ڪتاب جو نالو: مري ٿيا نه مات
مصنف: ڪليم ٻُٽ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 06 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 545 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 215 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو اينديون رهن ٿيون. سندس هي ناول "مري ٿيا نه مات" سنڌ سان سندس عشق جو عڪس آهي. هي هڪ تاريخي ناول آهي جيڪو 1843ع ۾ افغانستان مان انگريزن جي نيڪالي کان سنڌ ۾ چارلس نپيئر دور ۾ ڪيل فوجي ڏاڍاين ۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي نعري جي خالق جرنيل هوش محمد شيدي جي بهادري ۽ شهادت جي پسمنظر ۾ لکيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڀاڱو پهريون: 1842ع : افغانستان منجهان انگريزن جي نيڪالي

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • ڀاڱو ٻيو: جرنل هوش محمد شيدي

  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • ڀاڱو ٽيون: 1843ع جون سرديون

  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: مري ٿيا نه مات
    مصنف: ڪليم ٻُٽ
    ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچي
    ڇاپو: 2017ع
    ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر، 2018ع


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مري ٿيا نه مات“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن تاريخي ناول جو ليکڪ ناميارو ليکڪ ڪليم ٻُٽ آهي.

    ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو اينديون رهن ٿيون. سندس هي ناول "مري ٿيا نه مات" سنڌ سان سندس عشق جو عڪس آهي. هي هڪ تاريخي ناول آهي جيڪو 1843ع ۾ افغانستان مان انگريزن جي نيڪالي کان سنڌ ۾ چارلس نپيئر دور ۾ ڪيل فوجي ڏاڍاين ۽ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي نعري جي خالق جرنيل هوش محمد شيدي جي بهادري ۽ شهادت جي پسمنظر ۾ لکيل آهي.

    ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ ليکڪ ڪليم ٻُٽ جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڀاڱو پهريون: 1842ع : افغانستان منجهان انگريزن جي نيڪالي

    1

    پوڙهو لارڊ آڪلينڊ سندس ڪيل گناهن جي بوج هيٺ دٻجندو ٿي ويو، هو پريشان منجهان هندوستان جي گورنر جرنل جي آفيس جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ٿي هليو، ٻئي ٻانهون چيلهه تي، کيس ڪالهه ئي اهو اطلاع ملي چڪو هو ته لارڊ ايلنڀرگ ڪلڪتي پهچي چڪو آهي ۽ هن کان گورنر جرنل جو عهدو وٺندو. سندس خراب حڪمتعملي ڪارڻ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج افغانستان ۾ جنگ هاري ويٺي هئي ۽ هاڻي جلالآباد ۽ ڪنڌار ۾ رهجي ويل انگريز سپاهين جي جان جي ذميواري هن جي مٿان هئي.
    ڪمپني جي نئين حڪمتعملي تحت ڪولنل سيل کي جلال آباد ۾ رابطو ڪرڻو هو، جڏهن ته ليوٽينٽ ناٽ کي ڪنڌار ۾، جنهن بعد ئي انگريز فوج مڪمل طور افغانستان منجهان نڪري ٿي سگهيو. هن کي اهو اطلاع پڻ مليو هو ته افغاني حڪمران ۽ انگريزن جو پيٽو شاهه شجاع مري چڪو آهي ۽ سندس لاش کي ڪابل جي ڪنهن کاهيءَ ۾ اڇلايو ويو آهي. جلال آباد منجهان فوجي نيڪالي بعد لارڊ ايلنڀرگ جو گورنر جرنل طور پهريون ڪم اهو هو ته هو ڪنڌار ۾ ترسيل سپاهين کي حڪم ڏئي ته اهي ڪابل پهچي پالڪ ۽ سيل جي ٽولن جو حصو بڻجن ته جئين دوست محمد جي پٽ وٽ باندي بڻيل قيدين کي آزاد ڪرائي سگهجي.
    آڪلينڊ پريشاني ۾ گورنر جرنل جي خوب سنگاريل آفيس ۾ هلندو رهيو. سندس ٻئي هٿ اڃا به چيلهه تي هئا، هن آهه ڀيري هڪ ڀيرو ڇاتي تي لڳل ٻلن کي ڏٺو، جيڪي سندس نيري وردي جو لازمي حصو هئا، سندس منهن جنهن تي ٿلهيون اڇيون مڇيون هيون، ڳاڙهو ٿي چڪو هو. ڪمري ۾ روشني گهٽ هئي، هن هڪ روشني کي ڇڏي باقي سڀ بند ڪري ڇڏيون هيون. هر گذرندڙ پل سان سندس منهن تي ندامت جا آثار وڌندا ٿي ويا، کيس ڏک هو ته هو هندوستان جي سڀ کان طاقتور عهدي تان هٽجڻ وارو هو. هو ڪمري جي وچ ۾ پيل ڪاٺ جي وڏي ميز ڏانهن وڌيو، جنهن تي دنيا جو گولو، برطانوي جهنڊو، فائيل ۽ نقشا پيل هئا، جڏهن ته ڪرسيءَ پٺيان ڀت تي راڻيءَ جي مرڪندڙ تصوير لڳل هئي.
    پوڙهي آڪلينڊ کي يقين ئي نٿي آيو ته ڪا ايسٽ انڊيا ڪمپني جي طاقت اهڙو به ڏکيو وقت ڏسي سگهي ٿي، دوست محمد جي سربراهي ۾ افغاني جاڳي پيا هئا ۽ ويڙهه جو اعلان به ڪري ڏنو هوئين. جئين ته آڪلينڊ جي هندوستان جي ڪيترن ئي حصن تي حڪمراني هئي انڪري هن پٺاڻن کي تباهه ڪرڻ لاءِ فوج اماڻي، جنهن جي لاءِ هن سنڌ جي آزاد رياست جي اميرن سان سنڌوءَ کان لنگهه حاصل ڪرڻ لاءِ امن معائدا ڪيا هئا. آڪلينڊ سندس پونا ۾ ماتحت افسر 60 سالن جي چارلس نيپئر جيان لاچي ۽ بدڪردار شخص هو، ٻئي ان سوچ ۾ وقت گذاريندا هئا ته ڪنهن به نموني سندن انعام ۽ اڪرام وڌندا رهن.
    هڪ مهينو اڳ ميجر پونٽيجر کيس هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ کيس صلاح ڏني وئي هئي هو سندس حڪمتعملين تي نظرثاني ڪري هڪ متبادل رٿا جوڙي وٺي. پر هن پنهنجي نااهلي لڪائيندي ڪجهه وقت وڌيڪ ائين هلڻ جي اجازت ورتي. جنهن بعد هن چارلس نيپئر کي پنهنجي سيل وارو خط موڪليو ته جيڪڏهن هو ڪا بهتر رٿا کڻي آيو ته کيس انعام ۾ 60 هزار پائونڊ ڏنا ويندا. اهو خط پڙهي چارلس نيپئر جي وڇن منجهان گگ ڳڙڻ لڳي ۽ بنا هڪ پل جي دير جي هن صلاح لکي موڪلي ته سنڌ تي حملو ڪيو وڃي.
    ”بيوقوف پوڙهو چريو ٿي چڪو آهي،“ لارڊ آڪلينڊ جو پهريون ردعمل اهو هو. پر نيپئر سندس مڪاري سان هن کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو هو. پر اها صلاح به آڪلينڊ جي تقدير بدلائي نه سگهي، هن جو هندوستان ڇڏڻ لازمي ٿي ويو هو.
    ”يسوع مسيح،“ هن آفيس جي ڇت ۾ نظرون وجهندي همڪلامي ڪئي، کيس هڪ ڪنڊ ۾ مڪڙي جي ڄاري ۾ ڦاٿل مک نظر آئي، هن کي لڳو ته اها مک هو پاڻ آهي ۽ اهڙي ڄاري ۾ اچي ڦاٿو آهي جٿان نڪرڻ ممڪن نه آهي. سندس ڪنن تي ٻاهران کان ايندڙ سخت بوٽن جو آواز پيو، سندس دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳو، هن پنهنجي جذبن تي قابو رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”مونکي پنهنجي جذبن تي قابو رکڻ گهرجي،“ هن وري همڪلامي ڪئي. جئين ڪاٺ جو ناسي در وڳو ته هن ڇرڪ ڀريو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيون، هڪ لمحي کانپوءِ وري پاڻ تي قابو ڪري ڦري اچي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ نرم لهجي ۾ چيائين:
    ”اندر اچو.“ ڪمپني جو مڪامي سپاهي جنهن جي چمڙي جو رنگ ڪارو ۽ بدن تي ڳاڙهي وردي پهريل در کولي اندر داخل ٿيو ۽ پٽ تي لت هڻي سيلوٽ ڪيائين. سپاهي ميز ڏانهن وڌيو ان تي هڪ خاڪي لفافو رکي سلوٽ ڪري وري ٻاهر هليو ويو. آڪلينڊ غور سان ميز تي رکيل لفافي کي تڪيو، کيس ائين لڳو ڄڻ اهو سندس موت جو پروانو هجي ۽ ان سوچ ۾ پئجي ويو ته لفافو کولجي يا نه.....!!
    هن کي ڄاڻ هئي ته لفافي ۾ افغانسان مطعلق ناڪس ڄاڻ هوندي، سندس نڙي خشڪ ٿي وئي، هو اٿيو ۽ آفيس جي ڪنڊ ۾ رکيل هڪ ٻئي ميز ڏانهن ويو، اها ايتري وڏي نه هئي، ان تي شراب جي اڇي بوتل ۽ گلاس پيل هئا، هن بوتل جو ڊڪ هٽائي ڳاڙهي شراب گلاس ۾ لاٿي ۽ هڪ ساهي ۾ جام پيتو ۽ ڪرسيءَ تي اچي ويٺو، ڪجهه پلن بعد هن خط کولي پڙهيو، اهو آفيسر سيل طرفان جيڪو پٺاڻن خلاف وڙهيو ٿي، لارڊ آڪلينڊ سونهري رسيءَ وارو نظر جو چشمو اکين تي رکي خط پڙهڻ شروع ڪيو. سيل لکيو هو ته کيس مددي فوج جي سخت ضرورتآهي. هن اهو پڻ لکيو هو ته:
    ”افغاني قابو کان ٻاهر ٿيندا پيا وڃن ۽ اسان جا سپاهي همت هاري ويٺا آهن، هفتو اڳ 15 سپاهي زخمي ٿي پيا، انهن منجهان ڇهه مري چڪا آهن.“ آڪلينڊ مٽ ڀڪوڙي ڪاوڙ منجهان ميز تي وهائي ڪڍي. اهو ڪمپني جي ساک تي بدنما داغ مثل هو، ان کان وڌيڪ سندس قابليت تي پڻ سوال کڄي رهيا هئا، هن پنهنجو ڪنڌ ڪرسيءَ تي رکيو.
    ڇا عظيم ايسٽ انڊيا ڪمپني اهڙي بيعزتي برداشت ڪري سگهي ٿي.....!! هن آهه ڀري سوچيو. اها سموري برطانيا جي منهن تي ٿڦ مثل هئي، ڇا برطانوي فوج جنهن جي سلطنت مٿان سج نٿي لٿو کي اهڙا ڏينهن به ڏسڻا هئا.....!! ان ڳالهه جو سندس ٻيون ڪالونيون ڪئين ردعمل ظاهر ڪنديون.... لڳاتار سوچون آڪلينڊ جي ذهن کي جڪوڙي ويون.
    کيس اها به اطلاع هئي ته سموري رات جلال آباد جي ديوارن تي توپون گولا وسائينديون رهيون هيون، توتڙيون وڄنديون رهيون هيون. شهر جا محافظ ٿڙڪندڙ چپن سان اهو ئي چئي رهيا هئا ته: هي شهر سندن هٿان نڪري چڪو آهي. ٻئي طرف ڪابل جي جبلن تي انگريز فوج جي سپاهين جا لاشا سجائي رکيا ويا هئا ۽ ڪنهن ۾ انهن کي کڻڻ جي همت نه هئي. ڪابل ۾ باقي جيڪي زندهه بچيا هئا انهن ۾ ليڊي سيل ۽ ليڊي ميڪگهنٽن شامل هئا، جن کي اڪبر خان باندي بڻايو هو، ڪجهه سپاهي جان بچائي پشاور کان اچي نڪتا هئا. غزنوي ۾ ته اڳ ئي انگريز فوج هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا، ۽ نيڪلسن جهڙن آفسرن کي جنگي قيدي طور ڪابل موڪليو ويو هو.
    هڪ ڀيرو ٻيهر در وڳو ته آڪلينڊ ڇرڪي ويو هو، هن ڀيري هن اجازت ڏني ته هڪ اڇي چمڙي ۽ نيرين اکين وارو شخص جنهنجي مٿي جا وار ۽ ڀرون اڇا ۽ ٿلها هئا اندر آيو.
    ”لارڊ آڪلينڊ،“ اندر آيل شخص هٿ وڌائيندي چيو: ”آئون لارڊ ايلنڀرگ آهيان، مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون هندوستان جي نئين گورنر جرنل طور عهدو سنڀاليان.“ اهو ٻڌي لارڊ آڪلينڊ جو منهن هيڊو ٿي ويو ۽ ڪرسيءَ تان اٿي ميز جي ٻئي پاسي آيو ۽ ايلنڀرگ سان هٿ ملائندي چيائين:
    ”جي هي ڪرسيءَ هاڻي اوهان جي حوالي آهي.“
    ”مهرباني،“ ايلنڀرگ نرم لهجي ۾ چيو، هو اوجهل قدمن سان ٻاهر وڃڻ لڳو.
    ”لارڊ آڪلينڊ،“ ايلنڀرگ سڏ ڪيس ته بيهي رهيو: “ڇو نه هڪ جام ٿي وڃي...؟“
    ”جي ضرور،“ هن هيڊي مرڪ مرڪندي جواب ۽ وڏي ميز جي ٻئي پاسي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. لارڊ ايلنڀرگ ٻه جام ٺاهي آيو هو، هڪ آڪلينڊ کي ڏنائين، ٻئي خاموشي سان جام پئيڻ لڳا ۽ پوءِ لارڊ آڪلينڊ اٿي آفيس کان ٻاهر نڪري ويو.


    2

    پونا، چار مهينا اڳ........
    چارلس نيپئر سرڪٽ هائوس جي باغ ۾ بيهي نئين آندل گلن کي باغ ۾ هڻائي رهيو هو، در تي مڪامي سپاهي پهري ۾ چوڪس بيٺل هئا، ڇٻر تي ميز ۽ چار ڪرسيون رکيل هيون، ميز تي شراب ۽ گلاس پڻ پيل هئا، پوڙهو نيپئر جيڪو سندس ڳاڙهي گهاٽي ڏاڙهيءَ ڪارڻ انگريز گهٽ ۽ سک وڌيڪ لڳي رهيو هو، ٻوٽن منجهان سڙي ويل پتا ڪٽيندو ٿي ويو. ان وقت رام بابا جيڪو سرڪيٽ هائوس جو خاص نوڪر هو ۽ جنهن کي اڇي شلوار قميص، مٿي تي ڳاڙهو پٽڪو ۽ هٿن تي اڇا داستانا پهريل هيس، آيو ۽ احترام ۾ جهڪي نرم لهجي ۾ چيائين:
    ”سر نيپئر.“ نيپئر هن جي سانوري منهن ۾ ڏٺو، جنهن مڇين جي ليڪ هئي.
    ”حضور سر برٽن اوهان سان ملاقات ڪرڻ گهري ٿو،“ رام بابا نرم لهجي ۾ ڳالهايو.
    ”هاڻي، هن مهل،“ نيپئر حيراني منجهان چيو.
    ”جي حضور،“ پوڙهي نوڪر ساڳي لهجي ۾ جواب ڏنو.
    ”ٺيڪ آهي کيس هتي وٺي اچ،“ نيپئر هٿ ۾ جهليل ڪينچي ٿهلي ڪاري مالهي کي ڏيندي چيو. رام بابا هليو ويو، نيپئر ڪرسيءَ تي اچي ويٺو ته هڪ ٻيو نوڪر جيڪو جوان هو، پاڻيءَ جو چاندي وارو لوٽو ۽ ٿالي کڻي سندس هٿ ڌورائڻ لڳو. هڪ ڊگهو شخص جنهن جي منهن تي وڏيون ڪاريون مڇيون هيون ۽ کيس ڪو عربي لباس پهريل هو اندر داخل ٿيو.
    ”اڄڪو ڏينهن اوهان لاءِ ڀلارو هجي سر نيپئر،“ نئين آيل شخص مرڪندي چيس.
    ”اوهان کي ڏسي خوشي ٿي سر برٽن،“ پيمئر به مرڪندي جواب ڏنس ۽ ٻئي ڪرشيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين: ”مهرباني ڪري ويهو.“
    ”اوهان جي وڏي مهرباني،“ برٽن ويهندي چيو.
    ”لڳي ٿو بيوقوف عربن جي ريگستان اوهاب کي ڪافي بدلائي ڇڏيو آهي،“ نيپئر سندس ڪپڙن تي طنز ڪندي چيو. ان تي برٽن به طنز ڪندي جواب ڏنس:
    ”جي سر نيپئر، زندگي رڳو ان جو نالو نه آهي ته ماڻهو هر وقت فرمابدار سپاهي بڻيو ويٺو هجي.“ ان تي ٻئي خاموش ٿي ويا، نيپئر جهڪي شراب گلاسن ۾ لاٿو.
    ”سر نيپئر،“ برٽن نرم لهجي ۾ ڳالهايو: ”مون ٻڌي آهي ته جيڪڏهن انگريزن کي افغانستان ۾ ناڪامي ٿئي ٿي ته اوهان لارڊ آڪلينڊ کي سنڌ تي حملي جو مشورو ڏنو آهي.“
    ”جي اوهان صحيح ٻڌو آهي، سر برٽن،“ نيپئر جام کڻندي چيس.
    ”پر انگريز سرڪار جا ته سنڌ جي اميرن سان امن معائدا ٿيل آهن، انهن جو ڇا ٿيندو؟“ برٽن حيرت منجهان سوال ڪيو. نيپئر بنا جواب ڏني هن کي تڪيو.
    ”اها سنڌ سان ٺڳي هوندي،“ برٽن چيو، نيپئر اڃا به خاموش رهيو.
    ”سر نيپئر اوهان کي خبر آهي،“ برٽن ائين ڳالهايو ڄڻ هو ڪو خاص نڪتو سمجهائيندو هجي: ”سنڌ کي فتح ڪرڻ آسان نه آهي، عربن کي ان عظيم سرزمين ۾ داخل ٿيڻ لاءِ 16 ناڪام حملن کي منهن ڏيڻو پيو هو.“
    ”۽ ڇا اوهان کي خبر آهي سر برٽن،“ نيپئر سخت لهجي ۾ چيو: ”عربن وٽ فوج نه پر وحشي ٽولا هئا، اسان تربيت آفته سپاهي آهيون، مونکي اميد آهي ته سنڌ جا امير منهنجي سامهون نه بيهي سگهندا.“
    ”مونکي اوهان جي جنگي صلاحيتن تي ڪو به شڪ نه آهي، ٻيو اهو ته اوهان کي انهن ئي صلاحيتن ڪري سر جو خطاب مليو آهي.“ برٽن چيو، اهو ٻڌي نيپئر جي منهن تي مڪاريءَ واري مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
    ”اوهان جي مهرباني سر برٽن.“
    ”ڇا اوهان کي سنڌ بابت مڪمل ڄاڻ آهي؟“ برٽن سوال ڪيس.
    ”نه اڃا تائين ته نه آهي،“ نيپئر جواب ڏنو.
    ”ته پوءِ بنا وقت وڃائڻ جي اوهان کي ايلڪزنڊر برنس جون سنڌ تي ڏنل رپورٽون پڙهڻ گهرجن.“ برٽن چيس.
    ”هون....“ هن هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏي جواب ڏنو ۽ ٻنهي گلاسن ۾ وري شراب ڀريو.
    جئين ئي برٽن هن کان موڪلائي ويو ته هو ڪرسيءَ تي مٿو رکي سندس شاندار ماضي کي ياد ڪرڻ لڳو، جواني کان ئي نيپئر شرابي ۽ ڪبابي هو، سدائين پنهنجي ئي ذات ۾ ٻڏل، هن ۾ جانورن وارن ايتريون ته صفتون هيون جو پوني جون وحشيائون به کانس نفرت ڪنديون هيون. سندس اکين اڳيان اها رات اچي وئي هئي، جنهن رات کيس بڪنگهم پيليس ۾ ”سر“ جو خطاب ڏنو ويو هو، شاهي خاندان سميت هر ڪو سندس نالي جو جام ڀري رهيو هو، هال ۾ ڪيترا ئي آفيسر، سندن گهر واريون، شهزادا، شهزاديون، ڪجهه جوڙا بينڊ جي مدهم ڌن تي نچي رهيا هئا. خود مهاراڻي جنهن سونهري شاهي لباس ۽ مٿي تي تاج پهريل هو، نيپئر جي سيني تي ٻلا هنيا ۽ کيس تکي سنهي تلوار ڏني هئي ته سندس سينو چوڙو ٿي ويو هو. هن تقريب کانپوءِ ڊانس پارٽي شروع ٿي هئي، جنهن ۾ سندس نظر ويلس جي خوبصورت 22 سالن جي شهزادي مارٿا تي پئي هئي، جنهن کي شهزادين وارو اڇو لباس پاتل هو، هن مارٿا جي سنهڙي چيلهه ۾ هٿ وجهي نچڻ شروع ڪيو هو. مارٿا جو گول ڀريل سينو ۽ ڪونج جهڙي اڇي ڳيچي نيپئر جا حوصلا خطا ڪرڻ لڳي.
    ان محفل کانپوءِ کيس حڪم مليو هو ته هو پونا وڃي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪمانڊ سنڀالي، پونا مراشتر جو شهر جنهن جو بنياد ڇهين صدي ۾ رکيو ويو، ان جي تاريخ شيواجي سان ڳنڊيل هئي، جنهن مراٺا سلطنت جو بنياد وڌو هو.
    نيپئر اٿي گهر ڏانهن وڃڻ لڳو، سندس ذهن ۾ سنڌ تي حملا جا خيال هئا، جيڪا رپورٽن موجب ننڍي کنڊ جي سڀ کان زرخيز سرزمين آهي، سنڌو درياهه جي ڪپن آباد هڪ نرالي تهذيب، سنڌو درياهه جيڪو دنيا جي شروعات کان ڪنهن ديوي جيان وهندو پيو اچي، تجارت لاءِ سڀ کان اهم رستو، سنڌ ۾ ڪراچي جهڙو شهر، جتي ميجر آٽورم ميرن سام معائدي بعي اڳ ئي ڇواڻي قائم ڪري چڪو هو. سنڌ جي اميرن جن کي ”ميرن“ جو لقب مليل هو ٽالپر هئا، سندن حڪومت آزاد رياست سنڌ جي ٽن اهم حصن، خيرپور، ميرپور ۽ حيدرآباد تي هئي. ٽالپر اصل ۾ ڪلهوڙن جا سپاهي هئا، پنهنجي آقائن کي مات ڏئي سنڌ جي تخت تي ويهي رهيا هئا.
    سومرن ۽ سمن جي دور کانپوءِ ڪلهوڙن وارو دور به سنڌ جو سنهري دور سڏبو آهي، سندن دور حڪومت ۾ حيدرآباد مرڪزي شهر هو، جتي ڪچو قلعو ۽ پڪو قلعو اڏيو ويو هو، اهڙي ريت ٺٽو سنڌ جو تعليمي ۽ ادبي مرڪز هو. ميرن منجهان سنڌ جو عوام ايترو خوش نه هو. وڏي پيٽن وارا عياش مير انسان تذليل منجهان تسڪين حاصل ڪندا هئا، جڏهن به ڪنهن کي سزا ڏيڻي هجئين ته سندس منهن ڪارو ڪري کيس گڏهه تي چاڙهي سڄي شهر جو سير ڪرائيندا هئا، چور جي پٺيان مرچون وجهرائي کيس اگهاڙو گهٽين ۾ ڀڄرائيندا هئا.
    تان جو ٽنهي اميرن جا ڪمپني بهادر سان معائدا ٿيل هئا، افغنستان تي حملي لاءِ ميرن سنڌ جا سمورا رستا کولي ڏنا هون پر ان سڀ هوندي به هاڻي هو سنڌ تي حملي بابت سوچي رهيا هئا. سنڌ ۾ رڳو هڪ شخص هو جنهن کي انگريزن سان دوستي تي اعتراض هو. اهو هو هوش محمد، ميرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن جي لشڪر جو اڳواڻ، جيڪو دولهه درياهه خان جي بهادري جا جام پيو ڀريندو هو. ميرپور ۽ حيدرآباد جا مير هن 40 سالن جي بهادر جوڌي جي ڳالهه ٻڌندا هئا ۽ سندس عزت پڻ ڪندا هئا، سندس والد فقيرداد کيس ميرن جي درٻار ۾ وٺي آيو هو ۽ کيس جنگي مشقون ڪرايون هئائين.


    3

    افعانستان ۾ انگريزن خلاف ويڙهه جي شروعات...........
    ڪابل جو مک بازار قضو ڪندڙ انگريز فوج لاءِ هيبتناڪ منظر پيش ڪري رهيو هو، گشت تي نڪتل سپاهين کي قتل ڪيو ويو هو ۽ سندن گهوڙا چوري ٿي چڪا هئا. مڪامي ماڻهن ننڍڙن ٽولن جي شڪل ۾ لڪي انگريزن تي وار ٿي ڪيو، کين ماري، سامان ۽ هٿيار لوٽي جبلن ۾ گم ٿي ويا ٿي. ڪولنل سيل جنهن کي هن شهر جي ذميواري ڏنل هئي، ٻڏتر جو شڪار هو ۽ بيچني سان مددي فوجن جي اچڻ جو انتظار ٿي ڪيائين.
    بازار ۾ گاري سان اڏيل 20 جي لڳ ڀڳ دڪان هئا، جتي سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين پٺاڻ سامان جي خريداري تي تون تون مان مان پيا ڪندا هئا، دڪانن ۾ روس ۽ وچ ايشيا کان ايندڙ ڪپڙو، ٿانءُ، عراق منجهان ايندڙ زيور ۽ نوادرات، سنڌ ۽ ايران منجهان ايندڙ کارڪون ۽ ٻيو سامان وڪرو ٿيندو هو، ننڍڙن ڇوڪرن سان گڏ رنگ برنگي برقي پهريل عورتون بازار منجهان روز جو سودو سرف وٺنديون هيون. جڏهن ته سندن ٻار ڪلهي تي ڪپڙي جا ٿيلا رکيو مائرن جي مدد ڪندي گهمندا رهندا هئا، هر طرف چهلپهل لڳي پئي هوندي هئي. انهن دڪانن کان ٿورو ئي پرڀرو سبزي ۽ گوشت جي مارڪيٽ هئي جتي روز صبح جو ٻن ٻڪرن کي ذبع ڪيو ويندو هو. پريان هڪ گهاٽي وڻ هيٺان ڪوراڙو عطل خان سندس ڪوا چانهه جو ريڙو هڻندو هو. عطل جي اڇي ڏاڙهي دن تي پوندي هوس ۽ جئين ئي آذان اچي ته الله سائين جي آسري ريڙو ڇڏي نماز تي ويندو هو ۽ رمضان جي مهيني ۾ هو ريڙو نه کوليندو هو. سندس 30 سالن جي شادي واري زندگي ۾ کيس هڪ پٽ نيازي خان ڄائو، جيڪو هاڻي 27 سالن جو گبرو جوان ٿي چڪو هو ۽ ڪاڪل خان جي گهوڙن جي استبل ۾ ڪم ڪندو هو. ڪاڪل خان پٺاڻن جي هڪ ننڍڙي قبيلي جو سردار هو، جنهن کي سڪندر نالي هڪ شخص، جيڪو وچ شهر ۾ رهندو هو، هر وقت نظر ۾ رکندو.
    جڏهن نيازي اڃا ڏهن سالن جو ڇوڪرو ۽ پيءَ سان گڏ چانهه جي ريڙي تي ڪم ڪندو هو جو ڪاڪل خان جي نظر هن تي پئي هئي، سندس محنت ۽ معصوم چهري منجهان متاثر ٿي کيس گهر وٺي آيو هو. ڪاڪل عطل کي 500 رپيا ڏئي هن کان سندس اڪيلو پٽ خريد ڪري ورتو هو. ان وقت نيازي جو اڇو چهرو ۽ نيريون هيون، ۽ جڏهن هو اڇي شلوار قميص تي نيرو پٽڪو ٻڌندو هو ته ڪنهن شهزادي مثل لڳندو هو. پر هاڻي 17 سالن بعد سندس منهن جي معصوميت ڏاڙهيءَ جي ڪارن وارن ۾ گم ٿي وئي هئي.
    گذريل سال کان ننڍن قبيلن جي سردارن پاڻ ۾ ملي اهو فيصلو ڪيو هو ته هاڻي انگريز فوج سان ٽڪر جو وقت اچي ويو آهي. دوست محمد جي چوڻ تي هنن ڪاڪل جي اوطاق تي هڪ ڳجهي گڏجاڻي ڪئي هئي ۽ 15 قبيلن جا سردار گڏ ٿيا هئا. ڪاڪل قرآن شريف تي هٿ رکي سڀني سردارن کان وچن ورتو هو ته مرڻ گهڙي تائين وڙهندا. گڏجاڻي جي آخر ۾ ڪاڪل سخت لهجي ۾ سردارن کي مخاطب ٿيندي چيو هو:
    ”ڀائرو هي سڀ ڳالهيون اسان کي راز ۾ ئي رکڻيون آهن، جيڪڏهن ڪافرن ان ڳالهه جي خبر پئجي وئي ته اسان وڏي ڏچي ۾ اچي وينداسين.“ سڀني هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو هو.
    اها هڪ ڪاري رات هئي، نيازي گهڙن جي استبل ۾ کٽ تي ليٽي پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه ڪرڻ بابت سوچي رهيو هو، کيس گهوڙن جي عجيب آوازن ۾ ويتر مزو ٿي آيو، ڪاري رنگ جو گهوڙو کيس ڏاڍو وڻندو هو، ان کيس ٻه ميلون کٽايون هيون ۽ ميلي ۾ کٽڻ جي صورت ۾ کيس اهو حق مليو هو ته هو پنهنجي مرضي تي ڪا سهڻي زال چونڊي، جيڪا بچل خان دوراني جي 16 سالن جي ڪنواري ڌيءَ هئي. هو پاسو ورائي سمهي پيو هو، اڃا کيس ستي ڪلاڪ مس ٿيو هو جو رستي تي گهوڙن جي کڙن جا آواز لڳندا ٻڌي جاڳي پيو هو. هن اٿي ٻاهر ڏٺو، کيس ٻه گهوڙي سوار نظر آيا، سندن منهن پٽڪن جي پلاند سان ڍڪيل هئا، سندس دل ۾ خوف جي هڪ لهر اٿل کادو هو، هن کٽ جي سيرانديءَ کان رکيل ڏنڊو کڻي ورتو هو. اهي ٻئي همراهه استبل وٽ پهتا ته گهوڙا بيهي رهيا ۽ ٻئي ٽپو ڏئي هيٺ لٿا هئا. استبل ۾ اندر اچي رواعتي انداز ۾ سلام ڪيو هون. نيازي سندن چهرن ۾ ڏسي حيرت ۾ سلام جو جواب ڏنو هو.
    ”ڪاڪل بابا جي رهائشگاهه ڪٿي آهي؟“ هڪ ڄڻي سوال ڪيو.
    ”پنهنجو تعاروف ڪرايو،“ نيازي سندن منهن ۾ ڌسندي چيو.
    ”اسان دوست محمد جا ماڻهو آهيون،“ ساڳي همراهه چيو: ”کيس سردار جو پيغام ڏيڻو آهي.“
    ”آئون نيازي آهيان، مون اچو، آئون سردار ڪاڪل جو ملازم آهيان.“ هن چئين ۽مٿي تي نيرو پٽڪو ۽ ڪلهن تي ڪاري لوئي رکي استبل منجهان هڪ گهوڙو ڪڍي ان تي سوار ٿيو. ٽئي ڪاڪل خان جي گهر ڏانهن وڌڻ لڳا.
    دوست محمد جيڪو هاڻي لڳ ڀڳ 55 سالن جو ٿي چڪو هو، ۽ سدائين اڇا ڪپڙا پائيندو هو ۽ مٿي تي ڪارو پٽڪو اصل منگول هو، هو زئي قبيلي منجهان هو، ۽ شاهه شجاع کان اڳ افغانستان تي سندس ئي حڪومت هئي. انگريزن مڪاري سان شجاع کي حڪمت ڏني. هاڻي دوست محمد دوراني قبيلي جا صوبا واپس حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ هو. 1835ع ۾ هن سکن خلاف لشڪر تيار ڪيو ۽ پشاور تي حملي لاءِ سنڀريو، پر ڪاڻي سک حڪمران رنجيت سنگ هارلين نالي هڪ آمريڪي کي مال ۽ دولت سان دوست محمد ڏانهن موڪليو، ڪجهه عرصي تائين ته حملو رڪجي ويو، پر پوءِ هارلين دوست محمد جي پاسي ٿي بيهي رهيو. جنهن بعد جمرود ۽ خيبر پاس تي دوست محمد 1837ع ۾ سکن کي هارائي قبضو ڪيو. رنجيت ۽ سندس سکن کي شڪست آئي، سندس فوج جو مشهور جرنل مهاسنگ قتل ڪيو ويو، دوست محمد پشاور به حاصل ڪري ورتو. شروع ۾ هو ڪپمني بهادر ۽ لارڊ آڪلينڊ منجهان خوش هو، پر پوءِ انگريز فوج جي مداخلت تي خفا ٿيو، نيتجي ۾ انگريزن شاهه شجاع کي تخت تي ويهاري ڇڏيو.
    جئين مسجد منجهان صبح جي آذان آئي ته ڪابل ۽ ان جي آس پاس جي آباد سجاڳ ٿي وئي ايتري ۾ ٽئي گهوڙي سوار پڻ شهر ۾ داخل ٿي چڪا هئا. ڪاڪل به اٿيو هو ۽ وضو ڪري مسجد جو رخ ڪيائين، رستي تي نيازي سان گڏ مهمان ملي ويس، هو مسجد ۾ آيا هئا، ڏهن منٽن ۾ مسجد ڀرجي وئي هئي.
    شروع شروع ۾ گشت ڪندڙ انگريز سپاهي ماڻهن کي پنج وقت مسجد ۾ ائين گڏ ٿيندو ڏسي ڊڄي ويندا هئا، پر پوءِ کين سمجهه اچي وئي ته اها مذهبي گڏجاڻي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي.
    نماز پوري ٿي ته ڪاڪل ٻن مهمانن ۽ نيازي سان گڏ اوطاق ڏانهن وڃڻ لڳو. ڪاڪل جي اوطاق هڪ وڏي ڪمري جي هئي جنهن ۾ فرش تي ايراني قالين وڇيل هئا ۽ ٺيڪ ڏيڻ لاءِ گول ويهاڻن کانسواءِ ڪجهه به نه هو، ڀت تي ٻه تلوارون لڳل هيون، ڪاڪل مهمانن سان گڏ اندر اچي ويٺو، نيازي سندن گھوڙن کي اوطاق کان ڪجهه پرڀرو ٻڌي آيو. ان کانپوءِ هو ڪاوا چانهه جي بندوبست ۾ لڳي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ چانهه جي ڪٽلي ۽ ننڍڙيون چيني جون پياليون کڻي آيو.
    ”اوهان کي سردار دوست محمد موڪليو آهي؟“ ڪاڪل ٻنهي مهانن کي ڏسندي سوال ڪيو. نيازي هنن جي اڳيان گرم ڪاوا رکيو.
    ”جي،“ هڪ ڄڻي جواب ڏنو.
    ”هن ڀيري دشمن ڪير آهي؟“ ڪاڪل سندس ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرندي سوال ڪيو هو.
    ”فرنگي،“ ان جنهن اڳ ڳالهايو هو ان جواب ڏني.
    ”فرنگي،“ ڪاڪل حيرانيءَ منجهان چيو هو: ”پر انهن سان جيڪي معائدا ٿيل آهن ته جو ڇا ٿيندو؟“
    ”هنن پاڻ ئي اهي معائدا ختم ڪيا آهن، دوست خان کي اطلاعون مليون آهن ته فرنگي ڪيتريون افغاني ڇوڪريون اغوا ڪري ويا آهن،“ ٻئي همراهه جوش منجهان چيو. ٻاهر ڏينهن جي روشني ٿيڻ لڳي ۽ ڪڪڙ ٻانگون ڏيڻ لڳا هئا. ڪاڪل ڪجهه سوچڻ کانپوءِ رڙ ڪئي:
    ”نيازي...“
    نيازي ڀڄندو ڪمري ۾ آيو هو ۽ احترام ۾ چيو هئائين:
    ”جي بابا حضور...!!“
    ”اڪرم خان ڏانهن وڃ ۽ کيس اطلاع ڏئي ته دوست محمد کي ٻهير اسان جي مدد جي ضرورت آهي.“
    ”جي بابا حضور،“ نيازي چئي ٻاهر هليو ويو هو.
    ”منهنجا هڏا هر گذرندڙ ڏينهن سان پوڙها ٿيندا پيا وڃن، پر منهنجو وڏو پٽ اڪرم خان دوست محمد جي مدد لاءِ حاضر آهي.“ ڪاڪل خان مرڪي چيو هو.
    ”سکن خلاف جنگ ۾ اڪرم خان جي بهادري جا قيصا هر پٺاڻ جي زبان تي اڄ به آهن،“ هڪ مهمان مرڪي چيو هو. ڪاڪل خان به مرڪي ها ۾ ڪنڌ لوڏيو هو. هڪ پل جي خاموشي کانپوءِ پهرين مهمان ڳالهايو:
    ”اسان کي هڪ شخص سڪندر جي مشڪوڪ ڪمن بابت ڄاڻ ملي آهي، هو هتي ڪابل ۾ ئي رهي ٿو دوست محمد حڪم ڏنو آهي ته ان تي به نظر رکي وڃي.“
    ”آئون ان جو بندوبست به ڪري وٺندس،“ ڪاڪل هنن کي خاطري ڏياريندي چيو.


    4

    اڪرم خان ڇت تي سندس چوٿين زال 18 سالن جي زرين خاتون سان سُتل هو، سندن شادي ٽي سال اڳ ٿي هئي، عام طور اهو هُل هلي پيو هو ته شادي ڪا چڱي نموني شروع نه ٿي اٿن. ان جو ڪارڻ ڪاڪل خان جو دوست محمد کي ڏنل زبان هئي ۽ پٺاڻ رواعيتن موجب زبان تان ڦرڻ بدران پٺاڻ سندس سر ڪٽائي ڇڏيندو آهي، اهڙي ئي رواعيت سنڌ ۽ بلوچستان جي قبيلن ۾ پڻ آهي. سندن شادي جي ٽين ڏينهن دوست محمد جو نياپو آيو هو ۽ اڪرم خان سکن خلاف جنگ لاءِ نڪري پيو هو. ان جنگ دوران اڪرم کي احساس ٿيو هو ته سندس نئين زال هن لاءِ ڀاڳن ڀري آهي، کيس ائين لڳو هو ته جنگ ۾ ايترو جلدي ڪاميابي ۽ سکن جا هٿيار ڦٽا ڪرڻ زرين جي دعائن جو ئي نتيجو آهي. هو جئين جنگ کٽي گهر موٽيو هو ته سندس بهادري ڪارڻ هن جي قبيلي کي عزت جي نظرن سان ڏٺو ويو، ان بعد هن زرين خوب پيار ڪيو. ٽن ڏينهن تائين زرين کي بُت ۾ ايترو تي سور هو جو کيس تيل مالش ڪرائڻي پئي، اڪرم جي ٽنهي زالن سندس مالش ڪئي هئي ۽ دل ئي دل ۾ کيس پراتا به ڏنا هئا.
    ٽي سال اڳ هڪ پاسي زرين شادي جون تياريون ٿي ڪيون ته اڪرم وري تلوار تکي ڪري جنگ جي تيارين ۾ هو، جڏهن اڪرم خان ميدان تي نڪتو هو ته دوستن نئين شادي بابت خوب ستايو هوس. پر دوست محمد کي اهو ڪنهن به صورت قبول ڪونه هو ته ڪو ڪاڻي بدصورت رنجيت پٺاڻن تي حڪومت ڪري، انڪري هن سڀني پٺاڻ قبيلن کي گڏ ڪري رنجيت سنگ خلاف ويڙهه لاءِ نڪري پيو هو. دوست محمد جي پٽ اڪبر خان ڪنڌار ۾ جوان پٺاڻن کي ويڙهه جو مشقون ڪرائي رهيو هو. هن جوان پٺاڻن ۾ قومپرستي جو نئون جذبو جاڳيو هو، کين تلواربازي، تيراندازي ۽ گهوڙسواري جون مشقون ٿي ڪرايون ٿي. سج لهڻ کانپوءِ سڀ ويڙهاڪ باهه تي ويهي ڪچهري ڪندا هئا. شهر کان ٻاهر جابلو ميدان ۾ سمورو ڏينهن گهوڙا ڌوڙ اڏائيندا رهندا هئا. پٺاڻن کي شروع کان ئي اهو ٻڌايو ويو هو ته هو ويڙهاڪ آهن، سندن بهادري جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي. اڪبر خان چار مهينن تائين کين مشقون ڪرائندو رهيو ۽ جڏهن دوست محمد کي اها ڄاڻ موڪلي وئي ته لشڪر هاڻي تيار آهي ته هن رمضان جي مهيني ۾ سکن مٿان ڪڙڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، سندس خيال هو ته هن مقدس مهيني ڪافرن خلاف سندس لشڪر کي آفاقي مدد ملندي. دوست محمد رنجيت سنگ ڏانهن ڏمڪين ڀريا خط اماڻيا. ان دور ۾ ڪاڻو عياش رنجيت سنگ سنڌ تي حملي بابت سوچي رهيو هو. رنجيت سنگ جهڙو شڪل ۾ ڀڇڙو هو، اهڙي ئي سندس نيت به خراب هئي، شراب، عورتن سان کيس آزاد ملڪ فتح ڪرڻ جي لالچ رهندي هئي، سنڌ جو ته نالو ٻڌي هو مست هاٿي جيان ٿي پوندو هو. هن هڪ محفل ۾ انگريز جاسوس اليڪزينڊر برنس کي چيو هو:
    ”جيڪڏهن مون رنجيت سنگ کي اوهان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي اجازت ڏيو ته آئون پنهنجو پورو حرم جنهن منهنجي سهڻي من موهڻي زال به شامل آهي اوهان کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيندس.“ هن انگريزن سان دوستي جو هٿ ملايو هو ۽ هو فخر منجهان چوندو هو:
    ”چار شيون دنيا جي هر شيءَ کان مٿائون آهي، خوبصورت عورتون، خوبصورت گھوڙا، طاقت ۽ جنگ....“
    جئين ئي دوست محمد جا ڌمڪي ڀريا خط رنجيت سنگ تائين پهتا ته هن ترت ئي وزيرن ۽ موشيرن کي درٻار ۾ گهرايو.
    رنجيت درٻار ۾ آيو هو ته کيس نارنگي رنگ جو شاهي لباس (جيڪو ڪڏهن به هن تي نه ٺهندو هو ۽ کيس وڌيڪ بدصورت ڪري ويندو هو) پهريل هو، مٿي تي تاج جنهن ۾ اڇو کنڀ ۽ نيرو ڪوهنور هيرو لڳل هو، سندس ڏاڙهي وڏي ۽ گهاٽي هئي، هڪ اک ننڍي هوندي وڃائي چڪو هو، رنجيت سنگ جئين درٻار ۾ داخل ٿيو ته هن مٿان گلاب جون پتيون اڇلايون ويون هيون، هر درٻاري احترام هٿ جوڙيو بيٺو هو، رنجيت تخت تي ويٺو ته ٻن ٿلهن متارن سکن مور جي پرن وارو پنکو هلائڻ شروع ڪيو. هن عزيزالدين ڏانهن ڏٺو، جيڪو سندس اهم وزيز هو، 55 سالن جي عزيزالدين جون نظرون زمين ۾ کٿل هيون. ڪاروائي کان اڳ هڪ نچڻي ۽ ٻن سازبازن کي سڏيو ويو، ڪيتري ئي دير ساز وڄندا رهيا ۽ نچڻي سندس لسو جسم لوڏيندي رهي. رنجيت کي سوني پيالي ۾ شراب پيش ڪيو ويو، ناچ دوران هن ڪئي ڀيرا عزيز کي ڏٺو هو، پر سندس اکيون جھڪيل ئي رهيون. جڏهن ناچ پڄاڻي تي پهتو ۽ هن پيالو هيٺ رکيو ته ڳالهايائين:
    ”عزيزالدين ڪا گڙٻڙ آهي ڇا؟“ سڀني جي نظر عزيزالدين ڏانهن ويون.
    ”جي حضور،“ عزيز اٿي بيهي هوريان جواب ۾ چيو.
    ”ڇا؟“ رنجيت مڪار منهن تي مرڪ سجائيندي پڇيو.
    ”حضور هڪ بري خبر آهي ۽ سمجهه ۾ نٿو اچي ته صبح جي هن پهر اوهان کي اهو اطلاع ڏجي يا نه...!!“ عزيز ساڳيءَ نوع ۾ ڳالهايو.
    ”عزيز الدين تون ڳالهئي سگهئين ٿو،“ رنجيت سنگ حڪم ڏيندي چيس.
    ”حضور دوست محمد اسان خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، خبرون اچن پيون ته رمضان جي مهيني اسان جي فوج تي حملو ٿي سگهي ٿو.“ هن چيو، رنجيت جي منهن تي مڪاري واري مرڪ اچي وئي.
    ”عزيزالدين؛“ رنجيت سنگ سخت لهجي ۾ ڳالهايو: ”تو جهڙو شخص به ان افغاني دوست محمد جي ڌمڪين کان ٿو ڊڄي، جنهن وٽ ايتري زمين به نه آهي جو هو سندس پير ان تي رکي سگهي.“ درٻارين ۾ سس ڦس شروع ٿي وئي.
    ”خاموش،“ رنجيت سنگ اٿي بيهي رڙ ڪئي، درٻار ۾ خاموشي ڇائنجي وئي.
    ”خطيبن کي چئو ته دوست محمد کي اسانطرفان لکي موڪلين ته جيڪڏهن هو سچ ۾ سندس پيءَ جو پٽ آهي ته اسان سان جنگ جي ميدان ۾ سامهون اچي.“
    ”پر حضور.....“ عزيزالدين ڪجهه چوڻ جي ڪئي پر ڪاڻي رنجيت هٿ جي اشاري سان کيس چپ ڪرائي چيو:
    ”ڇا تون اسان جو شاندار ماضي وساري ويٺو آهين، اسان پٺاڻن کي شڪست ڏيڻ بعد ئي پنجاب جا سورما ٿيا آهيون، هن ڀيري اسان جا سپاهي پٺاڻن جي لاشن جا منار ٺاهيندا.“
    ”جي حضور،“ عذيزالدين ٻئي هٿ سيني تي رکي احترام ۾ جهڪي چيو. رنجيت سنگ درٻار برکاست ڪري هليو ويو.
    رنجيت سنگ جي جواب تي دوست محمد خوش هو ۽ فيصلو ڪيائين ته رمضان جي 27 رات تي پشاور تي چڙهائي ڪري پنهنجي قوم کي عيد جو تحفو ڏيندو. حملي کان ڪجهه عرصو اڳ دوست محمد ايسٽ انڊيا ڪمپني کان مدد گهري پر ان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
    حملي کان ٻه هفتا هڪ دوست محمد جي ننڍي ڀاءُ سلطان محمد محل ۾ ويهي کيس مشهورو ڏنو ته هو سکن سان جنگ نه ڪري. اهو ٻڌي دوست محمد کي حيرت ٿي هئي، سندس ڀاءُ جي هٿ هيٺ ڏهه هزار ويڙهاڪ هئا. اها هڪ ڪاري ۽ خاموش رات هئي، ٻئي ڀائر محل جي ڪوشادي ڪمري ۾ ايراني قالين تي ويٺل هئا، ڪمري ۾ فانوس منجهان مرجهاڻي روشني ٿي ڪري. دوست محمد خاموش رهيو، کيس خبر هئي ته سموري قوم کي زبان ڏني آهي ۽ هاڻي هو سندس لفظن تان نٿي ڦري سگهيو. نيٺ هن خاموشي توڙي ڀاءُ کي چيو:
    ”آئون زبان تان ڦرڻ بدران جنگ جي ميدان ۾ مرڻ پسند ڪندس.“ سلطان محمد اٿي هليو ويو هو.
    ٻئي ڏينهن ته سلطان محمد جلال آباد پهچي هارلين ۽ برنس سان مليو، جن کيس مال ملڪيت ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. 1836ع کان برنس افغانستان ۾ هو، کيس هن علائقي جي سموري ڄاڻ هئي ۽ پڪ هيس ته روسي هنن جبلن کي وار ڪري ڪڏهن به هندوستان ۾ داخل نه ٿي سگهندا.
    26 رمضان تي اڪرم خان سندس زال کي ڇڏي اڇي گهوڙي تي سوار ٿي اڪبر خان سان وڃي مليو، جڏهن ته ٻيا قبيلا مختلف حصن کان گڏ ٿيا هئا، سندن هڪ ئي مقصد هو، ڪنهن به صورت پشاور کي حاصل ڪرڻ. دوست محمد هڪ جابلو ٽڪري تي اچي بيٺو ۽ سندس چمڪندڙ تلوار هوا ۾ لوڏي سپاهين سان مخاطب ٿيو:
    ”منهنجا بهادر هموطنون هي ڳالهه غور سان ٻڌو جئين ڪو شڪ باقي نه رهي، اسان کي جمرود پشاور کان الڳ ڪرڻو آهي، ڇو جو اهو نلاوا جو آخري ۽ ڪمزور قلعو آهي، ان کانپوءِ اڳيان وڌنداسين.“ هو هڪ پل لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين:
    ”اسان کي لوهاڻي سنگ کي پڻ روڪڻو آهي، جنهن لاءِ مون فيصلو ڪيو آهي ته 8 توپون ۽ پنجويهه هزار سپاهي موڪليان جن جي اڳواڻي آئون پاڻ ڪندس. جڏهن ته منهنجو پٽ اڪبر خان ۽ سندس دوست اڪرم خان، جيڪو ڪاڪل خان جو پٽ آهي، جمرود تائين لشڪر جي اڳواڻي ڪندا، ۽ مها سنگ کي مات ڏيندا.“ وري هڪ پل جي خاموشي اچي وئي، پوءِ وري دوست خان ڳالهايو:
    ”آئون جمرود ۾ اچي لشڪر سان ملندس ۽ پوءِ لشڪر منهنجي اڳواڻي ۾ پشاور ۽ ڪابل ڏانهن وڌندو.....“ دوست محمد هڪ وڏو ساهه کنيو ۽ چيائين:
    ”ڀائرو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان اڳيان وڌون ، خدا اسان جو ساٿ ڏئي..... الله اڪبر......“
    ”الله اڪبر.....“ سپاهين تلوارون لوڏي جوش ۾ رڙ ڪئي. دوست محمد سندس ناسي گھوڙي تي ٽپو ڏئي چڙهيو ۽ لشڪر سميت ڪنڌار ڏانهن روانو ٿيو.
    اهو عصر جي نماز جو وقت هو، جڏهن اڪبر ۽ اڪرم لشڪر سميت جمرود وٽ پهتا، هنن سپاهين کي پٿريلي ميدان ۾ خيما هڻڻ جو حجم ڏنو، سج لهڻ تائين اهو ڪم هلندو رهيو. آذان آئي ته روزو کوليو
    رنجيت سنگ جي گورنر مها سنگ جا گشت تي نڪتل پنج سپاهي پٺاڻن جو ايڏو لشڪر شهر ٻاهران ڏسي گٻرائجي ويا، هٿيار، گهوڙا ۽ ڇنا ڏسي هو سمجهي ويا ته ڪا گڙٻڙ آهي. ڀيم سنگ کي محل موڪليو ويو ته جئين هو لشڪر جو اطلاع ڏئي سگهي، باقي چار ڄاڻا وڏي پٿر پٺيان لڪي لشڪر جي حرڪت نظر رکڻ لڳا.
    38 سالن جو ڪڻڪائي رنگ وارو مها سنگ ان وقت محل جي ڇت تي هو، سندس آس پاس خوبصورت ڪبوتر هئا، هڪ نوڪر احترام هن کان ڪجهه پربرو بيٺل هو، کيس پٺاڻن جي لشڪر بابت اطلاع ملي چڪو هو، هن کي پڪ ٿي وئي هئي ته هاڻي هو هتان بچي نه نڪري سگهندو، پنجاب کان نڪتل سکن جي لشڪر کي هتي پهچڻ ۾ ڪافي وقت هو، هن اداس نظرن سان آسمان کي ڏٺو، سک سپاهي سندس اشاري جي انتظار ۾ هئا، هو ڪاٺ جي صندل تي اچي ويٺو. هن اکيون بند ڪري گرون جي ڳالهين کي ياد ڪيو جن ۾ سکن جي ڪاميابي جون دعائون هيون، هو هڪدم اٿي ڳاڙهين سرن سان ٺهيل ڏاڪڻ ڏانهن ويو ۽ تڪڙو تڪڙو هيٺ لٿو، ٻه ڀيرا سندس نيرو جبو رنڊڪ بڻيو پر هن هٿ سان سنڀالي ورتو ڏاڪڻون لهي ويو.
    جمرود تي پٺاڻ لشڪر ڪڙڪيو هو، گولا هليا هئا، سک سپاهين جو گهرو تنگ ٿيندو ٿي ويو ۽ پوءِ مها سنگ جي قلعي ته حملو ٿيو هو، ٻئي طرف دوست محمد لوهاڻي سنگ کي گرفتار ڪري کيس جنگي قيدي بڻائي ورتو هو.
    هن سموري صورتحال کان لارڊ آڪلينڊ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني باخوبي واقف هئي، هو افغانستان تي گهري نگاهه رکيو ٿي آيا ۽ جئين ئي پٺاڻن جا قبيلائي اختلاف وڌيا ته انگريز فوج افغانستان تي حملو ڪيو ۽ دوست محمد کي هٽائي شاهه شجاع کي حڪمراني ڏني. دوست محمد ٻيهر پٺاڻن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو هو. هنن ڪابل ۽ ڪنڌار ۾ باهيون ڏئي ڇڏيون، انگريز فوج کي منتشر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. دوست محمد رات جي وقت ڪابل جي قلعي تي چڙهائي ڪري قلعو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، انهيءَ رات شاهه شجاع کي قلعي جي ڀت تان ٽه ڀيرا هيٺ اڇلايو ويو ۽ پوءِ سندس لاش کاهي ۾ اڇلائي وئي هئي.
    ٻئي ڏينهن فجر جي نماز کان ئي ڪابل جي گهٽين ۾ نئون جوش ۾ ولولو نظر ٿي آيو، پٺاڻ فرنگين ۽ سندن حمايتن کي مرندو ڏسي خوش ٿي رهيا هئا، اڪبر خان ۽ اڪرام خان فاتحن طور گهٽين ۾ گشت ڪيو هو.
    “سڪندر جي رت سان هن فتح جو جشن ملائبو،“ اڪبر خان تلوار لوڏي رڙ ڪئي هئي. ڪجهه گھوڙيسوار وچ شهر ڏانهن وڌڻ لڳا جتي سڪندر جو گهر هو.
    گاري سان ٺهيل ڪچي گهر ۾ اڃا به روشني جا ڪي آثار نه هو، گول ڳاڙهي منهن وارو55 سالن جو سڪندر ۽ سندس ڀاءُ تڪڙ ۾ سامان ويڙهي رهيا هئا. ٻاهر گھٽي ۾ گوڙ وڌڻ لڳو ته هو ويتر پريشان ٿي ويا.
    ”جلدي ڪر برنس،“ سڪندر جي ڀاءُ چيو هو، اهو سڪندر ٻيو ڪير نه پر انگريز جاسوس اليڪزينڊر برنس هو، جنهن دوست محمد جي ڀاءُ کي لاچون ڏئي خريد ڪري ورتو هو. آواز ويجهي کان ويجهي ٿيندا ويا، ٻئي ڀائر نقشا وغيره سنڀالي ٻاهر نڪرڻ وارا ئي هئا جو پٺاڻ سپاهين گهر تي حملو ڪري ڏنو، هو ٻئي تڪڙ ۾ ڪاٺ جون ڏاڪڻون چڙهي ڇت تي آيا، چئني پاسي ڏسي پٺئين پاسي ٽپو ڏنن.
    ”هو پٺيان کان ڀڄي رهيا آهن سندن پيڇو ڪريو،“ اڪرم خان ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي هئي. ڏهه افغاني سپاهي هنن جي پٺيان لڳا. بازار کان پرڀرو سپاهين هنن جو گهرو ڪيو ته ٻنهي ڀائرن ور منجهان تلوارون ڪڍيون هيون ۽ سپاهين سان وڙهڻ لڳا، سپاهي ٻنهي ڀائرن کي زخمي ڪري اڪبر خان وٽ وٺي آيا. اڪبر خان برنس جي منهن ۾ لت وهائي ڪاوڙ منجهان چيو هو:
    ”فرنگي جاسوس.“ ۽ پوءِ سپاهين کي حڪم ڪيائين:
    ”هنن کي به ماري سندن لاشا شجاع جي لاش سان گڏ اڇلايو.“ سپاهين دير نه ڪئي هئي ٻنهي ڀائرن کي ماري سندن لاشا گھوڙن سان ٻڌي شهر ٻاهر کاهي ۾ اچي اڇلاين.
    هي سڄي صورتحال ڏسي سيل جارج لارينس کي حڪم ڏنو ته هو دوست محمد سان ملاقات ڪري انگريز فوج لاءِ محفوظ رستي جي ڳالهه ڪري، پر رستي ۾ ئي اڪبر خان کيس پڪڙي گرفتار ڪري ماري ڇڏيو. هاڻي هو ڇاوڻي ڏانهن وڏڻ لڳا جتي ڪپتان اسٽيورٽ سپاهين سان پهرو ڏئي رهيو هو. اهڙي اوچتي حملي تي انگريز سپاهي بوکلائجي ويا ۽ جان بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا ۽ ڪيترائي مارجي ويا.
    ڇاوڻي اندر ڪولنل سيل جي مايوسي وڌندي ٿي وئي، هندوستان کان انگريز سپاهي اڃا ڪونه پهتا هئا، ڪابل کان ڪنڌار ۽ ڪنڌار کان جلال آباد تائين سمورا شهر دوست محمد جي لشڪر جي قبضي ۾ اچي ويا. هاڻي سيل لاءِ اهم ڪم اهو هو ته سپاهين سميت ميم صاحبائن جي جان بچائي هتان نڪري اچي.
    سيل 48 سالن جي ميجر فريزر کي دوست محمد سان ڳالهئين لاءِ تيار ڪيو، فريزر کي لڳو ته سيل سندس دماغ وڃائي ويٺو آهي ۽ ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. پٺاڻن ڇاوڻي جي آس پاس جبلن تي سپاهي ويهاري ڇڏيا، پاڻ دوست محمد پڻ ڇاوڻي جي ويجهو ئي اچي ترسيو.
    سيل فريزر کي وري آفيس ۾ گهرايو هو، کيس سمجهائڻ لڳو.
    ”پر ڪمانڊر اهو پاڳلپڻو آهي،“ فريزر احتجاج ڪندي چيو.
    ”اهو ئي هڪ طريقو آهي پنج هزار انگريز سپاهين کي بچائڻ جو،“ سيل ٿڌو ساهه ڀري چيس. هن جي وچ اڌ ڪلاڪ کن بحث ٿيندو رهيو نيٺ فريزر ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو. سيل ڪابل جي مسجد ڏانهن هڪ سپاهي موڪليو جنهن مسجد منجهان اهو اعلان ڪرايو ته انگريز فوج دوست محمد آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڪلاڪ اندر دوست محمد ڇاوڻي ڏانهن نياپو ڪيو ته سڀاڻي صبح جو شهر کان ٻاهر جبلن ۾ ڳالهايون ٿينديون.
    ٻئي ڏينهن فريزر ٻن سپاهين سان گهوڙن جي سوار ٿي دوست محمد ڏانهن نڪري ويو.
    جبل تي پهرو ڏيندڙ ٽن گهوڙيسوارن کي ان طرف ايندي ڏٺو ته ٻين کي اطلاع ڏنن:
    ”ٽئي گهوڙيسوار اسان ڏانهن اچن پيا.“
    ”هنن جي هر چال تي نظر رکو، هي فرنگي مڪاري ۽ ڌوڪيبازي ۾ ماهر آهن.“ جڏهن هو ويجهو ٿيڻ لڳا ته ڏهن سپاهين جو دستو هنن ڏانهن ويو، سندن تلاشي وٺي کين دوست محمد وٽ وٺي آيا.
    ٽئين ڏينهن به جڏهن فريزر ۽ سندس ساٿي نه موٽيا ته سيل جي اڻتڻ وڌڻ لڳي. ٽين ڏينهن منجهند جو کيس پيغام مليو ته دوست محمد ۽ ميجر فريزر وچ ۾ سمجهوتو ٿي ويو آهي ته هن سک جو ساهه کنيو.
    01 جنوري 1842ع تي افغانين جا سمورا مطالبا مڃا ويا، جنهن بعد دوست محمد انگريز جنگي قيدين کي ڇڏي ڏنو، سردارن کي مال ملڪيت ۽ هٿيار ڏنا ويا، جنهن کانپوءِ سيل سندس ڪٽنب سميت هندوستان وريو.
    هائوس آف ڪمنس ۽ هائوس آف لارڊس ۾ اٿل پٿل مچي وئي، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪارڪردگي تي خوب تنقيد ٿي، جنهن کانپوءِ لارڊ آڪلينڊ کي هٽائي، لارڊ ايلنڀرگ کي هندوستان جو گورنر جرنل مقرر ڪيو ويو. ڪمپني جا گهاءُ ڀرڻ ۽ پنهنجو داٻو ويهارڻ خاطر لارڊ ايلنڀرگ چارلس نيپئر کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.


    5

    سپٽمبر 1842ع سنڌ ڏانهن سفر..........
    نيپئر ۽ ليڊي نيپئر خوبصورت جهاز ”زونبيا“ ڏانهن وڌڻ لڳا، سندن آڌرڀاءُ لاءِ اڳ ئي ڊگهو سنهڙو ڳاڙهي منهن وارو انگريز جهاز وٽ بيٺل هو، سندس سنهري وار فوجين جيا ڪٽيل هئا، نيپئر ۽ سندس زال کي ايندو ڏسي هن جي ڪلين شوءَ منهن تي مرڪ اچي وئي. جڏهن هو اسٽيمر جي ويجهو آيا ته ان بيٺل شخص جهڪي ڪري چاپلوسي واري انداز ۾ ڳالهايو:
    ”سر نيپئر، ليڊي نيپئر اوهان جو زونبيا اسٽيمر تي ڀليڪار آهي، هي ننڍي کنڊ جو بهترين اسٽيمر آهي جنهن وسيلي اسان درياهه جو سينو چيري سنڌ تائين پهچنداسين.“ هن ليڊي نيپئر ڏانهن هٿ وڌايو، جيڪا 59 سالن جي پوڙهي هئي ۽ ڳيچي وٽان ماس ٿي لڙڪس، هن ان شخص کي هٿ ڏنو ۽ اسٽيمر جي تختي تي پير رکيو هو.
    ”آئون هن اسٽيمر جو ڪپتان جيڪ نيومين آهيان،“ هن ساڳي چاپلوسي واري انداز ۾ چيو هو.
    ”اوهان سان ملي خوشي ٿي،“ نيپئر هٿ ۾ جلهليل ناسي ڏنڊي اسٽيمر جي تختي تي هڻندي جواب ڏنس.
    ”هن پاسي سر نيپئر،“ جيڪ هنن جي اڳيان ٿي رستو ڏيکاريندي چيو. هو کين خاص ماڻهن واري حصي ڏانهن وٺي آيو. هنن کي خوب سينگاريل ڪمري ۾ ڇڏيائين ۽ وڃڻ مهل چيائين:
    ”سر نيپئر اڄ شام هال نمبر 2 ۾ اوهان جي شان ۾ هڪ گڏجاڻي رکي آهي،“ هن ڀيري به لهجي ۾ چاپلوسي صاف ظاهر. چارلس نيپئر ها ۾ ڪنڌ لوڏيو هو ته هو مرڪي هليو ويو.
    زونبيا ٽن حصن تي ٻڌل اسٽيمر هو، جيڪو هاڻي سپاهين، آفيسرن، سندن زالن ۽ ٻارن سان ڀرجي چڪو هو. نيپئر سان گڏ پونا انفينٽري جا آفيسر ليوٽينٽ ووڊ ۽ ڪپتان ڪُڪ گڏ هئا، جڏهن ته ميجر آٽورم اڳئي سنڌ ۾ موجود هو. 35 سالن جو اڇي چمڙي ۽ نيرين اکين وارو ڪپتان ڪُڪ هڪ زندهه دل انسان هو، جيڪو چارلس نيپئر جي فوجي صلاحيتن کان گهڻو متاثر هو، هوريان هوريان اسٽيمر سمنڊ ۾ ترڻ لڳو، جئين جئين سج لهندو ٿي ويو تئين زونبيا تي پاڇا وڌندا ٿي ويا ۽ جئين ئي شام ٿي ته هال نمبر 2 منجهان ڳائڻ وڄائڻ جا آواز شروع ٿي ويا، ڪجهه سپاهي ٻاهر ويهي رمي کيڏڻ لڳا ۽ پاڻي ۾ ٽپا ڏيندڙ مڇيون پڻ ڏسڻ لڳا، سندن پاسي کان شراب جي بوتل به پئي هئي.
    چارلس نيپئر زال سان گڏ هال نمبر 2 ۾ آيو هو، ان وقت به کيس نيري وردي جنهن تي ٻلا لڳل ۽ پاسي کان تلوار لڙڪي ٿي، سندس زال کي آسماني رنگ جو بنا ٻانهن وارو ڊگهو چلو پهريل هو، لڙڪندڙ ماس واري ڳيچي ۾ نيرن شيشن جو هار ۽ آڱرين ۾ نيريون منڊيون پهريل هيون. ڊانس فلور تي جوان آفيسر خوبصورت حسينائن جي ٻانهن ۾ رقص ڪري رهيا هئا، جڏهن ته پوڙها پڪا شراب جو مزو وٺي رهيا هئا.
    ڪُڪ جئين ئي ٻيو جام پورو ڪيو ته سندس اکين آڏو ميگل جو خوبصورت ۽ زندگيءَ سان ڀرپور چهرو اچي ويو. هو هال نمبر 2 منجهان نڪري اسٽيمر جي ٻاهرين حصي ۾ لوهي گرلن وٺ اچي بيٺو ۽ پينٽ جي پٺئين کيسي منجهان چمڙي جو ڪارو ٻٽو ڪڍي ميگل جي مرڪندڙ تصوير ڏسڻ لڳو. ميگل جي مرڪ سندس من اندر کي چيرڻ لڳي. 28 سالن جي ڊگهي ڳيچي ۽ ويڪري سيني واري ميگل سان هو آسٽريليا جي هڪ ٻيلي ۾ مليو جٿي کيس ڇهه سال اڳ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي جونئر آفيسر طور موڪليو ويو هو. ڪُڪ جي ڏاڏي جيمز ڪُڪ 1768ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ آسٽريليا جهڙو ڏوراهون خطو فتح ڪيو هو، انڪري ان خاندان جي ڪنهن نه ڪنهن افسر اتي ضرور موڪليو ويندو هو، ليوٽينٽ ينگ ڪُڪ انهيءَ خاندان جو فرد هو، کيس 1833ع ۾ باٽني بي نالي ٻيلي ۾ مقرر ڪيو ويو، جنهن لاءِ لارڊ سڊني جو دعوا هو ته اهو علائقو 1768ع کان سندس ملڪيت آهي.
    ايسٽ انڊيا ڪپمني خلاف بغاوت ڪندڙ ڪجهه سامونڊي چور باٽني بي جو جيل ڀڃي ڀڳا هئا، انهن جي ڳولها ۾ انگريزن سپاهين پوري ٻيلي کي باهه ڏئي ڇڏي هئي، ٻيلي ۾ هارين جون 25 کن جهوپڙيون پڻ هيون، جيڪي به سڙي رهيون هيون. ينگ ڪُڪ علائقي جي چڪاس تي نڪتل هو. هلندو هلندو هو هڪ سڙندڙ جھوپڙي تي پهتو، هن جئين ئي ڪاٺ جي سڙندڙ در کي لت هئين ته اهو وڃي هيٺ زمين تي ڪريو ۽ ڀڙڪي سان باهه ٻاهر نڪتي، ڪُڪ ٻه چار قدم پٺيان هٺيو، باهه جو ڀڙڪو گهٽ ٿيو هو ته هو دونهين ڪارڻ کنگهڻ لڳو، اکين منجهان پاڻي وهڻ لڳس، باهه کان پاڻ بچائيندو ڪُڪ اندر داخل ٿيو هو، هر شيءَ باهه جي لپٽ ۾ هئي، هو ڌيان سان زمين تي پير رکندو اڳيان وڌيو. کيس زمين تي هڪ جوان عورت بيهوش پيل نظر آئي جنهن جي کاٻي ٻانهن منجهان رت ٿي وهيو، هو احتياط سان ان عورت وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويهي هن جي نڪ وٽ آڱر ڏئي سندس ساهن جي چڪاس ڪيائين، گرم ساهه سندس آڱر سان لڳو هو، هن اڃا عورت کي ڀاڪر ۾ ڀري مٿي مس ڪيو جو مٿان کان ڪاٺ جي ڇت جو حصو اچي ڪريو، عورت کي ٻانهن ۾ ڀڪوڙي زمين تي ڦيراٽي کائي باهه کان پري ٿي ويو، پنهنجي نبض تي قابو ڪري مٿي اٿيو ۽ عورت کي ڪلهن تي رکي ٻاهر نڪري ويو. سندس ڦڦڙن ۾ دونهون جمع ٿي ويو، عورت کي خيال سان زمين تي ليٽائي کنگھڻ لڳو هو. ڪجهه پلن بعد کيس احساس ٿيو هو ته عورت جا خوبصورت ٿلها چپ ٿڙڪي رهيا آهن، هن گھوڙي تي اول عورت کي ويهاريو ۽ پوءِ پاڻ ٽپو ڏئي گهوڙي تي چڙهي ڪيمپ آيو هو. کيس پنهنجي ڇني ۾ نرم ۽ صاف بستر تي ليٽائي ڊاڪٽر سمٿ کي وٺي آيو هو، ڊاڪٽر عورت جي زخمن جي مرهم پٽي ڪئي ۽ ويندي مهل ڪُڪ کي چئي ويو:
    ”فڪر ڪرڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي، ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ کيس هوش اچي ويندو.“ ڪُڪ رڳو هاڪاري ۾ ڪنڌ ڌوڻيو هو. هو ڪتاب کولي پڙهڻ لڳو، ٻن ڪلاڪن ۾ کيس احساس ٿيو ته بستر تي ليٽيل عورت چرپر ڪري رهي آهي. هن کي دل ئي دل ۾ ان خيال تي خوشي ٿي ته هن هڪ انسان جي جان بچائي آهي. عورت هوريان هوريان اکيون کوليون هيون، کيس سموري بُت ۾ سور جو احساس ٿيو هو، هن نرم بستر تي ليٽي وڏا وڏا ساهه کنيا هئا. ڪُڪ پنهنجي جاءِ تان اٿي هن جي مٿان اچي بيٺو هو، عورت حيرت منجهان هن جي منهن ۾ تڪيو ته هن مرڪي پڇيس:
    ”هاڻي ڪئين پئي محسوس ڪرئين؟“
    عورت تي خوف طاري ٿيڻ لڳو ۽ هوءَ بستر ۾ هيڏي هوڏي ٿيڻ لڳي هئي. ڪُڪ ڪاٺ جي ٽيبل تان مگو کڻي هن ڏانهن وڌائيندي نرم لهجي ۾ ڳالهايو:
    ”هي گرم کير آهي، هن کي پيئڻ سان توکي سڪون ملندو.“ عورت خشڪ ٿيل چپن گلابي زبان ڦيري هئي، هڪ ڀيرو وري کيس جسم ۾ سور جو احساس ٿيو ته اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
    ”تون ڪير آهين؟“ هن اکيون کولي ڪُڪ ڏانهن ڏسندي ٿڙڪندڙ چپن سان پڇيو هو.
    ”ليوٽينٽ ڪُڪ آهيان، مون توکي باهه کان بچايو آهي.“ هن مرڪي جواب ڏنو هيس، عورت اهو ٻڌي منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو هو. ڪُڪ ڇني منجهان ٻاهر هليو ويو ۽ پندرهن منٽن کانپوءِ موٽيو، سندس هٿ ۾ ٻه پليٽون هيون جن ۾ رات جي ماني هئي. عورت بستر تي اٿي ويٺي هئي، ڪُڪ هن جي اڳيان هڪ پليٽ رکندي پڇيو هو:
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ۽ هن جي پاسي کان ويهي رهيو.
    ”ميگل،“ عورت منهن ۾ گرهن وجهندي جواب ڏنس: ”آئون هڪ هاري جي ڌيءَ آهيان، اسان جي گهرن کي اوهان انگريزن باهه ڏئي ڇڏي.“ اهو ٻڌي ڪُڪ جو ڳاڙهو منهن هيڊو ٿي ويو ۽ نرم لهجي ۾ سمجهاڻي ڏيندي چيائين:
    ”ها ڪجهه خطرناڪ قيدي جيل ڀڃي ڀڳا هئا، سپاهي انهن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ هئا.“
    ”ڇا اوهان انگريز هر جاءِ تي ائين ئي باهه ڏيندا آهيو؟“ ميگل سندس منهن ۾ ڏسندي سوال ڪيو هيس. ڪُڪ شرمساري ۾ پاڻي پاڻي ٿي ويو هو.
    رات ٻه ڪلاڪ پڙهڻ کانپوءِ ڪُڪ ليمپ جي روشني وسائي، بستر تي ميگل جي پاسي کان ليٽيو هو. جئين سندس هٿ ميگل جي نرم ٻانهن سان لڳو ته کانس ڇرڪ نڪري ويو، ميگل جو بُت باهه جيان گرم هو، هڪدم ٽپو ڏئي اٿيو ۽ ميگل کي ننڊ منجهان جاڳائي پڇيائين:
    ”تون ٺيڪ ته آهين نه؟“
    ”ها،“ هن ننڊ جي خمارن ۾ جواب ڏنس: ”بس رڳو جسم ۽ مٿي ۾ شديد سور آهي.“ ڪُڪ ڇني منجهان نڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ڊاڪٽر سمٿ کي وٺي آيو، جنهن ميگل جو چڪاس ڪيو هو.
    ”خطري جي ڪا به ڳالهه نه آهي، کيس آرام ڪرڻ ڏيو،“ اهو چئي ڊاڪٽر سمٿ هليو ويو.
    ٽن ڏينهن کانپوءِ ميگل جي صحت سڌرڻ لڳي ۽ سندس خوف پڻ ڏور ٿيڻ لڳو هو، هن کي ڪُڪ شريف انسان لڳو هو، جنهن ٽن ڏانهن کان مسلسل سندس خيال ٿي رکيو. ان رات ڪُڪ سندس ويجهو آيو هو، سندس ڳيچيءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳو، ميگل به پاسو ورائي کيس ڏسڻ لڳي. ڪُڪ هن جي گرم ٿڙڪندڙ چپن تي پنهنجا چپ رکيا ته ميگل اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون ۽ پوءِ سندن جسم جي راند شروع ٿي وئي هئي.
    ڪُڪ ٽي سال آسٽريليا ۾ رهيو، هن ميگل سان شادي ڪئي، جنهن منجهان کيس هڪ ڌيءَ جيني پڻ ڄائي. هو سامونڊي جهاز وسيلي انگلستان وري رهيا هئا، جو وچ سمنڊ ۾ هنن تي سامونڊي چورن حملو ڪيو هو، ٻنهي طرفن کان گوليون هليون هيون، ڪُڪ ميگل ۽ جيني کي بچائيندو اسٽيمر جي هيٺئين حصي ڏانهن ٿي ويو جو هڪ گولي اچي سندس ران ۾ لڳي هئي، هو اسٽيمر جي تختي تي ڪريو هو. ميگل ۽ جيني رڙيون ڪنديون هن جي پاسي کان ويهي رهيون هيون.
    ”ميگل،“ هن سور ۾ پچرندي زال کي چيو: ”جلدي جيني کي وٺي اسٽيمر جي هيٺئين حصي ڏانهن وڃ.“ ۽ ميگل ۽ جيني جي لڙڪن ڀري منهن تي هٿ رکيو هو. ميگل ڌيءَ کي سيني سان سانڊي اٿي ڀڄڻ لڳي هئي جو پٺيان کان هڪ گولي اچي کيس لڳي، جيني هن جي هٿن منجهان ڇڏائجي پاڻي ۾ وڃي ڪري هئي، ميگل به ڌيءَ پٺيان پاڻي ۾ ڦهڪو ڪيو هو.
    ”ميگل.... جيني......“ ڪُڪ کان آسمان جي اوچي رڙ نڪري وئي هئي.
    هاڻي ڇهه سالن کانپوءِ هو زونبيا اسٽيمر وسيلي سنڌ وڃي رهيو هو، پر اهو واقعو مستقل سندس پيڇو ڪندو ٿي رهيو. نيومين جو اسٽيمر زونبيا سمنڊ هلي رهيو هو. ان جي منزل سنڌ هئي. سنڌ....... هڪ اهڙي سرزمين جنهن تي سڪندر اعظم کان وٺي عربن ۽ ٻئي هر طاقت جون نظرون رهيون آهن، هر ڦورو قابض سنڌ تي قبضو ڪرڻ جو خواب ڏٺو آهي. دنيا ۾ جنت مثل سنڌوءَ جي تهذيب جي علبردار سنڌ، ڪجهه ڦورون جو خيال آهي ته سنڌ ڪنهن حسين دوشيزا مثل آهي، جڏهن ته ڪن جو چوڻ آهي:
    ”سنڌ اهڙي ڪنواري جيان آهي، جيڪا لال ڪپڙن ۾ سنگارجي هر راهگذر کي موهي وجهندي آهي.“
    ڪُڪ کي سندس ڪلهي تي ڪنهن جو هٿ محسوس ٿيو ته خيالن منجهان نڪري ٻئي پاسي ڏٺائين، سندس پاسي کان ڪپتان ووڊ بيٺل هو.
    ”ڇا ٿيو؟“ هن نرم لهجي ۾ ڪُڪ کان پڇيو.
    ”ڪجهه نه،“ ڪُڪ ڪاري ٿيندڙ آسمان کي ويران نظرن سان ڏسي چيو، اداسي سندس لهجي منجهان صاف ظاهر هئي.
    ”ڇا آئون توکي زندگي گذارڻ جو هڪ سونهري اصول ٻڌايان،“ ووڊ گهري پاڻي کي ڏسندي چيس. ڪُڪ ڳالهائڻ بدران هاڪاريءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”جيترو جلدي ماضي کي وساريندي ايترو خوش زندگي گذاريندين،“ ووڊ سنجيدگيءَ سان چيس ۽ پوءِ ٻئي ڪيتري دير تائين خاموشيءَ سان اونهي سمنڊ کي ڏسندا رهيا.
    زونبيا اسٽيمر سنڌوءَ جي پاڻي ۾ داخل ٿيو، جئين سج جا پهريان ڪرڻا سنڌوءَ تي ڪريا ته ان جو پاڻي پگهريل سون جيان ڏسڻ ۾ آيو. سنڌوءَ درياهه کي چڱي ريت خبر هئي ته بدڪردارن جو آڌرڀاءُ ڪئين ڪرڻو آهي.... هن اڳ به ڪيترن ئي بدڪردار حملي ڪندڙن کي لوڙهي ڇڏيو هو. ڪمپني جا افسر اڪثر وقت ناچ گاني ۽ شراب پئيڻ ۾ گذاريندا هئا، کين بلڪل اندازو نه هو ته سنڌوءَ هن لاءِ ڇا سوچيو آهي....!!
    ڪُڪ ۽ ووڊ اسٽيمر جي ساڳي ڪيبن ۾ رهيل هئا. هڪ رات ماني کانپوءِ هو 10:00 ڌاري ڪيبن ڏانهن وريا، ڪجهه سپاهي ٻاهر تختي تي ويهي رمي کيڏڻ لڳا، رات ڪاري ۽ خاموش هئي، آسمان ۾ آڻڳڻت تارا چمڪيا ٿي. ڪُڪ جي سيني ۾ ساڙي جو احساس ٿيو ته هن شرٽ جا بٽڻ کولي ڇڏيا، اوچتو کيس پيٽ م شديد سور پيو، هن اُلٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُلٽي نه آيس، هو پنهنجي وارن سان ڀريل سيني کي مهٽڻ لڳو، سندس ڳيچي ڳاڙهي ٿي وئي. سندس ساٿي ووڊ ليمپ جي روشني ۾ ويهي برنس ۽ برٽن جا تيار ڪيل سنڌ جا نقشا چڪاسي رهيو هو، اوچتو سندس نظر ڪُڪ ڏانهن وئي ته ڇرڪ ڀري اٿيو، هٿ ۾ جهليل نقشو هڪ پاسي رکي هن جي بستر ڏانهن آيو ۽ پڇيائين:
    ”ڇا ٿيو؟“ ڪُڪ ڳالهائڻ لاءِ وات کوليو پر آواز بدران هڪ اونهي آهه نڪتس، هو ٻئي هٿ پيٽ تي رکي بستر تي ليٽي پيو، سندس رنگ هيڊو ٿيڻ لڳو ۽ وڏا ساهه کنيائين، هو بيڊ تي ائين ڦتڪڻ لڳو جئين بنا پاڻيءَ جي مڇي ڦتڪندي آهي. ووڊ ڪيبن منجهان نڪري ورانڊي ۾ ڀڄڻ لڳو، کيس احساس ٿيو ته سندن حصي جي ڪجهه ڪيبن جون بتيون ٻري رهيون آهن ۽ انهن منجهان رڙين ۽ چيگھڻ جا آواز پيا اچن، ڀڄندو هو ڪپتان نيومين جي ڪمري ڏانهن آيو ۽ در کڙڪايائين، نيومين اُٻاسي ڏئي در کوليو ته ووڊ هڪدم ڳالهايو:
    ”منهنجي ساٿي ڪُڪ جي حالت خراب ٿي وئي آهي، ڊاڪٽر کي سڏرايو.“ ايتري ۾ اسٽيمر تي ڀڄ ڊڪ مچي وئي، هر طرف رڙيون ۽ ڪيهون ٿيڻ لڳيون.
    ”ڪير منهنجي ڌيءَ جي مدد ڪري،“ ڪنهن ڪنڊ منجهان عورتاڻي رڙ آئي.
    ”يسوع مسيع،“ وري ٻئي عورتاڻي رڙ ڪئي ۽ پوءِ سندس خوفناڪ رڙ نڪتي:
    ”نه...... ايلس اکيون کول يسوع توکي ڏسي رهيو آهي.“ نيومين ۽ ووڊ ان طرف ڀڳا جتان عورت جي رڙ آئي هئي، هڪ ڪنڊ ۾ هڪ سونهري وارن واري عورت ويٺل هئي، سندس هنج ۾ ڇهن سالن جي ڇوڪري هئي، جنهن جي چمڙي جو رنگ پيلو ۽ بُت ٿڌو ٿي چڪو هو، عورت ڇوڪريءَ کي سيني سان لائي اڇونگرون هڻڻ لڳي. ايتري ۾ چارلس نيپئر به سندس ڪيبن منجهان نڪري آيو ۽ هر طرف ڀڄ ڊڪ ڏسي هوا ۾ سوال ڪيائين:
    ”هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟“
    58 سالن جو گنجو ۽ جسم ۾ ڀريل ڊاڪٽر المنڊ برائون تڪڙو ڏاڪڻن تان لهندو آيو ۽ وڏي واکي ڳالهايائين:
    ”اسٽيمر تي وبا پکڙجي چڪي آهي، پنهنجي نڪ ۽ وات کي ڪپڙي سان ڍڪيو.“
    ڪنهن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو. ووڊ سندس ڪيبن ڏانهن ڀڳو. هو ڪُڪ تائين پهتو ته ڪُڪ جو بُت ٿڌو ٿي چڪو هو، هن سندس هيڊي منهن تي ٿڦڪيون به هنيون پر هو مري چڪو هو. ٻن ڪلاڪن اندر اسٽمير تي پنج فرنگي سپاهي، ٻه عورتون ۽ ڇهه ٻار مري ويا.
    جيڪ نيومين، چارلس نيپئر ۽ ڊاڪٽر برائون سپاهين کي حڪم ڏنو ته لاشن کي تختي تي گڏ ڪيو وڃي. پوءِ هڪ هڪ ڪري سپاهين لاشن کي ٽنگو ٽالي ڪري پاڻي ۾ اڇلايو. آخري لاش ڪُڪ جو هو، جڏهن اهو پاڻي ۾ ڪريو ته ووڊ اکيون بند ڪري ڇڏيون. اسٽيمر تي موجود هر شخص جي اکين ۾ موت جو خوف صاف ظاهر ٿي ٿيو.
    صبح جو سج نڪتو، سنڌوءَ مڪار انگريزن مٿان مرڪڻ لڳي، پر پوءِ به زونبيا اسٽيمر سنڌوءَ جي سيني تي نيشان ڇڏيندو اڳيان وڌندو رهيو.
    هر ميجسٽي نيٽو انفينٽري جا ٻه هندوستاني سپاهي جيڪي مراٺا هئا، سندن چمڙي جو رنگ ڪارو، ٻاهر ويهي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، هڪ چيو:
    ”چوندا آهن سنڌوءَ درياهه ديوي مثل آهي ۽ جيڪو به کيس بغير اجازت تنگ ڪندو آ ته سنڌو ديوي ان کان پلاند ڪندي آهي.“
    اها ڳالهه گشت تي نڪتل نيپئر جي ڪنن تائين پهتي، هو انهن سپاهين وٽ آيو ۽ ڪاوڙ منجهان چيائين:
    ”جيڪڏهن اوهان ٻيهر اها بڪواس ڪئي ته اوهان کي زنده ئي سنڌو ديوي حوالي ڪري ڇڏيندس.“ ڪاوڙ سبب سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو.
    سنڌ جي بندرگاهه تائين پهچندي پهچندي زونبيا تي سوار 54 انگريز فوجي، عورتون ۽ ٻار مري چڪا هئا.
    نيپئر جئين ڪناري تي قدم رکيو ته ٻئي ٻانهون هوا ۾ کولي صاف آسمان کي ڏسندي وڏي واکي چيائين:
    ”اي سنڌو، سر چارلس نيپئر توکي فتح ڪرڻ لاءِ اچي ويو آهي.“


    ڀاڱو ٻيو: جرنل هوش محمد شيدي

    6

    حيدرآباد کان پرڀرو هڪ ڳوٺ.......

    دٻي ڀرسان ننڍڙي ڳوٺ جي کليل ميدان تي قمبراڻي قبيلي جا ڪيترا ئي مرد گڏ ٿيا هئا، هي آفريڪي نسل سان ملندڙ جلندڙ انسان خوشيءَ ۾ همبوشيون هڻي رهيا هئا، کين نه گرمي جي ڪا فڪر هئي نه ئي وري سردي جي پرواهه ڪندا هئا. سندن چمڙي جو رنگ گهرو ۽ مٿي جا وار گنگريلا هئا. هو ساليانا ملهه مقابلي لاءِ ڳوٺ ٻاهران کليل ميدان ۾ گڏ ٿيا هئا. نوجوان پٺي اگهاڙي قمبراڻين جا ڇوڪرا گول دائري ۾ نچي رهيا هئا، جڏهن ٻه ٿلها متارا شخص ڳيچيءَ ۾ پاتل دهلن کي ڏنڊين سان ڪٽندا ٿي ويا. هن سال جو مقابلو انڪري به اهم هو جو ان مقابلي ۾ سردار هوش محمد جو 17 سالن جو پٽ ڪريمداد به حصو وٺي رهيو هو. ڪجهه گهڙيون اڳ ئي ڪڪڙن جي بازي ۽ گڏهن جي گوءَ پوري ٿي هئي ۽ هاڻي ڪريمداد سندس زندگي جي پهرئين ملهه لاءِ تيار هو.
    ”ڪريمداد،“ هڪ نوجوان ڪاري پٺن اگهاڙي ڇوڪري، جنهن جي هٿن ۾ اڇو پٽڪو هو کيس سڏيو ته ڪريمداد ان ڇوڪري ڏانهن ڏٺو، ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪيا، اهو ڇوڪرو سندس ماروٽ گلڻ هو.
    ”سردار هوش محمد هي تنهنجي لاءِ موڪلي آهي.“ گلڻ چيس، ڪريمداد احترام سان گلڻ کان اڇو پٽڪو ورتو، هن ٻيهر سينو ويڪرو ڪندي ڳالهايو: ”سردار هوش محمد چيو آهي ته سندس پٽ ڪريمداد کي ٻڌايو وڃي ته هي اهو پٽڪو آهي جيڪو هوش محمد جي پيءَ فقيرداد سندس مٿي تي رکندي چيو هو: هاريل مردن لاءِ قمبراڻي قبيلي ۾ ڪا به عزت نه آهي.“ ڪريمداد عزت سان پٽڪي کي چمي ڏيندي چيو:
    ”سردار هوش محمد کي چئجان ته آئون ڪريمداد هن ڌرتيءَ جي ان بهادر انسان جو پٽ آهيان جيڪو هڪ هٿ سان هاٿي ۽ ٻي هٿ سان ٽي گھوڙا ساڳي وقت ڪرائي وجهندو آهي.“ ۽ پوءِ پٽڪو مٿي تي رکندي چيائين:
    ”سردار هوش محمد جي پيرن تي هٿ رکي چئجان سندس پٽ موت ته قبول ڪندو پر شڪست نه.“ ڪريمداد صاف آسمان ۾ ڏسي چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪيو ۽ ميدان ڏانهن وڌڻ لڳو، دهل وڄئڻ لڳا ۽ همبوشين جو آواز گجگوڙ ڪرڻ لڳو.
    ميدان کان ڪجهه پرڀرو هڪ کٽ جنهن تي ٽڪ جي رلي وڇايل هئي ته 42 سالن جو بُت ۾ ڀريل هوش محمد ويهي ملهه ڏسڻ لڳو، سندس مٿي تي اڇو پٽڪو ٻڌل هو ۽ منهن تي مڇين جي سنهي ليڪ تي آڱر ٿي ڦيريائين. هوش محمد ۽ سندس خاندان سنڌ جي ماڻهن لاءِ بهادر ۽ شجاعت جو نشان هو، سنڌي ته هوش محمد کي ڏاهر، دودي ۽ دلها جو ٻيون جنم به چوندا هئا. هي سنڌ جا اهي بهادر جوڌا هئا جن سنڌ ماتا لاءِ جان جو نظرانو ڏنو هو.
    50 سال اڳ هوش محمد جو پيءُ فقيرداد اڃا ٻار هو جو کيس ٽالپرن جي درٻار ۾ آندو ويو هو، سندس ڪم گهڙن جي نگارني ڪرڻ ۽ ننڍڙي شهزادي مير رستم خان کي تربيت ڏيڻ جو هو، سندس اخلاق ۽ سچائي جي ڪري سنڌ جا حڪمران فقيرداد سان پيار ڪرڻ لڳا. جڏهن هو 19 سالن جو ٿيو ته مير فتح خان، جيڪو ان وقت خيرپور رياست جو حڪمران هو، کيس حڪم ڪيو ته حيدرآباد وڃي، ان وقت فقيرداد مير جي خدمت ڪرڻ ٿي گهري پر انڪار به نه ڪري سگهيو هو ۽ حيدرآباد ويجهي مٽياري جي هڪ ڳوٺ ۾ اچي ٽڪيو، جتي هن مرادي نالي سادي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن جو تعلق خاصخيلي برادري سان هو، هتي هن ڪنڀارڪو ڪم سکيو. 1801ع ۾ جڏهن مرادي پيٽ سان هئي، ته فقيرداد کي مير فتح جو نياپو مليو ته هو مرڻ ڪندي تي آهي. فقيرداد مرادي کي سندس ڀاءُ جي گهر ڇڏي خيرپور ڏانهن نڪري پيو. هو جئين محل ۾ مير جي آرامگاهه تي پهتو ته مير آخري ساهه کڻي رهيو هو. هن مير جي پيرن تي هٿ رکيو ۽ سندس پيشاني چمي.
    ”فقيرداد،“ مير مرڻينگ آواز ۾ چيس: ”اسان جي گهرواري پيٽ سان آهي ۽ اسان موت جي انتظار ۾ آهيون، اسان جي خواهش آهي ته اسان جي نئين ڄاول ٻار جي سار سنڀال تون ڪر.“
    ”جي حضور،“ فقيرداد احترام ۾ جواب ڏنو ته مير جي منهن تي هيڊي مرڪ اچي وئي هئي ۽ پوءِ هن هڪ اونهو ساهه کنيو هو.
    ان رات جي آخري حصي ۾ جڏهن مير فتح جون اکيون بند ٿيون هيون ته ٻن ڇوڪرن هن دنيا ۾ اکيون کوليون. هڪ کي مير صوبيدار خان جو نالو ڏنو ويو ته ٻئي هوش محمد سڏيو. فقيرداد مير صوبيدار خان کي هٿن ۾ کڻي نرڙ تي چمي ڏني هئي. ٽن ڏينهن تائين محل ۾ رداليون سندن سينو پٽينديون رهيون هيون. چوٿينڏينهن سبحان خاتون سميت مير جون ست ئي زالون عدت ۾ وٺيون هيون. پر مير فتح اها وسعيت ڪئي هئي ته ڇهين ڏينهن تي مير صوبيدار خان جو سنڌي رسمن موجب ڇٽي ڪئي وڃي. ماءُ مائٽاڻيون سونا وٽا کير جا ڀري سبحان خاتون ڏانهن آيون هيون. فقيرداد مولوي عبدالڪريم کي وٺي آيو هو، جنهن مير صوبيدار جي ڪن ۾ آذان ڏني هئي.
    ان جي پنج مهينن بعد مير صوبيدار جو عقيقو ڪيو ويو. اها هڪ شاهي دعوت جئي، شهر جا باغ ۽ اوطاقون خوب سجايون ويون هيون. محل جي تلاءَ ۾ بدڪن جو نئون جوڙو ڇڏيو ويو هو، هر طرف خوشيون ئي خوشيون هيون. شاهي بورچي زردو ۽ پلاءُ پچائڻ ۾ مصروف هئا. محل ۾ حجمن جو ٿلهيون متاريون عورتون سهارا ۽ لاڏا ڳائي رهيون هيون. فقيرداد مرادي ۽ هوش محمد کي پڻ گهرائي ورتو هو، شام جو مير صوبيدار ۽ هوش محمد کي گهوٽن جيان تيار ڪري گھوڙن تي ويهاري شهر جو سير ڪرايو ويو هو، هر طرف ناچ گانو ۽ خوشي جا منظر هئا. سج لهڻ مهل ٻنهي کي اوطاق تي آندو ويو هو ۽ هڪ ٿلهي حجم سندن طوهر ڪئي هئي.
    ستن سالن تائين مير صوبيدار ۽ هوش محمد ڀائرن جيان گڏ رهيا. کين فقيرداد گهوڙيسواري ۽ جنگي مشقون ڪرايون هيون.
    پندرهن سالن جي عمر هوش محمد سان گڏ مير صوبيدار شڪار تي نڪتو، کجين جي وڻن وارو رستو پار ڪري هو ٻيلي ۾ داخل ٿيا هئا، ڪجهه اڳڀرو ٿيا، پر شڪار هٿ نه آين. ان تي مير صوبيدار چيو هوس:
    ”هوش محمد ڇا خيال آهي هاڻي واپس ورڻ گهرجي.“
    ”مير سائين،“ هوش محمد جواب: ”خالي هٿين موٽڻ بيعزتي آهي، ٿورو اڳيان هلي ڏسون ٿا.“ ٻئي ٻيلي ۾ اڳيان وڌڻ لڳا هئا. هنن کي هڪ طرف دونهون نظر آيو ۽ هو ان طرف وڌڻ لڳا، هو جڏهن اتي پهتا ته کين هڪ اڇن وارن وارو پوڙهو مليو، جنهنجي اکين جا تارا ڳاڙها هئا، هو نم جي گھاٽي وڻ هيٺان ويٺل هو، منهن تي اڇي گهاٽي ڏاڙهي هوس، سندس جهوپڙي منجهان دونهون ٿي نڪتو. ان وقت سندس اکيون بند هيون ۽ چپن ۾ ڪو ورد ڪري رهيو هو. ٻئي دوست هن ڏانهن وڌيا.
    ”بابا.... بابا.....“ مير صوبيدار پوڙهي کي سڏيو. پوڙهي اکيون کولي هنن ڏانهن ڏٺو هو، مير صبيدار جي نظر جئين ئي هن جي ڳاڙهين اکين تي پئي ته هو ڏڪي ويو. پوڙهي هڪ نظر مير صوبيدار کي ڏسي هوش محمد ڏانهن ڏٺو ته سندس نظرون هن تي ڄمي ويون هيون. ڪجهه پل هوش محمد کي تڪڻ بعد هن آسمان ۾ نيهاريو هو.
    ”بابا ڇا ٿيو؟“ هوش محمد گوڏن ڀر ويهي پڇيو هوس.
    ”ٻچا،“ پوڙهي هوش محمد جي نرڙ ۾ ڏسندي چيو: ”تون ته پنهنجي وطن جي خفاظت ڪرڻ لاءِ ڄائو آهين.“
    ”پر بابا،“ هوش محمد نرم لهجي ۾ چيس: ”آئون ته ڪو حڪمران نه آهيان، بس پنهنجي پيءَ جيان سنڌ جي اميرن جو خادم آهيان.“
    ان تي پوڙهي وڏو ٽهڪ ڏنو هو ۽ پوءِ آسمان ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي چيائين:
    ”جنهن کي وڻيس حڪومت ڏي ۽ جنهن کي وڻيس عزت ڏي.“
    ”بابا،“ مير صوبيدار حيرت منجهان پڇيو هوس: ”ڇا هي اسان کي قتل ڪري اسان جي حڪومت تي قبضو ڪندو.“ ان تي پوڙهي وري وڏو ٽهڪ ڏنو هو.
    ”نه پٽ، هي هڪ سپاهي جيان جئيندو ۽ هڪ سپاهي ٿي مرندو، پر سندس بهادري قيامت تائين ياد رکي ويندي، دشمن به کيس سلامي ڏيندا.“ ٻنهي ڇوڪرن جي اڻتڻ وڌي وئي، هوش محمد خاموشي ۾ اٿيو هو.
    ”پٽ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ پوڙهي هوش محمد کان پڇيو.
    ”هوش محمد شيدي،“ هن جواب ڏنو هوس، پوڙهي هاڪاريءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو هو ۽ وري اکيون بند ڪيون هئائين. ٻئي يار خيرپور ڏانهن وريا هئا.
    اها هڪ طوفاني رات هئي، فقيرداد کي نياپو مليو ته سندس سهرو گذاري ويو آهي، ان ڪري هن مرادي ۽ هوش محمد کي حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو، مرادي جون ٻه ڀينر ۽ ڀاءُ رسول بخش انهيءَ ڳوٺ ۾ رهيل هئا، هي ڳوٺ ٻنين جي وچو وچ هو جنهن ۾ قمراڻين ۽ خاصخلين جا چاليهه کن گهر هئا، ڳوٺ جون ٻنيون قمراڻين کي ميرن طرفان تعفي ۾ مليل هيون. خاصخلين جا ٻه ميهن جا واڙا هئا. گهر ڪچا ۽ ٻاهران لوڙهو ڏنل هئا، ڳوٺ جا مرد رات جو گڏ ٿي ڪچهري تي ويهندا هئا، ڪڏهن پروليون ٻڌائبيون هيون ته ڪڏهن وري لوڪ داستانون، ڪڏهن ته مرد ڳجهارتون ڀڃندي ڀڃندي اڌ رات ڪري ڇڏيندا هئا. ملهه، ڪڪڙن جي ويڙهه ۽ گڏهن جي گوءَ ۾ پڻ مردن کي مزو ايندو هو. مردي سندس ڀاءُ رسول بخش جي گهر ۾ رهي، گهر ۾ ٽي ڪمرا هئا، وڏو کليل پڌر جتي ڪڪڙ سج چڙهي کان سج لٿي تائين پيا ڦرندا هئا. اونهاري جي مند ۾ سج لٿي گهر ڀاتي اڳڻ تي پاڻي جو ڇٽڪار ڪري کٽون ڪڍندا هئا.
    ٽئجي واري رات هوش محمد خيرپور ورڻ جو فيصلو ڪيو، پر رات دير سان سندس مامي ڌمي ڪارڻ گذاري وئي، هاڻي رسول بخش جو گهر عورت کان خالي ٿي ويو، هن سان رڳو سندس تيرهن سالن جي زرينه هئي، مرادي ڀاءُ سان رهڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي ڪري هوش محمد کي به اُتي ئي رهڻو پيو. فقيرداد کي ان ڳالهه تي ڪوبه اعتراض نه هو، ڏينهن گذرڻ لڳا ۽ زرينه جي جواني نکرڻ لڳي.
    اها اونهاري جي هڪ گرم شام هئي، هوش محمد گهر ۾ نه هو، رسول بخش اڳڻ ۾ رکيل کٽ تي ليٽيل هو. مرادي رڌڻي منجهان ڪم ڇڏائي ڀاءُ سان اچي ويٺي.
    ”ادا،“ هن ڀاءُ کي چيو هو.
    ”جي ادي،“ رسول بخش اٿي وهندي چيس.
    ”تو زرينه بابت ڇا سوچو آهي؟“ مرادي ڀاءُ کي ڏسندي پڇيو.
    ”بس ادي جيڪو نياڻي جو نصيب،“ رسول بخش آهه ڀري آسمان کي ڏسندي جواب ڏنو. زرينه هئي ته رڌڻي ۾ پر ڪن پڦيءَ ڏانهن هيس.
    ”جيڪڏهن توکي خراب نه لڳي ته هڪ ڳالهه چوان،“ مرادي هوريان ڀاءُ کي چيو.
    ”ها ادي چئو،“ ڀاءُ کيس ڏسندي جواب ڏنو.
    ”آئون توکان هوش محمد لاءِ زرينه جي ٻانهن ٿي گهران،“ مرادي چيس، ان تي رسول بخش جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
    ”ادي اها ته ڀلي ڳالهه آهي مونکي باقي ٻيو ڇا گهرجي.“ ٻئي ڀيڻ ڀاءُ خوشيءَ ۾ مرڪڻ لڳا، رڌڻي ۾ ويٺل زرينه جي منهن تي حياءَ به اچي ويو ته خوشي جو احساس به ٿيس. مرادي اٿي رڌڻي ۾ آئي ۽ ڳڙ جي مٺائي جي لپ ڀري ٿالهي ۾ ڀري رسول بخش ڏانهن کڻي آئي هئي. ان بعد مرادي زرينه کي ڀاڪر پائي نرڙ تي چمي ڏني هئي. ان ڏينهن کان زرينه هوش محمد کي ڏسي ته شرم وچان ڪمري ۾ لڪي وڃي. هوش محمد کي زرينه جي اهڙي ورتاءُ تي تعجب ٿيو هو ۽ سمجهه ۾ نٿي آيس ته هوءَ ائين ڇو ٿي ڪري....!!
    اهو منجهند جو وقت هو مرادي پاڙي ۾ ويل هئي، جڏهن تي رسول بخش ٻني ۾ ڪم ٿي ڪيو، هوش محمد موقعو ڏسي گهر ويو.
    ”امان.... امان......“ هوش محمد ماءُ کي سڏيو. سندس ڪڙڪ آواز ٻڌي زرينه ڏڪي وئي، حياءَ جي هڪ لهر منهن ڳاڙهو ڪري ويس ۽ مٿي تي پوتي رکي ڪمري ڏانهن ڀڄي وئي ۽ در وٽان بيهي نظرون زمين ۾ ڪري چيائين:
    ”پڦي پاڙي ۾ وئي آهي.“ هوش محمد هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ڪمري ڏانهن وڌيو، ته زرينه ڏڪڻ لڳي، هو در جي ٻاهران بيٺو ۽ ڳالهايائين:
    ”زرينه تون مونکي ڏسي ائين لڪي ڇو ٿي وڃي؟“ زرينه کان هلڪڙو ٽهڪ نڪر ويو، پر پاڻ تي قابو ڪيائين.
    ”ڇا ٿيو؟“ هوش محمد حيرانيءَ منجهان پڇيس. هن رئو ڏندن ۾ ڏيندي چيو:
    ”ڪجهه به نه.“
    ”ته پوءِ تون ائين ڇو ٿي ڪرئين؟“ هوش محمد وري پڇيس.
    ”اسين سنڌي ڇوڪريون شادي کان اڳ پنهنجي ور اڳيان نه اينديون آهيون.“ زرينه هوريان چيس ته هوش محمد جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ تڪڙو گهر کان ٻاهر هليو ويو هو.
    شعبان جي 13 تاريخ تي هوش محمد جي شادي لاءِ سڄو ويڙهو گڏ ٿيو، دهل شرنايون ٿي وڳيون، قمبراڻي قبيلي جا جوان نچڻ ڪڏڻ لڳا. زرينه جا هٿ مهندي سان ڳاڙها ڪيا ويا هئا، سندس سس کيس پنج وڳا ڏاج ۾ ڏنا. گهر ۾ عورتون لاڏا ۽ سهرا چئي رهيون هيون:
    ”راڻا تو مان لک ٿيندا راڻا تو مان راڄ ٿيندا......“
    هوش محمد کي اڇي شلوار قميص، اڇو پٽڪو پاريو ويو، پوءِ کيس موڙ ۽ ڳانا ٻڌا ويا، ۽ کيس اوطاق ۾ ويهاريو ويو. مولوي رزاق سندس نڪاح پڙهايو، ٽي وڪيل اندر ويا ۽ جڏهن زرينه ٽي ڀيرا ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ته هر طرف کان مبارکن جا آواز بلند ٿيا، روڙيون ۽ پتاشا ورهايا ويا. دهل ۽ شرنايون وڄڻ لڳيون هيون.
    شادي جي ڇهن سالن کانپوءِ کين پٽ ڄائو، جنهنجو نالو هنن ڪريمداد رکيو، جيڪو هاڻي 17 سالن جو ٿي چڪو هو ۽ سندس زندگيءَ جي پهرئين ملهه وڙهڻ وارو هو.
    هوش محمد جي نظر پريان کان ايندڙ گهوڙيسوار ڏانهن وئي، جيڪو مٽي اڏائيندو هن ڏانهن ٿي وڌيو، دهل وڄڻ بند ٿي ويا، ناچ گانا ماٺ ۾ ٻڏي ويو، هوش محمد کٽ تان اٿي بيٺو.


    7

    هڪ ڊگهو ڳڀرو جوان، جنهن جي ڪڻڪائي منهن تي ڪايون گهاٽيون مڇيون هيون گهوڙي تان هيٺ لهي هوش محمد جي بلڪل سامهون اچي بيٺو، کيس اڇي قميص، وڏن پاچن واري شلوار پهريل هئي، سندس منهن اڇي پٽڪي جي پلاند سان ڍڪيل، ان همراهه جئين ئي منهن تان پلاند پري ڪيو ته هوش محمد سندس چمڪندڙ اکين ۾ ڏسي نالو کنيو:
    ”ڄام چاڪر خان جوکيو.“ ۽ پوءِ ٻئي ٻانهون چيلهه تي رکي چيائين:
    ”اچ ميدان ۾ اول تنهنجو قرض لاهڻو آهي.“ ماڻهن پهرين هوش محمد کي پوءِ ڄام کي ڏٺو. ڄام چاڪر خان جوکيو ملير جي نواب جو ڀائٽيو هو. هوش محمد جي ڳالهه ٻڌي سندس منهن تي پرسڪون مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
    ”چئبو ته عظيم ويڙهاڪ هوش محمد، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جو سپهه سالار آهي ڄام چاڪر خان جو پراڻو قرض لاهڻ لاءِ بيتاب آهي.“
    ”ڄام چاڪر خان،“ هوش محمد به پرسڪون لهجي ۾ چيس: ”اسان پنهنجي وڏڙن کان ٻڌو آهي ته پلاند ڪڏهن پراڻا نه ٿيندا آهن.“
    ”ته پوءِ وڏڙن جي ڳالهه اکين تي، شاعرن کي گهرايو ته جئين ڄام چاڪر ۽ هوش محمد جي ملهه جو داستان ڳائي سگهن، وڌيڪ ڳالهه ملهه جي ميدان ۾ ٿيندي،“ ڄام چاڪر خان مرڪندي چيس. ٻئي جوان مڙس ميدان ڏانهن وڌڻ لڳا.
    ”دهل وڄائي سنڌ واسين کي ٻڌايو ته بهادر ڄام چاڪر هوش محمد جي آمهون سامهون آهي،“ هوش محمد مرڪي چيو. دهل وڄڻ لڳا، هوش محمد پٽڪو ۽ قميص لاهي ڪريمداد کي ڏنا، ڄام چاڪر به ائين ئي ڪيو. سندن ويڪرن سيني تي تيل مکجڻ شروع ٿيو. ان کانپوءِ ٻنهي جوانن مٽي جي مٺ ڀري سينن ۽ ٻانهن تي هنئين. بابا مراد علي، جيڪو پڪي عمر جو مرد هو، هٿ ۾ لٺ هيس، وچ ميدان تي اچي بيٺو ۽ تاڙي وڄائي وڏي واکي ڳالهائڻ لڳو:
    ”ڀائرو اسان خوشنصيب آهيون جو سنڌ ڌرتيءَ جي ٻن بهادر جوڌن جو مقابلو ڏسڻ لاءِ مليو آهي،“ هن هڪ پل لاءِ چپ ٿي ميدان تي گولائي ۾ بيٺل ماڻهن ڏانهن ڏٺو.
    ”منهنجي ساڄي هٿ تي هوش محمد بيٺل آهي،“ جڏهن ماڻهن سندس نالو ٻڌو ته خوشي منجهان سيٽيون وڄائڻ لڳا.
    ”۽ منهنجي کاٻي هٿ تي،“ هٿ هوا ۾ لوڏي ماڻهن کي خاموش ڪرائيندي چيو: ”اسان جو پنهنجو ڄام چاڪر خان جوکيو بيٺل آهي، جنهن جي اڳيان شيهن به جهڪي پون، هي ئي اهو واحد شخص آهي جنهن هوش محمد کي ملهه جي مقابلي ۾ مات ڏني.“
    ”اها منهنجي لاءِ،“ هن وري ڳالهايو: ”فڪر جي ڳالهه آهي آئون ٻيو ڀيرو هنن ٻن جوانن جو وچي ٿيو آهيان. آئون گواهي ٿو ڏيان ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي ۽ مٺڙو محمد الله جو رسول آهي.“ جنهن هن نبي صه جو نالو ورتو ته ٻئي آڳوٺا اکين تي رکيائين:
    ”جيڪڏهن آئون مراد علي ٻنهي جوانن منجهان ملهه دوران ڪنهن هڪ جي به طرفداري ڪريان ته ان ويل ئي منهنجو ساهه هليو وڃي.“ هڪ پل کانپوءِ هن وري چيو:
    ”هاڻي آئون ٻنهي جوانن کي هٿ ملائڻ جو چوندس.“ ٻئي جوڌا آمهون سامهون آيا ۽ هڪ ٻئي سان هٿ ملايائون. مراد علي هنن جي وچ ۾ اچي بيٺو. اڃا ملهه شروع ٿيڻ واري هئي جو ڪريمداد گهر ڏانهن ڀڳو. سندس ڏاڏي مرادي ۽ ماءُ زرينه رڌڻي ۾ هيون، ڪريمداد تڪڙ ۾ هڪ ڪڪڙ پڪتو، ته ڏاڏي رڌڻي منجهان ئي رڙ ڪيس:
    ”ڇورا ڇا ٿيو؟“ پر ڪريمداد بنا جواب ڏني وري ميدان ڏانهن ڀڳو ۽ سهڪندو سهڪندو اتي پهچي ٻانگو مٿي ڪري رڙ ڪيائين:
    ”آئون هن ٻانگي جي شرط ٿو رکان ته هي مقابلو منهنجو بابا کٽيندو.“ هن اڃا اهو مس چيو جو ڪڪڙ سندس هٿن منجهان ڇڏائجي ويو ۽ ميدان ۾ ڀڄڻ لڳو، ميدان ۾ بيٺل ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا، ڪريمداد ۽ ڪجهه ٻار ڪڪڙ پٺيان لڳا. ڪڪڙ مٽي جي ڀٽ تي ويٺو ته ڪريمداد ان کي پڪڙي ورتو ۽ ميدان ڏانهن کڻي آيو. ٽن بازين منجهان پهرين بازي شروع ٿي. جام چاڪر هوش محمد جي چيلهه ۾ هٿ وجهي کيس زمين تي ڦهڪايو، هر طرف خاموشي ٿي وئي. ڄڻ ماڻهن کي نانگ سونگهي ويو هجي. هوش محمد مرڪندو اٿيو، ٻئي بازي ۾ هن ڄام چاڪر کي ڦيرائي ڦيرائي پٽ تي هنيو ته دهل وڄڻ لڳا، ٽئين بازي ۾ به هوش محمد جوکيو سردار کي کڻي پٽ تي هنيو ته ڪريمداد خوشيءَ وچان نچڻ لڳو.
    هوش محمد ڄام چاڪر خان کي مٿي اٿاري ڀاڪر پائيندي چيو:
    ”هاڻي پلاند پورو ٿيو،“ ٻئي يار ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا.
    ”منهنجي بهادر ڀاءُ ۽ دوست ڄام چاڪر خان جوکيو مون ڏانهن قرب جا قدم ڀري منهنجي عزت افزائي ڪئي آهي، هن لاءِ دعوت جي تياري ڪئي وڃي.“
    ٻئي يار اوطاق تي آيا، دعوت اڌ رات تائين هلندي رهي. جڏهن اوطاق تان رش گهٽجڻ لڳي ته ڄام چاڪر ٻن ويهاڻن کي ٽيڪ ڏيندي چيو:
    ”ڪلاچي ۾ فرنگي وڌندا پيا وڃن، هن چاچا سائين کي پاڻ وٽ گهرايو آهي.“
    ”هي ته ڪا چڱي خبر نه آهي،“ هوش محمد هيٺ زمين کي ڏسندي چيو. ڄام چاڪر خان اٿي بيٺو ته هوش محمد به اٿيو، ڄام هن جي ڪلهن تي هٿ رکي چيو:
    ”سنڌ جا امير تنهنجي ڳالهه مڃئندا آهن، هنن کي چئو ته هنن حرامخور فرنگين سان هاڻي ڪونه معائدو نه ڪن، هي فرنگي اسان جي آزاد وطن کي غلام بڻائي ڇڏيندا.“
    ”هون....“ هوش محمد هاڪاريءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
    ”هو هتي تجارت ڪرڻ آيا هئا ۽ هاڻي سموري سنڌ تي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا.“ ڄام چاڪر خان هوش محمد جي ڪلهن تي هٿ رکي جوش منجهان چيو، هوش محمد خاموش رهيو.
    ”منهنجا عزيز دوست؛“ ڄام چاڪر بيقرار ٿيندي چيو: ”تنهنجي اميرن تائين رسائي آهي هنن کان اجازت وٽ ته پاڻ حملو ڪريون.“
    ”منهنجا ڀاءُ،“ هوش محمد نرم لهجي ۾ جواب ڏنس: ”پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ اسان کي ڪنهن جي به اجازت نه گهرجي ۽ مونکي پڪ آهي ته دير سوير امير به هنن مڪار فرنگين خلاف جنگ جو اعلان ڪندا.“ هوش محمد ٻاهر ڪاري آسمان کي ڏٺو، ڄام چاڪر خان هن وٽ آيو ۽ ڪلهي تي هٿ رکيائنس، هوش محمد هن کي ڏٺو، سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ پوءِ وڏو ساهه کڻي چيائين:
    ”مر ويسون مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون.“ اهو ٻڌي ڄام چاڪر جي منهن تي پرسڪون مرڪ اچي وئي. ٻنهي يارن ڀاڪر ڀريو هو.
    ”پوءِ ڇا صلاح آهي؟” ڄام چاڪر پڇيس.
    ”اوهان پنهنجو لشڪر تيار ڪريو،“ هوش محمد سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو. ڄام چاڪر وري مرڪيو ۽ جوش ۾ هوش محمد جو چيل جملو ورجائين:
    ”مر ويسون مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون.....“
    صبح سويري ڄام گهوڙي تي چڙهي ڪراچي لاءِ روانو ٿيو.


    8

    1840ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي ڪچن گهرن، مٽيلي رستن ۽ کليل ميدانن وارو شهر هو، فرنگين شهر کان ٻاهر ڇاوڻي اڏي ڇڏي هئي، نيپئر کي ڪراچي جي آب هوا سان عشق ٿي ويو هو. اهو شام جو وقت هو نيپئر آسپاس جي سردارن کي ڇاوڻيءَ ۾ گهرايو. هو وڏي هال ۾ ماني جي وڏي ٽيبل تي ويٺل هئا، نيپئر جي کاٻي هٿ تي سندس زال ويٺل هئي، هال ۾ ٻيا افسر ۽ سندن زالون ۽ مڱيديون ويٺل هيون. ميز جي آخري ڪرسي تي ڳاڙهي چپاٽي ڏاڙهي ۽ اڇي پٽڪو ٻڏل جوکيو سردار ويٺل هو، سندس ڪنڌ هيٺ جهڪيل هو. نيپئر سندس پسنديده نموني تريل مرون جي ران جو گوشت ڇري سان ڪٽي ڪنڊ ۾ ويٺل پوڙهي سردار سان مخاطب ٿيو:
    ”ڄام صاحب ڇا اوهان ان ڳالهه تي خوش نه آهيو ته مُهذب ماڻهن جو هڪ ٽولو اوهان کي تهذيب سکارڻ آيو آهي.“ نيپئر جي ساڄي هٿ تي گنجو، ٿلهو 58 سالن جو پوپ ويٺل هو، سندس منهن ۽ ڳيچي گرمي ڪري هر وقت ڳاڙها رهندا هئا، هن طنز ۾ ٽهڪ ڏنو ته سندس پيلا ڏند ظاهر ٿيا.“
    ”اسان سنڌين؛“ ڄام نرم لهجي ۾ ڳالهايو: ”جي اها ريت آهي ته اسان پنهنجي مهمانن کي دل سان ڀليڪار چوندا آهيون، پوءِ اهي مهمان اسان وٽ بنا دعوت جي ئي ڇو نه اچن، اسان عربن سان به اهو ئي ڪيو، ان کانپوءِ فارسي، ارغون، ترخان ۽ مغل آيا، هاڻي اوهان مهذب انگريز اچي ڪڙڪيا آهيو.“ ڄام جو اهو جملو اُتي موجود ڪنهن به فرنگي کي نه وڻيو، تان جو سندن ميم صاحبائن به منهن ٺاهيا هئا.
    ”ڄام صاحب؛“ نيپئر ڪاوڙ ۾ ميز تي مُڪ هڻندي چيو: ”تان جو اوهان هتان جا سردار آهيو، پر اسان جي موجودگي احترام لازمي آهي.“ پوڙهي ڄام جي برداشت کان اهو بيعزتي ٻاهر هئي، ۽ ڪرسيءَ کي ڪاوڙ ۾ پٺيان ڪري اٿي هليو ويو.
    ”هي شخص اسان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو،“ پوپ گنج کنهيدي چيو.
    ”آئون سيوڻ تي فوجڪشي ڪندس جتي سڪندر اعظم سندس يادگار ٺاهي هئي،“ نيپئر جوش ۾ چيو.
    ان رات جڏهن نيپئر ستو ته کيس صيفلونيا خواب ۾ نظر آيو هو، هي اها علائقو هو جتي هن وڏو عرصو حڪومت ڪئي هئي ۽ جتي سندس حقيقي جنگي صلاحيتون نروار ٿيون هيون، کيس خواب ۾ سندس ڀاءُ وليم به نظر آيو، جيڪو سندس هر ڀري ۽ وحشي عمل جي وڪالت ڪندو هو. هن ڏٺو ته وليم برٽش پارليمان ۾ بيٺل آهي، هائوس آف لارڊس ۾ چارلس نيپئر تي خوب تنقيد ٿي رهي، 45 سالن جي وليم جي منهن تي پرسڪون مرڪ هئي، هو ان وقت لارڊ آف سيلسبري جي پاسي کان ويٺل هو، هڪ آواز آيو هو:
    ”هاڻي وليم نيپئر کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏجي ٿو.“ جوان قداور نيرين اکين وارو وليم نيپئر اٿي ڳالهائڻ شروع ٿو ڪري:
    ”صيفولنيا ۾ سر چارلس نيپئر جبل چيري رستا اڏيا، اُتي هن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي خدمت لاءِ بندرگاهون آڏيون، ٻني ٻاري جا نئوان طور طريقا ڏنا، هن اُتان جي رهزن جاگيدارن سان جنگ ڪري عوام کي جئيڻ جو حق ڏنو، اُتان جو عوام کيس ديوتا طور پوڄي ٿو.“ ۽ لارڊ ايڊم وليم جي تنقيد تي نقطه چيني ڪندي چيائين:
    ”سندس هر ڪم ۾ ڪمشنر ساڙ جي بنياد تي رنڊڪ ٿي وڌي، ۽ سر چارلس نيپئر جهڙي رحمدل انسان تي ظالم هجڻ جا الزام هنيا.“ ان جملي تي نيپئر جي اک کولي وئي ۽ پوءِ کيس ننڊ نه آئي.
    اها نئين سال جي شام هئي، ڇاوڻي تي موجود توپن منجهان گولن جا آواز ٿي آيا، جوان افيسر شراب پئي رهيا هئا ۽ سندن ميم صاحبائن سان نچيا ٿي. نيپئر سندس آفيس ۾ ويهي سنڌ جي نقشن تي غور ويچار ٿي ڪيو. هڪ سپاهي هڪ مڪاني هندو سيٺ هوت چند کي نيپئر وٽ وٺي آيو، جنهن جي مٿي ڳاڙهو تلڪ ۽ اڇي پڳ هئي، هن ٻئي هٿ جوڙي نيپئر کي ”رام رام“ ڪيو ته نيپئر کيس حيرت ڀري نظرن سان ڏٺو. هوت چند ڇاوڻي وارن کي مال وڪرو ڪري ڪري مڙئي انگريزي سکي ورتي هئي.
    ”حضور،“ هوت چند ٻئي هٿ جوڙي ڳالهايو: ”اوهان لاءِ هڪ خاص خبر آهي.“
    ”ڪهڙي خبر...!!“ نيپئر ويتر حيرت منجهان کيس ڏسندي پڇيو.
    ”هوش محمد ۽ ڄام چاڪر خان جوکيو انگريز ماباپ خلاف ويڙهه ڪرڻ وارا آهن،“ هوت چند رازداري واري نوع ۾ چيس. اهو ٻڌي نيپئر کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيائين:
    ”هنن ٿلهن بيڊولن ميرن وٽ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪا اسان جي فوج سان وڙهندا...!!“ هوت چند خاموشي ۾ سر هيٺ ڪري ڇڏيو.
    هوت چند سندس ٻار ۽ ٻه ڀائر لوڪ چند ۽ تارا چند اصل شڪارپور جا هئا، ڪاروبار ڪندا ڪندا هو خيرپور ۾ آيا، جتي هڪ ڀيري ميرن هوت چند سان جهٽ ڪئي هئي، سندس منهن ڪارو ڪري گڏه تي چاڙهيو هون ۽ وچ بازار ۾ سندس گوڏ لاهي طوهر ڪرائي خوش ٿيا هئا، اتان جان بچائي هواول حيدرآباد آيو ۽ پوءِ ڪراچي جتي هو جوکين ۽ ميمڻن جي وچ ۾ ڪاربار ڪرڻ لڳو هو، ڪمپني بهادر 1836ع کان ئي ڪراچي ۾ ترسيل هئي. هوت چند کي اڪثر سندس ميرن هٿان تذليل ياد ايندي هئي ته سندس روح تڙپي اٿندو هو ۽ پوءِ هو انگريزن جو ميرن خلاف خبري ٿي ويو. کيس من ئي من پنهنجي ڌرتيءَ خلاف اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ تي ندامت به ٿيندي هئي، پر وري جڏهن ميرن هٿان مليل ذلالت ياد ايندي هوس ته هو پاڻ کي دلاسو ڏيندو هو ته هو سنڌ ماتا خلاف نه پر وحشي ميرن خلاف آهي.
    هوت چند جي 45 سالن جي زال لالي مائي هڪ ٿلهي عورت هئي، رنگ جي سانوري، سينڌ ۾ ڳاڙهو سندرو ۽ نرڙ تي گول ٽڪو هر وقت هوندو هيس، اڪثر هلڪي رنگ جون ساڙيون پائيندي هئي. ٽئي ڀائر ٽي منزله گهر ۾ رهندا هئا، سڀني کان هيٺ هوت چند، وچ وارو حصو تارا چند حوالي هو، جڏهن ته لوڪ چند مٿئين حصي ۾ رهندو هو. ٽنهي ڀائرن جي اولاد جو انگ پنج هو، انهن منجهان سڀ کان وڏي هوت چند جي اڻويهه سالن جي ڌيءَ ڦاڪان هئي، ڦاڪان تي ماءُ جي رنگ جو ذرو به اثر نٿيو هو ۽ ڏينهنو ڏينهن هوءَ خوبصورت ٿيندي ٿي وئي. چند خاندان جون چارئي مايون سڄو ڏينهن آچار لاءِ مصالا تيار ڪرڻ ۽ پاپڙ سڪائڻ ۾ گذارينديون هيون. پاڙي ۾ اهي ڳالهيون به هليل هيون ته ڦاڪان جو ڄام مهر علي جي گوڌ ورتل پٽ سجاد جوکيو سان ڪو چڪر پيو هلي، پر هوت چند ۽ سندس ڀائر ان کي به سازش سمجهي نطر انداز ڪري ڇڏيندا هئا. پاڙي جا سڀ گهر تقريبن ساڳي طرح اڏيل هئا. ڏکڻ طرف ننڍڙي بازار هئي، جتي سڀ کان وڌيڪ هٽڙيون هوت چند پارين جون هيون جن جو نالو هنن پنهن ڏاڏي تي ”راءِ چند هٽڙيون“ رکيو هو، اهي چيڪي مٽي ۽ گاري جا ٺهيل ننڍڙا دڪان هئا. هنن وٽ ڪپڙي، ڪريانه ۽ آچار جو وڏو ڪاروبار هو.
    لالي مائي ڦاڪان ۽ ٻن ڏيراڻين سان گڏ آچار لاءِ ڳاڙها مرچ ڪٽڻ شروع ڪيا.
    ”ادي لالي،“ لوڪ چند جي خوبصورت زال پُنسي مرچ اکلي ۾ وجهندي چيس: ”مُني جي پيءَ جو خيال آهي ته اسان حيدرآباد جو چڪر ڏئي اچون.“
    ”ڇو..؟“ لالي مائي ساڙي جي پلو سان ڳيچي جو پگهر اگهندي چيس، هو ماڙي تي ويٺل هيون.
    ”اُتي ڪو اڏواڻي خاندان آهي، ڪپڙي جا واپاري آهن مُني جي پيءَ ان خاندان ۾ مُني جي وواهه جو فيصلو ڪيو آهي.“ پُنسي مرچن جي مٺ اکلي ۾ وجهندي چيس.
    ”اڇا،“ لالي مائي خوش ٿيندي چيس، سياري جو سج هو، سو کين تڪڙو تڪڙو ڪم اڪلائڻو هو. ان تي تارا چند جي زال لاجو جنهن کي ڪاٽن جي ڳاڙهي ساڙي پهريل هئي وچ ۾ ڳالهايو:
    ”پنڊت جي ڳالهه مندر ۾ ٻڌايو ٿي ته ايندڙ سال سنڌ ۾ وڏي ويڙهه ٿيڻ واري آهي جنهن ۾ ڪيترا ئي سنڌي جوان مرندا.“
    ”هي رام،“ لالي مائي ٻئي هٿ جوڙي آسمان ڏانهن ڏسندي چيو: ”ڇو وحشي ماڻهو اسان جي سک شانتي واري ڌرتيءَ کي تباهه ڪرڻ پٺيان پيا آهن.“ ۽ پوءِ هو چارئي خاموشي سان ڪم ڪرڻ لڳيون آچار برنين ۾ وجهي ماڙي تي رکي هيٺ لهي آيون.
    سج لٿي جڏهن هوت چند گهر پهتو ته آسمان ڪارو ٿي رهيو هو، ڦاڪان کي اُتي موجود نه ڏسي حيرت منجهان زال کان پڇيائين:
    ”ڦاڪان ڪٿي آهي؟“
    ”مٿي ماڙي تي هوندي،“ لالي مائي جواب ڏنس ته هو حساب جون بنديون کولي ويهي رهيو. تان جو اهي ڊسمبر جا آخري ڏينهن ها، پر ان هوندي به ڪراچي ۾ ٻين علائقن جي مقابلي سيءَ جي سٽ گهٽ هئي. ماڙي تي بيهي ڦاڪان سياري جي اداس چنڊ کي تڪيو، گذريل ڪجهه مهينن کان سندس جذبا ۽ ڪيفيتون مٽجي رهيون هيون، هن سجاد جوکيو بابت سوچيو ته من اندر ۾ ڪتڪتايون ٿيڻ لڳس، کيس سجاد جا کهرا هٿ سندس نرم نازڪ بُت تي گهمندي محسوس ٿيا هئا، اهي هٿ سندس نرم گول ڇاتين ڏانهن وڌندي محسوس ٿيا. ڦاڪان هيٺ پٿريلي گهٽي ڏانهن ڏٺو، کيس ڪجهه بيچين مرد هيڏانهن هوڏانهن گھمندي نظر آيا. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ جي اميرن ڪراچي جا دروازا ايسٽ انڊيا ڪمپني تي کولي ڇڏيا هئا، جنهن بعد هن خوبصورت وسندي ۾ ڏڦير ۽ بيچيني جو عالم وڌڻ لڳو هو. هوءَ وري سندس خيالن ۾ ٻڏي وئي، کيس هڪ سال اڳ جو اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن ڄام سجاد جوکيو سان سندس پهريون ڀيرو نظرون مليون هيون. اهي هوليءَ جا ڏينهن هئا ڪراچي جي گهٽين ۾ هر طرف رنگ ئي رنگ پکڙيو پيو هو، نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون وڏي کليل ميدان ۾ نچي ڪوڏي هڪ ٻئي تي نيرو، پيلو، سائو ۽ ڳاڙهو پاڻي اڇلائي رهيا هئا، نه ڪو هندو هو نه ئي وري ڪو مسلمان، نه ڪو ڇوت ني ئي وري ڪو اڇوت، بس هڪ خوشحال قوم جيڪا هر مذهبي ڏيهاڙو ساڳي ادب ۽ احترام سان ملائندي هئي، ٻئي جي مذهب جو احترام انهن لاءِ پنهنجي مذهب جي احترام برابر هو. ان هولي واري ڏيهاڙي هر سال جيان سنڌي هندو عورتون رنگ برنگي ساڙيون پائي صبح سويري مندر ڏانهن ويون هيون، ائين ٿي لڳو ڄڻ ديوي ديوتا پاڻ آسمانن تان لهي ڪراچي جي سک ۽ سلامتي جو آشرواڌ ڏئي ويا هجن. ان ميدان جنهنجي ٻنهي پاسن کان جابلو ٽڪريون هيون تي هندو واپارين چوڙين، مٺائي ۽ پاپڙم جا ٺيلا هنيا هئا.
    ڄام مهر علي ميدان جي آخري ڇيڙي تي ٻين مردن سان کٽن تي ويٺل هو، سندس هٿ ۾ ڀنگ جو پيالو هو، ڪجهه هندو وڏڙا جوا ڪري رهيا هئا، ڄام مهر علي پيالي منجهان آخري ڍڪ ڀري پيالو کٽ جي سرهاندي کان رکي ڳاڙهين مڇين تي هٿ ڦيرندي ڳالهايو:
    ”ڀائرو اڄ شام مون سموري بستي جي تفريع لاءِ حيدرآباد منجهان لانگهن کي گهرايو آهي، جيڪي اسان لاءِ دودي سومري جو قصو پيش ڪندا، پنهنجي ٻارن ٻچن سان سج لهڻ مهل ميدان تي اچجو.“ سڀني مردن هاڪاريءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو هو.
    ان ڏينهن شام جو جئين سج لٿو هو ته ڪراچي جا سمورا سنڌي ميدان ۾ گڏ ٿيا هئا، عورتون ڪڇن تي ٻار کنيو اينديون ٿي ويون، جوان ڇوڪريون ٽهڪ ڏينديون ميدان جي هڪ حصي ۾ هيٺ مٽي واري پٽ تي وهنديون ٿي ويون.
    هڪ نوجوان لانگهي جنهن کي ڳاڙهو لباس ۽ پيلو پٽڪو پهريل هو، رنگ جو سانورو ۽ مڇن جي ساوڪ مس آئي هوس، تنهن وچ ۾ بيهي چنگ جي تارن منجهان ساز ڪڍي ماحول خوشگوار ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ٻئي هٿ آسمان ڏانهن اڀا ڪندي دعا گهري هئائين:
    ”سائيم سدائين ڪرئين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرئين.“ ان کانپوءِ هڪ پڪي عمر جو سگهڙ وچ ۾ اچي بيٺو، کيس به مٿي تي پٽڪو پهريل هو، هٿ ۾ ڏنڊو هوس، ٿلهين ڪارين مڇين کي وٽ ڏنائين. ان دوران ڄام مهر علي جي نوڪر ڄام ۽ ان سان گڏ ويٺل بزرگن اڳيان باهه جو مچ ٻاريو هو. سگهڙ ڏنڊو زمين تي هڻي ڳالهائڻ شروع ڪيو:
    ”ڀائرو ۽ ڀئنرو هي داستان اسان پنهنجي وڏڙن کان ٻڌندا پيا اچون ۽ هن عظيم داستان جو ذڪر ڀٽائي گهوٽ پڻ سندس شاعري ۾ ڪيو آهي، مرشد جي شاعري به فقيرن جي سيني ۾ سانڍيل آهي. آئون سگهڙ ڪانڊيرو سنڌي دعا ٿو ڪريان تن ڌڻي اوهان جي سيني ۾ لڪل سڀ شڪ ڏور ڪري، مون هي داستان پنهنجي ابي سگهڙ گيدوڙي سنڌيءَ کان ٻڌي، جنهن سندن ابن ڏاڏن کان ٻڌي.“ هو هڪ پل لاءِ چپ ٿي ويو، هر ڪو کيس غور سان ٻڌي رهيو هو، ڄام جي ماڻهن اڳئين قطار کان مٽي جي ناسي پيالن ۾ کير ورهائڻ شروع ڪيو هو. سگهڙ ڪانڊيري وري زمين تي ڏنڊو هڻي ڳالهايو:
    ”اي الله سائين جيڪڏهن آئون هن داستان منجهان ڪو هڪ لفظ لڪايان يا وري وڌائي پيش ڪريان ته منهنجي ڄڀ ڪٽي ڇڏج.“ ۽ پوءِ هن وڏو ساهه کڻي قصو شروع ڪيو هو:
    ” اسان لانگها سومرو گهراڻي جي دودو ٽيون پٽ خفيف کي سندس بهادري ۽ شجاعت جي ڪري عزت سان ڳائيندا آهيون. ڳالهه ڪجي ٿي سنڌ جي سومري راجا خفيف کي ٻن زالن منجهان ٻه پٽ چنيسر ۽ دودو هئا، راجا خفيف جي وفات کانپوءِ سنڌ جي وڏڙن اهو فيصلو ڪيو ته چنيسر کي سنڌ جي بادشاهي جو تاج ڏنو وڃي، جڏهن اهو وقت آيو ته چنيسر اهو چئي ته: آئون امان کان پڇي اچان، گهر ڏانهن ڀڳو سندس اها ڳالهه سنڌ جي وڏڙن کي پسند نه آئي ۽ دودي کي سنڌ جي حڪمراني ڏئي ڇڏيائون. جڏهن چبيسر ماءُ کي اها خبر پئي ته هوءَ سينو پٽي رڙيون ڪرڻ لڳي:
    انداتا ان کان ته مونکي ڌيءَ جو اولد ڏئين ها. هو طعنو چنيسر جو سينو چيري ويو ۽ حڪمت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏڙن کي گڏ ڪيائين. جڏهن سنڌ جي وڏڙن سندس ساٿ نه ڏنو ته هن مدد لاءِ دليءَ نالي ڏيهه جو زخ ڪيو جتي علادين خليجي نالي ڪو شخص حاڪم هو. ان ڏيهه ۾ رولندي رولندي چنيسر کي ڪيترا ئي ڏينهن ٿي ويا پر درٻار تائين نه پهچي سگهيو. هڪ موقعي جي ڳولا ۾ هو بازارون لتاڙيندو رهيو ۽ شهزادي منجهان فقير جو ڏيک ڏيڻ لڳو. دليءَ جي هڪ ڪوٺي تي هو جمنا نالي نچڻي سان مليو، جنهن جي چمڙي جو رنگ چيٽو، اکيون بادمي رنگ جون ۽ چيلهه جيڏا ڪارا ريشمي وار هيس، نچڻ مهل انگ انگ کي لوڏڻ جي ماهر هئي. سندس گول ڀريل سينو هن جي حسن کي چار چنڊ هنيو ٿي ويو. ملاقات جي ٻين رات جمنا چنيسر جي پاسي کان ليٽيل هئي، چنيسر سوچن ۾ ٻڏل هو. جمنا هن کي ڏسندي سوال ڪيو:
    اي پرديسي! ڇا جمنا جي خوبصورتي تنهنجا هوش خطا ڪيا آهن، يا ٻيو ڪو راز سيني ۾ سانڊيل اٿئي؟
    چنيسر سندس ڪارن ريشمي وارن ۾ هٿ ڦيرندي جواب ڏنس:
    اي سهڻي، قسم تنهنجي ڳاڙهن چپن جو، جن منجهان مون ٻن رات کان عشق جو جام ڀريو آهي، مونکي رڳو هڪ شيءَ ٿي کٽڪي ته سنڌ جهڙي عظيم سلطنت جو شهزادو هوندي به آئون تنهنجي بادشاهه جي درٻار ۾ داخل نه ٿي سگهيو آهيان.“ سگهڙ ڪنهن کي پريان کان ايندي ڏٺو ته خاموش ٿي ويو، هوت چند، سندس ٻه ڀائر گهر وارن سان ميدان طرف ٿي آيا، مرد اڳيان اچي ويٺا، جڏهن ته عورتون ماين سان اچي ويٺيون. ڦاڪان کي گلابي شلوار قميص پهريل هئي، هوءَ لالي مائي جي پاسي کان ويٺي، هن ٻئي طرف ڏٺو هو، سندس نظرون سجاد جوکيو سان مليون، ان وقت کيس مٿي اڇو پٽڪو هو، ڦاڪان جي اکين ۾ عجيب چمڪ اچي وئي ۽ پوءِ حيا ڪارڻ هن اکيون جهڪائ ڇڏيون.
    سگهڙ ڪانڊاري وري قصو شروع ڪيو هو:
    ”جمنا سندس کليل وار چنيسر جي سيني تي ناز سان ڇڏيندي چيس: ته تون هڪ شهزادو آهين...!!
    چنيسر: ها....
    جمنا مرڪندي: ڪهڙي ملڪ جو؟
    چنيسر، ڌرتيءَ کان وڇوڙي جو وڍ سهندي: منهنجو ملڪ سنڌ سڏرائبو آهي.
    جمنا: مون ته ڪڏهن اهڙي ملڪ بابت نه ٻڌو آهي.
    چنيسر هنجي اکين ۾ ڏسندي: ته پوءِ توکي پنهنجي قمست تي ماتم ڪرڻ گهرجي.
    جمنا، اڻتڻ منجهان: اي شهزادا! مونکي پنهنجي ملڪ بابت ڪجهه ٻڌاءَ.
    چنيسر اکيون بند ڪري سندس ملڪ جا واهه، نديون، جبل، گهوڙا، فيصلن سان آباد زمينون ياد ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ آهه ڀري چيائين: منهنجو تعلق هڪ امير ملڪ سان آهي، اتي جا ماڻهو سک ۽ شانتي سان رهندا آهن، هڪ ٻئي جي عزت ۽ پيار سندن ڌرم آهي، بهار جي موسم عورتون امن جا گيت ڳائينديون آهن، گرمين ۾ انبن جو ٻور اسان کي راحت ڏئي ويندو آهي، خزا ۾ به ڏک اسان ڏانهن نه اچي ۽ سردي جو ڀليڪار اسان ماکي مکڻ سان ڪندا آهيون، منهنجي ملڪ ۾ بک ڪارڻ ڪير به نه مرندو آهي، اُتان جا فقير به پيٽ ڀري کائيندا آهن، اهو آهي منهنجو مقدس ملڪ سنڌ. جمنا سنڌ جي اهڙي نظاري جي سونهن ۾ ٻڏي وئي ۽ چنيسر جي مٿان ايندي چيائين:
    جيڪڏهن آئون توکي علادين جي درٻار تائين پهچايان ته مونکي ڇا ملندو؟
    چنيسر جمنا جي بادمي اکين ۾ ڏسندي: آئون سنڌ جي سون سان تنهنجو جسم ڀري ڇڏيندس، چاندي ۾ توريندس ۽ هيرا جوهر تعفي ۾ ڏيندس.
    چنيسر جي اهڙي اڻتڻ تي جمنا کان ٽهڪ نڪري ويو هو ۽ چيائين:
    بس هي شهزادو رڳو ايترو ئي ڪري سگهي ٿو؟
    ان تي چنيسر جوش ۾ چيس: جيڪڏهن اهو ڪم ٿي ويو ته آئون توکي پنهنجي شهزادي بڻائيندس.
    اهو ٻڌي جمنا جون اکيون چمڪڻ لڳيون هيون.
    جمنا جا واسطا علادين جي درٻار جي هڪ خاص شخص سان هئا، ٻن ڏينهن ۾ هن چنيسر لاءِ خليجي جي درٻار جو رستو هموار ڪرائي ڇڏيو.
    علادين خليجي چوچين ڏکين ۽ ٻوچي ڏاڙهيءَ واري شخص هو، جنهن جي چمڙي جي رنگ ۾ پيلاڻ صاف نظر ٿي آئي، چنيسر جي خليجي تي نظر پئي ته دل ئي دل ۾ چئي ويٺو: ڪهڙو نه مڪروهه چهرو اٿس، هن ڪهڙا سٺا ڪم ڪيا هوندا جو هيڏي وڏي سلطنت ملي اٿس..؟؟
    چنيسر مڌن الملڪ نالي شخص سان بيٺل هو، مڌن45 سالن جو ڳاڙهو ڳٽول شخص هو، جنهن جو پيٽ مٽڪي جيان گول ۽ ٻاهر نڪتل هو.
    علادين جي پڇا ڪرڻ تي مڌن احترام ۾ جهڪي ٻڌايس: حضور هي شخص پاڻ کي سنڌ ملڪ جو شهزادو ٿو چئورائي.
    علادين چنيسر کي غور سان ڏٺو هو، چنيسر ساڄو هٿ مٿي ڪري کيس سلامي ڏني ۽ نوڙت ۾ ڪنڌ هيٺ جهڪايو. مڌن وري ڳالهايو: حضور سندس چوڻ آهي ته هن جي ننڍي ڀاءَ دودي سومري کي دوکي سان سنڌ جي تخت تي ويهاريو ويو آهي، اصل حق هي آهي.
    چنيسر: جيڪڏهن دلي جي هن عظيم رياست منهنجي مدد ڪئي ته آئون سنڌ جي نئين حڪمران طور دلي حڪومت جي ماتحت رهندس.
    اهو ٻڌي علادين سوچ ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ اٿي بيهي فيصلي واري انداز ۾ چيائين: اڄ کان اسان چنيسر کي پنهنجو دوست مڃو ٿا ۽ سندس مدد ڪرڻ جو اعلان ٿا ڪريون.
    سڀ درٻاري اٿي بيٺل هئا، سڀني جي واتان واهه واهه کانپوءِ چنيسر کي نئين دوستي لاءِ مبارکون نڪتيون هيون.
    مڪار خليجي سنڌ جي بهادر سپوت دودو سومرو ٽيون کي لکي موڪليو ته جيڪڏهن هو سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت باقي ڏسڻ گهري ٿو ته پوءِ پنج ڪنواريون شهزاديون، هيرا جوهر، ۽ سنڌ جي سالني اُپت جو ٽيون حصو دليءَ حڪومت کي ڏئي.
    بهادر دودوخط پڙهي جوش ۾ اچي ويو ۽ هڪدم درٻار جي بزرگن کي گڏ ڪري اهو معاملو سندن آڏو رکيان.
    ڀونگر (58 سالن جو هڪ بزرگ) جوش ۾ ڳالهايو: 16 پوشتن تائين اسان سومرن آڏو ڪنهن به مڪار اهڙي شرط نه رکي آهي، اهو اسان سنڌين جي غيرت تي ٺٺولي آهي، جيڪڏهن اسان هي ناپاڪ ۽ غليظ شرط قبول ڪيو ته اسان سنڌي ڪنهن به سر کڻي نه جئي سگهنداسين. آئون ته چوان ٿو اسان کي جنگ جو اعلان ڪرڻ گهرجي.
    جئين ته دودي رتوڇاڻ کان پاسو ٿي ڪرڻ چاهيو ان ڪري وڏڙن جي مشوري سان سو گهوڙن ۽ هاٿي جو تحفو مڪار خلجيءَ ڏانهن اماڻيو ۽ سندس خط جي سخت مزاحمت ڪندي خط لکي موڪليائين ته اها شرط سنڌي قوم جي روايتن جي خلاف آهي، سنڌي ازل کان زر ۽ زمين تي سر ڏيندا آيا آهن.
    اها خبر جڏهن چنيسر کي پئي ته هو خلجيءَ جي درٻار ۾ آيو ۽ چيانس:
    دودي سومري کي سندس طاقت تي ناز آهي، ان ڪري ئي ته اوهان جي هيڏي وڏي بيعزتي ڪئي اٿائين.
    مڪار خلجيءَ جي من ۾ ٻئي رٿ هئي، سو هن سنڌ تي ڪاهه جو اعلان ڪيو. چنيسر جي منهن تي مرڪ اچي وئي هئي. جڏهن دودي کي خلجي جي ڪاهه جي خبر پئي ته سنڌ جي بهادر فرزند به پنهنجو لشڪر تيار ڪيو.“ ان تي لوڪ داستان جو پهريون حصو پورو ٿيو هو، ڄام جا خادم کير پيارڻ ۾ مصروف هئا، ڄام چاڪر خان جوکيو، سندس چاچي ڄام مهر علي جي پاسي کان ويٺل، بيقراري منجهان ٻئين حصي شروع ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، سندس من ۾ سنڌ جي رکوالي جو جذبو جوش سان بيدار ٿي ويو هو. ڪانڊري ڳالهائڻ بند ڪيو هو ته ويٺلن پاڻ ۾ سس ڦس ڪرڻ شروع ڪئي هئي، لالي مائي ڄام مهر علي جي گهر واري زليخان سان ٿي ڳالهايو، سندس پاسي کان ويٺل ڦاڪان جو نظرون ڄام سجاد ڏانهن ويون هيون، وري ٻنهي جون نظرون مليون ته ڦاڪان جي دل ۾ گدگدي ٿي هئي ۽ سندس گول منهن تي حيا جي هڪ لهر آئي هئي. هو هڪ ٻئي ۾ ايترو ته مڌهوش ٿي ويا هئا جو انهن کان اهو به وسري ويو ته پوڙهي لانگهي زمين تي ڏنڊو هڻي ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو آهي. نيٺ سجاد جوکيو ڪانڊري جي آواز تي نظرون ٻئي طرف ڪري ڇڏيون هيون.
    هن ڳالهايو هو: ”سنڌ جي بهادر پٽ سومرن جون زنانيون سندس وفادر دوست ڪڇ جي سمي حاڪم ابراهيم ابڙو ڏانهن روانا ڪيون، سمي حاڪم دودي سومري جي مدد لاءِ جوانن جو هڪ جٿو اماڻيو. روپاماڙي کان اڳيان ميدان تي ٻئي فوجون آمهون سامهون ٿيون هيون، نگارن تي ڏونڪا هنيا ويا هئا، گهوڙا مٽي اڏائيندا دشمن ڏانهن وڌڻ لڳا هئا. دودو چيتي جي چنگهاڙ ڪندو دشمن ڏانهن وڌيو، دشمن جي اڳئين قطار ۾ چنيسر سومرو خلجيءَ سان گڏ ويٺل هو، جئين ئي دودي سومري جي ڀاءُ تي نظر پئي ته ويتر سندس رت ٽهڪڻ لڳو.
    دودي جي فوج جو اهم ويڙهاڪ اٺاويهه سالن جي سانول خان حيرت منجهان دشمنن کي ڏسندي چيو هو: هي تي چنيسر سومرو آهي، اوهان جو ڀاءُ....!!
    دودو سومرو جوش ۾: غدار نه ڪنهن جو ڀاءُ هوندو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جو پٽ، غدار بس غدار هوندو آهي؟ ۽ پوءِ سنڌي لشڪر سان مخاطب ٿيندي دودي سومري رڙ ڪئي: آئون چاهيندس ته چنيسر کي منهنجي هٿان موت اچي. سنڌ تان سر به قربان.......
    سموري لشڪر تلوارون هوا ۾ لوڏيندي هڪ آواز ۾ رڙ ڪئي هئي: سنڌ تان سر به قربان......
    اهيو دودو سومرو ببرشير جيان اڳيان وڌيو، دشمن ٿرٿلي ۾ پئجي ويا، جيڪو سندس سامهون ٿي آيو ته اک ڇنڀ ۾ هن جوڌي جي تکي تلوار جي ڀيٽ ٿي ٿيو، خلجيءَ دودي جي للڪار ٻڌي ته سندس بُت ۾ رڦڻي پئجي وئي، دودو پيادن جو پهرو ڀڃي خلجيءَ جي هاٿي ڏانهن وڌڻ لڳو، ته دشمن جا تير باز هاٿي جي چوڦير جمع ٿي ويا ۽ ڪنڌور سنڌي پٽ تي تير وسائڻ لڳا، هڪ تير دودي جي سيني کي چاڪ ڪري ويو، دودو گهوڙي تان هيٺ پٽ تي اچي ڪريو، سندس لباس مٽي ۾ ڀرجي ويو، ۽ زمين تي سندس رت ڦڙا ڪريا، زمين باهه جيان تپي گرم ٿي وئي.... اهڙي ناحق تي آسمان به ڳاڙهو ٿي ويو. دودي سومري جي واتان چچريل رڙ نڪتي هئي: سنڌ تان سر به قربان...... سنڌ جوڌو اٿيو هو، سٺ ڏئي سيني ۾ لڳل تير ڪڍي پٽ تي اڇلائي دشمن ڏانهن وڌڻ لڳو، سندس پٽيان آسمان کي ڏڪائيندڙ هڪ رڙ آئي هئي:
    سنڌ تان سر به قربان...... دودي سومري مڙي ساٿين ڏانهن ڏٺو، سندس لشڪر دشمن تي ڪڙڪيو ته سندس منهن تي پرسڪون مرڪ اچي وئي هئي.
    مڪار دشمن جو هڪ تير اچي دودي جي کاٻي ران ۾ لڳو......
    اي زمانا..... اي زمانا....... جوڌو جوان دودو ٻيهر گوڏن تي آيو هو، ڌرتي ڄڻ باهه اوڪاري هئي، هن آسمان ڏانهن ويران اکين سان ڏٺو. پنج سنڌي جوڌا دودي وٽ گول دائرو ٺاهي بيهي رهيا ۽ دشمن ڏانهن وڌيا، مڪار دشمن اڳيان وڌڻ بدران پٺيان ٿيڻ لڳو. ايتري ۾ اولهه کان ڌوڙ اڏائيندڙ گهوڙا جنگ جي ميدان ڏانهن وڌڻ لڳا، سنڌين ان طرف ڏٺو هو، سومرو جون راڻيون ۽ شهزاديون جنگ جي ميدان ڏانهن وڌنديون ٿي آيون ۽ آواز ٿي آيو:
    سنڌ تان سر به قربان......
    غدار چنيسر جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو ته سندس منهن تي دانگي ملجي وئي، ندامت جي احساس ۾ هو پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ خلجيءَ جي سواري تان لهي دودي سومري ڏانهن وڌڻ لڳو، خلجي کي هي ماجرا سمجهه ۾ نه آئي، سندس تيربازن چنيسر جو نشانو ورتو ۽ هاڻي چنيسر جي پٺي تيرن سان ڀري ڇڏيائون، پر پوءِ به چنيسر ڀاءُ وٽ اچي پهتو هو، ڀاءُ جي پيرن تي مٿو ٽيڪيائين، دودي آسمان ڏانهن نيهاري اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون ۽ پوءِ ڀاءُ تي وار ڪري سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪيائين. دودو ساٿين سان گڏ دشمن ڏانهن وڌيو، خلجيءَ جي فوج ٽن پاسن کان گهري ۾ اچي وئي اڌ فوج مارئڻ بعد مڪار خلجي پٺيان هٺيو ۽ دليءَ ڏانهن واپش وريو، سنڌي ميدان ماري ويا، پر گهايل دودو سومرو ٽي راتيون سُر ۾ تڙپڻ کانپوءِ شهيد ٿي ويو.“ لوڪ داستان جي پوري ٿيڻ تائين ڄام چاڪر خان جوکيو دل ۾ پڪو پيهه ڪري ويٺو هيو ته هو انگريز سامراج خلاف هوش محمد سان گڏجي جنگ ڪندو. هر ڪو اٿي گهرن ڏانهن وڃڻ لڳو هو، سجاد جوکيو اٿي زائفائن جي وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، ڦاڪان واريون هن وٽان گذريون ته ڦاڪان هن ڏانهن احساسن سان ڀريل هڪ مرڪ اڇلائي هئي، جنهن نوجوان ڄام دل هاري ويٺو. ڦاڪان سندس ماءُ جي پٺيان هلي ٿي، ڪنهن کي به اهو اندازو نه هو ته هڪ پريم ڪٿا جنم وٺڻ واري آهي. ڦاڪان به مومل، سهڻي ۽ سسئي جي راهه تي هلڻ لاءِ تيار ٿي پئي هئي. رات ڪاري ٿي چڪي هئي، ڄام سجاد ڦاڪان جي پٺيان پٺيان هن جي گهر تائين هلندو آيو، سندس گهروارا گهر هليا ويا هئا. ڦاڪان هڪ ڀيرو مڙي ڏٺو، کيس وڻ وٽ ڪو بيٺل نظر آيو ته هوءَ هيڏانهن هوڏانه ڏسي ان طرف وئي هئي، وڏن ساهن ڪارڻ سندس گول سينو اندر ٻاهر ٿيڻ لڳو، مٿان اهو به خوف هيس ته ڪو کيس رات جي هن پهر هڪ جوان ڇوڪري سان نه ڏسي وٺي. پر پوءِ به دل پڪو ڪري ان ڏانهن آئي.
    ”آئون سجاد جوکيو، ڄام مهر علي جوکيو جو پٽ آهيان،“ ان شخص نرم لهجي ۾ سندس نازڪ جسم کي نظرن سان چيرندي چيو هيس.
    ”آئون ڦاڪان آهيان، سيٺ هوت چند جي ڌيءَ،“ هن وڏا ساهه کڻندي جواب ڏنس.
    ”سڀاڻي سج لٿي کان پوءِ آئون ميدان جي پريان ڀٽ وٽ تنهنجو انتظار ڪندس،“ سجاد سندس گول چهري ۾ ڏسندي چيو هو. ڦاڪان هڪ دفعي هن جي منهن ۾ ڏسي کلي گهر ڏانهن ڀڄي وئي هئي. سجاد کي سمجهه ۾ نه آهيو هو ته ڦاڪان ايندي يا نه....!! اها سڄي رات هو بستر تي تڙپندو رهيو هو، ننڊ سندس نيڻن کان چورائجي وئي هئي، هو عشق جي اوڙاهه ۾ اچي ڦاٿو هو. ٻئي ڦاڪان جئين سندس اکيون بند ٿي ڪيون ته سندس اکيين آڏو ڄام سجاد جو ڪڻڪائي چهرو ٿي اچي ويو، جنهنجي ڪري پاڻمرادو مرڪي ٿي پئي، هوءَ پڻ ان اڻتڻ ۾ هئي ته کيس ڀٽ ڏانهن وڃڻ گهرجي يا نه..... هوءَ ڪو به فيصلو نه ڪري سگهي، عشق جي ديوي هوريان هوريان هن تي سواري ٿيندي ٿي وئي، سندس من عجيب خيال ٿي پيدا ٿيا، جن جي ڪري کيس سموري جسم ڪتڪتايون ٿي محسوس ٿيون.
    ٻئي ڏينهن صبح کان ئي ڦاڪان ماءُ وارن سان گڏ ماڙي تي آئي هئي، سندس ماءُ ۽ چاچيون آچار جو سامان تيار ڪرڻ لڳيون هيون، ڦاڪان اتي هوندي به اتي نه هئي، سندس روح عشق جي واديءَ ۾ محبوب سان گڏ گهمي رهيو هو. هن بيخيالي ۾ آچار ۾ مرچون وڌيڪ وجهي ڇڏيون هيون.
    ”ڇوري ڇا ٿيو اٿئي، سڄي آچار جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيائي،“ ماءُ جي رڙ تي ڇرڪ ڀريو هئائين. شام تائين سندس بيقراري جو عالم وڌي ويو هو، هن ائين ڀانيو هو ڄڻ وقت بيهي رهيو آهي، انتظار جي هي پل هن جنم ۾ ختم نه ٿيندا. ٻن پهرن کانپوءِ هوءَ وهنجڻ وئي هئي، بدن تي خوب ميٽ مليو هئائين.
    سج لٿو هو ته پاڙي جون هندو عورتون ٽولو ڪري رام جي مندر ڏانهن پوڄا ڪرڻ لاءِ نڪتيون هيون. هي مندر وسنديءَ کان ڪجهه پرڀرو پاڻي جي تلاءُ جي پاسي کان اڏيل هو. هڪ مندر ئي پوري ڪراچي ۾ اها عمارت هئي جيڪا پڪي ٺهيل هئي، ان ۾ رام جي، سيتا ماتا ۽ لڪشمي ديوي جون سنگمرمر منجهان تارشل مورتيون رکيل هيون. ٽنهي جي چرنن ۾ هر وقت ڏئيا ۽ اگربتيون ٻيون ٻرنديون هيون، مندر جي رکوالي 65 سالن جو ديوان دينو ناٿ ڪندو، جنهن جي مٿي، ڏاڙهي ۽ سيني جا وار اڇا ۽ گهاٽا هئا. اڳاري جي شام جو سج لهڻ کانپوءِ ديوان دينوناٿ هندو عورتن ۽ ٻارن کي گيتا، رامائڻ، ويدن ۽ مهاڀارت منجهان شلوڪ پڙهي ٻڌائيندو هو. مندر جي دخلي لاءِ ٻه چار ڏاڪا چڙهي اچڻ سان ئي پڌر شروع ٿي ويندو هو، جتان تلاءُ جو ڏيک چيٽو ملندو هو. ان شام به هندو عورتون رام، سيتا ۽ لڪشمي جا چرن ڇوهي پڌر تي ويهڻ لڳيون هيون. ڦاڪان به ماءُ سان گڏ پوڄا ٿي ڪئي، سندس نظرون جڏهن رام ۽ سيتا ماتا جي مورتين تي پئي ته کيس ان ۾ سجاد جوکيو ۽ پنهنجي شڪل نظر، جنهن جي ڪري هن کان هلڪڙو ٽهڪ نڪري ويو هو، لالي مائي ڌيءَ کي حيرت ۽ ڪاوڙ ڀري نظرن سان ڏٺو هو. ان کانپوءِ هوءَ ماءُ ۽ چاچين سان ٿلهي تي اچي ويٺي هئي.
    پوڙهو پوڄاري نم جي ٿڙ کي ٺيڪ ڏئي ويٺو ۽ رام جي جو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيائين:
    ”ڀنواس کان اڳ شري رام جي هنگلاج جي ياترا لاءِ نڪتو ۽ جڏهن هن هنڌ تي پهتو ته هتان جي مٽي منجهان کيس امن، شانتي ۽ سُک جي مهڪ آئي هئي، ۽ پنهنجي ڀڳت سان هن جڳهه تي هڪ مندر اڏڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين، سندس اهڙي خواهش تي ڀڳتن هي رام مندر اڏيو، جتي روز رات جو ديويون ديوتا لهي ايندا آهن ۽ شانتي جو رقص ڪندا آهن، تان جو مها آتما شيو جي پڻ هتي جلوا ڏيکاريندو آهي.“ هڪ لمحي جي وقفي کانپوءِ دينوناٿ رامائڻ جا شلوڪ سر ۾ پڙهڻ لڳو هو:
    ”جڏهن لنڪا جي ناپاڪ بادشاهه راوڻ سيتا ماتا کي اغوا ڪري کڻي ويو ته شري رام جي سنڌ آيو ۽ غيرتمند سنڌين کان راوڻ خلاف ويڙهه ۾ مدد ورتائين.“ ۽ پوءِ هو رامائڻ جو قصو ٻڌائيندو رهيو. هندو عورتون اکيون بند ڪري ڪنڌ لوڏي رهيون هيون، آسمان سرمائي ٿيڻ لڳو هو. ان ڏينهن ڦاڪان کي رامائڻ جي قصي ۾ مزو نه آيو هو، ان ڏينهن هن جي دل پنهنجي رامائڻ ٿي لکڻ گهري. هن ماءُ ۽ چاچين ڏانهن ڏٺو، اهي قصي ۾ مهو هيون، ڦاڪان هي قصو ڪيترا ئي ڀيرا ٻڌي چڪي هئي، انڪري کيس خبر هي ته هن وٽ گهڻو وقت آهي، هو هوريان هوريان اٿي، الڳ حصي ۾ بيهي پراٿنا ڪرڻ لڳي، پوڙهي دينوناٿ کيس ڏسي اهو سمجهيو ته هوءَ پوڄا ڪندي رهندي، هن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، ڦاڪان موقعي جو فائدو وٺي مندر کان کسڪي وئي هئي، تڪڙيون وکون کڻندي هو ڀٽ ڏانهن آئي هئي، سندس ساهن جو وهڪرو اتيرو ته تيز ٿي ويو هو جو کيس ائين لڳو ڄڻ دل سندس نازڪ نفيس سينو چيري ٻاهر نڪري ايندي. اوندهه ڪارڻ ويتر هن تي خوف طاري ٿيڻ لڳو هو.
    ”ڦاڪان،“ اچتو مرداڻو آواز سندس ڪنن تي پيو، هوءَ ويتر ڊڄي وئي هئي. هن سجاد جوکيو جون اکيون سڃاڻي ورتيون هيون، سندس من اندر جي ڪيفيت ويتر سنڌو درياهه جيان بيقرار ٿي پئي ۽ پوءِ پاڻ کي گهڻي دير تائين محبوب جي ٻانهن ۾ ڇڏي ڏنو هئائين. سندس نرم نازڪ تن سان جڏهن سجاد جو مضبوط گرم جسم مليو هو ته هن جي تن ۽ من منجهان سسراٽيون نڪري ويون هيون. سجاد جا هٿ سندس گول ڀريل سيني سان ٽڪرايا هئا، ڦاڪان جي مٿئين چپ وٽ پگهر جون بوندون اچي ويون هيون.


    9

    مير رستم خان، مير نصير خان ۽ مير صوبيدار خان بيقراري شير محمد ۽ هوش محمد جو انتطار ڪري رهيا هئا، خيرپور رياست ۾ اٿل پٿل مچل هئي، هوش محمد جي صلاح تي ميرن ايسٽ انڊيا ڪمپني خلاف فيصلو ڪرڻ لاءِ درٻار سڏرائي هئي، ڪپمني بهادر سندن ئي ڪيل معائدن جي خلافورزي ٿي ڪئي. ٽئي مير شاهي لباس پايو ويٺا هئا، سندن تلوارون ڳاڙهن، سائن پيلن هيرن سان سنگاريل هيون. ٽئي هوڪي جي نڙي وات ۾ وجهي گڙ گڙ ڪرڻ ۾ مصروف هئا. مير نصير پوڙهو ۽ ٿلهو شخص هو.
    مير رستم، جيڪو ان وقت رياست خيرپور جو امير هو، ان جي چوڻ تي سڀ گڏ ٿيا هئا، هاڻي رڳو شير محمد ۽ هوش محمد جو انتظار پئي ٿيو. مير رستم جي منهن تي پرشاني جا آثار صاف ظاهر هئا، هن ئي فرنگين تي ڀروسو ڪري هنن سان معائدا ڪيا هئا. جن جي مک نقطن هو:
    1) انگريز مسافرن ۽ واپارين کي سنڌ ۾ اچڻ وڃڻ جي آزادي هوندي ۽ هو سنڌو درياهه کي واپار لاءِ استعمال ڪري سگهندا، پر جنگ لاءِ استعمال نه ڪندا.
    2) ڪنهن به انگريز واپاريءَ کي مستقل بنيادن تي رهڻ جي اجازت نه هوندي ۽ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ کين اجازت نامو وٺڻو پوندو.
    3) انگريزن جي جهازن ۾ جنگي سامان کڻڻ جي اجازت نه هوندي.
    4) سنڌ جي اميرن ۽ ڪمپني بهادر جي افسرن وچ دوستاڻي تعلقن کي اڳيان وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
    5) ٻنهي ڌرين تي هن معائدي تي عمل ڪرڻ لازمي هوندو.
    ٽالپر اميرن ۽ ڪپمني بهادر جي وچ پهريون معائدو 1834ع ۾ ٿيو هو، ان وقت ميرن جي درٻار ۾ ڪولنل پونگجر کي سياسي ايجنٽ طور موڪليو ويو هو.
    ٻه گهوڙيسوار ڌوڙ اڏائيندا رياست خيرپور ۾ داخل ٿيا، ٻنهي جا منهن پٽڪي جي پلاند سان ڍڪيل هئا ۽ ٻنهي جي پاسن کان تلوارون ٿي لڙڪيون. هوش محمد ۽ شير محمد هئا، هوش محمد کي اڇي شلوار قميص ۽ اڇو پٽڪو هو، جڏهن ته شير محمد کي شاهي جوبو ۽ ڪارو پٽڪو پهريل هو. هو فيض محل ڏانهن وڌڻ لڳا. فيض محل ڳاڙهين سرن ۽ چُن پٿر سان ٺهيل ميرن جو محل هو، جنهن کي ٻه اوچا منار هئا، جن ۾ هر وقت پهريدار چوڪس بيٺل هوندا هئا.
    هو ٻئي فيض محل جي ميدان تي پهچي گھوڙن تان لٿا، ميرن جا خادم سندن گھوڙا واڙي ڏانهن ڇڪي ويا. شير محمد ۽ هوش محمد درٻار ۾ داخل ٿيا ۽:
    ”يا علي،“ ڪيائون.
    ”ڀليڪار... ڀليڪار.... شير محمد ۽ هوش محمد،“ مير نصير خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو. هو ٻئي هن ڏانهن وڌي آيا ۽ اچي سندس پيرن تي هٿ رکي مليا. مير صوبيدار سندس جاءِ تان اٿي ٻانهون کولي هوش محمد سان ملڻ لاءِ وڌيو.
    ”هوش محمد؛“ هن خوشيءَ وچان چيو: ”منهنجا دوست، منهنجا ڀاءُ اوهان سان ملاقات ڪئي گهڻو وقت ٿيو آهي.“ هوش محمد هن سان ڀاڪر پاتو، پوءِ سندس هٿ چميائين.
    ”اچو هوش محمد مونسان گڏ ويهو،“ مير صوبيدار خان قرب منجهان چيس. هوش محمد هن جي پاسي کان ويهي رهيو ۽ سومري درٻار سان هٿ جوڙي خير آفيت ڪيائين. ٻه خادم نئون آيل مهانن لاءِ ميوا ۽ شربت کڻي آيا.
    ”ڀائرو، دستو هتي اچڻ تي اوهان سڀني جي قرب،“ مير نصير ڪڙڪ لهجي ۾ ڳالهايو: ”اسان هتي انڪري گڏ ٿيا آهيون، جئين اسان فرنگين خلاف ڪا حڪمتعملي جوڙي سگهون، هو ڏينهنو ڏينهن حد کان وڌي رهيا آهن، پنهنجن ئي ڪيل معائدن تان ڦري ويا آهن.“ هڪ پل جي خاموشي کانپوءِ مير نصير هوش محمد کي ڏسندي پڇيس:
    ”هوش محمد هن معاملي تي اوهان جي ڇا راءِ آهي؟“
    ”مير سائين هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان انگريزن خلاف ويڙهه ڪريون،“ هوش محمد مير جي منهن ۾ ڏسندي نرم لهجي ۾ جواب ڏنو.
    ”ويڙهه ڪريون....!!“ مير نصير حيرت منجهان هن ڏسندي چيو.
    ”جي مير سائين،“ هوش محمد وري ساڳي انداز ۾ ڳالهايو: ”هي اسان جي ڌرتي آهي ۽ اسان کي ان جي حفاظت ڪرڻي آهي.“
    ”اوهان بلڪل ٺيڪ ٿا چئو هوش محمد پر فرنگين خلاف هن وقت تلوار کڻڻ جلدبازي وارو فيصلو هوندو، هنن اڃا تائين اسان کي ڪوبه نقصان نه پهچايو آهي.“ مير نصير هوش محمد کي سمجهائيندي چيو. هوش محمد مير جي اڳيان وڌيڪ نه ڳالهئي سگهيو ۽ خاموش ٿي ويو. درٻار ۾ بحث هلندو رهيو، مير شير محمد ۽ هوش محمد سمورو مسئلو غور سان ٻڌندا رهيا.
    ”ته پوءِ اهو فيصلو ٿيو،“ مير نصير حڪم ڏيڻ واري انداز ۾ ڳالهايو:
    ”اسان ڪراچي فرنگين ڏانهن ميان مدد خان کي ايلچي طور اماڻيون ٿا ته جئين هو ڪمپني بهادر تائين اسانجو پيغام رسائي ۽ کين حدد ۾ رهڻ جي تلقين ڪري.“ درٻار برکاست ڪئي وئي. شير محمد ۽ هوش محمد موڪلائي ٻاهر نڪري آيا. هو ٻرانگ ورائي گھوڙن تي چڙهيا ۽ ڪچو رستو وٺي رياست خيرپور کان ٻاهر ويندڙ رستي تي چڙهيا. هوش محمد جي بيچني ڏسي مير شير محمد کلندي چيس:
    ”هوش محمد اوهان فڪر نه ڪريو اسان جنگ لاءِ تيار آهيون.“ هوش محمد سندس ساٿي جي اکين ۾ ڏٺو هن مرڪيو ته هوش محمد جي منهن تي پڻ مرڪ اچي وئي ۽ آسمان ۾ نيهاريندي رڙ ڪيائين:
    ”مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون....“ شير محمد گهوڙي تي چهبڪ هنيو، گهوڙو ڀڄڻ لڳو، هوش محمد پڻ گهوڙي کي چهبڪ هنيو.


    ڀاڱو ٽيون: 1843ع جون سرديون

    10

    چارلس نيپئر حيدرآباد وڌڻ جو ارادو ڪيو، کيس جھرڪ جي آغا خان دعوت ڏني هئي ته هتان کان حيدرآباد ڏانهن وک وڌائي. 40 سالن جي آغا خان خود نيپئر ئي جهرڪ جي بنرگاهه تي حڪومت ڪرڻ جي اجازت ڏني، هن وٽ ڏڍسو گهوڙيسوار هئا، نيپئر هي دعوت قبول ڪئي ۽ جهرڪ ڏانهن روانو ٿيو.
    ڄام چاڪر وٽ هوش محمد جو پيخام پهتو ته هاڻي ويڙهه ۾ دير نه ڪجي ان ڪري ڄام ٻه سو کان مٿي ويڙهاڪن جو ٽولو هڪ ڪجهه مهينن ۾ تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو، هن ڪراچي ۾ انگريز ڇاوڻي تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هوت چند ڄام جي هر حرڪت تي نظر رکيو ويٺو هو. هڪ شام هوت چند ڄام جي ماڻهن جون جنگي تياريون ڏٺيون ته ڇاوڻي لاءِ نڪري پيو. شام ڪاري رات جو ويس پائي رهي هئي، ڄام سجاد ۽ ڦاڪان ڀٽ تي لڪي محبت جي جام منجهان سرڪيون ڀري رهيا هئا، ڦاڪان جي نظر پريان کان ڪنهن تڪڙي ويندڙ شخص تي پئي، هن ان شخص جي چال سڃاڻي ورتي ۽ حيرت منجهان چيائين:
    ”هي ته بابو آهي، پر ايڏو تڪڙو ڪيڏانهن پيو وڄي!!“ ڄام سجاد سمجهي ويو ته هوت چند ڇاوڻي جو رخ ڪيو آهي، پر ڦاڪان کي ٻڌائڻ بدران رڳو اهو چيائين:
    ”تون گهر وڃ، آئون تنهنجي پيءَ جي پٺيان ٿو وڃا.“ ڦاڪان سندس ڪپڙا ٺيڪ ڪري گهر ڏانهن ڊوڪ پاتي، ڄام سجاد لڪندو لمندو هوت چند جي پٺيان وڃڻ لڳو. هوت چند ڇاوڻي وٽ پهچي ڪمپني جي سپاهين کي سلام ڪيو، هو کيس اندر وٺي ويا، ڄام سجاد هڪ ريتلي ڀٽ جي اوٽ ۾ لڪي هوت چند جي نڪرڻ جو انتطار ڪرڻ لڳو، هن سپاهين کي هتان کان هوڏانهن ويندي ڏٺو. سجاد جي من ۾ خيال آيو ته کيس اڳيان وڃي جاچ ڪرڻ گهرجي. هو ڀٽ جي اوٽ کان نڪري اوندهه ۾ ڇاوڻي ڏانهن وڌڻ لڳو، هن ٻن سپاهين کي پهرو ڏيندي ڏٺو ته وڻ جي ٿڙ پيٺان لڪي بيٺو، هاڻي ڇاوڻي کيس صاف ظاهر ٿي ٿي، هن سپاهين جي ڪلهن تي لڙڪندڙ بندوقون ڏٺيون، ميدان ۾ ڇنا لڳل ڏٺا. هو ڳچ دير اتي بيٺو رهيو، نيٺ هوت چند ڇاوڻي کان ٻاهر آيو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ساڳي رستي سان وڌڻ لڳو. سجاد به لڪندو لڪندو ساڳيو رستو ورتو، کيس پڪ ٿي وئي ته هوت چند فرنگين جو مخبر آهي. هو تڪڙو گهر ڏانهن ڀڳو، اڳڻ ۾ پهچي رڙ ڪيائين:
    ”ادا چاڪر..... ادا چاڪر.....“ رڙ تي ڄام مهر علي ۽ عورتون اڳڻ ۾ ڀڄنديون آيون.
    ”ڇا ٿيو؟“ ڄام مهر علي حيرت منجهان پٽ کان پڇيو.
    ”ادا چاڪر ڪٿي آهي؟“ سجاد وڏا ساهه کڻندي چيو. ايتري ۾ ڄام چاڪر ماڙي تان هيٺ لهي آيو.
    ”ڇا ٿيو؟“ هن سجاد کان پڇيو.
    ”ادا مون وٽ هڪ خبر آهي،“ سجاد اڃا به وڏا ساهه کڻندي ڳالهايو.
    ”ڪهڙي خبر آهي،“ ڄام چاڪر نرم لهجي ۾ پڇيس.
    ”ديوان هوت چند فرنگين جو خبري آهي،“ ڄام سجاد چيس.
    ”ڇا....!!“ ڄام مهر علي ٻئي هٿ چيلهه تي رکي حيرت ۾ چيو، عورتون پريشاني ۾ هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳيون.
    ”ها بابا،“ سجاد چيو: ”مون پاڻ هن کي انگريزن جي ڇاوڻي ڏانهن ويندي ڏٺو، ڇاوڻي تائين سندس پيڇو به ڪيم.“ اهو ٻڌي عورتون ويتر پريشان ٿي ويون. ڄام چاڪر هڪدم سندس ڪمري ڏانهن ڀڳو ۽ سندس تلوار ۽ بندوق کڻي آيو. ڄام چاڪر خان گهر کان ٻاهر نڪري آيو، ڄام سجاد به سندس کنجر کڻي سوٽ ڏانهن آيو، ڄام مهر علي گهر ۾ عورتن کي سنڀالڻ لڳو. گهٽي ۾ اوندهه هئي ۽ ڪتا ٿي ڀونڪيا، ٻئي جوکيا گهٽي ۾ هلندا ساڄي هٿ تي مڙيا. ساڄي هٿ تي پندرهن کن گاري سان لپيل گهر هئا. ڄام چاڪر هڪ ڪچي گهر اڳيان بيٺو ۽ رڙ ڪيائين:
    ”حيدر جوکيو...... حيدر جوکيو.........“ گهر جي اندر پنج ڀاتي ورانڊي ۾ کٽون رکيو ليٽيا پيا هئا، حيدر جوکيو 32 سالن جو ڊگهو قداور سانورو شخص هو، سندس ٻانهن ۽ سيني تي گهاٽا ڪارا وار هئا، جڏهن ته منهن تي چپٽي ڏاڙهي هيس. حيدر جوکيو کٽ تان لهندي رڙ ڪئي:
    ”آيو....“ ۽ اٿي ٻاهر نڪري آيو، ٻاهر نڪري هن ڄام چاڪر ۽ ڄام سجاد کي ڏٺو، کيس حيرت ٿي ۽ هنن ڏانهن وڌي آيو ۽ حيرت منجهان چيائين:
    ”خدا جوکين جي سردار کي سلامت رکي، خير ته آهي؟“
    ”حيدر جوکيو پنهنجي تلوار کڻ هاڻي کان جنگ شروع ٿي وئي آهي،“ ڄام چاڪر چيو، حيدر جوکيو بنا ڪجهه چئي ٻڌي اندر ڀڳو اک ڇنڀ ۾ تلوار کڻي ٻاهر نڪرڻ لڳو ته ورانڊي ۾ ليٽيل سندس نظر زال ڏانهن وئي، جنهن کي پنجون مهينو هلي رهيو هو، حيدر جي پوڙهي پيءَ دينو حيدر ڏانهن ڏٺو، حيدر جي ماءُ به کٽ تان اٿي بيٺي.
    ”پٽ خير ته آهي؟“ دينو پٽ جي هٿ ۾ تلوار ڏسندي پڇيو.
    ”ابا جوکي سردار سان سنڌ تان سر قربان ڪرڻ جو وچن ڪيو اٿم، ان وچن نباهڻ جو وقت اچي ويو آهي.“ اهو ٻڌي دينو پٺيان هٽي ويو، حيدر جي زال هن کي ڏسي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    ”وڃ پٽ وڃ...“ پوڙهي ڦاڦل حيدر ڏانهن ايندي چيو: ”ڪٿي جوکيو سردار اهو نه سمجهي ويهي ته تنهنجي دل ۾ خوف اچي ويو آهي.“ حيدر جهڪي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکيو ۽ گهر کان ٻاهر نڪري آيو. ٽي يار اڳيان وڌيا ۽ پاڙي جي ٻين جوانن کي ڪڍڻ لڳا. پنجاهه کن ماڻهو گڏ ڪري ڄام چاڪر خان هوت چند جي ماڙي ڏانهن وڌيو، جيڪو وسندي جي وچو وچ هو. ماڙي وٽ پهچي ڄام چاڪر ڪاوڙ منجهان رڙ ڪئي:
    ”سيٺ هوت چند....... سيٺ هوت چند ٻاهر اچ.“ رڙ جي آواز تي هوت چند ذريعي گهٽ کٽ تان هيٺ اچي ڪريو، سڄو خاندان اچي هيٺئين حصي ۾ گڏ ٿيو. عورتون ديوين ديوتائن کي ٻڏائڻ لڳيون، ٻار ڊڄ ۾ روئڻ لڳا.
    ”سيٺ هوت چند ٻاهر اچ، نه ته اسان در ڀڃي اندر اينداسين.“ جڏهن در نه کليو ته ڄام چاڪر حڪم ڪيو: ”در کي ڀڃو.“ ٻه جوان مڙس ڪاٺ جي در کي لتون هڻڻ لڳا، هوت چند ۽ سندس گهروارن جي اکين ۾ خوف ۽ هراس ڀرجي آيو، پر ان کان اڳ جو ڄام چاڪر وارا اندر اچن ها، هوت چند پٺئين پاسي کلندڙ ڪمري جي دريءَ منجهان ٽپو ڏئي ٻاهر ڀڳو. ڄام چاڪر وارا در ڀڃي اندر آيا تي سڀ گهر ڀاتي هڪ ڪنڊ ۾ ٿي بيهي رهيا، خوف سندن اکين منجهان ٽپڪي رهيو هو.
    ”هوت چند مائين جيان لڪڻ ڇڏ ۽ ٻاهر اچ غدار.“ اهو ٻڌي گهر وارا ويتر ڏڪي ويا ۽ هڪ ٻئي حيرت سان ڏسڻ لڳا. حيدر جوکيو جي نظر ڪمري جي کليل دريءَ تي پئي، هو ان طرف ويو، اوندهه ۾ ڪو کيس خالي ميدان تي ڀڄندي نظر آيو ۽ رڙ ڪيائين:
    ”سردار ڄام چاڪر خان ڀانيان ٿو هوت چند هتان ڀڄي نڪتو آهي.“
    ڄام چاڪر به ان دريءَ وٽ آيو ۽ ٻاهر ڏٺائين، ڪاوڙ ۾ سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو.
    ”هن جو پيڇو ڪريو،“ حڪم ڪيائين، ڏهه جوکين جا جوان گهر کان نڪري هوت چند جي پٺيان ويا.
    ”اسان به ته سنڌي آهيون، اسان کي ڪهڙي غلطي ٿي آهي؟“ لالي مائي همت ڪري اڳيان وڌي ۽ هٿ ٻڌي روئڻهارڪي لهجي ۾ چيائين. اهو ٻڌي ڄام چاڪر اکيون بند ڪري ڇڏيون، کيس چڱي ريت ڄاڻ هئي ته هڪ قوپرست طور هر سنڌي نياڻي جي عزت آبرو جي حفاظت سندس ڪلهن تي هئي.
    ”ڪاڪي،“ ڄام نظرون جهڪائي زمين کي ڏسندي نرم لهجي ۾ ڳالهايو: ”هوت چند سنڌ سان ويسا گهاتي ڪئي آهي.“
    ”اهو نٿو ٿي سگهي،“ لالي مائي ڄام چاڪر اڳيان هٿ جوڙيندي چيو.
    ”ڪاڪي اهو سچ آهي،“ ڄام وري کيس ساڳي نوع ۾ جواب ڏنو ۽ لوڪ چند ڏانهن ڏٺو، لوڪ چند ان نيهار کان ڏڪي ويو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڳيت ڏئي چيائين:
    ”اهو سچ آهي ته هوت دادا فرنگين سان ڪاروبار ڪرڻ ٿي گهريو.“ اهو ٻڌي لالي مائي جو وات حيرت ۾ ڦاٽي پيو.
    ”عورتن کي عزت سان اسان جي گهر ڇڏي اچو، ائين سمجهو ته اوهان سان گڏ ڄام چاڪر جي ماءُ ۽ ڀيڻون آهن.“ ڄام ساٿين کي حڪم ڏنو، ٻه همراهه عورتن کي وٺي نڪتا. لالي مائي واپس اندر آئي ڄام چاڪر جي پيرن تي ڪري روئيندي چيائين:
    ”اي جوکيا سردار اسان ت هڪ ڪرپا ڪج، مرڻ کانپوءِ اسان جي استين کي سنڌوءَ ۾ لوڙهڻ جو حق نه کسج.“ ڄام چاڪر لالي مائي کي ٻانهن کان وٺي، پنهنجي ڪلهي تان اجرڪ لاهي لالي مائي جي مٿي تي رکندي چيو:
    ”ڀيڻ سنڌ ۽ سنڌوء جيترا اسان جا آهن اوترا ئي تنهنجا آهن، بس مونکي غدارن کي مارڻ کان نه روڪج.“ اهو ٻڌي لالي مائي اکيون بند ڪيون، ڳاڙها اچي سندس ڳلن تي ڪريا. هن گلي منجهان ڪارو منگل ستر لاهي ڄام چاڪر جي تريءَ تي رکيو ۽ گهر کان ٻاهر هلي وئي. ڄام چاڪر هڪ آهه ڀري چت کي ڏٺو. ان کانپوءِ ڄام چاڪر ساٿين سان هوت چند وارن جي دڪان ڏانهن وڌيو، هنن وٽ گاسليٽ جا ڪنستر ۽ باهه لڳل ڏنڊا پڻ هئا، ساٿين دڪان تي گاسليٽ هارڻ شروع ڪيو، ٻئي چند ڀائر ڄام چاڪر جي پيرن تي ڪري رڙيون ڪارڻ لڳا:
    ”جوکيا سردار ائين نه ڪريو، اسان برباد ٿي وينداسين.“
    ”وطن سان غدار شرڪ مثل آهي، غدار سان اهو ئي ٿيڻ گهرجي.“ ۽ پوءِ دڪان باهه جي شعلن ۾ سڙڻ لڳو، ٻنهي ڀائرن کي ائين لڳو ڄڻ ڪو سندن چتا کي باهه ڏئي رهيو آهي. اهي ڏهه همراهه جيڪي هوت چند جي پٺيان ويا هئا، سي موٽي آيا، هڪ ڄڻي ڄام چاڪر کي چيو:
    ”سردار سيٺ هوت چند فرنگي ڇاوڻي ۾ پناهه ورتي آهي.“ ڄام چاڪر ڪجهه پلن لاءِ سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ حڪم ڏنائين:
    ”جوکين، ميمڻن ۽ ڪلمتين کي تيار ڪريو ۽ چئون سردار مهر علي ۽ ڄام چاڪر جو حڪم آهي ته ڇاوڻي تي حملو ڪرڻ آهي.“

    ڇاوڻي ۾ ويٺل هوت چند ائين پريشان ويٺل هو، جئين شادي جي رات ڪنواري ڇوڪري پريشان هوندي آهي، هن رکي رکي گهرن ڀاتين جي خيال تي ڇرڪ ٿي ڀريا، حيرت ۽ پريشاني جي عالم ۾ اکين جا تارا ٻاهر ٿي نڪتس ۽ منهن جو رنگ هيڊو ٿي ويو هوس. ڇاوڻي ۾ ان وقت رڳو منجويهه سپاهي ۽ هڪ افسر هئا، باقي سڀ نيپئر سان گڏ جھرڪ ڏانهن روانو ٿي چڪا هئا.
    ڄام چاڪر جي اڳواڻي ۾ ٻه سو سنڌي جوڌا هٿيارن سان ڇاوڻي ڏانهن روانا ٿيا، هو ڪو حق.... حق..... سنڌ.... سنڌ جا نعرا هڻي رهيو هو، ويهه گهوڙيسوارن جي هٿن ۾ باهه وارا ڏنڊا ۽ گاسليٽ جا ڪنستر هئا. ڇاوڻي وٽ پهچي هنن حفاظت لاءِ رکيل ڳوڻن کي باهه ڏني ۽ اندر داخل ٿيا، ڪپمني جا افسر ۽ سپاهي اهڙي اوچتي حملي تي ڇرڪجي ويا، حملو ايڏو اوچتو ڪيو ويو جو فرنگين جون وايون بتال ٿي ويون. هوت چند حيدر جوکيو جي ور چڙهيو ويو، جڏهن ته سنڌين ڏهه فرنگي سپاهين کي ماري مات ڪري ڇڏيو، افسر ووڊ کي سر جي لڳي ۽ هو باقي سپاهين سان گڏ پاڻي ۾ بيٺل ٻيڙي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، رات ڪاري ۽ اونداهي هئي، ووڊ سپاهين سان گڏ لڪندو لڪندو اڳيان وڌندو ٿي ويو، رکي رکي هنن بندوقن جا ٽڪاءُ ٿي ڪيا جئين سنڌي اڳيان نه وڌن، ووڊ ٻيڙي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    جنوري 1843ع جي پهرين هفتي ۾ چارلس نيپئر پرنس آغا خان وٽ جهرڪ پهتو، حيدرآباد تي حملي جون سموريون تياريون مڪمل هيون، جھرڪ سنڌو ڪناري هڪ سهڻي وسندي هئي، جنهن جي حڪمراني آغا خان وٽ هي جيڪو اسماعلي فرقي جو اڳواڻ پڻ هو، سندس ابن ڏاڏن الاموت جي دور ۾ ايران ۽ شام ۾ فاطمي خلافت قائم ڪئي هئي. اسماعلي اها دعوا ڪندا هئا ته هو نبي پاڪ صه جي پياري نياڻي بيبي فاطمه سڳوري جي اولاد منجهان آهن ۽ سندن اهو پڻ عقيدو هو ته سندن امام ئي امام مهدي آهي جنهن جي ظهور جي بشارت پاڻ نبي پاڪ صه ڏني هئي. تان جو آغا خان جي ڏکين ڏينهن ۾ کيس سنڌ ۾ پناهه ملي پر هن سنڌ ۽ سنڌين جو ساٿ ڏيڻ بندران فرنگين جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ نيپئر جي فوج کي حيدرآباد ڏانهن وڌڻ لاءِ رستو ڏنو.
    اها خبر جڏهن ميرن کي پئي ته نيپئر حيدرآباد تي فوج ڪشي ڪرڻ وارو آهي. هنن هوش محمد کي انگريزن خلاف ويڙهه جي اجازت ڏئي ڇڏي.


    11

    هوش محمد پنهنجي پٽ ڪريم داد کي ٽن ڄڻن سان ڄام چاڪر ڏانهن ميرن جي جنگ لاءِ راضاپي واري پيغام سان روانو ڪيو. جوکين جي ڳوٺ تائين پهچندي پهچندي کين رات پئجي وئي، صبح سويري ڄام چاڪر سڀني ويڙهاڪن کي رام باغ وٽ گڏ ڪري اعلان ڪيو:
    ”اسان جي بهادر دوست هوش محمد طرفان نياپو پهتو آهي، هو حيدرآباد وٽ فرنگين خلاف ميدان ۾ رهندو، جڏهن ته اسان کي جهرڪ طرف وڌڻ جي صلاح ڏني آهي، جهرڪ جي حاڪم سنڌ خلاف ويندي انگريزن جي مدد ڪئي آهي.“ هڪ پل جي خاموشي کانپوءِ ڄام چاڪر زور سان نعرو هنيو:
    ”نعرا حيدري.....“
    ”يا علي،“ سڀني بيٺلن وڏي واکي نعري جو جواب ڏنو. ڪريم داد اڳيان وڌي ڄام سان گڏ بيٺو ۽ هوش محمد جو ٻڌايل نعرو ورجايائين:
    ”مر ويسون مر ويسون، پر سنڌ نه ڏيسون.....“
    سنڌ تان سر به قربان،“ بيٺل سنڌي جوان وڏي واکي نعرو هنيو: ” سردار ڄام چاڪر خان جوکيو زندهه آباد..... هوش محمد زندهه آباد....... سنڌ جا ٻه سچا جوڌا جوانو سنڌ لاءِ لبيڪ..... سنڌ لاءِ لبيڪ.....“
    ڪريم داد جهڪي ڄام چاڪر جي پيرن تي هٿ رکي موڪلايو، ڄام چاڪر کيس ڪلهن کان وٺي مٿي ڪري چيو:
    ”اسان جي بهادر يار هوش محمد کي چئجان ڄام چاڪر هن جي حڪم تي تيار آهي.“ هن پوءِ کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو.
    سنڌين جي ڇاوڻي تي حملي جي خبر ڪلڪتي تان وڃي پهتي ته ميجر پريڊي کي سو سپاهين سان گڏ ڪراچيءَ ڏانهن مڪليو ويو. فرنگين کان اڃا افغانستان وارا ڦٽ ئي نه وسريا هئا، جو وري هي نئون وڍ. اول پيرڊي ڇاوڻي تي قبضو بحال ڪيو ۽ پوءِ ڄام چاڪر جي ڳولاءَ ۾ لڳي ويو، گشت دوران هو هر ڪنهن جي بيعزتي ڪرڻ لڳو هو. هو پنج فٽ اٺ انچن جو قداور مڙس هو، منهن ٽماٽي جيان هر وقت ڳاڙهو رهندو هوس ۽ ان تي سونهري مڇون کيس ويتر خوفناڪ بڻائي وينديون هيون، هو عمر ۾ 58 سالن جو هو. ڪمپني جو دٻدٻو قائم رکڻ لاءِ هن ٽيهه کن سنڌي جوان گرفتار ڪيا ۽ هنن تي جسماني تشدد ڪرڻ لڳو. پريڊي کي سموري ڪپمني ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، اهو پريڊي ئي هو جنهن سامونڊي چورن کي همتائي اڳيان آندو ۽ دنيا جي مٿي ۾ هڪ نئون فتنو هڻي ڇڏيو، جيڪي انگريزن لاءِ اسپينين، چينين ۽ ٻين قومن جا سامونڊي جهاز ڦرندا هئا، پر هاڻي سمنڊ ۾ انگريزن جا جهاز به محفوظ نه هئا. پريڊي اڙهين نيٽوءَ انفينٽري جو اڳواڻ هو، جن منجهان ساڍن پنج سو سپاهين منجهان ڏيڍ سو سپاهي هن سان گڏ ڪراچي ۾ هئا، جڏهن ته باقين کي به ڪراچي وڃڻ جو حڪم ملي ويو هو.
    اهو جمعي جو ڏينهن هو شهر جي مسلمان آبادي جمعي جي نماز لاءِ مسيت ۾ گڏ ٿي، پريڊي ان موقعي جو فائدو وٺندي مسيت جو گهرو ڪيو، نماز کان پوءِ ترت ئي امام کان اعلان ڪريائين:
    ”اوهان ۽ اوهان جي ڄٽ سردارن لاءِ بچڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته انگريز راڄ قبولي ڪپمني جا دشمن اسان جي حوالي ڪريو.“ جماعتي سس ڦس ڪرڻ لڳا، هن ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي:
    ”هي سس ڦس بند ڪريو.“ ان رڙ سبب مسلي تي ويٺل پوڙهو امام ڪاڪو رمضان به ڏڪي ويو، مسيت ۾ ساهن جي آواز کانسواءِ ٻيو هر آواز بند ٿي ويو. هن پاڻ سان گڏ بيٺل ترجمو ڪندڙ کي حڪم ڏنو، جنهن رڙ ڪئي:
    ”صاحب بهادر فرمان موجب ڄام چاڪر خان بابت ٻن ڏينهن ۾ ڄاڻ ڏيو، نه ته سڀني جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.“ اهو ٻڌي اڳئين صف ۾ ويٺل ڄام مهر علي ڪاوڙ ۾ اٿيو ۽ ترجمو ڪندڙ کي زوردار ٿڦ وهائي ڪڍيائين، جنهن جي ڪري هن جي مٿي تي رکيل انگريزن واري ڳاڙهي ٽوپي هيٺ ڪري، ان عمل تي پريڊي ڇرجي ويو ۽ پوءِ پاڻ سنڀالي ڄام مهر علي ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي رڙ ڪيائين:
    ”هن کي گرفتار ڪريو.“ ان کان اڳ جو سپاهي ڄام ڏانهن وڌن ها، سجاد جوکيو، سندس دوست سان پيءَ کي گولائي ۾ ڪري بيهي رهيو. پريڊي سمجهي ويو، سندس تير گسي ويو آهي، گورنر جرنل طرفان اها چٽي هيدايت هئي ته هندوستانين سان اهڙي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي جو هو ان کي مذهبي معاملو ڪري ويهي رهن. پريڊي سپاهين سڌو پٺيان هٽيو، کيس ان لاچاري تي ڪاوڙ ڏاڍي آئي پر ڪجهه نه ڪري سگهيو.
    ڄام چاڪر لشڪر سميت جهرڪ کان اڃا پرڀرو هو جو سجاول ڪراچي کان نڪري ٻن ڏينهن ۾ هن تائين اچي پهتو.
    ”سردار ڄام چاڪر هڪ خراب خبر آهي،“ 28 سالن جي سانوري سجاول ڄام کي چيو.
    ”ڇا ٿيو آهي؟“ ڄام حيرت منجهان پڇيس، حيدر جوکيو ڄام جي پاسي کان اچي بيٺو.
    ”فرنگين اوهان جي چاچا سردار مهر علي کي گرفتار ڪري ويا آهن.“ سجاول چيو.
    ”ڇا....!!“ ڄام کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”نئون فرنگي افسر چيري ڪتي جيان اوهان کي ڳولي پيو..“ سجاول ٻڌايس: ”ڪجهه ڏينهن اڳ جمعي جي نماز وقت ان فرنگي مسيت جو گهرو ڪري اوهان جي گهر ڪئي، جنهن تي اوهان جي چاچي ڄام مهر علي هڪ ڀڇڙي فرنگي سپاهي کي چماٽ وهائي ڪڍي، انهيءَ رات جو فرنگي سپاهي اوهان جي گهر تي چڙهائي ڪري سردار صاحب کي پاڻ سان ڇاوڻي وٺي ويا.“ اهو ٻڌي ڄام چاڪر ڪاوڙ ڻ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ لشڪر کي حڪم ڏنائين:
    ”ڪراچي طرف واپس ورو.“ لشڪر ورڻ لڳو.
    ”اسان منگهو پير واري رستي کان شهر ۾ داخل ٿينداسين،“ ڄام وري لشڪر کي حڪم ڏنو.
    چارلس نيپئر 9 ريجمنٽ بنگال ڪيلوري، سنڌ اريگيولر هارس، پونا اريگيولر هارس، 24 ڪمپني، 2 بٽيلين ڪيمل بيٽري، 3 ڪپمني 3 بٽيلين، ڪولنڊيس هارس اينڊ ميول بيٽري، سي ڪمپني مدراس سيپرس اينڊ مائنرز، هر مئجسٽي 22 ريجمنٽ، 1 گرنڊير بمبئي نيٽوءَ انفينٽري ۽ 12 گرنڊير بمبئي نيٽوءَ انفينٽري سان گڏ جنوري جي آخري ڏينهن ۾ حيدرآباد پهتو. نه چاهيندي به سنڌ مٿان هڪ ٻي جنگ مصلت ٿيڻ واري هئي، وري سنڌ ۾ خونريزي جو ميدان سجائڻ لاءِ ڌاريا اچي ڪڙڪيا هئا.


    12

    15 فيبروري، 1843ع صبح جو وقت
    ميرن جي حڪم تي اٺ هزار جي لڳ ڀڳ سنڌين ڇهه توپن سان برٽش رزيڊنسي کي ٽن حصن کان گهري ورتو، ان حملي ۾ ڪريمداد پڻ شامل هو، منجهند تائين سنڌي رزيڊنسي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. رزيڊنسي ۾ ميجر آٽورام جي ريجمنٽ جا سو کن سپاهي هڪ طرف پکڙجي ويا، ڪپتان ڪونوي جي اڳواڻي ۾ لائيٽ ڪپمني آف هر ميجسٽي 22 ريجمنٽ ۽ هڪ ٻئي ريجمنٽ ليوٽينٽ هارڊنگ جي سربراهي ۾ ساڄي حصي ۾ هوشيار ٿي بيهي رهي. انسنگ پينفاڌر، ڪپتان گرين ۽ ڪپتان ويلس جي ٽولن ساڄو پاسو سنڀالي ورتو، جڏهن ته ڪپتان برائون جي ٽولي وچ وارو حصو سنڀالي ورتو.
    ڪريمداد سو ماڻهن جي ٽولي سان اڳيان وڌيو ۽ ٻنهي پاسن کان ٽڪاءُ ٿيڻ لڳا، انگريزن جو گولو بارود محدود، سندن سموري فوج چارلس نيپئر سان گڏ مٽياري وٽ پهتي هئي، ان هوندي به هو چئين ڪلاڪن تائين سنڌين کي رزيڊنسي کان ڏور رکڻ ۾ ڪامياب ويا، ان وچ ۾ ميجر آٽورام ساٿين سميت بچندو بچائيندو پلانٽ اينڊ سيٽلائيٽ نالي اسٽيمر تائين پهتو جيڪو، سنڌوءَ جي ڪپ تي بيٺل هو. هن چالاڪي سان ڪجهه سپاهي خشڪي وسيلي نيپئر ڏانهن اماڻيا. رات تائين به سنڌي رزيڊنسي تي حملو ڪندا رهيا ڪيترا ئي سنڌي ٽولا اندر تائين پهچي ويا ۽ فرنگين کي مارڻ لڳا، هاڻي فرنگين وٽ وڙهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو. اطلاع ملڻ شرط ئي نيپئر مياڻيءَ جي ميدان وٽ خيما هڻڻ جو حڪم ڏنو.
    16 فيبروري وارو سمورو ڏينهن ايسٽ انڊيا ڪپمني جا سپاهي ڇنن ٻاهران جنگي مشقون ڪندا رهيا. ان رات منشي نائيڪ نيپئر وٽ خيمي ۾ آيو، نيپئر جي هٿ ۾ شراب جو گلاس هو، 45 سالن جي سانوري منشي نائيڪ اندر داخل ٿي سلوٽ ڪيو، نيپئر شرام منجهان سرڪي ڀريندي هن کي ڏٺو.
    منشي نائيڪ ڳالهايو:
    ”سر نائيڪ خبر ملي آهي ته سنڌ جي اميرن جا ٽولا مياڻي وٽ انگريز فوج تي حملي ڪرڻ لاءِ نڪري پيا آهن.“ نيپئر زباني ته ڪجهه نه چيو پر سندس ڪرڌ ۽ نفرت سان ڀريل اکيون منشي کي ڏڪائي ويون.
    ”هو گهڻا آهن؟“ نيپئر جام منجهان آخري سرڪي ڀريندي پڇيس.
    ”سر نيپئر ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته 28 هزار ويڙهاڪ اڳيان وڌي رهيا آهن،“ منشي احترام ۾ جواب ڏنس. نيپئر کي سندس فوج جو اندازو هو، هن اهو به اندازو لڳائي ورتو جيڪڏهن هن وقت وڌيڪ انتظار ڪيو ته سنڌي حملو ڪري ڏيندا، جنهن سان سندس سپاهين جا حوصلا پست ٿي سگهن ٿا. ان ڪري هن ووڊ ۽ ميجر برائون کي سندس خيمي گهرائي ورتو.
    ”اسان کي خبر ملي آهي ته سنڌي حملو ڪرڻ لاءِ مياڻي جي ميدان ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ ڪڏهن وقت به اسان تي حملو ٿي سگهي ٿو.“ نيپئر ٻئي ٻانهون پٺيان ٻڌي ڇني جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ ڏانهن هلندي چيو. ٻنهي افسرن هڪ ٻئي جي منهن ۾ حيرت منجهان تڪيو.
    ”اطلاع موجب سنڌين جي لشڪر ۾ اٺاويهه هزار ويڙهاڪ آهن،“ نيپئر کين چيو.
    ”پر سر،“ ميجر برائون ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”وچ ۾ نه ڳالهايو،“ نيپئر ڪاوڙ ۾ هن کي ٽوڪيندي چيو.
    ”جي سر،“ هن چيو ۽ ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيو.
    ”مون فيصلو ڪيو آهي ته اسان وڌيڪ فوج اچڻ جو انتظار ڪرڻ بدران حملو ڪنداسين، اوهان ٻئي ترت ئي سموري سپاهين کي تيار ڪريو.“ نيپئر کين حڪم ڏيندي چيو.
    ”جي سر،“ ٻنهي هل آواز ۾ چيو ۽ سلوٽ هڻي ٻاهر هليا ويا.
    17 فيبروري جي صبح جو 7:00 لڳي کان نيپئر ووڊ، پاپ ۽ برائون سان گڏ ڇني کان ٻاهر نڪري آيو، اهو هڪ صاف ڏينهن هو، سج هوريان هوريان نروار ٿي رهيو هو.
    ”سر اوهان جي حڪم جي دير آهي سڀ تياريون مڪمل آهن.“ ووڊ کيس ٻڌايو. نيپئر سندس نيري رنگ جي ڪوٽ جي کيسي منجهان سونهري گهڙي ڪڍي ٽائيم ڏٺو ۽ پوءِ چيائين:
    ”آئون چاهيان ٿو ته حملو دشمن ڪري جئين اسان کي سندن طاقت جو اندازو ٿي وڃي، ان ڪري ڪلاڪ کن انتظار ڪجي.“
    ”جي سر،“ ووڊ چيس ۽ هو ٽئي سنڌين جي حملي جو انتظار ڪرڻ لڳا. هڪ ڪلاڪ گذري ويو پر هنن تي ڪو به حملو نٿيو، هاڻي نيپئر جي اڻتڻ به وڌڻ لڳي هن وري کيسي منجهان گهڙي ڪڍي ٽائيم ڏٺو، صبح جا 8:15 لڳي چڪا هئا. هاڻي انتظار نيپئر جي وس کان ٻاهر ٿي ويو ۽ ووڊ ۽ برائون جي وچ ۾ بيهي وڏي واکي رڙ ڪيائين:
    ”سپاهيو! قطارون جوڙيو ۽ حملي لاءِ تيار ٿي وڃو، ياد رهي هر حال ۾ اسان جو نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي، ۽ دشمن جو وڌ کان وڌ نقصان ڪرڻو آهي.“
    سپاهين سندن هٿيار تيار ڪيا، ٻارنهن دوپون اڳيان وڌايون ويون، اٺاويهه سو سپاهي نيپئر جي اڳئين حڪم لاءِ تيار ٿي ويا.
    ”ٻيلي طرف وڌو....“ نيپئر سندس سنهي تلوار مياڻي جي ٻيلي ڏانهن ڪندي حڪم ڏنو، سپاهي خبرداري سان اڳيان وڌڻ لڳا. هڪدم ٻيلي منجهان ”يا علي..... يا علي.....“ جي صدا بلند ٿي ۽ سنڌين جا ڪٽڪ، جيڪي ٻيلي ۾ لڪيا ويٺا هئا، دشمن سان مقابلي لاءِ نڪري آيا، ڪپمني جا سپاهي هيسجي ويا، پر نيپئر حڪم ڏنو:
    ”گولو هلايو.“ توپ منجهان باهه ڇڏيندڙ گولو نڪتو ۽ اڳئين وڌي آيل ڏهه سنڌي زخمي ٿي ويا، ڪپمني جي سپاهين بندوقون ڀري گوليون هلايون. ٻيلي جي هڪ ڪنڊ ٻه سنڌي جن کي اڇو ويس پهريل ۽ سندن منهن پٽڪي جي پلاند سان ڍڪيل هٿ ۾ تلوارون لوڏيندا ٻاهر نڪتي ۽ دشمن ڏانهن چيتي جي رفتار سان وڌڻ لڳا، انهن منجهان هڪ جيڪو ڪمزور ٿي نظر آيو، ان وڏي واکي رڙ ڪئي:
    ”مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون......“
    ”سردار هوش محمد جو پٽ ڪريمداد ميدان ۾ لهي پيو آهي،“ سنڌين جي ٽولي منجهان ڪنهن رڙ ڪئي ۽ پوءِ فضا وري هڪ نعرو لڳو:
    ”نعرا حيدري.....“ سڀني سنڌين هڪ آواز ۾ جواب ڏنو:
    ”يا علي.....“ ٻه نوجوان دشمن کي للڪاريندا اڳيان وڌيا، سندن پهريون حدف اهو هو ته ڪنهن به صورت مڪار نيپئر تائين پهچي کيس ڌڪجي، ايتري ۾ ڏيهه فرنگي سپاهين ٻنهي نوجوانن کي ورايو، نوجوان گهري ۾، سپاهي هنن ڏانهن وڌيا، ڪريمداد اک ڇنڀ ۾ هڪ گورکا سپاهي تي وار ڪري کيس ڌڪي وڌو ۽ ساڳي رفتار سان ٻن سپاهين ڏانهن وڌيو، اهو منظر ڏسي نيپئر جون نيريون اکيون ٻاهر نڪري آيون، خوف ۾ مٿي تي گهنج اچي ويس ۽ پاسي ۾ بيٺل گنجي آفيسر پاپ جي ڪن ۾ سرگوشي ڪيائين:
    ”لڳي ٿو سنڌي جنهن جوڌي هوش محمد تي فخر ڪندا آهن، اهو هي نوجوان آهي، ڇا ته ڦڙتي اٿس بُت ۾.....“ ڪريمداد وڙهندو رهيو پر نظر نيپئر تي ٿي رکيائين، کيس بس هڪ موقعي جي ڳولها هئي. سج وچ آسمان تي اچي بيٺو ٻنهي طرفن جا ويڙهاڪ ٻيلي منجهان نڪري مياڻي جي ميدان تي جنگ ڪرڻ لڳا، پريان بيٺل پاپ پستول ور منجهان ڪڍي گهوڙو چاڙهي ڪريمداد جو نيشانو ورتو، هو گهوڙو دٻائڻ وارو هو جو هڪ انگريز سپاهي وچ ۾ آيو ۽ تلوار سان ڪريمداد تي وار ڪيائين، رت..... پگهر...... گولا....... بارود....... زخمي ٿيل سپاهي..... مرندڙ سپاهي.... نعرا..... ۽ ان سڀ کان مٿي سنڌ تي هڪ ٻئي جنگ جو آغاز....... ڪريمداد ان سپاهي تي زوردار وار ڪيو سپاهي زمين تي اچي ڪريو، ڪريمداد ڪاوڙ منجهان نيپئر کي ڏٺو، سندس اکين ۾ اهو ئي هوش محمد وارو جوش، هو نيپئر طرف وڌيو، ايتري ۾ پاپ سندس ڀريل پستول سڌو ڪري فائر ڪيو، گولي ڪريمداد جو سينو چيري وئي، ڪريمداد گوڏن ڀري زمين تي ويٺو ۽ آرمان ڀري نگاهه سان آسمان کي ڏسي چپن ۾ ڀڻڪيو:
    ”يا خدا منهنجي مٺڙي بابا هوش محمد کي ايتري همت ڏجان جو هو سنڌ کي غلام ٿيڻ کان بچائي سگهي.....“ ايتري ۾ هڪ ڳاڙهي وردي پهريل فرنگي سپاهي ڪريمداد جي سيني تي وار ڪيو، ڪريمداد اتي ئي ختم ٿي ويو. سنڌين ويتر جوش ۾ فرنگين کي مارڻ شروع ڪيو، انسنگ پينفاڌر ڌڪجي پيو ۽ مري ويو. پاپ سندس ٽولو سان گڏ ميدان تي لٿو، جڏهن ته نيپئر جان بچائي ڇني ۾ لڪي ويٺو، پر ڪريمداد جي اکين جو جوش اڃا به سندس پيڇو ٿي ڪيو.
    ٻيلي ۾ لڪي ويٺل امير 12:00 لڳي ڌاري ٻاهر نڪري آيا، جنگ چار ڪلاڪ کن هلي چڪي هئي، مير رستم خان، مير نصير خان ۽ مير صوبيدار خان کي خبر پئي ته انگريزن خيرپور واري حويلي تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ان خوف ۾ هنن هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان وقت تائين 250 فرنگي مري چڪا هئا، سنڌين جي ٽولون ۾ مڻ مچي ويو، انگريزن ان جو فائدو وٺي پنج هزار سنڌين کي شهيد ڪري وڌو. ميرن نيپئر ڏانهن ماڻهو موڪلي جنگ روڪڻ جي درخواست ڪئي. نيپئر پاپ لاءِ حڪم جاري ڪيو ته هو جنگبندي ڪرائي. ڏيهه انگريز سپاهين ٽن ميرن جو گهرو ڪيو. جنگ بند ٿي وئي، سنڌين ڪيمپ ۾ هٿيار جمع ڪرائڻ شروع ڪيا. نيپئر منشي نائيڪ سان گڏ ڇني کان ٻاهر نڪري آيو، پاپ ۽ ووڊ به هن سان گڏ هئا، هو ميدان تي وکريل سنڌين جا لاشا ڏسڻ لڳا، منشي نائيڪ ٻن سنڌي سپاهين کي وٺي آيو، نيپئر جي ذهن ۾ اهو هو ته هوش محمد هن ويڙهه ۾ شهيد ٿي چڪو آهي، هو ڪريمداد جي لاش وٽ اچي بيٺا، نيپئر حڪم ڪيو:
    ”هن جي منهن تان ڪپڙو هٽايو.“ منشي نائيڪ هڪ سنڌي ويڙهاڪ کي ائين ڪرڻ جو چيو، هن ڪريمداد جي منهن تان ڪپڙو هٽايو، سڀني جي اکين سامهون هڪ 18 سالن جي نوجوان جو لاش پيو هو.
    ”ڇا هي هوش محمد آهي؟“ نيپئر سوال ڪيو، منشي اهو سوال سنڌي کي ترجمو ڪري ٻڌايو.
    ”نه،“ هڪ ويڙهاڪ روئڻهارڪي لهجي ۾ جواب ڏنو: ”هي هوش محمد جو پٽ ڪريمداد آهي.“ منشي نائيڪ انگريزي ۾ ترجمو ڪري نيپئر کي ٻڌايو، نيپئر جي منهن جو رنگ اڏامي ويو ۽ ٿڌو ساهه ڀري چيائين:
    ”معنيٰ اڃا جنگ ختم نه ٿي آهي.“ ان تي پاپ ۽ ووڊ به حيرت ۾ پئجي ويا.
    ٻئي ڏينهن صبح جي وقت نيپئر سندس ڇني ۾ ويهي، هڪ ڪلارڪ کان جنگ جو احوال لکرائي رهيو، منشي نائيڪ ڇهه همراهم سان اندر آيو ۽ زمين تي زور سان بوٽ هڻي سلوٽ ڪيائين، هن سان گڏ اندر آيلن کي نيرو ۽ سائو شاهي لباس پهريل هو. نيپئر هڪ نظر وجهي هنن کي ڏٺو.
    ”سر هي سنڌ جا امير مير رستم خان، مير نصير خان، مير صوبيدار خان ۽ ٻيا آهن،“ منشي نائيڪ نرم لهجي ۾ چيس، اهو ٻڌي نيپئر جي منهن تي طنز ڀري مرڪ اچي وئي.
    ”هي اوهان آڏو سندن هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ اوهان کي سنڌ جي نئين حڪمران طور قبول ڪرڻ آيا آهن.“ واري واري سان سڀني ميرن سندن تلوارون نيپئر اڳيان ميز تي رکي سندس هٿ چمي ڪنڊ ٿي بيٺا.
    ”حضور سنڌ جي اميرن جي چوڻ موجب اڃا ڪجهه سردارن ۽ سنڌ جي بهادر ويڙهاڪ هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن،“ منشي چيس، نيپئر ڪرسي تان اٿي بيٺو ۽ هٿ چيلهه تي رکي ڪاوڙ منجهان چيائين:
    ”اهي به جلدي هٿيار اڇلائيندا، جيڪڏهن نه ته پوءِ هنن کي مرڻو پوندو.“
    ”حضور هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هوش محمد ۽ مير شير محمد گڏجي حملي جي تياري ۾ آهن.“ منشي نرم لهجي ۾ چيس، نيپئر جي منهن تي مڪاري جي مرڪ اچي وئي ۽ پوءِ چيائين:
    ”ڏٺو ويندو.“
    رات جو پهريون پهر هو، انگريز فوج حيدرآباد اچي پهتي هئي، پڪي قلعي جا شاهي در انگريزن جي استقبال لاءِ کوليا ويا هئا، نغارن جا آواز فضا ۾ ٿي گونجيا، پر ان هوندي به نيپئر جي من ۾ هوش محمد جي نالي جو خوف ويٺل هو، هن اڃا به قلعي تي برطانوي جهنڊي چاڙهڻ جو حڪم نه ڏنو هو، ووڊ، پاپ ۽ ميجر آٽورام جهڙا افسر ان ڳالهه تي حيران هئا ته سندن ڪمانڊر جهنڊي چاڙهڻ جو حڪم ڇو نه ٿو ڏئي، اهو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پوراڻي ريت رهي آهي، جنهن به علائقي ۾ گهڙندا آهن اتي اول راڻي جو نالو وٺي يونين جيڪ هوا ۾ ڦڙڪائيندا آهن، پر ڪمپني جي ڏيڍ سو سالن جي اهڙي ريت جي سنڌ ۾ ڀڃڪڙي تي خود انگريز سپاهي به حيرت ۾ هئا، تان جو قلعي جي برجن تي به انگريز سپاهين مورچا سنڀالي ورتا هئا. نيپئر قلعي جي ديوانِ خاص ڏانهن وڌڻ لڳو، هي سنڌ جي حڪمرانن جو خاص ڪمرو هو، جتي اول ڪلهوڙا پوءِ ٽالپر حڪمران سڪون حاصل ڪرڻ ايندا هئا، اهو هڪ وڏو ۽ ڪشادو هال هو، جنهن ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جون شاهي تلوارون ۽ پوشاڪ ٽنگيل هئا، ڇت کان لڙڪندڙ خوبصورت فانوس ۽ ريشمي پردا هئا، نيپئر پيٺان سندس زال به داخل ٿي.
    ”اڄ کان هي شاهي ڪمرو اوهان جو آهي، اوهان هتي راڻي جيان رهو،“ نيپئر مڪار مرڪ مرڪندي چيس، سندس زال جي منهن تي پڻ مرڪ اچي وئي ۽ شاهي پلنگ تي وهندي چيائين:
    ”مونکي فخر آهي سر نيپئر جهڙو بهادر انسان منهنجو جيون ساٿي آهي.“ ريشمي پردن جي پٺيان نيپئر کي ڪنهن جي کنگهڻ جو آواز آيو، هو هڪدم ديوانِ خاص منجهان ٻاهر آيو، ورانڊي ۾ ميجر آٽورام بيٺل نظر آيس. نيپئر هن ڏانهن آيو، ٻئي هال ۾ هلڻ لڳا.
    ”سر نيپئر؛“ آٽورام نرم لهجي ۾ چيس: “هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.“
    ”ڪهڙي ڳالهه ميجر آٽورام....!!“ نيپئر حيرت منجهان پچيس.
    ”اها ئي ته اسان سنڌ فتح ڪري چڪو آهيون، پوءِ اوهان يونين جيڪ ڦڙڪائڻ جو حڪم ڇو نه ڏنو آهي، جڏهن ته اها ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ريت رهي آهي؟“ آٽورام پڇيس.
    ”ميجر آٽورام؛“ نيپئر ٿڌو ساهه ڀري جواب ڏنو: ”سنڌ اڃا فتح نه ٿي آهي.“ اهو ٻڌي آٽورام وائڙن جيان کيس ڏسڻ لڳو.
    ”۽ سنڌ اوستائين فتح نه ٿيندي جيستائين هوش محمد، مير شير محمد ۽ ڄام چاڪر جوکيو هٿيار نٿا اڇلائين،“ نيپئر چيس.
    ”معنيٰ اسان کي اڃا به جنگ لاءِ تيار رهڻ گهرجي؟“ آٽورام حيرت منجهان پڇيس.
    ”هر وقت.... ميجر آٽورام هر وقت.......“ نيپئر وري ٿڌو ساهه ڀري چيس. نيپئر جي نظر ڇت ڏانهن وئي ان تي ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل هو.
    ”هي سنڌي به باقي هندوستان جيان آرٽ جا شوقين ٿا لڳن،“ نيپئر چيو. ميجر آٽورام سندس ها ۾ ها ملائي. هو ٻئي هلندا رهيا.
    ”ميجر آٽورام...“ نيپئر ڪجهه گهڙين بعد چيس.
    ”جي سر نيپئر،“ آٽورام احترام منجهان جواب ڏنس.
    ”هڪ ڪم ڪريو، عام اعلان ڪرايو ته جيڪو به انگريز سرڪار اڳيان هٿيار ڦٽا ڪندو، ان کي انگريز سرڪار عام معافي ڏئي سندس جاگير واپس ڪندو.“ نيپئر چيو.
    ”جي سر نيپئر،“ ميجر آٽورام جواب ڏئي هليو ويو.
    ٻئي ڏينهن کان ميجر آٽورام سندس ريزڊنسي تي ان ڪم کي لڳي ويو، هن عام اعلان ڪرائڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ ماڻهو موڪليا، ڪيترن ئي منشين کان ڏينهن رات ڪم ڪرائي سڀني جاگيردارن جي ڄاڻ گڏ ڪئي، ان ڪم ۾ کيس ٻه هفتا لڳي ويا ۽ پوءِ سومر 26 فيبروري 1843ع تي پڪي قلعي ۾ سنڌي جاگيردار گڏ ٿيا، جن کان اهو واعدو ورتو ويو ته هو انگريز سرڪار جا وفادار ٿي رهندا، جنهن بعد کين جاگيرن جون سندون ڏنيون ويون. ان ڪم ۾ آٽورام کي ٻه ڏينهن لڳي ويا. سندس ريڪارڊ موجب مير شير محمد، ڄام چاڪر جوکيو ۽ سيد ڇتن شاهه عام معافي واري ڏينهن غير حاضر رهيا.
    27 فيبروري جي صبح جو 10:00 لڳي ميجر آٽورام نيپئر جي آفيس ۾ آيو، نيپئر قلعي اندر هڪ ڪوٺي کي سندس آفيس ڪري ڇڏيو هو. نيپئر ڪلڪتي ۾ ويٺل انگريزن جي گورنر جرنل کي خط ٿي لکيا. آٽورام ڪمري اندر اچي سيلوٽ ڪيس ته نيپئر ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڏٺو ۽ مرڪي چيائنس:
    ”ميجر آٽورام مهرباني ڪري ويهو.“
    ”جي مهرباني سر،“ آٽورام ٻئي طرف ڪرسي تي ويهندي مرڪي چيس ۽ جاگيردارن وارو فائيل ميز تي رکيائين. نيپئر خط لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ سمورو ڌيان آٽورام ڏانهن ڪيائين.
    ”سر اسان سنڌ جي جاگيردارن بابت سمورو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي،“ آٽورام ٻڌايس، نيپئر هاڪريءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”اسان جي ڄاڻ موجوب شير محمد، ڄام چاڪر جوکيو ۽ سيد ڇتن شاهه جاگيرون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،“ آٽورام نرم لهجي ۾ چيس، اهو ٻڌي نيپئر جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، هو ڪرسيءَ تان اٿيو ته آٽورام به اٿي بيٺو.
    ”مير شير محمد ۽ ڄام چاڪر جوکيو ته ٺيڪ آهن پر هي ڇتن شاهه وري ڪير آهي؟“ نيپئر ڪڙڪ لهجي ۾ سولا ڪيس.
    ”سر هي سن جو رهواسي آهي؛“ آٽورام کيس ٻڌايو: ”سندس تعلق حيدر شاهه سنائي جي خاندان سان آهي، هي مخدوم بلاول جا مريد آهن، ارغونن جي دور ۾ مخدوم بلاول سيد ميران شاهه جونپوري خلاف هڪ تحريڪ هلائي هئي. جونپوري اها دعوا ڪئي هئي ته هو امام مهدي آهي جنهن جو مسلمان انتظار ڪري رهيا آهن، ثمرقند کان قابل ۽ هندوستان جي ڪجهه علائقن ۾ ماڻهن ميران شاهه کي مهدي طور قبولي ورتو، پر جڏهن هو سنڌ ۾ پهتو ته کيس مخدوم بلاول ۽ سندس مريدن ڪوڙو ثابت ڪري هتان رسوا ڪري ڪڍيو، جنهن کانپوءِ شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو نواب دلها دريا خان سان گڏ مخدوم بلاول جي مريدن جن ۾ حيدر شاهه سنائي اهم مريد هو پڻ حصو ورتو ۽ ارغونن جو پهريون حملو ناڪام بڻايو. هي ڇتن شاهه حيدر شاهه جي نسل منجهان آهي ۽ مليل ڄاڻ موجب سن ۾ اثر رکندڙ شخص آهي.“ نيپئر آٽورام کي ڏٺو، آٽورام ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    ”ڇا هي سنڌي تاريخ جي هر دور ۾ رڳو پنهنجي ڌرتيءَ خاطر وڙهندا ئي رهيا آهن ڇا!!“ نيپئر ٿڌو ساهه ڀري چيو. هڪ پل جي خاموشي کانپوءِ نيپئر آٽورام کي ڏنو:
    ”هن شخص ڇتن شاهه تي نظر رکو، مونکي هن منجهان بغاوت جو خطرو ٿو ظاهر ٿئي.“
    ”جي سر،“ آٽورام چئي ٻاهر هليو ويو. نيپئر اچي ڪرسي تي ويٺو ۽ ڊائيري کولي وري لکڻ لڳو:
    ”آئون سنڌ ۾ ڇو آيس، ڇا منهنجو هي قدم منهنجي سموري فوجي ڪرئير تي داغ بڻجي ويندو......“ ۽ پوءِ وچ پني تي وڏن اکرن ۾ لکيائين:
    ”پيڪاوي...... مون سنڌ ۾ اچي وڏو گناهه ڪيو آهي.“


    13

    ڄام چاڪر جوکيو لشڪر سميت منگهوپير کان انگريز ڇاوڻي تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار هو، اهو منجهند جو وقت هو، هر طرف بقراري وڌندي ٿي وئي، ايتري ۾ ڪنهن کيس اچي ڪن ۾ چيو:
    ”ميان مدد علي سنڌ جي ميرن جو نياپو کڻي آيو آهي.“ ڄام چاڪر خان ان شخص سان گڏ آيو ۽ پوڙهي ميان مدد علي سان ڀاڪر پائي مليو.
    ”ميان صاحب ڪهڙي خبر کڻي آيا آهيو؟“ ڄام چاڪر نرم لهجي ۾ پڇيس.
    ”ڄام چاڪر؛“ ميان مدد علي ڳيت ڏئي چيس: ”ڪا چڱي خبر نه آهي، سنڌ جي اميرن مڪار فرنگين آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن، فرنگين اميرن کي جلاوطني جو حڪم ڏنو آهي.“ اهو ٻڌي ڄام چاڪر ڪاوڙ ۾ اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    ”پر انگريزن اڃا سنڌ کي غلام ڪرڻ وارو اعلان نه ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته جيستائين هوش محمد ۽ سندس ساٿي هٿيار ڦٽا نٿا ڪن قلعي تي انگريزن جو جهنڊو نه چاڙهيو ويندو.“ پوڙهي شخص کيس ٻڌايو، اهي ٻڌي ڄام چاڪر جي منهن تي مرڪ موٽي آئي ۽ سندس ڇاتي چوڙي ٿي وئي، تلوار ڪڍي هوا ۾ لوڏيندي رڙ ڪيائين:
    ”اسان کي فخر آهي ته اسان هوش محمد جهڙي بهادر ۽ ڌرتي ماءُ جي حلالي فرزند جا دوست آهيون، جئي هوش محمد، اسان جي عمر به توکي لڳي وڃي.“ سجاد جوکيو هڪ ٽولي سان ويجهو ئي بيٺل هو، هن جڏهن جوکين جي سردار واتان اهو ٻڌو ته وڏي واکي نعرو هنيائين:
    ”نعري حيدري.....“
    ”يا علي.....“ ٽولي وارن جواب ۾ رڙ ڪئي.
    ”سنڌ جا بهادر سپوت هوش محمد ۽ ڄام چاڪر زنده باد،“ سجاد جوکي نعرو هنيو.
    ”سنڌ جا بهادر سپوت هوش محمد ۽ ڄام چاڪر زنده باد،“ سڀني نعري جو جواب ڏنو.
    ”هوش محمد دٻي وٽ فرنگين تي حملي ڪرڻ جي تياري پيو ڪري،“ ميان مدد رازداري واري انداز ۾ چاڪر خان جي ڪن ۾ چيو:
    ”اوهان لاءِ صلاح موڪلي اٿائين ته اوهان جهرڪ ۾ فرنگين جي ساٿي آغا خان تي حملو ڪيو.“ اهو ٻڌي ڄام چاڪر ڪجهه گهڙين لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو.
    ”جيڪا سنگت جي صلاح، جئين هوش محمد چيو آهي، ائين ئي ٿيندو،“ ڄام چاڪر ميان مدد کي خاطري ڏياري. هو گهوڙي تي چڙهي حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو.
    ڄام چاڪر، حيدر جوکيو ۽ ٻين ساٿين سان صلاح ڪئي، هو هاڻي شهر کان پرڀرو هئا.
    ”حيدر جوکيو اوهان اعلان ڪريو ته اسان جهرڪ تي حملي لاءِ نڪري رهيا آهيون،“ ڄام چاڪر سوٽ کي چيو، هو اٿي ٻاهر آيو، کليل ميدان ۾ ٻه سو کن سنڌي ڄام جي حڪم جي انتظار ۾ هئا، حيدر مٽي جي ڀٽ تي چڙهي ٻيٺو ۽ رڙ ڪيائين:
    ”ڀائرو، هوش محمد ۽ سردار ڄام چاڪر فرنگين سان جنگ جوٽي رهيا آهن، اسان جي بهادر دوست هوش محمد طرفان نياپو آيو آهي ته پاڻ جهرڪ ڏانهن وک وڌايون، ان ڪري سڀ تيار ٿيو ۽ جوکي سردار جا ٻانهن ٻيلي ٿي اڳيان وڌو.“ لشڪر سامان، هٿيار ۽ سواري سان جهرڪ لاءِ روانو ٿيو ته سج لهي چڪو هو، آسمان تي ڳاڙهاڻ ڇائجي چڪي هئي، ڄام چاڪر آسمان تي ڳاڙهو رنگ ڏسي بيقرار ٿي پيو، هن سنڌ وطن کي فرنگين کان آزاد ڏسڻ ٿي چاهيو، لشڪر جابلو رستي ڏانهن وڌڻ لڳو.
    پوڙهو ميان مدد علي گهوڙي تي سوار وسندي کان اڃا پرڀرو مس ٿيو جو ٻن سپاهين کيس روڪيو، اهي ها ته انگريز فوج جا سپاهي پر سندن چمڙي جو رنگ ڪارو ۽ ٻولي هندوستاني هئي، اهي ٻئي سپاهي مراٺي هئا، انهن منجهان هڪ جو نالو بلونت هو، کيس مٿين چپ وٽ مچين جي سنهي ليڪ هئي، ٻيو قداور سخص راول هو. بلونت گهوڙي سوار کي ڏسي رڙ ڪئي:
    ”بيهي رهه،“ گهوڙيسوار گهوڙي جي رفتار کي ڍرو ڪيو، ٻئي سپاهي هن ڏانهن وڌڻ لڳا، پوڙهي شخص سواري بيهاري ڇڏي ۽ هيٺ لٿو. سپاهي هن وٽ پهتا، بلونت رکي لهجي ۾ پڇيس:
    ”ڪير آهين ۽ هن وقت ڪيڏانهن نڪتو آهين؟“
    ”آئون ميان مدد علي آهيان،“ پوڙهي کين ڏسي مرڪي جواب ڏنو: ”واپار جي سلسلي ۾ هتي اچڻ ٿيو، هاڻي واپس حيدرآباد ويندس.“
    ”ڪهڙو واپار ڪندو آهين؟“ بلونت وري ساڳي انداز ۾ پڇيس. مدد علي ڪجهه گهڙين لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو، ٻنهي سپاهين کيس شڪي نگاهن سان ڏٺو.
    ”ڇا ٿيو پوڙها؟“ هن ڀيري راول ڪاوڙ منجهان پڇيس.
    ”آ...ئو....ن......“ ميان مدد علي ڏڪندڙ لهجي ۾ چيو: ”آئون ڪپهه جو ڪاروبار ڪندو آهيان هتي مقامي ماڻهن ۾ ڪم هو.“ ان کان اڳ جو سپاهي هن کان وڌيڪ پڇا ڳڇا ڪن ها، پريان کان کين باهه جا شعلا ڏسڻ ۾ آيا ۽ سندن ڪنن تي گھوڙي جي تاپن جو آواز پيو.
    ”هي وري ڪير آهن؟“ بلونت ان طرف ڏسندي پاڻمرادو ڳالهايو.
    هنن گهوڙن ۽ رڙين کي ويجهو ٿيندي محسوس ڪيو، سندن ڪنن تي نعرن جو آواز آيو:
    ”سردار ڄام چاڪر خان زندهه آباد..... هوش محمد زندهه باد.....“ ۽ هڪ پل کانپوءِ ڪنهن هوا ۾ رڙ ڪئي:
    ”هوش محمد جو چوڻ آهي: مرويسون مرويسون، پر سنڌ نه ڏيسون......“ اهو ٻڌي پوڙهي مدد علي سک جو ساهه کنيو، سندس منهن تي پرسڪون مرڪ اچي وئي. بلونت مدد علي جي تاثر کي جاچي ورتو ۽ بندوق سڌي ڪندي رڙ ڪيائين:
    ”پوڙها سچ سچ ٻڌا هي ڪي آهن ۽ تون ڪير آهين؟“ ميان مدد علي خاموش بيٺو رهيو. بلونت وري رڙ ڪئي:
    ”جلدي هاڻي...“ سندس بت ۾ رڦڻي ٿيڻ لڳي. 30 گهوڙيسوار هنن وٽ اچي پهتا، ڪنهن وٽ تلوار، ڪنهن وٽ کنجر ته ڪنهن جي هٿ ۾ ڪوهاڙي هئي.
    ”هي ته فرنگي سپاهي آهين....“ هڪ جوان رڙ ڪئي.
    ”اڄ هي زندهه نه بچن....“ ڪنهن وچ منجهان رڙ ڪئي، بمبئي کان آيل ٻنهي سپاهين جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، پوءِ بلونت دل ٻڌي رڙ ڪئي:
    ”اُتي ئي بيهي رهو نه اسان گولي هلائينداسين.“ پر گهوڙي وارا اڳيان وڌي هن کي گولائي ۾ ڪري بيهي رهيا. بلونت ۽ سندس ساٿي ديوين ديوتائن کي ٻڏائڻ لڳا. بمبئي ريجمنٽ ڪڏهن به سنڌ اچڻ تي راضي نه هئي، بمبئي وارا سدائين موقعي پرست رهيا، چوري چڪاري سندن اهم پيشا رهيا آهن، هو پنهنجي پاڙيواري جي زال کڻي ويندا آهن ۽ پوءِ ٿڏي تي قسم به کڻي وٺن ته هنن اهو ڪم نه ڪيو آهي، پر جڏهن به ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسندا آهن ته عورتاڻو ورتاءُ ڪري جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بلونت وارا ٻه وکون پٺيان ويا. سجاد جوکيو ساٿين سميت هنن ڏانهن وڌيو ۽ پوڙهي کي ڏسندي چيائين:
    ”مدد چاچا اوهان هتان نڪرو.“ ميان مدد علي گهوڙي تي سوار ٿي اڳيان نڪري ويو. سجاد ور منجهان کنجر ڪڍي روال تي وار ڪيو، کنجر سندس پيٽ چيري ويو ۽ رت هيٺ اچي ڪري، ساٿي جي رت ڏسي بلونت جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. سجاد بلونت ڏانهن وڌيو، هو اڃا ٻه وکون پٺيان ويو، ڪنهن سندس پٺي تي تلوار جو وار ڪيو.
    ”آهه،“ بلونت جي واتان هڪ رڙ نڪتي، ٻئي لمحي سجاد سندس سيني تي ٻه ڀيرا وار ڪيو، هو به ساٿي سان گڏ اچي پٽ تي ڪريو. سنڌي جوانن ٻئي لاش گهوڙن سان ٻڌا ۽ وسندي ڏانهن آيا، لاشن کي چوراهي تي اڇلائي مختلف هنڌن تي لڪي ويا.
    پريڊي کي جڏهن اهڙي واقعي جي ڄاڻ ملي ته هو ڇتو ٿي پيو، هن وسندي تي ڪاهه ڪري اعلان ڪرايو:
    ”انگريز فوج جي سپاهين کي ڪجهه شرپسندن قتل ڪيو آهي، اهي قاتل منهنجي حوالي ڪريو نه ته آئون اوهان جون بستيون ساڙي ڇڏيندس.“ انگريز سپاهي هر جوان کي هرفتار ڪرڻ لڳا، عورتن ٻارن ۽ پوڙهن جو قتل عام ڪين. سجاد جوکيو ساٿين سميت مک بازار ۾ آيو، جتي پريڊي باهه ڏياري هئي، هو نعرا هڻندو اڳيان وڌيو:
    ”نعري حيدري.....“
    ”يا علي.....“ سندس ساٿين نعري جو بلند جواب ڏنو، پريڊي ايندڙ گهوڙيسوارن ڏانهن ڏٺو، سندس اکيون رت جيان ڳاڙهيون ٿي ويون، سندس ڏهه سپاهي هن جي پاسي کان اچي بيٺا، پريڊي آسمان جيڏي اوچي رڙ ڪئي:
    ”فائر......“ بندوقن منجهان ٽڪاءُ نڪتا سجاد سميت ڏهه ڄڻا زخمي ٿي گهوڙن تان هيٺ ڪريا، وري ٽڪاءُ ٿيا، ان وچ ۾ سنڌين ٻن سپاهين کي ڌڪي وڌو، سجاد جي ٽولي جا رڳو ڇهه جوان بچا، پريڊي سندن هٿ پير ٻڌي کين وڻن سان مک بازار ۾ ٻڌي بيهاريو، سڀ سنڌي اچي بازار ۾ گڏ ٿيا. هنن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ هئا. پريڊي ڪاوڙ واري هڪ نظر سنڌين تي ويجهي سپاهين کي حڪم ڏنو:
    ”فائر....“ هوا وري ٽڪاءُ ٿيا، ٻار روئڻ لڳا، عورتن ۽ مردن ڏک وچان اکيون بند ڪري ڇڏيون.


    14

    مارچ جو مهينو شروع ٿي چڪو هو، اهو هڪ خوشگوار صبح هئي، منشي نائيڪ، جيڪو 48 سالن جو سنهڙو سپڪڙو شخص هو، ريزيڊنسي ۾ سپاهين ۽ افسرن جي ناشتي جي بندوبست ۾ لڳو پيو هو، اوچتو سندس ڪنن تي:
    ”دين....دين...... علي....علي..“ جا آواز آيا، جن کيس ڏڪائي وڌو، هو ٻاهر ڀڳو، سندس نظر ريزيڊنسي ڏانهن وڌڻ ٽولي تي پئي ، هو ڏڪي ويو ۽ رڙ ڪري ورانڊي ڏانهن ڀڄڻ لڳو:
    ”سنڌين حملو ڪيو آهي.... سنڌين حملو ڪيو آهي.....“ مختلف ڪمرن ۾ ويٺل افسر ۽ سپاهي هٿيار سنڀالڻ لڳا، هو اچي پڌر جايون سنڀالي بيٺا، ۽ پوءِ ڄڻ سندن ڪنن تي ڪنهن چيتي جي چنگار ڪري هئي، هوا کي چيري ايندڙ هڪ رڙ:
    ”مرويسون مرويسون، پر سنڌ نه ڏيسون،“ چوڙي سيني وارو هڪ قداوار مڙس مٿي تي اڇو پٽڪو ٻڌل، ٻنهي هٿن ۾ تلوارون، مڇين جا شهپر اڀا، سڀني کان اڳيان ٿي آيو، منشي نائيڪ، آٽورام جي ڪمري ڏانهن ڀڳو ۽ در وٽ بيهي رڙ ڪيائين:
    ”سر هوش محمد ساٿين سميت ريزيڊنسي تي حملو ڪيو آهي.“ اهو ٻڌي آٽورام جي اکين آڏو اوندهه اچي وئي.
    ”سپاهيو تيار ٿيو، اسان تي حملو ٿيو آهي،“ آٽورام ورانڊي ۾ ايندي رڙ ڪئي. 5 ۽ 6 ڪمپنين جي سپاهين ميدان جو مورچو سنڀاليو، سنڌي ويڙهاڪ ٻن فوٽن جي ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا.
    ”فائر......“ آٽورام رڙ ڪري حڪم ڏنو، هوش محمد ۽ سندس ساٿين ميدان ۾ بيٺل سپاهين تي وار ڪيا، ٻن ڄڻن ورانڊي ڏانهن باهه لڳل ڏنڊا اڇلايا. آٽورام جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هو اسٽوروم، جتي بارود وغيره رکيل هو، ان طرف ڀڳو، اسٽور روم کي بند ڪري آٽورام نيپئر جي ڪمري ڏانهن ڀڄندو ويو، هن در کڙڪائي نيپئر کي اطلاع ڏنو، چارليس نيپئر ڪمري کان ٻاهر آيو:
    ”سر پاڻ کي ترت ئي هي ريزيڊنسي ڇڏڻي پوندي، سنڌين حملو ڪيو آهي،“ آٽورام سهڪندي ٻڌايس، نيپئر جو منهن پڻ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، پر مصليت کان ڪم وٺي افسرن ۽ سپاهين سان پٺيان کان نڪري درياهه جي ڪپ تي بيٺل اسٽيمر ۾ مورچو سنڀاليائين. هوش محمد ۽ سندس ساٿين ريزيڊنسي تي موجود پنجٽيهه سپاهي ماري وڌا، هوش محمد اسٽور ڏانهن ويو، ڪجهه بندوقون ۽ بارود قبضي ۾ ڪري حڪم ڪيائين:
    ”هن کي باهه ڏيو،“ سندس ساٿين اسٽور روم کي باهه ڏني، بارود کي باهه لڳي ته وڏو ٽڪاءُ ٿيو ۽ پوءِ هر پاسي باهه جا اُلا هئا، سنڌي ڪامياب حملو ڪري نڪري ويا. اسٽيمر ۾ موجود نيپئر اهو منظر ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ ڄڻ چريو ٿي پيو ۽ آٽورام کي حڪم ڏنائين:
    ”هفتي اندر هي سڀ باغي منهنجي سامهون هجن.“
    ”جي سر،“ آٽورام حيرت منجهان هن کي ڏسندي جواب ڏنو.


    15

    حملي کان ٻه ڏينهن پوءِ.......
    اهو سج لٿي جو وقت هو، دٻي جي کليل ميدان ۾ هوش محمد سندس ساٿين سميت ويٺل هو، وچ ۾ باهه جو مچ ٿي ٻريو، سادن لباسن ۾ سنڌي عورتون لوڪ گيت ڳائي رهيون هيون:
    ”منهنجو کٽي آيو خير سان..... هوجمالو........“ هوش محمد سندس تلوار سان مٽي تي ڪجهه ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. 38 سالن جو جوان، ويڪري سيني ۽ گهنڊي وارن وارو خدا بخش قمبراڻي هن وٽ آيو ۽ سندس ڪن ۾ چيائين:
    ”سردار ڄام چاڪر خان جوکيو لشڪر ساڻ جهرڪ پهچڻ وارو آهي.“ اهو ٻڌي هوش محمد جي چهري تي مرڪ اچي وئي ۽ اٿي بيهي اعلان ڪرڻ لڳو، عورتن ڳائڻ بند ڪيو.
    ”ڀائرو اسان لاءِ هڪ خوشي جي خبر آهي ته اسان جو بهادر دوست ۽ ساٿي ڄا۾ چاڪر خان جهرڪ وٽ فرنگين جي دوستن تي حملي لاءِ تيار آهي، هاڻي اوهان به وڏي حملي لاءِ تيار رهو.“
    ”نعري حيدري......“ خدا بخش قمبراڻي رڙ.
    ”يا علي.....“ سڀني جواب ۾ رڙ ڪئي.
    ”مرويسون، مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون....“ هوش محمد هٿ هوا ۾ لوڏي رڙ ڪئي.
    ڪجهه گهڙين کان پوءِ چاليهه ورهين جو سگهڙ استاد جمن، جنهن کي اڇو پٽڪو ٻڌل هو اٿيو ۽ هوش محمد جي چمڪندڙ اکين ڏسي شعر پڙهيائين:
    ”سورهيه مرين سوڀ ۾ ته دل جا وهم وسار.....“ ايتري ۾ هڪ جوان هوش محمد وٽ آيو ۽ کيس گهر جي سڏ جو نياپو ڏنائين، هوش محمد اٿي گهر ڏانهن ويو.
    هوش محمد زرينه سان ڪمري ۾ اچي ويٺو.
    ”ته اهو سچ آهي، تون فرنگين خلاف ويڙهه تي ويندي،“ زرينه سڏڪي ۾ چئي رئي سان نڪ سڻڪيو.
    ”زرينه جوڌن جون زالون روئينديون نه آهن،“ هوش محمد زرينه جي چهري ۾ ڏسندي هوريان چيس، زرينه جي ڳاڙهين اڳين منجهان ڳوڙها ڳڙيا، هوش محمد ساڄي هت جي آڱرين سان ڳوڙها اگيس.
    ”پر تنهنجو جنگ جي ميدان ۾ لهڻ ضروري آهي ڇا، هنن فرنگين هٿان منهنجو ٻچڙو ڪسجو ويو ۽ هاڻي تون......“ زرينه جملو پورو نه ڪري سگهي ۽ سڏڪا ڀريائين.
    ”ها زرينه منهنجو ميدان ۾ لهڻ ضروري آهي، هاڻي آئون ئي لشڪر جي اڳواڻي پيو ڪريان، اميرن ته ڪڏوڪو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.“ زرينه هوش محمد جي سيني سان لڳي وئي، ڪجهه پل سندس ڪلهي تي ڪنڌ رکي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي، پوءِ هوش محمد جي اکين ۾ ڏسندي ٿڙڪندڙ چپن سان چيائين:
    ”اي منهنجا بهادر ور آئون آزاد سنڌ ۾ رهڻ ٿي گهران........“ اهو ٻڌي هوش محمد جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ زرينه کي سيني سان لاٿائين.
    ”جنگ لاءِڪڏهن روانو ٿيندي؟“ زرينه پڇيس.
    ”جلد کان جلد، اسان فيصلو ڪيو آهي ته ٻيلي ۾ رهي دشمن جي چرپر تي نظر رکون.“
    ”هوش محمد تنهنجي وڃڻ کان اڳ آئون پنهنجي هٿن سان توکي بسري کارائڻ ٿي چاهيان،“ زرينه مڙس جي چهري ۾ ڏسندي چيو، ان تي هوش محمد مرڪي هاڪري ۾ ڪنڌ لوڏيو. زرينه ڪمري کان نڪري ڊالي ڏانهن آئي ۽ مکڻ ۾ ڪٽيل بسري ٿالي تي رکي ڪمري ۾ موٽي آئي. هوءَ هوش محمد جي پاسي کان ويهي کيس بسري کارائڻ لڳي، ٽن گراهن کانپوءِ هوش محمد بسري جو ٽڪر زرينه کي کارايو.
    رات اونداهي ٿي رهي هئي، هوش محمد گهران نڪرڻ وارو هو، زرينه به لوڙهي تائين هن سان گڏ آئي، هوش محمد چنڊ جي روشني ۾ زال کي ڏٺو، زرينه هڪدم رئي منجهان پلاند ڦاڙيو ۽ پوءِ هيٺ جهڪي مٽي کڻي رئي جو تعويذ ٺاهي هوش محمد کي ڳيچي ۾ ٻڌندي چيائين:
    ”سنڌ کي فرنگين کان آزاد ڪرائي ورجان.“ هوش محمد مرڪي کيس سيني سان لاٿو ۽ ڪاري آسمان ڏانهن ڏسندي هوريان چيائين:
    ”مرويسون مرويسون، پر سنڌ نه ڏيسون.“ اهو چئي هو گهران نڪتو.


    16

    ٻه سو ماڻهن جي لشڪر سان گڏ ڄام چاڪر جوکيو واريءَ جا ڀٽ پار ڪري جهرڪ ۾ داخل ٿيو، هي حصو سنڌ جي اميرن آغا خانين کي ڏنو، جڏهن کين سندن ئي سلطنت منجهان ڪڍيو ويو هو، پرنس آغا جنهن تي عمر خيام جي روبين جو گهڻو اثر هو ناچ گاني ۽ شراب جو شوقين هو، پر پوءِ به پنهنجي جماعت کي گڏ ڪري رکيو هئائين. سندس حرم ۾ ڪيتريون ئي عورتون هيون، پر پوءِ هر روز شام جو هو محل جي ديوان خاص ۾ اڌ ننگين عورتن جو ناچ ڏسي خوش ٿيندو هو. هر هفتي اڱاري جي ڏينهن هو سموري جماعت کي ديدار ڪرائيندو هو ۽ سندن مسئلا ٻڌندو هو. هي به اڱاري جو ڏينهن هو سموري جماعت ديوان عام ۾ گڏ ٿي هئي، پرنس آغا سوني ڪرسيءَ تي اچي ويٺو سندس مٿي تي ڪاري ٽوپي ۽ ان جي اڳيان مور جو کنڀ لڳل هو. مرد، عورتون ۽ ٻار سڀ ديوان ۾ گڏ هئا، محل وڏو ۽ ڪشادو ٺهيل هو، ايراني ڪاريگرن شهزادي جي هر شوق ۽ سهولت کي سامهون رکي محل جي اڏاوت ڪئي هئي. سهڻو سيبتو شهزادو جنهن جا ڪارا ريشمي وار هئا، ماڻهن کي ڏسڻ لڳو. سندس خاص مشير نظام خواجا پنجونجاهه سالن جو ڳاڙهو ڳٽول گول منهن وارو شخص هو، نظام جو خاندان ئي اهو پهريون خاندان هو جنهن فاطمد خلافت کي قبول ڪيو هو، نظام جي تن تي سنهري جبو ۽ مٿي تي ڪاري پڳ ٻڌل هئي، ميرن جڏهن ڪلهوڙن جو تختو ٿي انڌو ڪيو، تڏهن فاطمدين ئي سندن مدد ڪئي. جڏهن نظام سنڌ ۾ آيو هو، ان وقت کيس مچين جي ساوڪ به نه آئي هئي ۽ هاڻي سندس چپاٽي ڏاڙهيءَ ۾ اڇا وار پئجي ويا هئا. هو اڳيان وڌي آيو ۽ ڌن هيٺان ٻئي ٻانهون ٻڌي احترام ۾ چيائين:
    ”منهنجا آقا، خدا جي سلامتي ۽ ڪرم سدائين اوهان تي وسندو رهي،“ هو ايترو ته آهستي ڳالهائي رهيو جو شايد ٻئين قطار ۾ ويٺلن تائين پهچندو هجي. پر شهزادي کي هن جي ڳالهائين جو اهو مخصوص انداز وڻندو هو ۽ هن ڀيري به مرڪي ڪنڌ لوڏيائين. نظام ڳالهه جاري رکي:
    ”اسان کي اطلاع مليو آهي ته ٻه سو کن هٿياربند سنڌي اسان جي شهر وٽ اچي ويا آهن ۽ اسان جي ماڻهن ۾ اها بيچني وڌي رهي آهي ته، سنڌي اسان تي حملو ڪري ڏيندا.“ اهو ٻڌي شهزادي جو منهن هيڊو ٿي ويو ۽ هڪ نظر نظام تي وجهي، ديوان عام ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏٺائين.
    ”اهي افواهه به هلي رهيا آهن ته هي اهي ئي آهن جن ڪراچي ۾ انگريز ڇواڻي تي حملو ڪري ڪيترن افسرن سميت ٻن ميمصاحبائن کي بيرحمي سان قتل ڪري ڇڏيو،“ نظام ساڳي لهجي ۾ چيس، شهزادو گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو، سندس ساڄي هٿ جي آڳرين ۾ پهريل سونيون منڊيون چمڪڻ لڳيون. ديوان عام ۾ سس ڦس ٿيڻ لڳي، هر ڪو بيچين نظر ٿي آيو، شهزادي ساڄو هٿ هوا ۾ لوڏيو ته سڀ خاموش ٿي ويا.شهزادو ڳاڙهي تخت نما ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو ۽ ڪڙڪ لهجي ۾ چيائين:
    ”اسان معاملي جي گهرائي کي سمجهون ٿا، اوهان اسان تي يقين رکو، اسان انگريز فوج جا ساٿي آهيون ۽ ڪنهن به وحشي ٽولي کي پاڻ مٿان حملي جي اجازت نه ڏينداسين.“
    ”خدا اسان جي مٿان اوهان جو هٿ سدائين قائم رکي..... خدا اسان جي مٿان اوهان جو هٿ سدائين قائم رکي.....“ درٻارين خوشي جو اطهار ڪندي بلند آواز ۾ نعرا هنيا. شهزادي وري هٿ هوا ۾ لوڏيو، وري خاموشي ٿي وئي.
    ”اسان پنهنجي دوست چارليس نيپئر کي هن ڳالهه کان آگاهه ڪنداسين، هو اسان جي ضرور مدد ڪندو.“ شهزادي ساڳي نوع ۾ ڳالهايو. ان تي هي گڏجاڻي پوري ٿي. شهزادي جي اڳيان پٺيان سندس وفادار سپاهي هئا، هو ڳاڙهي ايراني قالين تي هلندو، سندس وڏي لائبرري ۾ آيو، جيڪا ڪتابن سان سٿيل هئي، وچ ۾ وڏي ڪاٽ جي ٽيبل جنهن تي سون جو جڳ ۽ گلاس پيل هئا، مٿان ايراني فانوس، جنهن ۾ خوشبودار مڻبتيون ٿي ٻريون، چوطرف پيل اوچي ڪاٺ جي الماڙين ۾ انگريزي، فارنسيسي، فارسي ۽ عربي جا ڪتاب پيل هئا، هو اڃا آرامدهه ڪرسيءَ تي ويٺو ئي مس جو، سندس منشي هاتم، هٿ ۾ خاڪي پنا، مس ڪپڙي ۽ قلم کنيو، اندر داخل ٿيو، ڪنڌ جهڪائي شهزادي کي سلام ڪري، هن جي کاٻي پاسي کان ڪاٺ جي ڪرسيءَ تي ويهي قلم مس ڪپڙي ۾ وڌائين ۽ پنا سڌا ڪري ناسي تختي تي رکيائين. شهزادي کنگهي ڳلو صاف ڪيو، جو ڪمري جا مکملي پردا پري ٿيا ۽ هڪ اڀريل سيني ۽ وڏين ڪارين اکين واري دوشيزا چاندي جي ٿالي تي مڌ کڻي اندر آئي، سندس ڀوري جسم تي نيرو ريشمي لباس خوب ٿي ٺهيو، هن جئين جهڪي ٿالي هيٺ رکي ته سندس سيني ۾ وٿي آئي. هن سوني پيالي ۾ جام ڀري نزاڪت سان شهزادي کي پيش ڪيو ۽ هڪ ڪنڊ ۾ بيهي جام ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي، شهزادي جام منجهان هڪ سپ ڀري پيالو ٽيبل تي رکيو ۽ هاتم کي خط لکرائڻ لڳو:
    ”جهرڪ
    شام جا 05:30
    تاريخ: 20 مارچ، 1843،
    منهنجا عزيز دوست سر چارليس نيپئر، آئون اوهان جو دوست ۽ خيرخواهه آهيان، مونکي اميد آهي ته اوهان سنڌ جي هن امير ۽ خوبصورت سرزمين سٺو وقت گذاري رهيا آهيو، اهو ٻڌي دلي خوشي ٿي ته سنڌ جي اميرن اوهان جي جنگي صلاحيتن اڳيان ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ گوڏا کوڙي ڇڏيا، ڀلا ايڏي منظم فوج اڳيان ڪو وحشي ٽولي گهڻي دير تائين جنگ ڪري سگهي ٿو......
    منهنجا مهربان دوست مونکي اجازت ڏيو ته آئون اوهان اڳيان هڪ ننڍڙي درخواست ڪري سگهان، منهنجي امن پسند رايا تي ڪجهه وحشي ڌاڙيل حملي ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن ۽ کين اسان جي سرحدن ۾ ڏٺو ويو آهي، ٻڌڻ ۾ اهو ئي پيو اچي ته هي اهي ئي وحشي آهن جن ڪراچي ۾ انگريز ڇاوڻي تي حملو ڪري بهادر انگريز افسرن سان گڏ ٻن ميمصاحبائن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. مانوارا سائين هنن وحشين جي اڳواڻي ملير جو جوکيو ڄام چاڪر خان ڪري رهيو آهي.
    منهنجا مانوارا سائين، مونکي ان ڳالهه جو انديشو آهي ته جيڪڏهن هن اسان مٿان حملو ڪري ڏنو ته هو اسان سڀني کي ماري چٽ ڪندو ۽ اسان جي سموري دولت لوٽي ويندو، ڇو جو رت وهائڻ سندس فطرت آهي. ان کانسواءِ هي سنڌي مونکي ۽ منهنجي ماڻهن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ڌاريو سمجهن ٿا.
    مانوارا سائين، اهڙي ڏکي وقت ۾ مونکي اوهان جهڙي وڏي جنگجو کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نظر نٿو اچي.... اميد ته موت کان اڳ اوهان اسان جي مدد لاءِ پهچي ويندا.....
    فقط اوهان جو
    پ_اي_ڪي...“
    هاتم خط پڙهڻ لڳو، شهزادو شراب جون چسڪيون ڀري خط ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ هاتم کي حڪم ڏنائين:
    ”خط تي اسان جي مهر هڻ.“ هاتم ٽامي جي مهر کڻي خط کي هڻي ميڻ سان بند ڪري ميڻ تي به مهر هنئين.
    رات ڪاري ۽ خاموش هئي سنڌي جوڌا ان انتظار ۾ هئا ته ڪنهن وقت ٿو ڄام چاڪر حڪم ڪري ۽ ڪنهن وقت ٿا هو حملو ڪن، حيدر جوکيو ٻن ساٿين سان هڪ ٽڪريءَ تي چڙهي آس پاس جي ماحول تي نظر رکيو ويٺو هو، ڪجهه سپاهي هيٺ باهه باريو ويٺا هئا ۽ هڪ ٻئي کي ڳجهارتون ٿي ڏنائون، ٻئي پاسي ڄام چاڪر هڪ سگهڙ کان سورٺ راءِ ڏياج واري لوڪ داستان ٻڌي مچيون وٺي رهيو هو.
    حيدر جوکيو کي کليل ميدان ۾ چرپر جو احساس ٿيو ۽ ساٿين کي چيائين:
    ”هيٺ ڪا چرپر ٿي رهي آهي،“ ساٿين هيٺ ڏٺو، کين به چر پر جو احساس ٿيو.
    ”ڪو جنگلي جانور هوندو،“ هڪ ساٿي چيو.
    ”هيٺ هلي ڏسڻ گهرجي،“ ٻئي ساٿي صلاح ڏيندي چيس. حيدر ها ۾ ڪنڌ لوڏي ٻنهي ساٿين سان گڏ هيٺ لٿو ۽ ميدان ڏانهن وڌٻ لڳو، هڪ ساٿيءَ جي هٿ روشني ڪرڻ لاءِ باهه وارو ڏنڊو به هو، هو تڪڙيون وکون کڻندا اڳيان وڌندا رهيا. هو جئين چر پر جي ويجهو ٿيا ته پتو پين ڪو گھوڙي سوار آهي، حيدر رڙ ڪئي:
    ”بس بيهي رهه....“ گهوڙيسوار ٻئي لتون گهوڙي کي هڻي ان جي رفتار وڌائڻ جي ڪئي، حيدر وارا به هاڻي ڀڄڻ لڳا....
    ”آئون چوان ٿو بيهي رهه....“ حيدر وري رڙ ڪئي. گهڙي تي چهبڪ لڳو، پر حيدر وارا هن تائين پهچي ويا، حيدر گهوڙي جي لغام هٿ جهلي سوار کي هيٺ لهڻ جو چيو، سندس منهن ڪاري پٽڪي سان ڍڪيل هو.
    ”ڪير آهين؟“ حيدر هن جي منهن تان ڪپڙو پري ڪندي ڪڙڪ لهجي ۾ پڇيس.
    ”آئون......آ....ئون.....“ هن جون تنگون ڏڪڻ لڳيون: ”هتان جو رهواسي آهيان......“
    ”نالو ڇا اٿئي؟“ حيدر ساڳي انداز ۾ سوال ڪيس.
    ”مطب بن خطاب.....“ هن جواب ڏنو، سندس لهجي منجهان خوف جھلڪي رهيو هو. نالو ٻڌي حيدر وارن کي حيرت ٿي ۽ حيدر هن کي غور سان ڏسندي چيو:
    ”هي سنڌي نالو ته نه آهي....!!“ ان شخص جو منهن هيڊو ٿي ويو.
    ”تون ڪنهنجو ماڻهو آهين؟“ حيدر سوال ڪيس.
    ”آئون پنهنجي آقا جو غلام آهيان....،“ هن خوف وچان جواب ڏنس.
    ”ڪير؟“ حيدر ڪاوڙ منجهان پڇيس، اهوهمراهه خوف ۾ ٻه قدم پٺيان ويو.
    ”ڳالهه بزدل.....“ حيدر تلوار جي هٿي تي گرفت مضبوط ڪندي چيس، ڪاوڙ ۾ سندس ڏند ٽڙڪيا....
    ”پرنس آغا خان......“
    ” غدار......“ حيدر گرجدار رڙ ڪئي، جنهن سان سمورو جھرڪ لوڏي ويو، اهو شخص رڦڻ لڳو.
    ”ڪيڏانهن پيو وڃي،“ جندو جذباتي ٿيندي ور منجهان تلوار ڪڍي هن کان پڇيو، جندو جي اکين ۾ نفرت ۽ حقارت ۽ هٿ ۾ تلوار ڏسي ويتر ان تي غشي چڙهي وئي ۽ گوڏن ڀر ويهي ٻئي هٿ جوڙي چيائين:
    ”ڪراچي ...... واپار لاءِ........“
    ”هن جي تلاشي وٺو،“ حيدر ساٿين کي چيو، جندو هن جي تلاشي ۽ سندس ور منجهان پيسن جي ڳوٿري ۽ خط ڪڍي حيدر کي ڏنائين، حيدر خط هوا ۾ لوڏيندي پڇيس:
    ”هي ڇا آهي؟“
    ”هي.....هي.... واپار جو حساب ڪتاب وارو چٺو آهي....“ هن ڏڪندڙ چپن سان جواب ڏنو.
    ”کيس سرادر ڄام چاڪر وٽ وٺي هلو،“ حيدر چيو، جندو هن کي ٻانهن کان وٺي مٿي ڪيو، هن جندو کي ڌڪو ڏنو ۽ ٻئي طرف ڀڄڻ لڳو.
    ”پڪوڙيو حرامخور کي....“ حيدر ڪئي ۽ هن جي پٺيان ڀڄڻ لڳو، اهو شخص ڪجهه وقت تائين ڀڄندو رهيو ۽ هٿ نه ڏنائين، پر کيس ٿاٻو آيو ۽ هيٺ پٽ تي ڪريو، حيدر وارا سهڪندا سهڪندا هن وٽ پهتا ۽ سندس سيني تي تلوار رکيائون، جندو هن جي سيني تي وار ڪيو، سندس رت وهڻ لڳي، پوءِ کيس رسي سان ٻڌي ڄام چاڪر وٽ کڻي آيا. حيدر ڄام چاڪر کي سمورو قصو ٻڌايو. ڄام هڪ پل لاءِ ڪجهه سوچي ڇني کان ٻاهر آيو ۽ وڏي واکي رڙ ڪيائين:
    ”ساٿيو تياري ڪريو، حملي جو وقت اچي ويو آهي.“ هڪ پل جي خاموشي کانپوءِ هن وري رڙ ڪندي چيو: ”جهرڪ واري شهزادي جي محل تي هر حال ۾ حملو ڪرڻو آهي هو فرنگين جو اهم ساٿي آهي ۽ ياد رکجو دشمن بچي نه نڪري.“
    ٻه سو سنڌي جوان چار ٽولين ۾ ورهائجي ويا، حيدر جوکيو جي اڳواڻي ۾ پهريون ٽولو حملي لاءِ نڪتو، هو ويهه منٽن ۾ وسندي وٽ هئا، هنن پٺيان ڏٺو 20 گههوڙيسوار جن ۾ سردار ڄام چاڪر به هو انهن پٺيان پياده ٿي آيا، حيدر جوکيو ساٿين کي اشارو ڏنو، هو اڳيان وڌيا. وجهن گهرن تي حملو ڪيو ويو، هر طرف روڄ راڙو پکڙجي ويو، باهه جا شعلا اٿڻ لڳا، هتان جا رهواسي خوف ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. ڄام چاڪر سندس ٽولي سان گڏ محل جو رخ ڪيو.
    ”رحم ڪريو.... رحم ڪريو..... اسان ڪجهه نه ڪيو آهي.....“ عورتن ۽ مردن جا گڏيل آواز، ٻارن جو روئڻ ، ماحول اداس ۽ بيچين، سڙندڙ سنڌ جي ڌرتي.... سنڌي جوڌا ڌرتي سان غداري جو حساب وٺڻ لاءِ تيار......
    ”شهزادي کي رکوالي ڪريو.....شهزادي جي رکوالي ڪريو.....“ شاهي سپاهين رڙيون ڪيون، محل ۾ ڀڄ ڊڪ. نظام خواجا شهزادي کي پاڻ سان ڪري تهه خاني کان ڳجهي رستي ڏانهن وڃڻ لڳو، هنن سان گڏ ويهه کن سپاهي پڻ هئا، شهزادي جو منهن هيڊو ۽ ڳلو خشڪ ٿي چڪو هو. هو ڏهه منٽن ۾ ڳجهي رستي تائين پهتو لالٽينن جي روشني ۾ قدم کنيا، سندس پير ٿڙڪي رهيا هئا، سپاهين ڪاٺ جو مضبوط در کوليو، شهزادو ٻاهر نڪتو، سندس ڪنن تي ماڻهن جو رڙيون پيون، جهرڪ سڙي رهيو هو، هن اکيون بند ڪيون ته سندس اکين آڏو ايران کان نيڪالي وارو منظر اچي ويو، اها به هن سان ملندڙ جلندڙ منظر هو، باهه، رت، رڙيون...... شهزادو سندس سون، زيور، اٺ زالن ۽ پنڌرهن لونڊين سان گڏ درياهه ڏانهن وڌڻ لڳو، جتي هنن لاءِ هڪ ٻيڙو تيار بيٺو هو، هو ٻيڙي ۾ سوار ٿيا، ٻيڙي پاڻي ۾ چرڻ شروع ڪيو.
    محل جو دروازو ڀڃي ڄام چاڪر ساٿين سميت اندر داخل ٿيو، شهزادي جي سپاهين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، حيدر وارا شهزادي کي ڳولهڻ لڳا، پر کين شهزادو هٿ نه آيو، باقي محل جا سون ۽ چاندي جا ٿانءُ وغيره هٿ آين. ڄام چاڪر ديوان عام ۾ اچي بيٺو، شهزادي جي سپاهين کي هن اڳيان پيش ڪيو ويو.
    ”هنن کي ڀت سان لڳائي بيهاريو،“ ڄام حڪم ڪيو، حيدر وارن سپاهين کي ڀت سان لڳائي بيهاريو.
    ”هنن جا سر ڪلم ڪيو،“ ڄام چاڪر جوش منجهان حڪم ڏنو. ڪجهه ئي پلن ۾ ديوان عام جو خوبصورت فرش رت سان ڀرجي ويو.


    17

    پنجٽيهه سالن جو جوان ڪاڪا بلوچ، جنهن کي هوش محمد فرنگين جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، ان ٻيلي جو رستو ورتو. هوش محمد ٻيلي جي وچ ۾ ٺاهيل جھپوڙي ۾ ويٺو هو، هن سان گڏ مير شير محمد پڻ هو، سندن گهوڙا سامهون واري وڻ سان بڌل بيٺا هئا، آسمان ۾ بيٺل سج هاڻي سندس جاءِ مٽائڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو. ڪاڪا هوش محمد وارن وٽ آيو جهڪي سندن پيرن تي هٿ رکي هنن سان مليو.
    ”سردار مون فرنگين تي نظر رکي آهي هر روز ڏهه کان ٻارهن ڳاڙهي وردي واري هٿن ۾ بندوقون کنيو هٿان کان هوڏانهن پيا گهمندا آهن، سج لهڻ کان ٿورو اڳ هڪڙن جي جاءِ ٻيا ولارين ۽ رات ٽيان اچن، پر سڀئي ائين پيا هلندا آهن.“ اهو ٻڌي هوش محمد ۽ مير شير محمد هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”اسان اوهان جي حڪم جي انتظار ۾ آهيون،“ ڪاڪا بلوچ نرم لهجي ۾ ڳالهايو، هوش محمد اٿي بيٺو ۽ ٻه قدم کنيائين، ٻئي هٿ چيلهه تي رکي چيائين:
    ”اوهان جو ڪهڙو خيال آهي، ڀاءُ شير محمد؟“
    ”منهنجي خيال ۾ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان وردي وارن تي حملو ڪريون، پاڻ پنڌرهن ڏينهن کان هتي آهيون ۽ هاڻي فرنگين بابت پاڻ چڱي ڄاڻ آهي.“ اهو ٻڌي هوش محمد هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ ڪاڪا بلوچ کي ڏسندي چيائين:
    ”ويهه کن ساٿي وٺي وڃي، فرنگي سپاهين تي حملو ڪريو.“ اهو ٻڌي ڪاڪا بلوچ جي سانوري منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ هٿ ٻڌي: ”يا علي مدد،“ چئي ٻئي پاسي هليو ويو.
    ان وقت سپاهين جي نئين ٽولي اڃا جاءِ مس ورتي جو، ٻيلي کان رڙيون ڪندا سنڌي ٻاهر آيا ۽ هنن تي حملو ڪري ڏنن، ٻن سپاهين کي ڇڏي باقين کي قتل ڪيائون ۽ انهن ٻن کي بندي بڻائي ٻيلي ۾ وٺي آيا. هنن سپاهين کي هوش محمد جي پيرن ۾ اڇلايو ويو، هو هندوستان جي ڪنهن حصي منجهان هتي آيا هئا، سندن چمڙي جو رنگ ڪارو هو، هوش محمد هڪ سپاهي کي ڳٿڙ کان پڪڙي مٿي ڪيو، هن جئين ئي هوش محمد جي اکين جو تاءُ ڏٺو ته هن تي سڪتو تاري ٿي ويو.
    ”ڇا توکي فرنگين جي ٻولي اچي ٿي؟“ هوش محمد سپاهي کان پڇيو.
    ”جي.....حضور.....“ سپاهي ٿڙڪندڙ وجود سان جواب ڏنو.
    ”ته پوءِ وڃ ۽ پنهنجي مڪار مالڪن چئو، ان کان اڳ جو هوش محمد ۽ مير شير محمد جون تلوارون اوهان جي ڳيچين تائين پهچن، سنڌ جو چپو چپو ڇڏي هلايا وڃن.“ هوش محمد سپاهي کي ڇڏيو، هو وڃي هيٺ ڪريو.
    ”هوش محمد..... هوش محمد........“ نيپئر ڪاوڙ منجهان شراب جو گلاس ڀت تي اڇلائيندي رڙ ڪئي، پاپ ،ووڊس ۽ اهو سپاهي جنهن هي نياپو آندو خاموشي سان ڪنڌ جهڪائي بيٺا رهيا، نيپئر جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.
    ”ڇا هو ڪو ديوتا آهي؟“ نيپئر ڪاوڙ ۾ ٻئي ٻانهون لوڏيندي چيو. ڪجهه پلن لاءِ ڪمري ۾ خاموشي اچي وئي.
    ”پاپ،“ نيپئر چيو.
    ”جي سر،“ پاپ هڪدو جواب ڏنس.
    ”هوش محمد ڏانهن اسانجو پيغام موڪل ته هو هٿيار ڦٽا ڪري، اسان جي حڪمراني تسليم ڪري.“ نيپئر حڪم ڏنس.
    ”جي سر،“ هن چيو، ۽ سلوٽ ڪري ڪمري کان نڪري ويو.

    عصر جي وقت سج وچ آسمان تي هو، نيپئر جو هڪ منشي جنگل ۾ هوش محمد ڏانهن آيو، جئين هن هوش محمد جي چهري ۾ ڏٺو، سندس جسم ۾ رڦڻي پئجي وئي ۽ ڏڪندي چيائين:
    ”سر چارليس نيپئر مونکي ان نياپي سان موڪليو آهي؛“ هو خاموش ٿي ويو، وڏو ساهه کڻي پوءِ وري ڳالهائين: ”اوهان هٿيار ڦٽا ڪري هن کي سنڌ جو نئون حڪمران تسليم ڪريو.“ اهو ٻڌي هوش محمد جون اکيون ڪاوڙ سبب ڳاڙهيون ٿي ويون.
    ”وڃ، وڃي فرنگين کي چئو هوش محمد ٿو چئي منهنجي سنڌ ڇڏي وڃو. اهو شخص اتان هليو ويو.
    جڏهن نيپئر تائين هوش محمد جو جواب پهتو ته هو ويتر پريشان ٿي ويو، هن ووڊ ۽ برائون کي سڏرائي کين حڪم ڏنو:
    ”فوج تيار ڪريو، اسان کي هوش محمد سان جنگ لاءِ نڪرڻو آهي.“ هنن ٻنهي ويران نظرن سان هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽ ڪمري کان ٻاهر هليا ويا.
    جڪڏهن سنڌ جا امير به ايتري ئي همت ڏيکارين ها ته اسان ڪڏهن به سنڌ تي قبضو نه ڪري سگهون ها.... هن ٿڌو ساهه ڀري خود ڪلامي ڪئي.
    هوش محمد سڀني ساٿين کي گڏ ڪيو، کيس اڇي شلوار قميص ۽ اڇو پٽڪو پهريل هو هن ساٿين جي وچ ۾ بيهي شانت لهجي ۾ ڳالهايو:
    ”منهنجا ڀائرو الله سائين اسان کي چونڊيو آهي ته اسان سنڌ ڌرتيءَ جو دفاع ڪريون، جنهن جي به من ۾ ڪو خوف آهي، اهو اسان کي هن مهل ئي ڇڏي وڃي، کين ڪير به نه روڪيندو، هاڻي هن پار يا هُن پار.“ هوش محمد ڳالهائڻ بس ڪيو.
    ”اسان اوهان سان گڏ آهيون هوش محمد،“ سڀني ساٿين هڪ آواز ۾ چيو.


    18

    24 مارچ 1843، دبي جو ميدان...........
    صبح جي وقت کان ئي ماحول ۾ اداسي ڇانيل، هوش محمد ساٿين سميت اڳيان ٿي وڌيو، جڏهن ته فرنگي پڻ توپن سميت اڳيان ٿي وڌيا، ائين ٿي لڳو ڄڻ سج سوا نيزي تي لهي آيو هجي. چارليس نيپئر خيمو هڻائي ان ۾ ويٺو، پياده سپاهي، گهوڙيسوار ۽ توپون ميدان جي وچ ۾ هيون، گنجي پاپ سنڌي لشڪر کي اڳيان وڌندي ڏٺو ته حڪم ڪيائين:
    ”فائر.....“ توپ جو گولو سنڌين وٽ اچي ڪريو، ڌوڙ اٿي، ڪجهه همراهه زخمي ٿي پيا، پر لشڪر اڳيان وڌيو.
    هوش محمد جي رڙ چيتي جي چنگار ٿي اڀري:
    ”حملو ڪريو....“
    ”نعري حيدري....“ لشڪر منجهان ڪنهن نعرو هنيو.
    ”يا علي....“ لشڪر بلند آواز ۾ جواب ڏنو. نيپئر دوربين سان نظارو ڏسڻ لڳو، ووڊ سندس پاسي کان ويٺل هو، ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا، هوش محمد ٻن فرنگين کي اک ڇنڀ ۾ ڌڪي وڌو.
    ”يسوع مسيح،“ نيپئر کان پاڻمرادو ڇرڪ نڪري ويو ۽ ووڊ کي چيائين:
    ”ڪٿي يوناني ديوتا ايڪيليس ته ٻيو جنم نه ورتو آ...!!“ هوش محمد ٻه ٻيا سپاهي ڌڪي وڌا. ان دوران پنج سپاهين سندس گهرو ڪيو، پر ڪنهن ۾ به هوش محمد تي حملي ڪرڻ جي همت نٿي ٿي، هوش محمد هوا ۾ بُل ڏئي هڪ سپاهي تي وار ڪيو، اهو سپاهي هيٺ اچي زمين تي ڪريو، کيس گهرو ڪري بيٺل سپاهي هيڏي هوڏي ڀڄڻ لڳا. شير محمد پڻ ميدان ۾ خوب نڀائي رهيو هو.
    هوش محمد جي نظر ڇني ڏانهن وئي هو شير محمد ڏانهن وڌي آيو ۽ چيائنس:
    ”فرنگين جو سربراهه هن ڇني ۾ آهي آئون ڇني تي حملي لاءِ ٿو وڌان.“
    ”هوش محمد اڪيلو ڇني ڏانهن وڌڻ خطري کان خالي نه هوندو،“ شير محمد فڪرمندي منجهان چيس.
    ”اوهان فڪر نه ڪريو، ميدان گرم لڳو پيو آ، وري اهڙو موقعو نه ملندو،“ هوش محمد چيس ۽ اڳيان وڌيو.
    ”ڇا هو اسان ڏانهن وڌي رهيو آهي؟“ نيپئر دوربين ۾ ڏسندي ڳالهايو، سندس لهجي ۾ بيقيني صاف ظاهر هئي:
    ”هن کي هر ۾ هيستائين پهچڻ کان روڪيو وڃي،“ هن ووڊ کي حڪم ڏنو. ٻن سپاهين ڇني کان ڪجهه پرڀرو هڪ توپ سڌي ڪري بيهاري. هوش محمد ڀڄندو ٿي آيو، سندس هٿ ۾ ٻه تلوار هيون، توپ جو گلو هليو ۽ هوش محمد جو سينو چاڪ ڪري ويو، هوش محمد هوا ۾ بلاٽيون کائيندو اچي زمين تي ڪريو. نيپئر جي منهن تي مڪار مرڪ اچي وئي.....
    ”هوش محمد شهيد ٿي چڪو آهي.....هوش محمد شهيد ٿي چڪو آهي.....“ سنڌي لشڪر ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو ۽ لشڪر همت هاري ويٺو. منجهند تائين جنگ پوري ٿي هوش محمد کي انگريزن 21 توپن جي سلامي ڏني.
    ان کانپوءِ حيدرآباد جي پڪي قلعي تي انگريزن جو جهنڊو لهرايو ويو ۽ سنڌ جي غلام هجڻ جو اعلان ڪيو ويو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1170145
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 371243
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ