ڪتاب جو نالو: لال لهوءَ جي سرگم تي
مصنف: سجاد اختر ٽالپر
ڇپائيندڙ: يوٿ پبليڪيشن، حيدرآباد
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 13 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 558 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 183 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سجاد اختر ٽالپر جهڙا لکاري تمام گهٽ آهن جن جي لکڻين جو مقصد ڌرتيءَ سان پيار ۽ مقصد سان انسيت آهي. ناول ”لال لهوءَ جي سرگم تي“ تي پڻ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي جنهن جي سٽ سٽ ڌرتي سان پيار ۽ غلاميءَ سان نفرت سان ڀريل آهي. ناول جي وڏي ڪاميابي تسلسل ۽ روانيءَ جو نه ٽٽڻ آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، سجاد اختر ٽالپر جي ناول ۾ اها خوبي موجود آهي ۽ ناول پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، ڪٿي به بوريت جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته ناول جي اهم ڳالهه منظر ڪشي آهي جيڪا پڻ هن ناول ۾ لاجواب ٿيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپڻ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • پيش لفظ
  • مُهاڳ : پڙهندڙ ئي اصل منصف آهن
  • ناول

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو ............................ لال لهوءَ جي سرگم تي
    ليکڪ ......................................... سجاد اختر ٽالپرُ
    ڇاپو پهريون ................................. مئي 2017ع
    ڇپيندڙ ........................................ يوٿ پبليڪيشن حيدرآباد
    قيمت .......................................... 600 رپيا


    ارپڻ

    آئون هيءَ پنهنجي پهرين ادبي ڪاوش نانءُ ڪريان ٿو سنڌي ٻولي جي، جنهن مونکي ادب پڙهايو ۽ لکڻ جو ڏانءُ ڏنائين ۽ انهن مُعلمن جي جن مونکي پنهنجي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاري.


    سجاد اختر ٽالپُر 03023086744


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لال لهوءَ جي سرگم تي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن ناول جو ليکڪ سجاد اختر ٽالپر آهي.

    سجاد اختر ٽالپر جهڙا لکاري تمام گهٽ آهن جن جي لکڻين جو مقصد ڌرتيءَ سان پيار ۽ مقصد سان انسيت آهي. ناول ”لال لهوءَ جي سرگم تي“ تي پڻ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي جنهن جي سٽ سٽ ڌرتي سان پيار ۽ غلاميءَ سان نفرت سان ڀريل آهي. ناول جي وڏي ڪاميابي تسلسل ۽ روانيءَ جو نه ٽٽڻ آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، سجاد اختر ٽالپر جي ناول ۾ اها خوبي موجود آهي ۽ ناول پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، ڪٿي به بوريت جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته ناول جي اهم ڳالهه منظر ڪشي آهي جيڪا پڻ هن ناول ۾ لاجواب ٿيل آهي

    هي ڪتاب يوٿ پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    ڇا لکان ........... ؟؟؟ ڪنهن لاءِ لکان...........؟؟؟ ڇو لکان..............؟؟؟ محبتن جي اُپٽار ڪريان يا حسينن جي حسين نيڻن ، لبن ، زُلفن جي قصيده پڙهان يا مافوق الفطرت جا خيال ڏيئي ، اک پور سان مسئلا حل ٿيڻ جو فلسفو ڏيان يا انهن حقيقتن جو ذڪر ڪريان جيڪي اسان جي زندگي ۾ روزمرھ طور تي ٿينديون رهن ٿيون، بيشڪ ادب لطيف جذبن جي اظهار جو نالو آهي ته اُن سان گڏوگڏ سماج اندر پيدا ٿيندڙ نا انصافين کي وائکو ڪري ، نئين حقيقي دُنيا جو گس به ڏسيندڙ آهي ، بلڪُل ائين جئين اياز چئي ويو آهي ته
    ڍئو بنا ڍولا ، ساڃاھ ناهي سونهن جي .
    جڏهن اسين سڀ ( اڪثريت ) پيڙائن ، دردن ۾ گهاريندا هُجون جڏهن اعليٰ ۽ ارفع نظريا يرغمال بڻجي چُڪا هُجن ، جت قانون اميرن جي ٻانهي بڻيو بيٺو هُجي ته اُتي پوءِ پڙهيل لکيل هوندي ، مُنهن تي ٻوٿاڙا ٻڌيو ، خاموش تماشائي بڻيو ويٺا هجون ته پوءِ اسين پاڻ سڀ کان وڏا ڏوهاري آهيون هن سماج جا ، هن سماج جي ماڻهن جا ۽ انهن ماڻهن جا به جن دُنيا ۾ امن ۽ انصاف لاءِ لکين درد سَٺا ، تڪليفن مان گُذريا ۽ سماج اندر صحتمند رويا پيدا ڪيا ، هنن جيڪي ٻوٽا لڳايا آهن تن جا اسين رکوالا آهيون ۽ اسين انهن جي لڳايل انهن ٻوٽن کي پنهنجن ذهنن مان سرجيل لفظن جا پاڻي ڏيئي آبياري ڪندا رهنداسون ۽ ڪو وقت اهڙو ايندو جو هن ڪائنات ۾ امن ، سڪون ، مُحبت ۽ سچائي جو بول بالا هوندو ان اُميد سان اسان پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ اهڙو ادب تخليق ڪري وڃون جيڪو خيالي پُلائُن کان آجو ، حقيقي نظرسان سامهون نظر ايندڙ منزلن جا ڏس ڏي ، مُنهنجي هيءَ پهرين ڪوشش آهي تنهنڪري لازمي آهي ته هن تمام گهڻيون ڪميون ۽ ڪوتاهيون هونديون جن جي اُميد اٿم ته دوست ۽ پڙهندڙ ضرور نشاندهي ڪندا جئين آئنده وري اهڙين غلطين کان بچي سگهان ۽ پنهنجي قلم کي اوهان جي مدد سان اهڙي سگھ ڏيئي سگهان جنهن سان آئون پنهنجي وطن جي ماروءَ ماڻُهن لاءِ ڪُجھ ڪري سگهان
    اوهانجو پنهنجو

    سجاد اختر ٽالپُر
    ڳوٺ مير يار مُحمد ٽالپُر
    تعلقه ڊگهڙي


    پيش لفظ

    ڪنهن لکڻيءَ سان انصاف ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. اهو ڪم وري تڏهن انتهائي ڏکيو ٿيو پئي جڏهن ليکڪ به گمنام هجي. ائين ئي سجاد اختر ٽالپر به منهنجي لاءِ نئون ئي اوپرو نالو هو. منهنجي اها بدقسمتي چئبي جو مون هن مهل تائين سندس ڪابه لکڻي ناهي پڙهي، جنهن ڪري سندس لکڻين جي فني ۽ فڪري لوازمات سميت سندس شخصي پهلوئن کان بلڪل اڻ واقف هوس، پر هن وقت به کيس نه سڃاڻان. فقط ساڻس فون تي انتهائي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پر چوندا آهن ته لکڻي پاڻ ئي ڳالهائيندي آهي ۽ پنهنجو معيار ٻڌائيندي ان ڪري اهڙيون لکڻيون ڪنهن به تعارف جون محتاج ناهن هونديون، جيئن سجاد اختر ٽالپر جو هي ناول ”لال لهو جي سرگم تي“ آهي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد کان پياري دوست زاهد ٻٻر فون تي حڪم ڪيو ته هو سجاد اختر ٽالپر نالي ڪنهن ليکڪ جو ناول موڪلي رهيو آهي ان تي پيش لفظ لکي موڪل، مان کيس انڪار ته نه ڪري سگهيس، پر ذهن ۾ ناول بابت هزار سوال هئا، سڀ کان وڌيڪ ته ناول بور ڪندڙ ته نه هوندو؟ پر جڏهن ناول جو مسودو ليپ ٽاپ تي کوليم ته اصل تاڪ لڳي ويا ته سجاد اختر ٽالپر جهڙا ليکڪ اڃا تائين لِڪا ويٺا آهن ۽ انهن جي لکڻين کان سنڌ جو عوام محروم آهي ان ڪري شاباس آهي زاهد ٻٻر کي جنهن سجاد اختر ٽالپر جهڙي بهترين ناول نگار کي اسان جي سامهون آڻي نروار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڪثريت اهڙين لکارين جي آهي جيڪي پنهنجي روح جي تسڪين لاءِ لکندا آهن انهن جون لکڻيون پنهنجي ذات تائين محدود آهن پر سجاد اختر ٽالپر جهڙا لکاري تمام گهٽ آهن جن جي لکڻين جو مقصد ڌرتيءَ سان پيار ۽ مقصد سان انسيت آهي. ناول ” لال لهوءَ جي سرگم تي“ تي پڻ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي جنهن جي سٽ سٽ ڌرتي سان پيار ۽ غلاميءَ سان نفرت سان ڀريل آهي.
    ناول جي وڏي ڪاميابي تسلسل ۽ روانيءَ جو نه ٽٽڻ آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، سجاد اختر ٽالپر جي ناول ۾ اها خوبي موجود آهي ۽ ناول پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، ڪٿي به بوريت جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته ناول جي اهم ڳالهه منظر ڪشي آهي جيڪا پڻ هن ناول ۾ لاجواب ٿيل آهي جنهن ڪري هڪ دفعو ناول هٿ ۾ کڻڻ بعد پڙهي پورو ڪرڻ کانسواءِ هٿ نه ڪڍڻ تي دل چوي ٿي، جيڪا سجاد اختر ٽالپر جي ناول جي ڪاميابيءَ جي چٽي نشاني آهي. ناول جي ٻين پڙهندڙن جي راءِ کانسواءِ مان ان ڪري اڳواٽ ئي اها راءِ ان ڪري ڏيان ٿو جو ناول منهنجي پسنديده صنف آهي ۽ اهو ئي ناول وڙهندو آهي جنهن ۾ تسلسل هجي، روانگي هجي ۽ منظر ڪشيءَ سان گڏ ڪردارن سان نڀاءُ هجي، ائين ئي سجاد اختر ناول جي مرڪزي ڪردارن سانول ۽ راڌا سان ڀرپور نڀايو آهي ۽ انهن کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي. ناول ”لال لهوءَ جي سرگم تي“ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ۽ غلاميءَ کان نفرت ڪري پورهيت دوست سماج اڏيندڙ جانثارن جي تاريخ آهي جن ٿر جهڙي ڏکئي علائقي ۾ پنهنجي جانين جي پرواهه نه ڪندي انگريز سامراج سان گڏ سماج جي گندين ريتن رسمن، دين ڌرم جي نفرت ۽ اوچ نيچ خلاف ويڙهه وڙهن ٿا ۽ هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏين ٿا.
    سنڌي لکڻين ۾ اڪثريت روئڻ پٽڻ، رومانس، مايوسي ملندي آهي پر سجاد اختر جي ناول جي ڪنهن به سٽ ۾ توهان کي مايوسي، روئڻ پٽڻ نه ملندو جنهن ڪري پڙهڻ سان ماڻهو جي دل باغ بهار ٿيڻ سان گڏ حب الوطنيءَ جو جذبو جاڳي پئي ٿو، رومانس ۾ به پاڪيزگي ملي ٿي ۽ پڙهندڙن کي ڀرپور اُتساهه ملي ٿو، جيئڻ لاءِ جستجو جي نئين واٽ ملي ٿي. سماج جي اوڻائين جي نشاندهي ملي ٿي. سانول سميت موهن، موتي، هنميت، وشني، جيت جهڙا پورهيت دوست ۽ ڌرتيءَ تان سر گهوريندڙ ڪردارن ۽ پنهنجي وطن ۽ ماڻهن سان غداري ڪندڙ سمنگ، نائون مل، ٽيڪ چند جهڙن ڪردارن کي بهترين نموني وائکو ڪيو ويو آهي.
    سجاد اختر ٽالپر جو هي ناول هڪڙي ڪهاڻي ناهي پر هڪ تاريخ آهي جيڪا هن ننڍڙي ناول ۾ سموهڻ جي ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي اميد ته سندس ناول پڙهندڙن کي هڪ تاريخ ۽ محب وطن ڪردارن جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ سياسي شعور ۽ سمجهه پئدا ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻيندو.

    زاهد راڄپر _ نوشهروفيروز
    03002845176
    25_ 04_ 2017ع


    مُهاڳ : پڙهندڙ ئي اصل منصف آهن

    مير سجاد اختر ٽالپر تمام گهڻي محنت سان نور نچوئي هي ناول لکيو آهي، جنهن جو نالو هن رکيو آهي “ لال لهوءَ جي سرگم تي”. اڄ کان شايد چار پنج مهينا اڳ آءٌ محترم رسول بخش پليجي صاحب جي گهر ويس ته بائيڊنگ ٿيل رجسٽر نما ڪتاب اُتي ڪنهن ٽيبل تي پيل ڏٺم، جنهن تي هٿ سان وڏن اکرن ۾ “لال لهوءَ جي سرگرم تي” لکيل هو. ان هيٺيان ننڍن اکرن ۾ ناول لکيل هو. ان جي هيٺيان لکيل هو تحرير سجاد اختر ٽالپر. ڪتاب کڻي کوليم ته هٿ سان لکيل فيئر ڪاپيءَ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي هئي، ٽائيم پاس ڪرڻ جي ارادي سان پڙهڻ شروع ڪيم ته مون کي ڪجهه ڪجهه مزو ڏنائين. پوءِ روزانو پليجي صاحب جي گهر ويندو هئس اهو ڪتاب ڪڏهن ڏهه ڪڏهن پندرهن صحفا پيو پڙهندو هئس. ائين ڪي هڪ سئو کن صفحا آءُ پڙهي ويو هوندس، هڪ ڏينهن ساڳئي نموني پليجي صاحب جي گهر آءُ اهو ڪتاب پڙهي رهيو هئس ته ڪنهن مهل مير سجاد اختر اچي نڪتو. ملياسين خوش خير آفيت کان پوءِ مون کي چيائين ته ڪتاب پيو پڙهين ڇا؟ مون چيومانس “هائو يار، پليجي صاحب سان جيستائين ملاقات ٿئي تيستائين ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ پڙهان پيو” تنهن تي مون کي چوڻ لڳو “ڪيئن ٿو لڳي؟” مون چيو مانس “ ٿورو ٿورو مزو ڏئي پيو” تنهن تي مون کي چيائين “يار ڪتاب پليجي صاحب کي ڏنو هئم ۽ کيس عرض ڪيو هوم ته ڪتاب تي ڪجهه لکي ڏيوم پر اتفاق سان جڏهن کان مون ڪتاب ڏنو اٿس پليجي صاحب جي صحت ٺيڪ ناهي. سو ڀانيان ٿو ته مشڪل پڙهي ۽ ڪجهه لکي ڏئي. هاڻي توهان مهرباني ڪري ڪتاب کي پڙهو ۽ پوءِ مون کي مشورو ڏجو ۽ رهنمائي ڪجو، مون چيس آءُ ڪوشش ڪريان ٿو. وري هفتي کن کان پوءِ مليو چيائين “يار ڪتاب ڌيان سان پڙهجان ۽ رهنمائي به ڪجو ۽ ٻه اکر به لکي ڏجو” مون دل ۾ چيو ته “آئون ايڏو عالم ۽ اديب ته آهيان ڪونه، جو ويٺو ڪتابن تي مهاڳ يا پيش لفظ لکان ۽ پوءِ منهنجي مهاڳ يا پيش لفظ لکڻ جي ڪري ڪتاب جي ويليو وڌي وڃي. پر وري سجاد جي دل رکڻ لاءِ چيو مانس ته ڪوشش ڪندس. اهڙو هلڪو ڦلڪو، ڪچو ڦڪو واعدو ته سجاد سان ڪري ويٺس پر اتفاق اهڙو ٿيو جو آءُ ايترو مصروف ٿي ويس ۽ پڻ ڪجهه مسئلن، پريشانين جو شڪار ٿيس جو مون کي ڪتاب پڙهڻ جو ٽائيم به نه ملي جي ٿورو گهڻو ٽائيم ملي ته دل نه چوي جو کڻي پڙهان. منهنجي پڙهڻ جي رفتار صفا سست ٿي ويئي ان وچ ۾ پنج، ست دفعا سجاد سان ملاقاتون ٿيون. ڪڏهن گس هلندي، ٻه ٽي دفعا مون وٽ هلي به آيو. هر ملاقات ۾ آءُ مياري مُنهنجو ڪنڌ هيٺ. بهرحال آخري ملاقات جنهن کي به اٽڪل هفتو ڏهه ڏينهن ٿيا هوندا ان ۾ هفتي جو ساڻس واعدو ڪيو هوم. اڄ 23 جنوري 2016ع تي ڪتاب پڙهي پورو ڪيو اٿم، هاڻي جڏهن ان ڪتاب بابت لکڻ جو مرحلو آيو آهي ته سخت پريشان ٿي پيو آهيان. مون هيستائين ڪو به اهڙو ڪتاب نه ڏٺو آهي جنهن جي شروعاتي صفحن تي نالي وارن ليکڪن، اديبن، شاعرن يا دانشورن جا لکيل مهاڳ، پيش لفظ يا ٻه اکر موجود نه هُجن. انهن مهاڳن، پيش لفظن ۽ ٻن اکرن جي مواد ۾ اڌ کان وڌيڪ ان ڪتاب جي مواد مان چونڊ ٽڪرن جو هوندو آهي باقي اڌ مواد ان ڪتاب ۽ لکندڙ جي شخصيت جي تعريفن تي مشتمل هوندو آهي. اڄ ڏينهن تائين مُنهنجي نظر مان اهڙو ڪو ڪتاب نه گذريو آهي جنهن جي مهاڳ، پيش لفظن ۽ ٻن اکرن ۾ ان ڪتاب تي حقيقت پسنديءَ واري ڇنڊ ڇاڻ ۽ تنقيد ڪيل هُجي. ڪتابن جا مهاڳ، پيش لفظ، ٻه اکر يا ديباچا ڪڏهن کان لکجڻ شروع ٿيا يا ڪهڙي ضرورت تحت لکجڻ شروع ٿيا ان جي مون کي پڪي پختي خبر ڪونهي. مون کي اها به خبر ڪونهي ته ان بابت ڪا تحقيقات ٿيل آهي يا نه، جيڪڏهن ڪا تحقيقات ٿيل آهي ته اُن ۾ ڇا ظاهر ۽ ثابت ٿيو آهي. ان بي خبريءَ جي باوجود آءُ جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو اها ضرور ڪندس پوءِ ڀلي ان کي ڄٽڪي يا ٻاراڻي ڳالهه سمجهيو وڃي. اُها هيءَ ته ڪهڙي ضرورت جي ڪتابن جا ديباچا، مُهاڳ، پيش لفظ ۽ ٻه اکر لکجڻ ضروري ٿي پيا ان بابت مُنهنجو اندازو هي آهي ته موجوده دور جي انسانن جي گهڻائي جي ريتن، روايتن، روين ۽ هليءَ چليءَ کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انسان ذات جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين جي سمورن دؤرن جي انسانن جي گهڻائي وڏين توڙي ننڍين ڳالهين ۽ مسئلن بابت گهڻو ڪري ڪوڙ کي پسند ڪندي ۽ ان تي اعتبار ڪندي خود پاڻ ڪوڙ کي ڪتب آڻيندي آئي آهي. ماضيءَ جي تاريخ ۾ اهڙا سوين هزارين مثال موجود آهن ته اهڙي ماحول ۾ جنهن به ماڻهو سچ ٿي ڳالهايو ان سان ان دؤر جي مختلف مذهبن جي مذهبي ماڻهن، حاڪمن ۽ ٻين طاقتور ڌرين اهڙيون ته عقوبتون ٿي ڪيون جو ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون اچي ٿي ويون. انهن ۾ بوعلي سينا، ابوالقاسم احمد جو پٽ ابن رشد ۽ ڌرتي گول آهي جو سچ ڳالهائڻ وارو پيٿا گورس وغيره شامل آهن. ان ڪري صورتحال اها وڃي بيٺي ته ان خوف جي ڪري ماڻهو نئين ڳالهه ڪرڻ کان ڊڄندا هئا تنهن ڪري مروج ۽ چالو ڪوڙ ٻڌندا، ان تي اعتبار ڪندا ۽ پاڻ به ڪوڙ استعمال ڪندا رهندا هئا. اڄ ايڪويهين صديءَ ۾ به صورتحال ذري گهٽ ساڳي آهي. اڄ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن وارڊ جي ڪائونسلري کان وٺي ملڪ جي صدارت يا وزارت اعظميٰ جي چونڊ لاءِ فارم ٿو ڀرائي ته ان کي به ٻه ماڻهو تصديق ڪندڙ ۽ تائيد ڪندڙ جي صورت ۾ ضرور گهُرجن، جي اهي نه هوندا ته سندس فارم رد ٿي ويندو. ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي اکين اڳيان ڏينهن ڏٺي سندس ڀاءُ، پٽ، پيءُ يا ٻيو ڪو عزيز ڪي ماڻهو قتل ڪن ۽ هو ان ڳالهه ۾ تر جيترو به ڪوڙ نه ڳالهائي پر جيڪڏهن وٽس ٻه يا ٽي اکين ڏٺا شاهد نه هوندا ته سندس فرياد کي نه پوليس وٽ نه ڪورٽ ۾ سچو ۽ مڃيل سمجهيو ويندو. انهن مثالن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته عام هلي چلي وارين حالتن کي ڇڏيو پر سرڪاري ۽ عدالتي سطح تي به بنيادي طرح اهو تصور طئه ڪيل آهي ته ماڻهو گهڻو ڪري ڪوڙ ڳالهائيندو هوندو تنهن ڪري ان جي سڃاڻپ ڪندڙ ان جي ڳالهه جي تصديق ڪرڻ وارا ضرور گهرجن. موجوده دؤر ۾ ان جي ڪيتري ضرورت آهي يا نه آهي اهو هڪ الڳ بحث آهي پر اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته سچ اڄ به گهٽ ٿو ملي ۽ ڪوڙ گهڻو ٿو هلي، ان جو به سبب اهو ئي آهي ته هن ايڪويهين صديءَ جو ماڻهو به سچ ٻڌڻ، برداشت ڪرڻ، مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اهو ئي سبب آهي جو سچ پسند ماڻهن کي سچ ڳالهائڻ کان ڊيڄاري روڪيو ويو آهي جنهن جو نتيجو اڄ تائين هي آهي ته پاڻ مان هر هڪ جي سچي ڳالهه تي به سرڪاري ۽ عدالتي سطح تي به ڪو به اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ان کانسواءِ اهو به ممڪن آهي ته اڳئين دور ۾ ڇاڪاڻ ته سائنس ايتري ترقي نه ڪئي هئي ۽ ڪميونيڪيشن جو تمام وڏو گيپ هو ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪي اهڙا واقعا ٿيا هجن جو هڪڙن علائقن يا ملڪن جون لکتون ڪن ماڻهن کڻي ٻئي علائقي ۾ اصل لکندڙ جي بجاءِ پنهنجي نالي سان ظاهر ڪيون هجن ۽ اهڙن واقعن جي ظاهر ۽ ثابت ٿيڻ بعد اهو ضروري قرار ڏنو ويو هُجي ته هر لکت بابت ڪن ساک وارن، دانشورن ۽ ليکڪن جي تصديق هجڻ گهُرجي. اهو ته آهي تمام آڳاٽي زماني بابت هڪڙو اندازو. هينئر سائنس تمام گهڻي ترقي ڪري چُڪي آهي. ڪميونيڪيشن تمام گهڻي تيز آهي. هن دؤر ۾ اهو امڪان تمام گهٽ آهي ته ڪو ماڻهو ٻين جي لکتن يا ڪتابن کي پنهنجي نالي تي ڇپائي ڇڏي. پر ڇاڪاڻ ته لکت بابت ڪنهن ناليواري، ساکائتي ماڻهوءَ جي تصديق جي رسم هلندي اچي اها اڄ تائين جاري آهي. خبر ناهي هيمشه يا الائي ڪيترو عرصو جاري رهندي، تنهن ڪري انهن ۽ ڪجهه ٻين سببن جي ڪري ڪتابن جي شروعات ۾ لکيل مهاڳن، پيش لفظن ۽ ٻه اکرن بابت اسان وٽ سنڌ ۾ ٻه رايا موجود آهن. هڪڙن پڙهندڙن جو خيال آهي ته جيئن ته مهاڳن، پيش لفظن ۽ ٻن اکرن ۾ ان ڪتاب جو نچوڙ، ڪتاب جي مواد جي چونڊ ٽڪرن ۽ مهاڳ، پيش لفظ، يا ٻه اکر لکندڙ معتبر لکندڙن جي تبصرن ۽ راين جي صورت ۾ موجود هوندو آهي. تنهن ڪري پڙهندڙ جڏهن نالي وارن ليکڪن، اديبن ۽ دانشورن طرفان ڪتابن تي ڏنل راءِ ۽ ڪيل تبصري سان گڏ ڪتاب جي مواد جا اهم ترين ٽڪرا پڙهي ڇڏين ٿا ته پوءِ اهڙي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته گهڻن پڙهندڙن جو سڄو ڪتاب پڙهڻ جو شوق ۽ جذبو بلڪل ماٺو ٿي وڃي ٿو تنهن ڪري ان ڳالهه جو وڏو امڪان موجود آهي ته پڙهندڙ اصل ڪتاب يا بلڪل پڙهن ئي نه يا جيڪڏهن پڙهن ته بي توجهي ۽ بي ڌياني ۽ بي دليءَ سان، جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ حقيقت آهي (جنهن جو غالب امڪان موجود آهي) ته ان صورت ۾ اصل ڪتاب لکندڙ جي محنت رائيگان ٿيو وڃي ڇاڪاڻ ته سندس اصل ڪتاب پڙهندڙ پڙهن ئي ڪونه ٿا. هو مهاڳن، پيش لفظن ۽ ٻن اکرن جي صورت ۾ ڪتاب جو اصل جوهر معلوم ڪريو سمجهيو وڃن، ٻين ڪجهه پڙهندڙن جو هي به خيال آهي ته ڪيترا پڙهندڙ اِن امڪان جي پيش نظر ته متان جذبو ۽ تجسس گهٽجي ۽ ماٺو ٿي وڃي تنهن ڪري هو پيش لفظ، مهاڳ ۽ ٻه اکر نٿا پڙهن. پڙهڻ شروع ئي ليکڪ جي اصل مواد کان ڪن ٿا. اها ٻئي ڳالهه آهي ته مون به پنهنجي ڪتاب “سياست جا روپ ٻهروپ” جو مهاڳ، پيش لفظ ۽ ٻه اکر پنهنجي پسند جي شخصيتن کان لکرايا. ان جي باوجود مون کي مٿين ٻنهي خيالن جي قطعي صحيح يا غلط هجڻ کان قطئه نظر منجهن ڪافي منطق ۽ وزن نظر اچي ٿو. تنهن ڪري جيتوڻيڪ سجاد اختر جي لکيل هن ناول “ لال لهوءَ جي سرگم تي” جي مواد ۾ ڪافي تعريفي ۽ تنقيدي جيڪي نقطا موجود آهن انهن تي تنقيدي يا تعريفي تجزيو يا رايو ڏيڻ کان پرهيز ڪندي پڙهندڙن تي ڇڏيندس ته هوُ ئي مون کان وڌيڪ منصف آهن. اهي ئي فيصلو ڪن ته سجاد اختر ٽالپر جي ناول مان انهن ڪهڙو اتساهه حاصل ڪيو. منجهن ڪيترو جذبو وڌيو ۽ کين ڪهڙا خيال وڻندڙ يا اڻ وڻندڙ لڳا. بهرحال ڪتاب بابت آءُ فقط ايترو چوندس ته انگريز راڄ جي دور جي سنڌ جي ٿر واري علائقي جي سنڌي ماڻهن جي هڪڙي ننڍڙي قومي، عوامي، سامراج مخالف انقلابي جدوجهد تي هي ناول لکيل آهي جنهن ۾ انقلاب ۽ گوريلا جدوجهد ۾ هندو ۽ مسلمان گڏجي مذهبي عقيدي، ڇوت ڇات، ننڍ وڏائي کان هٽي ڪري پنهنجي مقصد جي جدوجهد ڪندي شڪستون کائيندي، مارجندي، ڪُٽجندي، لڙندي ۽ دشمن کي ماريندي ۽ ننڍيون ننڍيون سوڀون حاصل ڪندي نظر اچن ٿا. ڪتاب جي نئين ۽ وڻندڙ ڳالهه هي لڳي ته ناول جا ٻه مکيه ڪردار راڌا هندواڻي ۽ سانول مسلمان هئا، هو هڪ ٻئي کي بي انتها پسند به ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي جو احترام به ڪن ٿا، ارادي جا ايترا ته مضبوط آهن جو زماني جي مخالفتن ۽ پروپيگنڊائن کان بي نياز ٿي هلندا رهن ٿا. ان سان گڏ سجاد اختر وڏو ليکڪ آهي، وچولو ليکڪ آهي يا ننڍو ليکڪ آهي. ان جي هن ڪتاب لکڻ کان اڳ قيمت يا قدر ڪيترو هو، ڪتاب لکڻ کان پوءِ ڪيترو وڌي ويو ان تي پنهنجا ڄٽاڻا يا عالماڻا رايا ۽ تبصرا ڪرڻ کان به پاسو ڪندي آءُ ايترو ئي چوندس ته سجاد اختر ٽالپر تمام وڏي سخت محنت ڪئي آهي، جيڪا هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي ان لاءِ آءُ کيس جس به ڏيندس ۽ مُبارڪباد به ڏيندس.

    عبدالقادر رانٽو
    03003797958


    ناول

    1

    سانول ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو هو. مٿان رات به اچي پنهنجو سفر پورو ڪيو هو .هندو مُسلم فساد پنهنجي عروج تي هئا . سانول کي به قتل ڪرڻ لاءَ ، تيز ڌار وارا خنجر کڻي آيا هئا ، جن کان بچندي،هو ڀڳو هو.پر تڏهن به ڪافي ضربون جسم تي لڳي ويون هئس، جن مان ڪافي رت وهي چڪو هو، جنهن جي ڪري، سانول جي رفتارگهٽبي پئي ويئي، نيٺ آخرڪار بيهوش ٿي ڪِري پيو.
    صبح جي شروعات مندر جي گهِنڊ سان شروع ٿي .
    ايشورجِيءَ، جِي جئي ـ“ ”
    ڪا ڇوڪرِي ڀڄن ڳائڻ لڳي، ڳائڻ وارِي جي گلي ۾ ايترو ته سوز هو، جو اُتي پوڄا پاٽ تي ويٺل ماڻهو، جهومي جهومي “هو هو هو.....” ڪرڻ ۾ محو هُئا ڀڄن ختم ٿيڻ تي سڀني ياترين(عقيد تمندن) پنهنجي پنهنجي حال سارو ـ ايشور ديوتا جي اڳيان دانُ رکندا ٿي ويا ڪُجهـ ئي گهڙين ۾، مندر ۾ سانت ٿي ويئي.
    ” راڌا ـ ! “
    مندر جي پوڄاري، پنهنجي نينگريءَ کي سڏ ڪيو .
    ” جِيءُ باپو جِيءَ ـ“
    راڌا، ايشور ديوتا جي اڳيان پيل دانَ ميڙيندي وراڻي.
    ” آئون ڦول کڻڻ ٿو وڃان ـ“
    پوڄاري مندر جي وڏي دروازي کان نڪرندي چيو.
    ”جِيءُ باپو ـ .“
    راڌا ايشور جي اسٿان کي صاف ڪيو ۽ ايشور جي بُتُ کي ڏُڌ جي بالٽي سان اشنان ڪرائڻ لڳي
    ” راڌا ــ، او راڌا ڌِيءُ ــ !“
    راڌا ـ ، اکين اڳيان هٿ ڏيئي وڏي واڪي وراڻي
    “ ” جِيءُ باپو ــ !
    ” اري ــ، هتي ڪو نينگر ، زخمي پيو آهي ــ .“
    مندر جي پوڄاري ، سانول کي بيهوش جبل جي ٽڪرين جي ٻوٽن ۾ پيل ڏسي ڌِيءُ کي سڏ ڪيو
    راڌا ايشور جي ڏُڌ کي ڍڪي ، ڊوڙي اچي ، پنهنجي پيءُ وٽ پُهتي
    “ هائي ـ ڀڳوان ـ ! ”
    سانول جي زخمن تي ماڪوڙين جا ميڙاڪا هُئا ، راڌا هڪدم پنهنجي اوڍڻ سان ــ ، ماڪوڙين کي هٽائڻ لڳي ۽ مندر جي پوڄاري ، ڦٽن کي صافُ ڪيو ۽ سانول کي مندر ۾ کڻي آيا.
    ” باپو ـ ، ڪنهن بي رحم ، ڪيئن نه بيدردي سان ماريو آهي ــ ، ڇي ڇي ڇي ، ائين تـه ڪير حيوان کي به نه ٿو ماري “
    راڌا ڦٽن کي نم جي گرم پاڻي سان صافُ ڪري ، پٽيون ٻڌندي ، پنهنجي پيءُ کي چيو
    ” راڌا ڌِيءَ ــ ، ان ۾ به ايشور ديوتا جو ڪو راز رکيل هوندو ، نه ته ــ ، هيڙي ويراني ۾ هيءَ گهايل ، پاڻ کي ڪيئن ملي ها؟ “
    “باپو ــ ، هيءٌ شڪاري بابو ته ڪونه ٿو لڳي ــ . ”
    راڌا سانول جي حُلئي ۽ ڪپڙن کي ڏسندي ، پنهنجي مُنهن انومان ڪڍيو .
    پوڄاري اُٿندي چيو ـ
    ” لڳي ائين ٿو امان ، آئون ڦول کڻڻ لاءِ وڃان ٿو ، تون انهي ڪم مان واندي ٿي ، ايشور جي بُت کي اشنان (وهنجاري) ڪرائي ڇڏجان. “
    راڌا سانول مٿان چادر ڏيندي چيوـ
    “ها ، باپو.”
    وڏي پوڄاري جي وڃڻ کانپوءِ ــ ، سانول واري ڪم مان واندي ٿي ، ايشور جي بُتُ کي اشنان (وهنجارڻ) ڪرائڻ لڳي ۽ گڏوگڏ ايشور جي شان ۾ ڪو ڀُڄن بـ ڳائي رهي هُئي .
    هيءُ مندر ، ڪارونجهر جبل جي وچين چوٽي تي واقع هو ، جتي راڌا ۽ سندس پيءُ همنيت رهندا هُئا ، اڪثر هتي عبادت لاءِ ڳوٺ ۽ علائقي جي ماڻهُن کانسواءِ ، ٻاهرين ڏورانهين علائقن جا ياتري (عقيدت مند) به ايندا رهندا هُئا ، بارش جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ مندر جي اڳيان تلاءُ ٺهيل هو جيڪو اڪثر پاڻي سان ڀريل رهندو هو ۽ تلاءُ جي چئني ڪُنڊن تي تُلسي جي ٻوٽي پوکيل هُئي ، راڌا وارن جو ڪمرو جبل جي مٿاهين چوٽي جي اُتر طرف هو ۽ ايشور جو اسٿان راڌا وارن جي ڪمري جي ڏکڻ طرف ٿورو مٿاڇري تي هو ۽ تلاءُ وري ٻنهي کان هيٺ ڄڻ تي جبل جي قدرتي ٺهيل هنج ۾ هو، تلاءُ وٽ پهچڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺهيل هيون ۽ تلاءُ جي چوطرف هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پيڊليون (صندليون) پُڻ جُڙيل هيون. ايشور جي بُتُ کي اشنان (وهنجاري)ڪرائي ــ ، راڌا پاڻ به اچي ، تلاءُ وٽ اشنان (وهنتي) ڪري ، ڪپڙا مٽايا ۽ مٿي اچي پِپِر جي وڻ هيٺيان رامائڻ پڙهڻ لڳي.
    “راڌا ! ”
    راڌا کي ڪنهن پري کان سڏ ڪيو .
    راڌا رامائڻ مان اک ڪڍي ، مٿي نهاريو ته موهن اچي ويجهو پُهتو هو.
    “ نمستي ڪاڪا .”
    “اوم نمستي ــ ، هي ، پنهنجو همنيت ڪٿي آهي؟ ”
    “ باپو ــ ! ، باپو ته ايشور ديوتا لاءِ گُل ڇنڻ ويو آهي. ”
    “. اڇا ــ ، چلو خير آهي ، تون ڀل رامائڻ پڙهه ، آئون تيسين انتظار ڪري ٿو وٺان”
    “ جيءُ ڪاڪا .........، ڪاڪا ڪو لسي پاڻي ــ ”
    “ نه نه امان ــ ”
    راڌا مطمئن ٿي ، وري رامائڻ پڙهڻ لڳي.
    ڪُجهه ئي دير ۾ همنيت به گُل کڻي آيو پر موهن رامائڻ ٻُڌڻ ۾ ايترو ته محوَ هو ، جو همنيت جي اچڻ جي خبر ئي نه پيس.
    ” موهن ــ ، آئون ته چوين ٿو ته راڌا کان رامائڻ پڙهڻ سکي وٺ ، آخر جو ڪم ايندئي ــ پر تون آهين جو سيٺين کي ڇڏين ئي نه ٿو ـ “
    موهن کلندي ، سلام ورايو ـ
    “نمستي مهاراج”
    “اوم نمستي اوم نمستي”
    ۽ ايشور ديوتا جي اڳيان گُل پکيڙڻ لڳو
    “ مهاراج ، اوهان کي سيٺ سڏايو آهي. ”
    موهن ڪُجهه توقف رکي چيو
    ٿوري دير خاموشي کانپوءِ ، پنهنجن هٿن کي ، ڪُلهي تي پيل ٽوالڙي سان اُگهيندي همنيت وراڻيو ــ
    ” موهن بابا ، سيٺ کي وڃي چئو ته ڀڳوان جي گهر جا دروازا سڀني لاءَ کُليل آهن ــ جڏهن مرضي پويس هليو اچي ، هاڻ مونکان اها دنياداري نٿي پُڄي “.
    “ مهاراج چڱو ٿا ڪريو ،نه ته مون جيان جهنجهٽ ۾ پئجي ويندئو.”
    موهن ، همنيت جي ڳالهـ جي تائيد ڪندي چيو
    صبح کان تاڙي جي تنوار ۽ مور جي ميائو ميائو ٻُڌي موهن وراڻيو ــ
    ” مهاراج لڳي ٿو ته اڄ سڀان ۾ ورشا ٿيندي ، آگهم به آهي ، اُتر به پيو ٿو لڳي ۽ صبح کان تاڙي جي تنوار پئي ٿئي ۽ مور به وتو رڙي ــ“
    همنيت پنهنجي واڻيل کٽ ، پنهنجي ڪمري جي اڳيان رکي ، جتي سج جي اُلهڻ ڪري ڪمري جي ڇانءُ اچي ويئي هُئي ، مهاراج همنيت کٽ تي ليٽندي وراڻيو ـ
    “ڀڳوان ڪو ڪرپا ڪري ــ ، نه ته اڳين سال جيان لڏ پلاڻ گهڻي ٿيندي ــ ”
    راڌا به رامائڻ ، ٺپي ـ ، پنهنجي پتا ڏانهن هلي آئي.
    ڪاڪا ، خير سان پنڌ ڪيو اٿئو ؟ “ ”
    موهن ، راڌا جي مٿي تي هٿ رکندي چيو ـ
    ” هائو ڌيءُ ـ ، خير سان ئي آيو هُئس ، بس سيٺين جا آهن حُڪم ـ ، سي پيا بجا آڻيون ـ چڱو مهاراج ، هاڻي اجازت ڏيو ، بس ايشور اڳيان اسان جهڙن اَڀاڳن جي بخشش پيو گهُرجين “
    موهن وڃڻ لڳو ته راڌا چيس ـ
    ” ڪاڪا ، وري جڏهن اچجو ته مون لاءَ پُستڪ وٺيو اچجو ، ڇو ته پرُاڻو پُستڪ ، زبون ٿي ويو آهي ، باپو کي چئي ، ڀڄن نئين پُستڪ تي لکرائي وٺان ـــــ“
    موهن ويندي ويندي ، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي ويو .
    سانول کي هوش آيو ته پيڙا جي ڪري چينگهڻ لڳو ، چينگهڻ جو آواز ٻُڌي ، پيءُ ۽ ڌيءُ ، ٻئي ڪمري ۾ هليا آيا.
    “ راڌا ــ ، پاڻي کڻي اچ ــ ”
    راڌا ڊوڪڙي پائي ، ٻاهران دلي مان پاڻي جو لوٽو ڀري آئي ، همنيت سانول جو چهرو ٿورو مٿي ڪري ، پاڻي جا ٻه ڍُڪ ، سانول کي پئياريا ــ ، سانول نقاهت ۽ ڪمزوري۾اکيون کولي ، نهاريو ته هن ڏٺو
    هڪ پوڙهو ڳاڙهي لونگي سان ، مٿي تي وڏو تِلڪ ، عنبر جي خوشبوءَ ، ڌوتي پاتل ۽ ساڻ وڏين چيراوين ڪارين اکين ، ننڍڙي وات ، سنهي ڍيگهي سُهڻي نڪ مٿان ، وڏي موڪري نرڙ تي ، وڏي ڳاڙهي بنديا سان ڪا ڇوڪري بيٺل آهي ، اهو لقاءُ ڏسي ، سانول سمجهي ويو ته هووري به هُندن جي قبضي ۾ آهي يعني وري به موت جي مُنهن ۾ آهي ، مايوسي ۾ اکيون پوري ، ليٽي پيو ، راڌا پنهنجي پيءُ کي ڪن ۾ آهستگي سان چيو ــ ،
    “باپو ، ڀل اڃان آرام ڪري ــ ”
    همنيت ، ڌيءُ جي ڳالهـ ٻُڌي ، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ٻئي وري ٻاهر نڪري آيا ــ ، سانول ، هنن جي وڃڻ شرط ، اکيون کولي ، وري به اردگرد جي شين جو جائزو وٺڻ لڳو
    ڪُجهـ ڪاٺ جون پيتيون ، ڪجهـ ڦڪين ڪُٽڻ جا اوزار ، جاري تي پيل ڪُجهـ ڪتاب ، هڪ اڌ ٽوال، ڪُجهـ ڪپڙا ٽنگيل ، هڪڙو ٿيلهو ، ڪُجهـ ديوتائُن جا ننڍا ننڍا بُتُ پيل هُئا ته ڪُجهه ٿانءُ ٿپا ۽ ڪُجهه هنڌ بسترا پيل هُئا.
    سانول ، اهو سڀ ڪُجهه ڏسي ، ڀوء ۽ پريشاني گاڏڙ ڪيفيت ۾ هُتان ڀڄڻ لاءَ اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس جي ٺريل ڦٽن مان پيڙا جون شديد لهرون اُڀريون ، جنهن جي ڪري ، سانول کان دردناڪ رڙ نڪري ويئي ۽ ڪڙيون ٻڌل ڦٽن مان هڪ ڀيرو وري گند ۽ رت رسڻ لڳو ، رڙ جو آواز ٻُڌي ، راڌا ۽ همنيت ، ڊوڙي اندر آيا ، جتي سانول پيڙا وچان رڙي رهيو هو ، همنيت هڪدم ، پنهنجي ويدڪ (حڪيمي) ٿيلهي مان ، هڪ ٻوٽي ڪڍي ، سانول جي نڪ اڳيان رکيائين تـ سانول کي چند گهڙين ۾ ، آرام اچي ويو، تيسين ٻاهر کنوڻين جا تجلا ۽ گوڙ جو آواز ويجهو اچي چڪو هو ، همنيت ۽ راڌا ، ڪمري کان ٻاهر نڪري آسمان ڏانهن نهارڻ لڳا
    ” راڌا ــ ، گهڙي کن ۾ ورشا شروع ٿي ويندي ، تنهنڪري تون ڊوڙ ڪري ، گئوماتا کي سامهين ڇني ۾ بيهاري گاهـ پٺو وجهي اچ ، جي ورشا پئجي ويئي تـ ڏاڍي تڪليف ٿيندي. “
    راڌا پيءُ جو حُڪم ٻڌي ، ڊوڙي وڃي ، گئوماتا کي سامهين ڇني ۾ بيهاري ، گاهـ پٺو وڌو مس ته وڏ ڦُڙي سان بارش شروع ٿي ويئي ، اهڙي تيز بارش ۾ ، راڌا ڊوڙي پنهنجي ڪمري تائين پُهچندي پُهچندي ، سڄي وهنجي وئي هُئي
    ” باپو ، ڏاڍي تيز ورشا آهي ، مس مس ڀڳوان ڪا ڪرپا ڪئي آهي ، هاڻي مُلڪ ۾ ڀال ڀلايون ٿي وينديون . “
    ۽ هوءَ پنهنجن وارن ۽ ساڙهي مان پاڻيءَ نپوڙي ڪڍڻ لڳي
    همنيت پنهنجي ڪتاب ، اَٿر ويد مان ، پاٺ کوليندي چيو ــ
    ” هائو امڙ ، ڀڳوان ته هميشهٰ پنهنجن بندن ۽ خلق تي ڪرپا ڪندو رهي ٿو پر بندو من جو ميرو آهي ............، امان ڏيئو ته روشن ڪري وٺ ، ورشا جي ڪري اونداهـ ٿي ويئي آهي ، هاڻي ته نظر به گهٽ ٿي پئي آهي. “
    راڌا وارن کي ڪاٺ جي ڪنگهي ڏيندي وراڻي ــ
    “ جيءُ باپو ”
    راڌا ، وارن کي ڪنگهي ڏيئي ، ڏيئو ٻاري ، اُن تي شيشي جو ڍڪ چاڙهي ڇڏيو ، جئين واءُ جي ڪري اُجهامي نه وڃي ، بارش زور سان هُئڻ ڪري جبل سڄو وڳو پئي ، ڪنهن ڪنهن وقت وِڄ جي چمڪاٽ سان گڏ گوڙ جو زبردست ٺڪاءُ ٿي ٿيو.
    “ روٽي کائيندو.........! ”
    راڌا جو اهو پهريون سوال ، سانول کان هو ، جيڪو ڪُجهـ دير پهرين هوش ۾ آيو هو ، سانول راڌا جي سوال جي موٽ ۾ ، ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي ، هونءُ به سانول ٽن راتين ۽ ٻن ڏينهن جو بُکايل هو ۽ کاڌي نه ملڻ ڪري به ڪافي ڪمزور ٿي پيو هو ، راڌا پيتل جي گول ٿالهي ۾ ، ڪُجهـ چانور ، ڪجهـ روٽيون ٻاجهر جون ، ٽامي جي ننڍڙين وٽين ۾ دال ، چٽڻي ، سانڌاڻو ۽ پيتل جي وڏي گلاس ۾ کير کڻي اچي، سانول جي اڳيان رکيائين ته همنيت ، اَٿر ويد ۾ نشان رکي ، اُن کي بند ڪري اچي ،سانول کي ٽيڪ ڏيئي ، مٿي ڪندي ، ٻه ويهاڻا ڏيئئ ويهاريو ۽ سانول کي ماني کارائڻ لڳو تيسين راڌا ، پيءُ طرفان ڏنل ٻوٽِين کي ڪُٽي ، انهن جو مرهم ٺاهي ورتو ، جئين سانول ماني مان فارغ ٿيو ته راڌا ، سندس جي ڦٽن کي ، نم جي نيم گرم پاڻي سان چڱي طرح ، ڌوئي ، صاف ڪري سُڪائي ، انهن تي ٺهيل مرهم جو ليپو ڪري ڇڏيو ، مرهم لڳڻ سان ئي ، سانول کي به پيڙا ۾ آرام محسوس ٿيو ، راڌا ، سانول جي مرهم پٽي مان واندي ٿي ، پنهنجي پيءُ لاءَ ماني کڻي آئي.
    “ تو ماني کاڌي آهي؟ ”
    همنيت ، اَٿر ويد مان اک ڪڍي ، راڌا ڏانهن نهاريندي پُڇيو ــ
    “ نه باپو ، آئون گيتا جو ورد ڪري ، پوءِ روٽي کائينديس ”
    سانول کي پهرين جيڪو خوف پيدا ٿيو هو ، سو هنن جي وهنوار کي ڏسي ، ڪافي حد تائين گهٽجي ويو هو ، هو ليٽيو ليٽيو ، چونري جي ڇت کي گهوري رهيو هو ، ڪجهه دير ۾ راڌا جو سُريلو آواز ، سانول جي ڪنن ۾ سُرن جو امرت رس گهولڻ لڳو ، راڌا جئين جئين گيتا پڙهندي ٿي ويئي تـ سانول جي من ۾ انڌ مانڌ مچندي ٿي ويئي ، راڌا گيتا پڙهڻ کانپوءِ ، اُن جو ترجمو پڙهڻ لڳي ته سانول ائين محسوس ٿي ڪيو ته گيتا به قرآن مجيد جيان ئي بُرائين کان تنبيهه ٿي ڪري ۽ بُرائين خلاف جنگ جوٽڻ جو درس ڏي ٿي ، ٻاهر برسات جو زور ٽُٽي ويو هو پر اڃان جهڙ ڦڙجي سنهي ڦوهار هلندڙ هُئي ، کنوڻن جي به چمڪاٽ ڪنهن ڪنهن وقت ، اولهـ اُتر جي ڪنڊ طرف هيٺيان هئي ،گوڙ جو پري ڪنهن وقت ڪو هلڪو دٻيل آواز آيو ٿي نه ته بس ، بارش جي ڪري فضا ۾ خُنڪي پيدا ٿي ويئي هُئي ۽ رات به پنهنجا پَرَ پوري طرح سان پکيڙي چُڪي هُئي.
    رات واري بارش ، جبل کي ڌوئي ، پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيو هو ، فضا ۾ حبس وڌي ويو هو ، همنيت ۽ راڌا به آرتي واري پوڄا پاٽ کان واندا ٿي ، سانول وٽ آيا هُئا ، جيڪو پُڻ ، هنن جي آرتي ، مندر جي گهنڊ ۽ هنن جي سُريلي آواز سان ڀڄنن واري
    عبادت جي ڪري سُجاڳ ٿي چڪو هو ، سانول پنهنجو چهرو ڌوئي ، اُگهي ورتوته راڌا نيرن کڻي اچي اڳيان رکيو ، همنيت ، هيٺ زمين تي پيڊلي (ڪاٺ جي صندلي) تي ويهي ناشتو ڪيو ۽ سانول ، مٿي کٽ تي ئي نيرن جا ٻه گرهه هنيا ، راڌا ٻنهي جا ٿانءُ ٿپا کڻڻ آئي ته سانول چيو ــ
    “ ٻڌو......!”
    راڌا جا ٿانءُ کڻي ، چونري کان ٻاهر پئي نڪتي ، تنهن جو سانول جو سڏ ٻُڌو ته وراڻي ــ
    “ ڀڳوان جي ڪرپا ، جو اوهان ڳالهايو ته سهي ”
    “ مونکي هتي گهُٽ پئي ٿئي ، آئون ٻاهر نڪرڻ ٿو چاهيان....... ”
    سانول ڏاڍي نماڻائي ۽ عاجزي سان چيو ــ
    راڌا موٽ ۾ پنهنجي پيءُ کي سڏ ڪيو .
    “ باپو..........باپو، اندر اچي مزمان جي کٽ ٻاهر ڪڍرايو ”
    همنيت ، جيڪو نيرن کائي ، گئو ماتا کي کاڌو پيتو کارائڻ لاءِ ويو هو ، سو ڌيءُ جو سڏ ٻُڌي چونري ۾ هليو آيو ۽ اچي سانول کان حال احوال پُڇڻ لڳو
    “پُٽ ، هاڻي طبيعت ڪئين آهي ؟ ”
    سانول وراڻيو ــ
    “پيڙا ۾ هاڻي گهڻو آرام آهي ــ”
    راڌا پنهنجي ڳالهه وري ورجائيندي وراڻي ــ
    ” باپو ـــ ، مزمان جي کٽ ٻاهر کڻي هلون ، هتي مونجهارو ٿو ٿيس ، هونءَ به باپو رات واري ورشا کانپوءِ ، حبس ويتر وڌي ويو آهي “
    همنيت ۽ راڌا ، ريڙهي سيڙهي ، سانول جي کٽ کي ٻاهر ڪڍيو
    سانول ندامت ۾ وراڻيو ــ
    ” ڪاڪا ، مُنهنجي ڪري ، اوهان تڪليف ۾ پئجي ويا آهيو ، آئون جئين هلڻ جهڙو ٿيس ته هتان هليو ويندس “
    همنيت ، راتوڪي برسات سبب وهندڙ چشمي ڏانهن نهاريندي وراڻيو ــ
    ” پُٽ ، آڪاش کان وٺي پاتار تائين ، ڀڳوان هر شيءَ ۽ هررنگ ۾ وسي ٿو ۽ جيڪو ڀڳوان جي پيدا ڪيل هر شيءَ ۽ رنگ سان پيار نه ٿو ڪري ، اهو ڄڻ ڀڳوان کي ناراض ٿو ڪري ــ ، اصل ڀڳوان جو راضپو ، ڀڳوان جي پيدا ڪيل ـ ، هر شيءَ سان مُحبت ۽ خدمت ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو “
    تيسين راڌا ، سانول لاءِ ڪاڙهو ، ڪاڙهي کڻي آئي
    ” راڌا ــ ، منهنجي خاص پوڄا پاٽ ڪرڻ جو وقت ٿئي پيو ــ ، آئون پوڄا لاءِ وڃان ٿو ، تون مزمان وٽ ئي رهجان ، متان ، موتي ڏانهن جبل نڪري وڃين “
    راڌا فرمانبرداري ڪندي وراڻي ــ
    “ نـ باپو آئون ڪيڏانهن ڪونـ وينديس ”
    همنيت پنهنجي ڪمري مان ٿالهي ۾ ڪُجهـ سيندور ، کوپرو ، مٺائي ۽ اگربتيون کڻي ، چاڙهين تان چڙهي ايشور جي آسٿان ڏانهن هليو ويو
    “مزمان اوهانجو نالو ڇا آهي ؟ ”
    راڌا معصوميت مان ، سانول کان پُڇيو ــ
    سانول ، جواب ڏيڻ بجائي ، راڌا کي چتائي ڏسندو رهيو
    راڌا ،سانول کي ائين چتائي ڏسندي ڏٺو تـ شرمائيندي وراڻي ــ
    “ائين گهوري ڇا ٿا ڏسو!؟ ”
    سانول مُرڪي چيو ــ
    “ ڪجهـ به نه!!! ”
    “اوهان کي ڪنهن زخمي ڪيو؟ ”
    وري سوال ڪيائين پر سانول ڪو به جواب ڪونه ڏنو راڌا پنهنجي سوال جو جواب نه ٻُڌي پاڻ ئي جواب ڏيندي چيو ــ
    “ ڇا به هُجي پر جنهن به اوهان کي زخمي ڪيو آهي سو انسان آهي ئي ڪونه! ”
    راڌا جي ڳالهـ ٻُڌي ، سانول هڪ ڊگهو ٿڌو ساهُ کنيو ۽ وراڻيائين ــ
    “ مونکي پاڻي پئياريندئو ”
    راڌا هونءُ ڪري ، پاڻي کڻي آئي ۽ پوءِ گئو ماتا کي ٻئي پاسي ٻڌي، اُن جي وٿاڻ کي صاف ڪرڻ لڳي ، جيڪو ڪالهوڪي بارش ڪري گپ ڪري ويو هو .
    برسات پوڻ ڪري ، سڄو ڪارونجهر جبل ڌوپجي ، صاف ٿي ويو هو ــ ڪارونجهر جي چوٽين مان ، اڃان تائين برسات وارو پاڻي رَسي رهيو هو ، حالانڪي برسات کي پئي ، ٻـ پهر گُذري چُڪا هُئا ، مندر جي سامهون واري چشمو به وهڻ شروع ٿي ويو هو جنهن جو پاڻي مندر واري تلاءُ ۾ به اچي پوندو هو ، آسمان تي اڃان به ڪڪر ڇانيل هُئا ۽ واءُ به بلڪل بند هو ــــ ، مندر جو مور سامهون پِپِر جي وڻ هيٺيان چوڳو ڪري رهيو هو
    سانول ڪنڌ ورائي وري مندر ڏانهن نهاريو جيڪو بارش پوڻ ڪري وڌيڪ صاف ٿي بَکِي پيو هو ، پوڄا پاٽ لاءِ برهمڻ آباد ۽ آس پاس جي علائقن کان ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويا هُئا ، ايسيتائين همنيت ـ پنهنجي خاص پوڄا کان فارغ ٿي اچي ويو هو ،ماڻهو ايشور جي مندر جي سامهون ٺهيل چبوتري تي ويهڻ شروع ٿي ويا هُئا راڌا به گئو ماتا واري ڪم مان فارغ ٿي ، وهنجي سهنجي ، ڪپڙا مٽائي ، مٿي تي تِلڪ هڻي ، ايشور جي آسٿان تي پُهچي ويئي هُئي ، راڌا جي اچڻ شرط ، مهاراج همنيت شلوڪ ٻُڌائڻ شروع ڪيا.
    سانول پنهنجي ڳوٺ ۾ ، سڀني کان ڳڀرو جوان هو ، ملهه ۾ ته سندس جي پوري علائقي ۾ هاڪ هُئي ، ڳوٺ ۾ اڪثر هر راند ۾ حصو وٺندو هو ، يتيم ته هو اڳ ئي هو ، انهي ڪري هو شاهـ جي گهر ۾ رهندو هو ۽ اُن جي ٻني ٻاري ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪندو هو ، ڪُجهه مهينن کان هندو مُسلم فسادن مُنهن ڪڍيو هو،جتي مُسلمانن جي اڪثريت هُئي اُتي مُسلمانن ، هُندن کي ٿي ماريو ۽ جتي هندن جي اڪثريت هُئي ته اُتي وري هندن ٿي مُسلمانن کي ماريو ، اها ڪنهن کي به خبر ڪانه هُئي ته هو هڪٻئي کي مارينَ ڇا لاءِ پيا ، هُتي هندن ، شاهـ ۽ اُن جي خاندان کي ماري ، ساڙي ڇڏيوهو ته سانول ٻي ڪا راهـ نه ڏسي ، وٺي ڀڳو هو ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪوشش به ڪندو رهيو ، ڪافي دير بلوائين سان مزاحمت ڪرڻ ڪري ، ڪافي زخم لڳا هُئس ، تڏهن به هنن کان جان بچائي ، ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ، هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات لڪندو ۽ ڀڄندو رهيو هو ، زخمي هُئڻ ڪري هُن جبل ۾ لڪڻ ٿي چاهيو پر هو مندر جي ڀر ۾ بيهوش ٿي ڪِري پيوهو.
    پوڄا پاٽ ڪري ، همنيت ۽ راڌا ، ٻئي سانول وٽ هليا آيا ــ ، راڌا پيءُ کي موڙهو آڻي ڏنو ، همنيت پنهنجي بُت کي ٽوالڙو ويڙهي ، موڙهي تي ويهي رهيو
    ” پُٽ هاڻي پنهنجي خبر چار ڏي ، ڪٿان آيو آهين ؟ ڪنهن زخمي ڪيو اٿئي.........؟ “
    همنيت ، سانول کان پُڇا ڪئي .......سانول جي ذهن ۾ هيڪر ته آيو ته سڀ ڪُجهـ سچ ٻُڌائي ڇڏي پرٻئي ساعت بجلي جي تيزي جيان خيال آيس ته جي سچ ٻُڌائيم ته پوءِ موت يقيني اٿم...................!
    همنيت سانول کي سوچ ۾ ٻُڏل ڏسي چيو ــــ
    ” تون اُلڪو نـ ڪر ، مونکي خبر آهي ته تون مُسلمان آهين ، ڇاڪاڻ ته تنهنجو چهرو ۽ لباس صاف صاف ٻڌائينَ پيا ـــ “
    سانول ، همنيت جي انهي انڪشاف تي ڇرڪي پيو ۽ هڪدم وراڻيائين ــ
    “ پوءِ!!!!!! ”
    همنيت ، سانول جو هٿ ، پنهنجن هٿن ۾ جهليندي ، وڏي پاٻوهه سان چيو ــ
    ” ڌرم ، ڪڏهن به ظُلم نه ٿو چاهي .......ڌرم ته پُٽ من جي شانتي (سُک) جو نالو آهي ، جيڪي به ڌرم جي نالي ظُلم ڪن ٿا اُهي دراصل ڌرم کي سمجهن ئي نه ٿا ــ ، ڌرم ته امن ، انصاف ۽ مُحبت جو نالو آهي ۽ جنهن دل ۾ اصل ڌرم ناهي ته اها دل اشانت ( بي سُکي) ئي رهي ٿي. “
    سانول ، همنيت جون اهي ڳالهيون ، ٻُڌي ، ڪُجهه آٿت ۾ آيو ــ
    “ ڪاڪا ـــ ، مونکي ته ڊپ هو ته ڪٿي اوهان ڀي......................! ”
    سانول پنهنجو خدشو ، ڳالهـ اڌ ۾ ڇڏي ، ظاهر ڪري ڇڏيوـــ .
    سانول جي اها ڳالهـ ٻُڌي ، همنيت جي ڀر ۾ ، زمين تي ويٺل راڌا جي چهري تي مُرڪ ڦهلجي ويئي
    همنيت ،سانول جي خدشي کي اهو چئي ويتر ختم ڪري ڇڏيو ته ـــــ
    ” پُٽ ، ڊپ ٿوري ڪبو آهي ــ ، مارڻ واري کان ته جيئارڻ وارو هزار ڀيرا وڌيڪ آهي ، هي ته ڀڳوان جو گهر آهي ، هي ته اشانت انسان جي پناهـُ گاهـ آهي ـــ“
    راڌا ، موقعي جي مناسبت ڏسي ، پنهنجي پيءُ سان ، سانول جي شڪايت ڪندي وراڻي
    ” باپو ــ ، مزمان ، جيئن ڪُجهـ ٺيڪ ٿيو آهي ته نيرن صفا نه کاڌي آهي ، جي روٽي نه کائيندو ته باپو ، ٺيڪ ڪيئن ٿيندو......؟ “
    همنيت کلندي ، پنهنجي ڌيءُ جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو ــ
    “ کائيندو ...، هن جي روزي پاڻ وٽ ئي لکيل آهي ”
    راڌا پيار ڀري شڪايت سان ، سانول کي چيو ــ
    “ ٻڌو پيا مزمان ــ ، هاڻي روٽي ضرور کائڻي پوندي ، ها.....!! ”
    هوءَ جيتري معصوم هُئي ، ايترو ئي وري ڳوٺاڻي حُسن جو شاهڪار هُئي
    همنيت ، موڙهي تان اُٿي ، چونري ڏانهن ويندي چيو ــ
    “ اڄ ، ڪالهـ جي نسبت ڏينهن ڪُجهه ٿڌيرڙو آهي ”
    راڌا ،اکين مٿان هٿ ڏيئي هيٺ نهارڻ لڳي ، حالانڪي سج جي روشني نه هُئي پر هڪ عام عادت جي ڪري ، هُن ائين ڪيو ٿَي
    “ باپو ، هيڏانهن ڪُجهه ماڻهوءَ پيا اچن ــــــ ”
    ڌيءُ جي چوڻ تي ، همنيت به اوڏانهن نهارڻ لڳو ، جيڏانهن راڌا نهاري رهي هُئي ، ڪُجهـ ئي دير ۾ ، اهو ماڻهن جو ٽولو ، همنيت وٽ اچي پهتو ۽ سانول کي ڏسي ، پاڻ ۾ کُسر ڦُسر ڪرڻ لڳا . نيٺ هنن مان هڪڙي همنيت کي سلام ورايو ــ
    “مهاراج نمستي ”
    شايد اهو ماڻهوءَ انهي ٽولي جو چڱو مُڙس هو ، مهاراج سلام جو جواب ڏيئي ، انهن ڏانهن سواليهٰ نگاهن سان نهارڻ لڳو
    انهي همراه مهاراج جي سواليهٰ نگاهن کي سمجهندي چيو ــ
    “مهاراج ، اوهان سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻو آهي ــ ”
    همنيت وراڻيو ــ
    ” هي ايشور ڀڳوان جو مندر آهي ، هتي ڪنهن کان ڪُجهه به ڪينَ نه لڪائبو آهي ، تون ڳالهـ ڪر....“
    هن ُ همراه ، ٻين همراهن ڏانهن نهاريو ، ڄڻ انهن کان اجازت وٺندو هجي ۽ چيائين ــ
    سيٺ نارائڻ داس ، ايشور ديوتا لاءِ هي مڻيا (روپيا) موڪلي آهي ۽ هُن روپين جي ٿيلهي ، همنيت ڏانهن وڌائي ، همنيت ، ٿيلهي کي هٿ سان ڌڪيندي چيو ــ
    ” ابا ، سيٺ کي وڃي چئو ته ايشور ديوتا کي ڪنهنجي به دانَ جي ضرورت ڪونهي هو پاڻ اوهان جهڙن کي دانَ ڏيندو آهي گهُرندو نه آهي “
    “ مهاراج ، سيٺ خوشي مان ڏنا آهن ، مندر جي مرمت ڪرائي ڇڏجو ـــ ”
    همنيت وراڻيو ــ
    “ نه ، اُن جي ضرورت ڪونهي ــ ”
    همراه پنهنجن ڪُلهن کي مٿي اُچڪائيندي چيو ــ
    “ جيئن اوهان جي مرضي مهاراج....! ”
    ۽ هو پوءِ ايشور جي مندر ۾ ، پوڄا لاءِ هليا ويا ، هنن جي وڃڻ کانپوءِ ، راڌا پنهنجي نڪ کي موڙو ڏيندي چيو ــ
    ” هي ماڻهو ته مورڳوئي راڪشکس (شيطان) پئي لڳو ...........۽ ها باپو ، هي سيٺ هروڀرو دانَ ڏيڻ جي پويان اچي ڇو پيو آهي ، هڪ ڏينهن ڇڏيو ٻئي ڏينهن دانَ ڏيڻ جي بهاني ڀڳا اچن ..........هونءُ ...! مرمت ڪرائي ڇڏجو “
    راڌا جي ان معصومانهٰ ادا تي سانول مُرڪي پيو ،همنيت چڱي پر ڄاتو ٿَي ته سيٺ نارائڻ جون هوَس ڀريون نگاهون ، سندس نينگري راڌا ۾ آهن ،هو پيسن ۽ پنهنجي دولت جو رُعب ويهارڻ لاءِ ، هڪ نه ٻئي ڏينهن اهو ناٽڪ ڪندو رهي ٿو
    ” امڙ ، تون اُلڪو نه ڪر ، هي ايشور ڀڳوان کي رنجائينَ ٿا ۽ پنهنجو پاڻ لاءِ هتي ئي نَرڳ (دوزخ) جوڙين وتا “
    راڌا ،پيءُ جي ڳالهـ ٻُڌي ، مُرڪي رڌڻي ڏانهن هلي ويئي ، سانول حيرت وچان ٻنهي کي نهاريندو رهجي ويو
    راجستان جو وڏو شهر برهمڻ آباد ، اڄ گئو مُکي ميلي جي ڪري ، بارونق لڳو پئي ، هر طرف طرحين طرحين جا دُڪان لڳل هُئا ،مال جا واپاري الڳ ، مال جي پڙي لڳايو بيٺا هُئا ته مٺائين وارا وري پنهنجي الڳ بازار سجايو ويٺا هُئا ٻئي پاسي راندين ۽ مدارين جو ميلو متل هو ته ناچ ڳائڻين جا تنبو ئي الڳ منظر جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا پر ميلي ۾ ايترو سڀ ڪُجهـ هوندي به ، اڳ جي نسبت رونق تمام گهٽ هُئي شايد اُن جو سبب تازو شروع ٿيندڙ ، هندو ، مُسلم فساد هُئا ــ
    سيٺ نارائڻ جي دُڪان تي به ڪافي رش هُئي ، سيٺ نارائڻ داس ، پنهنجن نوڪرن کي دانهون ڪري ڪري گراهڪن ڏانهن متوجهـ ڪرائي رهيو هو.
    “ سيٺ صاحب........!! ”
    ڪنهن اوچتي سڏ تي ، سيٺ نارائڻ ڪنڌ ورائي ، اوڏانهن ڏٺو جتان سڏ جو آواز آيو هو ته سامهون پالڪي ۾ سيٺ شرنارٿي ويٺو هو، سيٺ نارائڻ ، سيٺ شرنارٿي کي ڏسي ، اهڙو ته ٽپ ڏنو ڄڻ ڪاريهر تي پير پئجي ويو هُجيس.
    هڪدم وراڻيو ــ
    ” اچو اچو سيٺ صاحب ......، اسان جا ته ڀاڳ کُليا آهن جو اوهان پاڻ ، اسان ڏانهن پنهنجا ڀاڳن ڀريا قدم ڀري آيا آهيو....!“
    ۽ اڳيان بيٺل ماڻهن کي جلدي جلدي هڪ طرف هٽائڻ لڳو ۽ پنهنجي ڌوتي کي ٻنهي هٿن سان جهلي ، سيٺ شرنارٿي جي پالڪي وٽ پُهتو ۽ هٿ ڏيئي ، سيٺ شرنارٿي کي پالڪي مان هيٺ لاٿو ،سيٺ شرنارٿي .......ڪنن ۾ سونيون واليون ـــــ ، اڳيان وڏو نڪتل پيٽ ـــــ ، انهي پيٽ مٿان پيل صدري ۾ سون جا بٽن لڳل ــــــــ ، گلي ۾ ٿُلهي سنڪڙي (زنجير) پيل هئس ، وڏي شان سان هلي ، اچي ، سيٺ نارائڻ داس جي ڪمرا ءِ خاص ۾ ويٺو ، سيٺ نارائڻ داس ، پنهنجن نوڪرن کي ، ڪُجهـ خاص هدايتون سيٺ شرنارٿي جي خدمت لاءِ ڏيڻ لڳو
    سيٺ نارائڻ داس جو ڪمرا ءِ خاص واقعي سيٺ شرنارٿي جي شان وٽان هو ، عاليشان ، هٿ سان ٺهيل غاليچا وڇايل هُئا ــــــ ، در ۽ درين تي بهترين پردا ٽنگيل هُئا ته مٿان هٿ پکو ، جنهن جي ڇوَ تي زري ۽ ٽڪن جو شاندار ڪم ٿيل هو ۽ دلي جا بهترين صوفا سيٽ پيل هُئا ، سيٺ نارائڻ داس ، شراب جي ٻاٽلي(بوتل) مان ٻه پيگ ڀريا.
    ” سيٺ صاحب ــــ ، هاڻي ته موقعو به آهي ۽ حالتون به پنهنجو پاڻ پيون ساٿ ڏينَ ۽ اوهان اڃان تائين ماٺ ڪيو ويٺا آهيو.....؟ “
    سيٺ نارائڻ ، پيگ سيٺ شرنارٿي ڏانهن وڌائيندي وراڻيو ــ
    ” سيٺ صاحب ، مذهبي معاملو آهي ـــ ، ڪٿي وٺڻ بجاءِ ڏيڻا نه پئجي وڃن ــ ، انهي ڪري صبر کان پيو ڪم وٺان..“
    سيٺ شرنارٿي ، پنهنجي هاٿي جهڙي جسم کي صوفي تي چوريندي وراڻيو ــ
    ” هيئنر ته هندو مُسلم فساد به عروج تي آهن انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو موقعو ملندئي مذهبي معاملو آهي ته اهو ڪم به هنن مذهبي فسادن ۾ ڪٿي گُم ٿي ويندو. “
    سيٺ نارائڻ داس پيگ مان ڍُڪ ڀريندي چيو ــ
    ” سيٺ صاحب ، اوهان جو چوڻ بجا آهي پر ايڏو وڏو قدم حال فلحال ، آئون کڻڻ لاءِ ذهني طور تيار نه آهيان ۽ منهنجو هيڏو ڪاروبار.............................................“
    سيٺ شرنارٿي نارائڻ جي ڳالهـ اڌ ۾ ڪٽيندي ، ڪاوڙ مان وراڻيو ـــــ
    ” آئون پوءِ ڇا لاءِ ويٺو آهيان ، ڪليڪٽر تائين ته مُنهنجي رسائي آهي ۽ جي ڪا اوڻيهه ويهه ٿي به سهي ته آئون پاڻهين سنڀالي وٺندس. “
    سيٺ نارائڻ داس ، ڪياڙي کنيندي ، ساڳي انداز ۾ چيو ــ
    ” پر سيٺ صاحب منهنجو هيڏو وڏو ڪاروبار آهي ، جي ڪُجهه ٿيو تـ منهنجو ته الهه تلهه ختم ٿي ويندو. “
    سيٺ شرنارٿي وٽجي سٽجي ، مس صوفي تان اُٿندي ، فيصلا ڪُن لهجي ۾ چيو ــ
    ” سيٺ اهڙو ڪُجهه ٿيو ته تُنهنجي ڪاروبار جي ضمانت به آئون کڻڻ لاءِ تيار آهيان ـــ ، ڪمون .......، اها پيتي سيٺ صاحب کي ڏيئي ڇڏ ...، ۽ ها نارائڻ ، مونکي ڪم کپي ، ٻُڌئي ... هيئنر مونکي دير پئي ٿئي ، آئون هلان ٿو ـــ“
    ۽ جهڙي شان سان آيو هو، اهڙي ئي شان سان هليو ويو ، سيٺ شرنارٿي ته حُڪم ڏيئي هليو ويو هو ، نارائڻ داس جي نرڙ تي پگهر جا ڦُڙا چمڪڻ لڳا هُئا ، هونءُ سيٺ نارائڻ داس به ڪا معمولي شخصيت نه هُئي ، پنجاهه جي پيٽي ۾ هلندڙ ــــــــ ، ڪنن ۾ سونيون واليون ـــــــ ، مٿي تي گانڌي ڪيپ ـــــــ ، پيٽ نڪتل ـــــــــ، نڪ تي گول چشمو ٽڪيل ۽ لٺ جي دستاني تي سون جو پاڻي چڙهيل هُئس ۽ پنهنجي دُڪان تان لهي ، جڏهن وڏي شان سان برهمڻ آباد جو چڪر هڻندو هو ته سڀڪو پيو نمستي نمستي ڪندو هو ، سيٺ نارائڻ داس جو ڪاروبار رُڳي هتي نه هو پر پوري راجستان ۾ پکڙيل هو ۽ اُپت جو چڱو خاصوحصو بيوروڪريسي کي کارائي ڇڏيندو هو
    ٽن ڏينهن کان وٺي مهاراج همنيت بيمار هو ،موسم جي ٿڌي هُئڻ ڪري ، زُڪام ۽ بُخار ٿي پيو هُئس ، راڌا لاءِ ٻنهي جي تيماداري ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو هُو ، پر تڏهن به راڌا هر ممڪن ڪوشش ڪئي ٿَي ته ڪم ۾ ڪا گنجائش رهجي نه وڃي ،سانول جا به هاڻي گهڻا ڦٽ ڇُٽي چُڪا هُئا.
    ” سانول بابو ـــ ، هاڻي ته اوهان جا ڪافي زخم ڇُٽي ويا آهن لڳي ٿو هي مرهم ، اوهان کي چند ڏينهن ۾ نو بنو ڪري ڇڏيندو.“
    راڌا سانول جي رهيل ڪُجهه زخمن تي مرهم جو ليپو ڪندي وراڻي ــ
    سانول ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ، وڏي پاٻوهه سان وراڻيو ــــــ
    “راڌا ، هن مرهم ۾ ايڏي شڪتي(طاقت) ٿوري آهي اها ته اوهان جي هٿن جي شِفا آهي. ”
    راڌا موٽ ۾ کلندي وراڻي ــ
    “ سچي ، سانول بابو ”
    سانول ، چاهه سان راڌا ڏانهن نهاريندي چيو ــ
    “ راڌا ، ڇا چاهه ۾ شڪتي(طاقت) نه هوندي آهي؟ ”
    راڌا ، زخم تي پٽي ٻڌندي وراڻي ــ
    “ الائي..........! ”
    سانول ، راڌا جي مٿي تي پيار وچان هلڪي ٿپڙ هڻندي وراڻيو ــ
    “ منهنجن ڦٽن کي ـــــ ، چري تُنهنجي چاهت ٺيڪ ڪيو آهي ــ ”
    راڌا ، ڄاڻي واڻي ـــــ ، اڻ ڄاڻ ٿيندي چيو ــ
    ” نـ بابو ــ ، ائين ٿوري آهي ـــ ، اوهان کي باپو جي هن ٺهيل مرهمن ٺيڪ ڪيو آهي ، باپو ، ڏاڍي محنت سان هي مرهم ٺاهيندو آهي ــ“
    ۽ مرهم پٽي جو سامان کڻي ، پنهنجي پيءُ وٽ هلي آئي..
    “ باپو ــ ، ڪاڙهو پيتو ـــ؟ ”
    “ها امان ــ ”
    همنيت وراڻيو ــ
    راڌا ، پنهنجي پيءُ جي سيراندي وٽ ويهي ، پيءُ کي مٿي تي زور ڏيڻ لڳي ــ
    همنيت راڌا کان پُڇيو ــ
    “ راڌا امڙ ــ ، صبح رامائڻ پڙهي هُئي ــ؟ ”
    “جيءُ باپو ــ ”
    “ ياتري آيا هُئا ــ ؟”
    “ جيءُ باپو ـــ ”
    “ ايشور جي بُت کي اشنان ڪرايو هو ـــ؟ ”
    “ جيءُ باپو ــ ”
    ۽ گئو ماتا کي ـــ!؟ “ ”
    “ جيءُ باپو ــ ، گئو ماتا کي به گاهـُ پٺوڏيئي ، وهنجاري ڇڏيو آهي ـــ ”
    “ مهاراج جي ..جئي!”
    سيٺ نارائڻ داس سهڪندي سهڪندي چيو ـ
    راڌا کي همنيت وٽ ڏسي ، سيٺ نارائڻ پنهنجي نوڪر کي ٻاهر موڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ اچي همنيت جي پاسي ۾ ويٺو ۽ پنهنجي قيمتي رومال سان ، نرڙ تي آيل پگهر کي اُگهڻ لڳو ــ
    “اي ڀڳوان ـــ ! ڏاڍي گرمي آهي ــ اُف ـــ! ”
    ” سيٺ ، هيءَ ته فطرت جو قانون آهي ته گرمي سردي پاڻ ۾ برابرهلن ٿيون ــ ، انهي ڪري اوهان کي ڌيان رکڻ کپي ها ــ ، هيڙي گرمي ۾ اچڻ جو ڪهڙو لاچار هو ــ“
    سيٺ نارائڻ ، پنهنجا هيڊا ڏند ڪڍي ، راڌا ۾ اکيون وجهندي وڏي واڪي وراڻيو ــ
    ” مهاراج ـــ ، اوهان جي خراب طبيعت جو ٻُڌي ، اصل چينَ ئي ڦٽي ويم ، سو صبر نه ٿيو ، هليو آيس اوهان کي ڏسڻ......“
    مهاراج همنيت ، سيٺ جي بُکينَ نظرن کي پنهنجي ڌيءَ جي مٿي محسوس ڪندي ، پنهنجي ڌيءُ سان مُخاطب ٿيندي چيو ــ
    “ امان ، تون وڃي گئو ماتا جي خدمت ڪرــ ”
    راڌا ، سيٺ کي ڏسندي ئي ، پنهنجي ساڙهي جو پلوءَ وڌيڪ هيٺ ته ڪري ڇڏيو هو پر تڏهن به سيٺ نارائڻ داس کائي وڃڻ وارين نظرن سان راڌا کي ڏٺو پئي ، راڌا ، اُٿي ٻاهر هلي ويئي ، سيٺ نارائڻ ويندڙ راڌا کي ڏسي ، پنهنجن چپن تي زبان ڦيرائيندي وراڻيو ــ
    “ مهاراج ٻڌو اٿم ته اوهان وٽ ڪو پرديسي ترسيل آهي ـــ ”
    همنيت وراڻيو ــ
    “ هائو ، هو زخمي آهي ــ ”
    “ ڪير آهي ــ؟ ”
    “ ڇو ، اوهان ڇو پيا پُڇا ڪريو......، اُنهي سان ڪو ڪم اٿوَ ــــ!؟ ”
    مهاراج همنيت ٿوري تلخ لهجي مان پُڇيو ــ
    سيٺ نارائڻ ، پنهنجي شرمندگي لڪائيندي ، مُئل مُرڪ چپن تي آڻيندي چيو ــ
    “مهاراج ...................هڪ ڳالهـ چوان ، جي ناراض نه ٿيو ته......! ”
    همنيت ، سيٺ نارائڻ کي گهوري ڏٺو
    سيٺ نارائڻ ، همنيت جو جواب نه ٻُڌي ، پنهنجي گلي ۾ پيل سوني سنڪڙي ( زنجير) سان کيڏندي چيو ــ
    ” اوهين مهاراج ، بُزرگ ماڻهو آهيو ، اسان کان وڌيڪ سمجهو ۽ دُنيا جي لاهين چاڙهين کان خوب واقف آهيو ، پوءِ به اوهان هڪ اجنبي نوجوان کي مندر ۾ رهايو ويٺا آهيو ـــ ، پنهنجو نه سهي مندر جو ته کڻي خيال ڪيو ۽ ٻيو اوهان وٽ جواڻ جماڻ ڇوڪِرِي رهي پئي................................................“
    مهاراج همنيت ڪاوڙ وچان ، سيٺ نارائڻ داس جي ڳالهـ اڌ مان ڪٽيندي چيو ــ
    ” سيٺ صاحب ، نينگرِي مُنهنجي آهي ــــ ، اوهان کي چنتا ( فڪر) ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي ، ۽ هونءَ به مونکي ، پنهنجي نينگرِيءَ تي اعتماد آهي ۽ مون اُن کي ايشور جي آسري ۽ حوالي ڪري ڇڏيو آهي ـــــ“
    سيٺ نارائڻ ، مهاراج همنيت جي ڪاوڙ ڏسي ، ڦڪي مُرڪ چپن تي آڻيندي وراڻيو ــ
    ” مون ته مهاراج مڙيو ئي زماني جي حوالي سان ٿَي ڳالهه ڪئي ــ ، خيرـــ ، آئون ته ايشور جي مندر جي سيوا ڪرڻ چاهيان ٿو پر اوهين هر ڀيري مون پاران ڏنل دانُ واپس ڪريو ڇڏيو ، الائي اوهان سيوڪار( قبول) نـ ٿا ڪريو يا ايشور ئي اسان کان ناراض آهي.“
    ” سيٺ صاحب ــــ ، ايشور اسان جهڙن جو ڪو مُحتاج ٿوري آهي ، هو ته اسان جو اَن داتا آهي انهي جي ئي ڪرپا سان اوهان وٽ ايترو ڪُجهه آهي ، جي سيٺ صاحب ـــ، ايشور کي خوش ڪرڻو اٿوَ تـ غريبن ۽ مسڪينن جي واهُر ڪريو.“
    همنيت ڌيرج سان ، سيٺ نارائڻ داس کي چيو ـــ ، جيڪو اهڙي ڳالهـ ٻُڌڻ لاءِ ئي تيار ڪونه هو ، سو هڪدم ڳالهه ۽ موضوع کي مٽائيندي وراڻيو ـــ
    ” مهاراج موسم ڪچو لڳو پيو آهي ، انهي ڪري پنهنجي صحت جي لاپرواهي نـ ڪريو ڪنهن سُٺي ويد ( حڪيم) کي ڏيکاريو ــ“
    همنيت مُرڪي چيو ـــ
    ” ننڍي وڏي بيماري جي دوا دارون آئون پاڻ ئي ڪري وٺندو آهيان ، وڌيڪ ايشور ڪرپا ڪندو ته آئون جلد ئي نوبنو ٿي پوَندسُ ــ“
    سيٺ نارائڻ کي گرمي اچي تنگ ڪيو هو گرمي جي ڪري سيٺ جي گنج تي پگهر وهڻ لڳو هو ، انهي ڪري پنهنجي چمڪندڙ ،اڇي ڌوتي کي اڳيان کان جهلي اُٿيوــــ
    ” مهاراج ، هاڻي اجازت ڏيو ــ ، باقي هن بندي ۾ ڪو به ڪم پوي ته بنا ڪنهن ججهڪ جي حُڪم ڪجوــ“
    مهاراج همنيت به ادب ۽ اخلاق جي تقاضا کي مدِنظر رکندي ، کٽ تان لهي اُٿي بيٺو ــ .سيٺ جيئن ئي ، مهاراج جي چونري مان ٻاهر نڪتو ته سندس نوڪر ، ڇٽي کولي ، سيٺ جي مٿان ڪئي ۽ سيٺ ڏاڪڻين تان لهي ، هيٺ لهي هليو ويو ، همنيت ٻاهر ، اُس جي تپش ۽ لوءَ کي محسوس ڪندي ، پنهنجي ڌيءُ کي سڏي چيو ــ
    ” راڌا ڌيءُ ـــ ، موتي کي سڏي ، سانول جي کٽ ڪمري اندر ڪرائي وٺ ، ٻاهر لوءَ پئي لڳي.“
    راڌا ، پيءُ جو چوڻ ڪندي ، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ، موتي کي سڏڻ هلي ويئي
    انگريز سرڪار ، پنهنجي حڪمت عملي ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هُئي ، هندستان ۾ صدين کان گڏ رهيل ، ٻن وڏن مذهبن کي ويڙهائي ــــ ، انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ، اڪيلو ڪري وڌو هو ، هر مذهب واري انگريزن جا غلط فيصلا به ، هڪٻئي جي ضد ۾ قبول ڪيا ٿَي ، انهي ڪري اُهو مُلڪ ، جنهن جي پنج هزار سال پُراڻي تهذيب هُئي ، امن جي حوالي سان ، جنهن ڪڏهن به ، ڪنهن مُلڪ تي ڪابه چڙهائي نه ڪئي هُئي ـــ ، سي هيئنر هڪٻئي جي خون جا پياسا ٿيو پئي گهُميا ۽ مُلڪ جي وڌندڙ خانـا جنگي ، گنڀير صورتِحال اختيار ڪري چُڪي هُئي


    2

    برهمڻ آباد مان دونهين جا ڪڪر اُڏامڻ لڳا هُئا ــــ ، راڌا ، موتي جي ٻڪرين ۽ رڍن جي واڙي کان جيئن مٿي آئي تـ برهمڻ آباد مان دونهين جا ڪڪر اُڏامندي ڏٺائين تـ ڊوڙي اچي پنهنجي پيءُ وٽ پُهتي ، جيڪو ڪنهن پوٿي ۾ ڪي نشان هڻي رهيو جيڪي شام جو هن کي آرتي تي ٻُڌائڻا هُئا.
    “باپو .......باپو ، شهر کي باههِ لڳي ويئي آهي ـــ ”
    راڌا ، سهڪندي سهڪندي ، پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو ، همنيت به هڪدم پوٿي بند ڪري ، چونري مان نڪري ، اوڏانهن نهارڻ لڳو ، جنهن طرف شهر هو ،دونهين جا ايڪڙ ٻيڪڙ ڪڪر ته آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا هُئا ، همنيت جي چهري تي پريشاني صاف نظر اچڻ لڳي هُئي
    “ باپو ، خير ته آهي ـــــ ”
    راڌا شهر ڏانهن ئي ڏسندي پيءُ کان پُڇيو ، همنيت ، راڌا جو سوال ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري ، اندران پنهنجو پوتڙو کڻي شهر ڏانهن وڃڻ لڳو تـ راڌا پيءُ کي ٻانهن مان جهلي بيهي رهي
    ” نه باپو ـــ ، اوهان نه وڃو ، شهر ۾ الائي ڇا ٿيو آهي ؟ هينئر اوهان جو وڃڻ ٺيڪ ڪونهي ــــ“
    همنيت ،راڌا کان پنهنجي ٻانهن ڇڏائيندي وراڻيو ـــ
    ” مون کي ڪُجهـ ڪونه ٿو ٿئي ، بس تون مزمان جو خيال رکجان ، متان ڪي بدمعاش هتي به اچي پُهچن ، آئون گهڙي کن ۾ اچان ٿو. “
    ” سانول بابو ......... سانول بابو .......، باپو کي روڪيوـــ ، شهر ۾ شايد بلوو ( جهيڙو) ٿي ويو آهي ۽ باپو اوڏانهن ٿو وڃي. “
    راڌا رڙ ڪري ، سانول کي دانهن ڏني.
    ” ڪاڪا ، راڌا صحيح ٿي چئي ـــ ، اوهان هينئر نه وڃو ـــ ، شهر ۾ هينئر الائي ڪهڙي حالت هُجي ، حالتون ڪُجهـ ٺيڪ ٿين پوءِ هليا وڃجو ـــ“
    سانول کٽ تي اُٿي ،ويهندي چيو ـــ
    “سانول بابو ، باپو جو اهڙين حالتن ۾ وڃڻ ٺيڪ ڪونـ هو..................! ”
    سانول لٺ جي سهاري ، اُٿي چاڙهين وٽ اچي پُهتو ۽ شهرڏانهن ڏسڻ لڳو ، جيڏانهن همنيت تڪڙو تڪڙو ، وڃي رهيو هو ، راڌا به سانول سان گڏ ، بيهي شهر ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    سانول ــ ، شهر مان ، اُٿندڙ دونهين جي ڪڪرن کي ڏسي ، انومان ڪڍندي وراڻيو ــ
    “ لڳي ٿو ته هتي به هندو مُسلم فساد شروع ٿي ويا آهن ــ ”
    راڌا ، سانول کي چيو ــ
    “ سانول بابو ، ماڻهو پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهن ــ ، جڏهن ته سڀني جو ڀڳوان هڪڙو آهي ــ ”
    سانول واپس اچي ، کٽ تي ويهندي چيو ــ
    ” راڌا ـــ ، ماڻهو انهي ڪري ٿا وڙهن جو هو ڀڳوان کي پنهنجي پنهنجي ملڪيت ٿا سمجهن. “
    راڌا ، معصوميت مان وري پُڇيوــــ
    ” بابو ــــ ، پوءِ ڀڳوان ، هنن کي چمتڪار ( معجزو) ڪري ، پاڻ ۾ ٺاهي ڇو نه ٿو ڇڏي ـ“
    سانول وراڻيو ـــ
    “ شايد ڀڳوان کان به شيطان وڌيڪ طاقتور آهي ”
    راڌا قدم قدم هلندي ، اچي سانول جي کٽ جي ڀر ۾ بيٺي ۽ چيائين ـــ
    ” سانول بابو ، ڪو اهڙو ماڻهو ڪونهي ، جو هنن کي سمجهائي ته ڀڳوان ته من ۾ ٿو رهي ، هو سڀني جيوت لاءِ هڪجهڙو آهي.“
    سانول ، راڌا کي غور سان ڏسندي وراڻيو ــــ
    ” ڀڳوان ته اُن جي من ۾ رهي ٿو ، جنهن جي من ۾ وشواس رهي ٿو، هي سڀ ڀڳوان کي ته پوڄين ٿا پر ڀڳوان جي اصل ڏنل درس کان ڪوهين ڏور آهن هي نقلي پنڊتن ، مهاراجن ، مُلن ، ڀڳتن ، پروهتن جي ڏنل اُبتين سبتين معنائن ۾ ڦاٿل آهن.“
    راڌا ، کٽ تي ويهندي چيو ـــ
    ” بابو ، ڀڳوان جي پُستڪن ۾ ته هميشهٰ وشواس لاءِ ئي ته چيل آهي ، هي سڀ پڙهن به ٿا ۽ پوءِ به وڙهن ٿا. “
    سانول چيو ــ
    ” راڌا ، وشواس معنٰي پنهنجو پاڻ کي ٻي جي حوالي ڪرڻ ـــ ، اِن يقين سان تـ هو پنهنجو پاڻ کان به وڌيڪ محفوظ آهي اهو وشواس هنن مت موڙهن انسانن ۾ نه آهي ـ ، انسانن وٽ صرف خالي عبادت ڪرڻ ۽ پوڄا ڪرڻ جي رسم آهي ـــ ، بس ــ !!“
    راڌا ، ڪُلهن کي اُچڪائيندي چيو ــ
    ” سانول بابو ، پوءِ به ڀڳوان ۾ وڏي شڪتي ( طاقت) آهي ، پاڻهين سڀ ڪُجهـ ٺيڪ ڪري ڇڏيندو “
    راڌا جي انهي ڳالهـ تي سانول مُرڪي پيو ۽ هوءَ اُٿي پنهنجي ڪم ڪار کي لڳي ويئي.
    سيٺ شرنارٿي جي ماڻهن هن علائقي جي مُک هندو اڳواڻ اويناش کي قتل ڪري ، سڄي علائقي ۾ مُسلمانن جي هٿان اويناش جي قتل جي خبر پکيڙي ڇڏي ، جنهن جي ڪري سڄي علائقي ۾ فساد ڀڙڪي اُٿيا هُئا.
    سيٺ شرنارٿي ۽ سيٺ نارائڻ داس جي ماڻهن انهي قتل کي وڌيڪ واءٌ ڏيڻ شروع ڪري ڏنو هو ، جنهن سبب ، جهيڙو گهٽجڻ بجائي ، ويتر وڌي ، ڏورانهنَ علائقن تائين وڃي پُهتو هو ، سالن جون دوستيون، ــــــ ، محبتون ۽ خوشيون ، انهي فسادن جي نظر ٿي ويون هيون.
    موهن جو دل گهُريو دوست احمد به اچي موهن جي گهر۾پناهـَ ورتي هُئي ۽ بلوائي ، موهن جي گهر اڳيان اچي بيٺا هُئا.
    ” موهن ـــ ، اهو چڱو نه پيو ڪرين ـــ ، مُسلي کي ٻاهر ڪڍ ـــ ، نه ته اسين ٻيو قدم کڻنداسين.“
    بلوائين مان هڪڙي ڄڻي رڙ ڪري چيو ته ٻين به اُن جي ها ۾ ها ملائي ، رڙيون ڪرڻ لڳا.
    ” نه ته ڇا ڪندئو .........؟ هان ، ٻُڌايو ٻُڌايو .............، احمد ، مُنهنجي گهر ۾ آهي ـــ ، پهرين مونکي ۽ مُنهنجي پتني (زال) کي ماريندئو ........ ، تڏهن احمد کي ماريندئو. “
    موهن پاڻ ، پنهنجي گهر جي دروازي کي ٻوڪي ، ٻاهر بيٺو بلوائين کي مُنهن ڏيئي رهيو هو ، هڪڙي بلوائي اڳيان وڌي ، موهن جي گلي ۾ هٿ وجهي چيو ــ
    “ تون ڇا ٿو سمجهين بي دينا ، مُسلن جا چمچا............................”
    ۽ ڇڪي ،موهن کي ميڙ ڏانهن کڻي آيو ، ميڙ مان ڪنهن رڙ ڪئي ،
    “ ماري ڇڏ حرامزادي کي ـــــ!”
    موهن ، ايسري جي هٿن کي زور سان جهٽڪو ڏيئي ، پنهنجو پاڻ کي ڇڏايو.
    ” آئون راجپوت آهيان ـــ ، مُنهنجي پناهـُ ۾ آيل ماڻهو ، منهنجي سام آهي ۽ سام مونکي ماري پوءِ وٺندئو . “
    موهن جي ڳالهـ ٻُڌي ، ميڙ ۾ ڀُڻ ڀُڻ تيز ٿي ويئي.
    همنيت ، سڄي شهر جو ماحول ڏسي ، موهن واري گهر ڏانهن آيو ، جتي هيڏو ميڙ گڏ ٿيل هو ، همنيت ، ماڻهن جي ميڙ کي چيريندو ، موهن جي گهر ڏانهن وڌڻ لڳو ، همنيت جي اچڻ سان ميڙ ۾ ڀُڻ ڀُڻ وڌيڪ تيز ٿي ويئي ۽ سڀڪو مهاراج کي اڳيان وڌڻ لاءِ جاءِ ڏيڻ لڳو .
    هڪ نوجوان ، موهن کي ، اکيون ڦوٽاري ۽ مڪو ڏيکاريندي چيو ـــ
    ” اسين تنهنجو رت پيءَ وينداسين ـــ ، تون ـــ ، تون انهن قاتل مُسلن جو ساٿاري آهين ، غدار آهين هندو جاتي جو................................................................“
    همنيت ، نينگر جي ڪُلهي تي وڃي هٿ رکيو ، نينگر مهاراج کي ڏسي ، پوئتي هٽي ويو ، ميڙ ۾ هڪدم خاموشي ڇائنجي ويئي ، همنيت ، پهرين موهن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ميڙ ڏانهن نهاريائين ، ميڙ مان هڪڙو ڄڻو اڳيان وڌي آيو ــ
    ” مهاراج ، هيءُ هندو جاتي جو ڏوهاري آهي ، هن هڪ مُسلي کي پنهنجي گهر ۾ پناههُ ڏني آهي ۽ هاڻي اسانجي حوالي نٿو ڪري ـــ“
    مهاراج ، هڪ ڀيرو ، وري موهن ڏانهن ڏٺو ، جيڪو بيوسي ۽ لاچاري وارين نظرن سان مهاراج همنيت کي ڏسي رهيو هو .
    “ مهاراج ، آئون احمد کي هنن جي حوالي نه ڪندس ــ ”
    “ ڇو ڪونه ڪندين ــــــــــ ؟ تُنهنجو پيءُ آهي ڇا ؟ ”
    “ زبان جهل نندو ............، احمد منهنجو ڀاءُ آهي ۽ نردوش ( بي قصور) آهي. ”
    کيمشي ، مُڪ واءُ ۾ لهرائيندي چيو ـــ
    ” مُسلا قاتل آهن ....خوني آهن ....۽ اهو احمدو جوئي...................آهي ـــ“
    مهاراج ، بلوائين کي ماٺُ ڪري بيهڻ جو اشارو ڪيو ۽ چيائين ــــ
    ”هينئر توهان سڀ هلو ــــ ، آئون موهن کي سمجهايان ٿو.“
    ميڙ ۾ ڀُڻ ڀُڻ هڪ ڀيرو وري شروع ٿي ويئي ، ميڙ ئي مان آواز آيوــ
    ” فيصلو ڪريو ته هينئر ئي ڪريو ، مُسلي کي اسان جي حوالي ڪريو ـــ“
    همنيت غضبناڪ نظرن سان ميڙ ڏانهن ڏٺو ، گجگوڙ سان وراڻيو ـــ
    ” پوءِ ڀڳوان جا حُڪم مڃڻ ڇڏي ڏيو ۽ ڀڳوان جي نيڪ ٻانهنَ کي ماري ، پنهنجا فيصلا پاڻ ويهي ڪريو. “
    ميڙ انهي دڙڪي کان پوءِ آهستي آهستي ٽُٽڻ شروع ٿي ويو ۽ ڪُجهـ ئي دير ۾ ماڻهو سڀ هليا ويا ، مهاراج موهن ڏانهن وڌي آيو .
    “ موهن ، هي سڀ ڇا پيو ٿئي ــــــ؟”
    موهن ، مهاراج همنيت جي انهي سوال تي روئي ڏنو
    ” موهن بابا ، احمد کي هتان ڪڍي وڃ ، حالتون احمد کي تو وٽ رهڻ نه ڏينديون. “
    موهن وراڻيو ـــــ
    ” مهاراج ، آئون احمد کي ڪونه ڇڏي سگهندس ـــــ ، ڀلي هي بلوائي مونکي ماري ڇڏين ـــ“
    همنيت ، موهن کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو ــــ
    ” موهن ائين تون احمد سان دوستي نه پر دُشمني پيو ڪرين ــــ ، هن جي نوجوان نينگري جي لڄ تنهنجي هٿ ۾ آهي ۽ هي بلوائي ، احمد کي ڪڏهن بـ ڪونه بخشيندا ، ڇو تـ موهن آئون حالتون ڏسيو پيو اچان ، احمد کي رکڻ ۾ نه تنهنجي ڀلائي آهي ۽ نـ ئي احمد لاءِ ڪو چڱو آهي ـــ“
    احمد به گوڙ گهٽجڻ جي ڪري ، ٻاهر نڪري آيو .
    “مهاراج ، اوهان....!!! ”
    “ احمد ، مهاراج چئي ٿو ته تون هتان هليو وڃ ـــــ ، ٻُڌائي آئون ڇا ڪريان ــــ؟ ”
    موهن ، احمد کي ڪُلهن کان جهليندي چيو ــ
    احمد ، مهاراج جي ڳالهـ جي تائيد ڪندي چيو ـــ
    ” موهن ادا ــــ ، مهاراج صحيح پيو چئي ـــ حالتون هاڻي اهڙيون نـ رهيون آهن ، جو آئون تو وٽ رهي سگهان ـــ ، موهن ادا ، جڏهن دلين ۾ هڪٻئي لاءِ ڪُدورتون جنم وٺڻ لڳن ته پوءِ اُهي اڏوهي جيان سڀني رشتن ، ناتن کي کايو ، چٽ ڪريو وجهن ٿيون . “
    موهن روئيندي چيو ـــ
    “ نه احمد نه ...، آئون پنهنجي ڌيءُ کان بغير زنده رهي ڪونه سگهندس . ”
    مهاراج ، ٻنهي کي اندر گهر طرف وٺي ويندي چيو ـــــ
    “ موهن ـــ، اندر هلو ـــ ، ٻاهر ڳالهائڻ ٺيڪ ڪونهي . ”
    احمد جي نينگري ، زينب ، ڊوڙي اچي موهن کي ڀاڪر پاتو.
    “ ڪاڪا ، ڪاڪا ..، ڇا ٿيو؟ ”
    موهن به زينب کي ڀاڪر پائي ، اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو ــــ ، موهن کي روئيندو ڏسي ، موهن جي زال هيما به سُڏڪا ڀرڻ لڳي .
    احمد پنهنجي زال مومل کي چيو ـــ
    ” نيڪ بخت ـــ ، تون پنهنجو سامان ٻَڌي رک ، پنهنجو داڻو پاڻي شايد هتان ختم ٿي ويو آهي . “
    احمد جي زال پريشان ٿيندي چيو ـــ
    “ زينب جا پيءُ ، ڪڏانهن وينداسين ...! آس پاس ۾ ته ڪو مٽ مائٽ به ته ڪونهي . ”
    موهن جذباتي لهجي ۾ چيو ــ
    ” ادِي ـــ ، ڪڏانهن ڪونه ويندئو ، احمد جو ته دماغ خراب ٿيو آهي ، منهنجي هوندي ، اوهان جو هتي ڪو وار به ونگو ڪونه ڪري سگهندو . “
    زينب به روئيندي ، پنهنجي پيءُ کي چيو ــــ
    ” بابا ـــــ ، آئون ڪاڪا کي ڇڏي ڪيڏانهن به ڪونه وينديس ، هتان ڪونه وينديس .... هتان ڪونه وينديس !“
    احمد ، ڌيءُ جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو ــ
    ” موهن تون ته سمجهين ٿو ته حالتون ڪهڙيون آهن ، اهڙين حالتن ۾ هتي رهڻ ۾ ڪهڙي دانائي آهي ۽ هونءَ به ادا اسانجو............................................“
    ٻاهر ڪنهن زور سان ، ٻاهرين دروازي کي ڌڪ هنيو ۽ ڪُجهه دير ۾ گهر جي اڱڻ ۾ ڀتر ۽ پٿر ڪرڻ لڳا ۽ ٻاهريان گوڙ جو آواز اچڻ لڳو ته موهن هڪدم ٻاهر نڪري ڏٺو ته ننڍڙا ننڍڙا ٻار جهولين ۾ ڀتر ۽ پٿر کنيو ، هن جي گهر ڏانهن پيا اُڇلائين ۽ پريان وڏا وري هنن ٻارن کي هُشيون ڏيندا وتن ، موهن بيوسي ۾ اندر هليو آيو
    زينب ماءُ جي ڀاڪر ۾ مُنهن لڪايو ، ڊپ وچان سُڏڪا ڀري رهي هُئي .
    “ ڪير آهن.........؟؟؟”
    مهاراج همنيت پُڇيو ــ
    موهن بيوسي مان وراڻيو ـــ
    “ بلوائي....!!! ”
    مهاراج ٿڌو ساهـ ڀريندي چيو ــ
    “وري اچي ويا...!! ”
    “هائو....!”
    موهن روئڻهارڪي لهجي ۾ جواب ڏنو ــــ
    “ پوءِ پٿر اُڇلائڻ کان روڪينَ نه ٿو؟”
    “ پٿر ٻار پيا اُڇلائين...!”
    سڀني جي چهرن مان مايوسي صاف بَکِي رهي هُئي ، مهاراج ٻاهر نڪتو ته اوچتو پٿر اچي سندس مٿي تي لڳو ۽ پٿر لڳڻ سان ئي مٿي مان رت وهڻ لڳو ، رت کي وهندو ڏسي ، ٻار ڀڄي ويا .
    اها فساد جي باهه ، گهٽجڻ بجائي ، ڪيترن ئي علائقن کي وڪوڙي ، پنهنجي گرفت ۾ آڻيندي ٿي ويئي ، سيٺ نارائڻ داس به انهي جهيڙي جو پورو پورو فائدو وٺندي ، پنهنجن ماڻهن هٿان ، ايشور جي مندر مان ايشور ديوتا جي مورتي کي پاتل سونا زيور چوري ڪرائي ڇڏيا ــ، انهي اوچتي چوري ٿيڻ ڪري ، راڌا سخت پريشان هُئي .
    ” سانول بابو ، ڪيڏا نه پاپي آهن ماڻهو ، پنهنجي خالق جي اوتارن (بزرگن) جي گهرن مان به چوري ڪندي ڪونه ٿا ڪيٻائين ــــــ ، ڇي ڇي ڇي ــــــ، سانول بابو ، جيڪي پنهنجن مهربانن کي ايذائين ٿا ، ڇا اُهي ڪي انسان ليکبا ـــ“
    ” راڌا ، خبر نه ٿي پوي ته ماڻهو ۾ مايا جو ايڏو موهـ ڇو آهي ، حالانڪي ڀڳوان کي اهڙين دُنياوي شين جي ڪابه گهرُج ڪونهي ، بس من جي تسڪين لاءِ اسين پنهنجي پياري شيءَ کي سڀ ڪُجهه ارپڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ــ“
    ائين ٻئي ڳالهيون ڪندا ڪندا ، مندر اندر هليا آيا ، راڌا ايشور جي مندر ۾ گهڙندي ئي چيو ـــ
    ” سانول بابو ، منهنجو ته هانءُ ئي ڊهي پيو آهي ايشور جِي مون کي معاف ڪجان ، مون اَڀاڳي کان غفلت ٿي ويئي ، شايد انهي ڪري ، انهن راڪشکسن ( شيطانن) کي چوري ڪرڻ جو موقعو ملي ويو . “
    سانول ، مندر جي دري مان ڪارونجهر جبل ڏانهن نهاريندي وراڻيو ـــــ
    ” راڌا ، ڀڳوان اسان کي ، پنهنجو مُنصب ڪري موڪليو آهي ، علم ، عمل ۽ عقل ڏنا اٿس ، جئين اسان ڀڳوان جو محبت ۽ امن جو پيغام ، سڄي انسان ذات تائين پُهچايون جئين ڀڳوان وٽ سڀ انسان برابر آهن ۽ سڀني لاءِ هوا ، پاڻي ۽ ڌرتي هڪجهڙي ۽ هڪ جيتري پيدا ڪئي اٿس ائين اسان کي انسانن مان اهو مت ڀيد ختم ڪرڻ جو ڪم سونپيو اٿس ، راڌا جي ماڻهو اهو درس نٿا سمجهن ــ ، اهي پنهنجي لاءِ ته هتي هونءُ ئي نرڳ جوڙين ٿا پر ٻين لاءِ بـه هن ڌرتي کي نرڳ بنايو ڇڏين ٿا ـــ“
    راڌا ، ايشور جي اڳيان ، هڪ ڏوهاري جيان ڪنڌ جهُڪايو ويٺي هُئي ، سندس ڪارا ڀنڀا وار ، ڪُلهن تان سَرڪي ، سندس چهري کي لڪائي ڇڏيو هُئن ، سانول راڌا کي مندر ۾ ئي ڇڏي ، پاڻ لٺ جي ٺڪ ٺڪ ڪندو ، چاڙهين تان هيٺ لهي ،تُلسي جي ٻوٽي جي ڀر ۾ ويهي رهيو ۽ پنهنجي عڪس کي، تلاءَ جي پاڻي ۾ ڏسي ، ماضي جي ڌُنڌلڪن ۾ گُم ٿي ويو ــ
    هريش ـــــ، سندس جگري يار ــــ ، جنهن سان گڏ ، هميشهٰ ڀٽن تي بيٺل ٻيرين مان ٻير پٽڻ نڪرندو هوـ
    ماڻهو ٻنهي جي جوڙي کي ، هنجن جي جوڙي ڪري ڪوٺيندا هُئا .بارش کانپوءِ ، ترائين ۾ وهنجڻ ۽ ڪنهن سال بارش نه پوندي هُئي ته پاڙي جي ٻارڙن کي گڏي ، اَجرڪ جو جهول ٺاهي ،در در تي وڃي چوندا هُئا ته ” ڪارڙو ڪُنڀارڙو اَن پاڻي ڏي ته مولا مينهڙو وسائي “ ۽ جي ڪنهن سال مِينهن گهڻو پوندو هو تـ ٻئي ڄڻا کنڀيون ، پيپون ۽ مورن جا بيضا ڳولڻ لاءِ ، ڀٽن ۾ نڪري پوندا هُئا ، ڪاڪي ڏيووي جي نينگري ڪملا تي ته هريش اصل جان ڇڏيندو هو ۽ هن کي ڳوٺ جي ٻاهران ٿورو پرڀرو واري تلاءُ تي اصل سڄو ڏينهن بيهاريو بيٺو هوندو هو جيسيتائين ڪملا ، اچي کوهه تان پاڻي ڀري هلي نه ويندي هُئي ، پوءِ سڄو ڏينهن هريش وتو خوشي جا ڪلام ڳائيندو ۽ جي ڪنهن ڏينهن ڪملا پاڻي ڀرڻ نه ايندي هُئي ته هريش جي من جي اُڻ تُڻ وڌي ويندي هُئي ۽ سڄو ڏينهن ور ور ڏيئي پيو پُڇندو هو ” سانول، ڪملا ڇو ڪانه آئي آهي ـــــــ ؟ .....الائي ، ٺيڪ به آهي يا نه ....!“ آئون چوندو هُئس ته ” ٿي سگهي ٿو ته گهر جو ڪو ڪم ٿي پيو هُجيس “ ته چوندو هو ته ” نـه نه سانول ......، هُن جي پڪ طبيعت ٺيڪ ڪونهي ــ ،نه ته هوءَ ضرور اچي ها ـــــ ، هل ته هلي پُڇي اچون........“ آئون ڪاوڙ مان چوندو هُئس ته ” چريو ٿيو آهين ڇا هريش ...؟ ڪاڪو ڏيوو ڇا سوچيندو ...؟ ۽اهڙي لڇڻين پاڻ به هَريا ، موچڙا کائيندين ۽ مونکي به موچڙا کارائيندين...!“
    ملهن جي مقابلن ۾ مونکي داد ڏيڻ ۽ دانهون ڪري جوش ڏيارڻ ۾ ، هَريو سڀ کان اڳڀرو هوندو هو ـــ ، آئون اڪثر ڪري ، سائين جي ٻني ٻاري ۽ گهر جو ڪم ڪار لاهي ، هريش جي گهر اچي سُمهندو هُئس ـــ ، هريش جي ماءُ ، مونکي پنهنجو ٻيو پُٽ سمجهندي هُئي ، پر ...........پر انهي هَرئي به مون تـي خنجرن جا وار ڪيا هُئا ،سالن جو پيار ، ڪينَ نه ساعتن ۾ تباهـُ و برباد ٿي ويو هو......
    “سانول.....! ”
    همنيت جي اوچتي سڏ تي ، سانول جا ماضي سان اُڻيل ڌاڳا ٽُٽي پيا .
    جي ڪاڪا “ ”
    راڌا ڪٿي آهي.....؟ “”
    ” ڪاڪا هوءُ مُسلسل روئيندي پئي وڃي ، انهي چوري لاءِ هوءَ پنهنجو پاڻ کي پئي دوشي سمجهي ــ“
    سانول وضاحت سان جواب ڏنو.
    “ پُٽ ، پنهنجن جا ڏنل زخم آهن ، پيڙا ته ٿيندي نه ...! پر راڌا آهي ڪٿي ؟ ”
    سانول مندر ڏانهن هلندي وراڻيو ـــ
    “ مندر ۾ ، ايشور جي اڳيان روئيندي وتي . ”
    ٿوري دير ۾ ، ٻئي مندر پُهچي ويا ، جتي راڌا ـــــ ، ايشور جي اڳيان ، هٿ ٻڌيو ، سُڏڪي رهي هُئي .
    “راڌا.....! ”
    راڌا پيءُ جو ، جو آواز ٻُڌو ته ڊوڙي اچي ، پيءُ جي ڇاتي سان لڳي ۽ اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪي .
    “راڌا پُٽ .. ، تُنهنجو ته ڏوه ڪونهي جو تون پنهنجو پاڻ کي پئي هلڪانَ ڪرين ـــ ”
    همنيت پنهنجي ڌيءُ جي مٿي تي هٿ رکندي چيو ــــ
    سانول جيڪو ، همنيت جي پويان ..، ٿورو پرڀرو ، مندر جي وڏي دروازي وٽ ، دروازي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو ، تنهن چيو ته
    “ڪاڪا ، راڌا کي روئڻ ڏيو ، نه ته گهُٽجي گهُٽجي بيمار ٿي پوندي ـــــ”
    همنيت به ماٺ ڪري ، راڌا کي پيار وچان ٿپڪڻ لڳو ۽ راڌا روئيندي رهي.
    _______________________________________________________________________________
    رات جا ٻه اچي وڳا هُئا ..، موهن ۽ احمد ، وڏي کوهـ واري ٿوهر وٽ بيٺا هُئا ، موهن وقت جو اندازو لڳائيندي چيو ــ
    “ هاڻي ته اچڻ گهُرجيس ــــ ، مون هن وقت ئي اچڻ جو چيو هو ”
    احمد به اندازن چيو ته ـــ
    “ ها ....، هاڻ ته واقعي اچي وڃڻ گهُرجيس ، مُنهنجي خيال ۾ اچڻ وارو ئي هوندو.”
    آسمان تي تارا ٽِم ٽِم ٽِم ڪري رهيا هُئا ، واريءَ جا جِيت ، پنهنجي مخصوص آواز سان ، هڪٻئي کي پنهنجي هُئڻ جو احساس ڏياري رهيا هُئا ، موهن پڪ ڪرڻ لاءِ ، احمد کان وري به پُڇيو ـــ
    “احمد رات اندر ، تون هيٺ سنڌ ڏانهن نڪري ويندين نه..............!!!!!!”
    احمد وراڻيو ته ـــــ
    “ ادا ، اندازو ته اهو اٿم ”
    ” پر سنڌ ۾ به ته مارا ماري هلي پئي ، تون ڪڏانهن ويندين....... ؟ ڪُجهـ سوچيو اٿئي....!“
    موهن کي احمد جي فڪر ، اُڻ تُڻ ۾ وجهي ڇڏيو هو
    ” موهن ادا ، هاڻي جيڏانهن تقدير کڻي وڃي ،هيءَ به ته يار تقدير جا رنگ آهن نه .... ، نه ته پنهنجي ئي ڳوٺ ۽ تڏي مان ، ائين آڌي رات جو لوڌيو وڃان ها . “
    احمد تقريبن روئڻهارڪو ٿيندي چيو ـــ
    موهن اڃان به احمد کي ڇڏڻ لاءِ تيار نـ هو .
    ” آئون ته احمد اڃان به چوين ٿو ته سوچي وٺ ، اڃان به وقت اٿئي ، پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري وٺ ، هتي ئي رهي پئو ، حالتون ٺيڪ ٿي وينديون ، اڳي بـ اهي جهيڙا جهٽا ۽ جنگون ڪونـ ٿيون آهن ڇا؟ حالتون وري به ڦري گهري ساڳين رمزن تي هلي پونديون آهن ۽........۽ تون هتي اڪيلو ته ڪونه آهين آئون ۽ هيما تو ساڻ آهيون ۽ اسان جي هوندي ، تنهنجو ڪو به وار به ونگو ڪونه ڪري سگهندو ، رُڳي تون ضد ڇڏ ، ڪٿي وتو مُنهنجي گُلن جهڙي نياڻي زينب کي روليندين....! “
    ” نه موهن ، هتي رهڻ ۾ ڪا به ڀلائي ڪونهي ـــ ، انگريز ، پنهنجي حرفت ۾ پوري طرح ڪامياب ٿي ويا آهن ، حالتون ، موهن ٺهڻ بجائي ويتر بگڙجنديون وڃن پيون ۽ هتي رهي تُنهنجي ۽ ڀاڄائي جي جان َ جوکن ۾ وجهان ، اهو ادا مونکان ڪونه پُڄندو . “
    ” احمد ائين ته نه چئو ، توکان سواءِ آئون زنده رهي ڪينَ سگهندس ۽ تون آهين جو...“
    موهن جي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا ۽ گلو ڀرجي آيس ، انهي ڪري ، انهي کان وڌيڪ ڪُجهه به چئي نه سگهيو .
    پريان ڪنهن ٻُچڪار ، ٻنهي جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ، ٻئي ٻُچڪار واري پاسي نهارڻ لڳا ته ساعت کن ۾ ڏٺائون ته ٻه گڏهـ سامهون کان اچي رهيا هُئا .
    گڏهن کي ايندو ڏسي ، احمد ، موهن کي چيو ــــ
    “ موهن تون وڃي ، تو واري ڀاڄائي ۽ زينب کي جهٽ ۾ وٺي اچ .”
    موهن ، حسرت ڀرين نگاهن سان احمد ڏانهن نهاريو .
    “ ادا ، وقت ڪونهي ، تون وڃ ”
    احمد ، موهن کي ٻانهن مان جهلي ، گهر ڏانهن روانو ڪندي وراڻيوـــ
    اوڻٽيهـ رات جي اونداهي پنهنجي عروج تي هُئي ، انهي ڪري چئوڦير سخت انڌارو هو ، ڪنهن ڪنهن وقت اوچتو ڪنهن ٽانڊاڻي جيت جي روشني نظر ٿَي آئِي يا ڪنهن ننڍڙي جانور جون اکيون چمڪيون ٿَي نه ته بس ...، ڪُجهـ ئي دير ۾ گهران نڪتل اهو مختصر قافلو ، اچي احمد وٽ پُهتو .
    “ دير ڪيئي ادا...، خير تو هو نه ! ”
    “ ها ، بس سامان کڻڻ ۾ ڪُجهه وقت لڳي ويو .”
    احمد ۽ موهن گڏهن تي سامان ٻَڌڻ لڳا ، رات به ٿڌيري ٿي ويئي هُئي ۽ وِلهـ ڪِرڻ جا آثار به نُمايان نظر اچڻ لڳا هُئا ،زينب سُڏڪي رهي هُئي ، هيما ، زينب کي ماٺ ڪرائڻ ، بجائي پاڻ ساڙهي جو پلوءَ ڏئي روئڻ ۾ پوري هُئي ، مومل جي چهري تي ڪنهن اڻ ڄاتل خوف جا آثار ۽ ڏُک جو ريکائون رقص ڪري رهيو هيون ، سڀني جا چهرا لٿل ـــــ ، ٿڪل ۽ پيڙا ۾ ورتل پئي لڳا ، احمد ۽ موهن ، جلد ئي انهي ڪم مان فارغ ٿي ويا .زينب جي ماءُ ـــــ ، ويـههُ “”
    احمد ، گڏهـ ڏانهن اشارو ڪري چيو ــ
    ” احمد ، جو ائين چوڻ ، ڄڻ رُڪيل سيلاب جو بند ٽُٽڻ ــــ ، سڀ اوڇنگارون ڏئي روئي پيا پر سڀ کان وڌيڪ خراب حالت زينب جي هُئي . احمد ــــ ، موهن کي ڀاڪُر پائي ، وڃڻ جي اجازت گهُري ته موهن، احمد جو چهرو ، پنهنجي ٻنهي هٿن سان جهلي ، حسرت ڀري لهجي ۾ چيو ــــ
    ” احمد ادا ، رڻ ۾ روليو پيو وڃين ، اڳيان وري الائي ڪهڙيون حالتون هُجن ، ڪا خبر ڪانهي......؟ “
    احمد روئيندي چيو ــــ
    ” موهن ادا ، اهڙيون ته ڳالهيون نه ڪر ــ ، اللهُ چڱي ڪندو ۽ موهن ، جسم ته جُدا ٿي سگهن ٿا پر ڇا روح هڪٻئي کان الڳ ٿي سگهن ٿا.....................؟“
    آئون ڪونه وينديس ......، آئون ڪونه وينديس.........!“”
    زينب ، پنهنجي ماءُ کان ڇڏائي ، اچي پنهنجي ڪاڪي موهن جي ڇاتي سان لڳي روئڻ لڳي .
    احمد لُڙڪ اُگهيندي وراڻيو ـــ
    ” موهن ، تون ئي پنهنجي ڌيءَ کي سمجهائي ته هاڻي جُدائي جو وقت ٿي ويو آهي ، هاڻي يا نصيب ملون يا نـ ملون . “
    موهن روئيندي چيو ــــ
    ” احمد ، منهنجو ته هانءُ ٿو ڦاٽي ـــــ ، تون نه وڃ ـــــ ، ڇڏ ضد کي ــ ، هل ته گهر واپس هلون..! “
    ” موهن ، دلين ۾ ڪُدورتون ڀرجي ويون آهن ۽ اڄ انسان ، انسان جي پاڇي کان پيو خوف کائي ، اُتي ڪيئن رهي سگهجي ٿو ادا .“
    زينب جي حالت ، روئي روئي خراب ٿي ويئي هُئي .
    ” زينب جا پيءُ ، هاڻ هل ، نه ته مونکان هوش ڇڏائجي ويندا ــــ ، مونکان زينب جي حالت ڏٺي نٿي ٿئي . “
    احمد ، زينب کي زوري گڏهـ تي ويهاريوـــ
    احمد موهن کي چيو ـــ
    ” موهن ادا ، هاڻي اللهُ واهي ، زندگي رهي ۽ حالتون صحيح ٿيون ته وري به موٽي ملنداسين......، “
    ” احمد مُنهنجي ، ڌيئڙي جو خيال رکجين ، جي ڪٿي پُهچين ته پنهنجي خيريت جي خبر ڪيئن نه ڪيئن ڪري ، مون ڏانهن اُماڻڻ جي ڪوشش ڪجان ـــ ، مونکي ته تون جيئرو ئي ماريو پيو وڃين ادا....؟ “
    سڀني هڪٻئي کي حسرت ڀرين نگاهن سان آخري ڀيرو ڏٺو ۽ اهو ننڍڙو قافلو ، پنهنجو اصلي ماڳ ڇڏي ، پنهنجي اڻ ڄاڻ منزل ڏانهن روانو ٿي ويو .
    سانول هاڻي بلڪُل ٺيڪ ٿي ويو هو ، تنهنڪري روزمره جي ڪمن سان گڏ ، ويدڪ ڪتابن جومطالعو به ڪرڻ لڳو هو ،هندو مُسلم فسادن جي ڪري ، مندر ڏانهن ماڻهن جي آمد جو سلسلو به گهٽجي ويو هو ، برهمڻ جا ماڻهو به سانول سان هري ويا هُئا ۽ اُن کي هڪ ساڌو سمجهڻ لڳا هُئا ، اُن ڪري اُن سان ورتاءُ تمام چڱو ڪندا هُئا ، ٻئي طرف ، هندو مُسلم فسادن ۾ ،ٺاپُر اچڻ بجائي ويتر تيزي ايندي پئي ويئي ، برهمڻ آباد ۾ ، مُسلمانن جي علائقن کان ڀڄي آيل هُندن به اچڻ شروع ڪيو هو ، ٻي عالمي جنگ ته ختم ٿي چُڪي هُئي پر پُٺيان ، فسادن جي صورت ۾ پنهنجي بقاياجات ڇڏي ويئي هُئي.
    سانول ايترو گهڻو پڙهيل ڪونه هو پر تڏهن به ڪُجهه نه ڪُجهه لکي پڙهي سگهندو هو ۽ سانول جا اُهي گيت ، جيڪي مذهبي مت ڀيد کان آجا ، سماجي ڀلائي جا نظم هُئا ، سي راڌا ، پنهنجي مُترنم آواز ۾ ڳائيندي هُئي، موتي مندر جو مال چاري، شام جو اچي مندر جي اڱڻ ۾ اچي ويهي رهندو هو ۽ راڌا جا اهي گيت ويهي ٻُڌندو هو .
    برهمڻ آباد ۾ مُسلمانن جي آبادي، هاڻي وڃي نالي ماتر رهي هُئي ۽ اُهي به خوف وچان وڃان وڃان جي چڪر ۾ هُئا، مُسلمانن جا ڪيترائي گهر ويرانيءَ جو منظر پيش ڪري رهيا هُئا، اڃان تائين برهمڻ آباد تي ڀوَ جو پاڇو هو، ويساک جو مهينو شروع ٿي چڪو هو، ويساک جو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي، گئو مَکي ميلي جون تياريون به زورشور سان شروع ٿي ويون هيون، ماڻهن جي چهل پهل روزاني ماڻهن جي نسبت وڌي ويئي هُئي ، هيڏن دنگن ۽ فسادن کان پوءِ به ، راجستان ، گُجرات ۽ ٿر جا ماڻهو ، گهڻي تعداد ۾ آيا هُئا جنهن ۾ مسلمانن جو به وڏو انگ شامل هو ، سانول ، موتي ۽ راڌا ميلي گهُمڻ لاءِ تيار ٿيا هُئا پر مسئلو اهو هو ته مهاراج همنيت کان ، ميلي گهُمڻ جي اجازت ڪير وٺي .. ؟ موتي ۽ سانول ميڙمنت ڪري ، راڌا کي مهاراج همنيت کان ميلي تي وڃڻ جي اجازت گهُرڻ لاءِ راضي ڪيو، راڌا به ڊڄي ڊڄي پيءُ وٽ پُهتي جيڪو اُن وقت پنهنجن پُراڻن ويدڪ ڪتابن تي جِلد چاڙهي رهيو هو .
    “ باپو.....! ”
    “ هون.....”
    “ باپو، اسين.............”
    “ ها، اسين ! ؟”
    باپو ، اسين ميلي تي گهُمڻ وڃون....؟ “”
    همنيت مُنهن مٿي کڻي، راڌا ڏانهن نهاريو، راڌا ڀوَ وچان پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون
    همنيت مُرڪندي چيو ــ
    “ ڀلي پُٽ .”
    بس راڌا جو اهو ٻُڌڻ ۽ ڊوڙي اچي، سانول ۽ موتي کي خوشي وچان، اجازت ملڻ جي خوشخبري سُڻايائين ته
    “ باپو ، ميلي تي وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ”
    بس پوءِ ڇا، ٽيئي ڄڻا ميلي تي وڃڻ جي تياري ۾ جُٽي ويا، اڄ ميلي جو پهريون ڏينهن هو پر تڏهن به ڪافي مَتل هو، ملڪ ۾ لڳل خانـ جنگي جي ڪري، ڪافي واپاري به ميلي ۾ ڪونه آيا هُئا ، اڳين سالن جي بنسبت هيل ميلي تي دُڪان به ، گهٽ لڳل هُئا ، موتي پنهنجي مال لاءِ ڳانيون ۽ گهنڊڙيون ورتيون ته سانول وري مٺائي جا پيسا ڀريا پوءِ ميلي کي خوب گهُمي ڦري ، شام جو واپس ايندي ، راڌا ، سانول کي ڪاپيون ڏيندي چيو ته
    “ سانول بابو ، هي ڪاپيون وٺو ، هنن تي مونکي نوان گيت لکي ڏجو ـ”
    سانول ڪاپيون وٺندي چيو ــــ
    ” راڌا ، هاڻي مونکي به ڪو ڪم ڪار ڪرڻ گهُرجي، هاڻ واندو ويهڻ سٺو ڪونه ٿو لڳيم ــ“
    موتي کلندي وراڻيو ـــ
    ” ادا سانول ، برهمڻ آباد ۾ ڪاڪي موهن وٽ هليا وڃو ، هو اوهان کي ڪو نه ڪو ڪم وٺي ڏيندو . “
    سانول ، موتي جي انهي ڳالهـ جو ڪو جواب ڏي ئي ڏي ، راڌا هڪدم وراڻي ـــ
    ” نـه نـه ــــــ ، سانول بابو برهمڻ آباد نـه وڃجين ...، هو توکي ماري ڇڏيندا ..، هُنن تـه باپو کي بـه پٿر وهائي ڪڍيو هو......! “
    سانول راڌا جي مٿي هلڪي ٿپ هڻندي ، مُرڪي وراڻيو ـــ
    ” پوءِ ڪهڙو ٿو فرق پوي ، مُنهنجي نـه ڪو اڳيان ۽ نـه ئي پويان ڪوئي روئڻ وارو آهي . “
    راڌا چيو ـــ
    “ ڇو ڪونهن ـــ ، آئون ۽ باپو جو ويٺا آهيون . ”
    موتي وچ ۾ رڙ ڪندي چيو ـــ
    “ آئون بـه تـه آهيان ، ادا سانول جو ننڍو ڀاءُ......! ”
    انهي تي ٽيئي ٽهڪ ڏيئي کليا ، سانول پيار وچان ، راڌا کان پُڇيو ــ
    “ مُنهنجي پرواهـه اٿئي . ”
    راڌا ، سانول ڏي ڏسي معصوميت مان ڪنڌ سان هائوڪار ڪندي چيو ـــ
    “ هائو ”
    موتي جيڪو هنن کان ڪافي ننڍو هو ، سو هنن کان ڪافي اڳيان نڪري ويو هو ، تنهن اُتان کان رڙ ڪري ، ٻنهي کي پاڻ ڏانهن متوجهـه ڪندي چيو ـــ
    “ ادا سانول ۽ ديدي ، ڏسو ، آئون هتان ٿو ٽپ ڏيان
    جبل جي ننڍي لاهي تان ٽپ ڏنو ۽ بولاٽيون کائيندو ، اچي سانول ۽ راڌا جي اڳيان اچي بيٺو
    سانول مُرڪندي چيو ـــ
    “ اڙي چرٻٽ ، اهي چار سامان ، جيڪي ميلي تان ورتا اٿئي ، سي بـه نـه ڀڄين وجهين ”
    موتي ڪنڌ سان نهڪار ڪندي چيو ــــ
    “ نـه نـه ...، ڪونـه ڀڄندا ...، اُهي سڀ راڌا ديدي وٽ آهن ”
    شام مُڪمل طرح ، پنهنجا پَرَ ، پکيڙي چُڪي هُئي ، سج جبل وٽان لهندي ، آسمان تي پنهنجي لالاڻ ڇڏي ويو هو .
    سانول آسمان جو ڳاڙهو سيِندوريءَ رنگ ڏسي وراڻيو ــ
    “ راڌا ، آڪاش (آسمان) کي ڏس ”
    “ هونءُ ”
    راڌا آڪاش (آسمان) ڏانهن نهاريندي جواب ڏنو .
    “ ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن سُهاڳڻ ، پنهنجي سينڌ ۾ سيندور ڀريو هُجي.....! ”
    سانول آسمان ۾ اکيون کُپائيندي وراڻيو
    ” سانول بابو ، اڳ اها لالاڻ ، مونکي بـه ڏاڍي سُٺي لڳندي هُئي پر هاڻي انهي لالاڻ مان بيگناهـ ماڻهن جو ناحقي وهايل رت جو تصور اُڀري ٿو . “
    راڌا ، اُداس ٿي ويئي ، سندس چهري تي ڏُک جون ريکائون رقص ڪرڻ لڳيون .
    سانول چيو ـــــ
    ۾ ” راڌا ، آڪاش (آسمان) تـه پويتر آهي ، هو انسانن جيان پاپي ڪونهي ، هن جي لالاڻ هميشـهٰ پيار جي ٻنڌڻن (ڌاڳن) جي علامت هوندي آهي ۽ ويواهـه (شادي) به اهڙي پاڪ مُحبت جي ٻنڌڻن (ڌاڳن) جو نالو آهي ويواهـه (شادي) جي سيندور جو ئي رنگ آسمان تي پکڙبو آهي . “
    موتي بيزار ٿيندي چيو ـــ
    “ سانول ادا ، ڪي آسان ڳالهيون ڪريو ، هي تـه اوهين الائي ڇا جو ڇا پيا چئو ؟ ”
    موتي جي انهي ڳالهـ تي ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو ، موتي موٽ ۾ ، ڪاوڙ وچان ، ٻنهي جا چيٻارا ڪڍڻ لڳو .


    3

    موهن جڏهن کان ، احمد کي هتان کان موڪليو هو ، تڏهن کان صفا خاموش ٿي ويو هو ، چپن تان مُرڪ ڄڻ رُسي ويئي هئس ۽ رات جو پنهنجي مُنهن الائي ڪيترا ڪلاڪ پيو سُڏڪندو هو .
    موهن ، زينب کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو ، موهن کي تـه ڪوبـه اولاد ڪونـه هو، تنهنڪري پاڙي ۾ رهندڙ احمد جي نينگري زينب ، ٻنهي گهرن جي اکين جو تارو هُئي ، احمد بـه زينب کي موهن جي گهر وڃڻ کان ڪڏهن ڪينَ نـه روڪيندو هو ، هوءَ بـه سڄو ڏينهن هيما وٽ يا موهن وٽ پئي راند ڪندي هُئي ، ڪڏهن ڪڏهن ، موهن زينب کي پنهنجن ڪُلهن تي ويهاري ، جبل گهُمائڻ وٺي ويندو هو ۽ پوءِ سڄي واٽ ڪاڪو ، ڀائيٽي کوڙ ساريون ڳالهيون ڪندا هُئا .
    احمد تـه سيٺ نائو مل جو مال چاريندو هو ، تنهنڪري زينب کي پڙهائڻ کان عاجز هو پر موهن ، احمد سان وڙهي ، زينب کي مڪتب ۾ ويهاريو هو ، ڪيترن ڇوڪرن ۾ هي هڪڙي نينگري پڙهندي هُئي ، احمد جا سڀ مُسلم توڙي هندو دوست ، احمد کي پيا هر گهڙي چوندا هُئا تـه تون ٿيو آهين چريو جو نينگري وتو پڙهائين ، نينگري تـه آهي پرايو ڌن ، توکي اُن مان ڪهڙو لاڀ ، موٽ ۾ احمد چوندو هُئن تـه سندس ڪاڪي موهن جو راز اٿس تـه پنج درجا پڙهي پوي پوءِ آئون ڪيئن ٿو روڪي سگهان .
    موهن صبح جو ڪم تي وڃڻ کان اڳ ، پنهنجي زال هيما کي ، زينب لاءِ مال پُڙا ۽ مٺائيون وغيره ٺاهڻ جو ضرور چئي ويندو هو ، جي ڪڏهن ڪو احمد يا مومل ، زينب کي ڪنهن شرارت تي دڙڪو داٻو ڏيندا هُئا تـه زينب ڊوڙي ، موهن يا هيما سان اچي شڪايت ڪندي هُئي ۽ پوءِ موهن يا هيما ، زينب کي پنهنجي گهر ۾ رهائي ڇڏيندا هُئا ، هڪ ڏينهن موهن ڪو بيمار ٿي پيو تـه زينب ڏينهن رات هڪ ڪري اهڙي تـه موهن جي خدمت ڪئي جو موهن جلد نو بنو ٿي ويو ، موهن بذات تمام گهڻو ضدي هو پر ڪيڏو بـه ڪنهن سان ضد ڇو نـه هُجيس زينب جي چوڻ تي ، هڪدم ضد ختم ڪري ڇڏيندو هو ، زينب ۾ ئي تـه موهن جو موهـه هو .
    ايسيتائين جو زينب جوان ٿي ويئي پر ڪاڪي ، ڀائيٽي جو پيار ، اڃان بـه اهڙو ئي ٻاراڻو ۽ پُرخلوص هو، جيڪڏهن زينب بيمار ٿي پوندي هُئي تـه موهن ۽ هيما جي اصل ننڊ حرام ٿي پوندي هُئي ، هي حڪيم ــــــ ، هو طبيب ـــــــ ، علاج مٿي علاج ـــــ، ٽهل ٽڪور....................!
    پر هاڻ تـه موهن جي حالت اها هُئي جو هو اڪيلو ، ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويٺو رهندو هو ، ڪنهن سان ڪينَ نه ڳالهائيندو هو ، جي ڪو فرصت جو وقت ملندو هُئس تـه احمد جي ڦٽل چونري ۾ ويٺو چونري جي ڇت کي گهوريندو رهندو هوــــ ، اهو موهن ، جيڪو کِلمُک جي نالي سان سڄاتو ويندو هو ، سو بظاهر تـه زنده هو پر اندران ٽُٽي ڀُري مري چڪو هو ، هاڻي تـه سڀئي ماڻهو موهن کي چريو چريو ڪوٺڻ لڳا هُئا .
    زينب ، جڏهن پنج درجا سنڌي جا پاس ڪيا هُئا ۽ گڏوگڏ قُرآن مجيد بـه پڙهي پورو ڪيو هُئائين تـه موهن ۽ هيما خوشي ۾ پئي نـه ماپيا، پاڙو تـه ڇٽو پر سڄي برهمڻ آباد ۾ مٺائي ورهائي هُئن، هنن پنهنجي پاڙي ۾ پاٺ شالا (اسڪول) وارو ڪم بـه مڪمل ڪري ڇڏيو هو تـه جيئن زينب پنج درجا پاس ڪندي تـه پاڙي جي نينگرڙين کي ويهي پڙهائيندي پر تقدير کي ڪُجهـه ٻيوئي منظور هو ، موهن جا اهي سڀ خواب ، انهن تازن فسادن چڪنا چور ڪري ڇڏيا هُئا ، هاڻي هن کي مذهب جي تـه نالي کان ئي بغاوت ٿي ويئي هُئي جو هو ڪڏهن ڪڏهن تـه شراب پِيءُ ايڏو تـه بدمست ٿي پوندو هو جو ڀڳوان کي گاريون ۽ ڀونڊا بـه ڏيندو هو
    شرنارٿي جو ماڻهو ، اڄ مڪمل طرح سان سهي سنڀري آيو هو ، هو هيٺ گئو ماتا واري ڪوٺي وٽ ، تيز زهريلي خنجر سان لِڪو بيٺو هو
    همنيت پوڄا پاٽ مان فارغ ٿي ، پنهنجي چونري ۾ هليو آيو ، جتي راڌا ٻهاري پئي ڏني .
    “ راڌا امان ، سانول نظر نـه پيو اچي ، ڪيڏانهن ويو آهي......؟ ”
    راڌا ، زمين تي پيل ميرن ڪپڙن کي هڪڙي پاسي رکندي چيو ـــ
    “ سانول بابو تـه مزدوري لاءِ شهر ويو آهي ”
    همنيت حيرت مان وراڻيو تـه ــــ
    ” مزدوري جي وري ڪهڙي ضرورت پئجي ويس ، هتي ڪهڙي شيءَ جي گهٽتائي محسوس ڪيائين جو مزدوري جي ضرورت پئجي ويس..........!“
    موٽ ۾ راڌا مُرڪندي چيو ـــ
    ” باپو ، هن چيو پئي تـه هروڀرو واندي ويهڻ کان تـه بهتر آهي تـه ڪٿي نـه ڪٿي وڃي مزدوري ڪجي ، اوهان کي تـه خبر آهي هو جيڪا ڳالهـ کڻندو سا ضرور پوري ڪندو ، مُنهنجي سوَ منع ڪرڻ باوجود بـه هليو ويو. “
    همنيت راڌا کي فڪرمندي سان ڏسندي چيو ــ
    ” هاڻي تـه سٺو ويد ٿي ويو آهي ۽ هٿ ۾ بـه ڏاڍي شفا اٿس ، ٿوري محنت ڪري تـه پنهنجو حڪمت جو ڌنڌو خوب پيو هلندس پر هو پوءِ بـه امان مرد ماڻهو آهي مون کي تُنهنجو اُلڪو کايو پيو وڃي ، مُنهنجي عمر اُن لهندڙ سج جيان آهي ، جيڪو پنهنجا آخري ڪرڻا ، بيوسي سان ڌرتي تي اُڇلائيندو آهي ، مون کان پوءِ ، تنهنجو ڇا ٿيندو ......هتي گهڻن جي نيت صاف ڪونهي ۽ مايا وارا تـه مورڳوئي ڌيءَ تنهنجو مُلهـه پيا ڪَٿين ۽ آئون نـه ٿو چاهيان تـه تون ڪنهن اهڙي جي پلوءَ سان ٻَڌجي وڃي جو پوءِ سڄي ڄمار سورن ۾ حياتي گهارين ، جي حقيقت پُڇُين تـه منهنجي تـه خواهش آهي تـه تون ايشور جي جيڪر داسي بنجي پوين تـه اُن کان بهتر ٻيو ڪو گس ڪونهي ، وڌيڪ پوءِ بـه منهنجو توتي ڪو زوربار ڪونهي ، جيڪو منَ کي چڱو لڳيئي ، اهو ئي فيصلو ڪجين . “
    راڌا ڪنڌ جهُڪايو ، پيءُ جي ڳالهـ ٻُڌندي رهي ، جڏهن همنيت پنهنجي ڳالهـ پوري ڪئي تـه راڌا نهايت نيازمندي سان وراڻي ــــ
    ” باپو آئون تـه شروع ئي کان ايشور جي داسي آهيان ....، سچي پڇو تـه مون کي ويواهـ (شادي) ۾ ڪو چاهـ ڪونهي ـــ، آئون تـه هڪ ايشور جي ۽ ٻيو اوهانجي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي . “
    همنيت پيار وچان ، راڌا جي مٿي تي هٿ رکيو تـه راڌا جي اکين ۾ بـه لُڙڪ لڙي آيا ، همنيت جو جِيءَ بـه روئڻ لاءِ ڀرجي آيو ، تنهنڪري پُستڪ کڻي چونئري کان ٻاهر نڪري آيو ۽ آمون بـه اهڙي ئي موقعي جي تلاش ۾ هو . همنيت جئين ئي ، گئو ماتا جي ڇپر کان لنگهيو تـه آمون تيز خنجر سان ، همنيت تي وار ڪري ڏنو ۽ هن ايڏي تيزي ۽ ڦڙتائي سان حملو ڪيو جو همنيت کي سنڀلڻ جو موقعو ئي نـه ملي سگهيو ، همنيت جي دانهن تي ، راڌا هڪدم چونئري کان ٻاهر ڀڳي ، ڪنهن اَڻ ڄاڻ ماڻهو کي پنهنجي پيءُ تي ائين خنجرجا وارُ ڪندي ڏسي ، راڌا رڙ ڪري ، بيهوش ٿي ڪرِي پئي ، آمون بـه راڌا جي رڙ ٻُڌي ، جيئن تڪڙ ۾ پُٺيان ڀڳو ، تيئن جبل تان پير ترڪي پيس ۽ ڪارونجهر جي هيٺيائين ۾ دانهون ڪندو، پُرزا پُرزا ٿي ، موت جي وادي ۾ گُم ٿي ويو .
    اها خبر ، سڄي علائقي ۾ طوفاني واءُ جيان پکڙجي ويئي هُئي تـه مهاراج همنيت کي مندر ۾ گيتا پڙهندي ڪنهن قتل ڪري وڌو آهي ، هُندن ۾ انهي واقعي کانپوءِ سخت تاءُ پکڙجي پيو هو ، هندو انتها پسند ليڊرن بـه ، انهي واقعي کي مُسلمانن جي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو ، سيٺ نارائڻ داس بـه ، انهي واقعي مان پورو پورو فائدو حاصل ڪرڻ ٿَي چاهيو سو هڪدم برهمڻ آباد جي پنچائيت جي چڱن مُڙسن کي گهُرائي ، انهي واقعي جو ذميوار سانول کي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو هو پر چڱن مُڙسن جي انهي بيٺڪ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا هُئا ، ڪن جو خيال هو تـه سانول ساڌو ۽ فقير منش ماڻهو آهي ۽ هُن ، هن مندر جي ۽ مهاراج همنيت جي ڪافي سيوا(خدمت) ڪئي آهي سو اهڙو ڪڌو ڪم هو نـه ٿو ڪري سگهي ، انهي ڪري انهي قتل ۾ هو قطعي ملوث ڪونهي ، پر سيٺ نارائڻ داس جي پيٽ ۾ جو سور هو سو سانول کي پنهنجي راهـ تان هٽائڻ لاءِ هو ڪنهن بـه حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هو ، هن لاءِ ڏُکئي ۾ ڏُکيو ڪم هو مهاراج همنيت کي قتل ڪرڻ ، سو سيٺ شرنارٿي پنهنجن ساٿين هٿان ڪرائي چڪو هو ۽ ڪو ثبوت بـه موجود ڪونـه هو ، انهي ڪري سانول کي انهي قتل واري ڄار ۾ ڦاسائڻ ، سيٺ نارائڻ داس لاءِ تمام آسان هو ۽ ڪُجهـه وري حالتون بـه سندس ساٿ ڏيئي رهيون هيون .
    سيٺ نارائڻ داس ۽ ساٿين جو خيال هو تـه سانول مُسلو آهي ۽ هُن جون لالچ ڀريون اکيون ايشور ديوتا جي سونن زيورن ۽ مهاراج همنيت جي جوان نياڻي ۾ کُتل آهن ۽ سڀني کي اها تـه خبر آهي تـه ايشور ديوتا جا سونا زيور پهرين بـه چوري ٿي چُڪا آهن جن جو بـه اڃان تائين ڪو اتو پتو ڪونـه پيو آهي ۽ مٿان وري مهاراج همنيت جو قتل ، انهي مان ثابت آهي تـه اهڙو ڪم ڪو بـه هندو نـه ٿو ڪري سگهي ، اهو صرف ۽ صرف سانول ۽ آُن جي ساٿين جو ئي ڪم آهي ، انهي ڳالهـ تي برهمڻ اباد جا ڪافي چڱا مُڙس سيٺ نارائڻ داس سان مُتفق هُئا، پر ڪو فيصلو ٿي نـه سگهيو هو .
    وڳوڙن جي ڪري ، ڪيترائي هُندن جا اُجڙيل ڪُٽنب ، ماتم ڪندا اچي برهمڻ آباد ۾ پُهتا هُئا ۽ ڪيترائي وري مُسلم ڪُٽنب هتان اُجڙي ڀڳا هُئا ۽ سڄي ماحول ۾ ايتري تـه بي يقيني وڌي ويئي هُئي جو ڪٿي ڪي چار ماڻهو گڏ نظر ايندا هُئا تـه ائين پيو ڀائينبو هو تـه اڄ ڪنهن نـه ڪنهن نينگري جي لڄ لُٽي ويندي يا ڪنهن نـه ڪنهن جو گهر ساڙيو ويندو، انهن وڳوڙن ماڻهن مان ساڃاهـ ڪڍي ڇڏي هُئي جو مُسلمانن جي آڙ جو فائدو وٺي ، ڪيترائي هندو ، پنهنجن هُندن جي گهرن ۾ گهڙي ، نوجوان نياڻين جون عزتون لُٽڻ ۽ گهر ڦُرڻ ۾ اڳڀرا هُئا تـه مُسلمانن وري ، هندن جي آڙ جو فائدو وٺي ، پنهنجن مُسلمانن جي نياڻين جون عزتون لُٽڻ ۽ ڦُرمار ۾ گوءِ کڻي ويا هُئا ، اهڙين خوفناڪ حالتن جي ڪري ، ڪيترن خاندانن پنهنجي ٻارنهن ٻارنهن سالن جي نياڻين جي شادي ، سٺ سٺ سالن جي پوڙهن سان ڪرائي ڇڏيون هيون .
    همنيت مهاراج کي قتل ٿئي ، اڄ پندرهون ڏينهن هو ، پر راڌا اڃان تائين پيءُ جي انهي اوچتي وڇوڙي جي ڪري بيمار هُئي ، پيءُ جي صدمي هڻي جهوري وڌو هُئس، بس کٽ جهلي ويهي رهي هُئي ، سانول ۽ موتي ، راڌا جي دوا دارون ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ ڪينَ نـه گهٽايو هو ، موتي تـه پندرنهن ڏينهن ٿي ويا هُئا جو مال ڪاهي جبل بـه ڪونـه ويو هو ، هو صرف پنهنجي ديدي(ڀيڻ) راڌا جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول هو. سانول به راڌا لاءِ ڏاڍو فڪرمند هو سو هينئر بـه راڌا کي دوا دارون کارائي ، پاڻ اچي ٻاهر ، مهاراج همنيت جي پُراڻن ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ويٺو ئي مس هو جو پوليس وارا سندس مٿان اچي بيٺا ، سانول هيئن اوچتو سپاهين کي ڏسي گهٻرائجي، هڪدم اُٿي بيٺو .
    ” سانول ، اوهان جي نالي اسان وٽ اوهان کي گرفتار ڪرڻ جو پتر(وارنٽ) موجود آهي اسين اوهان کي مهاراج همنيت جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪريون ٿا .
    پوليس واري صاحب ، پنهنجي ڪڙڪيدار لهجي ۾ ڄڻڪي حُڪم صادر ڪيو ، سانول حيرت ۽ ڏُک گاڏڙ لهجي ۾ وراڻيو ـــ
    “ ڇا ....!!؟”
    پوليس واري صاحب ، ساڳئي ڪڙڪيدار لهجي ۾ چيو ـــ
    “ ها اسان کي مٿان کان حُڪم مليو آهي تـه اوهان کي فورن گرفتار ڪريون . ”
    ۽ سانول کي هٿڪڙيون هڻي ، ٿاڻي تي هلڻ لاءِ چئينَ .
    سانول عاجزي سان چيو ـــ
    “ پر آئون پنهنجي ڀاءُ کي ته ٻُڌايان............!”
    سانول پنهنجي ڳالهـ پوري ڪري ئي ڪري ، تيسين پويان بيٺل سپاهي ، سانول کي زور سان ٿڏو هڻندي چيو ــ
    ” نـه ، اسان وٽ ٽائيم ڪونهي ، صاحب بهادر سر جان ايڊورڊ صاحب پاڻ ٿاڻي جي ريسٽ هائوس ۾ اوهانجي گرفتاري جي انتظار ۾ ويٺا آهن ، جلدي هل ، ڪٿي اسان جي نوڪري تيل نـه ڪرائين . “
    ٻاهر گوڙ ٻُڌي ، موتي بـه چونئري مان ٻاهر نڪري آيو ۽ سانول کي هٿڪڙيون ، هٿن ۾ ڏسي ، ڀڄي سانول جي ڀر ۾ پُهتو ۽ پُڇيائين ـــ
    “ ادا ــــ ، هي ڇا آهي..!!؟”
    سانول ايسيتائين پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو هو سو وراڻيائين تـه ـــ
    ” موتي ، مون کي ڪاڪا جي قتل جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وٺيو پيا وڃن ..، تون ڪو ُاُلُڪو نـه ڪر ، آئون بيگناهـه آهيان سو جلدي اچي ويندس ، بس تون راڌا جو خيال رکجان ۽ دوائون وقت سر ڏِجان . “
    پوليس وارا، ٺيلها ڏيندا ، سانول کي وٺي روانا ٿي ويا ، موتي ڏسندو ئي رهجي ويو ، موتي ڏاڍو پريشان ٿي ويو هو سو ٻئي ڪا ڳالهـ ڪانـه سُجهيس تـه وڃي راڌا کي اُٿاريائين ، جيڪا اڃان هينئر هينئر دوا کائي سُتي هُئي ، راڌا اکيون کولي ، اُٿارڻ واري ڏانهن ناگواري نظرن سان نهاري چيو ـــ
    “ موتي ...تون ! ”
    ” ديدي (ڀيڻ).......هو .......ديدي(ڀيڻ) او هو پوليس وارا آهن نـه ، سي ادا سانول کي هٿڪڙيون وجهي ، ڪاڪي همنيت جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري ، ٿاڻي تي وٺي ويا آهن.......! “
    موتي اڃان ڪُجهـه وڌيڪ چئي ئي چئي ، راڌا پريشاني وچان ، کٽ تي ، اُٿي ويهندي وراڻي ــــ
    ” تون روڪينَ ها نـه .............يا......يا کڻي مون کي اُٿارين ها ، هو ... هو موتي ..هو سانول کي ماري ڇڏيندا.....!! “
    راڌا اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر بُخار ۽ نقاهت جي ڪري ، اُٿي نـه سگهي ، موتي راڌا کي جهليندي چيوـ
    ” ديدي (ڀيڻ) ـــ ، اوهين ٺيڪ نـه آهيو ، آئون ٿو ٿاڻي تي وڃان ، اوهين بس پنهنجو خيال رکجو ..، ٺيڪ آهي نـه ديدي(ڀيڻ) ..“
    موتي ، راڌا کان نڪري سڌو برهمڻ آباد جي ٿاڻي تي پهتو پر موتي کي اُتي بيٺل سنترين(سپاهين) اڳتي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ــ
    موتي معصوميت مان التجا ڪندي چيو ــ
    “ مُنهنجي بي ڏوهي ڀاءُ سانول کي هتي وٺي آيا آهن ، مونکي اُن سان ملڻ ڏيو ”
    سنتري(سپاهي) رُعب سان وراڻيو ـــ
    “ هل هل ...صاحب جي منع ڪيل آهي ، اندر پُڇا ڳاڇا پئي هلي . ”
    موتي ويچاري ، سپاهين کي گهڻئي ميڙمنت ڪئي پر سپاهين کي پنهنجي نوڪري پياري هُئي تنهنڪري موتي جي هڪ نـه ٻُڌائون ، موتي ٿاڻي تان مايوس ٿي ، سيٺ نارائڻ داس وٽ ، دُڪان تي آيو
    “ نمستي سيٺ صاحب ”
    سيٺ نارائڻ داس هڪ اَڇاتري نظر موتي تي اُڇلائي ، وري پنهنجي ڪم ڪار کي لڳي ويو ، موتي ڪافي دير دُڪان جي اڳيان بيٺو رهيو پر سيٺ نارائڻ داس هن تي ڪو بـه ڌيان ڪونـه ڏنو، موتي کي مُٺيان تـه گهڻي لڳي پر سانول جي ڪري ، مجبورن ماٺُ رهيو ، هڪ ٻـه ڀيرا سيٺ نارائڻ سان ڳالهائڻ جي بـه ڪوشش ڪيائين پر سيٺ نارائڻ ڇڙٻ ڏيئي ماٺُ ڪرائي ٿَي ڇڏيس ، ڪُجهـه دير کانپوءِ ڪو ماڻهو آيو ۽ سٺ نارائڻ داس جي ڪن ۾ ڪجهـه چيائين تـه سيٺ نارائڻ هڪدم پنهنجي سوني دستي واري لٺ کڻي تڪڙو تڪڙو اُن همراهـه سان گڏ الائي ڪيڏانهن روانو ٿي ويو ، موتي ٻنهي کي ويندو ڏسندوئي رهجي ويو موتي نيٺ مايوس ٿي ، واپس مندر هليو آيو .
    “ موتي ڇا ٿيو ؟”
    سانول ڪٿي هو ۽ ڪيئن هو ؟ “ ”
    “مليو ڪي نـه ...! ”
    راڌا ، موتي جي اچڻ شرط ، موتي تي سوالن جو مينهن وسائي ڇڏيو
    “ديدي (ڀيڻ) ، سپاهين ملڻ ئي ڪونـه ڏنو ، چئينَ اندر پُڇا ڳاڇا پئي هلي ــ”
    موتي مايوسي وچان ، پٽ تي ويهندي چيو ــ
    راڌا بي چيني مان پُڇيو ـــ
    ۽.........۽ تون ماٺُ ڪري هليو آئين ..ائين نه ! “ ”
    “ نـه ديدي(ڀيڻ) ، اُن کانپوءِ آئون سيٺ نارائڻ وٽ بـه ويو هُئس .”
    “ توکي ڪهڙي مورک مت ڏني جو تون وڃي سيٺ نارائڻ سان مل . ”
    راڌا ڪاوڙ وچان ، موتي کي دٻ پٽي .
    “ ديدي(ڀيڻ) ، ٻي ڪا واهـه بـه تـه ڪينَ نه هُئم . ”
    موتي بيوسي وچان چيو ـــ
    ” ڪاڪي موهن وٽ وڃين ها ، هو تُنهنجي ڳالهـه کي ڪونـه ٽاري ها ۽ ڪُجهـه نـه ڪُجهـه ضرور ڪري ها . “
    راڌا جي چهري مان پريشاني صاف بَکي رهي هُئي ، هينئر راڌا کي ، پنهنجي پيڙا ۽ درد کان وڌيڪ سانول جو فڪر تڙپائي رهيو هو .
    موتي ، راڌا جي ڳالهـ جي موٽ ۾ هٻڪندي وراڻيو ـــ
    “ ديدي(ڀيڻ) ، پر هو تـه ......چ ....چر....چريو ...ٿ ...ٿي..............! ”
    راڌا ، ڪاوڙ وچان ، موتي جي ڳالهـ ، اڌ مان ڪٽيندي وراڻي ــ
    ” ڪاڪي موهن کي ڪُجهـه بـه ڪونـه ٿيو آهي ، هو چريو ڪونهي ، هي دُنيا چري آهي هن کي پنهنجن جو ڏُک کائي ويو آهي ، موتي هو اندران کان جهُري پيو آهي ، هُنکي پنهنجن جي ضرورت آهي ۽ هُن جا پنهنجا پاڻ آهيون . “
    موتي ڪنڌ جهُڪائي ويهي رهيو ، ڄڻ ڪي پنهنجي ڳالهـ تي پڇتاءُ ٿي رهيو هُجيس
    ” موتي ــــ ، انسان ڪو ڀڳوان ڪونهي ، نـه ئي ڪو وڏو اوتار آهي ، هو تـه جذبن ۽ خواهشن جي نوڪ مان ٺهيل هڪ بوتو آهي ، جنهن کي ڀڳوان تراشي ، هيٺ هن ڌرتي تي لاٿو آهي جئين هن وشال ڌرتي تي اسين هڪٻئي جي ڀرجهلا بڻجون نـه ڪي هڪٻئي کي قتل و غارت ۽ مايا جي ماپن تورن ۾ خود کي ضايع ڪريون . “
    “ جيءُ راڌا ديدي(ڀيڻ) . ”
    موتي فرمانبردار ٻار جيان راڌا کي چيو
    ” سانول بيڏوهي آهي ، تون هينئر جو هينئر ڪاڪي موهن وٽ وڃ ۽ اُن کي سڄي ڳالهـ سربستي ڪري ٻُڌائيجان ، هو پاڻهين ڪا نـه ڪا صورت ڪڍندو. “
    موتي راڌا جي چوڻ تي هڪ ڀيرو وري ، برهمڻ آباد ڏانهن هليو آيو ۽ اچي موهن سان مليو ۽ سڄي ڳالهـ سربستي ڪري ٻُڌايائين ، موهن پهرين تـه موتي کي گهوري ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هڪدم اُٿي ، پنهنجي گهر اندر هليو ويو ،موتي هونءَ ئي موهن کان مايوس هو ويتر جو بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي خاموشي سان گهر اندر هليو ويو تـه پڪ سمجهيائين تـه هتان ڪُجهـ ورڻو سرڻو ڪونهي پر موهن ڪُجهـه ئي دير ۾ پنهنجي ڪُلهي تي پوتڙو رکي ٻاهر نڪري آيو ۽ پاڻ اڳيان ٿيندي ، موتي کي پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪيائين ۽ سڌو ٿاڻي تي پُهتا جتي موهن اُتي بيٺل سنتري(سپاهي) کي چيو ــــ
    “مون کي شيام سان ملڻو آهي...! ”
    “ شيام جمعدار.....! ”
    “ ها ـــ”
    “اوهان جو نالو......؟ ”
    “ موهن ...موهن راجپوت ”
    “ هتي ترسو...”
    سپاهي ائين چئي اندر هليو ويو ، موهن فڪرمندي ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلڻ لڳو ، موتي خاموشي سان موهن جون حرڪتون ڏسي رهيو هو ، ڪُجهـه ئي دير ۾ سپاهي اچي ويو ۽ هنن کي پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪيائين ۽ ٻـه ٽي کُوليون گُذري ، ٻاهر نم جي وڻ هيٺيان ويٺل شيام وٽ وٺي آيو، موهن کي ايندو ڏسي ، شيام احتراماۡ اُٿي بيٺو .
    “ نمستي ڪاڪا . ”
    “ اوم نمستي پُٽ . ”
    موهن وراڻيو .
    “ نٿو ................او نٿو ، اندران ٻـه ڪُرسيون کڻي اچ . ”
    نٿو ، جهٽ ۾ اندران ٻـه ڪُرسيون کڻي آيو.
    “ جيءُ ڪاڪا ، هاڻي حُڪم ڪريو . ”
    شيام ايف ، آئي ، آر جي رجسٽر کي بند ڪندي ، موهن ڏانهن متوجهـه ٿيندي چيو ـــ
    “ شيام ، ڇا ايف آئي آر ۾ ، سانول جو بـه نالو آهي ؟ ”
    موهن ٿوري هلڪي ۽ نرم لهجي ۾ شيام کان پُڇيو
    شيام وراڻيو ـــ
    “ جيءُ ڪاڪا ، سانول جو نالو بـه آهي ، گهٽ بـه نـه ڪاڪا پر مُک جوبدار طور. ”
    “ ڪنهن نالو ڏنو آهي؟”
    موهن پنهنجي مطلب جي ڳالهـ پُڇندي چيو.
    شيام بـه احتياطۡ ، ٽيبل تي ٺونٺون رکي ، ڪُجهـه موهن ڏانهن جهُڪندي ، تمام آهستگي سان وراڻيو ـــ،
    ” موهن ڪاڪا ، هن ڪيس تي ڪڙي نظرداري پئي هلي ــ ، سيٺ نارائڻ داس ، اها ثابتي جهلڻ ويو آهي تـه مهاراج جو قتل سانول ئي ڪيو آهي . “
    موهن رُکائي سان وراڻيو ـــ
    ” هونءُ ........، مون کي پهرين پڪ هُئي تـه اهو ڪڌو ڪم سيٺ نارائڻ داس کانسواءِ ٻيو ڪو بـه ڪونـه ڪندو ............شيام تون ڇا ٿو سمجهين ، ڇا سانول اهڙو ڪم ڪري سگهي ٿو !؟ “
    شيام اڻ ڄاڻائي ۾ ڪُلها اُچڪائيندي چيو ـــ
    ” ڪاڪا ، آئون ڇا ٿو چئي سگهان ، پر جي ڪاڪا حقيقت پُڇين تـه مون کي بـه سانول تي شڪ آهي ، ڇو تـه سانول ، مُسلو آهي ۽ هينئر مُسلا، اسان تي ساڙ کائين ٿا . “
    موهن ، شيام جو جواب ٻُڌي ، اکين ۾ اکيون وجهندي چيو ـــ
    ” نـه ائين ڪونهي ، سڀ آڱريون شيام هڪ سريکيون ڪونـه هونديون آهن ، چند ماڻهن جي کڙي ڪيل فساد کي سڀني مُسلمانن يا هندوئن سان لاڳو نـه ٿو ڪري سگهجي ، ڀلا تُنهنجي ڀيڻ زينب جو ڪهڙو ڏوهـه هو ، احمد ڀلا ڪهڙي هندو کي قتل ڪيو هو ۽ ڪهڙي هندو جو گهر ساڙيو هو ۽ هونءُ بـه جي سانول کي مهاراج مارڻو هُجي ها تـه آڳاٽو ماري ، مندر جا سونا زيور ۽ راڌا کي کڻي ڪڏهن ڪو رفو چڪر ٿي چڪو هُجي ها . “
    شيام چپن تي پنهنجي آڱر رکندي چيو ـــ
    ” ش ش ش ...ڪاڪا آهستي، ڀتين کي بـه ڪن ٿيندا آهن ۽ هي ڪيس سر جان ايڊورڊ جي عدالت ۾ پيو هلي، اها تـه اوهان کي هونءُ ئي خبر آهي تـه سر جان ايڊورڊ ڪيڏو نـه سخت ۽ ايماندار جج آهي . “
    موهن ، ساڳئي لاپرواهي سان پُڇيو ـــ
    “ جان ايڊورڊ ڪٿي آهي ، هتي تـه ماٺار لڳي پئي آهي....”
    شيام پن جي ٻيڙي دُکائيندي چيو ـــ
    “ هينئر هينئر ، پنج ڏهـه منٽ ٿيا آهن جو وڏي شهر لاءِ نڪري ويا آهن .”
    موهن وري بـه شيام کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو ـــ
    ” ڏس شيام ، سانول کي آئون چڱي طرح سُڃاڻان ، تمام شريف ۽ اخلاقي ڇوڪرو آهي صرف مذهب جي بُنياد تي ، اُن کي بُرو نـه ٿو چئي سگهجي، هر ڪنهن کي حق آهي تـه هو پنهنجي مذهب ۾ آزاد هُجي جيسيتائين سيٺ نارائڻ داس جو تعلق آهي ، تنهن کي تـه راڌا کي حاصل ڪرڻ جو پيٽ ۾ سور آهي ، انهي مردُود سيٺ جي بُري نظر راڌا تي شروع کان ئي هُئي ، تڏهن تـه اهو پنهنجو سانول بـه تـه ڪونـه هو ، سُرڳواسي مهاراج همنيت جي هن اوچتي وڇوڙي کان پوءِ جي ڪا وڏي رڪاوٽ ، انهي سيٺ نارائڻ داس لاءِ آهي تـه اهو سانول آهي ، مهاراج جي هوندي سانول کي ، شيام مندر ۾ وڏي اهميت حاصل هُئي ان حد تائين جو پنهنجي نياڻي راڌا کي بـه ڪڏهن سانول سان ملڻ کان ڪينَ نه روڪيائين ، اها ڳالهـ سيٺ نارائڻ داس کان هضم نـه ٿي نيٺ هٿ ٺوڪيو الزام ٺاهي سانول کي ڦاسايائين ، شيام ، آئون سڄي ڄمار انهي سيٺ نارائڻ وٽ ڪم ڪندو رهيو آهيان ، مونکي هن جي سڀني پِرڪارن جي چڱي ڀت خبر آهي ، مون کي بـه نوڪري مان جواب ڏيڻ پُٺيان ، راڌا جي سڱ وارو مُدو ئي تـه هو...................................“
    موهن ڪُجهـه دير لاءِ ماٺُ ٿي ويو ، شايد ڪُجهـه سوچيائين پئي . وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين
    ” سُرڳواسي مهاراج همنيت پنهنجي جئيري ئي پنهنجي نياڻي کي ، ايشور جي حوالي ڪري ڇڏيو هو ۽ شيام توکي تـه خبر آهي نـه ، داسي تي ويواهـ (شادي) ڪرڻ جي منع هوندي آهي پر نارائڻ تـه جنسي بُک ۾ ايترو تـه انڌو ٿي ويو آهي جو انهي پويتر ڪم کي نظرانداز ڪري ، پنهنجي هوَس مِٽائڻ ٿو گهُري ۽ هن لاءِ جي انهي ڪُڌي ڪم ڪرڻ لاءِ ، جي ڪا رڪاوٽ آهي تـه اهو سانول آهي ـــ ! شيام جس نـه هُجي انهي مُسلي کي ، جو هو ايشور ديوتا جي ننگ جي حفاظت پيو ڪري . “
    موتي حيراني سان ، ڪاڪي موهن کي ڏسي رهيو هو ، جنهن کي هن بـه ٻين ماڻهن جيان چريو ئي سمجهيو هو پر اڄ جيڪي ڪُجهـه ڏسي ۽ ٻُڌي رهيو هو ، اُن تي هُن کي پاڻ يقين نـه اچي رهيو هو .
    شيام بـه صفا سنجيده ٿيندي وراڻيو ـــ
    ” اڇا ـــــ ! ....تـه اصل معاملو اهو آهي انهي جو تـه مطلب ڪاڪا اهو ٿيو تـه سانول کي وچ ۾ ڦاسائي ، سيٺ نارئڻ داس پنهنجو اُلو سڌو ڪرڻ ٿو چاهي . “
    موهن چيو ـــ
    ” ها شيام ، ائين ئي آهي ، جيڪڏهن زينب تُنهنجي ڀيڻ ٿي سگهي ٿي ۽ احمد توتي ڪوبـه شڪ نـه ٿو ڪري ..، اهو بـه تـه بابا ويساهـُ ئي تـه آهي نـه....................................! “
    شيام ، ڳالهـ کي چڱي پَر سمجهي چڪو هو سو وراڻيائين تـه ــــ
    ” ها ڪاڪا بلڪل ، اهو ويساهـُ ئي هو ، بس هاڻ توهان فڪر نـه ڪريو ، هتي سانول کي ڪا بـه تڪليف ڪانـه رَسندي ، مون کان جيڪو بـه هن ڪيس لاءِ ٿي سگهيو سو آئون ضرور ڪندس ، باقي سانول بي ڏوهي آهي اهو تـه فيصلو سر جان ايڊورڊ ئي ڪندو . “
    موهن اُٿندي چيو ــ
    “ بس ابا ، مون کي اهو ئي گهُرجي .......چڱو هاڻي هلون ٿا .”
    موهن ۽ موتي تڪڙا تڪڙا ، ٿاڻي مان ٻاهر نڪري آيا ، موهن گهر وڃڻ بجاءِ، موتي سان گڏجي، مندر ڏانهن هليو آيو .
    اڄ بـه آسمان تي ڪڪر ڇانيل هُئا، مندر جو مور پر پکيڙيو خوشيءَ وچان نچي رهيو هو، هلڪي هلڪي بوندا باندي، ڪنهن ڪنهن وقت پئي ٿي تـه موسم ويتر ٿڌي ۽ خوشگوار ٿي ٿَي پئي . راڌا پريشانيءَ ۾ کٽ جي ويجهو ئي، کٽ کي جهليو بيٺي، موتيءَ جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهي هُئي . راڌا ، موتيءَ سان گڏ ڪاڪي موهن کي ايندو ڏسي ڏاڍي خوش ٿي .موهن جيئن راڌا جي ويجهو پُهتو تـه راڌا احتراماۡ ، اُن جا پير ڇُهيا ۽ وراڻي ـــ
    ” ڏاڍا ڪمزور ٿي ويا آهيوڪاڪا ۽ پنهنجي منڪي (نينگري) کي بـه وساري ويهي رهيا تـه باپو جي ديهانت کانپوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟ ڪير آٿت ڏيندو ۽ اوهان کي تـه خبر آهي تـه اوهان کانسوءِ منهنجو ٻيو ڪيرآهي ؟ “
    نارائڻ روئڻهارڪي لهجي ۾ وراڻيو ـ
    ” ڌيئڙي ، پنهنجي هن ڪاڪي کي معاف ڪري ڇڏ ، آئون امان پنهنجي ئي هوش ۾ ڪونـه هئس ، مون کي بـه تـه منهنجا پنهنجا ڇڏي هليا ويا ، اندر ۾ رُڳا وڍ آهن وڍ ، جيڪي ڏينهن رات پيا ڪڙهن ، امان جي روحن ۽ ضميرن جي دردن جو هُجي ڪو علاج تـه کڻي ڪرائجي پر هي تـه هاڻي ازل جا مليل درد آهن جن جي ڪا دارون ڪانهي .“
    ۽ روئي پيو ، راڌا آٿت ڏيندي وراڻي ــــ
    ” ڪاڪا ، اسين بـه تنهنجا پنهنجا آهيون ۽ جيڪي ويا آهن سي وري ڪهڙي خوشي سان ويا آهن ، ڪاڪا ڪو پنهنجي وطن ۽ پنهنجن پيارن کي خوشي ۾ ڇڏيندو آهي ڇا ؟ بس حالاتن اهڙو اچي وقت بيهاريو آهي جو باپو جهڙي سادي ۽ پرهيزگار سخض کي بـه هنن ، سماج دُشمنن ۽ زوري مذهب جا ٺيڪدار بڻيلن قتل ڪري ڇڏيو ڇا اُهي ڪاڪي احمد ۽ ان جي خاندان کي بخش ڪري ڇڏين ها ، ڪاڪا ، هانءُ نـه لاهيو جيڪو ٿيو سو ڀلي لاءِ ئي ٿيو آهي . “
    موهن ڪُجهـه دير سُڏڪندو رهيو ۽ سُڏڪندي ئي وراڻيائين تـه ـــ
    ” موتي ، چيو پئي تنهنجي طبيعت ٺيڪ ڪونهي ۽ چهري مان بـه امان ڏاڍي ڪمزور پئي لڳين . “
    راڌا ، ڪاڪي موهن جي اها ڳالهـه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪندي وراڻي ـــــ
    “ڪاڪا ، سانول لاءِ ڇا ڪيوَ ـــــــ ؟ ”
    ” امان ، انهي ڪُڌي ڪم جي پويان ، سيٺ نارائڻ جو هٿ آهي ، هو سانول کي مارائي توسان وهانءُ رچڻ جا خواب پيو ڏسي .“
    موهن ڪاوڙ ۽ قربت واري گاڏڙ لهجي ۾ چيو ــ
    راڌا مُستحڪم ارادي سان اُٿي ، ايشور جي بُت سامهون بيهي ، وڏي واڪي چوڻ لڳي
    ” ڪاڪا ــــ آئون اڄ هن پويتر ايشور جي اڳيان اوهان کي ساکي ڪندي ، پنهنجي رضا خوشي سان ، ايشور ديوتا جي داسي ٿيان ٿي ، اڄ کان پوءِ مون پنهنجو پاڻ تي ويواهـه(شادي) کي حرام ڪيو، ڪاڪا ، اوهان مون کي ڪاٺ جي پاکڙي(جُتي) ۽ گيڙو ڪپڙا وٺي آڻي ڏيو . “
    ڪاڪي موهن جي اکين ۾ لُڙڪ هُئا ، راڌا جي مٿي تي هٿ رکي چيائين ــــ
    “ ڌيءَ ، ڀڳوان تنهنجو نگهبان هُجي ”
    ۽ واپس هيٺ ، برهمڻ آباد هليو آيو .
    احمد کي ڪوٺڙي ۾ بند ڪري ، واڌو ، گوپال ۽ ششي ٽنهي ڄڻن ، زينب کي الڳ ڪمري ۾ بند ڪري ، اُن جي لڄ لُٽڻ لاءِ خوب شراب پيتو هو ، انهن مان صرف هڪڙي سُندر ، ان ڪم جي سخت مُخالفت ڪئي هُئي تـه اُن کي پاڻ کان الڳ ويهاري ڇڏيو هُئن ، ان ڪري ڪاوڙ وچان شراب بـه پيئڻ ڪونـه ڏنو هُئنَ ، زينب خوف وچان ڏڪي پئي ۽ مُسلسل روئي رهي هئي ۽ انهن کي منتون ۽ ايلاز بـه ڪري رهي هُئي پر هُنن ڄڻ ڪنن ۾ ڪپهـ وجهي ڇڏي هُئي ، جڏهن هُنن خوب شراب پيءُ ورتو تـه پنهنجي ڪم لاءِ زينب واري ڪمري ۾ گهڙيا ، زينب هنن ٽنهي کي اندر ڪمري ۾ ڏسي ، وٺي وڏيون دانهون ڪرڻ شروع ڪيون ، سُندر کان اهي دانهون سَٺيون نـه ٿيون ، جهٽ ڪر ڪمري ۾ گهڙي وڏي ڦُڙتائي سان زينب کي ٻاهر ڪڍي ۽ ڪمري جو در ٻاهريان بند ڪري ڇڏيو ، هو ٽيئي ڪمري ۾ بند ٿي ويا تـه زور زور سان دروازو وڄائڻ لڳا پر سُندر، احمد ۽ مومل کي ٻي ڪمري مان ڪڍندي چيو ـــ ،
    “ چاچا ، جيترو جلدي ٿي سگهي تـه هتان نڪري وڃو ـــ ! ”
    احمد جي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا ، سُندر جي نرڙ تي ، بي ساختـهٰ ٿي چُمي ڏنائين
    “ چاچا ، جهٽ ڪريو جهٽ ــ !!!! ”
    احمد وارا گڏهن تي چڙهي روانا ٿي ويا ، سُندر جا دوست ، ڪمري جي دروازي کي زور زور سان ڌڪ بـه هڻي رهيا هُئا ۽ سنُدر کي گاريون بـه ڏيئي رهيا هُئا ، احمد ، پنهنجي لڏي ساڻ ، آڌي رات تائين مُسلسل هلندو رهيو ۽ ڪٿي بـه ساهي نـه پٽيائين ، احمد پاڻ پيدل هو ۽ زينب ۽ مومل کي گڏهن تي سوار ڪيو هُئائين ،احمد اڃان تائين ، مُسلسل سفر ۾ هو ، هن کي اڃان تائين ڪا ٿائينڪي جڳهـ هٿ ڪانـه آئي هُئي ، احمد کي گسين پنڌين ، ڪانـه ڪا رت ۾ ٻُڏل لاش ملندي هُئي ، ڪنهن نـه ڪنهن اُجڙيل ۽ سڙيل ڳوٺ کان ، هن جو گُذر ٿيندو هو ، جتي رت جا دُٻا ، سڙيل ۽ ڳريل انساني لاش ۽ لاشن مان اُٿندڙ بدبوءِ هن جو سواگت(ڀليڪار) ڪندي ملنديون هيون ، احمد بـه نيٺ وڃي هڪ مُسلمانن جي ڳوٺ پهتو ، جنهن جي ٻاهران ڪُجهـه نوجوان ، پهرو ڏيئي رهيا هُئا ، اُتي ڳوٺ جي چڱي مُڙس ، هنن کي رهڻ لاءِ هڪ هندو جو گهر ڏيکاريو ، جتي بـه ڪيترائي رت جا دُٻا ــــ ٽُٽل چوڙين جا ٽُڪر ـــــــ پيتين جا ٽُٽل تالا ۽ ڌرمي ديوتائن جي مورتين جا ڀڳل ٽڪر وکريا پيا هُئا ، هو گهر ڪينَ نه پئي لڳو بلڪي ڪو ڪوس گهر مثل هو ، احمد اُن گهر ۾ رهڻ کان صاف انڪار ڪندي ، ڳوٺ جي چڱي مُڙس کان پُڇيو ـــ
    “ هن گهر ۾ ڪهڙو ڪوس ڪيو اٿئو......!؟”
    “ ڪُجهـه بـه نـه ، بس ڪافرن کي ماري ، پنهنجن مُسلمان ڀائرن جو بدلو ورتوسين . ”
    “ صرف قتل........!!!”
    احمد ڪاوڙ ۽ طنزيـٰ لهجي ۾ چيو ـــ
    مومل ۽ زينب بـه اجرڪ سان مُنهن وڙهيو ،اهو نظارو ڏسي رهيون هيون ۽ گهر جي حالت ڏسي ، خوف بـه کائي رهيون هيون ، ڳوٺ جي چڱي مُڙس ، مُرڪي پنهنجن مُڇن کي وٽيندي وراڻيو ـــ
    ” نـه نـه ــــ صرف قتل ٿوري ڪيو هو ٻيو بـه چڱو مال هٿ آيو هو ، سو مال غنيمت سمجهي ڳوٺ وارن کي ورهائي ڏنم باقي ڪافر جي ننڍي ڇوري کي سالو منڊو کڻي ويو ۽ وڏي ڇوري پنهنجو پاڻ کي هتي ئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو هو . “
    آخري لفظن تي ڳوٺ جي چڱي مُڙس ، ٿورو زور ڏنو . احمد جي بـه ڪاوڙ چوٽ چڙهي چُڪي هُئي .
    ” اوهين پيغمبر محمّد(صلي الله عليه وآله وسلم) جا پوئلڳ آهيو............، الله جي دين جا رکوالا........، اڙي حيف هجنوَ ، اوهان تـه الله پاڪ جي شفاف دين کي لڄائي ڇڏيو آهي .............، اوهين مُسلمان تـه ڇا پر اوهان تـه انسان ئي نـه آهيو..........................!“
    ڳوٺ جو چڱو مُڙس وات ڦاڙيو ، احمد کي ڏسڻ لڳو ، گوڙ جو آواز ٻُڌي ، ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو بـه ، احمد ۽ ڳوٺ جي چڱي مُڙس جي چئوگرد گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا هُئا ،
    احمد ڪاوڙ ۾ چوندو رهيوـــ
    ” ٿُوءَ اوهان جي مُنهن ۾ ! جن وٽ ڪنهن بيگناهـهُ نياڻي جي عزت محفوظ نـه هُجي ، جن وٽ بيگناهـه ماڻهن کي محض ٻئي مذهب هُئڻ جي ڪري بنا ڪنهن سبب جي قتل ڪيو وڃي ، جتي امن ۽ سڪون جو گلو گهُٽيو وڃي ڇو اچي پنهنجي دين کان مُنڪر ٿيا آهيو ، اڙي مُحمّد (صلي الله عليه وآله وسلم ) بـه پنهنجن جهادن ۾ ڪنهن بـه بيگناهـه کي ڪينَ نـه ايذايو هو ، جڏهن مڪو فتح ڪيائين تـه بـه اُتي جي بيگناهـ ماڻهن کي تحفظ-ڏنائين ، نـه ڪي ائين ڪيائين جيئن اوهان ڪيو آهي ...........................................
    ۽ پنهنجو لڏو کڻي ، اڳتي روانو ٿي ويو ، ڳوٺ جا سڀئي ماڻهو، بُت بڻيو ، احمد کي ويندو ڏسندا رهجي ويا ۽ ڪنهن کي همت ڪانـه ٿي جو هو احمد کي کڻي روڪي .
    سانول کي کُولي ۾ اڄ ٻيو ڏينهن هو ، ھن ننڍي کُولي ۾ هڪ اڌ ڀڳل مٽ جو پيل هو، جنهن کي کُولي کان الڳ ڪرڻ لاءِ هڪڙي ڪنڊ ۾ رکي اُن کي سڻي جي ٻوري جو پردو ڏنو ويو هو ۽ اُن مٽ کي انساني حاجت پوري ڪرڻ لاءِ رکيو ويو هو، پريان لوهي شيخن جي دروازي وٽ ، هڪ پُراڻو سينواريل پاڻي جو دلو پيل هو ، کُولي ۾ ئي حاجت ڪرڻ ڪري حد درجي جي بدبوءِ چئوطرف پکڙيل هُئي ۽ انهي ڪري مکين جا بـه هشام هُئا ، سانول کي پهريون ڏينهن ڏاڍو ڏُکيو لڳو ۽ هڪ اڌ اُلٽي بـه ٿيس ، پر نيٺ ان بدبوءَ کي سهسائي ويو ، کُولي ۾ ڪو ڪم ڪونـه هوندو هُئس ، تنهنڪري ، پنهنجي مُنهن ويٺو گيت ٺاهيندو هو ۽ پنهنجي مُنهن ويٺو جهونگاريندو هو ، آواز سُريلو هُئڻ ڪري ، ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر پهري تي بيٺل سپاهي ، هن کان ڪنهن گيت جي فرمائش ڪندا هُئا تـه هو پنهنجا گيت ٻُڌائيندي ڪين ڪيٻائيندو هو ، خاص ڪري راڌا تي جوڙيل هي گيت تـه هر گهڙي ڳائيندو هو........
    سونهن جي ديوي آهين، سينگار تنهنجو ٿو وڻي
    هن آدرشي انسان کي ، پـيـار تُنـهنـجـو ٿو وڻي


    آرسي ۾ چهرو تون ، ڏسي ڀلا ڇا ڪندين
    ڳچي تنهنجي ۾ پاتل ، هار تنهنجو ٿو وڻي،

    مُرڪڻي آهين ڇوڪِرِي ، ٿورو مُرڪِي تـه ڏيکار،
    صبح شام سانجهي جو ، ديدار تنهنجو ٿو وڻي .


    4

    گهڻن سپاهين کي ، سانول سان همدردي ٿي پئي هُئي تـه اهڙو پيارو، شاعر ۽ حساس ماڻهو قاتل ٿي نـه ٿو سگهي ، سو ڪوشش ڪندا هُئا تـه سندن کان سانول کي ڪا تڪليف نـه پُهچي ، خود شيام بـه ٻـه ٽي ڀيرا چڪر تي آيو هو ۽ سانول کان حال احوال وٺندو رهيو هو ، تنهنڪري اڄ سانول کي کُولي تبديل ٿيڻ جي خوشخبري بـه ملي هُئي ، تنهنڪري شيام،ٻن ٽن سپاهين سان گڏجي ، انهي کُولين جي بيرڪ کي ڇڏي ، ٻي بيرڪ ۾ ، هڪ چڱيرڙي ڪوٺي ۾سانول کي اچي رکيو ويو ۽ سانول کي چيائين تـه ــ ،
    “ ڪنهن بـه شيءِ جي ضرورت هُجي تـه هنن سپاهين کي چئجان .”
    سانول رُڳي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ، سانول جو جواب ٻُڌي ، شيام ، سپاهين کي ڪُجهـه هدايتون ڏيئي هليو ويو ، سانول انهيءَ نئين کُولي ۾ ايندي ئي ڪُجهـه سڪون محسوس ڪيو ، ٻيو نـه تـه بـه انهي حاجت واري بدبوءَ کان تـه جانَ ڇُٽس، جيڪا اُن ڀڳل اڌ گَهڙي جي ڪري هُئي ، هن کُولي ۾ حاجت لاءِ جاءِ الڳ ٿلڳ هُئي ، صاف هنڌ بسترو سو بـه کٽ ساڻ ، هڪ اڌ هٿ پکو ۽ صاف سُٿرا مٽ ۽ گلاس پيل هُئا .
    جڏهن کان سيٺ نارائڻ داس کي اها خبر پئي هُئي تـه راڌا ، ايشور جي داسي بڻجي ويئي آهي ۽ اُن جي مِٺائي بـه ملي هُئس تڏهن کان تـه ٺپ ئي ٺري ويا هُئس انهي خبر کانپوءِ تـه ، سيٺ نارائڻ داس کان سانول وسري ويو هو ، رُڳو راڌا کي حاصل ڪرڻ لاءِ سَٽون سَٽڻ لڳو هو ، راڌا جو داسي ٿيڻ کانپوءِ ، سيٺ نارائڻ داس جو ڪٿي هٿ پير ڪونـه پئي لڳو ، سو ٻي ڪا واهـهُ نـه ڏسي ، سيٺ شرنارٿي وٽ آيو هو ، جتي نارائڻ داس کي سيٺ شرنارٿي جي نوڪر ، سيٺ جي پيڊي واري دُڪان تي ويهاري ڇڏيو ، جتي چار پنج ڪلاڪ جي ٿڪائيندڙ انتظار کانپوءِ ، سيٺ شرنارٿي پنهنجي آرام واري ڪمري مان ٻاهر نڪتو.
    “ نمستي سيٺ صاحب ”
    سيٺ شرنارٿي ، نارائڻ جي نمستي جو ڪوبـه جواب ڪونـه ڏنو ۽ صوفي تي ويهندي چيو ـــ
    “ ها ڳالهـه ڪر ـــ ، ڇو آيو آهين ؟ ”
    اهڙي رُکائي سان ڳالهـ پُڇڻ تي ، سيٺ نارائڻ اندرتائين سڙي خاڪ ٿي ويو پر اهو سور پئيندي وراڻيو ـــ،
    “سيٺ صاحب ....هو راڌا جا آهي نـه.........................”
    سيٺ شرنارٿي ، سيٺ نارائڻ داس جي ڳالهـه اڌ مان ڪٽيندي وراڻيو ــــ
    ” مون ڪو تُنهنجي شادي جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا ــــ!؟ هوءَ جيڪڏهن داسي ٿي آهي تـه پنهنجي مرضي سان ٿي آهي ، داسي ٿيڻ لاءِ ڪو مون چيو هو ڇا ؟ سو آئون تولاءِ انهي سلسلي ۾ ڪُجهـ نـه ٿو ڪري سگهان . “
    سيٺ نارائڻ اهڙو رُکو جواب ٻُڌي ، صفا وائڙو ٿي ويو ، هن کي سيٺ شرنارٿي مان اهڙي اُميد ڪونـه هُئي .
    “ سيٺ صاحب ، آئون ٻي ڪهڙي در وڃان ؟ اوهان چاهيو تـ سڀ ڪُجهـه ٿي سگهي ٿو . ”
    سيٺ شرنارٿي ، نارائڻ جي ڳالهـه ٻُڌي ، ڪاوڙ ۾ اکيون ڦوٽاريندي چيو ـــ
    ” آئون ڪو تنهنجو دلال آهيان ڇا؟ جو تُنهنجي شادي ڪرائيندو وتان ........هان ......اُٿي هتان ...هل وڃي پنهنجي ڌنڌي جي ڪري ......متان منهنجي وات مان تنهنجي لاءِ ٻيو ڪُجهـه نڪري وڃي.....................“
    سيٺ نارائڻ داس کان بـه نيٺ سهپ ڇڏائجي ويئي
    ” سيٺ صاحب ، ڀل منهنجو ڪم نـه ڪريو ، نينگر ننڍي ، جمعا گهڻا ۽ ها اهو بـه ياد رکوته اويناش ۽ مهاراج همنيت وارا راز بـه هن بندي جي من ۾ دفن آهن، ڪٿي اهي راز جا لاشا ٻاهر نڪري ڌپ نـه ڪن . “
    سيٺ شرنارٿي پهرين تـه ٻـه ٽي منٽ، سيٺ نارائڻ داس کي گهوري ڏسندو رهيو ، جيڪو پنهنجي ڳالهـ جو ردِعمل ، سيٺ شرنارٿي جي چهري تي ڏسي مُرڪيو پئي .
    سيٺ شرنارٿي ، صوفي تان وٽجي سٽجي اُٿندي چيو ـــ
    ” سيٺ ، اڄڪلهـ ڌنڌي ۾ مندي پئي هلي ، تنهن اسان کي پاڻ پريشان ڪري وِڌو آهي ، تنهنڪري ڪا ڳالهـ ڏُکي لڳي هجيو تـه ناراض نـه ٿجو ، جيئن ئي ڪا فرصت مليم تـه آئون تو واري ڪم کي بـه ڏسان ٿو ، هينئر ڀل هلو ، ڪُجهـه نـه ڪُجهـه ڪري ٿا وٺون . “
    سيٺ نارائڻ داس ، پنهنجي ڪاميابي تي گُدگُد پئي ٿيو ۽ سيٺ جو آسري وارو جواب ٻُڌي ، ٻاهر نڪري آيو ، هُنجي وڃڻ شرط ، سيٺ پنهنجي خاص ماڻهو کي چيو ـــ
    “ارجن ، سيٺ نارائڻ داس سُرڳ گهُمڻ ٿو چاهي ، تون ٽڪيٽ جو بندوبست ڪرينس .”
    ۽ پنهنجي پيڊي جي ڪم ڪار ۾ لڳي ويو .
    سر جان ايڊورڊ ، اڄ وري ڪيس جي پيروي لاءِ آيل هو ، انهي ڪري اڄ سانول جي سر جان ايڊورڊ وٽ پيشي هُئي، موهن، موتي ۽ راڌا ٽيئي صبح کان، ٿاڻي واري ڪچهري واري ڪمري جي ٻاهران موجود هُئا ڇو تـه اڄوڪي پيشي ۾ راڌا جو بـه بيان قلمبند ٿيڻو هو .
    موهن ، راڌا جي بيان متعلق پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ـــ
    ” راڌا ڌيءَ ، تنهنجي اڄوڪي بيان جي وڏي اهميت آهي ، تنهنجو بيان ئي سانول جي زندگي بچائي سگهي ٿو . “
    ” ڪاڪا ، منهنجو بيان هونءُ ئي سچ تي ٻڌل آهي. قاتل مون پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي سو سانول هونءُ ئي بي قصور آهي ، باقي ڪاڪا جي هينئر باپو جو اصل قاتل ڀي هُجي ها تـه آئون اُن کي بـه معاف ڪري ڇڏيان ها . “
    موهن راڌا جي مٿي تي هٿ رکندي ، وڏي پاٻوهـه سان وراڻيوــــ
    ” راڌا ڌيءُ ، مون کي تو مان اها ئي اُميد هُئي ، تو ۾ امڙ ، مون کي پنهنجي ڌيءُ زينب جي خوشبو اچي ٿي ، هوءَ بـه بلڪُل تو جهڙي ڏاهي ۽ ڏِيا وارِيءِ (رحم ڪندڙ) هُئي . “
    راڌا مُرڪندي چيو ـــ
    ” جيءُ ڪاڪا ، تڏهن تـه اوهان جي ذهن ۽ دل تي پنهنجي پيار جا اڻ مِٽ نشان چٽي ويئي آهي . “
    موهن ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو ـــ
    ” هائي هائي ...........هينئر الائي ڪٿي هوندي ؟ الائي ڪهڙن حالن ۾ هوندي ،آئون پنهنجي زينب جي باري ۾ سوچيان ٿو تـه امڙ ، مُنهنجو هانءُ ئي ڇڄي پوندو آهي ،ننڊ ئي ڦٽي ويندي اٿم ، ڀڳوان پنهنجي پناهـهُ ۾ رکيس شل مُنهنجي حياتي جا ڏينهڙا بـه کيس کي ڏيئي ڇڏي ــ “
    اوچتو ڪا گاڏي اچي، ڪچهري جي سامهون بيٺي، ڪُجهـه ئي دير ۾ ڀر واري ٿاڻي ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي جلدي جلدي سنتري(سپاهي) گهوڙن تي چڙهڻ لڳا، موهن وارا بـه هنن کي حيرانگي سان نهاري رهيا هـئا موتي، همت ڪري هڪ سپاهي کان پُڇا ڪئي تـه
    “ صاحب ڇا ٿيو آهي ؟”
    سپاهي تڙ تڪڙ ۾ وراڻيو ـــ
    “ هن شهر جي معزز سيٺ نارائڻ کي ڪنهن قتل ڪري ڇڏيو آهي....!!!”
    موتي جي مُنهن مان ازخود رڙ نڪري ويئي تـه
    “ ڇا ...!؟ سيٺ نارائڻ داس قتل ٿي ويو......!!!؟؟”
    ۽ ڊوڙي اچي موهن کي ٻُڌايائين .
    موهن مُرڪي پيو ۽ چيوــ ،
    ” موتي بابا ، جهڙي ڪرڻي ، تهڙي ڀرڻي ........هن جيڪو کوهـه ٻين لاءِ کوٽيو هو ، تنهن ۾ پاڻ ئي ڪِرِي پيو . “
    تيسين شيام بـه تڪڙو تڪڙو ، موهن ڏانهن آيو ۽ چيائين ـــه ،
    ” ڪاڪا ، اڄ سانول واري پيشي ڪونـه ٿي سگهندي، سڀ سيٺ نارائڻ جي قتل جي سلسلي ۾ تفتيش لاءِ هليا ويندا، وري جي ڪا تاريخ ملي تـه آئون پاڻهين اوهان ڏانهن سنيهو(پيغام) ڪندس “
    موهن ويندڙ شيام کي ٻانهن مان جهليندي چيو ــ ،
    ” شيام ، اسان سانول سان مُلاقات تـه ڪري سگهون ٿا نـه ...! “
    شيام ڪاڪي موهن واري ڳالهـه ٻُڌي ، ڪُجهـه دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو ، ڪُجهـه دير سوچي وراڻيو ــ ،
    ” ٺيڪ آهي ...........روپا او روپا ! “
    ” جيءُ صاحب ..“
    روپي ، شيام کي سليوٽ ڪندي چيو.
    ” هنن کي سانول سان مُلاقات ڪرائي ڇڏ ـــ . “
    ائين چئي ، شيام روانو ٿي ويو
    ڪُجهـه دير ۾ روپي سپاهي ، موتي ، راڌا ۽ موهن کي سانول سان ملائڻ لاءِ مُلاقاتي ڪمري ۾ وٺي آيو ۽ سانول کي بـه چند گهڙين ۾ مُلاقاتي ڪمري ۾ وٺي آيو ، هنن ٽنهي جي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ سانول جي واتان، راڌا جي خيريت معلوم ڪرڻ وارا لفظ نڪري پيا .
    ” راڌا تون ٺيڪ تـه آهين نـه ...!!! “
    راڌا وراڻي ـــ ،
    ” ها ، آئون تـه ٺيڪ آهيان ، اوهان پنهنجي ٻُڌايو ؟ “
    سانول پنهنجين اکين ۾ آيل لُڙڪن کي اُگهيندي وراڻيو ـــ ،
    ” تُنهنجو مون کي ڏاڍو اُلڪو هو ......منهنجي گرفتاري کانپوءِ ويتر وڌيڪ بيمار نـه ٿي پوين پر الله جا لک لک شُڪرانا ڪي تون ٺيڪ آهين ۽ هيءُ ڇا ؟ “
    سانول راڌا کي گيڙو رتا ڪپڙا ۽ ڪاٺ جي جُتي پيرن ۾ ڏسي پُڇيو .
    راڌا ڪُجهـه چوي ئي چوي ، موهن وراڻيو ــ ،
    ” راڌا ، ايشور جي داسي ٿي ويئي آهي ، هن پنهنجو پاڻ تان ويواهـه (شادي)کي حرام ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي هيءَ بس ايشور ۽ اُن جي ڀڳتن جي خدمت ڪندي. پنهنجي سڄي حياتي گُذاريندي ــــ . “
    سانول مُرڪندي چيو ــ ،
    ” راڌا ، انهي پويتر(پاڪ) ڪم تي واڌايون هُجنئي ....، ڪير ٿو ٻي ڪنهن لاءِ ، پنهنجون سڀ خواهشون ماري، هاڻي تـه مُنهنجو بـه فڪر لهي ويو ، هاڻي جي ڪاڪا ، ڦاهي بـه چڙهي ..........................“
    راڌا ، هڪدم سانول جي ڳالهـ اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ـــ ،
    ” ڀڳوان نـه ڪري جو اوهان کي ڪُجهـه ٿئي ـــ، شُڀ شُڀ(نيڪ نيڪ) تـه ڳالهايو ، ڦاهي چڙهن اوهان جا دُشمن ...“
    موهن ڳالهـه کي ٻي رُخ ڏانهن ڦيرائيندي ، سانول کان پُڇيو ــ ،
    ” هتي ڪا تڪليف تـه نـه اٿئي نـه ابا ...! “
    ” نـه ڪاڪا ، شيام دادا ، منهنجو هر طرح جو خيال رکي ٿو، ڪاڪا راڌا ڪيڏي نه ڪمزور ٿي ويئي آهي ...! “
    سانول ، راڌا ڏانهن نهاريندي ، موهن کي چيو.
    راڌا سانول لاءِ ، جيڪا ماني گهران ٺاهي آئي هُئي ، اُها سانول کي ڏيندي وراڻي ــ ،
    ” آئون تـه نـه ...پر اوهين گهڻا ڪمزور ٿي ويا آهيو ، هتي جيل ۾ وري ڪهڙي ماني ملندي هوندي ! “
    سانول ، راڌا کان ماني وٺندي ، موتي کان پُڇيو ــــ ،
    ” موتي بابا ، تون ڪيئن آهين ؟ “
    ” دادا ..، ٺيڪ ! “
    ” مال جي ڏي خبر ! ؟ “
    ” اهو بـه ٺيڪ آهي دادا .“
    ” آئون جڏهن گرفتار ٿيو هُئس ، تڏهن ڀوري رڍ ٺيڪ ڪونـه هُئي ... هاڻ ڪيئن آهي ؟ “
    ” هاڻي ٺيڪ آهي دادا ، بس گهُٽي ٿي پئي هُئس ، سو ڪاڪا وارو علاج ڪيم تـ گهُٽي لهي ويس . “
    ” اهو بـه چڱو .... راڌا ياتري اچن ٿا ؟ “
    ” ها ! “
    ” تون ڀڄن پڙهندي آهين ! ؟ “
    ” نـه “
    ” ڇو ...، ائين نـه ڪر نـه ...، ڪاڪا جي هميشـهٰ اها خواهش رهندي هُئي تـه ڀڄن صرف تون ڳائيندي ڪر “
    ” ها ، هاڻي پڙهنديس ، ورت رکان ٿي نـه ، تـه پوءِ تان ڇڪڻ جي سگهـه ئي نـه ٿي رهي.“
    راڌا جواز پيش ڪندي ، فرمانبرداري سان چيو.
    سانول هيتري دير جو راڌا ۽ موتي سان ڳالهائي رهيو هو تنهن کي احساس ٿيو تـه هُن ڪاڪي موهن کان تـه ڪو حال احوال ڪونـه پُڇيو آهي ، سو ڪاڪي موهن کان سندس طبيعت جي باري ۾ پُڇيائين ــــ ،
    ” ڪاڪا ڪيترا نـه هيڻا ۽ ڪمزور ٿي ويا آهيو ، طبيعت ٺيڪ نـه هُئي ڇا ڪاڪا .“
    ” نـه پُٽ ..، بس جيءُ جي جهوراڻن جهوري وڌو آهي ، ٻيو تُنهنجي ڏاڍي اُڻ تُڻ ٿي پئي هُئم تـه هڪڙا رشتا اڳ ئي وڃائي چڪو آهيان ، هي تو وارو رشتو بـه وڃائي نـه ويهان ، ان حالت ۾ طبيعت خاڪ ٺيڪ رهندي، هينئر بـه تو واري ڪيس ۾ مس مس ڪُجهـه اڳڀرائي ٿي هُئي تـه مٿان وري سيٺ نارئڻ داس جو خون ٿي ويو،هاڻي الائي ڇا ٿيندو؟ “
    سانول حيرت مان وراڻيو ــــ ،
    ” ڇا ....!!!؟ ، ڪاڪا ، اوهان هي ڇا پيا چئو ـــ ، سيٺ نارائڻ داس قتل ٿي ويو ...! ، ڪيئن ...؟ ، ڪٿي......؟ ، ڪنهن قتل ڪيو ....!!!!؟ “
    ” پُٽ ، پئسي واري جا سوَ سڄڻ ، سوَ دُشمن ـــ ، هي جيڪي دولتمند ماڻهو ، غريب ماڻهن کي ماري ، چيپاٽي ، پيسا ميڙين ٿا ۽ پنهنجي مايا جي موهـه ۾ ايڏا تـه بدمست ٿي ويندا آهن ، جو ڪنهنجي دانهن ، ڪوڪ بـه ڪونـه ٻُڌن ٿا ، هن بـه پنهنجي مايا جي بدمستي ۾ اچي ڪنهن نـه ڪنهن کي رنجايو هوندو ، بس اُن جي صبر جو پيمانو نيٺ لبريز ٿي پيو هوندو ، هڻي ڪنهن نـه ڪنهن ماري وڌو هوندس ، تنهنڪري بابا ، سياڻا چئي ڪونـه ويا آهن ته سوَ ڌڪ سونار جا ۽ هڪ ڌڪ لوهار جو . “
    موهن وراڻيو .
    سانول ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو ـــ ،
    ” ڪاڪا ، موت ڪيڏو نـه سستو ٿي پيو آهي جو جنهن کي وڻي ٿو ، سو ماڻهو کي قتل ڪريو ٿو ڇڏي . “
    ” ڪاڪا ، هلو هلو ، هاڻي مُلاقات جو وقت پورو ٿي ويو آهي . “
    سپاهي روپي ٿوري ڪڙڪيدار لهجي ۾ چيو ـ .
    سڀني سانول ڏانهن نهاريو ، جيڪو مُرڪي رهيو هو.
    ٽيئي ڄڻا ، سرنهن جي وڻ هيٺ ويٺا هُئا ، شام پنهنجا پَرَ ساڻا ڪري ، موڪلائي وڃي رهي هُئي رات بـه پنهنجي گهري اونڌائي ساڻ اچي پُهتي هُئي ، ڏکڻ جو واءُ ، گهُلڻ ڪري رات ڏاڍي مخموري بڻجي ويئي هُئي .
    انهن ٽنهي مان هڪ ڄڻو وراڻيو ـــ ،
    ” شريف ، آئون چوين ٿو تـه اهڙو موقعو وري هٿ نـه ايندئي ، ڇورِي نـه آهي ....اصل ڳاڙهو ٽماٽو ..! وار بـه ڀورا لڳا پيا اٿس ..“
    ٻئي تصديق ڪرڻ لاءِ وڌيڪ پُڇندي وراڻيو ـــ ،
    ” تو پاڻ ڏٺي آهي ڪريم يا ٻئي ڪنهن جي چوڻ تي پيو ڳالهـه ڪرين ــــ ! “
    ساڳيو همراهـه ، انگريزي ٻِيڙِي (سگريٽ) جو سوٽو هڻندي چيو ـــ ،
    ” اُستاد ، آئون پنهنجين هنن ثواب ڀرين اکين سان ڏسي آيو آهيان ـــ اُستاد ڇوري جا اُرهـ ڏسي ، مون کي تـه عيدو وارا صوف ياد اچي ويا ...، اصل وات پاڻي پاڻي ٿي ويم ...!! “
    اُن همراهـه اهڙو تـه نقشو چٽيو جو ، ٻين ٻنهي همراهن کي بي چين ڪري وڌائين .
    ٽئين همراهـه ، پنهنجن چپن تي زبان ڦريندي چيو ـــ ،
    ” ڪرو ، اهو لڏو لٿل ڪٿي آهي ! ؟ “
    ساڳئي همراهـه. هٿ جو اشارو اُتر طرف ڪندي چيو ـــ ،
    ” او ، پنهنجي شهر جي پُراڻي تلاءُ وٽ ! “
    ٻئي همراهـه مڪارانـٰه مُرڪ مُرڪندي چيو ـــ ،
    ” اُتي آهي بـه سُڃ ....! آسي پاسي ۾ ويجهو ڪو گهر گهاٽ بـه ڪونهي . “
    ساڳئي پهرين همراهـه تڪڙو ٿيندي چيو ـــ ،
    ” اُستاد ، ڇوري وٽ صرف ، هڪ پوڙهو ۽ پوڙهي آهن ، بس ...! “
    پوءِ ٽيون همراهـه اُٿندي وراڻيو ـــ ،
    ” پوءِ دير ڇا جي آهي ...؟ آيل شڪار ، عين پنهنجي نشاني تي آهي . “
    ٽيئي ڄڻا اُٿي، احمد واري لڏي ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو اڄ شام جو وڏي مُسافت ڪري ، ٿڪي، ٽُٽي اچي پهتو هو ، سو ماني ٽڪي کائي ، پنهنجو پاڻ کي مُسلمانن جي علائقي ۾ محفوظ سمجهي ، بي فڪر ٿي سُتا هُئا .
    لڏي جي ويجهو پُهچي، هڪڙي ڄڻي ، پنهنجي وَر مان ڊگهو ڇُرو ڪڍيو ۽ آهستي آهستي پيرڙا کڻي، اچي احمد جي مٿان بيٺو ۽ ڇُرو وڌائي ، اهڙي تـه مهارت ۽ ڦُڙتائي سان احمد جو گلو ڪٽيائين جو احمد کان رڙ بـه نـه نڪري سگهي ، احمد کي مهارت سان ذبح ڪري ، ساڳيو همراهـه مومل ڏانهن وڌيو ۽ غور ڪري ڏٺائين تـه پوڙهي آهي يا اُها جنهن جي شڪار لاءِ هي آيا آهن ، ماچيس جي تيلي ٻاري ، ڏسي پڪ ڪرڻ کانپوءِ ساڳي ئي مهارت ۽ ڦُڙتائي سان ، مومل کي بـه هڪ جهٽڪي ساڻ ذبح ڪري وڌائين ٻيا همراهـه ڪپڙو کنيو ، زينب جي مٿان تيار بيٺا هُئا بس رُڳي اُستاد جي اشاري ملڻ جي ديرهُئي ، اُستاد جيئن ئي انهي ڪم مان واندو ٿيو تـه همراهن کي حملي جو اشارو ڏنائين بس اشاري ملڻ شرط ، ٻنهي همراهن زينب جي وات تي ڪپڙو وجهي قابو ڪيو ، انهي اوچتي حملي زينب کي ڇرڪائي وڌو، هو ڄار ۾ ڦاٿل مڇي جيان ڦٿڪڻ لڳي پر ٽن مضبوط مردن جي ٻانهُنَ مان پاڻ کي ڪينَ نـه ڇڏائي سگهي منٽن ۾ همراهن زينب جي ٻانهن ۽ ٽنگن کي ٻڌي ورتو اُستاد شرفو ، ساڳي رت هاڻي ڇُري سان ، زينب
    ڏانهن وڌيو ۽ زينب کي ٻڌل ٻانهن مان جهلي ، جهٽڪي ساڻ اونڌو ڪري وڌائينس ۽ زينب جي چولي جي سڳن کي سيڪنڊن ۾ ڪٽي ، چولي زينب جي ٻانهن مان ڦاڙي ، ڇڪي اُڇلائي ڇڏيائين ۽ هاڻي زينب هنن جي اڳيان الف اُگهاڙي پيل هُئي ، اُستاد شرفو جيئن پنهنجي حوَس مٽائي اُٿيو تـه ڪريم ۽ نواز ڇتا ٿي پيا ، هڪڙو زينب تي چڙهي تـه ٻيو اُن کي ڇڪي پري ڪندي ، پاڻ چڙهيو پوي ، شريف ، تسيتائين باقي ٽڙيل پکڙيل سامان ميڙي ، پنهنجي ٽوال ۾ ٻَڌو ، ٽنهي ڄڻن زينب جي جسم تي ايترا تـه چَڪ ۽ رانڀوٽا هنيا هُئا ، جو زينب بيهوش ٿي چُڪي هُئي ، ٽنهي ڄڻن ، پنهنجي ڪم ڪرڻ کانپوءِ آخر بيهوش پيل زينب کي ٿوڏو هڻي ، اڳتي روانا ٿي ويا .
    سانول جي جلدي جلدي پيشي ٿيڻ لڳي هُئي ۽ مٿان سيٺ نارائڻ وارو ڪيس بـه سر جان ايڊورڊ کي سونپيو ويو هو، سانول جي ڪيس ۾ راڌا واري بيان کانپوءِ ڪو دم ڪونـه رهيو هو ، ڪيس داخل ڪرائيندڙ پاڻ بـه قتل ٿي چڪو هو ، تنهنڪري ڪو فريادي بـه ڪونـه رهيو هو ۽ تفتيش دوران اها بـه ڄاڻ پئي هُئي تـه جنهن وقت مهاراج همنيت جو خون ٿيو هو اُن وقت سانول ، آڌي گام ۾ سيٺ پرمانند جي ڀانڊي تي ڪم ڪري رهيو هو ، تنهنڪري فيصلو سانول جي حق ۾ ٿي ويو هو ، بس عدالت جي ڪُجهـه ڪاغذي ڪارروائي رهيل هُئي، هر پيشي تي موهن ۽ موتي سانول سان ملڻ ضرور ايندا هُئا ۽ راڌا، ايشور جي داسي بڻجي ، مندر ۽ ياترين جي خدمت ۾ مصروف هُئي ، ٿورن ئي ڏينهن ۾ سانول انهيءَ ڪوڙي ڪيس مان آزاد ٿي ويو ، سانول جي آزادي سڀ کان گهڻي خوشي موهن کي ٿي هُئي تنهنڪري، موهن، سانول کي ڀاڪُر پائي ڪافي دير روئيندو رهيو، سانول جي آزادي، برهمڻ آباد جي امير طبقي کي تـه ڏاڍي ڏُکي لڳي پر هو سانول جي آزادي کي ايشور جو چمتڪار(معجزو) سمجهي اهو زهر جو ڍڪ پي ويا هُئا، سانول جي آزادي جو ٻُڌي ، برهمڻ آباد جا ڪافي ماڻهو عدالت ٻاهريان گڏ ٿي ويا هُئا، جان ايڊورڊ سانول جو مُسلم هُئڻ سبب پوليس کي خاص هدايت ڪئي هُئي تـه سانول کي سندس گهر تائين خيريت سان پوليس پهري هيٺ پُهچائي اچن، ڇاڪاڻ تـه ممڪن آهي تـه ڪو انتها پسند هندو حملو ڪري سانول کي ڪو نقصان نـه رسائي .
    سانول ، موهن ۽ موتي پوليس جي حفاظت ۾ مندر ڏانهن روانا ٿي ويا ، جتي راڌا اڳ ۾ ئي مندر جي گس تي، هنن جي انتظار ۾ بيٺي هُئي ، هوءَ پنهنجي ٽامي جي ٿالهي ۾ ، آرتي لاهڻ جو سامان، ڪُجهـ مٺاڻ، هڪ ناريل، ٿورو نجو گيهـ، سيندور جي ننڍي دٻلي، ڪُجهـه گُل ۽ اگربتون ٻاريو بيٺي هنن جي راهـهُ تڪي رهي هُئي، جيئن ئي سانول وارا ، گهوڙن تان لهي ، راڌا جي ويجهو پُهتا تـه راڌا بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي ، سانول جي سامهون آرتي جي ٿالهي، ٻـه ٽي ڀيرا گهُمائي، ڪُجهـه مٺائي سانول کي کارائي ۽ باقي ٿوري ٿوري مٺائي سڀني کي ورهائي ڏني ۽ پوءِ پاڻ اُها آرتي واري ٿالهي کڻي ، ايشور جي اسٿان ڏانهن هلي ويئي.
    ” چري! “
    سانول پيار وچان، ايشور جي اسٿان ڏانهن ويندڙ راڌا کي تمام آهستگي سان چيو
    موتي ، جيڪو سانول جي بلڪُل ڀر ۾ بيٺل هو تنهن اهو ٻُڌي چيوــــ ،
    ” دادا ــ ، اڄ خاص اوهان لاءِ ورت (روزو) رکيو اٿس . “
    موهن ،سانول ۽ موتي سان گڏ چونئري ۾ گهڙيندي وراڻيوـــ ،
    ” پُٽ ، صدين پُڄاڻان ، وقت جي هٿان ، داڻو داڻو ٿي پوئيل مالها ڪيڏي نه وکري ويئي آهي ، انهن اڻ ڄاڻ فسادن، پنهنجن کي پنهنجن جو دُشمن بڻائي ڇڏيو آهي ، هاڻي تـه ابا ائين ٿو لڳي تـه ڄڻ پنهنجا پاڇا بـه ساٿ ڇڏيندي پيا وڃن، اهڙين مڪروه حالتن ۾ بـه اوهان ٻنهي جو پيار ڄڻ مذهب جي منهن تي چماٽ آهي، جن مذهبن سالن کان جُڙيل دليون ، ساعتن ۾ ٽوڙي ڀوري وڌيون آهن ، جن پنهنجن پيارن کي پنهنجن جي هٿان مارائي ڇڏيو آهي ، انهن مذهبن کان تـه پُٽ اوهان جو پيار، وڌيڪ اَمر ۽ جٽادار آهي ، جيڪو بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي آهي . “
    موهن جي اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي آيا ، شايد زينب ياد اچي ويئي هُئس .
    سانول وراڻيو ــــ ،
    ” ڪاڪا ، زندگي ۾ مذهب صرف ان ڪري داخل ٿيو تـه ظُلم ۽ بي انصافي کي ختم ڪجي ۽ اُن وقت جي حالتن پٽاندڙ هنن عالمن ۽ دانائن ، پنهنجا نظريا ۽ خيال پيش ڪيا ۽ ڪاڪا ، اُن وقت بـه مظلومن جو تعداد گهڻو هو، جن کي علم ڏئي ، گڏي ، يڪمُشت ڪري ، هڪ وڏي طاقت بڻايو ۽ جڏهن طاقت پيدا ٿي ويئي تـه انهن ئي مظلومن ۾ طاقت جو گهمنڊ بـه پيدا ٿي پيو پوءِ هنن بـه باقي بڻيل هيڻن ۽ ڪمزورن تي ، زوري زبردستي پنهنجا قانون مڙهڻ شروع ڪري ڏنا ۽ انهن قانونن کي نـه مڃيندڙن کي مارڻ ۽ انهن جي مال، عورتن ۽ زمينن جي ڦُرلُٽ ڪرڻ شروع ڪري ڏني ، تنهنڪري ڪاڪا، دُنيا ۾ انسان جو سڀ کان وڏو مذهب پنهنجي ڪُل ڪائنات سان پيار ڪرڻ آهي ، جيڪا ڪنهن بـه هڪ مذهب جي جاگير نـه آهي ، اُن تي نـه ڪو هندو ٿو دعويٰ ڪري سگهي ، نـه ڪو مُسلمان، نـه ڪو ڪرسچن ۽ نـه ئي ٻيو ڪو مذهب ..! “
    موهن ، سانول جي ڪُلهن تي هٿ رکندي چيو ـــ ،
    ” سانول پُٽ ، ڏس انسان ڪيترو نـه ڀورو آهي جو ايترڙي بـه ڳالهـه سمجهـه ۾ ڪونـه ٿي اچيس تـه هو پنهنجي خيالي ٺاهيل سُرڳ (جنت) ۽ نرڳ(دوزخ) جي دوکي ۾ پنهنجي ئي انساني نسل جو خون ڪندو وتي.“
    موتي ٻنهي جون ڳالهيون ، پنهنجن ڳلن تي هٿ رکيو ، غور سان ٻُڌي رهيو هو ، راڌا بـه پنهنجي پوڄا مان واندي ٿي ، هنن ڏانهن ، چونئري ۾ هلي آئي هُئي راڌا ، چونئري ۾ اندر گهڙڻ شرط ، سانول سان مُخاطب ٿيندي چيو ـــ ،
    ” سانول ، اڄ ڪيڏو نـه خوشيءَ جو ڏينهن آهي جو ، اڄ ڪوڙ ۽ مِڪر جي شڪست ٿي آهي . “
    سانول ، راڌا ڏانهن نهاريندي وراڻيو ـــ ،
    ” راڌا ، دُنيا ۾ هميشـهٰ سچ ۽ حق جي فتح ٿي آهي ، پر جي اهو واقعي هڪ طاقت بڻجي ويڙهـهُ ڪري تـه .............................“
    موهن وراڻيو ـــ ،
    ” دُنيا ۾ ڪوڙ ۽ مِڪر جي هار تڏهن ٿيندي ، جڏهن شين ، مذهبن ۽ ورهاست تان دعويداري ختم ٿيندي ، جيسين ڏاڍي ۽ ظالم کي موچڙو نـه لڳندو. “
    سانول چيو ـــ ،
    ” ڪاڪا ، ڪڏهن نـه ڪڏهن اهڙو ڏينهن اچڻو آهي، ڇاڪاڻ تـه سڄي ڪائنات، هميشـهٰ چُرپُر ۾ رهي ٿي ۽ چُرپُر جي ڪري تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ چڱيون شيون ۽ بُريون شيون هميشـهٰ ٽڪراءُ ۾ رهن ٿيون ۽ اڳتي بـه رهنديون ، ڪڏهن خير، شر کي قابو ڪندو تـه ڪڏهن شر، خير تي قابض ٿيندو. “
    موهن خوشيءَ وچان ، سانول جو نرڙ چُمندي چيو ـــ ،
    ” پُٽ ! تو جهڙا، سپوٽ پُٽ، هن دُنيا ۾ هميشـهٰ پيدا ٿيندا رهن ، جيئن هن دُنيا کي نوان خيال ۽ جذبا ملندا رهن. “
    سانول ، موهن جو جُهرين سان ڀريل چهرو، پنهنجن هٿن ۾ جهليندي چيو ــــ ،
    ” ڪاڪا ، زندگي هلندي رهڻ جو نالو آهي، اُن لاءِ تـه جيڪو ڪُجهـ اسان کان اڳ ظلم ٿيو هو ۽ اڄ جيڪو ظلم ٿئي پيو ۽ اسان جي ايندڙ پيڙهي سان جيڪو ظلم ٿيندو تنهنجو ازالو ڪريون ۽ هن ڌرتي تي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري وڃون جيئن ايندڙ پيڙهي اهڙن ظُلمن کان آزاد ٿي نئين سري سان، نئين دُنيا ويهي اڏڻ جهڙي ٿي سگهي.“
    موهن ، سانول جو هٿ ، پنهنجن هٿن ۾ جهليندي چيو ـــ ،
    ” سانول ، مون وٽ ، برهمڻ آباد ايندو رهجان ۽ پنهنجي ڪاڪِي کي بـه اهي ڳالهيون سيکار تـه هو پنهنجن پُراڻن غمن مان نڪري نئين سري ، نئين مقصد لاءِ زندگي جيئڻ شروع ڪري . “
    ۽ برهمڻ آباد ڏانهن وڃڻ لڳو تـ سانول ٿورو ڏاڍيان چيو تـه
    ” ڪاڪا ، پنهنجي طبيعت جو خيال رکجو ، اسان کي اوهان جي شفقت جي ضرورت آهي . “
    راڌا بـه سانول جي ڳالهـه کي سُر وٺائيندي چيو ـــ ،
    ” ڪاڪا ، سانول صحيح ٿو چوي نـه تـه موتي کي موڪلي، اوهان جي چوڪسي ڪرائينديس ، ها.......! “
    موهن هيٺ لهي ويو ، سانول ۽ راڌا ، ويندڙ موهن کي ڏسندا رهيا ، جيڪو سالن جو ٿڪل ۽ ضعيف پئي لڳو ـــ .
    سج جا ڪرڻا بـه ، ڪارونجهر جي نويڪلين چوٽين وٽان لِڪڻ لڳا هُئا ، اونداهي جو ڪارو ديوَ بـه ڄڻ ڪي اچي پهتو هو .
    ” هوهوهوهوهوهوهو.......................“ سان گڏ ، ٻارن پٿر اُڇلائي ٿٰي هنيا ۽ اَها چريءَ ، لوءِ ڪري ٻارن ڏانهن ڀڄي ٿي آئي ــ ، ڦاٽل ڪپڙا ، سي بـه صدين جا ميرا ڪچيلا ، پيرين اُگهاڙي ـــ ، وار وکريل ، اکين ۾ پِچون ـــ ، وات مان گگهـه پئي نڪتي .
    جيئن چريءَ ٻارن کي مارڻ لاءِ لوءِ ڪري ، تيئن ٻارن کي رونشو وڌيڪ لڳي ۽ ٻار اُن چريءَ زينو کي تنگ ڪرڻ لڳا ، اُن چريءَ زينب ۾ اهڙي تـه بدبوءَ هُئي جو پاسي مان لنگهندي پئي ، قهرت ايندي هُئي ، تنهن هوندي بـه ڪيترن مُسلمان جوڌن ، رات جي پيٽ ۾ ، انهي چريءَ کي پنهنجي حوس جو نشانو ٿَي بڻايو ، هوءَ جيڪڏهن انهي ظُلم تي دانهون بـه ڪندي هُئي تـه سڀڪو چريو سمجهي ، پنهنجي گهرن جي چار ديوارن مان نڪرڻ گوارا ڪونـه ڪندو هو ، بس ، جيڪي ماڻهوءَ جنهن جي ڀوءَ کان ، هُندن جي ڳوٺن ۽ علائقن مان نڪري ڀڳا هُئا ، اها شيءَ پنهنجن مُسلمان ڀائرن ، پنهنجو اولين فرض سمجهي ، پورو ڪري ڇڏيو هو .
    گسن تي ڪريل ٻيڙين جا ٽوٽڪا تـه زينب لاءِ ڄڻ ماِل غنيمت هُئا ، هوءَ اهي ٻيڙين جا ٽوٽڪا گڏ ڪري پئيندي بـه هُئي ۽ پنهنجي جسم کي ڏنڀ بـه ڏيندي هُئي ، ٽن چئن مهينن سان پيٽ سان هُئي ، انهي ڪري ڏينهن رات جو گهڻو حصو روئيندي رهندي هُئي ۽ پنهنجي پيٽ تي زور زور سان مُڪون هڻندي ريهون ڪندي هُئي .
    ____________________________

    سانول گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ مندر ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو ، جنهن تي راڌا چيس ـــ ،
    ” سانول بابو ، توهان تـه مُسلمان آهيو ۽ هاڻي تـه بلڪُل نوبنا آهيو ، توهان جي دل هتي رهڻ گوارا ڪندي ! ؟ “
    ” راڌا ، آئون سمجهان ٿو تـه جتي منَ کي سُڪون ملي ، اُها جڳهـ الله جي آهي ۽ جتي دل بي سُڪونو رهي تـه اُها جڳهـ شيطان جي آهي ۽ مُنهنجي منٰ کي هتي سُڪون ملي ٿو ۽ مونکي پنهنجي عبادت ڪرڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ ڪانهي تـه پوءِ مون کي ڪنهن ٻئي جڳهـ تي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ، راڌا مونکي ۽ منهنجي منَ کي تنهنجي چاهـهُ کان سواءِ ٻيو ڪُجهـه بـه نـه گهُرجي ــ .“
    راجا اکيون جهُڪائي ، تمام ڌيرج سان چيو ـــ ،
    ” سانول ، منَ جو موهـه سڀ ڪنهن کي هوندو آهي ، انسان من جي شانتي ڳولڻ لاءِ پنهنجي سڄي حياتي جُستجو ۾ گهاري ڇڏيندو آهي، اوهان کي جيڪڏهن مُنهنجي ڪري سڪون ملي ٿو تـ اهو پڪ سمجهو تـ مُنهنجي منَ جي شانتي بـه اوهين ئي آهيو ، جي اوهان نـه هجو ها تـه شايد پِتا(پيءُ) جي ديهانت ( مرڻ) کي برداشت نـه ڪري سگهان ها ..........، سانول آئون ايشور جي داسي آهيان ۽ مون پاڻ تي ويواهـ(شادي) حرام ڪري ڇڏيو آهي، جي اِن هوندي بـه اوهين هتي رهڻ چاهيو ٿا تـه ڀل رهو ، نـه تـه بـه آئون اوهان کي وڃڻ کان روڪينديس ڪانـه ! “
    سانول مُرڪندي وراڻيو ـــ ،
    ” چريءَ پيار رُڳو شرير(جسم) جو هوندو آهي ڇا ؟ .......ڇا مُنهنجي آتما (روح) توکان جُدا ٿي سگهندي ، هان...........! راڌا ، شرير(جسم) ملڻ ڪا اهم ڳالهـه ڪونهي ، جيڪڏهن تون ايشور جي داسي آهين تـه ائين آئون تُنهنجو داس آهيان ، جيئن ايشور ديوتا، اوهان لاءِ پاڪ، پويتر ۽ اعليٰ آهي، ائين ئي تون مون لاءِ ايتري ئي پاڪ ، پويتر ۽ اعليٰ آهين“
    راڌا اکيون کڻي ، سانول کي گهوري ڏسندي وراڻي ــــ ،
    ” سانول، پيار ۾ ايڏي طاقت هوندي آهي، جو انسان جو موهـه ، انسان ۾ ڀڳوان جهڙو رشتو پيدا ڪري وجهندو آهي ،آئون تـ هميشـهٰ ويواهـه (شادي ) ئي کي پيار جو ٻنڌڻ سمجهندي هُيس . “
    سانول ، راڌا جي مٿي تي ، ساڙهي جو پلوءَ دُرست ڪندي چيو ـــ ،
    ” اصل تـه پيار هوندو ئي روح ۾ آهي ۽ روح ، انسان جو اصل آهي ، اصل ۾ ئي اصل سچ آهي ، باقي سڀ دوکو ۽ دولاب آهي، حُسن جي اصل بناوت ئي اصل آهي ۽ بناوت جو اصل قُدرت ۽ فطرت آهي تـه پوءِ اصل ئي اصل جو سچ هوندو آهي نـه ـــــ . “
    راڌا ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي .
    سانول وڌيڪ چيو ــــ ،
    ” راڌا ــ ، جيون جو ٻيو نالو آهي پيار ــــ ، قُدرت جي پيدا ڪيل هر شيءِ سان ــ، جي جيون مان پيار ڪڍي ڇڏجي تـه جيون جو اصل مري ويندو.“
    راڌا پُڇيو ـــ ،
    ” سانول ، پوءِ انسان پنهنجي منَ جي ڀاونائن(خواهشن) جو غُلام ڇو آهي ؟ “
    سانول وراڻيو ــــ ،
    ” راڌا ، جيئن انسان حادثن کان اڻ ڄاڻ هوندو آهي ، تيئن هو پنهنجين ڀاونائن(خواهشن) کان بـه اڻ واقف هوندو آهي ۽ انهن ڀاونائن(خواهشن) جي موهـه جي ڪري، هميشـهٰ بي سڪونو رهي ٿو ، هر نئين ڀاونا(خواهش) ـــــ ، هر نئين اُتساهـه کي جنم ڏئي ٿي ۽ هر نئون اُتساهـه ، هر اڳرو ڪم ڪرائڻ تي مجبور ڪندو آهي ۽ پوءِ هرنئين ڀاونا (خواهش) انسان جي اصل کي ماري، پنهنجو غُلام بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ انسان ويچارو پنهنجي هٿ وس نـه رهندو آهي . “
    راڌا مُرڪندي چيو ــــ ،
    ” اڄ کان توهان هن مندر جا مهاراج آهيو ، جنهن انت جي گيان(علم) کي پنهنجي منَ سان حاصل ڪيو آهي ۽ انت جو گيان(علم) ، هڪ نئين جنم جي شروعات آهي . “
    سانول وراڻيو ــــ ،
    ” نـه راڌا ، ايشور جي داسي تون آهين ۽ تون دُعا ڪر تـه ايشور جي ڪرپا سان ، آئون خلق جي خدمت ڪري سگهان . “
    راڌا چيو ـــ ،
    ” آئون تـه هميشـٰه اوهان جي دُعاڳو آهيان . “
    سانول وراڻيو ــــ ،
    ” راڌا ، گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو ڪاڪو موهن هيڏانهن پاڻ ڏانهن لڙيو ئي ڪونهي ۽ رات موتي ٻُڌايو پئي تـه ڪالهـ ڪاڪي موهن جي طبيعت ٺيڪ نـه هُئي ، سو سوچيان پيو هينئر وڃي ڏسي بـه اچانس ۽ حال احوال بـه وٺيو اچانس . “
    ۽ سانول اُٿي وڃڻ لڳو تـه راڌا چيس ــــ ،
    ” منهنجي پاران بـه طبيعت جو پُڇجو .“
    سانول موٽ ۾ ” چڱو “ چئي ڪاڪي موهن ڏانهن روانو ٿي ويو .
    وشني جي انهي سفر ۾ ساڻس ڪوبـه ساٿي گڏ نـه هو، هو اڪيلو پنهنجي گڏهـه ساڻ اچي ڏاني ڌانڌل جي ويجهو پُهتو هو ، هن جي ملاقات گس ويندي ڪيترن ئي اُجڙيل ڪُٽنبن سان ٿي هُئي ، هُن جي ذهن ۾ اُهي پريشان، ٿڪل، مايوس ۽ ڊنل چهرا چٽجي ويا هُئا.
    جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ” جنتا راڄ هلچل “ جو اجلاس ٿيو هو تـه مُلڪ جي مُختلف علائقن ڏانهن سڀني کي ٻن ٻن جي ٽولن ۾ اُماڻيو ويو هو پر وشني کي ڪارونجهر جي ڪُور ڏانهن اڪيلي سر اچڻو پيو هو، تڏهن بـه هندستان جي ڪيترن علائقن تائين ” جنتا راڄ هلچل “ جا ميمبر پُهچي ڪينَ نـه سگهيا هُئا، هندستان ڇا پر سڄي ايشيا جي حالت، ڪنهن فالج زدهـه انسان جيان ٿي ويئي هُئي، جنهن کي ڪنهن سُٺي ڊاڪٽر جي ضرورت هُئي .
    وشني کي ڏاني ڌانڌل پُهچندي پُهچندي، سج لهي ويو هو، تنهنڪري هن ڏاني ڌانڌل ۾ ئي رات گهارڻ جو فيصلو ڪيو، هُن کي هونءَ تـه سفر ۾ اڄ پنجون ڏينهن هو، هن جو اُتان نڪرڻ وقت ئي اهو اندازو هو تـه هو هفتي کن ۾ آڌي گام پُهچندو، هن پنهنجي سامان مان ڪتاب ” ۽ چراغ ٻرندو رهيو “ کڻي لالٽين جي هلڪي هلڪي روشني ۾ پڙهڻ لڳو .


    5

    موهن ۽ سانول وارا هاڻي پنهنجو هٽ چڱي طرح ڄمائي چُڪا هُئا ۽ ڏينهن ٻن ۾ چڱي خاصي شُهرت حاصل ڪري ورتي هُئن، پنهنجي علاج وسيلي اوير سوير ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي سُٺي ورتاءُ جي ڪري انهي علائقن جي ماڻهن ۾ ڏاڍا مقبول هُئا ، ڪارونجهر ۽ اُن جي آس پاس جي غريب ماڻهن جي ننڍن ننڍن پريشانين ۽ مسئلن جو حل تـه سانول وٽ موجود هوندو هو ۽ ڪيترن ئي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي هڙان وڙان مدد ڪندو رهندو هو.
    ” سانول ابا، ڪُجهـه وقت پهرين، مُکي شارو جي ڳوٺ واري پنهنجي ٻائي شارڌا آئي هُئي ، چيائين پئي تـه سندس جو ڪِڪو سخت بيمار آهي، اُلٽي ۽ پيچش وغيره ٿي پيا اٿس، تون هتي هُئين ڪونـه، سو تنهنجو انتظار ڪري ڪري ويئي هلي، هاڻي تون هيئن ڪر تـه سندس گهر وڃي، اُن جي ننڍڙي ڪِڪي کي ڏسي اچ . “
    ڪاڪي موهن آندل سامان کي سنڀاريندي ، سانول کي چيو .
    سانول بـه پنهنجي حڪمت وارو ٿيلهو کڻي، مُکي شارو جي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويو، هڪ ٻـه لَڪَ ٽپِي سانول مُکي شارو جي ڳوٺ پُهچي، سِڌو ٻائي شارڌا جي چونري ڏانهن هليو آيو، جتي، ٻائي شارڌا سخت پريشاني جي حالت ۾ پنهنجي ننڍڙي ڪِڪي کي، پنهنجي جهولي ۾ سُمهاريو ويٺي هُئي، سانول ايندي شرط ننڍڙي کي چڪاسيندي چيو ــــ ،
    ” ڀيڻ ، هن کي سائي ٿي ويئي آهي پر اڃان گهٽ حالت ۾ آهي ، ان جو علاج ڪريون ٿا باقي پيچش تـه انشاءَ الله هاڻ ئي بند ٿي ويندا “
    ۽ پنهنجي حڪمت واري ٿيلهي مان ڪُجهـه ڦڪين جون پُڙيون ۽ ڪُجهـه ڪک ڪڍي ، شارڌا کي ڏنا تـه ٻائي شارڌا پنهنجي منَ جي تسلي لاءِ پُڇيو ـــ
    ” ابا مُنهنجو ٻچڙو ٺيڪ تـه ٿي ويندو نـه ! “
    سانول دلداري ڏيندي وراڻيو ـــ ،
    ” ادي ، اهڙي ڪا ڳالهـ ڪونهي جنهن جي ڪري ڪا پريشاني ٿئي ، هلڪي سائي اٿس ، دوا ڏيو پيو وڃان باقي گيهـ ، مکڻ ۽ مٺائي وغيره کان پاسو ڪرائيجانس ۽ ڪُجهـه ڏينهن مال وغيره ۾ نـه ڇڏجانس ، ڀل ڪُجهـ ڏينهن آرام ڪري ۽ هي پُڙي صبح شام کارائڻي آهي ۽ هي ڪک نيراني پاڻي ۾ ٽهڪائي، ڇاڻي، ان جو جوشاندو پئياريجينس ، الله ڪندو تـه ٻـه چار ڏينهن ۾ بيماري ۾ ڪافي فرق اچي ويندو ادي. “
    شارڌا سانول کي دُعائون ڏيندي وراڻي ـــ ،
    ” ادا ڀڳوان ڪري ، سدائين خوش رهين ، مُنهنجي ٻچي جو علاج ڪري ٺيڪ ڪندين تـه تُنهنجي هيءَ ڀيڻ ، توکي سڄي ڄمار پئي دُعائون ڏيندي. “
    سانول ، ٻائي شارڌا جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو ـــ ،
    ” ڀيڻ ، اسان کي وڏڙن هميشـهٰ ، الله جي پيدا ڪيل هر شيءِ سان پيار ڪرڻ سيکاريو آهي ۽ جيون تـه ڀڳوان طرفان ڏنل هڪ املهـ تُحفو آهي، جنهن کي بچائڻ تـه مُنهنجو فرض ٿئي ٿو ، تون ڀيڻ اُلڪو نـه ڪر ، انشاءَالله دوا پنهنجو اثر ڪندي ۽ الله جي حڪم سان ڪِڪو ٺيڪ ۽ جلد نوبنو ٿي ويندو “
    سانول ننڍڙي کي پيار ڪندي چيو ـــ ،
    ” اڙي هيڏڙِي بيماري کان ڊڄي ويو آهين ، تون تـه شينهن لڳو پيو آهين ......هان ......ڪاڪو ويٺو آهي نـه ، دوا ڏني آهي ، ضرور کائيجان ، ٺيڪ آهي نـه ... دوا جي ڊپ وچان بيماري ڀڄي وڃي ڀٽن ۾ لڪندي . “
    ننڍڙي ڪنڌ ڌوڻي “هائوڪار” ڪئي ۽ لڄائيندي ، پنهنجو مُنهن ، پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ لڪائي ڇڏيائين سانول بـه ڪُجهـه هدايتون ڏيئي ، واپس هٽ لاءِ نڪري آيو .
    انگريز سرڪار ڪشور کي نئون مُختيارڪار ڪري برهمڻ آباد ۾ موڪليو هو، خاص ڪري ڪميونسٽ پارٽي جي هلندڙ سرگرمين تي، ڪڙي نظر رکڻ لاءِ. جڏهن کان 1857ع جي بغاوت ٿي هُئي ، تڏهن کان انگريز عملدارن ۾ ڦڙڦوٽ پيل هُئي ، هو اڳي کان وڌيڪ چوڪس رهڻ لڳا هُئا ، جڏهن کان ڀڳت سنگهـ واري بغاوت دٻاڻي هُئي تڏهن کان، بغاوتن ۾ ماٺار تـه ٿي ويئي هُئي پر ڀڳت سنگهـه جي بُک هڙتال ۽ بغاوت جي ڪري ، هندستان جي نوجوانن ۾ نئون روح پئجي ويو هو.
    جنتا راڄ هلچل جي نوجوان ليگ، خفيـهٰ ڀرتي مُهم چالو ڪري ڇڏي هُئي جنهن ۾ هندستان جا نوجوان ڀرپور حصو وٺي رهيا هُئا، جنتا راڄ هلچل جي خُفيـهٰ ليگ جي ميمبر پارورتي جي موت ، جنتا راڄ هلچل جي لاءِ ڄڻ خطري جو هڪ اڻ ڏٺو چتاءُ هو پر پارورتي گرفتار ٿيڻ وقت ، مُنڊي ۾ پيل زهر کائي ورتو، جنهن جي ڪري جنتا راڄ هلچل ڪنهن وڏي نقصان کان بچي ويئي پر انگريز سرڪار جي سڄي ميشنري کي اندر تائين ڏڪائي وڌو هو ، انگريز سرڪار اڳ ٿيندڙ بغاوتن کان پريشان هُئي تـه مٿان وري ڪميونسٽ پارٽين جي وڌندڙ زور ۽ اثر رسوخ ، سندن جون وايون بتال ڪري وڌيون هيون ، تنهنڪري انگريز سرڪار ڪميونسٽن کي ڪچي ۾ ئي ماري ختم ڪرڻ ٿي چاهيو جيئن اڳتي هلي هنن لاءِ ڪا وڏي مُصبيت کڙي نـه ڪن ، اُن ڪري شڪ جي بُنياد تي ڪيتريون ئي گرفتاريون بـه ڪيون هُئن پر انهي سان بـه ڪو خاص نتيجو ڪونـه نڪري سگهيو هو .
    برهمڻ آباد ۽ اُن جي ڀر پاسي ۾ راجپوتن ۽ ٺڪرن جي بغاوتن ۽ اُتي رهندڙ ننڍن ننڍن ڌاڙيلن جي ٽولن جي ڪارروائين جي ڪري ڪافي مُحتاط رهڻو ٿَي پيو پر ڪشور بـه ڪا گهٽ شخصيت ڪونـه هُو، هو ذهين ۽ ماڻهن جي چهرن کي پڙهڻ جو وڏو ماهر هو ، هُن، هِن کان اڳ ڪيترن ئي بهادر ۽ نڊر بلوچ اڳواڻن کي مارائي، بلوچن جي طاقت کي ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري چڪو هو ،تنهن ڪري انگريز سرڪار بـه پنهنجي وڇايل هن بساط تي ، هندستان جي ئي ديسي پيادي کي ميدان ۾ لاٿو هو .
    راڌا ، ايشور جي سيوا ڪرڻ کانپوءِ ، هندي ۽ سنڌي ٻولي جا پاٺ(سبق) بـه پڙهڻ لڳي هُئي ، جنهن ڪري هاڻ گهڻو ڪُجهـه لکڻ ۽ پڙهڻ بـه سکي ورتوهُيس ، لکڻ پڙهڻ جي مشغولي جي ڪري راڌا هاڻ ڪافي مصروف رهڻ لڳي هُئي ، ان کان سواءِ علائقي جون ڪافي عورتون بـه پنهنجا ننڍا ننڍا مسئلا ، هن وٽ ئي کڻي اينديون هيون ، راڌا انهن جا اهي ننڍا ننڍا مسئلا ، اهڙي تـه سهڻي نموني نبيريندي هُئي جو ڪيتريون عورتون کلي ، خوش ٿي اُٿينديون هيون .
    ڪشور جي اک ۽ سندس ماڻهو چوگرد علائقي ۽ ماڻهن جي سخت نظرداري ڪري رهيا هُئا ، پر مندر ڏانهن هنن جو ڪڏهن ڌيان ڪونـه ويو ، راڌا ۽ سانول ، پنهنجي هلت چلت ، اخلاق واطوار، ڌيرج ۽ ڏاهپ جي گُڻن جي ڪري، برهمڻ آباد جي سڄي علائقي ۾ ممتاز حيثيت حاصل ڪري ورتي هُئي سو هنن کي ڪشور بـه عزت و احترام جي نگاهـ سان ڏِسندو هو .
    راڌا پنهنجي والد جي ويدڪ ڪتابن ۽ ڌرمي پُستڪن کي بـه آهستي آهستي ڪري ، پڙهڻ لڳي هُئي ، جيڪي ڳالهيون ، سمجهـه ۾ نـه ٿَي آيون تـه اُن متعلق سانول کان ٿَي پُڇا ڪيائين انهي ڪري راڌا جي ذهني اوسر بـه چڱي طرح ٿي رهي هُئي ، ڳالهين کي جلد سمجهڻ ، انهن کي وسيع نظري سان پرکڻ سکي ويئي هُئي ، انهي ڪري ڳالهين کي مٿاڇري نظر سان ڏسڻ ڇڏي ڏنو هُئائين ، هاڻ پنهنجو پاڻ ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت ۾ بـه اضافو ڪري ڇڏيو هُئائين.
    وشنو ، ڪالهـ آڌي گام جي ڳوٺ ، ڀيرو جي تڙ پهتو هو ، جتي رابطي وارو ماڻهو ملي نـ سگهيو هو ، ان جي گهر کي باهِـ ڏنل هُئي ۽ سامان جو ذرو بـ اُتي موجود ڪونـ هو ، اهو سڀڪُجهـ ڏسي وشنو هيڪر تـ پريشان ٿي ويو پر پوءِ همت ڪري ، اُنهي ساڳي جاءِ تي ، نئين سري سان چوئنرو اڏڻ شروع ڪري ڏنائين ، اُتي رهندڙ هندن مان ڪنهن بـه ڪو اعتراض ڪونـه ڪيو، رات اندر اڪيلي سر هُن چوئنري جون ڪافي ڀتيون کڻي ورتيون هيون ، هڪ ٻن ڏينهن جي محنت سان وشني چوئنري کي مڪمل ڪري ورتو جيئن ئي چوئنري واري ڪم کان فارغ ٿيو تـه پنهنجي ڪم ڪرڻ جي باري ۾ سوچ ويچار ڪرڻ لڳو تـه هن کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪٿان کان شروعات ڪرڻ گهُرجي ، ڇو تـه رابطي وارو ماڻهو بـه هن کي ڪونـه مليو هو ۽ ٻيو تـه مذهبي جهيڙو بـه پنهنجي عروج تي هو ، هي پاڻ بـه هن علائقي ۾ صفا نئون ماڻهو هو .
    وشني ٻئي ڏينهن صبح ساڻ پهريون ڪم اهو ڪيو جو پنهنجو درزڪو هٽ کولي ، سڀني کي چانهـ جي دعوت ، گهر گهر وڃي ڏنائين ، تنهنڪري ڳوٺ جو هر ماڻهو ، انهي دعوت جي باري ۾ پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو هو .
    ڪاڪي ماني چيو تـه ــــ ،
    ” ادا ، نئون نئون ڳوٺ ۾ آيو آهي ، انهي ڪري ڳوٺ وارن سان لهـه وِچڙ ۾ اچڻ لاءِ اها دعوت ڪئي اٿس . “
    سومجي ، انهي ڳالهـ جي مُخالفت ڪندي چيو ـــ ،
    ” ڪاڪا ، تون تـه صفا ڪو ڀورو آهين ، ائي ...مُسلمانن لُٽي ڦُري ڇڏيو اٿس ، هاڻي ڳوٺ وارن کان چندو ڪٺو ڪرڻ لاءِ دعوت ڪئي اٿس ، ٻيو ڇا ؟ “
    ڪاڪو مانو ، سومجي جي ڳالهـه ٻُڌي ، بخيلائي ۾ وراڻيو ـــــ ،
    ” هل پُٽ ، ايسيتائين ابا ڪيترن جي مدد ڪئي اٿو ۽ اڳي ڀلا ڪيترن اوهان کان مدد گهُري آهي ، جو هاڻ هي اوهان کان مدد گهُرندو . “
    پرڀو ، ڪاڪي ماني جي ڳالهـه ۾ وڌاءُ ڪندي چيو ـــ ،
    ” سچي ڳالهـه آهي ......، هي پنهنجو سونو ، لُٽجي ڦُرجي هتي آيو هو تـه رهڻ لاءِ ، ڪنهن جاءِ بـه ڪونـه ڏنس پر کائڻ لاءِ ٻن وقتن جي مانيءَ جو ويلو بـه ڪنهن ڪونـه کارائيس ، شابس وري بـه ڪاڪي موهن ۽ سانول کي هُجي ، جن ويهـه ڪوهـه تان ويهي بـه سونو جي مدد ڪئي هُئي . “
    سومجي ويچارو ڳالهـه ڪري ڦاسي پيو هو ، نانگجي ، جيڪو پريان ، اُٺ جي ڪجاوي کي سبي رهيو هو تنهن چيو ـــ ،
    ” پرڀو ، سوَ سيڪڙو کرِي ڳالهـه ڪئي اٿئي ،ڪاڪي موهن ۽ سانول نـه رڳو ، سونو جي مدد ڪئي پر ٻين ڪيترن ئي غريبن کي پنهنجي وس آهر مدد ۽ آٿت ڏيندا رهندا آهن ، سانول جي هٿ ۾ ڀڳوان اهڙي تـه شِفا رکي آهي جو هر ڪنهن غريب غُربي جو علاج مُفت پيو ڪندو ............................“
    روجي ، نانگجي جي ڳالهـه اڌ مان ڪٽيندي چيو ــــ ،
    ” اڙي نانگجي ، اهي تـه آهن ساڌو سنت ۽ بُزرگ ماڻهو پر وشني جو تـه نـه ڪو اتو پتو آهي تـه ڪٿان آيو آهي ڪيڏانهن ويندو ۽ نـه ئي وري ڪو ٻار ٻچو اٿس ، انهي ڪري اُن لاءِ تـه ادا ڪُجهـ چئي نـه ٿو سگهجي نـه !“
    ڪاڪي ماني ، تجويز ڏيندي چيو ـــ ،
    ” منهنجو تـه خيال آهي ، ڪاڪي موهن وارن کي بـه دعوت تي وٺي وڃجي ، اهي سياڻا ۽ ڏاها بـه آهن ، جي اهڙي تهڙي ڪا ڳالهـه ٿي تـه ماحول کي پاڻهي سنڀالي وٺندا . “
    نانگجي ، ڪاڪي ماني جي ڳالهـه جي تائيد ڪندي چيو ـــ ،
    ” هائو ، اها ڳالهـه دل کي لڳي ٿي . “
    پرڀو ، انهي ڳالهـه تي وراڻيو ــــ ،
    ” ڪاڪا پهرين پاڻ تـه ملي ڏسونس تـه همراهـه ڪيتري پاڻي ۾ آهي ، هروڀرو ڪاڪي موهن وارن کي تنگ ڪريون ، پاڻ ملي ، خبرون ڪري وٺونس ، پوءِ پيا ڪاڪي موهن ۽ سانول سان انهي وشني جون خبرون ڪنداسين . “
    والجي ، ڇني جي ٿوڻي سان پنهنجي اَڀري گڏهـه کي ٻڌندي ، سڀني کي سلام ورايو ۽ گڏهـه تان آٿر لاهيندي چيو ـــ ،
    ” ٻيلي ، ڳالهـه ٻُڌو ، آئون چانهـه پيئندس ، سڄو بدن پيو پيڙا ڪري ..! “
    سومجي هڪدم وراڻيو ــــ ،
    ” هائو ٻيلي ، لڳي ٿو تـه راتوڪو پنڌ ۾ آهين ، ٿڪاوٽ تـه ٿيندي نـه ....، پرشوتم وارو ڪر ، مُنهنجي گهران پتي ، کنڊ ۽ کير کڻي اچي ، جلدي ۾ چانهـه ٺاهي وٺ ............، ويهـه تـ سهي ، ڏي ڪي خبرون جبل جون! “
    ڪاڪو مانو ، ٻڪري جي ڏاس مان ، رسي کي وٽيندي وراڻيو ـــ ،
    ” هائو ٻيلي ، تون تـ پورا ست ڏيهاڙا جبل ۾ هُئين ، ڪئين رنگ ڏٺا هوندئي ! “
    والجي ، پنهنجي چتين لڳل صدري لاٿي تـه سندس هڏائون پڃرو ظاهر ٿي پيو ، والجي پنهنجي پٽڪڙي بـه چوئنري جي ٻاهران نڪتل ڪاٺي ۾ ٽنگي ڇڏي ۽ پاڻ اٿلي پٿلي ماري ، سڀني جي وچ ۾ ٿي ويٺو ۽ ستن ڏينهن جون سانڍيل خبرون ٻُڌائڻ لڳو .
    ڪاڪي موهن ۽ سانول گڏجي ، برهمڻ آباد ۾ نينگرين جي پاٺ شالا(مُڪتب) کولي ورتي هئي ، جنهن ۾ راڌا روز ٻارڙين کي پڙهائڻ ، مندر کان برهمڻ آباد ايندي هُئي ، پاٺ شالا (مُڪتب يا اسڪول) جو پهريون ڏينهن تـه صفا مايوس ڪن هو ، راڌا پاٺ شالا (مڪتب يا اسڪول) ۾ اڪيلي ويٺي رهي ، ڪاڪي موهن گهر گهر وڃي ٻارڙين کي پڙهائڻ لاءِ چيو پر ڪو به ماڻهو پنهنجي نينگري پڙهائڻ لاءِ تيار ڪونـه هو ، هفتي ڏيڍ جي مٿا ڪٽ کانپوءِ مسهين مسهين ٻـه نينگريون پڙهڻ لاءِ آيون هيون سوبـه پندرهن ويهن منٽن لاءِ ، راڌا جو باقي ڏينهن ائين فارغ ئي گُذري ويندو هو .خود سانول کي بـه برهمڻ آباد کان ڪيئي مهينا ٻاهر رهڻو پوندو هو ، علاج معالج جي سلسلي جي ڪري ، ڏور ڏور جا ماڻهو سانول کي وٺي ويندا هُئا ۽ جيڪڏهن ڪو وقت ملندو بـه هُئس تـه جبل ۾ ٻوٽيون ڳولڻ لاءِ نڪري ويندو هو .
    هونءَ تـه سڄي هُندستان ۾ مذهبي رُحجان ڏينهون ڏينهن وڌي وڻ ٿيو هو پر اُن جو چڱو خاصو اثر ٿر ۽ پارڪر جي علائقي تي بـه پئجي رهيو هو ۽ انهي اثر جو فائدو ، پنڊت نائون مل ۽ سندس چيلا وٺي رهيا هُئا ، مذهبي ڳالهين کي واءُ ڏيئي ، پنهنجي آس پاس پنهنجن چيلن ۽ پوئلڳن جو وڏو حلقو پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا ، مهاراج همنيت جي قتل ٿيڻ جو فائدو ـــ ، سيٺ نارائڻ داس کي تـه نـه مليو البت ان قتل جو فائدو پنڊت نائون مل کي ضرور مليو .
    راڌا ، سانول ۽ موهن وارن جو پرچار خالصتن اصلاحي هو ، تنهنڪري هنن جي حلقي ۾ غريب طبقي جا ماڻهو تمام گهڻا پئي شامل ٿيا باقي وڏا سيٺي ۽ زميندار ، پنڊت نائون مل جي جهولي ۾ پيل هُئا ، پنڊت نائون مل ، سانول جي شُهرت کان ساڙ کائيندو هو ۽ من ئي من ۾ پيو سانول کي ختم ڪرڻ جون سازشون سٽيندو هو ، انهي ڪري پنهنجن اجتماعن ۾ سانول خلاف زهر اوڳاڇيندو رهندو هو ڇاڪاڻ تـه سانول ئي پنڊت نائون مل جي انتها پسندي ۽ مڪارانا ڳالهين جو پردو فاش ڪندو هو ، پنڊت نائون مل جي اصل اک ، ٿر جي سڀ کان وڏي ۽ پويتر (پاڪ) ڪارونجهر جي انهي مندر تي هُئي جتي سانول ۽ راڌا رهندا هُئا هن پنڊت نٿي چاهيو تـه هن جي برابر جو ڪو ماڻهو هُجي ، هُن سانول خلاف ڄڻ هڪ محاذ کولي باقاعدي ويڙھه شروع ڪري ڏني هُئي ۽ اُن جي حمايت وڏا سيٺي ۽ زميندار ڪري رهيا هُئا.
    ڪشور جي اوچتي سرڪاري عملدارن ۽ عهديدارن سان گڏجاڻي سرڪاري مُلازمن ۾ عجيب ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي هُئي ، هر ڪو حيرت ۾ هو تـه اوچتو اوچتو، اهڙي هنگامي گڏجاڻي ڪرڻ جو مقصد ........! جيترن سرڪاري حلقن ۾ اهو چوٻول بـه هو تـه جيڪو بـه سرڪاري مُلازم، ڪنهن بـه پارٽي سان همدردي رکي ٿو ٿا اُن لاءِ ڪم ڪري ٿو اُن کي نوڪري مان ڪڍيو پيو وڃي ـــ ، ايسري کي تـه پڪ هُئي تـه هن جي نوڪري تيل ٿي ويندي ، انهي ڪري ڊوڙي وڃي ڪانگريس جي چڱي مڙس نهال چند وٽ پهتو .
    ” سائين ، اڄڪلھه تـه مسلم ليگين جي چُرت تي ، ڪانگريس جي حمايتين کي ، نوڪرين مان ڪڍڻ جون سازشون پيون جوڙيون وڃن ..... سائين ٻُڌڻ ۾ آيو آهي تـه مٿي اهڙن ڪيترن ئي سرڪاري مُلازمن کي نوڪري تان جواب ڏيئي گهر اُماڻيو ويو آهي ........، سائين مُنهنجا ننڍا ننڍا ٻچا آهن ، مٿي ڳالهايو نـه !“ نهال چند وٽ بـه اهي اُفواھ پُهتا هُئا تـه انگريز سرڪار ، ڪُجھ سختي ڪئي آهي پر اهي افواھ ايترو وڃي اثر ڪندا ان جو اندازو نـه هُئس سو ايسري جي ڳالھ ٻُڌي هيڪر تـ منهن تي پريشاني ظاهر ٿي پيس پر آخر هن پوري علائقي جو ڪانگريس جو اڳواڻ هو ، انهي ڪري پنهنجي ڪارڪنن کي تـ هر حال ۾ مُطمئن نظر اچڻو هُئس .
    ” ايسرا ـــ ، دراصل اها سرڪار جي نئين پاليسي آهي تـه هرڪنهن پارٽي جي انهي ميمبر تي نظر رکي وڃي جيڪو ڪنهن نـه ڪنهن پارٽي ۾ آهي ، اُن ۾ صرف ڪانگريسي ٿوري آهن اُهي سڀئي پارٽيون جيڪي انگريزن جي خلاف آهن سي سڀئي شامل آهن ، بس هاڻ توهان رُڳي هئين ڪريو ڪي پنهنجون سڀئي سياسي سرگرميون حال فلحال مُعطل ڪري ڇڏيو ۽ آئون بـه تيسين مٿي پارٽي وارن سان ملڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. ”
    ايسري گهٻراهٽ ۾ پاسو ورائيندي چيو :ـ
    ” پر سائين ، هينئر جيڪڏهن لسٽن ۾ چڙهي وياسين تـه پوءِ.......................! “
    نهالچند نهايت اطمينان ۽ ڌيرج سان وراڻيو :ـ
    ” سرڪار اهڙي تڪڙ ڪونـه ڪندي ، هن پوري سرڪاري ميشنري ۾ ڪنهن هڪ پارٽي جا ميمبر ته ڪونـ هوندا ، ايسرا هزارن جي تعداد هوندي ، انهن کي ائين هڪدم ٿوري ڪڍندا جي ڪڍندا تـه پوءِ مُلڪ ۾ انتشار ڪونـه پکڙجي پوندو ، تون دلجاءِ ڪر ، اهڙو ڪُجھ ڪونـه ٿيندو . “
    ايسري کڻي ماٺُ ڪئي پر هو نهالچند جي ڳالهين مان مُطمئن ڪونـه پئي نظر آيو ، نهالچند، ايسري جي حالت ڏسي ، پنهنجو ٻيو دائو کيڏيو ، پين ۽ پنو کڻي ڪُجھ لکڻ ويهي رهيو .
    نهالچند، ڪانگريس جي مقبوليت ڏسي پنج سال اڳ شامل ٿيو هو ، پنهنجي چڱي ساک ۽ ذهانت جي ڪري ، ڪانگريس جي مرڪز ۾ پنهنجي جڳھ ٺاهي ويو هو ، انهيءَ دوران پاڻُ ٻـه ڀيرا جيل جو مُنهن بـه ڏسي آيو هو تنهنڪري تجربي جي لحاظ کان ، ڪافي اڳڀرو هو ۽ پنهنجي علائقي ۽ ذات جو چڱو مڙس پُڻ هو .
    ڪاغذ کي لفافي ۾ بند ڪندي ، ايسري کي چيائين :ـ
    ” هن ۾ مون هتي جي سياسي صورتحال ۽ انگريز سرڪار جي هن ٿيندڙ ڪارروائي جي باري ۾ تفصيل سان لکيو آهي ۽ تُنهنجي تمام گهڻي پارت ڪئي اٿم، هاڻ تون، هي پيسا وٺ، هتان سڌو دهلي وڃجان، اُتي ڪانگريس جي مرڪزي آفيس ۾ هي لفافو پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شري رام لال کي ڏجان، هو پاڻهين ڪونـه ڪو بلو ڪري وٺندو ، ٺيڪ آهي نـه بابا ...، هرو ڀرو پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي ڀڳوان چڱي ڪندو ....“
    ايسري لفافو کڻي، پنهنجي اندرين صدري جي کيسي ۾ وڌو ۽ روانو ٿي ويو ، نهالچند تـه ايسري کي لفافو ڏيئي ، مُطمئن ٿي ويو هو پر ايسري جي من ۾ ڀئو گهر ڪري چُڪو هو ، تنهن هن کي دهلي وڃڻ بجاءِ سڌو مُختيارڪار ڪشور جي گهر ڏانهن وٺي آيو .
    ” او ڀايا...... ڪيڏانهن ٿو وڃين ؟ “
    پهري تي بيٺل سنتري ، جيڪو پريان ٺهيل هڪ ننڍي لانڍي ۾ ماني کائي رهيو هو ، ايسري کي ائين پنهنجي منهن لوءَ ڪري اندر ويندي ڏٺائين تـه رڙ ڪري پُڇيائين .
    انهي اوچتي سڏ جي ڪري ، ايسرو ڇرڪي پيو ۽ ڏڪندي وراڻيائين :ـ
    ” مائي باپ ... صاحب سان ضروري ڪم سان ملڻو اٿم .....“
    سنتري اُٿي اچي ، ايسري کي ٻاهر ڌڪيندي چيو:ـ
    ” هل هل ـــــ ، ملڻ جو بـه ڪو وقت هوندو آهي ، جنهن وقت ڏس ...... مُنهن کنيو ڀڳا اچن، هل هتان ، صبح جو صاحب سان آفيس ۾ ملجان ... ! “
    ايسري ويچارڳي سان ، مُختيارڪار جي گهر کي ڏٺو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ، پنهنجي گهر ڏانهن هليو آيو ۽ سڄي رات پاسا ورائيندي گُذري ويس ، ايسري کي ايترو پريشان ڏسي ، سندس گهر واري بـه پريشان ٿي پئي هُئي ۽ ور ور ڏئي ، ايسري کان پريشاني جو سبب ٿَي پُڇيائين پر ايسري دڙڪو ڏيئي ، ماٺِ ٿَي ڪرائي ڇڏيس ، صبح جو ايسرو نيرن کائي بغير ئي اچي مختيارڪار جي آفيس پُهچي ويو پر مُختيارڪار تـه پنهنجي ٽائيم تي ئي تـه اچڻو هو نـه .. سو ايسري کي ڪلاڪ کن انتظار ڪرڻو پيو .
    ” سائين هي لفافو ، مونکي ڪانگريس جي مُکي نهالچند ڏنو هو تـه وڃي دهلي پُهچايان پر سرڪار آئون تـه انگريز سرڪار جي نمڪ حرامي تـه نٿو ڪري سگهان نـه ...! بس سرڪار ، انهي ڪري سڌو اچي اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيس . “
    ڪشور لفافو کڻي ميز تي اُڇلائيندي چيو :ـ
    ” رات بـه تون آيو هُئين ڇا .....؟ “
    ايسري هڪدم ساک ڀرئي لهجي ۾ چيو :ـ
    ” ها ها سائين ، مون سوچيو سائين ، نيڪ ڪم ۾ دير ڇا جي ... ، پر سائين ٻاهر بيٺل سنترين ، اوهان سان ملڻ ئي نـه ڏنو . “
    ڪشور لال ، ايسري کي غور سان ڏٺو پئي ، جنهن جي منهن تي هڪ رنگ اچي ۽ ٻيو وڃي .
    ” تون تـه سرڪاري مُلازم آهين نـه .................! “
    انهي سوال تي ايسري کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو .
    ” ٻيو ڪهڙو ڪهڙو ماڻهو هتي سياسي سرگرمي پيو ڪري . “
    ايسري پنهنجو پاڻ کي وفادار ثابت ڪرڻ لاءِ هڪدم پنهنجن ساٿين جا نالا کڻڻ لڳو.
    ” جيسو ....، پنهون .....، علي ڏنو ...... ، واشو .....، انلا چند تـه سائين انگريز سرڪار جا اصل ڪٽر دُشمن آهن . “
    ڪشور هٿ جي اشاري سان ايسري کي چيو:ـ
    ” چڱو ، تون هينئر هل ...... جي وري ضرورت پئي تـه وري سڏ ڪرائي وٺندومائين . “
    ” جيءُ سرڪار .“
    چئي ايسرو وڃڻ لڳو تـه ڪشور هدايت ڪندي چيس :ـ
    ” ٻُڌ .... !هتي ڪانگريس جو مکيه اڳواڻ هارون گم آهي ان جو پتو ڪري ڏي ۽ ها انهي ڳالھ جو ڪنهن سان بـه ذڪرنـه ڪجانءِ . “
    ايسرو جيئن مُختيارڪار جي آفيس مان نڪتو تـه سندس جي چهري تان خوف جون ريکائون گُم ٿي چڪيون هيون ، هو اطمينان سان پنهنجي گهر ڏانهن هليو آيو.
    وشني پنهنجي ذهانت ۽ ملنساري سبب ڳوٺ وارن جي دلين ۾ گهر ٺاهي ورتو هو ، پرڀو ۽ سومجي تـه سڄي ڏينهن جي ڪم ڪارين مان واندا ٿي ، شام جو ايندا ئي ، وشني واري چوئنري ۾ هُئا ۽ پوءِ آهستي آهستي سونو ، والجي ، ميگهو ، مانو ، واگهو ، نانگجي وارا بـه پهچندا هُئا ، پوءِ ڳالهين ۽ ڪچهري جو دور رات دير تائين پيو هلندو هو .
    اڄ تـه پرڀو ، وشني وٽ سوير ئي پُهچي ويو هو ، اُن وقت وشني ، ڪاڪي والجي جي صدري پئي ٺاهي ، جيڪا هو ڪالھ مرمت لاءِ ڏئي ويو هو .
    ” ادا وشنا ، ڪا خبرچار ٻُڌي اٿئي ......!! ؟ “
    پرڀو وشني سان مُخاطب ٿيندي چيو.
    وشني صدري جي اوٽي ورائيندي چيو:ـ
    ” نـه تـه ...! “
    وشني کي ڄاڻ هُئي تـه پرڀو .... ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڪارڪنن جي گرفتاري بابت ئي ڪُجھه چوندو، جنهن جي باري ۾هن خود رات ويهي، علائقي جي سياسي صورتحال بابت تفصيل سان پارٽي لاءِ نوٽس لکيا هُئا .
    پرڀو، ٿورو رازداري واري انداز ۾ چيو:ـ
    ” ٻُڌو اٿم تـه ڪانگريس جي مُکي نهالچند کي ، پنهنجن ڪيترن ساٿين سميت انگريز سرڪار جهلي ورتو آهي ( ٿورو توقف کانپوءِ) هنن گورن تـه اصل باھ ٻاري ڇڏي آهي ، واھ ڀڳوان تُنهنجا رنگ ، هي کائينَ بـه اسان جو ۽ مارينَ بـه اسان کي . “
    وشني پنهنجي چهري تي حيرت جا آثار آڻيندي چيو :ـ
    ” اڇا ......!! پر گرفتار ڪهڙي ڏوھ ۾ ڪيو اٿن .“
    پرڀو وراڻيو :ـ
    ” اها تـه خبر ڪانهي پر جيستائين ادا وشنا آئون سمجهان ٿو تـه گورا هندستان کي آزاد ڏسڻ نٿا چاهينَ، انهي ڪري ئي تـه آني بهاني ڪانگريسين کي پيا گرفتار ڪن . “
    وشني ڳالھ کي پنهنجي نظرئي ڏانهن آڻيندي چيو :ـ
    ” ادا ڀلا ائين ڪونـه ٿو لڳي جو اسان پاڻ ۾ وڙهيا پيا آهيون ۽ اُن جو فائدو هي گورا پيا وٺن . “
    پرڀو حيرت مان وشني ڏانهن نهاريو .
    وشني ڏٺو تـه تير ٺيڪ نشاني تي وڃي لڳو آهي، سو پنهنجي ڳالھ جاري رکندي چيو :ـ
    ” هُندستان جي ڌرتي هڪڙي آهي ۽ صدين کان پئي هلندي اچي، ڪيترائي حملا آور آيا پر اُهي هن ڌرتي جي ماڻهن ۾ ويڇا نـه پيدا ڪري سگهيا الٽو هن ڌرتي جي خمير ۾ گڏجي ، هن ڌرتي جا ئي ٿي رهجي ويا،پوءِ مُسلمان ۽ هندو الڳ الڳ ڇو ٿا ٿيڻ چاهينَ “
    پرڀو هڪدم وراڻيو :ـ
    ” مُسلا حرامي آهن ...... نيت جا کوٽي ...... گوشت خورا ....! “
    وشني صدري کي ڇنڊي، نوڙي تي ٽنگيندي چيو :ـ
    ” برابر ائين هوندو پر اهي ئي لفظ مُسلا، هندن لاءِ چون ٿا ۽ انهي ڳالهـ جو فائدو گورا پيا وٺن . “
    پرڀو پنهنجي ٺڪر جي سُلفي ۾ تمباڪ ڀريندي چيو :ـ
    ” ادا وشنا ، تون آهين ڀورڙو ماڻهو، تون ڳالھ کي سمجهين ئي ڪونـه ٿو ، مُسلن جي تـه اها سازش آهي تـه هندستان ٽُٽي ۽ گورا بـه انهي ڳالھ ۾ خوش آهن ، اهڙي طرح ادا ٻئي مٿا فائدو تـه مُسلن کي ٿو ملي نـه “
    وشني نئون ڪپڙو ڪٽائي لاءِ کنيو ۽ سلائي مشين تي رکندي وراڻيو :ـ
    ” پوءِ پرڀو ادا هي هيترا مسلمان ڪانگريس ۾ ڇو آهن ۽ ڪيترن اختلافن سبب ڪانگريس کي ڇڏي ڇو ويا، انهن ڳالهين مان لڳي ڪونـه ٿو تـه ڪٿي نـه ڪٿي ڪانگريسين ۾ بـه ڪوتاهيون آهن، جنهن جي ڪري ڪيترائي هندو توڙي مُسلمان ناراض اٿن . “
    پرڀو سُلفي جو شوٽو ڀريندي چيو :ـ
    ” ادا وشنا، ڪجھ بـه هُجي، پاڻ تـه ايترو سمجهون ٿا تـه گورن کي ڪو حق نٿو پُهچي تـه اسان تي ويهي ڏاڍايون ڪن . “
    تيسين والجي، ميگهو، واگهو ۽ سوني وارا وشني جي هٽ ۾ گهڙيندي ئي سلام ورائي ويهي رهيا، والجي پنهنجي صدري، نوڙي تان لاهيندي چيو:ـ
    ” واھ ڏيڪرا (ڇوڪرا) ، تو تـه صفا نئين ڪري ڇڏي .“
    ميگهي مذاقن چيو تـه
    ”ڪاڪا، شايد تو ۾ ڪا لالچ اٿس، تڏهن تـه اهڙي محنت ڪئي اٿس .“
    ڪاڪو والجي پنهنجن چار کنڊن ڏندن سان کلندي چيو :ـ
    ” سُڃا آيا ڀينگن وٽ تـه هل تـه هلي عيد ڪريون، ابا پوءِ ڏيڪرو (ڇوڪرو) مُنهنجي آسري ڍايو آهي .“
    سڀني ۾ ٽهڪ پئجي ويو
    مٿان وري سوني ٺمڪو ڏيندي چيو :ـ
    ” ادا ميگها، ڪاڪي والجي وٽ آهن ٽپڙ پورا سارا ، سو وشني ڀاءُ کان چاپلوسي کان پيو ڪم وٺي نـه تـه اها صدري، آخري صدري ثابت ٿئي ها . “
    ڪاڪو والجي ناس نڪ ۾ ڏيندي وراڻيو :ـ
    ” هائو ٻيلي، ڳالھ اهڙي ڪئي اٿئي، جهڙي پنهنجو نورو ڪُنڀار پنهنجا مٽڪن وڄائي چوندو هو تـه وڄ ڙي مٽڪا وڄ، ٻيو نـه تـه بـه دُهل جون تـه سِڪون لاهين ٿو، اسان وارا حال بـه مڙئي ڪُجھ اهڙا آهن جو هاڻ صرف سِڪون پيا لاهيون....بس..! “
    هڪ ڀيرو وري محفل ۾ ٽهڪڙو مچي ويو .
    وشني ڪاڪي والجي جو بچاءُ ڪندي چيو :ـ
    ” ڪاڪي والجي کي اڪيلو سمجهي ، سڀني اچي سڱن تي کنيو آهي ، ڪاڪو جهونو آهي تـه مڙئي خير آهي ، اڄ بـه کوھ مان پاڻي ڇڪي ڪڍي ، دِلا ڀرڻ جي سگھ رکي ٿو ، ڪئين ڪاڪا ..؟ “
    والجي وري بـه پنهنجن چار کنڊن ڏندن سان کلندي چيو:ـ
    ” واهه ڏيڪرا (ڇوڪرا ) واهه، ٺلهن آسرن تي ڪُڄاڙو (ڇا) ورندئي، هاڻي تـه دِلا وڃي قبر ۾ ڀريندس، باقي اٿئي مڙئي خير .....“
    محفل ۾ کل جا ڪوڪريا پئجي ويا.
    سوني ڪانڀ ٻڌندي چيو:ـ
    ” يار محفل ڪيڏي بـه متل ڇو نـه هُجي پر پاڻ وارا يار نورو ۽ سُليمان نـه آهن تـه مزو ئي ڪونهي “
    ميگهي وراڻيو :ـ
    ” بس يار سڀ قسمت جا رنگ آهن نـه تـه ياد اٿوَ تـه ڪاڪي والجي کي سپ ڪکي وڃي تـه سُليمان، پنهنجي وات سان ويهي ڪاڪي جو زهريلو رت چوسي چوسي ڪڍيو هو نـه تـه اڄ هن محفل ۾ ڪاڪي والجي کي ڪينَ نـه ڏسي سگهون ها. “
    والجي ٿڌو ساھُ کڻندي چيو :ـ
    ” ابا آئون تـه ويٺو آهيان پر نورو ۽ سُليمان ڪونهي، اهڙو ڪو اونڌو واءُ وريو، جو سڄڻ، سڄڻ کان وڇڙي ويو ..... آها...!!!! “
    وشني وري سياسي ڳالھ ڇيڙيندي چيو :ـ
    ” اهو واءُ ادا هنن گورن جو واريل آهي اڳ بـه اهڙا هلڪا ڦلڪا جهيڙا جهٽا ٿيندا رهندا هُئا ۽ چار چڱا مَٺا وچ ۾ پئي ڳالھ لئي مٽي ڪري ڇڏيندا هُئا پر ههڙو ويڌن ڪڏهن بـه نـه ٿيو هو، هونءَ بـه زر جيڪو آهي نـه، سو ادا ڀاءُ کي ڀاءُ جو دُشمن بڻائي وجهندو آهي ۽ گورا اسان جي انهي بُڇڙي عادت کان چڱي طرح واقف ٿي ويا آهن، انهي ڪري ئي هو اسان جي اڳواڻن ۽ ٻين ويڪائو ماڻهن کي خريد ڪري، پوءِ اسان کي ويڙهائي، پاڻ مٿي ويٺا آرام سان کائينَ ۽ پئينَ .“
    واگهو جيڪو ڪافي دير کان ماٺُ ڪيو ڪچهري مان محظوظ پئي ٿيو تنهن کي سياست جي ڳالھ ڪانـه وڻي سو وشني جي انهي ڳالھ تي دانهن ڪندي چيو :ـ
    ” ادا وشنا ڳالھ ٻُڌ، اڳ ئي هنن پارٽين هانءُ ساڙي وڌا آهن، وري مٿان انهن جو ذڪر، اهو تـه ادا ائين ٿيو زخم ڏيئي وري زخم مٿان لوڻ ٻُرڪڻ، ڇڏيو انهن پارٽين وارٽين کي، ٻي ڪا چڱي ڳالھ ڪريو .“
    ميگهي چيو :ـ
    ” ادي وشني جو آواز ڏاڍو سُريلو آهي ڇو نـه ڪو گيت ٻُڌونس ....“
    ميگهي جو ايترو چوڻ، سڀني کڻي ها ڪئي .
    سانول کي جڏهن کان وشني جي باري ۾ معلوم ٿيو هو تـه هُن کي پنهنجي وڇڙيل دوست هريش جي ياد تري آئي هُئي سڀ ڪنهن پئي وشني جي ڀائيچاري، دوستي ۽ مُحبت جي پئي تعريف ڪئي، ڪالھ خود ڪاڪي موهن بـه وشني جي باري ۾ اهڙن ئي ويچارن جو اظهار پئي ڪيو، سو سانول گڏھ تي آٿر رکي، وشني ڏانهن وڃڻ جي تياري ۾ لڳو پيو هو، ننڍي سانداري ۾ پاڻي، ڪُجھ کاڌي پيتي جو سامان، هڪ اڌ ڪپڙن جو جوڙو کنيو هُئائين ۽ رات جو ويلو ساري وشني ڏانهن آڌي گام لاءِ نڪري پيو، پارڪر جي زمين دريائي پٽ جهڙي سخت هُئي پر ٻن ٽن ڪوهن کانپوءِ واريءِ جا دڙا، ڀِٽون ۽ وڏا وڏا لڪ سڄي ٿر ۾ پکڙيل هُئا، سانول گرمي جي شدت کي محسوس ڪندي رات جو نڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو سو ٻن ٽن ڪوهن جي طئه ڪيل سفر جي تڪليف جي سانول کي ڪَل ئي ڪانـه پئي پر پوءِ جبل جو اڙانگو سفر شروع ٿي ويو هو پوءِ بـه رات ٿڌيري پر صفا اماوس واري هُئي، صفا سانت هُئي ڪنهن ڪنهن وقت واري جا جيت زون ڪري اچي سانول کي لڳا ٿي، سانول بـه احتياط طور گڏھ جي ٻنهي پاسن کان بصرن جون ڪُجھ ڳنڍيون لٽڪائي ڇڏيون هيون، جيئن اُن جي بدبوءَ کان نانگ يا بلا ڏور رهن خاص ڪري هڻ کڻ بلا، جبل جي چوٽين تي گڏھ کي چڙهڻ ۾ تڪليف پئي ٿي، انهي ڪري ڪٿي ڪٿي سانول کي گڏھ تان لهڻو ٿَي پيو، گڏھ جي رفتار ايڏي تـه سُست هُئي جو سانول ٻئي ڏينهن بـه شايد آڌي گام پُهچي سگهي، ڪُجھ ننڍيون ننڍيون جبل جون چوٽيون چڙهڻ کانپوءِ گڏھ هلڻ کان جواب ڏيئي بيهي رهيو مجبورن سانول کي رات جو باقي حصو وچ راھ ۾ ئي ڪاٽڻو پيو، تنهنڪري سانول ڪُجهـه ڪک پن، اڪ ۽ ٿوهر جا ڪُجھ سُڪل ٽار گڏ ڪري، باھ ٻاري اُتي ليٽي پيو، باھ ٻرڻ ڪري واريءَ جي هزارين قسمن جا جيت، باھ جي روشني تي اچي گڏ ٿيا هُئا، نانگن جي سيٽين جو آواز ۽ آر جيت جي تيز تِرتِرتِر، رات جي سڄي خاموشي کي ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري رهيو هيون، سانول کي ليٽي اڃان ٻـه گهڙيون مس ٿيون هونديون تـه اوچتو ڪنهن جي قدمن جو آواز آيو، سانول هوشيار ٿي اوڏانهن نهارڻ لڳو جتان قدمن جو آواز آيو هو، باهـ جي روشني ۾ ڪوشش ڪندو رهيو پر سانول کي ڪو نظر ڪونـه آيو ۽ پوءِ ڳپل وقت تائين وري ان طرفان ڪو آواز بـه ڪونـه آيو، سانول ڪنهن جانور جو کُڙڪو سمجهي وري بـه بي اونو ٿي ليٽي پيو، هن جو ليٽڻ ۽ ڪنهن شيءِ جو ٽپ ڏيئي هن تي حملو ڪرڻ، انهي اوچتي حملي سانول کي سنڀرڻ جو ڪو موقعو ئي نـه ڏنو ۽ انهي همراه سانول کي سخت زخمي ڪري وڌو ايسيتائين حملو ڪندو رهيو جيسيتائين سانول جي مرڻ جي پڪ نه ٿيس.


    6

    انهي ئي ڏينهن، جنهن ڏينهن سانول، وشني سان ملڻ لاءِ نڪتو هو، وشنو بـه پنهنجن ساٿين کي هن سڄي علائقي تي لکيل مُفصل رپورٽ پُهچائڻ لاءِ، برهمڻ آباد لاءِ نڪتو هو. رات سڄي سفر ڪرڻ کانپوءِ پرھ ڦٽي مهل، جبل جي چوٽي ٽپي جيئن هيٺ لٿو تـه هڪ همراه کي رت سان ڀريل ۽ بيهوش ڏٺائين وشني پنهنجي گڏھ تان لهي همراه جي نس تپاسيائين جيڪا اڃان هلندڙ هُئي، وشني پنهنجي ٽوال ڦاڙي، اُن مان ڊگهيون ڊگهيون ريڙون ٺاهي، همراه جي وڏن وڏن گهائُن کي قابو ڪري ٻڌو جتان اڃان تائين رت رسي رهيو هو ۽ اُتي ٻيو ڪو بـه سامان ڪونـه پيل هو ۽ نـه ئي سانول واري گڏھ اُتي بيٺل هُئي سانول جي اڳ جيان هيل بـه شايد قسمت زور هُئي جو وشنو بـه انهي ئي ڏينهن، انهي گس تان ئي پئي آيو، وشنو انهي همراه جي مرهم پٽي مان واندو ٿي ، اُن همراه جو مُنهن ڌوتائين ۽ پنهنجي گڏھ تي پاڻ سان گڏ سوگهو ڪري ٻڌائين ڇاڪاڻ تـه همراه اڃان تائين بيهوش هو ۽ گهڻي رت وهڻ ڪري ڪمزور بـه گهڻو هو، تيسين سج ڀي اُڀري آيو، سڄي ڏينهن جي سفر ۾ هلندي، هو ساهيون کائيندي ٿي ويو جيئن جيئن ڏينهن ٿي چڙهيو تيئن تيئن سج پنهنجي تپش تيز ڪندي ٿي ويو ۽ واري بـه ٽامڻي جيان تپندي ٿَي وئي، وشني واري گڏھ جي ڳچي ۽ پُٺي تان بـه پگهر وهڻ شروع ٿي ويو هو ۽ وشني بـه محسوس ڪيو تـه گڏھ ٿڪي پيو آهي، انهي ڪري وشنو ڪافي دير کان ، ڪنهن چڱيرڙي وڻ جي تلاش ۾ هو، هن کي ڪُجھ پنڌ کانپوءِ ٻـه ٽي روهيڙي جا وڻ نظر آيا، هي گڏھ ڪاهي اُن وڻ هيٺ وڃي بيٺو تـه هنن کي راحت ملي، سانول کي لاهي، ڪپڙو وڇائي اُن تي ليٽائي ڇڏيائين ۽ پاڻ بـه روهيڙي جي ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو ، لُک هڪ تـه سخت گرم هُئي ٻيو وري واريءَ کي پئي گهوماٽيون ڏنائين، جنهن جي ڪري واريءَ جا ٻُڪن جا ٻُڪ هنن مٿان اچي ٿي ڪريا جنهن جي ڪري سانول جا ڦٽ پئي خراب ٿيا، ڪلاڪ ٻـه کن ساهي کڻي، وشني وري پنهنجي سفر جي روانگي جاري رکي، جنهن تيزي سان وشني هلڻ ٿَي چاهيو سو سانول جي ڪري هلي نـه پئي سگهيو، سانول کي اڃان تائين هوش ڪونـه آيو هو تنهنڪري سفر ۾ سانول سڄي گس وشني جي ٻانهُن ۾ جهولندو رهيو شام ڌاري وڃي وشنو برهمڻ آباد ۾ داخل ٿيو تـه سانول کي ائين زخمي ڏسي برهمڻ آباد جا ماڻهو وشني جي چوگِرد گڏ ٿي ويا.
    ” سانول ساڌو کي ڇا ٿيو آهي ....؟ “
    ” وڃ ......! ڪنهن ڏاڍو ماريو آهي ...؟ “
    ” الائي زنده بـه آهي يا ................“
    ” زخم تـه ڏسوس .... ، جن مان اڃان بـه رت پيو رَسي .... چـ چـ چـ چـ ........“
    ” سانول سان ڪنهنجي دُشمني ٿي سگهي ٿي ......!! ؟ “
    ” الائي ادا، انسان جا سوَ سڄڻ ، سوَ دُشمن ....... “
    ” سانول جهڙو شريف ماڻهو هن تر ۾ ڪو بـه ڪونهي ..... “
    ” ادا سانول تـه هروڀرو ڪنهن سان ڪينَ وڙهيو آهي پوءِ ............
    ” هي تـه پيار ڪندڙ ۽ سڀني جو خيرخواھ ............“
    جيترا هُئا وات ، اوتريون هيون ڳالهيون... ٿوري دير ۾ جمعدار شيام ۽ ڪُجھ پوليس وارا اچي پُهتا، هجوم مان رستو ٺاهي اچي، وشني وٽ پُهتا، سانول جي اهڙي حالت ڏسي هڪ سپاهي هوٽل تان کٽ کڻائي اُن تي سانول کي سُمهاريو، سانول جي زخمي ٿيڻ جي خبر ڪنهن طوفاني واءُ جيان پوري برهمڻ آباد ۾ پکڙجي ويئي، موهن بـه سانول جي زخمي ٿيڻ جي جي خبر ٻُڌي تـه وٺي بدحواسي ۾ پنهنجو هٽ ائين کُليو ڇڏي ڀڳو ۽ هڪ ساهي ۾ اچي سانول وارن وٽ پُهتو، جمعدار شيام، وشني کان جاءِ واردات ۽ ٻي سڄي واقعي جا تفصيل وٺي لکندو پئي ويو، ايتري ۾ ڪو ڏائي ويد کي بـه وٺي آيو ، ڏائي پُهچڻ شرط سانول جي مرهم پٽي شروع ڪري ڏني .
    موهن بـه وشني تي سوالن جي وٺ پڪڙ لائي ڏني ،
    ” اوهان کي ڪٿي مليو ....؟“
    ” اوهان اُتي ٻيو ڇا ڇا ڏٺو ....؟“
    ” مارڻ واري جي ڪا نشاني وغيره .....“
    ” گڏھ ۽ ٻيو سامان ڪٿي آهي .........؟“
    وشني سڪون سان سڀني سوالن جا جواب ڏنا، آهستي آهستي رش بـه وڌندي ويئي تـه سپاهين دڙڪا داٻا ڏيئي پوري ميڙ کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. ڪُجھ سانت ٿي تـه هڪٻئي جو ڳالهائڻ بـه ٻُڌڻ ۾ پئي آيو، ماڻهو ڇڙوڇڙ تـه ٿي ويا هُئا پر اڃان تائين ننڍن ننڍن ٽولن ۾ کُسر ڦُسر جاري هُين، سانول اڃان تائين کٽ تي بي سُڌ پيو هو ڏائي ويد، سانول جي ڦٽن تي ليپو ڪري ڇڏيو هو، پوليس بـه پنهنجي ضروري ڪارروائي ڪري هلي ويئي هُئي، موهن، سانول جي کٽ کڻائي گهر آيو ۽ وشني کي بـه ساڻ وٺي آيو هو.
    موهن پنهنجي کٿي، سانول مٿان وجهندي چيو:ـ
    ” اصل ۾ سانول اوهان سان ئي ملڻ لاءِ ئي نڪتو هو، اڪيلي وڃڻ کان مون منع بـه ڪئي مانس پر توهان سان ملڻ جي اشتياق ۾ مُنهنجي ڳالھ ڪانـه ٻُڌائين ۽ اڪيلي سر نڪري ويو. ..............“
    ڪاٺين کي ڦوڪ ڏيئي، باھ ٻاريائين ۽ اُن ۾ ڪوڪلن کي چاڙهي ڇڏيائين، انهيءَ ڪم مان واندو ٿي، پنهنجي ڳالھ کي اُتان کان ئي شروع ڪيائين، جتان ڇڏي هُئائين .
    ” ..............هن جي هميشه کان اها عادت رهي آهي تـه نون ماڻهن ۽ نون علمن سان گڏپ ڪجي، جيڪو بـه ڪتاب هٿ چڙهيس ٿو سو جيسيتائين پڙهي پورو نـه ڪندو تيسيتائين ماني بـه نـه کائيندو.“
    ” ڪاڪا....ڪاڪا ڇا ٿيو سانول کي ......ڪنهن ماريو آهي ......؟“
    راڌا گهر ۾ گهڙيندي شرط سوال جڙي ڇڏيا پر پوءِ ڪنهن غير کي گهر ۾ ڏسي، هٻڪي پئي ۽ هڪدم ساڙهي جو گهونگهٽ ويتر هيٺ ڪري ڇڏيائين .
    موهن ڪو جواب ڏي ئي ڏي، تيسين راڌا سانول جي کٽ جي ڀر ۾ پُهچي چُڪي هُئي ، جيڪو اڃان تائين کٽ تي بي سُڌ پيل هو، راڌا سانول جي اهڙي حالت ڏسي روئي پئي .
    موهن راڌا جي مٿي تي هٿ رکندي چيو :ـ
    ” امان حوصلي کان ڪم وٺُ، اهڙا ڏينهن تـه مڙسن تي ايندا رهندا آهن، اڳ بـه توکي سانول اهڙي ئي حالت ۾ مليو هو ، پر سُرڳواسي همنيت ۽ تُنهنجي مُحبت ۽ خدمت هن کي اُٿي کڙو ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو هو .......................“
    پر راڌا اوڇنگار ڏيئي روئيندي رهي، موهن تـه الائي ڇا ڇا چوندو رهيو، تنهن جي راڌا کي ڪا ڪَل ئي ڪانـه هُئي ، بس هو ڪاڪي موهن جي ڇاتي سان لڳي روئيندي رهي ، ڪُجھ لمحا ائين ئي گُذري ويا، راڌا روئي جڏهن پنهنجي من جو بار هلڪو ڪري چُڪي تـه پوءِ موهن آيل مهمان جو تعارف ڪرائيندي چيو:ـ
    ” هي وشنو آهي ، جنهن سان ملڻ لاءِ پنهنجو سانول نڪتو هو ملڻ تـه ٺهيو پر امان قسمت ۾ ٻيو ڪُجھ لکيو هو، هي پنهنجو وشنو آڌي گام جي ڳوٺ ڀيرو جو تڙ ۾ درزڪو هٽ هلائي ٿو، ڀاءُ وشني پنهنجي سانول کي بچايو آهي ۽ هيءَ ايشور ديوتا جي داسي راڌا آهي .“
    ” نمستي ديدي “
    وشني پنهنجا ٻئي هٿ نرڙ وٽ ٻڌندي چيو ۽ اچي راڌا جي مٿي تي هٿ رکيائين جيڪا اڃان بـه سُڏڪي رهي هُئي .
    وشني چيو :ـ
    ” ڪاڪا عجيب اتفاق آهي جو آئون بـه انهي ڏينهن شهر ڪم سانگي نڪتو هُئس ، تنهنڪري ساڳيو گس هُئڻ ڪري سانول تي نظر پئجي ويم نـه تـه شايد سانول زنده پاڻ کي نـه ملي سگهي ها . “
    موهن سانول ڏانهن نهاريندي چيو :ـ
    ” ادا ايشور جي ڪرپا اٿس ۽ ٻيون اٿس غريبن جون دُعائون نـه تـه هيسيتائين دُشمن ماري ختم ڪري ڇڏين ها . “
    وشنو ، موهن جي انهي ڳالھ تي وراڻيو :ـ
    ” ڪاڪا ڀڳوان، پنهنجي هيڏي وڏي بادشاهي ۾ اهڙا ماڻهو ضرور پيدا ڪندو آهي ، جيڪي اُن جي پيدا ڪيل خلق سان حقيقي ۽ سچو پيار ڪري، سو سانول نـه رُڳو پنهنجن جو گهڻگهُرو آهي، هن علائقي ۽ تر جي ماڻهن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد آهي ، تنهنڪري ظاهر آهي تـه هزارين دليون سندس سلامتي لاءِ دُعاڳو رهنديون هونديون . “
    ڪاڪي موهن ، ڪوڪلن ۾ ٿورو پاڻي وجهندي وراڻيو :ـ
    ”وشنا پُٽ، دُنيا هڪ مُسافر خانو آهي ۽ سانول بـه انهي مُسافر خاني جو هڪ اڻڄاڻ مُسافر آهي، جنهن جي پنهنجي ڪا منزل ڪونهي، تنهنڪري هي هتي هُتي ڀٽڪي پيو، ڪٿي نـه ڪٿي مارجي ويندو، هن کي هزار بار چيو اٿم تـه وڏن پيٽن وارن سان دُشمني نـه ڪر ، هنن مهاراج همنيت کي بـه انهي ڪري مارائي ڇڏيو پر ڇا ڪريون، هن جا آهن اوٺن تي اوتارا ۽ گهوڙن تي گهر، اڄ تـه ابا وشنا بچي ويو تـه سُڀاڻي مارجي ويندو . “
    موهن ٿورو جذباتي ٿي ويو، نرڙ تي اُڀريل رڳ ڦڙڪا کائي رهي هُئي ، وشني ڏٺو پئي تـه ڪُجھ دير اڃان هتي ڪاڪو موهن ويٺو رهيو تـه يا تـه روئي ڏيندو يا مورڳو بيمار ٿي پوندو.
    سو چيائين :ـ
    ” ڪاڪا پاڻ ڇو نـه ....، ڏائي ويد وٽ هلون ۽ سانول جي باري ۾ حالي احوالي ٿيونس، ادي سانول وٽ ويٺي آهي . “
    موهن اها ڳالھ ٻُڌي تـه بنا ڪنهن دير جي پنهنجو پوتڙو کنيو ۽ وشني کي ٻانهُن مان جهلي ٻاهر نڪري ويو .
    ڪارونجهر جي جهولي ۾ رُڳي پيچرا ئي پيچرا ٺهيل هُئا، جن تي ماڻهن جي اچ وڃ جاري رهندي هُئي، جبل جي ساڄي پاسي ساڙڌري چشمي جو پاڻي جمع ٿيل هو، ويدن ۽ مُسافرن لاءِ هي جاءِ راحت ڏيندڙ هُئي، هر ڪو هتي اچي ٿڪ ضرور ڀڃيندو هو.
    يوسف، وشني کي پارٽي طرفان ڏنل نون حڪمن، هدايتن ۽ وشني کان علائقي ۾ ڪيل ڪم جي رپورٽ وٺڻ لاءِ اچي برهمڻ آباد پهتو هو، هو بـه انهي جاءِ تي ٻين ڪيترن مُسافرن جيان ساھ پٽڻ لاءِ پهتو هو انهي ئي جڳھ تي وشني سان بـه ملڻو هُئس پر وچ ۾ سانول واري اوچتي واقعي جي ڪري وشنو مقرر ڪيل جڳھ تي پُهچي نـه سگهيو هو، يوسف لاءِ هي علائقو صفا نئون هو، اڳ ڪڏهن بـه اهڙي وارياسي ۽ جابلو علائقي ۾ نـه ويو هو، انهي ڪري اُٺن جي مُسافت هڻي هڏ هڏ ٿڪائي ڇڏيا هُئس، ساڙڌري واري چشمي وٽ پُهچندي ئي، يوسف اُتي واريءَ تي ئي ليٽي پيو هو ۽ گڏوگڏ سخت پريشان هو تـه رابطي وارو ماڻهوءَ وشنو اُتي موجود ڪونـه هو .
    گهوڙا، اُٺَ ۽ گڏھ بـه وڏي مُسافت کانپوءِ ٿڪ لاهڻ لاءِ جبل جي ڇانوَ ۾ ويٺا سستائي رهيا هُئا مُسافر ماڻهن ۽ ٻين واپارين بـه پنهنجو پنهنجو سامان لاهي، هڪڙي پاسي ۾ رکي رهيا هُئا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ سڀ ڪچهري ڪرڻ ۾ مشغول هُئا، يوسف ڏاڍي حيرت سان انهن ڏٻرن، هيڻن ۽ ڪمزور ماڻهن کي ڏسي رهيو هو جيڪي هيڏي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ مُسافت کانپوءِ بـه ڏاڍا چُست ۽ تيز پئي لڳا ڄڻ هڪڙي ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ آيا هُجن يوسف کي لطيف سائين جو بيت ياد اچي ويو تـه
    مٿن ٽُٻڪ ٽُٻڪڙا ، چِڪندڙا اچن،
    کوڙيون کَھَ ڀَڪليون، پگهر سر پيرن،
    ايءَ وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا.
    موهن ۽ وشنو جڏهن ڏائي ويد جي چونڪي (هڪ قسم جو ٿري چونرو) جي اوٽي ( ننڍو ٻنڃرو) تي پُهتا، تڏهن مس ڏائي جي نظر مٿن پئي، هو ڪايا جا ننڍا ننڍا ٽُڪر ڪٽي، اُنهن مان کير جهڙو اڇو رس ڪڍي مرتبان ۾ وجهي رهيو هو.
    ” اچو اچو........ مسهين مسهين موهن ڀاءُ مون مشڪين (مسڪين) جي چونڪي تي قدم ڌريو اٿوَ .“
    ڏائي ٻنهي جو استقبال ڪندي چيو.
    ڪاڪو موهن ڏائي جي ڀر ۾ ويهندي چيو :ـ
    ” ٻُڌ...... سانول جا ڦٽ گهيرا آهن، اهي ڪٿي خراب تـه ڪونـه ٿي ويندا ....!“
    ڏائي ويد، پنهنجي قدرتي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي تي هٿ ڦيري، باز جيان تيز نگاهن سان، وشني ڏانهن نهاريو، وشني کي ائين لڳو ڄڻ اهي نظرون سندس اندر تائين پيهي ويون هُجن.
    ڏائي وراڻيو :ـ
    ” دُشمن تـه ڪا ڪسر ڪانـه ڇڏي هُئي پر ڀڳوان مڙئي ڀلي ڪئي، هاڻ ڏيڪرو (ڇوڪرو) ائين بچي ويو آهي جيئن ٻاجهر جو داڻو، جنڊ مان بچيو وڃي.“
    وشني کي ڏائي جون نظرون ائين گهوري رهيون هيون، ڄڻ سانول کي گس تي وشني ئي ماريو هُجي
    ” مون سوچيو پئي تـه سانوڻي مٿان ڀري بيٺي آهي، متان سانول جي ڦٽن کي ڇُٽڻ ۾ دير لڳي ۽ پوءِ ڦٽ خراب ٿي نـه پون “
    موهن ٿڌو ساھُ ڀري، پنهنجو خدشو ظاهر ڪندي چيو.
    ڏائي، موهن جي ڳالھ کي نظرانداز ڪندي، پريان ايندڙ نينگري کي وراڻيو :ـ
    ” نانڪڙي (نينگري)، پنهنجي پون (ٻڪري) کي سريءَ (گهٽي) مان ڪڍ، متان ڪنهنجو نقصان نـه ڪري وجهي . “
    نينگري ڏائي جي ڳالھ ٻُڌي، اوڏانهن ڊوڙي ويئي جيڏانهن ٻڪري ويئي هُئي، وشني ٻوھ جي وڍيل ننڍن ننڍن ٻوٽن ڏانهن اشارو ڪندي چيو :ـ
    ” هي ڇا ٺاهيو اٿئي ....؟ “
    ” هن جي توکي ڄاڻ نـه پوندي . “
    ڏائو موٽ ۾ وراڻيو.
    ” پوءِ بـه ڪاڪا ..“
    ” انهيءَ ٻوھ جي وڍيل ٻوٽن ۾ گڊو (نانگ جو هڪ قسم) پنهنجو گهر ٺاهيندو، پوءِ اُن کي جهلي، اُن مان زهر ڪڍي دوا ٺاهيندُس .“
    وشني حيرت وچان، پنهنجين اکين جا ڀرون مٿي ڪيا.
    ڏائي کپ (هڪ قسم جو هٿراڌو ٺهيل واڻ) جي رسي کڻي، پنهنجي چونڪي جي دروازي کي ٻڌندي چيو:ـ
    ” ادا موهن، سانول کي ڪوڪلا (ٿر جي هڪ قسم جي ڀاڄي ) نـه کارائجو، اهي ڦٽن کي وڌيڪ خراب ڪري وجهندا . “
    ڪاڪي موهن اُٿندي موٽ ۾ چيو :ـ
    ” اها خبر مون کي بـه آهي .....پر ٻيو ڇا نـه کارايونس ...؟ “
    ” گدرِي ۽ چڀڙ کان بـه پاسو ڪج، باقي مرهم جوڙيان پيو، اهو ڪنهن وقت اچي کڻي وڃجان ...“
    موهن ڪُجھ پيسا ڪڍي، ڏائي جي هٿ ۾ رکيا، ڏائي پيسن کي ڏٺو تـه سندس اکين جي چمڪ وڌي ويئي پر ڪوڙي مُرڪ مُرڪندي وراڻيو :ـ
    ” هن جي ڪهڙي ضرورت هُئي .“
    ” هي منڪي (ڌيءَ) جي خرچي سمجھ .....“
    ” اها آهي تـه ڏاڍائي ...، پر خير .........“
    وڌيڪ ڪُجھ چوڻ کان اڳ موهن ۽ وشنو روانا ٿي ويا.
    يوسف اها رات ساڙڌري واري چشمي وٽ ئي گُذاري ۽ صبح جو وشني جي تلاش ۾ برهمڻ آباد جي ننڍڙي شهر ۾ نڪري پيو، شهر ڇا هو ائين کڻي چئجي تـ هڪ وسندڙ ڳوٺ هو يوسف پنهنجي پر ۾ هر ڪنهن هٽ ۽ چوئنري ۾ اک هڻندو ويو پئي پر وشنو ڪٿي بـه نظر ڪونـه آيس، برهمڻ آباد جي سرين (گهٽين) ۾ ڪُجھ هٽ ۽ ڪُجھ پٿرن سان اڌ گابريون ڪچيون جايون ته ڪي سڄيون پڪيون هيون، جيڪي ڪي تـه ٺَڪرن جون تـه ڪي واڻين جون هيون انهن جي ڇتين تي لهواري تي ٺِڪرن جا گلاس لڳل هُئا، جيئن مينهن جو پاڻي ڇت تي بيهي نـه رهي ۽ برهمڻ آباد جي ننڍي شهر مٿان، ڪارونجهر جبل ڪَر کنيو بيٺو هو، جبل جي هُئڻ ڪري، مينهن جي موسم ۾ ڪيترائي چشما، نيون، ننڍيون ننڍيون نديون وهي اينديون هيون جيڪي جبل مان ڪيترائي خوبصورت پٿر کڻي اينديون هيون جيڪي برهمڻ آباد جي آس پاس ڪيترائي ئي پئي رُليا، يوسف بـه گهُمندو گهُمندو، وشني کي ڳوليندو ڳوليندو، هڪ جڳھ تي ٻارن کي عجيب راند گابڙي ڪندي ڏسي بيھي رهيو ۽ راند ڏسڻ ۾ ايترو تـه محوَ ٿي ويو جو اوچتو ڪنهن اچي سندس ڪُلهي تي هٿ رکيو .
    ” يوسف ..“
    تمام آهستگي سان وشني چيو.
    يوسف ڇرڪ ڀري پويان ڪنڌ ورايو، وشني کي ڏسي شڪايت کڻي بيهي رهيو .
    ” اري وشنا يار، ڪٿي هُئين .... مون کي تـه تو صفا پريشان ڪري وڌو ..............“
    وشني پنهنجن چپن تي اشهد جي آڱر ڏيئي، يوسف کي چُپ رهڻ جو چيو، يوسف کي بـه پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو تـه هڪدم کڻي ماٺِ ڪيائين، وشني يوسف کي پنهنجي پويان اچڻ جو چئي، پاڻ اڳڀرو هلڻ لڳو، برهمڻ آباد جي گهٽين مان نڪري ٻاهر ڪارونجهر جي اُترئين ٽڪري ڏانهن هليو آيو ۽ هڪ ننڍي ڇپر نڪتل ٽڪري جي ڇانوَ هيٺيان بيٺو، جيڪا برهمڻ آباد کان تقريبن ميل کن جي فاصلي تي هُئي، انهي ٽڪري جي سامهون ڪارونجهر جي چوٽي ڏانهن آڏو ڦڏو هڪ پيچرو وڃي رهيو هو، جنهن تي جابجا ننڍا ننڍا پٿر ۽ ڪُجهـ سُڪل ۽ ڪُجھ سائو گاھ بيٺل هو، انهي پيچري کي ڏسي ائين پئي لڳو تـه انهي پيچري کي ڇڏيئي ڪيئي سال ٿي ويا آهن، انهي ٽڪري جي ڏاکڻي پاسي کان ڪارونجهر جي لسي ۽ چمڪندڙ لاهي هُئي جيئن ڪنهن ڪاريگر سوَن مزدورن جي مدد سان اُن کي ايڏو لسو، لاهوارو ۽ خوبصورت ٺاهيو هُجي، وشني ۽ يوسف کي پگهر تقريبن سڄو وهنجاري ڇڏيو هو.
    ” ڏي خبر، رات ڪٿي هُئين ....؟ “
    وشني آڱر سان پنهنجي نرڙ جي پگهر کي اُگهيندي، يوسف کان پڇيو.
    ” رات اُتي ئي گُذاريم، جتي سڄو قافلو سُتل هو “
    يوسف ، پنهنجي قميص جا بٽڻ کولي، پنهنجي ڇاتي ۽ پيٽ کي ڦوڪا ڏيندي وراڻيو.
    وشني ڇپر هيٺ ويهندي چيو :ـ
    ” ڪنهن کي تو تي شڪ تـه ڪونـه پيو آهي نـه ...! “
    يوسف ، وشني جي ڀر ۾ ويهندي چيو:ـ
    ” الائي .........پر هرو ڀرو مون تي ڪو شڪ ڇو تـه ڪندو ......... ! ؟ “
    وشني، يوسف جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو :ـ
    ” يوسف ، تون پيو اها ڳالھ ڪرين جيڪو مُنهنجو سونهون ٿي رهيو آهين ۽ جڏهن تـه سياسي صورتحال اها آهي جو پاڇو، پاڇي کان پيو ڊپ ڪري، اُتي تون ائين پيو چوين ... حيرت آهي . “
    يوسف تصديق لاءِ چيو:ـ
    ” تون ڇا ٿو سمجهين، مون تي ڪنهن کي شڪ پيو هوندو ڇا ......؟ “
    وشني حتمي طور تي چيو:ـ
    ” مون کي شڪ نـه پر پڪ آهي ڇو تـه جنهن وقت تو مون کي ڳوليو پئي تـه هڪ ڪاريسرو همراه تُنهنجي پويان هو، مون توکي اڳ ۾ ئي ڳولي لڌو هو پر اهو ڪاريسرو همراه تُنهنجو پيڇو ئي نـه ڇڏي نيٺ ڪُجھ وقت لاءِ هو ڪيڏانهن گُم ٿي ويو تـه آئون توسان ملڻ لاءِ اچي ويس ۽ مون کي پڪ آهي تـه اها ڳالھ مُختيارڪار ڪشور تائين پُهچي چُڪي هوندي تـه هڪ اجنبي ماڻهو شهر ۾ هلندو وتي، هتي هاڻي ڪابـه ڳالھ نـه آهي ڪرڻي، جيڪا سڀني ساٿين لاءِ ڪو ڏچو بڻجي، تنهنڪري جيڪو ڪُجھ هُجنيئي تـه اُن کي هينئر جو هينئر هتي جو هتي ضايع ڪري ڇڏ . “
    يوسف اڃان بـه وشني جي ڳالھ کي وزن نـه ڏيندي چيو :ـ
    ” تون هرو ڀرو پيو خوف ڏين، برهمڻ آباد ۾ تـه مُسافر ايندا رهندا هوندا، آئون ڪو پهريون مُسافر تـه نـه آهيان جو هو مون تي شڪ ڪندا “
    وشنو ٿورو سخت لهجو استعمال ڪندي، يوسف کي حُڪم ڏنو .
    ” آئون حُڪم ٿو ڪريان تـه جيئن آئون چوان پيو تون ائين هينئر جو هينئر ڪر ! “
    يوسف ٿوري گهڻي چئو چوان کانپوءِ پارٽي طرفان مليل سڀ ڪاغذ ساڙي ڇڏيا، انهي ڪم مان فارغ مس ٿيا تـه هنن جي اُڀرندي پاسي کان کُڙڪي جو آواز آيو، وشني جا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ زور سان پُڇيائين :ـ
    ” ڪير آهي ....؟ “
    وشني جو ايترو پُڇڻ ۽ ڪنهنجي ڀڄڻ جي قدمن جو آواز آيو، وشنو ٽپ ڏيئي، اُنهي طرف ڀڳو پر ڪابـه شيءِ نظر نـه آيس، وشنو فڪرمند ٿي ويو، هن کي جيڪو شڪ پيو هو سو هاڻ يقين ۾ بدلجي ويس .
    ” يوسف، بس هتان نڪرڻ جي ڪر، هاڻ ڪُجھ بـه ٿي سگهي ٿو .....“
    يوسف به هاڻي سڄي ڳالهه کي سمجهي ويو هو. اهو ته شُڪر جو پارٽي جي هدايت وارا ڪاغذ، وشني ساڙائي ڇڏيا.
    ٻئي واپس برهمڻ آباد ۾ هليا آيا ۽ سڌو موهن وارن جي گهر پهتا، جيڪو سانول کي هوش اچڻ کان پوءِ سانول کي ٻاجهر جي ماني، اڇ سان کارائي رهيو هو.
    ” نمستي ڪاڪا! “
    ” اوم...............! “ موهن، يوسف کي ڏسي، سلام اڌ ۾ رهائي ڇڏيو ۽ يوسف ڏانهن سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳو. سانول به اوپرن ماڻهن کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي حيرت ۾ هو.
    وشني، ٻنهي جي نگاهن جي سوال جو جواب ڏيندي چيو،
    ”ڪاڪا، هي هميرو هوٿار آهي، سنڌ کان آيو آهي“
    سنڌ جي نالي وٺڻ سان ئي موهن جي هٿ مان اَڇُ جو گلاس ڪِري پيو، ڄڻ ڪنهن پٺي تي ڪماني وهائي ڪڍي هُجيس، موهن جي اها حالت ڏسي، هڪ ئي وقت ۾ وات مان لفظ ”ڪاڪا “ نڪري ويو.
    موهن يوسف جي بلڪل ويجهو پهچي چڪو هو، يوسف جي دل اندران زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي هئي، ويٺي ويٺي هن پوڙهي کي ڇا ٿي ويو آهي؟
    ” تو........................................تو.............................موهن جا لفظ، ڄڻ نڙي ۾ ئي اٽڪي پيا هُجن، تو مُنهنجي يار ..........مُنهنجي ڀاءُ احمد کي ڪٿي ڏٺو آهي؟ هو به..................... سنڌ ويو آهي........ ها ...............ابا مون پنهنجن هنن چنڊن هٿن سان، هتان بي يارو مددگار روانو ڪيو هو................هان...............ٻڌائي نه......... مُنهنجي احمد کي ڪٿي ڏٺو هُئي.............؟؟ “
    يوسف، حيرت وچان، موهن کي ڏسِي، وشني کي ڏسي، موهن، يوسف جي گلي ۾ هٿ وجهي، زور زور سان جهٽڪا ڏيئي ور ور ساڳئي ڳالهه پئي پُڇي.
    ” هان.................. ٻڌائي نه.................. چُپ ڇو آهين..........؟ هوءَ خيريت سان آهي نه......... زينب..... مُنهنجي مِنڪِي (نينگري)............. هان .............ٻُڌائي نه.............. ڳالهائي نه.................. چُپ ڇو آهين.................؟؟ “
    آهستي آهستي موهن جا هٿ يوسف جي گلي تان ڍر ا ٿيندا ويا ۽ اُن جڳهه تي اکين مان لُڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا، ٿوري دير ۾ موهن روئڻ ۾ اچي ڇُٽڪيو. وشنو ۽ يوسف حيرت سان ڪاڪي موهن ڏانهن نهاري رهيا هُئا جيڪو چوئنري جي ٿوڻي کي ٽيڪ ڏيئي روئي رهيو هو. سانول ڌيرج سان هنن کي ڪاڪي موهن جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، تڏهن وڃي وشني ۽ يوسف جو تجسس ختم ٿيو.
    گرمي جي شدت به هاڻ گهٽجڻ لڳي هئي، سج به ٿڪل پوڙهي جيان آهستي آهستي لَڪن ڏانهن رڙهندو ويو پئي. ڪشور جي سجايل ڊرائنگ روم ۾ ايسرو ويٺو هو جتي هڪ ڏٻرو پوڙهو، زور زور سان هٿ پکو هڻڻ لاءِ بغلون هڻي رهيو هو، جيئن آيل ماڻهو سندس شڪايت صاحب سان ڪري نه وجهي.
    ڪشور، انگريزن وارو گاؤن پهري، ڊرائنگ روم ۾ آيو، جيڪو هلڪي بليو رنگ ۾ هو. اکيون ڳاڙهيون لال هئس شايد رات گهڻو شراب پي ويو هو، ڪشور بنا ڳالهائڻ جي ايسري کي گهوري ڏسڻ لڳو.
    ”سرڪار، ڪانگريس جو اهم ميمبر هارون سوڍي ٺڪر جي گهر ۾ لالو بجير جي ڳوٺ ۾ لڪو ويٺو آهي. “
    ايسري تي جيڪو ڪم رکيو ويو هو، سو ايمانداري سان پورو ڪري آيو هو ۽ ڪانگريس جي روپوش اڳواڻ جي پڪي خبر ڪڍي آيو هو.
    ”صاحب، آئون وڃان..................................؟ “
    سورنهن سالن جي ڇوڪري، اڌ وگابرا ڪپڙا پايو ڪشور جي بيڊ روم واري دروازي وٽ بيهندي چيو، ڪشور اُٿي ڪٻٽ مان ڪجهه پيسا ڪڍي اچي اُن جي هٿ تي رکيا ۽ ڀاڪر پائي، ڏهه پندرهن منٽ تائين چُميون ڏيندو رهيو، پوءِ وڃڻ واري دروازي تائين ڇڏي واپس آيو، ايسري ڏٺو ته ڇوڪري سڄي پگهريل هُئي، وار وکريل هُئس، جسم ۽ ڳلن تي چَڪنُ جا نشان به هئا، جنهن وقت ڪشور ، ڇوڪري کي دروازي تي ڇڏڻ ويو پئي ته ايسري به هوَس ڀريل نگاهن سان ڇوڪري کي ڏٺو پئي، ڪشور جهُومندو اچي ساڳي صوفي تي ويهندي چيو. ” ها تو ڇا پيئي چيو؟ “
    هُن اهڙي انداز سان پُڇيو، ڄڻ هيستائين ايسري رُڳو بڪواس پيئي ڪئي، ايسري وري، سڄي ڳالهه سربستي ڪري ٻُڌائي. ڪشور ساڳي بي نيازي سان چيو ته
    ” ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي. “
    ايسري داد طلب نگاهن سان ڪشور ڏانهن نهاريو.
    ڪشور اُٿندي چيو
    ”بس نـه، هاڻي هل هتان، مون کي آرام ڪرڻو آهي.“
    ائين چئي، ايسري جي دل تي ڄڻ ڇُرو وهائي ڪڍيو هُئائين، مُئل آواز سان وراڻيو
    ” جي سرڪار.“
    ۽ ٿڪل ٿڪل قدمن سان ڪشور جي عاليشان بنگلي مان ٻاهر نڪري ويو.
    صبحُ، اڃا پکين به تنوار نه ڪئي هُئي جو موهن واري چؤنري اندر سي آءِ ڊي جا سپاهي اوچتو اندر گهڙي آيا ۽ ايندي شرط سُتلن مٿان کان اوڙهيل اوڍلن کي ڇڪي لاهي پري اڇلائيندي ٿي ويا، پر هُنن کي وشنو ۽ يوسف هٿ نه آيا، سانول اڳيئي زخمي مٿان انهي گوڙ ڪري ٽپ ڏيئي اُٿيو ته ڪچي ڪڙي چڙهيل ڦٽن مان رت رَسڻ لڳو ۽ پيڙا جون شديد سٽُون اُڀري پيس، سي آءِ ڊي جي هڪ آفيسر ڪڙڪيدار آواز ۾ موهن کان پڇيو.
    “ڪٿي آهن وشنو هَئي ۽ هميرو هوٿار؟”
    موهن وڏي اعتماد سان وراڻيو
    ”هو اسان کان رات ئي هليا ويا هئا “
    ” ڪيڏانهن؟ “
    ” خبر ناهي “
    خبر ناهي چوڻ سان گڏ هڪ زوردار ٿڦڙ، موهن جي ڳل تي ٺڪاءُ ٿي ويو، موهن جي ڏندن مان رت نڪري آيو.
    ”سڌي طريقي سان ٻڌاءِ ته ڪٿي آهن؟ “
    موهن پنهنجي ٻانهن سان رت اُگهندي چيو“
    ”چيم نه ، ته مون کي خبر نه آهي“
    سي آءِ ڊي جو اهو آفيسر، چند گهڙيون موهن کي کائي وڃڻ وارين نگاهن سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ ڏند ڪُرٽيندي چيو
    ” آئون چوائين ٿو ته ٻُڌائي ڇڏ. اُنهي ۾ تُنهنجو ئي فائدو آهي.“
    موهن بدستور ساڳئي پُراعتماد لهجي سان وراڻيو
    ” چيم نه..........! مون کي ڪابه ڄاڻ نه آهي، هُن سانول کي بچايو هو، اُنهي ڪري ڪُجهه گهڙيون مون وٽ هو، مهمان آيس ته اُن سان گڏ الائي ڪيڏانهن نڪري ويو.“
    نيٺ سانول کان صبر ڪو نه ٿيو، تنهن چيوـــ
    ” هڪ ڀيرو نه، چار ڀيرا ٻڌايو آهي ته اسان کي خبر ناهي، ته پوءِ اها ڪهڙي شرافت آهي ته.....................................“
    بندوق جو بٽ، ٺڪاءُ مُنهن تي ٿي ويس، ڌڪ لڳڻ سان سانول کٽ تي اونڌي مُنهن ٿي ڪري پيو ۽ ڪُجهه لمحن کان پوءِ سي آءِ ڊي وارا ٻاهر نڪري ويا ۽ ڪڪڙ جي ٻانگ جو آواز گُونجيو، سج شرميلي ڪنوار جيان پنهنجي ڳاڙهاڻ سان آهستي آهستي نڪرڻ شروع ٿيو هو.
    راڌا، ڪپڙي جي ٽڪريءَ سان، سانول جو رت هاڻو مُنهن اُگهيو، جيڪو بٽ لڳڻ ڪري ڦٽجي پيو هو.
    موهن سنجيدگيءَ سان چيو
    ” لڳي ٿو ته وشنو، ڪو ڪانگريسي آهي ! “
    راڌا وراڻي
    ”پر ڪاڪا! ڪانگريسي ٿيڻ ڪو ڏوهه ته ڪونهي نه! ۽ جڏهن هُو هتي نه هُئا ته هنن اسان سان ناحق ڇو ڪيو؟ “
    سانول، جيڪو ڪنهن گهري سوچ ۾ هو، تنهن چيو.

    ” ڪاڪا! ڪانگريس جي ايڏي ڇتي پُڇا ڇو ڪندا؟ هُو ته هُنن کي سڪون سان گرفتار ڪري سگهن ٿا، هو پنهنجو نهالچند ڪانگريسي ۽ اُن جا هڙئي دوست گرفتار ڪيون ته اُتي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڪين نه ٿي.“
    موهن پنهنجي ڏاڙهي کي کنيندي وراڻيوـــ
    ” پوءِ........!! تُنهنجو ڇا خيال آهي؟ “
    سانول وراڻيوـــ
    ” مُنهنجي ذهن ۾ به اوهان جيان مونجهارو آهي ته وشني ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو سي آءِ ڊي وارا ائين ڇتا ٿيو پيا گهُمن..!! “
    اُنهي سوال جو ٽنهي وٽ ڪو به جواب ڪونه هو، راڌا، دوا دارون جو سامان سميٽي کڻي چونئري ۾ هلي ويئي، پر ويندي چوندي ويئي ته
    ” ڪُجهه ڪونهي، مڙيئي غريب ماڻهن کي آهي تنگ ڪرڻو ۽ پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻو................ بس.........!! “
    سانول، اوٽي تي ٺهيل ڇپر تي ويٺو هو ۽ ڪاڪو موهن به سانول جي کٽ جي لڳو لڳ، پيڍلي تي ويهي رسو وٽي رهيو هو. سانول، راڌا جي ڳالهه ٻُڌي مُرڪي پيو ۽ چيائين
    ” راڌا !، توهان ڪڏهن کان اهڙين ڳالهين ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪيئي اٿوَ ؟ “
    راڌا، چونئري جي اندران ئي چيوــ
    ” جڏهن کان ماڻهن، انياءَ کي پنهنجو ڌرم بڻائي ڇڏيو آهي. “
    ڪاڪي موهن چيوـــ
    ”سانول، راڌا هاڻ اڳئين جهڙي نه رهي آهي، هاڻي ته پاٺ شالا ۾ پڙهائي ٿي ۽ گهڻيون ڳالهيون چڱيءَ طرح سمجهي ٿي. “
    سانول، وري وشني واري موضوع تي ايندي چيو ـــ
    ” ڪاڪا، وشني جي ڳالهين ۾ ڪيڏي نه پُختگي ۽ خود اعتمادي هُئي، اها ڳالهه نوٽ ڪرائي ٿي ته وشنو ڪا معمولي شخصيت نه آهي.“
    موهن کلندي چيو ـــ
    ” توکي ته هونئن ئي وهم ٿي ويو آهي، هر ڳالهه ۾ پيو پنهنجا انومان ڪڍين. “
    راڌا، چونئري مان ٻاهر نڪرندي چيو ـــ
    ” ڪاڪا، سانول اڄ تائين جيڪي انومان ڪڍيا آهن، سي ڪڏهن به غلط ڪو نه نڪتا آهن. “
    موهن پيار وچان راڌا ڏانهن نهاريندي چيوـــ
    ” نانڪڙي، ڳالهه تو واري ۾ وزن آهي“
    سانول وراڻيو،
    ” ڪاڪا، اهو ماڻهو دوستي رکڻ جي لائق آهي، خيالن ۽ سوچن ۾ پنهنجي ٻاري جو ماڻهو ٿو لڳي، هاڻ ته.............................“
    موهن سانول، جي ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو
    ”جي وشنو، ابا سي آءِ ڊي وارن کان بچي ته نه.....! سي آءِ ڊي وارا جنهن تي اک رکن سو بچي، ممڪن ئي ڪونهي..............!“
    سانول، موهن جي ڳالهه دل ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڌري رهيو هو، هو ته خيالن ئي خيالن ۾ وشني سان ملڻ جون تدبيرون سوچڻ ۾ لڳي ويو هو.
    سي آءِ ڊي واري ڇاپي کان پوءِ برهمڻ آباد ۾ وشني خلاف ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيڻ لڳيون هيون، سي آءِ ڊي وارن يوسف ۽ وشني کي انهي ڏينهن آڌيگام وٽ گرفتار ڪري ورتو هو. وشني جي گرفتاري تي هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا رايا هئا پر ڳوٺ وارن الڳ پنهنجو ميڙاڪو ڪوٺايو هو.
    ” سي آءِ ڊي وارن پنهنجي نينگر کي ناحق پڪڙيو آهي ۽ جي اها حالت رهي ته سُڀاڻي پنهنجي ڳوٺ تي به هلان ڪندي دير ڪونه ڪندا. انهي ڳالهه تي ماٺ ڪري ويهڻ سٺو شگون نه آهي.“
    ڪاڪي والجي، پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر ڳالهه ڪئي، پرڀو جيڪو ٿورو پرڀرو ويٺو هو، پنهنجي آڱر کي پٽي ٻڌي رهيو هو، تنهن چيوــ
    ” پر خبر ته پيئي ته آخر وشني جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جو ائين بيدردي سان پڪڙي کڻي ويا آهن، نه هو لوفر آهي ۽ نه ئي ڪو ڪانگريسي يا ٻئي ڪنهن سان آهي.“
    واگهو، پرڀو ۽ والجي جي ڳالهه جي موٽ ۾ چيو ـــ
    ” اوهان ڇا ٿا سمجهو، ڪي سي آءِ ڊي وارا چريا آهن، جو وشني کي بس ائين ئي پڪڙي ويا آهن، ڪا ته ڳالهه ضرور آهي نه “
    سونو، واگهي جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو ته
    ” ها، ها، واگهو صحيح ٿو چئي، ناحق ڪير ڪنهن کي ڇو ٻَڌيندو؟ “
    والجي، سوني جي ڳالهه ٻڌي تپي باهه ٿيندي وراڻيوــ
    ” ڇو ٻڌيندو.......هونُ......... هو ويچارو اڳي ئي فسادن مان لُٽجي ڦُرجي، هتي پناهه وٺڻ لاءِ آيو ته اِتي ڀي هي گورن جا چمچا، ويچارن کي سُک جو ساهه نٿا کڻڻ ڏين، اهو ته ميگها ڀاءُ ناحقي آهي نه! “
    ميگهو، شايد ڪنهن ٻئي خيال ۾ ٻُڏل هو، سو ڪاڪي والجي جي ڳالهه جو ڪو به جواب ڪونه ڏنائين.
    هنن ڏٻرن جسمن مٿان هٿ بتي پنهنجي قوت آهر روشني پکيڙي رهي هئي. سومجي، پنهنجي اوزارن کي هڪ پاسي ڪري خلاصو ٿي ويهندي چيو ته
    ” ڪجهه به آهي، پر وشني کي گرفتار ڪري گورن چڱو نه ڪيو آهي، اڳي ئي نهالچند واري ڳالهه ٿڌي ڪو نه ٿي آهي. مٿان وري هي رينگٽ، اهڙي ناحقي ۾ جيئڻ جو ڪهڙو فائدو؟ “
    والجي، سومجي واري ساڳئي ڳالهه ۾ وڌاءُ ڪندي وراڻيو ـــ
    ” ائين جي ڪندا رهيا ته پوءِ ابا پنهنجو به جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا. “
    ڪجهه دير لاءِ خاموشي ڇائنجي ويئي، سڀني جي چهري تي پريشان پئي بکي.
    پرڀو وراڻيو
    ” پوءِ ڇا ڪجي..................؟؟؟ “
    انهيءَ سوال سڀني کي مُنجهائي وڌو، هر ڪو هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳو، ميگهو جيڪو هيتري دير خاموش ويٺو هو، تنهن چيو ـــ
    ”وشني جي مدد ڪجي.“
    مختصر پر سڀني جي دل وٽان جواب هو
    سومجي ٿورو اڳيان وڌندي چيو
    ” ڪاڪي، موهن ۽ سانول سنٿ سان مشورو ڪجي“
    سڀني جي چهري تي مُرڪ ڇانئجي ويئي، ڄڻ ڪي وڏو ڪو بار مٿي تان لهي ويو هُجين.
    سوني، ڪُجهه سوچي پُڇيو.
    ” ڪاڪي، موهن ۽ سانول سان ڪير ملندو؟؟ “
    سڀ حيرت مان اوڏانهن نهارڻ لڳا، جتان کان سوال آيو هو، ميگهي، هڪ هڪ ڪري سڀني ڏي ڏٺو ۽ ڪُجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ چيائين:
    ”پرڀو ۽ آئون.........!!“
    والجي انومان ڪڍندي چيو
    ”جي، جواب ڏيئي ڇڏيائون ته......“
    سومجي هڪ دم وراڻيوــــ
    ” جواب ڇو ڏيندا ؟؟ “
    ميگهي، سومجي جي ڪلهي تي هٿ رکي ماٺ رهڻ جو اشارو ڪيو، چيائين ته
    ” مُنهنجي خيال ۾ هو پاڻ کي انهي ڪم لاءِ جواب ڪو نه ڏيندا، هونئن به هو ڪنهن کي به ڪنهن به ڪم جو جواب ڪو نه ڏيندا آهن ته پوءِ پاڻ کي ڇو جواب ڏيندا ؟؟ “
    سوني وراڻيو ــــ
    ” پوءِ، صبح سويرو ئي نڪري ويندؤ ڇا ؟؟ “
    ميگهي وراڻيو
    ” ها ! “
    انهيءَ بحث کان پوءِ نڪتل نتيجي سبب، سڀني جي چهري تي اطمينان جي لهر گردش ڪرڻ لڳي.
    ”ڌپ.................ڌپ.......................ضرب..............شڙپ.................ٺا........... ڌپ...............“ سچوپترن ۽ ڪنداقن جو آواز، هات ناڪي جي قدرتي ديوارن سان ٽڪرائي، فضا ۾ گونجي ٿي ويو، وشني جي جسم مان جا بجا رت وهيو پئي، اکين وٽان ڳل جي چمڙي ڦاٽي پئي هُئي ۽ سڄو جسم پگهر سان شرابور هو، هر ڌڪ کان پوءِ آواز گُونجيو ٿي.
    ” تون ڪير آهين؟ تُنهنجو ڪميونسٽن سان ڪهڙو تعلق آهي؟ “
    هر ڌڪ ۽ سوال کان پوءِ وشني جو اهو ئي جواب هو ته
    ” مُنهنجو ڪميونسٽن سان ڪوبه تعلق ڪونهي “
    پر انگريز عملدار جو مسلسل اهو ئي اسرار هو ته هي ڪميونسٽ آهي ۽ راڄ جنتا هلچل جو ميمبر آهي ديسي سپاهي، پنهنجي آقا کي قابليت ڏيکارڻ خاطر وشني کي پهرين کان به وڌيڪ ماريو ٿي. اهو سلسلو ڪافي دير هلندو رهيو، انگريز عملدار جي انهي ڪوشش مان ڪو کـڙ تيل نه نڪتو، وشني کي هات نڪي مان ڪڍي، فوجي نموني جي ٿري گاڏي تي ويهاري واپس جيل خاني کڻي آيا. جتي يوسف ڀي قيد هو، جنهن گوڙ ۽ گهمسان جي آواز سان ئي ڄاتو ٿي ته سي آءِ ڊي وارا اچن پيا، جيڪي يا ته هن کي وٺڻ پيا اچن يا وشني کي واپس وٺي آيا آهن. ڪجهه ئي دير ۾ ماٺار ٿي وئي، يوسف کي پڪ ٿي وئي ته هو وشني کي وٺي آيا آهن ۽ هاڻ ڪئين به ڪري وشني جي حال احوال کان واقف ٿجي پر ڪو ذريعو نظر نه پئي آيس ته پيٽ جي سور جو بهانو ٺاهي، لوهي دروازي کي زور زور سان وڄائڻ لڳو، دروازي جو آواز ٻُڌي، سنتري ڊوڙندا آيا ۽ دروازو کولي، بنا پُڇا جي يوسف کي بندوق جي ڪنڌاقن سان کڻي ڇڏيون. يوسف کي ڌڪ هڻي هڻي بي ستو ڪري ڪيرائي وڌائون. يوسف پيٽ جي سور جون دانهون ڪندو رهيو پر سنترين جي ڪنن ۾ ڄڻ ڪپهه پيل هُئي. جڏهن يوسف صفا نستو ٿي ڪري پيو ته سنتري ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو
    ” هي ڪا پڻهين جي ماڙي ڪونهي ۽ نه ئي اسين تُنهنجي ابي جا نوڪر آهيون، هاڻ آواز آيو ته اصل ساهه نپوڙي ڇڏينداسين“
    ۽ زور سان کولي جو دروازو بند ڪري هليا ويا، جيل خاني ۾ جيڪي قيدي هئا، تن تي هنن رڙين ۽ ڪنڌاقن جي آوازن جو ڪو به اثر نه وڌو هو، ڄڻ اهو ڪو معمول جو عمل هُجي، ڪجهه دير کان پوءِ جيل خانو ساڳئي سڪونت ۾ اچي ويو، جهڙو انهي مار کان پهرين هو، وشنو، بي سُڌ، بيهوش پيو هو، سندس زخمن مان رت رسي رهيو هو.
    پرڀو ۽ ميگهو، اسر ويل ئي موهن ۽ سانول ڏانهن نڪري ويا هئا، هنن چاهيو ٿي ته هو ٻئي ڏينهن ٽاڪ منجهند کان اڳ برهمڻ آباد پهچي وڃن، ٿري وک هوندي سوندي به ڀٽن جون لاهين چاڙهين، هوا جي تِک جي ڪري هي ٻئي ڄڻا ٽاڪ منجهند کان پوءِ ئي برهمڻ آباد اندر گهڙي سگهيا. انهي ساري سفر ۾ هو خاموش ئي رهيا هئا، شايد هنن مسئلي جي ڳنڀيرتا کي ڄاتو ٿي، جڏهن هو موهن واري هٽ تي پهتا ته اهو بند پيو. پرڀو ميگهي ڏانهن ۽ ميگهي پرڀو ڏانهن معنيٰ خيز نگاهن سان ڏٺو، پريان هڪ پوڙهو بيٺو هو، تنهن کان، موهن وارن جي پڇا ڪيائون.
    ” هو هتي ٻه ٽي ڏينهن ٿيا آهن جو ڪو نه آيا آهن، سانول کي ڌڪ لڳا آهن، تيئن هو گهر ئي رهن ٿا. “
    پوڙهي ٿوري وضاحت سان هنن کي چيو، پرڀو چيو
    ” گهر ڪٿي آهي.....؟ “
    پوڙهي، پنهنجي پُٺيان اچڻ جو اشارو ڪري پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو، هي ٻئي به بنا تامل، هُن جي پٺيان هلڻ لڳا، هو ڪُجهه ويڙهن ۽ پيچرن کان گُذري، موهن واري گهر تائين پُهتا، سونهين گهر ڏانهن اشارو ڪيو، پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو، دورازي کي وڄائڻ لاءِ پرڀو، هٿ وڌايو ئي مس هو ته راڌا دروازو کولي ڇڏيو. راڌا پرڀو کي ائين دروازي ڏانهن وڌيندي ڏٺو ته رڙ ڪري، اندر ڀڳي، ڪاڪي موهن به هڪدم ڪُهاڙي کنئي ۽ دروازي ڏانهن هڪل ڪري وڌيو.ڪاڪي موهن کي، پاڻ ڏانهن لوٰءِ ڪري وڌيندي ڏٺو ته ميگهي رڙ ڪري چيو
    ” ڪاڪا، پنهنجا آهيون پنهنجا، هٿ جهلجين.“
    ڪاڪي موهن اها رڙ ٻُڌي ڪهاڙي ڦٽي ڪندي چيو
    ” ايشور ڪرپا ڪئي جو بچي ويا نه ته ڪُجهه به ٿي سگهيو ٿي.“
    پرڀو، هٿ ٻڌندي چيوــ
    ” ڪاڪا! مورڳو ماريو هُيئي، چڱو ٿيو جو ميگهي رڙ ڪئي، نه ته اڄ اسان وارا ڪم پورا هئا. “
    موهن ڪم جي ڳالهه تي ايندي چيو
    ” ڏيو خبر، ڪير مُڙس آهيو، ڪيئن پنڌ پيا آهيو ؟ “
    پرڀو، پن جي ٻيڙي دُکائيندي چيو
    ” ڪاڪا! خير ڪٿي آهي؟ سي آءِ ڊي وارا وشني کي ناحق کنڀي پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، هاڻي خبر ڪانهي ڪٿي رکيو اٿن!؟ “
    سانول، وشني جي باري ۾ اهڙي ڳالهه ٻڌي ته اندران ئي رڙ ڪري چيائين: ـــ
    ” ڪاڪا! مزمانن کي اندر وٺي اچ.“
    ميگهي، اندران آواز تي موهن کان پُڇيو
    ” اهو پنهنجو سانول آهي نه !؟ “
    موهن ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي، ٽيئي ڄڻا اندر هليا آيا، سانول اوٽي وٽ کٽ تي، ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو.
    تنهن وڌيڪ چيو ــ
    ”ها، هاڻي سربستي ڳالهه ڪر.“
    ” ادا رات آخري پهرن ۾ هئي، هڪ اڌ وهٽ نه هو پر پنجاهي وهٽن جي هئي، هڪڙي موٽر به هئي، گوڙ تي سڄي ڳوٺ جي اکُ کُلي ويئي، پر ڪير ڪُڇي؟ هُنن ايندي ئي، وشني جي چوئنري جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي ۽ اهڙِي ته بيدردي سان سامان پئي اُڇلايون ڄڻ ڪو بم ڳوليندا هُجن. اسان سڀئي بيوس نظرن سان ڏسندا رهياسين. تيسين ٻيون ٻه ٽي گاڏيون به اُتي پُهچي ويون جن ۾ وشني ۽ هن جي مزمان کي ٻڌي کڻي آيا هُئا . انهن کي گرفتار ڏسي اسان جو ته هانءُ ئي ڊهي پيو، سي آءِ ڊي وارا اسان کان پُڇي بغير ٻنهي کي کڻي روانا ٿي ويا ۽ اسين بس ڏسندا رهياسين.“
    سانول وچ ۾ پُڇيوــ
    ” اوهان کان ڪُجهه ڪونه پڇيائون؟ “
    پرڀو وراڻيوــ
    ” نه ڪو! “
    پرڀو، ساڳي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو
    ”پوءِ صبح، اسان سڀ گڏياسين ۽ رٿ رٿيسين ته اوهان کان صلاح ۽ مدد وٺجي ته وشني جي انهي ناحقي سزا مان ڪيئن جان ڇڏايون؟ اڄ وشني سان ائين ٿيو آهي سڀاڻ اسان مان به ٻئي ڪنهن سان ائين ٿي سگهي ٿو.“


    7

    پرڀو ڳالهه ڪري، سانول ڏانهن نهارڻ لڳو، جنهن ۾ هي ٻئي وڏي اُميد کڻي آيا هئا، راڌا تيسين اَڇُ جا گلاس ٺاهي موهن کي ڏنا، موهن، مزمانن کي اڇ جا گلاس پيش ڪيا ، سانول، موهن ڏانهن نهاريو، جيڪو اَڇ جا گلاس ڏئي، واندو ٿي هيٺ ويٺو هو هيڪر ته سڀني ۾ ماٺ ڇائنجي ويئي ۽ سڀڪو اَڇ پيئڻ ۾ مصروف نظر اچڻ لڳو هو.
    موهن چيوــ
    ”وشني لاءِ سي آءِ ڊي وارن سان ڳالهائجي ۽ چئجي ته اُن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، ٻيو نه ته به اها ته خبر پوندئي ته هتي آهي يا مورڳو ئي سنڌ ڏانهن نئي ڇڏيون “
    سانول، موهن جي ڳالهه ٻُڌي وراڻيوــ
    ” ڪاڪا! ڳالهه ايتري ڪانهي، وشني جو جهلجڻ، مون تي سي آءِ ڊي جي چڙهائي، گس پنڌ تي مون کي وشني سان نه ملڻ ڏيڻ لاءِ زخمي ڪرڻ، سڀيئي ڪڙيون، هڪڙي ئي لڙي ۾ پوئيل لڳن ٿيون، وشنو گورن جي اک ۾ ڪو وڏو ڪنڊو آهي.“
    موهن وراڻيوــ
    ” تُنهنجي ڳالهه سان ڪنهن حد تائين آئون سهمت آهيان پر، وشني جهڙي بي ضرر انسان سان، هنن جو ايترو اتاولو ٿيڻ، سمجهه کان ٻاهر آهي.“
    تيسين موتي ڊوڙندو ڊوڙندو اندر داخل ٿيو
    ” ادا سانول !... ادا سانول! سي آءِ ڊي وارن هڪڙو ماڻهو ماري وچ بازار ۾ ٽنگي ڇڏيو آهي.“
    اها ڳالهه ٻڌي سڀئي ٻاهر ڀڳا . ٽڪٽڪي تي لاش ٽنگيو پيو هو، ماڻهن جا هشام، لاش کي ڏسي رهيا هئا، موتي، راڌا، سانول، موهن، پرڀو ۽ ميگهو، سڀئي لاش ڏانهن نهاري رهيا هئا. جيڪا ٽن ڪاٺين جي ٺهيل ٽڪٽڪي تي ٻڌل هئي. ڪيترن ئي ماڻهن توبهه توبهه پئي ڪئي. موهن جي اکين ۾ لُڙڪ هئا. راڌا تي ڄڻ سُڪتو طاري ٿيو ويو هو. هوءِ بي ساخته لاش کي ڏسي رهي هئي. جنهن جي منهن تي ڪارو ڪپڙو پيل هو. موتي ڪنهن وقت لاش کي ڏسي ته ڪنهن وقت موهن، سانول ۽ راڌا ڏانهن نهاريائين ٿي.
    سانول، موهن جي ڪلهي تي هٿ رکيو، اکين سان هلڻ جو اشارو ڪيو، چارئي ڪنهن لُٽيل مُسافر جيان، ڪنڌ جهُڪايو، خاموشي سان واپس هلڻ لڳا، ماڻهن جي وچ ۾ کُسر ڦسر عروج تي هُئي مرد ته مرد پر عورتن جا به ڪٽڪ لاش کي ڏسي رهيا هئا. هڪڙا ويا ٿي ته اُن جي جڳهه ٻين والاري ٿي.
    ڪاڪي موهن تمام ٿڪل لهجي ۾ چيو.
    ”اهو لاش، اها ثابتي ٿو ڏئي ته هاڻي ڪُجهه نه ڪُجهه ڪرڻ جي شروعات ڪجي.“
    سانول، ڪاڪي موهن ڏانهن نهاري، مٺيون ڀڪوڙيندي چيوــ
    ”ڪجهه نه ڪجهه ڇو؟ هاڻ ته سڀ ڪجهه ڪجي، هنن کي ڏيڻ لاءِ اسان وٽ جيڪو ڪُجهه آهي، تنهن تي اهو اڳ ئي قابض آهن، پر جي ويڙهه ڪنداسين ته اسان کي پنهنجو وطن ملڻ جو وڏو آسرو ۽ اُميد آهي.“
    پرڀو روئڻهارڪو ٿيندي چيوــ
    ” لڳي ٿو ته ڀاءُ وشني کي به ڪٿي نه ڪٿي، ماري ائين ٽنگي ڇڏيو هوندن.“
    سانول وراڻيوــ
    ” نه، هُو ائين نٿا ڪري سگهن، هنن وشني کي جهلڻ لاءِ پنهنجي سرڪاري طاقت استعمال ڪئي آهي، سي وشني کي ائين جهٽ ڪونه ماريندا.“
    ميگهي چيوـــ
    ” پر ادا! هنن تي ڪهڙو ڀروسو؟ هنن مان رحم جي اُميد ڪرڻ اجائي آهي.“
    موهن، ميگهي جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو ته
    ”ميگهي جي ڳالهه صحيح آهي، جيڪڏهن وشنو زنده به آهي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ“
    سانول، موهن جي ڳالهه کي سمجهندي وراڻيو ـــ
    ”پوءِ شيام سان ڳالهائڻو پوندو، هو ئي هن وقت پنهنجي مدد ڪري سگهي ٿو.“
    موهن ڪجهه ساعت سوچيندي چيوــ
    ”هون! ائين ٺيڪ آهي“
    پنج ئي ڄڻا، واپس پنهنجي جاءِ تي هليا آيا –
    پنڊت نائومول، هاڻ آزادانه طور تي سانول خلاف پنهنجي تبليغ شروع ڪري ڏني هُئي.
    ”سانول، مُسلو آهي، جنهن ايشور جا زيور چوري ڪيا، اسان جي مهانَ مهاراج کي قتل ڪيو ۽ راڌا کي يرغمال بڻائي، اُن جي عزت سان کيڏي پيو. مون کي ٻڌايو ته اڄ ڏينهن تائين اوهان ڪنهن مُسلي کي ڪنهن مندر ۾ مندر جي سيوا ڪندي ڏٺو آهي؟ مُسلن هميشهٰ اسان جي ديوين ۽ ديوتائن جي توهين ڪئي آهي. اسان جا مندر ڊاٺا آهن. اسان جي نياڻين جون عزتون لُٽيون آهن، ڇا سانول، اُنهن مُسلن مان نه آهي!؟ جي اوهين ڌرم جا سچا پرچارڪ (تبليع ڪندڙ)۽ سٻنڌي آهيو ته سانول خلاف يُڌ (جنگ) ڪريو. پنهنجي ايشور جي مندر کي، اُنهي جي ناپاڪ قدمن کان آزاد ڪرايو.“
    اهو گجگوڙ ڪندڙ آواز، شيوَناٿ جي ڳوٺ ۾ پنڊت نائومل جو گُونجي رهيو هو. ماڻهن جا ڪٽڪن جا ڪٽڪ جوش وچان پنڊت نائومل جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. مجمع ۾ هڪ جوش پيدا ٿي ويو.
    ” هن آستاني تي هميشه ڌرم جا سچا پوئلڳ پيدا ٿيندا رهيا آهن، هن آستاني کي وڏي اهيمت حاصل آهي. توهان کي خبر آهي ته هيترن ڏُڪارن کانپوءِ به برهمڻ آباد سرسبز ۽ خوشحال رهيو آهي ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هن مندر جي پويترتا(پاڪائي) ۽ اَناپورنا ديوي جي دُعا اٿس! جي اُن پويتر(پاڪ) مندر سان اهڙو ناحق ٿيندو رهندو ته ائين پڪ سمجهو ته برهمڻ آباد سان گڏ هن پوري علائقي جو خير نه آهي.“
    هجوم ۾ پنڊت نائومل جي حمايت ۾ زور زور سان نعرا گونجي رهيا هئا.
    ” انهيءَ يُڌ(جنگ) ۾ ڪهڙا ڪهڙا جوان، منهنجو ساٿ ڏيندا ۽ مون سان گڏ هلندا “
    پنڊت نائومل، پنهنجي محنت طلب تقرير کان پوءِ پنهنجن لفظن جو اثر ڏسڻ لاءِ اها آخري ڳالهه مجمع ڏانهن اُڇلائي. پنڊت نائومل جو اندازو غلط نه نڪتو اڌ ڳوٺ کان مٿي ماڻهن، پنڊت سان ڪلهو ڪلهي ساڻ ملائي، سانول سان وڙهڻ لاءِ تيار هو، پنهنجي تقرير جو نتيجو ڏسي پنڊت مُرڪي پيو.
    ”.................................................................ته پوءِ تون نُورل کي ڪونه سُڃاڻين؟! “
    ”نه -! “
    ” چيف لڳي ٿو ته هميرسنگهه جون خدمتون وٺڻيون پونديون.“
    ”هميرسنگهه.....................! چه چه چه- پوءِ ته هي ويچارو مري پوندو توبهه توبهه، ڀڳوان همير کان بچائي.“
    ”پر ڇا ڪريون چيف، پاڻ چاهيون ٿا ته هي پنهنجي جواني ۽ زندگيءَ جون خوشيون ماڻي، پر هن جي ضد، ارڏائي، پاڻ پئي هن کي موت ڏانهن ڇڪي.“
    ” ڏس، تون اسان کي پنهنجو سڄڻ سمجهه، اسين سرڪار کان معافي وٺائي ڏينداسين، اهو واعدو آهي توسان ، تون هروڀرو ضد نه ڪر“
    ”جڏهن ته مون ڪو ڏوهه ڪيو ئي ناهي ته پوءِ معافي وٺائي ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟“
    ” تون نورل کي سُڃاڻندو آهين، اها ڳالهه خود نورل اسان کي ٻُڌائي آهي، ٻُڌندين، ٻُڌ! هن چيو ته وشني کي اسان برهمڻ آباد ۾ ڪميونسٽ ليگ جو ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. هن جو ڪو اولاد ڪونهي. هن جو اصل ڳوٺ سانگهڙ وٽ آهي. اصل نالو شنڀو اٿس-!“
    وشني پُراعتماد لهجي ۾ وراڻيو.
    ”نه، اهو سڀ ڪوڙ آهي، آئون ڪنهن به نورل کي سُڃاڻان ئي ڪونه .“
    زيپٽ........................زيپٽ...........................زيپٽ..........ڌڪن ۽ ٿپڙن لڳڻ سان ڏندن مان رت وهڻ لڳو.
    ”نه نه بس ڪريو ، چيف ٻُڌائي ٿو، سڀ ڪجهه ٻُڌائي ٿو.“
    ٻي سنتري، اُن ٿلهي سنتري کي ٻانهن مان جهليندي چيو
    ” ڏس وشنا! اڃان به وقت اٿئي، جيڪي ڪُجهه اسين پُڇون پيا، سو ٻڌائي ڇڏ.“
    وشني چپن تان رت اُگهندي چيوـــ
    ”مون کي ڪا خبر ڪونهي، آئون ته درزڪو ڌنڌو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي والدين جو پيٽ پاريان ٿو. مون کي پنهنجي پيٽ مان ئي ڪا فرصت ڪونهي ته اهڙا اڍنگا ڪم ڪيئن ڪندس......؟ ۽ ڇو ڪندس ؟ “
    وشني اڃان ڳالهايو ئي پيئي ته ٿُلهو سنتري کيس مارڻ تي وري شروع ٿي ويو. زيپٽ..........زيپٽ..................زيپٽ................. وشنوٻن ٽن ڌڪن سان ئي زمين تي ڪري پيو..ڌپ............... ٺپ...............، ڪُکن ۾ لتون، وشنو لڙڪندو، دروازي وٽ وڃي ڪريو، وشني پنهنجو هيٺيون چپ ڏندن ۾ڏيئي پنهنجي پيڙا جي لهرن کي دٻائي ڇڏيو ۽ دانهن نه ڪيائين.
    ” ڪرتار، وڃ، اُنهي پوڙهي کي ته وٺي اچ “
    ڪرتار اهو حُڪم ٻڌي ٻاهر نڪري ويو.
    انهي ٿلهي سنتري، جيڪو سهڪيو پئي، ٻاهر بيٺل سنتري کي سڏيندي چيو،
    ”نندو، او نندو! پاڻي پيئار !“
    جيسين نندو پاڻي کڻي اچي، تيسين ڪرتارسنگهه پوڙهي کي وٺي اندر داخل ٿيو.
    ” ابا! ظالمن هيءَ ڇا ڪيو آهي؟”
    پوڙهي، پُٽ جي حالت ڏسي پٽ ڏانهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪرتار، ٻانهن مان سوگهو جهلي ورتس.
    وشني ماءُ کي ڏٺو ته من کي جهولو اچي ويس. آواز ۾ روئڻ وارو ڀرائوَ ٿي ويس.
    ” امڙ! “
    ماءُ، پٽ جي اهڙي حالت ڏسي روئڻ لڳي.
    ” ڏس شنڀو! ڏس، تنهنجي ماءُ تو لاءِ ڪيڏي اُٻاڻڪي آهي، پنهنجي ماءُ جي ممتا کي ائين ڇو ٿو چيچلائين، سودو ايڏو به مهانگو ته ڪونهي، تون ڪميونسٽن جا نالا ۽ ٺڪاڻن جو ڏس پتو ڏي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان کلي خوش ٿي گهر هليو وڃ.“
    ماءُ کي ڏسي وشنو، هيڪر ته ٽُٽي ويو، پر ٻئي لمحي پنهنجي ساٿين جي خون ٿيڻ ، عقوبتون سهڻ جا منظر، سندس اکين اڳيان ڦري آيا ته دل ويتر مضبوط ٿي پيس، ٿلهي سنتري پاڻي جو گلاس يڪ ساهيءَ ۾ پيئندي چيو ته ”ڪرتار، هن پوڙهي کي ٻه چار ٺاهوڪا اُڦراٽا ته کارائينس. ته پُٽهين کي ڪُجھ قدر پوي، جي تڏهن به نه مڃيائين ته جبل تان هيٺ اُڇلائي ڇڏينداسين.“
    ڪرتار ٻه ٽي زوردار چماٽون وشني جي ماءُ کي وهائي ڪڍيون پر وشني جي ماءُ هيٺ ته ڪري پئي باقي دانهن نه ڪيائين هو پنهنجي پُٽ جي حالت تي فڪرمند هُئي سو هُن کي پنهنجو درد ڪٿي ٿو محسوس ٿئي پيڙا وچان وشني پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون ، پُٽ جي اها حالت ڏسي وشني جي ماءُ وراڻي
    ” ابا ، منهنجو اُلڪو نه ڪر ، تون پنهنجو خيال رک ، هي ڪانئر مونکي ڇا ڪندا “
    ٿلهو سنتري اهو ٻُڌي اصل باھِ ٿي ويو
    ” وٺي وڃ انهي پوڙهي کي وڃي گولي سان اُڏائينس “
    ڪرتار وشني جي ماءُ کي گهليندو ٻاهر نڪري ويو ، نندو ، جنهن اُن ٿلهي سپاهي کي پاڻي پئياريو سو وراڻيو
    ” ڏس وشنا! اسين سڀ تُنهنجا خير خواهه آهيون، اسين پاڻ، انهن گورن کان سخت نفرت ٿا ڪريون.اسين به هندستان آزاد ڏسڻ چاهيون ٿا، بس اسان جي مجبوري اها آهي جو اسين سرڪار جي نوڪري ٿا ڪريون، ڪُجهه ڪرڻ چاهيون ٿا، تون اسان کي پنهنجو سمجهي ٻڌاءِ جيئن اسان هُنن کي بروقت اطلاع ڏيئي، هنن گورن جي ظلم و قيد کان بچائي سگهون.“
    وشني ڪرڙين اکين سان اُنهي سُڪل منهن واري سپاهي کي ڏٺو، جو بظاهر ايڏو معصوم ۽ خير خواهه پئي لڳو ڪي ڄڻ ڪي وشني جو هن کان وڌيڪ ڪو سڄڻ ئي ڪونهي، پر اندر ۾ جيڪي ڪات ڪهاڙا هئس، تنهن جي وشني کي چڱي پر خبر هُئي.
    ” ها مُنهنجا ڀاءُ! ڏس، ڪيڏو نه توکي ايذائين پيا، جيڪڏهن تون نه ٻڌائيندين ته هنن تي ڪهڙو فرق پوندو، ڇو ته يوسف ته سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. توکي ڪهڙي پئي آهي جو هنن بي دينن ۽ ملڪ دشمنن جي پُٺڀرائي ۾ پنهنجي مال ملڪيت، پنهنجا مٽ مائٽ ۽ پنهنجي مور جهڙي جواني وڃائين. اسين ته چاهيون ٿا ته پنهنجن کي ڪا تڪليف نه اچي، پر جي ائين ضد نه ڇڏيندين ته اسان به سرڪار کي سفارش ڪرڻ جهڙا نه رهنداسين، تون ڏاهو آهين، سمجهو آهين، شاباش ٻڌاءِ.“
    ”جيڪڏهن مون کي ڪُجهه خبر هُجي ها ته آئون اوهان کي ضرور ٻڌايان ها، توهان ڇا ٿا سمجهو ته مونکي پنهنجي زندگي پياري ڪونهي؟ “
    سُڪل منهن واري سنتري نريندر سنگهه، اڳيان وڌي وشني جو مُنهن ڪپڙي سان اُگهيندي چيو
    ” ٺيڪ آهي، پر وري به ذهن تي زور ڏجانءِ، ان ۾ ئي تنهنجي ڀلائي آهي ادا. “
    ۽ ٻاهر بيٺل سپاهين کي هن کي وٺي وڃڻ لاءِ چيو. انهي ساڳي سنتري نريندر سنگهه وشني کي ڄڻ آخري تنبيهه ڪندي چيو
    ” ڏس! هنن وٽ تُنهنجي ماءُ به قيد آهي، هو ڪُجهه به ڪري سگهن ٿا.“
    لاش واري واقعي، موهن کي ته ٺهيو پر سانول کي به پريشان ڪري وڌو هو. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن به ماڻهو جي حياتي جي ڪا به ضمانت نه هئي. ميگهو جيڪو هفتو کن هنن وٽ رهيل هو، سو بازار مان موٽي آيو ته پهرين جيڪا خبر ڏنائين، سا سانول ۽ موهن لاءِ غير متوقع ۽ عجيب هئي. سانول لاٰءِ اها تنظيم بلڪل نئين هئي، جنهن جو قصو ميگهو ٻڌائي رهيو هو.
    ” ادا، وشني جو به انهي پارٽي سان تعلق آهي، خود انگريز سرڪار به انهي گروهه جي ماڻهن کي زنده ڏسڻ نٿي چاهي. اهو پنهنجو رميش، وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو هو، چيائين پئي ته انهي وشني بي ديني کي ڪُٽي ڪُٽي ماري ڇڏيو اٿن..........................“
    سانول، ميگهي جي ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي پُڇيو
    ”ڪهڙي پارٽي؟ “
    ميگهي وراڻيو
    ” ڪمونسٽ! “
    سانول، ميگهي جي ورتل نالي کي ورجايو
    ”ڪمونسٽ! “
    ميگهي چيو
    ” ها ادا، اهو نالو ئي پئي ورتائين. اها پاڻ ته ڪڏهن به ڪانه ٻڌي آهي. اڄ رميش سپاهي، وڏي واڪي ذر ذر اهو نالو پئي ورتو. لڳي ٿو ته اهي ڪانگريسين کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن.“
    موهن جيڪو هيتري دير خاموشيءَ سان هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تنهن چيو ته
    ” هي ته ايتري اڪثريت ۾ به نه آهن، نه ئي هنن ڪو وڏو وروڌي ڪم ڪيو آهي، پوءِ هنن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو انگريز سرڪار ڇتي ٿي پئي آهي. عجب آهي!“
    راڌا وراڻي
    ”ڪاڪا! ڪجھه به هُجي، پر گورن لاءِ هي ڪا وڏي هچا آهن.“
    سانول، ٻنهي جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
    ” ڳالهه چٽي پئي آهي، وشني جي هلت چلت، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، خود اعتمادي، عام ماڻهن جي ڏک ۽ درد کي سمجهڻ، عام ماڻهو جي مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهڻ، چڱن ۽ عالم ماڻهن سان واسطو رکڻ، ظلم کي ّظلم چوڻ، اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائين ٿيون ته هن تنظيم جا ماڻهو، نه لالچي آهن ۽ نه ئي لوڀي، هو انگريز سرڪار ته ٺهيو پر سيٺ، زميندار ۽ ڪاموري جي به خلاف لڳن ٿا. وشني جي ڳالهين مان ائين ٿي محسوس ٿيو ته هي ڪا غير معمولي ڳالهه ڪرڻ چاهين ٿا. ڪاڪا! اهڙا ماڻهو جيڪي نه وڪجي سگهن ٿا ۽ نه جهُڪي سگهن، سي ته واقعي انگريز سرڪار لاءِ وڏو ڏچو بنجي سگهن ٿا.“
    موهن چيو
    ” اهي ڳالهيون سڀ صحيح، پر هي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هيڏي وڏي سرڪار کي ڇا ٿا ڪري سگهن؟ “
    ميگهو ۽ پرڀو، ٻنهي جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيا هئا، راڌا به ڪم ڪندي ڪنهن ڪنهن وقت ڪن انهي طرف ڪري ٿي وڌو.
    سانول وراڻيو
    ” ڪاڪا، جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو به حق ۽ سچ تي آهي ۽ اُن ۾ دانائي ۽ پنهنجي مقصد لاءِ سچي لگن آهي ته اهو هڪڙو سون ڪوڙن کان ڳرو آهي. پاڻ ڪيئن ٿا چئي سگهون ته هي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن. ٿي سگهي ٿو ته هي لکن ۾ هجن، پاڻ کي خبر نه هجي. هنن ماڻهن، انگريزن کي مُنجهائي وڌو آهي، انهي مان لڳي ڪونه ٿو ته همراهن ۾ مڻيا آهي ! “
    نيٺ ميگهي وراڻيو
    ” ادا سانول، اهي ڳالهيون پوءِ به پيون ٿينديون پر اڳ ۾ ڀاءُ وشني کي ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو.“
    اها ڳالهه ٻُڌي، موهن سانول کي ٻانهن کان جهليندي چيو
    ”سانول اٿُ! “
    سانول به بنا ڪنهن چُئو چوان جي موهن سان گڏ ٻاهر نڪري ويو.
    انگريز سرڪار پنهنجي پر ۾ ڪانگريسين ۽ ليگين کي ويڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ۽ مُلڪ سڄي ۾ بدامني واري ڪيفيت هئي، پر اها نئين مصيبت انگريزن جي گلي ۾ اٽڪي پئي هئي. ٽوڙي به نه پئي سگهيا ۽ نه پاڻ ۾ وڙهائي پئي سگهيا، هُنن کي ته اها فڪر کائي ويئي هئي ته متان هندستان تي مورڳو ئي ڪميونسٽ رياستون حاوي نه ٿي وڃن. جيئن جرمن فوجين کي ڪميونسٽ رياستن ٽوٽا چٻائي ڇڏيا هئا ۽ پنهنجن علائقن مان تڙي ٻاهر ڪڍيو هو. هو ڪميونسٽ ڌُر جو هاڻ نالو ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هئا. اسٽالن جي پاليسين ۽ ٻين ڪميونسٽ ڌُرين جي جنگي طريقن ۽ لائحه عملن، انگريزن اندر ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي هئي. ٻئي پاسي، چين جي خانا جنگي به منظر عام تي هئي، جتي به ڪميونسٽن جي فتح يقيني پئي نظر آئي، مٿان سون تي سهاڳي وارو ڪم اهو ٿيو جو هندستان ۾ به ڪميونسٽ نظريي پنهنجا پير پُختا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا. انهيءَ ڪري انگريز سرڪار، ڪميونسٽ پروپئگنڊه کي روڪڻ لاءِ وڏي چال چلي، جو هندو ۽ مسلم جاگيردار ۽ سرمائيدارن اڳيان لقب القاب، جاگيرون، نوازشون اڇلائڻ لڳا ته اوهان کي اجهو ٿا ملڪ آزاد ڪري ڏيون. بس ٿوري مڙسي ڪريو. هنن ڪميونسٽن جي پاڙ پٽڻ ۾ مذهبي منافقت سان اسانجي مدد ڪريو. انهي چال ۾ هو سئو سيڪڙو ڪامياب ويا پئي. مُسلم ته ٺهيو پر هندو جاگيردار ۽ سرمائيدار کي آئينده پنهنجو مستقبل چٽو پئي نظر آيو. هندن جڏهن تاريخ تي نظر ٿي ڊوڙائي ته هنن هٿان هميشه مسلمانن ئي حڪمراني ڪئي هئي ۽ هن وقت به هندستان ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي. جي هندستان آزاد ٿي به وڃي ته به فائدو مسلمانن کي هو. تنهن ڪري هندو سيٺين ۽ جاگيردارن، انگريز سرڪار جي ڇانو ۾ اچي پناهه ورتي هئي. انگريز سرڪار، انگلينڊ وڃي بئريسٽر علي محمد کي اُن ڳالهه تي آماده ڪيو ته هو ڪانگريس کي سنڀالي، جيڪڏهن ڪانگريس گلي ۾ پوي ته ان کي ٽوڙي اڌو اڌ ڪري سگهجي.
    سانول ۽ ڪاڪو موهن، شيام جي ڏنل مشوري تحت نئين ڪوٽ جي قلعي ۾ ٺهيل وڏي جيل جي وڏي مُنشي گلاب چند سان ملڻ لاءِ آيا، شيام جي معرفت هئڻ ڪري، هنن کي گُلاب سان ملڻ ۾ ڪا دشواري آڏي نه آئي. گلاب چند ڪن ٻن سپاهين سان، ڪنهن نقشي تي جهُڪيل هو.
    ”صاحب!“
    گلاب، ڪنڌ مٿي ڪري سپاهي ڏانهن نهاريو.
    ”صاحب، هي اوهان سان ملڻ چاهين ٿا.“
    گُلاب، وري به موهن ۽ سانول کي غور سان، پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏٺو، پوءِ همراهن کي چيائين
    ” ٺيڪ آهي، باقي سُڀاڻي، رهيل ڳالهين تي بحث ڪنداسين، اوهان وٽ به نقشا موجود آهن، انهن جو مطالعو ڪري اچجو.“
    انهن ٻنهي کي هدايت ڪري، هنن ڏانهن مخاطب ٿيو.
    ”ويهو“
    ۽ ڪرُسي تي پاڻ به ويهي رهيو.
    ”ڪاڪا! هاڻ ٻڌاءِ چانهه پيئندين يا مَهي!؟“
    موهن وراڻيو
    ”ڪجهه به نه! “
    گلاب چند وراڻيو
    ” ائين الائي ڪيئن ڪاڪا، شيام جا موڪليل ماڻهو آهيو ۽ خدمت جو موقعو نٿا ڏيو، ائين ته ٿيندو ئي ڪونه. گوتم، ٽي مَهيون ٺاهي اچ، ها، هاڻ خبر ڪريو، خير سان پنڌ پيا آهيو؟ “
    موهن سان شڪ پڪ واري ڪيفيت ۾ وراڻيو
    ” هتي ڳالهه ڪرڻ مناسب آهي الاءِ نه.......!! “
    گلاب چند، ڪُرسي کي ٽيڪ ڏيئي، ٽنگون پساريندي چيو
    ” توهان ڳالهه ڪريو“
    ”اسين............... اسين وشني متعلق خبر چار وٺڻ آيا آهيون؟ “
    گلاب چند هڪدم وراڻيو
    ”ڪاڪا، انهي ڳالهه جي سچي پُڇين ته پاڻ کي به خبر ڪانهي.“
    سانول وراڻيو
    ”پر سائين، هيڏو وڏو ماڻهو، سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ کڄاڻو آهي ۽ ان متعلق، اوهان واسطيدار ماڻهن کي به خبر ڪانهي ته پوءِ ڪنهن کي خبر هوندي؟ “
    گلاب چند، تحمل سان، سانول جي ڳالهه ٻڌي چيو،
    ” تُنهنجي ڳالهه سچي آهي، پر ڪي معاملا اسان کان به مٿي جا هُجن ٿا، جنهن جي اسان کي ٻڙڪ به پوڻ نه ڏيندا آهن. وشني جي معاملي ۾ انگريز سرڪار، خود ويٺي دلچسپي وٺي سو انهي متعلق صرف ايتري خبر آهي ته وشنو ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر آهي، انهي ڪري ڪميونسٽن کي سرڪار ختم ڪرڻ چاهي ٿي.“
    موهن مَهي جو گلاس کڻندي وراڻيو
    ” آخر پوءِ ڇا ڪجي جو وشني جو جنهن سان بچاءُ ڪري سگهجي؟ “
    گلاب چند، مَهي جو ڍُڪ ڀريندي چيوــ
    ”ڇا ٿو ڪري سگهجي، پنهنجي عزت ۽ پٽڪي بچائڻ جو ڪوشش ڪجي“
    سانول، موهن کي ۽ موهن، سانول کي ڏٺو،ڄڻ هڪ ٻئي کان سوال پُڇندا هُجن ته هاڻ ڇا ڪجي؟!
    گلاب چند، مهي جو گلاس خالي ڪري، پنهنجي ڪڙڪيدار مڇن تي هٿ ڦيريندي چيو
    ”ڪاڪا، دل ۾ نه ڪجو، اوهان جو سر، هي ڇوڪرو پيو وڍي چڱا خاصا ويد آهيو، پنهنجو هٿڙو کولي، باقي ڏينهن ڀڳوان جي عبادت ۾ گهاري ڇڏيو. هي ڌنڌا اوهان کي ٿورئي ٿا سونهنَ.“
    ڪاڪو موهن، حيرت وچان گلاب چند کي ڏسندو رهجي ويو
    سانول مُرڪي پيو ۽ چيائين
    ”سچي ڳالهه اٿؤ. ڀڳوان جي خلق سان، ڀڳوان جي اوَتارن جو ڪهڙو ڪم..............؟ ڪاڪا اُٿي !“
    گلاب چند ويندڙ، سانول کي ڪُرڙين اکين سان نهاريندو رهيو.
    وشني جي حالت، ڏينهون ڏينهن ڪرندي ٿي ويئي، هُنن وشني کي چار ڏينهن کان کائڻ پيئڻ لاءِ ڪُجهه به نه ڏنو هو. انهيءَ ڪري حالت ڪافي بگڙي ويئي هئس. انهيءَ قيد ۽ بند دوران، هُن سگريٽن جي اُڇلايل پاڪيٽن تي، اڱار سان ڪُجهه نه ڪُجهه لکندو ۽ لڪائيندو رهيو هو. انهيءَ عرصي دوران، هُن سنتري نيرسنگهه کي پنهنجو همدرد بڻائي وڌو هو. سگريٽن جا خالي کوکا به نيرسنگهه ئي هن کي آڻي ڏيندو هو. وشني محسوس پئي ڪيو ته هاڻ هن جو بچڻ مُشڪل آهي ۽ هتي هي جيڪو ڪُجهه لکيو آهي سو سنڌ ڏانهن ته وڃي نه ٿو سگهي ۽ هتي ڪميونسٽ پارٽي جو ڪوبه ذميوار به موجود ڪونهي ته پوءِ هي مواد ڏئي ته ڪنهن کي ڏئي. انهيءَ خيال دوران وشني کي سانول جو نالو ذهن تي تري آيو، هاڻ وشنو، نيرسنگهه جي ڊيوٽي لڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جيڪا هاڻ تبديل ٿي لڳڻ واري هئي. رات ٿيڻ سان سپاهين جون به ڊيوٽيون تبديل ٿي ويون. ڀيمي جي جاءِ تي نيرسنگهه اچي ويو. وشني کي انهيءَ ئي گهڙي جو انتظار هو.
    ”نيرسنگهه، لڳي ٿو مُنهنجو بچڻ مُشڪل آهي، هي ڪجهه ڪاغذ، سانول کي ڏيئي ڇڏجان، جتي مُنهنجو ايترو خيال رکيو اٿيئي، اُتي هي مُنهنجو آخري ڪم، پنهنجي وطن، قوم ۽ پنهنجي طبقي جي خير خواهي لاءِ ڪجانءِ.“
    نير سنگهه جا هٿ، ڪاغذ وٺندي رڦيا پئي ۽ سڄي بدن ۾ ڪپ ڪپي طاري هُئس.
    ”نيرسنگهه، اسان انهي سماج جو بنيادي ڪم ڪندا وڃون پيا، اهو انقلاب جنهن جو خواب، اسان جي اکڙين ۾ سجايل آهي. اهو هڪ ڏينهن ضرور پورو ٿيندو ۽ اسين سڀ..............“
    تيسين پريان کان تيزي سان ڪجهه سپاهين جو تيز تيز ڳالهائڻ جو آواز آيو. نيرسنگهه هڪدم اٽينشن ٿي بيهي رهيو. ساعت کن ۾ پنج ڇهه سپاهي وشني کي کنڀي کڻي ويا. صبح جو ڊيوٽي تان لهڻ شرط، نيرسنگهه کي جيڪا پهرين خبر ملي اُها اِها هُئي ته وشنو گُذاري ويو ۽ اُن جي هات نڪي جي ڪنهن غار ۾ ساڙيو ويو آهي ۽ سڀني سپاهين ۽ عملي کي سخت حڪم مليو هو ته اها ڳالهه قطعي ٻاهر نڪرڻ نه گهُرجي.
    نيرسنگهه کي دل ۾ ڪيترا ڀيرا اهو خيال آيو ته اهي ڪاغذات سرڪار کي ڏئي ڇڏي. پر وري هُن کي وشني جون التجا ڀريون اکيون نظر ٿي آيون، نيرسنگهه اصل مُنجهي پيو هو، دماغ ٿي چيس ”ڪاغذات ،سرڪار کي ڏئي ڇڏ، ڇو اچي پنهنجي نوڪري، زندگي ۽ ٻار ٻچن جي پويان پيو آهين.“ ٻي لمحي دل ٿي چيس ته
    ” هُن توکي، مرڻ وقت امانت ڏني آهي، امانت ۾ خيانت نه ڪر، نه ته اُن جو روح توکي سراپ ٿي لڳندو. وطن صرف وشني جو ڪونهي، وطن ماءُ آهي ۽ ماءُ جي ٿڃ جو قرض لاهڻ جو اهو ئي وقت اٿئي.“
    نيرسنگهه، ڊيوٽي تان لهي، عجيب ڪشمڪش ۾ پئجي ويو هو، جيئن ٿاڻي مان ٻاهر نڪتو ته سُکندرسنگهه سڏ ڪيو.
    ” نيرو......................او نيرو.........“
    نيرسنگهه بيهي رهيو.
    ”واهه يار واهه! ڊيوٽي تان لهڻ کان پوءِ سڃاڻين ئي ڪو نه ٿو“
    سُکندرسنگهه ڪلهي تي هٿ رکندي چيو
    نيرسنگهه وائڙپ ۾ چيو
    ”جيءُ......................!! هونءِ............!!“
    سُکندرسنگهه، نير سنگهه جي چهري کي ڏسي وراڻيو.
    ”نيرو، طبعيت ته ٺيڪ اٿئي نه........!“
    ”هان........... ها ! طبعيت....... ها مُنهنجي طبعيت کي ڇا ٿيو آهي ؟!“
    سُکندر حيرت مان وراڻيو.
    ”سڄو هيڊو لڳو پيو آهين، خير ته آهي نه؟! ڪا پريشاني آهي ڇا ؟ “
    نيرسنگهه وراڻيو
    ” نه ته ! “
    سُکندرسنگهه هڪدم وراڻيو.
    ” اڇا، اڇا. وشني جي موت جي ڪري پريشان آهين. (سُکندر سنگهه ڪجهه رازداري مان چيو) نيرسنگهه، سچي پُڇين ته وشني جي موت جو مونکي به تمام گهڻو ڏُک ٿيو آهي يار! وشنو واقعي دلير ماڻهو هو! اسانجي ماڻهن کي سورمن ۽ هيرن جو قدر ڪونهي.“
    نيرسنگهه، اڃان به بوکلاهٽ جو شڪار هو
    ”هون! ها............“
    سُکندرسنگهه نيرسنگهه جي اهڙي حالت ڏسي وراڻيو
    ”وڃ، وڃي آرام ڪر. پنهنجي ذهن تي اجايو بار نه وجهه، رب جي شئي رب کي پرتي. هونءُ، شاباس، وڃ...........آرام ڪر“
    سُکندرسنگهه، پنهنجي رهائش واري ڪوٺي ڏانهن هليو ويو پر نيرسنگهه، پنهنجي رهائش واري ڪوٺي ڏانهن وڃڻ بجاءِ سانول وارن ڏانهن هليو آيو.
    دروازي جي وڄڻ تي راڌا پُڇيو.
    ”ڪير..........؟“
    نيرسنگهه، ٿورو ڏاڍايان چيو.
    ”ڀيڻ جي .........................سانول آهي.“
    راڌا، اوپرو آواز ٻڌو ته ٿورو شڪي.
    وراڻيائين
    ”نه گهر ڪونهي-!“
    نيرسنگهه، پنهنجي پينٽ جي کيسي مان سگريٽ جي دٻي جا ستر اسي کن ٽُڪر ڪڍي، گهر جي دروازي کان اندر اڇلائيندي چيو
    ”ڀيڻ جي. اها امانت سانول کي ڏئي ڇڏجو“
    راڌا، اهو سگريٽن وارو ڪاغذن جو دستو کڻندي چيو
    ”جيءُ ٺيڪ آهي ادا “
    نيرسنگهه، جواب ٻُڌندي اطمينان سان واپس هليو آيو پر تڏهن به من ۾ ڪٿي نه ڪٿي اُڻ تڻ ضرور متل هئس.
    پنڊت نائومل، پاڻ سان ڪيترن نوجوانن کي گڏ کنيو ڳوٺ ڳوٺ وڃي رهيو هو، هن ماڻهن جي ذهنن ۾ مذهبي ڪٽرپڻي جا ٻج ڇٽڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. اُن جي اُنهي ڇٽ جو فائدو پنڊت نائومل کي برابر ملي رهيو هو. هن پنهنجي هيترن چيلن مان ڪُجهه وفادار چيلا پنهنجي لاءِ چونڊي ورتا هئا. جن کي هن ڪيئي ڀيرا آزمايو هو. هو هن جي معيار تي بلڪل پورا لٿا هئا، تنهن ڪري ڏاني ڌانڌل جي اولهه پاسي ڀٽن جي وچ ۾ شو مهاراج جي مندر ۾ پنهنجن اُن خاص چيلن سان پنهنجي مقصد جي ڳالهه لاءِ اچي گڏ ٿيو هو.
    ” ايشور جا سچا پوئلڳو! هيترن ماڻهن کي ڇڏي اوهان کي هن عظيم ڪم لاءِ چونڊڻ جو سهرو اوهان جي ڪانڊي ديوي جي سر تي وڃي ٿو. ڪالهه رات پاڪ پويتر ڪاندي ديوي مُنهنجي سپني ۾ آئي ۽ چيائين
    ”اي مُنهنجا پنڊت! تون ايترو آهستي ڇو پيو هلين؟ هُن مسُلي جا قدم ايشور جي پاڪ مندر ۾ گهُمن پيا ۽ هر قدم ڄڻ مُنهنجي سيني مٿان پيو پوي، جي پرچار ڪرڻ جو ايترو موهه اٿئي ۽ تو وٽ ايترو وقت ناهي جو مندر کي صاف ڪري سگهين ته پوءِ تُنهنجن شيوڪن ڪارو، جيٺو، رامون، پڏو، ساهومل ۽ سترام کي چئو ته هُو مندر کي انهن ناپاڪ قدمن کان پاڪ ڪن. ۽ مونکي بيحد خوشي ٿي آهي ته اُهو ڀاڳن ڀريو ڪم اوهان جي نصيب ۾ لکيو ويو آهي. پاربتي ديوي، اوهان لاءِ رستا آسان ڪندي ۽ شڪتي ديوي اوهان کي انهي پاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ سگهه ۽ طاقت عطا ڪندي.
    اي ڪانڊي ديوي جا شيوڪو! ۽ مُنهنجا سڄڻئو! وشنو ديوتا اوهان کي پنهنجي پناهه ۾ رکندو. اوهان پنهنجي مندرن جي رکشا( حفاظت) ڪرڻ ڄاڻو ٿا، اوهان کي آئون بُشارت ٿو ڏيان ته اوهين حياتيءَ ۾ به سرڳي(جنتي) آهيو. مُئي کان پوءِ سرڳي(جنتي) لهندو ۽ ٻي جوُڻ ۾ اعليٰ ۽ عرفيٰ انسان ٿي وري ڌرتي تي موٽندا. “
    ويٺل همراهه خوشي وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا ۽ ايڏي بي تابي ٿي پئي هئن ته ڄڻ هينئر کنڀ ٿي وڃن، وڃي سانول کي ماري اچن.
    پنڊت نائومل ڏٺو پئي ته هن جون ڳالهيون هنن جي ذهنن ۾ ڇپبيون وڃن پيون، هنن جا دماغ بلڪل صاف ٿي چُڪا هئا. هاڻ هو ڄڻ هن جا غلام هئا. هي جيئن چوندن تيئن ڪندا، تڏهن به پنڊت نائومل پنهنجي چهري تي بردباري ۽ ڳنڀيرتا قائم رکندي ڳالهه جاري رکي.
    ” اوهان خوش نصيب آهيو! جو اوهان جي ۽ اوهان جي سڄي خاندان جي جنم پُرڻ عزت وڌندي. اوهان ڌرم جا سچا شيوڪ آهيو. اوهان تي راڌا ديوي جي خاص ڪرپا آهي. حقيقت پڇو ته مُنهنجي دل خوشي ۽ مسرت وچان ڦاٽي پئي ۽ ديوين ۽ ديوتائن مون تي ۽ مُنهنجي شيوڪن تي اهو عزت ڀريو ڪم رکيو آهي، نه ته اوهان کي ڄاڻ آهي ته منهنجو گرو سرڳواسي اويناش سڄي ڄمار ڌرم جي شيوا ڪندو رهيو پر ديوين ۽ مهانَ ديوتائن جو وشواس جيتي نه سگهيو. هاڻي پنهنجو وقت آهي امتحان ۾ پاس ٿيڻ جو، پنهنجي ڌرم کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان ۽ مال ٻليدان(قربان) ڏيڻ جو. مُنهنجا سڄڻؤ! شُڀ ڪم ۾ دير بدشگوني سمجهبي آهي. تنهن ڪري صبح ٿيڻ کان اڳ اوهان اِنهي ڪم تي نڪري وڃو. برهمڻ آباد ۾ اوهان کي سرڳواسي اويناش جي مُک چيلي سوڀن سان وڃي ملڻو آهي. اهو اوهان کي وڌيڪ ڪم ٻڌائيندو، مُنهنجو آشريواڌ اوهان سان گڏ آهي.“
    سڀني چيلن واري واري سان پنڊت نائومل جي چرڻن تي مٿو ٽيڪيو، پنڊت نائومل انهي ڪم مان واندو ٿي سوڀن ڏانهن چٽ لکڻ شروع ڪيائين، اُها چٽ پنهنجي خاص چيلي کيمشي کي گهرائي، ڪُجهه خاص هدايتون ڏئي چٺ، اُن جي حوالي ڪيائين ۽ پوءِ سڪون سان پاڻ مُرڪي ليٽي پيو ۽ سپنن ۾ ايشور جو مندر سندس چرڻن هيٺ پئي نظر آيس .
    رڌا، چٺ سانول جي حوالي ڪندي وراڻي.
    ”سانول، ادا وشنو، گورن هٿان مارجي ويو.“
    سانول کان ڇرڪ نڪري ويو
    ”ڇا ......؟ ڇا پيئي چَئينءَ؟؟ “
    راڌا، ڏُکاري لهجي ۾ وراڻي
    ” هنن چٺين ۾ سڀ ڪجهه لکيو پيو آهي، هنن کي پڙهي وٺو“
    ”ڪنهن ڏنيون آهن......؟؟ “
    ” خبر ناهي ڪير هو، بس هي چٺيون دروازي مان اُڇلائي چيائين “هي امانت، سانول کي ڏيئي ڇڏجان، مون جاچيو هو ڪو سپاهي ٿي لڳو.“
    سانول، اُهي سگريٽ جي پاڪيٽن واريون چٺيون پڙهڻ لڳو جنهن ۾ وشني، برهمڻ آباد ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪيو هو ۽ ڪميونسٽن سان رابطي واري پتي ۽ علائقي جي سڄي سياسي صورتحال جو تجزيو لکيو هئائين ۽ پنهنجي موت جي تصديق به ڪري ڇڏي هئائين. ڪُجهه دير سانول سوچ ۾ ٻُڏي ويو هو ته ڪري ته ڇا ڪري؟ پوءِ راڌا کي ٻُڌائي بغير، ڪاڪي موهن ڏانهن هليو آيو. جيڪو پنهنجي هٽ تي ويٺل هو. هٽ تي چڱي خاصي رش هئي. سانول اچڻ شرط، اُهي چٺيون، ڪاڪي موهن جي حوالي ڪيون. موهن چٺيون پڙهي، سڪتي ۾ اچي ويو. سانول، ماڻهن کي وکر ڏيڻ لڳو. سانول، کي موهن جي طبعيت جي ڄاڻ هئي ته اهڙين اوچتين ڳالهين جو تمام گهڻو اثر ٿئي ٿو. دُڪان تي انهي گهما گهمي ۾ ڪافي دير کانپوءِ نرمائي آئي. سانول به جڏهن سانتيڪو ٿيو ته
    موهن جو، سانول کان پهريون سوال اهو هو ته
    ”سانول، هي ڇا ٿي ويو ..؟ “
    سانول وراڻيو
    ” ڪاڪا، انهي ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گورا توڙي پئسي وارا ڪنهن به حالت ۾ اهڙي هلچل کي وڌڻ نه ڏيندا. وشني ۽ يوسف جو ائين بيدردي سان قتل اهو چتاءُ ڏئي ٿو ته آزاديءَ نه گهرون؟. ۽ هو چاهين ٿا ته اسان هنن جا ۽ هنن جي ڇاڙتن جا غلام ٿي هلون.“
    موهن وراڻيو
    ”ائين ته آهي سانول! پوءِ ڇا ڪرڻ گهُرجي ؟ “
    سانول وراڻيو
    ”منهنجي خيال ۾ مون کي اُنهيءَ ڏنل رابطي واري ڏس پتي تي وڃڻ گهرجي.“
    موهن ڪُجهه توقف کان پوءِ وراڻيو
    ”ها! توکي ائين ئي ڪرڻ گهرجي.“
    ڪُجهه دير ٻنهي ۾ ماٺار رهي، شايد هُنن انهي مسئلي جي ڳنڀيرتا کي سمجهيو ٿي.
    سانول چيو
    ”ڪاڪا، حالتن اهو ثابت ڪيو آهي ته مسلم-هندو ڪي به فساد نه آهن ۽ نه ئي ڪو عام ماڻهو، ماڻهو جو دشمن آهي، ويڙهه رڳو هنن ٽن پيٽن جي وچ ۾ آهي. جيڪي عوام جي دولت ۽ روزگار کي ڦٻائڻ جي چڪر ۾ آهن. ۽ عوام جي اکين ۾ جهالت جي ڌوڙ وجهي، اڻ ڏٺي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي انهن کي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال پيا ڪن.“
    ڪاڪي موهن مختصرن چيو
    ”هُونءُ.!“
    سانول اُٿندي وراڻيو
    ” ڪاڪا، مون کي سنڌ ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪرڻ کپي. توهان هتي جو ۽ راڌا جو خيال رکجو ۽ ها مُنهنجي وڃڻ جي خبر هروڀرو ڪنهن کي نه پوي.“
    ۽ دُڪان مان ٻاهر نڪري ويو.


    8

    ڪاڪي موهن جو دڪان ايڏو وڏو به نه هو، نه ئي ڪو ايترو ننڍو، مال جون ڳانيون، ڳڙ، نوار کان وٺي ڦڪي ڦيڻي سڀ ڪجهه هو. سامهون ئي ساڙڌڙي جي چشمي جو ڏيک هو. جتان کيکڙا گُذرندا هئا. سندس پاسي ۾ مٺائي ٺاهڻ واري جو هٽ هو، موهن وارو هٽ تقريبن رستي جي لاهي وٽ هو. سامهون جيل خانو ۽ انگريز عملدارن جي رهائش جون جايون صاف نظر اينديون هيون. سامهون ڪارونجهر جون ڪر کنيل چوٽيون هيون ۽ جبلن جي هيٺان وارو تلاءُ، اُتان اڪثر انگريز عملدار ۽ فوجي چڙهندا ۽ لهندا هئا.
    روپلي ڪولهي واري بغاوت کان پوءِ اتي ديسي فوجين جون بيرڪون ٺهيل هيون، عام ماڻهن لاءِ اهو گس بند هو.
    ساڙڌڙي جي پاسي ۾ وڏي خانقاهه هئي جنهن جو مالڪ سيٺ نارائڻ هو، جيڪو قتل ٿي چُڪو هو. تنهن ڪري هاڻي خانقاهه ۾ اُها رونق نه رهي هئي.
    پرڀو، ميگهو، واگهو ۽ ٻيا سڀيئي اڄ وري وشني واري هٽ ۾ جمع ٿيا، صرف سوني کانسواءِ، سونو سنڌ ڏانهن پنهنجي نينگريءَ سان ملڻ لاءِ هليو ويو هو. واگهو، جهوپڙي جي ٿوڻي کي ٽيڪ ڏيندي چيو ته مون کي ته ادي وشني جي چنتا پريشان ڪري وڌو آهي. الائي ڪهڙين حالتن ۾ هوندو؟!
    ”هائو ادا واگها! گورا ته اهڙا ظالم آهن جو اسان جي ماڻهن کي ائين ٿا مارين ڄڻ ڪي ڪيڙا مڪوڙا هُجن.“
    سومجي وراڻيو
    ” ڳالهه ٻڌو! مون وٽ ادي وشني جو سامان پيل آهي، اُنهيءَ سامان ۾ ڪُجهه ڪتاب به پيل آهن ۽ مون کي مڙيئي ڪُجهه ٻه اکر پڙهڻ اچن ٿا، مون پاڻ به هڪ اڌ ڪتاب پڙهيو آهي.............................................................“
    ” ڳالهه پنهنجي دل جي لکيل اٿوَ.“
    ” انهيءَ ڪتاب جا ڪُجهه ٽڪرا اوهان کي به پڙهي ٻڌايان ٿو.“
    پرڀو هڪدم وراڻيو
    ”ها، ها.... ادا سومجي! شروع ڪر.“
    سومجي ڪتاب کولي، پنا اٿلائڻ لڳو ۽ هڪڙي جڳهه تي اکيون مرڪوز ڪري پڙهڻ لڳو.
    ”نه صرف جهونيون جاگيردارن جون رياستون غلامن ۽ هاري غلامن کي ڦرڻ لٽڻ ۽ مارڻ جا ادارا آهن، پر اهڙي طرح اڄ جي رياست به دولت جي هٿان روزمرهه جي محنت کي لٽڻ ڦرڻ ۽ مارڻ جي هڪ ڪوڙڪي آهي.“
    ”ٻيو ته رياست دٻائڻ جي لاءِ هڪ خاص طاقت آهي.“
    ”اينگلس جي هن لاجواب تعريف ۾ تمام گهرائي آهي.“
    ” اُن کي هن وڏي صفائي سان پيش ڪيو آهي. اُن مان هي نتيجو ٿو نڪري ته انهي دٻائڻ جي لاءِ هڪ خاص طاقت جي جڳهه جنهن جي ذريعي وڏپيٽا، غريب مزدورن کي صرف مُٺ جيترا امير، ڪروڙن، مزدورن ۽ غريبن کي دٻائين ٿا. پاڻ پنهنجي لاءِ ٺاهڻ جي محنت ڪن ته جيئن رياست جي حيثيت سان ئي رياست جو انت هجي. ٺيڪ اهڙي طرح جيئن امير، غريب جي پيداواري ذريعن تي قابض آهن، اُهي انهن کان ڦُري مزدور ۽ غريب قابض ٿين، اُها ڳالهه هڪدم نه پر آهستي آهستي ايندي............................... اسان تاريخ پڙهي آهي ته مزدور انقلاب جو پهريون قدم اهو هوندو آهي ته هو مزدورن ۽ غريبن کي مٿانهون ڪري حڪومت ڪندڙن جي حالت تائين پهچائي ۽ جمهوريت کي فتح ڪري.“
    ميگهي کي دل سان ڳالهه لڳي سو رڙ ڪري چيائين
    ”برابر، سچو آهي، اسين غلام آهيون ئي تڏهن !“
    ڪاڪي مانو، کانگهارو ڀري اڇلائيندي چيو
    ”ها، ابا اڳتي پڙهه “
    ” مزدورن جي پارٽي جي تربيت جي ذريعي مارڪسزم غريب ۽ محنت ڪندڙن کي ويڙهه جي سڀ کان اڳين دستي جي حيثيت سان تربيت ڪري ٿو. جيڪو حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ۽ سڄي عوام کي سوشلزم ڏانهن وٺي وڃڻ، نئين نظام جي رهبري ۽ تنظيم ڪرڻ!. اميرن کان سواءِ، اميرن خلاف پنهنجي سماجي تنظيم جي ڪم ۾ سڀيئي محنت ڪندڙ ۽ ڦُريل، لُٽيل، چيڀاٽيل ۽ ماريل ماڻهو جي اُستاد رهبر ۽ اڳواڻي جي صلاحيت رکندو هجُي.“
    ”هي ڪميونسٽ سماج، جيڪو سرمائيداري جي پيٽ مان تازو پيدا ٿيو آهي ۽ هر لحاظ کان اُن تي گُذريل سماج جا نشان باقي رهندا. مارڪس، اُن کي ڪميونسٽ سماج جو پهريون ۽ هيٺيون مرحلو چئي ٿو...............“
    ميگهي اڌ مان ڳالھ ڪٽيندي پُڇيو
    ”اهو مارَ ڪَس ڪير آهي. ؟“
    سومجي وراڻيو
    ” الائي ادا، پر اُن جو ذڪر سڄي ڪتاب ۾ آهي.“
    والجي چيو
    ”مونکي ته ڪا ڳالهه سمجهه ڪو نه آئي، الائي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪتاب ٻُڌائي.“
    پرڀو، ٺڪر واري سُلفيءَ جو سوٽو ڀريندي چيو
    ”حقيقت اها آهي ته ڪا ڳالهه اسان سڀني کي سمجهه ۾ نه پئي اچي، ڪمونسٽ پارٽي، وري الائي اُن جاڪهڙا ڪم.!؟ “
    سومجي، پرڀو جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
    ”مون کي جيستائين ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته هي اسان جهڙن غريبن جي حڪومت جوڙڻ لاءِ، غريبن کي پنهنجو پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ ۽ ناجائز طريقن سان قابض دولت اميرن کان ڦُري، گهڻيري عوام جي لاءِ ڪتب آڻڻ بابت، هنن ڪتابن ۾ سمجهاڻيون ڏنل آهن.“
    واگهي ڪانڀ کي کوليندي وراڻيو
    ”ادا، اهو ممڪن ئي ڪونهي، ڀڳوان پنج ئي آڱريون ڪي هڪ سريکيون ڪيون آهن ڇا؟ هي ته ڀڳوان جي دَينَ آهي جنهن کي وڻي تنهن کي دولت ۽ عزت ڏئي ۽ جي غريب نه هوندا ته پوءِ ڪم ڪيئن هلندو؟ هي ڪتاب ته وتان ڦوڪون ڏين.“
    ” جي ادا، ڪتاب ڦوڪون ڏين ٿا ته پوءِ پنهنجي مهاڀارت، اها پنهنجي گيتا ۽ رامائڻ به پوءِ ڪوڙيون ڳالهيون آهن، ائين نه !؟“
    ”هل، ڪٿي ڀڳوان ۽ اُن جا ڪتاب ۽ ڪٿي مٽي جو بوتو انسان، واهه ادا سومجي واهه!“
    سومجي وراڻيو
    ”ادا واگها، اهڙي ڳالهه ڪونهي، ڪتاب سياڻا ئي ته لکن ٿا، تڏهن ته هي راڄ، جيڪو ڪتابن جا ڪتاب پڙهيل آهي سو ويٺو پاڻ تي حڪومت هلائي.“
    ميگهي ڀاءُ، کي دڙڪو ڏيندي چيو
    ”هاڻ ماٺ ڪر، خبر مُڙس کي پوري پارڪر جي ڪونهي ۽ ڪندو وري وتي ڪتابن تي جهيڙو.“
    واگهو ڪاوڙ ۾ مُنهن ٻئي پاسي ڪندي وراڻيو.
    ”هون-!“
    راڌا جي زندگي هاڻ ڪافي مصروف گُذرڻ لڳي هئي مندر ۽ ياترين جي سيوا کانپوءِ پاٺ شالا ۾ پڙهائڻ، ڪاڪي موهن، سانول ۽ موتي جو خيال رکڻ ڪري، سڄو ڏينهن مشغول رهندي هئي. هاڻ ته سوز ۽ ساز سان گڏ سُر ۾به ڪافي پڪائي اچي ويئي هُئس.
    موتي گئو ماتائن مان کير جي بالٽي ڏُهي اچي راڌا جي سامهون رکندي چيو
    ”ادي، انسان! انسان کي ڇو ٿو ماري؟ جڏهن ته هر انسان هڪ ئي عورت ذات جي پيٽان جنم وٺي ٿو ۽ سڀني کي پيدا ڪندڙ ڀڳوان آهي ۽ ادي. سڀني کي خبر آهي ته نرڳ ۽ سرڳ آهن ۽ مرڻ کانپوءِ سڀني کي پنهنجن پنهنجن عملن جو حساب ڏيڻو آهي.“
    راڌا، کير ڪُني ۾ وجهي ٽهڪائڻ لاءِ رکندي وراڻي.
    ”موتي، انسان جو ذهن هڪ خالي ٿانءُ مثل آهي. جنهن کي جهڙو ماحول ۽ صحبت ملي ٿي، اهو اُن ماحول ۽ صحبت جهڙا عمل ڪري ٿو ۽ جي ڪو ان ماحول ۽ صحبت جي گهيري مان نڪري، دماغ جون ڳڙکيون کولي، ساڃاهه ۽ سمجهه جون وکون کڻي ٿو ته اُن ماحول ۽ صحبت جا رکوالا، جيڪي اُن ماحول ۽ صحبت مان ناجائز طور لاڀ حاصل ڪندا آهن سي انهن ساڃاهه وند ماڻهن کي ماري، پنهنجي لاءِ هتي ئي سرڳ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“
    موتي خالي بالٽي، پاڻي سان ڌوئيندي وراڻيو
    ”پر، ادي پوءِ انسان ته سڀ انسان آهن پوءِ هڪڙا بدمعاش ۽ ٺڳ ۽ هڪڙا ساڃاهه وند ۽ سمجهدار، سو وري ڪيئن؟“
    راڌا وراڻي
    ”هڪڙا ساڃاهه وند ۽ سمجهدار ماڻهو، سماج اندر پيدا ٿيل اُبتن قانونن، غلط روين، جاهلاڻين رسمن ۽ رواجن کي رد ڪري هڪ نئين دنيا جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ ٻيا انهن ختم ٿيل ۽ ناسور بڻيل سماج کي حقيقي ۽ سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوڙي وطن پرستي ۽ ڪوڙي مذهب پرستي کي هٿي ڏئي. غلاماڻا ذهن، توهم پرستي جون رسمون ۽ مدي خارج روايتن ۾ ساهه وجهي پنهنجا مُفاد حاصل ڪن ٿا.“
    موتي حيرت وچان چيو
    ”اڇا-! ادي، ته پوءِ هي دُنيا نسوري نرڳ آهي.“
    راڌا وراڻي
    ” نرڳ ۽ سرڳ ته انسان پنهنجو پاڻ ٺاهيندو آهي. جيڪي انسان پنهنجي آس پاس جي ڪُل جيوَ سان پيار ۽ برابري جو ناتو رکندو آهي ته اهو پنهنجي هن دنيا ۾ ئي سرڳ ٺاهي وٺندو آهي ۽ جيڪي اسان پنهنجي چوگرد رهندڙ ڪُل جيوَ تي پنهنجي حاڪميت ڏاڍ ۽ جبر سان قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اهي سڄي ڄمار اشانت ۽ خوفزده رهندو آهي. اهڙي طرح موتي هو پنهنجي لاءِ هن ئي دُنيا ۾ نرڳ جوڙي وٺندو آهي.“
    موتي، پنهنجي ڪُلهي تي پيل، ٽوالڙي سان هٿ اُگهيندي وراڻيو
    ” ادي، پوءِ جيڪي ڌرمي آهن، سي ظالم ڇو آهن؟“
    راڌا مُرڪندي وراڻيو
    ” ڌرم ظلم لاءِ نٿو چئي پر ڪي ڌرمي، پنهنجي دُنياوي مايا جي موهه لاءِ ظلم ڪن ٿا ۽ ڀڳوان تي پنهنجو اڌيڪار ڄاڻائن ٿا. پر هي سڀ جيڪي ڌرمي ڪتاب آهن، تن ۾ ڪنهن تي به جبر ڪري ظُلم ڪري يا زور زبردستي ڌرم ۾ داخل ڪرڻ جو نه چيو ويو آهي. انهن ۾ ته حڪم آهي ته پنهنجن عملن، اخلاقن، محبتن ۽ سٺين ڳالهين جو پرچار ڪري، انسان کي ڌرم ۾ آڻڻ لاءِ آماده ڪريو.“
    موتي، راڌا، جي ڳالهين جو نتيجو ڪڍندي وراڻيو
    ”ادي، انسان اُن وڻ مثل آهي، جنهن ۾ ڪنڊا به آهن، پن به آهن، گُل به ٿين ۽ ڦل به جهلي ائين نه.“
    راڌا، کير کي ساڀيندي وراڻي
    ”هائو، موتي ڀاءُ!“
    موتي اڄ خوش هو، اُن کي، اُن جي ڪيترن ئي سوالن جا جواب ملي ويا هُئا-
    سانول کي ڳوٺان نڪتي، اڄ ٻيو ڏينهن هو، گس تي ڪن جڳهن تي پراڻيون فوجي گاڏيون بيٺيون هيون، جيڪي اڳ ۾ ٿر ۾ موجود ڪونه هيون. رڳو وهٽن تي ڪم هلندو هو پر جرمن فوج جي حملن، انگريزن جا اوسانَ خطا ڪري وڌا هئا. انهي ڪري، پنهنجي بيٺڪيت کي بچائڻ لاءِ پنهنجي فوجي طاقت، ٿر ۾ لاٿي هئي اهي ٽرڪ نما گاڏيون به ساڻ وٺي آيا هُئا. اهي اڄ به انهن جي استعمال هيٺ هيون. سانول پنهنجي وهٽ سان، انهن ٻن ڏينهن ۾ ڪافي پنڌ ڪري آيو هو. انهيءَ پنڌ دوران سانول جي ذهن ۾ هزارين خيال آيا ٿي. خاص ڪري وشني جي باري ۾، سانول ڪافي حيرت ۾ هو ته وشنو، مرڻو ته مري ويو پر پنهنجي قول ۽ فعل تي قائم رهيو. جيڪڏهن وشنو چاهي ها ته پنهنجي جان بچائي سگهيو ٿي پر هُن ائين نه ڪيو، ڇو؟؟ اهڙو ڪهڙو هن جو وچن هو، جو پنهنجا پساهه ڏيئي ٻين همراهن جي جان بچائي اٿس. اهڙا ويچار ۽ خيال هن جي من بار بار ايندا پئي رهيا. هو چوٿين ڏينهن قلعي وٽان لنگهائو ٿيو. جتي اڳ ۾ هي ۽ موهن، هتي جي وڏي مُنشي گلاب چند سان وشني جي سلسلي ۾ ملڻ آيا هئا. هاڻي تقريبن ڀٽن جو سلسلو ختم ٿي ويو هو. سنئون ۽ ڊسڙ پٽ هو. ڪرڙ، کٻڙ، اڪ ۽ ٻٻر جي وڻن جي گهڻائي هئي. نئون ڪوٽ شهر، نئون نئون گذرگاهه جو آباد شهر هو. شهر ۾ چڱي خاصي چهل پهل هئي، عام ماڻهن کان وڌ، ديسي سپاهين جي گهڻائي پئي نظر آئي، ٻي عالمي جنگ ۽ اُن کان پوءِ جي خانا جنگي ملڪ ۾ بدحالي ۽ چوري چڪاري جو رواج وجهي ڇڏيو هو. شهر ۾ امن واري وقت واري رونق جي ذري به جهلڪ نظر نه پئي آئي. خاڪسار تحريڪ، خلافت تحريڪ ۽ هاڻ وري ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي روز روز جي هڙتالن جي ڪري ڪافي دُڪان به بند هئا. گهٽيون به سُڃيون ۽ بي رونق لڳيون پيون هيون. ڪٿي ڪٿي هڪ ٻه ٻار، ڪنهن گھٽي ۾ راند ڪندي نظر آيو ٿي نه ته بس-
    سانول به اُتان گذرندڙ ماڻهوءَ کان، ميرپورخاص وڃڻ واري گاڏي جو ڏس پتو پُڇيو ۽ انهي ڏس تي وڃي، هڪ کيکڙي تي وڃي ويٺو، جيڪو به ديسي سپاهين جي ڪُجهه ضرورتن جو سامان کنيو ميرپورخاص وڃي رهيو هو.
    والجي، واگهي کي ڪاوڙبو ڏسي چيو
    ”ابا اجهو.... ڏيو منهن................هي ٻه ڀائر ئي پاڻ ۾ ڪو نه ٿا ٺهن ۽ ديس آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن.“
    واگهي چيو
    ”ڪاڪا، مون ڪا غلط ڳالهه ته ڪونه ڪئي هُئي جو ادا مون کي ڇنڀي ٿو.“
    ”اڙي! هڻ موچڙو ٻلي کي، هروڀرو اچي ڪچهري جو مزو ٿا ڦٽايو. ها، ادا سومجي! ڀلا ٻيو ڪتاب پڙهي ٻُڌائي !“
    سومجي وراڻيو
    ”ادا ڪتاب ته الاهي پيا آهن، پر يار پڙهڻ ۾ ڏاڍا ڏُکيا آهن، اسان ٻڪرين، ٺڪرين تي هلندي گهمندي ٻه اکر پڙهياسين سو به ديوان سيٺين جي ڪري، سو اهڙا ڪتاب ڪٿي ٿا پڙهي سگهون؟“
    پرڀو، مٿي کان ٽوال ڏيئي ڊگهو ليٽندي وراڻيو
    ”پوءِ به مڙئي ڀڳوان جي ڏني مان ڪُجهه ٻُڌائي“
    سومجي، وشني جي پيل ڪتابن جي اُٿل پٿل ڪرڻ لڳو. والجي، هٿونگي ڏانهن پير ڊگهيري چيو
    ”سومجي جيسين وڃي ڪو ڪتاب هٿ ڪري تيسين ڪو ڏوهيڙو ٻڌاءِ “
    هٿونگو مُرڪندي وراڻيو
    ”هڪ ته ڪاڪا، اوهان جون ڳالهيون وڏيون، مٿان ادي وشني جو اُلڪو، ڪاڪا، سچي پُڇين نه! نڙي مان لفظ ئي نٿا اُڪلن.“
    والجي، اُنهي ڳالهه تي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو
    ”هائو ابا! سچو آهين. ابل وشني جي ڪا خبر ئي ڪانه پئي پوي.... اي ابا! پرڀو، صبح ته ڪو وڃِي سانول کان خبر چار ته وٺي اچجان، صفا اُٻاڻڪا ٿيو ويٺا آهيون.“
    پرڀو وراڻيو
    ”هائو ڪاڪا، وڃبو، مُنهنجي پنهنجي من ۾ به ڏاڍي اُڻ تُڻ لڳي پيئي آهي.“
    ميگهي وراڻيو
    ”اسان رڳو ويٺا هتي ڳالهيون ڪريون ۽ هُتي ادي وشني سان الائي ڪهڙي ويڌن ڪندا هوندا.“
    واگهي چيو
    ”ادا ! پنهنجي وس ۾ آهي به ڇا؟ رُڳو دانهون آهن ڪرڻيون، سي پاڻ به ڇڏيون ڪونه ٿا.”
    اجهو، هيءُ ڪتاب ! “
    والجي، پرڀو، واگهو، هٿونگو، ميگهو، ساکو سڀيئي ڪن لائي ڪتاب ٻُڌڻ لاءِ تيار ٿيا.
    ”.................................سماجي پيداوار جي دوران، ماڻهن کي پاڻ ۾ اهڙا سٻنڌ ٺاهڻا پون ٿا. جنهن کان سواءِ سماجي پيداوار ممڪن ئي ڪونهي. انهن سٻنڌن کي ٺاهڻ ۾ هنن جي پنهنجي مرضي شامل نه هوندي آهي.دولت پيدا ٿيڻ وارا سٻنڌ، دولت پيدا ٿيڻ جي مادي عناصر جي واڌ ويجهه، هڪ خاص دور سان مطابقت رکندا آهن. سماج جو معاشي ڍانچو پيداوار جي انهي سٻنڌن جي جوڙ تي مشتمل هوندو آهي.“
    واگهي وچ ۾ ئي ڳالھ ڪٽيندي چيو
    ”ٻيلي الائي ڇا پيو چئين؟ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇڏيو انهي ڪتابي علمن کي، مورڳو ئي ڪچهري سڄي مزو پئي وڃائي.“
    ٻيا سڀئي شايد اُنهي ڳالهه جا منتظر هئا، هڪدم سڄي ڪچهري ۾ ها ها ها پئجي ويئي. سومجي کي اهو ڪتاب شايد ڏُکيو پئي لڳو سو هڪدم ڪتاب کڻي بند ڪيائين.
    ڄيٺو، ڪارو، رامون، پڏو، سترام ۽ ساهومل، پنڊت نائومل جي سحر انگيزي ۾ گرفتار ٿي، سانول کي قتل ڪرڻ لاءِ برهمڻ آباد پهُچي چُڪا هئا
    هو کمون جي مُسافر خاني ۾ اچي لٿا هئا. کمونءَ جي مُسافرخاني کي هٿي تڏهن ملي جڏهن سيٺ نارائڻ داس جي قتل ٿيڻ سان نارائڻ وارو مسافر خانو بند ٿي ويو ۽ ٻيو کمون جي مسافر خاني جي پوري برهمڻ آباد ۾ ماني مشهور هئي ۽ ان مشهور ماني پويان هٿ، ماني ٽڪي ٺاهڻ جي ماهر، مائي شارڌا جو هو. هوءَ هميشه صبح جو سوير مُکي شارو جي ڳوٺان ايندي هئي پر پوءِ آهستي آهستي، انهي مسافر خاني ۾ هڪ ٽٽل ڦٽل پراڻي ڪمري ۾ اچي رهي پئي هئي. انهي ڪري کمونءَ کي وڏي سهولت ٿي پئي هئي. ماني پچائڻ، ڪمرن جي صفائي کان وٺي ۽ سامانن جو حساب ڪتاب پاڻ وٽ رکندي هئي. کمون تقريبن آزاد رهندو هو. کمون، پراڻي ڪنڊي هيٺيان کٽ رکيو آرامي ئي رهندو هو.
    پنڊت نائومل جا چيلا، ڇهه ڄڻا هئا ۽ هڪڙي ڪمري ۾ ٻه رهي پئي سگهيا، هُنن جي ڪوشش هئي ته پاڻ ۾ سڀئي گڏجي رهن، پر ڪمرا ننڍا هئا جن ۾ وڌ ۾وڌ ٻه ڄڻا گڏجي رهي سگهيا ٿي ۽ هو ڇهه ئي ڄڻا، هي مُسافرخانو ڇڏڻ لاءِ تيار به ڪونه هئا سو نيٺ مجبورن الڳ الڳ ڪمرن ۾ رهڻ تي راضي ٿي ويا.
    ”ڄيٺا! مُنهنجي دل چوي ٿي ته مون کي هينئر پر ٿي وڃن، ته وڃي اُنهي سانول جا ٽوٽا ڪري وجهان.“
    رامون اها ڳالهه پنهنجي کي سامان کوليندي چئي
    ڄيٺي چيو
    ”رامون، منهنجو ته خيال آهي ته اڄ رات ئي، سانول کي ماري وڃي ڀڳوان جي اوتار جي چرڻن ۾ مٿو ٽيڪيون. تون هيئن ڪر رامون ڇڏ سامان کي، وڃي پاڻ وارن يارن کي سڏي اچ ته گڏجي ڪا صلاح ڪريون.“
    رامون کي اها ڳالهه ڪانه وڻي سو وراڻيائين
    ”انهن کي سڏڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو ڀاڳن ڀريو ڪم پاڻ پنهنجن هٿن سان ڇو نه ڪريون. اهڙو موقعو وري ٿورئي ڪو ملندو؟“
    ڄيٺي ڪُجهه سوچيندي چيو
    ”چوين ته تون ٺيڪ پيو پر مهان پنڊت کي ڇا جواب ڏينداسين؟“
    رامون هڪدم وراڻيو
    ”مهان پنڊت، اهو ڪم سڀني تي برابر رکيو آهي، اهو ڪم جيڪو اڳ ۾ ڪندو سو ئي سرڳ جو حقدار هوندو.“
    ڄيٺو وري به ڪُجهه دير لاءِ سوچ ۾ ٻُڏي ويو، ٿوري دير کانپوءِ ڄڻ هٿيار ڦٽا ڪندي وراڻيو
    ”رامون، سوچي وٺ، متان وٺڻ جا ڏيڻا نه پئجي وڃن.“
    رامون، ڄيٺي جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو
    ”مون سڀڪجهه سوچي ورتو تون اُلڪو ئي نه ڪر“
    ڄيٺي پنهنجو مُنهن رامون ڏانهن ڪندي چيو
    ” ڏس رامون، ڪٿي ڦاسي نه وڃون؟ “
    رامون حتمي طور چيو
    ” بس، تُون الڪو نه ڪر، مون سڀ ڪجهه سوچي ورتو آهي، تون رڳو ساٿ ڏي.“
    ڪمري جو دروازو کولي، شارڌا ماني کڻي اندر داخل ٿي ته رامون، شارڌا کان ماني وٺندي پُڇيو
    ”ڀيڻ، هتي سانول رهندو آهي نه!“
    ” ابا، سانول ساڌو کي هتي ڪير ڪونه سُڃاڻي؟! ڀڳوان سندس هٿ ۾ ايتري ته شفا رکي آهي جو هر بيماريءَ جو علاج وٽس آهي.“
    ”پر اسان جيئن برهمڻ آباد ۾ آيا آهيون اسان کي ته نظر ڪونه آيو آهي.“
    رامون، پنهنجي مطلب تي ايندي شارڌا کان پُڇيو.
    ”هٽ تي ويا هيوَ؟ “
    ”هائو، پر اُتي به ڪو نه هو.“
    شارڌا وري پُڇيو
    ”ڇو؟ اوهان مان ڪنهن کي ٺيڪائي ڪونهي ڇا؟ “
    ”نه نه! ڀڳوان جي ڪرپا آهي، سڀ ٺيڪ آهيون، بس ائين ئي ملاقات ڪرڻ ٿي چاهيسين.“
    رامون پهرين ته ٿورو گهٻرائجي ويو پر پوءِ هڪدم پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتائين.
    ”پوءِ ڇا جي تڪڙ آهي؟ اڄ نه ته سُڀاڻي ملي ويندو.“
    ڪمري جي دورازي کي ٻوڪي، شارڌا هلي وئي-
    راڌا، پپر جي وڻ هيٺيان اچي ويٺي، گيتا ۽ رامائڻ جي ورد کان پوءِ اُتي پپر جي وڻ هيٺان ئي ليٽي پئي هئي. اڄ طبعيت ۾ به گراني هيس. بدن ۾ ٽوٽ ۽ سستي هُئس. ڪارونجهر جي چوٽين مٿان ڪارا ڪڪر جهوُمي اُٿيا هئا. سج به تقريبن لڙي چُڪو هو. سج جون آخري ڪرڻو ڪڪرن جي لڪ لڪوٽي مان ڪنهن ڪنهن مهل، ڪارونجهر جي سرمئي رنگ تي نچيو ٿي. اونهاري جي پهرين برسات، ٻڪراڙ جي ڪنڊ کان چڙهندي پئي آئي گرمي ۽ آگم گهڻو هو. تڏهن به پکي پکڻ خوش هئا. تاڙي جي تنوار، ڄڻ اونهاري جي پهرين بارش جي ڀرپور آجيان پئي ڪئي. انهن ڪارن ڪڪرن ۾ ڪنهن ڪنهن وقت کنوڻ تجلا ٿي ڪيا.
    راڌا، ليٽي ليٽي انهي خوبصورت منظر ڏانهن نهاريندي، پنهنجي ننڍپڻ جي خيالن ۾ گُم ٿي وئي. جڏهن پاڻ بنا ڪنهن خوف جي ڪارونجهر جي انهن چوٽين ۾ راند ڪندي رهندي هئي. موتي سان گڏجي، برهمڻ آباد جي اوڀرپاسي ۾ بيٺل ٻيرن مان ٻير ڇاڻي کائيندي هُئي. ڪارونجهر جا ور وڪڙ ۽ لاهيون چاڙهيون، ڄڻ ته هن جا سنگتي ساٿي هئا. ڪيڏي صاف، سادي ۽ بي فڪري واري زندگي هُئي-
    هن پنهنجي ماءُ کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو، ڇو ته هوءَ راڌا جي پيدائش دوران ئي گُذاري وئي هُئي. راڌا جي ماءُ جي مرڻ کانپوءِ هيمنت ڪڏهن به ٻي شادي ڪرڻ لاءِ سوچيو به ڪونه هو. بس هو راڌا جي تعليم، تربيت ۽ پرورش ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
    راڌا تي انهي ڪري پيءُ جو اثر گهڻو هو.
    راڌا جا ايترا ڪي مائٽ به نه هُئا. جن وٽ هوءَ اچي يا وڃي. هڪڙي ماسي هُئس، سا به تمام گهڻو پري رهندي هئي، جنهن ڏانهن هڪڙو ڀيرو پيءُ سان گڏ ويئي هُئي. پوءِ اها به جلد گُذاري ويئي.
    پوءِ اهو ڪارونجهر ۽ اُن جون چوٽيون ۽ اهو يتيم نينگر موتي، سندس جا ساٿاري هئا. هڪ ٻه ڀيرا همنيت، راڌا سان شادي جي باري ۾ ڳالهه چوري پر راڌا ڪا خاص دلچسپي ڪانه ڏيکاري انهي ڪري پوءِ همنيت راڌا کي، ايشور جي داسي بنائڻ جي تياري شروع ڪري ڏني. اهڙي تربيت جي ڪري ئي هُن کي داسي ٿيڻ ۾ ڪابه ڏُکيائي ڪانه ٿي-
    شارڌا، ڪارو ۽ ساهومل جي ڪمري جي در وٽ جيئن پُهتي ته اندران کسُر ڦسر جي آواز ٻڌڻ ۾ آيس ته پاڻ در وٽ ئي بيهي رهي.
    ” آئون ته چوين ٿو ته ٻي ڪنهن کي ڪن تي ذرا به ٻڙڪ پوڻ نه ڏي، رات جي ماني کائي، آڌي رات جو ٻٽ ٻڌي، انهيءَ مُسلي سانول جو ڪم پورو ڪري اچون.“
    ساهومل جو هلڪو پر تکو آواز صاف ٻُڌڻ ۾ پئي آيو. شارڌا جو سانول نالو ٻڌو ته ڪن وڌيڪ کڙا ڪيائين. شارڌا کي ته ڄيٺي ۽ ڪاري واري پُڇا ڪرڻ تي ئي شڪ پئجي ويو هو، پر هينئر جيڪو ٻُڌائين ته شڪ، پڪ ۾ بدلجي ويس پڏو پنهنجي مخصوص ڳري آواز سان وراڻيو.
    ”پاڻ تيار آهيون، اهو ڪم ڪري، راتو رات همراهن کي خوشخبري سُڻايون ۽ ڀڳوان جي اوَتار جي چرڻن ۾ وڃي سيس نِوايون.“
    شارڌا جو ڀؤ وچان ساهه، تِکو ٿي ويو هو، هڪدم پنهنجو پاڻ کي سنڀالي، هلڪي کنگهه سان ساهومل وارن جي ڪمري ۾ گهڙي آئي. شارڌا کي ڪمري ۾ اوچتو ڏسي، هيڪر ته هٻڪي پيا پر شارڌا، پنهنجو پاڻ کي هنن جي ڳالهين ٻُڌڻ کان اڻ ڄاڻ ڄاڻائيندي پنهنجي مُنهن ڳالهائڻ لڳي.
    ” ڪهڙو مالڪ آهي؟ مُسافرن جو خيال ئي نٿو رکي ۽ ڪِر ڪِر اسان نوڪرن تي. ڪم پاڻ کان نه پُڄي ۽ ڇڙٻون وري اسان کي ڏي. ماني ۾ دير ٿي ڪرين........ ٿانءَ ۽ ٽپڙ صاف ڪو نه ٿي ڌوئين.........“
    پڏو مُرڪندي وراڻيو.
    ” لڳي ٿو مالڪ سان کِٽ پِٽ ٿي اٿئي؟ “
    شارڌا، روئڻهارڪو لهجو ٺاهيندي وراڻي
    ” ادا غريب جو ڪير به ڪونهي ڪو. سڄو ڏينهن وهٽن جيان ڪم ڪريان ٿي. تڏهن پيو هڪ نه ٻئي تي وڙهي. ڪالهه مُنهنجي طبعيت ٺيڪ ڪونه هُئي ته چيو مانس. آئون ڏائي ويد کي وڃي ڏيکاري اچان ٿي! ته مئو وڙهي پيو، چوي ته وڃي سانول ساڌو کي ڏيکار، مون به ٺڙ ٺپ جواب ڏنو مانس ته ڀلي مري وڃان ته مري وڃان. پر پنهنجي تپسيا کي ڪارو ڪانه ڪنديس اُنهي مُسلي وٽ وڃي، پنهنجي سرڳ وڃايان. مورڳو ابا، ذِر ٿي ويو. ......الا ! چيلهه ڪانه ٿي سڌي ٿئي.“
    شارڌا! اهڙو ته ناٽڪ ڪيو جو پڏو ۽ ساهو کي به سندس تي رحم اچي ويو.
    ” تون وڃ، وڃي آرام ڪر، هروڀرو هلڪو ڦلڪو ڪم ڪرڻ جو ضرور ڪونهي، اهو اسين پاڻهي ڪري وٺنداسين.“
    ” اي ادا! ڪٿي ٿو مئو بخش ڪري. هاڻي ته هي چاڪري ڇڏڻي پوندي. مئو انهي مُسلي سان ٻٽ ٿيو هلي. پاڻ ته نسورو نرڳي ٿيو پر اسان جي زندگي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو اٿس. مجبوري آهي ادا. ٻئي ڪنهن جڳهه تي چاڪري ملي ڪانه ٿي. ڀڳوان جو ڪو اوَتار اچي، اسان جهڙن تي ڪرپا ڪري.......“
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويئي، شارڌا کان وڌيڪ سانول جي باري ۾ هنن کان جيڪو ٻُڌڻ ٿي چاهيو سو ٻُڌي ڪانه سگهي. پڏو ۽ ساهومل جي ڀرواري ڪمري ۾ ڪارو ۽ سترام به انهي ساڳي ڳالهه تي سهمت هئا ته پنهنجن ساٿين کي دوکو ڏيئي. پاڻ وڃي، اهو ڀاڳن ڀريو ڪم ڪري اچن، شارڌا، باقي مُسافرخاني جي مُسافرن کي ماني ڏئي، بخشو بجير کي ٻڌل وهٽن کي گاهه پٺو ڏيڻ لاءِ چئي پاڻ سانول وارن ڏانهن وڃڻ جي لاءِ سنڀري-
    سوڀن کي ڪافي ڏينهن کان، نائومل جي موڪليل ماڻهن جو انتظار هو، جيڪو اڃان تائين سوڀن وٽ نه پُهتا هُئا. اصل ۾ هنن سڀني کي پهرين سوڀن سان ملڻو هو. پر مُسافر خاني ۾ رهڻ کانپوءِ هنن جي من ۾ چور اچي ويٺو هو ته انهي پاڪ ڪم ۾ ٻئي ڪنهن کي شامل نه ڪريون. انهي ڪري، هو سوڀن سان ملڻ کان به لنوائي ويا. سوڀن کي پنڊت جي انهن شيوڪن جي انتظار ۾ ڪافي ڏينهن وهامي ويا هئا. انهي ڪري، من ۾ عجيب و غريب خيال ۽ وسوسا اچڻ لڳا هئس.
    سندس اوچتو دروازو وڳو، سوڀن ڌوتي کي ٻنهي هٿن سان جهلي، تڪڙو تڪڙو اچي دروازو کوليو. دروازي تي اڪيلو کيمشي بيٺو هو. سوڀن اڪيلي کيمشي کي ڏسي وائڙو ٿي ويو. چيائين
    ”ٻيا ڪٿي آهن؟ “
    کيمشي حيرت مان پُڇيو
    ”ٻيا ڪير؟؟!“
    سوڀن، همراهه جي سوال کي في الحال نظرانداز ڪندي چيو
    ”اچ، اچ اندر اچ!“
    کيمشي اندر هليو آيو
    ”تون اڪيلو، نائومل ته چيو هو ڳچ همراهه ايندا.“
    سوڀن کي کيمشي جي اکين ۾ اکيون وجهندي وراڻيو ۽ پنهنجي ڌوتي کي سنڀاليندو، وڃي کٽ تي ويٺو.
    کيمشي، سوڀن جي ڳالهه ٻُڌي حيران ٿي ويو.
    ”همراهه، اڃان تو وٽ پُهتا ئي نه آهن؟!“
    سوڀن ڳٽڪار سان نهڪار ڪئي.
    کيمشي کيس وراڻيو ته
    ” مونکي ته مهانَ پنڊت، هي اوهان لاءِ چٽ ڏيئي موڪليو آهي ۽ همراهن جي خبر چار به وٺڻ لاءِ، آئون ڪا نه ڪا خوشخبري وٺي اچي ايشور جي مهانَ پنڊت کي ٻُڌايان ۽ اوهان چئو پيا ته هو اڃان پهتا ئي ڪونهن! جي توهان وٽ پهتا ناهن ته پوءِ ڪيڏانهن ويا؟“
    سوڀن، پريشانيءَ وچان اُٿي ٽهلڻ لڳو.
    کيمشي پنهنجو خدشو ظاهر ڪندي چيو
    ”ڪٿي مُسلي، ماري ته نه ڇڏيا آهن؟“
    سوڀن، بيهي کيمشي کي ڏسڻ لڳو ۽ چيائين
    ”نه ! هو هتي ڳچ ڏينهن ٿيا آهن، آهي ئي ڪونه!“
    ”ڇا...............................؟؟ ......................... پوءِ !!؟“
    سوڀن وري به ٽهلندي وراڻيو
    ”مونکي ته اها پريشاني کايو پئي وڃي ته اُهي ماڻهو ڪيڏانهن گُم ٿي ويا آهن؟!“
    کيمشي کي اچي ڊپ ورايو، سو چيائين
    ”سائين! ڪٿي پاڻ سانول ڀڳت کي مارائي غلطي ته نه پيا ڪريون؟!“
    سوڀن يڪ ٽڪ کيمشي ڏانهن نهاريو
    ” ڇا مطلب..............................................................؟؟!!“
    کيمشي وراڻيو
    ” ايشور جو سيوڪ آهي، متان ايشور پاڻ تي ڪو قهر ته نازل نه پيو ڪري؟ “
    سوڀن، کيمشي جي ڳالهه ٻُڌي هيڪر ته پريشان ٿي ويو. پر پوءِ دل کي ڏڍ ڏيندي چيائين
    ”نه نه ......... ايشور قطعي هڪ مُسلي کي پناهه ڪونه ڏيندو ..............!“
    ”هُونءُ................................ تون ٿڪجي پيو آهين. وڃ آرام ڪر... مونکي ڪُجهه سوچڻ ڏي.....!“
    کيمشي واري ڳالهه، سوڀن کي به پريشان ڪري وڌو هو ته واقعي ايشور هنن تي عذاب ته نازل نه پيو ڪري. ڪوشش ڪري پنهنجي دل مان اهو خيال ڪڍڻ لڳو پر ڊپ اندر گهر ڪري ويو هُئس. کٽ تي ليٽي پيو. سوچيندي سوچيندي اکِ لڳي ويس ته سپني ۾ ڇا ٿو ڏسي ته سامهون سانول بيٺو آهي ۽ چئيس پيو ”سوڀن! تون مونکي مارڻ لاءِ نڪتو آهين............. اچ مون کي قتل ڪر.............ايشور توتي قهر نازل ڪندو...............هو ڏس.............................مٽي جو طوفان...................ايشور، ڪرشن سان گڏ پنهنجي رٿ تي سوار ٿي اچي پيو. توکي هاٿين ۽ گهوڙن جي سنبن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اجهو اچي پهتا اٿئي! تون مونکي ماريندين!! ها ........ها................ها.............ها.............ها .......اهو آواز ويجها اچي ويا آهن. مرڻ لاءِ تيار ٿي.....“
    ”الاڙي.......................!.................گهوڙاڙي.............بچ..........بچا.............بچايو...............بچايو................ مونکي بچايو ڙي.............................. “ شپڪ، پاڻي جي گلاس هارجڻ سان ئي، سوڀن ٽپ ڏيئي کٽ تان اُٿيو ۽ ڀڄي وڃي ڀت کي ٽيڪ ڏنائين. پگهر ۾ سڄو ٻُڏي ويو. سڄي بُت ۾ رڦڻي هُئس.
    کيمشي رڙيون ڪندي چيو
    ”سوڀن..........سوڀن ...............سوڀن ! ڇاٿيو؟؟ ڇا ٿيو؟؟!!“
    سوڀن، سهڪندو رهيو-
    کيمشي، ڊوڙندي وڃي پاڻي جو گلاس ڀري آيو.
    ”وٺ ادا، پاڻي پيءُ.......“
    سوڀن ڏڪندڙ هٿن سان، هڪ ئي ساهيءَ ۾ پاڻي پي ويو.


    9

    سانول نئين ڪوٽ کان ڇهن ڪلاڪن جي ڊگهي مُسافت طئه ڪري، اچي ميرپورخاص پهتو هو. مليل ڏس پتي تي پُڇا ڪري اچي هڪ پراڻي ڀڳل در سان ٻيڙين جي ڀانڊي وٽ اچي پهتو هو. جتي پنج ڇهه ٻيڙا ٻاڌارا، ٻيڙيون ٻڌڻ ۾ مشغول هئا.
    سانول غور سان، ٻيڙين جي ڀانڊن کي ڏسڻ لڳو ۽ من ۾ سوچيائين ته پڪ ڪنهن غلط جاءِ تي پهتو آهيان، هيڏي وڏي پارٽيءَ جو اڳواڻ هتي ٿوري ئي هوندو؟!
    ” او ڀائو، ڪهڙين سوچن ۾ گُم آهين؟ ڪُجهه گهرُجيئه ڇا؟ “
    هڪڙي همراهه، سانول کي ائين وائڙو ڏسي، وڏي واڪي پُڇيو.
    سانول ٿورو اڳڀرو ٿي وراڻيو
    ” اد! هي خان محّمد جي جاءِ آهي ڇا؟ “
    سڀني ڄاتو ٿي ته ڪو ڳوٺاڻو اچي شهر ۾ ڦاٿو آهي.
    ”ها، هيءَ خان محمد جي ئي جاءِ آهي. اوهان کي ڪنهن سان ملڻو آهي؟ “
    سانول وراڻيو
    ”پوءِ ته آئون صحيح ڏس پتي تي پهتو آهيان. ادا مونکي خان محمد سان ملڻو آهي.“
    سڀني هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ۽ ڪُلها اُچڪائي حيرت جو اظهار ڪيو. خان محمد خود به انهيءَ اوپري شخص کي ڏسي شڪجي پيو ته متان انگريز سرڪار جو ڪو ڇاڙتو، ٻهروپيو ٿي هنن وٽ آيو آهي.
    ”ڀاءُ، خان محمد ته آهي ڪونه. باقي ڪو ڪم ڪار هُجي ته ٻُڌايو؟ “
    سانول وراڻيو
    ”ها ادا! ڪم ته کوڙ سارا آهن. پر پهرين پاڻي ڍُڪ پيئندس.“
    ”جانو، همراهه کي پاڻي پيئار.“
    سانول يڪ ساهي ۾ پاڻي پي ويو ۽ پوءِ کيسا ٽوٽلي، چٺي ڪڍي انهي همراهه جي حوالي ڪئي جيڪو سانول کان حال احوال وٺي رهيو هو. همراهه چٺي پڙهي، وري سانول ڏانهن نهاريائين جيڪو اڃا تائين ڇتي اُس ۾ بيٺو هو.
    ” اچ اچ! اندر ٿي ويهه! اڙي سومار! گهران ماني ٺهرائي اچ “
    خان محمد، سانول کي مگهه وٽ ويهاريو، جنهن مان واءُ ڦُرڪ به آئي پئي.
    ”سانول، تُنهنجو ئي نالو آهي نه؟!“
    ”جيءُ ادا “
    ”هن چٺين جي خبرچار، ٻئي ڪنهن سان ته ڪا نه ڪئي اٿئي نه!“
    ”نه ادا! چٺي پڙهي، آئون سمجهي ويو هُئس ته هي ڪيڏي اهم شيءِ آهي ۽ وشني جيڪو مون تي اعتماد ڪيو آهي. تنهن کي به ته پاڻي ڏيڻو هو نه . ادا چوندا ڪونهن ته اک ڪاڻي ڪجي پر ڏِس خراب نه ڪجي.“
    خان محمد، سانول جي ڳالهين مان ئي اندازو لڳائي ورتو ته سانول ڪا معمولي ۽ مٿاڇري شخصيت نه آهي. خان محمد ڪجھه ئي گهڙين ۾ سانول جو مڪمل جائزو وٺي ورتو هو.
    خان محمد وراڻيو
    ”هائو ادا، سانول سچ ٿو چئين ۽ اها ئي سچائي پنهنجي طبقي جي ماڻهن لاءِ هُجڻ گهرجي. وشني پنهنجي حصي جو ڪم پوري ايمانداريءَ ۽ سچائي سان ڪيو آهي. اهڙا ڪم، اُهي ئي ڪن ٿا سانول، جيڪي اک ته ڪاڻي ڪن ٿا پر ڏِس خراب ڪونه ٿا ڪن.“
    ” وشني، پنهنجي جان ته ڏئي ڇڏي پر پنهنجي وطن، ماڻهن ۽ طبقي سان وفاداري نڀائي ويو.“
    سانول، ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي.
    ”جانو، تون هل! ڪاٺين واري ٽال تي، اسين ڪاٺيون وٺڻ اچون ٿا.“
    جانو، بنا ڪنهن دير ڪرڻ جي اُٿي، ڪپڙن مٿان ٻيڙين جا ڪٽيل پن جا ٽوٽڪا ۽ تماڪ کي ڇنڊي ٻاهر روانو ٿي ويو.
    تيسين سومار به وراڪو ڏيئي اچي پهتو ۽ ماني کڻي سانول جي اڳيان رکيائين.
    ”سانول ڀاءُ! ماني کائي وٺُ ته هلي ڪاٺين جي ٽال مان ڪُجهه ڪاٺيون وٺي مچ ٻاريون.“
    سانول هٿ ڌوئيندي وراڻيو
    ”نه ادا، انهي جي ڪا ضرورت ڪونهي. بنا ڪنهن مچ جي به خبر چار ڪري سگهون ٿا.“
    ” نه نه – ٺهيو ڀلا! تون پهرين ماني کاءُ، پوءِ ٿا انهي ڳالهه تي سوچيون.“
    سانول کي ڏاڍي بُک لڳل هُئي. سو ماني کائڻ لڳو.
    ٺڪ...............ٺڪ............................ٺڪ...........................ٺڪ..........ٺڪ..............
    دروازي جي هلڪي هلڪي ٺڪ ٺڪ، موهن کي وسوسي ۾ وجهي ڇڏيو.
    ” ڀڳوان ديا ڪري“
    موهن جي واتان بيخودي ۾ اهي لفظ نڪري ويا پاڻ اُٿي اچي دورازو کوليائين ته سامهون مائي شارڌا بيٺل هُئي. موهن شارڌا کي ڏسي پُڇيو
    ” ادي خير ته آهي ننڍڙو ته ٺيڪ آهي نه!؟ “
    شارڌا وراڻي
    ”ها ادا، سڀ ٺيڪ آهن، سانول آهي.“
    موهن چيو
    ”نه ته- هو هتي ڪونهي.“
    شارڌا هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي وراڻي
    ”ادا اندر ته اچڻ ڏيو.“
    موهن کي هڪدم پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته دروازي کان هٽي بيٺو. موهن راڌا کي به ٻاهر سڏ ڪيو. تيسين شارڌا دروازو ٻوڪي اندر اچي چُڪي هُئي.
    راڌا ٻاهر نڪري شارڌا کي نمسڪار ڪيو.
    ”ادي ڀلي ڪري آئين....ويههُ.......خير ته آهي نه ، جو ايترو اويري نڪتي آهين؟“
    شارڌا، ٿورو آهستگي ۽ رازدارانه انداز ۾ وراڻي ته
    ”امڙ! خير ئي ته ڪونهي. اوهان کي ته خبر آهي ته هينئر آئون کمون واري مُسافر خاني ۾ ٿي ڪم ڪريان. اُتي ڪالهه کان ڪجھه ماڻهو اچي رهيا آهن، اڄ جيئن انهن کي ماني ڏيڻ ويس ته هنن جي پنهنجو پاڻ ۾ ٿيندڙ کُسر ڦُسر ٻُڌي ورتم. هو امڙ ڪنهن جي چوڻ تي، سانول کي مارڻ جي نيت سان آيا آهن................................!!“
    راڌا، سانول کي مارڻ واري ڳالهه ٻڌي، هِڄي وئي ۽ دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳيس.
    ”.......................مونکي جيئن سُڻس پيئي ته انهي وقت سانول ابل کي ٻڌائڻ لاءِ هتي هلي آيس. متان دشمن انهي ڪڌي نيت ۾ ڪامياب ٿي نه وڃن.“
    موهن وراڻيو
    ”ادي، وڌيڪ ڌيان رکينس! آئون به سڀاڻي ڪوشش ڪري مُسافر خاني ۾ چڪر تي ايندس. توکي وڌيڪ خبر ڪانه پئي ته ڪنهن جي چوڻ تي اهي آيا آهن؟ “
    شارڌا وراڻي
    ” ڪنهن ڀڳوان جي اوتار جي پئي ڳالهه ڪيائون، شايد ڪنهن مهاراج يا پنڊت جي چوڻ تي آيا آهن.“
    موهن هڪدم وراڻيو
    ”بس بس ! آئون سمجهي ويس. اهو ڪم پندت نائومل جو آهي. پڪ اهي ماڻهو انهي ئي موڪليا آهن.“
    شارڌا وراڻي
    ”پر ادا، پنڊت نائومل جي سانول بابا سان ڪهڙي دُشمني آهي؟“
    راڌا، اها ڳالهه ٻڌي صفا هراسجي ويئي! نڙي مان ٿُڪ به، نه ٿي اُڪليس.
    موهن، وهاڻي کي ٽيڪ ڏيندي چيو
    ”ادي، اڳ جي هيترا ماڻهو قتل ٿيا آهن، هي ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿيا آهن. انهن جي هڪ ٻئي سان ڪهڙي دُشمني هُئي. بس ادي! ماڻهو فطرتي جانور آهي. پنهنجو پاڻ کي عقلمند ۽ سڌريل ٿو سمجهي. پر هُن ۾ اڃان تائين حيواني عادتون موجود آهن. انهيءَ ڪري هو پنهنجو پاڻ ئي ٻين مٿان پنهنجي حاڪميت جو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ ڪُجهه به ڪري سگهي ٿو هنن وٽ ادي، انسان جي جان جي قدر ۽ قيمت ٿورئي آهي.“
    شارڌا چيو
    ”هائو ادا، سچ ٿو چئين، انسانن مان انسانيت وئي آهي نڪري، پر پوءِ اوندهه ڪانه ٿي آهي ادا. مُنهنجو ننڍڙو ڪِڪو ٺيڪ ڪو نه هو. مون وٽ ايترا پئسا ڪونه هُئا جو ڪنهن کي ڏيکاريان پر ٻچو ادا ٻچو آهي نه! هڪ هڪ ويد جي در تي ويس پر پيسن کان سواءِ ڪنهن ڏٺو ئي ڪونه ٿي. سانول بابو جي باري ۾ ڏس مليم پر دل نه پئي جهليم. نانگ جو کاڌل ادا نوڙي کان به ڊڄي. ٻين ويدن جا دڙڪا کاڌل هُئم پر ننڍڙي جي حالت بگڙندي وئي ته ڀڄي اوهان وٽ آيس ۽ پوءِ سانول بابو، پاڻ هلي مُنهنجي گهر آيو ۽ مُنهنجي ڪڪي جو علاج ڪيائين. ڀڳوان جي ڪرپا سان ڪڪو نوبنو ٿي ويو. ادا، جيڪڏهن سڄي ڄمار سانول جي خدمت ڪريان ته به اهو ٿورو لاهي نٿي سگهان. اهڙا به ته ٻاجهارا ماڻهو هِن دُنيا ۾ پيا آهن ادا!، بس ماڻهو مايا جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي ساڃاهه ۽ سُرت سڀ وڃائي ويهي ٿو، پنهنجو ماڻهپو ماريو ڇڏي.“
    ”هائو ماسي، چڱن ۽ نيڪ ماڻهن جي سرسائي ٿي ويئي ته هي خلق سڄي سُک ۽ شانتي سان زندگي گُذاريندي. نه ڪو ڪنهن جو آقا ۽ نه ڪو ڪنهنجو غلام. پر مُٺ جيترا بدمعاش ماڻهو، ناني ويڙهو ڪري اڪثريت کي رسمن، رواجن، مذهبن، معاشي تنگدستين جي عجيب ۽ غريب حالتن ۾ مُنجهائي ڇڙ وڇڙ ڪيو، حاڪم ٿيو ويٺا کائين.“
    شارڌا اُٿندي وراڻي
    ” امڙ، آئون هلان ٿي، ڪڪو اڪيلو هوندو. بخشو بجير کي ڪلاڪ کن لاءِ پارت ڪري آئي هُيس. مڙئي هاڻي خيال رکجو. مون کي وري به ڪا سُڻڪ پئي ته اوهان سان خبر چار ڪرڻ پئي اينديس.“
    راڌا به رسمن، هُن کي دروازي تائين ڇڏڻ آئي.
    موهن، پنهنجي مُنهن وراڻيو
    ” هون، انهيءَ جو مطلب ته پنڊت جو ايترو من وڌي ويو آهي جو هو سانول کي مارائڻ لاءِ سٽون سٽيندو وتي.“
    راڌا، موهن جا اهي لفظ ٻڌا ته وراڻي
    ”ڪاڪا، هي ڇا پيو ٿئي، سڀ ڇو اچي سانول جا دُشمن بڻيا آهن.“
    موهن راڌا جي مٿي تي هٿ رکندي چيو.
    ” امان، جن به چڱا ڪم ڪيا آهن. انهن تڪليفون ۽ مصيبتون ته سُٺيون آهن. سانول، ويڙهه وڙهي پيو بُرائي سان چڱائي لاءِ ته پوءِ اهي ڳالهيون ته ٿيڻيون آهن. بس تون هُن جي مدد ۽ هُن لاءِ دُعا ڪندي رهه.“
    پرڀو، ميگهو، اڄ سهي سنڀري، وشني جي خبر چار وٺڻ لاءِ برهمڻ آباد وڃڻ لاءِ تيار ٿيا هئا پر ڪاڪي ماڻي جي خبر ٻُڌي، هنن جا ته تاڪ ئي لڳي ويا هُئا. وشني جي مرڻ خبر منٽن ۾ سڄي ڳوٺ ۾ واءُ وانگي پکڙجي وئي.
    سڀئي ڳوٺاڻا، هڪ هڪ ٿي وشني واري هٽ ۾ گڏ ٿيا هُئا، منجي جي اکين ۾ ته لڙڪ هئا، والجي به رُنو پئي، سڀني ڳوٺ وارن جي چهرن تي ڏک جون ريکائون صاف نظر اچي رهيون هيون _ سڀئي ڪنڌ لاڙيو، خاموش ويٺا هُئا، ڄڻ هنن جو ڪو صفا ويجھو مائٽ گذاري ويو هجي، وشنو ڪٿان آيو؟ ڪير هو؟ ڪنهن کي انهيءَ جي ڪل ئي نه هُئي، بس هو ڪجھه ڏينهن لاءِ هنن جي زندگي ۾ آيو ۽ هنن جو سڀ ڪجھه ٿي ويو.
    پرڀو ڏُک ڀرئي لهجي ۾ چيو-
    ” اسان مان اڄ وري هڪ وڇڙي ويو-“
    واگهو، ٻئي هٿ مٿي تي رکي وراڻيو-
    ”۽ اسان ڪجھه به نه ڪري سگھياسين“
    سومجي ڏکاري ۽ ڪاوڙ ڀرئي لهجي ۾ انگريزن کي گار ڏيندي چيو-
    ” گورا سوئر- حرامي ڪنهن جاءِ جا“
    شوڀو وراڻيو-
    ”اڙي اُهي ته ڌاريا- پر موهن ۽ سانول ڇا ڪيو- حرامي؟ “
    نانگجي مٿي تان پٽڪڙي لاهي- زمين تي اڇلائيندي وراڻيوـ
    ”مٺ جيترا ڪميڻاـ اسان هيترن کي ڪڙين جيان ماريندا ٿا وتن ۽ اسين چوڙيون پايو، گھرن جي ڪنڊ ۾ ڪوئن جيئان لڪا ويٺا آهيون ـ ٿوءِ......ٿوءِ ٿوءِ اسان جي حياتي تي.......“
    روئڻهارڪي لهجي ۾ چيوـ
    ”ڪاڪاـ توکي ڪا وڌيڪ خبر پئي هوندي ـ“
    ماڻي، ڪنهن بازي هارايل ماڻهو جيان چيوـ
    ”نه پرڀوـ، اها خبر به موهن وڏي رازداري ۾ ٻُڌائي هئي.ملڪ ۾ انهي جو واءُ سواءُ ڪونهي ۽ مونکي موهن تاڪيد ڪئي هئي ته اها خبر رُڳي اوهان کي ٻڌايان ـ وڌيڪ ڪا خبر مون سان ته ڪانه ڪيائين ـ؟ “
    شوڀو هڪدم وراڻيوـ
    ” اصلئون ئي گورن جا ڇاڙتا آهن ـ انهي ڪري ته اسانجي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ لاءِ خبر موڪلي اٿن ـ حرامي ڪنهن جاءِ جاـ “
    سومجي وراڻيو ـ
    ”سڀئي ائين ئي، بي ڪفن ۽ نڌڻڪا ٿي مري وينداسين ـ ڪو ڪنهنجو ڪونهي، اڪيلا آهيون ـ ڪير به ڪنهنجو ڪونهي،ڪير به.............“
    سومجي جي اکين مان وري لڙڪ وهي آياـ
    سڀئي ايڏا ته خاموش هُئا ـ جو ائين ٿي لڳو ڄڻ وشني سان گڏ هي به مارجي ويا هجن،
    ملڪ ۾ افراتفري وارو ماحول هوـ انگريز، پوري هندستان کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا ويا پئي ـ ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ شورش ۽ بغاوت ٿيندي رهندي هُئي ـ مٿان ٻي عالمي جنگ به انگريزن جا حوصلا خطا ڪري وڌا هئاـ اتحادي فوجن جي ڪافي جڳهن تي شڪست جي ڪري، گورن جي گرفت نه رڳو هندستان پر دنيا جي ڪافي ملڪن تان ڪمزور ٿيندي ويئي پئي ـ مٿان ڪميونسٽ پارٽي جي پاليسن ۽ چين ۾ هر محاذ تي چيانگ ڪائي شيڪ جي ڪميونسٽن هٿان شڪست هنن کي تقريباَ وائڙو ڪري ڇڏيو هوـ هندستان ۾ خود به ڪميونسٽ نظريي جي حمايت وڌندي پئي وئي.
    سانول ماني کائي، خان محمد سان گڏجي، خان محمد واري اوطاق تي آيو.خان محمد ڳنڀيرتا مان وراڻيو
    ”اسان کي وشني جي موت جي ڄاڻ پئجي وئي هئي پر اسان اهو نه ڄاتو ته وشنو مرندي مرندي به پنهنجي مٿان پارٽيءَ جي آيل ذميواري پوري ڪري ويندو...............سانول، اهي ماڻهو عظيم ۽ لافاني آهن، جيڪي ٻين جي سُک، امن ۽ خوشيون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي به پرواهه ڪونه ٿاڪن.“
    سانول وراڻيو
    ”ها، ادا، وشنو واقعي عظيم ۽ دانا هو پر مُفاد پرستن ۽ حيواني صفت رکندڙ ماڻهن لاءِ ته ادا، اک جو ڪنڊو هو نه!“
    خان محمد وراڻيو
    ” اسين سڀ اڃان تائين جهالت، عقيدي پرستي ۽ لڪير جا فقير آهيون. ڳالهين کي سمجهڻ، علم حاصل ڪرڻ کان عاري ، عجيب غريب ٺهيل جاگيردارن، مذهبي دلالن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل آهيون. هي جيڪو ڪُجهه هُنن وٽ آهي. سو پنهنجو آهي، اُن کي وٺڻ لاءِ هنن جي بدلي، اسان کي سؤڻو وڌيڪ ڪم ڪرڻو ٿو پوي.“
    سانول حيرت مان وراڻيو
    ”ها ادا، ائين ته آهي، پر پوءِ به پنهنجي سگهه ڇو ڪونه ٿي وڌي.؟!“
    خان محمد مُرڪندي وراڻيو
    ” ماڻهو ڳالهيون سمجهن پيا، اسان جي سگهه ۾ به واڌارو ٿئي پيو، اصل معاشي تنگدستي ۽ رياستي جبر جا ماڻهن کي چُرڻ جهڙو ڇڏيو ئي ڪونهي. رياستي ادارا، انهن جا بيگاري آهن، عام ماڻهو ته ويچارو ٿيو پيو هلي نه. انڪري ان ماڻهو کي ئي ته ميڙڻو آهي. ان کي ئي ته اڳواڻ ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ ئي ته ڪوششون ڪرڻيون آهن...... سانول، باقي ڳالهيون صبح جو ڪنداسين. تون به ڊگهي سفر تان آيو آهين، ٿڪجي پيو هوندين.“
    ائين چئي، خان محمد اوطاق مان ٻاهر نڪري هليو ويو، سانول به کٽ تي الهي پيو-
    شارڌا، واري خبر راڌا لاءِ وڏي پريشانيءَ جو وڏو سبب بڻجي پئي هئي. موهن به اڄ کمون واري مُسافر خاني ۾ چڪر ڏيڻ ويو هو. پر اُتي خبر پيس ته همراهه مندر ۾ پوڄا لاءِ ويا آهن. راڌا پنهنجي ڪوٺڙي جي پئي صفائي ڪئي ته اهي ڇهه، ست ئي ڄڻا. ”هئه ايشور، پاپ جي نگري آ، بخش ڪر! هئه ايشور، هي پاپ جي نگري آ......بخش ڪر.................................“
    اهو آواز ٻُڌي، راڌا ڪوٺڙي کان ٻاهر نڪري آئي، اُهي ست ئي ڄڻا، راڌا کي اجنبي لڳي رهيا هيا، ايشور جي مورتي اڳيان مٿي کي ٽيڪي، زور زور سان ڪُجهه پڙهي رهيا هئا. ڌوتين ۽گيڙو رتي پوتڙن سان، اهي ماڻهو سنت پئي محسوس ٿيا. راڌا اُنهن کي نظر انداز ڪري، وري پنهنجي ڪم کي لڳي وئي. سانوڻ جي موسم جي آمد هُئي. تنهن ڪري موسم ۾ آگم محسوس ٿيو. واءُ سري جو مهينو آکاڙ اچي ختم ٿيو هو. پکي پکڻ به سانوڻي جي آمد کي محسوس ڪندي پنهنجي آکيرڙن کي ٺاهڻ جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. هارين به پنهنجي کيٽن جي سنڀال شروع ڪري ڏني هُئي.
    سوڀن جو ساهه سامت ۾ نه پئي آيو، همراهه ويتر پريشان ٿي ويو.
    ”پيئڻ ته ڪانه ڏٺي اَٿئي....................................“
    کيمشي، سوڀن کي مٿي تي زور ڏيندي وراڻيو
    ”نه نه، مون ڏاڍو ڀوائتو سپنو ڏٺو آهي........................ اي ايشور! مونکي پنهنجي پناهه ۾ رک!............. مون توبهه ڪئي.....................مون زاري ڪئي.......... آئون.................................... آئون هٿ نه لاهيندس................................مونکي بخش ڪر ...........................مون کي بخش ڪر...............“
    سوڀن، هٿ مٿي وٽ ٻڌي، پنهنجي منهن چوندو پئي ويو.
    ”خير آهي ادا سوڀن، بس مڙيو ئي سپنو هو، ڪا آفت ته نه اچي ويئي.“
    کيمشي وراڻيو
    سوڀن، ڀئو وارين نظرن سان همراهه ڏانهن نهاريو ۽ چيائين
    ”ميان، تون به انهي ڪُڌي ڪم مان هٿ ڪڍي ڇڏ” سانول، ايشور جو خاص ٻانهو آهي. مونکي ايشور، پنهنجي رٿ سان مارڻ پئي آيو. توبهه توبهه................صبح وڃي.................ايشور کي دان چاڙهيندس، خيرات ڪندس“
    کيمشي ڪو اڳيئي، خوف ۾ ڀريو ويٺو هو، سو چيائين
    ”ادا مونکي، اڳيئي انديشو هو ته سانول سان هٿ چُراند ڪرڻ سان، ايشور ناراض ٿي پوندو. مون اها ڳالهه ڀڳوان جي اوتار، نائومل کي به چئي پر هُن مونکي ڇڙٻ ڪڍي ماٺ ڪرائي ڇڏيو ..................................... ڏٺئي نه......................... اڄ ڏيکاري ٿي نه .....؟!“
    سوڀن مٿي تان پگهر اُگهيندي چيو
    ”اها سڀاويڪ ڳالهه، کيمشي تنهنجي مُنهنجي وچ ۾ رهي.“
    ” اها ڳالهه پنڊت نائومل جي ڪنن تائين نه پهچي، ڪو نه ڪو بهانو ڪري، انهي ڪم مان هٿ ڪڍي وڃون.“
    کيمشي هٿ بتي کي ٿورو سوريندي وراڻيو
    ”پنڊت وڏو تيز ذهن آهي سوڀن! هُن تُنهنجي آسري ۾ ڪارو، ڄيٺي، رامون، پڏو، سترام ۽ ساهو کي هيڏانهن اُماڻيو هو. اُهي جي ايندا ته اُنهن کي ڇا چوندين؟“
    سوڀن هڪدم وراڻيو
    ” اُهي بچندا ته ايندا نه!؟ اهو ته مُنهنجي تپسيا جو ڦل آهي جو ايشور، مون کي ڏيکاري ڏني آهي ته آئون به ڪنهن نه ڪنهن ڏچي ۾ هُجان ها. اها ته ايشور مون تي ڪرپا ڪئي آهي.“
    کيمشي سوڀن جي ڳالهه جي جهڙوڪر تائيد ڪندي وراڻيو
    ” هائو، ادا ڳالهه تون سورهن آنا سچي پيو ڪرين..........پر جي اچي ويا ته پوءِ...................؟!“
    سوڀن کٽ تي اٿلي پٿلي ماري ويهندي، فڪرمنديءَ سان وراڻيو
    ”پوءِ، انهيءَ ڳالهه کي ڏسنداسين، آئون صبح جو ئي هيٺ ماڻابائو ڏانهن نڪري ٿو وڃان. تون واپس پنڊت نائومل وٽ وڃجان ۽ کيس چئجانس ته آئون سوڀن جي گهر ويو هئس پر سوڀن گهر هو ئي ڪونه. تنهن ڪري واپس موٽي آيو آهيان. نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي.“
    کيمشي وراڻيو
    ”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿوَ، اوهين به اُنهي ڪڌي ڪم کان بچي ويندو ۽ آئون پنڊت وٽ سچو ٿي ويندس.“
    سوڀن، کيمشي جي ڪُلهن تي هٿ رکندي چيو
    ”کيمشي جي ڳالهه ڦاٽ کاڌو ته سمجهه ته پاڻ هن دُنيا ۾ هونداسون ئي ڪونه.“
    کيمشي، سوڀن جي هٿن تي هٿ رکندي چيو
    ”سمجهه ته اصل ڳالهه دفن ٿي ويئي ۽ هونءَ به مون انهي ڪم کان، اڳيئي پيئي لنوايو، مُنهنجي ته ايشور ٻُڌي ادا.“
    سوڀن، کٽ تي ليٽي، رلي ڇڪيندي وراڻيو
    ” ته بس پوءِ صبح جو گڏباسين“
    کيمشي به اُٿي پنهنجي کٽ تي هليو آيو، سوڀن جي چهري تي پهرين جيڪي ڀ‍‍ؤ جون ريکائون هيون. سي ختم ٿي ويون هيون. هاڻي سندس چهري مان سڪون پئي بَکيو هڪ نظر آسمان ڏانهن نهاريائين. جتي تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. شڪراني جو وڏو ساهه ڀري پاسو ورائي چهري هيٺيان ٻانهن ڏئي سُمهي پيو.


    10

    سانول، اڃان تائين ذهني طور ڪافي مونجهاري جو شڪار هو ته آخر هي ڪهڙي پارٽي آهي؟ هن پارٽي ۾ ڪهڙي نئين ڳالهه آهي؟ جيڪي ڳالهيون هي پيا ڪن، اهي ڳالهيون ته ٻيون پارٽيون به ڪن پيون. پوءِ هي الڳ پنهنجي ڀنڊڻي يا ڏيڍ فٽ جي اوطاق ٺاهيو ڇو ويٺا آهن؟ اهڙا ۽ اهڙي طرح جا ڪيئي سوال، هنجي ذهن ۾ جنم وٺڻ لڳا هئا. اڃان تائين هن کي ڪٿان به مطمئن ڪندڙ جواب ڪو نه مليو هو.
    وشني جي موت به هن لاءِ عجيب و غريب ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي. وشني جي موت ئي هن جي زندگي ۾ هڪ نئون موڙ آندو هو. هن جي زندگي جي تبديلي جو به وڏو سبب وشني جو موت هو. هن پنهنجي زندگي جي تاني باني کي ڳنڍيندي، هن نتيجي تي پهتو هو ته ظلمن ۽ نفرت کان ڇوٽڪارو، انسانيت ۽ ماڻهپي ۾ آهي. جنهن جو هڪ مقرر دائرو هُجي. ڇو ته بي قانون شيءِ ته فطرت ۾ به موجود ڪونهي. هر شيءِ ۾ هڪ انتظام ۽ ضابطو آهي. هر شيءِ پنهنجو مقرر ڪم پنهنجي مقرر وقت تي، پنهنجي مقرر دائري ۾ ڪري ٿي. تنهن ڪري رُڳي آزادي جو مطلب مذهبي ڪٽرپڻي، طبقن جو طبقن سان وڙهڻ نه آهي بلڪه انسانن توڙي هر ساهه واري شيءِ لاءِ خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا عمل ڪرڻ گهُرجن جي مذهبي انتهاپسندي خراب آهي ته اهڙي هر شيءِ ۾ جنونيت خراب آهي. مذهبي انتهاپرستي جو هي خود به شڪار رهيو آهي. هڪ مذهبي جنونيت کان بچي، وري به هڪ مذهبي چڱي مڙس جي وڃي ور چڙهيو هو. جنهن هن کي مذهبي بنياد تي نه تشدد ڪيو ۽ نه ئي ماريو ۽ نه ئي هُن، هِن کي ڪڏهن چيو ته تون پنهنجو دين مٽائي ڇڏ. اسان جي هندومت کي قبول ڪر. مذهب به ڪو ماءُ جي پيٽان، سکي ڪو نه ٿواچي پر پڙهڻ، سکڻ ۽ پرجهڻ سان ملي ٿو. ائين ئي منطق، نظريا ۽ فلسفا پڙهڻ، سکڻ ۽ پرجهڻ سان حاصل ٿين ٿا. پوءِ ائين ڇو آهي ته جو مسلمان جي گهر پيدا ٿيو سو مسلم جو هندو جي گهر پيدا ٿيو سو هندو. اها ته وري به وڃي مدي خارج، فرسوده قبيلائي منطق واري ڳالهه ٿي...........
    سانول ڪمري ۾ ليٽيو، مسلسل پنهنجي ذهن ۾ خيالن ۽ سوچن کي ڊوڙائيندو رهيو. سوال به پاڻ سوچي ته انهن جا نتيجا به پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر پاڻ ئي ڪڍي.
    موهن ۽ راڌا- سانول جي ڪري پريشان هئا، پنڊت نائومل جا ماڻهو، ڪُتن جيئن سانول کي نوسيندا وتندا هُئا پر سانول انهيءَ جوءِ ۾ هُجي ته انهن کي ملي.
    ” امان، سانول کي ڪيئن نياپو موڪليون ته پنڊت جا ماڻهو، هنکي مارڻ جي ڪڍ، هتي گهُمندا وتن.“
    موهن پريشاني ۽ اُلڪي واري لهجي ۾ وراڻيو
    ”ڪاڪا! هي، پاڻ کي ائين جيئڻ ڪونه ڏيندا. اسان به پنهنجي طرف جا ماڻهو گڏ ڪري هي سڄي خبر چار ٻُڌايون ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪونه ڪو بندوبست ڪريون.“
    راڌا، موهن سان ڄڻ حتمي ڳالهه ڪئي
    موهن وراڻيو
    ” ڳالهه تو واري ۾ به وزن آهي. بس، پوءِ سڀاڻي کان پنهنجن همراهن سان ملان ٿو.“
    راڌا، پنهنجي ڳالهه جي تائيد ٿيندي ڏسي وراڻي
    ” آئون به پنهنجي واسطي وارين عورتن سان انهيءَ متعلق ڳالهايان ٿي ته نياءَ ۽ انياءَ ۾ فرق ڪهڙو آهي اسان کي ڪهڙو پاسو وٺڻ گهرُجي.“
    موهن، راڌا جي ڳالهه ٻُڌي وراڻيو
    ”صحيح آهي امڙ! هن روز روز جي کُٽڪي مان ته جان ڇُٽي پوندي.“
    راڌا وراڻي
    ”ڪاڪا، بابا جا خوني هٿ ڪونه آيا. ڀاءُ وشنو بيدردي سان مارجي ويو. سانول تي به هڪ نه ٻي ڏينهن قتل ڪرڻ جا سانباها پيا ٿين. مندر مان ٿيل چوري جو ڪو به پتو ڪونه پيو. آخر ڪيستائين ڪاڪا، هٿ تي هٿ رکيو ائين ويٺا رهنداسين.“
    موهن، جيڪو ڪافي جهونو ٿي چُڪو هو، کٽ تان اُٿندي وراڻيو
    ” امڙ، ڀلا ڇا ڪجي؟ نه حڪومت پنهنجي ۽ نه ئي ڪنهن پارٽي جو ساٿ آهي پاڻ سان.“
    راڌا، ڪاڪي موهن جي مايوس ڪن لهجو ٻُڌي وراڻي.
    ” ڪاڪا! پاڻ پنهنجي ساٿ ۽ جوڙ کي ساريون، ڪينَ منجهان قرار ٿيون. پنهنجي ڳالهه وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچايون. حقيقتون سامهون آڻيون ته ماڻهو چڱائي جي آڙ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪُڌا ڌنڌا ڪندا وتن.“
    موهن، دلي مان پاڻي جي ڇل اوتيندي وراڻيو
    ” امان، اهو ڪم ڏکيو ته ٺهيو پر ناممڪن آهي. هتي جي ماڻهن جا ذهن، صدين جي پيدا ٿيل غلامي جي رسمن، رواجن، مذهبن، ريتن ۾ جڪڙيا پيا آهن ۽ جي ائين کڻي ڪجي به سهي ته به امڙ انهي ڪم ۾ ته صديون لڳي وينديون.“
    راڌا، ٿانءَ ڌوئي، جاريءَ مٿي ترتيب سان رکندي وراڻي
    ”ڪاڪا، ڪهڙو ڪم آسان آهي. هر نئين ڪم لاءِ ته وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي، آئون پڙهيل ڪونه هئس. اوهان ڪوشش ڪئي ته پڙهي پيس ۽ ٻين کي به پاٺشالا ۾ پڙهايان پئي. اهو ڪم ڪو آسان هو ڇا ڪاڪا! ڀلا اهو ڪم آسان هو ڇا هڪ مسلمان سانول کي ههڙن فسادن ۾ پناهه ڏيئي. علاج ڪري اُن جي هر گهڙي حفاظت ڪري اڄ هن مقام تائين پهچايو آهي.“
    موهن، اڄ پهريون ڀيرو مُرڪندي چيو
    ” امان! اڄ پڪ ٿي ويم ته مُنهنجي محنت رائيگان نه ويئي آهي. اڄ منهنجي سادي اٻوجهه راڌا نه پئي ڳالهائي پر عقلمند، ڏاهي ۽ سمجهدار نئين رڌا پئي ڳالهائي.“
    راڌا، مُرڪندي، موهن جا هٿ، پنهنجن هٿن ۾ جهليندي وراڻي
    ” ڪاڪا، مونکي، اُن ڏينهن کانپوءِ يقين ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اوهان کي چريو چئي، ڇڏي ڏنو پر مونکي يقين هو ته اوهان چريا ڪونه آهيو. انهي ڪري سانول وارو ڪيس موتي کي موڪلي، اوهان جي حوالي ڪيو ۽ اڄ اهو منهنجو ڪاڪا، جيڪو حالتن جي ڪري ڀڄي ڀُري پيو هو، سو منهنجي سامهون مُنهنجو واهرو ٿيو ويٺو آهي.“
    موهن وڏي پاٻوهه سان وراڻيو
    ” امان! ڦٽ ڏاڍا گهرا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اڃان به پيڙا ڏين ٿا. اهي گهر، اهي اڱڻ، جتي گڏجي عيدون ڪيوسين. گڏجي خوشي ۽ بهار جا گيت ڳاتاسين. همرچي جو ناچ ڪيوسين. اڄ سڀ ڪجهه اُجڙيل ۽ ويران آهي. هاڻ ته امان مُحبتن بجاءِ اندر ۾ ڪلفتون پلجن ٿيون.“
    هن جي جهرين واري چهري تي پل کن اڳ جيڪا مُرڪ هئي سا ته غائب ٿي وئي پر سندس اکين جي ڪُنڊن مان لڪل لُڙڪ لڙي اچي چهري تي پيا هُئا.
    راڌا، ڪاڪي موهن جا لُڙڪ اُگهيندي وراڻي
    ” ڪاڪا! اهو جيڪي ڪُجهه ٿيو آهي. سو اسان لاءِ هڪ سبق هو. پاڻ طبيب آهيون.......... نه رڳو جسماني بيمارين جا، پر روحاني، سماجي ۽ ذهني بيمارين جا به، هاڻ نوان ماڻهو ٺاهي، ڪو نئون جهان اڏڻ جي شروعات جا پهريان قدم کڻون هي جيڪو ڪُجهه ٿيو آهي، انهي جي ٿيڻ جي ئي گُنجائش ختم ڪري ڇڏيون.“
    موهن، ڪنهن ٿڪل مُسافر جيان پنهنجو پاڻ کي کٽ تي اُڇلائيندي چيو
    ” امان، ڀڳوان ڪري ائين ئي ٿئي پر مونکي ائين ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي.“
    راڌا، پُرعزم انداز ۾ وراڻي
    ” پهريان قدم، ڪاڪا پاڻ کڻون ٿا. اڳيان رستو پاڻهين ملندو ويندو. ڪاڪا اصل ۾ نيت سچي هُجي.“
    موهن، راڌا جي ڳالهه جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. کٽ تي ليٽيو چؤنري جي ڇت کي گهوريندو رهيو. شايد راڌا جي ڳالهين جو انت ڳولي رهيو هو.
    پنڊت نائومل جي آيل همراهن کي آئي اڄ ستون ڏينهن هو. جيڪو خرچ پاڻي پنڊت کان مليو هُئن. سو به وڃي باقي ٻن ڏينهن جو بچيو هو. شارڌا به هُنن جي اُنهي اُڻ تُڻ کي چڱي طرح محسوس ڪري رهي هئي. هنن نيٺ سوڀن سان ملڻ جو ارادو ڪيو جنهن جي خبر شارڌا کي به پئجي وئي. انهن جي انهي ارادي جي ڪري شارڌا به پريشان ٿي ويئي هُئي ته جي هي مُسافرخانو ڇڏي ويا ته پوءِ هنن تي نظرداري ٿي نه سگهندي پر شارڌا ڪري به ڇا ٿي سگهي. اُهي ست ئي ڄڻا، سوڀن سان ملڻ لاٰءِ هليا ويا شارڌا به هنن جي وڃڻ کان ڪلاڪ ٻن کان پوءِ پنهنجي ڪمري مان نڪتي ته ڏسي ته اُهي ست ئي ڄڻا واپس اچي پهچي چڪا هئا. شارڌا، پريشان ٿيڻ سان گڏ حيران به هُئي ته هي همراهه جهٽ ويا ۽ جھٽ آيا خير ته آهي. هُنن جي چهرن مان پريشاني صاف بَکي رهي هُئي. هو اچڻ شرط وڃي ساهومل واري ڪمري ۾ اچي گڏ ٿيا، شارڌا به ڪاڪي موهن ڏانهن وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ٻلي وارا پيرڙا کڻي، ساهومل واري ڪمري جو وڃي در ورتو.
    ”................................. هو ته هليو ويو. هاڻي ڪيڏانهن وڃون؟ “
    پڏو پريشاني واري لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو
    ” پاڻ کي اچڻ شرط سوڀن سان ملڻ گهرُجي ها. هاڻي ته نه هتي جا رهياسين نه هُتي جا.“
    ساهومل جو آواز آيو
    ” شايد کيمشي ئي سوڀن کي نه مليو آهي نه ته سوڀن ائين ٿوري ڪيڏانهن نڪري وڃي ها.“
    ” نه جي کيمشي، هُن سان نه مليو آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته کيمشي ويو ڪيڏانهن؟ “
    ”خبر.....................!!!“
    سڀني يڪ آواز چيو
    ڪارو حيرت گاڏڙ لهجي ۾ چيو
    ”پر يار، هاڻي ڇا ڪجي...................؟ “
    ڄيٺي تجويز ڏيندي چيو
    ” پاڻ مان ڪو هڪڙو ٻه همراهه، مهانَ پنڊت ڏانهن وڃي هي سڄو حال سربستو ٻُڌائي اچي.“
    سترام جي رڙ جو آواز آيو
    ” ڪير ويندو؟ “
    هُنن ۾ وڃڻ تان تو تو ۾ ۾ شروع ٿي وئي. شارڌا به پوءِ پير پوئتي ڪيا. شارڌا کي هاڻي سڄي ڳالهه سمجهه اچي ويئي هئي ته هنن جو اصل مقصد ڇا هو. شارڌا، هنن وٽان جيئن پير ڊاٺا سڌو ڪاڪي موهن وارن وٽ وڃي پُهتي ۽ اها سڄي ڳالهه ڪاڪي موهن کي سربستي ڪري ٻُڌايائين.
    ” ادا- اهي ڳالهيون، آئون پنهنجن هن گناهه گار ڪنن سان ٻُڌي آئي آهيان.“
    شارڌا آخر ڳالهه ختم ڪندي، پنهنجي ڪنن کي هٿ لائيندي چيو
    ” انهيءَ جي معنيٰ ته. رڳو پنڊت نائومل انهي ڪم جي پويان ڪونهي، بلڪه سڀيئي ٺڳ سانول کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن.“
    موهن پريشاني جي ڪيفيت ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلندي چيو
    راڌا، جيڪا هاڻي هاڻي گهر جي ڪم ڪارين مان فارغ ٿي، ڪتاب پڙهڻ لاءِ ويٺي هُئي تنهن وراڻيو
    ” ڪاڪا، اهي نٿا چاهين ته ڪو هن دُنيا ۾ امن ۽ ماڻهپو اچي. سچو، اصول پسند ۽ حق کي حق چوندڙ هُجي جي هجي ته انهيءَ کي هلڻ ته ڏيڻو ئي ڪونهي.“
    شارڌا، راڌا جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو
    ” امان، سچ ٿي چئين. پر هنن مُئن جو ڇا ڪجي؟؟ هي ته مُئا، صفا سانول ٻچڙي جي پويان ڇتي ڪتي جيان لڳا وتن.“
    راڌا وراڻي
    ”ماسي، هنن جو علاج هڪ ئي آهي ته هنن جي ئي چال اُلٽي، هنن جي ئي گلي ۾ وجهجي.“
    موهن راڌا جي ڳالهه ٻڌي هڪدم وراڻيو
    ” ائين ممڪن نه آهي امڙ!!“
    راڌا، ڪاڪي موهن جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو
    ” ممڪن آهي ڪاڪا، بس ماسي شارڌا ڪُجهه همت ڪري ته............!!“
    شارڌا، راڌا ڏانهن حيران ٿيندي چيو
    ” آئون ڇا ٿي ڪري سگهان........ ؟ “
    راڌا، پنهنجي رهيل ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته
    ” ماسي، تون هنن ستن ئي ڄڻن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏ. هي هونءَ به اوهان جي چواڻي. الڳ الڳ ڪمرن ۾ رهن ٿا. هنن کي هڪ ٻئي جي خلاف ڀڙڪائي ڇڏ. بس پوءِ ته هنن جا پنهنجا شڪ ۽ وسوسا ڪيئن نوڙي مان نانگ ٿا بڻجن.“
    موهن راڌا نهاريندي وراڻيو
    ”امان تون سمجهين ٿي ته ائين ڪرڻ سان ڪم ٿي ويندو“
    راڌا پرعزم ٿيندي
    ”جي ڪاڪا..... ڪم نه به ٿيو ته به خير آهي، پر جي هنن ستن ڄڻن ۾ ڦاٽ پئجي ويو ته هي پاڻ هڪ ٻئي لاءِ ڏچو ٿي پوندا ۽ انهي مان پاڻ کي فائدو رسندو.“
    موهن ۽ راڌا، شارڌا ڏانهن نهارڻ لڳا، شارڌا ٻنهي جي نظرن کي سمجهي ته وئي هئي پر منجهي پئي هئي ته ها چوي يا نه!
    ڀيرو جي تڙ ڳوٺ ۾ وشني واري دُڪان کي ڳوٺاڻن ملي عوامي اوطاق ٺاهي ڇڏيو هو ،
    منوهر عوامي اوطاق ۾ دفتر رکڻ جي مخالفت ڪندي چيو
    ” ڀيرو جي تڙ جي ڳوٺاڻن جا نالا دفتر ۾ لکڻ سان بڇڙا پنهنجون بڇڙايون ڇڏي ويندا. نه ادا، ائين ٿيندو ڪونه، هو ڏاڍا آهن ۽ پاڻ هيڻا.“
    والجي کي منوهر جي ڳالهه نه وڻي چيائين
    ”منوهر بابا، ڳالهه کي هميشه اڌورو ئي سمجهندو آهين. دفتر رکڻ سان پاڻ پنهنجن چڱن، نيڪ ۽ صاف ڪردار ماڻهن جي فهرست ٺاهيندا وينداسين ۽ پاڻ سڀ جي پيسو پيسو به گڏ ڪندا وينداسين ته سيٺين جا قرض به لاهي ڦٽا ڪنداسين پر ڪنهن چڱي، نيڪ ۽ صاف ڪردار هارين جي به وسڪاري جي موسم ۾ پوک لاءِ مدد ڪري سگهنداسين.“
    سوڍي پن جي ٻيڙي کي دُکائيندي چيو
    ” ائين ٿئي ته پوءِ ڇا گهرجي؟ پر ائين ٿيندو ڪونه! “
    ”ڇو ائين ڇو ڪونه ٿيندو“
    اُلٽو والجي، سوڍي تي سوال جڙيو
    سوڍي ٻيڙيءَ جو ڪشُ هڻندي وراڻيو
    ”پاڻ وٽ گهر گهر سان ڪونه ٿو ٺهي ڪاڪا ، ماسات، ماسات سان، سؤٽ سؤٽ سان ڪونه ٺهي. ڀاءُ، ڀاءُ سان وڙهيو ويٺو آهي. ننڍين ننڍين ڳالهين جي ڪري، هڪٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ بند آهي. سرين کي ڍينگر ڏيئي هڪ ٻئي جا گس بند ڪريو ڇڏيون، سو اهو وري ڪيئن ٿيندو جيڪي اوهين پيا چئو؟“
    سومجي، سوڍي جي سڄي ڳالهه ٻُڌي وراڻيو
    ”ادا، سوڍا ڳالهه تون صحيح پيو ڪرين. پر اهي مسئلا به ڪير اچي حل ڪندو. پاڻ به ان شخص جي گناهي ۽ بي گناهي کي ڏسنداسين. جيڪو مظلوم هوندو ۽ صاف ڪردار وارو هوندو ته اُن کي چڱي دفتر ۾ لکنداسين ۽ جيڪو ناحقي ڪيو ويٺو آهي اُن کي بڇڙن واري دفتر ۾ لکنداسين ۽ پوءِ ڪوشش ڪنداسون ته ناحقي ڪندڙ ماڻهو سان ڪوبه ڏيتي ليتي، سڱاوتي ۽ خوشي غمي جو واسطو نه رکون.“
    ڪاڪي والجي، جيڪو ستر اَسي جي ڏهاڪي ۾ هلي رهيو هو، تنهن پنهنجي ڏٻري ران تي هٿ هڻندي چيو
    ” او اهو........! ڳالهه ڪئي اٿئي هاڻي، جڏهن اسين ڪارونجهر جبل بڻجي پونداسين جنهن کي ڏارڻ ڪو سوَلو ڪم ڪونه ٿيندو.“
    ڪجهه دير لاءِ سڀ ماٺ ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ته ڄڻ هڪ ٻئي کان پُڇندا هُجن ته ائين ڪرڻ گهُرجي يا نه!
    سومجي، هنن جي اُڻ تُڻ واري ڪيفيت کي سمجهي ويو. تنهنڪري پنهنجي ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيائين
    ”اسان سڀني کي خبر آهي ته اسان وٽ نه ڪو پنهنجو ذاتي گهر آهي ۽ نه ئي ڪو ٻني ٽڪر ۽ نه ئي ڪي اسين تونگر قسم جا واپاري آهيون. آهي نه آهي اهي چوپائي مال جا ٻه پُڇ، جنهن تي به روز جو ڪونه ڪو جهيڙو لڳو رهندو آهي ته هي علائقو مُنهنجي واڙ آهي. هتي کان هُتي تائين منهنجي رک آهي. هن ڀٽ کان هُن ڀٽ تائين منهنجي ڏهر آهي. اهڙين ڪٺن حالتن ۾ به اسين گُذر ڪيون پيا. هونءَ به دل تي هٿ رکي، پنهنجي ضمير کان پڇو ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڇا آهي؟ جنهن جو اسان کي ڀؤ هُجي پر جي گڏجي ڪُجهه ڪيوسين ته گهڻو ڪُجهه حاصل ڪري سگهون ٿا. پاڻ سڀني کي اها چڱي پر ڄاڻ آهي ته اسان جي مٿان ڪُجهه شيون حاوي آهن هڪ گورن جي حڪومت، ٻيو ذات پرستيءَ ۽ ٽيون مذهبن جو تمام گهڻو پيچيده اُڻيل ڄار، جيڪي حقيقيت ۾ اسان جا نه آهن پر اسان جي ذهنن تي مسلط ڪيا ويا آهن. جيڪي مٿي ويٺا اسان تي حڪومت هلائين. سي انهي ڄار۾ ئي اسان کي ڦاتل ڏسڻ چاهين ٿا ۽ انهي ۾ ئي هنن جو جياپو آهي هاڻي فيصلو اوهان تي آهي. ٻُڏو يا ترو! “
    مولچند، جيڪو ڪافي دير کان ڳالهيون ٻُڌي رهيو هو تنهن چيو
    ” تنهنجون سڀ ڳالهيون سون جهڙيون کريون ۽ سچيون، پر پاڻ هيترڙا ڇا ٿا ڪري سگهون ۽ ٻيو ته پنهنجو واهرو ڪير ٿيندو؟ “
    اها ڳالهه سڀني جي دل وٽان هُئي خود سومجي به انهي سوال تي مُنجهي بيهي رهيو.
    ڪاڪي والجي جواب ڏيندي چيو
    ”پنهنجا اصل واهرو ته خود پاڻ آهيون ۽ ٻيو موهن ۽ سانول وارا آهن، جن هميشه ڪوڙ، ڏاڍ ۽ مڪر خلاف جهيڙو جهيڙيو آهي.“
    اها ڳالهه ٻڌي، سوڍي سوال جڙي ڇڏيو، جيڪو پريان ٿوڻي کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو
    ”.......پر هو اها ڳالهه مڃيندا، جيڪا پاڻ ڪندا وتون“
    ڀڪشو، جنهن کي مس ساوڪ آئي هُئي تنهن پنهنجي منهن چيو
    ”هُونءُ! رُڳي خيالي ڪاڪ منڊل “
    سومجي، ڀڪشو جي ڳالهه کي نظر انداز ڪندي چيو
    ”جڏهن پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتفاق هوندو ته اڳتي ڳالهائڻ به آسان ٿيندو ۽ سڀ ڪو اسان جي ڳالهه ٻُڌندو به سهي ۽ اُن ڳالهه کي وزن به ڏيندو. اوهان سڀني جو ڪاڪي والجي واري ڳالهه تي ڇا ويچار آهي.“
    پرڀو، پنهنجي ٺڪر جي سُلفي کي صاف ڪندي چيو
    ”جتي ججهن جي صلاح، اسين به اُتي گڏ آهيون.“
    انهيءَ ڳالهه تي نيٺ سڀني ها ڪئي-
    انهي گڏجاڻيءَ ۾ سانول کي پنجاهه کن ماڻهو نظر آيا پئي، سانول کي گهڻي حيراني انهيءَ ڳالهه تي هئي ته مرد ته مرد پر عورتون به چڱيرڙي تعداد ۾ ويٺل هيون گفتگو جو انداز انتهائي مؤدبانا هو. ڪجهه دير خان محمد، امرلال، سومار ۽ ڪُجهه ٻيا همراهه، پنن تي ڪُجهه لکي پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري رهيا هُئا. وشني واري پاڪيٽن واري دستي به اُتي موجود هُئي. ڪُجهه دير کان پوءِ خان محمد، باقاعده اٿي بيٺو ۽ پوري ڪمري ۾ ماٺار ڇائنجي ويئي، خان محمد ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”دنياجا پورهيتو ۽ مظلومو هڪ ٿي وڃو! اڄ اسان لاءِ تمام گهڻي ڏُک ۽ رنج جو ڏينهن آهي. جو اڄ وري اسان کي اسان جو عظيم ساٿي وشن ڪمار واسواڻي کي مظلوم ۽ محڪومن جي مدد جي پاداش ۾ ماريو ويو آهي. اُن لاءِ سڀني دوستن کي گذارش آهي ته هڪ منٽ اُٿي بيهي خاموشي اختيار ڪن.“
    خان محمد جو ايترو چوڻ، سڀئي ڄڻا اُٿي بيٺا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري وڏي عقيدت سان خاموش رهيا. سانول کي به مجبورن ائين ڪرڻو پيو. هڪ منٽ جي عقيدت واري خاموشي کانپوءِ سڀڪو پنهنجين پنهنجين جائين تي ويهي رهيو.
    خان محمد پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو
    ” اسان کي چڱي طرح پروڙ آهي ته مختلف علائقن جون حالتون معلوم ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي ته اُنهي علائقي جي سماجي ۽ معاشي تحقيقات ڪئي وڃي. معاشري سان تعلق رکندڙ، هر طبقي جي چاهي امير سيٺيو هُجي چاهي وڏو زميندار هُجي، چاهي وڏو ڪامورو هُجي يا کڻي هاري، مزدور، پخالي، موچي يا دلال يعني هنن جي حقيقي زندگي جي حالتن جي ٺوس، چوطرفي ۽ جٽادار تحقيق ڪئي وڃي. اُن لاءِ پنهنجي پارٽي، پنهنجن ڪُجهه دوستن تي اها ذميواري رکي هُئي. جيئن هو چند ڳوٺن ۽ شهرن تي پنهنجي توجهه جو مرڪز ٺاهي. مارڪسزم جي طبقاتي تجزيي وارو اصل ۽ حقيقي طريقو استعمال ڪري، چوطرفي تحقيقي ڪن، انهي ذميواري ۾ اسان جو عظيم ۽ پيارو ساٿي وشن ڪمار واسواڻي به هو. جنهن پنهنجي جان ته ڏئي ڇڏي پر پنهنجي ذميواري نهايت خوش اسلوبي سان پورو ڪئي ۽ اسان سڀني جو سندس انهي ڪم تي عقيدت ڀريو سلام آهي ۽ اسان هُنکي انهي ڪم تي ”ٿرٽائيگر“ جو لقب ڏيون ٿا.“
    ”.......................اسان سڀني کي خبر آهي ته اسين هن وقت ظالم جاگيرداراڻا سماج ۾ رهون ٿا. جنهن ۾ اسان جي مزدور، هاري ۽ زمين سان لاڳاپيل ٻيا ڌنڌا ڌاڙي ڪندڙ، سڌي يا اڻ سڌي طرح اڻ ڏٺي غلامي ۾ جڪڙيل آهي. اسان جي محنتن تي، اهي پيسي وارا، وطن جي خدمت نه پر پنهنجي عياشيانه زندگي بسر ڪن ٿا. هندستان ۾ انگريز قوتن جي حملي ۽ فتح ڪرڻ جو اهو مقصد هرگز ڪونهي ڪي، هو اسان کي زميندارن يا ڪامورن يا اُنهن ڇاڙتن کان آزاد ڪندا. هو ته ڀارت کي پنهنجي بيٺڪيت ٺاهڻ چاهين ٿا. جتان ڦُرلٽ ڪرڻ ۽ گهٽ اجرت تي ڪم وٺڻ سان گڏ هتي جي مڙني معدني، دريائي ۽ ٻين روزگار جي وسيلن تي قابض ٿي، پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي وطن انگلستان لاءِ دولت ڪٺي ڪرڻ آهي.هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نالي سان واپار جو ڄار، شهرن کان وٺي، ٻهراڙي جي علائقن تائين پکيڙي ۽ اُن تي پنهنجي هڪ هٽي قائم رکڻ لاءِ مقامي غدارن، زميندارن، ويڪائن جو هڪ عجيب و غريب طبقو پيدا ڪري ڇڏيو اٿن. جنهن وياج خوري جو ڌنڌو ڪري غريبن جو رت چوسڻ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ايتري ته بس ڪونهي، هي ڌاريا ته وڏا لُٽيرا آهن ئي آهن پر اسان جي قوميتن، مذهبن ۽ سماجي ڍانچي جي ڪمزورين کان وٺي، سردار، راڄ جا چڱا مڙس، پنڊتن ۽ ملائن جو ته اهڙو ٽڪساٽ ٺاهيو آهي جو اسين سڀ ان ٽڪساٽ ۾ سياسي ۽ سماجي طور ايترا ته اُلجهيل آهيون. جو وڏا ڏور رس ۽ مفائد عامه وارين ڳالهين تي سوچي ئي نٿا سگهون.
    تعليم هڪ ته ناپيد آهي ٻيو جيڪا به تعليم ڏني پئي وڃي، سا به اهڙي ڪي، صرف هُنن جي سرڪاري مشينري جي ڪم لاءِ ماڻهو ڦاسائي، ڪوڙي دانشوري جا پٽڪا ٻڌائي، عوام کي پنهنجن بُنيادي سماجي، سياسي ۽ معاشرتي حقن کان پري رکڻ جو سبق ڏيڻ.
    انهي مان واضح آهي ته ڌارين ۽ اسان جي وچ ۾ تضاد موجود آهي. اهڙيءَ طرح غريب طبقن جو امير طبقن سان ٽڪراءُ موجود آهي. صرف اُن کي چٽو ڪري عوام جي سامهون اُڀاري، حقيقي تعليم ڏيئي حقيقي ۽ سچي سماج لاءِ رشتو هموار ڪري سگهجي ٿو.انهيءَ سڄي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد صرف اهو هو ته اسان کي پنهنجي رستي ۽ منزل جو علم هُجڻ گهرجي. اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان جو دشمن ڪير ۽ سڄڻ ڪير آهي. سو انهيءَ وضاحت کانپوءِ اسان جيڪي مرڪزي دوست ويٺا آهيون، تن پنجن ڇهن ڏينهن جي بحث کان پوءِ انهي نتيجي تي پهتا آهيون ته برهمڻ آباد جي سڄي صورتحال جو اسان جي عظيم دوست وشن ڪمار واسواڻي تجزيو ڪيو آهي. ان کي مدنظر رکندي اسان برهمڻ آباد جو باقي ڪم ڀاءُ سانول تي رکون ٿا ۽ ساڻ ۾ سندس تعليم لاءِ ساٿي ڪرمچند کي ٿا ذميوار ڪريون. اسان اها تجويز اوهان سڀني دوستن اڳيان رکون ٿا.“
    اڪثريت راءِ سانول جي حق ۾ ووٽ ڏنو. باقي ڪجهه دوستن پنهنجي اختلاف راءِ رکي.

    پنڊت نائومل، کيمشي جي ڳالهه ٻُڌي تپرس ۾ پئجي ويو ته جڏهن سوڀن سان سڀ معاملا طئه ٿي چُڪا هئا ته پوءِ سوڀن کي هيٺ ماڻابائو ڏانهن وڃڻو ڇو پئجي ويو.
    کيمشي هٿ ٻڌيو، ڪنڌ لاڙيو پنڊت نائومل جي اڳيان نئين حڪم جي انتظار ۾ بيٺو هو.
    ” اُتي ڪو نڙو، ڪو نياپو ڪو نه ڇڏي ويو هو.“
    پنڊت نائومل کيمشي کان وري پڇيو
    ”نه سائين. اول ته گهر بند پيو هو، ٻيو اُتان پُڇا ڪيم ته اُنهن صرف ايترو ٻڌايو ته ماڻابائو مان ڪو ماڻهو آيو هو بس ڪلاڪ کن ۾ وهٽن تي چڙهي ٻئي ڄڻا ماڻابائو ڏانهن نڪري ويا.“
    پنڊت نائومل، پنهنجي مُنهن وراڻيو
    ” ائين هُن کي نه ڪرڻ کپي ها. هاڻي ته همراهه به رُلي ويندا.“
    پنڊت نائومل، جيڪو وار لهرائي بلڪل گنجو رهندو هو. ڪنن ۾ وڏيون سونيون واليون پاتل هونديون اٿس. نرڙ تي وڏو ڳاڙهو سيندور جو تلڪ لڳل، گلي ۾ رنگ برنگيون ڪٽ مالائون پيل، ڌوتي مٿان، گيڙو رتو ڪلهي کان پيرن تائين ڪپڙو ٻڌل، ٿُلهو متارو ۽ صحتمند لڳو پيو هو.
    ” کيمشي، تون واپس وڃ، سترام وارن کي انهيءَ ڪم کان روڪ، ڪٿي اُٻهرو ڪم ڪري نه وجهن.“
    پنڊت نائومل ڪُجهه دير سوچڻ کان پوءِ وراڻيو
    کيمشي، ڪنهن تابعدار غلام جيان وراڻيو
    ”جيءُ.... سائين.“
    پنڊت رڙ ڪري چيو
    ” بيٺو ڇو آهين، مُنهنجي مٿي تي....................................ٽرنه ............!“
    کيمشي تير جيان ٻاهر نڪري ويو
    پنڊت نائومل، انهيءَ نئين صورتحال کي ڏسي پريشان ٿي ويو هو. هُن کي سوڀن مان اها اميد ڪونه هُئي ته هو ائين هن کي دوکو ڏيندو. کيمشي اتان روانو ٿي ته ويو. پر من ئي من ۾ روئندو به ويو پئي ته ”چڱو ڦاٿو آهيان. جي پنڊت کي ٿو جواب ٿو ڏيان ته سامهون يمراج، ڪٽارو کنيو ڪنڌ تي بيٺو آهي. جي سانول کي ڪُجهه ڪريان ٿو ته ايشو رجي! مُنهنجو سر ٿو ڪپي. مونسان ته ڪاتي گدري وارو ڪم آهي. ڪيئن ڪريان، ڪيئن نه ڪريان.“


    11

    پنڊت نائومل، ڪافي دير سوچڻ کانپوءِ پاڻ برهمڻ آباد وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هاڻ هو ٻئي ڪنهن تي ڀروسو نه پئي ڪري سگهيو. برهمڻ آباد کان ايترو پري به ڪونه هو. انهيءَ سڄي ڪم جي نگراني هن پاڻ ڪرڻ ٿي چاهي، تنهن ڪري بنا ڪنهن تاويل ۽ تاخير جي پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي اڪيلي سر برهمڻ آباد لاءِ روانو ٿيو.
    شارڌا، موهن ۽ راڌا کي نه ”ها“ جو جواب ڏنو نه ئي وري ”نه“ جو. هوءَ موهن وارن کان هلي ته آئي هئي پر اڃان تائين ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار هُئي.
    هوڏانهن ڪارو ۽ سترام وارا، پنڊت نائومل ڏانهن نڪرڻ جي تياري ۾ هئا. هُنن سوچيو ته مانجهاندو ڪري ڏينهن ٺاري نڪري ويندا. شارڌا معمول جيان هنن جي ڪمرن ۾ ماني پهچائڻ ويئي ته هُنن جي چهرن تي اطمينان جو رنگ ڏسي، حيران ٿي وئي ته رات ته هنن جو پريشاني ۾ هڪڙو پگهر سُڪو نه ٿي ته ٻيو شروع ٿي ويو ٿي ۽ رات پيٽ ۾ اهڙو ڪهڙو چمتڪار ٿي ويو جو هي ايڏي اطمينان سان ويٺا آهن. ڪٿي هنن کي سانول جو ڏس پتو ملي ته نه ويو آهي.
    ” ابا! هن سڄي مسافر خاني ۾ اوهان جهڙو آسيس ڏيندڙ مُسافر ٻيو ڪو ڪونهي. هو مٿئين ڪمري وارو مئو ڪاڻو سونارو ته ڪِر ڪِر ڪري، مٿو ئي کايو وڃي.“
    شارڌا ڳالهه ڇيڙيندي چيو
    ” هائو ماسي! سڀ ماڻهو ته هڪجهڙا ٿوري هوندا آهن. رات کان ماسي، ماني ٻن ماڻهن جي گهٽ آڻجانءِ، ٻه همراهه ڪنهن ڪم سان ٻه چار ڏينهن لاءِ ٻاهر وڃن ٿا.“
    ”ڇو ابا! هتي ڪا تڪليف يا پريشاني.؟“
    ”نه نه ماسي! اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، دراصل همراهن کي ڪو نياپو پهچائڻو آهي. هڪ ٻه ڏينهن ۾ واپس اچي ويندا.“
    ڪاري کلندي، راڌا جي ڳالهه جي موٽ ۾ چيو
    ”ڀڳوان خير ڪري! ايترا ڏينهن ابا لنگهي ويا آهن. اوهان جو ڪم اڃان نه پيو ٿئي ڇا؟“
    شارڌا دروازي ڏانهن ويندي چيو
    ساهومل وراڻيو
    ”ماسي، چاليهه ڏينهن جو چلو آهي. اڃان تائين ته ڏينهن ٻه چار ٿيا آهن.“
    ”هان ابا! ڀڳوان ڪندو سڦل ٿيندئو.“
    شارڌا ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي. پنهنجي منهن کي پنهنجي رئي سان اُگهيندي، پنهنجي مُنهن چوڻ لڳي ته ”اڇا، ان جو مطلب ته ٻه ڄڻا هتي جي خبر چار پنڊت کي ٻڌائڻ لاءِ وڃي رهيا آهن.“
    ائين سوچيندي سوچيندي پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي.
    شارڌا وارو ننڍڙو، هاڻي سڄو ڏينهن پاڙي جي ٻارن سان وتندو راند ڪندو. تنهنڪري هاڻي شارڌا کي ننڍڙي وارو الڪو لهي ويو هو. سج لڙڻ جي تياري هيٺ هو. شارڌا به رات جي مسافر خاني جي توڻ تاڙي ڪرڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر نڪتي ته ڏٺائين ڪارو ۽ سترام پنهنجن وهٽن تي چڙهي رهيا هئا. ٻيا همراهه هڪ ٻئي سان آهستي آهستي ڳالهائي رهيا هئا جيڪو راڌا کي صاف ٻُڌڻ ۾ ڪين نه پئي آيو. تيسين پريان کان ڪو گهوڙي سوار اچي اوچتو هُنن وٽ پهتو. هُنن ڇهن ڄڻن ۾ ڄڻ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. ڪارو ۽ سترام به وهٽن تان لهي آيا ۽ اهي سمورا اُن نئين آيل همراهه جي چوگرد ڦري ويا. شارڌا ڏٺو پئي ته گهوڙي سوار همراهه هٿن جي اشارن سان، هُنن کي ڪُجهه سمجهائي رهيو هو. انهيءَ همراهه جي ڳالهه ٻڌي وري حيرت وچان هڪ ٻئي ڏانهن نهاري رهيا هئا. ڪجهه دير انهي بحث کانپوءِ گهوڙي سوار ۽ سترام ڪنڊيءَ هيٺيان ويٺل همراهه کمون سان حساب ڪتاب ڪرڻ لڳا ۽ ڪجهه ئي دير ۾ سڀئي همراهه وهٽن تي چڙهي الائي ڪيڏانهن هليا ويا.
    ”امان! لڳي ٿو ته مونکي سنڌ! سانول ڏانهن وڃڻ گهرُجي.!“
    موهن، ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ راڌا کي چيو
    راڌا جا چونئري جي ڇنڊ ڦوڪ کانپوءِ ٻُهارو ڏيئي رهي هُئي، تنهن وراڻيو
    ”سنڌ ۾ سانول، الائي ڪٿي هُجي؟؟ هو اوهان کي ڪاڪا ڪٿي ملندو!؟ هن جو ڪو ڏس پتو به ته پاڻ وٽ ڪونهي بس، اچڻ جو انتظار ڪيو.“
    موهن وراڻيو
    ”امان هونءَ ته سنڌ ڏانهن ته سانول لاءِ ڪو ڀئو ڪونهي پر ڀڳوان نه ڪري، جيڪڏهن گس تي دُشمن لڪي حملو ڪن ته پوءِ، انهيءَ پنڊت نائومل تي امان ٽڪي جو وشواس ڪونهي.“
    راڌا، ڪچري کي ميڙي ڪُنڊ ۾ گڏ ڪندي وراڻي
    ”پر ڪاڪا! سنڌ ڏانهن هروڀرو ڪو اُلڪو ڪونهي ۽ پنڊت وارن کي به اڃان اها خبر ٿورئي آهي ته ڪو سانول سنڌ ڏانهن ويل آهي. هروڀرو اُلڪو نه ڪريو. ايشور ڪرپا ڪندو.“
    تيسين شارڌا، موهن جي گهر ۾ گهڙي گهر جو دروازو ٻوڪيندي هڪدم وراڻيو
    ”امان راڌا! اهي ست ئي ڄڻا هڪڙي ٻئي همراهه سان رات مُسافرخانو خالي ڪري تڪڙا تڪڙا ڪيڏانهن هليا ويا آهن.“
    موهن، اها جا ڳالهه ٻُڌي ته کٽ تان اُٿندي وراڻيو
    ” مونکي اڳيئي شڪ هو ته ڪا نه ڪا گڙ ٻڙ آهي. هُنن کي پڪ ڪنهن سانول جي باري ۾ اچڻ جي خبر ڏني هوندي، تڏهن ته تڪڙ ۾ مُسافرخاني مان نڪتا آهن.“
    راڌا، موهن کي جهليندي چيو
    ”ڪاڪا، پر اوهان ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“
    موهن هڪدم وراڻيو
    ” آئون سنڌ ٿو وڃان. هاڻ چپ ڪري ويهڻ، وڏي غلطي ٿيندي، ڪٿي اسان جي ماٺ جو هو ناجائز فائدو وٺي، ڪٿي ڪو نقصان نه ڪري وجهن.“
    ”پر اوهان جو سفر تي وڃڻ ٺيڪ ڪونهي.“
    ”اوهان جو ڪاڪا! هتي رهڻ مناسب آهي. حالتون هتي گهڻيون خراب آهن. سانول کي ٿي سگهي ٿو هتي ڪٿي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن. اوهان موتيءَ کي سنڌ ڏانهن اُماڻيو. اوهاڻ پاڻ ڀيرو جي تڙ، رتنياري، گڊڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پنهنجن دوستن سان ملو ۽ ڪجهه ماڻهو برهمڻ آباد واري رستي تي چوڪسي لاءِ رکو. خاص ڪري ڏاني ڌانڌل ۽ ويراواهه واري ورن تي ۽ راٺي واري الهندي گس تي، باقي هتي جيڪا هنن جي چرپر آهي اُن تي اوهان به نظر رکو ۽ ماسي شارڌا به نظر رکندي.“
    موهن ٿڪل ۽ هارايل ماڻهو جيان پنهنجو پاڻ کي کٽ تي اُڇلائيندي چيو
    ”اي ڀڳوان! اسان جي قافلي جي پارت اٿئي.“
    انهيءَ تڙ تڪڙ واري صورتحال ۾ ڪُجهه ٺاپر آئي ته شارڌا پيرائتي ڳالهه ٻُڌائڻ شروع ڪئي.
    ”ادا! اصل ۾ ڪالهه رات هنن ستن ڄڻن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته هنن مان ٻه ڄڻا، پنڊت نائومل سان ملڻ ويندا شايد ڪا صلاح مصلحت ڪرڻي هوندن. سو ڪالهه منجهند جي ماني کائي ٻه ڄڻا پنڊت ڏانهن روانا ٿيڻ تي هُئا. جيڪو نامعلوم گهوڙي تي سوار آيو، هنن کي ڪجهه چيائين ۽ پوءِ مسافر خاني جي حساب ڪتاب ڪري اهي اَٺ ئي ڄڻا ويا هليا. بس اهو لقاءُ ڏسي اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ اصل اُتاولي ٿي پيس پر رات ڪم مان ئي واندڪائي نه ملي. بس اڄ صبح وجهه وٺي اچي هتي پهتي آهيان.“
    موهن ڏاڍو پريشان ٿي ويو هو، راڌا پاڙي مان ڇوڪرو موتي کي سڏڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ اچي ڪاڪي موهن جي مٿي تي زور ڏيڻ لڳي ۽ گڏوگڏ ماسي شارڌا کان به حال احوال وٺڻ لڳي.
    ”ماسي! هيترو ڪُجهه ناحقي ٿيڻ کان پوءِ به ماڻهو مذهب کي پنهنجي ذاتي مُفاد لاءِ ڪيئن ٿا ڪم آڻين. يعني چوغو چڱو اندر ڍونڍ! انهي چڱي چوغي جي آڙ ۾، وڏا قانون ٺاهي، ڦُرلٽ ۽ زبردستي کي جائز قرار ڏئي الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪندا وتن.“
    شارڌا، جيڪا پريان کٽ تي ويٺي هئي سا وراڻي
    ” امان ڀڳوان جوڪم ڀڳوان ئي ڄاڻي، جيڪي اهڙا ڪرتوت ڌرم سان ڪندا ته ڀڳوان پاڻيهي ئي ڏسندن، بس پاڻ کي رام رام ڪرڻو آهي. بُرائي ۽ ڀلائي جو نتيجو ڀڳوان وٽ ئي آهي.“
    ”ادي، خير ته آهي. اهڙو اُٻهرو سڏ ڪرايو اٿئي؟“
    موتي، اچڻ شرط راڌا کان پُڇا ڪئي، راڌا موتيءَ جي سوال جو ڪو جواب ڏي ئي ڏي، تيسين موهن وراڻيو
    ” تون سنڌ وڃڻ جي تياري ڪر ۽ سنڌ وڃي سانول سان مل.....“
    موتي حيرت وچان نهاريندي پُڇيو
    ”خير ته آهي نه! ڀڳوان دُشمنن جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي، ادا سانول کي ڪُجهه ٿيو ته ڪونهي نه!؟“
    ”نه نه ... سانول کي ڪُجهه ڪونه ٿيو آهي، پر دشمن سانول کي مارڻ جي پويان لڳا وتن. تون سنڌ وڃي سانول کي هٿ ڪر ۽ هتي جو سڄو احوال سربستو ٻُڌائينس.“
    موهن، موتيءَ کي سمجهائيندي چيو
    ”ڪاڪا، ڪو ڏس پتو آهي ڪهڙي شهر ۾ آهي، ائين ته پوري سنڌ پئي آهي. مونکي ڪهڙي خبر ڪٿي آهي.؟“
    شارڌا جيڪا راڌا سان گڏ ويٺي هئي تنهن اُٿندي چيو
    ”ادا، ائين تڪڙ ڪرڻ سان.. پاڻ جيڪي هتي چار پنج گڏ آهيون سي ڇڙوڇڙ ٿي وينداسين. اوهان ڪُجهه ڌيرج کان ڪم وٺو. آئون به کوج لڳايان ٿي ته اهو گهوڙي سوار ڪير مڙس هو ڪٿان آيو هو ۽ اوهين به سڻڪ ڀڻڪ لڳائڻ جي ڪوشش ڪريو. ڪا نه ڪا! ادا واٽ نڪري ايندي باقي سنڌ اماڻي ڇوڪري کي روليو نه !“
    موتي وراڻيو
    ”ماسي شارڌا، واري ڳالهه ۾ وزن آهي. اوهان ڀيرو جي تڙ وڃڻ جي تياري ڪريو. آئون هتي منوهر، پرتاب ۽ مصري وارن سان ملي چؤڪسي جو جوڳو بندوبست ٿو ڪرايان.“
    ”ائين ته ٺيڪ آهي پر پنهنجي لاپرواهي جي ڪري، جي سانول کي ڪو نقصان ٿيو ته پوءِ........؟؟ “
    راڌا وراڻي
    ” ڏاني کان ويراواهه، ويراهه واهه کان راٺي، راٺي کان سلام ڪوٽ ۽ سلام ڪوٽ کان مٺي تائين، چؤڪسي هوندي، باقي سنڌ ڏانهن پنڊت کي به خبر ڪونهي ته سانول ڪٿي آهي.“
    موهن، واري سان ٻنهي کي ڏٺو ۽ پنهنجي کٻڙ واري انگڙي ۽ ونگڙي ڪاٺي کڻي، پوتڙو ڪُلهي تي رکي ٻاهر نڪري ويو.
    پنڊت نائومل، ڏاني ڌانڌل مان نڪري، برهمڻ آباد ۾ سيٺ شرناٿي جي محل نما گهر ۾ اچي ويٺو. سوڀن کي اوچتي دغا، پنڊت کي چوڪس ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري ٻي ڪا اُٻهرائپ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. تنهنڪري هاڻي هو سڄو ڪم، پنهنجي ئي هٿ هيٺ ڪرڻ ٿي چاهيائين.
    ”مهاراج، انهي ساڌو سانول جو اثررسوخ، هن علائقي ۾ اسان کان وڌيڪ آهي. ماڻهو رڳو ڀائينس ئي نه ٿا پر ساڻس عشق ڪن ٿا عشق.“
    سيٺ شرنارٿي پنهنجي پيگ مان ڍُڪ ڀريندي چيو
    پنڊت مُرڪندي وراڻيو
    ”سيٺ! هي ڪم پاڻ ٿورئي ڪنداسين. هن ڪم لاءِ ته انگريز سرڪار سان ڳالهائڻو پوندو ته هنن جون سرگرميون مشڪوڪ آهن، هي ماڻهو انگريز سرڪار خلاف بغاوت ڦهلائيندا وتن.“
    سيٺ شرنارٿي، حيران ٿي پنڊت ڏانهن نهاريندي چيو
    ”واهه پنڊت واهه! منهنجو ڌيان ته انهيءَ ڳالهه ڏانهن ويو ئي ڪو نه هو.“
    پنڊت پنهنجي مخصوص انداز ۾ وراڻيو
    ”سيٺ! اوهين ته پنهنجن ڌنڌن ۾ مشغول رهندا آهيو. پر اسان چوطرفي نظر ۽ چوڪسي رکندا آهيون. سيٺ صاحب! اسان وٽ ته اهو به ثبوت آهي ته سانول وشني جو ساٿاري آهي. اُن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون به ورتائين.“
    شرنارٿي ڄڻ ڇرڪجي پيو وراڻيو
    ” اهو وري ڪيئن؟؟ “
    پنڊت، پنهنجي مخصوص مڪارانه مُرڪ مُرڪندي وراڻيو
    ”سيٺ، جتي سانول جا عاشق آهن ته اُتي هن ناچيز جا وفادار به ته آهن. جيڪي هن ناچيز کي پل پل جي خبر ڏين ٿا. وشني جي گرفتاريءَ کانپوءِ قلعي جي ٿاڻي تي سانول ۽ موهن، اُتي جي وڏي منشي گلاب چند سان وشني جي آزادي لاءِٰ مليا به هئا.“
    سيٺ شرنارٿي وڌيڪ اڇنبي ۾ وراڻيو
    ”اڇا!“
    ”بس سيٺ! اها ڳالهه انگريز سرڪار جي ڪنن تائين پهچائڻي آهي پوءِ رستو پاڻهين صاف ٿي ويندو.“
    سيٺ شرنارٿي، ٿورا گهنج پنهنجي تباخ جيڏي چهري تي آڻيندي وراڻيو
    ” انگريز سرڪار جي ڪنن تائين اها ڳالهه پهچائڻ جو ڏکيو ڪم ڪونهي پر جي اهي ڳالهيون جيڪي اوهين پيا ٻڌايو تن ۾ ڪا گڙ ٻڙ نڪتي ته منهنجي انگريز سرڪار سان سالن جي وفاداري پاڻيءَ ۾ ملي ويندي.“
    ”سيٺ، پنڊت ڪچ ڪوڏيون نه کيڏيون آهن پاڻ وٽ شاهد موجود آهن ۽ گُلاب چند به ڪوڙ ڪو نه ڳالهائي سگهندو. اڳيان انگريز سرڪار به شينهن جو منهن آهي ڪو مذاق ڪونهي.“
    سيٺ شرنارٿي، نرڙ تان ٿورو پگهر ڏسي، پکو جهوليندڙ ڏٻري نوڪر کي ڇڙٻيندي چيو
    ”ٻانهن کي هلاءِ، کائڻ لاءِ ته ڏريو پوين ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ آڱوٺو، جلدي جلدي هٿ هلاءِ نه ته ڀرتو نه ڪڍي ڇڏيائين.“
    نوڪر سان ڳالهه پوري ڪري، پنڊت نائومل ڏانهن مخاطب ٿيندي وراڻيو
    ”مهاراج! پوءِ ته ڳالهه ٺهي پئي آهي. انگريز سرڪار جو مونتي وڏو اعتماد آهي. هو مُنهنجي ڳالهه کي وزن به ڏيندا ۽ پاڻي به.“
    پنڊت نائومل خوش ٿيندي چيو
    ”بس.............. انگريز سرڪار رُڳي اسان جي پُٺي ٺپري. باقي ڪم اسان پاڻيهي ڪنداسين......................................“
    پنڊت پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪري ئي ڪري، تيسين ڍاڪاون ٿانون ۾ سيٺ شرنارٿي جا نوڪر ماني کڻي آيا.
    سانول ۽ ڪرمچند پارٽي ذميواري ملڻ کانپوءِ ٻه ڏينهن کان برهمڻ آباد جي سفر ۾ هئا. سانول، نون ماڻهن سان ملي، ذهني طرح صفا نوبنو ٿي ويو هو. نوان خيال، نوان گس، نيون راهون، نيون ڳالهيون، نيون حقيقي رٿابنديون، نوان گهيڙ ۽ لاهيون چاڙهيون، هاڻي ته سانول کي نئين دنيا پئي نظر آئي. خوشحال، برابري واري، عزت ڀري، هن جيڪي خواب ڏٺا هئا. انهن جي تعبير جو ڄڻ ڪي رستو ملي ويو هئس. ايستائين هنجي نظر ۾ حڪومتن جون واڳون سنڀاليندڙ ماڻهو گندا، لالچي، لوڀي ۽ ٺڳ هئا پر هاڻ هن جو اهو خيال بدلجي ويو هو. هاڻ هي پاڻ پنهنجا اڳواڻ هئا. هاڻ هي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهيا ٿي. هنن وٽ هاڻي هڪ روشن منزل هئي.
    هوڏانهن موهن ڀيرو جي تڙ پهچي چڪو هو، اُتي جي همراهن کي پنڊت نائومل جي نت نين سازشن ۽ سانول کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليل ماڻهن جا حال احوال پيرائتا ڪري ٻڌايا.
    پرڀو سڄي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
    ”هُونءُ..... ڳالهه اصل اِها آهي ته اسان جا پنهنجا ماڻهو اسان کي مارائڻ ۾ اڳڀرا آهن. ڪاڪا! سياڻن ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته گهر جي ڀيدي کان سواءِ گهر جي چوري نه ٿيندي آهي.“
    سومجي وراڻيو
    ”بندهي سي بندهي ملا، ڪون ڪري اُپائي،
    سيوا ڪر نربندهه ڪي، جو پل ۾ دي ڇوڙائي
    هي پنڊت ۽ سيٺيا پاڻ ئي غلام ٿيو گهُمن. سي ڌوڙ پاڻ کي غلامي کان ڇڏائيندا. هتي ته سانول جهڙا سچا ۽ ڀاءُ وشني جهڙا ارڏا ماڻهو گهُرجن. جيڪي غلامي جي طوق کي ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا.“
    موهن ٿڌو ٿي وراڻيو
    ”پر ادا! هي سڀ انگريز جي وفاداري جي چڪر ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن کي مارائڻ جي پويان لڳا وتن جي سانول کي ڪو نقصان ٿيو ته پوءِ سمجهو ته پنهنجو ڪو اوهي نه واهي اٿوَ!“
    والجي، جيڪو سڀني کان جهونو هو، حياتي جون اسي بهارون ڏسي چڪو هو، ڪالهه کان بيمار کٽ تي ستل هو تنهن اهي ڳالهيون ٻڌي چيو
    ”منهنجي ڳالهه مڃيندؤ!؟“
    سڀني هڪ آواز چيو
    ”ها ڏاڏا..!“
    والجي ٿوري توفق کان پوءِ چيو
    ”روپلي جيان، مڙس ماڻهو ٿيو. اکوڙيو هنن ڪائنرن جا پير، ماري ماري ڪيترا ماريندا. تر پنهنجو.......... ڀاڳ پنهنجو، هتي جا گس، گهيڙ پنهنجا ، جبل جي پيچرن ۾ ورن وڪڙن کان پاڻ واقف. هي پاڻ کي ڪيترو ڳوليندا. ڳالهه رڳو مڙس ماڻهو ٿيڻ جي آهي.“
    پرڀو، ڏاڏي والجي جي ڳالهه ٻُڌي فڪرمندي مان چيو
    ” ڏاڏا! ڳالهه تنهنجي سورهن آنا سون، پر هينئر جيڪا تلوار، ادا سانول جي مٿان لٽڪي پئي آهي، ان جو ڇا ڪريون.؟“
    والجي، بيماري ۾ چيگهندي چيو
    ”ڀڳوان! اي............... ابا! پنهنجن ماڻهن کي مختلف ڳوٺن ڏانهن موڪليو ۽ اُهي وري نياپو اڳين ڳوٺن تائين کڻي وڃن، جي سانول ڪنهن کي ملي ته انهي کي وڏي رستي مان ڪڍي پنهنجي علائقن ۽ ڳوٺن واري رستي کان ڦيرائي وٺي اچن.“
    موهن، والجي جي ڳالهه ٻڌي رڙ ڪري چيو
    ”صحيح بلڪل صحيح! پرڀو، وارو ڪر همراهن کي روانو ڪر اُٿ! دير نه ڪر !“
    پرڀو ۽ سومجي ٻئي ماڻهو موڪلڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويا
    ٻئي پاسي موتي، منوهر ۽ مصري وارا پرتاب سان ملي، مختلف رستن جا نقشا ٺاهي ورتا ته ڪهڙن ڪهڙن جائين ۽ رستن تي مندر موجود آهن جتي پنڊت نائومل جا ماڻهو لڪي ويهي سگهن ٿا. انهيءَ ڪم مان فارغ ٿي منوهر ۽ پرتاب ويراواهه لاءِ نڪري ويا. موتي ۽ مصري، برهمڻ آباد ۾ ويٺل ٻين دوستن سان ملندا، حال احوال ڪندا اچي پرڪاش وٽ پهتا، جيڪو سيٺ شرنارٿي وٽ ڪم ڪندو هو، تنهن سان جڏهن اهو حال احوال اوريائون ته هُن رڙ ڪري چيو
    ”ماڻهو ڪٿي مصري؟؟ پنڊت نائومل، خود رات کان سيٺ شرنارٿي وٽ ترسيل آهي.“
    ”ڇا؟!“
    پرڪاش وراڻيو
    ”ها ها! آئون ڪالهه جيئن سيٺ وارو آخري گودام بند ڪري چاٻيون ڏيڻ لاءِ سيٺ جي گهر ويس ته اُتان خبر پئي ته سيٺ اوطاق تي آهي. آئون اوطاق تي وڃان ته پنڊت نائومل ۽ سيٺ صاحب گڏ ويٺا ڪچهري ڪن. مونکي ڏسي، مونکان چاٻيون وٺي مونکي گهر وڃڻ جي موڪل ڏئي ڇڏيائين. مون کي پريشاني به ٿي ته حيرت به! ڇاڪاڻ ته اڃان مونکي مال ڏهائي، کير گهر پهچائڻو هوندو آهي.، موتي، مصري ڏانهن ۽ مصري موتي ڏانهن ڏٺو ڄڻ چئي رهيا هُجن ته خطرو ٻاهر ڪٿي نه پر گهر ۾ ئي موجود آهي.“
    موتي، فڪرمندي ۾ چيو
    ”انهيءَ جو مطلب ته ڪاڪي موهن سچ پئي چيو ته پنڊت ادا سانول کي نقصان پهچائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لائيندو.“
    مصري فڪرمندي مان وراڻيو
    ”هاڻ موتي!“
    موتي، مصري جو هٿ، هٿن ۾ جهليندي وراڻيو
    ”مصري، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ادا سانول جو ساٿ ڏجي، اُن کي ۽ ان جي مقصد کي بچائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي قربان ڪجي بس، هاڻ ويڙهه سواءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي!“
    تيسين پرڪاش، هنن ٻنهي لاٰءِ لسي ساڻ، ماني ڀور کڻي آيو. هنن ماني کاڌي نه کائڻ جهڙي! اُتان نڪري سڌو جيوت رام جي واڙي تي پهتا، مصري ۽ موتي، جيوت رام سان سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌايائون. جيوت اهو ماڻهو هو جنهن جي پيءُ راڻي اڌي سنگهه سوڍي جي ٽولي ۾ رهي انگريز سرڪار خلاف وڏي ويڙهه ڪندي قربان ٿيو هو. تنهن ڪري جيوت رام سان راڻي اڌي سنگهه سوڍي روپلي ڪولهي جي بغاوت کانپوءِ جيڪي بچيا هئا ۽ جيڪي بغاوت دوران مارجي ويا هئا انهي جي اولاد جو رابطو لڪل طرح سان هو. جيوت رام پورڻ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، جيڪو برهمڻ آباد کان ڪو ايترو پري ڪونه هو.
    جيوت رام وڏي اعتماد سان هنن جي ڳالهه ٻڌي چيو
    ”پنهنجي هر هڪ بغاوت، انگريز سرڪار لاءِ هڪ تنبيهه آهي ته هي ديس اوهان جو ڪونهي، اوهين جيترو وقت هتي هوندا اوترو ئي اسان وقفي وقفي سان پيا وڙهنداسين. بس آئون ڪجهه گهران تياري ڪري اچان، پوءِ پاڻ هلون ٿا.“
    اهو چئي جيوت، ڪجهه پرڀرو پنهنجي چونئرن نما گهرن ڏانهن هليو ويو
    مصري، جيوت جي وڃڻ کانپوءِ وراڻيو
    ”هي ماڻهو، پاڻ کي تمام گهڻو ڪم ڏيندو“
    موتي وراڻيو
    ”اهو ته ٺيڪ آهي پر هي پاڻ کي وٺي ڪيڏانهن ٿو هلي؟“
    مصري وراڻيو
    ”اها ته مون کي به خبر نه آهي. پر ضرور پاڻ کي ڪنهن ڪم واري جاءِ تي وٺي هلندو.“
    تيسين جيوت رام وڏي کٿي اوڙهي هنن وٽ پهچي ويو
    ”هلو“
    پهچڻ شرط هنن کي چيائين.
    پاڻ اڳيان ٿيو، هي ٻئي ڄڻا پويان پويان، جبل جو ڪافي پنڌ ڪري ويا پر منزل جو ڪو اتو پتو ڪونه هو. جبلن جي ورن وڪڙن، لاهين چاڙهين تان هلندا پئي ويا. ڳپل پنڌ کان پوءِ جيوت اوچتو بيهي رهيو ۽ ڪنهن عجيب و غريب جانور جيئن زور سان آواز ڪيائين. موٽ ۾ ڪجهه ديرخاموش رهيو پر ڪٿان به ڪو جواب ڪو نه آيو. جيوت ائين ٻه ٽي چڪر ڪيو ته ڳپل وقت کان پوءِ موٽ ۾ به اهڙو آواز ٻڌجڻ ۾ آيو. جيوت، هٿ جي اشاري سان پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪري، انهيءَ پاسي هلڻ لڳو جتان آواز آيو هو. ڪجهه دير هلڻ کانپوءِ جيوت وري به اهڙي قسم جو آواز ڪيو ته هڪ وڏي پٿر جي اوٽ مان هڪ همراهه نڪري آيو، ڳالهايو وري به ٻنهي ڪجهه ڪونه. هو همراهه اڳيان ٿيو. جيوت ۽ هي ٻئي پويان پويان هلڻ لڳا. هتي به هنن کي ڳچ پنڌ ڪرڻُو پيو. اُتي به اُن همراهه ڪنهن مخصوص جانور جو آواز ڪڍيو موٽ ۾ ٻه ٽي آواز ساڳئي نوعيت جا آيا ۽ ٿوري دير ۾ پنج ڇهه همراهه جبل جي مختلف جاين مان نڪري آيا.
    هُنن جيوت رام کان، موتي ۽ مصري جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳا ڪجهه دير انهيءَ بحث مباحثي کانپوءِ هنن موتي ۽ مصري کي مٿي سڏائي ورتو. هي سڀئي گڏجي، ڪجهه ورن وڪڙن کانپوءِ هڪ غار ۾ گهڙي ويا. جتي اڳيئي ويهه کان پنجويهه کن همراهه ويٺا هئا. جيوت سان ائين ملي رهيا هئا ڄڻ هڪ ئي گهر جا ڀاتي هُجن. ٿوري ديرکانپوءِ جيوت انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”دوستو! لڳي ٿو ته هاڻ وري، آزادي جي جنگ لڙڻ جي تياري وٺون. حالتون هاڻ اجازت ڏين ٿيون ته لڪي لڪي حملا ڪرڻ جي شروعات ڪجي. هاڻي پنهنجي ڀرتي ان قابل ٿي وئي آهي جو پاڻ ڏهه کان چاليهه، چاليهه ماڻهن جا جٿا ٺاهي سگهون ٿا. جيڪي سرڪاري مشينري، سرڪاري ماڻهن ۽ سرڪاري جاين ۽ انگريزن جي ايندڙ ويندڙ جٿن تي حملا ڪن. ان لاءِ حال في الحال پنج اهڙا جٿا ٺاهيون ٿا. جنهن جو وڏو اڳواڻ سمنگ سنگهه سوڍو هوندو. جيڪو پل پل جي خبر چار وٺندو رهندو ۽ هر ڪارروائي جي رپورٽ سمنگ سنگهه سوڍي کي پهچائڻي آهي. تنهن ڪري ٽولو نمبر هڪ جو نالو هوندو آزادي، تنهن جو اڳواڻ آهي تولارام. اُن جو علائقو ڀُڄ، احمد آباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا هوندا. ٽولو نمبر ٻه جو نالو هوندو امبر، تنهن جو اڳواڻ آهي ڀرت ڪمار، هن جو علائقو ڪاسبو ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا هوندا. ٽولي نمبر ٽي جو نالو هوندو چندرما، ان جو مکيه اڳواڻ آهي ڪُنال ڀٽ.انهي جو علائقو آهي ڇاڇرو، امرڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا . ٽولي نمبر چار جو نالو هوندو سوريه. جيسلمير ۽ ان جي ڀرپاسي جا علائقا ان جي حوالي هوندا. ٽولي نمبر پنج جو نالو ڪلال آهي. جنهن جو اڳواڻ هوندو خوشبو، انهي جو علائقو قلعي ٿاڻي کان برهمڻ آباد تائين جو علائقو هوندو ۽ سڀني کي خبر آهي ته ڪارروائي ڪري هڪدم پنهنجن پنهنجن ننڍن ٺڪاڻن ۾ لڪڻو آهي. هاڻي اڳواڻ دوست ڌرتي ماتا تي ٻئي هٿ رکي وچن ڪن ته هو پنهنجي ڌرتي سان ڪڏهن به غداري نه ڪندا. پنهنجي جان ۽ مال کان وڌيڪ ڌرتي لاءِ ڪم ڪندا. پنهنجي ڌرتي ماتا جي ڪنهن به ڪم ۾ سُستي، ڪاهلي ۽ غفلت نه ڪندا.“ سڀني ڄڻن ڌرتي ماتا تي ٻئي هٿ رکي وچن ورجايو ۽ پوءِ پنهنجن مليل نين ذميوارين جي رٿابندين ۾ مصروف ٿي ويا.
    پنڊت نائومل کي سيٺ شرنارٿي برهمڻ آباد جي مختيارڪار ڪشور لال جي بنگلي تي وٺي آيو هو.
    ”مهاراج! توهان جيڪي ڳالهيون پيا ڪريو، انهن ڳالهين جي تصديق لاءِ ڪجهه ڏينهن لڳندا ۽ انهن ڳالهين جي تصديق لاءِ انگريز سرڪار کان اجازت نامو وٺبو.“
    پنڊت نائومل، سمجهيو ته مختيارڪار، هن کي مڙئي ٽڙڪائي پيو، تڏهن وراڻيو
    ”سائين چئو ته تصديق لاءِ ماڻهو گهُرائي وٺان، جن اهو سڀ ڪجهه ڏِٺو به آهي ۽ ٻڌو به آهي.“
    ڪشور لال، ڪوڙين نگاهن سان پنڊت نائومل کي گهوريندي وراڻيو
    ”مهاراج! تُنهنجي ۽ منهنجي چوڻ سان ڪنهن کي ڏوهي يا بيڏوهي قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. ڇنڊڇاڻ ٿيندي. ڳالهين جي چڪاس ٿيندي ته سرڪاري ماڻهو انگريز سرڪار جا نوڪر آهن نه ڪي اوهان جا. جو انگريز سرڪار کي ٻڌائڻ بجاءِ هر ڳالهه اوهان کي وڃي ٻڌائين .“
    پنڊت نائومل جيڪو اهڙي ته پرجوش نموني آيو هو، ڄڻ ڪي هينئر ئي ٿو سانول کي ٻڌرائي پر مختيارڪار جون ڳالهيون ٻڌي، اصل ٺپَ ئي ٺري پيس.
    شرمندو ٿيندي وراڻيو
    ”جيئن سرڪار، اوهان مناسب سمجهو. ائين ڪريو.........!“
    سيٺ شرنارٿي، سرڪار سان پنهنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي، پنڊت نائومل کي ڇڙٻ ڏيندي چيو
    ”سرڪار، اعليٰ ظرف جا مالڪ ۽ انصاف پسند آهن. توکان، مونکان وڌيڪ ڳالهين کي ڄاڻن ٿا هروڀرو پنهنجي نه ناڙ...... ها!“
    پنڊت نائومل، مختيارڪار جون ڳالهيون ٻڌي صفا وائڙو ٿي ويو هو ته سندس ڳالهه سندس ئي ڳلي ۾ ٿي پوي. سو ڪنڌ هيٺ ڪري سيٺ شرنارٿي جي ڳالهه جو جواب به هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڪيائين.
    ڪشورلال، پنڊت جو چهرو ڏسي سمجهي ويو ته همراهه جي آڪڙ ڦوڪ نڪري ويئي آهي. سو سيٺ شرنارٿي ڏانهن ڏسندي وراڻيو
    ”سيٺ صاحب، پنهنجي دوست کي سمجهايو ته تڪڙ نه ڪري، اسين به دوستن جا دوست آهيون. جيڪو اسان سان وفاداري نڀائيندو ته مايوس اسان به اُن کي نه ڪنداسين. ڪريون ٿا ڪو نه ڪو بلو پر صبر سان!“
    پنڊت نائومل، مختيارڪار جي ڳالهه ٻُڌي ٻهڪي اٿيو
    سيٺ شرنارٿي وراڻيو
    ”مائي باپ آهيو. ٻڌي ڇوڙي اوهان جي هٿن ۾ آهي. اها ته اوهان جي قرب نوازي آهي جو اسان جهڙن ننڍڙن ماڻهن کي عزت ڀري نگاهه سان ڏسو ٿا.“
    ڪشور لال مُرڪندي چيو
    ”سيٺ، توهان به هن علائقي جا معزز ماڻهو آهيو. اوهين عزت ڏيڻ به ڄاڻو ۽ عزت وٺڻ به ڄاڻو.“
    ”سائين ڇو ٿا شرمندو ڪيو، اسين ته نوڪر ئي انگريز سرڪار جا آهيون.“
    ڪشور لال، پنڊت نائومل کي مخاطب ٿيندي چيو
    ”مهاراج، هاڻي ڀل تون وڃي آرام سان پنهنجو ڪم ڪر، هاڻ اسان جو ڪم آهي. انهن ڳالهين جي کوج لڳائڻ ۽ ان کي انجام تائين پهچائڻ.“
    اها ڳالهه ٻڌي پنڊت نائومل ۽ سيٺ شرنارٿي اٿندي وفادار ڪتي جيان پُڇ لوڏيندي وراڻيو
    ”مهرباني سرڪار!“
    ڪشور لال، هلي ٻنهي وٽ آيو. انهن سان موڪلائڻ لاءِ بنگلي جي در تائين ساڻ گڏيو آيو. سيٺ شرنارٿي پنهنجي عزت، انگريز سرڪار وٽ ڏسي اصل گد گد پئي ٿيو.
    سانول، مٺي ڪراس ڪري ٻپوهار کان جيئن ٽپيو ته همراهن کي خبر پئجي وئي ۽ گس تي وڃي، ٻنهي کي رسيا ۽ سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيائون. ڪرمچند، جيڪو پهريون ڀيرو ٿر جي سفر لاٰ نڪتل هو، سو هنن جو وسيع رابطي جو ڄار ڏسي، حيران ٿي ويو. سانول ۽ ڪرمچند انهن همراهن پويان هلڻ لڳا جيڪي ساڻن اچي گس تي رسيا هئا. همراهن سان گڏ هلندي سانول وراڻيو
    ” اڇا ته ڳالهه اُن حد تائين پهچي وئي آهي جو پنڊت اسان کي مارڻ لاءِ سازشون ڪندو وتي.“
    ” ها ادا! پنج ست ڄڻا ته پڪا آهن. جن جي پاڻ کي خبر پئي آهي. اهڙا الائي ڪيترا ٽولا هوندا، جيڪي ممڪن آهي مختلف هنڌن ۽ گسن تي لڪل هجن.“
    ” ائين ته ڪونهي ته هي وري ڪٿي مسلم هندو فساد ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهن.“
    ڪرمچند جيڪو سانول سان گڏو گڏ هو. تنهن وراڻيو،
    ”نه سانول، هاڻ ائين ڪونه ٿي سگهندو. ڇو ته رياست هاڻ ماڻهن ۾ اهو ستُ ئي نه ڇڏيو آهي باقي ننڍي مذهبي فرقيواريت، قبيلائي جهيڙن جهٽن جهڙن ننڍن وڏن مسئلن کي واءُ ضرور ڏيندا رهندا. جيئن ماڻهو پنهنجي وٺ وٺان ۾ لڳا رهن ۽ هي ويهي آرام سان لُٽيندا ۽ ڦُريندا رهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته توکي به مارڻ انهيءَ سلسلي جي ڪا ڪڙي هُجي.“
    سوڍو جيڪو ڀڳڙي مل جو ماسات، پرڀو جو گهاٽو سنگتي ۽ ڪاڪي والجي جو نياڻو هو، تنهن وراڻيو
    ”اها، ڳالهه ڀاءُ جي صحيح آهي، ٻه چار ڏينهن اڳ ڪولهين جي ڳوٺ تي ٺڪرن چڙهائي ڪري، ڪيترائي ڪولهي ماريائون ۽ انهن جي عورتن جي بي حرمتي به ڪيائون ۽ مال مڏي به ڪاهي ويا. پر ڪوئي داد فرياد ئي ڪو نه ٿيو.“
    سانول حيرت مان پڇيو
    ” اها ڪڏهن جي ڳالهه آهي.؟“
    ڀڳڙي مل چيو
    ”منهنجي خيال ۾ ڦڳڻ جي 20 تاريخ هُئي.“
    تنهن تي آسو رڙ ڪندي چيو
    ”نه ادا نه ، 20 نه پر 21 جمع جو ڏينهن هو.“
    سانول، ڪرمچند ڏانهن نهاري چيو
    ” انهي جو مطلب ته هو صرف اسان کي مُنجهائڻ چاهين ٿا ائين نه ادا ڪرمچند “
    ڪرمچند وراڻيو
    ”ها ادا بيشڪ!“
    ڀڳڙي مل، ڪاري لڪ تي گڏهن تان لهي مٿي چڙهن جو اشارو ڪيو، ڀٽ نه هئي پر عمق ۾ ڄڻ جبل هو. ٻين سڀني لاٰءِ ته هو روز جو عمل هو پر ڪرمچند کي مٿي چڙهڻ ۾ ڪافي ڏکيائي پي ٿي. ڀڳڙي مل، اهو لقاءُ ڏٺو ته رڙهي اچي ڪرمچند جو پاسو ورتو ۽ ڪرم چند کي ڀٽ تي چڙهڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳو.


    12

    تازو تازو بهار ختم ٿيو هو، وائيرن واري مند به چالو ٿيڻ واري هئي. ڀڳڙي مل وارن ڪوشش ڪئي ٿي ته وائيرن لڳڻ کان اڳ هو رڻ اُڪري وڃن ڇو ته وائيرن ۾ رڻ اُڪرڻ ڏکيو هو. وائيرن لڳڻ ڪري رڻ جا گس ۽ دڙا تبديل ٿيندا رهندا هئا. هڪ ڏينهن رڻ جو نقشو هڪڙو ته ٻي ڏينهن رڻ جو نقشو ئي اور هوندو هو. تنهن ڪري رڻ ۾ لڪل ڌٻڻين جو ڪو پتو ئي نه پوندو آهي. اهو رستو ڏکيو هئڻ ڪري هروڀورو ڪير به اختيار ڪو نه ڪندو آهي. پر هنن جي مجبوري هئي اهڙي ڏکئي رستي جي چونڊ ڪرڻ، جڏهن هي سفر پورو ڪري تلونگ ڳوٺ پهتا ته اُتي ٻه ڏينهن رڳو، ان رستي کي اختيار ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي بحث هلندو رهيو هو ڇاڪاڻ ته ڀڳڙو مل، رڻ جو بهترين سونهون هو، تنهن رڻ اڪارڻ جو ذمو پنهنجي سر کنيو. تڏهن سڄي سنگت انهي رستي کي اختيار ڪرڻ تي حامي ڀري هئي. ڏينهن جا ٻه پهر گُذاري رات جو وري سفر تي نڪري پيا. هاڻي هي رڻ جي ويجهو ئي هئا ڳوٺن کان پاسو ڪرڻ ڪري، هنن کي وڏو ڦيرو ڪرڻو ٿي پيو. رات جي ڪري موسم ٿڌيرو هو، ڏکڻ جي ٿڌڙي هير، هنن ٿڪل جسمن کي اڳتي هلڻ کان روڪي رهي هئي پر هنن کي رڻ جي منڍ وٽ ڳوٺ لالو جي وانڍ وٽ پهچڻو هو. رات جو پهر مٽائي ڏينهن جو يارهين وڳي وڃي جي لالو جي وانڍ پهتا. جتي آسو جي ڀاڻيجي وٽ پهتا، هڪدم ماني ٽڪي جو بندوبست ڪيائين. ماني کائي چونئرن ۾ سُمهي پيا ڇو ته رات جو اوجاڳو به هئن ۽ ٿڪل به ڏاڍا هئا ۽ اڳيان اجهاڳ رڻ جو سفر به سجهيو پئي.
    موهن به پرڀو ۽ سومجي سان گڏ، مختلف ڳوٺن ۾ وڃي رهيو هو ۽ پنڊت نائومل خلاف ته ڄڻ هنن به ڪي کليو کلايو هڪ محاذ کولي ڇڏيو هئن. هنن کي ڪٿي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو به ٿي پيو ته ڪٿي وري هنن جي ڳالهين کي حمايت ٿي ملي.
    ماڻهو ٻن ٽن بغاوتن جي دٻجڻ کان پوءِ انهيءَ تاثر ۾ ورتل هئا ته انگريز ۽ انهن جا ڇاڙتا ڏاڍا آهن. تن کي ختم ڪرڻ ناممڪن آهي. پر تنهن هوندي به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪنهن نه ڪنهن سياسي جماعت جي هٿ هيٺ، انگريز سرڪار خلاف احتجاج جا سلسلا جاري رهندا پئي آيا. ڪٿي ڪٿي گوريلا بغاوت هلي رهي هئي. خاص ڪري حُرن جي جماعت جون ننڍڙي پئماني تي ڇاپا مار ڪارروائيون هيون، جن جي سنڌ ۾ هونءَ ئي مقبوليت وڌي رهي هئي پر اُن جا اثر پوري هندستان تي به سڌي يا اڻ سڌي طرح پئجي رهيا هئا. تنهن ڪري انگريز سرڪار هندستان ۾ هڪ ئي وقت تي ڪيترن ئي علائقن ۾ اُلجهيل هئي.
    موهن جي محنت رنگ لائڻ لڳي هئي. ڪيترن ئي ڳوٺن جا مارو ماڻهو موهن جي ڳالهين سان متفق هئا ۽ موهن جي پنهنجي وس آهر مدد ڪرڻ لاءِ به تيار هُئا. موهن انهن ماڻهن مان ڪُجهه ماڻهن کي چوڪسي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪجهه ماڻهن کي وري اڳين ڳوٺن تائين اها ڳالهه پهچائڻ جي ذميواري سونپيائين. اهو ڪم ايتري تيزي سان کُليو کلايو ٿيو پئي جو اها ڳالهه وڃي پنڊت نائومل جي ڪنن تائين پهتي. پنڊت نائومل ته اڳيئي اهڙين سرگرمين جي تاڙ ۾ هو، جيئن انهن سرگرمين کي ڍال ٺاهي انگريز سرڪار کي هنن خلاف ڀڙڪائي سگهي. هن جي انگريزن جي مقرر ٿيل عملدار ڪشور لال سان هڪ ڪامياب گڏپ ٿي چُڪي هئي ويتر جو اهڙين سرگرمين جي سُڻڪ پيس ته پنهنجي منهن مُرڪي پيو ته شڪار پنهنجو پاڻ ئي ڪوريئڙي جيان هن جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسندو وڃي، جيترو به ڦٿڪندو ۽ ڦڙڪندو ايترو ئي ڄار ۾ سوگهو ٿيندو ويندو.
    جيوت رام جي موڪليل ڇاپار مار ٽولين پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، انگريزن جي رسد جو سامان، جيڪو حيدرآباد کان برهمڻ آباد اچي رهيو هو. تنهن کي ڪلال ٽولي ڦُري، لٽي، انهن جي گاڏين کي باهيون ڏيئي ڇڏيون ۽ ڪجهه سپاهين مزاحمت ڪئي ته انهن کي ماري ڇڏيائون. سامان ۽ وهٽ کڻي لڪن ۾ گم ٿي ويا. هوڏانهن احمدآباد جي هڪ ننڍي پوليس چوڪي تي رات ڌاري امبر ٽولي حملو ڪري، اُتي ويٺل پنجن، ڇهن سپاهين جا سر وڍي ڇڏيائون ۽ پاڻ صاف بچي، پنهنجن ٺڪاڻن تي محفوظ پهچي ويا. انهن ننڍين ننڍين ڇاپا مار ڪارروائين جو سلسلو ڄڻڪي هلي نڪتو هو. جيوت رام جي موڪليل انهن پنجن ٽولن مان امبر، ڪلال، چندرما ۽ آزادي جي ڇاپامار ڪاررواين جي خبر چار سمنگ سنگهه کي ملي رهي هئي پر ٽولي سوريهٰ طرفان ڪو به حال احوال ڪو نه مليو هو. اها هڪ پريشان ڪن حالت هئي. تنهن ڪري سمنگ سنگهه بنا ڪنهن دير جي اهو اطلاع پنهنجي خفيه اڏي تائين پهچائي ڇڏيو هو.
    انگريز سرڪار به، انهن نئين ڇاپا مار ڪارروائين تي ڪنَ کڙا ڪيا هئا ۽ برهمڻ آباد جي مختيار ڪار تي سخت احڪامات لاٿا ويا هئا ته انهن ڪاررواين جي فورن ڇنڊ ڇاڻ ڪري، اُن جو مڪمل حال احوال موڪليو وڃي ۽ انهن ڪاررواين کي سختيءَ سان ڪچليو وڃي. انهن حڪمن ڪشور لال جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. برهمڻ آباد ۾ انگريز سرڪار جي ريزيڊنسي جي چوگرد سخت پهرو مقرر ڪيو ويو هو.
    جيوت رام، جيئن گهر ڇڏيو ته واپس موٽي نه آيو. باقي موتي ۽ مصري واپس برهمڻ آباد موٽي آيا هئا ۽ مخبر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا هئا. راڌا به پاٺ شالا ۾ پڙهائڻ کانپوءِ مندر هلي ويندي هئي ۽ باقي سارو ڏينهن اُتي گُذاريندي هئي.
    اڄ سانول وارا ڳوٺ ڇڏي رڻ جي سفر ڏانهن نڪري پيا هئا. رڻ جو سفر سخت ۽ ڪٺن ضرور هو پر بلڪل محفوظ رستو هو. رڻ جي اجهاڳ سفر تي نڪرڻ کان اڳ، هنن اڳ کان وڌيڪ پاڻي ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان ساڻ کنيو هو. هنن جو پهريون ٿاڪ ” تڙو“ ۾ هو. جيڪو رڻ جي ڄڻ جنت هئي. جتي ٻن ميلن تائين ڪافي وڻڪار هئي ۽ پاڻي به هنن کي اتي ميسر ٿي سگهيو ٿي. ڏينهن جو سخت گرمي جو امڪان هئڻ ڪري هي شام ڌاري نڪتا هئا جيئن رات جو ٿڌيري وقت ۾ گهڻو تڻو سفر اُڪرجي سگهجي.
    سانول پاڻي جا ٻه ڍُڪ ڀريندي چيو
    ”ڀڳڙا، ائين نه ٿئي جو سامت سنگهه، ڦول ٻائي ۽ ٻين سوڍن جيان پاڻ کي سوڍا دوکو ڏين ۽ پاڻ سڀ وچ راهه ۾ ماريا وڃون.“
    ڀڳڙي مل وراڻيو
    ” اڳي ته ائين ٿيندو رهيو آهي ته انگريز سرڪار سخت ويڙهاڪ ۽ مزاحمت ڪندڙن کي جاگيرون، القاب ۽ لالچون ڏيئي خريد ڪندي رهي آهي. هاڻ من ايترو ڪجهه وطن ۽ وطن جي ماڻهن سان ظلم ۽ ويڌن کي ڏسي ائين نه ڪن.“
    ڪرمچند گڏهه تان لهي پنڌ هلي رهيو هو. تنهن چيو
    ”بُنيادي طرح انسان انتهائي لالچي ۽ خود غرض آهي. هو پنهنجي حاڪميت جو هڪ عجيب تصور رکي ٿو. غلامانه دور کان وٺي هينئر جي جاگيردارانه دور تائين جيڪي حاڪم طبقا رهيا آهن. هُنن پنهنجي ۽ پنهنجي طبقي جي بچاءَ لاءِ ڪافي اهڙا رياستي ادارا قائم ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي بظاهر ته غريبن جي واهر، خدمتن ۽ بچاءَ جا ادارا ٿا لڳن پر اصل ۾ هو انهن ادارن جي وساطت سان گيد، ڪائنر، ويڪائو، لالچي ۽ پنهنجي ئي ننڍن طبقن خلاف نفرت ۽ ڌڪار جا ڪُل پرزا ٺاهين ٿا. تنهنڪري حقيقي، سچي ۽ اصول پسندي واري اڳواڻي ۽ حقيقي، سچي، علمي، عوامي ۽ جمهوري نظريي جي نظرداري هيٺ ئي انهن چوطرفي، ڳتيل، مُنجهيل، ورن وڪڙن ۽ لاهين چاڙهين وارين ڪوڙڪين کان بچي نڪري سگهجي ٿو.“
    سوڍي وراڻيو
    ”پر ادا! ڪرمچند اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هتي ته ماڻهو جو پاڇو به پنهنجو پاڇو ڪونه ٿو لڳي ۽ پوءِ هيتري علمي ۽ سياڻپ واري ڳالهه سمجهڻ لاءِ به ته علم کپي، سو ڪٿان اچي؟“
    ڪرمچند سوڍي جي ڳالهه سمجهندي وراڻيو
    ”بيشڪ! عالم ماڻهن جا ڪتاب پڙهڻ سان، اسان جي وڌيڪ ۽ بهتر ذهني اوسر ٿئي ٿي. اُن لاءِ پاڻ مرادو پڙهڻ جي شروعات ڪرڻ گهُرجي. پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي ماحول، مسئلن، پنهنجي سماجي حيثيت ۽ لاڳاپن مان به سکڻ گهُرجي ته هڪڙا امير کان امير ترين ٿيندا وڃن ۽ هڪڙا غريب کان غريب ترين ڇو؟! جڏهن ته انهن اميرن کان ڏهوڻو وڌيڪ ڪم مزدور، هاري ۽ غريب پورهيت ڪري ٿو. اها اڻ برابري واري ورڇ ڪٿان کان پيدا ٿي آهي. اهڙا ۽ اهڙي قسم جا سوال پاڻ کان ۽ پنهنجن پورهيت ڀائرن کان پڇڻ گهرجن. انهن جي حل جا گس ڳولڻ گهُرجن. اهو به هڪ علمي شعور آهي.“
    آسومل، جيڪو هنن کان ٿورو اڳتي نڪري ويو هو، پر پٺين همراهن جو بحث ٻڌي هنن سان اچي گڏاڻو هو.
    سانول بحث ۾ حصو وٺندي چيو
    ”ائين ته آهي پر اسان پنهنجو پاڻ کي، هڪ عجيب و غريب مذهبي، ذاتي ۽ سماجي اڻ برابري جي مُنجهيل سُٽ ۾ اُلجهائي ڇڏيو آهي جو ان مان نڪري ڪا نئين راهه وٺڻ لاءِ تيار ئي نه آهيون.“
    ڪرمچند اهو چاهيو پئي ته سانول بحث ۾ حصو وٺي، سانول جي ڳالهه ٻُڌي ڪرمچند وراڻيو
    ”صحيح ٿا چئو. اصل مسئلو آهي ئي اهو ته اسان کي اهڙا اهڙا عجيب فلسفا مڙهي ڏنا ويا آهن. جيڪي صرف خيالي ۽ تصوراتي شيون ٻڌائين ٿا. ازغيبي قوتون لهي اسان جي مدد ڪنديون پاڻ کي خبر آهي ته ائين ڪونهي ۽ اها ڳالهه ئي ته ماڻهن تائين پهچائڻي آهي. پنهنجا، پنهنجي نسل جا، پنهنجي مستقبل جا، پنهنجي زمينن، سگهن ۽ ڪمن جا پاڻ ڌڻي ٿيون ۽ پنهنجا واهرو پاڻ ٿيون.“
    آسو مل وراڻيو
    ”صحيح ٿا چئو ادا! علم حاصل ڪرڻ جو مکيه ذريعو مُشاهدو به آهي. جيڪو پنهنجي ارد گرد ڦهليل انيڪ شين، علمن ۽ عملن جو غور سان مُشاهداتي اڀياس نه ڪندو ته اهو انهن خيالي ۽ تصوراتي فلسفن جي جڪڙ ۾ جڪڙبو ويندو ۽ ڪڏهن به آزاد ٿي زندگي گهاري نه سگهندو.“
    سانول، ڀٽ جي مٿاري تي بيهي اکين آڏو هٿ ڏيئي، چانڊوڪي ۾ رڻ طرف نهارڻ لڳو، جيڪو صاف نظر اچي رهيو هو. لڳو ائين پئي ته جتي هي بيٺا هئا. اها گس جي آخري ڀٽ هئي باقي سامهون رڳو ڪپرا هئا ۽ پوءِ رڻ جي سنئين زمين، سانول نهاريندي وراڻيو
    ”اسان ۾ صدين کان ڪي ڳالهيون، اهڙيون ته مڙهيون ويون آهن جيڪي اسان جي ڄڻ رت ۾ شامل ٿي ويون آهن. اسان ڪيڏا به ماڻهپي جا علمبردار ٿي وڃون. پر اسان مان مذهبي جنونيت ڪانه ويندي ۽ اها مذهبي جنونيت، انسانن جي مارا ماري جو سبب بڻبي، جيستائين اسان جي ذهنن مان ڀڳوان ۽ الله يا ڪنهن ازغيبي تصور جو غلط استعمال ٿيندو رهندو.“
    ڪرمچند، ڀٽ جي گاٺوڙ وٽان هيٺ لهندي وراڻيو
    ”ادا سانول، اسان وٽ رڳي مذهبي جنونيت نه آهي اسان وٽ قبيلا، ذات، ڪٽنب، پراڻيون غلامانه رسمون ۽ رواج، غلامانه ادب، تعليم ۽ روايتون، جيڪي اسان سمجهندي به اکيون پوري اُنهن جي تقليد ڪندا آهيون جيئن اسان وٽ ڪافي غلامانه پهاڪا آهن ته “ادا، سڀ آڱريون سريکيون ٿوري ئي آهن.“
    سڀئي ڄڻا ڀٽ تان لهي لينجهه وٽ پهچي ويا سانول، ڀڳڙو، ڪرمچند، سوڍو، ڪرمچند ٿورو اڳڀرو نڪري ويا هئا ته پويان آسو رڙ ڪري چيو
    ”ابا ڙي!...........بلا ڪکي ويم.................................“
    ۽ واري تي ڪري پيو، سڀئي همراهه ڊوڙي، آسو وٽ پهتا، ڀڳڙي هڪدم، پنهنجي ٽوال سان آسو جي ڄنگهه زور سان ٻڌي ورتي. سوڍي ٻه واري جا ٻه ٻُڪ وات ۾ وڌا تيسين ڀڳڙي، بلا جي ڏنگ وٽ ڇُري سان چيرو ڏيئي وڌو، سوڍو اُن وڍ وٽان رت چوسي چوسي ڪڍڻ ۾ لڳي ويو. پر تڏهن به آسومل تي غنودگي طاري ٿيندي ويئي ۽ ڪجهه دير ۾ بيهوش ٿي، ڀڳڙي جي ٻانهن تي جهولڻ لڳو.
    بُنيادي طرح پارڪر جو حصو، پرمارن ۽ ڦُورن جو مسڪن رهندو آيو هو. هتي لُٽ مار جي ڪري، هر ڦُر مار ٽولي جي پنهنجي پنهنجي هڪ ننڍي رياست قائم هوندي هئي ۽ انهي ئي ڪري هي علائقو بغاوتن ۽ ڏڦيڙن جو مسڪن رهيو ٿي. انگريز سرڪار اهڙين بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ پنهنجي فوج ۽ توپ خانن جو به استعمال ڪيو هو ۽ انهن ڦورن ۽ ڏڦيڙ وجهندڙ ٽولن کي ماري ڪمزور ڪري ڇڏيو هُو ۽ جيڪي بهادر سوڍا ۽ ڪولهي هئا جن کي لالچون ڏئي لُڀائڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ويا هئا ته انهن جي ڏاڍي سرزنش ڪيائون. ڪيترن کي سرعام توپن جي منهن ۾ ٻڌي، توپن سان اُڏائي ڇڏيائون ته ڪن کي جيلن ۾ واڙي سڄي ڄمار لاءِ قيد ڪري ڇڏيائون. خاص ڪري ٻه ٽي اهڙيون بغاوتون ٿيون جن انگريز سرڪار جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو ۽ انگريز سرڪار جي پارڪر تان گرفت به ڪمزور ڪري ڇڏي هئي. جنهن ۾ راڻي ڪرڻجي جي بغاوت، جنهن انگريز سرڪار جي ٺڪاڻن ۽ ماڻهن کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو هو. جنهن کي دٻائڻ لاءِ انگريز سرڪار کي حيدرآباد کان بلوچ ريجمينٽ نالي فوج توپن سان گهُرائڻي پئي هُئي ۽ ان بغاوت کي بيدردي سان ڪُچلي ڇڏيو ويو هو. ويڪائو سوڍن ۽ ٺڪرن، انگريز سرڪار جا مُخبري ٿي ڪجڙرالو جي باغين جي اهم ٺڪاڻن تائين وٺي آيا ۽ اتي سورهيه، دلير ۽ وطن دوست سوڍن کي مارايو ۽ انهن ٺڪاڻن کي تباهه و برباد ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ بغاوت جي دٻجڻ شرط وري راڻي اُڌيسنگهه جي بغاوت ٿي. جنهن پنهنجي پيءُ جي بدلي وٺڻ خاطر انگريزن تي سڌا فائر ڪيا ۽ انگريز، خوف وچان پنهنجا ٺڪاڻا ڇڏي مينگهواڙن ۽ ٻين جي گهرن ۾ لڪي وڃي پناهه ورتي هُئائون. ان بغاوت کي دٻائڻ ۾ پنهنجن ئي غداري جو ثبوت ڏيندي، مخبريون ڪري، اهم حصو ورتو، ان بغاوت ۾ شاندار روپلي ڪولهي جي بغاوت شامل آهي جنهن انگريزن جا اصل ڏند کٽا ڪري وڌا هئا. انهي ڪري حال في الحال وطن دوست ماڻهن ۾ ماٺار ڇانئجي وئي هئي ۽ وطن فروشن ۽ ويڪائو............سوڍا......... ٺڪرُ ۽ راجپوتن جي مڳي ٿي پئي هُئي.!
    اڄ وري سيٺ شرنارٿي ۽ پنڊت نائومل جي ملاقات حيدرآباد مان آيل انگريز سرڪار ايونس سان، مختيارڪار ڪشورلال جي ڪچهري هال ۾ رٿيل هئي. تنهن ڪري پنڊت نائومل سوير کان ئي سيٺ شرنارٿي وٽ پهچي ويو هو. سيٺ شرنارٿي به جلد تيار ٿي، پنڊت نائومل کي ساڻ ڪري ڪچهري هال ۾ پهچي، اردلي کي پنهنجي اچڻ جو نياپو، ڪرنل ايونس تائين پهچائڻ جو چيائين، ڪُجهه ئي ساعتن کانپوءِ ٻئي ڪرنل ايونس جي دفتر ۾ موجود هئا.
    ڪرنل ايونس، تند تيز ۽ ڏاڍو چابڪدست هو، نيڻن ۾عجيب مڪاري ۽ چالاڪي هئي. هي اهو ساڳيو ڪرنل ايونس هو، جنهن پارڪر جي سوڍن ۽ ٺڪرن جي بغاوتن کي ڏاڍي بيدردي سان دٻايو هو.
    ايونس، ٻئي هٿ ميز تي رکي، مختيار ڪار ڪشورلال جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو
    ”هي آئون ڇا پيو ٻڌان ته پارڪر ۾ وري ڪنهن وڏي بغاوت جون تياريون پيون ٿين.................؟!“
    ڪشور لال، ڪرنل ايونس جي اکين جو تاب نه جهليندي اکيون جهُڪائي وراڻيو
    ”سائين، اهڙي ته ڪابه ڳالهه ڪونهي. باقي چند پرمار ۽ ڌاڙيل قسم جا ماڻهو آهن. جيڪي وري به هندو مسلم فساد جهڙي شورش ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهن. انهي ڪم ۾ سرفهرست سانول آهي، هي ماڻهو هتي جي معزز شخصيت ۽ انگريز سرڪار جي وفادار پنڊت صاحب لاءِ سازشون سٽيندو وتي، جنهن جو اطلاع اوهان صاحب ڏانهن روانو به ڪيو هُئم......!؟“
    ڪرنل ايونس چيتي جهڙي تيزيءَ سان وراڻيو
    ”مسٽر ڪشور، آئون انهي ذاتي رنجش ۽ بدلي وٺڻ واري بغاوت جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان، آئون ته ان بغاوت جو ذڪر پيو ڪريان، جنهن ۾ اسان جي رسد جي قافلن ۽ چونڪين ۽ ٿاڻن تي حملو ڪري اسان کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي. مسٽر ڪشور لال، توکي اُن لاءِ سخت احڪامات به اُماڻيا ويا هئا. تو اُن سلسلي ۾ ان بغاوت کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا جوڳا بندوبست ڪيا اٿئو.............................“
    ڪشور لال، کي سيٺ شرنارٿي جي اڳيان، پنهنجي گلا نهايت ڏُکي لڳي پر اڳيان انگريز عملدار هو. جيڪڏهن ٻيو ڪو هُجي ها ته ڪشور لال اصل هُن جو منهن پٽي وجهي ها.
    ڪرنل ايونس پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو
    ”باقي تون سانول جي ٿو ڳالهه ڪرين ته اُن جو سڄو پويون دفتر کولي جاچيو ويو آهي ته هو هڪ امن پسند ۽ صلح پسند ماڻهو رهيو آهي ۽ اُن کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن گهاٽ گهڙيا هئا ۽ گهڙين پيا. باقي ڳالهه رهي پنڊت جي ته انهي ڳالهه مان قطعي انڪار ڪونهي ته هي ماڻهو، اسان جو سچو دوست ۽ وفادار آهي. تنهن ڪري هن کي گهُرجي ته پنهنجي دين جي تبليغ ڪندو رهي. اسان سندس ان معاملي ۾ هر قسم جي مدد ڪندا رهنداسين.“
    اها ڳالهه ٻُڌي، ڪشور لال جيان، پنڊت نائومل جي مُنهن جو پنو ئي لهي ويو. سيٺ شرنارٿي، انهن ٻنهي جي بي عزتي ٿيندي ڏٺي ته ماٺ رهڻ ۾ ئي عافيت سمجهيائين.
    ڪشور لال، پنهنجي ڳالهه کي پاڻي ڏيڻ لاءِ وراڻيو
    ”سائين ائين ته آهي پر سانول، جيڪي ڳالهيون ڪندو وتي ۽ ڪميونسٽ جي حمايت ڪرڻ سان گڏ، ماڻهن کي انگريز سرڪار جي پاليسين جي خلاف اُڪسائيندو وتي، اهو ته ذاتي رنجش يا ذاتي بدلي جي زمري ۾ ته ڪو نه ٿو اچي نه !“
    ڪشور لال، جي ڳالهه ٻُڌي، ڪرنل ايونس، باز جي نظر جيان ڪشور لال تي نظر اُڇلائي ۽ وراڻيو
    ”ڪير ڇا ٿو ڪري. انهي جي خبر چار اسان وٺندا رهون ٿا. هينئر سانول اسان لاءِ ڏکيو نه آهي جيترو مسٽر جيوت مل ٽاڪرڙو. جنهن جون سرگرميون پهرين ئي مشڪوڪ هيون پر هينئر انهن ۾ تيزي اچي ويئي آهي. ڇاپا مار ڪارروائين جي پويان، انهي جو ئي هٿ آهي.“
    اها نئين ڳالهه ٻُڌي، مختيار ڪار ڪشور لال حيران ٿي ويو.
    ” ادا، هي نشان ته گورهيڙي نانگ جا ٿا لڳن. جهڙي تيزي سان هنن وٽن جا نشان آهن. اهي نشان ٻيو ڪو نانگ نه ڪندو آهي.“
    سانول، نانگ جي ڀڄي وڃڻ وارن نشانن کي ڏسي وراڻيو ۽ پنهنجي کيسي مان مڻ ڪڍي، چير ڏنل جڳهه تي پٽي کولي، رکي وري پٽي زور سان ٻڌي ڇڏيائين ۽ آسو کي ٿورو پرڀروءَ کُلي واءَ ۾ ليٽائي ڇڏيو. ڀڳڙي مل، آسو جي ڳلي ۾ آڱريون هڻڻ شروع ڪيون ته جيئن اُلٽي ڪري ته معدي ۾ به ويل زهر ٻاهر نڪري وڃي. ڪُجهه دير جي ڪوشش کان پوءِ آسو اُلٽي ڪئي، تڏهن ڀڳڙي مل، آسو مل مان هٿ ڪڍيا، هٿ ڌوئيندي وراڻيو
    ”هاڻ ڀؤ ڪونهي. نستائي ته اڃا به رهندس پر زهر هاڻ مٿي ڪين چڙهندو. باقي رهيو سهيو زهر جي هوندو به ته اهو زهر مڻ ڇڪي وٺندي.“
    سانول، ڀڳڙي ڏانهن نهاريندي چيو
    ” گورهيڙي جو هي وقت ناهي، هي ته سنجهي ۾ نڪرندو آهي، هينئر لُنڊي يا وري ٻوگهي جو خطرو هوندو آهي.“
    ڀڳڙو مل وراڻيو
    ” ائين ته برابر آهي پر اڄ صبح کان گرمي گهڻي هئي. مون کي اُڍڪو هو ته ڪٿي اسان کي هلندي نانگ بلا نه ڏنگي. اُنهي اُڍڪي جو ذڪر، مون آسو سان به ڪيو هو پر پوءِ به هن الائي ڇو لاپرواهي ڪئي.“
    ڪرمچند، جيڪو اهو سڄو لقاءَ ڏسي رهيو هو ۽ پنهنجن ماروئڙن جي سٻاجهپ، سياڻپ، سهپ ۽ محبت ڏسي خوش ٿي رهيو هو تنهن چيو
    ” ٿي سگهي ٿو ڪچهري ۾ ايڏو محو ٿي ويو هُجي، جو ان طرف ڌيان ئي نه ڏنو هُجيس.“
    ڀڳڙي مل فڪرمندي مان چيو
    ”ممڪن آهي ائين هُجي، پر ادا! هي رڻ آهي جيڪا هنن جيت جڙن جي جنت آهي ۽ اها خبر ته آسو کي به هئي ۽ پوءِ بي ڌياني....................!“
    ڪرمچند به ٿڪاوٽ کي سڪون ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ واريءَ تي ٽنگون پساريندي وراڻيو
    ”جڏهن آسو جو ڪنڌ، اوهان جي ٻانهن تي کڙيو ته مون پڪ سمجهيو ته آسو، هاڻي اسان جي وچ ۾ نه آهي پر اوهان جي ۽ سانول جي مُک تي ڪو به ڊپ ۽ فڪرمندي نظر نه آيم ته ڏاڍو حيران ٿيس ته همراهه هليو ويو پر هنن کي ڪابه پرواهه ڪونهي.“
    سانول مُرڪندي وراڻيو
    ”اسان وٽ اڪثر، ائين ٿيندو رهندو آهي اسان جو ۽ هنن بلائن جو چولي دامن جو ساٿ آهي. هو پنهنجو ڪم ڪن ٿا، اسان پنهنجو ، اسان کي انسان جي جسم ۾ ذرو به ساهه جي سمڪ جو پتو هوندو ته اسان اُن کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهندا آهيون.“
    رات پنهنجي آخر پهر ۾ هئي. ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ اوڀر کان روشني جو لاٽون اڀرڻ واريون هيون. رڻ جي ٿڌي واري چند گهڙين کان پوءِ تپي ٽانڊا ٿيڻ واري هُئي. وڻ ٽڻ ته پري جي ڳالهه پر ڇانءَ ڇانوري لاءِ ڪابه شيءِ ڪانه هئي. هي ” تڙو“ کان اڃان ڪافي پري هُئا. جيڪڏهن آسو کي سپ نه ڪکي ها ته هي هينئر تائين ” تڙو“ نخلستان ۾ هُجن ها نه ته به اُن جي ويجهڙ ويجهڙ هُجن ها. هاڻي آسو کي هوش اچي ويو هو پر گورهيڙي نانگ جو ڪکيل هو ۽ گورهيڙو رڻ جو سڀ کان وڌيڪ زهريلو سپ آهي. جنهن جو کاڌل پاڻي به نه گهُري. سو آسو کي هڻي صفا ڪمزور ڪري وڌو هُئس پر هنن کي ڪنهن به حالت ۾ جيترو جلد ٿي سگهي ” تڙو“ پهچڻو هو سو آسو کي گڏهه تي ويهاري هي سڀئي تڙو ڏانهن روانا ٿي ويا. گس تي ئي سج اُڀري آيو اڃان ته صبح جا پهريان پهر هئا. پر گرمي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن نه پوان ۽ اها گرمي، آسو لاءِ چڱي ڪانه هئي. تنهنڪري اجرڪ پاڻي ۾ پسائي، آسو تي وجهندا ويا ٿي، ائين ڪرڻ سان هنن جو پاڻي جو ذخيرو به ختم ٿيڻ تي هو. انهي ڪري پاڻي گهٽ پيئڻ لاءِ استعمال ٿي ڪيائون ۽ گهڻو تڻو پاڻي ڄڻڪي آسو تي پئي استعمال ٿيو. جئين جئين ڏينهن ويو چڙهندو، گرمي به چوٽ ته چڙهندي ٿَي وئي. همراهه سڀ نستا ٿي پيا هئا. خاص ڪري ڪرمچند جا پير ته هاڻي نه ٿي کڄاڻا سوڍو، ڪنهن ڪنهن وقت اچي سهارو ڏيس ته ڪنهن وقت سانول تقريبن پوري ٽاڪ منجهند جو هنن کي ” تڙو“ نظر اچڻ لڳو. جيتري وک وجهن اوترو تڙو پري ٿيندي ٿي ويو. رفتار به صفا گهٽجي ويئي هُئن. ائين پئي لڳو ته تڙو پهچڻ کان اڳ ۾ ئي هنن کي رڻ ڳڙڪائي ويندي. پر هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندا ڏيندا اچي ” تڙو“ ۾ پير پاتائون سڀ کان پهريائين، هنن جو اڪ جي ٻوڙن استقبال ڪيو. ڪجهه پرڀرو ڪانڪهه وڻن جا جگهٽا نظر پئي آيا ته ڪٿي ٿوهر جا ٻوٽا سر کنيو بيٺا هئا. ڦوڳ جا به ڪيترائي ٻوٽا ڄڻ هڪ ٻئي سان جُڙيو سرگوشيون ڪندا وتن. آرڻي جا ٻوٽا، تڙو نخلستان ۾ ائين اُڀريو بيٺا هئا، ڄڻ ڪنهن اوطاق ۾ ڪجهه يارن جون پنهنجون پاڻ ۾ ڪچهريون لڳل هُجن. کپ، مُرٽ، جهرڪلي، کيٽ، کٻڙ وغيره ائين ڏيک ڏيئي رهيا هيا ڄڻ ته واقعي رڻ جي جنت جو ٽڪرو “تڙو” هو.
    سوريه ٽولو، جنهن جي ڪابه رپورٽ سمنگ سنگهه کي نه پئي ملي، تنهن بيڪانير جي فوجي ڪئمپ تي زبردست حملو ڪيو ۽ سڄي فوجي ڪئمپ کي تحس نحس ڪري ڇڏيو ۽ اُن ڪارروائي ۾ ٻه انگريز عملدار جن ۾ هڪ ڪرنل مائيڪل به مارجي ويو هو. هيستائين ٿيل ڇاپا مار ڪارروائين ۾ هي وڏي مان وڏي ڇاپا مار ڪارروائي هئي. جنهن انگريزن کي اندر تائين ڏڪائي ڇڏيو هو. انهن ڇاپا مار ڪارروائين انگريز سرڪار کي مجبور ڪيو ته گهڻو خرچ ڪري، انهن علائقن ڏانهن پنهنجي فوج موڪلي ۽ هنن انهن ڇاپا مار ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ ائين ئي ڪيو حيدرآباد مان ايڊورڊ سمٿ جي سربراهي ۾ فوج برهمڻ آباد ڏانهن رواني ڪئي جيوت رام وارن ڇاپا مار ٽولين پاران مليل خبر چار جي آڌار تي رٿابندين ۾ تبديليون ڪندا رهيا ٿي ۽ نوان نوان حُڪم ٽولن ڏانهن اُماڻڻ جا بندوبست به ڪندا ويا پئي، جيئن ڪم اڳ کان بهتر، جٽاندار ۽ پنهنجو پاڻ کي گهٽ نقصان ڏئي، وڌ مان وڌ نتيجا حاصل ڪري سگهجن. سوريه ٽولي جي رپورٽ ته اطمينان جوڳي هئي. پر اُن ۾ هنن کي جيڪو وڏي مان وڏو ڇيهو رسيو هو سو هو سوريه ٽولي جي بهادر اڳواڻ ڪُنال ڀٽ جو، جيڪو انهيءَ ڇاپا مار ڪارروائي ۾ مارجي ويو. تنهن ڪري ئي اهو ٽولو حال في الحال لڪي ويو هو. انهيءَ مسئلي کي فورن حل ڪندي، جيوت رام وارن سوانتو مل کي ٽولي جو نئون اڳواڻ مقرر ڪري جوڳي جي روپ ۾ سوريه ٽولي ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو هو جيئن سوريه ٽولي ۾ اڳواڻ نه هئڻ ڪري ڦڙڦوٽ نه پوي.
    سوريه ٽولو، ڄڻ هن ڌرتي تان گم ٿي پاتال ۾ هليو ويو هو. انگريز سرڪار جا جاسوس، پنهنجي سر، سوريه ٽولي جي ٺڪاڻي جي ڳولها ۾ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي چُڪا هئا پر ڪٿان به ڪو ڏس پتو هٿ ڪونه آيو هُئن. ڄڻ سوريه ٽولو آسمان ۾ گُم ٿي ويو يا زمين ڳڙڪائي ويس.
    ڪرنل ايونس، جيوت رام تي حتمي حملي جي منظوريءَ لاءِ حيدرآباد ڏانهن سنهيو اُماڻي ڇڏيو هو ۽ حيدرآباد مان موڪليل فوجي دستو به برهمڻ آباد ۾ پهچي چُڪو هو. فوج جي آمد سان برهمڻ آباد ۾ ڄڻ ڦڙڦوٽ پئجي وئي هئي. برهمڻ آباد ۽ اُن جي ڀرپاسي جي ماڻهن ۾ هڪ اڻ ڄاتو ڀؤ پيدا ٿي ويو هو. هنن ماضي ۾ به ڪيترائي خون ٿيندي اکين ڏٺا هئا. جن ۾ ڪيترائي بيگناهه به مارجندي ڏٺا هئن ۽ جنهن بيدرديءَ سان انگريز فوجن اُهي ماڻهو ماريا، تن جي تصور سان لڱ ڪانڊارجي ٿي ويا، هن وقت به فوج جي اچڻ سان، غريب ۽ مسڪين ماڻهو عذاب ۾ پئجي ويا هئا. فوجين کي ڪنهن جي ڀلي ٻڪري نظر چڙهندي ٿي وئي ته اُن کي زوري ذبح ڪري کائي ٿي ويا. زمينن جي ڀيلاڙ ته ٺهيو پر نياڻين سياڻين سان ته ناحق لائي ڇڏيو هُئن. غريب ويچارا ڪُڇن ٿا ته مرن ٿا. ڍولئي ڪولهي کي فوجين محض انهي ڪري لتن، مُڪن سان ماريائون جو هُن، هُنن کي کوهه تان پاڻي ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ڪرنل ايونس وٽ جيوت رام خلاف سڀ ثبوت، گس ۽ شاهد موجود هئا. صرف حملي ڪرڻ جي اجازت نامي جي ضرورت هُئي. جنهن جي هي انتظار ۾ هو.
    موتي پنهنجي پر ۾ سمنگ سنگهه ڏانهن پل پل جي خبر چار ڏيندو پئي آيو ۽ موهن به پنهنجي هٽ تي ويهي سانول جي خبرچار لاءِ اتاولو هو. راڌا به موتي ۽ موهن جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول هُئي. راڌا، پاٺ شالا ۾ به مذهبي تعصب، طبقاتي مت ڀيد ۽ ذات پرستي خلاف به پرچار ڪرڻ لڳي هئي، جيڪا هندو مت جي بُنيادي مذهبي فلسفي جي اُبتڙ هُئي.
    موهن ڪافي جهونو ٿي ويو هو. هاڻي ته نظر به سندس ساٿ ڇڏيندي پيئي ويئي. بظاهر ائين پئي لڳو ته سڄو ماحول پرسڪون آهي پر انگريز سرڪار اندر اندر ۾ وڏي کچڻي پچائي رهي هُئي
    موهن جا رابطا مسلسل ٻين ڳوٺن جي دوستن سان به هلندا پئي آيا ۽ گسن، مندرن جي پل پل جي خبر موهن کي ملندي رهي پئي ته انهن جڳهن تي اهڙي ڪا به چُر پُر نظر نه پئي آئي. جنهن سان اهو اندازو ٿئي ته اُتي سانول کي مارڻ لاءِ ڪو بندوبست ٿيل هُجي يا ڪي شڪي ماڻهو موجود هُجن تڏهن به چوڪسي کي برقرار رکيو پئي ويو، ڇاڪاڻ ته جيستائين سانول خير و خيريت سان برهمڻ آباد پهچي نٿو وڃي.
    ٻه ڏينهن اڳ، ڪاڪي والجي جي ديهانت تي سڀئي گڏاڻا هُئا. جتي چوڪسي برقرار رکڻ ۽ برهمڻ آباد، احمد آباد، بڪانير، ڇور، امرڪوٽ، غرضڪه ٿر جي سڀني شهرن ۾ پهتل انگريز فوج جي حرڪت تي به نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو هئن ۽ ٿر جي ماڻهن کي ذهني طرح ڪنهن امڪاني حملي جي صورت ۾ پنهنجي بچاءُ جو بندوبست ڪرڻ جي باري ۾ سکيا ڏيڻ جو پروگرام به ترتيب ڏنو ويو هو.
    ڪاڪي والجي کي سندس وصيت موجب روپلي ڪولهي جي ڀر ۾دفنڪيو ويو هو. موتي، موهن ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو روپلي ڪولهي واري سماڌي ۾ پهچڻ سان ئي جوش ۾ ڀرجي ويا هئا ۽ اُتي انگريزن خلاف اندر جي باهه خوب ڪڍيائون. هونئن به انساني فطرت رهي آهي ته هو جڏهن پنهنجن بهادرن ۽ سورهين جي مدفن تي پهچن ٿا ته هُنن جا ڳاٽ هڪدم اوچا ٿي وڃن ٿا. ڇاتيون بود ۾ ڀرجي وڃن ٿيون. اسين اُنهن جوڌن ۽ جوانن جي تسلسل جو حصو آهيون، جيڪي نه ڪڏهن جهُڪيا ۽ نه ڪڏهن وڪيا.
    سانول، وارا ” تڙو“ پهتا ته ڄڻ سندن ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو هُجي. آسو کي به، ڪانڪهه جي وڻن جي جهڳٽي واري ڇانءَ ۾ ليٽايون. سوڍو ڪنهن تلاءُ مان پاڻي ڀري آيو، جانور به پاڻي وغيره پي مختلف وڻن جي ڇانو ۾ آرام ڪرڻ ويهي رهيا هئا. آتش فشان جبل جي چوٽي تان نڪري ڄڻ سانوڻي جي ٿڌڙن ڪڪرن جي ڦوهار ۾ پهچي ويا هُجن. اهو آرام ۽ سڪون هنن لاءِ ڪُجهه گهڙين لاءِ هو ڏينهن سڄو هنن تڙو ۾ گذاريو. شام جڏهن پوري طرح پنهنجا پر پکيڙي چڪي ته هي به پنهنجي منزل ڏانهن اُسهڻ لڳا. آسو به پهرين کان ڪافي بهتر هو. تنهنڪري منزل ڏانهن تيزي سان هلڻ لڳا ۽ صبح جو پهرين پهر ۾ هي ڪانٽئي ۾ داخل ٿي ويا. جتي ڪاڪي والجي جي وڏي نياڻَي دلپت راءِ جي گهر ۾ ٿائينڪا ٿيا. ڪانٽئي پهچڻ تي، هنن کي جيڪا پهرين ڇرڪائيندڙ خبر پئي سا هئي ڪرنل ايونس ۽ ان جي توپ خانن سان پهتل فوج جي، ٻئي نمبر ڪاڪي والجي جي ديهانت ٿي وڃڻ جي ۽ ٽئين نئين خبر ٿيل بغاوت جي، جنهن جي ڪري، هنن محسوس ڪيو ته ڪانٽئي پهچڻ شرط، هي ٽي طرفي نگاهن ۾ اچي ويا آهن. هڪ ته انگريز، ٻيو پنڊت نائومل، ٽيون نئين ٿيل بغاوت جا اثر تنهن ڪري هنن لاءِ ڄڻ، رڻ کان به وڌيڪ ڪٺن سفر، ڪانٽئي کان برهمڻ آباد تائين جو هو، هنن به سڌو برهمڻ آباد وڃڻ بجاءِ ڪارونجهر جي اندارن برهمڻ آباد وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو.
    سانول، جي ڪانٽئي پهچڻ جي خبر، پنڊت نائومل کي پئجي وئي هُئي. پر هن وقت حالتون سراسر پنڊت نائومل جي خلاف هيون ۽ ڪرنل ايونس جي اچڻ سان پنڊت نائومل جي پهچ به محدود ٿي وئي هئي. سانول جي ڪانٽئي پهچڻ جو اطلاع انگريز ڪرنل ايونس تائين به پهچي چُڪو هو. ڪرنل ايونس به سانول ۽ اُن جي ساٿين تي ڪڙي نظر رکڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي هئي. سانول لاءِ ڪانٽئي مان نڪرڻ مسئلو بنجي پيو هو. لڳو ائين پئي ته ٽنهي ڌُرين ۾ ماٺار واري جنگ ڇڙي چُڪي آهي. برهمڻ آباد ڏانهن ڪارونجهر کان وڃڻ جو فيصلو ته هي پهرين ئي ڪري چُڪا هُئا. پر هتان کان نڪري ڪارونجهر تائين وڃڻ جو بندوبست ڪيئن ٿئي؟ انهي تي ڪالهه رات کان بحث هليو پئي. هڪڙن جي راءِ هُئي ته تڪڙ نه ڪجي هتي ويهي حالتن جو جائزو وٺندو رهجي. جيئن حالتون سازگار ٿين ته پوءِ برهمڻ آباد ڏانهن نڪرجي. ڪن نوجوان جوشيلن جو خيال هو ته هتان هٿياربند ٿي نڪرجي، جي ڪو مزاحمت ڪري ته اُن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي، اڳيان نڪري وڃجي. ڪن ٻڏتر رهندڙ ساٿين جو وري خيال هو ته هتي جي انتظاميا جي مدد وٺي، اڳتي نڪرجي، پر آخر جو خيال سڀني کي پدمن راءِ جو پسند آيو. جنهن پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته حالتن جو جيڪڏهن جائزو وٺڻ جي ويهي رهياسين ته پوءِ مهينن جا مهينا لڳي ويندا ۽ اڳيان جن جي اڳواڻي پاڻ ڪري رهيا آهيون سي ڇڙ وڇڙائي ۾ اُٻهرائي جا ڪم ڪري، وڏي نقصان ۾ پئجي ويندا. ٻيو هٿيار بند ٿي نڪتاسين ته اڳ ته اسان صرف شڪ جي بنياد تي نگاهه ۾ آهيون ٻيو هي نئين شروع ٿيل بغاوت جي زمري ۾ اچي ناحق ڪنهن ڏچي ۾ ڦاسي پونداسين. ٽيون ته هتي جي انتظاميا کي چوڻ معنٰي ته پنهنجو پاڻ پنڊت نائومل جي ماڻهن کي اطلاع ڏيون ته اسان تي لڪي ڇپي حملي ڪري نقصان پهچائين، تنهن ڪري اسان سڀني کي ماڻهن جي نظرن کان لڪي ڪارونجهر جي اندر هلڻو پوندو. اُن جو هڪ ئي طريقو آهي ته ڪاڪي والجي جي ياد ۾ هڪ ست سنگ ڪرڻ جو پروگرام رٿيون . جيڪو صرف خالصتن عورتن جو هُجي. جنهن ۾ اسان سڀ عورتن جي لباس ۾ هُجون ۽ گهر ۾ عورتن کي مردن جي لباس ۾ ڇڏجي، جيئن جيڪي اسان جي ٽوهه ۾ آهن سي گهر تي ئي مُنجهيا رهن ۽ اسين سانول وارن کي سُرڳواسي والجي جي سماڌي تائين پهچايون جيڪا ڪاورنجهر جي ڪور ۾ آهي. اُتان کان سانول وارا جبل ڏانهن نڪري وڃن ۽ ٻيا سڄي رات ست سنگ ڪري واپس هليا اچن.”
    تنهن ڪري پدمن راءِ جي تجويز تي عمل شروع ٿي ويو. اُن لاءِ آڙي پاڙي، آس پاس جي مائٽن ۽ ڳوٺن کي دعوت ڏيڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو. سانول ۽ ساٿين لاءِ ڪپڙن، والن، چوڙين، زيورن، پائيلن جو لڪ ڇُپ ۾ بندوبست ڪيو پئي ويو. ست سنگ جي پروگرام لاءِ ڀڳت به پهچڻ شروع ٿي ويا هئا. اتفاق سان موتي به سانول سان ملڻ لاءِ ڪانٽئي پهچي ويو هو. جنهنکي ڏسي انگريزن توڙي پنڊت نائومل جي ٽوهيندڙن جا ڪن کڙا ٿي ويا. موتي جي ڪري، ٽوهيندڙ ٻه طرفا ٿي ويا. جنهن جو فائدو اڻ سڌي طرح سانول کي ملي رهيو هو.


    13

    پنڊت نائومل به پنهنجا ٽوهيندڙ ڪانٽئي موڪلي چڪو هو. تنهن ڪري ڪانٽئي جي هر چرپر تي هڪ ٻه نه پر سوين اکيون کُتل هيون. موتي به سانول سان ملي نه سگهيو هو.هيڏي چرپر کي ڏسي موتي به احتياط ڪري ويهي رهيو هو. پنڊت نائومل جو هاڻي صبر لبريز ٿي چُڪو هو تنهنڪري هيل پنهنجن چيلن کي حُڪم ڏيئي ڇڏيو هئائين ته جتي به سانول کي ڏسو، اُتي ماري ڇڏجو، تنهنڪري پنڊت نائومل جا ٽوهيندڙ هر گهٽيءَ ۾ نوس نوس ڪندا وتندا هئا.
    هوڏانهن انگريز سرڪار به پنهنجن جاسوسن ذريعي سانول توڙي ٻين ماڻهن تي ڪڙي نگراني ڪري رهي هئي. سانول ۽ موتي ڪانٽئي ۾ هوندي به ٻن الڳ جاين تي هُئا. انگريز سرڪار ۽ پنڊت نائومل جا ٽوهيندڙ به سانول کان وڌيڪ موتي تي ڪڙي نظر رکيو ويٺا هئا ته موتي ئي اهو ماڻهو آهي، جيڪو سانول سان ملائي سگهي ٿو. تنهنڪري ست سنگ لاءِ ٿيندڙ تيارين ڏانهن هنن جو گهڻو ڌيان نه هو. موتي کي جنهن جاءِ جو اطلاع هو اُتي سانول موجود ئي نه هو. ڇو ته عين وقت تي سانول وارن ان جاءِ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو. موتي سانول کي ان جاءِ تي نه ڏسي سخت پريشان ٿي ويو هو، هن جي ذهن ۾ هڪدم جيڪو خيال آيو سو هو ته ڪٿي سانول، پنڊت نائومل جي چيلن جي ور ته ڪونه چڙهي ويو آهي. هُن پنهنجي پر ۾ پُڇا ڳاڇا ڪئي ته خبر پيس ته هتي ڪي مُسافر آيا ته ضرور هئا پر ڪالهه رات کان الائي ڪيڏانهن الوپ ٿي ويا آهن. وري اسان هُنن کي نه گهُمندي ڏٺو نه ڦرندي. موتي ان گس تي رهندڙ پنهنجن همراهن کان پُڇا ڪئي ته هُنن به اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪئي. هنن موتيءَ کي محض انهيءَ ڪري ٻڌائڻ مناسب نه سمجهيو ته هنن ڪانٽئي ۾ ڪيترن نون ماڻهن کي ايندي ڏٺو پئي، ممڪن آهي ته موتي کي اصل ڏس ڏين ۽ موتي سانول سان ملڻ جي ڪوشش ڪري جنهن ڪري ڪو نقصان ٿئي، تنهنڪري جيترو به محتاط رهي سگهجي ٿو رهجي. سڀني مقامي ماڻهن به سانول واري پاسي وڃڻ ڇڏي ڏنو هو. صلاح مصلحت جو جيڪو به ڪم هو سو زالن ۽ ٻارن کان پئي ورتو ويو.
    ڪرنل ايونس جو سڀ ڪم مڪمل هو، سونهان به هن هٿ ڪري ڇڏيا هئا، بس، هُن کي جيڪڏهن انتظار هو ته مٿئين انتظاميا کان اجازت نامي جو. عام ماڻهن کي ڄاڻ هئي ته فوج جيترو به وقت برهمڻ آباد ۾ رهندي، اوترو هنن جي زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪين نه گُذرندي. هر ماڻهو اهو چاهيو ٿي ته فوج پنهنجو ڪم ڪري هلي وڃي نه ته فوج کي هتان ڀڄائي ڪڍجي. پهريون سبب فوج جي مرضي تي هو ۽ ٻيو سبب عام ماڻهو جي وس ۾ ئي ڪونه هو.
    جيوت رام وارن کي به انگريز فوج جي اچڻ جي خبر پئجي چُڪي هئي. سو هو به هاڻ ڪنهن به هڪ جاءِ تي مسلسل نه پئي رهيا. انهن هر ٻئين ٽئين ڏينهن پنهنجو ٺڪاڻو تبديل ٿي ڪيو. اهو عمل تمام گهڻو ڏکيو هو پر هنن وٽ ٻئي ڪا واٽ ڪانه هئي. نه ته ڪنهن به وقت گهيري ۾ اچي، اڳين بغاوتن جيان ختم ٿي ٿي سگهيا. هنن پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر پنهنجون رٿابنديون ٿي ڪيون پر هنن جي اندر ويٺل هڪ ماڻهو، هنن جي هر حرڪت ۽ چرپر جي خبر انگريز سرڪار کي پهچائي رهيو هو جنهن جو هنن کي ذرو به شڪ نه هو.
    راڌا ۽ موهن وٽ موتي واپس پهچي سڄو سارو حال احوال ڏنو، راڌا ۽ موهن به سانول جي نه ملڻ ڪري سخت پريشان ٿي ويا هئا. راڌا، ان اڻ ڄاتي خوف سبب روئڻ لڳي ته سانول کي پڪ پنڊت نائومل وارن ماري لاش گُم ڪري ڇڏيو آهي. موهن به مٿو جهلي ويهي رهيو هو ته هي ڇا ٿي ويو. ايڏو پڪو اطلاع هوندي سانول اُتي ڇو نه پهتو، اتي نه پهتو ته پوءِ ڪيڏانهن گُم ٿي ويو.؟
    موتي ڪاڪي موهن جي ڀر ۾ ايندي چيو
    ”ڪاڪا! ائين ويهي رهڻ سان ته مسئلو حل ته ڪونه ٿيندو. ڪُجهه نه ڪُجهه ته ڪرڻو پوندو.“
    ڪاڪي موهن، موتي ڏانهن نهاريندي چيو
    ”ڇا ڪريون؟ گس گس ۽ چپي چپي تي پنهنجا ماڻهو ويٺل آهن ۽ هر پل جي پاڻ کي خبر پيئي پئي، اُن هوندي به سانول پاڻ کان گُم ٿي ويو..................!“
    موهن ائين چئي اٿي راڌا ڏانهن آيو ۽ راڌا جي مٿي تي هٿ رکي چيائين
    ”امڙ، مونکي معاف ڪجئين، آئون سانول کي بچائي نه سگهيس. هي مذهبن جا ٿلها متارا هاٿي، اڳ مون کان مُنهنجي ٻچڙيءَ زينب کي بيدردي سان کسي ڇڏيو ۽ اڄ هنن مذهبي هاٿين سانول کي به ماري ڇڏيو ۽ آئون سانول لاءِ ڪجهه ڪين نه ڪري سگهيس. ا هي ٿلها مذهبي هاٿي اسان جن اصولن، آدرش، جذبن ۽ نفيس نازڪ خيالن کي بيدردي سان لتاڙيندا ٿا وتن. مُنهنجي ڌيئڙي، اسين بي وس آهيون اسين بي وس آهيون....“
    ۽ روئڻ ۾ اچي ڇُٽڪيو، موتي ويتر پريشان ٿي ويو. ڪاڪي موهن جي حالت ڏسي، راڌا کي پنهنجو روئڻ وسري ويو ۽ ڪاڪي موهن کي سنڀالڻ ۾ لڳي ويئي.
    راڌا، ڪاڪي موهن کي چيو
    ” ڪاڪا، سانول مليو نه آهي ته خير آهي. ممڪن آهي ته ڪاڪا هو اڃان ڪانٽئي پهتو ئي نه هجي. پاڻ کي غلط اطلاع مليو هجي. ڀڳوان نه ڪري. ڪا ٻي ڳالهه هُجي ها ته به ان جو ڪو کرُ پيرَ جي ٿوري گهڻي سُڻڪ پوي ها. ٻيو ته ٺهيو پر ڪاڪا، موتي کي کڻي سانول جي خبر نه هُجي پر ڪانٽئي جي ڪنهن ته ماڻهو کي خبر ضرور هجي ها ته سانول ڪانٽئي ۾ آيل آهي. ڪانٽئي ۾ پنهنجا به ته ماڻهو آهن..“
    راڌا، سمجهائيندي رهي پر ڪاڪو موهن مسلسل روئندو ئي رهيو ڄڻ هُن راڌا جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻُڌي ٿي ڪري ڇڏي موتي ۽ راڌا اڃان موهن کي سنڀالڻ ۾ پورا هئا ته تيسين اوچتو سي آءِ ڊي وارا ۽ ڪُجهه انگريز فوجي دستي جا ماڻهو گهر اندر گهڙي آيا ۽ آنن فانن موتي کي کنڀي کڻي روانا ٿي ويا. موهن ۽ راڌا کان روئڻ وسري ويو دروازي ڏانهن ڀڳا پر سي آءِ ڊي ۽ فوجين وارا وهٽ، هنن جي اکين اڳيان گُم ٿي ويا.
    پنڊت نائومل کي مخبرن سانول جي گُم ٿيڻ جي خبر ٻڌائي ته هيڪر ته پنڊت نائومل جون واڇون ٽڙي پيون پر ٻئي لمحي منهن مان پريشاني بکڻ لڳس.
    ”جيڪڏهن هو مونکي هٿ ڪونه آيو ته هو انگريزن کي به ته هٿ ڪونه آيو آهي. ڪٿي هو جيوت رام وارن جي ور تي ڪونه چڙهيو آهي. جي اُتي وڃي ها ته به خبر کڙڪو ضرور پوي ها. ڪٿي نه ڪٿي کُر پير ضرور لڳن ها. پوءِ سانول ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو................“
    پنڊت نائومل جي ذهن ۾ اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون گردش ڪرڻ لڳيون هيون. هن پنهنجن ٽوهيندڙن کي ڪانٽئي ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي. هُن کي اها ته پڪ هئي ته سانول ڪانٽئي يا اُن جي آسي پاسي جي ڳوٺن ۾ ڪٿي لڪل آهي. رڳو ٽوهيندڙن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪٿي ٿمب ماري ويهي رهيو آهي.
    هاڻي موتي جهلاڻو آهي، ضرور ڪٿان نه ڪٿان ڪن ڪاپڙي نظر ايندي. تنهنڪري نظراندازي اڳ کان وڌيڪ ڪرڻ گهُرجي. پنڊت نائومل پنهنجن ٽوهيندڙن کي وڌيڪ محتاط ۽ چوڪسي واري نظرداري جون هدايتون ڏيئي واپس ڪانٽئي موڪليو هو ۽ پاڻ به سڀ ڪم ڪار هڪ پاسي ڪري، برهمڻ آباد ڏانهن روانو ٿيو. جيئن برهمڻ آباد واري مندر تي سانول جي مرڻ جي خبر ٻڌڻ سان قبضو ڪري وجهي.
    جيوت رام جي موڪليل ڇاپا مار ٽولين، ٿر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي هئي ۽ ڪيترائي ٻيا عام ماڻهو به حب الوطني جي جذبي هيٺ، انهن ٽولين جا غير مشروط حمايتي بڻجي ويا هئا.
    ان ڪامياب ڇاپامار ڪارروائين ۾ انهن محب وطنن جو ڪردار هو، جن سر جو سانگو لاهي، انهي ڇاپا مار جدوجهد ۾ حصو ورتو پئي ته انگريز سرڪار جي ڪيتري ئي سرڪاري مشينري کي ڪافي ڪاپاري ڌڪ رسيو پئي . عام ماڻهن کي ائين ٿو لڳو ته ڄڻ هنن جي فتح هاڻ ويجهي آهي. انگريز هتي مٿو کپائڻ بجاءِ ٻئي طرف ڀڄي ويندا. پر انهن جوڌن، سورهيائن ۽ سرفروشن وچ ۾ هڪڙو اهڙو ڪوڙو ڪانئر به موجود هو جيڪو انهيءَ شاندار جدوجهد کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ وارو هو. جنهن جي ڪنهنکي به خبر ڪانه هئي ته هو جيڪو هنن لاءِ ڏاڍو معتبر، قابل احترام ۽ قابل اعتماد هو. جنهن تي شڪ ڪرڻ ته هو پاڻ کي پاپي تصور ڪندا آهن. موتي به انهن جي چوڻ تي گرفتار ٿيو هو.
    موتيءَ جي گرفتاري پوري ٿر ۾ ڪنهن وبا جيان پکڙجي وئي. تنهن ڪري ٿر جي ڪافي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجن واپارين واپار بند رکيو هو. جيوت رام کي به موتي جي گرفتاري جو پتو پئجي چڪو هو. تنهنڪري سمنگ سنگهه موقعي جي مناسبت سان ڳالهه چوريندي چيو
    ”جيوت، هاڻي پنهنجي ويڙهه جو وقت اچي ويو آهي. سمجهو ته وطن خاطر، موت کي ڳلي لڳائڻ لاءِ تياري وٺجي نه ته موتي هڪ هڪ ڳالهه انگريز سرڪار کي ٻُڌائي ڇڏيندو.“
    جيوت رام، غور سان سمنگ سنگهه جي اکين ۾ نهاري چيو
    ”سمنگ، ممڪن آهي ته موتي ائين ڪري، پر انهيءَ کان اڳ گورن کي اسان جي ٺڪاڻن جي خبر ڪنهن پئي ڏني آهي.“
    سمنگ سنگهه وراڻيو
    ” هوندو ڪو اسان مان، ممڪن آهي موتي ئي هُجي. جنهن پنهنجو پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ گرفتاريءَ جو اهو ڍونگ رچايو هُجي.“
    جيوترام، پنهنجي بندوق جي نالي کي صاف ڪري ڦوڪَ ڏيندي چيو
    ”جي ائين آهي ته پوءِ چندرما ٽولي جي هر حرڪت جي خبر، گورن وٽ ڪيئن پهتي ۽ هنن هر گس ۽ گهيڙ تي چندرما ٽولي کي بيدرديءَ سان ماريو هو. اها خبر ته موتي کي ڪونه هئي نه سمنگ.“
    سمنگ سنگهه پنهنجي تلوار ڪلهي تان لاهي، ڪارونجهر جي کڙيل اوٽ وٽ رکي ۽ جبل جي ڇپر کي ٽيڪ ڏيئي وراڻيو
    ”ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي جيوت؟ “
    ” تون به ٿي سگهين ٿو...................آئون به ٿي سگهان ٿو......سومار، حسين، پسايو، جڳن به ٿي سگهن ٿا..... پنهنجي لڙائي جن دشمنن سان آهي. سو تيز، هوشيار ۽ انتهائي طاقتور آهي ۽ اهو اسان کي ڪمزور ڪرڻ، ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪرڻ، اسان کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو، تنهنڪري سمنگ، ڪنهن تي به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي.“
    سمنگ سنگهه خلا ۾ گهوريندي چيو
    ”جيوت، پوءِ ڇا اسين وطن جا ماروئڙا، هميشه غلامي جي طوق کي پهري رهنداسين ۽ اسين ائين ئي مرندا ۽ ڪُسندا رهنداسين.“
    جيوت رام، ٻئي هٿ سمنگ سنگهه جي ٻنهي ڪُلهن تي رکي چيو
    ”ها اسين پنهنجي وطن ۽ پنهنجن لاءِ ائين ئي مرندا ۽ ڪُسبا رهنداسين. وطن جا غدار پنهنجو ڪم ڀل ڪندا رهن ۽ اسين محب وطن پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين. ڏسون ڪير ٿو فتحياب ٿئي.“
    سمنگ سنگهه، سڄو انداران ڏڪي ويو. هن جيوت رام جي اکين ۽ چهري تي جيڪو غصب جو جاهه و جلال ڏٺو ته سمنگ سنگه جيوت رام جي اکين جي دهشت جا اُلائو نه سهي سگهندين، اکيون هيٺ ڪري وراڻيو
    ”پر جيوت، پنهنجو بچاءَ ته ڪرڻو آهي نه!“
    جيوت رام، جبل تان هيٺ هلندي چيو
    ” ها، هاڻ جبل ۾ رهڻ، جان کي جوکي ۾ وجهڻ برابر آهي. تنهنڪري اڄ رات جو سوچيان پيو ته هتان نڪري، هيٺ گُجرات مان ٿي ڪلڪتي ڏانهن نڪري وڃڻ گهُرجي.“
    سمنگ سنگهه جا ڄڻ ڪن کڙا ٿي ويا پر ڏيکاءُ طور جيوت جي حمايت ڪندي چيائن
    ”صحيح ٿو چئين جيوت، پوِءِ سڀني تائين اها خبر پهچائي ڇڏيان.“
    جيوت رام، اکين اڳيان هٿ ڏيئي جبل جي اوٽ ۾ هيٺ نهاريندي چيو
    ”نه، اڄ رات گڏپ ڪنداسين جنهن کانپوءِ ڪرم وير ۽ نيات مل وارن سان به صلاح ڪنداسين، اُن کانپوءِ ئي ڪو فيصلو ڪنداسين.“
    سمنگ، جيوت جي ڪُلهي تي هٿ رکي چيو
    ”جيوت، توکي حالتن جي سڀ خبر آهي، پل پل جي ڪيڏي اهميت آهي. جيتري دير ٿيندي اوترو پاڻ تي گهيرو تنگ ٿيندو ويندو. وڌيڪ تُنهنجي مرضي.“
    جيوت، سمنگ ڏانهن ڏسندي چيو
    ”ڇا مطلب، اسان پنهنجي وڏيرڪي هلائي، جيڏانهن چاهيون اوڏانهن وڃون. هي جي هيترا دوست، پنهنجا گهر گهاٽ، مٽيون مائٽيون ڇڏي اسان ساڻ ويڙهه جي ميدان ۾ آهن تن کي اڪيلو ڇڏي ڏيون.“
    سمنگ سنگهه، جيوت کان ٿورو هيٺ جبل وٽان لنگهندي وراڻيو
    ”نه جيوت نه، منهنجو هرگز اهو مطلب ڪونهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته گورا ڪنهن به وقت اسان تي حملو ڪري سگهن ٿا. هنن فوج به گهُرائي ورتي آهي هو مڪمل تياري ۾ آهن.“
    جيوت رام، غار ڏانهن ويندي چيو
    ”سمنگ، وطن جي جنگ ۾ جي ماريا وياسين ته به پنهنجي وطن جا سورما ٿي مرنداسين ۽ جيڪي هينئر غداري ڪندا، تن کي شايد ايندڙ نسل ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هونئن چاهي ڪجهه به ٿئي فتح نيٺ حق ۽ سچ جي ٿيندي. سا جي اڄ نه ٿيندي ته سُڀاڻ ٿيندي.“
    سمنگ سنگهه جيوت رام، کي غار ۾ ويندو ڏسي رهيو هو، جيڪو مضبوط ۽ خود اعتمادي سان قدم کڻندو غار ۾ هليو ويو.
    حيدرآباد مان نڪتل اجازت نامي وارو ماڻهو، برهمڻ آباد ۾ ڪرنل ايونس وٽ پهچي چُڪو هو. ڪرنل ايونس اجازت نامي ملڻ شرط بنا ڪنهن دير جي پنهنجن خاص ماڻهن جي گڏجاڻي گهرائي ورتي هُئي.
    ڪرنل ايونس چيو
    ”اصل ڳالهه اها آهي جنهن لاءِ اوهان کي هتي گهرايو ويو آهي ته جبل جا هزارين گس ۽ گهيڙ آهن. جن جي اوهان کي خبر نه آهي. انڪري ان مهم جوئي لاءِ جبل جي ڪيترن ئي سونهن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. فوج کي ڇهن ٽولن ۾ ورهايو ويو آهي. جيئن چئني پاسن کان گهيراءُ ڪيو وڃي. هڪڙو دستو جيڪو ڇاپامار ڪارروائي جو تجربو رکي ٿو سو هر اول دستي جيان سڀ کان پهرئين جبل تي چڙهائي ڪندو ۽ هڪڙو دستو پويان جمع رهندو جيئن ضرورت پوڻ تي فورن اُن کي اتي لاهي سگهجي. هر ٽولي سان ڇهه ڇهه سونهان گڏ هوندا يعني ڪو سونهون، غداري ڪري اُن کي فورن اُتي ماري ڇڏجو. اڃان به ڪنهن کي ڪا وضاحت پڇڻ آهي ته پڇي وٺي.“
    پر ڪوبه ڪين نه ڪُڇيو ته ڪرنل ايونس وراڻيو
    ”بس هاڻي اوهين الرٽ رهو، جيئن ٽوهيندڙ اُنهن کي محفوظ جڳهه مان ٻاهر ڪڍي آڻيندو تيئن ئي حملو ڪيو ويندو.“
    ائين چئي ڪرنل ايونس پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو.
    نيٺ انهي ست سنگ واري تجويز کي عملي جامون پهرايو ويو، سانول ۽ ساٿين کي عورتن وارو روپ ڏنو ويو. ست سنگ شام ڌاري شروع ڪيو ويو ۽ مُنهن انڌاري، اهو ست سنگ والجي واري سماڌي ڏانهن روانو ٿيو. ڀڳت زور زور سان ڀڄن ڳائي رهيا هئا.
    ڪرو هري ڪا ڀڄن پياري، عمريا بيت جاتي هئه
    پورو شُڀ ڪرم ڪر آيا، منش تن ڌرڻي ۾ پايا
    ڦري وشيون ۾ ڀرمايا، موت نهين ياد آتي هئه
    ڀڄن ڳائيندي روان دوان هئا. ست سنگ کي جبل تائين پهچڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويا. والجي جي سماڌي تي ڏيئن جي جهرمر ۽ ست سنگ وارن لاءِ ڀوڄن(کاڌي) جي تياري هلندڙ هئي. طعام وغيره کانپوءِ اڌ رات جو سانول ۽ سندس ساٿين کي جبل ۾ روانو ڪري ڇڏيو ويو. سانول وارن کي جبل ۾ روانو ڪرڻ کان پوءِ به باقي سڄي رات ست سنگ جي محفل مچائي رکي وئي. جيئن سانول وارا جبل ۾ ڪافي اندر تائين نڪري وڃن. سانول وارن به ڳپل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڪپڙا تبديل ڪيا ۽ پنهنجو سفر برهمڻ آباد ڏانهن چالو رکيائون. جبل ڏاڍو اڙانگو هو. ٻين جي لاءِ ته اها معمولي ڳالهه هئي پر ڪرمچند ڏاڍو مُشڪل ۾ ڦاسي پيو هو. ڪرمچند جي ڪري سڀ پريشان هئا.
    سانول هڪ پٿر جي ڇپر کي جهلي مٿي چڙهندي چيو.
    ”خطرو اڃان به پنهنجي مٿي ته لهرائي پيو. اڃان به امڪان آهي ته ڪُجهه به ٿي سگهي ٿو.“
    سوڍي وراڻيو
    ” ادا سانول، خطرو ته آهي پر اهو خطرو ته پنهنجي لاءِ اُتساهه جو ڪم ڏي ٿو اهو احساس ڏياري ٿو ته اسين پنهنجي وطن لاءِ سچي ۽ حقيقي ويڙهه جي رستي تي صحيح سمت ڏانهن وڃي رهيا آهيون. تڏهن ته دشمن اسان لاءِ نيون نيون ڪوڙڪيون ۽ سازشون ڪندا وتن.“
    سانول، سوڍي جي ڳالهه ٻڌي چيو
    ”برابر سوڍا! تون صحيح ٿو چئين، پر اسان جي ويڙهه جو اهو مقصد نه هئڻ گهُرجي. اسين هرو ڀرو شهادت جو جام پيئي. پنهنجي وطن ۽ پورهيت عوام جي جنگ ڇڙوڇڙ ڪري وڃون. تنهنڪري اسانکي ۽ اسان جي عوام کي جنگ ڪنهن هڪ محاذ تي وڙهڻي ڪونهي. هتي مذهبي ڪٽرپڻي، هزارن سالن جي پيدا ڪيل غلامانه ذهنيت، قبيلائي تفرقا، پيداواري سرشتي جي اڻ ڄاڻائي ڌارين جي يلغار ۽ ڦُرلٽ ڪيترائي محاذ آهن جن لاءِ اسان کي وڙهڻو آهي پر پنهنجي عوام کي وقت بوقت هوشيار ۽ خبردار به رکڻو آهي ۽ پنهنجو بچاءِ به ڪرڻو آهي. تنهنڪري سوڍا، اهو ضروري آهي ته اسان کي مرڻ کان وڌيڪ جيئڻ کي اهميت ڏيڻ گهُرجي.“
    ڪرمچند، جيڪو پنهنجن هٿن کي پٽيون ٻڌي رهيو هو، جيڪو جبل جي اڙانگي سفر ڪرڻ ڪري ڦٽجي پيا هئا سو وراڻيو
    ”سانول، بلڪل درست پيو چئي“
    سوڍو وراڻيو
    ”پر ادا، اسين انهن انتهائي طاقتور ۽ وڏي عرصي کان عوام جي استحصال ڪرڻ جو تجربو رکندڙ قوتن سان ڪئين مهاڏو اٽڪائي سگهنداسين ڇا اسان کي ائين بنا ڪنهن ويڙهه ۽ رڪاوٽن ڏيڻ جي، اهي طاقتون اسان کي اڳيان وڌڻ ڏينديون.“
    ڪرمچند پٽين واري ڪم مان واندو ٿي وراڻيو
    ”نه هو اسان لاءِ هر جڳهه ۽ هر محاذ تي، ڪئين رڪاوٽون پيدا ڪندا. اصل جدوجهد ته آهي ئي اها ته انهن رڪاوٽن کي انهن جي ئي ٺاهيل اصولن ۽ قاعدن سان ٽوڙي پار پوڻ ۽ دُشمن کي ايترو ته مجبور ڪرڻ، جو هو جنگ ڪرڻ لاءِ سنڀري اچي ۽ تيستائين اسان کي گهرجي ته اسين عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چُڪا هجون ۽ عوام جي اڳواڻي ڪرڻ جي پوري طرح صلاحيت پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪري چُڪا هُجون.“
    سانول، جيڪو ڪارونجهر جي رسندڙ هڪ چشمي مان ٻه ڍڪ پاڻي جا پي وراڻيو
    ”اها ڳالهه پاڻ، پنهنجن اُستان کان سکي آيا آهيون ته اسان جي جدوجهد، پاڻي جي جل ڦوٽي جيان نه آهي ۽ نه ئي وري سکڻن نعرن ۽ خوابن جي دنيا آهي. هي جدوجهد ڊگهي ۽ صبر آزما جدوجهد آهي. هتي جيڪو به نعرو ڏبو سو به عوام جي دل جي ترجماني ڪندڙ ۽ ڪنهن خاص مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي هوندو. تنهن ڪري دشمن اسان کي سماجي، معاشي، ذهني، تعليمي، جاني يعني هر ممڪن طرح سان مارڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو ۽ اسان پنهنجي عوام کي جيئڻ ۽ وڙهڻ جو اُتساهه ڏيندا رهنداسين.“
    سمنگ سنگهه کي به انگريز سرڪار جو نياپو ملي چڪو هو ته جيوت رام وارن کي جبل جي محفوظ ٺڪاڻن مان ڪڍي اچي. تنهنڪري سمنگ سنگهه چاهيو ته ڪنهن به صورت ۾ جيوت وارا هي محفوظ ٺڪاڻو ڇڏي اڳيان وڌن، جڏهن جيوت رام ڪلڪتي، وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ته سمنگ سنگهه جون ته خوشي وچان واڇون ٽڙي پيون هيون. پر رات جو گڏپ واري ڳالهه هُن کي ڏاڍي ڏُکي لڳي هئي. اهو سور جو ڍُڪ ماٺ مُٺي ۾ پيئي ويو، ڪا به اُٻهرائپ ڪري ڪم خراب ڪرڻ نه ٿي چاهيائين.
    شام کان ئي غار ۾ چُر پُر هئي. سڀني سوچيو پئي ته اڄ وري ڪي اهم فيصلا متوقع آهن. ممڪن آهي ته وڌيڪ ڇاپا مار ٽُوليوُن ٺهن.
    شام ڌاري سڀ اچي گڏ ٿيا، جيوت ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ” اسان پنهنجي وطن ۽ پنهنجن معصوم ماروئڙن جي ناحق وهيل رت جو بدلو وٺڻ لاءِ ساهه جي آخري تند تائين ويڙهه جي ميدان ۾ نبرد آزما رهنداسين. انگريز اسان کي غلام بنائڻ ۾ پنهنجي پاران ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيندو. اُن ڪري اسان جو ڪنهن هڪ جڳهه تي رهڻ انتهائي خطرناڪ آهي. ظاهر آهي ته پاڻ سڀ حالتِ جنگ ۾ آهيون جيئن پاڻ پنهنجي بچاءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون ٿا. تيئن انگريز به اسانکي ناڪام ڪرڻ ۽ مارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندڙ هوندو. ان جا ٽوهيندڙ هر جڳهه موجود هوندا. ممڪن آهي. هتي پنهنجي وچ ۾ هنن جو ڪو ٽوهيندڙ موجود هجي جنهن جي پاڻ کي خبر نه هُجي. ممڪن آهي هنن جو ڪو ٽوهيندڙ هتي نه هجي پر پاڻ کي هر گهڙي احتياط ڪرڻ گهرجي. تنهنڪري مُنهنجو خيال آهي، هتان نڪري هيٺ پنهنجن دوستن ڏانهن ڪلڪتي نڪري وڃجي.“
    لعل محمد وراڻيو
    ”جيوت، ويڙهه اسان جو مقصد آهي ۽ مختلف علائقن ۾ اسان جون ڇاپا مار ٽوليون پنهنجن عملن ۾ سرگرم آهن ۽ پاڻ هتان کان ويهي، صحيح نموني ڪم ڪري پيا سگهون. تنهن ڪري هتان کان هينئر وڃڻ قطعي نامناسب ۽ بي مهل ٿو لڳي. ها البت ائين ڪري سگهجي ٿو ته جبل ۾ مختلف جڳهن تي ٺڪاڻا ٺاهڻ گهُرجن ۽ اسان سڀ چار پنج حصن ۾ تقسيم ٿي، انهن ٺڪاڻن کي سنڀاليون، جيئن انگريز هڪ ئي وقت ۾ اسان کي ماري نه سگهي.“
    هريش جذباتي ٿيندي وراڻيو
    ” اسان سڀني کي خبر آهي، هن راهه ۾ اسان جا ڪيترائي دوست، ڌرتي مٿان قربان ٿي ويا آهن ۽ هنن کي خبر هئي ته هو جنهن جنگ تي وڃن پيا. تنهن ۾ جيئڻ جو ڪو به آسرو ڪونهي ته به اُهي انهيءَ جنگ ۾ ويا. هنن ته اسان جيان ويهي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هيئن ٻارن جيان هونگڙيون ڪونه هنيون هيون ۽ اهو ڪهڙو ۽ ڪير ضمانت ڏيندو ته انگريز اسان کي ڪلڪتي ۾ ڪجهه ڪونه ڪندو ۽ چوندو ڀل منهنجي خلاف هي ٻارڻ جاري رکو. تنهن ڪري اسان وٽ صرف هڪڙو ئي گس آهي ويڙهه بس.!“
    سلطان، هريش جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو.........
    ” هريش صحيح ٿو چئي ته اسان وٽ ويڙهه سوا ٻي ڪا واهه ڪونهي بچي. انگريز ڪنهن به حالت ۽ صورت ۾ اسان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. تنهنڪري هو اسان کي ٿڪائڻ ۽ ڀڄڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو. پاڻ مان سڀني کي خبر آهي ته هن جابلو سلسلي ۾ سڀني کان محفوظ جڳهه هي آهي. جتي ويهي پنهنجو بچاءُ به ڪري سگهجي ٿو ۽ انگريز سان وڙهي.............“
    سمنگ سنگهه ڏٺو ته ٺهيل ٺُڪيل ڳالهه، هٿن مان نڪرندي پئي وڃي، تنهنڪري سُلطان جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو
    ”......................... يعني اسين هتي آسانيءَ سان انگريز جي گهيري هيٺ اچي وڃون. اسان جي رسد جا گس بند ٿي وڃن ۽ اسان بُک وگهي. هڪ هڪ ٿي مرندا وڃون ۽ اسان جون جيڪي ڇاپامار ٽوليون ڪم پيون ڪن. تن وٽ ڪابه هدايت نه پهچي سگهي ۽ هو به ويڙهه جي ميدان ۾ ڇڙ وڇڙ ٿي ماريا وڃن. دوستن کي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ پنهنجي چوطرف نهارڻ به گهُرجي، جيوت بلڪل صحيح رخ ۾ سوچي پيو ۽ اسان کي انهي تجويز تي عمل ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهُرجي.“
    هيري مل، سمنگ جي ڳالهه ٻُڌي چيو
    ” دوست سمنگ ائين پيو ڳالهه ڪري، ته ڄڻ اسان وٽ تيز رفتار وهٽ هُجن، جيڪي هتان نڪرڻ کانپوءِ اسان کي اک پور ۾ ڪلڪتي پهچائي ڇڏيندا ۽ اسان کي سڄي گس ۾ اسان جو دشمن اکيون پوريو ويٺو هوندو ته هي ڀل وڃي آرام سان ڪنهن محفوظ ٺڪاڻي تي پهچن، پوءِ هنن کي ويهي ماربو. اسان وڏين قربانين ۽ محنتن کانپوءِ هيترو هٿيار گڏ ڪيو آهي. ان کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ تمام وڏو مسئلو آهي. تنهنڪري اسانکي هتان نڪري ٻي ڪنهن هنڌ منتقل ٿيڻ لاءِ ڪافي وقت درڪار هوندو ۽ ڪلڪتو هتان کان هزارين ميل پري آهي. اُتي پهچڻ لاءِ مهينن جا مهينا لڳي پوندا. تنهنڪري حال في الحال اسين ڪيڏانهن ۽ ڪٿي به نڪرڻ جي حالت ۾ نه آهيون.“
    هيري مل جي ڳالهه سمنگ سنگهه کي ڄڻ چيڙائي وڌو. هو وڏي مشڪل سان پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي وراڻيو
    ”.........ته پوءِ هتي ويهي، ڇا انگريز سرڪار سان مقابلو ڪرڻ ڪا عقلمندي چئبي. هو اسان کان ڏهوڻو طاقتور آهي تنهن ڪري هو اسان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا ويرم نه ڪندو. تنهنڪري گهيري ۾ اچي هڪ هنڌ ماريا وڃون. بهتر ائين ٿيندو ته نڪرڻ جي تياري ڪريون. جيڪڏهن اسان ننڍين ننڍين ٽولين جي صورت ۾ هتان نڪرڻ شروع ڪريون ته اسان جو ڪم ۽ سامان به ورهائجي هلڪو ٿي ويندو ۽ اهو هزارن ميلن وارو سفر به سون ميلن ۾ ٿي پوندو. ڪيئن جيوت؟“
    سمنگ سنگهه جيوت ڏانهن پنهنجي ڳالهه اُڇلائيندي، جيوت ڏانهن پنهنجي حمايت لاءِ ڏسڻ لڳو. جيوت سمنگ سنگهه جي ڳالهه جو جواب ڏئي ئي ڏي، تيستائين هيري مل وراڻيو
    ”مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي ته سمنگ ائين ڇوٿو چاهي ته اسان جي گڏيل طاقت ٽولين جي صورت ۾ ڇڙوڇڙ ٿئي. اسين هن وقت جيڪي به چند دوست آهيون. اهي هڪ ٻئي جي آڌار تي ٽڪيل آهيون. جيڪڏهن اسان ورهائجي ٽولين ۾ ٿي پياسين ته پوءِ اسان جي سگهاري قوت به ورهائجي ويندي ۽ پوءِ اسين آسان شڪار هونداسين پنهنجي دُشمن جا. جي ايترو ئي خطرو محسوس ڪيو پيو وڃي ته پوءِ بهتر آهي ته پنهنجن ڇاپامار ٽولين کي هدايتون موڪلجن ته هو فورن پنهنجون ڪارروائيون پهرين جي نسبت ٻيڻيون ٽيڻيون ڪري ڇڏين. جئين دشمن جو ڌيان ورهائجي وڃي.“
    سُلطان، هيري جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو
    ” ائين ڪرڻ سان اسان دشمن کي مُنجهائي، پنهنجي قوت ۾ ويتر اضافو ڪرڻ جي ڪوشش به تيز ڪري سگهنداسين ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ وڌيڪ جوڳا انتظام ڪرڻ جي حالت ۾ به اچي وينداسين.“
    جيوت، پنهنجي حتمي راءِ ڏيندي وراڻيو
    ”بهرحال انهي سڄي صورتحال ۾ واقعي اسان جو هتان نڪرڻ، ڪنهن خطري کان خالي نه هوندو. تنهنڪري مُنهنجي خيال ۾ ڪرم وير ۽ نيات مل وارن ٽولن کان به صلاح مصلحت ڪرڻ گهرجي. جيستائين انهن جي ڪا راءِ نه ٿي اچي تيستائين پاڻ هتي ئي رهنداسين.“
    سمنگ سنگهه اها ڳالهه ٻڌي ته سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. جيوت رام پنهنجي مخصوص ٺڪاڻي ڏانهن هليو آيو. سمنگ به جيوت پويان پويان هليو آيو
    سمنگ سنگهه جيوت کي چيو
    ”پوءِ .........................!؟“
    جيوت، ڪجهه توقف کان پوءِ وراڻيو
    ” تون، ڪرم وير ۽ نيات مل وارن ڏانهن نياپو اُماڻي ڇڏ ۽ منهنجي خيال ۾ سڀاڻڪي رات تائين هُنن جي راءِ معلوم ٿي ويندي. پوءِ ئي پاڻ ڪو فيصلو ڪري سگهڻ جي حالت ۾ هونداسين. پنهنجن ڇاپا مار ٽولين جي خبرچار وٺڻ لاءِ سبحان، هرچند، مٺو ۽ سائينداد کي روانو ڪر. جيئن وقت سر ڪنهن کي به فيصلي کان آگاهه ڪري سگهجي.“
    سمنگ سنگهه، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٻاهر نڪري ويو
    ”هاڻ ته تون مڃين ٿو نه ته تون جيوت وارن لاءِ ڪم ڪرين ٿو“
    مُڇر لاپ سنگهه پنهنجي مخصوص انداز ۾ موتي جي وارن کي پنهنجي چنبي ۾ جهلي، موتي جو مُنهن مٿي ڪندي چيو . موتي تي ايترو ته تشدد ٿيل هو جو هو ڳالهائڻ جي حالت ۾ نه هو. منهن سُڄي چڪو هئس. ٻه ٽي ڏند ڀڄي چُڪا هئس. چپن مان رت پئي وهيو. جسم ۾ به ڪا خاص طاقت نه هئس. اها حالت ڏسي مُڇر لاپ سنگهه، موتيءَ جي نڪ کي زور سان جهٽڪو ڏئي پنهنجي ماتحت کي چيائين
    ”خدو! هن کي پاڻي پيارينس ۽ سامت ۾ آڻينس“
    ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
    ڪمرو ڇا هو، هڪ ننڍڙي دري، ٿوري کُلي پئي هئي. مٿان ننڍو گول واءَ لاءِ ڄڻ گس ڇڏيل هو. البت ڀتين تي هڪ ٻه سنگهرون ٽنگيل هيون. جن جي ڇيڙي تي هٿ ڪڙا ٺهيل هئا. لڳو ائين پيئي ته اهو ڪمرو خاص تشدد ڪرڻ لاءِ ئي جوڙيو ويو هُجي. لاپ سنگهه ٻاهر اچي سگريٽ دُکائي ويهي رهيو هو ڄڻ موتيءَ تي نئين سر تشدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت گڏ ڪري رهيو هو. ڪمري جي سامهون اڻ کٽندڙ ڀٽن جو سلسلو هو. پاسي ۾ هڪ مٿڀري ڀٽ تي ننڍي فوجي ڇانوڻي ٺهيل هئي. جنهن ۾ هڪ بيرڪ ۽ پنج ست پڪيون جائيون هيون.
    لاپ سنگهه کي پنجاب مان خاص باغين کان سچيون ڪرائڻ لاءِ گهرائي هتي مقرر ڪيو ويو هو. هو ايڏي ته بيدردي سان جسماني ۽ ذهني تشدد ڪندو هو جو ڪافي ڀيرا قيدي مري به چُڪا هئا پر انگريز سرڪار کي انهن ديسي پيادي سان ايترو پيار هو جو سندس ديسين تي ڪيل هر گناهه معاف ڪيو ويندو هو. ڪلاڪ ڏيڍ جي وقفي کان پوءِ خدابخش لاپ سنگهه کي اطلاع ڏنو ته
    ”صاحب، هاڻي هوش ۾ آهي.“
    لاپ سنگهه جنهن انهي ڪلاڪ ڏيڍ ۾ سگريٽن جو پورو پاڪيٽ پي ڇڏيو هو، تنهن خدا بخش کي اڇاتري نظر سان ڏٺو ۽ ٻئي لمحي ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ اچي موتيءَ جي مٿان بيٺو.
    ” تون مڃين ٿو نه، ته تون جيوت رام وارن لاءِ ڪم ڪرين ٿو. “
    موتي جيڪو مس مس مڙئي سامت ۾ آيو هو، تنهن لاپ سنگهه جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو
    ” آئون جيوت کي ڪونه سڃاڻان پر تون ائين کڻي سمجهه ته آئون هر اُن انسان سان ڪم ڪرڻ پسند ڪريان ٿو جيڪو پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪري ٿو ۽ پنهنجي وطن ۽ قوم کي آزاد ڏسڻ چاهي ٿو.“
    لاپ سنگهه هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيو
    ”چريو ٿيو آهين، انگريز سرڪار سڄي هندستان تي قابض ٿي چُڪي آهي. وڏن وڏن لشڪرن ان جو ڪجهه ڪونه ڪيو ته اوهان جهڙا جيتامڙا ڇا ڪندا، اوهان جهڙن بيوقوف باغين جي قبرن ۽ سماڌين تي هاڻي چٻرا ويٺا دانهون ڪن.“
    موتي، نفرت سان لاپ سنگهه ڏانهن نهاريندي ــ
    ”هي ڌاريا ڇا ڪن ها هن ڌرتي کي، اوهان جهڙا پاڻ ڏس ڏيو، پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي مارائين ٿا.“
    لاپ سنگهه ڪاوڙ وچان، موتي جي ٽنگن تي زوردار ٿڏو هڻندي وراڻيو
    ” اسين واءُ جو رخ ڏسي، ان طرف هلون ٿا. اسان کي سائين گرونانڪ صاحب عقل ۽ سمجهه ڏني آهي. اوهان جيان بيوقوف ڪونه آهيون.“
    موتي، ٿڏي لڳڻ ڪري ڪجهه دير پيڙا ۽ تڪليف ۾ ٻڏي ويو، پر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين، ڪجهه دير کانپوءِ جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن چيائين.
    ” توکي خبر آهي ته اڄ نه ته سڀاڻ، هنن کي اسانجي ڌرتي خالي ڪرڻي پوندي. ڇو ته هو ڌاريا آهن ۽ ڌارئي کي ڌرتي ماتا ئي قبول ڪونه ٿي ڪري ته اسين هنن کي ڪيئن قبول ڪريون. هڪ نه هڪ ڏينهن ڀڄي ويندا. اهو اسان جو عقيدو ۽ اوهان..................“
    لاپ سنگهه، موتي جي منهن تي زوردار ٿپڙ هڻندي وراڻيو
    ” اهي ديش ڀڳتي جون نصيحتون پاڻ وٽ رک، تون ٻُڌائي جيوت سان گڏ ٻيو ڪير ڪير آهي. “
    موتي جي منهن مان رت وهڻ لڳو ۽ سور جي شدت کان نستو ٿي پيو، سور کي برداشت ڪرڻ لاءِ موتي هٿ جون مٺيون ڀڪوڙي ورتيون ۽ وات مان هلڪي رڙ نڪري ويس. لاپ سنگهه ڪاوڙ وچان، موتي کي ٻه چار لٺون، ٻيون به زور سان وهائي ڪڍيون ۽ ڪاوڙ مان ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
    برهمڻ آباد ۾ موهن ۽ راڌا لاءِ ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي هئي. پهرين سانول جو ڪو اتو پتو ڪونه ملينَ، مٿان وري هنن جي اکين سامهون سي آءِ ڊي وارا موتيءَ کي کڻي روانا ٿي ويا. موهن ۽ راڌا، ايڏا لاچار اڳ ڪڏهن به ڪونه ٿيا هئا. جهڙا هيل هو ويٺا هئا. هنن کي ڪا ڳالهه نه پئي سجهي ته هو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟ ڪنهن وٽ وڃن؟
    راڌا، ڪاڪي موهن کي التجا واري انداز ۾ چيو
    ”ڪاڪا، توهان قلعي ڏانهن وڃو، ڀاءُ گلاب سان ملي ڪري موتيءَ جو ڪو ڏس پتو حاصل ڪريو. ادي گلاب، اڳ به سانول جي سلسلي ۾ پنهنجي مدد ڪئي هئي. ڪاڪو آهين نه!“
    موهن، راڌا ڏانهن نماڻائي وارين نگاهن سان نهاريندي چيو
    ”امان، گلاب چند يا شيام ڇا ڪندا؟ هنن ويچارن جي هٿ ۾ ڇا آهي؟ امڙ، پاڻ سڀ بيوس آهيون، لاچار آهيون. هي، هي انسانيت جا قاتل، دولت جا پوڄاري، پاڻ جهڙن کي زنده رهڻ ٿورئي ڏيندا.“
    راڌا، روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو
    ”پر ڪاڪا، ڪوشش ڪرڻ ۾ ڇا آهي؟ من ڪو گس ڪا واهه نڪري پوي. هو هروڀرو پاڻ کي ڇو ماريندا ڪاڪا، پاڻ .. پاڻ هُنن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
    ڪاڪي موهن، راڌا جي مٿي تي هٿ رکي چيو
    ”امان، اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسين انسانيت جا علمبردار آهيون، پنهنجي وطن سان محبت ڪندڙ آهيون. ويڙهه، زور زبردستي، جبر ۽ ظلم جي خلاف آهيون. اسين، اسين ته امان، هنن جا وڏا ڏوهاري آهيون. بس امڙ، آسرو ڪونه اٿم، ته ڪا واهر ٿيندم پر تون چئين ٿي ته وڃان ٿو.“
    ائين چئي ڪاڪو موهن، وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو، ڪجهه ضروري سامان کڻندي راڌا کي چوندو به ويو.
    ”امڙ تون اڪيلي نه رهجين، پنهنجي پارو ڪاڪي ۽ ادي جمنا ٻائي کي پاڻ وٽ گهرائي وٺجان، ڏينهن جو هونئن پاٺ شالا جي نانڪڙين جي اچ وڃ لڳي رهندي آهي. رات جو ڪاڪي پارو ۽ ادا جمنا واريون تو وٽ ستيون رهنديون ۽ ها، ٻاهر ڪنهن ڪم لاءِ، هروڀرو وڃڻ جو ڪو لاچار ڪونهي. مندر لاءِ به ڪاڪي پارو کي ساڻ وٺي ويندي ڪجان............“
    راڌا، ڪاڪي موهن جي ڳالهين جو جواب ”هوُن“ ها ۾ ڏيندي به رهي ۽ ڪاڪي موهن کي سامان کڻڻ جي يادگيري به ڏياريندي رهي.
    موهن گهران نڪري، سڌو پرتاب ڏانهن هليو آيو ۽ پرتاب کي ٻانهن مان جهلي، شهر کان ٿورو پرڀرو، ڪونڀٽ ڀٽ ڏانهن وٺي آيو.
    موهن، پرتاب کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو،
    ”موتيءَ جي گرفتاري جي پاڻ سڀني کي خبر آهي. پر موتي کي گرفتار ڪري ڪٿي رکيو اٿن، اها خبر پاڻ مان ڪنهن کي به ڪانهي. ممڪن آهي ته ڪٿي وشني هَئي ۽ هميرو هوٿار جيان، هن کي به ماري نه ڇڏين. تنهنڪري جيترو به جلدي ٿي سگهي ته پاڻ کي موتيءَ جو اتو پتو معلوم ڪرڻو پوندو، سو انهيءَ سلسلي ۾ منهنجو خيال آهي ته پاڻ ٻنهي کي نئين ڪوٽ قلعي ۾ گلاب چند سان ملڻ لاءِ هلڻ گهرجي.“
    پرتاب خاموشيءَ سان ڪاڪي موهن جي ڳالهه ٻڌندو رهيو جڏهن ڪاڪي موهن، پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ته پرتاب وراڻيو
    ”ڪاڪا اوهين صحيح ٿا چئو ته جيترو به جلد ٿي سگهي همراه جي واهر ڪجي ۽ مون به پنهنجي هڪ دوست ڪامل کي اڳ ۾ ئي ادي موتي جي خبر چار لاءِ لڳائي ڇڏيو آهي. هو هڪ ميجر وٽ بورچي آهي اميد اٿم ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪا نه ڪا چڱي خبر ملي پوندي. اوهان جي ڳالهه به وزنائتي آهي ته گلاب چند سان به ان سلسلي ۾ ملڻ گهرجي پر اوهان کي عمر ۽ طبيعت ايڏي سفر جي اجازت نه ٿا ڏين. تنهنڪري منهنجي خيال ۾ اوهان گلاب چند لاءِ مونکي چٺي لکي ڏيو. باقي حال احوال روبرو وڃي ڪندس. اوهين ادي راڌا وٽ ئي رهو ۽ پنهنجي هتي جي ساٿين سان لهه وچڙ ۾ رهو. جيئن پاڻ ۾ پنهنجو ڪم به ڪندا رهون ۽ ادي موتي جي بچاءَ لاءِ به تدبيرون ڪندا رهون.“
    ڪاڪو موهن، پرتاب جي ڳالهه ٻڌي ڪجهه دير خاموش رهيو ڄڻ پرتاب جي ڳالهه ٻڌي، ڪنهن فيصلي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي، ڪجهه لمحن کان پوءِ وراڻيو
    ”نه پاڻ ٻئي گڏجي هلنداسين. ٿي سگهي گلاب چند تنهنجي اڳيان ايترو کُلي نه ڳالهائي سگهي ۽ هونئن به هاڻ هن جان ۾ رهيو ئي ڇا آهي. جنهن جو بچاءُ ڪريان. هي ڪنهن سٺي ڪارج ۾ ڪم اچي وڃي اها وڏي ڳالهه آهي.“
    پرتاب، موهن جو جذبو ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو. وراڻيائين
    ” ڪاڪا جسم ڪونه ڏسبا آهن، روح ، ضمير، ذهن ۽ سوچ جي ڳالهه آهي. اوهان جي اسان کي هر گهڙي، هرپل جي ضرورت آهي ۽ رهندي آئنده اسان جي اڳيان اهڙي ڳالهه نه ڪجو.“
    ڪاڪو موهن، ڪونڀٽ جي وڻ وٽان اُٿندي
    ”پرتاب، اسان کي دير نه ڪرڻ گهرجي. توکي جيڪو ضروري سامان کڻڻو هجي، سو کڻ، پوءِ پاڻ قلعي ڏانهن نڪري هلون.“
    ٻئي گڏجي برهمڻ آباد ڏانهن نڪري آيا.


    14

    سانول وارا، ڪارونجهر جي ننڍي چوٽي جي ڇپر وٽ ڏينهن جو آرام ڪري، هاڻ اڳتي نڪرڻ جي تياري ۾ هئا پر ڪالهه کان سخت گرمي اڄ پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا هئا. ائين پئي لڳو ڪي بارش اچڻ جا سانڀا پئي ڪري ، ڪڪرن جون لامون، جبل مٿان محو رقصان هيون. ڄڻ ته اڄ ڪڪر ڪارونجهر تي مهربان ٿيڻ وارا هئا. سج جي سڄي ڏينهن جي تپش، ڪڪرن جي اچڻ ڪري، ختم ٿي چڪي هئي. سانول موسم جو بدلجندڙ رنگ ڏسي وراڻيو.
    ”منهنجي خيال ۾ بارش اڌ ڪلاڪ ۾ اچي ويندي. بارش ۾ جبل تي هلي نه سگهبو. ڇو نه مينهن پئجي وڃڻ کان پوءِ نڪرجي.“
    سوڍو جيڪو، هينئر پسار ڪري اُٿيو هو. تنهن سانول جي ڳالهه جي مخالفت ڪندي چيو
    ”نه بارش هروڀرو پاڻ کي تڪليف نه ڏيندي اهو به لازمي ڪونهي ڪو ته بارش ته ڪا گهڻي پئي. تنهنڪري مُنهنجي خيال ۾ پاڻ کي پنهنجو سفر جاري رکڻ گهُرجي ۽ پاڻ سڀني کي خبر آهي ته حالتون ڳنڀيرتا واريون آهن ۽ برهمڻ آباد ۽ آس پاس جي سنگت به پاڻ لاءِ پريشان هوندي. دير جو فائدو پنڊت نائومل وٺڻ جي ڪوشش نه ڪري. هو پنهنجن چيلن چپاٽن سان گڏجي، موهن ڪاڪي ۽ ادي راڌا کي ڪو نقصان نه پهچائي، تنهن ڪري موسم جون سختيون ڏسي پروگرام ملتوي نه ڪرڻ گهرجي.“
    ڀڳڙي مل به سوڍي جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو
    ”سانول ادا! اها ڳالهه ادا سوڍي جي صحيح آهي. اسان کي هلڻ گهرجي، جيتري به ويرم ڪنداسين اوترو پنهنجو ئي نقصان آهي.“

    ڪرمچند جيڪو هيتري دير خاموشي سان دوستن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، تنهن چيو
    ”جيڪڏهن سفر جاري رکي سگهجي ٿو ۽ ڪا وڏي دقت ۽ تڪليف ناهي ته پوءِ ڀل هلڻ گهرجي، جيئن منزل کي ويجهو پهچي سگهون.“
    سانول، سڀني جي راءِ ٻڌي، خاموش ٿي ويو. تيسين هلڪي هلڪي بوندار به شروع ٿي ويئي آهي. هيٺ اُڀرندي پاسي کنوڻ جا تجلا هئا ۽ گوڙ جو ڪنهن ڪنهن وقت دٻيل آواز ٿي آيو. جبل ۾ بوندار پوڻ ڪري مٽي جي هلڪي سُڳنڌ سڄي فضا کي معطر ڪري ڇڏيو هو. بوندار پوڻ ڪري موسم مان حبس به ختم ٿي چڪو هو. موسم ڏاڍي خوشگوار ٿي وئي هئي. ڪرمچند، بادلن جو جبل کي ائين ڇُهي گذري وڃڻ جو نظارو زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏسي رهيو هو. پنهنجي ڌرتي جا اهڙا خوبصورت نظارا ڏسي ڪرمچند جي دل خوشي وچان ٻهڪي پئي هُئي.
    سانول وارا، پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيا جيئن هي اڳتي وڌندا ويا. تيئن تيئن بارش به پنهنجو زور وٺندي ويئي. اڳتي هلي بارش پنهنجي پوري جوڀن تي اچي ويئي. بارش جي زور، هوائن جي تيز جهڪڙن ۽ نئين جي زوردار پاڻي، هنن کي بيهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڪرمچند زوردار بارش کي ڏسندي وراڻيو
    ”سانول، ڳالهه سچي ڪئي هئي، اهڙي بارش ۾ هلڻ ته مشڪل ٺهيو. پر ناممڪن آهي.“
    آسو مل وراڻيو
    ” لڳي ٿو اڄ رات، هن بارش ۾ ئي پسندا رهنداسون بارش جو نمونو اهڙو آهي جو اڄ نه ڪو بيهي.“
    تيسين ڀڳڙي مل چيو
    ”ڇو نه تيسين ڪو گيت ٿي وڃي. سانول جو آواز به مٺو آهي ۽ ڪافي گيت به ياد اٿس. سانول، ٿي وڃي گيت......“
    جهيڙن جهٽن کان ڪونه ڊڄون. اسين وطن جا سپاهي آهيون
    خوف خطرن کان ڪونه لڪون، اسين وطن جا سپاهي آهيون.
    اسان جا قدم وڃن ٿا وڌندا، اسان جون منزلون اڃا به اڳتي
    ڪٿي اسين ٿا ٿڪ ڀڃون، اسين وطن جا سپاهي آهيون
    لُڪن ۽ لَڪن جا ته ڏاڍا، جوان اسان جا ڪونڌر ۽ ڪوپا،
    هر پل ڌرتيءِ لاءِ وڙهون، اسين وطن جا سپاهي آهيون.
    محبتن جا سفير بڻجي، گلاب وکيرڻ نڪتا آهيون
    ڌرتي تي ته امن ٿا چاهيون. اسين وطن جا سپاهي آهيون
    سانول جو گيت ٻڌي، ڄڻ سڀني ۾ نئون روح پئجي ويو. بارش به پنهنجا رنگ مچائي ڇڏيا هئا. کنوڻ جي تجلي پوڻ ڪري، جبل ڄڻ هنن کي اک ڀڃي رهيو هجي. گوڙ جو آواز جبل ۾ پڙاڏو بڻجي وڌيڪ زوردار ٿي لڳو. بارش جي ڦڙين جي مالهائن، جبل تي ڪرڻ شرط، سارنگ جي رڌم جو آواز پيدا ڪري، فضا ۾ ترنم ٿي پکيڙي ڇڏيو. مينهن ڦڙين تي کنوڻ جا چلڪاٽ پوڻ سان، ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ آسمان تان هيرن جو ن ڪڻيون، زمين تي ڪري زمين کي مالا مال ڪري رهيون هُجن. سانول وارا بارش جي رُڪجڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. ڪلاڪ ڏيڍ بارش پنهنجو خوب جوش ڏيکاريو. پوءِ آهستي آهستي بارش جو دم ٽٽڻ لڳو. جبل جي مختلف چوٽين مان زبردست چشما وهڻ شروع ٿيا هئا سي به هاڻي ننڍين ننڍين نئين جي صورت ۾ جبل جي وڏي چشمي ساڙڌري ۽ ٻين چشمن ڏانهن وهڻ شروع ٿي ويا هئا. سانول وارن به بارش جو دم ٽٽندو ڏسي پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ اڳتي روانا ٿيا. هاڻ سفر پهرين جي نسبت آهستي ۽ احتياط وارو اختيار ڪيو هُئن. هنن ڪانٽئي مان جيڪو کائڻ پيئڻ جو سامان کنيو هو سو به پورو ٿيڻ تي هو. ڀڳڙي مل، جبل تي پنڌ جو اندازو لڳائيندي چيو
    ”پاڻ هينئر تقريبن تقريبن وچ جبل وٽ پهچي چڪا آهيون، هاڻي چند ڪوهن تي هن جي بالي چوٽِي آهي. بالي جي چوٽي کان برهمڻ آباد تقريبن ٻن ڏينهن ۽ ٽن راتين جي فاصلي تي ٿيندو.“
    ڪرمچند معلومات خاطر ڀڳڙي مل کان پڇيو
    ”ڪانٽئي کان پاڻ ڪيترو پنڌ ڪري آيا هونداسين؟“
    ڀڳڙي مل وراڻيو
    ”ڪانٽيو اڃا هي بيٺو آهي. اها ته ڀلي ڳالهه ٿي آهي ته اڃان ته پاڻ کي پوري سفر ۾ جبل جي ڪنهن جانور سان واسطو نه پيو آهي نه ته وٺڻ جا ڏيڻا پئجي وڃن ها.“
    سانول، آسو کي هٿ ڏيئي مٿي ڇڪيندي چيو
    ”اڃان ته ادا ڀڳڙا، جبل پيو آهي. اڃان ته ڪٿي نه ڪٿي. جبل جي جانور سان مُنهن مقابل ٿي سگهون ٿا. تنهن ڪري ٿوري غفلت ڪنهن وڏي تڪليف ۾ نه وجهي ڇڏي. اڳ به ننڍي ڪوتاهي جي ڪري، مورڳو آسن مل کي ذري گهٽ وڃايو هيوسين.“
    ڪرمچند کي ڀڳڙي مل، هيٺ ويهي پنهنجن ڪُلهن تي پير رکائي مٿي ڪندي چيو
    ” اها ڳالهه صحيح آهي ته ڪنهن به دشمن کي گهٽ سمجهڻ نه گهُرجي، ٿوري غفلت وڏي تباهي آڻي ٿي.“
    ڪرمچند جيڪو سانول وارن وٽ پهچي چڪو هو، تنهن چيو.
    ”بيشڪ ڪوتاهي، وڏو نقصان رسائي ٿي. بظاهر اها ڪيڏي به ننڍڙي ۽ خسيس ڇو نه هُجي، ڀل اُن جي اُن وقت ڪا اهميت نه هُجي پر هو پنهنجا نتيجا ضرور ڏيکاري ٿي. جنهن کي پُر ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿيو پوي.“
    تيسين ڪنهن پٿر جي ڪرڻ ۽ ڪنهن جي هلڻ جي آواز سان سڀني کي ڇرڪ پئجي ويو. سڀني پنهنجي پر ۾ پنهنجن هٿيارن کي سوگهو ڪيو. رات جو وقت، مينهوڳي جي موسم، اونداهي ڪاري ٻاٽ، ڪنهن ڪنهن وقت، پري ڪٿي کنوڻ جو چلڪاٽ ٿئي. جنهن جي روشني ۾ چئني ڄڻن، انهي اڻ ڄاڻ حملا آور کي ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ٿي.
    ڀڳڙي مل سرٻاٽ ۾ وراڻيو
    ” لڳي ٿو پٽيرو آهي..............“
    سانول، حملا آور کي جانچڻ لاءِ ٻه قدم اڳيان وڌيو مس ته ڀڳڙي مل ٻانهن مان ڇڪي ورتس ۽ چپن تي آڱر رکي چپ رهڻ جو اشارو ڪيائين. چارئي ڄڻا، ساهه سُڪ ڪيو، چئني طرفن ڏانهن نهارڻ لڳا ته ڪٿان ٿو پٽيرو حملو ڪري، هڪ منٽ، ٻه منٽ، ٽي منٽ، پندرنهن منٽ، اڌ ڪلاڪ، پر وري ڪو آواز ڪونه آيو.سانول اٿي بيٺو ته وري به ڀڳڙي مل ڇڪي ويهاري ڇڏيس. آهستي چيائين.
    ” شايد، پٽيري پاڻ کي ڏسي ورتو آهي. هو پنهنجين حرڪتن تي نظر رکيو ويٺو آهي. ڪنهن به چرپر تي هو ڪنهن به وقت اوچتو حملو ڪري سگهي ٿو. غفلت نه ڪريو بس هوشيار رهو.“
    اڃان ڪجهه دير ڪو به کڙڪو ڪونه ٿيو. اچانڪ هڪ عجيب آواز آيو ڄڻ ڪنهن جابلو جيت جو هُجي. سانول وارن عجب مان هڪ ٻئي ڏي نهاريو. ڪجهه وقفي کانپوءِ وري ساڳيو آواز آيو. ڪُجهه پريان موٽ ۾ اهڙي آواز سان جواب آيو. هي چارئي پريشان ٿي ويا. هنن جي مٿان ڪهڙي شيءِ آهي تيسين کڙڪي سان ٻه ٽي ماڻهو بارودي بندوقون کنيون هنن جي مٿان اچي بيٺا. منهن ٽوال سان ڍڪيل هُئن. ڪپڙن ۽ رنگ ۾ پنهنجي ئي مُلڪ جا ماڻهو پئي لڳا.
    انهي اوچتي حملي، هنن چئني کي وائڙو ڪري ڇڏيو، سانول ۽ ڀڳڙي مل جي ذهن ۾ جيڪو پهريون خيال آيو ته پنڊت نائومل جي ماڻهن جي هٿ چڙهي ويا، هاڻ ڇا ٿيندو؟؟
    ڪجهه دير ۾ چار پنج ٻيا همراهه، هُنن هٿياربند ساٿين سان اچي ڪٺي ٿي هنن کي اڳيان ڪري پاڻ پويان هلڻ لڳا. هنن مان ڳالهايو ڪنهن به ڪونه ٿي، جي ڪا ڳالهه هڪ ٻئي کان پڇيائون ٿي ته ڪن مخصوص اشارن سان پڇيائون ٿي.
    موتي بدستور ساڳئي ڪوٺيءَ ۾ قيد هو، تشدد هڻي هيڻو ڪري ڇڏيو هئس. هو جيڪڏهن زنده هو ته صرف پنهنجي حب الوطنيءَ جي جذبي جي ڪري نه ته هيستائين ڪڏهو ڪو مري کپي چُڪو هجي ها.
    ”خدا بيگ، هن کي صاحب واري ڪمري جي لاڪپ ۾ وٺي اچ، صاحب جو حڪم آهي.“
    ڏٻري پٽيوالي صاحب جو حڪم ٻڌي سپاهي خدابخش کي پهچائيندي چيو. خدابخش به شايد ڪو انهي حڪم جو منتظر هو. سو پٽيوالي کي ورندي ڏيندي بغير، ڪوٺي جو در کولي، اچي موتيءَ کي کوليائين. جيڪو تقريبن نيم بيهوشي جي حالت ۾ هو. تنهن پڪ سمجهيو ته شهادت جو وقت اچي ويو هو. تشدد جي ڪري موتي هلڻ ۾ سخت تڪليف پئي محسوس ڪئي پر دشمن اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڪمزور ظاهر ٿيڻ نه ٿي ڏنائين تنهنڪري رڙهندو رڙهندو. لاپ سنگهه واري ڪوٺي واري لاڪپ ۾ پهتو. جنهن ۾ ماحول پهرين کوليءَ کان ڪجهه بهتر ماحول هو.
    موتي، بيهي ڪو نه پئي سگهيو تنهنڪري ڀت کي ٽيڪ ڏيئي هيٺ فرش تي ويهي رهيو. تشدد سان ٿيل زخم، مينهوڳي جي موسم ڪري ويتر خراب ٿي پيا هُئس. جن ۾ رت سان گڏ پُون ۽ گند به وهي رهيو هو، مکين جي بچاءَ لاءِ پنهنجي قميص جو داون ڦاڙي، ڦٽن تي ٻڌو هئائين پر ڪي اهڙا ڦٽ هئس جتي هن جو هٿ پهچي نه سگهيو هو. اتي مکين کيس ڏاڍو تنگ ٿي ڪيو.
    ”.............نه نه هي ماڻهو، انهن مان ڪونهي. نه ته هي ڪالهوڪو ڇوڪرو، هڪ ٻه ڌڪ سان سچي ڪري وجهي ها. هي هيترو موچڙو هاٿي کي نمائي ڇڏي ها. سر منهنجو تجربو ٻڌائي ٿو، هي جيوت رام وارن کي سڃاڻي ئي ڪونه. باقي جواني جي جوش ۾ ديش ڀڳتي جو اجايو جن سوار اٿس.....“
    لاپ سنگهه جو آواز، موتي سڃاڻي ورتو هو. جيڪو ڀت جي ٻي پاسي ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هو.
    ” ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي ته سمنگ جي ڏنل رپورٽ غلط هُجي.“
    هڪ اڻ ڄاڻ آواز سان گڏ سمنگ سنگهه جي نالي ٻڌڻ سان موتي جا ڪن کڙا ٿي ويا. هاڻي پهرين کان وڌيڪ غور سان ڪن لڳائي، ڀت جي ٻي پاران ايندڙ ڳالهيون ٻُڌڻ لڳو.
    لاپ سنگهه جو ڳالهائڻ ...............................
    ”ممڪن آهي ته ماڻهو ٻيو ڪو هُجي ۽ هن ڀُل مان اهو نالو ڏنو هجي. سمنگ سنگهه جي اطلاع ڪري ئي ته هن ڇوري کي سچي ڪرائڻ لاءِ ايترو ماريو اٿم پر پوءِ مون محسوس ڪيو ته ڇوري کي ذري ڪا به خبر هُجي ها ته ٻڙڪ ضرور ٻاهر ڪڍي، آخر سڄو هندستان پيرن هيٺيان ڪڍيو اٿم، وڏن وڏن ديش ڀڳتن کان سچيون ڪرايون اٿم، ايترو آئون به سمجهان ٿو سرلارنس.“
    ”اڇا ته ٻيو همراهه انگريز آهي.“ موتي پنهنجي منهن ڀڻڪيو. ڪجهه دير ڀت جي ٻئي پاسان خاموشي رهي ٿوري دير کان پوءِ ساڳي عملدار لارنس جو آواز آيو.
    ”پوءِ سمنگ سنگهه جي انهي اطلاع جي به ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي ته هو جيوت وارن کي جبل مان ڪڍڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي سگهيو آهي. جمعي جي ڏينهن ۾ به باقي ٻه ڏينهن آڏا آهن. جمعي واري ڏينهن چڙهائي به پاڻ کي نقصان نه ڏي..........................“
    لارنس جي ڳالهه ٻڌي، موتي جو ته هانءُ ئي ڊهي پيو
    هاڻ ڇا ٿيندو؟ آئون جيل ۾، هوڏانهن هو ڪارو نانگ سمنگ، اسان کي مارائڻ جا سڀ بندوبست پيو ڪري. موتي پنهنجي منهن آهستي ۾ چيائين. ” غدار... لعنتي.” هو ٻيو ڪجهه ڪري نه پئي سگهيو. پنهنجي مُنهن ڀڻڪي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو.
    لاپ سنگهه جو آواز
    ”جي اوهان سمجهو ٿا ته ڀل ڇنڊ ڇاڻ ڪريو. پر سمنگ، انگريز سرڪار جو اهو وفادار ماڻهو آهي. جنهن پنهنجو پاڻ کي هنن وحشي ۽ جهنگلي ماڻهن جي وچ ۾ ويهي، تمام ڪارائتيون خبرون پهچايون آهن نه ته هيل تائين پاڻ تمام گهڻو نقصان کائي چڪا هجون ها تنهنڪري سر لارنس صاحب، اهڙن ڪمن ۾ ڪڏهن به تڪڙ ناهي ڪبي. هو ضرور ڪوشش ڪندو هوندو، هن جي نئين اطلاع اچڻ تائين ڪا به اڳرائي نه ڪرڻ گهُرجي.“
    لارنس جو آواز
    ” تون ٺيڪ پيو چئين لاپ سنگهه، اها تجويز ڪرنل تائين پهچڻ گهُرجي.“
    لاپ سنگهه جو آواز
    ”نائيڪ، نانڪ کي هينئر ئي برهمڻ آباد ڏانهن اُماڻي ڇڏيون“
    ڪجهه دير ڀت جي ٻئي پاسي وري به خاموشي
    لارنس جو آواز ٿورو پري ٿيندي ٿيندي پئي آيو
    ” آئون پاڻ برهمڻ آباد لاءِ نڪران ٿو. هتي جي نظرداري تنهنجي حوالي آهي. منهنجو خود جو اُتي وڃڻ ضروري آهي.“
    لاپ سنگهه جو ٿورو ڏاڍايان آواز
    ”هن ڇوري جو ڇا ڪريون؟“
    پريان کان لارنس جو آواز آيو پر موتي لارنس جي ڳالهه سمجهي نه سگهيو. موتي ٿورو ڀت کان اوريان بيهوشي وانگر ليٽي پيو. لاپ سنگهه، موتي واري کولي واري ڪوٺي ۾ آيو ۽ ڪجهه ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ گڏوگڏ موتي تي به اڇاتري نظر اڇلائيندي ويو
    اڌ ڪلاڪ کان پوءِ لاپ سنگهه جو آواز موتي ٻُڌو
    ”نانڪ“
    ”جيءُ سائين“
    ”هتان آچو کي برهمڻ آباد موڪلي، موهن کي گهُرائي وٺ“
    ”جيءُ سائين“
    نائيڪ نانڪ. وفاداري جو سليوٽ ماري، ٻاهر نڪري ويو
    موتي، موهن کي گهُرائڻ واري ڳالهه ٻُڌي، سخت پريشان ٿي ويو، هاڻ وري الائي ڪهڙي هچا، هي مُڇر اسان لاءِ گهڙي پيو.
    پنڊت نائومل، پنهنجن پنهنجن چيلن سان گڏ، اچي برهمڻ آباد ۾ ٿاڪ ٺاهيا، پنڊت نائومل پاڻ ته سيٺ شرنارٿي جي عاليشان اوطاق ۾ رهيل هو. باقي سندس چيلا، مندر جي آس پاس واري علائقن ۾ اچي ويٺا هئا. پنڊت نائومل ۽ ان جي چيلن جو اچڻ ڏسي ڪاڪي موهن ۽ سانول جا ساٿاري به مندر جي حفاظت لاءِ پهچي ويا هئا. موهن ۽ پرتاب جيڪي برهمڻ آباد ڇڏڻ جي تياري ۾ هئا. سي ان نئين صورتحال کي ڏسي پريشان ٿي ويا هئا. هاڻي هنن کان اهو فيصلو نه پئي ٿيو ته هو قلعي ڏانهن وڃي گُلاب چند سان ملن يا ان نئين صورتحال ۾ برهمڻ آباد ۾ ئي رهي پون.
    پرتاب، ان نئين پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي، اِن متعلق، ڪاڪي موهن کان راءِ پُڇندي چيو
    ”ڪاڪا، هاڻي ڇا ڪجي؟ هيءَ نئين مصيبت اچي پهتي آهي، هاڻي توهان جي ڇا راءِ آهي ته قلعي ڏانهن هلون يا هن نئين مصيبت کي مُنهن ڏيون.“
    موهن پاڻ به سخت پريشان هو، سو وراڻيو
    ”پرتاب، ڳالهه مُنهنجي سمجهه کان به ٻاهر آهي، هاڻي ته پاڻ سان ڪاتي گدري وارو ڪم آهي، ڪجي ته ڇا ڪجي؟“
    پرتاب به چونئري ۾ پيل کٽ تي ويهندي وراڻيو
    ”هنن جي مندر ۾ ياترين سان کٽ پٽ ۽ کينچل ته مونکي ڀؤ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هي ڪٿي سرڳواسي مهراج همنيت جيان راڌا کي ڪو نقصان نه پهچائين.“
    موهن، پريشاني جي عالم ۾ چونئري ۾ اچ وڃ ڪندي وراڻيو
    ”شُڀ، شُڀ! ڳالهائي، ڀڳوان ڪندو ته دشمن ناڪام ويندو. بس مونکي ڪُجهه سوچڻ ڏي.“
    تيسين پرتاب کي ڪنهن سڏ ڪيو
    پرتاب ٻاهر ويندي پنهنجي مُنهن وراڻيو
    ”ڀڳوان ڪري خير هُجي.“
    ڪُجهه ئي دير ۾ وري واپس آيو. چهري تي مرڪ ۽ رونق موٽي آئي هئس سو خوشي منجهان وچان ڪاڪي موهن جا ٻئي هٿ جهليندي چيائين
    ”ڪاڪا، موتي بي قصور ثابت ٿيو آهي. انگريز سرڪار هن کي آزاد ڪرڻ واري آهي.“
    اها خبر ڪاڪي موهن لاءِ ڪنهن وڏي زلزلي جي جهٽڪي کان گهٽ نه هئي. ڪاڪي موهن خوشي ۽ حيرت گاڏڙ لهجي ۾ رڙ ڪئي
    ”هان................................!! واقعي.....................!!؟“
    پرتاب آيل همراهه واري سڄي ڳالهه ٻڌائي، ڳالهه ٻڌي موهن جي چهري تي اطمينان جون ريکائون رقص ڪرڻ لڳيون ۽ فورن چيائين.
    ”هاڻي آئون انهي پنڊت کي به ڏسان ٿو. آيو آهي مندر تي قبضي ڪرڻ جا خيال کڻي.“
    پرتاب جي نرڙ تي چُمي ڏئي، موهن پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.
    لارنس به برهمڻ آباد ۾ ڪرنل ايونس وٽ پهچي چڪو هو، ديسي لشڪر به جبل تي چڙهائي جي تيارين ۾ مشغول هو ڇاڪاڻ ته سڀاڻي جمعي جو ڏينهن هو.
    لارنس، ايونس سان ملي، سڄي نئين صورتحال سامهون رکي. ڪرنل ايونس سڄي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
    ” لارنس! مونکي اڳيئي شڪ هو ته انهي ماڻهو جو جيوت واري ٽولي سان ڪو تعلق ڪونهي پر سمنگ جي رپورٽ به رد نه پئي ڪري سگهيس. ايتري ته مونکي به ڄاڻ هئي ته هن جو واسطو ساڌو سانول وارن سان آهي. جيڪي پنڊتن، مُلائن ۽ مذهبي انتهاپسندي جي خلاف آهن. هي ڪي ڇاپا مار ڪونهن. خير هيڙن پيچيده ڪمن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطي ٿيو وڃي.“
    لارنس، ڪرنل جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
    ” ائين ته ڪرنل صاحب برابر آهي. پر اِن سان اها ڳالهه ثابت ڪانه ٿي ٿئي ته جيوت جي پڪڙ، پنهنجن ماڻهن تي انتهائي مضبوط آهي. جو هُن جي انهي پڪڙ سمنگ سنگهه جهڙي شاطر ماڻهو کي به مُنجهائي وڌو آهي.“
    ڪرنل ايونس، حيرت مان لارنس ڏانهن ڏسندي چيو
    ”ها واقعي! انهي ڳالهه ڏانهن ته منهنجو ڌيان ئي ڪو نه ويو. پوءِ ته هن جي حملي ڪرڻ واري اطلاع تي به وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.“
    لارنس، ڪرُسي ڇڪي، ٽيبل جي ڀر ۾ ويهندي چيو
    ”ڇا سمنگ سنگهه، اوهان کي جمعي جي ڏينهن تي حملي ڪرڻ جو پڪو اطلاع ڏنو آهي؟“
    ڪرنل ايونس به پنهنجي ڪُرسي تي ويهندي چيو
    ”نه پڪو اطلاع ته ڪونه ڏنو هئائين، ها! پر ايترو ضرور چيائين ته هو ٻن ڏينهن اندر، جيوت وارن کي جبل جي محفوظ ٺڪاڻن مان ڪڍي ٻاهر ايندو، انهي ڪري حملي جي رٿابندي چئن ڏينهن کانپوءِ ڪرڻ جي ڪئي هُئي.“
    لارنس، ٽيبل تي ٻانهون رکي، رازداري واري انداز ۾ وراڻيو
    ” انهي اطلاع کانپوءِ وري ڪو سمنگ جو نياپو مليو آهي؟ “
    ڪرنل ايونس مختصرن چيو
    ”نه“
    لارنس ٿڌو ساهه ڀري، ڪُرسي کي ٽيڪ ڏيندي چيو
    ”....ته پوءِ اُن جي ٻئي اطلاع جو انتظار ڪيو ۽ پوءِ ئي حملو ڪريو.“
    ڪرنل ايونس بي چين ٿيندي چيو
    ” لارنس، ائين ته پوءِ دير ٿي ويندي. انهي دير ڪري، اڳيئي پاڻ تمام گهڻو نقصان کائي چُڪا آهيون. پاڻ ان حالت ۾ آهيون جو سمنگ سنگهه جي ٻئي اطلاع کانسواءِ به حملو ڪري سگهون ٿا.“
    لارنس ڪرسي تان اُٿندي چيو
    ” ته پوءِ ڪرنل، انهي ڳالهه تي ضرور ويچار ڪر ته هوءِ بچاءُ واري حالت ۾ آهن. اسين ٻاهر ۽ هو جبل جي حفاظتي آڏ ۾ آهن. انهن ۾ سمنگ ڦوٽ وجهڻ ۾ به ناڪام ويو آهي. هي تر ، علائقا ۽ ان جا رهواسي به انهن جا پنهنجا آهن. هو جبل جي سڀني انگن ۽ آرن کان واقف آهن. ائين نه ٿئي جو پاڻ ٿورڙي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڏي نقصان ۾ نه پئجي وڃون.“
    لارنس جي ڳالهه ٻڌي، هيڪر ته ايونس سوچ ۾ ٻُڏي ويو، پر ڪجهه دير کانپوءِ وراڻيو
    ”حملو سڀاڻي ئي ڪنهن وقت ڪبو، باقي اڄ رات جو سمنگ سان رابطي جي ڪوشش ڪندس.“
    لارنس، ڪمري کان ٻاهر ويندي وراڻيو
    ”جيئن تنهنجي مرضي ڪرنل.“
    سج اُلهي چڪو هو، ايونس، لارنس جون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويو هو، ان ڪري سمنگ سنگهه سان رابطي رکڻ واري ماڻهو کي گهُرائي ورتو.
    ”سمنگ سان رات جو ئي ملڻو آهي.“
    ڪرنل ايونس، ٽيڪچند کي گهرائڻ جو سبب ٻڌايو.
    ٽيڪچند فورن چيو
    ”سر، اهو ممڪن ڪونهي. اسين ان سان ڪو به رابطو نٿا ڪري سگهون. هو ئي اسان سان رابطو ڪري سگهي ٿو. “
    ڪرنل ايونس پنهنجي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلندي پنهنجي منهن چيو
    ” اڄ هُن کي اسان سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها....................!“
    وري ٽيڪچند ڏانهن مخاطب ٿيندي چيائين
    ”اُن سان ملڻ جا ڪا تدبير؟“
    ” سر! ڪا به نه “
    ڪرنل ايونس ويتر پريشان ٿيندي وراڻيو
    ”پوءِ .....؟“
    ٽيڪچند ڪجهه دير سوچيندي وراڻيو
    ”ها سر هڪ ڪم ٿي سگهي ٿو اسان ٻنهي جي رابطي رکڻ واري ماڻهو سان ملي سگهجي ٿو.“
    ڪرنل ايونس جيڪو ڪُجهه دير اڳ مايوس ٿي چُڪو هو، سو اها ڳالهه ٻڌي فورن ٻاهر نڪري گهوڙي جي لغام ۾ هٿ وجهندي چيو
    ”هل، اُن سان هلي ملون.“
    ٽيڪچند ڪجهه ڳالهائي ئي ڳالهائي، ڪرنل ايونس گهوڙي کي ڀڄائي اڳيان نڪري ويو، ٽيڪچند کي مجبورن گهوڙي تي چڙهي ڪرنل جي پويان وڃڻو پيو، ڪرنل ڪافي اڳيان نڪري ويو هو، ٽيڪچند گهوڙو ڊوڙائي ڊوڙائي مس وڃي ڪرنل ايونس وٽ پهتو. پهچڻ شرط چيائين
    ” پر، سر اوهان اُن سان ملي ڪونه سگهندؤ، جي هن اوهان کي مونسان گڏ ڏسي ورتو ته پوءِ هو اسان ٻنهي ۾ پُل وارو ڪم ڪونه ڪندو.“
    ڪرنل ايونس وڏي اعتماد سان چيو
    ”ٺيڪ آهي. آئون ان سان ڪو نه ملندس. آئون ڪنهن مناسب جڳهه تي بيهي رهندس. تون حال احوال وٺي اچجان.“
    رات پنهنجا پر مڪمل طرح پکيڙي چُڪي هئي، تازي تازي بارش پئجي وڃڻ ڪري، مٽي جي هٻڪار فضا ۾ پکڙيل هئي. موسم بدستور جهڙالي هُئي. جنهن ڪري رات جي اونداهي ويتر وڌيڪ هئي. جبل جي قدرتي ٺهيل جامن ۾ بارش جو صاف پاڻي بيٺل هو. ڪرنل ايونس ۽ ٽيڪچند جبل جو پاسو وٺي، جبل جي وڏي وَر کان مُڙيا ته ٽيڪچند ڪرنل ايونس کي اُتي بيهڻ جو اشارو ڪري، پاڻ سرپٽ گهوڙو ڊوڙائيندي اڳتي نڪري ويو ۽ پنجن ڪلاڪن کانپوءِ واپس وريو ته ڪرنل ايونس جو گهوڙو اُتي ئي بيٺو هو ۽ ٿورو پرڀرو جبل جي هڪ وڏي پٿر وٽ ڪرنل ايونس، اونڌي مُنهن ڪِريو پيو هو. ٽيڪچند ڊوڙي وڃي، ڪرنل ايونس وٽ پهتو، ڏٺائين ته هو مري چُڪو هو.
    سانول وارا قيدي بڻجي، الائي ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. اها سانول وارن مان ڪنهن کي به خبر نه هئي، هنن کي هاڻي پنهنجو موت بلڪل سامهون نظر اچي رهيو هو.
    ”مذهبي عفريت نيٺ کٽي ويئي. نيٺ عوام جو استحصال ڪندڙ قوتون، پنهنجي پر ۾ ڪامياب ٿي ويون، پر اسان جيڪو ٻج انسانن جي ذهنن ۾ ڇَٽي آيا آهيون. انهن مان ڪي سِلا ڦُٽي نيٺ ته وڻ ٿيندا ۽ نيٺ ته عوامي راڄ ايندو.“
    سانول جي ذهن ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون گردش ڪرڻ لڳيون هيون. هُن ذهني طور ڄڻ پنهنجو پاڻ کي موت لاءِ تيار ڪيو پئي. هلندي هلندي، هڪ جڳهه تي، هٿياربند بيهي رهيا ۽ ڪجهه عجيب قسم جي جانور جيان آواز ڪڍيائون. لالٽين جي انهي هلڪي روشني ۾ هڪ ڀيرو سانول هنن جا چهرا ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي پر هُنن جا چهرا راجستاني اجرڪ سان ويڙهيل هئا. هنن وري به ساڳيو آواز ٽي ڀيرا ڪڍيو ته مٿان جبل جي هڪ وڏي پٿر وٽان ٻه ٽي همراهه ظاهر ٿيا ۽ آواز ڏيندڙ همراهه هنن کي ڏسي، سانول وارن کي ساڻ ڪري، هنن وٽ پهچي ويا. هنن مان هڪ همراهه بندوق جي نالي سان، هنن جا چهرا مٿي ڪندو ڏسندو ويو، جيڪي ڍگهي سفر ڪري، ٿڪل ۽ ڪمزور لڳي رهيا هئا. انهي همراهه، هنن کي هٿ جي اشاري سان هيٺ ويهڻ جو چئي پاڻ وري جبل ڏانهن نڪري ويو. عجب ته اهو هو جو هڪٻئي سان ڳالهائي ڪين نه رهيا هئا. ٻن ڪلاڪن جي موتمار خاموشي کان پوءِ ڪنهن جي هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو آواز اچڻ لڳو. چند گهڙين کانپوءِ اهي همراهه هنن جي سامهون هئا.
    ”اڙي.........................سانول تون......!“
    جيوت، سانول کي سامهون بيٺل ڏسي، حيرت ۽ خوشيءَ گاڏڙ لهجي ۾ چيو ۽ ڀاڪر پاتائين. جيڪي همراهه هنن کي جهلي آيا هئا سي به جيوت ۽ سانول کي حيرت مان ڏسي رهيا هئا. جيوت، سمنگ، هريش ۽ لعل محّمد وارا سانول وارن کي پنهنجي ٺڪاڻي تي وٺي آيا.
    ”موتي غدار ٿي نٿو سگهي. انهي ڳالهه تي جيوت آئون يقين نٿو ڪري سگهان. اهو ممڪن ئي ڪونهي.“
    جيوت وارن سان حال احوال اورڻ کان پوءِ سانول جو اهو موتي واري ڳالهه تي پهريون ردِعمل هو.
    سمنگ سنگهه سانول جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
    ”اسان پاڻ به اڃان تائين يقين نه پيا ڪري سگهون ته موتي ائين ڪري سگهي ٿو پر اسان جي هر حرڪت ۽ چُر پُر جي انگريز کي ڪو ته خبرچار پهچائيندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ۽ اسان جي ڇاپا مار ٽولين جي گهڻي تڻي معلومات موتيءَ کي معلوم هئي ۽ اسان سمجهون ٿا ته انگريز سرڪار کي اها معلومات موتي ئي پهچائيندو رهيو آهي. هاڻي ته اهو به خوف ورائي ويو آهي ته اسان جي هن خفيه ٺڪاڻي جي خبر به انگريز سرڪار کي هوندي. انهي ڪري اسين پاڻ انهي ڇڪتاڻ ۾ آهيون ته هتان کان نڪري ڪهڙي پاسي وڃون؟“
    ڀڳڙي مل، سمنگ جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
    ”ٿي سگهي ٿو ادا، ماڻهو ۽ مُند کرئي جي سُڌ ڪونه ٿي پوي.“
    جيوت وراڻيو
    ”سانول، آئون سمنگ جي ڳالهه سان متفق ڪونه آهيان ڇو ته ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جي خبر صرف اسان چند ماڻهن کي ئي آهي پر اهي ڳالهيون انگريز سرڪار تائين پهچي ويون. انهي ڪري ئي منهنجو شڪ موتي ۾ پُختو ڪو نه ٿو بيهي.“
    ڪرمچند، جيڪو هنن جون ڳالهيون ڪافي دير کان ٻڌي رهيو هو، تنهن چيو
    ” ادا جيوت، جي اها ڳالهه وزنائتي ۽ غور طلب آهي ته ڪو اهڙو ماڻهو، اوهان جي ٽولي ۾ آهي، جيڪو اوهان جي هر ڳالهه تي نظر رکندو پيو اچي پر اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهُرجي ته ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي خبر، چند ماڻهن کانسواءِ ٽولي جي ٻين ماڻهن کي نه هوندي. انهيءَ مان اندازو ائين ئي وڃي بيهي ٿو ته اهو مخبر ماڻهو به انهن چند ماڻهن مان ڪو هڪ هوندو.“
    سمنگ سنگهه ڦڪي مُرڪ مُرڪندي وراڻيو
    ”بلڪل، پر اها خبر ڪيئن پوي ته اهو اسان مان ڪهڙو آهي؟“
    ڪرمچند وراڻيو
    ” آسان آهي.................“
    تنهن تي سانول ڪرمچند جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ته
    ”ائين به ڪونهي، جيئن ڪرمچند چئي ٿو، اسان وٽ هر دوست ۽ ٽولي جو خاص ماڻهو آهي. تنهنڪري ڪي ڳالهيون ڀل اسان چند ماڻهو پاڻ ڪري، ڪو فيصلو لاهيون پر ان ڳالهه لاءِ اسان صفا رازداريءَ ڪو نه ٿا اپنايون. تنهن ڪري اسان وٽ هر دوست ٿوري يا گهڻي دير لاءِ ايندو ويندو رهي ٿو. تنهنڪري اسان ڪنهن تي به ڪو شڪ نٿو ڪري سگهون.“
    جيوت اُٿندي چيو
    ” سانول، بلڪل ٺيڪ پيو چئي پر قسم هن پاڪ امڙ ڌرتيءَ جو ته جي اهو غدار مونکي ملي ٿو وڃي ته آئون ان جي ٻوٽي ٻوٽي ڪري، ڪانگن ۽ چٻن کي کارائي ڇڏيندس. ٽُوهه ۾ آئون به لڳو پيو آهيان ۽ اوهان به اچي ويا آهيو. هاڻي گڏجي ڪو بندوبست ڪنداسين.“
    اهو چئي هو ٻاهر نڪري ويو. تيسين سانول وارن جي ماني پهچي ويئي. ماني کائي سانول وارا، آرام سان ليٽي پيا، ٿڪل هئا تنهن ڪري هنن کي ننڊ ورائي وئي.
    موهن، پرتاب کان نڪري، سڌو راڌا وٽ پهتو، موتي جي بي قصور هُجڻ ۽ آزاديءَ واري اچي خوشخبري سُڻايائين ته راڌا به خوشيءَ وچان ٻهڪي اٿي. اڃان ڀائيٽي ۽ ڪاڪو خوشي ملهائن ۾ پورا هئا ته ٻاهران سڏ ٿيو، موهن ٻاهر نڪتو ته سامهون برهمڻ آباد ٿاڻي جو سپاهي رائيمل بيٺو هو. رائيمل، ڪاڪي موهن کي ڏسندي ئي وراڻيو.
    ”ڪاڪا، اوهان کي وڏي صاحب، ٿاڻي تي سڏايو آهي“
    ”مونکي “
    رائيمل وراڻيو
    ”ها ڪاڪا، مونکي ته اوهان کي سڏڻ لاءِ ئي موڪليو اٿن“
    موهن، رائيمل جي ڳالهه ٻُڌي پريشان ٿي ويو ۽ وراڻيو
    ” سڀ خير ته آهي نه !؟“
    رائيمل، پنهنجي بندوق ڪُلهي تي سڌي ڪندي، اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪندي وراڻيو
    ” الائي..........!“
    موهن يڪدم وراڻيو
    ”الائي مان ڇا مطلب آهي؟!“
    رائيمل پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي وراڻيو
    ”ڪاڪا، مطلب ته مونکي ڪا به خبر ڪونهي، صاحب مونکي حُڪم ڏنو ته اوهان کي ٿاڻي تي وٺي اچان.“
    موهن پريشاني ۽ فڪرمنديءَ واري حالت ۾ وراڻيو
    ” ترس، آئون ڇوڪريءَ کي ٻڌائي اچان.“
    ۽ اندر اچي راڌا سان ڳالهائي ئي ڳالهائي، اُن کان اڳ ۾ ئي راڌا وراڻي
    ”نه ڪاڪا، ڪو ضرور ڪونهي ٿاڻي تي وڃڻ جو“
    ”ڇو گهرايو اٿن ٿاڻي تي ؟“
    راڌا، ڪاڪي موهن جي سامهون ايندي چيو
    ”اوهان کي به جهلي ٿاڻي تي ويهارڻ لاءِ، جيئن پنڊت نائومل آرام سان ويهي مندر سان مستيون ڪري.“
    موهن اها ڳالهه ٻڌي ويتر پريشان ٿي ويو، وراڻيو
    ”پوءِ......................!؟“
    راڌا، فيصلا ڪن لهجي ۾ چيو
    ”پوءِ ڇا؟ ٿاڻي تي وڃڻ جو ڪو ضرور ڪونهي، جيستائين ٿاڻي تي گهرائڻ جو سبب نٿا ٻڌائين.“
    موهن، راڌا کي وراڻيو
    ”پر هن کي ته خبر ڪونهي.“
    راڌا وراڻي
    ”ڪاڪا، چئوس، پنهنجي صاحب کان ٿاڻي گهرائڻ جو سبب پُڇي اچي.“
    موهن، راڌا کي چتائي ڏسندي چيو
    ”مڃيندؤ!؟“
    راڌا، شينهڻ جيئن وراڻي
    ”نه مڃيندؤ ته اوهان به ٿاڻي وڃڻ کان نابري واريو.“
    موهن ۾ ڄڻ نئون اُتساهه پئجي ويو، موهن جيئن چونري کان ٻاهر نڪتو ته رائيمل چيو
    ”هلون ڪاڪا“
    موهن هٿ جي اشاري سان هُن کي روڪيندي وراڻيو
    ”ابا، ائين بنا ڪنهن سبب جي آئون ٿاڻي تي ڪين هلندس، تون، صاحب کان پڇي اچ ته مونکي ٿاڻي تي ڇو گُهرايو آهي؟ “
    رائيمل نماڻائي مان وراڻيو
    ”جيئن اوهان جي مرضي.“
    ۽ خالي واپس ٿاڻي ڏانهن روانو ٿي ويو
    موهن ۽ راڌا هڪ ڀيرو وري ٻيهر پريشان ٿي ويا هئا ته موهن کي ٿاڻي تي ڇو گهُرايو اٿن؟ ڪجهه پل اڳ ۾ موتي جي خوشي، هينئر وري فڪرمندي ۾ تبديل ٿي وئي هئي. هنن جي ذهن ۾ بار بار جيڪو نالو تري ٿي آيو سو پنڊت نائومل جو هو. ڪٿي پنڊت نائومل ڪا نئين سٽ ته ڪو نه پيو سٽي. چوندا ڪونه آهن ته نانگ جو کاڌل، نوڙي کان به ڊڄي، سو موهن ۽ راڌا سان به اها ئي ڪار هُئي. هنن سان اوچتا اڳ ئي ويل وهيل هئا جو هُنن کي هاڻي پنهنجي پاڇي کان به ڀئو ٿي ٿيو.
    موهن راڌا کي راءِ ڏيندي چيو
    ”امڙ، پاڻ ڇو نه سالڪ ۽ پرتاب وارن کي پاڻ وٽ سڏائي وٺون.“
    راڌا، جيڪا صبح وارا ٿانءَ ڌوئي رکي چُڪي هئي ۽ گئو ماتا وارو کير، ڪاڙهڻ لاءِ چُلهه تي رکندي وراڻي
    ”نه ڪاڪا، هروڀرو هو پريشان ٿيندا. پاڻ پهرين اهو ڏسون ته ٿاڻي وارا، پاڻ کي چون ڇا ٿا؟!!“
    موهن انديشو ظاهر ڪندي چيو
    ” ٿي سگهي ٿو هاڻي هو اٺ ڏهه ڄڻا سپاهي اچن ۽ مونکي کنڀي کڻي روانا ٿين ته پوءِ..................؟!“
    راڌا، ٻوُهه جي ڪاٺين کي چُلهه ۾ سوريندي وراڻي
    ” نه ڪاڪا، ائين هو ڪو نه ڪندا. جي انهن کي ائين ڪرڻو هجي ها ته هو ماڻهو موڪلي، خبردار ڪرڻ وارو ڪم ڪونه ڪن ها. ڪا ته ڳالهه آهي ڪاڪا، بس ڏسون ته سپاهي واپس جواب کڻي اچي ٿو يا نه .!“
    تيسين وري به ٻاهران سڏ ٿيو، موهن پنهنجو پوتڙو کڻي نڪري آيو، هينئر رائيمل سان گڏ ٻيو به سپاهي موجود هو، هٿ جي اشاري سان موهن جو تعارف ڪرائيندي چيو
    ” آچو............. اهو ئي ڪاڪو موهن اٿئي...“
    خير و عافيت کان پوءِ آچو وراڻيو
    ” اوهان کي، سر لاپ سنگهه راٺي واري چوڪي تي گهُرايو آهي، جتي شايد اوهان جو ڇوڪرو موتي قيد آهي. شايد اُن متعلق اوهان سان ڪُجهه ڳالهائڻو اٿس.“


    15

    موهن جڏهن موتي جي ڳالهه ٻڌي ته بنا ڪنهن دير جي هنن سان هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. صرف اندران وڃي پنهنجي لٺ کنيائين ۽ راڌا کي وڃڻ جو ٻڌايائين، آچو ۽ رائيمل سان گڏجي ٿاڻي تي آيا. جتان آيل خط تي آڱوٺو هڻي، آچو سان گڏ گهوڙي تي چڙهي، راٺي واري چوڪي تي پهتا، موهن جي اچڻ جو اطلاع لاپ سنگهه کي ڏنو ويو. جيڪو پنهنجي ڪوارٽر ۾ ويٺل هو، موهن کي ٻاهر، وڻ جي هيٺيان ويهڻو پيو. ٻه اڍائي ڪلاڪ جي صبر آزما انتظار کانپوءِ، لاپ سنگهه ڏند کوٽيندو کوٽيندو پنهنجي ڪوارٽر مان آيو ۽ موهن کي هيٺيان کان مٿي تائين نهارڻ لڳو، جيئن ڪو ڪاسائي، ڪنهن ڍور کي حلال ڪرڻ کان اڳ ۾ اُن ڍور جي اکين ئي اکين ۾ تور ڪندو آهي.
    ”اڇا ته تون آهين موهن؟“
    موهن، لاپ سنگهه پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي، احترام مان اُٿي بيٺو هو تنهن چيو
    ”ها سائين، آئون ئي آهيان موهن.“
    هن پنهنجن مُڇن کي تاءُ ڏيندي چيو
    ”ڇورو تُنهنجو ڇا ٿئي؟“
    موهن، ساڳئي ڌيرج سان وراڻيو
    ”منهنجو پٽ آهي“
    لاپ سنگهه، انهي بئيچ کي زوردار لت هئين. جيڪا اُن ورانڊي ۾ پيل هئي ۽ رڙ ڪري چيائين
    ”ڪوڙ ٿو ڳالهائين! “
    لاپ سنگهه جي انهي اوچتي رويي موهن کي ڇرڪائي وڌو
    ” تون ڪوڙ پيو ڳالهائين خبيث پوڙها، تنهنجو هن سان ڪو به خوني رشتو ڪونهي.“
    لاپ سنگهه خوني بگهڙ جيان ڏاڙهيو
    موهن پنهنجي اندر جي ڊپ تي قابو پائيندي وراڻيو
    ”بيشڪ منهنجو هُن سان ڪو خوني رشتو ڪونهي پر اُن سان منهنجا انساني ۽ رُوحاني کوڙ رشتا آهن.“
    اهو جواب ٻڌي، لاپ سنگهه، موهن کي حقارت ڀريل نگاهن سان نهارڻ لڳو، موهن، لاپ سنگهه جي نفرت ڀريل نگاهن جو تاب نه جهلي سگهيو، سو اکيون جهُڪائي ڇڏيائين.
    لاپ سنگهه، ٿُڪ ٻاهر اُڇلائيندي ڪمري ۾ هليو آيو ۽ آچو کي، موهن کي اندر وٺي اچڻ جو اشارو به ڪندي آيو. آچو موهن کي ڪمري ۾ وٺي آيو، موهن کي ڪمري ۾ داخل ٿيندي پهريون جيڪو منظر ڏٺو اهو هن لاءِ ڪنهن ڀيانڪ حادثي کان گهٽ ڪو نه هو. موتي زخمي حالت ۾ کولي ۾ اونڌي مُنهن پيو هو. موهن اڃان موتي واري انهي ڌچڪي مان اڃان نڪتو ئي ڪونه هو جو لاپ سنگهه فائل اڳيان وڌائيندي چيو
    ”هن تي آڱوٺو هڻ“
    موهن ڇرڪ ڀري وراڻيو
    ”هان....................هي ڇا آهي..........؟؟“
    موهن جو ايترو چوڻ، لاپ سنگهه جي چماٽ، موهن جي منهن تي زپاٽ ڪري اچي لڳي، لاپ سنگهه ڪنهن وحشي جانور جيان چيلهه سان ٻڌل، ٺونٺ جيڏو ڊگهو، تيز رام پوري ڇرو ڪڍي، موهن جو هٿ جهلي، اهو ڇرو موهن جي آڱوٺي جي پاڙ وٽ رکي، ڪاوڙ ۾ سهڪندي وراڻيو
    ” منٽ ڪريان.......... اصل منٽ ڪريان.... هتان وڍي.........مس ۾ ٻوڙي فائل تي آڱوٺو هڻي، پوءِ ڪارن ڪُتن اڳيان اُڇلائي ڇڏيان..“
    ۽ وري ڇُرو ميز تي اڇلائيندي موهن جو آڱوٺو زور سان پڪڙي فائيل جي پني تي هڻندي وراڻيو
    ”هن پني جي قسم نامي مطابق تون ۽ تنهنجو حرامي ڇورو، ڀڳوان ڪرشن ۽ شوِ جو قسم کڻي، اقرار ٿا ڪريو ته توهان ٻئي انگريز سرڪار سان وفادار رهندا. نه پاڻ ڪو انگريز سرڪار خلاف ڪم ڪندا ۽ نه ئي انگريز سرڪار خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهو جي ڪا اخلاقي، سماجي ۽ معاشي مدد ڪندا ۽ اهڙو ڪو ڪم ڪندي، انگريز سرڪار کي علم ۾ آيو ته اوهان ٻنهي کي اُتي جو اُتي گولي مارڻ جو حُڪم هوندو.!“
    موهن، پنهنجو آڱوٺو، پنهنجي مٿي جي وارن سان صاف ڪرڻ لڳو، هن لاپ سنگهه جي انهي تقرير جو جواب ڏيڻ بجاءِ صرف ايترو چيو
    ”سائين ڇوڪرو مونکي ڏيو ٿا يا نه!؟“
    لاپ سنگهه حقارت سان موتي ڏانهن نهاريندي، پنهنجي سپاهي کي حُڪم ڏنائين ته
    ”نانڪ، هن سوئر جي ڦر کي ٻاهر ڪڍ......“
    نانڪ چاٻيون کڻي، موتي واري کولي جي تالي کي کولڻ ۾ لڳي ويو
    ”....... ۽ ها پوڙها، پنهنجا افعال درست ڪريو. اڄ ڇڏيانوَ ٿو باقي آئيندي گولي...............................مان مٽائي ڇڏيندو مانوَ..“
    موهن، لاپ سنگهه جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي وڃي موتي کي سهارو ڏنو ۽ آهستي آهستي ڪري ٻاهر وٺي آيو. موهن پاڻ به جهونو ۽ ڪمزور، سو ههڙي جانٺي جوان کي ڪيتري تائين گهلي. سو ٻه فرلانگ مس هلي ته سهڪي پوي ۽ ساهي پٽڻ لاءِ ويهي رهي، ائين هن کي راٺي جي چؤڪي جي ڀرواري ڳوٺ تائين پهچندي پهچندي، پوري رات مٽي ويئي. انهي ڳوٺ ۾ پهچڻ کانپوءِ ئي ڪنهن سواري جو بندوبست ٿي سگهيو، انهي ڏينهن شام ڌاري، موهن، موتي کي وٺي برهمڻ آباد پهچي ويو. رڌا، موتي جي حالت ڏسي اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪي.
    موهن راڌا جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو
    ”امڙ، اها به ايشور جي ڪرپا آهي ته موتي صحيح سلامت پاڻ کي مليو آهي. مونکي ته انهن زناورن وٽان رحم جي ٽڪي جي به اُميد ڪو نه هُئي.“
    موتي، راڌا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي وراڻيو
    ”ديدي! ادا جيوت وارن جي زندگي خطري ۾ آهي. مونکي ادي پرتاب کي گهُرائي ڏيو ته نياپو ڏيانس ته جيوت وارن وٽ پهچائي.“
    راڌا، پنهنجي ساڙهي جي پلؤ سان پنهنجا ڳوڙها اُگهيندي وراڻي
    ”ادا، پهرين اوهين ته ٺيڪ ٿيو ته پوءِ ادا پرتاب کي سڏي وٺنداسين.“
    موتي، ضد ڪندي وراڻيو
    ”نه نه ديدي! پوءِ دير ٿي ويندي. ادا جيوت وارن جي زندگي خطري ۾ آهي. جيستائين اهو نياپو ادا جيوت وارن تائين نه پهچائينداسين تيستائين ادي مونکي چين نه ايندو.“
    راڌا، شايد ڳالهه جي ڳنڀيرتا کي سمجهي ويئي، تنهنڪري ڪاڪي روپا جي ننڍڙي نينگر کي پرتاب کي سڏڻ لاءِ موڪليو موتي جي اچڻ جي خبر برهمڻ آباد ۾ باهه جيان پکڙجي وئي هئي. برهمڻ آباد جا مارو ماڻهو، موهن واري چوئنري اڳيان گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. تيسين پرتاب به اچي، موتي وٽ پهتو. موتي ڪاڪي موهن، پرتاب ۽ راڌا کي جيڪو هن سان وهيو واپريو سو تفصيل سان ٻڌايائين. آخر جو پرتاب کي تاڪيد ڪندي چيائين
    ”ادا وارن جي زندگي پرتاب هاڻي پنهنجن هٿن ۾ آهي، ٿوري دير ۽ ڪوتاهي، اسان جي خيالن، جذبن ۽ امنگن کي ناس ڪري ڇڏيندي. تنهنڪري تنهنجو هتي ويهڻ نٿو جڳائي.“
    پرتاب جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، پرتاب، موتيءَ جو هٿ چُمندي وراڻيو
    ”سلام آهي توکي موتي، هي ڌرتي تو جهڙن جوان مرد ۽ سورهيه پٽن تي هميشه فخرڪندي.“
    ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ويو، ٻاهر ماڻهن جو وڏو مجموعو گڏ ٿي ويو هو ۽ پوءِ سڀ واري واري سان موتي جي خير و عافيت پُڇڻ لاءِ ايندا ويا.
    ايونس جي اوچتي موت، سڀني ٿيندڙ ڪمن کي روڪي ڇڏيو، هڻ کڻ بلا، ايونس کي جبل جي پٿر کان لهڻ جي به مهلت ڪا نه ڏني. سڄو بدن زهر جي ڪري نيرو ٿي چڪو هئس. لاش حيدرآباد به نيڻ جهڙو ڪونه رهيو هو. تنهنڪري انگريز عملدارن پنهنجون مسيح رسمون ادا ڪري، اتي ئي دفنائي ڇڏيو. ايونس جي انهي ناگهاني موت سبب عملدارن هڪدم پنهنجي گڏجاڻي گهُرائي ورتي هئي.
    لارنس، جيڪو راٺي جي چوڪي کان آيل هو، تنهن چيو “هن اوچتي موت، اسان کان اسان جو عظيم سپه سالار ڦري ورتو آهي. پر اسان جون اهي قربانيون، عظيم سلطنت برطانيا جي بنيادن کي ويتر مضبوط ۽ پائيدار ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون. تنهنڪري اسان جو مشن رُڪجڻ نه گهُرجي. جبل تي چڙهائي واري حُڪم تي عمل ٿيڻ گهُرجي پر مخبرن جي آيل خبرن مطابق ئي حملي جي رٿابندي ڪرڻ گهرجي.”
    سيمن، جيڪو ڪرنل ايونس جو اسسٽنٽ به هو ته ايونس جي ڪيڏانهن وڃڻ کان پوءِ سڄي فوجي اسڪواڊ ۽ ڇانوڻي کي پڻ سنڀاليندو هو. تنهن چيو
    ”اسان سڀني کي خبر آهي ته اڃان تائين، اسان جي پڪڙ هن علائقي ۾ پختي ۽ سگهاري نه آهي. هنن گوريلن کان سواءِ، ڌاڙيلن جون ٽوليون، جيڪي رڻ کان وٺي ڪڇ جي مٿئين ڪارين ٽڪرين تائين پکڙيل آهن. جن جي ڪري اسان کي جاني توڙي مالي نقصان رهڻ جو انديشو هر گهڙي رهي ٿو. هتي جون مقامي حڪومتون بظاهر ته برطانيا سرڪار جي حمايت جو دم ڀرين ٿيون پر اندروني طرح هو انهن ڌاڙيلن ۽ گوريلن کي مالي توڙي افرادي مدد فراهم ڪنديون رهن ٿيون. انهي ڪري انهن ٽولن جي سرزنش ڪرڻ تمام گهڻي ضروري آهي نه ته هي مقامي حڪومتون به اسان لاءِ ڪو نه ڪو ڏچو يا مصيبت پيدا ڪنديون رهنديون. تنهن ڪري بنا ڪنهن دير ۽ خبر جي جبل تي چڙهائي جو عمل هڪ ٻه ڏينهن ۾ شروع ٿي وڃڻ گهُرجي.“
    اسٽيفل، جيڪو انهيءَ اسڪواڊ جو ميجر هو، جيڪو جبل تي حملي ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو، تنهن سيمن جي ڳالهه جي ڀرپور تائيد ڪندي وراڻيو
    ”بلڪل سر، سيمن صحيح ٿو چئي. ڇاڪاڻ ته هن علائقي جو مضبوط ۽ مشهور ويڙهاڪ ٽولو آهي ته اهو جيوت وارن جو ٽولو آهي. تنهنڪري اُن تي جيترو به جلد حملو ڪري سگهجي ٿو ته ڪجي. انهي ٽولي جي عبرتناڪ شڪست کي ڏسي، پوءِ گهڻن جو گهمنڊ ٽٽي پوندو.“
    سينال، جيڪو هڪ جهونو فوجي ماهر هو ۽ آفريڪا جي مختلف علائقن تي حملي ۾ پنهنجين فوجي حڪمت عملين سبب شاندار ڪاميابيون ماڻي چڪو هو، تنهن لارنس واري ڳالهه جي حمايت ڪندي چيو ته
    ”اهو صحيح آهي ته اسان جو مقصد هنن بدمعاش ٽولن کي ناس ڪري، هن علائقي ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ آهي. پر اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، اسان کي پنهنجي طاقت ڪنهن صحيح رخ ۾ لڳائڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو اها ڪنهن غلط سمت تي لڳي وڃي ۽ نفعي جي بجاءِ ڪنهن وڏي نقصان ۾ نه پئجي وڃون. تنهنڪري فوجي حڪمت عملي ته اهو ئي چئي ٿي ته دشمن ۽ دشمن جي چرپر جو صحيح تجزيو ۽ معلومات کان پوءِ ئي حملي لاءِ اڳتي وڌجي، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته اسان کي پنهنجن مخبرن جي ڏنل معلومات جي آڌار تي پنهنجون حڪمتِ عمليون جوڙڻ گهُرجن.“
    سيمن، سينال جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
    ”سر سينال، جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ۽ ان کان ڪو به فوجي ڪمانڊر انڪار نٿو ڪري سگهي پر ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪِن ڪِن حالتن ۾ اهڙا اڳرا قدم کڻڻ، هڪ مجبوري هوندي آهي. هتي به ڪجهه اهڙيون حالتون آهن، جن لاءِ مجبورن اسان کي اهي اڳرا قدم کڻڻ گهُرجن.“
    لارنس وراڻيو
    ”هڪڙي ڳالهه طئه آهي ته جبل تي چڙهائي ڪنهن به حالت ۾ ڪرڻي آهي. آئون سر سيمن کي گُذارش ڪندس ته ٻه چار ڏينهن مخبر جي خبر جو انتظار ڪرڻ گهُرجي. جي مخبر طرفان ڪا خبر نه پهچي ته پوءِ خطري جي گهنٽِي آهي ۽ پوءِ تُرت حملو ڪري ڏجي.“
    ڪجهه ڪلاڪن تائين انگريز عملدارن جو بحث هلندو رهيو، نيٺ ان ڳالهه تي بحث کٽو ته ڪجهه ڏينهن تائين صبر ڪجي، جي مخبر پاران خبر انهن چند ڏينهن ۾ نه اچي ته پوءِ حملو ڪري ڇڏبو.

    جيئن ئي ٻاهران سُکديو، پرتاب واري ڳالهه جيوت کي ٻڌائي هئي، تيئن جيوت، پنهنجي غار ۾ اڪيلو ويٺو هو ٻه ٽي ڀيرا سمنگ، جيوت سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جيوت جي ڳاڙهين لال غضبناڪ اکين ۽ دهشت ڀريي چهري کي ڏسي سندس لفظ ئي نڙي ۾ اٽڪي بيهي رهيا هئا. سمنگ سنگهه ههڙي ڪروڌ ۽ دهشت اڳ ڪڏهن به جيوت جي چهري تي ڪانه ڏٺي هئي. سمنگ سنگهه کي ته اهو چهرو ۽ اکين ۾ نفرت جا اُلا ڏسي اندران ئي اندران ڏڪڻي وٺي ويئي هئي. سندس ڇهين حِس بار بار خبردار ڪري رهي هئي ته اجهو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. اها ٻن ٽن ڪلاڪن واري جيوت جي خاموشي، ڄڻ ڪنهن طوفان اچڻ جي پيشنگوئي هئي. ڪنهن کي جرئت نه ٿئي جو جيوت سان ڳالهائي، نيٺ سانول، جيوت ڏانهن هليو آيو، جيوت، سانول کي ڏسي ڄڻ روئي پيو. هن جي اکين جي ڪنڊ مان خاموش ڳوڙها وهڻ لڳا هئا.
    سانول، جيوت جي ويجهو ايندي، تمام ڌيرج ۽ آهستگيءَ سان پڇيو
    ”جيوت! خير ته آهي“
    جيوت، بي وسي مان سانول ڏانهن نهاريندي وراڻيو
    ”سانول، پاڻ مارجي وياسين.“
    سانول، جيوت جا هٿ مضبوطيءَ سان جهليندي وراڻيو
    ” ائين ٿي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن جيوت پاڻ جسماني طرح مارجي به وڃون ته به روحاني طرح روپلي جيان ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهنداسين. تنهن ڪري پاڻ کي زندگيءَ جي آخري حد تائين وڙهڻو آهي. جيوت، ويڙهه سواءِ پاڻ وٽ ڪا ٻي واهه ڪانهي.“
    جيوت، سانول جي ڳالهه ٻڌي، ڪنڌ هيٺ ڪندي وراڻيو
    ”ڪنهن سان وڙهون سانول، جتي پنهنجا ئي پنهنجن جا دُشمن هُجن ته اُتي پوءِ ڌارين تي ڪهڙي ميار؟“
    سانول، جيوت جي ڳالهه جو مطلب سمجهي نه سگهيو سو وضاحت طلب ڪندي پُڇيائين.
    ”ڇا مطلب؟!“
    جيوت، سانول جي اکين ۾ اکيون وجهي وراڻيو
    ”سمنگ سنگهه غدار آهي“
    اها ڳالهه ٻڌي، سانول ڇرڪ ڀري اُڀو ٿي بيھ رهيو، ڄڻ ڪنهن وڇونءَ هٿ تي ڏنگي وڌو هُجيس. جيوت، سانول کي ٻانهن مان جهلي هيٺ ويهاريندي چيو
    ”هاڻ تون ٻڌائي ته ڪنهن تي يقين ڪريان، ڪنهن تي نه ڪريان.“
    سانول جي نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. وڏي ڳيت ڏيندي وراڻيو
    ” توکي ڪنهن ٻڌايو؟ “
    جيوت، سُکديو واري سڄي ڳالهه رازداريءَ واري انداز ۾ سانول کي سربستي ڪري ٻڌائي، سانول کي ڄڻ چڪر اچي ويو. اها ڳالهه ٻڌي، ٻئي هٿ مٿي تي رکي ويهي رهيو. سمنگ ۽ غدار! اهو ته هنن ڪڏهن تصور ئي نه ڪيو هو. سمنگ ته اهو ماڻهو هو، جنهن تي انگريز سرڪار سڀ کان وڌيڪ ظلم ڪيو هو. جيڪو وطن پرستي جي ڪري هميشه گهر کان دربدر رهيو. جيڪو جيوت جو ننڍي هوندي کان پڳ مٽ يار هو. جيڪو ان وطن پرستي جي ڪري ڪيترائي ڀيرا موت جي منهن ۾ وڃي چڪو هو سو غدار!! هنن لاءِ ڄڻ سڄي ڪائنات ۾ اونداهه ٿي ويئي هُئي.
    ٻئي ڪيتري وقت تائين خاموش رهيا. ڄڻ ڪنهن جي مرتئي تي آيا هُجن، اچانڪ جيوت اُٿي بيٺو، سانول کي ٻانهن مان جهلي اٿاريندي چيائين
    ” اُٿ ٻاهر هلون.“
    سانول، حيرت مان ڪُجهه پُڇي ئي پُڇي..... جيوت، هن کي گهلي ٻاهر اچي ويو. جيوت کي ٻاهر ايندي ڏسي ڪافي دوست مڙي آيا. سمنگ جيوت جو حال پُڇندي وراڻيو
    ”جيوت هاڻ طبيعت ڪيئن آهي؟“
    جيوت، سمنگ ڏانهن نهاريو ڪونه، هن پنهنجي اندر جي ڪروڌ کي مس مس قابو پاتو هو. صرف ايترو چئي ڏنائين
    ”بهتر“
    سانول به، جيوت جي انهي اوچتي رويي کي سمجهي ڪين نه سگهيو هو. جيوت سڀني ساٿين کي حُڪم ڏيندي چيو
    ”سڀئي ساٿي، اڄ رات جو هلڻ جي تياري ڪن، هتي ڪُجهه دوست رهندا، باقي هتان کان نڪري ڪاري ٽڪري پهچن.“
    هيري مل، انهي اوچتي فيصلي ڪرڻ جو سبب پُڇندي وراڻيو
    ”اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا اسان ساٿين کان لڪائي، هيئن هلڻ جو حُڪم پيو ڏنو وڃي؟“
    جيوت، هيري ڏانهن ڏسندي وراڻيو
    ”ڇا ڪريون، هتي رهون ٿا ته مرون ٿا. تنهن ڪري بچاءِ لاءِ ڪوشش ڪريون ٿا. هتان نڪري ڪاري ٽڪري ۾ هلي پناهه وٺون جيڪا گهٽ ۾ گهٽ برهمڻ آباد کان ته پري آهي پر ان لاءِ هيرا پهرين پاڻ کي اڳيان نڪري رستي جي چونڊ ۽ وقت جو تعين ڪرڻ لاءِ نڪرڻو پوندو.“
    سمنگ سنگهه، هلڻ جي جا خبر ٻُڌي ته اندر ئي اندر ۾ گد گد ٿيڻ لڳو ته هاڻ اجهو ٿو انگريز سرڪار جي اڳيان سُرخرو ٿيان.
    هيري مل سختي سان چيو
    ”نه آئون ڪونه هلندس، اوهان مان جنهن کي وڃڻو آهي سو ڀلي وڃي.“
    سمنگ سنگهه پنهنجي قابليت ڏيکارڻ لاءِ هڪدم هيري مل جي ڀر ۾ اچي ويهندي وراڻيو
    ” ادا هيرا، بيشڪ تون صحيح آهين پر حالتون ته پنهنجي وس ۾ ڪونهن نه.. تنهنڪري حالتن کي نظر ۾ رکندي پوءِ ئي فيصلن ۾ ردو بدل ڪرڻو پوندو آهي. هتان پاڻ ڪو خوشيءَ سان ٿوري ٿا هلون پر حالتون پاڻ کي هلڻ لاءِ مجبور پيون ڪن.“
    هيرمل، سمنگ کي حقارت مان ڏسي، منهن ڦيري ڇڏيو، جيوت پاڻ سان گڏ، سمنگ، سانول، سوڍو، هريش ۽ هيري مل کي ساڻ کنيو. هو جبل ڏانهن نڪري ويا. پٺيان ڪي حيرت وچان ته ڪي ڏُک منجهان ته ڪي بيزاريءَ سببان سڄو سامان سهيڙڻ ۾ جنبي ويا. هي ست ئي ڄڻا صبح نڪتل منجهند ڌاري جبل وچ ۾ قدرتي ٺهيل ننڍڙي ڍنڍ رام وتي وٽ پهتا ته جيوت، پنهنجي بندوق سمنگ سنگهه جي سيني تي سڌي رکي، جيوت جي اکين ۾ رت لهي آيو هو، سانول جيوت جو ارادو ڏسي، جيوت جي بندوق ۾ هٿ وجهي، بندوق ڦُري ورتي ته جيوت ڄڻ مڇرجي پيو ۽ رڙ ڪري چيائين.
    ”بندوق ڏي سانول! منهنجين اکين ۾ رت لٿل آهي. دل ۾ ڪروڌ ۽ دماغ ۾ اُلا آهن. آئون سڙي راک ٿي ويندس.“
    سانول، جيوت کي ڀاڪر پائي پري ڪندي، هيري وارن کي رڙ ڪري چيو
    ”غدار سمنگ سنگهه کي قابو ڪريو“
    سانول جو ايترو چوڻ، چار ئي ڄڻن سمنگ سنگهه کي جهلي قابو ڪيو. سمنگ کي پهرين ئي جيوت واري اوچتي حملي ڊيڄاري وڌو هو. سمنگ پنهنجي ڇاتي تي بندوق جي ٿڌي نالي محسوس ڪندي. خوف وچان سڄو ٿڌو ٿي ويو هو. جيستائين هو پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ئي سنڀالي تيستائين هيري وارن ٻڌي قابو ڪري وڌو هئن.
    جيوت، سانول کان پنهنجو پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو
    ”ڇڏ سانول! اڄ هن غدار کي ٻوٽي ٻوٽي ڪري وجهان، ويساهه گهاتي، اسان جي اندر ۾ لڪيل ڪارا نانگ، غدارِ وطن، ٿُؤ............................... تنهنجي مُنهن ۾................لعنت تنهنجي ڄمڻ تي.........ڇڏ سانول، مونکي ڇڏ............................“
    سانول، جيوت کي وٺي ٻئي پاسي ڪندي وراڻيو
    ”عقل ڪر جيوت، هي هڪ ته ڪونه هوندو پنهنجي ٽولي ۾ هن جا ٻيا به ساٿاري هوندا. جي هنکي ماري ڇڏينداسين ته به پنهنجو مسئلو ته حل ڪونه ٿيندو. هن کان سڀ سچيون ڪرايون پوءِ هن جو فيصلو ڪنداسين.“
    جيوت، سمنگ واري پاسي کان منهن ڦيريندي چيو
    ”پوءِ هن کي منهنجي نظرن کان ڏور ڪر نه ته آئون پنهنجو پاڻ تي قابو پائي نه سگهندس.“
    سانول، جيوت کي سمجهائيندي چيو
    ”جيوت تون لال محمد سان گڏجي واپس ٺڪاڻي وڃ ۽ اُتي وڃي ماحول کي سنڀال، متان هن غدار جا ڪميڻا ساٿي خبردار نه ٿي پون.“
    جيوت ۽ لال محمد انهي وقت ٺڪاڻي ڏانهن روانا ٿي ويا، ٺڪاڻي تي پهچڻ کان پوءِ جيوت جو سُک چين ڦٽي ويو هو. هُن اچڻ شرط ٺڪاڻي جي ساٿين کي اهو چئي ته “ٻيا ساٿي جيئن رستي جو تعين ڪري پهچندا، پاڻ سڀ هتان نڪري هلنداسين.”مطمئن ته ڪري ڇڏيو هو پر پاڻ اها شام ۽ سڄي رات نفرت جي اُلن ۾ لُڇندو رهيو. ڄڻ ڌرتي، ٽانڊن جيان ٽامڻي هڻي ويئي هُجي. ٻئي ڏينهن صبح جو هيرو ظاهر ٿيو ۽ جيوت کي سڄو حال احوال ڏنائين جيوت، ٻين ستن ڄڻن کي هلڻ لاءِ چيو، جنهن ۾ پنج ته سمنگ جا ساٿي هئا، جن جا نالا هيري جيوت کي ٻُڌايا هئا. انهن کي کاڌي پيتي جي شين جو کڻي هلڻ جو چيائين. کاڌي پيتي جو سامان کڻي، جيوت وارا ساڳئي رام وتي ڍنڍ وٽ پهتا. جتي سانول وارا ويٺا هئا. سانول وارن کي ڄڻ انهن گهُربل پنجن ماڻهن جو انتظار هو. هنن جو رام وتي ڍنڍ وٽ پهچڻ تي سانول وارن گهيرو ڪري ورتو. ولو، ڌنو. ڀيشم، پرتي ۽ ٻيجل کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هو پنج ئي ڄڻا وائڙا ٿي ويا ته هي ڇا پيا ڪن؟
    سانول، جيوت جي ڀر ۾ ايندي، هيري مل کي رڙ ڪري چيو
    ”وٺي اچ، انهي غدارِ وطن کي ته اچي پنهنجن ساٿين سان ملي.“
    هيرو مل، ٿُڏا ۽ ٿڦڙون هڻندو، سمنگ کي وٺي آيو. جنهن جي مڇن جا اڌ وار پٽيل هئا. منهن ڌڪن سان سُڄيل هو. هنڌان هنڌان ڪپڙا ڦاٽل، هڪ ٽنگ ڀڳل، جيڪا گوڏي کان هيٺيان لڙڪي پئي هئي هو نيم بيهوشي جي حالت ۾ هو. هيري گهلي انهن پنجن جي وچ ۾ اُڇليو. سمنگ سنگهه جي اها حالت ڏسي، ٻين جي سڄي جسم ۾ رڦڻي وٺي ويئي، هو سانول۽ جيوت وارن جي پيرن تي ڪِري ايلازون ڪرڻ لڳا پر سانول، جيوت کي بندوق ڏيندي وراڻيو
    ”جيوت، هاڻي اجازت اٿئي وڃي پنهنجو هانءَ ٺار ۽ هن پاڪ پويتر ڌرتيءَ کي هنن ناپاڪن کان صاف ڪر.“
    پر جيوت کي ته ڄڻ ڪا باهه وڪوڙي ويئي هُجي. هن هنن جي منٿن ايلازن کي رد ڪندي، هنن ڇهن ڄڻن کي گولين سان ڀُڃي ڇڏيو. انهيءَ ڪم فارغ ٿي. هو واپس پنهنجي ٺڪاڻي تي آيا ۽ سڪون سان ويهي سڄي ڳالهه پنهنجن ساٿين کي ٻڌائي. سڀني کي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ پنهنجن اڳواڻن تي فخر به ٿين ته هو اسان لاءِ ۽ وطن لاءِ ڪيڏو پتوڙين ٿا.
    سانول، جيوت کان اڳتي جي لائحه عمل جو پڇندي وراڻيو
    ”هاڻ جيوت، ڇا ڪرڻ گهُرجي. هتي ئي رهجي يا ٻي ڪنهن پاسي؟!“
    جيوت ڪا وراڻي ڏي، تيسين هيري مل چيو
    ” ڪٿي ڪو نه هلبو، پاڻ هتي ويهي انگريز فوج جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. بس ڪوشش اها هجي ته کاڌي پيتي ۽ هٿيارن جو جيترو به گهڻو ذخيرو ٿي سگهي اوترو گهڻو جمع ڪري وٺجي.“
    جيوت به هيري جي ڳالهه جي حمايت ڪئي
    ڪرمچند ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي وراڻيو
    ”اها ڳالهه صحيح آهي ته پنهنجي بچاءَ لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ گهُرجي پرجي پاڻ حملي ڪرڻ جي حالت ۾ اچي وڃون ته پوءِ پاڻ ئي فيصلا ڪن بڻجي وينداسين.“
    هيري مل جي ڄڻ ڪرمچند، دل جي ڳالهه ڪري وڌي هئي، تنهن خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو.
    ”واهه.. جي ائين ٿي سگهي ته وڌيڪ بهتر آهي. ساٿي اوهان جي ذهن ۾ ڪا اهڙي تجويز هُجي ته اُن تي غور ڪري سگهجي ٿو.“
    ڪرمچند وراڻيو
    ” پهرين ڳالهه، پاڻ سڀني کي اها ڳالهه سمجهڻ گهُرجي ته دشمن، اسان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪسر ڪا نه ڇڏي هئي ۽ هو انهيءَ چال ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ها پر اها هن جي بدقسمتي هئي جو انهن جو اهو راز پاڻ وٽ فاش ٿي ويو. پر پاڻ به هتي ويهي ڪيتري عرصي تائين پنهنجو بچاءُ ڪري سگهنداسين.تنهنڪري بچاءَ واري حالت ۾ اچڻ تي سوچڻ بجاءِ ان ڳالهه تي سوچجي ته حملي ڪرڻ واري حالت ۾ ڪيئن پهچون. منهنجي ذهن ۾ ٻه ٽي خيال گردش ڪري رهيا آهن، هڪ ته پنهنجون جيڪي به ڇاپا مار ٽوليون ٻين جڳهين تي ڪارروايون ڪرڻ ۾ مشغول آهن، تن کي هڪدم برهمڻ آباد ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن تي پنهنجن ڪارروائين جو مرڪز بڻائڻ گهرجي. ٻيو برهمڻ آباد ۽آس پاس جي پنهنجن ماڻهن کي بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار رکڻ گهُرجي ۽ ٽيون ته پوءِ پاڻ به مختلف ڇانوڻين تي حملا ڪري فتح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون جي ڪامياب ٿياسين ته اها پنهنجي ۽ پنهنجن ماروئڙن جي شاندار فتح هوندي جي ناڪام به موٽياسين ته به دشمن کي ڪمزور ۽ نٻل ڪري وجهنداسين.“
    ڪرمچند جي اها ڳالهه ٻڌي، جيوت، سانول ڏانهن ڏٺو ۽ سانول، جيوت ڏانهن ڏٺو، جيوت، سانول کان راءِ پڇي چيو
    ”ڇا خيال آهي سانول؟“
    سانول، ڪرمچند ڏانهن نهاريندي چيو
    ” توکي ڪرمچند اندازو آهي ته تون ڇا پيو چوين، پاڻ هيڏي وڏي فوجي مشينري سان اڪيلي سر وڙهي سگهنداسين.“
    ڪرمچند مُرڪندي وراڻيو
    ”ادا انقلاب! ڪا مٺائي ڪونهي جو پاڻ کي ائين ٿالهي ۾ سجائي، پاڻ اڳيان اچي رکندا. انقلاب ته ادا نالو آهي اُن جو ته مٿئين طبقي کان اقتدار زوريءَ ڦُري، هيٺئين طبقي کي ڏيڻ . انقلاب ته رت جي آبياري چاهي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته اسين ٿورا، ٿوري ڪي آهيون. پاڻ جيڪي ٿورا آهيون سي صرف اڳواڻي ڪنداسين. باقي ڪم خود عوام ڪندو ۽ مونکي پُختو يقين آهي ته جي پاڻ سُٺي ۽ مضبوط حڪمت عملي سان وڙهياسين ته فتح اوس پنهنجي ئي ٿيندي.“
    هيري مل، وڏي واڪي، ڪرمچند جي ڳالهه جي حمايت ڪندي چيو
    ”ساٿيءَ جي تجويز زبردست به آهي ته قابل عمل به. جي اسان هڪ ئي وقت تي، دُشمن کي گهڻن محاذن تي اُلجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته دُشمن جي طاقت به ڇڙوڇڙ ٿي ويندي ۽ هو ڪمزور به ٿي ويندو ۽ انهيءَ جو اسان کي ڀرپور فائدو ملندو.“
    لارنس وارا، سمنگ سنگهه جي نياپي جي انتظار ۾ هئا ۽ هوڏانهن جيوت وارن، بولي ڌراڙ ڏانهن سمنگ سنگهه جو نياپو پهچايو هو. اهو ئي نياپو ٽيڪچند کي مليو هو ۽ ٽيڪچند اهو نياپو لارنس وارن کي ڏنو ته سڀاڻي جيوت وارا، جبل جي اُترئين پاسي کان رڻ پٽ جو وچ وٺي، جيوت وارا اڳيان روانا ٿيندا. تنهن ڪري سڀاڻي حملو ڪري سگهجي ٿو. بس نياپي ملڻ جي دير هئي فورن جنگي تياريون شروع ٿي ويون، ٻئي پاسي برهمڻ آباد شهر ۾ ٻين ڏينهن جي بنسبت اڄ ماڻهن جي رش ۽ چرپر وڌيڪ هئي. موهن، اڄ ڀيرو جي تڙ هو ۽ ڀيرو جي تڙ جا ماڻهو، ٻين ڳوٺن ۾ هئا ۽ ٻين ڳوٺن وارا، اڃان به ٻين ڳوٺن ۾ هئا. ائين پرتاب به ٻين ڳوٺن ۾ هو ۽ اهو ساڳيو عمل ٻين ڳوٺن تائين هلي رهيو هو. اڄ ڄڻ ڪو خاص ڏڻ هجي، ڄڻ ماڻهن ۾ ڪا بي چيني هجي، پنڊت نائومل به ههڙي غيرمعمولي چُرپُر ۽ حرڪت ڏسي سخت پريشان ٿي پيو هو ته هي ڪهڙي ماجرا آهي جو هڪ طرف انگريز فوج جي تياري پئي هلي ته ٻئي طرف، برهمڻ آباد جي ماڻهن جي هي غير معمولي چرپر هلي پئي. ويجهڙائي ۾ ڪو ميلو به ڪو نه پيو سُجهي. پنڊت نائومل جهڙي ماهه شاطر جو دماغ به اڄ چڪرائجي ويو. راڌا به موتيءَ ۽ ڳوٺ جي ڪافي عورتن کي مندر وٺي ويئي هُئي.

    انگريز فوج، جبل ڏانهن رواني ٿي چُڪي هئي. انگريز فوج جيئن جبل جو اڳيون پاسو ڪراس ڪري رڻ واري ور ڏانهن مُڙيا ته پُٺيان کان اوچتي حملي انگريز فوج جا هوش ئي اڏائي ڇڏيا. هو اڃان انهي حملي جي ڌڪ کي پچائي ڪونه سگهيا هئا ته وري اڳيان کان ٻيو زوردار حملو ٿيو. ۽ انگريزن جي لڪل دستن کي به گهيري ۾ آڻي ماريو ويو عين اُن وقت برهمڻ آباد ۾ به باغين ويڙهه شروع ڪري ڏني. ٿاڻا باغين جي قبضي ۾ اچي ويا هئا. انگريز سرڪار جي حامين کي ماريو ويو هو يا جهليو ويو. انهيءَ ساڳئي ئي وقت تي ڇاپا مار ٽولين، آس پاس جي سڄي علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو هو. پنڊت نائومل جا ڪي چيلا ته وڙهندي مارجي ويا ته ڪي جهلجي پيا. سيٺ شرنارٿي باغين کان بچڻ لاءِ وڃي پنهنجن گُدامن ۾ لڪو هو پر باغين ڄڻ اڄ ڪنهن زردار کي بخش نه ڪرڻ جو قسم کنيو هو. سو سيٺ شرنارٿي توڙي اُن جو خاندان به انهن کان ڪين بچي سگهيو. پنڊت نائومل به باغين وٽ قيد ٿي چُڪو هو. شورش ايڏي ته زوردار ۽ منظم نموني ٿي هئي جو انگريز سرڪار ۽ انهن جا حامي، پنهنجو ڪو به بچاءُ نه ڪري سگهيا. ٻن ڏينهن اندر برهمڻ آباد ۽ اُن جي آس پاس وارو سڄو علائقو جيوت ۽ سانول وارن جي قبضي هيٺ هو پر جيوت ۽ سانول لاءِ اهو هڪ نئون تجربو هو ته هو پنهنجي علائقي جو بچاءُ ڪيئن ڪن ۽ سڄي علائقي جو ڪار وهنوار ڪيئن هلائين. تنهن ڪري چئن پنجن جي باهمي صلاح مصلحت کانپوءِ هنن سڀني علائقن مان پنهنجا خاص ساٿي، برهمڻ آباد گهُرائي ورتا. هڪ مرڪزي ڪائونسل جوڙي ويئي ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون ڳوٺ ڪاميٽيون جوڙيون ويون، جيڪي پنهنجن علائقن ۽ ماڻهن جي سارسنڀال لهڻ ۽ نوان ويڙهاڪ ڀرتي ڪري، نوان فوجي دستا ٺاهڻ جو فورن ڪم ڪنديون. جيڪي سرڪاري عمارتون ۽ سيٺين جا گهر ۽ گودامن کي اسڪولن ۽ ڳوٺ ڪميٽين جي آفيسن لاءِ مقرر ڪيو ويو. هن اقتدار جو ڌڻي پورهيت آهي. جو نعرو عوام کي ڏنو. ڪارونجهر جي ننڍين ننڍين ڍنڍن کي گڏي هڪ وڏي ڍنڍ ٺاهڻ جي رٿابندي عوام سامهون رکيل هئي. جنهن لاءِ ڪيترن رضاڪارانه ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجا نالا لکرايا هئا ۽ جيڪو اناج ۽ ٻيو مال، سيٺين جي گودامن مان هٿ آيو هو سو سڄي عوام ۾ برابر تقسيم ڪيو ويو. مال به ڪائونسل پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو، هنن پندرهن ڏينهن ۾ پورهيت عوام ۾ ڄڻ نئون اُتساهه پئجي ويو هُجي. هنن محسوس ٿي ڪيو ته هنن مٿان ڪوبه ڪونهي هو پاڻ ئي پنهنجا مالڪ آهن. سڀ پنهنجين ٻنين، دُڪانن ۽ ڳوٺ جي ترقي جي ڪمن ۾ جُنبي ويا هئا. ڄڻ اڄ ته هُنن کي پنهنجي زندهه هجڻ ۽ پنهنجي اهميت جو احساس ٿيو هُجي. اڄ ئي هنن کي خبر پئي هُئي ته حُڪم، صرف حاڪم ۽ امير نٿا هلائي سگهن پر هي به پنهنجي راڄ، ڳوٺ ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهن ٿا. سانول، خود به انهن پندرهن ڏينهن ۾ ايترو ته مصروف رهيو جو ڪاڪي موهن، راڌا ۽ موتيءَ سان به ڪين نه ملي سگهيو. هو مختلف ڳوٺاڻين ڪاميٽين وٽ جيڪي به قيد ٿي آيا هئا انهن جا فيصلا انهن جي اڳئين ڪم ۽ ڏوهن آڌار تي ڪري رهيو هو. پنڊت نائومل کي به برهمڻ آباد جي ڳوٺاڻي ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيو ۽ کيس پورهيت عوام کي منجهائي، انگريز سرڪار ۽ مٿئين طبقي جي پيرن ۾ اڇلائڻ، مذهب کي غلط رنگ ڏيئي پورهيت عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ همنيت مهاراج کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي.
    سانول، اڄ واندو ٿي جيوت ۽ ڪرمچند وارن کان موڪل وٺي، مندر پهتو هو، جيڪو هاڻ مندر گهٽ ۽ اسڪول گهڻو لڳندو هو. سانول جو پهريون آڌر ڀاءُ ڪندڙ ڪاڪو موهن هو. جنهن سانول کي ڀاڪر پائي، نرڙ تي چُمي ڏيندي چيو.
    ”سانول پُٽ! اڄ منهنجي من کي سڪون مليو آهي. مون پنهنجي ڌيءَ زينب ۽ ڀاءُ احمد جو بدلو، هنن لٽيرن کان وٺي ورتو آهي ۽ سانول پٽ، تنهنجي عقلمندي ۽ ڏاهپ ڪري، اڄ اسان جو پورهيت آزاد آهي. خود مختيار آهي ۽ اقتدار ڌڻي آهي.“
    سانول، ڪاڪي موهن ڏانهن نهاريندي چيو
    ”ڪاڪا! مُنهنجي ڪري نه پر اسان سڀني جي ڪري، سڀني پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ايمانداريءَ سان ڪيو آهي ۽ ڪاڪا سلام آهي انهن نوجوانن کي، جن پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن لاءِ پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ڪاڪا ائين کڻي سمجهو ته اڄ جنهن وڻ جو ڦُل پيا کائون، تنهن وڻ جي آبياري، هنن نوجوانن پنهنجي رت سان ڪئي آهي.“
    موهن، برهمڻ آباد ڏانهن منهن ڪري وراڻيو
    ”بيشڪ ابا!“
    سانول، راڌا کي نه ڏسي ڪاڪي موهن کان راڌا جي باري ۾ پڇيائين.
    ”ڪاڪا راڌا ڪٿي آهي؟!“

    موهن، سانول جو سوال ٻُڌي مُرڪي پيو ۽ سانول کي وٺي، اُن هال ۾ آيو جتي اڳ ايشور جا پنڊت ۽ مهاراج اچي ترسندا هئا. راڌا، اُتي ننڍن ٻارڙن، ٻارڙين ۽ عورتن کي پڙهائي ۽ سمجهائي رهي هئي. سانول ڏٺو ته ان کي خيال آيو ته سرڳواسي همنيت مهاراج جيڪو خواب پنهنجي ڌيءَ جي لاءِ ڏٺو هو سو اڄ ساڀيان ٿي ويو هو. سانول، راڌا جي ڪم ۾ دخل نه ڏيندي، موهن سان گڏ موتيءَ وٽ هليو آيو، جيڪو پڻ هيترن ڏينهن جي اوجاڳن کان پوءِ گهري ننڊ ۾ سُتل هو ۽ اڳ کان ڪافي نوبنو هو. سانول هڪ نظر موتي تي وجهي، ڪارونجهر جي اُن ٽڪري وٽ هليو آيو. جتي هو زخمي حالت ۾ راڌا وارن کي مليو هو. اتي بيهي، سامهون جبل تي پريان پورهيت، بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي جبل ۾ قدرتي ٺهيل ننڍن ننڍن تلائن کي ملائي هڪ وڏو تلاءُ ٺاهڻ واري ڪم ۾ جُنبيل هئا. سامهون سج جبلن جي چوٽين ۾ اُڀري رهيو هو، واهوندي جي هلڪي واءُ، سمنڊ تي گهميل پاڻي جو احساس ڏياري رهي هئي تيسين ڪاڪو موهن، راڌا کي به اُتي وٺي آيو. جتي سانول پنهنجن خيالن ۾ بيٺل هو، راڌا به اچي سانول جي ڀر ۾ بيهي رهي. سانول کي راڌا جي اچڻ جو احساس ٿي ويو هو. تنهن راڌا کي ڏٺي بغير، مسلسل ڪم ڪندڙ مزدورن ڏانهن نهاريندي وراڻيو
    ”راڌا، هي ڄڻ پنهنجون اُٿي بيهي هلڻ لاءِ، پهريون وکون آهن. ڏس! ڌرتيءَ جا ڌڻي، جڏهن واقعي ڌڻي بڻجن ٿا ته وڏا ۽ ڏُکيا ڪم به آسان ٿي پوندا آهن. هو پنهنجي حقيقي مالڪي تي ڪيڏا نه خوش آهن. ممڪن آهي ته پاڻ سڀ ايترو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهون. ڇو جو اسان جو دشمن، اسان کان ڏهوڻو طاقتور آهي. هوءَ پاڻ کي هيئن آسانيءَ سان جيئڻ ڪونه ڏيندو. پر هي پهرين وٽِي کير جي آهي. هي اُن پورهيت راڄ لاءِ ڄڻ ٻج پيو ڇٽجي ۽ ٻج ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ ڀرپور فصل ٿيندو ۽ هن پوري ڪائنات تي پورهيت راڄ قائم ٿيندو.“
    سانول ۽ راڌا هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ۽ مُرڪيا، هٿ، هٿن ۾ ڏيئي، آزاد فضا ۾ هڪ ڊگهو ساهه کنيائون.........


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 687
    ڪتابن جو مشاهدو: 909983
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 307258
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ