ڪتاب جو نالو: ڌرتي ماءُ
مصنف: زيب سنڌي
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 28 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 785 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 516 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب روسي رياست ڪرغيستان سان تعلق رکندڙ ليکڪ چنگيز اعتماتوف جي ناول جو سنڌي ترجمو آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.
چنگيز اعتماتوف جو هي ناول جنگ جي موضوع تي لکيل دنيا جي اهم ترين ناولن مان هڪ آهي ، جنهن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جو هر فرد قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هي نه فقط جنگ جي ڪهاڻي آهي ، پر ماءُ جي مامتا ، زال جي محبت ، ابهم ٻارڙن جي بُکَ ، مقصد خاطر لڳاتار جدوجهد ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان لازوال عشق جي ڪهاڻي به آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • زيب سنڌي: هڪ منفرد مترجم
  • چنگيز اعتماتوف ۽ ڌرتي ماءُ
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • زيب سنڌي جا ڪجهه ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    Roshni Book No. 689

    ڪتاب جو نالو: ڌرتي ماءُ (ناول)
    ليکڪ: چنگيز اعتماتوف
    سنڌيڪار: زيب سنڌي
    ڇاپو ٻيو: روشني 2015ع
    ڪمپوزنگ: رفيق حسين ڪولاچي
    روشني ڪپوزرس، حيدرآباد.
    ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
    ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ
    قيمت: -/130 رپيا



    DHARTI MAA’O
    (novel)
    by: Chingiz Aitmatov
    Sindhi translation by: Zaib Sindhi
    Composed by: Rafique Hussain Kolachi
    Roshni Composers & Printers Hyder Chowk, Hyderabad
    Printed: Fine Communication, Hyderabad, Sindh.
    Published by: Roshni Publication, Kandiaro
    Second Edition Roshni 2015

    اسٽاڪسٽ

    شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد.
    ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بوڪ هائوس، پريس ڪلب، حيدرآباد
    ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي. لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ عبدالله بُڪ سينٽر، لاڙڪاڻو
    مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو + نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
    اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سڪرنڊ
    مهراڻ بُڪ ڊيپو، کپرو +العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ، ٿر ڪتاب گهر، مٺي + اڪرم بوڪ اسٽال، ميرپورخاص
    سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو + مدني اسلامي ڪتب خانو، دادو
    مراد بڪ اسٽال، سيوهڻ + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ، مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر + الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر
    تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
    لغاري بڪ ڊيپو، ٺري ميرواهه + مڪتبه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
    قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ ڪنڊيارو + سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊِيارو

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    انتساب

    ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي نالي
    جنهن ننڍپڻ ۾ پيار به ڏنو ته پڙهڻ
    لاءِ ڪتاب به ڏنا.


    زيب سنڌي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڌرتي ماءُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب روسي رياست ڪرغيستان سان تعلق رکندڙ ليکڪ چنگيز اعتماتوف جي ناول جو سنڌي ترجمو آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي آهي.

    چنگيز اعتماتوف جو شمار دنيا جي انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي سڃاڻپ جو حوالو بڻيا آهن. روس جي رياست ڪرغيستان جو هي ليکڪ 12 ڊسمبر 1928ع تي پيدا ٿيو.
    چنگيز اعتماتوف جو هي ناول جنگ جي موضوع تي لکيل دنيا جي اهم ترين ناولن مان هڪ آهي ، جنهن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جو هر فرد قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هي نه فقط جنگ جي ڪهاڻي آهي ، پر ماءُ جي مامتا ، زال جي محبت ، ابهم ٻارڙن جي بُکَ ، مقصد خاطر لڳاتار جدوجهد ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان لازوال عشق جي ڪهاڻي به آهي.

    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين زيب سنڌي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    زيب سنڌي: هڪ منفرد مترجم

    افسانوي اَدب، لوڪ ڪهاڻين، داستانن، ناولن کان مختصر ڪهاڻي تائين، تخليقي عمل جو نتيجو آهي، جڏهن ته ترجمو فن آهي. هن فن کي سکڻ لاءِ ليکڪ کي هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪرڻي پوي ٿي. اها ٻولي، جنهن جي لکڻيءَ کي ترجمو ڪرڻو آهي ۽ اها ٻولي جنهن ۾ ان کي پيش ڪرڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تخليقڪار لاءِ روايتي تعليم ثانوي حيثيت رکي ٿي، ليڪن مترجم لاءِ تعليم يافته هجڻ هڪ اهم ترين ضرورت آهي. تنهن ڪري مترجم تي ٻه فرض عايد ٿين ٿا، هڪ ته جنهن به لکڻيءَ کي هو ترجمو ڪري ٿو، ان جي معنيٰ ۽ مفهوم کان هو واقف هجي، ان جي پس منظر، ثقافتي ۽ سماجي نڪته نظر کي سمجهندو هجي ۽ ان ٻوليءَ جي الفاظ، محاورن ۽ تشبيهن ۽ استعارن کان واقف هجي ۽ ان دور، جنهن ۾ اها لکڻي وجود ۾ آئي، تنهن جي تاريخي ۽ سماجي ضروريات کان واقف هجي ته ٻئي طرف جنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪندو هجي، تنهن ۾ پهرين ٻوليءَ جي محاورن، تشبيهن استعارن وغيره جا نعم البدل الفاظ به کيس معلوم هجن ۽ ٻنهي ٻولين جي گرامر جي ضروريات کان به واقف هجي. ورنه هو ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ يا ”مون سان بغداد ٿي ويو“ جهڙن جملن جا ترجما شايد ئي ڪري سگهي.
    عام طور لفظي ترجما ڪن ڪن هنڌ اڻ ٽر ٿيو پون، خاص ڪري مذهبي ڪتابن جا ترجما، هوبهو ان ٻولي جي گرامر جي لحاظ کان ڪيا ويندا هئا (هاڻ انهن ۾ به تبديلي اچي چڪي آهي) ورنه علماءَ ۽ مذهبي پيشوا ان کي غلط سمجهندا هئا، مذهبي ڪُتب جي بي حرمتي ڄاڻندا هئا. هي ترجما ڪيترو وقت هلندا رهيا، ليڪن پوءِ ڪن ترجما نگارن همت ڪئي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي ضروريات کي آڏو رکي ترجما ڪرڻ شروع ڪيائون. بلڪ ان کي وڌيڪ آسان بنائڻ لاءِ، لکڻين کي ماخوذ به ڪرڻ لڳا، جنهن جو مثال مرزا قليچ بيگ جي ڪيل شيڪسپيئر جي ترجمن مان ملي ٿو، جنهن ڊرامن جي ڪردارن جا نالا بلڪ ڊرامن جا نالا ئي سنڌيءَ ۾ ڏنا. مثلاً شمشاد مرجانه، شهزادو بهرام وغيره. ٻئي طرف پوڪرداس جي ڇپايل شيڪسپيئر جي ڊرامن توڙي فرينچ اديبن جي ڊرامن ۽ ناولن جا ڪردار توهان کي ’ڀڳوان جو سوڳنڌ‘ کائيندي ملندا. جڏهن ته نالا هنن انگريزن وارا ئي برقرار رکيا. ليڪن ڪي ترجمه نگار جن جو پنهنجي ٻولي ۽ ترجمي ٿيندڙ لکڻيءَ جي ٻوليءَ تي هڪجيترو ئي عبور هئو، تن انگريزي ترجمن کي اهڙو سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي جو لڳي ٿو ته اهي ناول ۽ افسانا لکيا ئي سنڌيءَ ۾ ويا آهن. ”سون ورنيون دليون“ (Hearts of Soul) ”طلسم“ (Talisman) ”مصيبت مارايا سدائين سنواريا“ ۽ ٻيا ڪئين ناول ان جو بهترين مثال آهن.
    سنڌي جديد ادب جو شروعاتي دور (20 صديءَ جي شروعات) ترجمن جو سونهري دور هو، جنهن ۾ بيڪن جا مضمون، شرلاڪ هومز جون ڪهاڻيون، شيڪسپيئر جا ڊراما، وڪٽر هيوگو، جين آسٽن، گورڪي جي ناولن ۽ ٻين ڪئين بين الاقوامي شاهڪارن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ويا، جن ۾ سنڌ جا مسلمان ۽ هندو ليکڪ ۽ مترجم گڏوگڏ شامل هئا. هنن ۾ ٻين اديبن سان گڏ امر لعل هنگوراڻيءَ جا ترجمو ڪيل ٻه افسانا Twice totd tale ۽ Moon light ٻڌائڻ اهم ٿو ڄاڻان جو پڙهندي بلڪل اصلوڪا معلوم ٿين ٿا. جيئن درياڻي جو ترجمو ڪيل ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ هو، ۽ شاهاڻي جو بلو کوکر جيڪو Mayor of the caster bridge جو ترجمو آهي. امر لعل جي افساني مان هڪ، نيٿنل هاٿورن جو افسانو Twice totd tale،
    ”آب حيات“ جي سري سان ته ٻيو موپاسان جو Moon light، هيءَ به ”رانجهوءَ سندي رمز“ هئو، جيڪي ٻيو دفعو طارق اشرف سهڻي رسالي ۾ شايع ڪيا هئا. ان کان اڳ موپاسان جو افسانو The neakles
    ”هار“ جي نالي سان ڪيترن ليکڪن ترجمو ڪيو هو جن ۾ ممتاز مرزا به شامل هو. اهڙيءَ طرح ترجمن ۽ ماخوذ ڪيل ناولن ۾ پاڪستان ٺهڻ تائين تمام گهڻي ترقي ٿي، ليڪن 1947ع کان پوءِ جي اٿل پٿل واري دور ۾ سنڌ جو وڏو پڙهيل ڳڙهيل طبقو سنڌ مان لڏي وڃي هند واسي ٿيو ۽ سنڌي ادب خاص طور ترجمي کي ڏاڍو ڌڪ رسيو. تڏهن به مٿي ذڪر ڪيل ليکڪ جن ۾ فضل احمد بچاڻي جو ترجمو ڪيل ناول ”عاشي“ (she) شامل آهي. جڏهن ته انگريزن جي دور ۾ برصغير ۾ منظم طور، سرڪاري سطح تي ترجمه نگاريءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي، جنهن جو مثال ڪلڪتي واري فورٽ وليم ڪاليج آهي، جنهن ۾ عربي فارسي، هندي، انگريزي، فرانسيسي ۽ روسي ادب کي اردوءَ ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ وڏو ڄاڻو عملو مقرر ڪيل هئو ۽ سنڌ ۾ به اوائلي ڪتاب جهڙوڪ راسيلاس، سون ورنيون دليون يا سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل چچ نامو وغيره کي به سرڪاري سرپرستي حاصل هئي ۽ ادبي ڪارناما سرانجام ڏيڻ تي ليکڪن کي پئسو ۽ لقب القاب به ڏنا ويندا هئا. حقيقت ۾ هي دور ان دور جي جهلڪ هئو، جڏهن بغداد جي عباسي خليفن دارالترجمه قائم ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي دنيا جي عظيم ڪتابن سان مالا مال ڪيو هو ۽ عربي ۽ فارسي جا ڪتاب يورپ ۽ ٻين کنڊن تائين وڃي پهتا هئا. عباسي دارالترجمه جو مثال هن وقت به اسان جي آڏو آهي.
    ترجمي ۽ ادب ۾ اهميت جو اندازو هر ڪو لڳائي سگهي ٿو، ان ڪري جو وقت بدلجڻ کان پوءِ به ان ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي آهي. گذريل پنجاهه سٺ سالن تي نگاهه وجهبي ته اسان کي ڪيترائي اديب نظر ايندا جن ٿورو ڪي گهڻو، پوءِ ادب جي چاهه ۾ يا ڪنهن نظرياتي نڪته نظر کان انگريزي توڙي فارسي، عربي ۽ اردو ادب مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئين ڪتاب ترجمو ڪيا آهن. خاص طور جديد افساني ۽ ناولن جا ترجما گهڻا ملن ٿا. هن ڏس ۾ علمي ترجمه نگارن ۾ محمد ابراهيم جويو، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، نياز همايوني، سومار علي سومرو، شيخ اياز، حنيف صديقي ۽ ٻيا ڪئين محقق ۽ عالم سرفهرست آهن ته ٻئي طرف ناولن ۽ افسانن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، رشيد ڀٽي، مراد علي مرزا، نجم عباسي، رسول بخش پليجو، راقم الحروف (قاضي خادم)، غلام نبي مغل، نذير شيخ، ولي رام ولڀ ۽ زيب سنڌيءَ جا نالا اچن ٿا، حالانڪ اڃا به وڌيڪ نالا آهن، جن مان ڪنهن جولس فيوچڪ جي ڊائري ته ڪنهن وري اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ’اور چراغ جلتا رها‘ جهڙن ڪتابن کي سنڌي ويس ڍڪرايو، جنهن ڪري سنڌي ادب بين الاقوامي فڪر سان به مالا مال ٿي ويو.
    هي ڪتاب ڌرتي ماءُ، زيب سنڌيءَ جو ترجمو ڪيل آهي. چنيگز اعتماتوف جو هي انقلابي ڪتاب ڪنهن به ريت پرل ايس بڪ جي ناول The Good Earth يا اروسڪن ڪالڊ ويل جي ناول This earth is mine کان گهٽ نه آهي، حالانڪ انهن کان پيجز ۾ تمام گهڻو ننڍو آهي. انقلابن جي دنيا جدوجهد جي دنيا ۽ ڏتڙيل غريب ۽ معاشري ۾ گهٽ پئسي يا بنهه غربت ۾ رهندڙ اربين انسانن جي زندگيءَ ۾ هر دم هر گهڙي جدوجهد جوئي احوال ملندو. ڀلي افريقي شيدين جا قصا هجن، جن کي زوريءَ غلام ڪري زنجيرن ۾ ٻڌي امريڪا جي بنيادن کي هنن جي رت ۽ هڏن تي قائم ڪيو ويو، جنهن جي نمائندگي جان اسٽين بيڪ جو ناول Grapes of wrath ۾ انڪل ٽامس ڪئبن ۽ How grean was my vellay جهڙا ڪئين عظيم ناول ملندا ته ٻئي طرف چين جي عظيم لانگ مارچ ۽ روس جي مزاحمتي ادب جا به اڻ ڳڻت ناول آهن، جن مان ڪي ته ترجمو ٿي انگريزي ٻولي ۽ اتان اردو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا پر اڃا به هڪ وڏو تعداد انساني جدوجهد ۽ ڏتڙيلن جي نوحن جو آهي، جيڪو پنهنجي ٻولين جي سرحدن ۾ ئي بند آهي. هي ننڍڙو ناول ’ڌرتي ماءُ‘، انهن مان هڪ لڳي ٿو، جنهن کي چونڊي زيب سنڌي پنهنجي ادبي پسند، انسان دوستي ۽ سچائيءَ سان پيار جو ثبوت ڏنو آهي.
    هن ڪتاب جو ترجمو تُز سنڌيءَ ۾ نهايت روانيءَ سان ڪيل آهي، جيڪا هڪ اعليٰ ترجمه نگاريءَ جو مثال هئڻ گهرجي. ڪٿي ڪٿي ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ هي ناول زيب جو ئي لکيل آهي، جو بعد ۾ هن جي نثري لکڻين، ناولن جي ٻوليءَ جو انداز به گهڻو تڻو اهڙو ئي آهي.
    ناول جو شروعاتي پئراگراف ئي ترجمي جي خوبصورتي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
    ”ڏاڍو اڻ لَکي انداز سان مون کي ياد ٿو پوي ته، جڏهن مان ننڍڙي هيس ته لاباري جي وقت مون کي ٻار جي پاڇي ۾ وهاريو ويندو هو ۽ ڀرسان مانيءَ جو هڪ ٽڪر رکي ڇڏيو ويندو هو“
    هن پئراگراف کي ڏسي ۽ ان کانپوءِ وارن حصن جي حسن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. هن ڪتاب جي ترجمي مان ڪي ٽڪرا ڏجن ٿا جيڪي ترجمي جي خوبين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
    ”جيتوڻيڪ مون وٽ ريشمي ڪپڙا نه هئا، پر وڏي ٿي مان ڏاڍي منهن مهانڊي واري ٿي پيس، مون کي پنهنجو پاڇو به ڏاڍو چڱو لڳندو هو.“
    ”پوءِ هڪ چانڊوڪي رات آئي، اهڙي سهائي رات وري شايد ڪڏهن به دنيا ۾ نه اچي.“
    ”انهيءَ سال قهر جي گرمي ٿي، اسان جي ساٿين مان ڪونه ڪو روز جنگ تي ويندو هو ۽ اسان جو ڪم وڌي ويندو هو. تکي اُس ۾ ڪم- رات جو لڪ لڳندي ڪم، لڳاتار ڪم.“
    ”انهيءَ ڏينهن کان مون سندرو کڻي ٻڌو ۽ ٽيم ليڊر جا فرض سنڀالي ورتم. اهو ڪم اڄ به سؤلو ناهي، پر ويڙهه جي ڏينهن ۾ اڃان اوکو هو.“
    ”اسان جي زندگيءَ جو ڍنگ بدلجي ويو، اسان کي بکيو رهڻ جي عادت پئجي وئي پر اسان ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو گڏيل فارم هلائيندا رهياسين.“
    ”اڄ به اها ريل ڪڙڪا ڪندي منهنجي دماغ مان لنگهندي آهي ۽ ڦيٿن جي کڙکڙ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي آهي.“
    ”هر ڳالهه جي هڪ محل هوندي آهي، ڪابه ڳالهه جيڪڏهن وقت سر چئي ٿي وڃي ته ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي. مهل کان پوءِ ان جو اثر ختم ٿي ويندو آهي، پر دل تي اڻ چيل لفظن جو ڳرو بار رهجي ويندو آهي.“
    ”پنهنجي پاڙيسرڻ عائشه سان مون جيڪو سلوڪ ڪيو، اهو تاحيات نه وسرندو. عائشه جو مڙس جيڪو جنگ کان اڳ رضا ڪري چڪو هو ۽ هاڻي پنهنجي پٽ بيڪتاش کانسواءِ سندس ڪوبه نه هو.“
    ”مون کي بهار جي اُها مند سدائين ياد رهندي جڏهن اسان جي سوڀ ٿي ۽ جڏهن سڄي ڳوٺ مورچي تان موٽندڙن جي آجيان ڪئي.“
    ”اڄ جڏهن مان انهيءَ وقت بابت سوچيان ٿي، ته مون کي احساس ٿو ٿئي، ته جيڪڏهن سڄي دنيا جا ماڻهو پنهنجين نيڪ خواهشن ۾ انهيءَ نموني متحد ٿي وڃن، جيئن ان وقت اسان پنهنجي ڀائرن، ڀينرن ۽ مڙسن لاءِ گڏجي دعا گهري رهيا هئاسين، ته دنيا ۾ وري ڪڏهن جنگ جو ڀنڀٽ نه ٻري.
    ٻار ڄمڻ جي موقعي تي چيل لفظن جو ترجمو، ”الله وڌائيس، وڏي ڄمار ماڻي. پٽ تنهنجا به لک لائق، تو مون کي اها چڱي خبر ٻڌائي.“
    هي چند مثال ئي هن ڪتاب جي ترجمي جي خوبي ۽ ٻوليءَ جي تُز استعمال جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن.
    زيب سنڌيءَ جي هڪ سٺي مترجم هجڻ جو وڏو ثبوت سندس ڪتابن جي چونڊ به آهي. هن پنهنجي هڪ مخصوص پسند قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ انقلابي ۽ فڪري لکڻين کي هن سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ جو سوچيو آهي. ليليٰ خالد ۽ خليل جبران جا ترجما سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيگور ۽ شرت چندر جي بنگالي لکڻين کان گهٽ ناهن، جن جديد سنڌي ادب تي تمام وڏو اثر وڌو هو. مون کي پنهنجو ئي تجربو آهي، جو آءٌ فڪشن يعني ناول ۽ افساني کي گهڻو پسند ڪندو آهيان. ڪئين ڏهاڪا اڳ سنڌ جي نهايت وڏي نقاد ۽ دانشور رسول بخش پليجي جن مون کي هڪ ويتنامي ناول A narrow strip of land ۽ ڊاڪٽر نجم عباسي کي Red lentren ترجمي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اهي ڪتاب به پاڻ اسان کي ڏنائين، جيڪي ان وقت چيني انقلاب ۽ ويٽنام ۾ امريڪي ڏاڍاين جو مقابلو ڪندڙن جي باري ۾ هئا ۽ ڏاڍا مقبول هئا. خود مون کي به اهي ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو ايندو هو، ليڪن ان وقت مون ان ڪتاب جي بدران دوستووسڪي جو ناول The gambler (جواري) ترجمو ڪرڻ پسند ڪيو ۽ ان کان اڳ البرڪامئو جو ناول The fall (زوال) پيري لوئيءَ جو Aefrodite (سونهن جي ديوي) جميز هلٽن جو ناول Good by to mr. chips (مسٽر چپس کي سلام) ۽ سارتر جو طويل ناوليٽ Intimacy (پيار) ترجمو ڪيا. اهڙيءَ طرح مراد علي مرزا پنهنجي سوچ جي معيار تي لهندڙ ناول ترجمو ڪيا ته ولي رام پنهنجي پسند جا اردو، هندي ۽ انگريزي ڪتاب ترجمو ڪيا. هن دور جي ترجمن ۾ ٽيگور، ڪرشن چندر، قرة العين حيدر، سارتر ۽ ڪامئو جا ڪتاب شامل آهن.
    هيءَ هڪ ليکڪ/ترجمه نگار جي خاص خوبي آهي ته هو ڪنهن صنف سان خاص سڃاتو وڃي ۽ زيب سنڌي هڪ مترجم جي حيثيت سان پنهنجي وطن پرستي ۽ رومانوي پسند جو اظهار جيئن ڪتابن جي چونڊ ۾ ڪيو آهي، اها سندس خاص خوبي آهي.

    قاضي خادم
    2014-9-3


    چنگيز اعتماتوف ۽ ڌرتي ماءُ

    ڌرتي ۽ ٻولي ڪنهن به انسان جي قومي سڃاڻپ جا اهم ترين حوالا آهن ، پر ڪڏهن ڪي فرد پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي سڃاڻپ جو درجو حاصل ڪري وٺندا آهن . اهڙو حوالو تمام گهٽ ماڻهو ئي بڻجي سگهندا آهن . چنگيز اعتماتوف جو شمار دنيا جي انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو ، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي سڃاڻپ جو حوالو بڻيا آهن. روس جي رياست ڪرغيستان جو هي ليکڪ 12 ڊسمبر 1928ع تي پيدا ٿيو. سندس والد توريڪل اعتماتوف ڪرغيز ۽ سندس ماءُ نجما اعتماتوف تاتار هئي . جانورن ، خاص طور تي گهوڙن جي ڊاڪٽر جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪندڙ چنگيز اعتماتوف چوويهن سالن جي عمر ۾ 1952ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي . لکڻ پڙهڻ سان دلچسپيءَ سبب هن وٽنري ڊاڪٽر جي نوڪري ڇڏي صحافت جي شعبي ۾ پير پاتو ۽ 1958ع کان 1966ع تائين روس جي مشهور آخبار ”پراودا“ ۾ ڪم ڪيائين ، پر اڳتي هلي ادب ئي سندس سڃاڻپ جو حوالو بڻيو. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ هن اُهو درجو حاصل ڪيو ، جو دنيا ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي سڃاڻپ جو حوالو بڻجي ويو. هن هڪ وڏي ڪهاڻيڪار توڙي ناول نگار جي حيثيت سان پاڻ مڃايو ۽ سندس تحريرون دنيا جي پنجاهه مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي مڃتا ماڻي چڪيون آهن . سندس هي ناول هن جي بيحد اهم لکڻين مان هڪ آهي . جڏهن ته ”پهاڙن ۽ ميدانن جون ڪهاڻيون“ ، ”جميلا“ ۽ ”پهريون استاد“ سندس ٻيا اهم ڪتاب آهن . هن ادب جو لينن پرائيز ۽ ٻيا ڪيئي قومي توڙي بين الاقومي ايوارڊ حاصل ڪيا. هو ڪرغيستان اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. گـُڙدن جي خرابيءَ سبب 16 مئي 2008ع تي چنگيز اعتماتوف کي جرمنيءَ جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ، جتي هو 10 جون 2008ع تي 79 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو ۽ کيس روس جي رياست ڪرغيستان ۾ دفن ڪيو ويو.
    چنگيز اعتماتوف جي هن ناول جي اهميت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته هن ناول جو اردو ترجمو ، اردوءَ جي عظيم تخليقي ليکڪا قرت العين حيدر ڪيو آهي .
    1983ع جي هڪ رات سمهڻ کان پهرين مون پاڻ وٽ موجود عينيءَ جي ڪتابن مان هڪ نه پڙهيل ڪتاب کنيو ، پر جڏهن اهو کوليم ته خبر پئي ته اهو ڪتاب عينيءَ جو لکيل نه ، پر سندس ترجمو ڪيل آهي . اردو پبلشر مالي فائدي خاطر ڪتاب جي ٽائيٽل تي فقط قرت العين حيدر جو نالو ڏئي ڇڏيو هو ! مان چنگيز اعتماتوف جي نالي کان ته واقف هئس ، جو سندس ڪجهه ڪهاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ ”جميلا“ (جنهن جو نور گهلوءَ سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو.) اڳي ئي پڙهي چڪو هئس ، پر ان رات مون عينيءَ کي پڙهڻ پئي چاهيو ، تنهن ڪري مون اهو ڪتاب بند ڪري واپس رکي ڇڏيو. ڪو ٻيو ڪتاب پڙهڻ کان پهرين سوچيم ته آخر انهيءَ ڪتاب ۾ ڪا ته اهڙي ڳالهه هوندي ، جنهن ڪري عينيءَ جهڙي عظيم تخليقي ليکڪا انهيءَ ڪتاب کي ترجمو ڪيو آهي ! اهو سوچي مون وري ساڳيو ڪتاب کنيو. منهنجو خيال هو ته مان ڪتاب جا ڏهه ٻارهن صفحا پڙهندس ۽ جڏهن ننڊ منهنجي اکين جي پنبڻين تي اچي ويهندي ته مان ڪتاب کي به بند ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجين اکين کي به ، پر ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪيم ته ننڊ منهنجين اکين تي لهڻ کان اڳ ۾ ئي ڪنهن ٻئي پاسي اُڏامي وئي ۽ مان سڌو ٿي ويهي رهيس . انهيءَ رات مون ننڊ نه ڪئي پر اها رات مون جاڳي سجائي ڪئي ، جو هي سڄو ناول پڙهي پورو ڪيم. اها رات وڌيڪ سجائي انڪري به ٿي وئي ، جو ان رات ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ کان پهرين ئي فيصلو ڪري چڪو هئس ته سنڌيءَ ۾ هن ناول جو ترجمو مان ڪندس . ٻئي ڏينهن تي ئي مون هن ناول جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. ”ڌرتي ماءُ“ جو اهو پهريون ايڊيشن سڳنڌ پبليڪيشنس لاڙڪاڻي پاران جنوري 1984ع ۾ ، حيدرآباد مان طارق اشرف جي سهڻي پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو .
    مون پنهنجي ناول ”سيتا زينب“ جي مهاڳ ۾1911ع ۾ لکيو هو، ”اڻيتاليهه سال اڳ ، ٻاراڻي ادب جي اڌ صفحي جيتري ڪهاڻي لکڻ کان وٺي ، ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ ڪيتريون طويل ڪهاڻيون لکڻ جي باوجود به اندر ۾ ڪا اُڃَ ، ڪا تشنگي باقي رهجي ويندي هئي ۽ دل چاهيندي هئي ته عشق ۾ اڃا اونهو لهان ، ڪهاڻيءَ کي وڏي ڪينواس تي پينٽ ڪيان ، ناول لکان ...“ سچ ته اندر ۾ اهڙي خواهش ”ڌرتي ماءُ“ پڙهڻ سان پيدا ٿي هئي ، تنهن ڪري ئي ته ”ڌرتي ماءُ“ جي پهرين ڇاپي ۾ مون لکيو هو ته ، ”جيسين مان پاڻ ڪا اهڙي تحرير لکي سگهان ، تيسين اهڙين ئي تخليقن کي ترجمو ڪري رهيو آهيان . هي ناول اهڙي ئي تخليق آهي ، جنهن جي سَڌَ منهنجي اندر جي قلمڪار ڪئي آهي .“ تنهن ڪري هن ترجمي جي ٻيهر ڇپجڻ سان مون کي اهڙي خوشيءَ جو احساس ٿي رهيو آهي ، ڄڻ هي ناول منهنجو ترجمو ڪيل نه ، پر منهنجو پنهنجو ئي لکيل ڪتاب هجي .
    چنگيز اعتماتوف جو هي ناول جنگ جي موضوع تي لکيل دنيا جي اهم ترين ناولن مان هڪ آهي ، جنهن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جو هر فرد قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هي نه فقط جنگ جي ڪهاڻي آهي ، پر ماءُ جي مامتا ، زال جي محبت ، ابهم ٻارڙن جي بُکَ ، مقصد خاطر لڳاتار جدوجهد ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان لازوال عشق جي ڪهاڻي به آهي ، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته ٽيهه سال اڳ جيان اڄ جا سنڌي نوجوان به هن ناول کي پسند ڪندا.

    زيب سنڌي
    zaibsindhi@hotmail.com
    حيدرآباد
    14 سيپٽيمبر 2014ع


    1

    ڏاڍو اڻ لَکي انداز سان مون کي ياد ٿو پوي ته، جڏهن مان ننڍڙي هيس ته لاباري جي وقت مون کي ٻار جي پاڇي ۾ وهاريو ويندو هو ۽ ڀرسان مانيءَ جو هڪ ٽڪر رکي ڇڏيو ويندو هو ، جيئن بک لڳڻ ڪري مان روئڻ نه شروع ڪري ڇڏيان. جڏهن مان ڪجهه سياڻي ٿيس تڏهن فصل جي نظر داري لاءِ اڪيلي ئي اتي وڃڻ لڳيس . بهار جي ڏينهن ۾ گهوڙن ۽ رڍن جا وڏا وڏا ڌڻ هتان لنگهي جابلو علائقي ڏانهن ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مان هوا ۾ اڏندڙ وڏن وڏن وارن واري بي ڍنگي، اڻڄاڻ ۽ بي فڪر ڇوڪري هيس، ميدان جي پريان ايندڙ ڌڻن جا ڌڻ هتان لنگهي، ساوڪ وارن هنڌن ڏانهن ويندا رهندا هئا. هاڻي سوچيان ٿي ته سچ، لڳي ٿو مان ڏاڍي بي پرواهه ڇوڪري هيس. وشال ميدانن کان ايندڙ گهوڙا آنڌاري جيان تيزي سان ڌوڙ اڏائيندا، زوڪاٽ ڪندا لنگهي ويندا هئا. هنن جي اڳيان اچڻ ڪري کن پل ۾ ئي چيڀاٽجي مرڻ جو خطرو هو، پر مان سارين جي فصل ۾ لڪي پوندي هيس ۽ جيئن ئي گهوڙا ويجهو پوندا هئا، مان ڪنهن وحشي جانور جيان ٽپ ڏيئي سامهون اچي ويندي هيس، گهوڙا ٽاهه کائي ويندا هئا ۽ سندن سوار گاريون ڏيندا هئا، ”اڙي، ترس ته تو کي سيکت ڏيون“ پر مان ٽپ ڏيندي واهه جي پويان گم ٿي ويندي هيس.
    ڏهاڙي ڀوريون ڀوريون، ٿلهيون رڍون اتان لنگهنديون هيون. سندن وزنائتيون پولهيون مٽِيءَ ۾ لڏنديون رهنديون هيون. ڳرن آوازن وارا سانورا ڌنار کين هڪليندا ويندا هئا. آسودن ڳوٺن مان وري ڊگها ڊگها قافلا ايندا هئا، جن ۾ اُٺَ ئي اُٺَ هوندا هئا. ڪاوڙيل گهوڙن تي سوار ڪنواريون ۽ نوجوان سهاڳڻيون باغن ۽ روشن ندين جا گيت ڳائينديون لنگهنديون هيون. مان جڳ جهان کان بي خبر ٿي کين ڏسندي رهندي هيس، تانجو اهي قافلا نظرن کان پري ٿي ويندا هئا. مان ٿڌو ساهه ڀري سوچيندي هيس، جيڪر مون وٽ به اهڙا لباس ۽ جهالر واري شال هجي پر منهنجي ڀلا حيثيت ئي ڇا هئي! هڪ هاريءَ جي نينگر، جنهن جي پيرن ۾ جُتي به نه هئي. ڏاڏو قرض ادا ڪرڻ لاءِ هاري ٿي ويو هو. اها هئي اسان جي گهراڻي جي حالت.
    جيتوڻيڪ مون وٽ ريشمي ڪپڙا نه هئا، پر وڏي ٿي مان ڏاڍي منهن مهانڊي واري ٿي پيس . مون کي پنهنجو پاڇو به ڏاڍو چڱو لڳندو هو، هلندي هلندي مان پنهنجي پاڇي کي ڏسندي هيس، ته ائين لڳندو هو، ڄڻ آئينو ڏسندي هجان . ها، انهن ڏينهن ۾ مان ڏاڍي ڀوري هيس . مان سترهن سالن جي هيس، جڏهن سووان مليو. فصل کڻڻ جا ڏهاڙا هئا، هو اتي هاري جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ آيو هو . هاڻي به اکيون ٿي پوريان ته هو سامهون اچي ٿو بيهي، اصل ساڳئي ڍنگ سان جيئن انهن ڏهاڙن ۾ هو . هو اٽڪل اڻويهن سالن جو هو. هو ڏاڍو سانورو هو ۽ سندس ڳل ٽامي جيان چمڪندا هئا . پهرين ڏک ۾ هو سنهڙو لڳندو هو پر سندس ڇاتي مضبوط ۽ ٻانهون فولاد جيان هيون . هو ڏاڍو محنتي جوان هو . هو پنهنجي ڏاٽي سان ڪڻڪ ائين صفائي ۽ رواني سان وڍيندو هو، ڄڻ پاڻي وهي رهيو هجي . ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪم ڪندي ڏاڍا سٺا لڳندا آهن . سوان به انهن ماڻهن منجهان هو. مان به پنهنجي ڏاٽي جي ڦڙتيءَ سبب مشهور هيس، پر هو مون کي به پٺيان ڇڏي ويندو هو. هو موٽِي اچي منهنجو هٿ ونڊائيندو هو،”تو کان ڪير ٿو مدد گهري“ مان چوندي هيس،”تو جهڙن کان سواءِ ڄڻ مان ڪم ئي نٿي ڪري سگهان!“ پر هن ڪڏهن به منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪئي، کلي، ڪم کي لڳي ويندو هو.
    ٻنيءَ تي اسان سڀ کان اڳ پهچندا هئاسين ۽ سج اڀرڻ شرط ڪم شروع ڪري ڏيندا هئاسين . سووان چاري جي ڪنڊ تي سدائين منهنجي انتظار ۾ هوندو هو. ”اچي وئينءَ!“ هو رڙ ڪري چوندو هو.
    ”مان سمجهيو هو، تون ٻنيءَ تي پهچي ويو هوندين.“ مان وراڻيندي هيس . جيتوڻيڪ مونکي چڱي طرح ڄاڻ هئي ته هو سدائين منهنجي راهه نهاريندو آهي . تنهن کان پوءِ اسان گڏوگڏ ٻنين ڏانهن ويندا هئاسين . انهيءَ وچ ۾ آسمان روشن ٿي ويندو هو. برف وارن جبلن جون چوٽيون سڀ کان اڳ روشن ٿينديون هيون ۽ باغن جي شفاف هوا اسان جي جسمن کي ڇهندي لنگهندي هئي.
    اونهاري جي مند وارن انهن صبحن ۾ اسان جي محبت جو سج اڀريو. جڏهن اسان گڏوگڏ ڪم ۾ مصروف هوندا هئاسين، سڄي دنيا اسان لاءِ پرستان ٿي ويندي هئي . اڻ کيڙيل ٻني به اسان کي دنيا جي سڀ کان سهڻي ٻني نظر ايندي هئي . اڪثر هڪ چنڊول پکي به اسان سان گڏوگڏ اڀرندڙ سج جي آجيان ڪندو هو . هي ڏاڍو مٿانهون اڏامندو هو ۽ مٿي وڃي هڪ نقطي ۾ بدلجي ويندو هو، اتي وڃي هو پولار ۾ بيهي رهندو هو ۽ اسان جي دلين جيان ڌڙڪي اٿاهه خوشين جا گيت پولار ۾ پکيڙندو هو.
    ”نو لگو، اسان جو چنڊول وري ڳائي رهيو آهي.“ سووان چوندو هو، ”اسان جي هن پرستان ۾ اسان جو پنهنجو ڳائڻو به موجود آهي.“
    پوءِ هڪ چانڊوڪي رات آئي، اهڙي سهائي رات وري شايد ڪڏهن دنيا ۾ نه اچي . انهيءَ شام مان ۽ سووان ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ترسي پيا هئاسين . جڏهن جبل جي چوٽِ مٿان صاف سٿرو وڏو چنڊ نڪتو، تڏهن آسمان جي سڀني ستارن پنهنجون اکيون کولي مون کي ۽ سووان کي ڏسڻ شروع ڪيو . ٻنيءَ جي ڪناري جيڪيٽ وڇائي، سووان ۽ مان ليٽي پياسين . واهه جو ڪپ اسان جو وهاڻو ٿي پيو . اها اسان جي ميلاپ جي پهرين رات هئي . ان کان پوءِ اسان سدائين گڏ رهياسين . سووان ڏاڍي نرميءَ سان منهنجي ڳلن، نرڙ ۽ وارن تي هٿ ڦيرايا، هن جي سخت کهرن ۽ محنتي هٿ جي ڇهاءَ سان مون سندس خوشيءَ ڀرئي دل جي ڌڙڪڻ ٻڌي.
    ”سووان!“ مون چيو ،” ڇا اسان خوش رهنداسين! اسان جي مستقل ۾ ڇا هي؟“
    ”جيڪر زمين ۽ پاڻيءَ جو انصاف سان حصو ملي ۽ جيڪر اسان جي پنهنجي ٻني هجي، جنهن کي اسان پاڻ پوکي ۽ لڻي سگهون . اها ئي اسان جي خوشي هوندي . انهيءَ کان وڏي خوشي جي حاجت ڪونهي . هاري جي خوشي سندس ٻني ۽ سندس فصل ۾ لڪل آهي.“
    نه ڄاڻ ڇو سندس انهن لفظن مون کي قناعت ۽ سڪون جي احساس ۾ ويڙهي ورتو، گهڻي دير تائين مان کيس پنهنجين ٻانهن ۾ ڀري پيار ڪندي رهيس ، پوءِ اسان واهه ۾ وهتاسين ، هڪ ٻئي کپي پاڻي جا ڇنڊا هنياسين ۽ ڏاڍا ٽهڪ ڏناسين. پاڻي تازو ۽ چمڪندڙ هو ۽ ان ۾ جابلو هوا جي مهڪ رچيل هئي . پوءِ اسان ليٽي ، آسمان تي ٽم ٽم ڪندڙ تارن کي ڏسڻ لڳاسين. انهيءَ رات ڪيڏا اڻ ڳڻيا ستارا روشن هئا! انهيءَ سهائي رات ۾ ڌرتي به اسان جي خوشيءَ ۽ سڪون جي احساس ۾ اسان سان شريڪ هئي .
    ۽ پوءِ مون اکيون کڻي، ڪهڪشان جي اَنَ جي ڀري کڻندڙ، انسان جي رستي کي ڏٺو ۽ سووان جا لفظ منهنجي من ۾ ٻُريا. شايد انهيءَ رات ئي ڪوئي عظيم هاري اَنَ جي وڏي ڀري کڻي آسمان تان لنگهيو هو ۽ چاندي رنگو بهه پنهنجي پويان ڇڏي ويو هو! ۽ مون سوچيو، ڪڏهن اسان جا خواب سچا ٿيندا ۽ منهنجو سووان انهي آسماني هاري جيان ان جي وڏي ڀري ٻار مان کڻي ايندو . اسان جي پنهنجي فصل جو اَنُ ۽ بهه سندس پويان پويان اڏامندو . جڏهن مان اهو سپنو ڏسي رهي هيس، تڏهن ستارن به مون سان گڏ اهو سپنو ڏٺو هو ۽ انهي سپني جي ساڀيان لاءِ ايڏي شديد سَڌَ منهنجي من ۾ پيدا ٿي، جو مان وڏي آواز سان ڌرتي ماءَ کي چئي ڏنو،” ڌرتي امڙ! تون اسان سڀني کي پاليندي آهين. جيڪڏهن تون اسان کي خوشي نٿي ڏئي سگهين ته اسان هتي ڇو آهيون؟ اسان ڇو پيدا ٿيا آهيون؟ دنيا ڇا لاءِ زندهه آهي؟ اسان تنهنجا ٻچا آهيون، پنهنجي ٻارڙن کي سک نصيب ڪر.“
    جڏهن منهنجي اک کلي ته منهنجي پاسي ۾ ڪوبه نه هو. سووان سوير ئي اٿيو هو ۽ مون کي ان جون نيون ڀريون نظر اچي رهيون هيون . مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. جيڪڏهن مان به ساڻس گڏ اٿي چڪي هجان ها، ته هن مهل تائين اسان ڪيڏو ڪم ڪري وڃون ها!
    سرووان! مون رڙ ڪئي،”تو مون کي جاڳايو ڇو نه؟“
    منهنجي آواز تي هن ڪنڌ ورائي ڏٺو. مون کي اڃا تائين ياد آهي، انهي صبح جو هو ڪيڏو وڻندڙ لڳي رهو هو ۽ سندس اُس ۾ مضبوط جسم پگهر سان ڪيئن چمڪي رهيو هو! هن پگهر اگهندي چيو ”مون چاهيو ٿي، تون چڱي طرح آرام ڪري وٺين.“
    ”۽ تون پاڻ؟“
    ”پر هاڻي ته مون کي ٻن ڄڻن جو ڪم ڪرڻو ئي آهي.“
    مون کي ايڏو ڏک ٿيو، جو روئڻهارڪي ٿي ويس ، پر گڏوگڏ من خوشي سان به ڀرجي ويو . چيم، ”پر ياد اٿئي، تو رات ڇا چيو هو؟ اهو ئي نه، ته اسان سدائين برابري سان رهنداسين، هڪ جان.“
    سووان ڏاٽو ڦٽي ڪري ڇڏيو . ڊوڙندو آيو ۽ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري کڻي مٿي کنيائين ۽ مون کي چمندي چيائين، ”اڄ کان اسان ٻيئي هڪ آهيون. هر ڪم، هر ڳالهه گڏ ڪنداسين. منهنجي جان، منهنجي چڪوري....“ ۽ مون کي طرحين طرحين جي پيار ڀرين نالن سان سڏيندو رهيو، سندس ڳچيءَ سان لڙڪندي مون هوا ۾ پير لوڏيا ۽ ڏاڍا دل ڀري ٽهڪ ڏنم . سج هاڻي جبل جي پٺيان نڪري رهيو هو. سووان مون کي ڌرتيءَ تي بيهاريو ۽ سج سان مخاطب ٿيو، ”او ڀائو سج! هيءَ منهنجي زال آهي. هن جي رونمائي ڪر ۽ پنهنجي اس پکيڙ.“ ۽ مان اوچتو سڏڪا ڀري روئي پيس . ڇو ته خوشي کان منهنجي دل ڦاٽي رهي هئي.
    اسان جي زندگي اسان جي سپنن جيان سهڻي ثابت ٿي. اسان ٻنهي پنهنجي هٿن سان پنهنجي زندگيءَ کي سونَ جيان گهڙيو ۽ سنواريو. اسان تتيءَ ٿڌيءَ لڳاتار محنت ڪندا هئاسين. پنهنجو رت- پگهر هڪ ڪري محنت ڪندا هئاسين. پوءِ اسان جا نوان ڏينهن آيا. اسان گهر اڏيو ۽ جانور خريد ڪيا ۽ اسان وٽ ٽن پٽن جنم ورتو.
    اڪثر منهنجي ذهن ۾ هڪ تلخ ، چريائپ جهڙو خيال ايندو آهي ته ائين هڪ ٻئي پٺيان پٽ ڄڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ٻين جي ٻارن جيان انهن جي وچ ۾ ٽن- چئن سالن جي وڇوٽي ڇو نه پيئي؟ پر ائين ٿئي ها ته جيڪي ڪجهه پوءِ ٿيو سو نه ٿئي ها. جيڪڏهن منهنجا اهي ٻار پيدا ئي نه ٿين ها ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها. منهنجا پيارا، منهنجي ساهه جا سهارا، هنن لفظن کي ڌيان سان ٻڌو، اهي هڪ ماءُ جي پيڙا جا ترجمان آهن، ڇو ته مان هڪ ماءُ آهيان- ماءُ. مون کي خاص طور تي اهو ڏينهن ياد آهي، جڏهن هو سڀئي منهنجا لاڏلا ٻنيءَ ۾ آيا هئا. انهي ڏينهن سووان هن علائقي جو پهريون ٽريڪٽر هلائيندو ٻني ۾ آيو هو. گذريل سال سياري ۾، درياهه جي ٻئي پار ٽريڪٽر اسٽيشن تي هو ٽريڪٽر هلائڻ سکندو رهيو هو، انهي وقت تائين اسان کي اها خبر به نه هئي ته ٽريڪٽر ڪهڙِي شيءِ آهي . انهن ڏينهن ۾ جڏهن هو سڄي ڏينهن جي سکيا کان پوءِ پنڌ ايترو پريان کان موٽندو هو ته مان ڪاوڙ جي به پوندي هيس، ”ڇا ٽيم ليڊر هئڻ ڪافي ناهي، جو تون وري ٽريڪٽر جي خفي ۾ به وڃي پيو آهين؟“
    ”تولگو، ڪاوڙ نه ڪر، بهار اچڻ ڏي، پوءِ رنگ ڏسجانءِ، ٿورڙو صبر ڪر.“
    مان هن کان حقيقت ۾ ته ڪڏهن به نه ڪاوڙبي هيس پر اڪيلي سر ٻارن جي پرورش، گهرو ڪم ۽ گڏيل فارم ۾ ڪم، ايڏين مصروفيتن سان منهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو هو ۽ هو ايترو پرتان پنڌ ڪري ايندو هو ۽ ٿڌ ۾ منهنجي سامهون اچي بيهندو هو ته مان ڪهڙِي دل سان کانئس ناراض ٿيان ها؟ تڏهن مان ٿوري ندامت سان چوندي هيس، ”اچ باهه جي ڀرسان ويهه، ماني ٿڌي پيئي ٿئي.“
    مون کي خبر هئي ته هن جو اهو نئون ڪم ڏاڍو سخت آهي. انهيءَ وقت اسان جي ڳوٺ ۾ ڪوبه بيروزگار نه هو، جنهن کي ٽريڪٽر جي سکيا لاءِ موڪليو وڃي ها، تنهن ڪري سووان ٻٽي آڇ ڪئي، ”مون کي موقعو ڏيو ته مان ٻئي ڪم ڪيان، مان لکڻ پڙهڻ به سکندس ۽ ٽريڪٽر هلائڻ به. منهنجي غير حاضريءَ ۾ ٻيو ٽيم ليڊر چونڊي وٺو.“
    سندس انهيءَ آڇ سبب، سندس پريشانين ۾ واڌارو ٿي ويو. اهو به ڪهڙو زمانو هو! ٻار پيئرن کي پڙهائي رهيا هئا. اسان جا ٻئي وڏا ڇوڪرا قاسم ۽ مسبيڪ اسڪول ۾ هئا ۽ گهر ۾ اهي ٻئي اسان جا استاد ٿي ويا! شام جو اسان جي گهر ۾ چڱو ڀلو ڪلاس کلي پوندو هو. تن ڏينهن ۾ اسان جي گهر ۾ ميز نه هئي. سووان فرش تي ويهي، ڏاڍي محنت ۽ ڏکيائيءَ سان ڪاپيءَ تي اکر لکندو هو ۽ اسان جا ٽيئي پٽ سندس چوڌاري مڙي هدايتون ڏيڻ شروع ڪندا هئا، ”بابا، پينسل سڌي جهل. ائين نه، هيئن! پنهنجو ساڄو هٿ ڪاپيءَ تي هيئن رک.“ پوءِ هو ٽيئي پاڻ ۾ بحث شروع ڪري ڏيندا هئا ۽ هر ڪو پنهنجي قابليت جهاڙائڻ جي ڪوشش ڪندو هو! ڪو ٻيو موضوع هجي ها ته کين پنهنجو پيءَ چپ ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ها، پر لکڻ جي مشق وقت هو ايڏي احترام سان پنهنجي پٽن جون ڳالهيون ٻڌندو هو، ڄڻ سچ پچ سندس استاد هجن . هڪ ئي لفظ لکڻ کان پوءِ سووان پگهرجي ويندو هو، ڄڻ اَنُ ڇڙڻ جي مشين هلائي هجئين. هو چارئي جاودگرن جيان ڪاپيءَ مٿان جهڪي ويندا هئا ۽ مان کلي کلي کيري ٿي پوندي هيس.
    ”چڱو ٻارو، هاڻي پنهنجي پيءُ جي پچر ڇڏيو. ڇا توهان کيس صفا ملان ڪري ڇڏڻ ٿا چاهيو؟ سووان، تون به فيصلو ڪري وٺ، ته ملان ٿيندين يا ٽريڪٽر ڊرائيور؟“
    سووان مٿو لوڏي سنجيدگيءَ، سان چوندو هو، ”اڙي تولگو! تون چرچا ٿي ڪرين ۽ هتي ساهه مٺ ۾ آهي. ڏاڍي ڏکئي لفظ سان پلاند اٽڪيو آ هن مهل.“ بهرحال، سووان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ لکڻ پڙهڻ سکي ورتائين.
    بهار- مند جي شروع ۾، اڃا برف ڳرڻ شروع ڪيو هو جو ڳوٺ جي ٻاهران هڪ عجيب شيءِ گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو. ڊنل گهوڙن جي هڪ ڌڻ ٽاهه کائي ڊوڙڻ شروع ڪيو، مان گهر کان ٻاهر آيس ته ڏٺم ته فولاد جو هڪ ڪارو پهاڙ دونهين جا بادل اڏاريندو پري کان اچي رهيو آهي. جڏهن اهو ڳوٺ جي روڊ تي پهتو ته ماڻهن جو ميڙاڪو ٿي ويو. ڪجهه ماڻهو گهوڙن تي آيا، ڪجهه پنڌ، چڱو ڀلو ميلو ٿي ويو. مان به پاڙي وارين سان گڏ اڳتي وڌيس ۽ سڀ کان اڳ منهنجي نظر پنهنجي پٽن تي پيئي، ٽيئي پنهنجي پيءُ سان گڏ ٽريڪٽر تي بيٺا هئا، هنن هڪ ٻئي کي سوگهو جهلي رکيو هو. ڳوٺ جا ڇوڪرا ٽوپيون لوڏي سيٽيون وڄائي رهيا هئا، پر منهنجي پٽن کي انهيءَ جي پرواهه نه هئي، فخر ۽ مسرت کان سندن منهن ٻهڪي رهيا هئا.
    ٽيئي شيطان صبح سان سوير ئي درياهه جي ڪپ تي، پنهنجي پيءُ جي ٽريڪٽر تي وڃي پهتا هئا، بنا ٻڌائڻ جي ته متان مان ڊپ کان انڪار نه ڪري ڇڏيان ۽ سچ به مون کي ڊپ لڳي رهيو هو... خدا نه ڪري، ڪجهه ٿي نه پوي !
    مون رڙ ڪئي، ” قاسم، مسبيڪ، جينڪ، هيٺ لهو، وارو ڪيو.“ پر انجڻ جي گوڙ ۾ منهنجو آواز دٻجي ويو. سووان مون ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪي، ڄڻ يقين ڏياريائين ته ٻارن کي ڪوبه خطرو ناهي. سووان به ڊرائيور جي سيٽ تي ڪيڏو خوش ۽ نوجوان لڳي رهيو هو! انهيءَ وقت مون محسوس ڪيو ته ٽيئي پٽ پنهنجي پيءُ سان ڪيڏي نه هڪ جهڙائي رکن ٿا. هو پاڻ گهٽ عمر جو هيو ۽ پنهنجي پٽن جو وڏو ڀاءُ لڳي رهيو هو . وڏا ٻئي ته هوبهو پيءُ جهڙا هئا. منهنجو سڀ کان ننڍو پٽ جينڪ مون تي ويو هو، رنگ ڀورو ۽ اکيون ڪاريون.
    سڄو ڳوٺ ٽريڪٽر جي ڪڍ هو. اسان کي حيرت هئي ته هيءَ مشين هر ڇا هلائيندي! پر جڏهن ٽريڪٽر جي ٽن مشيني ٿالهين صفائيءَ سان زمين کيڙي، مٽيءَ جا ڍير ڪري ڏيکاريا ته تاڙيون وڄي ويون. گهوڙِي سوارن پنهنجي گهوڙن کي چهبڪ هڻي، ٽريڪٽر جي پٺيان هڪ جلوس کڻي ترتيب ڏنو . نڄاڻ مون کي ڇا ٿيو، جو مان ميڙ کان ڌار ٿي، پاسائتي بيهي رهيس. ٽريڪٽر پري ٿيندو پئي ويو ۽ مان ٿڪل ٿڪل احساسن سان کيس ڏسي رهي هيس، الائجي مون کي ڪهڙي ڳالهه جي وڌيڪ سرهائي هئي . سووان ٽريڪٽر آندو هو، انهيءَ جي يا پنهنجي پٽن جي، جيڪي وڏا ٿي ويا هئا ۽ پيءُ تي ويا هئا. مان دنيا جي وڌ ۾ وڌ سَرهي عورت هيس . مون رئندي – کلندي دل ۾ چيو، ”ٻچڙا! سدائين پيءُ جي پاسي ۾ رهجو ۽ سندس پير تي هلجو.“
    وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو ۽ منهنجا پٽ وڏا ٿي ويا. قاسم پيءُ جيان ٽريڪٽڙ ڊرائيور ٿي ويو ۽ لڻائيءَ جي مشين هلائڻ سکيائين . هو جبل جي پاسي واري ڪانندا جي گڏيل فارم مان سکيا حاصل ڪري ڳوٺ موٽي آيو . مسبيڪ منهنجو لاڏلو پٽ هو. انهيءَ جو ڪارڻ شايد اهو هو ته هو ئي سڀ کان اڳ آکيرو ڇڏي اڏاڻو هو، تنهن ڪري مون کي سندس ياد ڏاڍو ستائيندي هئي. اسڪول ۾ سدائين سٺيون مارڪون کڻندو هو. ڪتابن جو عاشق هو ۽ هاڻي شهر وڃي ماستر ٿيڻ جي سکيا وٺي رهيو هو. سڀ کان ننڍو جينڪ ڏاڍو سهڻو جوان ٿي پيو هو پر گهر ۾ ته سندس پير ئي نه هوندو هو. گڏيل فارم جي هارين کيس ڪوم سومول جو آرگنائيزر چونڊي ڇڏيو هو، تنهن ڪري هو سڄو ڏهاڙو جلسن ۽ پڙهڻ ۾ گم هوندو هو. هڪ ڏهاڙي مان مٿس ڪاوڙجي پيس، ”تون اڳو پوءِ پنهنجو هنڌ- کٽولو ۽ پنهنجو هي واڄو، اڪارڊين کڻي ڪوم سومول جي آفيس ۾ ئي ڇو نٿو وڃي رهين!“
    سووان پٽ جو پاسو ورتو ، ”ڪاوڙجين ڇو ٿي جينڪ ماءُ! کيس ماڻهن سان ملڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. جيڪڏهن مون کي خبر پيئي ته هي پنهنجو وقت ٿو وڃائي ته مان پاڻيهي سندس ڪَنَ مَهٽ ڪندس، تون الڪو نه ڪر.“
    ان وقت سووان ٽيم ليڊريءَ جي پراڻي ڪم تي موٽي آيو هو. هاڻي نوجوان ڇوڪرا ٽريڪٽر هلائي رهيا هئا. پوءِ هڪ اهم وارتا ٿي، قاسم شادي ڪري ڇڏي ۽ منهنجي گهر ۾ ننهن اچي وئي. نه ڄاڻ اهو سڀ ڪيئن ٿيو پر شايد قاسم پنهنجي سکيا وارن ڏينهن ۾ ساڻس مليو هو. ڪنوار جو نالو عليما هو ۽ اها ڪانندا ڳوٺ جي هڪ سانوري جابلو ڇوڪري هئي . مون کي اها پياري ۽ مٺي سڀاءَ واري ڇوڪري ڏاڍو وڻندڙ لڳي . عليما ڏاڍي سگهڙ، محنتي ۽ پرخلوص ڇوڪري هئي . مان کيس پنهنجي ڌيءَ جيان ڀانئڻ لڳيس . مون کي خبر آهي ته سس ننهن جا جهيڙا ڇا ٿيندا آهن! پر عليما جهڙي ننهن ته ڀاڳ اسان کي ڏني هئي ۽ ڀاڳ مٿان ڇت ڦاڙي نه ايندو آهي پر خود توهان جي رويي ۽ ٻئي جي رويي جي بنياد تي، ڦڙي ڦڙي ٿي خوشين جو تلاءُ بڻبو آهي.
    سرنهن ڦولارجي رهي هئي . اڃا باقائدي لڻائي شروع نه ٿي هئي پر اسان ڪناري کان ڏاٽي سان لڻڻ لڳندا هئاسين، جيئن مشينن کي ڦرڻ ۽ موٽڻ جي جاءِ ملي سگهي . مان ۽ عليما گڏوگڏ ڪم ڪنديون هيونسين ۽ عورتن جا طعنا تنڪا ٻڌنديون هيونسين، ”ننهن سان مقابلو ڪرڻ بجاءِ گهر ۾ آرام ڇو نٿي ڪرين؟ ڪجهه ته پنهنجي عزت ۽ رعب رک!“ ۽ مان پنهنجو پاڻ کان پڇندي هيس، اها ڪهڙي قسم جي خود داري آهي ته گهر ويهي آرام ڪيو! خير، لڻائي ته مون لاءِ راحت هئي ، تنهن ڪري مان ننهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي ڪم ۾ رڌي رهيس.
    هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته عليما سرنهن جي گلن جو گلدستو ٺاهي، امالڪ ٻني مان ڀڳي ٿي وڃي. مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڪيڏانهن ٿي وڃي. پوءِ مون ڏٺو ته، هن قاسم جي مشين وٽ وڃي، گلدستو مشين جي ڏاڪڻ تي رکيو ۽ هڪدم پوئتي ڀڄي آئي . مشين کڻائيءَ لاءِ ٻني جي ڪناري تي بيٺي هئي ۽ ان وقت اوسي پاسي ڪوئي نه هو. مون اهڙو ڏيکاءُ ڏنو، ڄڻ مون ننهن جي اها چوري نه پڪڙي هجي، ڇو ته عليما اڃا تائين ڏاڍي شريملي هئي ۽ مون کيس لڄائڻ نٿي چاهيو، پر مون دل ۾ چيو کيس قاسم سان ڪيڏي نه محبت آهي . شال وڏي ڄمار ماڻين منهنجي راڻي! اڄ به منهنجي تصور ۾ هوءَ انهيءَ ڏينهن جيان موجود آهي . خوشيءَ مان ٻهڪندڙ چهرو، ٻانهن ۾ وڏو گلدستو جهليل، هاءِ جواني! جواني! عليما منهنجي پياري ڌيءَ!! هوءَ ٻارن جيان گلن تي عاشق هئي . بهار جي مهڙ ۾ جڏهن جبل برف سان ڍڪيل هوندا هئا، منهنجي عليما گهر کان ٻاهر نڪرندي هئي ۽ مند جا پهريان اڇا گل چونڊي ايندي هئي، منهنجي لاڏلي عليما!
    ٻئي ڏينهن لڻائي شروع ٿي وئي . لڻائيءَ جو پهريون ڏينهن سدائين جشن جيان هوندو آهي . انهيءَ ڏينهن ڪڏهن مون ڪوئي اداس چهرو نه ڏٺو آهي . پهرين ڏينهن ڪوبه سنجيدگي سان ڪم نه ڪندو آهي . انهيءَ صبح تي به ٻنيءَ مان ٽهڪن جو آواز اچي رهيو هو پر ڏاٽي هلائڻ وارو جٿو سڀ کان وڌيڪ گوڙ ڪري رهيو هو، ڇو ته اهي سڀئي ڪنواريون ۽ نيون پرڻيل ڇوڪريون هيون. قاسم پنهنجي سائيڪل هلائيندو اچي اُتي پهتو. اها سائيڪل کيس سٺي ڪارردگيءَ جي موٽ ۾ مشين ۽ ٽريڪٽر اسٽيشن پاران انعام ۾ ملي هئي. ڇوڪرين سائيڪل جو هينڊل جهلي، سندس رستو روڪي ورتو، ”ادا قاسم! سائيڪل تان لهه ۽ فصل لڻڻ وارين کي جهڪي سلام ڪر! مشين هلائڻ تي گهڻي مڳي نه ڪر، جهڪي پئه، پنهنجي گهر واري ۽ اسان سڀني جي اڳيان....“ سڀئي کيس وڪوڙي ويون ۽ انهيءَ کان اڳ جو سندس زال، سندس پاران کائن معافي وٺي، انهن شرير ڇوڪرين قاسم کان سلام ڪرائي ورتو.
    ”معافي ڏيو سائين، معافي ڏيو. اڳتي مان ڪوهه پنڌ تان ئي سلام ڪندو ايندس.“ قاسم چيو ، پر هنن ڪٿي پئي مڃيو، هاڻي هنن ضد ڪيو، ته کين سائيڪل تي گهمايو وڃي. پوءِ هڪ ڇوڪري سائيڪل جي ڏنڊي تي ويهي رهي ۽ قاسم کي سندس ٽهڪڙن، کلندڙ وٽ کائيندڙ بار سبب سائيڪل هلائڻ ڏکي لڳي رهي هئي ۽ سڄو ميڙ جو ميڙ سائيڪل جي ڪڍ ڊوڙڻ لڳو. ”هاڻي مون تي رحم ڪيو....“ قاسم منٿ ڪئي پر هڪ ڇوڪري سائيڪل تان لٿي پئي، ته ٻي ٽپ ڏئي چڙهي ٿي ويهي رهي. هاڻ ته قاسم کي به ڪاوڙ اچي وئي،” اها ڪهڙِي مشڪري آهي! دير پئي ٿئي، مون کي مشين هلائڻي آهي، توهان ڪم ڪرڻ آيون آهيو يا کجڪو ڪرڻ؟ ٽرو ڏائڻيون!“
    ها- لڻائي جو پهريون ڏينهن چمڪندڙ سج ۽ ڀرپور ٽهڪن جو ڏينهن هو . ان ڏينهن منهنجو من به ڏاڍو سَرهو رهيو . جيڪي ڪجهه مان ڏسي رهي هيس، ٻڌي رهي هيس يا محسوس ڪري رهي هيس، ڄڻ اهو وايو منڊل منهنجي خوشيءَ ۾ واڌاري ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو هو. قاسم پنهنجي اڳيان ايندڙ هڪ ماڻهوءَ کي خبردار ڪندو اسان ڏانهن آيو. عليما لسيءَ جو جڳ ڀري هڪدم ڏانهس وئي . مٿي تي ڳاڙهو رومال ويڙهيل، سفيد لباس اوڍيل ، ڦڙت جسم واري اها ڇوڪري لسي جو جڳ کڻي، ٻنيءَ جي چارن تان ويندڙ مڙس جي محبت ۾ واسيل عورت جي ڪيڏي سهڻي مورت لڳي رهي هئي! کيس ڏسي، مون کي لڳو سووان کي به لسيءَ جي خواهش هوندي . مون چئوطرف ڏٺو، پر هو ڪٿي به نه هو، لڻائي شروع ٿيڻ کانپوءِ ٽيم ليڊر لاءِ ڪنهن به هڪ هنڌ ويهڻ ممڪن ناهي هوندو، پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي، کيس پري پري تائين وڃي ڪم جي نظرداري ڪرڻي پوندي آهي.
    رات جو جڏهن اسان ٻنيءَ جي ڪئمپ ۾ مانيءَ لاءِ گڏ ٿياسين، ته فصل جي پهرين ڪڻڪ جي ماني کاڌي سين. جيڪو ان اسان هفتو کن اڳ لڻيو هو. انهي جو اٽو تيار ٿي ويو هو. انهيءَ کان اڳ به، جڏهن مان نئين ڪڻڪ جي مانيءَ کي ڇهندي هيس، تڏهن مون کي لڳندو هو، ڄڻ مقدس موقعو هجي، انهي ڪارڙي، آليءَ ماني جو اٽو ڏاڍو سنهڙو ڳوهيو ويو هو، جنهن جي پنهنجي مٺاڻ ۽ سڳنڌ ۾ ڪو مٽ نه هو. هاڻي ڇڙو سووان ۽ جينڪ جو اوسيئڙو هو، جينڪ دستور موجب غائب هو. هو پنهنجي ڀاءُ جي سائيڪل کڻي، پوسٽر هڻڻ لاءِ ڪلب ويو هو.
    عليما گاهه مٿان دستر خوان وڇايو، گرم گرم نان ۽ تازا صوف رکيائين، قاسم واهه مان هٿ ڌوتا ۽ دستر خوان جي پاسي ۾ ويهي آرام سان نان جا ٽڪرا ڪرڻ لڳو، ”اڃا ڏاڍي ڪوسو آهي امان! سڀ کان اڳ ۾ تون گرهه کڻ.“ مون بسم الله چئي، پهريون گراهه کنيو. مشين هلائڻ واري جي هٿن، نئين ڪڻڪ، گرم فولاد ۽ پيرافين جي تيل جي خوشبو هر هڪ گراهه ۾ مون محسوس ڪئي ۽ انهي کان وڻندڙ ماني مون اڄ تائين نه کاڌي هئي! اها منهنجي پٽ جي هٿن سان اپايل فصل جي ماني هئي، اها عوام جي محنت سان اپايل فصل جي ماني هئي، متبرڪ ماني! فخر مان دل ڀرجي آيم ۽ دل چاهيو، وڏي آواز سان پنهنجي پٽ جي ساراهه ڪيان، پر ڏاڍي ڏکيائي سان صبر ڪيم. جيئن پاڙ مان ٻوٽو جنم وٺندو آهي، تيئن ئي هڪ ماءُ جي خوشيءَ مامتا جي خوشي مان پيدا ٿيندي آهي. جيڪڏهن عوام جي زندگي جي ڪا معنيٰ نه هجي ته ماءُ جي زندگي به بي معنيٰ آهي. اڄ به، انهن سڀني ظلمن جي باوجود جيڪي مون سٺا آهن، مان انهيءَ حقيقت تي ايمان رکان ٿي ته مامتا زندهه آهي، ان ڪري مان به زندهه آهيان.
    اونداهه ٿي وئي هئي پر سووان اڃا نه پهتو هو. نوجوانن درياهه جي ڪپ تي باهه ٻاري گيت ڳائڻ شروع ڪيا هئا جينڪ جو آواز سڀ کان ڌار سڃاڻي سگهبو هو، سدائين هو گيت جا ٻول اڳ ۾ کڻندو هو ۽ اڪارڊين به وڄائيندو هو. جڏهن هو ڳائي رهيو هو، تڏهن مان سوچڻ لڳيس، ڳاءِ منهنجا پٽ! اڃا تون جوان آهين، ڳائيندو رهه. گيت روحن کي ملائي، انسانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندو آهي. سالن کان پوءِ جڏهن تون اهو گيت ٻڌندين، تڏهن تو کي درياهه جو هي ڪپ، هي باهه ۽ پنهنجا نوجوان ساٿي ڏاڍا ياد ايندا.پوءِ هر ماءُ جيان مان پنهنجي ٻارن لاءِ سوچڻ لڳيس . قاسم هاڻي پنهنجي پيرن تي بيٺل هو ۽ ايندڙ بهار ۾ هو ۽ عليما پنهنجو ڌار گهر وڃي وسائيندا. کين ٻارڙا ٿيندا. نه، قاسم لاءِ مون کي ڳڻتي نه ڪرڻ کپي، هو پنهنجي محنتي پيءُ تي ويو آهي، رات ويلي به هو تيز ليمپن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي لڻائيءَ جي مشين تي ٻنيءَ جو آخري چڪر هڻندو. عليما ساڻس گڏ هوندي، فصل لڻڻ جي مصروف ڏينهن ۾ کين ڇڙو ايتري واندڪائي مس ملندي هئي، جو ٿورو وقت گڏ گهاري سگهندا هئا. پوءِ مسبيڪ جي سار دل ۾ چپي ويم. گذريل هفتي سندس خط آيو هو ته گرمين جي موڪلن ۾ گهر نه اچي سگهندو، ڇو ته هڪ سکيا وٺندڙ استاد جي حيثيت سان کيس ”ايسڪ ڪل“ ڍنڍ جي ڪناري ڪئمپ ۾ موڪليو ٿي ويو، انهي زندگي جي چونڊ هن پاڻ ڪئي هئي، خير جتي به هجي، شل سکيو هجي، ڪوسو واءُ نه لڳيس.
    سووان رات جو دير سان آيو. هن وارو وارو ڪري ماني کاڌي ۽ اسان گهر روانا ٿياسين. صبح جو مون کي گهڻائي گهرو ڪم ڪار ڪرڻا هئا. شام جو مان پنهنجي پاڙي واري عائشه ۽ سندس ننڍڙي پٽ بيڪتاش کي پارت ڪندي ويس ، ته اسان جي جانورن جي نظر داري ڪن. ويچاري عائشه ڪنهن زماني مرض ڪارڻ چيلهه جي سور ۾ ورتل رهندي هئي. کيس هڪ ڏينهن گڏيل فارم تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٻه ڏينهن گهر منجهه آرام ڪرڻو پوندو هو.
    گهر جي رستي ۾ هوا جي نرم جهوٽن تي ڪڻڪ جي فصل ۾ سر سر ٿي رهي هئي، اها رات ايڏي ته وڻندڙ هئي، جو منهنجو من ئي ڄاڻي ٿو. مان گهوڙي تي سووان جي پٺيان زين تي ويٺي هيس. هو سدائين چاهيندو هو، ته مان سندس آڏو ويهان، پر مون کي سندس چيلهه جهلي پويان ويهڻ وڻندو هو. سڄي ڏينهن جي هڻ وٺ کانپوءِ هن ڪنهن ڪنهن مهل جهوٽو کائي، وري سجاڳ ٿي گهوڙي کي پئي هڪليو. ڪيڏا نه قيمتي پل هئا اهي! مون پنهنجو مٿو سندس ڪلهي تي رکي دل ۾ چيو هوته پوڙهائپ اچڻ واري آهي سووان، پر وقت جي گاڏي کي ڪير ٿو روڪي سگهي؟ وقت اڳتي نڪري ويندو آهي، پر اسان گهٽ ۾ گهٽ بيڪار زندگي نٿا گهاريون. اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي جو مان ۽ تون جوان هئاسين پر اڃا وقت باقي آهي، دل نه لاهڻ گهرجي ، اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ۽ مان تو سان گڏ جڳن تائين جيئڻ ٿي چاهيان...پراڻيون يادون ٻوڏ جيان ڌوڪينديون آيون......اسان جي محبت جي پهرين رات، اسان جي جواني جا ڏينهن، ڌرتي جي عظيم طاقتور هاريءَ لاءِ منهنجا سپنا. منهنجا سڀئي سپنا سچا ثابت ٿيا هئا. زمين ۽ پاڻي هاڻي پنهنجو هو. اسان پنهنجو ذاتي ان پوکيندا ۽ لڻندا هئاسين. انهي وقت جڏهن اسان اهي خواب ڏٺا هئا، اسان کي ڪَلَ نه هئي ته اسان جا سپنا ساڀيان ٿيندا ۽ اسان جي ديس کي هڪ نئين زندگي ملندي. پر هڪ معمولي هاري ۽ سندس زال جي انهن سپنن کي وقت، تاريخ ۽ انصاف سچو ڪري ڏيکاريو هو.
    مان چپ چاپ اهو سوچي رهي هيس جو اوچتو سووان مون ڏانهن منهن ڪري چيو، ”ننڊ ٿي اچيئي تو لگو؟ ڏاڍي ٿڪجي پيئي هوندينءَ. منهنجو به هڏ هڏ ڏکي رهيو آهي پر اجهو ٿا گهر پهچون.“ وري هن ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ پڇيو، ”نئين رستي ڏانهن هلون؟“
    ”ڀلي.“ مون چيو. نئون رستو ڳوٺ جي ٻاهران غير زرعي زمين تي ٺاهيو ٿي ويو. اڃا ڇڙو پيڙهه رکي ويئي هئي. انهي بهار مند ۾ ئي نون پرڻيل جوڙن جي جاين لاءِ زمين ماپي وئي هئي. هيڏانهن هوڏانهن ڀتيون به کنيون ٿي ويون، قاسم ۽ عليما کي به انهيءَ هنڌ هڪ ٽڪرو مليو هو ۽ انهيءَ کي ڏسڻ لاءِ ئي اسان نئين رستي کان وڃي رهيا هئاسين. مارچ ۽ اپريل ۾ قاسم، عليما ۽ جينڪ ڪچيون سرون ٺاهيون هيون، جيڪي هاڻي سڪي رهيون هيون. پاڙ کوٽجي چڪي هئي ۽ گذريل هفتي منهنجا ٻارڙا درياهه تان پٿر به ڍوئي آيا هئا. خوش قسمتي سان اهو ڪم ٻوڏ کان اڳ پورو ٿي ويو هو ۽ هاڻي انهي ٽڪري جي وچ تي پٿرن جو ڍير پيو هو. ”ڏاڍو چڱو.“ سووان خوش ٿي چيو، ”اهي پٿر واڙي لاءِ به بچندا. لڻائيءَ کان پوءِ ڀتيون ۽ ڇت ٺاهي وٺبي، وڌيڪ ايندڙ سال. سياري کان اڳ جوڙ جڪ پوري ڪرڻ جي ڪوشش اجائي آهي، ڪيئن تو لگو؟“
    ”ها.“ مون سندس راءِ سان اتفاق ڪيو. پوءِ مون کي جينڪ جي هڪ ڳالهه ياد ڪري کل اچي وئي. اسان جو جينڪ ڪيڏو بي صبرو آهي! چئي رهيو هو ته، ڪوم سو مول جي گڏجاڻيءَ ۾ طئه ڪيو.ويو آهي ته هن گهٽيءَ جو نالو ڪوم سومول گهٽي رکيو ويندو ته عليما کلي ڏير کي چيو، ”تون اصل پراڻي زماني جي مسخري ملان نصير الدين جيان آهين. ڄمڻ کان اڳ ٻار جو نالو ٿو رکين.“ عليما جي راءِ هئي ته، جڏهن سندس جاءِ ٺهي راس ٿئي ۽ رستي جي ٻنهي پاسي ٻيا گهر به ٺهي وڃن تڏهن ئي رستي جو نالو رکيو وڃي. پر جينڪ کيس چيو ”اڙي ڀاڄائي! تو کي ڪهڙي خبر انهن ڳالهين جي!”
    سووان مرڪندي چيو، ”جينڪ سدائين بي صبرو هوندو آهي، پر نالو هن واهه جو چونڊيو آهي! نيٺ اهي جايون نون پرڻيلن لاءِ ئي ته ٺهي رهيون آهن. اسان جو ڳوٺ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي. ڏسجانءِ، جڏهن هي رستو ٺهي راس ٿيندو، تڏهن تون چوندينءَ ته جينڪ سچ ٿي چيو.“
    جنهن مهل اسان زال مڙس اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، اسان جو خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته اها رات اسان جي زندگي لاءِ سڀ کان منحوس رات ثابت ٿيندي.


    2

    اسان صبح سان سوير ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ درياهه جي ڪناري وٽ رُڌل رهياسين . ڪناري وٽ ايتري ويڪر نه هئي، جو مشين هلي سگهي، پر اتي فصل تيار ٿي چڪو هو. اُس جي حد واري ٻني ۾ فصل جلدي تيار ٿي ويندو آهي . اسان اڃا ٿورو ڪم ڪيو هو، جو پريان زريچيه جي گهرن واري پاسي کان هڪ گهوڙِ سوار ايندو نظر آيو. هو ٻوڙن ڏانهن ايڏي تکائيءَ سان ڀڳو ڄڻ ڪوئي سندس ڪڍ هجي. درياهه جي پٿريلي ڪناري تي پهچي هن درياهه ۾ ٽپو ڏنو. اسان اچرج مان کيس ڏسندا رهياسين. گهوڙو درياهه ۾ لاهڻ بدران هن چند فرلانگن تي پل جو پاسو ڇو نه ورتو؟ گهوڙي سوار ، جيڪو هڪ نوجوان روسي هو ،پنهنجو گهوڙو هاڻي اونهي پاڻي ۾ وٺي پئي ويو. ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ درياهه کي انهيءَ نموني اورانگهڻ ڀوڳ نه هو. طوفاني لهرون گهوڙو ته ڇا، اٺ کي به لوڙهي وينديون هيون. ”اڙي او- چريو ٿيو آهين ڇا؟“ اسان واڪا ڪندا ڊوڙياسين. هن رڙ ڪري ڪجهه چيو ۽ ٻانهون لوڏيائين، پر ڇولين جي گوڙ ۾ اسان ڪجهه به نه ٻڌو، ڇوڪرو هاڻي گهوڙِي کي چهبڪ هڻي رهيو هو پر گهوڙو ٻڏندو ٿي ويو ۽ هاڻي فقط سندس مٿو ۽ پوئتي وريل ڪَنَ نظر اچي رهيا هئا. ڇوڪري جي ٽوپي سندس مٿي تان لڙهي وئي ۽ ڪُنَ ۾ ڦري ڦري هيٺ هلي وئي . اسان مٿانهين ڪناري تي لاچاريءَ مان هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا رهياسين ۽ سوار ۽ گهوڙو ڪشمڪش ۾ مبتلا رهيا، پر ٿوري دير کان پوءِ نوجوان پنهنجي گهوڙي جو رخ درياهه جي ويڪر ڏانهن ڦيرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ائين لڳو ڄڻ هاڻي هو وهڪري مان نڪرندو ٿو وڃي، نيٺ گهڻو پري وڃي هو، پَن چَڪيءَ جي ويجهو پهچي، درياهه مان نڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. اسان مان گهڻن ئي ڇوڪري جي بهادري جي واکاڻ ئي، ڪئي . اهو سوچڻ لڳا ته نيٺ هن جي ڀڄڻ جو سبب ڪهڙو ٿي سگهيو ٿو؟ڪن چيو، مٿي ڦريو ٽرڙو ڇورو آهي، اسان جو ڪهڙو ڪم سندس پويان ڊوڙڻ جو! تنهن ڪري اسان سڀيئي وري پنهنجي ڪم کي جنبي وياسين . مون سوچيو، ڪو به سياڻو سيبتو ماڻهو پاڻ کي هيئن ٻوڙي نٿو سگهي، چرياڻ هو ڪو.
    ايتري ۾ قاسم جي مشين جو آواز اوچتو بند ٿي ويو، انهيءَ ڏينهن هو پَن چَڪيءَ جي ڀرسان لڻائي ڪري رهيو هو، پهرين ته مون ڪوبه خيال نه ڪيو، ممڪن آ مشين جو ڪو پرزو ٽٽي پيو هجي، پر انهي مهل ئي عليما زور سان رڙ ڪئي. ”امان!“ سندس رنگ مٽجي ويو هو، ڏاٽو سندس هٿ مان ڪري پيو.
    ”ڇا ٿيو؟ نانگ ته نه ڏنگي وڌئي!“ مان ڏانهس ڊوڙيس ، پر جڏهن مون سندس ڀرسان پهچي انهي پاسي نظر ڊوڙائي، جيڏانهن هوءَ ڦاٽل اکين سان ڏسي رهي هئي ته مان ڏڪي ويس . مشين واري پاسي کان طرحين طرحين جا آواز اچي رهيا هئا ۽ ماڻهو پنڌ ۽ گهوڙن تي اوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا، گاڏين ۽ ڇڪڙن ۾ ويٺل به، اٿي بيهي گهوڙن کي چهبڪ هڻي رهيا هئا، عليما مشين ڏانهن ڊوڙ پاتي ۽ ڪنهن جي انهن لفظن تي منهنجو ساهه سڪي ويو ته، ڪو ئي مشين جي ڏاٽي هيٺان اچي ويو آهي . سڀئي عورتون عليما جي ڪڍ ڀڳيون . مون آسمان ڏانهن هٿ کڻي چيو، ”رب ! تون رحم ڪر.“ مان هڪ دُٻي کي اورانگهيندي ڪري پيس، پر هڪدم اٿي سڄي قوت سان ڊوڙيس”ترسو مان به ٿي اچان.“ مون ڇوڪرين کي چوڻ چاهيو پر آواز نڙي ۾ اٽڪي پيم. مشين وٽ ميڙ گڏ ٿي چڪو هو، سڀيئي زور زور سان ڳالهائي رهيا هئا. مان منٿون ڪندي رستو ڪري مشين تائين پهتيس . اتي عليما ۽ قاسم گڏوگڏ بيٺا هئا. مون انڌي عورت جيان هٿ وڌائي، پنهنجي ٻچي کي ڇهيو ته قاسم تڪڙ ۾ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
    ”جنگ شروع ٿي وئي آهي امان“ سندس آواز ڄڻ پريان ڪٿان اچي رهيو هو، مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو.
    ”جنگ؟ ڪهڙِ جنگ!“ مون حيرت مان اهو ڀوائتو لفظ ورجايو. پوءِ منهنجي سمجهه ۾ آيو ته انهيءَ منحوس خبر جي صدمي ۽ گذريل ڪجهه گهڙين جي پريشاني سبب مان سڏڪا ڀري روئي پيس . مون کي روئندي ڏسي ٻيون عورتون به روئڻ لڳيون.
    ”چپ ڪيو، هاڻي صبر ڪيو!“ هڪ مرد رڙ ڪري سڀني کي چپ ڪرائي وڌو، ائين پئي لڳو، ڄڻ اهو شخص ڪا اهم ڳالهه ڪرڻ وارو هجي، پر هن ڪجهه به نه چيو. سڀ چپ رهياسين ۽ انهي چپ چپات ۾ فقط درياهه گجندو رهيو، پوءِ ڪنهن وڏي آواز ۾ آهه ڪئي . هڪ وار وري سڀني ڪَنَ کڙا ڪيا، پر سڀئي ساڳي ريت چپ رهيا. خاموشي ايڏي شديد هئي جو موسم جي گرمائش کي محسوس ڪرڻ بجاءِ، ٻڌي سگهياسين ٿي، جيئن ڪن ۾ مڇر ڀڻڪندو هجي . پوءِ قاسم چئني پاسي سڀني ڏانهن ڏسندي آهستي چيو، ”انهي نموني ڪم نه هلندو، اسان کي برف پوڻ کان اڳ لڻائي پوري ڪرڻي پوندي.“ وري ٿوري ساهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي مددگار کي سڏ ڪيو، ”هل مشين اسٽارٽ ڪر ۽ باقي توهان سڀئي هتي وات پٽي ڇو بيٺا آهيو؟ جيڪڏهن لڻائي جلدي نه ٿي ته انهيءَ ۾ توهان سڀني جو نقصان آهي . شاباش، جلدي ڪم شروع ڪيو.“
    ميڙ ۾ چرپر ٿي ۽ تڏهن مون کي اهو روسي سوار نظر آيو، هو پاڻي ۾ ڀنل، پنهنجي گهوڙي جي ڀرسان بيٺو هو. پاڻي ۾ ڀڄڻ ڪري گهوڙي جو رنگ وڌيڪ گهرو نظر اچي رهيو هو. جڏهن ميڙ ڇڙو ڇڙ ٿيو تڏهن ڄڻ هو خواب مان سجاڳ ٿيو ۽ زين جون پٽيون ڇڪڻ لڳو. هو منهنجي جينڪ جو سن هو، پر وڌيڪ ڊگهو ۽ سندس ڇاتي به وڌيڪ ويڪري هئي . ڀنل سونهري وار سندس چهري تي پکڙيا پيا هئا ۽ منهن تي رهڙون اچي ويون هئس . سندس اکين ۾ نوجوانيءَ جا پاڇا هئا پر هاڻي اهي اهڙيِ پڪي عمر جي ماڻهوءَ جون اکيون ٿي لڳيون، جيڪو ڪيترائي ڏک ڀوڳي چڪو هجي ۽ مون دل ۾ چيو، هي ڇوڪرو اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي ڇوڪرائپ کي الله واهي چئي چڪو آهي. هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ گهوڙي تي سوار ٿيندي اسان جي هڪ نوجوان کي چيو، ”هڪدم چيئرمين ۽ ٽيم ليڊرن کي وڃي چئو ته ستت ضلعي جي مرڪزي پارٽي ڪاميٽي جي آفيس پهچن. مان هلان ٿو، مون کي ٻن ٻين فارم وارن کي اطلاع ڪرڻو آهي.“
    انهيءَ لمحي کان اسان جي نئين زندگيءَ جي شروعات ٿي ، جنگ جي زندگي . محاذ جو گوڙ گهمسان اسان تائين نه پهتو ، پر اسان پنهنجي دلين جي ڌڙڪڻ ۽ پنهنجي آهون جو چنگهڻ ته ٻڌي رهيا هئاسين.
    انهيءَ سال قهر جي گرمي ٿي . اسان جي ساٿين مان ڪونه ڪو روز جنگ تي ويندو هو ۽ اسان جو ڪم وڌي ويندو هو. تکي اُس ۾ ڪم، رات جو لُڪ لڳندي ڪم، لڳاتار ڪم، جيئن جيئن اسان جا مرد محاذ لاءِ روانا ٿيندا ويا، اسان جو ڪم وڌندو ويو.
    قاسم، جيڪو آڻ مڃڻ سکيو ئي نه هو، سو اڪيلي سر لڳاتار ڪم کي جنبيو رهيو. ٻنين ۾ بيٺل فصل سندس لاءِ ڄڻ للڪار هئا. هو هيو ۽ سندس مشين . نٽهڻ اُس ۾، عقاب جيان اڻ لڻيل فصل تي اکيون کپائي هو ڪم کي جنبيو رهيو، سندس ٿڪل چهرو اُس ۾ ڪارٽجي ويو. کيس ڏاڙهي لاهڻ جي واندڪائي به نه هئي. منهنجو ٻچڙو ته اُس ۾ سڙي ويندو، مان دل ۾ چوندي هيس، پر کيس ڪجهه چوڻ جي همت نه ٿيندي هئيم، ڇو ته ڄاڻ هئم ته هو آخر تائين ڪم کي جنبيو پيو هوندو. نيٺ اهو وقت به اچي ويو.... هڪ ڏينهن عليما ڪنڌ جهڪائي مشين کان واپس آئي، ”قاسم کي فوج جو سڏ ٿيو آهي.“
    ”ڪڏهن؟“
    ”جهٽ سوا اڳ، ڳوٺ جي سوويت کان.“
    مون کي خبر هئي ته قاسم کي هڪ نه هڪ ڏينهن فوج ۾ ضرور وڃڻو آهي. پوءِ ان وقت منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي . منهنجي ٿڪل ٻانهن مان اهڙي سٽ اڀري جو ڏاٽو منهنجي هٿن مان نڪري ويو. مان ضبط ڪندي، ڏڪندڙ چپن سان چيو، ”هن مهل هو ڪاٿي آهي؟ کيس سفر جي تياري به ته ڪرڻي آهي.“
    ”هن چيو آ، شام جو گهر ايندو.“ عليما چيو ”مان هاڻي وڃان ٿي، امان، تون بابا کي اهو اطلاع ڏيندينءَ؟ نڄاڻ جينڪ ڪٿي آهي؟“
    ”عليما، تون گهر وڃي اٽو ڳوهه ، مان اچان ٿي.“ مون چيو، پر هو ساڳيءَ ريت ڌرتيءَ تي ويٺي رهي . مون ۾ لوئي کڻي پنهنجي ڪنهن تي رکڻ جي طاقت به نه رهي هئي . ڪولين جي هڪ قطار پنهنجي ننڍڙي رستي تان لنگهي رهي هئي، ڪڻڪ جا داڻا کڻي، اهي سڀيئي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيون ۽ کين اها ڄاڻ نه هئي ته سندن جهڙو ئي هڪ ساهه وارو محنتي انسان، سندن ڀرسان ئي ڏک ۽ فڪر جي بار هيٺ دٻيو ويٺو آهي . مون کي انهن ننڍڙن مزورن تي ريس اچڻ لڳي . گهٽ ۾ گهٽ هو پنهنجو ڪم ته امن سان ڪري رهيون هيون. جيڪڏهن جنگ نه لڳي ها، ته مون کي انهن ڪولين جي زندگيءَ تي ريس نه ٿئي ها. ڪيڏي نه شرم جهڙِ ڳالهه هئي، جو هاڻي مان ڪولين سان به ريس ڪري رهي هيس . ايتري ۾ جينڪ پنهنجي گاڏي هڪليندو اچي پهتو. گذريل چند ڏينهن کان هو ڪوم سومول جي ٽيم سان گڏ ريلوي اسٽيسن تي ان پهچائڻ جي ڪم ۾ رڌل هو ۽ قاسم جي ڀرتي جي اطلاع تي مون کي گهر وٺي وڃڻ لاءِ آيو هو. هن گاڏي تان ٽپو ڏئي منهنجي لوئي کڻي مون کي ويڙهائي”هل امڙ! گهر هل.“ هن مون کي گاڏي ۾ وهاريو ۽ اسان چپ چپات ۾ روانا ٿي وياسين. جينڪ ڪجهه ڏينهن کان ايترو بدلجي ويو هو، جو اصل ٻئي شخصيت ٿي لڳو، کيس ڏسي، ڪڏهن ڪڏهن مون کي اهو ڇوڪرو ياد اچي ويندو هو، جيڪو جنگ جو اطلاع ڏيڻ آيو هو. هو به پنهنجي ڇوڪرائپ کي هڪدم الله واهي چئي ويٺو هو. پوءِ مون کي مسبيڪ جو خيال آيو، ڪجهه عرصي کان سندس خط نه آيو هو. ڇا کيس به فوج جو سڏ ٿيو هو؟ هو اسان کي اطلاع به ته ڏئي پئي سگهيو. ڇا هاڻي کيس ماءُ-پيءَ جي پرواهه نه رهي آهي؟ ويڙهه جي زماني ۾ پڙهائي جاري رکڻ ته ڏکي هوندي، کيس گهر واپس ورڻ کپي.
    ”ريلوي يارڊ ۽ جنگ بابت ڪا نئين خبر ٻڌئي؟“ مون جينڪ کان پڇيو.
    ”نه امڙ! جنگ جلدي ختم نه ٿيندي . اسان جي حالت هيڻي آهي ۽ جرمن اڳتي وڌندا ٿا اچن. جيڪڏهن سندن پير ڪنهن هڪ هنڌ بيهن ته جنگ جو نقشو بدلجي سگهي ٿو. شايد ائين ٿي وڃي.“ هن خاموش ٿي گهوڙن کي چهبڪ هنيو، ”امان ! ڇا تون ڊڄين ٿي؟ ڊپ نه ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
    ڀورو ڇوڪر! مون کي آٿت ڏيڻ هليو آهي! لڙائيءَ بابت مان طرحين طرحين جي وسوسن کان ڪيئن ٿي بچي سگهيس؟
    گهر ۾ عليما سڏڪي رهي هئي. هن اٽو به نه ڳوٿو هو. مون کي ڪاوڙ لڳي . دل چاهيم، کيس چوان ، تون ٻين عورتن کان مٿاهين آهين ڇا؟ ڇڙو تنهنجو مڙس ٿو محاذ تي وڃي ڇا؟ پر مون کي مٿس رحم اچي ويو ۽ مان چپ رهيس، شايد مان ئي غلطي تي هيس . مان ڇا چوان، ڇا ڪيان؟ قاسم شام جو گهر آيو. عليما چلم دکائي اٿي ڀڳي ۽ ڦاٽڪ وٽ وڃي ساڻس چنبڙي پئي، ”قاسم مون کي نه ڇڏ، مون کي اڪيلو نه ڇڏ، مان مري وينديس، مان هتي اڪيلي نه رهي سگهنديس!“
    قاسم جا ڪپڙا مٽي ۽ تيل هاڻا هئا. هن نرمي سان عليما کي ڌار ڪيو، ۽ چيو، “ عليما، صابڻ ۽ ٽوال کڻي اچ، مان درياهه تان وهنجي اچان.“
    عليمان ڦري جن نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو، مان سندس مطلب سمجهي ويس . مون کيس هڪ بالٽي ڏيندي چيو ”تون به هلي وڃ، مون لاءِ پاڻي ڀريو اچجانءِ.“
    هو ٻئي رات جو دير سان موٽيا. چنڊ آسمان جو چڪر ڪاٽي چڪو هو. جينڪ جي مدد سان مون گهر جو ڪم پورو ڪري ورتو هو پوءِ سووان به اچي ويو.
    صبح جو سڄو گهراڻو ضلعي جي ڀرتي واري آفيس ڏانهن روانو ٿيو. قاسم ۽ سووان گهوڙي تي ويا ۽ مان ۽ عليما جينڪ سان گڏ گاڏي ۾. انهيءَ ڏينهن سڀ ڇوڪرا محاذ تي وڃي رهياهئا ۽ روڊ تي ڏاڍي رش هئي، ماڻهن جو جلسو افق تائين نظر اچي رهيو هو. ڏورانهن ڳوٺن کان ماڻهو گهوڙن، گهوڙي گاڏين يا ڏاند گاڏين تي سوار ٿي ضلعي هيڊ ڪوارٽر پهتا هئا. پوڙهي عورتن ۽ ٻارن جا ميڙ رنگروٽن سان گڏ هلي رهيا هئا. ڪيترا ماڻهو روئي رهيا هئا، ڪيترا نشي ۾ هئا، ڪيترائي نوجوان اعتماد ۽ فخر مان گهمي رهيا هئا ۽ پنهنجي روئندڙ مائٽن کي آٿت ڏيڻ ۽ اڪارڊين سان گڏ نچڻ ڳائڻ ۾ مصروف هئا. روسي گيت ۽ ڪرگيز جا گيت واري واري سان ڳايا ٿي ويا پر ڪيتوشا گيت سڀئي گڏجي ڳائي رهيا هئا. انهيءَ ڏينهن مون اهو گيت پهريون دفعو ٻڌو هو، جيڪو پوءِ ڏاڍو مشهور ٿيو!
    ڀرتيءَ واري آفيس جو اڱڻ ننڍو هو، تنهن ڪري رنگروٽن جي قطار روڊ تائين پهچي وئي هئي. جڏهن فهرست مان نالو کڻي سڏيو ٿي ويو ته سڄو ميڙ سانت ٿي پئي ويو. جڏهن مون محاذ تي وڃڻ وارن ڇوڪرن کي ڏٺو ته منهنجو من ڀرجي آيو. اهي سڀئي ڏاڍي گهٽ عمر وارا هئا، پر فخر مان سندن منهن ٻهڪي رهيا هئا. جڏهن قاسم سووان ڪو لوف سڏيو ويو ته هڪ چڀندڙ، جلندڙ درد منهنجي اکين ۾ ڀرجي آيو. عليما منهنجو هٿ جهلي ”امان“ چيو ڄڻ مون کان مدد گهرندي هجي پر مان کيس ڇا ٿي چئي سگهيس؟ ويچاري عليما کي به خبر هئي ته سندس ڏک، سڄي ملڪ جو دک آهي، پر عليما جهڙي، مڙس پوڄيندڙ عورت مون سڄي ڄمار نه ڏٺي!
    اسان کي خبر پئي ته فوجي ريل چوويهن ڪلاڪن کان پوءِ ويندي، تنهن ڪري اسان ڳوٺ واپس ورڻ جو ارادو ڪيو. قاسم اسان کي سمجهايو ته، هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ رهڻ اسان لاءِ تڪليف جو ڪارڻ بڻبو، موقعو ملڻ شرط هو موڪلائڻ لاءِ پاڻيهي ڳوٺ ايندو. اسان جو ڳوٺ ضلعي هيڊ ڪوارٽر کان ريلوي اسٽيشن وڃڻ واري رستي جي ويجهو ئي هو. اسان سووان جو گهوڙو عليما لاءِ ڇڏيو، جيڪا اتي قاسم سان ترسي پيئي هئي. اسان ڪنهن دوست جي گاڏي ۾ ويهي ڳوٺ پهتاسين. جينڪ پنهنجي گاڏي سوڌو اتي ترسي پيو ، ڇو ته رنگروٽن کي ريل تائين پهچائڻ ۾ کيس مدد ڪرڻي هئي.
    گهر پهچڻ شرط مان ٻارن جيان روئڻ شروع ڪري ڏنو. سووان چانهن ٺاهي مون کي پياري، ۽ منهنجي ڀرسان ويهندي چيائين، ”پاڻ بابت ايڏو نه سوچ تولگو. اسان جي قوم اسان سان گڏ آهي، اسان پنهنجي قوم کان سواءِ ڪجهه به ناهيون، اسان ڏک سک ۾ ٻين سان گڏ آهيون. سکين ڏينهن ۾ اسان خوش هئاسين.هاڻي ڏکين ڏينهن ۾ ڇا اسان پنهنجو پنهنجو پٽڻو پٽڻ ويهي رهون؟ اسان کي ڇا رڳو پاڻ بابت سوچڻو آهي؟ اها ڏاڍي بي انصافي جي ڳالهه ٿيندي، تولگو صبر جو ڍڪ ڀر. عليما روئڻ لڳي ته ٻي ڳالهه آهي پر تون ۽ مان زماني جي تتي ٿڌي ڏسي چڪا آهيون ۽ هاڻي تون هڪ ماءُ آهين، اهو ڪڏهن نه وسارجانءِ ۽ ياد رک! جنگ ڊيگهه ورتي ته مون کي به محاذ تي وڃڻو پوندو، مسبيڪ ويندو، جيڪڏهن ضرورت پيئي ته اسين سڀ وڙهڻ لاءِ وينداسين. فولاد جيان مضبوط ٿيءُ تو لگو، هيڻائيءَ جو اظهار نه ڪر.“
    ٻئي ڏينهن منجهند جو رنگروٽ روانا ٿيڻ وارا هئا. قاسم ۽ عليما گهوڙن تي سوار سڀ کان اڳيان هئا. قاسم کي ڌار اسٽيشن تي وڃڻ جي خاص اجازت ڏني وئي هئي. گهوڙي تان لهندي ئي هن چيو ته اسان کي اسٽيشن تي وڃڻ جي ضرورت ناهي . هو يا ته شايد انڪري چئي رهيو هو، جيئن عليما الله واهي چوڻ جي درد کان بچي سگهي يا شايد هو سچ پچ سرڪاري اطلاع اسان کي ڏئي رهيو هو. بهرحال، هن اسان کي چيو ته ممڪن آهي، کيس اسٽيشن تان ڳوٺ واپس موڪليو وڃي، ڇو ته اهو طئه ڪيو ويو آهي ته لڻائيءَ کان اڳ ٽريڪٽر ۽ لڻائيءَ واري مشين جي ڊرائيورن کي محاذ تي نه موڪليو ويندو. اهو سرڪاري حڪم جيڪڏهن ريل جي وڃڻ کان اڳ پهچي ويو ته سڀني ڊرائيورن کي واپس موڪليو ويندو. پوءِ مون کي خبر پيئي ته هن اها ڳالهه ڇڙو عليما ۽ منهنجي دل رکڻ خاطر چئي هئي. ڇڪڙي وسيلي اسٽيشن تي وڃڻ ۾ سڄو ڏينهن لڳي وڃي ها ۽ رات جو موٽندي عليما ۽ مان روئي روئي اڌ مئا ٿي پئون ها. انهي وقت ته قاسم جي اها ڳالهه مون کي ٻڏندڙ کي ڪک جو سهارو لڳي، پر جڏهن اسان روڊ تي پهتاسين، جتان قاسم کي رنگروٽن جي جلوس ۾ شامل ٿيڻو هو ته انهي مهل مون کي وسوسا ويڙهي ويا. ٻنيءَ مان لنگهندي قاسم پنهنجي ساٿين کان موڪلايو. ماڻهو کيس چئني پاسن کان ويڙهي ويا. لڻائيءَ جي مشين وٽ قاسم پنهنجي مددگار کي الله واهي چيو. چوندا آهن ته جنگ تي ويندي لوهر پنهنجي هٿوڙي کان ضرور موڪلائيندو آهي، قاسم به ته هڪ ماهر ڪاريگر هو.
    جيئن ئي مشين سندس ڀرسان لنگهي، قاسم جي نظر روڊ تان لنگهندڙ رنگروٽن تي پيئي . ڳاڙهو جهنڊو سندن اڳيان هو ۽ پويان ڇڪڙن تي سندن سامان سٿيو پيو هو. ڇڪڙن جي قطار روڊ جي پاسي کان ظاهر ٿي، ته قاسم گهوڙي جو لغام هڪدم پنهنجي پيءُ جي هٿ ۾ ڏنو، ۽ مشين وٽ وڃي، سندس چوڌاري ڦيرو ڏنائين، هر طرف کان ڏٺائينس ۽ پوءِ ٽپ ڏيئي ڊرائيونگ سيٽ تي چڙهي ويٺو.
    ”شاباس، پوري رفتار سان مشين هلاءِ.“ هن پنهنجي مددگار کي چيو، هڪدم مشين گجگوڙ ڪيو. لوهي زنجيرن جي ڇمڪي سان مشين ڪڻڪ جا ٻوٽا ڳهڻ شروع ڪيا. مٽيءَ ۽ بهه جو هڪ ڪڪر اٿي کڙو ٿيو. قاسم پنهنجا ڪلها سڌا ڪري ائين ٽهڪ ڏنو، ڄڻ دنيا جا سڀ ڏک ڏاکڙا وساري ويٺو هو. هن ۽ سندس مددگار دستور موجب نعرا هنيا ۽ مشين ٻنيءَ جي ڪناري سان لڻائي ڪندي پوئتي موٽي. کن پل لاءِ اسان سڀيئي جنگ کي وساري مرڪڻ لڳاسين، عليما خاموشيءَ سان مشين جي ڀرسان پهتي . هو اسان کان وڌيڪ فخر محسوس ڪري رهي هئي . مشين بيهي رهي ۽ هڪ وار وري نراسائيءَ جا بادل ڇانئجي ويا. منهنجي پاڙي واري عائشه جو تيرهن سالن جو پٽ بيڪتاش، جيڪو مشين تي بهه اڏارڻ جو ڪم ڪندو هو، روئندو وڃي قاسم سان چنبڙيو. منهنجي دل چاهيو، رڙيون ڪري روئان پر سووان جو حڪم ياد ڪري، مون چپ کڻي ڀيڪوڙيا. قاسم ڇوڪري کي مٿي کڻي پيار ڪيو ۽ کيس هينڊل جي ڀرسان بيهاري، پاڻ ٽپو ڏئي هيٺ لهي آيو اسان سڀئي چئني پاسن کان کيس وڪوڙِي وياسين. رنگروٽن جو جلسو هاڻي اسان جي ويجهو پهچي ويو هو. جڏهن قاسم جي وڃڻ جو وقت آيو ته ويچاري عليما ننڍي وڏي جو خيال ڪرڻ بنا قاسم سان چنبڙي پئي ۽ ٻارڙن جيان سڏڪا ڀري روئڻ لڳي . سندس منهن ڦڪو ٿي ويو هو ۽ فقط اکيون ڪنهن وحشياڻي روشنيءَ مان چمڪي رهيون هيس . اسان کيس قاسم کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ هر هر وڃي ٿي ساڻس چنبڙي . ضديري ٻار جيان هوءَ قاسم کي رڪاب ۾ پير وجهڻ کان جهلي رهي هئي.
    ”اڃا نه، اڃا نه. هڪڙو منٽ ٻيو به ترس!“ هوءَ منٿ ڪندي رهي.
    قاسم کيس پيار ڪري آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ” روءُ نه عليما، مان سڀاڻي ئي اسٽيشن تان موٽي ايندس. اعتبار ڪر.“
    تڏهن سووان چيو، ”عليما، قاسم سان گڏ روڊ تائين هلي وڃ، اسان کانئس هتان ئي موڪلايون ٿا. سندس رستي روڪ نه ڪر.“ وري هن قاسم جو هٿ جهلي چيو، ”منهنجي اکين ۾ ڏس پٽ!“ هو ٻيئي ڪي کن هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا، ”تون ڄاڻين ٿو، مان ڪهڙيون اميدون ٿو رکان پٽ؟“
    ”ها بابا.“
    ”چڱو، ته پوءِ وڃ، الله واهي .“ ايترو چئي سووان پنهنجي گهوڙِي تي ويٺو ۽ پوئتي منهن ورائڻ بنا اتان هليو ويو.
    مون کان موڪلائڻ مهل قاسم چيو، ”جيڪڏهن مسبيڪ جو خط اچي ته مون کي سندس ايڊريس موڪلي ڏجو.“
    گهوڙِي جي رڪاب جهليو، قاسم ۽ عليما روڊ ڏانهن هليا ويا. مان پنهنجون نظرون ٻنهي تان پري ڪري نه سگهيس. ان وقت تائين نوجوان رنگروٽن جو جلوس چڱو اڳتي نڪري ويو هو. جڏهن قاسم گهوڙي تي ويٺو ته عليما پري تائين گهوڙِي جو لغام جهليو ساڻس گڏ هلندي رهي . پوءِ قاسم جهڪي، کيس آخري دفعو پيار ڪيو ۽ گهوڙي کي لت هڻي اڳتي وڌي ويو. پويان اڏندڙ مٽِيءَ سان گڏ عليما پري تائين ڊوڙندي وئي، مان سندس پٺيان وڃي، کيس گهر وٺي آيس.


    3

    دور ڪٿي جنگ جاري هئي. رت جون نديون وهي رهيون هيون پر اسان جو روز مره جو ڪم ئي اسان جي جنگ هئي. قاسم اسان کي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته سخت محنت جي باوجود اسان برف پوڻ کان اڳ لڻائي پوري ڪري نه سگهنداسين ۽ ائين ئي ٿيو. ڪڻڪ جو چڱو فصل اڃا بيٺو هو، جو برف پوڻ شروع ٿي وئي، پٽاٽن جي فصل جو گهڻو حصو کوٽڻ کان اڳ ئي برف جي ور چڙهي ويو.
    روز اسان جا مرد هڪ هڪ ڪري محاذ تي وڃي رهيا هئا. اسان سڄو ڏينهن ڪم ڪندا هئاسين ۽ جنگ کان سواءِ اسان وٽ ڪو موضوع ئي نه هو. سڀني کي پاڻيءَ جو ڏاڍو اوسيئڙو هوندو هو. قاسم جي وڃڻ کان هڪ هفتو پوءِ مسبيڪ جو خط آيو، هن لکيو هو ته کيس ۽ سندس ساٿين کي فوج ۾ گهرايو ويو آهي ۽ في الحال ساڳئي شهر ۾ رهيل آهن. ٻيو ته جيڪڏهن هو اسان کان موڪلائڻ لاءِ نه اچي سگهي ته اسان کي ڳڻتي نه ڪرڻ کپي . ڪنهن ڏک يا فڪر جي ضرورت ناهي، ڇو ته سوڀ نيٺ اسان جي ٿيندي . سندس ٻيو خط ”نووسي برسڪ“ کان آيو، جتي هو آفيسرز ٽريننگ ڪاليج ۾ شامل ٿي چڪو هو. هن پنهنجي تصوير پڻ موڪلي هئي . اها تصوير هاڻي ڌنڌلي ٿي وئي آهي پر فريم ۾ مڙهيل ، اڃا تائين منهنجي گهر ۾ رکي آهي . هو ڪيڏو وڻندڙ لڳي رهيو هو! پويان ورايل گهاٽا وار، ۽ اداس سوچيندڙ اکيون، منهنجي خوابن ۾ به هو ساڳئي انداز سان ايندو آهي.
    عليما مسبيڪ کي فقط هڪ دفعو ڏٺو هو، جڏهن هو ڀاءُ جي شاديءَ ۾ هڪ ڏينهن لاءِ گهر آيو هو. تصوير ڏسي هن چيو، ”اسان جو مسبيڪ ڪيڏو سهڻو ٿي پيو آهي! شادي واري ڏينهن، پردي جي پٺيان مون فقط سندس هڪ جهلڪ ڏٺي هئي ۽ بهرحال ڪنوار لاءِ غير مرد کي چتائي ڏسڻ به ته مناسب نه هو نه! موٽڻ تي کيس پاڻ جهڙي سهڻي ۽ پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري ملي پوي ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي!“
    سياري جا پهريان مهينا خراب نه گذريا. منهنجا ٻيئي سپاهي پٽ لڳاتار خط لکي رهيا هئا، جنهن جي ڪري مان ڪجهه پرسڪون رهيس . پوءِ قاسم لکيو ته سندس يونٽ محاذ تي موڪليو ٿو وڃي، منهنجي دل ٻڏي وئي . ان کان پوءِ ئي سووان کي ڀرتي واري آفيس گهرايو وڃڻ لڳو. ڪڏهن طبي معائنو ته ڪڏهن رجسٽريشن آفيس جا چڪر ۽ ٽيم ليڊري جي محنت سبب هو بي حال ٿي پوندو هو، ڇو ته هڪ گڏيل فارم، ٽيم ليڊر کان سواءِ بيڪار ٿي پوندو آهي . پوءِ سووان به فوج ۾ شامل ٿي ويو. مون کي اها خبر تڏهن ملي، جڏهن اسان برف کان بچيل سچيل اَنُ ڳاهڻ ۾ رڌل هئاسين. خبر ڄاڻڻ شرط مان ٻياني بهه ۾ اٽڪائي انهيءَ جي ٿڌي لوهه تي مٿو رکي بيهجي ويس .
    هاڻي مان ڇا ڪيان؟ ڪيئن زندهه رهان؟ منهنجا ٻيئي پٽ ۽ منهنجو مڙس.... سووان گهوڙي تي سوار گاهه واري جاءِ تي آيو ۽ منهنجي ڀرسان پهچي چيائين، ”هل گهر هلون، گهڻا انتظام ڪرڻا آهن.“
    مان گهوڙي تي سوار ٿيس ۽ هو اهو چئي مون سان گڏ پنڌ هلڻ لڳو ته ائين ڳالهائڻ ۾ سهولت ٿيندي پر ڳالهائڻ ڏاڍو اوکو هو. لفظ ڪٿي وڃائجي ويا هئا، منهنجي اندر ۾ ڄمي ويا هئا. آسمان تي گهاٽا ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ برف وسڻ لڳي . ٻوڙا اداسي مان لڏي رهيا هئا، ۽ طوفان اچڻ وارو هو. ٻني غمگين اداس ۽ ويران هئي . سووان لڳاتار سگريٽ پئندو گڏ هلندو رهيو، پوءِ منهنجو هٿ هن پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو، ”سيءُ ٿو ٿيئي؟“ پر مان چپ رهيس. هن شايد ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. شايد اهو، ته هاڻي مان پنهنجي پٽن جي ڪڍ ٿو وڃان، اتان جو حال ڪهڙو هوندو؟ ڇا مان موٽي ايندس؟ يا موٽڻ قسمت ۾ ناهي؟ شايد اسان سدائين لاءِ ڌار ٿيڻ وارا آهيون. جيڪڏهن ائين ٿيڻو آهي، ته اڄ پنهنجي گذريل سرهي زندگي کي ياد ڪيون . خبر ناهي هن اهو چوڻ چاهيو ٿي يا نه، پر جڏهن هن ڪنڌ مٿي کنيو ته ڏٺم، هن جو پنهنجي چپ ۾ چڪ پيل هو ۽ مون اوچتو پهريون دفعو ڏٺو ــــ پهريون دفعو ته سندس مڇون اڇيون ٿي ويون هيون . عجيب ڳالهه آهي ته مون اڳ ڪڏهن به انهي ڳالهه تي ڌيان نه ڌريو هو! مون کي ياد آيو ته انهي ٻني تي اسان پهريون دفعو ڪيئن مليا هئاسين، ڪيئن ٻاويهن سالن تائين گڏ محنت ڪئي هئي سين، ٻارن کي پالي تاتي وڏو ڪيو هئوسين، فصل پوکيا هئاسين، منهنجي سڄي زندگي کن پل ۾ منهنجي اکين اڳيان ڦري آئي . منهنجي ذهن گمان ۾ به نه هو ته ڪڏهن هيئن ، شايد اسان سدائين لاءِ وڇڙي وينداسين. مون کي ياد آيو، ڪيئن پهرين اونهاري واري مند ۾ اسان شام جو گهوڙي ئي سوار، انهي رستي تان لنگهيا هئاسين ۽ هاڻي مون سوچيو ته ٻاهر نئون رستو ۽ اڻ پورا ٺهيل گهر ائين ئي نامڪمل پيا هوندا! عليما ۽ قاسم جي ٽڪري ۾ مون کي ڪچين سرن ۽ پٿرن جاڍير نظر آيا. مان گهوڙِي جي ڳچيءَ تي ڪِري سڏڪا ڀرڻ لڳيس، ڪا مهل روئيندي رهيس . سووان صبر ۾ رهيو، پوءِ چيائين، ”ها، تولگو، دل ڀري روءُ . هتي اڪيلي آهين پر ٻين جي سامهون نه روئجانءِ . هاڻي ڇڙو تون گهر ڌياڻي ۽ جينڪ ۽ عليما جي سنڀاليندڙ ئي ناهين، پر هاڻي تو کي منهنجي جاءِ تي ٽيم ليڊر به ٿيڻو پوندو. تو کان سواءِ اهو ڪم ڪوبه نه ڪري سگهندو.“
    اهو ٻڌي مان اڃا وڌيڪ رنيس. ”کڏ ۾ وڃي پوي تنهنجي ٽيم ليڊري . هن مهل تو کي ڇڙو اهائي ڳالهه ٿي سجهي؟ هاڻي مان انهي سلسلي ۾ اکر به نه ٻڌنديس.“ پر انهي شام تي ئي مون کي گڏيل فارم جي آفيس ۾ گهرايو ويو. اتي اسان جي نئين چيئرمين بوسينبائي کان سواءِ ڳوٺ جا ڪيترائي بزرگ شخص به هئا. چيئرمين، جيڪو هڪ پراڻو فوجي هيو، بنا تمهيد جي مون کي چيائين، ” تو لگو! تون جيئن به چئين، پر هاڻي تون نئين ٽيم ليڊر آهين . همٿ ڪر، اسان جي گڏيل فارم جي زمينن، هارين ۽ آبپاشيءَ جي معاملن بابت تو کان وڌيڪ ڄاڻو ڪوئي ناهي . ٽيم ليڊري هاڻي تنهنجو فرض آهي، ڇو ته اسان کي تو تي ڀروسو آهي ۽ اسان جو ڀلوڙ ٽيم ليڊر، جنهن کي اسان ڏاڍي ڏک مان الوداع ٿا چئون، تنهن کي تو تي ڀروسو آهي . اسان کي ۽ تو کي اهو نئون فرض قبول ڪرڻو ئي پوندو، انهي کان سواءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي . سڀاڻي کان تون پنهنجو ڪم شروع ڪندينءَ.“
    ڳوٺ جي وڏن چيئرمين سان ها ۾ ها ملائي ۽ مون کي نئون ڪم سنڀالڻ تي مجبور ڪري وڌائون . موجوده حالتن ۾ مان انهيءَ کان وڌيڪ ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ تنهن کان سواءِ سووان جي مرضي به اهائي هئي . انهيءَ رات سووان سڄي رات نه ستو. مون کي صلاح مشورا ڏيندو رهيو. بهار جي مند لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏ. هرن، ٻيانين ۽ ڇڪڙن جي مرامت ڪرائي ڇڏ، ڳوٺ جي گهرن ۾ پوڙهن ۽ ٻارن جي سار لهندي رهه . سڄي رات ويچارو انهن ئي ڳڻتين ۾ ورتو رهيو ۽ ٻاهر برفاني طوفان گجندو رهيو، تيز هوا سيٽيون وڄائيندي رهي.
    قاسم جيان اسان سووان کي به روڊ تي ئي الله واهي چيو. پوءِ هو پنهنجي عمر جي ڪجهه ساٿين سان گڏ جينڪ جي ڇڪڙي ۾ ويهي آنڌاري ۽ طوفان ۾ غائب ٿي ويو ۽ ڌنڌ جهڙي برف کيس اسان جي نظرن کان لڪائي ڇڏيو. تيز سرد هوا اسان جي جسم کي ڌوڏي رهي هئي . مان ڦري ڦري روڊ کي ڏسندي گهر هلي آيس. انهيءَ ڏينهن کان مون سندرو کڻي ٻڌو ۽ ٽيم ليڊر جا فرض سنڀالي ورتم. اهو ڪم اڄ به سولو ناهي پر ويڙهه جي ڏينهن ۾ ته اڃا به ڏکيو هو. ڳوٺ ۾ ڇڙو عورتون، ٻڍا ۽ ٻار وڃي بچيا هئا. سڀيئي مرد محاذ تي وڃي چڪا هئا. اسان جيڪو ان اپائيندا هئاسين، اهو محاذ تي موڪليو ويندو هو. ڇڪڙن جا ڦيٿا ٽُٽي چڪا هئا، گهوڙن جا لغام پراڻا ٿي چڪا هئا، لوهار خاني جي کوري لاءِ ڪوئلو نه هو، گند ڪچرو گڏ ڪري اسان کورو ٻاريندا هئاسين. اسان جي زندگيءَ جو ڍنگ بدلجي ويو. اسان کي بکيو رهڻ جي عادت پئجي وئي پر اسان ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو گڏيل فارم هلائيندا رهياسين . مان ڪنهن کي پيار سان ڪم چوندي هيس ته ڪنهن کي دڙڪي سان. اڪثر اسان پاڻ ۾ اٽڪي به پوندا هئاسين . هر قسم جون مصيبتون اسان سٺيون، پر الله اسان کي سوڀارو ڪيو. هاڻي مان سوچيندي آهيان ته دل چوندي آهي، پنهنجي انهن ساٿين آڏو عقيدت مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيان . ڪيڏا دلير ماڻهو هئا اهي سڀ ! انهي زماني جون نيون پرڻيل ڇوڪريون اڄ جون پوڙهيون عورتون آهن، انهيءَ وقت جا ٻار اڄ پاڻ ٻارن وارا ٿي چڪا آهن. مون کي پڪ آهي ته هو سڀ، اهي ڏکيا ڏينهن وساري چڪا آهن پر مون کي چڱي طرح ياد آهي ته اهي سڀ ان وقت چتين ۾ ويڙهيل، بکايل پر ڪيڏا محنتي مزدور هئا! ڪيئن فتح جا تمنائي هئا! ڪيئن روئي پوندا هئا ۽ ڪيئن بي ڊپائي ۽ همت سان هنن جدوجهد جاري رکي ! کين اهو احساس ناهي ته هو ئي اصل هيرا آهن، پر مون کي فخر رهندو ته مان سندن ٽيم ليڊر رهي چڪي آهيان. جيتوڻيڪ انهي ڪم جي محنت منهنجي چيلهه چٻي ڪري وڌي، مان پرڀات ويلي ٻني تي پهچي ويندي هيس، سڄو ڏينهن گهوڙي تي چڙهي جبلن ۽ ميدانن جا چڪر هڻندي هيس ۽ رات جو گڏيل فارم جي آفيس ۾ دير تائين ڪم ۾ مصروف رهندي هيس ۽ مون کي خبر به نه پئي ته ڏينهن پر ڪيون اڏامندا ٿا وڃن . شايد وقت جي تيز رفتاريءَ ئي مون کي بچائي ورتو. اڪثر منهنجي ٽيم جا ڪارڪن پنهنجي ڏکن ڏاکڙن کان بيزار ٿي، مون کي ڦٽ لعنت ڪرڻ لڳندا هئا، پر مان منهن نه گهنجائيندي هيس. اهڙن موقعن تي مان ٻين جي حصي جو ڪم به عليما ۽ جينڪ جي حوالي ڪري ڇڏيندي هيس. تنهن ڪري هو به محاذ جي وسوسن کان ڇُٽا پيا هوندا هئا. ٻه مهينا گذري ويا پر قاسم جي ڪا خبر نه ملي . عليما ۽ مان هڪ ٻئي کان نظرون چورائڻ لڳيونسين، ڇو ته پوءِ ساهه سڪائيندڙ انديشي جو ذڪر ڪرڻو پوي ها، تنهن ڪري اسان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا رهندا هئاسين ۽ ٻارن جيان اصل ڳالهه کان ڪن ناٽار ڪندا رهياسين.
    هڪ ٿڌي صبح جو مان گهوڙن جي نعلن لاءِ لوهار خاني ڏانهن ڊوڙندي ٿي ويس، جو مون چيئرمين کي گهوڙِي تي سوار پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، ”تو لاءِ هڪ تار آئي آهي تولگو.“ هن رڙ ڪري چيو. منهنجي دل ڏڪي ويئي، فقط نهائينءَ تي ڪِرندڙ هٿوڙو منهنجي دماغ تي ڌڪ هڻندو رهيو.
    ”گهٻراءِ نه تولگو.“ چيئرمين چيو، ”مسبيڪ ، نو ووسي برسڪ کان تار موڪلي آهي . ڊڄ نه .“ هن جهڪي، ڪاغذ مون کي ڏنو، ”هڪدم اسٽيشن هلي وڃ، هو هتان لنگهي رهيو آهي ۽ توکي اسٽيشن تي سڏايو اٿائين. مون تو لاءِ ڇڪڙي جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. وڃ جلدي ڪر.“
    خوشِيءَ جي شدت مان منهنجي سمجهه ۾ نٿي آيو ته لوهر جي مدد ڪيان يا ڌنوڻ واري جي، پر هنن ٻنهي مون کي ڀڄائي ڇڏيو، ”وڃ وڃ. دير ٿي ويندئي“ تنهن ڪري مان گهر پهتيس . منهنجو مٿو اڃا تائين ڦري رهيو هو. سخت ٿڌ جي باوجود مان پگهرجي ويس ۽ چرين جيان سوچڻ لڳيس، هن مون کي اسٽيشن تي ڇو گهرايو آهي؟ ”منهنجا ٻچڙا، مان ته تو سان ملڻ لاءِ ڪوهن تائين پنڌ ڪري سگهان ٿي.“ مون هڪ چري ماءُ اهو به نه سوچيو ته هو ڪيڏانهن ٿو وڃي . گهر وڃي مون هن لاءِ قسمين قسمين کاڌا تيار ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. گهڻو ناشتو ٺاهيان، جيئن سندس ساٿي به کائي سگهن.
    ناشتو زين جي ٿيلي ۾ وجهي، عليما ۽ مان روانا ٿي وياسين . مون جينڪ کي به ساڻ ڪرڻ چاهيو، پر هو گهر جي نظر داري لاءِ ترسي پيو. پوءِ مون کي خيال ٿيو ته هن ڪيڏي سمجهه واري ڳالهه ڪئي آهي . هو طنبيلي مان عليما کي وٺي آيو. مون ننهن کي ڪيترن ڏينهن کان ايڏو سرهو نه ڏٺو هو، ”وارو ڪر امڙ، هي وٺ پنهنجو ڪوٽ، هي لوئي ويڙهي ڇڏ، وارو ڪر وارو!“ رستي ۾ گاڏي واري کي به هوءَ تڪڙ ڪرڻ لاءِ چوندي رهي . ڇڪڙو آرام سان هلندو رهيو. هوا بند هئي ۽ هلڪي ڌنڌ ڇانيل هئي . عليما جي ڪوٽ، ڳلن ۽ شال مٿان برف چنبڙيل هئي ۽ سندس سانورو رنگ، گلابي ڳل، چمڪندڙ ڪاريون اکيون ۽ اڇا اڇا ڏند ڪيڏا سٺا لڳي رهيا هئا. هن مون کي چيو ته مان سندس ڏير کي ڪجهه نه ٻڌايان، ڏسجي هو ڀاڄائيءَ کي سڃاڻي ٿو يا نه ! هن سَٽَ سَٽي ته پٺيان وڃي، سندس اکين تي هٿ رکندي .هو ڊڄي وڃي ۽ شايد چوي، ”هي وري ڪهڙو مشڪرو آهي؟“
    اڙي عليما، منهنجي ٻچڙي! سندس خيال هو ته مون کي سندس انهيءَ غير معمولي خوشي جي سبب جي ڄاڻ ناهي، پر هن پاڻ ئي ته راز کولي وڌو هو!
    کلندي کلندي هن ترسي آهستي چيو، ”مسبيڪ اصل قاسم جهڙو آهي نه! ٻيئي ايڏا هم شڪل آهن، جو جاڙا ڀائر لڳندا آهن!“ مون سندس ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. پوءِ هوءَ چپ ٿي ويئي ۽ لغام ڇوڪري کان وٺي، گهوڙن کي تڪڙو هلائيندي چهبڪ هنيائين.
    سج لٿي مهل اسين اسٽيشن تي پهتاسين ۽ ڇڪڙي تان لهي، ائين پٽڙين ڏانهن ڀڳاسين ڄن اک ڇنڀ ۾ مسبيڪ اچي پهچندو! اسٽيشن سنسان هئي، اسان کي اچرج لڳو. هوا ٽيليگراف جي تارن ۾ سر سر ڪري رهي هئي ۽ پٽڙين جي وچ ۾ برف وکري پيئي هئي . هڪ انجڻ مال گاڏيءَ جي گاڏن کي هيڏانهن هوڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جيڪي برف سب ڄمي پيا هئا. نه مان ۽ نه عليما اڄ تائين ڪنهن سان اسٽيشن تي ملڻ لاءِ ويا هئاسين، تنهن ڪري اسان کي خيال نه ٿيو ته ريل جي اچڻ جو وقت پڇي وٺون. ايتري ۾ سيٽيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ هڪ ريل ايندي نظر آئي، ”امان ! امان! ريل اچي ويئي !!“ عليما رڙ ڪري چيو.
    مان ڊپ مان ڏڪي ويس . انجڻ دونهون ڇڏيندي اسان جي ڀرسان لنگهي پليٽ فارم تي اچي بيٺي . دٻن ۾ عورتون ۽ ٻار ڀريل هئا، پر ڪيترائي سپاهي به هئا، ڪهڙين ڪهڙين مائرن جا تارا هئا اهي ۽ سندن ماڳ ڪهڙو هو؟ اسان هر هڪ گاڏي اڳيان بهيي پڇندا رهياسين، ” مسبيڪ سووان ڪولوف هتي آهي؟ مسبيڪ سووان ڪوف! توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته هو ڪٿي آهي؟ وڏي مهرباني ٿيندي.“ ڪنهن چيو ”خبر ناهي.“ ڪو چپ رهيو ڪو ڇڙو مرڪي پيو. اسان اڃا ڳولا ۾ ئي هئاسين جو ريل هلي پئي . اها ڇڙو ٽي منٽ اتي بيٺي هئي، ۽ اسان کي لڳو، ڄڻ اسان جو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجي. هڪ پوڙهو روسي گارڊ اسان وٽ آيو، کيس رڍ جي کل جو ڪارو ڪوٽ پاتل هو. هن اسان کان پڇيو ته اسان ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيون؟ اسان تار سندس هٿ ۾ ڏني . هن عينڪ چاڙهي، چپ لوڏي تار پڙهي.
    ”توهان جو ڇوڪرو فوجي ريل ۾ ايندو. اهو نٿو ٻڌائي سگهجي ته فوجي ريل ڪنهن مهل ايندي . شايد اڄ رات اچي يا سڀاڻي صبح جو يا ممڪن آهي، اچي هلي به ويئي هجي. نڄاڻ ڪيتريون فوجي گاڏيون هتان لنگهي رهيون آهن، انهن مان ڪيتريون ته هتي بيهنديون به ناهن.“ اسان ٻنهي ڏک مان ڪنڌ هيٺ ڪيا، ته هن چيو، ”اوهه ! جنگ ! جنگ !! هر شيءِ هيٺ مٿي ٿي ويئي .... پر توهان هتي پاري ۾ ڇو بيٺيون آهيو؟ ويٽنگ روم هليون وڃو، ريل جي وقت ٻاهر نڪري اچجو.“
    ويٽنگ روم ۾ ڏهاڪو مسافر بينچن تي ليٽيا پيا هئا. ائين ٿي لڳو، ڄڻ زندگيءَ جي ڏاکڙن هڪ ويٽنگ روم کان ٻئي ويٽنگ روم تائين کين اهڙو نستو ڪري وڌو هو، جو هاڻي کين انهي نموني جيئڻ جي عادت ٿي وئي هئي . ڪي آرام سان ستا پيا هئا، ڪي سگريٽ ڇڪي سستيءَ سان ڳالهائي رهيا هئا. هڪ جوڙو ڪنڊ ۾ ويهي، ٽين جي مگن مان ڪوسو پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ٻيئي زال مڙس انهي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڦوڪون به ڏيندا ٿي ويا. هڪ ٻيو شخص گٽار وڄائي، جهونگاري رهيو. ڪمري ۾ پراڻي چمني واري تيل جي هلڪي روشني ڦهليل هئي . مان ۽ عليما چئني پاسي ڏسي، هڪ بينچ جي ڪنڊ تي ويهي رهيونسين. ڪجهه دير کان پوءِ اسان هڪ ٻئي ريل جو گوڙ ٻڌو ۽ پنهنجون لويون سنڀالينديون ٻاهر ڀڳونسين.
    اها هڪ مال گاڏي هئي، جنهن ۾ ڪوبه سپاهي نه هو پر ان سان گڏ ڊڪندي مسبيڪ سووان ڪولوف! مسبيڪ سووان ڪولوف!! جون رڙيون ڪرڻ کان پوءِ جڏهن نراس ٿي ويٽنگ روم ۾ آيونسين ته هڪ سمهڻ جي جاءِ خالي هئي. ”امڙ تون سمهي پئو، مان گاڏين جو خيال رکنديس .“ عليما چيو، مون سندس ڪلهي تي مٿو رکيو، پر ننڊ ڪنهن کي ٿي آئي ! پيرن جي ترين زمين کي ڌڏڪندي ٿي محسوس ڪيو ته مان هوشيار ٿي پئي ويس . ٻنهي پاسن کان گاڏيون اينديون ۽ وينديون رهيون ۽ اسان ٻئي ٿيلهو کڻي ٻاهر ڀڄنديون رهوسين . هڪ دفعي اسان ايترو گهٻرائجي ويونسين، جو اوچتو ريل جي ٻن پٽڙين جي وچ ۾ پاڻ کي بيٺل ڏٺوسين . ٻنهن پاسن کان گاڏيون لنگهندي اسان ڏانهن وڌي رهيون هيون . جڏهن اهي اسان جي ڀرسان کڙڪا ڪنديون لنگهڻ لڳيون ته هوا ۽ برف اسان کي موت جي منهن تائين ڇڪي روتو. عليما مون کي ڪلهن کان جهلي هڪ ٿنڀي سان ٽيڪ ڏياري ڇڏي ۽ پنهنجي سڄي طاقت سان مون کي جهلي بيٺي . مان ريل جي درين کي ڏسڻ لڳيس، جيڪي تيزي سان اسان جي ڀرسان لنگهي رهيون هيون . جيڪڏهن مسبيڪ اندر هوندو به ته مون کي ڏسي نه سگهندو. ڦيٿن هيٺان پٽڙيون چنگهي رهيون هيون ۽ پنهنجي ٻچڙي جو خير گهرندي منهنجي دل انهن سان گڏ چنگهي رهي هئي . گاڏيون لنگهنديون رهيون، برف اڏندي رهي ۽ اسان ليمپ هيٺان ٿنڀي کي جهليون بيٺيون رهيونسين. سڄي رات ائين اسان فوجي گاڏين سان گڏ ڊوڙندي گذاري.
    صبح ٿيو ۽ اسان گهر واپس ورڻ جو ارادو ڪيو. متان مسبيڪ جي گاڏي اڃا نه آئي هجي؟ اسان دير تائين اهو ئي سوچيندا رهياسين ۽ همٿ نه پئي ٿي ته سڄي رات جي اوسيئڙي کان پوءِ هيئن موٽي وڃون . اهو ڏينهن به سرد ۽ طوفاني هو. اوچتو ڪڪرن مان سج اڀريو. ڇا ائين ئي منهنجو چنڊ مسبيڪ به منهن ڏيکاريندو؟ انهيءَ پل ئي ريل جي گجگوڙ ٻڌڻ ۾ آئي، ڪوڪ فضا ۾ اڀري، اسان جي پيرن هيٺان ڌرتي ڌڏڻ لڳي ۽ پٽڙيون ڪجهه جهونگارڻ لڳيون. ڳاڙهن ڦيٿن واريون ٻه ڪاريون انجڻيون دونهين ۽ ٻاڦ جا بادل اڏارينديون اسان جي ڀرسان لنگهي ويون . انهن جي پٺيان توپون ڪرمچ جي پال سان ڍڪيل هيون ۽ وڏا وڏا اوور ڪوٽ پهريل سپاهي انهن تي پهرو ڏيئي رهيا هئا. ان کان پوءِ سپاهين جا گاڏا هئا، جن جا در اڌ کليل هئا. سان کي چهرن ۽ وردين جون جهلڪيون نظر آيون . ڪجهه نوجوان ڏاڍيان ڳالهائي رهيا هئا، گيت ڳائي رهيا هئا ۽ اڪارڊين ۽ بيلاليڪا وڄائڻ ۾ مصروف هئا. اسان هيڻائي مان بيهي کين ڏسي رهيو هيونسين، جو ايتري ۾ گارڊ اسان وٽ آيو ۽ چيائين ”پري ٿي بيهو، هيءَ گاڏي هتي نه ترسندي“ انهي وقت ئي هڪ ٻيو آواز ڪن پيو“ ”امان ! عليما!!“
    منهنجو مسبيڪ انهي مهل اسان کان نڪتو پئي ويو! هو در تي بهيي، گهڻو ٻاهر نڪري هڪ هٿ سان ٽوپي لوڏي رهيو هو ۽ ٻئي هٿ سان در جو هينڊل جهليو هئائين.
    ”مسبيڪ! مسبيڪ!! مسبيڪ!!!“ مون رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ انهي کن پل ۾ مون پنهنجي ٻچڙي کي ڏٺو.... هوا ۾ اڏندڙ وار ۽ ڦڙڪندڙ ڪوٽ. خوشي، ڏک ۽ اداسيءَ جي گڏيل ڪيفيت سان ٻهڪندڙ سندس چهرو. کيس ڏسندي مان ريل سان گڏ ڊڪيس، آخري گاڏو به اڳتي نڪري ويو ۽ مان پٽڙيءَ ۾ لڳل ڪاٺ جي ڪنڍي سان ٿاٻو کائي ڪري پيس ۽ چنگهڻ لڳيس . منهنجو ٻچڙو لڙائيءَ تي وڃي رهيو هو ۽ مان لوهه جي سرد پٽڙي سان چنبڙي سڏڪي رهي هيس . ڦيٿن جي کڙڪي جو آواز گهٽبو ويو ۽ نيٺ ختم ٿي ويو.
    اڄ به اڪثر اها ريل ڪڙڪا ڪندي منهنجي دماع مان لنگهندي آهي ۽ ڦٿين جي کڙ کڙ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي آهي.
    عليما ڊڪي اچي مون کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي . سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ سڏڪن سبب سهڪي رهي هئي . هڪ روسي عورت، جيڪا ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ هئي، ڊوڙي مون وٽ آئي . مون کي امان چئي سڏيائين ۽ روئڻ لڳي . هوءَ ۽ عليما مون کي اسٽيشن تائين وٺي ويون، عليما هڪ سپاهي جي ٽوپي منهنجي هٿ ۾ ڏني ۽ ٻڌايو ته جڏهن مان ريل جي ڪڍ ڊوڙي رهي هيس، تڏهن مسبيڪ پنهنجي ٽوپي مون ڏانهن ڦٽي ڪئي هئي . سڄي رستي ۾ اها ٽوپي مان پنهنجي ڇاتي تي رکي ، اڄ به اها ٽوپي منهنجي گهر جي ڀت تي لڳل آهي . هڪ معمولي خاڪي رنگ جي فوجي ٽوپي، جنهن تي اڳيان ڳاڙهو ستارو لڳل آهي، اڪثر مان اها ڀت تان لاهي پنهنجي منهن تي رکندي آهيان، ۽ پنهنجي پٽ جي سڳنڌ ان ۾ محسوس ڪندي آهيان.


    4

    هڪ ڏينهن قاسم جو خط آيو. مان گهوڙي تي چڙهي، برف ۽ کڏن کي واءُ مينهن ڪندي اورانگهيندي انهيءَ هنڌ پهتيس، جتي عليما ۽ جينڪ ٻنيءَ ۾ ڇڪڙِي مان ڀاڻ لاهي رهيا هئا. ”واڌايون! واڌايون!!“ مون رڙ ڪئي . گذريل ٻن مهينن کان قاسم جو خط نه آيو هو ۽ هاڻي هن لکيو هو ته هو ماسڪو ۾ ٻن لڙاين ۾ شامل رهيو هو ۽ چڱو ڀلو هو. جرمنن جا ترا نڪري ويا هئا ۽ هاڻي قاسم جي رجمنٽ کي آرام لاءِ پوئتي موڪليو ويو هو.
    عليما گاڏي مان ٽپو ڏيئي جينڪ کي ڇڪيندي مون ڏانهن ڀڳي، ”امڙ! تنهنجو وات گلاب.“ هن اهو چئي خط مون کان ڦري ورتو. سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا، خوشيءَ مان هو خط پڙهي به نه سگهي، ڇڙو اهو ورد ڪندي رهي، ”قاسم جيئرو آهي.... قاسم جيئرو آهي.....،“
    ٻيون عورتون به ڊوڙنديون آيون ۽ عليما کي ورائي ويون، ”خط پڙهه عليما. اسان کي به ٻڌاءِ، متان قاسم اسان جي مڙسن جي به ڪا خبر چار لکي هجي.“
    ”ٿوري ساهي ته پٽڻ ڏيو ڇوريون، منهنجو هوش ته جاءِ ٿئي.“ پر عليما پوءِ به اکر به نه پڙهي سگهي.
    هاڻي جينڪ صبر ڪري نه سگهيو، ”هيڏي ڪر، سڀني کي پڙهي ٻڌايان.“ هن خط پڙهڻ شروع ڪيو ۽ عليما جهڪي برف کڻي پنهنجي نراڙ تي رکڻ لڳي . جڏهن جينڪ خط پورو ڪيو ته هوءَ سڌي ٿي ۽ ڳرندڙ برف سندس ٻهڪندڙ منهن تان ٽمڻ لڳي. پوءِ عجيب پرسڪون آواز ۾ هن چيو، ”هلو هاڻي پنهنجي ڪم ڪيون.“ ۽ برف تي هلندي هڪ پاسي وڌي وئي.
    جڏهن هو ٻنهي پاسي ڏسندي ڇڪڙي ڏانهن وڃي رهي هئي ته مون سندس جذبن جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. شايد هوءَ انهيءَ ڏينهن کي ياد ڪري رهي هئي، جڏهن ساڳئي ٻني ٽپي، هو مڙس لاءِ لسي کڻي وئي هئي يا شايد انهيءَ وقت کي، جڏهن قاسم مشين وٽ کيس الله واهي چيو هو. ڪڏهن سندس اکيون مرڪي ٿي پيون ته ڪڏهن گنڀير پئي ٿي ويون . ڪا مهل هو روڊ کي ڏسندي رهي، جنهن تي ڊوڙندڙ گهوڙو قاسم کي محاذ تي کڻي ويو هو. جينڪ کيس چيڙائڻ شروع ڪيو، ”هاڻي سجاڳ ٿيءُ ڀاڄائي! سڄو ڳوٺ تو تي کلندو. اها ڇوڪري، جيڪا خط به نه پڙهي سگهي . مان ته قاسم کي لکڻ وارو آهيان ته تو کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي، جيئن الف. ب ته سکي وٺين!“
    عليما ڏير جي پٺيءَ تي مڪون هنيون، ۽ ٻيئي ڊوڙندا ڇڪڙي ڏانهن هليا ويا.
    منهنجي پٽن جهڙن بهادرن کان وڌيڪ قوم جي بچاءُ لاءِ ڪير ٿي وڙهي سگهيو؟ جيڪر هو سڀ جيئرا جاڳندا موٽي اچن ۽ اسان جي محنت سڦل ٿئي . جيڪڏهن محنت ڪندي ڪندي اسان هڏن جو پڃرو به ٿي وڃون ته ڪهڙي پرواهه آهي! اسان کي سوڀ جو ڏينهن ته ڏسڻ نصيب ٿئي، پر جلد، تمام جلد ! اهائي منهنجي ۽ سڄي عوام جي خواهش هئي.
    جينڪ، جيڪو اڃا ارڙهن سالن جو به نه هو، جڏهن محاذ لاءِ روانو ٿيو ته مون ڏاڍي صبر کان ڪم ورتو. سياري جي پڇاڙيءَ ۾ کيس پاڻ جيڏن ڇوڪرن سان گڏ ڀرتيءَ جي آفيس ۾ گهرايو ويو، جتي نوجوان ڇوڪرن کي ڏهن ڏينهن جي ابتدائي سکيا ڏيڻ کان پوءِ گهر واپس موڪليو ويندو هو. اهو هڪ دستور هو، جنهن مون کي پريشان نه ڪيو، پر هڪ دفعي جينڪ ٻئي ڏينهن ئي موٽي آيو.
    ”هن دفعي تو کي هنن ايترو جلدي ڇو موڪلي ڏنو؟“ مون پڇيو.
    ”مان سڀاڻي وري ويندس. ان کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين اتي ئي رهندس. تون ڳڻتي نه ڪر.“ هن چيو.
    مون چرين جيان سندس ڳالهه تي اعتبار ڪيو. مون کي سندس رويي مان اندازو ڪرڻ گهربو هو، ته هو ڊگهي عرصي تائين ٻاهر رهڻ وارو آهي. هو هٿوڙو ۽ ڪوڪا کنيا ۽ سڄي گهر جي مرامت ڪندو رهيو. ڇپري مٿان سڪل بهه کي هيٺ مٿي ڪيائين ۽ ڍير ڪياٺين جو به ڪري آيو. جڏهن مان رات جو گهر موٽِس ته ڏٺم، هو اڱڻ صاف ڪري چڪو هو ۽ بندوق جي نال جي مرامت ڪري چڪو آهي.
    ”هي ڇا ٿو ڪندو وتين؟“ مون پڇيو.
    ”جيترو ڪم ئي وڃي سو چڱو. ٿي سگهي ٿو، پوءِ واندڪائي نه ٿئي.“ هن جواب ڏنو، پر ان وقت به مون کي شڪ نه پيو.
    جڏهن هو محاذ تي هليو ويو تڏهن اسان کي خبر پيئي ، ته ڪوم سو مول جي اپيل تي هن پاڻ فوجي خدمت جي آڇ ڪئي هئي . اسٽيشن تان هن پنهنجي هڪ دوست هٿان خط موڪلي اسان کي اهڙو اطلاع ڏنو هو. منهنجي پيارو چالاڪ جينڪ ! جنهن اسان کي خط وسيلي الوداع ڪيو، بنا ڪجهه چوڻ ٻڌڻ جي. هيئن گهر ڇڏبو آهي؟ ڀل کڻي مان ڳڻتين ۾ چري ٿي پوان پر تون مون کي ٻڌائين ته ها. خط ۾ هن مون کان ۽ عليما کان معافي گهري هئي، هيئن چپ چپات ۾ وڃڻ جي معافي! هن لکيو هو ته انهي نموني اسان کي گهٽ صدمو ٿيندو ۽ موڪلاڻيءَ واري وقت جي پيڙا کان اسان بچي پونديونسين ۽ کيس اميد هئي ته اسان سندس فيصلي سان متفق هونديونسين . ٿي سگهي ٿو، هو درست چوندو هجي، الله واهي چوندي مهل ، متان مان کيس چوان ها، ته مورچي تي نه وڃي.
    جينڪ! منهنجي ڳالهه ٻڌ! ڪوشش ڪر ته تنهنجو ضمير تو کي نه ستائي . مان تو کان ناراض ناهيان، مون تو کي هڪدم معاف ڪري ڇڏيو هو، منهنجا ٻچڙا. مٺا، ڇا مان نٿي ڄاڻان ، ته تون بنا موڪلاڻيءَ جي هليو وئين . پنهنجي ڇوڪرائپ، پنهنجي بهترين عمر کي تو چپ چاپ الله واهي چئي ڇڏيو. تون ڏاڍو شرارتي ۽ گوڙ ڪرڻ وارو ڇوڪرو هئين ۽ اها حقيقت سڀني نٿي ڄاتي، ته تون ايڏو گنڀير، نرم دل ۽ محبت وارو به آهين . تون اسان جي پيڙا برداشت ڪري نه سگهئين، تنهن ڪري خاموشيءَ سان هليو وئين . تو انسانن کي سچو ۽ صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائڻ ٿي گهريو، جيئن جنگ انسانن جي روح کي زخمي نه ڪري سگهي، نيڪيءَ جي جذبن کي ختم نه ڪري ۽ پنهنجي وس آهر تو انسانيت لاءِ اهائي ڀلائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . دنيا ۾ ڇڙو نيڪي ۽ سچائي زندهه رهندي آهي، باقي سڀ فاني آهي . تنهنجيون نيڪيون زندهه آهن، جڏهن ته تو کي مئي ورهه گذري ويا آهن ! تو لکيو هو ته تون دشمن جي مورچي پٺيان ٽي دفعا پنهنجي پيرا شوٽ وسيلي هيٺ لٿين. 1944ع جي هڪ اونداهي رات ۾ تون پنهجي ساٿين سان گڏ، پنهنجن سپاهين جي مدد لاءِ هيٺ لٿين ۽ ان کان پوءِ تنهنجي ڪا خبر چار ڪانهي! تون وڙهندي شهيد ٿئين يا ڪنهن اتفاقي گوليءَ جو نشانو ٿي وئين؟ ڪا خبر ناهي، يا جنگي قيدي ٿي وئين؟ جيڪڏهن تون جيئرو هجين ها ته ڪڏهن نه ڪڏهن اسان کي تنهنجو ڪو اطلاع ملي ها، سو تون مون لاءِ ته وڃائجي چڪو آهين..... تون اڃا ارڙهن سالن جو به نه هئين، جو هتان ويو هئين، پر ماڻهن جي دلين ۾ تون اڻمٽ يادون ڇڏي وئين . تو کي مون سان ڏاڍو پيار هو، تنهن ڪري تون مون کي صدمي کان بچائڻ لاءِ موڪلاڻيءَ بنا هليو وئين . مون کي اهو به ياد آهي ته اسٽيشن تي تو پناهه گيرن جو خاندان ڏٺو هو، هڪ ماءُ ۽ چار ٻار. سڀ کان وڏو ڇوڪرو پنهنجي سنهڙن ڪپڙن سبب تڙڪي رهيو هو ته تو پنهنجو ڪوٽ کيس ڏيئي ڇڏيو هو ۽ پاڻ ڏڪسندو گهر پهتو هئين . ٿي سگهي ٿو، اهو ڇوڪرو هاڻي هڪ جوان شخص هجي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تو کي ياد ڪندو هجي، پر سندس ذهن ۾ تون هڪ ارڙهن سالن جي ڇوڪري جي حيثيت سان محفوظ آهين، ڇو ته سندس جيان تون وڏو ٿي نه سگهئين! تون سندس رهنما هئين . درمندي ۽ مهرباني وڻڻ ۾ نه ڦٽندي آهي، انسان همدردي جو سبق ٻئي انسان کان ئي حاصل ڪندو آهي، پر لفظ آٿت لاءِ ڪيڏا ناڪافي آهن! جنگ ڪيترن انسانن کي موت جي منهن ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ جيڪڏهن جنگ نه لڳي ها ته اڄ تون ڪيئن.شاندار سچي موتيءَ جهڙي انسان جي حيثيت سان زندهه هجين ها منهنجا جينڪ!
    پٽ! منهنجا مٺا پٽ!! مان سوچيندي آهيان، زندگيءَ جي ڪيترين خوبصورت نعمتن کي تو چکيو به نه. تنهنجي زندگيءَ جي ته اڃا شروعات هئي، تو ته شايد اڃا ڪنهن ڇوڪريءَ سان پيار به نه ونڊيو هو!
    منهنجي روح ۾ آخري ڏياٽي ٻري رهي آهي ۽ سگهوئي اجهامڻ واري آهي، پر منهنجي ذهن تان ڪابه ساروڻي ميسارجي نٿي. مون کي اهو منحوس ڏينهن به چڱي طرح ياد آهي، جڏهن ڳوٺ جي هڪ وڏڙي مون کي سڏيو، بهار- مند جي شروعات هئي، سفيد گل ٽڙي رهيا هئا، هوا گرم هئي، سياري وارو ڪڻڪ جو فصل خشڪ ٿي ويو هو، هر طرف هر ڪاهجي رهيا هئا. مان گهوڙي تي ٽريڪٽر جي پٺيان پٺيان هلندي سوچي رهي هيس ته سووان ۽ قاسم جي خطن کي آئي چڱو وقت گذري ويو آهي، نڄاڻ ڇا ڳالهه آهي! ايتري ۾ هڪ پوڙهو ڳوٺاڻو گهوڙي تي سوار مون ڏانهن آيو. ائين، ڄڻ ڪو خاص ڪم نه هجيس.
    ”مهل سان آيو آهين.“ چيم، ”ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ مون کي تنهنجيون دعائون گهرجن .“
    گهوڙي تان لهڻ کان سواءِ، دعا لاءِ هٿ کڻي. ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائيندي هن چيو، ”هارين جو محافظ، ويڪان بابا تنهنجي حفاظت ڪري ۽ فصل ڀلو ٿئي ... ۽ ها تولگو! ضلعي مرڪز جو هڪ وڏو آفيسر، فارم جي آفيس ۾ تنهنجي انتظار ۾ آهي. مان تو کي سڏڻ آيو آهيان.“
    ”اجهو ٿي هلان.“ مون جواب ڏنو. تنهن کان پوءِ مون هر هلائيندڙ ٽيم کي چيو، ته مان شام جو اچي سندن ڪم ڏسنديس ۽ پوءِ مان پوڙهي سان گڏ ڳوٺ رواني ٿي ويس . ضلعي آفيسر سان ملاقات ڪائي خاص ڳالهه نه هئي، ڇو ته انهن ڏهاڙن ۾ نئين موسم جو ڪم شروع ٿي رهيو هو. مان ۽ پوڙهو آهستي هلندڙ گهوڙن تي هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين ۾ رڌل هئاسين، پوءِ ٿورو ترسي، هن احتياط سان چيو، ”اسان سڀ تنهنجا ٿورائتا آهيون تولگو، هنن ڏکين ڏينهن ۾ تو اسان جي مدد ڪئي آهي . جيڪڏهن ضرورت پيئي ته اسان سڀ تنهنجي ڪم اينداسين، تنهنجي زندگي آسان نه گذري آهي . انسان جي زندگي به ڇا هي! جابلو رستو، جيڪو ڪڏهن مٿي ويندو آهي، ڪڏهن هيٺ لهندو . سخت مصيبت جي وقت جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيون ته مصيبت اڌ ختم ٿي وڃي. اسان جي هن فاني زندگي جو اهو ئي ته ڍنگ آهي!“
    هاڻي اسان ڳوٺ جي روڊ تي پهچي ويا هئاسين ۽ اسان جي گهر جي سامهون ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي رهيو هو. ڪچي ديوار پٺيان مون کي ماڻهن جا فقط مٿا نظر اچي رهيا هئا. مون انهي ڏيک کي ڪابه اهميت نه ڏني، پوءِ اوچتو پوڙهي منهنجي گهوڙي جي لغام ۾ هٿ وڌو. هن مون ڏانهن منهن ڪري چيو ، ”هيٺ لهه تو لگو، هتان پنڌ هل. هاڻي تو لاءِ گهوڙي تي سوار رهڻ مناسب ناهي.“
    مون اچرج منجهان ڏانهس ڏٺو. هو پڻ پنهنجي گهوڙي تان لهي چڪو هو. منهنجو هٿ جهليندي چيائين.” هيٺ لهه تولگو.“
    منهنجي سمجهه ۾ اڃا به ڪجهه نه آيو، پر دل ڏڪي ويم. مان هيٺ لٿيس . مون عليما کي ٽن عورتن سان گڏ گهر ۾ ويندي ڏٺو. عليما کي ڪلهي تي بيلچو هو. هڪ عورت بيلچو کانئس وٺي، پري رکي ڇڏيو. اوچتو حقيقت منهنجي اڳيان واضح ٿي وئي ... مون رڙ ڪئي، ”ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ مون کي ٻڌايو؟“
    منهنجي رڙ ٻڌي پاڙي واري عائشه جي گهران عورتون نڪتيون ۽ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتائون. ”همٿ ڪر تولگو، بهادر ٿيءُ. اسان جا پيارا سووان ۽ قاسم قربان ٿي ويا.“
    پوءِ مون عليما جون رڙيون ٻڌيون، جن ۾ ”اسان جا ڀائر..... اسان جا ڀائر.......“ جون رڙيون به گڏجي ويون. پوءِ مون ڪجهه به نه ٻڌو، منهنجين پنهنجين رڙين ۾ منهنجا ڪن مائوف ٿي ويا هئا روڊ ڦِرڻ لڳو، وڻ ۽ گهر نچڻ لڳا ۽ ڪري پيا ! انهيءَ موت جي خاموشِيءَ ۾ آسمان جا ڪڪر ۽ انساني چهرا منهنجي اکين سامهون ترڻ لڳا ... مون هڪ عورت جي ٻانهن مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي . مون کي فقط عليما نظر اچي رهي هئي، هن پنهنجي نَنهن سان پنهنجو منهن ڇلهي رتو رت ڪري ڇڏيو هو. وار پٽِي ۽ ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئائين. عورتن سندس هٿ پويان ٻڌي ڇڏيا هئا، پر هوءَ انهن کان پاڻ ڇڏائي مون ڏانهن اچڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي . هوءَ ڀوائتي نموني رڙيون ڪري رهي هئي . مون ڏانهنس وڃڻ چاهيو پر لڳم ڄڻ صديون وهامي ويون هجن. نيٺ جڏهن هن پنهنجون ٻانهون منهنجي ڳچي ۾ وڌيون، تڏهن سندس زخمي رڙيون منهنجي سمجهه ۾ آيون، ”امڙ! اسان جا پيارا مارجي ويا! اسان جي زندگي اونداهي ٿي ويئي!!“
    اسان ٻه بيواهون هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري روئنديون رهيونسين، پر گهڻي عرصي تائين اسان کي ڳوڙها ڳاڙڻ جي اجازت نه ملي . جڏهن ستين ڏينهن جي رسم لاءِ پاڙي وارا اسان جي گهر آيا ته هنن اسان کي چيو، ”مرحومن لاءِ سال کن جو سوڳو بيڪار آهي. سندن ياد اسان جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي، پر زندگيءَ کي جاري رکڻ به انتهائي ضروري آهي. جيڪي ڏينهن سووان ۽ قاسم کان ڦر جي ويا، شل اُهي مسبيڪ ۽ جينڪ جي زندگين جو حصو بڻجي وڃن . (ان وقت تائين مسبيڪ ۽ جينڪ جا خط هر هفتي لڳاتار اچي رهيا هئا.) شال هو سوڀارا ٿي موٽن، ڌرتي ڪنهن جو به انتظار ناهي ڪندي . دل تي پٿر رکي، اسان سان گڏ ڪم سان لڳي وڃو. دشمن کان اسان انهيءَ نموني ئي انتقام وٺي سگهون ٿا.“
    عليما ۽ مون صلاح سان اها ڳالهه مڃي ورتي . صبح جو جنهن مهل اسان ٻنيءَ تي وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيون هوسين ته چيئرمين بوسينبائي سرڪاري اطلاع پڻ آڻي اسان کي ڏنو. اسان کي خبر پيئي ته قاسم جي موت جي خبر گڏيل فارم ۾ پندرهن ڏينهن اڳ پهچي چڪي هئي . هو ماسڪو جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ وڙهندي مئو هو. آفيس ۾ اڃا اهو طئه ڪيو پئي ويو، ته اسان کي اهو اطلاع ڪهڙي ريت ڏنو وڃي، جو ايتري ۾ سووان جي موت جي خبر به پهچي ويئي . سووان به ماسڪو جي محاذ تي ماريو ويو هو.
    بهرحال، مان وري سندرو ٻڌي وڃي ٽيم ليڊري جو ڪم سنڀاليو. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪيان به ڇا ها! جيڪڏهن مان روڄ راڙو لايون ويٺي هجان ها ته عليما تي ڪهڙو اثر ٿئي ها؟ سندس حال ته اهڙا هئا، جو ڪنهن ڪنهن وقت مون کي سندس دماغي حالت تي شڪ ٿين لڳندو هو. مون کي پڻ کانئس گهٽ ڏک نه هئو، مون مڙس ۽ پٽ گڏوگڏ وڃايا هئا، پر نڄاڻ ڇو انهيءَ ساهه سڪائيندڙ هاڃي جو مون تي مختلف اثر ٿيو هو. سواون ۽ مان ورهين تائين گڏ رهيا هئاسين، ڏک سک گڏ ڏٺا هئاسين، جيڪڏهن جنگ نه لڳي ها، ته باقي سڄي ڄمار پڻ گڏ گهاريون ها، پر عليما ۽ قاسم! سندن ته اڃا سڄي حياتي باقي هئي، اڃا ته سندن سندر سپنا به پورا نه ٿيا هئا، جو جنگ جي نانگ سندن خوشين کي ڏنگي وڌو! پر وقت عليما جا گهاوَ ڀري ڇڏيندو. مون پنهنجو پاڻ کي چيو، دنيا سٺن، مهربان انسانن سان ڀري پيئي آهي . ٿي سگهي ٿو، کيس ڪو ٻيو نوجوان ملي وڃي . ممڪن آ عليما کيس پنهنجو پيار ڏئي سگهي ۽ زندگي کيس واپس ملي وڃي . ڪيتريون اهڙيون ڇوڪريون، جن کي جنگ وڌوا ڪري ڇڏيو، تن شادي ڪري ڇڏي هئي . ڪي سُکيون هيون، ڪي ڏکيون پر گهٽ ۾ گهٽ هو تنهائيءَ جون شڪار نه هيون . هاڻي هو زالون ۽ مائرون هيون پر سڀ ماڻهو هڪ جهڙا ناهن هوندا. ڪي ماڻهو پنهنجو غم جلد وساري ڇڏيندا آهن، ڪي وري ڏکوئيندڙ يادن سان چنبڙيا رهندا آهن ۽ ماضيءَ کان پنهنجو سڱ ڇني نه سگهندا آهن . عليما به انهن ماڻهن منجهان هئي، جيڪي پنهنجي ڏک کي شڪست ڏيئي نه سگهيا. سندس اهڙي حالت جي گهڻي قدر ذميوار مان هيس ۽ منهنجو اهو ڏوهه معافي لائق نه هو. مون کي سندس حالت تي ايڏو ڏک ٿيندو هو، جو منهنجي سمجهه ۽ ساڃاهه به انهن رحم وارن جذبن کي روڪي نه سگهي .
    انهيءَ بهار جي رت ۾ منهنجي ٽيم آبپاشيءَ لاءِ نوان کوهه کوٽي رهي هئي . هڪ ڏينهن جلد ئي اسان ڪم پورو ڪري سج لٿي کان اڳ گهر روانا ٿياسين . مون کي اڃا هارين جي ڪم جي نگراني ڪرڻي هئي، تنهن ڪري مون عليما کي چيو ته منهنجو انتظار نه ڪري . هارين جو ڇپرو گهڻو پري نه هو. هو سڀ کاڌو کائڻ ۾ مصروف هئا. مان ساڻن ڳالهائڻ کانپوءِ گهوڙي تي چڙهي رهي هيس، جو مون کي عليما نظر آئي . هوءَ گل چونڊڻ ۾ رُڌل هئي . اڃا تائين کيس گلن سان موهه هو، هئي عليما..... عليما، منهنجي ٻچڙي!
    جڏهن مون کيس گل کڻندي ڏٺو، تڏهن منهنجي من کي ڪيتريون ئي ڏکوئيندڙ يادون ويڙهي ويون . مون کي ياد پيو، جڏهن عليما جهنگلي هولي هوڪس جو گلدستو ٺاهيو هو، تڏهن سندس مٿي وارو رومال ڳاڙهو ۽ گل سفيد هئا ۽ اڄ سندس مٿي تي ڪارو رومال ٻڌل هو ۽ هٿن ۾ ڳاڙها گل هئا! سوڳ جو ڳاڙهو ۽ ڪارو رنگ !! منهنجو اندر اڌ ٿي ويو. عليما ڪنڌ کڻي چوڏس ڏٺو، پوءِ دک مان گلن مٿان نِمي ويئي، ڄڻ چوندي هجي، ”هاڻي انهن گلن جي ڪنهن کي ضرورت آهي؟“ اوچتو هو ڪنبي، ڌرتيءَ تي ڪري ٻيئي . هن گلن کي پٽي، پتيون ڪري وکيري ڇڏيو. پوءِ هنٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀرڻ لڳي. مان ڇپري پٺيان بيٺي هيس . روئي وٺ عليما! ممڪن آ ڪجهه اوٻر نڪري وڃي . مون سوچيو پر هوءَ چريائپ جهڙِي حالت ۾ اٿي ۽ روڊ ڏانهن ڊوڙڻ لڳي . مون گهوڙي تي سوار ٿي سندس پٺ ورتي . ڪاري رومال سان مٿو ويڙهيل، ڳاڙهن گلن جي جهومندڙ ٻني مان کيس ڊوڙندي ڏسي مون کي وڍ پئجي ويا. انهيءَ کان اڳ جو مان کيس روڪي سگهان، هوءَ رستي تي پهچي ويئي، جتان قاسم محاذ لاءِ روانو ٿيو هو. جڏهن مون سندس ويجهو پهچي گهوڙي جي لغام کي سٽ ڏني ته هن منٿ ڪئي ته مان خاموش رهان . گهوڙي تي هٿ رکي هن پنهنجو مٿو منهنجي گوڏن تي رکيو ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي . پوءِ ڳوڙهن ڀنل چهرو مٿي کڻي چيائين، ”امڙ! ڏس سج ڪيئن پيو چمڪي، آسمان ڏس، ميدان ڏس، ڪيڏا گل ٽڙيا آهن! پر قاسم ته موٽي نه ايندو نه؟ قاسم هاڻي ڪڏهن به واپس نه ايندو!“
    ”نه ٻچڙي ! هو سدا لاءِ هليو ويو، هاڻي هو ڪڏهن نه ورندو!“
    عليما ٿڌو ساهه کنيو، ”مون کي معافي ڏي امڙ ... مان چاهيان ٿي اڏري وڃي ساڻس گڏ جان.“
    مان چپ چاپ روئيندي رهيس . جيڪڏهن مان سمجهه واري ماءُ هجان هجان هان ته سختي سان چوان ها، ”عليما، تون ننڍڙي ٻارڙي ناهين! ڏک جو ڏونگر فقط تو مٿان ئي نه ڏريو آهي . اڻ ڳڻيون ڇوڪريون تو جيان وڌوائون ٿي ويون آهن، صبر ڪر. اهي ڏاڍا بي رحم لفظ آهن، جيڪي مان تو کي چوڻ ٿي گهران ... پر قاسم کي وساري ڇڏ، ڀُلائي ڇڏ ... موت هڪ اڻ ٽر حقيقت آهي . هڪ وقت اهڙو به ايندو، جڏهن تون ڪنهن ٻئي نوجوان سان محبت ڪندينءَ - پر جيڪڏهن تو پاڻ کي هٿ نه ڪيو ته چري ٿي پوندينءَ . پاڻ کي هيئنءَ ختم نه ڪر، اڃا تون جوان آهين، سڄي ڄمار پيئي اٿئي!“ جيڪر مون ۾ ايتري همٿ هجي ها، جو مان اهي کهرا ۽ بي رحم لفظ کيس چئي سگهان ها. ڪيترن موقعن تي اهي لفظ منهنجي چپن تي اچي موٽي ويا، ڄڻ ڪنهن وڏي طاقت منهنجي چپن تي تالا چاڙهي ڇڏيا ۽ عليما اهي لفظ ٻڌڻ کان ٻوڙي ٿي ويئي هئي !
    هر ڳالهه جي هڪ مهل هوندي آهي، ڪابه ڳالهه جيڪڏهن وقت سر چئي وڃي ته ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي، مهل کان پوءِ ان جو اثر ختم ٿي ويندو آهي، پر دل تي اڻ چيل لفظن جو ڳرو بار رهجي ويندو آهي . مان هيترا سال گذرڻ کانپوءِ اها نصيحت ورجائي سگهان ٿي، پر انهي وقت ڏکن ڏاکڙن جي برسات ۾، مان اها نصيحت عليما کي ڪري نه سگهيس. انهيءَ وقت سموريون اميدون، سمورا خيال فقط هڪ نقطي تي بيٺل هئا، فتح جنگ ۾ سوڀ حاصل ٿي وڃي، باقي پوءِ ڏٺو ويندو. سڀني جيو خيال هو ته سڀ ڪجهه پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو پر اهو خيال به غلط ثابت ٿيو!


    5

    جنگ جي ٽئين ۽ چوٿين سال، پاڻ سان گڏ ڏک به اندا ته سک به. دشمن پوئتي هٽي رهيو هو پر حياتي اسان لاءِ اوکي ٿيندي پئي وئي . سرءُ جي مند خراب نه گذري . اسان ڪڻڪ جا ڪري پيل سنگ ٻنيءَ مان ميڙيندا هئاسين ۽ پنهنجي پنهنجي ذاتي ايراضيءَ ۾ پٽاٽا پوکياسين، پر سياري ۾ بک ڪاٽڻي وئي . بهار ۽ اونهاري جون مندون به ڏاڍيون ڏکيون گذريون . اسان مان ڪيترا ماڻهو گاهه، جهنگلي پاڙون ۽ کير جي ڪجهه ڦڙن ۾ مليل پاڻي پي گذارو ڪندا هئا. عليما ۽ مان ننڍڙن ٻارن جي ڳڻتيءَ کان آجا هئاسين ۽ ڪم ڪري ٿي سگهياسين، پر ٻارن وارن گهرن کي ڏسي اسان جو اندر اَڌ پئي ٿي ويو. انهن معصومن جا پيٽ ڦوڪجي ويا هئا، منهن سڄي پيا هئن ۽ اهي ماڻهن جي هٿن ڏانهن ڏسي مانيءَ لاءِ خاموش منٿ ڪندا هئا ... انهن حالتن ۾ جيڪڏهن مون کي ڪوئي چوي ها ته تولگو محاذ تي وڃي مَرُ، تنهنجي مرڻ سان جنگ ختم ٿي ويندي ۽ پوءِ اسان پنهنجي ٻارڙن جو پيٽ ڀري سگهنداسين ته مان بنهه نه ڪيٻايان ها. انهن بکايل ابهم نظرن کان بچڻ لاءِ مان هڪدم محاذ تي هلي وڃان ها.
    هڪ ڏينهن مون ائين ڪرڻ لاءِ عليما سان ڳالهه ڪئي ته هن چيو، ”مان به ائين ئي ڪرڻ چاهيان ٿي امان . سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته ٻار اهو نٿا سمجهي سگهن ته کين بکون ڇو ٿيون ڪاٽڻيون پون . وڏا گهٽ ۾ گهٽ سبب ته ڄاڻڻ ٿا ۽ کين ڄاڻ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اهي حالتون ختم ٿي وينديون، پر هي ابهم ٻارڙا اهو نٿا ڄاڻن ، تنهن ڪري جيسين سندن پيئر جنگ تان واپس نه ورن، اسان کي سندن مانيءَ جو بلو ڪرڻو آهي. هاڻي منهنجو ۽ تنهنجوفقط اهو ئي فرض آهي . انهيَ کان سواءِ جيئڻ جي ڪابه معنيٰ ناهي.“
    جنگ سڀ ڪجهه ڳڙڪائي وئي . زندگيون، محنت، ٻارن جو ڪَڇُ، سڀ ڪجهه ڳڙڪائي وئي . اَنَ جو ڪڻو ڪڻو جنگ جي کوري ۾ وجهڻو پيو ، پر ان جي باوجود ڪي ماڻهو اهڙا به هئا، جن جنگ لاءِ ڪابه قرباني نٿي ڏيڻ گهري ۽ انهن اسان جي مصيبتن جي بار ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو هو.
    1943ع جي سياري جي وچ ڌاري يا شايد پڇاڙِ ۾ ، جڏهن ميدانن مان ٿوري برف ڳري وئي هئي پر رات جو دريون اڃا به برف هاڻيون ٿي وينديون هيون، هڪ اڌ رات جو ڪنهن ڏايان در کڙڪايو ، ”تولگو، ٽيم ليڊر، اُٿي ... اُٿي“
    عليما ۽ مان جاڳي پيونسين ۽ هنڌ مان ٻاهر نڪري آيونسين . عليما اونداهه ۾ ائين ڀڻڪو ڪيو، ڄڻ ڪا چڱي خبر ٻڌڻ جي اميد هجي . دنيا سچ پچ اميد تي قائم آهي! منهنجي دل به خوشيءَ مان جهومڻ لڳي. شايد اسان جي پيارن مان ڪوئي جيئرو موٽي آيو هو! مون پنهنجو منهن دري جي شيشي سان چنبڙائي ڇڏيو.
    ”ڇا هي؟ ڪير آ؟“
    ”ٻاهر اچ تو لگو، گهوڙا چوري ٿي ويا آهن!“
    عليما ليمپ ٻاريو ۽ مون بوٽ پائي، ڪلهن تي ڪوٽ رکيو. ٻاهر نڪري اسان ڊوڙندا طنبيلي ۾ پهتاسين، جتي چيئرمين ۽ ٻيا ماڻهو اڳ ئي گڏ ٿي چڪا هئا. اسان جا ٽي بهترين گهوڙا، جيڪي هرن ۾ جوٽڻ لاءِ اسان جو سڀ کان وڏو سهارو هئا، ڪو نامراد چوري ڪري ويو هو . طنبيلي جي چوڪيدار ٻڌايو ته هو گاهه کڻڻ لاءِ مٿي ويو هو، جڏهن موٽيو ته ليمپ وسايل هو ۽ طنبيلي ۾ اونداهه هئي. هن سوچيو ته ليمپ هوا سبب وسامي ويو هوندو . جڏهن هن ليمپ ٻاريو ته ڏٺائين، ٽي گهوڙا غائب هئا . انهيءَ وقت ٽن گهوڙن جو نقصان اسان لاءِ اڄ جي ڏهن ٽريڪٽرن جي نقصان برابر هو. ائين لڳو هو ڄڻ مهاذ تي وڙهندڙ هر سپاهيءَ جي وات مان سندس گراهه ڪڍيو ويو هو. اسان باقي بچيل گهوڙن تي لغام چاڙهيا، بندوقون کنيونسين ۽ چورن جي ڳولا ۾ نڪتاسين . انهي وقت جيڪڏهن اسان انهن چورن تائين پهچي وڃون ها ته مٿن ڪوبه رحم نه ڪيون ها.
    ڳوٺ مان نڪري اسان مختلف جَٿن ۾ ورهائجي وياسين . منهنجو گهوڙو ڏاڍو ڪاوڙيل هو. مون روڊ تان لهي جبلن جو پاسو ورتو .ٻه ٻيا سوار مون سان گڏ هليا هئا پر جڏهن مون پوئتي ڏٺو ته اڪيلي هيس. اونداهه ۾ انهيءَ نموني وڇڙي وڃڻ اسان لاءِ سولو هو. چنڊ ڪنهن ڪنهن مهل بادلن مان جهاتي پاتي ٿئي نه ته چوڏس اوندهه هئي . منهنجي من ۾ فقط هڪڙي ڳالهه هئي ته ڪنهن نموني انهن ڌاڙيلن کي سوگهو ڪيان، تنهن ڪري اهو خيال به نه رهيم ته ڪيڏانهن پيئي وڃان . اوچتو منهنجو گهوڙو هڪ اونهي کاهي جي ڪپ وٽ بيهي رهيو.
    چنڊ جابلو سلسلي مٿان لنگهي رهيو هو ۽ ستارا ڏاڍا مڌم هئا. سَرَ لُڏي رهيا هئا ۽ قبرستان ۾ چٻرن جو واسو هو. مان هيٺاهينءَ ۾ لهي پيس، جتي هڪ لومڙِ جي ڊوڙڻ جي آواز کان سواءِ مڪمل خاموشي هئي . مان واپس آيس ۽ هيٺاهينءَ جي ڪناري سان هلندي سوچڻ لڳيس ته ، هڪ اطلاع مطابق اسان جي ڳوٺ جو جيڪشن نالي شخص فوج مان ڀڄي آيو آهي ۽ هو ٻن ٻين ڀڳوڙن سان گڏ انهن جبلن ۾ ئي لڪل آهي . مون انهيءَ افواهه تي يقين نه ڪيو هو. ڀلا جڏهن ملڪ تي ههڙي آفت آيل هجي ته ڪوئي ڪيئن ٿو ائين ڪري سگهي؟ ڇا اهو ممڪن آهي ؟ اسان جي ڳوٺ ۾ ته ڪوبه گهوڙو چورائي نٿو سگهي . سڀئي هڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻن ٿا ۽ هڪ به نه، ٽي گهوڙا ! انهن کي لڪائي ڪٿي ٿو سگهجي؟ چور کين يقينن پهاڙن ۾ يا کليل ميدانن ۾ وٺي ويا هوندا. جيڪڏهن جيڪشن فوج مان فرار ٿي سگهي ٿو ته پوءِ پڪ سان گهوڙا به چورائي سگهي ٿو ، پر مون کي يقين نٿي آيو ۽ ڪو اهڙو ثبوت به ته نه هو.
    انهيءَ چوري کان پوءِ اسان چئن نون، ننڍن گهوڙن کي هَرَ هلائڻ جي ڪم سان لاتو ۽ انهن کان ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪم وٺندا رهياسين . پوءِ فصل پوکڻ جو زمانو اچي ويو ۽ اسان کي گهوڙن جي چور پڪڙڻ جي مهلت نه ملي . اها منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان ڏکي بهار جي مند هئي . ڳوٺ وارن تي الزام مڙهي نٿي سگهياسين ، هو ڪم لاءِ ڀڙ هئا، پر بکئي پيٽ سان محنت ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟ تنهن ڪري هڪ ڏينهن جو ڪم اسان هڪ هفتي ۾مس پورو ڪري سگهندا هئاسين . پوءِ ٻج به ختم ٿي ويو. اسان گودامن جي ڪنڊ ڪڙڇ صفا ڪري، نيٺ فصل پوکي ورتو.
    مان پنهنجي زندگيءَ بابت ٿڌي دل سان سوچڻ لڳيس . اسان کي گڏيل فارم مان ڪابه پگهار نه ملندي هئي ۽ گهر جو رهيو کُهيو ڪڏهوڪو پورو ٿي چڪو هو . هاڻي ڇا ڪجي؟ ڇا هرڪو پنهنجي ڏيڍ سر جي مسيت ڌار جوڙي ؟ نه ، انهي جو مطلب هوندو ته اسان ڇِڙوِڇڙ ٿي ويا آهيون . پوءِ ڇا ڪيون؟ ممڪن آهي سرءُ يا ٻئي سياري تائين جهاڳي وڃون، پر ان کان پوءِ وري بهار جي مند ايندي ۽ وري هنن بکين انسانن کي ڪشالا ڪرڻا پوندا، پر محنت نه ڪرڻ به ناممڪن هو.
    مان انهن مسئلن تي سوچيندي رهيس ۽ سڄي رات نه ستيس . پوءِ مون سوچيو ته هڪ اهڙي ٻني، جيڪا گڏيل فارم جي استعمال هيٺ ناهي، اها پوکي وڃي ۽ سڄو فصل سڀئي گهراڻا ورهائي کڻڻ . مون چيئرمين سان صلاح ڪئي ۽ ضلعي عملدارن ڏانهن ويس . مون کين سمجهايو ته اهو فصل پلان جي زراعت کان ڌار هوندو ۽ اسان گڏيل فارم جو ٻج به اتي استعمال نه ڪنداسين!
    ”تون گڏيل زراعت بابت اسٽالن جي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي ڪرين!“ هڪ آفيسر گجندي چيو.
    ”کڏ ۾ وڃي پون قانون“ مون ٺهه پهه جواب ڏنو، ”جيڪڏهن اسان بکيا رهياسين ته توهان جو پيٽ ڪيئن ڀربو؟“
    ”خبر اٿئي اها گفتگو تو کي ڪٿي پهچائيندي؟“
    ”خبر آهي ... جيڪڏهن چاهيو ته مون کي اتي موڪلي ڇڏيو پر اهو سويچ ڇڏيو ته محاذ تي وڙهڻ وارن لاءِ اَنُ ڪير اُپائيندو؟“
    انهيءَ جهيڙي کان پوءِ مان ڊسٽرڪٽ پارٽي ڪاميٽيءَ جي آفيس پهتيس . قصو ڪوتاهه، هنن مون کي اجازت ڏئي ڇڏي پر چيائيون ته اهو فصل منهنجي پنهنجي ذميواري هوندي . هتي سوال ذميواري جو نه، پر بيلچن ۽ ٻج جو هو. گڏيل فارم ۾ ته ڪڻو به واڌارو نه هو، پوءِ مون سڄي ٽيم کي گهرائي صلاح ڪئي، ٻڌايو هاڻي ڇا ڪجي؟ گڏيل فارم مان ته اسان پنهنجي استعمال لاءِ ان به نٿا کڻي سگهون، ڇو ته سمورو ان محاذ تي ويندو اهي، جيڪو باقي بچندو آهي، اهو پوکڻ لاءِ محفوظ ڪيو ويندو آهي، هاڻي ڳوٺ جي وڏن گهرن، پوڙهن ۽ يتيمن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ توهان سڀ مون سان سهڪار ڪيو، جيڪو ان اسان گهرن ۾ بچائي رکيو آهي، اهو سڀ مون کي ڏيو، خفا نه ٿيو، مان ڄاڻان ٿي، اهو ان اسان جي آخري ميراث آهي، پر جيڪڏهن اهو ان اسان ٻج ڪري پوکي ڇڏيون ته هن وقت بک برداشٽ ڪرڻ جي اسان ۾ قوت آهي ۽ فصل لڻڻ تائين ڪنهن نه ڪنهن نموني زندهه به رهي سگهنداسين پر نئين فصل کان پوءِ، اسان وٽ جهجهو ان هوندو، همٿ ڪيو، پنهنجي لاءِ، پنهنجي ٻارن لاءِ، توهان کي پڇتائڻو نه پوندو، مون تي اعتبار ڪيو، هڪ ماءُ تي ڀروسو ڪيو، منهنجي مدد ڪيو، اڃا مهل آهي.“
    انهي گڏجاڻي ۾ سڀني منهنجو ساٿ ڏنو پر جڏهن ٻجَ لاءِ اَنُ ڏيڻ جي مهل ٿي ته ڄڻ قيامت ڪڙڪي پيئي، سڀئي بانءِ ٿي ويا. گهڻن ڀاتين وارن گهرن جون عورتون، پنهنجي اڱڻ ۾ بيهي مون کي پٽڻ ۽ گاريون ڏيڻ لڳيون، ”لعنت هجي جنگ تي، باهه لڳي اهڙي زندگيءَ کي، کڏ ۾ وڃي پون هي ٻار ۽ جهنم ۾ پوين تون تولگو!“ پر ان هوندي به ماڻهن پنهنجي وس آهر ان ڏنو، جيڪو انهن لاءِ سندن رت کان وڌيڪ اهم هو. ڪنهن پندرهن سير به ڏنو ته ڪنهن وري فقط مٺ کن. مون کي خبر هئي ته ماڻهو پنهنجو سمورو انُ منهنجي حوالي ڪري رهيا آهن، ان جي باوجود مون اهو سڀ قبول ڪيو. ڪيترن کان ته مون زوري وصول ڪيو ۽ ائين ڪڻو ڪڻو ڪري ڳوڻيون ڀريم. مان ڇڪڙي ۾ ويهي گهر گهر ويس، منٿ ميڙ ڪيم، قسم کنيم، ڦِٽَ لعنت ۽ ڦُر ڦُران ڪيم. مون کي فقط اهو ڀروسو هو، ته هڪ هڪ مٺ بدران کين ڇٽيهه پائونڊ ان ملندو ۽ تڏهن هي سڀ منهنجا ٿورا ڀائيندا. پنهنجي پاڙيسرڻ عائشه سان مون جيڪو سلوڪ ڪيو، اهو سڄي حياتي نه وسرندم، عائشه جو مڙس ذاني جنگ کان اڳ وفات ڪري چڪو هو ۽ هاڻي پنهنجي پٽ بيڪتاش کان سواءِ سندس ڪوبه نه هو. جڏهن هو ڪجهه تندرست ٿيندي هئي ته گڏيل ٻنيءَ يا پنهنجي مختصر ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ پنهنجي ڳئونءَ جو کير وڪڻندي هئي. بس اهوئي سندس زندگيءَ جو سهارو هو. سندس ڇوڪرو هاڻي ڇَڪڙو هلائڻ جو ڪم ڪري رهيو هو ۽ اسان سندس ڇَڪڙي ۾ اَنُ ميڙڻ لاءِ نڪتا هئاسين. بيڪتاش هڪ سمجهه ڀريو ڇوڪرو هو. جڏهن اسان سندس گهر پهتاسين ته مون کانئس پڇيو، ”تو وٽ ڪجهه آهي؟“
    ”چلهه جي پٺيان ٻوريءَ ۾ ٿورو ڪجهه هوندو.“
    ”وڃ کڻي اچ!“
    عائشه دستور مطابق بيمار هئي ۽ لوئي ويڙهيون ويٺي هئي. چيم، ”عائشه، جيڪو ڪجهه اٿئي سو ڏي.“
    ”اسان جي سڄي ميراث هو اٿيئي!“ هن چلهه پٺيان رکيل ڳوڻ ڏانهن اشارو ڪيو.
    ”مون کي ڏي، انهيءَ ۾ تنهنجو نقصان ناهي.پر فائدو آهي.“
    هن چپ کي چڪ هڻي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
    ”عائشه، اها ٻوري ته ڏهن پندرنهن ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي! پوءِ سياري ۾ ڇا ڪندينءَ؟ ايندڙ سال ڇا ڪندينءَ؟ ڪجهه سوچ!“
    ”جيڪڏهن مان ڏيئي سگهان ها ته نه ڏيان ها؟“
    شايد سندس انهن ڳالهين سبب منهنجو من ميڻ ٿي وڃي ها، پر وري مضبوطيءَ سان چيم، ”مان هتي تنهنجي پاڙي واريءَ جي حيثيت سان نه، پر ٽيم ليڊر جي حيثيت سان آئي آهيان ۽ عوام جي نالي تي مان اهو ان کڻان ٿي.“ ايترو چئي مون ٻوري کڻي ورتي. عائشه پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
    انهي ٻوريءَ ۾ اٽڪل پندرنهن سير ڪڻڪ هئي. منهنجي همت نه ٿي ته سڀ کڻي وڃان، تنهن ڪري اڌ خالي بالٽي ۾ اوتيندي چيم، ”ڏس عائشه، مون اڌ ڪڻڪ کنئي آهي، ڪاوڙ نه ڪجانءِ.“
    هن غريب مون ڏانهن ڏٺو. سندس اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا. مان سندس گهر کان ٻاهر نڪري آيس. جيڪر مان سندس ٻوري نه کڻان ها، پر ان وقت مون کي خبر نه هئي، ته انهيءَ ٻج جو ڪهڙو حشر ٿيڻ وارو آهي ... هاڻي اسان وٽ ٻج جون ٻه ٻوريون هيون، جن کي اسان ڏاڍي ڌيان سان صاف ڪيو ۽ ٻنيءَ ۾ کڻي وياسين. جيڪر مان ايڏي تڪڙ نه ڪيان ها، پر ٻني تيار هئي ۽ مون کي ٻج ڇٽڻ جي تڪڙ هئي. هاڻي منهنجي منصوبي مطابق سڄو انتظام مڪمل هو. مون طئه ڪيو ته صبح سان سوير پاڻ اٿي ٻجُ ڇٽينديس. شام جو گهر موٽي مون ڪجهه بيچيني محسوس ڪئي. ڏينهن جو مون بيڪتاش ۽ هڪ ٻئي ڇوڪري کي چيو هو ته ٻجَ جي نظر داري ڪن پر هو اڃا غير ذميوار ٻار هئا، تنهن ڪري مان وري گهوڙو ڊوڙائيندي ٻنيءَ تي پهتيس. اونداهي ٿي رهي هئي ۽ ڏاند جوٽيل بيٺا هئا. مون کي َهرُ هلائڻ واري تي ڪاوڙ لڳي. هن مهل ته ڏاندن کي به آرام ڪرڻ کپي. مون طئه ڪيو ته هَرَ واري کي سخت سزا ڏينديس. پوءِ مون ڏٺو ته ڇڪڙا بيٺا آهن پر ٻجُ ۽ ڇوڪرا گم آهن! مون کين سڏ ڪيا، پر ڪوبه جواب نه مليو. گهوڙو ڊوڙائيندي ڇپري وٽ پهتيس ۽ اندر وڃي تيلي ٻاريم. ٻيئي ڇوڪرا رسي سان ٻڌا پيا هئا ۽ کين چڱو ماريو به ويو هو. جسمن مان رت وهي رهيو هئن. ڪپڙا ڦاٽي چڪا هئن ۽ وات ۾ ڪپڙا پيل هئن. مون بيڪتاش جو وات کوليو، ”ٻج ڪٿي آهي. ٻج!؟“
    ”ڌاڙيل کڻي ويا ۽ اسان کي ڏاڍو ماريو اٿائون.“سندس آواز ويجهي ويو هو. هن مٿو لوڏي انهيءَ پاسي اشارو ڪيو، جيڏانهن ڌاڙيل ويا هئا. ان کانپوءِ جو ڪجهه ٿيو، اهو مون کي ڌُنڌ ۾ ويڙهيل وارتا جيان ياد آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن گهوڙي کي انهيءَ ڏينهن جيان ناهي ماريو. رات ڏاڍي اونداهي هئي پر قبر جي اونداهي به ان رات منهنجي راهه نه روڪي سگهي ها. جيڪڏهن منهنجو گهر سڙي وڃي ها ته مان خاموش رهان ها، جيڪڏهن گڏيل فارم مان ڏهه ٻوريون چوري ٿي وڃن ها ته مان برداشت ڪري وڃان ها، ڇو ته ڪوئا به ته نيٺ چور ئي آهن، پر مون معصوم ٻارڙن جي چورن کي پنهنجي هٿن سان گهٽو ڏيڻ ٿي چاهيو. شايد منهنجو گهوڙون چورن جي رستي سان ئي ڊوڙي رهيو هو. چور پهاڙن ڏانهن وڃي رهيا هئا، جو مون کين ڏسي ورتو. سندن گهوڙن جي نعلن مان چڻنگون نڪري رهيون هيون، ٽن جو جٿو هو . مون رڙ ڪئي،” اَنَ جون ٻوريون ڦٽي ڪيو، انهن ۾ ٻج آ- ٻج!“
    هنن پٺ ورائي ڏٺو به نه . جڏهن مان سندن ڀرسان پهتيس ته ڏٺم، انهن مان هڪ گهوڙو به اسان جو هو. مون وري رڙ ڪئي، ”بيهي رهه، جيڪشن! هن دفعي تون نه بچي سگهندين!“ جيڪشن پٺ ورائي مون ڏانهن ڏٺو. اوندهه ۾ هڪ چمڪو ٿيو ۽ هڪ ڪڙڪيدار آواز اڀريو. انهي مهل مون کي خبر نه پيئي ته اهو بندوق جو آواز هو. مون سمجهيو شايد اوندهه ۾ منهنجي گهوڙي ٿاٻو کاڌو آهي. جڏهن مون کي هوش آيو ته مون کي پٺي ۾ ڏاڍو سور ٿي رهيو هو، منهنجي مٿي مان رت وهي، ڪنڌ جي پٺيان ڄمي ويو هو، منهنجي ڀرسان ئي منهنجو گهوڙو پوين پساهن ۾ پيو هو ۽ بي وسيءَ مان ٽنگون لوڏي رهيو هو. پوءِ سندس نڙگهٽ مان کر کر جو آواز نڪتو، سندس مٿو ڌرتي سان وڃي لڳو ۽ ٿڌو ئي ويو. اها سانت چوڏس ڦهليل هئي. مان بيهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان سواءِ پئي رهيس. هاڻي مون لاءِ هر ڳالهه بي معنيٰ هئي. مان فقط اهو سوچي رهيس هيس ته پنهنجو انت ڪيئن آڻيان؟ جيڪڏهن اوسي پاسي کاهي هجي ها ته مان رڙهي وڃي پاڻ اڇليان ها. هاڻي مان ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙي به نه رهيس مون نظرون کڻي آسمان ۾ ڪهڪشان کي ڏٺو ۽ مون کي عائشه جا لڙڪ ياد اچي ويا. لڙڪن جي سار مون کي مجبور ڪيو ته مان اٿي کَڙِي ٿيان. مان گوڏن ڀر اٿيس ۽ پوءِ اٿي بيهي رهيس. لوڏو کائي وري ڪري پيس ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳيس.
    ”تو تي اسان جي شهيدن جي لعنت هجي ڪمينا جيڪشن. سڀئي شهيد جاڳي تو مٿان ٿُڪندا جيڪشن. اسان جا معصوم ٻارڙا تو کي پٽيندا. ملعون. -لعنت- لعنت –“ روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ سبب مان وڌيڪ نستي ٿي پيس ۽ ڪا مهل اُن بيابان ۾ بنا آسري پئي رهيس. پوءِ مون کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”ماسي! ماسي تولگو... ڪٿي آهين؟“
    مون جواب ڏنو ۽ بيڪتاش ڊوڙندو اچي مون وٽ پهتو. گوڏن ڀر ويهي منهنجو مٿو مٿي ڪيائين، ” ڇا ٿيو ماسي؟ ڪو ڌڪُ لڳ ويو ڇا؟“
    ”نه ... مان ته ڪِري پئي هيس پر هنن موذين منهنجي گهوڙي کي گولي هڻي ماري ڇڏيو!“
    ”ڳڻتي به ڪر ماسي. الله جو شڪر آهي جو تون بچي وئينءَ.“
    ڇوڪرن مون کي ڇڪڙي ۾ ويهاري گهر پهچايو ۽ مان پٺيءَ جي ڌَڪَ سبب ٽي ڏينهن کٽ تي پئي رهيس. مان ٿورائتي آهيان جو سڄي ڳوٺ منهنجي سار لڌي ـــــ پر انهيءَ کان وڌيڪ سندن انڪري ٿورائتي آهيان جو ڪنهن به اَنَ جي شڪايت نه ڪئي. اَنَ جي ڌاڙي جو ڪنهنذڪر به نه ڪيو. کين خبر هئي ته مان انهيءَ واقعي سبب ڪيڏي مونجهه محسوس ڪري رهي آهيان. جڏهن مان سوچيندي آهيان ته ٻني خالي پيئي آهي ۽ اُهو اَنُ، جيڪو ٻارڙن جي وات مان ڪڍي پوکڻ لاءِ کڻي آئي هيس، اهو ڪميڻا ڏاڙيل کڻي ويا آهن ته منهنجي اڳيان دنيا اوندهه ٿي ويندي آهي .


    6

    جڏهن ماڻهن ڌاڙي جي وائي واتِ نه آندي ته مون سوچيو، هو اهڙو ذڪر ڪري مون کي وڌيڪ ڏکوئڻ نٿا چاهين . هو فقط ڳوٺ، ٻنيءَ ۽ موسم جون ڳالهيون ڪندا هئا. سندن انهيءَ غير معمولي احتياط جي مون کي پوءِ خبر چئي. اصل ۾ کين خبر چئجي وئي هئي ته اڳتي هلي مون کي ڪيترو ڀوڳڻو آهي ... هڪ ڏينهن عائشه منهنجي لاءِ مَلائيءَ جو پيالو کڻي آئي . جڏهن هن منهنجي چانئٺ تي پير رکيو ته مان شرم ۾ ٻُڏي ويس .
    ”جيڪو ٿيو سو ڇُٽو ڀيڻ. منهنجي وقتي ڪمزوريءَ کي وساري ڇڏ ، منهنجي دل صاف اٿئي . تنهنجي لاءِ منهنجو سِرُ به حاضر آهي . مان ته پنهنجي پُٽَ بيڪتاش کي به توتان گهوري ڇڏيان .هاڻي تنهنجي گهر جو سماءُ به اُهو ٿو ڪري. هو توکي پنهنجي سڳي ماسيءَ جيان ٿو سمجهي . مان خوش آهيان ته بيڪتاش ايڏو سمجهه ڀرو ٿيو آهي .وڏو ٿي هو ضرور نرم دل انسان ثابت ٿيندو.“
    ”مهرباني عائشه ، مهرباني .“ مان فقط ايترو ئي چئي سگهيس .
    ٻئي صبح تي منهنجي طبيعت ۾ چڱو فرق اچي ويو هو. مون ٿورو گهڻو ڪم نه ڪيو ، پر جلد ئي ٿڪجي پيس ۽ ساهيءَ لاءِ دريءَ جي ڀرسان ويهي رهيس . عليما اڱڻ ۾ ڪپڙا ڌوئي رهي هئي. مون کيس چيو ته ڪم تي هلي وڃي، پر هن جواب ڏنو ته کيس سندس سنڀال لاءِ چيئرمين هڪ ڏينهن وڌيڪ موڪل ڏني آهي.
    انهي بهار جي مند ۾ اسان جي صوفن جي وڻ (جيڪو سووان پوکيو هو) ۾ مُکڙيون نڪتيون. جڏهن ميوي جي وڻ تي گل ٽڙندا آهن ته هوا ڪيڏي نه وڻندڙ لڳندي آهي! ماحول ايڏو شفاف ٿي ويندو آهي، جو پري پري جون شيون پڻ چِٽيون ڏسڻ ۾ ايندون آهن. مان اُسَ ۾ ويهي انهيءَ وڻندڙ مندَ مان لطف حاصل ڪري رهي هيس ، جو اسان جو پوڙهو ٽپالي تيمر اچي نڪتو. تيمر کي ٻين ٽپالين جيان، ٽپال ورهائڻ جي تڪڙ نه هوندي هئي. هو مون وٽ اچي بيهي رهيو. سلام ڪيائين، خير عافيت پڇيائين ۽ ڪجهه ٻيو چوڻ لاءِ وات کوليائين ته کنگهه جو دورو پئجي ويس. جڏهن کنگهه ٿورو گهٽيس ته ٻڌايائين ته گذريل هفتي کيس زڪام ٿي پيو هو، تنهن کان پوءِ هن پنهنجي ٿيلي مان هڪ خط ڪڍي منهنجي هٿ ۾ ڏنو.
    ”ڪنهن جو خط آهي؟“ مون پڇيو.
    ”شايد مسبيڪ جو آهي.“ هن وراڻيو.
    خوشيءَ منجهان مون اهو خيال به نه ڪيو ته لفافو جنگ جي ميدان کان ايندڙ لفظن جهڙو ٽڪنڊو ناهي . اهو لفافو سفيد ۽ سخت ڪاغذ جو هو ، جنهن تي منهنجي ايڊريس ٽائيپ ٿيل هئي. سابق فوجي ”بيگ ترسون“ اسان جو پاڙيسري هو. اهو پنهنجي گهوڙين تي منڊڪائيندو اڱڻ ۾ داخل ٿيو. سندس زخمي ڄنگهه جي حالت شايد خراب ٿي وئي هئي ، ڇو ته هلڻ ۾ کيس ڏاڍي تڪليف محسوس ٿي رهي هئي. هن مون کي ۽ ٽپالي کي سلام ڪرڻ کانپوءِ مون کان خط ورتو ۽ چيو،
    ”مسبيڪ جو آهي.“
    ”تون ڪنبي رهيو آهين ، مون کي ويهي خط پڙهي ٻڌاءِ.“
    هو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ويٺو، ڏڪندڙ هٿن سان لفافو کوليائين ۽ پڙهڻ شروع ڪيائين ... هئي منهنجا پٽ! مان ته پهرين لفظ کان ئي سڄو مطلب سمجهي ويئي هيس . هن لکيو هو، ”امڙ، وقت گذرڻ سان گڏ تون مون کي سمجهي ويندينءَ، تو کي احساس ٿيندو ته تنهنجي پٽ مڙسيءَ سان پنهنجو فرض نڀايو، پر انهي يقين جي باوجود تنهنجي ذهن جي اونهاين ۾ هڪ اڻ چيو سوال دٻيو رهندو. تون سوچيندينءَ منهنجا پٽ! هن جرڪندڙ دنيا کي ڇڏڻ لاءِ ڇو تيار ٿي وئين؟ مون تو کي ڇو جنم ڏنو؟ تو کي ڇو وڏو ڪيم؟ تون ماءُ آهين ۽ اهي سوال پڇڻ جي حقدار آهين ، پر تو کي پنهنجن سوالن جو جواب ملي ويندو امڙ. تاريخ تو کي سوالن جو جواب ڏيندي . هن مهل مان فقط اهو ئي چئي سگهان ٿو ته جنگ جي خواهش اسان نه ڪئي هئي. جنگ اسان نه شروع ڪئي آهي . جنگ هڪ هاڃو آهي ۽ انهيءَ شيطانيت کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي رت جي قرباني ڏيڻي آهي . جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته پوءِ اسان انسان چوائڻ جا حقدار ناهيون . مون ڪڏهن به جنگ ۾ سورهيائيءَ وارا ڪارناما انجام ڏيڻ جا خواب ناهن ڏٺا. مان لکڻ پڙهڻ جي مقدس ڌنڌي ۾ شامل ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هوس ، پڙهڻ منهنجي زندگي جو مقصد هو پر قلم بجاءِ مون کي بندوق هٿ ۾ کڻڻي پيئي آهي! ڇا اهو منهنجو ڏوهه هو؟ نه ، وقت مون کان اهو مطالبو ڪيو ته مان سپاهي ٿيان . منهنجي ڀاڳ ۾ نه هو ته ڪنهن ڪلاس روم ۾ ٻارن کي سبق پڙهايان . هڪ ڪلاڪ کان پوءِ مان اهو فرض نڀائڻ لاءِ روانو ٿي ويندس، جيڪو وطن منهنجي حوالي ڪيو آهي . جيئرو موٽڻ جي اميد مون کي گهٽ آهي . مان جيڪو فرض ادا ڪندس ، انهيءَ جي ڪري مون کان پوءِ اڳتي وڌندڙ ڪيترن جوانن جي حياتي بچندي . مان عوام خاطر، فتح خاطر ۽ انسانيت جي اعليٰ مقصدن خاطر موت جي منهن ۾ وڃي رهيو آهيان . هي منهنجو آخري خط آهي، هي منهنجا آخري لفظ آهن امڙ! جيڪڏهن مان هزار دفعا به تنهنجو نالو کڻان تڏهن به مان تُنهنجي مامتا جو بدلو چُڪائي نٿو سگهان . مون کي معاف ڪجانءِ امڙ، جو مان تو کي وڏو ڏُک ڏيڻ وارو آهيان، پر ايترو يقين ضرور ڪجانءِ ته جيڪا قرباني ڏيڻ لاءِ مان وڃي رهيو آهيان، انهي ۾ ڪنهن به تڪڙ ۽ اڻ ڄاڻائي جو دخل ناهي . مون کي زندگيءَ سيکاريو آهي ته ڪيئن زندهه رهجي. انهن ٻارن لاءِ هي منهنجو پهريون ۽ آخري سبق آهي، جن کي مان پڙهائي نه سگهيس. مون کي فخر آهي ته مان قوم لاءِ پنهنجو اعليٰ فرض ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان . روءُ نه امان، مون لاءِ ڪوبه نه روئي . توهان سان سدائين لاءِ الله واهي ... منهنجا پهاڙو ، مون کي توهان سان بي انت محبت هئي ...
    تنهنجو پٽ
    مسبيڪ سووان ڪولوف
    (لفٽيننٽ فرنٽ لائين)

    مان پنهنجي پٽ جي آخري خواهش پوري ڪرڻ لاءِ خاموش رهيس . نڄاڻ عليما ڇا محسوس ڪيو ... هوءَ ٻانهون ڦهلائي مون ڏانهن وڌي . منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺائين ۽ پوءِ پنهنجو منهن هٿن ۾ لڪائي موٽي ويئي ... مسبيڪ وڃائجي ويو، پر مسبيڪ جي فوجي ٽوپي مون وٽ موجود هئي.!


    7

    مون کي بهار جي اها مُند سدائين ياد رهندي ، جڏهن اسان جي سوڀَ ٿي ۽ جڏهن سڄي ڳوٺ مورچي کان موٽندڙن جي آجيان ڪئي. مان اڄ به يقين سان نٿي چئي سگهان ته انهيءَ ڏينهن جي خوشي، ڏک تي ڀاري هئي !


    8

    هڪ ڏينهن گهَرُو استعمال جي سبزي پوکڻ جو اسان جو وارو هو. اسان جو ڪم پورو ٿيڻ وارو هو ، جو روڊ تي گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. عليما ڊوڙندي گوڙ جو سبب ڄاڻن لاءِ ويئي ۽ جلد ئي رڙيون ڪندي آئي ، ”امان! امان!! سڀئي ماڻهو سپاهين سان ملڻ لاءِ وڃي رهيا آهن.“
    اسان ڏاند جيئن جو تيئن جوٽيل ڇڏي ڏنا ۽ ڊوڙندا وڃي ميڙ ۾ شامل ٿياسين. سڀئي روڊ ڏانهن ڊوڙندا ٿي ويا ، ڪي پنڌ ڪي گهوڙن تي . هلندي هلندي هُو سڀني کي اهو ئي پئي ٻڌائيندا ويا ته ذريچيه کان ايندڙ ڪنهن اڻ واقف ، ڪنهن کي ٻڌايو آهي ته هتان جي نوجوانن سان ڀريل ٻه ٽرينون اسٽيشن تي پهچي چڪيون آهن . ڪنهن کي به اهو خيال نه رهيو ته انهيءَ افواهه جي تصديق ڪري وٺجي . هر شخص جي خواهش هئي ته اها خبر سچي هجي . هو ايتري عرصي کان انهيءَ ڏينهن جي اوسيئڙي ۾ هئا، جو ڪنهن کي به انهيءَ خوشخبريءَ تي شڪ نه ٿيو. اسان سڀ ڳوٺ جي انهيءَ پاسي کان گڏ ٿي وياسين، جتي جنگ کان اڳ نئون رستو ۽ نوان گهر ٺهڻ وارا هئا ! سوار گهوڙن تي ئي ويٺا رهيا جيئن چڱي طرح ڏسي سگهن ، باقي ماڻهو واهه جي مٿاهين ڪناري تي چڙهي ويا. ٻار وڻن ۽ نامڪمل جاين مٿان وڃي بيٺا. هر ڪو بي صبريءَ سان واٽ نهاري رهيو هو . هر ڪنهن پنهنجا سٺا سٺا خواب ٻڌائڻ شروع ڪيا.
    اڄ جڏهن مان انهيءَ وقت بابت سوچيان ٿي ته مون کي احساس ٿو ٿئي ، ته جيڪڏهن سڄي دنيا جا ماڻهو پنهنجي نيڪ خواهشن ۾ انهيءَ نموني متحد ٿي وڃن جيئن ان وقت اسان پنهنجي ڀائرن، پيئرن ۽ مڙسن لاءِ گڏجي دعا گهري رهيا هئاسين ته دنيا ۾ وري ڪڏهن جنگ جو ڀنڀٽ نه ڀڙڪي .
    رکي رکي اسان سڀ چپ ٿي پئي وياسين ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجن پيارن بابت سوچڻ ٿي لڳاسين . هر ڪوئي پنهنجي خوش خبري يا بدقسمتيءَ جي خبر ٻڌڻ جي انتظار ۾ هو. ڪير ڪير واپس ايندو؟ ڪير ڪيرگم ٿيل ۽ لاپتا هوندو؟ سڀني جي زندگين ۽ خوشين جو دارو مَدار انهن گهڙين تي هو. ايتري ۾ هڪ ڇوڪري ، هڪ وڻ مٿان ويٺي رڙ ڪئي ،”اچي ويا!“
    سڀيئي بيٺل ڄڻ هڪ هنڌ پنڊ پهڻ ٿي ويا ۽ سڀني گڏجي ورجايو، ”اچي ويا!!“ پر پوءِ خاموشي ڇانئجي وئي . تنهن کان پوءِ اوچتو سڀني کي هڪ ئي احساس ٿيو ، سڀني اُتاولائيءَ مان هڪڙو ئي سوال ڪيو، ”ڪٿي آهن!؟“ پوءِ وري خاموشي ڇانئجي وئي . رستي تي گهڻو پرتي هڪ ڇڪڙو نظر آيو ، جيڪو تيزيءَ سان هلندو پئي آيو. ڳوٺ جي رستي ڀرسان پهچي ڇڪڙو بيٺو ۽ ٽپو ڏيئي هڪ سپاهي لٿو. فوجي ٿيلهو ۽ اوور ڪوٽ ڪلهن تي رکي هن گاڏي واري کي الله واهي چيو ۽ اسان ڏانهن وڌيو. اسان سڀئي پنڊ پهڻ لڳا سپاهيءَ کي ڏسڻ لڳاسين. اسان سڀ ڪنهن معجزي جا منتظر هئاسين . اسان کي يقين نٿي آيو جو اسان گهڻن سپاهين جي اوسيئڙي ۾ هئاسين پر آيو فقط هڪڙو! سپاهي هلندي هلندي بيهي رهيو ۽ اچرج منجهان پنڊ پهڻ ٿيل ميڙ کي ڏسڻ لڳو. شايد هو سوچي رهيو هو ته هي ڪير آهن؟ پنڊ پهڻ ڇو ٿي ويا آهن ۽ هتي ڪنهن جو انتظار ٿا ڪن؟ هن پُٺِ ورائي ڏٺو، پر رستو ويران هو. هن وري هلڻ شروع ڪيو ، وري ترسيو ۽ پوئتي ڏٺائين . ايتري ۾ هڪ ننڍڙي ٻارڙي ، جنهن جا پير به اگهاڙا هئا ۽ جيڪا مون کان ٿورو اڳڀرو بيٺي هئي ، تنهن زور سان رڙ ڪئي . ”ادا! هي ته منهنجو ڀاءُ آهي آشير علي. ادا !!“ هوءَ سٽ ڏيئي پنهنجو مٿي جو رومال لاهي ڀاءُ ڏانهن ڀڳي .
    رب ٿو ڄاڻي ته هن پنهنجي ڀاءُ کي ڪيئن سڃاتو پر سندس رڙ اسان سڀني کي رائفل جي گوليءَ جيان ڇرڪائي سجاڳ ڪري وڌو. ٻيا ٻار سندس پويان ڀڳا.
    ”ها ها- هي آشير علي آهي!“
    ”اصل اهو ئي آهي!“ ميڙ رڙ ڪئي ۽ اسان سڀئي ڏانهنس ڊوڙياسين . ڪنهن اڻ ڄاتل زبردست طاقت اسان تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسان کي سپاهيءَ ڏانهن گهليندي ويئي . اوچتو سپاهي سمجهي ويو ته هو پاڻ اسان جي نظرن جو مرڪز آهي . هو تيزيءَ سان اسان ڏانهن وڌيو.
    جڏهن مان ميڙ سان گڏ ڊوڙيس ته مون کي لڳو ، ڄڻ فوجي ريل ڪڙڪو ڪري منهنجي ڀرسان لنگهي رهي آهي ، هوا مون کي ڌوڏي رهي آهي ۽ هڪ رڙ منهنجي ڪنن ۾ ٻُري رهي آهي،
    ”امان ... عليما...!“ ۽ ڦيٿا ٺَڪ ٺَڪ ڪندا منهنجي ڪنن جي ڀرسان لنگهي رهيا آهن .
    جيڪي ٻه سوار سڀ کان اڳ سپاهي جي ڀرسان پهتا، انهن کانئس اوور ڪوٽ ۽ ٿيلهو ورتو. ٻين ٻن سوارن اتي پهچي کيس پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي ورتو. اسان سڀ خاموشيءَ سان ڳوٺ روانا ٿياسين . عليما رکي رکي سُڏڪو ڀري ائين تڌو ساهه ٿي کنيو ، ڄڻ سندس ڦڦڙ تازي هوا لاءِ سِڪندا هجن . سندس مُنهن لهي ويو هو ۽ نظرون ڌرتيءَ تي هئس . مان ڄاتو ٿي ته عليما جي من ۾ ڇا آهي ۽ مان دل ئي دل ۾ کيس چئي رهي هيس، ”منهنجي پياري ڌيءَ! مان ڄاڻان ٿي ته اسان ٻئي جلد جدا ٿيڻ واريون آهيون . تون هاڻي ته قاسم جي موت کي قبول ڪري سگهين ٿي نه ! انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪهڙي واهه آهي ؟ مئلن پٺيان مري نه وڃبو آهي . تون سڄي عمر وڌوا رهي نٿي سگهين . هر زمانو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچندو آهي ، تون مون کي ڇڏي پنهنجي واٽ وٺي ويندينءَ . ائين ٿيڻو آهي ۽ انهيءَ کي ڪير به روڪي نٿو سگهي . مان تو سان ڪابه شڪايت نه ڪنديس ، تو کان ناراض نه ٿينديس ، تون پنهنجي قسمت جو لکيو پورو ڪندينءَ . قسمت ڪيڏي ظالم آهي ؟ جيڪر تون سمجهي سگهين ها مِٺي ته توکان ڌار ٿيڻ جو تصور مون لاءِ ڪيڏو ڏکوئيندڙ آهي ، پر جڏهن تون هلي ويندينءَ ته مان سدائين تنهنجي خوشيءَ لاءِ توکي دعائون ڪندي رهنديس . تون جوان ۽ سهڻي آهين . ڪڏهن نه ڪڏهن ته ڪو نوجوان اچي پهچندئي . جيڪڏهن اهو چڱو ڇوڪرو ثابت ٿيو ته ٻيو ڇا گهرجي؟ ڇا اهو تولاءِ قاسم جهڙو ثابت ٿيندو ؟ ڪجهه چئي نٿو سگهجي ، انهي معاملي ۾ مان تنهنجي ڪابه مدد نٿي ڪري سگهان . مان تو کي فقط ايترو عرض ضرور ڪنديس ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي ياد ڪجانءِ . تو کان سواءِ هاڻي منهنجو دنيا ۾ ڪوئي ناهي . مان هن گهر ۾ اڪيلي آهيان، بلڪل اڪيلي آهيان . اڪيلائيءَ جي سوچ ئي مون کي ڪنبائي ٿي ڇڏي . مان ته پوڙهائپ ۾ پوٽي کي راند به نه کيڏائي سگهيس ، پر تو لاءِ شايد اهو ئي چڱو ٿيو جو بي اولاد آهين . منهنجي ڪنهن ڳالهه تي ڌيان نه ڏي . مون کي ڇاهي ، مان پوڙهي عورت آهيان. تون پنهنجي زندگي منهنجي خاطر ڇو برباد ڪرين؟ چڱي طرح سوچي مون کي پنهنجو فيصلو ٻڌاءِ . تون ضمير جي صفائيءَ سان هن گهر مان وڃي سگهين ٿي . مان سدائين تو کي ياد رکنديس ۽ تنهنجي ٿورائتي رهنديس“
    اسان اڻپوري نئين رستي تان لنگهي رهيا هئاسين . مون قاسم ۽ عليما جي انهيءَ زمين کي ڏک مان ڏٺو ، جتي سندن نئون گهر اَڏجڻ وارو هو. پٿرن جو ڍير اڄ پنج سال گذرڻ کانپوءِ به پيو هو. ڪچيون سرون ٽُٽي ۽ وکري چڪيون هيون ، ديوارون ڊهي ويون هيون ۽ کِڙکين مان ٻوڙا مُنهن ڪڍيو بيٺا هئا. منهنجي دل ڀرجي آئي . اهي ماڻهو ڪيڏانهن ويا، جن هتي گهر جوڙي رهڻ جا خواب ڏٺا هئا!
    عليما منهنجو هٿ جهلي مُرڪندي چيو ، ”امان، ايڏي ڏکاري ڇو آهين؟ ڇا هاڻي تو کي زندگيءَ تي ڪوبه اعتبار ناهي؟ صبر ڪري مُرڪي پئو امڙ. ڄاڻان ٿي ته اها ڏکي ڳالهه آهي پر تون ته منهنجي سپاهي ماءُ آهين . تون-“ هوءَ وڌيڪ لفظ چوندي لڄي ٿي وئي ۽ چيائين ، ”بهرحال، مان تو کي پنهنجو آدرش سمجهان ٿي . اچ ، هتي ويهي ڳالهيون ڪيون.“
    هاڻي موقعو اچي رهيو آهي ، مون سوچيو هاڻي هي چوندي ته مان تنهنجي گهر مان وڃي رهي آهيان . هن ۽ پنهنجي لاءِ رحم جو احساس مون کي ويڙهي ويو. مون ڏڪندڙ آواز ضبط ڪندي چيو، ”ها هتي ويهي ڳالهايو ٿا.“
    اسان ٻيئي سَسُ- نُنهنَ پنهنجي پنهنجي مسقتبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ روڊ جي پاسي تي هڪ مَٿڀَري هنڌ تي ويهي رهيونسين . عليما ڪنڌ هيٺ ڪري ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيائين، ”چڱو ٿيو امڙ ، منحوس لڙائي ختم ٿي وئي . مان سمجهان ٿي تون اسان ٻنهي جي آئيندي بابت سوچي رهي آهين . هوءَ ٿوري دير لاءِ چپ ٿي ويئي ، مان به خاموش رهيس . پوءِ ڪنڌ کڻي هن پنهنجون اکيون منهنجي اکين ۾ کُپائي ڇڏيون . نرميءَ سان مرڪي چيائين ، ”رنج نه ڪر امڙ. تنهنجو خيال آهي ته خوشيءَ جو هڪ پل به هاڻي اسان جي ڀاڳ ۾ ناهي . اهو ئي پئي سوچين نه؟ پر مان ته اهو يقين ڪرڻ لاءِ اصل تيار ناهيان ته اسان جي چئني مردن مان هڪ به جيئرو نه موٽندو. نه امڙ، وچ ۾ نه ڳالهائجانءِ ، منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ . تو کي انهيءَ نموني دلاسو ڏيڻ مون لاءِ وِتَ کان وڏي ڳالهه ٿيندي ۽ نه مان پاڻ کي دوکو ڏئي رهي آهيان ، پر امڙ! منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪر. منهنجي دل ٻولي ٿي ته جينڪ ضرور واپس ايندو. اسان کي فقط سندس گم ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي ، جنهن جو مطلب آهي ته هو زندهه آهي . سندس لاش ڪنهن به نه ڏٺو آهي . اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته کيس دشمن قيد ڪري ڇڏيو هجي يا مورچي جي ٻئي پاسي وڃي وڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويو هجي ۽ هڪ ڏينهن اوچتو گهر موٽي اچي ! هر ڳالهه ممڪن آهي امان . تون ڏسجانءِ، هڪ ڏينهن هو اوچتو موٽي ايندو. سندس انتظار ڪر امڙ، وقت کان اڳ ويچاري کي مرحوم نه سمجهه . تو پاڻ اهڙا اڻ ڳڻيا قصا ٻڌا هوندا ته نه فقط گم ٿيل، پر جن کي مئلن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو ، سي به جيئرا جاڳندا موٽي آيا! پاسي واري ڳوٺ ۽ زرد ميدان جي قزاقن وٽ ٻارهي جون رسمون به پوريون ٿي چڪيون هيون پر مرڻ وارا موٽي آيا. انتظار ڪر امڙ! اسان چڱو انتظار ڪيو آهي پر اڃا ٿورو صبر ڪر ۽ منهنجي ته اصل ڳڻتي نه ڪر. هن وقت تائين مان تُنهنجي نُنهنَ هئس ، هاڻي تُنهنجي سڀني پٽن جي جاءِ تي تُنهنجو پُٽُ ٿي ڏيکاينديس .“ عليما خاموش ٿي ويئي . گهڻي دير تائين اسان ڪجهه به نه ڳالهايو.
    مان جينڪ جي موٽڻ جي خيال ۾ گم ويٺي هيس جو عليما سانت کي ٽوڙيو ۽ مون کي ياد ڏياريائين ته ٻنيءَ تي اڃا ڪم رهيل آهي، ”هل امڙ ! جلدي ڪر ، نه ته زمين سُڪي ويندي.“
    اسان ٻنيءَ تي موٽي آياسين . هَرَ ٻَڌل ڏاندَ گاهه چري رهيا هئا. عليما انهن کي هَڪلي آئي ۽ هَرُ هلائڻ شروع ڪيائين . اسان انسانن جون حاجتون ڪيتريون محدود آهن ... نرمي ۽ مهربانيءَ جو هڪڙو لفظ اسان کي قبر جي ڪنڌيءَ تان واپس آڻي سگهي ٿو! عليما به هڪدم جنگ کان اڳ واري چنچل ڇوڪري ٿي پيئي . کل ڀوڳ ، هلڻ چلڻ ، هر ڳالهه ۾ سندس پراڻي چنچلتا موٽي آئي . هن پنهنجي صدري لاهي هيٺ ڦٽي ڪئي، مٿي جو رومال پوئتي ڪيائين ۽ ڏاندن کي هڪلڻ لڳي، ”اڙي او ڀورا! اڳيان هل، اڙي او- وارو ڪر. شاباس.“ هوءَ چهبڪ لوڏي مرڪندي رهي.
    سڌي سنئين حقيقت آهي ته انهيءَ نموني عليما پوري ڪوشش ڪري رهي هئي ته جيئن مان زندگيءَ ۾ وري دلچسپي وٺڻ لڳان . هَرُ ڪاهيندي ڪنهن ڪنهن مهل پُٺِ ورائي هن ڪو دلچسپ جملو ٿي چيو. اسان ڪم شروع ئي مس ڪيو هو ، جو برسات لهي پيئي . اڳ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڦـُڙيون پيون ۽ پوءِ برسات زور وٺي وئي .
    ”پسي وينداسين، هل ڇپري ڏانهن هلون.“ مون عليما کي چيو.
    ”ڳڻتي نه ڪر امڙ، اسان رجي ٿوروئي وينداسين.“ هن ٻارن جيان ٽهڪ ڏيئي، ڏاندن کي اڳتي وڌايو.
    سندس چنچلتا ڏسي مون سوچيو، منهنجي پياري راڻي! تون ڪيڏو خوش هجين ها ... زندگيءَ تو سان ڪهڙو ڪلورُ ڪيو!
    هاڻي مان سوچيندي آهيان ته سندس چنچلتا مون لاءِ هئي ، جيئن مان پنهنجا ڏک وساري ڇڏيان . تيز برسات ۾ هن ٻانهون مٿي کڻي چيو هو، ” ڏس امڙ، برسات ڪيڏي وڻندڙ آهي . هن سال ڏاڍو ڀلو فصل ٿيندو. وس برسات ... وس برسات ... گڏجي ٿورو گوڙ ڪيون ...“ ۽ پنهنجو چهبلڪ ڏاندن مٿان لوڏڻ لڳي . شايد کيس اها به خبر نه هئي ته پاڻي ۾ بيهي ٽهڪ ڏيندي ۽ گيت ڳائيندي هوءَ ڪيڏي سندر لڳي رهي هئي . ڪپڙا سندس سهڻي جسم سان چنبڙي پيا هئا، سندس ڳل ٻهڪي رهيا هئا ۽ اکيون چمڪي رهيون هيون هئس . او جنگ ! تو لعنت هجي .
    جڏهن برسات پنهنجو سڄو زور لائي اڳتي وڌي وئي ، تڏهن عليما به خاموش ٿي وئي . درياهه جي مٿان لنگهندڙ وسندڙ ڪڪرن کي ڏسي سندس مُنهن لهي ويو ۽ هوءَ گـَهٽجندڙ برسات جي آواز کي ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندي رهي . شايد هوءَ سوچي رهي هئي ته برسات به زندگيءَ جي انهن خوشين جيان آهي ، جيڪي تيزيءَ سان گذري وينديون آهن. جڏهن سندس نظرون مون سان مليون ته هو ٻيهر مُرڪڻ لڳي.
    ”ڏاڍي چڱي موقعي تي ڇنڊو پيو آهي . هاڻي اسان کي مڪئي پوکڻ کپي .“ تنهن کان پوءِ هوءَ گهر ۾ وئي ۽ مڪئيءَ جي ٻج جي بالٽي کڻي آئي . هن پاڻيءَ سان ڦوڪيل ٻجن جي مُٺِ ڀري زمين تي ڇٽي ۽ چيائين، ”امان ، مان سچ ٿي چوان هي مڪئي کائڻ لاءِ جينڪ هتي موجود هوندو.“


    9

    وقت جي گاڏي هلندي رهي ۽ اسان جو گڏيل فارم آهستي آهستي طاقت حاصل ڪندو ويو. زندگي آسان ٿي وئي ۽ جنگ جون يادگريون ڌنڌليون ٿينديون ويون . پراڻا زخم ڇُٽڻ لڳا. عليما ۽ مان دستور موجب گڏيل فارم ۾ ڪم ڪندا رهياسين پر سپاهين جي اچڻ شرط مون پنهنجي ٽيم ليڊريءَ جو فرض هڪ نوجوان جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    ”مان توهان جي غير حاضري ۾ ٽن سالن تائين ڪم ڪندي رهي آهيان، پر هاڻي توهين واپس اچي ويا آهيو. انهن ٽن ورهين ۾ مان ڏاڍي پوڙهي ٿي وئي آهيان . هاڻي منهنجو بار توهان کڻو، مان لڳاتار توهان جي مدد ڪندي رهنديس.“ مون ڇوڪرن کي چيو . هو اڄ به مون کي ”ٽيم ليڊر“ جي نالي سان سڏيندا آهن ۽ منهنجي عزت ڪندا آهن .
    زندگيءَ جي گاڏي پنهنجي پراڻي رستي تي موٽِي آئي پر مون کي ۽ عليما کي ذهني سڪون نه ملي سگهيو. ڪنهن کي خبر نه پيئي پر اسان ٻئي هڪ ئي ڳالهه تي سوچينديون رهيونسين . هونءَ ته اها ڳالهه چوڻ لاءِ آسان هئي . اسان ٻيئي هڪ ٻئي کي بنا هٻڪ جي چئي ڏيون ته هاڻي پنهنجي پنهنجي واٽ وٺجي پر عليما جهڙي نيڪ دل ڇوڪريءَ بدران ڪا ٻي ڇوڪري هجي ها ته ان کي اهو چوڻ سولو ٿئي ها، ته پنهنجي وارن اڇن ٿيڻ کان اڳ وڃي پنهنجو بلو ڪر، پر مان پنهنجي نُنهن سان اهڙي ڳالهه نٿي ڪري سگهيس ۽ نه ئي مون کي حق هو ته زوريءَ کيس ڪنهن جي ڪلهي چاڙهي ڇڏيان .
    هڪ دفعي سندن مائٽ اسان جي ڳوٺ مان لنگهيا. پنهنجي ضمير جي خاطريءَ لاءِ مون کين چئي ڏنو ته عليما پنهنجي نئين زندگي شروع ڪرڻ لاءِ منهنجي طرفان آزاد آهي ۽ منهنجون دعائون ساڻس گڏ هونديون ، پر جڏهن مائٽن عليما سان شاديءَ جي ڳالهه ڪڍي ته کيس ايڏي ڪاوڙ لڳي جو مان شرمساري محسوس ڪرڻ لڳيس . هن پنهنجي مائٽن کي چيو ته هوءَ سندن دخل اندازيءَ يا صلاح جي محتاج ناهي ! مان ته پوءِ عليما سان نظرون به نه ملائي سگهيس ، پر هوءَ پاڻيهي سمجهي ويئي ۽ ڪڏهن به اهڙو ذڪر نه ڪيائين . انهيءَ نموني هڪ ٻئي تي رحم کائيندي ۽ جينڪ جي واپسيءَ بابت پاڻ کي دوکو ڏيندي اسان زندگي گهارينديون رهيونسين . پوءِ اهي اميدون به ختم ٿي ويون ۽عليما جي عمر به وڌندي وئي .
    هي معاملو ڪيئن شروع ٿيو؟ مون کي ڄاڻ ناهي ... 1946ع جي سرءُ ۾ پَرِ واري ڳوٺ جو هڪ نوجوان ڌنار پنهنجون رڍون وٺي ميدان ڏانهن واپس وڃي رهيو هو. شايد هو سپاهي رهي چڪو هو ، ڇو ته کيس فوجي ڪوٽ پهريل هو ۽ هو هڪ سٺو گهوڙي سوار لڳي رهيو هو. ڪلهي تي بندوق رکيل هيس ۽ رڍ جي کَلَ جو ڪوٽ زينَ سان ٻڌل هئس . هو ڳوٺ مان گهوڙو ڊوڙائيندو لنگهندو هو. خير، گهوڙو ڊوڙائڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي ، ڪيترائي ماڻهو روڊ تان لنگهندا آهن . ڪير پرواهه ڪندو آهي سندن ؟ مان ته کيس سڃاڻندي به نه هيس .
    سرءُ جي موسم اسان جي ڳوٺ ۾ شادين مُرادين جي مُندَ هوندي آهي . انهن ڏهاڙن ۾ ئي ڪنهن پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي موقعي تي گهوڙي سواري جي روايتي مقابلي جو انتظام ڪيو ، جنهن ۾ اهو اڻواقف بهترين سوار ثابت ٿيو.
    مان ۽ عليما شاديءَ ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيون هيون سين جو ايتري ۾ ڪوئي گهوڙو ڊوڙائيندو اسان در تي آيو ۽ ڪائي شيءِ اسان جي در وٽ ڪري . مون ٻاهر وڃي ڏٺو ته هُو اهو ئي ڌنار هو. سندس گهوڙو بي قابو ٿي چڪو هو پر نوجوان ڏاڍي مهارت سان کيس پنهنجي وَس ڪري رهيو هو. چهبڪ وات ۾ جهليل هئس ۽ قميص جون ٻانهون مٿي ڪري ڇڏيون هئائين . ذبح ٿيل ٻڪري اسان جي در تي پيئي هئي . مون کي خبر هئي ته اها ٻڪري گهوڙي سواريءَ جي مقابلي جو انعام آهي ۽ کٽڻ وارو پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن کي به ارپي سگهيو ٿي ، پر مان هڪ پل لاءِ ششدر ٿي ويس .
    ”هيءَ ٻڪري ڪنهن لاءِ آهي پٽ؟“ مون پڇيو
    ”گهر ۾ ڪوئي ناهي؟“ هن پڇيو.
    ”تون ڪنهن سان ملڻ ٿو چاهين؟“
    انهيءَ جي جواب ۾ هن فقط ايترو ڀڻڪو ڪيو ته هي ٻڪري اتفاق سان اسان جي در تي ڪري پيئي آهي ! پوءِ هن ٻڪري کنئي ، گهوڙو ڦيرايائين ۽ روڊ ڏانهن هليو ويو ، بس قصو ختم! مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. جيڪڏهن هو پنهنجو انعام هتي کڻي آيو هو ته کيس گـُهربو هو ته پنهنجو انعام گهر ڌياڻيءَ جي حوالي ڪري ها. ٿي سگهي ٿو اها ٻڪري اتفاق سان هتي ڪري هجي ، پر اصل اسان جي گهر سامهون ! روڊ کان هيترو پرتي !! هي ڪهڙو اتفاق هو ؟؟؟
    جڏهن عليما گهر مان نڪتي تڏهن سڄي ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ اچي ويئي . کيس ريشمي لباس پهريل هو ۽ شوخ رنگ جي شال ويڙهيل هيس . مون کي هڪ نظر ڏسي ، لڄي ٿي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين .”هل امان ، جلدي ڪر.“ هن تڪڙ ۾ چيو.
    مان سڄي حقيقت سمجهي ويس ته اهو گهوڙي سوار اسان جي در تي ڇو آيو هو. پوءِ مون کي ياد آيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان عليما پاڻي ڀرڻ لاءِ ويجهي واهه بجاءِ پرتي درياهه تي ويندي هئي ۽ چڱي دير کان پوءِ موٽندي هئي . منهنجي دل ۾ سور جي سَٽَ اُڀري . حسد جي ڪارڻ نه ، گهٽ ۾ گهٽ منهنجو خيال اهو آهي ته مان حاسد ناهيان ، پر نڄاڻ ڪهڙِ ڳالهه هئي ...! مون الله آڏو پاڻ ٻاڏايو هو ته عليما جو وڌواپڻو ختم ٿي وڃي پر هاڻي ڄڻ اوچتو مون کي ڊپ ورائي ويو. ڄڻ مان پنهنجي سڳي ڌيءَ کي الله واهي چوڻ واري هيس ... متان هوءَ ڪو غلط قدم نه کڻي ، نئين گهر ۾ ، نئين خاندان ۾ چڱيءَ ريت آباد ٿئي ، نڄاڻ سندس مڙس ڪهڙي قسم جو ثابت ٿئي ... تنهن ڏينهن شادي جي دعوت منجهان گهر موٽڻ کانپوءِ به مان اهي ئي ڳالهيون سوچيندي رهيس ، ”هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي عليما؟“ مون دل ۾ پڇيو ”تون کيس چڱي طرح سڃائين ٿي ؟ تڪڙ نه ڪجانءِ منهنجا ٻچڙا، ڪائي غلطي نه ڪجانءِ“
    مون اهو به سوچيو ته مان سندن راهه جي رڪاوٽ نه ٿيان ، پر عليما ته مون آڏو ڏاڍي لڄي ٿيندي آهي . سندس هٻڪ ڪيئن ختم ڪيان؟ کيس ڪيئن سمجهايان ته هوءَ پنهنجو بُرو ڀَلو سمجهڻ لاءِ پاڻڀَري آهي . مون پنهنجي پريشاني لڪائي ، ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي . دستور موجب کل ڀوڳ به ڪندي رهيس ، جيئن کيس محسوس ٿئي ته مان سندس انهيءَ قدم تي ناراض ناهيان . پوءِ به کيس پاڻيهي خبر پئجي وئي ته منهنجي فڪرمنديءَ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي ؟
    هڪ شام جڏهن هوءَ بالٽي کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪتي ته مون ائين ٿڌو ساهه کنيو ، ڄڻ منهنجي اڳيان ڪو ٽَڪَرُ ٽَري ويو هجي . سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ، هي ملاقاتون مناسب آهن ... پر هوءَ پاڻي ڀري جلدي موٽي آئي . هوءَ درياهه بدران واهه تي ويئي هئي .
    ”امان!“ هن بالٽي فرش تي رکندي چيو، ”تنهنجو مٿو ڌوئڻ لاءِ پاڻي گرم ڪيان؟“
    ”ڪائي تڪڙ ناهي ڌيءَ سڀاڻي ڏسبو. جيڪڏهن تو کي ڪاڏي وڃڻو هجي ته ...“
    ”سڀاڻي ته ڪم تي وڃڻو آهي . وار ڌوئي وٺ ، پوءِ مان ڦڻي ڏيئي ڇڏيندي سانءِ.“
    هن پاڻيءَ جي ڪٽلي گرم ڪئي ۽ اهڙو اهتمام ڪيائين ڄڻ مان ننڍڙي ٻارڙي هيس ۽ مٿو ڌوئڻ نٿي ڄاتم! اڳ ۾ هن منهنجي وارن کي ڏهيءَ سان ڌوتو ۽ پوءِ خوشبو وارو صابڻ هنيائين . پاڻيءَ جا مَگَ ڀري منهنجي مٿي تي وجهندي رهي . ٻي ڪا مهل هجي ها ته مان کيس دڙڪو ڏيئي ڇڏيان ها ته ايڏا لاڏ نه ڪري ، پر انهيءَ مهل منهنجي زبان کي ڪلف لڳي ويا. مان ندامت محسوس ڪري رهي هيس ته منهنجي ڪري هوءَ پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ نه وڃي سگهي . آخر ڇو؟ مون کي انهيءَ تي ڏاڍي مٺيان لڳي پر هوءَ ته ڏاڍي سڪون ۽ خوشيءَ سان سڄو ڪم ڪري رهي هئي . وارن ۾ ڦڻي ڪندي هن ٿورو اداسيءَ منجهان چيو، ”امڙ، ڪنهن زماني ۾ تنهنجا وار ڪيڏا گهاٽا هئا ۽ تون جوان هئينءَ !“
    هن منهنجي ڳلن تي هٿ ڦيرايو ۽ منهنجين اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. شايد مون کان موڪلائي رهي آهي ، مون پيڙا مان سوچيو. هن منهنجا وار سنواريا ۽ عطر جي شيشي ڪڍي آئي ، جيڪا گهڻي وقت کان سندس پيتيءَ ۾ پيئي هئي . اها قاسم جي سوکڙي هئي ، جنهن کي هن اڄ تائين نه واپرايو هو.
    ”اڙِي نه چري . مُنهن نه مهانڊو ، مون تي ٿي عطر وڃائين!“ مون چيو، پر هن ٽهڪ ڏيئي سڄي شيسي منهنجي مٿي ، مُنهن ۽ ڪنڌ مٿان هڻي خالي ڪري ڇڏي ۽ مون سان چنبڙي وئي .
    ”واهه واهه ! هاڻي ڏس ، تون ڪيڏي سهڻي ۽ جوان لڳي رهي آهين!“ هن خوش ٿي چيو. مان مرڪي پيس.
    چانهن کان پوءِ عليما چيو، ”امان سمهڻ جي مهل ٿي وئي آهي . تنهنجو هنڌ وڇايان؟“
    انهيءَ رات اسان ٻنهي کي ننڊ نه آئي . عليما پنهنجي خيالن ۾ پاسا ورائيندي رهي ۽ مان هن بابت سوچيندي رهيس . هولي هوڪس جو گلدستو کڻي ٻنيءَ مان قاسم ڏانهن ويندڙ عليما ... گلدستو رکي ڀڄي آيل ... پريشانيءَ مان قاسم سان چنبڙيل عليما، جيڪا قاسم کي اسٽيشن تي وڃڻ کان روڪي رهي هئي ۽ ٻارن جيان سندس هٿ جهلي روئي رهي هئي ... مون سان گڏ ڇَڪڙي ۾ ويهي اسٽيشن ڏانهن ويندڙ عليما، جنهن جا ڳل ٿڌ ۾ ڳاڙها ٿي ويا هئا ۽ جنهن جي شال ، ڪپڙن ۽ وارن تي چنبڙيل برف جي ٻُوري کيس ويتر حَسين ڪري ڇڏيو هو ... پنهنجيون ٻانهون ڦهلائي مون ڏانهن ڊوڙندڙ عليما ، جنهن ڏينهن اسان گڏ وڌوا ٿيون هيونسين ... مٿي تي ڳاڙهو رومال ٻڌي گل چونڊيندڙ عليما ... ۽ پوءِ اوچتو هوءَ منهنجي اڳيان هڪ نئين روپ ۾ اچي بيٺي ... پنهنجي ڌنار سان منهنجي گهران ويندڙ منهنجي ڌيءَ ...! مون سندس آواز ٻڌو ، ”امڙ ، مون کي معافي ڏجانءِ . الله واهي.“
    مون سندس پويان ڊوڙندي چيو، ”الله واهي منهنجي ٻچڙِي . منهنجي زندگي اونداهي ٿي وئي پر رب تنهنجا ڀاڳ ڀلا ڪري.“ ۽ پوءِ مون رڙ ڪري انهيءَ ڌنار کي چيو، ”ٻڌ ! منهنجي ڇوڪريءَ سان سٺو سلوڪ ڪجانءِ نه ته ڏاڍا پاراتا ڏيندي سانءِ!“ ڳوڙهن منهنجو وِهاڻو پسائي وڌو، مون ڪمبل مُنهن تي وجهي ڇڏيو ، جيئن عليما ڏسي نه وٺي .
    ٻئي ڏينهن ڪم تان موٽڻ کان پوءِ شام جو به عليما گهر ۾ رهي . ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُهو ڌنار پنهنجي جانورن سوڌو ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو. محسوس ڪيم ته عليما ڏاڍو اداس آهي . مون کيس چوڻ چاهيو، ”وساري ڇڏ کيس عليما، پر جيڪڏهن ساڻس محبت ڪرين ٿي ته سندس پيڇو ڪر.“ پر مون کي مٿس ڏاڍو رحم آيو ۽ مون دل ۾ چيو ، منهنجي ويچاري بدنصيبت عليما! ڇا تون هيترا ڏک ، هيڏا صدما سهڻ لاءِ ڄائي هئينءَ ؟ ڏينهن گذرندا ويا ۽ انهن ڳالهين جي ذڪر جي ضرورت به نه رهي .
    ايندڙ بهار جي مند ۾ وري اهو ڌنار ظاهر ٿيو. عليما وري شام جو غائب رهڻ لڳي ۽ رات جو دير سان گهر اچڻ لڳي . مون کيس اکر به نه چيو. هن پنهنجو بُرو ڀَلو پاڻ سمجهيو پئي .
    هڪ رات مان دير تائين عليما جو انتظار ڪندي رهيس . سڄو ڳوٺ ستل هو ، مان به ليمپ وسائي هنڌ تي ليٽي پيس پر اکين ۾ ننڊ نه هئي . منهنجا ڪَنَ ڪنهن کڙڪي جي اوسيئڙي ۾ هئا. چانڊوڪي رات هئي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل ڪَڪر چنڊ اڳيان لنگهيا ٿي . مان سيءَ يا اڪيلائيءَ سبب ڏڪي رهي هيس . مان ڪوٽ پائي اٿي ويٺيس ۽ ويٺي ويٺي جهوٽا کائڻ لڳيس پر پوءِ اوچتو ڇرڪي پيس . عليما سامهون چانئٺ تي بيٺي هئي . سندس بلائوز جا بٽڻ ٽٽل هئا، وار وکريل هئس ۽ اکين ۾ اداسي هيس . انهيءَ کان اڳ مون ڪڏهن به کيس نشي ۾ نه ڏٺو هو. هوءَ ٿاٻو کائي ڪِرڻ لڳي پر پاڻ سنڀالي ، چلهه جي برسان بيهي جهومڻ لڳي . مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي .
    ”ڇا ٿي ڏسين؟“ هن مٿو کنهي چيو ، ”چڱو ڏس مون پيتو آهي . ووڊڪا پيتي اٿم. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪيان ؟ شراب ۾ پاڻ کي گم ڪرڻ جو جواز مون کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي آهي ؟ ڇا ٿي چئين ؟“
    مان خاموش رهيس . منهنجي ڌيءَ جو اهو حشر به ٿيڻو هو!
    هوءَ ٺـُلهه کي هٿ وجهي بيهي رهي . اوچتو مُنهن هيٺ ڪري آهستي چيائين ، ”امان، تون نٿي سمجهين ... اڄ مان ... ياد اٿئي جڏهن قاسم ويڙهه تي وڃي رهيو هو ته مان ساڻس گڏ درياهه جي ڪناري تي وئي هيس؟ خير... ته اڄ ... اصل ساڳئي هنڌ ...“ ڳالهه پوري ڪرڻ کا ن اڳ هن زور سان رڙ ڪئي . وار پٽيائين ۽ فرش تي ليٽي سڏڪا ڀرڻ لڳي .
    انهي مهل مون کي هوش آيو. مون کيس ٻانهن ۾ ڀري ڇاتيءَ سان لاتو، ”ڇو ٿي روئين عليما ؟ ڇا ٿيو ؟ ڪنهن ڏکوئيو آهي تو کي ؟ يا منهنجي ڪائي غلطي آهي ؟ ٻڌاءِ ڪهڙي ڳالهه آهي ؟“
    ”ڪجهه به نه امڙ!“ هن هڏڪيون کائيندي ڀـُڻڪيو، ”منهنجي امڙ، تو کي خبر ناهي . جيڪڏهن خبر پوئي به ته ڇا ڪندينءَ ؟ امان ... امان...“
    هوءَ دير تائين روئيندي رهي . جڏهن ٿورو سامت ۾ آئي ته ننڊ کڻي ويس ، پر ننڊ ۾ به روئيندي ۽ چِنگهندي رهي . مان صبح تائين سندس مٿي کان ويٺي رهيس ۽ سوچيندي رهيس ته زندگيءَ ۾ اسان لاءِ ڇا رکيو آهي ؟ هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ؟ مون طئي ڪيو ته هاڻي مان هن سان سڌو سنئون ڳالهائينديس ، پر صبح جو جڏهن هوءَ اُٿي ته مون کي ساڻس ڳالهائڻ جي همت نه ٿي . اکين ئي اکين ۾ هن مون کي منٿ ڪئي ته راتوڪي ڳالهه جو ذڪر نه ڪيان . ڪم تي هلڻ مهل هن ڇڙو ايترو چيو، ”امان مون کي معافي ڏي.“ تنهن ڪري مون کيس ڪجهه به نه چيو.
    ٽي مهينا وِهامي ويا. اونهاري ۾ فوج مان ڀڳل جيڪشن بابت جاچ شروع ٿي . جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ سندس همت نٿي ٿي ته ڏينهن ڏٺي ڳوٺ اچي ، تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن رات جو لِڪَ چوريءَ ۾ اچي هو گهر وارن سان ملي ويندو هو. هو قزاقستان ۾ ڪٿي لڪل هو ۽ چوريءَ جي جانورن جو واپار ڪندو هو. هڪ ڏينهن هو جهلجي پيو ۽ حاضريءَ لاءِ اسان جي ڳوٺ ۾ آندو ويو. ڳوٺ جِي سوويت جي هڪ ماڻهوءَ اچي مون کي اطلاع ڏنو ته مون کي شاهديءَ لاءِ گهرايو ويو آهي ، تنهن ڪري مان گهران نڪتيس . رستي ۾ عليما ملي وئي . هوءَ ڪم کان موٽي رهي هئي . هوءَ سڀني کان ڌار هئي ۽ بيحد ٿڪل لڳي رهي هئي . سندس مُنهن لٿل هو. مون سوچيو ته خالي گهر ۾ وڃي اداس ٿي پوندي ، تنهن ڪري کيس چيم ته مون سان گڏ هلي پر هن جواب ڏنو، ”اوڏانهن هلي ڇا ڪنديس ؟ مٿي ۾ سور اٿم، گهر ٿي وڃان.“
    ”چڱو، وڃي آرامي ٿي . موٽي اچي ڳئون مان پاڻيهي ڏُهنديس.“
    هڪ بند ڪار ڳوٺ جي سوويت ٻاهران بيٺي هئي . ماڻهن جو ميڙ نه موجود هو. انهن مان ڪي شاهدي ڏيڻ آيا هئا ۽ ڪي ڪم کان موٽندي اتي بيهي رهيا هئا. مون ستن سالن کان جيڪشن کي نه ڏٺو هو. هڪ ڌاڙيل جي زندگي گذارڻ کانپوءِ به، ظاهري طور کيس ڪوبه نقصان نه رسيو هو. هو صحتمند ۽ تازو توانو هو. دريءَ ڀرسان بينچ تي ويهي سڀني کي زهر ڀريل نظرن سان گـُهوري رهيو هو.
    ”توهان چئو ٿا ته مان چور آهيان ، پر ڇا توهان مون کي چوري ڪندي پڪڙيو ؟ مون کي ڪا شيءِ چورائيندي ڏٺو ؟ نه ! تنهن ڪري توهان مون تي هرو ڀرو ڏوهه مَـڙهي رهيا آهيو. الزام جا لفظ بيڪار آهن، ثبوت پيش ڪيو ، ثبوت!“
    جڏهن مون کيس ماڻهن اڳيان ڊاڙون هڻندي ڏٺو ته واءُ مِينهُن ڪندي دريءَ وٽ پهتيس . تاڪ کوليم ۽ مُهن اندر ڪندي چيم، ”ڪوڙ ٿو ڳالهائين بدمعاش . ثبوت گهُرجئي ؟ مان جيئرو جاڳندو ثبوت موجود آهيان !“
    ”اندر اڄ امڙ !“
    مان اندر ويس ۽ هڪدم ڳالهائڻ شروع ڪيم ،”اِهو درست آهي ته اسان توکي چوريءَ جي موقعي تي نه پڪڙيو. اسن تهنهجو پيرو کڻي نه سگهياسين ، ڇوته اسن پنهنجي ٻارن ۽ سپاهين لاءِ اَنُ اُپائڻ ۾ مصروف هئاسين . اسان وٽ وقت نه هو جو تنهنجو پيڇو ڪيون ، پر تو اسان جا گهوڙا چورايا ۽ اسان جو ڪَڻو ڪَڻو ڪري گڏ ڪيل اَنُ به چورايو . تون اسان جو دشمن ٿي پئين . جڏهن مون تنهنجي ويجهو پهڇي توکي سڃاتو تڏهن تو مون تي گولي هلائي ڇڏي ! اِهي آهن اصل حقيقتون ، جن کان تون انڪار نه ڪري سگهندين .“
    جڏهن مان آفيس کان ٻاهر نڪري رهي هئس ته جيڪشن جي زال ڊوڙندي مون ڏانهن آئي ۽ چرين جيان رڙ ڪري چيائين، ”تون انصاف جي ڳولا ۾ آهين ؟ تون پوڙهي وڌوا ... توسان انصاف هاڻي اصل منصف ڪندو. توکي سزا ملندي . جيڪڏهن هيل تائين تُنهنجو ڀِڀُ سزائن سان ناهي ڀريو ته اڃا گهڻيون آزمائشون ٻيون به پيون اٿئي . تُنهنجي لاڏلي عليما جو پيت ڪيئن ڦوڪجي ويو ؟ تُنهنجي سامهون وڃي پنهنجو پيٽ ڦوڪرائي آئي ۽ هاڻي توهان ٻئي بيشرم رنون هليون آهيو انصاف ڳولهڻ !؟“
    ماڻهو کيس گِهلي ٻئي پاسي وٺي ويا ۽ ڪنهن سندس وات تي هٿ رکي ڇڏيو ، پر مون کين چيو، ”ڇڏي ڏيوس ، ڪجهه نه چئوس .“
    مان خاموشيءَ سان اتان گهر رواني ٿي ويس .
    گرم واريءَ يا پنهنجي غيرت سبب منهنجي پيرن کي ڄڻ پَـرَ لڳي ويا. پهرين ته مان ڊوڙ ڻ لڳيس پر پوءِ آهستي ٿي پنهنجا ڇڙوڇڙ خيال گڏ ڪيم. مون کي اهڙي ڳالهه جو خواب خيال به نه هو. جيتوڻيڪ مون کي محسوس ڪرڻ گـُهربو هو ته ڪجهه عرصي کان عليما بلڪل بدلجي ويئي هئي ۽ پنهنجين سهيلين سان به نظرون نه ملائيندي هئي . مون اهو سوچي ورتو هو ته ڌنار سان شايد سندس دوستي ختم ٿي وئي ، جو اهو ڌنار ڊگهي عرصي کان گم هو. منهنجو خيال هو ته هنن ٻنهي ۾ ڪو جهيڙو ٿي چڪو آهي ، جنهن ڪري ئي عليما ڏاڍي ڏکاري آهي ، پر هاڻي خبر پيئي ته سندس ڏک جو ڪارڻ ئي ٻيو هو ! ڪيڏي افسوس جهڙي ڳالهه هئي !! ڪنهن کي خبر هئي ته ڌنار سان دوستيءَ جو اهڙو اهڙو نتيجو نڪرندو... مونکي سمجهه ۾ نٿي آيو ڇا ڪيان .
    ٻئي ڏينهن شام جو عائشه مونکي پنهنجي گهر گـهُرايو ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ چيائين، ” خبر اٿئي جيڪشن زال ڪالهه رات ڳوٺ مان هلي وئي.“
    مون ڪوبه جواب نه ڏنو. جيڪشن جي زال سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ جنهن جي مرضي پوي ڳوٺ اچي يا وڃي ، منهنجو ڇا. (پر ٻن سالن کان پوءِ مون کي خبر پيئي ته سڄي ڳوٺ وارا انهيءَ رات ان عورت جي گهر پهتا. سندس سامان ڇڪڙي ۾ وڌائون ۽ چيائونس، ”جيڏانهن سمجهه ۾ اچيئي هلي وڃ ، هن ڳوٺ ۾ تنهنجو حُقو پاڻي بند آهي.“) بهرحال، منهنجي سامهون عليما جي بدنصيبيءَ ڏانهن ڪنهن آڱر نه کنئي . شايد هنن عليما سان ڳالهايو ۽ هر قسم جون ڳالهيون سندس لاءِ سوچيون . ڪيترن کي مٿس رحم آيو ، ڪيترن کيس چڱو مَٺو چيو پر انهيءَ سلسلي ۾ مون کي ڪنهن لفظ به نه چيو ، جنهن لاءِ مان سندن احسان مند آهيان . هو سڀ اڄ به ساڳئي نموني منهنجي عزت ڪندا آهن . منهنجا لاڳاپا عليما سان به ساڳئي نموني سٺا رهيا، هن ڪڏهن به پنهنجي ايندڙ ٻار جو ذڪر نه ڪيو.
    هڪ ڏينهن مان هڪ زبردست غلطي ڪري ويٺيس. گرمين جو آخري مهينو هو ۽ عليما پنجين يا ڇهين مهيني جي ڳهراري هئي . هڪ ننڍڙو ڇوڪرو ، جيڪو ڳوٺ وارن جو مال چارڻ وڃي رهيو هو اهو کِلندو ڪُڏندو اسان جي در تي آيو ۽ مون کي سڏيندي چيائين، ”مامي تو لگو! خوشخبري ٻڌ . پوڙهي جو روبيگ جي نُنهن کي ٻار ڄائو آهي!“
    ”هان ! ڪڏهن؟“
    ”اڄ صبح سان.“
    ”ڪِڪو يا ڪِڪي؟“
    ”ادڙي ماسي تو لگو. پر ڀات مهل ڄائي آهي، تنهن ڪري سندس نالو اسڪائي لارڪ رکيو ويندو.“
    ”الله وڌائيس، وڏي ڄمار ماڻي، پٽ تنهنجا به لک لائق جو تو مون کي اها چڱي خبر ٻڌائي .“ منهنجو من ڀرجي آيو. هي ننڍڙو معصوم ٻار هڪ ننڍڙي هستيءَ جي دنيا ۾ اچڻ تي ڪيڏو خوش هو! مان به ٽـِڙي پيس ۽ گهر ۾ اندر وڃي بنا سوچڻ سمجهڻ جي عليما کي ٻڌايم،”ٻڌئي عليما! جو روبيگ جي نُنهن کي ڌيءَ ڄائي آهي. ويچاري گذريل مهيني ڏاڍو لوڙيو هو. رب جو شڪر آهي خير سان ٻار ڄائس .“
    اوچتو مان چپ ٿي ويس ۽ دل چاهيو ته پنهنجي زبان وڍي ڇڏيان.
    عليمان ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش بيٺي رهي. نڄاڻ هو ڇا سوچي رهي هئي؟ شايد اهو سوچي رهي هئي ته جڏهن سندس ٻار جنم وٺندو، تڏهن اها خبر ڪنهن کي به کِلَ خوشيءَ سان ٻڌائي نه سگهبي.
    دل چاهيم، ڌرتي ڦاٽي ۽ مان اندر هلي وڃان . ڪهڙِ ضرورت هئي اها ڳالهه چوڻ جي . عليما سان نظرون ملائڻ بدران مان چلهه وٽ وڃي ويٺيس ۽ هرو ڀرو چمٽي سان کوٽڻ لڳيس . عليما ساڳئي ريت چپ چاپ بيٺي رهي ۽ منهنجي دل ۾ وڍ پوڻ لڳا. هن وٽ وڃي مون چيو، ”ڇا ڳالهه آ امڙ؟ طبعيت ٺيڪ ناهي ڇا؟“
    ”نه امان، ٺيڪ آهيان .“
    ”شايد ڪم سبب ٿڪجي ٿي پوين . گهر ويهي آرام ڪر.“
    ”نه امان، اڄڪلهه ته هلڪو سَلڪو ڪم آهي.“
    ايترو چئي هو ڪم تي هلي ويئي .
    هاڻي مون سوچيو ته ڳالهائڻ جو وقت اچي ويو آهي ، تنهن ڪري مون چوڻ چاهيو ته کيس پنهنجي حال تي شرمساري نه محسوس ڪارڻ کپي . ٻارَ الله جو ڏنو آهن ۽ انهي ٻار کي مان پنهنجي پوٽي ڏهٽي جيان پالينديس ، هيئن هيٺ ڪنڌ ڪرڻ جي ضرورت ناهي . ڪنڌ کڻي فخر سان زندهه رهه ، ماڻهن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهاء ِ، تو کي ماءُ ٿيڻ جو پورو پورو حق آهي . اهو سڀ ڪجهه سوچيندي مان سندس ڪڍ ڊوڙيس ۽ رڙ ڪيم، ”ترس، عليمان هڪڙو منٽ تو سان ڪجهه ڳالهائڻو اٿم، ٿورو ترس.“
    هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري تڪڙو اڳتي وڌڻ شروع ڪيو.
    اهو سڄو ڏينهن مان پاڻ کي اِهو چوندي رهيس ته اڄ ضرور ساڻس ڳالهائيندس ، پر شام جو گهر موٽيس ته عليما گهر ۾ نه هئي . مان انتظار ڪيو ۽ پوءِ ڳڻتي ورائي ويم. ڇا ٿيو ... ايڏي دير ڇو ڪئي اٿائين ...؟ الله خير ڪري ... مان سندس ڳولا ۾ نڪرڻ واري هيس جو بيڪتاش نظر اچي ويم. هو تازي گاهه جي ڀرِي کڻي اسان جي اڱڻ ۾ داخل ٿي رهيو هو. اڳ ۾ هن گاهه ڳئونءَ جي ڪُونَر ۾ وڌو ۽ پوءِ مون کي آهستي چيائين، ”ماسي ! عليمان مون کي چيو هو ته تون سندس انتظار نه ڪجانءِ ، هوءَ پنهنجي ڳوٺ واپس وڃي رهي آهي !“
    منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويئي . ڏاڍي ڏکيائي سان مان دڪي ته ويٺيس ، ”ڪڏهن ويئي ؟“ مون پڇيو.
    ”ٻه ڪلاڪ کن ٿيا آهن . هڪ لاري وڃي رهي هئي انهيءَ ۾ کيس جاءِ ملي ويئي .“
    مان ساڻِي ٿي ويٺي رهيس ، ڄڻ منهنجو ساهه نڪرڻ وارو هجي .
    بيڪتاش مون کي دلاسو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ”ڳڻتي نه ڪر ماسي، کيس سٺي سيٽ ملي وئي هئي.“
    بيڪتاش ... ٻچڙا! مان سندس لاريءَ جي سيٽ سبب پريشان ناهيان ...!“ مون درد منجهان وراڻيو ، پر هو ويچارو پنهنجي سمجهه آهر مون کي دلاسو ڏيئي رهيو هو!
    بيڪتاش هاڻي ڊگهو ۽ صحتمند ڇوڪرو هو. مون مٿس نظر وجهي اچرج سان سوچيو ، هي ڪيڏو جلدي وڏو ٿي ويو آهي . سندس ڇاتي ويڪري ٿي وئي هئي ۽ هلڻ چلڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ مردانگي اچي وئي هيس . هن جي پـُرسڪون چهري منجهان دل جي نيڪي نظر اچي رهي هئي . بيڪتاش واهه مان مون لاءِ پاڻي ڀري آيو، سماوار گرم ڪيائين، اڱڻ ۾ پاڻي جو ڇڻڪار ڪيائين ۽ ٻهاري ڏيڻ لڳو.
    ”تون آرام ڪر ماسي ، مان تو لاءِ صوفن جي وڻ هيٺان غاليچو وڇائي ٿو ڇڏيان . اسان به ايندي هوندي ، تو سان گڏ ويهي چانهه پيئندي .“
    عليما جي وڃڻ کان پوءِ وقت گـِهـِلبو رهيو. مون ايڏي اڪيلائي اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي . مون کي خبر ئي نه هئي ته اصل تنهائي ڇا ٿيندي آهي ...! ٽن ڏينهن کان پوءِ اها سانت منهنجي برداشت کان وڌي وئي . هاڻي گهر ، گهر نه رهيو هو ۽ زندگي ، زندگي نه رهي هئي . مون کي محسوس ٿيو ته مان سڀ ڪجهه تياڳي فقيرن جيان سڄي دنيا ۾ ڀٽڪڻ لاءِ تيار آهيان . جڏهن مون کي خيال ايندو هو، ته عليما ڪيئن هوندي ، تڏهن مان ڪَکَ پَنَ ٻيڻا ڪرڻ لڳندي هيس . جيڪڏهن سندس مائٽن کيس ڀيلڪار چيو آهي ته ٺيڪ آهي، پر جيڪڏهن هنن به کيس ڇڙٻيو هجي ته ، ”اسان تو کي اڳ ئي چيو هو ، پر تو اسان جي ڳالهه نه مڃي . تو اسان کي چيو هو ته اسان کي تنهنجي معاملن دخل ڏيڻ جو ڪوبه حق ناهي ۽ هاڻي تون هن شرم جهڙي حالت ۾ اسان وٽ پناهه وٺڻ آئي آهين ! تو کي هاڻي اسان جي ضرورت پيئي !!“ هن خود دار ڇوڪريءَ اهڙا زهر ڀريا طعنا ڪيئن برداشت ڪيا هوند !ا؟ ممڪن هي ته هوءَ آپگهات لاءِ سوچيندي هجي. عليما! عليما!! جيڪر تون مون وٽان نه وڃين ها! مان تنهنجو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏيان ها.
    پوءِ مون پنهنجي دل کي چيو ، ”مون کي پاڻ هن ڏانهن وڃڻ کپي . مان کيس منٿ ڪنديس ته گهر موٽي اچي ، پر جيڪڏهن هن ننهڪر ڪئي ته مان کيس مجبور به نه نٿي ڪري سگهان . مان کيس دعائون ڏيئي ساڻس گڏ روئي اڪيلي ئي گهر موٽي اينديس “. مون اهو ئي طئه ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن سفر لاءِ تيار ٿي ويس . گهر ۽ ڳئونءَ جي سنڀال عائشه جي ذمي رکيم. بيڪتاش مون لاءِ لاري روڪي ۽ مان هلي ويس . اسان اڃا ڳوٺ کان ٿورو ئي پرتي وياسين جو مون هڪ چاري تي هڪ عورت هلندي ڏٺي ۽ مون هڪدم کيس سڃاڻي ورتو. عليما مون ڏانهن واپس اچي رهي هئي . مون ڊرائيور واري سيٽ جي پٺ کي مڪ هنئي ۽ رڙ ڪيم،”بيهار! گاڏي بيهار.“ ڪجهه پرتي وڃي گاڏي بيهي رهي . مون پنهنجي ڳنڍ کڻي لاري مان هيٺ ٽپو ڏنو.
    لاري جي ڌوڙ ۾ مون کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. پوءِ جڏهن عليما نظر آيم ته مون سڄي طاقت گڏ ڪري کيس سڏيو. مون کي ياد ناهي ته مان ڪيئن ڏانهنس ڊوڙيس . مون کي فقط ايترو ياد آهي ته اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ڏاڍو رنيون هيونسين . لفظن اسان جو ساٿ ڇڏي ڏنو هو ، مون سندس مُنهن تي هٿ ڦيرائيندي فقط اهو چيو هو، ”تون اچي وئين منهنجا ٻچڙا ! پنهنجي پوڙهي ماءُ ڏانهن موٽي آئي آهين نه ؟ اهائي ڳالهه آهي نه ؟ ٻڌاءِ ڇڙو اهو ٻڌاءِ ؟“
    ”ها امڙ، مان تو ڏانهن موٽي آئي آهيان.“
    جڏهن اسان هڪ ٻئي سان چنبڙيون بيٺيون هيونسين ، تڏهن سندس پيٽ ۾ ٻار چُرپُر ڪئي . عليما نرميءَ سان پهنجي پيٽ تي هٿ گـُهمايو ۽ انهيءَ مهل سندس اکين ۾ جنهن جذبي جي چمڪ پيدا ٿي ، اهو مون لاءِ نئون انڪشاف هو. مقدس مامتا ...! انهيءَ خوشيءَ جي هڪ ننڍڙي ڦڙي ڏک جي هڪ سڄي سمنڊ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي . مون کي روئڻ اچي ويو.
    ”منهنجي ٻچڙي- منهنجي ڌيءَ- مان تو لاءِ ڪيڏين ڳڻتين ۾ هيس!“
    ”روءُ نه امڙ، منهنجي چريائپ وساري ڇڏ. تو کان ڌار مان ڪٿي به نه رهي سگهنديس . مون ڪوشش ڪئي پر بيڪار ثابت ٿي ، مان لڳاتار تو کي ياد ڪندي رهيس .“
    مون سوچيو مُدتن جون دٻيل ڳالهيون هاڻي چئي ڏيان ، تنهن ڪري پڇيم، ”تون ڇو هلي ويئي هئينءَ ٻچڙِي؟ مون کان ڪهڙي ڳالهه تي رسي وئي هئينءَ؟“
    هوءَ چپ رهي ، ڄڻ جواب سوچيندي هجي . پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”مون کان ڪوبه سوال نه ڪر امان . ڪهڙو فائدو؟ تنهنجي سوالن سان تڪليف ٿيندم ۽ تو کي ڪوبه فائدو نه رسندو. مان هونءَ ئي عذابن ۾ آهيان.“
    ائين هن مون کي وري چُپ ڪرائي ڇڏيو. هن اهو نٿي سمجهيو ته اها خاموشي هن لاءِ نقصان واري آهي .
    انهي سال سرءُ جي برسات ڏاڍي ڊيگهه ورتي . اسان اهي ڊگها ، اداس ۽ ڀنل ڏينهن گهر اندر گهاريا. عليما جي اداسي ، موسم جي انهيءَ بي رنگ اداسيءَ جهڙي هئي . هوءَ ڏينهون ڏينهن مُنجهندي ٿي وئي . نه ڪجهه ڳالهائيندي هئي ، نه کلندي هئي . ويم جو وقت ويجهو ايندو ٿي ويو. سندس دل وندرائڻ جون منهنجون سموريون ڪوششون بيڪار ثابت ٿيون . ٻين به سندس دل وندرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هوءَ ڪو ٻار ته نه هئي جو کل ڀوڳ ۾ پنهنجو ڏک وساري ڇڏي ها. هڪ ڏينهن بيڪتاش جڏهن اسان لاءِ بُهه کڻي آيو ، تڏهن چيائين ته سندس ماءُ بيمار آهي . مان عائشه ڏانهن ويس . کيس بخار هو ۽ ڏاڍو کنگهي رهي هئي . مون ٿورو تِکائيءَ سان چيو، ”عائشه ، تو کي پنهنجي صحت جو خيال رکڻ گهرجي . اهڙيِ مُند ۾ تون گهر کان ٻاهر ڇو نڪتينءَ؟“
    هوءَ ٿورو ڏوهي نموني سان مرڪي . هوءَ ٽن عورتن سان گڏجي بيڪتاش جي ڇڪڙي ۾ ويهي ڀَر واري ڳوٺ شادي تي وئي هئي . جڏهن مان وڃڻ لڳيس ته عائشه مون کي جهلندي چيو ، ”مان تو کي ڪجهه ٻڌائڻ گهران ٿي ، پر واعدو ڪر ته ڪاوڙ نه ڪندينءَ .“
    ”چئه.“ مون در وٽان موٽندي چيو.
    ”اسان شاديءَ تي نه ويا هئاسين . اسان تنهنجي موڪل کان سواءِ هڪ سٽ سٽي هئي ، اميد اٿم ته تون اسان کي معاف ڪندينءَ . بهرحال اسان انهي ڇوري کي ڳولي لڌو. اهو ڌنار ... اسان کيس چڱي ڇنڊ ڪڍي . کيس ٻڌايوسين ته عليما جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي ۽ تون بي حياءَ منهن به نٿو ڏيکارين ! غيرت نٿي اچي تو کي ؟ پر مٿس ڪوبه اثر نه ٿيو. هڪ ته سندس زال موجود آهي ٻيو ته پاڻ اصل ٺڪر آهي ! ڪنهن ڳالهه تي اصل بيٺو ئي نه . چيائين منهنجو ڪوبه واسطو ناهي ! اسان جو سڄو لعنتاڻو بيڪار ثابت ٿيو. وري سندس زال به چنڊال آهي ! هن گارين ۽ پاراتن سان اسان جي مهماني ڪئي . عزت لاهي کڻي هٿ ۾ ڏنائين ۽ جڏهن اسان ڳوٺ اچي رهيا هئاسين ته مينهنُ لهي پيو. مان ڀڄي پيس ۽ تپ اچي ورايم پر ڳڻتي نه ڪر. هاڻي عليما جو ڇا ٿيندو؟“ ايترو چئي عائشه روئڻ شروع ڪري ڏنو.
    ”بس ڪر عائشه ، صبر ڪر ، جيسين مان جيئري آهيان تيسين عليما جو ڪوئي وارُ به ونگو ڪري نه سگهندو. تون پنهنجو ساهه نه سُڪاءِ .“ تنهن کان پوءِ مان گهر هلي آيس .
    مصيبتن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ويم جو وقت ويجهو ايندو پئي ويو ۽ گهڙي کن به عليما کي مون پنهنجي اکين مان نٿي ڪڍيو. جيڪڏهن هوءَ اڱڻ ۾ به ويندي هئي ته مان سندس ڪڍ هوندي هيس ، پاڇي جيان ساڻس گڏ هوندي هيس . مون کي ڊپ هو ته متان مهل تي مان سندس ويجهو نه هجان . جيڪڏهن مون کي اها ڳڻتي نه هجي ها ته ڇا مان سندس پيڇو ڪيان ها ؟ هڪ ڏينهن هن اٿي گرم ڪپڙا پاتا ۽ شال ويڙهيائين.
    ”ڪاڏي پئي وڃين ڌيءَ؟“
    ”درياهه جي ڪناري تان ٿورو چڪر ڏيئي اچان .“
    ”ٿڪجي پوندينءَ نه وڃ.“
    ”نه - مان وينديس.“
    ”چڱو ، مان به توسان گڏ ٿي هلان. مان. تو کي اڪيلو نه ڇڏينديس .“
    هن ڪجهه عجيب نظرن سان مون کي ڏٺو. جيڪي ڪجهه هيترن ڏينهن کان سندس من ۾ هو ، اُهو اڀامي آيو، ”تون هر وقت منهنجي ڪڍ ڇو هوندي آهين؟ ڇا ٿي چاهين؟ مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي . تون سمجهين ٿي مان ڪري پونديس؟ تون ڳڻتي نه ڪر، مون کي ڪجهه نه ٿيندو.“ ايترو چئي هن زور سان در بند ڪيو ۽ ٻاهر نڪري ويئي .
    مون کي ائين لڳو ڄڻ دروازو هن منهنجي دل تي بند ڪيو هجي . جيتوڻيڪ سندس رويي جو مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر آرام نه آيم . مان سندس ڪڍ گهران نڪتيس پر سندس ڪوبه نالو نشان نه هو ۽ هوءَ درياهه ڏانهن وڃي چڪي هئي . مون ڪي گهڙيون انتظار ڪيو ، تنهن کان پوءِ عليما جي ڳولا ۾ نڪتيس . هوءَ مون کي گهٽ وڌ ڀل ڳالهائي پر متان سور وچان ڪٿي ڪري نه پوي . مان پنهنجي ڀاڄين جي ٻنيءَ جي چاري تي پهتيس ته هو مون کي نظر اچي وئي . هوءَ پير ريڙهيندي ڪنڌ هيٺ ڪيو آهستي آهستي موٽي رهي هئي . مون تڪڙ ۾ گهر وڃي ڪٽلي باهه تي رکي ۽ آنا ڀڃي حلوو ٺاهيم. غالچي تي نئون دستر خوان وڇائي ڳاڙها ڳاڙها صوف رکيم.
    عليما اندر اچي دستر خوان ئي نظر وڌي ۽ مون کي ڏسي اداسيءَ مان مرڪي پئي .
    ” سيءُ ٿو ٿيئي ڌيءَ ؟ ويهه چانهه ۽ حلوو تيار آهي .“
    ”نه امان- مون کي ڪجهه نه گهرجي . ڇڙو هڪ صوف ڇلهي ڏي.“
    ”ڪٿي سور پيو ٿيئي؟“
    ”خبر ناه ... هن مهل مان پنهنجي وس ناهيان . پاڻ کان نفرت پيئي ٿئيم. مون هرو ڀرو تو سان ڏند ڏنا!“ هن بي وسيءَ مان هٿ مهٽيا، ”بس تون مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي.“
    رات جو هنڌ تي ليٽي مان سوچي رهي هيس ته منهنجي ڪا ڳالهه عليما کي نٿي وڻي ، منهنجي هر لفظ ۾ کيس ڪا نه ڪا خرابي ٿي نظر اچي ... انهيءَ هورا کورا ۾ ننڊ کڻي ويم.
    گهڻو ڪري رات جو ڪيترا دفعا مان اٿي عليما کي ڏسندي هيس ته هوءَ خير سان سُتي پيئي آهي يا نه؟ پر انهيءَ رات مان ڏاڍي گهاٽي ننڊ ستيس . جيڪڏهن خبر هجيم ها ته ائين نه سمهان ها، پر مان سڄي رات جاڳي گهاريان ها. مون کي خبر ناهي ته ڪهڙي مهل هئي ۽ ڇا ٿيو هو پر مان اوچتو جاڳي پيس . عليما جو پلنگ خالي پيو هو. پهريون خيال اهو آيو ته شايد هو ورانڊي ۾ ويئي هجي . انتظار ڪيم پر سڄو گهر سانت ۾ هو. پوءِ مون اٿي سندس هند کي ڇهيو. سندس هنڌ ٿڌو هو. منهنجي دل ڏڪي ويئي . مون ورانڊي ۽ باغ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏسي ورتي ۽ پوءِ رستي تي نڪتيس . سندس نالو وٺي سڏ ڪيم پر ڪوبه جواب نه مليو. پاڙي جا ڪتا ڀونڪڻ لڳا. مون کي دهشت ورائي وئي . عليما ڀڄي ويئي پر اڌ رات جو ڪيڏانهن وئي ! ڇا ڪيان؟ سندس پيڇو ڪيان؟ گهر ۾ داخل ٿيس ، هٿ بتي کنيم ۽ گهر مان نڪري رهي هيس جو جانورن جي ڇپري مان چنگهڻ جو آواز ٻڌم. مان ڊوڙندي ويس ، زور سان ڇپري جو در کوليم ۽ هٿ بتي ذري گهٽ هٿ مان ڪري هئم. عليما بُهه جي ڍير تي پيئي هئي . سور ڏاڍا وڌي ويا هئس ۽ هوءَ تپ ۾ ڦٿڪي رهي هئي.
    ”عليما- عليما- هي ڇا ڪيئي! مون کي ڇو نه جاڳايئي؟“
    مون کيس اٿارڻ جي ڪوشس ڪئي . جڏهن رت ۾ ٻُڏل سندس پلئه منهنجي هٿ سان چنبڙي ويو ته مان ڪنبي ويس . عليما تپ ۾ وٺجي وئي هئي . ساهه مُنجهي رهيو هئس . هن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چنگهندي چيو، ”مان مران پيئي ... مران ٿي!“ هوءَ انهي شديد تڪليف ۾ شايد گهڻي دير کان ورتل هئي.
    ”ائي مُٺيس ! الله نه ڪري- الله نه ڪري.“ مون چيو ۽ خيال آيم ته هاڻي فقط ڊاڪٽر ئي کيس بچائي سگهي ٿو. مان ڊوڙندي عائشه جي گهر ويس ۽ در کي ڌڪ هنيم، ”بيڪتاش، بيڪتاش ، ڇڪڙي ۾گهوڙو جوٽِ . عيلما جي حالت نازڪ آهي!“
    عائشه ۽ بيڪتاش کي جاڳائڻ کان پوءِ مان پاڻي پيارڻ لاءِ وري عليما ڏانهن ڀڳيس . سندس ڏند مَگ سان وچڙڻ لڳا. بخار ۾ ڏڪڻي وٺي وئي هئس . فقط هڪ ٻه ڍڪ پاڻي جا ڀري سگهي . سورن جي شدت سبب ٻيڻي ٽيڻي ٿي چنگهڻ لڳي . ايتري ۾ عائشه ڊوڙندي آئي . ڪمزوريءَ سبب عائشه بيهي به نٿي سگهي . جڏهن کيس اصل ڳالهه جي سُڌ ٿي ته ويچاري ڦِڪي ٿي وئي . روئندي چيائين، ”عيلما ! ٻچڙي ڊڄ نه ، اسان تو کي اسپتال ٿا وٺي هلون . سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
    خوش قسمتيءَ سان تنهن رات بيڪتاش دير سان گهر موٽيو هو ، انڪري گهوڙا گڏيل فارم بجاءِ هن پنهنجي گهر جي ڇپري ۾ ٻڌا هئا. هو هڪدم ڇڪڙو کڻي اسان جي اڱڻ ۾ آيو. اسان ڇڪڙي ۾ تڏو وڇايو ، ان مٿان گدو وڇائي وهاڻا رکياسين ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني گڏجي کڻي عليما کي ڇڪڙي ۾ ليٽايوسين.
    رستي تي کڏون کوٻا هئا ۽ گپ جو درياهه وهي رهيو هو. ڪيڏي منحوس ۽ اونداهي رات هئي اها! انهيءَ وقت ويجهي اسپتال درياهه پار دريچيه ۾ هئي ۽ درياهه پار ڪرڻ لاءِ ويجهي پل به چڱو پري هئي .
    اسان ڳوٺ مان نڪتا ئي مس هئاسين جو عليما جا سور وري شروع ٿي ويا. هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ ڪمبل لاهي ڦٽي ڪيائين . مون سندس مٿو کڻي پنهنجي گوڏي تي رکيو ۽ وري ڪمبل ويڙهي ، لالٽين سندس مُنهن جي ويجهو ڪيم.
    بيڪتاش به کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ”صبر ڪر ادي عليما ! ڄاڻ اسپتال پهتاسين. ڏس پل تائين ته پهچي به ويا آهيون .“
    جيتوڻيڪ پل اڃا چڱو پري هئي ۽ عليما جي حالت سبب گهوڙن جي رفتار وڌائڻ به ممڪن نه هئي . برسات هاڻي ڪَڙڪا ڪري وسي رهي هئي . ائين ٿي لڳو ڄڻ فطرت به اسان جي خلاف اڄ سازش ڪئي هئي . عليما جي ڏڪڻي وڌي وئي هئي . ايتري ۾ روئندي رَڙندي هوءَ اوچتو چپ ٿي وئي ۽ سندس نڙيءَ مان عجيب عجيب آواز نڪرڻ لڳا.
    ”عليما! عليما!! ڪيئن آهين؟“ مون هٻڪندي کانئس پڇيو، سندس بخار مان تتل اکيون مون تي کتل هيون .
    ”ترسو ، گاڏي جهليو ، مان مران پيئي!“ سندس ڪارن خشڪ چپن مان مشڪل سان اها ڳالهه نڪتي ۽ پوءِ هن ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪئي . اسان گاڏي روڪي ڇڏي .
    ”مُنهنجو مٿو ٿورو مٿي ڪيو.“ هن چيو، ”منهنجو ساهه ٿو مُنجهي.“ سندس اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. پوءِ هِڏڪيون روڪڻ جي ڪوشش ڪندي تڪڙ تڪڙ ۾ چيائين، ”امان ... امان ... اندر ۾ باهه ٿي ٻريم ... اها تڪليف نٿي سَٺي ٿئيم ... مران پيئي ... تو جيڪي ڪجهه مون لاءِ ڪيو ... تنهن جي ... تنهنجي وڏي مهرباني ... امان ... مون کي معافي ڏجانءِ ... جيڪر ... جيڪر قاسم جيئرو هجي ها ... قاسم ... منهنجا قاسم مان مران ٿي ... مون کي معافي ڏي ...!“
    ”نه ڌيء َ، تون نه مرندينءَ . ٿوري همت اڃا ڪر. ٻچا پُل صفا ويجهو آهي . ٻڌين ٿي؟ تون اصل نه مرندينءَ . تون زندهه رهندينءَ“ مون چيو. هوءَ درد وچان وري ٻيڻي ٽيڻي ٿي وئي . ڏند ڀيڪوڙجي ويس ۽ بيهوش ٿيڻ کان اڳ ، پنهنجي بچيل طاقت سان گڏ آخري دفعو پاڻ کي ڌوڏيائين .
    ”بيڪتاش!“ مون رڙ ڪئي، ”ڀيڻ جي ڪڇن هيٺان هٿ ڏيئي کيس مٿي کڻ ، وارو ڪر شرم نه ڪر بيڪتاش!“
    بيڪتاش عليما کي سهارو ڏئي اٿاريو ۽ مون ٻار جي مدد ڪئي . بيڪتاش ٻارن جيان روئڻ لڳو. فوجي ريل جو کڙڪو هڪ دفعو وري مون کي ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ڦيٿن جو ڪڙڪو منهنجي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو. هوا هڪ دفعو وري اهو سڏ مون تائين پهچايو ، ”امان ...! عليما ...!“ ۽ انهيءَ لمحي ئي نئين ڄاول ٻار جي روئڻ جو آواز بڌڻ ۾ آيو.
    زندگي ! زندگي !! تون ايڏي بي رحم ڇو آهين ؟ ايڏي انڌي ڇو آهين ؟ هڪ زندگي دنيا ۾ اچي رهي آهي ۽ عليما زندگي ڇڏي رهي آهي ! مون ننڍڙي ڀنل جسم کي تڪڙ ۾ پنهنجي شال ۾ ويڙهي ڇڏيو ۽ ماءُ تي نظر وڌم ، پر ماءُ عليما، بيڪتاش جي ٻانهن ۾ بي سَتي لـُڏي رهي هئي . سندس مٿو هڪ پاسي ڍُرڪي ويو هو ۽ ٻانهون ٿڌيون ٿي ويون هيس .
    ”عليما !“ مون رڙ ڪري سندس ڪرائيءَ ۾ هٿ وڌو. سندس نبض جهڪي ٿيندي پئي ويئي.
    انهيءَ هڪ گهڙي ۾ زندگي ۽ موت منهنجي اکين آڏو گڏجي اچي بيٺا !
    اسان جي موٽڻ تي پِرهه ڦُٽڻ لڳي . برف جو ٻورو رستي تي ڪري رهيو هو. ماحول قطعي سانتيڪو هو. سفيد خاموشي ــــــــ ۽ انهيءَ سانت ۾ گهوڙا بي آواز پنهنجو رستي طئه ڪري رهيا هئا. ساڳئي نموني بي آواز بيڪتاش سڏڪا ڀريندو رهيو. هو گهوڙن کي هڪلي نه رهيو هو ، گهوڙا پاڻهي هلي رهيا هئا. بيڪتاش سڄي واٽ روئيندو رهيو. مان ٻار کي پنهنجي ڪوٽ ۾ ويڙهي ڇاتي سان لائي، گاڏي سان گڏوگڏ پنڌ هلي رهي هيس ۽ ڌرتيءَ تي پيل اڇي برف مون کي ڪاري نظراچي رهي هئي.


    10

    اهو رستو جنهن تي مان هلي رهي هيس ، مون کي زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو رستو لڳي رهيو هو. مون کي خيال آيو ته هيئن جيئڻ کان موت چڱو آهي ، پر اهو ٻار ، جيڪو منهنجي ڇاتي سان لڳي گرمي حاصل ڪري رهيو هو ، ننڍڙي ڳنڍ جيان لُڏيو. مون کي اها به خبر نه هئي ته ڇوڪرو آهي يا ڇوڪري . هلندي هلندي مون کيس چيو، ”منهنجا بدنصيب ٻچڙا! تنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪيڏي عجيب ۽ ڏکوئيندڙ آهي ! پنهنجي روئڻ جي پهرين آواز سان تو پنهنجي ماءُ کي الله واهي چيو آهي !“ پوءِ ڪٿان پريان هڪ خيال منهنجي ذهن ۾ آيو... زندگي هڪدم ته ختم نه ٿي ويئي ، هڪ نئين مکڙي ڦٽي آهي ... پر اهو ساهه وارو ڪيڏو اڀاڳو آهي ، جنهن پنهنجي ماءُ جي ٿڃ به نه چکي ! هي ڇڇڙو گهڻا ڏينهن جيئرو رهندو ؟ مان انهيءَ ٻار جي زندگيءَ جي ايڏي گـُهرجائو هيس جو دعا گهريم، ”رب سائين ، هن کي وڏي ڄمار ڏجانءِ . کيس جيئڻ جو موقعو ڏي !“
    انهيءَ نموني اميد ۽ نااميديءَ سان رستو طئه ڪندي رهيس . ڳوٺ پهچندي پهچندي ڏينهن ٿي ويو. برف ائين ئي خاموشِِءَ سان وسي رهي هئي ۽ اڌورن ٺهيل گهرن جا کنڊر انهيءَ سانت ۾ ائين لڳي رهيا هئا، ڄڻ گنڀير ۽ دکدائڪ خيالن ۾ گم هئا. قاسم ۽ عليما جو اڻ پورو گهر، سندن جواني ۽ اميدن جو يادگار ، ذري گهٽ ڊهي چڪو هو.
    ڳوٺ پهچي بيڪتاش گاڏيءُ تان ٽپو ڏنو. موت جو اطلاع ڏيندڙ سندس ڳوڙهن ۾ هاڻي ڇوڪرائپ جو پاڇو نه هو پر منجهس اوچتو پختگي اچي وئي هئي . ماڻهو روئندا پنهنجي گهرن مان نڪتا ۽ اسان کي وڪوڙي ويا. عائشه سُڏڪندي اچي ٻار مون کان ورتو ۽ کيس پنهنجي گهر کڻي ويئي .
    ٻئي ڏينهن اسان عليما کي دفنائي ڇڏيو. عورتن لاءِ مُقام تي وڃڻ اسان وٽ چڱو نه سمجهيو ويندو آهي ، پر مان مُقام تي ويس ۽ ڪنهن به اعتراض نه ڪيو. منهنجي گهر ۾ ڪهڙو مرد باقي بچيو هو ، جيڪو مقام تي وڃي ها ؟ مون عليما کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاٿو ۽ مٽيءَ جو پهريون ٻُڪ مون ئي وڌو. تنهن ڏينهن ڏاڍي برف وسي رهي هئي . ڳاڙهي مٽيءَ جو ڍير کن پل ۾ ئي برف هيٺان ڍڪجي ويو.
    بهار جي نئين مند ۾ مون قبر تي گلن جا ٻوٽا پوکيا. هاڻي مان هر سال ٻوٽا پوکيندي آهيان . عليما کي گلن سان ڏاڍو پيار جو هيو ...
    پوءِ وري زندگيءَ جي گاڏي اڳتي وڌندي رهي . سڀ کان اڳ معصوم زانبوءَ کي جورو بيگ جي نُنهن ٿڃ ڏني . پوءِ مون کيس ٻڪريءَ جي کير تي هيرايو. انهيءَ ٻار به اسان جي ڏُکن ۽ ڳڻتين ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو ، پر ڪهڙو فرق ٿو پوي ! سندس قسمت جي ستارن کي سندس زندگي منظور هئي ، تنهن ڪري هو جيئرو رهيو.
    هاڻي الله وڌائيس ، ٻارنهن سالن جو آهي . جنهن ڊاڪٽر ننڍپڻ ۾ سندس علاج ڪيو هو هاڻي اهو اسان جي تـَر جو ناليوارو ڊاڪٽر آهي. جڏهن به مون سان ملندو آهي ته پڇندو آهي، ”ڏاڏِي ، تو وارو پوٽو ڪيئن آهي؟“
    ”رب جا ٿورا آهن ، هاڻي ته مڙس ماڻهو ٿي پيو آهي.“
    ”ٿيڻ به کپي . ڏس خيال رکجائنس ، جيئن وڏو ٿي ڀلو ماڻهو ثابت ٿئي .“
    زانبو ارڙهن مهينن جو هو ، جڏهن اسان کي انهيءَ ڊاڪٽر جي ضرورت پيئي هئي . زانبو ڏاڍو ڪمزور ٻه هو. هڪ دفعي زڪام ٿيس ۽ سخت بيمار ٿي پيو. چپ ڪارا ٿي ويس ، اکيون ٻوٽجي ويس ۽ ساهه مُنجهڻ لڳس . سخت سياري جي رات هئي . مون کيس هنج ۾ کنيو ۽ چيلهه جيترو درياهه پار ڪري کيس اسپتال کڻي ويس . اهو ڊاڪٽر انهيءَ وقت نوجوان ڇوڪرو هو ۽ تازو ميڊيڪل ڪاليج مان آيو هو. مون کي پاڻيءَ ۾ ڀنل ۽ سيءَ ۾ ڏڪندي ڏسي هن چيو، ”چري ٿي آهين ڇا، درياهه مان آئي آهين ! ٻار جا ماءُ پيءُ ڪٿي آهن؟“
    ”پٽ ! مان ئي هن ٻار جي ماءُ- پيءُ آهيان . هن کي مرڻ نه ڏجانءِ . هي مري ويو ته مان به مري وينديس.“
    سڄي رات اهو ڊاڪٽر ٻار جي جان بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. هر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ کيس سُئي هڻندو رهيو. مون کي هن ٻيا ڪپڙا آڻي ڏنا ۽ پيئڻ لاءِ دوا ڏنائين ، پر صبح تائين مون کي هلڪو بخار ٿي پيو ۽ کنگهه ۾ رت اچڻ لڳو. گرم گرم ٻاڦَ مون کي وڪوڙِي ورتو ۽ نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ مون فقط ايترو ڄاتو ته ڊاڪٽر منهنجي نرڙ تي هٿ رکي چئي رهيو آهي، ”دل نه لاهه ، همت ڪر. تنهنجو پوٽو ته هاڻي ٻهڪي پيو.“
    ”جيڪڏهن هو ٺيڪ آهي ته مان به دل نه لاهينديس.“ مون جواب ڏنو.
    شايد انهي سبب ڪري جو منهنجو پوٽو جيئرو رهيو ، مان به زندهه رهيس .
    گذريل اونهاري ۾ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٿي . اسڪول مان موڪلن جا ڏينهن زانبوءَ ٻين ڇوڪرن سان کِلندي ڪُڏندي گهاريا پر هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته هو اسان جي ڇپري مان هڪ پراڻي سائيڪل ڪڍي گِهليندو اڱڻ ۾ کڻي وڃي رهيو آهي . اها قاسم جي سائيڪل هئي ۽ سالن کان ڇپري جي هڪ شهتير سان لڙڪيل هئي . اڳ ۾ ته زانبوءَ سائيڪل جي مرامت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مان به ڏسندي رهيس . لفظ به نه ڪُڇيم. مون سوچيو ڪا گهڙِي ٺڪا ٺوڪي ڪندو رهندو ۽ پوءِ کيس وساري ڇڏيندو. سائيڪل جي حالت اهڙيِ هئي جو مرامت ناممڪن ڳالهه هئي . سندس دوستن کِلي چيو، ”هيءَ سائيڪل ته شايد نوح واري طوفان جي زماني جي آهي !“ پر زانبو ڏاڍو ضديرو نڪتو. هو ٺڪا ٺوڪيءَ کي لڳو رهيو. بيڪتاش ، جيڪو هاڻي ٻارن ٻچن جو پيءَ آهي ، زانبو کي ڏاڍو ڀائيندو آهي . ضرورت پوڻ تي هو اسڪول وڃي سندس استادن سان به ڳالهائيندو آهي. بيڪتاش عائشه جي موت کان ٽي سال پوءِ ئي وفات ڪري وئي هئي . مون کي پنهنجي سهيليءَ جي موت جو ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان ٻيئي ڊگهي عرصي تائين گڏ رهيون هيونسين . بيڪتاش هڪ سنجيده ۽ محنتي نوجوان آهي . کيس ٽي ٻار آهن ۽ سندس زال گلشن منهنجي سٺي پاڙي واري ثابت ٿي آهي . بيڪتاش ڪيترن سالن کان فصل لـُڻڻ واري مشين جو ڊرائيور آهي .
    خير- ته هڪ ڏينهن زانبو نئين چمڪندڙ سائيڪل کڻي اچي پهتو. سائيڪل کي هن چڱي نموني تيل ڏنو هو ۽ پاڻ به تيل ۾ ڀريو پيو هو.
    ”ڏاڏي-ڏاڏي ڏس ، بابي جي سائيڪل ڪيئن ٿي لڳي!“ سندس اهي جوش ڀريا لفظ ، ڏک ۽ خوشي ٿي مون تي ڪڙڪيا پر هو چوندو رهيو، ”مان هن کي هلائي به سگهان ٿو. ڏس-“ هو سائيڪل جي گديءَ تي ويهي نه سگهيو ، ڇو ته سندس پير پيڊل تي اڃا نٿي پهتا، تنهن ڪري سائيڪل جي فريم اندر ڪينچي هڻي هو ڀوائتي نموني لـُڏندو لَمندو ڀڄي ويو.
    ”ڪري پوندين هيٺ لهه.“ مون ڊڄي رڙ ڪئي پر هو روڊ تي پهچي چڪو هو. مان سندس ڪڍ ڊوڙيس . روڊ تي هن سائيڪل جي رفتار تيز ڪري ڇڏي ۽ زور سان ڦهڪو اچي ڪيائين ! چڱا ڌڪ لڳس . مون ڊوڙي وڃي کيس کنيو.
    ”سر تان هٿ کنيو اٿيئي ڇا؟“ دڙڪو ڏنومانس، ”ڏس ته ڪهڙو حشر ڪيو اٿئي پنهنجو! وري نه چڙهجانءِ سائيڪل تي.“
    ”پر هاڻي مان اصل نه ڪرندس . اڃا ته مان لڙائي ڪري رهيو هئس انهي کان اڳ مون کي ڪِرڻ جو موقعو ئي نه مليو آهي.“
    مون کي کِلَ اچي ويئي . پُٺِ ورائي ڏٺم ته بيڪتاش پنهنجي در تي بيٺو تماشو ڏسي رهيو هو. نه هن ڪجهه چيو ۽ نه مون پر اسان ٻيئي هڪ ٻئي جا خيال سمجهي وياسين.
    لـُڻائي شروع ٿي ته هڪ شام بيڪتاش مون کان پڇيو، ”ماسي ، تنهنجي زانبوءَ کي مشين تي ڪم سان لڳائڻ ٿو چاهيان.“
    ”جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته ڪَري سگهندو ته ڀَل لڳائينس .“ مون اجازت ته ڏيئي ڇڏي پر اندر ۾ هورا کورا هيم. ٻن ڏينهن کان پوءِ مان پاڻ ٻنيءَ تي ويس. اڃا ٻار آهي، متان محنت نه ڪري سگهي.
    منهنجو زانبو بـُهه ڍوئڻ واري ڇوڪري جي حيثيت سان مشين تي ڪم ڪري رهيو هو. مون کي ڏسي اهڙي زور سان رڙ ڪيائين ڄڻ جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو هجي ، ”ڏاڏي ! ڏس مان ڪٿي آهيان !“
    مان هڪ وڻ هيٺان ويهي رهيس ۽ شام تائين لُڻائي ڏسندي رهيس . اَنُ ڍوئڻ واريون لاريون رستي تان لنگهيون پئي . جڏهن سج لهي ويو ته مشين تي ڪم ڪرڻ واري ٽيم آرام لاءِ منهنجي پاسي هلي آئي . بيڪتاش جي اَهلَ ڪندڙ زانبو به ٿڪل ٿڪل پر ڏاڍي ناز مان هلندو ٿي آيو ، پر جڏهن منهنجي هٿ واري ڳنڍڙيءَ تي اک پيس ته ٻارن جيان وٺي رڙ ڪيائين،”ڏاڏي ڇا آندو اٿيئي ! صوف ؟“
    ”ها.“
    هو ڊوڙندو مون ڏانهن آيو ۽ منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي چُمي ڏنائين.
    ”هاڻي تون پنهنجي گهٽ عمر جو ثبوت ڏئي رهيو آهين . هاڻي جون تون وڏو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئين ، هي روپ انهيءَ کان گهڻو بهتر آهي . موج ڪر پٽ ، اڃا ٻار آهين . اڳتي هلي اهڙي بي فڪريءَ جي مهلت نه ملندئي.“
    اسان مال کڻڻ وارين گاڏين جي ويجهو ڇٻر تي ماني کائڻ ويهي رهياسين . زانبو نان جا ٽڪرا ڪيا ۽ چيو ،”ڏاڏي ، بسم الله ڪر.“ مون بسم الله ڪري پهريون گرهه کنيو ته ان ۾ مشين ڊرائيور جي هٿن جي ڄاتل سڃاتل بوءِ محسوس ڪيم. مانيءَ ۾ تيل بُهه ۽ تازي اَنَ جي خوشبو هئي ، گذريل زماني جي مانيءَ جيان ! اکين ۾ ڳوڙها ڀَري مان گرهه ڳهندي رهيس ۽ سوچيم ، ماني لافاني آهي . ٻڌو تو قاسم منهنجا پٽ ! زندگي امر آهي ، محنت آمر آهي . مون ليٽي ليٽي سوچيو ، اڄ هڪ ٻيو هاري ڌرتيءَ تي آيو آهي . خدا ڪري سندس ڄمار وڏي ٿئي ۽ سندس اُپايل اَنَ جا داڻا آسمان جي تارن جيان بي حساب هجن .
    ٽيم وارن جي ڪم ۾ رنڊجڻ کان بچڻ لاءِ مان صبح سان سوير ئي اٿيس ۽ گهر هلي آيس .
    مون پهاڙن جي مٿان اڀرندڙ اهڙو صبح مدتن کان نه ڏٺو هو. چنڊول پکيءَ جا اهڙا فرحت ڀريا گيت عرصي کان نه ٻڌا هئم. چنڊول آسمان ۾ مٿانهون ٿيندو ويو ۽ روشن ٿيندڙ آسمان ۾ ڦِرڻ لڳو. سندس ننڍڙا ننڍڙا پـَرَ انسان جي دل جي ڌڙڪڻ جيان لُڏي رهيا هئا. سندس گيت جي لئه وڌندي ويئي ۽ ميدانن جي وُسعتن ۾ ڦهلجي وئي . سووان چوندو هو، هي اسان جو پنهنجو چنڊول آهي. ڪيڏي وڻندڙ ڳالهه هئي ، اسان جو پنهنجو چنڊول- !
    ۽ تون منهنجا چنڊول! تون به غير فاني آهين .


    زيب سنڌي جا ڪجهه ڪتاب

    ڌُنڌ ۾ گُم ٿيل منظر (ڪهاڻيون) 120
    حيدرآباد 47 ڪلوميٽر (ڪهاڻيون) 150
    سيتا زينب ( ناول ) 150
    سيتا زينب (اردو ترجمو:شاهد حنائي) ( ناول ) 200
    توکي مون ساريو ( نثر ) 320
    ڪيفي قليچ (ٽي وي انٽرويوز ) 200
    آوارا بادل ۽ زيب (شاعري ) ڇپائي ءَ ۾
    دل جي ڳالهه (ڪالم) ڇپائي ءَ ۾
    اسان زنده رهنداسين (ترجمو ) 120
    ڌرتي ماءُ (ترجمو) 130
    ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون (ترتيب) 350


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 758
    ڪتابن جو مشاهدو: 1275985
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 389480
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ