ڪتاب جو نالو: وطن جن وساريو
مصنف: ڪليم ٻُٽ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 26 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 938 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 332 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون، ناول ۽ مضمون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو ايندا رهن ٿا. ڪليم وٽ موضوعن جي ڪابه کوٽ ناهي ۽ وڏي ڳالهه ته هر ناول کي سنڌ جي تاريخ سان ڳنڍي ڄاڻي جنهن ڪري ناول پڙهندڙ هڪ ساهي ۾ ناول پڙهي پورو ڪندو آهي. سندس هي ناول به اهڙو ئي آهي جنهن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ سنڌيءَ کي ڪيئن نه هڪ نانگ ڇڪي سنڌ ٿو آڻي ۽ اهو نوجوان جيڪو سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي وساري ويٺو هو سو ٻيهر سنڌ جي تاريخ کي لکڻ شروع ٿو ڪري ۽ دنيا کي سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: وطن جن وساريو (ناول)
    مصنف: ڪليم ٻُٽ
    ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچي
    ڇاپو: 2017ع
    ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر، 2018ع


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وطن جن وساريو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن ناول جو ليکڪ ناميارو ليکڪ ڪليم ٻُٽ آهي.
    ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون، ناول ۽ مضمون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو ايندا رهن ٿا. ڪليم وٽ موضوعن جي ڪابه کوٽ ناهي ۽ وڏي ڳالهه ته هر ناول کي سنڌ جي تاريخ سان ڳنڍي ڄاڻي جنهن ڪري ناول پڙهندڙ هڪ ساهي ۾ ناول پڙهي پورو ڪندو آهي. سندس هي ناول به اهڙو ئي آهي جنهن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ سنڌيءَ کي ڪيئن نه هڪ نانگ ڇڪي سنڌ ٿو آڻي ۽ اهو نوجوان جيڪو سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي وساري ويٺو هو سو ٻيهر سنڌ جي تاريخ کي لکڻ شروع ٿو ڪري ۽ دنيا کي سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ ليکڪ ڪليم ٻُٽ جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    1

    سين فرانسسڪو شهر مٿان سڄي رات بادل وسندا رهيا ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ آمريڪا مائيباپ هڪ ٻئي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ وارو هو، برسات جا ڦڙا دريءَ جي شيشي سان ڪنهن جنگ جي ميدان ۾ هلندڙ گولين جيان ٿي لڳا. راتوڪو وڏڦڙو منهنجي محبوبه عاليا لاءِ سٺو بهانو هو مونسان نه ملڻ جو ۽ هاڻي مونکي ٻه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو ته جئين سومر اچي ۽ اسان وري ملي سگهون. گذريل سڄي رات مون هلڪڙي نشي واري بئير پيندي ۽ ڪتاب جيڪو هن وقت به کليل ۽ منهنجي صوفي ڀرسان رکيل ٽيبل تي پيل آهي؛ پڙهندي گذاري ڇڏي. آئون اڃان به ليٽيو پيو آهيان، ٻاهر آسمان صاف ٿي چڪو آهي ۽ سج جو گولو وچ آسمان ۾ مرڪي پيو. هڪ لمحي جو سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ مون ٻيهر اکيون پوري ڇڏيون، مونکي اڃا پنهنجي ڊرامي جيڪو اسان ڪاليج ۾ ڪرڻ وارا آهيون، جو اسڪرپٽ پورو ڪرڻو آهي. تخليقي ادب جي شاگرد جي حيثيت ۾ مونکي ننڍي کنڊ جي سماجي مسئلن تي ڪم ڪرڻ جو چيو ويو آهي. هميشه جيان عاليا ۽ سندس ٽن دوستن جيڪي ننڍي کنڊ جي گروپ تي ڪنهن آمر جيان راڄ ڪنديون آهن اهو فيصلو ڪيو ته هن ڀيري به ننڍي کنڊ ۾ عورتن تي ٿيندڙ گهرو تشدد تي لکان پر آئون هن موضوع منجهان مطمين نه هوس، ڇو جو 1948ع ۾ منهنجي خاندان ننڍي کنڊ کي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ اسان منجهان ڪوبه دنيا جي ان حصي ڏانهن نه وريو آهي. مونکي ٻڌايو ويو آهي ته اسان جي خاندان جو تعلق اهڙي ڌرتيءِ سان آهي جنهنکي سنڌ سڏجي ٿو ۽ جيڪا هاڻي پاڪستان جو صوبو آهي (تان جو ملڪ جي نالي جو مطلب پاڪ ماڻهن جو ملڪ آهي، پر هتي ڪو به پاڪ ماڻهو نظر نه ايندو)، مونکي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته اسان جو خاندان سومرن جي حڪمرانن منجهان آهي جن صدين تائين سنڌ تي جھڪومت ڪئي. منهنجي کنڊي، پوڙهي جهور پڙ ڏاڏي سندس زندگيءَ ۾ اڪثر اسانکي اهو ٻڌائيندي هئي ته سومرن وٽ سنڌ ڌرتيءَ جي ڪيتري اهميت هئي، اُتان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت بابت پئي ٻڌائيندي هئي، ڪهڙي شان ۽ شوڪت سان سومرن هن ڌرتي تي حڪومت ڪئي. اسان جي گهر ۾ اڪثر رات جي ماني گڏ کائبي هئي ان دوران هوءَ اسان کي سندن وڏڙن کان ٻڌيل ڳالهيون ۽ ڪٿائون ٻڌائيندي هئي، جن ۾ سومرا گهراڻي جون انوکيون ريتون رسمون جيڪي قديم زماني کان سنڌ ۾ رائڄ هيون. اهڙي هڪ اکاڻي مون پنهنجي کنڊي پڙ ڏاڏي کان 9 سالن جي عمر ۾ ٻڌي، اهو رات جو وقت هو، سڀ گهر وارا ماني لاءِ گڏ ٿيا، آئون پڦي نسرين جي ڪڇ ۾ ويٺل هوس، جيڪي منهنجي ڏاڏي جي ستن پٽن کانپوءِ هيڪلي ڌي هئي. اها ڪهاڻي اسلام کان اڳ واري سنڌ ۾ سومرن جي هڪ ڏاهي زال جي آکاڻي هئي.
    ”سومرن؛“ منهنجي کنڊي پڙ ڏاڏي سڪل آڱرين سان اڇن چانورن جو گولو ٺاهيندي چيو: ”جي اها روايت هئي ته هو ڪنهن به ان عورت ڏانهن وري نه ويندا هئا جنهن هڪ ڀيرو پيٽان ٻار کي جنم ڏنو هجي، سندن خيال موجب ٻار ڄڻڻ کانپوءِ عورت ناپاڪ ٿي ويندي آهي ۽ اهو سومرن جي شان کي نه جوڳائي ته هو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي استعمال ڪن، اهڙي ريت هڪ ڀيرو تن تان لٿل ڪپڙا سومرا وري ڪڏهن نه پائيندا هئا. هڪ سومرو شهزادو سندس گهرواري کي دل ۽ جان سان چاهيندو هو، پر جئين ان عورت جي بطن منجهان پٽ ڄائو ته ان شهزادي زال کان منهن موڙي ڇڏيو، هوءِ دلي طور ڏکي رهڻ لڳي ۽ هر وقت ان ئي خيال ۾ رهي ته ڪنهن به صورت پنهنجي مڙس جو قرب ٻيهر حاصل ڪري سگهي. اسان جي نسل جي هڪ ٻئي اهم ڳالهه ته سومرن جون پاڪدامن عورتون مڙس کان سواءِ ٻئي ڪنهن مرد جي تصور کي به گناهه سمجهنديون هيون. هڪ ڏينهن جنهن ان شهزادي پنهنجي تن تان ڪپڙا لاهي اڇلايا ته سندس زال انهن کي ساڙڻ بدران، لڪائي رکيو ۽ چوري ڇپي ڪپڙا ڌوٻي اماڻي ڇڏيا. اُتان وريا ته انهن کي عطر عنبير هڻي الماڙي ۾ سجائي رکيو. جنهن شهزادي وري ڪپڙن جي گهر ڪئي ته جوڻس اهو ڌوتل وڳو ڏنس جنهن کي پائڻ کانپوءِ شهزادي خوش ٿيندي پڇيو:
    هيڏا خوبصورت ڪپڙا ڪٿان آيا آهن؟
    سرتاج؛ سندس زال کيس چيو: هي اهي ئي ڪپڙا آهن جيڪي اوهان ٻه هفتا اڳ جسم کان ڌار ڪيا، ساڙڻ بدران مون هنن کي ڌورايو ۽ اوهان کي ائين لڳو ته هي وڳو اوهان ڪڏهن ڪون پاتو آهي، اهڙي ريت هڪ عورت به ٻار کي جمنم ڏيڻ کانپوءِ ائين صاف ٿي ويندي آهي جئين هي ڪپڙا. اهو ٻڌي شهزادو زال جي ڏاهپ منجهان متاثر ٿيو ۽ سڄي رات ٻئي شاهي محل ۾ پيار ڪندا رهيا. ان کان پوءِ سومرن اهڙين ريتن رسمن کي ختم ڪري ڇڏيو.“
    هاڻي آئون پاڻ کي ڪجهه سڪون ۾ ٿي محسوس ڪيو ۽ سوچيم ته راتوڪي شراب جو اثر ختم ٿي رهيو آهي، مون جئين ئي اکيون کوليون ته بُت بڻجي ويس، جسم منجهان ساهه ئي نڪري ويو ۽ خوف وچان هڪدم ٽپو ڏئي اٿيس، دل جو ڌڙڪو ۽ ساهن جو وهڪرو وڌي ويو، منهنجي نظرن جي سامهون هڪ اجگر نانگ جنهنجي ڪاري چمڙي چمڪي رهي هئي ڦڻ ڪڍيو ڪتاب مٿان ويٺو هو، اهو ايناڪونڊا جيترو وڏو ته ڪونه هو پر تنهن هوندي به وڏو ۽ مونکي خوف ۾ وجهندڙ، مون اهو ٿي چاهيو ته جلد کان جلد هي نانگ منهنجي اکين آڏو ٽري وڃي، پر ان مٿي ٿي وات کوليو.
    يا خدا...! ذري گهٽ رڙ ڪندي پاڻ سان ڳالهايم: هي نانگ هتي ڇا پيو ڪري ۽ آخر آيو ڪٿان آهي...؟؟ آئون اٿي دريءِ ڏانهن ڀڳس پردو هٽائي تاڪ کولي گهٽيءِ ۾ نهاريم، ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. ڪارن ڪپڙن ۾ رستي ويندڙ هڪ جوڙو نظر آيو ته رڙ ڪندي کين چيم:
    ”مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪريو...“ هنن مون ڏانهن ڏٺو ته چيومان: ”منهنجي فليٽ ۾ هڪ نانگ اچي ويو آهي، مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪريو.“ ان جوڙي هٿ سان مون ڏانهن اشارو ڪيو، منهنجي جسم منجهان پگهر وهڻ لڳو، مون دريءِ وٽان ئي نانگ جي ڊڄاريندڙ اکين ۾ ڏٺو ۽ ترت ئي ٻيهر گهٽيءِ ۾ ڏٺم اهو جوڙو اُتان وڃي چڪو هو، نانگ صوفا ڏانهن ٽپو ڏنو.
    ”نه....“ نانگ کي ڏسندي رڙ ڪيم، ان جون اکيون سڌيون منهنجي اکين ۾ هيون. اي خدا! دل ۾ دعا گهريم: منهنجي لاءِ ڪو مددگار موڪل، مون پينٽ ۾ ئي پيشاب وهندي محسوس ڪيو جو فليٽ جي در واري گهنٽي وڳي، جيڪا مونکي ويتر ڊڄاري وئي.
    ”اسان تنهنجي مدد ڪرڻ آيا آهيون؛“ در جي ٻاهران کان هڪ مرد جو آواز آيو: ”تون رڳو در کول آئون نيشنل زو جو گيمڪيپر آهيان، گهٻرائي جان نه.....“
    ”هڪ منٽ ترسو آئون اچان ٿو،“ خوف ۾ ٻڏل منهنجو آواز نڪتو ۽ بنا نانگ منجهان نظرون ڪڍڻ جي صوفا کان هٽي در ڏانهن وڌڻ لڳس، نانگ به ساڳي نموني چريو.
    يا خدا...يا خدا....!! مون ڀڻڪيو.
    ”جلدي ڪر....“ ٻاهران مرد جو سخت آواز آيو.
    ”آئون اچان پيو،“ هلڪڙي رڙ ڪندي چيم، هلندي هلندي ڪتابن جي ڪٻٽ سان ٽڪرايس ۽ ذري گهٽ ڪرڻ وارو هوس، پر حواسن تي قابو رکيم ۽ در ڏانهن ڀڳس، نانگ صوفا کان ڪارپيٽ تي ٽپو ڏنو، منهنجو ساهه نڙي ۾ اٽڪي پيو. ان کي ڏسندي پتل جي گول لاڪ ۾ هٿ وجهي ڦيريم ته در کلي ويو ۽ ڪارا ڪپڙا پاتل جوڙا اندر داخل ٿيو، هنن کي چمڙي جون جيڪٽون پهريل هيون، هاڻي نانگ اسان ٽنهي کي ڏسڻ لڳو.
    ”پٺيان ٿيو.... پٺيان ٿيو ۽ گهٻرايو نه،“ همراهه ڪنهن پهلوان جيان هوا ۾ ٻانهون ڦهلائي مونکي ۽ هن سان آيل عورت کي در ڏانهن ڌڪيندي چيو، هن جون اکيون نانگ تي هيون، نانگ ڦڻ ڦڙڪايو.
    ”وڏي عرصي ۾ اهڙو نانگ نه ڏٺو اٿم،“ هن چيو، منهنجي صبر جو پيمانو لبريز ٿيڻ لڳو.
    ”مهرباني ڪري ان کي هن فليٽ تان ٻاهر ڪڍ،“ مون بي صبري منجهان چيو ته عورت منهنجي ڪلهي تي ٿپڪي هڻندي چيو:
    ”فڪر نه ڪر.“ مون خشڪ ٿيل چپن تي زبان ڦيري، همراهه نانگ طرف وڌڻ لڳو، ان همراه طرف ڏسي ڦڻ ڦڙڪايو.
    ”هيري؛“ عورت پريشاني منجهان ڳالهايو؛ ”خيال سان.“
    ”جانم فڪر نه،“ هن چيو، سندس ٻانهون اڃا به ڪنهن پهلوان جيان ڦهليل، هيري ٻه قدم اڳيان وڌيو ته نانگ اڇل ڏني، هن جي پٺيان بيٺل عورت رڙ ڪئي، خوف منجهان مونکان به رڙ نڪري وئي، نانگ هن کي ڳيچي وٽ ڏنگهي اک ڇنڀ ۾ صوفا هيٺيان غائب ٿي ويو. هيري هيٺ اچي ڪريو ۽ سندس واتان گف وهڻ لڳي، آئون ۽ عورت هن ڏانهن ڀڳاسين، هيري جا حواس اڳئي کتا ٿي چڪا هئا، اسان گوڏن تي هن وٽ ويهي رهياسين.
    ”هيري....هيري....“ عورت هن جي تري مهٽيندي روڻهارڪي لهجي ۾ چيو: ”خدا جي واسطي اکيون کول“ سندس لهجي ۾ ڏک جي هڪ لهر هئي، مون هوريان همراهه جي ڪلين شوءِ منهن تي ٿپڪيون هنيون پر هو ڪونه چريو. اوچتو نانگ صوفي وٽان نڪتو ۽ عورت تي حملو ڪيائين، هن ڀيري به ڳيچي وٽ ڏنگ.
    ”آ...“ هن جي واتان هڪ آهه نڪتي ۽ هيري جي ڀرسان ڪري پئي، مون تي خوف تاري ٿي ويو، هڪدم اٿي کليل در کان ٻاهر ڀڳس ۽ ٽپا ڏيندو ڏاڪڻ لهي ويس. صبح جي پهرين پهر ۾ اکين آڏو ٻن انسانن کي ڏنگجندو ڏسي، سو به پنهنجي ئي فليٽ تي هڪ اهڙي ڳالهه هئي جنهنجو آئون ڪڏهن تصور به نٿي ڪري سگهس، منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون، هر شيءِ تان جو سين فرانسسڪو پل جا اوچا ڳاڙها برج به دنڌلا دنڌلا ڏسڻ ۾ آيا، آئون فون بوٿ ڏانهن ڀڳس، ان ۾ هڪ سڪو جلد کان جلد وجهي ايمرجنسي نمبر ملايم، ٻين گهنٽي تي ڪنهن فون کنيو ۽ مون ڪنهن عورت جو مٺڙو آواز ٻڌو: ”هيلو.“
    ”هيلو؛“ هڪ ساهي ۾ چيم؛ ”مهرباني ڪري ڪنهن کي مين اسٽريٽ لين ٿري ڏانهن موڪليو هتي هڪ حادثو ٿي پيو آهي.“
    ”ٺيڪ آهي؛“ مونکي ٻڌڻ کانپوءِ عورت نرم لهجي ۾ جواب ڏنو: ”پنڌرهن منٽن اندر پوليس اُتي پهچي ويندي.“ اهو ٻڌي مونکي مڙئي ڪجهه سڪون مليو، ۽ نڪري فون بوٿ وٽ بيهي انتظار ڪرڻ لڳس. پنڌرهن منٽن اندر پوليس جي گاڏي مون واري گهٽيءِ ۾ داخل ٿي جنهن ۾ ٻه پوليس سرجنٽ هئا، آئون تڪڙن قدمن سان هنن ڏانهن آيس ته هنن موکان پڇيو:
    ”ڇا تو ئي فون ڪيو هو؟“
    ”جي سر؛“ فليٽ جي عمارت ڏانهن اشارو ڪندي چيم: ”منهنجي فليٽ ۾ هڪ وڏو نانگ آهي جنهن ٻن ماڻهن کي ڏنگهي ماريو آ.“
    ”ڇا....؟“ هڪ سرجنٽ حيرت منجهان چيو، جنهن بعد اسان اندر طرف ڀڳاسين، فليٽ تائين پهچندي پهچندي آئون سمورو سهڪي رهيو هوس، در اڃا به کليل هو، اسان اندر داخل ٿياسين، ٻنهي سرجنٽن هٿن تي رٻڙ جا اڇا دستانا پاتا ۽ لاشن وٽ گوڏن ڀر ويهي رهيا.
    ”ڇا هي تنهنجا دوست آهن؟“ هڪ ڄڻو جيڪو عورت کي چڪاسي رهيو هو تنهن پڇيو.
    ”نه،“ مون جواب ڏنو ته ٻنهي حيرت ڀري نظرن سان مونکي ڏٺو.
    ”هو رستي ويندڙ هئا؛“ چيم: ”اٿڻ شرط مون فليٽ تي نانگ ڏٺو ته مدد لاءِ دريءِ وٽ آيس هو هيٺان لنگهي رهيا هئا جو مون سڏيومان، عورت هن کي هيري جي نالي سان ٿي سڏيو ۽ هن جو چوڻ هو ته هو نيشنل زو جو گيمڪيپر آهي.“ ٻنهي غور سان مونکي ٻڌو، هڪ ڄڻو اٿيو ۽ کليل در ڏانهن آيو، بيلٽ ۾ لڳل وائرليس ڪڍي ڪو نمبر ملائي چيائين:
    ”مهرباني ڪري مين اسٽريٽ لين ٿري ڏانهن ايمبولنس موڪليو ايمرجنسي آهي.“ ان دوارن منهنجون نظرون پردي ڏانهن ويون ۽ نانگ ڏسي جسم ٿڌو ٿي ويو.
    ”آفيسر،“ رڙ ڪيم ته هنن مون ڏانهن ڌيان ڌريو، بنا ڪجهه چوڻ جي گلابي پردي ڏانهن اشارو ڪيم.
    ”يا خدا...“ ٻنهي هڪ ئي ساهي ۾ چيو ۽ هوا ۾ ٻه انچ مٿي ٽپو ڏنو. اسان هڪدم ٻاهر نڪري آياسين ۽ در بند ڪري ڇڏيو، ڏهن منٽن اندر سڄي پاڙي کي خبر پئجي وئي ته هتي ڇا ٿيو آهي ۽ افواهون ڦهلائيندڙن افوهون شروع ڪري ڏنيون. پاڙي ۾ رهندڙ هندون هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ سُس ڦس ڪئي.
    ”لڳي ٿو ڀڳوان شيوا گناهگار کان بدلو پيو وٺي،“ ڪنهن چيو.
    ”ها سچ ۽ ڀڳوان شيوا جي ڳيچي ۾ هميشه نانگ هوندو هو.“ هيڊي ڪپڙي جي گوڏ ٻڌل ۽ ننگي ڇاتي واري پنڊت راءِ ڏني، سندس ڇاتي جا اڇا وار اُڀا ٿي ويا.
    ”ها ملحدن کي پرآتما ۾ وشواس ڪرڻو ئي پوندو.“ اڃا ڪنهن ٻئي چيو، ۽ اهڙيون ئي بڪواس قسم جون ڳالهيون گهٽيءِ جي شروعات کان آخر تائين هلنديون رهيون. هر ڪو خوف ۾ ورتل، حيرتزدا ۽ پريشان ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ڄڻ حشر جو ميدان سجي چڪو هجي ۽ هو حساب ڪتاب لاءِ بيٺل هجن، سڀني جون اکيون منهنجي فليٽ ۾ کٿل، پاڙي جون سڀ هندو عورتون پڪيون، پوڙهيون، اڇيون، سانوريون، ڪاريون ڪوجهيون، سنهڙيون سپڪڙيون، ٿلهيون متاريون، بندريون ۽ ڊگهيون سڀ تلسي ديوي جي وڻ وٽ گڏ ٿيون جيڪو هندو واپارين جي مارڪيٽ جي وچ ۾ لڳل هو، وٽ ڀجهن ڳائڻ ۾ شروع ٿي ويون. اهڙي مسخري ۽ سوچ ڏسي منهن تي طنزيه مرڪ اچي وئي ۽ سوچيم: واهيات مذهبي جنوني، هنن وٽ هر موقعي ۽ حادثي جي مناسبت سان هڪ عبادت تيار پئي آهي.....!!
    ايمبولنس اچي وئي، لاشن کي اتحاط سان ان ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ سائرن وڄائيندي هلي وئي.
    ”ڪبير؛“ هڪ پوليس واري منهنجو نالو کنيو ته هن کي ڏٺم: ”معاف ڪجو پر هاڻي کان اوهان کي ان فليٽ ۾ وڃڻ جي اجازت نه آهي.“
    ”ڇا...“ مون حيرت منجهان چيو: ”ته پوءِ آئون ڪيڏانهن ويندس....!!“
    ”معاف ڪجو؛“ ساڳي پوليس واري چيو: ”پر اوهان پنهنجن اکين سان ٻه قتل ٿيندي ڏٺا آهن ان ڪري جستائين اسان کي پوري پڪ نه ٿي ٿئي تيستائين هن فليٽ ۾ ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه ڏبي.“ مون بيزاري منجهان مٿو کنيو، سرجنٽ وائرليس تان هڪ ٻئي ڪال ڪري نانگ پڪڙيندڙ ماهرن کي گهرايو. 20 منٽن ۾ هو اچي ويا، اهي ٻئي ٿلها اڇي چمڙي وارا مرد هئا، هو منهنجي فليٽ تي ويا، ڪجهه ئي لمحن ۾ فليٽ تان اوچي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي، نانگ هنن ٻنهي تي حملو ڪيو. مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته آخر هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ نيٺ پوليس وارن ان فلور کي ئي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سخت هدايتون جاري ڪيون ته ان فلور تي ڪير به نه ويندو، دريون 24 ڪلاڪ بند رکيون وڃن، ٻارن جو خاص خيال رکيو وڃي، سڄي پاڙي ۾ خوف جي هڪ لهر هلي پئي، مونکي فليٽ تان سامان کڻڻ جي اجازت به نه ڏني وئي. پوليس وارا مونکي ٿاڻي تي کڻي آيا، بک سبب پيٽ منجهان گڙ گڙ جا آواز نڪرڻ لڳا، مون ته اڃا منهن به ڪونه ڌوتو هو، هڪ سرجنٽ مونکي سرڪاري فنڊ منجهان 50 ڊالر ڏنا ۽ اسٽيٽمنٽ تي صحيح ورتي ته جئين مون وٽ پنهنجا پيسا آيا ته اهي 50 ڊالر واپس جمع ڪرائيندس ۽ ڇڏي ڏنو.


    2

    ”هيلوعاليا؛“ پنهنجي محبوبه کي پبلڪ بوٿ تان ڪال ڪيم: ”ها آئون ڪبير آهيان..“ جئين ئي مون نالو کنيو ته هوءَ ماين وارن مهڻن ۾ شروع ٿي وئي:
    ”ڪبير آخر تون ڪٿي آهين، اسڪرپٽ بابت ڇا ڪيئي....؟“
    ”عاليا؛“ سندس اجاين سوالن کان تنگ ٿيندي چيم: ”مونسان هڪ مسئلو ٿي ويو آهي.“
    ”ڇا وري تو چرس ۾ پنهنجا سڀ پيسا وڃائي ڇڏيا آهن؟“ هن رڙ ڪندي پڇيو.
    ”خدا جي واسطي منهنجي ڳالهه ٻڌ عاليا،“ بيزاري منجهان رڙ ڪيم.
    ”ڏس؛“ هن وري رڙ ڪندي چيو: ”آئون صاف صاف ٻڌايائين ٿي مون وٽ تنهنجين عياشين لاءِ هڪ ٽڪو به ڪونهي.“
    ”ڇا تون چپ نه ڪندين....!!“ مون تکو ٿي ڳالهايو.
    ”صحيح آ کڏ ۾ وڃي پئو،“ هن چئي فون بند ڪري ڇڏي.
    اي خدا! آخر مايون ائين ڇو ڪنديون آهن؟؟ آسمان کي ڏسندي سوچيم. ٻن منٽن کانپوءِ وري سندس نمبر ملايم، هن ٽئين گهٽي تي فون کنيو. ان کان پهرين جو هوءَ هيلو چئي مون ڳالهايو:
    ”عاليا منهنجي فليٽ تي هڪ نانگ ڪجهه ماڻهن کي ڏنگهي ماري وڌو آهي، آئون تو سان ڳالهئڻ گهران ٿو.“
    ”ڪبير....“ هن رڳو منهنجو نالو کنيو، سندس آواز منجهان فڪرمندي صاف ظاهر هئي.
    ”ها، هاڻي منهنجي ڳالهه ٻڌ،“ ٽنگن جي وچ ۾ کنيدي چيم: ”اڄ صبح ننڊ منجهان اٿيس ته فليٽ تي هڪ نانگ ڏٺم، هيٺان هڪ جوڙي کي مدد لاءِ سڏيم، پر نانگ انهن تي حملو ڪري ڏنو، اهو نانگ اڃا به فليٽ تي ئي آهي، پوليس منهنجو فليٽ سيل ڪري وئي، ڇا ڪجهه ڏينهن لاءِ آئون توسان رهي سگهان ٿو؟“
    ”ها،“ هن پريشاني ۽ فڪرمندي منجهان رڳو اهو ئي چيو.
    ”ته پوءِ ٺيڪ آهي آئون اڌ ڪلاڪ ۾ تو وٽ اچان ٿو،“ چيم.
    ”ٺيڪ آ،“ هن ساڳي ئي لهجي ۾ چيو. ڪال ڪٽي آئون روڊ تي نڪري آيس ۽ ٽريفڪ سگنل جي کاٻي پاسي ڪنڊ تي ٺهيل هڪ پاڪستاني رسٽورانٽ ڏانهن وڌي ويس.
    ”واش روم ڪهڙي پاسي آهي؟“ جئين ئي شيشي جي دروازي منجهان اندر داخل ٿيس ته ڪائونٽر تي بيٺل ٿلهي عورت جنهن کي گلابي وڳو پهريل هو ۽ جيڪا صفائي ڪري رهي هئي سندس هڪ هٿ ۾ پاڻي جي اسپري بوتل ۽ ٻي هٿ ۾ پيلو ڪپڙو هو، کان پڇيم.
    ”هن پاسي،“ هن بنا ڪنهن تاثر جي ڀت تي لڳل ٽي وي اسڪرين جي ٻئي پاسي ناسي در ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”مهرباني،“ چيم ته هن ڪنڌ لوڏيو ۽ هٿرادو گلن کي صاف ڪرڻ لڳي. واش بيسن تي بيهي منهن تي پاڻيءَ جا ڇپڪا هڻي شيشي ۾ چهرو ڏٺم ۽ گرڙي ڪيم. ماربل جي ڌڪي تي رکيل دٻي منجهان ٽشو پيپر ڪڍي ٻاهر آيس. هال جي وچ ۾ رکيل هڪ صاف ٽيبل تي اچي ويٺس، ان وقت رسٽورانٽ ۾ آئون اڪيلو گراهڪ هوس. ڪجهه گهڙين کانپوءِ هڪ جوان ڇوڪرو جنهن جي منهن تي ٻُچي ڏاڙهي سائي ٽي شرٽ ۽ ڪارو ٽرائوز پهريل ٻاهر آيو ۽ هٿ ۾ نوٽ پيڊ سان گڏ پين جلهيو مونکان آڊر ورتائين.
    ”ناشتو،“ مون چيو ته ڇوڪري مرڪي هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏي هليو ويو، صفائي ڪندڙ ٿلهي عورت به نظرن کان غائب ٿي وئي، هاڻي هال ۾ آئون هيڪلو ويٺو هوس، هال جون ڀتيون ڳاڙهيون هيون جڏهن ته گلابي رنگ جا بلب ٻريا ٿي، مون هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ شروع ڪيو هر پل نانگ جو ئي خيال ٿي آيو، اوچتو منهنجي نظر ڪائونٽر تي ڪنهن ڪاري چمڪندڙ شيءِ تي پئي ته حيرانگيءَ منجهان ان ڏانهن ڏٺم اهو اجگر نانگ هو.
    ”هي هتي ڪئين پهچي ويو؟“ پاڻمرادو تيز رڙ نڪري وئي ۽ هڪدم اٿي هوٽل کان ٻاهر ڀڳس ۽ روڊ جي ٻي پاسي اچي بيٺس، ٿلهي عورت ۽ ڇوڪرو به ٻاهر اچي ويا.
    ”ڇا ٿيو؟“ عورت حيرانيءَ جو اظهار ڪندي ٻانهون لوڏي پڇيو.
    ”ڪائونٽر ٽيبل تي هڪ اجگر نانگ آهي،“ خوف منجهان رڙ ڪندي چيم.
    ”تون مذاق پيو ڪرين...“ عورت نفيءَ ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو.
    ”وڃي ٽيبل ڏسو،“ ٻهير رڙ ڪيم ته عورت اک جي اشاري سان ڇوڪري کي اندران ڏسي اچڻ جو چيو، ڇوڪرو اندر ويو.
    ”نه اهو نانگ هن کي ماري ڇڏيندو،“ عورت طرف ڊوڙ پائندي چيم، هوءِ ڏڪي وئي، جيڏي مهل آئون هن وٽ پهتس ته سمورو سهڪي رهيو هوس. ڪجهه ئي گهڙين ۾ ڇوڪرو ٻاهر آيو ۽ چيائين:
    ”هتي ته ڪجهه به ناهي.“
    ”مونکي لڳي ٿو؛“ عورت منهنجي ڪلهي تي ٿپڪي هڻندي هوريان چيو: ”تون ڪنهن صدمي منجهان پيو گذرين، اندر اچ.“
    ”تنهنجي؛“ سهڪندي چيم: ”سر جو قسم آئون سچ ٿو چوان مون ڪائونٽر تي هڪ ڪارو نانگ ڏٺو.“
    ”گٻراءِ نه ۽ اندر اچ اسان آهيون نه،“ عورت مون ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو، مون سندس هٿ پڪتو ۽ اندر ويس، گلابي رنگ جي ڪائونٽر جي چڪاس ڪيم اُتي سواءِ پنن، پينن، ٽيلي فون، ڪمپيوٽر اسڪرين ۽ بل واري مشين جي ٻيو ڪجهه نه هو.
    ”ڏٺئي؛“ آئون جئين ئي ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي ويٺس ته عورت چيو: ”هتي ڪوبه نانگ ناهي اسان ڏهن سالن کان هي رستوران هلائي رهيا آهيون ۽ اهڙي شڪايت ڪڏهن به نه آئي آهي.“ هن ڳالهائڻ بند ڪيو ته مون ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀرڻ شروع ڪيا، هوءَ مون وٽ آئي ۽ ڪلهي تي هٿ رکي آٿت ڏنائين.
    ”احمد؛“ هن ڇوڪري کي سڏيو؛ ”پاڻي جي بوتل کڻي اچ.“ ان کانپوءِ هوءَ منهنجي پاسي واري ڪرسيءَ کان ويٺي ۽ پڇيائين:
    ”ٻچا تون ڪو نشو وغيره ڪندو آهين ڇا؟“
    ”ها؛“ مون هن کي ڏسندي لاپرواهي منجهان جواب ڏنو: ”پر ان جو منهنجي نشي سان ڪوبه تعلق ڪونهي، اهو نانگ اڄ صبح کان منهنجي فليٽ تي چار ماڻهو ماري چڪو آهي.“ سندس وڏيون ڪاريون اکيون ٻاهر نڪري آيون ۽ مون سڏڪو ڀريو، هن حيرت منجهان مونکي ڏٺو ۽ پيشاني تي لڪيرون اچي ويس. هوءَ اٿي ڪائونٽر ڏانهن وئي، وچون خانو کولي ٽي وي جو ڪارو رموٽ ڪڍي سائو بٽڻ دٻائي ٽي وي کوليائين، هڪ جهٽڪي سان اسڪرين تي روشني اچي وئي، هن رموٽ جي مدد سان مقامي خبرن جو چينل هلايو، اسڪرين تي منهنجو پاڙو ڏيکاريو ٿي ويو ۽ هيٺان پٽي ٿي هلي:
    ”سين فرانسسڪو ۾ هڪ خوني نانگ؛
    هن وقت تائين چار ماڻهو زندگي وڃائي چڪا آهن.“ ان کانپوءِ اهو حصو جنهن تي منهنجو فليٽ آهي ڏيکاريو ويو جيڪو پوليس جي پيلين پٽين سان سيل ٿيل هو.
    ”اهو منهنجو فليٽ آهي،“ اسڪرين ڏانهن اشارو ڪندي عورت کي چيم، هن هاڪري ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ منهنجي ٻڌايل ڳالهه تي يقين ڪرڻ لڳي، ايتري ۾ ڇوڪرو هٿ ۾ پاڻي جي بوتل کنيو ٻاهر آيو، هن جون اکيون اسڪرين ڏانهن ويون ته حيرت منجهان وات ڦاٽي ويس، پاڻي جي بوتل مون اڳيان رکيائين، مون بوتل جي سيل لاهي گلاس ڀريو ۽ هڪ ئي ساهي ۾ ڳڙڪائي ويس، ڇوڪرو ڪچن ڏانهن هليو ويو، آئون عورت سان گڏ خبر ڏسندو رهيس، 15 منٽن کانپوءِ احمد ناشتي جي ٿال سان وريو ۽ منهنجي اڳيان رکيائين، مون آمليٽ ۽ ٽوسٽ کائڻ شروع ڪيا، جنهن بعد چيني جي اڇي ڪپ ۾ چانهن پيتم، جيڏي مهل ڪجهه ذهني سڪون مليو ته اٿندي چيم:
    ”اوهان کي تڪليف ڏيڻ جي معافي گهران ٿو.“ عورت جي منهن تي پرسڪون مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:
    ”ٻچا گٻرائنجان نه.“ آمريڪا جي اڪثر رستورانن ۾ ناشتي جا ڏهه ڊالر ٻڌا هوندا آهن، مون اهي ڀرڻ جي ڪئي ته ان نرم دل عورت پيسا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آئون رستوران کان نڪري روڊ تي آيس ۽ ريڊ لائن بس جو انتظار ڪرڻ لڳس جيڪا مونکي عاليا جي علائقي ڪاليج روڊ تي ڇڏيندي. سمورو روڊ خالي هو، جئين تي جمعي جي ڏينهن جا 10.30 ٿي رهيا هئا انڪري ماڻهو آرامي هئا. روڊ جي ٻئي پاسي اخبارن وارا ۽ گل کپائيندڙ تجسس وچان گراهڪن جي انتظار ۾ ويٺل نظر ٿي آيا، سين فرانسسڪو جا هفتي وارا ڏينهن سست ٿيندا آهن، ڪا به چهل پهل ڪونه هئي، آئون ڪاري ٿنڀي کي ٺيڪ ڏيو بس جو انتظار ڪرڻ لڳس، نيٺ بس آئي گئيس سان کلندڙ در جهٽڪي سان کليو، آئون هڪ ڏاڪو چاڙهي اندر ٿيس ته ڪلينر بٽڻ دٻائي در بند ڪيو، ايڏا مسافر ڪونه، ڪجهه پوڙها پڪا مرد ۽ هڪ ٻه جهونيون عورتون واشنگٽن پوسٽ ۽ نيو يارڪر ۾ نظرون کپايو ويٺا هئا، آئون پٺيان خالي سيٽ ڏانهن آيس، ان وقت مونکي چرس جي سگريٽ جي شدت سان ٻاڙ لڳي، خيال آيم ته صبح واري واقعي کي وسارڻ جو بهترين علاج چرس ئي آهي.... اڳئين سيٽ جي ٽيڪ تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيم.


    3

    عاليا هڪ هندو فيملي جي ڪرائيدار هئي، هن ٽن ڪمرن جي فليٽ منجهان هڪ ڪمرو ڪرائي تي ورتو، ان جي هڪ سٺي ڳالهه اها هئي ته ڪمرو باقي ٻن ڪمرن کان جدا هو، ان ڪري مالڪن جي بلڪل به دخل اندازي نه هئي. آئون اڳ به ڪيتريون ئي راتيون عاليا سان سندس ڪمري تي گذاري چڪو آهيان. 30 منٽن جي سفر کانپوءِ بس جڏهن ڪاليج روڊ پهتي ته آئون لٿس، مٿي ۾ هلڪڙي سور جو احساس ٿيم، پر تنهن هوندي به ڄنگهن تي زور ڏئي هلڻ لڳس ۽ هندوستاني ڪالوني ۾ داخل ٿيس، گيٽ مٿان هندوستاني ترنگو هوا ۾ ڦڙڪيون هڻي رهيو هو. لوهي مُک در وٽ انگريزي ۽ هندي ۾ لکيل هو:
    ”ننڍڙي هندوستان ۾ ڀلي ڪري آيا.“ اندر داخل ٿيڻ سان ساڄي هٿ تي ڪاليءَ ماتا جو مندر هو، جڏهن ته کاٻي هٿ تي لڪشميءَ جو مندر، عاليا مونکي ٻڌايو هو ته هنن ٻنهي مندرن جون عمارتون هتان جون بهترين عمارتون آهن جن ۾ هندو ڌرم جا 50 کن ديوتا رکيل آهن، ٻنهي مندرن جي وچ ۾ تلاءُ ۽ وڻ پڻ هئا، جئين ته آئون ڪنهن به مذهبي عقيدي ۾ يقين نه رکندو آهيان، ان ڪري زندگي ۾ ڪڏهن مندر، مسجد، گردواري يا ڪليسا ۾ داخل نٿيو آهيان. منهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪيل هو ۽ آئون نانگ بابت سوچيندو هلندو ٿي ويس، ٻه بلاڪ پار ڪيم ته هندي، پنجابي ۽ گجراتي ٻولين جا آواز ڪنن سان ٽڪرايا، مون نظرون مٿي ڪري ڏٺو، اهي آواز مارڪيٽ منجهان ٿي آيا، هندوستاني سندن مخصوص انداز ۾ شين جي اگهن تي وڙهي قيمتون گهٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل هئا، مارڪيٽ ۾ ڪيتريون ئي ننڍڙيون هٽڙيون، دڪان، کاڌي پيتي جا اسٽال ۽ پان ٻيڙي جا دڪان هئا. آئون جڏهن هتي پهريون ڀيرو آيو هوس ته عاليا ٻڌايو هئم:
    شين جي اگهن تي ان نموني وڙهي هي ماڻهو اهو احساس ڏيارڻ چاهن ٿا ته کين هندوستان جي ڪيتري ياد اچي ٿي ۽ هو ان سان ڪيترو پيار ڪن ٿا، ڌرتيءَ جي پيار جو ته نشو ئي الڳ آهي. مون عاليا جي گول مرڪندڙ چهري ۾ ڏسندي چيو هو:
    ”هي جهالت جي نشاني آهي.“ ته هن منهنجي ٻانهن کي زور ڏيندي چيو هو:
    ”ڪنهن به هندوستاني اڳيان هندوستاني قومپرستي خلاف نه ڳالهائجان، هو ان معاملي ۾ ڏاڍا حساس ٿيندا اٿئي.“
    ”هر انسان کي پنهنجي وطن ۽ قوم سان جنون جي حد تائين عشق هوندو آهي، ته پوءِ هندوستانين جي قومپرستي ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟“ هن ڪو به جواب نه ڏنو هو ۽ منهنجو هٿ پڪڙي اڳيان وڌيا هئاسين جو منهنجي نظر ڄاري لڳل ميدان ڏانهن وئي هئي جنهن ۾ انيڪ ڀڳل ٽي ويون پيل هيون، مون حيرت منجهان انهن کي ڏٺو هو ته عاليا ٻڌايو هو: ”هتان جا ماڻهو ڪرڪيٽ راند بابت جنوني آهن، جڏهن به هندوستاني ٽيم ڪا ميچ هارائيندي آهي ته هو پنهنجيون ٽي ويون ڀڃي ڇڏيندا آهن.“
    آئون عاليا جي بلاڪ ۾ داخل ٿيس ۽ ٻين فلور تي آيس. اڃا آخري ڏاڪي تي ئي هوس جو ڪجهه ياد آيو ۽ هڪدم هيٺ ڀڳس، مون کان سگريٽ وغيره وٺڻ وسري ويا هئا سو هيٺ مارڪيٽ منجهان راٿمين سگريٽن جو پڪٽ ۽ ٿڌي بئير جون ٻه سايون بوتلون وٺي واپس وريس، پڪٽ کولي سگريٽ دکايم ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن آڪسيجن ڏني هجي. عاليا جي ڪمري اڳيان بيهي در وڄائي انتظار ڪرڻ لڳس، ڪوبه جواب نه مليو ته در ٻيهر کڙڪايم ۽ بيچيني سان پڌر ۾ هلڻ لڳس، ڪچري جي دٻي جي ٻئي پاسي، ناسي ڪونڊي ۾ سائي ٻوٽي جي وڏن پتن کي هٿ هيم، جڏهن هن ڀيري به در نه کليو ته اهو سوچيندي ته عاليا باٿ روم ۾ هوندي، وڌيڪ تيزي سان در کڙڪايم،عاليا ته در نه کوليو پر ٻئي پاسي کان سندس مالڪن وارو در کليو ۽ هڪ سنهڙي سپڪڙي عورت ظاهر ٿي، سندس گنڊي وار پٺيان جهوڙي ۾ بند هئا، تن تي گلابي رنگ جي ريشمي نائٽي پهريل هيس جنهن منجهان سندس بي جان انب نما ڇاتيون لڙڪندي نظر آيون، منهنجي هٿ ۾ بيئر جون بوتلون ڏسي منهن ٺاهيندي چيائين:
    ”هوءَ بيسمنٽ ۾ ڪپڙا ڌوئڻ وئي آهي،“ مون بوتلون لڪائڻ جي ڪئي پر لڪائي نه سگهيس.
    ”ڇا تون ڪبير آهين؟“ هن پڇيو، سندس واتان پنهنجو نالو ٻڌي حيرت ٿيم ۽ ڏڪندي چيم: ”ها.“
    ”جيڪڏهن چاهين ته اندر اچي هن جو انتظار ڪري سگهين ٿو،“ هن بي دلي سان چيو.
    ”معاف ڪجو!“ کيس ڏسندي چيم.
    ”عاليا توکي اندر ويهارڻ جو چئي وئي آهي،“ مون بئير جون بوتلون اهو سوچي ته عاليا جي واپسي تي کڻندس؛ ڪنڊي جي پاسي ۾ رکي اندر ويس، جئين در کان اندر پير پاتم سڄو گهر بي ترتيب نظر آيو، هڪ سهنو ڊگهو سانورو همراهه جنهن کي رڳو ڪڇو ۽ گنجي پهريل هئي ويڪيوم ڪلينر سان ڪارپيٽ صاف ڪري رهيو هو، هن جئين ئي ٻانهون ڊگهيون ڪيون ته ڪڇن هيٺان اڻ ڪوڙيل ڪارا وار ظاهر ٿيس، 15 سالن جي گنڊي وارن جي ڇوڪري سين فرانسسڪو ڪارنيڪلز جي پراڻي شماري سان ڪچن جا ڪٻٽ صاف ٿي ڪيا. مون کين رسمي سلام ڪيو ته ٻنهي مرڪي مونکي ڏٺو ۽ وري ڪم کي لڳي ويا.
    ”ويهي رهو،“ سنهڙي سپڪڙي عورت جنهنجو نالو سيتا هو صوفا ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ان کان پوءِ هن ميرا ڪپڙا کڻي پلاسٽڪ جي ڳاڙهي ٽوڪري ۾ اڇلايا ته سندس بي سائز جو گلابي برزئر هيٺ ڪري پيو، مون ان کي ڏٺو، هن بنا تاثر جي برزئر کڻي ميرن ڪپڙن مٿان اڇلايو، آئون صوفا تي ويٺس ته منهنجيون نظرون ڪاٺ جي ٽيبل تي پيل ڪاري ٽي وي ڏانهن ويون جنهن تي ڳاڙهي رنگ جو پٿر سان ٺهيل نقشو رکيو ان جي وچ ۾ ڪاري رنگ جي ڪوهاڙي ٺهيل.
    ”هي هندوستان جو نقشو ته ناهي،“ حيرت منجهان وڏي واکي چيم.
    ”جي؛“ گهر جي مالڪ جنهن جو نالو ٽوڦڻ داس هو، پردا پٺيان ڪارپيٽ جي صفائي ڪندي جواب ڏنو: ”اهو سنڌ، اسان جي مادرِ وطن جو نقشو آهي،“ جئين ئي هن سنڌ جو نالو کنيو ته سندس ڇاتي فخر سان ٻه انچ چوڙي ٿي وئي.
    ”۽ اها سنڌ دنيا جي ڪهڙي خطي ۾ آهي؟“ بي پرواهي سان ڳاڙهي نقشي کي ڏسندي چيم.
    ”ننڍي کنڊ ۾،“ ٽوڦڻ اکين تي رکيل نظر واري عينڪ کي مٿي ڪندي چيو.
    ”هان سٺن ماڻهن بنا وڏي زمين ....“ مون طنزيه طور چيو ته ٽنهي خوني نظرن سان مونکي ڏٺو، مون پنهنجي طنز تي شرمساري محسوس ڪئي، ڪا سخت شيءِ ويهڻ واري جاءِ تي لڳم، مون ڀانيو ته اهو جنسي تسڪين حاصل ڪرڻ لاءِ رٻڙ جو عضو هوندو. مونکي ٽوڦڻ داس جي حال تي رحم آيو، ويچاري ۾ ايتري به سگهه ڪونهي جو هن سنهڙي سپڪڙي عورت جي باهه ٺاري سگهي...!! هيٺ هٿ ڪري ان سخت شيءِ کي کڻندي سوچيم، جئين ئي اها شيءِ اکين آڏو آئي ته پنهنجي سوچ تي شرم به آيم ته ڪاوڙ، منهنجي هٿ ۾ ڪارو ٽي وي رموٽ هو، شرمساري لڪائيندي رموٽ جو سائو بٽڻ دٻايم ته هڪ پاڪستاني خبرن جو چينل لڳل هو جنهن تي ڪا ڊاڪيومنٽري ٿي هلي، مون ان کي ڏسڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ ڪلين شيوءَ صحافي ٻڌائي رهيو هو ته هڪ نوجوان ڇوڪري سندس گهر ۾ هڪ وڏو نانگ ڏٺو؛ اهو ٻڌي مون حيرت منجهان هوا ۾ ڀل ڏنو، منهنجو تجسس وڌي ويو سو غور سان ڊاڪيومنٽري ڏسڻ لڳس، اهو صحافي ان ڇوڪريءَ جي فليٽ تي آيو جتي کيس خبر پئي ته هي نانگ وقت بوقت رنگ مٽائي ٿو، ان کانپوءِ ٻه همراهه جن کي نارنگي ڪپڙا ۽ مٿن تي پٽڪا پهريل، ڪنن ۾ وڏيون واليون ڪلهي تي ڪپڙي جي ڳوٿري ۽ هٿن ۾ مُرليون هون، اندر آيا، هنن مُرليون وڄائڻ شروع ڪيون ۽ بنا ڏنگجڻ جي نانگ جهلي ورتو. ان کان پوءِ اهو صحافي حيدرآباد نالي هڪ شهر ڏانهن روانو ٿي ٿو جتي هو جوڳين جي سردار سان ملاقات ٿو ڪري، تان جو مونکي پوري طرح ٻولي سمجهه ۾ نٿي آئي تنهن هوندي به اهي منظر ڏاڍا خوفناڪ لڳم.... ڀانيا ٿو هي منهنجي لاءِ فيصلي جو وقت آهي....!! اسڪرين ڏانهن ڏسندي سوچيم ۽ ارادو ڪيم ته سنڌ وڃي انهن جوڳين سان ملي اهو ڄاڻجي ته هو مون جي ڪا مدد ڪري سگهن ٿا يا اها سموري ڊاڪيومنٽري ڪوڙ تي مبني هئي.
    ”هوءَ اچي وئي آهي،“ پٺيان کان عورتاڻو آواز آيو.
    ”ڪير...!!“ حيراني منجهان پڇيم.
    ”عاليا ٻيو ڪير...“ سيتا مونکي تڪيندي جواب ڏنو.
    ”اڇا....مهرباني،“ هيڊي مرڪ مرڪندي جواب ڏنم ۽ اٿي ٻاهر آيس، بئير جون بوتلون اُتي رکيون هيون، انهن کي کڻي عاليا جي ڪمري تي آيس. بئير پئندي مون هن کي صبح وارو سڄو واقعو ٻڌايو، هن سڀ ڪجهه غور سان ٻڌو، مون ڳالهائڻ بس ڪيو ته ڀاڪر پاتائين ڄڻ موت جي منهن منجهان نڪري نئين زندگي حاصل ڪئي هجي....!! مون کيس ڳيچي وٽ چمي ڏني، سندس گول خوبصورت نرم ڇاتيون سيني سان لڳم ان وقت کيس ٽرٽل نيڪ شرٽ پهريل هئي پر تنهن هوندي به مون سندس جسم جي نرمي کي محسوس ڪيو.


    4

    ”عاليا؛“ سندس وارن سان کيڏندي چيم اسان ڪارپيٽ تي وڇايل ميٽ تي گڏ ليٽيل هئاسين:”آئون سنڌ وڃڻ چاهيان ٿو.“
    ”نه،“ هن ڄنگهه ورائي منهنجي پيٽ تي رکندي چيو، شام ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جو پلان جوڙي رهي هئي، ان کان پهرئين جو آئون ڪجهه چوان ها، هن سندس نرم لب منهنجي گرم لبن تي رکي ڇڏيا ۽ ڪجهه منٽن تائين منهن اندر زبان کي گول ڦيرندي رهي، ان بعد سڌو ليٽندي چيائين؛ ”باٿ روم منجهان نڪران ته پاڻ ٻاهر هلون ٿا.“ آئون خاموش ليٽيو رهيس ۽ ٽيبل ليمپ جي ڳاڙهي روشني کي ڏسڻ لڳس، هوءَ اٿي باٿ روم ڏانهن وئي، جئين ئي ناسي در کوليائين ته هڪ وڏي رڙ ڪيائين؛
    ”نانگ... ڪبير نانگ.....“ آئون ٽپو ڏئي اٿي هن ڏانهن ڀڳس، هن مونکي ڀاڪر پاتو، خوف منجهان سڄي ڏڪي رهي هئي، اسان هڪدم در کان هٽي بند ڪري ڇڏيو. ڪجهه گهڙيون هڪ ٻئي کي آٿات ڏني، آئون اٿي باٿ روم وڃڻ لڳس.
    ”نه،“ عاليا رڙ ڪري رڪيو، هن پٽ تي پيل ڪپڙا پهريا ۽ ٻاهر نڪري وئي آئون به هن پٺيان ٽوڦڻ داس وارن جي حصي ڏانهن ويس. هنن غور سان اسان جي ڳالهه ٻڌي، جنهن کان پوءِ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي اچي. سيتا رات جي ماني پچائڻ لاءِ اٿي، سندس ڌي ۽ عاليا به ڪيچن ڏانهن ويون.


    5

    ”ٽوڦڻ صاحب؛“ مون گهر جي مالڪ جو نالو کڻندي چيو: ”ڇا اوهان واقعي سمجهو ٿا ته سنڌ جي جوڳين وٽ منهنجي هن مسئلي جو ڪو حل هوندو؟“
    ”سو فيصد؛“ هن فخريه انداز ۾ جواب ڏنو: ”سندن ڌندو ئي اهو آهي، هو نسل در نسل نانگ پڪڙيندا اچن.“ اسان جي وچ ۾ خاموشي اچي وئي، ٽوڦڻ بئير جي آخري چسڪي ڀري ۽ پوءِ چيو: ”ڇا توکي خبر آ ڪبير؛“ مون سندس ڪاري چمڪندڙ اکين ۾ ڏٺو ته هن چيو: ”سنڌ جي جوڳين کي نانگ جو زهر به اثر نه ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪو نانگ کين ڏنگي وڃي ته ان جو خاص نموني سان علاج ڪندا آهن، هو نانگ جي وات منجهان مڻيو ڪڍڻ جا ماهر هوندا آهن.“
    ”ڇا؛“ مون سندس ڳالهئين ۾ دلچسپي وٺندي پڇيو: ”اوهان سنڌ ۾ ڪنهن اهڙي شخص کي سڃاڻيو؟“
    ”معاف ڪجو؛“ هن معذرت ڪندي چيو: ”هن وقت آئون سنڌ ۾ ڪنهن کي ڪونه سڃاڻيان، اسان جي خاندان ورهاڱي دوران ئي سنڌ ڇڏي هئي، ڏهن سالن تائين هندوستان ۾ رهيا ۽ پوءِ هتي آمريڪا اچي ويا.“
    ”اڇا؛“ بنا ڪنهن تاثر جي چيم.
    ”اوهان؛“ هن گلاس ۾ بئير لاهيندي پڇيو: ”کي ڪو اندازو آهي ته هي نانگ اوهان جو پيڇو ڇو پيو ڪري؟“
    ”مونکي؛“ لاپرواهي منجهان ڪلها لوڏيندي چيم: ”ڪو اندازو ڪونهي.“
    ”اسان وٽ؛“ ٽوڦڻ ٻه انچ کن مون ڏانهن سرڪي آيو ۽ رازداري واري نوع ۾ چيائين: ”سالن کان روايت هلندي اچي ته نانگ اوهان کان رڳو بدلو وٺڻ لاءِ پٺيان لڳندو آهي.“
    ”اوهان؛“ مرڪندي چيم: ”مذاق پيا ڪريو....!!!“
    ”هرگز نه،“ هن سنجيدگيءَ سان چيو، مون سندس اکين ۾ ڏٺو جن منجهان هاڻي چمڪ وڃي چڪي هئي.
    ”ڀانيا ٿو؛“ هن بئير جي چسڪي ڀريندي چيو: ”ڪنهن عورت نانگ جو روپ ورتو آهي.“
    ”ڇا اوهان به سنڌ جا جوڳي آهيو؟“ حيراني منجهان پڇيم.
    ”نه،“ هن ناڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو. مون سکريٽ دکايو، سمورو هال دونهين سان ڀرجي ويو جنهن سبب آئون کنگهيس.
    ”اڪثر روايتون؛“ ٽوڦڻ داس سنجيدگيءَ منجهان چيو: ”اهو ئي ٻڌائن ٿيون ته عورت نانگ جو روپ وٺي پنهنجي دشمنن جو خاتمو آڻيندي آهي.“
    ”معاف ڪجو؛“ مون مرڪندي چيو: ”پر هي ڳالهيون مونکي بي تُڪيون ٿيون لڳن،“ ۽ سگريٽ جو ڪش هنيم.
    ”جي؛“ هن گلاس منجهان سرڪي ڀريندي چيو: ”پر مونکي لڳي ٿو اوهان گذريل ڪنهن جنم ۾ هن عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪئي هوندي، يا وري سندس مڙس ۽ ڀائرن کي قتل ڪيو هوندو، يا کيس عشق ۾ دوکو ڏنو هوندو، هاڻي اها عورت نانگ بڻجي اوهان کان بدلو وٺي رهي آهي.“ آئون ٽوڦڻ داس جي هنن ڳالهئين منجهان دل سان مزو وٺڻ لڳس، هڪ ڀيرو وڏو ٽهڪ ڏئي چيومانس:
    ”ٽوڦڻ صاحب هي ڳالهيون عاليا جي اڳان نه ڪجو نه ته هوءَ مونکي ماري وجهندي ۽ کيس نانگ ٿيڻ جي ضرورت به نه پوندي.“ اهو ٻڌي هن به ڇت کي چمي ڏيندڙ وڏو ٽهڪ ڏنو، ٽئي مايون اسان کي ان نموني کلندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويون.
    جئين اسان رات جي ماني کائي بس ڪئي ته هن سنڌي خاندان مونکي ۽ عاليا کي ڪالي ماتا جي مندر هلڻ جو چيو، جئين ته مون پاڻ کي ڪنهن به مذهبي چڪر ۾ نه ٿي ڦاسائڻ چاهيو انڪري انڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم.
    ”ڏسو؛“ ٽوڦڻ داس مونکي رازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ”ڪالي ماتا اسان جي هر خطري کان رڪشا ڪندي آهي، اسان سان اچو ۽ ڪالي ماتا جو آشرواد وٺو.“ آئون ۽ عاليا ان ڳالهه تي مطمين ڪونه هئاسين، تان جو عاليا جو تعلق پارسي مذهب سان هو پر مون وانگي هوءَ به مذهب کان پري ئي رهندي هئي، تان جو اسان ٻنهي جا وڏڙا جيڪا هاڻي ڪاروبار واسطي ڪئنيڊا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ هئا ڪافي مذهبي هئا پر هنن جو اسان تي ڪنهن به قسم جو اثر نه پيو هو. پر هن سنڌي خاندان اڳيان اسان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ڪالي ماتا جي درشن لاءِ نڪري پياسين، داس جي زال ۽ ڌيءَ کي گلابي رنگ جون ساڙيون پهريل هيون ۽ سندن پيرن ۾ اڇا جوتا هئا، ٽوپڻ کي بنا ڪالر وارو اڇو ڪڙتو ۽ پاجامو پهريل هو، عاليا کي سائي رنگ جي شرٽ ۽ جينز پينٽ پاتل هئي، جڏهن ته آئون پنهنجي روائتي لباس يعني جينز جي نيري پينٽ ۽ اڇي ٽي شرٽ ۾ هوس، اسان خاموشي سان مندر ڏانهن وڌندا رهياسين، هر ڪنهن جي ذهن ۾ ان نانگ واري معاملي جو الڳ ئي خاڪو هو، اسان جي پاسي کان ڪيترا ئي هندو خاندان گذريا ۽ نمستي ڪندا ڪالي ماتا جي مندر جو رخ ڪرڻ لڳا. اسان جئين ئي مندر جي در وٽ پهتاسين تي جوتا لاهي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا، ٽوڦڻ داس چانٽ تي سجدو ڪري مٿي تي اڇو رومال ٻڌو، جڏهن ته سندس گهر جي عورتن مٿي تي ساڙي جو پلو رکيو ۽ پوءِ اسان اندر وياسين، جئين وڏي هال جنهن جي فرش تي ڪارپيٽ وڇايل هو ۾ گهڙياسين ته اگربتين جو دونهون ناسن ۾ گهڙي پيو، ڀتين تي ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون ٺهيل هيون جڏهن ته سامهون ئي ماربل جي اڇي دڪي تي ڪالي ماتا جو مجسمو پيل هو، سندس ڳاڙهي زبان ٻاهر نڪتل هئي، هٿن ۾ تلوارون ۽ پيرن هيٺان راڪشن جون سيسيون هيس، سندس ڳيچي ۾ ننڍڙين کوپڙين جو هار پڻ هو. ٽوڦڻ داس، سندس زال ۽ ڌيءَ ڪالي ماتا جي بت وٽ آيا ۽ وري سجدي ۾ ڪري پيا. ايتري ۾ پاسي واري ڪمري منجهان هڪ پوڙهو گنجو پنڊت نڪري آيو، جنهن کي هيڊي رنگ جي گوڏ ٻڌل هئي جڏهن ته اڇن وارن سان ڀريل ڇاتي ننگي هوس، هٿ ۾ سونهري رنگ جي وڏي ٿالهي کڻي اچي ڪالي ماتا اڳيان بيٺو ۽ ان مٿان گلن جون پتيون اڇلايائين، ان کانپوءِ ٿالهي کي اڇي ماربل جي دڪي تي رکيائين، ٻيهر اندر ويو ۽ هڪ ٻيو ٿالهه کڻي آيو جنهن تي ننڍڙا ڏئيا رکيل هئا، پنڊت ماچيس جي تيلي سان ڏئيي جي لٽ پاري ٿالهه ڪالي ماتا جي پيرن ۾ رکيو، ان بعد هڪ کنڊ ۾ ويهي ڪاٺ جي ٿلهن مڻڪن واري تسبي پڙهڻ لڳو. جئين ڀت تي لڳل وڏي گهڙيل تي 9.00 لڳا ته ماڻهو مندر ۾ اچڻ شروع ٿي ويا، مردن کي نرڙ تي ڳاڙها تلڪ هئا، هر ڪو ڪارپٽ تي ويهي اکيون بند ڪري ۽ هٿ جوڙي هندي يا سنسڪرت ۾ پوڄا ڪرڻ لڳو. آئون ۽ عاليا در وٽ ڪنڊ ۾ بيهي ماڻهن کي حيرت ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳاسين، مندر ۾ لڳ ڀڳ 40 ماڻهو هئا. ٽوڦڻ داس سندس پوڄا پوري ڪئي ۽ اٿي پنڊت ڏانهن ويو، جئين هنن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پنڊت مون ڏانهن ڏٺو، سندس اکين ۾ حيرت ۽ تجسس نظر آيم، آئون سمجهي ويس ته ٽوڦڻ داس کيس نانگ بابت ئي ٻڌائي رهيو آهي، پنڊت سان ڳالهائڻ دوران ٽوڦڻ جا هٿ ٻڌيل ئي رهيا، ان کان پوءِ پنڊت اٿيو ۽ وري ٻئي ڪمري ڏانهن ويو ۽ ڪجهه گهڙين ۾ موٽي اچي ٽوڦڻ کي ڪا شيءِ ڏنائين، داس اها وٺي ان کي چمي ڏني ۽ پنهنجي گهروارن سان اسان ڏانهن آيو، هڪ ٿال منجهان پرشاد جا پيلا لڏون کڻي هو اسان سان گڏ ٻاهر نڪتا. فليٽ ڏانهن ايندي ٽوڦڻ داس مونکي هڪ چورس دٻلي ڏني جنهن ۾ ڪارو ڌاڳو ٻڌل هو.
    ”هي ڇا آهي؟“ دٻلي کي هلڪيون اڇلون ڏيندي پڇيم.
    ”هي تعويذ آهي؛“ هن چيو: ”ان کي پائي ڇڏ ڪالي ماتا هر خطري ۾ تنهنجي مدد ڪندي.“ تان جو مونکي اهڙي قسم جي ڪنهن به ڳالهه تي ويساهه ڪونه هو مون تعويذ پينٽ جي کيسي ۾ رکي ڇڏيو.


    6

    نانگ کي منهنجي زندگي ۾ آئي پورو هفتو گذري چڪو هو، اهو سڄو هفتو عاليا کي ان ڳالهه تي راضي ڪندي گذاري ڇڏيم ته مونکي سنڌ وڃڻ گهرجي، مون پاڪستان جي ويزا لاءِ درخواست ڏني جيڪا منظور ٿي وئي، عاليا ۽ آئون خوف ۾ رهڻ لڳا هئاسين تنهن ڪري هن مونکي پاڪستان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، مون پاڪستان وڃڻ جو مقصد اهو ڄاڻايو ته آئون هڪ تخليقي اديب آهيان ۽ ننڍي کنڊ بابت ڪاليج طرفان هڪ پروجڪٽ جي سلسلي ۾ پاڪستان وڃڻو اٿم، جنهن کانپوءِ ئي ڪاليج مونکي ڊگري ڏيندو. مونکي 5 مهينن جي ويزا ان شرط تي ملي وئي ته اُتي آئون حفاظتي تدبيرن جو خاص خيال رکندس، ڇو جو پاڪستان هاڻي عام آمريڪين لاءِ محفوظ جاءِ نه آهي. آئون دبئي ۾ لٿس ۽ اتان ڪراچيءَ لاءِ فلائيٽ پڪتي. عاليا هن سڀ ۾ منهنجي ٻانهن ٻيلي رهي، هن ئي ڪاليج جي ڪاري پرنسپال کي ان ڳالهه تي رازي ڪيو ته مونکي ڪاليج طرفان اسٽڊي ٽور جي اجازت ڏئي. جهاز اڏام ڀري، مون ڪن تي هيڊ فون چاڙهي گانو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ٻن ڪلاڪن اندر جهاز ڪراچي جيڪو سنڌ جي راڄ ڌاني آهي، پهچڻ وارو هو، جهاز ۾ رڳو پاڪستاني ئي هئا پر سندن چهرن تي پريشاني ۽ بيوسي صاف ظاهر هئي. پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر جنهنکي ملڪ جي معاشي شهه رڳ به چيو ويندو آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ جي عذاب ۾ جڪڙيل هو، اُتي خودڪش بم ڌماڪا به ٿي رهيا هئا، ته فرقواريت به هئي، جڏهن ته هڪ نسل پرست ساسي تنظيم شهر تي سندس دونس ڄمائڻ جي ڪوشش ۾ هئي، ٻئي طرف صوبائي حڪومت مسئلن کي حل ڪرڻ بدران جلي تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪري رهي هئي. منهنجي پاسي کان هڪ جوڙو ويٺل هو، ٻئي انٿروپالاجي جا پروفيسر هئا ۽ ڪنهن بين الاقوامي ڪانفرنس تان موٽي رهيا هئا. پاڪستان بابت منهنجو پهريون تاثر ئي منفي هو. هنن مونکي ٻڌايو ته ڪراچي جو حال اهو آهي جو قرباني جي کلن تي ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي. مون رڳو هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ هڪ رسالو کڻي پڙهڻ لڳس.
    ”طاقت اوهان کي حيوان بڻائي ڇڏيندي آهي....“ مرد چيو. جهاز لٿو ته اسان ڪراچي جي ائير پورٽ تي آياسين جتي مڪمل حفاظت هئي. مونکي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڪاڏي وڃجي، آمريڪي ڪانسليٽ جرنل کي اڳواٽ آگاهي ڏني وئي هئي ۽ مون کي هدايت ڏني وئي ته پهچڻ جي ٻئي ڏينهن آئون ڪيٿي ڪيٽل نالي ڪانسليٽ جي پي آر او سان ملان ته جئين هوءِ هن سفر ۾ منهنجي مدد ڪري سگهي. آئون ٻاهر نڪري ٽيڪسي اسٽينڊ ڏانهن آيس ۽ ٽيڪسي واري کي ڪنهن ويجهي هوٽل تي ڇڏڻ جو چيم، نه هن کي منهنجي ٻولي سمجهه ۾ آئي نڪو وري مونکي هن جي، ته آئون شيشي جي در وٽ بيٺل سيڪيورٽي گارڊ ڏانهن آيس، هو طاقتور شخص هو جنهن جي منهن تي ڪاريون مڇيون هيون، هن ٽڪسي واري کي ڪڙڪ لهجي ۾ مونکي ويجهي هوٽل تي ڇڏڻ جو چيو، تان جو ملڪ ۾ بجلي جو بحران هو، پر تنهن هوندي به ايئر پورٽ وٽ فلائي اور تي ڳاڙهيون پيليون ۽ سائيون بتيون ٻري رهيون هيون، ٽيڪسي جي پوڙهو ڊارئيور آرام سان گاڏي هلائيندو رهيو ائين ٿي لڳو ڄڻ کيس موت جو ڪوبه ڀو نه هو يا کيس اها خبر هئي ته هنن علائقن ۾ ٽارگيٽ ڪلرن جو نسل نه ٿيندو آهي.
    هي آهي ڪراچي.... دري کان ٻاهر روڊ ڏانهن ڏسندي سوچيم: سنڌ جو اهو شهر جتي ڪيترا ئي نسلي ٽولا رهندڙ هئا ۽ هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن قسم جي جنگ ۾ لڳو پيو، هو رڳو ان ڪري وڙهي رهيا هئا ته جئين شهر جي دولت ۽ بندرگاهه تي قبضو ڪري سگهن سنڌين کي ته هن شهر منجهان لتون هڻي ڪڍيو ويندو هو. سنڌي به ڏاڍي عجيب قوم آهن سندن ڌرتي تي قبضو ٿي رهيو آهي ۽ هو صوفي ڪلام ٻڌي سمهي پوندا آهن، پاڻ کي صوفي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن جڏهن ته کين لفظ صوفي جي معني به خبر نه آهي، هنن وٽ صوفي جي معني اهڙو شخص آهي جيڪو مختلف پيرن جي ميلن ۾ وڃي درگاهن تي حاضري ڀرائي، چرس پئي ۽ ڪنهن سان ملڻ مهل هٿ ٻڌي يا علي مدد چئي.... بس اهو آهي سنڌين جو صوفيزم....... جڏهن ته ٻيون قومون جڏهن سنڌين کي صوفي چونديون آهن ته ان منجهان سندن مراد هوندي آهي ته اچو سنڌ تي قبضو ڪريون هتان جو مال ملڪيت لوٽيون ڇو جو سنڌي پنهنجي ڌرتي لاءِ وڙهڻ جي سگهه نٿا رکن.... هو بزدل آهن ۽ صوفي سڏائڻ ۾ خوش آهن...... مون هيڏانهن اچڻ کان اڳ سنڌ بابت ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪئي جنهن منجهان خبر پئي ته قديم زماني ۾ سنڌين جا شهر هڪ ترتيب ۾ آڏيا ويندا هئا، اُتي تهذيب آفته انسان رهندا هئا، پر اڄ جي ڪراچي.... ان کان ته خدا پنهنجي پناهه ۾ رکي، هي منهنجي خوابن واري سنڌ جي بلڪل مختلف سنڌ هئي، هر طرف ڪچرو، ڌوڙ، روڊن تي پان جون پيڪون، قبضو ڪيل فٽ پاٿ، جن تي برگر، ڇولا، پڪوڙا وڪرو ٿي رهيا هئا، ڪار پارڪنگ جو ڪوبه تصور نه، ڀتين تي سياسي ۽ مذهبي نعرا، حد کان وڌيڪ ٽريفڪ، گوڙ گمسان، دونهون.... مون دري کان ٻئي پاسي ڏٺو هڪ ڀت تي وڏن ڪارن اکرن ۾ لکيل هو:
    ”آمريڪيو جهنم جي تري ۾ وڃو.....“ ان پاسي وڏا بل بورڊ ۽ اشتهاري بورڊ هوا ۾ لڙڪي رهيا هئا، جڏهن ته مني بسن منجهان ٽپو ڏئي چڙندڙ ۽ لهندڙ لاپرواهه انسان به نظر آيا. منهنجي اکين اڳيان جيڪا ڪراچي هئي سا ان يتيم ٻار جيان لڳي جنهن کي ته ڍڪڻ لاءِ ڪپڙا نه هوندا آهن ۽ هو اگهاڙو پيو رولندو آهي.
    ”صاحب؛“ 20 منٽن کانپوءِ ٽيڪسي واري چيو: ”هي هوٽل ٺيڪ آهي يا ڪنهن ٻئي ڏانهن هلون.“ مون هوٽل جي اٺ منزله اوچي عمارت کي ڏٺو، عمارت متاثر ڪندڙ هئي، جنهن ۾ ڳڻت کان ٻاهر دريون هيون.
    ”هي ئي صحيح آهي،“ آهه ڀري چيم ۽ در کولي سامان سڌو هيٺ لهي هن کي ڪرايو ڏنم. آئون جئين ئي هوٽل جي شيشي واري در وٽ پهتس ته هڪ ڳاڙهي ڳٽول گارڊ در کولي سليوٽ ڪيو، اندر داخل ٿيڻ تي باغ نظر آيو جنهن جي اکين کي وڻندڙ سائي ڇٻر سهڻي نموني ڪٽيل هئي وچ ۾ پاڻي جو ڦوهارو ٿي هليو، ماربل جي رستي تي هلندو هڪ ٻيو شيشي جو در پار ڪيم ۽ سوڙهي گهٽي جنهن جي فرش تي ڳاڙهو ڪارپيٽ وڇيل هو ۽ ٻنهي پاسن کان هٿرادو گل رکيل هئا ۾ هلندو رسپشن هال ۾ آيس، هال ۾ ڪاٺ جو سهڻو ٺهيل ناسي ڪائونٽر هو جنهن تي تي ايل سي ڊي اسڪرين، نيري رنگ جي ديوار تي هڪون لڳل جن ۾ چاٻيون ٿي لڙڪيون، ڪائونٽر ته سهڻو ڪلين شوءِ نوجوان ڪاري اڇي شرٽ مٿان ڪارو ڪوٽ پايو بيٺو هو.
    ”ويلڪم سر؛“ آئون جئين هن وٽ آيس ته مرڪي چيائين: ”آئون اوهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟“
    ”هڪ ڪمرو گهرجي،“ ٿيلهو پيرن ۾ رکندي چيم.
    ”جي سر ضرور؛“ هن ساڳي مرڪ منهن تي سجائيندي چيو: ”مهرباني ڪري هي فارم ڀري ڏيو.“ هڪ اڇو پنو ۽ پين مونکي ڏني آئون ويٽنگ لائونج جي نرم صوفا تي ويهي فارم ڀرڻ لڳس، فارم هن کي ڏنم ته هن ڀت ۾ لڙڪندڙ چاٻين منجهان هڪ ڪڍي مونکي ڏيندي چيو:
    ”سر چوٿين منزل تي ڪمرو نمبر 323،“ ۽ پوءِ ويٽر کي سڏيائين.
    ”مهرباني،“ چيم ته هن مرڪي چيو:
    ”ويلڪم سر.“
    لفٽ ذريعي آئون چوٿين فلور تي آيس جتي 6 ڪمرا هئا، ونگ ۾ هلڪي سائي روشني هئي، مون ڪاٺ جي در وٽ بيهي سونهري لاڪ ۾ چاٻي وجهي در کوليو ۽ اندر داخل ٿيس، ويٽر سامان رکي گڊ نائيٽ چئي هليو ويو، صاف سٿري نرم بيڊ تي ويهي روم سروس کي رات جي ماني جو چيم ۽ انٽرنيشنل ڪال بڪ ڪريم، مونکي عاليا جي ياد ستائي رهي هئي، ان کانپوءِ باٿ روم ويس ۽ پاڻ کي شاور هيٺان ڇڏي ڏنم.
    رات جي ماني جي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ آئون بيڊ تي ليٽي سگريٽ ڇڪي رهيو هوس جو مونکي ٻڌايو ويو ته آئون آمريڪا فون ڪري سگهان ٿو، مون عاليا جو نمبر ڏنو ۽ پنجن منٽن ۾ ڪال ملي وئي.
    ”هيلو،“ عاليا فون کڻندي چيو.
    ”عاليا آئون آهيان ڪبير،“ چيم.
    ”ڪبير ڪئين آهن؟“ پڇيائين.
    ”ها ٺيڪ، ڪراچي پهچي چڪو آهيان، سڀاڻي آمريڪي ڪانسليٽ ويندس،“ مون چيو.
    ”اڇا؛“ هن فڪرمندي منجهان چيو: ”اميد ته ڪو اڻوڻندڙ واقعو نٿيو آهي.....“
    ”ها هن وقت تائين ته خير آهي،“ نرم لهجي ۾ چيم.
    ”ته؛“ هن آهه ڀري پڇيو: ”توکي ڇا ٿو لڳي هي نانگ تنهنجي پٺيان سنڌ ۾ به اچي نڪرندو ڇا؟“
    ”ڪجهه چئي نٿو سگهجي،“ آهه ڀريندي چيم، ڪجهه گهڙين لاءِ ٻئي چپ ٿي وياسين رڳو اسان جي ساهن جو آواز ٿي آيو.
    ”تنهنجي ڏاڍي ياد ٿي اچي،“ خاموشي ٽوڙيندي چيم.
    ”مونکي به،“ هن قرب منجهان چيو.
    ”ٺيڪ آهي آئون وري ڪال ڪندس“ چيم.
    ”پنهنجو خيال رکجان،“ چيائين.
    ”تون به،“ چئي مون فون بند ڪري ڇڏي.
    ٽي وي ڏسندي آئون سگريٽن جو اڌ پيڪٽ ڇڪي ويس، جنهن کانپوءِ ڪنبل مٿان وجهي سمهي پيس.
    صبح جو 9.00 لڳي اوچتو منهنجي اک کلي وئي، پر اڃا به سستي محسوس ڪري رهيوهوس، جئين ڪمبل هٽايم تي منهنجون نظرون سائيڊ ٽيبل ڏانهن ويون ۽ هڪدم ڏڪي ويس، اونهو ساهه کنيم، ٽيبل تي نانگ ويٺل هو جنهن جون نظرون مون ۾ هيون، پر هن ڀيري ڪاري بدران نانگ جو رنگ سنهري هو، مونکي ڏڪڻي وٺي وئي ۽ ٽيبل کان پري سرڪڻ لڳس ۽ خيال سان بيڊ کان هيٺ لٿس نظرون نانگ تي رکيم.
    يعني هي منهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي.... خود ڪلامي ڪيم: پر هن ڀيري ڪاري بدران سنهري ڇو آهي.....؟؟ ڇا هي ساڳيو ئي نانگ آهي يا ٻيو.......هي هتي گهڻي دير کان آهي ۽ ننڍ ۾ مون تي حملو ڇو نه ڪيائين؟؟ ذهن ۾ سوالن پٺيان سوال اچڻ لڳا ۽ آئون مونجهاري جو شڪار ٿيندو ويس، سمجهه ۾ نه آيم ته هاڻي ڇا ڪجي، روم سروس کي سڏڻ جو ارادو ڪيم، پر اهو سوچي ته ڪٿي هي نانگ به ڪنهن کي ماري نه وجهي ان ڪري اهو خيال رد ڪري ڇڏيم.
    ”جيڪڏهن مونکي مارن گهرين ٿو ته اچ ۽ مونکي مار،“ خوف وچان نانگ کي ڏسندي رڙ ڪيم، پر مون تي حملي ڪرڻ بدران نانگ ٽيبل تان لهي بيڊ هيٺان هليو ويو، آئون بي يقيني جي عالم ۾ بيٺو رهيس. منهنجو ذهن منتشر ٿيڻ لڳو، عجيب خيال اچڻ لڳا، ذهن جي پردن سان ٽوڦڻ داس جون ڏند ڪٿائون ٽڪرايون....... خوف وچان وري رڙ ڪيم پر نانگ ٻاهر نه آيو، گهڻي دير تائين جڏهن نانگ بيڊ هيٺان نه نڪتو ته آئون خيال سان بيڊ جي چيني ڪنڊن تي نظرون رکندو باٿ روم ڏانهن وڌي ويس، جئين باٿ روم ۾ داخل ٿي در بند ڪيم ته منهنجي نظر شيشي ڏانهن وئي، آئون اُتي ئي ڄمي ويس منهنجو ساهه وات ۾ اچي اٽڪيو سائي واش بيسن مٿان لڳل شيشي تي سنڌي ۾ هڪ سٽ لکيل هئي، لفظن جو رنگ ڳاڙهو هو، اهي لفظ منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئا، پر تنهن هوندي به جسم جان ڇڏائڻ لڳو ۽ ڏڪڻي وٺي وئي، ڏڪندو ڏڪندو ٻاهر ڀڳس، مون تي ايترو ته خوف تاري ٿي ويو هو جو لفٽ جو استعمال وسري ويو ۽ ڏاڪڻن تان ڀڄندو هيٺ آيس. جيڏي مهل ڪائونٽر وٽ پهتس ته سمورو جسم پگهر ۾ ٻڏل ۽ آئون سهڪي رهيو هوس، ڪائونٽر تي بيٺل گول چهري واري عورت جيڪا تازو ڊيوٽي تي چڙهي هئي حيرانيءِ منجهان مونکي ڏٺو.
    ”ٻڌو،“ وڏا ساهه کڻندي کيس چيم.
    ”جي سر،“ هن مونکان ڊڄندي چيو.
    ”مهرباني ڪري ڪنهن کي مونسان گڏ موڪليو هڪ شيءِ ڏيکارڻي آهي.“ هڪ ساهي ۾ چيم، اهو ٻڌي هوءَ ويتر ڏڪي وئي ۽ هڪدم بيري کي سڏي مون سان موڪليائين. هن ڀيري اسان لفٽ ذريعي مٿي آياسين آئون بيري جي پٺيان ڪمري ۾ آيس.
    ”خيال سان هتي نانگ ٿي سگهي ٿو،“ چيم ته هن حيراني منجهان مونکي ڏٺو، اڳيان وڌي ڪمري ۾ داخل ٿيس ۽ باٿ روم جو در کولي کيس چيم: ”هي ڏس.“ بيرو مون وٽ آيو ۽ اندر جهاتي پاتائين، حيرت ۾ سندس وات ڦاٽي ويو.
    ”هي جملو رات تائين ڪونه هو،“ باٿ روم کان هٽندي چيم: ”ڇا تون هي جملو منهنجي لاءِ پڙهي سگهين ٿو.“
    ”معاف ڪجو سر؛“ هن حيراني ۽ پريشاني منجهان چيو: ”هي اردو ناهي.“ هو هڪدم ٻاهر آيو ۽ انٽرڪام کڻي ڪو نمبر ملايائين، سندس آڱريون ڏڪي رهيون هيون، هن مينجمنٽ سان ڳالهايو:
    ”ميڊم مهرباني ڪري ڪمري نمبر 323 ۾ اچو ايمرجنسي آهي.“ ريسور رکي منهنجي ٻانهن پڪڙي تڪڙن قدمن سان ٻاهر نڪري آيو، اسان ونگ ۾ بيهي انتظار ڪرڻ لڳاسين. لفٽ کلڻ جو آواز ٻڌوسين ته ان طرف ڏٺو. اها ساڳي عورت ٻن بيرن سان اسان ڏانهن آئي، ۽ ٻنهي کي لابي ۾ ڏسي پريشان ٿي پئي.
    ”ڇا ٿيو؟“ هن اسان کان پڇيو.
    ”ميڊم باٿ روم جي شيشي تي ڪو ڪجهه لکي ويو آهي.“ بيري جواب ڏنس ته هن کيس عجب ڀرين نظرن سان ڏٺو ڄڻ هن ڪنهن ٻئي ٻوليءِ ۾ ڳالهايو هجي. هوءَ ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳي ته مون چيو:
    ”خيال سان اندر هڪ نانگ به آهي.“ اهو ٻڌي هنن کان ڇرڪ نڪري ويو، هو اندر ويا ۽ شيشي تي لکيل جملو ڏٺن، عورت ان کي مٽائڻ جو حڪم ڏنو پر اڌ ڪلاڪ جي محنت کان پوءِ به اهو مٽجي نه سگهيو، هو مونکي مينجمنٽ وارن ڪمرن ۾ وٺي آيا، مون هنن کان شيشي تي لکيل جملي بابت پڇيو پر اهو جواب مليو ته هي سنڌي ۾ لکيل آهي جيڪا هوٽل جو اسٽاف نٿو پڙهي سگهي.
    ”اسان؛“ ٿلهي ۽ اڌ گنجي مينجر مونکي چيو: ”اهڙي شخص کي گهرائي ٿا وٺون جيڪو سنڌي پڙهي سگهي.“ مونکي ناشتو ڏنو ويو، مينجر به مونسان گڏ ويٺو هو 10.00 لڳي اها عورت ڪمري ۾ آئي ۽ مينجر سان مخاطب ٿيندي چيائين:
    ”سر اوهان جنهن شخص کي جملو پڙهڻ لاءِ گهرايو هو سو اچي چڪو آهي.“ ٿلهو مينجر اٿي ٻاهر ويو آئون به هن سان گڏ هوس، ونگ ۾ هڪ سنهڙو سپڪڙو سانورو شخص جنهن منهن تي گهاٽيون ڪاريون مُڇيون هيون ۽ ڪلهي تي ڪارو بيگ لڙڪي رهيو هوس، بيٺل نظر آيو.
    ”اچو اسان سان“ مينجر هن سان هٿ ملائيندي چيو، اسان ٽئي لفٽ ۾ مٿي آياسين ۽ ڪمري نمبر 323 ۾ وياسين هر شيءِ معمول موجب ئي هئي. اهو شخص باٿ روم جو در کولي اندر ويو ۽ پنهنجي ڊجيٽل ڪميرا سان شيشي جي تصوير ڪڍيائين.
    ”فڪر نه ڪريو،“ مينجر منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽي ڪندي چيو: ”هو سنڌي صحافي آهي.“ اهو ٻڌي مونکي خوشي ٿي ۽ سوچيم ته هي شخص منهنجي سفر ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
    اهو شخص ٻاهر آيو ۽ ڪميرا جي اسڪرين ۾ ڏسندي ڪجهه ڀڻڪيائين ۽ پوءِ اسانکي ڏسندي چيائين:
    ”شيشي تي لکيل آهي؛ اي منهنجا سومرا شهزادا اوهان کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار هجي.“ اهو ٻڌي مونکي حيرت ٿي.
    ”اوهان کي پڪ آهي ته اهو ئي لکيل آ؟“ مون تجسس ڀرئي لهجي ۾ ان شخص کان پڇيو.
    ”جي ها؛“ هن منهنجي اکين ۾ ڏسندي چيو: ”آئون پيدائشي سنڌي آهيان.“ مون ۾ هن سان نظرون ملائڻ جي سگهه نه هئي سو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيم.
    ”هتي سومرو شهزادو ڪير آهي؟“ مينجر حيرت منجهان اسان کان پڇيو، سندس نرڙ تي پگهر جون بوندون صاف ظاهر ٿيڻ لڳيون.
    ”منهنجو تعلق؛“ هن کي ڏسندي چيم: ”سومرا نسل سان آهي، منهنجا ابا ڏاڏا سنڌ ڇڏي آمريڪا هليا ويا ۽ هاڻي ڪينڊا ۾ رهندا آهن،“ ڪمري کان ٻاهر ايندي مون ڳالهه جاري رکي:
    ”اصل ۾ هي نانگ آمريڪا کان منهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي ۽ منهنجي هتي اچڻ جو مقصد به اهو آهي ته هن معمي کي حل ڪري سگهان.“
    ”شايد ان ڪري ئي ڪو اوهان کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار پيو ڪري“ سنڌي صحافي منهنجي پاسي کان ايندي چيو ته مون کيس ويران نظرن سان ڏٺو. اسان هيٺ اچي ڊائينگ هال ۾ ويٺاسين، اڇي ڇت تي وڏو فانوس لڙڪي رهيو هو، مون چانهن گهرائي.
    ”ڇا اوهان مونکي هن اسٽوري جا تفصيل ڏئي سگهو ٿا،“ صحافي ڳالهايو، مون وري کيس ڏٺو ۽ هن کي مدد لاءِ راضي ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو، ايتري ۾ چانهن اچي وئي.
    ”جيڪڏهن،“ ڪپ ۾ کنڊ وجهي چمچو هلائيندي چيم: ”اوهان هن سفر ۾ منهنجي آخر تائين مدد ڪندا ته.“
    ”ڪهڙو سفر؟“ هن پڇيو.
    ”ڪنهن به صورت؛“ چيم: ”هي نانگ وارو معمو حل ڪرڻو آهي.“
    ”آئون؛“ هن بنا سوچي چيو: ”اوهان سان گڏ آهيان،“ مرڪي کيس ڏٺم ته هٿ وڌائيندي چيائين: ”منهنجو نالو جمشيد آهي.“
    ”ڪبير،“ هٿ ڏيندي چيومانس ۽ پوءِ خاموشي سان چانهن پئڻ لڳاسين.
    ”هي منهنجو ڪارڊ آهي؛“ هن اٿندي چيو: ”ڪنهن به وقت مونکي فون ڪجو ۽ آئون هليو ايندس.“
    ”مهرباني؛“ ڪارڊ کي ڏسندي چيم: ”آئون جلد ئي رابطو ڪندس.“
    مونکي هيٺئن فلور تي ڪمرو ڏنو ويو، آئون تيار ٿي 10.30 لڳي آمريڪي ڪانسليٽ ڏانهن ويس. مس ڪيٿي ڪيٽل جسم ۾ ڀريل اڇي چمڙي ۽ نيرين اکين واري سهڻي عورت هئي، جيڪا عمر ۾ 40 کان 45 سالن جي وچ ۾ هئي، چپن تي گلابي لپ اسٽڪ لڳل هيس، مردن جيان ڪٽيل سنهري وار ۽ ڳيٽن ۾ ڳالهائڻ ۽ کلڻ مهل ننڍڙا کڏڙا ٿي پيس، سندس هٿن جا ننهن سهڻي نموني ڪٽيل ۽ انهن تي ڳارهي نيل پالش لڳل، ان وقت کيس اڇي شرٽ مٿان تيز نيري رنگ جو ڪوٽ پهريل هو، ڳيچي ۾ نيرن شيشن جو هار، ڪنن ۾ هار سان ملندڙ واليون. تان جو سندس آفيس ايتري وڏي نه هئي پر تنهن هوندي به چڱي نموني سنگاريل هئي، سندس ڦرڻي ڪرسيءَ پٺيان ڀت تي آمريڪي جهنڊو، ان جي هيٺان سائي رنگ جي سافٽ بورڊ تي ڪانسليٽ طرفان نڪرندڙ نيوز ليٽر جا پنج تازا شمارا لڳل هئا، انهن ۾ صدر اوباما جو مرڪندڙ چهرو اهو ظاهر ڪري رهيو هو ته صدر صاحب پاڪستانين منجهان مطمين آهي. مس ڪيٽل جي ٽيبل تي چار پنج فونون، ٻئي پاسي ننڍڙي ٽيبل تي ڪاري رنگ جي فيڪس مشين، جڏهن ته مس ڪيٽل جون نظرون ليپ ٽاپ جي اسڪرين ۾ کپيل هيون. آئون جئين ٻئي پاسي ڪرسي تي ويٺس ته هن پڇيو:
    ”ڪبير صاحب ڇا آئون اهو ڄاڻي سگهان ٿي ته اوهان پاڪستان ۾ ڇو آيا آهيو؟“ هڪ لمحي لاءِ مونکي اهو خيال آيو ته هن عورت کي سڀ سچ ٻڌايان ته آئون سنڌ ان ڪري آيو آهيان ته ان نانگ کان جان ڇڏائي سگهان جيڪو مونکي آمريڪا ۾ نظر آيو هو، پر زبان کولڻ کان هڪ لمحو اڳ اهو فيصلو ڪيم ته پنهنجي ان راز کي هر ڪنهن تي کولڻ جي ضرورت نه آهي.
    ”ميڊم؛“ کنگهي ڳلو صاف ڪندي چيم: ”آئون تخلقي ادب جو شاگرد آهيان، منهنجي ڪاليج ننڍي کنڊ جي معاشري تي ڊرامي لکڻ جي اسائنمنٽ ڏني آهي جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هتي آيو آهيان.“ منهنجي ڳالهائڻ دوران هوءَ هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيندي ۽ مرڪندي رهي.
    ”ڏسو ڪبير صاحب؛“ هن ٽيبل تان پينسل کڻندي چيو: ”انهن معاشرن ۾جتي هر ڪو پاڻ کي ٻئي کان وڌيڪ طاقتور ۽ قانون کان بالاتر سمجهي اُتي تحقيق ڪرڻ تمام ڏکي ٿي پوندي آهي، اوهان سمجهو پيا نه.“ سندس هي ڳالهه مونکي سمجهه ۾ نه آئي پر ڪو به تاثر نه ڏنم، ڪجهه گهڙين جي خاموشي کانپوءِ مس ڪيٿي چيو:
    ”هتان جي سماجي قدرن کان پري رهجو، هي معاشرو نسل پرستي، مذهب پرستي ۽ جنونيت ۾ ورهايل آهي ۽ هر شخص جا الڳ مفاد آهن.“ هڪ ڀيرو ٻيهر خاموشي اچي وئي، مونکي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هوءَ ڇا چوڻ چاهي ٿي؟
    ”خير؛“ هن نرم لهجي ۾ چيو: ”اسان اوهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهون ٿا؟“
    ”ميڊم؛“ موبائيل ڪڍي هن ڏانهن جهڪندي چيم: ”هي ڊاڪيومنٽري هڪ پاڪستاني نيوز چينل جي ٺهيل آهي مونکي انهن سان رابطو ڪرڻو آهي.“ مس ڪيٿي موبائيل ته اهو پروگرام ڏٺو جنهن ۾ ڪراچي جي هڪ ڇوڪري فليٽ تي نانگ ڏٺو هو، هن غور سان ڪلپ کي ڏٺو ۽ پوءِ هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيائين:
    ”اوهان پنهنجي اي ميل ۽ نمبر منهنجي پي اي کي لکرائي وڃو اسان اوهان کي ڄاڻ موڪلينداسين.“
    ”ميڊم اوهان جي وڏي مهرباني،“ اٿندي خوشي وچان چيم ۽ هن کان موبائيل ورتم، ان مهل منهنجي نظر سافٽ بورڊ تي لڳل هڪ پنفليٽ تي ڪري، ان تي هڪ ٻيٽ جا فوٽو هئا ۽ هيٺان وڏن ڳاڙهن اکرن ۾ لکيل هو: “Wonders of Karachi.” منهنجون نظرون ٻيٽ تي ترندڙ واڳونين تي اٽڪي پيون، خبر ناهي ڇو اهو خيال آيم ته هي ٻيٽ گهمڻ گهرجي متان اُتان ڪو رستو ملي وڃي.
    ”ڇا ٿيو؟“ مس ڪيٽل جو آواز ڪنن تي پيو ته خيالن کان ٻاهر آيس، تصوير تان نظرون هٽائي هن کي ڏسي سائي بورڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيم:
    ”ڇا هي پنفليٽ مونکي ملي سگهي ٿو؟“ هن مڙي ڪري پنفليٽ کي ڏٺو ۽ مرڪي چيائين:
    ”ها ضرور،“ پوءِ ميز جو دراز کولي ساڳيو پنفليٽ ڪڍي مونکي ڏنائين.
    ”مهرباني،“ چئي آئون آفيس کان ٻاهر آيس ۽ نوجوان ڪلين شوءَ پي اي وٽ اچي اي ميل ۽ نمبر لکرايم.
    منجهند جو ڪيٿي جي پي اي پيٽر جونز مونکي فون ڪري ٻڌايو ته آئون اي ميل ڏسان، مونکي گهربل ڄاڻ ان تي اچي چڪي آهي. مون ليپ ٽاپ تي اي ميل ڏٺي، جنهن ۾ سموري معالومات هئي، ٽيم جا نالا، اسڪرپٽ، هنن جوڳين تائين پهچڻ لاءِ ڪهڙا رستا ورتا هئا، هوٽل جي مينجر کي چئي ان اي ميل جي پرنٽ ورتم ۽ سوچيم ته هاڻي جمشيد سان رابطو ڪجي ۽ ڪمري ۾ اچي سندس ڪارڊ ڳولهيو، مون سندس موبائيل نمبر ملايو.
    ”هيلو،“ ڪنهن مرد جو ٿڪيل آواز آيو.
    ”جي آئون جمشيد صاحب سان ڳالهائي سگهان ٿو؟“ بنا ساهه کنئين چيم.
    ”آئون؛“ ٻئي طرف کان ساڳيو ٿڪيل آواز آيو: ”جمشيد ئي آهيان.“
    ”جمشيد صاحب؛“ صوفا تي وهندي چيم: ”آئون ڪبير پيو ڳالهايان، اوهان سان صبح هوٽل تي ملاقات ٿي هئي.“
    ”جي جي ڪبير صاحب؛“ هن چيو: ”ته سومرن جي شهزادي اسان کي ڪئين ياد ڪيو؟“
    ”ڇا اڄ شام اوهان هوٽل تي اچي سگهو ٿا، اوهان سان ڪجهه شين تي ڳالهائڻو آهي.“ چيم.
    ”جي ڪهڙي مهل،“ هن چيو.
    ”جيڪو اوهان کي مناسب لڳي،“ سگريٽ دکائيندي چيم.
    ”ٺيڪ آهي آئون 7.30 تائين اچي ويندس،“ هن جواب ڏنو.
    ”جي مهرباني،“ چئي فون بند ڪري ڇڏيم. آئون صوفا تي ويهي خيالن ۾ گم ٿي ويس. آئون هڪ شهزادو آهيان، جيڪو پنهنجي عوام تي حڪومت ڪندو آهي، ملڪ فتح ڪندو آ ۽ پنهنجي وطن جي حفاظت ڪندو آهي، فوجين کي حڪم ڏيندو ۽ جنهن جي حرم ۾ ڳڻپ کان ٻاهر زالون ۽ لونڊيون هونديون آهن..... ائين ٿي لڳو ڄڻ آئون عربن جي هزار داستان جو ڪو نرالو ڪردار هجان. ڪمري ۾ دونهون ٿي ويو، مون ٻرندڙ سگريٽ ٽيبل تي رکيل ايش ٽري ۾ وسائي اُتي ئي ٻيو دکايو، منهنجو ذهن وري سوچن جي ساگر ۾ غوطا کائڻ لڳو پر هن ڀري ذهن تي قديم سنڌ جي شهزادي هجڻ بدران نانگ جو خيال هو، ڇا هي ساڳيو ئي نانگ آهي.... جيڪڏهن ها ته پوءِ مونکي هتي ڇو وٺي آيو آهي.... ڇا اهو مونکي ماري ڇڏيندو، جيڪڏهن ان کي مارڻو ئي هو ته پوءِ آمريڪا ۾ ڇو نه مارئيائين يا وري صبح ڪمري ۾ به ته ماري سگهيو ٿي ۽ مونکي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار ڇو چيو ويو.......... اوچتو در وڳو ۽ خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو.
    ”روم سروس،“ ٻاهران آواز آيو. مون اٿي ڪري در کوليو، هڪ ڊگهي بيري مرڪي سلام ڪيو، مون ڪنڌ لوڏي جواب ڏئي کيس وٿي ڏني، هو ڏڪندو ڏڪندو اندر آيو ٽيبل تي ماني جو ٽري رکي تڪڙن قدمن سان ٻاهر هليو ويو. ماني کائي، چانهن جو هڪ ڪپ پيتم ۽ پوءِ بيڊ تي سڌو ٿي ليٽيس، هڪ ڀيرو وري خيالن جي دنيا جو رخ ڪيم هن ڀيري سوچ جو مرڪز عاليا هئي، هڪ ڀيرو وري در وڳو ته ڏڪي ويس، در کوليم ته بيرو ٿائون کڻڻ لاءِ آيو هو، جئين هو ٻاهر نڪتو ته آئون در بند ڪري اچي ٻيهر بيڊ تي ليٽيس ۽ عاليا سان ٿيل پهرئين ملاقات بابت سوچڻ لڳس. اها ٽي سال اڳ نيو ايئر جي رات هئي، سمورو آمريڪا، ڳائي رهيو، نچي رهيو هو، پارٽي ڪري رهيو هو ۽ خوشي وچان شراب پئي رهيو هو. ان رات جين نالي اسان جي هڪ ڪلاس فيلو پارٽي ڪئي هئي، مون اچڻ کان انڪار ڪيو ته هن زور ڀريندي چيو هو:
    ”ضرور اچجان مزو ڪنداسين.“ مون کيس نٽائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪو به مناسب بهانو نه مليو ۽ جين کي ها ڪري ويٺس. هوءَ آفريڪي نسل جي آمريڪي هئي، مٿي تي ننڍڙا گهنڊي وار، سندس چاڪليٽي جسم ڀرپور نموني ڀريل ايورسٽ جهڙيون اوچيون ڇاتيون، هي اهو زمانو هو جڏهن آئون گهڻن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ کان پاسو ڪندو هوس، ۽ رڳو جين کي ئي سٺو دوست سمجهندو هوس، هن کي ڪاليج طرفان پهرئين سال ۾ آمرڪا جي اهڙين عورت ليکڪائون جيڪي عورتن جي هم جنس پرستي تي لکنديون آهن جا انٽرويو ڪرڻ جي اسائينمنٽ ملي ته هوءَ مونکي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندي هئي. ڪلاس ۾ اسان شروع ڏينهن کان ئي گڏ ويٺاسين ۽ دوست ٿي وياسين. جين مونکي اهو به ٻڌايو ته هوءَ جنسي طور مردن کان وڌيڪ عورتن ۾ دلچسپي رکي ٿي، ان ڳالهه جو اسان جي دوستي تي ڪنهن قسم جو به اثر نه پيو. ان رات اسان چرس جو پهريون دور شروع ڪيو، دونهون هال جي ريشمي پردن سان ٽڪرائجي رهيو هو، جڏهن تي شيشي جي ٽيبل شراب سان سينگاريل هئي، جڏهن ته مٺائي، ڪيڪ، تريل مرغي وغيره پڻ هئا، جين کي اڃا به ڪجهه مهمانن جو انتظار هو، ماحول مست موسيقي سان ڀرجي چڪو هو ان وقت، فليٽ تي اسان 10 ڄڻا هئاسين 4 ايفرو آمريڪي ڇوڪريون، ٻه ايشيائي ۽ چار اڇي چمڙي وارا ڇوڪرا. اوچتو در جي گهنٽي وڳي هئي، جين ان ڏانهن وئي ۽ پاڻ سان گڏ گلابي وڳو پهريل هڪ پري کي وٺي آئي جنهن جي پيرن ۾ گلابي جوتا هئا، سندس لسيون ٻانهن ظاهر ٿي رهيون هيون ساڄي ٻانهن تي گلابي رنگ جو پرس هوس، هنن سان گڏ هڪ ڪارو ڪوجهو هندوستاني ڇوڪرو وجي به آيو هو. سندس جسم جو هر انگ ڏنگهندڙ هو، هن جو ڇاتيون بلائوز کان ٻاهر اچڻ لاءِ اُتاليون هيون. جين کيس عاليا جي نالي سان متعارف ڪرايو ته اسان سڀني تاڙيون وڄائي کيس ڀليڪار ڪيو، پارٽي دوران منهنجون اکيون سندس پيڇو ڪنديون رهيون. مون ڪلاس ۾ کيس اڪثر ايشيائي شاگردن جي توجو جو مرڪز بڻيل ڏٺو هو. هوءِ ايشيائي ڇوڪرين سان گڏ بيهي هلڪڙا ٽهڪ ڏئي رهي هئي، آئون صوفا تي ويهي کيس ڏسندو رهيس ۽ شراب جا ٻه پيگ پيتم، جنهن کان پوءِ اٿي هن ڏانهن ويس.
    ”آئون ڪبير آهيان،“ هن ڏانهن هٿ وڌائيندي چيم.
    ”عاليا،“ هن مرڪي هٿ پڪڙيندي جواب ڏنو.
    ”ته؛“ ڳالهئين جي سلسلي کي اڳيان وڌائيندي چيم: ”اوهان کي پارٽين تي اچڻ پسند آهي.“
    ”نه؛“ هن مرڪندي جواب ڏنو: ”آئون ٻاهر گهٽ نڪرندي آهيان، اڄ وجي زور ڀري وٺي آيو آهي.“ ۽ ڪنڊ ۾ ويٺل ڪاري هندوستاني ڇوڪري، جيڪو اڇي هيروئين پائوڊر جو مزو وٺي رهيو هو ڏانهن اشارو ڪيو.
    ”ته؛“ همت ڪندي پڇيومانس: ”هو اوهان جو بواءِ فرينڊ آهي؟“
    ”نه،“ هن مونکي ڏسندي چيو: ”اسان سٺا دوست آهيون.“
    ”ته اوهان جو ڪو بواءِ فرينڊ آهي؟“ مون بنا خوف جي هن کان ذاتي سوال ڪيو.
    ”آئون؛“ عاليا حيرت منجهان مونکي ڏسندي چيو: ”سمجهان ٿي هي اسان جي پهرئين ملاقات آهي.“
    ”جي.....“ مٿو کنهيندي ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪيم جو جين رڙ ڪندي چيو:
    ”ڪبير، عاليا هيڏي اچو....“ اسان ٽيبل ڏانهن آياسين ته جين ڪيڪ ڪٽي نئين سال جي آڌر ڀاءُ ڪئي، جنهن کانپوءِ شراب جو هڪ دور هليو. ان کانپوءِ اسان سڀ گڏ ويٺاسين، جين وري مرڪندي ڳالهايو:
    ”هاڻي اوهان ايندڙ سال لاءِ پنهنجو پنهنجو راءِ عمل ٻڌائي سگهو ٿا.“ اسان تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ هر ڪنهن راءِ عمل ٻڌايو، جڏهن منهنجي واري آئي ته مون عاليا جي اکين ۾ ڏسندي چيو:
    ”آئون هن سال ڪنهن جي عشق ۾ گرفتار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندس،“ اهو ٻڌي سڀني منهنجي لاءِ تاڙيون وڄايون، مونکان پوءِ عاليا جي واري هئي، هن مونکي مرڪي ڏسندي چيو:
    ”آئون هن سال اجنبي ماڻهن کان پري رهنديس.“ هن لاءِ به تاڙيون وڳيون. ان کان پوءِ آئون عاليا جي اکين ۾ غوطا کائڻ لڳس، آهستي آهستي هر ڪو فليٽ تان وڃڻ لڳو.
    ”عاليا ڇا تون مونسان هلين ٿي؟“ وجي در ڏانهن ويندي چيس. منهنجو منهن هيڊو ٿي ويو، دل گهريو ته کيس نه وڃڻ ڏيان..... نه خدارا نه وڃ.... سوچيم: مونکي توسان ڳالهيون ڪرڻيون آهن.... اڄ جي رات اسان جي ميلاپ جي رات آهي، او بيرحم ٿورو رحم ڪر..... مون ڀانيو هن تائين منهنجي دل جو آواز پهچي ويو ۽ هن مرڪندي وجي کي چيو:
    ”نه آئون اڃا هتي آهيان،“ اهو ٻڌي منهنجي منهن تي مرڪ اچي وئي، هن مونکي ڏسي مرڪيو، ان رات دير سان اسان جين جي فليٽ تان ٻاهر آياسين، ۽ هٿ ۾ هٿ ڏئي روڊ تي هلڻ لڳاسين ٿڌ سبب ٻئي ڏڪياسين ٿي، تنهن هوندي به هڪ ٻئي کي ڄاڻڻ لاءِ پنهنجي خاندان، پسند ناپسند بابت ڳالهائيندا هلندا رهياسين.
    ”ڇا آئون توکي چمي سگهان ٿو،“ عاليا جي سامهون ايندي چيم، هوءَ مونجهي پئي، ڪو به جواب نه ڏنائين، مون گوڏن تي اچي کيس منٿ ڪئي ۽ چيم:”توکي ڏسڻ سان مونکي عشق ٿي ويو.“
    ”هي عشق آهي يا لست؟“ مون کي غور سان ڏسندي پڇيائين.
    ”عشق؛“ سندس هٿ چمندي چيم: ”اهڙو عشق جنهن جو توڙ سموري حياتي نڀائبدو آهي.“
    ”دنيا جي هر تخليقي اديب جي فطرت ساڳي آهي؛“ هن مرڪندي چيو: ”رومانوي، جذباتي ۽ دل ڦينڪ.“
    ”ڇا ان جملي کي چمي ڏيڻ جي اجازت سمجهان...“ مٿي اٿندي چيم، هن ڪاري آسمان ۾ ڏٺو جهڙ هلندو ٿي ويو، آس پاس ماحول ۾ ٿڌاڻ وڌي وئي.
    ”ڏس پر گهڻو جذباتي نه ٿي وڃجان.“ عاليا کلندي چيو، آئون هڪدم اٿي بيٺس ۽ کيس ٻانهن ۾ ڀري چپن تي چمي ڏنم، سندس نرم ڇاتيون منهنجي سيني سان لڳيون، اها هڪ طويل چمي هئي.
    ”مونکي توسان عشق ٿي ويو آهي،“ سندس ڪن ۾ سرٻاٽي ڪندي چيم، هن ڪوبه جواب نه ڏنو. اسان اڳيان هلڻ لڳاسين.
    ”ڇا تون پنهنجي گهروارن سان رهندي آهين؟“ پڇيم.
    ”نه؛“ هن جواب ڏنو: ”ابو جو ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪاروبار آهي، گهروارا اتي رهندا آهن.“ هن جواب ڏنو، اسان ڪجهه قدم اڳيان وڌياسين.
    ”۽ تون؟“ هن پڇيو.
    ”منهنجي گهروارا ڪينڊا ۾ آهن.“ چيم، اهو ٻڌي هن هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”ته تون ڪٿي رهندي آهين؟“ مون پڇيو ته هن پنهنجي ايڊريس ٻڌائي.
    ”اهو علائقو ته هتان ڪافي پري آهي.“ چيم.
    ”ها،“ هن مونکي ڏسندي چيو سندس اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ هئي.
    ”جيڪڏهن؛“ مون ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ سوچڻ لڳس ته اهو چوڻ صحيح به آهي يا نه.... نيٺ دل ٻڌي چئي ڏنم:”تون چاهين ته اڄ رات منهنجي فليٽ تي گذاريون.“
    ”شايد ان ڪري ئي توسان هلي رهي آهيان،“ هن بنا ڪنهن گٻراهٽ جي چيو. اسان منهنجي فليٽ تي آياسين. در کولي جئين ئي بتي ٻاريم ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ هتي ڪو طوفان آيو هو ۽ سڀ ڪجهه ڌرم ڀرم ڪري ويو آهي، منهنجون پنٽون، انڊر ويئر، شرٽون، ٽوال، ڪتاب سڀ بي ترتيب پيل هئا، ايش ٽري سگريٽن جي ٽوٽن سان ڀريل، ۽ باٿ روم جي کليل در منجهان ايندڙ ڌپ.
    ”فڪر نه ڪر،“ مٿو کنئندي چيم: ”پنج منٽن ۾ سڀ سيٽ ڪري وٺندس.“ ۽ ميرا ڪپڙا، انڊر وئير وغيره کڻي ٽوڪري ۾ اڇلايم. ماحول صاف ڪري اسان هيٺ وڇايل مئٽرس تي ويٺاسين، مون سندس چمڪندڙ اکين ۾ ڏٺو، سندس گلابي چپ ٿڙڪڻ لڳا، آئون هن ڏانهن وڌيس، عاليا اکيون بند ڪري ڇڏيون، مون سندس لبن منجهان مڌ جو مزو ورتو ۽ پوءِ سندس ڪونج جهڙي ڳيچي تي هٿ ڦيرڻ شروع ڪيم، سندس اکيون بند هيون ۽ واتان هلڪڙا آواز ٿي ڪڍيائين، منهنجي زبان سندس ڳيچي کي چمڻ لڳي، آهستي آهستي سندس ڇاتين تي هٿ ڦيريم ۽ پوءِ سندس ڊريس جي ڳنڊ کوليم، هوءَ ڪپڙن کان عاري ٿي وئي، منهنجي زبان سندس سنگِمرمر جهڙي جسم جو ڪئي ڀيرا طواف ڪيو، ڪيڏي مهل هوءَ منهنجي مٿان ته وري ڪنهن مهل آئون هن جي مٿان، ان رات کان پهرئين هو ڪنواري هئي. اها سموري رات ۽ ٻئي ڏينهن جو ڪافي حصو اسان هڪ ٻئي سان چنبڙيا رهياسين. جنهن کانپوءِ اسان جي وچ ۾ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ رشتو قائم ٿي ويو.
    ڪمري جو در وڳو ته آئون عاليا جي خيالن منجهان ٻاهر آيس، ڪمري ۾ اوندهه منجهان اندازو ٿيو ته شام ٿي چڪي آهي، اُٻاسي ڏئي اکيون مهٽيم، ته در ٻيهر وڳو.
    ”جي،“ خماريل لهجي ۾ چيم ته مينجر هڪ بيري سان گڏ اندر آيو.
    ”معاف ڪجو سر، اسان اوهان جي خيرت پڇڻ آيا آهيون.“ مينجر سلجهيل انداز ۾ چيو.
    ”جي مهرباني آئون ٺيڪ آهيان،“ بيڊ تان اٿندي چيم.
    ”جي سر،“ منجر چئي مڙيو ته مون چيومانس:
    ”مهرباني ڪري چانهن ته موڪلجو.“
    ”جي سر ضرور،“ هن چيو ۽ بيري سان گڏ هليو ويو. آئون باٿ روم آيس ۽ بتي کوليم شيشي تي لکيل جملو غائب ٿي چڪو هو، جنهن سبب حيرت ٿيم ۽ هيڏي هوڏي ڏسي نانگ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيم پر اهڙي ڪا به شيءِ نظر نه آئي.
    اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ در وڳو، بيرو چڪن سينڊوچ ۽ چانهن کڻي آيو.
    ”سر جمشيد نالي هڪ صاحفي اوهان سان ملڻ آيو آهي.“ ٽري کي ٽيبل تي رکندي چيائين.
    ”ها هن کي موڪليو.“ چيم.
    ”جي سر،“ هو چئي هليو ويو. اڃا آئون چانهن ۾ کنڊ ملائي رهيو هوس جو جمشيد در وڄائي اندر آيو، اٿي ڪري هن سان هٿ ملايم ۽ هن لاءِ چانهن ٺاهڻ لڳس.
    ”معاف ڪجو؛“ هن بيگ ڪلهي تان لاهي صوفا تي رکندي چيو: ”اصل ۾ سنڌ سڪريٽريٽ ۾ انفارميشن منسٽر جي اهم پريس ڪانفرنس هئي ان ڪري دير ٿي وئي، اسان واري هن منسٽر کي ٽي وي تي اچڻ ۽ اخبارن ۾ تصوير ڇپائڻ جو ڏاڍو شوق آهي.“
    ”ڪا ڳالهه نه آهي،“ مرڪي چيم ۽ چانهن جي پيالي هن ڏانهن وڌايم.
    ”ڪيبر صاحب مونکي ٿوڙي تڪڙ آهي هي رپورٽ فائيل ڪرڻي اٿم،“ هن ڪپ منجهان سرڪي ڀريندي چيو.
    ”جي،“ چيم ۽ اٿي اي ميل جي پرنٽ کڻي هن کي ڏنم، هن ڪاغذ وٺي غور سان پڙهيو.
    ”آئون هن جوڳي سان ملڻ گهران ٿو،“ هن جي پاسي کان وهي سگريٽ دکائيندي چيم.
    ”معاف ڪجو ڪبير صاحب؛“ هن چيو ته حيراني منجهان کيس ڏٺم: ”اسان سنڌ اندر سفر نٿا ڪري سگهون.“
    ”ڇو؟“ حيرانيءِ منجهان پڇيومانس.
    ”سنڌ جون قومپرست تنظيمون؛“ هن چانهن پيندي چيو: ”نئين بلدياتي نظام خلاف ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري رهيون آهن، حڪمران جماعت سنڌي قوم جي پٺي ۾ ڇرو کپائي ڇڏيو آ، ۽ اسان سنڌي ان خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، انڪري حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين حصن لاءِ ڪجهه ڏينهن سواري نه ملندي.“ آئون چپ ٿي ويس، سنڌ جي حڪمران جماعت غير جمهوري انداز ۾ نئيون بلدياتي نظام آڻي پنهنجي سياسي زندگي پاڻ ئي گهٽائي ڇڏي هئي، سنڌ سراپا احتجاج ٿي اٿي، سنڌ جي قومپرستن جو خيال هو ته هي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش آهي.
    ”ته؛“ ڪش هڻندي پڇيم: ”هي احتجاج ڪڏهن ختم ٿيندا؟“
    ”ڪجهه چئي نٿو سگهجي؛“ هن ڪلها لوڏيندي جواب ڏنو: ”سڀاڻي ڪراچي پريس ڪلب وٽ سنڌي ليکڪن، اديبن ۽ دانشورن جو احتجاج آهي، سنڌ جي سول سوسائٽي، صحافين، اديبن توڙي عام سنڌي عوام جو اهو خيال آهي ته هي سنڌ ته ايوب واري ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ وار آهي.“ مون جمشيد کي ويران نظرن سان ڏٺو. ايوب خان پاڪستان جو اهو آمر هو جنهن بنگالين کي ڪچلڻ لاءِ ون يونٽ جو نفاذ ڪيو، جنهن سان سنڌ، بلوچستان، سرحد (خيبر پختونخواهه) ۽ پنجاب جي شناخت ختم ڪئي وئي هئي. جنهن کان پوءِ سنڌين ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائي هئي، جنهن ۾ سنڌي ليکڪن ۽ صحافين اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ نيٺ ون يونٽ ٽٽو. آئون اٿي وري ٽيبل ڏانهن ويس ۽ ڪانسليٽ تان ورتل پنفليٽ کڻي اچي جمشيد کي ڏنم.
    ”ڇا اسان هن ٻيٽ تي وڃي سگهون ٿا؟“
    ”هي منگهو پير آهي،ا سان هتي وڃي سگهون ٿا،“ هن تصوير ڏسندي چيو.
    ”ڪڏهن؟“ خوش ٿيندي پڇيم.
    ”جيڪڏهن؛“ هن پنفليٽ مونکي ڏيندي چيو: ”اوهان چاهيو ته سڀاڻي ئي.“
    ”پر سنڌ ۾ ته هڙتال آهي نه،“ حيراني منجهان چيم.
    ”جي،“ هن آهه ڀري چيو: ”سنڌ جا قومپرست ڪراچي ۾ طاقتور ڌر نه آهن، اسان جو سڀ کان وڏو شهر ڪنهن ٻئي جي قبضي ۾ آهي، هتان جا ڪجهه علائقا جهڙوڪر سچل ڳوٺ، جوهر ۽ گلشن جو ڪجهه حصو بند رهندو، ڪراچي جي اڪثر علائقن تي ڪو خاص اثر نه پوندو.“
    ”ته پوءِ؛“ آخري ڪش هڻندي چيم: ”سڀاڻي پاڻ هن ٻيٽ تي هلنداسين.“
    ”ٺيڪ آهي،“ هن اٿندي چيو: ”آئون گاڏي کڻي ايندس، اوهان سي اين جي ڀرائجو.“
    ”ٺيڪ آهي،“ هن سان هٿ ملائيندي چيم. جمشيد هليو ويو.


    7

    اها ڪراچي جي هڪ خوشگوار صبح هئي، روم سروس ناشتي سان گڏ انگريزي اخبارون به ڏئي وئي، جن ۾ ملندڙ جلندڙ خبرون هيون، اخبار کولي چانهن جي ڪپ تي پڙهڻ شروع ڪيم:
    ”اصغر خان ڪيس جي مڪمل رپورٽ اچي وئي،
    سي جي پي بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس جي اڄ ٻڌڻي ڪندو،
    بلدياتي نظام سبب سنڌ بند،“ جڏهن ته سڀ کان اهم خبر: ”ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ سبب 13 ڄڻا مارجي ويا،“ سنگل ڪالم ۾ هئي.
    10.30 لڳي مونکي ٻڌايو ويو ته جمشيد آيو آهي ۽ لابي ۾ منهنجو انتظار پيو ڪري، هن مهل تائين نانگ جو ڪوبه نالو نشان ڪونه هو، مون ڪجهه اڇا پنا، موبائيل فون ۽ ڊجيٽل ڪيمرا کئين ۽ هيٺ لهي آيس، هو خوب سنگاريل ويٽنگ روم ۾ ويٺل هو، ڳاڙهي ڪالين تي هلندو هٿرادو گلن کي پار ڪندو هن وٽ آيس ته هو اٿي بيهي مونسان مليو، بنا وقت وڃائڻ جي اسان ٻاهر نڪري آياسين. پارڪنگ ۾ جمشيد سليٽي رنگ جي ڪلٽس گاڏي ڏانهن وڌي ويو، در کولي هو ڊرائونگ سيٽ تي ويٺو جڏهن ته آئون پاسي واري سيٽ تي ويٺس. گاڏي اسٽارٽ ٿي ۽ اسان هوٽل کان ٻاهر نڪري آياسين، هو ڪنهن ماهر ڊرائيور جيان گاڏي هلائيندو رهيو، ان وقت روڊ تي رش ڪافي هئي، هڪ دونهون ۽ دز ٻيو گاڏين جا هانءُ ڏاريندڙ هارن، ائين ٿي لڳو ته هتي ڪنهن وٽ به وقت ڪونهي ۽ هر ڪنهن کي جلدي ڪٿي پهچڻو هو، گاڏي هلائيندي جمشيد ڳالهايو:
    ”عمران خان اجايو آمريڪي ڊورنن جي مزاحمت ڪندو آهي، ان کان وڌيڪ ماڻهو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪري مئا آهن.“ مون خاموشي سان سندس سياسي تجزيو ٻڌو، مونکي مس ڪيٿي ڪيٽل جي هدايت ذهن ۾ هئي ته هتان جي مسئلن تي ڪا به راءِ نه ڏيان، سو دريءِ منجهان گوڙ گمسان، ڪچري، گاڏين ۽ اوچين عمارتن سان ڀريل بي ترتيب اڏيل ڪراچي کي ڏسندو رهيس. جمشيد هارن کي زور سان دٻائيو ڄڻ هارن وڄائڻ هن جو بنيادي حق هجي.
    ”ڇا تون؛“ مون سگريٽ دکائيندي چيو: ”مونکي ڪراچي جي ٻيٽن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي سگهين ٿو؟“
    ”جي ضرور،“ هن فخريه انداز ۾ چيو: ”منگهو پير، مورڙو مير بحر ۽ واڳون جو قصو سنڌي لوڪ ادب ۾ اهميت وارو قصو آهي.“ ۽ پوءِ هن مونکي مورڙي ميربحر جي داستان ٻڌائڻ شروع ڪئي.

    مورڙي جو قصو:
    هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا هي شهر نه اڏجيو هو، نه ڪو هن کي ڪراچي سڏيندو هو ۽ نڪو وري پراڻي زماني جو ڪولاچي. هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ جي سلطنت ايراضي ۾ وسيح هئي، ان جي ثقافت، ريتون رسمون ۽ تهذيب شاندار هئي، هي اهو زمانو هو جڏهن سنڌ جي سلطنت آزاد هئي ۽ شايد دنيا جي سپر پاور به هجي. هي اهو ئي زمانو هو جڏهن سنڌ سموري دنيا سان ڪاروبار ڪندي هئي، اهو سنڌ جي ترقي جو هڪ شاندار دور هو. ان زماني ۾ هي علائقو پٿريلو ميدان هو. ان زماني ۾ ٻروچن جو هڪ قبيلو ڪولاچ سندن سردار کان بغاوت ڪري کيرٿر جبل ڇڏي هنن ميدانن تي آباد ٿيو. ڪولاچ جي سردار جڏهن ڪاوڙ ۾ اچي هن قبيلي جي هر فرد کي مارائڻ جو اعلان ڪيو ته هو رات جي پيٽ ۾ ٻارن ٻچن ۽ مال متاع سميت هتي اچي ويا ۽ پنهنجا خيما هنيائون، سندن سردار اهو سوچي ته قدرت کين غرق ڪري ڇڏيو هن قبيلي کي وساري ويٺو. هاڻي هي قبيلو هتي سک سان رهڻ لڳو تان جو هڪ ٻيو ٻروچ قبيلو سفر ڪندو هتي آيو ۽ جڏهن پنهنجي علائقي ڏانهن واپس وريو ته چيائون هو ڪولاچ ويا هئا، اهڙي ريت هن گمنام علائقي کي پهريون نالو مليو. ڪجهه سال گذريا جو جوڳين جو هڪ ٽولو جيڪو سيهوڻ کان نڪتو هو ۽ هنگلاج وڃي رهيو هو تنهن هتي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون گذاريون، ڪولاچ انهن جوڳين جي خوب خدمت ڪئي. جوڳي جڏهن اُتان وڃڻ لڳا ته هنن ڪولاچ سان واعدو ڪيو ته هنن جي مهمان نوازي جي ڪري کين هڪ تحفو ڏيندا، جوڳي واپس وريا ته ڪولاچ قبيلي کي چيائون ته هنن سندن لاءِ خاص دعا گهري آهي، هي علائقو وڏي ترقي ڪندو ۽ هتي هڪ درويش جنم وٺندو جنهن جي زيارت لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا. اها ڳالهه ٻڌي هتان جي ماڻهن جوڳين جي رڍن جي کير ۽ ٻڪري جي گوشت سان خدمت ڪئي جوڳين ۾ هڪ روايت هئي ته هو علائقي جي نالي پٺيان اکر ”ي“ ضرور هڻندا هئا مثال لاهوت منجهان ”لاهوتي“ اهڙي ريت ڪولاچ جي علائقي کي ڪولاچي سڏيائون ته هن علائقي جو نالو ڪولاچي ٿي پيو.
    پر اڃا به جوڳين جي دعا پوري ڪين ٿي هئي، ڪئي سال گذريا ۽ ڪولاچي اڪيلائپ ۾ رهندا آيا نه ڪو خوف ۽ نه ڪنهن حملا آور جو ڊپ، اهڙي نموني ڪجهه سال ٻيا گذري ويا ۽ پوءِ ڪجهه سنڌي ملاح جن جي زندگي ٻيڙين ۾ گذريندي هئي هن علائقي وٽان اچي نڪتا. اول ته ڪولاچين تي اهو خوف تاري ٿي ويو ته هي ملاح حملو ڪري زمين تي قبضو ڪندا ۽ کين غلام بڻائي ڇڏيندا، پر ماکڻ ميربحر جيڪو ملاحن جو چڱو مڙس هو، ٻيڙي تي بيهي ڪولاچين ڏانهن منهن ڪري وڏي واکي ڳالهائڻ لڳو:
    ”هن ڌرتي جا واسيو، اسان کي سنڌ امان جي هن حصي ۾ امن ۽ سک سان داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيو، اسان سنڌي ملاح آهيون ۽ هتي بهتر زندگي جي ڳولاءَ ۾ آيا آهيون، سنڌ جي ٻين حصن جي صورتحال ڪجهه عرصي کان خراب آهي ۽ بک سبب اسان جا ٻار مري رهيا آهن.“ ڪولاچين کي ملاحن جي حال تي رحم آيو، هنن کان ته اڃا سندن ڏکيو ماضي به ڪين وسريو هو ۽ ميربحرن کي ٻانهون کولي ڀليڪار ڪيائون ۽ اها پڻ آڇ ڪيائون ته هو زمين جي جنهن حصي تي خيما هڻڻ چاهين ڀلي هڻڻ، ڇو جو هو سنڌ ڌرتي جا اصل رهواسي آهن، اهڙي ريت هن علائقي ۾ ٻه وسنديون ٿيون، ٻئي قبيلا سندن ريتن رواجن موجب رهڻ لڳا، ٻورچن تي سنڌين جي ريتين رسمن جو ايترو ته اثر ٿيو جو هنن خوشي خوشي سندن ڪجهه رسمون اپنايون. ميربحرن جي روز شام جو گڏ ٿي ڪچهري ڪرڻ واري عمل ته ٻروچن کي موهي وڌو، ڏينهن جو سمنڊ ۾ مڇي مارين ۽ سج لهڻ کانپوءِ سڀ گڏجي ڪچهري ڪن. هو ميربحرن جي عورتن جن جو لباس ڪشادي شلوار قميض ۽ مڇي هڏن منجهان ٺهيل چوڙيون جيڪي کين ٺوٺ تائين پهريل هونديون، کي مختلف گانن تي رقص ڪندو ڏسي به خوش ٿيندا هئا، وچ ۾ باهه جو مچ پيو ٻرندو هو، هاڻي ٻنهي قبيلن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي ۽ هو امن، سک ۽ شانتي سان رهڻ لڳا، کاڌ خوراڪ جي ڪابه گهٽتائي نه هئي ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ جوڳين جي ڪيل اڌ دعا قبول پئي. پر ڪولاچين جو اهو پختو يقين هو ته جوڳين جي دعا جو ٻيو حصو به ضرور قبول ٿيندو. انهيءِ سال ميربحرن وڏي انگ ۾ مڇي پڪتي، ايتري جيتري اڳ ڪڏهن نه پڪتي هئي، جڏهن ته لڳيتا ٻه مهينا برسات وسندي رهي، جنهن کانپوءِ هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هئي. پوءِ هڪ ڏينهن سمنڊ ۾ وڏو واڇوڙو آيو، ان رات هر ڪو خوف وچان خيمن ۾ ئي رهيو. ٻئي ڏينهن جئين ئي سج نڪتو ته هر ڪو ڪم سانگي ٻاهر ويو، ميربحر ٻيڙين تي سمنڊ ڏانهن وڃڻ لڳا، ڪناري وٽ کين هڪ عورت بيهوش نظر آئي، سندس وار وکريل، پيرن تي مٽي جا تهه چڙيل وارن ۾ کڪ ۽ مٽي، هوءَ الف ننگي هئي ۽ سندس وات ۽ ناسن منجهان رت ٿي وهيو، اهو ڏسي ميربحر ڪولاچين جي ڇنن ڏانهن ڀڳا. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هو ڪولاچي مرد ۽ عورتن سان موٽي آيا، عورتن ان مائي جي ننگي جسم کي ڪپڙي سان ڍڪيو ۽ کيس سندن خيمن ڏانهن کڻي آيون. اها عورت هوش ۾ آئي ته رڙيون ڪرڻ شروع ٿي وئي، هر دل انهن رڙين جي ڪري ڏڪي ويو، پنهنجي تن تي اوڙيل ڪپڙي کي ڦاڙي هوءَ رڙيون ڪندي ميدان ڏانهن ڀڄڻ لڳي، ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي، عورتون هن جي پٺيان لڳيون ۽ جڏهن هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪن ته سندس وات منجهان ڪو به لفظ نه نڪري، سندس اکيون رت جيان ڳاڙهيون هيون، هوءَ نه ته ڪجهه کائي نڪو وري سمهي. هر ڪو کيس مستاني، مستاني سڏڻ لڳو، ٻنهي قبيلن جا ٻار ڏينهن جو کيس ستائيندا هئا هن کي ڊوڙائيندا هئا ۽ هن تي ڇٿرون ڪندا هئا، ڪجهه مهينا مس گذريا جو مستاني جو پيٽ اڀرڻ لڳو، ۽ افواهه هلي پئي ته مستاني حاملا آهي، هر ڪو هن خبر تي حيرت ۾ هو، ڪنهن کي به يقين نٿي آيو، ۽ هاڻي عورتون مستاني جو ويتر خيال رکڻ لڳيون. مستاني جا ڏينهن ڀرجي آيا ۽ هوءَ ويم جي سورن کان رڙيون ڪرڻ لڳي، هڪ رات هوءَ سمنڊ ڏانهن ڀڳي وچ ۾ هيٺ ڪري پئي، ٻار کي جنم ڏنائين ۽ پوءِ وري اٿي سمنڊ جي پاڻي ۾ گم ٿي وئي. صبح جو جڏهن علائقي وارا اٿيا ته ڪناري تي واڳون ڏٺائون جنهن جي ڪري هرڪو خوف ۾ ڏڪڻ لڳو، اُتي ئي هڪ سهڻو ٻار ريتي تي پيو کرڙيون هڻي، ٻار روئڻ شروع ڪيو ته واڳون ان جي مٿان آيو، ۽ ٻار جي وات ۾ پنهنجي اکين منجهان وهندڙ ڳوڙها وڌائين، واڳون ٻار کي ائين ئي ڳوڙها پيارئيندو رهيو تان جو ان جي بک پوري ٿي ۽ روئڻ بس ڪيائين، ان بعد ٻار کي وات سان کڻي سمنڊ ڏانهن هليو ويو. هاڻي هر سال ساوڻي جي مند ۾ اهو واڳون ٻار سان گڏ ورندو هو، واڇوڙو هن جي اچڻ جي نشاني هئي، جئين ٻار ڌرتي تي پير رکي ته علائقي ۾ سک ۽ شانتي اچي وڃي، هر سال واڳون هڪ خاص هند تي روڪندو هو، ٽن سالن کانپوءِ ان هند تي واڳون ۽ ٻار لاءِ آستانو اڏيو ويو، ٻنهي قبيلن وچ تي ڪاٺ جو پلر اڏيو، بهترين رڍن جي قرباني ڏني وئي ۽ ڇائون ڪرڻ لاءِ وڻ پوکيا ويا، هڪ سال واڳون نه آيو ته ان سال برسات نه پئي ۽ پنج ماڻهو مري ويا ته ٻئي قبيلا ان پلر ڏانهن ڀڳا، اُتي ڳاڙها، ساوا ۽ ڪارا ڌاڳا ٻڌي منٿون ڪرڻ لڳا ۽ اهو عهد پڻ ڪيائون ته جيڪڏهن هن سال واڳون آيو ته هو ٻيڻي قرباني ڪندا. ٻئي سال ڇوڪرو آيو ته هر ڪو سندس هٿ پير چمڻ لڳو، ان رات آسمان سڀ در کولي ڇڏيا ۽ ميهن ريلا ڪري وٺو، واڳون کي گوشت ڏنو ويو. عورتون ڇوڪري جي پيرن تي ڪري التجا ڪرڻ لڳيون ته هو پاڻي پير ڏانهن نه موٽي وڃي، عورتن جو ٻڏائڻ ڏسي ڇوڪري اُتي رهڻ جي حامي ڀري ڇڏي، واڳون کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ سندس پيرن ۾ ڦرڻ لڳو، واڳون جي بيچني ڏسي ڇوڪر چاهه وچان چيس:
    ”منهنجي امان هنن ماڻهن کي مون ۾ ڪا اميد نظر آئي آهي، ان ڪري آئون هنن سان رهڻ گهران ٿو پر سال ۾ هڪ ڀيرو تون سان ملندس ۽ ان ڏينهن هتي وڏو جشن ٿيندو.“ اهو ٻڌي واڳون جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ هو سمنڊ ڏانهن هليو ويو. ڏينهن گذرڻ لڳا ۽ ڇوڪر بنا ڪپڙن جي آستان تي ويٺو هوندو هو، علائقي وارن کيس منگهو پير سڏڻ شروع ڪيو مرڻي ۽ پرڻي تي هن کان دعائون وٺڻ ايندا هئا. ڪولاچي مرد توڙي عورتون هن جي زيارت لاءِ پيا ايندا هئا پر جئين ته ميربحرن کي سمنڊ ۾ مڇي پڪڙڻ لاءِ وڃڻو هوندو هو ان ڪري هنن زيارت گهٽائي ڇڏي ۽ هاڻي سال ۾ هڪ ڀيرو سندن عورتون منگهو پير جي حاضري تي اينديون هيون ۽ قرباني جو حصو ڏئي وينديون هيون. ڪئي سال گذريا منگهو پير ڇوڪر منجهان جوان مرد ٿي ويو.
    اهو ساليانا ميلي جو ڏينهن هو ۽ ميربحر عورتون پير تي حاضري ڀرڻ آيون، انهن ۾ هڪ 19 سالن جي جوان، جسم ۾ ڀريل، وڏن ڪارن وارن ۽ سهڻن نيڻن واري سڌوري به هئي، سندس چپ گلاب جي پڪڙين جهڙا هئا. هر ڪو پير کان دعا گهرندو اڳيان وڌندو ٿي ويو. جئين سڌوري منگهو پير جي سامهون اچي ويٺي ته پير جون نظرون هن تي ئي رهجي وئيون سڌوري جي سونهن ڏسي کيس ائين لڳو ڄڻ سندس دل سيني ۾ پهريون ڀيرو دڙڪي هجي، هن اهڙو حسن اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. ان ڏينهن کانپوءِ پير جي ننڊ اڏامي وئي، هو جنهن طرف به ڏسي کيس سڌوري جو مک ئي نظر اچي، دل سندس قابو کان ٻاهر نڪرڻ لڳي، عشق جي آتش ۾ سڙڻ لڳو، پير کان ته اهو به وسري ويو ته هو ڪير آهي، هاڻي سندس دل ۾ رڳو سڌوري کي حاصل ڪرڻ جي ئي خواهش هئي، ٻئي هر ڳالهه کيس بيمعني ۽ بي مقصد لڳي. هڪ ڏينهن صبح جي وقت جڏهن ٻارن ريتلي گهٽي ۾ راند ڪري رهيا هئا ۽ عورتون گهر جي ڪمن ڪارين ۾ هيون جو منگهو پير ڪولاچين جي وسندي جو رخ ڪيو، ٻارن جئين کيس ايندي ڏٺو ته رڙيون ڪري گهرن ڏانهن ڀڳا:
    ”پير سائين پيو اچي....... پير سائين پيو اچي.....“ اها خبر وڏڙن تائين پهتي ته تڪڙا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جيڪي ڪم ڪارين تي هئا سي اچي گڏ ٿيا، هر ڪنهن جي من ۾ اها خواهش هئي ته پير سائين سندس خيمي ۾ اچي.
    ”ڪولاچ قبيلا جا پيار انسانو؛“ پير صاحب ٿلهي آواز ۾ ڳالهايو: ”مون اڄ تائين اوهان کان ڪجهه نه گهريو آهي، جيڪڏهن اڄ اوهان کان ڪجهه گهران ته مونکي ڏيندو؟“ اتي بيٺلن جون اکيون ڀرجي آيون ۽ وڏي واکي سڀني هڪ آواز ۾ ڳالهايو:
    ”اي پيرن جا پير، اسان غريب اوهان کي ڀلا ڇا ڏئي سگهنداسين.....!!“
    ”مونکي؛“ پير سندس ننگي جسم کي ڏسندي چيو: ”هن جسم لاءِ ڪپڙن جو وڳو گهرجي.“ اهو ٻڌي هر گهر جي عورت سندس مٿي جي پوتي لاهي پير صاحب جي قدمن ۾ رکي ڇڏي. منگهو پير سندس تن ڳاڙهي ۽ سائي ڪپڙي سان ڍڪي ميربحرن جي علائقي ڏانهن وڃڻ لڳو. سڀني حيرت ڀري نظرن سان هن کي ڏٺو تان جو هو سندن نظرن کان ڏور ٿي ويو.
    جڏهن هو ميربحرن جي وسندي پهتو ته سج لهي رهيو هو، آسمان سرمائي ٿي چڪو هو، طاقتور سنڌي ٻيڙين کي ڪلن سان ٻڌي ڪلهن تي مڇيون کنيو خيمن ڏانهن وري رهيا هئا. منگهو پير واري جي هڪ ڀٽ تي ويهي رهيو، مٿي تي سنڌي ٽوپي رکيل ۽ منهن تي چپٽي ڏاڙهي وارن مردن کي هو ايندي ويندي غور سان ڏسندو رهيو. ميربحرن جي چڱي مڙس وريام جيڪو 56 سالن جو پڪو مرد هو ۽ سائي پڳ پائي گهمندو هو، کي خبر پئي ته علائقي ۾ ڪو مسافر آيو آهي ته هو ڀٽ وٽ آيو ۽ ان شخص کان پڇا ڳڇا ڪري کيس وسندي ۾ وٺي آيو. وريام کيس سندس خيمي ۾ وٺي آيو جتي هن جي نظر سڌوري تي پئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هن جي من ۾ عشق جي چڻنگ ٻري پئي، ان رات منگهو کي مردن واري حصي ۾ کٽ ڏني وئي، پر کيس ننڊ ئي نٿي آئي ۽ پاسا بدلائيندو رهيو، تان جو جسم ۾ سور جو احساس ٿيڻ لڳس، هر طرف اوندهه هئي ۽ آس پاس کونگرن جو آواز ٿي آيو. منگهو پير همت ڪري سندس کٽ تان هيٺ لٿو ۽ عورتن واري پاسي وڌيو ۽ سڌوري جي کٽ ڏانهن آيو، سڌوري جي منهن ۾ ڏسي ان کي چنڊ سان ڀٽڻ لڳو، سڌوري کي پنهنجي مٿان ڪنهن انسان جي هجڻ جو احساس ٿيو ۽ هن اکيون کوليون ته پنهنجي مٿان منگهو کي ڏسي واتان رڙ نڪري ويس جنهن تي سڀ ڇرڪ ڀري اٿي پيا. جڏهن وريام وارن مهمان کي سڌوري جي کٽ مٿان بيٺل ڏٺو ته هن تي مڇرجي پيا.
    ”حرام خور اسان توکي آجو ۽ ان ڏنو؛“ وريام هن کي ڪاوڙ منجهان ڌڪو ڏيندي چيو: ”۽ تون وري اسان جي عزتن ۾ هٿ ٿو وجهين.“ مرد هن کي مارڻ شروع ڪيو، کيس ايترو ماريائون جو سندس ڪپڙا ڦاٽي پيا ۽ جسم منجهان رت وهڻ لڳس. منگهو پير ڪولاچين ڏانهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر مارجي ويو، ميربحر سندس لاش کڻي سمنڊ جي ڪناري ڇڏي ويا.
    ٻئي ڏينهن صبح جو ڪولاچين کي منگهو پير جو لاش مليو ته هو سنڌي ملاحن تي مڇرجي پيا ۽ پير جو پلاند ڪرڻ جو اعلان ڪيائون. سندن هڪ بزرگ هنن کي صلاح ڏني ته اول پير سائين کي دفنائي ان تي مزار اڏجي ۽ ٿيو به ائين ڪولاچين منگهو پيرجي تربت ٺاهي ان تي سائو مقبرو اڏيو.
    ٻن هفتن بعد هنن ميربحرن تي حملو ڪيو ته سنڌي به هن سان وڙهيا، ٻنهي ڌرين جا اٺ جوان مڙس مارجي پيا ۽ هاڻي هن ويڙهه جو ڪو به خاتمو نٿي نظر آيو. ٻنهي طرفن جا وڏڙا ۽ سردار فڪرمند ٿي ويا ۽ ان ڳالهه تي پهتا ته هن ويڙهه منجهان جند ڇڏائجي. ٻنهي قبيلن جا سردار سمنڊ وٽ کليل ميدان تي مليا، ماڻهن جو انبار پڻ فيصلو ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيو.
    ”اوهان؛“ ڪولاچين جي سردار وڌو، جنهنجي منهن تي گهاٽي ڏاڙهي هئي ان ۾ آڱريون ڦيرندي چيو: ”اسان جي پير سائين کي شهيد ڪيو آهي جنهن جي معافي نه ملندي.“
    ”ها پر؛“ وريام نرم انداز ۾ ڳالهايو: ”ان غلطي ڪارڻ اسان پاڻ ۾ ويڙهه جي حالت ۾ اچي ويا آهيون، ٻنهي طرفن کان جوان مڙس مئا آهن، هاڻي هن جو ڪو حل نڪرڻ گهرجي.“ ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي اچي وئي عوام سردارن کي تجسس سان ڏسڻ لڳو.
    ”ته پوءِ ٺيڪ آهي؛“ وڌو ڳالهايو: ”اوهان ڏنڊ ڀري ڏيو.“
    ”ڪهڙو ڏنڊ؟“ وريام حيراني منجهان هن کي ڏسندي پڇيو.
    ”اوهان سنڌي ملاح؛“ وڌو مُڇيون وٺندي چيو: ”پنج نسلن تائين اسان کي پنهنجون ڌئيرون ڏيندا ۽ اسان کان اهو سوال نه ڪندا ته اسين هنن سان ڪهڙو سلوڪ پيا ڪريون.“ سنڌي جوان جوش ۾ اچي ويا، وريام جو منهن به ڪاوڙ منجهان ڳاڙهو ٿي ويو. سڀني ملاحن جون نظرون سندن سردار ۾ هيون، هنن دل ۾ دعا ٿي گهري ته سردار هي شرط نه مڃي وٺي....... ٻئي طرف ڪولاچي مرد مڪاري جي مرڪ مرڪڻ لڳا. وريام گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو. نيٺ وريام سندس جاءِ تان اٿيو ۽ ڏک ۾ چيائين:
    ”اسان سنڌي ملاحن لاءِ؛“ سندس قبيلي جي غيرتمند مردن اکيون بند ڪري ڇڏيون، هن ڳالهايو: ”اهو بهتر رهندو ته اسان رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهون.“ ملاحن جي منهن تي مرڪ موٽي آئي ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا: ”ها ها اسان وڙهنداسين....“ ۽ پوءِ سالن تائين هي ويڙهه هلندي رهي. هڪ سال اهڙو آيو جو علائقي ۾ ڏڪار اچي ڪڙڪيو، ڪولاچين جو مال متاع، مرد، عورتون ۽ ٻار مرڻ لڳا، حالت اهڙي ٿي وئين جو هو ملاحن کان مدد وٺڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ جنگ بندي جو اعلان ڪيائون، سنڌي ملاحن کي ٻروچن جي هن حال تي رحم آيو ۽ سندن مدد ڪرڻ لڳا ۽ ڏڪار منجهان جان ڇٽن.
    ڪئي سال گذري ويا، اهي جيڪي ٻار هئا سي جوان مرد ٿي ويا، جيڪي جوان سي پوڙها ٿي ويا جڏهن ته پوڙها مري ويا. نئين نسلن پوراڻين جي جاءِ ولاري هاڻي ٻئي ڌريون گڏجي منگهو پير جي مزار تي حاضري ڀرينديون هيون، جنهن کانپوءِ وڏو ميلو لڳندو هو ۽ هر طرف خوشي ڦهلجي ويندي هئي.
    وري هڪ سال اهڙو آيو جو مزار تي واڳون اچي ويا، ماڻهو انهن کي ڏسي خوف ۾ پئجي ويا ۽ ڪنهن ۾ به ايتري همت ڪونه هئي جو مزار تي وڃي، ٻنهي قبيلن وارا مزار ٻاهران روڄ راڙو ڪرڻ لڳا پر ڪو به فائدو نٿيو. واڳون ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مزار تي رهيا ۽ پوءِ گم ٿي ويا ته ماڻهن سک جو ساهه کنيو.
    هاڻي سنگار نالي ملاح ميربحرن جو چڱو مڙس ٿيو، هن کي ست پٽ هئا، سولو، جهولو، وچولو، جڏو، بينو، نابينو ۽ مورڙو. ستن منجهان ڇهه ڀائر سندن بهادري ۽ طاقت جي ڪري مشهور هئا، جڏهن ته مورڙو جسم ۾ ڪمزور هو، مورڙي جا ڀائر هن تي ڇترون ڪندا هئا ۽ هو ماءُ جي پٺيان وڃي لڪندو هو ته ڀائر چوندا هوس:
    ”ويچاري مورڙي کي لڪڻ لاءِ ٻئي ڪابه جاءِ نٿي ملي ۽ عورت پٺيان ٿو لڪي.“
    ”منهنجي ٻچڙي جي جان ڇڏيو؛“ ماءُ وڏن پٽن کي ڇڙٻ ڏيندي چوندي هئي. ان ته ڀائر کيس زن مريد سڏيندا هئا. سولو، جهولو، وچولو ۽ جڏو شادي شده هئا ۽ کين ٻار پڻ هئا، جڏهن 19 سالن جو بينو، 18 سالن جو نابينو ۽ 16 سالن جي مورڙي جي شادي نه ٿيل هئي. ننڍي هوندي کان ئي مورڙي تي ڪنهن به قسم جي جهل پل ڪونه هئي ۽ هو ٻين جي خيمن ۾ به ائين گهڙي ويندو هو ڄڻ سندن گهر ڀاتي هجي، ننڍي هوندي ته ڀيڻ ڪلمي ۽ نظيري سان ته گڏي راند به ڪندو هو، شايد تنهن ڪري ئي ٻنهي ڀيڻن جي شادي تي هو خوب رنو هو.
    اها ڊسمبر جي هڪ سرد رات هئي، سنگار ۽ ميربحرن جا ٻيا وڏڙا باهه جي مچ تي گول ويهي ايندڙ سال واري ملهه مقابلي جي تياري بابت سوچي رهيا هئا، گذريل ٽن سالن کان هو ڪولاچين کان مقابلو هارائندا ٿي آيا ۽ هاڻي سندن ڪو به پهلوان ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار نه هو. سنگار جا ستئي پٽ به اُتي موجود هئا.
    ”هن ڀيري؛“ سنگار جي چوٿئن پٽ جڏو اٿندي چيو: ”آئون ملهه ۾ لهندس.“ وڏڙن کيس ڏٺو، جڏو ويڪري ڇاٿي، ڀريل ڏورن ۽ ڳاڙهين وڏين اکين وارو جوان مڙس هو، سڀني ان فيصلي جي حامي ڀري. ٻئي ڏينهن ٽي بزرگ ڪولاچين ڏانهن ويا ۽ ملهه لاءِ جڏو جو نالو ڏئي آيا. ڪولاچين طرفان ماجن جو نالو آيو، هي اهو ئي پهلوان هو جيڪو ٽن سالن کان کٽندو ٿي آيو.
    ميلي جي پهرئين ڏينهن ميدان تي مرد، عورتون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا، بزرگن لاءِ کٽون رکي انهن تي رليون وڇايون ويون. ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ ٻروچن ڪرتب ڏيکاريا، نيٺ اها گهڙي اچي وئي جنهن جو ٻنهي ڌرين سڄو سال انتظار ڪيو هو. 50 سالن جو بچايو جنهن جو پيٽ وڌيل، وڏيون مڇون ۽ مٿي تي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل هوس ميدان جي وچ تي اچي بيٺو، هو ڪيترن سالن کان ملهه جو ريفري هو، سندس هٿ ۾ لٺ هئي، جنهن کي زمين تي هڻندي کهري آواز ۾ ڳالهايائين:
    ”ڀائرو آئون بچايو ميربحر ان ڳالهه ۾ اعزاز محسوس ڪريان ٿو ته ملهه جو هي مقابلو منهنجي نگراني ۾ ٿيندو، هاڻي آئون ميربحرن جي پهلوان جڏو کي ميدان ۾ اچڻ لا سڏيان ٿو،“ جڏو جو نالو ٻڌي ملاح تاڙيون ۽ سيٽيون وڄائڻ لڳا. بچائي هٿ هوا ۾ لوڏي ماڻهن کي چپ ڪرايو ۽ وري لٺ زمين تي هڻندي چيائين: ”سندس مقابلي لاءِ گذريل ٽن سالن کان هي مقابلو کٽيندڙ ڪولاچين جو پهلوان ماجن ميدان ۾ اچي.“ هن ڀيري ڪولاچين تاڙيون وڄايون، بچائي ٻيهر هٿ هوا هلائي ڳالهايو:
    ”اسان جو گواهه اسان جو پير سائين منگهو آهي، هي مقابلو پوري ايمانداري سان ٿيندو ۽ ٻنهي ڌرين کي ان جو نتيجو قبولڻو پوندو.“ ان کان پوءِ هن ٻنهي پهلوانن کي ڀاڪر پائڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ ٽي ڀيرا لٺ زمين تي هڻي مقابلو شروع ڪرڻ جو اشارو ڪيائين. پهلوانن هڪ ٻئي جي چيلهه ۾ هٿ وڌو ماجن پهرئين ڌڪ ۾ جڏو کي کڻي گول ڦيرايو ته، جڏو جي زال اکيون بند ڪري ڇڏيو ته جڏو اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو. ڪولاچي خوشي وچان رڙيون ڪرڻ لڳا. وري ٻئي مقابلي جي تياري ٿي ڪولاچين جو هڪ ڇوڪرو وٺي ۾ تيل کڻي آيو ۽ بچائي کي ڏنائين، هنن ٻنهي پهلوانن جي سينن ۽ پٺئين تي تيل مکيو ، پوءِ ٻئي ملهه جو اعلان ڪيائين، جڏو کارن منجهان ماجن کي نهاريو ته ماجن هن ڏانهن طنزيه مرڪ اڇلائي، بچائي اشارو ڪيو ته ٻنهي ڄڻن هڪ ٻئي کي ٻک وڌي.
    ”کڻي ڦٽڪائنس ماجن... نه وڃي.......“ ٻروچ خوشي وچان رڙيون ڪرڻ لڳا، ملاحن جو ساهه مُٺ ۾ هو، جڏو طريقي سان ماجن کي انگڙي ڏئي هيٽ ڪرائي وڌو ته ملاح رڙيون ڪرڻ لڳا، ٽن سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو ٻئي ڌريون مقابلي ۾ برابر ٿي بيٺيون هيون. وري ٽيون مقابلو شروع ٿيو، ماجن جوش ۾ اُلر ڪئي پر جڏو هوش کان ڪم وٺي کيس ڪرائي وڌو. ڇهي ڀائر ميدان ڏانهن ڀڳا ۽ جڏو کي ڪلهن تي کنئن، ملاح خوش وچان نڄڻ لڳا، اها سڄي رات هنن جشن ڪيو، هر ڪنهن کي جڏو تي فخر هو.
    ٻئي ڏينهن پاڻي ۾ مستي هئي وڏيون ڇوليون هيون، تنهن هوندو سولو ٻيڙي ڪڍي سمنڊ ڏانهن نڪتو ڪناري تي هڪ واڳون هن تي حملو ڪيو، سولو وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر واڳون کيس ڳڙڪائي ويو، هي اهو واڳون هو جنهن منگهو پير کي پاليو هو ۽ هاڻي هن جي موت جو بدلو ٿي ورتائين، جئين هي خبر وسندين ۾ پهتي ته خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، ڪير به پاڻي ڏانهن نه ٿي ويو. جئين ته جڏو تازو ملهه کٽي هئي ان جوش ۾ اچي جهولو، وچولي، بيني ۽ نابيني کي ساڻ ڪري ڀاءُ جو پلاند ڪرڻ نڪتو ته واڳون هنن کي به ڳڙڪائي ويو. سنگار اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي هتي سندس خاندان لاءِ ڪجهه نه بچيو آهي ۽ هو هي علائقو ڇڏي رهيو آهي، سندس زال ڇهن پٽن جي موت جي خبر ٻڌي ته سندس دماغ جي رڳ به ڦاٽي پئي ۽ مري وئي، جڏهن ته جهولو، وچولي ۽ جڏو جون زالون چريون ٿي ويون. پوڙهو سنگار بيارومددگار ٿي ويو، ان وٽ هاڻي هڪ ڪمزور پٽ مورڙو کان سواءِ ڪجهه نه بچيو هو، ان رات هن پنهنجا ٽين ٽپڙ ٻڌڻ شروع ڪيا. جڏهن مورڙو کي سڏيائين ته کيس ڪوبه جواب نه مليو، هن کيس ٻيهر سڏيو، هن ڀيري به ڪو جواب نه مليس ته من وسامڻ لڳس ۽ پريشان ٿي ٻاهر ڀڳو، ايندڙ ويندڙ کان پڇي ته ڪنهن مورڙي کي ڏٺو آ، پر کيس انڪاري جواب ئي مليا.
    ”مورڙا... او پٽ مورڙا،“ هن گهٽي ۾ ڀڄندي رڙ ڪئي: ”پنهنجي پوڙهي پيءَ تي رحم ڪر ۽ مون ڏانهن موٽي اچ.“ ٻنهي قبيلن جا مرد اچي گڏ ٿيا ۽ مورڙو کي ڳولهڻ لڳا. نيٺ مورڙو کين سمنڊ ڪناري وٽ بيٺل نظر آيو، سنگار هن ڏانهن ڀڄندو آيو ۽ کيس نرڙ تي هٿن تي ۽ منهن تي چميون ڏيڻ لڳو.
    ”پٽ؛“ سنگار سڏڪو ڀريندي چيو ته مورڙو سندس جهوني منهن ۾ ڏٺو ۽ پنهنجن نرم هٿن سان پيءَ جا ڳوڙها اگهيائين. هو سندن خيمي ڏانهن وريا. گهر جا ٽين ٽپڙ ٻڌل ڏسي پيءَ کي چيائين:
    ”ابا آئون هتي ئي رهندس ٻيو ڪيڏانهن ڪين ويندس.“
    ”ٻچا؛“ سنگار سمجهائندي چيس: ”هاڻي اسان لاءِ هتي ڪجهه نه بچيو آهي.“
    ”ابا؛“ مورڙي سندس اکين ۾ ڏسندي چيو: ”اسان سنڌي ڪڏهن به پنهنجو پلاند ڪين ڇڏيندا آهيون.“
    ”پر پٽ؛“ سنگار فڪرمندي وچان چيس: ”اسان ڪنهن سان وڙهنداسين؟“
    ”ادا وارن جي دشمن سان،“ هن اعتماد سان پيءَ کي جواب ڏنو.
    ”ٺيڪ آهي؛“ سنگار ڪاوڙ منجهان چيس: ”جيڪڏهن توکي خودڪشي ڪرڻي آهي ته پوءِ وڃي ڪر.“ مورڙو ٻاهر نڪري ويو، وڏي ڀاڄائي هن کي روڪڻ لاءِ ٻاهر ڀڳي، سنگار ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ويهي رهيو.
    ٻئي ڏينهن کان مورڙو کليل ميدان ۾ ويهي لوهه کي هٿوڙي سان ڪٽڻ لڳو منجهد ويل سندس ڀاڄائي ماني کڻي آيس. ڏينهن هفتن ۾، ۽ هفتا مهينن ۾ بدلاجي ويا پر مورڙو پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهيو، ساوڻي تائين هن لوهه جو پڃرو، تکيون شيخون ۽ چاقو ٺاهي ورتا. هڪ شام جو اوچتو آسمان تي بادل گڏ ٿيا ۽ ڪڙڪاٽ سان وسيا، مورڙو پيءَ وٽ آيو، سندس پيرن تي هٿ رکي چيائين:
    ”ابا هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آئون ادا وارن جو پلاند ڪريان.“ اهو ٻڌي سندس پيءَ غم وچان اکيون بند ڪيون ته ڳوڙها ڳلن تي اچي ڪريس.
    ”آئون مورڙو،“ پيءَ کي چيائين: ”توکي وچن ڏيان ٿو ته پنهنجي ڀائرن جو پلاند وٺي موٽندس.“ ۽ ڪلهي تي رسي رکي ٻاهر نڪري ويو، لوهه جي پڃري ۾ رسي ٻڌي ان کي ڇڪڻ لڳو ۽ ڇڪيندو ڇڪيندو پاڻي تائين کڻي آيو، هن ڀيري به پاڻي موجن ۾ هو. مورڙي پڃري ۾ تازي گوشت جا ٽڪر رکيا، ۽ تکين شيخن واري در ۾ رسي ٻڌي ڪجهه پرڀرو ٿي ويٺوواڳون جئين ئي پڃري منجهان گوشت جا ٽڪر کائڻ شروع ڪيا ته مورڙي اک ڇنڀ ۾ رسي ڇڪي ته تيز شيخون مٿان کان هيٺ آيون ۽ واڳون کي چيري ويون، مورڙو اٿيو ۽ پڃري ڏانهن ڀڄندو آيو. واڳون کي مئل ڏسي رسي ڪلهي تي رکي پڃرو ڇڪڻ لڳو ۽ وسندي وٽ اچي وڏي واکي چوڻ لڳو:
    ”ڏسو ڏسو مورڙو پنهنجي ڀائرن جو پلاند ڪري موٽيو آهي،“ سنگار خيمي منجهان نڪري هن ڏانهن آيو ۽ اچي پٽ کي ڀاڪر ۾ ڀريائين. ان رات ٻنهي قبيلن اهو فيصلو ڪيو ته هن تر جو سڀ کان طاقتور جوان مورڙو آهي ۽ کيس علائقي جي محافظ جو منسب ڏنو ويو. اهڙي ريت هي داستان پورو ٿيو.
    آئون مڪمل طور هن داستان ۾ ٻڏي چڪو هوس جو جمشيد مرڪندي چيو:
    ”منگهو پير اچي ويو.“ اسان هيٺ لٿاسين هن گاڏي پارڪ ڪئي، ٻه ٽيڪٽون وٺي اسان منگر منڇ جا تلاءُ گهمڻ لڳاسين، منگهو پير جي مزار تي به آياسين اڄ به وڻن ۾ ڪيترا ئي ڌاڳا ٻڌل نظر آيا، هر مذهب جو ماڻهو هتي اچي حاضري ڀريندو آهي ۽ ڪير ڪنهن کان نفرت نه ڪندو آهي، شايد اهو ئي سنڌ جو صوفيزم آهي..... سوچيم.


    8

    ٽيون ڏينهن ٿيڻ وارو هو ۽ جمشيد مونسان ٻيهر رابطو ئي نه ڪيو، اڃا به سنڌ جي روڊ رستن کي احتجاجي بند ڪيو ويٺا هئا. مٿان وري اهي خبرون به آيون ٿي ته حڪمران پارٽي نئين بلدياتي نظام جي حق ۾ حيدرآباد ۾ هڪ وڏو جلسو ڪرائي رهي آهي. آئون هوٽل تي ئي هوس ۽ جمشيد جي اچڻ جو انتظار ٿي ڪيم، ۽ سنڌ بابت خبرون پڙهندو ٿي رهيس، سنڌ جا اڪثر اديب ۽ دانشور حيدرآباد ۾ رهندا آهن، ڪراچي ۾ ڪجهه اديب ئي رهندا آهن جن منجهان هڪ امر جليل به آهي، پر انهن سان ملاقات ڪرڻ ڏکيو هو. امر جليل جي اها دعوا آهي ته تاريخ جي علم سان قومن جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي، جڏهن ته سنڌ جي تاريخ جو وڏو حصو بگڙيل آهي، هتان جي تاريخدانن تاريخ کي مذهبن جي اک سان پرکيو ۽ سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي. سنڌ جو سڀ کان وڏو تاريخ دان ڊاڪٽر بلوچ هو پر هو قومپرست کان وڌيڪ ذات پرست هو اڪثر سنڌي ذاتين کي ٻروچ ۽ عرب ذاتون ڪري ويو، ٻيو ته هن ته مسلماني جو جن سوار هو، پاڻ کي سنڌي بدران بلوچ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. خير منهنجي لاءِ هي ٻه چار ڏينهن طويل کان طويل ٿيندا ٿي ويا ۽ انهيءِ دوران عاليا سان به ڪو رابطو نه ٿيو هو. ان ڏينهن اي ميل چيڪ ڪيم ته عاليا جون چار ميلون آيل هيون ته هڪدم کيس جوابي اي ميل موڪليم. ان رات دير سان جيڏي مهل آئون سمهڻ وارو هوس جو جمشيد جو فون آيو، کڻي هيلو ڪيم ته هن چيو:
    ”ڪبير صاحب تازي ڄاڻ موجب ڪراچي کان حيدرآباد وارو رستو سڀاڻي کولي رهيو آهي ته پوءِ اوهان جو ڪهڙو پروگرام آهي.“ هن خبر تي مونکي خوشي جو احساس ٿيو ۽ چيم:
    ”ٺيڪ آهي پاڻ سڀاڻي ئي حيدرآباد ڏانهن نڪري هلنداسين.“
    ”ٺيڪ آهي آئون صبح جو ايندس ۽ پوءِ پاڻ حيدرآباد ڏانهن نڪري هلنداسين.“ هن چيو.
    ”ٺيڪ آهي،“ چئي مون فون ڪٽي ڇڏيو.
    ٻئي ڏينهن مون اڃا ناشتو مس پورو ڪيو جو جمشيد اچي ويو، مون هوٽل منجهان چيڪ آئوٽ ڪيو ۽ ٻاهر نڪري آياسين، جمشيد جو خيال هو ته اسان کي اي سي ڪوچ وسيلي حيدرآباد هلڻ گهرجي سو مون هن سان ڪو به اختلاف نه ڪيو، اسان رينبو سينٽر کان حيدرآباد ويندڙ ڪوچ ۾ ويٺاسين، مسافر ڪرائي تي ڪلينر سان بحث ڪري رهيا هئا، آئون هنن کي حيرت منجهان ڏسندو رهيس، بس ڪجهه ڀرجي ته هلڻ لڳي ۽ شيرشاهه وٽ اسٽاپ ڪيائين، اُتان ڪجهه مسافر چڙهيا ته سهراب ڳوٺ آياسين. هتان هڪ مولانا صاحب جنهن جي ڏاڙهي ننڍڙي ۽ مٿي تي اڇي ٽوپي پهريل هوس، هڪ برقا پوش عورت سان چڙهيو، کين ٻئين نمبر سيٽ ملي، بس هلڻ شروع ڪيو ۽ ڪراچي ٽول پلازا پار ڪيو. دري تان ميرو پردو هٽائي آئون کيرٿر جبل کي ڏسڻ لڳس.
    ”آئون ڀانيا ٿو؛“ جمشيد منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽي ڪئي: ”مولانا سان گڏ عورت سان ڪو مسئلو آهي.“ مون جمشيد کي ويران نظرن سان ڏٺو ۽ چيم:
    ”هن دنيا ۾ هر انسان سان ڪونه ڪو مسئلو آهي.“
    ”آئون؛“ جمشيد عورت کي ڏسندي چيو: ”قسم کڻي چئي سگهان ٿو ته هن ڪا بيچيني آهي.“
    ”تون فڪر نه ڪر؛“ بيزاري منجهان آهه ڀريندي چيم: ”هوءَ سندس مڙس سان گڏ آهي.“ هن ڪو به جواب نه ڏنو ته مون وري دري کان ٻاهر جبل جي ٽڪرين کي ڏٺو. اسان اڃا ايدهي هوم ڪراس ڪيو جو جمشيد ان مولانا کي اٿاري چيو:
    ”اوهان سان گڏ عورت سان ڪو مسئلو آهي.“ اهو ٻڌي مولانا چڙي پيو ۽ جمشيد سان گار گند ڪرڻ لڳو، جمشيد به هن سان تکو ٿي ڳالهايو سڄي بس ۾ هل ٿي ويو، نيٺ ٻيا مسافر وچ ۾ پيا ۽ ٻنهي کي ٿڌو ڪرايائون، ڪجهه گهڙين کان پوءِ عورت جي جسم ۾ ٿڌڙا نڪرڻ شروع ٿيا ۽ هوءَ بيچيني ۾ هيڏي هوڏي ٿيڻ لڳي، ان تي سندس مڙس کي پريشاني لڳي ۽ بس بيهاري ڇڏيائين، سڀ من ئي من کيس گاريون ڏيڻ لڳا، اسان هيٺ لهي بيٺاسين، ڊرائور به هيٺ لٿو، عورت برقي اندر هٿ وڌو ته سندس هٿ کي ڪا نرم شيءِ لڳي.
    ”ڇا آهي؟“ مڙس پڇيس.
    ”خبر ناهي؟“ هن پريشاني منجهان جواب ڏنو ۽ ٻي لمحي جئين هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اسان سڀ ڇرڪجي وياسين، سندس هٿ ۾ هڪ وڏو ڪارو نانگ هو، هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ نانگ کي هوا ۾ اڇل ڏنائين، نانگ هوا ۾ بُل کائيندو ڊرائيور جي ڳيچي ۾ اچي پيو ۽ ان کي ڳيچي وٽ ڏنگي ٻئي پاسي جهاڙين ۾ گم ٿي ويو، ڊرائور هيٺ اچي ڪريو، سندس واتان گف وهڻ لڳي. هر ڪو قرآن جون آيتون پڙهڻ لڳو، آئون جهاڙين کي ڏسڻ لڳس. هر مسافر جي منهن تي خوف صاف ظاهر هو. ايتري ۾ موٽر وي پوليس اچي وئي، هنن پوليس کي فون ڪيو، منهنجي پريشاني ۽ تجسس وڌي ويو. پوليس سڀني مسافرن کان بيان وٺي ڇڏيو، هاڻي مون ڪوچ ۾ سفر نٿي ڪرڻ چاهيو سو ٽيڪسي ڪرائي حيدرآباد روانو ٿياسين.
    ٽيڪسي ۾ مون جمشيد کان پڇيو:
    ”توکي ان عورت جي بيچيني جي خبر ڪئين پئي.“
    ”مون؛“ هن فخريه انداز ۾ جواب ڏنو: ” اڄ تائين ڪيترين ئي عورتن سان پرجوش لمحا گذريا آهن انڪري سندن احساسن منجهان اندازو ٿي ويندو آهي ته عورت جي ذهن ۾ ڇا پيو هلي.“ مون ڪوبه تاثر نه ڏنو تي هن سيٽ تي مٿو رکي اکيون بند ڪيون. ٽيڪسي اسان کي حيدرآباد جي پريس ڪلب وٽ ڇڏيو، هتي جمشيد کي ڪو ڪم هو جنهن کي لاهيندي لاهيندي شام ٿي وئي. ان کان پوءِ اسان بس اسٽاپ تي آياسين ۽ ٽنڊو الهيار ويندڙ ويگن ۾ سوار ٿياسين.


    9

    اسان جوڳين جي وسندي ۾ پهتاسين ته رات ٿي چڪي هئي، هر طرف اوندهه هئي ۽ ڪتا ٿي ڀونڪيا.
    ”گلاب جوڳي.... گلاب جوڳي....“ هڪ جهپڙي اڳيان بيهي جمشيد رڙ ڪئي. اسان کي ان ڳالهه جو خوف هو ته ڪنهن ڪنڊ کان ڪتا نڪري اسان تي حملو نه ڪن، ٻارن جي روئڻ ۽ عورتن جي لولي جو آواز به آيو ٿي. جهپڙين ٻاهران مٽي جي چلهن ۾ باهه به ٻري رهي هئي. هي جوڳي سنڌ ڌرتي جا قديم رهواسي هئا، نانگ پڪڙڻ سندن هنر ۽ پيشو هو، جوڳي اڄ به جهر جهنگ لتاڙي لاهوت لامڪان ڏانهن پنڌ ئي نڪري پوندا آهن جتان هو مختلف پٿر ۽ ٻوٽيون هٿ ڪري ايندا آهن، هر طرف کان پيشاب جي ڌپ ٿي آئي، انڪري مون رکي رکي ٿي ساهه کنيو، جيڪڏهن عام رواجي حالتون هجن ها ته آئون هڪدم اُلٽي ڪري ڇڏيان ها، پر پاڻ تي قابو رکيم.
    ”گلاب جوڳي،“ هن ڀيري جمشيد ڪجهه تيز رڙ ڪئي. هڪ لمحي کان پوءِ اسان جي ڪنن تي ڪنهن عورت جي رڙ ڪري ته اسان جي لڱن منجهان ساهه ئي نڪري ويو، مون ڀانيو ڪو ان عورت تي گهرو تشدد پيو ڪري، پوءِ خبر پئي ته هن هڪ ٻار کي جنم ڏنو آهي. نيٺ گوڏ ٻڌل ۽ گنجي پهريل هڪ ٿلهو سانورو شخص جنهن جي ٻنهي ڪنن ۾ وڏيون واليون پهريل هيون جهپڙي منجهان ٻاهر آيو.

    ”گلاب جوڳي،“ جمشيد اُتساهه سان سندس نالو کنيو.
    ”جي،“ ٿلهي شخص نرم لهجي ۾ جواب ڏنو، ته جمشيد اڳيان وڌي هن سان هٿ ملايو ۽ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائنس:
    ”هي بابو ولايت کان آيو آهي کيس تنهنجي مدد گهرجي.“ هن حيرت منجهان اسان ٻنهي کي ڏٺو، سندس وڏين ڳاڙهين اکين ۾ ڏسي مونکي خوف ٿيڻ لڳو. تنهن هوندي به منهن تي مرڪ سجائي هن ڏانهن هٿ وڌايم.
    ”مهرباني ڪري اندر اچو“ هن جهوپڙي ڏانهن ويندي چيو ته اسان به هن جي پٺيان لڳي پياسين. جهپڙي ۾ ٻه کٽون پيل هيون، وچ ۾ هڪ ڪاٺ جو ڏنڊو لڳل جنهن جي ڪوڪي ۾ لالٽين لڙڪي رهي هئي، ڪنڊ ۾ ڪاٺ جي صندوق رکيل، جنهن جي مٿان مرليون ۽ ڪپڙي جون ڳوٿريون پيل هيون.
    ”هي ڇا آهن؟“ مرلين ڏانهن اشارو ڪندي جمشيد کان پڇيم.
    ”مرليون آهن، هي ڪدو جي ٻج منجهان ٺهنديون آهن ۽ هنن جو آواز ٻڌي ئي نانگ ٻر کان ٻاهر ايندو آهي.“
    ”ڇا هو اسان کي مرلي ٻڌائي سگهي ٿو؟“ مون گلاب جي سانوري منهن ۾ ڏسندي چيو. جمشيد کيس مرلي وڄائڻ جو چيو.
    ”اسانجا؛“ گلاب نرم لهجي ۾ چيو: ”ڪجهه شاگرد تازا تيار ٿيا آهن، هنن جي مرلي ٻڌندئو؟“
    ”ٺيڪ آهي،“ جمشيد چيس تي هن جهپڙي کان نڪري رڙ:
    ”ساقو....لاکو.... مرليون کڻي هيڏانهن اچو.“ گلاب اسان کي کٽن تي ويهڻ لاءِ چيو ته اسان پير لڙڪائي کٽن تي ويهي رهياسين. به ڪارا ڪوجها پٺئن اگهاڙا ڇوڪرا اندر آيا ۽ جهڪي گلاب جي پيرن تي هٿ رکين ته هن سندن مٿي تي هٿ گهمايو، ٻئي ڇوڪرا کٽن جي وچ پٽ تي ويهي رهيا ۽ مرلي وڄائڻ لڳا، مرلي جو آواز منهنجي من کي موهڻ لڳو، منهنجي نظر گلاب ڏانهن وئي هو جهپڙي جي چئني ڪنڊ ۾ گهمندو ڪا شيءِ سنگهڻ لڳو، ڇوڪرا مرلي وڄائيندا رهيا. گلاب هيٺ گوڏن تي ويهي ڪاٺ جي صندق هيٺان هٿ ڪري هڪ سنهري نانگ ڇڪي ٻاهر ڪڍيو، سندس هٿ ۾ نانگ ڏسي مون هوا ۾ بُل ڏنو، گلاب نانگ کي غور سان ڏسي جاچڻ لڳو.
    ”اهو توکي ڏنگهي ماري ڇڏيندو،“ مون خوف منجهان رڙ ڪئي، گلاب کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ نانگ کي ڪپڙي جي ڳوٿري ۾ وجهي ڇڏيائين. ڪجهه گهڙين تائين ته منهنجو ذهن سُن ٿي ويو. نانگ ڏسي جمشيد به ڏڪي ويو هو، جيڏي مهل ذهن جاءِ تي آيو ته هوريان جمشيد کان پڇيم:
    ”هن کي ڪئين خبر پئي ته هتي نانگ آهي؟“ جمشيد گلاب کان پڇي چيو: ”هن کي نانگ جي خوشبو آئي، نانگ سندن اولاد جيان هوندا آهن انڪري کين آس پاس نانگ جي موجودگي تي خوشبو اچي ويندي آهي.“ آئون چپ ٿي اهو سوچڻ لڳس شايد ٽوڦڻ داس صحيح ٿي چيو. ايتري ۾ ٻاهر کان وري رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون جن جي ڪري اسان تي ٻيهر خوف تاري ٿي ويو، ٻه چار سانورا مرد جهپڙي ۾ آيا کين جوڳين جو خاص ويس پهريل هو، گلاب جوڳي کي هٿ ٻڌندي چيائون:
    ”استاد ڪم تيار آهي.“
    ”ها هلو،“ گلاب هنن سان ٻاهر ويندي چيو.
    ”ڇا ٿيو؟“ مون حيراني منجهان جمشيد کي ڏسندي پڇيو. جمشيد ٻڌايو ته هڪ جوڳي عورت پٽ کي جنم ڏنو آهي ۽ هاڻي گلاب ان کي سُتي پيارڻ پيو وڃي، جنهن کانپوءِ اهو ٻار اڳيان هلي جوڳي ٿيندو.

    ”ڇا پاڻ هنن سان نٿا هلي سگهون؟“ مونکي جوڳين جي ريتن رسمن ڏسڻ جو شوق جاڳيو سو جمشيد کي چيم. جمشيد گلاب کان پڇي ها ڪئي ته آئون هڪدم کٽ تان اٿي بيٺس. گلاب جي جهپڙي منجهان نڪري، چار جهپڙيون پار ڪري اسان هڪ جهپڙي ۾ آياسين، کٽ تي هڪ سانوري ٿلهي عورت ليٽيل هئي، سندس نرڙ تي پگهر جون بندون هيون ۽ سندس پاسي کان کرڙيون هڻندڙ تازو ڄاول ٻار هو. هر ڪو جهڪي گلاب سان مليو، ٻار جي پي کٽ تان ٻار کڻي گلاب کي ڏنو، گلاب هٿ تي رکيل ٻار کي آسمان طرف مٿي ڪيو پوءِ ٻار جي پيشاني تي ڪارو ٺڪو هنيو.
    ”هو ٻار کي ٿڃ ڇو نه ٿا ڏين؟“ مون هوريان جمشيد کان پڇيو.
    ”هن کي؛“ جمشيد به هوريان جواب ڏنو: ”پهريان سُتي پياريندا.“
    ”اهو ڇا آهي؟“ حيران ٿيندي پڇيم.
    ”نانگ جو زهر،“ جمشيد مونکي ڏسندي وراڻيو.
    ”ڇا؟“ ذري گهٽ مونکان رڙ نڪري وئي: ”ائين ته ٻار مري ويندو.....“
    ”جيڪڏهن مري ويو ته مري ويو، پر جيڪڏهن بچيو ته جوڳي ٿيندو.“ جمشيد بنا ڪنهن تاثر جي چيو. اهو ٻڌي منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، يقين نه آيم ته هن جديد دور ۾ اهڙا انسان به رهن ٿا جيڪي تازي پيدا ٿيل ٻار کي زهر ڏيندا آهن. گلاب جي اڳيان ڳاڙهي مٽي منجهان ٺهيل پيالو رکيو ويو جنهن ۾ نانگ جو زهر هو، هن منتر پڙهي پيالي ۾ ڦوڪ ڏني هڪ ٻانهن سان ٻار سنڀاليندي هن ٻئي هٿ ۾ پيالو کنيو ته مون اکيون بند ڪري ڇڏيون، ٻار جي روئڻ جو آواز ڪنن تي پيو. گلاب پيالي جو زهر ٻار کي پياريو، منهنجو سمورو جسم سُن ٿي ويو ڄڻ ٻار بدران مون زهر پي ڇڏيو هجي.....
    ”مبارکون....مبارکون..... نئين جوڳي جي ڄمڻ تي مبارکون.....“ اُتي بيٺل هڪ ٻئي کي خوشي وچان ڀاڪر پائڻ لڳا. مون جمشيد کي ڏٺو ته هن مرڪندي چيو:
    ”ٻار بچي ويو ۽ هاڻي هو وڏو ٿي جوڳي ٿيندو.“
    اسان گلاب جي جهپڙي تي موٽي آياسين جمشيد کيس منهنجو سمورو قصو ٻڌايو، ان دوران هو هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيندو رهيو.
    ”سڀ کان پهريان؛“ گلاب هوريان چيو: ”مونکي نانگ کي پاڻ وٽ گهرائڻو پوندو.“
    ”هو نانگ کي ڪئين گهرائندو؟“ مون بي يقيني ۾ جمشيد کان پڇيو.
    ”ان لاءِ“ جمشيد چيو: ”هو پوڄا پاٽ ڪندو.“ گلاب اٿي ڪاٺ جي صندق ڏانهن ويو، ان منجهان نارنگي رنگ جو جوبو ڪڍي پاتائين، پوءِ مٿي تي نارنگي ڪپڙي جو پٽڪو ٻڌيائين، ان کان پوءِ صندوق منجهان 10 12 منڊيون ڪڍي هٿن جي آڱرين ۾ پاتائين ۽ آخر ۾ مُرلي کنيائين. ان کانپوءِ ڳوٿري منجهان هڪ دٻلي ڪڍيائين جنهن ۾ ڳاڙهو پائوڊر هو هن پائوڊر سان کٽن جي وچ ۾ گول ٺاهيو. آئون حيراني ۽ تجسس سان سموري ڪاروائي ڏسندو رهيس، هن وڏي واکي رڙ:
    ”پيران پير دستگير..... هي تنهنجو ڪڙو آهي، بندن جي مدد ڪجان.....“ پوءِ ڳوٿري منجهان ساڳيو سنهري نانگ ڪڍيائين ان وقت نانگ کل مٽائي رهيو هو، نانگ کي ڏسندي ئي مونکي ڏڪڻي وٺي وئي.
    گلاب وري رڙ ڪئي:
    ”پيران پير دستگير هن چلي تي تنهنجي نالي جي ڪڙي چاڙهيان ٿو.....“ مون ويران نظرن سان جمشيد کي ڏٺو ته هن ٻڌايو دستگير بادشاهه سنڌ جو تمام وڏو بزرگ هو،هن کي نانگ تي حڪم هلائڻ جو اختيار هو، سواءِ لونڊي بلا جي........ ان دستگير بادشاهه ته ننڊ ۾ حملو ڪيو ته بزرگ ان کي قيامت تائين لعنت ڏئي ڇڏي. گلاب پٽ تي ويهي مرلي وڄائڻ شروع ڪئي ته ان جي آواز تي منهنجو روح نچڻ لڳو، نانگ گول ۾ ڦڻ هڻڻ لڳو، گلاب هڪ هٿ سان مُرلي وڄائيندي ٻئي هٿ سان نانگ مٿان ڳاڙهو پائوڊر اڇلايو ۽ اکيون بند ڪري مرلي وڄائيندو رهيو، هن ٽيون ڀيرو پائوڊر اڇلايو ته نانگ اڀو ٿي ويهي رهيو، گلاب اکيون کولي ان کي ڏٺو ۽ وڏي واکي رڙ ڪئي:
    ”حق دستگير....“ نانگ وڪوڙجي ويهي رهيو، ڪجهه گهڻين تائين جڏهن نانگ ڪا به چر پر نه ڪئي ته مون تجسس وچان پڇيو:
    ”نانگ مري ويو ڇا؟“ ڪجهه گهڙين ۾ نانگ جو رنگ بدلجڻ جو لڳو ۽ مڪمل ڪارو ٿي ويو، اسان کي پنهنجي اکين تي يقين ئي نه آيو:
    ”بابو هي اهو ئي نانگ اٿئي جيڪو چار ماڻهو ماري آيو آهي.“ گلاب چيو، منهنجو جسم ٿڙڪڻ لڳو. پر نانگ ۾ ڪنهن به قسم جي چر پر نه آئي. گلاب گول ڏانهن هٿ وڌايو ته نانگ ڦڻ ڪڍي کيس ڏنگهيو، مون هڪدم خوف وچان جمشيد جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو هو پڻ سمورو ڏڪي ويو، گلاب اکيون بند ڪيون ته ڳوڙها وهڻ لڳس.
    ”نانگ،“ اکيون کولي اسان کي ڏسندي چيائين: ”روپ مٽائي ڳالهائڻ گهري ٿو.“ اسان کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. گلاب ڪڙو لاهي نانگ هٿ ۾ کنيو ان کي ڳوٿري ۾ بند ڪري ٻاهر هليو ويو. گلاب ٻاهران موٽيو ته سندس سمورو جسم پاڻي ۾ پسيل هو، هن ڳوٿري منجهان هڪ ٻئي دٻلي ڪڍي جنهن ۾ هيڊي رنگ جو پائوڊر هو ان سان دستگير جي نالي جو گول ٺاهيائين ۽ پوءِ نانگ ڪڍي اچي ان ۾ رکيائين، وري پٽ تي ويهي ڪجهه منتر پڙهڻ لڳو ۽ پوءِ نانگ کي ڏسي وڏي واکي ڳالهايائين: ”تون ڪير آهين ۽ هن ولايتي بابو جو پيڇو ڇو پيو ڪرئين؟“ ائين ڄڻ سچ هن کي نانگ بلائن سان ڳالهائڻ جي طاقت هجي. ڪجهه گهڙين ۾ هر طرف روشني ٿي وئي، اها ايڏي ته تيز هئي جو مون ٻئي هٿ اکين تي رکي ڇڏيا ائين محسوس ڪيم ڄڻ جسم منجهان روح نڪري رهيو آهي اسان جئين اکيون کوليون ته وري سُن ٿي وياسين، جهپڙي ۾ اسان کانسواءِ اڇي لباس ۾ پوڙهو بيٺل هو، سندس ڏاڙهي، ڀرون ۽ مٿي جا وار کير جهڙا اڇا، هڪ هٿ ۾ لٺ هوس، جوڳي ان شخص کي ڏسي سندس پيرن وٽ سجدي ۾ ڪري پيو جمشيد ۽ مون تي رڦڻي تاري ٿي وئي، پوڙهي ڳالهايو:
    ”هن مسافر جي منزل عمر ڪوٽ آهي.“ گلاب سجدي ۾ ئي هو جو اوندهه ٿيڻ لڳي ۽ بزرگ غائيب ٿي ويو.

    پرهه ڦٽڻ ۾ اڃا ٻه ڪلاڪ کن هئا، اسان کٽن تي ليٽي ڪجهه آرام ڪيو، جئين ئي آزان آئي ته ان سان گڏ ٻارڻ جون رڙيو ۽ ڪڪڙن جون ٻانگون به شروع ٿي ويون، عورتون مٿي تي دلا رکي پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪري ويون، سڄي رات چوڪيداري ڪندڙ ڇتن ڪتن جي ڳيچن ۾ پٽا وجهي ڪلن ۾ ٻڌو ويو، جوڳي چانهن جي پيالي پي، ڳوٿريون ۽ مرليون کڻي شهر ڏانهن نڪري ويا. اسان اٿياسين ته گلاب جوڳي ٻاهران کان اندر آيو ۽ جمشيد کي چيائين:
    ”هڪ عورت هن نانگ جو روپ ورتو آهي.“ جئين ئي جمشيد مونکي ٻڌايو ته منهنجو وات ڦاٽي پيو ۽ ذهن ۾ ٽوڦڻ داس جي ٻڌايل ڪٿا ترڻ لڳي، معني آئون گذريل ڪنهن جنم ۾ زاني هوس يا هڪ اهڙو ظالم شهزادو جيڪو پنهنجي رايا تي ظلم ۽ جبر ڪندو هو.
    ”ڇا هن عورت کي پاڻ ڏٺو؟“ جمشيد کان پڇيم، هن گلاب کان ساڳيو سوال ڪيو ته گلاب هاڪاري ۾ ڪنڌ دوڻيو.
    ”ان جو،“ جمشيد خشڪ چپن تي زبان ڦيرندي چيو: ”چوڻ آهي ته سومرن جي صاحب کي عمر ڪوٽ وٺي اچو.“
    سج اڀري آيو ته اسان ويگن تي چڙهي ٽنڊو الهيار آياسين، هوٽل تي ناشتو ڪري عمر ڪوٽ لاءِ ٽيڪسي ڪرائي، گلاب جوڳي به اسان سان گڏ هو.


    10

    گلاب جوڳي اڳيان ويٺو جڏهن ته اسان ٻئي پٺيان ويٺاسين. ٽيڪسي هلڻ لڳي ته جمشيد مونکي چيو:
    ”سنڌ جي تاريخ ۾ عمر ڪوٽ کي سٺي اهميت مليل آهي.“
    ”هي ڪوٽ گهڻو پراڻو آهي؟“ پڇيم.
    ”تاريخ موجب؛“ جمشيد دريءِ کان ٻاهر ڏسندي چيو: ”هي ڪوٽ 323 ق.م ۾ اڏيو، جڏهن ته مخلن جو عظيم بادشاهه اڪبر به هن ڪوٽ ۾ ڄائو، شايد ان ڪري ئي مذهب ڏانهن سندس مزاج صوفين وارو هو.“ هڪ لمحي جي خاموشي کانپوءِ هن چيو:
    ”سنڌ جا ڪيترا ئي لوڪ داستان جهڙوڪر عمر مارئي، مومل راڻو، سومرن جي صاحبي هن ڪوٽ سان ئي ڳنڊيل آهن، ارغونن ۽ ترخانن کان اڳ سمن جيڪي به سنڌ جا آڳاٽا رهواسي هجڻ سان گڏ سومرن جا سوٽ آهن سومرن کي هن ڪوٽ ۾ شڪست ڏني هئي.“ آئون رڳو هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيندو رهيس. اسان ٿرپارڪر ضلعي جي حد ۾ داخل ٿي وياسين، آس پاس واري جي ڀٽ نظر آيا. جمشيد ڊي او جي آفيس منجهان عمر ڪوٽ گهمڻ جي اجازت وٺي آيو. پر ڪوٽ ۾ اندر وڃڻ کان اڳ اسان دٻن ۾ ورتل کاڌو کائڻ لڳاسين. هي ڳاڙهين سرن سان ٺهيل هڪ وڏو قلعو هو، اسان جئين ئي اندر داخل ٿياسين ته هر طرف جهاڙيون ۽ پيلو سڪل گاهه ڏسڻ ۾ آيو، ائين ٿي ڀائنجو ته ڪوٽ وڏي عرصي کان بند هو، جڏهن ته ڳاڙهين سرن جو ٺهيل پڌر ڪيترن هندن کان اکڙي چڪو هو، ائين لڳو ڄڻ ڪنهن کي به هن ڪوٽ جي پرواهه ڪونه هئي، ڪاٺ جا خوبصورت در ۽ دريون ڀڄي چڪا هئا، هر طرف ڪورڙي جا ڄارا نظر ٿي آيا، جڏهن ته ڪوٽ ۾ جيڪي کوهه هئا سي سڪي چڪا هئا ۽ انهن وٽ سائو گاهه بيٺل هو. گولائي ۾ ٺهيل ڏاڪڻون جيڪي ڪوٽ جي هٺئين حصي کي مٿئين حصي سان ملائڻ لاءِ ڪم اينديون هيون سي به اڪڙجي رهيون هيون، ائين لڳو ڄڻ نه ته پاڪستان جي حڪومت کي نه وري سنڌ حڪومت کي ئي ڪا هن ڪوٽ جي پرواهه هئي. منهنجيون نظرون هن شاهي قلعي ۾ هر طرف ڦرڻ لڳيون ۽ اهو سوچڻ لڳس ته سچ جن به هي ڪوٽ ٺاهيو هوندو اهي پنهنجي دور جا تهذيب آفته ماڻهو هوندا.
    ”سنڌ جا،“ جمشيد ڳالهايو ته کيس ويران نظرن سان ڏٺم، سندس آواز اوپرو اوپرو لڳو: ”اڪثر تاريخي ماڳ مڪان تباهي تي اچي پهتا آهن.“ اهو چئي هو سرن سان ٺهيل ڪوٽ جي پراڻي ڀت ڏانهن ويو ۽ ان کي چميائين. ڪوٽ جي رهائشي حصي ۽ گودام جي وچ مٽي جو هڪ وڏو ميدان هو، اسان اتي آياسين ته گلاب جوڳي گوڏن تي ويهي ڪپڙي جي ڳوٿري منجهان نانگ ڪڍي ان کي ڇڏي ڏنو ته اهو سڪل کوهن ڏانهن هليو ويو ۽ پوءِ ڪاٺ جي در هيٺان رهائش واري حصي جي ڪنهن ڪمري ۾ هليو ويو.
    ”هاڻي ڇا ڪجي؟“ مون تجسس ڀري نگاهن سان گلاب ۽ جمشيد کي ڏسندي پڇيو.
    ”صحيح وقت جو انتظار،“ جمشيد آهه ڀري جواب ڏنو. ڪلاڪ کن تائين اسان ڪوٽ جي مختلف حصن ۾ چڪر هڻندا رهياسين پوءِ هڪ ورانڊو جنهن ۾ ڇڏي جي ڪري ڇائون هي ۾ اچي ويٺاسين. هوا جو جهونڪو آيو ته مٽي جا ذرڙا مونکي لڳا جن جي خوشبو مونکي مدهوش ڪرڻ لڳي.


    11

    شام رات جو ويس پهرڻ لڳي ته اسان پڌر ۾ ليٽي ڪاري ٿيندڙ آسمان ۾ چمڪندڙ تارن کي ڏسڻ لڳاسين 2 تاريخ جو چنڊ نم جي سڪل ڇوڏي جيان وچ آسمان ۾ بيٺل هو، مونکي ائين ٿي لڳو ڄڻ وڏي عرصي کان منهنجو روح واديِ مهراڻ ۾ گهمندو رهيو هجي، هر طرف سڪون ئي سڪون هو تان جو جيت جڻين جو ايندڙ آواز به راحت بخشيو ٿي. اڌ ڪلاڪ اندر ئي گلاب جوڳي ۽ جمشيد کنهگرا هڻڻ لڳا. پر مونکي ننڊ نٿي آئي، ان وقت منهنجي من ۾ رڳو اها خواهش هئي ته جلد کان جلد هي معمو حل ٿي وڃي ته جئين آئون آمريڪا هليو وڃا، عاليا سان ملي سندس ٻانهن ۾ ليٽي نرم جسم سان کيڏندي کيس پنهنجي زندگي جون سڀ کان حيرت انگيز ڳالهيون ٻڌايان، يقينن هي سڀ ڳالهيون هن لاءِ ڏند ڪٿائون ئي هنديون ۽ کيس ٻڌايان ته جنهن سڪون جي ڳولها ۾ هوس اهو مونکي سنڌ ۾ مليو آهي. هي اهڙو سڪون آهي جيڪو مونکي عاليا سان پهريون ڀيرو ملڻ وقت مليو هو، پهريون ڀيرو سندس زلفن سان کيڏندي ۽ سندس جسم کي پهريون ڀيرو محسوس ڪندي مليو هو. اهو سڪون جنهن جي ڳولها ۾ مون شراب ۽ چرس پيئڻ لڳس.
    ڇا هي سڪون سدائين منهنجي حياتي ۾ رهندو؟ مٿي هيٺان ٻانهون ڏيندي سوچيم. مون زندگي ۾ ڪڏهن به ڪونه سوچيو هو ته آئون ڪڏهن سنڌ به ايندس ۽ هاڻي آئون هڪ اهڙي ڪوٽ ۾ هوس جتي تاريخ جي ڪنهن دور ۾ سومرن جي صاحبي هئي ۽ ڪو مون کي انهن شهزادن منجهان سمجهي رهيو هو......!! پر ڪجهه به هجي آئون سڪون ۾ هوس. شايد اها ئي زندگي آهي، حادثن ۽ واقعن جي اهڙي ڳوٿري جيڪي اسان جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندا آهن. مون لاءِ هر شيءِ اڄ تائين غير يقيني رهي آهي، عاليا سان ملڻ، هن سان عشق ڪرڻ، تخليقي ادب پڙهي ۽ ليکڪ ٿيڻ، هاڻي وري عمر ڪوٽ ۾ ليٽي پنهنجي مستقبل بابت سوچڻ..... سڀ اعتبار کان ٻاهر جون ڳالهيون آهن.... ڇا سچ پچ آئون سومرن جو شهزادو آهيان..... دل ۾ سوچيم.
    ”جي ها منهنجا آقا،“ ڪوٽ جي ڪنهن ڪنڊ منجهان عورتاڻو آواز آيو ته هڪ دم ٽپو ڏئي اٿي ويٺس ۽ هيڏي هوڏي ڏٺم. جشميد ۽ گلاب ننڊ جي خمارن ۾ هئا، ان وقت خوف بدران تجسس هو، مونکي ڪڏهن به جنن ۽ ڀوتن تي يقين نه رهيو آهي انڪري اهڙن سڀني خيالن کي نظر انداز ڪري ڇڏيم، پر تنهن هوندي به دل جو ڌڙڪو وڌي ويو. خيال آيم ته پنهنجن ساٿين کي اٿاريان، پر ٻي لحمي ان سوچ جي نفي ڪري ڇڏيم، هو ٻئي بنا ڪنهن خوف جي ستل هئا ڄڻ ڪا ڍال سندن حفاظت ڪندي هجي. انهيءِ سوچ ۾ پاسو ورائي اونداهي ورانڊي ڏانهن نهاريم، اچانڪ منهنجي ڪنن تي عورت جي پيرن ۾ پهريل پازيب جو آواز ڪريو، هن ڀيري به اهڙي آواز کي وهم سمجهي نظرانداز ڪيم.
    ”آقا خوف نه ڪريو....“ وري ڪنهن عورت جو آواز آيو، مون تجسس وچان آس پاس ڏٺو، هن ڀيري به ڪير نظر نه آيو، هڪ ڀيرو ٻيهر پازيب جو آواز آيم، ڄڻ ڪو ورانڊن ۾ ڀڄندو هجي، بنا ڪو آواز ڪئي مٿي اٿيس ته جئين جمشيد وارن جي ننڊ ۾ خلل نه پئي. آواز هوا ۾ غائب ٿي ويو، اوچتو کوهن وٽان ايندڙ جيتن جو آواز ڇرڪ ڀرائي ويو.
    ”آئون چريو ٿي رهيو آهيان....“ پنهنجي آواز جو پڙلو ڪوٽ جي مضبوط ڀتين سان لڳي مون ڏانهن وريو، ڀانيم منهنجي آواز تي جمشيد ۽ گلاب جاڳي پوندا پر هو لاپرواهه ستا رهيا. آئون ورانڊي ڏانهن وڌڻ لڳس ته اُتي روشني ٿي وئي ڄڻ خدا اونداهي ڌرتي کي روشن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هجي، روشني جي تجلي ۾ ڪنهن جي موجودگي جو احساس ٿيم، روشني اکين ۾ چڀڻ لڳي ته اکين تي ساڄي ٻانهن رکي ڇڏيم.
    ”منهنجا آقا مونسان گڏ اچو....“ وري عورت جو آواز آيو: ”اچو ۽ مونکي هن قرض منجهان آزاد ڪريو، آئون صدين کان اوهان جو انتظار ڪيو آهي، رڳو اوهان مونکي مڪتي ڏئي سگهو ٿا.“ هي لفظ ايترا ته چٽا هئا ڄڻ ڳالهائندڙ منهنجي پاسي کان ئي بيٺل هو، ان ڪري مون اکيون کوليون ته پنهنجي سامهون اڇن ڪپڙن ۾ هڪ خوبصورت عورت کي بيٺل ڏٺم سندس ڪارا گهاٽا کليل وار چيلهه تي ٿي ڪريس، ڪارين خوبصورت اکين ۾ چمڪ ۽ گلابي چپن تي مرڪ.
    ”تون ڪير آهين؟“ خوف ۾ ٻه چارقدم پٺيان ويندي پڇيم.
    ”اوهان کي پنهنجي سلطنت ۾ واپس ورڻ تي ڀليڪار هجي آقا،“ هن ڪنڌ جهڪائيندي چيو. آئون هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳس ٻئي هر طرف انڌيرو هو.
    ”آقا اچو مونسان،“ هن وري احترام سان نرم لهجي ۾ چيو ۽ هلڻ لڳي ته وري سندس پازيب جو آواز ٿيو. مون هيٺ ڏٺو کيس چاندي جون پازيبون پهريل هيون، خوف ۾ ڏڪندي آئون سندس پٺيان هلڻ لڳس.
    ”تون ڪير آهين؟“ وري پنهنجو سوال ورجايم.
    ”اي سمورن جا شهزادا؛“ هن بنا مونکي ڏٺي ڏاڪڻن ڏانهن ويندي چيو: ”آئون اوهان جي وفادار ٻانهي آهيان.“ هو هڪ ڪاٺ جي پوراڻي در جنهن تي ڄارو لٽڪي رهيو وٽ بيهي رهي ته در پاڻ مرادو کلي ويو. در کلڻ سان ئي اندر روشني ٿي وئي، اهو هڪ وڏو ڪمرو هو، در کان هٽندي هن ڪنڌ جهڪائي چيو:
    ”آقا اچو.“ آئون هن سان گڏ ئي ڪمري ۾ داخل ٿيس، ڪمرو ڪاٺ جي خوبصورت سامان ۽ ريشمي پردن سان سينگاريل هو، ائين لڳم ڄڻ ڪنهن هن ڪمري جي تازي صفائي ڪئي هجي، وچ ۾ سيج جيان سنگاريل شاهي بستر هو، ڪاٺ جون ڪرسيون ۽ ٽيبل به هڪ ڪنڊ ۾ رکيل، ٻئي پاسي خوبصورت پينگهو ۽ کاٻي پاسي ڀت تي وڏو آئينو لڳل نظر آيم، ان جي بلڪل هيٺان ڪاٺ جي الماڙي رکيل هئي، عورت الماڙي ڏانهن اچي ان جا ٻئي طاق کوليا ۽ نيري رنگ جو ريشم وارو شاهي لباس ڪڍيائين، لباس سنڌو جي پاڻي جيان چمڪيو ٿي جڏهن تي ان منجهان من موهيندڙ خوشبو ٿي آئي، شاهي لباس سيج تي رکي هن هڪ تاج ڪڍيو جنهن مٿان اڇو ڪنڀ ۽ وچ تي نيرو چمڪندڙ هيرو هو.
    ”آقا هي لباس پهريو.“ هن وري ڪنڌ جهڪائيندي چيو.
    ”اول اهو ٻڌاءَ ته تون ڪير آهين؟“
    ”آقا آئون اوهان جي وفادار ٻانهي آهيان،“ هن نرم لهجي ۾ جواب ڏنو ته کيس عجب منجهان ڏٺم.
    ”گستاخي معاف آقا،“ هن پنهنجي ڪلهي تان اڇو ڪپڙو هٽائندي چيو ته حيرت منجهان پڇيم:
    ”هي ڇا پئي ڪرئين؟“
    ”اوهان کي؛“ ڪپڙو هٽائيندي چيائين: ”سومرن جي صاحبي جي خاص مهر ٿي ڏيکاريائين ته جئين اوهان کي مون تي اعتبار اچي.“ مون سندس سنگِمرمر جهڙي اڇي لسي جسم ڏانهن ڏٺو جنهن تي هڪ گول نشان هو.
    ”آقا هي مهر ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آئون اوهان جي وفادار ٻانهي آهيان، سومرا صاحبن وٽ هڪ خاص مهر هوندي آهي جنهن سان هو سندن وفادارن جي سڃاڻپ ڪندا آهن.“
    ”آقا؛“ هن التجا ڪندي چيو: ”هي لباس پهريو ۽ سر تي سومرن جي صاحبي جو تاج سجايو ته جئين آئون اوهان کي خزانو ڏئي سگهان.“
    ”ڪهڙو خزانو؟“ حيرت ڀري نگاهن سان کيس ڏسندي پڇيم.
    ”اوهان جو شاهي خزانو،“ هن نرم لهجي ۾ جواب ڏنو: ”جنهن کي دشمن کان بچائڻ جي ذميواري اسانجي خاندان تي هئي، ۽ سمن سان ويڙهه دوران جنهن جي خفاظت آئون پي ڪريان، بابا سائين مرڻ کان اڳ مونکي هدايت ڏيندي چيو ته هي خزانو آئون سچي سومري شهزادي جي حوالي ڪريان.“
    ”اسان جا سوٽ سما اسانجي خزاني تي ڇو ٿا قبضو ڪرڻ چاهين؟“ مون کانس پڇيو، هن ڀيري هن مونکي حيرت ڀري نظرن سان ڏٺو ۽ هڪ لمحي جي خاموشي کان پوءِ چيائين:
    ”سمن سان اوهان سومرن جي جنگ لاما سومرو، جيڪو اوهان جي پڙ ڏاڏي ڄام وڏل سومرو جي راڄ ۾ هڪ امير واپاري هو جي ننڍڙي غلطي ڪارڻ شروع ٿي،“ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، سندس مک جي تاثر منجهان لڳو ته هو ذهني پيڙاهه منجهان ٿي گذري: ”ڄام وڏل سومرو جي دور ۾ سما ۽ سومرا وڏي شهر ۾ گڏ ئي رهندا هئا، هڪ ٻئي کي داعوتون ڏين جتي شراب سان گڏ مهمانن کي تازو گوشت کارايو ويندو هو. هڪ ڏيهن لاما سومرو دوستن کي داعوت ڏني، سومرن جا امير مرد اچي گڏ ٿيا، نوڪر ڀڳل گوشت ۽ تازو شراب مهمانن لاءِ کڻي ٿي آيا، وچ داعوت ۾ گوشت کٽي پيو، هڪ نوڪر لاما سومرو کي ڪن ۾ اچي ٻڌايو ته گوشت پورو ٿي چڪو آهي، هاڻي هي سومري جي عزت جو سوال هو، کيس پڪ هئي ته جيڪڏهن هن يارن کي گوشت نه کارايو ته سڄي عمر سندس گلا ڪندا. لاما سومري نوڪر کي چيو ته هو لالو سمي جيڪو سندس پاڙيسري هو جي گهر وڃي ۽ هڪ ڍور ڪاهي اچي. نوڪر جڏهن لالو سمي جي گهر آيو ته لالو گهر ۾ ڪونه هو ۽ سندس زال ڍور ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نوڪر سمي جي زال جي انڪار کي پنهنجي مالڪ جي بي عزتي سمجهندي هڪ ڍور زبردستي ڪاهي اچي ڪٺو، لالو جي زال گهڻيون ئي رڙيون ڪيون پر سومري جي نوڪر تي ڪوبه اثر نه ٿيو. جئين ته سمن جا نوڪر رات جي اهڙي پهر ۾ شهرجي نوڪرن واري حصي ۾ سندن گهرن ۾ستل هئا، تنهن ڪري ڪير به عورت جي مدد لاءِ نه آيو. دير رات جو جڏهن لالو سمو گهر وريو ته ڪنڊ ۾ ويٺل زال کي روئندو ڏسي حيراني منجهان پڇيانئس ته ڇا ٿيو آهي؟ زال سڏڪا ڀريندي کيس ٻڌايو ته ڪهڙي نموني ڪجهه ڪلاڪ اڳ سومرن جو نوڪر آيو ۽ گهر جي بي حرمتي ڪري زبردستي ڍور ڪاهي ويو، ان تي لالو سمي کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ سوچ ۾ ويهي رهيو، ته زال روئندي مهڻو ڏنس: اوهان اڃان به هتي ويٺا آهيو، هڪ ڏينهن سومرا اوهان جون عورتون کڻي ويندا ۽ اوهان هن نموني ئي ويٺا رهندا. هن مهڻي لالو سمي جي سيني کي چيري وڌو، سندس غيرت جاڳي پئي ۽ رت ٽڙڪڻ لڳس. لالو جوش ۾ اٿي ڪمري ڏانهن ويو ۽ تلوار کڻي ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي ذات جي وڏڙن کي گڏ ڪيائين. وڏڙن غور سان سندس ڳالهه ٻڌي اهو فيصلو ڪيو ته سومري ناجائيزي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس ان جو عيوضو ڏيڻو پوندو. هو ميڙ وٺي لاما سومرو جي اوطاق تي آيا ته هن غلطي مڃڻ بدارن سمن سان بحث شروع ڪري ڏنو ته سمن سومرن جي گهرن تي حملو ڪيو، ٻنهي ڌرين جا مرد شهيد ٿيا، ڪيترا ئي زخمي به ٿيا. جئين ته ان وقت سمورا صاحب سمن کان وڌيڪ طاقتور هئا. ڄام وڏل سومري سمن کي حڪم ڪيو ته خون خرابي کان بچڻ خاطر سما هي شهر ڇڏي وڃن، شهر ڇڏڻ کان پهرئين سمن اهو وچن ڏنو ته هڪ ڏينهن هو سندن اهڙي بي عزتي جو پلاند ضرور ڪندا.“ هن اکاڻي تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو هو، پر اهو سوچي پاڻ کي آٿت ڏنم ته جيڪڏهن آئون سومرن جو شهزادو ٿي سگهان ٿو ته پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ان عورت منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ته جسم ۾ سسراٽيون پئجي ويون، مون هن کي ڏٺو ته چيائين:
    ”آقا ڀائنجي ٿو ته حملو ٿي چڪو آهي، جلدي تيار ٿي وٺو.“
    ”ڪهڙو حملو؟“ حيراني منجهان پڇيم.
    ”سما پلاند ڪرڻ پيا اچن؛ هي رڙيون ٻڌو ٿا.....“ هن چيو. مون آهه ڀري اکيون بند ڪيون ۽ هٿ هوا ۾ اڀا ڪيم ته هن لباس کڻي مونکي پاريو ۽ پوءِ مٿي تي تاج رکيائين، جنهن کان پوءِ الماڙي منجهان تلوار ڪڍي آئي ۽ مونکي ڏيندي چيائين:
    ”هي وٺو آقا.“ هي ڳالهيون منهنجي سمجهه کان ٻاهر هيون پر بنا ڪجهه چئي هن کان تلوار ورتم.
    ”آقا اچو،“هن در ڏانهن ويندي چيو، اسان جئين ئي ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين ته ڪوٽ روشني سان چمڪي رهيو هو، ائين لڳو ڄڻ آئون صدين جو سفر ڪري ماضي ۾ هليو ويو آهيان، ڪجهه سپاهي برجن ڏانهن ڀڄندي نظر آيم.
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن جي پٺيان هلندي پڇيومانس.
    ”آقا نطار ڌي ڀونگر نجومي جي،“ هن هلندي جواب ڏنو.
    ”توکي ڪئين خبر پئي ته آئون سومرن جو شهزادو آهيان؟“ حيرت منجهان پڇيم.
    ”آقا اوهان جي پاڪ رت جي خوشبو منجهان،“ هن جواب ڏنو.
    ”تو نانگ جو روپ ڪئين اختيار ڪيو؟“ هلندي پڇيم.
    ”آقا،“ نطار جواب ڏنو: ”ننڍپڻ کان ئي مون کي جادو سکاريو ويو هو ۽ نانگ جو روپ ان ڪري ورتم جو شيش نانگ خزاني جو رکوالو هوندو آهي.“ وڏي ميدان وٽ آياسين تي اتي مٽي بدران هڪ عاليشان باغ ڏسڻ ۾ آيو جنهنجي وچ ۾ پاڻي جو تالاءُ، ان ۾ سوني جو ڦوهارو لڳل هو. بدڪون تري رهيون هيون، شاهي لباس ۾ سهڻيون ملوڪ عورتون جهولن ۾ لوڏي رهيون هيون، غلام عورتون کوهن تان پاڻي جا مٽ ڀري رهيون هيون، آئون حيراني منجهان سڄو منظر ڏسي رهيو هوس، ڪجهه سپاهي جن جي هٿن ۾ ڀالا ۽ ڍالون هيون اسان جي پاسي کان لگهندا مٿي هليا ويا، آئون ان تجسس ۾ هوس ته هي منهنجي اکين جو دوکو آهي يا حقيقت....!!! ڪجهه اڳيان وڌياسين تي ليڙون ليڙون ڪپڙن ۾ هڪ انڌو ڪوراڙو شخص ڏسڻ ۾ آيو، هن جو سمورو جسم ڏڪي رهيو هو ۽ لٺ جي ٽيڪ تي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل هو.
    ”هي منهنجو بابا ڀونگر نجومي آهي،“ نطار هن ڏانهن اشارو ڪندي هوريان چيو. اوچتو ڪاٺ جو وڏو مضبوط مک در وڳو، ته ٻن سپاهين دري کولي ٻاهر جهاتي پائي ڏٺو.
    ”مونکي ڪچي گوشت جي ڌپ ٿي اچي ڪو خطرو آهي....“ ڀونگر هوا ۾ وڏا ساهه کڻندي چيو. ٻئي سپاهي در کان ٻاهر ويا ۽ آيل ڏاند گاڏين ۾ ڀالا هنيائون پر گاهه کان سواءِ گاڏين تي ڪجهه نه ملين.
    ”هنن ۾ گوشت ناهي،“ سپاهين ٻاهران کان رڙ ڪري 60 کن ڏاند گاڏين کي اندر ڇڏيو ۽ در بند ڪرڻ لڳا، اڃا در مس بند ٿيو جو اک ڇنڀ ۾ هٿياربند گاهه پري ڪري رڙيون ڪندا ٻاهر نڪتا.
    ”سمن حملو ڪري ڏنو آهي، سما اچي ويا.....“ مٿان کان ڪنهن رڙ ڪئي.
    ”پاڪ شهزادين جي حرمن جي حفاظت ڪريو.... شهزادن جي حڪم تي سر ڏيو....“ وري ڪنهن رڙ ڪئي. سمن ڪجهه دير ۾ 30 کن سپاهين کي ماري وڌو.
    ”نطار شاهي خزاني جي رکوالي ڪر،“ ڀونگر رڙ ڪري ڌيءَ کي چيو.
    ”جي بابا،“ نطار به رڙ ڪري جواب ڏنس، ٻن سمن ڀونگر تي وار ڪري کيس ماري وڌو. نطار منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي ورانڊي ۾ ڀڄڻ لڳي.
    ”سومرن جي سڀني مردن کي ماري پنهنجو بدلو وٺو، سندن مائين کي غلام بڻايو ته جئين کين خبر پئي بي عزتي ڇا ٿيندي آهي.“ سمن رڙ ڪئي، اهو ٻڌي سومرن جي زالن ۾ روڄ راڙو شروع ٿي ويو. سپاهي سندن پهري تي اچي ويا پر سمن جا تير پهريدارن جا سينا چيري ويا. ان تي سومرن جون شهزاديون رڙيون ڪنديون کوهن ڏانهن ڀڳيون ۽ ٽپا ڏيڻ لڳيون. هر طرف سومرن جا سپاهي مرندا رهيا ۽ بادشاهه سمن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. پر نطار منهنجي ٻانهن پڪڙي ڀڄندي رهي، اسان ٻه ورانڊا پار تهه خاني جي ڏاڪڻن ڏانهن وڌي وياسين، تهه خاني ۾ ڪاٺ جي وڏي صندوق پيل هئي جنهن جي هيٺام ڦيٿا لڳل هئا. ناسي صندوق جي هڪ هٿي کي نطار ورتو ۽ ٻي کي مون ورتو، صندوق ڇڪي وري ڏاڪڻن ڏانهن وياسين، رڙيون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيون، مٿي چڙهي اسان ورانڊو پار ڪري ان ڪمري ۾ آياسين جتي مون شاهي لباس پهريو هو، سمن جي اڳواڻ جي نظر اسان ڏانهن وئي ته هن تلوار سان اسان ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪئي: ”پڪڙيو دشمن خزاني سان ڀڄي رهيو آهي.“ آئون ڏڪي ويس نطار در بند ڪرڻ لڳي ته وٿي منجهان سمن جي ڪيترن ئي سپاهين کي ڪمري ڏانهن ايندو ڏٺم. نطار هڪدم در بند ڪري مونکي چيو:
    ”آقا هن دري منجهان نڪري ڪوٽ جي ٻئي پاسي وڃو اُتي اوهان کي ڳجهو رستو ملندو ان منجهان هتان نڪري وڃو.“
    ”۽ تون؟؛ حيرت ڀري انداز ۾ پڇيم.
    ”آقا.....“ هن اڃا جواب ڏيڻ لاءِ چپ مس چوريا جو در کي ڌڪ لڳڻ شروع ٿي ويا.
    ”آقا دير نه ڪريو ۽ هتان نڪري وڃو.“ هن التجا ڪندي چيو، صندوق ۾ هٿ وجهي آئون دري ڏانهن وڌڻ لڳس، در تي ٽهڪاءُ ٿيو ته مڙي ڏٺم.
    ”آقا وقت نه وڃايو...“ نطار التجا ڪئي. مون اڃا پردو پري ڪري تاڪ کولڻ جي ڪئي جو در ڀڄي پيو ۽ اٺ ڏهه سمن جا هٿيار بند اندر داخل ٿيا ته نطار ور منجهان کنجر ڪڍي هن تي وار ڪيو. هن هڪ سمي کي زخمي ڪري وڌي پر اوچتو هڪ سپاهي هن جو پيٽ تلوار سان چيري وڌو.
    ”نطار،“ مون دريءِ کان ٻاهر ٽپو ڏيندي رڙ ڪئي، ائين لڳو ڄڻ ستين آسمان تان ڪري رهيو آهيان، هوا ۾ بلاٽيون کائندو اچي زمين تي ڪريس، هر طرف اوندهه ئي اوندهه هئي، وڏا وڏا ساهه کڻندي اکيون کوليم ته پاڻ کي جمشيد ۽ گلاب کان ڪجهه پرڀرو ليٽل ڄاتم، صندوق منهنجي اکين جو دوکو نه پر حقيقت هئي، هڪ صندوق ڏانهن نهاري زمين تي زور ڏئي مٿي اٿيس ۽ جمشيد وارن ڏانهن اچي کين چيتائي ڏٺم، هو اڃا به ننڊ جي خمارن ۾ هئا.


    12

    سج جا پهريان ڪرڻا منهنجي منهن تي ڪريا ته پاڻمرادو اکيون کلي ويون، جمشيد ۽ گلاب حيرت سان مونکي چتائي ڏسي رهيا هئا.
    ”ڇا ٿيو؟“ اٻاسي ڏئي اکيون مهٽندي پڇيم، سموري جسم ۾ سور جو احساس ٿي رهيو هو.
    ”اهو ته اوهان اسان کي ٻڌائيندا،“ جمشيد نرم لهجي ۾ چيو ۽ اک سان صندوق ڏانهن اشارو ڪيو، گلاب جوڳي صندوق تي آڱريون ڦري ان تي ٺهيل گلن کي چڪاسي رهيو هو.
    ”هي صندوق نطار مونکي ڏني،“ گلاب کي ڏسندي چيم.
    ”۽ اها نطار ڪير آهي؟“ جمشيد پڇيو.
    ”سومرن جي خزاني جي پهريدار، هن نانگ جو روپ وٺي مونکي هتي آندو،“ کيس چيم ۽ سج جي وڌندڙ تپش کان بچڻ لاءِ منهن تي هٿ رکيم.
    ”پر ڇو؟“ جمشيد تجسس منجهان پڇيو.
    ”مڪتي حاصل ڪرڻ لاءِ،“ پٽ تي ليٽندي جواب ڏنم.
    ”۽ نطار هاڻي ڪٿي آهي؟“ جمشيد وري سوال ڪيو، سندس سوال مونکي بيزار ڪرڻ لڳا، دل گهريو ته ڪجهه گهڙيون دنيا جا سڀ آواز بند ٿي وڃن ته آئون آرام ڪري سگهان.
    ”ڪلهه رات هوءَ شهيد ٿي وئي،“ بيزاري منجهان جواب ڏنم.
    ”ڪئين....؟“ هن ويتر تجسس منجهان پڇيو، مون کي لڳو ته هو ائين جان نه ڇڏيندو سو اٿي ويٺس ۽ کيس پورو قصو ٻڌايم ته جيڏي مهل هو ننڊ جي نشن ۾ هئا ته مون پازيبن جو آواز ٻڌو، پوءِ هڪ عورت ظاهر ٿي جيڪا مونکي ڪوٽ جي هڪ ڪمري ۾ وٺي وئي جتي مون شاهي لباس ۽ تاج پاتو، سمن ڪوٽ تي حملو ڪيو سومرن جي شهزادين کوهن ۾ ٽپا ڏنا، نطار منهنجي جان بچائندي سپاهين سان وڙهڻ لڳي ۽ آئون دري منجهان تپو ڏنو. مون ڳالهائڻ بس ڪيو ته جمشيد هڪدم مون ڏانهن سوري آيو ۽ چيائين: ”هٿن جا نهن ڏيکار.“
    ”ڇو؟“ هن کي هٿ ڏيکاريندي حيرت منجهان پڇيم.
    ”ڇو جو؛“ هن هٿ ڏسندي چيو: ”پوراڻي دور ۾ سومرا ٻين ماڻهن کان مختلف ڏسڻ لاءِ هٿن ۽ پيرن جا نهن پاڙان ڪڍرائي جڏيندا هئا، هنن موجب نهن ناپاڪ هوندا آهن، انهن جو پاڪ جسم تي ڪهڙو ڪم.“ اهو ٻڌي منهنجي جسم ۾ سور جو احساس ٿيو، پر منهنجي هٿن جا نهن موجود هئا. ايتري ۾
    گلاب جوڳي ورانڊي ڏانهن ڀڳو اسان کيس حيرت منجهان ڏٺو ۽ اٿي هن جي پٺيان ڀڳاسين، هو انهي ئي ڪمري جي در وٽ بيٺو جنهن ۾ نطار مونکي وٺي آئي، هن جئين در کوليو ته هر طرف مٽي ۽ ڄارا نظر آيا ڄڻ صدين کان ي ڪمرو بند هو، ڪمرو خالي هو، اسان اندر آياسين ته مٽي ناسن ۾ وئي ۽ کنگهڻ لڳاسين، فرش تي وڏو ڪارو نانگ پيل هو ۽ رت جا ڦڙو، گلاب نانگ کي کنيو ته ان جي وچ واري حصي ۾ وڍ ڏسڻ ۾ آيو. گلاب ٻاهر آيو، اسان به ڪمري کان ٻاهر نڪري آياسين، هن کوهن وٽ نانگ کي پوريو ۽ پوءِ مرلي وڄائڻ لڳو.
    اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اسان ٽي صندوق وٽ ويٺا هئاسين.
    ”هن جو ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ جمشيد مونکي ڏسندي پڇيو.
    ”هي صندوق آئون سنڌ حڪومت کي ڏيندس ته جئين ان کي حفاظت سان عجائب گهر ۾ رکي.“ جمشيد خاموش ٿي ويو. 9.00 لڳي جمشيد ٽيڪسي ڪرائي آيو ته صندوق ان ۾ وجهي اسان حيدرآباد ڏانهن روانا ٿياسين.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ اسان ڪراچي ورياسين، جمشيد سندس صحافتي واسطا هلائي منهنجي ملاقات ثقافتي وزير سان ڪرائي، مون اسان ان وزير سان ڏڍ ڪلاڪ جي ملاقات ڪئي ۽ پوءِ عمر ڪوٽ منجهان مليل صندوق ان شرط تي ته سنڌ حڪومت هن تاريخي حفاظت ڪندي ڏئي ڇڏي. ٽن ڏينهن کان پوءِ سومرن جي دور جي ان صندوق کي اينٽڪيوٽي ڊيپارٽمنٽ حوالي ڪيو ويو. هاڻي منهنجي هتي وڌيڪ ترسڻ جو ڪو به جواز ڪونه هو سو من اندر عاليا جي ياد سانڊي آمريڪي وريس.


    13

    ”نه،“ عاليا بستر تان اٿي گائون پائيندي رڙ ڪئي، اٿڻ کان ڪجهه گهڙيون پوءِ مون کيس چيو ته هاڻي آئون رهيل زندگي سنڌ ۾ گذارڻ گهران ٿو. اسان جي ڊگري مڪمل ٿي چڪي آهي عاليا کي انهيءَ ڪاليج ۾ ليڪچراري ملي وئي، جڏهن ته منهنجي ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ان کانسواءِ سين فرانسسڪو ڪرونيڪلس لاءِ هفتوار ڪالم پڻ لکندو آهيان، مون سنڌ جي سير جو سمورو ذڪر ڪالمن ۾ ڪيو، جنهن کان پوءِ تاريخ تي ڪم ڪندڙ هڪ اهم رسالي آفر ڏني آهي ته آئون کين سنڌ جي تاريخ لکي ڏيان، جڏهن ته منهنجو ايجنٽ سنڌ بابت لکيل ناول جي ايڊٽنگ ڪري پيو، ان سڀ هوندي به آئون من اندر کوٽ محسوس ڪندو آهيان ۽ جئين رسالي سنڌ وڃي اتان جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو چيو ته ان تي سنجيدگي سان سوچڻ لڳس، گذريل ٻن هفتن کان ارادو ٿي ڪيم ته عاليا کي سنڌ هلڻ بابت راضي ڪريان ۽ نيٺ اڄ صبح هن کي چئي ڏنم. عاليا ڪچن ڏانهن وئي، هوءَ منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ بلڪل به تيار ڪونه آهي، آئون بنا منهن ڌوئي ئي ڪمري کان نڪري ڊائنگ ٽيبل تي اچي ويٺس ۽ عاليا کي ڏسندي چيم:
    ”عاليا سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
    ”تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر ڪبير،“ هن سندس اڀرندڙ پيٽ تي هٿ ڦيري رڙ ڪندي چيو: ”آئون ماءُ ٿيڻ واري آهيان ۽ تون سنڌ وڃڻ چاهين ٿو.“
    ”پر آئون اڪيلو ته نٿو وڃا عاليا،“ نرم لهجي ۾ هن کي سمجهائندي چيم.
    ”ڇا،“ فرج منجهان انڊا ڪڍندي چيائين: ”ان تي پوءِ نٿا ڳالهئي سگهون؟“
    ”عاليا؛“ کيس ويران نظرن سان ڏسندي چيم: ”منهنجي لاءِ هاڻي شيون ساڳيون نه رهيون آهن من اندر بيچين آهيان.“
    ”۽؛“ هن چمچي سان انڊو ڀڃي پيالي ۾ وجهي اڇي کل ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائيندي پڇيو: ”توکي اهو ڪنهن ٻڌايو آهي ته ان بيچيني جو علاج سنڌ ۾ آهي؟“
    ”ڇو جو سنڌ منهنجو وطن آهي،“ مٿو کهندي چيم.
    ”ڪبير پاڻ اُتي هلي ڇا ڪنداسين؟“ هن انڊي کي چمچي سان گهمائيندي پڇيو، هن ڀيري سندس لهجو ڪجهه ٿڌو محسوس ٿيم.
    ”اهو جيڪو هتي ڪري رهيا آهيون،“ ڪرسيءَ تان اٿي ڪچن ڏانهن ويندي جواب ڏنم.
    ”فڪر نه ڪر سڀ ڪجهه ٽيڪ ٿي ويندو.“ هن انڊو ترندي چيو. مون فرج منجهان ٿڌي پاڻي جي بوتل ڪڍي منهن تي چاڙهي ان وقت عاليا سان وڌيڪ بحث ڪرڻ اجايو هو سو بوتل فرج ۾ رکي ڪمري ۾ آيس ۽ باٿ روم هليو ويس. جيڏي مهل ٻاهر آيس ته عاليا ڪاليج وڃڻ لاءِ تيار هئي. آئون ناشتو ڪرڻ ويٺس ته هن چيو:
    ”ڪاليج کانپوءِ آئون چيڪ اپ لاءِ اسپتال وينديس.“
    ”هون،“ ٽيبل تي ويهي بريڊ سان انڊو کائيندي چيم.
    رات جو عاليا سان گڏ ليٽيل هوس، سندس چمڪندڙ اکين ۾ ڏسندي پڇيومانس:
    ”ڇا توکي منهنجي ٿوري به فڪر آهي؟“
    ”ها ڇو؟“ هن منهنجي اڻڀن بي ترتيب وارن ۾ آڱريون ڦيرندي چيو.
    ”ڇا توکي مونسان پيار آهي؟“ وري پڇيم.
    ”ها ڪبير،“ هن نرم لهجي ۾ جواب ڏنو.
    ”جيڪڏهن،“ ڀريل من سان چيم: ”توکي مونسان پيار ۽ منهنجي پرواهه آهي ته مون سان سنڌ هل.“
    ”تون چريو ته نه ٿي ويو آهين؟“ هن حيرانيءَ منجهان چيو.
    ”مونکي خبر ناهي،“ سندس سيني تي مٿو رکندي سڏڪي ۾ چيم: ”مونکي سنڌ ۾ رهڻو آهي، سنڌ بابت لکڻو آهي.“
    ”ڪيبر.....!!“ هن آهه ڀريندي چيو ته سندس نرم گلابي چپن تي اشد آڱر رکندي چيم: ”ڪجهه عرصي کان آئون عجيب خواب ڏسندو پيو اچان،“ عاليا حيراني منجهان مونکي ڏٺو ته چيم: ”پاڻ کي هڪ جهنگ ۾ ڀٽڪندو ڏسندو آهيان جنهن کانپوءِ منهنجي ملاقات هڪ بزرگ سان ٿيندي آهي، هو پُٺي ڏيو هلندو ويندو آهي ۽ آئون هن جي پٺيان پٺيان پيو هلندو آهيان، هو هڪ گهاٽي وڻ هيٺان اچي وهندو آهي، آئون به اچي سندس پيرن ۾ وهندو آهيان عاليا هو منهن مٿي ڪري مونکي ڏسندو آهي سندس منهن تي گهاٽي ڏاڙهي ۽ اکيون اهڙيون ڳاڙهيون ڄڻ رت وهندي هجئين، هن کي ڏسڻ سان مونکي خوف جو احساس ٿيندو آهي، نيٺ هو ڳالهائيندو آهي ۽ چوندو آهي:
    حيف تنهين تي هو، وطن جنهي وساريو.......“ مون وري سڏڪو ڀريو ۽ چيم: ”عاليا سنڌي منهنجي قوم آهي ۽ سنڌ منهنجو سڀ ڪجهه آهي.“ ڪجهه گهڙين لاءِ اسان جي وچ ۾ خاموشي اچي وئي، جنهن کان پوءِ عاليا پڇيو:
    ”ڇا تو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي؟“
    ”ها،“ کيس هڪ لفظ ۾ جواب ڏنم.
    ”ٺيڪ آهي،“ هن منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيرندي چيو: ”مونکي سوچڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏئي.“
    ”ٺيڪ آهي،“ کيس پيشاني تي چمي ڏيندي چيم ۽ پوءِ هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪياسين.
    هڪ هفتي کان پوءِ عاليا مونسان سنڌ اچڻ تي راضي ٿي وئي، آئون تمام گهڻو خوش هوس جو هن هر ڀيري جيان هن ڀيري به منهنجو ساٿ ڏنو. سنڌ بابت منهنجي ناول تي نيو يارڪ ٽائيمز بيسٽ سيلر ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ڪاليج وارن اعزازي ليڪچرار ٿيڻ جو چيو، پر سندن آڇ کي رڌ ڪري آئون سنڌ ڏانهن اچي رهيو آهيان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1260081
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386758
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ