڻي چيو ”منٽو مزو ته تڏهن ايندو، جڏهن تون انهيءَ عنوان تي ئي ڊرامو لکندين ۽ بيئر جي بوتلن جو شرط لڳي ويو. ”منٽو“ ڇا آئون اندر اچي سگهان ٿو“ تي ڊرامو لکي ورتو.
    هڪ ڀيري ڪنهن ليکڪ ريڊيو تي پنهنجو پروگرام منسوخ ڪري ڇڏيو. چوڌاري ٻڙڌڪ مچي ويو، انهي پروگرام کي ڪيئن پورو ڪجي. منٽوءَ کي چيو ويو ته هو ڪو فيچر يا ڊرامو لکي ڏي. هن ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي چيو، آئون نٿو لکي سگهان. مشين کي به وقت کپي، ۽ کيس گهڻي منٿ ميڙ ڪئي ويئي. هڪ دوست ٽائپ رائٽر کولي انهيءَ ۾ ڪاغذ وڌو ۽ منٽوءَ کي چيو يار لکي ڏي ته اسين ٻاهر ويهي انتظار ٿا ڪريون. منٽو ٿوري دير ٽائپ رائٽر جي سامهون ويٺو رهيو ۽ ڪاغذ کي گهوريندو رهيو ۽ پوءِ هن انتظار تخليق ڪيو.
    اهو ڊرامو منٽوءَ جي بهترين ڊرامن مان هڪ آهي.
    ريڊيو اسٽيشن جي هڪ ڊئريڪٽر آڏواڻي منٽوءَ جي ڪنهن ڊرامي جي هڪ جملي تي اعتراض ڪيو ۽ اهو بدلائڻ جي لاءِ چيو (انهن ڏينهن اي، ايس، بخاري ڊائريڪٽر جنرل هو ۽ آڏواڻي جو ڪافي اثر رسوخ به هو ۽ ڪافي دلير ڊائريڪٽر به هو) منٽوءَ ڀريل محفل ۾ چيو ”آڏواڻي صاحب کي اردو ڊرامي لکڻ جي ڪهڙي خبر، کيس ته اردو ڊرامو پڙهڻ به ڪونه ٿو اچي! ابتو منهنجي ڊرامي مان غلطيون ڪڍڻ لڳندو آهي.“
    آڏواڻي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. هن منٽوءَ خلاف ڪارروائي ڪرڻ چاهي. ڳالهه بخاريءَ تائين وڃي پهتي. منٽوءَ بخاري کي چيو ”مون جيڪو چيو اهو صحيح آهي، جنهنجو نالو ئي آڏواڻي آهي، تنهن کي اردوءَ بابت ڪهڙي خبر.“
    آئون دهلي هليو آيس، ڪجهه مهينا بيڪار ويهڻ کانپوءِ 1944ع ۾ منهنجو پنجابي ناٽڪ ”لوها ڪٽ“ ڇپيو ته لاهور اسٽيشن مون کي هڪ آرٽسٽ جي حيثيت سان نوڪري ڏني. هتي راجندر سنگهه بيدي ڪم ڪندو هو. دلڪش آواز جو جادو جاڳائيندڙ آپا شيما (موهني داس) هئي. امتياز علي تاج ۽ رفيع احمد پير ڊراما پروڊيوسر ڪندا هئا. ملڪه پکهراج ريڊيو تي ويٺي پان ۽ سوپاريون چٻاڙيندي رهندي هئي. واهه جو تخليقي ماحول هو. انهن محفلن ۾ اڪثر منٽوءَ جو ذڪر پيو ٿيندو هو.
    لاهور جي اردو رسالي ادب لطيف جو ايڊيٽر ۽ پبلشر نذير احمد هو. نذير احمد پنجاب جي ڪنهن ڳوٺ جو آرائين هو، جتي کيس نذيرا چوندا هئا، چار درجا پڙهيل، وچولي قد جو ٿلهيرڙو، چمڪندڙ ڏند ۽ هو نج پنجابي ڳالهائيندو هو. هن پنهنجي چاچي برڪت علي سان گڏجي مڪتبه اردوءَ جو بنياد رکيو. جيڪو سڄي هندستان جو سڀني کان وڏو ۽ مشهور پبلشنگ هائوس بنجي ويو. هو نذير مان نذير احمد ۽ پوءِ چوڌري نذير احمد بنجي ويو.
    نذير احمد پاڻ ئي هر ڪهاڻي پڙهندو ۽ جانچيندو هو، پر منٽو واحد اديب هو، جنهن جي ڪهاڻيءَ جي لاءِ اڪثر ڪري پنهنجو پرچو شايع ڪرڻ ۾ دير ڪندو هو. هو منٽوءَ کي خط لکندو هو. ٽيليگرام موڪليندو هو ۽ جڏهن بمبئي مان منٽوءَ جي ڪهاڻي ايندي هئي ته خوشيءَ مان ٽهڪ ڏيندو هو ۽ چوندو هو ”هاڻ منهنجو پرچو مڪمل ٿي ويو ۽ جڏهن منٽوءَ جي ڪهاڻي ”بو“ ڇپي ته انهي تي فحاشي جو ڪيس هليو ته کيس ڪيس جي تاريخ تي لاهور اچڻو پيو.
    ضلعي جي سيشن ڪورٽ ۾ ڪيترائي اديب ۽ ليکڪ، هن جي حق ۾ شاهدي ڏيڻ جي لاءِ ويا. مون پهريون ڀيرو کيس اتي ڏٺو. سنهڙو ڊگهو جسم، موڪري پيشاني، ڪشميري تراشيل نڪ ۽ اکين تي چشمو، کيس شيرواني، لٺي جي سلوار ۽ ذريءَ جو جوتو پاتل هئس. ڪنڌ غرور سبب مٿي، هن لاپرواهي سان اسان کي ڏٺو. هو عصمت چغتائي سان گڏ بيٺو هو. اسين سڀ عدالت جي اردليءَ جي آواز جي اوسيئڙي ۾ بيٺا هئاسين، پروفيسر ڪنهيا لال ڪپور اسان سڀني جو تعارف ڪرايو، پر منٽوءَ جي وات مان مهرباني جو ڪو روايتي لفظ به نه نڪتو، نه ئي وري ڪنهن به قسم جي خوشيءَ جو اظهار ڪيائين، ايتري ۾ چوڌري نذير تڪڙو آيو ”لو! سڏ ٿيو آهي“ ليکڪن جو اهو جٿو جج جي ڪمري ۾ گهڙيو ۽ بو جي فني پهلوئن کي اجاگر ڪندي بيان ڏنا ۽ چيو ته انهيءَ ۾ ڪابه اعتراض جوڳي ڳالهه ڪونهي، پر اهو ته ادبي شاهڪار آهي.
    پنجابي اديبن مان سڀني کان وڏو سردار گر بخش سنگهه پريت لڙي وارو هو، جنهن خود پيار جون ڪهاڻيون لکيون هيون ۽ سماجي بغاوت جو علم بلند ڪيو هو. جڏهن کيس منٽوءَ جي ڪهاڻي جي حق ۾ شاهدي ڏيڻ جي لاءِ چيو ويو ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته اها فحش ڪهاڻي آهي، جڏهن اها ڳالهه عصمت ۽ منٽوءَ کي معلوم ٿي ته هو ڏاڍا حيران ٿيا. منٽوءَ چيو حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته پنجابيءَ ۾ اهڙا اديب به موجود آهن. انهي زبان ۽ ادب جو الله ئي مالڪ آهي.
    شاهديون ٿيون، جج ايندڙ شنوائي جي تاريخ مقرر ڪئي. سيشن ڪورٽ جي ماحول مان منٽوءَ جي طبيعت بيزار ٿي پئي. ٽٽل ڦٽل بئنچون، لوهه جون ڪرسيون، مٽي، وڪيلن ۽ منشين جي قانوني سوديبازي، عجيب گهٻراهٽ ۽ پريشاني سبب ليکڪ ڄڻ ڏوهاري نظر اچي رهيا هئا.
    منٽوءَ چيو نذير، آئون گهر ويندس. ٽانگو گهرائي ڏي. ۽ ٽانگو آيو ته منٽو انهي ۾ چڙهي ويٺو.
    ”ٻي ڪنهن کي هلڻو آهي؟ فقط هڪ!“
    آئون ويجهو بيٺو هئس، اڳيان وڌيس ۽ بيهي رهيس، منٽو ٽنگون پکيڙي پوئين سيٽ تي ويٺو هو، رستي ۾ هڪ اڌ ڳالهه ٿي.
    هن چيو: ”هيءُ همراهه مون کي هروڀرو هيرو پيا بنائين. مون کي جيل کان ڊپ ٿو ٿئي. هر ڀيري بمبئي مان هتي اچڻ بي حد ڏکيو ۽ مهانگو آهي. اهو ئي ڏوهه ڪافي آهي. فلم جي ڪهاڻي جو اسڪرين پلي تيار ڪري رهيو هئس. جو چوڌريءَ جي ٽيليگرام اچي پهتي... تون ڇا ڪندو آهين؟
    مون کيس پاڻ بابت ٿورو ٻڌايو. هن جو مون تي ڪافي رعب هو، نيري گنبذ وٽ پهچي آئون لهي ويس. هو چوڻ لڳو، آئون سڌو گهر ويندس. صفيه پڻ آيل آهي. مون کي وڃي چوڌري جي لاءِ افسانو پورو ڪرڻو آهي. ۽ پوءِ هڪدم چيائين شام جو تون مون وٽ اچج. تيستائين افسانو ختم ڪري وٺندس. ۽ هو مون کي ڇڏي هليو ويو.
    سندس وڃڻ کان پوءِ مون انهيءَ سڄي واقعي جو جائزو ورتو. هن جو آواز سنهو ۽ گرم هو، جنهن ۾ سندس شخصيت جي سڄي ڪوساڻ شامل هئي. اهو آواز نه اڳواڻن جهڙو ۽ نه ئي وري درويشن جهڙو هو، انهي ۾ بي تابي ۽ دعوت هئي. هو مون سان پنجابيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو. شام جو آئون منٽوءَ سان ملڻ ويس... هو فيروز شاهه جي علائقي ۾ ڪنهن مائٽ وٽ ٽڪيل هو، نوڪر اچي ٻڌايو ته آئون ڊرائنگ روم ۾ ويهان، ڇو ته منٽو صاحب ڪهاڻي لکڻ ۾ مصروف آهي. هيءَ اها ئي ڪهاڻي هئي جيڪا ادب لطيف ۾ ”راج بهيا“ جي نالي سان ڇپي. پوءِ ميرا نام رادها هي جي نالي سان ڇپي. انهيءَ ۾ هن پرٿوي راج ڪپور جي نج پڻي جو مذاق اڏايو هو. ڏهن منٽن کان پوءِ منٽو ڀرواري ڪمري مان نڪتو ۽ پرجوش لهجي ۾ پڇيو چانهه پيئندين.
    پوءِ هن سڏ ڪيو. ”صفيه! ڇا پئي ڪرين...؟ هيڏانهن اچ! هن جي زال آئي. منٽوءَ تعارف ڪرايو، ايتري ۾ ڪجهه ٻيا اديب آيا، چوڌري نذير به اچي ويو. ڪنهن جي گهر محفل هئي، هو منٽوءَ کي وٺڻ آيو هو. منٽوءَ مون کي چيو چڱو! سڀاڻي ملاقات ڪنداسين... آئون مڪتبه اردو ۾ هوندس.
    منٽوءَ وٽ قلم نه پر تيز نشتر هو، جنهن سماج جي رڳن مان ڪنو رت ڪڍيو هو. هو حڪيم نه پر سرجن هو. هن جي تکي نظر ڊبل لينسز جو ڪم ڪندي هئي. هن جي بيان ۾ چاشني هئي. سڀني کي خبر هئي ته هو کانئن ڪافي سٺو ٿو لکي. سڀئي هن جي فن کي مڃيندا هئا. آئون منٽو سان ٻاهر مليس.
    هو ”مڪتبه اردو“ ۾ ويٺو پنهنجي ڪتاب جي اشتهار جي لکت ڏسي رهيو هو، انهيءَ ۾ لکيل هو، منٽو هن دور جو سڀ کان وڏو افسانا نويس آهي. چيخوف جي برابر، جذبن کي اپيل ڪندڙ ۽ سحر انگيز، هن جا افسانا فن جي بلندين کي ڇهي رهيا آهن.
    منٽوءَ چيو ”اڙي چوڌري! هيءَ ڪهڙي بڪواس لکي اٿئي، هن سڀ تعريفي جملا ڪٽي ڇڏيا ۽ ڪتاب جو اشتهار خود ئي بڻايو. جنهن ۾ لکيل هو، منٽو بڪواس ٿو لکي. ماڻهو منٽوءَ کي فحش چون ٿا. پر منٽوءَ کي هڪ ڀيرو پڙهڻ شروع ڪجي ٿو ته ڪهاڻي ختم ڪرڻ کان اڳ دل ئي نٿي ٿئي.
    اشتهار ۾ بڪواس ۽ فحش جا لفظ وڏن اکرن ۾ هئا. اهي ڳالهيون جيڪي سندس مخالفن ٿي چاهيون، سي خود ئي هن لکي ڇڏيون ته جيئن انهن کي ڌڪ لڳي.
    کيس مٺن لفظن، لکڻي ۽ رسمي جملن کان بي حد چڙ هوندي هئي. هڪ ڀيري ڪنهن وڏي هستيءَ سان منٽوءَ جي ملاقات ڪرائي ويئي هئي، ان همراهه چيو ”منٽو صاحب اوهان سان ملي بي حد خوشي ٿي.“
    منٽوءَ وراڻيو اوهان سان ملي مون کي ڪابه خوشي ناهي ٿي، اهو انداز اهو ڪڙو سچ، اهو ڇرڪائيندڙ جادو هن جي مزاج جو حصو هو.
    چوڌري نذير ٻڌايو ته منٽو، ڪيلاش هوٽل ۾ آهي، هو چئي ويو آهي ته آئون اتي اچان، ڪيلاش هوٽل انارڪلي بازار ۾ آهي. ٽن منٽن جو سفر هو. آئون هوٽل جون ڏاڪڻيون چڙهي پهرين ماڙ تي پهتس. منٽو ٽن ڄڻن سان ويٺو شراب پي رهيو هو. مون کي ڏسي چيائين بس اجهو ٿا هلئون... تون پيئيندين.! ”نه“ مون وراڻيو.
    هڪ اديب چيو: منٽو صاحب! اوهان جون ڪهاڻيون ته ڪمال جون آهن. هتڪ ۽ ڪالي شلوار ته شاهڪار آهن. ڪا به ايتري اعليٰ ڪهاڻي...
    منٽو سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ”بڪواس بند ڪر“، توکي شراب پيئڻو هو، سو پيتئي، هاڻ ٽر هتان.
    آئون هٻڪي ويس. هو اٿي هليا ويا. منٽو چيو تنهنجو ئي اوسيئڙو ڪري رهيو هئس. هي ٽيئي حرامزادا پنهنجي ميز تان اٿي هيڏانهن هليا آيا... ٻه ٻه پيگ پي وڦلڻ لڳا... منهنجي واکاڻ ڪري ٽيون پيگ پيئڻ ٿي چاهيو.
    اسين گڏجي هلڻ لڳاسين، رستي ۾ مون پڇيس ڪيڏانهن پيو هلجي؟
    عبدالباريءَ وٽ.
    مون کي ياد ڪونهي ته اسين عبدالباري جي گهر وياسين يا ڪنهن ٻي هنڌ ملاقات ٿي. آئون عبدالباريءَ کي ڪيترين ئي ادبي ۽ سياسي محفلن ۾ ڏسي چڪو هئس. هو سانوري رنگ جو صحافي هو ۽ سڄي دنيا جا حوالا ڏيئي ليڪچر ڏيندو هو. هن جا خشڪ ليڪچر ٻڌي مون کي هن سان ملڻ جي ڪا سڌ نه ٿي. پر منٽو کيس ڳولهيندو پيو وتندو هو. هن مون کي ٻڌايو ته عبدالباري سندس ادبي استاد آهي. اسين ٽيئي هڪ پشاوري ٽانگي ۾ ويٺاسين. آئون ۽ باري اڳيان ڪوچوان مان گڏ ۽ منٽو عادت موجب ذريءَ وارو جوتو پائي، پوئين سيٽ تي ٽنگون پکيڙي ويهي رهيو. ٽانگو مال روڊ تي هلڻ لڳو. جنرل پوسٽ آفيس وٽان لنگهي ٽانگو بيهي رهيو. باري هيٺ لٿو. منٽوءَ کيسي مان پرس ڪڍي هڪ سائو نوٽ ڪڍي کيس ڏنو. باري بولا ناٿ جي دوڪان تي ويو. اسين ٻيئي ٽانگي ۾ ويٺا رهياسين. ڏهه منٽ گذري ويا. منٽو بي تابيءَ مان چيو ”هي ڄٽ منهنجو وقت پيو وڃائي... هيتري دير؟ هيرا پيو خريدي ڇا؟“
    ايتري ۾ باري تکو تکو اچي ٽانگي ۾ ويٺو. هن جي هٿ ۾ جاني واڪر جي بوتل هئي. منٽوءَ پڇيو، ٺيڪ آهي. ”ها“ باري وراڻي ڏني.
    ٽانگو ٻيهر ڊوڙڻ لڳو. اسين عجائب گهر ۽ گورنمينٽ ڪاليج کان ٿيندا راوي روڊ تي وڃي رهيا هئاسين. ڇا هي شوٽنگ جي لاءِ وڃي رهيا آهن. شام لڙي چڪي هئي. لائيٽون ٻرڻ لڳيون هيون. هي ڪيڏانهن پيا هلن؟ مون کي بلڪل خبر نه هئي ته ڪو هنن جي منزل هيرا منڊي آهي، جتي طوائف جي بازار آهي. شاهي مسجد جي ويجهو بازار ۾ ٽانگو بيٺو. باريءَ ٽانگي واري کي پئسا ڏنا ته اسين ٽيئي بازار حسن ۾ گهڙي پياسين. آئون اڳ ۾ ڪڏهن به هن پاسي نه آيو هئس. انهي جو سبب ڪو سٺي چال چلت نه هئي. مون کي هونئن به طوائفن ۽ دلالن جي پيشي کان ڊپ لڳندو هو. ننڍپڻ کان ئي منهنجي ذهن ۾ اهو ويٺل هو ته هي همراهه جهيڙاڪ ۽ پئسي جا پٽ هوندا آهن. ڪات ڪهاڙا هلن ٿا، انهي ڊپ جي پويان اڻ ڄاڻ دنيا ۾ پهريون قدم رکڻ جي سنسني ۽ ڏڪڻي لڪل هئي. پر ان وقت منٽو مون سان گڏ هو. تنهنڪري مون کي ڊپ نه پي لڳو، ڄڻ ڪنهن واڳونءَ جي پٺيءَ تي سوار ٿي درياءَ جو سير ڪري رهيو هجان.
    بازار ۾ چمڪ ڌمڪ ۽ گهماگهمي هئي. شيخ ڪباب، پانن ۽ گلن جي هارن وارن ۽ تماشائين جو ميڙو متل هو، انهيءَ هل بکيڙي جي عجيب سراسرهٽ، خاموش اشارا ۽ گهوريندڙ نظرون هيون، ماٺ مٺيءَ ۾ سودي بازي ٿي رهي هئي.
    مون ڏٺو ته باري هڪ پاسي بيٺو، ڪنهن پٺاڻ سان سُس پُس ڪري رهيو هو، پٺاڻ جي مهندي رڱيل رخسارن تي وڏيون مڇيون نظر اچي رهيون هيون، پوءِ ٻيئي اسان وٽ آيا ۽ باريءَ، طوائف جو اگهه مقرر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.
    منٽوءَ ڪاوڙ مان وراڻيو ”اهو معاملو تون ئي نبيري وٺ، ڄٽ ڪٿي جا!“
    منٽوءَ کي انهيءَ قسم جي سودي بازي خراب لڳندي هئي، ايتري ۾ باري ۽ پٺاڻ اچي ويا، پٺاڻ چيو ”هلو! هن ڪوٺيءَ تي سٺو مال موجود آهي.“
    اسين چارئي ڏاڪڻيون چڙهي، بالڪونيءَ مان لنگهي ڪمري ۾ گهڙياسين ته هڪ پٺاڻ وئيشيا ويٺي هئي عمر لڳ ڀڳ 35 سال کن هيس، چهري تي ٿلها نقش ۽ وارن ۾ تيل لڳل هئس ۽ تيل لڳل وارن ۾ چنبيليءَ جا گل بدن تي ريشمي جهومر ڪندڙ قميص، سلڪ جي سلوار ۽ وات ۾ پان پيل هئس.
    ”اچو ويهو!“
    پٺاڻ به گڏ ويهي رهيو، هن جي وڏين مڇين وارو ڳاڙهو چهرو نرم بڻجي ويو هو، هو بنهه چئيڪار ۽ نرم هو. هو ”بازار حسن“ جي انهيءَ اڏي جو چيف دلال هو.
    منٽوءَ هڪ نظر سان انهيءَ وئيشيا جو جسم ڏٺو، هڪ نوڪر اچي ٽي گلاس رکي ويو. منٽوءَ چيو ”سوڊا گهرائي ۽ کائڻ جي لاءِ تڪا ڪباب تون ڇا پيئندين؟“
    انهن ڏينهن آئون گوشت نه کائيندو هئس، هڪ ٻه ڀيرا کائڻ جي ڪوشش ڪيم پر چٻاڙيم ته رٻڙ جيان محسوس ٿي ٿيو مون وراڻيو ”آئون آمليٽ کائيندس.“
    منٽوءَ کيسي مان ڏهين ڏهين جا ڪڙڪ نوٽ ڪڍيا. ڏهن منٽن کانپوءِ هو ۽ سندس نوڪر ڪباب ۽ آمليٽ جون پليٽون کڻي آيا، گڏوگڏ سوڊا جون بوتلون ۽ برف پڻ، هڪ پليٽ ۾ ليمون ۽ بصر به هو، هن باقي پئسا واپس ڪيا، پر منٽوءَ چيو ”اهي پاڻ وٽ رک!“
    باريءَ بوتل کولي ۽ ٽن گلاسن ۾ شراب اوتي برف ۽ سوڊا وڌي.
    ”آئون ناهيان پيئندو!“ مون چيو مون چيو.
    باريءَ جي سانوري منهن تي پهريون ڀيرو مرڪ تري آئي ”ڀئي! شراب ته نيڪيءَ جي شيءِ آهي پي پي!“
    منٽوءَ وراڻيو ”هيءُ ناهي پيئندو.“
    پوءِ هن وئيشيا کي چيو ”تون پي منهنجي جان!“ وئيشيا آڏي اک سان منٽوءَ کي ڏٺو ۽ هڪ مرڪ وکيريندي. گلاس کڻي پيئڻ لڳي.
    منٽوءَ ۽ باريءَ هڪدم پنهنجا گلاس خالي ڪري ڇڏيا، پوءِ ڊبل پيگ ٺاهيو، منٽو ڍڪ ڀريندي چيو ”هاڻ مال ڏيکار“ نائڪا پٺاڻ کي اشارو ڪندي ڪجهه چيو ٿوري دير کان پوءِ پٺاڻ هڪ ٺهيل جڙيل وئيشيا اندر وٺي آيو، هو سامهون ويهي رهي منٽو کيس ڌيان سان ڏٺو، مون به کيس تجسس سان ڏٺو، هن مرڪي پڇيو ”اوهين ڪٿان آيا آهيو؟“
    ”تنهنجي ماءُ جي ڳوٺان“ منٽو وراڻيو ۽ پوءِ پڇيو: ”تون ڪٿي جي آهين“ ۽ منٽوءَ ٻن ٽن سوالن کان پوءِ وئيشيا کي رد ڪري ڇڏيو. پٺاڻ جي اشاري سان هوءَ هلي ويئي، انهي کان پوءِ هو ٻي وٺي آيو، پوءِ ٽئين پر ٽيئي منٽو کي نه وڻيون، پوءِ چوٿين وئيشيا آئي، نقش تکا، منهن تي مسڪراهٽ، اکين تي ڪارو چشمو. هوءَ گوڏن ڀر ويهي رهي، ڄڻ نما جي حالت ۾ هجي. منٽوءَ کي سندس اهو انداز سٺو لڳو، ٻن چئن سوالن جا جواب وئيشيا مخصوص نخري سان جواب ڏنا، منٽوءَ جي دلچسپي ۾ واڌارو ٿيو، پر گڏوگڏ هڪ ٻيو جذبو به ڪم ڪري رهيو هو، هن پڇيو ”هي ڪارو چشمو رات جي وقت ڇو لڳايو اٿئي، منهنجي مٺي!“
    هن وراڻيو ”اوهان جي حسن جي ڪري منهنجون اکيون کيريون نه ٿي وڃن.“ منٽوءَ هن جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو.“ منهنجي جان توسان ته وقت سٺو گذرندو، پر پهرين توکي ڏسي وٺان ته تون آهين ڇا؟“
    اهو چئي منٽوءَ اوچتو هٿ وڌائي هن جو ڪارو چشمو ته لاهي ورتو، وئيشيا اکيون ڇنڀيون، هڪ اک ڪاڻي هيس. اهو ڏسي منٽوءَ چيو ”جيڪڏهن تون چشمي کانسواءِ اچين ها ته آئون توسان ضرور محبت ڪريان ها، تنهنجي هڪ ڪاڻي اک تان به قربان ٿي وڃان ها، پر آئون چوري سهي نه ٿو سگهان.“
    اها وئيشيا به رد ڪئي وئي.
    رات جا يارهن ٿي چڪا هئا، گوشت، ڪباب ۽ آمليٽ ٽي ڀيرا اچي چڪا هئا، منٽو پنج پيگ پي چڪو هو، پر هن جي ڳالهين ۾ اها ئي چمڪ ۽ رنگيني هئي، هو ڇهون پيگ ٺاهڻ لڳو ته نائڪا چيس ”وڌيڪ نه پي!“ هن جي انداز ۾ همدردي هئي. منٽو بوتل کنئي ته هن سندس هٿ جهلي ورتو. ”توکي منهنجو قسم ته وڌيڪ نه پي“ مون به منٽوءَ کي چيو ”هاڻ وڌيڪ نه پي. هيءَ صحيح پئي چوي. هن کي توسان همدردي آهي“ اهو ٻڌي منٽوءَ چيو ”همدردي آهي؟ حرامڙي پنهنجي دلي جي لاءِ چار پيگ بچائڻ ٿي چاهي، جيڪڏهن صاف چئي ڏي ته آئون هن جي لاءِ نئين بوتل به گهرائي سگهان ٿو. پر هيءَ همدردي جو ڍونگ پئي ڪري.“ اهو چئي هن وڌيڪ پيگ ٺاهيو ۽ ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ لڳو، نائڪا ٻيهر منٽوءَ جو هٿ جهليو ”خدا ٿو ڄاڻي ته تون ڏاڍو سٺو ٿو لڳين؟“
    منٽو هن کي چيو ”منهنجي مٺي! تون دنيا جي سڀني عورتن کان وڌيڪ سهڻي آهين. تون قلوپطره آهين، هيلن آهين...
    منٽوءَ پٺاڻ کي جيترا ڀيرا به نوٽ ڏنا انهن جو کانئس حساب نه ورتائين. پٺاڻ هر ڀيري بچيل پئسا رکي ٿي ڇڏيا، منٽو نهايت بي درديءَ سان نوان نوان ڪڙڪ نوٽ لٽائي رهيو هو.
    مون کي منٽوءَ ۾ سندس ڪهاڻين جو ڪردار گوپي ناٿ نظر آيو، جيڪو بازار حسن وڃي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندي به دولت ٻنهي هٿن سان لٽائي ٿو. هن کي دلالن ۽ طوائفن جي دنيا پسند آهي، جيئن درگاهن ۽ مقبرن ۾ پيرن فقيرن جي، پر بابو گوپي ناٿ بي نياز آهي، منٽو انهي جو ئي اولڙو هو، هتي اهو چوڻ مناسب رهندو ته بابو گوپي ناٿ ۾ موجود انسانيت منٽوءَ جو ئي روح هئي.
    منٽوءَ جي روح ۾ عجيب ويرانگي هئي، هو طوائفن جي دنيا ۾ رهندي به بي تعلق هو، پر هو، انهن هنڌن تي لڪل انسانيت ۽ نائڪا جي دل ۾ وسيل زال کي ڏسندو هو، زال ۾ طوائف ۽ طوائف ۾ زال ڳولهيندو هو.
    جسمن جي انهيءَ منڊيءَ ۾ هو روح جو واپاري هو.
    ٻي ڏينهن يارهين بجي منٽو ريڊيو اسٽيشن آيو، انهن ڏينهن ”جگل ڪشور مهر“ اسٽيشن ڊائريڪٽر هو، وڏو رعبدار، لچڪندڙ بدن، بگهڙ جهڙيون اکيون، منهن تي ماتا جا داغ ۽ اداڪارا جهڙو آواز ڪوٽ پاتل، وات ۾ سگريٽ، گڏوگڏ ميلسيٽيشن ڪتو پاڻ سان گڏ. هو ريڊيو اسٽيشن ۾ گهڙي ٿو.
    آئون پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو ڪم ڪري رهيو هئس جو پٽيوالي اچي چيو ”منٽو صاحب پيو سڏئي!“ مون وٽ منٽوءَ جي نوٽن وارو پرس هو. جيڪو رات هن مون کي سنڀالڻ جي لاءِ ڏنو هو. آئون ٻاهر نڪتس ته منٽوءَ وڏي سڏ چيو ”جگل! آئون وڃان پيو. ايتري ۾ مهرا صاحب ٻاهر آيو ۽ منٽوءَ کي چوڻ لڳو. ”ترس يار! گڏجي ٿا هلئون“ منٽوءَ لاپرواهي مان چيو ”تون ريس کيڏڻ ويندين... مون کي ريس جو ڪوبه شوق ڪونهي... بور... آئون هلان ٿو.“
    مون منٽوءَ کي سندس پرس واپس ڪيو، هن پئسا نه ڳڻيا، فقط بمبئي جي ٽڪيٽ ڏٺائين، مون کي چيائين: ”آئون اڄ شام جو واپس وڃان پيو.“
    آئون شام جو ريلوي اسٽيشن تي پهتس فرنٽيئر ميل ۾ هن جون ٻه سيٽون ريزرو هيون، صفيه ساڻس گڏ هئي، هن سوٽ ڪيس ۽ لاهور مان خريد ڪيل شين جا بنڊل سيٽن جي هيٺان رکي ڇڏيا.
    اسين ٻيئي پليٽ فارم تي ئي بيٺاسين، منٽُو چوڻ لڳو ”چوڌري اڃا تائين نه آيو آهي، سگنل ڊائون ٿي ويو ۽ خبر ڪونهي ته هو ڪٿي آهي...“
    گهڙي کن ترسي وري چيائين ”هن گڏهه کي وقت جو اندازو ڪونهي، ڳوٺان نڪتو... سڌو لاهور پهتو... آرائين جو آرائين ئي رهيو، اڃا تائين ڪونه پهتو آهي، مون وڏي غلطي ڪئي جو سڀئي ڪپڙا ڌئارڻ لاءِ کيس ڏيئي ڇڏيم، ڇهه سلوارون، ڇهه قميصون، هوالوءَ جو پٺو اڃا تائين ڪونه پهتو آهي.“
    وارڊن سيٽي وڄائي، منٽو بڙ بڙايو ”هن گڏهه جي ته ڪا خبر ئي ڪونهي“ ايتري ۾ چوڌري نذير ڪپڙن جو بنڊل کڻيو سهڪندو اچي پهتو، ”ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پهتو آهيان مٿان چڙهي بيهي ڪپڙا استري ڪرايا اٿم.
    منٽوءَ ڪاوڙ مان گهوريس ”ڇُٽڻ واري آهي ۽ تون هاڻ پهتو آهين؟“
    چوڌري جلدي ڪپڙا گاڏيءَ ۾ رکيا، هيٺ لٿو ته گاڏي هلڻ لڳي، جڏهن گاڏي پليٽ فارم تان رواني ٿي ته هن نرڙ کان پگهر اگهندي چيو ”وڏو آيو آهي حڪم هلائڻ وارو، ڄڻ پڻهنس جو نوڪر هجان.“
    اسين ٻيئي آهستي آهستي هلڻ لڳاسين.
    هن چيو ”پاڻ کي ڪنهن نواب جو پٽ ٿو سمجهي، منهنجن پئسن مان مون تي دئونس ٿو ڄمائي. هتي آيو ته مون کيس ناول لکڻ جي لاءِ ٻه هزار رپيا ايڊوانس ڏنا، پر هن ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي سامهون ئي هڪ هزار رپيا دڦ ڪري ڇڏيا، هرهنڌ بل ڏيڻ جي لاءِ سڀني کان اڳتي نيٺ به ته پئسا اسان وٽان ئي ته اچن ٿا.“
    هو بڙ بڙائيندو رهيو، جڏهن ڪاوڙ ختم ٿيس ته چيائين ”بلونت! آئون هن شخص جا نخرا سهندو آهيان، مون وٽ وڏا وڏا جج پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر ايندا آهن ته انهن جو ڪو ڪتاب ڇپيان، آئون شايع نه ڪندو آهيان، اها ئي شئيءِ ڇپيندو آهيان، جيڪا ڇپڻ جي قابل سمجهندو آهيان، جنهن کي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ ڇپڻ جي قابل سمجهان، پر منٽو ڪهاڻي جو خدا آهي، ڪنهن وقت شايد منهنجو نالو رڳو انهيءَ ڪري جيئرو رهجي وڃي ته آئون منٽو جي ڪپڙن جو بنڊل کڻي کيس ريل ۾ چاڙهڻ آيو هئس، هيءُ انهيءَ قسم جو ليکڪ اٿئي.“
    انهيءَ کانپوءِ چوڌري ”مڪتبه اردو“ هليو ويو.
    انهيءَ ڀيري منٽو اوچتو لاهور آيو هو. مڪتبه ارودءَ ۾ ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو ويٺو هو، کيس ريشمي ڪڙتو، تنگ پائنچن واري سلوار ۽ کڙيءُ وارو جوتو پاتل هو.
    ”فڪر تونسوي، مڪتبه اردو“ جي پٺين ڪمري ۾ ويٺو ڪتابن جا پروف پڙهندو هو، هن چيس، منٽو صاحب! هن ڀيري اچڻ جو اطلاع ئي نه ڏنوَ؟“
    منٽوءَ پير جي کڙي هڻندي چيو، ”بمبئي ۾ نرگس اسٽوڊيو ۾ آئي ته کيس اڇي ساڙهيءَ جي مٿان کڙيءَ واري جتي پاتل هئي. ڪرسيءَ تي ويٺي هوءَ ايئن ئي کڙي هڻي رهي هئي، کيس ڪهڙي خبر ته ساڙهيءَ سان گڏ کڙيءَ واري جتي ڪونه پائبي آهي، مون هتي اچي ڪڙتو ۽ سلوار سبرائي ۽ جوتو خريد ڪيم، هاڻ وڃي کيس چوندس ته ڏس کڙي واري جتي هيئن پائبي آهي.“
    هن جي مزاج ۾ انهي قسم جو شاهاڻو ٺٺ به هو.
    منٽو جتي به رهيو اتي هن انهيءَ ماحول ۾ ٻڏي ڪهاڻيون لکيون، بمبئي جي ناگ پارا پوليس اسٽيشن طوائفن جي پارس روڊ ۽ فلم اسٽوڊيو جي خبر چار مون کي لاهور ۾ ويٺي ئي پئجي ويئي هئي، ”ڪاري شلوار“ جي سلطانه، دهلي جي اجمير گيٽ جي ٻاهر جي ٽي روڊ تي هڪ بالا خاني تي رهندي ئي سامهون ريلوي جو يارڊ، جتي اڻ ڳڻيون ريلوي جون پٽڙيون وڇايل هيون اتي هينئر به رنڊي خانن جي قطار آهي ۽ منٽو جو بيان ڪيل سين ۽ طوائف جي من ڀاونائن جو هو هيئن ٿو ڪري... ”اس ۾ لوهه جون اهي پٽڙيون چمڪنديون هيون ته سلطانه پنهنجي هٿن کي ڏسندي هئي، جن جون نيريون نيريون نسون بلڪل انهن پٽڙين جيان اڀريل هيون، انهي ڊگهي ۽ کليل ميدان ۾ هر وقت انجڻ ۽ گاڏي جي ٺڪ ٺڪ ۽ ڇڪ ڇڪ گونجندي رهندي هئي... ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هوءَ ڪنهن گاڏي جي ڏٻي کي جنهن کي انجڻ ڌڪي ڇڏي ڏنو هوندو هو، پٽڙين تي اڪيلو هلندي ڏسندي هئي ته کيس پنهنجو خيال ايندو هو، هوءَ به سوچيندي هئي ته کيس به ڪنهن زندگيءَ جي پٽڙيءَ تي ڌڪو ڏيئي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هوءَ پاڻمرادو هلندي پئي وڃي، ڪنهن اڻڄاتل هنڌ ڏانهن پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن انهي ڌڪي جو اثر هوريان ختم ٿي ويندو ۽ هوءَ ڪنهن هنڌ بيهي رهندي، ڪنهن اهڙي اڻ ڏٺل هنڌ تي جتي هوءَ اڳ ۾ ڪڏهن به نه بيٺي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن هن جي دماغ ۾ اهو خيال ايندو هو ته اهو سامهون جيڪي ريل جي پٽڙين جو ڄار وڇايل آهي، جتي هنڌ هنڌ تي ٻاڦ ۽ دونهون اٿي رهيو آهي، هڪ تمام وڏي بازار حسن آهي، ڪيتريون ئي وڏيون گاڏيون جن کي وڏيون وڏيون انجڻيون ڌڪينديون رهنديون آهن، سلطانه کي ڪيترائي ڀيرا اهي انجڻيون، انهن سيٺين جيان لڳنديون هيون، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن انبالا ۾ هن جي بالا خاني تي ايندا هئا.
    منٽوءَ جون مٿيون سٽون، اردو ادب ۾ ڪلائمڪس بنجي ويون، انهيءَ بيان ۾ زندگي جي ناز و انداز جا اشارا، اداسيءَ جي ماحول ۾ هلندڙ گهٽائن جو روحاني قوتن سان ميلاپ آهي.
    ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن منٽو لاهور هليو ويو ته هن پاڪستان ۽ فسادن جي باري ۾ لکيو. هو ڪڙي سچ جو زهر پيئڻ کان ڪڏهن به نه هٻڪندو هو، هو ڪڏهن به جذباتي رعايت نه ڪندو هو، ڪنهن دوست پڇيس، ”تون ڪيتري حد تائين مسلمان آهين؟“
    منٽو وراڻيو ”جڏهن اسلاميه ڪاليج ۽ ڊي اي، ڪاليج جي وچ ۾ فوٽ بال جي مئچ ٿي رهي هئي ته جڏهن به اسلاميه ڪاليج گول ٿي ڪيو ته منهنجي دل ٽپ ڏيڻ ٿي لڳي بس آئون ايترو ئي مسلمان آهيان.“
    هن فوٽ بال مئچ جي ڳالهه شايد انهي ڪري هئي جو ڪيترائي هندو اديب ترقي پسند هئڻ جي دعويٰ ڪري رهيا هئا، پر هو اندران ڪٽر هندو هئا، جيڪي اها ڳالهه کليل نموني چئي نه ٿي سگهيا. منٽو انهيءَ جذبي تحت لکيو، جيڪو اسان جي تحت الشعور ۾ ڏڪندو آهي ۽ جنهن تي اسان جو شعور طور تي ڪوبه وس نه ٿو هلي. اسان کي هڪ گهري سچ جي سامهون کڙو ڪري ٿو ڇڏي.
    مون بابت هن جو رد عمل عجيب هو، هن چيو ته ”هڪ ماڻهوءَ جو موت الميو آهي، پر هڪ لک انسان مري وڃن ته اهو قدرت جو وڏو مذاق آهي.“
    هن پنجاب جي ورهاست، قتل ۽ رتو ڇاڻ، زوري زنا جهڙن دل ڏاريندڙ واقعن تي ڪهاڻيون تخليق ڪيون ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“، ”ٿنڊا گوشت“، ”کول دو“ ڪهاڻين جي عظمت کان سڀ واقف آهن، هن ”سياهه هاشيي“ ۾ فرقيوارانه فسادن جو ذڪر ڪيو آهي.
    اهي ڪارا لطيفا، ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون جن ۾ لقمان جون ڪهاڻيون ۽ پنج تنتر جهڙيون تکيون ۽ ابتي ذهانت آهن، هن غنڊه گردي، قتل ۽ انساني بيوقوفين جو مذاق اڏايو آهي، انهي قسم جا ڪارا مذاق هندستاني ادب ۾ پهريون ڀيرو تخليق ٿيا.
    انهيءَ جي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ، يورپ ۾ هيومريا ڪاري مذاق کي فليني ۽ فاڪر فلمن ۾ پيش ڪيو، پر منٽو انهي کان ڪيترو وقت اڳ بين الاقوامي ادب جي واٽ تي هلي رهيو هو، ڪيترائي ڀيرا منٽوءَ جي ڪردارن جا نالا اصلي هوندا هئا. اهي ڪردار ايترا ته دلچسپ ۽ نرالا آهن، جو انهن جي حقيقت ۽ افسانوي روپ ۾ ڪوبه فرق نظر نه ٿو اچي.
    ”بابو گوپي ناٿ“ ۾ عبدالرحيم سينڊو، بي حد مڪار ڪردار آهي ۽ هن جي لفاظي به اوٽ پٽانگ آهي، هو فلمن ۾ ايڪسٽرا ڪردار طور ڪم ڪندو آهي، اڄ به بمبئي جي فلم اسٽوڊيو ۾ اوهين عبدالرحيم سينڊوءَ جي ڪردار کي سڃاڻي سگهو ٿا، هو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ اهڙا ته بي ايماني وارا ۽ اڍنگا لفظ استعمال ٿو ڪري، جن جو اثر ڌماڪي کان گهٽ ڪونهي، جهڙوڪ بابو گوپي ناٿ منٽوءَ جي سڃاڻپ ڪرائيندي لکي ٿو، ”منٽو صاحب انڊيا جو پهريون نمبر ليکڪ آهي، ڪهاڻين ۾ اهڙو ته تسلسل ٿو رکي جو وڏن وڏن جو ڍينگو ڍيري ٿيو وڃي، ڪيئن منٽو صاحب! آهي نه اينٽي جي يينٽي پو؟“
    اهي لفظ ڪنهن به ٻولي جا ڪونهن، جڏهن ته منٽوءَ انهن کي استمعال ڪيو ته اهي نئين ايجاد وانگيان چمڪڻ لڳا ۽ اردو ادب جو حصو بنجي ويا.
    ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ ۾ پڻ هو انهي قسم جي جادوءَ کي تحت الشعور ۾ ايئن ئي اجاگر ٿو ڪري، پاڳل خاني ۾ هندو، سک ۽ مسلمان چريا واڙيل آهن، ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ انهن کي به باقي شين جيان ڳولهيو پيو وڃي، هڪ چريو سک عجيب بي ڍنگيون ڳالهيون ٿو ڪري، هو حيران آهي ته هندستان ۾ هو، پر پاڪستان ڪيئن هليو ويو ۽ اهو پاڪستان ڪٿان اچي ويو؟
    هن جو ڳوٺ ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ ڪيڏانهن ويو؟ ۽ هاڻ کيس ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ هو بار بار مڪالما آلاپي ٿو:
    ”اوهه گڊ گڊ دي، لالٽين دي، هندستان دي، تيري مان دي... اهي لفظ هن جي اندروني نفرت جو اظهار آهن. هڪ ڀيري منٽو، بمبئي جي اليڪٽرڪ ٽرين ۾ فلمستان وڃي رهيو هو، جو هن اخبار ۾ هڪ نالو پڙهيو، جنهن جي ابتي سبتي هج هئي، جيڪو شايد برڪت الله يا حنيف الله لکيل هوندو، پر ڇپيو ”هپ ٽلا“ هو. هن ٻه چار ڀيرا اهو لفظ ورجايو، اهو کيس سٺو لڳو، اسٽوڊيو وڃي فلم ڊائريڪٽر سان هن جو ڪنهن ڪهاڻيءَ تي بحث ٿيو ته انهي بابت منٽوءَ جي راءِ ورتي ويئي، منٽو چيو ”ڪهاڻي ٺيڪ آهي، پر اها ڪهاڻي هپ ٽلا ڪونهي!“ اشوڪ ڪمار ها ۾ ها ملائي ۽ چيو ”ڪهاڻي هجي ته هپ ٽلا هجي!“ مڪرجيءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، انهي کان پوءِ فلمي دنيا ۾ سٺي ڪهاڻيءَ جي لاءِ ”هپ ٽلا“ جو لفظ جاري ٿي ويو.
    آگسٽ 1947ع ۾ جڏهن قتل ۽ رتو ڇاڻ جي بازار گرم هئي ۽ فسادن جي باهه پي ٻري ته آئون لاهور مان هڪ قميص ۽ پتلون ۾ ”بٽنڊه“، آيس، خبر پئي ته اها آخري گاڏي هئي جيڪا صحيح سلامت ”مستلج جي پل“ اڪري آئي هئي، ”بٽنڊه“ پهتس ته اتي به فساد شروع ٿي ويا، مون انهيءَ خوني ماحول ۾ رهڻ نه ٿي چاهيو، جتي منهنجي ننڍپڻ جو دوست فصل ميراثي ۽ سندس ڀيڻ قتل ٿي ويا.
    دهليءَ پهتس ته هتي به رتو ڇاڻ جاري هئي، اتي هڪ مهينو رهي بيڪاري ۽ بي يقينيءَ واري صورتحال ڏسندي سوچيم ته بمبئي هليو وڃان، ٽڪيٽ ورتم ۽ پنجاب ميل ۾ چڙهي بمبئي هليو ويس، مون کي ملڪ راج آنند جو پتو ياد هو، مون پنهنجو ننڍو بريف ڪيس ۽ هنڌ بسترو وڪٽوريا بگيءَ ۾ رکيو ۽ ڪوچوان کي ڪف پيرڊ هلڻ جي لاءِ چيم، جتي ملڪ راج آنند رهندو هو، هن وڏي خلوص سان مون کي پاڻ وٽ ٽڪايو.
    هتي ادبي محفلون ٿينديون رهنديون هيون، جتي ڪرشن چندر، علي سردار جعفري ۽ بمبئي جا پينٽر ۽ ڊانسر ۽ ترقي پسند سوچ جا حامل اديب ۽ شاعر ايندا هئا. امن و امان جون ڳالهيون ڪندا هئا، شام ٿيندي ئي فضا ۾ لڪيل ڊپ ڏڪڻ لڳندو هو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مسلمان وڃي رهيا هئا، باقي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيا هئا.
    مون منٽوءَ کي فون ڪئي ته هن پڇيو ”تون ڪڏهن آئين؟“ مون کيس پاڻ بابت ٻڌايو ۽ چيو ته آئون ساڻس ملڻ ٿو چاهيان. هن وراڻيو ”اڄ شام جو گهر هليو اچ منهنجي گهر بائيڪلا ۾، ڪلير روڊ تي...“ هن پنهنجي گهر جو نمبر ۽ سڃاڻپ ٻڌائي.
    شام جو ڪرشن چندر ۽ ڪجهه ٻيا دوست اچي ويا ۽ ڪچهري شروع ٿي ويئي، اوندهه ٿي ويئي، جڏهن مون چيو ته مون کي منٽوءَ سن ملڻ لاءِ وڃڻو آهي ته سڀني چيو ”تون هتان جي رستن کان اڻ واقف آهين، رات به ٿي ويئي آهي، خطرو آهي، تنهنڪري صبح جو هليو وڃج.“ مون کي ڊپ ٿي ٿيو، تنهنڪري نه ويس، ٻي ڏينهن منٽوءَ کي فون ڪيم ته هن سخت ڪاوڙ مان وڏي سڏ چيو، ”اڙي! ڪلهه شام جو آئون تنهنجو انتظار ڪندو رهيس، تون ڇو نه آئين؟“
    مون وراڻيو ”ڪرشن چندر ۽ ٻيا سنگتي اچي ويا هئا، جن ۾ ملڪ راج آنند به هو، ڳالهيون ڪندي دير ٿي ويئي ۽ آئون اچي نه سگهيس.“
    هن ان ئي لهجي ۾ چيو ”اڙي ڪير ٿيندا آهن ڪرشن ۽ راج آنند... توکي خبر ڪونهي هت تنهنجو منٽو انتظار ڪري رهيو آهي.“ مون معافي گهري ۽ شام جو اچڻ جو وعدو ڪيم، هن چيو ”ماني مون سان اچي کائج ۽ مون وٽ ئي سمهي رهج، سڄو گهر خالي پيو آهي، صفيه لاهور هلي ويئي آهي، آئون به هليو ويندس.“
    شام جو جڏهن ڪلير روڊ پهتس ته بتيون ٻري رهيون هيون، ڏاڪڻيون چڙهي پهرين ماڙ تي هن جي فليٽ جو در کڙڪايم، هن وڏي سڏ گرجندي پڇيو، ”ڪير آهي؟“
    مون پنهنجو نالو ٻڌايو، ٿوري دير کان پوءِ بورچيءَ دروازو کوليو ۽ آئون اندر گهڙيس.
    منٽو ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي ويٺو ڪجهه لکي رهيو هو، شراب جي بوتل ميز تي پيئي هئي، هن چيو ”صفيه کي خط لکي رهيو آهيان... بس ٻه لفظ تون ويهه“!!
    هو انهيءَ پوزيشن ۾ گوڏن تي پاٺو رکي لکندو رهيو، خط پورو ڪري چيائين ”چڱو ٿيو، جو تون اچي وئين... آئون اڪيلو هئس ۽ اڪيلائي کان مون کي وحشت ٿيندي آهي. شراب پيئندين؟“
    مون نهڪار ڪئي.
    هن شراب گلاس ۾ اوتيو، هڪ ڍڪ ڀريائين ۽ چوڻ لڳو ”منهنجي بورچيءَ ڪڪڙ رڌيو آهي، هاڻ تون گوشت کائڻ لڳو آهين نه؟“
    ”ها“
    ”خط ٻڌايانءِ! صفيه جي لاهور مان خط آيو هو، لکي ٿي ته هتي لڪشمي نواس ۾ سٺو فليٽ ملي ويو آهي، سٺو فرنيچر... ريفريجريٽر... گهڻو ڪجهه آهي. عورت! اوسالي! تون ڪهڙي ڳالهه تي خوش آهين، منٽو ته هتي ويٺو آهي... مون کان سواءِ اهو فرنيچر ڪهڙي ڪم جو... بڪواس... آئون صفا سڙي پچي ڪباب ٿي ويو آهيان.“
    تنهن کانپوءِ هن پنهنجو خط ٻڌايو. انهي خط ۾ هن جي پنهنجي ويرانگي جو ذڪر هو، بورچي جو، بمبئي جي حالتن جو، دوستن جو ۽ پنهنجي هيڪلائپ جو ۽ لڪشمي نواس جي انهي ريفريجريٽر کي گاريون! هو انهي ڳالهه جي شڪايت ڪري رهيو هو ته هو بمبئي جي دنيا ڇڏي. فلم جي هيءَ زندگي ۽ دوستن جي محبت کي پويان ڦٽو ڪري لاهور وڃي رهيو آهي، صفيه ۽ پنهنجي ٻارڙي جي لاءِ... انهي خط ۾ هڪ مڙس ۽ پيءُ جو جذبو ڪارفرما هو ۽ انهيءَ اداسيءَ جو ذڪر هو، جيڪا هڪ اجڙيل گهر ۾ هوندي آهي، هن جو پنهنجو فليٽ انهيءَ ۾ هيڪلائپ جو اکين ڏٺو ثبوت هو، زال ۽ ڌيءَ پاڪستان ۾ ۽ هو بمبئي ۾...
    هن هڪ گلاس وڌيڪ ڀريو ۽ هن جون اکيون ۽ دماغ تيز ٿي ويو.
    هن چيو، ”منهنجا سنگتي پڇن ٿا ته آئون پاڪستان ڇو پيو وڃان... آئون ڊڄڻو آهيان؟ پاڪستاني آهيان؟ مسلمان آهيان؟ پر هو منهنجي دل جي ڳالهه سمجهي نه ٿا سگهن، آئون پاڪستان وڃي رهيو آهيان، ڇو ته ااتي هڪ منٽو جي گهرج آهي، جيڪو اتي جي سياسي حرامپائين جو پردو چاڪ ڪري سگهي، هندستان ۾ اردو جو آئيندو اونداهو آهي، هينئر کان ئي هندي ڇانئجي رهي آهي، آئون لکڻ ٿو چاهيان، پر فقط اردو ۾ لکي ٿو سگهان، ڇپجڻ ٿو چاهيان ته جيئن هزارن تائين پهچي سگهان، زبان جي پنهنجي منطق هوندي آهي... ڪيترا ڀيرا زبان خيال بخشيندي آهي، انهي جو لاڳاپو رت سان آهي، هڪ منٽو بمبئي ۾ رهيو، ٻيو لاهور ۾ رهندو...“
    رات جو دير تائين هو ڳالهائيندو رهيو.
    ائون ان ئي ڪمري ۾ ستس ٻيو ڏينهن به آئون وٽس ئي رهيس. هڪ هفتي کان پوءِ وري ويس ته خبر پيم ته منٽو لاهور هليو ويو آهي.
    لاهور وڃي هن بي شمار ڪهاڻيون لکيون، هو حڪومت سان وڙهيو، ملن ۽ مولوين جو مذاق اڏايائين، فرقي پرستن جي خلاف لکيائين ۽ آمريڪا جي ”چاچا سام“ جي نالي خط لکيائين، جن ۾ انهي انڌيري نگري تي طنز ڪيائين، هو جري ۽ باغي طبيعت جو مالڪ هو ۽ سماج جي ٻٽن معيارن کي اگهاڙو ڪرڻ جو ماهر هو.
    هو دنيا جي للڪار قبول ڪري ٿي سگهيو، پر دولت جو حملو سهي نه ٿي سگهيو.
    پاڪستان ۾ 1950ع ڌاري ترقي پسند اديبن کيس پويان ڌڪڻ جي لاءِ مٿس فحاشين جو الزام لڳايو ۽ هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ته منٽوءَ جي ڪهاڻي ڪنهن به رسالي ۾ نه ڇپي وڃي، سرڪيولر دهليءَ به پهتو، سڀني کان وڌيڪ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته منٽو جو جگري ۽ پيارو دوست احمد نديم قاسمي انهيءَ تنظيم جو جنرل سيڪريٽري هو.
    انهي ڳالهه جو منٽوءَ تي تمام گهرو اثر ٿيو، هو پنهنجي دنيا ۾ ويڳاڻو ٿي ويو، ڪهاڻين جو هڪ ڳٽڪو ڇپيس ته انهي تي سلسليوار تاريخون به لکيائين انهيءَ جي پيش لفظ ۾ لکيائين، ”داد انهيءَ ڳالهه جو ملڻ کپيم ته منهنجي دماغ پيٽ ۾ گهڙي ڪهڙي ڪرامت ڏيکاري.“
    هو ڳري فنا ٿي ويو، شراب کانسواءِ ڪا به شئي هضم نه ٿيندي هيس، عجيب جنون جي ڪيفيت طاري ٿي ويس، کيس علاج لاءِ پاڳل خاني نيو ويو، پاڳل خاني وارن ڏينهن ۾ به هن جي تخليقي صلاحيتن تي ڪو به فرق نه پيو، هو لڳاتار لکندو رهيو. هن جي ڪهاڻي ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه“ پاڳل جي تجربن تي ٻڌل آهي، ادبي دنيا ۾ ورهايل انسانيت بابت هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، منٽوءَ کي انهي ڳالهه جو احساس هو ته هو هڪ وڏو افسانه نگار آهي، هن پنهنجي قبر جو ڪتبو خود ئي لکي ڇڏيو هو.
    ”هتي منٽو دفن آهي، ڪهاڻي لکڻ جو فن ساڻس گڏ ئي دفن ٿي ويو!“
    اها اڳڪٿي سچ ثابت ٿي!

    ترجمو: يوسف سنڌي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 711
    ڪتابن جو مشاهدو: 993177
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 332929
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ