ڪتاب جو نالو: وارياسا وجود
مصنف: نصير ڪنڀر
ڇپائيندڙ: اتساهه پبليڪيشن مٺي
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 12 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 824 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 269 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نصير جي ڪهاڻين جي خوبصورتي جو هڪڙو راز اهو به آهي جو سندس ڪهاڻين جا ڪردار بنهي سادا ۽ روزمره جا عام ڪردار ۽ استعمال ڪيل ٻولي واندي لفاظي کان بلڪل پاڪ تمام سادي ۽ عام فهم آهي، جيڪا علم ادب جي چوٽي جي پارکُو کان وٺي مون جهڙي ادنيٰ انسان کي به سمجهه ۾ اچي. واقعي نصير پنهنجي ڪهاڻين سان خوب نڀايو آهي ۽ پنهنجي تخليقي پورهئي سان هُو ادبي کيتر ۾ پنهنجي هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪمپوزر پاران
  • اُتساهه جا ٻه لفظ
  • مهاڳ
  • ٻه اکر ليکڪ جا (سنڌ سلامت تي پڌرائي لاءِ)
  • پنهنجي پاران
  • ڪهاڻيون

  • بند ٽوڙي آيل ڳوڙها
  • اُلڪا ۽ اُميدون
  • پرين پڄاڻان
  • وٿيون
  • عشق جي نه پڄاڻي آ
  • پرچيل سپنا، رُٺل ساڀيائو
  • يادون درد وڇوڙا
  • سمهاڙو
  • شناختي ڪارڊ
  • وارياسا وجود
  • چالِيهِين پَتِي
  • ميندي رتو هٿ
  • ڪارو داغ
  • ڳولا جي رڻ ۾
  • هڪ ڪاٺگر جو موت
  • مُهاڳو
  • پن ڇڻ کان پهرين
  • ڦڙڪيون
  • کنوڻين کيل ڪيا
  • ڇڪڙو

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    اُتساهه پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 03
    حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪ وٽ محفوظ


    ڪتاب جو نالو: وارياسا وجود
    موضوع: ڪهاڻيون
    ليکڪ: نصير ڪنڀر
    ڇاپو: پهريون
    سال: آڪٽوبر 2010
    ٽائٽل فوٽو: دليپ ڪوٺاري
    ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ (ڇپائي لاءِ): ڪيشو لال
    انٽيل ڪميونيڪيشن، حيدرآباد
    ڪميپيوٽر ڪمپوزنگ (ڊجيٽل پڌرائي لاءِ): سائل مهراڻ
    ڇپائيندڙ: دليپ دوشي،
    اُتشاهه پبليڪيشن، مٺي، ٿرپارڪر
    فون. 0232-261837 موبائل: 03332511104
    اي ميل: dileepdoshi2002@yahoo.com
    ڇپيندڙ: انٽيل ڪميونيڪيشنز، حيدرآباد، فون 2721172
    قيمت: 150 روپيا
    ڊجيٽل ايڊيشن : سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    WWW.SINDHSALAMAT.COM




    اسٽاڪسٽ:
    ٿر ڪتاب گهر مٺي، ٿرپارڪر
    فون: 0333-2510760


    Varyasa vijood
    (Stories)
    By: Naseer Kumbhar
    Edition: First
    Year: October, 2010
    Title Photo: Dilip Kothari
    Published By: Dileep Doshi, Utsah Publication,
    Post Office Mithi- 69230, Tharparkar
    Ph: 0232-261837, Mob: 0333-2511104
    Composing & Printed By:
    Intel Communications, Hyderabad
    Composing for Digital Issue: Saail Mehran
    Price: Rs. 150-00


    ارپنا

    ”انهن ڪردارن جي نالي
    جنهن مون کان اِهي ڪهاڻيون لکرايون“

    - نصير ڪنڀر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وارياسا وجود“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ ناميارو ليکڪ نصير ڪنڀر آهي.
    نصير جي ڪهاڻين جي خوبصورتي جو هڪڙو راز اهو به آهي جو سندس ڪهاڻين جا ڪردار بنهي سادا ۽ روزمره جا عام ڪردار ۽ استعمال ڪيل ٻولي واندي لفاظي کان بلڪل پاڪ تمام سادي ۽ عام فهم آهي، جيڪا علم ادب جي چوٽي جي پارکُو کان وٺي مون جهڙي ادنيٰ انسان کي به سمجهه ۾ اچي. واقعي نصير پنهنجي ڪهاڻين سان خوب نڀايو آهي ۽ پنهنجي تخليقي پورهئي سان هُو ادبي کيتر ۾ پنهنجي هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو.

    هي ڪتاب اتساهه پبليڪيشن مٺي، ٿرپارڪر پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري سائل مهراڻ جا جنهن محنت ڪري هن ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ ڪئي ۽ مهرباني سائين نصير ڪنڀر جي جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪمپوزر پاران

    هونئن ته مان پنهنجي خفن ۾ پورو هوندو آهيان، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي رلندو رهندو آهيان، جڏهن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو ميمبر ٿيو هئس تڏهن کان ڪوشش ڪري فيس بوڪ يا اخبارن ۾ لکيل مختلف ليکڪن جا ڪالم ڪاپي پيسٽ ڪري سنڌ سلامت تي رکندو هئس، اتي سائين سليمان وساڻ پاران ڪتاب به اپلوڊ ڪندو رهندو هو، سو مون پنهنجي پاران ڪوشش ڪري ڪتاب ڪپوز ڪري يا اهڙا ڪتاب جيڪي سنڌ سلامت تي نه هئا اهي ڳولڻ شروع ڪيا، جڏهن سنڌ سلامت ڪتاب گهر طور الڳ ويب سائيٽ آندي وئي ته اتي ڪتابن کي نئي سر ڪمپوز ڪري آڻڻا هئا، جنهن لاءِ سنڌ سلامت پاران دوستن کي چيو ويو جنهن ۾ ڪجهه دوست اڳڀرا رهيا، آئون ڪوشش ڪرڻ جي باوجود ان جو حصو ٿي نه سگهيس،، جڏهن چمن آر ٿري جي ڪتاب کي جڏهن سنڌ سلامت تي آڻڻ لاءِ موڪليم تڏهن سائين نصير ڪنڀر جي ڪتاب ”وارياسا وجود“ کي ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي ڏيڻ لاءِ سوچيم، سو سائين نصير ڪنڀر سان جڏهن رابطو ڪيم سو بنا ڪنهن جهجڪ جي اجازت ڏني ۽ انهي ئي ڏينهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ کي لڳي ويس ۽ اها منهنجي پاران سنڌ سلامت ڏانهن پهريون ڪتاب ڪمپوز ڪري ڏيڻ لاءِ پهرين وک آهي اوهان جون دعائون ملنديون رهيون ته ٻيا ڪتاب به سنڌ سلامت جي سونهن بڻجندا.
    هن ڪتاب جا پروف ڪيا آهن تنهن هوندي به انسان غلطين جو گهر آهي، سو ڪجهه غلطيون رهجي ويون هونديون انهي لاءِ اڳواٽ معزرت ۽ اميد ته اوهان انهيءِ لاءِ رهنمائي ڪندا
    نيڪ تمنائن سان
    سائل مهراڻ
    رڙيارو، ٿرپارڪر


    اُتساهه جا ٻه لفظ

    ادبي دنيا ۾ شاعري کان پوءِ “ڪهاڻي” منهنجي پسند جي صنف رهي آهي، ڪهاڻيءَ پڙهندڙ کي اها ئي وڌيڪ دلچسپ لڳندي آهي جيڪا هن جي دل کي ڇُهي ۽ هُو ڪهاڻيءَ کي پڙهندي منجهس ڪردارن کي پنهنجي آس پاس محسوس ڪري مطلب ته انهي ڪهاڻي ۾ اتان جي مقاميت جو رنگ چٽيل هجي، اهڙين ڪهاڻين لکڻ جو ڏانءُ تمام گهٽ ماڻهن کي ايندو آهي، جيڪي اسان جي روز مره جي عام ڪردارن ۽ واقعن کي ڪهاڻي جو لباس پهرائي سگهن. مون نورالهديٰ شاهه، عبدالقادر جوڻيجي ۽ نسيم کرل جي ڪهاڻين کان پوءِ اهڙن عام ڪردارن کي انتهائي خوبصورتي سان ڪهاڻين ۾ سمايل محسوس ڪيو ته اهو صرف نصير ڪنڀر جي ڪهاڻين ۾!
    نصير جي ڪهاڻين جي خوبصوري جو هڪڙو راز اهو به آهي جو سندس ڪهاڻين جا ڪردار بنهي سادا ۽ روزمره جا عام ڪردار ۽ استعمال ڪيل ٻولي واندي لفاظي کان بلڪل پاڪ تمام سادي ۽ عام فهم آهي جيڪا علم ادب جي چوٽي جي پارکُو کان وٺي مون جهڙي ادنيٰ انسان کي به سمجهه ۾ اچي. واقعي نصير پنهنجي ڪهاڻين سان خوب نڀاهيو آهي ۽ پنهنجي تخليقي پورهئي سان هُو ادبي کيتر ۾ پنهنجي هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو.
    مون توهان پڙهندڙن سان اُتساهه پاران ڇپايل ٿر جي هڪ ڀلوڙ شاعر جي شاعري جي مجموعي ۽ پنهنجي لکيل نوٽ ۾ واعدو ڪيو هو ته جيڪر توهان پڙهندڙن دل سان اُتساهه جي ڪاوشن کي مانائتي موٽ ڏني آئون ٿر جي ٻين اَمُلهه هيرن جي نڪور تخليقن جا تحفه توهان تائين پهچائيندو رهندس. توهان پاران ڏنل مانائتي موٽ، محبت ۽ همت افزائي جو آئون دل سان شڪريو ادا ڪيان ٿو ۽ توهان جي محبت جي موٽ ۾ هڪ نئين اُتساهه سان گڏ ٿر جي هن بهترين ڪهاڻيڪار دوست نصير ڪنڀر جي ڪهاڻين جو هي خوبصورت مجموعو “وارياسا وجود” توهان جي هٿن تائين پهچائي رهيو آهيان، اميد ته توهان کي پسند ايندو.
    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ ڇپائي کان وٺي توهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ مون سان منهنجي پياري دوست دليپ ڪوٺاري انتهائي گهڻو سهڪار ڪيو. پنهنجون ڪافي مصروفتيون ترڪ ڪري قيمتي وقت ڪڍي هن ڪتاب کي سينگارڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. آئون سندس تمام گهڻو شڪر گذار آهيان ۽ اميد ٿو ڪيان ته ڪوٺاري مستقبل ۾ به منهنجي ادبي رهنمائي ڪندو رهندو.
    آخر ۾ بس ايترو ئي چوندس ته توهان پڙهندڙ دوست مانائتي موٽ ڏيندا رهو ۽ اُتساهه توهان جي پانڌ ۾ ايئن ئي خوبصورت گلاب نکيريندي رهي


    16- فيبروري، 2010ع
    اُتساهه پبليڪيشن، دليپ دوشي لوهاڻو
    مٺي، ٿرپارڪر 03332511104


    مهاڳ

    اُستاد ته استاد ئي هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن نه ڪڏهن، ڪانه ڪا ڳالهه اهڙي ته ڪم جي ڪري ويندا آهن، جيڪا يا عمر لاءِ اڻ مٽجندڙ ٺپي وانگر هوندي آهي. اهو ٺپو جنهن به زماني تي هڻ ته پورو لهندو ۽ جنهن به هنڌ هڻ ته اتان جو ئي لڳندو. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئون ته اصلي اُستاد نه ته جاگرافيائي حدن جا محتاج هوندا آهن ۽ نه ئي وري وقت جي سرحدن ۾ بند ٿيل هوندا آهن. هتي “اُستاد” مان منهنجي مراد اسڪول يا ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ پڙهائيندڙ “ماستر” ناهي، ڇاڪاڻ ته اُستاد ۽ ماستر ۾ ز مين آسمان جو فرق هوندو آهي. انهيءَ فرق کي استاد شيخ اَياز يونيورسٽي جي ڪنهن فائيل ۾ هيئن ٿو بيان ڪري: “نه ته ڪو مرزا غالب اُردوءِ ۾ ايم. اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ڪنهن ڪاليج ۾ ماستري ڪئي هئي ۽ نه ئي وري ڪو لطيف سائين سنڌيءِ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري ڪنهن يونيورسٽي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو هو. پر پوءِ به ٻئي ڄڻا پنهنجي فن جا اُستاد هئا”. سو استاد ڪا ٻي شيءِ ٿيندو آهي. پورڇو گال جو نوبيل لاريٽ ناول نگار جوزي سارا ماگو ( Jose Saramago) جو چوڻ آهي ته سندس اُستاد اڻ پڙهيل ريڍار هئا، ايئن ئي آمريڪا ۾ توڙي ٻين هنڌن جا انگريزي ادب پڙهندڙ آمريڪا جي نوبيل لاريٽ ناول نگار ويلم فاڪنر(William Falkner ) کي به استاد ڪري چوندا آهن
    استاد ويلم فاڪنر مرحوم جيڪي به ناول لکيا آهن اهي سڀ جا سڀ ناول سندس اباڻي علائقي ميسيسپي جي پس منظر ۾ لکيا آهن انهي ڳالهه کي اڳيان رکندي انگريزي جي معروف ٽماهي رسالي پيرس رويو (Paris Review)وارن جڏهن کائنس اهو سوال پڇيو ته “ تون ڪنهن خاص ۽ محدود علائقائي ليکڪ ته نه آهي؟” انهي تي استاد وڏي کڙڪي وچان جواب ڏنو ته “ دنيا جا سڀ ليکڪ علائقائي آهن، جيڪو نيويارڪ يا ٽوڪيو جي پس منظر ۾ لکي ٿو اهو اتان جو علائقائي ليکڪ آهي پر جيڪو فڪشن رائيٽر آهي هيءِ ڌرتي ڇڏي آسمان جي پس منظر ۾ ڪا ڪهاڻي يا ناول لکي ٿو ته اهو آسمان جو علائقائي ليکڪ آهي ڇاڪاڻ جو آسمان به ته هڪ علائقو آهي جيڪو ليکڪ علائقائي ليکڪ ناهي اهو ليکڪ ئي ناهي ڪا ٻي مخلوق هجي ته ڀلين هجي” استاد جي اها راءِ به هڪ اهڙو ئي ٺپو آهي جيڪو موجوده دور جي چيني ناول نگار ۽ ڊراما نگار گائوشين جيان ( Gao Xinjian) تي به لڳي ٿو ته ٿر جي ڀٽون پار ڪري مٺي تائين پهچي نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين تي به لڳي ٿو. نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين تي به اها مقاميت پاتي وڃي ٿي ۽ اها مقاميت ئي کيس هن دور جي سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ اعليٰ مقام تي بيهاريو بيٺي آهي. ظاهر آهي ته سٺو ليکڪ انهن حالتن ۽ روين تي لکندو آهي. جن کي اهو اکين سان ڏسندو آهي ۽ ذهن سان پرکيندو آهي ۽ دل اندر محسوس ڪندو آهي، نصير ڪنڀار به هڪ اهڙو ئي ليکڪ آهي جيڪڏهن ساڳيو نصير اڻ ڏٺين ۽ اڻ ڄاتين ڳالهين تي لکي ها ۽ پنهنجي ڌرتي ڇڏي اڻ ڏٺي نيويارڪ جي ايئرپورٽ يا اتر قطب يا دور دراز ملڪ نيوزي لينڊ جي پس منظر ۾ لکي ها ته به ٻوڙ هاري ها، جي ڀلا ٿر ۾ ڪولمبيا جا گئنگسٽر يا هالينڊ جون اسٽرپ ٽيز ڊانس ڪلبون پلانٽ ڪري ها ته به ٻوڙ هاري ها، پر ميان نصير اهڙي فئشن بازي کان پاسو ڪندي “حبيبن جو حال” لکي پنهنجو پاڻ کي جديد سنڌي ادب ۾ مڃرايو آهي سندس ڪهاڻين جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها ئي آهي جيڪا مون پارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي، مقاميت جي ڪري سندس ڪهاڻيون ڪنواريون آهن، نيون آهن ۽ دل اندر ۾ وهارڻ جهڙيون آهن، سندس ڪهاڻيون ڪنجهي جي ٿانو وانگر وڄي ڌيان ڇڪائين ٿيون سندس ڪهاڻيون گج ۾ لڳل ٽڪن وانگر جهٻڪا ڏيندون نظر اچن ٿيون سندس ڪهاڻيون ٻکن وانگر اچي وچڙن ٿيون، ٻک به اوترا، جيڪي ڪڏهن به نه وسرن جيڪا ڪهاڻي ٻکجي نٿي اُها ڪهاڻي ئي نه آهي نصير جي ڪهاڻين ۾ پنهنجائپ آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي “وارياسا وجود” پاڻ ڏانهن نه ڇڪندا ته ٻيو ڪير ڇڪيندو بابل سائين!
    اها ته ٿي مقاميت ۽ انهي جو ڀرپور اظهار، هاڻي اچجي هڪ ٻئي ڳالهه تي
    لکڻ جا جيڪي به گُر، هنر ۽ ڪلائون آهن انهن ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم مختصر ڪهاڻي کي ڪري لکيو وڃي ٿو، جو انهي ۾ بيان ٿيل حالتن، روين ۽ زندگي جي ٻين پهلوئن کي چٽڻ لاءِ ليکڪ کي تمام ننڍو ڪئنواس ٿو کپي، مصوري جي حساب سان مختصر ڪهاڻي کي مئنيوچوئر (Miniature) پئنٽنگ چئي سگهجي ٿو يا سوليٰ سنڌي ۾ انهي آرٽ کي چوندا آهن “ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا” اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪلهه دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ مختصر ڪهاڻي لکڻ کان ڪن هڻندا آهن، ٻين لفظن ۾ ايئن به چئي سگهجي لکڻ جي آرٽ سان ڪهاڻي کي چونڊ رسڪ ( Risk) کڻڻ جي برابر آهي، جيڪي اسان جا ليکڪ ڪهاڻي لکڻ جو رسڪ کڻندا آهن انهن جي اڪثر ڪهاڻين کي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته اهي مختصر ڪهاڻي لکندي ڪري به گهڻن لفظن ۾ ٿوري ڳالهه ڪندا آهن پر هن مجموعي ۾ موجود ڪهاڻين کي پڙهي ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته ميان نصير ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجهه لکي وڃي ٿو ۽ سندس ڪهاڻيون اصلي آرٽ تي پورو لهي اچن ٿيون مونکي انهي جو جيڪو ڪارڻ سُجهي ٿو اِهو اُهو آهي ته نصير ڪنڀار اسان جي ٻين ليکڪن جي برعڪس ڪُت خلقت سان گڏ اٿئي وهي ٿو، جنهن کي اسان “اصلي عوام” چئي سگهون ٿا ۽ اسان جو هي يار اڃان تائين نام نهاد سول سوسائٽي جو حصو نه بڻيو آهي، کيس اسان Down to the earth (پنهنجي ڌرتي سان لاڳاپيل) ليکڪ چئي سگهون ٿا جنهن کي پنهنجي پبلڪ جي زير پتير خبر آهي سندس اهو شخصي رويو سندس ڪهاڻين کي جنم ڏئي ٿو، منهنجي پنهنجي خيال ۾ وڏو ليکڪ

    اهو ئي آهي جيڪو ڪلر جي پوٺي تي يا ٿر جي واري تي پٽ تي ڪانڀ ٻڌي غريب غرباء سان وڃي سور اوري به سگهي ۽ ڏوري به سگهي ۽ محسوس به ڪري سگهي اها خوبي نصير ۾ پاتي وڃي ٿي جيڪا سندس ڪهاڻين ۾ لهي آئي آهي.
    اسان وٽ ڪافي وقت کان وٺي اهو مونجهارو رهندو پئي آيو آهي ته لکڻ جي فن ۽ هنر جي ڊيفينيشن (Definition) ڪهڙن لفظن ۾ ڪجي ته آخر اها بلا ڪهڙي آهي. اڄ اسان اوهان جيڪڏهن ويهي بين القوامي ادب تي نظر ڌريندئو يا انهن ليکڪن جي راءِ کي نظر ۾ رکندئو ته اها ڊيفينيشن اوهان جي اڳيان هٿ جي تري وانگر چٽي نظر ايندي اها ڊيفينيشن ڪجهه هن ريت بيان ڪئي وئي آهي ته “زندگي جي ڏٺل واٺل پر دماغ کان اوجهل بڻيل ڪنڊن پاسن کي ايئنExplore ڪرڻ (کوٽي پڌرو ڪرڻ) جو اهو فن هڪڙي پاسي پڙهندڙ جي Aesthetic Sense (حس جمال) کي وڃي ڇُهي ته ٻئي پاسي وري پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڪونه ڪو سوال اُٿاري” ايئن جيڪڏهن ڪا به ڪهاڻي پڙهندڙ جي حس جمال کي نٿي ڇُهي ته پوءِ اها ڪهاڻي نعري بازي جو شڪار ٿئي ٿي وڃي ۽ پڙهندڙ انهي ٺلهي نعري بازي سان ڪو به چَسُ وٺي نٿو سگهي. جي ڪهاڻي ۾ ڪو چس ئي نه هوندو ته پڙهندڙ ڇو پڙهي. پر ساڳئي طرح جيڪڏهن ڪا ڪهاڻي پڙهندڙ جي ذهن ۾ زندگي جي باري ۾ ڪو سوال نٿي اٿاري ته اها ڪهاڻي وندر جو ذريعو بڻجي ٿي وڃي. جي ڪهاڻي رڳو وندر جو ئي ذريعو هجي ته پوءِ اها چرس جو سوٽو بڻجي رهجي وڃي ٿي ۽ ذهني عياشي جو هڪ ذريعو بڻجي وڃي ٿي. جي ڪنهن کي رڳو ذهني عياشي جي کپ آهي ته انهي لاءِ ٻيا وڌيڪ ڀرپور ذريعا آهن ذهني عياشي جي ٻين ڀرپور ذريعن کي ڇڏي ڪري ماڻهو ڀلا ڇو ويهي ڪهاڻي پڙهڻ تي مٿو کپائي.
    جيڪڏهن اسان انهي حقي واجبي ۽ مڃيل ۽ ڳايل وڃايل ڊيفينيشن کي اڳيان رکي ميان نصير جي ڪهاڻين کي پڙهنداسين ته سندس ڪهاڻيون انهي ئي ڊيفينيشن تي پورو لهن ٿيون. سندس ڪهاڻين ۾ نه ته نعري بازي پاتي وڃي وڃي ٿي ۽ نه ئي رڳو سندس ڪهاڻيون ذهني عياشي جو شڪار آهن. پر انهي جي ابتڙ سندس ڪهاڻين ۾ حس جمال به موجود آهي ته انهي سان گڏ زندگي جي باري ۾ ڪيترائي سوال به اڀرن ٿا، جن کي حل ڪرڻ جو حق صرف پڙهندڙ وٽ آهي نه ڪو ليکڪ وٽ آهي، جيڪو ليکڪ پڙهندڙ کي بيوقوف ٿو سمجهي ته پوءِ اهو پاڻ بيوقوف آهي، نصير هنن ڪهاڻين ۾ اهڙي بيوقوفي کان بچيل آهي ۽ سنڌي زبان جو هڪ اعليٰ ڪهاڻيڪار آهي.
    اچو سائين ڊڪشن ( Diction) تي اسان وٽ گهڻا ماڻهو رڳو سٺي ٻولي جو استعمال کي ڊڪشن سمجهن ٿا، جيڪا سوچ سراسر غلط آهي سٺي ٻولي ته اجائي لفاظي ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿي، پر ڊڪشن ۾ سٺي ٻولي يا ڳالهائي ويندڙ ٻولي (Spoken Language) جي ذرعي جيڪي ڏيک (Visuals) تصورات (Images) ڌڪ (Punches) اڌما، احساس ۽ جذبات گڏجي ڪري استعمال ڪيا وڃن ٿا، اهي ئي ڊڪشن آهن، انهي حساب سان جڏهن هن مجموعي جون ڪهاڻيون پڙهجن ٿيون ته اسان کي نصير ڪنڀار جي ڪهاڻين ۾ اهو خوبصورت ڊڪشن به ملي ٿو.
    اهي ئي ڪارڻ آهن، جيڪي هن مجموعي جي ڪهاڻين کي مٿڀرو کڻيو بيٺا آهن، انهي حساب سان ميان نصير ڪنڀار ڪنهن ڏهر جي بدران ٽئونڪ تي بيٺل نظر اچي ٿو.
    باقي وڌيڪ مکياري پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي.
    2010-02-03
    ڄامشورو
    عبدالقار جوڻيجو


    ٻه اکر ليکڪ جا (سنڌ سلامت تي پڌرائي لاءِ)

    ترقي جي هن سفر ۾ جديد ٽيڪنالاجي هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو آحي، جيڪي شيون ڊگهن ۽ ٿڪائيندڙ مرحلن کان پوءِ تڪيمل جي حدن کي ڇهنديون هيون اهي هاڻي ايتريون آسان ۽ بهتر ٿي ويون آهن جن تصور ئي ڪونه هيو، بلڪل ائين ڪتابي دنيا ۾ به هڪ وڏو انقلاب انهي جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري آيو آحي، ڪو ڪتاب ڪا تحقيقي ٿيسز انهي کي حاصل ڪرڻ يا انهي کي نظر مان ڪڍڻ تمام گهڻو مشڪل هيو، اهي هاڻي پي ڊي ايف ۾ تمام آساني سان ملي وڃي ٿو، دنيا ڪتاب جي هارڊ ڪاپي کان سافٽ ڪاپي ڏانهن وڌڻ لڳي آهي، ڪيئي ناياب ۽ اڻلڀ ڪتاب هاڻي توهان پنهنجي ائينڊرائيڊ فون يا ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪري مطالعو ڪري سگهو ٿا، جڏهن ته اڳي جيڪي ڪتاب سنڀالڻ مشڪل هيا ۽ چڱي خاصي جاءِ والاريندا هئا، اهي هاڻي هڪ بٽڻ جيڏي چپ ۾ سمائجي سگهن ٿا.
    دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ڪتاب کي ڊيجيٽلائز ڪرڻ جو ڪم تمام گهڻو ٿي چڪو آهي، اسان وٽ ان قسم جي ڪم لاءِ سرڪاري يا نجي طور ادارا نه جڙي سگهيا آهن، انفرادي طور دوست وسيلن آهر انهي ڪم ۾ ڪوشان آهن، اڳتي هلي اهو ڪم ادارتي روپ ۾ نظر ايندو ”سنڌ سلامت“ انهي ڪوشش جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن تي دوست سليمان وساڻ ڪيترا ڪتاب اپلوڊ ڪري چڪو آهي، انهي ڪارخير ۾ سليمان سان گڏ ٻيا به دوست آهن، سائل مهراڻ به انهن نوجوانن مان هڪ آهي.
    منهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب ”واراياسا وجود“ ڇپايو به دوستن جي سهڪار سان هيو ۽ انهي کي آنلائين ۽ پي ڊي ايف ۾ آڻڻ جو ڪريڊٽ به دوستن سليمان وساڻ ۽ سائل مهراڻ کي وڃي ٿو، آئون ذاتي طور سائل جو شڪر گذار آهيان جنهن محنت ڪري، منهنجي ڪهاڻين کي ٻيهر ڪمپوز ڪيو، انهي کي ڪتابي صورت ۾ آڻي اوهان تائين پهچايو، منهنجيون هي ڪهاڻيون ڪيئن آهن، انهيءِ لاءِ اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو.

    ازل کان اوهان جو
    نصير ڪنڀر
    03332514001
    kunbharnaseer61@gmail.com


    پنهنجي پاران

    هڪ ليکڪ جي تخليقي سفر کي اڳتي وڌائڻ ۾ جتي ٻين محرڪن جو عمل دخل هوندو آهي اتي خانداني پس منظر ۾ ماحول جو وڏو دخل هوندو آهي. پنهنجي موروثي ورهاست ۾ مليل فن ليکڪ جي لکڻين ۾ ظاهر ٿيندو آهي. اتي هُن جي جيون جون گهاريل گهڙيون به لکاري جي لکڻين ۾ ظاهر هونديون آهن. انهي ڪري هڪ ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ مشاهدي سان گڏ زندگي ۾ آيل تلخ تجربن کي به بيان ڪندو آهي منهنجي به تخليقي پورهئي ۾ اهي ٻئي محرڪ تمام گهڻا اثر انداز رهيا آهن. پنهنجي والد سان گڏ ننڍپڻ ۾ مٽي جو ڪم ڪرڻ، بعد ۾ اسڪول ۽ ڪجهه سمجهه اچڻ بعد چاچي کان ٻڌل رومانوي داستانن مونکي ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو فن ڏنو. اهو ئي تخليقي مشاهدو ۽ مطالعو مونکي ڪهاڻي جي کيتر ۾ پير کوڙڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيو. بلڪل ايئن تعليم سانگي ڀاءُ سان گڏ سفر ڪندي گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتم ۽ اڪيلايون سٺيم. گهر کان پري اڪيلائي ۾ رهندي منهنجا ساٿي ڪتاب ٿيا. جو ڇهين ڪلاس ۾ اچڻ بعد مون رومانوي داستان پڙهڻ شروع ڪيا. اهو ئي پڙهڻ جي عادت يونيورسٽي ۾ مونکي ادب طرف وٺي وئي منهنجي مطالعي جي ٽيبل تي نصابي ڪتابن کان وڌيڪ ادبي ڪتاب هوندا هئا. پر پنهنجي لاءِ ادب جي ڪا به فيلڊ چونڊي نه سگهيس. جڏهن علي بابا ۽ عبدالقادر جوڻيجي جون ڪهاڻيون پڙهيم تڏهن ڪهاڻي لکڻ جو اتساهه مليو ۽ ڪهاڻي طرف هليو آيس. ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ورهين جي ڀليل کي راهه ملي ويئي. ڪهاڻي کيتر ۾ ڪهاڙا اڪ ڪارا ڪيا آهن اِهي اوهان اڳيان آهن.
    بنيادي طور تي ڪنهن ادبي تحريڪ يا ڪنهن ادبي شخصيت جي پاڇي ۾ رهي نه پڙهيو آهيان ۽ نه ئي لکيو آهي باقي جيڪو ڪجهه ادب بابت پڙهيس يا متاثر ٿيس اهو صرف مطالعي مان ئي ٿيس. هن رولاڪ طبيعت ۽ تعليم جي سفر ۾ مختلف شهرن ۾ رهندي يا ٿر جي ڀٽن ۾ پنڌ ڪندي جيڪو ڪجهه ڏٺم ۽ سٺم، انهي کي اوڳاڇي ڪاڳرن جي ڪينواس تي پلٽايو اٿم. انهي ڪري منهنجي ڪهاڻين ۾ ڪا فلاسافي، ڪو وڏو نظريو يا گهري سوچ نظر نه ايندي ۽ نه ئي مون انهي جي ڪوشش ڪئي آهي. گهر لاءِ پاڻي ڀريندي، مال چاريندي، ڪاٺيون ڪندي يا مزوري ڪندي جيڪو ڪجهه ڏٺم اهو ئي قلم وسيلي ڪهاڻين ۾ آندو آهي. منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار اڄ به آس پاس ڏسي سگهو ٿا، صرف پرکڻ واري اک ڌارڻ جي ضرورت آهي. اهي ڪردار اڄ به انهي پيڙائن ۾ پلجن پيا
    هڪ ليکڪ هئڻ جي ناتي مون هميشه اها ڪوشش ڪئي آهي لکڻ مهل منهنجا پير ڌرتي تي هجن. جنهن جا پير ڌرتي تان اکڙي ويندا آهن اهي هوا جي دوش تي هوندا آهن ۽ انهن جي پنهنجي ڪا به حيثيت نه هوندي آهي.اها ئي ڳالهه هئي جنهن مونکي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن جي پيڙائن کي بيان ڪرڻ جو اتساهه ڏنو. انهي ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان اهو وقت فيصلو ڪندو پر بهتر تڏهن ٿئي ها جڏهن انهن جي زندگين ۾ تبديلي جي ڪا شمع روشن ٿئي ها ڪيترائي اهڙا ڪردار ۽ قصا جيڪي ڌرتي جي سيني ۾ دفن ٿي ويا، يا تاريخ جي دز ۾ گم ٿي ويا پر انهن کي ڪهاڻين جو روپ نه ملي سگهيو. ڪاش جيڪر انهن کي بيان ڪري سگهان ها ته اها منهنجي ڪاميابي هئي.
    دنيا ۾ هينئر ٻه ماڻهو آهن جيڪي دنيا ۾ مشهور به آهن ۽ ڪمائن به ٺيڪ پيا. هڪڙو ڪرڪيٽر ۽ ٻيو رائيٽر. انهي جي ڀيٽ ۾ هتي صورتحال ئي ٻي آهي. هتي ليکڪ ڪيترن ئي ڀوڳنائن ۾ ڀوڳيندي لکي ٿو ته وري ڇپائڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونهي. سرڪاري ادارا سُتل آهن پر پرائيويٽ ادارن جي ڌنڌي جا مفاد آهن ۽ ادبي تنظيمون سياسي آکاڙا بڻيل آهن اهڙين حالتن ۾ جيڪر هڪ ليکڪ صرف هڪ پاسي ويهي لکڻ جو ڪم ٿو ڪري ته ڪنهن ڳڻپ ۾ڪونه ٿو اچي. اهڙين حالتن هوندي به مون اهو فيصلو ڪيو ته هڪ پاسي ويهي پنهنجو تخليقي پورهيو ڪبو. جر جو ڦوٽو ٿيڻ بجاءِ پنهنجي سمت ۾ اڳتي وڌجي پر مسلسل سفر ۾. انهي کي منهنجا دوست لکڻ جي عمل ۾ سست هئڻ چون ٿا ۽ اهي بجاءِ درست آهن. مونکي سنڌي ادب ۾ انهي ماڻهو پذيرائي ڏني جنهن کي اڄ تائين مون ڏٺو به ناهي سوجهرو جي ايڊيٽر تاج بلوچ سنڌ هند ۾ منهنجي ڪهاڻين کي متعارف ڪرايو. اها هن جي وسيع سوچ آهي
    منهنجي ڪهاڻين جو ڪتابي صورت ۾ اچڻ به هڪ عجيب اتفاق آهي. مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اهي ڪهاڻيون ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائيندس پر ڳچ عرصو پهرين دوست دليپ ڪوٺاري انهن ڪهاڻين کي ڇپائڻ لاءِ چيو. منهنجي سستي جي باوجود دليپ ڪوٺاري سموريون ڪهاڻيون کڻي ڪمپوز ڪرايون. انهي ڪري انهي مجموعي ۾ منهنجون سموريون شروعاتي ڪهاڻيون به آهن. پروف ٿيڻ بعد اهي ڪهاڻيون ڪيترا ئي ڏينهن موهن (انٽيل پريس) وٽ ڪمپيوٽر ۾ پيون رهيون (موهن انهن کي سنڀاليو انهي لاءِ مهرباني) دليپ ڪوٺاري جي حالتن اجازت نه پئي ڏني ۽ منهنجي خواهش هئي ته ڪوٺاري انهي کي ڇپائي. پر ڪجهه عرصو اڳ دليپ ڪوٺاري پاڻ اهي ڪهاڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ لاءِ دليپ دوشي کي ڏنيون ته جيئن هي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي سگهي انهي ڪري انهن ڪهاڻين جو ڪتاب “ وارياسا وجود” اوهان جي هٿن ۾ آڻڻ جو سمورو ڪريڊٽ دليپ ڪوٺاري ۽ دليپ دوشي ڏانهن وڃي ٿو، باقي تاخير سموري منهنجي کاتي ۾. سائين عبدالقادر جوڻيجي منهنجي ڪتاب لاءِ مهاڳ لکي هميشه جيان اُتساهه ڏنو آهي انهي لاءِ وڏا وڙ آهن. هن ڪتاب جي لاءِ منهنجي ڀائرن شوڪت هنڱورجو، ڪريم سميجو بهترين رايا ڏنا ۽ خالد عمراڻي پروف ڪيا. انهي لاءِ آئون انهن دوستن جو شڪر گذار آهيان
    ازل کان اوهان جو

    نصير ڪنڀر
    مٺي ٿرپارڪر
    ٿر ڪتاب گهر مٺي
    2010-02-12


    ڪهاڻيون

    بند ٽوڙي آيل ڳوڙها

    ٻار ڄائي کي ٽيون ڏينهن اچي ٿيو هو. پر گهر ۾ ماين جي اچ وڃ اڃان جاري هئي. جنهن ۾ نوجوان ڪنواريون ڇوڪريون، پرڻيل ۽ وڏي عمر جون عورتون به شامل هيون. جيڪي هن کي ڏسڻ ٿي آيون. پر هن ڏٺو پئي ته ٽن ڏينهن کان هلندڙ انهي رينگٽ ۾، جيڪي به مايون آيون ٿي، انهن جي چهري ته اها مرڪ نه هئي، جيڪا هڪ پٽ جي ڄمڻ مهل نهارڻ لاءِ ايندڙن ۾ هوندي آهي، ڇو ته هن کي پهريون ٻار ڌي ڄائي هئي. ايندڙ ماين جو ڪوڙو ڏند ٽيڙي مرڪڻ ۽ “ ڪيئن ٺيڪ آهين؟” جو روايتي جملو هن لاءِ زهر جو ڍڪ هو. جيڪو هن جي رڳن کي آري جيئن وڍيندو ٿي ويو.
    ويم جي سور کي ته هي برداشت ڪري رهي هئي، پر هن کي اهي روايتي جملا وڌيڪ ايذاءُ ڏيئي رهيا هئا، جيڪي ٻاهر پڪي عمر جون مايون هڪ ٻئي کي چپن تي آڱر رکي چئي رهيون هيون “ائي موڀي پٽ هجي ته ڀلو نه، ڌي ته آهي پرايو ڌڻ”
    “پر امان جيڪي رب ڏنو. پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون.”
    “مائي ملڪ ۾ اچي پاپ وڌيو آهي.”
    اهي جملا هن جي ذهن تي هٿوڙي جيان پئي لڳا ڄڻ ته ڌي يا پٽ ڄڻڻ هن جي وس جي ڳالهه هجي.
    قدرت جي مرضي جي خبر هوندي به اهڙا ڏنگيندڙ جملا هن لاءِ عذاب بڻجي آيا. وري جڏهن اهي مايون اندر اچي پڇنديون هيون ته، “آئي ٺيڪ آهين؟”
    “امان جيڪو رب کي منظور، ڌي به پنهنجو مقدر کائيندي” تڏهن هن جي دل ٿي چاهيو ته اهڙيون ڦيٽائون رنن کي ڪنڌ کان وٺي ٻه ٽي ڌڪ هڻي چوي ته “توهين ته آهيو رڳو فتني ۽ فساد لاءِ، ماڻهن جا گهر اجاڙڻ لاءِ” پر پوءِ به هن صبر جو ثمر هٿا نٿي ڇڏڻ چاهيو.
    اهڙيون ڳالهيون انهن ڦيٽائون ماين جي فطرت ۾ سمايل هيون
    اهڙين ماين جي طعنن ۽ تنڪن ڪيترائي گهر اجاڙيا هئا، هن کي پنهنجي زندگي جا اهي ڏينهن ياد اچي رهيا هئا. جڏهن هي ننڍي هئي ۽ هنن جي گهر ڇهين ڀيڻ آئي ته دائي ڀاڳي هن جي پيءُ رحيم کي چيو “ ابا رحيم هاڻي ته ڇهه ٿي ويون، اڃان ڪيتريون اينديون؟”
    “جيڪو رب کي منظور ماسي” رحيم منهن ڦٽائيندي چيو.
    انهي ڏينهن هن پنهنجي پيءُ جي منهن تي ڪاوڙ جا آثار ڪجهه وڌيڪ ڏٺا هئا. انهي بعد هن ڪڏهن به پنهنجي پيءُ کي ماءُ سان مرڪي ڳالهائيندي نه ڏٺو. هي ايتري وڏي به ڪونه هئي. پر سمجهي ويئي هئي ته پيءُ جي نرڙ تي گهنج ڇو آهن؟ ڄڻ هن جي ماءُ جو ڏوهه هجي.
    نو مهينا اڳ جڏهن هن جي ڪک سائي ٿي ته حجاب ۾ سليم کي هٻڪندي هٻڪندي مس چئي سگهي هئي ته سليم خوشي مان گلاب جي گل جيئن ٽڙي پيو هو. سليم پڙهيل لکيل نوجوان هئڻ ڪري، هن کي سڀ احتياط ۽ کاڌي پيتي لاءِ هدايتون ڏيئي ڇڏيون هيون. سليم هن کي ڀائيندو به گهڻو هو ۽ ڳوٺ جي گهڻن ڇوڪرن کان مختلف هو، پر جڏهن پٽ يا ڌي جو ذڪر نڪرندو هو ته، هي گھٻرائجي ويندي هئي، هن جي اکين اڳيان معصوم صالحان جو چهرو گهمي ايندو هو. پر هن ڊپ ۾ ڪڏهن به صالحان جو ذڪر سليم اڳيان نه ڪيو، هن کي پهرين ڊليوري جو ڊپ ايترو نه هو، جيترو صالحان سان ٿيل ويڌن جو. ها البت سليم چوندو هو ته “ ڌي يا پٽ اها سڀ نصيب جي ڳالهه آهي تنهنجي منهنجي وس ۾ ڪجهه ڪونهي. جيڪو رب کي منظور هوندو اهو ٿيندو”
    پر جڏهن هن جي پيٽ سان ٿيڻ واري ڳالهه، ڳوٺ جي ماين ۾ هلي ويئي تڏهن هي الائي ڇو ڪوشش جي باوجود لسي لاءِ ايندڙ صالحان سان اکيون اکين ۾ ملائي نه سگهي، هڪ ڏينهن صالحان چيو “ ادي ٻڌو آهي تون ڀاڳن واري ٿيڻ واري آهي؟”
    “هان! هن کان ڇرڪ نڪري ويو، لسي ڪڍڻ لاءِ ڀريل ناريل جي وٽي ڇڏائجي لسي جي ڪني ۾ ڪري پئي هئي
    “ها-هائو” هن منهن ٻي پاسي ڦري ڇڏيو
    “بس ادي الله ڪري پٽن واري ٿئين!!”صالحان واپس مڙندي چيو
    هن پويان صالحان کي سڏ ڪرڻ چاهيو، پر لفظ هن جي نڙي ۾ ئي اٽڪي پيا. هن چاهيو ته صالحان کي سڏي گلي لڳائي دلداري ڏيئي چوي “ادي هي تو هڪڙي سان نه ، پر تو جهڙين گهڻين سان ٿيندو آيو آهي، انهي ۾ اسان جو پنهنجو ڪهڙو ڏوهه؟” پر هي ڪجهه به چئي نه سگهي، ڏکن سان موهن جو دڙو بڻيل صالحان کي پويان نهاريندي رهي.
    هي جڏهن پرڻجي آئي تڏهن ڳوٺ جي ٻين عورتن جي باري ۾ ٻڌائيندي هڪ ڏينهن هن جي نڻان سڀائي، صالحان جي ڪهاڻي ٻڌائي ته هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي، سارنگ صالحان کي گهڻو ڀائيندو هو، پاڻ ۾ ڏاڍا خوش هئا، پهرين سال سڄي ٻني جو ڪم ٻنهي ڄڻن گڏجي ڪيو، پر جڏهن صالحان کي پهرين ئي ڌي ڄائي ته سارنگ کي الائي ڇا ٿي ويو، حرمت ۽ مهرو جي طعنن ۽ چيڙائيندڙ جملن الائي ڪهڙو اثر ڪيو جو هو ٻن ڏينهن تائين ته گهر ئي ڪونه آيو

    ٽئي ڏينهن جڏهن گهر ۾ آيو ته سڌو وڃي صالحان جي ڪمري ۾ گهڙيو، صالحان کي گاريون ڏيندي ننڍڙي معصوم کي ٿي ماريائين، صالحان جو هن جا خوني هٿ ننڍڙي ڏانهن وڌندي ڏٺا ته ڊوڙي وچان پئي، ويم جي ڪري اٿڻ جي طاقت نه هئس، پر هن کي معصوم جو ساهه پيارو هو، انهي ڪري رڙيون ڪيائين ته سارنگ جي ماءُ به ڊوڙي پهتي، تنهن سارنگ کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو، پوءِ ته سارنگ ٻارنهن مهينا سنڌ منهن ڪري هليو ويو، مس کيس واپس وٺي آيا، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن نه صالحان ۽ ڌي سان ڳالهائيندو آهي ۽ نه انهي جي هٿ جي ماني کائيندو آهي
    “انهي ۾ صالحان جو ڪهڙو ڏوهه؟” هن چيو
    “صالحان جو ڪونهي ڏوهه پر انهي ماين سارنگ کي چوريس، هن ويچاري جو گهر اجڙي ويو”
    انهي کان پوءِ هن کي صالحان تي رحم ايندو هو، صالحان سان هن کي همدردي هئي، پنهنجا پراڻا ٻه وڳا به صالحان کي ڏنائين، پر جڏهن کان هي پيٽ سان ٿي هئي تڏهن کان صالحان سان نظرون نٿي ملائي سگهي، ويتر هن جي دل ۾ خوف جا ڪوريئڙا ڄار اڻي رهيا هئا، جنهن ۾ وڪوڙجي ٿي ويئي، جتان هن کي سليم جون مٺيون ڳالهيون به ٻاهر نه پئي ڪڍي سگهيون، سارنگ جي ڀيٽ ۾ سليم وڌيڪ پڙهيل لکيل هو، پر انسان ۽ ڪاٺي جي اندر جي ڪنهن کي خبر؟ ڪنهن به وقت ڪلهه ڦري سگهي ٿي، دائي ڪريمان ۽ ٻين پڪي عمر وارين ماين جيڪي اٺ ڏهه ٻار ڄڻائي چڪيون هيون انهن جڏهن هن کي ڏٺو ته اٺين مهيني کان پوءِ پڪ پئي ڏني ته توکي پٽ آهي. “ائي ماسي ڏسين ڪونه ٿي ڇوڪري هلڻ مهل پهرين ساڄو پير پئي کڻي” ڪريمان دائي تجربي تحت چيو“منهن ڏسينس، صفا ڳل ويهي ويا اٿس” “هون اهي ته آهن” “آئي چيلهه ۾ سور رهئي ٿو؟” سفوران پڇيس “هل مائي، ڇوڪري سڌي ڪانه ٿي ٿي سگهي” سس ساران چيو هي ٿانو ڌوئيندي ڪنڌ هيٺ ڪري سڀ ڪجهه ٻڌندي رهي.“ته پڪ سان هن کي پٽ آهي” تڏهن هي مرڪي پئي هئي، دل ئي دل ۾ خدا جا شڪر ادا ڪرڻ لڳي ته “يا رب تون انهن جا ٻول سچا ڪجين”
    شام جو جڏهن اهي ڳالهيون ڪچهري ڪندي سليم کي ٻڌايائين ته سليم پهرين ٽڙي پيو، پر پوءِ چيائين ته “ جيڪو رب کي منظور هوندو، ايئن ٿيندو، ڌي به الله جي رحمت آهي” پر انهي مهل هن جي اکين اڳيان ماءُ جو اداس چهرو ۽ معصوم صالحان جي پراڻن ڪپڙن واري تصوير ڦري آهي، هن کي پهرين حمل جي نه پر ڌي يا پٽ ڄمڻ جي ڳڻتي هئي، سليم تي ته ڀروسو هوس پر ڳوٺ جي اڌڙوٽ ماين جي به خبر هئس جيڪي تيلي مان ٿنڀ ٺاهڻ جون ماهر هيون
    ڪالهه هن اوچتو سليم کي ڪمري اڳيان لنگهندي ڏٺو ته سڄي اجهامي ويئي سليم جو منهن لٿل هو، هن سوچيو ته جيڪر زمين جاءِ ڏي ته هي زمين اندر هلي وڃي، پر پوءِ انهي معصوم جو ڇا ٿيندو؟ هاڻي هن کي پنهنجو نه پر هن معصوم ڪومل تخليق جو الڪو هو، ويتر هن کي انهي مهل اهڙو ڌڪ لڳو جڏهن سفوران هن کي خيرت پڇڻ لاءِ ايندي سليم کي چيائين
    “او ابا منهن ڇو لاٿو اٿئي، ڌي ته گهر اچي ويئي اها به موڀي” هن کي اهڙا وهلور چڙهيا جو ڊوڙي وڃي سفوران جي ڪنڌ کان وٺي چوي “ ڪتي رن تو ته چيو هو هي پڪ سان پٽ ڄڻيندي، خدا جي ڳجهه ۾ هٿ به توهان وجهي ماڻهن کي آسمان تي چاڙهيو ۽ پوءِ اتان ڪيرايو به توهان ٿيون” پر هي سڄي ڪاوڙ هيٺين چپ ۾ چڪ هڻي پي ويئي، سفوران اندر آهي، پڇيائين “ امان ٺيڪ آهين؟” تڏهن رکائي ۾ ها چوندي ڪنڌ ڦيري ڇڏيائين، سفوران مهاري کولي ڇوڪريءَ کي ڏٺو “مائي آهي ته بلڪل پيءُ جهڙي، امان الله بچائي ڌي” سفوران ته ٿوري دير ۾ هلي ويئي پر هن کي الڪن اچي ورايو ته هي مايون ضرور ڪجهه ڪري ڏيکارينديون، سس جي چهري تي پيلاڻ ڏسي سمجهي ويئي ته مونکي به صالحان جيئن سور پٽڻا پوندا، وري جو ٻرندي تي تيل اڄ صبح دائي ڪريمان هاريو جڏهن سليم کي ايندو ڏسي چيائين“ ابا ڳالهائين نه ڳالهائين ڌي تنهنجي جوءِ ڄڻي آهي، مونکي دائپي جا ٻه سو روپيه ڏجين، پوءِ ڀلين سدا ڪاوڙيو ويٺو هجين”
    “ها ها” سليم رکائي مان جواب ڏئي هليو ويو.
    هي سوچڻ لڳي ڇا ڪري پنهنجو پاڻ کي ماري وجهي رڙيون ڪري پر ڪري ڪجهه نٿي سگهي، انهي لاءِ “مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ” منجهند جو ڪجهه ڀيڙ لٿي ته ماني مهل ڀائٽي مريم چيو “چاچي کان مون پڇيو ٻائي جو نالو ڇا رکنداسين؟” چيائين “بختور” هن کي ماني جو گرهه اٽڪندي رڙهي ويو، سوچيائين الائي ڪهڙا بخت کڻي آئي آهي، پر هتي ته هي نڀاڳيون اسان جي بخت پويان پيل آهن، لڙڪ اکين جا بند ٽوڙڻ وارا هئا ته روڪي ويئي
    شام جو گهر ڪير ڪونه هو، ننڍڙي روئي رهي هئي، هن سس ساران جو انتظار پئي ڪيو ته اچي ننڍڙي کڻي ڏي ته ٿڃ پيارانس جو ويم جي ڪر هي اٿي ڪانه پئي سگهي، اوچتو سليم ڪمري جي در تي اچي بيٺو هي يڪدم اٿي سڌي ٿي ويئي، هيٺيون ساهه هيٺ مٿيون ساهه مٿي سڪي ويس، اکيون کليل رهجي ويس، سليم هڪ ٽڪ هن جي چهري ۾ نهاريندي اندر آيو ته هي اهڙي ڪڇي جهڙي ديوار، هن جو گلو خشڪ ٿي چڪو هو، پيگهي ۾ معصوم وجود روئي رهيو هو، ٻئي لمحي سليم پينگهي ڏانهن وڌيو هن کان دانهن نڪري گلي ۾ دٻجي ويئي، سليم کي روڪڻ لاءِ سڌا ڪيل هٿ سڌا ئي رهجي ويا، سليم ننڍڙي کڻي پنهنجا خشڪ چپ معصوم جي نرڙ تي رکي ڇڏيا، چمندي ننڍڙي کي مٺي ڏيئي هن حوالي ڪري گڏ پئسا ڏيندي چيائين “ هي ٻه سو روپيه دائي ڪريمان کي ڏجان ۽ ٻڌائجان ته منهنجي بخت کي ڪجهه به نه چوي هي وڏي ڀاڳن واري آهي”
    هي يڪ ٽڪ سليم جي چهري ۾ نهاريندي رهي، ٻه لڙڪ اکين جا بند ٽوڙي هن جي سڪل ڳلن تي اٽڪي پيا.


    اُلڪا ۽ اُميدون

    ڏينهن ٻه پرهه مٿي اچي چڙهيو هو، هن کي اڃان رهي رهي سور اٿي رهيا هئا، جنهن ڪري هن جي مک تان پيڙا جو پڙلاءُ اچي رهيو هو، هن جي ڪنجهڻ جو آواز ٻاهر ويٺل ساهوءَ جي ڪننن ۾ ڌڪ هڻي رهيو هو، دائي پنهنجي ڪم ۾ رڌل هئي، پاڙي جون ٽي مايون مدد لاءِ بيٺل هيون، چاڳان هر ويل انهيءِ جي حڪم جي بجا آوري ڪرڻ لاءِ حاضر هئي. سج جي ڪرڻن واري جي وجود کي تپائي ڇڏيو هو. انهي ڪري پري جي وڻڻ جا پاڇا گرم واري جي ٻاڦ ۾ جلي رهيا هئا، تڏهن ساهوءَ ڍيري کي وٽ ڀريندي اٿي اچي لانڍي جي ڇانو ۾ ويٺو.
    اڄ سج جي ڪني ڪڍڻ کان پهرين هلڪو سوجهاڪو مس ٿيو ته پوڙهي چاڳان کٽ تان اٿي گهڙي مان پاڻي کڻي، منهن کي ٻه ڇنڊا هڻي، چانهه لاءِ ٻڪريو ڏهڻ وئي. ٻڪريون ڏهي اوٽي تي پير مس رکيائين ته سوڍي جو آواز ڪن تي پيو “ ماسي اڄ مومل کي گهراءِ مون کي سور پيا اٿن” تڏهن پٽ صابو کي ڳوٺ جي دائي مومل کي وٺي اچڻ لاءِ چيائين، صابو پاڻي جي گرڙي ڪئي نه ڪئي جهڙي، کڻي پيرن تي زور ڏنائين. چاڳان چانهه ڪاڙهي ٻه ٽي ڪپ ڪٽلي ۾ وجهي. پوڙي ساهو جي کٽ تي رکيائين جيڪو اڃان اٿي ويٺو هو. کنگهه ايتري ڍر ڪانه ٿي ڏني، جو پاڻي جا ٻه ڇنڊا منهن کي هڻي. چاڳان جلدي سوڍي کي ڪچي ڪوٺي ۾ ويم لاءِ وٺي وئي.
    سوڍي هن جي نهن هئي، دين دنيا ۾ هڪ پٽ صابو ۽ هڪ ڌيءَ خاتون هئا. ڌيءَ جو سنڱ صابو جي بدي ۾ ڏنائين، سوڍي جو هي پهريون ٻار هئس، انهيءَ ڪري چاڳان ۽ مڙسنهس ساهو ڏاڍا الڪي ۾ هيا، چاڳان، سوڍي جي مائٽن جي زور ڀرڻ جي باوجود سوڍي کي موڪل ڪانه ڏني، ماءُ گهڻو ئي چيس ته “پهريون ٻار آهي. موڪل ڏيو ته مائٽين ڪوٺي وڃون، اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، اڳي ست جڳن کان اها رسم پاڻ ۾ هلندي اچي ته پهريون ٻار، ناناڻي گهر ڄمندو آهي.” پر چاڳان ۽ ساهو سڀني کي لٺ جي ڇيڙي تي جهلي ڇڏيو. چاڳان ويم جو گهربل سامان تيار ڪري اڳ ۾ ئي مومل کي چئي ڇڏيو هئائين.
    “اي ادي اڳي ته ويچاري هوندي هئي سرهي، سو ته ٿي منهنجي مالڪ کي پياري، هاڻي اها مهرباني تون ڪجانءَ، الله صابو کي پٽ ڏيندو، توکي کير پياريندس. هي ڏس منهنجي سينڌ آهي” چاڳان چاندي پيل وارن جي چڳ کي جهليندي پڪ ڏياري.
    لانڍي جي ڇانو ۾ ڍيري ڪتيندي وهم ساهو کي وڻ ويڙهي جيئن وڪوڙي ويا هئا. جيڪي ڪڏهن هن کي ۽ ڪڏهن سامهون ويٺل صابو کي عجب سوچن جي ڪن ۾ ٿي آڻي بيهاريو ته ڪڏهن سوڀ جي چانئٺ تي سرخرو ٿي ڪيو.
    صابو سوچن ۾ زمين کوٽي رهيو هو، “الله پٽ ڏيندو... جي ڌي ٿي ته.. ڌي به الله جي رحمت آهي، پنهنجو ڀاڳ کائيندي پر پٽ.. سڀ دوست مبارڪون ڏيندا نه.”
    ساهو کي پنهنجي سجهي رهي هئي. “ شل رب خير ڪري ڏاڍو ڏکيو معاملو آهي... سرهي هجي ها... نه نه هي به ڇوري هوشيار آهي... جي ڪجهه ٿي پيو ته... اي الله خير ڪندو.”
    “ابا ٻي سئي وٺي آءُ” چاڳان جو آواز ڪن تي پيو ته هي ٻئي، خيالن جي دنيا ڇڏي حقيقت ڏانهن هليا آيا. هن هڪ نظر صابو ڏانهن وڌي، جيڪو ٽپ ڏئي اٿيو “چاڳو...” چاڳان کي اندر ڪنهن مائيءِ سڏ ڪيو.
    “ ها امان اچان پئي” چاڳان ورندي ڏني.
    ٻئي لمحي صابو جا پير ڳوٺ جي دڪان ڏانهن کڄڻ لڳا، اڱڻ لهندي ئي هن هلڪي ڊوڙ ڪئي، پيرن جا واري تي ٿپڪا، ٿپڪن مان اٿندڙ آواز ساهو جي ڪنن ۽ دماغ ۾ ڌڪ هڻڻ لڳا، پڙاڏي جي پري ٿيندڙ آواز سان گڏ هي به پنجويهه سال پوئتي هليو ويو، جڏهن هي صابو جي وهي جو هو.
    هي چئن ڀائرن ۾ وڏو هو، هن جي شادي جي گهر پهرين شادي هئڻ ڪري تمام گهڻي خوشي ڪئي وئي، ڳوٺ جي توڙي نيات جي ماڻهن تمام گهڻي شرڪت ڪئي، سندس ڄڃ ۾ 20 اُٺ ٻيلاسي سان ويا هئا، جڏهن عيسي جو تڙ ۾ منجهند جي ماني ڪيائون ته پنج ويهن ۾ ٻاراهو ٻڪر وٺي ڄاڃين جي ماني ڪيائون، هنن جي ڪاڄ جي سڄي ٿر ۾ هاڪ ٿي وئي، ڪنوار گهر ۾ آئي ته سڄو گهر هٿو هٿ ڪان ٿي پهتو. ڏير، ڏيراڻيون، سڀ ڀاڀي ڀاڀي پيا ڪندا هئا، ڳوٺ جون مايون هڪ ڏينهن نه ته ٻئي ڏينهن ضرور ملڻ اينديون هيون، ساهو جي گهر واري به ٿورن گهڻن ڏينهن ۾ سڀني سان رلي ملي وئي،
    هڪ ڏينهن هي به پيءُ ٿيڻ جهڙو ٿيو، انهي ڏينهن صبح ساڻ دائي مرحوم سرهي کي گهر ۾ اڳتي پوئتي ٿيندي ڏٺائين ته هن جي بدن ۾ ڪتڪتايون ٿيڻ لڳيون، سرهي هن جي ماءُ سان ڳالهائيندي، هن ڏانهن ٿي ڏٺائين ته هي اکيون نٿي ملائي سگهيو. “ مائي ڏاڍي کڙديال آهي، مبارڪون ڏنائين ته ڪجهه ورتي کانسواءِ ڪان ڇڏيندي.” هن کي خيال آيو، “ خير آهي ٻولاهي ٻڪري جو هيلوڪي ڇيلي کڻي ڏيندس”. هي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪيو.
    منجهند کانپوءِ ويم واري چونئري ۾ رش ٿيڻ لڳي مگر اڃان تائين نئين تخليق جو آواز هن جي ڪنن تائين نه پهتو، منجهند ڌاري ماءُ چيس “ابا چنيسر کي وٺي آ” هي ڊوڙندو مولوي کي وٺي آيو، تنهن شفائتون ۽ پليتا لکي ڏنا، سڄو گهر انهيءِ اوسيئڙي ۾ پريشان هو، جڏهن سج مٿان هيٺ مڙيو ته ننڍڙي ٻار جي اوئان... اوئان جو آواز هن جي ڪنن تي پيو، هر ڪنهن اچي مبارڪون ڏنيون. “اي ساهو مبارڪون هجئي، توکي پٽ ڄائي جون” ڳوٺ جا ننڍا وڏا سڀ اچي مڙيا، گڙ ورهائڻو، مبارڪن جي وٺ وٺان ٿي وئي، گڙ ورهائڻ تي پوڙهي حاجران کي ڇڏيو ويو، مٿان جو خبر پئي ڳوٺ جي فقير کي گهر ۾ اصل دهل جو دڌڪو پيو پئي،

    ٿوري دير بعد ساهو جي ماءُ ٻاهر نڪري دهل تي چني ڍاري چيو. “ابا لونگ هاڻي دهل نه وڄاءُ، نينگري به ٺيڪ ڪانهي الله خير ڪري ننڍڙي جي ڇٺي تي خوشيون ڪنداسين”.
    سج وڻن پويان لڪي روشني کي پنهنجي جهولي ۾ سميٽڻ لڳو، رات جي ديوي پنهنجي ڪاري چادر پکيڙڻ شروع ڪئي، مگر ساهو جي گهر واري جو ڪو حال ڪانه هو، کونئر جي رٻ وغيره پياري وئي، سابه پي نه سگهي، مائي کي لڇ پڇ وڌيڪ ٿيڻ لڳي، ويم هئڻ ڪري ڪيڏانهن وڃڻ به مشڪل هو، سڀ بيوسي ۾ هٿ مهٽي رهيا هئا، مولوي چيس الله جي واٽ ۾ خيرات ڪريو، ڀلو ٻاراهو ٻڪر حلال ڪري معصومن کي کارايو ويو، هر هڪ ڌڻي در ٻاڏائڻ لڳو ته“ منهنجا رب معصوم جي ماءُ آهي، خير ڪجان، دشمن کي به ڇٺي جو ڇورو ٿيڻ کان بچائج.”
    رات جي پوئين پهر اميدن جا سڄا وسيلا ٽٽي پيا، مائي هڪ ڏينهن جي معصوم ڇڏي پنهنجي ڌڻي ڏي رواني ٿي، گهر ۾ ٻاڪار پئجي ويو، جنهن جتي ٿي ٻڌو ته پيرن هيٺيان زمين ٿي نڪري ويئي، مرڻ وارا مري ويندا آهن، پنهنجا سور گڏ کڻي ويندا آهن، پر پويان ڇڏيل معصوم پوين لاءِ هميشه ڏک جو ثمر ٿي ويندا آهن، نيٺ صابو جي ڏاڏيءَ صابو کي نپائڻ جو ذمو کنيو، تنهن هوندي به صابو هڪ ته ٻئي پاسي ڏاڏي، ڏاڏو، چاچا، پڦيون وغيره گهڻا هئا، پر ماءُ پوءِ به ماءُ هوندي آهي، انهن سڀني ڪوشش ٿي ڪئي ته صابو کي ماءُ نه هئڻ جو احساس نه ٿئي پر هن بي سمجهه معصوم کي اها ڪل ئي ڪانه هئي ته ماءُ ڪڏهن موڪلائي هلي وئي.
    لوڪ منهن موڪ تنهن کي ڪير هٿ ڏي، جيڪو اچي ته چوي “ ٻيلي ساهو اڃان ننڍو نيٽو ويٺو آهي، نڪو ناناڻي، نه ڏاڏاڻي گهٽ آهي، هن بڻيادي گهر لاءِ سنڱ کوڙ” نيٺ ساهو جي ٻي شادي ڪرائي ويئي جنهن مان هن کي صرف هڪ ڌي خاتون ٿي
    هاڻي زماني به پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا هن جي ڪارن وارن جي جڳهه چاندي جي تارن ورتي ته صابو جي منهن تي منهسر ڦٽي، ڌي اڳي ئي “اروڙي” ڌڻ، وڌندي دير ئي نه ڪري” پنهنجي سالي جي گهر صابو جي منڱڻي ڪيائين بدي ۾ پنهنجي ڌي ڏنائين، ٽي سال تائين صابو جي اڱڻ تي خوشين جو ٻوٽو ڪانه اڀريو، پوءِ ڪجهه خيراتن مانين ۽ ڊاڪٽري علاج بعد زال اميد سان ٿي، اڄ کيس مبارڪون ملڻيون هيون پر پوڙهي ساهو کي الائي ڇو پاڻ سان ويڌن جا سور هن جي ذهن تي تري آيا هئا.
    “اي تون پريان ادي جوسي کي سڏ ڪري پنهنجو ڳاڙهو ڇيلو خيرات ڪريو” جوڻس جي آواز تي هي خيالن جي دنيا مان موٽي آيو. ڍيري کي اتي ڇڏي لوڙهي تان جوسي کي سڏ ڪيائين. صابو به ڊوڙ ۾ ٻي سئي وٺي آيو، سئي به لڳي، ڇيلو به خيرات ڪيو ويو، پر اڃان اميد جو ڪرڻو نه اڀريو ٿي.
    ٽاڪ منجهند جو ساهو جي ڪنن تي ٻي ڀيري ننڍڙي ٻار جي اوئان... اوئان جو آواز پيو. ٻئي لمحي ننڍڙي ٻار جي آواز سان گڏ سڏڪا گونجڻ لڳا، جيڪي هن جي زال جا هئا، ساهو بي ساختو اڳتي وڌي ويو “ڇا ٿيو؟” هن اتاولائي مان پڇيو.
    “ڄائو ته پٽ آهي پر...” دائي مومل چيو “پر ڇا ٿيو؟” هن وري پڇيو.
    “پر سوڍي گ... گذاري ويئي” مومل هٻڪندي چيو.
    “هان...”
    زمين، وڻ، گهر سڀ هن کي ڦرندا محسوس ٿيا، هي چڪرائجي هيٺ ڪري پيو.


    پرين پڄاڻان

    پٽيوالي جڏهن هن جي ٽيبل تي وزيٽنگ ڪارڊ رکيو ته ڪارڊ ڏسڻ بعد هوءِ فيصلو نه ڪري سگهي ته ڪهڙي شيءِ کي درست ڪري، هر هڪ شيءِ کي غلط جاءِ تي پيل محسوس ٿيڻ لڳي، اسيتائين جو هن پنهنجي ڪپڙن کي درست ڪيو، روالونگ چيئر کي گهمائيندي آفيس ۾ پيل شين تي نظر وڌي، تڏهن پٽيوالي جو آواز ڪنن تي پيس
    “ميڊم، وٺي اچانس؟”
    “هون، ها، ها، سڏينس”
    هن ٻئي هٿ ڳلن تي رکيا، وارن کي پوئتي ڪندي، ڪپڙا ٺيڪ ڪيائين، پر ڪا به ردوبدل هن کي مطمئن نه ڪري سگهي، هن جو ڌيان اڃان شين ۾ هو ته آفيس جو در کوليندي ڪنهن سلام ورايو “اسلام عليڪم”
    “وعليڪم سلام” هن اُٿندي چيو.
    ايندڙ شخص ڌيرج ۽ شانتي سان ڪرسي سرڪائي انهي تي ويٺو
    “ڪهڙا حال آهن؟”
    “ٺيڪ آهن؟” هن ويهندي چيو
    “مون ته توهانکي سڃاتو به ڪونه... توهان ته وري يادگيري ئي نه ڪئي” سامهون شخص يڪ ٽڪ هن ۾ نهاريندو رهيو، هن جو هٿ بي اختيار بيل ڏانهن ويو، بيل جي آواز تي پٽيوالو آيو
    “جي ميڊيم”
    “ڪولڊ ڊرنڪ وٺي آءُ”
    پٽيوالو در پويان غائب ٿي ويو، هن محسوس ڪيو ته آفيس هوادار هئڻ جي باوجود گرمي محسوس ٿي رهي هئي، سوچائين پکو بند آهي، وري پڪ ڪرڻ لاءِ مٿي نهاريائين، پکو هلي رهيو هو، منهن تي پگهر محسوس ڪيائين، ٽشو سان پگهر اگهيائين مس ته پٽيوالو ٻه بوتلون کڻي آيو، ٽيبل تي رکندي هڪ نظر سامهون ويٺل شخص تي وجهي ميڊم کي ڏٺائين سوچيائين “اڄ ميڊم تي ڳري بلا ڪري آهي”
    “علي صاحب، توهان ڪٿي آهيو، ڇا ڪيو پيا، اسين ته هڪ پاساوان ٿيو هي خير جو ڪم ڪري رهيا آهيون”
    “ڪراچي جي هڪ رسالي ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان”
    “تمام سٺي ڳالهه، اڄ اسان جي غريب خاني تي ڪيئن؟”
    “ڇو، اچڻ سٺو ڪونه لڳو ڇا؟”
    “نه نه ايئن ته ناهي، پر ڪڏهن اڻٿيڻي به ٿي پوندي آهي، انهي ڪري چوان ٿي”
    “سوچيم پراڻا ڦٽ سُڪي نه وڃن، انهن کي تازو ڪرڻ گهرجي”


    “ڇڏيو پراڻين ڳالهين کي، خير ته آهي نه؟”
    “بس خير آهي، اتي هڪ اسائنمينٽ ملي آهي، انهي لاءِ آيس، سوچيم توهان کان ٿيندو وڃان”
    “هتي جو توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟”
    “اسڪول جي بورڊ تي نالو پڙهيم”
    “ٺيڪ آهي توهان ڪولڊ ڊرنڪ پيو، آئون اجهو اچان ٿي” هن جي هلي وڃڻ کان پوءِ هن آفيس جو جائزو ورتو، لڳل تصويرن جي قطار ۾ هڪ فوٽو اهڙو هو، جنهن هن کي بيقرار ڪري ڇڏيو، يونيورسٽي ڪئمپس جي مين گيٽ آڏو ڪڍيل گروپ فوٽو جنهن ۾ استادن سان گڏ اڳيئن قطار ۾ هيٺ ويٺل ڇوڪرين ۾ هڪ ڇوڪري، تصوير ۾ نهاريندي خيالن جي دنيا ۾ ڏهه سال پوئتي هليو ويو.
    هڪ غير متوقع ملاقات ۾ جڏهن هوءِ ساڻس ملي هئي، انهي ڏينهن بس ۾ رش هئي، کيس جاءِ نه ملي هوءِ بيٺل هئي، تڏهن هن پنهنجي سيٽ آفر ڪئي، جڏهن ٿانيڪي ٿي ويٺي، تڏهن کان پاڻ ئي بغل ۾ جهليل فائيلن جو دستو ورتو هيائين، جنهن تي لکيل نالو ۽ ائڊريس پڙهي هن ڏي ڏٺو هيائين، پوءِ جڏهن هي ٻئي يونيورسٽي ۾ اوچتو هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا ته حيران ٿي ويا، اتان ئي سندن ميل ميلاپ شروع ٿيو، زندگي جو ڦيٿو، وقت جي رستي تي هلندو رهيو، هي انهن ڏينهن ۾ ئي وڇڙيا جڏهن ڪئمپس جا سڀئي وڻ ڦلاريا ۽ علامه آءِ آءَ قاضي جي مزار کان حيدر بخش جتوئي پويلين تائين، هوائن ۾ هٻڪارون هيون
    “مان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان”
    “علي مون اهو فيصلو اڳئي ڪري ڇڏيو هو، شهمير منهنجو ڪلاس فيلو آهي، مون تو سان انهي ڳالهه جو اظهار نه ڪيو، انهي ڪري توکي تڪليف پهتي”
    “اظهار لاءِ زبان کان سواءِ به وسيلا آهن؟”
    “ها، پر علي اسان ته هڪ ٻئي کي پرکيو به ڪونه”
    علي انهي ڏينهن اخبار جي آفيس به وڃي نه سگهيو ۽ مارئي پاران مليل گلاب ۽ اکين مان لڙي آيل ٻه لوڻاٺا لڙڪ گڏي هميشه لاءِ ڊائري ۾ رکي ڇڏيائين، وقت پنهنجي محور ۾ ڦرندو الائي ڪيترين جوانين جي ڪارن وارن ۾ چاندي پوئي ويو
    در کلڻ جي آواز، هن کي ماضي جي ساروڻين مان کڻي وري آفيس ۾آندو “توهان ڪولڊ ڊرنڪ اڃا ڪونه پيتي؟”
    مارئي ڪرسي تي ويهندي چيو “ ڇڏيو ٻي ٿا گهرايون”
    هن اکيون بند ڪندي هٿ سان نه ڪئي، بند اکين جي ڇپرن جا بند ٽوڙيندي ٻه ڳوڙها هن جي ڳلن تي تري آيا.
    “علي هي ڇا آهي؟”

    “بس منهنجي وس ۾ ناهي”
    “مون سمجهيو ته اهي ڳالهيون ئي وساري ڇڏيون هونديون”
    “ها مارئي، ڪاش ايئن ممڪن هجي ها، وڇڙڻ کان پوءِ اچي ڏسين ها ته منهنجي دل ۾ ڪيترا دبيل جا دڙا ٺهيا، مون تو لاءِ جيڪي دل جا شهر آباد ڪيا، اهي اڄ کنڊر بڻجي ايذائي رهيا آهن”
    “مون کي پوءِ انهي ڳالهه جو ڏک ٿيو ته مون....”
    “مارئي مونکي پوءِ خبر پئي ته، مونکي توسان ڪيتري محبت آهي؟”
    “مون به پوءِ ڪهڙو سک جو ساهه کنيو آهي، مون جيڪو لوڙيو آهي اهو داستان الڳ آهي”
    “تو ته پنهنجو سهارو ڳولي ورتو، اڄ هيڏو ادارو آهي، تو وٽ،گهر، ٻار ٻيو ڇا گهرجي؟”
    “هون سڀ ڪجهه” مارئي ڪرسي کي پوئتي ٽيڪ ڏئي، مٿي ڇت ۾ نهاريندي چيو
    “ڇو؟”
    “علي مون هي ڏهه سال جنهن تڪليف ۾ گذاريا آهن، انهي جي شايد ڪنهن کي خبر هجي!!”
    “ڇو، شهمير ته...”
    “رڳو ڊگري ماڻهو جي ذهني سوچ جي ڪنفرميشن نه هوندي آهي”
    “پوءِ به ڪجهه ته آئون به ٻڌان”
    “ڇا ٻڌندين؟”
    “.................!!”
    “شادي بعد شهمير اهو ئي روايتي ٻهراڙي وارو مرد نڪتو، يونيورسٽي جي ماحول هن ۾ ڪا به تبديلي نه آڻي، نوڪري نه ملڻ ڪري مائٽن ڪاروبار کولي ڏنس، آئون هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ٽيچر ٿي ويس، سال تائين مونکي Pregnancy نه ٿي، انهي شهمير ۽ هن جي مائٽن ۾ وهم وجهي ڇڏيا، عجيب عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳا، جيڪي مون کي ڏاڍي تڪليف پهچائينديون هيون، نيٺ ڊاڪٽر سان مشورو ڪيوسين تنهن سال کن علاج ڪيو، پر ڪو به فائدو نه ٿيو ۽ نه ئي هتي ڪا برجستي ليڊي ڊاڪٽرياڻي هئي جنهن وٽ علاج ڪرائجي، انهي ڪري شهر وڃي اسان ٻنهي ٽيسٽون ڪرايون، شهمير جي Sperms جي ٽيسٽ پازيٽو آئي، هاڻي جيڪي به نقص هئا سي مون ۾ هئا، انهي لاءِ ڊاڪٽرياڻي مون کي چيو ته توهان Serum FSH, Serum LH ۽ Serum prolaction ٽيسٽون ڪرايو، جنهن ۾ خبر پئي ته Ovaries ۾Astrogin ۽ Progestren ٺهن ئي ڪون ٿا، انهي ڪري هي مسئلو دوائن وسيلي حل ٿي نه سگهندو، انهي لاءِ DNC يا ميجر آپريشن ٿيندو، اهو هتي ناممڪن آهي”
    “...................!!”
    “هاڻي سڀ ڳالهيون منهنجي کاتي ۾ اچي چڪيون هيون، انهي انڪشاف منهنجو گهر ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪري ڇڏيو، منهنجي مٿان قيامت انهيءِ ڏينهن ڪري، جڏهن شهمير جي ٻي شادي جي خبر مونکي پئي، هڪ عورت هئڻ جي ناتي سان آئون شهمير جي اولاد جي ماءُ ته ٿي ڪانه پئي سگهيس، پر هڪ زال هئڻ جي ناتي سان منهنجي لاءِ اها خبر باهه تي گاسليٽ جيان هئي”ٿڌو ساهه کڻي مارئي ڳالهه جاري رکندي چيو “مون سوچيو ته جڏهن هينئر منهنجو هتي جيئڻ جنجال آهي، ته ٻي شادي کان پوءِ منهنجي لاءِ هتي ڪهڙي عزت هوندي، انهي ڪري مون شهمير کي صاف صاف چيو ته تون ٻي شادي ڪرين ٿو ته مونکي طلاق ڏيڻي پوندي، شهمير بنا ڪنهن اعتراض جي منهنجي هٿ ۾ طلاق نامو ڏئي ڇڏيو، جيڪو مون حق مهر سميت هن کان ورتو، مون سوچيو ته اولاد جي ته ماءُ آئون ٿي ڪانه سگهندس، پر اهڙو ڪو ڪم شروع ڪيان، جنهن سان منهنجي اها ڪمي پوري ٿئي، انهيءِ لاءِ هي اسڪول کوليم، هاڻي منهنجو گهر هي اسڪول آهي”
    علي ٿڌو ساهه ڀري سڌو ٿي ويٺو، اسڪول ۾ خاموشي لڳي پئي هئي، ڪولڊ ڊرنڪس گرم ٿي چڪيون هيون، هن بيل وڄائي، پٽيوالو آيو، ڪولڊ ڊرنڪس ٻيون آڻڻ لاءِ چوندي پٽيوالي کي چيائين “ٽيچرس کي چئو ته ڪم ڪار لاهي جيڪي وڃڻ چاهين اُهي ڀلي وڃن”
    ڪولڊ ڊرنڪ مان چسڪي وٺندي هوءِ ڪرسي تي آهلي پئي “تون ڀلا خوش ته آهين؟”
    “هون، ها”
    “اولاد ڪهڙو اٿئي؟”
    “اڃان اولاد جي ماءُ ڄائي ڪانهي”
    “هون” هي ڪرسي تي سڌي ٿي ويٺي
    “زندگي ۾ جنهن کي ساٿ لاءِ آفر ڪيم، انهي ٺڪرائي ڇڏيو، وري اهڙو ڪو ساٿي مليو ئي ڪونهي”
    “پوءِ؟”
    “رلندو آهيان، دنيا جا ڏک سور گڏ ڪندو آهيا، پهرين اخبار جو، هاڻي مئگزين جو پيٽ ڀريندو آهيان”
    “هتي ڪڏهن آئين؟”
    “رات دير سان ٽرين ۾ آيس”
    “هئين ڪٿي؟”
    “هوٽل ۾” هن سگريٽ دکائيندي چيو

    “سگريٽ ڪڏهن کان شروع ڪيا اٿئي؟.
    “توکان وڇڙڻ کان پوءِ”
    “ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
    “اهو عمل جنهن سان تنهنجي ياد وسري ۽ موت جلدي اچي”
    “ڏاڍو زندگي مان بيزار ٿو لڳين؟”
    “غير متوقع فيصلن ئي منهنجا زندگي جا معمول ۽ رويا بدلائي ڇڏيا آهن”
    “ڀلا ماني اتي گهرائي وٺون؟”
    “منهنجي ڪنهن شيءِ جو ڪو ٽائيم ڪونهي، تون ڀلي گهراءُ”
    “کائڻ ۾ ته حرج ڪونهي؟” هلڪو مرڪندي چيائين، هن بيل وڄائي ته پٽيوالو آيو.
    “چاچا رحيم بخش، هي علي صاحب آهي، منهنجي يونيورسٽي ميٽ، تون مٿي وڃي ماسي کي چئو ته منهنجي ۽ مهما ن جي ماني هتي کڻي اچي”
    “جي ميڊم” هن هڪ نظر علي تي وڌي جنهن جا وار چاندي ٿي چڪا هئا ۽ اکين ۾ اداسي ڇانيل هئي، ماني کائيندي مارئي چيو “علي توکي شادي ڪرڻ گهرجي، ائين اڪيلو وقت ڪيستائين گذاريندين؟”
    “جيستائين گذاري سگهيس”
    “پر ائين ته ٺيڪ ناهي؟”
    “ٺيڪ هتي ڪهڙي شيءِ آهي؟”
    “منهنجو مطلب ته تون ڪنهن سٺي ڇوڪري کي آفر ڪر”
    “تو کان پوءِ مونکي تو جهڙي ڪا به سٺي ڇوڪري نظر نه آئي آهي”
    “تون انهي ڳالهه تي سوچ ته صحيح”
    “۽ جيڪر اهو ساڳيو گل آئون تنهنجي جهولي ۾ اڇلايان ته؟”
    “منهنجي ۾!!” هن اتاولائي ۾ پڇيو
    “ها” علي اطمينان سان چيو
    “علي مون وٽ رهيو ڇا آهي، هڪ عورت وٽ جيڪو ڪجهه هئڻ گهرجي اهو مون وٽ ڪٿي آهي؟”
    “واقعي مارئي، پر مونکي تون سموري کوٽ جي باوجود قبول آهين؟
    “سڀ مرد ائين چوندا آهن، پر شادي کان پوءِ اهي عورت کي رڳو ٻار پيدا ڪندڙ مشين سمجهندا آهن ۽ اها صلاحيت مون وٽ نه آهي، پوءِ ڀلي کڻي مونکي ڪڏهن ڪڏهن مينسز ايندا آهن”
    “مارئي اڄڪلهه جي دور ۾ اها اڻٿيڻي نه آهي، جديد سائنس ۾Instrauterince Insemination, IVF invitro fertilization ۽ IGSI جديد طريقا نڪتا آهن، انهيءِ جو علاج آهي، پر مونکي اولاد کان وڌيڪ تنهنجي محبت جي گهرج آهي، جيڪا رڳو تو وٽان ئي پوري ٿي سگهي ٿي”
    “ها پر مون انهي پاسي جون سڀئي ٻيڙيون ساڙي ڇڏيون آهن، هي معصوم ٻارڙا جڏهن صبح شام مونکي پاٻوهه مان کيڪاريندا آهن ته سڪون ملي ويندو آهي”
    “پر اهو دائمي سڪون ناهي”
    “دنيا ۾ ڪو به رشتو جٽادار نه آهي علي، سڀ عارضي آهن ايستائين جو زندگي به دائمي نه آهي”
    “پوءِ مونکي انهي رشتن ۾ جڪڙڻ جون صلاحون ڇو ٿي ڏين؟”
    “تون مرد آهين، توهان پوپٽ آهيو، گل، گل جو واس وٺڻ اوهان جي فطرت آهي”
    “گهڻن گلن تي ڦرندي ڏٺو اٿئي؟”
    “اهڙا ڪردار آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿا”
    “پوءِ اهڙن ڪردارن کي رڳو تو جهڙيون ئي عورتون سنڀالي سگهن ٿيون”
    “علي تون منهنجي لاءِ ايترا پيچرا تانگها ڇو ٿو ڪرين؟”
    “منهنجي گهر ڏانهن ايندڙ سمورا رستا تولاءِ وسيع ۽ وشال آهن، تون پاڻ پئي تانگها ڪرين”
    “علي منهنجي جواني تي ويندڙ عمر رانڀوٽا هڻي، جهرين جي صورت ۾ پنهنجا نشان ڇڏي رهي آهي، انهي ۾ توکي ڇا ملندو”
    “اڃان شڪ جي ٻيڙي ۾ سوار آهين؟”
    “آئون پنهنجو مستقبل ٿي ٻڌايان، منهنجو شڪ ناهي”
    “مون تنهنجو هٿ، تنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل سميت گهريو آهي”
    “علي مون تنهائي جي موت جو فيصلو ڪيو آهي”
    “ان مان ڳچ حصو مونکي ڏي ته پهرين آئون هن دنيا مان هليو وڃان”
    مارئي منهن ٻنهي ٻڪن ۾ وجهي سڏڪڻ لڳي، هن پاڻي جو گلاس ڀري مارئي جي ڪلهي تي هٿ رکيو، مارئي ڪنڌ مٿي کنيو ته هن پاڻي جو گلاس ڏنو ۽ پاڻ ماني جا ٿانوءِ کڻڻ لڳو، گرڙي ڪري هن اٿڻ جي تياري ڪئي
    “ڪيڏانهن؟”
    “وڃان ٿو هوٽل تي شام جو ڪنهن شخصيت جو فوٽو سيشن آهي، رات مواد تيار ڪري فيڪس ڪندس، سڀاڻي ٻئي پاسي هليو ويندس”
    هو منهن اگهندي مٿي اٿي، علي ڏٺو ته بي انت ڏکن جي باوجود هو، اڃان ساڳي هئي، سندس هلڻ ڳالهائڻ جا طريقا، بدن جي بيهڪ، پيشاني، نڪ، سڀ اڃان به اٽريڪٽو هئا، ٻاهر نڪري گيٽ وٽ آيا.
    “علي، تون ٿڌي ذهن سان انهي تي......”
    “ٻڌ مارئي” هن ڳالهه وچ ۾ ڪٽيندي چيو “آئون ڍنڍ جو پکي ڪونه آهيان جو اڄ هڪ ڪپر تي سڀاڻي ٻئي تي ۽ نه ئي گل گل جو واس وٺندڙ ڀوئنرو، جيڪڏهن تون منهنجي زندگي ۾ اچڻ چاهين ته تنهنجي لاءِ منهنجا نيڻ آتا آهن، دل جا دروازا کليل آهن، نه ته ٻي ڪا به عورت منهنجي زندگي ۾ نه آئي آهي ۽ نه ئي ايندي”
    مارئي ڏند ڀڪوڙي خاموش ٿي، در ڏانهن وڌي، ٻاهران پٽيوالي در کوليو.

    “رات ڪٿي هوندين؟”
    “ساڳي هوٽل تي”
    “هتي رهي پئو”
    “اهڙي ڳالهه نه آهي، جي ڪم هجي ته گهرائي وٺجان، منهنجي هوٽل جو فون نمبر هن ڪارڊ تي آهي”
    اها شام مارئي لاءِ ايڏي ڊگهي ٿي وئي جو کٽڻ جو نانءُ نه پئي کڻي، هن محسوس ڪيو ته سڄ دنيا جو ڏک اڄوڪي شام ۾ لهي آيو آهي، اسڪول جو ڪم کانئس نٿي اُڪليو، هونئن ته آڌي تائين آفيس ۾ ويهي ڪم ڪندي هئي، مٿي ڪمري تي وئي ماسي ماني پچائي رهي هئي، هن کي اتي به آرام نه آيو، ماني کائڻ ويٺي، ماني نه پئي وڻيس، ٻه ٽي گرهه ڀري ماني ڇڏي ڏنائين، ڪمري ۾ آرام ڪرڻ وئي ته به آرام نه ٿي آيس، کيس هر جاءِ ۽ هر هنڌ هن جي صورت ٿي نظر آئي، آئيني ۾ چهرو ڏٺائين، وارن کي صحيح ڪيائين، چهري تي هٿ گهمايائين
    “اڙي هي ڇا؟ هي ته علي بيٺو آهي!!”
    هن سجاڳي سان گهڙيال ۾ ڏٺو، 11 پئي ٿيا، هن ڪارڊ ڏٺو علي شاهين رپرٽر، نيوز لائين ڪراچي، ڪارڊ پويان نمبر لکيل هو، هن رسيور کنيو “ڊائل ڪريان نه ڪريان، ها ڪريان ٿي، نه نه ڪونه ٿي ڪريان، ڪريان نه ڪريان، جيڪڏهن فون ڪريان ته ڇا چوان، ڪيئن چوان؟ هن جون آڱريون بي اختيار نمبرن تي هلڻ لڳيون
    “هيلو مهراڻ هوٽل، روم نمبر 7 تي علي سان ڳالهائڻو آهي”
    “هڪ منٽ هولڊ ڪريو”
    “هيلو”
    “علي آئون آهيان”
    “ها مارئي، ڏي خبر؟”
    “علي مون فيصلو ڪري ورتو آهي؟”
    “ڪهڙو فيصلو؟”
    “توسان ملي هڪ ٿيڻ جو”
    “سچي!!”
    “ها سچي”
    علي جي هٿ مان رسيور ڇڏائي وڃي ٿو، ٽهڪ ڏيندو گول گهمي هيٺ ڪري ٿو، فون مان ايندڙ آواز ڪمري جي وسعتن کي گهرو ڪري ڇڏين ٿا.


    وٿيون

    ”گ...ڊ...ما...ر.....نـ...نگ.... سر.” سڀني ٻارن اٿندي چيو.
    “گڊ مارننگ، گڊ مارننگ، سٽ ڊائون” استاد ٻارن کي هٿ سان ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو.
    “سر اڄ هوم ورڪ چيڪ ڪندو؟” هڪ شرارتي ٻار اٿندي چيو.
    “ها ويهو ويهو” استاد سوال پڇندڙ ٻار کي اشارو ڪندي چيو
    “هي نئون سر آهي” هن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين “ اڄ اوهان جو ڪلاس وٺندو، شاباش ويهو، گوڙ ڪير نه ڪندو.” استاد اهي لفظ چئي پويان خالي پيل ڪرسين ڏانهن هليو ويو ته هن پنهنجو پاڻ کي ٻارن ڏانهن متوجه ڪيو، سڀئي ٻار خاموش، هن ڏانهن نهاريندي آڏي اک سان ڀر ۾ ويٺل ٻارن سان نظرون ملائي مرڪي رهيا هئا.
    “جيئن ته اڄ آئون اوهان جو انٽروڊيڪشنلي ڪلاس وٺندس”.
    هن ڳالهائڻ جي شروعات ڪندي چيو. “ هونئن ته توهان کي سر نثار پڙهائيندو، پر پاڻ اڄ اتان ئي شروعات ڪنداسين، جتي توهان ٽاپڪ کي اڳئي ڇڏيو آهي.” ٻئي لمحي هي ٽاپڪ لکڻ لاءِ چاڪ کڻي بورڊ ڏانهن وڌيو، ٽاپڪ لکي هن انهي ٽاپڪ تي ڀرپور جامع ليڪچر ڏنو، جنهن ۾ ٻارن جي انٽريسٽ وٺائڻ لاءِ وڌيڪ مختلف مثال ڏئي چارم پيدا ڪيو، سمورو ڪلاس لهرن وانگي هو، جنهن۾ هن جو آواز ئي ڪلاس جي ديوارن سان ٽڪرائي اسڪول جي ڪاريڊور ۽ پرنسيپل جي آفيس تائين وڃي رهيو. ڪلاس دوران مختلف ٽيچر هن جي ايفيشنسي پرکڻ لاءِ مختلف درين مان نهاري هليا ٿي ويا، جڏهن هن ٽاپڪ کي پڄاڻي تي پهچايو تڏهن اسٽوڊنٽ هڪٻئي ڏانهن شرارتي نظر سان نهارڻ بجاءِ هن ڏانهن مرڪي رهيا.
    “جيئن ته توهان جو پيرڊ ختم ٿيڻ ۾ باقي پنج منٽ آهن، پنهنجو ٽاپڪ ڪمپليٽ ٿي ويو آهي، بقايا ٽائيم ۾ سر نثار توهان سان ڳالهائيندو”
    هي سائيڊ تي ٿي بيٺو “ سر توهان پنهنجو انٽروڊڪشن ڪرايو” ڇوڪرين جي قطار ۾ هڪ ڇوڪري اٿندي چيو
    “ها سر توهان تعارف ڪرايو، پوءِ ٻار پنهنجو تعارف ڪرائيندا” پوئين قطار ۾ ويٺل سينئر استاد چيو.
    “منهنجو نالو بادل، آئون پوسٽ گريجوئيٽ، فزيڪس ۾ اتان ڪراچي مان ڪئي آهي” انهي بعد ٻارن پنهنجو تعارف ڪرايو ڇوڪرن جي قطار ۾ پهرين ڇوڪري اٿندي چيو، وسيم، ڪيلاش، سفير احمد، عطا..... ائين سڀ ڇوڪرا تعارف ڪرائي ويا تڏهن ڇوڪرين جي پهرين قطار ۾ ڇوڪري اٿندي چيو. فائزا ميمڻ، سنڌيا، صبيحه فلپوٽو، نيلم شيخ، آصفه... سڀ ڇوڪريون تعارف ڪرائي ويا تڏهن سينئر استاد اڳ ۾ ۽ هي پويان ڪلاس کان ٻاهر نڪرڻ لڳا ته سڀني ٻارن اٿندي چيو “ ٿينڪ يو... سر”
    “ٿينڪ يو ويري مچ، ڊيئر اسٽوڊنٽس” هن مسڪرائيندي جواب ڏنو هن جي مرڪ سڄي ڪلاس ۾ پرهه ڦٽي مهل پوندڙ ماڪ جيئن هوريان هوريان ڦهلجي ويئي.
    “ نيپا، نيپا.... چلو ڀائي نيپا چورنگي والي.” ڪنڊيڪٽر هوڪو ڏيندي چيو ته هي خيالن جي دنيا مان ڇرڪي ماضي جي ولڙين مان پاڻ کي آجو ڪندي، حقيقت جي دنيا ڏانهن هلي آيو، هنج ۾ پيل ڊائري ڪجهه پنا ۽ ڪتابن کي ٺاهيندي اٿيو، خالي هٿ ڇت واري شيخ ۾ وجهي، بس جي پوئين گيٽ ڏانهن وڌيو، هن کي خبر هئي ته هن اسٽاپ تي رش گهڻي ٿيندي آهي انهي ڪري لهڻ ۾ ڏاڍي ڏکائي ٿيندي آهي ڇو ته هن اسٽاپ تان هي روز لهندو ۽ چڙهندو هو، بس جيئن بيهڻ لاءِ جهٽڪو کاڌو ته هي گيٽ تي بيٺل ڪجهه ماڻهن مان ٿيندو وڃي بس جي گيٽ تي پهتو، هيٺين پائدان ۾ پير ڦاسائي ٻاهرين لوهي شيخ ۾ هٿ وڌائين، بس بيٺي ته هي لهي ماڻهن جي انبوهه کان ٻاهر نڪري ماڻهن جي چڙهڻ جو تماشو ڏسڻ لڳو، جيڪي هاڻي بس جي گيٽن کي ائين وڪوڙي ويا هئا جيئن مکيون ڳڙ تي يا اٽي جي بحران ۾ ماڻهو رائس مل جي گيٽ تي گڏ ٿيندا آهن. هن جو معمول هوندو هو ته لهي پوءِ ماڻهن جي انهي وٺ وٺان کي ڏسي پوءِ اسڪول جي لاءِ روانو ٿيندو هو.
    يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ بعد، ڪجهه ڏينهن هي ائين آوارهه گهمندو رهيو، مختلف ادبي دوستن سان ڪچهريون ڪندو رهيو، هڪ ڏينهن هڪ ڀلوڙ مئگزين جي ايڊيٽر هن کي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو “ يار بادل تون سٺو لکندڙ آهين، جيڪر اخبار ۾ ڪم ڪرين ته آئون اڄ ئي تنهنجي لاءِ ڳالهايان ۽ تون اخبار ۾ رپورٽر ٿي وڃ”
    “ نه يار ساحل، اخبار جو ڪم ڏاڍو ٿڪائيندڙ آهي، انهي ۾ ماڻهوکي بائونڊ رهڻو ٿو پوي، اها ئي منهنجي طبيعت جي ڪمزوري آهي، صحافي ٿي آئون پنهنجون ادبي سوچون خبرن جي پويان وڃائڻ نٿو چاهيان” هن پراڻي مئگزين جا ورق اٿلائيندي چيو “هونئن به يار ساحل منهنجو سبجيڪٽ سائنس آهي، آئون صحافي کان ٽيچر ٿيڻ ۾ وڌيڪ صحيح ٿو محسوس ڪيان”
    “پوءِ ته صحيح آهي، منهنجو دوست آهي رحماني صاحب، انهي جو پنهنجو اسڪول آهي، ان ڏي خط لکي ٿو ڏيان، توکي ضرور جاب ڏيندو” ساحل چيو
    ٻئي ڏينهن هو خط کڻي پرنسپال وٽ ويو ته هن ٽرائل بيس تي ڪلاس وٺرايو، هي پرنسيپال ۽ ايڊمنسٽريٽر مس فرحين کي پسند آيو، انهن ظاهر ته ڪجهه ڪونه چيو، صرف هن کان ڪانٽريڪٽ نمبر وٺي ڇڏيو، هي اتان سڌو پنهنجي پروڊيوسر دوست شبير وٽ آيو جنهن جي ادبي پروگرام لاءِ هي اسڪرپٽ ۽ ڪهاڻيون لکندو هو، هي جيئن شبير وٽ پهتو ته ساحل جو فون آيو “او منهنجا پيارا شبير، پيارو بادل آهي” ساحل فون تي چيو “ها سائين بس هاڻي پهتو آهي” شبير وراڻيو “پياري کي چئو سڀاڻي اسڪول ۾ ڊيوٽي وڃي ڏيو” پوءِ هي روزانه اسڪول مان فارغ ٿي ڪڏهن ريڊيو اسٽيشن ته ڪڏهن ڪنهن مئگزين يا اخبار جي آفيس ۾ دوستن سان ڪچهري لاءِ هليو ويندو هو، اسڪول جي پگهار گهر موڪليندو ۽ ريڊيو جي معاوضي ۾ فليٽ جو ڪرايو ۽ پنهنجو خرچ ڪڍندو هو.
    پان... پا... پان” سوزوڪي جي هارن تي ڇرڪي پيو، ڏٺائين ته بس ڪڏهوڪي وڃي چڪي آهي، هن سڄي وايو منڊل تي نظر وڌي ته اڄ صرف پندرنهن ڏينهن ۾ سڄو منظر ئي هن کي اوپرو ٿي لڳو، اڀرندي پاسي اسپتال انهي جي اڳيان يوڪلپٽس جا ڊگها وڻ، ماڻهن جي اچ وڃ، ٻئي پاسي هوٽل ۽ ڀر ۾ پارڪ، پلازا، سڀ هن کي بلڪل اوپرا لڳي رهيا هئا، جنهن ۾ هي پنهنجائپ جون ڪڻيون ڳولي رهيو هو.
    هي روڊ اُڪري ڪالوني ڏانهن ويندڙ روڊ ڏانهن وڌيو ته وري ماضي جون ساروڻيون هن جي ذهن جي رڳن ۾ شراب جيئن لهي رهيون هيون، يادن جي سمنڊ جي تيز ڇولي هن کي ٻالڪپڻ جي ڪناري تي اچي اڇليو.
    جڏهن هي پرائمري پاس ڪري ڳوٺان پنهنجي ماءُ جي شفقت ڀرين مٺين ساڻ کڻي پڙهڻ روانو ٿيو هو، ماسات سنگهار جيڪا هن سان ننڍي وڏي ڳالهه تي وڙهندي هئي موڪلن ۾ اچڻ تي هاڻ هن سان رڳو مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳي، جڏهن ميٽرڪ ۾ آيو ته ماسات هن کان بي رخ ٿي وڇڙي ويئي، هن جي شيشي جهڙي دل چور چور ٿي پئي، اها هن جي جذباتي محبت پهرين هار هئي، انهيءِ بعد پيار جي راند ۾ هي هميشه هارايل جواري رهيو، ناڪاميون هن سان گڏ هونديون هيون، سنگهار، سنگهار کان پوءِ حڪيمان، شهلا.
    شهلا يونيورسٽي ۾ ملي هئي جڏهن يونيورسٽي جي سيڪنڊ ايئر ۾ شهلا جي اوچتو شادي ٿي ويئي، هي انهي ميدان ۾ پاڻ کي نراس ڪري محرومين جون ڀريون کڻي بلڪل ٻاهر هليو آيو، هٿ جي ريکائن کان اعتبار بلڪل کڄي ويو هو، هڪ ڏينهن پنهنجو پاڻ کي ڀڻڪندي چيائين “خوشين جون مکڙيون منهنجي من جي آڳر تي مرڪن اهو انهي دنيا ۾ ناممڪن آهي، مون کي صرف ۽ صرف اڪيلائپ جي اونداهين راتين ۾ رهڻو آهي” پوءِ هن ڪتابن ۾ پناهون ڳولهڻ شروع ڪيون ته هي ڪتابن جو ٿي ويو، هڪ ڏينهن سندس پارٽنر چيو “ ڊيئر زندگي خوشي جو نالو آهي، انهي کي انجواءِ ڪر، صرف هڪڙي افيئر تي پاڻ کي لائبريري ۽ ڪتابن جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿئي...”

    “صادق يار آئون انهن منجهان ناهيان، جيڪي زندگي کي تو واري ڏسيل فلسفي تي گهاريندا آهن، آئون جنهن جو ٿيندو آهيان ته انهي جو ئي ٿي ويندو آهيان” هن ڪتاب جا پنا اٿلائيندي چيو “ شهلا سان منهنجو پيار هو، آئون صرف ٽائيم پاس ڪرڻ جي لاءِ هن سان گڏ نه هوندو هئس، پر مون ڏٺو ته منهنجي لاءِ خوشي نالي ڪا شئي نه آهي انهي ڪري مون کي هميشه انهي اڪيلائين جي ڪاري رات ۾ گهارڻو آهي، جيڪا پاتارن کا پولارن تائين وسيع آهي، جنهن جو وايو منڊل ۾ صرف ۽ صرف ماٺار جا منجهائيندڙ دائرا آهن”
    پوءِ جڏهن هن پنهنجي ناڪامين جو زهر ڪاڳر جي ڪنواس تي پلٽيو ته هي ادبي حلقن ۾ ڇانئجي ويو، هر روز ڪنهن نه ڪنهن ادبي ميڙاڪي، گڏجاڻي، ڪنهن نه ڪنهن تقريب ۾ هوندو هو، هڪ ڏينهن پارٽنر چيو “ يار بادل پيپر جي تياري ڪندين يا رڳو پيو ڪتاب پڙهندين” ته هن وراڻيون “يار ادب منهنجي پناهگاهه آهي، جتي آئون پاڻ کي سيف سمجهندو آهيان، جيڪر آئون نه لکندس ته منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوندو، انهيءِ ڪري پيپر مون کي صرف پاس ڪرڻا آهن جيڪي آئون ڪري وينديس” ڪار جي هارن تي هي ڇرڪي روڊ جي هڪ پاسي ٿيو، ڪار ڀر مان لنگهي ويئي، تڏهن هن کي خيال آيو ته هي اسڪول وڃڻ وارو موڙ ڪڏهوڪو اُڪري اڳتي نڪري ويو آهي، هي واپس وريو جيئن چوراهي کان اڳتي نڪتو ته سامهون اسڪول هو جتي جيون جي خوشين جا پل هن گهاريا هئا، ٻار مٿئين فلور جي درين مان هيٺ جهاتيون پائي رهيا هئا، هي هر روز ٽائيم کان ڏهه منٽ اڳ پهچندو هو ته ٻار درين مان بيهي سلام ڪندا هئا”.... جواب ۾ هي مسڪرائيندي هٿ لوڏيندو هو.
    ڪجهه ڏينهن بعد هن انهي در مان ڪنهن کي بيٺل ڏٺو هو، جيڪو هن ڏانهن نهاريندو هو، پر پوءِ اهو به هٿ مٿي ٿيڻ لڳو، پر هٿ هلڻ بجاءِ انهي هٿ جي آڱرين ۾ ائين لرزش ايندي هئي جيئن ڪو راڳي باجي تي مڌر سر جا راڳ ڇيڙيندي آڱرين کي لرزش ڏيندو آهي، موٽ ۾ هي صرف آڱرين کي لرزش ڏيندو هو، سنڌيا ڀرپور بحث بعد هن کي ائين سلام ڪندي هئي.
    يادن جو تيز ڪڪر هن تي وسندو لنگهي ويو ته هي وري ڪنهن ڏور ڏس ڏي ماضي جا موتي ميڙڻ هليو ويو، يادن جي تيز جهوٽي هن کي اسڪول جي ڪلاس ۾ آڻي بيهاريو جڏهن هن کان سنڌيا سوال ڪيو هو ته “سر واٽ از لائيف؟”
    سنڌيا جيتري ڪلاس ۾ پڙهڻ ۾ هوشيار هئي اوتري ڪلاس ۾ حسين ۽ عمر ۾ وڏي هئي، سفيد سلوار ۽ نيري قميص تي اڇو رئو هن جي سنهڙي ڊگهي قد تي ڏاڍو ٺهندو هو، نيرين اکين ۾ ڪيترائي سوال هميشه آکيرو ڪري استاد جو انتظار ڪندا هئا، استاد ڪلاس ۾ ايندو هو ته هي سوالن جا آکيرا زبانن وسيلي استاد اڳيان کولي ڇڏيندي هئي، استاد جي مطمئن ڪندڙ جواب تي سنهڙن چپن سان مسڪراهٽ موٽ ڏيندي هئي ۽ جيڪي هن جي دل ۽ دماغ انهي ڳالهه سان آمادهه نه ٿيندا هئا ته “پر” جو لفظ لڳائي استاد جي جواب مان ضمني سوال ڪڍندي هئي، اڄ هن جو بلڪل سبجيڪٽ کان هٽي ڪري سوال پڇيو ته هن چاق جو ٽڪر هٿ تري تي گهمائيندي پهرين ته انهي سوال تي حيرانگي ۾ سوچيائين ۽ سنڌيا جي دماغ کي داد ڏيڻ لڳو، پوءِ چيائين “ لائيف اهڙين ناڪامين ۽ محرومين جو نانءُ آهي، جنهن سان اسين نه چاهيندي به گهارڻ لاءِ مجبور هوندا آهيون” پر سر خليل جبران چيو آهي ته “زندگي جستجو جو نالو آهي، جيڪا ڄمڻ کان مرڻ تائين جاري رهندي آهي” هن ملائم هٿ جي ڊگهين سنهڙين آڱرين کي ٻئي هٿ جي شروعاتي آڏ تريءِ تي رکندي چيو
    “ها جبران جيئن لائيف فيل ڪيو ائين چيو اٿس” هن چاق جو ٽڪر ڊسٽ بن ۾ اڇليندي چيو. “ سر انهي جو مطلب ته لائيف جي ڪا به ڪانسٽنٽ ڊيفينيشن نه آهي؟” سنڌيا رئو کاٻي هٿ سان صحيح ڪندي چيو “پر سر... اسين...”
    “هي سوال منهنجي سبجيڪٽ جو ناهي”، هن سنڌيا جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو. “توهان مون سان آفيس ۾ فارغ ٽائيم تي بحث ڪري سگهو ٿا. هنيئر ٻاهر مس فرزانه منهنجي نڪرڻ جو انتظار ڪري رهي آهي” ٻارن چيو “ ٿين... ڪيو... سر” ٻارن کي ٿينڪ يو چئي ٻاهر نڪتو ته مس فرزانه سلام ڪندي ڪلاس ۾ داخل ٿي.
    هي آفيس ۾ اخبار پڙهي رهيو هو ته سنڌيا گيٽ تي بيهي چيو “ مي آءِ ڪم ان سر”.
    “يس ڪم ان” هن مٿي نهاريندي چيو
    “ايڪسيوز مي سر، توهان فري آهيو؟”
    سنڌيا هنج ۾ کنيل ڪتاب ٺيڪ ڪندي چيو، “ها فري آهيان، توهان ويهو” هن ڪرسي ڏانهن اشارو ڪندي چيو “ سر توهان کي منهنجي ائين سوال پڇڻ تي برو ته ڪانه لڳو ” سنڌيا نماڻائي مان هن ڏانهن ڏسندي چيو
    “نه باقي ڪلاس جي حوالي سان ٿورو آڪورڊ هو” هن اخبار کي ويڙهيندي چيو
    “بس سر مون کي ذهن ۾ سوال اچي ويو، پڇي ورتم” سنڌيا سڄي هٿ جي آڱر سان کاٻي هٿ جي تري مهٽيندي چيو
    “ڊونٽ ووري، باقي توهان جي ناليج سٺي آهي” هن ڪرسي تي سنڌو ٿيندي چيو “ڪٿان ايتري ڄاڻ حاصل ڪئي.”
    “هو بابا جا کوڙ ڪتاب پيا آهن، اتان پڙهندي آهيان.” سنڌيا چيو
    “اڇا!، ڇا ڪندو آهي توهان جو والد صاحب؟”


    “بابا ليڪچرار آهي گورنمينٽ ڪاليج ۾” سنڌيا رئو صحيح ڪندي چيو
    “ڇا نالو آهي؟” هن بال پين آڱرين ۾ گهمائيندي پڇيو
    قلند بخش “قلندر”
    “سر بابا هر مهيني کوڙ ڪتاب وٺندو آهي، پوءِ اتان ئي مونکي پڙهڻ جو موقعو
    ملندو آهي
    “پوءِ ٽيڪسٽ جي تياري لاءِ ٽائيم بچندو آهي” هن پڇيو
    “ ها بس ٽائيم بچي پوندو آهي” هونئن ئي مونکي لٽريچر ۾ ايم اي ڪرڻي آهي
    “ تمام سٺي ڳالهه، توهان جو ذهن تمام سٺو آهي” سنڌيان جي ذهن کي داد ڏيڻ لڳو
    “سنڌيا تنهنجو سوال اهڙو وسيع جواب طلب هو، جو جيڪر آئون انهيءِ تفصيل ۾ ڳالهايان ها ته اڄوڪو ڏينهن پورو گذري وڃي ها، انهي ڪري مون انهي ڳالهه کي اتي ئي فنش ڪئي” هن سنڌيا جي ڪلاس واري سوال جو تفيصل ۾ هليو ويو
    “سنڌيا هي دنيا اسٽيج آهي، جتي هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ڪري دنيا کي ڏيکارڻو آهي، پوءِ ڪڏهن ڪنهن کي ڪاميڊي ته ڪنهن کي ٽريجڊڪ رول ملي ٿو، هر ڪو پنهنجي ڪردار آهر، انهي جي وضاحت ڪندو آهي، ٿي سگهي جبران لائيف کي ائين فيل ڪيو هجي تڏهن ائين وضاحت ڪئي آهي”
    “پوءِ سر توهان پنهنجي جواب جي باري ۾ ڇا ٿا چئو” هن هلڪي مسڪراهٽ چپن تي ڦهلائيندي پڇيو
    “ ها بلڪل مون لائيف کي ايئن گهاريو آهي” هن سيرس ٿيندي چيو
    “ ڪين يو گو ان ڊيٽيل سر”
    نو... نو... سنڌيا، آئون وري ناسورن جا فٽ اُڊيڙڻ نٿو چاهيان، هونئن اٽ از ماءِ پرسنل ميٽر” هن اٻاڻڪو ٿيندي چيو
    “ڪا ڳالهه ناهي، سر بس دل چيو ته سوال پڇيم” هن ڪرسي تي ٽيڪ ڏيندي چيو “سنڌيا اڃان توهان جي لائيف جي شروعات آهي، انشاالله توهان اڳتي قدم کڻندو ته کوڙ سارا تجربا ٿيندا” هن بحث کي سميٽيندي چيو.
    “اوڪي سر” هن اٿندي گهڙي ڏانهن نهاريو “منهنجو هاڻي مئڊم جو ڪلاس آهي وري توهان سان گفتگو ڪبي”
    “ٺيڪ آهي منهنجو به ڪلاس آهي توهان ڪنهن به موضوع تي بحث لاءِ بلڪل اچي سگهو ٿا”
    پوءِ سنڌيا ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ نه ٻيو موضوع کڻي ائين بحث ڪندي هئي، ڪلاس ۾، آفيس ۾ بحث مباحثا ۽ ڪتابن جي ڏي وٺ شروع ٿي ويئي ۽ سنڌيا هن جي ادبي قد ڪاٺ کان متاثر ٿي هن لاءِ پاڻ ارپڻ لڳي، پر بادل صرف سنڌيا کي ادبي طرح همٿائڻ لڳو
    هڪ ڏينهن پراڻي هاسٽل پارٽنر صادق هن کي ڏٺو ته ڏاڍو خوش ٿيو، چيائين “يار بادل ڏاڍو بدلجي ويو آهين”“ آئون ته ساڳيو آهيان ” هن نماڻي نظر نهاريندي چيو
    “نه يار گهڻو فرق آهي، سواءِ ڪتابن جي” هٿ ۾ جهليل ڪتابن ڏي اشارو ڪندي چيائين
    “ نه توکي شڪ آهي” هن وري به پڪ ڏيندي چيو
    “اچ ته ڪٿي هلي ويهون” صادق صلاح ڪندي چيو
    پوءِ هي هوٽل ۾ وڃي ويٺا، کوڙ ساريون ڳالهيون ٿيون
    “يار بادل ماڻهو چون ٿا ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪجهه ڪانهي، تو الائي ڇا ڏٺو آهي جو ايڏو خوش آهين؟”
    “ڇا ڪونهي سڀ ڪجهه آهي، ڪامپٽنسي، گلمير، رسپيڪٽ سڀ ڪجهه ئي ته آهي، باقي آئون ته سيٽسفاءِ آهيان” هن چانهه پيئندي چيو
    “۽ فيوچر جي سيفٽي آهي” صادق يڪ ٽڪ نهاريندي چيو
    “جيڪڏهن ڪامپيٽنسي آهي ته سيفٽي بالڪل آهي” بادل جواب ڏنو
    “گورنمينٽ جاب جي ٽراءِ ڪانه ڪئي” صادق چيو
    “ڇا ڪندس گورنمينٽ جاب کي، آئون هتي بلڪل خوش آهيان، هونئن مونکان سائين، سائين ڪانه ٿيندو” هن چانهه ختم ڪندي چيو.
    “يار تون اڳئي پنهنجي خيالن جو ماڻهو آهين، پر گورنمينٽ جاب جي ٽراءِ ضرور ڪجان” صادق صلاح ڏيندي چيو
    “ها وقت اچڻ تي ڏسبو في الحال ارادو ڪانهي”
    چرين واريون ڳالهيون نه ڪر، هل ته هلون” صادق اٿندي چيو
    “ڪيڏانهن؟” هن پڇيو
    “ريڊيو اسٽيشن، پياري شبير ڏانهن، گهڻا ڏينهن ٿيا آهن” صادق چيو
    “اهو يار، مونکي اڄ هن کي اسڪرپٽ ڏيڻو آهي” هن چيو
    “س.....ر.” ڪٿان آواز آيو هن جي ڪن تي پيو ته هي خيالن جي دنيا مان حقيقت ڏانهن هليو آيو، مٿي نهاريائين ڪي ٻار ساڳين درين مان هٿ هلائي رهيا هئا، هن به روئڻهارڪي اکين سان هٿ هلايو. سڌو وڃي پرنسپل جي آفيس ۾ گهڙيو
    “سر توهان ڪٿي آهيو؟” ڪلرڪ ٻئي ٻانهون ڦهلائيندي چيو
    “بس اتي ئي” هن ڪلرڪ جي ٻانهن۾ پاڻ اڇلائيندي چيو
    “سائين خير ته هو نه، اوچتو گم ٿي ويا”
    “خير هو”
    “اسان چيو سائين الائي ڪيڏانهن گم ٿيو” ڪلرڪ ساڳي ڳالهه ڪئي
    جواب ۾ هي مصنوعي مرڪ سان مرڪندو رهيو، هن محسوس ڪيو ته پويان ڪير بيٺل آهي، هن جيئن ئي پوئتي نهاريو ته پرنسپل گيٽ تي ڪتاب هٿ ۾ کنيو بيٺو هو
    “ينگ مين ڪٿي آهين؟” رحماني صاحب سوال ڪندي چيو
    “اتي ئي سر” هن جواب ڏنو
    “الائي توهانجي برادر فون ڪيو ته بادل کي هتي ڪم آهي ڪجهه ڏينهن بعد ايندو، اڇا، پنهنجي بورڊ جي ميٽنگ آهي، سٺو ٿيو جو توهان به پهچي ويا”
    ٿوري دير ۾ سڀ استاد پرنسپال جي آفيس ۾ گڏ ٿي ويا، ميٽنگ ختم ڪيائين ته ميڊيم فرحين پڇيو “بادل صاحب توهان اوچتا هليا ويا خير ته هو نه؟” هي ڳچ دير خاموش رهيو، ڇا چئي؟ ڪيئن چئي؟ “ها ميڊيم خير هو، ڇا آهي ته مونکي گورنمينٽ جاب ملي ويئي آهي انهي ڪري هاڻي توهان کان هليو ويندس” هن آڱريون مروڙيندي مس مس چيو.
    “ هي ته خراب ڳالهه آهي” مس فرحين چيو، سڀ استاد هن ڏانهن نهارڻ لڳا
    “ سر منهنجا ڪجهه گهريلو مسئلا آهن انهي ڪري مون کي هو جاب صحيح رهندي” هن پرنسپال سان مخاطب ٿيندي چيو
    “ پٽ بادل تون سٺو استاد آهين، تنهنجي هتي ريسپيڪٽ آهي، باقي تنهنجي مرضي” وڌيڪ پرنسپال ڪجهه ڪانه چيو، سڀ استاد اٿي هليا ويا تڏهن پرنسپال چيو “بابا تنهنجي ڇا مرضي آهي؟”
    “سر مون توهان کي پنهنجي مجبوري ٻڌائي” هن اٻاڻڪو ٿيندي چيو “ٺيڪ آهي پٽ، ائز يو وش، بٽ يو آر هاڊ ورڪ پرسن” پرنسپال هن جي قابليت تي داد ڏيندي چيو “وري ڪراچي اچين ته اسان کان چڪر لڳائي وڃجان، توهان پنهنجي سيلري شاهد کان وٺي سگهو ٿا”
    هي سڀني کان موڪلائي روانو ٿيڻ وارو هو ته، هن کي سنڌيا سڏ ڪيو، ڪاريڊور ۾ هن کي ڪتاب ڏيندي چيائين “ماڻهو ائين ڪانه ڪندو آهي، توهان گهٽ ۾ گهٽ ڏسڻ گهرجي ته ڪير توهان لاءِ تڙپي ٿو، هي ڪتاب منهنجي ياد ڏياريندو رهندو” سنڌيا ڪتاب هن کي ڏنو
    “سنڌيا آئون ٽٽل ڦٽل انسان آهيان، منهنجو گهر، ٻار، زال آهن، مون توهان جي ادبي ذوق جي ڪري همٿايو پئي، منهنجي اهڙي ڪابه نيت نه هئي، سنڌيا، زندگي نه چاهيندي گهاريندڙ لمحن جو نانءُ آهي، مون اڳي توهان کي ٻڌايو هو ته توهان منهنجي کلڻ کي جذباتي نه وٺو، توهان جي معصوم زندگي جي اڃان شروعات آهي منهنجي دعا آهي ته خوش گذاريندو”
    موٽ ۾ سنڌيا جي اکين ۾ پاڻي هو، جيڪو اکين جا بند ٽوڙي ملائم ڳلن تي لڙي آيو هو، هي موڪلائيندي روانو ٿيو مٿي اسڪول جي درين ۾ هٿي هلي خدا حافظ چي رهيا هئا، هڪ در ۾ بيٺو هن کي ڪير ڏسي رهيو هو، هن پويان نهارڻ بغير هٿ هلائيندي خدا حافظ چيو ٻنهي پاسن کان هٿ خدا حافظ چئي رهيا هئا، موڪلائيندڙ هٿن جي وچ ۾ هيون صرف وٿيون جيڪي وڌنديون ٿي ويون صرف وٿيون


    عشق جي نه پڄاڻي آ

    لڙڪ اکين جي ڇپرن جا بند ٽوڙي، ڳلن جي بنجر زمين ٻوڙان ٻوڙ ڪري رهيا هئا، نه ڄاڻ ڪيترا لوڻياٺا ڳوڙها، هن جي بي ترتيب ڏاڙهي ۾ سمائجي ويا هئا، پر اکين جي پنبڻين جو پاڻي ائين لارون ڪري وهي رهيو هو، ڄڻ ڪنهن مُندائتي مينهن جو ڪڪر جهمي پيو هجي، اڪثر ماڻهو هن کي ڪٺور دل ڪري سڃاڻيندا هئا، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن جي مرتيي، پٽن جي جدائي ۽ پنهنجي لاثاني محبت جي وڇڙڻ تي به ڳوڙها ڳاڙي نه سگهيو هو، هن جي دل جيئن ويران ٿيل سنڌ جي هن ننڍڙي ڳوٺاڻي اسٽاپ جا ماڻهو جيڪي مختلف ڌنڌن سانگي هن اسٽينڊ تي صبح شام ايندا هئا ۽ شام پنهنجن واهيرن ڏانهن هليا ويندا هئا، سڀ هن جي اوڇنگارون ڏئي روئڻ تي اچي مڙيا هئا، هوٽل وارو پيرُو، مانڊڻي وارو سَچُو، دڪان وارو الهه ورايو، سائيڪلن جي دڪان وارو گل محمد عرف پوڙهو، مشين وارو اوستو فقير، يوسف واڍو، جنهن هن جي دڪان کولڻ کان گهڻو پوءِ دڪان کوليو هو، اسٽور وارو الهداد ۽ ٻيا انيڪ علائقي جا کاٽڙيا چور، ملهه، ڪوڪڙي، موالي ۽ مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ مسافر اچي گڏ ٿيا هئا، هن جي چوطرف ماڻهن جو چڱو خاصو گهيرو ٿي چڪو هو.
    هي انهن کان بيخبر کٽ جي ايس تي ڪنڌ لاڙيو، اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو، ڪير به همٿ ڪري چاچي هميرئي ڪولهي کان اهو پڇي نه سگهيو ته پوري اسٽاپ تي پٿر دل سڏجندڙ هن هميريئي جي هانوَ کي ڪهڙي جهٻي آئي جو نيڻ سنڌو جي وهڪرن جيئن وهي پيا هئا؟
    صرف اکين جا ڳوڙها ئي نه هئا پر اندر ۾ هڪ پراڻو گهاءُ هو، جيڪو هن جي هانو کي نپوڙي رهيو هو، ذهن ۾ هڪ يادن جو سمنڊ هو، جيڪو ڇوليون هڻي رهيو هو، هي بارها پاڻ بچائيندي ياد جي الائي ڪهڙي ڇوليءِ جو شڪار ٿيو، جنهن هن کي کڻي اڄ کان ٽيهه سال پوئتي اُڇلائي ڇڏيو، جڏهن هي نوجوان هميرو ڪولهي هو، ڳوٺ جي نوجوانن سان ڪثرت ڪرڻ، مهيني ماس ڳوٺ جي ڀر سان لنگهندڙ ونجهي نالي واٽر جي ڇيڙ دوران ڪنهن کي به ڪوڏر ۾ رسائيندو ڪين هو، هن جي ڳوٺ جو پٽيل وڏيرو علي مراد نه صرف ڳوٺ جو ڌڻي هو، پر هر ڪنهن غريب غربي سان وقت سر وهي وڃڻ وارو هوندو هو، ڪنهن جي به گهر شادي، مرادي، مرڻي پرڻي پاڻ ته ٺهيو سڄي گهر کي موڪليندو هو، انهي ڪري هي ڳوٺ مثالي ڳوٺ هو، ٿر ۽ سنڌ جي سنگم واري هن ڳوٺ ۾ الائي ڪيترين ذاتين جي رهندڙن جو به پاڻ ۾ سنگم هو، انهي ڪري شام جو سڀ اچي ڳوٺ جي اُلهندي ڇيڙي تي ڀڙي وٽ ڪچهري تي گڏ ٿيندا هئا، رات جو علي مراد جي اوطاق يا دينوءِ واري دڪان تي دير تائين ڪچهري پئي هلندي هئي، ڳوٺ جون ننڍيون وڏيون ونجهي تي پاڻي ڀرڻ مهل اچي گڏ ٿينديون هيون، جنهن ۾ نه صرف

    ڳوٺ جون، پر وڏيري جي گهر جون مايون پڻ هونديون هيون، ايئن شام ٿيندي جتي ڳڀرو نوجوانن جا راندين جا هوڪرا ۽ هڪلون ٻڌبيون هيون ته اتي شام جو مال ۽ ٻنين کان ورندڙ ٻڍڙن جا بيزاري وارا سڏ ۽ پاڻي ڀري ايندڙ پاڻيارين جا ٽهڪڙا به ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، اهڙين ڪڪوريل الهڙ شامن ۾ جن ارڏن جوانن جي اوڙي پاڙي هاڪ هوندي هئي، اُنهن ۾ هميريو به هڪ هو، شادي مرادي ۾ جڏهن رات جو گهرن جي ڪشادن پڌرن ۾ دُهل جي دڌڪي تي ڏانڊيو ۽ مَٽڪو راند جا دور هلندا هئا ته نوجوان ٽولن جي صورت ۾ راند ڪندي ڪنهن جهوني جيءُ کي جهنجهوڙي وٺندا هئا، جيڪي جوان ڪنوارين جي نيڻ ڪٽورن ۾ سمائجي ويندا هئا، اُنهن ۾ هميريو سڀني کان اڳرو هوندو هو، هن جي پير جي کڻت، بت جي وراڻي ۽ هٿ جو اوراڪو، گهڻين ارڏين جوانين جا ڇڪا ڇڏائڻ سان گڏ، پراڻن ناچوئن گومندو ۽ ملوڪ کي به جهومائي وجهندو هو، پر هر ڀيري دل انهي ويل هٻڪي پوندي هئي ته هي ڪارو ڪولهي آهي، ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته هي سانوري رنگ جو ڪولهي، اندر ۾ پيار جو پوتر ۽ من جو اُجرو آهي، راند جي پڇاڙڪي پهرن ۾ ڪيتريون ئي نوجوان نينگريون دل هٿان مجبور ٿي هميرئي تي پئسا گهوري، تڳو مڱڻهار جو کيسو گرم ڪري وجهنديون هيون، جنهن سان تڳو جي هٿن ۾ جنبش ۽ مٿي جي لوڏ ۾ وڌيڪ تيزي اچي دهل جي دڌڪي کي وڌائي وجهندي هئي ته هميريو به ڪنهن هڳاءُ کي محسوس ڪندي بت جي وراڻي، پير جي کڻت ۽ هٿ جي وراڪي ۾ تيزي آڻي وجهندو هو، پر جڏهن ملوڪ جي رڙين تي “واول وڄاءِ واول” تي تڳو فقير جي وڄت ڦيرائيندو هو ته هي ناچ پورو ڪري ويهندو هو، پر الائي ڇو هن کي ڪا به نظر پنهنجي نه لڳندي هئي، هي ناچ ڪندڙ مور جيئن مايوس ٿي پيرن ۾ نهاريندو هو.
    سانوڻ کير واري جي نياڻي ۽ پٽ جي شادي ۾ باقي چار ڏينهن هئا. سڄو ڳوٺ پوئين هفتي کان سانوڻ جي گهر لٿل هو، تڳو فقير جي دهل جو دڌڪو هو، هڪ پاسي ڇوڪرن ڏانڊئي ۽ مٽڪو جا لهرا ٿي هنيا، پر ٻئي پاسي انهي سڄي ميلي ۾ هميريو غائب هو، جنهن ڪري ڪنهن کي به راند ۾ مزو نه ٿي آيو، ملوڪ ته رڙ ڪندي گومندي کي چيو هو “اڙي گومندا، ڪيئن ٿو ڀائين هميرئي جو وراڪو”
    انهي رات وڏيري جي گهران ٻار به آيل هئا، علي مراد جي ڌيءُ سنگهار دهل جو دڌڪو ٻڌي گلان کي چيو هو “اي هل ته هميرئي جي راند ڏسون”
    “هميريو آهي ئي ڪونه” گلان ڏکائتي انداز ۾ چيو هو
    “هان!” سنگهار کان دانهن نڪري وئي، پر پاڻ سنڀالي چيو هئائين “اي هل ته راند ڏسون”
    “ادي اسين ڪلهه رات ڏسڻ ويون سين، ڪونهي حال” ساران پاسو ورتو
    پوءِ ٿيو به ائين اڌ راند دوران هي سڀ واپس موٽي آيون هيون، پر هميرئي جو نه هجڻ سڀني کي دل ۾ ڪنڊي جيان کُپي ويو هو، آڌي رات هُل هنگامو ٿيو، تڏهن نوجوان نينگرين سان گڏ پوڙهين پڪين جو به ڌيان مڙسالو ماڻهن ڏانهن ڇڪجي ويو هو “اي هميريو آيو آهي” ساران سنگهار کي بي ڌياني ۾ ڌڪ هڻندي چيو هو، سنگهار ڏٺو ته هميريو ڪلهي تي چٽڪٻرو ٽوال رکيو ملوڪ جي پيرين پئي رهيو هو. ملوڪ گلي لائيندي ڏوراپو ڏنو هو “اي ڇورا، تو بنا ڪر ڪاڄ ٻُسو لڳو پيو آهي، آهين ڪٿي؟”
    “استاد واڍڪو ڪم ٿو سکان، 12 ميل تي” هميرئي ملوڪ اڳيان هٿ ٻَڌندي چيو هو، جيڪو ڏانڊيو راند ۾ هميرئي جو استاد هو
    “اي ڪم کي هڻ گولي، توکي خبر ڪونهي، سانوڻ جي گهر ڪاڄ آهي”
    “استاد اڄ انهي ڪري ته آيو آهيان”
    “چڱو ڪئي، هاڻي راند جا لهرا ڏيکار ته هينئون ٺري، اڙي تڳو دُهل کي هٿ هڻ، هاڻي هميريو آيو آهي”
    تڳو سگريٽ جو ڪش هڻندي دُهل کي ڪشي تيار ڪيو هو، سگريٽ جو آخري ڪش هڻي دُهل کي گهائي ڏني هئائين ته ويٺلن جي دلين جي ڌڙڪڻ تيز ٿيڻ سان گڏ تگو فقير جي آڱرين ۾ لرزش به وڌيڪ اچي وئي هئي، هميرئي دوستن سان گڏ راند جي گرن ۽ ڦيري جي دائري تي ڳالهيون ڪندي گهر جي اڱڻ ڏانهن ويٺلن زائفائن ڏانهن نهاريو هو ته ڳوٺ جون ڇوڪريون ٽولو ٺاهي بيٺل نظر آيون هئس، جيڪي اڌ منهن چُنين سان ڍَڪي کينچلون ڪري رهيو هيون، سنگهار سڀني کان اڳ ۾ بيٺل هئي، گاسليٽ واري گولي جي روشني ۾ مُک وڌيڪ چَمڪي رهيو هوس، گومندي ڪانڀ ڪڍندي ڇوڪرن کي دائري ۾ بيهڻ لاءِ چيو ته ملوڪ تڳو فقير کي وڄت ۾ تيزي آڻڻ لاءِ هٿ سان اشارو ڪيو، ڇوڪرن جا هٿ ۽ پير هڪ رڌم سان کڄندي بدن ورڻ شروع ٿيا، ملوڪ ڪانڀ ڪڍي ويٺل گومندي جي ڀير ۾ ويهندي پير جي کڻت بدن جي لوڏ ۽ هٿ جي وراڪي تي رايا ڏيڻ لڳو، جنهن سان سهڪار ڪندي گومندي به ها ۾ ها ٿي ملائي، اڄ سڄي ڳوٺ جي ماڻهن ۾ سرهائي هئي، سڀئي دُهل جي وڄت ۽ راند ۾ جي موج ۾ محو هئا، هاڻي تڳو هڪ طرف ڪنڌ لاڙي دُهل جي وڄت ۾ تيزي آڻي ڇڏي هئي، راند تيز ٿي چڪي هئي، ساٿ ڏيندڙ نوجوان ۽ پڪي عمر وارا ساٿي هڪ هڪ ٿي دائري ۾ نڪرندا پئي ويا، باقي چند ڇوڪرا هئا جيڪي هميرئي سان ساٿ ملائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر هميريو هو هر پير جي کڻت ۾ انهن کان اڳڀرو نڪريو ٿي ويو، ملوڪ ٽپ ڏئي، اُٿندي پنج پنج جا ٻه نوٽ همرئي تان گهوري تڳو فقير جي کيسي ۾ وڌا.گومندي ويٺل ڪنڌ لوڏيندي چيو “واهه واهه، او اهي پير واهه ڙي هميريا واهه”
    هاڻي زائفائن پئسا گهورڻ شروع ڪيا، هميريو هو جيڪو وڄ وراڪا ٿيندو، بدن کي ورائيندو دُهل جي ڌڌڪي تي اڳي کان اڳڀرو نڪرندو ٿي ويو، ڪجهه دير کان پوءِ ڇوڪرين پئسا گهورڻ شروع ڪيا، ساران، گُلان، سفوران، ڀاڳي نيٺ

    سنگهار به پنج پنج جا چار نوٽ هميريئي تان گهوري تڳو فقير جي پيرن وٽ رکيا، تڳو جو کيسو پئسن سان ڀرجي چڪو هو، هاڻي پيرن ۾ پئسا گڏ ٿي رهيا هئا، دل ئي دل ۾ هميرئي کي دعا ڪيائين
    راند چوٽ چڙهي چُڪي هئي، سڀ ڇوڪرا پگهرجي هڪ هڪ ٿي نڪري چڪا هئا، هميريو آخري بچيو هو، ملوڪ هڪل ڪئي “گوڏو ڀڃي اُٿي، گوڏو ڀڃي” هميرئي دُهل جي آواز ۾ صرف ملوڪ جي هٿ جو اشارو ڏٺو، هميرئي هڪ گوڏو زمين تي کوڙي دُهل جي ٿاپ تي هٿ ورائيندي وراڪو کاڌو، ڄڻ وڄ زمين تي جهپو هڻي آسمان چڙهي وئي، هڪ، ٻيو، ٽيو..... هميريو هو، جيڪو زمين آسمان هڪ ڪرڻ ۾رُڌل هو، چئوطرف تاڙيون وڄي ويون، وڏيري علي مراد پنجاهه روپيا گهوري تڳو کي ڏنا، تڳو راند جي پڄاڻي ڪندي آخري گهائي ڏئي دُهل هيٺ رکيو ته هميريو به هٿ مٿي ڪندي سڀني کي نمسڪار ڪري وڃي هوا تي ويٺو، اڄ ٻين جي دلين ۾ هميرئي لاءِ ڪجهه پنهنجائپ هئي نه هئي، پر سنگهار پنهنجو سڀ ڪجهه هميرئي تان واري چڪي هئي، انهي جو اندازو ڪاڄ واري رات هميرئي کي انهي مهل ٿيو هو، جڏهن ڪاٺين جو ڀاڪر سانوڻ جي گهر مانيون پچائڻ وارين ماين کي پهچائڻ ويو، واپس ورندي هن کي سنگهار رومال جي هڙ ڏني، جنهن ۾ جونئر جون ٽڪيون، فوٽا وغيره هئا، هميريو ڳالهه کي ته سمجهي ويو هو، پر ڳوٺ جي وڏيري جي لڄ ۽ پاڻ ڪارو ڪولهي هئڻ ڪري گهڻو پريشان هو، سوچيائين شايد زندگي مون سان مذاق ڪندي هجي، پر دل هٿان ماڻهو مجبور ٿيندو آهي، تڏهن ذهن جون سڀ تدبيرون ڪوڙيون ٿي وينديون آهن، ائين هميريو به هانوَ هٿان مجبور ٿي ويو هو.
    ڪاڄ نبرڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ جڏهن شام جو واٽر واري گهيڙ تي پرين جو مشاهدو ماڻڻ ويو، تڏهن گلان ۽ سنگهار به گڏ هيون، سنگهار کي چيو هئائين “مون کي اڃان اُنهي ڳالهه تي تعجب ٿو اچي ته زمين ۽ آسمان ڪڏهن پاڻ ۾ گڏ ٿيا آهن، ڏينهن ۽ رات ڪڏهن به هڪ وقت تي نٿا ٿي سگهن”
    “هميرا، آئون تنهنجي جواني ۽ تنهنجي انهي ناچ ڏسڻ کانپوءِ هانوَ هٿان مجبور ٿي سڀ ڪجهه ڪري رهي آهيان، مون کي خبر آهي باهه ۽ پاڻي گڏ رهي نٿا سگهن، پر دل جي اڳيان ڪنهن جي ڪا به ڳالهه هلي آهي؟ پر جيستائين توکي ڏسي سگهنديس ايستائين ڏسندي رهندس”
    هميرئي سوچيو “پرين پسڻ لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي” پوءِ هميرئي الائي ڇو تڳو فقير جي در جا دلا ڀرڻ شروع ڪيا هئا، تان جو خبر انهي ڏينهن پئي جڏهن پياري ٻڪرين واري جي جي پٽن جي طهرن ۾ تڳو فقير ساهي کائڻ لاءِ دُهل هميرئي کي ڏنو هو، هميريو دُهل ڪلهي ۾ وجهي ايئن وڄائي رهيو هو، ڄڻ تڳو فقير، ماڻهو حيران هئا ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي، جڏهن ڏانڊيو راند سکيو ته ملوڪ جون سڪون ڀڃي ڇڏيون هيون ۽ جڏهن دُهل وڄائڻ شروع ڪيو هئائين ته تڳي فقير جي سڪ لاهي ڇڏي ڏني هئائين.
    هميرئي کي دهل سکڻ جي دير هئي ڄڻ تڳو فقير جا سئو ڏينهن پورا ٿي پيا هئا، تڳو ڌڻي در روانو ٿيو ته هر گهر ۾ شادي طهر تي هميرئي کي سڏ ڏنو ويندو هو، انهي بهاني هميريو به پنهنجي پرين جو ديدار پسيندو هو، اکيون بند ڪري ڪنڌ لاڙي، جڏهن دُهل وڄائيندو هو ته هن جي بند اکين ۾ پرين جو واسو هوندو هو، اکيون تڏهن کُلنديون هيون، جڏهن پرين پاڻ هٿن سان اچي کيسي ۾ پئسا وجهندا هئا، هي پئسن کان بي ناز ديدار جو دان وٺي خوش ٿيندو هو، هٿ ۾ اهڙي وڄا هئي جو ماڻهو ڏانڊيو راند وساري ويٺا هئا، پر سنگهار ڪيترائي ڀيرا خيال ڪيو هو ته هو هميرئي جو ناچ هڪ ڀيرو ڏسي، پر پرين جي پسڻ واري خوشي اڳيان هن جي اها خواهش ختم ٿي ويندي هئي.
    هڪ ڀيري هي دهل وڄائي ساهي پٽڻ لاءِ هڪ پاسي ويٺو هو ته سنگهار حيلي بهاني پاسي وٺي چيو هوس “هميرا ايئن ڪيستائين پيو پري کان پسندين؟. زمين ۾ نظرون هوندي چيو هئائين “آئون ڪارو ڪولهي، انهي بتي جي گولي کي ڇهندس ته داغدار ٿي ويندو، مونکي ڪيئن به ڪري پنهنجي پيار جو ڀرم رکڻو آهي ۽ هن ڳوٺ جي عزت علي مراد جي پڳ بچائڻي آهي، انهي لاءِ جيستائين سسيءِ ۾ ساهه آهي، ايئن پري کان پسندو رهندس”
    سنگهار اڳتي ڪجهه به ڪُڇي نه سگهي هئي، صرف هميرئي جي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙهن کي ڏسي سگهي هئي.
    وقت جو ڦيٿو پنهنجي محور ۾ ڦرندو رهيو هو، ائين پنج سال گذري ويا، نه هميرئي پنهنجي محبت کي داغدار ڪرڻ لاءِ سوچيو ۽ نه ئي پنهنجي مُک تي موڙ سجايائين، پر علائقي جو سٺو واڍو ۽ دُهلاري ٿي ويو هو، وقت ڪڏهن هڪ جهڙو رهيو آهي؟ هڪ سج کي ٻه پاڇا آهن، نيٺ اهو وقت آيو جڏهن سنگهار کي اهو ڳوٺ ڇڏڻو پيو، سنگهار ڪنهن جي نالي ٿي پرائي ديس وڃڻ لاءِ ونواهه ۾ ويٺي هئي، انهي ڪاڄ ۾ هن خوب نڀايو هو، سڀني پئي سمجهيو ته وڏيري علي مراد جي گهر ڪاڄ آهي، انهي ڪري هميريو پاڻ وڻائي رهيو آهي، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اڄ هن جي اندر جو هانوَ ڪڍي ڪير کڻي وڃي رهيو آهي، هي اندر نهائين جي نيهن وانگر پچي رهيو هو، جيئن هن پنهنجي سمجهيل گرن ۽ وڄتن کي دهل جي واڄن ۾ پلٽي ڇڏيو هو، ايئن واڍڪي جا سڀ ڏاهپ ۽ فن هن کٽ تي لڳائي هڪ سهڻي کٽ تيار ڪري پنهنجي پرين کي تحفي طور ڏني، سوچيو هئائين ته آئون پرين کي ڇُهي به نه سگهيس پر منهنجن هٿن سان ٺهيل کٽ تي پرين سهاڳ ماڻي ۽ اها ئي کٽ سهاڳ رات ۾ سنگهار لاءِ سجائي وئي هئي.
    سنگهار پرائي ديس وئي، هاڻي هن جو دُهل وڄائڻ هن لاءِ ضروري نه رهيو هو، هي وري 12 ميل هليو ويو هو، جتي شادي به ڪيائين ۽ پنهنجي گذر سفر لاءِ واڍڪو

    ڪم ڪري گذر سفر ڪرڻ لڳو هو، پر اُتي زندگي راس نه آئي هئس، ڪجهه سالن پڄاڻا واپس آيو هو، وقت جا نه ڄاڻ ڪيترا سج اوڀر کان اُڀري اُلهي ويا هئا، جيڪي هن جي سون جهڙي جوانيءِ ۾ چاندي جون تارون سجائي ويا هئا ۽ ايئن هي ڳوٺ جي اسٽاپ تي هميرئي مان ڪاڪو هميريو سڏجڻ لڳو هو، پنهنجن مان هن کي سُک لکيل ئي ڪونه هو، پُٽ ۽ گهر واري به هن جا نه ٿيا، هڪ هڪ ٿي الڳ ٿي ويا هئا، وڃي ٻين ڳوٺن ۾ رهيا هئا، جڏهن هن کي سنگهار ئي نه ملي سگهي هئي ته ٻئي زماني مان هن کي ڇا ٿي ملي سگهيو، هن جا ڀائر هن کان وڇڙي ويا هئا، هنن جي مرتئي تي به هي ڪونه رُنو هو، ڪنهن جي مرتئي تي روئندو ڪونه هو، صرف خاموش رهندو هو، انهي ڪري اسٽاپ تي رهندڙ توڙي سڀئي ڳوٺ وارا کيس پٿر دل سڏيندا هئا، ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر ۾ رات جو اچي ڪرندو هو ۽ صبح جو اُٿي دڪان کوليندو هو، اها ئي هن جي ڪل ڪائنات هئي.
    سنگهار ته هن کي ڪڏهن ڪونه ملي نيٺ اها کٽ هميرئي وٽ اچي پهتي ۽ اُها هن وانگر گهڻي جُهري ۽ ٽُٽي چُڪي هئي. انهي کٽ کي ڇُهندي ئي هن جي اندر ۾ صبر جو درياهه ٽُٽي پيو هو، هي اوڇنگارون ڏئي کٽ جي ايس تي مٿو رکي روئي رهيو هو، جنهن تي ڪير چئي رهيو هو ته “پُٽ ياد آيا اٿس” “ڀاءُ ياد آيا هوندس” هرڪو پنهنجو رايو ڏئي رهيو هو ۽ هي سڀني کان بي نياز لڙڪ لاڙي رهيو هو.


    پرچيل سپنا، رُٺل ساڀيائو

    ايم ايس سي پريوئيس جي ٽئين ڪلاس ۾ هوءِ سهيلي سان گڏ پهريون دفعو ڪلاس ۾ آئي، بلڪل سنهڙي سيپڪڙي، قد ڪاٺ پورو پنو، وار ننڍڙا پويان ويڙهي، هيئر ڪلپ هنيل، سنهو رئو ڪنڌ ۾ ويڙهيل، ڪلهي ۾ پرس لٽڪائي، هٿ ۾ رجسٽر لوڏيندي اچي ٻي لائين ۾ ويٺي، البته سهيلي قد ڪاٺ ۾ ننڍي ڀريل جسم ۽ وار ڪلهن تي وکريل هئا، پويان ويٺل ڇوڪرن جي هر اک انهي نيو ڪمرس جو استقبال ڪيو، هر نظر انهي جي بدن جو طواف ڪرڻ لڳي، پويان ويٺل ڪاٽن پاتل ڪامريڊن ۽ جينز جي پينٽ شرٽ ۾ پاڻ کي فارورڊ سڏائيندڙ ڇوڪرن آڏا ابتا جملا ٿي اڇليا.
    “آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾” ڪنهن ڪنڊ ۾ شاهه جي شيدائي ورد ڪيو، “ويلڪم ٽو نيو ڪمرس” ڇوڪرن جي گڏيل گروپ مان جملو هن جي ڪنن تائين پهتو، ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريون نرڙ ۾ گهنج وجهندي هن جي پرسنلٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ پين جي کڙي کان چوٽي تائين نهارڻ لڳيون
    جڏهن ڪلاس ۾ ماٺار ٿي ته هن هڪ نظر بورڊ تي وڌي، انهي بعد ڪلاس جو جائزو ورتو تڏهن خبر پئي ته ڪرسين جي ٻانهن تي ٺونٺيون رکي ويٺل ڇوڪرن جون آڏيون ابتيون نظرون اڃان تاڙ ۾ هيون ، هو وري سهيلي سان آهستي ڳالهائي مرڪي ۽ مرڪ جي گل جو باقي پتيون نظر ڦيرائي سموري ڪلاس ۾ نڇاور ڪري ڇڏيائين، واپس ڪرسي کي ٽيڪ ڏيئي رجسٽر جا پنا ورائڻ لڳي، تڏهن رحمان مونکي ٺونٺ هنئي “ڪيئن ڀلا جڳاڙ ٿي ويندو يا نه” “ها ڏسون ڀلا” آئون انهي جي شخصيت جو جائزو وٺڻ لڳس، ايتري ۾ سر هارون ڪلاس ۾ آيو هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو، ڪلاس دوران اٽينڊس شيٽ آئي، مو ن ڏٺو ڇوڪرين جي نالن جي آخر ۾ لکيل هو شرميلا وحيد، ۽ هيٺان سهيلي جو نالو رفعت هاشماڻي لکيل هو.
    وقت جي ڦرندڙ ڦيٿي سان گڏ، هن جي حجاب جا پردا به ويڙهجندا ويا، بلڪل ماڊرن، فرينڪلي ڳالهائيندي هر ڪنهن سان فري ٿيڻ لڳي، ڳالهه ٺاهڻ، نه ته بگاڙڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪندي هئي، پوءِ هلڪي مرڪ چپن تي ڦهلائي چوندي هئي “دل ۾ نه ڪجو، مون مذاق پئي ڪئي” ماڻهن جي ڪاوڙ توڙي نفرت جا سڀ قلعا ڊهي پٽ پوندا هئا، بلڪل ڀولي ڀالي هر ڇوڪرو ڪهاڻي ٺاهي ٻڌائيندو هو ته اعتبار ڪري ويندي هئي، ڳالهائيندي ڳالهائيندي سامهون ڳالهائيندڙ جي ايترو ويجهي اچي ويندي هئي، جو هن جي گرم ساهن جي گرمائش محسوس ٿيندي هئي، انهي ڪري ڪجهه قدامت پرست ڇوڪرن اهو شوشو هلايو هو صفا وائڙي آهي، هڪ ڏينهن آئون سيمينار لائبريري ۾ نوٽس تيار ڪري رهيو هئس ته هو ٽلندي آئي “ايڪسڪيوزمي” هن ڪنڌ کي هلڪو

    لوڏو ڏيندي چيو.
    مون مٿي نهاريو ته هو پرس ۾ هٿ وجهي آهستي آهستي پاڻ کي لوڏي رهي هئي “ توهان سر هارون جا نوٽس تيار ڪيا آهن”
    “جي ها” مون وراڻيو
    “مو نکي فوٽواسٽيٽ جي لاءِ ڏيندو”
    “ڀلي کڻي وڃو” هو ٽلندي سيمينار لائبريري مان ٻاهر نڪري وئي
    “ٿينڪ يو” ڪجهه دير بعد هن نوٽسن جو بنڊل مون طرف وڌائيندي چيو
    “ويهو” مون ڪرسي طرف اشارو ڪندي چيو
    “نه مهرباني ٻئي دفعي هنيئر ٻاهر رفعت بيٺي آهي” هن شڪريو ادا ڪندي چيو
    اها هن سان منهنجي پهرين رسمي ملاقات هئي، پهرئين سيمسٽر جي امتحان دوران مون سان وڌيڪ فري ٿي ويئي، ائين اسان جي ڪچهرين جا وقت ڪئمپس جي مڌم هوائن ۽ يونيورسٽي جي ڇڙواڳ رستن تي وڌندا ويا، اسٽيڊي کان وٺي اسان هڪ ٻئي جي نجي زندگي تائين بحث ڪندا هئاسين، هن جون ٻه ڳالهيون منهنجي لاءِ باعث ڪشش هيون، هڪ ته هو بلڪل ڀولي ڀالي هئي، ٻه سال اڳ پڙهندڙ آنرس جي ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ کليل ذهن جي مالڪ هئي، ٻي ڳالهه ته ڪيترين ڳالهين بعد به دل ۾ ڪانه ڪندي هئي، گهڙي کن کان پوءِ وري سرچي ڪينٽين يا سينٽر لائبريري جي لان ۾ ڪچهري ڪندي هئي، مون اهو سوچيو ئي ڪونه هو ته اهڙي ماڊرن هر ڪنهن کي ٺهه پهه منهن تي چوڻ واري ڇوڪري هٿان دل ڦرائي ويندس.
    انهي ڳالهه جو اندازو مون کي انهي ڏينهن ٿيو جڏهن هو هڪڙي ڏينهن ڪلاس ۾ نه آئي، اهو سڄو ڏينهن مون فيڪلٽي کان هاسٽل جي وچان هلي گذاريو، رات جو اسٽيڊي به ڪري نه سگهيس، ٻئي ڏينهن صبح جو آئون ڪلاس ۾ پنهنجي خيالن ۾ گم هئس ته هن پويان اچي سڏ ڪيو “عقيل” مون مڙي ڏٺو هو گلابي وڳي ۾ مرڪي رهي هئي، ڪنڌ سان مون کي ڪلاس کان ٻاهر اچڻ جو اشارو ڪيائين آئون ٻاهر نڪتس ته هو سيڙهيون لهي رهي هئي، ڏاڪڻ جي موڙ تي رسيس.
    “ڪالهه ڪٿي هئين؟” مون پينٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهندي چيو
    “ڪالهه رفعت جي سالگرهه هئي، انهي ڪري اچي نه سگهيس، توکي به ڪونه ٻڌايم، هون به ضروري به ڪونه سمجهيم”
    “اڇا!”
    “نه نه اهڙي ڳالهه ڪانهي”
    اسين ڪينٽين ۾ وياسين- مون بيري کي چانهه ۽ سمبوسه آڻڻ لاءِ چيو
    “ڇو اڄ ناشتو ڪونه ڪيو ڇا؟” هن چيو
    “صرف ناشتو، رات جي ماني به ڪانه کاڌم”
    “ڇو؟”
    “تون ڪونه ملئين جو”
    “مار.... عقيل منهنجي ڪري توهان کي تڪليف ٿي” مون هن جي نيڻن جي ساگر ۾ ڏٺو ته هن جي نيڻن جو ساگر بند ٽوڙي ٻوڙان ٻوڙ ڪرڻ وارو آهي “واقعي عقيل مون توکي نه ٻڌائي سٺو ڪونه ڪيو، اسين سٺا دوست آهيون پر اسان کي ايترو اڳتي نڪري نه وڃڻ گهرجي”
    انهي هفتي اسان جو موضوع شادي رهيو، منهنجي بارها ڪوشش جي باوجود هن پنهنجو رايو نه ٻڌايو، صرف مرڪي چوندي رهي “وقت اچڻ تي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو” مٿئين هفتي جا ٻه ٽي ڏينهن موڪلون هيون مون به ڳوٺ وڃڻ چاهيو، انهي ڪري هفتي جا ٻه ڪلاس مس ڪرڻ جو سوچيم، ڳوٺ وڃڻ واري ڏينهن اسان پاڻ ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيوسين. “ايڏي وڏي موڪل تي پيو وڃين خير ته آهي” هن چيو “سڀ خير آهي، ڳوٺ ويئي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، ٻه ڏينهن ايندي ويندي جو سفر آهي” مون جواب ڏنو “ يا شادي وغيره جو پروگرام آهي” هن وري سوال ڪيو “نه نه شادي وغيره ڪجهه ڪونهي، مون پهرين جتي چاهيو اتي مڱڻي ٿي ڪانه هاڻي بابا وارا جتي چاهين ٿا اتي آئون ڪونه ٿو ڪريان”
    “ڪهڙي ضرورت آهي عقيل ٻهراڙي ۾ شادي جي، اتي يونيورسٽي ۾ کوڙ ڇوڪريون آهن” ظاهر آهي ٻهراڙي ۾ ايتري ايڊيوڪيشن ڪٿان آئي جيتري هتي هوندي” هو رڳو مرڪي “هاڻي هلون توکي دير ٿيندي هوندي” هن پرس کڻندي چيو
    “شرميلا دل چوي ٿي ته اڄ آءِ آءِ قاضي جي مزار تي هلون اتان پوءِ گهر هلنداسين” اسين ڳالهيون ڪندي قاضي جي مزار تي آياسين، اتي ڪيتري دير ڳالهيون ڪندا رهياسين، منجهند جو ڪوسي لُڪ جڏهن ڄامشوري جي سرهي هوائن ۾ گڏجڻ لڳي تڏهن اسين شهر وڃڻ لاءِ اٿياسين مون هن جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي اکين تي رکي چمندي چيو “ شرميلا جيڪر منهنجي گلي جو هار ٿيا ته اهي هٿ ٿيندا نه ته ڪي به هٿ نه ٿيندا” هو شرم ۾ ڳاڙهي ٿي وئي، پنهنجو مُک منهنجي سيني تي رکي ڇڏيائين
    “عقيل هلون دير پئي ٿئي” هن ڪنڌ مٿي کڻندي چيو، اسين سنڌالاجي وٽان شهر لاءِ روانا ٿياسين، شرميلا کي شهر ۾ ڇڏي آئون ڳوٺ روانو ٿيس.
    بس ۾ منهنجي ماضيءِ جون ساروڻيون سانوڻ جي اوهيرن جيئان ذهن تي تري آيون، جڏهن شمع جوان ٿي چڪي هئي ته آئون ڪاليج جو امتحان پاس ڪري گهر ويٺو هئس، تڏهن ڳوٺ جي ڇوڪرين ۾ مونکي شمع سڀ کان وڌيڪ وڻي هئي، پوءِ جڏهن مڱڻي جي ڳالهه هلي ته ڀاڄائين، چاچين وسيلي بابا امان تائين اها ڳالهه پڄايم ته منهنجي مڱڻي ڪيو ته شمع سان ڪيو، ڪجهه معاشري

    اڻبڻت جي ڪري منهنجو شمع جو مڱڻو نه ٿي سگهيو، انهيءِ دوران منهنجي يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي وئي، آئون ڄام شوري هلي آيس، تڏهن اڳيون سڀ ڳالهيون وساري علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي اگربتيون ٻاري نئين زندگي جي شروعات انهي وچن سان ڪيم ته هاڻي اتان پنهنجي زندگي جون جيون ساٿي ڳولبو، اهي منهنجا جاڳندل اکين جا خواب ساڀيائن ۾ بدلجندي محسوس ٿي رهيا هئا.
    “ها سائين ڪرايو” ڪنڊيڪٽر جي آواز مونکي حقيقي دنيا ۾ آندو، ڪرايو ڏيئي آئون مئگزين پڙهڻ ۾ لڳي ويس.
    رات جو ڳوٺ پهتس، هفتو گهر رهي، واپس يونيورسٽي جي لاءِ پئي آيس ته امان چيو “تنهنجي مامي غفور وارن جو نياپو آيو هو، هُو سڱ ڏيڻ لاءِ تيار آهن، هاڻي تون کڻي ها ڪر ته ڳالهه پڪي ڪيون” “نه امان مونکي ڪونهي ضرورت شادي جي” مون ڪپڙا ٿيلهي ۾ وجهندي چيو.
    “ابا جيڪڏهن هُتي نه ٿي ته ٺهيو هي به پنهنجا آهن”
    “نه مونکي ڪونهي ضرورت، مامي وارن کي جواب ڏيئي ڇڏيو”
    “ابا ائين ڪندين...”
    “بس چيم نه امان مونکي ناهي شادي ڪرڻي” مون امان جي ڳالهه ڪٽيندي چيو
    گهر وارن کي جواب ڏيئي آئون يونيورسٽي هليو آيس، مهيني کان پوءِ اسان جا امتحان ٿيا، هفتي جي موڪل بعد اسان جا فائينل ايئر جا ڪلاس شروع ٿيا، اسان کي استاد توڙي ڊپارٽمنٽ جو اسٽاف تمام سٺي عزت ڏيڻ لڳو، هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هو، پر ڪچهرين جا وقت وڌڻ لڳا سڀ ڪو پنهنجي جوڙي سان صبح جو ڪينٽين جي بئنچن، سينٽرل لائبريري، فيڪٽلي ۾ ڪچهرين ۾ محو هوندو هو، شام جو پويلئن ۽ آءَ آءَ قاضي جي مزار جا روڊ ٽهڪڙن توڙي هلڪين سرگوشين ۾ گهيريل هوندا هئا.
    هڪ دفعو وري منهنجي زندگي جو اهو اڀاڳو ڏينهن آيو هو، پهرين ٻن ڪلاسن ۾ غائب هئي، سر وسيم انهي ڏينهن موڪل تي هو، سڀ ڇوڪرا ٻاهر لان تي ۽ ڪينٽين ۾ ڪچهريون ڪري رهيا هئا، آئون اڄ به انهي جي نه اچڻ تي پريشان هئس، ايتري ۾ هو رڪشا ۾ آئي، وارن ۾ اڳي جيئن هيئر ڪلپ نه هنيل هو، ڪپڙن جي سيٽ اپ مان پئي لڳو ته هن راتوڪا ڪپڙا نه بدلايا هئا، هٿ ۾ ڪتابن بجاءِ صرف ڪلهي ۾ پرس هو، هوءِ مون ڏانهن وڌي آئي، اسين لائبريري جي لان ڏانهن هلڻ لڳاسين “ڇو اڄ دير ڪئي؟” مون وک ملائيندي پڇيو، بس اڄ ڪم ئي اهڙو هو، اڄ اچان ڪونه ها پر تنهنجا نوٽس ڏيڻا هئا” هن ڪنڌ هيٺ ڪري هلندي چيو “ ڇو اڄ وري ڪنهن جي سالگرهه آهي ڇا؟” مون اڳئين ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي پڇيو “ نه ائين ڪونهي” هن رئو ٺاهيندي ڳالهه کي اڳتي وڌايو “عقيل اسين سٺا دوست آهيون، ڪلاس فيلو آهيون، لازمي ڪونهي ته ماڻهو جنهن کي چاهي انهي کي حاصل ڪري”
    “شرميلا، چوڻ ڇا ٿي چاهين؟” مون کي هن جي وکريل جملن جي لڙهين ۾ پنهنجا سپنا ٽٽندي نظر آيا “دراصل عقيل منهنجي مڱڻي منهنجي ڪزن سان ٿي وئي آهي، آئون بابا وارن جي فيصلي اڳيان مجبور آهيان، هون به مون توکي ڪلاس فيلو جي حيثيت سان ڪمپني پئي ڪرائي” هن نوٽسن جو بنڊل مون ڏي وڌائيندي رڪشا کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، منهنجي اکين اڳيان اونداهي ڇائينجي ويئي مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا چوان، صرف هن جي منهن کي تڪيندو رهيس، هن منهن ڦيرائي ڇڏيو.
    هو رڪشا ۾ چڙهي ويٺي “.... عقيل دل ۾ نه ڪجان توکي هتي ٻي پڙهيل ڇوڪري ملي سگهي ٿي” رڪشا واري ڪلچ ڇڏي، رڪشا سنڌالاجي واري رستي جي لاهي ۾ دونهون اڇلائيندي پري ٿيندو ويو، منهنجي اکين مان لڙڪن جون لارون نوٽسن تي ڪريون، اڄ وري منهنجي پرچيل سپنن جن ساڀيائون رسي ويون هيون.


    يادون درد وڇوڙا

    وقت جي جهرڪي، هن ۽ انهيءِ موڙ جي وچ وارو مفاصلو چڳي رهي هئي، فاصلن کي ختم ڪندڙ هن جا پيرا، جيئن پو تيئن اڳتي وڌندا ٿي ويا ۽ هي پنهنجي دل هٿا، فيصلن جا ڀرم وڃائيندو ٿي ويو، هن محسوس ڪيو ته هي ڪيترين ڪوششن پڄاڻا ارادن جا نه ڄاڻ ڪيترا لشڪر هن موڙ کان واپس موٽائي ويو هو، انهي ڪري موڙ کي ويجهو ڪندڙ هن جا قدم هر وک تي ڳورا ٿيندا ٿي ويا ۽ هن جي ڪيل سمورن فيصلن جا ڀرم شيشي جي گلاس جيئن ڪرچون ڪرچون ٿيندا ٿي ويا، نيٺ اُها جاءِ آئي، جتي هي دل جي اڳيان ارادن جا سمورا هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو، گاڏين جا هارن، ڪلينرن جا هوڪا به هن کي همٿائي نه سگهيا، هي اُنهي طرف نه وڃي سگهيو، جنهن طرف وڃڻ جا سانڀاها هي شاهه جي سر سامونڊي وارن سامونڊين جيئن ڪندو رهيو هو، يادن جي لهر هن کي لوڙهي رهي هئي، روئڻهارڪيون اکيون کڻي، دڪي کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيو، سگريٽ جي ٻاڙ محسوس ڪيائين تڏهن هوٽل جو رُخ ڪيائين، هوٽل جي ڪنڊ واري ٽيبل وٽ ڪرسي تي ويٺو، هن کي خبر هئي ته هاڻي انهي پياري پار ڏانهن وڃڻ بجاءِ انهي شاعر دوست ڏانهن ويندو. هو جنهن جي گوڏي تي سمهي اُماس راتين ۾ روئي محبوب لاءِ ڪيل شاعري ٻڌائيندو هو، پوءِ اهو شاعر دوست پڇندو هو ته “جنهن لاءِ هي نظم لکيا اٿئي اهو ڪيئن آهي؟”
    جواب ۾ هي پولارن ۾ تڪي چوندو هو “ الائجي اهو نه پُڇ”
    روئڻ تي اهو شاعر دوست کيس دلاسا ڏيندو هو
    ياد جي ڇولي اچي ٿي ۽ واپس هن کي ساڻ کڻي ٿي وڃي
    هڪ ڀيري پڇيو هئائين:
    “رات ڪيڏانهن ويو هئين؟”
    “حاجي وٽ”
    “اهو ڪير آهي؟”
    “اهو منهنجو شاعر دوست آهي”
    “ڇو وئين؟”
    “حاجي منهنجي ماءُ آهي”
    “پر منهنجو ته رقيب آهي نه؟”
    “اهو ڪيئن؟”
    “توکي مون کان هڪ رات الڳ ڪري ٿو”
    “نه وڃان ڇا؟”
    “ها جيڪر ملين ٿو ته روز ايندو ڪر نه ته پنهنجو پاڻ کي جهلي ڇڏ”
    “اهو ته ناممڪن آهي”
    “ها اهو ته آئون به محسوس ٿي ڪريان”
    پوءِ هن کان لکجي ويو هو
    “هي ڇوڪري آ هٺ چڙهي،
    ملين ته روز مل، پلين ته پوءِ روز پل
    پوءِ هي جڏهن به گهر نه ايندو هو ته هوءِ سمجهي ويندي هئي ته شاعر وٽ ويو هوندو
    هي پنهنجي ٽهي جو ڀلوڙ شاعر، شهر جي روشنين جو متوالو مشاعرن جو سٺو هوٽر، شاعري وسيلي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو هو ۽ مشاعرن ۾ هوٽنگ ڪري شاعرن کي هٽ ڪندو هو، انهي ڪري اڪثر مشاعرن ۾ هن کي ڏسي هوٽر دوست خوش ۽ شاعر حضرات ناراض ٿيندا هئا، شاعري هو صرف پڙهندو هو
    “ پتوار به آ، پتڻ به، هو جا گنگا جتڻ آ”
    يا
    گهڙي تي ڌن سارنگ جي
    چيو پئي هن سانوڻ کي
    وري ڪو سانگ ٿي اهڙو
    سڄڻ کي ياد پوان آئون
    ڀڳي هڏ جيئن ڏُکان آئون
    هي شاعري پڙهندو ته شاعراڻو مزاج رکندڙ شاعري ٻڌندڙ به هن سان گڏ پڙهڻ شروع ڪندا هئا ۽ پوءِ رڳو تاڙيون ئي تاڙيون. وري جو هن کان پوءِ ڪو شاعر اسٽيج تي آيو ۽ چيائين ته غزل آهي، هي چوندو ٻڌل آهي، شاعر چوندو وائي آهي، هي چوندو بادي آهي، شاعر چوندو ٽيڙو آهي، هي چوندو جهيڙو آهي، ائين شاعر اصلن نه پڙهي سگهندو هو، سنگت به چرچي ۾ اصل پاڻ بچائيندي هئي، اهڙو کل مک شهري هوائن جو متوالو جڏهن ٻهراڙي ۾ اُجري محبت ڏٺائين ته دل جا سڀ اختيار هٿان ويندي خبر ئي ڪانه پيس، هڪ ڀيري هن کان پيو هئائين “توکي اسان ٻهراڙي جي اٻوجهن ۾ ڇا مليو آهي؟ تون ته شهري ماڻهو آهين، روشنين جو متوالو” ياد اچنس ٿا پنهنجا چيل جملا “مون کي ٻهراڙي ۾ ڪنوارن نيڻن جهڙي پاڪ پويتر محبت ملي آهي، اُها محبت شهر جي گليمر ۽ خود غرضي ۾ پنهنجي اُجرائپ وڃائي چڪي آهي” يادن جي ٻيڙي هن کي انهي ياد جي ڪناري تي آڻي ٿي جڏهن پهريون ڀيرو هن کي ڏٺو هئائين رات جو هن جي ڳوٺ ۾ رهي صبح روانو ٿي رهيو هو، تڏهن هن رڌڻي ۾ ويٺي ويٺي چيو هو “ٿيلهي ڦري اڇلي ڇڏيو”

    تڏهن ان هڪ عام ڇوڪري جنهن هن کي پهرين نظر ۾ متاثر به نه ڪيو هو، اڳيان ڪيترين ڪوشش باوجود ڪجهه به نه ڪڇي سگهيو هو، هي انهيءِ رات به رهي پيو هو، پوءِ هي هر رات هن جي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو هو، سواءِ ڪنهن رات پنهنجي دوست وٽ وڃڻ جي. جڏهن ڳالهين جي ڳهر جا ريشمي تاڪيا هن جي اڳيان کوليندي هئي ته هي حيران رهجي ويندو هو، هي سوچيندو هو ته آئون اهو آهيان، جنهن سان ڪا به ڇوڪري ڪجهه ڏينهن به هلي ناهي سگهندي، هيءَ ۽ آئون روز وڙهون ٿا ۽ پرچون ٿا، پوءِ به پاڻ کي هڪ ٻئي کان پلي نه ٿا سگهون “ڇا پاڻ ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي وڙهندي سُٺا ٿا لڳون؟” هڪ ڀيري هن پڇيو هو.
    “ها روز نئين ٿيڻ ۾ ئي ته مزو آهي”
    ياد جي نئين لهر هن کي پاڻ سان کڻي ٿي وڃي، جڏهن ڪاوڙبي هئي، ٻين کي چئي محسوس ڪرائيندي هئي، هن جا چيل جملا ذهن ۾ اچنس ٿا ياد “ماڻهن جي اسان کان سواءِ سَري به ڪانه ٿي، پوءِ به ڪاوڙجي وڃن ٿا، ڪيڏانهن ويندا؟ اسان ۾ الائي ڪهڙيون پتيون آهن جو وڙهن ٿا”
    دوست هن جي شاعري تي رشڪ ڪندا هئا “هي ڪٿان ٿو سٽون آڻين؟” پر هي پنهنجي دل گهرئي دوست سان ئي حال اوريندو هو. جنهن جي هڪ شعر تي هي اختلاف به ڪندو هو “ گهڻا وڻ ڇا ٿو ڪري پيا هوا ۾، پکين کي ٺڪاڻا مليائي مليا هن” “پر يار دل جو هڪ ئي ٺڪاڻو هوندو آهي” هي دوست کي چوندو هو “سائل هي تون شاعري ڪيئن ڪندو آهين؟” ماضي جي جهروڪي مان هن جو چيل جملو ياد اچي ٿو.
    “آئون ته صرف تنهنجي چيل ڳالهين کي ترتيب ڏيندو آهيان ته شاعري ٿي ويندي آهي”
    “اهڙا ڀاڳ ڪٿي جو اوهان اسان تي شاعري ڪريو”
    “منهنجي شاعري صرف تون آهين”
    “الا ائين هجي”
    “ائين آهي، تون جڏهن صرف پنهنجي ٻارن کي وڻندين، تڏهن منهنجي شاعري ۾ جوان هوندين” جواب ۾ تڪيندڙ ٻه نيڻ
    “شاعر ڪوڙا هوندا آهن ڇا؟”
    “آئون جيڪا ڊگري وٺي رهيو آهيان، اُها ڪوڙ جي آهي”
    ڊگري تي هن کي ياد وري روشنين جي شهر ڏانهن کڻي وڃي ٿي، جتي ڪيتريون ئي ناريون ڪاليج ۾ صبح جو تيار ٿي اينديون هيون، پر هن کي انهي ميلي جهميلي ۾ هن جون چيل ڳالهيون ۽ ٽهڪ ياد ايندا هئا، هڪ ڀيري “بڪ فيئر” ۾ هن جي لاءِ ڪتاب ورتا هئائين، گهڻن ڏينهن کان پوءِ پڇيو هئائين “رهجي ويل منظر ڪيئن لڳو؟”
    “ڏاڍو سٺو”
    “خواب، خوشبو ۽ ڇوڪري؟”
    “اهو ته ڪنو ڪتاب آهي”
    “معنيٰ ڪتاب پڙهين ٿي”
    “ڪتاب ته هتي پڙهڻ لاءِ نه ٿا ملن، پر ڏس مون تنهنجي يادن سان گڏ هي تنهنجي شاعري سنڀالي رکي آهي”
    پوءِ هن جي شاعري جون ڪٽنگس ڏيکاري ٿي.
    “بس سائل ڪجهه شاعري ۽ ڪتابن کان سواءِ هي ڪيسٽون ئي اسان جي اڪيلائي جون ساٿي آهن”
    هن ڏٺو ته هن وٽ فوزيه جي چونڊ درديلن گانن سان گڏ جگجيت ۽ چتران جو به ڪيسٽون پيون آهن، تڏهن سوچيو هئائين ته ڪار، بنگلن ۽ بينڪ بيلنس جا خواب ڏسندڙ شهري چالاڪ ڇوڪرين جي بجاءِ هي ڳوٺاڻيون ڇوڪريون ڪيڏو نه پيار ۾ پاڻ ارپيندڙ آهن، هي ته ٻين جي عشق کي به پنهنجي عشق جي اکين سان ڏسنديون آهن، هنن جي پيار جا ڳوٺ ۾ هُل هوندا هئا، ايتري تائين جو هن جي گهر نه وڃڻ تي هن کان ننڍا ٻار به پڇندا هئا “ڇو تهون هاڻي پريا وارن جي گهر ويندو ئي ڪونه آهين؟”
    پاڙي جون ڇوڪريون هن کي ايندو ويندو ڏسي تڪينديون هيون، ڪاوڙبا هئا ته هنن کي خبر پئجي ويندي هئي، پوءِ هن کي ڦاسائڻ لاءِ گس گهڙينديون هيون، اهڙي ئي لمحي ۾ هن کان لکجي ويو هو
    “حالتن ڏکين ۾ وساري وئي آهي
    لوڪ جي اکين ۾ وساري وئي آهين
    تون ايڏي سادڙي پنهنجو پرين
    چالاڪ سکين ۾ وساري وئي آهين”
    هڪ ڀيري پڇيو هئائين “ياد اچان ٿو؟”
    “وسرين ته ياد اچين نه”
    “۽ ڪاوڙجي پوءِ روئين به ٿي”
    “نه اصل نه”
    پر هن کي خبر پئجي ويندي هئي ته اڄ رُني پئي، اهڙي ئي ڪاوڙيل لمحن ۾ هن لکيو هو
    هن جو هٺ ڀي هن سان آهي
    هو ڳلي جو موڙ اُڪاري روئي ويٺي
    ياد جي هڪ لهر اچي ٿي هن کي گهليندي نيري ڇر ۾ کڻي ٿي وڃي، جڏهن هن کان پريا ۽ هن جي تعلقاتن تي مائٽ به رسي ويا هئا ۽ اهو دوست به انهي ڳالهه تي رُسي ويو هو، جيڪو هن جو ڇا ڇا نه هو؟ گهر ۾ جتي هن کي سڀ جيڏو ڀائيندا هئا، اُهي اڄ اوترو ئي هن کان ڪاوڙيل هئا، پر هوءِ هئي جيڪا هن سان

    ڳالهائيندي هئي، سوچي ٿو ڪيڏا نه هنن ٻنهي جي پيار جي ڪري هن بهتان کنيا هئا، تڏهن چيو هئائين
    “تون مون کي هلڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي”
    “تون چئي ڇڏ نه ايندو ڪر، الزام ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي”
    پوءِ نه ڄاڻ ڪيترو رُنو هو، هڪ ڏينهن پڇيائين “تون روئيندو ڇو آهين؟”
    “ڪيڏو ظلم آهي؟ روئاڙي پڇجي روئين ڇو ٿو؟”
    “اسان روئاڙيو اِهو سبب ته ناهي” “ها روئي پرچائڻ ۾ روئاڙي پرچڻ وارا الزام ڏيندا آهن، تڏهن بي سبب روئبو آهي ۽ خودڪشي لاءِ سبب ڳولڻا ڪونه پوندا آهن”
    “تو ايڏو اونهي پاڻي ۾ ڇو ٿو وڃين؟”
    “پر پريا جڏهن پرچائڻ وارن جي اڳيان لڙڪ بي معنيٰ ٿي وڃن ته خودڪشي شهادت جو رُتبو ماڻي وٺندي آهي”
    پوءِ هو پاڻ روڪي نه سگهي هئي ۽ روئي پئي هئي، ياد جي ٻي لهر اچي ٿي، جڏهن هن جي ذهن ۾ انساني فطري جبلت جاڳي پئي ۽ هن انهي جي تسڪين هن کان گهري ته شهري فارورڊ ڇوڪرين جيان هائوڪار ڪرڻ بجاءَ هن جي انهي ڳالهه تي هن ڪيترو عجب ظاهر ڪيو هئائين
    “مون ته توکي ايئن ڪونه سمجهيو هو”
    “مون ڪڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪئي آهي”
    “تومان اُها اميد نه ڪئي هئي، آئون محبت جي اڇي چني تي داغ لڳائڻ نه ٿي چاهيان” ۽ ائين هن محسوس ڪيو هو ته “هاڻي آئون محبت ۾ وحشي ٿيندو پيو وڃان، پر سوچيائين ته وحشي هوندي به آئون هن کي وساري نه سگهندس، پر پوءِ هن ڏٺو ته هاڻي محبت ۾ هو سرد مهري اختيار ڪندي ٿي وڃي
    سوچائين روئي پرچائڻ واري اچي ٿي ۽ ايئن بي رُخي ۾ موڪلائي هلي ٿي وڃي
    هڪ ٻي ياد جي لهر ياد ڏياري ٿي، هن کي هُن سان ڪيل موڪلاڻي
    “دعا ڪجان”
    “دُعا الله جي آهي”
    “دُعا الله ڪندو ته پوءِ اَگهائيندو ڪير؟”
    “وري ٻه ياد جي لهر جڏهن هن جي شادي جو ٻڌو هئائين
    “تنهنجي شادي پئي ٿئي؟”
    “چون ٿا”
    “شادي کان پوءِ تون اسان وٽ ڪٿي ٿو اچين؟”
    “ڇا اهو تنهنجو تجربو ڳالهائي ٿو؟”
    “ها ڇوڪرا ائين ڪندا آهن”
    جواب ڏيڻ بجاءِ چيو هئائين
    “هاڻي منهنجي منهن لاءِ سڪندين”
    “مون کي خبر هئي، پر ماڻهو سورن جو ڏاڍو آهي
    “پنهنجون عادتون نه بگاڙ، آئون نه هوندس ته ڪنهن سان وڙهندين؟ ڪنهن سان ڳالهائيندين”
    “ديوارن سان” بي اختيار چئي ڏنو هئائين
    شادي کانپوءِ ڇهه مهينا گذري ويا، هي وري نه ويو، هڪ ڀيري هن جي ننڍي ڀاءُ کان پڇيائين “سائل خوش آهي؟” اسان وٽ ڪون آيو؟”
    “نه شاعر دوست وٽ هليو ويو”
    “ها اسان وٽ هاڻي هن جو ڇا؟”
    هن سان هر ڀيري ايئن ٿيندو هو، هتان سنڀري ويندو هو، پر اُتي وڃڻ بجاءِ پنهنجي دوست وٽ هليو ويندو هو، پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان سنبرندو رهيو ته ضرور هن وٽ ويندس، پر اڄ به ڪيترين ئي ڪوششن باوجود هي هار کائي رهيو هو
    سڙندڙ سگريٽ جي تاءُ جڏهن هن جي آڱرين کي ساڙڻ لاءِ ڪوساڻ ڏيڻ شروع ڪئي ته پاڻ تصوراتي سمنڊ جي لهرن سان وڙهندي پاڻ بچائي ڪناري لڳو، ٻه لوڻاٺا لڙڪ لارون ڪري ڳلن جي بنجر زمين تان ترڪندا، گهڻن ڏينهن جي وڌيل ڏاڙهي ۾ گم ٿي ويا، هن هڪ نظر سگريٽ ڏي ڪئي، جيڪو هاڻي فلٽر ساڙي رهيو هو، سوچائين اسين هن سگريٽ وانگر به نه جلياسين اکيون اُگهندي هوٽل کان ٻاهر نڪتو ٻاهر بسون ڪي اچي ته ڪي وڃي رهيون هيون، هن شاعر دوست جي ڳوٺ ويندڙ بس کي اسٽاپ جي دڪي تان سرڪندي ڏٺو، هن جا قدم بس ڏانهن تڪڙا کڄاڻا، ڪجهه لمحن بعد هن جا هٿ بس جي گيٽ واري ٻاهرين لوهي راڊ ۾ پيا، ته هي زمين کان مٿي کڄي ويو، بس اسٽينڊ وارو موڙ ڪٽي شاعر دوست جي ڳوٺ ڏانهن رُخ ڪيو ۽ هي بس ۾ بيٺل مسافرن جي رش ۾ گم ٿي ويو


    سمهاڙو

    [سمهاڙو مال ۾ وچندڙ بيمارين مان هڪ آهي، جنهن ۾ مال کي بخار ٿيندو آهي، مال کائڻ پيئڻ سڀ ڇڏي ڏيندو آهي، بخار جو تاب نه سهي اڪثر ڪري ننڍو ڦر نه رهندو آهي، موجوده جديد دور جي ٽيڪنالاجي، ترقي جي آسمان کي ڇهي رهي آهي، اُتي ويڪرين ڀٽن ۾ جيون جا آواره پل گهاريندڙ مارو ماڻهو ڪيئن ۽ ڪهڙا اُپاءُ وٺن ٿا، اهو سڀ ڪجهه توهان هن ڪهاڻي ۾ پسي سگهو ٿا، انهي ڪري هن ڪهاڻي جو عنوان ئي بيماري جي نالي سان ڏنو ويو آهي- ليکڪ]

    اونداهي ڪاري نڀرنگ رات، سڄي ڳوٺ کي گهيري ويئي هئي، سڄو ڳوٺ ڄڻ ته رات جي هيٺيان دٻيل آهي، ڪٿي ڪٿي ڪنهن چونئري ۾ ٽمڪندڙ باهه اونداهي جي سيني ۾ ڀالي جيئن کُپجي ٿي ويئي، ڪٿي ڪنهن جي جهيڻي ڳالهائڻ جو آواز ڪنهن ٻڪري جي کلڪڻ [کنگهڻ] ساڻ ٿي آيو، ڪنهن مهل ڪنهن گڏهه هينگ ٿي ڪئي ته ڪتن به انهي ساڻ اونائڻ شروع ٿي ڪيو، رات جي سانت ۾ ٻڏل ڳوٺ کي ڪتن جي اونائڻ سان وڌيڪ ڊپ ورائي ٿي ويو، ڳوٺ نه هو ڄڻ پاڻي ۾ ٻڏل جهاز، جنهن پار پوڻ جا ڪي به امڪان نه هيا، چونئري جي وچ ۾ مچ ٻري رهيو هو، چوڌاري لقمان، هاشم ويٺا هئا، لقمان ٻرندڙ ڪاٺي جو بچيل حصو باهه ۾ اڇليندي ڪانڀ صحيح ڪئي ته تماچي به اچي پهتو
    “ ڀلي آئين” هاشم چيو
    “ڀلائي” تماچي جواب ڏنو
    “هلي آءُ هتان هلي آءُ” لقمان چيو
    “هائو تماچي جواب ڏيندي ٻنهي جي وچ ۾ باهه کي ويجهو ٿي ويٺو
    “ ڏي خبر اڄ دير ڪيئي” لقمان پڇيو
    “دير ڪهڙي مال سڀ آڏي لٺ پيو آهي، ڇا ڪجي؟” تماچي چيو
    “ڇو اڄ وري ڪو جهلاڻي ڇا؟” هاشم پڇيو
    “ها هڪڙي هئي کير واري سو به قابو ٿي ويئي، چانهه ته وڃي کڏ جي تري ۾ پئي، ڇورئي جي رڙ پئي پوي، هاڻ هن کي ڇا پياريون؟” تماچي جواب ڏنو
    “منهنجي به ٽڪڙ ٻڪري ڪالهه ٺيڪ هئي، اڄ هوءَ به جهلاڻي پئي آهي، لقمان چيو، “ٻڪري گڀڻي به آهي، انهي انڌارين ۾ ويامي ها، الله خير ڪري ماڳئين ٽُجي نه” “ٽُجي ويندي، هي بيماري ڏاڍي نُگري آهي، بس الله پيو پناهه ڏي” هاشم بيماري جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو
    “بس ڙي بابا يار آهي ڏمريو هاڻ ڇا ڪريون؟” تماچي چيو
    “بلي ٻڪرين ڪو کير اڇليو هو ڇا!” لقمان ٽوال جي ڪانڀ نئين سري سان ڪڍندي چيو
    “ڪجهه جهڻ به ٿي پئي هئي، سمجهيونسين ته شڪر رب جا جو اڇو ڏند به ٿيو ۽ ڇيلڙا به سڌري پوندا ته ڪنهن قرضي جي وات بند ڪرڻ جهڙا ٿي پونداسين، پر يار چوي ته ائين مون کي منظور ڪونهي. پنج ڏينهن کان جهليل ڳاڙهي ڇيلي مس وڃي ڪجهه ساهه کنيو هو ته وري اڄ جيڪا کير جهڙي هئي، اُها جهلجي پئي، هاڻي ڇا ڪريون؟” تماچي چيو
    “هي ڪلهه اداري وارو ڊاڪٽر آيو انهي ڇا چيو؟” هاشم ٿر ۾ ڪم ڪندڙ اين جي او جي باري ۾ پڇيو
    “الائي ٻيلي اسين پنهنجي حشري ۾ پورا، اسان کي ته خبر ئي ڪانه هئي” تماچي چيو
    “اي هي چوي پيو ته ڏياري واري چنڊ تي ٽڪا هڻايو ها ته اڃان ڪجهه ٿئي ها، پر هاڻي ڪجهه ڪونه ٿيندو” لقمان چيو
    “اي ته توهان ٻڌايو نه اسان اڻپڙهيل ماڻهن کي ڪهڙي خبر” تماچي چيو
    “ها نه ائين ٻڌايو اسان کي ڪهڙي خبر ته ڪڏهن ٽڪا هڻائڻا آهن” هاشم به تماچي جو ساٿ ڏنو
    “باقي چيائين ته هاڻي اهو اڇڪي ٽڪي آهي نه ڳاڙهي پني ۾ اهي چار چار ڏيو ته ڪجهه اڃان ئي جوم هٽي ويندو، باقي ڇڏي پنهنجي وقت تي ويندي” لقمان ڪالپول گوري جا پار پتا ڏيندي چيو
    “ٻيلي هاڻ ته ٽپ کائڻ گهرجي، هي نڀاڳي وٿاڻ مٽائي، مهينو اچي ٿيڻ وارو آهي” تماچي چيو
    “هاڻ وٿاڻ مٽائي نه مٽائي، پاڻ کي سڃا ڪري ڇڏيا اٿس” لقمان چيو
    “اي ڪٿان آيا هي ڊاٽڪر ۽ دبائون، اُهي پنهنجا اصلي علاج هوندا هئا” هاشم چيو
    “ٻيو نه ته” تماچي هاشم جو وارو کڻندي چيو “چون ڪه تيل پڙهائي اچو، گوئڙ ماري انهي جي ڌوپ ڪريو، بندوق جو مال جي مٿان ٺڪاءُ ڪرايو، پاڻهي مال ٽاهه کائيندو ته ڇڏي ويندي، لوڪڙ جي هڏي جو ڌوپ ڪريو” هاشم پراڻا ڏس ٻڌائيندو ماضي جي ورقن ۾ وڃائجي ويو “ٻيلي اسين ته اهي ڏس ڪندا هئاسين، ڪٿان آيا اهي ڊاٽڪر ۽ ڌوڙ فشاد، هي هينئر نڪتا آهن”
    لقمان هڪ نئين ڳالهه شروع ڪرڻ لاءِ سڌو ٿيو، ڪالهه ويو هوئس محرم پيرن ۾ پير قابل شاهه وٽ تيل ۽ گگر پڙهائڻ، پير چيو ته ننڍو توڙي وڏو ڦر آهي انهي ته پنج روپيا رکو، اهي پئسا گڏ ڪري انهي جي ڪني رڌي معشومن کي کارايو ۽ هي گگر جي ڌوپ ڪري تيل مال جي منهن تي مکيو خدا ڪندو ٺيڪ ٿي ويندو، جي عضوئي (قرباني) جي هڏي ملي ته انهي جو ڌوپ ڪريو
    “ها هي به سٺي آهي” تماچي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو
    وري نئين ڳالهه کڻندي چيائين “اي اڳئين جنگ کان اڳ اسان وٽ پوريون پنج ويهون ٻڪريون ۽ رڍون هيون، تڏهن به ابا مرحوم ويو، پير جيندل شاهه کي وٺي آيو، تنهن اچي هتي سڄي ڳوٺ جي مال گڏ ڪرايو، پاڻ ڪلام الله پڙهڻ شروع

    ڪيائين، اسان کي چيائين هوشيار ٿجو، مال ٽاهه کائيندو، اسين سڀ لٺون کڻي مال روڪي ويٺا هئاسين، اُسر جو مال ٽاهه کاڌو، پر اسان هڪڙو ڦر به ڀڄڻ ڪونه ڏنوسين، صبح سوير نئون پٽڪو گهرائي انهي ۾ قرآن رکي مٿي ٻڌرائي چيائين هاڻ مال سڀ هن هيٺيان لنگهايو، ٻاهران هڪڙو ڦر به نه وڃي، سڀ مال لنگهي روانو ٿيو، اسان جي ته جان ڇٽي پئي، پوءِ مال مئو پنهنجي کٽي، سو ٻيلي هي مرض اهڙو نگرو آهي”
    “اهي ته سڀ ڦسرا (علاج) ڪياسين، هاڻي ته صرف مسواڻ جي ڪير ڪاٺي کڻي اچي ته جان ڇٽي پوي” لقمان چيو
    “ها اهو هينياتو ڪير هجي ته کڻي اچي” تماچي چيو
    “اکجي بانڪاڻي اهڙو ڏهيسر هو” لقمان وري چيو
    “چون ٿا هي راڻ سنگهه پوڇانڊي وارو به کڻي ٿو اچي؟” هاشم چيو
    “ها کڻي پرون ايندو” تماچي چيو
    هي سڀ پنهنجين اوڀارين لهوارين ۾ هئا ته ڀورو اچي پهتو
    ڀوري کي سڀني ڀليڪار ڏني “ڀلي آئين”
    “ڀلائي”
    “لقيا! مال کي ڀيڙو ڪجو، آئون وڃان ٿو جيراڻي ڪاٺي کڻڻ” ڀوري چيو
    “هان!” هنن کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه اچڻ لڳو
    “آئون اڄ ڏينهن جو ڪاٺي ڏسي ٻولائي آيو آهيان، کڻي ٿو اچان”
    “ها ٻيلي وارو ڪيو، بس هينئي جي ڳالهه آهي” تماچي چيو
    “خبر آهي ڪيئن کڻبي آهي” هاشم پڇيو
    “جيئن ڳالهيون ٻڌيون آهن، ائين ٻيو وري ڪيئن؟” ڀوري چيو
    “ها ته پوءِ تون اُپڙ، اسين مال کي وڏي وٿاڻ ۾ گڏ ڪيون ٿا” لقمان چيو
    ڀوري ٻاهر نڪرندي چيو “مرشد سچا حامي ٿجان”
    ڳچ دير تائين هي ماٺ جي ڪوهيڙي ۾ گهيريل رهيا، نيٺ ماٺ کي ٽوڙيندي لقمان چيو “ڪيئن ڪندو الائي؟”
    “ٻيلي مڙس ته هينياتو آهي پوءِ الائي” هاشم چيو
    “جي نه کڻي سگهيو ته” لقمان چيو
    “ڇڏي آيو ته ماڻهو مري پوندو” تماچي ٻه ٺپي ڳالهه ڪئي
    “اڙي الله چڱي ڪندو توهان هلي، مال کي هڪ هنڌ ڀيڙو ڪيو” تماچي چيو
    “هائو هائو” لقمان چيو
    ٽئي ڄڻا اٿي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا، ڀورو ٻاهر نڪرندي ئي اونداهي رات جي سيني ۾ گم ٿي ويو، هر طرف خاموشي ۽ گهگهه اوندائي ڇانيل هئي، ٻوٽن ۽ ڪکن ۾ ويٺل تڏين جو چرڙاٽ پئي ٿيو، هن کي نظر ڪجهه ڪونه ٿي آيو، پيرن وسيلي هن کي پڪ پئي ٿي ته هي صحيح مارڳ تي وڃي رهيو آهي، ڳوٺ جي پٺئين پاسي وڃي سامهين ڀٽ چڙهيو، گهران نڪرندي ته هن کي سيءُ محسوس ٿي رهيو هو، جنهن ڪري هن پراڻي ٽوال ۾ پاڻ کي لپيٽيو هو، پر هاڻ هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته سيءُ گهٽ آهي، ٻئي لمحي هي ڀٽ جي ٻئي پاسي هيٺائين ڏانهن لهڻ لڳو، سڄي مڙهي ۾ خاموشي ڇانيل هئي، هن محسوس ائين ٿي ڪيو ڄڻ هي رات ڏينهن گهمندڙ گاگام جي مڙهي ۾ نه بلڪه قبر ۾ لهي رهيو آهي، اتر کي سامهون وڃڻ جي باوجود ، اتر جي ٿڌي هير هن جي بدن جي گرمائش نه گهٽائي سگهي هئي، اوچتو ڪنهن ڪنڊي يا کٻڙ جي وڻ مان چٻري چرڙاٽ ٿي ڪيو ته، ڄڻ رات جي سيني ۾ ڪنهن خنجر واهي ڪڍيو هجي، انهي ساڻ هن جون لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ٿي ويو، رات ڏينهن پيرن ۾ ڪڍيل مڙهي جو پنڌ هن لاءِ هينئر کٽڻ جو نالو ئي ڪونه ٿي ورتائين، مس وڃي هي ٻئي ڀٽ جي چوٽي تي پهتو، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ بغير هي ٻئي مڙهي ۾ لهي ويو، وڃي سامهين ڀٽ تي چڙهيو، هن کي خبر هئي، هن ڀٽ چڙهندي شرط سامهون مٿاهين تي هندن جو مڪان “جيراڻا” آهي، جنهن مان هن کي ڪاٺي کڻڻي هئي، جيڪو ڪجهه هن کي ڪرڻو هو ۽ هن سان ٿيڻو هو، اُهي سڀ ڳالهيون هن جي ذهن ۾ گهمي رهيون هيون
    ٽئين ڀٽ جي چوٽي تي پهچڻ شرط هن ٽوال مٿي تان لاهي هيٺ رکيو، ڪانچ جو اڳٺ کوليائين ٿوري دير ۾ هي الف اگهاڙو ٿي ويو، ڪپڙا ٽوال ۾ ويڙهي، ڳنڍ ڏيئي هيٺ رکيائين ٻئي لمحي هي ڀٽ جي لاهي ۾ لهي ويو، سياري جي موسم ۾ الف اگهاڙو هوندي به هن جو بدن پگهرجي ويو هو. هي وڃي مسواڻ ۾ داخل ٿيو، ڪاٺي ته ڏينهن جو نهاري ٺاهي رکي، انهي کي ٻولائي آيو هو، هن جي ذهن ۾ ڏينهن جو چيل لفظ گونجڻ لڳا “ڪاٺي هوشيار ٿجان رات توکي کڻڻ ايندس”
    هي وقت وڃائڻ بدران رکيل ڪاٺي جي الهندي ڇيڙي کان ايتري مفاصلي تي ستو، جو پوئتي مٿي وٽان هٿ سڌو ڪري ته وڃي ڪاٺي کي پهچي، هن هٿ پوئتي ورايو ته ڪاٺي تي پهتو، ڪاٺي تي هٿ پهچندي هن جو هٿ ڪاٺي مان نڪري ويو “هي ڇا!؟” واقعي ڳالهه سچي ڪاٺي نه ڄڻ ڪنهن ماڻهو جي ٽنگ هجي، هي گهٻرائجي ويو، ڪاٺي کڻي يا ڇڏي وڃي، پر خبر هئي ته ٻولايل ڪاٺي نه کنئي ۽ ڀڄي ويس ته مري ويندس، “کڻ پوءِ يا نصيب” هي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪيو، يڪدم ڪاٺي ڇڪي ڪلهي تائين آندائين، خاموشي جي ماحول ۾ دل جي ڌڪ ڌڪ جو آواز هن کي صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو، ڪاٺي جي گهلڻ جو آواز هن کي لڳو ڄڻ ڪنهن سو مڻ وزني پٿر گهليو هجي، هي سڌ ٿي ويٺو، اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ته اٿي نه سگهيو، پنهنجي پوري طاقت لڳائيندي چيائين “مرشد سچا حامي ٿجان”

    هي اٿي کڙو ٿيو، هلڻ جي ڪوشش ڪيائين ته پير وزني محسوس ٿيا، ٻه ٽي قدم کڻڻ بعد هن ڪاٺي کي ساڳي ڪاٺي ۽ هلڪي محسوس ڪرڻ لڳو، مسواڻ کان ٻاهر نڪتو ته پويان مال جي رنڀڻ ته ڪنهن مهل ٻارن جي روئڻ ۽ سڏ واڪا ٻڌڻ ۾ پئي آيا، هي سڀ اڻٻڌيون ڪري وڃي سامهون ڀٽ تي ڪپڙن وٽ پهتو، پير سان بيٺي بيٺي ڪپڙا کڻي لاهي ۾ لهي ويو، هاڻي هي پاڻ کڄندو پئي ويو، باقي هن کي پنڌ ساريل هو
    لقمان، تماچي هاشم سڄي مال کي گڏ ڪري وڏي وٿاڻ ۾ آندو، ڀوري جي زال حرمت جو اها ڳالهه ٻڌي ته هن جي هٿان ٺڪر ڪري پيا “ائي مٺيس، الائي ڪاٺي کڄي نه کڄي، منهنجو ته گهر اجڙي ويندو” پر ڀوري ڪنهن کي ڪين ٻڌايو هو، صرف ويندي مهل انهن ٽنهي همرائن کي چئي ويو هو، سو حرمت کي مال کان وڌيڪ ڀوري جي فڪر اچي ورايو، مال ته لقمان ڪاهي وڃي وٿاڻ ۾ ٻئي مال سان گڏ ڇڏيو هو، چو طرف لٺيون کڻي روڪي ڀوري جو انتظار ڪري رهيا هئا، ڳوٺ سڄي جو ننڍو وڏو مال گڏ هو، تنهن ڪري ڪٿي ڍڳي جي رنڀڻ جي ته ڪٿي ننڍڙي ڇيلڙي جو آواز ٿي آيو، انهي مان محسوس ٿي ٿيو ته ڳوٺ ۾ حياتي جا پساهه کڻندڙ ڪا شيءِ آهي، باقي سڄي ڳوٺ تي سانت ڇانيل هئي.
    ڍڳين ۾ چرپر شورع ٿي، زمين سونگهي هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳيون ته تماچي هڪل ڪئي.
    “هاشوڙا همرائن کي هوشيار ڪج، شايد ڀورو اچي پيو، مال ٽاهه کائيندو”
    حرمت جي ڪنن تي تماچي جو آواز جو پيو ته ڪجهه سرير ۾ ساهه پيو، ٽپ ڏيئي اٿندي چيائين “ مرشد سچا، ڏاڏا ميئن شاهه حامي ٿجان”
    اوچتو سائي سان ڍڳي رنڀ ڪئي ته ڀوري هڪل ڪئي “مڙس ٿي مال روڪجو اچي پهتو آهيان”
    ڍڳين ڦونگار ڪندي ڀوري ڏانهن ڪن ڪيا، چئني پاسن کان همراهه ڍڳين ٻڪرين کي روڪڻ لاءِ هڪلون ڪرڻ لڳا “هئه ابا هئه، بس پٽ بس، هئه”
    ڀوري سهڪندي ڪاٺي کڻي ڍڳئين ۽ ٻڪرين جي وچ ۾ اڇلائي ته ڪاٺي جي ڪرڻ جي آواز سان سڄو مال ٽاهه کائي چوطرف پکڙجي ويو، همرائن به مال کي ڍر ڏني، ڀورو ڪاٺي اڇلي اڪ پويان ڪپڙا پائڻ ويو، ڪپڙا پائي ٽوال سان پگهر اگهندو بيٺل همراهن وٽ آيو
    “ايئن ڪو ڪريو نه” تماچي چيو
    “واهه ڙي ڀورا واهه” لقمان چيو
    سڀني جا چهرا چمڪي رهيا هئا، ڳوٺ ۾ به ماڻهن، عورتن جي ڳالهائڻ جو آواز ٿي آيو، ڄڻ سڄو ڳوٺ ڪنهن وزن هيٺ دٻيل هو ۽ هاڻي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري رهيو هو.


    شناختي ڪارڊ

    سج پنهنجا سونهري ڪرڻا صبح ساڻ سون ورني ڌرتي تي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، اڄ سج جي ڪَني ڪڍڻ کان پهرين سنهي ڪڪري نيري آڪاش تي ڇانيل هئي، جن منجهند بعد وڏين وڏين ڪڪرين جي شڪل اختيار ڪئي هئي، اتر طرف تمام هيٺ رهي رهي گاج جو آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، ڪڪري جي ڪري سارو آسمان ڍڪجي چڪو هو، سج جي ڪا به خبر ڪانه ٿي پئي ته ڪٿي پهتو آهي؟ البت ايتري ڄاڻ هلڪي روشني مان ٿي پئي ته سج سفر جا آخري ڏهاڪا لتاڙي، صبح جي سوجهري لاءِ آرامي ٿيڻ وارو آهي، لڇمڻ ٽي ڏينهن کان نه ٻني ويو هو ۽ نه پاپي پيٽ جي آڳ اجهائڻ لاءِ ماني جو ٽڪر کاڌو هئائين، ٻني ۾ ٻاجهر تيار هئي، جنهن ۾ گاهه مٿي چڙهي آيو هو، هنن ٻه ڏينهن گاهه مس ڪڍيو هو ۽ هي ٽي ڏينهن ساوتري کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو هو، ڪٿي ڏس پتو ڪونه پيو ته ڪيڏانهن ويئي، هي چونئري مان ٿي لانڍي ۾ ويو، گهر جي ڪا به شيءِ هن کي نه ٿي وڻي، جنهن شيءِ ڏانهن نظر ٿي ڪيائين ته ڄڻ هن کي کائڻ ٿي آئي، چلهه چئن ڏينهن کان اجهاميل هئي، ساوتري هڪ اڪ جي ڪاٺي ۽ ٻه ڪونڀٽ جون ٻرندل ڪاٺيو ڦلهيار ۾ هنيون هيون اتي کتل هيون ڪجهه ڦوڳن ۽ ٻوهن جون ڪاٺيون چلهه جي آڳوڻ ۾ رکيل هيون چلهه ۾ ڄڻ ڪنهن پاڻي هاريو هجي، هن جي چلهه ڇا زندگي تي پاڻي ڦري ويو هو، هن جي چاهنا، پيار، محبت اڄ ٽن ڏينهن کان لاپتا هئي، ڳولي ڳولي مايوس ٿي گهر جي ٻاهريان اچي ويٺو، سوچيندي، سوچيندي پنهنجي ماضي ۾ گم سم ٿي ويو.
    هن جڏهن کان هوش سنڀاليو، پنهنجي گهر کي وقت سر پورت ڪندڙ محسوس ڪيائين، گهر ۾ ڪڏهن به اهڙو ويلو نه آيو جڏهن لنگهڻ سمهڻو پيو هجي، پيءُ ماءُ ذات ۾ چڱا خاصا ڄاڻ سڃاڻ وارا هئا، سندن ٻني ٻارو ڪم هوندو هئس. لڇمڻ به ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هئو، ڪجهه وڏو ٿيو ۽ بازن ۾ طاقت آيس ته ماءُ وفات ڪري وئي، سندن سڄي گهر جو بار پيءُ تي آيو، لڇمڻ جي ماءُ جيئن پالنا ڪيائين. جڏهن اچي جوان ٿيو ته لڇمڻ جي شادي پئسن تي سنڱ وٺي ڪرايائين، شادي به ڌام ڌوم سان ٿي، خوب ڏانڊئي تي مٽڪو، ناچ ۽ راسوڙا ڳايا ويا، ڀت به ڪاڪي ڪرشن گهوگهٽ ڪيو، الله جو ڏنو سڀ ڪجهه گهر ۾ هيو، لڇمڻ جنهن ڳالهه جي ڪمي محسوس ڪيائين اها هئي هڪ ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي جيڪي نه هئا پر گهر ۾ سڀ ڪجهه هئو، ساوتري پرڻجي آئي ته گهر جو ڪم ٿورن ڏينهن ۾ سنڀالي ورتائين، گهر جون ڀتيون، چونئرا، لانڍيون وغيره سڀ ڇڻي جي ڳاري سان راڳيائين، گهر کي صاف سٿرو چمڪائي ڇڏيائين، لڇمڻ کي ايڏو پيار ۽ چاهه ڏنائين جو سندس پريت جو متوالو ٿي ويو، ڪاڪو ڪرشن چوندو هو ته “ساوتري ماري بوائري (نهن) نا ڏڪري (ڌي) سي ڏڪري”

    جڏهن چار چڱا ڪچهري ۾ ويهندا هئا ته ڪرشن کي چوندا هئا “ڪرشن تهارو گهر بوئاري سڌاري سڏيو، جهڙي صورت سهڻي اوهڙي ڪم ري چتر” ساوتري غريب گهراڻي جي ته هئي پر سونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي، گول مهانڊي تي ڊگهو ڪنڍو نڪ، سهڻن، سنهن چپن وارو منهن، مرگهه نيڻ، ٽڪو نرڙ تي هوندو هئس، وار ڪنن تائين گونٿيل جنهن ۾ ست اٺ پنون مختلف رنگن جون ائين هونديون هون ڄڻ آسمان تي ٺهيل انڊلٺ جا رنگ....!
    ٿوري گهڻي ڏينهن ڪاڪو ڪرشن به پنهنجي مقام ڏانهن راهي ٿيو، پويان لڇمڻ ماني به زبردست ڪيائين، البت اونهارو هيو پر ماڻهو چڱا خاصا آيا ۽ سڀ ڪنهن ماني کي واکاڻيو، مٿان مهيني اندر برسات به پئي، ٻين سان گڏ لڇمڻ به ٻني پوکڻ ويو ٽي چار ڏينهن اندر ٻني پوکي ورتائون. جڏهن شام جو گهر پئي آيا تڏهن هي مين رستو مٽي گهرن ڏي آيا ته شهر ڏانهن ويندڙ فوجين جون ٻه گاڏيون ڀر مان گذريون، گاڏين ۾ ويٺل فوجين ڪرڙين اکين سان انهن ڏانهن نهاريو. لڇمڻ ۽ ساوتري کي کٽڪو ٿيو ته هي مئا ڪيڏانهن ٿا وڃن، ٻئي ڏينهن لڇمڻ ٻني مان هر کڻي گهر آيو، پوءِ هر روز هي ٻڌندا هئا ته فوجي شهر ۾ اچي ويا آهن، ڪارڊن جون پڇائون ٿا ڪن.
    هڪ ڏينهن بازار مان سامان وٺڻ ويو، تڏهن سيٺ ليکراج کان پڇيائين ته “سيٺ فوجي ڇا جي لاءِ آيا آهن، جنگ لڳندي ڇا؟”
    “هي سنڌ ۾ امن ڪرڻ آيا آهن، ڌاڙيلن کي ختم ڪندا ۽ پاڻ کي تحفظ ڏيندا” سيٺ جواب ڏنو
    “پر سيٺ هنن واگهي کي چنبا ڇو هنيا؟” لڇمڻ پڇيو
    “ابا واگهي وٽ شناختي ڪارڊ ڪونه هو، هاڻي شهر اچو ته ڪارڊ کڻي اچجو، متان اسان کي به ٻڌرايو” سيٺ نصيحتي طريقي چيو
    “پر سيٺ ڪارڊ ته مون وٽ بنهه ڪونهي، پر سال پاڻ واري پٽيل سو رپيا ورتا هئا پر ڪارڊ ڪونه ٺهرائي ڏنو، اڃان ٿو چوي ته ٺهرائي ڏيندس”
    “ٻيو ته ٺهيو هينئر سامان وٺي ڀڄ متان ٿوٿا اچي نه وڃن” سيٺ چيو
    هن جلدي جلدي سامان ٽوال ۾ ٻڌو ۽ ٻانڀڻن واري گهٽي ورتائين سامهون ٻه فوجي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندي پئي آيا، هي اک جهلي سيٺ بصر مل جي ڪپڙي جي دڪان ۾ ڍري ويو “سيٺ وائلا ڪو سٺا ڏيکار” هي جلدي هيٺ ويٺو پگهر جا قطرا هن جي نرڙ تي تري آيا، فوجين جي آڏي ٻولي هن جي ڪنن تي پئي، جيڪا هن کي سمجهه ۾ نه آئي، سيٺ هن جي اڳيان ٻه تاڪا ڪپڙي جا اڇلايا، هي ڪپڙي کي اٿلائي نهارڻ لڳو، ايستائين فوجين جي پيرن جا آواز هن محسوس ڪيا، هنن جو آواز هن کان پري ٿيندو ٿي ويو “ڇينٽ ڪونهي ڇا” لڇمڻ پڇيو
    “نه ڇينٽ اوهان جي ويس جي ڪونهي، هي فليٽ سٺي آهي” سيٺ هٿ سان تاڪي ڏانهن اشارو ڪيو، نه اها نه هن اٿندي ٽوال جي گنڍ ڪلهي تي رکي وري ساڳي گهٽي ۾ اڳتي ويو، سيٺ پويان الائي ڇا چوندو رهيو، پر هن هڪ به نه ٻڌي. هوا جو جهوٽو هن جي پگهريل جسم ۾ گم ٿي ويو، پگهر ٽوال سان اگهندي وڏيون ٻرانگهون کڻندي شهر کان ٻاهر وڃڻ لڳو.
    انهي ڏينهن کان پوءِ ڪيترائي واقعا ٻڌا ته اڄ مڙهي ۾ وسند ڀيل کي فوجين ڪٽيو، جنهن وٽ ڪارڊ ڪونه هو، هو گڏهن کي ويو هو، پارو ميگهواڙ کي فوجين ڪٽيو جيڪو ٻڪرين ۾ هو ۽ انهي جي کيسي ۾ بليڊ هو، اڄ مجيد هنگوري کي فوجين ڪٽيو جيڪو ڪهاڙي کڻي ڍڳيون وارڻ ويو هو
    مطلب روز فوجي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو کي مار ڏيندا هئا ۽ اهو تحفظ ڏئي رهيا هئا، هر هنڌ خبر هئي ته فوجين امن ڪيو آهي.
    ڪجهه ڏينهن رکي لڇمڻ ٻني ويو، ٻاجهر ۾ گاهه مٿي چڙهي آيو هو، گهر اچي ساوتري سان ڳالهه ڪيائين اڄ گهر ۾ سامان به ڪونه هيو، نيٺ هن خيال ڪيو ته شهر سامان وغيره لاءِ سندن چاچي جي پٽ سوائي کي موڪلندا، ڇو ته شهر ۾ ٻارن جو نالو ڪير نه وٺندو آهي ۽ هي ٻئي زال مڙس سج اڀرڻ کان پهرين ٻني ويندا ۽ سج لهڻ کان پوءِ واپس گهر ايندا، ڏينهن جي ماني ٻني ۾ ڪندا، هاڻي انهن اهو معمول بنائي ڇڏيو هو، اڄ جو ڏينهن نڀاڳو ڏينهن هو، گهڻن ڏينهن بعد ساوتري رات سنان ڪيو هو ۽ ڪپڙا بدلايا هئا، راتوڪي تيل ڦليلن جي خوشبو اڃان انهي جي بدن ۾ هئي، معمول مطابق سوير ٻني ويا هليا هئا، سج جي سهڻن ڪرڻن تي هن جي سونهن جرڪي رهي هئي، انهن اڃان ڪجهه گاهه مس ڪڍيو ته ٽي فوجي مور اڏائيندا اچي ٻني ۾ پيا انهن کي خبر تڏهن پئي جڏهن انهن پاڻ ۾ کلندي ٽهڪ ڏنو، انهن کان ڇرڪ نڪري ويو، لڇمڻ جي نظر انهي تي پوڻ سان هيٺيون ساهه هيٺ ۽ مٿيون ساهه مٿي رهجي ويو
    “اوئي ايدهر آئو” هڪڙي فوجي هن کي اشارو ڪيو، هي مرندي جهرندي فوجين ڏانهن هلڻ لڳو
    “اس ڪو بهي بُلا” ٻئي فوجي ساوتري ڏانهن اشارو ڪيو، لڇمڻ ڪنڌ ورائي ساوتري کي ڪنڌ لوڏي سڏ ڪيو، هن جو هر قدم ڳرو ٿي ويو هو، هن چاهيو ٿي ته زمين جڳهه ڏي هي اندر هليو وڃي.
    هن جي آهسته هلڻ تي هڪ فوجي هن کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي “چل نهين سڪتا هي تو، ڪارڊ دکائو” فوجي چيو، هن ڪنڌ لوڏي انڪار ڪئي، ٻي ٿڦڙ هن جي منهن تي لڳي، انهي بعد ساوتري ڏي اشارو ڪندي چيائين “اس ڪا” انهي وري ناڪار ۾ جواب ڏنو، انهي سان هڪڙي منهن تي ٿڦڙ هنئي ۽ ٻئي لت وهائي ڪڍي، جنهن سان هي ساڻو ٿي پيٽ تي هٿ ڏئي ويهي رهيو، ائين هي ٽئي ڄڻا ساوتري ڏي وڌيا، ساوتري سمجهي وئي ته هي بدبخت عزت لٽڻ آيا آهن، انهي

    ڪري هي پوئتي هٽي ته ٻئي هٿ ۾ جهلي ورتو “ڇڏو” هن احتجاج ڪيو، مرندي جهرندي به لڇمڻ مٿي اٿيو ۽ مداخلت ڪيائين، انهي تي ٻه فوجي هن ڏانهن وريا هڪڙي ٿڦڙ هنئي ٻئي لت هڻي ڪڍي “ چپ هو جا” ايتري ۾ ساوتري ٽئي جي هٿ ۾ چڪ هڻي پاڻ ڇڏائي ڀڳي، هي ٽئي ساوتري جي پويان لڳا، هي ٿر جي نياڻي ڊيل جيان ڀڄڻ لڳي ٻني ڇڏي سامهين ڀٽ جي ور ۾ هي بي هوش ٿي ڪري پئي، هي ٽئي بدبخت ڳجهن جيان انهي جي وجود تي وري پيا، هن جي وجود جو ٻيرو ٻيرو ڪري گوشت پٽڻ لڳا، هن غريب جي ڪير به عزت بچائڻ وارو ڪونه هو، جڏهن هي بدبخت پنهنجي حوس جي آڳ اجهائي اتان پرتي ويا، ته لڇمڻ به اتي پهتو، هن جو وجود وکريل هو، ڪو به لٽو هن جي جسم تي صحيح نه هو، لڇمڻ هن جي ڪپڙن کي هن جي بدن تي ڍاري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳو، ساوتري کي جڏهن هوش آيو، بدن جي سور کان نيست ٿيل هئي پر ڪپڙا صحيح ڪندي ڊوڙي سامهين ڀٽ تي چڙهي، لڇمڻ گهڻا ئي سڏ ڪيا، مگر ساوتري هڪ به نه ٻڌو، انهي پل هي ساوتري کي پويان لڳو، هڪ ته هن کي ڪک جي ڌڪن ساڻو ڪري ڇڏيو هو، ٻيو گاهه ۾ ساوتري جو ڪو به پيرو نه مليو ته ڪيڏانهن وئي.
    ٽن ڏينهن کان هي ساوتري کي هر مڙهي، ڀٽ، ڀٽ تي ڳوليندو رهيو، اڄ جڏهن هي هرجي جي ٻني ۾ واٽ وٺيو پئي آيو ته هرجي جي ٻني واري ڪنڊ تان هن کي ڊوڙيندڙ ماڻهو جهڙا پير مليا، هي پير کڻي سڌو هرجي جي ٻني واري کوهه تي پهتو، هن جي دل ساري ورتو ساوتري کوهه ۾ ويئي هوندي پر دل ۾ ڪئي وسوسا ٿي آيا، ته ٿي سگهي ٻئي ڪنهن جو پير هجي، پر کوهه جي ڀر ۾ وارياسي ٽڪر تي پيرن جا واضح نشانن تي هي چڪرائجي ويو، پاڻ کي زمين ۾ ويندي محسوس ڪيائين، پوءِ گهر الائي ڪيئن پهتو، گاج جي زوردار ٺڪاءُ هن کي ماضي جي يادن مان واپس آندو، اتر کان اڳ ۾ طوفان هو ۽ پويان برسات پنهنجا منڊل مچائي رهي هئي، طوفان جيئن جيئن وڌندو ٿي ويو، نيٺ وڻن جي سوساٽن ۽ ڌڌڙ ۾ ڪجهه به نظر نه ٿي آيو، هي گهٽي کان ٻاهر نڪتو ۽ ڪنهن به طرف ڪنهن به مقام جي ڄا ڻ نه هوندي طوفان ۾ ڌوڪيندو ٿي ويو، اڃان اڳتي، پاتارن کان پولارن ڏي، اڃان اڳتي اڃان اڳتي....!!!


    وارياسا وجود

    سج پنهنجي جواني جا جلوا ڏيکاري اُلهي چڪو هو، هاڻي شفق جي لالاڻ ظاهر ٿيڻ لڳي هئي، انهي مهل هو، پاڻي جا جنڊا ڀري گڏهن تي وجهي ڳوٺ ڏانهن پنڌ پيو هو، ڪالهوڪي آيل کي اڄ مس مس ڪجهه پاڻي مليو هو، زندگي جي تلخين جا گهاريل ڏينهن اڄ سندس ذهن تي تري آيا هئا، هيءِ ماضي جي جهروڪن ۾ گم ٿي ويو، جڏهن کان هوش سنڀاليو هئائين تڏهن کان اها ساڳي حالت ڏٺي هئائين پنهنجي زندگي جا ستر سال ايئن ئي گهاري آيو هو، زندگي ڇا هئي؟ ڄڻ گهاڻي ۾ ٻڌل اُٺ، اهو ساڳيو پنڌ، اُهي ساڳيا پيچرا. ها البت وهٽ ۽ انهن تي وجهڻ وارا جنڊا بدلبا آيا هئا، پنهنجي پيءُ مرحيات هوٿي سان گڏ ايئن صبح جو سوير گهران ٻاجهر جي رٻ کائي عليم جي وانڍ ويندو هو، ڏينهن ٿيڻ تائين کوهه تي جنڊا رکي واري جو انتظار ڪندو هو، ٽاڪ منجهند جو وارو ملندو هئس، ايستائين ويچارا گڏهه به سزا طور ٻڌل رهندا هئا، انهي وقت هڪ ته واري تتل، ٻيو وري ساٺيڪو پُرهه جو وارو ڄڻ اڌ ميل پنڌ اچڻو ۽ وڃڻو. پوءِ ڪوس ڪڍڻ مهل زندگي جا خواب آڻيندو هو، في دلي جي لاءِ پيو ڳڻپ ڪندو هو، هڪ ڪوس ڏيڊ دلو ڀربو، ته پوءِ ٻارنهن دلن جا ڪوس گهڻا ٿيندا؟ ٽن دلن جا ٻه ڪوس، ڇهن دلن جا چار ڪوس، ايتري ۾ پيءُ سڏ ڪندي چوندو هئس “هڪل هڪل” ته هي حساب ڀلجي ويندو هو، وري گڏهن کي هڪلڻ ۾ لڳي ويندو هو ۽ وري نوان خيال سندس ذهن تي تري ايندا هئا.
    زندگي جا گذريل اهي ستر سال هن لاءِ ڄڻ هڪ پل هئا، مرحيات پيءُ هوٿي جا سڏ اڄ به سندس ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن، هن کيسي کي هٿ هنيو، جنهن ۾ خالي سُلفي کڙڪي رهي هئي، تماڪ به اڄ صبح ختم ٿي ويو هئس، هي گڏهن کي هڪلڻ لڳو ۽ ماضي جي ولڙين هن کي وري وڪوڙي وڌو، اڳئين نماز مهل گهر اچي پهچندو هو، تڏهن ٻاجهر جي ماني ۽ لسي نصيب ٿيندا هئا، وري شام جو دلا کڻي مٺي پاڻي لاءِ ڳوٺ جي ڀر ۾ “پار” تي ڀرڻ هليو ويندو هو، گهڻي ڪوشش کان پوءِ ٻه دلا پاڻي مس ملندو هو، جنهن لاءِ کيس تارن ڀري رات تائين چار ويرين تي وارا ڇڪڻا پوندا هئس، اهو هن جو روزانو جو معمول هوندو هو، هن گهاڻي جي اُٺ وانگي هلي جيون گهاريو هو، ها جڏهن ڇمر ڇاٽ ڪندا هئا، ڪڪر ڪارونڀار ڪري وڏ ڦڙي جي وسڪارو ڪري پلر سان پوٺا، تل ترايون پُر ڪندا هئا، ته هي ڀوڻ ورت ويڙهي گوسين کي ڪجهه ساهي ڏيندو هو، پر پڌري پاڻي جو ڪهڙو آسرو ڪيستائين!؟ مال ۽ ماڻهو کاري پاڻي جي ڏنل ساري سال جي اُساٽ ئي مس لاهيندا هئا ته پاڻي ختم! نڪا اهڙي ترائي هوندي هئي جنهن ۾ گڍڙي، ڀوڏيسر ۽ ويراواه جيئن ٻه چار مهينا پاڻي رهي، هتي ته ٽوڀا ۽ ڇلر هوندا

    هئا، جيڪي هرڻين جي اُڃ مس اُجهائيندا هئا، هي ساڳيا ڀوڻ ۽ ورتون کڻي عليم جي وانڍ تي ڪڏهن ڀڳتي جو تڙ پيو پاڻي لاءِ هلندو هو.
    قدرت واري اهڙي ڪئي جو سندس ڳوٺ ۾ سٺ پُرهن وارو کوهه کوٽڻ کان پوءِ به کارو پاڻي نڪتو، پاڻي ڇا هو ڄڻ زهر نڪتو هو زهر! هن کي اُهو ڏينهن ياد اچي رهيو هو، جڏهن کوهه ۾ پاڻي نڪتو هو، چکڻ تي هر ڪنهن گرڙي ٿي ڪري ڇڏي، ڪڇيو ڪنهن ڪجهه ڪونه، پر هر ڪنهن جي خاموشي اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کي ٻڌائي ڇڏيو هو، ته هتي به پنهنجي قسمت جا سڪا کوٽا ٿي چڪا آهن، انهي ڏينهن ڳوٺ جي جهوني رحيم ڏني ڪونڀٽ جو ڊينگهر کوهه تي ڏيندي صرف ايترو چيو هو “هئي ڙي قسمت!” انهي ڏوراپي ۾ ئي الائي ڪيترين زندگين جي پيڙا سمايل هئي، پاڻي ڪنهن اُپسرا وانگي هن کي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ٿي رُلايو، هن جي زندگي رُڳو پاڻي جي پويان هئي، پاڻي جي اُڃ هاڻي هن جي رڳن ۾ نه، پر رت ۾ سمائجي وئي هئي، گهر ۾ لپ داڻا نه هوندا هئا ته پرواهه نه هوندي هئي، جيترو پاڻي جو اُلڪو هوندو هو!
    هن کي اٺهٺ جي ڏڪار جا اُهي ڏينهن ياد ٿي آيا، جڏهن ساندهه ٽي ڏينهن پاڻي نه هئڻ ڪري، هي عليم جي وانڍ ۾ رهيو هو، پويان پوڙهو پيءُ، پنهنجي نُنهن سليمت جي پچايل ٻاجهر جي ماني ۽ مٽي جي لوٽي ۾ لسي کڻي اچي کوهه تي پهتو هو، گڏهه ڦهنگار ڪئي ته هي وري خيالن جي دنيا مان حقيقت ڏانهن هليو آيو، ٻاجهر جي ماني جو ذائقو ۽ لسي جي کٽاڻ وات ۾ محسوس ڪيائين ته وات پاڻي پاڻي ڪرڻ لڳس، پاڻي واري وات مان زبان آلي ڪري چپن تي ڦيرڻ لڳو، گڏهن کي ڪٽڪارو ڪندي سوچيائين ته اڄ مرحيات بابا هجي ها ته ضرور ٻاجهر جي ماني ۽ لسي جي لوٽي کڻي، ٻائوري جي لٺ کوهيندو، عليم جي وانڍ تي اچي نڪري ها، پر اڄ هي پاڻ اچي پيءُ جي عمر جو ٿيو هو، هڪڙو دين دنيا ۾ پٽ هئس، سو به ٻن ڏينهن کان وڃايل ٻڪرين جي ڳولا ۾ ويل هو.
    هيل برسات نه پئي هئي ڄڻ مصيبت پيدا ٿي پئي هئي، آساڙ (آکاڙ) مهيني ۾ ڪو ريج مينهن وٺو ته ڪٿي نه وٺو، انهي تي ماڻهن جو مال هٿان ٿي ويو، ماڻهو پاڻي جي ڪري، ٻني ٻارو پوکي يا مال سنڀالي، اڳي ته ويساک ۾ وسندو هو ملڪان ملڪ مينهن پوندو هو، جام، اصل گاهه پاڻي جا انڇر ٿي پوندا هئا، ملڪ ٺري پوندو هو، پر هيل يار کي الائي ڪهڙي اچي پئي؟ ڪٿان ٻه ڇنڊون آڳاٽيون ٿو ڪيرائي، اصل مال ٿو هٿان وڃي، بروبر وڏن سچ چيو آهي “آساڙ وٺو، ملڪ مُٺو”
    رات جي ديوي پنهنجا پر ڦهلائي ڇڏيا هئا، چوڏس تڏين جي چرچر جو آواز پئي آيو، انهي مهل هي گهر اچي پهتو، هن جي گڏهن کي هڪلڻ لاءِ ڪيل ڪٽڪارو زال ٻڌو، ته پُٽ کي سڏ ڪيائين
    “ربو او ربو ”
    “ها” ربو موچاري جي گهران جواب ڏنو
    “هل پُٽ هل جنڊا آيا” ماءُ وراڻيو
    ربو ۽ سليمت جنڊا لاٿا، هي وڏو شوڪارو ڀري لٺ اوٽي تي اُڇلي، کٽولي تي ويٺو، ٻئي کٽولي تي زال ٻاجهر جي رٻ ٺاري ڇڏي هئي، تنهن تي نظر پيس، ته ويتر آنڊن ۾ وٽ پوڻ لڳس، پاڻي پيئندي ڏٺائين ته زال گڏهن لاءِ داڻا کڻڻ چونئري ۾ پئي وڃي ته چيائين “اڙي هنن اٻولن کي لپ لپ ڪڻ وڌيڪ ڏجئين، نڌڻڪا ڪالهوڪا مرتا آهن، هنن ويچارن الائي ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو پيا سزا ڀوڳين!”
    سليمت ٻاجهر جا ڪڻا ڪونڊي ۾ وجهي ٻاهر نڪتي ته گڏهن جي سڏڪن تي هن جون اکيون ڀرجي آيون، هن هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڀيڪوڙي اکين کي بند ڪري ڇڏيون، ڳچ مهل کان پوءِ توبهه ڀريندي مٿي نهاري التجا ڪيائين “اي منهنجا رب! تون ڪوئي هاڻي رحم ڪر نه ته هي بي زبان ته مري ويندا، ڪو هنن جي ڀاڳ جون ٻه ڇنڊو ئي ڪيراءِ”
    زال واپس مس وري ته پڇيائين “ٻڪريون لڌيون يا ربو ائين وري آيو”
    “لڀجي ويون” زال وراڻيو
    “ڪٿي؟” هن اتاولائي مان پڇيو
    “او پيراڻي جي پار جي اُترئين مڙهي ۾” سليمت اتر هٿ ڪندي چيو
    “هون! مال جي ڪو تري اُپڙي آهي ڪه نه؟” ڪيڏي مهل گهر آيو؟” هن وري پڇيو
    “منجهند جو مانيءِ ٽاڻي” سليمت جواب ڏنو
    “پار مان پاڻي ڀرڻ ڪو ويو هو ڪه نه” پاڻي جا لهور وري اچي ويا
    “ڪير وڃي؟ آئون هڪڙي ڄڻي آهيان گهر جي بلي، ربو منجهند جو مري ٽُٽي اچي پهتو، چئي پيو صبح ڀريندس، پاڻي به هڪڙي دلي ۾ پيو آهي” زال سڄي وارتا ڪري وئي
    “هاڻ ڏيو منهن” هي ٻرندڙ جبل جيئن ڦاٽي پيو “اڙي رات جو ڪير وهائي ويو ته، تون سدائين گهر ۾ قابو آهين، پر هيٺ وئي هئين، ڪير وهائي ته ڪونه ويو؟”
    “نه آئون ته ڪونه ويس، پر موچاري چيو ته، ڪنهن جو پير ٻيو ڪو نه هو” زال چيو
    “اڄ نه هو ته رات وهائي ويندا، وري نئين مصيبت!” ڳلي ۾ خشڪي محسوس ڪندي هن جيڪو پاڻي جو گلاس لوٽي مان ڀريو هو، اهو هٿ ۾ جهليل رهجي ويس سو پيتائين.
    “ڀيڻسان! اسان ته پنهنجي زندگي ئي ائين پاڻي پويان گهاري ڇڏي، خدا کي الائي ڇا منظور آهي، ڇا ڪجي؟” هي سوچن جي ڪوهيڙي ۾ گهيرجي ويو، پٽ کي ايندو ڏسي هي وري نئين سري سان ڳالهه کڻي ويٺو “اڙي ٻيلي، تون آيو هئين ته

    وڃين ها، پاڻي ته ڀري اچين ها، ڏسين نه پيو هتي ڪهڙو ڪربلا متو پيو آهي”
    “کڻي ڪنهن تي اچان” ربو پڇيو
    “ڪنهن نه ڪنهن جو جو گڏهه ڪاهي وڃين ها” هن وراڻيو
    “ماڻهن جا وهٽ مرن ٿا، نٿا ڏين” ربو نهڪار ۾ هٿ لوڏيندي چيو
    “ته تون ڀري ته ڇڏين ها، هي ننڌڻڪا به مرن ٿا، پر هينئر هنن تي کڻي اچين ها”
    “صبح ڀري ايندس، ڪير ڪونه ڀري ويندو” ربو کٽولي تي آهلندي چيو
    “صبح جو هجي ته ڀرجئين” هن وراڻيون
    ٿوري دير ۾ زال ٻاجهر جي رٻ ۽ لسي جو وٽو ڀري ڏنس، پر هن جي دماغ تي پاڻي واري سوچ سوار هئي، جنهن ٻيو ڪجهه سوچڻ نٿي ڏنس، جهڙي تهڙي کائي، گرڙي ڪري، کيسي مان سلفي ڪڍيائين، تماڪ ته صبح ئي ختم ٿي ويو هئس، “اڙي! تماڪ ته ڏي” زال کي چيائين
    زال گهر ۾ پيل تماڪ ڏنس، کٽ تي ويٺي ويٺي ٻه ٽي سلفيون ڀري پيتائين، پر پاڻي جي ڳالهه هن کي منجهائي وڌو هو، سوچيندي اُتان اٿيو، ٻاهر گهٽي ۾ بيهي ڪن ڏئي ڳوٺ جي هيٺين پار ڏانهن ڪجهه ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪيائين ته پار ۾ ڪنهن جي ڳالهائڻ جو آواز ته ڪونه ٿو اچي، پر چوري پاڻي ڀرڻ وارا ڳالهائيندا ٿورو ئي آهن
    هن کي ياد آيو ته ڪيئن هي ۽ سندس ڀاءُ پيرن تي ٻوهه ٻڌي ماڻهن جي ويرين مان پاڻي ڀري ايندا هئا، هي واپس اچي بستري تي ليٽيو، پر ڏينهن جي ٿڪاوٽ هئڻ باوجود کيس ننڊ نه ٿي آئي، مسلسل پاسا ورائيندو ٿي رهيو.
    آڌي رات مهل سڄو ڳوٺ آرامي هو، انهي مهل هن کي ننڊ جو جهوٽو مس آيو ته، اوچتو رڙ ڪري اُٿيو، رڙ ڇا هئي، جيڪا خاموشي جا پردا چاڪ ڪندي سڄي ڳوٺ ۾ ڦهلجي وئي، هي ڊوڙ ڪندو ڳوٺ جي اُتر طرف کوهه ڏانهن ڀڳو، ڳوٺ مان ڪو ڪٿان ته ڪو ڪٿان، پرين اگهاڙو ته ڪو لٺ سان ڀڳو پئي آيو.
    هي سڏ ڪندو کوهه ڏانهن ٿي ويو، “اڙي کوهه پاڻي ڏنو آهي، پاڻي!”
    موچاري، حيدري ۽ علو کوهه جي سارڻ ۾ هن کي وڃي جهليو، همراهه وهي کاڌل هوندي به گهليو پئي ويو، وري چيائين “جليا!، بُريا! ورتون کڻي اچو، ٻيلي کوهه مٺو پاڻي ڏنو آهي” وري ٽهڪ ڏيندي ساڳيا اکر ورجايائين، موچاري چيو “اڙي جن لڳو آهي” علو هڪل ڪند چيس “ڪلمو پڙهه، ڪافر ڀيڻسان!”


    چالِيهِين پَتِي

    هُش، هُش!
    هن مهار مان جهلي هيٺ ڇڪ ڏيندي، ٻي هٿ سان لٺ اُلاري ته اُٺ گڙ گڙ ڪندي اڳيان گوڏا کوڙيا، پويان پير سوڙها ڪري ويهندي، ڏند ڪرٽيائين، نيشن جي آواز ۾ سائي ڀٽاري جي ڪاوڙ ظاهر هئي، گوڏن جو زمين تي لڳڻ جي آواز، اونداهي رات جي سيني کي چيريندو لوڙهي ۾ چرڙاٽ ڪندڙ جيت جي آواز کي ماٺ جي سيني ۾ سمهاري ڇڏيو، تڏهن چونئري مان سندس پوڙهي پيءُ وسند جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس.
    “ابا اُٺ سان ضد نه ڪجئين”
    هن هڪ نظر آهوري ڏي وڌي، جتي چارو ايئن جو ايئن پيو هو، ڄڻ ڪو پاروٿو طعام، جنهن کي ڳوٺ جا رُولو وهيٽ ته ٺهيو پر ڪتا به سنگهڻ لاءِ تيار نه هجن.
    “نڌڻڪا بکن ۾ پاهه ٿِجِئيِن، پر هڪ گراهه به نه کائجيِن، اها مستي به ته ٻه ٽي ڏينهن”
    اُٺ هڪ دفعو تارُونءَ ڪڍي گڙ گڙ ڪندي پڇ جو شپڪو ڪرايو ته هي، ڪجهه پرڀرو هٽي بيٺو، ڪنڌي ۾ ٻوليندڙ جيت جي چرپر بند ٿي هئي، سا به اتر جي جهونڪي سان شروع ٿي وئي، تڏهن هن چاچي “ورُوءَ” جي ٽيهاڻ توڏ جي ڦهوُنگارُ ٻڌي، هن توڏ کي هڪل ڪئي ته تٻڙڪو ڪندي ڀٽ جي لاهي ۾ لهي وئي، اُٺ ٽئي ڀيري پڇ جو شپڪو ڪندي تارون ڪڍيو ته هن اُٺ کي هڪل ڪرڻ بجاءِ چپ رهڻ جو اشارو هلڪي دڙڪي ۾ ڪيو.
    “هئه، بس پٽ بس”
    پڪ ٿي وئي هئس ته زور تي مڙڻ وارو ڪونهي، ڪٿي ٿو مُڙي؟ چاچو مينهل سچو آهي “مجني جي مستي جي چالهين پتي اُٺ ۾ آهي” اڃا اڻيتاليهه پَتيُون بچيل اٿس. شل خدا خير ڪري، نيئر ۽ تالي کي هڪ پاسي رکي پينگهي کي جاچيائين، ته سڀ ڪليون مضبوطي سان آهن، پڪ ڪري واپس مس وريو ته چاچي وسند سڏ ڪيو.
    “علو او علو”
    “هان”
    “ڪڄاڙو آهي؟”
    “ڪجهه ڪينهه، هي چاچي ورُوءَ واري ٽيهاڻ هئي”
    “هي نڀاڳي ڪٿان آئي؟ دئي ڏينس ته اتان پرهُون وڃي”
    چاچي وسند صلاح ۾ زندگي جو سمورو مشاهدو سموهڻ ٿي چاهيو
    “هي ڪٿي ٿي وڃي؟ اڄ پنج ڏينهن ٿيا آهن، سور ڏئي ڇڏيا اٿس” ماسي کتوءَ ٻاجهر جو ڍوڍو دانگي ۾ اڇليندي چيو. پاٽ ۾ بچيل پاڻي ۾ هٿ ٻوڙي وچ ۾

    ڇڳيل ماني کي سنڌي لوڻ جي لوٽي کڻندي وري ڳالهه جاري رکيائين “اسان جو ته مٺ ۾ ساهه آهي، نه توڏ ڪيڏانهن ٿا هڪلن، نڪو اُٺ کي چارو چرڻ ٿي ڏي، ڪڄاڙو ڪريون؟”
    “نه ڪر ڇورا، توکي ٿي چوان نه!!”
    اڱڻ تي پير رکڻ کان اڳي علوءَ جي ڪن تي ڄاتل سڃاتل آواز پيو، آواز ڄڻ ڪه ڪوئل جي ڪوڪ هئي، جنهن ۾ سرور هو، موسيقي هئي، جيڪا هن جي احساسن جي تارن کي ڇيڙيندي ٿي وئي، هن اُلر ڪري لوڙهي تان سامهين چونئري ڏانهن نظر وڌي، جتي هن کي ٻرندڙ ڪاٺين جي روشنيءِ کان سواءِ ڪجهه نظر نه آيو جيڪا چونئري جي در مان ٻاهر اونداهي جو سينو چيري پري پکڙجندي ٿي وئي، پر آواز هاڻ هن جي رڳ رڳ ۾ پاڻي جي اُڃ وانگر سمائجي ويو هو، پاڻي جي اُڃ پاڻي پيئڻ سان ته گهڙجي ٿي، پر هن جي پياس نوران کي ڏسڻ سان ويتر ٿي وڌي، اڄ نوران جڏهن کوهه تان دلو ڀري واپس ايندي ڀٽ پئي چڙهي، تڏهن علوُ سائو پياري پئي آيو، نُوران کي ويندو ڏسي هن وک وڌائي، نُوران به وک ننڍي ڪندي لوڏ ۾ لچڪ آندي ته قيامت ٿي ٽُٽِي، پکي به حيرانيءَ مان هن جي لوڏ ڏسي رهي رهيا هئا، ڊيلون به داڻا چُڳڻ جي بجاءِ، هن ڊيل جي لوڏ تي هرکجي پيون هيون، ويتر کاٻو هٿ دلي جي پويان ورائي، ٻيو هٿ لوڏيندي ٿي هلي ته چار آني مان ٺهيل ڇلا آڱرين ۾ جرڪندي، جهرمر سان ڪلا جا سمورا رنگ سموهي علوءَ جي اکين ۽ دماغ کي موهيءَ رهيا هئا.
    علو جي پيرن جي آهٽ ۽ سائي ڀٽاري جي ناسن جي ڦونگار هن کي احساس ڏيارو ته دوريءَ جون ديوارن ڪري چڪيون آهن، ته نوران چيو “اڄ جلدي آهي ڇا؟ تڪڙ ڪئي اٿو؟”
    “ها تڪڙ آهي نه ڪنهن کي رسڻ جي”
    هن نوران جي بدن جو جائزو ورتو، جنهن ۾ جواني انگ انگ مان ڪاريهر جيئن، ونگ وجهندي، سانوڻ جي برسات بعد ڌرتي جي سيني تي ڦٽندڙ گاهه جيئن ڪپڙن مان ڦُٽي ٿي نڪتي
    “هڪڙا هي دلا ڏاڍا ظالم آهن، ڪنهن جي چيلهه جو خيال ئي نٿا ڪن”
    “هان، ڏاڍو خيال اٿئي ٻين جو، پوءِ ڀلا دلا ڏيان، کڻو؟”
    “اهڙو ڀاڳ ڪٿي جو اوهان جي هٿن جي شيءِ اسان کي نصيب ٿئي”
    اُٺ تارون ڪڍي گڙ گڙ ڪئي ته علو هڪل ڪئي “هئه”
    انسان جڏهن پيار جي ساگر تي لڙهندڙ هوندو آهي ته ڪنهن جي روڪ ٽوڪ برداشت نه ڪندو آهي، ڪائنات جي حيوانن تي به هن کي شڪ اچڻ لڳندو آهي ته ڪٿي هي اسان جي پويتر پيار جي ڪچي ڌاڳي کي ڇني نه وٺن
    اُٺ ڪنڌ جي ڇڪي ڏيندي ڪڍيل تارون ڳهي ويو، تڏهن هُو ڪڻڪي
    “علو!!”
    “هون”
    “تون اُٺ سان ضد نه ڪر، هي مستي ۾ آهي، الله سون هن مئي بيگندري تي ڀروسو ڪينهه، هي پاهون وري ته پهرين ڌڻي سان وڙهندو آهي”
    “پوءِ ڇا آهي، اسين به مستي ۾ آهيون، خبر آهي اڄ ڪاڪو مينهل ڇا پيو چئي؟”
    “ڇا پيو چئي؟” نُوران چُني جو پلو ڇاتي تان ورائي ڪلهي مٿان لنگهائي ٻئي هٿ دلي پويان ورائي پاڻ ۾ ڀچائي ڇڏيا.
    “مجني مست جي مستي جي چاليهين پتي اُٺ ۾ آهي، چون ٿا مجنون ماڻهو هو اُٺ ڪونه هو”
    “توکي رڳو مشڪري جي لڳي آهي، ابي جو سُونهه مون کي ڀئو ٿيندو آهي، تو جي ۽ سائي جي چڪري آهي” نُوران پريشاني ۾ هن ڏانهن نهاريندي چيو.
    “پوءِ ڪڄاڙو ڪريان؟ پنهنجي ساهيڙي کي جهل نه”
    “هان!!”
    “هي چاچي ورو واري ٽيهاڻ”
    “آئون توکي ٽيهاڻ جهڙي ٿي لڳان” نوران جي چهري تي ڪاوڙ جي ڳاڙهاڻ پگهر جي ڦڙن سان گڏ صبح جي سوجهري جيان ڦٽي آئي.
    “جهڙي مستي تو ۾ اوهڙي ٽيهاڻ ۾، آئون ۽ سائو ڀٽارو ڪڄاڙو ڪريون؟”
    “ها ٺهيو”
    هو ڪاوڙ ۾ ڀٽ جو رهيل پيچرو تڪڙو چڙهڻ لڳي، تنهن هن جي جسم جي ڊولائتي ٽور ۾ خلل وجهي ڇڏيو، تڏهن هي پنهنجي گهر جي گهٽي ۾ گهڙي ويو هو.
    “ابا هل ماني کاءُ، مون کي اڃان جنڊ لاءِ ان ڇڙڻڻو آهي” ماءُ جي سڏ هن کي خيالن جي دنيا مان کڻي اڱڻ ۾ آندو، تڏهن هن کي احساس ٿيو ته نوران ننڍي ڀاءُ کي نه پر هن کي ڇئي ٿي ته “اُٺ سان ضد نه ڪر”
    انسان احساسن جي سرحدن تي پهچندو آهي ته اشارن ڪناين جون سڀ ٻوليون “اقرا” جي اکر جيئن ڄاڻي وٺندو آهي ۽ پوءِ هن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ وٺڻ مشڪل ناهي هوندو، هن لٺ ٻاهر اڇلائي ۽ چونري اندر گهڙي ويو
    “ڪو نه پيو جهڪِي ڇا؟” چاچي وسند سلفي تي ٽانڊو رکندي پڇيو
    “هائو، توڏ پرتي وڃي ڪانه ٿي، ڪٿي ويهندو؟”
    چاچي وسند هڪٻئي پٺيان ٻه ٽي سوٽا ڀريا، ٽانڊي مان ڪي پتنگا اڏري چلهه جي آڳوڻ ۾ ڪريا، چاچي دونهي جي وڪڙن ۾ ٻيو زوردار سوٽو ٽنبيندي پڇيو “چارو کاڌائين يا ايئن پيو آهي؟”
    “ڪٿي ايئن ئي پيو آهي” علو ٻاجهر جو ٽڪر ٻوڙ ۾ ٻوڙهي وات ۾ وجهندي چيو.

    “نڌڻڪو بک مرندو، ڪڄاڙو ڪريون؟” اڃان پوهه سڄو پيو آهي، مانگهه جي چنڊ کانپوءِ وڃي ڪي سي گهٽجندا”
    ماسي کتوءَ پاٽ ۾ پاڻي ڦيري اٽي جي تس تي اونڌي ڪري دانگي ۾ پيل آخري ڍوڍو ڪڍي اڳيان رکندي چيو “پرسال انهن ڏينهن ۾ علو چڙهي گهمائيندو پيو هو” ماسي کتوءَ وقت جي ڪانٽي کي ساروڻين جي دائري ۾ گهمائيندي سال پوئتي کڻي آئي، تڏهن علو کي ياد آيو ته ها ٻيلي پر سال اهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن ڪنواٽ سائي جي سڄي ڳوٺ ۾ هاڪ هئي، تڏهن هڪ ڏينهن اُٺ سنگاري نئين جهُل وجهي گجوراڻي جي ميلي مان آندل ٽنئورن واري مُهار وجهي سنگاري نيٽ کڻي ٻاهر ٿي نڪتو تڏهن ماڻس کتوءَ کي چيو هو
    “اي علُوءَ کي روڪجانءُ!!”
    پوءِ ماڻس، بادشاهه پير ۽ ڏاڏي حيات شاهه گهوٽ جي نالي مٺاڻ جي چُني ۾ ڳنڍ ٻڌي، سوناڻي پاڻي جو ڇَنڊو هنيو هو ۽ هي چڙهي جڏهن کوهه جي اُترئين پاسي مٽائو ٿيو هو ته اهو سوناڻي پاڻي جو ڇنڊو ٻين لاءِ نه ته نوران لاءِ ضرور امرت ٿيو هو، انهيءِ ڏينهن نوران کوهه تان دلو کڻي واپس پئي وري ته هي پنهنجي ٻاروتڻ جي سنگتي سانوڻ کي سامهون ايندو ڏسي اُٺ جهلي، ڳالهيون ڪندي واپس کوهه ڏانهن نظر ڪيائين، تڏهن نوران چُني جي اُڇل ساڻ پاڻ کي به هن جي پيرن ۾ اُڇلي ڇڏيو هو، تنهن بعد هر رات جي ڪاري چادر توڙي چانڊوڪي ۾ لوڪان لڪي اچي ملندا هئا
    ”ماني ڏيان؟” ماءُ جي سوال تي هي وري حقيقي دنيا ۾ موٽي آيو
    “نه” وٽي ۾ بچيل لسي کي پيئندي چيائين
    “هن ڀٽاري جا وڍ جمالين واري ڳاڙهي وارا ساڳيان آهن” چاچي وسند سلفي جو سُوٽو پرتي اڇلائڻ لاءِ ڪنڌ مٿي کڻندي چيو
    “هو وري ڪهڙو چڱو هو؟ گهڻو ئي اڙانگو هو، ڪير وڃي چارو ڏي؟” ماسي کتُوءَ ڏوراپي واري انداز ۾ چيو
    “آئون هوندي هئس، پاڻ سدائين جهنگ ۾ جوڳي رمتا ڀلا”
    “ها بروبر، سڀ ڪُجهه تُون ڪندي هُئين، اسين ته ڪجهه نه ڪندا هئاسين” چاچي وسند جهيڙي واري انداز ۾ چيو.
    “اهو شُڪر ڀاٽي ڳنهي ويا” ماسي کتُوءَ چيو
    “ها شُڪر ڀاٽي ڳنهي ويا” چاچي وسند ڄڻ هينئر ئي سائي جي مُهار ڦُرجي وئي هُجي “اي اهو نه ڀٽارو هجي ها ته ايڪوتهر (ايڪهتر) جي ڀاڄ (جنگ) ۾ هي رليون هتي ڪيئن نه رهن ها”
    “ها شُڪر ٿيو ڳنهي ويا” چاچي وسند لاءِ هي جملو قاتل زهر ٿي پيو، جيڪو نڙي جا ڇوڏا لاهيندي، اندر پهي ويس ۽ چاچو ڪوشش جي باوجود نه ٿي ڳهي سگهيو.
    “ماڻهو هتان رات جو سامان کڻي ها ته، صبح جو ٻار ٻچا سامان وڃي نهٽي کان پرهون ڪري ها، بس ٻه ڏينهن تفاقت (تفاوت) ٿيو، ههڙي ڪانه ٿي سُجهي”
    ڄڻ چاچي وسند لاءِ اُميدن جا سارا پيچرا تانگها ٿي پيا هئا، جنهن تي هلڻ ناممڪن هو
    “ابا، ڪاڪو وَرُو چئي ٿو ڏاڍو ڀلو هو” عَلُو پاڻي گُرڙي اڇلائيندي چيو
    “هل هن جهڙا اُٺ ڪٿي؟” چاچي وسند ٿورو مرڪيو ته هيڊا ڏند باهه جي روشني ۾ ڌاتو جيان چمڪي پيا
    “هن ۾ اهي وصف آهن، پر هو ته جمالين جو گهمايل، واٽرن جي ٻنن تي هلندو هو، مجال آهي جو گولي به رسي، ايوب جي فيل مست (فيلڊ مارشل) حڪومت هجي، اصل شينهن ٻڪري سلهاڙي ڇڏيا هئائين، تڏهن مون ڪلوئي ۾ ورتو هو” چاچي وسند سلفي مان سُوٽو هڻي، دُونهن کي اندر مان ٻاهر اوتيو ته دُنهون وٽ کائيندو، چونئري جي ويڪري وجود ۾ پکڙجڻ لڳو، دُونهن جي ور وڪڙ ۾ چاچو به پنهنجي وڃايل وهي جا پيرا ڳولڻ لڳو
    وري ماضي جو ٻيو تاڪو کوليائين “ماڻهو هرڪو چوي ته اُٺ ڪلوئي جا ڀلا آهن، مون کي به هجي شونق، هتان هڪلي وڃي ڪلوئي پهتس، شهر جي اُترئين پاسي جمالين جو ڳوٺ آهي، منجهند جو پهتس، پوڙهو ويٺو هجي، خبرون چارون ڪيم، اُٺ ٻه ٽي بيٺا هئا، ڏٺاسين، مون وڃي هن ڳاڙهي تي هٿ رکيو چيم “ پوڙها هن جو ناڻو ڪر”
    “ڇهه سو روپيا ٿيندا هن جا” پوڙهي چيو
    “نه پنج سو” مون چيو ۽ سودو ٺهي ويو “تڏهن سستائي هئي، اهي پنج سو اڄ جي ويهين هزارين جي بروبر هئا، ٽانڊو ملڪ کي هينئر لڳو آهي” چاچي وسند جي ذهن تي ساروڻين جي لهر آئي ته وري ڪٿا کڻي ويٺو
    “اٺي جي ڏڪار ۾ ڪڻڪ تي پئبندي (پابندي) هُجي، هتي سيٺ نهال کي هولسر (ڊيپو) نه مليو، ماڻهو ڪڻڪ جي هڪ ڪڻ لاءِ پئي سڪيا، پوليس رڻ ٻاري ڏنو، مون هتان ٻڙهو (اُٺ جو پلاڻ) ڪندي لانگ ورائي رات وڃي جانهيري ۾ ٽڪيس، صبح ويس تلي ڪڻڪ ٽي مڻ ڪٽن ۾ وجهي شام جو ڀٽاري کي روانو ڪيم، پرهه باک ڪڍي، اچي هتي اڇليم، اهڙو ڀٽارو تکو هوندو هو”
    “وهيٽ وراڻو هوندو هو ته سائو ڳنهڻ ايندا هئا” ماسي کتو ڀاڄي ۾ ماهٽيل ماني جو آخري لوندو وات وات ۾ وجهندي چيو
    “وهيٽ تي نظر پهتي اصل اجهو پهتو!!” ماسي کتو ڳاڙهي جي ٻي وصف ٻڌائي
    “پوءِ ڀاٽي ڪيئن ڳنهي ويا” علو پاڻ کي منجيءَ ٿي اڇليندي چيو
    “اي ابا، هتي هئا ڀوڄراج ٺڪر، اهي پنهنجيون ڌيئون ڏيندا هئا، ڀاٽي ٺڪرن کي پوءِ هو ڏاج گهري وٺندا هئا، هتي هئي شادي تڏهن وڃي ڪنهن کين ٻُڌايو ته وسند وٽ اُٺ ڀلو آهي، توهان وسند جو اُٺ گُهرو، پوءِ گُهر ٿي پانجي (پنهنجي)

    اُٺ جي رات جو ويرسنگ ۽ اکجي آيا حقيقت ڪيائون ته ٻيلي عزت جو سوال آهي اُٺ جي گهر ڪئي اٿن نه ته ڪنوار ڪونه ڳنهيندا.
    پوءِ ڀائي خميسي ۽ ٻين سڀني چيو ته ڏيڻو پوندو، چوڏهين سوئين تي فيصلو ٿيو، تنهن ۾ ست سو رويپا انهي ٽيم (ٽائيم) ڏنئون باقي چيائون ست سو پندرهين ڏينهن ڏينداسين، مٿان ابان ٽين ڏينهن پئي ڀاڄ اسين ڀڳاسين سنڌ ۽ هو ويا هندوستان، بس پئسا ڦٻيا انهن کي اسان جي شيءِ وئي” چاچي وسند خالي مٺ ڀڪوڙيل پٺ تي هٿ لهرايو، ڄڻ پئسا نه پر زندگي جي سڀ پونجي ڦرجي وئي هجي.
    ماسي کتوءَ چونئري مان ٻاهر نڪرندي بتي به ساڻ کڻي وئي، چاچي وسند ڪاٺيون سوري چُلهه ۾ ويجهيون ڪيون، هڪ ٻه ڦُوڪون ڏنائين ته ٻاهه به ٻري پئي، واندو هٿ سيڪيندي ٻئي هٿ ۾ ڦٻيل سلفي مان سُوٽا هڻڻ لڳو، جيڪا اُجهامڻ جا سانباها ڪري رهي هئي، باهه جي گهٽ وڌ روشني، اونداهي جي سيني کي چيريندي چونئري ۾ پکڙجي ٿي وئي ۽ تڏين جي چر چر جو آواز به وڌندو ٿي ويو.
    “ابا اهو “ولائي” وارو قصو ڪيئن آهي؟”
    “هان!!”
    چاچي وسند کان ڄڻ دانهن نڪري وئي، هن جي مک تي وقت جي ٺاهيل ليڪن منجهان به پريشاني جا گهنج ظاهر بيٺا هئا، علو سوال نه پر ڄڻ مترڪو وهائي ڪڍيو هوس، چاچي وسند کي اها اميد نه هئي ته ڪو اهڙو سوال ڪندو پر ڇا ڪري ننڍپڻ کان لاڏ ڪوڏ رکيو هئائينس.
    انهي سوال چاچي وسند کي چاليهه سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو، جڏهن هي جانٺو جوان، مڙس اڙٻنگ، ٻانهن مروٽ هوندو هو، اڍائي مڻي ٻوري کڻڻ، ڍڪندڙ ٻاراهو گابو جهلڻ، ڪو مسئلو ڪونه هوندو هو، تڏهن ولائي هن تي هرکجي پئي هئي، هو هئي رنڙ زال ۽ هي به جانٺو جوان، کڻي قابو ڪيائينس، قابُو ڇا اصل پاڻ لوهه ٿي ويو، گهر ٻار سڀ وسري ويس، ڪمايو کٽيو سڀ رنڙ جي پيرن ۾، سنگت ساٿ گهڻو ئي جهليو، پر ڪٿي ٿو رهي، نيٺ الله جنت نصيب ڪري پير حيات شاهه کي تنهن همٿ ڪئي، تعويذ ٽوڻا، ڦيڻا ڪيا ته همراهه ۾ به رسو پيو ۽ رن به ٺامجي آئي ۽ همراهه به ٻارن ٻچن جي سار سنڀال لَٿي.
    “ابا تو ورندي ڪين نه ڏني؟” علو جي سوال هن جي هٿ ۾ جهليل ماضي جي مڻين جي مالا کي ٽوڙي موتي داڻو داڻو ڪري ڇڏيا، تڏهن هي ٿورو ڪڻڪيو.
    “اي ابا اهي ڪوڙيون ڳالهيون آهن، ڪجهه ڪينهي، تون پانجو (پنهنجو) ڪم وڃي ڪر”
    هن ڏٺو ته سلفي جو تماڪ سڙي چڪو هو، ڇنڊڪو ڏئي، سڙيل تماڪ ڪڍي ساڦي کي سلفي جي منهن ۾ هڻندي چيائين
    “هاءِ ڙي زمانا!!”
    ڄڻ سُلفي ۾ ساڦي نه پر پنهنجي يادن جي ڪتاب کي بند ڪري ڇڏيائين، علو مٿي خلا ۾ نهاريندو رهيو، تڏهن هن جي ذهن تي وري لفظ تري آيا، “وڃ پنهنجو ڪم ڪر” هي جهڙپ ڏئي اٿيو، ڪُهاڙي کڻي چاچي سَچُو وٽ متل ڪچهري جو رُخ ڪيائين ته سائي تارون ڪڍي گڙگڙ ڪئي، تڏهن چاچي وسند جو آواز ڏور ٿيندو ٻڌڻ ۾ آيس
    “ابا علو اُٺ کي نيئر هڻي ڇڏجان”
    جڏهن سارو لوڪ ننڊ ۾ هوندو هو ته ٻه پاڇا رات جي اُڻٽيهين اونداهين جي ڪاري چادر ۾ لڪي خاموشي جا پردا چاڪ ڪري اچي ملندا هُئا ۽ زندگين جا ڪئي وچن ٿيندا هئا، اڄ به پرهه پري جي پانڌ کڻڻ مهل هي ٻئي الڳ ٿيا ته، علو کي سائو ڀٽارو اڱڻ جي ڇيڙي تي بيٺل نظر آيو، تڏهن ڳالهه ياد آيس ته نڀاڳي کي نيئر ته هنيم ئي ڪونه، خير اڳئين پيرن ۾ ڏانوڻ اٿس.
    هي جيئن ويجهو ٿيو ته سائو اُلر ڪندي اڳيان پير مٿي کڻي هن ڏانهن وريو، هي پاڻ بچائي انهي کان اڳ سائي جا اڳيان گوڏا هن کي ڇاتي وارا لڳا ۽ هي پاڻ سنڀالي نه سگهيو، پوئتي ڪري پيو، اٺ وري پير کڻي هن جي ڇاتي تي رکيا ته هن کان دانهن نڪري وئي “اباڙي................!!”
    “هن جي رڙ صبح جو ماڪ ويلي پاتار کان پولار تائين ماٺ جي سيني کي چيريندي وئي، چاچو وسند پهرين سٽ ساڻ ٻاهر نڪتو، سائو ڏسي رڙ ڪيائين “اڙي ٻيليو وارو ڪيو منهنجو گهر برباد ٿي ويو”
    ڳوٺ وارن جي اچڻ کان پهرين اٺ اڳيان گوڏا علو جي ڇاتي تي ڏئي مٿس ويهي رهيو ۽ اوڻيتاليهه پتيون چاليهِين پَتِي کان هار کائي چُڪيون هيون


    ميندي رتو هٿ

    هن جو منهن سنهڙو سانورو، اکيون گول دائري وانگر، بلوري ۽ چپ گدري جي ڦاڪن جيئن هئا، هن جا وکريل وار، آواره گردي جا اهڃاڻ هئا، لٽڙا ليڙون، غبار سان ڀريل، منهن تي اڇي ڇاهي ڄميل، ڪنا ڪاڳر، هنج ۾ لڪايو شهر جي شاهي بازار ۾ عيد جي هر هڪ شيءِ کي هي حسرت ڀري نگاهن سان نهاري رهي هئي، جتي ڪيترائي هن جهڙا ٻار عيد جي خريداري ڪري رهيا هئا، هن جون به هزارين حسرتون هيون “ڪاش آئون به پنهنجي والدين سان گڏ ايئن شيون خريد ڪري سگهان ها! پر منهنجو پيءُ ته آهي ئي ڪونه” هي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪي شمل جي پيءُ کي فوت ٿئي ٽي سال ٿيا هئا، اهي ڏينهن هن کي ڪنهن ڌنڌلي عڪس جيان ياد هئا، جڏهن هن جو پيءُ هن کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو هو، پوءِ هن جي ماءُ شهر ۾ وڏن گهرن جا ٿانو ڌوئي پيٽ گذر ڪندي هئي، شمل جو نالو شمع هو، پر ماءُ پيار منجهان شمل چوندي هئي، شمل ڪڏهن به اسڪول نه ڏٺو هو، جڏهن اسڪول ويندي ٻار ڏسندي هئي ته اکيون ڦاڙي هنن ڏي نهاريندي هئي، پوءِ هن کان پنهنجي ڳالهه وسري ويندي هئي، انهي ٻار مان ايستائين نظر نه ڪڍندي هئي جيستائين هو اکين کان غائب نه ٿيندو هو.
    هن جون عجيب ڪيفيتون هونديون هيون، اکيون منهن ڦاڙي پئي ٻارن کي نهاريندي هئي، تان جو منهن ۾ ٿڪ گگ جي صورت ۾ وهي ويندي هئي، ڪڏهن ته ڪنهن سُٺي شيءَ کي ڏسندي اهڙي حالت هوندي هئي جو الائي ڪهڙن خيالن ۾ گم رهندي هئي، اکين مان لڙڪ وهي پوندا هئا، ڪو ماڻهو نه سمجهي سگهندو هو ته هن ڇوڪري کي ڇا ٿيو آهي ۽ خيالن خيالن ۾ ڇو هن جون اکيون ڀرجي آيون آهن، شمل هزارين شيون پيل ۽ ماڻهن کي وٺندي ڏسندي هئي ۽ دل ۾ خوش به ٿيندي هئي، هلندي هلندي شين ڏانهن اشارا ڪندي ويندي هئي، دڪاندار هن جي انهي حرڪت کي عجيب نموني ڏسندا هئا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن نظرن ۾ اشارو ڪندا هئا، پر شمل بي خبر بڻجي پنهنجي ڌن ۾ پئي ويندي هئي، ڪڏهن ڪنهن ڇوڪري يا ڪنهن ڇوڪريءَ کي نهاريندي هلندي ڪنهن ماڻهون سان ٽڪرائبي هئي ۽ هن کي ماڻهن جي واتان گٿا لفظ به ٻڌڻا پوندا هئا “انڌي جي ڌيءِ ڏسين ڪونه ٿي ڇا؟” “اکيون کولي نٿي هلين ڇوري انڌي”
    اڄ به هيءِ عيد جون شيون ڏسي وائڙي ۽ بيگاني هئي، اوچتي هن جي نظر دڪان ۾ ٻاهران ٽيبل تي رکيل ميندي جي دٻي تي پئي، هن ميندي جي دٻي تي ٺهيل گل واري هٿ کي ڏٺو.
    “آئون به اهڙو ئي گل ٺاهيندس” هي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪي، چٽ ڏسڻ لاءِ اڃان ڪجهه ويجهي ٿي
    “ڇا ٿي ڏسين ڇوري”
    دڪاندار جي دڙڪي هن جا خيال ٽوڙي وڌا ۽ هي اڳتي هلڻ لڳي، بس هن جي نظر ميندي ۾ هئي، پوئتي نهاريندي هي سامهون ايندڙ ماڻهو سان ٽڪرائجي وئي، ماڻهو هن جي ڪنڌ کي اڳتي لوڏو ڏيندي تڪڙو گذري ويو، هو ڳلي جي ڇيڙي تي پهتي، پر ميندي هن جي ذهن مان نه ٿي لٿي، شمل دڪان وٽ اچڻ لاءِ ٻي ڳلي وٺي وري موٽي آئي ۽ ميندي کي تڪڻ لڳي، دڪاندار پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هو، عيد جو موقعو هئڻ ڪري گراهڪ جام هئا، هو بلڪل ميندي جي پڙي ڀرسان بيهي چٽ ڏسڻ لڳي، ڄڻ ميندي چوندي هجي، “مونکي کڻي هل، تنهنجي هٿن تي به اهڙو ئي رنگ ڪندس” هن خيالن ئي خيالن ۾ ميندي ورتي ۽ گهر ۾ لڳائي پاڙي جي ٻارن کي ڏيکاري رهي هئي، هن جي بدن ۾ سيءُ جي لهاٽ اٿي ۽ هي پوئتي هٽي بيٺي، سڄو بدن هلڪي هلڪي پگهر سان آلو ٿي ويو، ايتري ۾ ٻه گراهڪ ٻيا به آيا، هاڻي دڪان ۾ چڱي رش هئي ڪو ٽوپيون ڪي سينٽ ڪي پائوڊر وٺي رهيا هئا.
    هن جو هٿ بي اختيار ميندي ڏانهن وڌيو ۽ هي ميندي کڻي ڀڳي، هڪڙي گراهڪ رڙ ڪئي “ڇوري ميندي کڻي وئي” ايتري ۾ دڪاندار به رڙ ڪئي “اڙي ڇوري” ائين دڪاندار پويان لڳو، ماڻهو وائڙا هنن ڏانهن ڏسڻ لڳا ايتري ۾ هي هڪ ڳلي پار ڪري مين روڊ تي پهتي، پاڻ کي ٽريفڪ ۾ لڪائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين، چوطرف گاڏين جا هارن پان پان.......... بريڪن جا چيهاٽ، اوئي اوئي جا آواز، اوچتو دڪاندار جو آواز هن جي ڪن تي پيو “هي ٿي وڃي” هن پوئتي نهاريندي اڳتي ڊوڙ ڪئي ته هن جو منهن وڃي جيپ جي هڊ سان لڳو، هي پوئتي ڪري پئي، جيپ جو ٽائر هن جي ميندي واري هٿ مٿان گذري ويو، نرڙ مان رت جا ڦڙا هن جي ڳلن طرف سرڻ لڳا، رت سان هٿ ڳاڙهو ٿي ويو، جنهن ۾ هاڻي ميندي به رنگ وڌائي رهي هئي


    ڪارو داغ

    هن جي حرڪتن کان وڌيڪ هن جي خودڪشي وڏو سوال بڻيل هئي، هن جي عياشي ۽ انهي سان لاڳاپيل ڪئي سوال هتي جي ماڻهن جي بحث جو موضوع هوندا هئا، پر راتوڪي هن جو پنهنجي پاڻ کي مارڻ واري خبر سڄي علائقي ۾ ٻيلي جي باهه وانگر پکڙيل هئي، ملڪ جي مشهور توڙي عام ڳاڙهين بازارن جون طائفون هن وٽ ڏينهن جا ڏينهن رهنديون هيون، اها عجب جي ڳالهه ڪانه هئي، پر هن جي اها ڳالهه ته ڪنهن به طوائف مان پنهنجي جنسي حوس پوري ناهي ڪندو ڇرڪائيندڙ هئي.
    گهنور خان پنهنجي علائقي جو وڏو گڙنگ زميندار، جنهن وٽ بي شمار دولت هئي، پيءُ شهمير خان علائقي جو چڱو خاصو ماڻهو، فيصلا ڪندڙ ۽ سٺي ذهنيت رکندڙ هو، قدرت ڌن دولت جام ڏني هئي، انهي ڪري ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جو شوق هئي، اولاد ڪجهه وڏو ٿيو ته پاڻ سان گڏ پٽ گهنور ۽ ڌي گل بانو کي به ضرور گهمائڻ وٺي ويندو هو، هڪ دفعي ڪوئٽه کان موٽيندي هن جي ڪار جو ٽريلر سان حادثو ٿي ويو، جنهن ۾ شهمير کي جام ڌڪ لڳا، زخمن جو تاب نه سهندي شهمير اتي ئي ختم ٿي ويو ۽ ٻارڙا به زخمي ٿيا، جن کي لالي شريف خان ڏٺو پوءِ ٻارن کي وٺي گهر آيو ۽ چيائين ته “توهان جو بابا اسپتال ۾ آهي” پر پاڻ لاش ڏانهن رُخ به ڪونه ڪيائين “ٽريفڪ پوليس جڏهن تباهه حالت ۾ گاڏي ڏٺي ته ويجهي آئي ۽ ڏٺائون ته ان ۾ هڪ لاش پيل هو، تلاشي ته شناختي ڪارڊ نڪتو انهي ائڊريس تحت هنن پوليس کي اطلاع ڪري لاش واپس موڪليو، هوڏانهن هي ٻارڙا اهو سوچيندا رهيا ته “بابا ٺيڪ ٿي اسان کي وٺڻ ضرور ايندو” لالي شريف خان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا، گهنور خان کي دڙڪا ڏئي ٻڪرين چارڻ لاءِ تيار ڪيائين ۽ گل بانو کي گهر جي ڪم ڪار لاءِ، ڇو ته گهر ۾ ٻيو هن جو ڪير به ڪونه هو، هاڻي اميراڻي گهر جو هي ٻار ٻڪرين جو ڌنار هو، نازن سان پليل ٻارن جو برو حال هو. شهمير جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، شهمير جي زال جنت خاتون کي هڪ ته مڙس جي موت جو صدمو، ٻيو ٻارن جي ڪا به خبر ڪانه هئي. پوءِ پنهنجي ڀائرن کي روانو ڪيائين، جنهن وڃي حادثي واري هنڌ ڀر ۾ گهڻيون ئي پڇائون ڪيون پر ڪٿي به ڪا خبر نه پئي.گهنور هڪ شام جو جيئن ٻڪريون ڪاهي گهر آيو ته گل بانو گهر ۾ نه هئي، هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو پر ڪا به خبر نه پئي ايتري ۾ لالو شريف اندر آيو ته هن انهي کان پڇيو، ٻڪريون ايئن ٻاهر ڇڏي آيو هو، اهي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويون هيون انهي ڪري لالي شريف هن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون، هن انهي جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي ڀيڻ جي باري ۾ پڇيو جنهن تي لالي هن کي ڏاڍي مار ڪڍندي چيو ته “تيرا باپ اسي دن مرگيا ٿا، اب يي سمجهو ڪه بهن ڀي مر گئي، زياده ايڌر اڌر ڪيا تو هم تم ڪو بهي مار ديگا” هاڻ هن کي خبر پئي ته هن جو پيءُ حادثي واري ڏينهن مري ويو هو، هي لالو ڪوڙ ڪندو رهيو هو، انهي رات هي دير تائين روئيندو رهيو، رهي رهي دل ۾ پيءُ جي ياد اچي رهي هئي ۽ هڪ ڀيڻ گڏ هئي پر اڄ اها به الائي ڪيڏانهن وڇڙي وئي، هاڻي هي اڪيلو هو، انهي رات هن کي ماني بلڪل ڪانه وڻي، رات جو ماءُ ۽ ڀيڻ کي ساريندي، ساريندي الائي ڪيڏي مهل ننڊ اچي ويس.
    صبح جو لالي هن کي وري گاريون ڏيندي اٿاري جهڙي تهڙي ماني کارائي ٻڪرين سان روانو ڪيو، هاڻي هي صبح جون ٻڪريون ڪاهي جهنگ ويندو هو ۽ رات جو واپس ايندو هو، گهڻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن لالي شريف کي پڪ ٿي ته هاڻي هي ڪيڏانهن ڪونه ويندو تڏهن هن لالي شريف جي پئسن واري صندوق کي ڦيرو ڏنو، چڱا خاصا پئسا کڻي ٻڪريون جهنگ ڪاهي ويو، ٻڪرين کي جهنگ ۾ پرتي ڪڍيائين ته جيئن واپس نه اچن، پاڻ ڪراچي ايندڙ بس ۾ چڙهيو، ڪجهه ڏينهن رلندو رلندو نيٺ گهر پهتو، گهر ۾ ماءُ هن کي ڏسي الائي ڪيتري دير ڀاڪر ۾ وجهي روئندي رهي هي بي اختيار ماءُ جي جهولي ۾ رڙيون ڪري رنو هو، پوءِ سڄي وارتا گهر وارن کي ٻڌايائين، گهر وارا لالي شريف جي ڳولا ۾ ويا پر پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته جڏهن گهنور خان اتان غائب ٿي ويو، هن جو ٻيو ڪير به نه هو انهي ڪري الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو ۽ گل بانو جي ڪا به خبر نه پئي.
    جڏهن گهنور خان جوان ٿيو ته هڪ دفعو وري لالي شريف جي ڳولا ۾ نڪري پيو، جنهن جي خبر گهر وارن کي گهڻن ڏينهن کان پوءِ پئي، گهڻن ڏينهن بعد جڏهن گهنور خان واپس آيو ته گل بانو ڪونه آندائين، پر پاڻ سان گڏ هڪ اهڙي عادت کڻي آيو، جنهن هن جي مائٽن جي ۽ پيءُ شهمير خان جي ڪيل ڪمائي تي پاڻي هاري ڇڏيو .
    شراب ۽ ڳاڙهين بازارن جون عورتون هن پنهنجي بنگلي تي گهرائڻ شروع ڪيون. اها ڳالهه خاندان جي لاءِ هڪ ڪارو داغ هئي، گهر جي ماڻهن ۽ ٻين مائٽن کي جڏهن هن جي ان حرڪت جي خبر پئي ته گهڻو ئي سمجهايائون ته “اسان تنهنجي شاديءَ جو پروگرام ٺاهيو آهي، تون هي ڇا ڪري رهيو آهين” تون ڇو ٿو شهمير جي روح کي رنجائين، هي راڄ وارا تنهنجي لاءِ ڇا سوچيندا؟” پر هن ڪنهن جي ڪانه مڃي، تڏهن مامي چيس “توکي گهڻي بک آهي ته شهر وڃ، جتي دنيا جهان پيو اهڙا ڪم ڪري اتي هليو وڃي، جتي ڪير ڪنهن کان پڇڻ وارو ڪونهي ته ڇا پيو ڪري؟ باقي ٻيلي هتي ڳوٺن ۾ ڪک واءُ تي ٿو چُري ته ست راڄن کي ٿي خبر پوي”

    هن جي ڪنهن به چوڻ ۾ نه اچڻ کانپوءِ نيٺ سڀ مائٽ قطع ڪلام ٿي ويا، راڄن وارن، اوطاقن تي اچڻ ڇڏيو، زمينن وغيره جي سنڀال نه رهي، اهي سور سهندي جنت خاتون به هن کان موڪلائي ابدي راهه ورتي. هاڻي هي اڪيلو هو ۽ اڪيلائي هن جي زندگي هئي، هڪ ڀيڻ هئي جنهن جي ڪا به خبر ڪانه هئي، هن پنهنجو پاڻ کي نشن ۾ غرق ڪري ڇڏيو هو، هن جي مک تي ڪڏهن به مرڪ نه ايندي هئي، هميشه سوچن ۾ غرق هوندو هو، ڏينهن رات بنگلي ۾ ڇيرن جي ڇمڪار هوندي هئي، پوئين رات پڄاڻا هي هڪ طوائف پنهنجي خوابگاهه ۾ گهرائيندو هو، پر هن جو حڪم صرف هڪ هوندو هو، ته ڪپڙو پيرن کان مٿي کڻ. گوڏن کان ڪجهه مٿي ٿيندو هو ته هي رڙ ڪندو هو “بس! هاڻي شراب آڻيو” طوائف شراب جي بوتل ڏيندي هئي، هي شراب جي بوتل ايئن جو ايئن اندر ۾ اوتي طواف کي چوندو هو “وڃ تنهنجي ڊيوٽي ختم” ايئن ٻي رات ايندي هئي، پر حڪم ساڳيا هوندا هئا.
    انهيءِ ڳالهه طوائفن کي پريشان ڪري وڌو هو، جيڪا به ٽولي هڪ دفعو ايندي هئي، انهي کي وري نه گهرائيندو هو، پوءِ ٻي ٽولي چاهي ڪيتري به پري کان ۽ دير سان اچي. پاسي وارن ڳوٺن جڏهن اها حالت ڏٺي ته اهي به هن جي علائقي مان لڏي ٻئي پاسي ويا، زمينون ڏينهون ڏينهن بنجر ٿي رهيون هيون، يا مقاطي تي وڃي رهيون هيون، هن جي حرڪتن تي سڄو علائقو ويران ٿي چڪو هو، پر گهنور پنهنجي ڪم ۾ لڳل هو، جيستائين ڪنهن ٻئي شهر جي طوائفن جو ٽولو نه اچي، هي بيچين رهندو هو، اچڻ کان پوءِ هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويندي هئي ۽ پوءِ اها ويتر تيز ٿي ويندي هئي، جڏهن گهنور اکيون ڦاڙي آئيني ۾ پنهنجي اکين سان اکيون ملائي، آڱريون ڀڪوڙيندي پنهنجي نوڪر نورو کي چوندو هو “نورا ٻين مهمانن اچڻ ۾ ايتري دير نه ٿيڻ کپي” پر طوائف کي نه ڇهڻ واري ڳالهه طوائفن، نوڪرن ۽ علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ سوال بڻيل هئي ۽ اهي ان منجهيل سٽ کي سلجهائڻ ۾ رڌل هئا، وقت پنهنجي وهڪري سان هلندو رهيو، هي پنهنجي انهي عمل تي قائم رهيو، طوائفن جا هڪ ٽولا ايندا رهيا ۽ ٻيا ويندا رهيا، ڇيرن جي ڇمڪارون راتين جي سناٽن ۾ گونجنديون رهيون، هي شراب اوتيندو رهيو ۽ شراب هن کي کائيندو رهيو.
    نئين ٽولي کي آئي ٻه ڏينهن ٿيا هئا، ٻه طوائفون هن جي خوابگاهه مان اچرج جا سوال کڻي واپس آيون هيون ته ٽئي ڏينهن شام جو نوڪر اطلاع ڏنو ته “سائين ٽوليءِ جي هڪ پڪي عمر جي مائي گذاري وئي آهي” “نالو ڇا آهي؟” “سائين نورجهان” هي اهڙو پهريون واقعو هو. هي ڇرڪي ويو، حڪم ڪيائين ته “لاش کي خوابگاهه ۾ پهچايو وڃي” اڄ هن جي خوابگاهه ۾ ڪا به ڇيرن جي ڇمڪار نه هئي، اهي حرڪتون جيڪي طوائف کان ڪرائيندو هو پاڻ ڪيائين، ڪپڙو پيرن کان مٿي ٿيندو ويو. پير، پيرن کان ٽنگون، ٽنگن کان گوڏا، گوڏن کان مٿي، هڪ ڪارو داغ، هن جون نظرون داغ تي ڄميل ئي رهجي وڃن ٿيون، ٻئي لمحي ٻه لڙڪ خشڪ اکين جي پنبڻين مان ٽمي انهيءِ داغ تي ڪري پون ٿا، هن جا هٿ ڪپڙي مان نڪري پون ٿا، پنهنجا خشڪ چپ طوائف جي نرڙ تي رکي ٿو، هن جي اها ڪنهن به طوائف کي پهرين چمي هئي.
    حڪم ڪري ٿو ته لاش کي تڙ ڏياري ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو وڃي، باقي ٽولي کي موڪل ٿو ڏي ته اوهين وڃو، رات جو آڌي ويلي هن جي ڪمري مان فائر جو آواز ٿو اچي، نوڪر ڊوڙندا ڪمري ۾ پهچن ٿا، گهنور خان رت ۾ ٻڏل هيٺ ڪريو پيو آهي، هٿ ۾ ريوالور آهي، پوليس ۽ مائٽن کي اطلاع ٿو ڪيو وڃي ۽ صبح جو اها خبر سڄي علائقي ۾ باهه وانگر پکڙجي ٿي وڃي، پوليس گهر جي تلاشي وٺي ٿي وهاڻي هيٺ خط ملي ٿو، جنهن جو متن هينئن هجي ٿو:

    منهنجا عزيزو!
    آئون سماج جو بدنام، ناڪام ۽ نامراد ماڻهو آهيان، مون پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جو موت ڏٺو، ڀيڻ وڃائي ۽ طوائفن کي گهرائڻ جون حرڪتون مون ڀيڻ جي ڳولا ۾ ڪيون، جڏهن آئون ڀيڻ جي ڳولا ۾ ويس تڏهن لالي شريف کان گهڻو پڇڻ ڪرڻ بعد لالي ٻڌايو ته هن گل بانوءَ کي ڳاڙهي بازار ۾ وڪڻي ڇڏيو آهي، پر مون کي ڪهڙي خبر ته گل بانو وڪامجڻ کان پوءِ نورجهان ٿي وئي، انهي جي خبر اڄ مونکي سندس جسم تي لڳل ڪارو داغ ڏسي پئي ۽ اڄ جڏهن گل بانو به هلي وئي ته آئون زنده رهي ڇا ڪريان؟ انهيءَ ڪري مان پاڻ کي ختم ڪريان ٿو.
    فقط بدنصيب
    گهنور خان


    ڳولا جي رڻ ۾

    بس جيئن اسٽينڊ جي دڪي تي اچي بيٺي ته ماڻهو مکين جيان بس کي وڪوڙي ويا، جيڪي بس مان لهندڙ ماڻهن کي ڌڪيندي اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، عورتون بس ۾ چڙهڻ لاءِ جهڳٽي جي صورت ۾ بس ڏانهن سرڪي رهيون هيون، بس جي گيٽ تي پيهه پيهان هئي، ڪجهه حاضر دماغ ماڻهو، انهي گوڙ گهمسان ۾ ٻي واهه نه ڏسي درين مان اندر ٽوال، اخبارون اڇلي سيٽون روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا، هي به ٻيو ڪو حل نه ڏسي، بس جي دري مان اخبار وسيلي سيٽ روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻي بس ۾ چڙهڻ هن لاءِ مسئلو هو. گيٽ مان ڪنهن به قسم جي گهٽي ملڻ جي گنجائش نه هئي، ٻاهر گرمي به قهر جي هئي، پگهر جسم مان ريلا ڪري وهي رهيو هو، گرمي جي ڪري ماڻهن جي پگهر جي اوٻس ۽ بس جي گرم چادر جي تاءُ ماحول ۾ عجيب بوءُ ڦهلائي ڇڏي هئي، جيڪا هن جي ناسن ۾ ڌوڪيندي ٿي وئي، جنهن کان هي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ۾ جيئن پوءِ تيئن ناڪام ٿيندو ويو.
    “دنيا ۾ اليڪٽرانڪ ٽرينون ۽ جديد بسون هلن ٿيون، اسان اڃان انهن ڇڪڙا بسن ۾ ڪيستائين سفر ڪنداسين” هن سوچيو
    هن جي ذهن تي پنهنجي شهر ڏانهن ويندڙ بسن ۽ روڊن جي حالت تري آئي، ڪيئن هي ڳوٺاڻو سفر ڪري هتي پهتو هو؟ انهي سفر دوران هن کي ڪيترا لوهه جا چڻا چٻاڙڻا پيا هئا.
    هن ڏٺو ته گيٽ تي ڪجهه رش گهٽجي وئي هئي، ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ۽ شيون وڪندڙ، بس ۾ اڳتي پوئتي هلي رهيا هئا، ننڍن ٻارن جي روئڻ ۽ سامان کڻي هنڌائتو ڪرڻ وارن جا زورائتا آواز، هي سرڪي وڃي گيٽ تي پهتو، پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺو
    بس جو انتظار، انهي کان پوءِ جاءِ وٺڻ جي لاءِ ڪوشش ۽ هاڻ ويتر بس جي حالت ڏسي، هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، بي چيني جي حالت ۾ سوچيائين “هت هر شئي ۾ بيچيني ۽ بي آرامي، خزان جي پنن جيئن ڇڻي رهي آهي” پويان ٽيڪ ڏيندي پاڻ کي رليڪس ڪيائين، ڪنهن ڪنهن مهل هوا جي جهوٽي پگهريل بدن کي سرور ۾ ٿي آڻي ڇڏيو، ٽي ڏينهن جي ڪشمڪش ۽ بيچن ڪندڙ ٿڪاوٽ انگ انگ کي ساڻو ڪري ڇڏيو هو، پگهريل چهري تي هوا جي جهوٽن، هن جي اکين کي ڳورو ڪري ڇڏيو هو، هي يادن جي لهرن ۾ لڙهڻ لڳو.
    ڪيڏو چاهه مان ڳوٺ روانو ٿيو هو، ڳوٺ پهچڻ تائين هن کي بس جي سفر ٿڪائي وڌو هو، سفر ته ايترو ڊگهو ڪونه هو، جيترو بس جي رفتار ۽ روڊ جي کڏن ۽ جهاڪن ۾ ايندڙ لوڏن هن کي بيزار ڪيو هو، جڏهن ڳوٺ واري اسٽاپ تي لٿو هو تڏهن سوچيائين ته هاڻي وڃي آرام ڪبو، پر ڳوٺ پهتو ته ماءُ پيءُ جو جيهڙو زور سور تي هو.
    جڏهن کان هوش سنڀاليو هئائين، تڏهن کان ماءُ پيءُ کي ائين وڙهندي ڏٺو هئائين، جڏهن ماءُ ڳالهائيندي هئي ته هن جي پيءُ جي ست پيڙهين تائين پٽون پاراتا ڏيندي ويندي هئي، جنهن ۾ گڏوگڏ هن جي پيءُ کي وسارڻ ناممڪن هوندو هو، جواب ۾ هن جو پيءُ اسپيشل قسم جون گاريون بجن سميت ڏيندو هو، هن جي ماءُ جي ستن پيڙهين تائين هليو ويندو هو، هن سوچيو ته زال مڙس جا سڀ رشتا، محبتون هتي هڪ ڌڪ سان پرزا پرزا ٿي وڃن پيا، ڪڏهن ته زال مڙس کي سڌي منهن ڳالهائيندي نه ڏٺو هئائين، هن سوچيو ته اسان جي ڇڙوڇڙ ۽ بيزار طبيعت ٿيڻ ۾ هنن جي هن ئي محبت جو اثر آهي
    هاڻي ته هن ڳوٺ ۾ رهڻ ڇڏي ڏنو هو، پر پوءِ به ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ وڙهڻ يا وري ڀاءُ ڀيڻ جو پاڻ ۾ وڙهڻ عام ڳالهه هئي، ماءُ پيءُ جهيڙو اڃان ٿڌو ئي مس ٿيو هو ته ڀاءُ ٻني تان موٽي گهر آيو، پريان ئي منهن ۾ گهنڊ ڏسي، هي سمجهي ويو ته ڪجهه ٿيندو ۽ ڪجهه دير بعد ٿيو به ائين هنن جي سڳي ماءِ کي دڙڪا ڏيندي “ماءُ” تي پٽي گار ڏني، هاڻي هن جي ذهن ۾ هٿوڙا لڳڻ شروع ٿيا، هن نٿي چاهيو ته اڄوڪو ڏينهن به خراب گذري، ڇو ته اڃان هن کي ٻه ڏينهن ٻيا به هتي گذارڻا هئا، انهي ڪري هي اٿي پاڙي وارن جي گهر هليو ويو، ٻئي گهر ۾ پنهنجو پيل سامان ڏسي حيران ٿي ويو، هن جا پيتي ۾ پيل ڪتاب ڪچي ڪوٺي جي درين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جن تي جهرڪين جون وٺون پيون هيون، ڪيترن ڪتابن جا پنا ٽٽا پيا هئا، هڪ ڊائري مٿي روشندان ۾ پئي هئي، ٻيون هيٺ ڪنڊ ۾ اڇليون پيون هيون، هن جا ذاتي ۽ پسنديده فوٽو ڪي پيتي جي تري ۾ ته ڪي غائب هئا، هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ماءُ سان وڙهڻ لاءِ جذباتي ٿيو، وري سوچيائين امان سان ته هرڪو وڙهي ٿو گهٽ ۾ گهٽ آئون ته ايئن نه ڪريان، امان جو انهي ۾ ڪهڙو ڏوهه؟ هي حالت تي هن جي ننڍي ڀاءُ ڪئي هوندي، منجهند جو هن جو ڀاءُ ۽ پيءُ پاڻ ۾ ڏاڍا وڙهيا، شام جو هن جي ڏند چڪ ڀاءُ سان ٿي وئي، پويان اڌ ڏينهن هي الائي ڪيئن گذاريو هو، نيٺ اڄ ڳوٺان بيزار ٿي شهر ڏانهن روانو ٿيو هو.
    هاڻي بس آهستي آهستي روڊ تي سرڻ شروع ڪيو هو. ڪلينرن جا هوڪا، ٻارن جو گوڙ، شين وڪڻڻ وارن جا واڪ سڀ ڪجهه پوئتي ڇڏيندي بس هلڻ شروع ڪيو ته هي به ٿانيڪو ٿي ويٺو، الائي ڇو اڳي ويندو هو ته ڏاڍي اڪير ۾ ويندو هو، پر جڏهن واپسي ٿيندي هئي ته هن کي پنهنجي فيصلي تي پاڻ کي ڪاوڙ ايندي هئي، شهر جي زندگي کان به بيزار ٿي پيو هو، پر هن جي شهر کان سواءِ ٻي ڪا به واهه ڪانه هئي، وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ڳوٺ ۾ گهر جو ماحول من لاءِ زهر هو، وري ٻهراڙي جو ماحول دنيا جهان کان ڪٽيل اهڙي حالت ۾ رهڻ هن لاءِ ناممڪن هو، انهي ڪري شهر ۾ رهڻ هن جي مجبوري هئي، شهر جيڪو

    جيڪو سلوپوئائيزن جيئن هن جي اندر کي کائيندو ٿي ويو، سٺي اداري ۾ سروس حاصل ڪرڻ هن لاءِ محال هئي ۽ نه ئي شهر ۾ ايڏو ڪمرشل هو، جتي وڏا وڏا ڪمرشل ادارا هجن، انهي ڪري پيٽ پالڻ لاءِ هن کي هڪ گهٽ پگهار واري اخبار جوائن ڪرڻي پئي، جيڪا هن جي رت ۽ ذهن کي چوسي رهي هئي.
    “سائين ڪرايو؟” ڪنڊيڪٽر جي آواز هن کي خيالن جي دنيا مان واپس آندو هن کيسي مان پنجاهه جو نوٽ ڪڍي ڪنڊيڪٽر کي ڏنو، ڪنڊيڪٽر اڳتي وڌيو ته هي وري ٽيڪ ڏئي خيالن جي دنيا جي مالها ماضي سان پوئڻ لڳو.
    هن سوچيو ته اخبار جي دنيا به عجيب ڪشمڪش واري آهي، ڪي اخبارون پنهنجي سرڪيوليشن ۽ اشتهارن وسيلي خودڪيفيل آهن جيڪي چڱي خاصي اسٽاف سان ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ڪي ڪجهه هزارن جي سرڪيوليشن ۽ غير معياري جنسي اشتهارن تي محدود اسٽاف سان هلي رهيون آهن، انهن ۾ اسٽاف ڄڻ بيگار ڪيمپ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ياد جي لهر هن کي اخبار جي آفيس ۾ کڻي وئي، نيوز روم ۾ نيوز ايڊيٽر جي وٺ وٺان، ويچارو ايڊيٽر مولائي پاڻ نيوز ڊيسڪ تي ويٺل “جلدي ڪري وٺ، خبر ٻه ڪالم ڪر، هن جو انٽرويو ٺاهه، اڙي هي خبر ٺاهي اٿئي، انهي جو ته ڪارو منهن ڪري ڇڏيئي، وري لک، ڪلهوڪي واقعي جو ايڪسڪليوزو لکي ڏي، هن خبر کي هيڊنگس ڏي، پي ٽي وي ٻڌئي، سي اين اين لڳاءِ، ڪاپي جلدي لاهيو، ڏهه چاليهه ٿي ويا آهن. هوڪرا.... هو ڪر هي ڪر...! هن جي ذهن ۾ ماڪوڙا ڊوڙڻ لڳا، هن جا ٻئي هٿ وارن ۾ کپ ٿي ويا، وارن کي زور سان پوئتي ڇڪيندي جهٽڪو ڏنائين، ڳچ دير کان پوءِ اکيون کولي شوڪارو ڀري ڪنڌ لاڙي ڇڏيائين.
    ٿوري دير بعد سڌو ٿي سگريٽ دکايائين، ٻه ٽي ڪش هڻي رليڪس ٿيو، سوچيائين ته هاڻي ڪٿي رهڻ گهرجي؟ ڪنهن وٽ رهي؟ جڳهه ملڻ مشڪل آهي، ڪٿان پارٽنر اچن؟ اڳئين پارٽنرن ڪيترو ذليل ڪيو هو؟ نه ڪم نه ڪار کي هٿ ڏين نه وقت تي ڪرايو ڏين ۽ اسٽيٽ ايجنسي وارا سدائين هن جي سر تي، هڪڙو ڄڻو ته جڳهه وٺي نٿو سگهي، سوچائين ڪيئن ڪجي؟ ڪيڏانهن وڃجي، هي به فليٽ ڪهڙا ڪچي آبادي کان گهٽ آهن نه پاڻي جو بندوبست، نه لائٽ جو آسرو، سوچيائين ڇا ڪجي؟ هڪڙي ڪمري واري جڳهه اها به پندرهن سو ڪرايو، ڏهه هزار ايڊوانس، هاڻي ايڊوانس ڪٿان آڻجي؟ پگهارون ته اڳي رهيون پيون آهن، چار مهينا ٿيا آهن، ڄڻ اخبار نه وڏيري جي ونگار هلي رهيا هجون، مالڪ صاحب پرفيوم ۾ ٻڏل ۽ روزانو شراب جي بوتل ڪٿان ٿو آڻي؟ نيوز ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ مڙئي اسان کي ٿو ٺاهي.
    هڪڙو دڪاندار اڳي هلڻ ڪونه ٿو ڏي، الائي ڪنهن نڀاڳي فليٽ ڇڏڻ واري ڳالهه ڪئي آهي انهي ڪري صبح شام واٽ جهليو بيٺو آهي، مٿي وري واندا، سڃا، اديب، شاعري سڄو ڏينهن ويٺا آهن، رڳو پيا فرمائشون ڪندا يار سگريٽ ته گهراءِ، يار چانهه ته پيار، کيسي ۾ هڪ روپيو به ڪونهي ۽ پاڻ کي نرودا ۽ مارڪيز ٿا سمجهن، چوٿون ڏينهن پئسا ڪونه هئا، جو ڪرايو ڀري اخبار آفيس وڃي، لفٽ وٺندو وٺندو وڃي آفيس پهتو، الله الائي ڪنهن کي ڀلايو جو خبر ڏيارڻ جي لاءِ آفيس ۾ آيو، سوير اچڻ ڪري اڃان آفيس ۾ سرموڙ صحافي ڪونه آيا هئا، انهي ڪري هي اڪيلو هو، همراهه خبرن واري پني جي وچ ۾ ٻه سو سو جا نوٽ ويڙهي خبرن وارو پنو هن ڏانهن وڌايا “سائين هي خبر هلائڻي آهي” هن جا هٿ بي ساخته پني ڏانهن وڌيا “حاضر خبر بلڪل هلندي” هن جي اخباري دنيا ۾ اها پهرين بي ايماني هئي.
    انهي ڏينهن ڪاپي ڊائون ٿيڻ تي ٻن ڏينهن جي موڪل لکي آفيس ۾ ڏئي ٻئي ڏينهن ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويو هو، سوچن جي سمنڊ ۾ لڙهندي هن کي خبر ئي ڪانه پئي ته سفر ڪيئن گذريو، بس مين اسٽاپ تي پهچي چڪي هئي، ماڻهو بس مان لهي رهيا هئا، هي به ٿيلهو بغل ۾ وجهي هيٺ لٿو، ماضي جي ساروڻين هن کي چڱو ولوڙي ڇڏيو هو، انهي ڪري اڃان انهي سحر ۾ هو ماڻهو رڪشن ۽ فورسيٽرن ۾ چڙهي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهيا هئا، هي فيصلو ئي نه ڪري سگهيو ته ڪيڏانهن وڃي.


    هڪ ڪاٺگر جو موت

    ابتدائي ڪارروائي کانپوءِ، پوليس جڏهن لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو، تڏهن صوبيدار جي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هو، ته قتل جي ڏوهه ۾ ڪنهن کي گرفتار ڪري، پوليس کي مليل اطلاع بعد ڪجهه ماڻهو ڪاٺگر جي گهر ٻاهريان گڏ ٿي ويا هئا، ٻاهريان ماڻهو تجسس سان گهر اندر نهاري رهيا هئا، اندر ڪاٺگر جو لاش زمين تي پيل هو، ڪو به واضع نشان نه هو، جنهن مان خبر پوي ته قتل ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو آهي؟ حد جي صوبيدار پوليس جا انوکا نقطا تجربي سان ذهن ۾ آڻي صوابديدي اختيار استعمال ڪندي، ٻاهر بيٺلن تي هڪ نظر وجهي حڪم ڪيائين “توهان مان ڪير هن کي سڃاڻي ٿو؟”
    “ايترو سڃاڻون ٿا ته ڪاٺگر آهي” ماڻهن جي وچ ۾ اڇي ٽوپي واري چيو
    “اها ته مونکي به خبر آهي” صوبيدار ڪاوڙ ڀرئي لهجي ۾ چيو
    “ڪنڊ وارو دڪاندار هن جو دوست هو” ساڳئي همراهه جواب ڏنو.
    “ڇا نالو آهي؟” صوبيدار جي اکين ۾ چمڪ تري آئي.
    “مير محمد” ڪنهن جواب ڏنو.
    صوبيدار سپاهين تي هڪ نظر وڌي سپاهين جي بدن ۾ سختي آئي ۽ چيلهون سڌيون ٿي ويون، ڄڻ ڪنهن مٿي جي وارن کان جهلي ڇڪيو هجي، سڌا ٿيندي اکيون ڦيرائڻ لڳا.
    “اوهان وڃو انهي کي وٺي اچو” صوبيدار نيٽ سان اشارو ڪندي چيو. سپاهين جي بوٽن جا ٺڪا ۽ هٿ سلام لاءِ نرڙ تائين آيا.
    صوبيدار ڪرسي سرڪائي لاش کان پرڀرو ٿي ويٺو، لاش جي ڀر ۾ هاڻي ماڪوڙين سرڻ شروع ڪيو هو، ڪمري ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سامان وکريو پيو هو، مختلف سائزن جا ڪاٺ جا ٽڪرا پيا هئا، مٿي هڪ نامڪمل ڪاٺ جو مجسمو پيو هو.
    ڪاٺگر جو دوست سلام ڪري اڳيان بيٺو، سپاهي پوئتي هٽي ويا، صوبيدار هڪ نظر هن تي وڌي، اڌڙوٽ عمر، قد پورو پنو، سنهي بدن تي اڌ ميرا ڪپڙا، وري هڪ نظر لاش تي وڌائين، ڪاٺگر ته هن کان صحتمند ٿي لڳو.
    “هن ۾ قتل ڪرڻ واري ڪا به ڳالهه ڪانه ٿي لڳي” صوبيدار آڏي اک سان نهاريندي سوچيو.
    “سر قاتل اندر کان خطرناڪ ٿو لڳي” سپاهي چيو.
    “هون!” صوبيدار ڪنڌ لوڏيندي چيو.
    “تون هن کي ڪڏهن کان سڃاڻين؟” صوبيدار لٺ سان لاش ڏانهن اشارو ڪيو، هي لاش کي ڇهڻ لاءِ هيٺ جهڪيو ته صوبيدار لٺ سان روڪي وڌو “ويجهو ناهي وڃڻو، هتان ئي سڃاڻي سگهين ٿو” هن چاهيو ٿي ته دوست کي هڪ ڀيرو هٿن سان ڇهي وٺي، پر قانون جي تقاضا هن کي روڪي وڌو، هن اداس نظرن سان نهاريندي صوبيدار ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين “پوئين ويهن سالن”
    “صرف سڃاڻندو هئين؟”
    “نه سٺو دوست هو، هي مون وٽ ايندو هو، آئون به روز وٽس ايندو هئس”
    “کاڌو پيتو؟” صوبيدار نوٽ بڪ ۾ نوٽ ڪندي پڇيو
    “پاڻ تيار ڪندو هو”
    “سامان توکان کڻندو هو؟”
    “ها سائين”
    “اوڌر وغيره؟”
    “ها سائين هزار کن هئي”
    “هون...!!” صوبيدار ڪنڌ لوڏيندي چيو.
    “اڇا! هن جي موت جي باري ۾ توکي ڪنهن تي شڪ شبهو؟”
    “هن جي موت جي ذميوار اها ڪاٺ جي مورتي آهي” هن مورتي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته صوبيدار سميت سپاهين ۾ ٿرٿلو اچي ويو، ڄڻ اها مورتي هن جي اشاري ساڻ هنن کان فرار ٿيڻ واري آهي.
    صوبيدار جي وردي ۾ ڄڻ ککرون گهڙي ويون هجن، هو باهه ٿي ويو پر پنهنجو پاڻ تي ضابطو ڪندي چيائين.
    “مون کي...... ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪر، مون پوليس ۾ ويهه سال نوڪري ڪئي آهي، رڍون ڪونه چاريون آهن”
    “سائين اوهان اعتبار ڪريو يا نه ڪريو، آئون سچ ٿو چوان” ڪاٺگر جي دوست چيو
    “صاحب هي ايئن سچ ڪونه ڳالهائيندو، وٺي هلوس ٿاڻي تي” سپاهي صلاح ڏيندي چيو.
    “ٿاڻي تي “سچ پترا” هن لاءِ تيار آهن، پر آئون ڀانيان ٿو معاملو هتي حل ٿي وڃي ته انهي ۾ هن جو به ڀلو آهي”
    “سائين آئون بلڪل صحيح ٿو چوان انهي ڳالهه جو هن مون سان پوئين ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو هو”
    “ڪهڙي ڳالهه جو؟” صوبيدار سوال ڪيو
    “انهي قتل جو”
    “سائين توهان منهنجي ڳالهه ٻڌو آئون اوهان کي سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو، هي مورتي هن سنڌ راڻي جي ٺاهڻ ٿي چاهي” هن وري مورتي ڏانهن اشارو ڪيو ته صوبيدار ۽ سپاهين ۾ هلچل اچي وئي.

    “هن مورتي جي لاءِ هي ڪيترا ڏينهن ڪاٺ جي ڳولا ڪندو رهيو”
    ڪاٺگر جي دوست جيئن ڳالهه شروع ڪئي ته صوبيدار پين ۽ نوٽ بڪ سنڀاليو، سوچائين ته من ڪا معلومات ملي وڃي.
    “تمام عمدي قسم جو ڪاٺ گهڻي ڏينهن جي ڳولا کان پوءِ مليو، انهي ڏينهن ڪاٺگر تمام گهڻو خوش هو، هاڻي هن جي ذهن ۾ سنڌ راڻي جي تصوير هئي، جنهن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ هي نئين ڇيڻي ۽ هٿوڙي وٺي آيو ، پوءِ رات ڏينهن رڳو سنڌ راڻي جي مجسمي جي هن وٽ ڳالهه هوندي هئي، آئون جڏهن به ايندو هئس ته سنڌ راڻي جي ڳالهه ڪندو هو، هن سڄي سنڌ جو حسن، پيار، محبت، امن سنڌ راڻي جي مجسمي ۾ آڻڻ ٿي چاهيو”
    صوبيدار بوريت کان بچڻ لاءِ ٽنگ ٽنگ تان لاهي سڌو ٿي ويٺو. ڪاٺگر جي دوست وري ڳالهه کي جاري رکندي چيو
    “پوءِ هن سنڌ راڻي تي رات ڏينهن هڪ ڪري محنت ڪئي، هن سنڌ جي هڪ سوناري کان سٺي ڇير تيار ڪرائي، ڇو ته سنڌ جون ناريون پيرن ۾ ڇيرون پائينديون آهن، عمدي کان عمدي ڇير سنڌ راڻي جي پيرن ۾ وڌائين جيڪا هو پئي آهي”
    ڪاٺگر جي دوست مجسمي جي پيرن ۾ پيل ڇير ڏانهن اشارو ڪندي چيو، صوبيدار ڪنڌ ورائي ڏٺو ته مجسمي جي پيرن ۾ هڪ چاندي جي ڇير پئي آهي، جيڪا سپاهين کي هاڻ نظر آئي هئي ۽ هاڻي پنهنجي ذاتي تحويل ۾ وٺڻ محال هئي ڇو ته مٿس صوبيدار جي نظر پهچي چڪي هئي.
    “انهي کان پوءِ سنڌراڻي ۾ موهن جي دڙي واري ناچڻي وارو ناچ ۽ لچڪ آڻڻ ٿي چاهيائين، ڇو ته سنڌ جو اهو پراڻو تهذيبي ناچ آهي، انهي لاءِ هي سفر ڪري موهن جي دڙي جي ناچڻي وٽ ويو ۽ چيائين ته آئون سنڌ راڻي جو مجسمو ٺاهي رهيو آهيان انهي ڪري تنهنجي بدن ۾ ڪلاسيڪل ناچ واري لچڪ آهي اهو ڏي ته آئون سنڌ راڻي جي مجسمي ۾ اهو ناچ آڻڻ ٿو چاهيان، موهن جي دڙ واري ناچڻي چيو ته انهي ناچ تي آئون اڳي ئي ڪسجي چڪي آهيان، انهي ڪري بهتر آهي ته تون سنڌ راڻي جو مجسمو ٺاهه ئي نه، هن ڏاڍو ضد ڪيو ته انهي تي ناچڻي چيو مون اهو ناچ ۽ لچڪ جتان ورتي هئي انهي کي واپس ڪري ڇڏي، اها سنڌو ندي کان ملندي، اتي وڃ.
    پوءِ ڪاٺگر ڪشالا ڪڍندو، جهرجهنگ جهاڳيندو سنڌو ندي وٽ ويو، سنڌو ندي اڳي ئي اُٻاڻڪي ويٺي هئي، هن جي وجود مان واري اڏامي رهي هئي، هن ڪيترائي ڏينهن سنڌو تي گهاريا، پر نه سنڌو ۾ پاڻي آيو ۽ نه هي سنڌو جي ڇولين واري لچڪ ۽ مستي وٺي سگهيو، مايوس ٿي موٽي آيو.
    پوءِ هن سوچيو ته سنڌ راڻي جي بدن ۾ مروئي جي مهڪ ۽ گلاب جي خوشبو هئڻ گهرجي، هٿن تي لال ميندي هئڻ گهرجي ۽ وارن ۾ گجرا هجن ڇو ته سنڌ جون ڪنواريون ناريون مروئي جي تيل سان وار سنواري گلاب جي خوشبو لڳائي ميندي هٿ لال ڪري گجرا، موتيا سجائي لوڏون ٻڌي، سانوڻ ۾ لڏنديون آهن
    پر هن کي ڪٿي به نه مروئو مليو نه گلاب جو گل ۽ نه ميندي جا ٻوٽا مليا، سڄي سنڌ ويران ئي نظر آئي، هر طرف رڃ ئي رڃ، ڪلر پوٺا، ۽ واري جا دڙا هئا، ڪيترن ڏينهن جي سفر پڄاڻا هي واپس آيو ته مروئي گلابن جي مهڪار بجاءَ هي مٽي ۾ ڀڀوت ٿي آيو جيڪا ڳولا جي دوران هن جي وجود کي وڪوڙي وئي هئي
    صوبيدار بيزاري مان هڪ نظر هن تي وڌي، نوٽبڪ جا پنا اٿلائيندي انهي تي ليڪا ڪڍندو رهيو ۽ سپاهي صاحب جي صوابديدي حڪم جو انتظار ڪري رهيا هئا.
    پوءِ هن سوچيو ته سنڌ راڻي جي هٿن ۾ امن جو اڇو ڪبوتر هئڻ گهرجي، پوءِ ڪاٺگر سڄي سنڌ رليو پر هن کي ڪٿي به سنڌ ۾ امن جو اڇو ڪبوتر ملڻ ته ٺهيو پر اڏرندي به نظر نه آيو جڏهن هن هڪ باز کان اڇن ڪبوترن بابت پڇيو ته هن روئڻهارڪو ٿيندي چيو “سنڌ ڪڏهن امن جي ڌرتي رهي آهي؟ هتي ته هميشه پنهنجن جي اشاري تي ڌارين ڪاهون ڪيون آهن، سنڌ ۾ ڪڏهن امن هو، هتي جا ڪبوتر اڇا ته ڪونهي، پر رت ڀنا آهن، انهي ڪري اڇا ڪبوتر سنڌ ۾ ٿيندا ئي ڪونه آهن” ڪاٺگر امن جو ڪبوتر نه ملڻ بعد ڏاڍو مايوس ٿيو، کيس سنڌ راڻي جي شاهڪار مجسمي جو اونو هو
    پوءِ ڪاٺگر سوچيو ته سنڌ راڻي جي چپن تي لازوال مرڪ هئڻ گهرجي، جيڪا مونا ليزا جي مرڪ کان به وڌيڪ هجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ناري جي هڪ مرڪ ئي گهڻن کي گهائي وجهي ٿي، پوءِ ڪاٺگر لازوال مرڪ جي لاءِ در در خيرات گهرندو رهيو، ڪو به اهڙو گهر هن کي سنڌ ۾ نه مليو جتان ڪو مرڪندو هن سان ملي، هر ڪو روئيندو ۽ پنهنجا درد ٻين کي ٻڌائيندو ٿي آيو، هن هڪڙي ماڻهو سان دل جي ڳالهه ڪئي ته هن چيو “تون ڪهڙي مرڪ جي ڳالهه ٿو ڪرين هتي ته ڀاءُ ڀيڻ ۽ ماءُ کي ڪاري ڪري ٿو ماري، مڙس زال تي شڪ ٿو ڪري، ڪنواري ناري بنا پڇڻ جي پوڙهي سان به پرڻائي ٿي وڃي اتي اهڙي لازوال مرڪ ڪٿي ٿي ملي سگهي؟”
    “آخر تنهنجو هي بيان ڪيستائين هلندو؟ يا پيو اجايو ٽائيم وڃائيندين؟” صوبيدار تنگ ٿيندي چيو
    “سائين جيڪا حقيقت آهي ٻڌايان ٿو” ڪاٺگر جي دوست چيو
    “ٺيڪ آ ڪم جي ڳالهه ڪر” صوبيدار ٽنگ تي ٽنگ رکندي چيو

    “پوءِ ڪاٺگر سوچيو ته سنڌ راڻي ۾ سچ، بهادري ۽ سجاعت هجي ڇو ته سنڌ جون ناريون بهادر ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ورن سان سچيون آهن. پوءِ سچ جي ڳولا ۾ ڪيترا ڏينهن ڪاٺگر رلندو رهيو، پر هن کي ڪٿان به سچ نه مليو، ٻن همراهن پڇڻ تي ٻڌايو “اسين ڀاءُ هڪ ٻئي سان سچا ڪونه آهيون، مونکي پنهنجي زال، ڌيءِ، ۽ ڀيڻ تي شڪ آهي، تون سچ جي ڳولا ٿو ڪرين؟” ڪٿي به سچ نه ملندو، ها ڪوڙ ڪپت کپي ته اهو هر هنڌ ملي ويندو، ڀلا بهادري ۽ شجاعت؟ ڪاٺگر جڏهن انهن کان پڇيو “جتي سپهه سالار ئي مير جعفر، هجن اتي بهادري رڳو هوشو جي نعري ۾ رهندي آهي، اهو شيون ڪٿي به ڪونه ملنديون، اسين پنهنجي نوڪري ۽ وزارت بچائڻ ۾ پورا آهيون، سو اسين ڪهڙا دودا ٿي وڙهنداسين”
    انهي کان پوءِ ڪاٺگر ڏاڍو اٻاڻڪو ٿي پيو هو، هن کي پنهنجي شاهڪار مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪابه شيءِ نه پئي ملي، آخري ڀيرو جڏهن ڪاٺگر وڃي رهيو هو، تڏهن مون کانئس پڇيو ته “اڃان سنڌ راڻي لاءِ ڇا ٿو وٺڻ وڃين؟” چيائين “وڃان ٿو لڙڪ وٺڻ ته جيئن آئون ۽ سنڌ راڻي صرف پنهنجا ڏک سور روئي سگهون” انهي ڀيري ڪاٺگر ڏاڍو ٿڪل قدمن سان هلندو، منهنجي اکين کان اوجهل ٿي ويو، پوءِ ڪيترا ڏينهن ڪاٺگر سنڌ راڻي جي نيڻن ۾ لڙڪ رکڻ لاءِ لڙڪن جي ڳولا ڪندو رهيو، پر هن کي ڪو به اهڙو ماڻهو نه مليو جنهن جي اکين ۾ ڳوڙها هجن، روئي ته پنهنجي سورن تي هرڪو رهيو، پر سڀني جا نيڻ خشڪ هئا، جڏهن هن هڪ بزرگ کان ڳوڙهن جي خيرات گهري ته بزرگ چيو “لڙڪ ڪٿي به ڪونه ملندئي، سنڌ ڏکن ڀري آهي، هتي ماڻهو پنهنجي سورن تي روئي روئي ٿڪجي پيا آهن، سندن نيڻن جا ڳوڙها ئي ختم ٿي ويا آهن، هتي ڪيترن ڏينهن کان سنڌو ندي بنجر ٿي وئي آهي، ماڻهن کي وهندڙ پاڻي ملڻ جڏهن کان بند ٿيو آهي، سنڌ جي ماڻهن جي اکين مان ڳوڙها ئي ختم ٿي ويا آهن، هتي سڀني جون اکيون خشڪ ٿي ويل آهن، انهي ڪري ڪٿي به ڳوڙها ڪونه ملندئي”
    انهي بعد ڪاٺگر ڏاڍو مايوس ٿي ويو، انهي رات ڪاٺگر وٽ ويس جنهن رات هي واپس موٽي آيو هو، هي رنو ته جام پئي پر هن جي اکين مان به لڙڪ نه ٿي وهيا، شايد هن جون اکيون به خشڪ ٿي چڪيون هيون، انهي ڏينهن کان پوءِ ڪاٺگر مسلسل خودڪشي جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، مون کي هن جي خودڪشي ڪرڻ جو ڀرپور احساس ٿيڻ لڳو هو”.
    “پر هي مجسمو هن جو قاتل ڪيئن آهي؟” صوبيدار پڇيو
    “انهي جو نه مڪمل ٿيڻ ئي ڪاٺگر جي خودڪشي جو سبب آهي”
    صوبيدار ڪاٺگر جي لاش تي هڪ نظر وجهندي چيو “ڇا توکي انهي کان علاوهه هن جي قتل جو ٻيو قصو ٺاهڻ ڪونه ٿي آيو؟”
    “سائين آئون بلڪل سچ ٿو ٻڌايان”
    “ها ها تون سچو آهين، وٺي هلوس هن کي ٿاڻي تي”
    پوليس وارن کي حڪم ڏيندي، هن هڪ نظر وري لاش تي وڌي ۽ پوءِ ڪاٺ جي مجسمي ڏانهن ڏٺائين ته ڇير تي نظر پئي، هن ڇير ڪڍي پينٽ جي کيسي ۾ وڌي ۽ ٻاهر نڪري ويو.


    مُهاڳو

    جڏهن سج کير وٽو پيئڻ لاءِ آخري ڪرڻا شفق جي لالاڻ سموئي ڀٽ جي هن ڀر هليو ويو، تڏهن اڌ ڀٽ جي اوٽ ۾ آباد هن [وانڍيئي] جا ڳوٺاڻا، انهي اوتاري ڏانهن اسهڻ لڳا، جيڪو سياري، اونهاري ڳوٺاڻن جي ڪچهرين جو مرڪز هيو، لکاني به ٻڪرين کي گهرن ڏانهن هڪليندي ٽوال مٿي تي ويڙهي اوڏانهن پير ڪيا.
    ذهن تي اهڙي ئي شام تري آئي، جڏهن اڄ کان چار سال پهرين هن ٻني جي دنگي واري آخري [هڙا] ڀرائڻ لاءِ اُٺ جو جوڙو [مانجهي] ۾ ورايو، تڏهن اڪثر هاري پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي چڪا هئا، پکي به واهيرن ڏانهن وري وڻن ۾ چڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا هئا، اُٺ تي [ٻڙهو] ڪندي سوچيائين “جي نه هيل رب ٿو روڪ واري، ته پوءِ منٺار جي مٿي تي ضرور موڙ سجائبا” پاڻ سان ڀڻڪيو.
    منٺار هن جو پٽ، جيڪو هاڻي ڀرپور جواني ۾ هو، جنهن جي مڱڻي پنهنجي ڀيڻ ساران جي گهر ڪيل هئي، پر گهر پهچڻ تي هن جون “ٻه به ويون ته ڇهه به ويون”
    “ابا وري ربوڙو وري بي حيائي تي لهي آيو آهي” منٺار چيو
    “ڪهڙي؟”
    “ساڳئي، ٻني تي پڪاريو اٿس، ڪوٽار موليڏنو نوٽيس کڻي آيو آهي”
    “ڀيڻسان هن فدنتي مان چڱا اڙيا آهيون”
    پوءِ انهي رات ڪڪڙ ڪهي ڪوٽار کي ماني کارائڻي پئي، صبح جيستائين هي پٽي سٽي ڀاڙي جا پئسا ڪري ايستائين ڪوٽار پئسن جي يادگيري لاءِ ڪيتريون ئي رومال ۾ ويڙهي ٿي هنيس.
    “يار ابراهيم، ماڻهن ۾ اڳوڻي ڳالهه نه آهي، اڳي آئون جڏهن نئون نئون ڪوٽاري ۾ ڀرتي ٿيو هئس، تڏهن گهوڙي تي چڙهي تپيدار صاحب جي وصولين جو ٻڌائڻ يا ڪنهن کي نوٽيس تعميل ڪرائڻ لاءِ ڪنهن ڳوٺ ويندو هئس ته ماڻهو ڳوٺ جي [ڳئوچر] کان پري سامهون اچي گهوڙي جي واڳ جهليندا هئا، پوءِ اسين ته ٺهيو، پر گهوڙي جي اڳيان پويان داڻي جا انبارل لڳل هوندا هئا، [پاهورا] ڀريا پيا هوندا هئا، پر يار وقت سان گڏ ماڻهو به مٽجي ويا آهن” لکاني ڏانهن آڏي اک ڪندي چيائين “اڄ ماڻهن ۾ ٻيو ته ٺهيو پر ڀاڙو ڏيڻ به مشڪل آهي”
    نيٺ هتان هُتان ڀاڙو هٿ ڪري ڪوٽار موليڏني کي روانو ڪيائين پر هاڻي اها هورا کورا هئس ته هفتي کانپوءِ سرزمين تي ايندڙ مختيارڪار جي رسائي لاءِ سڄو بندوبست به کيس ئي ڪرڻو هو.
    رات جو ڌڻي بخش ڪچهري ته آيو ته چيائين “ٻيلي ڌڻينا، هي ته لهي آيو آهي برائي ته هاڻي ڪيئن ڪريون؟”
    “ادا هي ته آهي برو، بري جو ڪم ئي برو آهي” ڌڻي بخش کٽ تي ٽيڪ ڏيندي چيو “ڏس ڌڻينا گئوچر انهي کيڙيا، [ڪليٽري] زمين به پنهنجن جي کاتي ڪرايائين، اسين ته ڪونه ڪڇياسين، هاڻي پنهنجا [سروي نمبر] ٿا کيڙيون ته چئي [جڙ] ڀڃي ويٺو آهي، ڪانه ڪا هنيو ويٺو آهي پر سال درخاش ڪيائين ميڙ منٿ ڪري جند ڇڏائيسين، پر هر سال ڪير منٿ ميڙ ڪري؟”
    “ڀايا ڌڻينا، اسين غريبن ڏوهه انهي جو ڪيو ڪهڙو آهي” سنگهار چيو
    “اي ادي، هي ته ڪنهن جي چڙهي ۾ خوش ڪونهي”
    “ڪاڪا، مون ته پر سال به ابا کي چيو، پاڻ به اهڙي درخاش ڪري سگهون ٿا، پر ابا چئي ڇڏيو، پاڻ به انهي جهڙا ٿياسين ته پوءِ اسان ۽ انهي ۾ فرق ڪهڙو؟” منٺار سڌو ٿيندي چيو.
    “اڙي ابا، گند سان گند ڌوپي صاف ڪونه ٿيندو” لکاني پٽ کي سمجهايو.
    “پر ابا ايئن ته دماغ ٿو خراب ٿئي، هاراڙي جي هير ٽنگ ڀڳي نه رهي”
    “ابا هائو، پر هي سرڪاري عملدار ته آهن ڪمائڻ وارا، تون وٽ پئسا ته تنهنجا، ٻيو ڪو پئسا ڏيندو ته انهي جا، هتي ته پوليس ۽ روينيو جي ڳٽ جوڙ آهي، چار ڇنڊون ڪرڻ سان هنن جون ته ويهه ئي گيهه ۾ هونديون آهن” ڌڻي بخش ڳالهه سمجهائي
    “ڪاڪا ڌڻينا، پيا وڙهنداسين، پوءِ جتي نبرياسين”
    “ڪونه نبرندي بنهه ڪونه نبرندي” ڌڻي بخش هٿ سان انڪار ڪندي ڳالهه اڳتي وڌائي “هتي جيسي جي ڍاڻي جو ٺڪر هو اکجي، اکجي ۽ پريان پيراڻي جي پار وارا اهي پنهنجا چوهاڻ ڪهڙا؟”
    ڌڻي بخش کي نالو وسري ويو، ياد ڪرڻ لاءِ اکيون بند ڪري ذهن تي زور ڏيڻ لڳو “اڙي او پنهنجا ڪهڙا؟” لکاني ڏانهن نهاريندي ذهن تي زور ڏيڻ لڳو
    “سوائي وارا” لکاني چيو
    “نه نه اوريان، هيٺ لاهي ۾ ڪونه گهر هئا ڏوڪري ميگهان وارا” ڌڻي بخش پار پتا ڏيندي چيو
    “ڀوڀاڙسنگهه” لکاني چيو
    “ها ڀوڀاڙ سنگهه” ڌڻي بخش ڪنڌ مٿي ڪندي نالو زور سان ورتو
    “ڀيڻسان نڀاڳي جو نالو نه اچي، ها ڀوڀاڙ سنگهه” ڌڻي بخش وري نالو ورجايو “اهي اٽڪيا الهندي مڙهي واري ٻني ميهڪام تي، ادا پوءِ ٻئي ويا ڪورٽن ۾، تڏهن ڪورٽ صرف خاص ميرپور ۾ هجي، اکجي جا وڙهي وڙهي سو ڏينهن پورا ٿيا، پوءِ پٽنهس ڀمر سگنهه ڪيس ۾ هليو، ايڪهتر جي ڀاڄڙ ۾ هتان هليا ويا، پر ڪيس ڪونه ختم ٿيو”.
    “اڙي ابا، اهي روينيو ڪيس آهي، گڏهه جو ماس ۽ ڪتي جا ڏند، پيا ڇڪن ڪونه جان ڇٽندي، اسين پنهنجي گهر ۾ ڪو ثمر آهي اهو وڃائي ويهي رهون”

    “اهو وري ڪيئن؟” منٺار پڇيو
    “اهو ايئن وڪيل جج کي چيو، صاحب ٻني جي حد بندي ڏسو [پنج روپين جي ڍل] اترئين ۽ ڏاکڻي پاسي ڀٽون الهندي ڇيڙي تي جهونو ڪنڊو، ٻني جي وچ ۾ کوهه، ٺيڪ آهي، ٻني ته جتي تپيدار ٿو چوي اتي آهي، پر ٻني جي وچ ۾ کوهه ته ڏيو، کوهه اڀرندي مڙهي جي وچ ۾ پيو آهي پوءِ وڃي ٻني ملي”
    ڌڻي بخش ڪٿا بيان ڪئي
    “ابا ڏسين ٿو ماڻهو ڪو هوشيار آهن ڪي نه” سنگهار چيو جيڪا ڳچ وقت کان خاموش ويٺي هئي
    “هڻي ڀيڻسان ڪميڻي کي ڪهاڙين سان ڪريان ٽڪرا ٽڪرا” منٺار چيو
    “نه ابا نه، بادشاهه پير جو پلاند اٿئي اهڙي نه ڪجان” سنگهار چني جو پلو منٺار اڳيان ڦهلائيندي چيو.
    “نه ادي، زر، زن ۽ زمين تي ماڻهو مريو ماريو وجهن ٿا، پر پاڻ اهڙو ڪم نه ڪنداسين، جنهن جو ڪيتو پويان پيڙهيون پيون لوڙين” ڌڻي بخش سنگهار کي دلاسو ڏنو.
    “اڙي اڳي انگريز جو دور هو ۽ هتي ويچارا ٺڪر هئا، هي زمينون پيون هونديون هيون، ڪير ڪونه کيڙيندو هو، ڪيڏيون گئوچرون، سرڪاري زمين ۽ [بيگوٽي نمبر] پيا هوندا هئا، هي هاڻي ماڻهن ۾ اچي ڇت ڪتائي پئي آهي”
    لکاني ڳالهه پوري ڪري سلفي کٽ جي پاوي تي ڇنڊي وري نئين ڳالهه کنئي “سرڪار جو قانون آهي ته ڳوٺ کان ويهه [سنڪڙون] گئوچر لاءِ پنج سنڪڙون ڪنهن نياڻ، قبرستان، ڪنهن اولياءَ جي مزار يا پراڻي آثار لاءِ ڇڏڻا آهن، ٻني جو [مُهاڳو] [يڪسالو] ڪري پوکبو هو، جيڪو پنجن سالن بعد هميشگي ۾ ايندو هو، هاڻي ته اهو به ڪونهي، ماڻهن گوئچر، نياڻ سڀ کيڙي پٽ ڪيا، الائي ڪهڙي مصيبت پئي آهي”
    “اڙي ادا، سروي ٻنيون جام پيون هونديون هيون، هي پنجهٺ کان پوءِ باهه ٻري آهي، ماڻهن تپيدارن سان ملي لڪ ڇپ ۾ سرڪاري زمين ۾ ٻنيون رکائي، يڪسالن جون ڍلون پوين تاريخن ۾ چوري پياري، آباد ڄاڻائي، مال جا لانگها ۽ گس کيڙي ملڪ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي” ڌڻي بخش ڊگهي واراتا پوري ڪئي
    “کيڙي هڪڙو پيو، ڍل ٻئي جي نالي جمع ٿي، کاتو ڦري ويو” لکاني چيو “نه ته انگريز جي دور ۾ هڪڙي [مڪان] جو رهاڪو ٻئي مڪان جو کاتيدار ڪونه ٿي سگهندو هو، هاڻي ته قصو الائي ڇا ٿي ويو آهي”
    “اهي قانون ويا ڪيڏانهن؟” منٺار پڇيو
    “ويا ڪيڏانهن؟ ڀاڙيا عملدار آيا، پئسن تي ماڻهن جي روزي وڃايو ڇڏين” لکاني ڪاوڙيل انداز ۾ جواب ڏنو.
    “اڙي ادا پڇاڙي وقت آهي پڇاڙي” ڌڻي بخش چيو.
    “الله توبهه، منهنجا رب توبهه” سنگهار ٿڌو ساهه کڻندي نڪ تي اشهد اڱر ٻه ٽي ڀيرا ڦيري
    “لکانا، سلفي ڏي ته ٻه ڦوڪون ڀريان، ڪالهه کان ڏندن ۾ اچي سور ٿيو آهي”
    ڌڻي بخش سلفي ڀري ٻه ٽي سوٽا هڻي لکاني کي چيو “ٻيلي هلون ٿا، ڪو آڏو پاسو ڪريون ڪالهوڪي کيڙي ماري ڇڏيو آهي”
    “ويهين ڪونه ٿو؟”
    “نه ٻيلي”
    “ابا، ويهه” سنگهار چيو
    “ڪاڪا وڃين ٿو” منٺار چيو.
    “ها ٻيلي الله چڱي ڪندو” ڌڻي بخش اٿندي چيو
    وقت جا ويندڙ پل ڪيئن گذرا ڪنهن کي خبر ئي ڪانه پئي، هفتو ويو ڄڻ چار پل لنگهي ويا، انهي شام اچي ڪاردار، ڪوٽار لٿا، جن فريادي جي درخواست زمين جي ماپ ڪئي، رات جو مختيار ڪار آيو، سپروائزير کان حقيقت ورتائين، سپروائيزر کي چيائين “دنگئي هر هارين جا بيان وٺ ۽ پوءِ ٻنهي ڌرين کي مون ڏي موڪل” سپروائيزر ڳالهه کي سمجهندي ربوڙي کي هڪ پاسي وٺي ويو، کيسو گرم ڪري مختيارڪار ڏانهن اماڻيائين ۽ پوءِ لکاني کي هڪ پاسي وٺي ويو.
    “صاحب، هي ته نا انصافي آهي، هي هر سال مون تي پڪاريندو آهي، هي ٻني جو ٽڪر ته منهنجو آهي، آئون انهي جو حقدار آهيان هي اجايو ٿو پڪاري” لکاني فرياد بيان ڪئي
    “سپروائيزر سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو “اهو ته آئون رڪارڊ ۽ هاڻ سرزمين ڏسي آيو آهيان، تون صاحب کي سٺي اوڍاڻي ڪري پوءِ هڪڙي درخواست ڏي، باقي معاملو آئون پاڻهي ٺاهيندس”.
    “حاضر سائين، ها ها ايئن ٿو ڪريان” لکاني ڪنڌ لوڏيو
    “هي پاڻ ڪو اهڙو نمبر آباد ڪونه ٿو ڪري، جنهن ۾ 144 جي ڀڃڪڙي ڪري سرڪاري زمين آباد ڪئي هجي” سپروائيزر معلوم ڪيو
    “جام سائين، هي سڄو ملڪ کيڙيو ويٺو آهي” لکاني چيو
    “بس پوءِ ٻي درخواست انهي تي ڏي” سپروائيزر سگريٽ واري آڱر جو زور لکاني جي ٻانهن تي ڏنو.
    پوءِ ٻنهي کي مختيارڪار ڏي اماڻيائين

    مختيارڪار ٻنهي جا بيان ٻڌي چيو “فيصلو ته اڃان ڪيس هلڻ بعد ٿيندو، پر جيڪر اوهين پاڻ ۾ راڄوڻي ٺاهه ڪريو ته اها به اوهان جي مرضي آهي”
    “نه سائين مونکي انصاف گهرجي” ربوڙي هٿ ٻڌندي چيو
    “ٺيڪ آهي ڪيس ئي هلندو، پر اوهين پاڻ ۾ سوچي وٺو” مختيار ڪار اٿندي چيو، مختيار ڪار ته گاڏي ۾ چڙهي روانو ٿيو ۽ پويان ڇڏيل لٽ هاڻي ماڻهن جي مک تي پکڙجي رهي هئي.
    ٻئي ڏينهن ڌڻي بخش ۽ ٻين گڏجي ربوڙي کي ڳوٺ جي دڪان تي سڏ ڪرايو، ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳا.
    “ربوڙا، ماڻهو پاڙي جو به خيال ڪندو آهي” ڌڻي بخش چيو “ڏائڻ به هڪ گهر ٽاريندي آهي، پر تو ٻيلي ڪري لنگهائي”
    “ڌڻينا لکانو ايئن سمجهڻ وارو ڪونهي، هر سال ٻني جي جڙ ڀڃي اڳتي وڌندو رهيو آهي، مون مجبور ٿي ايئن ڪيو آهي”
    “پر جڙ ته تو پر سال سڌي ڪرائي هئي، انهي حساب سان تون لکاني جي ٻني کايو پئي وئين” جڙيئي يادگيري ڏياري.
    “ها پر لکاني هن سال هي نئين مشڪري ڪئي آهي، هي ٽڪر هن جو ڪونهي” ربوڙي چيو.
    “يار ايڏي وڏي ڳالهه ڪونهي اها ڳالهه پاڻ ۾ ويهي نبيري سگهون ٿا، ماڻهو ڪجهه توکي چئي ها ڪجهه هن کي، [چڀڙي] جي چور کي چماٽ ئي گهڻي آهي” ڌڻي بخش چيو
    “پنهنجو ڀاءُ ڪير ڪونهي” ربوڙي چيو
    “ڀلي تون اسان کي ڀاءُ نه ڪر پر ٻيلي اسين چئون ٿا تون ۽ لکانو پاڻ ۾ ٺهي وڃو ته، اوهان ٻنهي جو ڀلو آهي” جڙيئي چيو
    ڳچ دير اهي خاموش رهيا، نيٺ خاموشي جو سينو چيريندي، ربوڙي کي ڌڻي بخش چيو “پوءِ تون ڪهڙي ورندي ٿو ڏئين؟”
    واري تي ٻوهه جي ڪاٺي سان آڏا ابتا ليڪا ڪڍندي ڪاٺي اڇلي سڌو ٿيندي ربوڙي چيو “ورندي وري ڪهڙي؟ مون ڪنهن جي چوري ڪئي ڪونه آهي، ڪنهن جو حق ڪونه ماريو آهي جو برادر منهنجي مرڻي پرڻي اچڻ بند ڪندي، جهڙو لکاني جو حق ٿو ٿئي، اهڙو منهنجو به حق آهي، پاڻ ڪورٽ ۾ وڃي چڪا آيون، پاڻهي ڪورٽ فيصلو ڪندي”
    “پر اها خبر اٿئي ته ڪورٽ جي فيصلي اچڻ تائين اوهين خرچ ڪري اولاد جو ثمر وڃائي ويهندا” ڌڻي بخش چيو
    “بس جيئن هوندو ائين ٿيندو” ربوڙو ورندي ڏئي روانو ٿي ويو.
    لکاني کي جڏهن ٻي ڪا واٽ ڏسڻ ۾ نه آئي، تڏهن ربوڙي تي پڪاريائين، تپيدار چيو “اسان جو ڪم آهي ماپون ڪري ڍلون ۽ لاپا وٺڻ” جڏهن مهيني کان پوءِ سرزمين جي ماپ ٻيهر ٿي، ته سپروائيزر اهڙا ته گر ڪڍيا جو لکانو پاڻ حيران ٿي ويو، جڏهن ربوڙي اڳوڻي ماپ ياد ڏياريندي سپروائيزر ٻني اڀرندي پاسي کان ڀرڻ لاءِ چيو ته سپروائيزر وراڻيو “مڪان جي گئوچر جي ڇيڙي کان ٻني ڀربي واهوندن هوائن ۾ ٻني جي اولهه کان اوڀر ڏانهن جڙ وڌندي آهي، انهي ڪري اتان ٻني ڀربي پوءِ مهاڳيدار جي ٻني پوري ڪري ڏبي، پوءِ اڳتي ٻي هر هاري جي ٻني”
    جڏهن ربوڙي اها خبر ٻڌي تڏهن هٿان سڀ ڪجهه ويندي ڏٺائين، پر هاڻي ته انهي ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو هو.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ تڙ تي مال پياريندي ربوڙو ۽ منٺار پاڻ ۾ اٽڪي پيا، جنهن ۾ منٺار ربوڙي کي چڱي مارڪٽ ڪئي، انهي کي بنياد بنائي ربوڙي حملي جو ڪيس داخل ڪرائي منٺار کي اندر ڪرائي ڇڏيو ۽ لکاني واري منٺار جي مٿي تي موڙ سجائڻ واري خواهش اڌوري رهجي وئي.
    چئن سالن تائين ڪيس هلڻ کان پوءِ ربوڙي ڏٺو هاڻي گهر ۾ ڪجهه ڪونهي ۽ ٻني به هٿان ويندي ڏٺائين، تڏهن فيصلي لاءِ تيار ٿيو، جڙيئي، وسند ۽ پراڻي کي چئي فيصلي لاءِ لکاني وارن کي راضي ڪرائڻ لڳو، لکاني پهرين ته ها ڪونه ڪئي، پر پوءِ ڌڻي بخش سمجهايس ته پٽ جي موڙن جي تمنا ڪر کڻي جاڳي، تڏهن فيصلي لاءِ تيار ٿيو، اڄ انهي اوتاري تي فيصلي لاءِ گڏ ٿيڻو هو.
    “لکانا، منهنجي ڪاري ٻڪري تنهنجي ٻڪرين سان گڏ هئي” قربان جي سڏ هن کي ماضي جي جهروڪن مان واپس آڻي ڇڏيو.سوچيائين وقت جو بي رحم وهڪرو مون کان پٽ جون خوشيون به کسي ويو، جيڪو اڃان ڪيسن۾ هلي رهيو هو.
    “نه هيڏانهن ته ڪونهي” لکاني جواب ڏنو
    “اوتاري تي سڄو ڳوٺ گڏ هو، هي به وڃي ويٺو، “لکانا هتان اڳتي هلي آءُ” جڙيئي چيو.
    “نه هتي ٺيڪ آهيان”
    ڳالهه کي چوريندي ڌڻي بخش چيو “ٻيلي، پاڻ ماڻهو هتي گڏ ٿيا آهيون، اوهان سڀني کي خبر آهي، جنهن ڪيو سٺو ڪونه ڪيو، اسان لئه لکانو ۽ ربوڙو برابر آهن، جنهن کي به چئون اسان پاڻ ۾ ٿا لهون، منهنجو چوڻ ايترو آهي ته اسين ڪنهن جي ڪا به ڳالهه ڪونه ٿا ٻڌون، ڀاءُ آهيون، سڀ ڳالهيون ڇڏيو، پاڻ ۾ ٺهي وڃو”
    “ڳالهه ڌڻينا تو ڀلي ڪئي، پر ٻيلي، ڏٺي مان به ڏسجي، ڪجهه هن مسڪين ڏانهن ڏسو چار سالين کان هن جو پٽ ڪيسين ۾ پيو هلي، ٻني انهي مسڪين جي هي انهي کي زوري اچي چهٽيو، اڄ سڀ ڳالهيون ڇٽيون، اهو ڪيئن ٿو ٺهي” صابو لکاني جو پاسو کڻندي چيو

    “پر صابو لٺ هڻڻ سان پاڻي الڳ ڪونه ٿيندو، ڪڏهن هڏن کان ماس الڳ ٿيو آهي؟” جڙيئي چيو.
    “ڀلي پر چور کي چور ساڌ کي ساڌ ثابت ته ڪريو، پوءِ اوهان جي مرضي”
    صابو ڳالهه وزنائتي ڪئي
    “اڙي ادا، هي ڪالهوڻي ڪالهه، مون جڙيئي ۽ وسند ربوڙي کي منٿ ڪئي ته ڪيسن ۾ نه پئو، تڏهن ربوڙي چيو ته منهنجو ڪو ڀاءُ ڪونهي، ٻيلي انهي ڳالهين ۾ ٿا پئون ته ڪاري وارا ڪک آهن” ڌڻي بخش ڳالهه کي ٽوڙڻ لاءِ وجهائتو ڌڪ هنيو، “ڪنهن نموني ڪتو ڪڍو، انهي ۾ ڳوٺ ۽ پاڙي جي چڱائي آهي” وري ڌڻي بخش صلاح ڏني.
    “ٻيلي لکانا ڪيئن ڪريون؟” جڙيئي پڇيو.
    “ٻني منهنجي، مهاڳو به منهنجو ٿئي ٿو، هي اجائي اڙي ڪري ابتي ڪريو ويٺو درخاشون ڪري، چار سال لوڙيائين، مونکي اڄ سڀ ڪجهه ڇٽو، ٻيلي خدا ترسي ڪريو”
    “هائو لکانا بروبر توسين ناحق ٿيو آهي، پر تون وڏي دل ڪر، سڀ ڪجهه ڇڏ، سڀ کان ڀلي اروڙي آهي، جيڪا سڄي گهر جو گند پاڻ وٽ گڏ رکي ٿي” ڌڻي بخش چيو.
    “اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، ڀاءُ آيو ڪني آڱر وڍي چڱي، وڙهيل هوندا پيون اکيون رت ڀربيون، اهو چڱو نه آهي”
    “هائو ڌڻينا، پر ڀاءُ ڀنڊ اوڙي پاڙي ڪنهن جي مڃئين به صحيح!!، اڄ پاکڙو پوئين چوڪ آيو آهي، تڏهن نرم ٿيو آهي، صبحاڻي وري چار پئسا ٿيا تڏهن وري نئين ڪندو”
    “ادا ڪندو ته پاڻ به لوڙيندو، الله توکي صبر ڏي، تون هاڻ ڳالهه ڇڏ”
    “اڙي ربوڙا، اُٿ لکاني کان معافي گهر” ڌڻي بخش اشارو ڪيو
    ربوڙي پٽڪو کڻي لکاني اڳيان رکيو “ادا واقعي مون توسين نا انصافي ڪئي، مون کي معاف ڪر، انهي يڪسالي جون حقدار آهي، واقعي تنهنجو مهاڳو ٿئي ٿو، مون کي معاف ڪر”
    لکاني جي اکين ۾ پاڻي تري آيو ۽ ٻئي ڀاڪرين پئجي ويا.


    ڪهاڻي ۾ آيل ڏکيا لفظ:

    وانڍيو: ڍاڻي، ننڍو ڳوٺ
    هڙا: ٻني پوکڻ لاءِ نئين جاٽ
    مانجهو: ٻن اوڙن جي وچ ۾ رهيل خال
    ٻڙهو: اٺ تي وجهڻ وارو پلاڻ
    پاهورا: گهوڙي جي داڻي لاءِ ٺهيل گوٿري/ توبرو
    گئوچر: ڳوٺ جي ڀر ۾ مال جي چراگاهه
    ڪيلٽري: سرڪاري زمين
    مڪان: روينيو نظام ۾ ننڍي ۾ ننڍي حد جيئن ديهه
    مٿاري: ٻه ڀٽون ملي مٿائين چوٽي ٺاهين
    پنج روپين جي ڍل: ويهه ايڪڙ ٻني
    بيگوٽي نمبر: ناقبولي ڍل
    هڪ سنڪڙ: 60 فٽ
    مُهاڳو: قبولي نمبر جي ڪنهن پاسي جون ٻه چونڪڙيو، سرڪاري زمين
    هميشگي: قبولي نمبر تي مليل
    جڙ: ٻني جو دنگ
    چڀڙي: گدري


    پن ڇڻ کان پهرين

    ٽرين بيهڻ جي لاءِ جيئن آخري ڌچڪو کاڌو ته وسل ڪنهن الستي فقير جي ناد مان نڪتل ڦوڪ جيئن پولارن ۾ پکڙجي ننڍڙي شهر جي خاموشي جي سيني ۾ ٽنبجي وئي، هن عادت موجب وارن کي آڱرين سان پوئتي سنواريندي، وچان کان سينڌ ٺاهيندي، نرڙ طرف موڙي بڦ ٺاهيو، بئگ ڪلهي ۾ لٽڪائي،گيٽ تي آيو، لوهي هينڊل ۾ هٿ وجهندي پير پائيدان تي رکي، ٻيو پير هيٺ رکي پاڻ کي اسٽيشن جي وجود تي آندائين.
    رات جي پويون پهر هئڻ ڪري اسٽيشن خاموشي جي ڪوهيڙي ۾ گهيريل هئي، اسٽسيشن تي ٻرندڙ ميرانجهڙا بلب ڪنهن سلهه جي مريض جيئن سهڪي رهيا هئا، گاڏي تان لٿو ته اتر جي سرد هوا هن جي بدن ۾ خنجر جيان لهي ويئي، هن جيڪٽ کي ٻنهي هٿن سان سوگهو ڪندي زپ بند ڪئي ۽ ٻئي هٿ پينٽ جي کيسن ۾ وجهندي، اسٽيشن جو جائزو وٺڻ لڳو.
    ٿر ۽ سنڌ جي سنگم تي هي ننڍڙي اسٽيشن، جنهن جي ڏکڻ اوڀر ۾ وچولي طبقي جي آبادي، انهي کان پرڀرو فوجي، ڇانوڻي، شهر ايڏو وڏو ناهي پر آمدرفت جو مرڪز هئڻ ڪري چڱي چوکي ڀيڙ لڳل هوندي هئي. اتر طرف موسميات کاتي جون آفيسون، جتي لڳل ٽاور ۽ انهي ۾ ٻرندڙ ڳاڙهيون بتيون ٻري ۽ اجهامي رهيون هيون، هو انهن بتين کي ڪچڙي وهي کان ڏسندو ٿي آيو، انهيءَ جي ڀر ۾ لڳل گهڙيال جنهن جو هر ڪلاڪ تي ٺڪاءُ اڄ به هن جي ذهن ۾ گونجي رهيو هو.
    هر شيءَ پنهنجي جاءِ تي پنهنجي محور تي هئي، پر هر ڪا شيءَ اُٻاڻڪي ۽ خالي خالي لڳي رهي هئي، اها اسٽيشن جنهن تي گاڏين جي اچ وڃ، ماڻهن جي پيهه پيهان هوندي هئي، اڄ ٻيو ڪو ڏيک ڏئي رهي هئي، اسٽيشن جا مردانه، زنانه انتظار گاهه، موڪرو پليٽ فارم، انسپيڪشن بنگلي جا پارڪ، مسافرن ۽ ڀرپاسي وارن رهواسين سان ڀريل هوندا هئا، مسافر پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن اسهڻ لاءِ ۽ ڀرپاسي وارا ماڻهو چهچٽو ڏسڻ ايندا هئا، رات جو ريلوي ملازمن جا گاڏا ڇڪڻ جا آواز پري پري تائين پيا ٻُڌبا هئا، جڏهن ليور بدلائڻ لاءِ هو لالٽينون کڻي اسٽيشن تي هلندا هئا ته جهڙو کڙکٻتا، سامان وڪرو ڪندڙ گهورڙين جا هوڪرا، چانهه وارن جا آواز، ڪوپن جا کڙڪا، پاڻي واري ٽئنڪي تي ماڻهن جي پاڻي لاءِ رش، بشني مڪرانين جا مسافرن پويان ڦيرا ۽ ديداربازيءَ وارن جي اچ وڃ ڌار هوندي هئي، اهي سڀ اسٽيشن جي سونهن هئا، جيڪي هن جي اکين ۾ نقش ٿي سمايل هئا.
    اهي رونقون هن ماءُ جي مري وڃڻ کان پوءِ ماسي وٽ رهندي ڏٺيون هيون، ماءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويئي هئس، ان ڪري سندس ماسي ۽ ماسڙ جيڪو ريلوي ۾ چوڪيدار هو، کيس انسپيڪشن بنگلي جي ڀر ۾ مليل ڪوارٽر ۾ وٺي آيا هئا، هي تڏهن کان ايندڙ ويندڙ ريل گاڏين جون سيٽيون، گاڏن جي ڇڪ ڇڪ جا آواز، ماڻهن جي اچ وڃ، انسپيڪشن بنگلي ۾ريلوائي بابوئن جو پنهنجي بيگمن سان گڏ اچڻ، وڃڻ ۽ ترسڻ ڏسندو ٿي آيو، اهو منظر هن کي سٺو لڳندو هو، تنهن ڪري هن به ائين بابو ٿيڻ جو سپنو جاڳ ۾ رهندي ڏٺو هو.
    ريلوائي بابو جڏهن سرڪاري ڪمين ڪارين سان ايندا هئا، ته هن اسٽيشن جون رونقون، سرءُ کان پوءِ بهار جي مند واري احساس طور جاڳي پونديون هيون، وڏا وڏا روشندان اونداهي جي سيني ۾ انوکي جوت اوتن لڳندا هئا، بنگلن ۾ پيل فرنيچر جيڪو دز سان لٽجي ويندو هو، اُهو نئين سري سان ڇنڊجي ڦوڪجي صاف ٿي ڪنهن انسان جي وجود سان ملي پنهنجي اندر جي ٿڪ کي ٽوڙي وجهندو هو، بابوئن جا اڇا ويس، ڪمانڊر ٽائيپ ٽوپيون، منڊمن جا رنگ به رنگي لباس ۽ گورا رنگ ڏسي هي به چاهندو هو ته وقت جو ڪانٽو جلدي ڦري ۽ هي هڪ رات ۾ بابو ٿي منڊم وٺي هنن جي هتي اچڻ کان اڳي پهچي وڃي.
    ڏينهن رات آباد رهندڙ اسٽيشن تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو نظر ٿي آيو، خالي وسيع پليٽ فام، اداس بئنچون ۽ ويران انتظار گاهه، نه گهورڙين جا هوڪرا، نه چانهه وارن جا سڏ ۽ نه برتنن جا کڙڪا، صرف هڪڙو چانهه وارو اسٽيشن جي ڪنڊ تي نظر ٿي آيو جيڪو پنڪيون کائي رهيو هو، ديدار لاءِ دل پشوري ڪندڙ ڇوڪرن مان ڪا پهر نه هئي، نه ئي ڪو بشني مڪراني نظر ٿي آيو، انسپيڪشن بنگلي جو اجڙيل پارڪ هن پري کان ئي ٿي ڏٺو، هر شي هن کي اوپري خالي خالي ۽ کاڌل ٿي لڳي، اسٽيشن جي بلڊنگ کي ڪلر کائي ويو هو ۽ بئنچن کي اڏوهي، نوٽيس بورڊ تي مسافرن لاءِ هدايتن وارن سمورين عبارتن جا اکر ڊهي چڪا هئا، هي پنهنجو پاڻ کي اوپرو محسوس ڪرڻ لڳو، هڪ نظر اتر طرف موسميات کاتي جي بلنڊگ تي وڌائين ته کيس ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن ڏورانهين سينيٽوريم جو منظر هجي.
    ٽاور جي بتي انهي ساڳي نموني ٻري اجهامي رهي هئي، پر انهي ۾ روشني گهٽ هئي، يا اونداهيون گهريون ٿي ويون هيون، ٽاور جي گهڙيال ڪنهن ڪاڪڙي ڪريل فرد جيان بي سرا ٻه ٺڪاءُ ڪيا، هن کي محسوس ٿيو ته ڄڻ گهڙيال جا ڪانٽا ٿڪجي پيا هجن، گاڏي وسل هڻي اڳتي سرڻ شروع ڪيو هي پويان نهاريندو رهيو، ريل جو وجود هڪ ٽٻڪي ۾ تبديل ٿيندو پئي ويو هن آخري نظر انهي ٽٻڪي تي وڌي ۽ ٿيلهو بغل ۾ لٽڪائي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيو.اسٽيشن تي هن کي اهڙو ڪو به ماڻهو نظر نه آيو، جيڪو کيس ڀليڪار چوي يا هي ڪنهن کي ٻانهن ۾ ڀري اداسائي جي احساس کي جهڪو ڪري سگهي،

    هيڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ٿي ڏٺا، سي به ڄڻ اوپرا، ڄڻ گهڻو ڪجهه ٿيڻ جو سوال هر ڪنهن جي پيشاني تي نقش هو، هن سوچيو “ماسي مهرو ۽ پارسا به ڇا ائين مرجهايل ۽ اوپريون هونديون؟ ڇا ماسڙ صالح به ائين ئي انداران ڀور ڀور ٿي پيو هوندو!!” سوچ هن کي ماضيءَ جي جهروڪن ۾ ڌڪي وئي.
    ماڻس جي وفات کان پوءِ ماسي ۽ ماسڙ کيس پاڻ وٽ وٺي آيا هئا. هو ماسيءِ مهرو مان ماءُ جهڙي خوشبو محسوس ڪندو هو، حالانڪه هن ماءُ کي ڏٺو ڪونه هو، سندس ماسات پارسا هن کان ڪجهه سال وڏي هئي، جنهن کيس هنج ۾ کڻي کيڏايو هو ۽ اهڙي ريت هو هڪ جيڏن بدران پاڻ کان وڏي عمر جي ٻارن ۾ نپنو هو، ماسي کيس ڏاڍو ڀائيندي هئي، آخر ته هيءُ به سندس ڀيڻ جي آخري نشاني هو، راندو روند کان ٿڪي ٽٽي يا پنڌ ڪندي ڪو ڌڪو کائيندو هو ته ماسي ڀاڪرن ۾ ڀيڪوڙي پيار ڪندي هئس، هوءِ جڏهن خشڪ چپن جون چميون هن جي نرم ڳلن تي گلابن وانگي ڦٽي پونديون هيون ۽ هي پاڻ کي بهارن ۾ محسوس ڪندو هو، ۽ خوشين جا نرم گوئنچ هن جي من ۾ ڦٽي پوندا هئا، سدورو ٻار هو، ڪنهن جو به چوڻ نه موٽائيندو هو، جڏهن به ماسي مهرو ڪنهن ڪم لاءِ چوندي هئس ته ٺري پوندو هو، کيس ماسيءَ جو آواز ڏوران ڪٿان پولارن مان آيل ٻڌڻ ۾ ايندو هو، هو ۽ پوءِ سندس ماءُ جو ميرانجهڙو چهرو سندس نظر جي افق تي اجرو ٿي بيهندو هو.
    جڏهن هن کي انگريزي پڙهڻ لاءِ وڏي شهر اماڻيو ويو هو ته سندس ماسيءِ پنهنجي وت آهر هن جي وارن ۾ آڱرين جي ڦڻي ڪندي چيو هو “سانول، شهر بحر آهي، خيال ۽ هوشياري سان هلڻو پوندءِ، جيترو پورهيو ۽ محنت ڪندين لاڀ به تيڏو ئي ملندءِ”
    انپيڪشن بنگلو، ڀروارو ماسڙ جو ڪوارٽر ۽ پارسا هنجي سمورين دلچسپين جو مرڪز هئا، ماسڙ صالح سدائين چوڪيداري واري ڊيوٽي ۾ اسٽيشن واري گودام تي هوندو هو، ماسي پنهنجي ڪمن ۾ پوري باقي هن جي ۽ پارسا جي پنهنجي دنيا هئي، هي ٻئي گهر ۾ يا برطانوي دور حڪومت جي ٺهيل بنگلي جي اڳيان ۽ پارڪ ۾ پيا گهمندا هئا، بنگلي جو پنهنجو ماحول هو، وڏين ڪشادين چاڙهين وارو بنگلو جنهنجي اڳيان وڏو دالان هو ۽ بنگلي جي شاهي وڪٽورين ٽائپ وڏا در ۽ دريون ڪڏهن بنگلي جو چوڪيدار ولي جڏهن صفائي ڪندو هو ته هي انهن کي ڇهي وٺندو هو، اندر وڇايل وڏا قالين ، وڏيون فراسيون ۽ انهن تي لڳل پردا، وڏا گارڊر، ٽيئر ۽ ٽائيلس، هن جي اکين ۾ الائي ڪيترا خواب ترسائي ڇڏيندا هئا، ٻاهر بنگلي اڳيان وڏو ٿلهو ۽ انهي جي آڏو پارڪ هو، جنهن ۾ ڊگها يوڪلپٽس ۽ ٽالهي جا وڻ ٻئي پاسي نمن ۽ سرنهن جون قطارون، جنهن ۾ هوا عجيب سوساٽ ڪري لنگهندي هئي، پارڪ جي وچ ۾ هڪ بهترين گول تلاءُ هو، جنهن سدائين بدڪون پيون ترنديون هيون ۽ جتي اڪثر بابو ۽ انهن جون بيگمون شام جو پسار ڪندا هئا، ٿر ۽ سنڌ جي سنگم واري شهر هئڻ ڪري هن شهر جي ماحول ۾ عجيب خنڪي هوندي هئي.
    هي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتو، گهٽي پار ڪري باغ واري گيٽ کان نڪري، بنگلي واري رستي کان ٿيندو سرونٽ ڪوارٽرن ڏانهن وڌيو، باغ ڏانهن هڪ نظر ڪيائين، باغ سمورو اجڙيل هو، ڪٿي به ڪنهن بدڪ جو آواز نه پئي آيو، پريان بنگلي مان ميرانجهڙن بلبن جي روشني ڪنهن پيرسن جي اکين جيان ٽم ٽم ڪري رهي هئي، هن جي دل کي ڏاڍو جهٽڪو آيو “ائين سڀ ڪجهه ڇو ٿيوآهي؟” هن سوچيو گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي، هي ڪهڙي اداسي واسو ڪري ويئي آهي؟ اهو سوال هن جي آڏو ڪر کنيو بيٺو هو، هن سوچيو هن پارڪ ۾ پارسا سان گڏجي ويهڻ ڪيڏو نه اجايو ۽ اوپرو محسوس ٿيندو “پارسا جيڪا هن جي جيون ۾ پرهه جي سوجهري جيئن لهي آئي هئي، ننڍپڻ کان ئي هي گڏ وڏا ٿيا هئا بلڪه هي وڏو ٿيو هو، هوءَ ته کائنس پنج ورهيه وڏي هئي، هن کي اسڪول جو ڪم ڪرائيندي هئي، باغ گهمائڻ لاءِ وٺي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته پارسا جي ڪا به سهيلي نه هئي، ڪڏهن ته باغ ۾ ويٺي دنيا جهان جون ڳالهيون ڪندي هنن کي رات ٿي ويندي هئي، جڏهن ڪاليج جا ٻه سال پورا ڪري يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ ٿي ويو ته انهي ڏينهن هي ۽ پارسا باغ ۾ گهمڻ ويا هئا، پارسا خاموش هئي هن محسوس ڪيو ته پارسا منهنجي وڃڻ کان پوءِ اٻاڻڪي ٿي ويندي، اڪيلايون هن جي جيءُ کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي وينديون “ پارسا آئون پڙهڻ ڪونه ٿو وڃان”
    “ ڇو؟”
    “تون اداس ۽ اڪيلي جو ٿي ويندين، مون کان سواءِ تو سان ڪير ڳالهيون ڪندو، مون کان اها ڳالهه نٿي پڄي”
    پارسا ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪي پئي هئي، هن پهريون ڀيرو پارسا جي وارن ۾ هٿ سان ڪنگي ڪندي چيو هو “آئون ڪونه ٿو وڃان”
    “چريو آهين ڇا؟ ائين ڪيئن ٿيندو، تون پڙهڻ ويندي، آئون ته چري آهيان، آئون ٿورو تنهنجي تعليم ۾ رنڊڪ ٿيندس، تون پڙهڻ وڃ، پڙهي بابو ٿي اچجانءِ ۽...!” اکر پارسا جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا ۽ پهريون ڀيرو هن بيساختيءَ ۾ ساماڻل چپن تي پنهنجا نوخيز چپ رکي ڇڏيا هئا، وڏي عمر جي ڳل تي ننڍي عمر جي چپن جي هيءَ پهرين چمي هئي، جنهن ٻنهي جي وجود ۾ انڊلٺ جا رنگ ڀري ڇڏيا هئا.زندگي پنهنجي محور ۾ هلندي رهي، هي فائينل ڪرڻ شرط ميريٽ اسڪالرشپ تي فارين ڊاڪٽريٽ لاءِ هليو ويو، پارسا انتظار جو ڌاڳو بجاءِ ويڙهجڻ جي وڌيڪ اکلندو ۽ منجهندو ويو، موٽيندي اڃان يونيورسٽي ئي مس

    جوائن ڪئي هئائين ته ماسي مهرو جو نياپو مليو هوس.
    هتي هر شيءَ بدليل هئي، هن محسوس ڪيو هتي ڪجهه نه پر گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي.
    پارڪ وارو رستو اُڪري، هن ڪوارٽر جو ڪنڊو کڙڪايو، ڪوارٽر جي حالت ڪنهن ڊائبيٽڪ مريض جيان اڀري ٿي چُڪي هئي، انداران ڪو کنگهندي در کولڻ لاءِ اچي رهيو هو، آواز سندس ماسڙ صالح جو هو، دروازو کلڻ مهل در جي انجيسن وڏو چيڪاٽ ڪيو، انهي چيڪاٽ ۾ الائي ڪيترن انتظارن جو درد سمايل هو، جيڪو در کلڻ سان ئي هن اڳيان پلٽجي پيو هو.
    “ابا ڪير؟” صالح هن ڏانهن نهاريندي پڇيو.
    “آئون آهيان سانول” هن ماسڙ جي جهانوريل چهري ۾ نهاريندي چيو
    “اي با تون” ٻئي لمحي هڪ نٻل جسم هن جي ڀاڪرن ۾ هو.
    “آءُ پٽ، ڀلي آئين، اي مهرو، پارسا، ڏسو ته.....!!”
    “امان سانول آيو آهي” پارسا هن کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهي،
    “اي صدقو وڃان، منهنجو پٽ آيو آهي” مهرو هن کي سيني سان لائي نرڙ چمندي چيو. “امڙ گهور وڃي، ڪيڏو نه ٿڪجي ويو آهي، منهنجو ٻچڙو” ماسي سندس آڌرڀاءُ ڪيو.
    “پٽ جڏهن تون ولايت مان هتي پهتين، ٻئي ڏينهن هتي اسلم آيو، انهي تنهنجي واپسي جو ٻڌايو، پوءِ مون نياپو ڪيو، چڱو ٿيو مهل تي آيو آهين”
    “ها ماسي، نياپو برابر مليو، پر آئون ته هونئن آيس پئي”
    “سانول ڪم ڪار لاهي واندو ٿي آيو آهين نه؟” ماسڙ پڇيس
    “ها بابا، مونکي اتي ڪهڙيون ڪوڏريون هڻڻيون ۽ لابارا ڪرڻا آهن، پر موٽڻو سست اٿم، مڙيو ئي ڪو هلڪو سلڪو ڪم اٿم” هن پارسا ڏانهن منهن ڪندي چيو.
    “پوئين خط ۾ ته، اچڻ جو ذڪر ئي نه ڪيئي؟” پارسا چيو
    “ها مون توهان کي سرپرائيز ڏيڻ پئي چاهي” مرڪندي چيائين
    “اهو سرڦو وري ڇا آهي؟” ماسي مهرو پڇيو
    “امان سانول ٿو چوي ته توهان کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع نه ڏئي اچرج واري خوشي ڏيڻ ٿي چاهي” پارسا وضاحت ڪئي.
    “بابا هتي ته پوسٽ جو نظام ئي تباهه ٿي ويو آهي، اڳي ويچاريون ريلون هونديون هيون، جيڪي ٽپال پهچائينديون هيون، وڏي پوسٽ ماسٽر کي دانهن به ڏنم” صالح وري ڳالهايو، پوسٽ ماسٽر چوي “سانول جنهن ولايت ۾ آهي اهي لفافا اسان آڻيون ڪونه، پنجاهه روپئي جو لفافو آهي، هونئن هتي وارن جا ڪهڙا مائٽ ايڏانهن ڪو ولايتن ۾ ويٺا آهن، جو لفافا اماڻين!!”
    شهر جي وڏين آبادين ۾ رهندڙ هي ننڍڙين ۽ ڳوٺاڻين آبادين ۾ اچڻ وارن جا اٻاڻڪا احساس کڻي ٻئي ڏينهن هي شهر ۾ ڪجهه دوستن سان ملڻ ويو، هن کي هر شيءِ بدليل محسوس ٿي رهي هئي، ڪي واقفڪار مليا پر انهن ۾ اڳوڻي ڳالهه نه هئي، شهر به اجڙيل ۽ ويران لڳي رهيو هو، هي واپس موٽي گهر آيو.
    “ابا جلدي موٽي آئين؟” ماسي پڇيس
    “ها ماسي شهر کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، دوست به ڪي مليا پر اها ڳالهه اڳوڻي نه آهي هر ڪنهن جو منهن لٿو پيو آهي”
    “ها، پٽ مهانگائي هر ڪنهن کي ماري وڌو آهي، هر ڪو پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ پورو آهي”
    “ماسي، مهنگائي جي معنيٰ اها ٿوري آهي جو ماڻهو وڙان وڃي!!”
    “هتي گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي” پارسا چيو
    “ها اهو آئون به محسوس ڪيان پيو، ڪجهه ٿي چڪو آهي، شهر ۾ ترقي ته نه، پر ويراني وڌيڪ ٿي آهي”
    “امان ڀاءُ لاءِ هلي ماني ٺاهه” ماسي مهرو چيو.
    پارسا رڌڻي ڏانهن هلي وئي، ايتري ۾ ڪنهن ايندڙ ٽرين جي وسل هن جي ڪنن تي پئي، ته هن جي اکين ۾ اسٽيشن جي سڄي ويراني تري آئي، “ماسي ٻيو ته ٺيو پر اسٽيشن به تباهه ٿي وئي آهي، آئون رات لٿس ڪا پهر ئي ڪانه هئي”
    “ها پٽ اڳي ماڻهو سفر ڪندا هئا ريل ۾، هاڻي گهر گهر بس بيٺي آهي، انهن بسن ئي هن ويچاري کي تباهه ڪيو آهي، ماڻهو جو موت انهي بسن ۾ پيڇو پيو ڪري، روز ٿا ٻڌون ته اڄ هتي بس ڪلٽي ٿي، اڄ هتي حادثو ٿيو، پوءِ به ماڻهو ته ڏس! هر بس ڀري پئي آهي، ماڻهو الائي ڪيڏانهن ٿا وڃن؟”
    “پر ماسي هنن ريل گاڏين جو ڪو وقت آهي ڪونه، رات پورا ٻه ڪلاڪ انتظار ڪيم، تڏهن ٽرين آئي، اڳي ته ائين ڪونه هوندو هو”
    “ها پٽ دنيا جو ڦڪو ئي ڦري ويو آهي، هاڻي ته ريلون به ايتريون ڪونه آهن” ماسي مهرو ماضي جي جهروڪن ۾ گم ٿي وئي.
    “تنهنجو ماسو جڏهن هتي نئون نئون آيو هو، ته جوڌپور مان “راجه جي ريل” ايندي هئي پوري ٽائيم تي، آئون سمجهي ويندي هئس ته ٻارنهن ٿيا آهن، هاڻي ته گاڏيون به ختم ٿي ويون، پارسا جي پيءُ جي به نوڪري اچي پينشن کي لڳي آهي خيرن سان پراسا کي شينهن ڪلهه چاڙهيون” ماسي ڳالهه پوري ڪئي ته اسٽيشن کان ٽرين رواني ٿيڻ لاءِ وسل هنئي.“ها پٽ توسان ڳالهه ڪرڻي هئي، پارسا جو منڱڻو، پارسا جي پيءُ جي ڀائٽي محب سان ڪيو آهي” ماسي چيو، ڄڻ هن جي مٿي ۾ ڪنهن هٿوڙو هڻي ڪڍيو هجي، ايندڙ ٽرين ڄڻ هن جي مٿي مٿان گذري وئي هجي، هي اکيون ڦاڙي ماسي مهرو جي جي اکين ۾ نهاريندو

    رهجي ويو.
    “ سو پٽ ڇوڪري آهي چري، ويٺي ڪري چرين واريون ڳالهيون ته ڇوڪرو ههڙو آهي، مائٽ ههڙا آهن، منهنجا ڪن کائي ڏنا اٿس، ديوارن کي به ڪن آهن، جي ڪهن ٻڌي ورتو ته اسين لوڪ ۾ ڪهڙو منهن کڻي هلنداسين، تون سمجهائينس، تنهنجو چوڻ ڪندي، مون توڏي نياپو جلدي انهي ڪري هلايو هو” هن کي سڄو گهر ڦرندي محسوس ٿيو، مهرو جنهن هن کي پاليو هو، جنهن جو هر لفظ هن لاءِ حڪم جو درجو رکندو هو، اڄ هن کي اهڙي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو هو، جتان هن جو سوڀارو ٿي نڪرڻ محال هو، هن ڪنڌ مٿي کنيو ته پويان در جي اوٽ ۾ پارسا بيٺي هئي جنهن جا ٻئي نيڻ آبشار ٿي پيا هئا.
    “ها ماسي محب سريلو جوان آهي، آئون.... آئون سمجهائيندوسانس” هن هٻڪي هٻڪي جملو پورو ڪيو.
    “ماني کائي هي پارسا جي ڪمري ۾ هليو آيو، پهرين ته هڪ ٻئي کي چپ چاپ نهاريندا رهيا، ڪجهه ڪونه ڪڇيا “پارسا هي سڀ ڪجهه؟” هي ڀڻڪيو “تون بابو ٿي ته آئين، پر اچڻ ۾ به دير ڪيئي سانول” پارسا چيو “آئون تو کان سواءِ ٻي ڪنهن جي ٿيڻ جو سوچي به نٿي سگهان، تون ئي منهنجو سڀ ڪجهه آهين”
    “ها پارسا پر ماسي وارا ته هٿ ڪپائي چڪا آهن”
    “پر سانول مون ته پنهنجا هٿ ڪونه ڪپايا آهن”
    “پارسا آئون ماسي جو چوڻ ڪيئن موٽايان، ماسي ته مونکي پاليو نپايو آهي، اڄ انهي کي آئون ڪيئن چوان ته پارسا مونکي چاهي ٿي، آئون هن سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو” سانول ڳالهائيندو رهيو “پارسا اسان کي ماسي وارن جي خوشين تي پنهنجيون خوشيون قربان ڪرڻيون پونديون”
    “ڇا انهي جو نالو زندگي آهي؟” پارسا هن کان سوال پڇيو
    “پارسا زندگي خواهشن جي تڪميل جو نالو آهي پر اسان جون خواهشون اهڙيون آهن جو هر خواهش جي تڪميل تي اسين جيڪر سڪي سڪي مري وينداسين”
    “ ته پوءِ انهي جو مطلب ته اسين هميشه جي لاءِ انهن يادن جي اذيتن جو ڪنڊو دل ۾ پيهندي محسوس ڪندا رهون”
    “جي نه ته سڀني جي ورهين جو ڀرم کي ٽوڙيون، اهو پارسا مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي، هونئن بابا ته ماسي وارن سان خدا ڪارڻ ڪاوڙيو وتي، اها ته ماسي وارن جي نيڪي ۽ ڀلائي آهي، جن مونکي هن منزل تي آندو، اڄ انهن جي فيصلي کي آئون ڪيئن آڏي زبان ڏيان؟ پليز پارسا تون مونکي وساري ڇڏ، ماسي مهرو ۽ بابا صالح وارن جي عزت کي ڏس ٻيون ڳالهيون ڇڏي ڏي”
    سانول هن جي اڳيان وسندڙ اکين سان هٿ ٻڌي بيٺو هو.
    “سانول تون هي ڇا ٿو چوين، مون کي جيئري مارين ٿو؟”
    “جيئري مرڻ جو ئي نانءُ زندگي آهي”
    پارسا مونن ۾ منهن وجهي روئيندي رهي، هن کي ڪجهه به ڪونه چيائين، جڏهن هن موڪلائڻ چاهيو ته پارسا ڀڻڪيو “سانول تنهنجي مون وٽ هڪ امانت آهي” پوءِ پارسا جا ڦڙڪندڙ چپ هن جي ڳلن تائين آيا “مونکي تنهنجي ڏنل پهرين چمي واپس ڪرڻي هئي”
    سانول جڏهن پڪي عمر جي چپن سان نوجوان ڳلن تي پهرين چميءِ جو احساس واپس وٺي رات واري ريل ۾ روانو ٿيڻ جي لاءِ اسٽيشن تي آيو، ته اسٽيشن جو ماحول بدلجڻ سان گڏ گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هو، هن کي ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جو جيڪو اُلڪو هو، اهو حقيقت ۾ بدلجي چڪو هو.


    ڦڙڪيون

    “بادشاهيون برقرار” سيد سمن شاهه خيبر ڪار کي بريڪ هڻندي چيو “مرشد جو خير” دودي ٻئي هٿ ٻڌي اٿندي وراڻيو.
    سيد ڪار مان لهندي دودي سان ڀاڪرين پئجي ويو “ڪٿي آهين، ڀورل؟” دودي هيٺيون تر وٺڻ لاءِ نمندي چيو “سائين اتي ئي اوهان جي نگريءَ ۾” هٿ ڏئي ٻئي ڀاڪرن مان آجو ٿي خوش خير عافيت پڇڻ لڳا.
    “دودا، خوش آهين جوڙ...”
    “مرشد رحم...”
    “ٻيو مڙئي خير، بهاريون...”
    “مرشد دعائون اوهان جون، مولا علي جو ڪرم”
    هٿ ڏئي ٻئي ڄڻا اچي عطائي ڊاڪٽر دوست سيفل جي اسپتال ۾ ويٺا، سيد سمن شاهه ناري جو وڏو زميندار ۽ سيدن جي چڱي گهراڻي سان واسطو رکندڙ هو، سندس ياري ناري جي چڱن چوکن زميندارن، چورن ۽ خفتين سان هئي، دودو به پنهنجي وقت جو ڪاٽڪو چور هو، رئيس اميد علي جي اوطاق جهليو پيو هو، رئيس پنهنجي ڳوٺ جي اسٽينڊ تي هر ڪنهن کي ڪاروبار ڪرڻ ڏنو، انهي ڪري ٿوري عرصي ۾ ئي رئيس جي نالي سان اسٽينڊ ترقي ڪندو هڪ چڱو خاصو شهر ٿي ويو، جتي دڪان، سيٺين جا ڪانٽا، اٽي جي چڪي ۽ ٽي کن اسپتالون به هيون جنهن ۾ هنن جي پڳ مٽ يار عطائي ڊاڪٽر سيفل جي به هڪ هئي، اسپتال جو رڳو نالو هو، باقي سارو ڏينهن دودي ۽ سندس سنگت جا ڦيرا هوندا هئا، دودي جو اصل اهو ئي ٺڪاڻو هو، جيڪو به يار دوست دودي جي پڇا ڳاڇا يا ملڻ لاءِ ايندو هو ته اچي ڊاڪٽر جي اسپتال تي ڪڙڪندو هو، اهي به هٿ ٻڌي چوندا هئا “ڊاڪٽر صاحب جو خير” ڊاڪٽر به کين هٿ جوڙي سلام جي موٽ ڏيندو هو ۽ مريضن کان ڦريل پئسا سنگت جي چانهه پاڻي تي خرچ ڪندو هو.
    دودو سنڌ جو ڪو به ميلو نه ڇڏيندو هو، اصل ڪاهي پهچندو هو، ڀٽڻين کان وٺي ناچوئن جون ٽوليون دودي جا يار هئس، جيڪر ڀٽڻين جي ٽولي ميلي تي نه پهچندي هئي ته ڪنهن نئين ڀورل جو وڃي پاسو وٺندو هو، دودو پاران وسڪي ۽ ڪڪڙين جا پيس پهچي ويندا هئا، هن سان پاڻ جهڙا چار پنج ڪاٽڪو به گڏ هوندا هئا، سمن شاهه سان به اتي ئي ياري لڳي هئس، هڪ ڀيري جڏهن سمن شاهه جي ڀورل تي مري ٻروچن ڪاهه ڪئي هئي ته ٻيو ڪوبه ويجهو ڪونه آيو، پر دودو ڪهاڙي کوائيندو گاريون ڏيندو مرين سان اٽڪي پيو هو، “هڪڙي هڪڙي جي ته.... اڙي سيد اڪيلو ڏٺو اٿو ڇا؟” انهي بعد سمن شاهه هن جو يار ٿي پيو هو، جنهن به ميلي جو پروگرام ٿيندو هو ته سمن شاهه ڀورل اچي ڪڙڪندو هو ۽ پوءِ اتان ئي ميلي جو پروگرام ٺهندو هو، اڄ به سمن شاهه ڏنل پروگرام تحت پهتو هو ته دودو اڳئي تيار ويٺو هو.
    “سائين قبلا هتان اچو” دودي سمن شاهه کي ڪرسي ڏانهن اشارو ڪندي چيو، دودو به ڀر ۾ پيل ڪرسي ته ٺهي ويٺو، وري خير عافيت شروع ٿي وئي.
    دودي هٿ ٻڌندي شروعات ڪئي “قبلا سائين خوش، مزي ۾، بهاريون ٻيو مڙئي خير”
    سمن شاهه به سامهون هٿ ٻڌندي چيو “دعائون، رحم، مولا علي جا ڪرم سنگت جون مهربانيون”
    سمن شاهه واري سان ڊاڪٽر سيفل ۽ ٻين ويٺلن سان به خير عافيت ڪئي، ته ڊاڪٽر ٻاهر نڪري چانهه واري کي چانهه جو آرڊر ڏنو.
    “گلو چار چانهيون دود پتي” ڊاڪٽر واتان چوڻ سان گڏ هٿ جون چار آڱريون به مٿي ڪيون، واپس آيو ته ڪچهري جو جهڪور لڳو پيو هو، ڊاڪٽر به ڪچهري ۾ مگن ٿي ويو.
    “سائين توهان جو نياپو ڪالهه جمعي ڏنو” دودي چيو “پوءِ مون اڃ ڇورن کي ڪم ڪار سان ڀڙائيندي اچي هن پڙ ٺڪاءُ ڪيو” ڊاڪٽر به حقيقت ڪئي “بابا سائين اڄوڪو ميلو به ڪو ميلو هوندو، ٻڌو اٿئون دادلي ڀٽڻ واري جي ٽولي آيل آهي” سمن شاهه خاطري ڏياريندي چيو “رات مونسان فون تي وڏيري علي مراد ڳالهايو، چيائين استاد خيرو واري ٽولي ته ڪانه آئي آهي، باقي دادلي ڀٽڻ جو ٽولو پهتو آهي”
    “پر سائين دادلي سان به چوزا واهه جا گڏ آهن” ڊاڪٽر ڳالهه کي وڌائيندي چيو
    “ها ڊاڪٽر اصل هن مائيءِ ڀيڙا قهر جا پکي آهن” سمن شاهه سگريٽ وارو هٿ مٿي کڻندي چيو، ويٺلن سڀني شاهه جي ڳالهه سان ها ملائيندي کلڻ شروع ڪيو
    “سلام ماليڪم قبلا سائين” ٻاهران آيل مولوءِ هٿ ٻڌندي چيو.
    “واليڪم سلام، اي منڊڙا فقير تون ڪٿي آهين؟” سمن شاهه راڊو ٻڌل، ٽي چار منڊين وارو هٿ مٿي ڪندي چيو.
    مولو هيٺ جهڪندي سمن شاهه جي پيرين پئي وراڻيو “بس مرشد سائين اوهان جي ڇانوءِ ۾ پيا آهيون، مشڪل ڪشا مولا علي جون دعائون آهن”
    مولو منڊڙو ساڄي پير کان منڊو پنهنجي وقت جو ڀلوڙ ڀورل هو، سدائين رئيس مهراب سان گڏ ميلا ۽ شهر گهمندو هو، جڏهن جواني اچي ڦٽي ۽ رئيس جي ڪجهه دل هٽي، ته هي گهڻو ڪجهه وڃائڻ سان گڏ هڪ پير به وڃائي ويٺو، ٻيو ڪجهه نه ڏسي هن هوٽل تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، نيٺ ڪڙهائي ۾ ايڏو ماهر ٿيو جو رئيس مهراب جهڙا به اچي ڪڙهائي جو آرڊر ڏيندا هئا، وقت سان گڏ مولو

    مولو به ڀورل ۽ ڪڪڙ پالڻ شروع ڪيا، پنهنجي تر جي وڏن ڪوڪڙين ۽ شوقينن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، جتي به ميلو هوندو هو، اتي ڪاهي پهچندو هو، ڪڪڙ جو ميل ڪٿي به هجي مولو نه پهچي، اها ڳالهه ڪتاب ۾ ناهي، هوٽل کي بند ڪري ڀورل ساڻ کڻي وڃي ميل تي پهچندو هو، بازي به ضرور رکندو هو “او هي منهنجي هن بگي تي ۽ هي منهنجي سهڻل سائين جا” ڀورل پاران بازي رکندي چوندو هو مولو.
    گهر جي ته اصل ياد ڪونه هوندي هئس، ڪو چوٿين، پنجين مهيني ويندو هو ته ٺيڪ نه ته خير سو به هڪڙي رات ٻئي ڏينهن واپس رئيس مهراب واري اسٽينڊ تي، ٻار ته اصل کيس سڃاڻيندا به ڪونه هئا، زال پئي چوندي هئي تڏهن به ڪن ڪونه ڪندو هو، پنجاهه، پنجويهه زال جي منهن تي هڻي وڃي هوٽل ڀيڙو ٿيندو هو.
    هڪ ڏينهن الائي ڪيئن هوٽل ۾ رش هئڻ ڪري رئيس جي ڪڙهائي ۾ دير ٿي وئي، رئيس وٽ به انهيءِ ڏينهن نظيران ۽ چمپا نالي ڪبوتريون آيل هيون، تن کڻي اهڙيون ٽوڪون هنيون جو رئيس باهه ٿي ويو “اي رئيس ڪڙهائي جو آرڊر ڏنو اٿئي يا مڙئي پيو پوزي ڏئين؟”
    ٻي وارو وٺائيندي چيو “رئيس جي هاڻ هلي ٺپ ڪانه ٿي، مڙئي پيو ڊاج ڏئي”
    رئيس مهراب هجي ها ته اڃا پراڻي يار جو خيال ڪري ها، ننڍي رئيس نه ڪئي هم نه تم سڌو آيا مولي جي هوٽل تي- گلي مان جهلي ٻه ٽي چمانٽون وهائي ڪڍئين، ڌڪا ڏيندي چيائين “حرامخور، سڀاڻي اتي منهنجي اسٽينڊ تي نه ڏسانءِ”
    هونئن به رئيس ڏانهن ڪڙهائي جا پئسا جام هئا انهي مان جا ڇڏائڻ جو رئيس وٽ ٻيو ڪو به طريقو نه هو.
    مولو ويچاري ماٺ ميٺ ۾ اتان ٽپڙ کڻي اچي رئيس اميد علي جو اسٽينڊ وسايو، ڊاڪٽر سيفل جي اسپتال جي سامهون هوٽل کوليائين، اڄ جو سيد سمن شاهه جي ڪار بيٺل ڏٺائين ته ڊڪندي اچي حاضر ٿيو، سمن شاهه سان به ياري هئس، هڪ ٻه ڀيرا سمن شاهه کيس ڪڪڙ ڏنا هئا، ڪيتريون ئي ڪڙهايون کاڌيون هئائين ۽ ميلا گهمايا هئا.
    “ڏي خبر فقرا، توسان رئيس هي چڱو ڪونه ڪيو؟” سمن شاهه گولڊ ليف جي سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو
    “بس سائين آئون ايترو ٿو چوان، ليمڪ جي مار پوندي، آئون منڊڙو مولائي، رئيس مهراب جي وقت کان ويٺو هئس”
    “ها، هائو يار” دودي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
    “بس مولو ماڻهو ويا مري، هاڻي ڇورا ويٺا آهن، انهن تي ڪهڙي ميار” سمن شاهه ٻيو ڪش هڻندي چيو.
    “بس سائين اسين مولائي ماڻهو، پنهنجي ڪرت ۾ پورا، ڪنهن جي نه آئي ۾ نه وئي ۾ ” مولو حال اوريندي چيو
    “آئون ته هتي به خوش آهيان رب روزي ڏيندو” مولو اشهد آڱر مٿي ڪندي چيو
    “تون مولا علي ڪندو ته هتي به خوش هوندين” سمن شاهه چيو “اسين سنگت ۾ هتي به توتان ڦيرو ڪري وينداسين” دودي ۽ ڊاڪٽر ڏانهن هٿ ڪندي چيائين “ٻيلي مولائي جي پارت اٿو”
    “اسان جو ڀاءُ آهي، ويٺو موجون ڪري” دودي چيو
    “ڏي خبر ڌنڌو ڪيئن آهي؟” سمن شاهه سگريٽ سنگت ۾ ورهائيندي چيو “ بس سائين مولا جا ڪرم آهن، اوهان جون دعائون، مڙئي رپيا سئو ڏيڍ ٿيو وڃن ٿا” مولو حقيقت ٻڌايندي چيو
    “هان! ڏاڍو سٺو” سمن شاهه ڪنڌ لوڏيندي چيو.
    “هتي ڌنڌو جام هلندو” دودي چيو “استاد جي هٿ ۾ شيري اهڙي آهي، جو هٽ پري”
    “ڀلا گوشت آهي؟” سمن شاهه پڇيو
    “ها سائين اڃان ٻه رانون آهن” مولو جواب ڏنس
    “پوءِ ائين ڪر، اهي ٻئي تيار ڪر ته کڻائي وڃون، پنهنجي هن ٻنيءِ تي” سمن شاهه چيو.
    “ڀلا سائين هتي به....!!” مولو ڳالهه مان اڌ ۾ هٿ ڪڍندي چيو.
    “ها هائو” سمن شاهه مرڪندي چيو “توکي ته خبر آهي، اسان وٽ هڪ ٻه ڄورون ته هجن ئي هجن”
    “ڀلا سائين تنهنجا شونق” مولو پيلا ڏند ٽيڙيندي چيو
    “ها ها اهي قصا به پيا هلندا” دودي سر وٺائيندي چيو.
    سڀني ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، ڊاڪٽر سيفل سسي لوڏيندي ٽوڪ هنئي “حياتي جو خير هجئي، بس وڃ وهنج”
    “بس ڇا ڪريون مولائي ماڻهو، پاڻهي اچي چوزڙا ڏئي وڃينس” سمن شاهه چيو
    “آئي روزي، ٽري بلا” مولو وراڻيو
    سمن شاهه کي به ٻين سيدن جيئن سرتيون رکڻ جو شوق هو، گهر ۾ بيبي پئي منهن لاءِ سڪندي هئي ۽ سمن شاهه جي گهر کان ٻاهر هر زمين تي هڪ سريت ويهاريل هئي، ڳوٺ ۾ ساران ماڇڻ سان ياري هئس ۽ سورهن واٽ واري ٻني تي تيجان ڀيلڻ هئس ۽ بند واري ٻني تي ڀاڳي شڪارڻ هئس انهيءِ کان علاوه رئيس بهاول جي ڳوٺ ويٺل ڪبوترين سان سندس دل ڳنڍيل هئي، انهيءِ سان گڏ ڪڪڙن جو لٺ شوقين، ڪڪڙن جا ڪيترائي قسم پاليل هئس، جنهن ڪري ڪيترائي خفتي وٽس پيا ايندا هئا.

    “سائين سمن شاهه هڪ عرض ڪيان؟” مولو هٿ ٻڌندي چيو.
    “ها ها حڪم ڪر، يار مولو توسان ڪهڙا حساب” سمن شاهه به سامهون هٿ ٻڌندي چيو.
    “مرشد ڪڪڙ ڪو ڀلي نسل جو ڏي، ته ويڙهايانس، اصل هاڻي ته بگي جي ٻانگ ٻڌي ورهيه لنگهي ويا آهن” مولو لٿل منهن سان نماڻيون اکيون ڪندي چيو
    “يار مولو ڪڪڙ ته توکي اڳي به ڏنو هوم نه؟” سمن شاه چيو
    “قبلا هن جاوي جون ڳالهيون نه ڪر، اصل هانوءَ ٿو سڙي، بس دوکي ۾ ڦلو ماڇي کڻي ويو” مولو جو ڄڻ جوڌو پٽ ڦرجي ويو هجي
    “جاوو اڃا سنڀيو نه هو، پر واهه جون ڦڙڪيون هئس” دودي واري وٺندي چيو
    “يار وزم ته ٺاهه، ڪو موڊ ٺهي” سمن شاهه پاسي جي کيسي مان چرس جو ٽڪر ڪڍي دودي کي ڏيندي چيو
    “هل دودل هن جون ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين، اصل هڻ کڻ هو هڻ کڻ، اڃان کڙاهه مس ڪڍي هئائين، تڏهن به گهڻن کي گهمائي ٿي ڇڏيائين” مولو جاوي جي وڪالت ڪرڻ لڳو.
    “ها سائين، مولو به هتان جڏهن لنگهندو هو ته اصل ڳاڙهو بغل ۾ هوندو هئس” ڊاڪٽر سيفل چيو
    “ڪيڏانهن ويندو هو؟” سمن شاهه پڇيو
    “بس سائين هيڏانهن فقري جا الهندي ڦيرا هوندا هئا” ڊاڪٽر سيفل چيو
    “بس قبلا هيڏانهن هڪڙي مشڪي جا ڪُٺل هئاسين” مولو مرڪندي صفائي پيش ڪئي ته سڀ کلي پيا.
    دودي سگريٽ چرس جو ڀري دکائي، سمن شاهه کي ڏنو
    “پر سمن شاهه هاڻي تو سيد سان هي پڪو وعدو آهي ته، جيڪر ڪڪڙ ٻئي کي ڏيان، ته اصل پنهنجي ماءُ کي ٻيو مڙس ڏيان، هي ڏس” مولو ڏاڙهي تي هٿ ڦيريندي چيو
    “ڪڪڙ توکي بلڪل ڏبو فقرا، ڪڪڙ به اهڙو ڏبو جو اصل هٿ ڪڍ، پوءِ مڃجئين واقعي ڪوڪڙي آهيون، نه ته نه” سمن شاهه سگريٽ سيفل ڏانهن ڪندي چيو
    “بس مرشد اهي قرب” مولو ٻانهون ٺونٺن تائين ٻڌي اٿي بيٺو
    “تون پاڻ وارو ڪم ڪر، آئون اچان ٿو” سمن شاهه مولو کي رانن واري ڳالهه ياد ڏياريندي چيو.
    مولو پوئين پيرين ٿئي تنهن کان اڳ ڊاڪٽر هڪل ڪئي “فقرا ڪش هنيو وڃ” سمن شاهه ۽ دودي به ساڳي ڳالهه ڪئي، مولو سگريٽ مان ٺاهوڪو ڪش هڻي، سگريٽ دودي جي حوالي ڪري روانو ٿي ويو
    “ڪڪڙ واقعي بگو هو، نه؟” ڊاڪٽر ڪڪڙي جي ذات پڇي.
    “نه جاوو هو” سمن شاهه ماچيس تي ڪا ڌن وڄائيندي چيو.
    “سائين ڪڪڙن جا قسم آهن، ڪيترا؟” ڊاڪٽر پڇيو “کوڙ” سمن شاهه چيو، وري سڌو ٿي ڪڪڙن جا قسم ٻڌائڻ لڳو.
    هڪڙا موز پر، جيڪي رنگ جا جاوا سامهي ڪڪڙي کي منٽ ۾ ختم ڪري وجهن، ٻيا اسيل نانگ، ڪارا نانگ جهڙا ڌڪ ساڻ سامهون ڪڪڙ جهڙو هوئي ڪونه، ٽيان سگريٽ ڪڪڙ، وچولي قد جا، سگريٽ دکائڻ جيتري دير ۾ سامهي ڪڪڙ جو ڪم لاهيو ڇڏين، ڪي ٿري، ڪي اترادي، ته ڪي وري اترادي پشوري، لاڙ جا نيٽي، ڪي وري موتي، سرهندي، چنڊ ڦوڪ کوڙ قسم آهن” سمن شاهه سگريٽ وارو هٿ مٿي ڪندي ڳالهه جو پيرو کٽايو.
    “باقي سائين ڪڪڙن ۽ ڀورلن جو فقرو آهي ڏاڍو شوقين” دودي چيو “پاڻ وٽ ڪڪڙ کوڙ آهن، هڪڙو داڻو ڏئي ڇڏينداسين، مولائي خوش ٿي ويندو” سمن شاه چيو
    “باقي ياري ۾ وهڻ جهڙو آهي” ڊاڪٽر سيفل چيو
    “ نه نه ياري جو مڙس ڀلوڙ آهي، دودي ۽ سمن شاهه ٻنهي ڊاڪٽر جي ڳالهه کي وزن ڏنو
    “بس پوءِ پروگرام هي آهي ته آئون رات اچان ٿو تو وٽ، تون ۽ ڊاڪٽر تيار رهجو، پوءِ سانجهي هليا هلنداسين سڌو ميلي”
    سمن شاهه پروگرام دودي ۽ ڊاڪٽر کي ٻڌايو.
    “ها بس ٺيڪ آهي، پر هينئر هلون ٿا اوطاق تي” دودي صلاح ڪئي “ نه هينئر وڃان ٿو ٻني تي حاضري ڀرڻ” سمن شاه اٿندي چيو، “باقي ٺرو توهان وٺي ايندو، ڪجهه مون وٽ به آهي”
    “ها ها مال اتي ملي ويندو” دودي چيو
    هي اتان اٿي ڪار ڪاهي سڌا مولو جي هوٽل تي ويا “سائين بس ٿوري دير آهي، اچو ويهو” مولو هٿ ٻڌندي چيو “نه بس شيءَ ڏي ته ڇڪيون پنڌ کي” سمن شاهه چيو
    ٿوري دير ۾ فرائي پارسل ڪري مولو کڻي اچي سمن شاهه کي ڏني ، فرائي ڀر واري سيٽ تي رکندي سمن شاهه چيو “هاڻي ميلو نبري ته پوءِ تون اچ توکي راضي ڪبو، هڪڙو ڀلوڙ پشوري ڏينداسين”
    “اهي قرب، قبلا، ٻيو حڪم؟” مولو هٿ ٻڌندي چيو
    “بس مهربانيون، اچي هي وٺ پئسا” سمن شاهه کيسي ڏانهن هٿ ڪندي چيو
    “نه سائين نه ڇو ٿا گناهه گار ڪيو، آئون اصل ڪونه وٺندس” مولو پئسا وٺڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو، “باقي سائين پاڻ واري ڪم جي پارت هجي”

    “بس پروگرام ٺهي ويو ميلي کان پوءِ...”
    سمن شاهه ڪنڌ لوڏيندي چيو، سمن شاهه دودي ۽ مولوءِ کان موڪلائي ڪار ڪاهي بند واري ٻني ڏانهن روانو ٿي ويو.
    ميلو گهمي جڏهن چوٿين، پنجين ڏينهن گهر پهتو ته بيبي سمن شاهه کي چيو “ٻڌ! ايترا ڏينهن گهر کان ٻاهر رهين ٿو، ڪجهه گهر لاءِ سوچيو اٿئي ڪو اسين به گهر ۾ پيا آهيون”
    “پوءِ ڇا آهي؟ ڪهڙي شيءِ گهرجيءَ، سڀ ڪجهه ته گهر ۾ آهي” سمن شاهه چيو.
    “پر ويهه ته صحيح آئون به توکي ڪجهه دير ڏسان” بيبي چيو
    “تون ڪرين ٿي چرين واريون ڳالهيون، آئون ڪهڙو واندو آهيان، تنهنجو خيال آهي ايئن ڪيان جو گهر ئي نه اچي!!” سمن شاهه ڪاوڙ ۾ اٿي بيٺو.
    “آئون تنهنجي اچڻ ۾ خوش نه هوندس ته پوءِ ڪنهن جي اچڻ ۾ خوش هوندس” بيبي روئڻهارڪي انداز ۾ چيو.
    “سمن شاهه تون ڪٿي هوندو آهي، مونکي سڀ خبر آهي، پر آئون توکان ڪونه ٿي پڇان، پر ڪجهه ٻچن جو خيال ڪر” بيبي چيو
    “تون ڪير ٿيندي آهين، پڇڻ واري ۽ نه ئي پڇجان ٻئي” سمن شاهه پنهنجو فيصلو ٻڌائي اوطاق ڏانهن روانو ٿي ويو، اوطاق تي پهتو ته اڳئي مولو ويٺو هو.
    “قبلا سائين سلام ماليڪم” مولو هٿ ٻڌي اٿي بيٺو.
    “واليڪم سلام مولو پهچي وئين؟” سمن شاهه کٽ تي ويهندي چيو، ڇوڪرا بابا مولو کي چانهه پيار، ماني به کڻي آءُ” سمن شاهه نوڪر کي حڪم ڏنو.
    “سائين چانهه پياري اٿم، ماني کڻي ٿو اچان” نوڪر وراڻيو
    “ها سائين چانهه پيتم” مولو تصديق ڪئي
    “مولو هي ڏس مون ٽنڊي آدم مان بڻيادي نسل جو ڪڪڙي آندي آهي ۽ هي ٻانگو به مٽياري ۾ سيد حسن علي کان ورتم” سمن شاهه اوطاق ۾ ڦرندڙ جوڙي ڏانهن اشارو ڪندي چيو “انهي منجهان انشاءِ الله پاڻ وٽ اهڙو نسل ٿيندو جو ڳالهه کڻي ڇڏ”
    “واه سائين واه، نر ته واه جو آهي، اصل موتي آهي” مولو چيو
    “هائو مادي به بڻيادڻ اٿس، ٽنڊي ۾ پنهنجو سنگتي آهي علو مڪراني تنهن تحفي ۾ ڏني آهي” سمن شاهه چيو.
    “اڙي ڇوڪرا” سمن شاهه نوڪر کي سڏ ڪيو.
    “جي سائين” نوڪر سامهون اچي بيٺو
    “حويلي ۾ وڃ ڳاڙهو ڪڪڙ آهي نه اهو کڻي اچ” سمن شاهه نوڪر کي چيو “ها سائين” نوڪر روانو ٿي ويو.
    ٿوري دير ۾ نوڪر ڪڪڙ جي پير ۾ ڏور وڌل کڻي حاضر ڪيائين “واهه سائين واهه، اصل ٿورا ڪري ڇڏئي” مولو ڪڪڙ کي هنج ۾ کڻي پکن تي هٿ ڦيريندي چيو.
    پکن تي هٿ ڦيرڻ سان ڪڪڙ ڪرڙاٽ ڪيو ته مولو چپٽي وڄائيندي چيو “بس پٽ بس”
    “مولو اصل وڃي خدمت ڪرينس، مولا علي جو قسم اهڙو اترادي پشوري ڪنهن به نه ڏنو هوندو، ميل نه ماري ته کڻي چئجان”
    ماني کاڌي نه کاڌي جهڙي شام جو مولو ڪڪڙ کڻي اچي هوٽل ۾ ٺڪاءُ ڪيو، شام ساڻ ئي بادام، ٻاجهر، ڳاڙها چانور، لونگ، تر ۽ گيهه سڀ وٺي اچي پشوري کي کارائڻ لڳو، رات جو پنهنجي کٽ جي ڀر ۾ کاري هيٺ ڍڪي ڇڏيائينس، صبح سوير جڏهن ڪڪڙ پهرين ٻانگ ڏني ته مولو کي ڄڻ ڪنهن لٺ هڻي اٿاريو، ٽپ ڏئي اٿيو، هوٽل جي مزدور کي اٿاريائين، پاڻ باهه ٻاري ڪڪڙ جو داڻو صاف ڪرڻ لڳو ته ڪڪڙ وري هڪ ٻئي مٿان وري ٻانگون ڏيڻ لڳو
    “ڪُ، ڪُ، ڪون....... ڪڙو ڪڪڙون ڪون.....”
    مولو رڙ ڪندي چيو “واه ڳاڙها تنهنجي ٻانگ.... واه جاوا تنهنجيون اهي اٿڻيون....”
    هاڻي سڄو ڏينهن مولو ڪڪڙ جي خدمت چاڪري ۾ لڳو رهندو هو، پنهنجي ڀر ۾ ڪلو هڻي ڊگهي ڏوري سان ٻڌي ڇڏيو هئائين، هوٽل جي ڇوڪري کي چئي ڇڏيائين ته “خيال ڪجان، متان ڪڪڙ ٽوڙائي يا ڏوري ڇنائي لڳ نه ڪري” ايندن ويندن کي ڪڪڙ ڏيکاري پيو چوندو هو “اهي اٿئي بڻيادو پشوري، هڪ ڏينهن ضرور نالو روشن ڪندو” بس سيارو اچي ته ٿا لاهيون ته ڪي ڳاڙهي جون ڦڙڪيون ڏسون ته هانءُ ٺري”
    مولو اتفاق سان ڪيڏانهن ويندو هو ته ڇوڪر کي ڪڪڙ جي ور ور پارت ڪري پوءِ ويندو هو، پوءِ به واپسي تائين رڳو ڪڪڙ جو خيال هوندو هئس، واپس ايندي ئي ايئن نه ڏسندو هو ته پشوري کوٽارون ڪري پير ۽ پر ميرا ڪري ويٺو آهي، بلڪه پٽ جيئن ڪڇ ۾ کڻي وٺندو هوس، جيڪڏهن مهيني ماس گهر ويندو هو ته پشوري کي گڏ کڻي ويندو هو، گهر ۾ زال پٽن، ڌيئن ڪنهن جي به نه ٻڌندو هو، پيو ڪڪڙ کي بادام کارائيندو هو، چپٽي وڄائي ويڙهه لاءِ تيار ڪندو هو، زال چوندي هئس “تون ان مئي مرگهيل کي پستا بادام پيو کارائين، ميان ڪجهه ته قياس ڪر، سنها سنها ٻچڙا اٿئي؟” اهو ٻڌي مولو ڏند ڪڍي تارا ڦوٽاري زال کي چوندو هو “وڃو دڪان تان اوڌر کڻي اچو، ميل کٽي اوڌر چڪائي ڇڏينداسين” سڻائي ٿئي ڇوڪري چاڪ ناهي” چوندو هو “ناناڻا ڇا لاءِ آهن، هينئر اتان وٺي اچو، پوءِ ڏئي ڇڏينداسين”

    نيٺ سيارو آيو ته مولو به ملاکڙي جي تياري ڪئي، هوڏانهن سنگت ساٿ کي دعوتون پهچي ويون، ملاکڙي جي تاريخ ۽ ميدان طئي ٿي ويو، خفتي خفتي جي ذات اچي گڏ ٿي، ملاکڙي جو ميدان ڄڻ ميلو هجي، ڪيئي چانهه، پڪوڙن ۽ مٺاين جا دڪان، سگريٽن، پان سوپارين وارا پهچي ويا، ڪي گاڏين ۾ ڪي ڊاٽسنون ڪري اچي ملاکڙي تي پهتا، مولو به پشوري کي سينگاري، ضروري سامان چاقو، کڙهه (مصنوعي) ڳڙ، گوريون، سئي، ڌاڳا، هڪڙو ڪڪڙ جي آڍ، مک ماليش وارو ساڻ کڻي ڪار ڪري اچي ملاکڙي جي ميدان ۾ پهتو، ماڻهو اڳئي گول دائري ۾ ويٺا هئا، ڪڪڙن جي ٻاگن جي ڌم لڳي پئي هجي، ڪڪڙن جون جوڙيون ٺهيون، مولو جو ڪڪڙ شاهڻين جي ڪڪڙ سان جوڙي ۾ رکيو ويو، انعام رکڻ شورع ٿيا، پهرين مولو پاڻ پنج هزار رپيا انعام رکيو، پوءِ سنگت انعام رکڻ شروع ڪيا، دودي پنج سئو، ڊاڪٽر سيفل ٻه سئو، سيد سمن شاهه ٻه هزار رکيا، نيٺ وڃي، مولو جو ڪڪڙ سورهن هزار چار سئو جي بازي تي بيٺو، جيڪا بازي وچ ۾ امين چونڊي انهي وٽ رکي وئي، فيصلو ٿيو ته پهرين مولو جو ڪڪڙ ميدان ۾ لاٿو وڃي
    مولو ڪڪڙ کي ڪڇ ۾ کڻي پئي تيار ڪيو، نيٺ ڪڪڙن مان هٿ ڪڍيا ويا، هٿ نڪتا ته ڇا، چئو طرف هڪلون، هوڪرا ٿي ويا، “وٺ ڀيڻسان وٺ.... وٺ ڪارا جاوي کي.... او اها... متان ويو اٿئي... او اتي- اڌ گز واري هڻ... اڃان پيو ڏسين!؟”
    مولو جي ته حالت ڏسڻ وٽان هئي، ڄڻ پيشوري نه پر مولو پاڻ پيو وڙهي، ڪڪڙ کنڀ پکيڙي ڪنڌ سڌو ڪري، ته مولو به ايئن ايڪشن وٺي چئي “هڻ پڻهين کي اڃان پيو ڏسين” وري ڪڪڙ کڙاهه هڻي ته ٻانهه اڳتي ڪري چوي “او اتي مغز ڦاڙي ڇڏينس” وري ڪڪڙ ٻي کڙاهه هڻي ته ٻي ٻانهن اڳتي ڪري چوي ”اصل اُڪي اُڪي ڪري ڇڏينس” وري جو ڪڪڙ کي ڌڪ لڳي ته ٻيڻو ٿي چوي “سنڀال پٽ سنڀال....”
    پنج منٽ ٿيا ته پهريون رائونڊ پورو ٿيو، مولو صحيح ڪيو ته ڪڪڙ مار پيو کائي سو پگهر ۾ شل وڃي ڪڪڙ کي کنيائين، مالش واري سان گڏ پاڻ به ڪڪڙ کي تانتڻ لڳو، ڪڪڙ کي جتي به کڙاهون لڳيون هيون اتي وات سان کڙاهه جو زهر چوسي ڪڍڻ لڳو، پاڻي جا ڦوهارا پکن ۾ ڏيڻ لڳو، ڪجهه ڳڙ ۽ ڳوريون به کارائينس، ايتري ۾ آڍ مک واري همراهه اشارو ڪيو ته “ڪڪڙ جي هڪڙي کڙاهه ختم ٿي وئي آهي”
    مولو يڪدم کيسي ۾ پيل کڙاهه (مصنوعي) ڪڍي رٻڙ سان ڀڳل کڙاهه مٿان قابو ڪئي وري ڪپڙو وات ۾ وجهي ڦوڪ سان گرم ڪري پکن ۾ سيڪ ڏيڻ لڳو، ايتري ۾ وقفو ختم ٿي ويو، سامهون وارن همراهن به ڪڪڙ تانتي ورتو هو، مولو وري پيشوري کي ميدان ۾ لاٿو، پر پشوري جي پهرين ڦڙڪي ۾ کڙاهه هلي وئي، سامهون ڪڪڙ ٺڪاءُ جو کڙاهه ڪيانيس ته پشوري جي هڪ اک هلي چري، مولو رڙ ڪندي چيو “گهوڙا يا حسين، جاوا مارائي ڇڏئي” اڳتي پشوري ڪجهه ڦڙڪيون ڏنيون، پر اڳئين ڪڪڙ اصل ڦٽائي ڇڏينس، نيٺ پشوري ميدان ڇڏي ماڻهن ڏانهن وٺي ڀڳو، چئو طرف تاڙيون وڄي ويون، هوڪرا ٿي ويا، سامهون همراهن پنهنجي ڪڪڙ کي مٿي کڻي نچڻ شروع ڪيو، مولو به ڪاوڙ ۾ وڃي پشوري کي ڪنڌ کان ورتو، تڪڙو کڻي ميل کان ٻاهر آيو، سمن شاهه، دودو، ڊاڪٽر سيفل ۽ ٻيا بازي رکندڙ سڀ مڙي آيا، مولو چيو “يار ڪڪڙ ٺاهه ۾ ڪونه هو، مون ته آندو ڪونه پئي، دوستن زور ڀريو نيٺ کڻائي آيا، کڻي پٽڪو ٻڌن... هاڻي ته مڙس خوش آهن؟”
    سمن چيو “اڙي يار ڪڪڙ جو پيءُ تي ڀلو هو، پر ناناڻا ٽرڙا هئا، ان ڪري ڀاڙيو ٿي پيو”
    بيٺلن مان ڪنهن چيو “وجهينس اهڙي بيڪار کي کڻي سير” ٻئي لمحي مولو جا ٻئي پير پشوري جي زخمي کنڀن تي هئا ۽ چاقو کيسي مان ڪڍندي چيائين “بسم الاهه اڪبر بسم.....“ سير ڏئي، مولو ڇري ۽ ڪڪڙ کي ڏور اڇلائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو، ماڻهن جي ميڙ ٽڙي پکڙجي چڪو هو، “فقرا آءُ ويهه گاڏيءِ ۾ هلون....” سمن شاهه معنيٰ خيز لهجي ۾ مولوءِ کي چيو “نه سرڪار، پاڻ اتئي چڱا آهيون” ايئن چئي مولو ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکيو ۽ مئل وکن سان اڳتي وڌي ويو ته سمن شاهه جي ڪار مان اٿيل دز ۽ مٽي کيس ڀڀوت بڻائي اڳتي نڪري وئي


    کنوڻين کيل ڪيا

    هن پينٽ جي کيسي مان چاٻي ڪڍي، انٽر لاڪ ۾ گهمائي، در کي ڌڪو ڏئي، ڪنڊي کي گهمايائين ته در کلي پيو، در کلڻ شرط فليٽ جي ٻوساٽيل هوا هن جي آجيان ڪئي، ٻاهر گاڏين جي دونهي، لٽ واري هوا اڳ ۾ ئي حواسن ۾ محسوس ڪري رهيو هو، وري انهيءِ ٻوساٽ هن جي نڪ ۽ دماغ کي عجيب بوءِ ۾ ويڙهي وڌو.
    اڄ صبح جو اٿيو هو، تڏهن محسوس ڪيائين ته فليٽ ۾ ڪچرو گهڻو ٿي چڪو آهي، پر سوچيائين ته مون کي ته شيو ٺاهڻ جو وقت به ڪونه ٿو ملي، سو ڪهڙيون ٻهاريون ڪڍندس، پارٽنر اڃان ستل هئا، جو هي تيار ٿي ڊيوٽي تي هليو ويو، هن کي صبح سان ئي ماحول ۾ عجيب گهٽ محسوس پئي ٿي، ڄڻ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، آفيس ۾ به دل ڪانه پئي لڳس، مختلف فائيلن کي اڪلائيندي ذهن الائي ڪيڏانهن ٿي هليو ويس، گم ڪندڙ روبينه صديقي چيس “سارنگ صاحب اڄ توهان جي طبعيت ته ٺيڪ آهي نه؟”
    “هون! ها طبيعت بلڪل ئي ٺيڪ آهي” هن خيالن جي دنيا کان واپس ايندي چيو.
    “الائي اڄ منجهيل منجهيل پيا لڳو”
    “نه نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي” هي نٽائي ويو.
    آفيس ۾ ڊائريڪٽر صاحب جي نه اچڻ ڪري ايتري ڪم جي وٺ وٺان ڪانه هئي، پنهنجي ٽيبل تي آيل فائيلن کي نمٽائي سپرنٽينڊنٽ جي حوالي ڪندي هن به ٻين وانگي کسڪڻ جو سوچيو، بس ۾ هن کي عجيب ماحول ٿي لڳو، جتان هي روز لنگهندو هو، اُهي رستا، اُهي جايون ۽ ملندڙ ماڻهو هن کي اوپرا ٿي لڳا، اُن ڪري بجاءِ جو هي ٻئي پاسي گهمڻ وڃي سڌو فليٽ جو رُخ ڪيائين.
    اندر گهڙي بوٽ لاهي، ڪپڙا بدلايائين، هڪ نظر اندر ڪمري ڏانهن ڪيائين ته سامان ٽڙيو پکڙيو پيو هو، رڌڻي ۾ چانهه جا ڪپ ٿانو پکڙيا پيا هئا، ڄڻ زلزلي ۾ ڪير جان بچائڻ لاءِ ائين ٽڙيل پکڙيل سامان ڇڏي ڀڳو هجي، ڪپڙا بدلائي، وکريل رليون ويڙهي ڪتاب هڪڙي پاسي رکيائين، رڌڻي جي در تي بيهي هڪ نظر رڌڻي ۾ رکيل ٿانون تي وڌائين، ٿانون جي حالت ڏسي ماني تان ارواهه کڄي ويس “ڏسان دوست جي يونيورسٽي مان آيو ته پيٽ پوڄا ڪبي نه ته خير آهي” پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪيو، سوچيائين هي به ڪا زندگي آهي، هر روز نئين ڪٿا، اسانجي جيون ۾ جنم وٺي ٿي، غريب پئسي پويان ڊوڙي ٿو، امير آرام ڪري پئسو اڏائي ٿو، ڏينهون ڏينهن ڌرتي اسان لاءِ سوڙهي ٿيندي پئي وڃي، اُن صحافي دوست جا چيل لفظ هن جي ذهن تي تري آيا، جنهن زلزلي جو ٻڌي چيو هو “اها ڪهڙي ڳالهه آهي، اسان جي پيرن هيٺيان روز زمين نڪرندي آهي” واپس ڪمري ۾ اچي ڊيڪ جي ڀر ۾ پلٿي ماري ويٺو، ٽڙيل پکڙيل ڪيسٽن ۾ هن جو هٿ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳو، پر دل کي ڪا به ڪيسٽ ڪانه پئي وڻيس، اوچتو بغير ڪور واري ڪيسٽ تي نظر پيس “اڙي هي ڪيسٽ ڪڏهن کڻي آيو آهي؟” استاد جمن جي پسنديده ڪيسٽ ڪو دوست کڻي ويو هو، جيڪا هن جو پارٽنر واپس کڻي آيو هو.
    ٻئي لمحي استاد جمن جو آواز هن جي سماعتن تي پهتو “سگهڙا آوين سانول يار” هن ڪيسٽ فارورڊ ڪري ٻيو پاسو لڳايو، ڏور غفائن مان ڪنهن اپسرا جي آواز جئين ايندو هن جي سماعتن تي پهتو “رات به مينهڙا وٺا، ٻاجهارن جي ملڪ مٿي رات به مينهڙا وٺا...” آواز هيو، جيڪو پنهنجي پرنم موسيقي تي هن کي ڏور درمندي جي ديس ڏانهن کڻي پئي ويو
    ٺڪ ٺڪ در تي اوچتي آواز هن جي خيالن جي ڪاڪ محل کي چور چور ڪري وڌو، هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙي اشهد آڱر ڊيڪ جي بٽڻ واري لائين ۾ آف تي دٻائي ڇڏي، در کوليائين ته ٽپالي سلام ڪري لفافن جي ڀري مان لفافو ڪڍي هن ڏانهن وڌايو، هن لفافو وٺي ايڊريس تي هڪ نظر وڌي، “سارنگ ڌناڻي اي-15 صدف پلازه حيدرآباد” “مهرباني ادا، اچو چانهه پيو” ٽپالي کي صلاح ڪيائين “نه سائين مهرباني” ٽپالي مرڪندي هٿ وڌايو ته هن به پنهنجو هٿ هن جي ڳاڙهي ٻڙي واري منڊي پاتل هٿ ۾ ڀچائي ڇڏيو
    در بند ڪري هڪ نظر ايڊريس تي ۽ موڪليندڙ جي ايڊريس پڙهيائين، شهمير ڌناڻي، واگهي جي اوانڍ، ويهندي خط کوليائين
    پيارا نورچشم سارنگ
    اسلام عليڪم
    جي احوال عرض ته هت سڀ خير آهي، اميد ته توهان به خير خيريت سان هوندو، آمين ثم آمين
    پيارا پٽ هن فاني دنيا مان ڪيترائي روز گذري چڪا پر توهان پيارن جو ڪو حال احوال نه مليو آهي، اُن ڪري هن خط ملڻ شرط پنهنجي احوال کان واقف ڪندا، پيارا نورچشم توهان وڃي پرديس ۾ ڏينهن لاهي ڇڏيا، اسين هتي تنهنجي لاءِ پريشان آهيون، پٽ تنهنجي طبيعت به ٺيڪ نه رهندي آهي، اُن ڪري توکي چيو هئوسين ته احوال احوال ضرور اماڻيندو ڪر، پٽ تنهنجي ڪمائي کان وڌيڪ تنهنجي حياتي اسان کي پياري آهي “اهڙو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني” پٽ توکان سواءِ اسان جو سهارو ڪير آهي؟ ان ڪري هي خط ڏاڍو تفصيلي لکي رهيو آهيان پٽ تنهنجي امڙ توکي گهڻو ساري ٿي، هر ويلي ماني کائيندي هڏڪي اچي ٿي ته چوندي آهي ته الائي الائي سارنگ ماني کاڌي آهي يا نه؟ اُن چوڻ تي تنهنجي ڀيڻ سڀاڳي به روئي پوندي آهي آئون ته چوندو آهيان ته اهڙيون مايوسي جون ڳالهيون نه ڪر، ڇوڪري کي ٿي روئارين، پوئين مهيني کان ماڻهين جي طبيعت به ٺيڪ ڪانهي ۽ سڀاڳي کي به هلڪو بخار رهي ٿو، ويچاري سنگهار گهر اچي ٿي ڪم ڪار جي لاءِ، اُن مهل آئون گهران هليو ويندو آهيان، هاڻي هوءِ ڪيئن گهر اچي پنهنجي ادي سبحان پر سال چيو هو ته ٻيلي مون تان بار لاهيو جي ادي جو چيو مڃون ها ته هن وقت هي ڏينهن ڪونه ڏسڻا پون ها ڇا ڪريون...؟ سال وڃي پويان پير کوڙيا، ٿيو ان جو داڻو به ڪونه، گهر ۾ اُٺ اوريا پيا آهن، زماني ۾ ڪجهه ڪونه رهيو آهي، مونکي ته ڪجهه سُجهي ئي نٿو ته ڇا ڪريان؟.
    ٻيو ته پوئين مهيني دڪان واري کي تو اڌ پئسا موڪليا ها، ان ڪري هاڻي سيڌو ڏيڻ به گهٽائي ڇڏيو اٿائين، مال جو به حال ڪونهي، پاڻي لاءِ وهيٽ ڪونهي، اُٺ ته پوئين سال ڏڪر ڏسي وڪڻي ڇڏيوسين ۽ گڏهن ۾ ايتري طاقت ڪانهي جو وارا ڇڪين ۽ هي ساٺيڪا کوهه اصل وهيٽ جو موت ٿا ڪريو ڇڏين، ابا پاڻ واري سائي ڍڳي به ويچاري ٿي ڌڻي در رواني، ويچاري گابڙي جي رڙ پئي پئي، هتي ته کير ته چانهه ڍڪ لاءِ ڪونه ٿو ملي، سو انهي معصوم لاءِ ڪٿان آڻيون، ڳوٺ وارا ايڪڙ ٻيڪڙ ٽپڙ کنيو سنڌ پيا وڃن، پر ڪالهه مون ريڊيو ته خبرون پئي ٻڌيون ته چيائون ته سنڌ ۾ پاڻي ڪونهي، سو سنڌ وڃي ڪڄاڙو ڪنداسين، مال ۾ بيماري آهي پٽ، ڳالهيون انيڪ آهن اچي ٻڌجان، هاڻي تون هن خط ملڻ شرط ڳوٺ ورڻ جي ڪجان ڪجهه سامان به وٺيو اچجان، هتي دڪان وارا ابتي ڪاتي سان ٿا ڪُهين، ماڻهين ۽ ڀيڻ لاءِ تپ جون شينهن ڇاپ گوريون ۽ ڳاڙهي دوا آڻجانءِ، اٽو به سٺو نهاري وٺي اچجان ۽ موسم ڀري پئي آهي جي سج ۾ تپس ڏسين ته موڪل جهجهي وٺي اچجان ته ٻني به پوکرائين، وڌيڪ خيرت
    ٿورو لکڻ گهڻو سمجهڻ
    فقط تنهنجو والد شهمير
    خط ته ڪڏهوڪو پڙهي ورتو هئائين، پر هي اڃان خط کي وري وري نهاري اٿلائي وچان وچان ٽڪرا پڙهي رهيو هو، خط ويڙهي لفافي ۾ وجهي ڊيڪ تي رکندي محسوس ڪيائين ته هن جي اکين جون ڪُنڊون آليون ٿي چڪيون آهن، اکين کي مهٽي چهري تي هٿ گهمائي سڌو ٿي ويٺو، خط هن جي اڳيان ڪيترائي يادن جا ڪتاب کولي ڇڏيا هئا، پوئين مهيني آفيس ۾ آڊٽ هئڻ ڪري ڳوٺ ڪونه وڃي سگهيو هو، پئسا به چڱا خاصا پنهنجي دوائن تي خرچ ڪري ڇڏيا هئائين، باقي پئسا ڳوٺ مني آرڊر ڪري موڪليا هئائين، سڄو ٿر بر لڳو پيو هو، مال مري وڃي باقي بچيو هو، ماڻهو گهڻا بيمارين ۾ وڪوڙيل هئا، تڙن ۽ تانگهين ويرين جا پاتار اونداهه ٿي چڪا هئا، ائين ئي هن جي مڱيتي سنگار ۽ ڀيڻ سڀاگي جا جوڀن ڀريا جسم به سُڪي اڪ جي ڪاٺي ٿي چڪا هئا، هي ٻئي الهڙ ڪنواريون، مندائتي مينهن جو انتظار پنهنجي پرين کان وڌيڪ ڪري رهيون هيون جي وسڪارو نه ايندو ته ڏڪار ڏيهه مان نه ويندو ته هي پنهنجا پرين ڪيئن ماڻي سگهنديون.
    هن جي ذهن تي وسڪاري جا اُهي جوڀن ڏينهن تري ٿي آيا، جڏهن اسُر ويل گهرن مان لسي ولوڙڻ جو آواز ايندو هو ۽ هن جو پيءُ شام جو مال وٿاڻ ڏي ورائي ڪيئن اوطاري جي اڳيان ڪانڀ ڪڍي ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري ٻُڌندو هو. جڏهن هِن جي پسند جا گانا “رات به مينهڙا وٺا” يا “دردمنديءَ جو ديس وسي ٿو” ايندا هئا ته ڪيئن نه هن جو پيءُ ڪانڀ ۾ ويٺو جهوليندو هو، يادن جي درياهه هن جي اکين جا بند ٽوڙي وڌا ۽ ٻه گرم لوڻاٺا لُڙڪ هن جي ڳلن جي بنجر زمين کي پُسائيندا هيٺ لهي ويا.
    ڊيڪ ڏانهن نهاريندي هن جي اشهد آڱر پلي تي اچي بيٺي، هن زور ڏنو ته استاد جمن جو آواز هن جي سماعتن تائين پهچڻ لڳو
    “دردمندي جو ديس وسي ٿو، بوند برهه جي بهار لڳي”
    در تي وري ٺڪ ٺڪ ٿي ته هي ڊيڪ وڄندو ڇڏي ٻاهر در تي هليو ويو، در کوليائين ته پارٽنر بيٺو هو “هيلو سارنگ، اڄ سوير اچي وئين” پارٽنر چيو
    “ها يار صاحب هو ڪونه، دل ڪانه پئي لڳي اچي ويس”
    “واهه اڄ ته استاد جمن پيو ٻُڌجي، ڳوٺ ياد آيو اٿئي ڇا؟” پارٽنر ڊيڪ وڄندو ڏسي چيو “هون.... ها” هن مُرڪندي جواب ڏنو
    “يار راهي اڄ ڳوٺان خط آيو آهي، امڙ به ٺيڪ ڪونهي، گهر راشن به ڪونهي، ٿر جي ته حالت خراب آهي”
    “الا!” راهي ڪتاب رکندي هن ۾ يڪ ٽڪ نهاريندي چيو
    “ها يار اڄوڪي خط مونکي ته پريشان ڪري ڇڏيو ، بابا اڳي اهڙو پريشان نه هوندو آهي” هن منهن ٻئي پاسي ڪندي چيو
    “پوءِ سارنگ تون موڪل ڪري ڳوٺ هليو وڃ، الله خير ڪري پئسا منهنجا به ڳوٺان آيا آهن، اُهي کڻي وڃ ڪجهه توکي آفيس ۾ ملي ويندا، تون سڀاڻي ڳوٺ هليو وڃ”
    “ها يار مون پاڻ اهو ئي سوچيو آهي” هن ڪنڌ وهاڻي مٿان لاڙيندي چيو
    “هاڻ تون رليڪس ٿي، ڀلا ماني؟” هن کان وري پڇيائين
    “ماني وڻي ڪانه ٿي”
    “واهه ڙي واهه وڻي ڪانه ٿي، تون ويهه آئون ماني ٺاهي ٿو وٺان”
    راهي اٿيو ته هي به راهي کي مدد ڪرائڻ لاءِ رڌڻي ڏانهن هليو ويو، رات جيئن تيئن گذري ٻئي ڏينهن هي ڳوٺ روانو ٿي ويو، ڏورانهين پنڌ کي لتاڙي ڳوٺ وڃي رات جو پهتو، پيءُ، ماءُ ڏاڍا خوش ٿيا. ماءُ منهن تي هٿ ڦيرائي “شل مان صدقي وڃان منهنجو پٽ آيو” ڀيڻ به ڊوڙي اچي ملي، پيءُ اندر چونئري ۾ کنگهي رهيو هو، هي وڌي چونئري ۾ ويو ته پيءُ سڌو ٿيندي چيو “ابا، پٽ ڀلي آئين” پيءُ جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي هن محسوس ڪيو ته پيءُ جا هٿ ڪيڏا سخت ۽ سيءُ ڪري ڦٽل آهن، سوچيائين هنن ويچارن سڄي زندگيءِ ۾ محنتون ڪيون، تڏهن هي حال ٿيا آهن، پيءُ جا هٿ گرم محسوس ڪندي چيائين “بابا تنهنجا ته انگ ڪوسا ڪيڏا آهن” ها پٽ ڪالهه صبح سوير ويو هئس ٻڪري نهارڻ، سو گرم بدن ۾ پاڻي پي وڌو، زڪام ۽ بخار ٿيو آهي
    “تون ڪيئن آهين؟”
    “بابا آئون ٺيڪ آهيان”
    “الله ڪري خوش هجين”
    “تنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي اڃا بخار مس ڇڏيو آهي ته مون کي ڪيرائي وڌائين” پيءُ ڳالهه پيرائتي ڪندي چيو
    “ادي تون ڪيئن آهي؟”
    “ادا آئون هاڻي ته ٺيڪ آهيان”
    “تنهنجي لاءِ مون دوا آندي آهي”
    “اي هي اداري وارا پيا پاڻي جهڙيون دوائون ورهائين، اهڙي ته ڪانهي” سڀاڳي پڇيو
    “اداري وارا؟” هن چيو
    “اي ابا هي انگريز اداري وارا ڪونه پيا ورهائين سامان ۽ دوائون” ماءُ وراڻيو
    “تو ڪهڙي گهوڙيئي ڇاپ واري دوا آندي آهي” ڀيڻ پڇيو
    “ها ها” هن ڪنڌ لوڏيو
    “اهو ڊاڪٽر ڪالهه آيو هو، مونکي به دواءِ ڏني” ماءُ چيو
    “اي ابا اهي پيا مڙئي هلن، مونکي چيائين پوڙها توکي پراڻي بيماري آهي، ٽيون ڏينهن زڪام لڳو آهي سو ٿي پراڻي بيماري” “خير ڇڏيو اهي ڳالهيون، مون دوا آندي آهي، هاڻي الله خير ڪندو” نهاريندي چيو
    “اڙي ابا هڪڙي دوا صبحان وارن جي گهر ڏئي اچو، هو ڇوڪري سنگهار ڪالهه کان بخاري پئي آهي” شهمير چيو، سارنگ جي ڪنن ۾ گهنڊڻيون وڄڻ لڳيون، سوچيائين الله خير ڪري، هن ماءُ ۽ ڀيڻ ۾ نهاريندي اکيون ڦيري ڇڏيون.
    “ادا مونکي ڏي، هتان سڏ ڪري ٿي ڏيان، ماسي پريان ايندي، پاڻ ئي وٺي ويندي، سنگهار کي بخار الاهي آهي”
    رات ته گذري پر ٻئي ڏينهن شهمير کي بخار وڌي ويو، هيلٿ ڊپارٽمنيٽ جي وزيٽنگ ٽيم آئي، تنهن ڊاڪٽر، سارنگ کي خوش لباس ڏسي، سٺي نموني ڊيل ڪيو، چيائين
    ڏڪار جي ڪري کاڌو چڱو نه ملڻ ڪري ڪمزوري آهي، ڦڦڙ ڪمزور آهن، اڄوڪي هي دوا پياريو، بخار لهي ويندو، کاڌو سٺو کارايو جي بخار نه لهي ته تعلقه اسپتال وٺي اچجو”
    سڄو ڏينهن ڪاڙهو به چڱو رهيو، اُن ڪري منجهند کان پوءِ آسمان تي ڪڪر به سٺا ٿي رهيا هئا، هر ڪنهن ڳوٺاڻي جي منهن تي مُرڪ هئي، شهمير بخار ۾ هئڻ باوجود هڪ ٻه چڪر نڪري آسمان جو مشاهدو ڪيو “شايد، يار اڄ پلر پياري” شهمير آسمان ۾ چتائيندي چيو “ها بابا اڄ ته ڪانگ وات ۾ ڪک پئي کنيا، پکي به صبح کان پوءِ آسمان ۾ مٿي پيا اڏامن” سڀاڳي چيو
    ايتري ۾ سارنگ آيو “بابا توکي بخار آهي، پگهريل بدن ٻاهر نه نڪر”
    “اڙي پٽ هي ڪڪر ڏسي ڪهڙي نڀاڳي کي اندر ويهڻ ايندو”
    شام جو شهمير کي بخار به تيز ٿي ويو، سارنگ دوائون به پياريون، پر بخار نه پئي لٿو، طبيعت ۾ ڪمزوري وڌيڪ پئي محسوس ڪيائين، شام جو گورين جو ٻيو وزن کارايائين، نه ڪٿان ڪا گاڏي ٿي آئي، جو شهر وڃجي.
    هاڻ اوڀر کان کنوڻ به مٿي چڙهڻ شروع ڪيو، شهمير سارنگ کي چيو “ابا ريڊيو کول جهوني کي ٻُڌان” پروگرام ٻُڌندو رهيو، پر طبيعت ساٿ نه پئي ڏنو، رات جو طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي، ان ڪري ساهه ۾ به تڪليف وڌي وئي، سارنگ ڪوشش پئي ڪئي ته دوائن جي سهاري ڪا فرسٽ ايڊ ڏجي، برسات هاڻ وسڻ جا ويس ڪري رهي هئي، کنوڻ ۽ گج گوڙ مٿي ٿي رهي هئي، هلڪيون هلڪيون ڦڙيون ڪري رهيون هيون، ريڊيو وارن به استاد جمن جو گيت لڳايو “درد مندي جو ديس وسي پيو، بوند برهه جي بهار لڳي” شهمير جي عضون هاڻي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، سارنگ چيس “بابا او بابا...” شهمير جو آواز ڪونه پئي نڪتو، اکيون کولي هڪ نظر اُنهن سڀني تي وڌائين، سڀني جون اکيون آليون هيون، وري اکيون بند ڪندي ڪنڌ لاڙيائين ته سارنگ سڏ ڪيو “بابا.... او بابا.... هي ڏس تنهنجي پسند جو گانو هلي رهيو آهي، هو ڏس تنهنجو ديس وسي پيو..... بابا....او بـ.... بابا”
    استاد جمن جو آواز ٻاهر وسندڙ مينهن ڪڻين جي سرگم، هن جي سڏڪن ۽ گهر ڀاتين جي روڄ راڙي ۾ گم ٿي ويو....!


    ڇڪڙو

    جڏهن هن گاڏي جي پوئين ٽائرن جي هوا گهٽ پئي ڪئي تڏهن سج جي رهيل روشنيءِ جي ڪرڻن جا نشان ختم ٿي چڪا هئا ۽ اماس رات جي ڪاري چادر سڄي وايو منڊل تي ڦهلجي وئي هئي، جنهن ڪري وسيع ۽ وشال ڀٽن واري ماحول ۾ وحشت وڌيڪ واسو ڪري وئي هئي، چوڏس هلندڙ تيز هوائن جي آواز سان گڏ جيتن جا آواز رات جي وايو منڊل کي منڊي رهيا هئا، اُڏامندڙ واري جا ذرا ۽ گهيرٽيون کائي ايندڙ هوا اهو احساس ڏياري رهي هئي ته گاڏي ڀٽ جي اڌ ۾ بيٺل آهي، نه ته ڪٿان به ڪنهن شئي جو صحيح سڃاڻڻ مشڪل هو، ڪنهن ڪنهن مهل چرڙاٽ ڪري وڻ مان اُڏاميل چٻري جو آواز رات جي سيني ۾ ڀالي جيئن کپجي ٿي ويو، هن هٿوراڙيون هڻي ٽائر جو وائل هٿ ڪري هواءِ ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ ڪنهن مهل ڳلن تي هٿ پئي گهمايا، جتي تازو ڊرائيور استاد سلامت عرف بابو ٽي چار چنبا واهي ڪڍيا هئس، هن جي ڪلينڊري واري دور ۾ هيءِ پهريون دفعو هيو، نه ته هن پنهنجي ڪلينڊري جا پنج سال بادشاهي وارا گذاريا هئا، هن کي اڄ انهي ڳالهه جو پڪو يقين ٿي ويو هو، جڏهن ڳوٺ جي جهوني ڊرائيور اوستي يوسف چيو هو “پٽ هن ڪاري کاتي ۾ نه وڃ، هي دنيا صرف گار ۽ مار جي آهي”
    هن ٽائر مان هوا ڪڍي، ٽائر ۾ رهيل هوا کي چيڪ ڪرڻ لاءِ گيج وال ۾ هڻي ماچيس جي تيلي ٻاري ٿورو زور ڏئي ڏٺائين ايئرپريشر جو نشان ستيتاليهه تي بيٺل هو، وري پوئين ٽائر ۾ هوا ڪڍڻ لاءِ ڪاٺي وال ۾ هڻي هوا نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، استاد بابو ڊرائيونگ سيٽ تي نئين ڪلينڊر فيصل سان ڳالهائي رهيو هو، کلندي ٻاهر ڪنڌ ڪڍي هن سان مخاطب ٿيو “اڙي ڇورا نيازو هوا ستيتاليهه پائونڊ رکجانءِ”
    استاد وري نئين ڪلينڊر سان ڪچهري ۾ لڳي ويو، هي هوا نڪرڻ جو انتظار ڪندي خيالن ۾ گم ٿي ويو، ياد ماضي هن کي گذريل وقت ڏانهن گهلي رهي هئي.
    جڏهن اڄ کان پنج سال پهرين اسڪول ۾ ماستر هن کي ڪاپي مڪمل نه هجڻ تي مار ڏني ۽ هي اسڪول مان ڀڄي استاد بابو جي گاڏي ۾ چڙهي ويو هو، ڇڪڙو جڏهن ڀٽن جا فاصلا طئه ڪندو اڳتي وڌڻ لڳو ته ڪنڊيڪٽر به ڪرايو وٺڻ شروع ڪيو هن کي به چيائين “هل ابا ڀاڙو ڇڏاءُ”
    هن ڪجهه به نه ڳالهايو
    “هل ڇوڪرا توکي آهيان ڀاڙو” ڪنڊيڪٽر ساڄي هٿ جي آڱر آڱوٺي تي ڦيرائيندي چيو
    هن جو ڪنڌ هيٺ
    “ڪنهن سان گڏ آهين” ڪنڊيڪٽر تلخ ٿيندي چيو
    هن ڪنڌ ناڪار ۾ لوڏيو
    “ويندين ڪٿي؟” ڪنڊيڪٽر سوال جو هٿوڙو وهائي ڪڍيو
    هن جون خاموش نظرون هيٺ
    “الائي ڪهڙي مصيبت آهي، استاد گاڏي روڪ” ڪنڊيڪٽر ڇڪڙي جي ڇت واري پٽي کي ڌڪ هنيو، استاد بابو گاڏي بيهاري ڇڏي.
    “هل لهو هيٺ، هينئر واپس وڃ، اڃان شهر ايترو پري ڪونهي، صرف ٻه ڀٽون آهن، نه ته اڳتي رُلي ويندين” ڪنڊيڪٽر ٻانهي ۾ ڇڪي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هي ڇڪڙي جي پٽين ۾ ڏاڍا هٿ وجهي ويٺو رهيو.
    “اڙي ڇورا نڀاڳا، لهو، هيٺ اڳيان مصيبت ڪندين” ڪنڊيڪٽر هن کي وارن ۾ جهلي لوڏيندي چيو
    پر هي اهڙو ڪڇي جهڙو ديوار، سڀئي مسافر هنن ڏانهن متوجه ٿي ويا ته آخر معاملو ڇا آهي، ڇت تي ويٺل مسافرن پوئتي مڙي عجيب سوال ڪرڻ شروع ڪيا، ڀاڙو ڪونهي، آهي ڪنهن سان گڏ؟، ويندو ڪٿي، آهي ڪير؟
    ڪنڊيڪٽر ڪنهن جي به سوال جو جواب نه ڏنو، بلڪه ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چڪو هو، انهي ڪري ماڻهو وري پنهنجي ڳالهين ۾ لڳي ويا، پر انهن جي ڪشمڪش هلي رهي هئي، استاد بابو سمجهيو مسافر هئا لهي ويا، سو هلڻ لاءِ هارن وڄايائين ته ڪنڊيڪٽر رڙ ڪندي چيو “روڪي روڪي”
    “اڙي ڇورا لهو پڻهين جي گاڏي اٿئي ڇا؟ اسان جو ٽائيم ٿو وڃائين” هن کي ٻانهن مان ڇڪيندي لاهڻ جي ڪوشش ڪيائين پر هن ٻئي هٿ ڇڪڙي جي اينگلار وارين پٽين ۾ وجهي ڇڏيا.
    “اڙي ڇڏي ڏي يار ويٺو هجي، ڀاڙو ڪونه هوندو” ڪنهن مسافر چيو
    “ڇڏي ڪيئن ڏيان؟ مفت ۾ هلندو ڇا؟” ڪنڊيڪٽر تيز ٿيو
    “اڙي رمضان ڇا آهي؟” استاد بابو هيٺيان رڙ ڪئي
    “استاد ڇورو الائي ڪير آهي، نه ڀاڙو ٿو ڏي، نڪو لهي ٿو”
    “آهي ڪير؟” استاد بابو سيٽ مان ڪنڌ ڪڍي مٿي نهاريندي چيو
    “ڳالهائي به ڪونه ٿو” ڪنڊيڪٽر جواب ڏنو
    “استاد اينگلار جي پٽي ۾ ڏاڍو هٿ وجهي ويٺو آهي” هڪڙي مسافر چيو
    “اڙي روئي پيو” ٻئي مسافر چيو

    استاد سلامت پنهنجي زندگي هن ڪاري ڌنڌي کي ڏني هئائين، الائي ڪيترا سيارا اونهارا انهي گاڏين جي اسٽرينگ تي گذاريا هئائين، ٿر جي وسيع ڀٽن ۾ هلندڙ پهرين ٻن گاڏين تي ڪلينڊري کان شروعات ڪندڙ استاد سلامت هينئر مارڪيٽ جو مشهور ڊرائيور هو، ڳالهه کي سمجهي ويو، ڊرائيونگ سيٽ ڇڏي مٿي چڙهي آيو، هن تي نظر پوندي اکين ۾ چمڪ اچي وئي “اهڙو خوبصور” پنهنجي من ۾ چيائين ڏاڍي نرمائي سان پڇيائين
    “گهر وارا وڙهيا آهن؟” هن ڪو به جواب نه ڏنو
    “اسڪول ۾ استاد مارن ٿا” هن مٿي نهاريو ڪو به جواب نه ڏنائين
    استاد بابو سمجهي ويو ڏکڻي نبض تي هٿ اچي ويو آهي
    “هل تون هيٺ مون سان گڏ ويهه” هن ٻانهن ۾ جهلي مٿي اٿاريائين، رستي ۾ نالو، ذات، ڳوٺ سڀ تفصيل معلوم ڪري ورتائين، بلڪه گڏ رهڻ لاءِ به راضي ڪري ورتائين، ٻئي ڏينهن جڏهن ڇڪڙو واپس اچي شهر ۾ پهتو تڏهن استاد سلامت هن کي هٿ ۾ هٿ ڏئي گاڏين جا گيريج ۽ مارڪيٽ گهمڻ لڳو “هلي ڏيکار سهڻا” ڊرائيور محب جي آواز تي هن مُڙي ڏٺو ته محب ٽئي نمبر تي سگريٽ ڇڪيندي مرڪي رهيو هو.
    “استاد سلامت جو خير، هلي آءُ ڪو چڪو چانهه پيءُ وڃ” محب صلاح ڪئي
    “نه يار، ٿورو ڪم آهي” سلامت جان ڇڏائڻ جي ڪئي
    “خبر آهي، خبر آهي، تنهنجي گاڏي فل لوڊ آهي” پر اسين به بنفر ڀرائي پيا اچون” محب رومال ۾ ويڙهي هنئي هي جواب ڏئي انهي کان اڳ محب چيو “ها سائين نئين گاڏي، اصل زيرو ميٽر، انهي ڪري تنهنجي چاندي آهي” هوٽل واري غلامو کي هڪل ڪيائين “ اڙي ڇوڪرا ٻه دودهه پتي کڻي آءُ، آءُ استاد هلي آءُ، ڪنهن جي صدقي تي اسين به چڪو پيئون” سلامت ٻي واهه نه ڏسي واپس وريو، هٿ ڏئي، کٽ تي ويٺو “استاد وڏو گرناري آهي، الائي ڪٿان ٿو مارون ڪرين، هي همراهه ڪير آهي؟” محب هن ڏانهن اشارو ڪيو
    “همراهه پنهنجو آهي” استاد سلامت ڍڪ ڪندي چيو
    “بس يار وڏا اسان وارين گاڏين جا ته چيچز ئي ڍرا ٿي ويا آهن، ٽيوننگ ڪرائي ڪرائي ٿڪا آهيون، ڪٿان ڪو سودو ملي ئي ڪونه ٿو”
    “ماءُ جا..... مڙين ڪونه ٿو” سلامت گار ڏيندي چيو
    “بس بي غيرت قسمت جي گهوڙي تي چڙهيل آهي، نه ته اسان وانگر ڇڪڙا ڪاهي ڪاهي مري وڃين ها، اسين ته مڙئي موبل آئل پيا بدلايون، تون ته بريڪ آئل ئي ڪونه ٿو مٽائين ته مولا ٻي گاڏي ڏيو ڇڏي” سلامت اٿڻ ۾ خيريت سمجهندي چانهه پيءُ اٿڻ جي ڪيائين.
    “ابا ڪڏهن اسان جي چانهڙي پيو وڃجئين، اسين پنهنجا آهيون” محب هٿ ٻڌيندي چيو.
    “ها ها تون هينئون ٿڌو رک” سلامت چيو.
    “ها استاد دعاگو آهيون، بس تون هل پوزٽ ڀري رکي پويان اسين به بنفر ڀرايو پيا اچون”
    “استاد محب انهي جو ته مڊ ڪاڊ ئي صحيح ڪونهي” هوٽل واري غلامو چيو.
    “بس اسان وٽ ته اهڙيون به ڪانهي” محب ٿڌو ساهه ڀريندي چيو
    “لاهي وڃ گاڏي ڪچي ۾” غلامو چيو ته استاد سلامت پنج ئي آڱريون کولي غلامون ڏانهن ڪيون
    ڪجهه ڏينهن بعد مائٽن ڳوليندي هن کي هٿ ڪيو ته هي مائٽن سان گڏ وڃڻ لاءِ جواب ڏئي ويٺو، استاد بابو سلامت بابو مائٽن کي مطمئن ڪندي چيو ته “جيڪڏهن هتان وٺي ويندا ته هي ڪنهن ٻي پاسي ڀڄي ويندو، بهتر آهي، هتي رهڻ ڏيو، آئون پنهنجي گهر ۾ رهائيندس، ڀلي امتحانن وقت وٺي امتحان ڏيارجو، باقي هي رهندو ڪٿي به ڪونه”
    نيٺ مائٽ هن کي زوري وٺي ويا، پر هي ڦيٿي جي ڦيري جي نشي ۾ نڪري نه سگهيو، گاڏي تي گهمڻ ڦرڻ هن کي اهڙو ته ڪري ڇڏيو جو هي ڪجهه ڏينهن اندر ڀڄي واپس گاڏي تي آيو ۽ استاد سلامت سان بي کٽڪو رهڻ لڳو، اسڪول جو امتحان به هن جهڙو تهڙو ڏنو، هاڻي گاڏي جو شوق ۽ سحر هن جي انگ انگ ۾ ويهي رهيو هو، هن گاڏين جي ڊرائيورن يا هن کاتي جي باري ۾ اڳي ته صرف ٻڌو هو پر هاڻي هي سڀ اوباش جملا ۽ حرڪتون ڏسي رهيو هو، ڪئي ڀيرا هنن جو ڇڪڙو ۽ مختلف رستن جا ڇڪڙا هڪ هنڌ رات جو اسٽاپ ڪيائون پوءِ آڌي رات هوٽلن جي ڍرين کٽن تي سوڙون هيٺ مٿي ٿيندي، ٿڌا ساهه ۽ دٻيل رڙيون به ٻڌيون هيون پر هن کي استاد سلامت ۾ اڃان اهڙي ڳالهه ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي، اڪثر رات جو استاد سلامت ڪلينڊر کي زور ڏيڻ جو چوندو هو ۽ پوءِ ڪلينڊر به گڏ سمهي رهندو هو يا سمهاريو ويندو هو، جنهن جو سبب کٽون نه هجڻ ٻڌايو ويندو هو
    ڪجهه ڏينهن تي استاد سلامت انهي ڪلينڊر کي معمولي ڳالهه تي موچڙا هڻي روانو ڪيو، انهي ڏينهن رستي ۾ مسافري دوران استاد جي ٽپال به هن ڪئي، رات جو آخري اسٽاپ تي وڃي ستا ته استاد هن کي زور ڏيڻ جو چيو، هي زور ڏئي ٻي کٽ تي ستو، پر آڌي رات جو هن کي پنهنجي مٿان وزن محسوس ٿيو، پوءِ هي قيامت جي حالت مان گذريو، پر ڪري ڪجهه نه ٿي سگهيو، صبح جو اٿي سوچيائين گهر هليو وڃان، جنهن لاءِ ٿورو ناراض به ٿيو، پر استاد سلامت اٿندي ئي سرچائڻ جي ڪوشش ڪيائين
    “رات مونکي الائي ڇا ٿي ويو، آئينده ائين ڪونه ٿيندو، آئون پاڻ شرمندو آهيان”
    هي زهر جو ڍُڪ ڀري ماٺ ٿي ويو، هن جا ڪيل سڀ فيصلا گاڏي جي شوق

    اڳيان برف وانگي پگهرجي ويا، پوءِ هر رات اهو ويل ائين ٿيڻ لڳو ۽ هي ڪجهه به ڪري نه سگهيو، ائين هن پنج سال گذاري ڇڏيا، عمر وڌڻ سان گڏ هاڻي استاد جي رويي ۾ به گهڻي تبديلي اچي وئي هئي، پر هي هاڻي ٻئي پاسي جون سڀ ٻيڙون ساڙي چڪو هو
    پوئين هفتي کان استاد سلامت سان گڏ نئون ڪلينڊ هو، هن سمجهيو پئي ته استاد نئون شڪار ڦاسايو آهي، يا اچي ڦاٿو آهي، ڪيترا ڀيرا دل ۾ خيال آيو ته هن کي سڄي حقيقت ٻڌائي معصوم جي حياتي بچائيندو پر پهرين ڏينهن استاد انهي حوالي سان ڳالهه ڪرڻ تي اُگرا نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي هئي نه ئي نئين ڪلينڊر کي ايتري مهلت ٿي ڏنائين، جو هن سان وڌيڪ ڪچهري ڪري، اڄ جڏهن گاڏي هن ڀٽ تي پهتي ته رات پئجي چڪي هئي، گاڏي ڀٽ تي نه چڙهڻ ڪري ٽائرن مان هوا ڪڍڻ لاءِ چيائين ۽ گڏو گڏ ٽارچ گهريائين هن کان ٽارچ جا سيل وٺڻ وسري ويا ، جنهن تي ٽي چار چنبا وهائي ڪڍيائين، هي پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪندي لڙڪ روڪي نه سگهيو هو
    “اڙي ڇورا، ڪيتري هوا نڪري وئي” استاد سلامت جي هڪل تي هي ماضي جي سمنڊ مان لڙهندو حال جي حقيقت ۾ آيو، تيلي ٻاري هوا چيڪ ڪيائين، ٻين ٽائرن جي هوا چيڪ ڪري هلڻ لاءِ ڊبل جو اشارو ڏنائين، استاد فور ويل لڳائي ايڪسيليٽر ڏنو ته گاڏي جهٽڪو کائي ڀٽ چڙهڻ لڳي، هي به گاڏي سان گڏ هلڻ لڳو،، استاد سيٽ مان ڪنڌ ٻاهر ڪڍي رڙ ڪندي چيو
    “هل هل اڳتي هل رستو صحيح ڪر”
    هي ڊوڙي گاڏي کان اڳتي نڪري ويو، وڃي چيلهي ۾ پيرن سان واري لتاڙڻ لڳو، ڇڪڙو آهستي آهستي مٿي چڙهڻ لڳو، جيئن ڀٽي چڙهي لاهي ۾ لٿو ته هي ٽپ ڏئي ڍالي ۾ چڙهي ويو، لوڊ سان سٿيل گاڏي تي ويهي هوا کائڻ لاءِ ٻانهون مٿي ڪيائين ڪنڌ مٿي ڪري تازي هوا کائڻ لڳو، پگهريل جسم ۾ هوا ڪتڪتايون ڪندي لنگهي وئي، ڳلن تي اڃان سُور محسوس ڪيائين، وري هٿ گهمائي سوچيائين شايد هاڻي هن گاڏي تي منهنجو رهڻ نه ٿئي، اڳي ته استاد چرس واري سگريٽ ۾ به ڪش هڻائيندو هو ۽ ٺري جي چُڪي ۾ به ڪمپني لاءِ چوندو هو، پر هاڻي ته هفتي کان سگريٽ به نه پيتو هئائين، هوا ڪڍندي جڏهن استاد سگريٽ تيار ڪيو تڏهن سوچيائين استاد کي ٻاڏائي ته وزم مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سوٽو ته هڻائي، انهي سگريٽ جي اڃان خوشبو پئي آئي، ته مٿي ۾ سور محسوس ڪيائين، سوچيائين اڳيان اسٽاپ تي گوري وٺندس، ٿوري دير ۾ گاڏي اسٽاپ تي پهتي ته شهر ڏانهن ويندڙ ٻي رستي واري گاڏي بيٺي هئي، استاد سلامت ڊرائيور سان ڪچهري ڪئي، هي گاڏي جو ڪم ڪار لاهڻ لڳو، جڏهن ڊرائيور شهر وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ته استاد سلامت هن کي سڏ ڪيو
    “اڙي ڇورا، تون حرام خور ٿي ويو آهين، استاد سان گڏ چڙهي وڃ، شهر ۾ لاهي ڇڏيندو”
    هن سُٽ سان هٿ اُگهيندي گاڏي ڏانهن وڌيو
    “استاد هن کي ڇڏيو ڇو ٿا؟”
    نئين ڪلينڊر استاد سلامت کان پڇيو
    “هي هاڻي ڇڪڙو ٿيو ويو آهي” ٻئي ڊرائيور کلڻ لڳا، نئون ڪلينڊر وائڙو ٿي هنن جي منهن ۾ نهارڻ لڳو، هي بکايل پيٽ سان ڀڻڪيو
    “منهنجي عمر جو ٿيندين ته پاڻهي ڇڪري جي معنيٰ سمجهي ويندي”
    آخري نظر گاڏي تي وڌائين جنهن تي پنج سال گهاريا هئائين، جيڪا هن جي نظر کان ڏور ٿيندي ٿي وئي ۽ شهر ويندڙ گاڏي اونداهي جي سيني ۾ ڌوڪيندي ٿي وئي، جنهن ۾ هي بي جان پيو هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 742
    ڪتابن جو مشاهدو: 1153948
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 368741
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ