ڪتاب جو نالو: شفق رَتِي شام
مصنف: سيد سراج
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 04 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 1761 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 265 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”شفق رتي شام“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار سيد سراج آهي. سيد سراج سنڌُ جو سُريلو ۽ سُڄاڻ شاعر آهي، هُنَ شاعريءَ جي جهانَ ۾ پنهنجي سوچن جي سُرهاڻ سان هِڪَ سُهڻي سُڃاڻپَ پيدا ڪئي آهي. سيد سراجَ هونئن ته گهڻين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر نَظمُ ۽ غزلُ سندس تخليقي سُڃاڻپَ جا مضبوط حوالا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • مُک پنو
  • POPAT BOOK NO. 56
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • وايون

  • بند لفافي ۾
  • اولڙو تنهجي
  • بارشن جهڙا اسين،
  • خوبصورت زندگي
  • ڌار توکان رهي
  • پاڻيءَ منجهه پَساههُ،
  • ڪراچيءَ جي شامَ،
  • ڳوٺ کان وڇڙي
  • گهر کان ٻاهر ڀي
  • تنهنجي سپنن جي سڳنڌ
  • سارون روز ٻکين او يار!
  • ڄڻ ٻرن ڪي مشعلون
  • ماٺ ڀلي هن شور کان
  • سپنن جا کوٽا سِڪا
  • ڀاڪر پائي ڏينهن وڏي،
  • ڪينجهر منجهه ڪنولَ،
  • هيءَ ڊسمبر جي
  • ليئا نه ڄڻ ڏيئا ٿي ٻاري ڏيوڍي
  • بوندون لاڳيتيون،
  • راتيون وهاميون
  • هوءَ آئي، هلي به وئي
  • اي قلم! تون ساٿ ڏي،
  • برف جهڙي ذهن ۾
  • عڪس! تون ئي ساٿ ڏي،
  • درد جي ديس جو،
  • اڄ ته وڄ تون چنگ وانگي،
  • کاڏي سعديءَ جو غزل
  • ڪالهه ڪُٺي ڪونجي،
  • شام لَکِي دَر جي
  • نيڻن جي اسٽيج تي
  • غزلَ

  • سار، ڪا هڏڪي ٿي هنيانءُ لُڇيو آهي،
  • ننڊ رسي وئي، خواب به ڪهڙي ڪم جا.
  • هڻندو ٻيجَلُ ڪا سَئنَ ڪاٿي آ؟
  • هڪڙي چانهه جي ڪپ تي رات گذاري سي،
  • سوچَ - سَتي ڳوڙها ٿي ڳاڙي،
  • هٿن سان زهر پياري مون کي،
  • جڏهن آس جا گل ٽڙي ٿا پون،
  • وڏو هن ڳالهه تي ويساههُ آهي،
  • درد، اڻپوريون خوشيون ڇا دان آ؟
  • وُٺي جي واءُ، وِڄُ ڪٽڪي نه آهي،
  • مون ائين شامَ ملهائي آهي،
  • هي اکين ۾ لڙڪ دردن جا فسانا ٿا رکن،
  • ڏات لٿي ۽ ننڊ ڦِٽي،
  • ڀلي نه ڪوئي ڏيئو ٻارِ،
  • اکين جي اشارن تي پٿراءُ جانان،
  • اکين ۾ خواهشن جا ڍيرَ آهن،
  • سِڌا، سادا، سٻاجها لفظ تنهنجي سارَ سنڌيءَ ۾،
  • جي، راتِ جي جهول جهانورن کي کڻي اچي ٿي،
  • خوشبو خوشبو هر پل آهي،
  • ڪيستائين ڪو جيئي هن حال ۾،
  • مون کي جاڳائي وري ننڊ نه ڪر،
  • پياڪَ ۽ وسي ماڪ سُرڪي سوائي،
  • ڪين ڪا حد اورانگهي سوچيو،
  • اکين ويسَ ڳاڙها ڪيا، رت وريو
  • شعر، پهاڪا، ڏورِ، پرولي،
  • ذهنَ نگر ۾ ساڙو ڙي،
  • ٽڙڻ کان اڳ ٽُٽا آهن،
  • منهنجا هٿ تنهنجي ڳلن جي مٿان،
  • هِيرَ خوشبو ٿي گهُلي ٿي،
  • ڄڻ پراڻن خطن جيان آهن،
  • زندگي درد جي رشتن سان ڀري پئي آهي،
  • ڪنهن مُرڪ جو مجازُ ضروري آهي،
  • چنڊ، چونئري ۾ وڃي ورتي پناهه،
  • سنڌ ازل کان اڳ موجود.
  • طبيعت بي چئي آهي ته ڇا ڪريان؟
  • سوچَ گُهٽيءَ جو ساٿ اڌورو آهي،
  • هڪڙي برکا شام کڻي آيو آهيان،
  • هي پن ڇڻ آ موسم جي هٿ ۾ ڇريون،
  • مِينهن جي شام، ڏيو جام جهڙالي خوشبو،
  • ڪالهه ڪراڙ تي ڪڪري برسي،
  • ڦول وتي آ ڦول ڳلي پويان،
  • رات جا نيڻ ٿا ٺرن اچ نِي،
  • سچ ڏي، سونهن ڏي، سُر ۽ ساز ڏي خير هجي،
  • سجني! تو ڪي ٽهڪ ڏنا،
  • نه مان مجنون آهيان نه تون آهين ليلا،
  • مان جاڳان جلان ٿو ٿيا رات جا ٽي،
  • او جانان! اهي ٽهڪ تنهنجا رسيلا،
  • وقت ۽ حالتون،
  • روز دشمن تپيا ٿا وڃن،
  • ها مان به هجان ۽ هو به هجي،
  • ازل کان نيڻ اوجاڳن جا ماريل،
  • نيڻ اوجاڳيلَ، ٿڪاوٽ درد جي،
  • تنهنجي سار جي موسم آئي،
  • وڇوڙي جون وليون تازيون لڳن ٿيون،
  • چنڊ چشمي جَي مٿان بيهي رهيو،
  • پاڻ کي سينگار آئينو نه ڏس،
  • ڇو لڇين ٿو چيو لوڪ آ،
  • توڏي مان پِرين ايندس، ڪم ڪار کان واندو ٿي،
  • پنجڪڙا

  • *هو هاڻ بندي خاني مان ڇٽو،
  • خوشبوءِ جهڙي ڇوڪري، تنهنجا ساهه گلاب،
  • سپنن جهڙو ڳوٺ ڇڏي راڪاس شهر ۾ آيو هو،
  • ها، هو رات مري ويو رازو،
  • عشق آڱر کان وٺي اڳتي هليو،
  • اياز جا نظم، نيڻ تنهنجا،
  • اکين ۾ عاشقيءَ جا رنگ اوتي،
  • هلي آءُ ڇڏيانءِ ٻانهن ۾ ويڙهي،
  • نيڻ، نيڻن سان مليا وقت بهانا ٿو گهَڙي،
  • اڌوريون خواهشون، سگريٽ جي ڇڻندڙ ڦُلن وانگي،
  • او پاڳل شام تنهنجا ٿي ويا هِن،
  • نِمُن جي ڇانوَ گهاٽي، گهر ڪشادا،
  • شهر جون سوڙهيون گهٽيون ۽ زندگي،
  • ۽ هوءَ هلي وئي،
  • مون ۾ ڪنهن جي جسم جي خوشبو الا جاڳي پئي،
  • فاصلا ڪيڏا،
  • جنڊيءَ تي کٽون ۽ ٽُڪن تي رليون،
  • رکي جي ڪين سگهين ٿي تون مون سان راهه رسم،
  • نيڻ مالهيءَ جا ٿَڪل آهن،
  • ڪتاب بند ڪيم تنهنجي سوچ ۾ گم سم،
  • چيٽ جون چانڊوڪيون ۽ ماڪ ۾ وهنتل گلاب،
  • وري يادگيريُن جون لامون لڙن ٿيون،
  • وري فيبروريءَ ۾ نو بهار آهي، نئين خوشبو،
  • صبح اميدن ڀريو، گذري ويو،
  • هو مَنَهه تان ول ٽُٽي، انگور ميڙيان ٿو پيو،
  • هو مَنَهه تان ول ٽُٽي، انگور ميڙيان ٿو پيو،
  • اُڀَ جي پيرن مان ڇِڄي ٿي سانوڻي،
  • ويهه جهٽ، واءُ لٿو ٿي جاني،
  • نَظمَ

  • شل خير هجي
  • ڀنل راتڙيون
  • هر احساس لذيذ خطا جيئن
  • تون ڄڻ ڦُٽي آن چونڊَ جي
  • شاهه لطيف
  • وري فيبروري آ
  • تون جي ناهين سانوڻيءَ ۾
  • اسان ڄڻ ته سڀ سوڳوارن ۾ آهيون
  • آزاد نَظمَ

  • تون ڇا ڄاڻين درد مٽيءَ جو
  • قيد جي ديوار جي پويان
  • پر تون منهنجي آرزوئن کان رهين ٿي بيخبر
  • مان ته اُهوئي آهيان دوزخ
  • نظريا ۽ نعرا فقط کوکلا
  • دوزخي پُٽُ
  • هاريءَ جي پُٽَ خواب ڏٺو
  • اهو چنڊ تنهنجي نئين دل لڳي
  • .....۽ آزادي اهم آهي
  • نثري نَظمَ

  • مان اڪيلائيءَ جي تاريخ لکان ٿو
  • لباس
  • مِينهُن
  • ٽهڪ
  • ڀٽائيءَ جي ڀَر ۾
  • ٻن پهرن جي هلڪي اُس جو هڪ ڏيک
  • ريکا جي نالي هڪ نظم
  • ڪراچيءَ جو ڪيڏارو
  • ترائيلَ

  • موت جي ننڊ سڀ ستا ڳڀرو،
  • پرهه جي پيغام جهڙي ڇوڪري،
  • ضروري ناهه هي اي دوست، ٿئي هر آرزو پوري
  • تون چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان،
  • صبح سان ئي ڇا ته ڳاڙهي شال ويڙهي ٿي اچين،
  • تو سوا من زندگيءَ جا ڇانورا،
  • اڳ سياست ڀي عبادت جان هئي،
  • رات جي هنج مان پرهه پاسا کنيا،
  • هي سُرها ساهه مان واسو وٺان ٿو،
  • اڃا گل هو ٽڙيو مس هو ٽُٽي پيو لام مان جلدي

  • مُک پنو

    هي ڪُونجڙيُن جي قطار ۽ شاعري لهي ٿي
    شَفق رتي شام ڇانورن کي کڻي اچي ٿي


    POPAT BOOK NO. 56

    POPAT BOOK NO. 56
    شفق رَتي شامَ
    (شاعري)
    شاعِرُ: سيد سراج
    ڇاپو پهريون: 2014
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ : نزاڪت علي کوکر
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 220/- روپيه











    SHAFFAQ RATTI SHAAM
    Poetry
    Poet: Syed Siraj
    First Edition: 2014
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Nazakat Ali Khokhar
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 220/-


    ارپنا

    شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو،
    جمال ابڙو ۽ امر جليل
    کي
    پنهنجون هي
    ذهني ۽ دلي وارتائون
    ارپيان ٿو.

    ــ سيد سراج


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شفق رتي شام“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار سيد سراج آهي.

    سيد سراج سنڌُ جو سُريلو ۽ سُڄاڻ شاعر آهي، هُنَ شاعريءَ جي جهانَ ۾ پنهنجي سوچن جي سُرهاڻ سان هِڪَ سُهڻي سُڃاڻپَ پيدا ڪئي آهي. سيد سراجَ هونئن ته گهڻين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر نَظمُ ۽ غزلُ سندس تخليقي سُڃاڻپَ جا مضبوط حوالا آهن.

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    سيد سراج سنڌُ جو سُريلو ۽ سُڄاڻ شاعر آهي، هُنَ شاعريءَ جي جهانَ ۾ پنهنجي سوچن جي سُرهاڻ سان هِڪَ سُهڻي سُڃاڻپَ پيدا ڪئي آهي. سيد سراجَ هونئن ته گهڻين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر نَظمُ ۽ غزلُ سندس تخليقي سُڃاڻپَ جا مضبوط حوالا آهن. اسين ”پوپٽ“ پاران سندس ڪويتائن جو هي پهريون ڪِتابُ اوهان جي هٿن تائين پهچائيندي سَرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون، انهيءَ اُميدَ سان ته اوهين جيڪي شاعريءَ جا پڙهندڙ به آهيو ته بهترين نقادَ پِڻُ، هِنَ ڪِتابَ جي دل سان آجيان ڪَندا.
    ادارو ”پوپٽ“ سُٺن ۽ معياري ڪِتابن جي اشاعت جي سفر ۾ پنهنجون سڀئي صلاحيتون ۽ محبتون ارپڻ واري سفرَ تي روان دَوان آهي. اُميدَ اِها آهي ته، اوهان ۽ اسان جو اِهو ساٿُ ائين جاري رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    وايون

    بند لفافي ۾

    بند لفافي ۾
    ساهن جي سُرهاڻ،
    ساجن مون ڏي موڪلي.

    هٿ اکر، احساس ۽
    مينديءَ جي هڳساڻِ،
    ساجن مون ڏي موڪلي.

    آئي موسم چيٽ جي
    چُمين جي چانڊاڻ،
    ساجن مون ڏي موڪلي.

    عشق نه لِڪندو لوڪ کان
    کٿوريءَ جي کاڻ،
    ساجن مون ڏي موڪلي.


    اولڙو تنهجي

    اولڙو تنهجي
    ذات جو آهي،
    هيءَ چانڊوڪي.

    تنهنجي چهري جيئن
    رات جو آهي،
    هيءَ چانڊوڪي.

    سلسلو جيت ۽
    مات جو آهي،
    هيءَ چانڊوڪي.

    عڪس شاعر تي
    ڏات جو آهي.
    هيءَ چانڊوڪي.


    بارشن جهڙا اسين،

    بارشن جهڙا اسين،
    باههِ جهڙي تون.

    سرد جذبن جي بدن تي
    ڇو نه ٿي ٽانڊا، وسين
    باههِ جهڙي تون.

    پاڻَ مِٽيءَ جا مسافر
    تنهنجي رغبت چنڊَ سين،
    باههِ جهڙي تون.

    ڪِين ٿي مُرڪي نهارين
    ڪين ٿي ڪو ڏنءُ ڏَسين،
    باههِ جهڙي تون.


    خوبصورت زندگي

    خوبصورت زندگي
    ڪالهه ڪيئن رت ۾ ٻُڏي،
    قاتلن جي شهر ۾.

    ٿي، امر تاريخ ۾
    هاءِ گلن جهڙي گُڏي،
    قاتلن جي شهر ۾.

    سنڌ کي گولي لڳي
    ڇو نه هي ڌرتي ڌُڏي،
    قاتلن جي شهر ۾.

    جسم تان اجرڪ لٿا
    ڪَنَ جي هر والِي لُڏي،
    قاتلن جي شهر ۾.

    ڪا نِڀي رسمِ وفا
    دردَ جي خوشبو اُڏي،
    قاتلن جي شهرَ ۾.



    * شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ٻِن لُڙڪن جي ڀيٽا.


    ڌار توکان رهي

    ڌار توکان رهي
    زندگيءَ سان ٺهي،
    ڪين آهيان سگهيو.

    عمر، ڳولا جو رڻ
    مُرڪ وڇڙي، لهي
    ڪين آهيان سگهيو.

    سنڌ نقشي جيان
    هو ٿا ڊاهن، ڊهي
    ڪين آهيان سگهيو.

    زهر جا ذائقا
    هي وڇوڙا ڳهي،
    ڪين آهيان سگهيو.

    پاڻ پلبو، جڏهن
    سور تنهنجا سهي،
    ڪين آهيان سگهيو.


    پاڻيءَ منجهه پَساههُ،

    پاڻيءَ منجهه پَساههُ،
    چار ڪروڙ عوام جو.

    آمر سمجهين ڇو نه ٿو؟
    سنڌوءَ ۾ آ ساهه،
    چار ڪروڙ عوام جو.

    تارن تڙپڻ شاهدي
    ۽ هو چنڊ گواهه،
    چار ڪروڙ عوام جو.

    ڳلڙين- ڳڻتين ڳالهڙيون
    دلڙين ۾ ويساهه،
    چار ڪروڙ عوام جو.

    ساڳي سوچ ”سراج“ کي
    اهڙوئي اُتساهه،
    چار ڪروڙ عوام جو.



    * پرويز مشرف جي آمريت خلاف ڪالاباغ ڊيم حمايت
    تحريڪ جي مخالفت ۾.


    ڪراچيءَ جي شامَ،

    ڪراچيءَ جي شامَ،
    ۽ مان هيکل سمنڊ تي.

    هوءَ به آئي ڪِين هئي
    اَڻ پورا انجامَ،
    ۽ مان هيکل سمنڊ تي.

    ڪلفٽن ساحل کِليو
    نيٺ پروڙي مامَ،
    ۽ مان هيکل سمنڊ تي.

    ڀاڪر منجهه ڀِڄو نه ٿا؟
    بارش جا پيغامَ،
    ۽ مان هيکل سمنڊ تي.


    ڳوٺ کان وڇڙي

    ڳوٺ کان وڇڙي
    شهر جي رِڻ ۾،
    آءٌ ڀٽڪان ٿو.

    ڦول مرجهايا
    مُند پن ڇڻ ۾،
    آءٌ ڀٽڪان ٿو.

    بوند لئه ترسي
    هيل سانوڻ ۾،
    آءٌ ڀٽڪان ٿو.

    ڏَسُ نه ٿو ڪو ڏي
    تنهنجي واهڻ ۾،
    آءٌ ڀٽڪان ٿو.

    تو به ڪئي آهي
    دير پهچڻ ۾،
    آءٌ ڀٽڪان ٿو.


    گهر کان ٻاهر ڀي

    گهر کان ٻاهر ڀي
    هيءَ اڪيلائي،
    مون سان گڏ آهي.

    خوابَ ۾ ٻکَ ها
    ڇوڪري ڪائي،
    مون سان گڏ آهي.

    ڇو وضو ڪريان
    دل جي پاڪائي،
    مون سان گڏ آهي.

    جنهن خيالن ۾
    ٻانهن ڦهلائي،
    مون سان گڏ آهي.

    ڳوٺ جون يادون
    گهر جي نم سائي،
    مون سان گڏ آهي.


    تنهنجي سپنن جي سڳنڌ

    تنهنجي سپنن جي سڳنڌ
    ننڊ جي جهوليءَ ۾،
    تازا گلاب.

    سونهن جي درياهه جي
    مهڪندڙ ڇوليءَ ۾،
    تازا گلاب.

    ٻار کي محسوس ٿيا
    ماءُ جي لوليءَ ۾،
    تازا گلاب.

    نفرتون ڪنڊن جيان
    پيارجي ٻوليءَ ۾،
    تازا گلاب.

    چنڊ سوچي ٿو پيو
    ڪيئن ٽڙيا کوليءَ ۾،
    تازا گلاب.


    سارون روز ٻکين او يار!

    سارون روز ٻکين او يار!
    ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀاڪر پائي.

    راڳ اڱڻ تي، تنبوري جون
    تارون روز ٻکين او يار!
    ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀاڪر پائي.

    سپنا سپنا نارنگيءَ جون،
    ڦارون روز ٻکين او يار!
    ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀاڪر پائي.

    اکڙين سان پوتر لڙڪن جون،
    لارون روز ٻکين او يار!
    ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀاڪر پائي.


    ڄڻ ٻرن ڪي مشعلون

    ڄڻ ٻرن ڪي مشعلون
    سونهن ورنا منهن ملوڪَ،
    ڪيئن وساريان.

    انب جي وڻ مان اچي ٿي
    سا، دُکي ڪويل جي ڪوڪ
    ڪيئن وساريان!

    (1) شهر جو اتهاس ۽
    يار ساميءَ جا سلوڪ،
    ڪيئن وساريان!

    رات، تنهائي، ڏني ڪنهن
    هنڌ تي ڏيئي کي ڦوڪ،
    ڪيئن وساريان!



    (1) شهر مان مراد شڪارپور شهر ۽ ساميءَ جي سلوڪن ڏانهن اشارو


    ماٺ ڀلي هن شور کان

    ماٺ ڀلي هن شور کان
    شهر ۾ ماڻهو سوچي ٿو،
    ڳوٺ ورڻ جون ڳالهڙيون.

    ڪرفيو پيار ۽ ڇوڪري
    ڳاڙهو ڳڀرو سوچي ٿو،
    ڳوٺ ورڻ جون ڳالهڙيون.

    هڪڙو جهوٽو واءُ جو
    آڇي خوشبو سوچي ٿو،
    ڳوٺ ورڻ جون ڳالهڙيون.

    پرهه ڦٽيءَ جي پاند ۾
    مون جيئن ٽيڙو سوچي ٿو،
    ڳوٺ ورڻ جون ڳالهڙيون.


    سپنن جا کوٽا سِڪا

    سپنن جا کوٽا سِڪا
    اکڙين جو ڪشڪول،
    ڀرجي ويو آهي.

    گل نه مليا ڪنهن موڙ تي
    ڪنڊن سان هي جهول،
    ڀرجي ويو آهي.

    تون ڀرسان گذري وئينءَ
    خوشبوءَ سان ماحول،
    ڀرجي ويو آهي.

    ڪيڏانهن تنهنجي مُرڪ وئي
    ڇا ٻئي ڪنهن سان ٻول؟
    ڀرجي ويو آهي.


    ڀاڪر پائي ڏينهن وڏي،

    ڀاڪر پائي ڏينهن وڏي،
    من جا گهاوَ ڀري سگهندينءَ؟

    ديد ملاءِ ته عيد ڪيان
    لڙڪن سان هڪ مُرڪ گڏي
    من جا گهاوَ ڀري سگهندينءَ؟

    ڇا تون ساٿ ڏئي سگهندينءَ؟
    توکي منهنجو پيار سڏي،
    من جا گهاوَ ڀري سگهندينءَ؟

    ڇا ٻئي هنڌ به ملندينءَ تون
    هي سپنن جو شهر ڇڏي،
    من جا گهاوَ ڀري سگهندينءَ؟


    ڪينجهر منجهه ڪنولَ،

    ڪينجهر منجهه ڪنولَ،
    مُرڪي پيا آهن.

    ٿڌڙي هِير گُهلي پئي
    ست رنگا آنچل،
    مُرڪي پيا آهن.

    تنهنجي هٿڙن کي ڇُهيم
    تُنهنجا ڳاڙها ڳل،
    مُرڪي پيا آهن.

    اجرا سڀ احساس ٿيا
    وايون، گيت، غزل،
    مُرڪي پيا آهن.

    رنگ ڏسي آڪاس جا
    ڀوميءَ نيڻ ڀنل،
    مُرڪي پيا آهن.


    هيءَ ڊسمبر جي

    هيءَ ڊسمبر جي
    شام گذري وئي،
    تون ڪٿي آهين؟

    آءٌ گلڙن تي
    ماڪ وسندي پئي،
    تون ڪٿي آهين؟

    ڌوڙ ڇاڻيون ٿا
    چنڊ ۽ مان ٻئي،
    تون ڪٿي آهين؟

    يادگيرين جا
    رنگ ٿيا سرمئي،
    تون ڪٿي آهين؟

    عمر ڀي مون سان
    بيوفائي ڪئي،
    تون ڪٿي آهين؟


    ليئا نه ڄڻ ڏيئا ٿي ٻاري ڏيوڍي

    ليئا نه ڄڻ ڏيئا ٿي ٻاري ڏيوڍي
    ڪنهن بند در جي سير مان،
    ڪرڻا ڦٽا.

    تاريخ پڙهه ڪچو گهڙو، سهڻي ٻڏي
    سنڌوءَ جي هر وير مان،
    ڪرڻا ڦٽا.

    مُنهنجن سڀن زخمن مٿان او سانوري!
    تنهنجي ٻڌل هر لير مان،
    ڪرڻا ڦٽا.

    بجلي وئي ڪمري ۾ اوندهه ٿي مگر
    تنهنجي ٽنگيل تصوير مان،
    ڪرڻا ڦٽا.


    بوندون لاڳيتيون،

    بوندون لاڳيتيون،
    رم جهم جو احساس آ.

    تنهنجي سُرهي واس ۾
    ڪجهه راتيون بيتيون،
    رم جهم جو احساس آ.

    تنهنجي مهڪيل درد جون
    ريجهايم ريتيون،
    رم جهم جو احساس آ.

    تنهنجي نيڻن مان وڃون
    ٻَٽِڙي ڍُڪ پيتيون،
    رم جهم جو احساس آ.
    رم جهم جو احساس آ.


    راتيون وهاميون

    راتيون وهاميون
    اکيون اجهاميون،
    پرينءَ پڄاڻان ڳوٺ ۾.

    ڪيڏانهن منهنجي سوچ جون
    ڳيريون اڏاميون،
    پرينءَ پڄاڻان ڳوٺ ۾.

    نيڻ رُنا، هر خواب جون
    ڪيڏيون نيلاميون،
    پرينءَ پڄاڻان ڳوٺ ۾.

    وڇوڙي جي وَڻ ۾
    دک جون باداميون،
    پرينءَ پڄاڻان ڳوٺ ۾.
    پرينءَ پڄاڻان ڳوٺ ۾.


    هوءَ آئي، هلي به وئي

    هوءَ آئي، هلي به وئي
    ڄڻ ٿر تي برسات،
    پيرا ڇڏي وئي.

    سهڻي ڪائي ڇوڪري
    يادن جا ڪلهه رات،
    پيرا ڇڏي وئي.

    من جي موهنَ - شهر جي
    کوٽيم جيئن کنڊرات،
    پيرا ڇڏي وئي.

    پاڻ ڀٽائيءَ ڏي وئي
    منهنجي ذهن ۾ ڏات،
    پيرا ڇڏي وئي.
    پيرا ڇڏي وئي.


    اي قلم! تون ساٿ ڏي،

    اي قلم! تون ساٿ ڏي،
    پنڌ ۾ آ شاعري.

    هن جي سنهڙي چيلهه جا
    جهٽ ته خَمَ تون ساٿ ڏي،
    پنڌ ۾ آ شاعري.

    ڀرت جان اڊڙي ويل
    هر زَخَمَ تون ساٿ ڏي،
    پنڌ ۾ آ شاعري.

    پينگهه من جي ٿي لُڏي
    جهومي، غم تون ساٿ ڏي،
    پنڌ ۾ آ شاعري.


    برف جهڙي ذهن ۾

    برف جهڙي ذهن ۾
    هي ڪٿان ٽانڊا ٻريا،
    شام واريءَ لام ۾.

    ڪيترن ڏينهن پڄاڻان
    ڪالهه ٽانڊاڻا وريا،
    شام واريءَ لام ۾.

    ڦول ورکائون ٿيون
    ڪيترا سپنا سَريا،
    شام واريءَ لام ۾.

    وڏ ڦڙا ڪيئي وُٺا
    پير تو جيڏِي! ڌريا،
    شام واريءَ لام ۾.

    ٻير تنهنجي ياد جا
    پاند مون پنهنجا ڀريا،
    شام واريءَ لام ۾.
    شام واريءَ لام ۾.


    عڪس! تون ئي ساٿ ڏي،

    عڪس! تون ئي ساٿ ڏي،
    مان اڪيلو آهيان.

    پٿر سمجهي پيرَ سان
    هر ڪو ٿو مون کي ٿُڏي،
    مان اڪيلو آهيان.

    درد جي ڪنهن ساز تي
    روح ٿو جهومي، ڪڏي،
    مان اڪيلو آهيان.

    ڪا جواني انب جي
    لام وانگر ٿي لُڏي،
    مان اڪيلو آهيان.

    منهنجي چپن جو ڪنارو
    ڪِيئن ٿو ساغر ۾ ٻڏي،
    مان اڪيلو آهيان.
    مان اڪيلو آهيان.


    درد جي ديس جو،

    درد جي ديس جو،
    مان مسافر الا.

    ڏور تنهنجي گهٽي
    پاڻ پرديس جو،
    مان مسافر الا.

    شوق شيشه گري
    ۽ لڳي ٺيسَ جو،
    مان مسافر الا.

    پيار جا پيچرا
    سونهن سَنديسَ جو،
    مان مسافر الا.
    مان مسافر الا.


    اڄ ته وڄ تون چنگ وانگي،

    اڄ ته وڄ تون چنگ وانگي،
    شاهه جي وائي مان ڳايان.

    تنهنجي جاني آ جواني
    ڪڻڪ جي ڪنهن سنگ وانگي،
    شاهه جي وائي مان ڳايان.

    منهنجي ويڙهي تي وسي وڃ
    او سکي! سارنگ وانگي،
    شاهه جي وائي مان ڳايان.

    ڪيئن ڇڏايان پاڻ تن کان
    وار تنهنجا ونگ وانگي،
    شاهه جي وائي مان ڳايان.

    درد جو شاعر ”سراج“ آ
    تون خوشيءَ جي رنگ وانگي،
    اڄ ته وڄ تون چنگ وانگي،
    شاهه جي وائي مان ڳايان.


    کاڏي سعديءَ جو غزل

    کاڏي سعديءَ جو غزل
    تنهنجي چَڳَ چوان،
    ڄڻ ته اياز جي شاعري.

    پاڻي نڙيءَ مان بکي
    تنهنجو رت روان،
    ڄڻ ته اياز جي شاعري.

    تنهنجي سونهن ورونهن جا
    سڀ انداز نوان،
    ڄڻ ته اياز جي شاعري.

    پن ڇڻ واري مند ۾
    تنهنجي مرڪ جوان،
    ڄڻ ته اياز جي شاعري.


    ڪالهه ڪُٺي ڪونجي،

    ڪالهه ڪُٺي ڪونجي،
    ويريءَ جي بندوق سان.

    سرخ چپن تي چيخ هئي
    ڏور صدا گونجي،
    ويريءَ جي بندوق سان.

    سنڌ ڪراچي، پارڪر،
    هيءَ ڌرتي مونجهي،
    ويريءَ جي بندوق سان.

    رت ڦُڙن ۾ تون امر
    *او زخمي تون جي!
    ڪالهه ڪُٺي ڪونجي
    ويريءَ جي بندوق سان.


    * 2000ع ۾ اسان کان وڇڙي ويلَ شاعِرَ شهيد زخمي چانڊئي جي حوالي سان


    شام لَکِي دَر جي

    شام لَکِي دَر جي
    شوخ هوائون شهر جون،
    ڪيئن وساريان مان!

    توسان شاهي باغ جي
    ڀاڪر منجهه گهڙيون،
    ڪيئن وساريان مان!

    آءٌ وڃان ڪيڏانهن ڀي
    تنهنجون ساروڻيون،
    ڪيئن وساريان مان!

    ننڍپڻ ڪنڍيءَ اوٽَ ۾
    ميڙيون، گڏ سڱريون،
    ڪيئن وساريان مان!

    تنهنجين چُمين جو قسم
    ڄڻ ڪي مِينهَن ڪڻيون،
    ڪيئن وساريان مان!


    نيڻن جي اسٽيج تي

    نيڻن جي اسٽيج تي
    ڳوڙها ڳائن ٿا،
    ڪورس جي انداز ۾.

    شاعر جي دل جو پتو
    درد پڇائن ٿا،
    ڪورس جي انداز ۾.

    ماڻهو تنهنجي مرڪ جا
    واڪ لڳائن ٿا،
    ڪورس جي انداز ۾.

    جيئي سنڌ چئي ڇوڪرا
    جهمريون پائن ٿا،
    ڪورس جي انداز ۾.


    غزلَ

    سار، ڪا هڏڪي ٿي هنيانءُ لُڇيو آهي،

    سار، ڪا هڏڪي ٿي هنيانءُ لُڇيو آهي،
    گهر جي ڀڳل ڀت تي ڪانءُ لُڇيو آهي.

    روح ته پياسو هو، پر سيراب ٿيو،
    ٺوٺ چپن تي ڪو نانءُ لُڇيو آهي.

    ساقيءَ منهن ڦيريو، سُرڪيءَ جي خواهش،
    هٿ خالي ئي رهيا ٿانءُ لُڇيو آهي.

    قهرَ ڪلاشن جا، ڳڀرو ماريا ويا
    گونج انهيءَ ۾ سڄو گانءُ لُڇيو آهي.

    پياري، متواري تون ڇا ڏُور وئينءَ،
    ڏات لُڇي آهي، ڏانءُ لُڇيو آهي.


    ننڊ رسي وئي، خواب به ڪهڙي ڪم جا.

    ننڊ رسي وئي، خواب به ڪهڙي ڪم جا.
    جيئڻ جا اسباب به ڪهڙي ڪم جا.

    نيڻ جڏهن ٿين، روئڻ جي لئه راضي،
    مرڪڻ جا آداب به ڪهڙي ڪم جا.

    جڏهن اسان جا بُکَ ورايا پاسا،
    سپنا، شعر، ڪتاب به ڪهڙي ڪم جا.

    ميري گدلي ٻار کان نفرت ڪن ٿا،
    ها، سي عزت مآبَ به ڪهڙي ڪم جا.

    توکان جڏهن ”سراج“ چُميون چورايون،
    هاڻي يارَ حجاب به ڪهڙي ڪم جا.


    هڻندو ٻيجَلُ ڪا سَئنَ ڪاٿي آ؟

    هڻندو ٻيجَلُ ڪا سَئنَ ڪاٿي آ؟
    ڏياچ کي پاڻ چينُ ڪاٿي آ؟

    هاڻ ماحول ڪجهه ويو مٽجي،
    عشق جو عينُ غينُ ڪاٿي آ؟

    عام ماڻهن اڳيان نه روءُ چريا،
    ڇو ته احساس کين ڪاٿي آ.

    ڀل ته اکڙين تي جڳ هڻي پهرا،
    دل تي لڳندو ڪو بينُ ڪاٿي آ.

    ڪيترائي يزيدَ سامهون ٿيا،
    ڏسُ ڏِيو ڪو حُسين ڪاٿي آ؟


    هڪڙي چانهه جي ڪپ تي رات گذاري سي،

    هڪڙي چانهه جي ڪپ تي رات گذاري سي،
    ۽ سگريٽ به چپ تي رات گذاري سي.

    سور جي سَٽَ اُڀري، هوءَ ٻئي جي ڀاڪر ۾،
    تلخي، درد، سهپ تي رات گذاري سي.

    ماروئڙن جي سانجهه، سرنهن جو ساڳ الا،
    اوڌر جي اَنَ لپ تي رات گذاري سي.

    آزاديءَ جو شاهي رستو ڪونه مليو،
    گولپ واري گَپَ تي رات گذاري سي.

    سڪ ۾ جيڪي سور مليا من موهي ويا،
    ڪنهن خاموش تڙپ تي رات گذاري سي.

    يارَ ”سراج“ وري ڪنهن پاڳل پٿر هنيو،
    ڦٽجي ڀي ڏاهپ تي رات گذاري سي.


    سوچَ - سَتي ڳوڙها ٿي ڳاڙي،

    سوچَ - سَتي ڳوڙها ٿي ڳاڙي،
    لاکَ رتي ڳوڙها ٿي ڳاڙي.

    سهڻي نينگرِ، ڦوڪن سان،
    باهه متي ڳوڙها ٿي ڳاڙي.

    ٽانڊاڻن جا ڪٽڪ ڏسان ٿو،
    ڄڻ ته ڪَتي ڳوڙها ٿي ڳاڙي.

    دل جي چولي کي ته لڳل،
    هر ڪا چَتي ڳوڙها ٿي ڳاڙي.

    بجلي فيل ”سراج“ ۽ مون سان،
    ميڻ بتي ڳوڙها ٿي ڳاڙي.


    هٿن سان زهر پياري مون کي،

    هٿن سان زهر پياري مون کي،
    هاڻِ ڇو ٿو ڪو جيئاري مون کي؟

    هاڻ ايمان تي ڇو ٿو سمجهي،
    ڪُفرَ جو لقب ڏياري مون کي.

    صِرف محبوب جي هوندي آهي،
    سار سانوڻ ۽ سياري مون کي.

    دل کي تنها ڪري مشهور ڪيو،
    لوڪ ۾ نِينهَن نياري مون کي.

    اي ”سراج“ آس کي وارن کان جهَلي،
    ڏک ڏنا دوست پياري مون کي.


    جڏهن آس جا گل ٽڙي ٿا پون،

    جڏهن آس جا گل ٽڙي ٿا پون،
    املتاس جا گل ٽڙي ٿا پون.

    چنبيليءَ جي سرهاڻ آ ساهه ۾،
    سندس واس جا گل ٽڙي ٿا پون.

    جڏهن درد ڪوئي ملي ٿو پيو،
    ته احساس جا گل ٽڙي ٿا پون.

    ستارا ستارا لهي رات ٿي،
    ڄڻ آڪاس جا گل ٽڙي ٿا پون.

    تون مڌ جيئن حواسن تي ڇانيل رهين،
    مٺي! پياس جا گل ٽڙي ٿا پون.



    وڏو هن ڳالهه تي ويساههُ آهي،

    وڏو هن ڳالهه تي ويساههُ آهي،
    ڪراچي سنڌ جو ئي ساهه آهي.

    لکين آباد ٿيا ڌرتيءَ ڌڪاڻا،
    انهن سان پنهنجو ڪهڙو ٺاههُ آهي.

    هٿن سان هارَ پارايم پرينءَ کي،
    چپن سان چونڊيو مون چاهه آهي.

    وري کڙڪا، ڪهاڙين جا ڪنداسين،
    اها آٿت، اِهو اُتساههُ آهي.

    رڳي رُڃَ ڪربلا جي ڏيک وانگي،
    بنا پاڻي سنڌو درياههُ آهي.

    ته ڪهڙو قدر ڄاڻيندو وفا جو،
    نه جيڪو درد کان آگاههُ آهي.

    ”سراج“ آخر ڀلا ڪيڏانهن وڃجي،
    اڳيان پاڻي، پٺيان آڙاهه آهي.


    درد، اڻپوريون خوشيون ڇا دان آ؟

    درد، اڻپوريون خوشيون ڇا دان آ؟
    عاشقيءَ جو هي به ڄڻ احسان آ.

    اڄ خطن جي ڪابه خوشبو ڪانه آ،
    ڇا وسارڻ ايترو آسان آ؟

    ڇو نه آڌر ڀاءُ لئه چمڪن اکيون،
    دُور کان آيو ڪوئي مهمان آ.

    تون پکيءَ جيئن او سکي اُڏري وئينءَ،
    ڳوٺ آکيري جيان ويران آ.

    منهنجو من ڄڻ آههِ موهن جو دڙو،
    تنهنجون يادون ڪو لڌل سامان آ.


    وُٺي جي واءُ، وِڄُ ڪٽڪي نه آهي،

    وُٺي جي واءُ، وِڄُ ڪٽڪي نه آهي،
    هي تنهنجي گهُورَ ڀي گهٽ ڪين آهي.

    تون پنهنجي لوڏ تي، مان هوڏ تي هان،
    هي فطرت آ پرين ڄٽڪي نه آهي.

    وري ڇا نئي گلابي بي حجابي،
    اسان جي دل ڪڏهن هٽڪي نه آهي.

    هلون ٿا چنڊ تنهنجي چيچ پڪڙي،
    ستارن ساڻ اک اٽڪي نه آهي.

    ته ٻڌ جاني! اِها تنهنجي جواني،
    دکن جي دارَ تي لٽڪي نه آهي.

    نه ڪنهن روڪي اڄوڪي سنڌ وانگي،
    اسان جي سوچ به ڀٽڪي نه آهي.


    مون ائين شامَ ملهائي آهي،

    مون ائين شامَ ملهائي آهي،
    پنهنجي جند جلائي آهي.

    قلم، ڪلا جي احساسن تي،
    ڪنهن بندوق هلائي آهي.

    ننڍڙي ٻار جيان من منهنجو،
    تنهنجي مُرڪ ملائي آهي.

    ها ته بُري هن جڳ ۾ جيڏِي!
    تنهنجو پيار ڀلائي آهي.


    هي اکين ۾ لڙڪ دردن جا فسانا ٿا رکن،

    هي اکين ۾ لڙڪ دردن جا فسانا ٿا رکن،
    ۽ وڃايل ٽهڪ ڀي هڪڙي معنيٰ ٿا رکن.

    ڀاڪرن جا ڀاڳ کولي مسڪرائي ٿا ملن،
    پنهنجي آڏو يار خوشبوءَ جا خزانا ٿا رکن.

    سنڌ جا مسڪين ماڻهو ٻاجهريءَ جي ٻاجهه تي،
    سڀ سنڀالي درد ۽ سپنا سهانا ٿا رکن.

    ڪنهن گلابي گهور جا گهايل اسان جهڙا ”سراج“،
    سرحدون ساريون لتاڙي دوستانا ٿا رکن.


    ڏات لٿي ۽ ننڊ ڦِٽي،

    ڏات لٿي ۽ ننڊ ڦِٽي،
    ياد ورائي ٻانهن ٻِٽي.

    ڳاڙها ڳڀرو پُٽَ ڄڻيا،
    ڇو نه لهي هيءَ مانُ مِٽي.

    بُکَ تي ٻار سُمهاري ٿي،
    اک نه لڳائي پاڻ پٽي.

    آزاديءَ جا خواب نه کَس،
    نعرا لڳندا گِهٽي گِهٽي.

    اکڙين جو طلسم توبهه،
    چنڊ کان وڌ تصوير چٽي.

    ڌرتي، سرتيءَ لاءِ لکان،
    شاعر ساري سوچ سِٽي.


    ڀلي نه ڪوئي ڏيئو ٻارِ،

    ڀلي نه ڪوئي ڏيئو ٻارِ،
    چانڊوڪيءَ ۾ چَپَ ٿيا چارِ.

    فطرت مهڪائيندي رنگَ،
    وينگس پنهنجا وار سنوارِ.

    کَڻِين ٿي تڪڙا تڪڙا ساهه،
    ويجهو ويهه وِکُنِ کي ٺارِ.

    سامهون بيٺل چنڊ ”سراج“،
    ڪنهن جي نيڻن منجهه نهار.


    اکين جي اشارن تي پٿراءُ جانان،

    اکين جي اشارن تي پٿراءُ جانان،
    اسان پيار وارن تي پٿراءُ جانان.

    سَدا سرخ سپنن، چنبيليءَ چُمين تي،
    چپن جي ڪنارن تي پٿراءُ جانان.

    تنهنجا نيڻ آهن نيون ڪربلائون،
    اُڃارن اُڃارن تي پٿراءُ جانان.

    سڄي اَڌ صديءَ کان اسان جي اڱڻ تي،
    گلن، گيت، ٻارن تي پٿراءُ جانان.

    اياز ۽ نه استاد، سرڪش جُهڪيو آ،
    ڀٽائيءَ جي يارن تي پٿراءُ جانان.

    وڏي ڳوٺ ۾ رات هاريُن جي ٻارن،
    ڪيائون ستارن تي پٿراءُ جانان.


    اکين ۾ خواهشن جا ڍيرَ آهن،

    اکين ۾ خواهشن جا ڍيرَ آهن،
    تتل ڌرتي، اگهاڙا پَيرَ آهن.

    او پاڳل! آرسي ڪوڙي نه آهي،
    چڙهيل چهري تي ڪيئي ميرَ آهن.

    ڏيئي جي روشني ڪافي نه آهي،
    الائي ڪيترا انڌيرَ آهن.

    زماني جي نه آ پرواهه ڪائي،
    تون مرڪي ڏس ته من! ست خير آهن.

    ها جيڪا راهه ڪلهه منصور ورتي،
    اسان جا ڀي ڏٺل گهَٽَ گهيرَ آهن.

    پسون ٻئي ٻهڪندڙ ٻيرين جو جوڀن،
    پڪا سنڌوءَ ڪناري ٻير آهن.


    سِڌا، سادا، سٻاجها لفظ تنهنجي سارَ سنڌيءَ ۾،

    سِڌا، سادا، سٻاجها لفظ تنهنجي سارَ سنڌيءَ ۾،
    وري ڪا ياد تنهنجي آ ٻکي ٻِيهار سنڌيءَ ۾.

    وڇوڙي جا سوين ورلاپ منهنجي شاعري آهي،
    ۽ تون ڀي ٿي وئي آهين او وينگس ڌار سنڌيءَ ۾.

    سَوَنِ چاهيندڙن جا چَپ، چمڻ جي لاءِ آتا ٿيا،
    دريءَ وٽ هوءَ سنواري آهه بيٺي وار سنڌيءَ ۾.

    هو برگر فيملي جا فرد، ڪامورا ۽ آفيسر،
    ڪراچيءَ ۾ پڙهائين شال پنهنجا ٻار سنڌيءَ ۾.

    نه ٻي ٻوليءَ ۾ اظهار جا رستا گهڙيا آهن،
    اسان جي شاعري آهي ڪندي سينگار سنڌيءَ ۾.


    جي، راتِ جي جهول جهانورن کي کڻي اچي ٿي،

    جي، راتِ جي جهول جهانورن کي کڻي اچي ٿي،
    اڏامندي سار سانورن کي کڻي اچي ٿي.

    الائي ڪهڙي وسن ٿا ويڙهي اداس من ۾،
    ته چنڊ جي ياد بانورن کي کڻي اچي ٿي.

    پريان ڏسان ٿو کُليل آ کِڙڪي ڇڙي ٿي وينگس،
    پکيءَ جي چهنب چانورن کي کڻي اچي ٿي.

    هي ڪُونجڙيُن جي قطار ۽ شاعري لهي ٿي،
    شَفق رتي شام ڇانورن کي کڻي اچي ٿي.


    خوشبو خوشبو هر پل آهي،

    خوشبو خوشبو هر پل آهي،
    لهرايو تو آنچل آهي.

    تنهنجي گهر تي اڳ ۾ وسندو،
    بيٺو جيڪو بادل آهي.

    مُرڪي مَنَ سيراب ڪري وڃ،
    ڏاڍو روح اُڃايل آهي.

    تنهنجو ”سراج“ ته تو بن گوري!
    ڪيڏو هيڪل وياڪل آهي.


    ڪيستائين ڪو جيئي هن حال ۾،

    ڪيستائين ڪو جيئي هن حال ۾،
    زندگي گذري سڄي جنجال ۾.

    ڪيئن اٽڪل سان وڪڙ ڇوڙي ڇڏيئه،
    تو ٻڌا ها قول جي رومال ۾.

    ائين قُربتَ ۾ نه ڪر شامل فريب،
    هي محبت ڇو آ تنهنجي خيال ۾.

    شام جو ڄڻ سج لٿو سنڌوءَ مٿان،
    ويڙهجي آئينءَ ڳاڙهي شالَ ۾.

    مکڙين کان مرڪ جو حق ٿو کسي،
    لوڀ هئي ڪا، باغ جي رکوالَ ۾.

    شينهن جي اکين ۾ ڪاري بک هئي،
    ۽ هرڻ جي بيوسي هئي ڇالَ ۾.

    هڪڙو مفلس شخص، ڪڍ ٻارن جي لوڌ،
    لڙڪ لاڙيئين حال ۽ احوال ۾.

    شهر ڇا وئينءَ ۽ اتان موٽينءَ جڏهن،
    تون بدلجي وئينءَ هڪڙي سال ۾.

    ضبط جو دامن ڇڏيو ناهي ”سراج“،
    حادثن جي ڀيڙ ۽ ڀونچال ۾.








    مون کي جاڳائي وري ننڊ نه ڪر،

    مون کي جاڳائي وري ننڊ نه ڪر،
    ٿورڙو سوچ چري! ننڊ نه ڪر.

    تون کليل رهه نه ڪڏهن ٻوٽ اکيون،
    منهنجي پاڙي جي دري ننڊ نه ڪر.

    پيار جي باهه تي هٿڙا سيڪيون،
    ڏس وئي رات ٺري ننڊ نه ڪر.

    او مسافر! اَٿِي شاهي رستو،
    رکي يادن جي ڀري ننڊ نه ڪر.

    رات اڌ رات اٿي جاڳ ”سراج“،
    شاعري ڳالهه ڳري ننڊ نه ڪر.


    پياڪَ ۽ وسي ماڪ سُرڪي سوائي،

    پياڪَ ۽ وسي ماڪ سُرڪي سوائي،
    اهو مئڪدو درد توڙي دَوا، ئي.

    لُڏيا رات خانه بدوشن جا خيما،
    شڪاريءَ جي بندوق فائر هوائي.

    ڀلا غير جي ڇا شڪايت ڪجي ڪا،
    ڇڏي ٿا وڃن درد ۾ همنوا، ئي.

    مڇيءَ جيئن پاڻي کان ٻاهر پئي ڦٿڪي،
    ڪٽي مون سڄي عمر ائين تو سَوا، ئي.

    ”سراج“ آهي دل جو سچو سور اوريو،
    غزل، نظم ۽ گيت ڪافي نه وائي.


    ڪين ڪا حد اورانگهي سوچيو،

    ڪين ڪا حد اورانگهي سوچيو،
    مون نه ڪڏهن تو وانگي سوچيو.

    توکي ڪو احساس نه منهنجو،
    ۽ مون تولئه تانگهي سوچيو.

    صرف هلائڻ واري سوچيو،
    گهوڙي سوچيو نه ٽانگي سوچيو.

    ميلا لڳندا، گهنگهرو ٽُٽندا،
    ائين نه هو هُن نانگي سوچيو.

    اَيرن غيرن سان مرڪين تون،
    ڪڏهن نه منهنجي سانگي سوچيو.


    اکين ويسَ ڳاڙها ڪيا، رت وريو

    اکين ويسَ ڳاڙها ڪيا، رت وريو
    هڻي لڙڪ چغلي نه رسوا ڪريو.

    جڏهن ڀِي مان سنگسار ٿيندو رهيس،
    محبت، سدا ڀاڪرن ۾ ڀريو.

    اکيون ۽ چميون، چاهتون راهه ۾.
    مون سجدا ڪيا ڀي نه پٿر ڳريو.

    ٿڌا ساهه ويڙهي ڏنم چنڊ کي،
    ته چئجانس هي، ڌيان ڪوئي ڌريو.

    نه تون سمجهه لفظن جي جادوگري،
    دُکي چڻنگ من ۾، ڪو مچ آ ٻريو.

    مليل کنڊ ۾ زهر هوندو ”سراج“،
    مٺا بي سبب کير ناهي کريو.


    شعر، پهاڪا، ڏورِ، پرولي،

    شعر، پهاڪا، ڏورِ، پرولي،
    ها، هيءَ ٻاجهارن جي ٻولي.

    لفظن ۾ الجهائڻ وارا،
    رِيت ۽ پريت اسان جي سئولي.

    بندوقن جي ڇانوَ ۾ عيدون،
    ڪهڙي ڏياري ڪهڙي هولي.

    پنهنجي هوڏ ڪچي جا گهر ڄڻ،
    تنهنجي لوڏ سنڌوءَ جي ڇولي.

    شل ڪينجهر هندورو ٿي پئي،
    ڀٽ جا شاهه جهلي ٿم جهولي.


    ذهنَ نگر ۾ ساڙو ڙي،

    ذهنَ نگر ۾ ساڙو ڙي،
    ڀٽڪيو خيال اگهاڙو ڙي.

    ڦلواڙيءَ ۾ اَڪَ ـــ ڦلڙيون،
    ڪنهن پرينءَ جو پاڙو ڙي.

    منهنجي (ها) جي گردن ۾،
    تنهنجي (ننهَن) جو ناڙو ڙي.

    من ڄڻ ڪا مسواڙي جاءِ،
    روز ڀريان ٿو ڀاڙو ڙي.

    پاڻَ غلامَ ملهايون ڪيئن،
    آزاديءَ جو ڏهاڙو ڙي.


    ٽڙڻ کان اڳ ٽُٽا آهن،

    ٽڙڻ کان اڳ ٽُٽا آهن،
    هي ڪهڙا گل ڦُٽا آهن.

    ڄميو هي نسل ڪهڙو آ،
    چڱن پويان چُٽا آهن.

    نه ٻهڪيا ٻانهن تنهنجيءَ ۾،
    ته ٻانهوٽا، ٻُٽا آهن.

    آ ساڳيو قيد پڃرن جو،
    ڪٿي ساٿي ڇُٽا آهن.

    جڏهن کان ڌار ٿي وئي آن،
    ته سوچن کي گهُٽا آهن.

    آ مقتل گاهه جو رستو،
    جتي پيرا کُٽا آهن.


    منهنجا هٿ تنهنجي ڳلن جي مٿان،

    منهنجا هٿ تنهنجي ڳلن جي مٿان،
    ۽ سورج جهڪيو بادلن جي مٿان.

    زماني جا زنجير ٽوڙيون اسين،
    نه پهرا ڏيو پاڳلن جي مٿان.

    اهي سونهن جا کيت کِلندا ڇڏيو،
    لتاڙيو نه ساون سلن جي مٿان.

    اڃا دل جي پاڙي ۾ تون ٿي وسين،
    اڃان ماڪ وسندي گلن جي مٿان.

    ”سراج“ چميون ئي چپن تي ٺهن،
    ٽِڪون ٽمڪنديون هن ڇلن جي مٿان.


    هِيرَ خوشبو ٿي گهُلي ٿي،

    هِيرَ خوشبو ٿي گهُلي ٿي،
    ۽ دري ٻاهر کُلي ٿي.

    تو وڃي ويڙهو وسايو،
    ۽ محبت ڪا رُلي ٿي.

    اي سنڌو! ماٺارَ ڇو آ،
    ڪين ڪا ڇولي ڇُلي ٿي.

    مان رهيو ساڳيو نه آهيان،
    هوءَ، سڃاڻپ ۾ ڀُلي ٿي.

    ڪنهن جي لڙڪن جي ڪهاڻي،
    اڄ هوائن ۾ هُلي ٿي.


    ڄڻ پراڻن خطن جيان آهن،

    ڄڻ پراڻن خطن جيان آهن،
    درد ڀي دوستن جيان آهن.

    نيڻ ٽارين منجهان ڇڻن هر پل،
    خواب، پِيلن پتن جيان آهن.

    ڇانوَ جي آس ۾ سڙيا آهيون،
    ڏيک، ڏِينهن تتن جيان آهن.

    فاصلا طئه نه ٿي سگهيا تو بن،
    پيچرا پربتن جيان آهن.

    سچ پڇين جي ”سراج“ جا احساس،
    تنهنجي اجرن هٿن جيان آهن.


    زندگي درد جي رشتن سان ڀري پئي آهي،

    زندگي درد جي رشتن سان ڀري پئي آهي،
    توکي پرواهه نه ڪا تنهنجي سري وئي آهي.

    ديد سان ديد ملي، پيارجا جذبا ڌڙڪيا،
    دل ۾ ڪا چڻنگ لڳي، باهه ٻري پئي آهي.

    چنڊ چوڏهِينءَ جو هيو، مون کي ٻڌائي مرڪيو،
    ننڊ گهريءَ ۾ خوابن جي پري پئي آهي.

    تنهنجي چهري تي پگهر جا هي ڦڙا چمڪن ٿا،
    ڄڻ گلابن جي مٿان ماڪ وري پئي آهي.

    ها اِها پڪ آ مٺي وار تو کوليا هوندا،
    هير ٿڌڙي ٿي لڳي رات ٺري پئي آهي.


    ڪنهن مُرڪ جو مجازُ ضروري آهي،

    ڪنهن مُرڪ جو مجازُ ضروري آهي،
    ڪو دوست دل نواز ضروري آهي.

    ڏئين ٿو هزار درد، خوشي ڏي هڪڙي
    جيئڻ جي لئه جواز ضروري آهي.

    ماڻهن کي گهر، اٽو ۽ لٽو ڪونهي ڪو،
    *ڇا چؤنڪ تي جهاز ضروري آهي؟

    ها شعر ٿا ”سراج“ لهن راتين جو،
    جذبن ۾ سوزو ساز ضروري آهي.



    *(جگن ناٿ لائبريري شڪارپور جي ڀرسان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ وزير دفاع آفتاب شعبان ميراڻي جي ڪوشش سان لڳل جهاز.)


    چنڊ، چونئري ۾ وڃي ورتي پناهه،

    چنڊ، چونئري ۾ وڃي ورتي پناهه،
    ۽ ڏني هن کي ٿري سرتي پناهه.

    لاڙ جي ٻولي ٽِڪون گج تي ٽڙن،
    ۽ اکين ۾ سونهن جي ڀرتي پناهه.

    ٿر ۽ تر تي وُٺي جي واءُ جي،
    بادلن جي ديس کي پرتي پناهه،

    هر سمي لالوءَ واري لوڌِ کان،
    ها گهري ٿي سنڌ جي ڌرتي پناهه.


    سنڌ ازل کان اڳ موجود.

    سنڌ ازل کان اڳ موجود.
    سوچ، ڪويءَ جي آ محدود.

    ڳوٺاڻا، ٽانڊن - مچ، راڳ،
    رقص، جمالو، ساز سُرود.

    منهنجو ڀنئوري جهڙو پيار،
    تنهنجو وَلڙين واس وجود.

    منهنجي من جو ڳوٺ سڙيو،
    تنهنجي نيڻن ۾ بارود.


    طبيعت بي چئي آهي ته ڇا ڪريان؟

    طبيعت بي چئي آهي ته ڇا ڪريان؟
    محبت ٿي وئي آهي ته ڇا ڪريان؟

    اڇا ڪپڙا ڪري تو سان ملڻ آيس،
    ۽ رستي ۾ رئي آهي ته ڇا ڪريان؟

    ڏَسيو پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ ڪو آهي؟
    اِها پنهنجن ڪَئِي آهي ته ڇا ڪريان؟

    نشن ۾ تنهنجي چپڙن کي ڇهيو هوندم،
    خطا جي ٿي پئي آهي ته ڇا ڪريان؟

    ”سراج“ آ پيار تي پهرو سدا جڳ جو،
    جواني، بي ڀئي آهي ته ڇا ڪريان؟


    سوچَ گُهٽيءَ جو ساٿ اڌورو آهي،

    سوچَ گُهٽيءَ جو ساٿ اڌورو آهي،
    باک ڦُٽيءَ جو ساٿ اڌورو آهي.

    مون سان گوري رات گذارڻ آئي،
    لاک لُٽيءَ جو ساٿ اڌورو آهي.

    مون کي چيائين سونيون چوڙيون گهرجن،
    ٻانهن ٻُٽيءَ جو ساٿ اڌورو آهي.

    پوک به پوري، قرض اڃان رهجي ويو،
    هيل ڦٽيءَ جو ساٿ اڌورو آهي.

    ڇو دل جو دنبور وڄي چپ ٿي ويو،
    تار ٽُٽيءَ جو ساٿ اڌورو آهي.


    هڪڙي برکا شام کڻي آيو آهيان،

    هڪڙي برکا شام کڻي آيو آهيان،
    مِينهن وساڙا جام کڻي آيو آهيان؟

    هوءَ ڄمونءَ جي ٽاري ڪالهه وڍي ويو ڪو،
    مان ڀي هڪڙي لام کڻي آيو آهيان.

    تنهنجي شهر جي شوخ هوائن کي سجدو،
    ڪفر ڪيم الزام کڻي آيو آهيان.

    مان شاعر هان ڀاڪر ۾ انگور وليون،
    ڪيڏي سونهن اڏام کڻي آيو آهيان.

    لاڙي لڙڪ ”سراج“ پرينءَ جي پاڙي مان،
    اڻ پورا آرام کڻي آيو آهيان.


    هي پن ڇڻ آ موسم جي هٿ ۾ ڇريون،

    هي پن ڇڻ آ موسم جي هٿ ۾ ڇريون،
    ۽ خوشبو وڍائي ڇڏيون آڱريون.

    محبت جي هڪڙي چمي ڏيڻ تي،
    وري ڪنهن ٻڌائي ڇڏيون ست سُريون.

    وڇوڙي ۾ مون ويس ڪارا ڪيا،
    نه ڇو تنهنجون چوڙيون ڀڳيون ۽ ڀُريون؟

    مٺي، ماڪ کان پاڪ تنهنجو بدن،
    مگر جڳ جون اٿئي نگاهون بُريون.

    اسان وٽ ڀلا پوءِ بچندو به ڇا،
    اگر ديس دشمن هي ويندا ڦريون.

    اياز ۽ ڀٽائيءَ سان گڏ رات ڀر،
    اسان سنڌ تو لئه دعائون گهريون.


    مِينهن جي شام، ڏيو جام جهڙالي خوشبو،

    مِينهن جي شام، ڏيو جام جهڙالي خوشبو،
    هوءَ برسات ۾ نڪتي ته ٿي آلي خوشبو.

    رات، رُتِ، چنڊ، ستارن کان پڇان ٿو تنهنجو،
    تنهنجي تصوير مٿان نير خيالي خوشبو.

    روز مينديءَ جا هي هُٻڪار گلابي موسم،
    مون سدا سار جي او يار سنڀالي خوشبو.

    ديس دودي ۽ دريا خان جو سپنو آهي،
    سنڌ جي سينڌ ۾ سِندور حلالي خوشبو.

    تنهنجي هٿڙن جو ته ون واس سڃاڻي ٿو وٺان،
    مون کي تنهنجي ٿي ڏَسي چانهه جي پيالي خوشبو.


    ڪالهه ڪراڙ تي ڪڪري برسي،

    ڪالهه ڪراڙ تي ڪڪري برسي،
    شاعرَ شيخ اياز جي ورسي.

    تنهنجي ساهه سڳنڌيءَ ڪارڻ،
    هڪ هڪ گل جي خوشبو ترسي؟

    کلندي کلندي زهر ڏئين ٿو،
    پنهنجو ٿي ايڏي بي ترسي؟

    ڌرتيءَ جي تاريخ پڙهي آ،
    سائين! کول ڪتاب نه درسي.

    تنهنجي لوڏ ۽ هوڏ تي حق آ،
    جيڏن منجهه ”سراج“ کي سرسي.


    ڦول وتي آ ڦول ڳلي پويان،

    ڦول وتي آ ڦول ڳلي پويان،
    هوءَ ستل آ جاڳ جلي پويان.

    ٽهڪ وکيري اڳتي نڪري وئي،
    مون ڳوڙهن جي ڳالهه سلي پويان.

    سنڌ سهاڳڻ تنهنجي وارن جي،
    هيءَ شفق جي شام هلي پويان.

    پيار مسافر ڪوٺي سج چيو،
    آءٌ هلان ٿو، آءُ ڀلي پويان.

    باغ جي خالي بينچ تي هوءَ ويٺي،
    ڀنؤرن جا ڀڻڪاٽ ڪلي پويان.




    رات جا نيڻ ٿا ٺرن اچ نِي،

    رات جا نيڻ ٿا ٺرن اچ نِي،
    ڀتين تي ديپ ٿا ٻرن اچ نِي.

    منهنجا احساس توکي سجدا ڪن،
    توکي دل جي سڏيو درن اچ نِي.

    ۽ مان مجنونءَ جي صدا وانگي،
    آجيان ڪئي آ پٿرن اچ نِي.

    سنڌ جا ڳوٺ جن جي ڀاڪر ۾،
    شام جو مال ٿا ورن اچ نِي.

    ڏي ڪو جيئدان منهنجي جذبن کي،
    منهنجا احساس ٿا مرن اچ نِي.

    چنڊ ۽ ساز، جام، موسم کي،
    موهه بخشيو آ منظرن اچ نِي.

    درد جون سڀ ڳليون ”سراج“ رليون،
    مون کي گهايو سڀن گهرن اچ نِي.


    سچ ڏي، سونهن ڏي، سُر ۽ ساز ڏي خير هجي،

    سچ ڏي، سونهن ڏي، سُر ۽ ساز ڏي خير هجي،
    دل جي موسم، مُرڪ، مجاز ڏي خير هجي.

    باغ ۾ گل، ڀنؤرن جا ڳاهٽ، مهڪارون،
    ها، شَلَ ڪويل جي آواز ڏي خير هجي.

    ٻانهون لوڏي چوڙيون ڀڃندي آهين تون،
    تنهنجي ڪاوڙ جي انداز ڏي خير هجي.

    اکڙيون اکڙين ساڻ ملن ۽ پيار وڌي،
    من جي سجدن، نينهن نماز ڏي خير هجي.

    يار ”سراج“ ڪراڙ ڪنڌي، موهن، مڪلي،
    سنڌ، ڀٽائي، شيخ اياز ڏي خير هجي.


    سجني! تو ڪي ٽهڪ ڏنا،

    سجني! تو ڪي ٽهڪ ڏنا،
    روڪي روڪي ٽهڪ ڏنا.

    شام لٿي هئي آڳر تي،
    خواب ڪلهوڪي ٽهڪ ڏنا.

    رات جو من ماتم ماتم،
    ڏينهن اڄوڪي ٽهڪ ڏنا.

    اڊڙيو چولو ململ جو،
    در جي ڪوڪي ٽهڪ ڏنا.

    منهنجي خلوص، وفائن تي،
    تنهنجي ڌوڪي ٽهڪ ڏنا.


    نه مان مجنون آهيان نه تون آهين ليلا،

    نه مان مجنون آهيان نه تون آهين ليلا،
    اسين پيار جي شهر ۾ ٻئي اڪيلا.

    ڪتابن جي صفحن تي ناهيون ته ڇاهي،
    جدا جسم آهيون ته روحن جا ميلا.

    متارن قطارن ۾ بيهي پڪاريو،
    ڪجان قرب موکي! پروڪو اچي لا.

    وري شاهه، سچل ۽ سامي رنا ها،
    ڏسي سنڌ جي سونهن جا منهڙا ڀيلا.

    ”سراج“ آ سدا سوچ آزادگيءَ جي،
    ڪڏهن نيٺ لهندا هِي ڳهڻا ڳهيلا.


    مان جاڳان جلان ٿو ٿيا رات جا ٽي،

    مان جاڳان جلان ٿو ٿيا رات جا ٽي،
    نه ڪوئي وڇوڙن جو شل قيد ڪاٽي.

    الائي ته ڪيڏانهن منزل جو ڏس آ،
    مسافر منجهائي ڇڏيو ويهه واٽي.

    او موکي! او موکي! تنهنجي ريت اوکي،
    متارن کي هِرکائيو مڌ جي ماٽي.

    وري ديد ڪا عيد جي ڏينهن وانگي،
    وري چنڊ جو هو ڏنو ڏيک ڏاٽي.

    نه ڪا پيار ۾ دل ٽُٽي اي ”سراج“،
    ٽُٽي ڀل ته شيشو لٽو ڀل ته ڦاٽي.


    او جانان! اهي ٽهڪ تنهنجا رسيلا،

    او جانان! اهي ٽهڪ تنهنجا رسيلا،
    جيئڻ لئه جتن، خوش رهڻ جا وسيلا.

    پلئه جيئن ساڙهيءَ جو مرڪي ورايُئهِ،
    ڌتاري ڌتاري تو دلڙي کسي، لا.

    ڪتابن کي ڪاوڙ ۾ اڇليئه انهن تي،
    گلابي چپن جي لپ اسٽڪ گسي، لا.

    اهو ٿر جو گهر ماءُ جيڏيءَ پڪاريو،
    وڃان مان ولهاري، ملهاري وسي، لا.

    ”سراج“ اڄ کُلياسين وري ڦول وانگر،
    ٽڙيا خواب منهنجا پرينءَ کي پسي، لا.




    وقت ۽ حالتون،

    وقت ۽ حالتون،
    ڄڻ پٺيءَ ۾ لتون.

    ليڙون ليڙون اندر،
    پاڻ کلندا وتون.

    جڳ پوکي ڇڏيون،
    پيار ۾ نفرتون.

    ساهه کان ويجهڙو،
    ڏور مون کان نه تون.

    درد جي شهر ۾،
    خواب ۽ چاهتون.

    ڪيئن گڏ ٿيون هلن،
    بک ۽ شهرتون.

    اي ”سراج“ آءُ ڏيون،
    قوم کي آٿتون.


    روز دشمن تپيا ٿا وڃن،

    روز دشمن تپيا ٿا وڃن،
    يار ڀي تڙپيا ٿا وڃن.

    اک ملايم ته واڪا ٿيا،
    هو ته لوڙها ٽپيا ٿا وڃن.

    مان ڏسان ٿو ته وحشي سڀئي،
    گلَ گهرن ۾ ڌپيا ٿا وڃن.

    مان جهڪان ڪونه ٿو جيب ۾،
    نوٽ نيرا نه پيا ٿا وڃن.

    ٻيو ته ڪجهه ڀي نه محبوب کي،
    شعر ئي ارپيا ٿا وڃن.

    سنڌ جي لاءِ وڙهندي ”سراج“،
    ڪنڌ ڪيڏا ڪپيا ٿا وڃن.


    ها مان به هجان ۽ هو به هجي،

    ها مان به هجان ۽ هو به هجي،
    موتئي جي ڀِنل خوشبو به هجي.

    ڀڄندا به رهون، ڇوليون به ڏسون،
    سانوڻ به هجي، سنڌو به هجي.

    ڪو ٻار اچي پڪڙي ان کي،
    ڪا شام هجي، جگنو به هجي.

    ڪا ڪيئن ڪنواري پاڻ پلي،
    سڏ پنڌ پريان ڳڀرو به هجي.

    بس سنڌ جي باري ۾ سوچيون،
    هيمون به هجي، هوشو به هجي.

    هڪ شخص ڀلا ڪيڏانهن وڃي،
    خنجر به هجي، اَبرُو به هجي.


    ازل کان نيڻ اوجاڳن جا ماريل،

    ازل کان نيڻ اوجاڳن جا ماريل،
    اسان ڄڻ پاڻ ڀي ڀاڳن جا ماريل.

    وڄائي چنگ ٿو ٻڪرار سوچي،
    رڳن ۾ راڳ ويراڳن جا ماريل.

    ۽ گهر ۾ پِيرُ، اي-سيءَ ۾ ستل هو،
    رليا ماڻهو سڳن ڌاڳن جا ماريل.

    نٿا جهومئون ڪڏهن ڊسڪو جي ڌن تي،
    اسان جا روح هِن راڳن جا ماريل.

    ”سراج“ آ سنڌ سپنن ديس جهڙي،
    اسان شاعر مٺن ماڳن جا ماريل.


    نيڻ اوجاڳيلَ، ٿڪاوٽ درد جي،

    نيڻ اوجاڳيلَ، ٿڪاوٽ درد جي،
    دل جي ڪمري ۾ سجاوٽ درد جي.

    ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ جو انتظار،
    پر، پَريان آئي پئي آهٽ درد جي.

    گهاو تي ٿي گهاوَ ڏئين جهوليون ڀري،
    ڏِس ڀري پئي آ اڃان کٽ درد جي.

    مان خوشيُن ۾ ڀِي کِلي ناهيان سگهيو،
    ڪيئن سهي سگهندس ڀلا سَٽَ درد جي.

    تنهنجي هڪ هڪ سور تي تڙپي ”سراج“،
    آ قبولي مسڪراهٽ درد جي.


    تنهنجي سار جي موسم آئي،

    تنهنجي سار جي موسم آئي،
    ڄڻ ته بهار جي موسم آئي.

    وِکَ وِکَ سُرهي، چور جوانيون،
    نيڻَ نهار جي موسم آئي.

    تنهنجن هٿڙن جي ميندي آ،
    جا، هٻڪار جي موسم آئي.

    آءُ ته جام چپن تي چاڙهيون،
    يار خمار جي موسم آئي.

    ٿي منصور ملهائي ويندس،
    جڏهن به دار جي موسم آئي.

    لهجن منجهه ڪڙاڻ ڇو آڻيون،
    ماکيءَ - لار جي موسم آئي.


    وڇوڙي جون وليون تازيون لڳن ٿيون،

    وڇوڙي جون وليون تازيون لڳن ٿيون،
    ۽ ڪونڊين ۾ ڪليون تازيون لڳن ٿيون.

    پرينءَ جو جسم ڪوئي خواب آهي،
    ٻه تعبيرون هليون تازيون لڳن ٿيون.

    اَڏيا خيما وري خانه بدوشي،
    گڏهه واريون جهليون تازيون لڳن ٿيون.

    پراڻيون يا نيون جنهن تنهنجون ڳالهيون،
    ستارن سان سليون تازيون لڳن ٿيون.

    ”سراج“ آ سوچ ۾ اي زلف جانان،
    اهي تنهنجون ڳَليُون تازيون لڳن ٿيون.


    چنڊ چشمي جَي مٿان بيهي رهيو،

    چنڊ چشمي جَي مٿان بيهي رهيو،
    سنڌ جي نقشي جيان بيهي رهيو.

    منهنجي آواره چميءَ سان ٿي ويا،
    سرخ ڳل، تازو نشان بيهي رهيو.

    ڇوڪري خيرات ڏئي سوچڻ لڳي،
    ڇو ڀلا سائل اڃان بيهي رهيو.

    سڀ ڇڏي ويا عاشقيءَ جي راهه ۾،
    درد هڪڙو مهربان بيهي رهيو.


    پاڻ کي سينگار آئينو نه ڏس،

    پاڻ کي سينگار آئينو نه ڏس،
    ڇلڪي پوندءِ ڇوڪري سينو نه ڏس.

    سالگرهه تي سڀ جي نيڻن ۾ نهار،
    ڪيترو آ قيمتي تحفو نه ڏس.

    سڀ چريا ٿئي چاڪ ٿئي چولو متان،
    ڪنهن کي وينگس ايترو ويجهو نه ڏس.

    توکي لڳندو پاڻ جهڙو ئي اداس،
    پن ڇڻَ جي شامَ آ پاڇو نهَ ڏِسُ.

    رات جو روئيندو به آ تنهنجو ”سراج“،
    صرف هن کي ڏينهن جو کِلندو نه ڏس.


    ڇو لڇين ٿو چيو لوڪ آ،

    ڇو لڇين ٿو چيو لوڪ آ،
    پوءِ ڀي ولولو وؤڪ آ.

    يار سان ڪمپنيءَ ۾ مزو،
    ڪڏهن وهسڪي، ڪڏهن ڪوڪ آ.

    شبنمي ديد محبوب جي،
    ڪڏهن نيزو، ڪڏهن نوڪ آ.

    ڪوئي مون ۾ عنايت هيو،
    ڪلهه ٻڌايو جهُري جهوڪ آ.

    سانوري ڏس رکي آ وئي،
    مکڻ سان مانڙي سوڪ آ.

    هڪ طرف زلف زندان ٻيو،
    راهه ۾ ڪيتري روڪ آ.


    توڏي مان پِرين ايندس، ڪم ڪار کان واندو ٿي،

    توڏي مان پِرين ايندس، ڪم ڪار کان واندو ٿي،
    پر شرط اِهو تون ڀي، سينگار کان واندو ٿي.

    هر صبح اٿي ننڊ مان، تصوير چُمان تنهنجي،
    ڪمري جي درِي کوليان، ديدار کان واندو ٿي.

    مظلوم جي ڳوڙهن کي، بس ڪيش ڪرائن ٿا،
    هِت سنڌ جو هر ليڊر، ڪردار کان واندو ٿي.

    وِسڪي ۽ جوانيون ڪي، ڀوتار جي بنگلي تي،
    بي باڪ صحافي ويو، اخبار کان واندو ٿي.

    سارين جا ٻه ٽي گاڏا، ڇيلا ۽ رڍون - پاڏا،
    هُو پِيرُ وري موٽيو، ڦُر مارَ کان واندو ٿي.

    ختمي جي ڀلي ماني، تي صرف مُلان جو حق،
    بنديءَ کي وساريائين، دستار کان واندو ٿي.

    اڌ چانهه جي آرڊر تي، سگريٽ سوال جو پي!
    هي ڇا ٿو لکي شاعر، گهر ٻار کان واندو ٿي.

    هڻ هڻ جو جهان آهي، فرصت جي گهڙي ناهي،
    ڪوئي نه ”سراج“ سگهيو، آزار کان واندو ٿي.


    پنجڪڙا

    *هو هاڻ بندي خاني مان ڇٽو،

    *هو هاڻ بندي خاني مان ڇٽو،
    بدراهه ڪوئي اوڏو نه اچيس،
    ايمان کي ڀي لوڏو نه اچيس،
    ڄڻ سنڌ تان هڪ زنجير ٽُٽو،
    هو هاڻِ بندي خاني مان ڇُٽو.

    


    خوشبوءِ جهڙي ڇوڪري، تنهنجا ساهه گلاب،

    خوشبوءِ جهڙي ڇوڪري، تنهنجا ساهه گلاب،
    ڇا ته ادا، ڇا لوڏ ٿئي، لاڏا ڳائين ٿي،
    شادي ڪنهن ٻيءَ جي الا، تون شرمائين ٿي،
    ميري جڳ ۾ شل رهن تنهنجا اجرا خواب،
    خوشبوءِ جهڙي ڇوڪري تنهنجا ساهه گلاب.

    


    سپنن جهڙو ڳوٺ ڇڏي راڪاس شهر ۾ آيو هو،

    سپنن جهڙو ڳوٺ ڇڏي راڪاس شهر ۾ آيو هو،
    پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جي خاطر ڌاڳي مل ۾ ملازم هو،
    دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هاءِ ويچارو ماريو ويو،
    گهر جي پتي تي ايڌيءَ وارن هن جو لاش پڄايو هو،
    سپنن جهڙو ڳوٺ ڇڏي راڪاس شهر ۾ آيو هو.

    

    *ٺل جي دوست سياسي قيدي لطف الله لاشاري جي
    سينٽر جيل سکر مان رهائي تي لکيو ويو


    ها، هو رات مري ويو رازو،

    ها، هو رات مري ويو رازو،
    ڳوٺ سڄي جا گهر ٺاهيائين،
    پنهنجي پويان صرف ڇڏيائين،
    ڇپر ڪچو به ڊهي پيو تازو،
    ها هو رات مري ويو رازو.

    


    عشق آڱر کان وٺي اڳتي هليو،

    عشق آڱر کان وٺي اڳتي هليو،
    شهر تنهنجي، جِي گهٽين گهايو وري،
    بيخوديءَ جي درد، جهومايو وري،
    ۽ ڇتي اُسَ منجهه ديوانو جَليو،
    عشق آڱر کان وڍي اڳتي هليو.

    


    اياز جا نظم، نيڻ تنهنجا،

    اياز جا نظم، نيڻ تنهنجا،
    انهن جي گهرائين ۾ ڍُرڪي،
    ڏسي ٿو چاهت سان چنڊ مُرڪي،
    سکي ستارا به سِيڻَ تنهنجا،
    اياز جا نظم، نيڻ تنهنجا.

    


    اکين ۾ عاشقيءَ جا رنگ اوتي،

    اکين ۾ عاشقيءَ جا رنگ اوتي،
    مان تنهنجي سار جا منظر جهٽيان ٿو،
    کِلي، لڙڪن جي من موسم مٽيان ٿو،
    ٿو احساسن جي ڪريان ڇانوَ توتي،
    اکين ۾ عاشقيءَ جا رنگ اوتي.

    


    هلي آءُ ڇڏيانءِ ٻانهن ۾ ويڙهي،

    هلي آءُ ڇڏيانءِ ٻانهن ۾ ويڙهي،
    ۽ احساس تنهنجا ڇُهان، ساهه وچڙن،
    دليون ڌار ٿين ۽ نه ئي نيڻ وڇڙن،
    نياپا ڏئين ٿو نگاهن ۾ ويڙهي،
    هلي آءُ ڇڏيانءِ ٻانهن ۾ ويڙهي.

    


    نيڻ، نيڻن سان مليا وقت بهانا ٿو گهَڙي،

    نيڻ، نيڻن سان مليا وقت بهانا ٿو گهَڙي،
    روز مجبوريون، پيرن ۾ پيل ڏانوڻ جيئن،
    عشق جي اک ۾ لهن لڙڪ، وسن سانوڻ جيئن،
    ماڪ جيئن پاڪُ وفا لوڪ فسانا ٿو گهڙي،
    نيڻ، نيڻن سان مليا وقت بهانا ٿو گهَڙي.

    


    اڌوريون خواهشون، سگريٽ جي ڇڻندڙ ڦُلن وانگي،

    اڌوريون خواهشون، سگريٽ جي ڇڻندڙ ڦُلن وانگي،
    سمورا خواب ٿيا نيلام، جانم ٿورڙي اگهه تي،
    تو گهر جلندو ڏٺو، ڪنهن دل کي من ناهي ڏٺو جلندي،
    ته توکي ياد ايندس مان ڪتابن ۾ گلن وانگي،
    اڌوريون خواهشون، سگريٽ جي ڇڻندڙ ڦُلن وانگي.

    


    او پاڳل شام تنهنجا ٿي ويا هِن،

    او پاڳل شام تنهنجا ٿي ويا هِن،
    هي ٽانڊاڻا، ڏيئا، بيچين تارا،
    سنڌو درياءَ جا وڻندڙ نظارا،
    هي بادل جام تنهنجا ٿي ويا هِن،
    او پاڳل شام تنهنجا ٿي ويا آهن.

    


    نِمُن جي ڇانوَ گهاٽي، گهر ڪشادا،

    نِمُن جي ڇانوَ گهاٽي، گهر ڪشادا،
    ٻنين ۾ سنگ ڏس سونا لُڏن ٿا،
    پريان هو باغ آ طوطا اڏن ٿا،
    ۽ ڳوٺاڻا وجهن ڀاڪر ڪشادا،
    نِمُن جي ڇانوَ گهاٽي گهر ڪشادا.

    


    شهر جون سوڙهيون گهٽيون ۽ زندگي،

    شهر جون سوڙهيون گهٽيون ۽ زندگي،
    روز گُهٽجي ٿي، صدائن وانگيان،
    ڇا ته بدبوءِ ٿي اچي گٽرن منجهان،
    ۽ فِلئٽن کان هوا گذري نٿي.
    شهر جون سوڙهيون گهٽيون ۽ زندگي.

    


    ۽ هوءَ هلي وئي،

    ۽ هوءَ هلي وئي،
    پوڙهي کي سمهاري،
    سامان سنڀاري،
    ڪنهن سان ته رلي وئي،
    ۽ هوءَ هلي وئي.

    


    مون ۾ ڪنهن جي جسم جي خوشبو الا جاڳي پئي،

    مون ۾ ڪنهن جي جسم جي خوشبو الا جاڳي پئي،
    ڪنهن ڪنواري خيالَ مون کي ننڊ مان جاڳائيو،
    مينهن ۾ آلي مٽي جو ذائقو محسوس ٿيو،
    ڏات ٿي ويئي ڏهوڻي ۽ ڪلا جاڳي پئي،
    مون ۾ ڪنهن جي جسم جي خوشبو الا جاڳي پئي.

    


    فاصلا ڪيڏا،

    فاصلا ڪيڏا،
    تو رکيا آهن،
    ڏک، ٻکيا آهن،
    زندگيءَ جيڏا،
    فاصلا ڪيڏا.

    


    جنڊيءَ تي کٽون ۽ ٽُڪن تي رليون،

    جنڊيءَ تي کٽون ۽ ٽُڪن تي رليون،
    مسافر ۽ مهمان جي آجيان،
    پرين ٿو اچي، چنڊ لاهي رکان،
    اکيون جاءِ جوڙين وڇايل دِليون،
    جنڊيءَ تي کٽون ۽ ٽُڪن تي رليون.

    


    رکي جي ڪين سگهين ٿي تون مون سان راهه رسم،

    رکي جي ڪين سگهين ٿي تون مون سان راهه رسم،
    اهو ٻڌاءِ نه ٻيهر مان جيئن تو سان ملان،
    نه تنهنجا لڙڪ اگهان ۽ نه تنهنجي سامهون کلان،
    مان بيوفا ته نه آهيان، شڪارپور جو قسم،
    رکي جي ڪين سگهين ٿي تون مون سان راهه رسم.

    


    نيڻ مالهيءَ جا ٿَڪل آهن،

    نيڻ مالهيءَ جا ٿَڪل آهن،
    باغ تي پهرا پيو ڏي ٿو،
    وڻن کي هر ڪوئي لوڏي ٿو،
    مند جا ميوا پڪل آهن،
    نيڻ مالهيءَ جا ٿڪل آهن.

    


    ڪتاب بند ڪيم تنهنجي سوچ ۾ گم سم،

    ڪتاب بند ڪيم تنهنجي سوچ ۾ گم سم،
    ۽ تنهنجي مُرڪ جا رستا تلاش ڪريان ٿو،
    ٿي ڄڻ ته ٻير رتي ياد پاند ڀريان ٿو،
    تون من ۾ پائي ليئو ٿي چوين چڳون چُم چُم،
    ڪتاب بند ڪيم تنهنجي سوچ ۾ گم سُم.

    


    چيٽ جون چانڊوڪيون ۽ ماڪ ۾ وهنتل گلاب،

    چيٽ جون چانڊوڪيون ۽ ماڪ ۾ وهنتل گلاب،
    ۽ گلن جي مسڪراهٽ رنگ آڇيا ڪيترا،
    پوپٽن جا پند اڳتي، ڇرڪ ڇا ڇا ڪيترا،
    درد جي گهنگهور موسم ۽ لڳا سپنا سراب،
    چيٽ جون چانڊوڪيون ۽ ماڪ ۾ وهنتل گلاب.

    


    وري يادگيريُن جون لامون لڙن ٿيون،

    وري يادگيريُن جون لامون لڙن ٿيون،
    وري سار، مهڪار بڻجي لهي ٿي،
    سُرورن ڀريا سُور هيءَ دل سهي ٿي،
    شرابن جي مستي ۾ شامون لڙن ٿيون،
    وري يادگيريُن جون لامون لڙن ٿيون.

    


    وري فيبروريءَ ۾ نو بهار آهي، نئين خوشبو،

    وري فيبروريءَ ۾ نو بهار آهي، نئين خوشبو،
    وري احساس تنهنجي عشق جا جاڳي پيا آهن،
    ڪٿي آهين پرين تون سڏ پڙاڏا بي چيا آهن،
    هلي ڀي آءُ، موسم، جسم تي تازي هنئين خوشبو،
    وري فيبروري ۾ نو بهار آهي، نئين خوشبو.

    


    صبح اميدن ڀريو، گذري ويو،

    صبح اميدن ڀريو، گذري ويو،
    شام جي مک تان نراسائي بَکي،
    ان سمي ڪا ياد تنهنجي آ ٻَکي،
    مُرڪ تنهنجيءَ جو پکي اڏري ويو،
    صبح اميدن ڀريو گذري ويو.

    


    هو مَنَهه تان ول ٽُٽي، انگور ميڙيان ٿو پيو،

    هو مَنَهه تان ول ٽُٽي، انگور ميڙيان ٿو پيو،
    ٻارڙا ٻوٽي اکيون هڪٻئي کي ڳولن ٿا پيا،
    اڄ به ڄڻ تنهنجي گهٽيءَ ۾ نيڻ رولن ٿا پيا،
    ياد تنهنجيءَ جا پراڻا پور ميڙيان ٿو پيو،
    هو مَنَهه تان ول ٽُٽي، انگور ميڙيان ٿو پيو.

    


    هو مَنَهه تان ول ٽُٽي، انگور ميڙيان ٿو پيو،

    هو مَنَهه تان ول ٽُٽي، انگور ميڙيان ٿو پيو،
    سوچ منهنجيءَ جو سفر آ ڇانوَ توڙي ڌوپ ۾،
    خواب ۾ مان ٿي وڃان ٿو مارئيءَ جي روپ ۾،
    سنڌ جي ماروئڙن جا سور ميڙيان ٿو پيو،
    هو مَنَهه تان ول ٽُٽي، انگور ميڙيان ٿو پيو.

    


    اُڀَ جي پيرن مان ڇِڄي ٿي سانوڻي،

    اُڀَ جي پيرن مان ڇِڄي ٿي سانوڻي،
    پَٽَ تي پکڙيل آههِ ٽٽندڙ ڇير جيئن،
    گهر وڃڻ جي لئه ڪري ٿي دير جيئن،
    نينگريءَ وانگر ڀڄي ٿي سانوڻي،
    اُڀَ جي پيرن مان ڇڄي ٿي سانوڻي.

    


    ويهه جهٽ، واءُ لٿو ٿي جاني،

    ويهه جهٽ، واءُ لٿو ٿي جاني،
    کڻ نه پيرا اهي پٽجي ويندءِ،
    ڦولڙا پير به ڦٽجي ويندءِ،
    واءُ ٿي گهاءُ لٿو ٿي جاني،
    ويهه جهٽ واءُ لٿو ٿي جاني.

    


    نَظمَ

    شل خير هجي

    شل خير هجي

    هن سنڌ جي سوني ڌرتيءَ ڏي،
    الله رکيءَ، دل پرتيءَ ڏي،
    ۽ سونهن نگر جي سرتيءَ ڏي،

    شل خير هجي - شل خير هجي.

    هن ديس جي گل گلزارن ڏي،
    سَن، سيوهڻ، ڀِٽ جي مزارن ڏي،
    محبت جي مٺن آزارن ڏي،

    شل خير هجي - شل خير هجي.

    امڙين جي او لاڻن، لولين ڏي،
    ٻارن جي نماڻين ٻولين ڏي،
    ڀيڻن جي گلابي جهولين ڏي،

    شل خير هجي - شل خير هجي.

    شاگرد، مزور ۽ هاري ڏي،
    هر درد ڏي هر دلداري ڏي،
    ۽ ڪنهن جي مرڪ ڪنواري ڏي،

    شل خير هجي - شل خير هجي.

    عاشق جي اڌورين آهُنِ ڏي،
    محبوب جي ٻهڪيل ٻانهن ڏي،
    ۽ پيار ڏي ويندڙ راهن ڏي،

    شل خير هجي - شل خير هجي.

    8











    ڀنل راتڙيون

    ڀنل راتڙيون

    ڀنل راتڙيون
    هي برساتڙيون،
    پرينءَ کان سواءِ پهر صدين تي ڀاري،
    وري وار کولي رني بيقراري،
    رڳو انتظاري، اکيون آتڙيون،
    ڀنل راتڙيون
    هي برساتڙيون

    8


    هر احساس لذيذ خطا جيئن

    هر احساس لذيذ خطا جيئن

    ٻن چمين لئه ٻهڪيا چپ ها،
    ڌار ٿيڻ جي پيڙ نه ڄاتئون،
    مڌُ اوتيائون هوش نه پاتئون،
    عمر سڄيءَ جو روڳ لڳي ويو،
    جوڳين وارو جوڳ لڳي ويو،
    سارا منظر ڌنڌ ۾ ويڙهيل،
    زخمي هٿ ۽ گجرا گهايل،
    ماٺ جو شيشو، شور جا پٿر،
    چهرا پوڙها ڄڻ ڪي کنڊر،
    موسم ڀي مستين کان خالي،
    شوخ لبن تان لهندڙ لالي،
    ڀنؤر ۽ گل جو کيلُ اهوئي،
    مکڙيءَ پاند پسايو روئي،
    اهڙي حالت زار تي سرتي،
    ڀنل اکين جي پريت ٿي پرتي،
    منهنجي آئيني جيون تي،
    ۽ تنهنجي ٽڙندڙ جوڀن تي،
    وقت جي دز چڙهي وئي آهي،
    سڀ تاريخ پڙهي وئي آهي،


    بيتابين جا باب نرڙ تان،
    گم ٿي ويا مهتاب نرڙ تان،
    ٽيڪو ٺاهڻ لاءِ به هاڻي،
    ڪير ڀلا سِندوُر اُماڻي،
    پاڻ اڌوري سوچ جا واسي،
    پياسين ڄاڻ جي ڄار ۾ ڦاسي،
    نڪرڻ لئه ڪا راهه نه سُجهندي،
    تو بن من جي آڳ نه اُجهندي،
    تون جا، خوشبوءَ جي جهوٽي جيئن،
    هن هيکل جيون ۾ آئينءَ،
    ڪنهن سپني جي سندرتا جيئن،
    هر احساس لذيذ خطا جيئن،
    توکي ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي،
    پاڻ لٽيون پاڪايون ڪيئي،
    ها جيئن تو سان نيڻ اڙيا ها،
    جڳ وارن جا ساهه سڙيا ها،
    روح کي رهڙي پاڻ پليو مون،
    صرف ڀتين سان سور سليو مون،
    يادن جو دروازو کُليو،
    هاڻي ڪجهه ڪجهه ياد اچي ٿو،
    ٿورو ٿورو مهڪيا چپ ها،
    ٻن چُمين لئه ٻهڪيا چپ ها.

    8


    تون ڄڻ ڦُٽي آن چونڊَ جي

    تون ڄڻ ڦُٽي آن چونڊَ جي

    اڏارَ ڪونج ڪونج ۾،
    پُڪار گونج گونج ۾،
    تون ساحلن کي ٿي پڙهين،
    ڪڏهن لهين ڪڏهن چڙهين،
    اسان جي لاءِ آزادي،
    تون وير آن سمونڊ جي.
    تڪڙ نه آهه ڪڻڪ جي،
    ڦلن جي ڳالهه پو ڪبي،
    هي ٿوهرن جو پنڌ آ،
    گلن جي ڳالهه پو ڪبي،
    وُٺي جي واءُ جي هٿان،
    هي مِينهَن ٿا وري اچن،
    هي نِينهَن ٿا وري اچن،
    هي ڏينهن ٿا وري اچن،
    تون مهڪ بوند بوند جي.
    نوان جوان ڪي اُٿن،
    ڀُتن تي ڪيئن ڀاڙجي؟
    اسان جي جاڳ ٿي چوي،
    سُتن تي ڪيئن ڀاڙجي،
    اداس وادين مٿان،
    نئون نئون نسل لهي،
    فراق نه وِصل لهي،
    جڏهن به ڪو فصل لهي،
    تون ڄڻ ڦٽي آن چونڊَ جي،
    اسان جي لاءِ آزادي،
    تون وير آ سمونڊ جي.

    8


    شاهه لطيف

    شاهه لطيف

    شاهه لطيف، شاهه لطيف منهنجا رهبر شاهه لطيف،
    تنهنجي در تي آيا آهيون، هر دل جا ويساهه لطيف.

    اڇڙي ٿر تي هرڻ هيسايل، ڪارونجهر تي مور اڃايل،
    ڪاڇي ۾ به ڏڪار هي ڪارو، پياسا ساهه پساهه لطيف.

    ماڻهن جا تڪرار ته ڏس تون، يار ٿيا اغيار ته ڏس تون،
    ٿوري ڳالهه تي اڀيون ڪهاڙيون، ڪرڪي ڌرين ۾ ٺاهه لطيف.

    اکڙين جا اقرار نه ساڳيا، صورت جا سينگار نه ساڳيا،
    انڌيارن جي قيد ۾ سارا، چانڊوڪين جا چاهه لطيف.

    ماروئڙن جا ماڳ ته ڏس تون، تن جا اجڙيل ڀاڳ ته ڏس تون،
    سنڌ وارن کان مرڪ کسي وئي، ساڻا ساڻا ساهَه لطيف.

    8


    وري فيبروري آ

    وري فيبروري آ

    جڏهن ڪا بيوفائي، ڊگهي ها عمر ماڻي،
    اهو امڪان گهٽ آ، ملي اڄ يا سڀاڻي،
    اها جيڪا چپن تي وڄايم چنگ وانگي،
    ۽ سيني سان لڳايم وطن جي دنگ وانگي،
    اها جيڪا گلن کي اڌارا رنگ ڏئي ٿي،
    کنڊيري ٽهڪ، فصلن کي سونا سنگ ڏئي ٿي،
    اها جيڪا ته خوابن جي پوتر عاشقي آ،
    انهيءَ جي دم ۽ خم سان، هي فطرت ڀي نچي آ،
    جڏهن کان دل جي موسم، اداسين ور چڙهي آ،
    لکيل لڙڪن جي مس سان، ڪٿا سڀني پڙهي آ،
    ستارا باخبر هن ۽ شاهد چنڊ آهي،
    لڪي وسڪي پيئي ٿو ته زاهد چنڊ آهي،
    اکيون منهنجون به ڳاڙهيون مان مڌ هاڻو لڳان ٿو،
    نشي ۾ چورآهيان صفا ساڻو لڳان ٿو،
    ڪٿي ڪا شوخ موسم، نه آڌر ڀاءُ ٿي آ،
    پرينءَ جي ساٿ ڌاران جواني گهاءُ ٿي آ،
    وري فيبروري آ، وري هو ڌار آهي،
    دکن جا ڦول پويم ۽ مهڪي سار آهي.

    8


    تون جي ناهين سانوڻيءَ ۾

    تون جي ناهين سانوڻيءَ ۾

    تون جي ناهين سانوڻيءَ ۾،
    اڃ جو احساس ٿئي ٿو.
    رات تنهائي ۾ ڇا ڇا،
    پر پون ٿا ڪيئن پاڇا،
    ذهن تي آڳي اُلن جا،
    تو بنا تازن گلن جا،
    ڪيترا ٻوٽا لڳايم،
    رُڃَ جو احساس ٿئي ٿو.
    ها خدا موجود آهي.
    چنڊ ڀي ڪرڻا ٿو لاهي،
    ۽ ستارا ڀي نچن ٿا،
    مُرڪ جا ميلا مچن ٿا،
    هيڏي خوابن جي شهر ۾،
    سُڃ جو احساس ٿئي ٿو،
    تون جي ناهين سانوڻي ۾،
    اُڃَ جو احساس ٿئي ٿو.

    8


    اسان ڄڻ ته سڀ سوڳوارن ۾ آهيون

    اسان ڄڻ ته سڀ سوڳوارن ۾ آهيون

    ستاويهه ڊسمبر جي هڪ سرد شام،
    هلائي ڪنهن گولي هئي سرعام،
    ڪيو، ڪنهن اشارو پٺي ڪنهن ٺپي،
    جو بِيبي شهادت جو پيتو هو جام،
    صفا پنڊ پهڻ ٿي وئي ڪائنات،
    اهو ڪنهن جي غم جو هيو احترام،
    سڄي سنڌ، قيامت جو منظر بڻي،
    حقيقت هئي يا هيو خيال و خام،
    گهرن ۾ چلهيون ڪنهن نه ٻاريون هيون،
    هيو روڄ راڙو به هر گس ۽ گام،
    بلاول سان غم جي غبارن ۾ آهيون،
    ۽ آصف سان گڏ اوڇنگارن ۾ آهيون،
    اکيون آليون بيقرارن ۾ آهيون
    اسان ڄڻ ته سڀ سوڳوارن ۾ آهيون.

    ها، هن قتل تي ٿيو آ هر جيءُ جڏو،
    اکين ۽ دلين ۾ وڇايل تڏو،
    هو تاريخ جي چيخ بڻجي وئي،
    سَٺو سنڌ صدمو سَهڻ کان وڏو،
    ڪبو ڪين تن کي اهو خون معاف،
    ٿئي خوش نه هي قاتلن جو لَڏو،
    هو آمر کٽي ڪونه سگهندو ڪڏهن،
    پنهنجو ديس ناهي جوا جو اَڏو،
    ڪروڙن لکن ۽ هزارن ۾ آهيون.

    ڏٺم چنڊ روئندو رهيو رات ڀر،
    ستارا به ها ننڊ کان دربدر،
    سڀن منظرن جي مٿان ڌنڌ هئي،
    گلن کان به ڄڻ مرڪ وسري وئي،
    ڪنوارين جون پوتيون لٿيون ٿيون وڃن،
    پڳن ۾ وڪڙ ڀي ڍرا ٿا پون،
    وري مارئي بند زنجير ۾،
    لڳو ڄڻ ته سهڻي ٻڏي سير ۾،
    لڳو ائين مومل وڃايو مجاز،
    ڀٽائي رُنو ۽ رُنو شيخ اياز،
    اسان هاڻي ڪيڏين ميارن ۾ آهيون،
    هي قربان سرڙا قطارن ۾ آهيون،
    وري تند تپندي تنوارن ۾ آهيون،
    اسان سڀ ته ڄڻ سوڳوارن ۾ آهيون.

    8


    آزاد نَظمَ

    تون ڇا ڄاڻين درد مٽيءَ جو

     او شاعر او دانشور!
    او لفظن جا جادوگر!
    تون ڇا ڄاڻين درد مٽيءَ جو.
    ماروئڙن جي مُرڪ ذريءَ کان واقف ناهين،
    يا ڳوڙهن جي ڳالهه ڳريءَ کان واقف ناهين.
    جڏهن ورهاڱي ڪَرَ کنيا،
    ڏارَ ڀڳا ۽ا اڏريا ڳيرا،
    جهرڪين تي بازن جا گهيرا،
    ٻولي هڪ هئي خواب به پنهنجا هڪجهڙا هئا،
    اٿڻ ويهڻ، آداب به پنهنجا هڪجهڙا هئا،
    پنهنجا پيارا وڇڙي ويا ۽
    ڌارين جي ڪا لوڌ لٿي،
    بي پاڙن کي ڪنهن نه قبوليو، سنڌ قبوليو.
    جڏهن ڪراچيءَ جي رستن تي،
    روز گلاب جي پاڻيءَ سان،
    ها ڇڻڪار پيا ٿيندا ها،
    سو سينگار پيا ٿيندا ها،
    هُنن کان اڳ ۾،
    ڪيڏي ڇڪ ۽ پيار هيو،
    امن، سڪون، قرار هيو.
    هاڻ انهن جي ايندڙ نسلن،

    روشنين جي شهر کي مقتل گاهه بڻايو.
    ڌرتيءَ جا اصلوڪا وارث،
    ٻئي درجي جا شهري آهن.
    اڄ به سنڌين کي،
    رت ۽ باهه ۾ وهنجاريو ويندو آهي،
    اڄ به ڪنوارين نياڻين سان،
    وحشي هٿ کيڏن ٿا پيا،
    ٻارنهن مئي تي ڇا ڇا ٿيو،
    توکي ڪِوِل نه چَڪُ پاتو،
    تنهنجي مٿي تي جونءَ نه چُري ڪا،
    توکي ڪا پرواهه نه آهي،
    ۽ تون پنهنجي لاءِ ترقي چاهين ٿو.
    ٻهراڙين جي ٻاجهارن انسانن جي،
    دل جي ريت کان واقف ناهين،
    پيار، ڪُريت کان واقف ناهين،
    ٽوپيءَ تي هِيرن جي ٽِڪَن کان واقف ناهين،
    ۽ اجرڪ جي حُسناڪين کان واقف ناهين،
    او ويڪائو مال ٻُڌي ڇڏ!
    تنهنجي ڪا تاريخ جي ننڍڙي صفحي تي ڀي جاءِ نه آهي،
    توکي عياشيءَ جو سامان ميسر سارو،
    توکي شراب، شباب، ڪباب کان فرصت ناهي،
    توکي اُلڪو ننڊ ڦٽيءَ جو،
    تون ڇا ڄاڻين درد مٽيءَ جو.

    


    قيد جي ديوار جي پويان

    قيد جي ديوار جي پويان

     مسلسل جبر جهڙيون حالتون،
    ۽ ساهه ساڻا ٿيا.
    الائي ڪيتريون باغي جوانيون،
    قيد جي ديوار جي پويان جليون آهن.
    ٽڙڻ کان ڀي اڳي ڪومائيون،
    اهڙيون ڪليون آهن.
    وڏيري جي حويليءَ تي،
    وري هو چنڊ راتين جو،
    لڪي چوري اچي،
    ٿو چورائي ڪنواري باک جا لمحا.
    ڪا وينگس ساهه ٿڌڙا ٿي وئي آهي.
    انهي جي درد جي اوگهڙ،
    سندس چهري مان ظاهر آ،
    وري انهيءَ جي ڪمري ۾،
    پکي نر ڀي نه ويندو آ.
    انهيءَ جا حق بخشايا ويا آهن
    انهيءَ جي آ ٿيل قرآن سان شادي
    ضرورت جسم جي ڇاهي،
    ۽ ڇا ٿو روح ڀي چاهي،
    مگر هي ڳالهه آهي رازداريءَ جي،
    پراڻو خاص نوڪر،
    سندس اجري بدن جي آرزو آڏو،
    پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ٿو.
    


    پر تون منهنجي آرزوئن کان رهين ٿي بيخبر

    پر تون منهنجي آرزوئن کان رهين ٿي بيخبر

     زندگيءَ جي درد جهڙي ڇوڪري!
    تنهنجي اکڙين جي اداسيءَ جو قسم،
    هاڻ توتي هي جواني شجر ممنوعه جيان آهي لٿي.
    ۽ وري تو ساڻ،
    همدرديءَ وارا هٿ. هزارن ۾ ڳڻپ،
    سنگ مر مر جي بدن تي چنڊ جو قنديل چپ.
    تو جڏهن آرس ڀڳو ته، انڊلٺ آهي ٺهي.
    تنهنجي ڳلڙن تي اهو چاههِ ذقن،
    شاعرن جي ڏات کي رونق ٿو بخشي،
    عاشقن جي لاءِ خوشخبري جو باعث.
    زندگي جي درد جهڙي ڇوڪري،
    تنهنجي ٽهڪن ۾ ٽليون مندر جون آهن،
    تنهنجو منهن محراب مسجد جو لڳي ٿو.
    پنهنجي نيڻن ۾ وڇائي،
    مان مصّلو پيار جو،

    تنهنجي عبادت ٿو ڪيان،
    پر تون منهنجي آرزوئن کان رهين ٿي بي خبر،
    دل جون ڳالهيون،
    تنهنجي سمجهڻ ۾ اچن ئي ڪين ٿيون،
    ڪنهن به جذبي جي،
    سچائي ڪونه ٿي معنيٰ رکي،
    ڇا اِهو مون سچ ٻڌو؟
    ڪلهه شام جو،
    ڪنهن همسفر سان،
    ڊائمنڊ جي هار تي،
    تو پيار جو سودو ڪيو،
    سينگار جو سودو ڪيو.

     •چاههِ ذقن مان مراد کلڻ مهل پوندڙ چُگهه.


    مان ته اُهوئي آهيان دوزخ

    مان ته اُهوئي آهيان دوزخ

     مان ته اُهوئي آهيان وينگس!
    پر تون ساڳي ناهين.
    اوجاڳن جي مهر هڻي مون،
    لڙڪن کي وجدان ڏنو،
    توکي دل جو دان ڏنو،
    تون جا، ساهه کان ويجهي آهين،
    هر ويساهه کان ويجهي آهين،
    ڏات به تنهنجي آڏو ڏکندي،
    ڏانءُ به تو سيکاريو آهي جيئڻ جو.
    مان ته اهوئي آهيان سجني!
    پر تون جاڳي ناهين.
    توکي ننڊ جون لوليون ڏيندي،
    چنڊ چريو پل ناهه ستو،
    توکي هير پکو هٿ وارو،
    هڻندي هڻندي ناهه ٿڪي،
    ۽ ها تنهنجي اڌ عمر جو،
    ڳپل حصو آرام ۾ گذريو،
    مان ته اهوئي آهيان دوزخ،

    پر تون آڳي ناهين،
    تون ڇا ڄاڻين رُڃَ جون راتيون،
    تون ڇا ڄاڻين ٽانڊن تي ماتم ڇا آهي
    ۽ تو ڪنهن جي جاڳ کي جلندي ناهه ڏٺو،
    ڪنهن عاشق جي ڀاڳ کي جلندي ناههِ ڏٺو،
    جنت جهڙي ديس جي سندر رهواسڻ ٻڌ،
    توکي سک جون ڇانئون نيبهه،
    رابيلن جي لامن جون سو لانئون نيبهه،
    ۽ مان ڌر تتين جو ماڻهو،
    تنهنجي شهر جفا ۾ ڪيڏا ڏينهن رهيو هان،
    ڪيئي ڏکن جا ڳاههُ ڳهيو هان،
    ۽ مون زهر به پيتو آهي،
    دار تي ڀي مان لٽڪيو آهيان،
    ڪيڏو تو لئه ڀٽڪيو آهيان.
    ڪيڏو تو لئه ڀٽڪيو آهيان.


    نظريا ۽ نعرا فقط کوکلا

    نظريا ۽ نعرا فقط کوکلا

     اسان جن ارادن کي واعدن جي زنجير ۾،
    ٿا ٻڌن، وري ٿا چون،
    وطن سان وفائن جي شروعات ۾،
    اوهان ساٿ ڏيو،
    جيئو ۽ جيئڻ ڏيو،
    اڳي ڀي ٻڌل ڳالهين تي لڳي،
    اسان پنهنجون عمريون وڃائي ڇڏيون،
    اسان پنهنجون ڊگريون جلائي ڇڏيون،
    ۽ ڪيڏانهن ويساهه ورتل هي ماڻهون وڃن،
    نظريا ۽ نعرا فقط کوکلا،
    نه قومي سڃاڻپ جون گهرجون ٿيون پوريون،
    سياست جو رومانس،
    معنيٰ وڃائي آ ويٺو،
    ڪڏهن ڪاري، ڳاڙهي ۽ سائي ڪلر جا،
    اسان ڀي ته جهنڊا ها جهولائيا،

    اسان پريت جا گيت ها ڳائيا،
    صِلي ۾ هي بيروزگاري ۽ بک،
    ڇو پلئه پئي آهي،
    شهيدن جي رت جو به سودو ٿيو سستو،
    رڳو رت ڦڙا آرزوئن جو رستو،
    هتي فوجي آمر جي هڪڙي اشاري تي،
    ڊيمو ڪريسي آ ڪرسي کي چنبڙي،
    * صدارت جو منصب وڏي ڳالهه آهي،
    نه آدرش، مطلب وڏي ڳالهه آهي،
    فقط مصلحت ڄار جهڙي اُڻيل آ.


    * 9 سيپٽمبر 2008 آصف علي زرداري جي صدارت ڏانهن اشارو.


    دوزخي پُٽُ

    دوزخي پُٽُ

     پرهه نه پاند کنيا،
    ان کان ڀي پهرئين،
    گوليءَ جو آواز ڪنن تي پيو،
    مون سوچيو،
    شايد ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪنهن تڪرار جي ڏي وٺ ٿي
    ۽ منهنجي وئي ننڊ ڦٽي،
    صبح ٿيو ڀر واري هوٽل تي ماڻهن هِيءُ سُس پُس ڪئي،
    نيڪ نمازڻ ويچاريءَ کي،
    پنهنجي ممتا ٻاجهاريءَ کي،
    دوزخي پُٽَ،
    رات پراڻي قرض جي عيوض،
    ڪنهن اشراف سان ڪارنهن جو الزام ڏئي،
    ماري ڇڏيو.


    هاريءَ جي پُٽَ خواب ڏٺو

    هاريءَ جي پُٽَ خواب ڏٺو

     هاريءَ جي پُٽَ خواب ڏٺو.
    ٻهراڙيءَ جي ٻارن کي تفصيل ٻڌائي ٿو،
    ۽ سمجهائي ٿو،
    چيئين ته،
    پنهنجي ڳوٺ جي قسمت هاڻ بدلڻي آ،
    هيءَ روايت ايندڙ نسلن ڪاڻ بدلڻي آ،
    ڪيسين رئيس وڏي جي بيگر،
    وهندا هي ويڳاڻا ماڻهو،
    سنڌ رتو رت ساڻا ماڻهو،
    ٽهڪ نه جن جي ٽور ۾ شامل،
    مرڪن مٽيءَ هاڻا ماڻهو،
    هاريءَ جي پٽ خواب ڏٺو.
    چيئين ته رات مون خواب ڏٺو،
    مظلوم اٿيا سارا،
    هٿ هٿن ۾ ديد دڳن ۾،
    نينهن سندا نعرا،
    ها ته ڪهاڙين جي کڙڪي سان گيت بغاوت جا.
    هاري جي پٽ خواب ڏٺو،
    سڱ چٽي ۽ بدي جون رسمون ڪارو ڪاري ڇو،

    قتل ڪرائڻ، جيل وجهائڻ،
    وڙ آ وڏيري جو،
    مسڪينن تان ٻانهپ وارو،
    طوق هي ڄاڻ لٿو،
    هاري جي پٽ خواب ڏٺو.
    ها سپني ۾ هينئن به ڏٺائين،
    ٻارڪتابن سان،
    ننڍن وڏن جا جهول ڀريل ها،
    سرخ گلابن سان،
    هٿڙن تي ميندي ۽ ڀريل ها نيڻ حجابن سان،
    سارو ڳوٺ مِڙيو هو سڏ تي،
    هڪڙي شخص وڌي،
    هن کي چيو ته مُڙي وڃ ٻچڙا،
    منهنجي ڳالهه ٻڌي،
    نانگن سان ٿو وير ويهارين،
    ڇو ٿو هي پٽڪو لهرائين،
    ڇو ٿو هي ڏاڙهي پٽرائين،
    پوڙهي پيءُ جي بيوس اکين ۾،
    نينگر هو آب ڏٺو،
    هاريءَ جي پٽ خواب ڏٺو.



    اهو چنڊ تنهنجي نئين دل لڳي

    اهو چنڊ تنهنجي نئين دل لڳي

     او چمپا ڪلي تنهنجي خوشبو ڳلي،
    گلن تي جوانيءَ جي شروعات آ،
    مزو ماڻجي سا ملاقات آ،
    مٽيءَ جي بدن تي رچن ٿا هڳاوَ،
    گرم ڀاڪرن منجهه ڪي سرد گهاوَ،
    ڪنهن پاڳل جي خواهش جيان،
    روز سورج ٿو گذري وڃي،
    هوائون انوکو وٺن واس ٿيون،
    سڀئي موسمون تنهنجون ٻانهيون بنيون،
    ۽ ٽهڪن مان،
    موسيقي ورتو جنم،
    هر صبح تنهنجي صدائن جي پويان ٿي،
    ڊڪندي وتي،
    وري سور پنهنجا سليندا رهيا،
    ستارا به چنريءَ پويان لڳي،
    اهو چنڊ تنهنجي نئين دل لڳي،
    سپنن منظرن تو کان رنگ اڌاري وتي،
    اسان جو به آهي حصو ڪا پتي؟
    ذرا خيال ڪر دل جي حسرت جلي،
    او چمپا ڪلي تنهنجي خوشبو ڳلي.

    


    .....۽ آزادي اهم آهي

    .....۽ آزادي اهم آهي

     اسان جو هي وهم آهي،
    ته ساريون پوپٽيون ڇرڪي،
    گلن جي واس تي اڏري رهيون آهن،
    ۽ آزاديءَ سان آڙيون،
    مٿي آڪاس تي اڏري رهيون آهن،
    شڪاري تاڙ ۾ آهن،
    ٻڌو بندوق جا فائر،
    پکين سان جي مخاطب ٿا ٿين،
    گوليءَ جي ٻوليءَ ۾،
    ڏسو هي نيرڳا نِوڙيا،
    پهاڙي سلسلو آ ڪونج جي هر گونج جا،
    سارا ئي سُرَ وڇڙيا،
    سموري سنڌ جي موسم،
    ته پن ڇڻ ۾ پنن جا لڙڪ ٿي،
    وکري ويل آهي.
    اُٺي برسات جي ڪائي،
    منسٽر جي فقط هڪڙي ڳلي،
    نکري ويل آهي
    اسان جو هي وهم آهي،
    ته پنهنجي ڏيهه ڏاڏاڻي ۾،
    آزادي اها آهي.
    اسان جي نينهن جهڙي سوچ ڪاٿي ٿي رِها آهي،
    سياسي چال بازين کان،
    ڪٿي واقف ٿيا آهيون،
    اسان ڄڻ درد جي تاريخ جا تعارف ٿيا آهيون،
    اسان وٽ خوبصورت پارٽين جي کوٽ ناهي ڪا،
    ۽ نعرا سنڌ جي ايجاد ڄڻ آهن،
    ڪا تازي ياد ڄڻ آهن
    پلئه پئجي ويون آهن،
    اسان جي ڀاڳ ۾،
    ساريون گرفتاريون،
    وري اوسيئڙي ۾،
    جيل جون کوليون سدا آهن،
    اسان جي ذهن توڙي دل جي ليکي ۾،
    اها قومي سڃاڻپ آ،
    اهو قومي شعور آهي،
    اسان کي سار محبوبا جي هُٻڪاريل خطن جي آ،
    فقط هڪ ياد تازي ناهه جا،
    پنهنجي مٽي جي آ،
    صبح جي هر نئين ويلا،
    به ڪوهيڙي جي قبضي ۾ آ،
    اڃا به درد جا بادل،
    ڍڪيل سوراج جو سورج،
    اسان جا سون جيئن ارمان آهن،
    وقت جي بيدرد واڻئي وٽ،
    اسان جا نيڻ توڙي خواب سڀ گروي رکيل آهن،


    نئين تاريخ جا
    ڄڻ باب سڀ گروي رکيل آهن.
    ڪراچي تون ڪٿي آهين،
    اسان جي،
    ٻانهن تنهنجي ڪنڌ ۾،
    لاڙي سگهيا ناهيون،
    اسان تنهنجن اکين جا لڙڪ به ناهيون اگهي سگهيا،
    اسان جي ڳوٺ جون،
    ڳاڙهيون گهٽيون پيلاڻ ڏي مائل،
    اسان جو مال،
    اڃا تائين چَرڻ جي آس ۾ آهي،
    اسان کان ڄڻ ته پٽڪي جا وڪڙ وسري ويا آهن،
    اسان کان ۽
    ڪهاڙي ڀي کڻڻ وسري وئي آهي،
    اسان اجرڪ کي سمجهي گوڏ،
    استعمال ڪريون ٿا،
    اسان پنهنجي ثقافت جو نه ڪوئي خيال ڪريون ٿا،
    اسان جون آجپي ڌاران،
    سڀئي مرڪون به اڻپوريون،
    چپن جا رنگ اڻپورا،
    چُمين جا چنگ اڻپورا،
    اسان جي محبتن جو مان اڻپورو،
    اسان جو دين ۽ ايمان اڻپورو
    ۽ آزادي اهم آهي،
    اسان جو هي وهم آهي.
    


    نثري نَظمَ

    مان اڪيلائيءَ جي تاريخ لکان ٿو

    مان اڪيلائيءَ جي تاريخ لکان ٿو
     مان،
    اڪيلائيءَ جي تاريخ لکان ٿو.
    اکين مان،
    ڏيئن جي ٽِم ٽِم جيئن،
    ٽِمندڙ لڙڪ،
    ۽ چپن کي ڪاراڻ بخشي،
    سڙي ويل سگريٽ،
    منهنجا ٻانهن ٻيلي آهن.
    مان،
    اڪيلائيءَ جي تاريخ لکان ٿو،
    خدا به ته اڪيلو آهي،
    جيڪو فرشتن سان،
    پنهنجا احساس شيئر ڪندو رهي ٿو،
    اوجاڳا فقط،
    ستارن جي قافلن کي ڇڙ وڇڙ نٿا ڪن.
    چنڊ به ته اوسيئڙي جي ڇتي اُس ۾،
    پنهنجا وار چاندي ڪيا آهن.
    ۽... ۽... ۽ ... ۽...
    مان، اڪيلائيءَ جي تاريخ لکان ٿو.
    شهر، بازارون، چونڪ، رستا،
    هيڏن هجومن ۾ به،
    تن تنها،
    پنهنجي وجود کي گِهلي
    جيون جي بي ترتيبيءَ جو،
    نوحو لکڻ کان اڳ،
    مان،
    اڪيلائيءَ جي تاريخ لکان ٿو.

    


    لباس

    لباس

    • تنهنجو هجڻ نه هجڻ،
    هڪڙي ئي ته ڳالهه آهي،
    منهنجي ڀاڪر جو لباس،
    بدن تان ڇڏيئه لاهي.


    مِينهُن

    مِينهُن

    • جڏهن به مينهن وسندو آهي،
    غريب جي گهر جي ڇت جيان،
    هُن جو من به ٽمندو آهي.


    ٽهڪ

    ٽهڪ

    • ڪجهه ٽهڪ بچائي رکيا هيم،
    تو سان گهمندي،
    ۽ شاپنگ ڪندي،
    ڪم ايندا.
    پر هاڻي جڏهن تون،
    هٿڙو ڇڏائي،
    هلي وئين آهين،
    پاڻ سان،
    ٽهڪ به کڻي وئي آهين.


    ڀٽائيءَ جي ڀَر ۾

    ڀٽائيءَ جي ڀَر ۾

    • ڀٽ شاهه جي ميلي تي وڃڻ وارؤ
    ڪڏهن،
    ڪراڙ ڪنڌيءَ تي،
    * ان اُداس قبر ڏانهن به نهاريو،
    جتي ڀٽائيءَ جي ڀر ۾،
    ويهين صديءَ جي سنڌ،
    اوهان کي سڏي رهي آهي.


    * مهان شاعر شيخ اياز جي قبر تي حاضري کانپوءِ لکيو ويو.


    ٻن پهرن جي هلڪي اُس جو هڪ ڏيک

    ٻن پهرن جي هلڪي اُس جو هڪ ڏيک

    • نِم جي گهاٽي ڇانوَ جو ادراڪ،
    ٿڪل مسافر کانسواءِ،
    ڪوئي به ڪري نه سگهندو.
    اُداسيءَ ۾ لکيل نوٽ بُڪ،
    ڪنهن ڪويءَ جي سرجيل نظم کي،
    مڪمل ڪندو آهي.
    ٻن، پهرن جي هلڪي اُس جو،
    مٺڙو سيڪ،
    ٻن دلين جي وچ ۾،
    ڌڙڪنن جو گيت بڻجي ويندو آهي.
    ۽ شهر جي دونهين کان ڪوهين ڏور،
    سنڌ جي ٻهراڙيءَ جهڙي،
    اتهاسڪ محبوبه،
    تون مون کي ياد ايندي آهين.


    ريکا جي نالي هڪ نظم

    ريکا جي نالي هڪ نظم
    • تون،
    اڄ به،
    ڪيئي قتل ڪري سگهين ٿي.
    تنهنجي حسن جو سورج غروب ٿيڻ کانپوءِ به،
    باهه جي شعلن جيئن،
    ساڙي سگهي ٿو.
    تنهنجا ڪردار،
    زندگيءَ سان ڀرپور،
    ۽ ڪلاسيڪل جسم جو،
    ڪو زمانو مداحُ،
    طبلي جي ٿاپ تي تنهنجو ڪيل رقص،
    ڄڻ،
    چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾،
    آبشارن تان پاڻي ڪري.
    هڪ نه پرڪيئي اميتاڀ،
    تنهنجا خواب ٿي رهيا.
    توسان ملڻ کانپوءِ،
    تنهنجي لذت کان آشنا هر شخص،
    وڌيڪ جيئڻ جي،
    تمنا، ئي نه ڪندو.


    ڪراچيءَ جو ڪيڏارو

    ڪراچيءَ جو ڪيڏارو

    • شهر جي فائيو اسٽار هوٽل ۾،
    ڊانسنگ گرل جي وجود جون،
    اجنبي حرڪتون،
    مون کي شناسا لڳن ٿيون.
    مان واٽ ون جي بوتل کولي،
    پنهنجي پياس جي آجيان ڪريان ٿو.
    ازل ۽ ابد جي ڇيڙي جو بحث،
    فلاسافرن جو پسنديده موضوع،
    ۽ منهنجي پسند،
    تنهنجي اکين ۾ اٽڪيل.
    شاعري، موسيقي، مصوري جا،
    شاهڪار،
    ريڙهن تي،
    اڌ قيمت تي وڪامن ٿا.
    حڪومت گلن جي ڪاروبار تي،
    ٽيڪس لڳائي ڇڏي آهي،
    ٽيڪس ته اسان جن ساهن تي به لڳل آهي،
    پر اها جدا ڳالهه آهي،
    اسان جيئڻ نه به چاهيون،
    پر اسان کي فضيلت سان مرڻ به نٿو ڏنو وڃي.

    تازن وڳوڙن کانپوءِ،
    ڪراچي،
    لطيف جو ڪيڏارو بڻجي چڪي آهي.
    ليڊر، لاشن تي سياست چمڪائن ٿا،
    دانشور، سرڪاري پروگرامن ۾،
    مليل پروٽوڪول تي خوش نظر اچي رهيا آهن،
    ۽ ڪامورا،
    نوڪري بچائڻ ۾ پورا آهن.
    موهن جي دڙي جا مهذب ماڻهو،
    جن دنيا کي تهذيب سيکاري،
    جن وٽ پنهنجا پڪا گهر هئا، ڊرينيج سسٽم هو،
    اُهي جاهل ۽ ڪاهل سمجهيا وڃن ٿا.
    بدامني جي تازي ڏنل باهه ۾،
    ساڙي سنڌ سڙي رهي آهي،
    ۽ ڪراچي،
    لطيف جو ڪيڏارو بڻجي چڪي آهي.


    ترائيلَ

    موت جي ننڊ سڀ ستا ڳڀرو،

    موت جي ننڊ سڀ ستا ڳڀرو،
    ڇو اڃا قتل گاهه جاڳي ٿو؟
    اڄ به راهن ۾ رت جي خوشبو،
    موت جي ننڊ سڀ ستاڳڀرو.

    ڏس تماشو مٽيءَ جا ماڻهو،
    تو ۾ پٿر جو ساهه جاڳي ٿو،
    موت جي ننڊ سڀ ستا ڳڀرو،
    ڇو اڃا قتل گاهه جاڳي ٿو.


    پرهه جي پيغام جهڙي ڇوڪري،

    پرهه جي پيغام جهڙي ڇوڪري،
    اچ اڪيلائيءَ جي اونداهي مٽاءِ،
    سانوڻيءَ ۾ جام جهڙي ڇوڪري،
    پرهه جي پيغام جهڙي ڇوڪري.

    انب جي ڪنهن لام جهڙي ڇوڪري،
    منهنجون ٻانهون هن پناهون تنهنجي لاءِ،
    پرهه جي پيغام جهڙي ڇوڪري،
    اچ اڪيلائيءَ جي اونداهي مٽاءِ.


    ضروري ناهه هي اي دوست، ٿئي هر آرزو پوري

    ضروري ناهه هي اي دوست، ٿئي هر آرزو پوري
    ڪڏهن خوابن جي رستي ۾ رڪاوٽ وقت وجهندو آ،
    ۽ ڪڏهن، ٻن دلين جي درميان پئجي وڃي دوري،
    ضروري ناهه هي اي دوست، ٿئي هر آرزو پوري.

    نه اڄ انجام تي آئي، ته هوندس ڪائي مجبوري،
    سَهي جو دل نه سگهندي آهه اهڙو درد ملندو آ.
    ضروري ناهي هي اي دوست ٿئي هر آرزو پوري،
    ڪڏهن خوابن جي رستي ۾ رڪاوٽ وقت وجهندو آ.


    تون چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان،

    تون چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان،
    منهنجي فطرت ۾ واعدي خلافي نه آ،
    بي ضميرو ٿي احساس ماري ڇڏيان،
    تون چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان.

    دل جي دونهين مٿان لڙڪ هاري ڇڏيان،
    کڻ خنجر، اک ڪهڻ لاءِ ڪافي نه آ،
    تون چوين ٿي ته توکي وساري ڇڏيان،
    منهنجي فطرت ۾ واعدا خلافي نه آ.


    صبح سان ئي ڇا ته ڳاڙهي شال ويڙهي ٿي اچين،

    صبح سان ئي ڇا ته ڳاڙهي شال ويڙهي ٿي اچين،
    ڏينهن جي هر ڏار مان ڏاڙهون ڦٽن ائين ٿو لڳي،
    هڪڙي جهرمر جهٽ ۾ ڪيئي سال ويڙهي ٿي اچين،
    جسم جي خوشبو، سهانا خيال ويڙهي ٿي اچين،

    ڀاڪرن ۾ حال ۽ احوال ويڙهي ٿي اچين.
    هر گهڙي موتيءَ لڙي گجرا ٽُٽُن ائين ٿو لڳي،
    صبح سان ئي ڇا ته ڳاڙهي شال ويڙهي ٿي اچين،
    ڏينهن جي هر ڏار مان ڏاڙهون ڦُٽن ائين ٿو لڳي.


    تو سوا من زندگيءَ جا ڇانورا،

    تو سوا من زندگيءَ جا ڇانورا،
    ڌوپ جا منظر بڻيا ڏس ڇا ڪيان،
    لڙڪ نيڻن ۾ ۽ سپنا سانورا،
    تو سوا من زندگيءَ جا ڇانورا.

    عمر جي هٿ کس سان لمحا بانورا،
    پوپٽن جيئن پل ڇڻيا ڏس ڇا ڪيان،
    تو سوا من زندگيءَ جا ڇانورا،
    ڌوپ جا منظر بڻيا ڏس ڇا ڪريان.


    اڳ سياست ڀي عبادت جان هئي،

    اڳ سياست ڀي عبادت جان هئي،
    اڄ پيارا هن نظريَن کان مفاد،
    ديس تان ڀي گهور دل ۽ جان هئي.
    اڳ سياست ڀي عبادت جان هئي،

    جيل جي کولي چمڻ آسان هئي،
    هاڻي بنگلو، ڪار ئي من جي مراد،
    اڳ سياست ڀي عبادت جان هئي،
    اڄ پيارا هن نظريَن کان مفاد.


    رات جي هنج مان پرهه پاسا کنيا،

    رات جي هنج مان پرهه پاسا کنيا،
    مون کي رستي جا پٿر مليا پنڌ لئه،
    تو گلابي رتون، ڦول واسا کنيا،
    رات جي هنج مان پرهه پاسا کنيا.

    ڪلهه مون تو ڏي جهُڪِي نيڻ تاسا کنيا،
    مان ازل کان اڃارو رهيس مڌ لئه،
    رات جي هنج مان پرهه پاسا کنيا،
    مون کي رستي جا پٿر مليا پنڌ لئه.


    هي سُرها ساهه مان واسو وٺان ٿو،

    هي سُرها ساهه مان واسو وٺان ٿو،
    ڪٿي ڄڻ رات جي راڻي ٽڙي ٿي،
    وسي سانوڻ ٿو وارياسو وٺان ٿو،
    هي سُرها ساهه مان واسو وٺان ٿو.

    اُٿي مان ننڊ جو پاسو وٺان ٿو،
    نئين سپنن جي آکاڻي ٽڙي ٿي،
    هي سُرها ساهه مان واسو وٺان ٿو،
    ڪٿي ڄڻ رات جي راڻي ٽڙي ٿي.


    اڃا گل هو ٽڙيو مس هو ٽُٽي پيو لام مان جلدي

    اڃا گل هو ٽڙيو مس هو ٽُٽي پيو لام مان جلدي
    وهيءَ جي پُور کان اڳ ۾ مٺو توفيق مُرجهايو
    * هليو ويو عامر ۽ محمود جي هو ٽام مان جلدي
    اڃا گل هو ٽِڙيو مس هو ٽُٽي پيو لام مان جلدي

    نه هُو نڪري ڪڏهن سگهندو خيال و خام مان جلدي
    سمورن ڳوٺ وارن دوستن کي ياد آ آيو
    اڃا گل هو ٽِڙيو مس هو ٽُٽي پيو لام مان جلدي
    وهيءَ جي پُور کان اڳ ۾ مٺو توفيق مرجهايو



    *نوجوان دوست توفيق منگيءَ جي بي وقتي لاڏاڻي تي لکيو ويو.
    ان جا دوست، عامر علي گولو ۽ پروفيسر محمود ڊول ڏانهن اشارو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375252
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406609
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ