ڪتاب جو نالو: سنڌ جي ڳالهه
مصنف: زيب سنڌي
ڇپائيندڙ: روشنائي پبليڪيشن حيدر آباد
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 07 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 485 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 167 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم/ مضمون روزانه ”ڪاوش“ ۾ 2010ع کان 2014ع جي وچ ۾ لکيا ويا، سواءِ ٻن جي، جيڪي روزانه ”عوامي آواز“ ۾ ڇپيا هئا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • دل جي ڳالهه ( مهاڳ)
  • سنڌ ڳالهائي ٿي!

  • سنڌ فقط منهنجي آهي!
  • تاريخي ماڳن کي ٻيهر دفن ڪري ڇڏيون !
  • موهن جي دڙي تي وڇوڙو
  • سنڌ ڳالهائي ٿي!
  • هيءَ دل اداس آهي!
  • قومي ٻولين لاءِ انڪار جي سنگين !
  • رابنسن ڪروسو جيان ڦاٿل سنڌي!
  • سنڌ مـُرڪي پئي!
  • ڪيڏارو: ڪربلا ۽ سنڌ جو!
  • سَڏَ پَڙاڏا

  • سنڌي ٻوليءَ لاءِ ننڍڙا مظاهرا ۽ وسري ويل آسان سنڌي!
  • اسٽريٽ ٿيٽر
  • سنڌي نصاب جو ٻڏل ٻيڙو ۽ تاريخ سان ٿيل هٿ چراند !
  • جائز مطالبن کي مڃتا ضرور ملڻ گـُهرجي
  • ريڙهن تي وڪامندڙ مارڪُون!
  • آرسي

  • بدمعاش کي چماٽ ضرور لڳڻ کپي!
  • اسٽريٽ ڪرائيم ۽ حُسن جو هٿيار
  • سَر ڪـَٽا بابا
  • اسپتالون سڀ خدا ويران ڪر!
  • ويا مور مري ...
  • بک سڀني کي لڳندي آهي!
  • ابابيل اڏامندا رهن ٿا...
  • ڊراپ سين
  • برسات ۽ لاوارث ٻار
  • گڏهه سان گفتگو
  • معزز گڏهه سان ملاقات
  • عورت ڪٿا

  • ڪَربَ کي قـُوتَ ۾ تبديل ڪندڙ مختاران مائي
  • نوجوان ڇوڪريون ۽ موبائل فون سان جڙندڙ رابطن جي دنيا!
  • قاتل کان هڪ سوال
  • مجبور عورتون ۽ هڪ سوال
  • شهزادن جا خواب ڏسندڙ ڇوڪريون !
  • ڇا اربيليءَ سان انصاف ٿيندو؟
  • ادب ۽ آوازَ

  • سنڌي شاعريءَ جو بدليل لهجو!
  • ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو سنڌي شاعريءَ ۾ عڪس
  • سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر
  • اديبن جي مرڻ جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي !
  • طوفان ۾ پيل ڏات جا ڏيئا!
  • کاهيءَ مٿان بيٺل طارق عالم
  • شمشير کي سڏ ڪيو ...
  • سنڌي ادبي بورڊ طرف کڄندڙ آڱريون !
  • اختلافن جو شڪار سنڌي ادبي بورڊ
  • ريڊيو پاڪستان سنڌ ۾ اڻ ٻڌو ٿيندڙ سرڪار جو آواز !
  • فرمائشي پروگرامن جا شوقين
  • زيب سنڌي جا مارڪيٽ ۾ موجود ڪتاب
  • ايندڙ ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    Roshni Book No. 710
    ڪتاب جو نالو: سنڌ جي ڳالهه
    ليکڪ: زيب سنڌي
    ڇاپو پهريون: © روشني 2015ع
    ڪمپوزنگ: رفيق حسين ڪولاچي
    روشني ڪپوزرس، حيدرآباد.
    ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد.
    ڇپرائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ
    قيمت: -/200 رپيا

    SINDH JEE GALIH
    (Coulmn’s & Essay’s)
    by: Zaib Sindhi
    Composed by: Rafique Hussain Kolachi
    Roshni Composers & Printers Hyder Chowk, Hyderabad
    Printed: Fine Communication, Hyderabad, Sindh.
    Published by: Roshni Publication, Kandiaro
    First Edition © Roshni 2015

    اسٽاڪسٽ
    شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد+ ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد.
    ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + فيضان بوڪ ڊيپو، حيدرآباد + ورسٽي بڪ شاپ، ڄامشورو
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه، ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي
    رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو
    نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
    اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
    مهراڻ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
    ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ
    مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
    عبدالرزاق بڪ اسٽال، ميهڙ+ مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
    مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
    الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
    سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور+ سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور
    تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
    مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
    ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو


    انتساب

    هي ڪتاب ارپيان ٿو پنهنجن ٽن قابل احترام استادن کي .

    پرائمري استاد سائين غلام رسول سومرو
    (ديني مدرسو پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو)
    جنهن مون کي پهرين ڪلاس ۾ پڙهايو ۽ هٿ ۾ قلم جهلڻ سيکاريو.

    هاءِ اسڪول ٽيچر سائين شاهنواز شيخ
    (گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو)
    جنهن اهڙي پيار ۽ شفقت سان سنڌي سبجيڪٽ پڙهايو، جو دل ۾ هـُن جهڙو ٿيڻ جي خواهش پيدا ٿي.

    ڪاليج جي پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    (گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪانو)
    جنهن سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪرڻ وقت پيار ۽ پنهنجائپ سان رهنمائي ڪئي.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي ڳالهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار ۽ براڊڪاسٽر زيب سنڌي جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم/ مضمون روزانه ”ڪاوش“ ۾ 2010ع کان 2014ع جي وچ ۾ لکيا ويا، سواءِ ٻن جي، جيڪي روزانه ”عوامي آواز“ ۾ ڇپيا هئا.
    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين زيب سنڌي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    دل جي ڳالهه ( مهاڳ)

    هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ڪالم/ مضمون مون روزانه ”ڪاوش“
    ۾ 2010ع کان2014ع جي وچ ۾ لکيا هئا، سواءِ ٻن جي، جيڪي روزانه
    ”عوامي آواز“ ۾ ڇپيا هئا. 1974ع ۾ ”رهبر ڊائجيسٽ“ ۾ پهرين ڪهاڻي ڇپجڻ کان 2010ع تائين منهنجي لڳاتار لکڻ جا ستٽيهه سال گذري چڪا هئا، پر انهن سمورن سالن ۾ مون ڪڏهن به ڪالم لکڻ لاءِ نه سوچيو هو. انهيءَ وچ ۾ جڏهن مون عبرت گروپ پاران ڇپجڻ لاءِ ڪجهه ڪتابن کي سهيڙيو هو ، تڏهن 1994ع ۾ اتي موجود غفور ڪريمي (مرحوم ) مون کي عبرت اخبار لاءِ ڪالم لکڻ لاءِ چيو هو پر مون هڪڙي منٽ اندر ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو. منهنجي انڪار کان پوءِ به ڪريمي صاحب منهنجي پَچر نه ڇڏي ۽ هن ڪيترائي ڀيرا مون کي ڪالم لکڻ لاءِ چيو. غفور ڪريمي قربائتو ۽ پيار ڪندڙ انسان هو، سو هر دفعي انڪار ڪرڻ بجاءِ مون هڪ اٽڪل سوچي ورتي. انهن ڏينهن ۾ عبرت اخبار ۾ هڪڙا ڪالم روزانو ڇپبا هئا ۽ ٻيا هفتيوار. انهن ڪالمن مٿان لکيل هوندو هو ”روزانو ڪالم“ يا ”هفتيوار ڪالم“. مون هڪڙو ڪالم لکي ڪريمي صاحب جي حوالي ڪيو ۽ انهيءَ ڪالم جي مٿان لکيم ”ڪڏهن ڪڏهن ڪالم“! ڪريمي صاحب مرڪي، پنهنجي نڪ تي رکيل چشمي مٿان مون ڏانهن گـُهوريندي پڇيو هو، ”ٻيو ڪالم ڪڏهن لکندين؟“ مون بي فڪريءَ سان چيو هو، ”جڏهن دل چوندي.“ غفور ڪريمي ڪجهه چوڻ بجاءِ مرڪي پيو هو. ”ڪڏهن ڪڏهن ڪالم“ جي عنوان سان منهنجو اهو پهريون ڪالم روزانه ”عبرت“ ۾ ، سومر پهرين آگسٽ 1994ع جي شماري ۾ ڇپيو هو، جنهن جي پڄاڻي مون هنن لفظن سان ڪئي هئي، ”منهنجي ڪالم جو توهان انتظار نه ڪجو، ڇوته هي نه روزانو ڪالم آهي ۽ نه ئي هفتيوار ڪالم، پر هي ڪڏهن ڪڏهن ڪالم آهي، جيڪو مان ڪڏهن ڪڏهن ئي لکندس !“ ڪنهن منهنجي ڪالم جو انتظار ڪيو يا نه، پر اُها ڪڏهن، وري ڪڏهن نه ٿي ۽ مون انهيءَ سلسلي جو ٻيو ڪالم ڪڏهن به نه لکيو.
    مون 1974ع ۾ پهرين ڪهاڻي لکڻ کان وٺي، پنهنجي اندر جي اظهار لاءِ ڪهاڻيءَ سان پاڻ کي سدائين هنڌائتو پئي محسوس ڪيو.1986ع کان ٽي وي ڊراما به لکڻ شروع ڪيم. ٽي وي ڊرامي کان پوءِ افسانوي ادب (Fiction) جي سڀ کان اهم صنف ناول لکي رهيو هئس. انهيءَ ناول (سيتا زيب) لکڻ دوران منهنجي قلم ۽ ڪاغذ جي وچ ۾ ڪيترا وقفا به آيا. هڪ ڏينهن پڪو ارادو ڪيم ته هاڻي اهو ناول مڪمل ڪرڻ کان پهرين ٻيو ڪجهه به نه لکندس. پاڻ تي اها پابندي مڙهي ناول لکي رهيو هئس ته 2010ع جي ٻوڏ اچي وئي ۽ سنڌ جي ڪيترن ڀوتارن پنهنجن مخصوص مفادن خاطر پاڻيءَ جا رُخَ پئي مَٽايا ۽ موڙيا، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ لڙهي وئي. سنڌ لُڙهي ته هن فقير جي دل به ڪَڙهي ۽ منهنجو قلم ناول کي مڪمل ڪرڻ کان نابري واري بيٺو! ناول کي اڌورو ڇڏي ڪاوش لاءِ هڪ آرٽيڪل لکي پنهنجي ڪڙهندڙ دل کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر اندر ۾ ڀڙڪنڙ باهه تي ڇنڊو نه پيو. ٻوڏ جي پاڻيءَ سان هن بندي جي دل ڪَڙهندي ۽ سَڙندي رهي. هڪ ٻئي پويان ڪجهه آرٽيڪل لکيم ۽ ارادو اهو ئي هو ته دل جي باهه ڪڍي، اخباري آرٽيڪل لکڻ بند ڪري پنهنجو ناول مڪمل ڪندس ۽ ڪهاڻيون لکندس، پر ڪجهه آرٽيڪل لکڻ کان پوءِ ريگيولر ڪالم ”دل جي ڳالهه“ ڇو لکڻ شروع ڪيم، هتي انهيءَ ڳالهه جي تفصيل ۾ ويندس ته ورجاءُ ٿي پوندو. اهو سڄو تفصيل هن ڪتاب ۾ شامل منهنجي پهرين ڪالم ”سنڌ فقط منهنجي آهي“ ۾ موجود آهي، جيڪو ڄڻ ته هن ڪتاب جو اصل مهاڳ آهي.
    حيدرآباد زيب سنڌي
    14 فيبروري 2015ع zaibsindhi@hotmail.com


    سنڌ ڳالهائي ٿي!

    سنڌ فقط منهنجي آهي!

    سنڌ فقط منهنجي آهي!

    ”هي سڀ ماڻهو، شهر، ڳوٺ، ٻنيون، درياهه، صحرا، ميدان، پهاڙ ۽ پهاڙن مٿان اڏامندڙ سڀ پکي، اهو سڀ ڪجهه فقط منهنجو آهي.“
    حيدرآباد کان لاڙڪاڻي، ڪراچي يا ٻين شهرن ڏانهن سفر ڪندي، رستي ۾ ايندڙ سمورن منظرن کي اکين ۾ سمائيندي، اڪثر اهو خيال منهنجي دل ۾ شدت اختيار ڪرڻ لڳندو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن ”ٻئي“
    جي شراڪت مون کي پسند ناهي هوندي. منهنجي ان خيال کي بيشڪ ڪو ”ٻيو“ ديوانگيءَ جو نالو ڏي، پر مون وٽ انهيءَ حالت جو نالو عشق آهي. سڀ ڪجهه منهنجو آهي واري ڳالهه مون دل جي حوالي سان ڪئي آهي ۽ دل تي انسان جو پنهنجو اختيار هوندو به ڪٿي آهي! دل ڪٿي اٽڪي ٿي، ته اٽڪيل ئي رهي ٿي، پوءِ اها ڪا سرتي هجي يا ڌرتي، دل کي خدا جو گهر به چيو وڃي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن انسان اها دل ڪنهن جي هڪڙي مرڪ تي وڪڻي به ڇڏي ٿو! سو دل تي پنهنجو به اختيار ڪونهي، دل اهي ڪم به ڪرائي ٿي، جنهن لاءِ اسان ڪڏهن سوچيو به ناهي هوندو. مان ستٽيهه سالن کان باقائده ۽ لڳاتار لکندو رهيو آهيان، ڪهاڻيون، ٽي وي ڊراما، ڪڏهن ڪو شعر ۽ هڪ اڻ پورو ناول آهي منهنجي لکڻ واري ميز تي. اهو ناول هڪ ماهوار رسالي ۾ قسط وار ڇپجندو رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ناول جي قسط لکڻ ويٺس ته ڌيان ٻوڏ ستايلن ڏانهن هليو پئي ويو ۽ دل لڙهڻ پئي لڳي، گهڻي ڪوشش ڪيم دل کي سمجهائڻ جي ته مان جيڪو ڪم ڪندو رهيو آهيان، مون کي اهو ئي ڪرڻو آهي، پر دل نه مڃيو. ناول جي قسط بجاءِ، مون دل جو چيو مڃي، ٻوڏ جي حوالي سان هڪ آرٽيڪل لکي ورتو، جو 2010ع جي هن ٻوڏ ۾ منهنجي دل سنڌ بڻجي لهرن ۾ لڙهندي رهي آهي. مان جنهن اداري ۾ ڪم ڪيان ٿو، اتي به روز منهنجو واسطو ٻوڏ سٽيلن سان پوي ٿو، مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي ڏک جا ڍڪ پيئندو رهان ٿو ۽ منهنجي دل ۾ ٻرندڙ باهه ڀڙڪندي رهي ٿي. سو جڏهن قلم کنيم ته اندر واري آڳ جي ٻاڦ منهنجي قلم مان نڪرڻ لڳي. اهو هڪڙو آرٽيڪل ڪاوش ۾ ڇپيو ته نياز پنهور مون کي مستقل لکڻ جي صلاح ڏني، پر مون گرم چانهه جا ڍڪ ڀريندي چيو، ”جڏهن دل چوندي، تڏهن لکندس!“. ۽ دل هڪ هفتي کان پهرين مون کان ٻيو آرٽيڪل لکرائي ورتو. ٻيو آرٽيڪل ڇپڻ کان پوءِ منظور ميراڻيءَ مستقل ڪالم لکڻ لاءِ چيو، پر مون وري پنهنجي ڳالهه دهرائي، ”جڏهن دل چوندي، تڏهن لکندس!“ ۽ پوءِ هڪڙي هفتي ۾، مون هڪ بجاءِ ٻه ٻيا آرٽيڪل لکي ورتا، تڏهن دوستن جون آڱريون مون ڏانهن سڌيون ٿيڻ لڳيون، ”تخليقي تحريرن بدران اخباري آرٽيڪل لکڻ شروع ڪري ڇڏيا اٿئي!“ پر تيسين مون کي اندازو ٿي چڪو هو ته ريڊيو جي مائيڪ جيان، ڪاوش به منهنجي اندر جي آواز لاءِ مائيڪرو فون جو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي دل جي آواز کي دنيا تائين پهچائي ڇڏيو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ٽرانسميٽر ته اڪثر ٽرپ Trip) )ٿيندو رهي ٿو ۽ دل جي ڳالهه دل ۾ ئي دٻيل رهجي وڃي ٿي، پر ڪاوش جو نيٽ ورڪ ڪڏهن به نٿو ٽُٽَي ۽ دل جي ڳالهه دنيا تائين پهچندي رهندي ٿي. سو مون وٽ به انڪار جي ڪا گنجائش نه بچي ۽ مون مستقل ڪالم لکڻ جي حامي ڀري ورتي، ڇو ته هيءَ دل به مستقل دکندي رهي ٿي ۽ ڪو حال اورڻ چاهي ٿي. اهو ضروري ناهي ته هن ڪالم ۾ سياسي تجزيا هجن، پر تاريخ، ثقافت، ادب، شوبز يا زندگيءَ جو ڪو به غم ۽ خوشيءَ وارو عڪس هن ڪالم ۾ نظر اچي سگهي ٿو، پر اهو عڪس سنڌ جو هوندو يا سنڌ لاءِ ئي هوندو.
    سنڌ جي تاريخ جي جنهن دور جا اسين گواهه آهيون ۽ حالتن جي جنهن موڙ تي اسين موجود آهيون، اتي دل فقط دکي ۽ ڏکي ٿي، پر دل جي ڌرتي تي گلاب ڪو نه ٿا ڦٽن، تاريخي ماڳ قديم آثارن سان گڏ ماضيءَ جو حصو به هوندا آهن، پر مڪليءَ ۾ اڄ زنده سنڌ ڄڻ تاريخ وٽ مهمان ٿي ترسيل آهي ۽ مڪليءَ جي پٿريلي سرزمين تي ٻوڏ سٽيل ماڻهو پٿر جي دور جهڙي زندگي جيئڻ تي مجبور آهن. ڌرتيءَ ڌڻي، ڌرتيءَ جي هر شيءِ جا مالڪ هوندا آهن، پر اهي ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي ڪيمپن ۾ وطن اندر جلاوطن هئڻ واري ڪَرب مان گذري رهيا آهن. صاف پاڻيءَ جي اڻهوند سبب معصومَ مري رهيا آهن ۽ ڪيمپن ۾ روز هڪ نئين ڪربلا مچي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ سرڪاري ادارا فقط پنهنجي پت بچائڻ ۾ پورا آهن ته ايڌيءَ جهڙا خدائي خدمتگار سڏائيندڙ ماڻهو ”پتلي گليءَ“ مان پرتي هليا ويا آهن. سکيا ستابا مالوند، ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ کانپوءِ، ٺل، ڪرمپور، قبو سعيد خان ۽ خيرپور ناٿن شاهه کان پنجاهه سٺ هزار ڀاڙو ڀري، لڏو کڻي ڪراچيءَ جي ڪيمپن ۾ لٿل ماڻهن جي مهيني سوا ۾ عزت نفس ان حد تائين مجروح ڪئي وئي آهي جو اهي ويهن هزارن واري وطن ڪارڊ لاءِ پوليس جون لٺيون کائي رهيا آهن ۽ نادرا جي ڪائونٽرن تي ماضيءَ جي سئنيما گهرن جيان ”کڙڪي توڙ هفته“ جهڙي حالت آهي. اهي خبرون به جيءُ جهورين ٿيون ته ٻوڏ سٽيل هٿين خالي ماڻهن کان ويهن هزارن جي وطن ڪارڊ لاءِ پنج ست هزار رشوت به طلب ڪئي وڃي ٿي!
    انهن ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي سرڪار پاڻ ڪراچيءَ گهرايو هو ۽ ڪجهه وزيرن سميت ان وقت جي چيف سيڪريٽريءَ به بيان ڏنو هو ته، ”سنڌ جا ٻوڏ سٽيل ڌرتي ڌڻي آهن، اهي ڪراچيءَ هليا اچن، کين ٻين صوبن کان آيلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهولتون ڏينداسين.“ ۽ اسان جي ڪجهه وزيرن اهي اعلان به ڪيا هيا ته ٻوڏ سٽيلن کي ڪراچيءَ ۾ پلاٽ ڏنا ويندا، پر پوءِ انهن اعلانن تي چُپِ جا پردا پئجي ويا ۽ ماڻهن کي پنهنجن اجڙي ويل ماڳن ڏانهن موٽڻ جون صلاحون ڏنيون ويون ۽ ڪجهه ماڻهن کي واپس به موڪليو ويو، جڏهن ته انهن علائقن ۾ پاڻي اڃا به بيٺل آهي. ڇا اهي ماڻهو واپس وڃي ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا“ اڏيندا؟ اڻهوند سبب بيٺل پاڻيءَ ۾ به ماڻهن جي ٻڏي مرڻ جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن. ڪالهوڪي ڪاوش ۾ اها خبر توهان به پڙهي هوندي ته ”خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٻيڙيءَ جو ڀاڙو نه هئڻ سبب پيادل ويندڙ شخص ٻڏي فوت ٿي ويو ۽ وارثن وٽ ڪفن دفن جا پئسا به ناهن!“
    اخباري اطلاعن مطابق هاڻي ڪراچيءَ ۾ ڏهه هزار خاندانن سميت سنڌ جي ٻين ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪل پندرهن هزار خاندانن کي پلاٽ ڏيڻ جي رٿابندي ٿي رهي آهي. بيشڪ اها چڱي ڳالهه آهي، پر فقط پندرهن هزار پلاٽ ڇا ستر اسي لک ماڻهن جي دربدريءَ کي دور ڪري ڇڏيندا؟ فقط ڪجهه هزار نه، پر لکن جي تعداد ۾ بي گهر ٿيل خاندانن جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي ماڻهو ٽاڪ منجهند جو اتر سنڌ جي لڱ ساڙيندڙ نٽهڻ اُس ۾ ٻنين اندر ڪم ڪري سگهن ٿا، اهي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جهڙن هوائن جي شهرن ۾ پورهيو به ڪري سگهن ٿا، پر انهن کي فقط اجهو اڏڻ جيتري جاءِ ته ملي. ساڳئي وقت ڪراچيءَ ۾ ڏهه هزار پلاٽن جا ڪاغذ به ٻوڏ سٽيلن کي ملڻ تائين اهو سوال اٽڪيل رهندو ته ڇا انهيءَ تي به عمل ٿي سگهندو يا سرڪار کي پنهنجي ڪنهن شهري ساٿاريءَ جو ”ناز نخرو“ انهيءَ ڪم کان به روڪي وجهندو!؟ اهو ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال نڙيءَ ۾ ڪنهن ڪنڊي جيان اٽڪيل آهن. عوامي حمايت سان اقتدار ۾ آيل پ پ سرڪار کي ڪنهن به شهري ساٿاريءَ جي هوڏ ۽ ڀوتارن هٿان لوڙهيل سنڌ جي متاثرن جي حقيقي وارثي ڪرڻ کپي. ڀوتارن جي صلاحن بدران، پنهنجي پارٽيءَ اندر موجود توڙي سول سوسائٽيءَ مان درد وندي ۽ دل رکندڙ ماڻهن جي مشورن کي اهميت ۽ اوليت ڏني وڃي. ڇو ته ووٽ وٺي کين ٻوڙيندڙ ڀوتارن لاءِ هاڻي ماڻهن جي هٿن ۾ گل نه، پر پٿر آهن ۽ اهڙو منظر اسان کي خيرپور ناٿن شاهه ۾ نظر به اچي چڪو آهي. جيڪڏهن هاڻي انهن متاثر ماڻهن جي سرڪار واهر ڪئي ته سندن پٿر کنيل هٿ، دعا لاءِ به کڄي سگهن ٿا ۽ ايندڙ وقت ۾ ووٽن سان بيلٽ باڪس به ڀري سگهن ٿا. ٻي صورت ۾ سنڌ جو ويجهو مستقبل ڏاڍو ڀوائتو به ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اهو قطعي ممڪن ڪونهي ته بنا واهر جي واپس پنهنجي ويران ماڳن ڏانهن ڌڪي ڪڍيل ماڻهو، پنهنجي هٿن ۾ جهليل پٿر پنهنجي پيٽ سان ٻڌي ويهي رهندا. ان کان پوءِ سنڌ اندر ڏينهن ڏٺي جو ڪهڙا منظر نظر اچي سگهن ٿا، اهو سوچي دل دهلجي وڃي ٿي ۽ سنڌ لاءِ دل ۾ هڪ درد جي لهر اٿي ٿي. هر انهيءَ دل مان درد جي اهڙي لهر جو اٿڻ هڪ فطري عمل آهي، جنهن دل ۾ اهو خيال موجود آهي ته، ”سنڌ فقط منهنجي آهي!“

    اڱارو 12 آڪٽوبر 2010ع


    تاريخي ماڳن کي ٻيهر دفن ڪري ڇڏيون !

    تاريخي ماڳن کي ٻيهر دفن ڪري ڇڏيون !

    شاهه لطيف جي ڪردارن ليلا چنيسر ۽ ڪونئرو جي قديم ماڳ تان ٺيڪيدار پاران روڊ ٺاهڻ لاءِ ڪرين وسيلي مٽي کڻڻ جي خبرن ۽ تصويرن ڏسڻ سان دل کي ڌڪ لڳو ۽ خيال آيو ته جيڪڏهن انهيءَ تاريخي ماڳ مٿان وڌيڪ مٽي وجهي ان کي دفن ڪيو وڃي ها ته بهتر ٿئي ها، جو دفن ٿيڻ سان اهو ماڳ محفوظ ته رهي ها! انهيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ اسان اهي خبرون به پڙهي چڪاسين ته حيدرآباد ۾ به هڪ ٺيڪيدار ئي ڪنهن تاريخي عمارت مان نڪتل پٿرن کي پنهنجي گهر اڳيان روڊ تي سجائي رکيو آهي! اهي خبرون به ڪي گهڻيون پراڻيون ناهن ته هڪ واپاريءَ لاکين جي دڙي تي پنهنجي مال جا گدام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اروڙ جي تاريخي آثارن تي هڪ ڌر پاران ٻيهر تعميراتي ڪم جي شروعات به ڪئي وئي، جيڪو ڪم في الحال رڪيل آهي. مڪليءَ ۽ ٻين تاريخي ماڳن تان وقت بوقت قبرن جا ڪتبا ۽ اڪريل پٿر پڻ چوري ٿيندا رهيا آهن!
    سنڌ جي قديم آثارن ۽ تاريخي ماڳن جي لتاڙ، ڀڃ ڊاهه، قبضا ۽ اتان قيمتي تاريخي نوادرات جون چوريون ڪا نئين ڳالهه ناهن. سڄي دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ جي بيحد اهم حوالي موهن جي دڙي جو مثال به اسان جي سامهون آهي. جڏهن 1922ع ۾ سر جان مارشل پهريون ڀيرو انهن آثارن جي کوٽائي ڪرائي ته اتان ڊانسنگ گرل ۽ پروهت جي مجسمن کان سواءِ مهرون، زيور، ٺڪر جا ٿانوَ، رانديڪا ۽ ٻيون ڪيتريون شيون مليون هيون. سنڌ جي تاريخي ورثي جي انهن ناياب نشانين مان ڪي شيون برطانيا موڪليون ويون ته ڪي هندستان. ڪجهه لاهور ۽ ڪراچيءَ جي ميوزيمز جون زينت بڻايون ويون ۽ باقي بچيل موهن جي دڙي تي قائم ٿيل ميوزيم ۾ رکيون ويون، پر موهن جي دڙي واري ميوزيم ۾ رکيل نوادرات لاءِ حفاظت جو مناسب انتظام نه هئڻ سبب انهن تي راتاهو لڳو. 10 مئي 2002ع تي چور ميوزيم کي کاٽ هڻي مهرن سميت 40 تاريخي نوادرات چوري ڪري ويا. ويجهي ٿاڻي جو ايس ايڇ او، موهن جي دڙي تي ئي قائم ٿيل آرڪيالاجي کاتي جي ڪوارٽر ۾ ننڊ پيل رهيو ۽ موقعي تي، توڙي ڪجهه فاصلي تي موجود ٿاڻي جا اهلڪار به غافل ئي رهيا. اهڙي واردات تي غافل ته حڪومت، اسان جا سياسي ليڊر، قومپرست اڳواڻ ۽ مجموعي طور تي عوام به رهيو، جن سڀني سنڌ جي هنن تاريخي نشانين کي ٺڪر پتر سمجهي ڪا اهميت نه ڏني. مقامي سطح تي ڪجهه ننڍڙا احتجاج ضرور ٿيا، پر وقت سان گڏ اسان انهيءَ هاڃي کي وساري به ڇڏيو آهي! هن هيڏي ساري تاريخي راتاهي تي سرڪاري غفلت جي انتها اها هئي ته ڇهه سال گذري وڃڻ کانپوءِ، 2008ع ۾، وفاقي حڪومت جي آرڪيالاجي کاتي جي سيڪريٽري شاهد رفيع جڏهن موهن جي دڙي تي پنهنجي پهرين دور تي پهتو هو ته صحافين پاران چوري ٿيل نوادرات بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾، هن آرڪيالاجي کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڏانهن ڏسي، حيرت ۽ بي خبريءَ مان پڇيو هو، ”يهان سي نوادرات ڪي ڪوئي چوري ڀي هوئي هي ڪيا!؟“ سرڪاري ادارن جي اها تاريخي بي خبري ته اڄ تائين موجود آهي، جو اڄ ڏينهن تائين اهي تاريخي نوادرات هٿ اچي ناهن سگهيا! پوليس پنهنجي روايتي انداز واري ٻڌ ڇوڙ به ڪئي، پر پوليس وٽ ڏنو پٽ ڇُٽي جو هوندو آهي، ان ڪري ڪيس چالان ٿي ڪورٽ ۾ ته پهتو، پر ڪيس مضبوط نه هئڻ سبب گرفتار ٿيل ملزم ضمانت تي آزاد ٿي ويا. چيو وڃي ٿو ته آرڪيالاجي کاتي وارن ته هن ڪيس لاءِ وڪيل ڪرڻ جي زحمت به گوارا نه ڪئي هئي!
    سنڌ جي قديم تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن کي هن دور ۾ ڪو ارغونن ۽ ترخانن ڪو نه لٽيو ۽ لتاڙيو آهي، پر اهو ڪم اسان پاڻ ئي ڪندا رهيا آهيون. ٻنهي وڏين عيدن سميت ۽ ڪجهه ٻين موقعن تي موهن جي دڙي تي ميلا لڳائي به تاريخي آثارن کي چيڀاٽيو ۽ ناس ڪيو ويو آهي. موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ موٽر سائيڪلون ڊوڙائڻ جا مقابلا به ٿيندا رهيا آهن ته انهن ئي گهڙين ۾ نوجوان موٽرسائيڪلن تي ون ويلنگ به ڪندا رهيا آهن. شڪارين پاران شينهن کي ماري، بندوق هٿ ۾ جهلي، شينهن جي لاش مٿان لت رکي فوٽو ڪڍرائڻ جيان، ڪاوش جي رڪارڊ تي ئي اهڙيون تصويرون موجود آهن، جن ۾ نوجوان موٽر سائيڪل کي اسٽوپا تي مٿي چاڙهي، اسٽوپا جي مٿاهين ديوار تي لت رکي بيٺل نظر آيا هئا. اسان پاڻ ئي پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي لتاڙي ۽ چيڀاٽي خاتمي ڏانهن ڌڪي رهيا آهيون. اهڙن موقعن تي آرڪيالاجي کاتي سان گڏ، انتظاميا توڙي پوليس جو ڪردار به عام طور تي فقط تماشائيءَ وارو ئي رهيو آهي ۽ موقعي تي موجود اهلڪار به عام طور تي نوجوانن جا اهڙا ڪرتب ڏسي تاڙيون وڄائيندا رهيا آهن!
    حيدرآباد توڙي شهدادپور مان رپورٽ ٿيل سنڌ جي قديم آثارن جي ڀڃ ڊاهه ۽ لتاڙ تي، تازو وفاق کان سنڌ حوالي ٿيل آرڪيالاجي کاتي، توڙي سياسي پارٽين، قومپرست ڌرين، علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن سميت سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار به هن معاملي تي فقط تماشائيءَ جهڙو ئي لڳي ٿو. ان ڪري حيدرآباد توڙي شهدادپور جي، تاريخي آثارن جي ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ٺيڪيدارن کي به ڪا ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي، جو اسان وٽ هونءَ به ”ڏني“ جي پٽ جو نالو ”ڇٽو“ ئي هوندو آهي ۽ ڪڏهن به سندس وار ونگو نه ٿيندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ته دنيا جي سڀ کان اهم تاريخي ماڳ موهن جي دڙي ۾ لڳل ڌاڙي جي ڪيس لاءِ ئي وڪيل نه ڪيو ويو هو ته انهن ٺيڪيدارن ڪو ان کان وڏو ڏوهه ته ناهي ڪيو!
    موهن جي دڙي ڀرسان ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سڄاڻ ليکڪ مرحوم انور پيرزادي، موهن جي دڙي جي لتاڙ ڏسي چيو هو ته، ”اسان جيڪڏهن موهن جي دڙي کي بچائڻ جي لائق ناهيون ته انهن آثارن جي ٿيل کوٽائيءَ کي ٻيهر دفنائي ڏنو وڃي!“.
    موهن جي دڙي جو فقط چوٿون حصو کوٽيل ۽ ظاهر ڪيل آهي، جڏهن ته ٽي حصا اڃا دفن ٿيل آهن، جنهن ڪري گهٽ ۾ گهٽ اڃا تائين اهي محفوظ ته آهن. ان ڪري ليلا چنيسر ۽ ڪونئرو جي ماڳ تان روڊ ٺاهڻ لاءِ ڪرين سان مٽي کڄندي ڏسي دل ۾ خيال آيو ته جيڪر ان تاريخي ماڳ تان مٽي کڻڻ بجاءِ، وڌيڪ مٽي وجهي دفن ڪري ڇڏين ها ته چڱو ٿئي ها، جو اهو ماڳ دفن ٿيڻ سان محفوظ ته رهي ها!

    اڱارو 11 جنوري 2011ع


    موهن جي دڙي تي وڇوڙو

    موهن جي دڙي تي وڇوڙو
    اها بيحد حسين، اداس ۽ اڪيلي ڇوڪري مون کي موهن جي دڙي جي هڪ گهٽيءَ ۾ ان وقت نظر آئي هئي، جڏهن سج لهي چڪو هو ۽ موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ اونداهي ڦهلجڻ واري هئي. ان مهل مان پنهنجي ماضيءَ کان موڪلائي انهن ويران گهٽين مان واپس وڃي رهيو هئس. منهنجو ماضي ماه پارا هئي. ماه پارا آريڪالاجسٽ هئي، جنهن سان منهنجي پهرين ملاقات موهن جي دڙي جي گهٽيءَ ۾ ٿي هئي. پهرين ملاقات کان پوءِ هوءَ جڏهن به موهن جي دڙي ايندي هئي ته مون کي اڳواٽ اطلاع ڪندي هئي ۽ مان اتي پهچي سندس انتظار ڪندو هئس. ان ڪري ته هن پنهنجو سڀ ڪجهه مون کي ارپي ڇڏيو هو... ساڻس گڏ موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ گهمندي مون هڪ ڏينهن ماه پارا جو هٿ پڪڙي چيو هو، ”مان هي هٿ ڪڏهن به ڇڏڻ نٿو چاهيان. مون کي سدائين لاءِ تنهنجو ساٿ گهرجي!“
    ماه پارا اداس ٿي پئي هئي. پنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان ڇڏائيندي چيو هئائين، ”ساٿ ڏيڻ جيترو وقت مون وٽ آهي ئي ڪٿي!“
    مون کي ماه پارا جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي ۽ هن پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اها اسان جي آخري ملاقات هئي، جنهن کان پوءِ ماه پارا مري وئي هئي ته مان ڏک سان گڏ سندس چيل ڳالهه سبب مان سوچن جي سمنڊ ۾ لـُڙهندو رهيو هئس... ان ڏينهن کان پوءِ مان اڪثر موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ اچي پنهنجو ماضي ڳوليندو آهيان. ماضي نه ڳولي سگهندو آهيان، ته پوءِ حال سان مستيون ڪري وقت گذارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. اڪيلي، اداس ۽ سهڻي ڇوڪريءَ کي، اڪيلائيءَ واري ويران جاءِ تي ڏسي منهنجي دل ۾ مستي ڪرڻ لاءِ هروڀرو اداس ٿيڻ جي خواهش پيدا ٿي پئي. پنهنجي دل جي خواهش پوري ڪرڻ خاطر، مون پاڻ کي اداس ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. سوچيم، اها سهڻي ڇوڪري پڪ سان سياح هوندي ۽ موهن جي دڙي جي بربادي ڏسي اداس ٿي پئي هوندي. اهڙي موقعي جو فائدو وٺي سگهجي ٿو ۽ ڪا سهڻي صلاح ڏئي، سهڻي ڇوڪريءَ جو ساٿ ماڻي سگهجي ٿو. سهڻي صلاح ڏيڻ لاءِ سهڻي ڇوڪريءَ جي ڀرسان ويس تڏهن به هوءَ پنهنجي خيالن ۾ گم سم ۽ چپ چاپ ويٺي رهي. سندس ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ چيم، ”سج لهي ويو آهي ۽ رات ٿيڻ واري آهي.“
    ڇوڪريءَ ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺو ته سندس سڄي اداسي ختم ٿي وئي. مرڪي اٿي بيهي رهي. سوچيم، سج لٿي کان پوءِ پکي شايد پاڻ ئي ڪنهن پڃري جي ڳولا ۾ آهي... سهڻي پکيءَ جهڙي سهڻي ڇوڪريءَ کي سهڻي صلاح ڏيندي چيم، ”هتي سياحن جي حفاظت لاءِ ڪو به انتظام ناهي. توهان کي هڪدم ڪنهن محفوظ جاءِ تي هليو وڃڻ گهرجي. توهان چاهيو ته مون سان گڏ به هلي سگهو ٿيون....“
    سهڻي ڇوڪري بيحد سنجيده ٿي وئي. چيائين، ”منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ محفوظ جاءِ موهن جو دڙو ئي آهي.“
    وراڻيم، ”ويچارو موهن جو دڙو پاڻ ئي محفوظ ناهي رهيو، تنهنجي ڪهڙي حفاظت ڪندو هي تباهه ٿيل شهر!“
    هوءَ اداس ٿي وئي. بيحد ڏک مان چيائين، ”اهو ئي ته ڏک آهي، جو منهنجي تباهه ٿيل شهر جا آثار به تباهه ٿي رهيا آهن!“
    حيرت مان چيم، ”هي تنهنجو شهر آهي!“
    ٿڌو ساهه کڻي وراڻيائين، ”ها... مان هن ئي شهر جي رهواسڻ آهيان!“
    هن گهٽيءَ ۾ هڪ طرف هلڻ شروع ڪيو. هن سان گڏ هلندي، مون ٽهڪ ڏئي چيو، ”موهن جي دڙي کي مئن جو دڙو به چوندا آهن. هتي فقط مري ويل ماڻهو رهي سگهن ٿا!“
    اڌ اونداهي پراسرار گهٽيءَ ۾ هلندي هن چيو، ”تاريخ ناهي مرندي!“
    مون هن جي فلسفي کي لنوائي سندس نالو پڇيو.
    سهڻي ڇوڪريءَ ڏاڍي سڪون سان وراڻيو، ”مان سمبارا آهيان!“
    مون کان ٽهڪ نڪري ويو، ”اها ته موهن جي دڙي جي ناچڻي هئي!“
    اسٽوپا ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ ۾ هلندي، سنجيدگيءَ سان چيائين،
    ”اها ئي ته آهيان مان!“
    مون کي سندس دماغي حالت تي شڪ ٿيڻ لڳو. مون طنزيه مرڪ سان هن جي چهري طرف ڏٺو ته هن منهنجي طنزيه مرڪ کي محسوس ڪري، مون کي ٻانهن کان پڪڙي ورتو. مون کي ڇڪي اسٽوپا جي ڏاڪڻ تائين پهچي وئي ۽ پوءِ ڏاڪڻ چڙهڻ لڳي. اسٽوپا جي مٿان پهچي منهنجي سامهون بيهي رهي. ڪجهه دير تائين وڏا وڏا ساهه کڻي مون ڏانهن چتائي ڏسندي رهي ۽ پوءِ هڪ نظر اسٽوپا مٿان چمڪندڙ چنڊ ڏانهن ڏسي، مرڪي پچيائين، ”ٻڌاءِ، چنڊ وڌيڪ سهڻو آهي يا مان؟“
    مان ڇرڪي پيس. اها ساڳئي ڳالهه هڪ رات اسٽوپا مٿان بيهي مون کان ماه پارا پڇي هئي. مون بي اختيار سهڻي ڇوڪريءَ کي ڇڪي پنهنجو ويجهو ڪيو ته مون کي سندس ساهن مان ماه پارا جي ساهن جي خوشبو محسوس ٿي. مون حيرت مان کائنس پڇيو، ”ڪير آهين تون!؟“
    مرڪي چيائين، ”مان اها ئي آهيان، جنهن ڪيترا سال اڳ توکان هتي بيهي اهو ساڳيو سوال پڇيو هو.“
    انتهائي حيرت مان چيم، ”اها ته ماه پارا هئي!“
    سندس مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي. چيائين، ”اها به مان ئي هيس...سمبارا!“
    سمبارا جي ٻانهن تي منهنجي پڪڙ مضبوط ٿي وئي. هڪدم چيم، ”مان نڄاڻ ڪيترن سالن کان توکي موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ ڳوليندو رهيو آهيان!“
    سمبارا اداس ٿي وئي. ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”هاڻي ته مون کي وڃڻو ئي آهي، پر جيڪڏهن منهنجي هن تباهه ٿيل شهر جا آثار سلامت رهيا ته مان وري به زندهه رهنديس!“
    مون سندس ٻنهي ٻانهن کي پڪڙي ورتو، ”۽ ..... ۽ جيڪڏهن موهن جي دڙي جا هي آثار ميسارجي ويا ته!؟“
    سمبارا ڏک مان وراڻيو، ”پوءِ تون وري ڪڏهن به مون کي ڏسي نه سگهندين!“
    مون ٻيهر وڇوڙي جي خوف کان سمبارا کي ڀاڪر ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هوءَ ڀُري پئي ۽ مٽيءَ جي ذرڙن ۾ تبديل ٿي منهنجي ڀاڪر مان وهي وئي. منهنجي سامهون مٽيءَ جو ننڍڙو ڍير پيو هو ۽ اسٽوپا مٿان چمڪندڙ چنڊَ اڳيان ڪڪر اچي ويا هئا!

    اڱارو 18 آڪٽوبر 2011ع




    سنڌ ڳالهائي ٿي!

    سنڌ ڳالهائي ٿي!

    مان سنڌ، اڄ توهان سان مخاطب آهيان!
    تاريخي طور تي ماضيءَ ۾ هن خطي اندر ٻه وڏا ملڪ هئا، هند ۽ سنڌ. ان زماني ۾ منهنجون سرحدون ڪراچي کان ڪشمير تائين ڦهليل هيون، پر وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي منهنجي سرحدن کي محدود ڪندي رهي آهي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن منهنجي سرزمين تي قبضو ڪيو هو، تڏهن به منهنجون سرحدون ماضي جيان وسيع نه سهي، پر ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ آزاد ملڪ جهڙو منهنجو وجود موجود هو. پاڪستان جو باني منهنجو ئي هڪ فرزند، ٺٽي ڀرسان جهرڪ ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ محمد علي جناح هو، جنهن جو جنم هنڌ هاڻي ڪراچي ڄاڻائي منهنجي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي. پاڪستان قائم ڪرڻ جي رٿ به سڀ کان اڳ منهنجي ئي اسيمبليءَ پاس ڪئي هئي ۽ اها رٿ به منهنجي ئي هڪ فرزند جي ايم سيد پيش ڪئي هئي، پر مون سان ٿيندڙ ناانصافين تي آواز اٿارڻ ڪري کيس غدار قرار ڏنو ويو ۽ هن زندگيءَ جا ڪيترائي سال قيد ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريا! 1955ع ۾ ون يونٽ مڙهي منهنجي تاريخي ۽ جاگرافيائي حيثيت کان انڪار ڪيو ويو، ته منهنجي ئي سرزمين تان ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جي تحريڪ جنم ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي سڀني صوبن جي ڪنڌ مان اهو طوق لٿو ۽ مون سان گڏ ٻيا صوبا به ملڪ جي نقشي تي ٻيهر اڀري نروار ٿيا. 1971ع ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو بنگال، ڌار ٿي بنگلاديش بڻجي ويو ۽ باقي بچيل پاڪستان جو وجود نستو ٿي پيو هو. تڏهن به منهنجي ئي هڪ ڏاهي فرزند ذوالفقار علي ڀٽي نستي ملڪ کي سنڀاليو هو ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري هن ملڪ کي دنيا ۾ ٻيهر ڪنڌ کڻڻ جهڙو ڪيو هو، پر 1977ع ۾ سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪري 1979ع ۾ کيس سوريءَ سزاوار ڪيو ويو هو! هن ملڪ کي آمريت مان نجات ڏياريندڙ، شهيد ذوالفقار ڀٽي جي ڌيءَ بينظير ڀٽو به، منهنجي ئي نياڻي هئي، جنهن کي 2007ع ۾، راولپنڊيءَ ۾ گوليءَ جو نشانو بڻائي شهيد ڪيو ويو! مون اهو سڀ برداشت ڪيو آهي، سڀ وار پنهنجي سيني تي سَٺا آهن.
    ڀٽائيءَ چيو هو، ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو!“
    اهو قنڌارئون (قنڌار-افغانستان کان) جوکو ته اڄ تائين به جاري آهي، پر پاڪستان ٺهڻ سان ئي مون کي پنجابئون (پنجاب کان) جوکو به شروع ٿي ويو هو، جنهن ”پاڪستان آگي هي“ چئي، هندستان کان ايندڙ سمورن ماڻهن کي مون ڏانهن ڌڪي موڪليو هو. اڄ منهنجي فقط هڪڙي شهر ڪراچيءَ ۾ 22 لک افغاني غير قانوني طور به رهن ٿا ۽ منهنجي زمين تي غير قانوني طور رهندڙ بنگالين، برمين، بهارين ۽ ايرانين جو تعداد به 25 لکن کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين پنجاب ۽ خيبر پختونخوا کان مون طرف لڏپلاڻ جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي پنهنجي ٻچن لاءِ، منهنجي شهرن ۾ روزگار جا دروازا بند ۽ زمين تنگ ٿيندي پئي وڃي. منهنجي حيثيت هن ملڪ ۾ ڪمائو پٽ جهڙي آهي، پر موٽ ۾ مون کي فقط ناانصافيون ئي ملن ٿيون. هڪ ننڍڙو مثال ته تازي رپورٽ به آهي، جنهن مطابق مون گذريل ٽن سالن ۾ وفاق کي 19 کرب 35 ارب رپيا ڏنا، پر موٽ ۾ مون کي فقط 5 کرب 13 ارب مليا ۽ پنجاب 7 کرب 63 ارب ڏنا ۽ موٽ ۾ کيس وڌائي 8 کرب 21 ارب رپيا ڏنا ويا! يا ته منهنجي مهراڻ جي موجن تي راتاهو هڻي منهنجي ٻچن کي اڃ ماريو ويو آهي، يا وري کين ٻوڙي ماريو ويو آهي. ٻوڏ کان پوءِ منهنجا ٻچا وطن اندر جلاوطنيءَ جهڙي زندگي ٿا گذارين ۽ بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، پر منهنجي ڇاتيءَ مان کين ڪجهه به نٿو ملي! مون سان ناانصافين جو سلسلو فقط ايترو ئي ناهي، پر پاڪستان قائم ٿيڻ سان، هن ملڪ ۾ موجود سڀني قومي ٻولين سان گڏ منهنجي ٻوليءَ کي به نظرانداز ڪري، اردوءَ کي سڄي ملڪ جي مٿان قومي ٻولي ڪري مڙهيو ويو. جڏهن 1972ع ۾ منهنجي اسيمبليءَ ٻوليءَ وارو قانون پاس ڪيو، جنهن مطابق منهنجي ٻوليءَ کي، منهنجي دفتري ٻوليءَ طور لاڳو ٿيڻو هو، پر ”اردو ڪا جنازا هئي، ذرا ڌوم سي نڪلي“ چئي نفرتن جي باهه ڀڙڪائي وئي، جنهن جي تپش اڄ تائين منهنجي سيني کي ساڙيندي رهي آهي ۽ اڄ تائين منهنجي ٻوليءَ کي، منهنجي دفتري زبان جي حيثيت سان رائج ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته انگريزن جي دور ۾ به منهنجي ٻولي، منهنجي دفتري زبان جي طور تي رائج هئي. منهنجي ٻولي تاريخي طور تي هزارين سالن کان عوام جي ٻولي رهي آهي ۽ اها لکي پڙهي به ويندي هئي. پنج هزار سال اڳ ته منهنجي سرزمين تي موهن جي دڙي جهڙو، انجنيئرنگ جي اصولن تحت پلاننگ سان جڙيل شهر موجود هيو، جتان مليل مهرون به ان دور مطابق رائج ٿيل منهنجي صورت خطيءَ جون گواهه آهن. منهنجي ٻوليءَ کي انهيءَ سطح تي پهچڻ ۾ به ته هزارين سال لڳا هوندا. ان ڪري جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي عمر جي ڪٿ اٺن کان ڏهه هزار سال ڪجي ته اهو فقط ڪو مفروضو نه ٿيندو، پر منهنجي ٻوليءَ جي تاريخي حقيقت ۽ حيثيت کان هن ملڪ ۾ سدائين انڪار ٿيندو رهيو آهي. انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو هاڃو ٿيندو ته، هندستان ۾ ته اتان جي 22 قومي ٻولين ۾ سنڌي زبان شامل آهي ۽ 1967ع ۾، جڏهن مان ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل هيس ۽ پاڪستان ۾ منهنجي وجود کان به انڪار ڪيو ٿي ويو، تڏهن هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اتان جي هڪ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو هو، پر سنڌ جي سرزمين تي سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو اڄ تائين ناهي ملي سگهيو! ملڪ جي مجموعي آباديءَ جو 8 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙن جي ٻولي، سڄي ملڪ لاءِ قومي ٻوليءَ طور رائج آهي ۽ تازو جڏهن منهنجي ٻوليءَ کي، منهنجي سرزمين جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ ملڪ جي قومي اسيمبليءَ ۾ بل آندو ويو ته، چيو ويو ته سنڌي ٻولي نه، پر فقط هڪ لهجو آهي!
    مون کي هاڻ فقط قنڌارئون جوکو ناهي پر هر طرف کان جوکا آهن. خيبر پختونخواهي اسفند يار ولي مون تي قبضيداريءَ جي نئين دعويٰ ڪندي چئي ٿو ته هاڻي پٺاڻن جي سنڌ ۾ حيثيت کي تسليم ڪيو وڃي. هاڻ جڏهن منهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ٻيهر بل پيش ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن، تڏهن انهيءَ مخصوص وقت تي پاڻ کي ”نئون سنڌي“ سڏائيندڙ الطاف حسين، ملڪ ۾ ”نوان صوبا“ ٺاهڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. جيڪڏهن ڪو ”نئون سنڌي“ آهي ۽ ڪو ”پراڻو سنڌي“ ته پوءِ ڇا جيڪي ماڻهو تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌ ۾ اچي سنڌي بڻجي ويا، انهن کي ”وچولا سنڌي“ چونداسين!؟ هاڻي اهو نوان سنڌي ۽ پراڻا سنڌي توڙي ڪراچي ۽ ”اندرونِ سنڌ“ جو راڳ به بند ٿيڻ گهرجي. اهو طئي آهي ته منهنجي سرزمين تي رهندڙ يا ته سنڌي آهي يا سنڌي ناهي. الطاف حسين پاران ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ۾، فقط سندس مون کي ٻه ٽڪر ڪرڻ جي خواهش شامل آهي، جنهن کي منهنجا فرزند ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏيندا. هو ڪڏهن به نارائڻ شيام جي انهيءَ انديشي کي حقيقت جو روپ ڌارڻ نه ڏيندا ته: ”الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي“ پر هاڻي جڏهن منهنجي ٻوليءَ لاءِ قومي ٻوليءَ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجا فرزند جاڳيا آهن، تڏهن انهن سڀني سميت، جيڪڏهن ڪا به سسئي، يا ڪو به نواب، مير، پير يا فقير، ڪا به مارئي پنهنجو ڪردار سچائيءَ سان ادا ڪري ٿي ته سندس نالو منهنجي تاريخ ۾ ضرور زنده رهندو. ۽ مان....سنڌ....ثقافت ۽ ايڪتا جي ڏهاڙن جيان، سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن ڏهاڙي لاءِ به واجهايان ٿي، جيئن منهنجو آواز ڀرپور انداز سان اسلام آباد جي ايوانن ۾ گونجي سگهي.

    اڱارو پهرين فيبروري 2011ع


    هيءَ دل اداس آهي!

    هيءَ دل اداس آهي!

    بم ۽ گوليءَ جي آواز سان ته انسان ڇرڪي پوندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن وري انسان کي ڪي لفظ به ڇرڪائي وجهندا آهن. تازو الطاف شيخ جي لکيل لفظن مون کي ڇرڪايو آهي. نامياري سياح–ليکڪ الطاف شيخ جي اڻ ڇپيل ڪتاب ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ جو مهاڳ لکڻ لاءِ، اي ميل ذريعي پهتل مسودو پڙهندي مان اوچتو ڇرڪي پيس. انهيءَ ڪتاب ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمنٽ جي پروفيسر ۽ چيئرمين، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جو ذڪر ڪندي الطاف لکيو آهي، ”هڪ ڳالهه مون پهرئين ڏينهن کان محسوس ڪئي ته پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي جي سنڌي بلڪل اهڙي آهي، جيڪا اسان پاڪستان ۾ ڳالهايون ٿا. ٻلديو سان ملڻ کان اڳ مون سندس ٻه ڪتاب ”شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس“ ۽ ٻيو سندس آمريڪا جوسفر نامو ”اڳ نه ڏٺو ڪڏهن“ پڙهيا هئا. انهن ڪتابن ۾ به اهائي سنڌي هئي، جيڪا اڄڪلهه سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي... در اصل ٻلديو جا وڏا رتوديرو تعلقي جي هڪ ڳوٺ جا رهاڪو هئا ۽ 1942ع ۾ جڏهن ٻوڏ آئي ته سندن سڄي فيملي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهي. ٻلديو ٻڌايو ته، لاڙڪاڻي ۾ اسان جو گهر سيئو بازار جي اولهه ۾ مدرسه اسڪول جي ڀرسان هو، جنهن جي سامهون سوڀي گيانچنداڻيءَ جو گهر آهي.“
    الطاف شيخ جا لکيل اهي لفظ پڙهي آئون ڇرڪي پيس ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪڻ وڌي ويئي. هند جي نامياري سنڌي ليکڪ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جو نالو ته مون گهڻو ٻڌو هو ۽ کيس پڙهيو به هئم، پر مونکي اها خبر نه هئي ته ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، منهنجو لاڙڪاڻي جو اهو ئي پاڙيسري آهي، جنهن جي ماءُ ڪوشليا ٻائي اڪثر اسانجي گهر ايندي هئي، ۽ سندس ننڍو ڀاءُ منوهر منهنجو دوست هو. منوهر ۽ مونکي درسي ڪتابن کان وڌيڪ آکاڻين جي ڪتابن سان دلچسپي هئي ۽ اسان ٻئي گڏجي نه فقط لاڙڪاڻي شهر ۾ رلندا هئاسين، پر روز شام جو پاڙي جي ٻين ڇوڪرن سان رانديون به ڪندا هئاسين. 1977ع ۾ اوچتو خبر پيئي ته منوهر پنهنجي سڄي ڪٽنب سان گڏ هندستان لڏي ويو. هو مونکي ٻڌائڻ کانسواءِ هليو ويو ۽ آئون مهاڳ لکڻ لاءِ الطاف شيخ جو سفر نامو پڙهڻ کان اڳ، 34 سالن تائين پنهنجي ننڍپڻ جي دوست منوهر بابت بي خبر رهيس! الطاف جي انهيءَ سفر نامي مان ئي مونکي خبر پيئي آهي ته ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جو ننڍو ڀاءُ، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي به پنهنجي ڀاءُ سان گڏ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمنٽ جو پروفيسر آهي. عجيب اتفاق آهي ته جيڪو سبجيڪٽ هتي آئون حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ پڙهايان ٿو، اهو ئي سبجيڪٽ منوهر بمبئي يونيوسٽي ۾ پڙهائي رهيو آهي! منوهر اڄ تائين لاڙڪاڻي جي دوستن ۽ لاڙڪاڻي کي ياد ڪندو رهي ٿو. هو الطاف شيخ کي ٻڌائي ٿو ته،”آئون ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب اڪثر پڙهي لاڙڪاڻي جا ڏينهن ياد ڪندو آهيان!“ سچ ته منوهر جو اهڙو ذڪر پڙهي هيءَ دل اداس ٿي پئي آهي.
    پنهنجي ڌرتي، شهر، ڳوٺ، گهر ۽ دوست ڇڏي، لڏي وڃڻ ڪو سولو ڪم ناهي. دل تي پٿر رکي، بي انتها مجبورين سبب ئي ڪو اهڙو فيصلو ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي آئين ۾ ته اقليتن کي مڪمل تحفظ مليل آهي، پر عملي طور تي اقليتن سان متڀيد ۽ ناانصافين جا واقعا اڪثر سامهون ايندا رهن ٿا. بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمنٽ جو پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، الطاف شيخ کي ٻڌائي ٿو ته، ”سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1974ع ۾ ليڪچرار لاءِ چونڊ ٿي. ان جي فائينل سليڪشن ۾ آئون چونڊجي ويس. علي گوهر کهڙي (ايوب کهڙي جي ڀاءُ) مون کي ٻڌايو ته کيس ان وقت جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٻڌايو آهي ته هڪ ئي پوسٽ آهي، جنهن تي آئون (ٻلديو) ميرٽ تي چونڊيو آهيان. آئون خوشيءَ وچان ڄامشوري ويس، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مونکي نوڪري نه ڏني ۽ چيو ته آئون سمجهان ٿو ته تون سليڪٽ ٿيو آهين، پر اسان وٽ ويڪنسي ئي ناهي!“ جنهن کانپوءِ ٻلديو دلشڪستو ٿي پوي ٿو ۽ 1977ع ۾ سڄي فيمليءَ سوڌو انڊيا لڏي وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب منهنجي لاءِ انتهائي قابل احترام شخصيت آهن، پر اها ڳالهه بلوچ صاحب جي هم ڪلاسي ۽ ننڍپڻ جي دوست محترم گل محمد شيخ جي پٽ، نامياري ليکڪ الطاف شيخ لکي آهي، جنهن جو پڻ بلوچ صاحب سان اڄ تائين نياز منديءَ جو تعلق آهي. اصل حقيقت ڇا آهي، اها خبر ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ئي هوندي.
    سنڌ جي هندن سان ٿيندڙ ناانصافيون ته ڪا نئين ڳالهه ناهن، جن تي ڪو ڇرڪ ڀرجي يا ٿوري به حيرت لڳي. مونکي 1988ع وارو اهو ڏينهن به ياد آهي، جڏهن قومي اسيمبليءَ جي ڪامياب اميدوارن جا نالا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ريڊيو تان نشر ڪرڻ لاءِ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ پهچي رهيا هئا. انهن ڏينهن ۾ آئون ريڊيو پاڪستان ۾ پروڊيوسر هئس ۽ پنهنجن ڪجهه ٻين ساٿي پروڊيوسرز سان گڏ اتي ڊيوٽي ڪري رهيو هئس. قومي اسيمبليءَ ۾ اقليتن جي هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ سنڌ جي نامياري دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو نالو اسان وٽ پهتو هو، ته ان خوشيءَ ۾ مون پنهنجي ساٿي پروڊيوسرز کي مٺائي کارائڻ جو وعدو ڪيو هو، پر اها مٺائي کائڻ کان اڳ ئي سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڪاميابي وارو نتيجو رد ڪري، هڪ ٻئي هندو ”سيٺ“ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو! ڪامريڊ سوڀي ته ناانصافين توڙي جيل ياترائن کانپوءِ به سنڌ ڇڏڻ جو اڄ تائين ناهي سوچيو، پر اها خبر ته ويجهڙائيءَ جي آهي، ته ٿر سان تعلق رکندڙ ادب دوست انسان، سنڌ جي موجوده اسيمبليءَ جو ميمبر رام سنگهه سوڍو، خاموشيءَ سان اوچتو انڊيا لڏي هليو ويو ۽ بعد ۾ سندس استعفيٰ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جمع ٿي!
    ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۾ لڏپلاڻ جو نقطو قطعي شامل نه هو، پر پوءِ هٿ وٺي اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جن جي نتيجي ۾ ٻنهي طرفن کان وڏي انگ ۾ لڏ پلاڻ ٿي. 1947ع ۾ ٿيل وڏي لڏپلاڻ کانپوءِ، اهو سلسلو اڃان تائين رڪيو ناهي. ٻيو ته ٺهيو، پر هن وقت سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين، برمين، بنگالين، بهارين ۽ ايرانين جو مجموعي تعداد به لڳ ڀڳ 47 لک ٿي چڪو آهي ۽ اها آمد روز بروز جاري آهي. مختلف طرفن کان ايندڙ ڌارين جا ڪٽڪ سنڌ ۾ ايندا ۽ مستقل طور تي آباد ٿيندا رهن ٿا، جنهنڪري سنڌين جي اقليت ۾ بدلجڻ جا انديشا به وڌندا رهن ٿا. ٻئي طرف سنڌي هندن سان ٿيندڙ زيادتيون کين سنڌ مان لڏڻ تي آماده ڪنديون رهن ٿيون. اتر سنڌ جي اغوا انڊسٽري به سنڌي هندن کي دلشڪستو ڪري رهي آهي. سرنديءَ وارن هندن، توڙي سندن معصوم ٻچن جو اغوا ٿيڻ روز جو ڪاروهنوار بڻجي چڪو آهي. ڪالهوڪي ”ڪاوش“ ۾ به جيڪب آباد جي پنجن سالن جي معصوم ٻار پرٿوي ڪمار جي اغوا ٿيڻ جي خبر رپورٽ ٿيل آهي ۽ پوليس معصوم ٻالڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت گهري آهي. مونکي خبر ناهي ته پرٿوي ڪمار ڪنهن سرنديءَ واري هندوءَ جو ٻار آهي، يا مسڪين جو. شال جيڪب آباد جي پوليس ٻن ڏينهن اندر معصوم ٻالڪ پرٿوي ڪمار کي بازياب ڪرائي، پر اسان وٽ ته اهڙيون خبرون به رپورٽ ٿينديون آهن ته ڪنهن اغوا ٿيل جي بازيابيءَ لاءِ، پوليس پاڻ اغوا ٿيل جي وارثن کان ڀنگ جي رقم به ورتي آهي!
    ناانصافيءَ جو شڪار ٿيل ٻلديو مٽلاڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمنٽ ۾ ته ليڪچرار نه ٿي سگهيو ۽ انڊيا وڃي هو بمبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمنٽ جي چيئرمين جي عهدي تائين پهتو، پر ضروري ناهي ته هر لڏپلاڻ ڪندڙ سنڌي هندوءَ جو حالتون اهڙو ئي ساٿ ڏين. مون کان ته لاڙڪاڻي ۾ منهنجي گهر جي بلڪل سامهون رهندڙ ڄيٺو مل به ناهي وسريو، جنهن جو لاڙڪاڻي جي اسٽيشن روڊ تي فوٽوگرافيءَ جو دڪان هو. جڏهن هن انڊيا وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو ته مون سميت ڪجهه ٻين پاڙيسرين به کيس روڪيو هو ۽ ڪنهن به تڪليف ۾ سندس ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، پر تڏهن به سماجي عدم تحفظ جو شڪار ڄيٺو لڏي هليو ويو هو. ڪجهه سالن کان پوءِ سندس زال لاڙڪاڻو گهمڻ آئي هئي ته هن روئندي ٻڌايو هو ته، بمبئيءَ ۾ جيٺو پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ جا ڪارڊ ورهائڻ لاءِ نڪتو، ته وري گهر نه موٽيو. سندس ڪا خبر نه پيئي ته ڪيڏانهن گم ٿي ويو ۽ ساڻس ڪهڙو هاڃو ٿيو!

    اڱارو 8 مارچ 2011ع


    قومي ٻولين لاءِ انڪار جي سنگين !

    قومي ٻولين لاءِ انڪار جي سنگين !

    ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ جا بنيادي عنصر ڌرتي، ٻولي ۽ سندس ثقافت هجن ٿا، پر اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن ون يونٽ جي نالي ۾ڌرتيءَ کان سندس تاريخي سڃاڻپ کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هاڻي وري سنڌيءَ سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي ڳالهه ڪرڻ کي ملڪ دشمني قرار ڏنو ويو آهي. قومي ٻولين جي معاملي تي اهڙي قسم جو رويو اختيار ڪرڻ کان پهرين اهو به نٿو سوچيو وڃي ته ٻوليءَ جي مامرن تان ڀڙڪيل باهه سبب ئي 1971ع ۾ پاڪستان جا ٻه ڀاڱا حقيقي معنيٰ ۾ ٻه ڀاڱا بڻجي، هڪ حصو بنگلاديش بڻجي ويو هو. جيڪڏهن عقل، سوچ ۽ سمجهه کان ڪم ورتو وڃي ته هاڻوڪي دور ۾ وقت ۽ حالتن جي تقاضا اها آهي ته، نه فقط سنڌي، پر بلوچي، پشتو، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني قومن جو اعتماد حاصل ڪيو وڃي. اهو اعتماد ئي ملڪي مفاد ۽ ايڪي لاءِ هن وقت بيحد ضروري آهي، پر ان جي ابتڙ پارليامينٽ جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي قومي ٻولين واري بل کي ملڪ دشمن ۽ آئين سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ بل سمجهي رد ڪندي چوي ٿي ته، ”اهڙو بل جڏهن به جيترا ڀيرا به ايندو، اهو هر دفعي رد ڪيو ويندو!“
    اهو ٻيو ڀيرو آهي جو قومي ٻولين واري بل کي رد ڪيو ويو آهي. پهريون ڀيرو قومي ٻولين وارو بل قاف ليگ جي سنڌ سان تعلق رکندڙ ايم اين اي مارئي ميمڻ پيش ڪيو هو. تازو 18 مئي تي رد ڪيل بل به سنڌ سان تعلق رکندڙ، پ پ جي ميمبر نواب يوسف ٽالپر پيش ڪيو هو، جنهن تي قومي اسيمبليءَ جي 22 ميمبرن جون صحيحون هيون. پارليامينٽ جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ هن بل کي ملڪ دشمن قرار ڏئي رد ڪيو آهي، ته هاڻي انهن 22 ميمبرن جي پوزيشن ڪميٽيءَ وٽ ڇا آهي؟ ڇا انهن سڀني ميمبرن کي به ملڪ دشمن سمجهيو وڃي، جن جي صحيحن سان، ڪميٽيءَ جي چوڻ مطابق اهو ملڪ دشمن بل پيش ڪيو ويو!؟
    پاڪستان جي 63 سالن جي تاريخ ۾ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، ته پنهنجا جائز حق گهرڻ تي سنڌين کي سدائين ملڪ دشمن چيو ويو آهي ۽ اهڙا الزام هڻڻ وقت اها ڳالهه وساري وئي آهي ته پاڪستان جي قيام جو بل سڀ کان پهرين سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيو هو ۽ پاڪستان جو باني به سنڌ واسي ئي هيو. انصاف ۽ قانون واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ته انهيءَ بي انصافيءَ تي به نٿي سوچي ته هندستان، جتي سنڌين جي ڪا به زمين ڪانهي، اتي ته سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو مليل آهي، پر سنڌ پنهنجي ئي سرزمين تي قومي ٻوليءَ واري فطري حق کان محروم آهي. ساڳئي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ پهريون ڀيرو ته اهو چئي ٻولين وارو بل رد ڪري ڇڏيو هو ته ”سنڌي ڪا ٻولي نه، فقط هڪ لهجو آهي!“ ڇا اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اهڙي رمارڪ کي تعصب ۽ اڻ ڄاڻائيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو نالو ڏئي سگهجي ٿو؟ جڏهن ته حقيقت اها آهي ته، نه فقط سنڌي هڪ ترقي يافته مڪمل ٻولي آهي، پر تاريخي طور تي ان جي قدامت جون اهڙيون ثابتيون ملن ٿيون، جن مان خبر پوي ٿي ته سنڌي ٻولي اٺن کان ڏهه هزار سال قديم ٻولي آهي.
    سنڌ واسين جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي گهر ڪئي آهي، تڏهن انهن ڏانهن انڪار جي سنگين سڌي ڪئي وئي آهي. 1940ع واري ٺهراءَ موجب پاڪستان ۾ شامل صوبا آزاد ۽ خودمختيار رياستون هجڻ کپنديون هيون، پر انهيءَ ٺهراءَ تي عمل بجاءِ صوبن کي ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ جڪڙي سندن تاريخي سڃاڻپ کان ئي انڪار ڪيو ويو هو. ٻوليءَ جي حوالي سان ته سنڌ جي صورت حال ون يونٽ واري ڪاري دور کان اڄ به گهڻو مختلف ناهي. تازو 21 مئي جي ڪاوش ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ بابت محمد ابراهيم جويو صاحب جو لکيل مضمون ته شايد توهان به پڙهيو هوندو، جنهن ۾ جويي صاحب ڏانهن لکيل ڪامريڊ جي خطن جا ڪجهه حوالا به آهن. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ 22 مئي 1967ع تي (ون يونٽ دوران) پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته، ”اسان جي سنڌي ٻولي سرڪاري سطح تي تسليم نٿي ٿئي. ان کي دٻايو ۽ هيسايو وڃي ٿو.“ 1967ع ۾ لکيل ڪامريڊ حيدر بخش جي انهن لفظن تي غور ڪيو ۽ سوچي ڏسو ته ڇا ڪو فرق آهي، ون يونٽ واري دور ۽ اڄوڪي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ڏانهن اختيار ڪيل رويي ۾؟ اڄ به سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري طور تي تسليم نٿو ڪيو وڃي. اڄ به سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪندڙن کي دٻايو ۽ هيسايو وڃي ٿو. بلڪه هاڻي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪندڙ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي آواز کي به ملڪ دشمني چئي هيسائڻ ۽ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ قومي ٻولين جو بل پيش ڪندڙ ميمبر نواب يوسف ٽالپر کي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ ئي نٿو سڏايو وڃي! افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته قانون ۽ انصاف واري ان اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئر پرسن جو تعلق به ساڳئي پيپلز پارٽيءَ سان ئي آهي، جنهن پارٽيءَ سان بل پيش ڪندڙ نواب يوسف ٽالپر جو تعلق آهي. ٻئي طرف سنڌ جو قانون وارو وزير اياز سومرو صاحب چوي ٿو ته، ”سنڌي، سرائيڪي، بلوچي، پنجابي ۽ سرائيڪي تاريخي طور تي قومي ٻوليون آهن. پ پ حڪومت پنجن ئي ٻولين کي قانوني حيثيت ڏياريندي. ان ڪري اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ ڏات ڌڻين کي پ پ جي نيت ۽ سچائيءَ تي ڪنهن به قسم جو شڪ نه ڪرڻ گهرجي. پ پ واحد جماعت آهي، جنهن پختونن کي پنهنجي صوبائي سڃاڻپ ڏني. جڏهن ته سرائيڪين کي سرائيڪي صوبو ڏيڻ تي ڪم جاري آهي.“ سرائيڪي صوبي جي قيام کي ته پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ عهديدارن پيپلز پارٽيءَ جي منشور ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي هئي. سنڌ جو قانون وارو وزير اهو ٻڌائڻ پسند ڪندو، ته ڇا سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ وارو نقطو به پيپلز پارٽيءَ جي منشور ۾ شامل آهي. يا اهو فقط سندس هڪ سياسي بيان آهي؟
    جائز مسئلا جڏهن اسيمبليون حل ناهن ڪنديون ته قومن ۾ مايوسي ڦهلبي آهي ۽ عوام رياستي ادارن کان مايوس ٿي رستن تي نڪرندو آهي. قومي ٻولين واري پهرين بل جي رد ٿيڻ کان پوءِ ٿيل عوامي احتجاجن کان پوءِ، تازو ٻئي بل جي رد ٿيڻ تي به سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو جائز حق ڏيڻ جي ڳالهه، فقط اهي مظاهرا ڪندڙ ڏات ڌڻين جي خواهش ناهي، پر اها سموري سنڌي عوام جي خواهش آهي.
    مون پهرين فيبروري تي ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جي عنوان سان ڇپيل پنهنجي ڪالم ۾ لکيو هو، ” مان....سنڌ....ثقافت ۽ ايڪتا جي ڏهاڙن جيان، سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن ڏهاڙي لاءِ به واجهايان ٿي، جيئن منهنجو آواز ڀرپور انداز سان اسلام آباد جي ايوانن ۾ گونجي سگهي.“ تازو سنڌ جي نامياري صحافي علي قاضي ٻوليءَ جو ڏهاڙو ۽ عوامي ريفرينڊم جي تجويز ڏني آهي. هن کان اڳ سندس پاران ڏنل سڏ جي جواب ۾ ثقافت، ايڪتا ۽ درياهه جي ڏهاڙن کي جيڪا عوامي موٽ ملي هئي، انهن کي نظر ۾ رکي چئي سگهجي ٿو ته ٻوليءَ جي معاملي تي شايد سنڌ جو عوام ان کان وڌيڪ تعداد ۾ پنهنجي اندر جي اظهار لاءِ رستن تي اچي وڃي. قومي ٻولين واري بل کي هڪ ڌڪ سان رد ڪرڻ بجاءِ ان تي ٻيهر غور ڪرڻ ۽ ملڪ جي سڀني قومي ٻولين کي سرڪاري سطح تي تسليم ڪرڻ وقت جي اشد ضرورت آهي، ڇو ته عوامي احتجاج اڳيان انڪار جي ڪا به سنگين سدائين سڌي رهي نٿي سگهي.

    اڱارو 24 مئي 2011ع


    رابنسن ڪروسو جيان ڦاٿل سنڌي!

    رابنسن ڪروسو جيان ڦاٿل سنڌي!

    ڊينيئل ڊيفو جي ناول ”رابسن ڪروسو“ جو مرڪزي ڪردار رابسن، ڪروسو ٻيڙو (Ship) تباهه ٿيڻ کانپوءِ جڏهن سمنڊ ۾ لڙهڻ لڳي ٿو، تڏهن تباهه ٿيل ٻيڙي جو هڪ تختو کيس هٿ لڳي وڃي ٿو. هو ان تختي مٿان ليٽي پوي ٿو ۽ اهو تختو کيس سمنڊ جي وچ ۾ هڪ ويران ٻيٽ تي پهچائي ڇڏي ٿو. ڪروسو جي زندگي ته بچي وڃي ٿي، پر پوءِ وارن ڏينهن ۾ هو بي انتها مشڪلاتن جو شڪار ٿيندو رهي ٿو. چوڌاري پاڻيءَ ۾ گهيريل وير ان ٻيٽ تي ڪڏهن بارشن جو پاڻي سندس رهڻ واري غار ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، ته ڪڏهن وري ڪنهن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ هو ڪنهن وڻ تي چڙهي پنهنجي زندگي بچائي ٿو. اڪيلاين ۽ مصيبتن جي تسلسل ۾ جڏهن به بارشون ٿين ٿيون ته هو بي وسيءَ ۽ لاچاريءَ مان برسندڙ بادلن طرف ڏسندو رهي ٿو ۽ بهادريءَ جي علامت بڻيل انهيءَ ڪردار جون اکيون به برسي پون ٿيون. رابنسن ڪروسو ته پنهنجي وطن کان دور هڪ ويران ٻيٽ تي اهي تڪليفون برداشٽ ڪري ٿو، پر هاڻوڪين بارشن ۾ لکين سنڌ واسي پنهنجي ئي وطن جي زمين تي رابنسن ڪروسو کان به بدتر حالتن ۾ مبتلا آهن. لکين سنڌ واسي هر طرف کان نه فقط پاڻي جي گهيري ۾ آهن، پر روزانو ڪيترائي سنڌ واسي بک ۽ بيمارين جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ به وڃي رهيا آهن. فقط ڪالهوڪي ڪاوش ۾ به هڪڙي ڏينهن اندر 39 ماڻهن جي مرڻ جي خبر رپورٽ ٿيل آهي!
    سنڌ ۾ تازين خوفناڪ برساتن جيڪا تباهي مچائي آهي، ان ماضيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ٿر جي ريگستان ۾ جتي نه فقط انسانن، پر پکيءَ پکڻ ۽ جانورن جون نظرون به پاڻيءَ جي هڪڙي بوند لاءِ اڀ ۾ کتل هونديون هيون ۽ ڪنهن ڪڪريءَ جي برسڻ بنا وڃڻ تي سندن اکيون برسي پونديون هيون. انهيءَ ساڳئي ٿر جي وارياسي سرزمين تي سارنگ اهڙا ساٺ ڪيا آهن، جو ماڻهو ٻڏي مئا آهن! بارشن جو گهڻو پاڻي لاڙ ڏانهن لڙي آيو آهي، جنهن ڪري بدين جي بربادي ته ڪنهن حساس دل ماڻهوءَ لاءِ ڏسڻ به ڏکي ٿي پئي آهي. بارشن جي اهڙي تباهي سنڌ واسين ڪڏهن سَٺي ته نه، ڏٺي به نه هئي، پر افسوس ته متاثرن جي هن مهل تائين ڪا جوڳي مدد به ناهي ٿي سگهي. سرڪار ته مياري آهي، پر ان کان وڌيڪ مياري اهي سڀ سياسي ۽ سماجي ڌريون به آهن، جيڪي پاڻ کي ”سنڌ دوست“
    سڏائيندي ناهن ٿڪبيون... اين جي اوز کي ته ميار ڏيڻ به اجائي آهي، جو انهن جو ڪردار اسان گذريل سال واري ٻوڏ ۾ به ڏسي چڪا آهيون. اين جي اوز اسان وٽ ڪنهن خدمت ۽ مصيبت ۾ واهر بجاءِ فقط ڪروڙين رپيا ڪمائڻ جو ڪاروبار بڻيل رهيون آهن ۽ ڊونر ايجنسين کان مليل ڊالر ڍوئينديون رهيون آهن!
    هونءَ ته اسان وٽ ايڌي، ڇيپا ۽ سيلاني ٽرسٽ جهڙا ادارا به آهن، پر اهي به گند جي ڍير تي ڦٽي ڪيل ڪنهن تازي ڄاول ٻار کي جيئدان ڏيڻ کان وٺي رستن تي مرندڙ انسانن کي ڪفن ڏيڻ جهڙو ڪم به فقط ڪراچيءَ ۽ ڪنهن حد تائين حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ ڪن ٿا. سنڌ جي ٻين شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ انسان ڏانهن ته سندن اک ئي نٿي کڄي ۽ انهن علائقن جا مسڪين ۽ لاچار ماڻهو ٻوڏ ۽ بارشن جي پاڻيءَ ۾ ڪولين ۽ ماڪوڙين جيان لڙهي وڃن ٿا، پر اهي ادارا سندن سهارا نٿا بڻجن. سيلاني ٽرسٽ جهڙن ادارن جي دستر خوان تان ته ڪنهن غير مسلم بکايل انسان کي ان بنياد تي به بکئي پيٽ اٿاري هڪليو وڃي ٿو ته، اهو بکايل انسان مسلمان ناهي. انسانيت جي خدمت واري اسلامي تصور جي ابتڙ اهڙي سوچ ۽ اهڙا رويا رکندڙ انهن ادارن مان اهڙي اميد ڪيئن رکجي ته اهي اڳتي وڌي لڙهندڙ، ٻڏندڙ ۽ مرندڙ سنڌ واسين جي ڪا واهر ڪري ماڻهپي جو مانءُ مٿانهون ڪندا! ايڌي صاحب ته نائن اليون کان پوءِ آمريڪا تائين وڃي به ”انسانيت جي خدمت“ ڪري ”ڏيکاري“ هئي، پر سنڌ جي ٻهراڙين وارا علائقا شايد کيس آمريڪا کان به پري، ڪو ڏوراهون ڏيهه لڳن ٿا، جو نه فقط گذريل سال واري ٻوڏ، پر هاڻوڪين موت مار بارشن ۾ به هو سنڌ جي آفت سٽيل عوام کي نظر ئي ناهي آيو!
    صدر آصف زرداري صاحب سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جي فضائي جائزي کان وٺي نواب شاهه جي رستن تي بيٺل پاڻيءَ ۾ پنڌ هلي به عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، هو عوامي اهنجن کان بي خبر ناهي. وزير اعظم صاحب قوم کي خطاب ڪري سنڌ ۾ 40 لک ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ ۽ انهن مان ڏيڍ لک ماڻهن کي ڪئمپن ۾ منتقل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. وزير اعظم صاحب جي انهيءَ بيان جو مطلب اهو به نڪري ٿو ته ساڍا اٺٽيهه لک ماڻهو اڃا به پاڻيءَ منجهه پساهه واري حالت ۾ آهن، سي به سرڪاري انگن اکرن مطابق! ٻئي طرف سنڌ جي وزير اعليٰ صاحب چيو آهي ته، ”برسات متاثر منهنجو گهيراءُ ڪري رهيا آهن، پر پوليس انهن کي ڪجهه به نه چوي، انهن احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي ڌڪا نه ڏنا وڃن“ بيشڪ سائين توهان جي بيان کي ته همدرديءَ جي زمري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ گهيريل ماڻهن جا اهنج دور نٿا ٿين ته، اهي توهان جو گهيراءُ ڪرڻ جي باوجود پوليس جي لٺين کان محفوظ رهي به مطمئن ته ڪونه ٿي ويندا، جو سندن ٻچا کليل آسمان هيٺان بک ۽ بيمارين جي ور چڙهيل آهن. جمعي واري ڪاوش ۾ ڇپيل اها خبر ته دل کي رت جا ڳوڙها روئارڻ جهڙي آهي، جنهن مطابق پنگريو لڳ وڻن جي چوٽين تي ويٺل ٻن خاندانن جا ڏهه ڀاتي وڏن آوازن سان مدد لاءِ سڏي رهيا هئا، پر ڏهه فوٽ پاڻي هجڻ سبب اتي ڪير به نه ويو ۽ نه ئي ڪا ريسڪيو ٽيم پهتي. ڇا اهي حالتون رابنسن ڪروسو کي پيش آيل حالتن کان وڌيڪ بدتر ناهن!؟
    بيشڪ ته سنڌ ۾ اڳي به اهڙيون بارشون ٿيون آهن، جن غريبن جي جهوپڙين کي جهوريو آهي، پر هيل اڀ ۾ آيل آگم جيڪي ڪلور ڪيا آهن، انهن جو ماضيءَ ۾ ڪو مثال ئي نٿو ملي. جيڪڏهن آگم جا اهڙا افعال شاهه سائين ڏسي ها، ته شايد سندس ”سر سارنگ“ ۾ خوشيءَ بجاءِ غم جو رنگ نظر اچي ها!ٰ
    مشڪلاتون مستقل ناهن هونديون. سنڌ واسين تاريخ جي هر دور ۾ مصيبتن سان منهن ڏنو آهي ۽ انهن مان پار به پيا آهن. هي ڏکيا ڏينهن به گذري ويندا. بادل به آخر ته برسي برسي ٿڪبا ۽ پاڻيءَ منجهه پساهه واري حالت ۾ ڦاٿل ماڻهو وري پنهنجن ڪکن ڏانهن به ورندا، پر پنهنجي ڪرڻي ته هر ڪنهن کي ڀرڻي ئي پوندي، جو عوام فقط ووٽ ڏيڻ ۽ جلسن ۾ تاڙيون وڄائڻ لاءِ پيدا ناهي ٿيو!
    ڪاري رات ڪڪر ڪوٺن تي
    جڏهن ڪندا تو وٽ گجگوڙون
    توکي سڏ نه ڏيندو ڪوئي!
    (شيخ اياز)


    اڱارو 13 سيپٽمبر 2011ع


    سنڌ مـُرڪي پئي!

    سنڌ مـُرڪي پئي!

    ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪيمپس ۾ سنڌي اديبن ۽ ساڃاهه وندن، سائين محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي روشن آئيندي جي اميد سان، ايلسا جي اڱڻ تي ڏيئا ٻاريا هئا ۽ مشعلون هٿن ۾ کنيون هيون ته فضائن ۾ سنڌ سان محبت جا گيت گونجڻ لڳا هئا. تڏهن مون کي شيخ اياز جون سٽون ياد اچي ويون هيون:
    گيت گلابي، جُهڙ جَهڙ وايون
    واسِي جن سان واٽ اسان
    ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان
    ليئا ليئا لاٽ اسان
    چوڌاري چمڪاٽ اسان...
    ان وقت سنڌ جي آسمان تي ستارا چمڪي رهيا هئا ته سنڌ جي زمين تي ڏيئا ٽمڪي رهيا هئا ۽ پل پل مشعل مشعل بڻجي پيو هو، پر چوڌاري چمڪاٽ ته مون 20 نومبر تي ڏينهن ڏٺي جو ڏٺا هئا، جڏهن صبح جو ننڊ مان جاڳي ٽي وي سيٽ آن ڪيو هئم. ٽي وي اسڪرين تي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ماڻهن جا هجوم هئا، جيڪي ايڪتا جي هڪڙي ئي مالها ۾ پوئيل هئا. ماڻهن جا اهي هجوم مختلف شهرن ۽ ماڳن مڪانن تي هوندي به هڪڙي ئي منزل طرف روان دوان هئا ۽ اها منزل ڪو ماڳ يا مڪان نه، پر اها سوچ ۽ اهو جذبو آهي، جيڪو سنڌ واسين جي دلين ۾ ايڪتا جي نالي سان پيدا ٿيو آهي.
    گهر کان ٻاهر نڪتس ته تبديل ٿيندڙ موسم سبب حيدرآباد جي هوائن ۾ ٿڌڪار سان گڏ، پنهنجي شهر جي رستن جا رنگ به مون تبديل ٿيل ڏٺا. ايڪتا جي مختلف آوازن ۽ نعرن سان گڏ هر طرف سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ جا روشن رنگ ٿي نظر آيا، جو سنڌي ٽوپيءَ ۾ ٽاڪيل ننڍڙا آئينا ۽ اجرڪ جون ڦلڙيون مون کي سدائين ستارن جيان ئي محسوس ٿيون آهن. نوجوانن کي هٿُ هٿَ ۾ ڏئي جهومندي ڏسي ۽ اجرڪ اوڍيل مائرن جي هنج ۾ سندن پتڪڙن پٽن جي مٿي تي جرڪندڙ سنڌي ٽوپيون ڏسي، مون کي ٻاهر جي موسم سان گڏ، سنڌ جي اندر جي موسم به تبديل ٿيندي محسوس ٿي.
    رُت بدلي آ
    باک ڦٽيءَ جا
    رنگ نچن ٿا
    رنڳ رڳ ۾ رَتُ ٽهڪي ٿو
    چاٻين جي ڇلي جيئن منهنجا
    انگ نچن ٿا
    رَتُ به ڄڻ ڪا ڪنجي آهي
    آزاديءَ جي دروازي جي
    جا مون ڳولي لڌي آهي!
    (شيخ اياز)
    پراڻي سوچ ۽ سسٽم کان آزاديءَ جو رستو فقط ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جي منزل طرف ئي وڃي ٿو. ان ڪري ضرورت فقط ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ سان محبت جا ٻه ڌار ڏينهن نه، پر هڪ گڏيل ڏينهن ملهايو وڃي. ٻه ڌار ڏينهن ملهائڻ بجاءِ اسان کي ٻه ته ٻارهن وارو مثال بڻجڻ گهرجي. جيڪڏهن ايڪتا جي ڏينهن جو سڏ ڏيندڙ علي قاضي ڪنهن کي نٿو وڻي ته انهن دوستن لاءِ فقط حضرت علي رضه جو اهو قول ورجائي سگهجي ٿو ته: ”اهو نه ڏسو ته هو ڪير آهي، پر اهو ٻڌو ته هو ڇا ٿو چوي.“
    ايڪتا جي آواز کي سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ اديبن جيڪا موٽ ڏني آهي، اها پاڻ هڪ مثال آهي. هن ڀيري ايڪتا جي ڏينهن تي ئي سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ تقريب رکي ايڪتا جو اظهار ڪيو. ايوارڊ تقريب جي پڄاڻيءَ تي حيدرآباد ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ کان، سائين محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي اديب ريليءَ جي صورت ۾ سنڌ ميوزيم طرف روانا ٿيا ته، رستي تي سامهون کان ايندڙ هڪ پوليس موبائيل مان به سنڌ جا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا!
    سنڌ سان محبت جا نعرا ۽ گيت ته سنڌ ميوزيم جي اڱڻ تي به گونجي رهيا هئا. ثقافت کاتي جي اسٽيج تي بيهي جڏهن محمد ابراهيم جويي صاحب قومي ايڪتا جي ڳالهه ڪئي ته هزارين ماڻهن جي رت سان گڏ سندن روح به گرمائجي ويا. اسٽيج تان لٿاسين ته جويي صاحب جو کاٻو هٿ محسن جويي جي هٿ ۾ هو ۽ ساڄو هٿ منهنجي هٿ ۾. ميوزيم جي دروازي طرف واپس ويندي، ڪيترن ئي نوجوانن اچي جويي صاحب جا پير ٿي ڇهيا ۽ ساڻس هٿ پئي ملايو، جنهن ڪري مجبور ٿي مون کي جويي صاحب جو هٿ ڇڏي، سندس ڪرائِي جهلي کيس سهارو ڏيڻو پيو. ٿورو اڳتي وڌياسين ته هڪ شخص اچي جويي صاحب سان هٿ ملايو. انهيءَ شخص جويي صاحب جو هٿ ڇڏيو ته انهيءَ شخص جي هنج ۾ موجود، سنڌي ٽوپي پهريل سندس پتڪڙي پٽ جويي صاحب ڏانهن هٿ وڌايو. جويو صاحب انهي پتڪڙي ٻار سان ملائي ۽ کيس پيار ڪري، ٻاراڻن ٻولن ۾ ساڻس ڳالهائڻ بيهي رهيو، ”الي الي منهنجا پيالا پٽلا....“ بيحد ٿڪل هئڻ جي باوجود جويو صاحب نوجوانن ۽ ٻارڙن سان ملندو، کلندو ۽ ڳالهائيندو اڳتي هلندو رهيو. ميوزيم جي در وٽ پهتاسين ته محسن، لينگويج اٿارٽيءَ جي پارڪنگ ۾ بيٺل ڪار کڻڻ هليو ويو ۽ جويي صاحب جو کاٻو هٿ عزيز ٽالپر جهلي ورتو. ڪار اچڻ ۾ دير ٿي. اوچتو جويي صاحب جي هٿ جو دٻاءُ منهنجي هٿ تي وڌي ويو. سندس چهري ڏانهن ڏٺم ته سندس اکيون بند ٿي ويون ۽ ڪنڌ جهڪي ويس. منهنجي دل کي ڌڪ لڳو ۽ مون رڙ ڪئي، ”اجرڪ وڇايو!“ هڪ نوجوان پنهنجي ڪلهي تان اجرڪ لاهي ميوزيم جي گيٽ وٽ ڇٻر تي وڇائي ڇڏيو. جويي صاحب کي اجرڪ تي ليٽايوسين ته بند اکين سان ليٽيل جويي صاحب طرف ڏسندي منهنجي دل جو دهڪو وڌي ويو. ذهن ۾ وسوسا جنم وٺڻ لڳا.... چڱي دير گذري وئي ۽ منهنجي دل وسامڻ لڳي... پر.... پر جويي صاحب جي بند اکين واري چهري تي آيل اوچتي مرڪ منهنجي دل کي جيئاري ڇڏيو. ٻئي لمحي جڏهن جويي صاحب اکيون کولي مرڪي مون ڏانهن ڏٺو ته ائين لڳو، ڄڻ ايڪتا جي ڏينهن تي سنڌ مرڪي پئي هجي!

    اڱارو 22 نومبر 2011ع










    ڪيڏارو: ڪربلا ۽ سنڌ جو!

    ڪيڏارو: ڪربلا ۽ سنڌ جو!

    ڪربلا جو واقعو دنيا جي تاريخ جو اهڙو واقعو آهي، جنهن جو سور صديون گذرڻ کانپوءِ به سوايو ئي ٿيندو رهيو آهي. ڪربلا جي ڪرب جتي دلين کي درد جي حقيقي ڪيفيتن سان آشنا ڪيو آهي، اتي انهيءَ ڪرب، قلمڪارن ۽ شاعرن جي قلم کي به حق ۽ سچ جو عَلم بڻائي ڇڏيو آهي. ڪربلا جي قضيي کي سنڌ جي شاعرن ”ڪيڏارو“ جي عنوان سان لکيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي جنگ جو ميدان. هونءَ ته سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن انهيءَ عنوان هيٺ، حق ۽ باطل جي وچ ۾ ٿيندڙ انهيءَ جنگ کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي، پر شاهه سائينءَ ساڳئي موضوع جي اهڙي عڪاسي ڪئي آهي، جو اهي منظر اڄ به ڏسي پَسي ۽ محسوس ڪري سگهجن ٿا:
    ڪربلا جي پِڙَ ۾، خيما کوڙيائون،
    جهيڙو يزيد سامهون، جُنبي جوڙيائون،
    منهن نه موڙيائون، پسي تاءُ ترار جو!
    ڪربلا جي پڙ ۾ جنگ جاري رهي. باطل اڳيان ڪنڌَ جهڪڻ بجاءِ ڪٽبا رهيا ۽ دنيا ۾ حق جي علامت بڻيل امام حسين عه جا سمورا ساٿي شهيد ٿي ويا، تڏهن اڪيلو هئڻ جي باوجود حسين عه سچ جي سيج تي سمهڻ خاطر پنهنجي گهوڙي تي چڙهي جنگ جي ميدان ۾ ڪاهي پيو:
    گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا!
    ڀٽائيءَ ڪربلا جي ميدان ۾ ويڙهاند جا ڪيترائي منظر چٽيا آهن، جن ۾ سِرَ ڌڙ کان ڌار ٿيندا رهن ٿا ۽ سسيون نيزي پاند نچن ٿيون. اهڙا عڪس چٽڻ کان پوءِ جڏهن شاهه سائين بهادر بيبين سڳورين جو ذڪر ٿو ڪري ته سندس شاعريءَ ۾ اهي عڪس ملن ٿا، جيڪي حق ۽ سچ جي راهه ۾ سينو تاڻي بيهڻ جي سگهه بخشين ٿا:
    ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهان،
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
    ته پڻ لڄ مران، جي هئنس پُٺِ ۾!
    شاهه سائين ڪيڏاري ۾ نه فقط ڪربلا جي ڪرب کي اوتيو آهي ۽ انهيءَ ڪرب جي درد کي اسان جي دلين تائين پهچايو آهي، پر هڪ عظيم شاعر جي حيثيت سان، هن مستقبل جي ظلمن سان به ويڙهاند جو اتساهه ڏنو آهي:
    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين!
    بيشڪ ته ڪربلا جا شهيد، شهادت جو جام پي امر ٿي ويا ۽ انهن سان وڙهندڙ ظالم چئن ڏينهن جي زندگيءَ کان پوءِ، سدائين لاءِ ملامتي بڻجي ويا. ساڳيو ظلم هر دور ۾ موجود رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيڏارو لکجڻ به بند ناهي ٿيو. جديد سنڌي شاعريءَ جي ڪيڏاري ۾ جتي ڪربلا جا عڪس ملن ٿا، اتي ڪيڏارو سنڌ جي سورن جو استعارو به بڻيل نظر اچي ٿو. اسان جي دور جي عظيم شاعر شيخ اياز، سنڌ جي حوالي سان ”ڪيڏارو“ لکيو آهي ۽ هن شاهه سائينءَ جي فڪر ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي ڪنڌارئون جوکو“ کي پنهنجي ”سُر ڪيڏارو“ ۾ ڪجهه هيئن اڳتي وڌايو آهي:
    سدا آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،
    ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي واه،
    متان سوچيو ساهَه، متان موٽو ماڳ کان!
    جتي سنڌ ڪيترن ئي ”نادر شاهن“ جي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار رهي آهي، اتي سنڌ ۾ حق ۽ سچ جي راهه تي سر قربان ڪندڙ امر انسان به جنم وٺندا رهيا آهن. مخدوم بلاول شهيد کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مائي بختاور شهيد کان شهيد بينظير ڀٽو تائين سنڌ به شهادت جا جام پيئندي رهي آهي ۽ انهن مهان انسانن سدائين سنڌ جي مٽيءَ جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي، جنهن جو اظهار شيخ اياز جي ڪيڏاري ۾ هيئن ملي ٿو:
    سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جئن انسان،
    وڙهندي مڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمائيا!
    ڪيڏارو شاهه لطيف جو چيل هجي يا شيخ اياز جو ۽ اهو ڪيڏارو ڪربلا جو هجي يا سنڌ جو، ان مان ڏس انهيءَ ويڙهه جو ملي ٿو، جيڪا باطل خلاف حق جي ويڙهه آهي، جيڪا ويڙهه ازل کان جاري آهي ۽ ابد تائين جاري رهڻي آهي. تڏهن ئي ته شاهه جي خيال ”هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار“ کي شيخ اياز به پنهنجي دور ۾ ڏٺو، محسوس ڪيو ۽ اڳتي وڌايو آهي:
    وڙهو وڙهو ويڙهئو! متان پُٺِ ڏيو،
    آهي پنڌ پيو، اڃا جيئڻ جيت ۾!


    اڱارو 6 ڊسمبر 2011ع


    سَڏَ پَڙاڏا

    سنڌي ٻوليءَ لاءِ ننڍڙا مظاهرا ۽ وسري ويل آسان سنڌي!

    سنڌي ٻوليءَ لاءِ ننڍڙا مظاهرا ۽ وسري ويل آسان سنڌي!

    سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ گذريل ٻن هفتن کان سنڌي ادبي سنگت پاران مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. ادبي سنگت جي پڌري ڪيل پروگرام مطابق مظاهرن جو اهو سلسلو اڃا ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو، پر اهم ترين سوال اهو آهي ته، ڇا هڪ تمام وڏي مسئلي تي اهي ننڍڙا مظاهرا ڪو نتيجو ڏئي سگهندا؟ بيشڪ سنڌ جي هن اهم مسئلي جي حوالي سان سنڌي ميڊيا ننڍڙن مظاهرن کي وڏي ڪوَريج ڏئي رهي آهي ۽ اڄوڪي دنيا ۾ ميڊيا جو ڪردار بيحد اهم به سمجهيو وڃي ٿو، پر اسان جي ملڪ ۾ ٻولين توڙي قومن کي انهن جا حق ايترو آسانيءَ سان ملڻ جو نڪو مثال موجود آهي ۽ نه ئي ڪو اهڙو امڪان نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ ته هن اهم مسئلي کان بيحد ننڍن مسئلن تي، هن تحريڪ کان وڌيڪ منظم ۽ نسبتاً وڏين تحريڪن به گهربل نتيجا ناهن ڏنا. خود سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجي ويجهي ماضيءَ واري ان تحريڪ تي به نظر وجهڻ گهرجي، جيڪا يارهن ڪلاس ۾ سنڌي نصاب لاڳو ڪرائڻ لاءِ هلائي وئي هئي ۽ جنهن جو ٻين ڪيترين علمي ادبي تنظيمن کان سواءِ ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا به ڀرپور ساٿ ڏنو هو.
    1972ع ۾ پ-پ جي پهرين حڪومت واري وقت ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جي منظور ٿيل بل جي فقري 4/15 مطابق ”اهڙن سڀني ادارن ۾، جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني پئي وڃي، سنڌي ۽ اردو لازمي مضمون جي حيثيت ۾ هوندا.“ انهيءَ بل تحت يارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن کي اردو ته پڙهائي وڃي ٿي، پر ان جي ابتڙ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي سنڌي نٿي پڙهائي وڃي! سنڌي شاگرد يارهين ڪلاس ۾ لازمي مضمون طور اردو پڙهن ٿا ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ کين سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، پر اردو ڳالهائيندڙ شاگرد ٻنهي سالن ۾ فقط اردو ئي پڙهن ٿا. 1972ع جو ٻوليءَ وارو بل سنڌي ٻوليءَ کي لاڳو ڪرڻ خاطر هو، پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ شاگردن کي ڪنڌ ۾ پئجي وئي اردو! مان يارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن جي اردو پڙهڻ جي مخالفت قطعي نٿو ڪريان، جو ٻوليون محبتن کي وڌائڻ جو وسيلو هونديون آهن، پر هي ته ڄڻ سنڌي ڳالهائيندڙن کي هڪ طرفي محبت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿو وڃي! 1972ع واري سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ قانون مطابق لازمي سنڌي سبجيڪٽ جي شروعات هيٺين سطح کان ٿيڻي هئي، جنهن مطابق اردو ڳالهائيندڙ ٻار پرائمري سطح تي چوٿين ۽ هاءِ اسڪول جي سطح تي ڏهين ڪلاس ۾ سنڌي پڙهن ٿا، ته پوءِ انهيءَ بل آڌار 1984ع کان لاڳو ٿيندڙ سنڌي سبجيڪٽ کي ڪاليج سطح تي شامل نه ڪرڻ جو، نيت جي سچائي نه هئڻ کان سواءِ ڪو ٻيو سبب ته سمجهه ۾ نٿو اچي!
    سنڌي ادبي سنگت پاران 5-2004ع ۾ سنڌي نصاب کي يارهين ڪلاس ۾ لاڳو ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي وئي هئي ۽ ادبي سنگت جي انهيءَ مطالبي کي هٿي ڏيندي، 2005ع ۾ سپلا پاران پهرين جولاءِ کان 18 جولاءِ تائين حيدرآباد ۾ بک هڙتال ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙ حقيقت پسند ڪاليجي استادن پڻ حصو ورتو هو. انهيءَ جي نتيجي ۾ 29 جولاءِ 2005ع تي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي، تعليم جي وفاقي وزارت کان يارهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ سنڌي ۽ اردوءَ جي اسڪيم آف اسٽڊيز جي گُهر ڪئي هئي، جنهن تي وفاقي وزارت جي ڪريڪيوليم ونگ 22 آگسٽ 2005ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ يارهين ڪلاس ۾ هڪ سئو مارڪن جي ”آسان اردو“، جيڪا سنڌي شاگرد اڳ ۾ ئي پڙهي رهيا هئا ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ 100 مارڪن جي ”آسان سنڌي“ جي اسڪيم آف اسٽڊيز جاري ڪئي وئي هئي. ان مطابق سنڌ جي سيڪريٽري تعليم 27 سيپٽمبر 2005ع تي يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ پڙهائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ”آسان سنڌي“ جو ڪتاب پڻ ڇپائي تيار ڪيو ويو هو، پر 14 آڪٽوبر 2005ع تي گورنر سيڪريٽريٽ مان مداخلت سبب اهو نوٽيفڪيشن رد ڪيو ويو هو! جنهن تي ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا پاران فيڪس وسيلي لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين سان رابطو ڪري کيس چيو هو ته، هو هن اهم مسئلي تي مداخلت ڪري، جيئن سنڌ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري وارو ماحول قائم ڪري سگهجي. الطاف حسين واعدو ڪيو هو ته يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ کي شامل ڪيو ويندو، پر سندس اهو واعدو ڪڏهن به پورو نه ٿيندڙ ”سياسي واعدو“ ئي ثابت ٿيو هو ۽ يارهين ڪلاس جي نصاب ۾ اڄ تائين ”آسان سنڌي“ جو مضمون شامل ٿي نه سگهيو آهي. جڏهن ته 2005ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران 30 هزارن جي تعداد ۾ ڇپايل ”آسان سنڌي“ وارو ڪتاب مارڪيٽ ۾ موڪلڻ بجاءِ گودام ۾ بند ڪري اڏوهيءَ جي حوالي ڪيو ويو هو. گودام ۾ بند ڪري وساري ڇڏيل هن ڪتاب جيان، اسان سنڌي نصاب جي انهيءَ مسئلي کي به وساري ڇڏيو آهي!
    سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته جيڪڏهن 1972ع جي ٻوليءَ واري منظور ٿيل بل جي باوجود ادبي سنگت، سپلا ۽ ٻين تنظيمن جي چڱي ڀلي تحريڪ به فقط يارهين ڪلاس ۾ آسان سنڌي جو نصاب لاڳو ڪرڻ جا نتيجا نه ڏئي سگهي، ته ڇا ان کان هزار دفعا وڏو، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ وارو مطالبو سنڌي ادبي سنگت جي ننڍڙن مظاهرن سان مڃجي ويندو!؟ بيشڪ ادبي سنگت سنڌيءَ سان گڏ پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ کي به قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. پر روڊن رستن تي ننڍڙن مظاهرن جي صورت ۾ به هي تحريڪ فقط سنڌ ۾ نظر اچي رهي آهي، باقي ٽنهي صوبن مان ته ڪنهن هڪڙي صوبي ۾ به، ڪنهن هڪڙي ننڍڙي مظاهري جي به ڪا خبر رپورٽ ناهي ٿي!
    ڪنهن به قوم کي سندس جائز حق ڏيڻ ڪو مسئلو نه هئڻ گهرجي، پر اسان جي ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان اهو ئي سڀ کان وڏو مسئلو رهيو آهي، جنهن ڪري سرحد صوبي جو نالو تبديل ڪري خيبر پختونخوا رکڻ به آسان ڳالهه نه هئي، پر اهو سياسي دٻاءَ جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. ڪالاباغ ڊيم وارو اشو به اسان جي سامهون آهي. ڪالاباغ ڊيم خلاف ٿيل جدوجهد ۾ جيتوڻيڪ خيبر پختون خواه به شامل رهيو، پر ان تحريڪ جي حقيقي اڳواڻي سنڌ ڪئي هئي ۽ سنڌي عوام، سموريون سياسي پارٽيون توڙي اسيمبلي ميمبر هڪ آواز ٿي بيٺا هئا ته ماضيءَ جي حڪومتن کي اهو اعلان واپس وٺڻو پيو هو. (تڏهن به ڪالا باغ ڊيم جو راڳ اڃا بند ناهي ٿيو، پر ان جو رينگٽ ڪڏهن ڪڏهن اڃا تائين به ٻڌجي ٿو!) ان ڪري ٻوليءَ جي معاملي تي به ننڍڙن مظاهرن ۽ اخباري بيانن بجاءِ ڪنهن منظم ۽ وڏي تحريڪ جي ضرورت آهي، جنهن جو دائرو روڊن رستن ۽ جلسي گاهن کان وٺي اسيمبلين جي ايوانن تائين ڦهليل هجڻ گهرجي. سنڌي توڙي ٻين ٻولين لاءِ قومي ٻولين جي درجي جو آخري معرڪو اسيمبلين جا ايوان ئي آهن. تنهن ڪري فقط روڊن تي بيهي رڙيون ڪرڻ سان گهربل نتيجا نه ملي سگهندا، پر انهن نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، چئني صوبائي اسيمبلين سان گڏ، خاص طور تي ملڪ جي قومي اسيمبليءَ جي وڌ کان وڌ ميمبرن کي قومي ٻولين واري هن تحريڪ جو حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي.

    اڱارو 15 فيبروري 2011ع


    اسٽريٽ ٿيٽر

    اسٽريٽ ٿيٽر

    اهي سڀ عورتون ۽ مرد هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. پوليس انهن ماڻهن تي لٺيون وسائي رهي هئي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل اڇلائي رهي هئي، جنهن ڪري ڌرتيءَ تان دونهي جا بادل اٿي رهيا هئا ۽ ڪٿي وري انهن ماڻهن کي واٽر ڪينن وسيلي پريشر سان پاڻي پئي هنيو ويو. اهو رستو ڄڻ جنگ جو ميدان بڻيل هو، پر اهو جنگ جو ميدان نه هو اهو ڪراچيءَ جي تاريخي درسگاهه ڊي جي ڪاليج جي سامهون وارو رستو هو ۽ پوليس لوفرن، ڏوهارين يا دهشت گردن تي نه، پر سنڌ جي مرد ۽ عورت پروفيسرن تي اهو تشدد ڪري رهي هئي! انهيءَ تشدد ۾ پروفيسرن جا ڪپڙا ڦاٽي رهيا هئا، هولٺين سبب زخمي ٿي رهيا هئا ۽ واٽر ڪينن جي پريشر واري پاڻيءَ جا ڌڪ لڳڻ سبب روڊ تي ڪري رهيا هئا.
    15 مارچ تي مون اهو منظر ٽي وي اسڪرين تي ڏٺو هو. منهنجي اندر جي ڊراما رائيٽر کي اهو سڄو منظر ڪنهن اسٽريٽ ٿيٽر جهڙو لڳو هو، پر بدقمستيءَ سان اهو زندگيءَ جو حقيقي منظر هو. انهيءَ تشدد کان پوءِ اهي عورتون ۽ مرد پروفيسر ٻن ڏينهن تائين ڊي جي ڪاليج جي سامهون روڊ تي ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا هئا. انهن پروفيسرن جي جسمن سان گڏ سندن دلين تي به انهن زخمن جا نشان اڄ تائين تازا آهن.
    15 مارچ واري انهيءَ ڏينهن تي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ جا ڪاليجي استاد، ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج ۾ گڏ ٿيا هئا ۽ انهن سرڪار طرفان مڃيل مطالبن جي نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ ڪري، ڊي جي ڪاليج کان پيپلز سيڪريٽريٽ تائين پر امن مارچ ڪرڻ ٿي گهريو، پر پوليس پروفيسرن جي پر امن احتجاج کي پرتشدد بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ سپلا جي مرڪزي صدر اطهر مرزا سميت ڏهن کان وڌيڪ پروفيسر نه فقط زخمي ٿيا ۽ ٻن پروفيسرن کي دل جو دورو پيو، پر سپلا اڳواڻن مطابق سڄي سنڌ مان 50 کان وڌيڪ ڪاليجي استادن کي گرفتار به ڪيو ويو. هڪ طرف ڪراچيءَ ۾ پروفيسرن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ته ٻي طرف ڄامشوري ۾، حيدرآباد سميت سڄي سنڌ کان ڪراچيءَ ويندڙ ٻين پروفيسرن جي رستا روڪ ڪري،
    سپرهائي وي تي ٽريفڪ ۾ خلل وڌو ويو ۽ سپر هاءِ وي کان موٽي ويل سنڌ جي ڪيترن شهرن کان آيل ڪاليجي استادن حيدرآباد ۾ وڃي مظاهرو ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
    سنڌ جي ڪاليجي استادن جي تنظيم سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ هلندڙ اها تحريڪ پهرين مارچ تي ڪراچيءَ ۾ ڪيل مظاهري کان شروع ٿي هئي. پهرين مارچ واري مظاهري کان پوءِ، ساڳئي ڏينهن تي پيپلز پارٽي سنڌ جنرل سيڪريٽري تاج حيدر (جيڪو ڊراما رائيٽر به آهي ۽ جنهن ڪنهن زماني ۾ پي ٽي ويءَ تان ڊراما سيريز ”پروفيسر“ پڻ لکي هئي ۽ پاڻ ئي انهيءَ ۾ پروفيسر جو ڪردار به ادا ڪيو هو.) تنهن پروفيسرن کي يقين ڏياريو هو ته سندن جائز مطالبا مڃيا ويندا، پر تاج حيدر جي ڳالهه به ڄڻ ڪنهن ڊرامي جو ڊائلاگ ئي بڻجي هوا ۾ اڏامي وئي، جنهن جو اڄ تائين ڪوبه نتيجو سامهون ناهي آيو. 5 مارچ تي سنڌ جي پروفيسرن نئين ديري ۾ ڊگري ڪاليج کان، صدارتي رهائش گاهه نئون ديرو هائوس تائين مارچ ڪري اتي ياداشت نامو به پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ 10 مارچ تي حيدرآباد ۾ پڻ اولڊ ڪيمپس کان مارچ ڪري ريڊيو پاڪستان اڳيان ڌرڻو هنيو ويو هو. هن وقت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪاليجي استادن جون بک هڙتالي ڪيمپون لڳل آهن ۽ 24 مارچ تي سپلا پاران ڪراچيءَ ۾ ريليءَ جو پروگرام رٿيل آهي.
    انهيءَ سڄي تحريڪ جي پس منظر ۾ جائزو وٺڻ سان اها ڳالهه آسانيءَ سان معلوم ٿي وڃي ٿي ته ڪاليجي استاد پنهنجي جائز حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سنڌ جا ڪاليجي استاد، بلوچستان جي ڪاليجي استادن جيان ٽائيم اسڪيل جو مطالبو ڪري رهيا آهن. بلوچستان ۾ ڪاليجي استادن کي ٽائيم اسڪيل تحت ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن 2 جولاءِ 2009ع تي جاري ٿيو ۽ 29- آڪٽوبر 2009ع تي ان تي عمل به ٿي ويو، پر سنڌ جا ڪاليجي استاد اهڙي جائز حق کان اڃا محروم آهن!. قصو فقط اتي ئي ڪوتاهه نٿو ٿئي، پر پر سنڌ جي ڪاليجي استادن کي 17 کان 18 گريڊ، 18 کان 19 گريڊ ۽ 19 کان ويهين گريڊ ۾ مليل پرموشنس جي باوجود ڪيتري وقت کان اهي پراڻين پگهارن تي ڪم ڪري رهيا آهن! ڪجهه پروفيسر ته پرموشن ملڻ باوجود، پوسٽنگ نه ٿيڻ سبب مٿئين گريڊ ۾ جوائن ڪرڻ کان اڳ ئي رٽائر به ٿي ويا آهن! اهڙي ئي هڪ رٽائر ٿي ويل پروفيسر کي ته مون اهو چوندي به ٻڌو ته، کيس ائين ٿو لڳي، ڄڻ اهو انهيءَ ننڍڙي ٻار جهڙو هجي، جنهن کي نقلي نوٽ ڏئي خوش ڪيو ويو هجي!
    بيشڪ سنڌ جي موجوده وزير تعليم پير مظهر الحق جي وقت ۾ ڪاليجي استادن جي پروموشن جا هڪ ٻئي پويان نوٽيفڪيشنس ته جاري ٿيا آهن، پر پوسٽنگ کان سواءِ اهڙا پروموشن بي لاڀ بڻجي ٿا پون. ڪجهه عرصو اڳ، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين سان گڏ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي استادن کي اپ گريڊ ڪيو ويو. تازو سنڌ جي پرائمري توڙي سيڪنڊري استادن کي به ٽائيم اسڪيل تحت 18 ۽ 19 گريڊ تائين جا مالي فائدا ڏنا ويا آهن. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته فقط سنڌ جا ڪاليجي استاد ئي سرڪار جي نظرن ۾ ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو جيان ڇو ٿي پيا آهن!؟ سوال ته سنڌ جي هاڪاري دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ به لاڙڪاڻي ۾ بک هڙتالي پروفيسرن جي ڪئمپ تي پهچي اٿاريو آهي ته ڪاليجي استادن جو ٽائيم اسڪيل وارو مطالبو سنڌ حڪومت مڃيو به هو، ته پوءِ ان تي عمل ڪرڻ بجاءِ استادن تي ظالماڻو تشدد ڇو ڪيو ويو؟
    سنڌ سرڪار کي ڪاليجي استادن جاجائز مطالبا بنا دير جي منظور ڪرڻ گهرجن ۽ استادن به اسٽريٽ ٿيٽر بجاءِ ڪلاسن ڏانهن واپس وڃڻ گهرجي.
    اڱارو 22 مارچ 2011ع


    سنڌي نصاب جو ٻڏل ٻيڙو ۽ تاريخ سان ٿيل هٿ چراند !

    سنڌي نصاب جو ٻڏل ٻيڙو ۽ تاريخ سان ٿيل هٿ چراند !

    ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪڙو ئي هيو يا ٻه هيا؟“ ٻارهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پنهنجي پٽ شهريار جي انهيءَ سوال تي مون کي حيرت به لڳي هئي ته پريشاني به ٿي هئي. منهنجي حيرت جو سبب ته سندس سوال ئي هيو ۽ پريشانيءَ جو سبب اهو هيو ته، نه فقط منهنجي پٽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي هڪ وڏي ليکڪ جي حيثيت سان سڃاتو ٿي، پر ڊاڪٽر صاحب سان سندس ملاقات به ٿيل هئي. ان جي باوجود هن مون کي حيران ۽ پريشان ڪندڙ اهو سوال پڇي ورتو هو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪڙو ئي هيو يا ٻه هيا!؟ سندس اهڙي سوال تي مون کي ڪاوڙ به لڳي، پر مون پنهنجي ڪاوڙ تي ضبط ڪندي کائنس پڇيو ته، هن اهڙو سوال ڇو پڇيو آهي؟ تڏهن هن پنهنجو ٻارهين ڪلاس جو سنڌي نصاب وارو درسي ڪتاب کولي منهنجي هٿ ۾ ڏنو. ڪتاب جي صفحي نمبر 118 تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مضمون ”عام سنڌي شاعري“ ڇپيل آهي ۽ مضمون جي مٿان ڊاڪٽر صاحب جو تعارف موجود آهي، جنهن ۾ اهو به لکيل آهي ته، ”سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙي ۽ سموهي، شايع ڪرڻ ۾، جا خدمت ڊاڪٽر صاحب سرانجام ڏني آهي، سا ڪڏهن به وسرڻ جوڳي ناهي.“ منهنجي پٽ اهي ٻه سٽون انڊر لائين ڪري ڇڏيون هيون. مون کائنس پڇيو ته هنن انڊر لائين ڪيل لفظن سان سندس سوال جو ڪهڙو تعلق آهي؟ تڏهن هن منهنجي هٿ مان ڪتاب وٺي، ساڳئي ڪتاب جو صفحو 36 کولي، ڪتاب واپس منهنجي هٿ ۾ ڏنو. انهيءَ صفحي تي ڇپيل جيڪي سٽون منهنجي پٽ جي هٿ سان انڊر لائين ٿيل هيون، اهي هي آهن، ”سنڌ جي اديبن، جهڙوڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وغيره جي ادبي ڪارنامن جي باري ۾ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه ٿيندي.“ اهي سٽون ڪتاب ۾ شامل ڪيل مضمون ”سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب“ جي آخري پئرا جون آهن، جيڪو مضمون ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي (مرحوم) جو لکيل آهي. هڪ ئي درسي ڪتاب ۾، هڪ ئي شخصيت بابت اهي ٻه متضاد ڳالهيون پڙهي، منهنجو پٽ مونجهاري جو شڪار ٿيو هو ۽ کيس خيال آيو هو ته، متان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نالي سان ”سينئر ۽ جونيئر“ جهڙيون ڪي ٻه شخصيتون هجن، جنهن ڪري هن مون کان اهو سوال پڇي ورتو هو ته، ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪڙو ئي هيو يا ٻه هيا!؟“
    سوال جو پس منظر واضح ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي پٽ تي آيل منهنجي ڪاوڙ نصاب جوڙيندڙ ڪاميٽين تي ڪاوڙ ۾ بدلجي وئي، جيڪي ڪاميٽيون سنڌ جي نئين نسل کي نه فقط مونجهارن جو شڪار بڻائينديون رهيون آهن، پر غلط معلومات به ڏينديون رهيون آهن. ڪجهه ڳالهين جي نشاندهي ته فقط ٻارهين ڪلاس واري انهيءَ سنڌي ڪتاب تي مٿاڇري نظر وجهڻ سان ئي ٿي وڃي ٿي. ٻارهين ڪلاس جو سنڌي ڪتاب اڳ ”سنڌي نصاب“ جي نالي سان هوندو هو، جنهن ۾ ذري برابر به ڪنهن تبديليءَ کان سواءِ، اهو ساڳيو ڪتاب 2010ع ۾ ”سنڌي لازمي“ جي نالي سان ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب جو هي ايڊيشن، انهن ڪتابن ۾ شامل آهي، جيڪي ڪتاب سنڌ سرڪار جي خرچ تي ڇپرائي، شاگردن ۾ مفت ورهايا ويا آهن ۽ انهن سڀني ڪتابن جي ٽائيٽل تي سنڌ حڪومت جي مونوگرام سان گڏ اهو به لکيل آهي ته هي ڪتاب وزير اعليٰ سنڌ جي طرفان تحفو آهي. وزير اعليٰ سنڌ طرفان، ٻارهين ڪلاس جي سنڌي شاگردن کي تحفي ۾ مليل هن ڪتاب جي ٽائيٽل مٿان لکيل آهي ”يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس لاءِ“ جڏهن ته يارهين ڪلاس ۾ سنڌي پڙهائي ئي نٿي وڃي! يارهين ڪلاس ۾ نه فقط سنڌي شاگرد اردو پڙهن ٿا، پر اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ شاگرد به اردو ئي پڙهن ٿا! جيتوڻيڪ 1972ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پهرين حڪومت واري دور ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جي منظور ٿيل بل مطابق، سنڌ ۾ رهندڙ اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ شاگردن کي يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ جو سبجيڪٽ لازمي طور تي پڙهڻو آهي، پر پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت هوندي به، اڄ ڏينهن تائين يارهين ڪلاس ۾ سنڌي سبجيڪٽ، قانون جي موجودگيءَ باوجود رائج ئي ناهي ڪرائي سگهي!
    ٻارهين ڪلاس جي انهيءَ ڪتاب ”سنڌي لازمي“ جي ٽائيٽل کان پوءِ جڏهن مضمونن جي فهرست تي نظر وجهجي ٿي ته، فهرست ۾ صفحن جا نمبر سنڌي/عربي انگن ۾ لکيل آهن، جڏهن ته ڪتاب جي صفحن تي وري سمورا نمبر انگريزي انگن ۾ ڏنل آهن، جيڪي پڻ شاگردن لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجن ٿا. ڪتاب کي اٿلائي ڏسجي ٿو ته ڪجهه مضمونن مٿان، مضمون کان اڳ ان جي ليکڪ جو مختصر، پر جامع تعارف ڏنل آهي، ته ڪجهه ليکڪن جو وري مضمون مٿان فقط نالو به ناهي ڏنو ويو! هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نويسي“ عبدالقيوم صائب جو لکيل آهي، جنهن ۾ صائب صاحب لکيو آهي ته ”ورهاڱي کان پوءِ هتي (سنڌ ۾) جيڪي ناول لکيا ويا آهن، تن ۾ ....فضل احمد بچاڻيءَ جو ”عاشي“....۽ صائب جو ”ڪوماڻو ڪنول“ ذڪر ڪرڻ جوڳا ناول آهن.“ جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ”عاشي“ اصلوڪو نه، پر مشهور انگريزي ناول ”She “ جو ترجمو آهي. انهيءَ کي ته کڻي صائب صاحب جي غلطي سمجهجي، جيڪا هن ڪتاب جي ٽن ايڊيٽرن کان به درست ٿيڻ کان رهجي وئي، پر انهيءَ ڳالهه کي ڪهڙو نالو ڏجي ته ”ڪو ماڻو ڪنول“ کي نه فقط عبدالقيوم صائب پنهنجو اصلوڪو ناول ڄاڻايو آهي، پر پنهنجي ئي مضمون ۾ ان کي سنڌي ٻوليءَ جو ذڪر جوڳو ناول به چئي ڇڏيو آهي! جڏهن ته اهو ناول سندس لکيل ئي ناهي، پر هو فقط ان ناول جو مترجم آهي ۽ انهيءَ ناول جو اصل ليکڪ جبران خليل جبران آهي. ٻارهين ڪلاس جي ڪتاب ”سنڌي لازمي“ جي نه فقط نثر واري حصي جي صورت حال افسوسناڪ آهي، پر هن ڪتاب جو نظم وارو حصو ڏسي به سخت افسوس ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاهه، سچل ۽ شاهه ڪريم سميت ڪجهه ٻين ڪلاسيڪل شاعرن سان گڏ ڪجهه غير اهم شاعرن جو ڪلام ته موجود آهي، پر شيخ اياز کان وٺي امداد حسينيءَ تائين جهڙن اهم شاعرن جو نالو نشان به نٿو ملي!
    سنڌ جي تعليم واري وزارت طرفان، آئين جي 18 ترميم تحت مليل اختيارن موجب سنڌ جي تعليمي نصاب ۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٽي ڏينهن اڳ سنڌ جي تعليم واري وزير پير مظهرالحق جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي سربراهيءَ ۾ تعليمي ماهرن ۽ دانشورن جي ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جا نالا ته سرڪار طرفان پڌرا ناهن ڪيا ويا، پر ڪاميٽيءَ جي سربراهه طور الانا صاحب جي نالي سبب هن دل کي اميد جو ڪو ڪرڻو نظر اچي ٿو ۽ مان سمجهان ٿو ته هن ڪاميٽيءَ جي حالت اهڙي نه هوندي، جهڙي ڪاميٽيءَ ۾ ڪي سال اڳ مون کي به شامل ڪيو ويو هو. ڪي سال اڳ نصاب ۾ تبديلين خاطر سڏايل ان اجلاس ۾ چانهن جا ديڳڙا ۽ بريانيءَ جون ديڳيون ته هيون، پر سڄو ڏينهن گذرڻ باوجود اهي ڪتاب ئي نه ڏنا ويا هئا، جن ۾ تبديليون تجويز ڪرڻيون هيون! جنهن ڪري ٽن ڏينهن واري انهيءَ اجلاس ۾، پهرين ڏينهن کان پوءِ مان شريڪ ئي نه ٿيو هوس، جو مون کي فقط پنهنجي موجودگيءَ جا پئسا وٺڻا نه هئا. اميد ته الانا صاحب جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ڪاميٽي نه فقط نصاب ۾ جديد دور جي تقاضائن مطابق حقيقي تبديليون ڪندي ۽ مخدوم بلاول کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مائي بختاور شهيد کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين جهڙين شخصيتن کي نصاب جو حصو بڻائيندي، پر اها ڪاميٽي درسي ڪتابن ۾ تاريخ سان ڪيل هٿ چراند کي درست ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، جنهن تحت قائد اعظم جي جنم هنڌ کي تبديل ڪري جهرڪ بدران ڪراچي لکيو ويو آهي!
    اڱارو 19 اپريل 2011ع


    جائز مطالبن کي مڃتا ضرور ملڻ گـُهرجي

    جائز مطالبن کي مڃتا ضرور ملڻ گـُهرجي

    سنڌ جي قانون واري وزير اياز سومري چيو آهي ته ”سنڌ سرڪار، سنڌ جي تعليمي بورڊن جا اختيار گورنر کان واپس وٺي، وڏي وزير کي ڏيڻ جو بل ٻيهر پاس ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.“ يقيناً هي هڪ اهم معاملو آهي، جيڪو ڪافي عرصي کان رولڙي جو شڪار رهيوآهي. باقي سڀني صوبن ۾ ته اهو معاملو گذريل حڪومت جي دور ۾ حل ٿي ويو هو ۽ سڀني صوبن ۾ تعليمي بورڊن جا اختيار اُتان جي گورنرن کان واپس وٺي صوبن جي وڏن وزيرن کي ڏنا ويا هئا، پر ساڳيو ئي ملڪ هئڻ جي باوجود سنڌ صوبي ۾ اهو ممڪن نه ٿي سگهيو هو! پيپلز پارٽيءَ جي موجوده حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ 2008ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ پاران اهڙو بل پاس ڪري منظوريءَ لاءِ سنڌ جي گورنر ڏانهن موڪليو ويو، پر گورنر صاحب ڪيتري عرصي تائين اهو بل پاڻ وٽ رکي ڇڏڻ کان پوءِ نيٺ اهو چئي واپس ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ جا تعليمي بورڊ گورنر وٽ ئي رهڻ گهرجن ۽ پوءِ اهو معاملو ”مفاهمت جي پاليسيءَ“ تحت دٻيل ئي رهيو، جو سنڌ سرڪار پنهنجي شهري ساٿارين جي سهڪار کي وڃائڻ نه پئي چاهيو.
    سنڌ ۾ شهري ساٿارين جي غير سهڪاري رويي سبب ڪيترائي اهم معاملا رڪيل رهيا. جيئن باقي سڀني صوبن ۾ ته ڪمشنري نظام رائج ٿي چڪو هو، پر فقط سنڌ ۾ شهري ساٿارين جي هوڏ سبب اهو نظام رائج نه پئي ٿيو، جو سنڌ سرڪار پنهنجي شهري ساٿارين کي ناراض نٿي ڪرڻ چاهيو. هر معاملي تي ”مين نا مانون“ جو راڳ آلاپيندڙ شهري ساٿاري جڏهن پاڻ ئي سنڌ سرڪار کان ڌار ٿي ويا، تڏهن سنڌ سرڪار نه فقط ڪمشنري نظام بحال ڪري ڇڏيو، پر ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي اڳوڻي ضلعي حيثيت کي بحال ڪرڻ جهڙو چڱائيءَ جو ڪم به ڪري ورتو. ان کان هڪدم پوءِ سنڌ جا تعليمي بورڊ گورنر کان واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ سنڌ واسين جو پراڻو مطالبو هو. ڪالهوڪي ڪاوش ۾ به سنڌ جي ڪاليجي استادن جي تنظيم سپلا جي مرڪزي صدر پروفيسر اطهر مرزا ۽ ٻين عهديدارن جو اهڙو بيان ڇپيو آهي، جنهن ۾ انهن اهڙي ساڳئي مطالبي کي ورجايو آهي ته تعليمي بورڊن جا اختيار گورنر کان واپس وٺي سنڌ حڪومت حوالي ڪيا وڃن. هتي اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته سپلا جي مرڪزي صدر جو تعلق پڻ ڪراچيءَ ۽ اردو ڳالهائيندڙ طبقي سان آهي. حقيقت اها آهي ته سنڌ جي روشن خيال استادن سدائين حقيقت پسند ٿي سوچيو آهي، جنهن ڪري ئي يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ سبجيڪٽ رائج ڪرائڻ واري جدوجهد ۾ پڻ ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ پروفيسر به شامل رهيا آهن ۽ انهن انهيءَ مقصد خاطر بک هڙتالن ۾ پڻ حصو ورتو هو.
    مون ڪجهه مهينا اڳ به ”مين نا مانون“ واري انڪاري رويي جو شڪار ٿيل ”آسان سنڌي“ سبجيڪٽ جي حوالي هڪ ڪالم لکيو هو ۽ اڄ سنڌ سرڪار جي ذميوار شخصيتن جي يادگيريءَ خاطر وري به ان ڳالهه کي ورجايان ٿو ته، 1972ع ۾ پ-پ جي پهرين حڪومت واري وقت ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ جي منظور ٿيل بل جي فقري 15/4 مطابق ”اهڙن سڀني ادارن ۾، جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني پئي وڃي، سنڌي ۽ اردو لازمي مضمون جي حيثيت ۾ هوندا.“ انهيءَ بل تحت يارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن کي اردو ته پڙهائي وڃي ٿي، پر ان جي ابتڙ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي سنڌي نٿي پڙهائي وڃي! سنڌي شاگرد يارهين ڪلاس ۾ لازمي مضمون طور اردو پڙهن ٿا ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ کين سنڌي پڙهائي وڃي ٿي، پر اردو ڳالهائيندڙ شاگرد ٻنهي سالن ۾ فقط اردو ئي پڙهن ٿا. 1972ع جو ٻوليءَ وارو بل، سنڌي ٻوليءَ کي لاڳو ڪرڻ خاطر هو، پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ شاگردن کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي اردو! مان يارهين ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن جي اردو پڙهڻ جي مخالفت قطعي نٿو ڪيان، جو ٻوليون محبت کي وڌائڻ جو وسيلو هونديون آهن، پر هي ته ڄڻ سنڌي ڳالهائيندڙن کي هڪ طرفي محبت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿو وڃي! 1972ع واري سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ قانون مطابق سنڌي سبجيڪٽ جي شروعات هيٺين سطح کان ٿيڻي هئي، جنهن مطابق اردو ڳالهائيندڙ ٻار پرائمري سطح تي چوٿين ۽ هاءِ اسڪول جي سطح تي ڏهين ڪلاس ۾ سنڌي پڙهن ٿا، ته پوءِ انهيءَ بل آڌار 1984ع کان لاڳو ٿيندڙ سنڌي سبجيڪٽ کي ڪاليج سطح تي شامل نه ڪرڻ جو ”شهري ڀائرن“ جي نيت جي سچائي نه هئڻ کان سواءِ ڪو ٻيو سبب ته سمجهه ۾ نٿو اچي!
    سنڌي ادبي سنگت پاران 5-2004ع ۾ سنڌي نصاب کي يارهين ڪلاس ۾ لاڳو ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي وئي هئي ۽ ادبي سنگت جي انهيءَ مطالبي کي هٿي ڏيندي 2005ع ۾ سپلا پاران پهرين جولاءِ کان 18جولاءِ تائين حيدرآباد ۾ بک هڙتال ڪئي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 29 جولاءِ 2005ع تي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي، تعليم جي وفاقي وزارت کان يارهين ڪلاس جي شاگردن لاءِ سنڌي ۽ اردو جي اسڪيم آف اسٽيڊيز جي گهر ڪئي هئي، جنهن تي وفاقي وزارت جي ڪريڪيوليم ونگ 22 آگسٽ 2005ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن لاءِ يارهين ڪلاس ۾100 مارڪن جي ”آسان اردو“ (جيڪا سنڌي شاگرد اڳ ۾ئي پڙهي رهيا هئا) ۽ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ 100 مارڪن جي ”آسان سنڌي“ جي اسڪيم آف اسٽيڊيز جاري ڪئي وئي هئي. ان مطابق سنڌ جي سيڪريٽري تعليم 27 سيپٽمبر 2005ع تي يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ سبجيڪٽ پڙهائڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو هو، جنهن تحت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ”آسان سنڌي“ جو ڪتاب پڻ ڇپائي تيار ڪيو ويو هو، پر 14 آڪٽوبر 2005ع تي گورنر سيڪريٽيريٽ مان مداخلت سبب اهو نوٽيفڪيشن رد ڪيو ويو هو، جنهن ڪري يارهين ڪلاس ۾ اڄ تائين ”آسان سنڌي“ جو سبجيڪٽ رائج ٿي نه سگهيو آهي.
    تعليمي بورڊن وارو مامرو بيشڪ اهم آهي ۽ اهو اختيار سنڌ حڪومت کي ئي ملڻ گهرجي، پر يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ سبجيڪٽ کي رائج ڪرڻ ته ان کان به وڌيڪ اهميت جوڳو ڪم آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليمي بورڊن کي گورنر کان واپس وٺڻ سان گڏوگڏ، بنا ڪنهن دير جي يارهين ڪلاس ۾ ”آسان سنڌي“ سبجيڪٽ کي به رائج ڪيو وڃي، جنهن جو بل ته اڳي ئي پاس ٿيل آهي ۽ هاڻي فقط ان جو هڪ نئون نوٽيفڪيشن ئي جاري ڪرڻو آهي، جنهن سان نه فقط سنڌ واسين جو هڪ ٻيو پراڻو جائز مطالبو پورو ٿيندو، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومتي دور ۾ ڪيل فيصلي تي عمل به ٿي سگهندو.
    اڱارو 12 جولاءِ 2011ع





    ريڙهن تي وڪامندڙ مارڪُون!

    ريڙهن تي وڪامندڙ مارڪُون!

    هڪ استاد جي حيثيت سان گذريل پنجويهن سالن ۾ مون کي ڏاڍا دلچسپ توڙي افسوس جهڙا تجربا ۽ مشاهدا به ٿيا آهن. ويهارو سال اڳ مون فرسٽ ايئر جي هڪ شاگرد جي سليس اردو سبجيڪٽ واري نهايت سهڻن اکرن سان سڄي ڀريل ڪاپي ڏسي، کيس زيرو مارڪون ڏيئي فيل ڪري ڇڏيو هو. منهنجو مهربان ۽ سينيئر دوست، هالا وارو ڊاڪٽر ممتاز بخاري هيڊ اگزيمنر هو. بخاري صاحب اها ڪاپي واپس آڻي منهنجي ٽيبل تي اڇلي چيو، ”يار، اهڙو ظلم... اهڙو انڌير ڪبو آهي!“ بخاري صاحب سان منهنجو اڄ تائين حجت وارو تعلق آهي. کيس مرڪي چيو هئم، ”سائين، منهنجي نظر ته بلڪل ٺيڪ آهي پر شايد توهان کي پنهنجي چشمي جو نمبر بدلائڻ جي ضرورت آهي!“ بخاري صاحب پيار ڀري ڪاوڙ مان مون ڏانهن ڏسي، ساڳئي ڪاپي کڻي ڌيان سان ڏٺي ته کانئس ٽهڪ نڪري ويو هو. مڪمل لکيل ڪاپيءَ جي هر سوال جي جواب ۾ ٻن ٽن صفحن تي ورجائي ورجائي فقط ٽي لفظ لکيا ويا هئا، ”کُڙدانا، بُڙدانا، ُمڙدا!“ سڄي جو سڄي ڪاپي فقط انهن ٽن بي مطلب لفظن سان ڀريل هئي! ( انهن لفظن کي بي مطلب ان ڪري به چئي رهيو آهيان ، جو هي آرٽيڪل لکڻ کان پهرين مون انهن لفظن بابت مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ليکڪن کان به ڄاڻ ورتي هئي.)
    سو هن دلچسپ ۽ افسوس ناڪ ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ کان پهرين اها ڳالهه ڪندو هلان (مون کي ته لکڻو آهي، هلان وري ڪيڏانهن!) ته انهيءَ زماني ۾ فرسٽ ايئر جو سليس اردو سبجيڪٽ پڙهائيندا به سنڌي سبجيڪٽ جا استاد هئا ته انهيءَ سبجيڪٽ جون ڪاپيون به سنڌي سبجيڪٽ جا استاد ڏسندا هئا. فرسٽ ايئر سليس اردو سبجيڪٽ پڙهندڙ سنڌي شاگرد هوندا آهن ۽ ڪاليج سطح تي کين انٽر ۾ پهچي پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ جو سبجيڪٽ پڙهڻ لاءِ نصيب ٿيندو آهي! جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ شاگرد ٻئي سال اردو ٻوليءَ جو سبجيڪٽ ئي پڙهن ٿا!! اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي فرسٽ ايئر ۾”سليس سنڌي“ پڙهائڻ جا ماضيءَ ۾ قانون به پاس ٿيا، ڪي سال اڳ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ فرسٽ ايئر جي سليس سنڌي سبجيڪٽ واري ڪتاب جون ڏهه لک ڪاپيون به ڇپجي تيار ڪيون، پر سليس سنڌي جو سبجيڪٽ لاڳو ٿي نه سگهيو ۽ ڪتاب جون اُهي ڏهه لک ڪاپيون الاءِ ته اڏوهي کائي وئي يا اُهي رديءَ ۾ وڪرو ٿي ويون!
    مون ڳالهه پئي ڪئي فرسٽ ايئر جي سليس اردو واري شاگرد جي، جنهن اردو الفابيٽ سان فقط ٽي اکر ”کُڙدانا، بُڙدانا، مُڙدانا“ لکي سڄي ڪاپي ڀري ڇڏي هئي ۽ مون کيس زيرو مارڪون ڏيئي فيل ڪري ڇڏيوهو. ٻئي سال وري مون انٽر جي سنڌي سبجيڪٽ جي هڪ مڪمل طور تي ڀريل ڪاپيءَ تي زيرو مارڪون ڏيئي فيل ڪري ڇڏيو. سائين ممتاز شاهه بخاريءَ وري اچي اها ڪاپي منهنجي اڳيان اڇلائي هئي، ”يار، اهڙو قهر ته نه ڪندو ڪر!“ مُرڪي چيو هئم،
    ”سائين مهرباني ڪري انهيءَ ڪاپيءَ کي پڙهي ڏسو.“ شاهه صاحب ڪاپيءَ کي اٿلايو ته کانئس گذريل سال کان به وڏو ٽهڪ نڪري ويو. اها ڪاپي انهيءَ گذريل سال واري ساڳئي شاگرد جي هئي، جنهن تي هن ڀيري سنڌي سبجيڪٽ هئڻ سبب ساڳيا ئي فقط ٽي لفظ ”کُڙدانا، بُڙدانا، مُڙدانا“ ورجائي ورجائي سنڌي الفابيٽ ۾ لکيا ويا هئا ۽ انهيءَ شاگرد جي قسمت خراب هئي، جو ٻئي سال به اتفاق سان سندس ڪاپي منهنجي وَر چڙهي وئي! پر هتي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو شاگرد فرسٽ ايئر ۾ کڙدانا، بڙدانا، مڙدانا جي ذريعي ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ ۾ ضرور پاس ٿي ويو هوندو، نه ته هو انٽر ۾ ٻيهر اهڙي حرڪت شايد نه ڪري ها.
    مسٽر کڙدانا بڙدانا مڙدانا ته اتفاقي طور ٻئي دفعا جهلجي پيو، پر حقيقت اها آهي ته بورڊ جي موجوده سسٽم ۾، امتحاني ڪاپيون چيڪ ٿيڻ واري عمل ۾ شاگردن سان انصاف نٿو ٿئي. هڪ ممتحن کان هڪڙي ڏينهن جي چند ڪلاڪن اندر چاليهه پنجاهه ڪاپيون چيڪ ڪرايون وڃن ٿيون، جنهن ڪري ٽن ڪلاڪن ۾ لکيل ڪنهن شاگرد جي ٻارهن يا سورهن صفحن واري هڪ ڪاپي چيڪ ڪرڻ لاءِ، مجموعي طور تي فقط ٽي منٽ ئي ملن ٿا. انهن ٽن منٽ مان به گهٽ ۾ گهٽ هڪ منٽ رزلٽ شيٽ ٺاهڻ ۾ هليو وڃي ٿو. اهڙي حالت ۾ ڪنهن انصاف جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي.
    حيدرآباد بورڊ تي غير لاڳاپيل استادن کان ڪاپيون چيڪ ڪرائڻ جو الزام به لڳو آهي، جنهن ۾ به وزن آهي. ڪاپيون چيڪ ڪندڙ سبجيڪٽ جي استادن جو ڪو معيار ته نٿو ڏٺو وڃي، پر انهيءَ عمل ۾ ڪي ”ايرا غيرا ۽ نٿو خيرا“ به شامل رهيا آهن. هڪ دفعي نامياري ليکڪ پروفيسر شمس الدين عرساڻي صاحب هيڊ ايگزيمنر جي حيثيت سان هڪ ”نٿو خيري“ جون چيڪ ڪيل ڪاپيون مون کي ڏيکاريندي چيو هو ته ، ”هي ڏس .... هتي اهڙ ا ڪلور به ٿين ٿا!“ مون اهي ڪاپيون کڻي ڏٺيون هيون ته منهنجي مٿان حيرتن جو پهاڙ اچي ڪريو هو. اسلاميات جي پيپر ۾ ٽي سوال ۽ پنجاهه مارڪون هيون، جن کي انهيءَ نٿو خيري صاحب سنڌي سبجيڪٽ جي ستن سوالن مطابق هڪ سئو مارڪن سان چيڪ ڪيو هو! سڄيون ساريون ست ڪاپيون چيڪ ڪرڻ کانپوءِ نٿو خيري صاحب کي احساس ٿيو هو ته هن سنڌي سبجيڪٽ سمجهي جيڪي ڪاپيون چيڪ ڪيون آهن، اُهي سنڌي جي سبجيڪٽ جون نه پر اسلاميات جون آهن. نه فقط اهو، پر ڪاپين تي لکيل ٽن سوالن جي جاءِ تي هن وچ وچ ۾ مارڪون لکي ٽن کي ست سوال به بڻائي ڇڏيو آهي!
    هڪ طرف هزارين مسڪين ۽ بي پهچ ٻار فيل ٿي وڃن ٿا ته ، ٻئي طرف مارڪن جو ڪاروبار به حيدرآباد بورڊ جي دروازي تي بيٺل، بريانيءَ جي ريڙهن جيان هلي ٿو. بورڊ جي گيٽ ٻاهران ئي مارڪون خريد ڪري ڏيندڙ ايجنٽن جون خبرون به وقت بوقت اخبارن ۾ لڳنديون رهيون آهن، تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ مارڪون به کارڪُن جيان ريڙهن تي وڪامي رهيون آهن! ڳالهه فقط اتي ئي دنگ نٿي ڪري، پر هاڻي ته سڄو بورڊ ئي کُڙدانا، بُڙدانا، مُڙدانا ٿي ويو آهي. نه فقط حيدرآباد، پر سنڌ جي ٻين تعليمي بورڊن جي حالت به لڳ ڀڳ هڪ جهڙي آهي. تنهن ڪري حيدرآباد سميت سنڌ جي سڀني تعليمي بورڊن ۾ وڏي تبديليءَ جي ضرورت آهي. مان هتي انقلابي تبديليءَ جو لفظ ان ڪري نٿو استعمال ڪيان، جو انقلاب جو لفظ اسان جي سماج ۽ سياست ۾ پنهنجي معنى ئي وڃائي ويٺو آهي.

    روزانه “ عوامي آواز “
    2 ــ آگسٽ 2014ع



    آرسي

    بدمعاش کي چماٽ ضرور لڳڻ کپي!

    بدمعاش کي چماٽ ضرور لڳڻ کپي!

    سونهري وارن واري قدآور ڇوڪري منهنجي اڳيان هلي رهي هئي. انتهائي رش هئڻ باوجود جينز جي پينٽ پاتل هڪ نوجوان ساڻس گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. رش سبب ڪنهن مهل نوجوان ٿورو به اڳتي يا پوئتي ٿي پئي ويو ته وري هن پنهنجي رفتار گهٽ وڌ ڪري ڇوڪريءَ سان قدم ملائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جنهن ڪري ايئن پئي لڳو ته هو ٻئي گڏ آهن. مون کي ڏاڍي تڪڙ هئي ۽ مون ٻه ٽي ڀيرا انهيءَ جوڙي کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻه طرفي رش سبب اڳتي نه نڪري سگهيس ۽ پويان هلڻ تي ئي مجبور رهيس. اوچتو نوجوان جو ڪلهو ڇوڪريءَ کي لڳو ته هن هڪدم ڪنڌ ورائي نوجوان طرف ڏٺو. نوجوان پنهنجي رفتار ٿورو گهٽائي ڇوڪريءَ جي پويان ٿي ويو، تڏهن مون کي احساس ٿيو ته جنهن کي مون جوڙو ٿي سمجهيو، تن جو ڪو جوڙ ئي ناهي. بهرحال، ڇوڪريءَ وري خاموشي سان اڳتي هلڻ شروع ڪيو هو. گهڻي رش ۾ اهڙا واقعا عام ٿين ٿا، ان ڪري ڇوڪريءَ به ڪجهه ڪو نه ڪڇيو. هاڻي اها حسين ڇوڪري اڳيان هلي رهي هئي، سندس پويان اُهو ئي نوجوان هلي رهيو هو ۽ آئون نوجوان جي پٺيان هلي رهيو هوس. اوچتو مون ڏٺو ته فطري انداز سان ٻانهون لوڏي هلندڙ نوجوان، ڇوڪريءَ سان ڄاڻي واڻي هٿ کس ڪئي! جيستائين آئون نوجوان کي ان حرڪت تي ڪالر مان وٺان، تنهن کان اڳ ئي ڇوڪريءَ هڪدم پوئتي منهن ورائي، نوجوان کي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي. چماٽ لڳڻ سان نوجوان اک ڇنڀ ۾ ڀر واري سنهڙي گهٽيءَ ۾ گولي ٿي ويو. اهو سڀ ڪجهه چئن پنجن سيڪنڊن اندر ٿيو هوندو. ان مهل ان سهڻي ڇوڪريءَ جي چهري تي ڪاوڙ سان گڏ ڏک جو تاثر به هو. مون ڇوڪريءَ طرف ڏسندي چيو هو، ”توهان بلڪل صحيح ڪيو آهي، ايئن ئي ڪرڻ کپندو هو توهان کي!“ تڏهن سندس چهري تي مرڪ ڦهلجي ويئي ۽ خوبصورت ڇوڪري، مرڪندي، ويتر خوبصورت بڻجي، اڳتي وڌي ويئي هئي.
    اهو واقعو ڪجهه سال اڳ جو آهي، جيڪو حيدرآباد جي ريشم گهٽيءَ ۾ پيش آيو هو. اهڙا بيشمار واقعا رش وارن هنڌن تي روز پيش ايندا رهن ٿا. ان ڏينهن به حيدرآباد جي ساڳي ئي ريشم گهٽيءَ ۾ اهڙا ٻيا واقعا به پيش آيا هوندا ۽ اڄ جڏهن آئون هي سٽون سرجي رهيو آهيان، تڏهن به ڪٿي نه ڪٿي اهڙي قسم جا واقعا ٿي رهيا هوندا، پر انهن بيشمار واقعن ۾، ايئن گهٽ ٿئي ٿو ته ڪا ڇوڪري يا عورت، ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙ بدمعاش کي چماٽ وهائي ڪڍي ٿي. چماٽ لڳڻ وارن اهڙن گهٽ واقعن مان وري تمام گهٽ، اتفاق سان ئي، ڪو اهڙو واقعو اخبارن ۾ رپورٽ ٿئي ٿو، جو نه ته اهڙين جاين تي هر وقت ڪو رپورٽر موجود هوندو آهي ۽ نه ئي اهڙن واقعن تي اسان وٽ ڪو وڌيڪ احتجاج ٿئي ٿو. اسان جي سماجي نظام سبب، ڪيتريون عورتون ته ڇيڙ ڇاڙ وارن اهڙن واقعن تي چاهيندي به، پنهنجي شرافت سبب، هڪڙي چماٽ هڻڻ جيترو ردعمل به ظاهر نه ٿيون ڪن ۽ زهر جو ڍڪ ڀري، ڪنڌ جهڪائي، خاموشيءَ سان اڳتي وڌي وڃن ٿيون. اهي سمجهن ٿيون ته ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙ بدمعاش کي چماٽ هڻڻ توڙي ٻين ماڻهن هٿان بدمعاش جي جهلجي پوڻ سان، کين پاڻ به تماشو بڻجڻو پوندو، جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي مرضيءَ جي خريداري پاڻ ڪرڻ لاءِ گهر وارن طرفان مليل ٿورڙي آزادي به کانئن کسجي سگهي ٿي. پنهنجي مرضي ۽ پسند جي خريداريءَ لاءِ ڪنهن مارڪيٽ وڃڻ جيتري آزادي به سنڌ ۾ گهٽ عورتن کي حاصل آهي، سا به فقط شهرن ۾. ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ سنڌي عورتن جي تمام وڏي اڪثريت لاءِ ته پنهنجي خريداري پاڻ ڪرڻ واري ڳالهه ڪنهن خواب وانگر ئي آهي!
    ريشم گهٽيءَ جي نالي سان، ڪنهن زماني ۾ ته سنڌ جي فقط هڪڙي شهر حيدرآباد ۾ ئي اهڙي بازار هئي، جتي لٽي ڪپڙي ۽ ميڪ اپ جي سامان کان وٺي، عورتن جي ضرورت جي هر شيءِ ملندي هئي، پر هاڻي انهيءَ ساڳي ريشم گهٽيءَ جي نالي سان لاڙڪاڻي ۾ به عورتن جي خريداريءَ لاءِ بيشمار دڪانن ۽ مارڪيٽن تي مشتمل مرڪز موجود آهي، ته قمبر جهڙي ننڍڙي شهر ۾ به هڪ ننڍڙي ريشم گهٽي آهي. ممڪن آهي ته ساڳئي نالي سان سنڌ جي ڪجهه ٻين شهرن ۾ به اهڙا مرڪز جڙيا هجن، نه ته به نوابشاهه جي موهني بازار جيان، سنڌ جي هر اهم شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن نالي سان عورتن جي خريداريءَ جا نوان نوان مرڪز جڙندا رهيا آهن، ۽ انهن مرڪزن جي شروعات، ڪنهن به شهر جي ڪمرشل ايريا بجاءِ، رهائشي علائقن جي ڪنهن پاڙي ۾ هڪڙو دڪان کلڻ سان ٿئي ٿي. ريشم گهٽيءَ جي نالي واري حوالي سان، حيدرآباد جي ريشم گهٽيءَ کانپوءِ، لاڙڪاڻي جي ريشم گهٽي عورتن جي خريداريءَ جو سنڌ ۾ ٻيو وڏو مرڪز آهي. منهنجي سانڀر ۾ ان علائقي جي ناريجا اسٽريٽ وٽ ڪنهن زماني ۾ عورتن جي خريداريءَ لاءِ فقط هڪڙو ئي دڪان هو، جنهن کي ”مينگهي جي ڪوٺي“ چيو ويندو هو. ان دڪان کي عام دڪانن جيان شٽر وارو وڏو ۽ ويڪرو در نه هوندو هو، پر ٽن فٽن جي ويڪر وارو هڪ ننڍڙو در هوندو هو، جنهن تي پڻ پردو لڳل هوندو هو. ٻالڪپڻ ۾ ڪيترائي ڀيرا امڙ جي چيچ پڪڙي منهنجو به مينگهي جي ڪوٺيءَ تي وڃڻ ٿيو هو. نڪ تي ٿلهن شيشن واري نظر جي عينڪ چڙهيل، ننڍي قد ۽ اڇي مٿي وارو هندو دڪاندار مينگهو هر عورت سان امان، ٻچا، ڀيڻ ۽ پٽ ڪري ڳالهائيندو هو. وٽس عورتن جي ضرورت جي هر شيءِ موجود هوندي هئي ۽ مرد خريدارن کي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي. ساڳئي وقت سندس دڪان تي سامان به رعايتي اگهه تي ملندو هو. جڏهن سندس دڪان تي رش ويئي وڌندي،ته ڀرسان هڪ ٻيو دڪان کليو ۽ پوءِ مينگهي جي انهيءَ هڪڙي دڪان جي ڀرپاسي ۾ ٻيا ڪيئي دڪان کلندا ئي ويا. مينگهي واري علائقي جي ماڻهن يا ته پنهنجا گهر وڏين قيمتن تي وڪرو ڪيا يا پاڻ پنهنجا گهر ڊهرائي مارڪيٽون ٺهرائڻ شروع ڪيون. شهر جي قديم علائقي جي ڏنگين ڦڏين ۽ آڏين ابتين گهٽين واري انهيءَ علائقي جو نالو ريشم گهٽي پئجي ويو. لاڙڪاڻي جي اها ريشم گهٽي هڪ طرف ايمپائر روڊ کي وڃي لڳي ته ٻئي پاسي علائقي جي سمورين گهٽين کي والاريندي، وڏي فاصلي تي موجود بندر روڊ تائين پهچي ويئي. هاڻي ته لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي خريداريءَ واري انهي علائقي ريشم گهٽيءَ ۾ ايڏا وڏا ۽ ماڊرن شاپنگ مال ٺهي ويا آهن، جن جو حيدرآباد جي ريشم گهٽيءَ ۾ تصور به ناهي! لاڙڪاڻي ۾ ته انهيءَ ڪمرشلائيزيشن بندر روڊ تي به بس نه ڪئي، پر بندر روڊ ڪراس ڪري جاڙل شاهه پاڙي ۾ داخل ٿي ويئي، جتي موبائل فون مارڪيٽن سان گڏ ٻيا دڪان به کلي ويا آهن ۽ گهرن جي جاءِ تي مارڪيٽون ٺهي ويون آهن. ٽي چار سال اڳ منهنجي ننڍڙي ڀاءُ پڻ 1965ع ۾ بابا سائينءَ جو ٺهرايل بيحد خوبصورت گهر ڊهرائي هڪ مارڪيٽ ٺهرائي ڇڏي هئي. انهن ڏينهن ۾ جڏهن آئون ڪافي مهينن کانپوءِ لاڙڪاڻي ويو هئس ته پنهنجي ننڍپڻ وارين يادگيرين وارو اهو گهر نه ڏسي منهنجين اکين مان لڙڪ وهي آيا هئا. پنهنجين يادگيرين واري گهر جي جاءِ تي ڪمرشل مارڪيٽ جو تصور سدائين مون کي اداس ڪري ڇڏيندو آهي. عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ ”ڪاوش“ ۾ هڪ خبر پڙهي هيم ته لاڙڪاڻي جي ريشم گهٽيءَ ۾ هڪ عورت، ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙ بدمعاش کي سينڊل وهائي ڪڍيو. تڏهن منهنجي چهري تي مرڪ اچي ويئي هئي. عيد ته گذري ويئي آهي، پر اڄڪلهه شادين جي موسم سبب سنڌ جي ريشم گهٽين ۽ عورتن جي خريداريءَ جي مرڪزن ۾ ساڳي رش آهي. اڄ به ڇيڙڇاڙ ڪندڙ ڪنهن بدمعاش کي، ڪنهن نياڻيءَ يا عورت پاران همت ڪري چماٽ ضرور لڳڻ گهرجي، پوءِ ڪنهن بدمعاش کي اها چماٽ لاڙڪاڻي جي ريشم گهٽيءَ ۾ لڳي يا حيدرآباد جي ريشم گهٽيءَ ۾، نوابشاهه جي موهني بازار ۾ لڳي يا ڪراچيءَ جي بوهري بازار ۾، سنڌ جي ڪنهن به شهر مان ايندڙ اهڙي ڪا به خبر جنهن ڏينهن به پڙهندس ته منهنجي چهري تي ضرور مرڪ تري ايندي.
    اڱارو 23 نومبر 2010ع


    اسٽريٽ ڪرائيم ۽ حُسن جو هٿيار

    اسٽريٽ ڪرائيم ۽ حُسن جو هٿيار

    اهو هڪ نيم ويران رستو هو، جنهن تي فقط هڪ سپر اسٽور کان سواءِ اهڙي ٻي ڪا به جاءِ نه هئي، جتي ماڻهن جي اچ وڃ هجي. هو وير ان رستي جي فوٽ پاٿ تي هلندو جيئن ئي سپر اسٽور جي ويجهو پهتو، ته پويان کان هڪ ڪار آئي ۽ اها سپر اسٽور جي سامهون اچي بيهي رهي. هو اڃا ٿورو فاصلي تي هو. هن ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تان بيحد حسين نوجوان ڇوڪريءَ کي لهندي ڏٺو. ڪار مان لهڻ کان پوءِ پٺيري ڇوڪري، پنهنجي ڪار جي ڊيش بورڊ تان ڪجهه کڻي رهي هئي. لهندڙ سج جي هلڪي روشنيءَ ۾، ويران رستي تي اڪيلي ڇوڪري کيس آسان شڪار نظر آئي. هن پنهنجي قدمن جي رفتار وڌائي ڇڏي. ڇوڪري پنهنجي ڪار مان پرس کڻي ڪار جو دروازو بند ڪيو، ته هو سندس مٿان وڃي پهتو. هن شرٽ ۾ اندر هٿ وجهي، جينز جي پينٽ ۾ ڦاٿل روالور ڪڍي ورتو. ڇوڪريءَ ڇرڪي هن ڏانهن ڏٺو، ته هن ڇوڪريءَ کي ڌمڪيءَ جهڙو خاموش رهڻ جو اشارو ڏئي، سندس هٿ مان پرس ڦري ورتي. ڇوڪري سندس هٿ ۾ روالور ڏسي، دهشت مان چپ چاپ هن ڏانهن ڏسندي رهي. هن هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، ڇوڪريءَ جي پرس ۾ پيل هزارين رپيا ۽ موبائيل فون ڪڍي ورتي ۽ ميڪ اپ جي سامان سميت پرس ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ واپس ڏئي ڇڏيائين....هن ڇوڪريءَ جي حسن کي نظرانداز ڪري، روالور ڇوڪريءَ جي ڪک تي رکي، سخت لهجي ۾ کيس ڌمڪي ڏني، ”جيسين مان هن رستي جي موڙ تان ٻئي پاسي نه هليو وڃان، تيسين چپ چاپ اتي ئي بيٺل رهجانءِ“. ڇوڪريءَ جا چپ ڪنبڻ لڳا، دهشت مان هاڪار سان ڪنڌ لوڏي ڇڏيائين. ڦوروءَ روالور سان ڇوڪريءَ جي ڪک تي زور ڏئي چيو، ”۽ ها...جيڪڏهن گوڙ ڪيئي، يا منهنجو پيڇو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئي، ته هي روالور مون فقط ڏيکارڻ لاءِ ناهي رکيو!“
    اهو ته منهنجي هڪ ڪهاڻيءَ جو حصو آهي ۽ افسانوي ڳالهه آهي. افسانو ته ڪنهن اهڙي ڳالهه کي چيو وڃي ٿو، جيڪا ڪوڙي هجي پر سچ جهڙي لڳي، پر حقيقت ۾ به اهڙا ڪيترائي واقعا روز ٿيندا رهن ٿا. لاڙڪاڻي جي ان شيخ صاحب سان ته ڏاڍي ٿي، جنهن کان ڪراچيءَ ۾ روڪ رقم ۽ سندس موبائيل فون ڦرجي وئي هئي. شيخ صاحب پنهنجي ئي ڦر ٿيل فون نمبر تي ڪال ڪري ڦورن سان ڳالهايو ۽ کين منٿون ڪيون ته سم ۾ سندس سڀني دوستن ۽ مائٽن جا نمبر فيڊ ٿيل آهن، ان ڪري هو پنهنجو موبائيل سيٽ ڦورن کان بازار ۾ لڳندڙ قيمت کان ٻيڻي رقم تي خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سندس گهڻن ايلازن ۽ منٿن کان پوءِ ڦورو، شيخ صاحب کان ڦر ڪيل موبائيل فون کيس ئي ٻيڻي قيمت تي وڪرو ڪري ڏيڻ لاءِ راضي ٿيا. ٻئي ڏينهن تي ڦورن جي ڏنل هدايتن مطابق شيخ صاحب پنهنجي ڪار ڪنهن ٻي جاءِ تي پارڪ ڪري، اڪيلو پنڌ هلندو، شاهراهه فيصل کان ڪورنگي روڊ طرف ويندڙ رستي تي، ايف ٽي سي آڊيٽوريم جي ڀرسان اچي بيهي رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ ڦورن جو ساڳيو ٽولو موٽر سائيڪلن تي آيو. ڦورن شيخ صاحب کان ڦر ڪيل سيٽ کيس وڪرو ڪري واپس ته نه ڏنو، پر ٻيو موبائيل سيٽ ۽ پهرين سيٽ لاءِ آندل هزارين رپيا ٻيهر گن پوائنٽ تي کائنس ڦر ڪري، خاموش رهڻ جو ڌمڪيءَ وارو اشارو ڏئي هليا ويا هئا!
    اسٽريٽ ڪرائيم ته اڳي به هوندو هو، پر موبائيل فون جي عام ٿيڻ سان ان ۾ بي انتها واڌ اچي وئي آهي. ڦوروءَ کي اندازو هجي ٿو، ته جيڪڏهن ڪنهن غريب غربي کان به ڦر ڪبي، ته ڪا وڏي رقم نه سهي، ته به ڪو هزار ٻن جو موبائل فون سيٽ ته هٿ لڳي ويندو ۽ سندس ڏهاڙي کڙي ٿي پوندي. اهي اسٽريٽ ڪرمنل ايڏي ديده دليريءَ سان وارداتون ڪن ٿا، جنهن جو اڳ تصور به نه هوندو هو. ڪنهن زماني ۾ ڦورو پنهنجي چهري تي نقاب پائي ڦرون ڪندا هئا ته جيئن سندن سڃاڻپ لڪل رهي ۽ ڦرجندڙ اتفاق سان زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي سندن سامهون اچي ته کين سڃاڻي نه سگهي، پر اڄڪلهه ڦورو پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ چهري تي ڪو نقاب پائڻ جهڙي تڪليف به گوارا نٿا ڪن ۽ شيخ صاحب جهڙن ماڻهن کان ٻيهر ڦر ڪرڻ لاءِ به دليريءَ سان پهچي وڃن ٿا! پر اتفاق آهي ته ڪي اهڙا ڦورو منهنجي چترڪار دوستن اياز عالم ابڙي ۽ قيس ابڙي جي والد محمد عالم ابڙي (مرحوم) جهڙي ڪنهن چترڪار جي ور ناهن چڙهيا. محمد عالم ابڙي صاحب کان قمبر جي ڀرسان رات جي وقت ڪجهه ڦورن ڦر ڪئي هئي ۽ رات جو وقت هئڻ ڪري انهن ڦورن شايد پنهنجا چهرا لڪائڻ جي ضرورت نه سمجهي هئي، پر هلڪي روشنيءَ ۾ ابڙي صاحب انهن ڦورن جي چهرن کي هڪ نظر چتائي ڏسي ورتو هو. ڦر ٿيڻ کان پوءِ ان ئي رات ابڙي صاحب انهن ڦورن جا اسڪيچ ٺاهيا هئا ۽ هٿ سان ٺاهيل انهن تصويرن سبب ٻئي ڏينهن تي ئي اهي ڦورو پڪڙجي پيا هئا.
    شهر جي رستن تي وارداتون ڪندڙ ڦورو عام طور تي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ جي ٽولي ۾ موٽر سائيڪلن تي هجن ٿا. هو جنهن علائقي ۾ ڦر ڪن ٿا، ان علائقي جي رستن ۽ گهٽين جي کين پوري ڄاڻ هجي ٿي ۽ ڦر کان پوءِ هڪدم غائب ٿي وڃن ٿا. انهن وٽ هٿيار به هجن ٿا ۽ مزاحمت جي صورت ۾ معمولي رقم يا موبائل سيٽ جي بدلي ۾ ڪنهن کي گولي هڻندي به دير نٿا ڪن. ان ڪري اهڙين وارداتن دوران اڪثر ڦرجندڙ مزاحمت ڪرڻ بجاءِ خاموش رهن ٿا ۽ گهڻو ڪري رپورٽ ڪرڻ لاءِ پوليس وٽ به نٿا وڃن، جو هو پوليس مان ڪنهن مدد جو آسرو ته ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر سمجهن ٿا. ڪراچيءَ ۾ ته هاڻي چندي جي نالي ۾ به اسٽريٽ ڪرائيم ٿئي ٿو. ڪٿي ٽريفڪ جئم دوران نوجوانن جو ٽولو اچي ٿو ۽ گاڏين جا شيشا وڄائي ڌمڪيءَ ڀريل انداز سان چندو وصول ڪن ٿا، ته ڪٿي وچ رستي تي لائين ڪري بيٺل نوجوان اتان گذرندڙ گاڏين جو رستو روڪي چندو وٺن ٿا. اهڙي رستا روڪ جو هڪڙو تجربو هن بندي کي به ٿي چڪو آهي. اڳي ته اسٽريٽ ڪرائيم ڪراچيءَ جي سڃاڻپ هو، پر گذريل ڪجهه سالن کان حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص توڙي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙيون وارداتون ڄڻ زندگيءَ جي عام ڪار وهنوار جو حصو بڻجي ويون آهن. حيدرآباد جي هڪ اڳوڻي ڊي پي او منير شيخ هڪ دفعي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو هو ته، حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ 90 سيڪڙو اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون آهن!
    ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ته هاڻي عورتون به اسٽريٽ ڪرائيم ڪن ٿيون. ڪڏهن ٽن چئن نوجوانن سان هڪ ڇوڪريءَ جي گڏ هجڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون آهن، ته ڪڏهن فقط عورتن جي ڦورو ٽولن جون به. عورتن جا ڦورو ٽولا ته عام طور تي عورتن کان ئي ڦر ڪن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڦورو عورت ڪنهن مرد کي به پنهنجو شڪار بڻائي ٿي. ڪي عورتون ڦر لاءِ گوليءَ واري هٿيار سان ڌمڪائن ٿيون ته ڪي وري پنهنجي حسن جو هٿيار به استعمال ڪن ٿيون....آفريڪا جي ملڪ يوگنڊا ۾ ته پوليس هڪ اهڙي ڦورو عورت کي به پڪڙيو هو، جنهن جي ڇاتين تي ڪلورو فارم لڳل هو ۽ اها پيار جي نالي ۾ نوجوانن کي بيهوش ڪري سندن کيسا خالي ڪري ويندي هئي....سو فقط گوليءَ واري هٿيار کان نه، حسن جي هٿيار کان به محتاط رهڻ جي ضرورت آهي!

    اڱارو پهرين مارچ 2011ع


    سَر ڪـَٽا بابا

    سَر ڪـَٽا بابا

    ”بيٽا، سر کٽا بابا کا مزار کهان هي؟“ اهو سوال ٽيهارو سال اڳ، لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪ جهوني واٽ ويندڙ مون کان پڇيو هو. سندس مٿي تي پنجابي انداز واري پٽڪي ٻڌل هئي.
    هن ڏانهن غور سان ڏسندي، سندس سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ مون ورائي کائنس سوال ڪيو هو، ”ڪٿان آيو آهين؟“
    هن وراڻيو هو، ”ملتان کان.“
    چيو هئم، ”مون ٻڌو آهي ته ملتان ۾ سوين پيرن فقيرن جون مزارون آهن، تڏهن به تون سَر ڪٽا بابا جي ڳولا ۾ لاڙڪاڻي پهتو آهين!“
    هن وراڻيو هو، ”ها، سندس ڏاڍي تعريف ٻڌي اٿم، ته هو من جون مرادون پوريون ٿو ڪري“.
    مون رستي تي بيٺي بيٺي سَر ڪٽابابا جي اصل حقيقيت ٻڌائي، کيس ملتان موٽي وڃڻ جي صلاح ڏني هئي، پر اهو ملتاني سَر ڪٽا بابا جي مزار تي حاضري ڏيڻ کان سواءِ، ملتان موٽي وڃڻ لاءِ تيار نه هو. تڏهن مون ڏاڍو بي دليءَ سان هڪ طرف اشارو ڪيو هو ۽ هو ان رستي سان سَر ڪٽا بابا جي قبر طرف هليو ويو هو. چرسي پينو فقير جي اها قبر لاڙڪاڻي شهر جي وچ ۾، ريلوي کاتي جي سرڪاري زمين تي آهي.
    لاڙڪاڻي جي وچ شهر مان ريلوي لائين گذري ٿي ۽ لاڙڪاڻي جي موجوده ليڊيز جيل (جيڪو اڳي ڊسٽرڪٽ جيل هو) واري روڊ تي، ڪنهن زماني ۾ گهنٽي ڦاٽڪ کان پراڻي پاور هائوس تائين، شهر جي ٻئي طرف وڃڻ لاءِ ڪو به انڊر پاس نه هو. پنڌ ڪندڙ ماڻهو، شارٽ ڪٽ جي طور تي ريلوي لائين جي مٿان چڙهي، ٻئي پاسي جناح باغ (جنهن جو اصل نالو تجر باغ آهي) جي وچ مان گذري، شهر جي ٻئي طرف ويندا هئا. مون جيان لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ اڪثر ٻار، اسڪول اچ وڃ لاءِ به اهو ئي رستو اختيار ڪندا هئا. جناح باغ جي وچ واري رستي تان سڄو ڏينهن پنڌ گذرندڙن جي وڏي تعداد سبب، ان رستي تي ڪيترائي فقير به پنڻ خاطر بيٺا هوندا هئا. انهن فقيرن ۾ ئي اهو هيڊي چهري وارو، هڏاهين پڃرو جهڙو موالي فقير به موجود هوندو هو، جيڪو سدائين نشي ۾ هوندو هو ۽ اڪثر چرس پيئندو رهندو هو. سندس ڀرسان گذرڻ سان، چرس جي تيز ڌپ واٽ ويندڙ جي ساهه ۾ سمائجي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اهو فقير نشي ۾ الوٽ ائين اونڌو سنئون پيو هوندو هو، جو اسان اسڪول کان موٽندڙ ٻار ڪجهه دير لاءِ بيهي کيس غور سان ڏسندا هئاسين ته هو ساهه به کڻي ٿو يا مري ويو آهي! ڪڏهن ڪڏهن ته کيس مري ويل سمجهي هليا ويندا هئاسين، پر جڏهن ٻئي ڏينهن اتان گذرڻ ٿيندو هو ته، هو ٻن چئن ٻين موالين سان گڏ ساڳئي جاءِ تي چرس پيئندي ۽ وات مان دونهي جا ڇلا اڏائيندي نظر ايندو هو.
    هڪ ڏينهن اسڪول جي موڪل ٿيڻ کان پوءِ ريلوي لائين تي پهتاسين ته ڏٺوسين، ريلوي لائين مٿان ماڻهن جي رش هئي. خبر پئي ته اهو موالي فقير ريل هيٺان اچي مري ويو آهي. ڪنهن چيو ته نشي ۾ کيس خبر نه پئي ۽ هو ريل هيٺان اچي ويو، ڪنهن وري اهو به چيو ته هن خودڪشي ڪئي آهي. موالي فقير جي ڪجهه موالي دوستن سندس لاش جا ٽڪرا ميڙيا ۽ ٿوري فاصلي تي، ريلوي لائين جي ڀرسان، ريلوي جي زمين تي ئي دفن ڪري سندس قبر ٺاهي ان تي پڙ وجهي ڇڏيائون.
    هڏاهين پڃري جهڙي موالي فقير جي جسم ۾ رت ڪو نالي ماتر ئي هيو، ان ڪري جنهن جاءِ تي هو ريل هيٺان اچي ڪٽجي مئو، اتي پٽڙين جي آس پاس به رت جي ڪنهن گهڻي مقدار بجاءِ، رت جا ڪي هلڪا سلڪا نشان ئي هئا. فقير جي موالي دوستن گهڻو رت نه نڪرڻ کي هڪ معجزو قرار ڏنو ۽ سندس نالو ” سَر ڪٽا بابا“ رکي ڇڏيائون. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ موالين ان قبر جي چوڌاري، زمين جي هڪ وڏي ٽڪري تي مانجهاندڙيءَ جا ٻوٽا پوکي، قبر کي سَر ڪٽا بابا جي مزار جو نالو ڏئي، ڏنڊو ڪونڊو رکي اوتارو به قائم ڪري ورتو. ڪجهه مت جي موڙهيل اٻوجهه ماڻهن اتي اچڻ شروع ڪيو، ته موالين کي پيالي پاڻيءَ جا پئسا به ملڻ شروع ٿي ويا. اهي موالي، جيڪي پِن سِن جي پئسن سان، ريلوي لائين جي ڀرسان کڏن کوٻن ۾، يا جناح باغ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نشو پتو ڪندا هئا، سي هاڻي ان اوتاري تي سکيا ٿي ويهي رهيا. هڪ دفعي ته موالين، انهيءَ موالي فقير جي قبر تي هڪ ننڍڙي ميلي جو بندوبست به ڪيو هو. موالين جو اهو اوتارو، ليڊيز جيل روڊ ۽ قائد عوام روڊ کي ملائيندڙ نئين روڊ جي ڪنڊ تي، ريلوي انڊر پاس جي ڀرسان اڄ به موجود آهي.
    ڪجهه عرصو اڳ منهنجو لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو ۽ ان رستي سان گذريس ته، ان قبر واري ايراضيءَ ۾، هڪ وڻ تي مون کي مختلف رنگن جون اڳڙيون ٻڌل نظر آيون. وڻ تي اڳڙيون ٻڌل ڏٺم ته مون کي نجم عباسيءَ جي ڪهاڻي ”ڇوڏو“ ياد اچي وئي. انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ به هڪ وڻ جو ذڪر آهي، جنهن تي ڪيتريون ئي اڳڙيون ٻڌل آهن ۽ ڳوٺ جا اٻوجهه ماڻهو، بيماريءَ جي حالت ۾ ڪنهن دوا دارونءَ بجاءِ، ان وڻ جي ڇوڏي کي ئي علاج ۽ شفا جو وسيلو سمجهن ٿا!
    سنڌ، تاريخي ۽ فطري طور تي صوفين جي سرزمين آهي، پر ڪيترا ماڻهو ان کي ”پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري“ به چون ٿا. سنڌ جي وستين واهڻن توڙي هائي ويز تي هلندي ڪنڊن پاسن تي اسان کي ڪيتريون ئي اهڙيون قبرون به نظر اچن ٿيون، جن تي پڙ پيل آهن، ته ڪيترائي اهڙا وڻ به نظر اچن ٿا، جن تي باس باسڻ جون اڳڙيون به ٻڌل آهن، جيڪي فقط تعليم جي کوٽ ۽ اٻوجهه ماڻهن جي ڪمزور عقيدن جون ئي نشانيون آهن.
    لاڙڪاڻي واري موالي فقير جو قصو ته ويجهي ماضيءَ جو آهي ۽ لاڙڪاڻي واسين کي ياد به آهي، ان ڪري شهر واسي ته موالي فقير جي انهيءَ قبر تي حاضري نٿا ڀرين، پر ٻهراڙين جا ڪجهه اٻوجهه ماڻهو ان موالي فقير عرف سَر ڪٽا بابا جي قبر تي نه فقط حاضري ڀرين ٿا، پر پنهنجي کيسي ۾ پيل رقم کي پاڻ ئي ڪٽ لڳائي، سر ڪٽا بابا جي موالين لاءِ پيالي پاڻيءَ جو خرچ به ڏئي وڃن ٿا!
    خبر ناهي ته سر ڪٽا بابا جهڙين مصيبتن مان سنڌ جي جان ڪڏهن آجي ٿيندي!

    اڱارو 15 مارچ 2011ع



    اسپتالون سڀ خدا ويران ڪر!

    اسپتالون سڀ خدا ويران ڪر!

    مائي مرادان جي درد کي ڪير محسوس ڪري سگهندو، جنهن جي ٻنهي پٽن شاديءَ کان ڪجهه عرصو پوءِ، زالون وٺي وڃي پنهنجا ڌار گهر وسايا، ته سندس نظر گهٽجي ويل پوڙهي مڙس کي هڪ دفعو وري ڇٻو مٿي تي کڻي گهورڙيو ٿيڻو پيو هو. ٿلهن شيشن واري عينڪ پهريل سندس مڙس، ڇٻو مٿي تي کڻي ڪجهه وقت ته گهٽين ۾ ٿيڙ کائيندي هوڪا ڏنا ۽ ڪڏهن ڪجهه پئسا ڪمائي ٿي آيو، ته ڪڏهن نظر جي ڪمزوريءَ سبب ڇٻو ئي ڪيرائي، مٽيءَ ۾ ملائي، نقصان ڪري خالي هٿين واپس ٿي وريو. ڪجهه عرصو ته ائين ئي ڪم هليو، پر هڪ صبح تي مرادان ننڊ مان جاڳي ته هن پنهنجي مڙس کي رئندي ڏٺو هو، جو ان ڏينهن سندس مڙس جي نظر بلڪل ختم ٿي وئي هئي ۽ صبح ٿيڻ جي باوجود به هن جي زندگي سدائين لاءِ هڪ اڻ کٽ رات بڻجي وئي هئي. سندس مڙس کي زندگيءَ جي اڻ کٽ رات کان وڌيڪ پريشاني ان ڳالهه جي هئي، ته هاڻي هو ڳڀي جي ڳولا ۾ به نه وڃي سگهندو. تڏهن مرادان شهري ڪلچر جي ڏنل نالي مطابق ماسي مرادان بڻجي، شهر جي پوش علائقي وارن گهرن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن ئي گهرن جي بچيل کاڌي تي مرادان ۽ سندس مڙس گذارو ڪيو هو ۽ محدود آمدنيءَ مان بچت ڪري، مرادان پنهنجي مڙس جي اکين جو علاج ڪرايو هو، پر سندس مڙس جي نظر نه موٽڻي هئي، سا نه موٽي، ويتر مرادان به اڌ مٿي جي سور جي مريض بڻجي پئي هئي. تڏهن سندس مڙس ضد ڪري پنهنجو علاج ان ڪري بند ڪيو هو، ته جيئن مرادان جي اڌ مٿي جي سور جو علاج ٿي سگهي. پهرين ته مرادان پنهنجي پورهئي جا پئسا بچائڻ لاءِ سرڪاري اسپتال جا پنڌ ڪيا، پر جڏهن گهرن جي پورهئي سان گڏ اسپتال جا پنڌ ڪري ٿڪجي پئي ۽ سندس اڌ مٿي جو سور وڌندو ئي ويو، تڏهن هن سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر سان فائدو نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي هئي. جواب ۾ ان ڊاڪٽر مرادان کي سندس نجي ڪلينڪ تي اچڻ جي صلاح ڏني. مجبور مرادان شام جو ڊاڪٽر جي پرائيوٽ ڪلينڪ تي پهتي. پهرين ته کيس ڊاڪٽر کي سوين رپيا في ڏيڻي پئي ۽ ان کان پوءِ ڊاڪٽر جون لکي ڏنل ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ، کيس ڊاڪٽر طرفان ٻڌايل ليبارٽريءَ تي پهچي اتي به سوين رپيا ڏيڻا پيا. جڏهن ٽيسٽن جون رپورٽون کڻي هوءَ ڊاڪٽر وٽ واپس پهتي، ته کيس ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪرڻ لاءِ هزار کن جي دوائن جي پرچي هٿ ۾ ڏني وئي ۽ چيو ويو ته پندرهن ڏينهن کان پوءِ کيس وري ڊاڪٽر وٽ معائني لاءِ حاضر ٿيڻو آهي. پندرهن ڏينهن کان پوءِ مرادان کي هڪ دفعو ٻيهر ڊاڪٽر کي سوين رپيا في ڏئي، هزار کن جي دوائن واري پرچي وٺڻي پئي. اهو سلسلو ڪيترن مهينن تائين هلندو رهيو. مرادان اڌ مٿي جي سور باوجود گهرن جي ڪم وارو ٿڪائيندڙ پورهيو ڪندي رهي ۽ هر پندرهين ڏينهن ڊاڪٽر کي سوين رپيا ڏيندي رهي. هر دفعي ڊاڪٽر جي ٻڌايل ميڊيڪل اسٽور تان هزار کن جون دوائون به خريد ڪندي رهي، ته ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر جي من پسند ليبارٽريءَ تان ٽيسٽون ڪرائي به پنهنجي پورهئي جا سوين رپيا، پنهنجي پوتيءَ جي پلئه مان ڳنڍ ڇوڙي ڏيندي رهي، پر سندس پئسا ڄڻ پاڻي ٿيندا رهيا ۽ ڦڪين فرق ئي نه ڪيو!
    مرادان جن صاحبن جي گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي، انهن مان هڪڙي صاحب جي گهر ڪو سينئر ڊاڪٽر مهمان ٿي اچي رهيو. اها خبر جڏهن مرادان کي پئي ته مرادان وڃي ان ڊاڪٽر جي اڳيان هٿ ٻڌا. ڊاڪٽر مرادان جي طبيعت ڏسي، کيس اهي دوائون ڏيکارڻ لاءِ چيو، جيڪي هن استعمال ٿي ڪيون. ٻئي ڏينهن مرادان پاڻ وٽ موجود دوائون کڻي جڏهن ڊاڪٽر وٽ پهتي، ته کيس انهيءَ هاڃي جي خبر پئي ته تازو ئي ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪيل گورين مان ڪجهه مدي خارج هيون ۽ جيڪي دوائون مدي خارج نه هيون، انهن جي اصلي يا نقلي هئڻ جي تصديق ته بنا ڪنهن ليبارٽري ٽيسٽ جي اهو ڊاڪٽر به نٿي ڪري سگهيو!
    مائي مرادان جي درد ڪٿا ته اڃا به جيءُ جهوريندڙ ۽ انساني ضمير کي جهنجهوڙيندڙ آهي، پر مائي مرادان جي اها وسري ويل درد ڪٿا مون کي تڏهن ياد آئي، جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪاوش ۾ اها خبر پڙهيم ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾، چئن ڪروڙ رپين جي گهٽ مدو هئڻ وارين جي خريداريءَ سميت ستن ڪروڙن جي ڪريشن پڌري ٿي آهي. ڪاوش ۾ ڇپيل رپورٽ مطابق 6 مهينا اڳ چئن ڪروڙ رپين جون مهانگيون دوائون خريد ڪيون ويون، جن جو مدو فقط 6 مهينا هو ۽ اهي دوائون انهيءَ عرصي اندر استعمال نه ٿيڻ سبب مدي خارج ٿي ويون آهن. وري ڪالهوڪي ڪاوش جي خبر موجب لمس اسپتال مان ئي، نه فقط 20 کان 25 لکن جون دوائون چوري ٿيڻ جي ڪوشش ٿي آهي، پر مدي خارج دوائن واري اسڪينڊل تي ڍڪ رکڻ خاطر انهن دوائن کي ساڙڻ جا اطلاع به رپورٽ ٿيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ اهڙي ڪنهن به خبر يا رپورٽ سان شايد ڪنهن کي به ڪا حيرت نه ٿيندي هجي، جو اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اسان جو ملڪ پاڪستان نه فقط دنيا ۾ ڪرپشن جي حوالي سان ٽاپ لسٽ تي رهيو آهي، پر انساني صحت ته ڇا، انساني زندگي به اسان جي ملڪ ۾ ڄڻ ڪا بي ملهه شيءِ بڻجي پئي آهي!
    اسان وٽ سنڌ ۾ ته خاص طور تي ٻين ڪيترن شعبن جيان صحت جي شعبي جي حالت به ڏاڍي خراب آهي. بيشڪ اسان وٽ اديب رضويءَ جهڙو انسان دوست ڊاڪٽر به موجود آهي، ته ڪي ٻيا به درد وندي دل رکندڙ ڊاڪٽر موجود آهن، پر انهن جو ڳاڻيٽو اٽي ۾ لوڻ برابر ئي آهي. جڏهن ته عام ڊاڪٽر کان وٺي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن تائين جي وڏي اڪثريت جو مقصد فقط ۽ فقط دولت ڪمائڻ ئي رهيو آهي، جنهن لاءِ اهي ڊاڪٽر اهڙا سڀ حيلا هلائين ٿا، جيڪي هن مسيحائي پيشي لاءِ بدنما داغ هجن ٿا. مسڪين مريضن جي جڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ مسيحائي نٿي ٿئي ته اهي مائي مرادان جيان يا ته ساڳين ئي سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن جي پرائيوٽ ڪلينڪس تي پهچن ٿا، يا پرائيوٽ پريڪٽس ڪندڙ ٻين نالي چڙهين ڊاڪٽرن جي ور چڙهي وڃن ٿا. انهن مان ڪجهه ڊاڪٽر مريضن کي پنهنجي مرضيءَ جي ليبارٽرين ڏانهن ٽيسٽن لاءِ ان ڪري موڪلين ٿا، جو اهي ليبارٽريون انهن ڊاڪٽرن کي ڪميشن ڏين ٿيون. دوائن جي خريداريءَ لاءِ مريضن کي مخصوص ميڊيڪل اسٽورن ڏانهن ان ڪري موڪليو وڃي ٿو، جو اهي ميڊيڪل اسٽور وارا انهن ڊاڪٽرن کي ملندڙ سيمپل واريون دوائون به وڪرو ڪري ڏين ٿا. ڪجهه ڊاڪٽرن جا ته اهي ميڊيڪل اسٽور به پنهنجا يا سندن مٽن مائٽن جا هجن ٿا. اها به ڪا نئين ڳالهه ناهي ته ڪجهه ڊاڪٽر، دوائون ٺاهيندڙ ڪنهن ڪمپنيءَ جي ڪا خاص دوا اڪثر مريضن کي ان ڪري به لکي ڏين ٿا، جو ان دوا جي وڪري جو مليل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ تي انهن ڊاڪٽرن کي نه فقط وڏا قيمتي تحفا ملن ٿا، پر کين ٻاهرين ملڪن جا تفريحي دورا به ڪرايا وڃن ٿا. قصو فقط اتي ئي ختم نه ٿو ٿئي، پر سنڌ جي اهم شهرن، خاص طور تي جن شهرن ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ميڊيڪل يونيورسٽيون آهن، اهي شهر ”ڊاڪٽري ڪاروبار“ جا به وڏا مرڪز بڻجي پيا آهن. انهن شهرن ۾ وڏيون سرڪاري اسپتالون هوندي به وڏا وڏا نجي ميڊيڪل سينٽر موجود آهن، جن ۾ ڪمرا پڻ موجود آهن، جن جي مريضن کان روز جي حساب سان ڳري مسواڙ پڻ اوڳاڙي وڃي ٿي، ته اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي وزٽ جي نالي ۾ پڻ مريضن کان فيون وصول ڪيون وڃن ٿيون، پر اهڙن پرائيوٽ سينٽرن لاءِ به اڪثر مختلف قسمن جون شڪايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ ڪن حالتن ۾ ڊاڪٽرن جو مناسب ڌيان نه ملڻ ڪري مريض مري به وڃن ٿا. اهڙي هڪ شڪايت ته ٻه سال اڳ 5-اپريل واري ڏينهن تي مون کي به ٿي هئي، جڏهن لاڙڪاڻي جي ليڊيز جيل جي سامهون هڪ پرائيوٽ ميڊيڪل سينٽر تي منهنجي والد محترم عبدالستار شيخ رات جو اٺين وڳي پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساهه پئي کنيا ۽ مان ڪنهن ڊاڪٽر کي سڏڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر ڊوڙيو هوس، پر ان وقت سڄي سينٽر ۾ ڪو به ڊاڪٽر موجود نه هو ۽ منهنجي والد جي ساهن جي ڏور ٽُٽي پئي هئي....ٻيو ته ٺهيو، پر بابا سائينءَ جي موت جي تصديق به منهنجي هڪ ذاتي دوست ڊاڪٽر محمد خان شيخ ڪئي هئي، جيڪو اتفاق سان ان وقت بابا جي خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ اتي آيل هو!
    اڄ 5-اپريل جي ڏينهن تي بابا سائينءَ لاءِ هڪڙي دعا جي گذارش مان توهان سڀني کي ڪيان ٿو....۽ مان توهان سڀني لاءِ، سڄي انسان ذات لاءِ، ادل سومري جي لفظن سان اها دعا ٿو ڪيان ته:
    هر دکي انسان جو درمان ڪر
    اسپتالون سڀ خدا ويران ڪر!

    اڱارو 5 اپريل 2011ع







    ويا مور مري ...

    ويا مور مري ...

    کير ٿر جي پهاڙن جي هنج ۾، مون کي اها رات بيحد پراسرار محسوس ٿي هئي، جنهن جي اونداهيءَ ۾ فاصلن تي جانورن جون اکيون چمڪندي نظر اچي رهيون هيون. هوا جي زوڪٽن سان گڏ انهن اکين جي چرپر سبب جسم ۾ خوف جي لهر ڊوڙي ٿي وئي ۽ پراسراريت جي احساس ڪري لونءَ لونءَ ڪانڊارجي پئي وئي، پر اديبن ۽ صحافين جي مهمانيءَ خاطر، جهنگلي جيوت کاتي ان پراسرار رات کي ”جهنگل ۾ منگل“ بڻائي ڇڏيو هو. اهو 17 مئي 1999ع جو هڪ گرم ڏينهن هو، جڏهن منجهند جي وقت اديبن ۽ صحافين کي ايئر ڪنڊيشنڊ فور ويل گاڏين ۾ کير ٿر نيشنل پارڪ جو مطالعاتي دورو ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد کان ڪرچات طرف نيو ويو هو. حيدرآباد-ڪراچي سپر هائي وي تي ته مون سوين دفعا سفر ڪيو هو ۽ سپر هائي وي کان ٿاڻي بولا خان طرفان ويندڙ روڊ طرف به ڪيترائي دفعا نظر وئي هئي، پر ان ڏينهن مان پهريون دفعو ان طرف ويو هوس. ميداني علائقو لتاڙي جڏهن اسان سپر هائي وي کان نظر ايندڙ پهاڙي سلسلي جي ٻئي طرف پهتا هياسين ته مون کي ڄڻ اها دنيا ئي ٻي لڳي هئي. گاڏيون روڪرائي جڏهن ڪجهه دير لاءِ هيٺ لٿا هئاسين ته اتي هر طرف پنڊ پهڻ ٿيل سپون نظر آيون هيون، جو ڪنهن زماني ۾ اهو سڄو علائقو سمنڊ جو حصو رهيو آهي. ٻه ٻيا پهاڙي سلسلا اورانگهڻ کان پوءِ اسان سج لٿي مهل ڪرچات پهتا هئاسين. ڪرچات ۾ بجلي ته ڪونه هئي، پر اسان جي پهچڻ شرط اتي موجود وڏا جنريٽر هلائي، رات جي اونداهي ڦهلجڻ کان اڳ ئي ”جهنگل ۾ منگل“ جي ابتدا ڪئي وئي هئي. ڪرچات سينٽر ۾ رات جي مانيءَ لاءِ ٻين طعامن سان گڏ گوشت جا وڏا وڏا ڀڳل ٽڪرا به پيا هئا، پر انهن جي وڏي ڳوڙهي جهڙي سائيز ۽ رنگ سبب مون ان طرف هٿ ئي نه پئي وڌايو. تڏهن منهنجي ڀرسان ويٺل منهنجي دوست نياز پنهور انهن مان گوشت جو هڪ ٽڪرو منهنجي پليٽ ۾ وجهي چيو هو، ”کائي ته ڏس!“ ۽ جڏهن مون ان گوشت جو ننڍڙو ٽڪر پٽي وات ۾ وڌو هو ته زبان کي اهو ذائقو محسوس ٿيو هو، جيڪو ان کان اڳ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به محسوس نه ٿيو هو. مون اتي موجود جهنگلي جيوت کاتي جي هڪ آفيسر کان پڇيو هو ته ”اهو ڇا جو گوشت آهي؟“ تڏهن ان آفيسر مرڪي چيو هو ته ”فڪر نه ڪيو سائين، ٻڪري جو گوشت آهي.“ پر گوشت جي ذائقي توڙي آفيسر جي ذومعنيٰ مرڪ سبب مون کي يقين نه آيو هو ته اهو ٻڪري جو گوشت هو. مان سمجهان ٿو ته جهنگلي جيوت کاتي بنا اعلان جي، ڪنهن ناياب نسل جي جانور سرهه يا گڊ کي ماري اديبن جي مهمان نوازي ڪئي هئي! چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ کير ٿر جي علائقي ۾ مور به هوندا هئا، پر پوءِ مارين ۽ وبائن سبب کير ٿر مان مور جو نسل ختم ٿي ويو. خاتمي وارو اهو خطرو هاڻي ته ٿر جي مورن مٿان به لامارا ڏئي رهيو آهي ۽ اخبارن ۾ اڪثر مورن جي مرڻ جون خبرون ۽ تصويرون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. مور جو ته حلال پکي هئڻ به سندس ڏوهه بڻجي پيو آهي، جو خوراڪ خاطر کيس ماريو ۽ ڪُٺو وڃي ٿو!
    سنڌ ۾ خوراڪ خاطر ناياب نسل جي جانور جي نسل ڪشي توڙي شوق خاطر شڪار به ڪا نئين ڳالهه ناهي. وري جيڪڏهن ناياب نسل جي جانورن يا پکين ۾ڪا وبا ڦهلجي ٿي ته جهنگلي جيوت کاتي جا وڏا آفيسر ڪراچي مان پنهنجي ايئر ڪنڊيشنڊ آفيسن کان ٻاهر نٿا نڪرن ۽ فيلڊ ۾ موجود اهلڪار علاج بجاءِ فقط ڪاغذي ڪارروايون ڪرڻ ۾ پورا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته گذريل ٻن مهينن کان ٿر ۾ مور مرندا رهن ٿا، پر بي شمار مورن جي مرڻ کان پوءِ به، مورن جي مرڻ واري وبا تي ڪنٽرول جا ڪي مناسب اپاءُ ناهن ورتا ويا ۽ جهنگلي جيوت کاتو مورن لاءِ ڄڻ”جهنگلي موت کاتو“ بڻجي پيو آهي!
    ننڍپڻ ۾ جڏهن مون اڃا مور نه ڏٺو هو، تڏهن مور جو کنڀ شايد پهريون دفعو پاڪ ڪتاب اندر رکيل ڏٺو هئم، لاڙڪاڻي ۾ پاڙي جي مسجد اندر، سبق وٺڻ لاءِ پاڪ ڪتاب کوليو هئم ته ان اندر مور جو کنڀ رکيل هو. ڪيترا ماڻهو اڄ به پاڪ ڪتاب اندر مور جا کنڀ رکن ٿا ۽ مون کي خبر ناهي ته ائين ڇو ٿو ڪيو وڃي! شايد ان جو سبب مور جي کنڀ جي سونهن هجي، جنهن ۾ انڊلٺ جهڙا سڀئي سهڻا رنگ نظر اچن ٿا. انڊلٺ جي رنگن جهڙو مور جو کنڀ مون کي به ننڍپڻ کان ئي موهيندڙ لڳو هو. اهو ئي سبب آهي جو ڏهاڪو سال اڳ ريڊيو پروگرام لاءِ آيل خط کوليندي، جڏهن هڪ لفافي مان خط سان گڏ مور جو هڪ کنڀ نڪتو هو، ته مون ان ريڊيو ٻڌندڙ جي ريڊيو جي مائيڪ تان مهرباني مڃي هئي. مور جي هڪڙي کنڀ جي موٽ ۾ منهنجي پاران مڃيل ٿورن جي جواب ۾، ٿر سان تعلق رکندڙ ان ريڊيو لسنر مور جي کنڀن سان ڀريل هڪ وڏو لفافو مون کي موڪلي ڏنو هو. ان وقت مون کي احساس ٿيو هو ته، ٿر ۾ ان ته ارزان ناهي، پر شايد جهنگلي جيوت، خاص طور تي مور ڏاڍو بي ملهه ٿي پيو آهي. هاڻي ته ٿر جو اهو سهڻو مور بي واهو به ٿي پيو آهي. جهڏي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر محب ڀيل جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيل خط مطابق، هڪ طرف مور جي موت جو سبب بڻيل خطرناڪ وبا لاڳاپيل ادارن پاران مناسب اپاءُ نه وٺڻ ڪري وڌي رهي آهي، ته ٻي طرف مور جي وجود لاءِ اهي شوقين شڪاري به خطرو بڻيل آهن، جيڪي اعليٰ اختيارين ۽ لاڳاپيل کاتي جي ملي ڀڳت سان، فقط هڪ سئو رپين ۾ پکين جي موت جو اجازت نامو (لائسنس) حاصل ڪري وٺن ٿا، جنهن کان پوءِ دنيا جو ڪو به قانون ٿر جي معصوم پکين کي قتل ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي!
    هندستان جي ٿر واري علائقي راجستان ۾ ته بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان کي ڪارو هرڻ شڪار ڪرڻ تي جيل ۾ واڙيو وڃي ٿو، پر اسان وٽ ٿر ۾ هرڻ ماريندڙ ڪنهن شڪاريءَ کي عدالت جي ڪٽهڙي تائين به نٿو آندو وڃي. جيڪڏهن ٿر ۾ جهنگلي جيوت جو اهو قتل عام نه ٿيندو هجي ها، ته شايد ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ مون کي اهو پٺاڻ نظر نه اچي ها، جيڪو رستي تي بيهي مور جا کنڀ وڪڻي رهيو هو، پر کائنس اهو پڇڻ وارو ڪير به نه هو ته هن مور جا اهي کنڀ ڪٿان آندا !؟ جيڪڏهن اسان وٽ جهنگلي جيوت لاءِ اها ئي بيحسي برقرار رهي، جهنگلي جيوت کاتو ستل ئي رهيو ۽ مورن جي مرڻ جي موجوده وبا تي ضابطو نه آندو ويو، ته شايد شاهه سائينءَ جي اها علامتي سِٽَ حقيقت بڻجي پوندي ته، ”ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو!“

    اڱارو 26 اپريل 2011ع




    بک سڀني کي لڳندي آهي!

    بک سڀني کي لڳندي آهي!

    ان مهل رات جا اٺ ٿيا هئا. خريداري ڪري دڪاندار کي بل به نه ڏٺو هئم، جو منهنجي نظر وچ روڊ تي، گرين بيٽ واري جاءِ تي ٺاهيل سيلاني ٽرسٽ جي ان ڪيمپ طرف هلي وئي، جتي ڪيترائي غريب ۽ مسڪين ماڻهو ويٺل هئا ۽ پنهنجي سامهون رکيل ٿالهڙن ۾ رکيل قورمو ۽ نان کائي رهيا هئا. ڪيمپ ۾ هڪ ئي وقت چاليهارو ماڻهو ماني کائي رهيا هئا ۽ ٻيا جاءِ خالي ٿيڻ جي انتظار ۾ بيٺل هئا. جيئن ئي ڪجهه ماڻهو ماني کائي اٿيا ته سندن جاءِ تي بيٺلن مان ٻيا ماڻهو وڃي ويٺا ۽ ٽرسٽ جو يونيفارم پهريل نوجوان ورڪر انهن اڳيان ٻوڙ ۽ نان رکي ويو.
    حيدرآباد جي نسيم نگر واري روڊ تي ان ڪيمپ ۾ کاڌو کائيندڙ اڪثر پوڙهن، نوجوانن ۽ ٻارڙن جا وار وکريل هئا ۽ کين ميرا پراڻا ڪپڙا پهريل هئا. اهي پراڻا ڪپڙا سندن غربت جي گواهي ڏئي رهيا هئا. مان سمجهان ٿو ته اهي سڀ اهڙا ماڻهو هئا، جن جي گهرن ۾ ڪڏهن به قورمو تيار ته نه ٿيندو هوندو، پر سندن گهرن تائين قورمي جي خوشبو به نه پهچندي هوندي. هونءَ به غربت جي لڪير کان هيٺ گذارو ڪندڙ غريبن جي گهرن تائين ڪابه خوشبو ناهي پهچي سگهندي. ڪابه خوشبو انهن جي گهرن تائين پهچڻ کان اڳ گندگيءَ جي ڍيرن ۾ گم ٿي ويندي آهي...
    ڪيمپ جي مٿان سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي بورڊ تي منجهند ۽ رات جي مانيءَ جا لکيل وقت ڏسي مون دڪاندار کان پڇيو، ”ٻنهي وقتن تي باقائدگيءَ سان غريبن کي کاڌو کارايو وڃي ٿو؟“
    دڪاندار وراڻيو، ”ها بلڪل، روازنو ٻنهي مقرر وقتن تي ڪيترائي غريب ماڻهو اچي اتي کاڌو کائين ٿا.“
    منهنجي دل کي خوشگوار حيرت جو احساس ٿيو. دڪاندار کي بل ڏئي دڪان مان ٻاهر نڪتس ته ڏهاڪو سالن جو هڪ ٻار اچي اڳيان بيٺو ۽ آسمان ڏانهن آڱر ڪري چيائين، ”الله جي نالي...!“
    ٻنهي هٿن ۾ شاپنگ بيگس جهلي گاڏيءَ طرف وڌندي چيم،
    ”معاف ڪر!“
    ٻارڙو ڪڍلڳو آيو. شاپنگ بيگس گاڏيءَ ۾ رکيم ته انهيءَ ٻار وري آسمان طرف آڱر کڻي چيو، ”الله جي نالي ڪجهه ڏيو، بک لڳي آهي!“.
    چيم، ”بک لڳي اٿئي ته سامهون ڪيمپ تي وڃي قورمو ڇو نٿو کائين!“
    ٻار ڪوبه جواب نه ڏنو. ساڳيو سوال ٻيهر پڇيم ته به ٻار خاموش رهيو. تڏهن ٿورڙو سختيءَ سان چيم، ”ٻڌاءِ.... جواب ڇو نٿو ڏئين؟“
    ٻار هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ جواب ڏنو. چيائين، ”هو مون کي ماني نٿا کارائين!“
    مون کي سخت حيرت لڳي. منهنجي سامهون ڪيمپ تي پوڙها، جوان ۽ سندس عمر جا ڪيترائي ٻار ماني کائي رهيا هئا ۽ هي ٻار چئي رهيو هو ته ڪيمپ وارا کيس ماني نٿا کارائين!
    کائنس پڇيم، ”اهي توکي ڇونٿا ماني کارائين؟“
    ٻار خاموش رهيو. جڏهن مون ٻه ٽي دفعا پنهنجو سوال ورجايو، تڏهن ان ٻارڙي هيسيل انداز سان چيو، ”اهي چون ٿا ته اسان فقط مسلمانن کي ماني کارائيندا آهيون ۽ مان هندو آهيان!“
    منهنجي حيرت اڃا به وڌي وئي. مان ٻارڙي کي اتي ئي بيهاري ڪيمپ تي هليو ويس، سيلاني ٽرسٽ جي يونيفارم پهريل نوجوان کان وڃي ٻار جي ڳالهه جي تصديق ڪيم. ٻار جي ڳالهه درست نڪتي. ٽرسٽ جي ورڪر ٻڌايو، ”اسان کي فقط مسلمان غريبن ۽ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ جو آرڊر آهي. جيڪڏهن اسان کي خبر پئي ٿي ته ڪو غير مسلم آهي ته ان کي ڪيمپ تان اٿاري ڇڏيون ٿا!“
    جنهن ڪيمپ تي ڪيترن ئي مسڪينن کي قورمي سان ماني کائيندي ڏسي دل کي خوشيءَ جو اڻ ميو احساس ٿيو هو، ان ئي ڪيمپ تي دل کي ڌڪ لڳو ۽ مان اتان هليو ويس.
    ٻئي ڏينهن تي مان حيدرآباد جي سرفراز چاڙهيءَ تي موجود سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي آفيس هليو ويس، جتي منهنجي ملاقات انڪوائري سرويئر محمد بابر سان ٿي. اهو باريش شخص مون کي بااخلاق به لڳو ۽ ٽرسٽ بابت معلومات گهرڻ تي هن مون کي ڪجهه بروشر به ڏنا، پر هو منهنجي انهيءَ سوال جو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو ته سندن ادارو غير مسلمن کي کاڌو کارائڻ کان ڇو انڪاري آهي؟ ان سلسلي ۾ هن فقط ايترو چيو ته اسان کي عام طور تي ماڻهو صدقي جا پئسا ڏين ٿا، جن تي فقط مسلمان مسڪينن جو حق آهي. جڏهن مون کائنس پڇيو ته ڇا سندن ادارو خيرات جا پئسا وٺڻ قبول ڪري ٿو، ته جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ماڻهو خيرات جا پئسا به اسان وٽ جمع ڪرائين ٿا. تڏهن مون کيس چيو، ”خيرات ڪنهن به مسڪين کي ڏئي سگهجي ٿي، ان تي مسلمان هئڻ جو شرط ته لاڳو نٿو ٿئي!“ پر هو وري به منهنجي ڳالهه جو ڪو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو ۽ چيائين ته وڌيڪ معلومات لاءِ اسان جي ويب سائيٽ کي وڃي وزٽ ڪيو. مون گهر پهچي سيلاني ٽرسٽ جي ويب سائيٽ کولي، پر ان تي به منهنجي سوال واري مسئلي سان لاڳاپيل مواد مون کي نظر نه آيو. تڏهن مون اسلاميات جي پروفيسر مولوي عبدالحق راڄپر کي فون ڪئي، جنهن ڪنهن به مسئلي تي منهنجي ڪيل سوالن جا اسلامي قانون مطابق مون کي سدائين مطمئن ڪندڙ جواب ڏنا آهن. جڏهن مون اهو مسئلو پروفيسر صاحب کي ٻڌايو ته هن هڪدم چيو، ”غير مسلم فقيرن ۽ مسڪينن کي نفلي صدقو ۽ خيرات ڏيڻ بلڪل جائز آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو ادارو خيرات جي مليل پئسن مان ڪنهن غير مسلم بکايل انسان کي کاڌو نٿو کارائي ته اهو غلط عمل آهي!“
    سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي بروشر ۾ ڏنل معلومات مطابق ڪراچيءَ جي پنجاهه کان وڌيڪ مرڪزن تي روزانو 63 هزار کان وڌيڪ غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي ٻن وقتن تي سٺو کاڌو کارايو وڃي ٿو. جڏهن ته حيدرآباد آفيس مان مون کي مليل ڄاڻ مطابق حيدرآٻاد شهر ۾ پڻ اهڙا ڏهه مرڪز آهن، جتي روزانو هزارين غريب ماڻهو پيٽ ڀري کاڌو کائين ٿا. ٽرسٽ جي بروشر ۾ ڏنل معلومات مطابق 30 مختلف شعبن ۾ ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ کاڌ خوراڪ، تعليم، صحت، غريب نياڻين جي شادي ۽ ٻين شعبن کان سواءِ مسجدن جي تعمير پڻ شامل آهي. بيشڪ اهي سڀ ڀلائيءَ ۽ نيڪيءَ جا ڪم آهن، پر جيڪڏهن ڀلائيءَ ۽ نيڪيءَ جا ايترا ڪم ڪندڙ اداري جي دستر خوان تان ڪنهن بکايل انسان کي فقط ان ڪري بکيو اٿاريو وڃي ته هو مسلمان ناهي، ته پوءِ سيلاني ٽرسٽ جي ٽرسٽيز کي ڀٽائيءَ جي انهيءَ بيت جو فسلفو ٻڌائڻ تي دل چاهي ٿي ته:
    روزا ۽ نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم
    او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي!
    آخر ۾ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي سربراهه بشير فاروقي صاحب کي ٻه ڳالهيون عرض ڪرڻ چاهيندس.
    پهرين ڳالهه اها، ته سيلاني ٽرسٽ کي فقط ڪراچي ۽ حيدرآباد تائين محدود نه رکڻ کپي، جو غريب ۽ مسڪين ماڻهو فقط ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نه، پر سڄي سنڌ رهن ٿا.
    ٻي ڳالهه اها، ته اسلام ڪنهن به بکايل غير مسلم کي نفلي صدقي ۽ خيرات جو کاڌو کارائڻ کان نٿو روڪي، ان ڪري مذهب جي فرق کان سواءِ سڀني بکايل انسانن کي کاڌو کارايو وڃي، ڇو ته بک فقط مسلمانن کي نه، پر سڀني انسانن کي لڳي ٿي.
    اڱارو 31 مئي 2011ع


    ابابيل اڏامندا رهن ٿا...

    ابابيل اڏامندا رهن ٿا...

    ڪالهوڪي ڪاوش ۾ ڇپيل هڪ خبر مطابق، ”حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ واري علائقي ۾ شراب پيئڻ لاءِ گلاس نه ڏيڻ تان ٻن ڄڻن مڇرجي هوٽل ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو آهي.“ مون کي خبر ناهي ته انهن ٽن زخمين جي حالت هن وقت ڪيئن آهي، پر مهينو کن اڳ اهڙو ئي هڪ واقعو ميرپور خاص جي ڀرسان به ٿيو هو، جنهن ۾ هوٽل مالڪ جو نوجوان پٽ مارجي ويو هو.
    ميرپورخاص جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ جو رهاڪو غلام رسول پنهور پوليس ۾ سپاهي هو. نوڪريءَ دوران سندس اها ئي ڪوشش رهي ته هو حق حلال جي روزي ڪمائي، ان ڪري نوڪريءَ جو وڏو عرصو هن ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ، اعليٰ آفيسرن جي بورچيءَ طور ڪم ڪيو، جو کيس سٺا کاڌا ٺاهڻ ايندا هئا. پوليس جي نوڪريءَ مان رٽائر ٿيو ته سندس ايمانداريءَ سبب، ڪنهن آفيسر سندس نوجوان پٽ علي حسن کي سپاهيءَ طور پوليس ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيو. غلام رسول پاڻ رٽائرمينٽ کان پوءِ ميرپورخاص جي ڀرسان ميرواهه روڊ تي وڃي غريباڻو هوٽل کوليو. سندس نوجوان سپاهي پٽ علي حسن به سرڪاري ڊيوٽيءَ کان پوءَ اچي هوٽل تي پيءُ جو هٿ ونڊائيندو هو. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ علائقي ۾ ڀرپاسي جي ٻين ڪيترن جهوپڙا هوٽلن تي ماڻهو اڄ به شراب پيئن ٿا، پر غلام رسول پنهنجي هوٽل ۾ بورڊ هڻي ان تي لکرائي ڇڏيو هو ته، ”هتي شراب پيئڻ منع آهي.“ اهو ئي سبب آهي ته شراب پيئندڙ ماڻهو سندس هوٽل تي نه ايندا هئا. اتفاق سان ڪي ماڻهو شراب جي بوتل سميت سندس هوٽل تي ايندا هئا، ته هو هٿ ٻڌي کين پاڻيءَ جا گلاس يا ڪولڊ ڊرنڪس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هو ۽ انهن گراهڪن جو هوٽل ۾ لڳل بورڊ طرف ڌيان ڇڪائيندو هو، جنهن تي لکيل هو ته، ”هتي شراب پيئڻ منع آهي.“ اهڙي صورت حال ۾ ڪي گراهڪ ته خاموشيءَ سان اتان اٿي ڪنهن ٻئي هوٽل طرف هليا ويندا هئا، ته ڪي وري کيس گهٽ وڌ به ڳالهائي ويندا هئا ۽ غلام رسول خاموشيءَ ۾ ئي عافيت سمجهندو هو، پر ان رات شراب جي بوتل کڻي آيل نوجوانن اٿڻ کان انڪار ڪندي ضد ڪيو ته هو سندس هوٽل تي ويهي شراب ضرور پيئندا، جيڪا ڳالهه غلام رسول کي ڪنهن به صورت ۾ منظور نه هئي. نتيجي طور غلام رسول جي انهن نوجوانن سان ڏند چڪ ٿي ۽ اهي نوجوان ڪاوڙجي اٿي هليا ويا. رات جو دير سان جڏهن غلام رسول هوٽل بند ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته اهي ساڳيا نوجوان موٽر سائيڪلن تي آيا ۽ اچڻ سان هوٽل ۾ فائرنگ ڪري ڏنائون، جنهن ۾ غلام رسول جو نوجوان پٽ علي حسن مارجي ويو ۽ چار ٻيا ماڻهو زخمي ٿي پيا. اسان وٽ لڪ ڇپ ۾ يا ظاهر ظهور هوٽلن تي ويهي شراب پيئڻ يا شراب پيئڻ کان پوءِ هُل هنگامو ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. اهڙا ماڻهو هُل، هنگامي کانپوءِ به آرام سان هليا ويندا آهن، جو ڪوبه شريف ماڻهو انهن سان هٿ اٽڪائڻ جي غلطي نٿو ڪري. ڪڏهن اتفاق سان ئي پوليس جي ڪنهن ايماندار آفيسر سبب اهڙو ڪو ماڻهو چالان ٿئي ٿو ۽ عدالت جي ڪٽهڙي تائين پهچي ٿو، نه ته اسان جي پوليس جا حال ته اسان سڀني کي ساريا پيا آهن، جو اسان جي پوليس وٽ ڏنو پٽ ڇٽي جو وارو نظام ڏاڍي بي ڊپائيءَ سان هلي رهيو آهي!
    پاڪستان دنيا جي 56 اسلامي ملڪن مان واحد اسلامي ملڪ آهي، جتي شراب ٺاهڻ جي ته ڪجهه ڪارخانن کي قانوني اجازت مليل آهي، پر مسلمانن لاءِ شراب پيئڻ تي پابندي لاڳو آهي، جيڪا پابندي 1977ع ۾ لڳي هئي. ملڪ جي اٽڪل 50 لک غير مسلم آباديءَ کي فقط خاص پرمٽ وسيلي شراب وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي، پر عملي طور تي اسان وٽ شراب جي وڪري تي ڪابه پابندي ناهي. هر ننڍي وڏي شهر جي گتن تي بنا ڪنهن پرمٽ جي شراب وڪرو ڪيو وڃي ٿو. خاص طور تي شام ٿيندي ئي انهن گتن تي شراب خريد ڪندڙن جي ”کڙڪي توڙ“ رش نظر اچي ٿي. پاڪستان ۾ شراب تي سرڪاري طور تي پابندي ۽ عملي طور تي آزاديءَ سبب شراب بلئڪ تي وڪامي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ شراب وڪرو ڪندڙ ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻجندا رهن ٿا. بي بي سي جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو شراب نوشي ڪن ٿا، جن ۾ مردن کان سواءِ عورتن جو وڏو انگ به شامل آهي. اها خبر به آچر 5 جون جي ڪاوش ۾ موجود آهي ته اسلام آباد ايئر پورٽ تي ناليواري اداڪارا ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ عتيقا اوڍو جي سامان مان تلاشيءَ دوران غير ملڪي شراب جون ٻه بوتلون نڪتيون.
    شراب جي ايجاد بابت لکيو ويو آهي ته، ”قديم ايران جو هڪ شهنشاهه انگور کائڻ جو شوقين هو. هڪ دفعي انگور رکي ڪيڏانهن هليو ويو. ڪجهه هفتن کان پوءِ واپس آيو ته ڏٺائين ته اهي انگور خراب ٿي ويا هئا. شهنشاهه کي لڳو ته اهي زهر بڻجي ويا هئا، تنهن ڪري انهن انگورن کي ٿانوَ سوڌو دفن ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. زندگيءَ کان بيزار هڪ ٻانهيءَ خود ڪشي ڪرڻ جي ارادي سان اهو ٿانءُ کوٽي ڪڍيو ۽ ان ۾ موجود عرق زهر سمجهي پي ڇڏيائين. هوءَ مئي ته ڪونه، پر کيس نشو ٿي ويو ۽ نشي ۾ نچڻ ڳائڻ شروع ڪري ڇڏيائين. جڏهن سندس نشو ختم ٿيو ته کائنس سندس اهڙي حالت بابت پڇا ڪئي وئي. ٻانهيءَ جڏهن انگور جي عرق جو ذڪر ڪيو ته شهنشاهه به انگور جو عرق واپرائڻ شروع ڪيو ۽ کيس ئي شراب جو ايجاد ڪندڙ به سڏيو ويو.“
    هڪ رپورٽ مطابق، ”دنيا ۾ هر سال گهٽ ۾ گهٽ 25 لک ماڻهو شراب نوشيءَ سبب مري وڃن ٿا.“ جيتوڻيڪ مختلف ڪمپنيون سائنسي اصولن تحت شراب ٺاهن ٿيون، جيڪو به هر صورت ۾ نقصانڪار هجي ٿو، پر وڌيڪ ۽ تڪڙو نقصانڪار مقامي طور تي غير قانوني نموني سان ٺاهيل ”ٺرو“ هجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو علاج جي باوجود مري وڃن ٿا. ساڳئي وقت اسان جي ملڪ ۾ ته برانڊيڊ بوتلن ۾ نقلي شراب جي وڪري جون شڪايتون به عام آهن، جيڪو پڻ انسان لاءِ زهر برابر هجي ٿو. برانڊيڊ بوتلن ۾ موجود نقلي شراب جو شڪار ٿيندڙ هڪڙي نوجوان کي ته مان به سڃاڻان ٿو، جنهن عام گتي تان شام جو اهو شراب خريد ڪري رات جو وڃي پيتو ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ سندس نظر ختم ٿي وئي. ڊاڪٽرن طرفان کيس لا علاج قرار ڏيڻ کان پوءِ سندس زندگي هڪ نه کٽندڙ ڊگهي ڪاري رات بڻجي وئي آهي. نه فقط نقلي، پر اصلي توڙي انتهائي قيمتي پرڏيهي شراب به نقصانڪار ئي هجي ٿو ۽ خاص طور تي، هڪ ئي وقت تي ان جو وڌيڪ استعمال خطرناڪ ۽ موت مار به ثابت ٿي سگهي ٿو. اهڙو ڪجهه ئي منهنجي هڪ ويجهي دوست ۽ پاڪستان جي ليجنڊ ٽي وي آرٽسٽ سان ٿيو هو. کيس هڪ دوست قيمتي پرڏيهي شراب جي هڪ وڏي بوتل ڏئي ويو، جنهن بوتل کي پياڪ ڏيڍوڻي چوندا آهن. اهو مشهور اداڪار رات جو بوتل کڻي پنهنجي بيڊ روم ۾ هليو ويو. جڏهن به اهو اداڪار رات جو بيڊ روم ۾ پيئڻ شروع ڪندو هو ته سندس زال ٻئي ڪمري ۾ وڃي سمهي پوندي هئي. ان رات به سندس زال ائين ئي ڪيو. ٻئي ڏينهن جڏهن دير تائين اهو اداڪار ننڊ مان نه اٿيو، ته سندس زال کيس جاڳائڻ لاءِ بيڊ روم ۾ وئي، پر اهو اداڪار ڪڏهن به جاڳي نه سگهيو. سندس بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي شراب جي ڏيڍوڻي بوتل مڪمل طور تي خالي پئي هئي ۽ سندس ساهه جو ابابيل اڏامي چڪو هو.
    سنڌ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾، بنا پرمٽ جي ۽ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شراب عام جام وڪرو ٿيندو رهي ٿو، انساني ساهن جا ابابيل به اڏامندا رهن ٿا، پر پوءِ به قانون تحرڪ ۾ نٿو اچي!
    اڱارو 7 جون 2011ع


    ڊراپ سين

    ڊراپ سين

    ڪجهه ڏينهن اڳ سڪرنڊ جي سوناري، نوجوان اميت ڪمار پاران مسلمان ٿي، اميت ڪمار مان عامر بڻجي، اداڪارا ارم ڳاهو سان شادي ڪرڻ جون خبرون سامهون آيون هيون. اخباري خبرن مطابق سڪرنڊ جي سوناري اميت ڪمار/عامر لاءِ هڪ طرف ارم ڳاهو جي محبت هئي، ته ٻئي طرف مائٽن جو دٻاءُ، جنهن ڪري هن ڪنهن وقت مسلمان ٿي ارم ڳاهو سان شاديءَ جو اقرار ٿي ڪيو، ته ڪنهن وقت انڪار. اميت ڪمار/عامر پاران ڪنهن وقت اقرار ۽ ڪنهن وقت انڪار جون خبرون پڙهي مون کي هڪ افسانو به ياد اچي ويو، ته ڪجهه حقيقتون به. اهو افسانو ته نسيم کرل جو لکيل آهي، جنهن جو عنوان آهي ”ڪافر“. هن افساني جي آکاڻي مختصر لفظن ۾ ڪجهه هيئن بيان ڪري سگهجي ٿي:
    سيتل اوڏ پنهنجي زال سوڌو، بنا ڪنهن دٻاءَ جي، رضا خوشيءَ سان وڃي مسلمان ٿئي ٿو ۽ سندس نالو عبدالله رکيو وڃي ٿو. هو پنهنجي مٽن مائٽن سان سمورا لڳ لاڳاپا ٽوڙي، اوڏن جو ويڙهو ڇڏي وڃي مسلمانن سان رهي ٿو. ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي ڀيڻ جي بيماريءَ جو ٻڌي سندس دل کي جهٻو اچي ٿو ۽ هو پنهنجي بيمار ڀيڻ جي طبيعت پڇڻ اوڏن جي ويڙهي طرف وڃي ٿو. روزي نماز جو پابند عبدالله جڏهن ٽپهريءَ جي نماز لاءِ ڳوٺ جي مسجد ۾ نٿو پهچي ۽ مولوي صاحب کي خبر پئي ٿي ته، عبدالله اوڏن جي ويڙهي ڏانهن ويو آهي، تڏهن هڪ ڳوٺاڻو فتح، مولوي صاحب جي حڪم سان عبدالله کي وٺڻ اوڏن جي ويڙهي ڏانهن وڃي ٿو. فتح، اوڏن جي ويڙهي وٽ پهچي عبدالله کي سڏ ڪري ٿو، ته عبدالله کان اڳ ۾ اوڏن جو مُکي ٻاهر نڪري اچي ٿو. مکيءَ کي ڏسي فتح چئي ٿو، ”اسان جو عبدالله توهان وٽ آيو آهي...“
    مکي چڙ مان پڇي ٿو، ”عبدالله توهان جو آ فتح؟“
    فتح وراڻي ٿو، ”ها، اسان جو مسلمان ڀاءُ آهي، اسين هن جا وارث آهيون.“
    ان وچ ۾ عبدالله به اتي پهچي وڃي ٿو ۽ سندن ڳالهيون ٻڌڻ لڳي ٿو. مکي، فتح کان پڇي ٿو، ”چڱو فتح، هڪ ڳالهه ٻڌاءِ، سڀان جو هي مري وڃي ته جوڻس کي ته لوڌي ڪڍندئو نه؟“
    ”ڇو لوڌي ڪڍندا سونس!“
    ”توهين مسلمان ساڻس نڪاح ڪندئو؟“
    ”جي مالڪياڻي راضي هوندي ته ان ۾ ڪو عيب ڪونهي“.
    عبدالله، مکيءَ کي سوالن جوابن ۾ منڌل ڏسي مشڪڻ لڳي ٿو.
    مکي سوال جو نئون داءُ هڻي ٿو، ”چڱو فتح، جي جوڻس مري وڃي، ته کيس پاڻ وٽان پرڻائيندئو؟“
    مکيءَ جو سوال ٻڌي فتح جو منهن ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو، ”مکي، زبان سنڀال، اڳتي حرف نه ڪڇجانءِ، نه ته....“
    مکي هيسجڻ بجاءِ مرڪي چئي ٿو، ”اهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي، جو توهان وٺندئو، باقي ڏيندئو ڪو نه...“
    فتح، ڪاوڙ مان مکي کي ٻڌائي ٿو ته اسان ذات کان ٻاهر سڱ ناهيون ڏيندا ۽ اسان جي اها رسم ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي اچي. انهيءَ سماجي متڀيد سبب عبدالله جي دل ٽُٽي پئي ٿي ۽ هو فتح سان گڏ وڃڻ بجاءِ، اوڏن جي ويڙهي ڏانهن واپس هليو ٿو وڃي...!
    اهو ته هيو هڪ افسانو، جنهن ۾ سيتل اوڏ، عبدالله بڻجڻ کانپوءِ به سماجي متڀيد جو شڪار رهيو. انهيءَ افسانوي ڪردار ستيل اوڏ جي ڀيٽ ۾، حقيقي زندگيءَ جو ڪردار ڀاڳچند اوڏ ڀاڳ وارو رهيو، جنهن کي ذاتي طور تي هي بندو به سڃاڻي ٿو. ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيل نوجوان ڀاڳچند ڪجهه مهينا اڳ عبدالله بڻيو، ته هڪ سکئي ستابي مسلمان گهراڻي ۾ سندس رشتو به طئي ٿي ويو، پر هڪ ٻيو حقيقي ڪردار، ويچارو هفشي ڪولهي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ به سدائين سماجي متڀيد جو شڪار رهيو.
    ٽنڊي يوسف ۾ رهندڙ پروفيسر عبدالرزاق ڀٽيءَ مطابق، هفشي ڪولهي مسلمان وڏيري جي باغن ۾ پورهيو ڪندو هو. جيتوڻيڪ هفشي جو گهر به ٽنڊي يوسف ۾ ئي هو، پر هو اڪثر وڏيري جي اوطاق تي رهندو هو. دوستن جي اثر هيٺ ٽيهن سالن جي عمر کان پوءِ هفشي مسلمان ٿي عبدالرحمان ته بڻجي ويو، پر مسلمانن مان کيس سڱ نه مليو ۽ نه ئي سندس مسلمان دوستن ڪنهن ٻئي سماجي حوالي سان هن جي ڪا خاص مدد ڪئي. نتيجي طور هفشي مان عبدالرحمان بڻيل انسان سدائين اڪيلاين ۽ اداسين جو شڪار رهيو. جڏهن به عيد جهڙو ڪو خوشين جو موقعو ويجهو ايندو هو، ته سندس اندر جي اداسي وڌي ويندي هئي. سندس دوست اڪثر اهڙن موقعن تي کيس چرچو ڪري چوندا هئا ته، ”اڙي، شادي ڪري پوءِ مسلمان ٿئين ها...!“ تڏهن هو ڦڪي مرڪ مرڪي چوندو هو، ”بس يار، مون ته پنهنجو ڪم ڪيو، باقي مسلمان ڀائرن مون سان ڪو نه نڀايو!“
    نسيم کرل جي افسانوي ڪردار سيتل اوڏ (عبدالله) جيان، عبدالرحمان ٻيهر مذهب مٽائي وري هفشي ڪولهي ته ڪو نه ٿيو، پر هن جا پنهنجي ڪولهي مائٽن سان سماجي رابطا سدائين بحال رهيا. اهو ئي سبب آهي ته، جڏهن هو بيمار ٿيو ته وري به پنهنجي ڀاءُ لکمڻ ڪولهيءَ جي گهر هليو ويو ۽ ڀاءُ جي گهر ۾ ئي مري ويو. مرڻ کانپوءِ سندس ڀاءُ لکمڻ، عبدالرحمان جو لاش مسلمانن حوالي ڪري ڇڏيو، جن ايترو ضرورو ڪيو، جو سندس جنازي نماز پڙهي، کيس اسلامي طريقي مطابق دفن ڪري ڇڏيو!
    نسيم کرل جو افسانوي ڪردار سيتل اوڏ ته شادي شده هيو ۽ زال سوڌو وڃي مسلمان ٿيو هو، پر جڏهن ٻڌائين ته سندس مرڻ جي صورت ۾ ڪو مسلمان ڀاءُ سندس زال سان ته نڪاح ڪري ڇڏيندو، پر جيڪڏهن سندس زال مري وئي ته ڪو به کيس پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ نه ڏيندو، ته سندس ارواح کڄي ويو ۽ هو وري اوڏن جي ويڙهي ڏانهن واپس هليو ويو! سندس ابتڙ، ٽنڊي يوسف جو حقيقي ڪردار هفشي ڪولهي ته شادي ڪرڻ کانسواءِ ئي وڃي مسلمان ٿيو هو، پر ويچارو شادي ڪرڻ جي حسرت سيني ۾ سانڍي مري ويو! هاڻي ڏسون ته، (خبرن مطابق) سڪرنڊ جي سوناري اميت ڪمار پاران مسلمان ٿي عامر بڻجڻ کان پوءِ، اداڪارا ارم ڳاهو سان شادي ڪرڻ واري حقيقي زندگيءَ جي انهيءَ ڪهاڻيءَ جو ڪهڙو ٿو ڊراپ سين ٿئي.....هن حقيقي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ جو ڊراپ سين ڪهڙو به ٿئي، پر ڪنهن نه ڪنهن ڊراما رائيٽر کي هڪڙي ڊرامي جو موضوع ته ملي ئي ويندو ۽ ڊرامن ۾ افسانوي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا جي حقيقي زندگي به، شايد ٽي وي اسڪرين تي ڊرامو بڻجي سامهون اچي ويندي!

    اڱارو 30 آگسٽ 2011ع


    برسات ۽ لاوارث ٻار

    برسات ۽ لاوارث ٻار

    بارش ۾ پسندڙ اهو ڏهاڪو سالن جو ٻارڙو روڊ جي پاسي کان بيٺل هو، جنهن لفٽ وٺڻ لاءِ هٿ سان اشارو ڪيو هو. تيز برسات سبب سندس ڪپڙن مان پاڻي ٽمي رهيو هو ۽ کيس لفٽ ڏيڻ سان گاڏيءَ جي سيٽ ۽ ڪارپيٽ جي ڪجهه خراب ٿيڻ جو پورو يقين هئڻ جي باوجود، معصوم چهري واري ان ٻار جي حالت سبب کيس نظرانداز ڪري گذري وڃڻ ممڪن نه هيو. جڏهن هو جسم ۽ ڪپڙن مان ٽمندڙ پاڻي سميت ڪار ۾ ويهي رهيو ته مون سندس نالو پڇيو. سانوري رنگ واري انهيءَ ٻار پنهنجو نالو ڀورو ٻڌايو. کائنس پڇيم، ”هيڏي بارش ۾ گهر کان ٻاهر ڇو نڪتو آهين؟“
    ڀوري ڪو به جواب نه ڏنو. هٿ سان پنهنجي چهري تان بارش جو پاڻي اگهندو رهيو. مون ڪجهه ٽشو پيپر ڪڍي کيس ڏيندي چيو، ”تون جواب ڇو نٿو ڏئين؟“
    سانورو ڀورو وري به چپ رهيو. ٽشو پيپرن سان پنهنجو چهرو صاف ڪندو رهيو. مون رستي تان نظر هٽائي ڀوري جي معصوم چهري ڏانهن ڏٺو، ”ڀلا وڃين ڪيڏانهن پيو؟“
    منهنجي توقع جي ابتڙ ڀوري هڪدم وراڻيو، ”مائٽن جي گهر پيو وڃان.“
    ونڊ اسڪرين مان شديد بارش ڏانهن ڏسندي کائنس پڇيم،
    ”توکي مائٽن ڏانهن ڪو ايڏو ضروري ڪم آهي، جو ايتري تيز بارش ۾ گهران نڪتو آهين!“
    ڀوري معصوميت سان چيو، ”نه...ڪم ته ڪوئي ڪونهي!“
    مون کي سانوري رنگ واري معصوم ڀوري تي رحم اچي ويو. کيس چيم، ”تون پنهنجي گهر واپس هليو وڃ، مان توکي تنهنجي گهر تائين ڇڏي ٿو اچان.“
    ڀوري ڪو به جواب نه ڏنو. سوچ ۾ پئجي ويو. مون ڪار کي بريڪ لڳائي روڊ جي پاسي تي بيهاري ڇڏيو، ”ٻڌاءِ ڪٿي آهي تنهنجو گهر؟“
    ڀوري جي اکين ۾ اداسي لهي آئي. ڳيت ڏئي چيائين، ”منهنجو ته ڪو گهر ئي ناهي سائين!“
    مون کي حيرت به لڳي، ته ڏک به ٿيو. پيار سان پڇيم، ”ڇو تنهنجو گهر ناهي؟“
    ڀورو چپ ڪيو ويٺو رهي. پيار سان سندس مٿي تي هٿ ڦيري چيم، ”ٻڌاءِ پٽ!“
    پيار جا ٻه لفظ اثر ڏيکاري ويا ۽ ننڍڙي ڀوري پنهنجي ننڍڙي آتم ڪٿا ٻن منٽن ۾ ٻڌائي ڇڏي، جنهن مطابق ڀوري جو پيءُ گذريل سال واري ٻوڏ ۾ مري ويو ته ڪجهه مهينا پهرين سندس ماءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي. ويڳو پيءُ ڀوري کي پالڻ لاءِ تيار نه هو، ان ڪري سندس ماءُ ڀوري کي حيدرآباد ۾ مائٽن جي حوالي ڪري ڇڏيو. مائٽن جي خراب رويي ۽ پورو کاڌو نه ملڻ ڪري معصوم ڀورو بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿيو ۽ پوءِ مائٽن جي گهران نڪري هليو ويو. هاڻي هو حيدرآباد شهر جي فوٽ پاٿن ۽ ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي واري علائقي جي رستن تي زندگي گذاري ٿو ۽ ڪنهن هوٽل تان ملندڙ خيراتي مانيءَ تي گذارو ڪري ٿو. ان ڏينهن شديد بارش سبب جڏهن اها فوٽ پاٿ به ٻڏي وئي، جنهن جي ڪنڊ تي وڃي هو ويهندو هو ۽ رات جو اتي ئي سمهي پوندو هو، تڏهن هو مجبور ٿي رات گذارڻ لاءِ وري مائٽن جي گهر طرف وڃي رهيو هو.
    ننڍڙي ڀوري جي ننڍڙي آتم ڪٿا ٻڌي هن دل کي جهٻو اچي ويو. ڪجهه سوچي کيس چيم، ”تون مون سان گڏ هل، مان ڪنهن نموني تنهنجي رهڻ ۽ پڙهڻ جو بندوبست ڪرائي وٺندس.“ منهنجي ڳالهه ٻڌي، ڀورو بيٺل ڪار مان هڪدم لهي پري هليو ويو. کيس سڏ ڪيم ته هن پري کان بيهي ڪنڌ ورائي ڏٺو. هٿ جي اشاري سان کيس سڏيم ته هن انڪار سان ڪنڌ لوڏي ڇڏيو. کيس سمجهائڻ لاءِ ڪار مان هيٺ لٿس ته هو خوف مان ڊوڙندو ڀرسان واري هڪ گهٽيءَ ۾ ڀڄي ويو. مان سمجهان ٿو ته فوٽ پاٿن تي سمهندي ۽ رستن تي رلندي معصوم ڀورو يقيناً ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ غلط ماڻهن جي هٿ به چڙهيو هوندو، جنهن ڪري هن کي منهنجي ڳالهه تي به يقين نه آيو ۽ هن بارش جي پاڻيءَ ۾ ڀَڄي پنهنجي جان بچائڻ ۾ ئي عافيت سمجهي.
    ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ڪجهه ٻين وڏن شهرن ۾ به ڪيترائي لاوارث ۽ وارث هوندي به لاوارث بڻيل ٻار، انهن شهرن جي رستن، فوٽ پاٿن، پارڪن ۽ ميدانن تي زندگي گذارين ٿا. انهن مان اڪثر ٻار نه فقط جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿا، پر اهڙيون رپورٽون به موجود آهن ته ڪجهه لاوارث ٻارن کي دهشتگرد تنظيمن به پنهنجي مقصدن خاطر استعمال ڪيو آهي. هڪ رپورٽ موجب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊن رستن، فوٽ پاٿن، پارڪن ۽ کليل ميدانن ۾ زندگي گذاريندڙ لاوارث ٻارن جو تعداد 55 کان 60 هزار آهي، جن مان 32 هزار لاوارث ٻار فقط هڪڙي شهر ڪراچيءَ ۾ موجود آهن ۽ انهن 32 هزار ٻارن مان 17 هزار ٻار ٻين شهرن کان آيل آهن. ڪيترن ٻارن کي ته اها به خبر ناهي ته هو آيا ڪٿان آهن ۽ سندن ماءُ پيءُ ڪير آهي!
    لاوارث ٻارن بابت هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست به ٻڌڻيءَ هيٺ آهي ۽ تازو هاءِ ڪورٽ پاران ان سلسلي ۾ حڪومت کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. مون کي خبر ناهي ته انهيءَ درخواست تي هاءِ ڪورٽ ڪهڙو فيصلو ڏيندي ۽ ان تي ڪيترو عمل ڪيو ويندو. جڏهن ته پاڪستان جي آئين مطابق لاوارث ٻارن جي پالنا توڙي تعليم ۽ تربيت حڪومت جي ذميداري آهي، پر انهيءَ حوالي سان سرڪار جي سماجي ڀلائيءَ واري کاتي سميت سڀني ذميدار ادارن جي غير ذميداري ڪنهن کان به لڪل ناهي. سماجي ڀلائي واري کاتي ۾ ”ڀلائي“ ته ڄڻ ڪو واڌو لفظ ٿو لڳي. ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جو ڪردار به ذڪر جوڳو ناهي ته ساڳئي وقت اهڙن ٻارن لاءِ اسان جا انفرادي رويا به عام طور تي گهڻو بهتر ناهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سماج ۾ لاوارث ٻار، سماجي لاوارثي جو شڪار به آهن. هڪ طرف اسان جي سماج ۾ انسان جا ٻچا لاوارثيءَ جو شڪار آهن، ته ٻئي طرف دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ جانورن جي ٻچن کي به ائين لاوارث نٿو ڇڏيو وڃي. روس جي هڪ ڳوٺ جا رهواسي ته جهنگ ۾ مري ويل جانورن جي لاوارث ٻچن کي به پنهنجي گهرن ۾ کڻي اچي انهن جي پنهنجي ٻچن جيان پيار سان پالنا ڪن ٿا. خبر ناهي ته اسان وٽ آدم جي اولاد لاءِ بي حسيءَ جي بادلن مان اميد جو اهڙو سج ڪڏهن اڀرندو، جو معصوم ڀوري جيان، لاوارث ٻارڙا گرمي، سرديءَ ۽ بارشن ۾ فوٽ پاٿن، رستن ۽ کليل ميدانن تي بي وسيءَ واري رحم جوڳي زندگي گذارڻ تي مجبور نه ٿيندا!

    اڱارو 20 سيپٽمبر 2011ع













    گڏهه سان گفتگو

    گڏهه سان گفتگو

    مان پبلڪ پارڪ جي بينچ تي ويٺو اخبار پڙهي رهيو هئس ته پويان آواز آيو، ”گڏهن جي باري ۾ ڪا خبر آهي ڇا؟“
    مون ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو. بينچ جي پٺيان هڪ گڏهه بيٺو هو ۽ سندس نظر منهنجي هٿن ۾ کليل اخبار تي هئي. مون کي حيرت لڳي ته پويان ڪو انسان ڪو نه هو، جنهن ڳالهايو هجي. مون انساني آواز کي پنهنجو وهم سمجهي، گڏهه کي لنوائي، ڪنڌ ورائي ٻيهر اخبار ۾ ڏٺو ۽ ڪالم لکڻ لاءِ پوليس جي زيادتين متعلق هڪ خبر تي اڃا غور ڪرڻ مس شروع ڪيو ته ٻيهر آواز آيو، ”گڏهن جي باري ۾ ڪا خبر هجي ته پڙهي ٻڌاءِ“.
    مون ٻيهر ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو، پر ساڳئي گڏهه کان سواءِ مون کي ٻيو ڪو به نظر نه آيو. مان وري ڪنڌ ورائڻ وارو هئس، ته گڏهه وري ڳالهائي مون کي وڌيڪ حيران ڪري ڇڏيو. گڏهه چيو، ”مون تو کان گڏهن جي باري ۾ ڪنهن خبر بابت پڇيو هو!“
    مان حيران ۽ پريشان ٿيڻ سان گڏ ڊڄي به ويس. خوف مان چيم،
    ”تون گڏهه ٿي ڪري به ڳالهائين ٿو!؟“
    گڏهه ٽهڪ ڏنو ته سندس وڏا ڏند ظاهر ٿي پيا. کلندي چيائين، ”توهان انسانن مون کي سدائين بي زبان سمجهيو آهي، پر مون وٽ توهان انسانن کان وڏي زبان آهي. تون جيڪڏهن منهنجو ساٿ ڏئين ته مان دوگانو به ڳائي سگهان ٿو!“
    گڏهه کي ائين ڳالهائيندي ۽ هر ڳالهه جو ٺهه پهه جواب ڏيندي ٻڌي مان ڊڄي ڀڄي وڃان ها، پر مون کي ڪرشن چندر جو ڪتاب ”ايڪ گدهي ڪي سرگزشت“ ياد اچي ويو ۽ مون کي پڪ ٿي وئي ته ڳالهائيندڙ گڏهه فقط هندستان ۾ موجود ناهن، جن مان هڪ ڳالهائيندڙ گڏهه جي ڪرشن چندر جيون ڪٿا لکي هئي، پر ڳالهائيندڙ گڏهه دنيا ۾ ڪٿي به موجود ٿي سگهن ٿا. اهو سوچي منهنجو خوف ته ختم ٿي ويو، پر مون گڏهه سان گفتگو ڪري پنهنجو قيمتي وقت وڃائڻ نه پئي چاهيو، ان ڪري ڪنڌ ورائي ڇڏيم ۽ ڪالم لکڻ جهڙي اها خبر غور سان ٻيهر پڙهڻ لڳس، جنهن مطابق پوليس هڪ بي ڏوهيءَ کي موچڙا هڻي، ڪيترائي اڻ ڪيل ڏوهه باسرائي انعام ۽ ترقيون به حاصل ڪري ورتيون هيون.
    بينچ جي پويان بيٺل گڏهه ڦري اڳيان آيو ۽ بينچ تي منهنجي ڀرسان اچي ويهي رهيو. مان گڏهه کان ٿورو پرتي سري ويس. گڏهه چيو، ”اخبار ۾ ڪا گڏهن بابت خبر آهي ته مون کي ضرور پڙهي ٻڌاءِ“
    ڪاوڙ مان وراڻيم، ”اخبارن ۾ گڏهن جون خبرون ناهن ڇپبيون!“
    گڏهه هڪدم چيو، ”ڪيترن گڏهن جون نه فقط خبرون، پر تصويرون به اخبارن ۾ ڇپيون آهن. تون شايد ڌيان سان اخبار ناهين پڙهندو!“
    مون کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي، جو ڪالم سان گڏ تصوير ته اخبار ۾ منهنجي به ڇپجندي آهي، سخت ڪاوڙ مان پڇيم، ”تون ڪهڙي گڏهه جي ڳالهه ٿو ڪرين!؟
    گڏهه وڏو ٽهڪ ڏئي پنهنجا وڏا ڏند ڏيکاريندي چيو، ”تون ڪاوڙ نه ڪر. مان ته انهن گڏهن جي ڳالهه ٿو ڪيان، جيڪي اڄڪلهه لينڊ ڪروزر گاڏين جي جاءِ تي استعمال ٿي رهيا آهن!“
    مون کي گڏهه جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، پر گڏهه اها ڳالهه به سمجهي ويو ته مون کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ ناهي آئي! چيائين، ”تو اهڙيون خبرون به پڙهيون هونديون ۽ اخبارن ۾ اهڙيون تصويرون به ڏٺيون هونديون، جن ۾ سرڪاري ڪامورا گڏهن تي چڙهي، برسات جي پاڻيءَ مان پنهنجي آفيسن ڏانهن ويندي نظر آيا آهن“.
    مون ماڻهپي جو پاسو کڻڻ مناسب سمجهيو. چيم، ”اهو ڪو گڏهن جو ڪارنامو ناهي. گڏهن جون اهي تصويرون انهن فرض شناس ڪامورن، يعني ماڻهن جي مهربانيءَ سان اخبارن ۾ ڇپيون آهن.“
    گڏهه کي مون کان به وڌيڪ ڪاوڙ لڳي. پڇيائين، ”انهن ڪامورن جون قيمتي ڪارن تي ويٺل تصويرون ڪڏهن اخبارن ۾ ڏٺيون اٿئي؟“
    مون وٽ انڪار کانسواءِ ڪو به جواب نه هو.
    گڏهه چيو، ”انهن ڪامورن جون تصويرون گڏهه تي سواري ڪرڻ سبب، گڏهن جي مهربانيءَ سان ڇپيون آهن، پر توهان انسانن اسان گڏهن جي قربانين کي سدائين نظرانداز ڪيو آهي!“
    مون گڏهه سان بحث ڪري وقت وڃائڻ نٿي چاهيو. منهن ٻئي پاسي ڪندي چيم، ”گڏهه سو ئي گڏهه!“
    ڪاوڙ مان گڏهه جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، ڏند ڪرٽيندي چيائين، ”ائين چئي تون گڏهيت جي توهين ٿو ڪرين!“
    گڏهه جي واتان ”گڏهيت جي توهين“ جهڙا لفظ ٻڌي مان ڇرڪي پيس. حيرت مان کائنس پڇيم، ”تون پڙهيل لکيل گڏهه آهين ڇا!؟“
    گڏهه ناراضگيءَ سان چيو، ”ها، اُٺَ ڪتابن جا پڙهيا اٿم.“
    چيم، ”اُٺَ ڪتابن جا انسان پڙهندا آهن، گڏهه نه!“
    گڏهه وراڻيو، ”جيڪو گڏهه ڳالهائي سگهي ٿو، اهو اُٺَ ڪتابن جا به پڙهي سگهي ٿو.“
    گڏهه جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي. سوچيم، ڪرشن چندر ۽ جارج آرويل جيان قسمت اڄ مون تي به مهربان ٿي آهي. قسمت اڄ منهنجي ملاقات اهڙي پڙهيل لکيل ۽ عقلمند گڏهه سان ڪرائي آهي، جنهن سان دوستي ڪري ۽ مشاهدو ماڻي مان به ناول نگار بڻجي سگهان ٿو. مون پوليس جي زيادتين تي ڪالم لکڻ جو ارادو ملتوي ڪري، ناول لکڻ خاطر انهيءَ گڏهه سان دوستيءَ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو. بينچ تي ٿورو سري گڏهه جي ويجهو ٿيس ته گڏهه ڇرڪي، بينچ تان اٿي بيهي رهيو. حيرت مان پڇيم، ”ڇا ٿيو!؟“
    گڏهه هڪ طرف ڏسندي خوف مان چيو، ”هو ڏس...اچن پيا!“
    مون انهيءَ طرف ڏٺو. ڪجهه پوليس وارا ويجهو اچي پهتا هئا. گڏهه ڊنل آواز سان چيو، ”لڳي ٿو پوليس وارن مون کي ڳالهائيندي ٻڌي ورتو آهي!“
    حيرت مان چيم، ”پوليس وارن توکي ڳالهائيندي ٻڌي ورتو ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پوندي!“
    گڏهه خوف مان تڪڙ ۾ چيو، ”اڄ اڱارو آهي، جيڪڏهن پوليس وارن مون کي ڳالهائيندي ٻڌي ورتو آهي، ته سڀاڻي اربع تائين مون کي ڏنڊا هڻي، پنهنجا پراوا سڀ ڏوهه مون کان باسرائيندا ۽ پنهنجو بار هلڪو ڪندا. بيشڪ مان گڏهه آهيان ۽ منهنجو ڪم بار ڍوئڻ آهي، پر پوليس جو اهو بار کڻڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي.“ ايترو چئي اهو گڏهه، پوليس وارن جي ويجهو پهچڻ کان اڳ ۾ ئي اتان ڀڄي ويو ۽ گڏهه سان گفتگو جي ڏوهه ۾ پوليس مون کي گرفتار ڪري ورتو.

    اڱارو 4 آڪٽوبر 2011ع






    معزز گڏهه سان ملاقات

    معزز گڏهه سان ملاقات

    شهر جي پوش ايريا ۾ صبح جو سوير واڪ ڪندي فوٽ پاٿ تي سامهون ايندڙ هڪ اهڙي گڏهه کي ڏٺم ، جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڪنهن رسيءَ بجاءِ ٽاءِ پيل هئي. سوچيم ، پوش ايريا جي ڪنهن شرارتي ٻار گڏهه کي ٽاءِ پارائي ڇڏي آهي. ٽاءِ پاتل گڏهه ڏانهن ڏسندي منهنجي چهري تي مُرڪ اچي وئي. گڏهه منهنجي ويجهو پهچي بيهي رهيو. مون غور سان گڏهه جي ٽاءِ ڏٺي ، جيڪا ڏاڍي نفيس ۽ قيمتي هئي. سوچيم گڏهه جي ڳچيءَ مان اها ٽاءِ لاهي پاڻ ٿو پائي ڇڏيان. اهو سوچي مون هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته ڪير مونکي ڏسي ته نه پيو، پر صبح جو سوير پوش ايريا جي انهيءَ رستي تي مون کان ۽ ٽاءِ واري گڏهه کان سواءِ اُن وقت ڪير به نه هيو. مون گڏهه جي ڳچيءَ منجهان ٽاءِ لاهڻ لاءِ هٿ وڌايو ته گڏهه چيو، ” ڇو منهنجي ڳچيءَ ۾ ٽاءِ نٿي ٺهي ڇا؟“
    مون ڇرڪي پنهنجو هٿ گڏهه جي ڳچيءَ کان پوئتي ڪري ڇڏيو ۽ خوف وچان پاڻ به پوئتي ٿي ويس.
    گڏهه مُرڪي چيو، ”ڊڄ نه ، مان ته توسان ڳالهائڻ لاءِ ئي اچي تنهنجي ڀرسان بيٺو هئس ، پر تو گڏهه سمجهي منهنجي ڳچيءَ مان قيمتي ٽاءِ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي!“
    شرم کان منهنجو ڪنڌ جُهڪي ويو ، پر جلد ئي شرم پرچائي ڪنڌ مٿي ڪري چيم، ”گڏهه سمجهي ڇا مطلب ... تون گڏهه ناهين ڇا!“
    گڏهه وڏو ٽهڪ ڏنو ته سندس وڏا ڏند ظاهر ٿي پيا. چيائين ،”بيشڪ مان گڏهه آهيان ، پر عام قسم جو گڏهه ناهيان ، جيئن تون هڪ عام ماڻهوآهين!“
    ڪاوڙ منجهان وراڻيم، ”مان عام ماڻهو ناهيان ، منهنجو شمار خاص ماڻهن ۾ ٿيندو آهي!“
    گڏهه وري هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين، ”مونکي خبر آهي ته تنهنجي ياداشت گم ٿي وئي آهي ۽ تون عام ماڻهوءَ مان دانشور بڻجي ويو آهين.“
    مونکي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. چيم، ” تون مون تي الزام هڻي رهيو آهين گڏهه جا پُٽَ!“
    گڏهه کي ڪاوڙ نه لڳي جو هُو هيو ئي گڏهه جو پُٽُ. مرڪي چيائين، ”مون توکي دانشور چئي ڪهڙو الزام هنيو آهي! تون شهر جي هر سياسي، ادبي ۽ سماجي تقريب ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جي تقرير ڪري ماڻهن جي مٿي ۾ سور نه وجهندو آهين!؟“
    گڏهه جي ڳالهه مونکي دل سان لڳي ۽ مان سوچ ۾ پئجي ويس.
    گڏهه چيو، ”دانشور صاحب، تو منهنجي جملي جي ٻئي حصي تي غور نه ڪيو آهي.“
    حيرت مان پڇيم، ”ڪهڙي ٻئي حصي تي!؟“
    گڏهه ٽهڪ ڏئي چيو ،”منهنجي ڳالهه جي هتي بيٺي بيٺي ئي تصديق ٿي وئي ته تنهجي ياداشت گم ٿي وئي آهي!“
    مونکي وري سخت ڪاوڙ لڳي. وراڻيم، ” مون کي پنهنجي گهر جو رستو ياد آهي ، ان ڪري منهنجي ياداشت تي هرو ڀرو شڪ نه ڪر گڏهه جا پُٽَ!“
    گڏهه مرڪي چيو، ”ياداشت وڃايل ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر جي رستي بجاءِ، گِدوءَ جو رستو ياد هجي ته وڌيڪ بهتر آهي.“
    مون هيڏانهن هوڏانهن واجهايو. اهو ڏسڻ لاءِ نه ، ته ڪير مونکي گڏهه سان گفتگو ڪندي ڏسي چريو ته نه پيو سمجهي ، پر مون ڪنهن لٺ ، باٺي يا سِروٽي لاءِ پئي واجهايو، جنهن سان انهيءَ بدتميز گڏهه کي سيکت ڏئي سگهان. اڃا منهنجي نظر ڪنهن لٺ ، باٺي يا سِروٽي کي ڳولڻ ۾ ڪامياب نه ٿي هئي جو گڏهه چيو، ”ياد ڪر ، پنهنجي اڳي به ملاقات ٿي هئي.“
    مان سوچ ۾ پئجي ويس. انهيءَ گڏهه سان اڳي ٿيل ڪنهن ملاقات کي ياد ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم ، پر ڪجهه ياد نه آيو ۽ مونکي گڏهه جي ڳالهه ڪجهه ڪجهه درست لڳڻ لڳي ته منهنجي ياداشت گم ٿي وئي آهي!
    گڏهه سنجيدگيءَ سان چيو، ”ٽي سال اڳ اسان جي هڪ پبلڪ پارڪ ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ پوليس اسان کي ڳالهائيندي ڏسي ورتو هو!“
    اِها ڳالهه ڀلا مون کان ڪيئن ٿي وسري سگِهي. اُن ڏينهن پوليس کي ڏسي هي گڏهه ته ڀڄي ويو هو ۽ پوليس گڏهه سان گفتگو جي الزام ۾ مون کي گرفتار ڪري ورتو هو. مون پوليس جي خوف کان پوش ايريا واري رستي جي ٻنهي پاسي ڏٺو ۽ چيم، ”پوليس مونکي چوويهه ڪلاڪ ٿاڻي تي ويهاري ، چوويهه هزار رپيا رشوت وٺي پوءِ ڇڏيو هو. هاڻي ته پوليس کان پاڻُ ڇڏائن لاءِ مون وٽ چوويهه هزار رپيا به ناهن ، تنهن ڪري پڪ سان پوليس مون تي چوويهه ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري ڏيکاريندي!“
    گڏهه بي فڪريءَ سان چيو، ”فڪر نه ڪر ، هتي پوليس ڪونه ايندي!“
    پوليس جي خوف کان منهنجا چَپَ خُشڪ ٿي ويا. چيم، ”جتي پوليس کي وڃڻ گُهرجي، اُتي پوليس ويندي ناهي ۽ جتي پوليس کي نه وڃڻ گهرجي ، اُتي ڀڳي بيٺي هوندي آهي. پهرين ملاقات ۾ تون ڀڄي ويو هئين ، اڄ مان ٿو ڀڄي وڃان!“
    اهو چئي مون ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته گڏهه منهنجي اڳيان اچي منهنجو رستو روڪي ورتو. اعتماد سان چيائين، ”پوليس کي ايتري همت ناهي جو منهنجي سامهون اچي توکي گرفتار ڪري سگهي!“
    حيرت منجهان چيم، ”سِڱَ ته تنهنجي مٿي تي هاڻي به ڪونهن جو پوليس توکان ايڏو لهرائي!“
    گڏهه مرڪي چيو، ”وقت وقت جي ڳالهه آهي يار. اُهو وقت ويو جڏهن پوليس کي ڏسي مان ڀڄي ويندو هئس . هاڻي پوليس مونکي ڏسي ڀڄي ويندي آهي.“
    مون گڏهه جي مٿي تي هٿ لائي ڏٺو. گڏهه جي مٿي تي سنڱ ظاهر ته نه هئا ، پر هٿ لائڻ سان به سنڱن جو نالو نشان محسوس نه ٿيو. تڏهن چيم، ”تون دهشت گرد ٿي ويو آهين ڇا ، جو پوليس توکي ڏسي ڀڄي ٿي وڃي!؟“
    گڏهه مُرڪي چيو، ”نه ، هاڻي مون وڏا تعلقات پيدا ڪري ورتا آهن ۽ هاڻي مان هن سماج جو معزز ۽ با اثر گڏهه آهيان.“
    مونکي سخت ڪاوڙ لڳي . منهنجي ڪاوڙ کي گڏهه هڪدم محسوس ڪري ورتو ۽ هڪدم چيائين، ”پهرين ملاَقات جيان اڄ تون مون کي ٻيهر گهٽ وڌ ڳالهائي گڏهيت جي توهينَ نه ڪجانءِ. جيڪڏهن اڄ تون گڏهيت جي توهينَ ڪندين ته مان پاڻ توکي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“
    مون وري پوليس جي خوف کان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته گڏهه چيو، ”ڊڄ نه . هاڻي پوليس منهنجي مرضيءَ سان ٻَڌَ ڇوڙ ڪندي آهي. مون توکي ٻڌايو نه ، ته هاڻي مان معزز گڏهه آهيان ، انڪري جيڪڏهن پوليس مونکي توسان ڳالهائيندي ڏٺو ته هاڻي توکي گرفتار ڪرڻ بجاءِ سلام ڪندي ، جو پوليس سمجهندي ته تون به معزز گڏهه آهين!“
    مون احتجاج ڪيو، ” مان گڏهه ناهيان . ماڻهو آهيان مان!“
    گڏهه مرڪي چيو، ”ڪيترن ماڻهن ۽ گڏهن ۾ ڪوبه فرق نه هوندو آهي.“
    گڏهه جي ڳالهه ۾ وزن هو. مان سوچ ۾ پئجي ويس.
    گڏهه چيو، ”منهنجي ناشتي جو وقت ٿي ويوآهي. ڊائننگ ٽيبل تي ناشتو لڳي چڪو هوندو. هل ته گڏجي هلي ناشتو ڪيون.“
    مون حيرت منجهان پڇيو، ”ڪٿي رهندو آهين تون؟“
    گڏهه مرڪي چيو، ”هن ئي پوش ايريا ۾ منهنجو بنگلو آهي. هل ته هلي ناشتو ڪيون.“
    مان گڏهه سان گڏ ناشتو ڪرڻ جي تصور سان سوچ ۾ پئجي ويس.
    گڏهه چيو، ”وڌيڪ نه سوچ. تو جهڙو دانشور منهنجي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ مون جهڙي معزز ۽ با اثر گڏهه سان دوستي ڪري تون به هن معاشري ۾ معزز حيثيت جو مالڪ بڻجي سگهين ٿو.“
    گڏهه پنهنجو کُرُ مٿي ڪري ، مون ڏانهن دوستيءَ جو کُرُ وڌايو ۽ مون گڏهه جي کُرَ کي ڏاڍي گرمجوشيءَ سان پنهنجي هَٿَ ۾ جهلي ورتو، جو مونکي هن معاشري ۾ معزز حيثيت جو مالڪ ٿيڻو آهي.


    عورت ڪٿا

    ڪَربَ کي قـُوتَ ۾ تبديل ڪندڙ مختاران مائي

    ڪَربَ کي قـُوتَ ۾ تبديل ڪندڙ مختاران مائي

    2002ع ۾ پنجاب جي هڪ ڳوٺ مير والا جي مختاران مائيءُ جي ڀاءُ تي لڳل هڪ الزام تحت ٿيل جرڳي ۾، ”جرڳائي منصفن“ اها سزا تجويز ڪئي هئي ته سندس ڀيڻ کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو وڃي ۽ انهيءَ ”منصفيءَ“ تحت سوين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ مختاران مائيءَ کي کنڀي هڪ ڪوٺڙيءَ ڏانهن نيو ويو. ڪوٺڙيءَ ۾ اندر مختاران کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو پئي ويو ۽ ٻاهر بيٺل سوين ماڻهو مختاران مائيءَ جي رڙين سان گڏ، تصور جي اک سان اهو تماشو ڏسندا رهيا! پر اهڙو تماشو زيادتيءَ جو شڪار ٿيل عورت جي زندگيءَ مان ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي. ان وقت ٽيهن سالن جي نوجوان مختاران مائيءَ کي به ان ڳالهه جو چڱيءَ طرح احساس هو ته اهڙي تماشي کانپوءِ سندس زندگي به تماشو بڻجي وئي آهي ۽ کيس شرم وچان سڄي زندگي ڪنڌ جهڪائي ڪربَ جي زندگي گذارڻي آهي، يا خودڪشي ڪري ڇڏڻي آهي. مختاران مائي ڪجهه ڏينهن ڌمڪين سبب خاموش رهي، پر پوءِ هن ڪنڌ جهڪائي جيئڻ يا خودڪشي ڪرڻ بجاءِ، ڪنڌ کڻي جيئڻ جو فيصلو ڪيو. ميڊيا سندس ساٿ ڏنو ته هن پنهنجي مايوسيءَ، غم ۽ شرم کي همت ۾ بدلائي اندر جي طاقت حاصل ڪئي ۽ ”لٺ سردارن“ سان مقابلي لاءِ تيار ٿي وئي. ويتر جو ”نيويارڪ ٽائيمز“ جي ڪالم نگار نڪولس ڪرسٽوف، دنيا جو ڌيان مختاران مائيءَ ڏانهن ڇڪايو ته پاڪستان جا حڪومتي ادارا ٿرٿلي ۾ اچي ويا. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ جي ڊڪٽيٽر صدر پرويز مشرف ”واشنگٽن پوسٽ“ کي انٽرويو ڏيندي، پنهنجي ئي ملڪ کي بدنام ڪندي، مختاران مائيءَ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو هو ۽ چيو هو ته، ”پاڪستان ۾ عورتون دولت ڪمائڻ ۽ ٻين ملڪن جي شهريت (Citizenship) حاصل ڪرڻ لاءِ گينگ ريپ جو ڊرامو رچائن ٿيون!“ جنهن جي جواب ۾ مظلوم مختاران مائيءَ چيو هو ته، ”مون وٽ جيڪو ڪجهه آهي، اهو به توهان کڻو، مون کي فقط انصاف وٺي ڏيو“. پنهنجي ئي ديس کي بدناميءَ جو تير هڻندڙ ڊڪٽيٽر وٽان ته مظلوم مختاران کي انصاف ملڻو ڪو نه هو، پر پوءِ عالمي دٻاءُ ۽ عدالتي حڪمن تحت جيڪو ڪجهه ٿيو، تنهن مظلوم مختاران کي دنيا اندر عورت جي همت ۽ طاقت جي علامت بڻائي ڇڏيو.
    جڏهن مختاران مائيءَ کي آمريڪا اچڻ جي دعوت ملي ته پرويز مشرف جي حڪمن تحت مختاران تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي، جيڪا رڪاوٽ آمريڪي سفير جي چوڻ تي دور ٿي وئي ۽ مير والا جي مختاران وڃي نيويارڪ کان نڪتي. 2 مئي 2006ع تي مختاران مائي يونائيٽيڊ نيشنس جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ ٽي وي انٽرويو دوران چيو هو ته، ”هوءَ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي ته جيڪڏهن ڪو هڪ فرد پنهنجي حق لاءِ وڙهي ٿو ته اهو ڄڻ ايندڙ نسلن جي حقن جي حفاظت ٿو ڪري“. انساني حقن جي عالمي تنظيمن جي سهڪار سان آمريڪا پهتل مختاران مائيءَ جو نيويارڪ کان واشنگٽن تائين دنيا جي ڪنهن بيحد اهم شخصيت جيان استقبال ڪيو ويو. يورپين يونين سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ادارن سندس همت ۽ جرئت سبب کيس ايوارڊ ڏنا ۽ سندس مالي مدد ڪئي. مختاران مائي انهن پئسن سان پنهنجي ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ وڃي اسڪول قائم ڪيو. عورت جي همت جي علامت بڻجي اڀريل مختاران مائيءَ جي تلخ يادگيرين جو ڪتاب In the name of honor (غيرت جي نالي ۾) پڻ 2006ع ۾ آمريڪا ۾ ئي ڇپيو ۽ لکن جي تعداد ۾ وڪاميو. سندس ڪتاب جو دنيا جي 22 ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ يورپ ۾ بيسٽ سيلر بڪ جي طور تي وڪاڻو.
    مختاران مائيءَ پنهنجي مايوسي، غم ۽ شرم کي همت ۽ طاقت ۾ تبديل ڪيو ته دنيا ۾ سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو ۽ اڄ پنجاب جا ڪيترائي ”لٺ سردار“ سندس نالي کان به ڇرڪن ٿا. هاڻيءَ هوءَ نه فقط پنهنجي علائقي ۾ زيادتيءَ جو شڪار ٿيل نياڻين جي واهر ڪري ٿي، پر پنهنجي اسڪول وسيلي ڳوٺ جي نياڻين جا ذهن علم سان روشن به ڪري رهي آهي. نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙڻ سبب ڪئناڊا جي هڪ يونيورسٽيءَ پاران جون مهيني ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته آڪٽوبر جي 30 تاريخ تي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرس ۽ سينيٽ جي منظوريءَ سان مختاران مائيءَ کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني ويندي. يونيورسٽي انتظاميا پاران مختاران مائي کي چيل آهي ته انهيءَ موقعي تي هوءَ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي جلسي کي به خطاب ڪري ته جيئن سندس همت ۽ جرئت،شاگردن لاءِ سندن عملي زندگيءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي.
    مير والا جي مختاران مائيءَ پاڻ سان ٿيل زيادتيءَ کي پنهنجي ڳوٺ جي نياڻين لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جي موقعي ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو، جيڪو اتان جي جاهل جرڳائين لاءِ ڪنهن مسلسل انتقام کان گهٽ ناهي. مختاران مائيءَ پنهنجي همت ۽ جرئت وسيلي مثال قائم ڪيو آهي ته عورت ظلم ۽ جبر اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ بجاءِ پنهنجي ڪَربَ کي قُوت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي..

    اڱارو 19 آڪٽوبر 2010ع


    نوجوان ڇوڪريون ۽ موبائل فون سان جڙندڙ رابطن جي دنيا!

    نوجوان ڇوڪريون ۽ موبائل فون سان جڙندڙ رابطن جي دنيا!

    ”تون....تون منهنجو انتظار ڪجانءِ سيتا، مان ضرور ايندس.“
    ٽيليفون رسيور مان ايندڙ سلمان جو آواز، سنگ مرمر جي بت جهڙي حسين سيتا جي ڪنن جون پاپڙيون گرم ڪندو، سندس دل ۾ موجود انديشن سان وڃي ٽڪرايو. سيتا هڪ لمحي لاءِ سوچ ۾ پئجي وئي ۽ پوءِ سندس دل ۾ موجود انديشن سندس چپن تي اچڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”سلمان! ڏس.....ائين نه ٿئي ته.....“
    ”ڪجهه ڪو نه ٿيندو!“ سلمان، سيتا جي ڳالهه ڪٽي ورتي،
    ”تون همت کان ڪم وٺ سيتا!“
    ”مون ۾ ته ايتري همت آهي سلمان، تڏهن ته مون ايترو وڏو فيصلو ڪيو آهي.“ سيتا وراڻيو، ”پر تون.....وري به سوچي وٺ!“
    ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين سيتا؟ مون کي ڪجهه سوچڻ جي ضرورت ناهي!“ سلمان هڪدم وراڻيو.
    سيتا ٿڌو ساهه کنيو، ”ته پوءِ ٺيڪ آهي. ضرور اينديس مان!“
    اوچتو سيتا جي ڪمري جو در کُليو ته سيتا ڇرڪي در طرف ڏٺو. دروزاي ۾ سيتا جي باوقار ۽ بارعب ماءُ جانڪي ٻائي بيٺي هئي. سيتا ماءُ طرف ڏسندي ٽيليفون بند ڪري ڇڏي. ”ڪنهن سان پئي ڳالهائين؟“ جانڪي ٻائيءَ سخت لهجي ۾ پڇيو.
    ”امي...مان....مان شيلا سان ڳالهائي رهي هيس!“ سيتا ڦڪي مرڪ جو گل ماءُ کي ڏيڻ چاهيو.
    اڄوڪي ڪالم جو اهو مٿيون حصو اصل ۾ منهنجي اڻ پوري ناول ”سيتا زينب“ جو پهريون صفحو آهي. هتي ان ڪهاڻيءَ جو ورجاءُ ان ڪري ڪيو اٿم ته ٿورڙي فرق سان (ٻن مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ جوڙي ۽ ڪن حالتن ۾ ان فرق کان سواءِ به) اهڙي ئي صورتحال جڙڻ کان پوءِ ڇوڪريون پنهنجي گهرن مان نڪرن ٿيون ۽ پوءِ اڪثر ڪري سندن زندگي ”درد ڪهاڻي“ بڻجي وڃي ٿي. اها درد ڪهاڻي اسان جي سماج ۾ روز ورجائجندي رهي ٿي. اسان جي دين اسلام ۽ دنيا جي ٻين مذهبن ۾ بيشڪ انسان کي پنهنجي پسند مطابق زندگيءَ جو ساٿي چونڊڻ جي اجازت مليل آهي، پر مذهبي اجازت جي باوجود اسان جي سماج ۾ عورت کي اهو حق نه ملڻ ۽ ساڳئي وقت مناسب تعليم ۽ تربيت نه هئڻ ڪري ڪيتريون ئي ڇوڪريون پيار جا ڪوڙا سچا ٻه ٻول ٻڌڻ کان پوءِ Trap ٿي (ڦاسي) وڃن ٿيون ۽ کين اها خبر ناهي هوندي ته ايندڙ وقت ۾ ساڻن ڇا ٿيڻ وارو آهي. ڪٿي انهن ڇوڪرين جا مائٽ سندن رت جا پياسا بڻجي پيڇو ڪن ٿا ته ڪڏهن سندن پريمي ساڻن دوکو ڪري کين ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن کين وڪرو به ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ اهي ڇوڪريون ”روز وڪرو“ ٿينديون رهن ٿيون، مارجي وڃن ٿيون يا انهن مٿان مسلسل ظلم جا پهاڙ ڪرندا رهن ٿا. انهن مان جيڪڏهن ڪي ٿوريون ڇوڪريون دارالامان جهڙن ادارن تائين به پهچن ٿيون ته انهن سڀني کي ته اتي جي ديوارن ۾ به ”امانَ“ نصيب نٿي ٿئي. ڪڏهن ڪجهه ”غيرت مند“ مائٽن دارالامان جي ديوارن اندر پهچي به انهن ڇوڪرين کان جيئڻ جو حق کسيو آهي، ته ڪڏهن وري دارالامان جون ”ٻيون“ درد ڪهاڻيون به اخبارن ۾ رپورٽ ٿيون آهن.
    اڄڪلهه اخبارن ۾ ”پريمي جوڙا“ جا ٻه لفظ هڪ محاورو بڻجي پيا آهن. اهو محاورو اسان کي روز اخبارن ۾ ڪنهن گهران ڀڄي نڪتل ڇوڪريءَ ۽ سندس پريميءَ جي خبر يا تصوير سان گڏ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. گذريل ڪجهه سالن کان گهر ڇڏيندڙ ڇوڪرين جو تعداد، اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ نظر اچي ٿو، جنهن جو هڪ وڏو سبب ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان، موبائل فون وسيلي جڙندڙ رابطن جو هڪ نئون جهان به آهي. اها خبر ته ڪالهوڪي ڪاوش ۾ به موجود آهي ته ملڪ ۾ مهانگائيءَ، ٻوڏ ۽ مشڪل معاشي صورتحال باوجود، پرڏيهه مان موبائل فون جي آمدني واپار ۾ 80 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽماهي، يعني جولاءِ کان سيپٽمبر دوران پرڏيهه مان 9 ارب رپين جا موبائل فون سيٽ گهرايا ويا آهن!
    پنجويهه سال کن اڳ جڏهن موبائل فون اسان جي ملڪ ۾ آئي هئي ته ڪنهن جي هٿ ۾ ٺونٺ جيڏو وڏو سيٽ ڏسي، عام خلق ڪنڌ ورائي ان شخص طرف ڏسندي هئي ته اهو ڪو نهايت اهم شخص (VIP) هوندو. ان وقت سترهين گريڊ جي سرڪاري آفيسر جي پگهار اڍائي ٽي هزار هوندي هئي، جڏهن ته ٺونٺ جيڏي ان سيٽ جي قيمت ٽيهارو هزار ۽ هڪڙي منٽ جي ڪال ڪرڻ جا ويهه رپيا ۽ ٻڌڻ جا ڏهه رپيا لڳندا هئا. ان وقت جي ڀيٽ ۾، پئسي جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ ڏهوڻ تي گهٽجڻ باوجود هاڻي ٻن اڍائي هزارن ۾ به کيسي ۾ رکڻ جهڙو ننڍڙو ۽ سهڻو سيل فون سيٽ ملي وڃي ٿو. جيڪڏهن اهڙا ٻه اڍائي هزار ٻيا به شامل ڪجن ته ڪئمرا وارو اهڙو سيٽ ملي وڃي ٿو، جنهن سان نه فقط تصويرون ڪڍي سگهجن ٿيون، پر وڊيو به رڪارڊ ڪري سگهجي ٿي. ساڳئي موبائل سيٽ تان اها ويڊيو يا تصويرون ملٽي ميڊيا ميسيج وسيلي ڪنهن کي موڪلي به سگهجن ٿيون ته انٽرنيٽ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. ٻن روپين ۾ هڪڙي ميسج (SMS) جي جاءِ تي هاڻي ٻن روپين ۾ ٻه سئو ميسيج ڪري ٿا سگهجن ۽ ڪجهه ڪال پيڪيجز وسيلي چئن پنجن رپين ۾ سڄو ڪلاڪ، ته ڪنهن پيڪيج تحت سڄي رات مفت ۾ ڳالهائي سگهجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جون آڱريون سڄو ڏينهن بي چينيءَ سان ۽ تڪڙيون تڪڙيون موبائل فون جي ڪي پيڊ تي هلن ٿيون ته سندن راتيون اوجاڳن ۾ ڳالهائيندي گذرن ٿيون. سياري جي راتين ۾ ته ڀرسان ستل ماءُ کي نوجوان ڌيءَ جي به خبر نٿي پوي ته اها خاموشيءَ سان سَوڙ پايو ننڊ پئي آهي يا سَوڙ ويڙهيو موبائل ميسيج وسيلي ڪنهن سان ڪچهري پئي ڪري!
    ان سڄي صورتحال ۾ چوويهه ڪلاڪ لڳاتار رابطا رهن ٿا، پوءِ اهي رابطا ڏٺل وائٺل ماڻهن سان هجن يا ”مسڊ ڪال محبوبن“ سان! ان کان پوءِ ڪجهه نوجوان ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا غلط فيصلا ڪن ٿا، جنهن جو وڏو نقصان ڇوڪرين کي ئي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. پوءِ اها ڇوڪري منهنجي ناول ”سيتا زينب“ جو افسانوي ڪردار سيتا هجي، جيڪا پوءِ مسلمان ٿي زينب بڻجي وڃي ٿي، يا ڪو زندگيءَ جو حقيقي ڪردار. جيئن زينب منهنجي اڻ پوري ناول ۾ اڃا تائين ڀٽڪندي رهي ٿي ۽ اڃان ان ناول جي ليکڪ (مون کي) به خبر ناهي ته سندس ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪٿي ٿيندي، تيئن حقيقي زندگيءَ ۾ به اهڙين ڇوڪرين کي خبر ناهي هوندي ته سندن ”درد ڪهاڻي“ جي پڄاڻي ڪهڙي ٿيندي!
    اڱارو 26 آڪٽوبر2010ع











    * نوٽ :هن ڪالم ۾ ذڪر ڪيل ناول ”سيتا زينب“ روشني پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. (ادارو)


    قاتل کان هڪ سوال

    قاتل کان هڪ سوال

    گمبٽ ڀرسان پنهنجي ئي وحشي پٽ هٿان قتل ٿيل نوران بيبيءَ جي خبر پڙهيم، ته مون کي ڏوڪري تعلقي جي ڪنهن ڳوٺ جي نوراني چهري واري عورت غلام فاطمه ياد اچي وئي، جيڪا پنهنجي پٽن هٿان قتل ٿيڻ کان بچي گهران تڙجي نڪتي هئي ته سندس پساهه لاڙڪاڻي شهر جي هڪ رستي تي پورا ٿيا هئا. گمبٽ جي ڳوٺ ٻيلهاڙو جي رهاڪو نوران بيبيءَ ڏهه سال اڳ مڙس فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ فدا شاهه سان ٻي شادي ڪئي هئي، سندس پٽ راهب اڪثر هن وٽ اچي رهندو هو ۽ پنهنجي ويڳي پيءُ فدا شاهه کي بابا به چوندو هو، پر ان جي باوجود تازو هن ننڊ ستل پنهنجي ويڳي پيءُ ۽ سڳي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ اخباري خبر موجب، ذريعن جو چوڻ آهي ته هن ڪارنهن الزام هيٺ ٻنهي کي قتل ڪيو!
    ڏوڪري تعلقي جي ڪنهن ڳوٺ جي خوشحال گهراڻي سان تعلق رکندڙ، نوراني چهري واري باوقار عورت غلام فاطمه جي ياد 35 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود اڄ تائين منهنجي جيءَ کي جهير ڏيندي آهي ۽ منهنجي تحريرن ۾ درد ڀرڻ جو سبب بڻجندي رهي آهي. ان زماني ۾ مان نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ۽ چئن انچن جي ڊيگهه جيتريون ننڍڙيون ڪهاڻيون لکي اردو اخبارن جي ٻارن جي صفحن ۾ ڇپجڻ لاءِ موڪليندو هوس. ان ڏينهن به مان اهڙي هڪ ننڍڙي ڪهاڻي کڻي، پنهنجي گهر جي گهٽيءَ جي پڄاڻيءَ تي موجود، لاڙڪاڻي جي هيڊ پوسٽ آفيس ويو هوس، جتي مون ليٽر باڪس جي ڀرسان زمين تي ويٺل ۽ زار زار روئندڙ انهيءَ جهور پوڙهي عورت کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. سندس اڳيان وڇايل هڪ ڪپڙي تي خيرات ۾ مليل ڪجهه سڪا ۽ هڪ تسبيح رکيل هئي. اڇي اجري نوراني چهري واري انهيءَ عورت کي درد مان لڇندي ۽ روئندي ڏسي سندس درد کي مون پنهنجي دل ۾ اوتجندي محسوس ڪيوهو. ڪهاڻي پوسٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي خرچيءَ مان بچائي رکيل پوسٽ جي لفافي وارا پئسا کيسي مان ڪڍي، مون سندس اڳيان وڇايل ڪپڙي تي رکي ڇڏيا هئا. سندس اڳيان، چادر جي ٻئي طرف ويهي مون چيو هو، ”ماسي ڇو ٿي روئين؟“ پر هن ڪنڌ مٿي نه کنيو هو. ساڳيو جملو ٻه ٽي دفعا ورجايو هوم، پر هوءَ ڪنڌ جهڪائي لڳاتار روئندي رهي هئي. ڪجهه دير خاموشيءَ سان سندس اڳيان ويٺل رهيو هوس ۽ پوءِ بي اختيار منهنجي وات مان نڪتو هو، ”امان! ڇو ٿي روئين؟“ شايد ”امان“ جو لفظ پنهنجو اثر ڏيکاري ويو هو، هن هڪدم ڪنڌ کڻي منهنجي چهري ڏانهن ڏٺو هو. عينڪ جي ٿلهن شيشن پويان، وهندڙ لڙڪن وارين اکين سان ڪي لمحا هن غور سان مون ڏانهن ڏٺو هو ۽ پوءِ ڏڪندڙ چپن سان روئندي چيو هئائين، ”بس ابا! روئان ٿي پنهنجي قسمت تي!“ ۽ پوءِ ستر کن سالن واري اها عورت ٻيهر سڏڪن ۾ ٻُٽجي ٻيڻي ٿي وئي هئي ۽ مان ڪجهه دير وڌيڪ هن جي اڳيان ويهي، پنهنجي ننڍڙي ڪهاڻي پوسٽ ڪرڻ کان سواءِ (جو پوسٽ جي لفافي وارا پئسا مون سندس خيرات وارن پئسن ۾ رکي ڇڏيا هئا) درد جي اڻ ٻڌي هڪ وڏي ڪٿا دل ۾ کڻي واپس گهر هليو ويو هوس. ان کانپوءِ مون هن کي اڪثر لاڙڪاڻي شهر جي رستن ۽ بازارن ۾ پنندي ڏٺو. سندس هڪ هٿ ۾ سهاري خاطر لٺ هوندي هئي، جنهن جي آڱرين ۾ تسبيح به اٽڪيل هوندي هئي ۽ ٻئي هٿ سان خيرات وٺندي هئي. جڏهن به ڪٿي مون کي نظر ايندي هئي ته مان پنهنجي خرچيءَ وارا پئسا ڪڍي سندس هٿ تي رکي، پنهنجي ذهن ۾ اٽڪيل ساڳيو ئي سوال سدائين پڇندو هوس، ”امان! تون ان ڏينهن رنيءَ ڇو پئي؟“ پر هوءَ سدائين خاموش رهندي هئي ۽ سندس اداسي وڌيڪ گهري ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن مرڪي، پيار سان منهنجي چهري کي ڇهي به وٺندي هئي. هوءَ لاڙڪاڻي شهر ۾ پنندي ته هئي، پر پنهنجي رنگ روپ، شڪل صورت ۽ ڳالهائڻ واري انداز مان فقيرياڻي بلڪل نه لڳندي هئي.
    سواليءَ کي در تان خالي نه موٽائڻ واري بابا سائينءَ جي اصول سبب، در تي اڪثر آڌيءَ مانجهيءَ ڪا نه ڪا صدا گونجندي هئي. هڪ ڏينهن ڪمري مان ٻاهر نڪتس، ته ان ئي نوراني چهري واري عورت کي پنهنجي گهر ۾ کاڌو کائيندي ڏٺم. ستر کن سالن جي جهونڙي عورت جي مون تي نظر ڇا پئي، هن بي اختيار اٿي اچي ڀاڪر وڌو، ”پٽ! هي تنهنجو گهر آهي!“ ۽ ان ڏينهن، انهيءَ ”باوقار فقيراڻيءَ“ امان جي سامهون ويهي، پهريون دفعو پنهنجي زندگيءَ جي درد ڪٿا ٻڌائي هئي، جنهن مطابق سندس نالو غلام فاطمه هو ۽ هوءَ هڪ سکئي ستابي مالوند زميندار جي زال هئي، جنهن کيس پنج دفعا حج به ڪرايو هو. غلام فاطمه کي اولاد نه پئي ٿيو، تڏهن به سندس مڙس ٻي شادي ڪرڻ نٿي چاهي، پر غلام فاطمه پاڻ ئي مڙس کي زوربار ڪري سندس ٻي شادي ڪرائي هئي، جيئن سندن ملڪيت جو ڪو والي وارث پيدا ٿئي ۽ پڇاڙيءَ ۾ سندن پرگهور به لهي. غلام فاطمه جي پهاڄ هڪ ٻئي پويان ٻن پٽن کي جنم ڏنو ۽ مري وئي. غلام فاطمه انهن ٻنهي معصوم ”وارثن“ کي پالي جوان ڪيو. غلام فاطمه جو مڙس مري ويو، ته مڙس جي وصيت موجب غلام فاطمه کي ستر ايڪڙ ٻني ملي. پيءُ جي مرڻ کانپوءِ ٻنهي ”وارث پٽن“ پنهنجي حصي جون زمينون وڪرو ڪري کائي کپائي ڇڏيون ۽ پوءِ هنن غلام فاطمه جي حصي جي زمين کپائڻ جي ڪوشش ڪئي. غلام فاطمه جي اعتراض تي ٻنهي پٽن غلام فاطمه تي ڪارنهن جو الزام مڙهي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مائٽن جي وچ ۾ پوڻ تي ويڳن وارث پٽن انهيءَ شرط تي غلام فاطمه کي جيئدان ڏنو، ته هوءَ پنهنجي حصي جي سڄي زمين کين لکي ڏيندي ۽ گهر ڇڏي ويندي. غلام فاطمه ائين ئي ڪيو، پر جڏهن غلام فاطمه جي پوڙهي وجود جي ذميداري ڪنهن مٽ مائٽ نه کنئي ته هوءَ ڳوٺ ڇڏي لاڙڪاڻي شهر هلي آئي هئي، جتي ڪنهن گهر ۾ ان شرط سان کيس پناهه ملي هئي، ته هوءَ پني اچي هر روز شام جو اهي سمورا پئسا سندن حوالي ڪندي.
    غلام فاطمه پنهنجي درد ڪٿا ٻڌائڻ کانپوءِ روئي پئي هئي. ٿلهن شيشن واري عينڪ هيٺان، پوتيءَ سان پنهنجا لڙڪ اگهندي چيو هئائين، ”ڪڏهن ڪڏهن اهي پٽ به مون کي شهر ۾ پنندي ڏسن ٿا، پر انهن کي ته ايتري ڪهل به نٿي ٿئي جو خيرات ۾ ئي ڪجهه ڏئي وڃن! هو ڏسن به ٿا ته بنا ڳالهائڻ جي منهن ڦيري هليا وڃن ٿا!!“
    غلام فاطمه ته لاڙڪاڻي شهر جي رستن تي پنندي هڪ ڏينهن مري وئي هئي، پر نوراني چهري واري ان باوقار ۽ باڪردار پوڙهي عورت جي ياد اڄ تائين منهنجي جيءَ کي جهير ڏيندي رهندي آهي. غلام فاطمه جي درد ڪٿا ڪنهن ڊرامي جي ڪهاڻيءَ جهڙي ئي لڳي ٿي، (غلام فاطمه جي انهيءَ درد ڪٿا تي مون 1986ع ۾ هڪ ٽي وي ڊرامو ”ماءُ“ لکيو هو، جيڪو PTV تان ٽيليڪاسٽ ٿيو هو،) پر حقيقت اها آهي غلام فاطمه جو ڪردار هڪ ڪڙو سچ آهي. ڪڙو سچ ته اهو به آهي ته گمبٽ جي ڳوٺ ٻيلهاڙو جي نوران بيبيءَ جيان، سنڌ جي اڪثر حصن ۾ ڪارو ڪاريءَ جو ”ڊرامو رچائي“ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ کي ماريو وڃي ٿو. ڪارو ڪاري جي نالي ۾ اڪثر ڪري معصوم انسانن جو قتل ڪري پنهنجا ”مطلب ۽ مقصد“ ماڻيا وڃن ٿا،
    سنڌي سماج ۾ ڪارو ڪاري جي رسم هڪ ڊرامو ئي ته آهي، ڇو ته ڪاروڪاري جا حقيقي واقعا ته اٽي ۾ لوڻ برابر ئي هجن ٿا، پر ڪارو ڪاري جي نالي ۾ اڪثر ڪري معصوم انسانن جو قتل ڪري پنهنجا ”مقصد ۽ مطلب“ ماڻيا وڃن ٿا. ورتل قرض نه موٽائڻ، پرائي زمين ۽ ملڪيت حاصل ڪرڻ، ٻي شادي ڪرڻ، اڻ وڻندڙ زال مان جان آجي ڪرڻ ۽ اهڙيون ٻيون حقيقتون ئي ڪارو ڪاريءَ جي پٺيان نظر اينديون. انهيءَ ڪڌي ڪرت وسيلي هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار به ڪيا وڃن ٿا. پنهنجي زال نٿي وڻي ۽ پرائي نياڻيءَ ۾ اک آهي. پنهنجي زال کي ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪري، ڪارو قرار ڏبو انهيءَ نياڻيءَ جي پيءُ يا ڀاءُ کي ۽ ڏنڊ ۾ زوريءَ نياڻيءَ جو سڱ وٺبو! سنڌ ۾ ٿيندڙ ”جرڳائي فيصلن“ جو جائزو وٺبو ته اهڙا ڪيترائي سچ پڌرا ٿي پوندا.
    اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي عورت لاءِ ”سخت پابنديون“ ۽ مرد لاءِ ”بي انتها آزاديون“ موجود آهن. مرد جي معاملي ۾ مائٽن طرفان کيس اَکِ ٻوٽَ (چشم پوشيءَ) جو بونس به ملي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس ”موج مستيون“ ڦٻي وڃن ٿيون، پر ڪارنهن جي ڪنهن حقيقي معاملي به، ڪنهن جو خون ڪندڙ قاتل، ڪڏهن پنهنجي ڳچيءَ ۾ جهاتي پائي ڏٺو آهي، ته ”لِڪَ ڇَپَ“ ۾ هو پاڻ ڪيترو ڪارو آهي؟ منهنجو اهو سوال هر ان قاتل لاءِ آهي، جنهن ڪارنهن جي الزام ۾ ڪنهن کي قتل ڪيو آهي، يا سندس ذهن ۾ انهيءَ الزام تحت ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو خيال جنم وٺي رهيو آهي.

    اڱارو 18 جنوري 2011ع





    مجبور عورتون ۽ هڪ سوال

    مجبور عورتون ۽ هڪ سوال

    آهستي هلندڙ رڪشا جي پويان ساڳئي سلو رفتار سان هلندڙ ڪار جو هارن وڳو. رڪشا ۾ ويٺل نوجوان ڇوڪريءَ پوئتي ڪنڌ ورائي ڪار طرف ڏٺو. ڪار جو ٻيهر هارن وڳو ۽ ڪار، رڪشا کي اوور ٽيڪ ڪري ڪجهه فاصلي تي وڃي بيهي رهي. رڪشا ڪار جي پويان وڃي بيٺي ۽ رڪشا مان ڇوڪري لهي وڃي ڪار ۾ ويٺي. ڪار واري شخص دريءَ مان هٿ ڪڍي رڪشا واري کي ڪجهه نوٽ ڏنا ۽ ڪار اتان رواني ٿي وئي.
    اهو منظر مون، منهنجي دوستن ۽ باربي ڪِيو ريسٽورينٽ ٻاهران ويٺل ڪيترن ٻين ماڻهن به ڏٺو. اسان جي ڀرسان واري ٽيبل تي وڏي عمر وارو هڪ اڪيلو شخص ويٺو هو، جنهن اسان طرف منهن ڪري چيو، ”اهڙين جسم فروش عورتن کي ماري ڇڏجي ته معاشري مان برائي ختم ٿي ويندي.“
    منهنجي دوست هڪدم کيس جواب ڏنو، ”جسم جي خريدار اهڙن مردن جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟“
    وڏي عمر واري شخص وراڻيو، ”برائيءَ جي جڙ عورت آهي.“
    منهنجي دوست طنز مان کيس جواب ڏنو، ”هر هنڌ ڏوهه عورت جو آهي....ڄڻ هر هنڌ مرد پارسا هجي!“
    وڏي عمر واري شخص پنهنجي سامهون ٽيبل تي پيل پاڻيءَ جو ڀريل گلاس کڻي پيتو ۽ پوءِ چيائين، ”مان سوشل ورڪر آهيان. مون کي خبر آهي ته هن شهر جي رستن تي بيهي ۽ رڪشائن ۾ هلندي گراهڪ ڦاسائيندڙ اهڙيون عورتون، دولت جي لالچ ۾ اهو ڌنڌو ڪن ٿيون.“
    پاڻ کي سماج سڌارڪ سڏائيندڙ ان شخص شايد بنا تحقيق جي چئي ڇڏيو، ته اهي عورتون دولت جي لالچ ۾ غلط رستو اختيار ڪن ٿيون. بيشڪ ڪجهه عورتون دولت جي لالچ ۾ به اهو رستو اختيار ڪن ٿيون، پر جيڪڏهن پاڻ کي سوشل ورڪر سڏائيندڙ اهو شخص ٿورڙي به تحقيق ڪري ها ته کيس اهو اندازو ٿي وڃي ها، ته انهن عورتن جي وڏي اڪثريت معاشي مجبورين سبب اها راهه اختيار ڪري ٿي. سڀ کان وڏي مجبوري ته پيٽ جي بک آهي، پوءِ اها ٻچن جي پيٽ جي بک هجي، پنهنجي پيٽ جي يا ٻين گهر ڀاتين جي پيٽ جي. بک ته اهو بڇڙو ٽول آهي، جيڪو دانائن کي به ديوانو بڻائي ڇڏي ٿو، پر تڏهن به اهي عورتون، جيڪي پنهنجي ڪٽنب جي جياپي خاطر پنهنجي عزت ۽ جسم کي وڪرو ڪن ٿيون، سي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ئي ڪٽنب جي فردن هٿان موت جو شڪار به ٿي وڃن ٿيون. اهڙي ئي درد ڪهاڻي آهي انهيءَ ڪٽنب جي، جنهن جو ذڪر مان هتي نالا تبديل ڪري ڪندس.
    هيٺين وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ جمشيد تي اڌ رنگ جي بيماريءَ حملو ڪيو ته، نه فقط هو چُرڻ پُرڻ کان لاچار بڻجي پيو، پر هن جي زبان به سندس ساٿ ڇڏي وئي. سندس روزگار جو ذريعو به ختم ٿي ويو، پر ڪمري ۾ کٽ تي سڌو ليٽيل جمشيد، ڪمري جي ڇت ڏانهن ڏسندي گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿي ڪري سگهيو. ٻن نياڻين جي ڏاج لاءِ بچايل ڪجهه رقم ۽ زيور جڏهن سندس بيماريءَ توڙي گهرَ جي خرچ ۾ پورا ٿي ويا ۽ ڦَڪِين فرق نه ڪيو، تڏهن سندس ويهن سالن جو پٽ وقاص پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي روزگار جي ڳولا ۾ گهر کان ٻاهر نڪتو، پر ڪيترن ڏينهن جي رولڙن کان پوءِ به هو ڪو روزگار حاصل نه ڪري سگهيو. هڪ طرف گـَهر ۾ بک جي راڪاس پير کوڙيا ته ٻئي طرف گـَهرَ جي ٽن مهينن جي مسواڙ نه ڏيڻ ڪري مالڪ مڪان ڌمڪي ڏئي ويو ته، جيڪڏهن ايندڙ مهيني مسواڙ نه ملي ته گهر خالي ڪرڻو پوندو. جڏهن ٻي ڪا راهه نه رهي، تڏهن وقاص جون ٻه وڏيون ڀينرون نورين ۽ ثمرين نوڪريءَ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتيون. نوجوان ڇوڪريون نوڪريءَ جو چئي گهرَ کان ٻاهر نڪتيون ته گهر ۾ پئسا اچڻ شروع ٿي ويا ۽ گهر جون حالتون ئي بدلجي ويون. وقاص پنهنجي اڌ ۾ ڇڏيل پڙهائي ٻيهر شروع ڪئي ۽ بيمار پيءُ جو علاج ٻيهر شروع ٿيو. گهرَ جي حالت وڌيڪ بهتر ٿي ته ڇوڪرين جا رشتا به اچڻ شروع ٿيا، پر سندن ماءُ اهو چئي رشتا موٽائي ڇڏيا ته کيس ڇوڪرين جي رشتن جي تڪڙ ناهي، جو اهي نوڪري ٿيون ڪن...پر حقيقت ۾ ٻنهي ڇوڪرين ڪنهن آفيس يا ڪارخاني ۾ نوڪري نه پئي ڪئي. ٻئي ڀينرون شهر جي پوش علائقن ۾ رستي تي وڃي بيهنديون هيون ۽ سٺا پئسا آڇيندڙن جي ڪار ۾ ويهي ساڻن گڏ هليون وينديون هيون. ڪجهه عرصو ته ڳالهه لڪل رهي، پر پوءِ ڳالهه وڃي سندن ڀاءُ وقاص جي ڪنن تائين پهتي. وقاص ماءُ سان شڪايت ڪئي ته ماءُ کيس خاموش رهڻ لاءِ چيو ۽ کيس سمجهايو ته ٻي صورت ۾ بک مري وينداسين. وقاص زهر جو ڍڪ پي ويو، پر جڏهن بدناميءَ سندس پاڙي ۾ ڀئونڪڻ شروع ڪيو ۽ سندس دوست کيس بي غيرت هئڻ جا طعنا ڏيڻ لڳا، تڏهن وقاص وڃي ڀينرن جي حقيقت پنهنجي پيءُ اڳيان پڌري ڪئي. چُرڻ پُرڻ کان لاچار پيءُ نه ڪجهه ڪري سگهيو ۽ نه ڳالهائي سگهيو، فقط سندس چهري تي درد جون ريکائون اُڀريون ۽ سندس اکين مان بي وسيءَ جا لڙڪ لڙي پيا. جڏهن دوستن ۽ پاڙي وارن جا طعنا وقاص جي برداشت کان وڌي ويا، تڏهن هڪ رات وقاص وڏي مقدار ۾ ننڊ جون گوريون، نظر بچائي گهر ۾ ٺهندڙ ٻوڙ ۾ وجهي ڇڏيون ۽ پاڻ اهو ٻوڙ نه کاڌو. رات جو دير سان اٿي هن گهر ۾ پيل ڪاتي کڻي ٻنهي ڀينرن ۽ ماءُ کي ڪهي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پوليس حوالي ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ويو. ٿاڻي ڏانهن ويندي رستي ۾ کيس خيال آيو ته هن جي جيل وڃڻ کانپوءِ، سندس چُرڻ پُرڻ کان لاچار بيمار پيءُ جو ڪير خيال رکندو؟ تڏهن هو واپس گهر آيو ۽ دل تي پٿر رکي، بيمار پيءُ جي ڪنڌ تي به ڪاتي ڦيرائي ڇڏيائين ۽ پوءِ وڃي پاڻ کي پوليس حوالي ڪيائين!
    اڄ اهو نوجوان وقاص ته جيل ۾ بند آهي ۽ پڇتاءَ جي ڪاتي ور ور ڪري سندس ڪنڌ ڪپيندي رهي ٿي، پر سندس هٿان ڪٺل ڀينرن جي عمر جيتريون ڪيتريون ئي ڇوڪريون اڄ به شهر جي رستن تي خريدارن لاءِ واجهائن ٿيون!
    جيڪي عورتون عام گهرو زندگي گذارين ٿيون ۽ غربت سبب جسم فروشيءَ لاءِ مجبور ٿين ٿيون، اهي فقط روڊن رستن تي ۽ رڪشائن ۾ گهمندي جسم جا خريدار نٿيون ڳولين، پر ڪجهه هوٽلن ۽ شهرن جي فيشن ايبل علائقن ۾ قائم گيسٽ هائوسز تي به ڪال گرلس جي حيثيت سان پهچن ٿيون. اهڙا سمورا هنڌ پوليس جي نظر کان هروڀرو لڪل به نه هوندا!
    پاڻ کي سماج سڌارڪ سڏائيندڙ ان شخص ته بنا تحقيق جي چئي ڇڏيو هو ته، ”اهڙين عورتن کي ماري ڇڏجي ته معاشري مان برائي ختم ٿي ويندي.“ پر ڇا اسان جي سياستدانن، سماج سڌارڪن ۽ معاشيات جي ماهرن ڪڏهن اهڙي معاشي تبديليءَ لاءِ سوچيو آهي، جنهن ۾ ڪا به عورت بک ۽ بدحاليءَ کان مجبور ٿي پنهنجي عزت ۽ جسم کي وڪرو نه ڪري.

    جمع 20 مئي 2011ع








    شهزادن جا خواب ڏسندڙ ڇوڪريون !

    شهزادن جا خواب ڏسندڙ ڇوڪريون !

    نوجوان ڇوڪريون شهزادن جا خواب ته صديون اڳي به ڏسنديون هيون، پر انهن ڇوڪرين وٽ پنهنجي خوابن جي ساڀيان جو ڪو حيلو وسيلو نه هوندو هو. انارڪليءَ جهڙي ڇوڪريءَ کي شهزادي سليم جهڙو محبوب مليو، ته شهزادو هئڻ جي باوجود ويچارو سليم، ڪنهن سنيهي خاطر ڪبوتر جهڙي قاصد جو محتاج رهيو، پر اڄڪلهه جي جديد دور ۾ محبوبن سان رابطي لاءِ نه ڪنهن ڪبوتر جي ضرورت رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي قاصد جي. موبائيل فون سڀ ڪم سئولا ڪري ڇڏيا آهن.
    ننڍي عمر جون ڪچڙي ذهن واريون ڇوڪريون اڄ به شهزادن جا خواب ڏسن ٿيون ۽ پوءِ ڪنهن ”مسڊ ڪال محبوب“ جي آواز تي موهت ٿي، سندس شهزادن جهڙو خاڪو پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ جوڙي ڇڏين ٿيون. اهڙيون اڪثر ڇوڪريون جڏهن سِرَ جو سانگو لاهي، وڏن ڪشالن کان پوءِ پنهنجي ”مسڊ ڪال محبوب“ تائين پهچن ٿيون ته، اڪثر حالتن ۾ سندن اهو محبوب، ذهن ۾ جوڙيل خيالن جي خاڪي مطابق شهزادن جهڙو نوجوان نٿو هجي. تڏهن انهن ڇوڪرين جي خوابن جا محل ڊهي پون ٿا ۽ ڊهي پيل سپنن جي محل جيان ڇوڪرين جي دل جي دنيا به تاراج ٿي وڃي ٿي. راولپنڊيءَ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جي رهندڙ نوجوان ڇوڪري ناظمه ڪوثر به جڏهن پنهنجي ”مسڊ ڪال محبوب“ سان ملڻ لاءِ گهران نڪري اچي رتيديري پهتي ته سندس خوابن جو محل اچي پَٽ پيو. ”مسڊ ڪال محبوب“ جو منهن ڏسڻ کان پوءِ سندس دل ٽُٽي، ته هوءَ ٽٽل دل جي درخواست کڻي، ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ وڃي. رتيديري جي ٿاڻي تي پهتي!
    راولپنڊي پنجاب جي پوٺوهار واري حصي ۾ آهي. پنجاب جو جهلم کان وٺي اڳتي وارو سڄو علائقو ٻوٺوهار سڏجي ٿو ۽ اتان جي اصل رهاڪن جي ٻولي به ٻوٺوهاري آهي. سرسبز ۽ خوبصورت پهاڙن واري سرزمين ٻوٺوهار جون عورتون به انهن وادين جيان ئي خوبصورت آهن. اهڙو ذاتي مشاهدو هن بندي جو به آهي، جنهن 1988ع ۾ پوٺوهار جي حسين وادين ۾ اڪيلي سِر آوارا گردي به ڪئي هئي، ته شاعري به ...!
    رتيديري پهتل، پنجاب جي ٻوٺوهار واري علائقي سان تعلق رکندڙ، فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي، اڻويهن سالن جي ناظمه ڪوثر سونهن سوڀيا ۾ ڪيتري سرس آهي، اها ته مون سميت ڪاوش جي ڪنهن به پڙهندڙ کي خبر ناهي، جو آچر واري ڪاوش ۾ ڇپيل فوٽوءَ ۾ سندس چهرو مڪمل طور تي چادر ۾ ويڙهيل آهي. (ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڇوڪريءَ جو نه، پر فقط چادر جو ئي فوٽو هجي!) جڏهن ته سندس فوٽو جي ڀرسان ٻيو فوٽو رتيديري جي انهيءَ نوجوان جو ڇپيل آهي، جنهن جو منهن مهانڊو ۽ حيثيت ڏسي، ناظمه ڪوثر موبائل فون تي ڪيل شاديءَ جا وچن وساري، پنهنجي ”موبائلي محبوب“ خلاف وڃي ٿاڻي تي دانهيو آهي.
    آچر 21 آگسٽ واري ڪاوش ۾ ڇپيل خبر مطابق، ناظمه ڪوثر جو گذريل اٺن مهينن کان رتيديري جي نوجوان منور شيخ سان موبائل فون تي رابطو هو. جڏهن هوءَ ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏي، راولپنڊيءَ کان رتيديري پهتي ته منور کي روبرو ڏسڻ کان پوءِ، شادي ڪرڻ کان ڦري وئي ۽ منور خلاف کيس اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ رتوديرو ٿاڻي تي پهچي وئي، جتي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته، ”منور شيخ مون سان دوکو ڪيو آهي، هن پاڻ کي لاڙڪاڻي جو وڏو زميندار ۽ پنهنجو نالو عامر خان ڀٽو ٻڌايو هو. هتي پهچي مون کي خبر پئي آهي ته هو زميندار نه، پر مزدور آهي!“. جڏهن ته نوجوان منور شيخ جو چوڻ آهي ته، ”اسان بنا ڏسڻ جي هڪ ٻئي سان سچي محبت ڪئي هئي (!) ۽ موبائيل فون تي هڪ ٻئي کي زال مڙس چوندا هئاسين. شادي ڪرڻ لاءِ به هن مون تي زور ڀريو هو. مون کيس گهران ڀڄي نڪرڻ کان روڪيو هو، پر هن اهڙو قدم کنيو ۽ هتي اچي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري مون کي گرفتار ڪرايو اٿائين!“.
    منور ڪنهن ننڍي وڏي سزا کان پوءِ ڇٽي ته ويندو، پر سندس دل جا زخم شايد ئي ڪڏهن ڇُٽي سگهن، جو غربت ۽ سهڻي صورت نه هئڻ جي بنياد تي محبوبا طرفان رد ٿيڻ جو درد سدائين سندس وجود ۾ وڍ وجهندو رهندو. جڏهن ناظمه ڪوثر موبائيل فون تي منور سان پيار جو اظهار ڪيو هوندو، تڏهن منور کي پنهنجو وجود ڏاڍو وڻيو هوندو، پر راولپنڊيءَ کان رتيديري پهتل ”موبائيل محبوبا“ جي ڌڪار جو شڪار بڻجڻ کان پوءِ، هاڻي جڏهن به هو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسندو ته سندس حالت اياز گل جي انهيءَ شعر جهڙي هوندي:
    آئينو ٿو ڏسان ته گهائن ٿا
    لُڙڪَ اکڙين ۾ مسڪرائن ٿا
    اخباري خبر ۾ اها ڳالهه واضح ناهي ته پوليس منور تي ڪهڙو قلم لاڳو ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته منور تي اغوا جو الزام ته نٿو هڻي سگهجي، جو ناظمه کي وٺڻ لاءِ هو راولپنڊيءَ نه ويو هو، پر ناظمه پاڻ رتيديري پهتي آهي. باقي جيڪڏهن منور کي ڪوڙ ڳالهائڻ جهڙي دوکي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، (جيڪو به يقيناً جرم آهي) ته موبائيل فون جي غلط استعمال سبب هن ملڪ ۾ اهڙا هزارين ڪوڙ هر لمحي ڳالهائجندا رهن ٿا. موبائيل فون تي اهڙي ئي ڪوڙ جي هڪ ڪوڙڪيءَ ۾ پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي رهواسڻ شاهين ڀٽي به تازو ئي ڦاٿي هئي. راولپنڊيءَ جي ناظمه ڪوثر ته رتيديري جي ٿاڻي تي پهچي، ڪنهن ٻي خواريءَ کان ته (شايد) بچي وئي، پر رحيم يار خان جي شاهين ڀٽيءَ جي درد ڪٿا ته هر حساس دل کي ڏنڀ ڏيندڙ آهي. شاهين ڀٽيءَ جي درد ڪٿا به هڪ اخباري خبر جي صورت ۾ هن ئي مهيني جي 12 تاريخ واري ڪاوش ۾ رپورٽ ٿي هئي، جنهن مطابق رحيم يار خان جي چاندني چوڪ واري علائقي جي رهواسڻ شاهين، پنهنجي ”موبائلي محبوب“ سان پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ ڏهرڪيءَ پهتي. ڏهرڪيءَ ۾ حاجي نالي وارو اهو ”موبائلي محبوب“ کيس هڪ اهڙي جاءِ ۾ وٺي ويو، جتي ٽي ٻيا ماڻهو اڳ ۾ ئي موجود هئا. ”موبائلي محبوب“ ۽ سندس ٽن دوستن 24 ڪلاڪن تائين شاهين کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ کيس ڏهرڪي باءِ پاس وٽ ڇڏي ڏنو. ويران روڊ تي بيٺل اڪيلي ڇوڪري ڏسي، هڪ ٽرڪ جي پٺاڻ ڊرائيور ۽ سندس ساٿيءَ شاهين کي اغوا ڪري ورتو ۽ ڏهرڪي شهر ۾ ئي هڪ جاءِ ۾ بند رکي کيس ٻن ڏينهن تائين لڳاتار زيادتيءَ جو نشانو بڻايو، جتان موقعو ملڻ تي شاهين ڀڄي نڪتي ۽ ڏهرڪيءَ جي شهرين کيس ٿاڻي تي پهچايو، جتي شاهين چيو ته، ”مون سان وڏي زيادتي ٿي آهي، انصاف ڪيو وڃي“. انصاف خاطر پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت بيان وٺڻ کان پوءِ شاهين کي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
    ”موبائلي محبوبن“ جي پيار جي آسري تي جيڪي ڇوڪريون پنهنجو گهر گهاٽ، خاندان ۽ سڀ ڪجهه ڇڏي نڪرن ٿيون، انهن مان ڪيترين ڇوڪرين سان ته اڃا به وڏا هاڃا ٿين ٿا ۽ اهڙيون ڪيتريون ڇوڪريون بدڪاريءَ جي اڏن تي به پهچايون ويون آهن. ناظمه ڪوثر ۽ شاهين ڀٽي جيان کڻي ڪجهه ڇوڪريون ڪنهن ٿاڻي، عدالت ۽ دارالامان تائين به پهچي وڃن ٿيون ۽ کڻي ته انهن کي عدالتي انصاف به ملي وڃي، پر پوءِ به سماج انهن ڇوڪرين سان ڪڏهن به انصاف نٿو ڪري... ان ڪري شهزادن جا خواب ڏسندڙ اهڙين سڀني ڇوڪرين کي، جن جو موبائيل فون تي ڪنهن ”مسڊ ڪال محبوب“ سان رابطو آهي، انهن کي ناظمه ڪوثر ۽ شاهين ڀٽيءَ سان پيش آيل وارتائن تي ضرور سوچڻ گهرجي.

    اڱارو 23 آگسٽ 2011ع


    ڇا اربيليءَ سان انصاف ٿيندو؟

    ڇا اربيليءَ سان انصاف ٿيندو؟

    ”آئون پٺاڻي آهيان، ننڍپڻ ۾ گهران نڪري گم ٿيس، ڪي اين شاهه ڀرسان ڪلهوڙا ذات جي ماڻهن پاليو ۽ پوءِ 20 سال اڳ عبدالنبي ڪلهوڙي سان شادي ڪرائي وئي، جنهن مان ٻه ٻار آهن. هاڻي مڙس گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، مڙس جي گهر وڃي ٻارن سان ملڻ چاهيان ٿي ته ڏير ڌڪا ڏئي گهران ڪڍي ٿو ڇڏي.“ اها درد ڪٿا لاڙڪاڻي واسڻ اربيليءَ، پريس ڪلب لاڙڪاڻي اڳيان احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌائي آهي ۽ هن اپيل ڪئي آهي ته ”کيس مڙس ۽ ٻارن سان ملڻ ڏنو وڃي.“ڪاوش ۾ لاڙڪاڻي واسڻ اربيليءَ جي اها دانهن پڙهيم ته مون کي لاڙڪاڻي ضلعي سان ئي تعلق رکندڙ امان سومري ياد اچي وئي، جنهن جي جيون ڪٿا به اربيليءَ سان ملندڙ جلندڙ هئي. امان سومريءَ جو اصل نالو ته الائي ڪهڙو هو، پر مون کي سندس درد ڪٿا ٻڌائڻ لاءِ سندس هڪ نالي جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي، ان ڪري اڄ مان کيس امان سومريءَ جي نالي سان ياد ڪندس، جو کيس ڏهاڪو سالن جي عمر ۾ پنجاب مان اغوا ڪرڻ کانپوءِ، لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ سومرا ذات وارن وٽ وڪرو ڪيو ويو هو ۽ هن باقي زندگي اتي ئي گذاري ڇڏي هئي.
    اربيلي پٺاڻ کي ته هاڻي شايد ڪجهه به ياد ناهي ته هوءَ اصل ڪٿان جي آهي، پر امان سومريءَ کي سڀ ڪجهه ياد هو، امان سومريءَ ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين ڪيترائي دفعا لاڙڪاڻي ضلعي جي انهيءَ ڳوٺ مان فرار ٿي واپس، پنهنجن اباڻن ڏانهن پنجاب وڃڻ ٿي چاهيو، پر هر دفعي هوءَ پڪڙجي پوندي هئي. ڀوري رنگ واري سهڻي سيبتي امان سومريءَ جي شادي ننڍي عمر ۾ ئي، کيس خريد ڪندڙن مان هڪ پڪي عمر واري ڪاري ڪوجهي شخص سان ڪرائي وئي. جڏهن هوءَ ٻارڙن جي ماءُ بڻي ته پکيءَ جا پَرَ ڪٽجي ويا ۽ هوءَ روئي پِٽي بس ڪري انهيءَ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويهي رهي ۽ پنهنجا ٻچا پالڻ لڳي، پر نه ڪڏهن هوءَ پنهنجي پيءُ ماءُ، ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين مائٽن جا نالا وساري سگهي ۽ نه ئي پنهنجي تَرَ ڳوٺ کي ڪڏهن وساري سگهي. هوءَ ڪڏهن اها وڏي حويلي به وساري نه سگهي، جيڪا حويلي سندس گهر هو، هوءَ هڪ وَڏَ گهراڻي ڇوڪري هئي. امان سومريءَ جي اها جيون ڪٿا مون کي سندس ئي پٽ دوست محمد ٻڌائي هئي، جنهن سان پندرهن سورهن سالن جي عمر ۾، لاڙڪاڻي شهر ۾ منهنجي دوستي ٿي هئي. اسان جي دوستيءَ کي ٻه سال کن گذريا ته دوست محمد جي شاديءَ جون تياريون شروع ٿيون. هڪ ڏينهن امان سومريءَ پنهنجي نوجوان پٽ دوست محمد کي اڪيلائي ۾ سڏي چيو ته، ”مون تنهنجي ڪري پنهنجي سڄي زندگي هتي ڳاري آهي، هاڻي جيڪڏهن تون پنهنجي شاديءَ جي دعوت ڏيڻ پنهنجن ناناڻن ڏانهن پنجاب نه ويندين ۽ مون کي منهنجي مائٽن سان نه ملائيندين ته مان توکي ٿَڃ نه بخشينديس !“
    دوست محمد ماءُ کان ڏس پتو ورتو ۽ پنهنجي پيءُ جي هڪ مائٽ فقير محمد کي ساڻ وٺي لاهور پهتو، لاهور کان بس ۾ چڙهي ڪنهن ٻئي ماڳ تي پهتا، اتان ٽانگي تي چڙهي وڃي، هو انهيءَ ڳوٺ ۾ پهتا، جتان ننڍپڻ ۾ امان سومري اغوا ٿي هئي. دوست محمد، ٽانگي واري کي پنهنجن ٻن مامن جا نالا ٻڌايا ته ٽانگي واري کين وڃي هڪ وڏي اوطاق اڳيان لاٿو. اوطاق ۾ پهچي، فقير محمد امان سومريءَ جو نالو کنيو ته دوست محمد جا ٻئي ماما ڇرڪِي پيا. فقيرمحمد پنهنجي ڀرسان ويٺل دوست محمد ڏانهن اشارو ڪري کين ٻڌايو ته، ”هي توهان جو ڀاڻيجو آهي!“ اها ڳالهه حويليءَ ۾ پهتي ته حويليءَ اندر هُلَ پئجي ويا. دوست محمد کي سندس ماما حويليءَ ۾ وٺي ويا ته حويليءَ ۾ موجود عورتون روئندي دوست محمد سان چنبڙي ويون. دوست محمد ٻه ڏينهن اتي رهيو ۽ مامن کي پنهنجي شاديءَ جي دعوت ڏنائين ته سندس ماما ساڻس گڏ سندس ڳوٺ هليا آيا. دوست محمد جڏهن مون کي پنهنجي شاديءَ جي دعوت ڏيڻ آيو ته هن چيو،”منهنجي شاديءَ ۾ضرور اچجانءِ، توکي پنهنجن مامن سان به ملائيندس.“
    مون چيو، ”مان فقط هڪڙي شرط سان تنهنجي شاديءَ ۾ ايندس ته تون مون کي پنهنجي امڙ سان به ملائيندين.“ مان سندس شاديءَ ۾ ويس ته وعدي مطابق هن وڃي مون کي امان سومريءَ سان ملايو، ڇا ته سونهن سوڀيا هئي امان سومريءَ ۾.... ۽ ان جي ڀيٽ ۾ سندس مڙس ڄڻ ”حور جي پهلوءَ ۾ لنگور“ لڳو هو مون کي!
    دوست محمد مون کي پنهنجن ٻن مامن سان به ملايو هو، جن مان هڪ زمينون پئي سنڀاليون ۽ ٻيو لاهور شهر ۾ هڪ سگهاري سرڪاري اداري جوآفيسر هو. جيڪڏهن اهو پنهنجي ڀيڻ (امان سومريءَ) کي سدائين لاءِ واپس وٺي وڃڻ چاهي ها، ته امان سومريءَ جو مڙس ته ڇا، پر سڄو ڳوٺ گڏجي به کيس روڪڻ جي جرئت نه ڪري سگهي ها.... پر اهڙو ڪجهه ڪونه ٿيو. امان سومريءَ پنهنجي ڀائرن سان گڏ پنهنجي اباڻي ڳوٺ پنجاب وئي ۽ مهينو کن اتي رهي واپس پنهنجي ٻچن جي ڳوٺ سنڌ هلي آئي. هاڻي ته مون کي خبر ناهي ته امان سومري ڪٿي آهي زندهه به آهي يا نه، ڇو ته شاديءَ کان پوءِ منهنجو دوست ۽ سندس پٽ دوست محمد ڪجهه سالن اندر ئي جوانيءَ ۾ مري ويو ته پوءِ مون کي به وري امان سومريءَ جي ڪا خبر نه ملي.
    امان سومريءَ کي ته سڀ ڪجهه ياد رهيو ته، هوءَ ڪٿان جي آهي ۽ سندس مائٽ ڪير آهن، پر لاڙڪاڻي ۾ گهران ڪڍيل اربيليءَ پٺاڻ کي ته شايد ڪابه خبر ناهي ته هوءَ اصل ڪٿان جي آهي، نه ته هوءَ گهران تڙجڻ کان پوءِ به وري باربار انهيءَ در تي موٽي نه وڃي ها، جتان کيس ڌڪي سندس ٻچن کان ڌار ڪيو ويو آهي. ڇا انصاف ۽ قانون جا ادارا ۽ سول سوسائٽي اربيليءَ جي درد جو درمان ڪندا، جو نه فقط هوءَ پنهنجن ٻچن سان ملي سگهي، پر پنهنجن اباڻن ڪکن کي به پَسي سگهي!

    8 مئي 2014ع


    ادب ۽ آوازَ

    سنڌي شاعريءَ جو بدليل لهجو!

    سنڌي شاعريءَ جو بدليل لهجو!

    بس بند ئي ناهي ڀڳو
    هر ڀرم ڀورا ٿي ويو
    ڄڻ روح کي روڻي لڳي
    ڄڻ ساهه ۾ گهارو پيو
    (روبينا ابڙو)
    انهن سٽن ۾ اهو احساس آهي، جيڪو فقط شاعر جي اندر ۾ ناهي پيدا ٿيو، پر اهو احساس سنڌ جي اندر ۾ پيدا ٿيو آهي. سنڌ جي عوام جي روح کي روڻيون لڳيون آهن ۽ ڀوتارن جو ڀرم ڀورا ڀورا ٿي چڪو آهي. شاعري بنا ڪنهن شڪ جي انساني اندر جي اڌمن ۽ احساسن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ ٻوڏ وارن هنن ڏينهن جي شاعريءَ ۾ ٽوڙيءَ واري ڪٽ کان وٺي لڙهندڙ سنڌ جا سمورا عڪس نظر اچن ٿا.
    پاڻي پاڻي پاڻي آهي
    چوڏس درد ڪهاڻي آهي
    (مظهر ابڙو)
    ڀوتارن ٽوڙيءَ وٽان ڪٽ ڏيڻ کانپوءِ خدا جي خلق کي ڪک پن سمجهي درياهه جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو، مسڪين ماڻهو لڙهندا ۽ دربدر ٿيندا رهيا، ڇو ته ڀوتارن وٽ خدائي خلق جي اهميت فقط ووٽ وٺڻ واري ڏينهن لاءِ آهي ۽ ٻي ڪا به اهميت ۽ قيمت ناهي.
    ساهه بدران ٻوڏ کي رستو مليو
    سنڌ جو ماڻهو ته ڄڻ سستو مليو
    (اياز جاني)
    چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن مناسب منصوبابندي هجي ها ۽ بدعنواني سبب بندن تي ٿيندڙ خرچ ۾ گهوٻيون نه لڳن ها، ته سنڌوءَ جا اهي وهڪرا ڪو وڏو نقصان ڪرڻ کانسواءِ گذري وڃن ها. ڀوتارن سان گڏ اڄ آبپاشي عملدارن ڏانهن به آڱريون کڄڻ لڳيون آهن، جنهن جو ذڪر به ٻوڏ واري هاڻوڪي شاعريءَ ۾ ملي ٿو:
    عملدارن جي بي ايماني
    بندن جي جهوري ٿي جواني
    رڳو چوڏس پيا گهارا
    (فياض چنڊ ڪليري)
    سنڌوءَ جي وهڪرن کي تاريخي ۽ فطري رستو ڏيڻ بجاءِ، ٽوڙيءَ واري ڪٽ کانپوءِ ڀوتارن پنهنجن پنهنجن مخصوص مفادن تحت سنڌوءَ کي پئي رلايو، جنهن جي نتيجي ۾ اهو شينهن درياهه مڇرجي پيو ۽ پوءِ وسنديون، واهڻ ۽ ڳوٺ لوڙهيندو رهيو. سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ پنهنجو وجود وڃائي ويٺا ۽ حقيقت بجاءِ ڪو خواب يا ڪا ياد بڻجي ويا، جن کي وري ڪڏهن به ڏسي نه سگهبو:
    هاڻي اُن وٽ آ رهيو، يادن خزانو
    باقي آشيانو، لهرن منجهه لڙهي ويو
    (محمد علي پٺاڻ)
    سنڌو ڪيترين ئي وسندين واهڻن، شهرن ۽ ڳوٺن کي تاراج ڪندو ٺٽي ضلعي تائين پهچي ويو. ٺٽي ۽ سجاول جي ماڻهن پنهنجا اجها ڇڏي، مٿانهينءَ تي موجود مڪليءَ جي قبرستان کي وڃي آباد ڪيو:
    مڪلي قبرستان
    جنهن ۾ اڄ آهن وڌيڪ
    جيئرا انسان
    (زيب سنڌي)
    ٺٽو شهر ته بچي ويو، پر سجاول پنهنجي وجود کي بچائي نه سگهيو ۽ شهر جون گهٽيون ڪينال بڻجي ويون. ٺل کان ٺٽي تائين سنڌوءَ جا وڏا وهڪرا گهڻو ڪجهه لوڙهيندا گذري ويا، پر ان کانپوءِ پٺيان ايندڙ ٿورن، گهٽ وڏن وهڪرن کي ڀوتارن طرفان اڃا به پنهنجي مرضيءَ سان رلائڻ ۽ انتظامي نااهليءَ سبب شاعرن ۽ شهيدن جو شهر خيرپور ناٿن شاهه به ٻڏي ويو!
    ڪيڏو پوڙهو ٿي ويو آهي ناٿن شاهه
    سوڙهو ٿي ويو ساهه، وفا تنهنجي شهر جو
    (ادل سومرو)
    هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، پر ڪي اين شاهه جي گهٽين ۾ اڄ به ٻيڙيون پيون هلن ۽ انهيءَ شهر جو شاعر راز ناٿن شاهي ٻڌائي ٿو ته ٻڏل شهر ۾ تبديليءَ جي سوچ جنم وٺي رهي آهي. ڀوتار سنڌوءَ کي سنڌ ۾ گهمائيندا رهيا، سنڌو ڪي اين شاهه کانپوءِ دادو ضلعي جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ڳڙڪائيندو رهيو، جتان جا مسڪين لڙهندا ۽ رلندا رهيا ۽ پاڻيءَ وڃي قلندر جي نگريءَ جو پاسو ورتو. موج ڀريو مهراڻ مستيءَ ۾ اچي ويو:
    موجون من ۾ وڍ وجهن ٿيون
    هاڻ نه ڪوئي مست نه مستي
    ڇوليون پائي ڇير نچن ٿيون
    (اشفاق آذر)
    دادو ضلعي ۾ ڀوتار پنهنجي ووٽرن (عوام ته انهن لاءِ فقط ووٽر ئي آهي!) جي واهر ڪرڻ بجاءِ، خصيص مفادن خاطر پاڻ ۾ اٽڪندا رهيا، هڪ ٻئي تي الزام تراشين جا طوفان کڙا ڪندا رهيا ۽ دادو ضلعو لڙهندو رهيو:
    وڏيرن جي ويڙهه جو، اهڙو ٿيو جادو
    سڄو ئي دادو، منڇر منڇر ٿي ويو
    (ادل سومرو)
    منڇر مان سنڌوءَ جو پاڻي نڪتو ته باجارا شهر ۾ داخل ٿي ويو. باجارا جو وڏو حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو ۽ مٿانهينءَ تي ٺهيل ڪجهه گهرن وارو حصو سمنڊ اندر ڪنهن ٻيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. هيٺاهينءَ وارن علائقن جا ماڻهو پنهنجي گهرن جي ڇتين تي چڙهي ويا ۽ ڊينيئل ڊيفو جي ناول جي ڪردار ”رابسن ڪروزو“ جيان (جنهن پاڻي واري جهاز جي حادثي کانپوءِ سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ تي اڪيلائيءَ جا پنجويهه سال گذاريا هئا) باجارا جا ماڻهو به يا ته نظر جي حد تائين ڦهليل پاڻيءَ طرف ڏسندا رهيا يا وري آسمان ڏانهن نهاريندا رهيا، پر رابنسن ڪروزو جيان سندن واهر به ڪنهن ڪا نه ڪئي. هڪ طرف ڀوتارڪي سياست دادو ضلعي جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙي، ماڻهن کي دربدر ڪيو ته ٻئي طرف جوهيءَ جي شهرين ڀوتارن مان هٿ ڪڍي پاڻ مڙسي ڪئي. جوهيءَ واسين ٻارين ٻچين، ڏينهن رات هڪ ڪري، نه فقط پاڻ بند ٻڌو پر اوجاڳا ڪري بند جي نگراني به ڪندا رهيا ۽ پنهنجي شهر کي بچائي ورتو؛
    للڪاري درياهه کي، جاڳي ٿي جوهي
    وڏيرا تو هي، ڳوٺ ٻوڙايا ڪيترا!
    (ادل سومرو)
    هڪ طرف اهي ڀوتار آهن، جن مان جوهيءَ جي شهرين آسرو پلي پاڻ مڙسي ڪئي، ته ٻئي طرف اسان کي هالا جا مخدوم امين فهيم ۽ مخدوم جميل الزمان به نظر اچن ٿا، جن جو مٽياري ضلعي کي بچائڻ ۾ اهم ۽ ساراهه جوڳو ڪردار نظر اچي ٿو. جڏهن ته اسان جي ڀوتارڪي ڪلچر واري سياستدان جو ڪردار ڪڏهن به ساراهه جوڳو ناهي رهيو. اهي فقط هوائي ڳالهيون ڪندا ۽ هوائي جائزا ئي وٺندا رهيا آهن؛
    تون فضا ۾ اڏرين ٿو
    تون ڌرتيءَ جو دک ڇا ڄاڻين
    لهه هيٺ ته هيليڪاپٽر مان
    منهنجي ساري سنڌ ٻڏي وئي آهي
    (امتياز عادل سومرو)
    انهن ئي ٻوڏ جي ڏينهن ۾ عيد به آئي ۽ پاڻ سان خوشين بدران اداسيون کڻي آئي. سنڌ جا مالوند ماڻهو ٻچن سوڌو ڪيمپن ۾ پٽ تي ويٺا رهيا ۽ معصومن کي عيد ڏهاڙي به ٻين جا لاٿل پراڻا ڪپڙا ئي تن تي رهيا؛
    اکين ۾ درد جي هيءَ ڪهاڻي، عيد ڪهڙي
    ڇڳل جتي ۽ چُني پراڻي، عيد ڪهڙي!
    نه ڳوٺ بچيا، نه گهر سلامت، نه مال ٻنيون
    سڀئي لوڙهي ويو خوابَ پاڻي، عيد ڪهڙي!
    (اياز گل)
    انتظامي نااهليءَ جي حد اها آهي ته هڪ طرف سنڌ ٻڏي پئي ته ٻئي طرف ڪنريءَ سميت سنڌ جي ڪجهه حصن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مظاهرا پئي ٿيا!
    ڪوئي لڙهي لهرن اندر
    ۽ ڪوئي پياسو پيو مري!
    (روبينا ابڙو)
    ماڻهو جيئي يا مري، انهيءَ سان ڀوتارن جو ڪو واسطو ئي ناهي، جو هنن وٽ درد وندي دل ته آهي ڪو نه! باقي دنيا ۾ درد وندي دل جتي به آهي، اها انسانيت لاءِ ڌڙڪي ٿي ۽ سنڌ جي هن هاڃي تي تڙپي ٿي. برطانوي شاعرا لنڊا بيلي برائون، سنڌ جي ٻوڏ واري هن صورتحال تي مون کي فيس بڪ تي ڏهن بندن وارو طويل نظم”سنڌ“جي عنوان سان موڪلي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي قائم ۽ دائم رهڻ جي ڳالهه ڪيل آهي.
    بيشڪ سنڌ قائم دائم رهندي، پر سڀاڻي واري انهيءَ سنڌ جي سوچ ضرور بدليل هوندي. ڇو ته هن ٻوڏ سنڌ جي سوچ ۾ گهڻي اٿل پٿل ڪئي آهي، جنهن جو عڪس اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ به نظر اچي ٿو. نه فقط اهي شاعر، جن جي شاعري هتي حوالي طور ڏني ويئي آهي، پر انهن کانسواءِ نصير مرزا، آڪاش انصاري، بشير احمد شاد، گل ڪونڌر، احسان دانش، رخسانه پريت چنڙ، رضوان گل، بخشل باغي، گلشن لغاري، قاضي منظر حيات، ريحانا چنڙ، امر پيرزادي ۽ ٻين جا درد ڀريا احساس به شاعريءَ جي صورت ۾ نظرن مان گذريا آهن. هتي ته انهن شاعرن جي شاعريءَ جو ذڪر ٿيو، جن جو ڪلام فقط ”ڪاوش“ اخبار ۽ ٿورو انٽرنيٽ جي سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ تي منهنجي نظر مان گذريو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ خالص ادبي رسالن جي کوٽ آهي، ان ڪري اهو قطعي نه سوچڻ گهرجي ته آسي زمين ۽ سعيد ميمڻ جهڙن شاعرن جي ذهن ۽ قلم کي سنڌ جي هن تازي گهاوَ تي جنبش نه آئي هوندي. سنڌ جي عام ماڻهن جيان سنڌ جي ليکڪن توڙي شاعرن به هن ٻوڏ ۾ نه فقط ذهني پر جسماني طور به ڀوڳيو آهي.
    شاعر رجب ٻگهئي جو باجارا ۾ قرض کڻي ٺهرايل گهر جهري پوي ٿو. سندس ذاتي لائبريريءَ جا ٽي هزار ڪتاب ۽ سندس اڻ ڇپيل شاعريءَ جا پنا، وڻن مان ڇڻيل، سڪل پنن سان گڏ لڙهي وڃن ٿا. هو پنهنجي اڻ ڇپيل شاعريءَ کي بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ٿو ڪري پر پاڻيءَ تي سندس وس نٿو هلي ۽ هو ٻچن سوڌو پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهي وڃي ٿو. ٻيٽاري بڻجي پيل پنهنجي گهر جي ڇت تي، رابنسن ڪروزو جيان پنج ڏينهن انتظار ڪرڻ کانپوءِ هو پنهنجي گهر جي گهٽيءَ مان گهر ڀاتين کي ٻيڙي ۾ وٺي هليو ويو. رجب ٻگهيو اڃا تائين باجارا واپس ناهي وريو. هن گذريل رات مون کي فون ڪري ٻڌايو ته باجارا جي گهٽين ۾ اڃا به ٻيڙيون ٿيون هلن ۽ هو اهو دردناڪ منظر ڏسڻ جي سگهه اڃا به ناهي ساري سگهيو. پنهنجي اڻ ڇپيل شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ وڃائيندڙ شاعر کان جڏهن مون پڇيو ته انهيءَ ڪيفيت ۾ ڪجهه لکيو اٿئي، ته هن پنهنجي نئين شاعري ٻڌائي:
    سئو سال لڙهي ويا هن
    هن ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾
    ٿو حال پڇين ڪهڙا
    سڀ حال ٻڏي ويا هن
    هن ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾
    (رجب ٻگهيو)
    وفا ناٿن شاهيءَ ۽ اياز گل جهڙا سهڻا رومانوي غزل لکندڙ نوجوان رجب اهو ڌڪ پچائي جڏهن ٻيهر قلم کڻندو ته ڇا سندس قلم ڀوتارن ۽ هن سسٽم خلاف عَلم نه بڻجي پوندو؟ مستقبل جي سنڌي شاعريءَ ۾، شيخ اياز جي نظم ”مان ڏوهي هان“ جهڙو سخت لهجو هاڻي ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو:
    هاڻ نه ڪنهن بندوق جي گولي
    ڪو به شڪاري باز نه هوندو
    (اشفاق آذر)
    تاريخ جي هن بدترين ٻوڏ کي ڀوتارن وڌيڪ بدترين بڻائي ڇڏيو. هن ٻوڏ فقط سنڌ جي ڌرتيءَ تي تباهي ناهي مچائي، پر سنڌ جي شاعرن جي اندر ۾ به اٿل پٿل آندي آهي. ڀوتارن کي ته اها ڳالهه بنهه غير اهم لڳندي. هٿياربند باڊي گارڊن جي پهري ۾ هلندڙ ڪجهه طاقتور ڀوتارن ٿي سگهي ٿو ته اهو محاورو کڻي ٻڌو به هجي ته ”قلم، تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي.“ پر کين اها خبر نه هوندي ته قلم، تلوار کان وڌيڪ طاقتور ڪيئن آهي؟ کين اها خبر ئي ناهي ته انقلابن لاءِ شاعري ڪهڙي هٿيار جو ڪم ڪندي آهي ۽ سماجي سسٽم کي بدلائڻ لاءِ شاعري ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿي. تاريخ جي ”ت“ کان به اڻ واقف ڀوتارن کي ته اها ڳالهه تڏهن به سمجهه ۾ نه ايندي، جڏهن پاڻي سندن سر تان گذري چڪو هوندو!
    هن آرٽيڪل جو مٿيون سڄو حصو لکجي وڃڻ کان پوءِ سومر 4 آڪٽوبر، يعني ڪالهه شام جو سنڌيءَ جو سرموڙ شاعر، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن جي مهورتي تقريب ۾ منهنجي ڀرسان اچي ويٺو ته هن موجوده ٻوڏ واري حالت تي لکيل پنهنجون اڻ ڇپيل سٽون ٻڌايون:
    غريبن جا سوين گهراي وڏيرا تو ڇڏيا ٻوڙي
    سندءِ هڪ گهر بچائڻ لاءِ جيڪو شاهڪار آهي
    ٻڏي وئي سنڌ،ڪاڻي اک ۾ پاڻي مگر ناهي
    نه ڪوئي معذرت خواهه ۽ نه ڪوئي شرمسار آهي.
    (امداد حسيني)
    ڇا امداد حسينيءَ جي ان ڳالهه کان انڪار ڪري سگجي ٿو ته وڏيرن ۽ ڀوتارن پنهنجا محل ۽ ماڙيون بچائن لاءِ سنڌ ناهي ٻوڙي؟ امداد جون اهي سٽون ڀوتارن جي نفسيات جو حقيقي عڪس پيش ڪن ٿيون، جن وٽ هيڏي هاڃي کان پوءِ به ڪاشرمساري ڪانهي.ٻوڏ جي هن پاڻيءَ سنڌ جي سوچ ۾ تبديلي به آندي آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ شعور جي هڪ نئين لهر جو اضافو به ڪيو آهي. اڄوڪي سنڌي شاعريءَ جي سوچ، هڪ نئين سنڌ جي سوچ ڏانهن اشارو پئي ڪري. اها نئين سنڌ، جنهن ۾ گهڻو ڪجهه بدليل هوندو.
    اڱارو 5 آڪٽوبر 2010ع


    ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو سنڌي شاعريءَ ۾ عڪس

    ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو سنڌي شاعريءَ ۾ عڪس

    دهشتگرديءَ جي ڏائڻ ڪيتري عرصي کان ڪراچيءَ جي رستن تي رقص ڪندي رهي آهي. هڪ رپورٽ موجب فقط گذريل هڪ مهيني اندر ڪراچيءَ ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي مختلف واقعن ۾ 343 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪالهوڪي هڪڙي ڏينهن ۾ به 16 ماڻهو ماريا ويا آهن. گذريل ڪجهه سالن جي واقعن تي نظر ڦيرائڻ سان خبر پئي ٿي ته مختلف وقتن تي لساني توڙي گروهي حوالي سان به ڪراچيءَ جا رستا رت سان ريٽا ٿيا آهن، ته ڪڏهن وري مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ بم ڌماڪا ٿيا آهن. ڪڏهن ٻورين مان ٻڪرين جيان ڪٺل انسانن جا لاش مليا آهن، ته ڪڏهن وري ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي ۾ لاش ڪيرايا ويا آهن. دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ، هن شهر جي شاهراهن تي دهشتگرديءَ جو راڪاس بڙم باڪاس بي ڌڙڪ ٿي هلندو رهيو آهي. سنڌ جي گاديءَ واري، سمنڊ ڪناري اڏيل هن شهر جا رستا به ڄڻ سمنڊ جا چارا بڻجي ويا آهن، جتي ڌرتيءَ جا مانگر مڇ معصوم انسانن کي پنهنجو شڪار بڻائيندا رهيا آهن. ڪراچيءَ جي اهڙين حالتن جو عڪس ۽ اولڙو اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ به نظر اچي ٿو:
    فٽ پاٿ ڪراچيءَ جا مون لئه
    سڀ چارا ڄڻ ته سمندر جا،
    ننڍيون ۽ وڏيون ڪيڏيون مڇيون،
    جن منجهه هزارين مانگر ها!
    (شيخ اياز)
    سنڌ جي سامونڊي ڪناري وارو هي حَسين شهر لڳاتار دهشتگرديءَ جي باهه ۾ سڙندو رهيو آهي. هڪ دهشتگرديءَ جي لهر کان ٻي لهر تائين سالن جو فاصلو ته شايد ڪڏهن به ناهي رهيو. ڪڏهن ڪجهه مهينن جي وٿيءَ سان ته ڪڏهن وري ڪجهه هفتن يا ڏينهن جي وقفي سان ڪراچي دهشتگردن جي ور چڙهي وڃي ٿي ۽ دهشتگرديءَ جي هر نئين لهر سان هن شهر جون گهٽيون ۽ رستا معصوم ماڻهن جي رت سان ريٽا ٿي وڃن ٿا ۽ رستن تي رهجي وڃي ٿي انساني رت ۽ بارود جي گڏيل بوءِ! ڄڻ ڪراچي ڪو شهر نه هجي، پر بارود جي ڀري هجي، جنهن کي رکي رکي باهه لڳي وڃي ٿي.
    ڏس ڪراچي ته ڪيئن ٻَري ويو آ،
    ٿي ڪا بارود جي ڀَري ويو آ !
    (مظهر ابڙو-2011ع)
    بارود جي بوءِ واري هن شهر طرف گذريل سال سنڌ جي ڳوٺاڻن جي هڪ وڏي لڏ پلاڻ ٿي هئي. گذريل سال آيل ٻوڏ کان پوءِ، جڏهن سڄي سنڌ لڙهي رهي هئي ۽ سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن جو وجود ئي ڌرتيءَ تان ميسارجي ختم ٿي ويو هو، تڏهن ٻين شهرن سان گڏ بيشمار سنڌي ڪراچيءَ جي ڪيمپن ۾ به اچي رهيا هئا. اهي ٻوڏ سٽيل گهڻا تڻا سنڌي ته وري به واپس پنهنجن پکن ڏانهن موٽي ويا، پر ٿوري تعداد ۾ ٻوڏ سٽيل سنڌي اڃا به ڪراچيءَ جي ڪجهه هنڌن تي موجود آهن ۽ شهر جي مختلف ماڳن مڪانن تي رهي، پورهئي وسيلي ڳڀي جي ڳولا ڪندا رهن ٿا. انهن پورهيت ڳوٺاڻن پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ ته درياهه جي دهشت ڏٺي هئي ۽ سر بچائي ڪراچيءَ پهتا هئا، پر ڪراچيءَ جي دهشتگردي ته سندن ساهه ٿي سڪائي ڇڏي:
    مون ته دهشت هئي ٻڌي درياهه جي،
    پر ڪراچيءَ ۾ لڳي آ ساهه جي!
    (در محمد پٺاڻ-2011ع)
    ڪراچيءَ ۾ ساهه سڪائيندڙ دهشتگردي فقط لساني، گروهي يا مذهبي بنياد تي ناهي ٿي، پر ڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وردي پوش اهلڪارن هٿان به زندگيءَ جا ڏيئا اجهايا ويا آهن. اهو واقعو ته ويجهڙائيءَ جو آهي، جو ڪلفٽن جي علائقي ۾ رينجرس اهلڪارن هٿان هڪ معصوم نوجوان زندگيءَ جي خيرات گهرندي مارجي ويو هو ۽ انهي سڄي بربريتي وارتا کي هڪ ٽي وي چينل جي سنڌي ڪئمرا مين رڪارڊ ڪري پڌرو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ واسي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موڀي پٽ ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ڳڀرو ڀاءُ شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ئي شهادت کي ته ڪڏهن به وساري نه سگهندا، جيڪي واٽ ويندي ماريا ويا هئا. مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي شهادت واري انهيءَ واقعي جو عڪس به اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو؛
    اي ڪراچيءَ جا نگر، اي راڄڌاني سنڌ جي!
    لاک رَتڻي، باک بکڻي، سونَ ورڻي، سَوَ ڳُڻي،
    ڪيئن نه مٽيءَ ۾ ملي وئي، نوجواني سنڌ جي!
    (امداد حسيني-2000ع)
    سنڌ جي راڄڌانيءَ واري هن شهر ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي آجيانئي جلوس کي به ان وقت بم ڌماڪي جو نشانو بڻايو ويو هو، جڏهن 18- آڪٽوبر 2007ع تي سنڌ جي هيءَ راڻي دبئيءَ کان ڪراچيءَ پهتي هئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو معصوم ماڻهو مارجي ويا هئا، جن ۾ لياريءَ جا ڪيترا جيالا به شامل هئا. انهن مان ڪيترائي جيالا شهيدن جي ماڳ ڳڙهي خدا بخش جي بي نام قبرن ۾ دفن ٿيل آهن ۽ لياري (ڪراچي) جو عوام اڄ به شهيد راڻيءَ ججي نالي تي سِرُ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ملي ٿو:
    لياري ۾ اڄ ڀي لڪل لعل آهن،
    جهڳين جهوپڙين ۾ ڪو ڳولا ڪري!
    (عبدالحڪيم ارشد-2011ع)
    ڌرتيءَ جو درجو به ماءُ جهڙو ئي هجي ٿو ۽ ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ انسانن کي ماءُ جيان پاليندڙ ڪراچيءَ ۾ بارود جي بوءِ ۽ دهشت جي دونهي جي درد کي سنڌ جي حساس ۽ باشعور شاعرن نه فقط پاڻ محسوس ڪيو آهي، پر ڪراچيءَ جي هن درد ڀرئي حالت کان ڪن لاٽار ڪندڙن کي ميار به ڏني آهي:
    ڪراچيءَ جي سينڌ ۾، دهشت جو دونهون،
    اڃا اَسونهون، ڪيسين رهندين ديس جو !؟
    (ادل سومرو:2011ع)
    هڪ طرف ڪراچيءَ ۾ رکي رکي دهشت جو دونهون اٿندو رهي ٿو، ته ٻئي طرف وري رکي رکي ڪي واڳون صفت ڌريون، سهڻيءَ جيان سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ لاءِ وات ڦاڙينديون رهيون آهن ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون زهر ڀريل ڳالهيون ڪنديون رهيون آهن. سنڌ جي ورهاست جي اهڙي خيال کي سنڌ جي سمورن سياسي، علمي، ادبي، ثقافتي توڙي مذهبي حلقن ڀرپور انداز سان رد ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ جي هڪڙي انچ تان به هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن:
    ڪابه ورهاست ڪين کپي
    سنڌ جو نقشو پورو گهرجي!
    (محمد علي پٺاڻ-2001ع)
    ڪراچيءَ جون حالتون سڄي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي دل ڏکائينديون رهيون آهن، پر سمورين خوفناڪين ۽ دهشتگردين جي باوجود سنڌي ماڻهو ڪراچيءَ تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهي. ڪراچيءَ تي سنڌين جو پهريون، فطري ۽ ازلي حق آهي، جنهن کان انڪار ممڪن ئي ناهي. نه فقط جاگرافي، پر تاريخ جي حوالي سان به ڪراچي سنڌ لاءِ بيحد اهم آهي:
    تون سڄي تاريخ آهين
    ڌرتتيءَ جي چيخ آهين
    دل ڏکائيندڙ ڪراچي
    جهلملائيندڙ ڪراچي
    اڄ به مان
    تنهنجي رستن کي مُنڊيءَ جئن
    ڄڻ ته پورو ٿو اچان !
    (شيخ اياز-1986ع)
    دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل ڪراچيءَ جو سنڌي شاعريءَ ۾ موجود هي ته هڪ ننڍڙو عڪس آهي، جنهن ۾ شاعرن جي نالن سان ڄاڻايل سال انهن ڪتابن يا رسالن جا آهن، جڏهن اهي شعر ڇپيا آهن، پر ڪتابن، رسالن توڙي اخبارن ۾ هيل تائين اهڙي بي شمار شاعري ڇپي آهي. جيڪڏهن اها سڄي شاعري سهيڙي وڃي ته ڪيترا ئي ڪتابي جُلد جڙي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو محقق ويهي تحقيق ڪري ته ڪراچيءَ جي اهڙين حالتن تي سوين صفحن جو تحقيقي ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر ڪنهن ڪتاب سيهڙڻ يا لکڻ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته، ڪراچيءَ ۾ امن قائم ڪري انساني زندگيءَ کي محفوظ بڻايو وڃي، جيئن ڪراچي شهر جي ڪابه ماءُ پنهنجي ٻار کي ڪتاب هٿ ۾ ڏئي اسڪول يا ڪاليج موڪليندي ڪنهن به خوف جو شڪار نه ٿئي.

    اڱارو 2 آگسٽ 2011ع


    سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر

    سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر

    ڪٿي پڙهيو هئم ته، ”فڪري لحاظ کان وڏا ماڻهو ارتقا جي تاريخ ۾ رڪاوٽ هوندا آهن.“ ساڳئي آرٽيڪل ۾ ساڪريٽس، پليٽو ۽ ارسٽاٽل جو حوالو ڏيندي چيو ويو هو ته، ”انهن ٽن ماڻهن انسان ذات کي هزارين سالن تائين حيرت ۾ وجهي، فڪري ارتقا جو رستو به هزارين ورهين تائين بند ڪري ڇڏيو هو!“
    اسان سنڌ واسي به زندگيءَ جي هر شعبي ۾، وڏن نالن جي سحر ۾ ڦاٿل رهيا آهيون. ٻين شعبن سان گڏ اسان جو ادب پڻ انهيءَ سحر کان آجو ناهي. نسيم کرل جي موت جي حوالي سان عبدالقادر جوڻيجي چيو هو، ”سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي آهي!“ عبدالقادر جوڻيجي جي اها راءِ اسان وٽ ڪيترن سالن کان ورجائبي رهي آهي ۽ گذريل ٽيهارو سالن جي عرصي ۾ لکيل سنڌي ڪهاڻيءَ جو اڄ تائين سنجيدگيءَ سان جائزو ئي ناهي ورتو ويو، جنهن جي ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جي مري وڃڻ جهڙيون ڳالهيون به ٿينديون رهيون آهن!
    مڃون ٿا ته جمال ابڙو، اياز قادري، غلام رباني ۽ نسيم کرل وڏا ڪهاڻيڪار هئا. امر جليل، حميد سنڌي، غلام نبي مغل ۽ ماهتاب محبوب جي اهميت کان به انڪار ناهي، پر جيڪڏهن 1978ع ۾ نسيم کرل جي گوليءَ سان ٿيل موت کي اسان سنڌي ڪهاڻيءَ جو موت تصور ڪري گذريل ٽيٽيهن سالن کان اڄ تائين تڏي تي ئي ويٺل رهياسين ته پوءِ خير النساءِ جعفري، نورالهديٰ شاهه، ڪيهر شوڪت ۽ رزاق مهر کان وٺي اڄ تائين جي نون ڪهاڻيڪارن جي سرجيل ڪهاڻيءَ کي انڪار جي گوليءَ سان ماري ڇڏينداسين. مڃون ٿا ته اسان جي انهن وڏن ۽ سينئر ڪهاڻيڪارن سٺيون ڪهاڻيون لکيون هيون، پر سندن لکيل سموريون ڪهاڻيون ”شاهڪار“ جي زمري ۾ نٿيون اچن. اسان جي انهن ”عظيم ڪهاڻيڪارن“ ڏانهن سندن ئي وقت ۾ به آڱريون کنيون ويون هيون. ممتاز مهر پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ۾ سنڌي ڪهاڻي جي اوسر“ ۾ لکيو آهي ته، ”اياز قادريءَ جي ڪهاڻي ”بلو دادا“ جڏهن شايع ٿي، تڏهن هن جا پنهنجا هم عصر ڪهاڻيڪار ئي چوڻ لڳا ته اها ڪهاڻي هن سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻي ”ممو دادا“ کان متاثر ٿي لکي آهي. جڏهن ته غلام ربانيءَ جي ڪهاڻي ”شيدو ڌاڙيل“ ۾ پڻ منٽو جي ٻي ڪهاڻي ”شيدي“ جون جهلڪيون پيون نظر اچن“.
    جمال ابڙي جي مشهور ڪهاڻي ”پشو پاشا“ لاءِ به چيو ويو هو ته اها روسي ليکڪ ميڪسم گورڪيءَ جي ڪهاڻيءَ کان متاثر ٿي لکيل آهي. ڳالهه فقط متاثر ٿيڻ جي حد تائين محدود ناهي رهي، پر اسان جي ”وڏن ڪهاڻيڪارن“ جون ڪي ڪهاڻيون ته ٻين ٻولين جي ڪهاڻين جون Adoption ٿيون لڳن. نسيم کرل جي مشهور ڪهاڻي ”چوٽيهون در“ جي ساڳئي خيال واري هڪ پراڻي فارسي ڪهاڻيءَ جو اردو ترجمو به ڪافي سال اڳ مون پڙهيو هو. ”چوٽيهون در“ ۽ انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ فرق فقط اهو هو، ته ”چوٽيهون در“ ۾ ٻن ٿاڻن جي پوليس لاش جي جاچ مان پاڻ کي آجو رکڻ لاءِ، لاش کي چوٽيهين در کان ڪڍي ٽيٽيهين در ۽ وري ٽيٽيهين در کان چوٽيهين در ۾ڦاسائيندي رهي ٿي، جڏهن ته انهيءَ فارسي ڪهاڻيءَ ۾ درياهه جي بجاءِ هڪ روڊ جو ذڪر آهي ۽ ٻن ٿاڻن جي پوليس لاش کي روڊ جي هڪ طرف کان کڻي ٻئي طرف اڇليندي رهي ٿي!
    اسان جي انهن وڏن ڪهاڻيڪارن الزامن کان آجيون شاهڪار ڪهاڻيون به ضرور لکيون آهن، پر مجموعي طور تي انهيءَ دور ۾ به سنڌي ڪهاڻيءَ جي صورتحال ڪا گهڻي بهتر ناهي رهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ٻڌندا هئاسين ته سنڌيءَ ۾ دنيا جي عظيم ڪهاڻي لکي وڃي ٿي. انهيءَ زماني ۾ ئي ”عظيم ڪهاڻيڪارن جون عظيم ڪهاڻيون“ ۽ ٻين اهڙن نالن سان چونڊ ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ ڇپيا هئا. هن بندي پنهنجي ڪچي عمر ۾ اهي ڪتاب پڙهي اهو ئي سمجهيو هو، ته عظيم ڪهاڻي ائين ئي هوندي، پر چار سال اڳ جڏهن ڪنهن چونڊ خاطر مون اهي ”عظيم ۽ شاهڪار“ ڪهاڻين وارا ڪتاب ٻيهر پڙهيا هئا ته انهن ”عظيم ڪهاڻيڪارن“ جون ڪيتريون ڪهاڻيون مون کي ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ تي به پوريون لهندي نظر نه آيون هيون! ان ڪري جيڪڏهن اسان خود پسنديءَ يا ذاتي پسند/ناپسند جي خول کان ٻاهر نڪري سوچينداسين ته، نه اسان کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ماضيءَ تي فخر محسوس ٿيندو ۽ نه ئي اسان سنڌي ڪهاڻيءَ جي حال توڙي مستقبل کان گهڻو مايوس ٿينداسين. ان حوالي سان انيس انصاري اڪيڊمي طرفان گذريل ٻن ڪانفرنسن جيان، تازو نسيم کرل جي شهر خيرپور ميرس ۾ ٿيل ٽين ڪهاڻي ڪانفرنس به سنڌي ڪهاڻيءَ جي حال توڙي مستقبل لاءِ روشن ڪرڻي جيان نظر اچي ٿي، جنهن ۾ هن سال نئين ٽهيءَ جي 50 ليکڪن جي اڻ ڇپيل ڪهاڻين کان سواءِ ٻارن طرفان لکيل، ٻاراڻي ادب جون به 30 ڪهاڻيون شامل ٿيون آهن.

    اڱارو 25 جنوري 2011ع


    اديبن جي مرڻ جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي !

    اديبن جي مرڻ جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي !

    شيخ اياز جي نثري نظمن جو مجموعو ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ پبلشر جي حيثيت ۾ سهڻي انداز سان ڇپرائي کيس پهچايو هوم، ته ان کان پوءِ شيخ صاحب مون کي پنهنجن ٻن اڻ ڇپيل ڪتابن ”جڳ مڙيو ئي سپنو“ ۽ ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ جا مسودا هڪ ئي ڏينهن ڏنا هئا. چانهه پيئندي چيو هئائين، ”ڪجهه پئسا ڏيانءِ ڇا؟“
    حيرت مان وراڻيو هوم، ”ڇا جي لاءِ!؟“
    شيخ اياز مرڪي چيو هو، ”منهنجي ڪتابن تي متان تون منهنجي محبت ۾ پئسا لڳائيندو هجين ۽ پنهنجو نقصان ڪندو هجين!“
    شيخ صاحب سان منهنجي ڪافي حجت هئي. کلي چيو هوم، ”بيشڪ سائين توهان سان بي انتها محبت آهي، پر توهان جي ڪنهن ڪتاب تي لڳايل پئسا ٻيڻا ٿي نه ملندا ته مان توهان جو ٻيو ڪتاب نه ڇپرائيندس؟“.
    ان ڏينهن جڏهن مون شيخ اياز کي ٻڌايو هو ته سنڌي ڪتاب ڪيترو تيزيءَ سان وڪامن ٿا ۽ خاص طور تي سندس ڪتاب، تڏهن هن کي حيرت لڳي هئي ۽ هن حيدرآباد جي هڪ شيخ پبلشر جو نالو مون کي ٻڌايو هو، جيڪو اهو چئي شيخ اياز کان سندس ڪتاب ڇپائڻ لاءِ پئسا وٺي ويو هو، ته سنڌي ڪتاب نٿا وڪامن!
    سنڌي ليکڪن سان اهڙيون ويساهه گهاتيون ڪا نئين ڳالهه ناهن. هڪ پبلشر جيڪڏهن شيخ اياز جهڙي عظيم شاعر کي ٺڳي ويو هو، ته ٻين ليکڪن سان ڇا نه ٿيو هوندو! سڀني پبلشرن تي ته الزام نٿو هڻي سگهجي، پر اڄ به ڪي اهڙا پبلشر موجود آهن، جيڪي ليکڪن سان اهڙيون ويساهه گهاتيون ڪندا رهن ٿا. عام طور تي انهن جو شڪار اهڙا ليکڪ ٿين ٿا، جن جا ڪتاب گهٽ وڪامن ٿا ۽ اهي ليکڪ ”پنهنجي پذيرائيءَ“ خاطر پبلشرن کي پئسا ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿا. جن ليکڪن جا ڪتاب وڌيڪ وڪامن ٿا، انهن جي ته پبلشر پٺيان لڳا رهن ٿا، پر انهن مان وري ڪي ليکڪ پبلشرن جي ڇپايل ڪتابن جي معيار مان مطمئن نه هئڻ ڪري، پنهنجي خرچ تي وڌيڪ معياري انداز سان ڪتاب ڇپائن ٿا. اهڙن ليکڪن سان وري ڪتابن جي وڪري جو مسئلو ٿئي ٿو. اڄ کان پنجويهه سال اڳ تائين ته سنڌي ڪتابن جي ورهاست جو نظام موجود هو ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه اهڙا واپاري هئا، جيڪي ٻين پبلشرن توڙي ليکڪن طرفان ڇپرايل ڪتابن جي سڄي سنڌ ۾ ورهاست ڪري، ٻن چئن مهينن کان پوءِ، وڪرو ٿيل ڪتابن جا پئسا سندن حوالي ڪري ڇڏيندا هئا، پر هاڻي سنڌي ڪتابن جي ورهاست جو اهڙو ڪو به گڏيل نيٽ ورڪ موجود ناهي. ڪجهه وڏن پبلشرن جا نيٽ ورڪ موجود آهن ته اهي فقط پنهنجي اداري جا ڪتاب ئي ڊسٽريبيوٽ ڪن ٿا. سنڌي ڪتابن جي ڊسٽريبيوشن جو ڪو مناسب نظام نه هئڻ ڪري، جيڪي ليکڪ پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپائين ٿا، انهن مان ڪيترائي ليکڪ ”نظام“ نالي ان شخص جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جيڪو ڪتاب وڪرو ڪري سندن پئسا ڦٻائي وڃي ٿو!
    ائين ناهي ته ڪو هاڻي سنڌي ڪتاب نٿا وڪامن. سنڌي ڪتاب جيئن ستر ۽ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ وڪامندا هئا، اڄ به تيئن ئي وڪامن ٿا. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پوءِ روز نوان ڪتاب بازار ۾ نه اچن ها. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ادب پڙهندڙ سنڌي ماڻهو ئي آهن، جيڪي نه فقط سنڌي پر اردو ڪتاب به وڏي تعداد ۾ خريد ڪن ٿا ۽ پڙهن ٿا. انهيءَ ڳالهه جو اعتراف خود لاهور جا پبلشر به ڪن ٿا. سنڌ ۾ اردو ڪتابن جي وڏي وڪري سبب، لاهور جي هڪ پبلشر ته حيدرآباد اچي گاڏي کاتي ۾ ڪتابن جو هڪ وڏو دڪان به کوليو آهي. نه فقط حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي، پر سنڌ جي ڪيترن ننڍن شهرن ۾ به اردوءَ جا خالص ادبي ڪتاب وڪامن ٿا، جيتوڻيڪ عام طور تي اردو ڪتابن جون قيمتون سنڌي ڪتابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ به هجن ٿيون، مهانگائيءَ جي هن دور ۾ سنڌي ڪتابن جون قيمتون به ڪافي وڌيل آهن، پر ان جو اهم سبب ڪتابن جي لاڳت ۽ ان جي وڪري واري قيمت ۾ وڏو فرق هئڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جي هڪ ڪاپيءَ تي 50 رپيا خرچ اچي ٿو، ته پبلشر انهيءَ جي قيمت 200 رپيا يا گهٽ ۾ گهٽ 150 رپيا رکي ٿو. ڪتاب جي قيمت جو 40 سيڪڙو ته فقط ريزڪي دڪاندار کي ملي ٿو، يعني ٻه سئو رپين جي ڪتابن تي 80 رپيا کيس ملن ٿا! جن عام پڙهندڙن کي انهيءَ صورتحال جي خبر آهي، اهي دڪاندار کان ڪتاب جي قيمت جو 20 کان 25 سيڪڙو رعايت وٺي وڃن ٿا ۽ حيرآباد توڙي ڪڏهن ڪڏهن ٻين شهرن ۾ ڪتابن جي لڳندڙ نمائشن ۾ پڻ ايتري رعايت عام طور تي ڏني وڃي ٿي، پر لاڙڪاڻي جو هڪ دڪاندار ته ڪيترن ڪتابن تي 50 سيڪڙو به رعايت ڏئي ڇڏي ٿو، جنهن لاءِ اتان جا ٻيا دڪاندار وري اهو چون ٿا ته هو ”نوَلي تي دَهلي“ وارو ڪم ٿو ڪري، يعني اهو وري پبلشرن جا پئسا کائي ٿو وڃي!
    سنڌ جي ڪجهه وڏن نجي اشاعتي ادارن ته ڪتابن جي ورهاست جا پنهنجا نيٽ ورڪس ٺاهي ورتا آهن، پر سرڪاري ادارن جو حال هن شعبي ۾ به پورو سارو آهي. سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جا ڪتاب ته سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ ڪن مخصوص دڪانن تي پهچن ٿا، يا حيدرآباد ۾ قائم ڪيل سندن دڪان تان خريد ڪري سگهجن ٿا، پر سنڌالاجي، ثقافت کاتي توڙي ٻين سرڪاري ادارن جا ڇپايل ڪتاب ته ڳولهيا به نٿا لڀن. سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڇپرايل ڪو ڪتاب ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان خريد ڪرڻ لاءِ به ڪشالا ٿا ڪاٽڻا پون. سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرزا قليچ بيگ چيئر طرفان ڇپرايل، مان پنهنجي هڪ ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون روڪ پئسن تي خريد ڪرڻ ويو هئس ته ان وقت اداري جو چيئرمين ڪلاس ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو هو ۽ ڪتابن جي انچارج مون کي اهو چئي انتظار ڪرايو هو، ته اسان چيئرمين صاحب جي اجازت کان سواءِ ڪتاب وڪرو نه ٿا ڪري سگهون!
    سنڌ ۾ موجود نجي اشاعتي ادارن جي اڪثر مالڪن کي هي بندو ذاتي حيثيت ۾ سڃاڻي ٿو، جن ڏهن ٻارهن هزارن جي معمولي رقم سان اشاعت جو ڪم شروع ڪيو هو، پر اڄ اهي ”ڪک پتيءَ“ مان ”ڪروڙ پتي“ ٿي ويا آهن، (اهي فقط ڪو هڪڙي هڪڙي ڪروڙ جا مالڪ ناهن.) ۽ ڪتابن مان ڪمايل پئسن سان اڄ اهي ٻيا ڪاروبار به ڪري رهيا آهن. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ ڀوڳي فقط ليکڪ ٿو. پوءِ ڪجهه ليکڪ ته پاڻ لکو، پاڻ ڇپايو، پاڻ کپايو ۽ جيڪڏهن ڪتاب نه وڪامي ته مفت ۾ ورهائي ڇڏيو واري اصول تي ڪاربند رهي، پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپائين ٿا. ان اصول تي نه هلندڙ ڪيترن ليکڪن جا ڪتاب اڻ ڇپيل ئي رهجي وڃن ٿا!
    شيخ اياز جهڙي وڏي شاعر کي پنهنجي زندگيءَ ۾ حسرت رهي، ته سندس شاعريءَ جو ڪو ڪتاب فيض احمد فيض جي ڪتاب ”نسخه هائَي وفا“ جيان ڇو نٿو ڇپجي! (اياز اها ڳالهه هن بندي سان اوري هئي.) اڄ جڏهن شيخ اياز زنده ناهي، تڏهن فيض صاحب جي انهيءَ هڪڙي ڪتاب کان وڌيڪ سهڻا سندس پندرهن کان مٿي ڪتاب سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن ۽ شيخ اياز جي انهيءَ سيريز جا ڪجهه وڌيڪ ڪتاب اشاعت هيٺ آهن، جيڪا ساراهڻ جهڙي ڳالهه آهي، پر سنڌ ثقافت کاتي، سنڌي ادبي بورڊ توڙي سرڪاري خرچ تي ڪتاب ڇپائيندڙ ٻين ادارن کي، سنڌ جي ٻين اهم زنده ليکڪن جي ڪتابن جي اشاعت جو بندوبست، سندن موت جو انتظار ڪرڻ کان اڳ ئي ڪرڻ گهرجي.

    اڱارو 22 فيبروري 2011ع


    طوفان ۾ پيل ڏات جا ڏيئا!

    طوفان ۾ پيل ڏات جا ڏيئا!

    ”مان گذريل سڄي رات ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ هئس. ڊاڪٽر چون ٿا ته ڪراچيءَ جي ڪنهن وڏي اسپتال مان وڃي علاج ڪراءِ، پر منهنجي مالي حالت اهڙي ڪونهي. جيڪڏهن مان مري وڃان ته منهنجو سمورو مواد سنڌ الاجيءَ ۾ جمع ڪرائجو.“ موبائل فون تي مون کي اهو ميسيج، لاڙڪاڻي کان نامياري شاعر محمد علي پٺاڻ 23 مارچ تي شام جو ڪيو هو. ميسيج جي جواب ۾ مون کيس فون ڪئي هئي ته هن سرڪاري امداد يا سرڪاري خرچ تي علاج جهڙي ڪنهن خواهش جو اظهار نه ڪيو هو، پر کيس ڳڻتي هئي ته پنهنجي بيمار گهر ڀاتين ۽ پنهنجين لکڻين جي. سندس چواڻيءَ کائنس پوءِ سندس گهر ۾ اهڙو ڪوبه ناهي، جيڪو سندس لکڻين کي سنڀالي سگهي.
    محمد علي پٺاڻ ڪجهه ڏينهن ته لاڙڪاڻي ۾ بستري داخل رهيو، پر پوءِ ڪنهن مهربان دوست جي سهاري علاج خاطر ڪراچيءَ پهتو. سندس بيماريءَ جي خبرن کان پوءِ مختلف حلقن طرفان سندس سرڪاري خرچ تي علاج جا مطالبا ٿيا ته سنڌ جي ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل کيس پنجاهه هزارن جو چيڪ ڏئي ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جو بيان اخبارن ۾ ڇپيو ته، ”ليکڪ محمد علي پٺاڻ ڪو غريب ماڻهو ناهي، پر هو 19 گريڊ جو سرڪاري ملازم آهي، تنهن هوندي به ثقافت کاتو وس آهر سندس علاج ڪرائي پيو.“ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي بيان مان ائين لڳو هو، ڄڻ غريب محمد علي پٺاڻ نه پر ثقافت کاتو غريب هجي، جيڪو پنهنجي غريبي ”وس آهر“ محمد علي پٺاڻ جو علاج ڪرائي رهيو هجي!
    مان ذاتي طور تي 35 سالن کان محمد علي پٺاڻ کي سڃاڻان ٿو. هو ڪيترو امير آهي ۽ سندس معاشي حالت ڇا رهي آهي، اها حقيقت مان ثقافت کاتي جي قابل احترام وزير سسئي پليجو صاحبا جي ڌيان تي آڻڻ چاهيان ٿو، جنهن مان مون سدائين ڪنهن چڱائيءَ جي اميد ئي رکي آهي.
    محمد علي پٺان جو والد هڪ مسڪين پورهيت هو، جنهن جو لاڙڪاڻي جي ايمپائر روڊ تي لوهارڪو دڪان هو. اهو غريب پورهيت پنهنجي اڪيلي پٽ محمد عليءَ کي فقط ميٽرڪ تائين تعليم ڏياري سگهيو ۽ پوءِ کيس لوهارڪي دڪان تي پورهيئي لاءِ ويهاريائين. انهيءَ ننڍڙي عمر ۾ ئي محمد علي پٺاڻ لکڻ جي ابتدا به ڪئي هئي. جڏهن ننڍڙي قلمڪار جا هٿ لوهارڪي دڪان تي مترڪن جا ڌڪ هڻي نه سگهيا ته سندس والد لنڊا بازار مان پراڻن سئٽرن جو ڍير آڻي، پنهنجي دڪان اڳيان فٽ پاٿ تي رکي کيس اهي وڪرو ڪرڻ لاءِ ويهاري ڇڏيو. هو سڄو ڏينهن لنڊي جا سئٽر کپائڻ لاءِ فُٽ پاٿ تي هوڪا ڏيندو رهيو. سندس هوڪن جو اهو سلسلو ڪيترن ئي مهينن تائين هليو، پر هو ڪي چار پئسا نه ڪمائي سگهيو. تڏهن هن پيءُ سان انگل ڪيو هو ته کيس ڪاليج ۾ داخلا ڏياري ته جيئن هو وڌيڪ پڙهي سگهي، پر سندس مسڪين پيءُ لاچاري ظاهر ڪري کيس چيو هو ته، هو ٻيهر هٿوڙو کڻي لوهارڪي دڪان تي پورهيو ڪري يا ٻي ڪا مزدوري وڃي ڪري. لوهارڪي دڪان تي پورهيو نه ڪري سگهڻ کان پوءِ هن شهر ۾ وڃي ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ننڍي عمر ۽ جسماني هيڻائيءَ سبب جڏهن هو گهڻو بار نه ڍوئي سگهيو ته انهيءَ مزدوريءَ کان به کيس جواب ملي ويو. ان کان پوءِ هن ڪجهه عرصو لاڙڪاڻي شهر ۾ ئي رڪشا هلائي. جڏهن رڪشا مالڪ به کيس جواب ڏئي ڇڏيو ته هن لاڙڪاڻي مان شايع ٿيندڙ دوستن جا ڪتاب ۽ رسالا کڻي وڃي آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ کپائڻ شروع ڪيا. انهن ئي ڏينهن ۾، هڪ ڏينهن هو هڪ رسالي جون ڪجهه ڪاپيون کڻي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي ان وقت جي پرنسپال شير محمد بلوچ وٽ ويو. پرنسپال رسالي جا صفحا اٿلائيندو رهيو ۽ محمد علي پٺاڻ با ادب سندس سامهون بيٺو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ پرنسپال، رسالي مان نظرون ڪڍي سامهون بيٺل نوجوان محمد علي پٺاڻ ڏانهن ڏسندي چيو، ”هن رسالي جي پنج رپيا قيمت آهي، توکي انهيءَ مان ڇا ملندو؟“ محمد عليءَ نماڻائيءَ سان وراڻيو هو، ”سائين، جيڪڏهن مهرباني ڪري توهان هن رسالي جون ٽي ڪاپيون ڪاليج لائبريريءَ لاءِ خريد ڪندا ته مون کي پنج رپيا ڪميشن ملي ويندي.“ پرنسپال کائنس پڇيو هو، ”هن رسالي جي بچت مان تنهنجو گذارو ٿي ويندو؟“ محمد عليءَ وراڻيو، ”مجبوري آهي سائين، روزگار جو ٻيو ڪو وسيلو ڪونهي.“ پرنسپال کائنس پڇيو هو، ”پڙهيل ڇا آهين؟“ محمد عليءَ وراڻيو هو، ”ميٽرڪ پاس آهيان سائين.“ پرنسپال کي مٿس رحم اچي ويو هو، ”نوڪري ڪندين؟“ محمد علي ڇرڪي پيو هو، سڄو ڏڪڻ لڳو هو، خوشيءَ سبب سندس وات مان ڪو لفظ نٿي نڪتو. هن ڏاڍو مشڪل سان چيو هو، ”ها.... ها سائين...!“ ۽ 1981ع جي ان ڏينهن، ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي سان تعلق رکندڙ، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال، پروفيسر شير محمد بلوچ ليب اسسٽنٽ جي نوڪريءَ جو آرڊر ڏئي محمد علي پٺاڻ کي روزگار سان لڳائي ڇڏيو هو.
    محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج ۾ ليب اسسٽنٽ ٿيو ته اديب دوستن جي همٿائڻ تي هن نوڪريءَ سان گڏ ساڳئي ڪاليج ۾ئي پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان فارم ڀرائي، پڙهڻ به شروع ڪيو ۽ سنڌيءَ ۾ ايم-اي پاس ڪري ورتي. قسمت سندس ساٿ ڏنو ته هو 1990ع ۾ ايڊهاڪ تي ليڪچرر به مقرر ٿي ويو. چئن سالن کان پوءِ 1994ع ۾ ٻين ڪيترن ليڪچرارن سان گڏ کيس به ريگيولر ڪيو ويو، پر تڏهن کان اڄ تائين سندس پروموشن ناهي ٿيو ۽ اڄ تائين هوساڳئي 17 گريڊ ۾ ئي آهي. محمد علي پٺاڻ جي گهرو حالتن کان واقف سندس سڀني دوستن کي خبر آهي سندس پوڙهو پيءَ هاڻي پورهيو ڪرڻ کان لاچار آهي. محمد علي پٺاڻ کي اولاد ۾ فقط هڪڙي نياڻي آهي، جنهن کي بيماريءَ سبب دورا پوندا رهندا آهن. سندس زال ڪيترن سالن کان مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي.. 2009ع ۾ محمد علي پٺاڻ کي دل جو دورو پيو، تڏهن کان هو گهر ڀاتين جي علاج سان گڏ پنهنجو علاج به پنهنجي خرچ تي ئي ڪرائيندو رهيو آهي. اهي ڏکيا ڏينهن هن ڪيئن گذاريا آهن، اهو ته هو پاڻ ئي ڄاڻي ٿو، پر انهن مشڪل حالتن ۾ به هن ڪنهن سرڪاري امداد جي طلب نه ڪئي هئي. سرڪاري امداد جي اپيل ته هاڻي به هن پنهنجي بيماريءَ ۾ ناهي ڪئي، پر ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي بيان کان پوءِ، هن ثقافت کاتي طرفان مليل پنجاهه هزار رپين جو چيڪ به واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڏک ته انهيءَ ڳالهه جو آهي ته ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل واري اِها، اُها ساڳيءَ ڪرسي آهي، جنهن تي ڪنهن زماني ۾ ممتاز مرزا جهڙو درد وندي دل رکندڙ ڊائريڪٽر جنرل به ويهندو هو، پر لڳي ٿو ته هاڻي اڇو پاڻي لڙ ٿي چڪو آهي، جنهن کي ڪانگن ڪالوري ڇڏيوآهي! ان ڪري هيءَ دل، ثقافت کاتي جي حوالي سان فقط سسئي پليجو صاحبا مان ئي ڪنهن چڱائيءَ جي اميد رکي ٿي، ته هوءَ محمد علي پٺاڻ، طارق عالم توڙي ٻين بيمار ليکڪن ۽ فنڪارن کي، هاڻي ڪنهن حسين ساريو جيان بي وسيءَ ۾ مرڻ لاءِ ڇڏي نه ڏيندي. نيڪيءَ جي هن ڪم ۾ دير جي ڪابه گنجائش ناهي، ڇو ته طارق عالم۽ محمد علي پٺاڻ جي زندگين جا ڏيئا بيمارين جي طوفانن ۾ پيل آهن.

    اڱارو 12 اپريل 2011ع


    کاهيءَ مٿان بيٺل طارق عالم

    کاهيءَ مٿان بيٺل طارق عالم

    گوتم منهنجي اکڙيل ساهن کي ڏسي، هٿ ۾ جهليل ميگزين هنڌ تي کليل ڇڏي، منهنجي ڀر ۾ اچي ويهي رهيو، لکڻ بند ڪري ڏانهنس ڏسڻ لڳو هوس. همدرديءَ مان چيو هئائين،”تنهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، توکي آرام ڪرڻ گهرجي“.
    ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو هوس.
    پڇيو هئائين، ”بتي وسائي ڇڏيان؟“
    ”ها، سڀ بتيون وسائي ڇڏ!“
    گوتم سڀ بلب وسائي ڇڏيا هئا. ڪمرو منهنجي اندر جي ڪنڊ بڻجي پيو هو. پلنگ تي سنئون سمهي ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ورائي ڇڏيون هئم. اوندهه رستا بڻجي پئي هئي....هر ڏسا تنهنجي پينسل هيل جا پڙاڏا گونجڻ لڳا هئا. پڙاڏا، جيڪي مون کان پري ٿي رهيا هئا. ڳِجهه منهنجو جيرو ٽڪڻ لڳي هئي. مان تنهنجي ٽهڪن ۾ دفن ٿيڻ لڳو هوس. مونجهه سبب گلو گهٽجڻ لڳو هو ۽ مون دروازو کولي ڇڏيو هو. گوتم ڀر ۾ رکيل ٽيبل ليمپ ٻاري چيو هو، ”ڪيڏانهن...؟“
    ”ٻاهر“ ڊگها ساهه کڻڻ لڳو هوس.
    گوتم پيرن ۾ جتي پائيندي چيو هو، ”مان به ٿو هلان.“ هن هڪ ڪمبل مون ڏانهن وڌائي، ٻيو پاڻ کي ويڙهي ڇڏيو هو. اسان ٻئي انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪوريڊور مان هلندا، ٻاهر نڪري آيا هئاسين....
    اڄوڪي ڪالم جو اهو مٿيون حصو طارق عالم جي ناول ”رهجي ويل منظر“ جو هڪ ٽڪرو آهي، جنهن جو هڪڙو ڪردار ته طارق عالم پاڻ آهي ۽ ٻيو، گوتم جي نالي وارو ڪردار منهنجو آهي. مون کي خبر ناهي ته، طارق عالم مون کي پنهنجي ناول جو ڪردار بڻائيندي، منهنجي ڪردار لاءِ گوتم جي نالي جي چونڊ ڇو ڪئي هئي، پر مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته جڏهن طارق اهو ناول لکي رهيو هو، تڏهن هو ذهني طور تي ڏاڍو وکريل هو، پنهنجي اندر ئي اندر ۾ هو ڀڄي ڀري رهيو هو، جنهن ڪري ان رات مون هن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو ڇڏڻ نٿي چاهيو. هن هلندي هلندي ڪيترائي دفعا مون کي موٽي وڃڻ لاءِ چيو هو، پر مان هن جي نه چاهڻ جي باوجود ساڻس گڏ هلندو رهيو هوس. هو ڄامشوري جي هڪ ٽڪريءَ جي مٿان وڃي بيهي رهيو هو، جنهن جي ٻئي طرف هڪ وڏي اونداهي کاهي هئي. طارق جي اندروني ڀڃ ڊاهه ۽ سندس جذباتي طبيعت سبب مون کي خوف ورائي ويو هو. هو انتهائي بهادر شخص آهي، پر ان رات سندس بهادريءَ سبب ئي مون کي ڊپ ٿي رهيو هو ۽ کاهيءَ مٿان بيٺل طارق جي ٻانهن کي مون مضبوطيءَ سان پڪڙي ورتو هو. تڏهن هن منهنجي هٿ مان پنهنجي ٻانهن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هو، ”ڊڄ نه، مان خودڪشي نه ڪندس!“ پر مان هن جي ٻانهن کي ڇڏي نه سگهيو هوس ۽ ڪجهه دير کان پوءِ کيس ڇڪي کاهيءَ کان پري وٺي ويو هوس. انهيءَ رات جو اوجاڳو مون طارق جي نانءِ ڪري ڇڏيو هو ۽ جيڏانهن هو ويو ٿي، مان ساڻس گڏ هلندو رهيو هوس. سياري جي انتهائي سرد رات جا ٽي ٿيا هئا، جڏهن اسان ٻئي علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ايلسا قاضيءَ جي قبرن وٽ پهتا هياسين. اها سرد رات اسان ٻنهي، انهن ٻن قبرن جي وچ ۾ ويهي، زندگيءَ جون ڳالهيون ڪندي گذاري هئي ۽ صبح ٿي ويو هو.
    ”رهجي ويل منظر“ لکندي هو شديد ڪرب مان گذريو هو. انهيءَ ناول طارق عالم کي هڪ منفرد ليکڪ واري سڃاڻپ ته ڏني، پر ناول ڇپجڻ کان ڪجهه سال پوءِ هو بيمار ٿي پيو. سندس ٻئي گڙدا ختم ٿي ويا ۽ سندس علاج هن ملڪ ۾ ممڪن نه رهيو. محمد خان جوڻيجي واري ”آمريتي جمهوريت“ واري دور ۾ عبدالقادر جوڻيجي، نورالهديٰ شاهه ۽ نصير مرزا سنڌڙيءَ ۾ وڃي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو در جهليو هو. جوڻيجي صاحب فقط ٽن سنڌي ليکڪن جي ڪهي اچڻ کي مانُ ڏنو هو ۽ طارق عالم جو لنڊن مان علاج ممڪن ٿي سگهيو هو، پر موجوده حقيقي جمهوريت واري دور ۾، لڳ ڀڳ ڏيڍ مهيني کان طارق عالم بيماريءَ جي بستري تي پيل آهي. هاڻي ته علاج لاءِ لنڊن تائين وڃڻ جي ضرورت به ناهي ۽ سندس علاج پاڙيسري ملڪ انڊيا ۾ ئي ممڪن آهي، پر پوءِ به طارق سان گڏ سندس گهر ڀاتي ۽ سنڌ جا سمورا علمي ادبي حلقا انتظار جي سوليءَ تي لٽڪيل آهن! سنڌ جي ثقافت کاتي بيشڪ ته طارق عالم سان ڀلائي ڪئي آهي ۽ کيس پندرهن لک رپين جو چيڪ ڏنو آهي، پر بدقسمتيءَ سان پندرهن لکن مان به طارق عالم جي درد جو دارون ممڪن ناهي. بيشڪ ته صوبائي وزير ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان صاحب طارق عالم سان ڀلائي ڪندي، سنڌ جي وزير اعليٰ سان ملاقات ڪري کيس طارق عالم جي علاج جي گذارش ڪئي هئي ۽ 28 اپريل جي ڪاوش ۾ ڇپيل خبر مطابق، ”وڏي وزير هيلٿ ڊپارٽمينٽ کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري هيلٿ 5 مئي تي ميڊيڪل بورڊ جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل ليکڪ جو طبي معائنو ڪيو ويندو.“ انهيءَ خبر تي غور ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ جي وزير اعليٰ جي حڪم جي باوجود، سيڪريٽري هيلٿ پورا اَٺَ ڏينهن ته فقط طارق عالم کي سندس معائنو ڪرائڻ لاءِ انتظار ڪرايو ويو. ٻئي طرف سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ۾ داخل طارق عالم جو معائنو ملڪ جو هاڪارو سرجن اديب رضوي ان کان اڳ ئي ڪري چڪو هو، جنهن جون سموريون رپورٽون اڳ ئي موجود هيون. ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جهڙي رسمي ڪارروائي، سا به وزير اعليٰ صاحب جي حڪم باوجود اَٺَ ڏينهن پوءِ معائنو ڪرڻ جهڙين ڳالهين ۾ وقت وڃايو ويو. 5 مئي تي ميڊيڪل بورڊ طارق عالم جو معائنو ڪري، سندس علاج انڊيا مان ڪرائڻ جي سفارش وزير اعليٰ کي موڪلي ڏني آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته طارق عالم کي بنا دير جي علاج خاطر موڪليو وڃي، ڇو ته وقت ڪنهن جو به انتظار ناهي ڪندو. وقت واريءَ جيان هٿن مان وهي ويندو آهي ۽ پاڻيءَ جيان ٻڪ مان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙي ويندو آهي...ڪٿي ائين نه ٿئي ته وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو گهِرگهِلو ٿي پئي...!
    مون کي خبر ناهي ته ٽيهارو سال اڳ، ”رهجي ويل منظر“ ۾ طارق عالم ڇو لکيو هو ته، ”ڳِجهه منهنجو جيرو ٽڪڻ لڳي هئي...“ پر اڄ طارق عالم جي گڙدن سان گڏ سچ به سندس جيرو ٽُڪجي ويو آهي! ٽيهه سال اڳ ته سياري جي هڪ رات، اونداهي کاهيءَ مٿان پهاڙ تي بيٺل طارق عالم کي مان ٻانهن کان ڇڪي پري وٺي ويو هوس، پر اڄ طارق عالم جنهن اونداهي کاهيءَ مٿان بيٺل آهي، کيس اتان ڇڪي وٺڻ منهنجي وس ۾ ناهي. اڄ طارق عالم کي ڪو وقت جو حڪمران ئي ان اونداهي کاهيءَ کان پري ڇڪي سگهي ٿو، ڇو ته سنڌ جي خزاني جون چاٻيون سنڌ جي حڪمرانن وٽ ئي آهن!

    ڇنڇر 7 مئي 2011ع


    شمشير کي سڏ ڪيو ...

    شمشير کي سڏ ڪيو ...

    ”ناميارو شاعر ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ شمشير الحيدري ڪراچيءَ جي گهر ۾ بيماريءَ دوران چونڊيل نمائندن ۽ دوستن طرفان سار نه لهڻ سبب مايوس ٿي اسلام آباد منتقل ٿي ويو.“ ڪالهوڪي ڪاوش ۾ اها خبر پڙهيم ته اداسيءَ سان گڏ دل کي هڪ خوف به ورائي ويو....هن دل جي خوف جي ڳالهه ته پوءِ ٿا ڪيون، پهرين ته پياري شمشير جي ڳالهه ڪيون. خبر مطابق سندس چوڻ آهي ته، ”ڪنهن کان به ڪا شڪايت ناهي. هڪ ڀيرو ثقافت کاتي وارا طبيعت پڇڻ ۽ علاج خاطر ڪجهه رقم ڏئي ويا هئا، پر ان کان پوءِ ڪنهن به سرڪاري ماڻهوءَ سار نه لڌي آهي.“
    هڪل سان ته پهتا هئا يار پنهنجا،
    وري ويا ڪري آگ ٽارڻ جون ڳالهيون.
    (شمشير)
    مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن فقير منش ليکڪ کي مايوس ناهي ڏٺو، وڏي کان وڏي مشڪل به کلي چوندو، ”مولا تي ننگ آهي.“ اهو ئي سبب آهي ته جڏهن اهو پڙهيو اٿم، ته هو مايوس ٿي اسلام آباد هليو ويو آهي ته دلي کي ڏک سان گڏ حيرت به ٿي آهي. شمشير ۽ مايوسي، اهو ته کوڙو ئي نٿو لڳي. مان سمجهان ٿو ته ڪاوش جي رپورٽر، پياري مصطفيٰ ملاح، شمشير جي بيماريءَ سبب هيڻي حالت ۽ جهيڻي آواز ڪري لکي ڇڏيو آهي ته هو مايوس ٿي اسلام آباد هليو ويو. جڏهن ته خبر ۾ رپورٽ ٿيل شمشير جي ڳالهين ۾ ته وري به اميد ۽ حوصلو موجود آهي. هو چوي ٿو ته، ”مون کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.“
    حقيقت اها آهي ته شمشير الحيدريءَ هن وقت تائين به گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. هن ادب، صحافت توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دنيا ۾ پنهنجا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. ايم آر ڊي تحريڪ واري وقت ۾ هو هڪ انتهائي گهٽ سرڪيوليشن واري اخبار جو ايڊيٽر ٿيو هو، ته چند ڏينهن اندر اها اخبار ان دور جي سڀ کان وڏي سرڪيوليشن واري اخبار بڻجي وئي هئي. نه فقط اخبار، پر ٽماهي ”مهراڻ“ توڙي ماهوار ”نئين زندگي“ جا سندس دور وارا شمارا سندس محنت ۽ ڏاهپ جو ڏيک ڏين ٿا. شمشير الحيدريءَ کي جيڪڏهن اسان سنڌي ٽي وي ڊرامي جو باني چئون ته اهو به غلط نه ٿيندو، ڇو ته پاڪستان ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڊرامو ”زينت“ ٽيليڪاسٽ ٿيو هو، جنهن جي ڪهاڻي ته مرزا قليچ بيگ جي ناول تان ورتل هئي، پر ان جي ڊرامائي تشڪيل شمشير الحيدريءَ ڪئي هئي. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ته هو نهايت باڪمال ۽ محفلن کي مچائيندڙ شاعر رهيو آهي.
    شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي آهي؟
    محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد!
    (شمشير)
    حقيقت به اها آهي ته شمشير جي شعر سنڌ جي ادبي ميڙاڪن ۽ محفلن کي سدائين مچايو آهي. هن بندي سميت جڏهن به ڪنهن ڪمپيئر، ڪنهن ادبي محفل جي ابتدا ۾ شمشير جو شعر ”دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين....“ پڙهيو آهي ته سڄو هال تاڙين سان گونجي اٿيو آهي، پر افسوس جي هڪڙي ڳالهه ته اها به آهي ته شمشير الحيدريءَ جهڙي باڪمال ۽ سينئر شاعر جو هيل تائين فقط هڪڙو ئي شعري مجموعو ”لاٽ“ جي نالي سان 1961ع ۾ ڇپيو هو. ٻين موضوعن تي نثر ۾ ته سندس ڪجهه ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن، پر شمشير الحيدريءَ جي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت سان ئي آهي ۽ سا به هڪ باڪمال شاعر جي حيثيت. هتي غير سرڪاري ”واپاري“ پبلشرن کي ميار ڏيڻ ته اجائي آهي، جو سنڌ ۾ طارق اشرف جهڙو ڪو باشعور ۽ نظرياتي پبلشر ته هاڻي موجود ئي ناهي، پر اها ميار سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ثقافت کاتي کي ته ڏئي سگهجي ٿي ته، 1961ع ۾ پهريون شعري مجموعو ڇپجڻ کان پوءِ 2011ع تائين اڌ صدي گذري وڃڻ بعد به هن باڪمال شاعر جي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب نه ڇپجي سگهيو آهي! ڇا قمر شهباز جيان شمشير الحيدريءَ جا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ به اسان جا علمي ادبي ادارا تڏهن اک پٽيندا، جڏهن شمشير جون ڪمزور نظر واريون اکيون سدائين لاءِ بند ٿي وينديون!؟ مان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ سنڌ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو صاحبا کي گذارش ڪيان ٿو ته هو شمشير الحيدريءَ جا اڻ ڇپيل، توڙي اڳ ڇپيل ڪتاب ٻيهر ڇپائڻ جو بنا دير جي بندوبست ڪن، جيئن نه فقط هن باڪمال ليکڪ ۽ شاعر جو قلمي پورهيو پڙهندڙن تائين پهچي سگهي، پر شمشير پاڻ به پنهنجي زندگيءَ ۾، پنهنجي علمي ڪم کي ڪتابن جي صورت کڻي چٽيءَ طرح ڏسي نه سهي، (جو سندس نظر بنهه گهٽجي وئي آهي ) پر انهن ڪتابن کي ڇهي ته سگهي!
    سنڌ جو هاڪارو دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڻ ڪافي عرصي کان بيماريءَ جي بستري تي آهي، پر ٿورو عرصو اڳ تائين سوڀي صاحب جون تحريرون اسان کي ڪاوش جي صفحن تي نظر اينديون هيون. ان ڪري ته اهي سڀ تحريرون بيماريءَ جي بستري تي ليٽيل حالت ۾ ئي هن محمد علي پٺاڻ کي ڊڪٽيٽ ڪري لکرايون هيون، پر جڏهن محمد علي پٺاڻ به وڃي بستري داخل ٿيو ته ڪامريڊ سوڀي جون نيون لکڻيون اچڻ به بند ٿي ويون!
    شمشير الحيدريءَ چيو آهي ته، ”اسلام آباد ۾ پٽ جي مدد سان ڪتابن جو رهيل ڪم پورو ڪرڻو آهي. گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڪتابن جو مواد پيل آهي، جنهن کي ڪتابن جي شڪل ڏيڻي آهي. آتم ڪٿا به لکڻي آهي، پر اکين جي روشني ختم ٿيڻ سبب اهي سڀ ڪم اڌورا رهجي ويا آهن.“ مون کي خبر ناهي ته اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندڙ شمشير الحيدريءَ جو پٽ سليم احمد حيدري ڪيترو ادبي ذوق رکندڙ آهي ۽ هو پنهنجي پيءَ کي ڪيترو وقت ڏئي سگهندو، جو شمشير نه فقط پنهنجي اڳ لکيل مواد کي ڪتابن جي صورت ۾ سهيڙي سگهندو، پر پنهنجي آتم ڪٿا به لکي سگهندو! جيڪڏهن شمشير ڪراچيءَ موٽي به اچي ته مان نٿو سمجهان ته ڪراچيءَ جهڙي وڏي ۽ مصروف شهر ۾ ڪو نوجوان ليکڪ دوست کيس ايترو وقت ڏئي سگهندو، جو شمشير پنهنجا رهيل ادبي ڪم پورا ڪري ۽ آتم ڪهاڻي لکي سگهندو. ان ڪري مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ سسئي پليجو صاحبا کي مان شمشير جي ڪتابن جي اشاعت سان گڏوگڏ اها گذارش به ڪندس ته، شمشير کي سنڌ واپس آڻي نه فقط سندس مناسب علاج ڪرايو وڃي، پر سندس پرگهور سان گڏوگڏ ڪو ادبي ذوق رکندڙ اهڙو ماڻهو به مهيا ڪيو وڃي، جنهن کي ڊڪٽيٽ ڪرائي، شمشير پنهنجي آتم ڪٿا به لکرائي سگهي، ته پنهنجا اڌ ۾ رهيل ادبي ڪم به مڪمل ڪري سگهي. سنڌ جي هن باڪمال ليکڪ انتهائي متحرڪ زندگي گذاري آهي. سندس زندگيءَ جي تجربن کي اڻ لکيو رهجي وڃڻ کان بچائڻ جي اهائي هڪ بهتر صورت ٿي سگهي ٿي.
    مون ابتدا ۾، شمشير الحيدريءَ جي بيماريءَ واري حالت ۾ اسلام آباد هليو وڃڻ تي پنهنجي دل جي خوف جو اظهار ڪيو آهي، جو اها خبر پڙهڻ سان مون کي تنوير عباسي ياد اچي ويو هو. ناميارو شاعر تنوير عباسي به بيماريءَ واري حالت ۾ پنهنجي پٽ سرمد ڏانهن اسلام آباد ويو هو ته، نه وري سنڌ واسين کيس ڏٺو ۽ نه ئي تنوير کي سنڌ جي مٽي نصيب ٿي! تنوير عباسي اسلام آباد جي ئي ڪنهن قبرستان ۾ ستل آهي! هن دل کي ڇاڪجي، جنهن ۾ ڪيئي وسوسا ٿا جنم وٺن..... شمشير ته سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به ڪا شڪايت نٿو ڪري، پر ائين نه ٿئي ته ويل وهامي وڃڻ کان پوءِ اسان کي پڇتاءَ جا هٿ هڻڻا پون..... ان ڪري وقت وهامڻ کان پهرين ئي شمشير جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو شمشير، جنهن جو هر لفظ ۽ هر ساهه سنڌ سان سلهاڙيل آهي
    اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو
    اوهين وساري ڇڏيو ته وه واهه!
    گهري ٿو شمشير حق جيئڻ جو
    انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وه واهه!
    (شمشير)

    اڱارو 26 جولاءِ 2011ع


    سنڌي ادبي بورڊ طرف کڄندڙ آڱريون !

    سنڌي ادبي بورڊ طرف کڄندڙ آڱريون !

    ”سنڌي ادبي بورڊ جن به ليکڪن جا ڪتاب ٻيهر ڇپرايا آهن، انهن کي اهي ڪتاب ڏسي سخت تڪليف ٿيندي ۽ گذاري ويل اديبن جو روح تڙپندو هوندو!“ اهي لفظ گذريل مهيني جي چوٿين تاريخ تي ڊاڪٽر غلام علي الانا حيدرآباد جي هڪ مشهور هوٽل ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي پراڻن ڪتابن جي نون ڇاپن جي پڌرائيءَ واري تقريب ۾ چيا هئا. اسٽيج تي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان جي ڀرسان ويٺل الانا صاحب جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو هو ته، هن بورڊ طرفان پڌرا ڪيل ڪتاب کڻي وڃي ڊائيس تي رکيا هئا ۽ هڪ هڪ ڪتاب کڻي، ويٺلن کي ڏيکاريندي چيو هو، ”بورڊ جي سيڪريٽريءَ کان پڇيو وڃي ته اهي ڪتاب، انهيءَ غير معياري سائيز ۾ ڇپائڻ لاءِ کيس ڪنهن صلاح ڏني هئي ۽ سچل سرمست جي حوالي سان ڇپيل ڪتاب جي ٽائيٽل تي ماڊل گرل جي تصوير ڏسي سخت افسوس ٿئي ٿو.“
    مون کي ذاتي طور تي ڄاڻ آهي ته ڪتاب معياري (Standard) سائيز جي ڪاغذ تي ڇپبو آهي، پر جڏهن ڪتابن جي پيشڪش (Book production )۽ فني ڄاڻ نه رکندڙ ماڻهن جي نگرانيءَ ۾ ڪتاب ڇپجندو آهي ته پوءِ اهڙا ئي نتيجا سامهون ايندا آهن. بڪ بائينڊر ڪتابن جي بائيڊنگ کانپوءِ ڪنهن به ڪتاب جي ڪٽنگ واري ڪاغذ جا اهي ٽڪرا وڪرو ڪندا آهن. ڪتاب جي هڪ هزار ڪاپين جي انهن ڪٽيل ٽڪرن جا منهنجي خيال ۾ بائينڊر کي هڪ سئو رپيا ملي ويندا هوندا، پر جڏهن ڪتاب ڇپائيندڙ، بائينڊر کي اڻ ڄاڻ نظر ايندو آهي، ته بائينڊر ڪتاب جي وڌيڪ ڪٽنگ ڪري، هڪ سئو رپيا وڌيڪ ڪمائڻ خاطر، هڪ لک رپيا خرچ ڪري ڇپايل ڪتاب جي معياري سائيز کي غير معياري بڻائي ڇڏيندو آهي. ادبي بورڊ جي ڪتابن جي پڌرائيءَ واري انهيءَ تقريب جي پڄاڻيءَ تي، چانهه پيئندي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان سان ڪجهه دير منهنجي ڪچهري ٿي هئي ته مون کين بائينڊرن جي اهڙي هيرا ڦيريءَ جي ڄاڻ به ڏني هئي.
    سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب وقت بوقت منهنجي نظر مان به گذرندا رهيا آهن. تازو ولي رام ولڀ سندس ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب مون کي ڏنو هو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرايو ويو آهي. ان ڪتاب جو حشر ته اهو ٿيل آهي جو ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي هر صفحي تي، ڊيمي سائيز جي مقرر معيار کان اڌو اڌ گهٽ مواد ڏنو ويو آهي ۽ صفحن جي هيٺان توڙي مٿان وڏا خالي حصا ڇڏيل آهن. ماضيءَ ۾ مان پاڻ سنڌ جي هڪ اشاعتي اداري جو مالڪ رهيو آهيان ۽ مان پنهنجي تجربي جي آڌار تي ڪنهن به فورم تي ثابت ڪري سگهان ٿو ته اهو ڪتاب جيڪڏهن ڪتابن جي فني ڄاڻ رکندڙ ڪو به ماڻهو ڇپرائي ها ۽ هر صفحي تي مقرر معيار مطابق مواد ڏنو وڃي ها ته ڪتاب جا اڌ صفحا گهٽ ٿي وڃن ها ۽ ڪتاب جي لاڳت به اڌ گهٽ ٿي وڃي ها ته پڙهندڙن کي به اهو ڪتاب اوترو ئي سستو ملي سگهي ها.
    ادبي بورڊ، جنهن جو بنيادي ڪم ئي فقط علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪتاب ڇپائڻ آهي، پر ان اداري جي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپايل ڪتابن سبب اداري کي سخت تنقيد جو نشانو ٿيڻو پيو آهي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ ثقافت کاتو، جنهن جو بنيادي ڪم ڪتاب ڇپرائڻ نه آهي، پر ثقافت کاتي جا ڪتاب پنهنجي معيار سبب پاڻ ئي ڌيان ڇڪائين ٿا. ثقافت کاتي جي ٻين ڪيترن ڪتابن کانسواءِ شيخ اياز جي شاعريءَ توڙي نثر جا ڇپايل جلد ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته انهن ڪتابن کي خاص ڌيان ۽ دلچسپيءَ سان ڇپرايو ويو آهي.
    گذريل مهيني ٿيل ادبي بورڊ جي ڪتابن واري پڌرائيءَ جي تقريب ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان، جيڪو بين الصوبائي رابطن جو وزير پڻ آهي، تنهن ان تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته، ”آئون بورڊ بابت سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن کان تجويزون وٺڻ لاءِ هڪ تفصيلي ميٽنگ ڪندس، جنهن ۾ بورڊ جي بهتريءَ لاءِ پڻ غور ڪيو ويندو.“ پر مهيني کان وڌيڪ وقت گذرڻ جي باوجود، اڄ تائين مخدوم صاحب اديبن ۽ دانشورن سان اها ميٽنگ نه ڪئي آهي! تازو ئي بورڊ جي موجوده چيئرمين مخدوم صاحب، اڳوڻي چيئرمين پير مظهر الحق پاران جوڙيل ڪار وهنوار هلائڻ واريون ڪاميٽيون ختم ڪري ڇڏيون آهن، پر نين ڪاميٽين جي جوڙجڪ نه ڪئي وئي آهي. منهنجي خيال ۾ فقط انهن ڪاميٽين کي ختم ڪرڻ ڪافي نه آهي، پر بورڊ آف گورنرس جي مقرري به نئين سر ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ فقط سينيئر ئي نه، پر ڪوشش ڪري متحرڪ نوجوان ۽ اشاعتي معاملن جي فني ڄاڻ رکندڙ ليکڪن کي به شامل ڪيو وڃي. ادبي بورڊ کي صحيح راهه تي هلائڻ لاءِ فقط انهن ڪاميٽين کي ختم ڪرڻ سان ڪم نه هلندو، پر بورڊ جي جوڙجڪ ۾ هاڻي بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو هي اهم علمي ادبي ادارو، جنهن ڏانهن سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جون آڱريون کڄڻ لڳيون آهن، اهو غير اهم بڻجي ويندو.
    دنيا ۾ هاڻي ڪتاب فقط ڪاغذ تي ڇپيل صورت ۾ نه ٿا پڙهيا وڃن، پر هاڻي ڪتابن کي انٽرنيٽ تي به پڙهيو وڃي ٿو. دنيا ۾ اهم اشاعتي ادارن ۽ لائبريرين جون ويب سائيٽس موجود آهن، جن تي لکين ڪتاب گهر ويٺي پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. اسان جي هن اهم اشاعتي اداري جي ويب سائيٽ ته موجود آهي، پر ان ويب سائيٽ تي ان اداري جا ڇپايل ڪجهه ڪتاب ئي نظر اچن ٿا ۽ لائبريريءَ جي نالي ۾ ٻين ادارن جا ڇپايل ڪتاب پڻ ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل آهن، جڏهن ته ادبي بورڊ جي ترجيح ۾ سندس ئي ڇپايل ڪتاب هجڻ گهرجن. ادبي بورڊ جو اهم ترين رسالو ”ٽماهي مهراڻ“ ويب سائيٽ تي ته موجود آهي، پر 2006ع کانپوءِ جو ڪو به شمارو ادبي بورڊ جي سائيٽ تي نظر نٿو اچي. نه فقط اهو، پر بورڊ جي ويب سائيٽ تي نه ئي بورڊ بابت ڪا معلومات موجود آهي ۽ نه ئي بورڊ آف گورنرس جا نالا. حد ته اها آهي جو ان تي بورڊ جي چيئرمين جو نالو به موجود نه آهي! پوءِ آخر اهڙي ويب سائيٽ جي ضرورت ڪهڙي آهي!! مخدوم صاحب کي جاچ ڪرڻ گهرجي ته کائنس اڳ جوڙايل انهيءَ اڻ لاڀائتي ۽ اڻ پوري ويب سائيٽ جوڙائڻ جي نالي ۾ ڪيترا لک خرچ ٿيا!
    سنڌي ادبي بورڊ، جنهن جي بنياد ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي حقيقي عالمن ۽ اڪابرن جون محنتون ۽ محبتون شامل آهن ۽ جنهن کي مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ صاحب جي وقت ۾ عروج حاصل هو، سو اڄ اهڙين حالتن جو شڪار آهي، جو ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، پر اڄ جڏهن مخدوم طالب الموليٰ جو ئي پوٽو مخدوم جميل الزمان صاحب بورڊ جو چيئرمين آهي ۽ هو پنهنجي ڏاڏا سائينءَ جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي ته کيس بورڊ ڏانهن ڀرپور ڌيان ڏيڻ گهرجي. جيئن ته مخدوم خاندان بنيادي طور تي علمي، ادبي گهراڻو پهرين آهي ۽ سياسي پوءِ، ان ڪري هيءَ دل مخدوم صاحب مان ڪنهن چڱائيءَ جي ئي اميد رکي ٿي. اداري ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، پر شرط فقط اهو آهي ته بورڊ جو چيئرمين مخدوم صاحب بورڊ جي نگرانيءَ ۽ ڪمن لاءِ وڌيڪ وقت ڏي. مخدوم صاحب جهڙي علمي، ادبي شخصيت لاءِ وزارت کان وڌيڪ ادبي بورڊ جي سربراهي اهم هجڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته منهنجي عزيز دوست مخدوم جميل الزمان، پنهنجي ڏاڏا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي انهيءَ فڪر کي نه وساريو هوندو ته:
    اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ
    ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو!

    اڱارو 9 نومبر 2010ع


    اختلافن جو شڪار سنڌي ادبي بورڊ

    اختلافن جو شڪار سنڌي ادبي بورڊ

    سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمن، بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي، روزانو ٻه ڪلاڪ ڪم ڇڏ هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي، جو بورڊ جا ملازم، اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين ۽ نامياري شاعر عنايت بلوچ کي ادبي بورڊ جو دشمن سمجهن ٿا! ملازم اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي ڪيل فيصلن، يعني ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور شمس جعفراڻيءَ، بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ رسالن ٽماهي ”مهراڻ“، ماهوار ”سرتيون“ ۽ ماهوار ”گل ڦل“ جي نگران طور امداد حسينيءَ ۽ نئين انگريزي ميگزين
    ”بينظير“ جي ايڊيٽر طور شيخ عزيز جي مقرريءَ تي اعتراض ڪري رهيا آهن. ملازمن جي اڳواڻ حافظ احمد انڍڙ جو چوڻ آهي ته، ”ملازمن متفقه طور تي اهو فيصلو ڪيو آهي ته اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي ڪيل فيصلن کي واپس وٺڻ ۽ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين (عنايت بلوچ) کي هٽائڻ تائين احتجاج ڪيو ويندو.“ بورڊ جي ملازمن کي امداد حسيني توڙي شيخ عزيز جي ستر ستر هزار پگهار تي به اعتراض آهي، ته سندن اها به خواهش آهي ته بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور ملازمن مان ئي ڪنهن ”اهل عملدار“ کي مقرر ڪيو وڃي! ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت کي به سنڌي ادبي بورڊ جي مامرن تي تحفظات آهن، جنهن جو اظهار سنگت جي سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل ۽ ٻين عهديدارن، بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان، اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين عنايت بلوچ ۽ ڪاميٽيءَ جي ميمبر نصير مرزا سان به ڪري چڪا آهن، ته ساڳئي وقت ادبي سنگت جو موقف اخبارن ۾ به ڇپجندو رهيو آهي، جنهن مطابق سنگت جو چوڻ آهي ته بورڊ ۾ ٿيل مالي بيقائدگين ۽ گم ٿيل ناياب قلمي نسخن جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي ۽ سنگت جي سيڪريٽري جنرل کي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر بڻايو وڃي. سنگت جي اها به گهر آهي ته بورڊ جو سيڪريٽري ڪو اديب هجڻ گهرجي. ساڳئي وقت سنگت، بورڊ جي مقرر ٿيل نئين سيڪريٽري شمس جعفراڻيءَ کي انتظامي تجربو رکندڙ ادب دوست شخص قرار ڏيندي، اهو چتاءُ به ڏنو آهي ته جيڪڏهن نئون مقرر ٿيل سيڪريٽري سنگت پاران اٿاريل اعتراضن ۽ ان (شايد بورڊ) جي وقار لاءِ ڪي مثبت قدم کڻي ڪم ڪندو ته ساڻس سهڪار جاري رهندو، ٻي صورت ۾ سنگت پنهنجو لائحه عمل جوڙي آواز اٿاريندي. سنگت کي بورڊ آف گورنرس جي ڪنهن مائٽ کي ادبي بورڊ ۾ ڪا ذميواري ملڻ تي به اعتراض آهي. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ ادبي بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين عنايت بلوچ جو چوڻ آهي ته، ”اهي فيصلا مون اڪيلي سر نه، پر ڪاميٽيءَ جي سمورن ميمبرن گڏيل راءِ سان ڪيا آهن ۽ انهن جي منظوري بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان کان پڻ ورتي وئي آهي. بورڊ جا معاملا هلائڻ بورڊ آف گورنرس جي اختيار ۾ آهي ۽ ملازمن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. بورڊ ۾ ٿيل بيقائدگين جي جلد جاچ شروع ڪئي ويندي ۽ ملوث ملازمن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي....مان بنا معاوضي جي ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ بورڊ مان سياست ۽ ڪرپشن جو مڪمل طور تي خاتمو آندو ويندو...29 سيپٽمبر تي بورڊ آف گورنرس جي اجلاس ۾، اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ طرفان ڪيل فيصلن ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي تفصيل سان ويچاريو ويندو. اجلاس ۾ ”بينظير“ ميگزين جي چيف ايڊيٽر شيخ عزيز ۽ مهراڻ، سرتيون ۽ گل ڦل رسالن جي نگران امداد حسيني جي 70-70 هزار رپيا ماهوار پگهارن ۾ ترميم ڪري گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي.“
    مون کي نه فقط ملازمن جي احتجاجي تحريڪ سان اختلاف آهي، پر سنڌي ادبي سنگت توڙي ادبي بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي ڳالهين سان به ٿورو اختلاف آهي. ادبي سنگت جي انهن مطالبن سان ته مان متفق آهيان ته بورڊ ۾ ٿيل مالي بدعنوانين سان گڏوگڏ هر قسم جي بيقائدگين جي جاچ ٿيڻ گهرجي، پر سنگت جي انهيءَ موقف سان ذري برابر به متفق ناهيان ته بورڊ آف گورنرس جي ڪنهن مائٽ کي ادبي بورڊ ۾ ڪا به ذميداري نه ڏيڻ گهرجي. سنگت جو سڌو سنئون اشارو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي شاعر امداد حسينيءَ ڏانهن آهي. امداد حسيني ماضيءَ ۾ نه فقط ٽماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ۽ ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو آهي، پر هو ادبي مامرن کان چڱيءَ طرح واقف ۽ ٻوليءَ جو ماهر به آهي. هڪ شاعر جي حيثيت سان سندس ڪهڙو مقام آهي، اهو ته مون کي ٻڌائڻ جي ضرورت به ناهي. ڇا امداد حسينيءَ جو اهو ڏوهه آهي ته، هو ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر سحر امداد جو مڙس آهي؟ باقي ادبي بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين عنايت بلوچ جي فقط انهيءَ خيال سان مون کي اختلاف آهي ته ”29 سيپٽمبر تي رٿيل بورڊ آف گورنرس جي گڏجاڻيءَ ۾ شيخ عزيز ۽ امداد حسينيءَ جي 70-70 هزار رپيا ماهوار پگهارن ۾ ترميم ڪري گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي.“ مان سمجهان ٿو ته عنايت بلوچ اها ڳالهه ادبي سنگت جي اعتراض کي ٿڌو ڪرڻ خاطر چئي ڇڏي آهي، نه ته اها ڳالهه بلوچ صاحب به سمجهي ٿو ته مهانگائيءَ واري موجوده دور ۾ جڏهن هاءِ اسڪول جي سينيئر استادن جي پگهار به سٺ کان ستر هزار رپيا آهن، ته ڇا اسان جا هي سينيئر ۽ تجربيڪار ليکڪ هڪ هاءِ اسڪول ٽيچر جيتري پگهار به نٿا لهڻن!
    رهي ڳالهه ادبي بورڊ جي ملازمن جي اعتراضن ۽ سندن احتجاجي تحريڪ جي، ته ملازمن جي ڪجهه اعتراضن جو جواب ته مٿي اچي چڪو آهي. ملازمن جا ٻيا اعتراض ڪيترو جائز آهن انهيءَ حوالي سان مان فقط ايترو چوڻ چاهيندس، ته ڇا هاڻي اهو فيصلو ادبي بورڊ جي چيئرمين، اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۽ بورڊ آف گورنرس بجاءِ هاڻي ملازم ڪندا ته بورڊ جو ڪار وهنوار ڪيئن هلائڻو آهي؟ ڇا ملازم اهو ٿا چاهين ته ادبي بورڊ جا دروازا اديبن لاءِ بند ڪري، ادبي بورڊ کي ملازم بورڊ بڻايو وڃي!؟ بورڊ جي ملازمن هڪ طرف پنهنجي وت کان وڏا مطالبا ڪيا آهن، ته ٻئي طرف عنايت بلوچ جهڙي غير متنازع شخص تي به بيجا الزام هنيا آهن. ادبي بورڊ جا مامرا نه اڳ ڪڏهن ڪنهن تحريڪ وسيلي حل ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي مان سمجهان ٿو ته هاڻي ڪا احتجاجي تحريڪ ادبي بورڊ جي حق ۾ بهتر ٿي سگهي ٿي. ادبي بورڊ جي سينيئر ملازمن کي 1991ع ۾ شروع ٿيل ”سنڌي ادبي بورڊ بچايو ڪاميٽي“ واري اها تحريڪ چڱيءَ طرح ياد هوندي، جيڪا اڍائي سالن کان وڌيڪ عرصي تائين هلي هئي ۽ جنهن کي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب بورڊ بچايو تحريڪ بجاءِ ”بورڊ ڦٽايو تحريڪ“ چوندو رهيو آهي. ماضيءَ جي انهيءَ بورڊ بچايو ڪاميٽيءَ جي 8 ميمبرن مان ٻن ميمبرن جي ڀڄي وڃڻ کانپوءِ، باقي بچيل 6 ميمبرن ۾ مان به آخر تائين سرگرم رهيو هوس، پر ان جي باوجود الانا صاحب جي راءِ سان متفق آهيان ته انهيءَ تحريڪ کانپوءِ بورڊ بچيو نه هو، پر ڦِٽو هو.
    سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي علمي ادبي ادارن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ان ڪري شڪ شبهن ۽ ڪنهن به الزام تراشيءَ کان هٽي ڪري نه فقط ملازمن، پر ادبي سنگت، اديبن، بورڊ آف گورنرس ۽ اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ کي نيڪ نيتيءَ سان بورڊ جي ڀلائيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ڪنهن تحريڪ سان بورڊ جا مامرا وڌيڪ بگڙڻ جو ئي امڪان آهي.

    اڱارو 27 سيپٽمبر 2011ع


    ريڊيو پاڪستان سنڌ ۾ اڻ ٻڌو ٿيندڙ سرڪار جو آواز !

    ريڊيو پاڪستان سنڌ ۾ اڻ ٻڌو ٿيندڙ سرڪار جو آواز !

    ”جڏهن تون ريڊيو پاڪستان جي مائيڪ تان ڳالهائين ٿو، تڏهن تنهنجو آواز تنهنجو نٿو رهي، اهو سرڪار جو آواز بڻجي ٿو وڃي. اها ڳالهه ڪڏهن به نه وسارجانءِ!“ اهي لفظ ملڪ جي نامياري براڊ ڪاسٽر مرحوم ضمير صديقيءَ 1988ع ۾ منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ چيا هئا. تڏهن مان پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد ۾ ريڊيو پروڊيوسر جي ٽريننگ حاصل ڪري رهيو هوس. پاڪستان جي سرڪاري نشرياتي اداري، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن، جنهن کي عام طور تي ريڊيو پاڪستان چيو وڃي ٿو. تنهن جي ملازمن کي انهن ئي بنيادن تي تربيت ڏني وڃي ٿي ته توهان سرڪار جو آواز آهيو. تعليم، تفريح ۽ معلومات عوام تائين پهچائڻ ريڊيو پاڪستان جي بنيادي مقصدن ۾ شامل آهن. معلومات جي حوالي سان ريڊيو پاڪستان جي پهرين ترجيح سرڪاري خبرن کي عوام تائين پهچائڻ آهي، پر اڄ اهو ريڊيو پاڪستان پاڻ خبرن جي زد ۾ اچي ويو آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن اندر، قومي اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ پاران منسٽري آف انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي سيڪريٽريءَ ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل کان انتظامي مامرن بابت پڇاڻي کان وٺي، ريڊيو جي فنڪارن کي وقت سر معاوضا نه ملڻ جهڙيون خبرون به اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن ته ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ريڊيو ٻڌندڙن جا خط به ڇپجندا رهيا آهن، جن ۾ اهي شڪايتون آهن ته ريڊيو پاڪستان جي نشريات صحيح نه هجڻ ڪري هو پروگرام ٻڌي نٿا سگهن! منهنجي نظر ۾ سڀني مامرن ۽ خبرن کان وڌيڪ اهم ته اها ڳالهه ئي آهي ته سنڌ اندر، ريڊيو پاڪستان جو آواز يا ته ٻڌندڙن تائين پهچي ئي نٿو، پر جن هنڌن تائين پهچي ٿو اتي به ڏاڍو جهيڻو ۽ ڪمزور ٿي پهچي ٿو، جيڪو عوام لاءِ ته ٺهيو، پر سرڪار لاءِ به لاڀائتو ناهي، ڇو ته ريڊيو پاڪستان کي سرڪار جو آواز چيو وڃي ٿو!
    ريڊيو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جو هڪ اوائلي ذريعو آهي. ڊش ۽ ڪيبل ٽي وي سسٽم ذريعي سوين ٽي وي چينلز تائين آسان رسائيءَ توڙي انٽرنيٽ جهڙي جديد سهولتن جي جهان کان پوءِ به ريڊيو جي اهميت ختم ناهي ٿي، پر ڏينهون ڏينهن دنيا ۾ ريڊيو نيٽ ورڪ وڌندو ئي رهي ٿو. جنهن جو هڪ سبب اهو آهي ته ريڊيو اليڪٽرانڪ ميڊيا جو سڀ کان سستو ذريعو آهي، ته ٻيو سبب ان جو موبائل هئڻ به آهي. ڪنهن زماني ۾ ته اڄ جي ٽي وي سيٽن جيترا وڏا ۽ وزني ريڊيو سيٽ هوندا هئا، جيڪي هلندا به بجليءَ تي هئا. ٽرانزسٽر جي ايجاد کانپوءِ نه فقط ريڊيو سيٽ جي سائيز ۽ وزن گهٽجي ويو، پر بيٽري سيلن تي هلڻ ڪري ان کي گهمندي ڦرندي ٻڌڻ به ممڪن بڻجي ويو. وقت سان گڏ ريڊيو سيٽ جو وزن ۽ سائيز وڌيڪ گهٽجندي وئي ۽ اهو پاڪيٽ سائيز بڻجي ويو. هاڻي ته ريڊيو ٻڌڻ لاءِ ريڊيو سيٽ خريد ڪرڻ جي ضرورت به نٿي پوي، پر موبائل فون تي به ايف ايم ريڊيو تي ٻڌي سگهجي ٿو. انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ ريڊيو ٻڌندڙن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيو آهي، گهٽتائي ڪابه ناهي ٿي، پر اسان وٽ عام تاثر اهو ئي ڏنو وڃي ٿو ته ”ريڊيو ٻڌي ڪير ٿو!؟“ اڄ کان ويهه سال اڳ به، دنيا جي ترقي يافته ملڪ آمريڪا جي هڪڙي ئي شهر نيويارڪ اندر هڪ سئو کان وڌيڪ ريڊيو اسٽيشنس هيون. هاڻي ته دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن جا ڪيترائي اهڙا شهر آهن، جن ۾ سئو کان وڌيڪ ريڊيو اسٽيشنس آهن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ترقي وٺرائيندڙ انهن ملڪن ۾ به اڄ تائين ريڊيو ٻڌڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. هن ملڪ ۾ سنڌ جي ته حالت ئي ٻي آهي، جتي بجليءَ جهڙي بنيادي سهولت به سمورن ڳوٺن کي مليل ناهي، اتي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ فقط ريڊيو ئي اڄ به تفريح ۽ معلومات جو ذريعو آهي، جنهن کي ”سرڪار جو آواز“ به چيو وڃي ٿو، پر سنڌ اندر، سرڪار پاڻ ئي پنهنجي آواز کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ سرڪار جو ڪوبه پيغام عوام تائين آسانيءَ سان نٿو پهچي!
    سنڌ ۾ ريڊيو پاڪستان جون اسٽيشنس ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻي، مٺي ۽ ڀٽ شاهه ۾ آهن. جن مان مٺي ۽ ڀٽ شاهه کي ته ابتدائي طور تي ئي ايف ايم ٽرانسميٽر ڏنو ويو، پر سنڌ جي باقي چئن ئي اهم اسٽيشنس جي شروعات اي ايم ٽرانسميشن سان ڪئي وئي هئي. ايف ايم ۽ اي ايم ٽرانسميشن ۾ فرق اِهو آهي ته ايف ايم جي پهچ محدود علائقي تائين هوندي آهي، جڏهن ته اي ايم ٽرانسميشن پري تائين پهچي ٿي ۽ جيڪڏهن اي ايم ٽرانسميٽر جي حالت بهتر هجي ته ان جي نشريات ٻين ملڪن تائين به پهچي وڃي ٿي. اخباري خبرن ۽ اطلاعن سان ته اها ڄاڻ ملي ٿي ته سنڌ جي سمورين ڇهن ئي ريڊيو اسٽيشنس جي حالت لڳ ڀڳ هڪ جهڙي ئي آهي، پر هتي ڪجهه ذڪر مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي حالت جو ڪندس، ڪنهن زماني ۾ ته حيدرآباد ريڊيو جي نشريات نه فقط سڄي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻڌي ويندي هئي، پر اها اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان جي به هڪ وڏي حصي تائين پهچي ويندي هئي. 1989ع ۾ انڊيا جي شهر جيسلمير جي ڪجهه سنڌي ٻڌندڙن جا خط ته مون تائين به پهتا هئا. ان کان اڳ ته حيدرآباد ريڊيو جو اوج ئي ٻيو هيو، جنهن جو ذڪر ٽماهي ”مهراڻ“ جي 1967/4 واري شماري ۾ غلام محمد گرامي صاحب هن طرح ڪيو آهي، ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو آواز هڪ طرف ڪڇ، گجرات، بمبئي، احمد آباد، بڙودا ۽ پوني پهچي رهيو آهي ته ٻئي طرف جوڌپور ۽ جيسلمير جي ڏورانهن هنڌن تائين ٻڌو وڃي ٿو ۽ ٽئين طرف بلوچستان ۽ مڪران تائين وڃي ٿو. يعني پاڪستان کان ٻاهر به ڪروڙين سنڌي ڄاڻندڙ گجراتي، مرهٽا، جوڌپوري ۽ مارواڙي آباديءَ تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو آواز وڃي رهيو آهي“ پر هاڻي ته گرامي صاحب جي لکيل اها حقيقت ڪنهن وسري ويل خواب جهڙي ئي لڳي ٿي!
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اوج وارو اهو دور ۽ اها شاندار ڪارڪردگي به لنڊا بازار جهڙي پراڻي مال (مشنريءَ) تي هئي، جيڪو ٻين اسٽيشنس تي استعمال ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد ريڊيو تي آندو ويو هو! پر هاڻي ته انهن سڀني سيڪنڊ هينڊ مشينن ۽ ٽرانسميٽر جي حالت ويتر خراب ٿي ويئي آهي.
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن 1955ع ۾ هوم اسٽيڊ هال ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ انهيءَ کي 1962ع ۾ موجوده بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو هو. 1959ع ۾ 10 ڪلو واٽ جو ٽرانسميٽر لڳايو ويو هو، جنهن کي هن وقت چينل ٽو چيو وڃي ٿو ۽ اهو ٽرانسميٽر پنهنجي زندگي پوري ڪري چڪو آهي، پر پوءِ به ان کي ڌڪي گاڏيءَ جيان اڃا هلايو پيو وڃي!1971ع ۾ هڪ سئو ڪلو واٽ جو ٽرانسميٽر لڳايو ويو هو، جنهن کي چينل ون چيو وڃي ٿو. هن مرڪزي چينل جي ٽرانسميٽر جي حالت اها آهي ته اهو اڪثر ٽرپ ٿيندو رهي ٿو ۽ ٽرانسميشن رڪجندي رهي ٿي، ڇو ته هن پراڻي ٽرانسميٽر جا اسپيئر پارٽس به نٿا ملن. هالينڊ جي جنهن ڪمپنيءَ جو اهو ٽرانسميٽر ٺاهيل آهي، اها به بند ٿي چڪي آهي ۽ هن جديد دور ۾ والز وارو اهو ٽرانسميٽر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي! هن ٽرانسميٽر ۾ چار وال لڳل آهن، جيڪي 35 لک روپيا في وال جي حساب سان هڪ ڪروڙ چاليهه لک رپين جا آهن، جيڪي سڀ ڪمزور ٿي چڪا آهن. ريڊيو انجنيئرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به وقت ڪوبه وال سڙي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنهن به وقت نشريات مڪمل طور تي بند ٿي سگهي ٿي! پنج سال اڳ اهو طئي ٿيو هو ته لاهور، حيدرآباد ۽ ڪوئيٽا ۾ هڪ سئو ڪلو واٽ جا نوان ڊجيٽل ٽرانسميٽر لڳايا ويندا، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جي هن ريڊيو اسٽيشن جو منظور ٿيل اهو ٽرانسميٽر پشاور ريڊيو جي حوالي ڪيو ويو! ڊجيٽل ۽ وال ٽرانسميٽر جي نه فقط ڪارڪردگيءَ ۾ تمام وڏو فرق آهي، پر بجليءَ جي خرچ ۾ به ساڳيو فرق ٿئي ٿو. حيدرآباد ريڊيو جي والن واري پراڻي ٽرانسميٽر جو مهيني جو بل اٺ لک رپيا اچي ٿو، جڏهن ته ريڊيو تي پنجٽيهن سالن کان مٿي عرصو نوڪري ڪندڙ هڪ انجنيئر جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل ٽرانسميٽر سان اهو خرچ ماهوار اٺ لک رپين مان گهٽجي ٻه لک رپيا ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف اهي خبرون به گردش ۾ آهن ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اڌ ۾ رليل، نيئن تعمير ٿيندڙ بلاڪ جي منظور ٿيل مشنري ملتان ريڊيو جي حوالي ٿي چڪي آهي! هڪ طرف اهي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ فني مامرا رولڙي جو شڪار آهن ته ٻئي طرف حيدرآباد ريڊيو تي عملي جي کوٽ پڻ آهي. جيڪو عملو موجود آهي، ان کي سرڪار پاران پنجاهه سيڪڙو وڌايل پگهار نٿي ملي ته ڪي ملازم ڪانٽريڪٽ جي مشڪل پٽڙيءَ تي غير يقينيءَ جي تلوار هيٺان هلايا وڃن ٿا! اهي سڀ ڳالهيون، سنڌ ۾ سرڪار جي آواز (ريڊيو پاڪستان) کي محدود ڪري بند گهٽيءَ ۾ اچي بيهارين ٿيون. جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي آوازکي اثرائتي انداز سان سنڌ جي عوام تائين پهچائڻ چاهي ٿي ته، کيس ريڊيو حيدرآباد سميت، سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنس طرف ڀرپور ڌيان ڏيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سرڪار جو اهو آواز، اڻ ٻڌو ئي رهجي ويندو.

    اڱارو 14 ڊسمبر 2010ع


    فرمائشي پروگرامن جا شوقين

    فرمائشي پروگرامن جا شوقين

    گهر ۾ سندس ماءُ جو لاش رکيل هو، پر جڏهن ريڊيو جي فرمائشي پروگرام جو وقت ٿيو، ته هو ماءُ جي لاش وٽان اٿي، ڪانڌين کان نظر بچائي، ٽرانزسٽر ريڊيو سيٽ کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ويو. پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ٻاهران، ديوين جي ڪنڊيدار ٻوٽن پٺيان لڪي، هن اڌ ڪلاڪ جو پورو فرمائشي پروگرام ڏاڍي غور سان ٻڌو، ته اڄ سندس نالو پروگرام ۾ شامل ٿئي ٿو يا نه! ريڊيو جي انهيءَ لسنر جو تعلق ته سانگهڙ ضلعي جي هڪ ڳوٺ سان آهي، پر اهڙا بي شمار ٻڌندڙ سڄي سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ موجود آهن. لاڙڪاڻي شهر جي هڪ سرنديءَ واري ريڊيو لسنر جي اوطاق ۾، ديوارن تي ڇهه ريڊيو سيٽ ٽنگيل آهن ۽ انهن سڀني تي ڌار ڌار ريڊيو اسٽيشنس ٽيون ٿيل آهن. اتي بيٽري سيلن جا ڀريل کوکا به موجود آهن، جيئن ڪنهن سيٽ جا سيل ٿورو به ڪمزور ٿيڻ تي هڪدم تبديل ڪري سگهجن ۽ ڪنهن به سيٽ جو آواز جهيڻو نه ٿئي. اهي ڇهه ئي ريڊيو سيٽ صبح سوير کان رات دير تائين لڳاتار گڏ وڄندا رهن ٿا. اوطاق تي سڄو ڏينهن ميڙو متل رهي ٿو ۽ هڪ ئي وقت وڄندڙ ڇهن ريڊيو سيٽن مان ڪنهن اسٽيشن تان جڏهن صاحب جو نالو ڪنهن فرمائشي پروگرام ۾ نشر ٿئي ٿو ته اوطاق ۾ هوڪرا پئجي وڃن ٿا ۽ خوشيءَ مان تاڙا ملايا وڃن ٿا! پوءِ انهيءَ خوشيءَ مان اوطاق تي چانهه جو نئون دور به هلي ٿو! انهيءَ گوڙ شور ۽ هل هنگامي جي وچ ۾ جيڪڏهن ڇهن ريڊيو سيٽن مان ڪنهن هڪ تان فرمائشي نالا نشر ٿيڻ شروع ٿين ٿا، ته اهو گوڙ شور ۽ هل هنگامو هڪدم بند ٿي وڃي ٿو ۽ جنهن ريڊيو سيٽ تان نالا نشر ٿي رهيا هجن ٿا، ان جو آواز تڪڙ ۾ وڌايو وڃي ٿو. صاحب جو نالو نشر ٿيڻ تي وري خوشيءَ مان نعرا لڳن ٿا، پر جيڪڏهن نالو نشر نٿو ٿئي ته انهيءَ انائونسر، پروڊيوسر توڙي اسٽيشن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽ اڪربا پروريءَ ۽ رشوت خوريءَ جا الزام هنيا وڃن ٿا. انهيءَ اوطاق تي ڪنهن ريڊيو اسٽيشن جي ڊيوٽي آفيسر جيان هڪ ملازم به رکيل آهي، ته ريڊيو اسٽيشن جي ڊيوٽي روم ۾ رکيل لاگ بڪ جيان هڪ رجسٽر به رکيل آهي. ريڊيو اسٽيشن جي ڊيوٽي آفيسر ۽ انهيءَ اوطاق جي ملازم ۾ فرق فقط اهو آهي ته، ڊيوٽي آفيسر فقط پنهنجي هڪڙي اسٽيشن جي نشريات کي ٻڌي ٿو ۽ پروگرامن ۾ نشر ٿيندڙ گيتن توڙي اشتهارن جي لاگ بڪ ۾ داخلا ڪري ٿو، پر اوطاق وارو ملازم هڪ ئي وقت ڇهن ريڊيو اسٽيشنس جي پروگرامن طرف ڌيان ڏئي ٿو ۽ جنهن به اسٽيشن تان صاحب جو نالو نشر ٿئي ٿو، ان اسٽيشن ۽ پروگرام جي نالي توڙي وقت ۽ ڏينهن جي ان رجسٽر ۾ داخلا رکي ٿو!
    هونءَ ته وڏي اڪثريت ۾ ريڊيو ٻڌندڙ ”سائلينٽ لسنرس“ هجن ٿا، جيڪي ڪڏهن به ڪنهن پروگرام لاءِ نه خط لکن ٿا ۽ نه ئي فون ڪن ٿا، پر فرمائشي پروگرامن ۾ پنهنجو نالو ٻڌڻ جي شوقينن جي پنهنجي عجيب دنيا آباد آهي. سندن انجمنون ۽ ايسوسيئيشنس به آهن، جن ۾ باقائدي عهدا به آهن، ته ڪجهه وقت اڳ تائين سندن نمائندگي ڪندڙ ”ريڊيو پبليڪيشنس“ جي نالي سان هڪ رسالو به شايع ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن انهن انجمنن جون گڏجاڻيون به ٿين ٿيون، جن ۾ نالو نشر نه ٿيڻ جهڙن مسئلن تي غور ويچار ڪيو وڃي ٿو ۽ مختلف ڪمپيئرن، انائونسرن ۽ پروڊيوسرن سان شڪايت جي صورت ۾ انهن خلاف، ريڊيو جي اسٽيشن ڊائريڪٽرن ڏانهن خط به لکيا وڃن ٿا.
    ريڊيو جي ڪجهه فرمائشي پروگرامن ۾ ٻڌندڙن کان ڪجهه سوال به پڇيا وڃن ٿا ۽ فقط درست جواب لکندڙن جا نالا نشر ڪيا وڃن ٿا. سوال نشر ٿيڻ وقت اهي فرمائشي لسنر هڪدم تحرڪ ۾ اچي وڃن ٿا ۽ پري پري تائين مختلف علائقن ۾ رهندڙ، موبائيل ميسيج وسيلي هڪ ٻئي کان درست جواب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪجهه پروگرامن ۾ سوين جواب لکندڙن مان ڪنهن هڪ جو نالو ڪڻي وسيلي ڪڍيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ فرمائشي لسنر جو پورو تعارف ۽ سندس پسند جو ڪلام به نشر ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ”کيپ کٽڻ“ تي نه فقط اهو خوش نصيب دوستن جي دعوت ڪري ٿو، پر ٻيا فرمائشي شوقين به کيس دعوتون کارائين ٿا. انهن فرمائشي دوستن جي وچ ۾ نالو نشر ٿيڻ يا نه ٿيڻ، توڙي ڪنهن انائونسر پاران هڪ ساهيءَ ۾ وڌيڪ نالا کڻڻ جي صلاحيت تي به شرطون لڳن ٿيون.
    ترقيءَ واري دور ۾، جڏهن هر غريب غربي جي هٿ ۾ به موبائيل فون نظر اچي ٿي ۽ خط لکڻ واري روايت ڪو پراڻو داستان بڻجي وئي آهي. تڏهن به ملڪ جي هر ريڊيو اسٽيشن تي روزانو سوين ۽ هزارين خط پوسٽ ذريعي پهچن ٿا. ڪيترن فرمائشي ٻڌندڙن جا ته سندن نالي ۽ فوٽوءَ سميت ڪارڊ به ڇپيل آهن، جن تي هو ٽپال جي ٽڪلي چنبڙائي موڪلين ٿا. اهي سڀ فرمائشي لسنر سرنديءَ وارا ناهن، پر انهن مان ڪيترائي ڪنهن هوٽل، دڪان يا فيڪٽريءَ ۾ ڏهاڙيءَ تي مزدوري ڪندڙ به آهن ۽ اهي سڄي ڏينهن جي ٿڪائيندڙ پورهئي کان پوءِ شام جو، پنهنجي ۽ ٻچن جي پيٽ تي لت ڏئي ٽپال جا لفافا ۽ ڪارڊ خريد ڪن ٿا ۽ رات وارن فرمائشي پروگرامن ۾ پنهنجو نالو ٻڌڻ لاءِ اوجاڳا ڪن ٿا! ريڊيو ٻڌندي ٻڌندي ڪنهن لسنر کي انائونسر يا ڪمپيئر ٿيڻ جو شوق جاڳي ٿو، ته هو ريڊيو اسٽيشن جو رخ ٿو ڪري. اهڙا ڪي ٿورڙا مثال ته موجود آهن، ته ڪنهن باصلاحيت ٻڌندڙ جي قسمت به سندس ساٿ ڏنو ۽ اهو انائونسر يا ڪمپيئر ٿي ويو، پر گهڻا شوقين اڪثر فقط جتيون ئي گسائيندا رهيا آهن. ٿر جو اهو ڀيل فرمائشي لسنر ته اڄ تائين مون کان ناهي وسريو، جنهن کي پندرهن سورهن سال اڳ، ريڊيو جي فرمائشي پروگرامن ۾ پنهنجو نالو ٻڌي ٻڌي انائونسر ٿيڻ جو شوق ٿيو ۽ هو ريڊيو جي هڪ ”سڳوري“ ڪمپيئر جي هٿ چڙهي ويو، جنهن کيس انائونسر ڪرائڻ جا آسرا ڏئي سندس روزگار جو ذريعو، ٻڪرين جو ڌڻ وڪڻائي سمورا پئسا ڦٻائي ڇڏيا هئا. اهو گهٽ پڙهيل، بي پهچ ۽ موڳو مسڪين ڀيل ڪيتري وقت تائين ريڊيو اختيارين وٽ دانهين ٿيندو رهيو هو ۽ اهو سڄو اسڪينڊل ان زماني جي اخبارن ۾ به رپورٽ ٿيو هو، پر سندس داد رسي نه ٿي سگهي هئي ۽ هو واپس ٿر هليو ويو هو، جنهن کانپوءِ مون اڄ تائين سندس نالو به ناهي ٻڌو. خبر ناهي ته ٿر جو مسڪين ڀيل اهو ڌڪ پچائي ويو، يا کيس انهيءَ صدمي نهوڙي ڇڏيو!

    اڱارو 8 فيبروري 2011ع


    زيب سنڌي جا مارڪيٽ ۾ موجود ڪتاب

    زيب سنڌي جا مارڪيٽ ۾ موجود ڪتاب

    • ڌُنڌ ۾ گُم ٿيل منظر (ڪهاڻيون) 120
    • حيدرآباد 47 ڪلوميٽر (ڪهاڻيون) 150
    • سيتا زينب ( ناول ) 150
    • سيتا زينب (اردو) ترجمو:شاهد حنائي ( ناول ) 200
    • توکي مون ساريو ( نثر ) 320
    • سنڌ جي ڳالهه (ڪالم ـــ مضمون) 200
    • ڪيفي قليچ (ٽي وي انٽرويوز ) 200
    • اسان زنده رهنداسين (آتم ڪهاڻي: ترجمو ) 120
    • ڌرتي ماءُ (ناول : ترجمو) 130
    • ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون (ترتيب) 350


    ايندڙ ڪتاب

    ايندڙ ڪتاب
    • آوارا بادل ۽ زيب (شاعري)


    شاه لطيف ڪتاب گهر
    گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 711
    ڪتابن جو مشاهدو: 993186
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 332929
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ