ڪتاب جو نالو: سونهن جي بارگاهه
مصنف: نماڻو صديق مهيسر
ڇپائيندڙ: جنسار پبليڪيشن - ميهڙ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 23 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 552 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 248 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي. نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سمورا حق پبلشر وٽ محفوظ آهن:
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مهاڳ
  • نماڻي جي شاعريءَ ۾ نمرتا
  • پرقلمڪار لئه زندگي ٿورڙي!
  • پنهنجي پاران
  • نعت/ منقبت

  • مصــطفيٰ صه تنهنجي اچڻ سان جڳ ٻئي جرڪي پيا!
  • آهي گهــــڻو مــــــون کــــي غـــــم دلــــــبر حسين رضه جو
  • آهــــي گهـــڻي ســــڀن کـــــان عظــمت حسين رضه جي
  • تــــــو جيــــان ٻـــيو نــه ٿيــــندو سخا ۾ حسين رضه.
  • حــــق ديــــن ڪــــربــــلا ۾ مــــولا ادا ڪـــــري ٿـــو.
  • روح منهـــنجي ۽ رڳـــن ۾ آهيــن تــون شـــــامـــل حيسن رضه،
  • متـــــان غــــم وســـــاريو چـــئو يــــاحُسين رضه.
  • عابد حسين آهي ذاڪر حسيّن رضه آهي.
  • غزل

  • وقـــــــت ڪــــــيڏي جـــــفا ٿــــو ڪــــري
  • نـــــفـــرتــــن جــــــا ڍيــــــــر مـــــــــن ۾
  •   ڪـــــڏهن نــــــيٺ ايـــــندين اجـــــالـــو به ٿــــيندو
  •   پــــــــيار کــــي پــــاپُ ڀــــــائـــين مـــــــتان!
  •   مـــــون کي راڻـــــــو ڪري ڇـــــو وڃين ٿي پري؟
  •   ســـــــونهن تــــــوتي جهڪي، چــــــنڊ کلـــــندو رهيو
  •   اکــــــــيـــن ۾ نـــــــمي ٿــــــــــي رهــــــــي
  •   درد لاڏا چـــــــــــــــــــيـــا
  •   ڪـــــو غــــــريبن کــــي لــــٽو ڏي پـــو مڃان
  •   شــــخص هڪـــڙو لـــهي ويـــــو من ۾
  •   ضـــــد ڪـــيو دل صـــغير چــــاهت جو
  •   وڃ پــــــــــري تـــــون نه يــــــار تـــــــرسي پئهُ
  •   هــــوءَ مــــــون کـــــــــان رُسـي، رات روئـــــي پــــــئي
  •   مــــــون ســـــــان تنهـــــنجي بـــــي رخـــي رهجي وئي
  • بـــــــيوســـي جـــــي ڄــــــار ۾ ڦـــــــاســــــي پيـــــــس
  • نيــــــڻ تنهــــنجا ٿـــــــو چُـــــمـان مــــــان
  • پــــــــاڻ ســـــــان گـــــــڏ ســـــڀ ســــــتارا جــــاڳــــيا
  • حُــسن تــــنهـــــــنجــــو ڏســــــــــي
  • اچ سمـــــــــنڊ ڪــــــــــناري تـــــــون پــــــــــرين
  • پـــــــيار جــــــي لئه جســـــتجو جـــــــاري هــــــجي
  • منهـــــــنجا سپــــــنا جــــڏهن ســــڀ ٽــــٽي ٿــــا پـون
  • پـــــاڻ کـــــي پـــــــيار لــــئه زنــــــدگي ٿــــــــــورڙي
  • ڄــــــــام شـــوري جـــــي هـــــوا جهـــــڙي مــــــٺي
  • درد منهــــنجي جـــــي دوا ڪــــــوئــــي ڪــــــري
  • زنــــــــدگــــي تـــــــوکي ڇـــــــڏي ارپــــــي پـــــريـــن
  • دوســــتن کــــــــان آ دغــــــــا ٿيـــــــندي رهـــــي 
  • ڪـــــامــــــيابـــي آ خــــــدا ڏيـــــندو رهــــيو 
  • زنــــــــدگي کــــــي بـــقا ملـــي پوندي 
  • اڄ پــــــراڻـــــــا ڦـــٽ اٿــــي پــــــــيا 
  • وهــه جـــــيان ٿــــي زنـــــــــدگــي آ 
  • پـــــــيار جــــي مــــون التـجا آهي ڪـــئي 
  • مـــتو ميــــلو وڌي هٻــڪار ســــيوهڻ ۾ 
  • امـــن کــــپي ۽ پـــــيار قلــــــــندر 
  • درد مــــــارن جـــــا مــــٽائيــندو قلـــندر 
  • تــــــوکي ســـاري امــــان اڄ مــــــــون روئي ڏنــو 
  • پــــــرين ويــــچار منهـــــنجي لئه 
  • ڏور ايــــــــڏو نـــه وڃــــجي ڪـــــڏهن 
  • مــــاڪ ٻاهـــــر وســــي ٿي پئي
  •   ساهه تـــــــڙپي پيو ڇا ڪـــيان؟
  •   تــــوکـــي ساٿــــي جناب ڀايان ٿو
  •   تنهـــنجي وارن ۾ ســـــڳي آ خـــوبـصورت
  •   چپ چمان تنهنجا ڪنوارا هي مٺي
  •   اڄ ڇـــــڏي تــــڪرار ڏي تون
  •   منهنـــــجي جيــــون جو حصو آهين پرين
  •   زنـــــــــدگيءَ جــــــا روپ تـــو ۾ سڀ ڏٺم
  •   هــڳائـــون يار جون ڪافي
  •   ســـدا مــون ته ڳايـــــا تــــــرانا اوهــــان جا
  •   روح کـــي قيــــدي بڻـــــايون هُو هِتان ويندو رهيو
  •   ٿيــــون لـــــڳن منٺار خوشيون
  •   ڪــــاٿي تـــوکي وســـــــــاريو آ
  •   زنــــــدگي تـــنهنــــــــجــي انــائن ۾ وئي
  •   جذبــــا تـــولئه ساڳــا منهنـجا
  •   لـــــوڻ وانــــــگر ڳري زندگي
  •   درد سان تــــــون دوستي ڪر پو مزو
  •   ديس منهنجي جــــون هوائون او پرين
  •   ڄامـــــشـــوري جـــون هـــوائون ياد ڪر
  •  ســـنڌ ســــلامت ســــاري رهندي
  • نظم

  • ڊسمبر
  •   عيد
  •   خـــــــــاڪ ۾ سپنـــــــــــــا ملـــيا
  •   ٿــــي ويــــــــــو قـــــــــانــــــون اغــــوا
  •   شهادت
  •   تنهنجي آ سڪ لڳي
  •   رات ڪـــــاري انـــــدر
  •   مـــــــــــــــاءُ روئي پئي
  •   ترس ڪجهه پل
  •   هڪ ٻُڍي آ پڇو
  •   ڪــــــي ڪــــــراچي ويــــا
  •   ڪر وچن
  •   مــــــون جــــــدا نـــــــاهي ڪيو
  •   بــــــــي ڏوهه وئـــــي مــــــــــاري آهي
  •   نيــــــڻ نيـــــڻن ســـــــان مــــلائي
  •   تــــــــون ته نــــفرت سان ڌڪارين ٿو
  • نظر تنهنجي لال گهرجي!
  • وايون

  • درد ٻـــيــــــڻا ڏئـــــي
  •   شـــــام مـــنهـنجي ڳوٺ ۾
  •   ڪـــــو نــــه آئيــن اڃان
  •   تــون ڪٿي آن پرين
  •   ڇـــــاڪيان ڇــــاڪـــيان؟
  • بيت، پنجڪڙا، چئو سٽا، ڏيڍوڻا

  • بيت
  • پنجڪڙا
  • چئو سٽا
  • ڏيڍوڻا
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • سمورا حق پبلشر وٽ محفوظ آهن:

    سمورا حق پبلشر وٽ محفوظ آهن:

    ڪتاب جو نالو : سونهن جي بارگاهه
    ليکڪ : نماڻو صديق مهيسر
    ڇاپو : پهريون آڪٽوبر 2013ع
    ڪمپوزنگ : نماڻو صديق مهيسر
    ڊزائن/لي آئوٽ : مور ساگر
    ڇپائيندڙ : جنسار پبليڪشن – ميهڙ سنڌ
    ڇپيندڙ جنسار پبليڪيشن _ ميھڙ
    ڪاپيون 500 ڪاپيون
    قيمت : 200

    رابطي لاءِ: 03003255769، 03023277750

    SOONHN JI BARGHAH
    (Poetry)
    By: Nimano Siddique Mahssar
    Compiled By: Nimano Siddique Mahessar
    Chearman: Nimano Siddique Mahessar
    Jnsar Publication – Mehar
    Book No. (01)


    ڪتاب ملڻ جا ھنڌ

    سنڌي ادبي بڪ اسٽال تلڪ چاڙھي حيدرآباد، ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد، ڪاٺياوار بوڪ اسٽور _اردو بازار ڪراچي، عزيزڪتاب گهر سکر، سنڌ بڪ ڪلب. نواب شاھ. قاسميا لائبرري ڪنڊيارو. رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو. فاروق سومرو اخباراسٽال ميهڙ. رزاق بوڪ اسٽال ميهڙ، المهراڻ ادبي گهر ٿاڻو روڊ سانگهڙ، العزيز ڪتاب گهر_ٿربازار عمرڪوٽ؛ گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گھر حيدرآباد، سنڏيڪا ڪتاب گھر سکر. ميمڻ بڪ اسٽور لاڙڪاڻو. محمد عثمان عباسي ڪنڊيارو. ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو، قلـيچ بڪ اسٽور لينگيج اٿارٽي حيدرآباد ،ممتاز ڪتاب گھر دادو.وسيم ڪتاب گھر شڪارپور


    ارپنا

    سونهن جي بارگاھ
    ڪتاب
    پنهنجي مرحومه
    جيجل امڙ جي نالي
    ۽ بابا سائين
    جي نالي ڪريان ٿو
    جن جي پيار جو
    هڪ پل جو به قرض لاهي نٿو
    سگھان ۽ پنهنجي
    مرحوم ڀاءُ غلام شبير
    جيڪو حادثاتي طور
    ذهني توازن وڃائڻ سبب
    پنهنجي زندگي ۾
    خوبصورت رنگينن ۽
    مزن ماڻڻ کان
    محروم رهجي ويو
    جنهن جو ارمان
    پوري زندگي رهندو.

    )نماڻو صديق مهيسر(


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سونهن جي بارگاهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جي هن مجموعي جو تخليقڪار نماڻو صديق مهيسر آهي.

    نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.

    هي ڪتاب جنسار پبليڪيشن ميهڙ پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نماڻي صديق مهيسر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    پيار کي پاپ ڀائين متان

    پـــيار کي پاپ ڀائين متان
    پـيار کان تون لنوائين متان
    ****
    پيـــــــار انسان جو ماڻهپو
    ماڻهپـــي کي وڃائين متان.
    ****
    اها مطلع ۽ شعر نماڻو صديق مهيسر جي هڪ غزل مان آهن ۽ هن جي پوري شاعري انهن ٻن دائرن ۾ ڪيل آهي،يا هن جي شاعريءَ جا بنيادي موضوع اهي هي آهن.خاص ڪري غزل ۾ ان ڪري به غزل جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ايسيتائين جو روايتي غزل به پڙهڻ گهرجي.
    هڪ شاعر پنهنجي شاعري کي وقت ڏئي ٿو هڪ پڙهندڙ،ٻڌندڙ به ان شاعري کي وقت ڏئي ٿو انهيءَ ٽڪنڊي شاعري پڙهندڙ ۽ ان تي لکندڙ مان ڪهڙي ڪنڊ وڌيڪ اهم آهي شاعر، پڙهندڙ يا لکندڙ اهي ٽيئي ڪنڊون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهم آهن.
    پر منهنجي خيال ۾ انهيءَ ٽڪنڊي اندر شاعري وڌيڪ اهم آهي ڏسڻو اهو پوندو ته شاعري،پرهندڙ ۽ لکندڙ انهيءَ شاعري کي ڪيتري اهميت ڏني آهي اتي ئي ٻولي جي اهميت بابت سوال اڀري ٿو.جنهن ٻولي ۾ شاعري ڪئي وئي آهي .جنهن ٻولي جا پڙهندڙ اها پڙهن ٿا،جنهن ٻولي جا لکندڙ ان تي لکن ٿا،۽ جنهن ٻولي جي بچاءُ ۽ واڌ ويجهه جي ذميواري ٽي ايس ايليٽ جي لفظن م ،شاعر جي آهي.هڪ شاعر پنهنجي ان اهم ذميواريءَ کي ڪيتري قدر نڀايو آهي اهو سوال خود شاعر کي پنهنجو پاڻ کان پڇڻ گهرجي،بلڪه پڇندو رهڻ گهرجي . ان ڏس ۾ اچار صورتختي ،اعراب تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي بيهڪ جي نشانين تي به جڏهن اسين ٻولي جي اهميت جي ڳالهه ٿا ڪريون، جنهن کان سواءِ شاعري ئي نٿي ٿي سگهي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته ٻولي جي لامحدود تخليقي قوتن کي تلاشڻ ۽ ڪتب آڻڻ. ان ڏس ۾ وسيع مطالعي جي ضرورت آهي، عام ماڻهن سان رابطي جي ضرورت آهي . ۽ انهن سڀني ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ لاءِ انتهائي سنجيدگي جي ضرورت آهي.
    ڪو غريبن کي لٽو ڏي پو مڃان
    ۽ لٽي سان گڏ اجهو ڏي پو مڃان
    انهيءَ غزل جي ٻين شعرن ۾ ڳڀي، قرب، جي ڳالهه ڪيل آهي. ان مان لڳي ٿو ته “نماڻو“ اگهاڙ ۽ بک جي مسئلن کان آگاهه آهي ؛
    کڻ قلم تون لک “نماڻا“ قوم تي،
    شعر تنهنجو ڀي مزو ڏي پو مڃان
    پرگهڻي ڀاڱي خاص ڪري غزل ۾، هن جو موضوع پيار، محبت، عاشقي، رسڻ پرچڻ ئي آهي،
    اڄ ڇڏي تڪرار ڏي تون
    اڻ ميو ڀي پيار ڏي تون،
    ۽ ان ۾ عاشقي ڪردار ڏي تون، ڪجهه ڪرڻ ديدار ڏي تون، ساٿ جو سهڪار ڏي تون... جهڙين مصرائن جو جڙاءُ آهي . هن جو رڳو ديدار ڪرڻ مان ئي ڪم نڪري ٿو وڃي. عاشقي ڪردار کانسواءِ زندگي بيڪار آهي. سهڪار ڏبو آهي يا ڪبو آهي؟
    نماڻي جي شاعري جا موضوع خاص ڪري هن وانگي نماڻا آهن ۽ انهن موضوئن کي هن جن گهاڙيٽن ۾ آندو آهي، اهي به هن جي سڀاءُ وانگر سادا سودا آهن.
    ڏور ايڏو نه وڃجي ڪڏهن
    جيئن موٽي نه سگهجي ڪڏهن
    يا هي مطلع؛ ****
    ماڪ ٻاهر وسي ٿي پئي
    ياد تنهنجي اچي ٿي پئي
    اها ياد ماڪ وسڻ جي ڪري آهي، ماڪ نه وسي ها ته پوءِ ڇا ياد نه اچي ها؟ ياد ته ڪٿي به ڪڏهن به اچي سگهي ٿي ! ان تي ڪنهن جو
    ڪهڙو وس آهي. پر هتي ان پل جڏهن ٻاهر ماڪ وسي رهي آهي ( جيڪو هڪ خاص مهل ڏانهن اشارو آهي) ۽ اندر ۾ ياد تنهنجي اچي رهي آهي،، ان غزل ۾ هڪ شعر آهي؛
    پيو وهي ٿو پگهر جسم مان،
    جان ڀي هي ڏڪي ٿي پئي
    پگهر ڇو پيو وهي؟ جان ڇو پئي ڏڪي؟ ٿي سگهي ٿو ته ان سان هيٺئين شعر جو ڪو تعلق هجي، جنهن ۾ “ٿڌ ۽ گرمي“ جي گڏجڻ جي ڳالهه آهي! ۽ جيڪا پڻ هڪ خاص حالت ڏانهن اشارو آهي ، سو نماڻو صديق مهيسر عشق ۾ ٽٻ آهي ۽ هن جي ذات ۽ ڏات، سڀ پرينءَ کي ارپڻ ڪيل آهي؛ ****
    ڏات جي جا روشني مون کي ملي
    شاعري تو کي ڇڏي ارپي پرين
    نماڻو صديق مهيسر جو پهريون مجموعو “ تنهنجي سهڻي سار“ هو ۽ هي “ سونهن جي بارگاهه“ سندس ٻيو مجموعو آهي، جنهن ۾ غزل (وڌيڪ) نظم، چوسٽا،بيت، ڏيڊوڻا، پنجڪڙا... آهن. ان ۾ نظم ڪل تيرنهن آهن جن ۾ هڪ نظم عيد جي عنوان سان به آهي؛
    عيد ڇاکي ٿا چئو
    عيد ٿيندي آ خوشي
    عيد ڪنهن ناهي ڪئي
    روز ماڻهون قتل ٿا
    ڏس ڪراچي ۾ ٿين
    روڊ رتورت سڄا
    “تنهنجي آ سڪ لڳي“ “عيد“ ۽ “هڪ ٻڍي آ پڇو“ هن مجموعي جا اهم نظم آهن.
    سنڌ تنهنجي مٿان
    سنڌ منهنجي مٿان
    ڪيس ڪيڏا ٿيا
    ڳاٽ ڪهڙو کڻون
    موڙ ڳاڙها ٻڌل
    گهوٽ آهي ڪٺل!
    (تنهنجي آ سڪ لڳي)

    امداد حسيني
    ڪراچي سنڌ
    2.10.2012
    *


    نماڻي جي شاعريءَ ۾ نمرتا

    جڏهن به ميهڙ جو نالو سامهون ايندو آهي تڏهن به ميهڙ جي مشهور مٺي مائي سان گڏ ميهڙ جي مينديءَ جي هڳاءَ جهڙا خوشبودار ۽ مٺڙا ماڻهون به ذهن جي اسڪرين تي تري ايندا آهن 80_1970 ع وارو ڏهاڪو ميهڙ، دادو، ٿرڙي محبت ۽ راڌڻ وارا مشاعرا ، محفلون ،ڪچهريون ۽ شاعرن اديبن سان ميل جول وارا ڏينهن ۽ راتيون ، زندگي جي خوبصورت يادگيرن جا لمحا ڪڏهن مرڪائن ٿا ته ڪڏهن سڏڪائن ٿا . ڇا ٿه زمانو هو؟
    ميهڙ جا مٺا ماڻهون، رئيس خدابخش خادم” عبدالله خان ”همدم”چانڊيو اسحاق راهي صاحب، ناظم منگي، الهه ورايو مسرور،لال دين بسمل،الله ڏينهن ڏيس سائين جوهر بروهي. سڀ شاعر ،اديب دلبر ۽ دلنواز دوست، استاد بخاري دادو ضلعي جي هر مشاعري جي جان هوندو هو. ٿورن گھڻن صدارت تي اعتراضن جي باوجود استاد سائين هر مشاعري ۾ وڏي فراخ دليءَ سان شريڪ ٿيندو هو نه صرف شريڪ ٿيندو هو پر شريڪ ٿيڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو پوءِ استاد مشاعري ۾ ڪٿي به ويهندو هو ته هو مشاعري جي سونهنءَ ۽ خاض مهمان بڻجي ويندو هو. نماڻي صديق مهيسر کي به منهنجي خيال ۾ ميهڙ جي حوالي سان انهيءَ ادبي اسڪول جو تسسل چئجي ته ان ڳالھ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو . جيتوڻيڪ نماڻي صديق مهيسر جو لب ،لهجو ۽ انداز پنهنجوئي آهي پر ان ۾ ميهڙ جي مينديءَ واري مهڪار ڪٿي ڪٿي ضرور وائکي ٿي پوي ٿي تڏهن ته من کي صاف رکڻ جون ڳالهيون ڪندي نماڻو چوي ٿو.
    صاف سٿرو رک پرين من
    رک نه اصلي مير مـــــــن ۾
    “نماڻي” جو اصلي نالو محمد صديق آهي، ذات مهيسر ۽ ادبي نالو “نماڻو صديق مهيسر”رکيو اٿائين نماڻو صديق مهيسر پنهنجي روز مرھ جي زندگي ۾ نماڻو هجي يان نه هجي ،اها خبر نه آهي پر ادبي حوالي سان سندس ٻولي ٻڌائي ٿي ته هو شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي تما۾ گهڻو نماڻو ٿي ويو آهي!
    راڳ ڳائي “نماڻو” نچيو رات ڀر
    ٽهڪ ٻيڻا ڏئي چنڊ کلندو رهيو.
    اسان جي پياري دوست جي وري نماڻائي ته ڏسو جو سڄي دنيا غلامي جا ٻنڌڻ ٽوڙڻ جا جتن ڪري رهي آهي پر اسان جو نماڻو دوست وري غلاميءَ جا سنگهر گهري ٿو وٺي ، نه صرف ايترو پر هو پرين جي در ٻالو بڻجڻ لاءِ به تيار آهي پر چوڻ وارا چون ٿا ته عشق ۾ به خودداري ضروري آهي. نماڻي صديق جو شعر پڙهي ڏسو.
    اوهان جي غلامي اکين تي رکي مون
    اوهان لئه “نماڻو” ته ٻالو به ٿيندو
    نماڻو صديق مهيسر جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي نمرتا ته آهي پر سندس شاعريءَ ۾ ماڻهپي جون ڳالهيون به آهن. هو بي لوث پيار کي ماڻهپي جي نشاني سمهجي چوي ٿو ته،
    پيار انسان جو ماڻهپو
    ماڻهپي کي وڃـائين متــان
    ”نماڻي ” صديق جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”تنهنجي سهڻي سار“ اڳ ۾ شايع ٿي چڪو آهي هي سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “سونهن جي بارگاھ“
    توهان جي هٿن ۾ آهي نماڻي صديق مهيسر جي شاعري ۽ ڪتابن ڇپائڻ جو شوق ٻڌائي ٿو ته نماڻو صديق مهيسر جو شاعريءَ سان ڪيترو پيار آهي؟ ۽ هو اهوئي چاهي ٿو ته سندس شاعري جلد ڇپجي ۽ پڙهندڙ ن جي هٿن تائين پهچي.
    نماڻي صديق مهيسر جي شاعريءَ جا ضرور گھڻائي پهلو آهن پر منهنجي سامهون جيڪا شاعري آهي انهن ڪجهه غزلن ۾ گھڻو ڪري سندس داخلي جذبن جي ئي عڪاسي ٿيل آهي. جنهن ۾ پيار ۽ محبت جي جذبن ۽ احساسن کي پنهنجي حال سارو اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    شخص هڪڙو لهي ويو من ۾
    چڻنگ چاهت ڏئي ويو من ۾
    پيار آهي “نماڻي” کي مليو
    درد جو گھر ڊهي ويو من ۾

    هي حياتي ٿورڙي آ
    پيار جي رک هير من ۾
    دل ڏني توکي “نماڻي”
    رک نه تنهن لئه غير من ۾
    هي شاعري جو ڪتاب “نماڻي” صديق جي پيار جو پورهيو اوهان جي هٿن ۾ آ اوهان پاڻ پڙهو ۽ پنهنجي راءِ کان کيس ضرور آگاھ ڪيو. اسان جون نيڪ تمنائون “نماڻي” صديق مهيسر سان گڏ آهن شال سندس قلم تازو رهي ۽ هو پنهنجي سالم سهڻي سنڌ وطن ۽ وطن واسين لاءِ پيار ڀريا گيت ۽ نغما لکي سنڌ امڙ کي ارپيندو رهي.

    10جنوري2013
    قاضي مقصود گل
    المنظر گھر _ رتوديرو
    *


    پرقلمڪار لئه زندگي ٿورڙي!

    شاعر جي سوچن جا دائرا، روين جو ورتاءَ سڀاءَ سندس گهرين نظرن جا مشاهدا ،احساس جذبا ، جذبن جا وهڪرا ۽ انهن جا اظهار عام کان بنه الڳ هوندا آهن،
    زميني حقيقتون ڪائنات جون وسعتون ،سندس آڏو دنيا جن ڪار وهنوار نياءَ ،انياءَ،گناه ۽ ثواب جا ڪينواس معيار ۽ مايا به هر ڪنهن ڪوتا گرجا پنهنجائي ٿين ٿا .
    شاعري جي کيتر جو سفر آئون ڀانيا ٿو دنيا جي ٻين فنون لطيف وارن وارياسن جي ڪشالن کان منفرد ،انوکو ۽اهنجو پڻ ٿئي ٿو ڇو جو لفظن جي تاڃيپيٽي آڌر احساسن،امنگن۽ انسان جي مختلف اڌمن جو اثرائيتو خاڪو بڻائي پنهجن هم زبان همعصرن تي حاوي ٿيڻ،پاڻ کي نشانبر ڪرڻ نهايت ڏکئي ۾ڏکيو ڪم ٿئي ٿو،
    ڪلا جي هن اڻانگي سفر۾ ڪيترا اڻ ڳڻيا همسفر به توهان سان هن قافلي ۾ گڏوگڏ وکون کڻندا هلن ٿا هتي آئون اهو پڻ ٻڌايان ته شاعراڻي تخليق جي اظهار ۾ شاعر جا موضوع انسان ۽ فطرت جي عام واقعن مان کنيا وڃن ٿا ۽ پوءِ تخليقڪارتي اهو لازم ٿئي ٿو ان واقعن۾ ،ڪردارن ،فطرت جي نت نون ظاهري ۽باطني گجهن ڪائنات جي وشالتا ان وشالتا ۽ وسعتن ۾ وسندڙ سهسين سندرتائون رنگ برنگ منظر نيرن ندين جا وهڪرا حسين پوپٽن جون اڏارون بدلجندڙ موسمون ۽ هر موسم آهر اندر ۾ اڀرندڙ جنم وٺندڙ ولولا مهم جوئين ۽ عاشقي جي لازوال داستانن تاريخ جي مهربانين ۽ بي رحمن جي بياني پنهنجي پوري مشاهدي سان اثرائتي زبان ۾ ڪرڻي آهي ته جيئين سندس تخليق جو لاڀ عام کان خاص تائين پهچي سگهي جيڪا ٻولي عام زندگي ۾ عام جي واتان ڳالهائي وڃي سائي اگر شاعريءَ ۾ به اظهار جي ته پوءِگهڻين ڀاڱين تخليقي سفر سڦل ياسجايو بڻجي ٿو سنڌ جي سماجي سياسي معاشي عشقيه ۽ بين انيڪ رخن جي شاعري هينئر پنهنجي پنهنجي وس آهر هر سرجڻهار جو موضوع بڻيل آهي قلم ۽ ڪلڪ جي نب روان دوان آهي پر اها رواني پنهنجي سماج ،فرد،۽ قومي مقصد لاءِ ڪيتري ڪارآمد آهي اهو طئي وقت ۽تواريخ کي ڪرڻو هوندو آهي ان سان گڏو گڏ اهو به ڏسڻو آهي ته ان شاعر جي ٻولي ان قوم جي ٻوليءِ کي ڪيتري هٿي ڏئي ان کي وقت پٽاندر مضبوط کان مضبوط ڪندي رهي ٿي يا نه ، ٻوليءِ جي استغفارذ تشبيهن پهاڪن محاورن مروج ۽ متروڪ لفظن کي اها ڪيترو زنده رکي ان جو تسلسل بڻجي ان جي سهائتا ڪري ئي. ٻولي ۽ شاعري کي ڀرڀور۽ مالا مال ڪرڻ لاءِ ٻولي جي هر لکاريءِ کي سڀ کان اڳ ۾ اهو تعجب نه ڪرڻ گهرجي ته سندس هرئيندڙتخليق سندس ٻولي جي مٿين گهرجن جو ڪيترو پورائو ڪري سگهي ٿي يا پورائوڪندي يا پورائي ڪرڻ جي قابل آهي. منهنجي تجربي مطابق ته هر منصف سڀ کان اول پنهجي تخليق جو پاڻ ئي وڏومنصف ٿئي ٿو وقت جي وهڪرن، ميڊيا ۽ دنيا جي ٻين ابلاغ جي ذريعن ۾ وڪوڙيل ۽ وچڙي پيل ويچاري عام ماڻهو جي منجهيل ميتن ۾ ايتري دفاعي سگهه ڪٿي باقي رهي آهي جو هو پنهنجي پيٽ، نفس، عزت نفس ضمير ۽ ان سان گڏوگڏ پنهجي ٻولي، تهذيب جوبه هڪ ئي وقت دفاع ڪري سگهي. بي پناھ خواهشن ۽ نماء جي اڻ کٽ ڀاونائن ۾ ورتل حريعس ماڻهوءَ جون هينئر ترجيحون ئي ٻيون ٿيون ويون آهن پر ان سڄي موجوده وايو منڊل ۾ نه هڪ قبيلو اڃان اهڙو آهي جيڪو ٻين جي مقابلي ۾ اڃان گهٽ حريص۽ داغدار بڻيوآهي ۽ ان لکاريءَ قبيلي جو هڪ فرد،اسانجي هن ڪتاب جو شاعر نماڻو صديق مهيسر به آهي سونهن جي بارگاھ ۾ سربجود پنهنجي مطلوب جي طالب نماڻي صديق پنهجي نئين نڪور شاعري سان سنواريل ڪتاب جو نالو ئي رکيو آهي سونهن جي بارگاھ سندس شاعري جا حسبِ روايت موجوده رحجان موجب سونهن۽ ساڻيهه جي موضوعن تي مشتمل آهي پر ان روايت يا کيس جو هي ڪو نئون يا پهريون مسافر ڪونهي جتي ڀٽائي سرڪار صديون اڳ چوي ٿو
    سڄڻ ۽ ساڻيھ ڪنهن اڻاسي وسري (شاھ)
    اتي ان پنهنجي روحاني پيشوا جي تقليد ۾ نماڻو صديق مهيسر به ساڳي نوع جو ساڳيو اظهار شاعري جي بنه پنهنجي ورتاءَ ۾ اجهو هنئين ٿو ڪري
    سنڌ ۽ منهنجي پرين جي اي خدا، شل سلامت آبرو جاري رهي
    سونهن ۽ ڌرتي نماڻو پيو لکي بس لکڻ جي آرزو جاري رهي (نماڻو صديق مهيسر)
    نماڻي صديق جي شاعري جو، تنهنجي سهڻي سار کانپوءِ هي ٻيو شاعريءَ جو ڪتاب جنهن جي وچم وٿي فقط ٽن سالن جي آهي سو ازخود پاڻ ئي نماڻي صديق جي هن شاعراڻي پنڌن پيچرن جي سفر جو ساکي آهي ۽ ان جو وڏو پختو شاهد هي ٻيو ڪتاب سونهن جي بارگاھ خود آهي منهنجي دلي دعا آهي ته هو پنهنجي ساڻيهه پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي پنهنجين پورين سچائين سان ڀريندو رهي ۽ کيس ڪڏهن به شاعريءَ جي رڻ جو سفر ڪندي ٿڪ جواحساس نه ٿئي

    عبدلغفار.تبسم
    نئوديرو
    *


    پنهنجي پاران

    منهنجو شاعريءَ جو پهريون ڪتاب “تنهنجي سهڻي سار“ جنوري سال 2010 ۾ ڇپيو، جنهن کي اوهان پڙهندڙن وٽان ڀرپور مانائتي موٽ ملي آهي. ٽن سالن کان پوءِ هي منهنجو شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب “سونهن جي بارگاهه“ اوهان مانائتن پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ حمد، نعت، منقبت، غزل، نظم،بيت، ڏيڍوڻا، چوسٽا، پنجڪڙا ۽ وايون شامل آهن. آءُ ڪو ايڏو سگهارو ڏات ڌڻي ڪونه آهيان، پنهنجي اندر جي داخلي توڙي خارجي گڏيل احساسن کي سئين سڌي نموني اظهاريو آهي. هي جڳ ڏکن سکن جو ميلو آهي ڪٿي روڄ راڙو ڪٿي دهل شرنايون، هوش سنڀالڻ کان پوءِ خوشين جي ڀيٽ ۾ ڏک منهنجي پلئه ۾ وڌيڪ پيا آهن. آءُ فطري طور جذباتي گهڻو رهيو آهيان.
    جـيـجـل مـاءُ جي وڇـوڙي کـان پـوءِ ڦـوهه جـوانيءَ ۾ حـادثـاتي طـور 9 مارچ 2013ع تي پنهنجي گذاري ويل پنهنجي مرحوم ڀاءُ غلام شبير جي موت جو صدمو سهندي هن وقت ڏکائتي ڪيفيت ۾ جيون جون گهڙيون گهاري رهيو آهيان اهڙي غمگين گهڙين ۾ شاعري منهنجي اڪيلائي جي لمحمن ۾ بهترين سهارو بڻي آهي. موجودهه وقت ۾ ڏينهن و ڏينهن محبت ۽ ماڻهپي جي کوٽ شديد ٿيندي پئي وڃي اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ هر ساڃاهه وند قلمڪار تي فرض آهي ته هو پنهنجي شاعري وسيلي هيسيل ذهنن ۾ ٻاجهه ۽ امن جو پيغام اماڻن ۽ معاشري جي بهتر تبديلي لاءِ پاڻ پتوڙين.
    منهنجي هن قلمي پورهئي “سونهن جي بارگاهه“ ۾ جيڪو ڪلاسيڪل پيغام سمايل آهي اميد ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ آٿت ۽ اتساهه جو سبب بڻجندو آءُ پنهنجي سڀني پڙهندڙن، مهربانن ۽ دوستن جو ٿورائتو آهيان جن هروقت مون کي تنقيد براءِ اصلاح جي بنياد تي پنهنجي قيمتي راين کان آگاهه ڪيو ۽ ڪندا رهندا.
    جن ۾ مانائتن ڏات ڌڻين منهنجي هن ڪتاب تي پنهنجي رايا مهاڳ مضمون لکيا آءُ انهن سڀني قلمڪارن جي دل سان آجيان ڪريان ٿو ۽ ٿورائتو آهيان انهن ۾ سائين امداد حسيني سائين عبدالغفار تبسم سائين قاضي مقصود گل سائين گوهر گل ڳورڙ سائين آزاد منگي، صابر سيدپوري، سائين محبوب علي ڏيپر، سائين احسان زنگيجو، سائين عبد مگسي ۽ منهنجي ڪتاب کي ڪمپورز ڪري سهڻي نموني سان توهان تائين جلد آڻيندڙ عمران سومرو (عمران انجم) آصف گاڏهي، عابد لنڊ ۽ خوبصورت صلاحون ڏيندڙ سائين جنسار علي خاصخيلي، سائين رحمت سومرو ، سائين الطاف جانوري، سائين ذوالفقار گاڏهي، سائين گلزار، سائين ايڊوڪيٽ عابد چانڊيو، سائين بشير ڀنڊ، سائين معصوم بخاري، سائين امتيازعادل سومرو، سائين احسان دانش، سائين رضوان گل، سائين ثناءُ الله چنجڻي، سائين دلدار راڌڻائي، سائين بسمل راڌڻائي، سائين مانجهي زرداري، سائين ساحل لاکير، سائين ساٿي محبوب زنگيجو ۽ والد ِ محترم محمد عثمان مهيسر ۽ ٿورائتو آهيان پنهنجي پيارن دوستن شاهد ابڙو، علي اضعر چانڊيو، خانڻ پتوجو، عنايت راهي، هدايت الله سومرو، ذوهيب جتوئي، ڪامل امداد جتوئي، يوسف سنڌي، فقير محمد سنڌي ،خليق ٻگهيو، خدابخش مهيسر، منظور مولائي کوسو،محبوب جانوري،سائين ساجد چانڊيو، شاهد علي خاصخيلي، وحيد علي خاصخيلي ۽ تمام پڙهندڙن سڀني مانائتن سڄڻن جو شڪرگذار آهيان.
    هن ڀيري به توهان پڙهندڙ جي راءِ جو انتظار رهندو.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    نماڻو صديق مهيسر
    03003255769
    ڳوٺ پپري راڌڻ روڊ ميهڙ
    معرفت غلام محمد ڳورڙ ڪريانه مرچنٽ
    مين روڊ ميهڙ


    نعت/ منقبت

    مصــطفيٰ صه تنهنجي اچڻ سان جڳ ٻئي جرڪي پيا!

    مصــطفيٰ صه تنهنجي اچڻ سان جڳ ٻئي جرڪي پيا!
    نـــــور جــــي بـــارش ٿيڻ ســـــــان جڳ ٻئي جرڪي پيا!

    جـــــڳ ٻـــئي تنهنــــجي ڪـــــري الله آهــــــن خـــــلــقيا!
    ٻـــــاجهه ۽ شفـــقــت ڪرڻ سان جڳ ٻئي جـرڪي پيا!

    تو اســـــان کي واٽ حق جي کــــان ڪيو واقف نـبيصه!
    گگهه اوندهه جـــي وڃڻ ســـان جڳ ٻــئي جــــرڪي پيا!

    روح هــــيڻن جـــو رنـــجـــــائن پـــــيا هـــي ڀٽڪيل آدمي!
    حــــق جــي پـــــڌري ٿيڻ ســــــان جڳ ٻئي جرڪي پيا!

    آهــي عيبــــن ســــان ڀــــــريل تنهـــــنجو ”نماڻو“ هي سڄو!
    سڪ منجهان نعـــتون لکڻ ســـان جڳ ٻئي جرڪي پيا!
    *


    آهي گهــــڻو مــــــون کــــي غـــــم دلــــــبر حسين رضه جو

    آهي گهــــڻو مــــــون کــــي غـــــم دلــــــبر حسين رضه جو
    ڪـــــربـــل ڪُـــــٺو ويــــــو آ اصـــــــغر حسينر ضه جو

    ڏس ڪيــئن ٿـــــــو کــــــلي پـــــيو قــــــاتــــــل امــام جو
    پـــــر مــــــددگــــــــار آهـــــــي پــــــــــرور حسين رضه جو

    آهــــي وڏو قــــــصو ڏس ڇــــــا مــــــان بــــــيان ڪــيان
    مـــــــاتــــم تـــــڏو رڳــــــو آ گهــــر گهر حسين رضه جو

    مــــــولا ڪـــــندو نـــه هـــــوندو دشمن حسين رضه جو
    دوزخ ۾ پـــــيو ســــــڙنــــــــدو مــــنڪر حسين رضه جو

    ســـــيد گهـــــــراڻي جــــــــو آ خــــــــادم ”صديق“ هي ءُ
    مــــــــولا رکـــــي ســــــــــدائين نوڪر حسين رضه جو
    *


    آهــــي گهـــڻي ســــڀن کـــــان عظــمت حسين رضه جي

    آهــــي گهـــڻي ســــڀن کـــــان عظــمت حسين رضه جي
    دل ۾ ســــــــدائيـن آهـــــــي عقـــــيــدت حسين رضه جي

    جنــهن ڀـــــي جـهــــلــي آ دامــــن دلبر حسين رضه جي
    تنــهن تـــــي وســي ٿــي هر دم رحمت حسين رضـه جي

    بـــيشڪ بهــــــادريءَ ســــــان لــــــــڙيـــــــــو يزيد سان
    حــق لـــــئه هــــئي همــــيشه بـــــغاوت حسين رضه جي

    در کوڙ ٿو ڏِسان مان سنسار ۾ سخين جا
    لـــيڪن مـــــٿي آ ســــڀ کان سخاوت حسين رضه جي

    پڪ ٿــــــم تــه ملــــندي جــــنت سڀ ڏوهه بخشــــبا،
    دل ۾ هـــــميشه آهــــــي محــــــبت حســـــين رضـــه جي

    جـــــــو ڪــــــجهه بـــــه اڄ “ نــماڻو“ بڻيو“ صـديق” آ،
    ســـــا ڀي انـــهيءَ تـــــي آهـــي عنايت حسين رضه جي.
    *


    تــــــو جيــــان ٻـــيو نــه ٿيــــندو سخا ۾ حسين رضه.

    تــــــو جيــــان ٻـــيو نــه ٿيــــندو سخا ۾ حسين رضه.
    وئــــين خـُــــدا کــــي وڻي تــــون وفـا ۾ حسين رضه.

    ســـــر جـُــــدا ڌڙ جـُــــدا پــــــو بـــه مُــــرڪين پيو،
    ديـــــد تنهــــنجي هـــئي هڪ خدا ۾ حسين رضه.

    ڏينـــهن مــــحرم ڏهـــين جـــــو اچــــــي ٿو جڏهن،
    پــــيو ٿـــو سُـــڏڪا ٻڌان مان هوا ۾ حسين رضه.

    وئـــي فــــنا ٿـــــي يــــزيـــديت همـــيشا جــــي لـئه،
    ديـــــن ســـــارو ۽ تـــــــون آن بــــقا ۾ حسين رضه.

    ســـــاهه منهـــنجي ۾ سائين ســــــمايـــــل اَهـــين.
    ۽ ســـــندم آهـــــين گــــــڏ تــــــون انـا ۾ حسين رضه.

    آس دل ۾ “نـــــــــــــــمـــاڻـــــي” رکــــــــي آ اهــــــــــا،
    شــــل دفــــن مــــــان ٿـــيان ڪربلا ۾ حسين رضه.
    *


    حــــق ديــــن ڪــــربــــلا ۾ مــــولا ادا ڪـــــري ٿـــو.

    حــــق ديــــن ڪــــربــــلا ۾ مــــولا ادا ڪـــــري ٿـــو.
    خـــــنجــــر جـــــي ڌار هيٺـــان سجدا ادا ڪـــري ٿــو.

    جنــهن ڀـــــي رکـــــي محـــبت آل ِ رســولصه سان آ،
    الله تنــــهن جــــي هـــر پل مشڪل ڪشا ڪري ٿو.

    حــق ســــچ حسين ســـان گڏ خوشبو ۽ گل جيان ئي،
    ســــاکــــي آ ريت ڪـــــربـــل مــــــــولا وفا ڪري ٿو.

    دربــــــــار مصطفيٰ ۾ راحب جــــي عرض کي ڀــي،
    لـــــوح قـــــلم کـي بـــدلي ست پٽ عطا ڪري ٿو.

    جهولي جهلي “نماڻي” ڪربل ڏي منهن ڪري جيئن،
    تنهن جـــــو پـــــڪو عقـــــيدو مـــــولا شـِـــفا ڪري ٿو.
    *


    روح منهـــنجي ۽ رڳـــن ۾ آهيــن تــون شـــــامـــل حيسن رضه،

    روح منهـــنجي ۽ رڳـــن ۾ آهيــن تــون شـــــامـــل حيسن رضه،
    تـــــوکـــــان پــــو عادل نه ٿيندو تون وڏو عــــــــادل حسين رضه!

    گهر عــــليءَ جـــــو ۽ ســــڄي دنــــيـــــــا اَهي مهڪي پئــي،
    فاطمه رضه جي جيئن جهوليءَ ۾ ٿئين داخـــل حسين رضه!

    تنهـــنجي قــُـــربـــانيءَ جي عيـــوض ٿـــا پڙهون ڪلمو اسان،
    تنهنجو جهنڊو اوچو ڪلمي ســــــاڻ آ مــــــرسل حسين رضه!

    حــق ســــــندي تـــــو واٽ ڏيــــــــــکاري شـــهادت آ ڏئــــي،
    مــــــاڻهپو بخـــشي اسـان کي تو ڪيو قـابــــل حسين رضه!

    تــــــوتي منهـــنجو آ عقــــيدو منهـــــنجا ســــــــــچا رهنما،
    ڪين توکان مان ڪڏهن آهيان رهيو غــــافـــل حسين رضه !

    دين خــــــاطــر ســــــر ڪـــــٽايـــــا ڪيـــــترن آهن مـــــگر،
    دين تنهنجي ئي ڪري بيشڪ ٿيو ڪـــــامل حسين رضه!

    ذڪــــــر منهـــــنجي فڪر منهنجي ۾ رڳو نــــــالو ســــندءِ،
    ڏي شـــــفا جهولي جهلي آهــــيان ٿيو سائــــــل حسين رضه!

    تنهـــــنجو آهي بــــس “نـــــماڻو” تنهنجو ئي رهندو ســــدا،
    ٻاجهه تنهنجي شل رهي تنهن جي مٿان فاضل حسين رضه!
    *


    متـــــان غــــم وســـــاريو چـــئو يــــاحُسين رضه.

    متـــــان غــــم وســـــاريو چـــئو يــــاحُسين رضه.
    رڳــــــو پـــــيا پــــڪاريــو چـــئو ياحسين رضه.

    نه ملـــــندي شــــفا بــــن محبت حسين رضه،
    پـــــيا لــُـــڙڪ هــــاريو چــئو يــــاحسين رضه.

    مــــــلائڪ رُنــــــــا ۽ رُنـــــي ڪـــــائـــــنات،
    مُــــــحرم کـــي ســــاريو چــــئو يــاحسين رضه.

    وڃـــــو ڇـــــو ٿــــا ٻـــئي در دعـــــائون گهرڻ،
    نجـــف ڏي نـــــهاريـــو چــــئو يـــــــاحسين رضه.

    “نــــمــــــاڻــــو”ته سيــــــّد جـــــــــــو حُــــــبدار آ،
    مقـــــدر ســــــــــنواريـــــو چـــــئو يـــاحسين رضه.
    *


    عابد حسين آهي ذاڪر حسيّن رضه آهي.

    عابد حسين آهي ذاڪر حسيّن رضه آهي.
    اسلام جو محافظ سرور حسّين رضه آهي.

    رهبر ٻيو نه آيو، آهي نه ڪو ئي ايندو،
    ناني نبي امت جو رهبر حسّين رضه آهي.

    ڪربل ۾ سر ڪٽائڻ خاطر ٻچن سان گڏجي،
    خدمت ته دين جي لئه حاضر حسّين رضه آهي.

    سختي جي راهه تي ڀي صابر حسيّن رضه رهيو،
    صابر ٻيو نه ٿيندو صابر حسين رضه آهي.

    ڪافر ويو مري آ، جيئرو به ناهي ٿيڻو،
    باطن حسين آهي ظاهر حسين رضه آهي.

    ناهي مونکي محبت ڪنهن ڀي پليت سان ڪا،
    عاشق حسين جو هان، دلبر حسين رضه آهي.

    مقدر وڃي پيو ان جو سنور جي سدائين،
    جنهن جو ويو بڻي بس مقدر حسّين رضه آهي.

    آهيان حسين جو مان آهي حسين رضه منهنجو،
    منهنجي اکين سندو ئي منظر حسّين رضه آهي.

    نيزي تي ڏيئي خطبا ثابت ڪري ڇڏيائين،
    ڪربل جي سرزمين جو حيدر حسّين رضه آهي.

    هت آءُ هڪ نه آهيان، آهن غلام ڪيئي،
    پائي ڏسو ته جهاتي گهر گهر حسّين رضه آهي.

    اسلام جي بقا لئه قربان گهر ڪري ۽،
    سچ ٿي پيو وفا جو پيڪر حسّين رضه آهي.

    ناهي ٻيو ڪو رستو مولا حسين کان بن،
    اول حسين آهي آخر حسّين رضه آهي.

    سو ڪيئن نڌڻڪو ٿيندو ڏس مون کي ”نماڻا“
    جنهن جي اندر سمايل جيڪر حسّين رضه آهي.
    *


    غزل

    وقـــــــت ڪــــــيڏي جـــــفا ٿــــو ڪــــري

    وقـــــــت ڪــــــيڏي جـــــفا ٿــــو ڪــــري،
    يـــــــار تــــــــوکـــــــــان جـــــــــدا ٿو ڪري.

    زنــــــــدگــــــي تــــــــوســـــــوا بــــي چسي،
    درد ويــــــــــتر ڳـــــــڀا ٿــــــــــو ڪـــــــري.

    پـــــــــــــيار جــــنهن کــــــي ڏيان ٿو سڏي،
    ســوئي نــــــفرت عــــــطا ٿــــــو ڪـــــري.

    روح منهـــــــنجو ڦــــــــٽـي ٿــــــــــــو پرين،
    ڳالهه مون سان نه ڪــــا ٿـــــــو ڪــــــري.

    وقــــــت ڀـــــل بـــــي وفـــــــائي ڪـــــري،
    روح تـــــــوســـــــان وفـــــــا ٿـــــو ڪــــــري.

    ڏس “نــــــــماڻي” جـــــــــي چريائي کـــــي،
    عشـــــق جـــــي پــــــيو خــطا ٿو ڪـــــري.
    *


    نـــــفـــرتــــن جــــــا ڍيــــــــر مـــــــــن ۾

    نـــــفـــرتــــن جــــــا ڍيــــــــر مـــــــــن ۾،
    ڇـــــــو رکـــــين ٿـــــــو ويــــــــر مـــــن ۾.

    هــــــي حــــــياتـــــي ٿــــــــــــــورڙي آ،
    پـــــــــيار جـــــي رک هـــــير مـــــــن ۾.

    صـــــــاف سُـــٿرو رک پــــرين مــــن،
    رک نـــــه اصـلي مـــــــيــــر مـــــــــن ۾.

    چـــــــــاهـــتن جـــــــــــو دل مــــــــنــارو،
    چـــــــاهــــتون رک ڍيــــــــــر مــــن ۾.

    دل ڏنـــــي تـــوکــــــــــي“ نــــــماڻي ”،
    رک نـه تــنـهن لــــئه غـــــــــير مـــــن ۾.
    *


      ڪـــــڏهن نــــــيٺ ايـــــندين اجـــــالـــو به ٿــــيندو

    ڪـــــڏهن نــــــيٺ ايـــــندين اجـــــالـــو به ٿــــيندو،
    پـــــــريــــن چــــــاهه پنهــــنجو نــــــرالـــو به ٿـــيندو!

    ســــــــدا ســـــــور ســـــــاٿي نه رهــــندا هي مون وٽ،
    خـــــــوشين جــــــــو تـــه ڪــوئي جمـالو به ٿيندو!

    رڳــــو خـــــــار جهولـــي ڀــــري تـــــو ڏنا هن،
    ڀـــــــلا تن جــو ڪــوئي ازالـــــو به ٿيندو!

    ڪـــــــندي نــــــيٺ انــــــصاف تــــــاريخ مون سان،
    اســـــان جـــــــو ڪٿي پـــڪ حـــــــوالو به ٿيندو!

    اوهــــــان جـــي غــــــلامي اکــــين تــــي رکـــي مون،
    اوهــــــان لـــــئه” نــــماڻو “تـــه ٻــــالــــو بــه ٿيــــندو!
    *


      پــــــــيار کــــي پــــاپُ ڀــــــائـــين مـــــــتان!

    پــــــــيار کــــي پــــاپُ ڀــــــائـــين مـــــــتان!
    پــــــيار کــــــــان تـــــــون لــــــنوائين مـــتان.

    پـــــــــيار انـــــــسان جـــــــو مـــــــــاڻـهــپو،
    مــــــاڻهـــــپي کــــــي وڃــــائين مـــــــتـــان.

    چــــاهـــه دولـــت وڏي شـــــيءِ اٿــــئي،
    اهـــــــــڙي دولـــــــت لـــِڪــــائين مـــــــتان.

    هـــــــيءَ ڌرتـــــــي ســــــڄي پــــــيار ٿئي،
    تنـــهن ۾ نفرت سمائين مـــــتان.

    ڏئـــي چُـــمي ڳــــل” نماڻي “سان مل،
    پـــــــير پوئتي هـــــٽائيـن مـــــــــــتان.
    *


      مـــــون کي راڻـــــــو ڪري ڇـــــو وڃين ٿي پري؟

    مـــــون کي راڻـــــــو ڪري ڇـــــو وڃين ٿي پري؟
    مـــــــون ســـــــان مـاڻو ڪري ڇو وڃين ٿي پري؟

    پــــــيار امــــرت ڏئـــــي پــــــاڪ جـــــيون ڪــري،
    پــــــــو ويــــــڳاڻو ڪـــــري ڇـــو وڃين ٿي پـري؟

    ســـــــاٿ تنهـــنجي ڏنــــــي آ نئـــين زنـــــــــــدگي،
    مـــن هــــي گهـــــاڻو ڪــري ڇـــو وڃين ٿي پري؟

    مس مــــلي ڪــــا خـــوشي تنهنجي ڪارڻ هئي،
    ايئن ايــــــــاڻــــو ڪــــري ڇــــــــو وڃـــين ٿـي پري؟

    چـــــــاهه پـــنهنجـــــــو ڏئـــــي ۽ وري هـــيڪــــلو،
    ڏس“ نـــــــماڻو ”ڪــــري ڇــــــــو وڃين ٿي پري؟
    *


      ســـــــونهن تــــــوتي جهڪي، چــــــنڊ کلـــــندو رهيو

    ســـــــونهن تــــــوتي جهڪي، چــــــنڊ کلـــــندو رهيو،
    پــــــــيار پنهــــنجو ڏســـــي، چـــــــنڊ کــــــلــندو رهيو.

    وار کــــــــولي جـــــڏهن تــــــــو وڌي پــــــئي ســـــڳي،
    گيــــــــت تــــــوتــــي چـــــئي، چـــــنڊ کـــــــلندو رهيو.

    رات آڌي پکي تــــــــــي ســـــڪــــايــــــئي پـــگهر،
    پيـــــئي چــــولـــو اُڏي، چــــــنڊ کلــــندو رهيو.

    يــــــــاد منهـــنجي تـــــــوکــــي آئــــي هـــــــوندي مٺي،
    تــــــــوکــــــي هــــڏڪي لــــڳي، چـــــنڊ کلندو رهيو.

    تـــــو ڪـــــئي آ حـــــــياتي گـــــــــلابـــــي ســـــــندم،
    خــــــتم ٿــــــي وئــــــي غمي، چــــــنڊ کـــلندو رهيو.

    راڳ ڳـــــــائي” نــــــــمـــــــــاڻو“ نچـــــــيو رات ڀــــر،
    ٽـــهــڪ ٻـــــــيڻا ڏئـــــي، چـــــــنڊ کـــلــندو رهـــيو.
    *


      اکــــــــيـــن ۾ نـــــــمي ٿــــــــــي رهــــــــي

    اکــــــــيـــن ۾ نـــــــمي ٿــــــــــي رهــــــــي،
    رڳــــــو بــــــس غـــــمي ٿـــــــي رهــــــــي.

    ســـــــڄو گهـــر ســـــــــجايــــــــل اٿـــم،
    ســــــــــندءِ هڪ ڪــــمي ٿـــي رهـــــي.

    سڄـــــــڻ يــــــــاد تنهـــنجي صــــــــــفا،
    انـــــــــــدر ۾ ڄـــــــمي ٿــــــــــي رهـــــــي.

    بــــــــنــــا تــــــــــو حــــــــــياتي ســـڄي،
    ڏکــــــــــي هــــــت وڏي ٿــــــــي رهــــــي.

    وڃــــــــي هــــــرڪــــــو هلـــــيو هــــتان،
    ۽ چـــــــــاهــــــت رڳـــــــي ٿــــــي رهـــــي.

    مـــــــلي وڃ“ نـــــماڻي” ســـــــــــان تـــون،
    ســــــــندءِ ســــــڪ گهــــڻي ٿــــــي رهي.
    *


      درد لاڏا چـــــــــــــــــــيـــا

    درد لاڏا چـــــــــــــــــــيـــا،
    نـــــــاچَ زخــمــن ڪــــيــا.

    رات آڌي وري،
    پـــــــور تنهــــــنجا پــــــيا.

    بـــــي رخــــــــي تو ڪئي،
    دل جــــــــــا ٽڪرا ٿــــــيا.

    تــون وئـــــين جـــــو ڇڄي،
    تنهــــنجا سپــــــنا رهـــــيا.

    هـــيـــانءُ ڦـــــــــاٽي پـــــــيو،
    حــــــوصــــــلا سڀ ويـــــا.

    ڏِسُ” نــــــماڻي“ جـــي تون،
    پـــــــــــائي مـــــن ۾ لـئـــيــا.
    *


      ڪـــــو غــــــريبن کــــي لــــٽو ڏي پـــو مڃان

    ڪـــــو غــــــريبن کــــي لــــٽو ڏي پـــو مڃان،
    ۽ لــــٽي ســــان گـــــڏ اجهــو ڏي پــــــو مڃان.

    پــاڻ کائين ســت رنـــگا ٿــــو طـــــعام تـــون،
    پــــر بـُــکين کـــي ڀـــي ڳــــڀو ڏي پـو مڃان.

    ڏيـــن غــــريـــبن کـــي ڌڪــــا، ڇـڙٻون پيو،
    قــُــرب تن کــــي ڪـو جهجهو ڏي پو مڃان.

    ڪــــو گهـــري نـــــالي خــــدا تــــــوکـــان اگر،
    گهـــر ٻهـــاري تـــــون ســـــڄو ڏي پــو مڃان.

    کڻ قـــلم تـــــون لــــک “نـــماڻـــا” قـــــوم تي،
    شــــعر تنهـــنجو ڀـــي مــــزو ڏي پـــــــو مڃان،
    *


      شــــخص هڪـــڙو لـــهي ويـــــو من ۾

    شــــخص هڪـــڙو لـــهي ويـــــو من ۾
    چڻنگ چــــــاهت ڏئـــي ويــــــو من ۾.

    دود وانـــــگر دکــــي دکــــي چــــاهت،
    آهــــــي شـــــعـــــلو وڌي ويــــــو مــن ۾.

    نيــــڻ مـــون ڏي کنـيا جڏهن به اٿس،
    عڪـــس هــن جـــــو ٺهي ويــو من ۾.

    هو ملي بس رڳـــو چـــئي ٿــــي دل،
    لــمس هـــن جــو تــه ٿـــي ويو من ۾.

    پــــــيار آهـــــي “نمــــاڻي” کـــي مليو،
    درد جــــــو گهــــر ڊهــــي ويـــــو من ۾.
    *


      ضـــــد ڪـــيو دل صـــغير چــــاهت جو

    ضـــــد ڪـــيو دل صـــغير چــــاهت جو،
    ٿـــي پــــــيو هـــــان اســـــير چـــاهت جو.

    پــــــيار خــــــيرات ۾ پـــــــرين ڏي تــون،
    ڪـــــر کـــــڻي تـــــون امـــير چاهت جو.

    بادشــــاهي نـــــٿي کــــپي مـــــون کـــي،
    ڪـــــر ســـڄڻ بــس مشير چاهت جو.

    لــــــوڪ ســـــارو پٺــــيان آ دولـــت جي،
    آءُ آهـــــــيان فقــــــير چـــــــاهــــت جـــــو.

    قــــــــيد ڪــر تـون “نماڻي“ پنهنجي کي،
    پـــــاءِ تنهن کــــــي زنجـــــــير چاهت جو.
    *


      وڃ پــــــــــري تـــــون نه يــــــار تـــــــرسي پئهُ

    وڃ پــــــــــري تـــــون نه يــــــار تـــــــرسي پئهُ،
    منهـــــنجي دل جـــــــــا قـــــــــرار تــرسي پئهُ!

    کــــوڙ عـــــرصو خــــــــزان ۾ گـــــــذريــــــــو آ،
    هاڻي مـــــــنهنجي بــــــهــــــار تـــــــرسي پـــــئهُ.

    نيــــڻ نـــــــــاهــن ٿــــــڪا تــــــــڪي رســـتا،
    خــــــتم ڪـــــر انتـــــــظـــــار تــــــــرسي پــئهُ.

    ڪــــــــر نه ويــــــڇا” صــــــديق“ ســـــان ايڏا،
    ٻــــڌ تــــــو ن دل جــــي پُـــــڪار تــرسي پئهُ.
    *


      هــــوءَ مــــــون کـــــــــان رُسـي، رات روئـــــي پــــــئي

    هــــوءَ مــــــون کـــــــــان رُسـي، رات روئـــــي پــــــئي
    درد منهـــــنجا ٻُـــــــــــــــڌي، رات روئـــــي پــــــئي

    مـــون ڏنـــي هــن کـي آٿت، ڪئي بس نه هن،
    مـــون کـي ڀـاڪـــر وجهي رات روئــــي پئي

    اشڪـباري اســـان جـي ڏسي ڪيئن هت،
    چـــــــنڊ ســـان گــــــڏ ڪَــــــتي، رات روئي پئي

    درد تنهـــــــنجا مــــلن شــــــــال مـــــــون کــي پرين،
    ڏئـــــي چُــــمي ۽ چـــــــئي رات روئــــــي پـــــــئي

    گهـــــور تـــــــوتـــــــان وڃــــــان مــان” نــماڻا“ سدا،
    ٿــــــي“ نـــــماڻي” ڏســــي، رات روئـــــي پـــــــئي
    *


      مــــــون ســـــــان تنهـــــنجي بـــــي رخـــي رهجي وئي

    مــــــون ســـــــان تنهـــــنجي بـــــي رخـــي رهجي وئي،
    زنـــــــــــدگـــــي منهــــــنجي ڏکــــي رهــــــجي وئــــــي.

    تـــــــــــو بـــــــــــنا ويـــــــــــران رســـــــــتا ڳـــــوٺ جا،
    بــــــــاهه مــن ۾ آ دکـــــــــــي رهــــــــجي وئــــــــي.

    تــــــــون نـــه آئــــين لــــــــوڪ محـــــفل ۾ ســــــــڄو،
    بــــــس اڌوري هــــــر خـــوشــــــي رهــــجي وئــي.

    ڇــــــــا ڪــــــــيان مـــــــان بــــــد نصيبيءَ کــــي ڀلا؟
    مـــــــون مـــــــــٿان قـــــــابـــض يـــــڪي رهجي وئي.

    مـــــــون نــــه ميــــــندي مـــــــــوڙ آهــــــن ڪـــــي ٻــڌا،
    مـــــون کـــي حسرت ســــــا وڏي رهـــــجي وئـي.

    ســــــــونهن تنهـــنجي چــــانــــد نيءَ کان ڀي گهڻي،
    چــــــــانـــــــدني تـــــــــوکـــي ڏســـــــــي رهـــــــجي وئي.

    بيـــــــــــــــوسي قـــــــابـــــــض” نــــــماڻي“ جي مــٿان،
    حُــــسن تـــــي تـــــــوکـــــي مــــــــڳي رهــــــــجي وئـــي.
    *


    بـــــــيوســـي جـــــي ڄــــــار ۾ ڦـــــــاســــــي پيـــــــس

    بـــــــيوســـي جـــــي ڄــــــار ۾ ڦـــــــاســــــي پيـــــــس
    مـــــــان جـــــــڏهن کــــــــان پــــــيار ۾ ڦاسي پـــــيس

    تــــــــو رکــــــــيا لـــــهجا پـــــــــــرين جــــــو تلخ هـــا،
    مـــــــــان غـــــمن جــــــــي غـــــــــار ۾ ڦــــــاسي پيس.

    ڪــــــــونه نــــڪرڻ جـــــي مــلي فرصت ڪڏهن،
    وره جي وســــــــڪـــــار ۾ ڦــــــــــــــاســـــــي پيس.

    تـــــــــو اچــــڻ جـــــي ڪـــــا عــنايت ڀي نه ڪئي،
    تـــــــــو چـــــــيو ســــــيـــنگار ۾ ڦـــــــــاسي پيـــــــس.

    تـــــــــو وڇــــــــــايــــــو ڄـــــــــــار وارن جـــــــــو هـيو،
    مــــــــــــــان اچـــــــــي ان ڄـــــــــار ۾ ڦـــــاسي پيس.

    ٻـــــــــــول جيـــــڪي ٻـــــــولــــــــيا تـــــــو اڳ هئا،
    تنــــهن مــــــٺي گفــــــــتار ۾ ڦـــــــاســــــــي پـــيس.

    تنهــــــنجي خـــــــاطــــر لـــــوڪ سـان وڙهندو ويم،
    ۽ رڳــــــــــو تـــڪــــــــــــــرار ۾ ڦــــــــاســــي پـــيس.

    تـــــــــو ڪــــــــيو جــــنهن پـــــل” نماڻي“ کي جدا،
    سو وڏي ويـــــچــار ۾ ڦــــــــــاســـــي پــــــــيس.
    *


    نيــــــڻ تنهــــنجا ٿـــــــو چُـــــمـان مــــــان


    نيــــــڻ تنهــــنجا ٿـــــــو چُـــــمـان مــــــان،
    ڄــــــــــڻ هــــــــــوا ۾ ٿــــــــو اڏان مـــــــان.

    تـــــــو هــــنئي سُــــــرخـــي چــــپن تـــي،
    تـــــوکـــــي ويـــــٺو ٿــــــو ڇـُــــهان مـــــان.

    ٿــــــر ۽ ڪـــــــاڇـــــــو جيـــئن پياسو،
    تيـــــئن پــــــياســـــو ٿــــــــو رهـان مـــان.

    ســـــرنهـــن جـــــي ڦـــــــــولار جــهــڙي،
    پــــــــيار تــــــــوســــــان ٿـــــو ڪيان مان.

    وڃ اجهـــــــــائـــــي اُڃ اچــــــي تـــــــــون،
    راهه تنهــــنــجي ٿــــــو ڏســـــــان مــــــــان.

    اچ “نــــــمــاڻـــي” تـــــي ڪـــــــــرم ڪــر،
    آســـــري تــــــــــو ٿــــــو جيــــَـان مـــــــــــان.
    *


    پــــــــاڻ ســـــــان گـــــــڏ ســـــڀ ســــــتارا جــــاڳــــيا

    پــــــــاڻ ســـــــان گـــــــڏ ســـــڀ ســــــتارا جــــاڳــــيا،
    گهـــــــر ٻـــُـــسي جـــــــــا در ۽ جــــــــارا جـــــــاڳــــيا.

    ويـــــــل اونــــــــداهيءَ جـــي آهــــــي ٻـــــــــولــــــــــيـــو،
    يـــــــــار جــــــــا ســــــڀ وار ڪــــــــــارا جــــــاڳــــــيا.

    جــــيـــڪي بــــي آهـــــن پـــــــياســــــا سـُـــــرڪ لئه،
    سي ســـــــنــــڌو تنهــــنــــجـــــا اڃــــــــارا جـــــــــاڳــــيا.

    رات ســــــــــــــاري گــــــــڏ” نـــــــماڻي“ ســــــــان هـُـــيا،
    ڄـــــــام شــــــوري جـــــــا نـــظـــــــــــارا جــــــاڳـــــــــــيا.
    *


    حُــسن تــــنهـــــــنجــــو ڏســــــــــي

    حُــسن تــــنهـــــــنجــــو ڏســــــــــي،
    چــــــــــــنڊ ويــــــــو آ لـــــــڪــــــي.

    رات روشــــــــــــــــن ڪــــــــــئــي،
    ســـــــونـــهــن تنهــــنجي مـــــــٺي.

    ڀـــــــــوئنــــــــر تــــــــــوتـــي ڦـــــريا،
    خــــــوشـبـــو تنهـــنجي ســـــنگهي.

    بـــــــــــاک تـــــــــائــــــين هـــــئي،
    ديـــــــــد تــــــــولــــــئه لـــــــــــــڇي.

    ســـــــڪ “نـــــــــماڻي” جـــــــي آ ،
    ڪــــــــين لـــيــئي مـــــــان لـــٿي .
    *


    اچ سمـــــــــنڊ ڪــــــــــناري تـــــــون پــــــــــرين

    اچ سمـــــــــنڊ ڪــــــــــناري تـــــــون پــــــــــرين ،
    وڃ جـــــــيءُ جـــــــــياري تــــــــــــون پــــــــــرين .

    نـــــــــــاراض ســـهي پـــــر ڳـــــــــــــــالهه ٻــــــُڌ،
    ڇـــــــــڏجــــــان نـــه وســـــــاري تــــــون پــــرين .

    هــــــــي ديـــــــس وڃــــــــين ٿــــــــو تـــــون ڇڏي،
    پــــــر ڪـنهن جــــي ســـــهاري تــــون پـــــرين .

    پــــــئي بــــــــــــــــاهه انــــــــــــدر ۾ آ ٻــــــــــــري،
    ڇـــــــڏجــــــان نـــه ڌڪــــــاري تـــــون پـــــرين .

    اچ نـــــــيڻ “نــــــــمـــــاڻي“ جـــــــا ٺـــــــــــــــــرن،
    وڃ هـــــــــيــانءُ بـــه ٺــــــــاري تــــــــــــون پرين .
    *


    پـــــــيار جــــــي لئه جســـــتجو جـــــــاري هــــــجي

    پـــــــيار جــــــي لئه جســـــتجو جـــــــاري هــــــجي
    دلــــــــربـــــا ســــــــان گفــــــتگو جــــاري هــــــجي

    پـــــــــــاڻ سيـــــــــنگاري پـــــــرين پهـــــتو اچـــــي
    شـــــــــاعــــــري پــــــــو روبـــــــرو جــــاري هــــجي

    جــــــــــو کـــــــپائـــــڻ ديس پنهنجي کي گهـــــري
    دوســــــــــتو ان تـــــــي ته ٿـــــــوُ جــــــاري هـــــجي

    سنــــــڌ ۽ منهــــنجي پــــــــرين جـــي اي خـــــــــدا
    شــــــــــل ســــــــــلامت آبـــــــــرو جــــــــاري هجي

    ســــــــونــهن ۽ ڌرتـــــــــي “ نــــــــماڻو” پــــيو لـکي
    بــــس لـــــــکڻ جـــــــــي آرزو جـــــــاري هــــــــجي
    *


    منهـــــــنجا سپــــــنا جــــڏهن ســــڀ ٽــــٽي ٿــــا پـون

    منهـــــــنجا سپــــــنا جــــڏهن ســــڀ ٽــــٽي ٿــــا پـون
    لـــــــڙڪ دريـــــــاه وانـــــــگر وهــــــــي ٿـــــــا پــــــــون

    ڇـــــــڙٻ تنهـنجي سهڻ جهـڙو نــــــاهـــــيان پـــــــرين
    درد مــــن ۾ اچـــــــي ســـــڀ رهـــــي ٿــــــــا پـــــــــــون

    مــــــــان تـــه مسڪــــين آهــــــيان ســـــادو ڳـــوٺ جو
    ڏک ۾ شهـــري مــــــاڻهو ڀـــــي ڊهــــــي ٿـــــا پــــــون

    تــــــون اچـــــين ٿـــــو خــــــواب ۾ منهـــــنجا مـــــــــن
    منهـــنجا سپــــــنا ٽـــــــٽل ســــڀ ٺهـــي ٿـــا پــــــون

    چـــــــــاهه پنهـــــنجي “ نــــــــماڻي” کي جي ڏين پيو
    ٿـــڪ ســـــــمورا صــــدين جــــا لـــهي ٿــــا پـــــون
    *


    پـــــاڻ کـــــي پـــــــيار لــــئه زنــــــدگي ٿــــــــــورڙي

    پـــــاڻ کـــــي پـــــــيار لــــئه زنــــــدگي ٿــــــــــورڙي،
    تنهــــنجي ســــــڪ ســـــــار لــــئه زنــدگي ٿورڙي.

    وقــــت گــــــذري پــــــيو تــــيز رفـــــــتار ســــــــــان،
    ڇـــــــــا ڪــــــيان يـــــــــار لــــئه زنــــــدگي ٿورڙي.

    ٻــــــول مــــــون ســــــــان اچــــي ٻــــول تـــون او مٺا،
    تـــــوســـــان گـفــــــتار لـــــئه زنــــــدگي ٿـــــــورڙي.

    ســــــــنڌ تــــــــوتـــي لـــــــــکان بـــيت وايــون غزل،
    پــــــــر قـــــــــلم ڪــــــــــار لــــئـــــه زندگي ٿورڙي.

    ويـــــهه تــــــــوکي “نـــماڻو” ڏسي ڪجهه گهڙيون،
    تنهـــــــنجي ديــــــدار لـــــئه زنـــــــــدگي ٿـــــــورڙي.
    *


    ڄــــــــام شـــوري جـــــي هـــــوا جهـــــڙي مــــــٺي

    ڄــــــــام شـــوري جـــــي هـــــوا جهـــــڙي مــــــٺي
    ســـــچ لـــڳــين ٿـــــي تـــــون دعـــــا جهڙي مٺي

    تـــــــو کـــي ڏســــــندي دل پـــــئي جهومي مٺي
    خـــــــــاڪ ڪـربــــل جــــي شفا جهڙي مٺـــي

    ڪــــجهه بـــه نـــــــاهن حــــــور پــريون تو اڳيان
    عشـــق منهـــــنجي جـــي ڪـــــٿا جهـــڙي مٺي

    لاهـــه دردن جــــــو اچـــــي جــهـــڙ دل مـــــٿـــــان
    درد منهــــــنجي جــــــي دوا جـــهــــــڙي مـــــــٺي

    ڇـــــــــانــــــو وارن جــــــي ڪـــــري ڏئي پيار وڃ
    او “نـــــــــماڻي” جــــــي صــــــدا جهـــــــڙي مٺي
    *


    درد منهــــنجي جـــــي دوا ڪــــــوئــــي ڪــــــري

    درد منهــــنجي جـــــي دوا ڪــــــوئــــي ڪــــــري
    ۽ دوا ســـــــان گــــــــڏ دعـــــــا ڪــــوئي ڪــــري

    ٿــــــي وئــــــــي حـــــــــالت چـــــرين جهڙي صفا
    ڪــــــــاش منهـــــنجي ڀــــي شفا ڪوئي ڪري

    زنــــــــدگي آهـــــــي ڪـــــــناري مـــــــــوت جــــي
    منهــــــنجي ڀــــي واهــــــــر اَلا ڪـــــوئي ڪرـي

    کــــــــــوڙ منـــــــزل تـــــــي ملــــــــيا مـــاڻهو مون کي
    ڪــــــــو نه مـــــــون ســـــان ٿو وفا ڪوئي ڪري

    ســــــــاهه جـــــيڪر هـــــن “نـــــــماڻي” جو بچي
    ڇـــــــوٽــــڪــــارو بــــس خـــــــدا ڪوئي ڪري
    *


    زنــــــــدگــــي تـــــــوکي ڇـــــــڏي ارپــــــي پـــــريـــن

    زنــــــــدگــــي تـــــــوکي ڇـــــــڏي ارپــــــي پـــــريـــن.
    هـــــرخــــــــوشي تــــــــوکــــي ڇـــــڏي ارپي پريـــن!

    ڏات جـــــي جــــــــا روشـــــــني مـــــــون کــــي ملـــي.
    شــــــــاعـــــري تــــــــوکي ڇــــــــڏي ارپــــي پريـــن!

    مــــــــون ڪئي جيڪا عــــــبادت سونــهن جــي.
    بـــــــندگي تـــــــــوکي ڇــــــــڏي ارپـــــــــي پـــرين!

    وقـــــت جيـــــڪي هـــن” نـــــــماڻي“ کي ملـــيو.
    هــــــرگهـــــڙي تــــــوکـــــــي ڇـــــڏي ارپي پرين!
    *


    دوســــتن کــــــــان آ دغــــــــا ٿيـــــــندي رهـــــي 

    دوســــتن کــــــــان آ دغــــــــا ٿيـــــــندي رهـــــي،
    هـا! مــگر مــون کــان وفــــــــا ٿيــــــندي رهـــــي.

    کــــــوٽــــــيا جـــــن پــــئي کڏا مـــون لئه گهڻا،
    پــــــوءِ ڀـــــي تـــن لـــــئه دعــــــا ٿيــندي رهـي.

    ڪن گــــــــلائـــون هـــــو پـيا منهنجون ڀلـي،
    مـــــون کــــــان بــــس تـن جي ثنا ٿيندي رهي.

    پـــــيار منهــــــنجي جـــــــا ويــــا ويــــري وڌي ،
    پــــــيار جـــــي لـــيڪن بـــــقا ٿيـــــندي رهـي.

    مـــــون ڪـــــئي آ دوســـــتي هـــن سـان پئي،
    دشـــمني هــن کـــــــان ادا ٿيـــندي رهـي.
    *


    ڪـــــامــــــيابـــي آ خــــــدا ڏيـــــندو رهــــيو 

    ڪـــــامــــــيابـــي آ خــــــدا ڏيـــــندو رهــــيو
    خــــــوش نصــــيبي آ ســـــدا ٿيــــــندي رهي

    دل مـــــٿان هـــــٿ ڦـــــيريـــــو دلــــــبر جڏهن
    درد کــــــان تنهن پــــــل شـــــفا ٿيندي رهي

    نــفـــرتـــــــون تـــــوڙي ڏنــــيون مون کي پرين
    عـــــاشــــقي مـــــون کــــان عطا ٿيندي رهـي

    ڌار جنــهن پـــــــل هــن” نماڻي“ کي ڪـيو،
    هــــر خــــــوشـــي تنهـن پل فنا ٿيندي رهي
    *


    زنــــــــدگي کــــــي بـــقا ملـــي پوندي 

    زنــــــــدگي کــــــي بـــقا ملـــي پوندي،
    تنهنجي جيــــڪر وفــــا ملـــي پوندي!

    چــــــاڪ ٿي من کلي گهمان جڳ ۾،
    مــــون کي تنـــهنجي دعــا ملي پوندي!

    ڇيڙ جذبا پــــرين نه تـــــون منهنجا،
    روح لــــــڇندو، ســـــزا ملـــــي پوندي!

    پيـــــار ڏيندين دعـــا ڪندس توکي،
    منهـنجي دل کـــي شـــفا ملي پوندي!

    ڀـــــاڳ ٿيــــندو” نماڻي“ جــو ٻيڻو،
    گهور تنهـــنجي مــــٺا مـــــلي پوندي!
    *


    اڄ پــــــراڻـــــــا ڦـــٽ اٿــــي پــــــــيا 

    اڄ پــــــراڻـــــــا ڦـــٽ اٿــــي پــــــــيا
    لـڙڪ اکـڙين مــــان وســــي پــــــــيا

    بيـــوفـــا تـــــــون هين نه مــــان هــان،
    بــــس وڇــــــوڙا هـــت مـــلي پـــــيا

    تـــــــون نــــــڀاڳـــو ڪــــــونه آهـين،
    ڀـــــاڳ منهـــنجا بس ٽــٽي پــــيــا

    مــــــان تـــــڏهن روئـــــان پـــيو ٿـو،
    پــــــور تنهــــنجا هن وري پـــــــــيـــا

    ڏوهه نيـــڻــن جــــــو ســــــــڄـــــــو آ،
    جـــــــو اچـــــي تــــو سان اڙي پـــــيا

    يـــــــاد نـــــــاهي ٻـــــــيو“ نـــــــماڻــا”
    ســـــــــاريـــــــون تـــــوکي رڳي پــــــيا
    *


    وهــه جـــــيان ٿــــي زنـــــــــدگــي آ 

    وهــه جـــــيان ٿــــي زنـــــــــدگــي آ،
    دل انــــــــدر ڏسُ ڌرتــــــــــتي آ!

    لـــــــوهه جيـــئن لــــــوهـــر تـپائي،
    هـــــر گهــــڙي اهـــــڙي تــــــــــتي آ!

    من سڪـــو دريـــــــــاهــــه آهــــــي،
    جنهن مــــــان واري پــــئي اٿـــي آ!

    ٿــــــر پــــــــــياســــو آ ۽ ڪــــاڇـو،
    بـــــــونـــــد پــــــاڻي جي نڪي آ !

    تـــــو ســــــوا ســــڏڪا ڀــريندي،
    هــــي حــــــياتي مــــــون ڪَٽي آ!

    زهــــــر جــــــيون ڪر نه منهنجو،
    زنـــــــدگي تـــــــوســان مــــــــٺي آ!

    اچ “نـــــــمــــــاڻي”ڏي مٺي تـــون،
    شـــــاعـــري تــــــو بن ٻـــــــُسي آ!
    *


    پـــــــيار جــــي مــــون التـجا آهي ڪـــئي 

    پـــــــيار جــــي مــــون التـجا آهي ڪـــئي،
    پيــــار جـــــي تــــو ابتــــــــدا آهي ڪئي!

    تو سري کان منهنجي ٻانهون ٻئي ڏئي،
    ڏئــي چمي مــــون سان وفــا آهي ڪئي!

    دلـــربا تـــوکان اڳـي ڪٿ هان بــچان؟
    تـــــو حيــــاتي لئه بــــــــــقا آهي ڪئي!

    بنـــــد دروازو ته کـــــــولي چــــــــاهه جو،
    چاهــــتن جــــي تـــو ســـخا آهي ڪئي!

    تـــو ڪئــــي تجـــــويز آ چـــــاهت سزا،
    عاشــــقيءَ جــــي مون خطا آهي ڪئي!

    ســاڻ تــــوسان آ “نـــمـــاڻــــو” اڄ وري ،
    مهــــــرباني ســــــا خــــــدا آهي ڪئي!
    *


    مـــتو ميــــلو وڌي هٻــڪار ســــيوهڻ ۾ 

    مـــتو ميــــلو وڌي هٻــڪار ســــيوهڻ ۾
    اچــــي پهـــــتا وري حُـبدار ســــيوهڻ ۾

    ٺــــري دلڙي ٺرن ٿا نيڻ هي منهـنجا
    قلندر جو ڪيم ديـــــدار ســــيوهڻ ۾

    وٺـــن ٿا فيض سڀ شهباز نگري مان
    ۽ نـــوراني آ هي وسڪـــار ســــيوهڻ ۾

    وٺـي هــــرڪو مزو ميلي جو ســــيوهڻ ۾
    رڳــــو مستن ڪــيا نچڪار ســــيوهڻ ۾

    خدا منهنجون اگهائيندو دعائون سڀ،
    لهي وينــــــدا غمن جـــا بار ســــيوهڻ ۾

    ثــــقافت جا ويا رنگ ڀي رچي آهن
    ٿـــــيو ادبـــي آ سيـــمينار ســــيوهڻ ۾

    ڪندو ڇو پو “نماڻو” لعل هوندي غم
    اچي لهــــندو قــــلندر سـار ســــيوهڻ ۾
    *


    امـــن کــــپي ۽ پـــــيار قلــــــــندر 

    امـــن کــــپي ۽ پـــــيار قلــــــــندر
    نه ٿـــــو کـــــپي تڪرار قلـــــندر

    اڻـــــپورو ســــــــنڌوءَ ۾ پـــــــاڻي
    ڪــريـنس تــارون تـــار قلـــــندر

    ســـــدا ڏٺــــــا هن غم جا مـنظر
    هاڻي خوشيـــــون ڏيکار قلـــــندر

    تنهنجـــي نگـــري منجهه فسادي
    تـــن کــي ڪر هت خوار قلــندر

    ٿـــر ڪـــاڇــــو وســـڪارو ٻولي
    سانـــگين جــــي لهه سار قلــــندر

    سم ڪــــلر ۾ ڀـــــونءِ وڪوڙيل
    نـــاهـــــي اڄ گلـــــــــــزار قلـــــندر

    سوالي “نماڻو” صديق تنهنجي در
    ڌرتــــيءَ کــــــي سيــــنگار قلــــــندر
    *


    درد مــــــارن جـــــا مــــٽائيــندو قلـــندر 

    درد مــــــارن جـــــا مــــٽائيــندو قلـــندر
    ديــس کــي اجـرو بــــڻائيـــندو قلـــندر

    نفرتن جي ڄار جا ٽڪرا ڪري پڪ
    بــــاغ رونــق جــــــا وڌائـــــــندو قلــــندر

    بيقــراري وسوســــا دل مان ڪڍي سڀ
    چـــــــاهتون من ۾ سمائــــــــيندو قلــــندر

    عرض پنهنجي هن “نماڻي” جو قبولي
    عــرش تــي آسون پڄائــــيندو قلــــــندر
    *


    تــــــوکي ســـاري امــــان اڄ مــــــــون روئي ڏنــو 

    تــــــوکي ســـاري امــــان اڄ مــــــــون روئي ڏنــو،
    هــــيانءُ ڏاري امــــــــــان اڄ مــــــون روئـــي ڏنــو!

    حسرتون پــــاڻ سان سڀ وئين تــــــون کـــــڻي،
    لــــــڙڪ هــــــاري امان اڄ مـــــــــون روئي ڏنو!

    تنهــــنجي وڇـڙڻ کـــــان پو مان اڪيلو ٿيس،
    گهر ســـــنواري امــــــــان اڄ مـــــــون روئي ڏنو!

    تنهـــنجي تـــربت مـــٿان جيئن پهتس اچي،
    ڏيــــئو ٻـــــاري امــــــان اڄ مــــــــــون روئي ڏنو!

    تــــــوســــــــــوا آ “نـــــماڻو“ ٻُــــــسو ٿــــــي ويو،
    دڳ نـــهاري امـــــــــــــان اڄ مـــــــون روئي ڏنو!
    *


    پــــــرين ويــــچار منهـــــنجي لئه 


    پــــــرين ويــــچار منهـــــنجي لئه،
    حـــــــياتــي گهـــار منهــــنجي لئه!

    سـڪايــل هـــان صدين کان مان،
    کـڻــــي آ پـــــيـــار منهـــــــنجي لئه!

    ڇــــــــڏي ڏي تـــــــون زمـــاني کي،
    اڱــــــڻ اچ يــــــار منهـــــــنجي لئه!

    نــــه ڪــــــر ڪـــــاوڙ اجائي تون،
    وري دلـــــــــدار منهـــــــنجي لئه!

    خـــــوشيون تنهنجون، غمي تنهنجي،
    هــــجي ســـــرڪـار منهـــــنجي لئه!

    ڪــــري پــــيدا ســـــڄڻ تــــــوکي،
    خــــــدا هـــــر بــــار منهــــنجي لئه!

    بــــــنا تنهـــــــنجي سڄـــــي آهــــي،
    حـــــــياتي بـــــــار منهـــــــنجي لئه!

    ســـــوا تنهــــــنجي “نــــــــماڻا” سچ،
    خـــــوشيون بيــڪار منهـــــنجي لئه!
    *


    ڏور ايــــــــڏو نـــه وڃــــجي ڪـــــڏهن 


    ڏور ايــــــــڏو نـــه وڃــــجي ڪـــــڏهن
    جـيئن موٽي نه سگهــجي ڪـــــڏهن

    هيڪــــلو همـــسفر کــــي ڪــــــري
    راهــه ۾ اِينءَ نه ڇـــــڏجي ڪــــڏهن

    پـــــيار ڏئي جـــــو ســـڏي پــــــاڻ ڏي
    من مان تنهن کي نه ڪڍجي ڪـڏهن

    سُــڌ نه آهــــي حيـــــاتي جـــــي ڪا
    ويـــر ڪنهن سان نه رکجي ڪڏهن

    پنهنــجــي منــــزل رڳـــــي پيــــــــــار آ
    واٽ ٻـــــــي ڪـــا نه وٺجي ڪڏهن

    نــــفرتـــون نــــانگ جــــهڙيون اٿئي
    جــــاءِ تن کـــــي نه ڏيـــجي ڪڏهن

    نــيهُن قـــــائم ”نــــماڻــــا“ ڪــــري
    منهن به تنهن کان نه مٽجي ڪڏهن
    *


    مــــاڪ ٻاهـــــر وســــي ٿي پئي

    مــــاڪ ٻاهـــــر وســــي ٿي پئي
    يــــاد تنهنــجــي اچـــــي ٿي پئي

    ساٿ تنهنجو جــــي ناهي پرين،
    دل تڏهن هـــــيءَ لـــڇي ٿي پئي

    تو بنا ڪيئن خوشيون ڪـــيان
    منهنـــجي ڳڻــــــتي وڌي ٿي پئي

    پيــــو وهــــي ٿو پـگهر جسم مان
    جــــان ڀـــي هيءَ ڏڪي ٿي پئي

    ٿــــــڌ ۽ گــــــــرمي گــــڏيا پاڻ ۾
    لــــڇ ۽ پـــــڇ ڀي مچي ٿي پئي

    تـــــــون ويـــــو يـــــار پــرديس آن،
    تولئه دل هــيءَ سڪي ٿي پئي

    پيــــــو ٿو ســــڏڪا “نماڻو“ ڀري
    پــــــــار دلـــــڙي ڪڍي ٿي پئي
    *


      ساهه تـــــــڙپي پيو ڇا ڪـــيان؟

    ساهه تـــــــڙپي پيو ڇا ڪـــيان؟
    من به ٻـــڙڪي پيو ڇا ڪيان؟

    قيد خانـــــــــو ڪـــــري زندگي،
    لوڪ مرڪــــي پيو ڇا ڪيان؟

    ڪير ڪنــــهن جو نه همدرد آ،
    درد ڀــــــــڙڪي پيو ڇا ڪيان؟

    جڳ ســــــــڄو آ مـــــفادي ٿيو،
    جسم ٿــــڙڪي پيو ڇا ڪيان؟

    نانگ بڻجي ”نماڻي“ ڏي جڳ،
    روز سُــــــــرڪي پيو ڇا ڪيان؟
    *


      تــــوکـــي ساٿــــي جناب ڀايان ٿو

    تــــوکـــي ساٿــــي جناب ڀايان ٿو،
    زنـــــدگـــي کـــــي گلاب ڀايان ٿو!

    منهنجـــو جيـــــون گناهه جهڙو هو،
    توســــان گــڏجي ثواب ڀايان ٿو!

    جـــــو لــــکيو ٿم ڪتاب اهڙو آ،
    شاهه جو ڪٿ ڪتاب ڀايان ٿو!

    پيار مون سان ڪرين پيو ليڪن،
    تــــوکــــي آهــي حجاب ڀايان ٿو!

    جي ڇني ٿو “صديق“ پنهنجي کي،
    پــــوءِ جيــــون عـــــــذاب ڀايان ٿو!
    *


      تنهـــنجي وارن ۾ ســـــڳي آ خـــوبـصورت

    تنهـــنجي وارن ۾ ســـــڳي آ خـــوبـصورت،
    ســـــا ســڳي انــڊلٺ رنـــگي آ خوبصورت!

    ريـــــــل گــــــاڏي ۾ ٿيــــــــو تــصور آ تنهنجو،
    يــــاد تنهنــــجي مــــن ٻــــکي آ خوبصورت!

    منهنجي ڪمري جو ڪٻٽ کولي چيو تو،
    شاعــــري تنهنجي سڄـــــي آ خوبصورت!

    لوڪ ساري جـــــون نگـــــــاهون تو ۾ آهن،
    ۽ چــــــون ٿــــا پيا سکـــــــي آ خوبصورت!

    مٽ نه تنهنجو آ هتـــــــي ڪوئي به مٺڙي،
    تو جيان ٻي هت نــــــڪي آ خوبصورت!

    تــــو “نــــماڻي“ جــــــــــي حيـــــاتي آ وڌائي،
    دل ڏنــــي تــــوکــــي کلـــــي آ خوبصورت!
    *


      چپ چمان تنهنجا ڪنوارا هي مٺي

    چپ چمان تنهنجا ڪنوارا هي مٺي،
    ڏک لهن منهنجا پــو سارا هي مٺي!

    نيڻ مون ڏي ٿي خماري تــــــون کڻي،
    ڄڻ سنڌوءَ جا ٿئي ڪنارا هي مٺي!

    نانءُ تنهنجو مـــون سبــي من ۾ ڇڏيو،
    گهــــور تـــــــوتان چنـــڊ تارا هي مٺي!

    پيار تنهنجـــــو آ ضـــروري پاڻ لئه،
    ڏي چمڻ تـــون نيـــڻ پيارا هي مٺي!

    شهر تنهنجي ٿو اچان تنهنجي ڪري،
    توسان هن سينــــگار ســــارا هي مٺي!

    ڇـــا ڪـــــــري بيوس “نماڻو“ آ بڻيل،
    جذبا جنهـــن جا هن اڃارا هي مٺي!
    *


      اڄ ڇـــــڏي تــــڪرار ڏي تون

    اڄ ڇـــــڏي تــــڪرار ڏي تون،
    اڻ ميو ڀي پيـــــــــــار ڏي تون!

    زنـــــــدگي بيڪــــــــار آهي،
    عاشــــقي ڪــــردار ڏي تون!

    ساهه ٻــــــوسٽ ۾ ســـــڄو آ،
    ڪجهه ڪرڻ ديدار ڏي تون!

    حوصلن منهنجي ٽٽڻ کان،
    اڳ خوشيءَ جو هار ڏي تون!

    نينهن ڳنڍ پنهنجو “نماڻا“،
    ساٿ جو سهڪار ڏي تون!
    *


      منهنـــــجي جيــــون جو حصو آهين پرين

    منهنـــــجي جيــــون جو حصو آهين پرين،
    مــــونــــــکي ڪيــڏو ن تون مٺو آهين پرين!

    تون وئيــن مــون کان رســـي ڏس ڇو پري؟
    يـــــاد مـــــون کــــي تــون رڳو آهين پرين!

    ڪونه مون ڏي ڪا ڪرين ٿو فون تون،
    ڇــو ٿيـــو ايـــڏو پـڪـــــــو آهين پرين؟

    مخلصي تنهنجي مون سمجهي عاشقي
    چنــــڊ کــــان سهڻــــو چٽــو آهين پرين!

    روح تــــڙپي ٿــــــو “نمـــــــــــاڻي“ جو پيو
    ڇـــو پـــري ويٺـــو يڪـــــــــو آهين پرين؟
    *


      زنـــــــــدگيءَ جــــــا روپ تـــو ۾ سڀ ڏٺم

    زنـــــــــدگيءَ جــــــا روپ تـــو ۾ سڀ ڏٺم،
    دوستــــــيءَ جـــــــا روپ تــو ۾ سڀ ڏٺم!

    شاعـــــريءَ جي سونهن جـــا سڀ اولڙا،
    گائـــڪـــــيءَ جــا روپ تو ۾ سڀ ڏٺم!

    ٻاٽ کــــي روشــــن رکــــي ٿي جا سدا،
    چانــــدنيءَ جـــــا روپ تــــو ۾ سڀ ڏٺم!

    دل لڀـــــائينــــــــدا رهـــــن ٿا جي پرين،
    دلــــڪشــــــيءَ جا روپ تو ۾ سڀ ڏٺم!

    مئڪشن جي مئڪشيءَ ۾ اي “صديق“،
    مئــــــڪشــــــيءَ جا روپ تو ۾ سڀ ڏٺم!
    *


      هــڳائـــون يار جون ڪافي

    هــڳائـــون يار جون ڪافي
    عــطائـــون يار جون ڪافي

    دعــــــــــائن جو نمونو هن
    وفائــــــــون يار جون ڪافي

    مٿان منهنجي رهن جيڪر
    هي ڇائون يار جون ڪافي

    سخا چاهت سندي مون لئه
    سخائــــون يار جون ڪافي

    “نماڻي“ لاءِ آهــــــــــــن بس
    ادائــــــون يار جون ڪافي
    *


      ســـدا مــون ته ڳايـــــا تــــــرانا اوهــــان جا

    ســـدا مــون ته ڳايـــــا تــــــرانا اوهــــان جا،
    مليا درد مون کـــــي زمــــــانا اوهــــان جا!

    هنيـــــــا تيـــر دل ۾ اســــان کــي سڌا تو،
    گسائي نه سگهيس نشـــــانا اوهـان جا!

    ملي ڪو نه سگهبو اوهان ئي چيو پئي،
    هيــــا روز مــــون ســــان بهـــانا اوهان جا!

    رڳو چاهه گهريو ڏئي ڪـو نه سگهـيوَ،
    مــليا نفــــرتن جــــا خـــــزانا اوهان جا!

    مگر ڪن پيا ٿا “نماڻــــي” جيان هت،
    رڳـــــو چــــاهه توسان دِوانا اوهان جا!
    *


      روح کـــي قيــــدي بڻـــــايون هُو هِتان ويندو رهيو

    روح کـــي قيــــدي بڻـــــايون هُو هِتان ويندو رهيو
    جڳ سڄو مون تان کلايــــون هُو هِتان ويندو رهيو

    سمنڊ جي پاڻي جيان جيون سڄو کارو ڪري
    مـــن انـــدر ماتم مچايــــون هُو هِتان ويندو رهيو

    عاشقي کي راند سمجهي ٻـــــار ٿي رسندو رهيو
    چاهتون منهنجون ڀـــلايون هُـــو هِتان ويندو رهيو

    غير سان گڏجي ڪيائين منهنـــجو سينو ڀي ڳڀا
    درد ٻيهر سڀ ڇــــڪايون هُــــــو هِتان ويندو رهيو

    هن “نماڻي“ جي سڀن منٿن کي ٺڪرائي ڇڏيو
    ڪات جذبن تي وهائـــيون هُــو هِتان ويندو رهيو
    *


      ٿيــــون لـــــڳن منٺار خوشيون

    ٿيــــون لـــــڳن منٺار خوشيون،
    تـــوســــــــــوا بيڪار خوشيون!

    مون ڪــــــيا هت ويس ڪارا،
    تو ڪيــــــون هت ڌار خوشيون!

    پيو ڪري ڌوڪو سڄو جڳ،
    ڪونه هن ڪي چار خوشيون!

    ڪــو مسيـــحا من اچي هت،
    ڏئــي پيو هــر بـــــار خوشيون!

    لــــڙڪ پيتــــا مون گهڻا هن،
    آءُ مــــونــــکي پــــيـار خوشيون!

    دل “نماڻي” جي ٿــــي تــــڙپي،
    آڻي ڏي ڪجهه يار خوشيون!
    *


      ڪــــاٿي تـــوکي وســـــــــاريو آ

    ڪــــاٿي تـــوکي وســـــــــاريو آ،
    تــــوکي هـــــرپل تــــــــه ساريو آ!

    يار وڇــــڙي وئيـــن جڏهن کان،
    ڪــــو نه خـــــود کـــــي سنواريوآ!

    ڳــــوٺ ۾ تـــــوســـــوا پرين مان،
    ڪـــونه خــــوش ٿـــــي گذاريو آ!

    جـــلد اينـــــدس چئي وئين تون،
    واعــــدو تـــــــــو نـــــه پــــــــاڙيو آ!

    تنهنجا ڦوٽو چمي چــــمي مان،
    ڳــــوڙهن کــــي به ڳـــــاڙيــــو آ!

    ديس پنهنجي سگهو سڄڻ ور،
    ديــــــپ تـــــــو بـــــن نه ٻـــاريو آ!

    اڄ به تنهنجــــــــو ”نماڻو“ ساڳيو،
    جنهــــن کــــــي تــو ڇو وساريو آ؟
    *


      زنــــــدگي تـــنهنــــــــجــي انــائن ۾ وئي

    زنــــــدگي تـــنهنــــــــجــي انــائن ۾ وئي،
    زنـــدگي مـنهنــــــجــــي ســزائن ۾ وئي!

    تو ڪيون هن بد دعائـون پئي مون کي،
    هــرگــــهڙي مـنهنجــــي دعــائن ۾ وئي!

    تــــو ڪئي مـــنهنجي مٿان هرهر جفا،
    عـــمر منهنــــــــجــي الـــتجائن ۾ وئي!

    پيــــــــار ڏيندو ويـــو “نــــماڻو“ آ تو کي،
    هر گـــــهڙي تنهنـــــجي دغائن ۾ وئي!
    *


      جذبــــا تـــولئه ساڳــا منهنـجا

    جذبــــا تـــولئه ساڳــا منهنـجا،
    نيــــڻ نــــــماڻا آتــــــــا منهنـجا!

    رڻ ۾ رولي مون کـــي وئين تون،
    ڏوهه هئا ڏس ڪهڙا منهنـجا!

    قسمت آهي اهـــڙي منهنجي،
    ساٿ ڇڏي ويا پاڇا منهنجا!

    روح رڙي ٿـــو تـــــولئه منهنجو،
    زهر ويا ٿــــي کــــــــاڌا منهنجا!

    تـــــوبن جيون ڪهڙو منهنجو،
    تـوکان وڌ ته نه پنهنجا منهنجا!

    ساهه سڪي ٿو هيانءُ ڏڪي ٿو،
    تـــــوســـــان اڻ ٽٽ ناتا منهنجا!

    پيــار “نـــماڻي“ جــــو پرکي وٺ،
    توبـــــن مــــائٽ ڇاجا منهنجا!
    *


      لـــــوڻ وانــــــگر ڳري زندگي

    لـــــوڻ وانــــــگر ڳري زندگي
    درد جـــــــي آ ڀـــــري زندگي

    ڌر تتي جو اچان سڏ ڪرين
    توسان منهنجي جَـڙي زندگي

    ٻيو نه توکان گهران ٿو خدا!
    تـــون وري ڏي گهڙي زندگي

    مون گهڻا ڏک ڏٺا لوڪ جا،
    ڏي خـــوشي جي وري زندگي

    ڇاڪيان ڪالهه مون آ ڏٺي،
    ڦاهــــــيءَ تي آ چڙهي زندگي

    منهن لٿل ٿو ڏسان لوڪ جا
    بــــــاهه وانــــــگي ٻري زندگي

    سج “نماڻا“ پيو لهــــندو وڃي
    شـــــام ڏي آ لــــــــــڙي زندگي
    *


      درد سان تــــــون دوستي ڪر پو مزو

    درد سان تــــــون دوستي ڪر پو مزو،
    ٻــــاٽ ۾ ڪــا روشنـي ڪر پو مزو!

    جو ڏکائي ٿو ڇڏي هت دل تنهنجي،
    تنهـــنجي بهتر زندگي ڪر پو مــــزو!

    ڪين رک دل ۾ ٻيائي تون ڪڏهن،
    آدمي سان دل لــــــڳي ڪــــر پو مزو!

    هٺ ڇڏي سارو زمين تي هل پـــــيو،
    ۽ وري ســـــــــادگي ڪر پو مـــــــزو!

    زنــــدگـــي بهتر “نماڻا“ جي ڪـرين،
    قوم جي ڪا رهبري ڪر پو مـــــزو!
    *


      ديس منهنجي جــــون هوائون او پرين

    ديس منهنجي جــــون هوائون او پرين،
    پيون چمن تنهنجون نگاهون او پرين!

    ناز سان مـــــرڪي ملڻ تنهنجو وري،
    تنهنجون موهن پيون ادائون او پرين!

    تو هنئي سُرخي چپن تي پئي جڏهن،
    دل گهريـــون تولئه صدائون او پرين!

    پيــــار مــــان آرس ڀــڃي تو جو ڏٺو،
    ڄڻ مليون دل کي شــفائون او پرين!

    شـــل نه تــــو کــــي درد دنيا جو ملي،
    پيو گهران تولئه دعائـــــــون او پرين!

    هـــــن تـــڏهن توکي“نـــماڻي“ آ چيو،
    عــــاشقي جون ڏي سزائون او پرين!
    *


      ڄامـــــشـــوري جـــون هـــوائون ياد ڪر

    ڄامـــــشـــوري جـــون هـــوائون ياد ڪر،
    دلـــــــربا منـــــهنــــجون وفــــــــــائون ياد ڪر!

    توکي مونکي ڪيئن ڪنديون بيخود هيون،
    سهڻيــــون سهڻيــــــون سي گهٽائون ياد ڪر!

    پيـــــار پنهنـــــجي کـــــي خـــــدا قائم رکي،
    گڏ گــــهريون جيـــڪي دعـــــــائون ياد ڪر!

    ڌرتــــــتي جــــــــي وقـــت جيڪي تو ڪيون،
    پنهنــــجي وارن جــون سي ڇـــائون ياد ڪر!

    هل“نـــــماڻـــــــــا“ ڳـــــوٺ پپري ٿا ڇڏيون،
    جـــــي ڪيـــــون ويٺـــــي صلاحون ياد ڪر!
    *


     ســـنڌ ســــلامت ســــاري رهندي


    ســـنڌ ســــلامت ســــاري رهندي،
    تــــو تي ٽنگـيل ڳــــــاري رهندي!

    تــــوســـان دشمن وڙهندو رهندس،
    قــــوم بـــه تنهنجي مـــاري رهندي!

    ٿــُــــو ٿـــــُو تــــو تي ڪــرڻي آهي،
    لعــــنت تـــــوتــــي جــاري رهندي!

    ڌرتــــي ان کــــي ڇـــــــڏڻي پوندي،
    جنهن جي توســـان يـــاري رهندي!

    غـــــيرن کــــي لـــــوڌي ڪــــڍڻو آ
    مخلـــــوق نه ڪــــا ڌاري رهندي!

    سج جـــــا ڪِــــرڻا جيسين رهندا،
    ســـــنڌ ســــڄي ســوڀاري رهندي!

    ڀـــل ڪـــــو ميــــڙي ڏيـهه ”نماڻا“،
    ماتا بس سو ڀــــــــاري رهندي!
    *


    نظم

    ڊسمبر

    وري ڄــــــــــاڻ آيـــــــــو ڊســمبـر
    وري يــــــــــار ســـان ميلو ٿـــيندو
    ڏکـــــن جــــــو ختـــم ويلو ٿيندو
    وري ڄـــــــــــاڻ آيـــــــــو ڊســـمبر
    پريــــنءَ جــــي جواني به ٽڙندي
    خوشي جي ڪا موسم به ورندي
    جـــواني جــــــواني ســان مــلندي
    ۽ جــــيون نويـــــلو به ٿـــــــــــيندو
    وري ڄــــــــاڻ آيــــــــــو ڊســــمبر
    ڪــــڏهن ڌار مون کان نه ٿيندو
    پريـــــن ڏور مـــــون کان نه ويندو
    رڳــــــو پـــيار بــــس يـــار ڏيندو
    ”نـــماڻــــو“ اڪيلو نـــــه ٿـــــيندو
    وري ڄــــــــاڻ آيــــــو ڊســـــــــمبر
    وري يـــــار ســـــان ميــــلو ٿينـــدو
    *


      عيد

    عـــــــــيد ڇـــــا کــــــــــي ٿا چئو
    عيــــــــد ٿــــينــــدي آ خـــــوشي
    عيـــــــد ڪنـــهن ناهــي ڪـئي
    روز مــــــــاڻــــهو ٿـــــــــــا قتـــــل
    ڏس ڪـــراچــــــــيءَ ۾ ٿيـــــــن
    ۽ بــــــــمن جـــــــــي ڌپ رڳـــي
    روڊ رتــــــــــــــــــو رت ســـــــــــڄا
    خـــــــــــوف ۾ مــــــــاڻهو جيــــن
    ســـــــــاهه بــــــــيوس ٿـــي کڻن
    ســـــــــوڳ م ســــــــــارو شـــهر
    ڏس ڪـــــــــــــــراچـــي آ بڻيل!
    تـــون چـــــــوين ٿـــــو عيد جي
    وٺ مــــــــــــبــــارڪ او پـرين
    ڪـــــــيئن چــــوان تـو کي ڀلا
    مــــــان مـبارڪ خـــــــــير جي
    ديــــــــــــس ۾ مـــــــــــــاتم متل
    ٿــــــي خـــوشيون اغــــــــوا ويون
    قيـــــــــد دردن آ ڪـــــــــــــــــيو
    زنـــــــــــــدگي مــــــــــفـــلوج ٿي
    *


      خـــــــــاڪ ۾ سپنـــــــــــــا ملـــيا

    خـــــــــاڪ ۾ سپنـــــــــــــا ملـــيا
    ڪــــيئن چـــــوان تــــــو کــي ڀلا
    مــــــان مـــــــبارڪ خــــــــير جي
    ڀــــــيڻ کـــــــان ڀــــــــائر جـــــدا
    حــــــــــادثـــــــــــــــا آهــــــن وڏا
    ڪــــــــيس ڪيـــــــــڏا هن ٿـــيا
    ٿـــــــــي ڪـــراچي ڪــــربــلا!
    تــــــــون چــــــــوين ٿو عيد جــــي
    وٺ مـــــــبــــــارڪــ او پـــــــــرين!
    ڪيـــــئن چـــــــوان تـــــو کي ڀلا
    مــــــان مـــــــبارڪ خــــــــير جي
    مــــــان مـــــــبارڪ خــــــــير جي
    *


      ٿــــي ويــــــــــو قـــــــــانــــــون اغــــوا

    ٿــــي ويــــــــــو قـــــــــانــــــون اغــــوا
    ڳــــــولهــــيون انــــــصــاف ڪاٿي؟
    هـــــن ٺهـــــيل بـــــــــارود مان هي ،
    وحــــــشي مــاڻهو پـــنهنجا نـــــاتـا
    ڪــــــــونه ٿــــــا جيــڪي سڃاڻن
    ماڻهـــپــــو جـــــن وٽ نه آهـــــــــــي
    ڏوڪـــڙن جـــــي ڪـــــن ٿا پوڄا
    بــــي رحــــــــــم ڏاڍا هـــــي رهـــزن
    روز هــــت بــــــــي ڏوهــــــه مــــاڻهو
    پيا ڪهن ٿــــــــا وحــــشي. ماڻهو
    جيــــڪي ڪُـــــــرسي جي نشي ۾
    ڪـــيس ڪـــــن ٿـــــــا ............
    تـــــــــــــن جـــــــــي ذهــنن ۾ رڳو
    جـــــــرڳــــــــــــــو ســــــــمايـــــــــــــــل
    حق ۽ انـــــصاف کـــــان واقف نه آهن
    حــــــق ۽ انــــصاف کان واقف نه آهن
    *


      شهادت

    ڌرتي جـــــي آزادي خـــــاطر
    تـــو جــا شهادت ماڻي آهـي
    امــــر ســـدا تاريخ ۾ رهندي
    جنم وٺي نئون ٻيهر ورندي
    ســاهه ڏئـــي ويساهه ڏنو تو
    جـــو ڌن کـــي اتساهه ڏنو تو
    تــــوکي سرخ سلام اسان جو
    شهــيد تنهنجي لال لهو کي
    هــــر گز ڪونه وساريو آهي
    هـــر گز ڪونه وساريو آهي
    *


      تنهنجي آ سڪ لڳي

    رات تنهــــنجي پـــــرين
    يـــــــاد مـــن ۾ هــــــــري
    تــــــــون وئين ڇـــــو پري
    ڇــــــــو رســـي ..........
    اچ ســــــــيارو وري
    گهــــاريــــــون گــــــڏ مٺا
    مـــــــــوڪــــــــلائي وڃي
    پـــيــــو ڊسمـبر مـون کان
    ڪا گهڙي تــــــــون پرين
    ســـــاٿ ڏي سڪ ســـندو
    چــــــاهه ڏي تون جهجـــــهو
    ســـــاهه ســــــــاڻو نه ڪـر
    مون ســــــــان ماڻو نه ڪــر
    تنهنــــــــجي آ سڪ لـڳي
    تنهنجــــــــي آ سڪ لـڳي
    *


      رات ڪـــــاري انـــــدر

    رات ڪـــــاري انـــــدر
    ڏوهه ڪيـــــڏا ٿــــــــيا
    ڪي ته ڪاريون ٿيون
    ڪـــــي ته ڪـــــارا ٿيا
    ڪــــانه مـــاڻي سگهي
    سيــــــج آهــــي ونـــــــي
    ڪنهن ته ظـــــالم رڱي
    لال رت ســــــــــــــــاڻ آ
    هــــــيءَ ڌرتــــــي سڄي
    وڃ قــــــــلنـــــــدر ڏسي
    قــــــوم پنهنجي اڃــــــا
    ڪــــونه جــــــاڳي الا
    سنڌ تنهنـــجــــيءَ مٿان
    سنڌ منهنـــجــيءَ مٿان
    ڪيس ڪــــــــيڏا ٿيا
    ڳاٽ ڪـــــــــهڙو کڻون
    مــــــوڙ ڳـــــــاڙها ٻڌل
    گهوٽ آهي ڪــــــٺل
    *


      مـــــــــــــــاءُ روئي پئي

    مـــــــــــــــاءُ روئي پئي
    ۽ تمـــــــــــاشــــائي هن
    ڳـــــــوٺ وارا ٿـــــــــــيا
    شـــــهر وارا ٿيــــــــــــــا
    ڪي ته ڪاريون ٿيون
    ڪــــــي ته ڪـــارا ٿيا
    ٿي سڄـــــــــاڳي پئي
    قوم جاڳــــــــــــي پئي
    ٻُـــــــڌ قــــــــلندر صدا
    ڪــــــــر جهالت ختم
    ڪــــــــر جهالت ختم
    *


      ترس ڪجهه پل

    تــــــرس ڪــــجهه پـــل ڊسمبر اڙي
    يــــار مــــنهنـــــجو اجــــــهو ٿــــو اچي
    پيار جنهن سان ڪيان ٿو جهجهـــو
    ڇــــو وڃيــــن ٿـــــو ڀـــلا تــــون پري
    مــــان مــــڃان ٿـــــو نه ٿـــو وس هلي
    پــــاڻ تــــي تــــوکـــي چريا ڪڏهن
    تــــرس پــــو ڀـــــــي ڊســـــــمبر اڙي
    عــــرض رب کــــــي ڪيـان ٿو روئي
    ســــاٿ ڏينـــــدو پنهنجــو ها سوئي
    مــــنٿ تـــــوکـــــي ڪري ٿو ڇڏيان
    تــــرس پـــــل کـــــــن ڊسمبــر اڙي
    فــــون تـــــي آ ٻــــــڌايو پــــــــــــرين
    ريل تـــــــــي ڄــــــاڻ آيـــــــــو پرين
    ريــــــل راڌڻ اجــــــهو ٿــــــــي اچي
    ترس پـــــل کــــــن ڊســــــــمبر اڙي
    يـــــار منهنـــــجو اجهـــــو ٿــــو اچي
    تـــرس پــــل کــــــن ڊســـــــمبر اڙي
    *


      هڪ ٻُڍي آ پڇو

    هــــڪ ٻُـــــــڍي آ پــــــــڇو
    ســــــــاڳ آهـــــــي لٿـــــــــو
    يـــــــا نه آهـــــــي لٿــــــــــــــو
    مون به ڪجهه مس ڪڇو
    هـــــــن ٻُـــــــڍي آ چيـــــــــو
    ڪيئـــــــن مــــــيهڙ بــــچي
    ڪيئن سيــــوهڻ بــــــــچو
    ڪــــــــيئن دادو بــــــــــــچو
    ڪـــيئن جــــــوهي بـــچي
    ۽ چـــــيو مـــــانـــــــس هـــــا
    شـــــــــهر آهــــن بــــــــچي
    ڄــــــڻ ٻُـــــــڏا او ٻُــــــــڍا
    مــــــاڻهــــــو تـــــــن جا اٿيا
    لـــــــــڏ پـــــلاڻي ڪـــــــري
    قــــــرض ڪــــــافي کــــڻي
    ويــــــــا ابــــــاڻا ڇـــــــــــڏي
    گـــــــهر ڪـــــــــکاوان ٻــُڍا
    *


      ڪــــــي ڪــــــراچي ويــــا

    ڪــــــي ڪــــــراچي ويــــا
    ڪي ڪٿي ڪي ڪٿـي
    ڪــــن کـــــپايــــا ڍڳـــــــــا
    ڪــــــي تــــه پـــيادل ڀڳــا
    ڪجهه ته تــــــــــرسي پــيا
    بيهــــــي بنـــــــد تــن ٻــڌا
    پـــــــو بـــــه آهـــــــــن ٻــڍا
    شــــــــهر ســـــــارا ٻــــــــڏا
    خـــــيرپور وئـــــــــي ٻُـــڏي
    ڳوٺ ڀــــــي ســــــــــڀ ٻُڏا
    ڪـــــو نه ساوڪ ڪـــٿي
    وڻ ڪــــــري ســـــڀ پيـــا
    ڏس رڳـــو ڍنڍ ئي ڍنــــــــڍ
    پــــــــيا ڊهي سڀ جُهــڳا
    تــــــون اڃـــــا ٿــــو چــوين
    ســـــــاڳ آهــــــي لــــــــٿو
    مــــــــــــــــان چوان ٿو پيــو
    ســـــاڳ نــــــــــــاهي لٿــو
    ســــــاڳ نــــــــــــاهي لٿــو
    *


      ڪر وچن

    تــــــون ڪـــــندي هت امن
    ڪـــــر وچــــــن ڪر وچن
    ديــــس حــــــــاصل ڪندي
    ســــــــنڌ پنهـــــــــنجو وطن
    مــــــــــــــــــير دل ۾ رکــــــي
    ســــــونه ڏيـــــندي ڇـــــــڏي
    ڀــــونڊو تنــــهن کـــي هڻندي
    پــوءِ پـــــــائيندي ڪـــــــفن
    ڪــــــر وچـــــن ڪــر وچن
    مـــــاءُ تنهـــــــنجو قــــــــسم
    منهــــــنجو تــــــو لاءِ جـــنم
    تــــــــون ۾ ٿيــــندس دفـــــن
    مــــــان ڪــــــيان ٿـــو وچن
    مــــــان ڪــــــــيان ٿو وچن
    مــــــان ڪــــندس هت امن
    ديس حــــــــــاصل ڪندس
    ســــــنڌ پنهـــــنجو وطـــــــن
    مـــــــــان ڪــــــيان ٿو وچن
    مــــــــان ڪـــــــيان ٿو وچن
    *


      مــــــون جــــــدا نـــــــاهي ڪيو

    مــــــون جــــــدا نـــــــاهي ڪيو
    هـــــن جـــــدا آهــــــي ڪــــيو
    پــــــــيار هـــــن کـــــي مون ڏنو
    ســــاٿ منهــــنجو هن ڇــــــنو
    مَنُ ڳــــــــــڀا آهـــــــي ٿــــــــــيو
    هـــــن جــــــــــدا آهــــــي ڪيو
    ويــــــس ڪــــــاري ۾ اچـــــــي
    منهنـــــجي پــــــــاڙي ۾ اچـــي
    فــــــون مـــــــون ڏي ٿي ڪري
    تـــــو کــــــان آهـــــيان مان پري
    ڪـــــــو نه منهنجي ٿي سـَــري
    ڪـــــوڙ ڪـــــــيڏا ٿـــــي هڻي
    واعـــــــدو پـــــورو نــــه هــــــڪ.
    هن صـــــــفا آهــــــي ڪـــــــيو
    ’مون جـــــــدا نــــــاهي ڪـــــــيو
    هن جــــــــدا آهــــــي ڪـــــــيو
    هن جــــــــــــــدا آهي ڪــــــيو
    *


      بــــــــي ڏوهه وئـــــي مــــــــــاري آهي

    بــــــــي ڏوهه وئـــــي مــــــــــاري آهي،
    ظـــــــالــــم ڀـــــيڻ ويــچــــاري آهي!
    ڪــــــــاري نـــاهــي ڪــــاري ناهي.
    ڪپڙا جــنهن کي ڌوئي ڏي پــــئي،
    ڏک هـــن جي تي روئي ڏي پئــــي!
    پــــــــاڻي وانـــــــــگي اجــــري آهــي،
    ڪـــاري ناهي ڪــــــاري نــــــــاهي.
    ڀاڪر جنهن کي سڪ مــــان پايو،
    ڀــاءُ پـــــئي هــــــنج ۾ کيــــــــــــڏايو،
    پــــــــــاڙي کـــــي پئــــي روز ٻڌائي!
    ڀــــــاءُ وڏو ٿــــــــــي ڏکــــــڙا لاهــــي،
    روئــــــندي روئنــــدي حال وڃـــائي!
    آســــــــن ۾ پــــــئي جيـــــئندي آهي،
    ڀــــــــاءُ ٿــــــــــيو آ وڏڙو هـــــــــــــاڻي!
    پــــــــاڙي کـــــي ٿــــي هــــوءَ ٻڌائي،
    ڪــــــاري نــــــــاهي ڪاري ناهـــي.
    منـــــزل وٺـــــــبي هـــــاڻـــي ماڻــــي ،
    ڏک ويندا ســـڀ رب ٿـــو ڄــــاڻـي!
    ڀـــــــاءُ خـــــــوشـــيـــــون ڏيندو آڻـي،
    ڀـــــــاءُ ڇُريءَ ســـــــان مـــاري آهــي!
    پنهنجي ڀيڻ ويـــــــــچــاري آهـــــي،
    ڪــــــاري نــــاهي ڪـــاري ناهـــي.
    *


      نيــــــڻ نيـــــڻن ســـــــان مــــلائي

    نيــــــڻ نيـــــڻن ســـــــان مــــلائي
    هـــــڪ ٻــــــئي جــــــي روبـــــرو
    دل جـــــــون ڪــــــريون ڳـالهيون
    درد ڪجهه تــــــــوکي ٻــــــــڌايان
    درد ڪجهه پنهنجا ٻـــڌاءِ تــون
    ويهه مون سان .................
    او جاني جانا...................
    اچ حــــــال دل جـــــــو اوريـــــــون
    ڪي چاهه جـــــا چنگ چوريون
    خــــــــود کــــــي خـود ڏي سوريون
    نفـــــــرتــــــن کـــــــي ڀـــــــــوريون
    چــــــــاهــــــتن جــــــــا گيت ڪي
    ڳائيون . . . .. . . . . . . . . . . . .
    ســــــونهنءَ کـــــــي سنگبت کي
    اپنايون . . . . . . . . . . . . . . . .
    تڙپايون . . . . . . . .. . . . . . . .
    ڇو چاه؟ . . . . . . . . . ... .. . .
    چــــــــــاهه ســـــــان گڏ ساهه کي
    آ هـــــــــلي منهـــــــــنجي مـِـــٺي
    ويهه مون ســـــــان ڪجهه گهڙي
    ويهه مون ســــــــان ڪجهه گهڙي
    *


      تــــــــون ته نــــفرت سان ڌڪارين ٿو

    تــــــــون ته نــــفرت سان ڌڪارين ٿو
    خـــــــــــــدا جـــــــــــي مخـــــــــــــلــوق
    آئـــــــــــــــون پــــــــــــــاٻــــــــــــــــــوهه
    ۽ چـــــــاهت جــــي خـــوشبو ســـان
    دل م آباد ڪري خلق وسائي آهي
    چـــــــــــــاهه دولـــــــــت سان ڪري
    ڌرکـــــــي ڌڪــــــــاريــــــــــن ٿو تون
    گيـــــــت ڳــــــــائين ٿـــــــــو ســــــدا
    ديــــــــش دروهـــــــــــين جــــــــــــــــــا
    آءُ ڌر جــــــــي ڌوتــــــــن جي خـلاف
    هڪ لڳاتار ويڙهه ۾ آهيان مصروف
    ٺــــــاهه تـو سان نه ڪڏهن ٿيڻو آهي
    ٺــــــاهه تو سان نه ڪڏهن ٿيڻو آهي
    *


    نظر تنهنجي لال گهرجي!

    ديس دهشتگردن وري هت
    ماريا بي ڏوهه ماڻهون
    ٿو ڪراچي ۾ وهي رت
    مظلومن جو.............
    لاش روڊن تي رلن ٿا
    درد ۾ مارو رئن ٿا
    نظر تنهنجي لال گهرجي
    ديس ٿو خوشحال گهرجي
    ويا اڏامي پکي امن جا
    ڏي ڪرائي ڪو امن تون
    سنڌ ساڳي ڏي موٽائي
    سنڌ تان مشڪل ختم ڪر
    چاهتن جي روشني ڪر
    ڪر غريبن جي يتيمن،
    جي اچي واهر قلندر
    تون عليءَ جي آل آهين
    تون وڏو لڄپال آهين
    تون نبيءَ کي ڀي پيارو
    تون غريبن جو سهارو
    مصطفيٰ صه وٽ ٿي سوالي
    تون اسان جي لئه قلندر
    ڏي ڪرائي ڪو امن تون
    ٿئي ڪراچي سنڌ ۾ امن.
    ٿئي ڪراچي سنڌ ۾ امن.
    *


    وايون

    درد ٻـــيــــــڻا ڏئـــــي

    درد ٻـــيــــــڻا ڏئـــــي
    ڀور جذبا ڪيـــئي

    دل جا ٽوٽا ڪـــــري،
    ۽ وڇــــــــوڙا ڏئـــــــي
    ڀور جـــذبا ڪيئي

    آهه نڪــــتي پـــــرين،
    هــــــاءِ گهــــوڙا ڏئــي
    ڀــــــور جـذبا ڪيئي

    درد جـــــي ڏي دوا
    ڇــــــو مـــــــروڙا ڏئــي
    ڀـــــــور جــذبا ڪيئي

    ڇـــــا ”نــماڻو “ ڪري
    رت جـــا ڳـــوڙها ڏئي
    ڀـــــور جــذبا ڪيئي
    *


      شـــــام مـــنهـنجي ڳوٺ ۾

    اڄ وســـــي بــــارش پــئي
    شـــــام مـــنهـنجي ڳوٺ ۾

    قـــــرب آئين تون ڪري
    اڄ ڪراچي کان ڪهي
    شـام منهنجي ڳوٺ ۾

    وڃ نـــه هـــــاڻي تون ڇڏي
    پئهُ پــــرين منهنجا رهي
    شام منهنــجي ڳوٺ ۾

    پيار مان مرڪي ڏٺئي
    غــــم سمـــورا ويـــا لهي
    شام منهنجي ڳــوٺ ۾

    نفـــرتــــون سڀــئي ٿڏي
    چــاهتون وئين تون ڏئي
    شــــام منهـنجي ڳوٺ ۾
    *


      ڪـــــو نــــه آئيــن اڃان


    بـــــــاک آهـــي ڦـــــٽي
    دل بـــه آهـــــي ڏکــــــي
    ڪـــــو نــــه آئيــن اڃان

    تــــوبــــــنا ســــــــانـــورا
    زهـــــر آهـــــي خـــــوشي
    ڪــــو نـــه آئــــين اڃـان

    يـــــــــاد تنهـــــنجي وري
    مـــن ۾ آهــــــي کـُــــــتي
    ڪـــــو نــــه آئين اڃـــان

    تـــــوســـــوا او پــــــــرين
    آهـــــي محــــفل ٻُـــسي
    ڪــــو نــه آئــــين اڃــــان

    تــــــــون ويـــــو آن پـــــــري
    دل تـــــــڏهن آ لــُـــــــــــڇي
    ڪـــــو نــــه آئــــين اڃــــان
    *


      تــون ڪٿي آن پرين

    روح تــــــڙپـي پــــيو
    تــون ڪٿي آن پرين

    مينهن بــرسي پـــــيو
    در به کــــڙڪي پــيو
    تــون ڪٿي آن پرين

    رات ڪــاري صـــفـا
    هــــانءُ ڦڙڪي پــيو
    تـون ڪٿي آن پرين

    يــــــاد تنهــــنجي اچـــي
    جــــيءُ ٻـــڙڪي پـــيــو
    تـــون ڪٿي آن پرين
    *


      ڇـــــاڪيان ڇــــاڪـــيان؟

    هــــــو ته وســــــري نــــٿو
    ڇـــــاڪيــان ڇاڪيان؟

    ڄــــڻ اچــــي پــيو گهٽو
    ســـــاهه نڪـــري نـــٿو
    ڇـــــاڪيان ڇــــاڪـــيان؟

    لــــــــــوڪ تـــانا هـــــڻي
    وقـــت گـــــذري نــــــــٿو
    ڇـــــاڪـــــيان ڇـاڪيان؟

    وڃ “نــــــمــاڻــا“ ڏســـــي
    حــــال ســـــڌري نــــــٿو
    ڇاڪـــــيان ڇـــاڪيـــان؟
    *


    بيت، پنجڪڙا، چئو سٽا، ڏيڍوڻا

    بيت


    چــــنڊ تنهـــنجي ســـونهن جي کڻي پيو چغلي
    تنهـنجي نڪ جي ڦـُـلي، جرڪايو ماحول کي
    *

    چـــنڊ ڏســـــي توکـــــــي لــــــــڪو آ جهڙ ۾ اندر
    تنهنجي سونهن تڪي حيرت ساڻ چڪور پيو
    *

    چنڊ تنهنجي سونهن تي کائي پيــو ڦـــيريون
    ستــــارن ڇيــــــريون، وڄــــايون تــــوکي ڏسي
    *

    چنــــڊ اســـان جـــي پيار جون کڻي پيو ساکون
    چاهه جــــون بـــاکون، سانڍيل منهنجي ساهه ۾
    *

    چنـــڊ ڏســــــي توکي پئي جاڳي منهجي ڏات
    لکيــــم ســـــاري رات، سونهن پرين ۽ سنڌ تي
    *

    قـــوم جــي پئسن تي پــــيو رنڊيون نچائين
    ڇــــوٿـــــو لـــٽائين، قــــومي دولت سنڌ جي
    *

    ٺـــــوڳــــي نـــــاهي مــــــون ڏٺـــو توجهڙو ٻيو
    تــــو پاڻي وڪيو، پـــــنهنجي سنڌو درياءَ جو
    *

    کــڻـڻ ڪـــــهاڙيـــــــون حق نه ٿو تنهنجو ٺهي
    فلــمون اگهـــــاڙيـــــــون، پاڻ هلائين گهر اندر
    *

    جـــي آهيـــــن دليــــــــر غدارن سان ويڙهه ڪر
    سچارن کي ڪير، روڪي نه سگهندو راهه تان
    *

    عليءَ جــــــو نعرو ٻـــــڌي منهن لهئي ٿو ڇو
    تـــــو نه اڃــــــــان ڄــــــــاتو، اسان جي امام کي
    *

    سوچ ڪجــهه ســـــڌر سنڌ جـــــا او رهــواسي هاڻ
    مــــاٺ آهيـــن ڇـــــاڪــــاڻ، ڌاڙا سنڌوءَ تي ڏسي
    *

    پـــــــــري رهـــــه نه پـــــــري الا ڌيــــــــان ته دل ۾ ڌار
    ويـــــــڇا سڀ وســــــار، پــــــرچي پئهُ هـــڪ پل ۾
    *

    ڌاريـــا ڌرتـــــيءَ منهنجي مــــــــٿان آهين وڏو تون بار
    سِســـي کـــان ڌڙ ڌار،ڪبو تنهنجو ڪهاڙيءَ سان
    *


    پنجڪڙا



    اجـــــــرڪ ٽـــــوپي مـــــان اســــان جـــو
    حــــــق به ســـــارا ڇــــــــــني وٺــــــــــــبا
    رســــــتا پنهنـــــــــجا مــــــــــــور نه مٽبا
    آهـــــــي هـــــي اعـــــــلان اســــان جــــو
    اجــــــرڪ ٽــــوپي مـــــان اســـــــان جو
    *

    دلـــــبر تنهنــــجي دوري مــــــــــاريندي
    ســــــورن ۾ آ گــــــذري حيــــــــــاتـــــي
    تــــــوبن هيـــــڪل آهـــــيان ســـــاٿي
    تــــــوکــــي دل اصـــــلي نه وســاريندي
    دلبــــــر تـــنــهــــجي دوري مــــاريندي
    *

    پـــــرين دل کـــي قـــــرار ڪونهي ڪو
    ســــــوا تنهــــنجي بـــهار ڪونهي ڪو
    چـــيو منهــــنجو مــڃي نــــــٿي دلـــــڙي
    سچــــي تــــو بن ڪو يار ڪونهي ڪو
    *

    منهنجي دل جــــو عــــلاج چـــــاهت آ
    منهـــــنجو فـــــطري مــــــزاج چــاهت آ
    نفــــرتـــــن جي رســـم کــان باغي هان
    منهــــنـــــجو سهــــڻو رواج چـــــــاهت آ
    *

    ڏي حـــــــياءَ جــــي نــــــگاهه مــــولا
    بـــــخش منهــــــنجا گــــــناهه مــولا
    هن لـُـٽـــــيرن ۽ وڏيـــــرن کـــان سـدا
    ســـــنڌ کـــــي ڏي پـــــــناهه مـــــــولا
    *

    هــوبهو ٻئي چــــــــاندي تنهنجون اکــــــيون
    پيو ڏسان مـــان ڪامڻي تنهنجون اکــــــيون
    نــــــــنڊ ۾ يــــــا جــــــاڳ ۾ اڳـــــــــيان اچن
    پـــــيون نـــــچائن ســــــانوري تنهنجو اکيون
    *


    چئو سٽا

    حــــــوصـــــلا جيون جيـــــــــاري ٿـــا ڇڏن
    جيءَ ۾ جــــــــــذبـــا اٿـــــــاري ٿـــــــا ڇڏن
    رهه جـــــــتي ڀي فــــون مــون ڏي ڪر پيو
    تنهــــنجا گفــــــتا هـــــيانءُ ٺاري ٿا ڇڏن
    *

    منهــــنجي جـــذبن کي ڳڀا ڇوٿو ڪرين
    پـــــــاڻ کـــــان مون کي جدا ڇو ٿو ڪري
    جي مــــــران ٿـــــــو ڏي مــــرڻ مون کي ڀلي
    منهـــنجي زخمن جـــــــي دوا ڇوٿو ڪري
    *

    پـــــــيار ســـــــان گفـــتگو ڪري ڏسجي
    عشـــــق لئه جستـــجو ڪــــري ڏســجي
    هـــڻ ڪهـــــاڙي ڀـــــــلي زمــــــانـــــا تون
    عـــــــاشــــقي روبـــــــرو ڪري ڏســـــجي
    *

    شـــــاهد سڀ ئي ستـــــارا آهن
    تنهـــــــنجا نــــيڻ پــــــيارا آهن
    دل ۾ تنهــــنجو نـــــــالو آهـــــي
    تـــــــوکـــان ڪين ڪنارا آهن
    *

    مــــــوٽي ڄـــــــاڻ ســــيارو ايندو
    درشــــن دلــــــبر تنهـــنجو ٿيندو
    رات وڏي ٿــــــــــــــڌڪـــــــارن ۾
    ساڻ “ نــــــماڻو“ توسان گهمندو
    *

    پــــــيار دل ۾ ڇــــــڏ سمــــــــائي
    نفــــرتـــن کي ڇـــــــڏ ڀـُـــــــلائي
    چـــــــــاهتــن ۾ بـــــس مـــــــــزو آ
    دشـــمني کـــــي ڇـــــڏ مٽـــــائي
    *

    منهنجي دل جا چـــــاڪ نه ڪرتون
    خوشيون منهنجون خاڪ نه ڪرتون
    پـــيار ڏئي جي ڪـونه سگهين ٿو
    چـــــــاهت جا پـو واڪ نه ڪر تون
    *

    پيار ڏــين تقدير منهنجي پئي ٺهي
    خواب منهجي جي تعبير پئي ٺهي
    تون ڏسين جي باک منظر پئي ڦٽي
    نئين وري تحرير منهنجي پئي ٺهي
    *

    زندگيءَ جـــي هت غمن ۾ آهيان مان
    ۽ عـــذابن جــــي لحمن ۾ آهيان مان
    تـون چوين ٿو واندو ڀلي چئهُ مونکي
    هت غريبن جي ڪمن ۾ آهيان مان
    *


    ڏيڍوڻا



    تون هير مٺي منهنجي
    سڀ درد اڏي ويئڙا، تصوير ڏسي تنهنجي.
    *

    اڄ ڪونه وري آئي،
    وئي رات سڄي گذري، پر هوءَ نه چري آئي
    *

    سورن جي گهڙي آهي
    ڇالاءِ رسين ٿي تون، توبن نه سري آهي
    *

    هت ڪانگ لنوي ٿو پيو
    سگهو يار وري ايندين، ڄڻ ٻول چوي ٿو پيو
    *

    ويساهه ڪيان ڪنهن تي
    هت درد ڏنا پنهنجن، مان دانهن ڏيان ڪنهن کي
    *

    آ چاهه ڏئي وڃ تون
    هڪ رات اچي مون وٽ، دلدار رهي وڃ تون
    *

    هت ديپ جلايان ٿو
    اڄ يار آهي اچڻو، مان ويس مٽايان ٿو
    *

    آڪاش رنو سارو
    پيا لڙڪ ڪري آهن، بستر به ڀنو سارو
    *

    مان ڍول مٺي تنهنجو
    مان روز ڏسان پَيو ، هي چهرو اچي تنهنجو
    *

    تون ڏور نه ويندي ڪر
    هڪ پل به مٺي مون کي، تون سور نه ڏيندي ڪر
    *

    هت باهه لڳي رت کي
    همدرد نه اڄ ڪوئي، احساس وري رت کي
    *

    هي نيڻ نه ڪر آلا
    هڪ ڏينهن پرين ايندو، سڀ ويندا ڇٽي ڇالا
    *

    اڄ يار کلين ٿو تون
    مجبور ڏسي مون کي، پو پيار پلين ٿو تون
    *

    ڇو قوم ستي پئي آ
    پئي درد سهي ايڏا، ڪا باهه دُکي پئي آ
    *

    ڇو داڳ هڻين ٿي تون
    پيو پيار ڪيان توسان، ۽ خوب وڻين ٿي تون
    *

    برسات وسي ٿي پئي
    ڏس باهه اندر منهنجي، هت يار مچي ٿي پئي
    *

    ٿي جاڳ وري هاڻي،
    ڏي چاهه ”نماڻي“ کي، ڀرپور چري هاڻي
    *

    اڄ رات “نماڻي“ آ
    ڇا يار ٻڌايان مان، بس درد ڪهاڻي آ
    *

    ويا ڳوٺ ٻڏي منهنجا
    هن ٻوڏ تباهي ۾، ڇا حال ڀلا هوندا
    *

    ٿي حال ويا هيڻا
    ڏئي ٻوڏ وئي آهي، هت درد رڳو ٻيڻا
    *

    ڪا لپ نه اٽو آهي
    پاتل ته مٿان انگ جي، ڦاٽل به لٽو آهي
    *

    اڄ سور سوايو آ
    پئي ياد پرينءَ جي آ، مون درد ڪمايو آ
    *

    ڪر ڌار نه سائين تون
    ڏي پيار پرين مون کي، رهه ساڻ سدائين تون
    *

    ڇو يار پري آهين
    ڏس ڌار ڀلا مون کان ، ڇا جي ته ڪري آهين
    *

    هت ٻوڏ وڏي آئي
    ماڻهو نه اڃا نه سڌريا، تون موٽ ڀلا راهي
    *

    ڇـــو يـــار ڦــــٽائين ٿــــو
    رکي نيهن پرين مون سان، ڇو راهه مٽائين ٿو
    *

    ڪــــر ڌار ڀـــلي مون کي
    ڇا يار ڪيو آهي، ڏس اڳ ۾ اچي مون کي
    *

    ڏئـــي ســـور ويو آهين
    اڄ پو به پرين مون کي، سچ ياد پيو آهين
    *

    فرياد ڪيان ٿو پيو
    آئين نه پرين توکي، هت ياد ڪيان ٿو پيو
    *

    وئي ٻوڏ ته ٻوڙي آ
    جذبا به اسان جا سڀ، وئي ٻوڏ نهوڙي آ
    *

    ڪنهن وٽ نه خوشي آهي
    انسان ڏسان ٿو مان ، لاچار دُکي آهي
    *

    هي جان مِٺي منهنجي
    گهر گهور ڪيان توتان ، هربار خوشي پنهنجي
    *

    اچ ساهه سڪي ٿو پيو
    تولاءِ نماڻو هت، ڏس روز لڇي ٿو پيو
    *

    ڏس گهر هي ڪچا منهنجا
    برسات ختم ڪرتون، ٻڌ جلد خدا منهنجا
    *

    برسات وڏي آهي
    ڪر ٻاجهه اسان تي تون، ڏس جاءِ جـَڏي آهي
    *


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 696
    ڪتابن جو مشاهدو: 951239
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 321824
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ