ڪتاب جو نالو: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون
مصنف: ڪرشن چندر
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 21 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 2432 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 21 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ:
هن ڪتاب جي سهيڙ زيب سنڌيءَ ڪئي آهي.
ڪرشن چندر جي اک منظر کي ائين جهٽي وٺندي هئي، جيئن ڪئمرا جو فوڪس - ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ بيٺل منظر کي هو ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ ۾ به ڪمال درجي جي مهارت رکندو هو - ۽ سندس مهارت سبب، لفظن سان ڪاغذ تي پينٽ ڪيل اهي منظر پڙهندڙ جي دل تي نقش ٿي وڃن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪرشن چندر – سڀني جو ليکڪ : زيب سنڌي
  • ڪرشن منهنجو ڀاءُ....
  • 1. گلدستو
  • 2. بيمار پيءُ
  • 3. برهمڻ
  • 4. راڻي جي آمد
  • 5. گونگا ديوتا
  • 6. هن جي خوشي
  • 7. خالي قبر
  • 8. ايراني پلاءُ
  • 9. عقل جون ڳٺڙيون
  • 10. گيت ۽ آئون
  • 11. ڪارو سج
  • 12. منهنجي شهر جي قلوپطرا
  • 13. پٿر دل
  • 14. آخري بس
  • 15. نئون ڪشمير
  • 16. جوڳياڻي
  • 17. عورت ۽ زال
  • 18. گل جي اڪيلائي
  • 19. ٽيڪسي ڊرائيور
  • 20. موهن جي دڙي جو خزانو
  • 21. جتي هوا نه هئي
  • 22. تنهنجي نالي ۾...
  • 23. پينگهو
  • 24. 100 روپيا
  • 25. مان انتظارڪندس!
  • 26. مون کي روشني گهرجي
  • 27. مُرڪڻ واريون
  • 28. اجنبي اکيون
  • 29. ٽٽل تارا
  • 30. ماسي ايسري
  • 31. مان باغي آهيان
  • 32. ڏهين جو نوٽ
  • 33. دريون
  • 34. جولي
  • 35. چيني پکو
  • 36. شمع
  • 37. زندگي ڏي موٽ
  • 38. هڪ شاعر هڪ اديب
  • 39. ليڊر جي ڪرسي
  • 40. ڌنڌ
  • 41. کنگهه
  • 42. بيوقوف

  • ڪرشن چندر – سڀني جو ليکڪ : زيب سنڌي

    ڪرشن چندر ظاهري طور تي سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ هڪ پرڏيهي ليکڪ آهي، پر ذهني طور تي سنڌ جي پڙهندڙ کي هو ڪڏهن به اوپرو ناهي لڳو. خليل جبران جيان ڪرشن چندر به اهو پرڏيهي ليکڪ آهي، جنهن سنڌ جي پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي آهي. فقط سنڌ ۾ ڇا، پر مان سمجهان ٿو، ڪرشن چندر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾، ڪنهن به ٻوليءَ ۾، جتي به ڇپيو آهي، اتي هن پڙهندڙن کي پڪ سان ائين ئي متاثر ڪيو هوندو، جيئن اسان هن کي پنهنجو پنهنجو سمجهڻ لڳا آهيون؛ ۽ اهڙي حيثيت ، دنيا جا گهٽ ليکڪ ماڻي سگهندا آهن. نه فقط ڪرشن جو انداز، پر سندس موضوع به اهڙا آهن، جيڪي نه فقط هندستان ۾ اهميت رکن ٿا، پر باقي دنيا سان گڏ، خاص طور تي ٽين دنيا جي هر فرد کي انهن ۾ پنهنجا عڪس نظر اچن ٿا. سندس انيڪ ڪهاڻيون پڙهندي ڪڏهن به اهو خيال ناهي آيو ته ڪو اُهي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ نه، پر ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن؛ ۽ اهي ڪهاڻيون، جيڪي هن سنڌي ڪردارن تي لکيون آهن، انهن کي پڙهندي ته ويتر اهو تصور به نه ٿو اچي ته ڪو اهي سنڌي ڪهاڻيون ناهن – اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا محرڪ آهن، جن جي ڪري ڪرشن چندر نه فقط سنڌ جي عام پڙهندڙ کي موهيو آهي، پر هن سنڌ جي ليکڪن کي به متاثر ڪيو آهي. نه فقط اهو، پر هن سنڌ جي نظرياتي – سياسي ورڪرن جي ذهني اوسر ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
    اڄوڪي سنڌ کي پنهنجو لڳندڙ هيءُ ليکڪ، 23 نومبر 1913ع تي، ڀرت پور (راجستان) هندوستان ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد ميڊيڪل آفيسر هو. سندس پيءُ جو نالو گوري شنڪر هو، جيڪو اصل وزير آباد (هاڻوڪي پاڪستان جي پنجاب صوبي) جو رهاڪو هو. سندس ماءُ جو نالو پرميشوري ديوي هو. ڪرشن کي ٽي ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي، ۽ هو انهن سڀني ۾ وڏو هو. سندس ڀاءُ مهيندر ناٿ ۽ ڀيڻ سرلا ديوي پڻ مڃيل ڪهاڻيڪار هئا. هن پنهنجي پيءُ ماءُ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ”بابا جو رنگ ڀورو، امڙ جو ڪڻڪائون ۽ بابا جي ويڪري پيشاني، ۽ امڙ جون مامتا ڀريل وڏيون وڏيون اکيون اڄ به ياد اٿم.“
    هو ننڍپڻ کان 1929ع تائين پونڇ ۾ رهيو، ۽ شروعاتي تعليم به اتي ئي حاصل ڪيائين - ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هو 1929ع ۾ لاهور آيو، جتي 1933ع ۾ بي- اي ۽ 1935ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم- اي ڪيائين؛ ۽ پوءِ ماءُجي خواهش تي ايل – ايل- بي به ڪيائين، پر وڪالت ڏانهن سندس لاڙو ڪڏهن به نه ٿيو.
    ڪرشن چندر جي پهرين زال جو نالو وديا وتي هو، اها شادي لاهور ۾ ٿي هئي. ڪرشن چواڻي، ودياوتيءَ سان شاديءَ وارو سال 1933ع يا 34ع هو. جڏهن ته وديا جي چوڻ موجب سندن شادي 1939ع يا 1940ع ۾ ٿي هئي. چيو وڇي ٿو ته ودياوتي ڏاڍي تنگ نظر ۽ چيڙاڪ عورت هئي، ۽ ڪرشن سان سندس ڪابه ذهني هم آهنگي نه هئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪرشن ذهني سڪون لاءِ گهر کان ٻاهر ئي واجهائيندو رهندو هو. هن ڪيترائي عشق به ڪيا، پر آخرڪار سلميٰ صديقي سان شادي ڪيائين.
    سلميٰ صديقيءَ سان شاديءَ وقت مذهبي مسئلو سندس سامهون آيو. جيتوڻيڪ هو خانداني حوالي سان هندو هو، پر نظرياتي طور تي اشتراڪي هو، ۽ هن انهيءَ ئي فلسفي کي پنهنجي فن ۾ به سموهيو هو، ته اهوئي جذبو سندس زندگيءَ تي ڇانيل به رهيو؛ پر مذهب کان انڪار جي باوجود هو مذهبي سوچ کان پنهنجو تعلق ٽوڙي نه سگهيو. جڏهن سندس ڪو ويجهو دوست يا مائٽ سخت بيمار ٿي پوندو هو ۽ موت اچي مٿان بيهندو هو، تڏهن سندس هٿ دعائن جي صورت اختيار ڪري وٺندا هئا، ۽ هو خدا کي ٻاڏائڻ لڳندو هو. جڏهن سلميٰ صديقي جي ماءُ ضد ٻڌي بيٺي ته سندن شادي اسلامي طريقي مطابق ٿيندي، تڏهن ڪرشن نالي ماتر انڪار ڪرڻ کان پوءِ راضي ٿي ويو. سندس نالو ”الله رکيو“ رکيو ويو، پر کيس اهو نالو نه وڻيو ۽ پوءِ سندس نالو بدلائي وقار الملڪ رکيو ويو؛ پر هو وري به ڪرشن چندر ئي رهيو – ڇو ته هو نالن جي هير ڦير ۾ نه، پر انسانيت جي اعليٰ آدرشن ۾ يقين رکندڙ ذهن جو مالڪ هو. انهيءَ سلسلي ۾ سلميٰ صديقيءَ جو چوڻ آهي ته ”هو انسانيت تي ئي يقين رکندو هو، ڪنهن ازم يا مذهبي روايتن جو پابند نه هو – پر هن، مون کي ڪنهن به قيمت تي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو.“
    سلميٰ صديقي سان سندس شادي 7 جولاءِ 1961ع تي نيني تال ۾، اسلامي رسمن مطابق ٿي. ڪرشن چندر کي پهرين زال وديا وتيءَ مان ٽي ٻار ٿيا، هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئر – وديا وتيءَ سان سمورا لڳ لاڳاپا ختم ڪرڻ کان پوءِ به هو کيس گهر جو خرچ پکو ڪشادو ڏيندو هو، ۽ اهو سلسلو ڪرشن جي موت تائين جاري رهيو. ساڳئي وقت ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن به هو خاص ڌيان ڏيندو رهيو. نه فقط اهو، پر هن پنهنجي وصيت ۾ سلميٰ لاءِ ٽيون حصو رکيو ۽ باقي ٻه حصا ۽ پنهنجي ڪتابن جي رائلٽي ودياوتيءَ جي نالي ڪيائين. جيئن کيس ڪا به تڪليف نه ٿئي. سلميٰ صديقيءَ مان کيس ڪوبه اولاد نه ٿيو، پر هن سلميٰ جي اڳ ڄائي پٽ کي به هڪ مثالي پيءُ جيان بيحد محبت ۽ شفقت سان پاليو.
    ڪرشن بنيادي طور تي نهايت ٿڌيءَ طبيعت جو مالڪ هو، هو صاف سٿرا ۽ نفيس ڪپڙا پائيندو هو ۽ سٺو کاڌو کائيندو هو.
    هن لکڻ جي شروعات لاهور ۾ ئي 1935ع کان ڪئي، ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو به لاهور ۾ ئي 1939ع ۾ ”طلسم خيال“ جي نالي سان ڇپيو. 1935ع ۾ ئي سندس پهريون ڊرامو ”حجامت“ پڻ پڇيو هو. 1938ع ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي پهرين ڪانفرنس ڪلڪتي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ڪرپشن چندر پنهنجي صوبي (پنجاب) جي نمائندگي ڪئي هئي. کيس انهيءَ تنظيم جو پنجاب لاءِ سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو، ۽ جڏهن هو دهليءَ ۽ بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو هو، تڏهن اتي به کيس انهيءَ تنظيم جو سيڪريٽري چونڊيو ويو هو.
    سرڪاري نوڪريءَ ۾ ريڊيو تي هو نومبر 1939ع ۾ پروگرام اسسٽنٽ جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هو، پر هو ڪمُ ڊرامي جي پروڊيوسر طور ڪندو رهيو. انهيءَ زماني ۾ مشهور ليکڪ سعادت حسن منٽوءَ، پروڊيوسر ڪرشن چندر لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا هئا. 41-1940ع ۾ ڪرشن پاڻ به ريڊيو لاءِ ڪجهه ڊراما لکيا.
    جيتوڻيڪ سرڪاري نوڪري سندس طبيعت جي خلاف هئي، پر سندس ڪم اهڙو هو، جنهن جو واسطو سڌو سنئون ادب ۽ فن جي متحرڪ دنيا سان هو، تنهن ڪري نوڪريءَ واري زماني ۾ به سندس اندر جو ليکڪ سگهارو ئي ٿيندو رهيو، پر سرڪاري نوڪري سندس ذهن کي ڏانوَڻ وجهي نه سگهي.
    پنهنجي باغي طبيعت سبب هو ڪڏهن سرڪاري نوڪريءَ کي ذهني طور تي قبول ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري نوڪريءَ سان نڀاءُ به ڪري نه سگهيو. ريڊيو جي نوڪريءَ ۾ هو لاهور، دهلي ۽ لکنو جي اسٽيشنس تي رهيو. اها نوڪري هن فقط ٽي سال ڪئي ۽ مناسب موقعو ملڻ شرط استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين؛ پر هن بهرحال جيترو به عرصو نوڪري ڪئي، ايمانداريءَ، محنت ۽ سچائيءَ سان ڪئي.
    نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ ڪرشن چندر شاليمار پڪچرز پونا سان لاڳاپجي ويو. هو ممبئيءَ جي فلمي دنيا سان به وابسته رهيو. پنهنجي هڪ ڊرامي ”سراءِ سي باهر“ تي ساڳئي نالي سان فلم ٺاهيائين. هڪ ٻي فلم به ٺاهيائين، پر ڪاروباري لحاظ کان اهي ٻئي فلمون ناڪام ثابت ٿيون.
    پرفارمنگ آرٽ سان ننڍپڻ کان ئي دلچسپي هيس. اسڪول واري زماني ۾ ئي هن ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ به حصو ورتو هو. اهوئي سبب آهي، جو پنهجي ٻنهي ذاتي فلمن جي ناڪاميءَ کان پوءِ به هو فلمي دنيا سان هڪ وڏي عرصي تائين لاڳاپيل رهيو، ممبئيءَ وڃڻ جو خيال ته دل مان ڪڍي ڇڏيائين، پر ٻين فلمن لاءِ هو مڪالما، منظر ناما توڙي ڪهاڻيون پڻ لکندو رهيو؛ پر حقيقت ۾ انهيءَ سان هو پاڻ کي مطمئن ڪري نه سگهيو. انهيءَ جو سبب اهو هو ته هو جنهن ذهني سطح جو ماڻهو هو، فلمن جو معيار انهيءَ سطح تي پهچي نه سگهيو؛ تنهن ڪري اڳتي هلي، هن فقط ڪهاڻي ۽ ناول تي ئي ڌيان ڏنو ۽ اهوئي سندس آخري دور تائين گذر سفر جو وسيلو به رهيو.
    هن جو قلم ايترو ته سگهارو هو، جو هن نه فقط پنهنجي قلم کي روزگار جو وسيلو بڻايو، پر هن ايترو ڪجهه ڪمايو ۽ سندس زندگي ائين گذري، جنهن لاءِ ٻيا لکندڙ سڌون ڪندا آهن.
    ڪرشن چندر جي مقبوليت فقط هندستان يا پاڪستان تائين محدود ناهي رهي، روس ۽ ۾ جرمني سوڌو هو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقبول رهيو. اڳوڻي سوويت يونين جي ڏهن زبانن ۾ ڪرشن جي ڪهاڻين جا 21 مجموعا ترجما ٿيا، جن جي ڪاپين جو ڳاڻيٽو اٺ لک پنجهٺ هزار آهي. روس ۾، ڪيترن تبصرن کان سواءِ سندس ناول ”باون پتي“ تي تحقيقي مقالو پڻ لکيو ويو.
    ڪرشن جي چوڻ موجب روس ۾ سندس ڪتابن جي رائلٽي ويهه لک روپيا موجود هئي.
    ڪرشن چندر جيتري مقبوليت اردوءَ جي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کي ناهي ملي. پروفيسر خواجا احمد فاروقيءَ لکيو آهي، ”ڪرشن چندر جي ڪتابن جو دنيا جو سٺ زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.“
    ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ مطابق ”سندس ڪتاب انگريزي، روسي، ڊچ، ناروين، فرينچ، اٽالين، جرمن، چيڪ، روماني، پولستاني، هنگرين، سلواڪ ۽ ٻين ڪيترين پرڏيهي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مقبوليت ماڻي چڪا آهن ۽ انهيءَ ڪري سندس نالو عالمي افسانوي ادب ۾ ڳڻجڻ لڳو آهي.“
    دنيا جي انيڪ ٻولين کان سواءِ هندستان جي ته مڙني ٻولين ۾ سندس ڪتاب ترجمو ٿيا ۽ اڪثر ٻولين ۾ کيس انهن ٻولين جي اصل ليکڪن کان به وڌيڪ مقبوليت ملي. هندستان ۾ سندس مقبوليت جو هڪ دلچسپ رخ اهو به هو ته هو وڏن وڏن مشاعرن ۾ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي، مشاعري جو رنگ ڦيرائي وٺندو هو، ۽ سندس موجودگيءَ ۾ مڃيل شاعر به شعر پڙهڻ کان ڪيٻائيندا هئا. ڪرشن چندر جي ڪهاڻي ئي اصل مشاعرو سمجهي ويندي هئي.
    سردار جعفريءَ جهڙي مڃيل نقاد ۽ شاعر، ڪرشن چندر جي انهيءَ خوبيءَ بابت لکيو آهي، ”سچ ته ڪرشن جي نثر تي مون کي ريس ايندي آهي. هو بي ايمان شاعر آهي، جيڪو ڪهاڻيڪار جو روپ اختيار ڪري ايندو آهي ۽ وڏين وڏين محفلن ۽ مشاعرن ۾ اسان سڀني ترقي پسند شاعرن کي شرمسار ڪري هليو ويندو آهي. هو پنهنجي هڪ هڪ جملي تي غزل جي مصرعن وانگر داد حاصل ڪندو آهي، ۽ مان دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو آهيان، ته چڱو ٿيو جو انهيءَ ظالم کي مصرع موزون ڪرڻ جو سليقو نه آيو، نه ته ڪنهن شاعر کي وڌڻ نه ڏئي ها.“
    ڪرشن چندر بنيادي طور تي شاعراڻو ذهن رکندڙ انسان هو. کيس ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هوندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس نثر ۾ شاعراڻي سونهن موجود آهي. هتي انهيءَ واقعي جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته اسڪول واري زماني ۾ ئي سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو هو. هن ڪا شيءِ لکي، ۽ پنهنجي اسڪول جي استاد کي ڏيکاري هئي. جيڪو شاعر به هو. سندس استاد دينا ناٿ شوق نٿي چاهيو، ته هن ئي شهر ۾ ڪو ٻيو شاعر به سڃاتو وڃي،تنهن ڪري رقابت مان سندس تخليق پڙهي، هڪ چماٽ سندس ساڄي ڳل تي هنيائين ۽ ٻي کاٻي تي وهائي ڪڍيائين، ۽ چيائين، ”هي شاعري آ؟ هن جو رديف ڇا هي؟ قافيو ڪٿي آهي؟ بحر ڪهڙو آ، وزن ڪٿي آ؟“
    اهي ڏينهن، اهي شينهن – وري ڪرشن چندر شاعري ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر مزي جي ڳالهه اها به آهي، ته جڏهن 1973ع ۾ هندستان سرڪار پاران ڪرشن چندر بابت ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي پئي وئي، ۽ فلم يونٽ سان گڏ ڪرشن چندر، پونڇ پهتو هو، تڏهن سرڪاري ڪامورن کان سواءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ سندس آجيان ڪئي هئي، ۽ شهرين پاران ڏنل آجياڻي ۾ ڪرشن چندر جي ساڳئي استاد، جنهن کيس شعر لکڻ تان مار ڏني هئي، ڪرشن چندر جي شان ۾ اچي شعر پڙهيو!
    مشاعرن کان سواءِ ڪرشن پنهنجون ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جي خاص ويهڪن ۾ به پڙهي ٻڌائيندو هو. هڪ ڪهاڻي ويهڪ جي باري ۾ اردوءَ جو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، رام لعل لکي ٿو، ”10 نومبر 1973ع جي شام تي ساهتيا اڪيڊمي اتر پرديش پاران لکنو ۾ ڪوٺايل هڪ ڪهاڻي ويهڪ ۾ ڪرشن چندر ڪهاڻي پڙهي، ۽ ايترو داد حاصل ڪيو، جو پوءِ ڪوبه ڪهاڻيڪار ڄمي نه سگهيو، ۽ ٻين ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻين جو فقط خلاصو ٻڌائي جان ڇڏائي!“
    نئين ٽهيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سندس اسٽائيل ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سدائين کين اهو ئي چوندو هو ته، ”ڪرشن چندر بڻجڻ کان پاسو ڪيو، مون جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو، اهي ٿيو، جيڪي توهان آهيو – جيڪي توهان ٿي سگهو ٿا. ادب ۾ پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ، پنهنجي شخصيت ۽ انفراديت جي ڇاپ پنهنجي فن تي ڇڏڻ هر ليکڪ لاءِ ضرروي آهي.“
    ڪيترن ئي ليڪن سندس فني پيچري تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ هو مڃيندا نه هيا، پر فن جا پارکو سندن تحرير جو رنگ ڏسي ٻڌائيندا هيا ته اهو ڪنهن جو انداز آهي. ڪلام حيدري، انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو: ”ڪيترائي ليکڪ تنهنجيءَ مس ۾ قلم ٻوڙي لکن ٿا، جيتوڻيڪ اهي اعتراف نٿا ڪن – پر ڇا تنهنجيءَ مس جو رنگ ماڻهو نٿا سڃاڻن! تنهنجيءَ مس جو رنگ اردو ڪهاڻيءَ جي سينڌ جو سيندور آهي.“
    ڪيترائي ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر کي پنهنجي ڪتابن تي مهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ چوندا هئا، ۽ هو هر ممڪن حد تائين ڪنهن سان به سڌو انڪار ڪري نه سگهندو هو. اها ڳالهه به حيران ڪندڙ آهي ته چڱا ڀلا ڪهاڻيڪار چاهيندا هئا ته ڪرشن سندن ڪهاڻي پڙهي ۽ ٻه لفظ تعريف جا چئي ڇڏي ته سندن محنت سجائي ٿئي، ۽ سندن لکيو ڪنهن ڪم جو ٿئي. اهڙن ليکڪن ۾ ڪرشن چندر جو يار ۽ مشهور ڪهاڻيڪار، خواجا احمد عباس به هڪ هو. هو لکي ٿو: ”جڏهن به ڪهاڻي لکڻ ويٺس ته ڪوشش اها رهيم ته منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ به ڪرشن جهڙي جهلڪ اچي، سندس نقل ته مون اڄ تائين ناهي ڪيو، پر اهو خيال ضرور رهيو ته ڪرشن اها ڪهاڻي پڙهي ۽ پسند ڪري ته ڪا ڳالهه ٺهي.“
    ”آگ ڪا دريا“ جهڙي شاهڪار ناول جي خالق، اردوءَ جي هڪ وڏي ليکڪا، قرة العين حيدر لکيو آهي ته، ”سندس ڪهاڻيون اسان کي ڪيڏيون من موهيندڙ ۽ انوکيون لڳنديون هيون – هلڪي هلڪي شعريت، حسن، زندگيءَ جو احساس- ڄڻ لکڻ واري هڪ طلسمي آئينو اهڙي زاويي کان رکيو، جو اسان جي ڄاتل سڃاتل دنيا هڪ مختلف رنگ ۾ نظر اچڻ لڳي.“
    ڪرشن چندر جي فن جو سڀ کان اهنم عنصر سندس اسلوب (Style) آهي. سندس ڪا به تحرير هجي، اها سندس اسٽائيل مان سڃاتي وڃي ٿي. اهو اسلوب ايڏي دلڪشي رکي ٿو، جو انهيءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪمزور پهلو به لڪي وڃن ٿا. سندس اسٽائيل کي لفظن ۾ سميٽڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي.
    اسٽائيل جو ذڪر ڪندي ٽيني سن چوي ٿو: ”ڌيان لائق ڳالهه اها ناهي ته اسين ڇا چئي رهيا آهيون، پر اها آهي ته اسين ڪيئن چئي رهيا آهيون.“
    سنڌيءَ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪهاڻيڪار، امر جليل چيو آهي: ”ڇٽيهه ٿيمز کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪا شيءِ ناهي. ناول هجي، افسانو هجي يا ڊرامو، ٿيم ڦري ڦري اهي ئي ايندا. ڳالهه آهي پريزنٽيشن جي، ڪير ڇا ٿو پريزنٽ ڪري، ڪهڙي نموني ٿو ڪري.“
    مٿين راين کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن اسان ڪرشن چندر جي پريزنٽيشن کي ڏسون، ته هو اسان کي حيران ڪري ٿو ڇڏي. هن سوين ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي ناول لکيا، پر اسان کي ورلي ڪٿي يڪسانيت جو احساس ٿيندو – هو هر دفعي اسان کي هڪ نئين دنيا ڏيکاريندو محسوس ٿئي ٿو، ۽ هر دفعي هڪ نئين احساس ۽ نئين جذبي سان آشنا ڪري ٿو. سندس تحرير جي انداز ۾ ڪٿي به لفاظي نٿي ملي – نه فقط اسٽائيل، پر فڪري حوالي سان به ڪرشن چندر تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ڪرشن فقط هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ئي نه، دانشور ۽ مفڪر به آهي. سندس علمي وسعت ۽ فڪر جي گهرائي به حيران ڪندڙ آهي. سندس تحريرن ۾ انسانيت جي اعليٰ آدرشن جو فلسفو چٽو پٽو ملي ٿو، پر هن پنهنجي نظريي جي پرچار ۾ به فن کي هٿان وڃڻ ناهي ڏنو ۽ نظريي ۽ فن جي توازن کي برقرار رکيو آهي. هو اشتراڪي هئڻ جي باوجود تنگ نظر نه هو، پر مذهبي، سياسي، سماجي ۽ ٻي هر قسم جي تنگ نظريءَ کان مٿاهون هو. هو دنيا جي هر مظلوم جو ساٿي هو. هن دنيا ۾ هر هنڌ ٿيندڙ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريو – پوءِ کڻي اها طاقت جي زور تي هجي، نسلي مت ڀيد جي هجي، سامراجيت جي يا مذهبي فرقي پرستيءَ جي بنياد تي.
    ڪرشن چندر پنهنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ به هڪ ڪميٽيڊ ليکڪ هو. هو ڪاليج مان ڀڄي، مشهور انقلابي ڀڳت سنگهه جي جٿي ۾ شامل ٿي ويو هو. کيس گرفتار ڪري، ٻه مهينا لاهور جي لال قلعي واري عقوبت خاني ۾ پڻ واڙيو ويو هو، پر جڏهن حڪومت کي سندس خلاف ڪو به ثبوت ملي نه سگهيو، تڏهن کيس آزاد ڪيو ويو هو.
    ڪرشن چندر جي پنهنجي نظريي سان وابستگي، خشڪ ۽ بي روح نه هئي، پر سندس ڳانڍاپو زندگيءَ جي انهن رشتن سان به هو، جن جو تجربو ناهي ڪري سگهبو ۽ جي ڪنهن نظريي جي پڙ ۾ ناهن ماپندا. سندس لاءِ زندگي فقط سماجي، معاشي ۽ معاشرتي سنگهرن جو ئي نالو نه هئي. انسان جي معصوميت، انساني رشتن جو تقدس، دوستي، خلوص، محبت ۽ قربانيءَ جا مضبوط ٻنڌڻ به سندس جمالياتي احساس جا اهم عنصر آهن. اهوئي سبب آهي جو عورت جو تصور، گهر، خاندان، معاشري ۽ انساني قدرن جي محور جي طور تي هن وٽ احترام لائق آهي. پنهنجي ڪهاڻي ”عورت ۽ زال“ (پريتو) ۾ ڪرشن، عورت جي محبت جي سچي جذبي ۽ سندس انتقام جي باهه، ٻنهي کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جي هيروئن هڪ اهڙي عورت آهي، جنهن پنهنجي مڙس هٿان پنهنجي محبوب کي قتل ٿيندي ڏٺو آهي.
    جنهن زماني ۾ ڪرشن پنهنجي فني سفر جي ابتدا ڪئي هئي. اهو زمانو ننڍي کنڊ ۾ وڏي اٿل پٿل وارو وقت هو، هن پنهنجي اکين سان قتل ٿيندي ۽ رت سان رستن کي ريٽو ٿيندي ڏٺو. اهو ئي سبب آهي جو ورهاڱي جي فسادن سندن دل کي ڌوڏي وڌو، پر انسانيت مان سندس ويساه ختم نه ٿيو، ۽ هو انهن فسادن واري دور ۾، فسادن کي ئي موضوع بڻائي لکندو رهيو. انهيءَ پس منظر ۾ لکيل سندس ڪهاڻيون، لال باغ، هڪ طوائف جو خط، جيڪسن،امرتسر آزاديءَ کان اڳ، امرتسر آزاديءَ کان پوءِ، اسان وحشي آهيون، پشاور ايڪسپريس، جانور ۽ ٻيو موت – اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن کي انساني احساس جي تاريخ جو حصو چئي سگهجي ٿو. هو مشاهدي خاطر، فسادن جو جائزو وٺڻ لاءِ ممبئيءَ جي اهڙن علائقن ۾ به هليو ويندو هو، جتي وڃڻ موت کي نينڍ ڏيڻ برابر هو. ڇو ته سندس خيال هو ته زندگيءَ جي عڪاسي ٻڌ سڌ تي ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهي ننڍا ننڍا واقعا به، جن کي اسين انتهائي غير اهم سمجهندا آهيون، انهن کي به هو پنهنجي فني سگهه وسيلي اهم بڻائي ٿو ڇڏي.
    اسٽائيل ۽ فن سان گڏ ڪرشن چندر جو ٻوليءَ ڏانهن به خاص ڌيان هو. هو لکي ٿو ، ”مشيني دور، اسان جي اجتماعي زندگيءَ کي وسيع ڪري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن انساني ترقي ڪندو ٿو وڃي، سندس شخصي زندگيءَ جو دائرو گهٽ ۽ سندس اجتماعي زندگيءَ جو ڦهلاءُ وڌي رهيو آهي. هاڻي اسين هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو اچي ويا آهيون. انهن حالتن ۾ هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو تجسس قدرتي طور تي وڌي وڃي ٿو، ان ڪري هڪ وڌيڪ آسان زبان ۽ محاوري جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.“
    هو زبردست تخليقي ذهن رکندڙ ليکڪ هو. ڳالهين ئي ڳالهين مان ڪو جملو، روزاني زندگيءَ جو ڪو واقعو يا حادثو يا ڪنهن غير معمولي شخصيت سان ملاقات سبب سندس ذهن ۾ ڪهاڻيءَ جو بنيادي خيال اچي ويندو هو. خواجا احمد عباس لکيو آهي ته: ”ڪرشن چندر جو دماغ هڪ اهڙي آٽوميٽڪ مشين آهي، جنهن جي جڪڙ ۾ اچي، هر تجربو ۽ مشاهدو، سندس هر سک ۽ ڏک، سندس هر دوست ۽ دشمن، ڪهاڻيءَ جي قالب ۾ فٽ ٿي وڃي ٿو.“
    ڪرشن پنهنجي ذهن جي ڪينواس تي اڀرندڙ ڪهاڻين جا پلاٽ هڪ رجسٽر ۾ لکي رکندو هو، ۽ جڏهن ڪنهن پلاٽ تي ڪهاڻي لکي وٺندو هو، ته ان کي رجسٽر مان ڪٽي ڇڏيندو هو. هو لکڻ ويهندو هو، ته پنهنجي تحرير کي پورو ڪري پوءِ ساهي پٽيندو هو، ۽ لکڻ کان پوءِ نظرثاني نه ڪندو هو. هو اڪثر هڪ ڏينهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪهاڻيون به لکي وٺندو هو. نه فقط ڪهاڻي، پر ناول لکڻ جي معاملي ۾ پڻ هو ڏاڍو تڪڙو هو. هن پنهنجو پهريون شاهڪار ناول ”شڪست“ جيڪو 1943ع ۾ ڇپيو هو، ٻاويهن ڏينهن اندر، هڪ هوٽل ۾ رهي، لکي پورو ڪري پبلشر جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. هڪ ٻيو مشهور ناول ”هڪ گڏهه جي آتم ڪٿا“ هن فقط ڏهن ڏينهن اندر لکيو هو. سندس اڪثر ناول طويل ناهن، ۽ سندس ڪيترن ناولن کي ته طويل ڪهاڻي به چئي سگهجي ٿو، ڇوته هن ناول لکڻ لاءِ پنهنجي افسانوي فن توڙي انداز ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ڪئي هئي.
    هن اڪثر نثري صنفن کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻايو، ۽ هر صنف تي پنهنجي اڻ مٽ ڇاپ ڇڏي – پر بنيادي طور تي هو ڪهاڻيڪار ئي رهيو، ۽ اڄ به سندس سڃاڻپ جو سڀ کان وڏو حوالو اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو – پر ان جي باوجود سندس ناولن ۾ اهڙا شاهڪار ناول ملن ٿا، جيڪي ناول جي تاريخ جو سرمايو آهن. شڪست، جب کيت جاگي، ايڪ عورت هزار ديواني، آسمان روشن هي، باون پتي، چاندي ڪا گهائو، ايڪ گڌي ڪي سرگزشت، برف ڪي ڦول، زرگائون ڪي راني، ميري يادو ڪي چنار ۽ غدار – سندس شاهڪار ناول آهن.
    ڪرشن چندر کي ٻاراڻي ادب جي اهميت جو به احساس هو. هن نه فقط ٻارن لاءِ ذڪر جوڳي تعداد ۾ لکڻيون لکيون، پر انهن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ طلسماتي فضا کي به استعمال ڪيو، پر ان فضا ۾ به هن پنهنجي ڳالهه ڪئي آهي. هن جادوگرن، جنن ۽ پرين کي به نيون معنائون ڏنيون آهن، ۽ انهن ڪردارن وسيلي به هن تهذيبي ۽ سماجي مسئلن کي ٻارن جي ذهنن تائين پهچايو.
    ڪرشن پنهنجي 64 سالن جي زندگيءَ مان 40 سال ادب کي ارپيا. هن مسلسل لکيو. ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، فلمي ڪهاڻيون، مڪالما، منظر ناما، ٻارن جو ادب – هن ايترو ته گهڻو لکيو، جو سندس مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي- پر ايترو گهڻو لکڻ جي باوجود به، شايد ئي سندس ڪا لکڻي اهڙي هجي، جيڪا پڙهڻ تي دل نه چاهي – ڇو ته هو شعوري ڪوشش تحت پنهنجي نظريي جي پرچار ته ڪندو هو، پر انهيءَ سان گڏ سندس تحرير ۾ جيڪو طنز ۽ مزاج وارو رنگ آهي، اهو سندس هر لکڻيءَ کي دلچسپ ڪري ٿو ڇڏي. هوائي قلعي، فلمي قائده، شڪست ڪي بعد، مزاحيا افساني ۽ ايڪ گڌي ڪي سرگزشت – پڙهڻ سان سندس طنز جي روپ کي پسي سگهجي ٿو. ڪرشن جو قلم ڪنهن نشتر جيترو سخت ۽ ڇپندڙ به آهي ته ڪنهن مصور جي برش جهڙو نرم پڻ. سندس خشڪ موضوعن ۾ به طنز ۽ مزاح جو رنگ ملي ٿو، جنهن ڪري سندس تحرير پڙهندڙ کي موهي وجهي ٿي. باون پتي ۽ بوربن ڪلب – انهيءَ جا بهترين مثال آهن ۽ اردو ادب ۾ اهي ڪتاب، انهيءَ حوالي سان خاص اهميت رکن ٿا. اهڙو ئي رنگ ٻارن لاءِ سندس لکيل ناولن ۾ به ملي ٿو ته هن جي ڊرامن ۾ به. سرائي سي باهر، قاهره ڪي ايڪ شام ۽ مس بالٽي والا – ڊرامي جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.
    سندس مزاج پڙهندي کلَ روڪڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هوندو آهي:
    ”ڪجهه پياريندينءَ نه؟“
    ”ڇا پيئندين؟“
    ”چپن جي ورموٿ، اکين جي شيمپيئن، عشق جي اسڪاچ!“
    ”پادر جي برانڊي نه؟“
    ”اها شاديءَ کان پوءِ.“
    ”ايڪ گڌي ڪي سرگزشت“ طنز جي حوالي سان هڪ شاهڪار آهي. هن ناول جي ذڪر کانسواءِ اردو ۾ مزاح جي تاريخ اڻ پوري رهجي ويندي.
    سنڌب ادب کي، دنيا جي بهترين ادب جا ترجما ڏيندڙ، ڪرشن چند جي ناول ”غدار“ جي سنڌيڪار، ولي رام ولڀ هڪ هنڌ لکيو آهي: سندس طنز تمام سٺي ۽ پر اثر آهي.... سندس ڪردار کانئس مختلف ناهن. هڪ ڀيري کانئس پڇيو ويو هو، شڪست جو شيام ڪير آهي؟
    ”مان!“ ڪرشن چندر وراڻيو.
    ”تائي ايسري؟“
    ”مان!“
    ”۽ اهو گڏهه؟“
    ”اهو به مان ئي آهيان – انهيءَ لاءِ جو سڀني جانورن ۾ مون گڏهه کي ئي وڌيڪ عقلمند ڏٺو آهي. چوڻ لاءِ ته انسان ئي سڀ کان وڌيڪ عقلمند مڃيو ويندو آهي، پر انسان گذريل ٻن جنگين ۾ جيڪي ڏنو آهي، اهو ڏسي ۽ انهيءَ تي غور ڪري، اهوئي محسوس ٿئي ٿو ته دنيا ۾ سڀ کان عقلمند جانور گڏهه ئي آهي.“
    ڪرشن چندر ٻالڪپڻ کان جوانيءَ جي خوبصورت ڏينهن تائين هڪ وڏو عرصو ڪشمير ۾ رهيو. ڪشمير جي خوبصورت وادين ۾ فطرت جي سونهن سندس شاعراڻي من کي ڏاڍو متاثر ڪيو - ۽ انهيءَ اثر هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ کيس ڏاڍو فائدو ڏنو، جو سندس منظرنگاريءَ جو ڪو جواب ناهي.
    منظر نگاري، افسانوي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿي. ڪيتريون ڳالهيون، جيڪي هزارين لفظن جي مالا ۾ به نه پوئجي سگهن، سي ڪنهن هڪ منظر سان ئي واضح ٿي وينديون آهن. ڪرشن چندر جي اک منظر کي ائين جهٽي وٺندي هئي، جيئن ڪئمرا جو فوڪس - ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ بيٺل منظر کي هو ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ ۾ به ڪمال درجي جي مهارت رکندو هو - ۽ سندس مهارت سبب، لفظن سان ڪاغذ تي پينٽ ڪيل اهي منظر پڙهندڙ جي دل تي نقش ٿي وڃن ٿا:
    ”هڪ وڏي پپل جي وڻ هيٺان ڳئون ۽ مينهون آرام ڪري رهيون هيون، پر سندن ڌنار اتي نه هو. اهو هڪ ڳوٺ هو. رستي جي ٻئي پاسي لاري هڪ ڪني دُٻي جي ڀرسان گذري رهي هئي. هڪ مينهن پاڻيءَ ۾ گهڙي رهي هئي. خاڪي ڪپڙا پهريل هڪ عورت پاڻي ڀري رهي هئي. هڪ سندر ۽ سانورين ٻانهن واري نوجوان ڇوڪري سوٽيءَ سان آلن ڪپڙن کي سٽي رهي هئي. رستي جي ٻئي پاسي هڪ وڏو بڙ نظر اچي رهيو هو، جنهن تي ٽپال جو ڳاڙهو دٻو لڙڪي رهيو هو. وڻ جي هيٺان هڪ ڀڳل ڇڪڙو پيو هو. انهيءَ تي چار سک هڪ بيحد ميري تاس سان راند کيڏي رهيا هئا. انهيءَ کان اڳتي اهوئي ميدان هو، اهوئي وارياسو رستو، اهائي تيز اُس ۽ ميلن تائين پکڙيل ٻني“
    سندس منظر نگاريءَ جي اهم ڳالهه اها به آهي ته اهي منظر پڙهندي/لفظن ۾ ڏسندي اسان کي ڪئمرا جي تصويرن جيان ساڪت نظرف نٿا اچن، پر ساڳئي وقت اهي متحرڪ به آهن. انهن منظرن ۾ جيئري جاڳندي زندگي ٿي نظر اچي:
    ”هوءَ اٿي ۽ ٻوڙن جي جهُڳٽي ڏانهن هلي، اها هڪ سانوري رنگ جي جوان عورت هئي. پرڪاش ڏٺو ته سندس چولي ۽ پڙو هنڌ هنڌ کان ڦاٽي رهيو هو، ۽ هن هلندي هلندي پنهنجي جوانيءَ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ڪئي، پر غريبيءَ ۾ نه ته غريبي لڪائي سگهي آهي ۽ نه جواني-“
    منظر نگاريءَ سان گڏ ئي هو ڪردار نگاريءَ ۾ به پنهنجن سمورن همعصر ليکڪن کان منفرد حيثيت رکي ٿو. سندس ڪردارن ۾ ڏاڍي وسعت آهي، ۽ هر قسم جا ڪردار سندس تحريرن ۾ ملن ٿا، ۽ اهڙا جيئرا جاڳندا، جو پڙهندي لڳي ٿو، ڄڻ اسين انهيءَ تحرير جو حصو هجون، ۽ اسان پاڻ به انهن ڪردارن جي آس پاس ئي ڪٿي موجود آهيون ۽ ساڻن گڏ ئي ساهه کڻي رهيا آهيون.
    پنهنجيءَ ڳالهه کي پوريءَ طرح ڪميونيڪيٽ ڪرڻ لاءِ ڪرشن، منظر نگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ سان گڏ، نهايت خوبصورت تشبيهون به ڏنيون آهن.سندس تشبيهن ۾ به سندس طبيعت وارو شاعراڻو رنگ ته ملي ئي ٿو، پر سندس ڪي ڪي تشبيهون اهڙيون ته منفرد آهن، جيڪي ڪنهن شاعر جي وس جي به ڳالهه ناهن. اهڙيون تشبيهون فقط ۽ فقط ڪرشن جي انفراديت آهن:
    ”جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو پوڙهو ڏيڏر سينواريل تلاوَ مان ڳالهائيندو هجي.“
    ”- نوران ڀتيا کان آئي هئي. سورهن سترهن سالن جي الهڙ جواني – چئن ڪوهن کان سئنيما جي رنگين پوسٽر جيان نظر اچي ويندي هئي.“
    ڀاڳ واري هوندي آهي، اها قوم ۽ اها ڌرتي، جنهن ۾ ڪرشن جهڙا ليکڪ جنم وٺندا آهن – پر حقيقت اها آهي ته ڪرشن جهڙا ٻيا وڌيڪ ليکڪ ته ڇا، پر ڪو هڪڙو به اهڙو ليکڪ اسان کي ڳوليو نه ملندو. هو اهڙو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي پوري دور جي ادب تي پنهنجي ڀرپور ڇاپ ڇڏي آهي. فقط پنهنجي دور تي ڇا، پر هن ته ايندڙ صدين تائين لکجندڙ ادب لاءِ پنهنجو اثر ڇڏيو آهي. کيس ادبي مڃتا طور 1966ع ۾ ”سوويت لينڊ نهرو ايوارڊ“ ڏنو ويو. 1969ع ۾ سندس پنجونجاهين جنم – ڏينهن جي موقعي تي هند سرڪار پاران ”پدم ڀوشن“ جو خطاب ڏنو ويو، ۽ 1937ع ۾ کيس ”نهرو ڪلچرل ايوارڊ“ مليو.
    هن زندگيءَ ۾ بي شمار پئسو ڪمايو ۽ ڪمائي هڪدم کپائي به ڇڏيو، بي انتها عزت ۽ شهرت به سندس حصي ۾ آئي، پر ان جي باوجود هن سدائين پاڻ کي هڪ عام انسان ئي سمجهيو. ڪڏهن به سندس ڪنڌ ۾ ڪِلي نه لڳي. هو سدائين يارن جو يار رهيو، دوستن جي مدد کُليءَ دل سان ڪندو هو، کيسو خالي هوندو هوس ته پٽ سٽ ڪري به سندن پورت ڪندو هو – سندس ويجهي دوست ۽ مشهور ليکڪ، خواجا عباس انهيءَ باري ۾ لکيو آهي: ”سندس چوڌاري ٻن قسمن جي ماڻهن جو ميڙ هوندو هو. هڪڙا اهي، جن کان هو قرض وٺندو هو، ۽ ٻيا اهي جن کي هو قرض ڏيندو هو. جيڪڏهن توهان جو کيسو خالي آهي ته ڪرشن چندر سان ضرور ملو. ممڪن آ گهڻن کان اڳ ئي هو توهان کي ڏوڪڙ ڏئي ڇڏي – پر جيڪڏهن توهان جو کيسو ڀريل آهي، ته کانئس پري رهو – ممڪن آ، هو توهان کان پڇڻ کان سواءِ توهان جو کيسو خالي ڪري ڇڏي.“
    ڪرشن چندر کي پنهنجون خوبيون بيان ڪرڻ جو شوق ته نه هو، پر پنهنجي خامين تي هن ڪڏهن به منافقت جي چادر نه وڌي، هو هڪ سيلف پورٽريٽ ۾ لکي ٿو: ”نه ڄاڻ ڪيئن اهو تصور ڪيو ويو آهي ته اديب هن دنيا جو ماڻهو نه هوندو آهي، ڪنهن ٻئي شمسي نظام جي مخلوق آهي. عجيب عجيب ڳالهيون ساڻس منسوب ڪيون وينديون آهن. اهڙي نيڪي، جيڪا فرشتن کان به ممڪن ناهي. اهڙي پاڪائي ديوتائن جي حصي ۾ به ناهي آئي، جنهن کي ڇُهندي خدا به ڊڄي وڃي – پر نڄاڻ ڪيئن اهي سموريون صفتون، هڪدم هڪ اديب جي فطرت ۾ ڏسي وٺبيون آهن. جيتوڻيڪ منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ اديب ايترو ئي ننڍو، دوکي باز، خود غرض، ڪميڻو ۽ تنگدل آهي، جيترو ڪوٻيو ماڻهو ٿي سگهي ٿو، ۽ مون ۾ اهي سڀ خوبيون موجدو آهن. مون بار بار ڪوڙا قسم کنيا آهن. پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکا ڏنا اٿم، خوشامد ڪئي اٿم، وڙهيو آهيان، شراب پيتو اٿم، ڀنگ ۽ چرس به، مان پنهنجي تعريف تي خوش ٿيو آهيان، ۽ ٻين جي تعريف تي ساڙ کاڌا اٿم. جڏهن ڪنهن ۾ ڪم پوندو اٿم ته سندس پويان لڳي پوندو آهيان، ۽ ڪم نڪرڻ کان پوءِ وساري ڇڏيندو آهيان، ڄڻ هو ڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ هيو ئي ڪونه – ڪيترا دفعا منهنجي دوستن مون کان اوڌر گهري، مون وٽ پئسا هيا، پر مون نه ڏنا. ڪيترا دفعا جڏهن مون قرض گهريو ۽ دوست مون کي نه ڏنو ته مون کيس دل ئي دل ۾ گار ڏني. ڪيترا دفعا مون رستي تان ويندڙ عورتن کي (تصور ۾) اغوا ڪري ورتو، ڇو ته اهي خوبصورت هيون – هاڻي جيڪڏهن اهي صحيح سلامت گهر پهچي ويون ته اها سندن ۽ قانون جي خوش قسمتي هئي، نه ته جيتري قدر منهنجي ارادي جو تعلق آهي ته مان کين اغوا ڪري چڪو آهيان. ساڳيءَ ريت ڪيترا دفعا ڪاوڙ ۾ مون قتل ڪيو آهي، پر جيڪڏهن اهو شخص زنده آهي ۽ هلي چلي ٿو ته پنهنجي جسماني قوت جي آڌار تي، باقي جيتري قدر منهنجو تعلق آهي ته مان کيس قتل ڪري چڪو آهيان. مون اهڙي طرح اندازو لڳايو آهي ته مان پنجاهه عورتن کي اغوا ڪري چڪو آهيان، ٻه سئو ماڻهو قتل ڪري چڪو آهيان. انهن ۾ خواجا احمد عباس، سردار جعفري، راجندر سنگهه بيدي، مائوزي تنگ، ونسٽن چرچل، دليپ ڪمار، ڌرم وير ڀارتي ۽ منهنجو سڳو ڀاءُ مهندر ناٿ به شامل آهن.“
    سيلف پورٽريٽ ۾ ته قتل ڪرڻ جا تصوراتي خيال آهن، پر حقيقت جي دنيا ۾ موت ڪرشن مٿان پهريون لامارو 23 نومبر 1967ع تي دل جي دوري جي صورت ۾ ڏنو. جيڪڏهن هو ڊاڪٽرن جي هدايتن تي عمل ڪري ها، ته سندس دل ساڻس بي وفائي نه ڪري ها، پر ڪرشن ڪنهن به هدايتڪار جي هدايتن هيٺ زندگي گذارڻ سکيو ئي نه هو. کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو بد پرهيز هو، نتيجي طور مٿس دل جو ٻيو دورو 19 مارچ 1969ع تي پيو. 18 مارچ تي ڪرشن جو ”55 سالا جشن“ ملهايو ويو هو، جنهن ۾ ان وقت جي وزير اعظم اندرا گانڌي خاص طور تي شريڪ ٿيڻ لاءِ آئي هئي.
    هو دوستن سان ان حد تائين پيار ڪندو هو، جو دوري کان پوءِ هن اسپتال ۾ به سلميٰ کي چيو هو: ”ٻڌ سلميٰ! جيڪڏهن مون وٽ ايترو ئي وقت آهي ته انهيءَ کي علاج ۾ نه وڃاءِ – تون مون وٽ هج، مان دوستن سان ملڻ ٿو چاهيان-“ ۽ جڏهن اسٽريچر ڌڪيو پئي ويا، تڏهن هن چيو: ”شايد تمام گهٽ وقت آهي سلميٰ! Call my all Friends“ پر زندگيءَ ڪرپشن چندر جو ساٿ ڏنو، ۽ ڪجهه سال وڌيڪ کيس پنهنجي دوستن ۽ محبوب زال سان گذارڻ لاءِ ملي ويا. اٺن سالن کان پوءِ، مارچ 1977ع جي پهرئين هفتي ۾ دل جي دغا بازيءَ سبب وري کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. اٺين مارچ تي صبح جو سوير، هن ڏاڍي تڪليف مان سلميٰ سان ڳالهايو هو: ”بس ايترو ئي ساٿ هو، مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ، مان توکي ڪوبه سُک ڏئي نه سگهيس. هونءَ مون ڏاڍي ڀرپور زندگي گذاري. I Have no regrates بس ٿورا ڪم باقي هيا، پر اهو ڪهڙو ماڻهو هوندو، جنهن سمورا ڪم پورا ڪري ورتا هجن، ۽ ڏٺو وڃي ته اهو غلط به آهي، قدرت جي خلاف ايترو وڙهڻ – هاڻي مون کي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏڻ گهرجن. مون کان پوءِ هتان گهر هلي وڃجانءِ – هتي سڀ دل جا مريض آهن. دل جي مريضن تي اهڙين ڳالهين جو تمام بُرو اثر پوندو آهي – تون هتي هوندينءَ ته ٻيا حوصلو هاري ويهندا - ۽ سلميٰ ٻڌ! منهنجي توکي وينتي آهي ته ڏک کي همت ۽ تحمل سان برداشت ڪجانءِ – منهن مٿو پٽيئي ته اسان ٻنهي جي بي حرمتي ٿيندي.“
    ڊاڪٽر نرس کي سئي هڻڻ لاءِ چيو ته ڪرشن کانئس ٿورڙي مهلت گهري، ۽ سلميٰ کي چيو، ”بمبئيءَ ۾ گهر ڏاڍو ڏکيو ملندو آهي. جيڪڏهن ٿي سگهئي ته گهر نه ڇڏجانءِ. جيڪڏهن حالتن سان منهن ڏئي نه سگهين ته پاڪستان هلي وڃجان. اتي منهنجا ڪيترائي دوست آهن. اتي تون اڪيلي نه هوندينءَ - ۽ ها، منهنجو پيس ميڪر بلڪل نئون آهي، اهو هتي ئي ڪنهن مريض کي لڳرائي ڇڏجانءِ.“
    اهي ئي آخري ڳالهيون سمجهه ۾ اچي سگهيون هيون – 8 مارچ تي صبح سان 6 وڳي هن اکيون کوليون – سلميٰ کي اشاري سان جهڪڻ لاءِ چيائين – پوءِ پاڻ اُٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ٻئي ٻانهون سلميٰ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏيائين ۽ آهستگيءَ سان پنهنجو مٿو سندس ڪلهي تي رکي، هٿ پير ڍرا ڪري ڇڏيائين – سندس روح سندس جسم کان ڌار ٿي ويو.
    سندس جنازو جڏهن سندس گهر آندو ويو ته ويد ۽ گيتا جو پاٺ ڪيو ويو. قرآن خواني به ٿي، ۽ ارٿي کڄڻ وقت هڪ سک گرنٿيءَ، گورو گرنٿ صاحب مان شبد به پڙهيا.
    سندس وفات کان پوءِ، سرڪاري طور تي باندرا جي هل روڊ جو نالو بدلائي ڪرشن چندر روڊ رکيو ويو، سرڪار ته ڪرشن چندر جو نالو هڪ روڊ تي رکيو، پر انهيءَ هڪ شخص جو نالو لکين ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.
    جيئن پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي، ته ڪرشن چندر پنهنجي چاليهن سالن جي ادبي زندگيءَ ۾ ايترو گهڻو لکيو آهي، جو انهيءَ جي مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر ڪتابي صورت ۾، گهٽ ۾ گهٽ سندس ڪهاڻين جا ٻٽيهه مجموعا، اٺيتاليهه ناول، ڊرامن جا ٻه مجموعا، ٻه مضمونن جا مجموعا، ٻارن لاءِ يارهن ڪتاب ۽ سندس ترتيب ڏنل ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
    سندس فن ۽ شخصيت تي ڪيترائي ڪتاب، مختلف رسالن جا ضخيم نمبر، سووينيئر ۽ لاتعداد مضمون ۽ مقالا ڇپيا آهن.
    ڪرشن چندر ڏات جي ڏيهه ۾، پنهنجي فني سفر ۾ جنهن منزل تي پهتل نظر اچي ٿو، انهيءَ منزل تي پهچڻ لا:ءِ صدين تائين ڪيترا ليکڪ سڌون ڪندا رهندا. هو هڪ ليکڪ/ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ جنهن اوچائيءَ تي آهي، اتي پهچڻ واري ڳالهه، مايوسي نه ڦهلائڻ واري سوچ ذهن ۾ رکي ڪجي، ته به اهو ضرور چئبو ته انيهءَ منزل تي پهچڻ جيڪڏهن ناممڪن نه، ته مشڪل ضرور آهي – بلڪ انتهائي مشڪل آهي.
    پروفيسر احتشام حسين جي لفظن ۾: ”ڪرشن چندر اردوءَ جي پهرين صف جو ڪهاڻيڪار آهي .... گهڻن ماڻهن لاءِ هو سڀ کان سٺو ڪهاڻيڪار آهي، ۽ انهيءَ قول کي آسانيءَ سان رد ڪري نه سگهبو.“
    ۽ ڇا توهان انهيءَ قول کي رد ڪري سگهو ٿا؟
    مددي ڪتاب ۽ رسالا
    1. ڪرشن چندر – هندستاني ادب ڪي معمار (جيلاني بانو)
    2. ڪرشن چندر اور افسانه نگاري (ڊاڪٽر احمد حسين)
    3. ڪرشن چندر، شخصيت اور فن (جگديش ڪمار وڌاون)
    4. ماهوار ”افڪار“ ڪراچي (ڪرشن چندر نمبر)
    5. ماهوار ”بيسوين صدي“ دهلي (ڪرشن چندر نمبر)
    6. روزانه ”جنگ“ ڪراچي
    7. موهن جي دڙي جو خزانو (پهريون ڇاپو)
    8. هفتيوار ”سنڌو“ حيدرآباد
    9. ڪرشن چندر جا مختلف ڪتاب

    زيب سنڌي


    ڪرشن منهنجو ڀاءُ....

    مان ڪرشن چندر تي ڇا لکان. مان نقاد ته نه آهيان جو سندس افسانن جون خاميون ۽ خوبيون ويهي ڳڻيان. ماهر-نفسيات به نه آهيان جو سندس شخصيت جو تجزيو ڪريان ۽ اٽي مان وار ڪڍان، نه وري فقري بازي ڄاڻان جو لفظن جا آڏا ٽيڙا ڄار وڇايان، مان ڪرشن ڀاءُ جي ڀيڻ آهيان سا به ننڍڙي، تنهن ڪري مان ڪرشن ڀاءِ لاءِ بس ايترو ئي ڄاڻان ٿي جيترو هڪ ننڍڙي ڀيڻ ڄاڻي سگهي ٿي- جيئن ته ننڍڙي ڀيڻ ننڍي ڀاءُ کان گهٽ ڄاڻ رکي ٿي، تنهن ڪري مان سندس ڪيترين اهڙين ڳالهين جي متعلق نٿي لکي سگهان جن جي باري ۾ ”مهيندر“ لکي سگهي ٿو- تنهن هوندي به ڪجهه اهڙيون تصويرون، منهنجي ذهن ۾ اڄ به محفوظ آهن مان اتان کان شروع ٿي ڪريان.
    اهو ته ياد ناهي ته ڪهڙو سن هيو، بس ايترو ياد اٿم ته سياري جي رات هئي، جابلو ڳوٺڙن جي، رات جي خاموشي ڇانيل هئي، اسين سڀ آرامي هئاسين ته ڪنهن زور زور سان ڪڙو کڙڪايو، بابو جيڪو ڊاڪٽر هو ڇرڪ ڀري اٿيو، ٻاهر تار وارو هو، بابو ليمپ جي روشنيءَ ۾ تار پڙهي رهيو هو ۽ سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا، پوءِ بابو، امڙ ڏي ويو ۽ امڙ کي خبر ناهي ڇا چيائين جو هن وٺي ريهه ڪئي، سندس ريهون ٻڌي اسين سڀ وٽس وياسين ۽ کيس روئندي ڏسي روئڻ لڳاسون گهر ۾ ماتام مچي ويو.
    صبح ٿيو پر ڦڪو ۽ بدرنگ، هڪ عجيب نحوست، اس سان گڏ هر شيءَ تي ڇانئجي وئي، جتي وڃ اتي نوڪر هڪ ٻئي کي ڪجهه ٻڌائي رهيا هئا، ماڻهو سس پس ڪندي چپ ٿي پئي ويا، منجهند تائين سڄي ڳوٺ ۾ اها خبر عام ٿي وئي ته ڊاڪٽر صاحب جو وڏو پٽ ڪرشن چندر گهر کان ڀڄي ويو. هو هاڻي لاهور ۾ ڪونهي، ڀلا ڀڄي به ڇو نه، افسانا لکندو هو، افسانا به عشقي افسانا، ڏٺو ڪونه هيو، گذريل سال ٻئي ڀائر لاهور کان آيا هئا ته رنگ ئي مٽيل هين. ڊراما ڪرائي رهيا هئا، ڪهاڻيون ٿي ٻڌايائون، مشاعرن جون محفلون به ٿي ڪيئون، ٻه مهينا اوڳر ڪڍيائون ”پڙهيا پٽ،“ هائو ڪا ڇوري کڻي اڏاڻو هوندو، اڪيلو ڪونه ويو هوندو. امروئي تو ڇورن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
    پر ڪرشن ڀاءُ نه پڙهائيءَ کان بيزار ٿي ڀڳو هو، نه وري ڪا منڊم کڻي اڏاڻو هو. پر ايف- اي جي امتحان ۾ ٻن مارڪن تان فيل ٿيو، سندس دل کي صدمون پهتو. هن سوچيو ته بابو ڇا چوندو، هو هاسٽل ڇڏي ڪلڪتي هليو ويو، وڃڻ مهل هو پنهنجي هٿ جي سوني منڊي به لاهي رکي ويو.
    وري ڪرشن ڀاءُ تڏهن واپس وريو جڏهن هن پڙهيو ته امڙ سخت بيمار آهي. امڙ چيس ته ”پٽ ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏي، پڙهائي ۾ ڌيان ڪر، ايم، اي پاس، وڪالت پاس ڪر، جج ٿي ۽ خاندان جو نانءُ روشن ڪر“. ڪرشن ڀاءُ لکيت ۾ واعدو ڏنو ته ”ايم اي پاس ڪندس، وڪالت پاس ڪندس، پر نه جج ٿيندس ۽ نه وري افسانا لکڻ ڇڏيندس.“
    ڪرشن ڀاءُ شروع کان ئي نفاست پسند ۽ پاڻ کي سکئي رکڻ جو قائل هيو. کيس پيادل هلڻ اصل پسند ڪونه هو. جيڪڏهن گهميو ته ٽيڙو گهميو. لاهور ۾ ڪاليج گهر کان ڪافي پري هو. ٽانگي تي گهڻو خرچ ٿيندو هو. امڙ ٻنهي ڀائرن کي سائيڪليون خريد ڪري ڏنيون پر مون ڪڏهن به کيس سائيڪل هلائندي نه ڏٺو. پر جڏهن به ڏٺو ته هو ۽ سندس سائيڪل ٻئي ٽانگي تي ايندا هئا. سندس اها عادت اڄ تائين هلندي اچي فرق صرف اهو آهي ته هاڻي ٽانگي جي جڳهه ٽيڪسيءَ ورتي آهي. ڪرشن ڀاءُ کي ٽيڪسي گهرجي، ۽ ٽيڪسي هر وقت موجود هجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن جيترا پئسا ٽيڪسي تي خرچ ڪيا آهن ان مان گهٽ ۾ گهٽ ڊزن ڪاريون خريد ڪري سگهجن ها، پر سائيڪل وانگر ڪرشن ڀاءُ کي ڪار سان به دلچسپي ڪانهي. ”رام“ هو مون کي رام ڪري سڏيندو هو. ”ڪير ڪار هلائي، ڪير ان جي پيٽرول ۽ پرزن جو حساب رکي، ڊرائيور رک ته ان تي چوڪسي ڪير ڪري، منهنجي لاءِ ٽيڪسي ٺيڪ آهي، جڏهن وڻي گهرائي ورتي، جڏهن وڻي واپس ڪئي، ڊرائيور جا نخرا به نه، جڏهن سڏ ڪر ته مسڪرائيندو اچي، خبر ناهي مسڪراهٽ جو موهه اٿس يا آرام جو مگر ڪرشن ڀاءُ ڪار نه ورتي. ڪجهه ڏينهن لاءِ ورتائين پر هميشه لاءِ رکي نه سگهيو. ٽيڪسيءَ جو نمبر اهڙين شين ۾ پهريون نمبر آهي جن مان ڪرشن ڀاءُ سچ پچ لطف اندوز ٿيندو آهي.
    ٻالجتيءَ کان وٺي ڪرشن ڀاءُ ۽ مهيندر ڀاءُ گڏ رهيا آهن. ٻنهي جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار آهي، ننڍڙا هئا ته ٻئي هڪ ٿالهيءَ ۾ کائيندا هئا، هڪ کٽ تي سمهندا هئا. ٻنهي جا گڏ پروگرام ٺهندا هئا. پر لغڙ اڏامڻ ۾ ڀاءُ ڪرشن جو مهيندر ڀاءُ سان رضا نامون نه ٿي سگهيو. مهيندر ڀاءُ کي جيتري لغڙن اڏائڻ سان دلچسپي هئي اوتري ڪرشن ڀاءُ کي انهيءَ کان بيزاري هئي. هڪ ڀيري لغڙ اڏائيندي مهيندر ڀاءُ جو ڌاڳي سان آڱوٺو ڪٽجي پيو. پوءِ ته ڪرشن ڀاءُ کي پنهنجي ڪاوڙ ڏيکارڻ جو موقعو ملي ويو. هن مهيندر ڀاءُ کي مار ڏني. مهيندر ڀاءُ به مارڪٽ جي معاملي ۾ ڪو رک رکاءُ نه ڪندو هو. اهو به ڳنڍجي ويس، ڪافي موچڙا ماري کان پوءِ فرنيچر کڻي هڪ ٻئي کي هڻڻ جو وارو آيو. پر جلد ئي جهيڙو پورو ٿي ويو ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان ٻکجي ويا. ٻنهي هڪ ٻئي سان واعدو ڪيو. ڪرشن ڀاءُ چيو ”مان توکي ڪڏهن به نه ماريندس“ انهيءَ ڏينهن کان پوءِ اڄ تائين ڪيترا موقعا آيا آهن، جو مهيندر ڀاءُ کي ڪنهن لغڙ اڏائڻ تي ڪرشن ڀاءُ کي اعتراض ٿيو هجي ۽ مهيندر ڀاءُ کي ڪرشن ڀاءُ جي ڪنهن پيچ اڙائڻ تي اعتراض ٿيو هجي پر ٻئي پنهنجي انهيءَ واعدي تي قائم آهن ۽ اسان جي گهر جو فرنيچر وري ڪڏهن به نه ڀڳو.
    هاڻي به جيڪڏهن گهر ۾ ڪا اڻ بڻت ٿي پوندي ته ڪرشن ڀاءُ جي موڊ آف ٿي ويندي آهي، جڏهن گهر جا ڀاتي هڪ ٻئي تي الزام تراشيءَ کان پوءِ ڏانهس ڪنهن فيصلي لاءِ نهاريندا آهن ته هو ”امڙ ماني کڻي اچو بک لڳي آهي“ چئي ائين لنوائي ڇڏيندو آهي ڄڻ کيس ڪابه خبر نه هجي.
    خير! ڪرشن ڀاءُ ڪڏهن به پنهنجي راءِ يا فيصلو ڪنهن تي مڙهيو ناهي پر انهيءَ معاملي ۾ ڪنهن کي دخل اندازيءَ جي به اجازت ناهي ڏني. هن صرف هڪ دفعو غلطي ڪئي هئي ۽ انهيءَ غلطيءَ جي ڪري کيس جيڪو زهر پيئڻو پيو سو اڄ ڏينهن تائين سندس دل ۽ دماغ کي ڏنگيندو رهي ٿو ۽ انهيءَ زهر پيارڻ ۾ ڪرشن ڀاءُ جي راءِ موجب مان ئي جوابدار آهيان. هيءَ سندس شاديءَ جي ڳالهه آهي. ڀاءُ ڪرشن پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ ريڊيو تي نوڪري ڪرڻ لڳو، ته امڙ سندس شاديءَ جو راڳ آلاپڻ لڳي. اسان جو والد صاحب ڏاڍي پياري طبيعت جو مالڪ هو، هن پنهنجي اولاد جي معاملن ۾ ڪڏهن به دخل نه ڏنو. تنهن ڪري امڙ جڏهن به کيس چوندي هئي ته چوندو هو، ڳهيلي تون ته منهنجي پٺيان اچي پئي آهين ڄڻ ته شادي ئي مون کي ڪرڻي آهي. پنهنجي پٽ کي چئه، مان پنهنجي جوان پٽ کي ڪجهه نه چوندس.
    اتان نااميد ٿي امڙي وري اچي ڀاءُ ڪرشن کي پڪڙ ڪندي هئي، پر هو ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هو. ڪڏهن چوندو ته ڇوڪري بي- اي پاس هجي، ڪڏهن چوندو هو ڀوري هجي ڪڏهن چوندو هو سنهڙي ۽ چنڊ جهڙي سهڻي هجي، پر رشتو اچڻ وقت ڀاءُ جي پرکا ۾ پورو نه هوندو هو. وقت گذرندو ٿي ويو، امڙ کان وڌيڪ اسان جون ماسيون ڳڻتيءَ ۾ ڳري رهيون هيون، اهي جڏهن به اينديون ته امڙ کي ايترو ته ڀڙڪائينديون هيون جو گهر ۾ هنگامو برپا ٿي ويندو هو. آخر روز روز جي ڪر ڪر کان تنگ ٿي ڀاءُ چيو ته ”چڱو منهنجي شادي ڀلي ڪريو پر ڇوڪري ”سرلا“ کي ضرور ڏيکارجو.“
    اسان خوشي مان نچڻ ٽپڻ لڳاسون، اسان پنهنجي ڀاڀي ڏسي آياسون، ڀاڀي بي اي پاس هئي ۽ سندس تعلق سٺي گهراڻي سان هيو. رنگ جي به ڀوري هئي. پر شايد اسان کيس گهٽ ڏٺو ۽ سپنا گهڻا ڏٺا. گهر ۾ ڍولڪ وڄندي، سٺا سٺا ڪپرا پائبا شادي ٿيندي، ڀاڀي ايندي ته ڏاڍو مزو ٿيندو، اسان ساڻس گڏ سنيما تي وينداسون، تنهن ڪري اسان اچي چيو ته ”ڀاڀي ڏاڍي سهڻي آهي، پري آ پري“
    پري گهر ۾ آئي پر سندس ڀوري رنگ جي تهه جي هيٺان، سخت، بي حس ۽ تنگ دل فطرت ظاهر ٿي ۽ ڀاءُ اسان کي چوندو هو ”توهان منهنجي ڳچيءَ ۾ تيز پاڪين جو هار وڌو آهي، مان توهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس“ پر ڀاڀيءَ کي هو هڪ لفظ به نه چوندو هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي مان بمبئي ۾ وٽس ٽڪيل هيس. ڀاڀيءَ جو سندس لاءِ حڪم هو ته تون ”سرلا“ سان ڳالهاءِ به نه، آخر تنهن جا مٽ ڄڃ جي ڄڃ وٺي هتي ڇو ٿا اچي پون؟ ڀاڀيءَ جو اشارو منهنجي ۽ منهنجي سڀني کان ننڍي ڀاءُ ”اوم“ جي طرف هو. ڀاڄائيءَ کي خوش رکڻ لاءِ ادو ويچارو اسان جي ويجهو به نه ايندو هو. تمام ٿورو ڳالهائيندو هو. پر جي ڀاڀي گهر ۾ نه هوندي هئي ته اسان وٽ ايندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڳالهيون ڪندو هو ۽ کلندو کلائيندو هو. هڪ ڏينهن مون کي مٿس ڏاڍو رحم آيو ۽ ڪاوڙ به- ڀاڀي گهر ڪونه هئي- ادو مون کي سڏيندو ڪمري جي دروازي تائين آيو ۽ مان جيءُ جيءُ چوندي ڊوڙندي آيس، عين ان وقت ڀاڀي اچي پهتي ۽ ادي جا حواس خطا ٿي ويا. ۽ اتان ئي پويان پير ڪيائين، هڪ لفظ به ڳالهائڻ بنا، مون کي ڏسي موٽيو ڄڻ غلطي سبب هتي اچي نڪتو هو.
    شايد هيءَ بزدلي يا رواداري ۽ شرافت کيس بابي سائين کان ملي هئي، اسان جو بابو به ايئن ئي هو- هو پنهنجي راءِ ڪنهن تي ڪونه مڙهيندو هو. منهنجي شاديءَ جو مسئلو هو، امڙ منهنجي شادي پنهنجي ذات ۾ ڪرڻ ٿي گهري، ۽ مون وري ”ريوتي“ سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو نه اسان جي ذات مان هو ۽ نه وري اسان جي صوبي جو، هاڻي ڇا ٿئي، هر وقت طوفان برپا هو- امڙ هر وقت بابي جي پٺيان هوندي هئي ”پنهنجي ڌيءَ کي سمجهاءِ، هن گهر جو ٻنڀو ئي ٻئي پاسي ٿي ويو آ، ڇوڪرا ته هٿ مان نڪري ويا پر هن ڇوريءَ کي مان ڇڙ واڳ نه ڪندس.“
    سندس ڳالهيون ٻڌي بابو ڏاڍيان چوندو هو ”تون فڪر نه ڪر ڪاڪي جي ماءُ اها اڻٿيڻي ڪڏهن به نه ٿيندي، تخت رهندو يا تختو.“ پر امڙ جي وئي کان پوءِ سڌو مون وٽ ايندو هو ۽ مون کي دلاسو ڏيندي چوندو ”رو نه پٽ تنهن جي شادي ٿيندي ته ريوتيءَ سان ٿيندي نه ته نه ٿيندي. تنهنجي ماءُ ڳهيلي آهي، کيس اندر جو اوڳر ڪڍڻ ڏي“ ڪيتري نه هڪ جهڙائي هئي ڪرشن ڀاءُ ۽ بابي جي طبيعت ۾- اڄ سوچيان ٿي ته ڀاءُ ڪرشن به ساڳي ئي ڪار ڪندو هو. جڏهن امڙ مٿس ڪاوڙ بي هئي ۽ مون کي سمجهائڻ لاءِ چوندي هئي ته هو چوندو هو. ”ها رام امڙ سچ ٿي چوي، اهي يوپيءَ وارا ڏاڍا خراب آهن، اهي توکي گهونگهٽ ويڙهائي پردي ۾ بند ڪندءِ، چانديءَ جون ڪڙيون پارائيندءِ، ۽ ها هي ريوتي ته بصر ۽ گوشت به نه کائيندو آهي، اتي تون کائيندينءَ ڇا؟ پر جڏهن امڙ هلي ويندي هئي ۽ مهيندر ڀاءُ چوندو هوس ته تون اعتراض ڇو ٿو ڪرين ته هو جواب ڏيندو هو ته ”مان ڪٿي ٿو اعتراض ڪريان، پر امڙجي آڏو ڇا چوان، آخر ته هوءَ ماءُ آهي.“
    آخر ماءُ آهي، هو ڀاءُ آهي، هو انسان آهي، هاڻي مان کين ڇا چوان، هو پاڻ سمجهدار آهن، هو پاڻ هن خيال ڪندا، هو پاڻ ئي رستي تي ايندا مان انهن کي ڇا چوان، ڪيئن چوان، شايد سندس سوچ جو انداز اهڙو آهي تنهن ڪري هو زندگيءَ ۾ ڪنهن سان به سامهون کلي طرح ڳالهائي نٿو سگهي؛ جيڪو ماڻهو پنهنجي لکڻين ۾ اهڙو بيباڪ آهي، تنهن جي خيالن جو آزاديءَ سان اظهار ٿو ڪري، اهو روز مرهه جي زندگي ۾ اهڙي طرح گهٻرائي ٿو. چپ چپ ٿو رهي، ڪڏهن ذهني ڪوفت ۽ شرمساري ٿو ڀوڳي عجيب معمول آهي.
    مون ڳالهه ٿي ڪئي هن زندگيءَ ۾ هڪ دفعو غلطي ڪري ٻين جي راءِ مڃي خطا کاڌي آهي، ان کان پوءِ هن وري اهڙو زهر ناهي پيتو. هن ”سلميٰ“ ڀاڀي جي باري ۾ اسان کان تڏهن راءِ ورتي جڏهن راءِ وٺڻ جي وقت کي ٽي سال گذري چڪا هئا. جڏهن مون ٻڌو ته مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي سر تان مڻن جو بار هلڪو ٿيو هجي. منهنجي ڀاءُ پنهنجي خوشيءَ جي گنگا مان مون کي پنهنجي مٿي جو ڪارو داغ ڌوئڻ جو موقع ڏنو هجي.
    ڪرشن ڀاءُ کي سٺو کاڌو ڏاڍو پسند هو، خراب کاڌو نه کائي سگهندو هو. انهيءَ معاملي ۾ بي دلي کيس ڪڏهن به پسند ڪونه هئي. هڪ ڀيري ڀاءُ ٻاهران آيو. رات جا نوَ وڄي چڪا هئا. اسان سڀ آرامي ٿيڻ وارا هئاسين. ادي ايندي ئي چيو ”امڙ مان ماني کائيندس“ امڙ ساري ڏينهن جي ٿڪل هئي مون کي چوڻ لڳي ”سرلا ٻه ٻٽالو پيا اٿي ڀاءُ لاءِ تيار ڪري وٺ“ اهو ٻڌندي ئي ڀاءُ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو“ توهان مون کي الائي ڇا ٿا سمجهو، اوهان مون کي اهو کاڌو کارائيندؤ؟. چڱو مان هوٽل تان کاڌو کائيندس، ويهه رپيه خرچ ڪري ٿو اچان، مون کي ڇاهي، امڙ کيس ڏاڍو روڪيو مگر هو نه مڙيو. رات جو ٻارهين بجي گهر موٽي آيو ۽ سندس چپن تي مسڪراهٽ وات ۾ پان ۽ اکين ۾ چمڪ هئي. ”امڙ پورا ويهه رپيه خرچ ڪري آيم“ هو پئسن جو قتلام ڪري خوشي محسوس ڪندو. جيڪڏهن پئسه مٿس پاڻيءَ وانگر وسندا هئا ته هو اهي پاڻيءَ وانگر هاريندو هو. بئنڪ ۾ پئسه رکڻ سندس وس کان ٻاهر آهن. چوندو آهي ته ”پئسه به ڪا رکڻ جي شيءِ آهي، پيسو هميشه خرچ ڪرڻ لاءِ هوندو آهي. سٺو کائو، سٺو پهريو، مزي سان رهو. کيسو پر اٿس ته ڪرشن ڀاءُ پيو ٻهڪندو، کيسا خالي هوندس ته هميشه موڊ خراب رهندس. وٽس هزار رپيه هوندا ته چوندو ته ”مون وٽ سو ٻه سو رپيه آهن. بس صبحاڻي تائين گذارو ٿي ويندو.“ ۽ پرهينءَ جي انتظار واسطي لکڻ ويهي رهندو آهي. هزار روپيا واقعي سندس واسطي سو ٻن کان وڌيڪ حيثيت نٿا رکن. صبحاڻي تائين مشڪل سان پورت پوندس، پرجي هو بمبئي کان دهلي آيل هوندو ته.
    جڏهن دهليءَ ايندو آهي ته گهر ۾ تمام گهٽ ويهندو آهي. ٻاهر گهڻو رهندو آهي. امڙ چوندي اٿس ”ڪاڪا گهر ۾ ته توکي ٽڪاءُ ئي ڪونهين،“ چوندو آهي ”ڇا ڪريان؟، پئسن جو بندوبست نه ڪريان، مون وٽ ڪجهه به ڪونهين کيسا خالي آهن.“ پئسن جو انتظام ٿي ويندو وري انهن کي خرچ ڪرڻ جي انتظام ۾ مصروف ٿي ويندو. اڄ ڪنهن هوٽل ۾ پارٽي ته صبحاڻي ڪنهن بار ۾، يا وري ڪنهن دوست وٽ شراب جي دعوت. شراب ٻن ٽن پيگن کان زياده نه پي سگهندو ته دوستن کي گهرائيندو آهي. بس پئسه جو خرچ ڪرڻا ٿيا- دهليءَ ۾ پئسه خرچ ڪرڻ کانپوءِ بمبئيءَ روانو ٿيندو آهي ته فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺڻ کانپوءِ حساب ڪري ايترا پئسه کيسي ۾ رکندو آهي جو اسٽيشن تي ڪتاب خريد ڪري سگهي، گاڏيءَ ۾ کاڌو کائي سگهي، ۽ ٽيڪسيءَ ۾ گهر پهچي سگهي، باقي پئسه ڀائن ۽ ڀينرن ۾ ورهائي ويندو. ۽ بمبئيءَ پهچي وري پئسن جو انتظام ڪرڻ شروع ڪندو.
    ڪرشن ڀاءُ لک ڪمايا آهن پر ڪانه ڪا مالي مشڪل اٿس ئي اٿس. اڄ تائين هو گهر به نه ٺاهي سگهيو آهي، امڙ کي انهيءَ جو ڏاڍو ڏک آهي، سندس نظر ۾ جنهن کي پنهنجو گهر آهي اهوئي وڏو ماڻهو آهي. اسان جي ماروٽن سٺا سٺا بنگلا ٺهرايا آهن، امڙ کي ڏاڍي ريس ايندي آهي. انهن جون عورتون به گهڻو ڪري امڙ کي ٽوڪينديون آهن، ”تون چوندي آن ته ڪرشن وڏو ماڻهو آهي پر هن مهل تائين هو پنهنجي جهوپڙي به ڪونه ٺاهي سگهيو آهي.“
    تنهن ڪري امڙ هميشه ڪرشن ڀاءُ سان وڙهندي رهندي آهي. ”ڪاڪا ڪو عاليشان بنگلو ٺهراءِ، اجائي پيسو برباد نه ڪر ڇا مسواڙي گهر ۾ پنهنجي اولاد جي شادي ڪندين؟“ اهڙن موقعن تي ڪرشن ڀاءُ خاموش هوندو آهي. سندس موڊ خراب ٿي ويندو آهي ۽ امڙ مغز کپائي اچي بورچي خاني ۾ ويهندي آهي.
    هڪ ڀيري ادا دهليءَ ۾ آيو ته بنگلن جي ماڊلن جي نمائش شروع هئي، امڙ روز چوندي هئي ”ڪاڪا نمائش ڏسي اچ“ ڪرشن ڀاءُ چند ڏينهن ته نٽائيندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن اسان سڀني کي نمائش ڏيکارڻ وٺي هليو. بنگلا ڏاڍا خوبصورت هئا، امڙ هر بنگلي تي حسرت ڀري نظر وجهي ٿڌو ساهه ٿي کنيو ۽ هڪ نظر ڀاءُ ڪرشن تي ٿي وجهندي وئي. ادا نه امڙ ڏي ٿي ڏٺو ۽ نه وري بنگلن ڏي سڀني ڳالهين کان بي خبر بس اسان سان گڏوگڏ هلي رهيو هيو. آخر جڏهن نمائش ڏسي ٻاهر نڪتاسون ته امڙ رهي نه سگهي ۽ ادي کي چيائين ”ڪاڪا تون ڪو اهڙو بنگلو ٺهراءِ، ڏس ته ڪهڙا نه سهڻا گهر آهن.“ ڪرشن ڀاءُ مرڪي چيو ”امڙ تون الائي ڪهڙن بنگلن جي ڳالهه ٿي ڪرين. اهڙا خبر ناهي ته ڪيترا بنگلا تنهن جو پٽ گلاس ۾ ڳاري پي ويو آهي“. ڪرشن ڀاءُ واقعي ڪيترا بنگلا ۽ اڻ ڳڻيون ڪاريون گلاس ۾ ڳاري پي چڪو آهي يا وري ٻين کي پياري چڪو آهي.
    لکڻ لاءِ ته هو ڪٿي به ويهي لکي سگهي ٿو پر پين، مس ۽ ڪاغذ نفيس هئڻ گهرجن. ڪرشن ڀاءُ هميشه رائيٽنگ پيڊ تي لکڻ پسند ڪندو آهي ۽ اها رائيٽنگ پيڊ مارڪيٽ ۾ ملندڙ سڀني پيڊن کان عمدي هوندي آهي پين شيفرز هوندي آهي جيڪڏهن شيفرز نه ته اهڙي پين هوندي جنهن جي نب تمام سنهڙي هوندي. هو ٿلهي نب سان ڪونه لکي سگهندو آهي. هونءَ گهر ۾ گوڙ هجي، ٻارڙا پيا کيڏندا، اسين ڀلي هيڏي هوڏي گهمندا رهون هن جو ڪوبه مطلب ناهي هو لکندو رهندو ۽ لکندوئي رهندو. لکندي لکندي پاڻي گهرندو پر وسري ويندس. اسين کيس ڌونڌاڙينداسين ته پاڻي پيءُ، گهڻو ڪري پاڻي وٺي رکندو پر پيئندو نه. هو تمام توجه سان لکندو آهي، ۽ ايترو تيز رفتاري سان لکندو آهي جو اسان کي حيرت ٿيندي آهي. ۽ اڄ تائين ڀاءُ ڪرشن کي ڪڏهن به ڪٽي وري لکڻ جي ضرورت ناهي پئي.
    ڪرشن ڀاءُ چپ چاپ رهندو آهي، بحث ڪندا رهو خاموش رهندو ڪڏهن برداشت نه ڪندو ته پريشان ٿي چوندو ”پوءِ مان ڇا ڪريان مان نٿو مڃان، ٺيڪ آهي اوهين اونده ۾ رهڻ چاهيو ٿا ڀلي رهو“ ڪرشن ڀاءُ جي اهڙن قصن جي لاءِ هميشه سوچيندي رهندي آهيان، منهنجي سمجهه ۾ ان جو بس هڪ ئي سبب هوندو آهي. ڪرشن ڀاءُ جهڳڙي ۽ جهنجهٽ ۾ پوڻ نه گهرندو آهي. سندس اندر جي ذات انتهائي سڪون ۽ تنهائي پسند ڪندي آهي. صرف انهيءَ ئي خيال جي ڪري ته زندگي کيس اطمينان سان لکڻ جي مهلت ڏئي. هو گهڻو ڪري ڪيتريون ئي غلط ڳالهيون برداشت ڪري ويندو آهي. ڪيترائي غلط رضا نامه ڪري ڇڏيندو آهي ۽ گهڻو ڪري اهڙي بي نيازي اختيار ڪندو آهي جو اها بزدلي معلوم ٿيندي آهي. ڪرشن ڀاءُ اهڙو اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪري وڏي قيمت ادا ڪري ڇڏيندو آهي. هڪ وڏي رقم هن پنهنجي پهرين گهر واريءَ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ادا ڪئي هئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو پر ان جي انهيءَ خاموشي جو نقصان هن پاڻ ئي برداشت ڪيو ۽ ٻاهريان فائدي ۾ رهيا.
    ڪرشن ڀاءُ پنهنجي روش مٽائيندو، مون کي اهڙي اميد ڪانهي. بس هڪ شڪر جهڙي ڳالهه آهي جو، بنگلو ته نه ٺهي سگهيو پر ڪرشن ڀاءُ پنهنجو گهر ضرور ٺاهي ورتو.

    سرلا ديوي (ڪرشن جي ننڍي ڀيڻ)


    1. گلدستو

    برگانجا جي زير زمين مئخاني مان جام مٿان جام چاڙهي مان ۽ ٻچيءَ ڏاڙهيءَ وارو منهنجو دوست ڪمٽي جڏهن ٻاهر آياسين، تڏهن اسان جن پيرن ۾ ڄڻ اسپرينگ لڳي چڪا هئا. ڪمٽي جا قدم مون کان وڌيڪ لڙکڙائي رهيا هئا. ان مئخاني ۾ هو مونسان پهريون دفعو مليو هو، ملندئي هو مون سان ڪجهه اهڙي کلئي مگر دلچسپ نموني پيش آيو، جو مان هن مان ڪڪ ٿيندي به هن جي شخصيت کان ڪافي متاثر ٿي ويس، اهو ته ڄاڻي نه سگهيس ته هو ڪهڙي قسم جو چترڪار هو، مگر هن جي ڳالهين مان مون ايترو ضرور سمجهو ته انسان بيحد عجيب آهي، جو گهڻ ڳالهائو يخي هڻندڙ هوندي به بيهد دلچسپ آهي ۽ اڄ جي مشيني دور ۾ ڪجهه اهڙي ڍنگ سان هلن ٿا، ڄڻ ته هڪ ئي سانچي ۾ گهڙيل آهن، نوٽن جيان صرف چهري جو نمبر الڳ اٿن.
    مون اهو ضروري سمجهو ته ڪمٽي کي سندس گهر پهچائي اچان، مگر هو منهنجي ڳالهه ٻڌي ناراض ٿي ويو. چيائين اڙي هل! تون سمجهين ٿو، مان خود پنهنجي گهر نٿو وڃي سگهان. ائين چئي هو مون کان الڳ ٿي،ٻئي طرف ڊڪڻ لڳو، ڄڻ منهنجي صورت کان نفرت هئس. مون به ڊڪي وڃي هن کي پڪڙيو. پنهنجي مضبوط هٿن سان هن جي ڪلهن کي ڌوڏيندي چيو: ڄاڻين ٿو رات جا ٻه لڳي چڪا آهن، رستي جي هر موڙ تي پوليس جي جيپ نظر ايندي، مون کي تنهنجو ڪوئي فڪر ڪونهي، ڊپ اٿم، ڪٿي هو تنهنجي اها خوبصورت بشرٽ نه لاهي وٺن.
    برگانجي جي مئخاني ۾ سڀ کان اڳ هن جي بشرٽ ئي منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو هو. بشرٽ جو ڪپڙو رواجي هو، مگر هن چترڪار مهاشيه ان ڪپڙي تي چڱي دلچسپ چترڪاري ڪئي هئي، مثلن ڪالرن تي ٻن جُوتن جا خاڪا هئا. جڏهن سمجهاڻي پڇي مانس ته چيائين اسان غريب ماڻهن جي قسمت ۾ اهوئي ته لکيل آهي ڇاتيءَ واري حصي تي هڪ نيم ننگي نوجوان عورت جو چتر کينچيل هو، جو هن جي چوڻ مطابق هر پرش جي من ۾، جيڪڏهن هو مرد آهي ته، بس اهڙوئي هڪ چتر هوندو آهي. سندس کيسن جي ٻاهران نوٽن جا ٿها ڇپيل هئا، جنهن بابت ڪجهه پڇڻ وقت سان زيادتي ڪرڻ سمجهيم. گهاٽي سائي رنگ جي اها بشرٽ پائي هو جيڪڏهن شام جو گهر کان نڪرندو ته راهگيرن جون نظرون ان تي ڄمي بيهنديون. بيشڪ، سڄي شهر ۾ اهڙي اد ڀت بشرٽ ڪنهن وٽ نه آهي، مان هن جي اها بشرٽ لاهي وٺان پهرين ملاقات ۾ منهنجي من ۾ اهڙو لوڀ جاڳيو، ليڪن پهرين ملاقات ۾ ئي ائين ڪرڻ جو ساهس ڪري نه سگهيس. هن کي پنهنجي ان بشرٽ تي ناز هو. منهنجو سوال ٻڌي پنهنجي بشرٽ تي تعريفي نظر اڇلائي چيائين ڇو، ڀلا پوليس وارا ڇو منهنجيءَ بشرٽ کي لاهيندا؟“ مون هن جي ڇاتيءَ تي هٿ رکي چيو، ”ڇو جو ان بشرٽ مان تون اگهاڙپ جو علمبردار لڳين ٿو.“
    ”ته پوءِ هو منهنجي بدران ايلور اکجو راهن جي مندرن کي گرفتار ڇو نٿا ڪن؟“ ائين چئي ڪمٽي منهنجون ٻئي ٻانهون پنهجن ڪلهن تان هٽائي پري ڪيون ۽ خود چڙ کان منهن گهنجائي هڪ طرف ٿي بيٺو. مون هن سان بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، چپ چاپ هن سان گڏ هلڻ لڳس. ان وقت پاسي کان هڪ خالي ٽئڪسي لنگهي رهي هئي، جنهن کي هن هٿ ڏئي بيهاريو، ٻيءَ گهڙيءَ اسين ٽئڪسي ۾ اندر ٿياسين، ڪمٽي هڏڪي ڏئي چيو ڪماٽيپرا، نائين نمبر جي گهٽي، ستين نمبر جي چال.
    ”بلڪل ٺيڪ بادشاهو،“ پنجابي ٽئڪسي ڊرائيور به هڏڪي ڏئي جواب ڏنو.
    هو به پيتل هو، ٽئڪسي تيز رفتارس ان هلڻ لڳي، ڪماٽيپرا واري مقررم نزل تي پهچي، وياسين. کٽاڪ سان ميٽر ٺاهيندي ڊرائيور چيو ”ٻه روپيه چوڏهن آنا.“ ڪمٽي بشرٽ جي ٻنهي کيسن ۾ بار بار پنهنجا هٿ وڌا، مگر هڪ نوٽ ته ڇا پر هڪ آنو به نه نڪتو. اها بجلي منهنجي مٿان ڪري، مون ڀاڙو چڪائيندي پنهنجي جان ڇڏائي، پر ڪمٽي ٻه اکر مهربانيءَ جا چوڻ بدران مرڳوئي مون کي ڇنڊ ڪڍي ”تون ڇو هتي لهي پئين؟ ٽئڪسيءَ ۾ پنهنجي گهر ڇو نه وئين؟“
    ”ان لاءِ جو مون کي تنهنجا چتر ڏسڻا آهن!“
    ”رات جو ٻي بجي وڃ! وڃ مسٽر مون کي ننڊ پئي اچي.“
    ائين چئي هو پنهنجي چال ڏانهن وڌيو، مگر وڌندي ئي فٽ پاٿ جي ڪنڊ سان ٿاٻڙجي ڪري پيو. مان ڇلانگ ماري وڃي هن وٽ پهتس ۽ جهٽڪو ڏئي کيس مٿي ڇڪي ورتم ۽ پوءِ کيس سهارو ڏئي چال جي چيچاٽ ڪندڙ ڏاڪڻ چڙهڻ لڳس. ٽماڙ جي اولهه واريءَ ڪنڊ ۾ هن جو ڪمرو هو، مون ڪمٽي جي کيسي ۾ هٿ وجهي چاٻي ڪڍي ۽ پوءِ قلف کوليم.
    ”ديوار جي کاٻي پاسي سئچ اٿئي،“ هن چيو.
    مون کاٻي پاسي مُڙي ميڻ بتي ٻاري، سڄو ڪمرو چترن سان ڀريو پيو هو،. ديوارن تي مختلف قسمن جا چتر ٽنگيل هئا، ڪي ڪنڊن ۾ پيل هئا. ڪي چتر فرش تي پيا هئا، جي وچتر نگاهه سان ڇت ڏانهن تڪي رهيا هئا. يڪا يڪ مون کي ائين لڳو ته مان انهن چترن کي نه، اهي چتر مونڏانهن يڪٽڪ نهاري رهيا هئا. چترن جا رنگ بلڪل گهرا ۽ تڙڦندڙ ٿي لڳا، پنڪيون کائيندڙ پيڙت رنگ، جي ڪجهه جهڳي هڻندڙ ۽ چيڙاڪ ٿي لڳا! رنگ، جن طنز ٿي ڪئي. رنگ، جي جيون جي نازڪ تهن ۾ لڪل کهري تڪليف ڏيندڙ سچ کي اڀاري ظاهر ٿي ڪيو ۽ جن ڏسندڙ تي ٺٺوليءَ وچان ڏند ڪڍي کليو ٿي.
    مون کي ڪمٽي جا چتر اڻوڻندڙ لڳا. مون کي ته هلڪن رنگن جو ٿڌو اثر پسند آهي، جتي هڪ رنگ حليمائيءَ سان ٻئي رنگ ۾ ملي ويندو آهي. جيت وڻ عورتن جيان ۽ عورتون ميويدار وڻ جيان سندر لڳنديون آهن. جتي مردن جا بدن، بنسريءَ جي سورن جيان لچڪندڙ لڳندا آهن، ۽ جتي بنسريءَ جا مٺا سُر ڪمل جا گل بڻجي، تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ گنگنائيندا آهن.
    ”ڪيئن؟ ڪئين لڳئي منهنجا چتر؟“
    ”تون چترڪار نه، خاڪ دان آهين،“ مون بنا ڪنهن ڊپ جي چيو.
    ”ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي! مان چترڪار پوءِ آهيان ڪارٽونسٽ پهرين آهيان. مان ”ڊنڪر ويڪلي“ جي لاءِ ڪارٽون ڪڍندو آهيان،“ ڪمٽي پيشانيءَ تي سوچ جون ريکائون ٺاهيندي چيو، ”دنيا ۾ اها ڳالهه ڪيتري نه وچتر آهي ته انسان کي جنهن ڪم مان روٽي ملي ٿي، ان سان هن جو پريم نٿو رهي، مون کي اڪثر انهن ماڻهن جا ڪارٽون ڪڍڻ لاءِ چيو ويندو آهي، جن کي مان من ئي من ۾ نه چاهيندو آهيان. اهڙو ڪم ڪندي ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي، ڄڻ مان پاڻ کي ٿڪي رهيو آهيان، جڏهن صديون ائين پنهنجي منهن تي ٿڪندي گذرن ٿيون، تڏهن انساني چهرو بگڙجي وڃي ٿو.“ هڪ پلڪ رڪجي هن نظر کي تيز ڪيو، آڱر کڻي چيائين ”هاڻ جي ڪڏهن تون ڪٿي ڪنهن گهٽيءَ، بازار يا ماڻهن جي مجموعي مان لنگهين ته ذرا ڌيان سان انهن جا چهرا ڏسج اوهي توکي چهرا گهٽ، ٿڪدانيون وڌيڪ معلوم ٿيندا.“
    مون گهٻرائجي پنهنجو منهن پنهنجي هٿ سان ڇهيو ۽ پوءِ ترت هٿ هٽائي پاڻ تي ضابطو رکي چيم ”جيڪڏهن توکي پنهنجي پيشي کان ايتري نفرت آهي ته پوءِ تون اهو ڪم ڇڏي، ٻيو ڪم ڇو نٿو ڳولهين؟“
    هن وري آڱر مٿي کنئين ..... ”نه، تو غلط سمجهو! مون کي ڪارٽون ٺاهڻ کان نفرت ناهي، ليڪن جڏهن مون کي منهنجي اڇا جي خلاف ڪارٽون ڪڍڻ لاءِ چيو ويندو آهي، تڏهن مون کي پنهنجي پيشي کان نفرت اچي ويندي آهي.“
    هو چپ ٿي ويو. يڪايڪ اداس ٿي چيائين، ”ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته مون کي اهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ مون کي سوچڻو نه پوي – جيئن رستي تي ٻهاري پائڻ.
    ”اتي به سوچڻ جي گنجائش رهي ٿي،“ مون چيو ”ماڻهو جيڪڏهن ٺيڪ طرح سان ٻهاري نه پائي ته شايد هر ڪنهن واٽهڙوءَ جي چهري کي هڪ ڪارٽون بڻائي ڇڏي.“
    منهنجي طنز تي هن رنج ٿي چيو ته ”پوءِ مان ڇا ڪريان؟ گوبيءَ جو پن بڻجي وڃان يا بصر جو ڇلڪو؟“
    ”بهايت نااميديءَ جو ماريو شخص ٻنهي مان ڪهڙو هڪ به بڻجي نٿو سگهي.“
    ”ته پوءِ مان ڇا ڪريان؟“ ائين چئي هو ڪرسيءَ تان اٿي کڙو ٿيو. هاڻ هن جي چهري تي نشي جي هلڪي جهلڪ به نه هئي هن جي چهري تي اهوئي گهرو تڙڦندڙ رنگ هو، جو مون هن جي چترن ۾ به ڏٺو هو. هو خود مون کي هڪ چتر ڀاسڻ لڳو، ڪروڌ وچان چيائين، ”هن ڪوڙي سنسار ۾ مون پارا ماڻهو پنهنجي رچيءَ مطابق ڪم ڪٿان آڻين؟ پنهنجي رچنا جي پيڙا کي پنهنجي سپني جي سرشتي کي، پنهنجيءَ ڪلپنا جي بلنديءَ کي ڪٿان پائجي؟“
    ”ان جا مختلف رستا آهن“ مون طنزيه نوع ۾ چيو ”مگر انهن مان هڪ به رستو برنجا جي گتي ڀرسان نٿو لنگهي،“ مان کلڻ لڳس.
    ”کلين ٿو،“ ڪمٽي جوش ۾ چلايو، ”جڏهن هڪ گندي ٿڪائيندڙ اشد وايو منڊل ۾ وسندڙ هڪ مل مان ڪوئي مزدور ٻاهر نڪري گهر نه وڃي، ۽ جيڪڏهن تاڙيءَ جي دڪان ۾ وڃي ٿو ان تي نه کلو! جڏهن ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ سوا سؤ روپين جي نوڪري ڪندڙ ٻڍو اڪائونٽنٽ ڏهه ڪلاڪ، آنا ۽ پايون ڳڻيندي ٿڪجي آفيس کان ٻاهرن ڪري ٿو ته لهند:ڙ سج جي لالائي به لاپته ٿي چڪي هوندي آهي، رات جي ڪارنهن ڦهلجي چڪي هوندي آهي، ان ماڻهوءَ سالن کان ٻڏندڙ سج جي لالائي نه ڏٺي آهي، ان ماڻهوءَ گلن کي ٽڙندو نه ڏٺو آهي، کلندڙ پنکڙين تي هن ڪڏهن شبنم جو هڪ قطرو نه ڏٺو آهي، ڇلڪندڙ اکڙين مان وسندڙ لالائي نه ڏٺي آهي، اهو ماڻهو جيڪڏهن گهر نه وڃي ۽ ڪنهن وئيشا وٽ وڃي ٿو ته ان تي شوڪ ظاهر نه ڪريو. سنسار جو ڪوئي به درد ڪنهنجي به کلڻ يا روئڻ سان ڪڏهن به گهٽبو نه آهي.“
    هو چپ ٿي پيو، وري ساڳين جذبن جي تڪليف وچان هو ڪرسيءَ تي ويهي رهيو ۽ آهستي چوڻ لڳو ”جڏهن هڪ بيروزگار نوجوان سڄو ڏينهن دفترن، فرمن، ڪارخانن، دڪانن جا چڪر ڪاٽي نراشا کان مجبور ٿي، پنهنجي گندي چال جي ڪمري ۾ پاڻ جهڙن بيروزگارن سان جيڪڏهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ شطرنج راند ڪري ٿو ته ان کي سست ڪاهل ۽ نڪمو نه چئو! ڏسو هو ڪيتري نه نفرت سان راجا کي ماري ٿو. هر شخص هر وقت پنهنجي ٻڌيءَ سمجهه ۽ ماحول موجب پنهنجو هڪ رستو ڳولهي ڪڍي ٿو. ان رستي تي هلي انسان سدا ڀٽڪندو رهيو آهي.“
    مون هن کي پريم وچان چيو، ”ليڪن هن وقت ڇا اهو بحث فضول نه آهي، مون کي ٻڌاءِ ته پنهنجي لاءِ ڪهڙو رستو ڳوليو آهي.“
    ڪمٽي ٻارن جيان چنچل ۽ وجئي ڀاو ۾ مون کي راز ڀري لهجي ۾ چيو ”مون! مون پنهنجي چهري جي هيٺان هڪ ٻيو چهرو لڪائي رکيو آهي، جيون راهه تي هلندي هلندي ڪڏهن هڪ انسان مان ٻه انسان بڻجي ويندا آهن ۽ اڄ ڪلهه ته هر انسان پنهنجي چمڙيءَ هيٺان هڪ ٻيو انسان لڪائي گهمي ٿو. هڪ انسان جي اندر هڪ ٻيو انسان لڪو پيو آهي. منهنجي اندر هڪ انسان اهو آهي جو پنهنجي اڇا جي خلاف ڪارٽون بڻائيندو آهي، جو پنهنجي خلاف ڪارٽون بڻائيندو آهي، جن لاءِ آزاد آهي، اهو صرف اهي چتر بڻائيندو آهي، جن لاءِ هن جي آتما هن کي مجبور ڪندي آهي.“
    ”ڇا تون آتما ۾ وشواس رکين ٿو؟“
    هن چڙي چيو، مون کي خبر آهي تو جهڙا ماڻهو آتما ۾ وشواس نه ڪندا آهن، ليڪن مان ڪريان ٿو، ڇو جو مون هن دنيا ۾ صرف هلندڙ جسم به ڏٺا آهن، جسم جي هلي رهيا هوندا آهن، ليڪن جن ۾ آتما نه هوندي آهي. جي هلي رهيا هوندا آهن درڍتا سان، ليڪن جن جي ڪٺور چهرن جي سختي ۽ گهمنڊ جي باوجود به لڳندو آهي، ڄڻ مان انسانن کي نٿو ڏسان، لوهه جي خالي دٻن کي جهانڪي رهيو آهيان. مضبوط چمڪندڙ ۽ سهڻي برانڊ وارا رنگين ليبل لڳل سجايل دٻن جي ٻاهران حسين مگر اندران بلڪل کوکلا آهن. توکي ڇا ڪنهن انسان جي کوکليپڻي کي ڏسي انسان هستيءَ جي کوٽ محسوس نه ٿي آهي؟“
    ”ان ڏس ۾ ضرور ٿيندي آهي، جيئن ڏاڙهي لاهڻ کان پوءِ وارن جي کوٽ محسوس ٿيندي آهي.“
    ”تو سان بحث ڪرڻ فضول آهي، هن منهن ڦيري پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ وڌو ۽ پوءِ دکي نوع ۾ چيو، ”ائين ته مان چوان نٿو ته منهنجي اندر مون کان الڳ ڪائي آتما ضرور موجود آهي؛ ليڪن هڪ چتر ضرور آهي، يعني هڪ چتر جي اڇا ضرور آهي، يعني ان اڇا جي چتر جو چتر ضرور آهي، جنهن کي رچڻ جي مون لڳاتار ساڌنا ڪئي آهي ۽ جو مان اڃا تائين رچي نه سگهيو آهيان. جيتوڻيڪ مون سوين چتر رچيا آهن، مگر مون کي انهن ۾ هڪ به اهڙو چتر نظر نٿو اچي، جنهن کي رچڻ لاءِ مون وٽ لوڇ آهي، تڙپ آهي، کوج آهي. بس کوکلا دٻائي ملي آهن! گهڻو ٿيو، مگر اهو ته معلوم ٿيو ته ان چتر ۾ ڪنهن هنڌ آتما ضرور هئي، جا هينئر اٿي هلي وئي آهي! ”وان گوگ“ جي خالي ڪرسيءَ جيان!“
    مان هن جي بڪ بڪ کان ذرو به متاثر نه ٿيس. هڪ وڪيل بڪ بڪ کان متاثر ٿيندو به ڪونهي. منهنجو ڌيان ته ان چتر ڏانهن ڇڪجي ويو، جو اڃا اڌورو هو ۽ جو هڪ بورڊ تي ٽنگيل هو، جنهن ۾ هڪ مٽيءَ جي ڪونڊي هئي، جنهن مان گلاب جا گل ليئا پائي رهيا هئا. ڪونڊيءَ کي چير پيل هئا، ڄڻ ڪنهن ان کي هٿوڙي سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    هن چتر جو ڪهڙو ڀاو آهي؟ آهي ڪو بيهودو خيال؟“
    ڪمٽي ان تي چتر ڏانهن وڌي ويو، ۽ ڪجهه ائين کڙو ٿي پيو، ڄڻ ان کي ڪنهن حملي کان بچائي رهيو هو، آهستي چيائين، ”توکي ڀلا مشهور آئرش ڪويءَ شان اوڪاسيءَ جي ڪوتا جون هي سٽون ڇو ياد هودنيون؟“
    تون گلاب جي گلدستي کي ٽوڙي سگهين ٿو، ليڪن فضا ۾ وري به گلن جي خوشبوءِ رهندي ئي.“
    مان شرمندو ٿي ويس، ڇو جو وڪيل جو هميشه بي انصافيءَ سان واسطو پي رهيو آهي، هو اتياچار ۾ ئي جيئرو رهندو آهي ۽ ان جي ڪميشن کائيندو آهي. مون پنهنجي نظر دريءَ ڏانهن ڪئي، جو منهنجي نظر ان چوکٽ تي پيئي جتي هڪ وڏو ڪارو ڪپڙو پيو هو. مون اوڏانهن وڌندي چيو، ”هي ڇا آهي؟“
    ”ان کي پهج به نه“ هو چلائي ڇلانگ ماري منهنجي اڳيان اچي بيٺو ”هي چتر مان توکي نٿو ڏيکاري سگهان!“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو ان کي ڏسڻ لاءِ اکين کي روشني جي ضرورت آهي.“
    ”ڀائي روشني ته منهنجي اکين ۾ آهي. انهن اکين سان مون تنهنجا ٻيا چتر به ڏٺا آهن. انهن اکين سان مان ڇا هي چتر ڏسي نه سگهندس؟“ مون کلندي پڇيو.
    ”ممڪن آهي ڏسي سگهين““ هن پاڻ کي پاسي واري ڪوچ تي سٽيندي چيو، ”ممڪن آهي نه به ڏس يسگهين. هي چتر منهنجي زندگي جي نسڦل گهڙين ۽ ناڪامين جي سڀ کان وڏي ڪهاڻي آهي ۽ ڪوئي به ماڻهو پنهنجي ناڪامي واري نفرت کي ٻين جي اڳيان ظاهر نه ڪندو آهي. هي چتر منهنجي زندگيءَ جي لاثاني تخليق آهي. مان سمجهان ٿو ان کان اتم چتر مان ٻيو ڪو بڻائي نه سگهيو آهيان. ليڪن هيءَ چتر به جي نمائن ۾ مون موڪليو آهي تن ۾ بنا انعام پائڻ جي موٽي آيو آهي. ٻين چترن تي مون کي انيڪ انعام مليا آهن، مگر هن چتر تي داد جو هڪ جملو به نه مليو آهي، انعام ڏيندڙ جج هڪ پل لاءِ فقط ان کي ڏسندا ۽ پوءِ اکيون جهڪائي هليا ويندا آهن. ڇا هو ماڻهو اصل ۾ اکيون نٿا رکن، ڇا هو ڏسي نٿا سگن ته اصل ۾ مون ان ۾ ڏنو ڇا آهي!“
    ”ڇا ڏنو اٿئي؟“ مون هن جي پاسي ۾ ويهندي چيو.
    هن جي نظر ڪاري پردي تي ڄمي رهي، ڇيائين، ”اها هڪ اداس شام هئي، جڏهن مان هٿ ۾ اسڪيچ بوڪ ۽ پينسل کڻي ڪنهن دلچسپ ڪارٽون جي ڳولار ۾ شهر جي بازارين ۽ گهٽين مان گهمندو ڦرندو، ماڻهن جي نظر کان بچندو، هڪ اهڙي جڳهه تي وڃي پهتس، جتي ان کان اڳ مان ڪڏهن ڪونه آيو هئيس ۽ جتي گهٽيون ايتريون ته تنگ ۽ اونداهيون هيون، جتي نالين ۾ ايترو گند ۽ ايتري بانس هئي، جو مون سوچيو، هتي رهندڙن کي شايد نڪ ٿئي ئي ڪونه، ڇو جو اهو ممڪن نه هو ته ڪنهن انسان جي چهري ۾ نڪ هجي ۽ اهو هتي رهي سگهي. هڪ ٻه جڳهن تي اونداهه سبب ٺوڪرون کائيندي اهو به خيال آيم ته هتي اکين جي به ضرورت نه آهي، ڇو جو اکيون صرف روشنيءَ ۾ ڪم ڪنديون آهن! ۽ روشني بنا ڪو چتر بڻجي نٿو سگهي ۽ پوءِ مان هتي ڇو ڀٽڪان؟ مون گهٻرائجي آسمان ڏانهن نظر ڪئي، جو ڪارن بادلن سبب گنديءَ ڇت جيان هيٺ جهڪيل هو.“
    ”وڏو بڪ بڪيو آهين، ڀڳوان واسطي پنهنجي پٽي تي اچ.“
    ”وشيه ۽ موڊ ۾ هڪ گهرو ناتو آهي،“ ڪمٽي وياڪل ٿي چيو، ”مان توکي ڪيئن سمجهايان ۽ ڇو سمجهايان – ڪيئن ٻڌايان ته ان هئبتناڪ انڌڪار واري ماحول جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ بزار جي شروعات هئي، جتي اليڪٽرڪ جي هڪ ٿنڀي، اوندهه ۽ روشنيءَ جو ميلاپ ٿي ڪرايو ۽ جتي پوسٽ آفيس جو هڪ ليٽر باڪس هو، پاڻي جو هڪ نلڪو هو ۽ جتي هڪ هوٽل جي گند جو هڪ ڍير هو ۽ چار پنج بکاري فٽ پاٿ تي ويٺا هئا.
    ”ٻڌو!“ مون هن کان پڇيو ”ڀلا انهن کي بکيا جي ڪهڙي ضرورت؟ اتي نه پاڻي هو، روشني هئي، خط وجهڻ لاءِ ليٽر باڪس هو، پاسي ۾ هوٽل هئي، جنهن ۾ سوادي کاڌو هو! انسان کي ٻيو ڇا کپي؟ سٺيءَ ۾ سٺيءَ پليٽ ۾ ڪيتري به جوٺ آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿي.“
    هن جوش مان چيو ”تون ڇا هر وقت وڪيل بڻيو رهندين؟ ڪڏهن ڪٿي انسان بڻجي نٿو سگهين؟ ڪنهن جي ڪليش ۽ پيڙا جو مذاق اڏائڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهين؟ روشنيءَ ۽ اونداهه جي ميلاپ ۾ تنهنجي آتما ڪنبي ڇو ٿي اٿي؟ ڇو اها سهارو وٺڻ لاءِ هٿ ٿو هڻين، تنهنجو منهنجو ڪهڙو سٻنڌ؟ اڄ تون هڪ چتر ڪار جي گهر ۾ آهين. ٿوري وقت بعد تون وري پنهنجي صاف ۽ اوجل دنيا ۾ موٽي ويندين ۽ سموري زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن چتر کي ڏسي نه سگهندين، جو مون فيصلو ڪيو آهي ته ان کي ڪنهن به نماءَ ۾ نه موڪليندس! چتر ڪلا جا ڄاڻو سڀ جا سڀ بس تو جيان صرف سرڪاري وڪيل آهن، ٻيو ڪجهه نه آهن!
    اواڪ اپلڪ، هن جو منهن تڪيندو رهيس. يڪاڪ گهڙيال پنهنجي سيني تي ٽي ڌڪ ٺڪاءُ ڪيا. هن درديلي لهجي ۾ چيو، ”اوندهه وڃي رهي آهي، روشني اچي رهي آهي، ليڪن نه معلوم ڪڏهن ماڻهن جي اکين ۾ روشني ايندي، جڏهن ماڻهو منهنجي ان چتر کي ڏسندا جنهن جي قسمت ۾ مون کي صرف اونده ئي نظر اچي ٿي. مان ان چتر کي وساري نه ٿو سگهان نه ڄاڻان ڪيترن ڏينهن جي بک ۽ پياس کان ماندي ٿيل اها مجبور بکاري عورت ان ليٽر باڪس جي سهاري خاموش پئي هئي. ٻيا بکاري ته هلڪو سلڪو آواز ڪري ٻئي ٻانهون مٿي ڪري ڪجهه نه ڪجهه پني رهيا هئا. مگر هوءَ خاموش سڀني کان ڪٽجي فضا کي گهوري رهي هئي. هن کي ڪنهن جي خط جو انتظار هوندو؟ ڪير لکندو هن کي خط. هن جي ڀاڳ جو ليٽر باڪس کليل ئي ڪٿي آهي! نراشا ۾ ٻڏل عورت بلڪل ننگي عورت پنهنجي اگهاڙپ کان بلڪل بي پرواهه.... صرف شرم ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي جو ٽڪر هئس، هن تي شايد ايتري ته مٽي چڙهي وئي هئي ڄڻ گندگي جي ڍير تي هڪ ڪٽ چڙهيل لوهه جو نڪمو، وئرٿ، ڪجسو لوهه جو ٽڪر، شايد هوءَ استري ڪڏهن گلاب هوندي. اها ڇاتي بدصورت ڪنهن معصوم ٻار جي کير جو پيالو بڻي هوندي. شايد هن جي چپن جي ڪومل پنکڙين مان ڪنهن شاعر کي گلن جي خوشبوءِ آئي هوندي. شايد ڪنهن زماني ۾ هوءَ عورت به سهڻي گلدستي ۾ سهڻي گل جيان رکي وئي هوندي، ليڪن اڄ اهو گلدستو ٽٽي ويو آهي، اڄ اهو گلاب مسليو ويو آهي. اڄ ان گلاب جي سڳنڌ نه رهي آهي. شايد شان اوڪاسيءَ جو چيو آهي، سو بلڪل ڪوڙ آهي ته، تون گلدستي کي ٽوڙي سگهين ٿو. ليڪن فضا ۾ وري به گلن جي خوشبوءِ رهندي ئي! ڪٿي آهي شان او ڪاسي؟ هو پنهنجي آئرلينڊ جي سندر ڀومي ڇڏي اچي هن عورت وٽ ۽ اچي ان جي ڪهاڻي ٻڌي! مون ته اڃا اهو فيصلو به نه ڪيو هو ته اهو چتر هو يا ڪارٽون، منهنجو ته اسڪيچ –بوڪ ئي اڃا کلي نه سگهيو هو، جو ڏسندي پوليس جيپ بيهڻ جو آواز آيو. آواز مٿان آواز ڄڻ شهر جو صحت وزير ان ماحول مان لنگهي رهيو هو. آمدرفت هٽائي ٿي وئي. هورڙيان بکاري فٽ پاٿ تان ڀڄڻ لڳا، ليڪن مون ڏٺو اها عورت، مجبور ننگي عورت ئي اتي جي اتي بي فڪر پئي رهي.
    پوليس جي هڪ جيپ ليٽر باڪس وٽ اچي بيٺي. ٻه نيري ورديءَ وارا، تنهنجي انصاف جا رکيڪ ٻه پوليس وارا جيپ مان لهي، ان عورت وٽ آيا ۽ چلائي چيائون ”اڙي اٿ هتان! ڏسين نٿي هتان وزير صاحب لنگهي رهيو آهي.“
    ان عورت پهرين پنهنجين مجبور نگاهن کي اوسي پاسي ڦيرايو ۽ پوءِ ننگي جسم ڏانهن نهاريو. هن آنسو ڀريل اکين جون پلڪون مٿي ڪيون، ليڪن اکين جي ٻولي ڇا هر ڪو ڄاڻي ٿو؟ سپاهين وري چلايو، ”اڙي اٿ هتان!“ ٻنهين هن کي اٿارڻ چاهيو. هوءَ گهٻرائجي پنهنجو پاڻ اٿي کڙي ٿي. هينئر هوءِ بلڪل ننگي هئي، سندس سڄي جسم تي ڪپڙي جو هڪ به ٽڪر نه هو. هن اڃا به وڌيڪ گهٻرائجي، هيٺ جهڪي اهو ڪپڙو کنيو ۽ شايد سوچيو ته آخر هوءَ بدن جي ڪهڙي حصي کي ڍڪي! اوچتو هن پنهنجي هر طرف نر لڄ نگاهن کي ڏٺو، جيڪي ڄڻ هن جي انگ انگ ۾ چير ڪري هن جي اندر گهڙي رهيون هيون. ان عورت نهايت گهٻراهٽ ۽ شرم وچان پنهنجا ٻئي هٿ اڳيان وڌائي پنهنجي منهن ڪپڙي جي ان ٽڪر ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ باقي سڄي بدن کي اگهاڙو ڇڏي، هوءَ آهستي آهستي اڳيان و‎ڌڻ لڳي.
    تون گلدستي کي ٽوڙي ٽڪر ٽڪر ڪري سگهين ٿو، ليڪن فضا ۾ وري به گلن جي خوشبوءِ رهندي ئي ....“ يڪدم ڪمٽي پنهنجو منهن پنهنجن ٻن هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ پوءِ سسڪي سسڪي ٻارن جيان روئڻ لڳو. ڪيتري دير تائين مان ان ڪاري ڪپڙي کي ڏسڻ لڳس، ڪيترائي يگ هزارين سال ڄڻ چند گهڙين ۾ گذري ويا ۽ مان پٿر جو بت بڻيو، ان ڪپڙي جي سامهون کڙو هئس. مون ۾ ڄڻ ساهس ئي نه رهيو هو، جو مان ان ڪپڙي کي هٽائي ڪمٽي جي زندگي جي ناڪام بيسود گهڙين جي اعليٰ بينظير تصوير ڏسي سگهان، آخر ۾ همت ٻڌي، مون هڪ ئي جهٽڪي سان سچتر مٿان ڪپڙو هٽائي چتر کي نگو ڪري ڇڏيو. ٻئي گهڙيءَ ڇرڪي پٺيان هٽي ويس. ان چتر کي ڏسي مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ مان وڪيل نه خود گنهگار هئس، ڄڻ مان ڏوهارين جي بند پڃري ۾ کڙو هئس.

    (سنڌيڪار: موهن ڪلپنا)


    2. بيمار پيءُ

    چندر ڪانت مهتا، اسان جو دوست، ڏٻرو سنهڙو ڊگهي قد جو، وچولکي عمر جو هڪ دلال هو، جو جڳهين جي دلالي ڪندو هو ۽ پالي پارڪ ۾ رهندو هو. پالي پارڪ جي نون بنگلن ۾ جيڪي به مسواڙي ايندا هئا، سي هن جي معرفت ئي ايندا هئا. ان جي اسان کي خبر هئي، ڇو جو مهتا سيٺ خوبچند کي خوب ڄاڻندو هو ۽ سيٺ خوبچند انهن تمام بنگلن جو مالڪ هو، جنهن کي مهتا پنهنجي لڳاتار مسڪا پالش سان پنهنجي مٺ ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. زندگيءَ جي تلخين، مهتا کي مسڪا پالش فن جو ماهر بڻائي ڇڏيو هو، ليڪن اڄ زندگيءَ ۾ صرف مسڪا پالش ئي ڪافي ناهي، نوان مڪان ٺهڻ به ضروري آهن، جيڪڏهن نوان مڪان نه هوندا ته مسواڙي ڪٿان ايندا؟ هڪ دفعو مڪان وٺي، ان کي ڇڏڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.
    ٻڌبو آهي ته اڳئين زماني ۾ مسواڙي اهڙا اشراف هوندا هئا، جو مڪان مالڪ جي پهرئين نوٽيس سان ئي پنهنجو بسترو گول ڪري نه معلوم ڪيڏانهن رفو چڪر ٿي ويندا هئا، پر هن زماني ۾ اُهي ڏهه دفعا مقدمو لڙڻ کان پوءِ به مڙڻ لاءِ تيار نٿا رهن. ڀلا هيءَ ڇا انسانيت آهي؟ آخر به چندر ڪانت مهتا ڪيڏانهن وڃي؟ کيس هر مهيني، گهرجي خرچ لاءِ هڪ هزار روپيا کپن. هو دلالي ۽ ٻين ننڍن وڏن ڪمن مان صرف چار پنج سؤ ئي ڪمائي ٿو، باقي پئسا هو آڻي ڪٿان؟ ۽ سو به هر مهيني.........
    ان ڪري هو هميشه ڍڪرن ۾ رهندو آهي ۽ جيئن ته هن کي هڪ خوبصورت گڏيءَ جهڙي زال آهي ۽ خوبصورت ننڍي ڪار آهي، ان ڪري هو جڏهن لاڏ وچان ”پياري“ چوهندو آهي، تڏهن اها سڌ نه پوندي آهي هت هو پنهنجي زال کي ٿو پڪاري يا ڪار کي.... جڏهن هڪ ئي گهر ۾ ٻه پياريون چيزون گڏ رهنديون آهن، تڏهن گهر ۾ غلط فهمي پنهنجا پير گهمائڻ شروع ڪندي آهي. خاص ڪري جڏهن مالڪ کي ٻنهي کي ساڳئي نالي سان پڪارڻ جي عادت هوندي آهي. تڏهن اسين ماڻهو، جي هن جا دوست هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهيون، صرف هن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان اندازو لڳائيندا آهيون ته هن جو اشارو ڪيڏانهن آهي.
    ”اڄ مون پياريءَ لاءِ هڪ ساڙهي خريد ڪئي آهي.“
    ظاهر آهي، هن جو اشارو هن جي پياري زال ڏانهن آهي، ڀلا ڪار کي به ڪو ساڙهي پائيندو آهي؟ ساڙهيءَ کي ته ڪار ۾ هر ڪو چاڙهيندو آهي مگر ڪار کي ساڙهي ۾.......
    يا جڏهن اسان کي اهو چيو ويندو آهي ته ”ڪلهه مان پياريءَ کي سنان ڪرائي رهيو هوس، جو ايتري ۾......“ اسين سمجهي ويندا آهيون ته هن جو اشارو هن جي پياري ڪار ڏانهن آهي، مگر ڪڏهن غلط فهمي پيدا ٿي ويندي آهي.
    ”منهنجي پياريءَ کي اڄ چوٽ لڳي ويئي.“ هاڻ سمجهه ۾ نه ايندو ته شريمتي مهتا جو پير مڙي ويو آهي يا ڪار سان ڪو حادثو ٿيو اهي.
    ”اڄ رستي ۾ پياريءَ ڏاڍو پريشان ڪيو!“
    هاڻ رستي تي زال پريشان ڪري سگهندي آَهي ته ڪار به ۽ اسين سوچيندا رهجي ويندا آهيون ته شريمتيءَ جو پارو تيز هو يا ڪار جي بئٽري ڊائون هئي! اهڙن موقعن تي تحمل سان ڪنڌ ڌوڻي ”هون هون“ ڪرڻ ئي بهتر لڳندو آهي.
    زال ۽ ڪار کان سواءِ چندر ڪانت جي پياري چيز هن جي پيءُ جي بيماري به آهي. هن جو پيءُ چمن مهتا، اڌ صدي عمر جو آهي، ۽ جو پنهنجي پٽ وانگر ڏٻرو پتلو يا اڃا به هن کان وڌيڪ سڪل آهي. قد ۾ پٽ وانگر ڊگهو ته آهي مگر لنبي بيماريءَ جي باوجود به هن جو آواز تيز ۽ چيريندڙ آهي. پٽ جو آواز مٺو ۽ لچڪيدار آهي. هنجو آواز ٻڌي مڃبو آهي ته هن کي يا دلال ٿيڻ کپي يا ماکيءَ جون مکيون پاليندڙ ڪو واپاري. پيءُر جو آواز، هن جي دولتمند هئڻ سان گڏ هن جي ڪنجوس هئڻ جو پڻ ساکي آهي. پٽ ۽ ننهن، ٻئي اٺ ئي پهر هن جي شيوا ۾ لڳا رهندا آهن. ٻڍي جو بدن سڪي ويو آهي، پير سڄي پيا آهن ۽ اکين جي جوت گهٽجي ويئي آهي، مگر سلهه اڃا به اٿس. سڪي وڃڻ سبب، هن جي نس نس مان ساهه جي آمدرفت ظاهر ٿيو پوي. ٻڍو پوءِ به زنده آهي ۽ زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪندو ٿو رهي. کيس ٻه پٽ ٻيا به آهن. مگر هو پيءُ جي شيوا نه ڪندا آهن، ڇو جو پيءُ ڏهن سالن کان بيمار آهي ۽ پٽ به پهرين چئن سالن جي شيوا بعد ٿڪجي پيا آهن. هر ڪنهن جذبي جي هڪ حد ٿيندي آهي، هڪ عمر ٿيندي آهي ۽ ٻنهي کان ٻاهر نڪرڻ بعد اهو جذبو دم ٽوڙي ڇڏيندو آهي. ٻنهي پٽن سان ائين ئي ٿيو. نتيجو اهو نڪتو جو پيءُ چندر ڪانت جي شيوا ڏسي ٻنهي پٽن کي جائداد کان وانجهي ڇڏيو، ٻنهي پٽن کي ان جو بيحد ڏک هو. ٻئي پنهنجي ڀاءُ کي ڏوهي ٺهرائيندي اڪثر چوندا هئا ته چندر ڪانت لالچ وس ٿي اسان جو گلو ئي ڪٽي ڇڏيو. چندر ڪانت صبر سان هنن جون ڳالهيون ٻڌندو، ٽوڪون سهندو، پيءُ جي خدمت ۾ رنڀيو رهندو هو ۽ فخر سان دوستن جي اڳيان پنهنجي شيوا جا گيت ڳائيندو رهندو هو. هو مذهبي ويچارن جو به هو، تقرير ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو حوصلو ۽ شوق به رکندو هو. اڪثر مذهبي موقعن تي هو رامائڻ مان وڏن جي شيوا جا حوالا ڏيندو هو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي شيوا جو ذڪر به ضرور ڪندو هو. ماڻهن کي ان تي ڪوبه اعتراض نه هو. سالن جي لڳاتار شيوا ۾ جيڪڏهن ڪو انعام جي تمنا رکي، ته ڪنهن کي ارهو ڇو ٿيڻ گهرجي؟
    چندر ڪانت مهتا ۽ هن جي شريمتي، پيءُجي بنگلي ۾ رهندا هئا. ڪنهنه وقت ٻڍي کي پراڻي قسم جو فرنيچر بيحد پسند پوندو هو ۽ هن جو بنگلو اڪثر اهڙي فرنيچر سان سٿاسٿ ڀريو پيو هوندو هو. پٽ ۽ ننهن کي ٻه ڪمرا ڏنل هئس، جن ۾ اُهو فرنيچر نه هو. پيءُجو فرمان هو ته هن جي اجازت بنا بنگلي جي ڪنهن به چيز کي ڇهيو به نه وڃي. شريمتي مهتا، ان تي ڪاوڙجندي هئي ۽ ساهيڙين کي دعويٰ سان چوندي هئي ته هڪ ڏينهن ڏسجو، بنگلي کي ڪيئن نه ٿي سجائي ڇڏيان.
    ان سجاوت جي پٺيان، شريمتي مهتا جي لڪل خواهش ظاهر ٿي پوندي هئي. ليڪن صابر هئڻ سبب هوءَ ان تي نه خاص زور ڏيندي هئي ۽ نه بار بار دهرائيندي هئي. چمن مهتا کي خبر هئي ته هن جا پٽ ۽ ننهن رواجي پٽن ۽ ننهن جهڙا نه آهن. جيتوڻيڪ هن پنهنجن ٻن پٽن کي بي دخل ڪري ڇڏيو، مگر پوءِ به گهر تي هن جو ئي قبضو هو. سڀ خط پٽ، هنڊيون،ز يور، نقد روپيا وغيره هن جي ڪمري ۾ رکيل ٽجوڙيءَ ۾ پيا هوندا هئا، جنهن جي چاٻي هو هميشه وهاڻي هيٺان ئي رکندو هو. ٻڍو ايترو ته شڪي هو، جو جيڪڏهن ٽجوڙيءَ ڏانهن هن جو پٽ به نهاريندو هو ته رڳون سيٽجي وينديون هئس، اکين ۾ گمان جو طوفان ڀڙڪي اٿندو هوس، جو ٽجوڙيءَ کي پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيندو هو.
    هو پنهنجي بيماريءَ ۾ ڪمزور ٿيندو رهيو. اڳ ۾ هو اٿي سگهندو هو، پٽ ۽ ننهن کي ڪمري مان ڪڍي دروازو پائي سگهندو هو ۽ ٽجوڙي کولي، ٽڪٽڪي لڳائي پئسن کي ڏسي سگهندو هو، مگر هاڻ اهو ڏينهن به آيو، جو هو بستري تان اٿي به نه ٿي سگهيو.
    ان ڏينهن کانپوءِ ٽجوڙي کلي نه سگهي. البت ٻڍي اکين ۾ اهو زهر ڀري ڇڏيو، جو ان کي ڏسي ٽجوڙيءَ ڏانهن ڪو وڌي به نٿي سگهيو. ننهن اها ڳالهه تاڻي، مڙس سميت اوڏانهن نهارڻ به ڇڏي ڏنو. ڪڏهن چار اکيون کڻي هو چور نظرن سان اوڏانهن نهاريندا به هئا، جتي هنن جو مستقبل بند هو، مگر کليءَ طرح ڏسڻ جو ساهس هو ڪري نه سگهيا. پٽ ڪمري ۾ گهڙندو ئي اکيون هيٺ ڪري هو ۽ پيءُ جي پيرانديءَ کان ويهي، زور ڏيڻ شروع ڪندو هو. ٻڍو کنگهندو، نظر ٽجوڙيءَ ڏانهن ڪري، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اوڏانهن نهاريندو رهندو هو، جتي هن جي ماضي بند هئي.
    ڏينهون ڏينهن ٻڍو وڌيڪ ڪمزور ٿيندو رهيو. وقت گذرندو رهيو ٽجوڙيءَ تي ڪٽ چڙهندي رهي، نيٺ رنگين خوبصورت ٽجوڙي، روپ وڃائي قبر جهڙي ٿي ويئي، جنهن مٿان هڪ ڪوريئڙي پنهنجو ڄار وڇائڻ شروع ڪيو هو. پٽ پيءُ کان ڪڏهن به پئسا نه گهريا، هو محنت ڪندو، هيڏانهن هوڏانهن هٿ ٽنگي قرض وٺي ڪاٽڻ لڳو، پر ٽجوڙيءَ ڏانهن ڏسڻ جي جرئت نه ڪيائين – ڇو ته کيس ان جرئت جي نتيجي جي به خبر هئي، جيڪو سندس ڀائر ڀوڳي رهيا هئا. چندر ڪانت کي يقين هو ته ٽجوڙيءَ جي دولت هن کي ئي ملندي، ان ڪري اُٻهرائي ڪري هو پنهنجي آئندي جي حسين خواب کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ تيار نه هو. هن پيءُ کي اهو ڪڏهن به نه ٻڌايو ته هو ڪيتير نه سچائي ۽ بيقراري سان هن جي موت جو انتظار ڪري رهيو هو. هو سدائين پيءُ جي سامهون رهندو هو ۽ دوستن جي سامهون پيءُ جي صحت لاءِ دعا پنندو هو.
    پيءُ جو موت جي دٻيل خواهش ڪڏهن ايڏو ته ڀڙڪي اٿندي هئس جو هن جا هٿ پير ڏڪڻ لڳندا هئا. هو ڊپ کان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هو ته ڪٿي اها خواهش اکين مان رستو نه پار ڪري وڃي. ڪڏهن اوچتو دل جي ڌڙڪڻ بيحد تيز ٿي ويندي هئس. هو سوچيندو هو، هڪ ڄار بستري تي وڇايل آهي ۽ هڪ ڄار ٽجوڙيءَ تي، ڇو نه ٻنهي کي ٽوڙي، مان پنهنجي مستقبل تي حق ڄمايان؟
    ليڪن نه! ترس، او بيتاب دل، ترس! جيڪڏهن ڦل خود ئي ٽاريءَ مان ڪري هن جي جهوليءَ ۾ پوڻ ٿو چاهي ته هو خود ڇو ٽارين سان الجهڻ جي اجائي ڪوشش ڪري؟ ڪهڙا نه حسين هن جا خواب هئا! هو دلاليءَ مان بيزار ٿي پيو هو. هن سٽي جي بازار ۾، هڪ ئي داءَ ۾ ويهه هزار لڳائي، لکاپتي ٿي وڃڻ ٿي چاهيو، ليڪن هن جو منحوس پيءُ مري به نٿي مئو. هڪ ئي ساهه هئس، جو گلي ۾ اٽڪي پيو هئس، پر جنهن ٻاهر نڪرڻ جي ٻاڦ به نه ئي ڪڍي. ڪڏهن اهو ساهه ڄڻ چندر ڪانت جي گلي ۾ ڦاسيءَ جي رسيءَ وانگر اٽڪي ٿي پيو. پنجاهه ورهين جي پيءُ جي شيوا ۾ ڪجهه ڪجهه بغاوت جي دونهين به دکي پئي.... منهنجا پيءُ، ڇو نٿو مري وڃين تون!؟ ڇو نٿو هن جسم جو مڪان خالي ڪرين؟ مسواڙي ويندا آهن،تون ڇو نٿو پنهنجو فلئٽ خالي ڪرين؟ ان فلئلٽ ۾ رهندي توکي پوري اڌ صدي گذري ويئي آهي، وڃ بابا! هليو وڃ، جيئن مان نئين سر بزنيس ڪري سگهان.
    مگر ٻڍي کي خبر هئي ته سرير جو فلئٽ هڪ دفپ وخاليڪ ري وري ڀري سگهڻ جهڙو نه آهي. ان ڪري هو گذرندڙ وقت اڳيان مجبور هوندي به هڪ هڪ پل لاءِ لڙي رهيو هو. هن جي ڌنڌلي نظر مان جيئڻ جي زوردار تمنا ظاهر هئي، جنهن سبب موت هن وٽ اچڻ کان ڪيٻائي رهيو هو. مگر هڪ ڏينهن اهو به آيو، جڏهن هن جا ڪن ٻوڙا ٿي ويا، هٿ پير ٿڌا ٿي ويا، زبان بند ٿي ويئي ۽ نبض جواب ڏيئي ويئي، ڊاڪٽرن اعلان ڪيو ته ٻڍو هاڻ ٿورين گهڙين جو مهمان آهي.
    آگيا ڪاري پٽ اکين ۾ گنگا جمنا جو سنگم ڀري، پهريون ڀيرو، جرئت سان ٽجوڙيءَ طرف نهاريو، ٺيڪ اوڏيءَ مهل پيءُ پٽ ڏانهن نهاريو. پٽ جي اها کلي نظر تير جيان پيءُ جي سيني ۾ چڀي ويئي. ٻيءَ گهڙيءَ پٽ جي شيوا جو مقصد هن جي اڳيان ننگي روپ ۾ کڙو ٿي بيٺو. ٻڍي جي بدن ۾ هلڪي جنبش آئي ۽ هن جون اکيون دک ۾ پيڙا وچان جلڻ لڳيون، بدن جي گهڻن حصن مان ساهه نڪري چڪو هئس، صرف مٿو گرم هئس. اکين جي چمڪ وڌندي ٿي ويس، ڄڻ اجهامڻ کان اڳ ۾ اها زبردست ڄڀي ڪڍندي!
    پٽ پيءُ جي نظر نه ڏٺي، نه ته گهٻرائجي وڃي ها. ان وقت هو دوستن جي وچ ۾ بيٺو هو ۽ ڪنهن کي چندن آڻڻ لاءِ چئي رهيو هو ته ڪنهن کي پنڊت لاءِ، ڪنهن کي ڪفن لاءِ ته ڪنهن کي ڪاٺين لاءِ.....
    اکين مان آنسو وهائيندي، هو ڪجهه اهڙي راز ڀري لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ هن جو پيءُ مري چڪو هو ۽ پاڻ گهر جو مالڪ ٻڻجي چڪو هو، آواز مان، چال مان، بنا ڪنهن اُدم سان حاصل ڪيل حق جي جهلڪ ظاهر ٿي پيئي هئي.
    دوست اچي وڃي رهيا هئا، زالون روئڻ جون تياريون ڪري رهيون هيون ۽ ننهن کي ڏڍ ڏيئي رهيون هيون. بنگلي جي اندر توڙي باهر ڪافي ماڻهو ڪٺا ٿي ويا هئا. جي جدا جدا ٽولين ۾ ورهائجي، جدا جدا موضوعن تي ڳالهائي رهيا هئا ۽ ساڳئي وقت چمن مهتا جي موت جو انتظار به ڪري رهيا هئا. جنهن لاءِ ڊاڪٽرن جي راءِ موجب بس ڪن گهڙين جي ئي دير هئي.
    اهي ڪجهه گهڙيون گذري ويون. ڪجهه منٽ به گذري ويا. گذرندي ڪجهه ڪلاڪ به گذري ويا. ٻڍو ساڳيءَ ريت بستري تي پيو هو. ساڳيءَ طرح ساهه کڻي رهيو هو. نڪرندڙ ساه واپس ته نٿي موٽيو، مگر اکين جي چمڪ وڌندي ٿي ويئي.
    پيءُ ٽجوڙيءَ مان نظر ڪڍي، پٽ ڏانهن نهاريو. پٽ پيءُ جي اهڙي نظر ڏسي گهٻرائجي ويو. هن محسوس ڪيو ته جنهن راز کي هن سالن کان پنهنجي پيءُ کان لڪايو هو، سو اڄ پيءُ جي هڪ نظر سان هن جي اڳيان ظاهر ٿي ويو هو. هاڻ ٻنهي جي نظر هڪ ٻئي تي هئي. پيءُ جي پٽ تي ۽ پٽ جي پيءُ تي ....... ٻئي دشمن هڪ ٻئي جي سامهون کڙا هئا ۽ وچ ۾ هئي دولت!
    جڏهن صبح جو پنج وڳا، تڏهن ڊاڪٽرن جي راءِ مطابق ٻڍي ۾ جان واپس اچڻ شروع ڪيو. سڀني ماڻهن پٽ ۽ ننهن کي واڌايون ڏنيون. پاڙي وارن، عزيزن وغيره جن رات جو اوجاڳو ڪڍيو هو، سي پنهنجي پنهنجي گهر وڃي سمهي پيا.
    صبح جو نوين بجي ٻڍي جي گهر مان روئڻ پٽڻ جو آواز اچڻ لڳو. اوڙي پاڙي وارا، گهٻراهٽ وچان نه، پر تسڪين وچان، پنهنجي گهر کان نڪتا، آخر اها گهڙي اچي ئي وئي، جنهن جو هنن کي انتظار هو. اسين سڀ ڊڪون پائيندا، بنگلي جي دروازي تائين پهتاسين، جو سڀني جي واتان ساڳيو سوال نڪتو، ”ڇا ٻڍو مري ويو؟“
    بنگلي جي دربان پٺاڻ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو، ”نه جناب ٻڍو ته زنده آهي، هن جو پٽ مري ويو آهي.... سندس دل ٽٽي پيئي.....“

    (سنڌيڪار: موهن ڪلپنا)


    3. برهمڻ

    پٽورڌن ممتاز جو لاش گهيلي پريل ۽ دادر جي وچ واري چوڪ جي هڪ وڏي مين هول ڀرسان رکيو جو ڪالٽيڪس پيٽورل پمپ واري روڊ ۾ هو ۽ پوءِ ڏاڍي غور سان کيس ڏسڻ لڳو. جڏهن هن ممتاز جو لاش گهلي مين هول ڀرسان رکيو ٿي تڏهن ايڪڙ ٻيڪڙ واٽهڙو، جي اڃا تائين رستي تان ويا پئي، ڊڄي هيڏانهن هوڏانهن ننڍين ننڍين گهٽين ۾ ڀڄي ويا. ڪنڊ واري ايراني پنهنجو دڪان بند ڪري ڇڏيو، گلن وارا ۽ پان وارا پنهنجون ڪئبنون کليون ڇڏي ڀڄي ويا ۽ ٿورڙي دير ۾ روڊ سُڃو ٿي ويو. سامهو ميونسپل ڪميٽي جي ڀنگين جون کوليون هيون، جن جي ٻاهران اگهاڙا ٻار اڪثر راند ڪندا هئا پر انهي وقت انهن جا معصوم آواز به ٻڌڻ ۾ نٿي آيا. چؤطرف مڪمل خاموشي هئي.ا ئين ٿي لڳو ڄڻ انهي علائقي جو روح پنهنجي منهن تي هٿ رکي اکيون ڦاڙي ڊپ ۾ وسامجي مين هول جي ڪناري چپ چاپ بيٺو آهي.
    پٽورڌن ممتاز کي ڪارن گهنڊيدار وارن کان زور سان پڪڙيو ۽ هڪ ئي جهٽڪي سان سندس چهري کي پنهنجي سامهون آندائين. ممتاز جي چهري تي ڪنهن درد جو نشان نه هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ هو گهري ننڊ ۾ سُتل هو. سندس گورو چهرو خوبصورت نه هو پر مضبوط ضرور هو. سندس چهري تي مضبوطيءَ سان گڏ هڪ عجيب قسم جي رعب جو اندازو پڌرو هو. پٽورڌن کي سندس چهري تي موت کان پوءِ به جيئري هئڻ جو شڪ لڳو. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ مممتاز مرڻ کان پوءِ به کيس ويچار ڏيئي رهيو هو. هن ممتاز جي وارن کي جهٽڪو ڏئي سندس چهري کي روڊ جي سخت فرش تي کڻي سٽيو، جڏهن انهي مان کيس آرام نه آيو تڏهن هو ڪالٽيڪس پيٽرول پمپ اندر لنگهي ويو ۽ ڊڄڻي واڻئي کان جيڪ کڻي آيو. ٻه تي ڀيرا زور سان لوهي جيڪ ممتاز جي منهن تي هنيائين. ممتاز جون ڄاڙيون ڀڄي پيون، سندس ڏند ٻاهر نڪري آيا ۽ پٽورڌن کي ائين لڳو ڄڻ ممتاز اڃا تائين مٿس کلي رهيو آهي. هن ٽي چار ڀيرا جيڪ سندسم ٿي تي هينا ۽ پوءِ لاش جو ڪنڌ ڪپڻ لاءِ پنهنجو تڪو ٽوڪو کنيائين.
    ممتاز ۽ پٽورڌن ٻئي دادر مين روڊ جا غنڊا هئا. پر جيستائين ممتاز جيئرو هو تيستائين پٽورڌن دادر جو ٻيو نمبر موالي ئي سمجهيو ويندو هو. سيٺ سورج مل جنهن جون دادر مين روڊ ۽ آس پاس جي گهٽين ۾ گهڻيئي بلڊنگون هيون ۽ سيٺ ترويدي لال جنهن جا دادر ۾ ٽي فلم اسٽوڊيو هئا، ٻئي ڄڻا ممتاز جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. سيٺ ترويدي لال پنهنجي سڀني فلمن ۾ ايڪسٽرا ڀرتي ڪرڻ جو ٺيڪو ممتاز کي ڏيئي ڇڏيو هو. فقط ڪي ننڍن فلم ڪمپنين وارا ئي ڏاڍي مشڪل سان پٽورڌن کي ڪم ڏيندا هئا. دادر بازار جي مسجد کان وٺي پريل جي ناڪي تائين ممتاز جو راڄ هو ۽ مسجد کان پرئين پاسي دادر جي پي آءِ اسٽيشن تائين ۽ هيڏانهن ننڍي بازار ۾ جا گهمي خدا داد سرڪل تائين ٿي وڃي، پٽورڌن جو راڄ هو. پر ٻئي گهڻو ڪري هڪ ٻئي جي علائقن تي ڇاپو هڻندا هئا. پٽورڌن گهٽ پر ممتاز وڌيڪ دليري ۽ جوانمردي سان ڇاپو هڻندو هو ۽ ڪڏهن ته کلو کلايو پٽورڌن جي علائقي ۾ گهڙي سندس غنڊن کي ماريندو هو. ممتاز جو قد ڇهن فوٽن کان به وڏو هو. ڪسرتي گورو بدن، جهلم جو رهاڪو، وڏو هٿ ڇوٽ ۽ گاريون بڪندڙ هو. انهيءَ جي ابتڙ پٽورڌن جي معمولي شڪل هئي ۽ بدن ۾ گهاٽو مڙس هو. سندس قد ننڍو هو ۽ رنگ ڪارو پر اکيون نيريون هيس. سندس ڪاري چهري تي نيرين اکين، سندس منهن کي عجيب ڀوائتو بنائي ڇڏيو هو. جڏهن هو پنهنجي وحشتناڪ اکين سان گهوري ڏسندو هو ۽ دٻيل زبان سان ڌمڪائيندو هو تڏهن سندس ڌمڪيءَ جو پرامن شهرين تي هڪدم اثر ٿيندو هو. پر هو ممتاز کان اصل ونءُ ويندو هو. ڪيترا ڀيرا ممتاز ۽ پٽورڌن جي دوبدو لڙائي اڃا تائين نه ٿي هئي. ڪيترا ڀيرا غصي ۾ اچي ممتاز پٽورڌن کي للڪاريو به هو، هڪ ٻه دفعا بازار جي وچ ۾ کيس ڳچيءَ کان جهلي سندس ٻانهن کي ائين موڙيو هئائين جو تکو لهرائيندڙ چاقو جو شايد انهي دم ممتاز جا آنڊا چيري وجهي ها، زمين تي ڪري پيو ۽ پٽورڌن بنا هٿيار بيوس ۽ مجبور ٿي ممتاز جي هٿن ۾ بيد وانگر ڪنبي رهيو هو.
    انهيءَ وقت جي بيعزتي جو خيال ايندي ئي هاڻي پٽورڌن تي ڄڻ تيز بخار جي ڪيفيت ڇانئجي ويئي. هن ٽوڪو مٿي کنيو ۽ هڪ ٻئي مٿان ڌڪ هڻي ڌڙ جدا ڪري ڇڏيائين ۽ ڌڙ جو هيٺيون حصو مين هول ۾ ڪيرائي ڇڏيائين.
    مٿي آسمان ۾ هڪ سِرڻ ڏاڍي بيصبريءَ سان رڙ ڪئي. بجلي جي تارن ۾ ڦاسندي هڪ خالي ٽرام ناڪي تان گذري ويئي. پوءِ چوطرف ماٺ ٿي ويئي.
    اوچتو پٽورڌن جي نظر ممتاز جي ساڄي هٿ تي پيئي. انهي هٿ تي انگريزي ۾ هڪ نالو لکيل هو ”مايا“. مايا ايڪسٽرا ڇوڪرين ۾ سڀ کان سهڻي مڃي ويندي هئي. ماڻهو کيس ڊيل چوندا هئا. پٽورڌن کي سندس مشڪ ڏاڍي وڻندي هئي ۽ سندس کاڏيءَ تي هڪ سائو تر نتڪل هو ۽ جڏهن هوءَ کلندي هئي تڏهن سائي تِر ڀرسان هڪ عجيب کڏ پئجي ويندي هئي جنهن کي ڏسندي پٽورڌن چريو ٿي پوندو هو. مايا ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي جنهن ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي باوجدو اڃا تائين سندس شخصيت ۾ ڳوٺاڻين وارو الڙپڻ هو ۽ بيباڪ چٽائي سان چوڻ جي جهلڪ ملي ٿي. جيتوڻيڪ هوءَ پٽورڌن جي ٽولي ۾ هئي ۽ مرهٽي ڇوڪري هئڻ ڪري سندس سڀ کان اول پٽورڌن جي ٽولي ۾ اچڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه هئي پر هزار جتن ڪرڻ جي باوجود هوءَ اڃا تائين کيس هٿ نه چڙهي هئي.
    پٽورڌن مايا کي وس ۾ ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسان نه گهٽايو هو. ڪنهن غنڊي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ بيعزتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هو ڪنهن عورت خاطر ڪجهه مهينن لاءِ يا ڪجهه ڏينهن لاءِ شريف ٿي وڃي پر پٽورڌن مايا کي حاصل ڪرڻ لاءِ اها بيعزتي به برداشت ڪئي هئي. کيس آفتاب محل اسٽوڊيو جي گهٽيءَ ۾ هڪ صاف سٿري کولي رهڻ لاءِ ڏني هئائين، جنهن ۾ فرنيچر به مهيا ڪيو هئائين. جڏهن فلم ڪمپنيءَ مان پيسا ملندا هئس تڏهن هو اهي پيسا کڻي سڀ کان پهرين مايا جي گهر ويندو هو. مايا پيسا وڍي کيس شرير نگاهن سان تڪيندي هئي، ڊيل وانگي سندس چوڌاري ناچ جو هڪ چڪر ڏيندي هئي، سندس ڪلهن کي پنهنجي حساس آڱرين سان ڇهندي هئي ۽ جڏهن پٽورڌن جي اکين ۾ نشو چڙهڻ لڳندو هو تڏهن هو ماٺ ميٺ ۾ مجبور ٿي کولي مان ٻاهر نڪري ايندو هو.ا ڄ تائين ڪنهن عورت کيس مات نه ڏني هئي. ائين نه هو ته کيس مايا سان محبت هئي. هن ته مايا کي جيتڻ ٿي چاهيو، جيئن شطرنج جي بازي جيتبي آهي ۽ فڪر ۽ عمل جو سڄو زور انهي ۾ استعمال ڪبو آهي اهوئي حال پٽورڌن جو هو. انهيءَ ڏينهن کيس ڏاڍو غصو آيو، جڏهن ڏٺائين ته علي بخش جي دڪان تي ممتاز بيهي پنهنجي ٻانهن تي ”مايا“ جو نالو کوٽي لکائي رهيو هو ۽ مايا جي نالي مٿان پنهنجو نالو يعني ممتاز لکائي رهيو هو. هن رڙ ڪري ممتاز تي پنهنجي چاقو سان حملو ڪرڻ چاهيو پر ممتاز جي غنڊن، جيڪي پاڇن جيئن پنهنجي مالڪ جي چوڌاري بيٺا هئا، کيس رستي تي ئي قابو ڪري ورتو، پوءِ ٻنهي جي غنڊن جي اها لڙائي ٿي، اها لڙائي ٿي، جو سوڍا واٽر وڪڻندڙن جون بوتلون ڀڄي پيون، انب وڪڻندڙن جا انب وچ رستي ۾ پکڙجي ويا ۽ پراڻا جوتا وڪڻندڙ غريب عورتن جا جوتا بازار جي نالين ۾ وهي ويا. ٿوري دير کان پوءِ پوليس آئي ۽ ڪن غنڊن کي گرفتار ڪري وئي، ممتاز مشڪندو علي بخش جي دڪان تي پنهنجي ٻانهن تي نالو کوٽائيندو رهيو. انهيءَ رات ممتاز مايا کي سندس کولي مان کڻي ويو. مايا ڏاڍيون رڙيون ڪيون، پر سڀ بلڊنگ وارا ممتاز کي سڃاڻندا هئا ته هو ڪيڏو خوفناڪ ماڻهو آهي. ممتاز پنهنجي مضبوط ۽ سگهارين ٻانهن ۾ مايا کي کڻي ويو. ڪنهن کي به همٿ نه هئي، جو سندس رستي ۾ اچي، جڏهن پٽورڌن کي پتو پيو انهيءَ وقت ممتاز پنهنجي علائقي ۾ پهچي چڪو هو. ممتاز مايا کي سيٺ سورج مل جي بلڊنگ جي ستين نمبر ۾ رکيو، جتي هن اڳ ۾ ئي ڪافي غنڊا ويهاري ڇڏيا هئا.
    پٽورڌن ٽوڪي جي آخري وار سان ممتاز جو سور دڙ کان جدا ڪري ڇڏيو، پهريائين ته هن ڳچيءَ کان هيٺيون حصو مين هول ۾ اڇليو پوءِ هن مماتز جي وارن کان جهلي ناريل وانگي هيڏانهن هوڏانهن ولوڏيو، پر جڏهن رستي جي ٻنهي پاسن نظر جي حد تائين سندس فتح ڏسڻ وارو ڪوبه نظر نه آيو تڏهن ممتاز جو سر به زور سان مين هول ۾ اڇلي ڇڏيائين ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن پکڙيل گوشت جي ٻين ٽڪرن کي به چونڊي مين هول ۾ وجهي ڇڏيائين. انهيءَ کان پوءِ هو مٿي اٿيو ۽ سامهون ميونسپالٽي جي نل ڏانهن وڌيو. نل کولي هٿ منهن ڌوئي ڀنگين جي مندر ۾ سامهون نظر ايندڙ گنيش مهاراج جي مورتيءَ کي ڏاڍي ادب سان پرنام ڪيائين. هاڻي کيس ڏاڍي بک لڳي هئي ۽ هو ٽرام جي پٽي تان هلندو هڪ ريسٽورانٽ تائين آيو جو نئون نئون کليو هو. آرسيون، ڪرسيون، سنگ مرمر جون ميزون، دخل ۽ سارو فرنيچر نئون ٿي لڳو، پٽورڌن جهومندو جهومندو ريسٽورانٽ اندر گهڙي ويو ۽ هڪ اڇي سنگ مرمر جي ميز تي مُڪ هڻي چيائين، ”مون کي سخت بُک لڳي آهي، کاڌي لاءِ ڪجهه جلدي کڻي اچ.“
    ريسٽورانٽ جو مالڪ سنڌي ٿي لڳو. هن ڇوڪري کي جلد سنڌيءَ ۾ ڪجهه چيو. ڇوڪرو ڀڄندو ڪچن ۾ گهڙي ويو ۽ ٿوري دير ۾ پٽورڌن جي اڳيان گوشت جي هڪ پليٽ ۽ هڪ تنوري نان اچي رکيائين.
    پٽورڏڌن غصي مان هڪدم اٿي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين ”توکي خبر ناهي ته مان برهمڻ آهيان، گوشت نه کائيندو آهيان.“ ائين چئي گوشت جي پليٽ مالڪ جي مُنهن ۾ هنيائين ۽ غصي ۾ وڦلندو ريسٽورانٽ مان ٻاهر نڪري ويو.“

    (سنڌيڪار: ولي رام ولڀ)


    4. راڻي جي آمد

    شيطان ٽائمز جي ايڊيٽر مون کي چيو، ”تون سڌو هليو وڃ ۽ راڻيءَ جي آجيان ئي تيارين بابت پوري رپورٽ مون کي آڻي ڏي.“
    شيطان ٽائيمز جي دفتر ۾ منهنجي ملازمت جو هيءُ پهريون ڏينهن هو. وڏيءَ چئوچواءُ کان پوءِ مون کي رپورٽر رکيو ويو هو. اهو صحيح آهي ته مون هن کان اڳ ڪنهن به اخبار ۾ ڪم نه ڪيو هو.
    ”پر ان ۾ ڇا آهي؟“ ڪاريءَ عينڪ واري گنجي ايڊيٽر مون کي پاٻوهه مان سمجهائيندي چيو، ”اخبار جو رپورٽر ته پيدائشي رپورٽر هوندو آهي. ان جو نڪ ايڏو ته تيز هوندو آهي، جو هو جهنگ ۾ به خبر سُنگهي سگهي ٿو.“
    مون خبر سُنگهڻ لاءِ پنهنجون ناسون ٽيڙيون.
    ”ٺُڙڪو سڙڪو رپورٽنگ ته هر رپورٽر ڪري سگهندو آهي، پر جيڪڏهن ترقي ڪرڻ چاهين ٿو ته زبردست رپورٽنگ ڪر، هڪدم سنسي خيز ۽ ڌاڙ مار واري-“ ايڊيٽر پنهنجي مُڪ هوا ۾ اُلاري.
    ”شاباس! هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.“ ايڊيٽر هڪدم ڪرسيءَ تي ويهي رهيو، ڄڻ سندس سڄي طاقت ختم ٿي وئي هئي، ”ويندي وقت ڪينٽن تان مون لاءِ چانهن چيو وڃجانءِ!“
    آءُ اڃا پالم ايئرپورٽ تي پهتو به نه هئس ته مون هن کي پالم جي ويجهڙائيءَ وارن کيتن ۾ ڏسي ورتو. هن هڪ شاهي نم جي هيٺان، کوهه جي ڀر ۾ پنهنجي ڏاندن کي پاڻي بيٺي پياريو. ڊگهو قد، ينگ ڪڻڪائونڪ، وقار شاهاڻو.... آءٌ ته کيس ڏسي هڪو ٻڪو ٿي ويس ۽ ٽڪ ٻڌي کيس ڏسڻ لڳس ته ڪجهه گهڙيون ته هن مون کي پاڻ ڏسڻ ڏنو، پوءِ هن ڍڳن هڪلڻ واري تلهڙ کنئي ۽ مُون هٻڪندي کانئس پڇيو، ”تنهنجو نانءُ....“
    هن چيو، ”منهنجو نالو راڻي آهي....!“
    ”راني....؟!“
    ”توکي گهڻا ٻار آهن؟“
    ”ٽي....!“
    منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. هيءَ اهائي اهي، بلڪل اها ئي صورت ساڳي، وقار ساڳيو، ساڳيو رعب اهوئي شاهاڻو اندر.....
    مون سامهون اڻکٽ کيتن ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو، ”ڇا، اهي سڀ سکيت تنهنجا آهن؟“
    ”ها، اهي سامهون جيڪي کپت ڏسين ٿو، سي اسان جا آهن.“ هن شاهاڻي رعب سان وراڻيو.
    ”اهائي آهي، بلڪل اها“ منهنجي دل شاهدي ڏني ۽ آئون هٽ پٽ هڪ وک اڳتي وڌي، سندس آڏو جهڪي ويس ۽ ڪنڌ جهڪائي، ادب سان عرض ڪيم، ”راڻي هو تنهنجو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن؟“
    ”ڪير؟“
    ”دهليءَ جا شهري.... دهليءَ جا شهري اڄ تنهنجو انتظار پيا ڪن.“
    ”پر آءُ ته اڄ تائين ڪڏهن به دهليءَ نه وئي آهيان، اتي ته ڪوبه سڃاپو ڪونه اٿم.“
    ”دهليءَ ڪڏهن به نه آئي آهي.... ته.... ته هيءَ بلڪل اُهائي آهي.... صفا ساڳي آهي.“ منهنجي دل ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو.
    ”پر منهنجي کيتن جو اَن اتي ويندو آهي ۽ منهنجي ٻنين جي سائي ڀاڄي به!“ هن پاڻ کي ڳالهايو.
    ”دهليءَ جا شهري وڏا نمڪ حلال آهن، راڻي! انهن ورهين جا ورهيه تنهنجو نمڪ کاڌو آهي. تنهنجو اَن کاڌو آهي،ته تنهنجون ڀاڄيون ڪم آنديون آهن ۽ اڄ سڀ ماڻهو تنهنجو استقبال ڪرڻ لاءِ آتا بيٺا آهن.“ وزيرن کان وٺي ايڪسٽرا ڪمشنر تائين ماڻهو توهان کي هڪ گهڙيءَ لاءِ ڏسڻ واسطي ماندا ٿي رهيا آهن.“
    ”مون کي....!“ هن کليو، ۽ پنهنجي سنهڙي تلهڙ، پنهنجي موتگين جهڙن اَڇن ڏندن ۾ ڀيڙي جهليائين ۽ چيائين، ”مون کي ڀلا اهي ڇو ڏسڻ گهرن ٿا؟“
    ”ڇو ته تون راڻي آهين!“ مون پنهنجون ٻئي ٻانهون ڦهلائي، پنهنجي پوري دلي قوت سان رڙ ڪندي چيو، ”۽ دهلي، توهان جي شاهي استقبال لاءِ ڪنوار جيان سينگاري وئي آهي.“
    هن کي منهنجي ڳالهين تي ويساهه اچي ويو. ڏاند نم سان ٻڌي، ڇيائين، ”ٻارن کي به وٺي هلان؟“
    ”ها... ها! ان ۾ ڇا آهي؟“ مون چيو، ”ٽنهي شهزادن کي ساڻ وٺي هل! دهليءَ وارن جي دل ۾ راڻيءَ جي شهزادن لاءِ ڏاڍي عزت آهي.“
    جڏهن اسين پالم کان پنڌ ئي پنڌ سٽيندا، دهلي گيٽ وٽ اچي پهتاسون ته ٽيئي شهزادا صفا ٿڪجي پيا. هڪڙي ته ذري گهٽ منڊڪايو پئي، ٻئي کي راڻيءَ کنيو ۽ ٽين کي مون پنهنجي ڪلهن تي کڻي چاڙهيو.
    ڀاڳن سان دهلي گيٽ وٽ مون کي هڪ سڃاپو رڪشا وارو ملي ويدو. هو اسان کي صفا سستي ڀاڙي تي ڪناٽ پيلس کڻي ويو. واٽ تي اردن اسپتال ويجهو، وڻ تي رنگ رنگ جا مرچي بلب ڏسي، شهزادا ڏاڍا خوش ٿيا، ٻنهي هٿن سان تاڙيون وڄائي چوڻ لڳا، ”اڙي واه واه! اسان ته چمڪندڙ ميوا کائينداسون.“
    مون چيو، ”معصوم شهزادئو! هي ميوا نه آهن، هي بجليءَ جا ڏيئڙا آهن، جيڪي اوهان جي آمد جي خوشيءَ ۾ هنيا ويا آهن.“
    ”۽ هي رنگ برنگي جهنڊيون؟“ راڻيءَ خوش ٿي پڇيو.
    ”سڀ اوهان لاءِ!“ مون عرض ڪيو.
    ٿعورو اڳتي هلياسون ته ڪناٽ پيلس اچي ويو، ڪناٽ پيلس جي سجاوٽ ۽ سينگار ڏسي، راڻي ڏاڍي خوش ٿي. يونائٽيڊ ڪافي هائوس جي ويجهو پهچي فرمائڻ لڳي: ”مون کي ڪل ئي ڪانه هئي ته دهليءَ وارا دل جا ايترا ڀلا ماڻهو آهن، نه ته آءُ جيڪر گهڻو اڳ هتي اچان ها، ڪيترا ڀيرا منهنجي ڪانڌ مون کي چيو ته دهليءَ هل، پر مون سدائين ٽاري پئي ڇڏيو!“
    ”ڇو؟“
    ”ٻنيءَ جو ڪم گهڻو هو.“ راڻيءَ ڏاڍي سادگيءَ مان وراڻيو.
    ”۽ هاڻي ڪٿي آهي اوهان جو اهو خاوند؟“
    ”آزاديءَ وارن جهڳڙن ۾ مارجي ويو، انهن ڏينهن اسان جي ڳوٺ جا کوڙ سارا مسلمان مارجي ويا، ڇو ته ڳوٺ جي چوڌاريءَ اسان جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ٿي گهريو. منهنجي ور وفات کان پوءِ جڏهن چوڌري اسان جي ٻنين تي قبضو ڪرڻ آيو ته آءٌ پنهنجي ڪانڌ جي ڪهاڙي کڻي اُڀي ٿي ويس ۽ چيم، ”خبردار جيڪو به اڳتي وڌندو، ان جي سِري لُڻي ڇڏيندس.“
    ”پوءِ ڇا؟“ راڻي اهي ڏينهن ساري، مٿي کان پيرن تائين ڪاوڙجي باهه ۾ ٻرڻ لڳي.
    آءٌ سندس شاهاڻو جلال ڏسي ڏڪي ويس. پنجن فوٽن ڏهن انچن جي سگهاري ۽ تندرست زائفان مون ڏانهن ائين ڏسي رهي هئي، ڄڻ اجهو ٿي ڪچو کائيم.
    ڀاڳ ڀلا هئم، جو مون کي گهٻرايل ڏسي، هن پنهنجو ڏانءُ بدلايو ۽ آهستگيءَ سان چوڻ لڳي“ ”منهنجي ڪاوڙ ڏسي، چوڌريءَ جا تڪ لڳي ويا ۽ هو ڪنڌ جهڪائي منهنجي ٻنيءَ مان ٻاهر نڪري ويو ۽ اهو سراسر سچ هو. ان گهڙيءَ جيڪڏهن ه قدم اڳتي وڌي ها، مٿو ڪچو ڪري رکانس ها.“
    ”پوءِ؟“ مون ڪنبندي چيو.
    ”پوءِ ڪجهه نه ٿيو.“ راڻيءَ فيصلو ڪن انداز ۾ چيو، ”اهو ڏنيهن، هيءُ ڏينهن ڪنهن به مون کي ڪجهه نه چيو. آءٌ اڪيلي مسلمان زائفان هن ڳوٺ ۾ رهان ٿي. پنهنجي ٻني کيڙيان، ٻج پٽيان ٿي، لابارو ڪريان ٿي، پنهنجا ٻچا پاليان ٿي. ڪنهن چوڌريءَ جي مجال آهي، جو مون ڏانهن يا منهنجي جگر جي ٽڪرن ڏانهن اک کڻي ڏسي، رت نه پي ڇڏيانس!“
    جنپٿ ويجهو پهچي؛ شهزادن کيٽو ڪرڻ شروع ڪيو ”اون... هون... اسان کي بک لڳي آهي، اسان ريوڙيون کائينداسون، اسان بيهي منـڱ کائينداسون.“
    مون چيو، ”سٺا شهزادا نه بيهي مڱ کائيندا آهن، نه ريوڙيون ۽ وري هيءَ ته نئين دهلي آهي. هتي جيڪڏهن اوهان کي ان قسم جو ڪن ڪچرو کائيندي ڏٺو ويو ته توهان جي عزت گهٽجي ويندي.“
    ”ڀلا ڀاءُ اسين ڇا کائون؟“ راڻيءَڪجهه بيزار ٿيندي چيو، ”پالم کان پنڌ هليا آهيون، بک به لڳي آهي!“
    مون ٻانهون ٻڌي چيو، ”وزير اعظم جي ڳوٺ (راشٽرڀتي ڀون) هلو، اتي ته اوهان جي مان ۾ هڪ تمام وڏي دعوت رچائي وئي آهيئ.“
    پر اسان کي راشٽرپٽي ڀون کان ٻاهران ئي روڪيو ويو.
    ”توهان جو دعوتنامو؟“ دروازي تي بيٺل هڪ آفيسر مون کان پڇيو.
    مون کيسي مان دعوتنامو ڪڍي ڏيکاريو.
    آفيسر ڪارڊ پڙهيو. مون کي مٿي کان پيرن تائين ڏسي چيائين ته، ”ڇا شيطان ٽائيمز جا رپوٽر اوهان ئي اهيو؟“
    ”جي ها....!“
    اُن آفيسر ٻيهر مون کي غور سان ڏٺو، ڇو ته آءٌ مٿي کان پيرن تائين ڌڌڙ ۾ اڇو لڳو پيو هئس ۽ ذري گهٽ اهڙي ئي حالت راڻيءَ ۽ ان جي ٻارن جي پڻ هئي.
    مون آفيسر جو شڪ دور ڪرڻ لاءِ چيو ”آءٌ هنن کي پالم تائين وٺڻ ويو هئس.“
    آفيسر چيو، ”پر اوهان جو دعوتنامو ته رڳو هڪ ماڻهوءَ لاءِ ... توهان سان ته...!“
    ”جناب عالي!“ مون وڏي فخر سان چيو، ”ڪمال آهي، توهان هنن ماڻهن کي جيڪي مون سان گڏ آهن، نٿا سڃاڻو... اڄ جي دعوت هنن ئي جي ته مان به ڪئي پئي وڃي!“
    ”هي ڪير ماڻهو آهن؟“ آفيسر پڇيو.
    ”هيءَ راڻي آهي... هي ان جا ٽيئي شهزادا آهن.“ مون سينو تاڻي چيو. ”جهڪي وڃو مسٽر!“
    آفيسر ٻيهر مون کي مٿان کان هيٺ تائين چتائي ڏٺو، پوءِهن مڙي پنهنجي ساٿيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو، ”آءٌ هتي ماڻهن کي ڀوڳ تماشو ڏيکارڻ نٿو گهران. سٺو ائين ٿيندو ته هن چرئي کي هتان ڪڍي ڇڏيو.“
    (2)
    ”هن توکي چريو ڇو چيو:“ راڻيءَ بعد ۾ مون کان پڇيو.
    اسان راشٽرپتي ڀون مان ڌڪيا وياسون ۽ هاڻي پٺ واري باغ کان داخل ٿي، ان خاص جڳهه ڏانهن وڃڻ لڳاسون، جتي راڻي ۽ ان جي ساٿين جي ٽڪائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو.
    ”هو پاڻ چريو هو.“ مون راڻيءَ کي تسلي ڏيندي چيو، ”هن توهان کي ڪونه سڃاتو، جيڪڏهن سڃاڻي وٺي ها ته ضرور ادب مان جهڪي بيهي رهي ها! ڇوته اسان ماڻهون توهان جي ٻنين جو اَن کاڌو آهي. وزيرن کان ويندي دڪاندارن تائين اسان سڀ ماڻهو اوهان جي محنت سان ئي جيئرا آهيون. اسان وڏا نيمڪ حلال ماڻهو آهيون راڻي! پر مون کي ڏاڍو ڏک آهي، جو هن آفيسر اوهان کي نه سڃاتو.“
    ”هڪ شهزادي چيو، مون کي ننڊ ٿي اچي.“
    راڻي چيو، ”هاڻي ته آءٌ به چور ٿي پئي آهيان.“
    مون چيو ”راڻي، جتي هينئر اوهان کي وٺيو پيو وڃان،ا تي ڪابه غلطي نه ٿيندي، اتي سڀ ماڻهو توهان کي سڃاڻن ٿا. اتي توهان کي کاڌي لاءِ ڀانت ڀانت جا طعام ملندا. بادشاهي بسترا، درجن نوڪر چاڪريءَ لاءِ! راشٽر پتي ڀون جو اهو ڀاڱو، رڳو اوهان لاءِ روزو ڪيو ويو آهي.“
    راڻي اهو ٻڌي مرڪيو ۽ پوءِ راڻي ۽ شهزادن جون وکون تيز ٿي ويون. ٿنڀن جي آڏو وٺندا، ملازمن جي ڪمرن کان لڪندا ڇپندا، اسان ڪنهن نه ڪنهن طرح ان عاليشان عمارت ۾ پهچي وياسون، جيڪو راڻيءَ لاءِ وقف هو. ڪيڏيون ته خوبصورت ڀتيون هيون، ڪهڙيون نه چٽساليءَ تي ڇتيون هيون، ڪيڏا حسين فانوس هئا، ڪيڏا وڏا اسپرنگ دار پلنگ هئا، شهزادا ته پلنگن تي ٽپڻ ڪڏڻ لڳا ۽ غاليچن تي ڊوڙڻ ۽ ليٿڙيون ڪرڻ لڳا.
    راڻي به پنهنجي اُجري هنڌ تي آهلي پئي. هن هڪ وڻندڙ ادا سان ڪر موڙيو، پوءِ پنهنجو هٿ وڌائي، ٽپائيءَ تي رکيل چانديءَ جي هڪ فروٽ بائول (ميوي جي پيالي) ۾ هٿ وڌائين.
    ان فروٽ پائول ۾ چمن جا انگور هئا، ڪابل جا سردا هئا، بمبئي جا ڪيلا، ڪشمير جا صوف، ڪلي جون ناسپاتيون، پشاور جا مالٽا، قنڌار جا ڏاڙهون، ناگپور جا سنگتڙا، انگلينڊ جا آڙو، ويلز جا اکروٽ ۽ ٻيا ميوا هئا، مطلب ته موسم آهر هر ملڪ جو ميوو حاضر هو.
    راڻيءَ انگور جو هڪ داڻو وات ۾ وجهي چيو، ”دهليءَ جا شهري ڪيڏا نه ڀلا آهن.“ اوچتو ئي سامهون وارو پردو لڏيو ۽ هڪ پُڙهو بٽلر ظاهر ٿيو ۽ ”يوئر مئجسٽي“ چئي جهڪيو، پر پوءِ جو هن راڻيءَ ۽ ان جي ٻارن کي ڏٺو ته ککو وکو ٿي ويو، هن جو وات گودو ٿي ويو ۽ اکيون ڦاٽي ويون.
    پوءِ ساندس پٺيان ٻه يورپين ٻانهيون ظاهر ٿيون ۽ هنن کي ڏسي زوردار رڙ ڪري، بيهوش ٿي ويون.
    (3)
    اسان کي اتان به ڪڍيو ويو، پر گرفتار نه ڪيو ويو. ڪارڻ ظاهر هو، هن ڪنهن قسم جو ممڻ مچائڻ نٿي گهريو. پر آءٌ هاڻي ڏاڍو ڪاوڙيل هئس، آخر هيِءَ ڪهڙي قسم جي سازش هئي، آخر هي سڀ ماڻهو راڻيءَ کي سڃاڻڻ کان نابري ڇو واري بيٺا هئا.
    آءٌ شيطان تائميز جو رپورٽر هئس، اهو درست آهي ته مون کي اڄ ئي نوڪري ۾ رکيو ويو آهي. پر هڪ جرنلسٽ نيٺ جرنلسٽ آهي، پوءِ کڻي ان جي سروس هڪ ڏينهن جي هجي يا ڏهن ورهين جي! ۽ هڪ جرنلسٽ جي عزت، ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته آءٌ راڻيءَ خلاف ان سازش کي، پنهنجي اخبار ۾ اگهاڙو ڪريان. جيڪڏهن هڪ ڀيرو راڻي پريس ۾ متعارف ٿي ويندي، ته پوءِ کيس سڃاڻڻ ۾ دنيا کي ڪابه تڪليف نه ٿيندي، پريس جي طاقت تمام وڏي طاقت آهي.
    اهو سوچي آءٌ راڻي ۽ ان جي ٽنهي شهزادن کي وٺي،. هڪ رڪشا ۾ ويهي، شيطان تائيمز جي دفتر ڏانهن روانو ٿي ويس.
    شيطان تائيمز جي ايڊيٽر مون کان پڇيو ”پالم ويو هئين؟“
    ”جي ها!“ مون ڪامل اعتماد سان وراڻيو
    ”پوءِ؟ راڻي کي ڏٺئي!“
    ”ڏٺم ڇا؟ ان کي پاڻ سان گڏ آندو اٿم!“
    ”پاڻس ان گڏ؟ هتي؟“ شيطان ٽائيمز جي ايڊيٽر ذري گهٽ رڙندي چيو.
    ”جي ها!“ مون فخر مان ڇاتي ٺوڪي چيو.
    ”هتي اسان جي دفتر ۾؟ ”ناممڪن!“ چيف ايڊيٽر ڪرسيءَ تان ڪرندي چيو.
    ”يقين نه اچيو ته ٻاهر... لاج ۾ وڃي ڏسو!“
    ”او ماءِ گاڊ!“ شيطان اخبار جي ايڊيٽر گلو ڦاڙي چيو، ”هيءَ دنيا جي سڀ کان وڏي سڀ کان اهم خبر آهي.“ اڄ کان توکي پنج سئو روپين جي ترقي ٿو ڏيان. توکي پنهنجو اسسٽنٽ ايڊيٽر يا نيوز ايڊيٽر نه، جائنٽ چيف ايڊيٽر ٿو مقرر ڪريان، منهنجي غير حاضريءَ ۾ تون منهنجي ڪرسيءَ تي به ويهي سگهين ٿو! ايڊيٽوريل به لکي سگهين ٿو!“
    شيطان تائيمز جي ايڊيٽر بنهه خوشيءَ مان مون کي ڀاڪر پاتو ۽ مون کي منهن تي چميون ڏيندي چيائين، ”هل، هل! مون کي راڻي ڏيکار!“
    ائين چئي هو مون لاءِ ترصسڻ بغير ٻاهر رسيپشن روم ڏانهن ڊوڙندو هليو ويو. آءٌ به سندس ڪڍ ڀڳو آيس.... روم اندر وڃي هو حيرت جو بُت بڻجي بيٺو. چئني پاسي غرو سان ڏسڻ لڳو، پر کيس ڪٿي به راڻي نظر نه آئي. هن کي هڪ هارياڻي نظر آئي، جا پنهنجي ڦاٽل پڙي مان جوئون چونڊي رهي هئي، جنهن جي ڀر ۾ ان جائي ٽي ٻارڙا ننگ ڌڙنگ بيٺا هئا.
    ”ڪٿي آ راڻي؟“ هن رڙ ڪندي مون کان پڇيو.
    ”مون اشارو ڪندي چيو، ”اها باقي ڪير آهي!“
    ”اها راڻي آهي؟“ هن ڪاوڙ مان رنڀندي چيو.
    ”بلڪل اها ئي آهي، سندس نالو راڻي آهي ۽ پالم جي رهاڪو آهي، اتي ئي ته تو مون کي راڻيءَ سان ملڻ لاءِ موڪليو هو؟“
    ”اڙي ڄٽ؟“ ايڊيٽر پنهنجو مٿو ڪٽيندي چيو، ”مون توکي هن جوئون چونڊيندڙ راڻيءَ سان نه، ان ٻاهران ايندڙ راڻي جي استقبال لاءِ موڪليو هو، جا انگلينڊ مان اچي رهي آهي....!“
    ”ته تون مون کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏين ها.“ مون ڏکي ٿيندي چيو، ”مون کي ڪهڙي خبر؟“
    ”اڙي گڏهه!“ ايڊيٽر مون کي ذري گهٽ گهوگهو ڏيندي چيو، ”ڇا توکي ايتري به تميز نه هئي ته دهليءَ وارا ان ڳوٺاڻي راڻيءَ جو استقبال ڪندا، جنهن جا لڳڙ ليڙون آهن، جنهن جي ٻارن جي تن تي هڪ گوڏ آهي ۽ پير اگهاڙا ۽ ڦٽيل آهن، مٿو اگهاڙو آهي؟ ڇا هن ڳنوار ۽ ڄٽ هارياڻيءَ جي آجيان لاءِ عوام جا ٻه ڪروڙ روپيا برباد ڪيا پيا وڃن؟“
    ”هيءَ ڳنوار ۽ ڄٽ ناهي!“ مون شيطان تائيمز جي ايڊيٽ رکي پرٿي ٿيلهو ڏيندي چيو، ڇو ته مون کي به هاڻ ڪاوڙ چڙهي وئي هئي، ”هيءَ وڏي دلير، سورمي ۽ شينهڻ آهي. هن هيکليءَ زائفان دشمن خلاف وڙهي، پنهنجي ٻچن ۽ ڪانڌ جي کيتن کي بچايو آهي.... هن جي شڪل شبيهه کي ڏس....! هي ڪنهن به ريت تنهنجي راڻيءَ کان گهٽ نه آهي... تنهنجي راڻي جيڪڏهن ڏينهن ۾ اٺ ڪلاڪ ڪم ڪندي هوندي، ته هيءَ ڏينهن ۾ ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪندي آهي. تنهنجي راڻي جيڪڏهن سلطنت سنڀالي ٿي، ته هيءَ به پنهنجون ٻنيون، پنهنجا کيت سنڀالي ٿي ۽ ڪنهن به وزير جي مدد کان سواءِ سنڀالي ٿي، جيڪڏهن تنهنجي راڻي پنهنجي ٻارن سان محبت ڪري ٿي، ته هيءَ ته پنهنجن ٻچن تي ساهه ڇڏيندي آهي، پوءِ هن جا ڪپڙا ڇيهار‎ڙون ڇو آهن؟ هن جا ٻار بکيا ڇو آهن؟ ۽ توهان ماڻهو، هن جي ٻنين جو اَن کائي، ان جي نيمڪ حرامي ڇو ٿا ڪريو؟ جهڪي وڃ مسٽر پنهنجي راڻيءَ کي سلام ڪر!“
    چيف ايڊيٽر ڏند پيهڻ لڳو، سندس واڇن مان گڦ ڳڙڻ لڳي ۽ رڙ ڪدني چيائين، ”گيٽ آئوٽ!“
    (5)
    راڻي، ان ئي رات، پنهنجي ٽنهي ٻارن کي وٺي پالم واپس موٽي وئي، ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سندس ٻنيءَ تي ويندو آهيان ۽ کانئس پڇندو آهيان، ”راڻي اسان جي شهر ڪڏهن ايندينءَ؟“
    هوءَ منهنجو سوال ٻڌي مشڪندي آهي، سندس نيڻ ڌرتيءَ تان کڄي،ا ُڀ ڏانهن ٿي ويندا آهن ۽ هوءَ نيم خوابي نيڻن سان ڏور اُفق پار ڏسندي چوندي آهي، ”آءٌ ايندس جڏهن تنهنجي شهروارا مون کي سڃاڻي وٺندا.“

    (سنڌيڪار: تاج جويو)


    5. گونگا ديوتا

    هيءُ ان سمي جي ڳالهه آهي، جڏهن ديوتا اسان ماڻهن ۾ ئي رهندا هئا، ڳالهائيندا ٻولهائيندا هئا، کائيندا، پيئندا هئا ۽ مشڪلات وقت ماڻهن کي صحيح مشورا ۽ چڱيون صلاحون ڏيندا هئا. ماڻهن وٽ سندن لاءِ وڏي عزت هئي ۽ اهي پنهنجي عمل ۾ ذهانت جي ڪري پوڄيا ويندا هئا. ماڻهو پنهنجو هر ڏک ۽ تڪليف ساڻن اوريندا هئا، ڇو ته ان سمي، انسانن ۽ ديوتائن جي وچ ۾ سنئون سڌو رابطو هو.
    ان سمي، ”چڪ ڍوداڪلان نمبر 218“، ضلعي هوشيارپور ۾، هڪ پپر جي وڻ جي هيٺان هڪ ديوتا رهندو هو. ان جو نالو ”گج گج“ هو ۽ هو پنهنجي جسم کي ڦلهيار جي بدران سينڌور جي مٽي مکي ڀڀوت بنائيندو هو ۽ پپر جي وڻ جي هيٺان ويٺي، سندس جسم جو رنگ پري پري تائين ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ايندو هو.
    ماڻهو سخت مشڪلات وقت هن وٽ ڀڄي ويندا هئا ۽ سندس اچي سيس نمائندا هئا. گل ۽ پتاشا ڀيٽ ڏيئي، ديوتا کان فيض حاصل ڪندا هئا. تر ۾ ٻيا به ڪيترا ديوتا رهندا هئا، پر انهن سڀني ۾ ”گج گج“ ديوتا مشهرو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو وٽس ئي ايندا هئا.
    ان ئي سمي، چڪ ڍوڍا ڪلان نمبر 218، ضلع هوشيارپور ۾ هڪ غريب هاري به رهندو هو. اهو نه رڳو ڌن دولت جي لحاظ کان غريب هو، پر سڀاءَ جو به بنهه ماٺيڻو ۽ غريب هو ۽ سدائين نهٺائي ۽ نوڙت مان هلندو هو. نرم ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجن وڏن جو ادب ڪندو هو، ڪنهن به، ڪڏهن به هن جي واتان گارنه ٻڌي هئي ۽ هن جي گهر جو ڇپر پڻ ٻين سڀني کان ننڍو هو، تڏهن به، ڪنهن به هن جي واتان شڪر جي ڪلمي کان سواءِ ٻيو ڪوبه لفظ نه ٻڌو هو. هو وڏو محنتي ۽ نيڪ دل هاري هو ۽ پنهنجي ٻنيءَ ٽڪر، ننڍڙي گهر، پنهنجي پياري زال ۽ ٻارن ۾ ئي مست رهندو هو. گج گج ديوتا هن مان ڏاڍو خوش هو ۽ ماڻهن کي هميشه هدايت ڪرڻ وقت هن هاريءَ جي مثال ڏيندو هو.
    اوچتو هڪ ڏينهن ڇا ٿيو، جو اهو غريب هاري، اُن منجهند جو پريشان ۽ گهٻرايل ديوتا جي خدمت ۾ اچي پيش پيو ۽ ٻئي هٿ ٻڌي چوڻ لڳو، ”مهاراج! مون سان ڪهرام ٿي ويو، اتر طرف کان مڪڙن جو هڪ ڪٽڪ آيو ۽ منهنجيءَ ٻني ۾ وڇائجي ويو. مڪڙن جو اهو ڪٽڪ ٻئي ڪنهن جي به ٻنيءَ ۾ ڪونه ويو، پر رڳو منهنجي ٻنيءَ ۾ ئي اچي ويٺو ۽ سمورو فصل کائي چٽ ڪري، اڏامي هليو ويو. مهارج! آءٌ ڦرجي ويس، تباهه ٿي ويس، برباد ٿي ويس، هاءِ آءٌ، منهنجي زال ۽ منهنجا ٻچا ايندڙ ڇهماهيءَ ۾ ڇا کائينداسون.“
    گج گج ديوتا هاريءَ جو فرياد ٻڌي، وڏيءَ دير کان پوءِ اکيون کوليون ۽ ننڊ مان سجاڳ ٿي چيو، ”جنهن وقت مڪڙ جو ڪٽڪ فصل کائي اڏامي پئي ويو ته توکي ان وقت آسمان ۾ ڪڪر ڏسڻ ۾ آيا هئا، جيڪي پنهنجيءَ ڇاتيءَ ۾ نئين فصل جو نياپو کڻي آيا هئا؟!“
    هاري لاجواب ٿي ويو ۽ ديوتا جا پير ڇهي هليو ويو.
    هڪ سال کانپوءِ هو ٻيهرمنهن مٿو پٽيندو، ديوتا جي آڏو هٿ ٻڌي اچي بيٺو ۽ دل دهول لهجي ۾ چيائين، ”گج گج ديوتا! درياهه ۾ سيلاب آيو، ڪنهن جو ڇپر، ڪنهن جو گهر، ڪنهن جو ڍڳو لوڙهجي ويو، پر درياهه منهنجي فصل جا ٽئي نمبر لوڙهي ويو. مون وٽ سارين جا اهي ٽيئي نمبر هئا، جيڪي ٻوڏ جي نذر ٿي ويا، هاڻي منهنجا ٻار چانورن جي داڻي داڻي لاءِ سڪندا.“
    ديوتا چيو، ”جيڪي چانور پوکي نه سگهندا آهن، اهي مڪئي، جوئر ۽ ڪڻڪ پوکيندا آهن ۽ ان مان ئي ٻارن جو پيٽ ڀري شڪر ڪندا آهن.“
    ديوتا جي ڳالهه ٻڌي، هاري خاموش ٿي ويو ۽ ڪنڌ جهڪائي واپس هليو ويو...
    ٻن سالن کان پوءِ هاريءَ جا ٻه ٻار دستن وگهي مري ويا، هڪ ڇوڪر هو ۽ هڪ ڇوڪري. هاري ٻنهي جا لاش سيني سان لائي اڇنگارون ڏيندو، ديوتا جي خدمت ۾ آيو ۽ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو.
    ”منهنجا ٻه ئي ٻار مري ويا، منهنجا ٻه ئي ٻار مري ويا، ڀڳوان جي واسطي ٻنهي کي جئرو ڪريو!“
    گج گج ديوتا چيو، ”جيڪي مري ويندا آهن، سي ڪڏهن به جيئرا نه ٿيندا آهن... موت اڻ ٽر آهي، سڀني تي اچڻو آهي، اهوئي سبب آهي جو اڳتي هلي هرڪو موت جي حملي کي وساري ڇڏيندو آهي.“
    ”هاءِ، آئون لاوارث ٿي ويس، گج گج ديوتا!“ هاريءَ روئندي چيو، ”منهنجا ٻئي ٻاري مري ويا.“
    گج گج ديوتا ڪرڙين اکين سان هاريءَ ڏانهن ڏٺو ۽ چيو، ”مينهن وسڻ کان پوءِ ته سڪل ٺوٺ زمين ۾ به گل ڦٽي پوندا آهن... ۽ تنهنجي زال ته اڃا جوان آهي ۽ خوبصورت آهي ۽ سائي ڪُک واري آهي.“
    دويتا جي جواب هاريءَ کي چپ ڪرائي ڇڏي، جيتوڻيڪ هن جي دل کي ڏڍ نه مليو، پوءِ به پنهنجن ٻچن جا لاش سيني سان لائي هليو ويو.
    پر ڇهه مهينا به نه گذريا ته هاري وري موٽي آيو ۽ ايندي ئي ديوتا جي پيرن ۾ وڇائجي ويو ۽ زارو قطار روئڻ لڳو:
    ”ڇا ماجرا آهي؟“ ديوتا کانئس پڇيو.
    ”منهنجي زال“ هاريءَ ڳوڙهن سان آلا پنهنجا ڳل ديوتا جي پيرن سان مليندي چيو، ”مهنجي زال به مري وئي، پهرين منهنجو فصل تباهه ٿيو، پوءِ منهنجي پني درياهه پائي ويو، ان کان پوءِ منهنجا ٻچا مري ويا ۽ اڄ منهنجي زال به مري وئي، منهنجي حياتيءَ جو آخري سهارو.... هاءِ ديوتا! هاڻي آئون ڇا ڪريان؟“
    ديوتا ڪافي دير چپ رهيو، سندس خاموش ۽ پوڙهي چهري تي غور ۽ فڪر جون لڪيرون اُڀري آيون ۽ پوءِ آهستگي آهستي سندس منهن تي مرڪ ظاهر ٿي ۽ بنهه نرم، سنجيدي ۽ هڏ ڏوکائپ واري لهجي ۾ چوڻ لڳو، ”جڏهن تون پنهنجي زال جي چتا ساڙي واپس پئي آئين ته ڇا توکي گهاٽ جي ڪناري تي ”جوهي جا گل“ ڏسڻ ۾ آيا هئا؟“
    ”ها، ڏٺا هئم“ هاريءَ جواب ڏنو، ”پر جوهيءَ جي گلن جو منهنجيءَ زال سان ڪهڙو واسطو....؟“
    ديوتا کيس سمجهايو، ”جتي چتا ٻرندي آهي، اتي ”جوهي جا گل“ به ٿيندا آهن“ پر هاريءَ جي سمجهه ۾ ڪا ڳاله ڪانه آئي، هن کي پنهنجي زال جي موت حالن مان ڪڍي ڇڏيو هو.
    هن ديوتا جي پيرن کي مضبوط جهلي، ڏک ۽ ڪاوڙ کان بيتاب ٿيندي، وحشتناڪ آواز ۾ چيو، ”پر مهاراج! هوءَ منهنجي، هوءَ منهنجي زال هئي، منهنجي دل جو آخري سهارو، اڄ اهو آخري سهارو به ختم ٿي ويو، ديوتا!“
    ديوتا جواب ۾ ٻيهر چيو، ”۽ جڏهن تون چتا ٻاري گهر پئي موٽئين ته ڇا تو واٽ تي ڳوٺ جي کوهه تي ڪنوارين ڇوڪرين کي پاڻي ڀريندي نه ڏٺو هو. انهن جي اکين جو نرم لهجو، سندس مٺڙين ڳالهين جي خوشبوءِ، سندن سونهن جا جهلڪا ڇا توکي ياد ناهن؟“
    ديوتا چپ ٿي ويو،. هاريءَ ڪجه گهڙيون ديوتا جي منهن ڏانهن ڏٺو، پر جڏهن ديوتا واتان ڪجهه به نه ڪچيو ته هيءُ چرين وانگر ديوتا جي پيرن مان اُٿيو ۽ جهٽ ڏئي ديوتا کي ڳچيءَ کان کڻي ورتائين ۽ سندس مٿو پپر جي جي وڻ سان ٽڪرايائين. ديوتا جي مٿي مان رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو ۽ ڊپ مان رڙيون ڪرڻ لڳو، ”گهوڙاڙي! منهنجو مٿو ڦاٽي پيو.“
    هاريءَ چيو، ”مٿو ڦاٽو ته ڇا ٿيو؟ هو ڏس آسمان ۾ ابابيل پيا اُڏامن....“ ۽ ائين چئي هاريءَ گج گج ديوتا جي ڄاڙي ۾ ٻه چار ٺونشا وهائي ڪڍيا.
    ”اڙي! منهنجا ڏند ڀڄي پيا، گج گج ديوتا سور کان تڙپندي چيو.
    ”ڏند ڀڄي پيا ته ڇا ٿيو؟“ هاريءَ ڏند ڪرٽيندي چيو، ”هو ڏس! پپر کان پرڀرو تلاءُ جي ڪناري ڪهڙا نه سهڻا گل ٽڙيا بيٺا آهن.....“ ۽ اهو چئي هاريءَ ديوتا جي ٻانهن مروٽي، ان کي ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ جيان ڀڃي وڌو.
    ديوتا رڙيون ڪري چيو، ”الاڙي! منهنجي ٻانهن ڀڄي پئي.“
    ”ٻانهن ٽٽي پئي ته ڇا ٿيو....؟ هاريءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندي چيو، ”شڪر ڪر جو تون انڌو نه آهين!“
    ان ڏينهن کان وٺي ڀڳوان اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اڳتي سڀئي ديوتا پٿر جا هوندا ۽ اهي واتان ڀڙڪ به نه ٻوليندا.

    (سنڌيڪار: تاج جويو)


    6. هن جي خوشي

    سلهه جي وارڊ ۾گهڙيال ٻارهن جا ٺڪاءَ وڄايا. جگوءَ پنهنجي بستري تي آرس ڀڳو ۽ هوريان چيائين: ”امجد سمهين پئين؟“
    امجد جي هيڊي چهري تي ٻه وڏيون وڏيون اکيون ٽمڪيون، هن جا سنها ۽ سڪل چپ ڏڪيا ۽ سندس کاٻي ڳل جو وڏو کٻ، ڪاراڻ جو هڪ وڏو ٽڪو معلوم ٿيڻ لڳو. هن هوريان هوريان جواب ڏنو، ”نه، ڪجهه سوچيان پيو.“
    ”ڇا پيو سوچين امجد؟“
    ”اهوئي پنهنجي ختم ٿيندڙ زندگيءَ جي باري ۾“
    ”يعني – پنهنجي موت جي باري ۾؟
    ”نه، پنهنجيي ختم ٿيندڙ زندگيءَ بابت، امجد ورجايو، ”موت ته حياتيءَ ۾ ايندو آهي، پر جڏهن زندگي ئي ڀُري جهري ختم ٿي وڃي، ته پوءِ موت وري ڇا جو؟“
    ”امجد! آئون چوڻ چاهيان ٿو ته آخر اسان پيدا ڇا جي لاءِ ٿيدنا آهيون. منهنجو مطلب آهي ته منهنجي زندگي ايڏي ته اجائي، بيڪار ۽ بي مقصد رهي آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي پنهنجي سرجڻهار تي به کل اچي ويندي آهي..... ڇا توکي به ايندي آهي امجد.... ڪڏهن..... ڪڏهن“
    جگو هڪ ڊگهي عرصي تائين اوسيئڙو ڪندو رهيو. اڄ کيس سخت بخار هو، هن جو مٿو سور کان ڦاٽو پئي. کيس پنهنجن ڳلن جي ڪارن کُٻن ۾ ٽانڊا ڀريل معلوم ٿيا ٿي. اوچتو هن کنگهڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ٻه منٽ لاڳيتو کنگهندو رهيو. هن کنگهه سندس ٻنهي ڦڦڙن کي پرڻ بنائي ڇڏيو هو.
    جڏهن کنگهي بس ڪيائين ته امجد سندس سوال جو جواب ڏنو:
    ”نه، ڪڏهن به نه، مون کي تنهنجي سرجڻهار تي اعتقاد ئي نه آهي ته پوءِکل ڪيئن اچي-“ ۽ خاموش ٿي ويو.
    هڪ ڊگهيءَ ساهيءَ کان پوءِ جگوءَ پڇيو، ”ڇا پيو سوچين، امجد؟“
    امجد چيو، ”منهنجي زندگيءَ جا ڌاڳا، ڪيترو وقت ٿيو ته ٽٽي چڪا آهن. پر اڄ ڪيتريون وسريل ڳالهيون ياد اچي ستائي رهيون آهيون. اڄ نه ڄاڻ ڇو، انهن ٽٽل ڌاڳن کي ٻيهر ڳنڍڻ جي ڪوشش پيو ڪريان- پر ڇا حاصل؟“ هڪ ڊگهيءَ ساهي کان پوءِ امجد چيو، ”تون کي اڄ جي تاريخ ته ياد هوندي.“
    جگوءَ وراڻيو، ”ها-13 نومبر“
    امجد ڀڻڪندي چيو، ”اڄوڪي ڏينهن تي منهنجي شادي ٿي هئي – ان ڳالهه کي ڏهه سال گذري ويا آهن.“
    جگو ۽ امجد ڪافي وقت تائين ٻاهر پکڙيل چانڊوڪيءَ کي ڏسندا رهيا. وارڊ کان ٻاهر سائي ڇٻر ۽ گلن جون ٻاريون هيون ۽ انهن کان پرڀرو اسپتال جي وڏيءَ ڀت سان لڳو لڳ پپر جي هڪ لام تي چنڊ پنهنجي کاڏي رکي، ڪجهه سوچي رهيو هو. جگوءَ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    جگوءَ ويچارو ٿي چيو، ”مون سان اڄ تائين ڪنهن به عورت پيارنه ڪيو آهي.“
    پيلي چانڊوڪي، پيلن ۽ اداس گلن تي وسندي رهي ۽ گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ رات جي سانت ۾ سوين چڀائيندي رهي – ٽڪ ... ٽڪ... ٽڪ
    اڄ جگوءَ کي سخت بخار هو. هن ٿورو بلند آواز ۾ چيو، ”مون ته ڪجهه نه ڏٺو آهي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ جڏهن آئون نوڪريءَ جي ڳولا ۾ جالنڌر ويو هوس ته ان رات ماستر اڌم سنگهه جو ليڪچر هلي رهيو هو. آئون سندس سموريءَ تقرير دوران روئيندو ئي رهيس. هن هارين جي غريبي حال جو جيڪو نقشو چٽيو پئي، اهو منهنجين حالتن سان بنه ٺهڪي پئي آيو - ۽ جنهن وقت هن هندوستان جي غلاميءَ جو ذڪر ڪيو ته منهنجو رت ٽهڪڻ لڳو... ان وقت منهنجي عمر سورهن سال هئي، ٻئي ڏينهن مون کي گرفتار ڪيو ويو، مون ”لوڻ جي قانون“ جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، جيل ۾ مون سان عادي ڏوهارين وارو ورتاءَ ڪيو ويو. ٻه سال چڻن ۽ ٻاجهر جي ماني کائڻي پئي، جنهن ۾ ڇاڻ مليل هوندو هو. پيئڻ لاءِ گندو پاڻي ملندو هو. آرهڙ ۾ اهڙي ته ٻُٽ ٿيندي هئي، جو ساهه منجهڻ لڳندو هو، ۽ سياري ۾ اهڙي ته قهر جي ٿڌ پوندي هئي، جو جسم جو رت ئي ڄمي ويندو هو.ا نهن ٻن سالن ۾ منهنجي مک تان کل ۽ مرڪ اڏامي وئي هئي ۽ ان جي جاءِ کنگهه اچي ورتي، ۽ منڍ ۾ ته معمول کنگهه هئي.“
    امجد چيو، ”منڍ ۾ هونئن ئي معمولي محسوس ٿيندي هوندي.“
    ”پوءِ ڪڏهن ڪڏهن بخار...“
    امجد چيو، ”۽ کنگهه سان گڏ رت به،“
    جگوءَ چيو، ”مون ٻه ڀيرا بک هڙتال ڪئي هئي ۽ جيل وارن منهنجي ناسن وسيلي منهنجي جسم ۾ خوراڪ داخل ڪئي، جنهن ڪري منهنجي نڪ ۾ ڦٽ ٿي پيا، ۽ ڦڦڙن تي سوڄ چڙهي وئي.“
    امجد اداس لهجي ۾ چيو، ”۽ انهن ڳالهين کي ورجائڻ مان ڪهڙي هڙ حاصل؟ آئون ۽ تون پنهنجي وطن جا معمولي سپاهي آهيون، جيڪي کاهين جي حفاظت ڪندي ڪندي مري ويندا آهن، جن جون ڇاتيون دشمن جي گولين سان ڇلجي، پرڻ ٿي پونديون آهن، ۽ جن جا آنڊا جنگ جي محاذ تي لوهه جي تارن ۾ اٽڪي پوندا آهن. تون ۽ مان بي نام سپاهي آهيون.... ڪيئن ٺيڪ ٿو چوان، نه!“
    پر چنڊ ڪوبه جواب نه ڏنو. اهو هوريان هوريان پپر جي گهاٽيءَ اوٽ ۾ لڪي ويو.
    جگوءَ پڇيو، ”پر ائين ڇو ٿو ٿئي؟ هڪ ڀيري جيل ۾ منهنجيءَ دل چاهيو ته ڪمند چوسجي - ۽ ائين منهنجي اکين آڏو پنهنجن کيتن جي تصوير ڦري وئي. مون ڏٺو ته ڪمند جو فصل تيار آهي، جنهن کي وڍي گڏا ٻڌا پيا وڃن. منهنجو پيءُ ڍڳي گاڏيءَ ۾ ڏاند جوٽي رهيو آهي، ۽ منهنجي ماءُ ڪنجهندي، ڪمند جا گڏا کڻي، ڍڳي گاڏيءَ ۾ سٿي رهي آهي... پوءِ مون ڏٺوته چيچڙي ۾ ڪمند پيڙي ان جو رس ڪڍيو پيو وڇي ۽ ٻئي طرف ٻرندڙ چريءَ تي رکيل تئيءَ ۾ تازو، نئون ۽ سون جهڙو پيلو ڳڙ تيار ڪيو پيو وڃي. منهنجو من بيقرار ٿي ويو ۽ مون وارڊر کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته مون کي ڪٿان ڳڙ جي ڳوڙهي آڻي ڏي - ۽ هن مون کي پٺن واري لت وهائي ڪڍي. شايد ان ڪري جو آئون غريب هوس. هن ئي جيل ۾ اسان جا ڪيترا ساٿي ۽ اڳواڻ به هئا – وارڊر کانئن پئسا وٺندو هو ۽ کين سامان گهرائي ڏيندو هو، ڊاڪٽر به ساڻن مرڪي پيش ايندو هو - ۽ اهي ٽي ٽي مهينا اسپتال ۾ کير پي مواڙ ٿي پوندا هئا. ان کان سواءِ ڪتاب ۽ اخبارون، وهنجڻ لاءِ ولائتي ٽب ۽ اسفنج به گهرائيندا هئا. ماسٽر اڌم سنگهه کي مون ڏٺو ته هر روز صندل جي صابڻ سان وهنجندو هو ۽ مون سان ٻه اکر به ڳالهائڻ پسند نه ڪندو هو. ٻڌو اٿم ته هو هڪ ٻن بئنڪن جو به مالڪ آهي.“
    امجد چيو، ”اصل ۾ اسان جي رهنمائي ته اهي ئي بئنڪون ڪن ٿيون، هي اڳواڻ ته رڳو رڙيون ڪري ڄاڻن – جيئن هن وقت تون رڙيون پيو ڪرين، جيڪڏهن هن وقت نرس اچي وئي ته ڇا چوندي؟“
    جگوءَ چيو ”ڇا وري ڇا چوندي؟ هاڻ آئون ڪنهن کان ڊڄان ٿورئي ٿو. اڳ جڏهن ته آئون جيئرو رهڻ گهرندو هوس ته ڊاڪٽرن ۽ نرسن آڏو ليلهڙاٽ ڪندو هوس ته ايشور جي نالي مون کي سٺي دوا ڏيو، مون کي ڪنهن سينيٽوريم ۾ موڪليو. ڪرنل ارداڪار مون کي ڇهن مهينن تائين ڏٽا ۽ دلاسا ڏيندو رهيو ته جڏهن به ڪنهن سينيٽوريم ۾ بسترو خالي ٿيو ته سڀ کان اڳ مون کي ئي ڏياري موڪليندو...... ڇا هنن ڇهن مهينن ۾ ڪنهن سينيٽوريم جو ڪوبه بيڊ خالي نه ٿيو هوندو، ۽ ڪوبه خوش قسمت نه مئو هوندو.... اهو آئون ڪيئن ٿو مڃي سگهان! انهن ڇهن مهينن گذرڻ بعد مون ڪرنل کي چيو، آئون هاڻي سينيٽوريم ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان، مون لاءِ ته هيءُ ئي بسترو ڪافي آهي. انهيءَ عرصي دوران مون کي تمام گهڻو بخار رهندو هو، کنگهه وڌي وئي ۽ ٻنهي ڦڦڙن کي سلهه جي جيوڙن پرڻ بنائي ڇڏيو هو... ۽ پوءِ تون به اچي وئين..... منهنجو ته هن جڳ ۾ ڪير به ڪونه هو. جڏهن پهرئين ڀيري آئون ٻن سالن لاءِ قيد ٿيو هوس ته آزاد ٿيڻ کان ٿورائي مهينا اڳ ابو ۽ امڙ پليگ ۾ مري چڪا هئا. هنن زمين گروي رکي مون کي به ميٽرڪ تائين پڙهايو..... ۽ سندن اڪيلي سڪيلڌي پٽ کين ڪيڏي نه سٺي موٽ ڏني هئي!“
    جگو سڏڪا ڀرڻ لڳو. امجد پنهنجون وڏيون وڏيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. هڪ ڊگهي وقفي کانپوءِ امجد چيو، ”تون هاريءَ جو پٽ آهي، تو پنهنجي وطن لاءِ قرباني ڏني آهي، ان ۾ روئن جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اڄ تنهنجي ءَ قرباني جي ڪري ئي پنهنجا ڀائر ملڪ ۾ حڪومت ڪن پيا، توکي ته ان تي فخر هئڻ گهرجي.“
    جگو ڪافي دير تائين کنگهندو رهيو، آهستي آهستي ڄڻ سندس ساهه پئي نڪتو. پوءِ امجد به کنگهڻ لڳو، پر هن جي ڦڦڙن ۾ اڃا سگهه هئي، ان ڪري هن ترت ئي پنهنجي کنگهه روڪي ورتي
    امجد چيو، ”ڊاڪٽر ارداڪار مون کي چيو آهي ته منهنجو ٻيو ڦڦڙ اڃا سلهه جي جيوڙن وڪوڙيو نه آهي ۽ جلد ئي هو مون کي ڪنهن سينيٽوريم ۾ موڪلي ڏيندو.“
    جگوءَ ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو. هن زندگيءَ ۾ ته اها ڳالهه اڻ ٿيڻي پئي ڏسجي.
    امجد ڏکارو ٿيندي چيو. “اڻ ٿيڻي ئي سهي، آئون پڻ هاڻي هن جيون جو خاتمو چاهيان ٿو.“
    جگوءَ وراڻيو، امجد مون کي چيڙاءِ نه- آئون هڪ هاريءَ جو پٽ آهيان، آئون تو وانگر شاعر نه ئي سهي، پر آخرڪار مون به ڳوٺ جي مٽي ڇاڻي آهي، تڙ تڙ جو پاڻي پيتو آهي. صوبائي اڳواڻن کان وٺي وڏن وڏن هندوستاني ليڊرن جون تقريرون ٻڌيون اٿم. ٽي ڀيرا جيل ويو آهيان، آئون ڪو ٻار ته نه آهيان. مون اڄ تائين ڪوبه اهڙو ماڻهو نه ڏٺو آهي، جنهن کي پنهنجي جيون سان پيار نه هجي، جنهن کي هن دنيا جي نيري آڪاس، ڌرتيءَ جي ڀيني ڀيني سڳنڌ ۽ عورت جي پور وهيءَ سان محبت نه هجي... ڪوبه هن زندگيءَ جو خاتمو نه چاهيندو، آئون پاڻ به، جيڪو هڏڙين مٺ بنجي ويو آهيان، هڪ ڄئور جيان زندگيءَ کي چنبڙيو پيو آهيان ۽ تون آهين جو مرڻ جو پيو سوچين....“
    اوچتو هيءُ خاموش ٿي ويو. هلڪا هلڪا پير کڻندي نرس ليوسي هن ڏانهن اچي رهي هئي، جوان ۽ خوبصورت ليوسي- هيءُ سندس ڳاڙهن چپن کي ڏسي چريو ٿي پوندو هو. هن جي ساري حياتي جيلن جون چڪيون پيهندي، ۽ جيلن کان ٻاهر جيلن کان به بدتر قسم جي واهڻن ۾ ڳوٺاڻن کي ليڪچر ڏيندي، جلسن ۾ رضاڪار طور ڪم ڪندي ۽ قوم جي نالي پنندي گذري هئي.
    هن چانڊوڪيءَ رات ۾ نرس اڳ کان به وڌيڪ حسين نظر پئي آهي، هن کي جيل ۾ پوڻ ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ بکن ڪاٽڻ تي ڪوبه ڏک ڪونه هو، پر ڪاش! هو چڱو ڀلو هجي ها ۽ حسين ليوسيءَ جا چَپَ چمي سگهي ها- هو مٿي کان پيرن تائين ڏڪڻ لڳو. هن جي بيمار رت ۾ هڪ وحشي راڳ ڇوليون هڻڻ لڳو. هن جي ڪنن ۾ وڄ جا چمڪا ٿيڻ لڳا، صرف هڪ رات لاءِ ئي سچي صحت ۽ پاڪ ۽ پوتر جوڀن جي گرمي عطا ڪري ها- فقط هڪ رات لاءِ!
    نرس پنهنجو هٿ هن جي ٻڙڪندڙ مٿي تي رکيو ۽ ننڊ اکڙي آواز ۾ چيو، ”جگو، توکي ننڊ نه ٿي اچي ڇا؟ سمهي پئهُ ڳالهيون نه ڪر، سمهي پئه، مٺڙا جگو!“ جگوءَ پنهنجو ڏڪندڙ هٿ نرس جي ڪارائيءَ ۾ وڌو ۽ ڪي گهڙيون سندس سنهڙو ۽ سڪل هٿ نرس جي ڪارائيءَ ۾ ئي رهيو ۽ پوءِ آهستي آهستي وهاڻي تي ڪري پيو.
    هن نرس کان پڇيو، ”ڇا، مون کي اڄ سخت بخار آهي“
    نرس ٿرماميٽر ذريعي سندس گرمي پد معلوم ڪيو. بخار واقعي تيز هو، نرس کيس ننڊ ڏياريندڙ دوا پياري کيس سمهي پوڻ لاءِ چيو ۽ هوءَ آهستي آهستي وکڙون کڻندي، ننڊ جي خمار ۾ جهومندي هلي وئي. جگو ۽ امجد کيس ان وقت تائين ڏسندا رهيا، جيسين تائين هوءَ اکين کان اوجهل نه ٿي وي.
    ٻه مريض وارڊ جي الهندي حصي ۾ کنگهڻ لڳا، ۽ امجد ۽جگوءَ جون ڇاتيون پڻ ڏڪڻ لڳيون. جلد ئي هي به کنگهڻ لڳا. ٽي چار ٻيا ستل مريض به جاڳي کنگهڻ ۾ شروع ٿي ويا ۽ ڪجهه گهڙين تائين وارڊ جي چوديواري، بيمارن جي کنگهه جي صدا سان گونجندي رهي. پوءِ ڪجهه گهڙين بعد ماحول ۾ ماٺار ڇانئجي وئي. امجد پڇيو، ”جگو، ننڊ اچئي پئي؟“ جگوءَ وراڻيو، ”نه، آئون سوچيان پيو، منهنجي هڪ خواهش ئي پوري. ٿي وڃي ها يعني پنهنجي ملڪ کي آزاد ڏسان ها ته سک سان مران ها- پر هاڻي سوچيان ٿو ته ڪاش! آئون هڪ ڀيرو ڪنهن سان محبت ڪريان ها ۽ پنهنجيءَ محبوبه کي ٻانهن ۾ ڀڪوڙي وٺان ها- تون ته شاعر آهين، ان باري ۾ ڇا ٿو چوين؟“
    امجد آهستي چيو، ”سچ آهي، جڏهن انسان جون وڏيون تمنائون پوريون نه ٿينديون آهن،ته هو انهن جو رد عمل اهڙيءَ طرح ڳوليندو آهي. مون اڪثر ڏٺو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ آزادي جي جنگ تيز هوندي آهي، ته فرقيوار جهڳڙا دٻجي ويندا آهن، ۽ جڏهن اها لڙائي ٿڌي ٿي ويندي آهي، ته فساد زور وٺي ويندا آهن... جيل ۾ به مون ڪيترا ڀيرا انهن وڏن وڏن ليڊرن کي، جن هر قسم جا عيش ۽ آرام ترڪ ڪري هن خدمت جي راهه تي هلڻ شروع ڪيو هو، کنڊ جي هڪ چپٽيءَ تان وڙهندي ڏٺو آهي. هڪ ڀيري ڇا ٿيو، جو جڏهن آئون گجرات جيل ۾ هوس، هڪ تمام وڏي ليڊر ٻاهران سانڌاڻو (آچار) گهرايو، ۽ وارڊر اهو سانڌاڻو ڪاغذ ۾ ويڙهي، ڪاڪوس جي موريءَ رستي اسان جي ڪمري ۾ پهچايو. پر آئون ڇا ٻڌايان، ته ان سانڌاڻي تي به ڏاڍا جهيڙا ٿيا - ۽ هندن، مسلمانن، سکن، هر مذهب جي ليڊرن، سانڌاڻي کي وڏي چاهه سان کاڌو... ۽ اڄ تون به، جيڪو وطن جي راهه ۾ حقيقي رت وهائي چڪو آهين، هڪ عورت جي چپن جو پياسي ٿو نظر اچين.... ڪٿي ٿي آزادي ۽ ڪٿي ٿيا عورت جا چپ؟.... مون کي عورت جي چپن جي مزي جي پوري ڄاڻ آهي.“
    ”ڇا ٿيو هو توکي؟“ جگوءَ مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي، هلڪي آواز ۾ چيو، ”ڇا توکي عورت جا چپ پسند نه آيا... ڪهڙو نه عجيب ماڻهو آهين تون، توکي ڪهڙي بيوقوف شاعر بنايو!...“
    امجد ٽوڪ طور چيو، ”تنهنجي سرجڻهار!“ جگوءَ ڳهريل آواز ۾ چيو، ”اڳهرو مون نرس جي ڪارائيءَ کي هٿ سان ڇهيو هو، ڀڳوان جو سُنهن! اڃا تائين آئون ان جي ٿڌاڻ، لسائي ۽ ريشمي ڪونئرائپ کي وساري نه سگهيو آهيان.“
    امجد تکو ٿيندي چيو، ”مون کي انهن جذبن جو قدر آهي، انهن جذبن ئي ته مون کي شاعر بنايو آهي. انهن جذبن ئي مون کي رضيه سان شادي ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو. اڄوڪي ساڳئي ڏينهن تي ئي منهنجي شادي ٿي هئي. 13 نومبر 13 تاريخ ٻڌي اٿئي؟ شايد ڏاڍي نڀاڳي ٿيندي آهي. پر ان ڏينهن مون کان وڌيڪ ڀاڳوان (سڀاڳو)شخص ٻيو ڪوبه ڪونه هو. اُن ڏينهن به اڄ جيان چانڊوڪي هئي، جهنگ جي هوا، چيل وڻ جي پنن ڇڳن سان لڳي، مٺا ۽ سريلا گيت پئي ڳاتا، ۽ ان پورن ماسيءَ رات ۾ رضيه ۽ مون هڪٻئي جي ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي ۽ اهي مٺا ۽ رسيلا گيت ٻڌا هئا...“
    جگوءَ جي ساهه جو سهڪو وڌي ويو، هن پڇيو، ”پوءِ ڇا ٿيو؟“
    امجد چيو، ”رضيه کي مون وڏي جاکوڙ کان پوءِ حاصل ڪيو هو، هوءَ مريءَ جي هڪ سردار جي ڌيءَ هئي ۽ آئون هڪ انگريز جي بيري جو پٽ هوس... ڪميڻو ۽ نيچ ... پر منهنجي پيءُمون کي ٻارهين جماعت تائين تعليم ڏياري هئي ۽ اسان جي خاندان ۾ مون کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ٻيو ڪوبه ماڻهو نه هو... رضيه کي مون وڏيءَ محنت کان پوءِ حاصل ڪيو هو ۽ اڄوڪي ڏينهن، منهنجي ۽ هن جي گڏيل خوشين جو ميلاپ ٿيو هو.“
    امجد ڪيتريءَ دير تائين چپ رهيو ۽ جگوءَ جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. آخر امجد چيو، ”پر عورت جا چپ مون کي آزاديءَ جي تحريڪ کان روڪي نه سگهيا. انگريز جي بيري جي پٽ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ کيس پنج ڇهه سال قيد جي سزا ملي، رضيه جي پيءُ، جو مريءَ جو هڪ وڏو سردار هو، پنهنجيءَ ڌيءَ کي هميشه لاءِ دل تان وساري ڇڏيو هو – ڇو ته سندس سرداري ۽ جاگير سرڪار مائي باپ سان وفاداريءَ جو ثمر هئي. منهنجو پيءُ مون سان جيل ۾ هڪ ڀيرو به ملڻ نه آيو، ڇو ته هو انگريز جو بيرو هو، پر رضيه ٽن سالن تائين جيل جي دروازي تي ايندي رهي ۽ سندس رسيلا چپ سڪندا ويا. سونهن مانيءَ سان پيدا ٿيندي آهي، ۽ جڏهن ماني ئي نه ملي ته سونهن پاروٿي ٿي ويندي آهي.
    ڍَوَ بنا ڍوليا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي!“
    ”امجد ... ”امجد...؟“ جگوءَ ڀوائتي لهجي ۾ چيو.
    ”پر رضيه پنهنجيءَ سونهن کي ڪومائجڻ نه ڏنو،“ امجد بدستور ساڳئي نرم لهجي ۾ چيو، ”خواجا ڪريم الدين کي تون سڃاڻندو هوندين؟“
    جگوءَ وراڻيو، ”ڪير؟ خواجه ڪريم الدين... اهو گڙنگ زميندار آهي ۽ 35ع کان پوءِ قومي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ لڳو آهي،“
    ”ها... ها... اهوئي، اهو اسان سان گڏ جيل ۾ هو – ٽي سال اسان گڏ رهياسون، ڇو ته کيس ٽي سال سزا لڳي هئي ۽ جڏهن هو آزلاد ٿيو ته مون ڀنل نيڻن سان کيس رضيه جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو هو ... هن رضيه جي تمام گهڻي مدد ڪئي ... رضيه اڃا تائين خوبصورت آهي!
    جگوءَ امجد طرف ڏٺو، پر امجد اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ ڪجهه به ڏسي نه سگهيو، نيٺ جگوءَ هڪ ڊگهي وقفي کان پوءِ چيو، ”امجد ڀاءُ اسان جي قوم ۾ وڏا وڏا اڳواڻ موجود آهن ۽ وطن جي نانءُ تي سر گهوريندڙ حريت پسند پڻ. پر پوءِ به آزادي ويجهو ڇو نه ٿي اچي؟ ڇا ان لاءِ ته سچائيءَ جو هوڪو ڏيندي به اسان جي دلين ۾ سچائي موجود نه آهي؟ نگاهن ۾ پاڪيزگي نه آهي، ساٿين لاءِ ساٿ جو جذبو نه آهي!“
    امجد چيو، ”پر هاڻي ته مون کي ڪنهن سان وير نه آهي، ڪنهن سان به گلا ناهي، هرگز نه آهي. نه تنهنجي سرجڻهار سان، نه خواجه ڪريم الدين سان... رضيه سان به نه ... چڱو آهي، جو هينئر ڪنهنجيءَ دل ۾ اسان جي ياد نه آهي، چاهه نه آهي، عزت نه آهي.“
    پر ٿوريءَ دير کانپوءِ، سندس صبر جا بند ٽُٽي پيا، ۽ هو سڏڪن گاڏڙ آواز ۾ چوڻ لڳو، ”پر منهنجا .... آئون اڄوڪي رات وساري نه ٿو سگهان .... اڄ جي رات ئي ته منهنجي ارمانن جي دنيا آباد ٿي هئي ... اها ئي سانت ... چيل جو وڻ ... پوءِ رات جي سانت وڌندي وئي. چانڊوڪي پکڙندي وئي ... ان ٻڌل راڳ جون خوشيون خوابن جي اونهاين ۾ ٻڏنديون ويون ... وقت جو شور ماٺو ٿي ويو ... ۽ زندگيءَ جي هر ڌڙڪن سونهن جي نوراني ساگر ۾ پنهنجو پاڻ لڙهندي ڪنهن طرف هلي وئي ... خدا ڄاڻي ڪيڏانهن .... ڪٿي؟

    (سنڌيڪار: تاج جويو)


    7. خالي قبر

    سرءُ جا پهريان ڏهاڙا هئا
    صبح جو گهاٽو ڪوهيرو ۽ ڌنڌ، قيدين جي بيرڪن تي ڇانيل هو. ٿهڌي هوا ۾ ڪنهن ڪني گار جهڙي تلخي ۽ ڪوڙاڻ سمايل هئي. لنڊين جي وڻن جا رهيل پن، ڏوڙا ٿيو، پنهنجي پوين گهڙين جي اوسيئڙي ۾ هئا. انساني لاشن کي ساڙڻ وارين کورين مان آهستي آهستي دونهون نڪري رهيو هو.
    ليون پنهنجي قبر کوٽيندي کوٽيندي، ڪنڌ مٿي کڻي، پوپلر جي ڊگهن وڻن جي قطارن ڏانهن ڏٺو، جن جي اڇن ٿِڙن سان يهودي قيدين کي ٻڌي، گوليون هنيون وينديون هيون. کن پل لاءِ هن جو ساهه، بند پکيءَ جيان، سندس سيني جي پڃري ۾ گهٽبو، پوءِ گهٽجي آهه جي صورت ۾ ٻاهر نڪتو. ان گرم آهه سندس هيانءُ ڏڪائي وڌو، پر گشت ڪندڙ نازي سپاهين جي ٽور ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي پيدا ڪانه ٿي. اهي ساڳيءَ پابندي ۽ مضبوطيءَ سان انهن يهودي قيدين جي چوڌاري پهرو ڏئي رهيا هئا، جن کي اڄ گوليون لڳڻيون هيون، ۽ جيڪي هن وقت نازي سپاهين جي نظرداريءَ هيٺ ڪوڏرون ۽ بيلچا کڻي، پنهنجي پنهنجي قبر کوٽي رهيا هئا.
    ليون جي نظر پوپلرن جي وڻن کان به مٿي، ميرانجهڙي ڪوهيڙي ۾ ملي ويندڙ دونهين جي ان ليڪ کي ڏسڻ لڳي، جا ڪلهه تائين ڪنهن محبوبڙيءَ جو مهڪندڙ ساهه هو، ڪنهن معصوم ٻار جي مشڪ هئي، ڪنهن محبت ڪندڙ سائنسدان، فلاسفر ۽ اديب جو دماغ هئي، ۽ اڄ ان سڀ جي جاءِ تي دونهين جي هڪ ليڪ هئي. جيڪا ٻرندڙ کورين جي چمنين مان نڪري ”هوائي گولي ۾“ پکڙجي ويئي هئي.
    جڏهن قبرون ڳپل اونهيون کوٽجي ويون ته نازي سارجنٽ ڏاڍيان رڙ ڪئي، ”ڪم بند ڪريو!“ سڀني قيدين پنهنجي قبرن آڏوڪوڏرون ۽ بيلچا رکي ڇڏيا ۽ اٽينشن ٿي بيهي رهيا.
    ”فار ورڊ مارچ!“ نازي سارجنٽ زوردار رنڀ ڪئي.
    ليون جون وکون، مشين جيان پوپلر جي وڻن ڏانهن وڌڻ لڳيون، جتي ڪجهه گهڙين کان پوءِ کيس گولي هنئي ويندي. هو هوريان هوريان پنهنجي موت ڏانهن وڌڻ لڳو. سندس پوئتان ٻيا به يهودي قيدي هئا، جيڪي جدا جدا هنڌن تان آڻي، لودو جي نازي جيل ۾ بند ڪياويا هئا. انهن ۾ هن جو دوست ۽ ساٿي ابراهيم به هو، جيڪو هن جيان ئي سائنسدان ۽ پولينڊ مان آندو ويو هو. اڇي ڏاڙهيءَ وارو ابراهيم، اڄ تائين اهو سوچي نه سگهيو هو ته کيس ڪهڙي ڏوهه هيٺ گولي هنئي پئي ويئي. هو جهلي جهلي معصوم ٻارن جيان روئندو اڳتي وڌي رهيو هو، هن جي پٺيان سندس ه جواڻ جماڻ ڌيئرون، ايٿلي ۽ روزا سورهن ۽ ارڙهن ورهين جون وينگسون ڳاٽ اوچو ڪيو- بيخوفيءَ سان هلي رهيون هيون. انهن جي پويان ٻيا به يهودي هئا، جيڪي ٻين بيرڪن مان آندا ويا هئا، ۽ جن کي ليون سڃاڻندو نه هو. پڇاڙيءَ ۾ هن جي محبوبه ”جين“ هئي. ڪاش، نازي سپاهي ايترو ڏت ڪن ها، جو هن سان گڏ سندس محبوبه کي موت ڏانهن آخرين گهڙين ۾ هلڻ ڏين ها. پر نازين هن جي اها معمولي درخواست به ٿڏي ڇڏي. سڀني جي پويان ٽن ورهين جو هڪ ٻار هلي رهيو هو، جنهن جي يهودي ماءُ ۽ پيءُ کي ٻه ڏينهن ٿيندا ته گوليءَ جو بک بنايو ويو هو. اهو ٻار هڪڙو هٿ ”جين“ جي هٿ ۾ ڏيو، ۽ ٻئي هٿ جو آنڱوٺو وات ۾ وجهي چوسيندو هلي رهيو هو، پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙ ڪين گهڙين کان بي خبر!
    اوچتو لنڊين (وڻن) جي هيٺان گذرندي مٿي ٽارين ۾ڪٿي هڪ پن کڙڪيو ۽ تيز هوا جي جهوٽي سان ڇڄي پٽ تي اچي ڪريو.
    ننڍڙي ٻار سٽ ڏئي پنهنجو هٿ ڇڏائي ورتو، ۽ پٽ تي ڊوڙندڙ پن ڏانهن ڀڄڻ لڳو. ”جين“ کيس روڪڻ گهريو، ٻين قيدين به کيس ڏ ڪيا، پر ٻارڙو کلندو، ٽپ ڏيندو، قطار ڇني، سائي پن ڏانهن ڊڪندو رهيو. نيٺ خوشيءَ مان رڙ ڪري، ان ٻار جهپ هڻي پن کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو.
    عين ان ئي گهڙيءَ سندس پٺيءَ تي هڪ گولي اچي لڳي، ۽ هو اتي ئي ڌرتيءَ تي ڪري پيو.سندس هٿ ۾ اهوئي سائو پن هو ۽ اهو ئي آخري پن هو جو ٽن سالن جي ٻار پنهنجي اکين سان ڏٺو.
    يهودي قيدين جي قطار ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڊوڙي وئي، مگر نازي سپاهي، رائفلون تاڻي، سندن بلڪل ويجهو پهچي ويا ۽ بيوس ۽ مجبور قيدي، ڪنڌ جهڪائي ٻيهر پوپلر جي وڻن ڏانهن وڌڻ لڳا.
    ليون جي بلڪل ڀر ۾ پوڙهي سائنسدان ابراهيم کي ٻڌو ويو. سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ ”جين“ کي ٻڌ ويو؛‏ ”جين“ جيڪا هن جي محبوبه هئي، ڀورن نيڻن واري بهادر جين، جنهن جي چپڙن تي گلابي لپ اسٽڪ چمڪي پئي. هيءَ ڪنهن نخريباز عورت جي ادا نه هئي؛ اها موت خلاف هڪ معصوم ۽ بهادر نينگريءَ جي بغاوت جو اعلان هو.
    جڏهن سڀئي يهودي قيدي وڻن سان سڪ ٻڌجي ويا ته نازي سپاهين پنهنجي پنهنجي جڳهين تي بيٺي رائيفلون تاڻي ورتيون.
    عين ان وقت هڪ سپاهي ڊڪندو آيو ۽ سارجنٽ کي چوڻ لڳو، ”لاش ساڙڻ وارين کورين تي هڪ ماڻهو گهٽ رکجي ويو آهي، ۽ نوان قيدي ته سڀاڻي ايندا!“
    سارجنٽ هٿ جي اشاري سان سپاهين کي گولي هلائڻ کان روڪيو ۽ پاڻ گهمي ڦري وڻن سان ٻڌل هڪ هڪ قيدي کي ڏسڻ لڳو. هر قيدي سندس نگاهن هيٺ ڏڪي رهيو هو. هيءُ سارجنٽ، هڪ ڄڻي کي هڪ ڏينهن جي زندگي ڏئي سگهيو ٿي، نڄاڻ اهو خوش نصيب ڪير هوندو.
    سارجنٽ جي اها رحم کان پالهي نظر، سڀني قيدين تان ترڪندي، نيٺ ليون جي چهري تي ڄمي بيٺي.
    ليون رڙيون ڪندي چيو، ”نه سارجنٽ، مون کي نه! اهو ڏينهن تون جين کي ڏي، ابراهيم کي ڏي،“
    ”هڪ ئي ته ڏينهن ته آهي،“ نازي سارجنٽ بيحد بڇان وچان چيو.
    ”هڪ ئي ته ڏينهن آهي،“ ليون سوچڻ لڳو، پر هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا ساهه هوندا آهن، ڪيترا منٽ، ڪيترا سيڪنڊ، ڪيترا خيال ۽ ڪيترا تصور! هڪ ڏينهن جي دامن ۾ ڪيتريون آرزوئون، ڪيتريون حسرتون، ڪيترا گل ۽ ڪيتريون مکڙيون ٽڙنديون آهن. هڪ ڏينهن پوري زندگي، پوري صدي، پوري تاريخ بنجي سگهي ٿو، پر انڌي شعور جي پٿرائين ۾گشت ڪندڙ نازي سپاهيءَ کي ڪهڙي ڪل ته هڪ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو آهي!“
    ليون، ان گهڙيءَ بيٺي بيٺي اهو سوچيو ته سوالي نيڻن سان سارجنٽ ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    مگر نازي سارجنٽ سندس اها التجا ٿڏي ڇڏي، ”جين، هڪ نٻل نينگري آهي“، هن چيو، ”۽ ابراهيم، پوڙهو آهي. لاش ساڙڻ واريءَ کوريءَ تي ڪنهن سگهاري ماڻهوءَ جي گهرجي آهي... وليم!“ نازي سارجنٽ رنڀندي، پنهنجي هڪ سپاهي کي چيو،“ ليون جون رسيون کول!“
    ڪجهه منٽن کان پوءِ هو چوٿين نمبر کوريءَ تي ڪم ڪرڻ لڳو. لاشن ساڙڻ جون کوريون ڪنسنٽريشن ڪئمپ جي پڇڙيءَ وٽ هيون ۽ ان کان پنجاهه وکون پري جيل جو لوهي لوڙهو. ان لوهي لوڙهي جي ٻاهران پڻ چئني طرف نازي سپاهي پهرو ڏيندا ۽ گشت ڪندا هئا، پر اڄ ڪو هيرو ايڏو گهاٽو هو، جو لوهي لوڙهي جي ٽيڏي پاسيري ڄار اڌ کان وڌيڪ ڪو هيري ۾ ٻڏل پئي ڏٺي ۽ نازي سپاهين جا ٻوٿ ڪجهه گهڙين لاءِ ڪوهيڙي مان ٻڏي ظاهر ٿيا ۽ وري ساڳئي ڪوهيري ۾ ڍڪجي ٿي ويا.
    پنجاهه وکن تي آزادي آهي، ليون کوريءَ ۾ لاشا سوريندي سوريندي سوچيو، صرف پنجاهه وکن جي پنڌ تي! ساڻس ٻه نازي سپاهي به ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ٽي يهودي.
    ساڳيو سائو پن وري ليون جي اکين ۾ ڦرڻ لڳو، ڄڻڪ کيس پاڻ وٽ سڏي رهيو هجي، زندگي جو سنيهو ڏيئي رهيو هجي.
    ”پر اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ليون ڪم ڪندو رهيو. ۽ سوچيندو رهيو، پوءِ ٽيهين نمبر کوريءَ ۾ ڪا خرابيءَ پيدا ٿي پئي ۽ هڪ نازي سپاهي مدد لاءِ اوڏاهين هليو ويو.
    هاڻي رڳو هڪ نازي سپاهي هو ۽ چار يهودي قيدي هئا. هنن سڀني قيدين هڪٻئي ڏانهن نهاريو، ڄڻ هڪ ئي خيال، هڪ ئي وقت، هنن چئني جي ذهنن ۾ اڀريو هجي. اکين ئي اکين ۾ اشارا ٿيا ۽ سڀ قيدي اڳ کان به وڌيڪ چاهه ۽ محنت سان ڪم کي جنبي ويا ۽ ڪم ڪندي ڪندي، نازي سپاهيءَ جي صفا ويجهڙو اچي ويا.
    نازي سپاهيءَ هڪ کن لاءِ کوريءَ اندر چتائي ڏٺو ۽ چيو، ”بس، ترسو! هاڻي اندر جڳهه نه آهي.“
    ٺيڪ ان وقت لوهي چنبي جهڙي هڪ مضبوط هٿ، سندس وات زور سان بند ڪري ورتو. ان نازي سپاهيءَ جي وات مان ريهه به نڪري نه سگهي. پوءِ سڀني قيدين کيس گهلي، کوريءَ ۾ ڌڪي وڌو ۽ ٻاهران دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ پنجاهه وکون پريان لوهي لوڙهي ڏانهن ڀڄي ويا.
    ڌنڌ ۽ ڪوهيرو گهاٽو ۽ ميرڙو هو. لوهي تارن جي ڄار مان قيدي مڇين جيان ٽپا ڏيئي ڀڄڻ لڳا. ايتري ۾ گشتي سپاهين کين ڏسي ورتو. خطري جو سائرن زور زور سان وڄڻ لڳو. نازي سپاهي، رائيفلون تاڻي ڊڪڻ لڳا ۽ چئني پاسي رڙورڙ مچي وئي.
    ليون گهاٽي ڌنڌ ۾ ڀڄندو پئي ويو، هن جي سڄي کٻي گوليون زوزٽ ڪنديون گذري ويون، پر هو هڪ ئي ڏس ڀڄندو رهيو. اولهه پاسي ”فر“ جي وڻن جو گهاٽو ٻيلو هو، هن ڪنهن به طرح اتي پهچڻ تي گهريو.
    ٻيلي ۾ ڳچ پنڌ ڪرڻ کانپوءِ، هو گاهه تي ڪري پيو. ڪجهه گهڙين پٺاڻان هن کي سمڪ نه رهي، ته هو ڪٿي آهي. هينئر هن کي رڳو ايترو ساروڻ هئي، ته هو بيهوش ٿيڻ کان اڳ، سندس اکين آڏو هڪ سائو پن چمڪيو هو.
    کوڙ سارا مهينا هو هڪ روسي ڪڙميءَ جي گهر ۾ لڪو رهيو. ان زماني ۾ نازين جي والاريل حد ۾ ڪنهن يهودي کي پناهه ڏيڻ موت کي سڏڻ برابر هو، پر هن بهادر ڪڙميءَ وڏيءَ دليريءَ سان ان خطري جو مقابلو ڪيو ۽ ليون کي پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏني. پوءِ جڏهن لاڳيتن روسي حملن، نازي فوجن کي يوڪرين مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ته موٽندي وقت باقي بچيل ڳوٺن ۽ انهن جي گهرن کي ساڙينديون، لٽنديون ۽ ڀينگ ڪنديون، پوئتي هٽڻ لڳيون. نازي فوجين جي ڀڄڻ وقت، ليون بدقسمتيءَ سان ٻيهر پڪڙجي پيو. نازين کيسن پناهه ڏيندڙ ڪڙميءَ پٽيءَ تي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو ۽ ليون کي ٻيهر لودو جي نازي جيل ۾ موڪليو ويو.
    پر هن ڀيري، ليون کي جيل ۾ ڪنهن به نه سڃاتو، هڪ ته هن جي ڏاڙهي مهينن جو وڌيل هئي، ٻيو وري لاڳيتين مصيبتن سهڻ ۽ بکئي رهڻ ڪري اڀرو ۽ نٻل به ٿي ويو هو. جيل جو نمونو به هينئر بدلجي ويو هو.
    پوئتي هٽندي وقت، هٽلر حڪم ڏنو هو ته ڪنسٽريشن ڪيمپن جا هڙ نشان ميساري ڇڏيا وڃن، ته جيئن جڳ کي هٽلر شاهيءَ جي ڏاڍ ۽ ظلم جو ثبوت ملي نه سگهي.
    نازي سارجنٽ ڪائيٽل هڪ فهرست کڻي، ليون وٽ آيو، ۽ چيائين، ”جوزف! (ڇو ته ليون اڄڪلهه پنهنجو نالو بدلائي ڇڏيو هو) تنهنجي ٽوليءَ ۾ ڏهه يهودي آهن ۽ هن فهرست ۾ هڪ سو ٻياسي يهودي قيدين جا نالآهن، جن کي سلسلي وار 182 قبرن ۾ پوريو ويو آهي، توهان کي هر ڪا قبر کوٽڻي پوندي ۽ سڃاڻپ لاءِ هر مردي سان قبر ۾ جيڪو ڪارڊ پوريل آهي، اهو ڪڍي فهرست سان ڀيٽائڻو پوندو. ڀيٽڻ بعد مردن کي ٻاهر ڪڍي کوريءَ ۾ ساڙڻو پوندو ۽ قبرن کي لٽي ڇڏڻو پوندو.
    ”چار ڏينهن ته گهٽ ٿيندا صاحب!“ جوزف يعني ليون ڪنڌ جهڪائي وڏي ادب سان چيو.
    ”ته هڪ ڏينهن وڌيڪ کڻي وٺو! هڪ ڏينهن وڌيڪ ڪهڙي اوڄ ڏيندوَ!“ ڪائيٽل ڏاڍي لاپرواهيءَ سان چيو.
    ”هڪ ڏينهن وڌيڪ!“ ليون وڏي ڌيان سان سوچيو.
    پر ليون کي وڌيڪ سوچڻ جو موقعو نه مليو هو. تمام جلد قبرون کوٽڻ ۽ کوٽي لاشا ڪڍڻ ۽ انهن کي ڪڍي ساڙڻ جي ڪم ۾ لڳايا ويا.
    پهريون ڏينهن ان ڪم ۾ گذري ويو، ٻيو ڏينهن به لنگهي ويو، وري ان ئي رات الاهي ڪهڙي ڪمهري آئي، جو نازي سارجنٽ ليون جي ٽولي جي سڀني قيدين کي جاڳائي، قبرن تي مٽي ورائي، ڍڪي ڇڏڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو.
    جيتوڻيڪ هو سڄو ڏينهن ڪم ڪري چڪا هئا، ۽ رات جو ڪڏهن به ڪم نه ٿيندو هو، پر نازي سارجنٽ ڏاڍو ڊنل ۽ هراسيل پئي ڏٺو. ائين پئي معلوم ٿيو، شايد مورچي تان ڪا تمام اگري خبر آئي هئي.
    هي همراهه ساري رات قبرن ڍڪڻ جو ڪم ڪندا رهيا. جيڪو قيدي ٿڪو ٿي، ان کي نازي سپاهي رائيفل جا ڪنداڪ هڻي ڪم ڪرائيندا رهيا، ڄڻ سندن سر تي ڪو ڀوت سوار هو. ڪم هلندي هلندي نازي سپاهين ڊنل نگاهن سان پوئتي ڏسي ٿي ورتو. هري هري سڀئي قبرون لٽجي ويون، باقي رڳو چار قبرون وڃي رهيون هيون. ڪائيٽل فهرست ڏسندي چيو، ”ابراهيم ايهرين برگ!“
    ”مردو موجود آهي،“ هڪ قيديءَ کوٽيل قبر ڏسي چيو.
    ”ايٿلي ايهرين برگ!“
    ”مردو موجود آهي“
    روزا ايهرين برگ!“
    ”مردو موجود آهي!“
    ”ليون، ويلز؟“ سارجنٽ ڪائيٽل فهرست جو پڇاڙڪو نالو پڙهندي پڇيو.
    ”خبر خالي آهي!“ ڪيئن خالي آهي؟“ سارجنٽ ڪائيٽل حيرت مان چيو.
    ناري سارجنٽ قبر جا چارئي قبلا گهُميا، پوءِ وڏي مايوسيءَ مان چيائين، ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ نازي فهرست ۾ ڪا غلطي نٿي ٿي سگهي. سڀني کي اسان ماريو، سڀني کي اسان پوريو – مردو هتي موجود هجڻ کپي!“
    ”مگر مردو هتي موجود نه آهي!“ ليون جي آواز ۾ اڻ لکي ٽوڪ هئي.
    ”ته پوءِ مردو ڪيڏانهن ويو؟! جهٽ ۾ ٻڌايو، نه ته اوهان سڀني کي گولي سان اڏائي ڇڏيندس!“ سارجنٽ ڪائيٽل ڪاوڙ مان رائيفل تاڻي بيٺو، سڀني قيدين جا منهن لهي ويا، سواءِ ليون جي.
    ليون ڌيان سان اوڀر طرف ڏسي رهيو هو، جتان سوجهري جي ”لاٽ“ اڀري رهي هئي، پر اهو صبح جو سوجهرو نه هو، وڌندڙ روسي فوجين جو ”لاوو“ هو.
    ”جلدي ٻڌايو... مون کي بيوقوف نه بنايو...!“ نازي سارجنٽ چيو، سندس آواز ۾ ڊپ جي ڏڪڻي هئي، ”ڇا مردو پاڻهي هلي ڪٿي گم ٿي سگهي ٿو؟“
    ليون هڪ ساعت لاءِ سن ٿي ويو، ٻيءَ گهڙيءَ سڄو وايو منڊل باهه ۽ بارود جي ٺڪاون سان ٻري ويو. لودو جي ڪئمپ جي چوڌاري روسي فوجين حملو ڪري ڏنو هو. نازي سپاهي ڊڄ ۽ هراس وچان ٿڙندا ٿاٻڙندا، هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جون واهون ڳولڻ لڳا. سارجنٽ ڪائيٽل به هڪ طرف ڀڄڻ لڳو – مگر ليون کيس ڳچيءَ مان سوگهو ڪري جهليو. سندس رائيفل کسي ورتائين ۽ کيس زوريءَ کنڀي، پنهنجي خالي قبر وٽ آڻي، چيائين، ”سارجنٽ ڪائيٽل! نازين جي فهرست ۾ هڪ غلطي باقي رهجي وئي، اهي انسان جي جذبه آزاديءَ کي وساري ويٺا. اهي وساري ويٺا ته مردا به پنڌ ڪري واس اچي سگهن ٿا، ۽ هڪ ڏينهن ۾ تاريخ به بدلجي سگهي ٿي. سارجنٽ ڪائيٽل! مان جوزف نه آهيان، آئون ليون ويلز آهيان! غور سان هن خالي قبر کي ڏس، جيڪا منهنجي لاش لاءِ کوٽي وئي هئي. خبر اٿئي سارنٽ ڪائيٽل! ته هيءَ قبر خالي ڇو؟“
    ؟نه!“ سارجنٽ ڪائيٽل چيو.
    ليون ڳاٽ اڀو ڪري، پورب ڏانهن ڏسندي چيو، ”هاڻ هن خالي قبر ۾ نازي داد (انصاف) دفن ڪيو ويندو!“

    (سنڌيڪار: تاج جويو)


    8. ايراني پلاءُ

    اڄوڪي رات منهنجي هئي، ڇاڪاڻ جو اڄ رات منهنجي کيسي ۾ پئسا ڪونه هئا، جنهن رات منهنجي کيسي ۾ پئسا هوندا آهن، اها رات مون کي پنهنجي ڪونه لڳندي آهي. اها رات مون کي مرين ڊرائيور تي ٿڙڪندڙ گاڏين جي لڳندي آهي، جڳمڳائيندڙ فانوسن جي لڳندي آهي، ايمباسيڊر هوٽل جي ڇت تي نچندڙن جي لڳندي آحي، ليڪن اڄوڪي رات منهنجي پنهنجي رات هئي. اڄ آسمان جا تار منهنجا هئا، بمبئي جون سڀ سڙڪون منهنجون هيون، جڏهن به کيسي ۾ ٿورا پئسا هوندا آهن، تڏهن سڄو شهر مونڏانهن گهوريندو نظر ايندو آهي، هرڪا شئي ڇينڀيندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کان پري ٿيڻ لاءِ مجبور ڪندي آهي. اوني پتلونن کان وٺي خوشنما ريڊيو گرام تائين هر ڪا شئي چوندي آهي، مون کان پري ٿي! پري ٿي!! ليڪن جڏهن کيسي ۾ هڪ پائي به ڪونه هوندي آهي، تڏهن سڄو شهر پنهنجي لاءِ ٺهيل لڳندو آهي. سڙڪ جي هر هڪ پٿر تي، گهٽيءَ جي هر موڙ تي، بجليءَ جي هر ٿنڀي تي ڄڻ ائين لکيل هوندو آهي، ”تعمير ڪيا گيا برائي ايڪ فاقا مست مصنف.“ ان ڏينهن نه حوالات جو ڊپ هوندو آهي، نه گاڏيءَ جي لپيٽ ۾ اچڻ وڃڻ جو ۽ نه وري هوٽل ۾ ڪجهه کائڻ جو!
    ان رات مان خود نه هلندو آهيان، ان رات مون کي بمبئيءَ جون سڙڪون کنيو ڦرنديون آهن. گهٽين جا موڙ ۽ وڏين وڏين عمارتن جا اوندهه ڪونا مون کي خود دعوت ڏيندا آهن ۽ چوندا آن، ”هيڏانهن اچ ... اسان جي طرف به ڏس ... اسان سان به گڏج دوست! تون اٺن سالن اکن هن شهر ۾ رهيو آهين، ليڪن ان هوندي به اجنبين وانگر ڇو هلي رهيو آهين؟ هيڏناهن اچ... اسان سان هٿ ملاءِ!! اڄ رات پنهنجي هئي، اڄ رات ڪنهن جو به ڊپ ڪونه هو. ڊپ ٿئي به ته ٿئي ڪيئن؟ ڊپ ته ان کي ٿيندو آهي، جنهن جو کيسو ڀريل هوندو آهي. هن خالي کيسن واري بجاءِ ملڪ ۾ ڀريل کيسن وارن کي ئي ڊپ هئڻ گهرجي ۽ مون وٽ هوئي ڇا؟ جنهن کي ڪوئي کسي وٺندو؟ ٻڌو آهي ته سرڪار هڪ قانون ٺاهيو آهي، جنهن موجب رات جي ٻارهين بجي کان پوءِ سڙڪن تي گهمڻ ڏوهه آهي، ڇو؟ ڪهڙي ڳالهه آهي؟؟ رات جو ٻارهين بجي کان پوءِ بمبئيءَ ۾ ڇا ٿيندو آهي؟؟ جنهن کي هو مون کان لڪائڻ ٿا چاهين. مان ضرور ڏسندس، چاهي ڪجهه به ٿي پو! اڄ رات مون کي ڪنهن جو ڊپ ڪونه آهي، ڪجهه به ٿي پوي، مان اڄ ضرور گهمندس ۽ پنهنجن دوستن سان هٿ ملائيندس.
    اهوئي سوچي مان چرچ گي اسٽيشن وٽان گذري يونيورسٽي گرائونڊ ۾ اندر لنگهي ويس. ارادو هئم ته ميدان مان گذري وڃان،ا ن وقت مون ڏٺو، هڪ ڪنڊ ۾ ڪجهه ڇوڪرا گول بڻائي ويٺا آهن ۽ تاڙيون وڄائڻ سان گڏوگڏ ڳائي رهيا آهن.
    ”تيرا ميرا پيار هوگيا... تيرا ميرا، ميرا تيرا، تيرا ميرا پيار هوگيا آ ... آ....آ“
    ٻه ٽي ڇوڪرا تاڙيون وڄائي رهيا هئا. هڪ ڇوڪرو وات مان بنسريءَ جهڙو آواز ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ٻيو ڇوڪرو ڪنڌ کي ڦيرائڻ سان گڏوگڏ هڪ ڪاٺ جي پيتيءَ کي طلبي وانگر وڄائي رهيو هو. سڀ خوشيءَ ۾ جهومي رهيا هئا ۽ سنهي ٿلهي آواز ۾ ڳائي رهيا هئا، مون ويجهو وڃي هنن کان پڇيو، ”ڪيئن دوستو! ڪنهن جو ڪنهن سان پيار ٿي ويو؟“
    هنن هڪ پل لاءِ گانو بند ڪري مون طرف ڏٺو، اها خبر ڪين اٿم ته مان ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ڪيئن لڳندو آهيان، پر ايتري خبر ضرور اٿم ته هڪ پل مون طرف ڏسي ماڻهو مون سان رلي ملي ويندا آهن، مون سان ايتريقدر ته گهرا ٿي ويندا آهن، جو زندگي ڀر جا راز پنهنجي مختصر ڪائنات جون سڀ تصويرون، پنهنجي دل جا سڀ دک درد مون سان سلڻ لڳندا آهن. منهنجي چهري ۾ ڪابه وڏ ڪونه آهي. ڪائي عجب ۾ وجهندڙ شيءِ ڪونه آهي، ڪوئي رعب ڪوئي دٻدٻو ڪونه آهي، منهنجي لباس ۾ به ڪوئي شان و شوڪت ڪونه آهي، منهنجن پيرن ۾ هڪ معمولي چمپل هوندي آهي، ان جي مٿان لٺي جي پتلون ۽ لٺي جي خميس، هڪ ته مون کي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پٽ تي سمهڻ جي عادت آهي، ٻيو مون ۾ اها به هڪ خراب عادت آهي ته منهنجي زندگيءَ ۾ ميريون، گنديون ڀتيون گهڻيون اينديودن آهن ۽ صاف اجليون ڀتيون بلڪل ئي گهٽ! ڪمبخت خميس ڪنڌي وٽان تمام جلدي ڦاٽي پوندي آهي، اتي توهان کي اڪثر ٽاڪا لڳل نظر ايندا. ڏاڍيءَ محنت ۽ صفائيءَ سان مان اهي ٽاڪا لڳائيندو آهيان، پر ان هوندي به ڪمبخت ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ڇو جو ٽاڪا ڦاٽلن جي ڪپڙن جي ٻن ڪنارن کي ملائڻ جو نالو آهي. ڦاٽلن پراڻن ڪپڙن کي هر هر جوڙڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي ويندي آهي، ڇو هر ڪو ماڻهو ڪاري اچڪن مٿان سرخ گلاب جو گل نٿو لڳائي سگهي؟ اهو سچ آهي ته به انسان هڪجهڙا نٿا ٿين، ساڳيءَ صورت جا نٿا ٿين. بمبئيءَ ۾ ڏينهن ۽ رات ۾ لکين مختلف قسمن جا چهرا ڏسندو آهيان، ليڪن ائين ڇو انهن سڀني جي خميس تي به ڪنڌن وٽ ٽاڪا لڳل هوندا آهن. لکين ٽاڪا ڦاٽل زندگين جي ڪنارن کي ملائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. هڪ نقاد منهنجون ڪهاڻيون پڙهي مون کي چيو هو، ”مون کي انهن مان ڪنهن به انسان جو چهرو نظر نٿو اچي.“ اهائي مون ۾ وڏ آهي ته مان پنهنجن ڪردارن جي چهرن جو بيان نٿو ڪريان، انهن جو ڪنڌن جا ٽاتڪا ڏسي انهن جو بيان ٿو ڪريان، ٽاڪا جي مون کي انسان جو اندريون چهرو ڏيکارين ٿا. انهن جي ڏينهن رات جي ڪشمڪش ۽ انهن جي ڏينهن رات جي محنت جو راز ٻڌائين ٿا. ٽاڪا جن کان سواءِ زندگي جو ڪوئي ناول ۽ سماج جي ڪائي ڪهاڻي مڪمل ٿي نٿي سگهي. ان ڪري مون کي ان ڳالهه جي ڏاڍي خوشي آهي ته منهنجو چهرو ڏسي ڪوئي مون کي ڪلارڪ سمجهندو آهي، ڪوئي فوٽا وڪڻندڙ يا وار ڪٽيندڙ، اڄ تائين مون کي ڪنهن به وزير يا کيسو ڪتريندڙ، ڪونه سمجهيو آهي. ان ڳالهه جي مون کي ڏاڍي خوشي آهي ته مان انهن لکن ڪروڙن ننڍن ماڻهن مان هڪ آهيان، جي تمام ... هڪ ٻئي سان رسمي واقفيت کان سواءِ رلي ملي وڃن ٿا.
    هتي به هڪ امتحاني بل جي جهجهڪ بعد هو مون طرف ڏسي مسڪرائڻ لڳا. هڪ ڇوڪري مون کي چيو، ”اچ دوست! تون به اچي هت ويهه ۽ ڳائڻ چاهين ته خوشيءَ سان ڳاءِ“ ايترو چئي ان ڏٻري پتڪري ڇوڪري مٿي جي وارن کي جهٽڪو ڏئي پوئين طرف ڪيرايو ۽ پوءِ وري اڳ جيان ڪاٺ جي پيتيءَ کي طبلي وانگر وڄائڻ لڳو. مان به هنن سان سر ملائڻ لڳس ۽ اسان سڀ گڏجي وري ڳائڻ لڳاسين، ”تيرا ميرا، ميرا تيرا، تيرا ميرا پيار هوگيا...“
    اچانڪ ان ڏٻري پتڪري ڇوڪري طبلو وڄائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي جيڪو پنهنجي ڪنڌ کي پنهنجين ٻنهي ٽنگن جي وچ ۾ لڪائي اوڪڙو ويٺو هو، ڌڪ هڻي چيو، ”اڙي، مڌوبالا تون ڇو ڪونه ٿو ڳائين؟“
    مڌوبالا ڏاڍي تڪليف بعد پنهنجو چهرو ٽنگن مان ٻاهر ڪڍيو. هن جو چهرو مڌوبالا ائڪٽرس وانگر حسين ڪونه هو، هن جي بدن تي باهه ۾ جلڻ جا نشان هئا. هن جي ننڍڙين ننڍڙين اکين مان جي هن جي گول چهري تي ٻه ڪار ڪار داغ ٿيل هئا، انتهائي پريشاني جهلڪي رهي هئي. هن پنهنجي چپن کي پاڻ ۾ ملائيندي طلبي واري کي چيو، ”حرامزادا! مان نٿو ڳائي سگهان، منهنجي پيٽ ۾ سور ٿي رهيو آهي.“
    ”پيٽ ۾ سور ٿي رهيو اٿئي؟ تو اڄ ايراني پلاءُ کاڌو آهي؟؟“
    مڌو بالا ڏک وچان هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”ها اهوئي کاڌو اٿم.“
    ”ڇو کاڌءِ؟“
    ”نه کانوان ته ڇا ڪريان؟ اڄ صرف ٽي بوٽ جو پاليش ڪيا هئم؟“
    هڪ ٻئي ڇوڪري، جو عمر جي لحاظ کان سڀن کان وڏو ٿي لڳو ۽ جنهن ج ي کاڏيءَ تي ٿوري ٿوري ڏاڙهي اچڻ لڳي هئي، چيو ”اڙي مڌو بالا! اٿ ميدان ۾ چڪر لڳاءِ، هل مان به توسان گڏ ٿو ڊڪان، ٻه ٽي چڪر لڳائڻ سان پيٽ جو سور ويندو رهنديءِ.“
    ”نه! رهڻ ڏي.“
    ”چوانءِ ٿو اٿ! نه ته چماٽ هڻندوسانءِ.“
    مڌوبالا هٿ جوڙيندي چيو، ”ڪڪو رهڻ ڏي، مان هٿ ٿو جوڙيانءِ.“
    ”اٿ ڙي ڇو اسان جي محفل خراب ڪري رهيو آهين؟“ ڪڪوءَ هٿ کان وٺي مڌوبالا کي اٿاريو ۽ ٻئي يونيورسٽي گرائونڊ ۾ ڊوِڙڻ لڳا.
    پهرين ته ٿوريءَ دير تائين مان انهن ڊڪندڙ ڇوڪرن کي ڏسڻ لڳس پر جڏهن منهنجي پاسي ۾ ويٺل ڇوڪري پنهنجو مٿو کنگهندي چيو، ”ڪهڙي نه مصيبت آهي، ايراني پلاءُ کاءُ ته به مصيبت، نه کاءُ ته به مصيبت!“
    مون چيو، ”پلاءُ ته ڏاڍي مزيدار شئي آهي، ان جي کائڻ سان پيٽ ۾ سور ڪيئن پوندو؟“
    منهنجي ڳالهه ٻڌي هو سڀ کلڻ لڳا، هڪ ڇوڪري (جنهنجو نالو پوءِ مون کي ڪلديپ ڪور معلوم ٿيو ۽ جو ان وقت ڦاٽل نڪر پائي ويٺو هو) کلندي مون کي چيو ”معلوم ٿو ٿئي ته تو ڪڏهن ايراني پلاءُ ڪونه کاڌو آهي.“
    مون ڇيو، ”پلاءُ ته ڪيترن ئي قسمن جو کاڌو اٿم، شيد ايراني پلاءُ به کاڌو هجيم پر تون الائي ڪهڙي پلاءُ جي پيو ڳاله ڪرين!“
    ڪلديپ ڪور پنهنجي گنجيءَ جا بٽڻ کوليندي مون کي ٻڌايو ته ”ايراني پلاءُ هنن جو هڪ خاص اصطلاح آهي. ان کي هي روز روز ڪونه کائيندا آهن، پر جنهن ڏينهن گهٽ پئسا ڪمائيندا آهن، ان ڏينهن هنن کي ايراني پلاءُ کائڻو ئي پوندو آهي ۽ اهو پلاءُ سامهون واريءَ ايراني ريسٽورينٽ ۾ رات جو ٻارهين بجي کان پوءِ ملندو آهي. سڄي ڏينهن ۾ ماڻهو جيڪي ڊبل روٽيءَ جا ٽڪرا، گوشت جون چوسيل هڏيون، چانورن جا داڻا، پٽاٽن جا ڇلر ۽ ٻيون شيون پليٽن ۾ بچائي ويندا آن، اهو سڄو جوٺو کاڌو هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي ملاوت ٻي آني پليٽ جي حساب سان وڪامندي آهي. پٺيان رنڌڻي جي دروازي وٽ ان کي ايراني پلاءُ چوندا آهن، ان کي عام طور هن علائقي جا غريب ماڻهو به ڪونه کائيندا آهن پر تڏهن به هر روز ٻه ٽي سئو پليٽون وڪامي وينديون آهن. ايراني پلاءُ جي خريدارن ۾ گهڻو ڪري بوٽ پالش ڪندڙ، فرنيچر کڻندڙ، گراهڪن لاءِ ٽئڪسي آڻيندڙ، آس پاس جي جڳهين جا بيڪار نوڪر يا ٺهندڙ جڳهين ۾ ڪم ڪندڙ مزور هوندا آهن.“
    مون ڪلديپ ڪور کان پڇيو، ”تنهنجو نالو ڪلديپ ڪور ڇو آهي؟“
    ڪلديپ ڪور پنهنجي صدري بلڪل لاهي ڇڏي هئي ۽ ڏاڍي مزي سان گاهه تي ليٽي پنهنجي ڪاري پيٽ تي هٿ ڦيري رهيو هو. منهنجو سوال ٻڌي هن پنهجي هڪ ساٿيءَ کي چيو، ”ذرا منهنجي پيتي ته ڏجاءِ.“
    ڪلديپ ڪور پيتي کولي، ان پيتيءَ ۾ هن جي پالش جو سامان پيل هو. پالش جي هر هڪ دٻيءَ مٿان ڪلديپ ڪور جي تصوير لڳل هئي.هن پنهنجي ساٿي کي به پنهنجي پيتي کولڻ لاءِ چيو، هن جي پيتيءَ ۾ جيتريون به پالش جون ننڍيون وڏيون دٻليون هيون، انهن سڀني جي مٿان وري نرگس جون تصويرون لڳل هيون، جي رسالن ۽ اخابرن مان ڪٽي هنيون ويون هيون، ڪلديپ ڪور چيو، ”هيءُ نرگس جي پالش ڪتب آڻيندو آهي، هو نميءَ جي ۽ ثريا جي. اسان مان جيڪي به بوٽ پالش ڪندا آهن، اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن فلم ائڪٽريس جون تصويرون ڪٽي پنهنجين پالش جي دٻين مٿان هڻندا آهن ۽ ان جي ڪندا آهن.“
    ”ڇو؟“
    ”حرامزادا!“ گراهڪ، انهن ڳالهين مان ڏاڍو خوش ٿيندا آهن!! اسان انهن کي چوندا آهيون، صاحب ڪهڙي پالش لڳايون؟ نرگس يا ثريا يا مڌوبالا؟ پوءِ گراهڪ جنهن ائڪٽريس کي پسند ڪندو آهي، ان جي پالش گهرندو آهي ۽ اسان ان کي، ان ڇوڪري جي حوالي ڪندا آهيون، جيڪو ان ائڪٽريس جي پالش ڪتب آ ڻيندو آهي. اسان ڪل اٺ ڇوڪرا اهيون، هوڏانهن سامهون چرچگيٽ وٽ (سي) بس اسٽينڊ جي پوئتان ويهندا آهيون. اسان مان جيڪو جنهن ائڪٽريس جي پالش ڪتب آڻيندو آهي، ان ائڪٽريس جو نالو ئي سندس نالو آهي، ان مان اسان جو ڌنڌو سٺو هلندو آهي ۽ ڪم ڪرڻ ۾ ذرا مزو ايندو آهي.“
    مون چيو، ”توهان جو بس اسٽينڊ جي پوئتان ۽ ايراني ريسٽورينٽ جي سامهون ويهندا آهيو، پوءِ پوليس وارا ڪجهه به ڪونه چوندا اٿو؟“
    ڪلديپ ڪور اونڌو ليٽيل هو، منهنجو سوال ٻڌي سڌو ٿي ويو ۽ هن پنهنجي آڱوٺي جي هڪ آڱر ۾ ڪجهه دٻائي يڪايڪ هڪ جهٽڪي سان ائين نچايو ڄڻ هو فضا ۾ آنو اڇلائي رهيو هو. هن چيو، ”حرامزادو ڇا چوندو؟ پئسا جو ڏيونس ٿا؟“ ايترو چئي ڪلديپ ڪور وري آڱوڍي سان هڪ خالي آنو هوا ۾ اڇلايو ۽ فضا ۾ ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ ٻئي هٿ کولي هن ان آني کي جهٽي ورتو ۽ پوءِ هن پنهنجن ٻنهين مٺين کي کوليو، ٻئي خالي هيون. ڪلديپ ڪور مسڪرائي چپ چپ اونڌو ٿي ليٽي پيو.
    نرگس مون کي چيو، ”تون دادر ۾ پالش ڪندو آهين نه؟ مون توکي شايد ڏٺو هو.“
    ”مون کي به هڪ قسم جو پالش وارو ئي سمجهه.“ مون جواب ڏنو.
    ”هڪ قسم جو ڪيئن؟“ ڪلديپ ڪور اٿي ويهي رهيو.
    هن مون طرف گهوري چيو، ”حرامزادا! سڌي طرح ڳالهه ڪر نه؟ ٻڌاءِ تون ڇا ڪندو آهين؟“
    هن مون کي حرامزادو ڪوٺيو، اهو ٻڌي مان ڏاڍو خوش ٿيس، ڪوئي ٻيو مون کي حرامزادو چوي ها ته خبر وٺانس ها. پر جڏهن هن ڇوڪري مون کي حرامزادو گار جو لفظ ڪونه هو، پر برادريءَ جو لفظ هو، هن مون کي پنهنجي برادريءَ ۾ شامل ڪيو هو. ان لاءِ مون چيو، ”ڀائي مان به هڪ قسم جي پالش ڪندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن انساني چهرا ڏسندو آهيان ۽ انهن جي اندر ڇا آهي؟“
    نرگس ۽ نمي يڪدم چئي اٿيا، ”حرامزادا! وري پرولين ۾ ٿو ڳالهائين؟ صاف صاف ڇو ڪونه ٻڌائين؟
    مون چيو، ”منهنجو نالو وشن آهي ۽ مان ڪهاڻيون لکندو آهيان ۽ ڪهاڻيون اخباروارن کي وڪڻندو آهيان، اهڙي ريت سمجهو ته مان به وڪامندو آهيان.“
    ”اوهه! ته تون بابو آهين!!“ نميءَ چيو. نمي هڪ ننڍڙو ڇوڪرو هو، ان گول ۾ جيڪي به ڇوڪرا ويٺا هئا، انهن سڀني کان هو ننڍڙو هو، ننڍڙو پر هن جي اکين ۾ چالاڪيءَ جي چمڪ هئي، جيئن ته هو اخبارون به وڪڻندو هو، ان ڪري هن جي مون ۾ اڃا به دلچسپي وڌي وئي. هن ويجهو اچي مون کي چيو، ”ڪهڙي اخبار ۾ لکندو آهين؟ فري پريس، ٽائمس؛ بمبئي ڪرانيڪل مان انهن سڀني اخباروارن کي سڃاڻندو آهيان.“
    ”شاهراهه“ ڪهڙو نيوز پيپر آهي؟“
    ”دهليءَ مان نڪرندو آهي.“
    ”دهليءَ جي ڇاپخاني مان؟“ هو حيرت وچان مون طرف ڏسڻ لڳو.
    ”ها ۽ ادب لطيف ۾ به لکندو آهيان.“ مون رعب ڄمائڻ لاءِ چيو.
    ڪلديپ ڪور کلندي چيو، ”بدب خليف ۾ لکندو آهين حرامزادا! اهو ته ڪنهن انگريزي فلم ائڪٽريس جو نالو به ٿي سگهي ٿو. ”بدب خليف!“ ها... ها...!! اڙي نمي ا‎ڄ کان وٺي تون پنهنجو نالو بدلائي ”بدف خليف“ رک، ڏاڍو مزيدار نالو آهي. ها...ها...ها.“
    جڏهن سڀ ڇوڪرا کلي ٿڪا تڏهن مون سنجيدگيءَ سان چيو، ”بدب خليف“ نه ادب لطيف لاهور مان نڪرندو آهي، ڏاڍو سٺو پيپر آهي.“
    نرگس ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”هائو هوندو ادب لطيدف ئي هوندو، اسان جو ان ۾ ڇا؟ اسان ان کي وڪڻي پئسا ٿوروئي ڪمائيندا آهيون؟“
    ڪلديپ ڪور مون طرف ڏسي وري کلڻ لڳو. مان به هنن سان کلڻ لڳس، کلڻ کان سواءِ ٻيو ڪوئي چاڙهو به ته ڪونه هو. ڪلديپ ڪور کلندي کلندي اچانڪ سنجيده ٿي ويو، مون طرف ڏسي هن چيو، ”۽ هڪ ڪهاڻيءَ عيوض توکي ڇا ملندو آهي؟“
    ”ايترو ئي جيترو توهان کي ملندو آهي، اڪثر ڪجهه به نه ملندو آهي، جڏهن لفظن مٿان پالش ڪري پورو ڪندو آهيان، تڏهن اخبار وارا شڪريه چئي ڪهاڻي مفت کڻي ويندا آهن ۽ وڃي پنهنجي اخبار يا رسالي ۾ ڇپائيندا آهن.“
    ”ته پوءِ اهڙي مغز ماري ڪرين ڇو ٿو؟اسان وانگر پالش ڇو ڪونه ٿو ڪرين. سچ ٿو چوانءِ تون به هليو آءٌ اسان جي برادريءَ ۾! بس تنهنجي ئي باقي ڪثر آهي ۽ تنهنجو نالو به ”بدب خليف“ ئي رکنداسين.
    ”ملاءِ هٿ!“ ڪلديپ ڪور چيو، ”پر چار آنا روز پوليس کي ڏيڻا پوندءِ.“
    ”۽ اگر ڪنهن ڏينهن چار آنا به نه ٿيا ته؟“
    ”اهو مان نٿو ڄاڻان، ڪنهن کان گهري، چوري ڪري، ڊاڪو هڻي، ڪيئن به چار آنا ڏيڻا پوندءِ ۽ مهيني ۾ ٻه ڏينهن حوالات ۾ به رهڻو پوندءِ.“
    ”اڙي واهه، ٻه ڏينهن حوالات ۾ ڇو؟“
    ”اهو مان نٿو ڄاڻان آ پوليس واري کي روز چار آنا ڏيندا آهيون، هرڪو پالش وارو ڏيندو آهي، پوءِ به هو اسان کي مهيني ۾ ٻه دفعا پڪڙي وٺي ويندو آهي، هو چوندو آهي اهڙو قائدو آهي، پوءِ اسان ڇا ڪريون؟“
    ”چڱو ٻه ڏينهن حُالات ۾ به رهندس.“ مون چيو.
    ”توکي هڪ دفعو ڪورٽ ۾ به وڃڻو پوندو، تنهنجو چالان ٿيندو ۽ توتي ٻه ٽي روپيا ڏنڊ به پوندو، اهي به توکي ڏيڻا پوندا.“
    ”ائين وري پو؟“
    ”اي يار پوليس واري کي به ته ڪار گذاري ڏيکارڻي پوندي آهي ڪيئن نه؟ تون سمجهين ڇو نٿو حرامزادا بدب خليف!“
    مون اک ڀڃي ڪلديپ ڪور کي چڇيو، ”حرامزادا مان سڀ ڪجهه سمجهي ويس.“
    اسان ٻئي کلڻ لڳاسين. ايتري ۾ مڌوبالا ۽ ڪڪو ٻئي ميدان ۾ ٽئي چار چڪر هڻي، پسيني ۾ تر ٿي واپس اچي ويا مون مڌوبالا کان پڇيو، ”ڪيئن تنهنجي پيٽ جو سور ويندو رهيو؟“
    ”سور ته ويندو رهيو پر بک غضب جي لڳي آهي!“ مڌو بالا چيو.
    ”بک ته مون کي به لڳي آهي“ ڪلديپ ڪور چيو.
    نرگس چيو، ”مون کي به.“
    ”نه پوءِ وري ايراني پلاءُ کائيندا؟ ٻيو وري پيٽ ۾ سور پوندو ۽ وري ميدان جا چڪر! نميءَ چيو.
    ”۽ پوءِ وري بک!“ ڪلديپ ڪور تلخيءَ وچان چيو.
    نمي چيو، ”مان ٻه پئسا ڏئي سگهان ٿو.“
    ”هڪ آنو منهنجي طرفان.“ مون چيو.
    ڪل چار آنا ٿي ويا ۽ نميءُ کي پلاءُ آڻڻ لاءِ چيو ويو، ڇو جو هو سڀني کان ننڍو هو ۽ وري ايراني ريسٽارنٽ جو رسيو هن کي پسند ڪندو هو، ان ڪري سوچيوسين ممڪن آهي نميءَ کي ٻن پليٽن بدران چئن پليٽن يا گهٽ ۾ گهٽ ٽن پليٽن جيترو مال ملي وڃي. نميءَ جي وڃڻ بعد مون چيو، ”ڇا توهان روز هتي ئي سمهندا آهيو؟“
    ”مڌو بالا کانسواءِ سڀ ئي هت سمهندا آهيون.“
    ڪڪوءَ ڇيو، ”مڌو بالا هونئن پنهنجي گهر ويندو آهي، پر اڄ ڪونه ويو آهي.“
    ”تنهنجو گهر ڪاٿي آهي؟ مون مڌو بالا کان پڇيو.
    ”سيان ۾ هڪ جهوپڙيءَ ۾ مان ۽ منهنجي ماءُ رهندا آهيون.“
    ”۽ پيءُ؟“
    مڌو بالا چيو، ”پيءُ جي خبر ڪونه آهي، هوندو حرامزادو سامهون وارين جڳهين جو ڪوئي سيٺ!“
    يڪايڪ هو سڀ چپ ٿي ويا، ڄڻ ڪنهن هنن جي چهري تي چماٽ وهائي ڪڍي هجي. ڇوڪرا جي بي آسري هئا، بي گهر هئا، بنا نالي هئا، جن پنهنجي زندگيءَ جي دکن کي فلم ائڪٽريسن جي خوبصورت نالن ۾ ڇپائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. ”تيرا ميرا پيار هوگيا.“ ڪٿي آهي تنهنجو پيار؟ اي منهنجا ڀاءُ، اي منهنجي ماءُ، اي منهنجا پيءُ، تون ڪير آهين؟ ڇاجي لاءِ تو مون کي هن دنيا ۾ آندو ۽ هنن سخت بي رحم ٽئڪس زده فٽ پاٿن تي ڌڪا کائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو؟ هڪ پل لاءِ هنن سڀني جا چهرا ڪنهن نامعلوم خوف وچان مرجهائي ويا، يڪايڪ هو هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا ۽ ڏاڍي زور سان هنن هڪ ٻئي جي هٿن کي پڪڙيو، ڄڻ ٻئي ڪنهن به هنڌان هنن کي آسرو ڪونه مليو، ڄڻ هن شهر جي هر ڪنهن وڏي عمارت، هر ڪنهن فٽ پاٿ ۽ هر ڪنهن هلڻ واري قدم هنن کي ٺڪرائي ڇڏيو هو ۽ هنن کي مجبور ڪيو هو ته رات جياهيءَ ۾ هو هڪ ٻئي جا هٿ پڪڙين. مون کي هو ان وقت اهڙائي خوفزده ۽ معصوم لڳي رهيا هئا، جهڙا ٻالا ڀولا ٻار، جيڪي نامعلوم ۽ اٿاهه جهنگل ۾ گم ٿي وڃن. ان لاءِ مون کي بمبئي ڪڏهن ڪڏهن شهر ته لڳندو آهي پر هڪ جهنگل لڳندو آهي.
    پوءِ مان سوچيان ٿو ته ائين نه، بمبئي هڪ جهنگل ڪونه آهي، بمبئي ته هڪ شهر آهي. ماڻهو چون ٿا جي هڪ ميونسپل ڪارپوريشن آهي، ان جي هڪ سرڪار آهي، هڪ نظام آهي، ان جون گهٽيون آهن، راهون آهن، بازار آهن، دڪان آهن، روڊ آهن، گهر آهن ۽ اهي سڀ هڪ ٻئي سان اهڙيءَ طرح ته جڙيل آهن، جيئن هڪ ڌرم ۽ تهذيب، شهر ۾ شيون هڪٻئي سان ڳنڍيل لڳنديون آهن، اهو مان سمجهان ٿو، مان به ان جي گهٽين ۽ بازارين کي ڏسندو آهيان. ان جي رستن ۽ گهرن کي سڃاڻندو آهيان. ليڪن ان عزت ۽ محبت جي باوجود مان اهو ڇو ٿو ڏسان ته ان عظيم شهر ۾ ڪيتريون گهٽيون اهڙيون آهن، جن مان ٻاهر نڪرڻ جا رستا اهڙا آهن جي ڪنهن به منزل طرف ڪونه ٿا وڃن، ڪيترائي ٻار اهڙا آهن، جن لاءِ ڪوئي گهر ڪونهي. يڪايڪ ان خاموشيءَ کي نميءَ ٽوڙي ڇڏيو. هو ڀڄندو اسان جي سامهون اچي ويو. هن جي هٿ ۾ ايراني پلاءُ جون ٽي پليٽون هيون، انهن مان خوشبوءِ نڪري رهي هئي. جڏهن هن پليٽون آڻي اڳيان ٿي رکيون، تڏهن اسان ڏٺوسين تنجي اکين ۾ آنسو تري رهيا هئا، ”ڇا ٿيو؟“ ڪلديپ ڪور پڇيو.
    انهيءَ غضبناڪ لهجي ۾ چيو، ”رسئوي هت زور سان چڪ پاتو.“ نميءَ پنهنجو کاٻو ڳل اسان طرف ڪندي چيو. اسان ڏٺوسين، هن جي کاٻي ڳل تي چڪ جو وڏو نشان هو.
    ڪلديپ ڪور رسوئي کي گار ڏيندي چيو، ”حرامزادو.“ پر ان بعد هو سڀ ايراني پلاءُ مٿان ٽٽي پيا.

    (سنڌيڪار: جيوت چاولا)


    9. عقل جون ڳٺڙيون

    جڏهن مان اٺين ۾ چوٿون گهمرو فيل ٿيس ته گهران هڪ هزار روپيا ۽ ڪجهه زيور چورائي، بمبئيءَ ڀڄي آيس. هتي ٽن مهينن ۾ ٽائيپنگ جو ڪم سکي، مون هڪ آفس ۾ درخواست پيش ڪئي. ڪمپنيءَ جي مالڪ مون ڏانهن ڏسي مرڪندي چيو.
    ”پر اسان کي ته هڪ ڇوڪري گهرجي!
    ”اڄ ڪلهه ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ ۾ ڪو فرق ته ڪونه رهيو آهي. ڇوڪريون پينٽ ٿيون پهرين، مان به پائيندو آهيان. ڇوڪريون بشرٽ نما بنلائوزر پائينديون آهن، مان بلائوزر نما بشرٽ پائيندو آهيان. ڇوڪرين جا وار ڪٽيل هوندا آهن ”سي ته منهنجا به ڪٽيل آهن. پوءِ مان ڪيئن هڪ ڇوڪريءَ کان گهٽ آهيان.“ مون چيو
    ڪمپنيءَ جي مالڪ، منهنجي سامهون منهنجي درخواست جا چار ٽڪرا ڪري چيو، ”وڏو ڪو احمق آهين! هليووڃ!“
    مان هليو آيس ۽ اچي ٽن مهينن ۾، بجليءَ جي پکن جي مرمت جو ڪم سکيس ۽ هڪ سک جي ڪمپنيءَ ۾ درخوست ڏنم، جيڪا اهو ئي ڪم ڪندي هئي.
    ”ڇا تون بجليءَ جي پکن جا پرزا ٽوڙي سگهندو آهين؟ ڪمپنيءَ جي مالڪ چيو.
    ”جي نه، جوڙي سگهندو آهيان.“
    ”ڀلا تون بجليءَ جا پکا اهڙيءَ ريت جوڙي سگهندو آهين، جو هر ٽئين مهيني وري کين مرمت جي ضرورت پوي.“ مالڪ وري پڇيو.
    ”جي نه!“ مون فخريه لهجي ۾ چيو ”مان ته بجليءَ جي پکن جي اهڙي عمدي مرمت ڪري ڏيندس جو هڪ سال تائين ته ان جو هڪ به پرزو خراب نه ٿيندو.“
    ”ته پوءِ تون اسان جي ڪم جو ماڻهو ناهين!“ صاحب جواب ڏنو ۽ منهنجي درخواست کي منهنجي سامهون اٺ ٽڪرا ڪري ڇڏيائين.
    ان پڄاڻان اسٽرڪچل اسٽيل مل جي آفيس ۾ اچي وڏي صاحب کي چيم ”مون کي ڪم گهرجي!“
    ”ڪهڙو ڪم؟“ هن پڇيو.
    ”ڪهڙو به ڪم هجي، مان ڪندس!“ مون جواب ڏنو.
    هن پڇيو ”تون ڪهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو؟“
    مون چيو ”مان فرش کي ٻهارو ڏيڻ کان ويندي، اوهان جي دماغ کي ٻهارو ڏيڻ تائين، هر ڪم ڪري سگهان ٿو!“
    منهنجو جواب ٻڌي هن مرڪندي چيو، ”تنهنجي جواب مان لڳي ٿو ته تون سيٺ ڪستوري چند جو نياڻو آهين،“
    مون چيو ”جي نه؟!“
    هن چيو ”ته پوءِ تون ضرور سيٺ ڌنوري چند“ جي ماروٽ جي ماسات جي ...... هو چوندو رهيو، مان وچ ۾ چيو، ”جي مان اهو به ڪونهيان؟“
    ”ته پوءِ تون هتي ڇا ڪرڻ آيو آهين؟ گيٽ آئوٽ!“ هن ڪڙڪ لهجي ۾ چيو.
    گيٽ آئوٽ ٿي هلڻ لڳس، هلندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته هاڻي ڇا ڪيان، امان جا زيور به ختم ٿي چڪا هئا. هڪ هزار مان صرف هڪ سئو ٻارنهن روپيا بچيا هئا.
    هلندي هلندي ٽپهريءَ ويل مون کي اچي بک نستو ڪيو. مان هڪ اسپورٽس جي دڪان ۾ گهڙي ويس. دڪان ۾ ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ بال ۽ ٽينس جي سامان سان گڏ شيشي جي هڪ ٿانو ۾ گول گول رس گلا پيا هئا. مون انههن ڏانهن اشارو ڪندي دڪاندار کي چيو ”وڏو احمق آهين، اسپورٽس جي دڪان ۾ رس گلا ٿو رکين!“
    هن چيو ”هي بمبئي آ هتي سڀ هلندو آ“
    مون چيو ”مون کي ٻين رپئي جا رس گلا ڏي.“ هن ٻه روپيا وٺي شيشي جي خوبصورت ٿانو مان ٻه رس گلا ڪڍيا! مون چيو ”بازار ۾ ته ٻين آني رس گلو ٿو ملي.“
    هن چيو ”هي اسپيشل ٽائيپ جا رس گلا آهن.“
    ”ته پوءِ چار ڏي“ هن مون کي هڪ لفافي ۾ چار رس گلا، چئين روپين جا ڏنا، لفافو وٺي مان ٻاهر هليو آيس، اڳتي آيس ته هڪ سوناري جي دڪان تي ڏاڍا عمدا، ساوا ساوا خوبصورت ٿلها متارا ڪيلا چمڪندي نظر آيا. مون چيو ”عجيب ماڻهو آهين سونارڪي دڪان تي ڪيلا ٿو وڪڻين؟“
    هن چيو ”سون وڪڻڻ منع آهي، ان ڪري ئي ڪيلا رکيا اٿم.“
    ”ڪهڙو اگهه ڏيندين؟“ مون پڇيو.
    ”ڇهه روپيا درجن!“
    ”ڇهه روپيا درجن!؟“ مون حيرت منجهان ڇرڪ ڀريندي چيو، ”ٻارهين آني جي اگهه سان بازار مان جيترا ڪيلا چئين وٺي ڏيانءِ!“
    ”پر هي خاص قسم جا ڪيلا آهن.“
    ”هان ته هڪ درجن ڏي ڀلا!“
    هن هڪ درجن ڪيلا هڪ وڏي لفافي ۾ وجهي، منهنجي حوالي ڪيا. مان دڪان کان ٻاهر نڪري آيس ۽ ميٽرو سئنيما، جي سامهين ميدان ۾ هليو آيس ته جيئن اس ۾ ڇٻر تي ويهي پنهنجو کاڌو کانوان ڇٻر تي هڪ ڪنڊ ۾ ٻين ماڻهن کان الڳ ٿلڳ هڪ جڳهه ڳولي مان اتي ويهي رهيس پهريائين مون رس گلن وارو لفافو کوليو ۽ هڪ رس گلو ڪڍي وات ۾ وڌم، ڪرچڪ ڪرچڪ جو آواز پيدا ٿيو ۽ مون محسوس ڪيو ته جنهن کي مون رس گلو سمجهيو هو، اهو دراصل ”پنگ پانگ“ جو هڪ بال هو ”ريان“ جو ٺهيل. مون مايوس ٿي جلد ئي ٻيو لفافو کوليو، خبر پئي ته ان لفافي ۾ جيترا به ڪيلا هئا، سي سمورا پلاسٽڪ جا هئا. هاڻي ڇا ڪجي؟ هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي ”مون سوچيو. پئسا ته مون خرچ ڪري ڇڏيا، هاڻي جيڪو ڪجهه مليو، خدا جو شڪر ڪندي مون کي کائڻ گهرجي!! ۽ مٿان پاڻي پي ڇڏڻ گهرجي! ۽ ائين مون ريان جا رس گلا ۽ پلاسٽڪ جا ڪيلا چٻاڙي کائي ڇڏيا. ڇو جو رزق جي بيعزتي نه ٿي ٿي سگهي ۽ ان لاءِ ئي ته مان به بمبئيءَ آيو هئس. کائڻ سان ئي مون کي ڏاڍي اساٽ لڳي، پيٽ ۾ عجيب قسم جو مانڌاڻ مچي ويو هو. ايتري ۾ ويجهو ئي هڪ ڇوڪرو لنگهيو، ان جي هٿ ۾ هڪ ميرو ٿيلهو هو ان ويجهو اچي آهستگي سان چيو، ”پاڻي پيئو ٻين رپئي باٽلي آ.“
    مون کيس ڀرسان سڏي پڇيو ”ڪهڙي ڪربلا متي آ“ پاڻيءَ جي باٽلي ٻين رپئي ٿو وڪڻين.
    هن چيو ”هي جوزف جو پاڻي آهي.“
    جوزف ڪير آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”اسان جو مالڪ آ!“ هن چيو.
    ”ته ٻين رپئي، پاڻي جي هڪ باٽلي ڇو ٿو وڪڻين، جڏهن ته نارنگيءَ جو رس به ڇهين آني ۾ ٿو ملي.“
    ”پر هيءُ خاص قسم جو پاڻي آهي، فسٽ ڪلاس! پهرين ڌار جو!“ مون پهرين ڌار جو پاڻي اڄ تائين ڪونه چکيو هو. هلو اڄ اهو به ٿي وڃي، کيسي ۾ سئو جي نوٽ کان سواءِ ٻيا به ٻه رپيا هئا. ان هڪ هڪ باٽلي خريد ڪري نڙيءَ ۾ اوتي ڇڏيم، نڙيءَ ۾ لهندي ئي ائين لڳو، ڄڻ چوڏنهن ئي طبق روشن ٿي ويا. دماغ ۾ جيترا به خلل هئا سڀ دور ٿي ويا.
    هر شيءِ روشن، واضح ۽ پنهنجي صحيح صورت ۾ ڏسجڻ لڳي. ٽپو ڏئي اٿي مان پنهنجي جڳهه تان اٿي کڙو ٿيس ۽ سئو جو نوٽ پنهنجي مٺ ۾ سوگهو جهلي سڌو ڪالبا ديوي جي ڪاٽن ايڪسچئنج طرف ڊوڙڻ لڳس.
    ڪاٽن ايڪسچئنج جي اندر ڀڄ ڊڪ لڳي پئي هئي، هل هنگامون، وٺ وٺان، ماڻهو هڪ ٻئي کان هڪ فوٽ مفاصلي تي بيٺي به ائين دانهون ڪري رهيا هئا، ڄڻ انهن جا ٻڌندڙ کانئن هزار والن جي مفاصلي تي هجن. هو رڙيون ڪري چئي رهيا هئا: ”ڏنو- رتو-خريديو-پڙي-چڙهت-ست مٿي- اٺ هيٺ چاليهه هزار ڳٺڙيون-ست هزار ڳٺڙيون. ڏيڍ لک ڳٺڙيون....“
    ”به لک!“ مون غصي ۾ چيو،.
    هڪ دلال منهنجي ڀرسان آيو. چيائين ”وڪڻين ٿو؟“
    ”ها وڪڻان ٿو.“ مون رڙ ڪئي ”۽ خريد به ڪيان ٿو!“
    ”ڪهڙي حساب سان؟، هن مون کي ڪلهي کان پڪڙيندي پڇيو ته جيئن مان ڀڄي ڪنهن ٻئي دلال ڏي نه هليو وڃان.
    ”ست مٿي، نو هيٺ!“ مون بلند آواز سان چيو.
    ”ست مٿي، نو هيٺ!؟“ هن خوشيءَ ۾ رڙ ڪئي، ڄڻ کيس منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه پي آيو.
    ”ها ست مٿي، نو هيٺ“مون دهرايو.
    دلال خوشيءَ ۾ رڙ ڪئي ”به لک ڳٺڙيون – ٻه لک ڳڍڙيون.“
    وري هڪدم ترسي مون ڏانهن ڏسندي پڇيائين ”ڇا جون؟“
    ”عقل جون،“
    ”عقل جون؟ ڪو نئون براند آهي ڇا ڪپهه جو؟“ هن مون ڏانهن شڪ جي نظرن سان ڏسندي پڇيو.
    ”اسپيشل ٽائيپ جو برانڊ آ.“ مون جواب ڏنو.
    هن منهنجي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو ”تون چرٽ رام اينڊ ڪمپنيءَ جو ماڻهو آهين نين؟“
    ”۽ ڪنهنجو ٿو ڏسڻ ۾ اچانءِ“ مون گجندي پڇيو. ”سڃاڻو به نه ٿا؟“
    هن منهنجو ڪلهو ٺپيندي چيو، ”ائين ئي پڇي ورتم، صاحب! خاطري ڪرڻ سٺي ڳالهه آنين؟“
    پوءِ هو مون کي ڇڏي هليو ويو ۽ پاڻ کان ٽي فوٽ مفاصلي تي بيٺل هڪ همراهه جي ڪن ۾ پنهنجي نڙي ڦاڙي چوڻ لڳو ”ٻه لک ڳڍڙيون چرٽ رام اينڊ ڪپمني – ٻه لک ڳڙيون ست مٿي نو هيٺ!“
    ”وچ ۾ ٻڙي!“ مون اضافو ڪيو.
    ”۽ وچ ۾ ٻڙي!“ هو چوندو ميڙ ۾ غائب ٿي ويو.
    اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين ميڙ جي ٻاهران هل هنگاما ڏسندو رهيس ۽ جڏهن صفا مايوس ٿي ويس ته دلال هاڻي واپس نه ايندو ته مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ مڙيس ته ايتري ۾ اهو دلال ميڙ چيريندي ڊوڙندو مون وٽ آيو ۽ اچي منهنجي هٿ ۾ ٻاهٺ هزار روپين جا نوٽ ڏيندي چيائين ”مون ان مان ڪميشن ڪونه ڪٽي آ.“
    مون چيو ”ته ڪٽي وٺ نين؟“
    ”سيٺ کي ٻڌائڻ کان سواءِ؟“ هن ڪجهه حيرت مان پڇيو.
    ”مان سيٺ کي ٻڌائي ڇڏيندس، هو پونا ويل آهي.“
    ”هان ته پوءِ ٻه هزار ڏي ڀلا!“
    ٻه هزار ڪٽائي سٺ هزار کڻي، مان ڪاٽن ايڪسچينج مان نڪتس، ۽ ايڪسچينج ٻاهران ٽئڪسيءَ ۾ ويهي ٽئڪسيءَ واري کي چيم ”هل بمبئيءَ کان ٻاهر، ڪاڏي به کڻي هل!“ ۽ دل ۾ سوچيم ته هاڻي چرٽ رام اينڊڪ مپنيءَ ۽ منهنجي وچ ۾ جيترو به گهڻو مفاصلو هيءَ ٽئڪسي پيدا ڪري سٺو آ. باندري ويجهو پهچي مون کي ڏاڍو زور سان پيشان لڳو. ٽئڪسي جي فرش تي نگاهه ڌريم، پر ٽئڪسي واري کي چيم ته ”لنڪنگ روڊ ڏي جلدي پهچاءِ!“ ڇو جو مون کي ياد اچي رهيو هو ته لنڪنگ روڊ تي رستي جي ڀرسان ڪافي پلاٽ خالي آهن، اتي اڃا تائين بلڊنگون ڪونه جڙيون آهن ٽئڪسي واري اسپيڊ وڌائي ٽئڪسي تيز ڊوڙائي. هڪ خالي پلاٽ ڀرسان پهچندي ئي مون چيو ”ٽئڪسي روڪ!“
    ٽئڪسي رڪجندي ئي مان تير جيان ٽئڪسي مان ڪري ڊوڙندو خالي پلاٽ ڏي هليو ويس. اوڏانهن ويندي ئي هڪ ماڻهو منهنجو رستو روڪي بيهي رهيو، شڪل شبيهه ۾ هو سنڌي لڳي رهيو هو.
    ”ها!“ مون جلدي چيو ”پر اڳيان ته پري ٿي!“
    ”ڪيتري ۾ وٺندين؟“ هن وري منهنجو رستو روڪيندي پڇيو.
    ”جيتري ۾ ڏيندين! مون چيو“ پر مان کي تڪڙ آ، ان ڪري هن وقت آڏو ٿورو پري ٿيءُ مون کي فارغ ٿيڻ ڏي.
    ”وري- ايترو جلد فارغ ڪيئن ٿي ويندين سائين“
    هن سنڌيءَ پنهنجون واڇون کوليندي چيو. ”هي پلاٽ سيٺ شر شروانيءَ جو آ. ڏيڍ لک ۾ ملندئي، پنجويه هزار اسان وٺنداسين ايڊوانس، اڄ ايڊوانس ڏئي سودو پڪو ڪري ڇڏ! وري باقي سڀاڻي ڏئي ڇڏجان! اسان جي سيٺ شرشرواني کي.....“
    ”اڙي وڌيڪ شر شرواني نه ڪر – مون کي چڙ ٿي اچي،.“ مون بيقرار ٿي رڙ ڪئي ۽ کيسي مان پنجويه هزار روپيا ڏئي، پلاٽ ۾ پيشاب ڪيو. ان پڄاڻان سيٺ شروانيءَ جو ايجنٽ مون کي پنهنجي آفيس، وٺي ويو ۽ پنجويهه هزار روپين جي رسيد ڏيندي چيائين“ هيءَ رسيد وٺ سڀاڻي ٽين وڳي باقي پئسا کڻي اچجان، اسان جو سيٺ شر شرواني هتي ايندو، پلاٽ جا ڪاگج تنهنجي حوالي ڪندو.“
    مون نه چاهيندي به رسيد ورتي. هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي.
    مون پنجويهه هزار روپين ۾ پيشاب ڪيو هو، دينا جو سڀ کان مهانگو پيشاب!! پلاٽ خريد ڪرڻ لاءِ ته مون وٽ ايترا پئسا ڪٿان هئا، ان ڪري مان رسيد کيسي ۾ وجهي ٻئي ڏينهن اچڻ جو هروڀرو واعدو ڪري وڃڻ وارو ئي هئس ته آفيس ٻاهران هڪ ڪار اچي بيٺي. هڪ ٿلهو متارو ڪڻڪ رنگو ماڻهو پيلي ٽريلين جي سوٽ ۾ ڊوڙندو ڊوڙندو اندر آيو ۽ سهڪندي سهڪندي چيائين ”او گلڊ واڻي! ڊي نمبر فائيور وارو پلاٽ وڪيئي ته ڪونه؟“
    گلڊواڻي ننهن کان چوٽي تائين مسڪراهٽ بنجي ويو، پنجويهه هزار روپين جا نوٽ ان همراهه جي هٿ ۾ ڏيندي چيائين. ”سودو ٿي ويو، پنجويهه هزار ايڊوانس ۾ به ملي ويا اچي هي وٺو!“
    ”گهڻي وڪيئي؟ اي وري جيتري توهان چيو هو ٻيو؟ پوري ڏيڍ لک ۾! نه رتي گهٽ نه رتي وڌ!“
    ان ماڻهوءَ منهن مٿو پٽيندي چيو، ”هو سيٺ فولچند آنين، ان کي هتي سئنيما جي پرمٽ ملي آ. اهو هتي سئنيما ٺهرائي ها، چئن لکن ۾ پلاٽ خريد ڪندو اسان جو....“
    ”اسان ته اهو ڏئي چڪا آهيون، سيٺ شر شرواني!“ گلڊواڻيءَ جي چهري جو بلب اجهامي ويو.
    ”۽ اها رسيد مون وٽ آ“ مون سيٺ شرشروانيءَ کي رسيد ڏيکاريندي چيو. ”اوه“ سيٺ جي وات مان بي اختيار مايوسيءَ واري لهجي ۾ هڪ گهري ”آهه“ نڪتي، پوءِ هن منهنجو هٿ پڪڙي مون کي ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽ پاڻ ڪرسي سيري چوڻ لڳو.
    ”سيٺ اسان جو نقصان نه ڪر! اهو سودو ڪاٽي ڇڏ!“
    ”ڇو ڪاٽيان؟“ مون سختيءَ ساڻ انڪار ڪندي چيو.
    ”اسان توکي ان کان هڪ هزار فوٽن جو وڏو ۽ ڀلو زمين جو پلاٽ هتي ئي ڀرسان ٿا ڏيون!!“
    ”نه مون کي اهائي زمين گهرجي؟“ منهجي لهجي ۾ به چهبڪ جهڙي تيزي هئي، سيٺ شر شرواني، بي وسيءَ مان مون ڏانهن نهارڻ لڳو.
    ”مان توکي پنجويهه هزار سان پنجاهه هزار پنهنجي طرفان به ڏيان ٿو پورا پنجاهه هزار!“
    ”مون کي پنجاهه هزار نه کپن. اها ئي زمين گهرجي!! ”چڱو سٺ هزار وٺ!!“
    ”نه“
    ”ڀلا گهڻا وٺندين؟“ شرواني پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهڻ لڳو. سندس چهري مان هڪ عجيب قسم جي بوءِ اچي رهي هئي، جيڪا انهن پئسن مان ايندي آهي، جيڪي ڪافي دير تائين ڪنهن جي مٺ ۾ مٺيا پيا هجن.
    ”ففٽي، ففٽي“ مون چيو.
    ”ففٽي – ففٽي ڇا؟“ هن اڻڄاڻ ٿي پڇيو.
    ”مان ٿو چوان ته هيءَ زمين ڏيڍ لک ۾ تون وڪڻين پيو، پر هاڻي توکي ان جا چار لک روپيا ٿا ملن، ان ڪري ڏيڍ لک کان مٿي جيڪو توکي منافعو ٿو ملي، اهو اڌ تون کڻ، اڌ مون کي ڏي.“
    سيٺ شرشرواني چند لمحن تائين نگاهن سان مون ڏانهن ڏسندو رهيو.
    پوءِ منهنجي پنجويهه هزار روپين جا نوٽ پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين. وري اندران کيسو کولي ان مان هڪ ٻٽون ڪڍي هڪ لک جا نوٽ ڪڍي سوا لک روپيا منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيائين. ”سيٺ تنهنجي قسمت سٺي هئي کڻي وڃ ڦوڪٽ ۾!! ۽ منهنجي زمين ڇڏي ڏي!!“
    مان سوا لک روپيا کڻي کيسي ۾ وجهي اتان هليو آيس.
    ٻالڪپڻي ۾ مون کي پنهنجي ڳوٺ ۾ برف جا گولڙا بنائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. جڏهن برف پئجي بس ٿي ڄمي ويندي هئي، تڏهن مان گهران ٻاهر نڪري برف جا گولڙا ٺاهي لاهيءَ تان ليٽائي ڇڏيندو هئس. برف جو گولڙو ڏاڍي تيزي سان ليٿڙجندو ويندو هو ۽ اوسي پاسي جي برف به پاڻيءَ ۾ سمائيندو ويندو هو، وڏو ٿيندو. اهو ئي حال روپين جو به آ هڪ لک سٺ هزار روپين جو گولو بنائي، مون جي بمبئيءَ جي لاهيءَ تان ليٽائڻ شروع ڪيو ته روپئي سان روپيو ملندو رهيو ۽ هاڻي تمام سنڀالجڻ جي ڪوشش ڪندي به سنڀالجي نه ٿو سگهجي، اڄڪلهه منهنجو شمار بمبئيءَ جي وڏن وڏن لک پتين ۾ ٿيندو آ.
    ڪجهه ڏينهن ٿيندا مون کي ڀاگرا يونيورسٽيءَ ڊاڪٽر آف فلاسافيءَ جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ڊگريءَ ڏيندي وائيس چانسلر مون کي گذارش ڪئي ته مان ڇوڪرن کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو راز ٻڌايان. تقرير ڪندي مون شاگردن کي چيو ”لک پتي بنجڻ جو هڪ ئي نسخو آ ”محنت ڪيو – محنت ڪيو، محنت ڪيو ۽ ايمانداريءَ سان جيئو!!؟
    مون کي اميد آ ته يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ هي قصو پڙهندڙ ضرور منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا ۽ ڏاڍا سٺا ڪلارڪ ثابت ٿيندا.

    (سنڌيڪار: ظفر عباسي)


    10. گيت ۽ آئون

    مون لفافو ڦاڙي خط ڇا ڪڍيو، ڄڻ مياڻ مان تلوار نڪري آئي. صاف انڪار ...... بلڪل صاف انڪار...... ڪٿي به شڪ شبهي جي ڪا گنجائش ئي نه هئي. اڄڪلهه جون ڇوڪريون بلڪل اهڙيءَ طرح انڪار ڪن ٿيون، جهڙيءَ طرح اڄ کان ٻه هزار سال اڳ جون ڇوڪريون انڪار ڪنديون هيون. ڀلا غريبي ۽ محبت اڳ ڪڏهن گڏ هليون آهن، جو اڄ هلن ها؟ مون خط کي هر هر پڙهيو، ۽ جڏهن پڙهڻ سان تسلي نه ٿي، تڏهن خط کي سونگهيم اڄ ته ظالم خط ۾ خوشبوءِ به نه هنئي هئي. هن کان اڳ جو هر خط عطر ۽ عنبير ۾ ٻڏل هوندو هو. اڄ ته ٽپالي به خط جي حالت ڏسي، حيران هو، شايد انهيءَ ڪري هو خط ڏئي جلدي ڀڄي ويو. ممڪن آهي هن کي به ڪجهه شڪ هجي.
    دراصل غلطي منهنجي هئي. مون کي ٻڌائڻ ئي نه گهربو هو ته آئون ايتري قدر غريب آهيان. آئون هن جي مٺڙين مٺڙين ڳالهين کان دوکو کائي ويس ته عورت سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهي ٿي. مرد جي بدصورتي، ان جي بدتميزي ۽ جهالت تائين هن کي گوارا آهي، پر ان جي غريبي برداشت نٿي ڪري سگهي. شاديءَ کان پهرين ته ڪنهن به حالت ۾ برداشت نٿي ڪري سگهي.
    هاڻ آئون هن خط کي ڇا ڪريان؟ هي ميز ايتري قدر گندي ڇو آهي؟ هي گلاس اڃا تائين اتي ڇو پيو آهي؟ ڪلينڊر جو پنو ڪنهن اٿلايو آهي؟ مس چٽي تي هي ڪارا داغ ڇا جا آهن؟ آسمان ميرو ڇو آهي؟ فضا ۾ گهٽ ۽ ٻُوسٽ ڇو آهي؟ مون خط کي مُٺ ۾ مهٽي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. ڪلينڊر کي ابتو ڪري زمين تي اڇلايم. گلاس کي دريءَ مان ٻاهر اڇلايم. مس چٽي کي ڦاڙي ڇڏيم ۽ ڪتابن کي ٻنهي هٿن سان کڻي فرش تي اڇلائي ۽ پاڻ دريءَ وٽ بيهي خودڪشيءَ جي طريقن تي غور ڪرڻ لڳس. سامهون ڪناري بنا سمنڊ پکڙيل هو. اوچتو مون سوچيو، وڏي خطرناڪ ڳالهه آهي، مون کي پنهنجي ذهن جي پٽڙيءَ کي بدلائڻ گهرجي. منهنجي مرڻ سان ته هوءَ ماڳهين وڌيڪ خوش ٿيندي. پاڻ جيڏين ۾ ويهي منهنجو خوشيءَ منجهان ذڪر ڪندي ۽ پنهنجي غريب، مجبور ۽ لاچار مڙس تي رعب ڄمائيندي.
    نه آئون کيس ان جو موقعو نه ڏيندس، هرگز نه ڏيندس. آئون دريءَ مان موٽي انهيءَ ڪُنڊ ۾ آيس، جتي گرامو فون پيو هو. تڪڙ ۾ جيڪو به رڪارڊ سڀ کان پهرين منهنجي هٿ ۾ آيو، مون ان کي گرامون فون تي چاڙهي ڇڏيو. رڪارڊ تي سُئي رکي واپس دريءَ وٽ اچي سمنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳس. آهستي آهستي رڪارڊ وڄڻ لڳو.
    آهستي آهستي گيت مون وٽ آيو:
    ”هيلو؟“ گيت خاص ادا سان مون کي مخطاب ڪيو.
    ”تون ڪير آهين؟“ گيت پڇيو.
    ”آئون غريب اديب آهيان“. مون جواب ڏنو ۽ کانئس پڇيم ”تون ڪير آهين؟“
    ”تون مون کي نٿو سڃاڻين ڇا؟“ گيت وڏيءَ حيرت مان مون کي چيو، ”آئون لتا منگيشڪرجو مشهور گيت آهيان.“
    ”آجا ري بلموا“ اهو چوندي گيت جي لئي ۾ غرور اچي ويو.
    ”آهين ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟“ مون هن جي غرور سان ڪاوڙجي چيو.
    گيت فخر مان چيو ”توکي خبر ناهي؟ آئون دنيا جو سڀ کان وڏو گيت آهيان، منهنجا ڏهه لک رڪارڊ وڪامجي چڪا آهن. گذريل ڇهن مهينن ۾ تنهنجا ڪيترا ڪتاب وڪاميا آهن. گذريل ڇهن مهينن ۾.....!“
    ”فقط‏....... ٽي“.
    گيت حقارت مان کِليو ۽ هن جا سُر بُلند ٿيندا ويا، ڄڻ اهي آاسمان کي ڇهي رهيا هجن ۽ سمنڊ وانگر پکڙجي رهيا هئا ۽ هن خاص ادا سان فخر مان چيو:
    ”مون کان وڌيڪ خوبصورت گيت هن دنيا ۾ ڪٿي به نه هوندو. منهنجي سونهن جو مقابلو ڪير به نٿو ڪري سگهي. آئون ايترو وڪرو ٿيو آهيان، ايترو وڪيو ٿيو آهيان، جو منهنجي رائيلٽيءَ مان گيت ڳائڻ واريءَ هڪ بنگلو ورتو آهي. گيت لکڻ واري هڪ گاڏي خريد ڪئي آهي ۽ موسيقار پنهنجي ٽين زال کي به طلاق ڏئي ڇڏي آهي.....!“
    مون رڪارڊ تان سئي هٽائي ڇڏي. ڪمري ۾ ماٺار ڇائنجي ويئي. هاڻ ته اتي ڪوبه نه هو. ڪو آواز نه هو. ڪو گيت نه هو، ڪو نغمو نه هو.
    چند گهڙين جي خاموشي کان پوءِ ٻيهر رڪارڊ تي سئي رکي ڇڏيم، آهستي آهستي رڪارڊ وڄڻ لڳو. آهستي آهستي گيت مون وٽ آيو. مون کي محسوس ٿيو، ڄڻ هو منڊڪائي هلي رهيو آهي.
    ”هيلو؟“ هن ٿڌن سرن ۾ چيو.
    ”هيلو؟“ آئون جواب ڏيئي دريءَ ڏانهن منهن ڪري سمنڊ کي ڏسڻ لڳس.
    ”تو مون کي ڇو بند ڪري ڇڏيو هو.“ هن فخر مان چيو.
    مون چيو ”هي سمنڊ جو گيت تون ٻڌوندو آهين؟ ڇا تون انهي وانگر لازوال آهين؟“
    ”نه آئون ته فقط ٽن منٽن تائين وڄي سگهان ٿو.“ گيت افسوس مان وراڻيو. مون گيت کي چيو ”جيڪڏهن پهرين ڏينهن ڪائنات اک کولي، تڏهن به اهو گيت هتي موجود هو، باهه ۾، پاڻيءَ ۾ ۽ گردش ۾. ٽن منٽن کان پوءِ جڏهن تون اکيون بند ڪندين، تڏهنبه اهو گيت ٻيهر اهڙيءَ ريت موجود هوندو.... پر تون هوندين ۽ ڪجهه سالن ۾ اهو بنگلو به نه هوندو، اها ڪار به نه هوندي. فقط محبت جون آهون باقي رهدنيون.... ٿورو سوچ ته سهي ڪنهن ڳالهه تي ايڏو فخر ڪرين ٿو.“
    ”ته ڇاسمنڊ جي عظيم هستيءَ جي سامهون هڪ ذري کي چمڪڻ جو ڪوبه حق ناهي.“ گيت دلبرداشته ٿي پڇيو ۽ اوچتو ئي اوچتو هن جي آواز ۾ ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ کنوڻ جي چمڪ شامل ٿي وئي.
    ”ڇو ڪونهي! منهنجا دوست! پر ايتري قدر پاڻ پڏائڻ مان ڪهڙو فائدو. تون ڏهه لک دفعا وڪرو ٿيو آهين، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ گيت اهڙو به ايندو آهي، جيڪو هڪ دفعو به نٿو وڪامجي، پر تو کان گهڻو خوبصورت هوندو آهي.“
    ”اهو ڪوڙ آهي، ڇا تو اهو گيت ڏٺو يا ٻڌو آهي؟“
    ”ها مون هڪ دفعي هڪ عورت جي چپن تي اهو گيت ٻڌو هو. هوءَ هڪ ماءُ هئي، هڪ فقيرياڻي هئي، هوءَ رستي جي ڀر ۾ ويٺي هئي، هن جو ٻار بُکايل هو، ۽ رات گهري ٿي چڪي هئي، ۽ مانيءَ جو هڪ ٽڪر به هن کي نه ملي سگهيو هو. هوءَ پنهنجي ٻار کي لوليءَ سان سمهارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ان لوليءَ ۾ ڇا نه هو، ڪائنات جو سڄو درد، ماءُ جي ممتا ۽ انساني زندگيءَ جي چاهت، انهي آواز ۾ تبديل ٿي رهي هئي. ڇا تو ڪڏهن ڪنهن گيت کي ڪنهن ٻار لاءِ کير ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو آهي؟“
    ”نه.....!“
    ”مون ان رات ڏٺو هو ۽ سمنڊ جي ڪناري ڏٺو هو..... ۽ اوچتو ئياوچتو هوا جو طوفان رڪجي ويو هو ۽ سمنڊ شرم وچان خاموش ٿي ويو هو ۽ ناريل جا ڦڙها گوڙ ڪندڙ مور جي کنڀن جهڙا ڪنڌ جهڪائي، ان بيوس ۽ بيڪس ماءُ جي قدمن هيٺا هئا، جنهن پنهنجي ٻار کي کير جي هڪ بوند پيارڻ کان سواءِ هڪ لولي ٻڌائي سمهاري ڇڏيو. مون اهو معجزو پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، ان لوليءَ جا ڏکايل سُر اڃا تائين منهنجن ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن ۽ تون مون سان ڪار جي، بنگلي جي ۽ ٽين زال جي طلاق جي ڳالهه ٿو ڪرين“.
    دريءَ مان پوئتي مڙيس ته گيت خاموش ٿي چڪو هو. ٽي منٽ گذري چڪا هئا. مون ٻيهر رڪارڊ تي سئي رکي ڇڏي. آهستي آهستي رڪارڊ وڄڻ لڳو. اهو ئي گيت مون وٽ آيو. پر ان ۾ غرور ۽ فخر نالي ڪاڻ به نه هو. هاڻ اهو هڪ ننڍڙو مٺڙو گيت هو. دل جو هڪ درد کڻي، رومان جي هلڪي چڻنگ کڻي، محبت جي روشني کڻي، آهستي آهستي منهنجي دل ۾ لهڻ لڳو. جيئن زلف ڳل تي لهندا آهن، جيئن چانڊوڪي ساحل تي لهندي آهي، جيئن سپي سمنڊ جي تهه ۾ لهي ويندي آهي ۽ وات کولي محبت جي پهرين موتيءَ جو انتظار ڪندي آهي. آئون ڪنڌ جهڪائي ميز وٽ ويس. هٿ وڌائي رديءَ جي ٽوڪريءَ مان ان خط کي ڪچڍي، ان کي صافڪ ري، پنهنجيءَ دل سان لڳائي ڇڏيم.

    (سنڌيڪار: جمن گاڏهي)


    11. ڪارو سج

    ميدانن کان اڳتي، ڳچ پنڌ پري، چوڌاري اُچن جبلن سان گهيريل هڪ ماٿري هئي، انهيءَ ماٿريءَ ۾ هڪڙي ننڍڙي ۽ وڻندڙ ڍنڍ هئي. هڪڙي سنهري ۽ ماٺي ندي، اُڀرندي پاسي وارن جبلن مان نڪري، اچي ٿي ان ڍنڍ ۾ پئي ۽ وري ان جي ٻئي ڪناري کان ڦٽي، جبلن جي الهنديءَ قطار ڏانهن هلي وئي.
    ٻاهر کان انهيءَ ماٿر تائين پهچڻ جو رستو ڏاڍو ڏکيو هو. چئني طرفن کان شاهي جبلن جون قطارون هئس، جن جون چوٽيون گرميءَ جي مند ۾ به برف سان پوشيل رهنديون هيون. اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ وارن ٽنهي پاسن کان ماٿريءَ ۾ داخل ٿيڻ جو ڪو گس ئي ڪونه هو، رڳو اولهه طرف وارن جبلن جي قطار ۾، جتان نديءَ جو لنگهه هو، هڪڙو سوڙهو لڪ هو، اهو به سال جي اٺن مهينن تائين بنديل رهندو هو، ڇو ته اهو سمورو وقت اتي تمام گهڻي برف پيئي ڪرندي هئي، باقي چئن مهينن ۾ به ايتريون ته کڏون ۽ کاهيون انهيءَ لَڪ ۾ هيون، جو ڪو شيردل مسافر ....... انهيءَ ماٿريءَ ۾ اچڻ يا ٻاهر وڃڻ جو مشڪل سان ست ساري سگهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پري کان، خچرن ۽ گهوڙن تي سامان لڏي، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ قافلو ايندو هو ۽ تمام تڪليفن سان ماٿريءَ ۾ اهو سامان پهچائي، وري اتي جون پيدا ٿيندڙ شيون پاڻ سان کڻي ويندو هو، ايترو واپار به گرميءَ وارن ٻن ٽن مهينن اندر سو ممڪن هو، جڏهن لَڪ جي برف ڳري ويندي هئي ۽ موتمار برفيليون هوائون ڪي قدر ماٺيون ٿينديون هيون، نه ته سال جا اٺ، نو مهينا ته هن ماٿر جا ماڻهو ٻاهرينءَ دنيا کان اصل الڳ پيا پنهنجو وقت گذاريندا هئا.
    هن مٿاريءَ جي ماڻهن جيئن ته ٻاهرين دنيا تمام گهٽ ڏٺي هئي، تنهن ڪري هو پنهنجي انهيءَ ماٿري کي ئي دنيا جي سڀ کان سهڻي بستي ڪري ڀائيندا هئا ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سندن اها بستي هئي ڏاڍي سهڻي. برف سان پوشيل چوٽين کان هيٺڀرو، جبلن جي لاهن تي، چيل ۽ ديال جي وڻن جا ٻيلا هئا، وڻن تي جهنگلي انگورن جون وليون ڳاهٽ پئي ٿيون، اگر جي سڳنڌ ڀريل جهڳٽن سان سارو جهنگ واسيل هو. صاف سائي رنگ وارا طوطا، موج مزي ۾ چهڪندا، هڪڙيءَ لام کان ٻي لام تي ڦرندا وتندا هئا، خوبصورت بلبلون ‎ ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا پکيئڙا،، مٺڙيون لاتيون لوندا، بنفشي جي گلن تي ٻلهار پيا ٿيندا هئا. چمڪندڙ اکين وارا هرڻ، ..... پشم وارا رڇ ۽ شهزادين جهڙيءَ لوڏ سان هلندڙ لومڙيون انهن ٻيلن جي زينت هيا. ٻيلن کان هيٺ وري چوڌاري ڊگهي ۽ گهاٽي گاهه جون ڄڻ چادرون وڇايل هيون. جيڪي اونهاري ۾ اهڙو سونهري رنگ وڍي بيهنديون هيون، جو ائين پيو ڀائنبو هو، ڄڻ زمين مان سج جا ڪرڻا ڦٽي نڪتا آهن، انهيءَ ڳاهه تي اهي رڍون ۽ ٻڪريون پلبيون هيون، جن جي گهاٽي ۽ ملائم ان انگورا جي ان کي به جيڪر شهه ڏئي ڇڏي، ماٿريءَ جي هارين، ٽڪر ڪاٽي، صدين جي محنت سان، اناج اُپائڻ لاءِ ٻنيون تيار ڪيون هيون، جن ۾ مڪائيءَ جي پوک ٿيندي هئي، پنن مٿان سورج مکيءَ جا گل جهولندا ڏسبا هئا يا ته وري وڏن وڏن پنن واريون، غذا جي قيمتي خزانن سان ڀريل وليون هر هنڌ پکڙيل هيون.
    هيٺ، ماٿريءَ ۾، نديءَ جي ڪنارن تي ميويدار وڻن جا جهڳٽا هئا ۽ بيد جي وڻن جون گهاٽيون قطارون هيون، جن جون ڊگهيون ۽ مخروطي ٽاريون ڳچ تائين پاڻيءَ اندر جهڪيل هيون، پري کان ڏسڻ سان ائين ڀانيو هو، ڄڻ نديءَ جي ڪناري تي ڪئين ڳوٺاڻيون ڪنواريون نينگريون، مٿا نوائي، وار کولي، پنهنجين مينديءَ رتين آڱرين سان پاڻي سان راند رهي رهيون آهن.
    ڍنڍ جي چئني پاسن رنگارنگي گلن جون جهالرون هيون ۽ انهن جي وچان وري ٿڌي مٺي پاڻيءَ جون لارون پئي وهيون، پاڻيءَ جون اهي لارون، گلن ڦلن جي جهالرن وچا وهنديون، وڃي ٿي ٻنين ۾ پيون. جڏهن چانڊوڪي چمڪندي هئي، جڏهن ڌنار بنسريون وڄائيندا هئا ۽ جڏهن ٻنين مان پوک جي سرسراهٽ جا سُريلا ڀڻڪا پيا ٻڌبا هئا، تڏهن ائين لڳندو هو، ڄڻ ڌرتيءَ جي رونءَ، رونءَ ۾ محبت جي ڪا اڻڄاتي سُرهاڻ رچي وئي آهي، ڌرتي ڪر موڙي جاڳي رهي آهي ۽ پنهنجا اڌ، ٻوٽيل نيڻ کولي، هوريان هوريان، سڪ ۽ پيار جا مڍا مٺا، ٿڌا ٿڌا ساهه کڻي رهي آهي.
    ڍنڍ جي وچ ۾ هڪڙي ننڍڙي، خوبصورت ‎ٻيٽاري هئي، جنهن تي ڳوٺ جي سردار جي ٻماڙ جاءِ اڏيل هئي، ٻيٽاريءَ جي چوطرف ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون بيٺل رهنديون هيون. انهن ٻيڙين تي چڙهي، ڳوٺ جا مهاڻا مڇون ماريندا هئا، ياقوتي اکين واريون مڇيون، رنگارنگي پُڇن واريون مڇيون، اهڙيون مڇيون، جن ۾ رڳو هڪڙو ڪنڊو هوندو هو، اهڙيون مڇيون، جن جا سونهري ڇلر کڙندڙ تاري جيان تجلا پيدا ڪندا هئا.
    انهيءَ ماٿريءَ جا ماڻهو مڪائي ۽ چانورن جي پوک ڪندا هئا. ٻيلن مان ماکي، بنفشو ۽ کٿوري گڏ ڪندا هئا، رڍن جي اُن ۽ لومڙين جون کلون وڪڻندا هئا، ڳائيندا هئا، نچند اهئا، شاديون مُراديون ڪندا هئا، ٻارن سان دل وندرائيندا هئا، سياري ۾ چيل جي ڪاٺين مان باهه ٻاري ۽ اونهاري جي وڻن جي ٿڌڪار هيٺ ويهي ڪچهريون ڪندا هئا ۽ ڏاڍا خوش گذاريند اهئا. ماٿريءَ جا سمورا ماڻهو ڪم ڪندا هئا ۽ تمام خوش هئا، ڳوٺ جي سردار وٽ سڀ ڪجهه هو، پر هو خوش ڪونه هو. هن وٽ سڀني کان گهڻي زمين هئي، سندس جاءِ سڀني کان مٿانهين هئي، سندس زال سڀني کان سهڻي هئي، سندس ٻارن وٽ بهترين ٽول هئا، وٽس سڀني کان گهڻي مايا هئي، پر پوءِ به هو خوش نه هو، هن ڪڏهن به ڪو پورهيو ڪونه ڪيو هو، سندس پيءُ به ڪڏهن پورهيو ڪونه ڪيو هو، پوءِ به هو خوش ڪونه هو، سڀ ڪجهه هوندي به، کيس معلوم نه هو ته پاڻ ڇو خوش نه هو.
    سردار کي پنهنجي ماٿريءَ سان ڏاڍي محبت هئي، هو انهيءَ ماٿريءَ کي اڃا وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ نوان نوان طريقا پيو سوچيندو هو، هڪڙي ڏينهن هن سوچيو ته هيءَ ماٿري ڏينهن جو ته ڏاڍي خوبصورت ٿي ڏسجي، پر رات جو جڏهن اوندهه ٿيو وڃي، تڏهن هي ٻنيون، هي باغيچا، هي سمورو چهچٽو ائين گم ٿيو وڇي، ڄڻ ته هتي اوندهه بنا ڪجهه هوئي ڪونه! رات جو هيءَ ماٿري ڪيڏي نه ڀوائتي ٿيو پوي! ٻيلن منجهان وحشي جانورن جا آواز ڊيڄاريو ڇڏين ۽ تيز برفيليون هوائون، راڪاسن جيان خوفناڪ رڙاٽ ڪنديون، ماٿريءَ جي هڪڙي سري کان ٻئي سري تائين ائين ڌوڪينديون وينديون آهن، ڄڻ ته هتي راڄ ئي سندس آهي، سردار جو راڄ آهي ئي ڪونه!
    سردار پڙهيل، لکيل ۽ عقلمند به هو ۽ ماٿريءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ امير به هو. سو، گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ، ماٿريءَ کان ٻاهر هڪڙي بجلي پيدا ڪرڻ جي مشين گهرايائين ۽گهڻي تڪليف سان اها پنهنجي ٻيٽاريءَ جي هڪڙي پاسي آڻي هڻايائين. ٿورن ئي ڏينهن اندر ماٿريءَ جي گهر گهر ۾ بجليءَ جي روشني پهچي وئي. ننڍن ننڍن پيچرن تي به بجلي جا بلب لڳي ويا. نديءَ جي ڪناري سان لڳو لڳ هڪڙي عمدي سڙڪ ٺاهي وئي ۽ ان کي به بجليءَ سان سينگاريو ويو. سردار جو پنهنجو گهر ته بجليءَ جي روشنيءَ سان بنهه چنڊ جيان چمڪڻ لڳو. گهر جي ٻاهران لڳل رنگا رنگي بلب، پري کان گلن جي ٽارين جيان چمڪندا ٿي ڏٺا ۽ ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان هڪ ٻئي کي اوڏانهن اشارا ڪري چوڻ لڳا، ”هو ڏسو، هن ٻيٽ تي اسان جو سردار جو گهر آهي!“
    ماٿريءَ جا ماڻهو سردار جي عقلمنديءَ تي ڏاڍا خوش ٿيا. جڏهن سردار اها رٿا ڪئي ته هر ڪو شخص پنهنجي گهر ۾ بجلي هڻائڻ ۽ رستن ۽ گهٽين تي روشني ڪرائڻ لاءِ ٽئڪس ادا ڪري ته هر ڪنهن اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي،. انهيءَ ٽئڪس مان سردار کي ايتري اُپت ٿيڻ لڳي جو ڳوٺ وارن تي ٿيندڙ بجليءَ جو خرچ ڪڍي ۽ سندس ٻيٽ تي ٿيندڙ روشنائيءَ جو سمورو خرچ ڪاٽي، پوءِ به هر مهيني کيس چڱي خاصي رقم بچندي هئي، ايتري اُپت کيس گذريل ڏهن سالن ۾ به ڪانه ٿي هئي، جيترفي هاڻي رڳو هڪڙيم هيني ۾ ٿيڻ لڳس هئس. ٽئڪس هن البته وڌيڪ لڳايو هو، پرماٿريءَ جي ماڻهن ان جي پرواهه ڪانه ڪئي. سندن گهرن ۾ بجلي آئي هئي ۽ ان جي روشني ڪاٺين جي باهه کان ۽ تيل جي ڏيئن ۽ بتين کان هزار درجا بهتر هئي، سو هنن وڌيڪ ٽئڪس ڀريندي به ان کي بُرو نه سمجهيو.
    ان کان پوءِ سردار جي ذهن ۾ هڪڙي ترڪيب سُجهي آئي. هن سوچيو ته ماٿريءَ جا سادا سودا هاري، ڳوٺاڻا ۽ ڳنوار، ڏاڍن ڏاکڙن سان الهندي لَڪ کي پارڪ ري سگهن ٿا. ڪڏهن ڌُنڌ آهي ته ڪڏهن تِرڪڻ، ڪڏهن هو ويچارا اونهين کاهين ۾ ڪريو مريو وڃن ته ڪڏهن نديءَ جي چاڙهه اندر لڙهيو وڃن، ڇو نه اتي هڪڙي پُل ٻڌائي ڇڏجي؟ هڪڙي مضبوط پڪي پل هوندي ته ٻارهن ئي مهينا آمدرفت ڪري سگهبي ۽ وري ماٿريءَ کان ٻاهر وارن سان سڄوئي سال ميل جول قائم رکي سگهبو.
    ماٿريءَ جي ماڻهن کي سردار جي اها رٿ به پسند آئي. سڀني انهيءَ جهاد ۾ جوش خروش سان حصو ورتو ۽ سڀني جي انهيءَ پُل تي چوڪيدار بيهاريا، جيڪي رات، ڏينهن ان جي حفاظت ڪندا هئا، پوءِ سردار پُل تي ٿيل خرچ ڪڍڻ لاءِ پُل جي حفاظت وغيره لاءِ هڪڙو ٽئڪس لڳايو، جيڪو هر ڪنهن پُل تان لنگهندڙ ۽ ماٿريءَ جي اندر ۽ ان کان ٻاهر ويندڙ هر هڪ ماڻهوءَ کي ڀرڻو پوندو هو.ٽئڪس البته زياده هو، پر ڪنهن به ان کي بُرو نه سمجهيو، ڇوته پُل ماٿريءَ جي رهاڪن جي هڪڙي وڏي ضرورت جي پورائي ڪري رهي هئي. هاڻي ٻارهوئي ٻاهرينءَ دنيا سان لاڳاپو رکي سگهيا ٿي ۽ پنهنجي ماٿريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ اُن، کلون، پشم، ماکي، کٿوري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قيمتي چيزون ماٿريءَ کان ٻاهر هنڌن تي وڃي وڪڻي سگهيا ٿي. مهانگيون يا سستيون، پر اهي جنسيون وڪجي ضرور سگهيون ٿي. انهيءَ ڪري ڪنهن به چون چرا ڪانه ڪئي ۽ بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ پُل جو ٽئڪس به ڏيڻ لڳا.
    هاڻي سردار کي بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ وري پُل جي ٽئڪس مان به آمدني ٿيڻ لڳي. هن پنهنجي ٻماڙ جاءِ مٿان هڪڙي ٽي به ماڙ اڏائي ۽ پنهنجي تهخاني ۾ سونن سڪن جا انبار گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. اڳي هن وٽ ڪوبه ڪم ڪار ڪونه هوندو هو، پر هاڻي ڪيترو ئي ڪم نڪري پيو. هو ڏينهن جو ڳچ وقت پنهنجي تهخاني ۾ گذاريندو هو، ويٺو سونن سڪن کي ڳڻيندو هو ۽ انهن جا دل کي فرحت ڏيندڙ ڇڻڪاٽ ٻڌي پيوخوش ٿيندو هو.
    پوءِ عقلمند سردار وري هڪڙي ٻي ترڪيب سوچي، هن خيال ڪيو ته هي ويچارا جاهل ماڻهو هن ماٿريءَ اندر پيدا ٿيندڙ قيمتي جنسن کي جدا جدا کڻي ٿا وڃي وڪڻن، تنهن مان گهڻو ڪري ساڻن ٺڳي ٿئي ٿي، ڪڏهن لومڙيءَ جي هڪڙي کَل ويهين روپين وڪجي ٿي ته ڪڏهن اهائي کل ڏهين ۾ به ڏيو اچن. ان طرح، ماٿريءَ جي دولت تمام سستن اگهن ۾ لٽجيو وڃي. سردار سوچيو ته ڇو نه انهيءَ ڪم کي هڪڙي مرڪز تان هلائجي، ڌڻين کي مقرر ڪيل رقم به هر سال ملي ويندي ۽ هو قيمتن جي گهاٽا وااڌيءَ کان به ڇُٽي پوندا، خود کيس به انهيءَ ڪم عيوض مڙئي ڪجهه منافعو رهندو، بس ٿورڙو، معمولي منافعو.
    پر جڏهن پنهنجي اها تجويز ماٿريءَ جي ماڻهن اڳيان رکي ته گهڻن ئي ماڻهن اها نه مڃي، ڇو ته سردار هر هڪ شئي تي جيڪي اگهه ٻڌي رهيو هو، سي هڪجهڙا هئا، پر گهڻن کي ٻاهر وڃي ان کان وڌيڪ قيمتون ملي وينديولن هيون. ائين برابر هو ته ڪن ماڻهن کي گهٽ قيمت به ملندي هئي، پر هو پنهنجون شيون انهيءَ اميد تي ڏيئي ايندا هئا ته آئندي سال شايد وڌيڪ اگهه ملندا. اهي ڳالهيون ڳڻي، ماڻهن سردار جي نئين تجويز جي مخالفت ڪئي. ڪن ماڻهن هائوڪار ڪئي، پر گهڻا ماڻهو سردار جي سمجهائڻ کان پوءِ به مخالف رهيا. لاچار، سردار وٽ ان کان سواءِ بيو ڪو چارو ڪونه رهيو ته هو الهندي لَڪ واريءَ پُل تي توبون رکرائي. ماٿريءَ جي ماڻهن جو ٻاهر اچڻ وڃڻ صفا بند ڪري ڇڏي. ماڻهن انهيءَ تجويز کي آخر تائين نه مڃيو، ڇو ته ان جي ڪري سڄيءَ ماٿريءَ جو واپار هڪڙي ئي مانهوءَ جي هٿ ۾ اچي ٿي ويو، پر جڏهن پُل تي توبون چڙهي ويون. وڌيڪ چوڪيدار مقرر ٿي ويا ۽ پهرو تمام سخت ٿي ويو ۽ ماڻهن ڏٺو ته هاڻي هو ڪنهن به طرح ٻاهرينءَ دنيا سان پنهنجي تجارت قائم رکي نه سگهندا، تڏهن سڀئي سردار وٽ مجبور ٿي آيا، کين سردار جي مقرر ڪيل قيمتن کي منظور ڪرڻو پيو ۽ هو پنهنجون سموريون جنسون، اَنُ، کَلون، ماکي، ميوا، اناج، کٿوري وٽس وڪڻي ويا.
    هاڻي جو سردارماٿريءَجي سموري گڏ ڪيل پيداوار ٿورڙو اگهه وڌائي ٻاهر نيڪال ڪئي، ته ان مان کيس ايتري ته زور آمدني ٿي جو هاڻي سندس تهخاني ۾ سونين اشرفين رکڻ جي ڪا جاءِ ڪانه رهي. هن هڪدم ٻيو تهخانو ٺهرايو ۽ حفاظت لاءِ پنهنجي ٻيٽاريءَ جي چوگرد فوج جو پهرو لڳائي ڇڏيائين، هاڻي هو ماڻهن سان تمام گهٽ ملندو هو. ٽئڪسن جي وصوليءَ جو ڪم سندس ڪارندا ڪندا هئا ۽ پاڻ گهڻو سارو وقت پنهنجن تهخانن ۾ سون جي اشرفين سان کيڏڻ ۾ گذاريندو هو.
    جيئن جيئن تهخانن ۾ سون جا انبار وڌندا ويا، تيئن تيئن سردار جي لالچ به ويئي، وڌندي، هاڻي هن چاهيو ٿي ته هو رڳو هن ماٿريءَ جو نه، بلڪه سڄي دنيا جو پهريون نمبر شاهوڪار ماڻهو ڪوٺجي. کيس ڏينهن رات اها ڳڻتي رهندي هئي ته ڪا اهڙي ترڪيب ڪڍجي، جنهن سان هاڻوڪي آمدني ٻيڻي ٿي پوي، هن حساب ڪري ڏٺو هو ته جيڪڏهن سندس آمدني هينئر کان ٻيڻي ٿي ويندي ته هو دنيا جو سڀ کان امير ماڻهو بنجي ويندو.
    پر اهڙي ترڪيب ڀلا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ماٿريءَ جي سموري دولت وٽس هئي، ماٿريءَجي سموري تجارت وٽس هئي، ماٿريءَ جي سموري زمين وٽس گروي ٿيل هئي، ٽئڪس وڌائي ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو ٽئڪس لڳائي، هن ماٿريءَ جي ماڻهن ۾ ايتري سگهه ڪانه ڇڏي هئي جو هينئر هو سولائيءَ سان ڪنهن نئين محصول ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ”ته پوءِ ڇا ڪجي؟“ هو ڏينهن رات سوچيندو رهيو.
    ست ڏينهن ۽ ست راتيون هو پنهنجي تهخاني اندر سونين اشرفين جا آواز ٻڌندو رهيو ۽ پنهنجي هاڻوڪي آمدنيءَ کي ٻيڻي بنائڻ لاءِ پُور پچائيندو رهيو. جڏهن ستين رات ختم ٿي ۽ اٺين ڏينهن جي سج ڪَني ڪڍي ته هو تهخاني کان ٻاهر نڪتو. اوچتو ئي، سج جي روشنيءَ سندس اکين کي تِرورائي ڇڏيو ۽ اهي خودبخود بند ٿي ويون، عين ان وقت، کيس خيال آيو ته جيڪڏهن ڪنهن طرح ڏينهن جو به رات جهڙي اوندهه ٿي وڃي ته پوءِ.... هو ماٿريءَ جي ماڻهن کي ڏينهن جو به بجلي وٺڻ تي مجبور ڪري سگهجي ٿو! اها ترڪيب خيال ۾ ايندي ئي، هن زور سان پنهنجي ران تي هٿ هڻي چيو، ”واهه واهه!“ ۽ انهيءَ جو انهيءَ مهل پنهنجن اعتماد جوڳن سپاهين کي پاڻ وٽ سڏائي، کين پنهنجي نئين ترڪيب کان واقف ڪيائين.
    اعتماد جوڳن سپاهين به جڏهن اها ترڪيب ٻڌي ته ڪنن تي کڻي هٿ رکيائون ۽ ”توبهه! توبهه!“ ڪندي، ان تي عمل ڪرڻ کان نابري واريائون، پر سردار جو پنهنجيءَ دل ۾ اڳي ئي پنهنجي دولت کي ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو، تنهن ڪنهن جي به ڳالهه نه ٻڌي ۽ جڏهن ڏٺائين ته سپاهي اصل پڙ ڪڍي بيٺا آهن، تڏهن سڀني انڪار ڪرڻ وارن سپاهين کي انهيءَ ۾ دم گولي سان اڏائي ڇڏيائين. آخر ۾ هڪڙو سپاهي، جنهن جو نالو ”هيرو“ هو، تمام مشڪل سان سردارجي ترڪيب تي عمل ڪرڻ تي راضي ٿيو. سردار ان کي تمام گهڻيون اشرفيون انعام ڏنيون، سندس اڳيون قرض معاف ڪري ڇڏيائين، سندس گروي ٿيل زمين به موتائي ڏنائين ۽ کانئس وعدو ورتائين ته هو سردار جي ڏسيل ترڪيب تي ضرور عمل ڪندو ۽ سڀاڻي صبح جو ئي ان جي پورائي ڪندو.
    پر ٻئي ڏينهن ”صبح“ ٿيو ئي ڪونه! ٻئي ڏينهن ماڻهو گهڻيءَ دير تائين سُتا رهيا، پر صبح ڪونه ٿيو، پوءِ.... هو جاڳي، اکيون ملي، ”صبح“ جو ويهي انتظار ڪرڻ لڳا، پر ائين پئي معلوم ٿيو ته اها رات هاڻي سدائين رهندي، صبح ٿيندو ئي ڪونه. پوءِ ماڻهن پنهنجن بند گهرن جا در ۽ دريون کولي ڇڏيا ۽ يڪٽڪ آسمان ۾ اکيون وجهي ويهي رهيا. اوڀر طرف وارن جبلن جي چوٽين ڏانهن نهاري سندن اکيون ٿڪي پيون، جن جي پٺيان اڳي سج نڪرندو هو ۽ صبح ٿيندو هو، پر اڄ نڪو سج نڪتو، نڪو صبح ئي ٿيو. آسمان ۽ زمين تي رڳو ٻاٽ اونداهي ڇانيل هئي. ماڻهو تمام گهڻيءَ دير تائين صاحب جو انتظار ڪندا رهيا. ڪنهن مهل، ماٿريءَ جي ماڻهن اوڀر طرف وارن جبلن جي پويان هڪڙي ميرانجهڙي ۽ تمام جهڪي روشنيءَ جي لاٽ ڏٺي، ايتري جهڪي، جيئن اوندهه ۾ کڙکٻيتي جو چمڪو. ان کان پوءِ جيڪو نظارو ماڻهن ڏٺو، تنهن سان ڪيترا ته غش ٿي ڪري پيا. ٻارڙا پنهنجين مائرن جي هنجن ۾ لڪي ويا. عورتون دانهون ڪري روئڻ لڳيون. ماٿريءَ جي ماڻهن ڏٺو ته اوڀر وارن جبلن وٽان جيڪو سج اڄ نڪتو آهي، تنهن جو منهن ڪارو آهي! ڄڻ ته ڪنهن ان جي منهن تي ڪاراٺ ملي ڇڏي هئي، اڄ سج مان روشني نٿي آئي. روشني نٿي آئي ته گرمي به نٿي آئي. هڪڙي ميرانجهڙي روشني سج مان چوڌاري گهيري جي نموني نڪري رهي هئي، جنهن سان ماٿريءَ جي هر شئي هلڪي ڌنڌ ۾ لپٽيل هئي ۽ ماڻهو ڏينهن جي وقت ۾ به ائين محسوس ڪرڻ لڳا، ڄڻ رات اڃا هلي پئي ۽ صبح ڪڏهن به ڪونه ٿيندو، گهڻا ماڻهو ته چريا ٿي ماٿريءَ ۾ ڊوڙڻ لڳا.... قيامت اچي وئي! ڀڄو، ڀڄو، قيامت اچي وئي! گناهه بخشايو، قيامت اچي.“
    انهيءَ شورغل ۽ دانهن ڪُڪ ۾ ٻه ڏينهن گذري ويا. ٻه راتيون گذري ويون، ٻئي ڏينهن وري سج نڪتو، پر ڪارو، ٻئي ڏينهن ماڻهن صبح جو انتظار ڪيو، پر صبح ڪونه آيو. ٽين ڏينهن انتظار ڪيائون، چوٿين ڏينهن سڀ ماڻهو سردار وٽ ويا ۽ کيس مدد لاءِ التجا ڪيائون. سردار چيو، ”هيءُ خدائي قهر آهي! اوهان ڪئين ڀيرا منهنجي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هيءُ ان جو نتيجو آهي. هاڻي ڀل ته اهو لوڙهيو!“ ماڻهو ٻاڏائڻ لڳا، ”سردار، اسان تي قياس ڪر! اسين غريب، تنهنجا غلام آهيون، تو ڪانه ڪا صورت ضرور ڪڍ.“
    سردار مرڪي چيو، ”فقط هڪڙي صورت آهي، اڳي رڳو رات جو بجلي خرچ ٿيندي هئي، هاڻي واهان کي ڏينهن جوبه بجلي استعمال ڪرڻي پوندي، نه صرف گهرن ۾، پر ٻينن ۾ به، چراهگاهن ۽ ٻيلن ۾ به، جتي اوهين مال چاريو ٿا، ڪاٺيون ڪريو ٿا، ماکيءَ ۽ کٿوري گڏ ڪريو ٿا، هاڻي اوهان کي ڏينهن رات بجلي واپرائڻي پوندي. ان لاءِ مون کي ٻي مشين به لڳائڻي پوندي ۽ منهنجو خرچ چئوڻو ٿي ويندو، تنهن ڪري اوهان کي پوءِ ٽئڪس به چئوڻو ڏيڻو پوندو!“ ماڻهو ويچارا ڇا ڪن؟ مرندي جهُرندي، چئوڻو ٽئڪس قبول ڪيائون، انهيءَ اميد تي ته ممڪن آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن هن ڪاري سج بدران اهوئي پراڻو، چمڪندڙ سج نڪري اچي، ته پوءِ هو ٽئڪس ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا.
    ماڻهو هر روز صبح جو اٿي انهيءَ سهڻي سج لاءِ آسمان ڏانهن واجهائيندا هئا، پر هر روز کين مايوسي ٿيندي هئي، هر روز ساڳيو ئي ڪارو سج اُڀرندو هو. اڀرندي طرف وارن جبلن کان نڪري، الهندي طرف وارن جبلن ۾ وڃي گم ٿيندو هو. جهڙو ڏينهن، تهڙي رات، اهائي ماڻهن جي هاڻي زندگي هئي، هڪڙي مسلسل ڪاري رات، روشني ڇا ٿيندي آهي، ڏينهن ڇا کي چئبو آهي، نديءَ جون لهرون ڪيئن روشنيءَ ۽ پاڇولن جي راند رهنديون آهن. اکين مان محبت ڪيئن جهاتيون پائيندي آهي، ڍنڍ ۾ سونن ڇلرن واريون مڇيون ڪيئن ڇلڪنديون ترنديون وينديون آهن..... اهي سڀ ڳالهيون ماٿريءَ جا ماڻهو ڀلجي ويا.
    اهڙيءَ ريت ڳچ ڏينهن گذري ويا، مهينا گذري ويا. سال گذري ويا، ماٿريءَ تي هڪ خوفناڪ اُداسي ڇانئجي وئي. هاڻي ڪوبه شخص کلندو ڪونه هو. زالون گيت ڪونه ڳائينديون هيون، ٻارڙا رانديون ڪونه رهندا هئا. مرد پوکن ۾ رڌا ئي رندا هئا، پر پيداوار ڏينهون ڏينهن گهٽبي وئي، پوءِ گلن رنگ ڇڏي ڏنو، پوءِ ميون ۾ ميٺاج نه رهيو، پوءِ گاهه جو رنگ ڪارو ٿي ويو. چانورن جو مزو مٽيءَ ۾ ملي ويو، پوءِ ٻار انڌا پيدا ٿيڻ لڳا، ڇو ته جڏهن اکين کي روشني نه ملي ته اکين جي تارن جي ڪهڙي ضرورت، جڏهن اکين جا تارا ڏسي نه سگهن ته محبت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت .... ۽ جڏهن ماڻهو ڪنهن جو هٿ جهلي مرڪي نه سگهي ته انسان چوائڻ جي ڪهڙي ضرورت! ٿورن ئي ڏينهن اندر ماٿريءَ جا ماڻهو، انسان مان وحشي بنجي پيا. چورين، ڦرن، ڌاڙن، خونن ۽ اغوا جي ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو ويو.
    هيڏانهن ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو هو ۽ هوڏانهن تهخاني جي سونن انبارن ۾ اضافو ٿي رهيو هو. دولت، چئني طرفن کان ميڙجي سهيڙجي، اچي تهخانن ۾ گڏ ٿي رهي هئي. لالچ ۽ حرص سان انڌو سردار، اشرفين جون مُٺيون ڀري، نچائي ٽپائي، انهن کي ڪڻڪ جي ڍوڳين جيان تهخاني ۾ سٿيندو رهندو هو ۽ انهن جو ڇڻڪاٽ ٻڌي پيو ٽڙندو ۽ ٽپا ڏيندو هو، بلڪه خوشيءَ وچان پاڳل بنجي، وحشين جهڙا ٽهڪ پيو ڏيندو هو. ان طرح ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندا ويا، مهينن پٺيان مهينا گذرندا ويا، سالن پٺيان سال گذرندا ويا.
    ٻڍڙو ”هيرو“ پنهنجي گهر ۾ پوين پساهن ۾ هو. هو ڪوڙهه جي مرض ۾ مري رهيو هو. مرڻينگ حالت ۾، هن پنهنجي ستن سالن جي پٽ کي سڏي چيو، ”هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٻڌاءِ، پنهنجي گهر جي آسپاس ڪو ماڻهو ته ڪونه لڪو بيٺو آهي؟“
    ستن سالن جي نينگر، گهر جي چئني پاسن جو چڪر هڻي، موٽي اچي چيو، ”نه، ڪوبه ماڻهو ڇيڻو ڪونه آهي.“
    ٻڍي هيري چيو، ”آءٌ مري رهيو آهيان، مون هڪڙو وڏو گناهه ڪيو آهي.“
    پٽس چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.
    ”هن ماٿريءَ تي جيڪا مصيبت آئي آهي، سا منهنجي آندل آهي.... انهيءَ جو ڪارڻ آءٌ آهيان، آءٌ مري رهيو آهيان، پر انهيءَ مصيبت کي هاڻي تون ئي دور ڪري سگهين ٿو.“
    پٽس چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.
    ٻڍي هيري کنگهي چيو، ”ٻڌ.... ڪن لائي ٻڌ. هن ماٿريءَ ۾ جيڪو ڪارو سج نڪرندو آهي،تنهن جو رنگ اڳي ڪارو ڪونه هو!“
    ڇوڪر چيو، ”مون ته سدائين ڪارو ڏٺو آهي، ڇا، سج ڪنهن ٻئي رنگ جو به ٿيندو آهي؟“
    ٻڍي چيو، ”اڳي ان جو رنگ ڪارو ڪونه هو، مون هڪڙي ڏينهن صبح جو.....“
    ”صبح ڇاکي چئبو آهي؟“ ننڍڙي نينگر پڇيو.
    ٻڍو کنگهندي کنگهندي رڪجي ويو، سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن سوچيو، ”آءٌ ڪيڏو نه ظالم آهيان! منهنجي ٻچي صبح نه ڏٺو آهي! هن رنگ برنگي پرن وارا پوپٽ نه ڏٺا آهن، سورج مکيءَ جو گل نه ڏٺو آهي! آءٌ ڪيڏو نه ظالم آهيان!“
    ”هيءُ جو ڪارو سج تون روز ڏسين ٿو، تنهن جي چهري تي مون هڪڙي ڏينهن ڪاراٺ هڻي ڇڏي هئي. مون، سردار جي چوڻ ۾ اچي، هڪڙي صبح جو، الهندن جبلن جي چوٽين پٺيان، انهيءَ سج کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ورتو.... ۽ ان جي منهن تي ڪاراٺ هڻي ڇڏيم. منهنجن هٿن تي هيءُ جو ڪوڙهه ٿو ڏسين، سو انهيءَ غلطيءَ جو نتيجو آهي، مون چند سونين اشرفين خاطر سڄي ماٿريءَ جي امن امان، خوشيءَ ۽ آسودگيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سج جي منهن کي ڪاراٺ مليندي مليندي، منهنجا ٻئي هٿ سڙي ويا ۽ منهنجون ٻئي اکيون به انڌيون ٿي ويون. ماٿريءَ ۾ جيڪا تباهي آئي آهي، تنهن کي ڏسي مون ڪئين ڀيرا خيال ڪيو آهي ته وري به وڃي سج کي صاف ڪري اچان ۽ ان جي منهن تان ڪاراٺ لاهي، ان کي وري اڳي جهڙو روشن ۽ چمڪندڙ بنايان، پر آءٌ انڌو آهيان! هاڻي اهو ڪم توکي ئي ڪرڻو پوندو.“
    ”مون اڪيلي کي؟“ نينگر پڇيو.
    ”ها، تو اڪيلي کي ڏس.... منهنجي هنڌ هيٺان تارپين جي تيل جو دٻو پيو اهي، اهو مون سنڀالي رکي ڇڏيو آهي. سج جي چهري تي جيڪا ڪاراٺ مليل آهي، سا هن ئي تيل سان لهندي تون سڀاڻي صبح جو ئي اڀرندن جبلن جي چوٽيءَ: تي هليو وڃج....“
    ”صبح ڪهڙي وقت ٿيندو آهي؟“ نينگرپڇيو.
    ”هاڻي ته مون کي به معلوم ناهي! هيري اداسائيءَ سان چيو، ”بهتر ته ائين آهي هت هينئر ئي هيءُ تيل جو دٻو کڻي نڪري پئو، رات سڄي هلندو رهج، پوءِ جڏهن تون اُڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي پهچي وڃين،تڏهن ان جي پويان وڃي، سڀ کان مٿانهين هنڌ تي بيهي سج جو انتظار ڪج ۽ جيئن ئي سج نڪري، ان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي، تارپين جي تيل سان وهنجاري ڇڏجانءِ، پوءِ ان جو چهرو صاف ٿي ويندو، پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ودنو، اچي، هيءُ ٽوال به پاڻ وٽ رک..... انهيءَ سان سج جي منهن کي چڱيءَ طرح اگهي صاف ڪجانءِ.... متان ڪٿي ڪو داغ نه رهجي وڃي! سمجهيئه؟“
    ”جي ها.... آءٌ ائين ئي ڪندس.“
    ستن سالن جو ٻالڪ پنهنجي مرڻينگ پيءُ کان موڪلائي نڪتو، تارپين جي تيل جو دٻو سندس هٿ ۾ هو، جهنگ ۾ رڇ کانئس پڇيو، ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ جواب ڏنو، ”آءٌ سج کي وهنجارڻ پيو وڃان!“ اهو ٻڌي، رڇ به ساڻس گڏجي هليو. اڳتي ويا ته هڪڙو هرڻ ملين، ان ٻالڪ کان پڇيوپ ته ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ رواڻيو ته، ”وڃان ٿو سج کي وهنجارڻ!“ تڏهن هرڻ به اسان سان گڏجي هليو. اڳيان هڪڙو طوطو گڏين، هو ٻالڪ جي ڪلهي تي ويهي، ”ٽيون ٽيون“ ڪري پڇڻ لڳو ته، ”ادا، هن دٻي ۾ ڪهڙي مٺائي کنئي اٿئي؟ ٻالڪ چيو، ”ميان، هيءَ مٺائي نه آهي، تارپين جو تيل آهي، آءٌ انهيءَ سان سج کي وهنجاريندس!“ اهو ٻڌي طوطو به ساڻس گڏجي هليو. ايتري ۾ باندر اچي نڪتو ۽ پڇڻ لڳو ته، ”اڙي ڇوڪر، هي ڪلهي تي ڪپڙو ڇا لاءِ کنيو اٿئي؟ مون کي نه جيڪر ڏين!“ ٻالڪ وراڻيو ته، ”توکي ڪيئن ڏيندس، انهيءَ سان ته آءٌ سج جو منهن اگهندس... ان جي چهري جي ڪاراٺ اگهندس.“ پوءِ باندر به ساڻس گڏجي هلڻ لڳو. باندر ٽوال پنهنجي هٿ ۾ کنيو. طوطي پنهنجي چهنب ۾ تارپين جو دٻو جهليو، رڇ ٻالڪ کي پنهنجي پٺيءَ تي سوار ڪيو، رڇ ڏاڍو تکو هو. باندر ۽ هرڻ به وڏا وڏا ڇال هڻندا هليا، طوطو وري هوا ۾ تڪڙو اڏامندو هليو. انهيءَ ڪري هي چارئي دوست جلد ئي اڀرندي وارن جبلن جي چوٽيءَ تي پهچي ويا.
    ٻالڪ، پنهنجي پيءُ جي چوڻ مطابق، اڀرندن جبلن جي پويان، سڀ کان مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي بيهي سج جو انتظارڪرڻ لڳو، سندس پاسن کان هرڻ، رڇ، طوطو ۽ باندر چپ چاپ بيٺا هئا.
    ٻالڪ طوطي کي چيو ته، ”تون ٿورو اڳڀرو اڏامي وڇي ڏسي اچ ته سج اچي پيو يا نه.“
    طوطو اڏامي ويو ۽ ٿوريءَ دير ۾ مٽي اچي چيائين، ”هوشيار! اچي پيو ڪارو سج!“
    جيئن ئي سج پهاڙ پٺيان ڪَني ڪڍي، ٻالڪ ان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙڻ چاهيو، پر سج سندس هٿن منجهان ٿيڙ کائي، مٿي چڙهي ويو. ٻالڪ جا هٿ ان تائين پهچي نه سگهيا، پر سندس ننهن جا رهندڙا سج جي ڪاري چهري تي لڳي ويا هئا ۽ جتي جتي رهنڊڙا لڳا هئا، اتان اتان ڪاراٺ رهڙجي وئي هئي ۽ نور جون ڌارائون امالڪ زمين ڏانهن وهڻ لڳيون.
    ”سج اندران ڪارو نه آهي!“ ٻالڪ خوشيءَ وچان رڙ ڪئي، هن پنهنجون ٻئي ٻانهون سج ڏانهن وڌايون، پر سج سندس هٿن جي پهچ کان ٻاهرهو ۽ اڃا به مٿي ٿي رهيو هو.
    ليڪن ٻالڪ جي دوستن ڏاڍيءَ سياڻپ کان ڪم ورتو. ٽڪريءَ تي پهرين رڇ بيٺو، رڇ جي مٿان هرڻ، هرڻ جي مٿان باندر ۽ باندر جي مٿان ٻالڪ. باندر سج جي گهير کي پنهنجي پڇ سان وٽ ڏيئي قابو ڪيو، پوءِ طوطي پنهنجي چهب سان تارپين جو دٻو کوليو ۽ ٻالڪ ٽوال کڻي، تارپين جي تيل سان سج جي چهري کي اگهڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هو سج جي چهري کي اگهندو ويو، تيئن تيئن ان تان ڪاراٺ لهندي وئي ۽ سج جي چهري تي مرڪ ڦهلجي وئي.
    پر اها ڪن ورهين جي پراڻي ڪاراٺ هئي، سا تمام مشڪل سان ٿي لٿي، ٻالڪ جا هٿ هئا تمام ننڍڙا ۽ وري سج کي هو گهڻي وقت تائين روڪي به نٿي سگهيا، سو ٻالڪطوطي کي چيو ته هو ماٿريءَ ۾ وڇي سندس ساٿين کي خبر ڏئي ته هو سندس مدد لاءِ هڪدم هليا اچن. ”فوراََ، هن ڪم ۾ دير اصل نه ٿيڻ کپي!“
    طوطو هوا سان ڳالهيون ڪندو، اڏامند، هيٺ ماٿريءَ ۾ آيو ۽ وڏي سڏ رڙيون ڪري چوڻ لڳو، ”ٻڌو، ٻڌو! مٿي اُڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي هڪڙو ٻالڪ سج کي وهنجاري رهيو آهي، جنهن کي اچڻو هجي، هڪدم مدد لاءِ اچي! جنهن کي روشني کپي، سو هڪدم مدد لاءِ نڪري اچي!“
    ”ڊم! ڊم! ڊم!“ طوطي هڪڙو دهل کڻي ڳچيءَ ۾ لڙڪايو ۽ اهو زور زور سان وڄائيندو خوشيءَ منجهان رڙيون ڪندو، سڀني طرفن اُڏامندو رهيو،. واقعي، ماڻهن ڏٺوس ته اڀرندن جبلن وٽان روشني ڦٽي نڪري آهي! سج اڃا ڪونه نڪتو هو، پر صبح ٿيو هو.
    ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان رڙيون ڪرڻ لڳا. ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا سڀني کان اڳيان،ا ُڀرندن جبلن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا. انهن جي پويان جوان هئا، جوانن جي پويان وڏڙا ۽ انهن جي پويان عورتون، سڀئي ماڻهو بالٽيون، ٽوال ۽ صابڻ هٿن ۾ کڻي نڪري پيا. سڀني جي پٺ ۾ هو سردار، جيڪو بيوس ٿي دانهون ڪري رهيو هو، ”نه وڃو! آءٌ چوان ٿو، ايڏانهن نه وڃو!“
    پر هو بلڪل بيوس هو، اڄ ڪنهن به سندس ڳالهه کي نٿي ٻڌو، ڪنهن به سندس حڪم جو خيال نٿي ڪيو، ڪنهن کي به سندس ڌمڪين جي پرواهه ڪانه هئي.
    ماڻهو ائين ته تيز ۽ تڪڙا پئي ويا، ڄڻ کين پرين وارا پر لڳي ويا هئا. هو انهيءَ گهڙي جهنگ لتاڙي، اڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي اچي سهڙيا. هڪدم سڀني گڏجي سج کي وهنجاريو، ان جي بت کي چڱيءَ طرح مهٽي صاف ڪيو. ان جي مهن تي پائوڊر هنيو، ٻارڙا خوشيءَ منجهان تاڙيون وڄائي نچڻ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳا. عورتون جهومر هڻي، گيت ڳائڻ لڳيون.
    جڏهن سج جو چهرو آرسيءَ جيان چمڪڻ لڳو، تڏهن باندر پنهنجي پُڇ جو وٽ کوليو ۽ ٻالڪ سج کي مٿي هوا ۾ ائين اڇل ڏني، جيئن ڦوڪڻي کي اُڏائبو آهي.
    هاڻي جيڪو سج اڀرندن جبلن کان نڪتو، سو ڪارو نه هو، بلڪه اڳئين کان به خوبصورت ۽ چمڪندڙ ٿي پيو هو.
    هيٺ، ماٿريءَ ۾ نُور ڦهلجي ويو هو.

    (سنڌيڪار: اقبال احمد آگرو)


    12. منهنجي شهر جي قلوپطرا

    جيئن ڪنهن ننڍڙي ڪمري ۾ ڪو هيرو رکيل هوندو آهي ته اهو ڪمرو پيو ٻهڪندو آهي، ائين ئي جيڪڏهن ڪنهن ننڍڙي شهر ۾ ڪا حسين عورت پيدا ٿيندي آهي ته اهو به پيو ٻهڪندو آهي، جيڪڏهن پاڙي مان اها، ڪنهن ٻئي پاڙي ويندي اهي ته اها خبر باهه وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي ويندي آهي. جي وري کڻي ڪنهن بازار مان لنگهندي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهيءَ ننڍڙي شهر جي بازار ۾ ڪم بند ٿي ويندو آهي. ڪپڙا ڪهڙا پاتل هيس، ڪنهن سان گڏ پئي وئي، ڪيڏانهن ٿي ڏٺائين؟ مطلب ته هن جي هر ادا ۽ هر قدم جو ذڪر پيو هلندو آهي. پر اهي سڀئي ڳالهيون ڪنهن غلط مقصد لاءِ ڪونه ڪيون وينديون آهن ۽ نه وري انهن ۾ ڪنهن قسم جي بدنيتي يا ڪاوڙ هوندي آهي، پر ننڍڙي شهر جي ماڻهن وٽ ان عورت لاءِ عجيب قسم جو غرور هوندو آهي ته اسان جي ننڍڙي شهر ان حسين عورت کي جنم ڏنو ۽ اها عورت پنهنجي شهر جو هڪ قومي زيور بنجي ويندي آهي. ٿوري گهڻي ڳالهه تي باهه ٿي وڃڻ وارا بزرگ ۽ ڪٽر قسم جا اخلاقي ماڻهو پڻ وڏي مان ۽ فخر سان ان عورت جي بيوفائين ۽ محبتن جون ڳالهيون ويٺا ڳائيندا آهن. ڄڻ اهي ڪي تاريخي ڪارناما هجن.
    خبر ناهي ائين ڇو ٿيندو آهي، پر اها عورت اخلاق جي رائج قديرن کان بالاتر سمجهي ويندي آهي. مڄاڻ اها خود هڪ ضابطو بڻجي پوندي آهي، جنهن جا اصول عام اخلاقي اصولن کان مڙئي هٽيل هوندا آهن. شايد اهڙي عورت پنهنجو پاڻ تائين مڪمل ۽ خودمختيار هوندي آهي. اهڙي عورت کي هر قسم جي رعايت ڏني ويندي آهي. باقي ٻي ڪا عورت جا ڪا ننڍڙي غلطي به ڪري ته کيس معاف ڪرڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. ڪجهه عجيب ڳالهه ٿي لڳي ته اهڙي عروت کي هي مردن جو سماج ۽ تاريخ سڀئي معافي ڏيو ڇڏين. ياد ڪريو هيلن، قلوپطره ۽ وسنڌرا. باقي وسنڌرا جو نالو اوهان ڪونه ٻڌو هوندو.
    وسنڌرا منهنجي شهر جي رهواسڻ هئي. ٿي سگهي ٿو ننڍي هوندي هوءَ مون سان گڏ کيڏي هجي، مون کي ياد ڪونهي. هن جو گهر جنهن بازار جي پويان هو، اتي هڪ شيوالو به هو. ان جي آڏو ميدان هو ۽ پوءِ اسان جي هڪ پري جي مائٽ جو گهر، آئون ڪڏهن ڪڏهن انهن جي گهر ويندو هوس ۽ وسنڌرا به اسان جي گهر کيڏڻ ايندي هئي. سندس ننڍپڻ جي شڪل مون کي چڱيءَ طرح ياد ڪانهي، ڇو ته ننڍي هوندي هوءَ هڪ معمولي شڪل صورت جي ڇوڪري هئي، جيئن ٻيون عام ڇوڪريون هونديون آهن. انهن چهرن کي ڪير ياد ڪندو آهي؟ ۽ اڪثر اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته جيڪي ڇوڪرين ننڍي هوندي سهڻيون لڳنديون آهن، جوانيءَ ۾ انهن جا وصف ڪجهه عجيب ٿي ويندا آهن ۽ اهي پهريان وانگر سهڻيون ڪونه لڳنديون آهن ۽ وري ننڍپڻ ۾ جن جي شڪل صورت معمولي هوندي آهي، اهي وڏيون ٿي به معمولي شڪل صورت جون ٿينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن منجهان هڪ اڌ ڪا اهڙي ڇوڪري نڪري ايندي آهي، جنهن جو حسن چوڏهينءَ جي چنڊ سمان پنهنجو نور هر طرف ڦهلائڻ لڳندو آهي.
    وسنڌرا انهن مان هڪ هئي، ننڍپڻ ۾ الائي ڪيترا ڀيرا ساڻس گڏ کيڏيو هوس، الائي ته ڪيترا دفعا ڏٺو هومانس، پر ڪڏهن اهو شڪ به ڪو نه پيو هو ته هيءَ ڇوڪري جوانيءَ ۾ قيامت جي علامت بڻجي ويندي. ڪيترا سال گذري ويا. هاڻ هوءَ چوڏهن ورهين جي ٿي هئي، ٻڌڻ ۾ آيو ته وسنڌرا ڏاڍي سهڻي ٿي پئي آهي، پر ڪنهن ڪن ئي ڪونه هنيو. خوبصورت ڇوڪرين جي شهر ۾ هڪ وڌيڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جو پيدا ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. پوءِ جڏهن حسن جي هاڪ وڌڻ لڳي ته هن جي پيءُ مدن سنگهه، جيڪو سونارو هو تنهن هن جي شادي برادريءَ جي هڪ نوجوان گوپال سنگهه سان ڪرائي ڇڏي..... گوپال سنگهه به سونارڪو ڪم ڪندو هو ۽ شهر جي بازار ۾ سندس دڪان هو، هو پاڻ به شڪل صورت جو سٺو هو ۽ خوش گهراڻي جو نوجوان هو. اها شادي به ڪا خاص شادي ڪانه هئي، ڪٿي ڪا هلچل ڪانه مچي، بس ماڻهن شاديءَ کي ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ وساري ڇڏيو.
    شادي کان پوءِ وسنڌرا جي حسن ۾ ايترو ته نکار آيو، جو سندس حسن جي هاڪ پري تائين ڦهلجي وئي، سندس سون جهڙا وار، وڏيون وڏيون مست اکيون ۽ ڪڻڪائون رنگ هر ڪنهن جي زبان تي هوندو هو.سندس قد جي تعريف ٿيڻ لڳي، سندس چال چلت ۽ لٽن ڪپڙن مطلب ته هر شئي جنهن سان هن جو واسطو پوندو هو، ماڻهن جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪجڻ لڳو. هن جي پاڙي جا سئو سئو چڪر ڪٽجڻ لڳا. بس ماڻهو سندس هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئا. جتان لنگندي هئي ته ميڙا مچي ويندا هئا. ڪاڏي ويندي هئي ته بس رستن تي پيهه پئجي ويندي هئي. شاديءَ کان ڪجهه مهينا پوءِ سندس حسن جو ڪلمو هر ٻار توڙي ٻڍڙي جي زبان تي هوندو هو. هلندي هلندي سندس حسن جي هاڪ عوام مان نڪري درٻار تائين پهتي. هو اتفاق سان هڪ اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جو گهر وسنڌرا جي گهر جي سامهون هو ۽ وسنڌرا جي ماءُ پيءُ جو گهر هڪ ماڙ هو، ڇو جو سندس پيڪا ۽ سهارا ٻئي هڪ ئي شهر ۾ هئا، ان ڪري ڏينهن ۾ هڪ اڌ چڪر هوءَ پيڪين ويندي هئي. بس هن جي پيڪين پهچڻ جي دير هوندي هئي، هن جي ولي عهد گهوڙو ڊوڙائيندو، شاهي پهريدارن سميت اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ وٽ پهچي ويندو هو، پوءِ رڳو ملاقات هجي يا رياستي مشورا.
    بهرحال اسان کي اها ته خبر ڪانهي ته اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي گهر ڇا ٿيندو هو، پر هوريان هوريان سندس گهر ٻه ماڙ ٿي ويو ۽ اندران سامان سڙو به بدلجي ويو ۽ وسنڌرا جي پيڪن جي گهر به ٻه ماڙ تي ٽين جي ڇت پئجي وئي، جيڪا اسان جي شهر ۾ سکر ماڻهن جي نشاني هوندي هئي.
    وسنڌرا جي چال ۽ هڪ وقار ۽ گهرائي پڻ اوچي وئي. وسنڌرا هڪ معمولي سوناري جي زال هئي، پر چوندا آهن ته هوءَ پرين جي راڻي لڳندي هئي. اسان ڇپوڪرن کيس هڪ دفعي پهاڙين واري ٻيلي کان موٽندي ڏٺو هو جتي هوءَ ڪنور سان گڏ شڪا/ر تي وئي هئي. سندس سونهري وار هوا ۾ ائين پئي لڳا، ڄڻ ڪي گلاب جا گل جهومندا هجن، شام جي لالاڻ ۾ سندس چهرو چمڪي رهيو هو.
    هوءَ ولي عهد ڪنور راجڪمار سان گڏ ڪاري رنگ جي بليئر گهوڙي تي چڙهيل هئي. ڪاٽرا بخمل جي برجس ۽ کليل ڪالرن واري بلائوزر ۾ هوءَ پرستان جي شهزادي ٿي لڳي. هيءَ اها وسنڌرا ته نه هئي، جنهن سان گڏ ننڍي هوندي مان کيڏندو هوس. سندس نگاهون آسمان ۾ کتل هيون ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ سندس گهوڙو به زمين کان مٿانهون پئي هليو.
    عجيب حسن ۽ عشق جا ڏينهن هئا، سڄو شهر ڄڻ ان داستان عشق ۾ گم هو، ڏينهن ناول جي دلچسپو ۽ رومانوي صفحن وانگر پئي گذريا، بس ٻي ڪا ڳالهه ته ڪنهن جي زبان تي ئي ڪانه هئي.
    پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته راجڪمار کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو ويو. هر ڪنهن جي دل کي ڏاڍو ڌڪ رسيو. ڪو وسنڌرا جي ڏک ۽ بيوسيءَ کي پيو محسوس ڪري، عشق جي ڏک ۽ دردمنديءَ ۾ هر ڪنهن جي دل چور چور هئي. هر ڪنهن وسنڌرا جي اکين ۾ نيرپئي ڏٺا. ممڪن آ، هن جي اکين ۾ ڪا آلاڻ به نه هجي، پر اسان سڀني کيس نير وهائيندي ڏٺو ۽ هڪ حسين عورت جي دلي صدمي جي تپش کي محسوس ڪيو.
    ڪجهه مهينا مس گذريا ته ٻڌڻ ۾ آيو ته وسنڌرا نئين وزير صاحب جي باغ ۾ چهل قدمي ڪندي پئي وتي. وزير ماڻڪ هڪ خوبصورت راجپوت ۽ شاهي گهراڻي جو ٻار هو. سندس تعلق حاڪمن جي نسل سان هو ۽ وري وزير هجڻ جي حيثيت ۾ وٽس وڏي طاقته ئي، اها ان ڪري جو راجا صاحب بيمار هو، ولي عهد راجڪمار پڙهڻ سانگي انگلينڊ ويل هو. ان ڪري پوري رياستي طاقت ڇڪجي اچي سندس قدمن ۾ پئي هئي.
    چانڊوڪي راتين ۾ ماڻهن وسنڌرا ۽ وزير صاٻ کي وزير صاحب جي بنگلي جي باغ ۾ رستن ۽ گلن جي قطارن وچان لنگهندي ۽ ٽهلندي لڪي لڪي ڏٺو هو ۽ پوءِ هڪ دفعو وري وسڌارا ۽ وزير ماڻڪ چند جي محبت جا داستان ڳائجڻ شروع ٿيا، ڪجهه ان انداز ۾ ڄن وسنڌرا بيوفائي ته ڪانه ڪئي هئي، پر ڪو نئون علائقو فتح ڪيو هئائين ۽ هر شخص ان خوشيءَ ۾ شريڪ هو. سڄي شهر خوشيون پئي ملهايون. هاڻ درٻار وسنڌرا جي پيڪن ۾ لڳندي هئي. رياست جا اهم معاملا وزير صاحٻ بدران وسنڌرا سنڀاليندي هئي، ايستائين جو حاڪمن جون بدليون ۽ مقرريون به وسنڌرا ڪندي هئي بس سڄي شهر ۾ وسنڌرا جي هاڪ هئي. انهن ڏينهن ۾ مان ميٽرڪ پاس ڪري لاهور پڙهڻ ويو هوس، فارمين ڪرسچن ڪاليج لاهور ۾ ٻن سالن کان پوءِ جڏهن واپس آيم ته وزيرم اڻڪ چند جي جاءِ نائب ريزيڊنٽ بهادر ورتي هئي. شهر ۾ ريزيڊنسيءَ جي هڪ شاخ قائم ڪئي وئي هئي، جتي نائب ريزيڊنٽ بهادر رهندو هو، تمام اهم معاملن ۾ هو راجا صاحب کي مشورا ڏيندو هو ۽ هو به سندس ڳالهين تي اڪثر عمل ڪندو هو.
    پوءِ جڏهن ريزيڊنٽ بهادر صاحب جو گهوڙو هڪ ڏينهن وسنڌرا جي پيڪائين گهر (جيڪو هاڻ ٽه ماڙ ٿي ويو هو) جي ٻاهران بيٺل نظر آيو ته حيرت ۽ عجب جي لهر سڄي شهر مٿان ڇائنجي وئي. ائين لڳو ڄڻ سڄي برطانوي سلطنت هڪ هدنستاني ڇوڪريءَ جي پيرن ۾ اچي پئي آهي. ان کان اڳ ڪنهن کي ياد ڪونه هو ته ڪو ريزيڊنٽ صاحب پاڻ ڪنهن شهريءَ جي گهر لهي آيو هجي. هوءَ ته راجا صاحب ضروري مشورا وٺڻ سندس گهر ويندو هو.
    ٻن سالن کان پوءِ جڏهن آئون ڳوٺ واپس آيس ته وسنڌرا جي حسن ۽جمال جي شهرت ستين آسمان تائين پهچي چڪي هئي. انگريز ريزيڊنٽ سان عشق ڪري هن ڄڻ ته بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري ورتي هئي. آئون کيس ڏسڻ لاءِ آتو هوس، انهن ڏينهن ۾ مون مادام بواري ۽ ٻيا ڪيترائي فرانسيسي ناول پڙهيا هئا ۽ آئون انهن فرانسيسي حسينائن جي نالن کان واقف هوس، جن جي درن تي فرانسيسي ڪابينا جا وڏا وڏا وزير مٿو ٽيڪيندا هئا. اسان جي شهر ۾ هڪ اهڙي عورت موجود هئي، کيس ڏسڻ جو شُق ٿي پيو ۽ چوڻ لڳم ته کيس ڏسڻ گهرجي ۽ ويجهو کان ڏسڻ گهرجي. سو مون ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي دوست بربخش سنگهه سان ڪيو هو شهر جي ٻاهرين پاسي رهندو ۽ سندس گهر جي چوڌاري وڏن وڏن وڻن وارو باغ هو ۽ سندس گهر جي پويان هڪ پهاڙي ندي گوڙ ڪندي پئي وهندي هئي. وسنڌرا هن جي پري جي مائٽياڻي ئي. گربخش سنگهه پهريان ته گهڻو ئيل نوايو، پر نيٺ منهنجي ڳالهه مڃيائين ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هڪ ننڍڙي محفل ۾ هن وسنڌرا جي ماءُ پيءُ کي به گهرايو ۽ مون کي پڻ دعوت ڏنائين. مون کي ياد ڪونهي ته ان دعوت ۾ مون وسنڌرا سان ڪجهه ڳالهايو هجي، هڪ ته مان عمر ۾ کانئس ٻه ٽي سال ننڍو هوس، مٿان ڪچو ۽ شرميلو، ٽيون ته حسن جي رعب ڪري آئون ساڻس ڳالهائي ڪونه سگهيس، شايد ٽيون سبب سڀني کان وڌيڪ اثر انداز ٿيو هو.
    مانيِءَ کان پوءِ اسان گربخش سنگهه جي باغ ۾ چهل قدمي لاءِ نڪتاسين. باغ ۾ اڇا ۽ پيلا چنبيليءَ جا گل هئا، وڻن تي زردالو پڪل هئا ۽ ڏاڙهونءَ جي گلن، باغ جو رنگ ئي ياقوتي ڪري ڇڌيو هو. گهمندي گهمندي وسنڌرا هڪ زردالن جي وڻ هيٺان بيٺي ۽ پڇيائين ”هن وڻ جا زردالومٺا هوندا؟“
    اک ڇنڀ ۾ گربخش هڪ تي ۽ مان ٻئي وڻ تي چڙهي وياسين ۽ جهٽ ۾ سندس اڳيان زردالن جو ڍير ڪري ڇڏيوسين.
    ٿوري دير گذري گربخش جو چاچو جيڪو سندس گهر۾ رهندو هو، هڪ وڻ تان لٿو ۽ زردالن جو ڍير آڻي وسنڌرا آڏو رکيائين ۽ اکيون ڇنڀيندو هليو ويو، هن جي عمر لڳ ڀڳ سٺ ورهيه ٿيندي.
    پوءِ هڪدم هن پنهنجي آڱر منهنجي ڳل تي رکي ۽ چيائين ”اڙي ڪشن؟ ننڍي هوندي تنهنجي ڳل ۾ چگه پوندو هو ڪاڏي ويو؟“
    مون کي ايترو ته شرم محسوس ٿيو، جو آئون اتان تڪڙو تڪڙو هليو ويس، هڪ لفظ به کيس ڪونه چئي سگهيو هوس، ڇپري تائين هن جي ٽهڪن جي چنبيلي جا گل پنهنجي ڪنن مٿان ڪرندا رهيا.
    ان کان پوءِ مون وسنڌرا سان ملڻ جي ڪڏهن ڪوشش ئي ڪانه ڪئي. ها سندس آڱر جي ڇهاءُ اڃا تائين سنڀاليو اچان، دل جي ڪنهن جڳهه ۾ ڇو ته منهنجي ڳل تي هاڻ ڪوبه چگهه ڪونه پوندو آهي، جيڪو ننڍپڻ ۾ ڪڏهن پوندو هو ۽ اها آڱر ماکيءَ جي ڪنهن لار جيان اڄ به منهنجي ڳل کي راتين جو ڇهندي آهي ۽ شرير لهجي ۾ مون کان سوال ڪندي آهي، ”ڪشن تنهنجو اهو چگهه ڪاڏي ويو؟“
    وسنڌرا لاءِ ڪنهن وٽ به شڪايت ڪانه هوندي هئي ته هوءَ ڪا بيوفا آهي ۽ نه ئي اها ته هن ڪئي محبتون ڪيون آهن، نه اها ته هن گهڻن جو پيار ٺڪرايو آهي ۽ نه ئي اها ته هن رڳو وڏن ماڻهن سان عشق ڪيو آهي. ڪنهن کي به ساڻس ڪا شڪايت ڪانه هئي. اسان ته سندس شڪرگذار هياسين، جو هوءَ اسان منجهان پيدا ٿي هئي. ائين ڀاسندو هو ڄڻ اسان مان هر هڪ جو ساڻس جدا جدا عشق هجي. هن جي عشق جا ڪجهه داستان ته سچا هوندا هئا ۽ ڪن ۾ وري وڌاءُ به هوندو هو. هلندي هلندي وسنڌرا اسان جي شهر جي هڪ رومانوي دستان بڻجي وئي.، انهن ماڻهن ۾ هڪ ماڻهو اهڙو به هو، جنهن کي وسنڌرا کان شڪايت هئي اهو هو سندس مڙس گوپال جيڪو پاڻ هڪ خوبصورت ڳڀرو نوجوان هو،ا ن ڪري سندس شڪايت جائز به هئي ته صرف ساڻس عشق ڇو نه. جڏهن ته هي ڪو غريب ماڻهو به ڪونه هو، هو سوچيندو هو وسنڌرا بيوفا ڇو آهي، ماڻهو ڇو سندس سونهن جا قصيدا ٿا ڳائن، ان جي جدائيءَ ۾ آهون ڇو ٿا ڀرين؟ هن کي ڏسي ڇو ماڻهن جا ميڙا مچيو وڃن؟
    آهستي آهستي هن جي ڪابه شخصيت ڪانه رهي، بس هو صرف وسنڌرا جو مڙس هجڻ جي ناتي سڃاتو ويندو هو. هو وسنڌرا سان محتب ڪندو هو، پر سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاوڙ منجهان وسنڌرا کي مارڻ تي دل چوندي هيس، پر وسنڌرا کي ڏسندي ئي سندس ڪاوڙ پيار ۾ بدلجي پوندو هو، پر وسنڌرا جي قدمن ۾ پوندي ئي هن جي ڪاوڙ دنيا وارن تي پوندي هئي. هو ٻاهرين دنيا کان نفرت ڪرڻ لڳو هو جنهن وسنڌرا جي حسن کي عجيب و غريب روپ ڏئي هن شادي شده جوڙي جي ازدواجي زندگي ڄڻ ته تباهه ڪئي هئي ۽ هنن کي پيار، رفاقت ۽ پاڪيزدگيءَ سان رهڻ جو موقعو ئي نه ڏنو.
    ائين جڏهن وسنڌرا جا ٽي چار قصا عام ٿيا ۽ ريزيڊنٽ بهادر وارو عشق زور وٺي ويو ته گوپال شهر ڇڏي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هن پاڻ سان واعدو ڪيو ته مان پنهنجي حسين زال کي وٺي اوڏانهن ويندس، جتي سندس حسن جو چرچو سندس پيڇو ڪري نه سگهي. پهريان وسنڌرا شهر ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونه پئي ٿي، پر پوءِ جڏهن گوپال کيس طلاق جي ڌمڪي ڏني ته هوءَ راضي ٿي وئي. گوپال لڪ ڇپ ۾ تياريون شروع ڪيون ۽ وسنڌرا کي به منع ڪيائين ته اها خبر ڪنهن کي به نه پوي ۽ نه وري هوءَ ڪنهن سان اها ڳالهه ڪڍي.
    مڄاڻ الائجي ڪيئن اها خبر سڄي شهر ۾ ڦهلجي وئي، جتي ڪٿي ناڪن تي، چونڪن تي، هوٽلن ۾ گهرن، آفيسن ۾، اهو ذڪر ٿيڻ لڳو ته گوپال وسنڌرا کي وٺي شهر کان لڏيو ٿو وڃي، هميشه لاءِ، پر ڪير گوپال کي جهلي، هو وسنڌرا جو مڙس ۽ (هن جي مرضي هئي هو پنهنجي زال کي ڪاڏي به وٺي وڇي) وسنڌرا پنهنجي مڙس سان نٿي وئي، سڀئي ماڻهو پريشان هئا پر ڪنهن به پنهنجيءَ پريشانيءَ جوا ظهار ڪونه ٿي ڪيو. بس هڪ ٻئي سان سس پس پئي ڪيائون، سڀني جا منهن لٿل هئا. ڄڻ شهر تي ڪا وڏي آفت اچڻ واري هجي.
    آخر وڃڻ جو ڏينهن اچي ويو، گوپال صبح ساجهر سڄو سامان خچرن تي ٻڌرائي، انهن کي انگالي صاحب جي گودواري ڏانهن پهريان ئي موڪلي ڇڏيو ۽ اهو به طئي ٿيل هو ته وڃڻ کان اڳ هو ٻئي گوپال ۽ وسنڌرا انگالي صاحب جي گورد واري ۾ حاضري ڀريندا، توبهه تائب ٿيندا ۽ پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا. پوءِ هڪ نئين زندگيءَ جو آغاز ڪرڻ لاءِ رجوري ڏانهن ويندا.
    انگالي صاحب جو گورد وارو شهر کان چار پنج ميل پري هڪ دلڪش ٽڪريءَ تي هو، رستو ڏاڍو ڏکيو هو،ا ن رستي ۾ هڪ خطرناڪ پهاڙي ندي پڻ هوندي هئي، جنهن تي هڪ ڪاٺ جي پل ٺهيل هئي، ان کانپوءِ هڪ خطرناڪ لاهي ٿيڻ لهي شهر جي ٻاهران درياهه مان گذرڻو پوندو هو، جنهن جو پيٽ تمام ويڪرو هوندو هو ۽ ڪا پل وعيره نه هئي. ان ڪري گوپال خچرن وارن کي صبح ساجهر چوائي موڪلي ڇڏيو هو ۽ کين چيو هئائين ته شهر کان ٻه ميل ٻاهر ڪوٺاني واري ڪاٺ جي پل وٽ سندس انتظار ڪن. ٻه گهوڙا هن پنهنجي ۽ وسنڌرا جي لاءِ روڪيا هئا، پوءِ هن کي وڍي سندس پيڪين گهر موڪلائڻ ويو ۽ انهن کان موڪلائي هو شهر کان ٻاهر نڪري روانا ٿيا.
    وسنڌرا ۽ گوپال پنهنجي پنهنجي گهوڙي تي خيالن جي دنيا ۾ گم شهر جي حدن کان ٻاهر نڪري ۽ ڍونگس جي چشمي کان اڳتي وڃڻ واري رستي تي پهچي ويا هاڻ ته شهر جون عمارتون ختم ٿي ويون هيون، سارين ۽ مڪائيءَ جا فصل شروع ٿي ويا هئا. ڪٿي ڪٿي رستي ۾ ڪو هڪ اڌ ڪچو گهر، ڪو ننڍڙو هوٽل نظر پئي آيو، نه ته هي طرف خاموشي هئي. وسنڌرا ڪنڌ هيٺ ڪيو، گهوڙي جي واڳ کي ڍرو ڇڏيو، ڪجهه سوچيندي پئي وئي. کيس اڄ پنهنجو شهر ڇڏيندي ڪيڏو نه عجيب ٿي لڳو، پر هوءَ ڪري به ڇا ٿي سگهي، وڃڻو ته هيس ئي.
    شهر کانئن گهڻو پوئتي رهجي ويو هو، گهر، ٻنيون ۽ مڪئي جي پوک، دڪان، ڪچا گهر به پوئتي رهجي ويا هئا. هاڻ جابلو رستو هو، هڪڙو ڪچو پيچرو جبل جي سيني تي رڙهندو مٿي ٿي ويو. انهيءَ جبل جي ٻي پاسي ڪوٺاني جي خطرناڪ ندي هئي، جنهن مان لنگهي کين انگالي صاحب جي گورد واري ۾ وڃڻو هو ۽ انگالي صاحب جي قدمن ۾ سيس نوائي، هونئين زندگيءَ ڏانهن وڌڻا هئا.
    هاڻ پري پري تائين ڪا وسندي ڪانه هئي، ڀڙڀانگ رستا ويران جهنگل، ڪٿي ڪٿي ڪي ڌنار خاموشيءَ سان هيٺاهين مٿاهينءَ تي گهمندي نظر پئي آيا، وسنڌرا وڏو ٿهڌو ساهه کنيو ۽ ٻئي پهاڙي جي چوٽي ٽپي ٻئي طرف هليا، جتي ڪوٺاڻي ندي تي ڪاٺ جي پل هئي. ٽڪريءَ جي ٻئي طرف مڙندي هڪدم سندن نظر ماڻهن جي انبوهه تي پئي، تمام گهڻا ماڻهو هئا، پنج سئو هوندا. نه، نه، هزار کن، ٻه هزار کن هوندا، نه، نه...... ٽن هزارن کان به مٿي هوندا، اهي سندن پنهنجي شهر جا ماڻهو هئا ۽ ايترا گهڻا گڏ ٿيا هئا، جو سندن پٺيان ڪاٺ جي پل نظر ڪانه ٿي آئي.
    ٻئي جڏهن ماڻهن جي ويجهو پهتا ته ماڻهن هٽي کين جاءِ ڏني. ڪنهن وڌي وسنڌرا جي گهوڙي جي واڳ جهلي ته ٻئي وري گوپال جي گهوڙي جي واڳ ورتي ۽ خاموشيءَ سان ساڻن گڏ هلڻ لڳا، گوپال حيرانيءَ وچان کانئن پڇيو ”توهان ڪاڏي ٿا وڃو؟
    ”انگالي صاحب،“ هڪ شهري جواب ڏنو ۽ گوپال جي گهوڙي سان گڏ هلڻ لڳو. گوپال حيران هو ته آخر ڳالهه ڇاهي، پر ڪو به ساڻس ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو. سڀئي ماڻهو هڪ جلوس جي شڪل ۾ چپ چاپ ساڻن گڏ هلي رهيا هئا. ٿوريءَ دير ۾ هو ڪو........ ڪاٺ واري پل وٽ پهچي ويا، جيڪا هڪ گهري پهاڙي ندي تي ٺهلي هئي،. گوپال کان دانهن ڪري وئي جڏهن هن ڏٺو ته پل ته کاهي ۾ اندر ڪري پئي آهي ۽ پاڻي سندس مٿان وهي پيو.
    ”پل ڀڄي پئي“ ڪنهن صاحب نهايت سنجيدگيءَ سان چيو. ٻئي وري گوپال کي ٻڌايو، ”ڏسو پل ڀڄي پئي آهي“ پوءِ ٽئين جنهن جي هٿ ۾ وسنڌرا جي گهوڙي جي واڳ هئي، نتهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، هاڻ اسان انگالي صاحب ڪيئن وينداسين. گوپال دل ۾ ڪاوڙ وچان پڄري رهيو هو،. هنن حرامزادن پاڻ ئي ته پل ڀڳي آهي ۽ مون کي ڪيئن ٿا ٻڌائين. ڄڻ هنن کي اڳ ۾ اها خبر ئي ڪانه هئي. هي اسان کي روڪڻ ٿا چاهن ۽ منهنجي سامهون ائين ٿا ظاهرڪن ڄڻ هنن جي اسان جي وڃڻ نه وڃڻ ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي. پر هي سڀ هتي آيا ڪيئن، گوپال حيران هو، ماڻهن ۾ رڳو نوجوان به نه هئا، ڪروڙڍ، ڪراڙا، مسلمان، سک، هندو، انهن ۾ راجپوت به هئا ته پنڊت به، کلمک ماڻهو به هئا ته خشڪ مزاج به،.... انهن ۾ ته اهڙا ماڻهو به هئا، جن شايد ئي ڪو عيب هٿان وڃايو هجي، انن ۾ دڪاندار به هئا ته ننڍا وڏا حاڪم به، مالهي به هئا ۽ ڌنار به، اهڙا ماڻهو به هئا، جن کي گوپال ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو هي سڀئي ماڻهو کين روڪڻ آيا هئا، سندس دل اڻ تڻ ۾ مبتلا هئي، هيترن ماڻهن جي اچڻ تي خوش به هو ۽ ڪاوڙ به هيس. ٻئي جذبا، ٻئي احساس هڪٻئي سان هئا.
    ”آئون ويندس.“ هن ڏند ڪرٽيندي چيو. ”پر ڪيئن ويندين؟پل ته ڪانهي ۽ کاهي به گهري آ. پل ٺاهڻ لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا لڳندا.“
    ها! ٺيڪ ٻن مهينن کان پوءِ هليو وڃجان! هڪ ماڻهوءَ چيو.
    ”اڙي فوجي!“ قاسم چيو، ”منهنجي ڌيءَ جو وهانءُ ايندڙ مهيني آهي. ان لاءِڳهه ڳٽا ڪير ٺاهيندو.“
    هن جي ڀيڻ پئي چوي ته مان گوپال جي ٺهيل دهري پائيندس. پنهنجي پرڻي تي ۽ تون وڃين ٿو.
    هي سورنهن تولا سون وٺ! منهنجي زال لاءِ گهنگهرو ٺاهي ڏي، جهڙا تو ٺاڪر ديال سنگهه جي چاچي لاءِ ٺاهيا هئا. بلڪل اها ڊيزائين.
    گوپال! تون اسان جي شهر جو سڀني کان سٺو سونارو آهين، هيءُ ڪم توکي پنهنجي ڀاڄائيءَ لاءِ ڪرڻو پوندو ٺاڪر جگجيت سنگهه ڪپڙي جي هڪ ڳنڍ ۾ ٻڌل سون سندس هٿن ۾ ڏيڻ لڳو. هڪدم ماڻهن کيس گهيري ورتو، ڪنهن سون آندو هو ته ڪنهن چاندي. امير ۽ غريب ملي هن تي ڪم جي ڀرمار ڪري رهيا هئا. هو کيس وڄڻ کان ڪونه پيا جهلين، پر کيس ايترو ته ڪم پيا ڏين، جو ٻه مهينا ڇا ٻن سالن ۾ به کانئس پورو ڪونه ٿئي.
    جيڪو ڪجهه هنن کيس چيو هو، ان کان ضرروي ڪو هو جو هنن کيس ڪونه چيو ۽ جيڪو ڪجهه ڪونه چيو، ان هن جي دل وٺي ورتي هئي، هن کي ساهه گهٽبو محسوس ٿيو، سندس اکين ۾ ڳوڙها اچڻ لڳا. هو سون ۽ چاندي جي نه پيار جي رشوت ڏئي رهيا هئا ۽ خاموش زبان سان چئي رهيا هئا، اسان توکي هتان وڃڻ ڪونه ڏينداسين. وسنڌرا جون حسين اکيون ڀرجي آيون ۽ هن پنهنجو چنڊ جهڙو چهرو رئي جي پلاند ۾ لڪائي ڇڏيو.
    چڱو هاڻ آئون ڪڏهن به شهر ڇڏي ڪونه ويندس. گوپال ڳوڙها اگهندي چيو.
    هڪدم نوجوان ڪڏڻ لڳا ۽ دهل وڄڻ لڳو ۽ سڀئي ماڻهو گڏجي پهاڙي گيت ڳائڻ لڳا، گهوڙن جون واڳون واپس ورايون ويون.
    هونءَ ته مون پنهنجي زندگي ۾ وڏا وڏا جلوس ۽ جشن ڏٺا آهن، پر ان چمڪندڙ ڏينهن واري هن پهاڙي قافلي کي آئون زندگي ڀرنه وساري سگهندس جڏهن هڪ ننڍڙي شهر جا رهواسي پنهنجي شهر جي خوبصورتيءَ کي واپس ورائي آيا هئا. شايد هميشه هميشه لاءِ.

    (سنڌيڪار: عبدالرحمٰن پيرزادو)


    13. پٿر دل

    جڏهن کان فرينچ پرفيومز لميٽيڊ چرچ گيٽ ۾ فرانسيسي عطرن جو دڪان کوليو هو، بمبئيءَ جي فروٽ واري علائقي ۾ ان جي سيلز گرل جو ڏاڍو نانءُ ٿي ويو هو. فرينچ پرفيومز جو م لاڪ بلونت راءِ هندستاني هو، جنهن هڪ ڊگهي عرصي تائين پيرس ۾ هندستاني مٺايون وڪرو ڪيون هيون. اتي ئي هن هڪ فرانسيسي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ اتي ئي سندس پنج پٽ ڄاوا هئا. پنجويهن سالن کان پوءِ جڏهن هو زال ۽ ٻارن سوڌو وطن وريو هو، تڏهن به سندس ارادو پنهنجي پراڻي ڌنڌي کي جاري رکڻ جو هو – پر سندس زال ميڊم سوسنا کيس صلاح ڏني ته هندستان ۾ رهي، هندستاني مٺائي وڪرو ڪرڻ جو ڪم غلط آهي. جيڪڏهن هو پيرس ۾ هندستاني مٺائي وڪڻندو هو ته، ساڳئي قاعدي سان کيس هندستان ۾ فرانسيسي عطر وڪرو ڪرڻ کپي.
    ميڊم سوسنا واپار جا اصول ڄاڻندي هئي، کيس ارمان هو ته اهوئي، ته سندس اولاد ۾ ڪائي ڇوڪري نه هئي، جنهن کي هوءَ عطر جي دڪان تي سيلز گرل جي ڪم تي لڳائي ها. باقي ڇوڪرن لاءِ ته عطر وڪڻڻ ائين آهي، جيئن رڍن اڳيان رباب وڄائڻ.... هوءَ پاڻ پنهنجي جوانيءَ جو سرمايو ته پنهنجي مڙس ۽ ٻارن مٿان لڳائي چڪي هئي، جيڪو واپس ته ورندو ئي ناهي – نه ته ٻيو هر قسم جو سرمايو، سرمائيدار کي وياج سوڌو واپس ورندو آهي. خير، ميڊم سوسنا ۽ بلونت راءِ مجبوريءَ تحت اخبار ۾ سيلز گرل لاءِ اشتهار ڏنو. خوشقسمتيءَ سان کين جلد ئي هڪ ڏاڍي سٺي ڇوڪري ملي وئي. موهني ڪراچيءَ جي پيداوار هئي، سڌي سادي معصوم، نه ناز، نه ڪوئي نخرو، سڌيون سنيون ٻه چوٽيون، سليٽي رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ويڙهيل، هوءَ ڪاليج کان انٽرويو لاءِ هلي آئي هئي. موهنيءَ جو پيءُ مري چڪو هو، ۽ سنڌن جي سور سبب، ماءُ نيم معذور ٿي چڪي هئس. سندس ٻه ننڍڙا ڀائر هئا، جيڪي پنجين ۽ ستين ۾ پڙهندا هئا، هڪ انڌي ماسي هئس. هن مهل گهرجي وڏي موهني هئي،ان ڪري پيءُ وارا بار سندس مٿان اچي ڪڙڪيا هئا - ۽ هوءَ جيئن تيئن ڪري مڙئي نڀائي رهي هئي.صبح سان هوءَ ڪاليج ويندي هئي، جيڪو ستين کان ساڍي ستين تائين هلندو هو. اهو ڪاليج هارن بي روڊ تي هو، ۽ آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي سهوليت خاطر کوليو ويو هو. ڏينهن ۾ هوءَ ٻن هنڌن تي پارٽ ٽائيم ٽائپسٽ جو ڪم ڪندي هئي، ساٿ نه ڏيندڙ حالتون، مجبور خواهشون، اجهاڻل دل – اهڙو ته ڪو به نه هوندو، جنهن پنهنجي ويران هستيءَ ۾ ٻه چار نخلستان نه سينگاريا هجن..... پرموهني پنهنجي زندگيءَ ۾ جنهن پاسي به نهاريندي هئي، کيس ڪوهن تائين واري ئي واري نظر ايندي هئي - ڪٿي ڪوئي گل ته ڇا، گاهه جو پن به نظر نه ايندو هو.... بس، سندس وڏين وڏين ڀورين اکڙين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا شفاف پاڇا ڏڪڻ لڳندا هئا، جڻ گهڻو ڏور ڪٿي سپنا روئي رهيا هجن، فقط چند لمحن ۾ سندس شخصيت بيحد وڻندڙ ٿي پوندي هئي – ان وقت کيس ڪوئي ڏسي ته پٿر دل به پاڻي ٿي پوي، پر بمبئي ۾ نه پٿر دل هوندو آهي، نه نرم دل. بمبئي ۾ دل جي جاءِ تي هڪ گهڙيال لڳل هوندو آهي، جيڪو هر پل ٽڪ ٽڪ ڪندو رهندو آهي. گهڙيال ڏاڍي سٺي شيءِ آهي، پر گهڙيال سان توهين محبت ته نٿا ڪري سگهو.
    بلونت راءِ موهنيءَ جو منهن ڏسي کيس موٽائڻ وارو هو، پر نه ڄاڻ ڪيئن ميڊم سوسنا موهنيءَ جي وڏين وڏين اکڙين ۾ اهي شفاف پاڇا ترندي ڏسي ورتا. هن هٿ جي اشاري سان ويندڙ موهنيءَ کي روڪي ورتو، ۽ پاڻ ڏانهن سڏيائين. سوسنا حسن جو شديد احساس رکندي هئي، هن موهنيءَ کي هڪ نهار ۾ ئي پسند ڪري ورتو هو.
    هي ڊگهيون ڊگهيون سونهري رسن جيان ويڙهيل چوٽيون جيڪڏهن ڪٽجي وڃن، ۽ وار ڪلهن تي ڦهلجي وڃن ته... هي سڌا ڇپر جيڪڏهن روج لڳل ڳلن تي حجاب واري ادا سان وکري وڃن ته.... هي سهڻا چپ جيڪڏهن شافري جي لپ اسٽڪ سان سينگارجي وڃن..... اها سرخي جڏهن چپن تي گسندي آهي ته ائين لڳندو آ، ڄڻ چپ باهه جا ٺهيل هجن... اها لپ اسٽڪ جيڪڏهن انهن چپن کي ڇهي وڃي ته ..... چيلهه ڇڪي اندران ٻڌل.... جيتوڻيڪ ان جي ضرورت نه پوندي – هن جي خوبصورت بدن جي چيلهه پڪ فرانسيسي عطر جيان نازڪ هوندي... کيس ساڙهي نه، پر فراسيسي گون پهرايو ويندو. گون، سليڪس ۽ جينز- هن سيلز گرل جا قسمين قسمين لباس هوندا. هوءَ کيس فراسيسي عروتن جا بهترين لباس ڏيندي. عطر جيان عورتن جو لباس به بدلجڻ گهرجي، صبح جو هڪڙو، منجهند جو ٻيو ته رات جو ٽيون، هن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه لباس ٺهرائبا.
    ميڊم سوسنا چند لمحن ۾ ئي سڀ ڪجهه سوچي ورتو. هن ڏاڍي پيار سان موهنيءَ کي پاڻ ڏانهن سڏيو، ۽ چيائين ”تنهنجو پرابلم ڇاهي؟ تون اداس ڇو آهين؟“
    فرانسيسي عورت بهترين محبوبه آهي، پر جيڪڏهن هوءَ ماءُ ٿيڻ چاهي ته ان کان بهتر ماءُ جو به تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. هن جي مٺي آواز موهنيءَ کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريو روئيندي روئيندي هن پنهنجي زندگيءَ جو سڄو استان ٻڌائي ڇڏيو. داستان به هو ڇا! ڍند منٽن ۾ پورو ٿي ويو.
    ”چئن سون مان تنهنجو ڪم هلي ويندو؟“ سوسنا ڏاڍيءَ شفقت سان سندس مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو.
    ”ميڊم!؟“ موهنيءَ کان حيرت منجهان رڙ نڪري وئي.
    ”سوسنا! بلونت راءِ به حيرت ۽ خوشيءَ منجهان رڙ ڪئي، پر سندس آواز ۾ خوشي بلڪل نه هئي.
    ”بس ڪري ويهه! ميڊم پنهنجي مڙس کي دڙڪو ڏنو، ”توکي خبر ناهي ته هتي اسان هندستاني مٺائي نه ٿا کپايون. چار سئو به هن ڇوڪري لاءِ تمام گهٽ آهن. تون سندس مسئلا ته ڏس!“
    ”او ڀين!“ بلونت راءِ ڪنهن زماني ۾ جالنڌر جو مشهور پهلوان هوندو هو. سندس مشهوريءَ جو راز اهو هو ته وڏن وڏن پهلوانن سان وڙهڻ لاءِ راضي ٿي ويندو هو، پر سدائين هارائي ويهندو هو - ۽ جڏهن هيٺ وڃي ڦهڪو ڪندو هو، تڏهن ڏاڍي مايوسيءَ منجهان رڙ ڪري پاڻ کي چوندو هو، ”او ڀين!“ هو پئرس ۾ پنهنجي پهلوانيءَ جا ڪرتب ڏيکارڻ ويو هو، پر سوسنا جي ور چڙهي وڃي ڦهڪو ڪيائين، تڏهن کان هن پهلواني ڇڏي، هندستاني مٺاين جو ڌنڌو شروع ڪيو هو.
    سوسنام وهنيءَ کان پڇيو، ”خوشبوئن بابت توکي ڪهڙي چاڻ آهي؟“
    ”مون اڄ تائين ڪابه خوشبوءِ ناهي واپرائي!“ موهنيءَ ڊڄندي ڊڄندي چيو.
    سوسنا ڏاڍو خوش ٿيندي چيو، ”پوءِ ته ڏاڍو سٺو، جلدي سکي ويندينءَ. پڙهيل طوطي کي پڙهائڻ ڏاڍو اوکو هوندو آهي!“
    ”اوڀين!“ بلونت راءِ وري ڏاڍي مايوسيءَ منجهان چيو، کيس چٽو ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو ته هن جو ڪجهه هن مهل تائين هندستاني مٺاين مان ڪمايو آهي، اهو سڀ فرانسيسي عطر سان گڏ اُڏي ويندو.
    ”شٽ اپ!“ سوسنا کيس ڌمڪائيندي چيو. بلونت راءِ هڪدم شٽ اپ ٿي ويو.
    ”مان ٻن مهينن تائين گهر ۾ توکي ٽريننگ ڏينديس،“ سوسنام وهنيءَ کي چيو، ”ٻن مهين کان پوءِ تون دڪان تي ڪم تي چڙهندينءَ، دڪان تي پهرڻ لاءِ ڪپڙا اسان ڏينداسين، لنچ جو خرچ اسان جو هوندو، دڪان بند ڪرڻ کان پوءِ شام جو تون انهن ئي ڪپڙن ۾ منهنجي گهر ايندينءَ، ۽ هتان پنهنجا ڪپڙا پهري گهر ويندينءَ – تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟“
    ”کوکر بلڊنگ، اٺون نمبر کولي، نانگ پاڙو،“ موهنيءَ چيو. سوسنا سندس ائڊريس لکي ڇڏي.، نانگ پاڙي جو نالو ٻڌڻ شرط بلونت راءِ کي لڳو، ڄڻ تمام گهڻيون بدبوئون سندس نڪ ۾ گهڙي ويون هجن! پر هو چپ رهيو، ڇو ته زال کيس شٽ اپ ڪري ڇڏيو هو، ۽ هو هڪ وفادار مڙس هو.....
    ”سوسنا موهنيءَ کي پنهنجو ڪارڊ ڏيندي چيو، ”هيءَ اسان جي گهر جي ائڊريس آهي.“
    موهنيءَ هڪ نظر ڪارڊ تي وڌي، ”يارهون نمبر وارڊن روڊ،“ ۽ پوءِ ڪارڊ پنهنجي انگيءَ ۾ وجهي هلي وئي.
    ٻن مهينن کانپوءِ چرچ گيٽ جيڪنڊ تي روز اينڊ روز ڪمپني سان لڳو لڳ فرينچ پرفيومز لميٽيڊ دڪان کليو ته سڄي علائقي ۾ فرانسيسي خوشبوئن جي مهڪار ڦهلجي وئي- ڪولاباکان، مالابار هل کان، مرين ڊرائيور کان، ڪف پريڊ کان، وارڊن روڊ کان، ڪمبالا هل کان ماڻهو هڪٻئي پٺيان عطر وٺڻ لاءِ اچڻ لڳا. ڪي ڪي شوقين ته ڏينهن ۾ ٻه ٻه ڀيرا به اچڻ لڳا.
    موهنيءَ کي هاڻي ڪوئي سڃاڻي به نٿي سگهيو، ته هيءَ اهائي ڪمرشل ڪاليج ۾ پڙهندڙ اداس اداس سنڌي ڇوڪري آهي، چال ۾ سنڌي عورت وارو وقار، آواز ۾ فرانسيسي عورتن وارو اعتماد – سندس فرينچ گائون، خوبصورت پرس، سندس چوڏسا ڦهليل عطرجي خوشبوءِ – ڪيتريون ئي فيشن ايبل عورتون کيس ڏسڻ اينديون هيون، ته اڄ هن ڪهڙو گائون پاتو آهي، ڪهڙو پرس کنيو آهي، ڪهڙي خوشبوءِ استعمال ڪئي آهي، ميڪ اپ جو انداز ڇا اٿس؟ عورتون کيس ڏسي چريون ٿيڻ لڳنديون هوين، مرد کيس چريا ٿي ڏسندا هئا، ۽ موهنيءَ جي زبان هاڻي ڇا هلندي هئي! اها گهٽ ڳالهائو سنڌي ڇوڪري هاڻ هڪ پل لاءِ به چپ نه رهندي هئي، ڇو ته ميڊم کيس سمجهائي ڇڏيو هوته خاموش رهئينءَ ته تنهنجي ڳالهين جي سڄي خوشبوءِ اڏري ويندي، عطر وڪرو ڪرڻو آهي ته گراهڪ کي هر وقت ڳالهين جي ڄار ۾ ڦاسائي رک. هڪ کان پوءِ ٻيو عطر سامهان رکندي وڃ، عورتون پنجاهه عطرن مان هڪ جي چونڊ ڪنديون آهن – مردن لاءِ سڄو زور فقط هڪڙو عطر وڪڻڻ تي ڏي.
    جڏهن درشن کيس ڏٺو، تڏهن هوءَ ڪائونٽر تي بيٺي هاءِ سوسائٽيءَ جي مس خورشيد ابٽن والا جي سامهون عطرن جون مختلف شيشيون رکي ڳالهائي رهي هئي، ”خشبوءِ جو راز انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته مس ابٽن والا، صحيح خوشبوءِ خريد ڪئي وڃي، جنهن جي شخصيت خريد ڪرڻ واري جي شخصيت سان هڪجهڙائي رکندڙ هجي.“
    ”خوشبوءِ جي به شخصيت ٿيندي آ موهني!؟“ خورشيد ابٽن والا کلي چيو.
    ”ها مس ابٽن والا! هر شخصيت جي پنهنجي خوشبوءِ هوندي آهي، پنهنجي هڪ صورت هوندي آهي، ان جو رنگ هوندو آهي، مثال طور گلاب جو عطر آهي، هن گلاب جي خوشبوءِ جا چپ، ٿورو سنگهي ڏسو نه... هن گلاب جا چپ ڪهڙا نه ڳاڙها ۽ مٺاڻ سان ڀريل... بلڪل توهان جي چپن جهڙا آهن.... هر وقت ڪنهن اڄاتل جذبي سبب ڏڪندڙ....“
    مس خورشيد ابٽن والا بي اختيار خوش ٿي کلي پئي.
    ”هيءَ چنبيليءَ جي خوشبوءِ ڏسو، ڪهڙي نازڪ ۽ نرم چيلهه واري خوشبو آهي! پنهنجي خوبصورت چال سان دلين کي لوڏيندڙ.... ۽ هي ڏسو، پئرس جي رات ڊگهي قد واري، ڪارا وار ڦهلائي پنهنجا نرم ڳل اوهان جي ڳلن سان ائين لڳائيندي جو ڳلن ۽ وارن جي ڇهاءُ سان اوهان جي جسم ۾ وڻندڙ ڪتڪايون ٿيڻ لڳنديون... ۽ هي جوهي جي ڪنواري خوشبوءِ، پوتر پوتر، لڪندڙ لڪندڙ، چور نگاهن سان توهان جي دل تي حملو ڪندڙ، ڪڏهن هڪ وک اڳتي وڌندڙ، ڪڏهن هڪ وک پوئتي هٽڙندڙ – هن جي مهڪ ڪنهن شرمائيندڙ ڪنواريءَ جيان حجاب ۾ ٻڏل لڳندي آهي..... ۽ هي سنگهراج جي خوشبوءِ، ڀوري ڀوري رنگ واري، کليل کليل ۽ روشن خوشبوءِ، بلڪل توهان جي چهري جهڙي مس ابٽن والا! وهنجي هن کي ٿورو جسم تي لڳايو، ائين ڄڻ پرڀات بادلن جي گجيءَ سان ڌوپي ٻاهر نڪتي هجي!... هيءَ، صرف هيءَ ئي خوشبوءِ جي شخصيت به هوندي آهي، پر سندس لباس به هوندو آهي، جيڪو احساس ۾ ڪڏهن ڦهلبو آهي، ان ڪري مئڊم! دنيا ۾ جيڪي به سليقي واريون عورتون آهن، ڪنهن نه ڪنهن سٺي خوشبوءِ جو سهارو وٺنديون آهن، ائين چوڻ گهرجي ته لباس جي حسن جيان خوشبوءِ جو حسن به اڌارو وٺنديون آهن، چند منٽن لاءِ خوشبوءِ جو حسن عورت جي حسن مٿان ڇانئجي ويندو آهي. ۽ مرد سمجهندو اهي ته عورت حسين آهي، جيتوڻيڪ حسين فقط خوشبوءِ ئي آهي!“
    اها آخري چوٽ ميڊم سوسنا خاص طور تي موهنيءَ کي رٽائي ڇڏي هئي. عورتون ڏاڍيون ڪچڙيون آهن، سندن حسن جي تعريف ڪيو، خوب ڪيو، پر ڪٿي هن ۾ هڪ لمحي لاءِ گهٽتائيءَ جو احساس به پيدا ڪيو، جنهن جي چوٽ کائي، هو توهان جي عطر کي پنهنجي حسن لاءِ ضروري سمجهن، نه ته هو تنهنجو عطر ڇو خريد ڪنديون؟ عورت ڏاڍي پريڪٽيڪل هوندي آهي موهني!
    مس ابٽن والا ه خوشبوئون خريد ڪري هلي ويئي. روز، جنهن جا چپ موهنيءَ جي خيال ۾ مس ابٽن والا جي چپن جهڙا هئا (جيتوڻيڪ نه هئا) ۽ سنگهراج... جنهن جو رنگ مس ابٽن والا جي رنگ جهڙو هو. هڪ سئو ستر روپين جو بل ٿيو. جيتوڻيڪ ڀينڊي بازار جا عطر وڪڻندڙ اهي ٻه خوشبوئون ڏهين پندرهين روپئين ۾ ڏيئي ڇڏيندا هئا. اهي به ڪمبخت ڇا عطر وڪڻندا هئا، لوهه جي هڪ سرائيءَ تي ڪپهه جو ٻڙو هڻي عطر وڪڻندا هئا، ڄڻ عطر نه وڪڻندا هجن، ڪنن مان گند ڪڍندا هجن.
    هتي موهنيءَ جون ڊگهيون ڊگهيون نازڪ نازڪ آڱريون عطر هڻنديون هيون. درشن کي ائين لڳو، ڄڻ ڪنهن سندس دل دنبوري جي سمورين تارن کي ڇهي ورتو هجي، هو موهنيءَ کي ڏسندو ئي رهجي ويو. جڏهن مس ابٽن والا جي وڃڻ کان پوءِ هن درشن کي چيو، ”حڪم ڪريو، اوهان کي ڪهڙو عطر گهرجي؟“ تڏهن هو ککو وکو ٿي ويو، هو ته فقط کيس ڏسڻ خاطر اندر هليو آيو هو، موهنيءَ جو حسن کيس اندر ڇڪي آيو هو. هاڻي هيءَ ڇوڪري کانئس ڇا پڇي رهي هئي.، هن ککو وکو ٿيندي چيو، ”جي!“ ڄڻ کيس ڪجهه به نه، موهني کي ئي ڪجهه خريد ڪرڻو هجي.
    ”ڪوئي عطر ڏيکاريان يا يوڊي ڪولون؟ اسان پئرس کان نوان يوڊي ڪولون گهرايا آهن... هي اسپين جي وادين جي گلن جا اصلي يوڊي ڪولون آهن، هي صبح جي پهر وهنجي سهنجي اسعتمال ڪرڻ وارو يوڊي ڪولون... هي منجهند جي گرمي دور ڪرڻ وارو يوڊي ڪولون... هي ڪم ڪار کان واندو ٿي، واڪ ڪرڻ وارو يوڊي ڪولون.... هي رات جي ڊانس ۾ چانهن کان اڳ هڻڻ وارو يوڊي ڪولون.... مڪمل سيٽ هڪ سئو يارهين روپئين جو آهي. اسپين جي وادين ۾ کڙندڙ اصلي گلن جو يو ڊي ڪولون...“
    ”جي...ها.... مون کي ڪجهه نه گهرجي.“ درشن شرمائيندي چيو، ۽ سندس منهن ڪنن تائين ڳاڙهو ٿي ويو، ”مان ته.... مان فقط توهان کي ڏسڻ آيو هوس..... آفيس ۾ گهڻن ماڻهن.....“
    موهنيءَ حياءَ اکيون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون، بلڪل انهيءَ نموني، جنهن نموني اهڙن موقعن لاءِم يڊم ٻڌايو هو، وري جڏهن هن اکيون مٿي کنيون، تڏهن درشن وڃي چڪو هو. موهنيءَ جي دل کي هڪ جهوٻو اچي ويو.
    مرد ته گهڻا ايندا هئا، دڪان تي، پر انهن مان اڪثر بي ايمان هوندا هئا، جيڪي کيس ڏسڻ لاءِ ايندا هئا، پر عطر وٺي ويندا هئا، پر هيءُ ڪهڙو ڇوڪرو هو! شرمائي به ويو، ۽ بنا هٻڪ جي سڀ ڪجهه چئي به ويو، ۽ ڪجهه خريد به نه ڪيائين!! شايد هو ڪجهه خريد ڪرڻ نه، ڪجهه ڏيڻ آيو هو. شام تائين موهنيءَ کي پنهنجي دل خالي خالي محسوس ٿيڻ لڳي. ڄڻ سندس سمورو دڪان ڦرجي ويو هجي.... ڪنهن سندس من جي ڳڙکيءَ ۾ جهاتي پائي، سندس سمورا عطر چورائي ورتا هجن. ”هون!“ موهنيءَ پنهنجي وارن کي لوڏو ڏنو- کيس ان قسم جون ڳالهيون نه سوچڻ گهرجن، ميڊم کيس خبردار ڪري ڇڏيو هو... سڀ ڪجهه ٿي وڃي، پر عشق نه ٿيڻ گهرجي. ماڻهو توکي گهمڻ لاءِ چوندا، پر تون ڪاڏي نه ويندينءَ. ماڻهو توکي پارٽين جي دعوت ڏيندا، چانهه جي دعوت ڏيندا، چند منٽن جي اڪيلائي چاهيندا، پر توکي سدائين انڪار ڪرڻو پوندو. ڇو ته تون عطر وڪڻڻ واري آهين، عطر ۽ محبت ۾ به فرق آهي. عطر ٿورڙي دير لاءِ ساٿ ڏيندو آهي، پوءِ اڏري ويندو آهي – محبت جيڪڏهن چنبڙي پوي ته زندگيءَ ڀر ساٿ نه ڇڏيندي آهي –جيڪڏهن عطر وڪڻڻ چاهين ٿي ته محبت ٻحبت ۾ پلئه نه اڙائجانءِ....
    شام جو ميڊم سوسنا جي گاڏي کيس کڻڻ لاءِد ڪان جي ٻاهران اچي بيٺي،ان وقت ڇهه وڄي رهيا هئا، پهرين ته موهنيءَ اندر باٿ روم ۾ وڃي پنهنجو ميڪ اپ ٺيڪ ڪيو، وار سنواريا، شام وارو خوبصورت لباس پهريوم، ڇو ته کيس ڄاڻ هئي ته ٻاهر شوقين مزاج نوجوانن ۽ وڏن وڏن رئيس زادن جون ڊگهيون ڊگهيون گاڏيون بيٺيون هونديون سڀ کيس ڏسڻ ڪارڻ بيٺا هوندا آهن. انهيءَ مهل کيس دڪان منجهان ڪنهن پراسرار شهزاديءَ جيان نڪرڻو پوندو هو، هوءَ ڏاڍي وقار سان باٿ روم مان ٻاهر نڪتي، بلونت راءِ کي هن مٿي جي لوڏ سان سلام ڪيو، ۽ پوءِ پرس لوڏيندي ٻاهر نڪري آئي. ڊرائيور سليوٽ ڪري هن لاءِ ڪار جو دروازو کوليو، ڏسندڙن جون نظرون مٿس کپي ويون. ڪجهه سيٽيون وڳيون، ڪجهه هاءِ هاءِ ٿي. ڪجهه چڻنگون نڪتيون، ڪجه آهيون.... ۽ پوءِ گاڏي وارڊن روڊ ڏانهن هلي ويئي.
    ميڙ ۾ درشن به ڪٿي بيٺو هو. موهنيءَ کي ڀڙڪندڙ لباس ۾ ڏسي سندس منهن ۾ پنو لهي ويو. ڪهڙي نه ڀل ..... هئي هن، جو هن سيلز گرل مٿان موهت ٿي پيو هو!ل هي ته نه ڄاڻ مالا بارهل يا وارڊن روڊ جي ڪائي اپسرا آهي، جيڪا ڪار ۾ ايندي آهي ۽ ڪار ۾ ويندي آهي، جنهن جا گائون پئرس منجهان سبجي ايندا آهن، وار تاج ۾ سيٽ ٿيندا آهن، ۽ جنهن جو ميڪ اپ نيويارڪ جي ميڪ اپ کان سواءِ اڻ پورو هوندو آهي. هن ته شايد وندر طور عطر وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي... کيس وساري ڇڏ واڱڻ! ۽ آرام سان اڍائي سون جي نوڪري ڪندو رهه - ۽ جيڪڏهن عشق ڪرڻ جو ايڏو ئي خفت اٿئي ته ڇا تنهنجي آفيس ۾ هوءَ مس ڊيسوزا خراب آهي؟ ڏيڍ سئو روپيا پگهار اٿس. ور ورتنهنجي ميز تي اچي جهڪندي آهي، ۽ پنهنجون اڌ اگهاِڙيون ڇاتيون ڏيکاري هلي ويندي آهي. شيفون جا خيال لاهي ڇڏ، ۽ پنهنجي سوٽي مال ۾ مست لڳو رهه!
    پر درشن جي دل هٿن مان نڪري ويئي، ٻئي ڏينهن وري هو فرينچ پرفيومز جي دڪان تي ويو. ٽين ڏينهن به ويو هو. چوٿين ڏينهن به ويو. پنجين ڏينهن به ويو. روزانو هو آفٽر شيو بوڊي ڪلون وٺڻ لڳو، جنهن جي قيمت ڏهه روپيا هئي. هو ٻيو ڪجهه به نه چوندو هو. بس، يوڊي ڪولون وٺندو هو، ۽ چپ چاپ بنا ڪجهه چوڻ – ٻڌڻ جي دڪان کان ٻاهر نڪري ويندو هو،.
    ڇهين ڏينهن موهنيءَ کيس چيو، ”يوڊي ڪلون جون گهڻيون شيشيون خريد ڪندين؟“
    ”پنجويهه!“
    ”پنجويهه؟“
    ”ڳالهه هيئن آهي ته...“د رشن هن کي سادگيءَ سان سمجهائيندي چيو، ”منهنجي پگهار اڍائي سئو روپيا آهي، مان انهيءَ پگهار مان فقط پنجويهه شيشون خريد ڪري سگهان ٿو. ان ڪري روزانو هڪ شيشي وٺي ويندو آهيان. پنجويهن ڏينهن تائين ايندو رهندس. پوءِ پنج ڏينهن نه ايندس – وري ايندڙ پهرينءَ تي ايندس، پهرينءَ کان پنجويهين تاريخ تائين ايندو رهندس.... ۽ انهيءَ نموني....“
    ”گهڻن سالن جو پلان آهي؟“ موهنيءَ شوخيءَ منجهان پڇيو.
    ”چئي نه ٿو سگهان... جيسين کيسي ساٿ ڏنو، يا قرض ملندو رهيو، يا پارٽ ٽائيم جاب ملندو رهيو.....“
    جڏهن ٽي مهينا ائين ئي گذريا ويا، تڏهن موهنيءَ کي ڪاوڙ اچڻ لڳي، ”پر هي ته انتهائي غلط آهي مسٽر!“
    ”منهنجو نالو درشن آهي.“ درشن چيو، ”ڄاڻان ٿو ته اها غلطي آهي- ڪٿي تون وارڊن روڊ تي رهڻ واري شهزادي، ڪٿي مان هڪ معمولي اداري ۾ ڪم ڪرڻ وارو ڪلارڪ! تون ڇا ٿي سمجهين، ته ڇا مان نٿو ڄاڻان ته مان ڇا ڪري رهيو آهيان! مون کي وڏي مصيبت ٿي برداشت ڪرڻي پوي، رات جو چار چار ڪلاڪ وڌيڪ تائيپ سان مٿي ماري ڪرڻي ٿي پوي..... آڱريون وٺجي وينديون آهن...... پر....“ اوچتو هو چپ ٿي ويو.
    موهنيءَ جي دل جو دهڪو وڌي ويو. آهستي پڇيائين، ”پر ڇا؟“
    ”نه- ڪجهه به نه، منهنجو يو ڊي ڪولون ڏي.“
    موهني يو ڊي ڪولون کڻڻ لاءِ منهن ئي نه ورايو ته ايتري ۾ هڪ گهوڙي منهن انگريز عورت ڏاڍي پريشانيءَ منجهان اندر داخل ٿي، کيس ڪارو ماتمي وڳو پهريل هو. موهنيءَ جو ڌيان هڪدم ڏانهنس ڇڪجي ويو.
    ”مون کي خوشبوءِ گهرجي“
    ”ڪهڙي ميڊم؟“
    ”ڪائي به ڏي، سٺي هجي مون ٻڌو آهي ته بمبئي ۾ تنهنجي دڪان کان وڌيڪ سٺي خوشبوءِ ڪٿي به ناهي ملندي. ان ڪري سوچيم هن مصيبت ۾ ٻيو ڪاڏي وڃان...“
    ”ٿينڪ يو ميڊم.. ٿينڪ ٿو... مون کي مصيبت وارين گهڙين ۾ اوهان سان همدردي آهي.... ۽ توهان جو ڪارو وڳو ڏسي مان سوچ ۾ پئجي وئي آهيان ته اوهان کي ڪهڙي خوشبوءِ ڏيان... شايد اوهان جو ڪوئي مٽ مائٽ.....
    ”نه پياري! گهوڙي ڇاپ انگريز عورت فيصلي واير انداز سان چيو، ”منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان پيارو مون کي وڇوڙو ڏئي هليو ويو... منهنجو ٽوني!“
    ”ٽوني؟ توهان جو مڙس؟“
    ”گڊ هيونس – نو! ٽوني، منهنجو ڪتو!“
    ”اوهه! معافڪ جو ميڊم... مون کان ڀل ٿي وئي، اصل ۾ ايترا سوال ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري پئي ته ماتمي خوشبوئون به گهڻن قسمن جون هونديون آهن، محبوب جي مرڻ تي ٻي، مڙس جي مرڻ تي ٽين، ٻار جي مرڻ تي چوٿين اوهين هيءَ خوشبوءِ کڻي وڃو، اسٽوني هارٽ!“
    ”اسٽوني هارٽ“
    ”ييس ميڊم! ڏسو هن جو نالو به اوهان جي ڪتي سان ڪيڏو ملندڙ آهي. ٽوني هارٺ ۽ اسٽونر هارٽ ۾ ڪيڏو گهٽ فرق آهي! ڄڻ هيءَ خوشبوءِ فقط اوهان جي ڪتي جي ماتم لاءِ ٺاهي وئي هجي.“
    ”اسٽوني هارٽ! واقعي...“ انگريز عورت پرس کوليندي چيو، ”واقعي هو پٿر دل ڪتو هو، مون کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو!“ انگريز عورت جي لهجي ۾ ڳوڙهڻ جو هلڪو اشارو هو. پرس کولي هن چيو،
    ”گهڻا پئسا ٿيندا؟“
    ”فقط سٺ روپيا!“ موهنيءَ نمرتا سان چيو.
    گهوڙي مارڪه انگريزي عورت چيو، ”تون سچ ٿي چوين – هيءَ خوشبوءِ ڏاڍي سٺي آهي. ڳري ڳري... اداس اداس ۽ ڪجهه کهري خوشبوءِ.... بلڪل منهنجي ٽونيءَ جي خشڪ وارن جيان..... مان اهائي ٿي کڻان – انهيءَ سان مون کي پنهنجو ٽوني ياد ايندو. ٿينڪ يو ويري مچ!“
    سٺ روپيا ڏيئي، جڏهن انگريز عورت هلي وئي، تڏهن موهنيءَ درشن کان معافي گهرندي کيس يوڊي ڪولون جي شيشي ڪڍي ڏني. ”ساري! توهان کي انتظار ڪرڻو پيو.“
    ”نه- مون کي ته ويتر وڌيڪ وقت ملي ويو.“
    موهني خاموش بيٺي رهي، ويندي ويندي درشن چيو، ”گڊ باءِ، اسٽوني هارٽ!“ درشن جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
    موهنيءَ جي دل ڏڪڻ لڳي... نه نه! مان عشق ته ڪري ئي نه ٿي سگهان. ڪٿي ملندي اهڙي چئن سون واري نوڪري، انهن چئن سون مان امڙ جو علاج ٿي رهيو آهي، پنهنجي انڌي ماسيءَ کي ڏوڪڙ موڪلي رهي آهيان، منهنبجا ڀائر انگريزي اسڪول ۾ پڙهي رهيا آهن.... مون کي ائين ئي هئڻ گهرجي... ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن درشن به ٻين نوجوانن جيان هجي ها، جيڪي کيس ڏسڻ لاءِ دڪان تي ايندا هئا، ۽ ڀوڳ چرچا ڪندا هئا... وڻندڙ چرچا... بخمل ۾ ويڙهيل چرچا، جن ۾ برين خواهشن جو ڇرو لڪل هوندو آهي، جيڪو ڳالهين ڳالهين ۾ پڌرو به ٿي پوندو آهي... امير گهراڻن جا شهزادا، ملين جا ٿيڻ وارا مالڪ، ٺيڪيدارن جا سپوت، رشوت خور آفيسرن جا صاحبزادا.... گليمر جي ڄار ۾ ويڙهيل، چنڊ جهڙا خوبصورت فلمي هيرا، جيڪي هڪ رات ۾ ويهه هزار به اڏائي سگهيا ٿي... اهي سڀئي سندس هڪڙي نظر لاءِ تڙپيا ٿي... پر فقط هڪڙي نظر لاءِ، هو ڪو عمر ڀر جي ٻنڌڻ لاءِ نه ايندا هئا. هو فقط هڪ نظر خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. جيئن ڪائي عطر جي شيشي خريد ڪرڻ ايندا هئا، ۽ عورت جو پاڻي به ان وقت تائين آهي، جيسين پنهنجي عزت جي شيِشيءَ ۾ محفوظ آهي، عطر جي شيشي کلي ۽ پاڻي غائب. هيءَ مردن جي دنيا آهي، هتي عطر ۽ عورت سدائين بدلايا ويندا آهن. ميڊم انهيءَ نموني ئي کيس سمجهايو هو.
    پر پوءِ به کيس درشن اهڙو نه لڳندو هو. ڪوئي سندس من مان چوندو هو: هيءُ ته اهڙو ناهي، هو ته ڪجهه به نه چوندو آهي... بخمل ۾ ويڙهيل ڪو ڪريل چرچو به ناهي ڪندو. سندس اکين ۾ ڪهڙي نه شرافت آهي، ڪيڏو نه پاڻ ارپڻ جو جذبو آهي... من سان چاهڻ جي ڪيڏي نه تمنا آهي منجهس... سندس وکريل وارن جي چڳ کيس ايڏي وڻي ڇوٿي.... ڇو سندس دل چاهي ٿي ته هوءَ کيس سيني سان کڻي لائي... ٻنهي هٿن ۾ سندس منهن وٺي، اکيون پوري کڻي ڇاتيءَ لائي... اوهه! ڪهڙي خواهش آهي هيءَ! جيڪا اندر ٿي کائي.... پر نه... نه... مون کي اهو ڪجهه سوچڻ جو ڪوبه حق ناهي – هو ته مون کي آسمان تي اڏرڻ واري پري ٿو سمجهي، مان سندس سندر سپنو ڇو برباد ڪيان.... هن مون کي سدائين فرانسيسي گائون ۾ ڏٺو آهي، خوشبوئن ۾ واسيل، پرس لوڏڌيندي، ميڊم جي گاڏيءَ ۾ ويندي... کيس ڪهڙي ڄاڻ ته مان هڪ هينڊ لوم جي ساڙهي اوڍيندڙ ڇوڪري آهيان، ناگ پاڙي جي هڪ ڪني گهٽيءَ ۾، بدبودار کوليءَ ۾ ٻن ڀائرن ۽ سنڌن جي سور جي سٽيل ماءُ سان گڏ رهندڙ، جنهن کي مهيني ۾ سئو روپيا پنهنجي انڌي ماسيءَ کي موڪلڻا پوندا آهن... جيڪڏهن کيس ساڀيان پلئه پئجي وڃي ته ڇا هو مون سان پريم ڪري سگهندو؟ قطعي نه- بلڪل نه- چڱو آ اهو دوو ائين ئي رهي... پر ان نموني اچي هن جو پاڻ ڦرائڻ به ته مون کي سٺو نه ٿو لڳي، بلڪل غلط آهي. جيڪڏهن مان ساڻس محبت نه ٿي ڪري سگهان ته مون کي کيس برباد به نه ڪرڻ گهرجي. مون کي ساڻس رکائيءَ وارو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، اهڙو، جيئن سندس من ۾ مون لاءِ نفرت جي باهه ڀڙڪي پوي، هو مون سان شديد نفرت ڪرڻ لڳي، مون کي سدائين لاءِ وساري ڇڏي. ياد ڪري ته هڪ خراب، بدمعاش ۽ آواره ڇوڪريءَ جيان ياد ڪري... نه ته هو هن دڪان تي اچي اچي تباهه ٿي ويندو. هي دڪان آهي، محبت جو مئخانو ناهي!
    جنهن ڏينهن موهنيءَ اهو ارادو ڪيو، ان ڏينهن هوءَ بيحد ٿڪل ٿڪل ۽ اداس ٿي ڏسڻ ۾ آئي - ۽ ميڊم سندس منهن جو پنو لٿل ڏسي اشارو به ڪيو، پر موهني اهو چئي لنوائي ڇڏيو ته اڄ کيس گهڻو ڪم ڪرڻو پيو آهي، گراهڪي تمام گهڻي هئي ۽ هوءَ بيحد ٿڪل آهي. گائون لاهي، هن پنهنجي ساڙهي لاهي هيڊ لوم جي ساڙهي پاتي، ۽ پراڻا سينڊل کڙڪائيندي موهني وارڊن روڊ جي شانائتي فليٽ مان لهي، ۽ بس ۾ سوار ٿي ناگ پاڙي هلي وئي.
    موهنيءَ جي رٿا جو شروع ۾ ته ڪو چڱو اثر نه نڪتو، درشن به نڪ جو ڏاڍو ڇڪو هو، پر موهنيءَ به سوچي ڇڏيو هو ته پڪائيءَ سان منهن ڏبو، ڇو ته اهو ڏچو سندس همت اڳيان ديوار بڻجڻ لڳو هو، سندس راتين جون ننڊ آرام حرام ڪري رهيو هو. هاڻي اها مصيبت ختم ٿيڻ گهرجي، جنهن ڳالهه منجهان ڪنهن سٺي نتيجي جو آسرو نه هجي، تنهن کي ڍر ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو!
    هاڻِ درشن کي ڏسي هوءَ منهن ۾ گهنڊ کڻي وجهندي هئي، ۽ هن لاءِ يوڊي ڪولون جي شيشي بل ٺاهي، اڳواٽ ڪڍي رکندي هئي. درشن ايندو هو ته هوءَ بل ۽ شيشي سندس هٿ تي رکي، ”ٿينڪ يو“ چئي، ٻئي گراهڪ ڏانهن مرڪي نهاريندي هئي. تڏهن به درشن باقائدگيءَ سان ايندو رهيو. هو ڪجهه نراس ٿي ويو هو، موهنيءَ جي بي رخيءَ سبب سندس من کي چوٽ پهتي هئي، پر هو پوءِ به ايندو رهيو.
    نيٺ هڪ ڏينهن موهنيءَ کي آخري حملي ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، ۽ هوءَ ڪنهن اهڙي ئي موقعي جي تاڙي ۾ هئي. ان ڏينهن گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا سندس ڀرسان بيٺو ساڻس عطرن جي فن تي بحث ڪري رهيو هو. گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو ناميارو جهاز اڏائيندڙ هو. هو آرميءَ منجهان رٽائر ڪري چڪو هو، ٿورو منڊڪائي گهمندو هو. چاليهن سالن جي ڄمار ۾ به هو وڌ ۾ وڌ ٽيهارڪو ورهين جو لڳندو هو. سندس ڀورو رنگ، گهنڊڙيدار ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون پروقار مڇون سندس چهري تي ڏاڍيون ٺهنديون هيون. هو ڏاڍي موهيندڙ شخصيت جو مالڪ هو، ۽ مٿئين طبقي جي خوبصورت ڇوڪرين ۾ قاتل جي نالي سان مشهور هو – ڇوڪريون ته سندس ٿوري منڊڪائڻ تي به ساهه ڏينديون هيون. ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪنهن پل جيڪا سندس زبان اٽڪندي هئي، ڇوڪريون انهيءَ کي به پسند ڪنديون هيون. ڪيپٽن لال ڪاڪا چار سال پئرس ۾ به رهي چڪو هو، ان ڪري کيس فرانسيسي عطرن سان به لڳاءُ هو، ڇو ته فرانسيسي ڇوڪرين جي نفسيات ۾ عطر جو ڏاڍو دخل هوندو آهي. تنهن ڪري هر سمجهه ڀرئي نوجوان لاءِ جيڪو عورتن ۾ مقبول ٿيڻ چاهي، عطرن جي باري ۾ ٿوري گهڻي ڄاڻ جو هئڻ ضروري آهي.
    گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا اڪثر فرينچ پرفيومز تان عطر وٺڻ ايندو هو، ۽ موهنيءَ سان ڳالهائڻ ۾ کيس ڏاڍو مزو ايندو هو. جڏهن درشن دڪان اندر گهڙيو، موهنيءَ درشن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، لال ڪاڪا سان ڳالهائيندي رهي.
    موهنيءَ کلي چيو، ”لال ڪاڪا، عطر جو به هڪ وقت هوندو آهي، هڪ ماحول هوندو آهي – پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، نه وقت جو خيال ڪندا آهن، ۽ نه ماحول جو.“
    درشن جي منهن جو پنو لهي ويو.
    گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا پنهنجي سيني ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”مثال طور مون کي هن مهل جيڪا خوشبوءِ لڳل آهي، ان لاءِ تون ڇا چوندينءَ؟“
    موهني گروپ ڪيپٽن جي سيني ڏانهن نمي، ۽ سندس وار گروپ ڪيپٽن جي کاڏيءَ سان لڳي ويا. درشن کي ائين لڳو، ڄڻ ڪنهن سندس من ۾ ڇرو هڻي ڪڍيو هجي ۽ هن پنهنجي چپ ۾ کڻي چڪ وڌو.
    ”مان توکي انهيءَ عطر جو نالو ٻڌائي سگهان ٿي - ۽ اهو به سگهان ٿي ته اهو تو ڪيتري دير اڳ هنيو هو.“
    ”ٻڌاءِ، ڪڏهن هنيو هوم.“
    ”اٽڪل ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن.“
    ”بلڪل درست!“
    ”ان عطر جو نالو آخري چمي آهي!“
    گروپ ڪيپٽن کليو، ”بلڪل ٺيڪ ٿي چوين – پر...“ هن بدليل لهجي ۾ چيو، ”اڃا ته مان پهرين چميءَ جي اوسيئڙي ۾ آهيان.“
    ”لالي!“ موهنيءَ ڏاڍي پيار، ۽ هٿرو ڪاوڙ سان لال ڪاڪا کي ڇڙٻيو.
    پر دريشن کي انهيءَ ادا ۾ نه ڪا هٿراڌو ڳالهه لڳي، ۽ نه ڪاوڙ – هن کي ته فقط پيار ئي پيار نظر آيو – ڪيڏي ٻهڪندڙ مرڪ هئي، موهنيءَ جي! ڪيڏي پيار سان هوءَ گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا ڏانهن نهاري رهي هئي - ۽ کيس پيار منجهان ”لالي“ چيو هئائين!
    ”موهنيءَ چيو، ”هي بيڊ روم جو عطر آهي، اهو هڻي ٻاهر ناهي گهمبو...“
    ”ڇو نه ٿو گهمي سگهجي؟“ گروپ ڪيپٽن پڇيو.
    ”جيڪڏهن تون بيڊ وارو پائجامو پائي ٻاهر گهمي سگهين ٿوته پوءِ هي عطر هڻي به ٻاهر گهمين سگهين ٿو. جيڪڏهن تون پئرس ۾ هجين ها ته ماڻهو ضرور توکي چيڙائن ها....“
    ”ته پوءِ مون کي هن مهل ڪهڙو عطر هڻڻ کپي“
    ”مس!“ درشن اتالائيءَ سان چيو.
    ”پليز!“ موهنيءَ هٿ جي اشاري سان کيس انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ مرڪي وري لالي سان ڳالهائڻ لڳي.
    ٻڌاءِ نه موهني...“ لال ڪاڪا چيو، ”مان هن مهل ڊرائننگ روم ٿو وڃان – ٿي سگهي ٿو ته بيڊ روم ۾ به وڃڻو پوي....“
    ”ڏاڍو شرير آهين؟ موهنيءَ وري هٿرادو ڪاوڙ سان چيو، ”مان توکي هڪ اهڙو عطر ٿي ڏيان، جيڪو ڊرائينگ روم ۽ بيڊ روم، ٻنهي هنڌن تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.“
    موهني عطر ڳولڻ لڳي، گروپ ڪيپٽن وڏي آواز سان چيو، ”تو سدائين انڪار ڪيو آهي، پر هاڻي مان انڪار جو هڪ لفظ به نه ٻڌندس، سڀاڻي منهنجو جنم – ڏينهن آهي، توکي منهنجي پارٽيءَ ۾ اچڻو پوندو.“
    ”جيڪڏهن تون مون کي وٺڻ ايندين ته توسان گڏ ضرور هلنديس.“
    گروپ ڪيپٽن لال ڪاڪا خوشيءَ منجهان زور سان سيٽي وڄائي.
    درشن تڪڙيون وکون کڻندو هڪدم دڪان کان ٻاهر هليو ويو، موهنيءَ ٽيڏي اک سان کيس ويندي ڏٺو، جڏهن هوءَ عطر کڻي واپس آئي ته گروپ ڪيپٽن رڙ ڪري چيو، ”تنهنجو منهن ڇو لهي ويو آ! ايڏو پيلو پيلو....“
    موهنيءَ پنهنجي نرڙ تي هٿ رکندي چيو، ”منهنجو مٿو ٿو ڦري!“
    ان کان پوءِ ٻن مهين تائين کيس درشن جي شڪل ڏسڻ نه آئي،نه هو دڪان تي آيو ۽ نه ٻاهر ڪٿي نظر آيو، جتان موهنيءَ جي من مان هڪ ڦوهارو نڪتو هو،ا تي هن هڪ پٿر جي سر رکي ڇڏي. ڀل اندر ئي اندر ڦٽ وڌندو رهي، پر ٻاهر ٻڙڪ نه نڪري، جيتوڻيڪ راتين جو کيس ننڊ نه ايندي هئي، ۽ کيس ننڊ جي گورين جي عادت پئجي وئي هئي. محبوب کي واپس ورائڻ جي دوا ته ڪنهن ڊاڪٽر ايجاد ناهي ڪئي- پر ننڊ کي ته دوا جي زور تي موٽائي سگهجي ٿو، اهائي غنيمت آهي!
    وري هڪ ڏينهن هو آيو، هاڻي هو ڏاڍو سنهڙو ٿي ويو هو، اڳ ڪڏهن به موهنيءَ کيس اهڙي حال ۾ نه ڏٺو هو. ڪپڙا به سٺا نه هئا. پينٽ ۾ ڪريز نه هئي، بٽڻ غائب هئس. اکيون اهڙيون، جهڙو ڪيترين راتين کان ستو ئي نه هجي، ڏاڙهي وڌيل... نه ڄاڻ ڇو درشن کي ڏسڻ سان موهنيءَ جو من رجڻ لڳو. کيس هن جو وڌيل ڏاڙهي وارو چهرو کيس ڏاڍو من موهيندڙ لڳو، پر هوءَ حيرانيءَ منجهان چپ چاپ کيس ڏسندي رهي.
    درشن چيو، ”مون کي اسٽوني هاٽ جي شيشي گهرجي.“
    موهنيءَ چيو، ”توهان وٽ ڪنهن جو مرتيو ٿيو آهي ڇا؟“
    ”نه، منهنجي شادي ٿيڻ واري آهي.“
    موهنيءَ جي دل هڪ پل لاءِ بيهجي وئي، ۽ پوءِ زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، سندس سڄو بدن ڏڪڻ لڳو، هٿ پير سندس وس ۾ نه رهيا. سندس سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هوءَ ڇا چوي، ڪنهن کي چوي ۽ ڇو چوي. مشڪل سان هن پاڻ جهليو، ۽ هٿراڌو مرڪ منهن تي آڻي چيائين، ”اسٽوني هارٽ ته ماتمي خوشبوءِ آهي، شاديءَ لاءِ مناسب نه ٿيندي.“
    ”هن شاديءَ لاءِ اهائي مناسب آهي!“ درشن آهستي چيو، ”منهنجي گهر، منهنجي ڳوٺ ماءُپيءُ منهنجو انتظار ڪري رهيا آهن، مون ها چئي ڇڏيو آهي، اڄ رات وڃان ٿو.“ هن آهستي آهستي چيو. سندس چپ ڀيڪوڙيل هئا.
    موهنيءَ چيو، ”مان توکي هڪ بهترين خوشبوءِ ڏينديس، تنهنجيءَ ڪنوار لاءِ، جوائي.... خوشين سان ڀرپور... پنهنجي پاران سوکڙيءَ طور...“
    درشن ڪوبه جواب ڏيڻ بنا اسٽوني هارٽج ا پئسا ڪڍي ڪائونٽر تي رکيا. هاڻ موهنيءَ لاءِ ٻي ڪا واهه نه رهي، هن اسٽوني هارٽ جي شيشي کڻي درشن کي ڏني، درشن کانئس شيشي اهڙِ نموني ورتي، ڄڻ موهنيءَ کان پنهنجي آخري ڏوهه جي سزا وٺي رهيو هجي. شيشي وٺي هو منهن هيٺ ڪري ٻاهر وڃڻ لڳو.
    (نه وڃ درشن!) موهنيءَ دل ئي دل ۾“ چيو، چريا، بيوقوف، انڌا ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته مان تو سان محبت ٿي ڪيان! ڇا تون فقط منهنجو فرينچ گائون ڏسندو آن... اهو گائون ته ڏس، جيڪو منهنجي من ۾ پڄري کامي رهيو آهي. منهنجون حالتون ته ڏس منهنجون مجبوريون ته ڏس... نه وڃ درشن! مان ڪائي امير شهزادي ناهيان، تو جيان غريب آهيان، جنهن کي هڪ پوڙهي ماءُ آهي، انڌي ماسي آهي، ٻه ننڍا ڀائر آهن، جيڪا ناگ پاڙي جي هڪ ڪني گهٽيءَ ۾ رهندي آهي. درشن! ڇا تون ٽن سون ۾ اسان سڀني کي پالي نه ٿو سگهين؟ اڙي، مان سڀ ڪپڙا ڌوئينديس، پاڻ استري ڪنديس، تنهنجي لاءِ ماني پچائيندس – توکي پنهنجن هٿن سان کارائينديس، جڏهن تو کي ننڊ وٺي ويندي تڏهن تنهنجي پيرن کي زور ڏينديس. مون کي پنهنجي قدمن ۾ ويهار درشن!منهنجا ڪپڙا فرانس جا آهن، پر دل سنڌي عورت جي آهي، ظالم نه وڃ! مون کان ڪجهه نه چوراءِ... رات ڏينهن فائل پڙهڻ وارا درشن! منهنجو منهن ڏس ڇا تون هڪ غريب ڇوڪريءَ جي ننڍڙي ڍهري کي پڙهي نه ٿو سگهين، پر موهني ڪجهه به نه چئي سگهي. درشن آهستي آهستي دڪان منجهان ٻاهرنڪري ويو.
    درشن جي وڃڻ کان هڪدم پوءِ هوءَ بيهوش ٿي فرش تي ڪري پئي.
    جڏهن هوءَ سامت ۾ آئي،ت ڏهن پاڻ کي وارڊن روڊ جي فليٽ ۾ ڏٺائين، ميڊم سوسنا سندس مٿن کان بيٺي هئي، سوسنا ڏاڍي گهاگهه عورت هئي، هن موهنيءَ کان ڪجهه پڇڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. بلونت راءِ جيتوڻيڪ خاموشيءَ سان دڪان تي ويٺو هوندو هو، پر سڀ ڪجهه ڏسندو و ائسندو هو. هن ميڊم کي درشن بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو، ۽ ميڊم هن مهل موهنيءَ مٿان گهور پئي وئي.
    ”ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي موهني! مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿي – پر ٻچڙي! هيءَ تنهنجيءَ زندگيءَ جو پهريون دک آهي، اهو ته توکي ڪنهن به نموني برداشت ڪرڻ گهرجي. انهيءَ دک جي بيناد تي تون زندگيِءَ جا سک تعمير ڪري سگهندينءَ. توکي منهنجي ڳالهه ٻڌي حيرت ٿيندي، پر سچ ٿي چوانءِ، دل کي ڌڪ کائڻ ڏي. تنهجا مسئلا ڏاڍا منجهيل ۽ گهڻا آهن، تنهنجا ڀائر! تنهنجي ماءُ !! شادي ته آخرهر عورت کي ڪرڻي آهي، پر سوچي سمجهي، دل هٿان لٽجي نه، پنج- ڇهه سال هتي ڪم ڪندينءَ ته ڪجهه پئسا به گڏ ڪري وٺندينءَ، ۽ آهستي آهستي تنهنجي وڌندڙ شهرت مستقل خوشبوءِ جيان مٿين سوسائٽيءَ ۾ ڦهلجي ويندي، ۽ هڪ ڏينهن توکي اهڙو مڙس ملي ويندو، جيڪو مالدار به هوندو ۽ تنهنجي پسند جو به - ۽ اهي ٻئي شيون زندگي لاءِ انتهائي ضروري آهن ڊارلنگ! تنهن ڪري اهو دک جهاڳي وڃ. هن دنيا ۾ سچي خوشيءَ جي پيڙهه دک تي بيٺل اٿئي. جيئن هر سٺي خوشبوءِ لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ بدبوءِ جا ڪجهه جزا شامل هجن – شايد توکي ڄاڻ ڪانهي منهنجي ٻچڙي، ته اسان جا فرانسيسي عطر ٺاهڻ وارا سوين قسمن جون خوشبوئون ملائي، هڪڙي خوشبوءِ تيار ڪندا آهن، پر هر خوشبوءِ جي بنياد ۾ ڪجهه نه ڪجهه بدبوءِ جا جزا به شامل هوندا آهن. انهيءَ جي بنياد تي خوشبوءِ مهڪندي آهي... اهو زندگيءَ جو اصول آهي.“
    موهني آرام ڪرسيءَ تي پاسو ورائيندي سوچيو، هيءُ ڪهڙو زندگيءَ جو اصول آهي! محبت جا دک جهاڳيو ۽ دولت جو انتظار ڪيو – ڀائرن کي پاليو، ۽ جوانيءَ تان هٿ کڻو – قسمين قسمين خوشبوئون حسن جي ادائن ۾ ويڙهي ماڻهن کي پيش ڪيو، پر جيڪڏهن ڪٿان محبت جي خوشبوءِ جو هڳاءُ توهان تائين پهچي ته منهن کڻي ٻئي پاسي ڪيو، ڇو ته انهيءَ سان ڪنهن جي ٽجوڙيءَ ۾ ڏار ٿا پون.... ۽ اوچتو موهني سمجهي وئي ته فورٽ جي علائقي ۾ جيتريون به خوشبوئون آهن، انهن سڀني جو بنياد ناگ پاڙي جي بدبوءِ تي آهي!
    پر جڏهن اها ڳالهه سندس سمجهه ۾ آئي، تڏهن هوءَ ڌڪ کائي چڪي هئي، درشن وڃي چڪو هو!
    ميڊم کيس ڇاتيءَ سان لائيندي چيو، ”ايندڙ مهيني کان مان تنهنجي پگهار ۾ پنجاهه روپين جو واڌارو ڪري رهي آهيان.“
    شام جو موهني گهر پهچي وئي، سندس ماءُ ڪيترن کان کيس فلم ”رام راڄ“ ڏياکرڻ لاءِ چئي رهي هئي، موهنيءَ پنهنجن ڀائرن سان گڏ ماءُ کي فلم ڏسڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو – اڄ جي شام هن اڪيلائيءَ ۾ گهارڻ ٿي چاهي.
    جڏهن سندس ماءُ ۽ ڀائر هليا ويا، تڏهن هن پنهنجي بستري جي ڀرسان واري ڳڙکي کولي ڇڏي. پرس کولي ان مان جوئي جي عطر جي شيشي ڪڍيائين، جيڪا هن درشن جي ڪنوار کي سوکڙيءَ طور ڏيڻ ٿي گهري. پوءِ هن هڪ خط ماءُ نالي لکيو. هڪ خط درشن کي سندس آفيس جي ايڊريس تي – ۽ پوءِ هن ننڊ وارين گورين جي سڄي شيشي تريءَ تي لاهي کڻي وات ۾ وڌي ۽ ڊگهي ٿي بستري تي سمهي پئي.
    ڳڙکيءَ کان ٻاهر آسمان ڪاراٽجي رهيو هو. ماحول ۾ چوڏس چمنين جو دونهون ۽ دز ڦهليل هئي.
    پردن کي لوڏيندڙ هوا ۾ بدبوءِ جو واسو هو. گهرن ۽ گهٽين جو وڌندڙ گوڙ ڳڙکيءَ کان اندر اچي رهيو هو. ڪٿي ٻار بک کان رڙيون ڪري رهيا هئا، ۽ مائرون کين ماري رهيون هيون – مڙس گاريون ڏئي رهيا هئا – ڪٿي هڪ پوڙهي لڳاتار کنگهي رهي هئي. سندس بلغم بدصورت ۽ نٺر زندگيءَ جيان سندس نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو هو، ۽ نڪرڻ جو نالو ئي نٿي ورتائين.
    موهنيءَ جون اکيون ننڊ کان ڳريون ٿيڻ لڳيون. گهٽين جو هل هنگامو گهڻو پري ٿيندو ويو.سندس ماءُ، ڀائرن ۽ ماسيءَ جا مهانڊا گڏجندا ۽ دور ٿيندا ويا، ۽ انهن جي مٿان درشن جو مهانڊو گهڻو پري کان ويجهو ٿيندو ويو. هاڻ اهو چهرو هن جي بلڪل مٿن کان اچي پهتو، ۽ سندس سمورن احساسن مٿان ڇانئي ويو. موهنيءَ اطمينان جو هڪ ڊگهو ساهه ڀريو، هاڻي هن درشن جي چپن کي پنهنجي پنبڻين مٿان پئي محسوس ڪيو. تون اچي وئين درشن! هاڻي مرڻ ڪيڏو نه سٺو ٿو لڳي. مان ته تو سان محبت ڪندي رهي آهيان، پر ڪڏهن توکي ڪجه چئي به نه سگهيس. منهنجي زبان ئي نه کلي سگهي، ڇو ته جڏهن تون آئين، مان عطر جي شهزادي هئس. تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ عطر وڪڻڻ وارو ڪائونٽر هو، ۽ مان توکي ڪجهه به چئي نه سگهيس.... تو سدائين مون کي غلط سمجهيو ۽ مان توکي صحيح سمجهي نه سگهيس. مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀر درشن! مون ويران گهڙين ۾، سنسان مانجهاند ۾ ۽ اڪيلين راتين ۾ سدائين تنهنجي ٻانهن جو سهارو ڳوليو آهي... منهنجي اوسي پاسي هي خوشبوءِ، هن ظالم اسٽوني هارٽ جي خوشبوءِ ڦهلائي ڇڏ – جتي مان وڃي رهي آهيان، اتي تون نه وڃي سگهندين، پر تنهنجي ياد هڪ عطر بڻجي مون سان گڏ هلي ويندي.
    موهنيءَ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پنهنجو هٿ ٽپائيءَ ڏانهن وڌايو، جتي سندس پورس رکيو هو. پرس کولي هن ان مان اسٽوني هارٽ جي شيشي ڪڍي. موهنيءَ ان کي هنڌ تي ڇنڊڻ چاهيو ٿي، پر سندس هٿن ۾ ايتري طاقت نه رهي هئي، جو هوءَ شيشي کولي سگهي. سندس اکيون ٻوٽجي ويون، ۽ سندس هٿن مان شيشي ڇڏائجي فرش تي وڃي ڪري ۽ ٽٽي پئي. آهستي آهستي عطر وهي اڏڻ لڳو....
    گاڏي وڃڻ ۾ اڃا اڌ ڪلاڪ کن هو. مس ڊي سوزا پنهنجا لڙڪ اگهندي درشن کي چئي رهي هئي، ”بيوقوف تون ساڻس پنهنجي محبت جو اظهار ته ڪرين ها....“
    ”انهيءَ جي ضرورت نه هئي.“ درشن اداسيءَ منجهان چيو. ”هن سڀ ڪجهه ڄاڻندي مون کي ڌڪاري ڇڏيو.“۾
    ”تون اهو ڪيئن ٿو چئي سگهين؟“ مس ڊي سوزا ٿوري ڪاوڙ مان چيو، ”ڇا تو هن کي شادي لاءِ چيو هو؟“
    ”نه- پر ڇا هوءَ ايترو به سمجهي نٿي سگهي!؟“ درشن چڙي ويو.
    ”ڀوڪ!“ ڊي سوزا انتهائي ڪاوڙ منجهان چيو، “”تون هن کان پڇين ته ها... سندس انڪار ته ٻڌين ها... ماڻهو پنجن پنجن سالن تائين عورت جو انڪار ٻڌي به اقرار ڪرائي وٺندا آهن - ۽ تون آهين جو موهنيءَ سان محبت جو اظهار ڪرڻ بنا ئي ايڏو جلدي نراس ٿي وئين!“
    ”ڪو فائدو نه ٿئي ها فلاري.“ درشن ڪنڌ لوڏي چيو، ”هوءَ امير هئي، مان غريب هوس- هوءَ وارڊن روڊ تي رهندي هئي، پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي دڪان تي ايندي هئي، هزارين روپين جو گون پهريندي هئي.“
    ”اڙي ڄٽ! ڄٽ!!“ ڊي سوزا رڙ ڪئي، ”تو ته سڀ ڪجههه ناس ڪري وڌو، اڙي بيوقوف! هوءَ ته مون جيان غريب ڇوڪري آهي، ميڊم جي گاڏيءَ ۾ ايندي آهي ۽ سندس ئي گاڏيءَ ۾ ويندي آهي. گون هن جا پنهنجا ناهن، دڪان جا اهن، هوءَ وارڊن روڊ تي ناگ پاڙي ۾ رهندي آهي، هڪ معمولي کوليءَ ۾. سندس ايڊريس جي مون کي ڄاڻ آهي.“
    ”توکي ڪهڙي خبر؟“
    ڊي سوزا پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو، ”جنهن ڏهاڙي کان تو مون کي سئنيما ڏيکارڻ بند ڪيو، مون ڏانهن پيار منجهان نهارڻ ڇڏي ڏنو.. ڇا مون ايترو به معلوم نه ڪيو ها؟ گڏهه! گڏهه!! هن پنهنجو پرس کوليو، ۽ ان مان ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو ڪڍي درشن کي ڏيندي ڏيو، ”هي سندس پتو آهي، هڪدم وڃي ساڻس مل.“ ان کان پوءِ ڊي سوزا روئندي اتان هلي وئي.
    درشن ٿوريءَ دير تائين منجهيل منجهيل هن ڏانهن ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ اوچتو کيس ڪجهه ياد اچي ويو. هن ڪاڳر جي ٽڪري کي ڌيان سان ڏٺو، پنهنجي بيگ کنئي ۽ اسٽيشن کان ٻاهر اچي ٽيڪسي ڳولڻ لڳو.
    موهنيءَ جو در کڙڪيو.
    ”موهني! موهني!! پر دروازو نه کليو.
    ”موهني مان آهيان،د رشن! در کول... تو ۾ ضروري ڪم اٿم....
    درشن ٿورو زور ڏنو، در پنهنجو پاڻ کلي ويو. درشن اندر ڌوڪي آيو، ۽ اندر ايندي پئي پنڊ پهڻ ٿي ويو. سامهون هنڌ تي موهني وهاڻن جي وچ ۾ مئي پئي هئي، ٽپائيءَ تي هڪ خط درشن جي نالي رکيو هو. هڪ سوکڙي سندس ڪنوار لاءِ رکي هئي. عطرج ي هڪ شيشي فرش تي ٽٽي پئي هئي، ۽ اداس اداس خوشبوءِ سڄي ڪمري ۾ ڦهليل هئي.
    ”موهني!“ درشن ڀريل دل سان ايترو ئي چئي سگهيو. ڪي گهڙيون ته چپ هو موهنيءَ کي ائين ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ ٿيڙ کائي موهنيءَ جي هنڌ تي ڪري پيو. هن موهنيءَ جا ٻئي پير پنهنجي نرڙ تي کڻي رکيا، ۽ ٻارن جيان هڏڪيون ڏئي روئي پيو. اسٽوني هارٽ!

    (سنڌيڪار: زيب سنڌي)


    14. آخري بس

    ”آخري بس درسوا لاءِ تيار هئي. يارهن ٿيا هئا ان کان پوءِ ٻي ڪا بس نه ويندي. يارهين وڳي کان پوءِ جنهن کي به درسوا وڃڻو هجي، اهو پنڌ وڃي، ٻه روپيا ڀري ٽانگي ۾ وڃي، يا ٽي روپيا خرچ ڪري ٽيڪسي ۾. درسوا بس اسٽينڊ کان ٽي ميل پري آهي. رستو ويران ۽ سنسان هيٺاهين کان لنگهي ٿو. روڊ کان پريان ديا ڪٽاڙي جا ڀوائتا ٻوڙا آهن، جيڪي چوري چڪاريءَ ۽ خون لاءِ سٺو ڪم ڏيندا آهن. تنهن ڪري ايڪڙ ٻيڪڙ مسافر گهڻو ڪري ڦريا وڃن ٿا، ۽ آپگهات ۽ خون لاءِ بمبئيءَ کان ماڻهو هتي ڪهي ايندا آهن، جن جو ذڪر اڪثر اخبارن ۾ ايندو آهي. ان ڪري ئي بس اسٽينڊ تي ٽِڪسي ڊرائيور يا ٽانگي وارا، جيڪي گهڻو تڻو سنڌ جا مڪراني ۽ سرحد جا پٺاڻ آهن، پاڻ سان گڏ ڇرو ضرور رکن. رات جو نشي ۾ الوٽ لڳا وتندا. ان لاءِ اڪثر ماڻهو اڪيلا يا ٻيلهه سفر نه ڪن، بدمعاشن ۽ موالين تي ڪهڙو اعتبار! تنهن ڪري مان گاڏيءَ جي اسٽيشن تي بيهڻ شرط ڊوڙندو اچي بس ۾ ويٺس.
    بس ڏاڍي ڀريل هئي. هيءَ بس سواريءَ لاءِ نه، سامان لاءِ هئي. ٻين بسن ۾ مسافر سامان کڻي نٿا وڃي سگهن، پر سامان واري بس ۾ سامان رکڻ جي موڪل آهي. ٻين بسن ۾ پنجٽيهه ماڻهو ويهارين، پر هن ۾ فقط اٺاويهه، پر وري به هن ۾ اٺاويهن کان وڌيڪ ماڻهو هوندا، مون دل ئي دل ۾ ماڻهو ڳڻڻ شروع ڪيا، ٻٽيهه امڻهو هئا. ڇا ڪنڊيڪٽر ٻٽيهه ماڻهو کڻي هلندو؟ آخري بس آهي: اڪثر ڪنڊيدڪٽر رحمدل هوندا آهن. گهڻو ڪري آخري بس تي پاڻ کي قانون جو ڄاڻو ظاهر نه ڪن ۽ چار پنج ماڻهو جي وڌي به وڃڻ ته انهن کي کنيو وڃن. وري به متان جهيڙو ٿي پوي، تنهن ڪري چڱي نموني ٺهي ٺڪي سيٽ تي ويهي رهيس، ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسندي آرام سان سيٽي وڄائڻ لڳس، ڄڻ بس ۾ سڀ کان اڳ مان سوار ٿيو هوس. ڪنڊيڪٽر اندر اچي مسافر ڳڻيا، ۽ چيائين ”چار ماڻهو وڌيڪ آهن، سي لهي وڃن.“
    گهڻن ماڻهن هڪ ئي وقت ڳالهايو، ”ڇڏ يار! آخري بس آهي، ڪيئن ويندا ويچارا!“
    ڪنڊيڪٽر مرڪي گهنٽي وڄائي. ڊرائيور سيٽ تي ويهي، اندريون بتيون، وسايون، ۽ پوءِ انجڻ اسٽارٽ ڪرڻ لڳو. ٿوريءَ دير تائين انجڻ جي کنگهڻ جو آواز ايندو رهيو، ۽ پوءِ انجڻ بند ٿي وئي. ڊرائيور بٽڻ دٻائي وري اندريون بتيون ٻاريون، ۽ پنهنجي سيٽ تان اٿي انجڻ ڏسڻ لڳو. مسافرن جي چهرن تي نااميديءَ جا پاڇا ظاهر ٿيڻ لڳا، بس ڪنڊيڪٽر دلاسو ڏيندي چيو، ”رڳو پنجن منٽن ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ ۽ هو به بس مان لهي ڊرائيور ڏانهن هليو ويو.
    مون هيڏي هوڏي ڏٺو. مون جيان ٻيا به گهڻا مسافر آخري بس تي پهچندا آهن – تنهن ڪري گهڻا ڄاتل سڃاتل چهرا نظر اچڻ لڳا، انهن ۾ ڊاڪٽر ڪامتا پرشاد جو چهرو هو- گول مٽول چهري تي سوئچ وانگر لڙڪيل ڪمزور کاڏي – سوچيم، ڇا سوئچ کي هيٺ مٿي ڪرڻ سان هن جي چهري تي روشنيءَ جي لهر ڊوڙي نه ٿي سگهي. سوچيم ته اهوئي، پر کيس چيم اهو ته، ”ڊاڪٽر صاحب گهڻي دير ڪري ٿا اچو.“
    ڪامتا پرشاد مون ڏي ڏسي مرڪيو، ”ڇا ڪيون! اڄڪلهه ڪامپيٽيشن گهڻي آهي، ڌنڌو گهٽ آهي، دڪان تي دير تائين ويهڻو ٿو پوي.“ ڪامتا پرشاد جو ڏندن ٺاهڻ جو دڪان فرانس روڊ ۽ چيني گل جي ڪنڊ تي آهي. پوڙهو چيني اتي ٽيهن سالن کان ويٺل آهي، سندس ٻه ڌيئر فرانس روڊ تي جسم جو ڌنڌو ڪنديون آهن، ۽ پاڻ ڏندن ٺاهڻ جو ڌنڌو ڪندو آهي – تنهن ڪري گهٽ پئسا وٺڻ جي باوجود ڪامتا پرشاد سندس مقابلو نٿو ڪري سگهي.
    ”آءٌ پنهنجي ڌيءَ جي ڪمائي کائي نه سگهان!“ ڪامتا پرشاد شڪايتن مون کي چيو، ان ڪري مون کي دير تائين ويهڻو ٿو پوي – پر ان سلسلي ۾ وري به چائوين جو مقبالو ڪري نٿو سگهان، هو ته سمهي به پنهنجي دڪان ۾ ٿو، پر مان سڄي رات دڪان ڪيئن ٿو کولي سگهان؟ يارهين وڳي ائين دڪان کليل رکڻ جي اجازت آهي، تنهن کان پوءِ هن بس تي پهچڻو هوندو اٿم.“
    مان چپ رهيس.
    ڊاڪٽر چيو، ”هي دنيا کي ڇا ٿي رهيو آ!“
    ڪامتا پرشاد جي کاڏيءَ جو سئچ وڌيڪ هيٺ لڙڪي پيو، منهنجيءَ دل ڏاڍو گهريو ته سئچ کي هيٺ مٿي ڪري ڏسان ته زندگيءَ جو ڪنيڪشن به ٿيندو آهي يا نه- پر اهو سوچي ڇپ ٿي ويس ته آخري بس آهي، پرتي وڃڻو آهي - ۽ مان وري ڪو اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ جو ميڪنڪ ته ناهيان، جو لڙڪيل سئچ کي ٺيڪ ڪندو وتان، جهنم ۾ پوي ڊاڪٽر.
    ڊاڪٽر مون ڏي ڏسندي مايوس لهجي ۾ چيو، ”هاڻي ته سڄو ڏينهن ويهڻ سان به گراهڪ نٿو اچي، ها جڏهن رات جو فرانس روڊ جي گهٽين ۾ بحري ملاحن جا ٽولا اچن ته ڊاڪٽر جهيڙو جهٽو ٿئي، ان ۾ ڪنهن جا ڏند به ڀڄي پون، پوءِ عين موقعي تي ماڻهو ڏند ٺهرائڻ لاءِ ايندا، دڪان بس فرسٽ ايڊ جو اڏو آهي. پر هاڻي مون فرانس روڊ جي هڪ مواليءَ کي ڪميشن تي راضي ڪيو آهي ته هو ڀڳل ڏندن جا سمورا ڪيس مون وٽ آڻي – پر ان مان به گذارو نه ٿو ٿئي.“
    ڪامتا پرشاد جي ڳالهه ٽن دڪاندارن به ٻڌي، جيڪي سندس ڀرسان ويٺا هئا. انهن ۾ ٻه سنڌي ۽ هڪ پنجابي هو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان لڳي رهيو هو ته ٽنهي جا دڪان ڀرسان هئا، ٽنهي کي اها ڳڻتي هئي ته ڌنڌي کي ڇا ٿي ويو آهي، صبح کان ٻهڻي نه ٿي آهي. ٽيئي مگن لال مٺائيءَ واري تي توائي هئا، ته گراهڪن کي هيڏانهن اچڻ ئي نه ٿو ڏئي بدبخت! اتي مور تي ئي کڻي ٿو سوگهو ڪرين. جڏهن هن جي سموري سٺي مٺائي ختم ٿي ويندي، تڏهن، ڪو اسان ڏانهن لڙندو. دل گهرندي آهي ته حراميءَ جي دڪان کي باهه ڏئي ڇڏجي. اڄ صبح کان ڪل ٻارنهن آنا ڪمايا آهن، آخر گهر جو خرچ ڪيئن هلندو؟
    ان کان پوءِ هو ورهاڱي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. اهو گهر، جيڪو ڪراچيءَ ۾ ڇڏي آيا هئا، اهو گهر، جيڪو لاهور ۾ هو. اسان جي حڪومت پناهگيرن لاءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري.
    مون ٻئي پاسي ڏٺو. هڪ دريءَ سان بيڪل ايم – اي ايڊيٽر ”فلم روز“ ويٺل هو، سندس سڪل چهرو ڀنگ جي نشي ۾ سڀني کي گهوري رهيو هو. هن ”فلم روز“ جي فائيل تي ڌڪ هڻندي چيو، ”روز دير ٿي ويندي آهي، اٺ ڏهه ڪلاڪ ”فلم روز“ جي آفيس ۾ ڪم ڪيون، چيني صاحب جون ڇڙٻيون ٻڌون، ۽ پوءِ وري ڏيڍ ڪلاڪ بوري بندر ۾ بس جو انتظار، وري هت پهچو ته بس خراب! هي ڪهڙو انتظام آهي، بيسٽ ڪمپنيءَ کي تالو هڻي ڇڏڻ گهرجي.“
    ”ڇو تالو هڻون!“ ورڪر چيو، ”انڪري ته ڪڏهن ڪڏهن انجڻ خراب ٿي پوي ٿي؟ انهيءَ ۾ ڪمپنيءَ جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“
    ”ڪمپنيءَ جو قصور ناهي ته پوءِ توهان جو آهي. جڏهن کان توهان ورڪر يونين ٺاهي آهي. توهان جو دماغ خراب ٿي ويو آهي، مان سڀ سمجهان ٿو!“
    ”ڇا ٿو سمجهين؟ورڪر ڪاوڙ مان چيو.
    ”اوهان هڙتالون ٿا ڪريو، ٻيڻو ڀتو ٿا گهرو، مهانگائي الائونس ٿا وٺو، اهو پئسو ڪٿان ٿو اچي؟ اسان جي کيسن مان ٿو اچي، غريب عوام جي کيسن مان – توهان مزور مزي ۾ آهيو، مڊل ڪلاس بک ٿو مري.“
    گهڻن سفيد پوشن ها ۾ ها ملائي. انهن مان گهڻن چهرن کي مان سڃاڻان، سيٺ حاجي دائود ٺيڪيدار، جنهن کي جوهو تي پندرهن ماڙ بلڊنگ ٺاهڻ جو ٺيڪو هو. ”نوڀارت“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر جي – جي شاهه، جيڪو پنهنجيءَ زال سان فلم ڏسڻ کان پوءِ واپس اچي رهيو هو. هڪ مليالي ڪرسچن نوجوان، جيڪو بي – اي پاس ڪرڻ کان پوءِ بيڪار ويٺو هو، ۽ نوڪريءَ جي ڳولا ۾ ساڻو ٿي پيو هو. سندس مڇن هيٺان ٻه اڇا ڏند هر وقت چمڪندي نظر ايندا هئا، تنهن ڪري خبر نه پوندي آهي ته هو ڪاوڙ ۾ آهي يا مرڪي پيو. ”ڏسو! بي-اي پاس ڪرڻ کان پوءِ به نوڪري نٿي ملي، ٻه سال ٿي ويا آهن - ۽ هي چار درجا پڙهي لهءِ ڪري ويا آهن،.“
    بيسٽ ڪمپنيءَ جي ورڪر ٻانهون کنجي ڇڏيون. سندس ڀرسان ريلوي ڪمپنيءَ جو هڪ مزور ويٺو هو. جنهن جي نيري پر ميري ڊريس ڪوئلي جي ڪاراڻ ۾ لٽيل هئي، سندس منهن تي به ڪوئلي جي ڪارنهن هئي، جنهن جي اندران سندس گهرين اکين جي روشني خوفناڪ ڳاڙهاڻ جيان چمڪي رهي هئي. ماڻهو سندس ڪارنهن سان ٿڦيل ڪپڙن کي ڏسي، کائنس ٿورو پرڀرو ويهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ريلوي ڪمپنيءَ جي مزور بس ڪمپنيءَ جي مزور کي ٻانهن کان جهلي چيو ”ڇو ٿو اجايو وڙهين – انهن ماڻهن کي ڪهڙي خبر اسان جي حالتن جي، ڇڏي ڏينس، جهٽ کن ۾ بس هلندي ته انهن صاحبن جو دماغ هوا لڳڻ سان پاڻيهي ٺيڪ ٿي ويندو.“
    ”تون ڇا ٿو سمجهين! ته منهنجو دماغ خراب آهي؟“ مليالي نوجوان ڪاوڙ ۾ چيو، هن جا ڏند چپن مان ٻاهر نڪري آيا هئا، ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ ٽهڪ ڏيئي کلڻ وارو هجي. ريلوي مزور کي کل پئي آئي، تنهن ڪري هن منهن کڻي ٻئي پاسي ڪيو.
    جي- جي شاهه پنهنجي زال کان پڇيو، ”بيٽي ڊيوس جي اداڪاري توکي پسند آئي؟“
    زالهنس سندس اکين ۾ اکيون وجهي مرڪي ڏنو. ڄڻ بيٽي ڊيوس جي اداڪاريءَ کي شراب جي ڍڪ جيان پي رهي هئي. جي – جي شاهه پنهنجي زال کي ٻانهن ۾ چهنڊڙي هڻندي گجراتيءَ ۾ چيو، ”تنهنجون اکيون به ته بيٽي ڊيوس جهڙيون آهن“
    زالهنس اکيون ڇنڀيندي گجراتيءَ ۾ چيو، ”ڇڏ چريا!“
    ان کان پوءِ گهڻا مسافر هڪ ئي وقت ڪمپنيءَ جي شڪايت ڪرڻ لڳا، ”هي ڪهڙو انصاف آهي جو اسان ٻارهين وڳي وڃي گهر پهچون! ڪمپنيءَ کي ٻيِءَ بس جو انتظام ڪرڻ گهرجي، پر هئڻ ته ائين گهرجي ته هڪ فالتو بس هر وقت اڏي تي موجود هئڻ گهرجي.“
    هڪ مارواڙي سوئزرلينڊ جي بسن کي ياد ڪرڻ لڳو، ”جڏهن مان سوئزرلينڊ ۾ هوس.....“ پر سندس آواز ماڻهن جي گوڙ ۾ گم ٿي ويو. بس ڪنڊيڪٽر جڏهن گوڙ ٻڌي اندر يو ته سڀني آوازن بکايل ڪتن جيان مٿس حملو ڪيو. هر ڪو چهرو وحشي نظر اچي رهيو هو. هر ڪو پنهنجي ناڪامين جي بخار ۾ ٻريو ويٺو هو، پنهنجي ڪاوڙ بس ڪنڊيڪٽر جي مٿان لاهي رهيو هو. ڪنڊيڪٽر به پنهنجي اٺن ڪلاڪن جي ڊيوٽي ڏيڻ کان پوءِ تنگ ٿي پيو هو. ڪاوڙ مان چيائين، ”مون ڄاڻي واڻس بس روڪي آهي- ڇا؟ مون کي ٻار ٻچا ناهن ڇا؟ مون کي بک نه لڳي آهي ڇا؟ توهان سڀ پنهنجي گهر پهچي ويندوءُ، مون کي ته درسوا کان واپس ڪولابا وڃڻو آهي، جيڪو هتان کان ويهه ميل پري آهي! اهو به توهان سوچيو ٿا، رڳو ”پنهنجي لايو ويٺا آهيو.“
    جي- جي شاهه کي ٽڪي جي بس ڪنڊيڪٽر تي ڪاوڙ اچي وئي. هو بس ۾ بيهي چوڻ لڳو، ”پنهنجي لايون ويٺا آهيون! پنهنجا لفظ واپس وٺ، نه ته اخبار ۾ ٿو لکانءِ، مون کي نه ٿو سڃاڻين ته مان ڪير آهيان، مان جي – جي شاهه ”نوڀارت اخبار“ جو ايڊيٽر، پبلڪ جو نمائندو آهيان. تو اسان جي بي عزتي ڪئي آهي. تو اسان کي گڏهه سمجهيو آهي ڇا چٻرا!؟“
    ”شٽ اپ!“ ڪنڊيڪٽر اڳتي وڌيو.
    ”يو شٽ اپ!“ جي – جي شاه ڪاوڙ ۾ ڏڪندي چيو.
    ريلوي مزور ٻنهي جي وچ ۾ اچي ويو. ايتري ۾ يارهن ڏهن واري گاڏي اچي وئي - ۽ جڏهن ماڻهن ڏٺو ته آخري بس اڃا به اڏي تي بيٺي آهي ته سڀ ماڻهو بس ڏانهن ڊوڙيا.
    ”اچو اچو.“ جنارڪي انبن واري پنهنجو ٽوڪرو سيٽ هيٺا ڪندي چيو.
    بس ڪنڊيڪٽر ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ماڻهو اندر ڌوڪي آيا، جيئن ته ماڻهو ڪنڊيڪٽر سان ڪاوڙيل هئا، تنههن ڪري سوڙها بيهندا ويا ۽ ٻين کي جڳهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ٿوري دير اڳ جتي ٻٽيهه ماڻهو ويٺل هئا. هاڻي اتي ٻائيتاليهه ماڻهو ويٺا هئا. ڪنڊيڪٽر گاڏيءَ مان هيٺ لهي چيو ”اٺاويهن کان هڪ ماڻهو به مٿي نه کڻندس.“
    ”توکي سڀ ماڻهو کڻڻا پوندا.“ شاهه رڙ ڪري چيو.
    ”ٺيڪ آ ٺيڪ آ“ جنارڪي انبن واري ۽ بيڪل ايم – اي ها ۾ ها ملائي. ريلوي مزور جنارڪي کي چيو، ”اٺاويهن جي جاءِ تي ٻائيتاليهه ماڻهو ٿا کڻڻ چاهيو، ۽ اڃا ٻين ماڻهن کي اندر اچڻ لاءِ ٿا چئو! بس ايترو وزن ڪيئن کڻي سگهندي. ڪجهه عقل کان ڪم وٺو.“
    ”عقل ته تو وٽ اچي دنگ ڪيو آهي!“ جنارڪي انبن واري، نفرت سان مزور جي ميرن ڪپڙن کي ڏسندي چيو - ۽ پوءِ گاڏيءَ کان ٻاهر بيٺل ڀوري رنگ جي سنڌي عورت کي چوڻ لڳو، ”امان اندر اچ، هلي آ، هيءَ بس سڀني کي کڻي هلندي.“
    سڀ ماڻهو کلڻ لڳا. ڪنڊيڪٽر ڏند ڪرٽيندي چيو، ”مان هاڻي ٿو پوليس کي سڏيان –“ ۽ هو ڀرسان واري ايراني هوٽل ۾ پوليس کي فون ڪرڻ هليو ويو.
    ”وٺي آوٺي آ پوليس کي.“ درٻار سنگهه فلوٽيا چيو، جيڪو شراب جي نشي ۾ ٻڏو ويٺو هو، ”اسان سڀني کان ڊڄون ٿا؟ بس وارن کان به ڊڄون ٿا؟ پڇي ڏسو سڀني کان درٻار سنگهه ڪنهن کان نه ڊڄندو آ- هوليءَ واري ڏينهن مون هڪ مدراسيءَ جي منهن ۾ رنگ هنيو، هو چوڻ لڳو مان توکي ماريندس. مان لٺ هڻي سندس مٿو ڦاڙي وڌو، پر حرامي ڀڄي ويو. مان درٻار سنگهه آهيان!“ درٻار سنگهه جي پڳڙي لٿل هئي، سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ گوڏن تي فلوٽ هڪ پيتيءَ ۾ بند ٿيو پيو هوس. هن رڙ ڪري ڪاوڙ مان چيو، ”هي حرامي بس ڇو نه ٿا هلائين؟“
    هڪ ماڻهوءَ کيس ٻڌايو،“ ڪنڊيڪٽر پوليس کي وٺڻ ويو آهي.
    ”وٺي اچي پنهنجي پيءُ کي، درٻار سنگهه سڀني جو مٿو ڦاڙي وجهندو.“
    گهڻا ماڻهو درٻار سنگهه جي تعريف ڪرڻ لڳا؛ ”ڏاڍو دلير آهي، بي ڊپو. اڪيلي سر ڏهن ماڻهن سان منهن ڏيڻ وارو!“
    درٻار سنگهه خوش ٿيندي چيو، ”منهنجو نالو درٻار سنگهه فلوٽيا آهي، سڄي بمبئي مون کان ڊڄندي آهي.“
    ٿوريءَ دير ۾ بس جا سڀ ماڻهو هڪ وقت ڳالهائڻ لڳا، هر ڪو پنهنجي بهادريءَ جون هٿرادو ڳالهيون ڪرڻ لڳو. فقط ريلوي وارو مزور چپ هو، ماڻهن هن ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو. مون به ڏانهنس ڪو ڌيان نه ڏنو. منهنجون نظرون ڀوري رنگ واريءَ پوڙهيءَ عورت ۾ کتل هيون، جيڪا ڪنهن وقت واقعي ڏاڍي سهڻي هوندي. سندس ڀرسان هڪ نئون پرڻيل جوڙو ويٺو هو. اهو جوڙو ٻي گاڏيءَ مان آيو هو، ۽ هاڻ جڳ جهان کان بي خبر هڪٻئي کي ڏسڻ ۾ مصروف هو. مان جلد ئي بس وساري ويٺس، ڪنوار ڏاڍي سهڻي هئي. ڏهن سالن کان پوءِ بمبئيءَ ۾ ڪا اهڙي خوبصورت شيءِ ڏسڻ ۾ آئي هئي. کيس ڏسي مان ڏاڍوڳ پري هليو ويس.....
    منهنجي ذهن ۾ گلاب کڙڻ لڳا. گلاب جيڪي تنهنجا چپ هئا. اهي رس ڀريل مکڙيون،جيڪي تنهنجون ڳالهيون هيون. اهي مٺيون، جيڪي ڪڏهن منهنجون هيون. ڇا اڃا تائين تنهنجيءَ دل ۾ منهنجي پيار جا گل مهڪن ٿا؟ ڇا تنهنجي اکين جي نيري آسمان تي اڃا به منهنجيءَ دل جو حيران حيران ستارو ٽمڪي پيو؟ ڪٿي آهين تون؟ او منهنجي پيار جي پنجويهه سال پراڻي ياد! تو ڇو رات جي وقت پرتي ويندڙ گاڏيءَ جيان مون کي ڇرڪائڻ آئي آهين! هاڻي پنهنجي ياد واپس وٺي وڃ، ڇو ته هاڻ مون لاءِ ڪجهه به نه آهي. مان آهيان، زندگيءَ جو بس اسٽينڊ آهي، ۽ آخري بس جو انتظار آهي.
    مون ڇوڪري ڇوڪريءَ کي جهڪي هڪٻئي سان ڪن ۾ ڳالهيون ڪندي ڏٺو، نه نه... هي اهي نه آهن.... مون هڪدم کڻي نظرون دريءَ کان ٻاهر ڪيون، ڪنڊيڪٽر هڪ پوليس انسپيڪٽر ۽ ٽن سپاهين کي وٺي اچي رهيو هو. هڪدم گوڙ ختم ٿي ويو، ۽ چهرا خوف ۾ ويڙهجي ويا.
    درٻار سنگه سڀ کان گهڻو ٿي ڳالهايو، پر هاڻ هو بلڪل چپ ٿي ويو هو. جي – جي شاه هر هر نرڙ تان پگهر اگهڻ لڳو. سندس زال کيس گجراتيءَ ۾ آٿت پئي ڏني. پوليس انسپيڪٽر اندر اچي ڏاڍيان چوڻ لڳو، ”ڪير ڪير دير سان آيو آهي؟“ پر سڀ ماڻهو خاموش رهيا.
    انسپيڪٽر بس ڪنڊيڪٽر کي چيو ”تون ٻڌاءِ؟“
    ڪنڊيڪٽر جي- جي شاهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هي ماڻهود ير سان آيو هو.“
    جي – جي شاهه ڪاوڙ مان رڙڪ ندي چيو، ”ڪوڙ ٿو ڳالهائي، انسپيڪٽر صاحب! منهنجي زال کان پڇي ڏسو.“ هن پنهنجي زال ڏانهن اشارو ڪيو.
    انسپيڪٽر مرڪي چيو، ”تون هيٺ لهه.“
    ”پر....“
    ”پر پر ڪجهه به نه.“
    ”پر مون سان منهنجي زال آهي.“
    زالهنس چيو، ”مان بس ۾ گهر پهچي وينديس، تون هروڀرو جهيڙو نه ڪر.“
    جي – جي شاهه پنهنجي زال کي گهوري ڏٺو، ۽ پوءِ چيو، ”مان.... مان ”نوڀارت“ اخبارجو ايڊيٽر آهيان، پبلڪ جو نمائندو، مان ڏسي رهندس.“
    پوليس انسپيڪٽر ماڻهن کي چيو، ”مان ڏاڍو ٿڪل آهيان، مان هاڻ ڊيوٽي تان لهڻ وارو هوس جو هي آيو. جلدي جلدي ٻڌايو ڪير دير سان آيو هو.“
    بس ڪنڊيڪٽر جنارڪي انبن واري ڏانهن ڏسي چيدو، ”هي به دير سان آيو هو.“
    ”نڪر ٻاهر.“ انسپيڪٽر چيو.
    ”هي درٻار سنگهه“ ڪنڊيڪٽر کي درٻار سنگهه جو نالو ايندو هو. درٻار سنگهه خاموشيءَ سان پڳڙي ۽ فلوٽ سنڀاليو ۽ هيٺ لهي ويو. ڪنڊيڪٽر مون ڏانهن گهوري ڏٺو، منهنجي منهن جو پنو لهي ويو، پر مان ڪنهن نه ڪنهن نموني مرڪندو رهيس، ڪنڊيڪٽر اڳتي وڌي پسٽن ڀاڄيءَ واري کي لاهي ڇڏيو.
    جڏهن هو ڪتي لال ڌوٻيءَ کي لاهڻ لڳو ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. ڪتي لال کيس ڇڙٻيندي آهستي چيو، ”اچجانءِ، ڪڏهن ست بنگلي ڏانهن، توکي چڱي طرح ٺاهيندس.“
    ڪنڊيڪٽر گهٻرائي پوليس انسپيڪٽر سان شڪايت ڪئي، ”ٻڌي ڇڏيو سائين! هاڻي ئي ڌمڪيون ٿو ڏئي!“
    ”ڇا چيائين؟“ پوليس انسپيڪٽر ڏاڍيان چيو. هن ڪتي لال کي ڳچي کان جهلي پوءِ هڪ سپاهيءَ کي ڇوي، ”هن کي ٿاڻي تي وٺي وڃ، ۽ ڊبل چارج هڻينس.“
    ”نه سائين نه! مان توهان جو غلام آهيان،“ هن ليلائيندي چيو.
    ڪنڊيڪٽر مون ڏانهن ڏٺو، ته مون مرڪي کيس پاڻ ڏانهن سڏيو، جڏهن هو مون ڏانهن جهڪيو، ته مون به جهڪي ڏاڍي رازداريءَ سان چيو، ”هو جيڪو ڪامتا پرشاد دريِءَي کان ٻاهر ٿو ڏسي نه، اهو ٻي گاڏيءَ مان آيو ٿئي.“
    ڪنڊيڪٽر وڃي ڪامتا پرشاد جي ڪلهي تي ڌڪ هنيو، ”نڪر ٻاهر.“
    ”پر مان.... مان سچ ٿو چوان ته مان سڀ کان پهرين.... پڇي ڏسو هن کان....“ ڪامتا پرشاد مون ڏانهن اشارو ڪيو، پر مان دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو هوس.
    انهيءَ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي ڪڍڻ جي همت ته ڪنڊيڪٽر ۾ به نه هئي. هو ڪيترا ڀيرا سندن ڀرسان وڃي موٽيو. ڪيترا ڀيرا سندن ڀرسان وڃي بيٺو ۽ پوءِ اڳتي وڌي ويو. سندس محبت ايتري شديد هئي جو دروازا بند ڪري بي سڌ ٿيل ۽ ڪنڊيڪٽر کي دروازو کڙڪائڻ جي همت ئي نه ٿي، هو چپ چاپ اڳتي وڌي ويو، ۽ ٻن ٻين ماڻهن کي هيٺ لاهڻ لڳو. اهي ماڻهو الله ۽ ڀڳوان جا قسم کڻڻ لڳا، پر ڪنڊيڪٽر جا ڪن ٻوڙا ٿي چڪا هئا، ان وقت هو فقط سمنڊ جو نغمو ٻڌي پئي سگهيو.
    ”هاڻي ڳڻ!“ انسپيڪٽر ڪنڊيڪٽر کي چيو.
    ڪنڊيڪٽر ماڻهو ڳڻيا، اڻٽيه هئا، مون کي ته هاڻ ڪنهن به حالت ۾ ڪڍي نه ٿو سگهي. منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ مير جعفر وارو رشتو قائم ٿي ويو هو. بس ۾ هاڻي اها ڀوري پوڙهي سنڌي عورت رهجي وئي هئي، جيڪا واقعي دير سان آئي هئي. اها پوڙهي هڪ نائيٽ اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي. کيس اڏي تي سڀ ماڻهو سڃاڻين، کيس هڪ ٿيلهو هوندو هو، جنهن ۾ پٽاٽا، ٽماٽا ۽ ٻيون ڀاڄيون هونديون هيون. هوءَ رن زال هئي، ۽ سدائين سفيد ڪپڙا پائيندي هئي، جن کي اڪثر چتيون لڳل هونديون هيون. ڪنڊيڪٽر کيس چيو، ”تون به لهي وڃ.“
    ”پر هن مهل مان ڪاڏي وينديس؟ گهر ڪيئن پهچندس!“
    پوليس انسپيڪٽر چيو، ”مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ ميونسپالٽيءَ جو حڪم آهي.“
    ”پر پٽ! مون وٽ ٽيڪسيءَ لاءِ ڏوڪڙ ڪونهن، ۽ مان ٽي ميل پنڌ ڪيئن ڪري سگهدنيس!!“ هوءَ پوليس انسپيڪت رکي پيرين پوڻ لڳي.
    پوليس انسپيڪٽر کيس پري ڪندي چيو، ”مان مجبور آهيان، ڪجهه نٿو ڪري سگهان.“
    ”ڀڳوان جي واسطي مون کي وڃڻ ڏي.“ پوڙهي ليلائڻ لڳي، ”مان ڏهين وڳي نائيٽ اسڪول مان واندي ٿيندي آهيان، ۽ يارهين وڳي هتي پهچندي آهيان. هاڻي گهر وڃي پنهنجي ماني پچائينديس. مون رن زال تي رحم ڪيو.“ هوءَ روئڻ لڳي.
    پوليس انسپيڪٽر بس ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسندي چيو، ”جيڪڏهن توهان مان ڪو ماڻهو بس مان لهي وڃي ۽ هن کي پنهنجي جڳهه ڏي ته مون کي ڪوبه اعتراض ناهي.“
    ڪوبه پنهنجي سيٽ تان نه ٿيو. نه حاجي دائود، نه مان، نه بيل ايم- اي، نه مارواڙي جيڪو سوئزرلينڊ مان ٿي آيو هو، ۽ نه ئي سنڌي دڪادنار، سڀ مانهو اطمينان سان ويٺا رهيا، ڄڻ پوليس انسپيڪٽر ساڻن نه، پر خلا ۾ ڪنهن سان ڳالهايو هجي. انسپيڪٽر پوڙهيءَ کي چيو. ”ڪوئي نه ٿو اٿي، توکي لهڻو پوندو.“
    پوڙهيءَ روئندي ٿيلهو سنڀاليو، ۽ چئني پاسي بي رحم مسافرن ڏانهن ڏسي، آهستي آهستي بس کان ٻاهر وڃڻ لڳي، يڪدم ميرا ڪپڙا پهريل، تيل جا داغ لڳل، انجڻ ۾ ڪوئلا وجهڻ وارو مزور اٿي بيٺو. هن آهستي پوڙهيءَ کي روڪيندي چيو، ”تون هن سيٽ تي ويهه امڙ، مان لهي ٿو وڃان.“ ايترو چئي هن هڪ قهري نظر سان بس ۾ ويٺل خوش پوش مانهن ڏانهن ڏٺو. سندس چهري تي اکيون ٻن ڳاڙهين بتين جيان چمڪي رهيون هيون. هن ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي، پر پاڻ روڪي، منڊڪائيندو، لٺ جي سهاري هيٺ لهي ويو. شايد هو هيٺ نه لٿو هو، پر هن گهڻن ماڻهن کي پنهنجي ضمير جي ڏاڪڻ تان هيٺ لاهي ڇڏيو هو، ڇو ته بس هلڻ سان هر ڪو خاموش ويٺو هو.
    چيچڪ روگجن، جيڪو بمبئي ٽاڪيز ۾ ڪنم ڪندو هو، تنهن کي خاموشي ڀانءِ نه پئي. هن مون ڏانهن جهڪي رازداريءَ سان چيو، ”سائين! توهان به ته دير سان آيا هيا.“
    مان ڏاڍيان چيو، ”مان ڪٿي دير سان آيو هوس!“ روگجن منهنجي تيز ڳالهائڻ تي حيران ٿي ويو، ۽ پاڻ سنڀالي چيائين، ”ها ڀاءُ! توهان پهرين آيا هئا، مون کان غلطي ٿي ويئي!“
    ”تون سدائين غلطي ڪندو آهين!“ مون تيز ٿيندي چيو.
    روگجن چپ ٿي ويو گاڏيءَ ۾ ڪنهن به نه ڳالهايو. بس لاڙي کان گذري، منڊي مزور کي پٺتي ڇڏي وئي، ڳڙکيءَ کان ويٺل ماڻهن يڪدم پنهنجو منهنه اندر ڪري ڇڏيو. لٺ جي ٺڪ ٺڪ سندن دلين جي سخت فرش تي هٿوڙا هڻڻ لڳي، هر ڪو پنهنجي جاءِ تي چپ چاپ ۽ خارش لڳل ڪتي جيان، پڇ دٻايو ويٺو هو. اوچتو مون کي لڳو، ڄڻ هيءَ بس اڳتي نه، پر پٺتي وڃي رهي هجي ۽ اهو مزور اڳتي، اسان کان گهڻو دور وڃي رهيو هجي.

    (سنڌيڪار: اخلاق انصاري)


    15. نئون ڪشمير

    جڳموهن پنجويهن سالن کان پوءِ واپس پهلگام آيو هو. انهن پنجويهه سالن ۾ سڀڪجهه دبلجي ويو هو، دنيا بدلجي وئي هئي، هو پاڻ بدليو هو. پهرين هو ڏينهن ۾ رڳو هڪ دفعو شيو ڪندو هو، هاڻي ان کي ٻيهر شيو ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي، پنهنجن ڪپڙن لاءِ اول ڏاڍو بيپرواهه هو، ان کي اڃا ياد آهي ته: پهرين جڏهن هو پهلگام آيو هو ته: جيئن پنجويهه سالن کان اڳ ۾ هو پتلون ۽ قميص ۾ گهمندو هو، کليل پيشاني ۽ ويڪري سيني کي ڏسي، عورتون شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيونديون هيون، هاڻي اهو سينو اندر ٿي ويو هو ۽ ڳل سسي ويا هيس – پيشانيءَ تي ڪيتريون ئي ريکائون ظاهر ٿي پيون هيس. پنهنجن چيڙ هالن وارن ۾ اڇن کي لڪائڻ لاءِ خضاب هنيو هئائين. هاڻي هو رڳو پتلون ۽ قميص ۾ نه ٿو گهمي سگهي! هاڻي هو ڪوٽ، سوٽ، واسڪوٽ ۽ ٽائي سان گهمندو هو، جيئن ڪو ان جي موذي مرض جو شڪار ٿيل جسم نه ڏسي. پنجويهه سال اڳ هن جي بدن مان جيڪا خوشبوءِ ايندي هئي، اڄ اتي هن عطر جو سهارو ورتو هو. هو پاڻ ڪيڏو ته پوڙهو ٿي ويو هو، پر پهلگام ڪيڏو نه جوان ٿي ويو هو. ايڏوئي سهڻو ۽ خوبصورت، جيڏو اڄ کان پنجويهه سال اڳ، کيس ڏٺو هو.
    انهي پهلگام جي سهڻيءَ واديءَ ۾، اهوئي خوبصورت لدر درياءُ، ان جو چمڪندڙ شفاف پاڻي، هنڌان هنڌان ائين نيرو هو، ڄڻ ان ۾ ڪنهن آسمان کي ملايو هجي. ڪڏهن ائين ڳاڙهو ٿي ويندو هو، ڄڻ ڪنهن ٻٻر جو سڄو رس ان ۾ اوتيو هجي. ڀانت ڀانت جون لهرون، ننڍڙيون، چلوليون ۽ وڻندڙ ساون پٿرن جي اوسي پاسي کان گهمندڙ لهرون – جيئن داسيون ڪٿڪ ناچ وقت ڪرشن جي اردگرد ناچ ڪنديون آهن. اوڀر جي پهاڙن تي وڻن جون قطارون صدين کان اوچا ڳاٽ ڪيو، سج ڏانهن شان سان ڏسن ٿيون، انهن جي پکڙيل ٻانهن مان ڇڙندڙ روشني چئني طرفان کان اچي هڪ ٿي هنج ۾ آئي هئي، ڄڻ روشنيءَ جي انهن گهرن ۾ عورتن جيان ڪم ڪري رهيون هيون. هر پن تي ڪرڻو هو. روشنيءَ جو راڄ هو ۽ سڄي جهنگ ۾ ماٺ هئي. ڪٿان جهنگ مان آسمان نظر ٿي آيو ته، اتان سج جي روشني لکين ڪرڻن جي صورت ۾ وڻن جي وٿين مان ڀڄندي زمين ڏانهن اچي رهي هئي ڄڻ روشنين جو آبشار هجي. پهلگام ڪيڏو نه خوبصورت آهي. ننڊاکڙي ۾ ڄڻ خواب، هر ساعت سرهن گلن وانگر ٻهڪندڙ، هر ساهه محبوب جي اکڙندڙ ساهه جي رفتار جيان. هي ته منهنجي گذريل پراڻن سالن وارو نئون پهلگام آهي. انهن پنجويهن سالن ۾ دنيا ڪيترو نه بدلجي وئي آهي ۽ هو پاڻ ڪيڏو نه بدليو آهي، پر هي پهلگام هرگز ڪونه بدليو آهي – ساڳيو سندس حسن آهي، ساڳيو سندس انداز، ساڳيوئي سندس اوج، اهائي دلڪشي ۽ اهوئي سندس ڪنوارپڻو. جڳموهن سوچيو، ”اهو ڪيڏو نه سٺو آهي، جو انسان ته بدليو وڃي، پر هي پهلگام بدلجي ئي ڪونه ٿو!ٰ هي ته پنهنجي خوبصورتيءَ سان قائم دائم آهي.“
    جڳموهن پنهنجي ذهن جي ڪنواس تي گذريل پنجويهه سالن جون يادون گڏ ڪيون. کيس نظر آيون: ٻي مهاڀاري لڙائي – ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جون قبرون، صليبون، قبرون ۽ صليبون اڀرنديون نظر آيون، انهن قبرن جي پٺيان ڪارخانن جي چمنين مان دونهو نڪري رهيو هو. اڳ ڪپڙي جي هڪ مل هئي، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ٻه ٿيون ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ چار ٿيون. ڪيترن لکن قبرن ٺهڻ کانپوءِ رڳو هڪ چمني ٻري ٿي. کيس پنهنجو روپ جو سفر ياد آيو. پئرس جا شرابخانا، روم جي گهٽين ۾ ڦرندڙ لاطيني ڇوڪريون، برلن جي اها ريسٽورنٽ، جنهن جي هر ميز تي هڪ ٽيليفون، هر ٽيليفون جو ڪنيڪشن هڪ رنڊيءَ سان، ٽيليفون ڪري، رنڊيءَ کي گهرائي وٺو.
    جڳموهن سڄي دنيا ڏٺي هئي، شنگهائيءَ جا ڪيبري، رايوڊي جينرد ۽ بونس ايرز جي بندرن ماڻهن جي وادين ۾ ناريل جهڙين ڊگهيون ۽ ڳر جهڙيون، اسپيني گيتن جيان مست ڪندڙ عورتون، سٺو شراب، خوبصورت ناچ ۽ ناريل جي وڻن مٿان اٽڪيل چنڊ، ڄڻ موري جي حسين ڇوڪريءَ جي وارن ۾ نٽيلا! هي دنيا ڪيڏي نه حسين هئي. ان ۾ جڳموهن دل لاهي عيش ڪيا – پنجويهن سالن ۾ هو پنهنجي جسم ۽ روپين کي خرچ ڪندو ويو هو، پر ان ۾ سندس جسم گسي ويو هو. ان وڌندڙ مزوريءَ ۽ وڌندڙ انڪم ٽئڪس هوندي به هن هزارين بي ايمانيون ڪيون ۽ بئنڪ بيلنس کي برقرار رکيو – ڪڏهن ضرب ونڊ سان ۽ ڪڏهن وري جوڙ ڪٽ سان، پنهنجي روپين کي گسڻ نه ڏنو، پر هينئر سندس جسم گسي ويو هو! ان کي به هو انجيڪشن ۽ ٽانڪ جي گورين ۽ هزارين حيلن وسيلن جي مصنوعي ڪوششن سان برقرار رکندو آيو هو، اهي ڪوششون به هن جي جسم جيان بي ايمانيءَ کان گهٽ نه هيون، ان جو هن کي اهڙو احساس هو، جيئن هن مزورن سان بي ايماني ڪندي پنهنجي قوت ختم ڪري ڇڏي هئي، جيسين هو جيئرو آهي ته پوءِ ڇو نه پنهنجي رپئي مان ۽ هن جسم مان دل کولي لذت وٺي. مرڻ کان پوءِ بهشت هونءَ به غريبن کي ملندو.
    جڳموهن اٿي کڙو ٿيو، هو چيل جي ڏار کي ٽيڪ ڏئي ويٺو ۽ ان جي سهاري اٿي بيٺو، ڇو ته پٿريلي ٽڪر کان هيٺ ويندڙ پيچري تان ميون جو ٽوڪرو کنيو هڪ ڪشميري ڇوڪري اچي رهي هئي. هن دنيا ۾ هر طرح جون عورتون ڏٺيون هيون، هر طرح جون، لاطيني ڪوارٽرز ۾ برف جهڙا تراشيل جسم، استنبول جي قهوي خانن ۾ ناچ ڪندڙ ترڪي حورون، شمپيئن کي ڇلڪائيندڙ ۽ صندل جي گلن ۾ پوش ٿيل اڌ اگهاڙيون، ڇوڪريون پنهنجي رنگ ۽ رت ۾ ٻن وڏن رڻ پٽن جي سونهن سموئي. سپ مان ڄڻ موتيءَ جهڙو مول... هن هر طرح جي خوبصورتي ڏاڍي هئي، پر هن ڪشمير جي حسن جو ڪو ثاني نه هو. اهڙو حسن جيڪو ڪنول جيان کڙندڙ، گلاب جو کل، چانڊوڪيءَ جهڙو گل ۽ سج جي ڪرڻن جيان کلندڙ! ڪشميرڻ جون اکيون ڍنڍ جيان ڪڏهن چپ چاپ، پرسڪون ۽ پراسرار ۽ ڪڏهن وري تلا:ءَ جي چلولي، دل جو سڄو راز کولي ڇڏي. ڪشميرڻ جو سينو ڪڏهن ته برف جيان سرد ۽ خاموش جيئن اڃا ابهم هجي ۽ ڪڏهن ائين دکندڙ جيئن جهنگ کي باهه لڳي. اهڙي سونهن ۽ سوڀيا وارو ڪشميري حسن ٻي هنڌ اڻ لڀ آهي، ان ڪري کي پهلگام جي ڪشش کيس ٻيهر سالن کان پوءِ هتي آندو هو. ميوي جو ٽوڪرو کنيو، چاڙهيءَ کان هيٺ سڙڪ تي ويندڙ ڪشميري ڇوڪريءَ کي ڏسي کيس اڄ کان پنجويهه سال اڳ وارو واقعو ياد آيو:
    هڪ ڏينهن هو چندن واڙي سڙڪ تي پسار ڪري رهيو، ائين هو پري نڪري آيو. ٻنپهرن جي اس وڻندڙ هئي، پر اس جي تک کان سندس ڳل سڙڻ لڳا ٿي ته ڪٿان ايندڙ سرد هوا جو جهوٽو، گرميءَ کي سندس ڳل تان ائين کڻي ويندو هو. جيئن چترڪار جو برش وڌيڪ پکڙين رنگ کي – هو هوريان هوريان جهونگاريندو ٿي ويو، اوچتو هن کي هڪ ڇوڪري نظر آئي، جيڪا ميوي جو ٽوڪرو مٿي تي کنيو پهلگام ڏانهن اچي رهي هئي. ڇوڪري هن جي ويجهو اچي کلي پئي ۽ هو به جواب ۾ کلي پيو. ڇوڪريءَ ميوي جي ٽوڪريءَ کي جهڪايو ۽ هو به جهڪي پيو.
    ”آلو بخارا مٺا آهن، نه؟“ هن پڇيس.
    ”ها- ڏس!“
    - هو ان ڇوڪري جي ويڪرين اکين ۾ لهي ويو. ڇوڪريءَ هڪ آلو بخارو ٽوڪري مان کڻي کيس ڏيکاريندي چيو.
    ”پڪل ۽ صفا تيار، سندن رنگت ڳاڙهي ۽ روپي جهڙي آهي، بي داغ!“
    - هي ڇوڪريءَ جي گلابي هٿ جي رنگت واري نرميءَ تي غور ڪرڻ لڳو.
    ”ڏاڍا سٺا اٿئي، ٻن روپين ۾ ٽوڪري، ٽوڪري وٺ!“
    هن کيسي مان ريشمي رومال ڪڍيو، ان کي زمين تي وڇائي، ٽوڪري مان ٻه ڊزن کن آلوبخارا چونڊي رکيا ۽ ڇوڪريءَ کي اٺ آنا ڏنا. ڇوڪريءَ حيرت ۽ خوشيءَ مان هن ڏانهن ڏسندي چيو،
    ”هي اٺ آنا ته گهڻا آهن -۽ ٻيا به کڻي وٺ-“ هن ٽوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيس –
    ”ٻيهر وٺندس... تون ڪٿي رهندي آهين؟“
    ڇوڪريءَ پٺ ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”سڙڪ جي هن موڙ کان اڳتي اسان جو گهر آهي. هي آلو بخارا به اسان جي گهر جا آهن. اسان جي گهر ۾ انهن جا چار وڻ آهن، ڪڏهن تون منهنجي گهر اچجانءِ ته آلو بخارا پٽي، توکي هٿ سان کارائيندس.“
    - هو چپ رهيو.
    ”ايندين – نه!“ ڇوڪريءَ ڪنواري مرڪ مرڪي پڇيس.
    ڇوڪري ٽوڪري کڻڻ لاءِ جهڪي ئي مس ته جڳموهن هٿ وڌائي، ٽوڪري کڻي سندس مٿي تي رکي. ٻنهي جا هٿ هڪٻئي سان ٽڪريا. ان هڪ ساعت ۾ صدين جي جواني ڪر کڻي اٿي، جڏهن دنيا ٺهي، جڏهن باهه ڀڙڪي، جڏهن دل ڌڙڪي، جڏهن اک ڦڙڪي ۽ جڏهن کان ڳوڙها وهيا لکن ڪروڙن سالن جي تخليق صرف هڪ ساعت ۾ تڙپي پئي هئي. جڳ موهن جي ساهه جي رفتار وڌي ويئي، هو سڀ ڪجهه برداشت ڪري ويو. مڙي پيو ۽ اڳتي هلڻ لڳو، چندن واڙي ڏانهن، پهلگام. اڳئين موڙ تي پهچي هن ان ڇوڪريءَ جو چئن وڻن وارو گهر ڏٺو. گهر جي هڪ طرف نرگس جي گلن جا انبار هئا، هو اهو گهر ڪيئن ٿي وساري سگهيو، ان کان پوءِ هو اڪثر ڇوڪريءَ سان ملندو رهيو. کانس آلو بخارا خريد ڪندو رهيو، هر دفعي کانئس گهٽ آلو بخارا وٺي، گهڻا پئسا ڏيندو هو.
    تنهن سمي هن پهلگام جي بازار مان هڪ خوبصورت ڪشميري رومال ورتو، ان ۾ ڪشمش، اخروٽ، بادام وجهي ان جي مٿان ڏهين جو نوٽ رکي رومال کي چڱيءَ طرح ٻڌي، هن هاتو کي وٺي سڙڪ جي هڪ پاسي آلوپ بخارن جي چئن وڻڻ وارو گهر ڏيکاريندي چيو:
    ”هوءَ ڇوڪري جڏهن به هن گهر مان ٻاهرنڪري ته کيس رومال هٿ ۾ ڏج، هو توکي ڇا به چوي، اهو اچي مون کي ٻڌاءِ....“
    هو واپس مڙيو ۽ انتظار ڪرڻ لڳو – گهڻي دير کان پوءِ هن جي هٿ ۾ ريشمي رومال هو، اهڙيءَ ڀريل ۽ ٻڌل، جڳموهن جي دل وياڪل ٿي وئي. هاتو لوڏ سان اچي رهيو هو، ڪو گيت به ڳائي رهيو هو.... جڏهن خزان ايندي آهي ته، چنار جا پن محبوب جي ڳلن جيان ڳاڙها ٿي ويندا آهن.....
    ”ذليل!“ جڳموهن دل ۾ چيو: ”هن رومال واپس ڪيو آهي ۽ هي حرامي ڳائيندو پيو اچي.“
    هاتو خيمي جي اندر اچي، اهو ڀريل رومال جڳموهن جي سامهون رکيو، جڳموهن ڪبندڙ هٿن سان رومال جو ڳنڍيون کولڻ لڳو. رومال جي اندر نه ڏهين جو نوٽ هو، نه اخروٽ، نه بادام... بس نرگس جا گل... رڳو نرگس جا گل ئي هئا....
    هاتو کلي چيو: ”صاحب! بخشيش.“
    آلوبخارن جي ان چئن وڻن واري گهر ۾ اڄوڪي رات خوبصورت هوندي، ڪيڏي سندر ۽ سهڻي، مٺي ۽ مهربان رات، جڳموهن جي دل جي هر ڪنڊ مستي ۾ ويڙهجي ويئي ۽ پوءِ تيز تيز وکون کڻندو، سڙڪ تي و يندڙ، ميوي وڪڻندڙ عورت ڏانهن آيو.
    عورت ميوي جي ٽوڪريءَ کي هيٺ ڪيو ۽ ان سان گڏ جڳموهن به جهڪي پيو.
    ٽوڪريءَ ۾ مصري زردالو هئا.
    ”مٺا آهن؟“ جڳموهن پڇيو.
    ”چکي ڏس.“
    ”چکي وٺان؟“ جڳموهن سندس اکين ۾ گهوريندي چيو. ڪشميري عورت جاڳل تازن پڪل صوفن جيان ڳاڙها ٿي ويا، ڪنن ۾ پيل چانديءَ جهومڪ لڏڻ لڳس.
    ”ها“ ڪمزور آواز ۾ چيائينس- ان سان گڏ هڪ اٺن سالن جو ڇوڪرو به هوس. ان کي چوڻ لڳي، ”صاحب کي زردالو کڻي ڏي.“
    ”هيءُ ٻار تنهنجو آهي؟“
    ”هائو.“ عورت جو هٿ بي اختيار ٻار جي مٿي تي ڦري ويو.
    ”ڇا نالو اٿس؟“
    ”قادر“ هن ڦونڊجي ٻڌايو.
    قادر، جڳموهن کي ڏسي بي ڊپو کلي رهيو هو، جڳموهن هڪ زردالو کڻي چکيو، پوءِ هن هڪ کيسي مان ريشمي روملا ڪڍيو. ان ۾ ٿورا زردالو چونڊي وڌا ۽ هڪ روپيو عورت کي ڏنو.
    ”اٺ آنا هن ٻار جا.“
    ”پر پوءِ؟“
    ”ٻار مٺائي وٺي کائيندو.“
    ”ها“ قادر خوش ٿي چيو، ”مان مٺائي کائيندس“ پوءِ هن اٺ آنا کيسي ۾ وڌا.
    ڪڪائين وارن جي چڳ اڏري عورت جي ڳل تي وکري ويئي، هن چڳ کي ورائيندي چيو، ”هيءَ ٽوڪري ته کڻائجو، صاحب!“
    جڳموهن جو هٿ ان عورت جي هٿ سان ٽڪريو. جڳموهن کي اڄ کان پنجويهه سال اڳ وارو، آلوبخارن جي چئن وڻن وارو گهر ياد اچي ويو. ان جي ياد ايندي به هن جي رڳن ۾ گرمي نه آئي، ڪو گيت نه گونجيو، ڪا لهر نه اٿي. جيڪا اڄ کان پنجويهه سال اڳ هن جي رڳ ۾ جوڳ بڻي هئي. ان ٽڪراءَ ۽ هن ٽڪراءَ جي وچ ۾ سوين عورتن جون آڱريون اڀيون ٿي ويون. کنيل هٿ ۾: پائونڊ، ڊالر، سرا، ين، فرانڪ ۽ دينار هئا ۽ غلام جي بازار ۾ پنهجنجو سڀ ڪجهه وڪرو ڪري رهيون هيون، واڪ لڳرائي رهيون هيون. واڪ لڳڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ٻوليءَ جي مور ۾ ئي رهندو هو، ڪڏهن ڪلام بڻجي پولار ۾ نه پکڙبو هو.
    جڳموهن واپاري انداز ۾ ان عورت کي هيٺ کان مٿي ڏٺو، جانچيو، اندازو لڳايو، هيءَ ڪيتري ۾ وڪرو ٿي سگهندي؟ پوءِ هو هوريان مرڪي پيو ۽ زردالو کائيندو سڙڪ تي هلڻ لڳو.
    هو قدم ٻه قدم ان عورت کان پري رهيو هو، پر کيس چور نظرن سان تڪي به رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن عورت هلندي هلندي کيس ڏسي به رهي هئي ته، هو سندس پويان ته نه آهي! پر ڪنهن نه ڪنهن سان ڪجه نه ڪڇيو.
    ان شام جو ئي عورت مصري زردالو وڪڻي، گهر واپس آئي. ڪاٺ جي پل جي هن ڀر، پٿر جي گهاٽ وٽ هن جو ڪاٺ مان ٺهيل خوبصورت گهر هو. گهر ننڍو هو، جنهن جي چوگرد ول زمين کان اٿي ڇت تائين پهتي هئي. جڳموهن ڪا دير ان ول جي گلن کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ واپس آيو.
    ان کان پوءِ جڳموهن ڪيترا ڀيرا ان عورت کان زردالو خريد ڪيا، ساڻس مليو، زردالن جي قيمت ادا ڪيائين، قادر کي مٺائيءَ لاءِ پئسا ڏنائين، اهڙيءَ طرح قادر به جڳموهن سان ريجهي ويو.
    هڪ ڏينهن جڳموهن بازار مان هڪ ڪشميري روملا ورتو، ان ۾ ڪشمش، بادام ۽ اخروٽ وجهي، ان جي مٿان ڏهن روپين وارو نوٽ رکيائين ۽ رومال جون ڳنڍيون ٻڌي قادر کي ڏنائين ۽ کيس چيائين: ”هي پنهنجي ماءُ کي وڃي ڏي. اها جو ڪجهه به چوي، اهو مون کي اچي ٻڌائج.“
    ”چڱو“ قادر خوش ٿي پيو.
    سج لدو جي ٻي پار پهاڙين ۾ ٻڌي رهيو هو، جو قادر واپس هن جي خيمي ۾ آيو. ان وچ ۾ جڳموهن شيو ڪري ورتيه ئي. هن پنهنجي جسم تي خوشبوءِ لڳائي ۽ پنهنجو پاڻ ئي ٻانهن ۾ انجيڪشن ڪئي ۽ هينئر پنهنجي طرفان بلڪ تيار ۽ خوش ويٺو هو. قادر رومال کي لوڏيندي ٿي آيو، رومال ڀريل هو!
    جڳموهن جي نظرن ۾ نرگس جي گلن جا ڍير لڳي ويا. کيس ائين لڳو ته ڪشميري ڪنوارين جون سوين اکيون شرم مان کيس تڪي رهيون آهن. قادر خيمي جي اندر آيو ۽ ڀريل رومال جڳموهن جي سامهون رکيائين. جڳموهن ڪنبدڙ هٿهن سان رومال جون ڳنڍيون کوليون.
    رومال ۾ نه ڪشمش هئي، نه اخروٽ هئا ۽ نه وري بادام هئا! ان ۾ هڪ پراڻو ڇنل جوتو رکيل هو. جڳموهن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنهن اهو ڇنل ۽ پراڻو جوتو سندس منهن ۾ زور سان هنيو هجي – ڪاوڙ ۽ احساس شرم کان سندس منهن ڪاراٽجي ويو.
    ”هي ڇا هي؟“ هن شرمساريءَ مان پڇيو.
    - جواب ۾ قادر کلڻ لڳو. قادر کلي پيو – کلندو رهيو – پوءِ ٽهڪ ڏيڻ لڳو - ۽ پوءِ ڀڄڻ لڳو – هو ٽهڪ ڏيندو لاهيءَ کان هيٺ ڀڄندو رهيو – پري پري تائين جڳموهن جي ڪنن ۾ سندس ٽهڪن ۽ ان جي کل جو آواز ايندو رهيو- نئين ڪشمير جا نوان ٽهڪ-!

    (سنڌيڪار: ممتاز عباسي)


    16. جوڳياڻي

    هڪ ڏينهن امان جي ڪمري مان کينهون کڻڻ وڃي رهيو هئس، ته در جي اوٽ وٺي بيهي رهيس، ۽ امڙ جو ڳالهوءُ ٻڌم، امان چئي رهي هئي، ”پرتي ٿيءُ، مون کي هٿ نه لاءِ.“
    ”ڇو نه هٿ لايانءِ“ هي بابي جو آواز هو.
    ”اڄ سنڪرانت آهي.“
    ”سنڪرانت آهي ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟“
    ”سنڪرانت ۾ هٿ نه لائبو آ“ امان چوڻ لڳي.
    ”پوءِ سڀاڻي ڀلا؟“ بابو پڇڻ لڳو.
    ”سڀاڻي“...؟ سڀاڻي ته وامڻ اوتار جو وار آ.“
    ”چڱو ڀلا ٻئي ڏينهن؟“
    ”اون؟ ٻئي ڏهاڙي ته شاهه مراد جي نياز جو ڏينهن آ، ڇو وسري ويو اٿئي ڇا؟ ان ڏينهن ته توهان کي به نياز ڏيڻ لاءِ مزار تي هلڻو پوندو. ميان رمضاني به چئي رهيو هو ته ڊاڪٽر صاحب ڀلا مزار تي نه ٿو اچي؟ ڇو؟... اڙي پري ٿي.... پري ٿي.... چوانءِ ٿي ته جي مون کي ٻيهر هٿ لاتئي ته تڙ ڪرڻو پوندءِ.“
    ٿوريءَ دير کان پوءِ بابو ڪمري مان ڪاوڙيو ڦوڪيو نڪتو. چڱو ٿيو جو مان در جي اوٽ ۾ هيس، جي مون تي نظر پويس ها ته ضرور ڪاوڙ ڪري ها. امان ۽ بابا ان ڳالهه تي رنج ضرور ٿين ها، ته وڏن جون ڳالهيون ٻارن کي نه ٻڌڻ گهرجن، پر اها ڳالهه اڄ سوڌو مغز ۾ نه ويٺي آ، هي ته هو ته اسان جون هڙ ڳالهيون ٻڌي وٺندا آهن. ٿوري ٿوري ڳالهه کي شدمد سان پڇندا آهن، جي اسان ڪا ڳالهه ٻڌي وٺون ته مار ۽ موچڙا – بابا جي وڃڻ کان پوءِ امان جي ڪمري ۾ ويس، ۽ ڊوڙندو ڊوڙندو وڃي ڄنگهن ۾ چنبڙي چوڻ لڳو مانس، ”امان.... امان..... مان اوهان کي هٿ لاتو! هٿ لاتو!!“ مون سمجهيو پئي ته امان ڪاوڙجي دڙڪا ڏيندي، تيز ڳالهائيندي، پر هوءَ خاموش رهي، چپ ڪيو سلائي مشين تي پوش چاڙهيندي رهي مون کي پنهنجين ڄنگهن سان چنبڙندو ڏسي مشڪڻ لڳي. مون کي ڪڇ ۾ کڻي پيارڪ ندي چوڻ لڳي، ”ڪاڪا تو نيرن ڪئي آ،“
    ”ها، امان“
    ”ڀلا هو ڳاڙهو شربت پيتو اٿئي؟“
    ”ها، امان“
    امڙ منهنجي ڳلن کي چميو، ۽ هنج مان لاهي چوڻ لڳي، ”چڱو وڃ ٻاهر باغ ۾ وڃي کيڏ.“
    امڙ سرهي سرهي نظر پئي آئي، سومون موقعو غنيمت ڄاتو ۽ امان کان پڇي وڌو، ”امان! هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ؟“
    ”ها.“
    ”امان، مان توکي هينئر هٿ لاتو ته تو مون کي ڪجهه به نه چيو، اڳهوڻي بابو توکي ڇهڻ جي ڪري پيو ته تو ”پري ٿي، پري ٿي، پئي ڪيو؟“
    امان جو مرڪندڙ چهرو هڪدم ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. په ريان ته بيٺي هئي، پر پوءِ جهٽ ۾ ڪرسيءَ تي ويهي رهي. مون کي ٻنهي ٻانهن کان وٺي زور زور سان ڌونڌاڙيندي چوڻ لڳي، ”بدماش! تو يڪو اسان جون ڳالهيون ٻڌيون پئي؟“
    مان هيسجي ويس، پر امان مسلسل ڪاوڙ ۾ مون کي ڌوڻيندي رهي. جيئن بابامون کي دوا پيارڻ مهل دوا جي شيشيءَ کي زور زور سان لوڏيندو آهي، مون ڏڪندي ڏڪندي ها ڪئي.
    ”ها، مان دروازي جي اوٽ ۾ ته هئس، پر مان ڪجهه ٻڌو ناهي، پر اهو سڀ ڪجهه پاڻيهي منهنجي ڪنن تائين پهتو آهي، مان کينهون کڻڻ....“
    امان منهنجي جملي کي اڌ ۾ ڪٽيندي، منهجن ڳلن تي ٽي- چار چماٽون وهائي ڪڍيون. ”توکي ڪيترا ڀيرا جهليو اٿم ته وڏن جون ڳالهيون نه ٻڌندو ڪر... نه ٻڌندو ڪر.... نه ٻڌندو ڪر... نه ٻڌندو ڪر... تون اڃا نه ٿو مڙين؟““ ڪُتا، سوئر....“
    جي ان وقت ڪمري صاف ڪرڻ واري مائي ڊوڙندي نه اچي ها ته الائي ڪيترا موچڙا مون کي لڳن ها. هن زوريءَ مون کي ڇڏايو ۽ امان کي چوڻ لڳي، ”هن کي ماريندي ڇا؟ تنهنجي ڪاوڙ به انڌي واري ڪاوڙ آ! مارڻ وقت نٿي ڏسين اڳ نه پٺ؟“ هن منهنجا ڳوڙها اگهيا، منهن ڌوتو ۽ پنهنجي گدلي سيني سان لڳائي چمڻ لڳي. جڏهن منهنجا سڏڪا بند ٿيا هت هوءَمون کي گهر جي پٺ ڏي وٺي وئي، جتي اسان جي پاليل ڪبوترن لاءِ ڇٽي ٺهيل هئي. هن هڪ ڪبوتر پڪڙي منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو، ”وٺ! هن سان کيڏ“ ائين چئي، مون کي اتي ڇڏي پاڻ ڪم لاءِ هلي وئي – ٿوري دير تائين مان ڪبوترن ۽ ٻليءَ جي ٻچن سان کيڏندو رهيس - ۽ خبرنه اٿم ته ڪيسين کيڏندو رهيس. مون کي اوچتو ئي اوچتو اهو احساس ٿيڻ لڳو ته ڪٽهڙي جي پريان ٻه وڏيون وڏيون کيون مون کي گهوري رهيون آهن. مون ڪنڌ مٿي کنيو، چتائي کيس ڏسڻ لڳس. ڏاڍي حسين هئي هوءَ، رنگ ٽامي جهڙو، نيڻ گهرا، ۽ وار بنا سينڌ جي هيس. هن کي ڳاڙهي سوسيءَ جي تنگ قميص پاتل هئي، جنهن ڪري سندس سينو اڀريل هيو. هن جي سيني تي رنگ برنگي مالهائون لڙڪيون پئي، ڪنن ۾ وڏيون وڏيون واليون، جن ڪڏهن ڪڏهن کلڻ وقت ڳلن کي ڇهي ٿي ورتو – ڇو ته اهي تمام وڏيون هيون. مون کي ڏسي جڏهن مشڪي ته هن جا ننڍا ننڍا ڏند حد کان وڌيڪ سفيد نظر آيا.
    اهڙا ڏند ته منهنجا به ڪونهن. جيتوڻيڪ امان مون کي روز ٻه دفعا برش هڻائيندي آهي. هن جي ڳاڙهي چوليءَ هيٺان گول پڙي پاتل هئي، جنهن تي ڪيترائي رنگ ۽ ڪيترن ئي قسمن جو ڪپڙو لڳل هو، ڪٿي ڪٿي ننڍا ننڍا ٽڪر به ٽاڪيل هئس. سندس پير اگهاڙا ۽ ڪلهي تي ٻه ٽوڪريون لڙڪيل هئس، مون ڏي ڏسي مشڪي ته مون کائنس پڇي ورتو.
    ”تون ڪير آن؟“
    ڪٽهڙي کان ٻاهر بيٺي بيٺي پنهنجي کٻي پير سان ساڄي کي کنهندي چيائين.“ مان جوڳڻ آهيان،مون وٽ ڀلا ڀلا نانگ آهن. ڏسندين؟“
    مون خوش ٿيندي چيو، ”ها ڏسندس.“ پر هڪدم نااميد ٿيندي چيم، ”تووٽ ته مرلي ئي ڪونهي.“
    ”آهي، ڇو ناهي؟“ جوڳڻ پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي ڇيو، ۽ پوءِ پٺيءَ پٺيان لڙڪيل مرلي آڏو آڻيندي چيائين، ”هي ڏس.“
    مان خوشيءَ وچان ٻنهي هٿن سان تاڙي وڄائيندي چيو، ”پهريان تون مون کي مرلي وڄائي ڏيکار.“
    هوءَ چوڻ لڳي، ؟”نه – پهريان تون مون کي آنڪ ڏي.“
    منهنجي دل سسي وئي.“ ”مون وٽ آنڪ ته بنهه ڪانهي.“ مون مايوسيءَ مان چيو.
    ”پوءِ ماءُ کان وٺي اچ.“
    ”امان نه ڏيندي. هوءَ ته مون کي نانگ به ڏسڻ نه ڏيندي، کيس نانگن کان ڏاڍو ڀئو ٿيندو آهي.“
    ”پنهنجي پيءُ کان وٺي آ.“ هن مون کي سمجهائيندي چيو. اوچتو منهنجي منهن تي مرڪ تي آئي.
    ها اهو ٿي سگهي ٿو.“ ۽ مان ٽپو ڏيئي، ڪٽهڙو ٽپي جوڳڻ وٽ وڃي پهتس.
    ”هل.“ مون جوڳڻ کي چيو، ”مان بابا کان توکي آنڪ وٺي ٿو ڏيان.“
    مان جوڳياڻيءَ جي آڏو آڏو ڊوڙندو. وڃي رهيو هوس ته بابا ملي ويو، جيڪو اسپتال کان موٽيو پئي آيو، ۽ ڍڪ ڀرسان بيهي مالهيءَ، جيڪو وڏڦ جي ڊگهن ٻوٽن ۾ کرپيءَ سان گُڏ ڪڍي رهيو هو، ڳالهيون ڪرڻ لڳو. وڏڦ جي ٻوٽن جو قد مون کان ڪافي وڏو هو، تنهن ڪري هن مون کي ايڏانهن ايندي ڪونه ڏٺو هو، مون کي ڏسي به ڪونه پئي سگهيو، ۽ مان به صرف بابا جو ڇاتيءَ وارو حصو ڏسي ٿي سگهي. بابا رڳو اهو ڏٺو ته هي گهاٽن ڪارن ڪارن وارن ۾ ويڙهيل ساين اکين وارو چهرو، وڏڦ جي مهڪندڙ خوشبوءِ ۽ جهومندڙ ڳلڙن تان ڄڻ ته ترڪندو هن جي سامهون اچي رهيو آهي، بابا هڪو ٻڪو ٿيندي چيو:
    ”تون ڪير آن.“
    ”مان جوڳڻ آهيان.“
    ”هي ڪم ته مردن جو آ.“
    ”منهنجو پيءُ جوڳي هيو، اهو مري ويو ته مان کڻي ساڳيو ڪم هٿ ۾ کنيو.“
    ”توکي ڪو ڀاءُ ڪونهي؟“
    ”صرف هڪ ماءُ آهي، سا به انڌي ۽ ڪراڙي.“ ٻئي هڪٻئي کي چتائي ڏسي رهيا هئا، شايد جوڳڻ مون کي وساري ويٺي هئي. پهريان پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ جو خيال ٿيم، ته ڇو نه رڙ ڪري ائين ڪيان، پر پوءِ چيم، وڏن ۾ گفتگو ٿيندي هجي ته ننڍن کي ان ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ۽ اهو چڱو به ناهي. ٻيو وري تازو تازو امان کان موچڙا به کاڌا هيم، پر انهن جون ڳالهيون هونديون مزيدار آهن. منهنجي پيءُ ٿوري دير هن کي ڏسڻ کان پوءِ ڳالهايو. ”تون نانگ جهلي سگهندي آهين؟“ جوڳڻ هن کي بي ڊپائيءَ گهوريندي هائوڪار ۾ ڪنڌ کي ڌوڻيو.
    ”نانگ به؟“ بابا هن کي شرارتي نگاهن سان ڏسندي چيو.
    ”وڏي کان وڏو نانگ منهنجي مرليءَ تي ٻاهر نڪري ايندو ۽ مست ٿي جهومڻ لڳندو.“
    ”اسان جي باغ ۾ الاهي سارا نانگ آهن، ڇا تون اهي سڀ پڪڙي وٺندينءَ؟“
    ”پڪڙيندس ته سڀ، پر تون ڏيندين ڇا؟“
    بابو چڱي ديرخاموش رهيو ۽ پوءِ آهستيءَ سان چيائين، ”ڪجهه نه ڏيانءَ ته؟“
    جوڳڻ بابي جي بلڪل ويجهو آئي. هن جي ساهه کڄڻ جي رفتار ڪافي تيز هئي، هن ڪجهه چوڻ پئي چاهيو، پر بابي جي بي ڊپين اکين ۽ هڏڪاٺ کي ڏسي، لهرائي ويئي. اوچتو نيڻ جهڪائي آهستي ۽ ڪمزور آواز ۾ چيائين، ”چڱو.“
    جنهن انداز سان هن ”چڱو“ چيو. اهو مون کي ڏاڍو خراب لڳو. ڄڻڪ سندس آواز روئي رهيو هجي ۽ هوءَ چنگهي رهي هجي. ڄڻ باغ ۾ پري کان اڻسونهين هوا آئي ۽ اسان جي باغ ۾ هوا، روئيندي محسوس ٿيندي آ، ڪيترا ڀيرا مالهيءَ کان ان باري ۾ پڇيو اٿم، پر هو مون کي سدائين کلي ٽاري ڇڏيندو آ.
    ”اهو تنهنجو وهم آ ڪاڪا! هو بس هوا ئي هوندي آ، هوءَ نه روئندي آ، نه ڳالهائيندي آ.هوءَ ته رڳو وڻن جي پنن کي ڇهندي هلي ويندي آ.“ پر هن وقت هوا الائي ڪنهن کي ڇهيو آ.
    ”تون ڪيٿ رهندي آن؟“ منهنجول پيءُ پڇڻ لڳو.
    ”اڄ ئي هت آئي آهيان ۽ اڃا تائين ڪو ٿاڪ ڪونه ٺاهيو آ. پر مان پنهنجي ماءُ سان بالي پور ڳوٺ ۾ رهندي آهيان.“
    ”تون اڪيلي گهمندي آهين، توکي مردن کان ڀئو نه ٿيندو آ؟“
    جوڳڻ چيو، ”منهنجا نانگ منهنجي حفاظت ڪندا آهن، مون کي نه پر مردن کي مون کان ڊپ ٿيندو آ.“
    ”اسان جي گهر هڪ نانگ آ، اهو ڪنهن کان ڊڄي ئي ڪونه.“ بابي هن جي اکين ۾ اکيون اٽڪائيندي چيو.
    ”ڪٿي رهندو آ، مون کي رڳو ٻرڙ ڏيکار، ان کي پاڻهين پڪڙي وٺندس. منهنجي مرليءَ ۾ اهڙو ته منتر آ جو وڏي کان وڏو نانگ به بچي نٿو سگهي.“
    منهنجي پيءُ چيو، ”مالهيءَ کي چئي ٿو ڇڏيان، هو توکي پنهنجي گهر ۾ رهائيندو. جيستائين اسان جي باغ مان سڀ نانگن جهليندينءَ، تيستائين تون اتي ئي رهندينءَ ۽ ها هڪ نانگ جي پڪڙائي اٺ آنا ڏيندس – پر خبردار! اسان جي گهر واري نانگ جي ڏر تي هرگز نه وڃجانءَ، پو ته ان جي ڏنگ جو ڪو علاج ڪونهي.“
    ”هل – هل!!“
    جوڳڻ زبان ٻاهر ڪڍي بابي کي چيڙائيندي چيو ۽ ڪلهي تي لڙڪيل مرلي آڏو آڻي چيو. ”ٻڌايو ته سهي ڪٿي آهي اهو توهان جو نانگ؟“
    ”هل توکي ڏيکاريان ٿو.“
    بابي کي اها خبر ئي ڪونه هئي ته مان جوڳڻ جي وسارڻ جي باوجود وڏڦ جي جهڳٽن ۾ ايترو ويجهو بيٺو آهيان. مون کان بلڪل اڻڄاڻ ٿي هوءَ بابي پويان هلڻ لڳي. مان به ٿورو وٿيرڪو ٿي هنن جي پويان هلڻ لڳس-
    چيريءَ جي وڻن مان لنگهي، هو آڙن جي جهڳٽن ۾ پهتا. اتان هي اخروٽ جي وڻ جي ويجهو وڃي هڪ ٿلهي تي ويهي رهيا.
    بابا چيو، ”اهو نانگ هتي رهندو آ.“
    ”هن ٿلهي ۾!“
    ”ها! چوندا آهن آهن هن ۾ سيدان بيبي جي قبر آهي.“
    ”سيدان بيبي ڪير هئي؟“
    ”اهو ته ڪوئي ٻڌائي نه ٿو سگهي ته سيدان بيبي ڪير هئي؟ پر ماڻهو چوندا آهن ته هوءَ ڏاڍي سهڻي هئي. هيءَ تڏهن جي ڳالهه آ جڏهن هتي نه باغ هئا، نه اسپتال ۽ نه ئي راجا جو محل. تن ڏينهن ۾ هڪ مغل شهزادو پيءُ وٽان ڀڄي اچي هن وٽ، ڇهه مهينا کن ترسيو هيو. ڇهن مهينن کان پوءِ مغل شهزادي کي پيءُ طرفان معافيءَ جو پيغام مليو ۽ واپسيءَ لاءِ چيو ويو.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ، مغل شهزادو هليو ويو ۽ سيدان بي بي کي اهو دلاسو ڏئي ويو ته توکي درٻار ۾ اچڻ جو پيغام ڏياري موڪليندس، ۽ هوءَ ان جو سڄيءَ عمر انتظار ڪندي رهي... هت اها دفن آهي.“
    جوڳڻ خاموش رهي.
    ٿلهي تي پير پساري، ٽٻڻا لاهي، اکيون پوري مرلي وڄائڻ لڳي.
    سچ ته مرليءَ جي رسيلي آواز من کي موهي ڇڏيو – لڳي پيو مرلي ڄڻ ڪنهن کي روئي روئي سڏيندي هجي. ڄڻ ڪو زخمي ملم لاءِ منتظر هجي. ڄڻ ڪو ڀليل ٻار هجي ۽ دڳ جو ڏس پڇندو هجي ۽ ڪاڏي..... ڪاڏي... ڪهڙي دڳ وڃان... ڪاڏي وڃان، ڪندو هجي.
    هوءَ ڪافي دير تائين مرلي وڄائيندي رهي، پرمون ڪوبه نانگ ٻرن مان نڪرندي ڪونه ڏٺو. ها باقي بابا جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. ٿوريءَ دير کان پوءِ بابا ۽ جوڳڻ مالهيءَ جي گهر ڏانهن روانا ٿيا ۽ مان گهر آيس.
    مون امان کي چيو، ”مالهيءَ جي گهر جوڳڻ آئي آ.“
    ”جوڳڻ؟“
    ”ها جوڳڻ، بابا ان کي نوڪرياڻي ڪري بيهاريو آ ۽ هڪ نانگ پڪڙڻ تي کيس اٺ آناملندا“
    ”پڻهين ته مون کي ٻڌايو ئي ڪونهي. چڱو هل. مون کي ڏيکار. ڪٿي آ اها جوڳياڻي؟“
    ”مان امان کي مالهيءَ جي گهر وٺي ويس. جنهن جو گهر ڪچو ۽ ٻن ڪمرن جو ٺهيل آ- هڪ ڪمري ۾ جوڳياڻي ڀڳل آئينو آڏو رکي ڦڻي ڏيئي رهي هئي. منهنجي ماءُ کي اوچتو ڏسي، ڦڻي ڏيندي ڏيندي بيهي رهي. سندس سنهيون اکيون ائين چمڪڻ لڳيون ڄڻ ڪنهن اونهي پاڻيءَ ۾ زوم سان پٿر ڦٽو ڪيو هجي... ۽ هن اکيون جهڪائي ڇڏيون.
    منهنجي ماءُ هڪ نظر ڏسي پونئين – پير موٽ کاڌي – ٻاهر اچي مالهيءَ کي (جو پنهنجي ڪراڙيءَ ماءُ جي پيرن کي زور ڏيئي رهيو هو) چيائين:
    ”اوءِ! هيءَ نانگ ڇا پڪڙيندي، هيءَته پاڻ نانگڻ آهي.“
    اما جو لهجو ڏاڍو سخت هو. مون کي ته سمجهه ۾ نه آيو ته امان هن کي نانگڻ ڇو ٿي پئي چوي.
    جوڳڻ ته بلڪل امان وانگر عورت هئي، اها نانگڻ ٿي نه ٿي سگهي! منهنجي خيال ۾ وڏا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍيون بيوقوفن واريون ڳالهيون ڪري ويهندا آهن. تنهن ڪري مون اما کي چئي ڏنو:
    ”اما هوءَ ته عورتن وانگر هڪ عورت آ، تو هن کي نانگڻ ڪيئن چيو؟“
    ”تون نٿو سمجهين“ امان ڪاوڙمان مون کي چيو، ”توکي ڪنهن چيو آ ته تون وڏن جي معاملن ۾ دخل ڏي، توکي ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿم ته وڏن جي معاملي ۾ وچ ۾ ٽنگ نه اڙائيندو ڪر، نه ته..!“
    مان چپ هيسجي پوئتي ڀرڪي بيهي رهيس، پر امان مون کي ڊوڙائيندي، ڳالهائيندي بنگلي ۾ وٺي آئي. رات جو جڏهن امان سمجهيو ته مان گهري ننڊ ۾ ستو پيو آهيان (حالانڪ مان ڇهند ڪيو پيو هوس) ته امان – بابي سان وڙهڻ لڳي...
    ”ان جڳن جي رليل جوڳياڻيءَ کي تو نوڪرياڻي ڪري بيهاريو آ؟“
    ”ها“
    ”ڇو؟“
    ”نانگ مارڻ لاءِ“
    ”ان لاءِ توهان کي ڪو جوڳي هٿ نه آيو؟“
    ”نه مليو تڏهن ته ان کي بيهاريو آ!“
    بابا امڙ جا ڳوڙها اگهيا ۽ پيار ڪندي چيو، ”توکي منهنجي محبت تي يقين ڪونهي، ايتري نادان نه ٿي!“ امان سک جو ساهه کنيو ۽ آرس ڀڃي بابا جي ٻانهن تي آهي پئي.
    ٽن – چئن ڏينهن کانپوءِ وري امان. بابا سان جهيڙو شروع ڪيو، ٿيو هيئن جو، هن سيدان بيبي جي ٿلهي تي هڪ دفعي جوڳڻ ۽ بابا کي سُس پس ڪندي ڏسي ورتو. هن جي تن بدن ۾ باهه ڀڙڪي اٿي ۽ رڙيون ڪري چئي رهي هئي، ”هاڻي مان هت رهنديس يا هوءَ ساين اکين واري جوڳڻ.“
    بابا، امان کي سمجهائيندي چئي رهيو هو، ”آهستي ڳالهاءِ، ڪوئي ٻڌي نه وٺي، پاڙو نه جاڳي پوي.“
    ”ڀلي – ڀلي جاڳي، ڀل ٻڌي، منهنجو پاڙو ته ڇا سڄو جڳ ٻڌي، توهان جهڙو بي وفا مرد دنيا ۾ نه هوندو، مون کي پيڪين موڪلي ڇڏيو. مان... هڪ پل به هت نه رهدنس – جي سڀاڻي هوءَ هتان نه وئي ته مان هلي ويندس.“
    ”هن ٽن ڏينهن ۾ باغ مان ويهه نانگ جهليا آهن.“
    ”ويهه جهليا هجئين يا پنجاهه، مان سڀاڻي ئي کيس ڳت کان وٺي احاطي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏينديس.“
    ”تو جهڙي شڪي عورت مون نه ڏٺي آهي. هروڀرو شڪ ڪرڻ لڳندي آهين.“
    ”ها! تون هن کي هت وڌيڪ رهائي منهنجو شڪ مضبوط پيو ڪرين؟“ منهنجي ماءُ ڪاوڙ مان رڙ ڪئي.
    ”چڱو سائين چڱو، مون هارايو، هڪ هفتي جي اندر مان هن کي جواب ڏئي ڇڏيندس. هفتي اندر هوءَ جيڪي نانگ جهلي سگهي ته جهلي تون هن سان ان دوران جهيڙو نه ڪجانءِ. تون دل ننڍي نه ڪر، مان جيڪي به ڪيان پيو تنهنجي ٻچڙي جي ڀلائيءَ ۽ حفاظت لاءِ پيو ڪيان.“
    ”چڱو ته پوءِ ڇڙو هڪ هفتو؟“
    ”ها صرف هڪ هفتو.“
    ”ان کان وڌيڪ ڏينهن نه.“
    ”هڪ گهڙي به نه! بابا امان کي پنهنجن ٻانهن ۾ ڀڪوڙيندي چيو.
    مان هڪ اک کن لاءِ کولي جهٽ ۾ بند ڪري ورتي. امان ٿڌو ساهه ڀري چوڻ لڳي: ”جڏهن توهان مون کي ائين ٻانهن ۾ وڪوڙي وٺندا آهيو ته مون کي يقين اچي ويندو آهي!“
    بابا سائينءَ جوڳياڻيءَ کي چئي ڇڏيو هيو ته هن کي ستن ڏينهن ۾ هتان وڃڻو پوندو،ا يترن ڏينهن ۾ هوءَ جيترا به نانگ جهلي سگهي ڀلي جهلي.
    جوڳڻ بابا جي ڳالهه ٻڌي خاموش ٿي ويئي، هن هڪ دفعوبابا جي منهن ۾ غور سان نهاريو، پر پنهنجي مطلب جي ڳالهه نه ڏسي، مايوس ٿي سيدان بي بيءَ جي ٿلهي ڏي رواني ٿي، اتي پير پساري زور زور سان مرلي وڄائڻ لڳي. اڄ سندن مرليءَ ۾ نه اها مستي هئي، نه اهو ميٺاڄ ۽ ڏک، بس رڳو پيڙا، ڪروڌ ۽ لڇ پڇ، ائين محسوس ٿي رهيو هيو، جيئن زهر بنا نانگڻ وڪڙ کائي زهر گهري رهي هجي. ستين ڏينهن جڏهن جوڳڻ وڃڻ واري هئي ته امان کي نانگ ڪکي وڌو. امان هڪدم ڪري پيئي ۽ آهستي آهستي نيري ٿيندي ويئي. بابا اچڻ سان ئي ڏنگ واري جاءِ کي چهڪ ڏيئي ڪافي رت وهائي ڇڏيو ۽ ان چير ۾ پوٽاشم پرمئگنيٽ ڀري ڇڏيو، تن ڏينهن ۾ نانگ جي کاڌي جي ڪا ستي (انجيڪشن) نه ملندي هئي. بابا نانگ جي کاڌل جو اڪثر اهو علاج ڪندو هيو، جنهن ۾ ڪوئي ڪوئي بچي ويندو هيو، باقي گهڻو ڪري مري ويندا هئا-
    امان بيهوش ٿي پيئي هئي، جيئن پوءِ تيئن نيري ٿيندي پئي وئي، وات مان گجي نڪرڻ لڳي هيس- مون اهو ڏسي روئي ڏنو هو...
    بابا جلدي اٿيو ۽ مالهيءَ جي گهر ويو، جوڳڻ وڃڻ لاءِ سامان ٻڌي ڇڏيو هو، پنهنجي پڙي ۽ قميص به ڌوتي هئائين. نديءَ جي واريءَ سان چانديءَ جي زيورن کي چلڪايو هئائين، وارن کي به ڦڻي ڏني هئائين، هن اخروٽ جي ڇوڏي سان پنهنجن لبن کي لال ڪيو هيو ۽ وارن ۾ گلاب جو وڏو گل لڳائي ڇڏيو هيو ۽ وڃڻ لاءِ بلڪل تيار هئي.
    ”رانو! هل.“
    ”ڪاڏي؟“
    ”هوءَ مري ٿي پئي، ان کي بچائي وٺ.“
    ”نه- هن کي مرڻ ڏي.“
    ”نه رانو، چوڻ وٺ. هن کي بچائي وٺ، منهنجي دوا ڪم نٿي ڪري.“
    ”مون وٽ ڪا دوا ڪانهي، مان نانگ پڪڙي ته سگهان ٿي، پر نانگ جي زهر کي ختم ڪري نٿي سگهان.“
    ”تون ختم ڪري سگهين ٿي. تو پاڻ ئي ته ٻڌايو هيو ته ڪکيل جي تو وٽ دوا آهي!“
    “اها مون کان گم ٿي ويئي آ.“ جوڳڻ منهن ڦيريندي چيو. هن جي لهجي ۾ انتهائي سختي ۽ بيزاري هئي. بابا ٻنهي ٻانهن کان جوڳڻ کي پڪڙيندي ۽ روئڻهارڪو ٿي چيو، ”رانو! منهنجو چوڻ نه موٽاءِ، ڪيئن به ڪري هن کي بچائي وٺ، هوءَ مري وئي ته آءٌ به زنده نه رهندس.“
    جوڳڻ پٺ ورائي بابا ڏانهن ڏسندي آهستگيءَ سان چيو: ”هن لاءِ ته روئين ٿو، رڙين ٿو، منهنجي لاءِ تو وٽ هڪڙو ڳوڙهو به ڪونهي؟“
    بابا جوڳڻ جي آڏو ڪنڌ جهڪايو، چپڙي ڪيو بيٺو رهيو، ”خاموش ڏوهاريءَ وانگر“ جوڳڻ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پنهنجون پنبڻيون کڻندي چيو، ”چڱو ڀلا جيڪو توهان چاهيو ٿا، ائين ئي ٿيندو“ ۽ بابا سان بنگلي ڏي رواني ٿي. اتي پهچندي ئي هن پنهنجا چپ زخم سان لڳائي سوٽ ڏئي زخم مان ڪافي رت ڪڍي ٻاهر ٿوڪاريو ۽ پوءِ ٽٻڻيءَ مان ڳولي ڳولي سائو ملم ڪڍي زخسم تي مليو – هوءَ باغ ۾ ٻاهر ويئي ۽ ڪا دير ڪجهه ڳوليندي رهي، نيٺ هڪ وڏن پنن وارو ٻوٽو پٽي آئي، ان جي پنن کي کرل ڪري رس ڪڍي ٽيپو ٽيپو ڪري امان جي چپن تي ڳاڙڻ لڳي. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ امان جي وات مان گج نڪرڻ بند ٿي وئي – آهستي آهستي امان اکيون کوليون ته جوڳڻ امان کان پاسيري ٿي ويئي - ۽ بابا ويجهو اچي پڇڻ لڳو:
    ”هاڻ طبيعت ڪيئن آ“
    امان ڪمزور آواز ۾ چيو، ”لڳي ٿو ته بچي ويندم، منهنجو ٻچڙو ڪٿي آ”؟“
    مان روئيندو امان جي ارهه سان چنبڙي پيس ۽ ٿوريءَ دير ۾ منهنجي، بابا ۽ امان جي نيڻن ۾ خوشيءَ وچان ڳوڙها تري آيا...
    اوچتو ئي بابا کي الائي ڇا ياد آيو، هن چيو ”توکي خبر آ ته توکي جيئدان ڪنهن ڏنو آ.“
    امان خاموشيءَ سان مٿو لوڏي انڪار ڪيو:
    بابا چيو، ”رانو، اڳتي آءُ!“
    بابا اهو جملو چوندي پٺتي ڏٺو ته اتي ڪوبه ڪونه هيو! جوڳڻ وڃي چڪي هئي ۽ وري موٽي نه آئي. سياري ۾ جڏهن چوڏس برف پوندي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن نديءَ جي هن پار کان مرليءَ جي لڇندڙ صدا گونجندي آ ۽ بابا ان کي ٻڌي بيقرار ٿي ڪمري مان نڪري ايندو آ ۽ ورانڊي ۾ پسار ڪرڻ لڳندو آ. اهو آواز نديءَ کان پري هوائڻ ۾ ائين ئي اڏامندو آهي، جيئن ڪنهن ويران برفاني علائقي ۾ ڪو ٻار گم ٿي ويو هجي ۽ روئي روئي، سڏڪي منٿون ڪندو پنهنجو دڳ پڇندو هجي....

    (سنڌيڪار: منظور ظفر)


    17. عورت ۽ زال

    جڏهن اهو سک گاڏيءَ جو در کولي اندر آيو ته سندس هلڻ جي انداز مان مون محسوس ڪري ورتو ته فوج ۾ رهي چڪو آهي. سندس شخصيت ڏاڍي پروقار هئي، قد ڇهن فوٽن کان به مٿڀرو، رنگ ڀورو ڳاڙهيسرو، اڇي نوراني ڏاڙهي، هن کي ڪارو گرم وڳو پهريل هو ۽ گاڏي جي وچ ۾ روشنيءَ تي سندس پڳ جي ورن ۾ ابرڪ جا ذرڙا چمڪي رهيا هئا...هو پورا سارا قدم کڻندو، منهنجي ڀرسان اچي بيٺو، جهڪي، سيٽ جو نمبر پڙهيائين ۽ سڪون جو ٿڌو ساهه ڀري سيٽ تي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. سيٽ سندس وزن سبب پوئتي ٿي وئي، هن وڌيڪ سڪون وارو ساهه کڻي مون ڏانهن ڏسندي چيو ”هي پوئتي ٿيڻ واريون سيٽون ڏاڍيون سٺيون آهن.“
    مون پنهنجو دکندڙ سگريٽ، جيڪو مون ان مهل ئي دکايو هو، وسائي ڇڏيو. پوڙهي سک مون ڏانهن ڏسي مرڪي ڏنو ۽ چيائين، ”مهرباني، مون کي سگريٽ جو دونهون واقعي ڏاڍو خراب لڳندو آ.“
    جڏهن هو مرڪيو، تڏهن مون کي سندس ڏند ڏاڍا سهڻا لڳا، بيحد سفيد ۽ مضبوط ڏند – هن پوڙهي سک فوجيءَ جي عمر ستر سالن کان گهٽ نه هوندي، پر سندس وڏين وڏين ڪارين اکين ۾ هاڻي به جوانيءَ واري چمڪ ۽ تجسس هو. هن عمر ۾ به هو صحتمند لڳي رهيو هو، ۽ انهيءَ مهل سندس منهن تي جيڪا شيءِ مون کي کٽڪي رهي هئي، سا هئي منهن تي زخمن جا نشان. کاٻي ڳل تي ته ڄڻ انهن شانن جي صليب ٺهيل هئي، جڏهن ته ساڄي ڳل تي انهن زخمن جي ڪري انگريزي لفظ وي جهڙو نشان ٺهيل هو، ۽ جڏهن هن پنهنجي ٽاءِ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هٿ مٿي کنيا ته ڏٺم، سندس ترين جي پٺيان به زخمن جا ننڍا ننڍا انيڪ نشان هئا، ‎ ڄڻ ڪنهن تيز چاڪوءَ سان انهن زخمن کي قيمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.
    ”جنگ!“ مون سوچيو، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ساڻس حادثو ٿيو هوندو. چڱو ٿيو جو هن سهڻي ماڻهوءَ جي ٽنگ يا ٻانهن نه وئي، نه ته ڪيڏو خراب لڳي ها هي ماڻهو!- پر مون کي انهيءَ معاملي تي گهڻو سوچڻ جي مهلت نه ملي، ڇو ته ڊائيننگ ڪار جي بيري اچي چيو، ”توهان کي ماني کائڻي آ ته اچي کائي وڃو، اسان ڏهين وڳي بند ڪري ڇڏيندا آهيون.“
    مان اٿي بيٺس- پوڙهو سک به مون سان گڏ ئي اٿي بيهي رهيو، ”جيتوڻيڪ مان اٺين وڳي گهران ماني کائي نڪتو هوس، پر وري ٿوري بک محسوس ڪريان پيو.“ هن کلي مون کي چيو.
    ”۽ مان انهيءَ ڪري ٿو دير سان کاوان جو مون کي بک ئي نه لڳي هئي.“ مون جواب ڏنو.
    اسان ٻئي ڊائننگ ڪار ۾ وڃي ويٺاسين، اتي بيرن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه هو، ڇڙو هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪڙو نوجوان جوڙو ڪافي پي رهيو هو، ۽ ٿوريءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ ڳڙکيءَ کان ٻاهر پورن ماسي چنڊ ڏسي رهيو هو، ڇوڪريءَ جو هٿ ڇوڪري جي هٿ ۾ هو، جنهن کي هن هر هر زور ٿي ڏنو. هٿ کي زور اچڻ مهل ڇوڪريءَ جي چهري تي وڻندڙم رڪ ڦهلجي ٿي وئي ۽ مون کي ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڇوڪري جي هٿ ۾ بٽڻ آ، جنهن کي دٻائڻ سان اها مرڪ بجليءَ جيان روشن ٿي پوي ٿي، ڇوڪريءَ جا وار ڏاڍا خوبصورت نموني ڪٽيل هئا، ۽ اها وڻندڙ ڇوڪري منهن مهانڊي کان هندوستاني عيسائي ڇوڪري لڳي رهي هئي، جنهن ۾ يورپي رت جو به دخل هجي، ڇوڪرو هندستاني هو، سانورو، ننڍي قد پر مضبوط جسم وارو، گهاٽا چمڪندڙ وار ۽ ويڪري منهن تي ڏاڙهيءَ جي نيراڻ هئس. سندس وارن جي حجامت بلڪل تگازي ٿيل هئي، لڳو ٿي ڄڻ اڄ ئي وار ڪٽرائي آيو هو. کيس صاف سٿرا ڪپڙا پهريل هئا ۽ سنسد لونءَ لونءَ منجهان زندگيءَ جي صحتمند خواهش جرڪا ٿي ڏنا. ڇوڪريءَ جو هڪ هٿ سندس هٿ ۾ هو ۽ ٻئي هٿ سان لڳاتار هو سندس نيري ساڙهيءَ جي ڪنڊ کي مهٽي رهيو هو. سندس بيحد ڪاريون، ننڍيون ۽ چمڪندڙ اکيون، ڇوڪريءَ کي ائين گهوري رهيون هيون، ڄڻ اها ڇوڪري، ڇوڪري نه هئي، پر حسن جي ڪا پليٽ هئي.
    ”محبت ۾ صحت کي ڪيڏو نه دخل آ.“ مون سوچيو ۽ پيلا ڳل مهٽيندي چيو.
    جواب ۾ پوڙهي سک ڪجهه به نه چيو، ڇو ته ماني هاڻي اسان ٻنهي جي سامهون پئي هئي ۽ هو پري ڌيان سان مانيءَ جو جائزو وٺڻ ۾ رڌل هو، اسان اڃا ماني کائي رهيا هئاسين، جو اهو نوجوان جوڙو ڪافي پوري ڪري، بل ڏئي هليو ويو. ويندي ويندي وڻندڙ مرڪ ڇوڪريءَ جي منهن تي وري آئي، ۽ ان مهل مون کي سندس مرڪ ته ائين متاثر ڪيو، جنهن مهل هن ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو ٿي ته ڪيڏي نه چاهت ۽ پاڻ ارپڻ جي خواهش هئي سندس اکڙين ۾! ڪڏهن ڪڏهن ته عورت ڇڙو هڪ نظر ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندي آ، ۽ پوءِ خالي ٿانون جيان معصوم نظرن سان ڏسندي رهندي آ ۽ ان مهل عورت ڪيڏي نه پياري لڳندي آ!! مرڪڻ کان پوءِ اهڙي نموني ڇوڪريءَ پنهنجي ساٿيءَ ڏانهن ڏٺو هو ۽ سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ نوجوان سندس چيلهه ۾ هٿ وجهي سموڪنگ روم ۾ وٺي ويو هو، جو هنن جي وڃڻ کان پوءِ ڊائننگ ڪار وڌيڪ ويران لڳي رهي هئي ۽ ڳڙکيءَ جي سامهون بيٺل چنڊ ائين ٿي لڳو، ڃڻ صرف هنن جي ڪري ئي اتي بيٺو هو. مون هٿ وڌائي ڳڙکيءَ تي پردو وجهي ڇڏيو.
    پوڙهي سک مون ڏانهن ڏسي مرڪي ڏنو، پر خاموشيءَ سان ماني کائيندو رهيو. مانيءَ کان پوءِ پوڙهي ڪافي گهرائي، ۽ مان گريٽ پيئڻ لاءِ سموڪنگ روم ۾ هليو ويس. سموڪنگ روم ۾ اهو نوجوان ڇوڪرو، ڇوڪريءَ کي چمي رهيو هو، ۽ ڇوڪريءَ جي اکين منجهان لڙڪ ٽميا پئي.
    ڇوڪريءَ کانئس حيرت منجهان پڇيو، ”هي ڳوڙها....؟“
    ”ڪجهه ناهي – بس ائين ئي...“
    ڇوڪريءَ لڙڪ اگهندي چيو، ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي کلي پئي ۽ وري سندس چهري تي من موهيندڙ مرڪ پکڙجي وئي.
    ڇوڪري وري کيس ڪس ڪيو – ڇوڪري ٿوري ڏڪي، ۽ وري چيائين ”هل ڊارلنگ، اٿ! هلون هتي سردي آ...“ هن پنهنجي نظرن سان، خاموشيءَ سان مون ڏانهن اشارو ڪيو، مان ٻي ڳڙکيءَ مان ظاهري طور تي پورن ماسيءَ جو چنڊ ڏسي رهيو هوس. ڇوڪري مون ڏانهن اهڙي ڪاوڙ، منجهان ڏٺو، ڄڻ مون کي ڇرو وهائي ڪڍندو ۽ پوءِ هن آهستگيءَ سان ڇوڪريءَ جي چيلهه ۾ هٿ وڌو ۽ کيس وٺي اندر گاڏيءَ ۾ هليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ گارڊ گاڏي ۾ آيو، هن سموريون بتيون وسائي ڇڏيون، پر ٻاهر چنڊ پوريءَ طرح کڙيل هو، ۽ ٿڌي چانڊاڻ منجهه ويٺل ماڻهن جا چهرا خاموش ۽ ٿڪل لڳي رهيا هئا. مون چيو، ”مون کي چانڊوڪيءَ ۾ ننڊ نه ايندي آ، ڳڙکيءَ تي پردو ڏئي ڇڏيان؟“
    ”ٿورو ترس.“ پوڙهي سک ڏاڍو مڌر ۽ سوز ڀريل آواز ۾ چيو، ”چوڏهينءَ- جي رات ڏاڍي ڀوائتي آ، پر مان کيس ڏسڻ به چاهيان ٿو.... ٿوري دير چنڊ ڏسي وٺان!“
    ”چنڊ ته نوجوان ماڻهو ڏسندا آهن، اها تو اسان جي ڏسڻ جي شيءِ ناهي.“ مون ڏک منجهان چيو. پوڙهي سک مرڪي ڏنو، سندس کاٻو ڳل چانڊوڪيءَ طرف هو ۽ صليب جو نشان ڏاڍو گهرو نظر اچي رهيو هوس- ساڄي ڳل جي وري اوندهه ۾ گم هئي.
    مون چيو، ”تنهنجي ڳلن جا هين شان جنگ جي، نشاني ته ناهن؟
    ”جنگ!“ پوڙهي سک مون ڏانهن ڏسي پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿيندي چيو، ”ها جنگ ئي ته هئي....“ هن آهستي چيو.
    ”ڪهڙي جنگ؟“ مون پچيو ”پهرين مهاڀاري لڙائي يا ان کان به اڳ جي؟“
    ”مان فوج ۾ ته ڪڏهن به رهيو ئي ناهيان!“ پوڙهي سک آهستي وراڻيو.
    منهنجو اندازو غلط نڪتو، ان ڪري تجسس وڌي ويم، پڇيومانس: ”تڏهن هي نشان ڇا جا آهن؟“
    پوڙهي سک هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، چنڊ پنهنجي جاءِ تي هو، ڳڙکي پنهنجي جاءِ تي هئي، مسافر پنهنجي پنهنجي سيٽ تي ستا پيا هئا، اسان کان چار – پنج سيٽون اڳتي هڪ اونداهي ڪنڊ ۾ ساڳيو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پنهنجي پنهنجي سيٽ تي ويٺا هئا. ڇوڪري جي ٻانهن ڇوڪريءَ جي ڪلهن تي، ٻنهي جون اکيون پوريل هيون.
    پوڙهي سک مون کان پڇيو، ”اهو قصو ضرور ٻڌندين؟“
    ”جيڪڏهن ننڊ نه ٿي اچئي ته ضرور ٻڌاءِ.“
    ”ههڙي چانڊوڪيءَ ۾ مون کي ننڊ ته قطعي نه ايندي!“ پوڙهي سردار نرم لهجي ۾ چيو – پوءِ هن هڪ ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”چڱو ته ٻڌ- تون مون لاءِ قطعي اڻ سونهون آن، ان ڪري توکي ٻڌائڻ ڪو مسئلو ناهي.“
    گاڏيءَ جي ڳڙکين ۾ ٻٽا شيشا لڳل هئا، جنهن ڪري گاڏيءَ جي ڇڪ ڇڪ ڏاڍي مٺي ۽ مڌر لڳي رهي هئي ۽ گاڏيءَ جي ٻنهي پاسن کان ڦهليل ٿڌي ٿڌي چانڊوڪيءَ ۾ ڪارا ڪارا وڻ پنهنجون شاخون ويڙهيو ڪنڌ جهڪيل ڏوهارين جيان بيٺا هئا. سردار ڪنڊ ۾ ستل نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”جوانيءَ ۾ مان به انهيءَ وانگر هوس، بي فڪر، لاپرواهه ۽ پنهنجي مرضيءَ وارو. منهنجو پيءُ گجندر سنگهه ديهه حاصلان جو تپيدار هو ۽ ان کان سواءِ چڪ نمبر 37 به سڄو سارو اسان جي ملڪيت هو، گهر ۾ کاڌي پيتي جي ڪا کوٽ نه هئي – جيتوڻيڪ بابي مون کان بي – اي پاس ڪرائي هئي، پر مون کي شروع کان ئي ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هو. قلم بجاءِ منهنجا هٿ رنبو هلائڻ ۾ ڀڙ هئا. خبر ناهي مون بي – اي ڪيئن پاس ڪري ورتي هئي! بابي جي خواهش هئي ته مان فوج ۾ ڀرتي ٿيان ۽ ڪرنل ٿيان پر مون کي ٻنين جي زندگي ئي پسند هئي، مٽيءَ جي وڻندڙ سڳنڌ، ماڪ ۾ ڀنل پن، پريان پريان دڙن تان پاڻي ڀري ايندڙ عورتن جون قطارون، منهنجي سونهري گهوڙيءَ جي وڻندڙ چال، ڪچن رستن تي هلڪي هلڪي رئي اڏائيندڙ..... اوهه..“
    مون چيو، ”تون پنهنجي جوانيءَ ۾ ڏاڍو سهڻو هوندين! عورتون ته توتي مرنديون هونديون؟“
    پوڙهي اداس مرڪ سان وراڻيو، ”اهو ته مون کي ياد ڪونهي ته ڪنهن مون سان محبت ڪئي هجي – پر ها، مون هڪ ڇوڪريءَ سان محبت ضرور ڪئي هئي.“
    ”ڪير هئي اها؟“
    ”منهجي زال!“
    ”زال؟“
    ”جڏهن مان بي – اي پاس ڪري ڳوٺ واپس وريس، تڏهن بابي چڪ جهمران جي تپيدارجي ڌيءَ پريتوءَ سان منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي. پريتو ڏاڍي سهڻي ڇوڪري هئي، ڊگهي، گوري ۽ پرڪشش، پر مان ته سندس اکين تي موهت هوس!“
    ”انهن اکين ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه هئي؟“ مون پڇيو.
    ”بظاهر ته ڪا خاص ڳالهه نه هئي، بس وڏيون ۽ ڪاريون هيون.“
    ”اهڙيون اکيون ته گهڻين عورتون جون هونديون آهن، پر خاص ڳالهه ڪهڙي هئي؟“
    ”چئي نٿو سگهجي! انهن اکين جو رنگ.... نه نه،انهن اکين جو لهجو ڪجهه عجيب هو!“
    ”اکيون ڳالهائينديون به آهن!؟“
    ”ڳالهائينديون ته نه هيون، پر ڳالهائڻ چاهينديون هيون – ائين لڳندو هو، ڄڻ اُهي مون کي ڪجهه چوڻ ٿيون گهرن، پر چونديون ڪجهه به نه هيون- هر وقت ڄڻ سپنا ڏسنديون هجن!؟
    ”جوانيءَ ۾ سڀئي اکيون سپنا ڏسنديون آهن!“ مون چيو.
    ”ها، پر سڀئي سپنا ٻيا ٻيا هوندا آهن.“ پوڙهي آهستي چيو، ”مان ته پنهنجي پريتوءَ تي موهت هوس- تون چئي سگهين ٿو ته اهو ان ڪري ٿيو، جو ان کان اڳ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا به عورت نه آئي هئي – نه ان کان اڳ، نه ان کان پوءِ ئي. پريتو تو ڏٺي ناهي، نه ته ائين نه چوين ها، هوءَ ته اهڙي عورت هئي، جو زال هئڻ کان پوءِ به هن سان عشق ٿي ٿي سگهيو، ۽ ائين ئي ٿيو – جڏهن مان رڳو پهتس، ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان هاري ٿيڻ وڌيڪ بهتر سمجهيم ته بابي هڪدم منهنجي شادي ڪرائي ڇڏي ۽ مون کي ٻنين تي ڪم سان لائي ڇڏيو، جيتوڻيڪ کيس انهيءَ ڳاله جو ڏک ٿيو هوندو. پر مان ڏاڍو خوش هوس – جيڪڏهن مان فوج ۾ هجان ها ته پنهنجي پريتوءَ سان محبت ڪيئن ڪري سگهان ها؟ هن مهل تائين فرنگين جي ڪنهن نه ڪنهن لڙائيءَ ۾، اٽليءَ ۾، فرانس، ميسوپٽيما، دره خيبر ۾ ڪٿي نه ڪٿي مري چڪو هجان ها. جيتوڻيڪ مان چئي نٿو سگهان ته جيڪي ڪجهه ٿيو هو. سو سٺو هو يا برو!“
    اوچتو هو چپ ٿي ويو، مان به خاموش رهيس. گهڻيءَ دير کان پوءِ هن چيو، ”قصو ڪوتاهه، ته مان پنهنجي پريتوءَ کي ڏاڍو ڀائيندو هوس، ۽ هوءَ به مون سان ڏاڍي محبت ڪندي هئي ۽ اسان ڪڏهن هڪ ڏينهن لاءِ به هڪ ٻئي کان دور نه ٿيندا هئاسين. پر منهنجي شادي کان ڇهه مهينا پوءِ اوچتو منهنجو سهرو پنهنجي ڳوٺ ۾ سخت بيمار ٿي پيو، ۽ پريتوءَ کي پيڪين وڃڻو پيو،. پيءُ بيمار هوس، ان ڪري مان کيس روڪي به نٿي سگهيس. ان ڪري پريتو هلي وئي، پر منهنجو من پنهجي گهر ۾، ٻنين ۾ يا سواريءَ ۾، ڪنهن به ڳالهه ۾ نٿي لڳو. ٽي ڏينهن ته مون جيئن تيئن ڪري گهاريا، پر چوٿين ڏينهن کڻي گهوڙيءَ تي چڙهيس... منهنجي ساهرن جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان ٽيهه ڪوهه پري آ – پر منهنجي گهوڙي ڏاڍي تيز رفتار هئي، ۽ مان نماشام مهل ساهرين پهچي ويس. اتي وڃي سڌ پيم ته منهنجي سهري جي طبيعت اڳ کان گهڻي سٺي آ، بلڪ مون ته کيس ڏاڍي سٺي حالت ۾ محسوس ڪيو. سسس ۽ سهرو مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، پر ويتر جو خبر پين ته مان سهري کي پڇڻ آيو آهيان ته هنن کي ويتر گهڻي خوشي ٿي – سڄو ڏينهن ٽين ڪوهن جي سفر ڪرڻ سب مان ڏاڍو ٿڪجي پيو هوس، ان ڪري جلدي ماني کائي سمهي پيس – ڄاڻ هئم ته هاڻ جو سمهندس ته وري صبح سان وڃي سجاڳ ٿيندس، تنهن هوندي به مون پريتوءَ کي چيو ته صبح سان ضرور اٿارجانءِ، مان گهوڙي تي چڙهي چڪر هڻي ايندس، ائين نه ٿئي ته سج چڙهئي تائين ستو رهان.“
    ”پر ٿيو هئين جو ان رات جي ٽئين پهر ئي مان سجاڳ ٿي پيس، ۽ مان اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته منهنجي زال منهنجي هنڌ ۾ نه هئي! پريان ڪمري جي در جو آهستي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو آواز آيو، ۽ ڪو پاڇو ٻاهر ويندي نظر آيو! مان اکيون مهٽي اٿي ويهي رهيس، واهگرو! هي ڇا آهي؟ ڪجهه سوچيم مان هنڌ تان اٿيس، ڪرپان وهاڻي هيٺان ڪڍي ورتم ۽ آهستي دروازو کولي ٻاهر نڪري ويس.
    ”ٻاهر اڄ جهڙي ئي چانڊوڪي هئي، انتهائي سڳنڌ ڀريل چانڊوڪي رات، سرنهن جي وڻن ۾ لڪل آکيرن ۾ جهرڪين ڪنهن مهل ننڊاکڙيءَ حالت ۾ چون چون ٿي ڪئي، پر سندن جهرڪن تڪڳڙ ۾ کين هنج ۾ ڀري ٿي ورتو. منهنجا پير ماڪ ۾ ڀڄي ويا هئا، ۽ منهنجي چوڌاري سرنهن جونس ايون سايون مکڙيون جهومي رهيون هيون ۽ مان ٻنين منجهان پنهنجي پريتوءَ جي ڪڍ وڃي رهيو هوس – پهرين مون سوچيو، هوءَ ٻنيءَ ۾ ڪنهن ضروري ڳالهه کان جان ڇڏائڻ ٿي وڃي... پر جڏهن هوءَ ٻي ٻنيءَ کان به اڳتي وڃي، سڪي نالي کان ٽپي، دڙيءَ جي پٺيان گم ٿي وئي. تڏهن مون کي عجيب قسم جي حيرت ۽ ڳڻتيءَ ورائي وئي ۽ دل کي ٿورو ڌڪ لڳو. هاڻي مان ڏاڍو آهستي آهستي ۽ هوشياريءَ سان سندس ڪڍ وڃڻ لڳس، جيئن کيس سڌ نه پوي ته ڪو سندس پٺيان پيل آهي – مون ٻنيءَ کان اڳتي وڌي سڪو نالو پار ڪيو، ۽ پوءِ دڙي جي پٺيان وڃي اڳتي نظر ڊوڙايم – سامهون سرنهن جون ٻنيون هيون، ٻنين جي وچ ۾ هڪ کوهه هو، کوهه جي ڀرسان ٿورو لوڙهو ڏنل هو، لوڙهي جي ڀرسان هڪ کٽولو پيو هو ۽ کٽولي جي ڀرسان هڪ ڪچي جاءِ هئي، جنهن جود روازو کليل هو - ۽ منهنجي زال انهي پلنگ تي هڪ مرد سان گڏ ستي پئي هئي! منهنجي پريتو!! منهنجي زال!! هن هر هر انهيءَ جون اکيون ۽ ڳل تي چميا ۽ ڪيڏي شدت هئي سندس پيار ۾‘! منهنجي منهن منجهان رت ٽمڻ لڳو، پر مان چپ ڪري، لوڙهي جي پٺيان بيٺو کين پيار ڪندي، ڏسندو رهيس... پنهنجي اکين سان سڀ ڪجهه ڏٺم.... ڪجهه دير کان پوءِ مرد منهنجي زال کي چيو، پريتو! مون کي اڃ لڳ آ، اندران پاڻي آڻي ڏي. پريتوءَ پنهنجو مٿو سندس ڇاتيءَ تان کڻندي چيو، بچنا! تنهنجي اڃ اڃا پوري ناهي ٿي ڇا؟ بچني جواب ۾ فقط مرڪي ڏنو، ۽ منهنجي زال جي چپن کي چمي ڏنائين. پريتو آهستي اٿي، ۽ اڌ ٻيڪڙيل دروازي منجهان اندر وئي. بچنو اونڌو ليٽي در ڏانهن ڏسڻ لڳو، ڇو ته منهنجي زال الف اگهاڙي هئي....
    ”اوچتو مون ڪرپان ڪڍي، پنهنجي ٻنهي هٿن سان جهلي، پوريءَ طاقت سان بچني تي حملو ڪيو، بچني جي واتان ۾”هڪ“ جو هڪ هلڪو آواز نڪتو، ۽ ٻيءَ گهڙي سندس سسي ڌڙ کان ڌار ٿي وئي، ۽ پوءِ مان لوڙهي جي پٺيان ٻنين منجهه گم ٿي ويس – رستي ۾ مون پنهنجيڪرپان کي ٻنيءَ جي مٽيءَ سان اگهيو ۽ ڪرپان آئيني جيان چمڪڻ لڳو - ۽ مان ان کي وري مياڻ ۾ وجهي هنڌ تي اچي سمهي پيس.
    ”مني ڪلاڪ کن کان پوءِ پريتو آهستي آهستي ڪمري ۾ اندر آئي – مان جاڳي رهيو هوس، پر اکيون پوري ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ لڳس، پريتوءَ در بند ڪري پهرين ته مون کي ڌيان سان ڏٺو ۽ پوءِ منهنجي وهاڻي هيٺيان ڪرپان ڪڍيو، کيس کولي ڏٺائين - ۽ جڏهن اها قطعي صاف نظر آيس تڏهن ڄڻ سندس دل جو خوف دور ٿي ويو ۽ هوءَ منهنجي ٻانهن تي مٿو رکي سمهي پئي، بلڪل پٿر جي سر جيان.“
    ڪجهه دير جي انتظار کان پوءِ مون ڏاڍي بيچينيءَ منجهان پڇيو، ”پوءِ ڇا ٿيو!؟“
    ”ڪجهه به نه“
    سندس پيءُ جيئن ته چڱو ڀلو ٿي چڪو هو، ان ڪري مان پريتوءَ کي وٺي، ٻئي ڏينهن ئي پنهنجي ڳوٺ هليو آيس، ۽ اسان ٻئي کل خوشيءَ سان گڏ گهارڻ لڳاسين – ڏينهن، هفتا، مهينا، سال گذري ويا، پر مون اها ڳالهه ڪڏهن به نه چوري – پريتوءَ ڪڏهن به مون تي نه اهو ظاهر ڪيو ته کيس ڪو شڪ ٿيو هو يا کيس ڪنهن به ڳالهه جو ڪو دک هو. ها هڪ ڳالهه ضرور ٿي ته انهيءَ واقعي کان پوءِ هوءَ ڪڏهن به وري پيڪين نه وئي. منهنجي يا پنهنجي پيءُ جي چوڻ تي به نه وئي ۽ پريتوءَ جا ٻار، ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڏاڍا سهڻا هئا، اسان جا ٻار، پرتاب، دليپ ۽ هرنام ڪور – ٻار به وڏا ٿيا ۽ اسڪول وڃڻ لڳا ته ٽيون پٽ به ڄائو، هربنس سنگهه. هاڻي اسان جي گهر ۾ خوشي، آرام، سڪون، يقين ۽ گهرو سنٻنڌ هو – اهڙو سنٻنڌ سٺن گهرن لاءِ مثال هوندو آ. هڪ ڏينهن نما شام جي وقت واپس اچي، منگهه جي هيٺيان سمهي پيس – پرتاب ۽ دليپ ڪاليج کان موٽي آيا هئا، گرمين جون موڪلون گهارڻ. هرنام هڪ ڪنڊ ۾ ڀرت ڀري رهي هئي. منهنجو ستن سالن جو پٽ هربنس ڪاٺ جو گهوڙو هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. پريتو منگهه جي هيٺيان هڪ ڪنڊ ۾ چلهه تي جوئر جي ماني پچائي رهي هئي. هنڊيءَ ۾ سرنهن جو ساڳ رجهي رهيو هو ۽ ان جي سڳنڌ منهنجي بک کي ويتر وڌائي رهي هئي. مون تڪڙ ۾ ڪرپان لاهي هٿ ۾ ۽ هٿ منهن ڌوئيم وڙو کڻي بلڪل ٻارن جيان بيچين ٿي پريتوءَ کان ماني گهرڻ لڳس.
    ”پريتوءَ سڀ کان پهرين مون کي ماني ڏني، پوءِ پرتابن کي، پوءِ هرنام ڪور کي، ننڍڙي هربنس چيو، ”آئون امان سان گڏ کائيندس.“
    مون پريتوءَ کي چيو، ”تون به ويهي کاءُ!“
    ”مان به کائڻ ويهي رهندس ته تنهنجي اُڌي کٽيءَ جو خيال ڪير ڪندو!!“ هن نڪ کي موڙو ڏئي چيو – ان وقت چلهه جي روشنيءَ ۾ سندس ڳل جرڪي رهيا هئا، ۽ منجهيل وارن جي چڳ سندس نرڙ وٽان لڙڪي رهي هئي، انهيءَ مهل هوءَ مون کي ڏاڍي سهڻي لڳي رهي هئي.“
    ”امان مون کي ٻيو به ساڳ ڏي.“ دليپ پنهنجي ٿالهي وڌائيندي چيو. پريتوءَ ساڳ جي ڏوئي ڀري دليپ جي ٿالهيءَ ۾ وڌي.
    مون چيو، ”هربنس ماءُ! جيڪڏهن ٿوري کٽاڻ ملي وڃي ته مزو اچي ويندو.
    ”کٽاڻ ته اندر ڪوٺيءَ ۾ پئي آ.“
    ”پوءِ ڇا هي، اندران وڃي کڻي آ.“
    هن ڊڄي چيو، ”اندر ڏاڍي اوندهه آ، مون کي ڊپ ٿو لڳي!“
    ”ڊپ ٿو لڳئي!“ اوچتو بي اختيار منهنجي واتان نڪتو، ”هن مهل سڀني جي سامهون اندر ويندي ڊپ ٿو لڳئي، پر انهيءَ رات ٻنين منجهان اڪيلو ويندي ڊپ نه لڳو هوءِ!؟“ خبر ناهي مون اهو ڪيئن چئي ڏنو هو – جنهن ڳالهه کي سالن تائين سيني ۾ سانڍيو هوم، ڪيئن اوچتو طعني جو روپ وٺي منهنجي وات تي اچي وئي!!
    پريتوءَ ويٺي ويٺي بس هڪ کن لاءِ مون ڏانهن چتائي ڏٺو، ۽ ٻئي پل مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ هوءَ ڪرپان کڻي اچي منهنجي مٿان بيٺي هجي - پوءِ اوچتو ئي اوچتو ڄڻ کنوڻ جو کجڪو ٿيو، ۽ مون پاڻ بچائڻ لاءِ ٻئي هٿ کڻي مٿي ڪيا.
    هڪ، ٻه، ٽي دفعا ڪرپان منهنجي ڳلن تي اچي لڳو. مون پاڻ بچائڻ لاءِ هٿن سان کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. رڙ ڪيم ”پريتو! پريتو بس ڪر“ پريتو بکئي شينهن جيان مون تي وسڪارو لائي ڏنو، آخر ڪاوڙ ۾ ڀرجي مون ڪرپان سندس هٿن منجهان ڦري ورتو ۽ پنهنجي جسم ۽ روح جي سموري طاقت سان پريتوءَي جي ڪنڌ تي وار ڪيم، پريتوءَ جي سسي لهي وڃي هرينس جي گهوڙي جي پيرن ۾ ڪري، ۽ اتان منهنجي ٿالهي ۾ اچي پئي ۽ ٿالهي اونڌي ٿي وئي ۽ سندس ڪارا وار منهنجي سامهون پکڙجي ويا،.“ پوڙهو سک چپ ٿي ويو.
    مان به خاموش رهيس، ڳڙکيءَ ۾ چنڊ به وحشي جن جيان خاموش بيٺو هو، گاڏي جي مسافرن جا چهرا سفيد ۽ ٿڪل هئا – ڄڻ اهي چهرا نه هئا، ٻهروپين جا خول هئا، گاڏي ٻنين مان لنگهندي نامعلوم منزل ڏانهن وڌي رهي هئي.
    گهڻيءَ دير کان پوءِ پوڙهي سک ڏاڍي دلير لهجي ۾ چيو ”عورت ڪڏهن وساري نٿي سگهي! اهي ماڻهو عورت کي سمجهي نٿا سگهن، جيڪي سمجهن ٿا ته هو کيس ڏوليءَ ۾ سوار ڪري، هڪ کٽولي تي ليٽائي، چار ٻار ڄڻائي سندس اکڙين جا سپنا کائنس ڦري ٿا سگهن! اهي ماڻهو عورت کي سمجهي نٿا سگهن- عورت ڪڏهن به وساري نه سگهندي آ!“ پوڙهو سک چپ ٿي ويو، ۽ پنهنجي ڳل جي صليب تي هٿ ڦيرائڻ لڳو. مون کي ائين لڳو ڄڻ اها صلب ڏاڍي گهري، سندس دل ۾ کتل هجي،گاڏيءَ ۾ ايڏي خاموشي هئي جو منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو، مون وات کولي ٻه – ٽي ڊگها ساهه کنيا – پوءِ اوچتو منهنجي نظر ڪنڊ ۾ ستل جوڙي تي پئي، ڇوڪريءَ جو هٿ اڃا تائين ڇوڪري جي هٿ منجهه هو ۽ ڇوڪريءَ ڇوڪري جي ڪلهي تان مٿو کنيو. آهستگيءَ سان پنهنجو مٿو ڇوڪري جي هيٺان ڪڍيائين ۽ ڇوڪري ڏانهن چتائي ڏٺائين. جڏهن کيس پڪ ٿي ته هو گهاٽي ننڊ ۾ آهي تڏهن ڇوڪريءَ ڪنڌ ورائي چنڊ ڏانهن ڏٺو.... ۽ اهڙي حسرت منجهان ڏٺو، جو سندس وڻندڙ مرڪ جي بلڪل ابتڙ هو! مان حيران ٿي ويس، اوچتو مون پنهنجي سامهون ڪرپان لڏندي محسوس ڪيو ۽ دڄي کڻي اکيون هيٺ ڪيم. ٻي پل جڏهن مون اکيون کڻي ڏٺوته ڇوڪريءَ پنهنجي ڳڙکيءَ تي پردو ورائي ڇڏيو هو – سندس چهرو اوندهه ۾ هو.“ جيتوڻيڪ مان سندس چهرو ڏسي نٿي سگهيس، پر محسوس ڪيم ته هوءَ روئي رهي هئي.


    18. گل جي اڪيلائي

    ”توکي ڪهڙي قسم جي جڳهه گهرجي؟“ مسوڙي جاين جي دلال مون کان پڇيو. هو مون سان ”تون“ ڪري ڪڏهن به نه ڳالهائي ها، پر هن جو ڌيان منهنجي پراڻي سوٽ ڏي ڇڪجي چڪو هو. مون کي اهڙي جڳهه گهرجي، جنهن ۾ ڪمرو ته ڀل هڪڙو هجي، پر ان سان گڏ غسلخانو هجي، سامهون لان هجي، لان ۾ سائي ڇٻر جي ڪناري گل هجن....“
    ”۽ گلن جي وچ ۾ هڪ ڇٽي هجي ۽ ڇٽيءَ هيٺان هڪ سهِڻ ڇوڪري ويٺي هجي؟“ دلال تصورير کي مڪمل ڪيو، ”مسٽر! توکي جڳهه تلاش ڪرڻ بجاءِ پنهنجي عقل جو ويمو ڪرائڻ گهرجي.“
    ”ماڻهو سمجهه ڀريو ٿو لڳي.“ مون مسواڙي جاين جي دلال ڏانهن تعريفي نظرن سان ڏسندي سوچيو.
    دلال منهنجي ويجهو اچي آهستگيءَ سان پڇيو، ”مسواڙ ڇا ڏيندين؟“
    ”پنجويهه روپيا-“
    ”پنجويهه روپيا!“ دلال زور سان رڙڪ ئي، ”پنجويهن روپين ۾ فقط ڇٻر ملي سگهي ٿي، جڳهه نه-“
    مون چيو، ”مون توکي جڳهه ڏيکارڻ لاءِ ٽي روپيا ڏئي ڇڏيا آهن- اها ڳاهه توکي جڳهه ڏيکارڻ کان اڳ ٻڌائڻ گهربي هئي – هاڻي شرافت سان هلي جڳهه ڏيکار.“
    دلالن ٽن روپين جي رسيءَ سان ٻڌجي خاموشيءَ سان هلڻ لڳو، مون سوچيو، هر شخص جي ڳچيءَ ۾ هڪ رسي هوندي آ، ٽن روپين واري يا ٽن سون واري، ٽن هزارن واري يا ٽن لکن واري – پر رسي هر هڪ جي ڳچيءَ ۾ هوندي آ- هونءَ ته مون کي به پنهنجي ڳچيءَ لاءِ هڪ رسيءَ جي ضرورت هئي، پر روپين واري نه، ڦاسيءَ واري، ڇو ته مون مرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.
    هلندي هلندي منهنجي دل مون کان پڇيو، ”جڏهن تون مرڻ جو فيصلو ڪري ئي چڪو آن ته پوءِ جڳهه جي ڪهڙي ضرورت آ؟“
    مون پنهنجيءَ دل کي چيو، ”تون وچ م نه ڳالهاءِ، تنهنجي ڪري مان هن حال ۾ پهتو آهيان – تو ڪارڻ ئي مون هڪ غلط عورت سان محبت ڪئي، پنهنجي لاءِ غلط ڌنڌ اختيار ڪيم، دوستن جي چونڊ غلط ڪيم، سڄي عمر غلطيون ڪندو رهيس. هاڻي تون منهنجي ۽ منهنجي موت جي وچ ۾ ڳالهائڻ واري ڪير آهين-؟“
    ”مان ڪٿي ٿي وچ ۾ ڳالهايان!“ دل چيو، ”پر مان ته انتهائي ادب سان اهو پڇڻ ٿي گهران ته آخر جڏهن مرڻو ئي اهي ته پوءِ جڳهه ڳولڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ڇو نه ڪو وڻ ڳولجي، ڪو درياهه، ڍنڍ يا ريل جو ڦرندڙ ڦيٿو، يا ڪا زهر ذري-!“
    ”تون ڪا ڀوري آن!“ مون دل کي چيو، ”تون ته مون کي اڄ تائين سمجهي نه سگهي آن.....
    مون جهڙو ماڻهو هڪ عام ۽ سستي قسم جو موت ڪيئن ٿو مري سگهي؟ مان بهارن ۾ مرڻ ٿو چاهيان – هڪ خوبصورت ڪمرو، ليمپ شيڊ جي هلڪي هلڪي سونهري روشنيءَ ۾، منهنجي هٿن ۾ آخري جام.... ڇت جي پکي جي هُڪ ۾ ٽنگيل ريشمي ڏور ۾ لڏندڙ منهنجو جسم - ۽ دريءَ کان ٻاهر خوبصورت لان، لان ۾ سائي سائي ڇٻر، ڇٻر جي پاسن کان گل ۽ اس ۾ ڇٽيءَ هيٺان ويٺل سهڻي ڇوڪري.... پوءِ اها پاڙييسريءَ جي زال ئي ڇو نه هجي.“
    ”رات جو اُس وري ڪٿان ايندي، ۽ اها سهڻي ڇوڪري، رات جي وقت کليل ڇٽيءَ هيٺان ڇو ويٺي تنهنجي لاءِ ڪنبندي؟“ دل پڇيو.
    ”ته پوءِ مان ڏينهن جو ڦاهو کائيندس – پر هاڻ تون شٽ اپ ٿي وڃ“ مون دل کي دڙڪو ڏنو. دل چپ ٿي وئي – سامهون هڪ جڳهه به اچي وئي، سٺي جڳهه هئي – هڪ ڦرندڙ ڏاڪڻ چڙهڻ کان پوءِ پهرين ماڙ تي هڪ ڪمرو هو – بيحد خوبصورت ڪمرو – هر هڪ ڇت جو رنگ ٻيو هو – نارنگي، پيلو، ناسي، وارڊ روب، نيري پوٿر وارو، نجارو، ان سان لڳ هڪ ٻيو ڪمرو به هو – ڀتيون پيلي، گلابي، واڱڻائي ۽ چاڪليٽي رنگ جون هيون – انهيءَ ڪمري جي هڪ پاسي بار ٺهيل هئي – ان سان لڳ هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن ۾ ٻه پلنگ هئا. هڪ منهنجي لاءِ ۽ ٻيو منهنجي زال جي لاءِ، ٻه ديوارن ۾ لڳل آئينا به هئا – پهريان ٻه سال عشق ڪرڻ لاءِ ۽ پوءِ سڄي عمر ويچار ڪڍڻ لاءِ – مون فرش تي ابتي ٿيل بوٽ، ڪني پيٽي ڪوٽ ۽ ٻار جي.... جو تصور ڪيو – اهو تصور ايڏو ته خوبصورت هو جو تڪڙ ۾ غسلخاني جو در کولي ان ۾ گهڙي ويس.
    غلسخانو ڏاڍو وڏو ۽ خوبصورت هو، فرش ۽ ديوارن تي بهترين ٽائيلس لڳل، سائي رنگ جي واش بيسن ۽ ساڳي رنگ جو باٿ ٽب، سامهون دريءَ مان هيٺين ماڙ جو ورانڊو، ۽ ورانڊي کان ٻاهر لان نظر اچي رهيو هو، جنهن ۾ سائي سائي ڇٻر جي پاسن کان گل ٽڙيل هئا، جنهن جي ڀرسان ستن رنگن واري اس جي ڇٽيءَ هيٺان هڪ سهڻي ڇوڪري دنيا جو عظيم ادب، يعني هڪ جاسوسي ناول پڙهي رهي هئي، مون خوش ٿي چيو، ”واهه واهه! ڦاهو پائڻ لاءِ ڪيڏو سٺو هنڌ آ-“ پوءِ مون هڪدم پوئتي منهن ورائي دلال کان پڇيو، ”مسواڙ گهڻي ٿيندي؟“
    ”چار سئو روپيا“
    ”بيوقوف!“ مون توائيءَ مان چيو، ”مون توکي پنجويهه روپين واري جڳهه ڏيکارڻ لاءِ چيو هو. دلال مون کي ڪجهه چوڻ بدران ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لڳو.
    ٻي جڳهه جيڪا دلال مون کي ڏيکاري، اها به ٺاهوڪي هئي، پهرين جاءِ جهڙي ڳالهه منجهس نه هئي، پر ديوارن جو رنگ صاف سٿرو هو، ڪمرا فقط ٻه هئا، پر ٻنهي جا در هڪ ئي غسلخاني ۾ کليا ٿي. هڪ پاسي رڌڻو هو ۽ ڌرڻي کان ٻاهر ورانڊو ۽ ان جي اڳيان اڱڻ ۾ ڇٻر.
    ”هن ۾ گل ڪاٿي هن؟“ مون دلال کان پڇيو.
    ”گل تون پاڻ پوکي سگهين ٿو؟ هن چيو، ”اس واري ڇٽي پاڻ خريد ڪري سگهين ٿو ۽ ڇٽيءَ هيٺان ڪنهن سهڻي ڇوڪري بجاءِ پنهنجي زال کي وهاري سگهين ٿو.“
    ”گل پوکڻ لاءِمون وٽ وقت ڪونهي،“ مون چيو، ”اس واري ڇٽيءَ لاءِ مون وٽ پئسا ڪونهن، ۽ زال؟ يار! جيڪڏهن مون کي زال هجي ها ته مان جڳهه ڳوليان ها؟ ڪو رڌڻو نه وڇي ڳوليان ها؟ پر خير، جنهن ڪم لاءِ مون کي جڳهه گهرجي، انهيءَ لاءِ هيءَبه ٺيڪ آهي، مان گلن جي هڪ ڪونڊي رکي ڇڏيندس، ڪونڊيءَ جي مٿان اس واري ڇٽگھيءَ بدران پنهنجي ڪاري، ميري مينهن واري ڇٽي رکي ڇڏيندس، ۽ ان جي هيٺان هڪ سهڻي ڇوڪريءَ جو تصور به ڪري ڇڏيندس. پر هن جي مسواڙ ڇا ٿيندي.“
    ”اڍائي سئو روپيا-“
    ”بيوقوف!“ اڍائي سون واري جڳهه ڇو ٿو ڏيکارين؟ مون کي بس پنجويهن روپين واري جڳهه کپي.“
    دلال منهنجي ڳالهه جو ڪوبه جواب نه ڏنو – چپ ڪري جڳهه کان ٻاهرن نڪتو.
    ٽين جڳهه جيڪا مون ڏٺي، انهيءَ ۾ سڀ کان پهرين غلسخانو ٿي آيو – پوءِ ڏاڪڻ چڙهڻ کان پوءِ هڪ ڪمرو ٿي آيو- ڪمري سان لڳ رڌڻو به هو، جيتوڻيڪ هئڻ غسلخانو گهربو هو، جڏهن مون انهيءَ سلسلي ۾ دلال کان پڇيو ته هن چيو، هن علائقي ۾ جيڪي به گهر آهن، تن ۾ ڪمري سان گڏ رڌڻو آهي، جڏهن ته غلسخانو ڏاڪڻ ۾ آ.“
    ”اهو ڇو؟“
    ”اهو ان لاءِ ته جيئن عورت رڌڻي منجهان هر وقت پنهنجي مڙس تي نظر رکي سگهي- ڏس هن رڌڻي جي ڀرسان وارو ڪمرو، هيٺ وڃڻ واري ڏاڪڻ ۽ ڏاڪڻ جي سامهون غلسخاني تائين سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو آ.“
    مون چيو، ”خير ٿيو، مون ڪڏهن ڪائي زال نه پالي آ، ان ڪري مان ڪنهن جي نظرداريءَ کان نٿو ڊڄان. رهيو غسلخاني جو پري هئڻ جو سوال، ته مون کي ڇا هي، مان غلسخاني کي رڌڻو ۽ رڌني کي غسلخانو ڪري استعمال ڪندس، مون کي ته ٻئي هڪ جهڙا ٿا ٺهيل نظر اچن.
    دلال منهنجي عقل جو داد ڏيندي چيو، ”اهو تون ڄاڻ ۽ مالڪ، جيڪڏهن توکي هيءَ جڳهه پسند آهي ته ڪڍ سئو روپيا!“
    ”سئو روپيا؟ مون رڙ ڪري چيو، ”ڇا جو سئو روپيا!!“
    ”سئو روپيا هن جي ماهوار مسواڙ ٿيندي.“
    ”منهجا ڀاءُ! مون هٿ ٻڌي دلال کي چيو، ”مون توکي فقط پنجويهن روپين واري جڳهه ڏيکارڻ لاءِ چيو آ - ۽ تون آن جو سون جي ڳالهه ڪندي ٿڪجين ئي نٿو.“
    دلال چيو، ”منهنجو ڪم ته توهان کي جڳهه ڏيکارڻ آ، ڪهڙي خبر توکي ڪهڙي جڳهه پسند اچي وڃي. هتي مون اڪثر ماڻهن کي ڏٺو آ، جيڪي پنجويهن رپين جي جاءِ لاءِ ايندا آهن ۽ چئن سون واري وٺي ڇڏيندا آهن، ڪي وري اهڙا ماڻهو به ڏٺا اٿم، جيڪي چئن سون واري جڳهه لاءِ ايندا آهن ۽ پنجويهن روپين واريءَ ۾ بس ڪري ويهي رهندا آهن، گراهڪن جي ڪا به خبر ئي نٿي پوي!!“
    هاڻي دلال جنهن بلڊنگ ۾ مون کي وٺي ويو، اها پنج ماڙ ۽ جهاز جي شڪل جهڙي هئي - ۽ سنسد ڇت تي ڪنڪريٽ جو جهاز ٺهيل هو، جنهن تي لکيل هو، ”ايس. ايس ماتمارام ملتاني“ دلال چيو، ”هن بلڊنگ اندر گوشت کائڻ جي منع آهي، بصر کائڻ منع آهي، شراب پيئڻ منع آهي.“
    ”پوءِ ته هتي زال سان گڏ رهڻ به منع هوندو!“ مون پڇيو.
    دلال حيرت منجهان مون ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    مون وري چيو، ”پوءِ ته هتي سوچڻ به منع هوندو، زور سان ٽهڪ ڏيڻ به منع هوندو، هنڌ تي ابتو ليٽي سگريٽ پيئڻ به منع هوندو، ڪلهي تي ٽوال رکي ۽ دروازي تي بيهي ڏاڪڻ تان لهندڙ ڪنهن سهڻي عورت کي ڏسڻ به منع هوندو!! مسٽر! مان جڳهه ڏسڻ آيو آهيان ونوبا ٻائيءَ جي آشرم ۾ داخلا وٺڻ نه آيو آهيان!“ اهو چئي مان جڳهه منجهان ٻاهرنڪري ويس. دلال شرم منجهان ڪنڌ جهڪائي منهنجي پويان هليو آيو.
    هاڻي دلال مون کي جنهن جڳهه ۾ وٺي ويو، اها واقعي پنجويهن روپين واري ٿي لڳي، نه لان، نه ڇٻر، نه گل، چوٿين ماڙ تي ڪمرو هو، درين تي لوهه جون ٿلهيون شيخن لڳل هوين، جيئن جڳهه جي مالڪ جي تقاضائن کان پريشان ٿي مسواڙ.... کان ٽپو ڏئي نه سگهي – ڀتين تي ٽيهه سال اڳ جو چونو لڳل هو، جيڪو هاڻ ڪاراڻ ۾ بدلجي رهيو هو. ڇت جي ڪارن ڄارن جي وچ ۾ بجلي جو هڪ پراڻو پکو لڙڪي رهيو هو. مون به پنهنجي تصور ۾ قبول ڪري ورتو ته ٺيڪ آ، لان نه سهي، گل نه سهي، سهني ڇوڪري نه سهي، هن ڪمري ۾ پکي جو هُڪ ته آهي، جنهنس ان لڙڪي ڦاهو ته پائي ٿو سگهجي!
    ”پر غسلخانو ڪٿي آ؟“
    ”هو لڳ آ،“ دلال هڪ ڪنڊ واري در ڏانهن اشارو ڪيو.
    مان تڪڙ ۾ غسلخاني ۾ گهڙي ويس، غلخاني ۾ وڏين وڏين اکين واري هڪ ٿلهي متاري عورت ذبح ٿيل ڪڪڙ جا پر پٽي رهي هئي.، مون کي ڏسندي ئي هن واڇون ڦاڙي کلي ڏنو -۽ جڏهن سندس ٿلهن چپن واريون ارڙهن انچ ويڪريون واڇون پوريءَ طرح کليون ته مون کي ان ۾ پان جي پڪ ۾ رنڱيل ڏند ڏاڍا خطرناڪ لڳا. مان ڇرڪي موٽڻ وارو ئي هوس، جو هن ڪافر ادا پنهنجي جبل جيڏو پولهه لوڏيندي چيو، ”تون نئون مسواڙي ٿو لڳين؟“
    ”لڳان ٿو يا نه، پر مان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان ته هيءُ غسلخانو ڪنهن جو آ؟ منهنجو يا تنهنجو؟“
    ”تنهنجو به ۽ منهنجو به،“ هن اهڙي ادا سان چيو، ڄڻ منهنجي ۽ هن جي زندگيءَ ڀر لاءِ مائٽي پڪي ٿي وئي هئي. مون ڊڄي هڪ وک پوئتي کنئي ته هوءَ هڪ وک اڳتي وڌي آئي، ”تون هلي آ، فڪر نه ڪر، گڏجي سڏجي گذارو ڪري وٺنداسين.“ اهو چڇئي هوءَمون ڏانهن ڏسي مرڪي پئي. مان تڪڙ ۾ دروازي تائين پهچي ويس، هن ڪڪڙ جو آخري کنڀ زور سان پٽي ورتو ۽ ان سان پنهنجا ڏند صاف ڪندي چيائين، ”هاڻي پنجاهه روپين ۾ مالڪ ڌار غسلخانو ته ڏئي نٿو سگهي!“
    مون بلڊنگ کان ٻاهر اچي دلال کي چيو، ”جيڪڏهن تون مون کي پنجويهن روپين واري جڳهه نٿو ڏيکاري سگهين ته تڪڙ ۾ منهنجا ٽي روپيا واپس ڪڍ!“
    دلال چيو، ”شريفن جي پاڙي ۾ ته پنجويهن روپين واري جاءِ ملڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي – ها، جيڪڏهن تون گندي وستيءَ ۾ رهڻ لاءِ تيار هجين ته مان توکي پنجويهن روپين واري جڳهه ڏيکاري سگهان ٿو....“
    ”هل هل، جڳهه ڏيکار، ڳياڙي نه هڻ!“
    هو مون کي گندي وستيءَ ۾ وٺي هليو – جيڪو شهر جو سڀ کان گندو علائقو هو – جتي شهر جا نهايت غريب ماڻهو رهندا هئا، جتي سوڙهيون گهٽيون هيون، غلاظت جا ڍير هئا، کليل ڪسيون هيون....
    ڪنڊ تي دلال گندي وستيءَ جي دلال سان وڃي ڪجهه ڳالهايو – پوءِ هو ٻئي مون وٽ آيا، ۽ مون واري دلال مون کي چيو، ”هي چوي ٿو ته هن وستيءَ ۾ پنجويهن روپين واري جاءِ ڪانهي.“
    ”تڏهن گهڻي مسواڙ واري آ؟“
    ”سورهن روپين واري جڳهه آهي.“
    ”اها ئي ڏيکاريو.“
    ”سورهين واريون جايون به خالي ڪونهن – ها، باقي هڪڙي آهي، پر اها تنهنجي لائق ڪانهي.“
    ”منهنجي لائق ڇو ناهي؟ مون گندي وستيءَ جي دلال ڏانهن ڏسندي چيو.
    گندي وستيءَ جي دلال کاڏي کنهندي چيو، ”صاحب! انهيءَ ڪوٺڙيءَ جو مسواڙي ڪالهه مري ويو.“
    ”ڏاڍو سٺو، ڪوٺڙي ته خالي ٿي وئي.“
    ”ها، خالي ته ٿي وئي صاحب! هن پنهنجي ٺونٺ کي کنهندي چيو، ”پر اهو مسواڙي اسان وانگي ئي گڀريب (غريب) مزور هيو، ۽ چوڙين جي ڪارکاني (ڪارخاني) ۾ مزوري ڪندو هو!“
    ”مزور هو ته ڇا ٿيو! آخر هو چوڙيون ٺاهيندو هو، چوريون ته نه ڪندو هو؟“
    ”نه صاحب! اها ڳالهه ناهي، ”هن پنهنجي چيلهه کي کنهندي چيو، ”اهو چوڙيون ٺاهڻ وارو ڌنوڻ ڌنوندي ڌنوندي ۽ گرم واري ڦڪيندي بيمار ٿي پيو هو.“
    ”پوءِ ڇا ٿي پيو! هرڪو بيمار ٿيندو آ ۽ ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري ضرور بيمار ٿيندو آ – ڀل واري ڦڪيندي يا گهڻو کاڌو کائڻ ڪري.“
    ”تو سمجهو ڪونه صاحب!“ هن پنهنجي ڄنگهه کي کنهندي چيو، ”اصل ڳالهه هيءَ آهي ته کيس بخار ٿي پيو هو – جنهن کي توهان سلهه چوندا آهيو، ۽ هو انهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ پنج سال بيمار رهيو، پر ڪم ڪندو رهيو ۽ زندگي لاءِ وڙهندو رهيو – ڇو ته کيس چار ٻار هئا ۽ زال هئس، جڏهن هو مري ويو ته سندس زال ۽ ٻار اها ڪوٺڙي خالي ڪري ويا – ڇو ته هو سورنهن روپيا مسواڙ ڏئي نٿي سگهيا، هو شهر ان ٻهر جهوپڙين ڏانهن هليا ويا، جتي سرون ڍوئڻ وارا مزور رهندا آهن، ان ڪري ٿو مان چوان ته اها ڪوٺڙي خالي ته آهي پر تنهنجي لائق ناهي.“
    ننڍڙي ڪوٺڙي هئي – اونداهيون ڀتيون، چيڪندڙ در، زنگ لڳل ڪنڍو، زنگ لڳل درجون شيخون ۽ لوهي شيخن واري در جي ٻاهران ڀڳل ٽٽل سرن واري ڪسي..... مون ٻاهران نظرون هٽائي وري اندر ڏٺو ته هڪ ڪنڊ ۾ پاڻيءَ جو نلڪو نظر آيو، جنهن جي منهن ۾ ميريون اڳڙيون پيل هوين ۽ انهن اڳڙين جي پڇاڙڪي سري کان پاڻي ٽپ – ٽپ ڪري ساوڪ جهڙي فرش تي پئجي رهيو هو – ائين، ڄڻ ڦٽ منجهان رت ٽمندو هجي.... ان کان پوءِم ون کي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ٺڪر جي ڪونڊي نظر آئي، جنهن ۾ گلاب جي شاخ تي فقط هڪڙو گل هو، تمام وڏو ڳاڙهو گل....
    ”هي ڇا هي؟“
    گندي وستيءَ جو دلال پنهنجا پيلا ڏند ڪڍي کليو ۽ چيائين، ”هي تنهن جي لاءِ آ صاحب!“
    ”منهنجي لاءِ!“ مون حيرت منجهان پڇيو.
    ”ها صاحب!“ دلال چيو، ”مرڻ گهڙيءَ ويل مرڻ واري چيو هو،جيڪو به منهنجي جاءِ تي هن ڪوٺڙيءَ ۾ اچي، ان کي هيءَ ڪونڊي ڏجو، ۽ چئجوس روز هن کي پاڻي ڏي، جيئن گلاب جو هيءُ ٻوٽو سائو رهي، بس سائين، چرياڻ هو.“
    اوچتو منهنجي جسم مان سيسراٽ نڪري، مون کي ڏڪندو ڇڏي ويو. مان هنن اونداهين ڀتين ۾ رکيل انهيءَ گلاب جي گل ڏانهن ڏسندو رهيس. چئني پاسي گهٽ ۽ نااميدي، ۽ هيءُ اڪيلو گل – ڪوريئڙن جا لڙڪندڙ ڄار، زنگ لڳل لوهي شيخن جي اندر هيءُ اڪيلو گل.... انسان جي دل ۾ اسرندڙ ۽ انسان جي حوصلي، بهادريءَ ۽ عظمت جيان منهن کڻي بيٺل- فطرت تي کلندڙ، ۽ موت سان وڙهندڙ.... پر هيءُ گل سڙي ويندو، هڪ ڏينهن رک ٿي ويندو. مون سوچيو، هن ڪوٺڙيءَ جي گهٽ سندس سمورو رنگ ۽ روپ ڦري وٺندي، هن کي ڪوريئڙي جا ڄار ورائي ويندا ۽ هيءُ گل ڪومائجي ويندو، جيئن هو چوڙين وارو مزور ڪومائجي ويو! پر هيءُ گل زنده رهندو! ۽ روز لکين ڪروڙين ماڻهن جي دلين ۾ اسرندو – جيڪي چوڙيون ٺاهيندا آهن ۽ سر تي سر ائين رکندا آهن، جيئن محبت ڪرڻ وارو انسان چميءَ مٿان چمي رکندو آ- هي گل روزانو انهن انسانن جي دلين ۾ اسرندو، ۽ زندگي ۽ ان جي مسلسل جدوجهد جو اتساهه جڳائيندو! هيءُ گل ڪڏهن به نه ڪومائبو!
    مون اهائي ڪوٺڙي مسواڙ تي وٺي ڇڏي ۽ انهيءَ ڏينهن کان اتي رهندو آهيان!!


    19. ٽيڪسي ڊرائيور

    عدالت نمبر چوٿينءَ جو ڪمرو جوابدارن، وڪيلن، فريادين، شاهدن ۽ ٻڌندڙن سان ڀرجي ويو هو. ساڍا يارهن ٿي ويا هئا، پر عدالت جي ڪرسي اڃا تائين خالي هئي.
    انهيءَ عدالت جي سامهون اڄ بڪرم ٽيڪسي ڊرائيورجي ٻارهين حاضري هئي، گذريل چئن مهين ۾ هو يارنهن دفعا انهي عدالت جي سامهون پيش ٿي چڪو هو ۽ هر دفعي حاضري ايندڙ تاريخ تي ٽري ٿي وئي، سندس ڪيس جو وارو ئي نٿي آيو! گذريل چئن مهينن ۾ هو يارهن ڏينهن ٽيڪسي نه هلائي سگهيو هو ۽ جڏهن ٽيڪسي نه هلندي آ ته گهر جو خرچ نه هلي سگهندو آ، ٻارن جو اسڪول نه هلي سگهندو آ، واڻئي جو کاتو نه هلي سگهندو آ، رڳو زال جي ڳياڙي هلندي آ.
    ڪو وڏو ڪيس به نه هو سندس – بس، هن شهرجي سڀ کان وڏي ماڻهوءَ جي ڪار کي تيز رفتاريءَ ۾ مات ڏني هئي، ۽ هن جي بيهڻ کان پوءِ به هن وڏي ماڻهوءَ جي ڪار کي پاڻ کان اڳتي وڌڻ نه ڏنو هو – جيتونيڪ وڏي ماڻهوءَ جي ڪار سندس پيٽ جيان وڏي هئي ۽ سندس حرص جيان ڊگهي هئي، ۽ سندس رنگ ڪنهن ٽرڙي رن جي ميڪ اپ جيان شوخ هو- تڏهن به بڪرم جي ٽيڪسيءَ آڏو مات ٿي وئي، انهيءَ ۾ بڪرم جي ٽيڪسيءَ کان وڌيڪ بڪرم جي چالاڪيءَ جو هٿ هو- ڇو ته مشين ته انسان جي هٿ سان هلندي آ – انهيءَ تي شهر جو سڀ کان وڏو ماڻهو هڪ معمولي ٽيڪسي ڊرائيور جي ايڏي جرئت ڪري ڪاوڙ جي پيو ۽ اڳين چونڪ تي بيهي هن ٽريفڪ انسپيڪٽر سان هڪ گهٽ حيثيت جي ٽيڪسي ڊرائيور جي خلاف شڪايت وڃي ڪئي.
    بڪرم کي هن عدالت ۾ وڌ ۾ وڌ ڏهن روپين جي ڏنڊ جي سزا ملي ها، پر هو وڏو ماڻهو، ڏاڍو مصروف ماڻهو هو، حاضري تي آيو ئي نٿي - ۽ بڪرم اڄ ٻارهون دفعو عدالت ۾ آيو هو، هن پريشانيءَ منجهان پنهنجي وڪيل کان پڇيو، ”جج صاحب اڄ نه ايندو ڇا؟“
    ”ڪهڙي خبر!“ سندس وڪيل ڏاڍي بيزاريءَ منجهان جواب ڏنو، ڇو ته بڪرم پنهنجي وڪيل کي هر هڪ حاضري تي ٽي روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. سندس خيال هو ته هڪ ٻن حاضرين ۾ فيصلو ٿي ويندو، پر کيس ڪهڙي خبر ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي ويندو، ۽ ٽن روپين بجاءِ ٽيٽيهه روپيا خرچ ٿي ويندا ۽ وڪيل انڪري سختيءَ سان جواب ڏئي رهيو هو ته آخر ٽن روپين واري اصيل کي ٻيو ڪهڙي نموني جواب ڏجي! ها، جيڪڏهن ڳالهه ويهن – پنجويهن جي هجي ها ته وڪيل به مرڪي جواب ڏئي ها – بڪرم ڏاڍي بيزاريءَ مان سوچيو، هن مهل تائين مان هن ظالم کي ٽيٽيه روپيا ڏئي چڪو آهيان، پر هيءُ ڪڏهن مون سان منهن ڏئي ڳالهائي به نٿو، ڇو ته مان ٽين روپين وارو شڪار آهيان، ڏنڊ ته مون تي ڏهن روپين کان وڌيڪ نه پوندو، پر وڪيل کي ٽيٽيهه روپيا ڏئي چڪو آهيان!!
    سائين جانچ ته ڪيو، ته اڄ عدالت لڳندي يانه؟ منهنجي ٽيڪسيءَ جو نقصان پيو ٿي،“ هن ڏاڍي اداس لهجي ۾ پنهنجي وڪيل کي چيو.
    وڪيل واچ ۾ ڏسي چيو، ”اوهه، پوڻا ٻارهن ٿي ويا. منهنجو هڪ ڪيس عدالت نمبر 2 ۾ آهي، مان اوڏانهن ٿو وڃان، تون هتي ئي ڪورٽ ۾ ويهي رهه – پر هج هتي ئي- جيڪڏهن توکي سڏ ٿئي ته مون کي نمبر 2 مان سڏي وٺجانءِ“
    وڪيل پنهنجي ڦاٽل ڪالر کي ٺاهيندو، پنهنجي ڳوڻ جهڙي سوٽ کي لوڏيندو، ڪورٽ نمبر 2 ڏانهن هليو ويو. ڪافي عرصو اڳ هن هڪ وڏي ايڊووڪيٽ جي ڌيءَ سان اهو سوچي شادي ڪئي هئي ته سندس سهرو کيس وڏو ايڊووڪيٽ ڪري ڇڏيندو، پر شاديءَ کان ڇهه مهينا پوءِ ئي سندس سهرو مري ويو. ٽن روپين ۾ تون ڇا ٿو ڪري سگهين؟ زندگيءَ ۾ جيڪڏهن تلخيون هجن ته پوءِ ميٺاج ڪٿان ايندو؟ وڪيل ڪورٽ نمبر 2 ڏانهن ويندي سوچيو.
    بڪرم پهرين ته ڪورٽ ريڊر کان جج جي باري ۾ پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ريڊر جڏهن کيس ڇڙٻيو، تڏهن هو چپ ڪري پاسي ٿي ويو، ۽ دير تائين پنهنجي ڇڊي پر خوبصورت ۽ نرم ڏاڙهيءَ تي هٿ گهمائيندو رهيو. سندس اکيون پڻ ڏاڍيون خوبصورت ۽ وڏيون هيون، سندس خاندان ۾ وڏا وڏا عالم فاضل ماڻهو ٿي گذريا هئا، پر زماني جي گردش کيس ٽيڪسي هلائڻ تي مجبور ڪري وڌو هو.
    هن چئني پاسي بي وسيءَ منجهان ڏٺو، اوچتو کيس ڪورٽ روم جي ساڄي ڪنڊ ۾ هڪ دروازي جي ڀرسان جج صاحب جو اردلي نظر آيو. جڏهن جج صاحب پنهنجي پرائيويٽ روم منجهان نڪري عدالت جي ڪمري ۾ ويندو هو ته هيءُ اردلي ٻه قدم اڳتي وڌي رڙ ڪندو هو، ۽ عدالت کي جج صاحب جي اچڻ جي اطلاع ڪندو هو – پوءِ جج صاحب ڪاري عينڪ، ڪارو گائون ۽ سفيد ڪالر پائي اندر ايندو هو، ۽ سڄي عدالت سندس احترام ۾ اٿي بيهي رهندي هئي، جيسين جج صاحب عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي نه رهي. بڪرم خاموشيءَ سان اردليءَ ڏانهن وڌي ويو، ۽ ساڻس ڳالهائڻ لڳو ”جج صاحب جن ڪڏهن ايندا؟“
    اردليءَ وراڻيو، هونءَ ته يارهين تائين اچي ويندا آهن – اڄ خبر ڪانهي – شايد سندن طبيعت ٺيڪ نه هجي.“
    ”طبيعت خراب هوندي ته عدالت نه هلندي؟“
    ”ها-“
    ”ٻيو ڪو جج نه ايندو؟“
    ”ڪڏهن ڪڏهن ايندو آ- جڏهن پهريون جج موڪل تي هوندو آ-“ ”پر اڄ ڇا ٿيندو،“ نٿو چئي سگهجي – شايد ٿوري دير ۾ جج صاحب جي فون اچي-“
    اڃا اردلي جي واتان اها ڳالهه نڪتي به نه هئي ته فون اچي وئي، ۽ اردلي فون ٻڌڻ لاءِ جج صاب جي پرائيويٽ ڪمري ۾ هليو ويو. بڪرم به سندس پٺيان اندر هليو ويو. اردلي فون ٻڌڻ لڳو، ۽ بڪرم ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، تمام اڇو اجرو ڪمرو هو – هڪ پاسي ڊائيننگ ٽيبل هئي، ٻئي پاسي لوهه جو هڪ وڏو ڪٻٽ ۽ ٽي ٽنگڻيون – هڪ ٽنگڻيءَ تي جج صاحب جو گائون ٽنگيل هو – ڪاري عينڪ ۽ سفيد ڪالر هڪ ٽپائيءَ تي رکيل هئا، هڪ پاسي جج صاب جي مدراسي پڳڙي پيل هئي، جيڪا پائي هو عدالت ۾ ايندو هو. اردلي فون ٻڌڻ کان پوءِ بڪرم ڏانهن ڏسندي چيو، ”جج صاحب نه ايندو – کين زڪام ٿي پيو آ“، ۽ پوءِ هڪدم نرڙ ۾ گهنج وجهي چيائين، ”پر تون اندر ڇو گهڙي آيو آن؟ توکي خبر ڪانهي ته هن ڪمري ۾ اچڻ جي منع آهي – نڪر ٻاهر-“ اردلي ڪاوڙمان بڪرم ڏانهن وڌيو- بڪرم پنهنجو مضبوط هٿ سندس وات تي کڻي ڏنو.
    عدالت نمبر 4 جو ڪمرو وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن سان ڀربو ٿي ويو، ڇو ته اڄ جج جي ڪرسيءَ تي هڪ نئون جج ويٺو هو، جنهن کي اڄ کان اڳ ڪنهن به نه ڏٺو هو - ۽ ٻڌندڙن کان وڌيڪ وڪيل اهو ڏسڻ لاءِ بيچين ها ته نئون جج فيصلا ڪهڙي نموني ٿو ڪري.
    انهيءَ ڪيس جو فريادي بالا چند هيو. بالا چند پنهنجي گهر جو هڪ ڪمرو هڪ پوڙهي عورت ۽ سندس پٽ کي مسواڙ تي ڏنو هو. ڪراڙي ۽ سندس پٽ ڏهن سالن کان انهيءَ ڪمري ۾ رهي رهيا هئا، ۽ باقائدگيءَ سان مسواڙ ڏيندا هئا- پوءِ ڪراڙيءَ جو جوان پٽ مل ۾ هڪ حادثي ۾ موت جو بک ٿي ويو، ۽ ڪراڙي ڇهن مهينن کان مسواڙ ڏئي نه سگهي هئي - ۽ بالا چند کي ڪراڙيءَ کي گهر مان ڪڍڻ لاءِ عدالت جي حڪم نامي جي ضرورت آهي.
    جج بالا چند کان پڇيو، ”تنهنجي گهر ۾ گهڻا ڪمرا آهن؟“
    ”ڏهه سائين –“ بالا چند جواب ڏنو.
    ”۽ تنهنجي خاندان ۾ ماڻهو گهڻا آهن؟“
    ”مان اڪيلو آهيان.“
    ”۽ تنهنجي عمر گهڻي آ؟“
    ”ستر سال سائين“
    ”ته ستر سالن جي پوڙهي کي ڏهن ڪمرن جي ڪهڙي ضرورت آ؟ جج پڇيو، ”ڇا تون انهن ڏهن ڪمرن منجهان هڪ انهيءَ پوڙهيءَ کي نٿو ڏئي سگهين، جنهن جو جوان پٽ ڇهه مهينا اڳ ڪارخاني ۾ مري ويو آ!“
    بالا چند جي وڪيل چيو، ”سيڪشن فلاڻي جي آرٽيڪل فلاڻي جي قلم فلاڻي جي مطابق قانون چوي ٿو ته....
    ”... ۽ انصاف ڇا ٿو چوي؟“ نئين جج ڪاوڙ مان چيو.
    ۽ بالا چند جو وڪيل بيٺي بيٺي خاموش ٿي ويو - ۽ پوءِ نئين جج مرڪي بالا چند ڏانهن ڏٺو، جيڪو ستر ورهين جو سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو هو، ۽ جنهن جي چهري تي ستر ورهين جي ڪنجوسيءَ کان پيدا ٿيندڙ داغ هئا. هو پنهنجي چپ کي سوڙهو ڪري، نرڙ تي هزارين گهنج وجهيو چپ چاپ سڀني جي سامهون بيٺو هو. نئين جج مرڪي بالا چند ڏانهن ڏسندي پڇيو، تنهنجي گهر ۾ نوڪر گهڻاس آهن؟“
    ”هڪ به نه-“ بالا چند جواب ڏنو.
    ”پوءِ تون اڪيلائي محسوس نه ڪندو آن؟“
    وڪيل کي ڏاڍي حيرت لڳي – هن جج کان پڇڻ ٿي گهريو ته هو ڪهڙي قسم جا سوال ڪري رهيو آهي ۽ انهن سوالن جو ڪيس سان ڪهڙو تعلق آهي؟ پر هو پاڻ ۾ اهڙي همت ساري نه سگهيو.
    ”ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي محسوس ٿيندي آ-“ بالا چند چيو.
    ”ڇا تون اهو محسوس نه ڪندو آن ته ڪوئي تنهنجو ڪمرو صاف ڪري، تنهنجي وهنجڻ لاءِ پاڻي رکي، تنهنجي لاءِ نيرن تيار ڪري، ۽ جڏهن توکي ننڊ اچي وڃي ته ڪوئي آهستگي سان تنهنجي پيرن کي زور ڏئي-“
    ”ها سائين، محسوس ٿيندو آ“
    ”۽ جيڪڏهن انهن سمورين خدمتن جي بدلي پوڙهي توکان تنهنجي ڏهن ڪمرن جي گهر ۾ فقط هڪ ڪمرو پنهنجي رهڻ لاءِ گهري، ۽ ٻي ڪابه شيءِ توکان نه گهري فقط هڪ ڪمري ۽ ٻن ويلن جي مانيءَ کان سواءِ ته ڇا توکي اعتراض ٿيندو؟“
    بالا چند تعجب منجهان چيو، ”سائين، اهڙو ماڻهو دنيا ۾ ڪٿي هوندو؟ ان ڪري ته مان نوڪر نٿو رکان“
    پوڙهي عورت جو چهرو ٽڙي پيو، ٻئي هٿ کڻي جج کي دعائون ڪرڻ لڳي، ۽ پوءِ بالا چند کي دڙڪو ڏيندي چيائين، ”گهر هل، تنهنجي مانيءَ جي مهل ٿي وئي آ“
    پوڙهيءَ، پوڙهي جو هٿ پڪڙي ورتو – سڄي عدالت ٽهڪ ڏئي کيري ٿي – بالا چند جي وڪيل کيس سمجهائيندي چيو، ”بالا چند، تون گهٻراءِ نه – مان انهيءَ فيصلي جي خلاف اپيل ڪندس.“
    بالا چند چيو، ”نه- تون ائين نه ڪندين – مون کي اهو فيصلو منظور آ-“ ۽ پوءِ هو پوڙهيءَ ڏانهن ڏسي مرڪيو، ڄڻ ٺوٺ ڌرتيءَ تي نرمل جل جي ڌارا ڦٽي نڪتي هئي.
    عدالت جي ڪٽهڙي ۾ هڪ اينگلو انڊين خوبصورت ڇوڪري بيٺي هئي – هوءَ ائين بيٺي هئي، ڄڻ ڪنهن ڪٽهڙي ۾ گلن سان ڀريل گلدستو رکي ڇڏيو هجي. جج کائنس پڇيو، ”ته تون پنهنجي مڙس کان طلاق وٺڻ ٿي چاهين؟“
    ”ها-“
    ”ڇا تنهنجو مڙس بي روزگار آ-؟“
    ”نه – هو ريلوي ۾ ڊرائيور آ“
    اينگلو انڊين ڊرائيور به ڀرسان ئي بيٺو هو، ۽ ور ور رومال سان پنهنجو چهرو ٿي اگهيائين“ اڄ هن جي ڀرپور بي عزتيءَ جو ڏينهن هو، اڄ جيڪڏهن عدالت جو ڪمرو ڪنهن ريل گاڏيءَ جو دٻو هجي ها ته هو پوري گاڏي ڪنهن کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏي ها.
    ”تون هن کان طلاق ڇو ٿي چاهين-“
    ”منهنجي مڙس جي وات مان ڌپ ايندي آ-“
    ”ڇو ايندي آ؟“
    ”هن کي روز رات جو مانيءَ سان گڏ ڀُڳل ٿوم کائڻ جي عادت آ-“
    ”پوءِ تون کيس رات جو برش هڻڻ لاءِ زور ڇو نه ڀريندي آن؟“
    ”مان ته کيس چوندي آهيان، پر هو مڃيندو ئي ناهي!“
    ”جيڪڏهن تون سمهڻ مهل برش تي پيسٽ هڻي سندس وات ۾ وجهي ڇڏين ته ڇا هو ڏند صاف ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿي پوندو-؟“
    ڇوڪري چپ ٿي وئي، پوءِ چيائين، ”۽ سائين، هي شخص روز رات جو بوٽ سوڌو منهنجي هنڌ ۾ گهڙي ايندو آ-“
    ”ته تون به بوٽ پائي سمهندي ڪر-“ جج چيو، ”ڏاڍي سولي ترڪيب آ، ٻن ڏينهن ۾ هن جون عادتون ٺيڪ ٿي وينديون-“
    ”پر....“ اينگلو انڊين ڇوڪريءَ جي وڪيل چيو، ”تعزيرات هند جي آرٽيڪل فلاڻي فلاڻي جي قلم فلاڻي فلاڻي مطابق جيڪڏهن مڙس زال....“
    ”تون بس ڪر-“ جج وڪيل کي دڙڪو ڏيندي چيو، ”زال مڙس جي وچ ۾ تون ٽنبجڻ وارو ڪير آن؟“
    پوءِ جج ٽائيپسٽ کي فيصلو لکرائيندي چيدو، ”لک! جيڪڏهن مڙس بوٽ سوڌو هنڌ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪري ته زال کي چمپل پائي سمهڻ جو پورو پورو حق آهي، ڪيس ڊسمس-“
    هاڻي ڪٽهڙي ۾ چارلي ٽيڪسٽائيل مل جو مالڪ ڪرشنما چاري بيٺو هو. هو بيحد ڊگهو ۽ سنهڙو شخص هو، سندس ڪن ۾ سفيد هيرا چمڪي رهيا هئا، ۽ هو پنهنجي سفيد ريشمي ڌوتيءَ ۾ بلڪل ديوتا لڳي رهيو هو. هڪ اهڙو ديوتا، جيڪو هاڻي هاڻي مندر مان عدالت ۾ هليو آيو هو. سندس هٿن جون آڱريون، جيڪي ڪٽهڙي تي رکيل هيون، تمام ڊگهيون، نازڪ ۽ نرم لڳي رهيون هيون – جن کان سڄي عمر نوٽ ڳڻڻ کان سواءِ ڪوبه ڪم نه ورتو ويو هو، هو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بلڪل آرام ۽ سڪون سان بيٺو هو.
    جج چيو، ”تون اقرار ٿو ڪرين ته تنهنجي مل ۾ ڪم ڪندڙ مزور ريڊيءَ جو هٿ مل جي هڪ مشين سان ڪپجي پيو؟“
    ”ها-“
    ”۽ انهي اقرار کان پوءِ تون ريڊيءَ کي معاوضو ڏيڻ لاءِ تيار ناهين؟“
    ”جي-“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو ته ريڊيءَ جو هٿ سندس غفلت سب ڪپيو آ، سندس پنهنجي غفلت سبب- منهنجي مل جي مشين خراب ناهي-“
    ”منهنجي مل؟... اها تنهنجي مل ڪيئن ٿي-“
    ”سائين مان انهيءَ مل جو مالڪ آهيان.“
    ”تون انهيءَ مل جو مالڪ ڪيئن آن؟“
    ”سائين مان انهيءَ ۾ سيڙپ ڪئي آ- هن مهل تائين ستر لک سيڙائي چڪو آهيان-“
    ”۽ ڪمايو گهڻو اٿئي-؟“
    ”ٽي ڪروڙ چوئيتاليهه لک-“
    ”جيڪڏهن مل ۾ هڪ به مزور ڪم نه ڪري ها ته تنهنجو نفعو گهڻو ٿي ها-؟
    اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي سائين! جيڪڏهن مل ۾ هڪ به مزور ڪم نه ڪري ته نفعو وري ڪٿان ايندو!؟“
    ”ته تون مڃين ٿو ته تنهنجا ستر لک پنهنجي جاءِ تي ڪجهه به ناهن، جيسين انسان جا هٿ انهن کي نه هلائين؟“
    ڪرشنما چاريءَ هٻڪندي چيو، ”اهو ته درست آ سائين!“
    “پوءِجيڪي هٿ نفعو ڏين ٿا، انهن کي نفعي جو حقدار ڇو نه سمجهيو وڃي؟ جيڪڏهن مزور جو هٿ ڪهڙيءَ به غفلت سبب ڪپجي وڃي ته انهيءَ هٿ جي مالڪ کي تاحيات پينشن ڇو نه ڏني وڃي؟
    ”پر اها ته مل مالڪ جي حقن سان هٿ چراند ٿيندي.“ ڪرشنما چاريءَ جي وڪيل رڙ ڪئي، ”آرٽيڪل فلاڻي جي قلم فلاڻي مطابق مل مالڪ جي صحيح تعريف....“
    ”ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي تعريف ڪر وڪيل صاحب! جج ڪاوڙ مان ڪرشنما چاريءَ جي وڪيل کي چيو، پوءِ وري ٽائيپسٽ ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”فيصلو لک! ڪرشنما چاريءَ مل ۾ ستر لکن جي سيڙپ ڪئي ۽ ٽي ڪروڙ چوئيتاليه لک ڪمايا – جيئن ته هو پنهنجي موڙي وياج سميت وصول ڪري چڪو آ، ان ڪري اڄ کان مل سندس ملڪيت ناهي، پر مل انهن جي آ، جن اڄ تائين پنهنجي هٿن جي دولت انهيءَ مل ۾ لڳائي آ ان کانسواءِ جيئن ته ڪرشنما چاري پنهنجي هٿن جي دولت انهيءَ مل ۾ نه لڳائي آ،- ان ڪري هيءَ عدالت فيصلو ٿي ڪري ته نفعي نجهان ريڊيءَ لاءِ تاحيات پينشن جاري ڪئي وڃي ۽ ڪرشنما چاريءَ جا ٻئي هٿ وڍيا وڃن، ڇو ته اهي هٿ ڪوبه ڪم نٿا ڪن ۽ اسان جي ملڪ کي ڪم ڪندڙ هٿن جي ضرورت آهي.“
    ”ڪهڙي بڪواس آ!“ ڪرشنما چاريءَ زور سان رڙ ڪئي.
    ”هي جج آ يا ڪوئي چريو ماڻهو آ!“ ڪيترن وڪيلن ڪاوڙ منجهان رڙ ڪئي.
    نئون جج ڪجهه چوڻ وارو ئي هو ته هڪ ڦاٽل ڪالر وارو وڪيل ڊوڙندو ڪورٽ روم ‎ ۾ داخل ٿيو ۽ چوڻ لڳو، ”پڪڙيو هن کي... پڪڙيو... هي جج ناهي.... هي ته منهنجو اصيل بڪرم ٽيڪسيءَ وارو آ!“
    ڪورٽ نمبر هڪ ۾ جڏهن بڪرم ٽيڪسيءَ واري کي پيش ڪيو ويو ته کائنس پڇيو ويو: ”تنهنجو نالو؟“
    ”وڪرما ديتا،“
    ”عمر؟“
    ”ٻه هزار سال،“
    ”ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آن؟“
    ”ٽيڪسي هلائيندو آهيان.“
    ”تو عزت مابن عدالت جي غير حاضريءَ ۾ عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي عدالت جي توهين ڇو ڪئي؟“
    سڀ ماڻهو حيرلت منجهجان بڪرم ٽيڪسيءَ واري ڏانهن ڏسڻ لڳا دير تائين بڪرم جو ڪنڌ جهڪيل رهيو – پوءِ هن آهستي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ چيو، ”سائين، زندگي ٽيڪسيءَ جي رفتار سان ڊوڙندي رهي آ، ۽ قانون اڃا ڇڪڙي جي رفتار سان هلي رهيو آ- مان بي ڏوهي آهيان، سائين! مان عدالت جي ڪرسيءَ تي نه ويٺو هوس، مون ته فقط سندس ايڪسيليٽر تي پير رکيو هو-“
    ”ڇهه مهينا سخت پورهيءِ سان قيد- عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو، ۽ پوليس جا ماڻهو وڪرما ديتا کي پڪڙي عدالت مان ٻاهر ڪڍي ويا.


    20. موهن جي دڙي جو خزانو

    موهن جي دڙي جا سمورا ننڍا وڏا دڙا کوٽجي چڪا هئا، سواءِ هڪ جي. موهن جي دڙي جي ڇاتي ڦاڙي، انساني هٿن پنج هزار سال پراڻي تهذيب جا سمورا عنصر ميڙي ورتا هئا – کوٽڻ وارن سڀ ڪجهه ڪڍي ورتو هو، پر جيڪي ڪجه هنن چاهيو ٿي، سو کين نه مليو هو.
    انجنيئرن ۽ قديم آثارن واري کاي جي ماهرن جي ڪانفرنس هلي رهي هئي. انهن ۾ هڪ گنجي ٽڪڻ وارو يورپين يهودي فلاسافر هو ڊيوڊ، ٻيو سانوري رنگ جو سنهڙو سيپڪڙو مسلمان هو اطهر، ٽيون هڪ معجمعدار بنگالي هندو هو ۽ چوٿون مان هوس – مان جيڪو ماضيءَ جو پڇتاءُ ۽ مستقبل جو پڙاڏو آهيان، پر هو مون کي فقط ٻڌي سگهيا ٿي، ڏسي نه.
    مجمعدار چيو، ”هاڻ صرف هڪ دڙو رهيل آ کوٽڻ لاءِ، پر سمجهه ۾ نٿو اڍي ته هيڏي ساري شهر جو خزانو ڪاڏي ويو! عورتن جا سونا زيور ته ڪٿان نه ڪٿان لڌا آهن، پر معمولي قسم جا، ۽ انهن منجهان ڪن ۾ هيرا به لڳل آهن، پر اهي به جهڙا تهڙا- انهيءَ منجهان اهو ته ثابت ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ سون ۽ هيرا لڀي چڪا هئا – پوءِ شهر جو خزانو ڪاڏي ويو!؟“
    مون چيو، ”ٿي سگهي ٿو انهيءَ زماني ۾ به ڪو نادرشاهه پيدا ٿيو هجي، ۽ سڄي شهر جي ڦر ڪري هليو ويو هجي!“ پر هنن منهنجي ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو.
    اطهر چيو، ”لاتعداد ڪتبا لڌا آهن، پر ڪنهن به دڙي منجهان اها قبرنه لڌي آ، جيڪا موهن جي دڙي جي زبان جي سڃاڻپ ثابت ٿئي ها – انهيءَ سڃاڻپ جي نه لڀڻ ڪري اسان جي زبان دنيا جي سڀ کان پراڻي زبان جي قيمتي ورثي کان محروم ٿي ويندي!“
    مون چيو، ”مئل زبانن کي ڳولڻ وارا، اڄ جو تنهنجو سامهون زنده زبانن کي وڍيو ٿو وڃي، ان جي باري ۾ تنهنجي ڪهڙي راءِ آ!؟“ پر اطهر اهڙي نموني ڪنڌ لوڏيو، ڄڻ هن منهجي ڳالهه ٻڌي ئي نه هئي.
    ڊيوڊ ڳالهايو، ”خزانو لڀي نه لڀي – مون کي انهيءَجي پرواهه ڪانهي، ڪهڙو اسان پنهنجي گهر کڻي وينداسين زبان جي سڃاڻپ به لڀي نه لڀي، آخر اها زبان اڄڪلهه جي زماني ۾ ڪهڙي ڪم اچي ها؟
    ” پر مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته موهن جي دڙي کي پاڙئون پٽڻ کان پوءِ به اسان مٽيءَ جو اهو خزانو نه لڌو آ، جنهن کي هو پوڄيندا هئا. هر هڪ تهذيب لاءِ خدا جو تصور ضروري آ، پر هيتري کوٽائي ڪرڻ کان پوءِ به اسان کي خبر نه پئي آ ته انهيءَ زماني جا ماڻهو ڇاجي پوچا ڪندا هئا!“
    مون چيو، ”اهو راز سکڻ لاءِ شايد توکي ڪنهن دڙي کوٽڻ جي ضرورت نه هئي – ٿورو پنهنجي دل کي کوٽي ڏسين ها!“
    ڊيوڊ ڪاوڙ منجهان سامهون واريءَ ڀت ڏانهن ڏٺو، جتي سندس خيال ۾ مان ڪوريئڙي جي ڄار ۾ لڙڪيل هوس! پوءِ هن دريءَ منجهان ٻاهر ڏٺو- ٻاهر ميدان ۾ هڪ پوڙهو ڌنار رڍون چاري رهيو هو.
    ڊيوڊ چيو، ”هڪ ڏينهن هن پوڙهي ڌنار مون کي ٻڌايو هو ته موهن جي دڙي جو سڀ کان وڏو راز انهيءَ وڏي دڙي ۾ پوريل آ.“
    مون چيو، ”انهيءَ وڏي دڙي ۾، جيڪو اڃا کوٽيو نه ويو آ؟“ پر ڪنهن به مون کي جواب نه ڏنو، سڀ پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گم هئا.
    ڊيوڊ چيو، ”رات اسان ٽئي گڏجي آخري دڙي کي کوٽينداسين، انهيءَ منجهان....“
    اطهر تڪڙ ۾ چيو، شايد موهن جي دڙي جي زبان جي سڃاڻپ جهڙي ڪا شيءِ لڀي پوي-“
    مجمعدار چيو، ”شايد موهن جي دڙي جو خزانو لڀي پوي!“
    ”ڊيوڊ چيو، ”شايد موهن جي دڙي جو ديوتا لڀي پوي!“
    رات جي ٽئين پهر تائين هو ٽئي کوٽائي ڪندا رهيا، پر ڪم جي ڪابه شيءِ نه نڪتي – پٿر جو ڪوئي ڪتبو، ٻارن جو رانديڪو، عورتن جو زيور، مڙديجو تابوت يا ڪجهه ٻيو، ڪجهه به نه نڪتو هو – بس رڳو واري ئي واري هئي.
    ”چئبو ته ڌنار رڳو وات پئي هنيو!“ ڊيوڊ ڪاوڙ منجهان چيو.
    مجمعدار چيو، ”قيمتي شيءِ سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ نڪرندي آ، ڇوته اها انسان جي فطرت آ ته سڀ کان قيمتي شيءِ هو سڀ کان محفوظ جڳهه تي رکندو آ.“
    ”هاڻي اسان دڙي جي پڇاڙيءَ تائين اچي پهتا آهيون،“ اطهر پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهندي، چيلهه سڌي ڪندي چيو، ”پر اڃا تائين مٽيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهيون!“ سندس لهجي ۾ مايوسي هئي،.
    مون چيو، ”پر انهيءَ پنج هزار ساله پراڻي مٽيءَ کي ته ڏسو، انهيءَ جي ذري ذري ۾ پراڻين ڪهاڻين جي سڳنڌ آ... انهيءَ مٽيءَ منجهان چوڙيون ٺهيون هيون، جن کي موهن جي دڙي جي عورت پنهنجي نازڪ ڪرائيءَ ۾ پاتو هو. انهيءَ مٽيءَ منجهان موهن جي دڙي جي ٻارن ننڍڙا گهرڙا ٺاهيا هئا. انهيءَ مٽيءَ ۾ اڄ کان پنج هزار سال اڳ جي عاشقن کي پوريو ويو هو.... ٿورو سنگهي ته ڏسو انهيءَ شيءِ کي – ٻڌو! هيءَ پنج هزار سال پراڻي مٽي ڇا ٿي چوي، ڇا ٿي ٻڌائي، ڪهڙو فرياد ٿي ڪري؟“
    انهي مهل ئي اوچتو مجمعدار جو بيلچو ڪنهن ٽامي جهڙي ٿانوَ سان وڃي لڳو، ۽ هو بيلچو رکي اتي ئي ويهي رهيو، سندس دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.
    ”خيال سان... سنڀالي...“ ڊيوڊ سمجهائڻ واري انداز ۾ چئي، پاڻ به مجمعدار جي ڀرسان ويهي رهيو، اطهر به سندن ڀرسان اچي ويهي رهيو.
    گيس ليمپ جي روشنيءَ ۾ هنن هٿن سان، بلڪه ننهن سان مٽي کوٽي انهيءَ ٿانو کي ٻاهر ڪڍيو ۽ ڇنڊي ڦوڪي ٿانو کي گيس ليمپ جي روشني ۾ ڏٺو.
    مجمعدار خوشيءَ منجهان رڙ ڪندي چيو، ”هي ته سون جي پيتي آ!“
    واقعي اها سون جي سهڻي پيتي هئي، جنهن تي وڻندڙ چٽسالي ٿيل هئي، ۽ موهن جي دڙي جي پراڻي ٻوليءَ جي اکر اڪريل هئا، ۽ عجيب غريب قسم جي ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون اڪريل هيون.
    مجمعدار رڙ ڪندي چيو، ”“اهوئي آ موهن جي دڙي جو خزانو – هيرا.. لعل“
    اطهر چيو، ”نه – هن منجهان موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي سڃاڻپ ٿيندي! هي ٻاهران اڪريل اکر ته ڏسو.“
    ڊيوڊ چيو، ”نه – هن ۾ موهن جو دڙي جا ديوتا آ....“
    ”جلدي ڪيو، کوليو!“ مجمعدار تڪڙ ۾ چيو، ”جلدي ڪيو....“
    پيتيءَ کي سون جو تالو لڳل هو، پر ڊيوڊ کي تالو کولڻ ۾ دير ئي نه لڳي – ڇو ته قديم آثارن واري کاتي جي ماهرن جا هٿ تالا کولڻ ۾ به ماهر هوندا آهن.... تالو ته جلدي کلي ويو، پر ڊيوڊ ڍڪ مٿي ڪرڻ ۾ ڪيٻايو ٿي.
    مجمعدار چيو، ڍڪ مٿي ڪر ڊيوڊ، جلدي ڪر!“ ڊيوڊ وري ڪيٻائڻ لڳو.
    اطهر اڳتي وڌي ڍڪ مٿي کنيو، اندر ڪائي ڪار سري گول شيءِ پئيه ئي، ڊيوڊ انهيءَ کي ڏاڍي خيال سان کنيو، ڏٺائين ۽ پوءِ مايوسيءَ چيائين، هيءَ ته هڪ ماني آ!“
    ”ماني!!“ مجمعدار مايوسيءَ منجهان رڙڪ ئي.
    مون چيو، ”ها، ماني – دنيا جو سڀ کان قيمتي خزانو!!“
    اطهرروئڻهارڪي لهجي ۾ چيو، ”ماني!“
    مون چيو ”ماني! جيڪا هر زبان جي سڃاڻپ آ-“
    ڊيوڊ جو ڪنڌ پنهنجي سيني مٿان جهڪي ويو، ”فقط هڪ ماني!“
    مون چيو ”ماني- جيڪا سمورين تهذيب جي ضرورت آ،“
    ڊيوڊ انهيءَ مانيءَ کي هٿ ۾ کڻي ڪاوڙ منجهان چيو، ”ڪيڏانهن ويو اهو ڌنار، جنهن چيو هو ته هتان جو سڀ کان قيمتي خزانو انهيءَ دڙي ۾ پوريل آ!“
    هنن ٽنهي گڏجي انهيءَ پاسي ڏٺو، جيڏانهن ڌنار رڍون چاري رهيو هو... ڌنار ته نه هو، پر مون کي لڳو ته ڌنار روئي رهيو هو، انهيءَ مانيءَ لاءِ، جيڪا انسان جي پهرين خوشي ۽ آخري دک آ- پوءِ مون کي ايئن لڳو، ڄڻ پهرين جتي ڌنار هو، اتي هاڻ هڪ صليب آ- پوءِي اوچتو صليب جي پٺيان سج اڀرڻ لڳو ۽ پوءِ اوچتو اها ماني سج جي سونهري ڪرڻن ۾ سون جي ٿالهه جيان چمڪڻ لڳي – اوچتو هنن ٽنهي کي ڪائي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ مجمعدار ڊيوڊ ڏانهن اشارو ڪري چيو، ”لڪائي ڇڏ، اها ماني لڪائي ڇڏ... مزور ڪم تي اچي رهيا آهن!“
    ڊيوڊ تڪڙ ۾ ماني لڪائي ڇڏي، ۽ آسمان ڏانهن ڏٺائين، صبح ٿي رهيو هو، ۽ مزور بيلچا کنيو ڪم تي اچي رهيا هئا.


    21. جتي هوا نه هئي

    اسان هڪ دڙي تي ويهي، سج جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ واديءَ کي ڏسي رهيا هئاسين. منهنجو هٿ هن جي هٿ ۾ هو ۽ هن جو مٿو منهنجي ڪلهي تي – منهنجي دل ۾ هڪ بلبل هئي، ۽ هن جي اکين منجهه هڪ گيت.
    مون هن کان پڇيو، ”اسان جو ٻچڙو ڪٿي آ؟“
    ”ننڊ پيو آ!“
    ”ڪٿي؟“
    ”منهنجي سپنن جي هنج ۾!“
    ”کيس هنج مان ٻاهر ڪڍ، کيس راند ڪرڻ ڏي. ڏس! هتي ڪيڏي ساوڪ آ، ڪيڏا سهڻا گل ۽ ميوا آهن!“
    ”ها، هي هنڌ بيحد خوبصورت آ،“ منهنجيءَ محبوبا چئني پاسي ڏسندي چيو، ”ساوڪ آ، سهڻا گل ۽ ميوا به آهن، پر هوا ڪانهي!“
    ”ها-“ مون اداسيءَ منجهان چيو، ”هتي هوا ڪانهي...“
    ”۽ ٻار هوا کان سواءِ جيئرو رهي نه سگهندو.“ هن چيو.
    ”ها – تون صحيح ٿي چوين!“ مون هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”۽ هتي ٻيو ڪو ٻار به ڪونهي، جنهن سان هو کيڏي سگهي.“
    ”ها-“ مون خوبصورت پرسنسان واديءَ ڏانهن ڏسندي چيو، ”واقعي، هتي ته ڪوئي ٻار ڪونهي.... اسان جو ٻار ڪنهن سان راند ڪندو!!...“
    ڪي پل سانت رهي – سنسان واديءَ ۾ ڄڻ اس جون لهرون اٿلي رهوين هيون، ۽ ساوڪ ڄڻ ننڊ پئجي وئي هئي – وڻن جا پن به ڄڻ هڪ ٻئي جي ‎ٻانهن تي مٿو رکي ستا پيا هئا. اُس، آرام، ننڊاکڙي ڪيفيت، مون آهستگيءَ سان پنهنجي محبوبا کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ سندس مٿان جهڪي، اکيون پوري ڇڏيم. وقت ۽ زندگيءَ جا سمورا فاصلا ختم ٿي ويا. چوڏس سانت هئي، دل جي ڌڙڪڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو. بس، ڪڏهن ڪڏهن منهنجون پنبڻيون هن جي ڊگهين پنبڻين ۾ وچڙي ڏڪڻ ٿي لڳيون.
    صدين کان پوءِ اسين جاڳياسين. مون پريشانيءَ منجهان هن کان پڇيو، ”اسان جو ٻار ڪٿي آ!؟“
    ”ميلي تي ويو آ!“
    ”ڪاڏي؟“
    هن پهاڙن جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هوڏانهن! سڀ کان مٿاهين چوٽي تي، جتي برف آ ۽ ٻارن جو ميلو آ!“
    ”ها-“
    ”اتي ڇا پيا ڪن؟“
    ”اهي هوا کي وٺڻ ويا آهن!“
    ”ڏاڍو سٺو- هتي سڀ ڪجهه آهي، پر هوا ڪانهي!“ مون ادائيءَمنجهان ڪنڌ لوڏيندي چيو - ۽ هن جو هٿ زور سان مهٽيندي پڇيم، ”ڇا، ڪڏهن هوا ايندي هتي؟“
    ”چئي نٿي سگهان!“ منهنجي محبوبا سنجيدگيءَ سان چيو، ۽ پنهنجي وارن جي هڪ آواره چڳ ۾ هٿ وجهندي چيائين، ”ڪڏهن ڪڏهن هن واديءَ ۾ هوا ايندي آ، ۽ سڄي وادي برف سان ڍڪجي ويندي آ- وڻن جا پن ڇڻي پوندا آهن، ٻارڙن جا اگهاڙا پير ڦاٽي پوندا آهن ۽ اهي ڪنهن اونداهي کوهه ۾ لڪي برف جي بي رحم طوفان جي گجگوڙ ٻڌي ڏڪندا آهن...
    ”- مان انهيءَ هوا جي ڳالهه نٿو ڪيان-“ مون چيو.
    ”تون جنهن هوا لاءِ چئين ٿو-“ منهنجي محبوبا مون کان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو، ”اهابه ڪڏهن ڪڏهن هتي ايندي آ، ۽ اسان جي وادي گرم واريءَ سان لٽجي ويندي آ. ساوڪ پاڙئون سڙي ويندي آ، پاڻي ٽهڪڻ لڳندو آ، ۽ ٻارن جون ڄڀون وات کان ٻاهر لڙڪڻ لڳنديون آهن ۽ هو ٿڌي پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي لاءِ پنهنجن ننڍڙن هٿڙن سان ڌرتيءَ جي ڇاتي کوٽڻ جي ڪوشش ڪندا آهن!“
    ”نه – مان انهيءَ هوا لاءِ به نٿو چوان!“
    ”پوءِ تون جنهن هوا لاءِ چوين ٿو، انهيءَ کي وٺڻ ئي ته ٻار مٿي ويا آهن.“
    ”ته ڇا هوا ايندي؟“ مون محبوبا کان پڇيو، سندس چپن کان پڇيو، سندس وارن کان پڇيو، سندس ڌڙڪندڙ دل کان پڇيو، پر جواب ٻڌي مان ڪنبي ويس،.
    ”تون به ڊڄي وئين!“ هن منهنجو هٿ جهليندي چيو.
    ”ها-“
    ”هن واديءَ ۾ هر شخص ڊيڄڙي ۾ ورتل آ ته اها هوا ايندي يا ڪائي ٻي!“
    ”ٻي ڪائي هوا!؟“
    ”ها- منهنجي محبوبا چيو، ”ڪي ماڻهو چون ٿا، هاڻي جيڪا هوا ايندي، اها ڏاڍي سخت، وحشي ۽ ظالم هوندي، ۽ اها هوا نه هوندي، جنهن کي ٻار وٺڻ ويا آهن – اها هوا واديءَ جي ڇاتي ڦاڙي وجهندي، سندس پهاڙن کي سرمون ڪري ڇڏيندي. جتي وڻ آهن، اتي ٻرندڙ پٿر هوندا، جتي انسان آهن اتي ٽڙڪندڙ هڏا هوندا-!!“
    ”۽ مان توکي چمي نه سگندس، تنهنجي وارن سان راند ڪري نه سگهندس، ۽ تنهنجي اکڙين ۾ پنهنجا سپنا ڏسي نه سگهندس!؟“
    ”منهنجو ساهه ٿو ٻوساٽجي!“مون تڪليف منجهان چيو، گهڻي دير تائين اسين خاموش رهياسين – دير تائين اسين هڪ بي نانءِ پڙاڏو ٻڌندا رهياسين - ۽ پوءِ هن اوچتو پريشانيءَ منجهان چيو، ”منهنجو ٻچڙو! منهنجو ٻچڙو!“
    ”اچي ويو ڇا؟“
    ”نه – هو مون کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“
    ”اڳ ڏسڻ ۾ آيو ٿي ڇا؟“
    ”ها- پر هاڻي ڏسڻ ۾ نٿو اچي – هاڻي ته مون کي چوٽي به نظر نٿي اچي!“ هن جي اکڙين ۾ لڙڪي ڀرجي آيا.
    مون سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو، ”هي دڙو بنهه ننڍڙو آ، هتان ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿو اچي، اچ، هن وڏي دڙي تي هلون، شايد اتان توکي ٻار نظر اچي وڃي!“
    اهو دڙو ڏاڍو مٿاهون هو، ۽ رستو به ڏاڍو ڏکيو هو – تڏهن به اسين هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندا مٿي پهچي وياسين، ساڻا ٿي ويهي رهياسين. اسان کي مايوسي وڪوڙي وئي، ڇو ته هتان به اها چوٽي نظر نٿي آئي، جتي ٻارن جو ميلو هو – هتان سچي وادي ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي.... هيٺ ور وڪڙ ڏيندڙ ندي، ڪلهن تي فصل جو بار کڻي سهڻين ڇوڪرين جيان مرڪندڙ ٻنيون، بڙ جا وڏا وڻ ۽ انهن جي مٿان وڏي چوٽي- پر چوٽيءَ تي ڪڪر وري آيا هئا، ۽ اها ڪڪرن سان ڍڪجي وئي هئي.
    ”منهنجو ٻچڙو!“ هوءَ روئڻهارڪي ٿي پنهنجا خالي هٿ مهٽڻ لڳي. ”مون کيس اجايو اوڏانهن موڪليو!!“
    ”ڳڻتي نه ڪر، اسان جو ٻار اتي اڪيلو ناهي. انهي ميلي ۾ ٻيابه گهڻا ٻار هوندا، اسان جي سپنن جا ٻار ڏاڍا بهادر آهن!“
    پر منهنجي محبوبا منهنجين ڳالهين تي يقين نه ڪيو، هوءَ منهن هيٺ ڪري، آهستي آهستي سڏڪي روئڻ لڳي. اوچتو مون چوٽيءَ تي ڪجهه ڏٺو، ۽ مون خوشيءَ منجهان رڙ ڪئي، ”ڏس... هو ڏس....!!“
    هڪدم ڇرڪي، منهن مٿي کڻي جو منهنجي محبوبا چوٽيءَ ڏانهن ڏٺو ته سندس ڳوڙهڻ هاڻين اکڙين ۾ خوشي جي جوت جرڪي پئي.
    ”ڏس...هو ڏس...“ مون خوشيءَ منجهان چيو، ”هوءَ ستن رنگن واري انڊلٺ...“
    ”اوهه...“
    ”۽ هي گوڙ تون ٻڌين ٿي، جيڪو ڪڪرن جي پٺيان، چوٽيءَ تان پيو اچي؟“
    ”اهو گوڙ ناهي-“ هن خوشي منجهان چيو، ”اهو اسان جي ٻارن جو گيت آ-“
    ”ڇا اهي هوا کي وٺي ايندا؟“ مون پنهنجي محبوبا جي نيڻن ۾ ڏسندي چيو.
    هن ڪوبه جواب نه ڏنو – پر اسان ٻئي چوٽيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳاسين، ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي انهيءَ واديءَ ۾ بيهي انتظار ڪرڻ لڳاسين، جتي هوا نه هئي!


    22. تنهنجي نالي ۾...

    ڍاڍوڪي جي رهندڙ لهنا سنگهه، چڪ جهمرا جي رهاڪو مکڻ سنگهه خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو – چڪ جهمرا ۽ ڍاڍوڪي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ئي هئا ۽ ٻنهي ڳوٺن جون حدون به هڪ ٻئي سان لڳو لڳ هيون. هنن جو جهيڙو به ٻنين جي دنگن تان هو. مکڻ سنگهه ۽ لهنا سنگهه جون ٻنيون لڳو لڳ هيون، ۽ هڪ ٻنيءَ جي سلسلي ۾ عرصي کان هنن جي اڻ بڻت هئي، لهنا سنگهه انگريزن جي زماني ۾ به هڪ دفعي مکڻ سنگهه سان جهيڙو ڪيو هو، پر ان وقت لهنا سنگهه جي ئي مات ٿي هئي.
    لهنا سنگه ڏاڍو جهيڙيڪار ڄٽ هو، پر ان جي ابتڙ مکڻ سنگهه شرافت ۽ سادگيءَ جو نمونو هو. مکڻ سنگهه اڄ تائين ڪنهن سان جهيڙي جو سوچيو به نه هو – هو انهيءَ کان اڳ زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيري عدالت ۾ ويو هو ۽ اهو به لهنا سنگهه جي شرارت سبب، اهو انگريزن جو زمانو هو، ۽ ... شام داس لهنا سنگهه سان ٻڌل هو – پر پوءِ به واهگوروءَ مکڻ سنگهه جي لڄ رکي ۽ ڪيس ختم ٿي ويو.
    انهيءَ ڳالهه کي به ورهيه وهامي ويا – هاڻي فرنگين جو راڄ ختم ٿي چڪو هو، ملڪ آزاد ٿي چڪو هو ۽ پنهنجو راڄ هو. انهي راڄ حاصل ڪرڻ لاءِ مکڻ سنگهه به هڪ دفعي قرباني ڏني هئي. ڪانگريس وارو سردار منگل سنگهه هڪ لڱان سندس ڳوٺ آيو هو، ۽ ڳوٺ جي ڪجهه هارين انگريز سرڪار کي ڍل ڏيڻ کان نابري واري هئي. گهڻا هاري ته انهيءَ تحريڪ ۾ شامل نه ٿيا هئا، پر ڏهه ٻارهن هاري منگل سنگهه جي چئي ۾ اچي نابري واري ويٺا هئا. انهيءَ ڏينهن لٺ به هلي هئي ته گولي به - ۽ مکڻ سنگهه جو کاٻو اپير انهيءَ ڏينهن گولي لڳڻ ڪري ڦٽجي پيو هو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هو منڊڪائي هلندو هو. ان کانسواءِ کيس اڍائي سال جيل جا به جهاڳڻا پيا هئا، پر اڍائي سال به ڪهڙو جيل جهاڳڻو آ؟ اهي اڍائي سال به ڄڻ اک ڇنڀ ۾ گذري ويا ۽ هو پنهنجي گهر ڀيڙو اچي ٿيو.
    هاڻ سندس ڏينهن کل خوشيءَ ۾ گذري رهيا هئا، سندس من تي ڪنهن به قسم جي مونجهه نه هئي. سندس ٻنيون سايون هيون، زال وفادار ۽ سگهڙ هئي، ۽ پنهنجي دل ۾ واهگوروءَ جو ڊپ هوس – بس، مکڻ سنگهه کي ٻيو ڪهڙو الڪو هو!
    ها- ملڪ آزاد ٿيڻ کانپوءِ لهنا سنگهه جي ٻيهر جهيڙي شروع ڪرڻ سان هو ٿورو پريشان ٿيو هو، پر هروڀرو ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي. هڪ عدالت جو فيصلو ته سندس حق ۾ ٿيو هو، هاڻ ڏسڻو اهو هوته ٻيهر لهنا سنگهه ڪهڙي ڳالهه جي آڙ وٺي دعوا ڪئي هئي- مکڻ سنگهه پنهنجي زال کي پيڪين ڇڏڻ ويو هو، جو سندس غير حاضريءَ ۾ لهنا سنگهه يڪس داخل ڪيو، ۽ سمن به ڪڍرائي ڇڏيا هئائين. پاڙيسرين کيس ٻڌايو هو سمن بابت، ۽ تڏهن کيس ٿويريءَ ڳڻتيءَ ورايو هو، پر مکڻ سنگهه هروڀرو ڪنهن ڳالهه کي دل تي بار ڪرڻ وارو ماڻهو نه هو، ڏاڍي مزي سان لسيءَ جو وٽو پيتائين، ۽ لٺ کڻي شهر ڏانهن هليو ته ڏسان عدالت ڇا ٿي چوي!
    ٻئي ڏهاڙي تي هو صبح جو ڏهين وڳي ئي عدالت ۾ پهچي ويو – انهيءَ کان اڳ هو فقط هڪ ڀيرو ئي عدالت ۾ آيو هو، جڏهن لهنا سنگهه مٿس ڪيس داخل ڪيو هو – پر تن ڏينهن ۾ عدالت جي ڪرسي مٿان ڀت تي جارج پنجين جي تصور لڳل هئي. مکڻ سنگهه عدالت جي ڪمري ۾ ٿورو منهن اندر ڪري ڏٺو، ۽ تصوير تي نظر پوندي ئي ٻئي هٿ ٻڌائين، ۽ پوءِ آهستگيءَ سان پوئتي ٿي، ٻاهر بيٺل پٽيوالي کان پڇڻ لڳو، ”اڃا جج صاحب نه آيو آ.“
    ”نه، يارهين وڳي ايندو!“ پٽيوالي ڏاڍي فخر مان جواب ڏنو‏.
    ”چڱو، چڱو“ مکڻ سنگهه ڏاڍي نماڻي لهجي ۾ جواب ڏنو، ۽ ڪنڌ جهڪائي اندر هليو ويو.
    عدالت جي ڪٽهڙي جي هيٺان پيشڪار فائيل ڏسي رهيو هو، اهو سڪل منهن، ڊگهي نڪ ۽ گدلي پڳ مٿي تي رکيل پيشڪار هو، مکڻ سنگهه کيس به ٻئي هٿ ٻڌي سلام ڪيو ۽ چيو، “مون کي ڪيس جو نقل گهرجي!“
    ”ڪهڙي ڪيس جو؟“
    مکڻ سنگهه نمبر ۽ تاريخ سڀ چڱيءَ طرح ٻڌايا. پيشڪار هيڏانهن هوڏانهن جي فائيلن کي کوليو – نڪ کنهيائين، ڄنگهه کنهيائين، مٿو کنهيائين، آخر هيڏانهن هوڏانهن ڏسي تلخيءَ مان چيائين، ”هن مهل مون کي تنگ نه ڪر، عدالت جي مهل پئي ٿئي، ڏيڍ وڳي اچجانءِ، ڪڍي رکندس، هان! سمجهيئي؟“
    ”حاضر حاضر!“ مکڻ سنگهه هٿ ٻڌي، ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو، ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
    کيس عدالت جي ڪارروائي ڏسڻ جو شوق ته هيو ڪونه ۽ سندس ڪم به ڏيڍ وڳي ٿيڻو هو، ۽ هي پراڻو شهر به ننڍي لاءِ جو ئي ڏٺل هوس، نتهن ڪري بس عدالت کان ٻاهر ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهڻ کي ئي چڱو سمجهيائين.
    پوءِ يارهين وڳي عدالت جو اجلاس شروع ٿيو. ڪمرو ماڻهن سان ڀرجي ويو هو، ۽ وڪيل ڪنهن مهل ويٺا ٿي ۽ ڪنهن مهل عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺل جج کي ڪجهه چيائون ٿي، جيڪو مکڻ سنگهه جي سمجهه کان ٻاهر هو. هن کي ته فقط اها ڄاڻ هئي ته سرنهن ڪيئن ٽڙندي آ، ڪپهه جي گلن مٿان بهار ڪڏهن ايندي آ، ڪڻڪ جا سنگ ڪيئن ڪنوارين جيان پنهنجي حسن جي بار سان نوڙي پوندا آهن، ۽ سندس زال طوطن جي ولرن کي ڏسندي پنهنجي مٿي تي مانيءَ جو دٻڪ ۽ لسيءَ جو لوٽر رکي ڪيئن ٻنين منجهان وڪڙ کائيندي ايندي آ....
    ڇا زندگي لاءِ اهو ڪافي ناهي؟
    ڏاڍو سوچي سوچي مکڻ سنگهه جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو هو ته بس اهو ڪافي آ.
    پر هاڻي اهو سوچي کيس ڳڻتي وڪوڙي وئي هئي ته ڪيس جو نقل حاصل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي کيس وڪيل به ڪرڻو پوندو - ۽ کيس سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو عدالت کي سڌو سنئون ڇو نه ٿو چئي سگهي ته، ”جج سائين، ڏس! هيئن آ، ته هيءَ ٻني هيئن منهنجي آ، لهنا سنگهه جي ناهي - ۽ فلاڻي وقت، فلاڻي جج صاحب هيئن فيصلو ڪيو هو. توهان اهو فيصلو پڙهي ڏسو. پر پڙهڻ جي به انهيءَ ۾ ڪهڙي ڳالهه آ- سڄي جڳ کي ڄاڻ آ ته اها ٻني منهنجي آ، جيڪڏهن اعتبار نه هجي ته لهنا سنگهه جي مٿي تي پوٿي رکي پڇي ڏسو!“ پر سوچڻ کان پوءِ به کيس پڪ هئي ته وڪيل ته کيس ضرور ڪرڻو پوندو!
    جڏهن ڏيڍ وڳو، ۽ عدالت مانجهاندي لاءِ اٿي وئي، تڏهن مکڻ سنگهه وري ڊڄندي ڊڄندي اندر گهڙيو ، هو منڊڪائيندو پيشڪار وٽ وڃي پهتو، ۽ کيس چيائين، ”ڪيس جو نقل تيار آ سائين؟“
    ”ها، تيار آ – وٺ!“ پيشڪار نقل ڪڍي، مکڻ سنگهه جي هٿ تي رکيو ۽ مکڻ سنگهه کيسي مان ٻه روپيا ڪڍي پيشڪار جي هٿ تي رکيا.
    پيشڪار چٻو منهن ڪري چيو،” ڇڏ ڇڏ- پنج روپيا لڳندئي!“ هن نقل مکڻ سنگهه کان ڇڪي ورتو.
    ”پر اڳي ته تو ٻه روپيا ورتا هئا- لهنا سنگهه جي پهرين ڪيس ۾، فرنگين جي ڏينهن ۾!“ مکڻ سنگهه چيو.
    ”تڏهن ٻيا ڏينهن هئا، هاڻ ته پنج ٿيندئي، سائينءَجو چوڻ آ!“
    ”سائينءَ جو!“ مکڻ سنگهه حيرت مان چيو.
    ”ها-“ چالاڪ پيشڪار چيو، ”جيڪڏهن مون تي اعتبار نه هجئي ته هن تصوير ڏانهن ڏس!“
    پيشڪار هٿ جي اشاري ساڻ ڀت تي لڳل تصوير ڏانهن اشارو ڪيو – اها گانڌيءَ ۽ نهروءَ جي اهائي مشهور پراڻي تصوير هئي، جنهن ۾ ٻئي اڳواڻ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي مرڪي رهيا هئا، ۽ گانڌيءَ جو هٿ سمجهائڻ واري انداز سان مٿي کڄيل آهي ۽ سندس پنج ئي آڱريون کليل آهن.
    پاڻ ڏس!“ پيشڪار چيو، ”سائين چوي ٿوم، پنج روپيا، پورا پنج!“
    اٻوجهه هاريءَ انهي تصوير ڏانهن ڏٺو، جيڪا ڄڻ آڱريون کڻي سمجهائي رهي هئي، ها، ها، هاڻي پورا پنج – مکڻ سنگهه تصوير ڏسي ٻئي هٿ ٻڌا، ۽ پوءِ پنهنجي گوڏ جي ڪنڊ ۾ ٻڌل پنجين روپين جو نوٽ ڪڍيائين ۽ نوٽ پيشڪار جي هٿ تي رکي نقل وٺي ٻاهر نڪري ويو.


    23. پينگهو

    منهنجي هٿ ۾ هڪ عينڪ آ، ماڻهو انهيءَ کي عينڪ چوندا آهن، پر منهنجي خيال ۾ هي صرف شيشي جا ٽڪرا آهن، جيڪي پلاسٽڪ جي ڪمانيءَ ۾ ائين ڦاسايا ويا آهن، جيئن سماج جي ڪمانيءَ ۾ انسان جي زندگي ڦاسائي ويندي آ. اها زندگي ٽٽي سگهي ٿي، پر انهيءَ ڪمانيءَ کان ٻاهر نڪري نٿي سگهي، اهوئي حال هنن شيشي جي ٻن ٽڪرن جو آ. پر پلاسٽڪ جي ڪمانيءَ ۾ ڦاٿل شيشي جا هي ٻه تڪرا ڪا معمولي شيءِ ناهن، ڇو ته جڏهن مان انهن کي پنهنجي اکين تي رکندو آهيان ته منهنجي اکين کي سڀ ڪجهه ڏسڻ ۾ ايندو آ. اهو سڀ ڪجهه، جيڪو انهيءَ کان اڳ ڏسڻ ۾ نه ايندو آ- يا ڌنڌلو ۽ ڪجهه پراسرار نظر ايندو آ، پر عينڪ پائڻ سان سڀ ڪجهه صاف نظر ايندو آ. ڄڻ ڌنڌ ختم ٿي ويو هجي، ۽ هر شيءِ فوڪس ۾ هجي. منهنجي خيال ۾ شيشي جي هنن ٻن ٽڪرن جو ڪو ٻيو فائدو هجي يا نه، پر اهو فائدو ضرور آهي ته هي ٽڪر! انسان جي اکين کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندا آهن. هونءَ ته هر انسان کي اکيون آهن، اکين ۾ نظر به هوندي آ، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آ ته انسان اکيون هوندي به ڪجهه نه ڏسندو آ، ڄڻ سندس چئني پاسي وڏيون وڏيون ديوارون هجن ۽ وچ ۾ اوندهه! پر هي شيشي جا ٽڪر به ڏاڍا عجيب آهن، هي ديوارن جي آرپار به ڏسي وٺندا آهن – جتي اوندهه هوندي آ، اتي روشني ڪري ڇڏيندا آهن – جڏهن نظر انهن ٽڪرن منجهان لنگهندي آ ته روشنيءَ کان وڌيڪ تيز رفتار هوندي آ، ۽ اها ڪڏهن سڄي ڪائنات تي ڦهلجي ويندي آ ته ڪڏهن وري هڪڙي نقطي تي اچي بيهي رهندي آ. مان روزانو صبح جو اخبار شيشي جي انهن ٽڪرن جي مدد سان پڙهندو آهيان – پر انهن جو ورتاءُ منهنجي اکين سان ڪجهه عجيب هوندو آ. مثال طور مان اڄ اخبار ۾ وزير اعظم جي تقرير پڙهڻ ٿي چاهي! مون جيئن ئي وزير اعظم جي تقرير پڙهڻ شڙوع ڪئي ته منهنجي نظر هيٺان اخبار جا لفظ ترڪڻ لڳا، ۽ وڏا وڏا دائرا بڻجي منهنجي اکين جي سامهون نچڻ لڳا. مون پريشانيءَ منجهان اتان نظرون هٽايون، سوچيم، خير وزير اعظم جي تقرير نه سهي، ڪا ٻي خبر پڙهي وٺجي، ڏسجي آفريڪا ۾ ڇا پيو ٿئي؟ اهو چاڻڻ لاءِ مون اخبار جو صفحو اٿلايو ته منهنجي نظر ترڪندي ترڪندي آفريڪا جي خبر کان به اڳتي، هڪ تصوير تي اچي بيهي رهي، ۽ شيشي جا ٽڪرا فوڪس ۾ اچي ويا. اها آفريڪا جي ڪنهن وڏي ليڊر جي تصوير نه هئي، اها دريا گنج جي هڪ يتيم خاني جي تصوير هئي، جنهن جي ٻاهران هڪ پينگهو ٽنگيل هو، جيئن ماڻهو حرامي ٻارن کي ڪنهن ڪسيءَ يا گند جي ڍير تي ڦٽي ڪرڻ بجاءِ انهيءَ پينگهي ۾ رکي وڃن! ڪهڙو نه سٺو ۽ نيڪ خيال هو! جنهن به اها ڳالهه سوچي هئي، انهيءَ جي ذهن کي داد نه ڏيڻ وڏو ظلم ٿيندو، مون اکيون ڇنڀي، ڌيان سان انهيءَ پينگهي ڏانهن ڏٺو، ۽ اک ڇنڀ ۾ ئي مان اتي هوس.
    پڪي رنگ جي هڪ عورت انهي پينگهيءَ ۾ هڪ ٻار کي رکي، گهنٽي وڄائي، تڪڙ ۾ موٽڻ لڳي.
    ”هيڏي – هيڏي – بيهه“
    مون رڙ ڪري کيس چيو، پر هن ڊوڙ پاتي، ۽ اڳتي ٻيءَ گهٽي ۾ هلي وئي. مون پينگهي ۾ پيل ٻار ڏانهن ڏٺو ۽ ٻئي پل عورت ڏانهن ڊوڙ پاتم ۽ ٻيءَ گهٽيءَ جي موڙ وٽ وڃي سندس اڳ جهليم، هوءَ سهڪندي وڃي هڪ ڊرگ اسٽور جي ورانڊي ۾ ويهي رهي. مون کي ويجهو ايندي ڏسي سندس پريشانيءَ ۾ واڌارو ايندو ويو. مون سندس ويجهو ويندي چيو، ”توکي شرم نٿو اچي؟ پنهنجو ٻار پينگهي ۾ ڇڏي آئي آن!“
    پر بلڪل ويجهو اچڻ سان ڄاتم ته منهنجو کانئس سوال ڪرڻ مناسب نه هو، ڇو ته هوءَ عمر جي ان حصي کان لنگهي چڪي هئي، جنهن ۾ ٻار نه ٿيندا آهن. هن منهنجي سوال جو ڪوبه جواب نه ڏنو، ڇو ته هو ڏاڍو ڊڄي وئي هئي. هن منهنجي ٻنهي پيرن کي جهلي، پنهنجو مٿو انهن تي رکي ڇڏيو.
    ”ڪنهن جو ٻار!؟“ مون رعب سان پڇيو.
    ”منهنجي ڌيءَ جو!“ هن روئيندي چيو.
    ”ڪاٿي رهندي آن؟“
    ”سرڪي دالان واري گهٽي ۾.“
    ”ٻار کي موٽائي کڻي وڃ.“
    ”نٿي کڻي سگهان.“ پوڙهيءَ عورت روئيندي منهن مٿي ڪيو، ”اڃا ته پنهنجي ڌيءَ کي به پاڙي ۾ موٽائي نٿي وڃي سگهان. ماڻهو ڇا چوندا، برادري ڇا چوندي؟ منهنجي ڌيءَ ڪنواري آ – سندس پيءُ کي ته ٻار ڄمڻ جو پتوئي ڪونهي- کيس سڌ پئجي وئي ته هو منهنجي ڌيءَ جي سسي لاهي رکندو!“
    ”۽ اهو بدمعاش ڪٿي آ، جنهن ... جنهن....“
    ”هن پنهنجي بدلي دهليءَ کان ٻاهرڪرائي ڇڏي آ، اڳ ۾ ته چوندو هو، شادي ڪندس – پر پوءِ بدلي ڪرائي مدراس هليو ويو!“
    ”ته کيس مدراس وڃي سوگهو ڪيو، ڪيس وڃي ڪيوس.“
    ”ڪيڏي بدنامي ٿيندي پٽ! سڄي خاندان جو نڪ وڍجي ويندو – ٿورو سوچ ته، منهنجي ڌيءَ ڪنواري آ- اڃا ڪنهن کي پتو ئي ڪونهي، مان پنهنجيءَ ڌيءَ جي ٻئي ڪنهن هنڌ شادي ڪرائي ڇڏيندس!“
    مان انهيءَ پوڙهي عورت جي ڀرسان ويهي رهيس، ۽ ڏاڍي مٺي لهجي ۾ کيس سمجهائڻ لڳس، ”ٿورو سوچ ته امڙ! تون انهيءَ ٻار جي ناني آن، ناني – هو تنهنجو ڏهٽو آ، ته سڄي ڄمار ڏهٽي کي هنج ۾ کڻي راند کيڏائڻ جا سپنا ڏٺا هوندا، ۽ اهو اڄ تون انهيءَ کي يتيم خاني جي پينگهي ۾ ڇڏي آئي آن! ٿورو سوچ ته امڙ، تنهنجي ڌيءُ جو پهريون ٻار يتيم خاني ۾ ڪهڙين حالتن ۾ پلبو؟ تون انهيءَ کي واپس کڻي وڃ، کيس ماءُ جو پيار ڏي، ناني وارو لاڏ ڏئينس، کيس به تنهنجي گهر رهڻ جو ايترو ئي حق آهي، جيترو تنهنجي ڌيءَ کي. رهيو تنهنجي ڌيءَ جي شادي جو سوال، سو هاڻ اسان جي ديس ۾ سجاڳي اچي وئي - اڄ توکي ڪيترا اهڙا روشن خيال نوجوان ملي ويندا، جيڪي تنهنجي ڌيءُ جو لونءَ ڪانڊاريندڙ داستان ٻڌي ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.“
    ڏاڍي سٺي تقرير هئي. انهيءَ مهل مان پاڻ پنهنجي تقرير کان ايڏو متاثر ٿيس، جو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. منهنجي تقرير ٻڌي انهي عورت جي اکين ۾ به اميدن جا ستارا جرڪي پيا، هن تڪڙ ۾ کڻي پنهجا لڙڪ اگهيا ۽ مون ڏانهن خوشيءَ ۽ اميد ڀريل نظر سان ڏسندي چيائين، ”پٽ! ڇا تون.... تون... منهنجي ٻچڙيءَ سان شادي ڪندين؟“
    ”مان-هان.مان!!“ مان گهٻرائجي ويس، ”منهنجي..... ڳالهه ته ٻي آ... مننجو مطلب آ ته منهنجي شادي ٿيل آ-“ مون تڪڙ ۾ ڪوڙ ڳالهايو.
    پوڙهي عورت مون ڏانهن ائين ڏسڻ لڳي، ڄڻ پنهنجي سامهون ڪنهن ٻئي حرامي ٻار کي ڏسندي هجي! هوءَ گهڻي دير تائين سانت ۾ ڏسندي رهي – پوءِ جڏهن مون پنهنجون نظرون هيٺ ڪيون، تڏهن هن ٿڌو ساهه کڻي ”هاءِ رام“ چيو، ۽ پنهنجي گوڏن کي هٿ جو سهارو ڏئي اٿي، ۽ مون ڏانهن ڏسڻ بنان چپ ڪري اتان هلي وئي.
    مان پينگهي ڏانهن موٽي آيس، ۽ هڪ اهڙي ڪنڊ ۾ ويهي رهيس، جتان مان ته پينگهي کي ڏسي سگهيس ٿي، پر ڪوئي ٻيو مون کي نٿي ڏسي سگهيو، مون کي انهيءَ پوڙهيءَ جي سوال تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي – هون! گناهه ڪو ٻيو ڪري، ۽ سزا وري مان ڀوڳيان!! عيش هڪڙو ڪري ۽ قيمت چڪايان مڪان، اهڙو بيوقوف ته مان به نه ناهيان. پر سائين، اها ڪهڙي شرافت آ ته جيڪو سٺي صلاح ڏي، اها صلاح به وري سندس ئي پلئه سان ٻڌجي! منهنجي چوڻ جو مطلب ته فقط اهو هو ته هن ملڪ ۾ سوين، هزارين اهڙا روشن خيال نوجوان هوندا جيڪي...جيڪي...منهنجو مطلب اهو ناهي ته مان روشن خيال ناهيان – پر مون پنهنبجي ذهن ۾، پنهنجي ٿيڻ واري زال جي جيڪا تصوير سانڍي رکي آ، اها هن کان گهڻو مختللف آهي، ۽ اها ڳالهه به آهي ته في الحال مان شادي ڪرڻ به نٿو چاهيان، ڀلا ڪو زور آ ڇا؟
    پر مون کي انهن عورتن تي جک اچي رهيا هئا، جيڪي ماءُ ٿي ڪري پنهنجي مامتا کي وساري ويهنديون آهن، ۽ پنهنجي ٻارڙي کي يتيم خاني جي پينگهي ۾ وجهي هليون وينديون آهن. مون سوچيو، اڄ مان سڄو ڏينهن پينگهي جي نظرداري ڪندس، ۽ جيڪڏهن سڄي ڏينهن ۾ هڪڙي عورت کي به شرم ڏياري، مجبور ڪري سگهيس ته هوءَ پنهنجو ٻار موٽائي کڻي وڃي ته منهنجو ڏينهن سجايو ٿيندو، پر مون کي گهڻي دير انتظار ڪرڻو نه پيو. ڏيڍ ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪ نوجوان ڇوڪري آئي، ۽ گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيل هڪ پارسل پينگهي ۾ ڦٽي ڪري هلي وئي، اوچتو ئي اوچتو پارسل روئڻ لڳو. مان انهيءَ ڇوڪري جي ڪڍ ڊوڙيس. ڇوڪريءَ مون ڏانهن ڏسي وٺي ڊوڙ پاتي، ۽ گهٽيءَ جي ڪنڊ تي هڪ سائيڪل واري سان ذري گهٽ ٽڪر کائيندي بچي وئي. آخر ٽن چئن گهٽين منجهان ٿيندي، هوءَ دريا گنج ۾ انهيءَ روڊ تي وڃي پهتي، جيڪو شهر جي پراڻي ڀت جي ڀرسان آهي. هن ور ور ڪري پوئتي مونڏانهن ڏٺو ٿي، ۽ مان پنجاهه والن جي مفاصلي تان ائين سندس ڪڍ وڃي رهيو هوس، ڄڻ مون سندس پيڇو نه پئي ڪيو، پر ڄڻ گهران تفريح خاطر ٻاهرن ڪتو هوس.
    دريا گنج کان اڳتي وڃي، هوءَ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهي، سندس سامهون آصف علي مرحوم جو بت هو، ڇوڪريءَ جي ساڄي پاسي، بلڪل ويجهو هڪ اونهين کاهي هئي، ۽ کاٻي پاسي کان هڪ فلم جو پوسٽر لڳل هو، ”دل اپنا، پريت پرائي.“ مان ڌاڍي آرام سان سگريٽ دکائي سندس ڀرسان ويس. هوءَ منهن ٻئي پاسي ڪيو بيٺي هئي. ”هيلو!“ مون آهستي چيو. ”پريت پرائيءَ جو نتيجو ڇا نڪتو؟“
    هن ڪاوڙ منجهان مون ڏانهن منهن ڪري چيو، ”جيڪڏهن تو اڃا به منهنجو پيڇو ڪيو ته مان پوليس کي اطلاع ڪنديس!“
    ”مان به اهوئي چاهيان ٿو، ته مون سان گڏ پوليس اسٽيشن هل ۽ منهنجي شڪايت هلي ڪر - ۽ مان انهيءَ ڇوڪريءَ جي شڪايت ڪيان، جيڪا هاڻي هاڻي پنهنجو ٻار يتيم خاني جي پينگهي ۾ رکي آئي آ!“
    ”اهو نسورو ڪوڙ آ – تو وٽ ڪهڙي ثابتي آ؟“
    ”ثبوت ته ڊاڪٽر ڏيندو!“ مون ننهن کان چوٽيءَ تائين کيس ڏسندي چيو.
    هن جون ساڙيندڙ نظرون ٿڌيون ٿي ويون، ڄڻ اوچتو بجليءَ جو سئچ آف ٿي ويو، سندس سندر چهري تي ڪاراڻ اچي وئي ۽ هن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”گهڻا پئسا گهرجئي؟“
    چيم ”گهڻا ڏئي سگهندينءِ؟“
    اسان جي سامهون پوليس جو هڪ سپاهي اسان کي گهوريندي لنگهي ويو. هوءَ ڊڄي وئي.
    چيائين، ”هل، ڪار ۾ هلي ويهه، اتي ڳالهائيداسين.“
    چئبو تون ڪار ۾ آئي آن! مون دل ۾ چيو، ۽ هن سان گڏ هلڻ لڳس. ساڻس گڏ هلڻ سان مون کي احساس ٿيو ته هوءَ وڏي – پوري قد واري ڇوڪري آ، ۽ سندس چيلهه ڏاڍي دلڪش نموني لڏي ٿي. سندس وارن مان گلن جي سڳنڌ ٿي آئي، سندس ساڙهيءَ جو ڪپڙو ڏاڍو مهانگو ۽ سندس ڪار جو ماڊل فقط ٻه سال پراڻو هو. اسان اڳتي وڃي، سندس ڪار جي پٺئين سيٽ تي وڃي ويهي رهياسين. هن اندر ويهي پنهنجي ڪنن منجهان واليون لاٿيون، ۽ پوءِ ڪنگڻ لاٿائين، پوءِ پرس کولي پنج سئو روپيا ڪڍيائين، ۽ سڀ منهنجي هٿ تي رکندي چيائين، ”وٺ هي سڀ، پر منهنجي جان ڇڏ.“
    ”هي ته تمام ٿورو آ!“مون منهن گهنجائيندي چيو. ”اڃا ڀلا ڇا گهرجئي؟“ مغرور ڇوڪريءَ ڪاوڙ منجهان چيو.
    ”مان چاهيان ٿو ته تون پنهنجي ٻار کي واپس کڻي وڃ.“
    ”ناممڪن آ- مان ڪنواري آهيان.“
    ”ڪنواري ته ناهين، پر اهو کڻي چئه ته شادي شده ناهين!“
    ”چڱو ائين ئي سهي – پوءِ“
    ”پوءِ تون انهيءَ شخص سان شادي ڇو نٿي ڪرين، جنهن سان توکي اهڙي محبت آ.... تون ڏاڍي سهڻي آهين، مان نٿو سمجهان ته ڪو هو توسان شادي نه ڪندو!“
    ”هو ته ڪرڻ ٿو چاهي، پر مان نٿي ڪرڻ چاهيان!“
    ”شايد هن واقعي کان پوءِ توکي هن کان نفرت ٿي وئي آ!“
    ”نه، مون کي هن سان شديد محبت آ.“
    ”توکي ساڻس محبت آ!“ مون حيرت منجهان چيو، ”۽ هو تو سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار به آ ته پوءِ تون انڪار ڇو ٿي ڪرين؟“
    ”هو غريب آ، منهنجو خرچ پورو ڪري نه سگهندو.“
    ”پوءِ تون پنهنجو خرچ گهٽائي ڇڏ.“
    ”اهو ممڪن ڪونهي.“ هن فيصلو ڏنو، ”منهنجي سڀني ساهيڙين وڏن وڏن ماڻهن سان شاديون ڪيون آهن، مان به ائين ئي ڪنديس. مون کي نئين دهليءَ ۾ هڪ وڏي نوڪري آهي، مان هڪ غريب ماڻهوءَ سان شادي ڇو ڪيان!؟“
    ”آئي سي!“مون سوچيندي چيو،”چڱو ڀلا تون هيئن ڪر، جو اهو ٻار، جيڪو توهان ٻنهي جي محبت جو ثمر آهي، سندس پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏ – مان سمجهان ٿو ته هو انهيءَ کي تنهنجي پيارجي آخري نشاني سمجهي ضرور قبول ڪندو.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو ته اهو ٻار انهي جو ناهي، جنهن سان مون کي محبت آ.“
    ”جنهن سان توکي محبت آ، هي ٻار انهيءَجو ناهي ته ڪنهن جو آ!!؟“ مون حيرت منجهان چڪيو.
    ”هي منهنجي هڪ دوست جو ٻار آ!“
    ”ته ڇا تنهنجو ٻار ناهي؟“
    ”آهي ته منهنجو، پر انهيءَ مان ناهي، جنهن سان مون کي محبت آ، هن ٻار جو پيءُ هڪ بزنس مين آ، جيڪو منهنجو دوست آ.“
    ”پوءِ تون انهيءَ واپاريءَ سان ئي ڇو نٿي شادي ڪرين، هو تنهنجو خرچ به برداشت ڪري سگهندو، ۽ هن معصوم ٻار کي سندس پيءُ به ملي ويندو.!“
    ”نه – مان انهيءَ واپاريءَ سان شادي ڪري نٿي سگهان.“ هن ڏاڍي آرام سان چيو، ”ڇو ته مون کي ساڻس محبت ڪانهي،“
    ”جيڪو توکي پسند آهي، انهيءَ جو هي ٻار ناهي، ۽ جنهن جو هي ٻار آهي، اهو توکي پسند ناهي- پوءِ تون شادي ڪندينءِ ته ڪنهن سان؟ تنهنجو مسئلو ته ڏاڍو منجهيل آ!“
    ”خوبصورت ڇوڪرين جا مسئلا جلد حل ٿي ويندا آهن، مسٽر!“ هوءَ کلڻ لڳي، ۽ سندس سهڻا ڏند ٿوري دير لاءِ گلاب جي پنکڙين جهڙن چپن جي وچ ۾ چمڪڻ لڳا. هوءَ يقينن ڏاڍي سهڻي هئي، پر سندس سونهن نرم ۽ گرم ڪنهن شيءِ جي ياد نٿي ڏياري، سندس سونهن ڏسي ڪائي سخت ۽ چمڪندڙ شيءِ پئي ياد آئي، جيئن موتي يا سون – سهڻوپر سخت!
    هن منهنجي ٻانهن تي ٿڦڪي هڻندي چيو، ”تون منهنجي چنتا نه ڪر – مون کي منهنجي مطلب جو مڙس ملي ويندو. اهڙو جيڪو منهنجي غريب عاشق جيان سهڻو هجي، منهنجي واپاري دوست جيان مالدار هجي، ۽ منهنجي پسند وٽان به،“ پوءِ هن ڪار جو در کوليندي چيو، ”هاڻي تون پنهنجو مال سنڀال، ۽ گاڏي مان هيٺ لهي وڃ، جلدي ڪر شاباس.۾“
    مان سيٽ تي ڄمي ويهي رهيس، چيم ”جيڪڏهن اها ڳالهه آ ته تون هن گاڏيءَ مان لهي وڃ!“
    ”مان ڇو لهي وڃان؟“ هن حيران ٿي پڇيو.
    ”ان ڪري ته جيڪڏهن تون پنهنجي پسند جي ڪري پنهنجي ٻار کي قربان ڪري سگهين ٿي، ته پوءِ انهي پسند خاطر ئي توکي هن گاڏيءَ تان به هٿ کڻو پوندو، ڇو ته هي گاڏي مون کي پسند آ. هيءَ گاڏي مون کي لکي ڏي، نه ته هل ٿاڻي تي.“
    ”مسٽر!“ هن هڪدم رڙ ڪري، پنهنجو هٿ منهنجي ڪرائيءَ ۾ وڌو، ۽ سندس وڏا وڏا ننهن منهنجي ڪرائيءَ ۾ چڀڻ لڳا، چيائين، ”مستر مان توکي سڀ ڪجهه ڏئي سگهان ٿي، پر هيءَ گاڏي نٿي ڏئي سگهان – هن گاڏيءَ خاطر ته مون اهو ٻار ڄڻيو هو. منهنجي سڀني ساهڙين وٽ گاڏيون هيون، ۽ اهي ڳالهه ڳالهه ۾ پنهنجي گاڏيءَ جو رعب رکنديون هيون – جيتوڻيڪ مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته انهن منجهان ٻن بلڪل اهڙي نموني گاڏيون هٿ ڪيون هيون، جيئن مون هٿ ڪئي ا، سو هائو ڪُڊ آءِ ٽاليرٽ اٽ. مون به انهيءَ واپاريءَ سان دوست ڪئي، جيڪو ٻن سالن کان منهنجي پويان پيل هو، انهيءَ گاڏيءَ خاطر ئي مون اهو ٻار ڄڻيو هو، ۽ تون چاهين ٿو ته مان هيءَ گاڏي توکي ڏئي ڇڏيان! آر يو نٽس؟“
    هوءَ واقعي مون کان سخت ناراض ٿي وئي هئي. سندس وڻدنڙ چهرو هڪدم ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ مون ڏانهن اهڙي شديد نفرت منجهان ڏسي رهي هئي، ڄڻ مون کائنس سندس ڪار نه، پر سندس عزت طلب ڪئي هئي. ور ور پنهنجي هيٺين چپ کي چڪ هڻي رهي هئي.
    مان خاموشيءَ سان ويٺو رهيس.
    ٿوري دير کان پوءِ سندس ڪاوڙ جهڪي ٿي ته هن پنهنجا ننهن منهنجي زخمي ڪرائيءَ تان پري ڪيا، ۽ ڏاڍي هيڻي آواز ۾ چيائين، ”هيءَ گاڏي ته مان ڏئي نٿي سگهان، ٻيو جيڪي تون چاهين...“
    ”هاڻي ته مان به ضد ٿو ڪيان!“ ڇڙٻيندي چيومانس، ”ڪائي اهڙي ترڪيب ٻڌاءِ، جيئن تو جهڙيون مائرون ٻار نه ڄڻين، پر ريڊيو ڄڻين، ريفري جريٽر ڄڻين، ٻار نه ڄڻين! جيڪڏهن ائين ٿي پوي ته هن دنيا ۾ حرامي ٻارن جي پيدائش جو مسئلو گهڻي حد تائين حل ٿي سگهي ٿو!“
    اهو چئي مان هيٺ لٿس، سندس ڪار جو در زور سان بند ڪيم، ۽ تڪڙو تڪڙو هليو ويس.
    شام تائين ڪوئي نه آيو، پينگهو خالي رهيو. رات جي اونداهي وڌندي رهي، دل جو سناٽو وڌندو رهيو، گهٽيءَ جي ڪارن ۽ ڦاٽل چپن تي بجليءَ جا ٻه چار ميرا ۽ پيلا بلب مرڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا رهيا، جڏهن نائين ڌاران مون کي ڏاڍيءَ بک ستايو، تڏهن گهر واپس ورڻ جو سوچيم. ايتري ۾ ڏٺم ته هڪ ميرن گدلن ڪپڙن ۾ ويڙهيل عورت پينگهي جي سامهون اچي بيٺي. ڪامهل ته هوءَ ائين ئي بيٺي رهي، پوءِ پنهنجي هنج مان ڪجهه ڪڍيائين، ۽ پينگهي ۾ رکيائين، ۽ وري دير تائين اتي بيٺي رهي.... پوءِ آهستي واپس ورڻ لڳي، ڪنڌ هيٺ ڪري. مان سندس ڪڍ وڃڻ لاءِ اٿڻ وارو ئي هوس ته اونداهن پاڇن ۾ اها عورت واپس ورندي نظر آيم، واپس اچي هن پنهنجي ٻار کي کنيو، ڇاتيءَ سان لاتائينس، ۽ کيس کڻي واپس ورڻ لڳي – پر اڳتي وڃي، هوءَ وري موٽي آئي، ۽ ٻار کي وري پينگهي ۾ رکي ڊوڙندي هلي وئي.
    سنگهه برادرز جي موٽر گيراج وٽان جيڪو رستو لال قلعي ڏانهن ويندو آ، اتي پهچي مون سندس پلئه ۾ هٿ وڌو. اوچتو منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهي، جڏهن ڏٺم ته مون جنهن کي عورت سمجهيو هو، اهو اڌڙوٽ مرد آ- سندس چهري تي الائجي گهڻن ڏينهن جي ڏاڙهي هئي، ۽ گهڻو روئڻ ڪري سندس اکيون سڄي پيون هيون. مون سخت لهجي ۾ کانئس پڇيو، ”تون ڪنهنجو ٻار رکي آيو آن پينگهي ۾؟“
    هو ڪي پل ڦاٽل اکين سان مون ڏانهن ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ منهنجي پيرن تي ڪري پيو ۽ منٿون ڪري چوڻ لڳو، ”مون کي معافي ڏي، صوبيدار صاحب!“
    هن مون کي سي آءِ ڊي جو ڪوئي آفيسر سمجهيو هو، ۽ منٿون ڪري مون کان معافي پئي ورتائين. مون وري سختيءَ سان کانئس پڇيو، ”جلدي ٻڌاءِ؟“
    ”منهنجو ٻار آ!“
    ”حرامي جو ٻار آ؟“
    ”نه منهنجا سائين، منهنجي زال منجهان آ!“
    ”تنهنجي زال منجهان آهي ته پوءِ کيس پينگهي ۾ ڇو رکي آيو آن؟ تنهنجي زال ڪهڙي ماءُ آهي جو توکي اهڙي ڪم جي ڪل ڏني اٿائين!“
    ”منهنجي زال مري چڪي آ سائين! ڏهاڪو ڏينهن ٿيا آهن، هوءَ مهيني جو ٻار ڇڏي مري وئي! گهر ۾ جيڪي ڪجهه هيو اهو سندس ڪفن دفن ۾ پورو ٿي ويو. مان ڇهن مهينن کان بيروزگار آهيان، ڪٿي ڪو ڌنڌو ملي ئي نٿو- گهر ۾ پنج ٻار آهن، هي ڇهون، معصومڙو ڪالهه کان بک ۾ سڏڪي رهيو هو، ٽن ڏينهن کان سڀ ٻارڙا بک تي آهن، پر ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان هن معصوم لاءِ کير جو بلو ڪندا رهياسين. ڪالهه رات کان ته هن معصوم لاءِ ٻه ڍڪ کير جا به نه مليا! ڪهڙي دنيا آ مالڪ.... ٽن ڏينهن کان منهنجا سڀ ٻار مون سان گڏ لنگهڻ تي آهن... هو مري ويندا... مان به مري ويندس... مون سوچيو، يتيم خاني وارا هن معصوم جي پالنا ڪندا، ان ڪري کيس اتي رکي آيو آهيان!“
    ”توکي خبر آ ته هُو اتي ڪيئن رهندو؟ پيءُ هوندي به سڄي عمر هو حرامي ليکبو!“
    ”پر جيئرو ته رهندو!“ هن ڀنل اکين سان مون ڏانهن ڏٺو، ۽ وري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.
    اڌ رات –
    پينگهو خالي آ –
    انسان جي دل جيان!
    انسان جي بک جيان-!!
    مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان - ۽ مون جيڪي ڪجهه اڄ ڏٺو آهي، ان کان پوءِ گهر واپس به نٿو ورڻ چاهيان، مان ٿڪجي، انهي پينگهي ۾ ئي ڪري پوڻ ٿو چاهيان – پر هي پينگهو ڏاڍو ننڍو آ - ۽ اسان جا گناهه تمام وڏا آهن.


    24. 100 روپيا

    جڏهن مون ڪيل ڪم عيوض سيٺ کان 100 روپين جي گهر ڪئي تڏهن هن سورهين تاريخ تي اچڻ لاءِ چيو ۽ سورهين تاريخ تي سيٺ آفيس مان عدم پيدا هئو. سيٺ جي ٻڍي مئنيجر، جنهن جي ٺوڙهه گنجي هئي ۽ جنهن جو هڪ ڏند ٻاهر نڪتل هئو ۽ جيڪو پنهنجي اسسٽنٽ کي ڪنهن غلطي ڪرڻ سبب ڇينڀي رهيو هئو، مون کي چيائين، ”تو 100 رپين جو ڪم ڪيو آهي توکي 100 روپيا ڏنا ويندا پر اڄ سيٺ هتي ڪونهي ان ڪري سڀاڻي اچجانءِ.“
    ”جيڪڏهن سيٺ سڀاڻي به هت نه هجي ته؟“ مون پچيو.
    ”ته مان انتظام ڪري رکندس. تون ڪوبه فڪر نه ڪر تنهنجا پئسا توکي ضرور ملندا.“ هن چيو.
    آفيس مان ٻاهر نڪري مون ٽڪي جو پان ورتو. مون کي بک ڏاڍي لڳي هئي پر کيسي ۾ صرف ٻه آنا هئم ان لاءِ پان وٺڻ ئي بهتر سمجهيم ۽ پوءِ ٽرام ۾ چڙهي پيم.
    ٻئي ڏينهن به سيٺ آفيس ۾ موجود ڪونه هئو. سيٺ جي مئنيجر چيو، ”اڄ به سيٺ ڪونهي ۽ وري تنهنجي خساب ۾ غلطي به آهي!“
    هن جي ان چوڻ تي مونکي غصو اچي ويو، هو حساب کي ڏهه دفعا چڪاسي چڪو هئو ۽ هاڻ وري ٿي چيائين ته حساب ۾ غلطي آهي. پر ان هوندي به مان ڪجهه به چئي نه سگهيس ڇاڪاڻ جو هنجي ڳالهائڻ جو نوع تمام نرم هو ۽ هن جو هرهڪ فقرو ريشم ۾ ليٽيل هو ان لاءِ مون به نرميءَ سان چيو، ”منهنجو حساب ته بلڪل ئي صاف آهي.“
    ايترو چئي مون پنهنجي خاڪي رنگ جي سوٽ جي کيسي مان هڪ ميرو ڪاغذ ڪڍيو ۽ مئنيجر سان گڏ يارهون دفعو حسبا ٺاهڻ ويهي رهيس. هيترا پيسا واري پنو لڳائڻ جا، هيترا پيسا روغن جا، هيترا پيسا مزوريءَ جا، واري پنن ۽ روغن جون رسيدون مون وٽ هيون ۽ منهنجي مزوري اڳ ئي طئه ٿي چڪي هئي. سيٺ جو فرنيچر محنت مان چمڪي رهيو هو.
    مئنيجر چيو، ”ها حساب ته ٺيڪ آهي. چڱو سڀاڻي اچجانءِ.“
    ”پر سڀاڻي ضرور.“ مون دروازي مان ٻاهرن ڪرندي چيو.
    ”ها – ها- سڀاڻي ضرور،“ مئنيجر پنهنجي گنجي ٺوڙهه کي لوڏيندي چيو.
    اڄ ٻاهر اچي نه مون ٽڪي جو پان کاڌو ۽ نه ئي سيان وڃڻ لاءِ ٽرام ۾ چڙهيس پر فيروز شاهه مهتا روڊ تان سيان تائين پنڌ ئي ويس.
    ٻئي ڏينهن آفيس ۾ وڃڻ سان ڏٺم ته سيٺ ته هميشه موافق اڄ به آفيس مان غائب هئو ئي پر مئنيجر به غائب هئو. مئنيجر جو اسسٽنٽ پنهنجين چنجهين اکين سان هڪ سنگل چانهه پنهنجي سامهون رکي ڪجهه سوچي رهيو هئو. هن جو چهرو تمام زرد هئو. مان هن جي چهري طرف غور سان نهارڻ لڳس.
    اسسٽنٽ پيالي مٿان نظر کڻي مون طرف ڏٺو ۽ هٿ جي اشاري سان ڪرسي تي وهڻ لاءِ چيائين؛
    ”سيٺ ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو.
    ”سيٺ پنهنجي ٻيءَ آفيس ۾ ويو آهي!“ هن جواب ڏنو.
    ”۽ مئنيجر؟“ مئنيجر سيٺ جي ٽيئن آفيس ۾ ويو آهي!!“
    ”ته مون کي هت چوٿين ماڙي تي ڇا لاءِ گهرايو ويو آهي؟“ مون غصي وچان چيو.
    اسسٽنٽ چانهه جو آخري ڍڪ به ڳيت ڪري پي ويو ۽ پوءِ آهستي چيائين، ”گهٻرائڻ جي ضرورت ڪونهي، مئنيجر ڄاڻ آيو.“
    مان هڪ ڪرسيءَ تي ساڍي ڏهين کان سوائي ٻي وڳي تائين ويٺو رهيس. ته آخر سوائي ٻي بجي مئنيجر آيو.
    هن مسڪرائيندي چيو، ”تنهنجو ڪم ٿي ته ويو پر چيڪ مليو آهي 100 روپين جو ۽ هاڻ سوا ٻه وڄي چڪا آهن ۽ بئنڪ اڍائي بجي بند ٿي ويندي آهي.“
    ”۽ بئنڪ هتان ٻه ميل پري آهي ۽ سڀاڻي موڪل آهي ۽ پريهن آرتوار!“ مون هن کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
    ”ها!“ مئنيجر خوشيءَ وچان هٿ مليندي چيو.
    مون بيحد رکائيءَ سان چيو، ”چيڪ مون کي ڏيو.“
    پنج منٽ ٻيا به چيڪ وٺڻ ۾ لڳي ويا ڇو ته چيڪ تي منهنجو نالو محمد شفيع بجاءِ محمد رفيع لکيل هو.
    مئنيجر چيو، ”غلطي ٿي وئي، خير تون سومر ڏنيهن اچي ٻيو چيڪ وٺي وڃجانءِ.“
    ”پر هيءُ ته بيرر چيڪ آهي! نالي جي غلطيءَ سان ڪجهه به نٿو ٿئي. تون مونکان منهنجي نالي جي رسيد وٺ ۽ چيڪ مونکي ڏي. سومر ڏينهن وري مان ڪيئن اچي سگهندس. ڪنهن ٻئي هنڌوڃي ڪم تي چڙهندس.“ مون چيو.
    چڱو ته کڻي وڃ“ مئنيجر چيو.
    جنهن وقت چيڪ وٺي ٻاهر نڪتس ان وقت اڍائي وڄڻ ۾ نو منٽ پيا هئا ڪيئن به پنڌ هلي بئنڪ ۾ اڍائي بجي تائين پهچڻ مشڪل هو 100 روپين جو چيڪ منهنجي هٿن ۾ هو پر اڃا تائين صرف ڪاغذ جو ٽڪر هو. ان کي 100 روپين ۾ بدلائڻ لاءِ بئنڪ ۾ پهچڻو هو ۽ اهو به اڍائي بجي کان اڳ. هڪ ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي ڊرائيور طرف منهن ڪندي چيم، ”ڪالباديري.“
    جڏهن ڪالباديوي روڊ جي ناڪي وٽپ هتس تڏهن ٻه وڄي اٺاويهه منٽ ٿيا هئا. چيڪ تي ڪالباديوي روڊ لکيل هو پر بئنڪ ڪالباديوي روڊ تي ڪونه هئي. ۽ پڇائيندو پڇائيندو جڏهن بئنڪ ۾ پهتس تڏهن ٻه وڄي چوٽيهه، منٽ ٿيا هئا. اصول موجب ڪلارڪ کي منهنجو چيڪ نه وٺڻ کپندو هو پر شايد هو چيڪ پڙهڻ سان گڏوگڏ انسان جي چهري کي پڙهڻ به ڄاڻندو هو ۽ ڪجهه به چوڻ کانسواءِ هن مونکان چيڪ ورتو. جيتوڻيڪ منهنجو نالو محمد شفيع هو پر ان هوندي مون چيڪ تي صحيح مححمد رفيع جي پاتي. هيءُ محمد رفيع ڪير هو، ڪٿان آيو هو، ڪڏهن پيدا ٿيو هو، هن جي شڪل ڪهڙي هئي، هن جي ماءُ پيءُ ڪير هئا، ان باري ۾ ڪنهن کي به ڪابه خبر ڪونهي. ڪجهه زندگيون اهڙيون ٿينديون آهن جو چيڪ تي لکيون وينديون آهن ۽ چيڪ مٿان ئي ڊاٺيون وينديون آهن.
    مان اڃان ٽئڪسيءَ واري کي ڀاڙو ئي ڏئي رهيو هوس ته ڪنهن اچي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، ”اڄ ڪالهه ٽئڪسين ۾ گهمي رهيو آهين؟“
    مون ڦري هن طرف ڏٺو. هو اسحاق هو. منهنجو دوست. هو عبدالرحمان گهٽيءَ ۾ هڪ کوجي جي جاءِ ۾ رهندو آهي ۽ اهوئي ڌنڌو ڪندو آهي جيڪو مان ڪندو آهيان. ليڪن هنجي محبوبا محمد علي روڊ ۽ ڪرافورڊ مارڪيٽ جي ناڪي تي هڪ هوٽل ۾ رهندي آهي. مون کيس ڏٺو آهي، ڏاڍي خوبصورت عورت آهي. وڏن وڏن سيٺين وٽ ويندي آهي. هي اسحاق هن کان اڳ وٽس ڊرائيور هو پر کيس اهو ڪم پسند ڪونه آيو ۽ ان لاءِ نوڪري ڇڏي آيو. هوءَ اسحاق کي ڏاڍو ڀائيندي آهي ۽ اسحاق به هن کي چاهيندو آهي پر اڪثر ڪري ٻنهي وچ ۾ لڙائي ٿيندي رهندي آهي ڇاڪاڻ ته اسحاق کي هن جي ڌنڌي کان نفرت آهي ۽ ان ڪري هن کي سمجهائيندو رهندو آهي پر هوءَ ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه ڏيندي آهي. ڀلا جنهن وٽ سٺي هوٽل هوندي، سٺي جواني، صحت ۽ خوبصورتي هوندي ۽ سون چانديءَ وارا سيٺيون هوندا، اها وارنش ڪندڙ اسحاق جي ڳالهه تي ڪيئن ڌيان ڏيندي؟
    ”مونکي ته ڏاڍي بک لڳي آهي، تون ڪجهه کائيندين؟“ مون هن کان پڇيو.
    ”بک ته مونکي به ڏاڍي لڳي آهي.“ هن چيو. فيروز ڪبابيءَ جي دڪان تان فارغ ٿي اسحاق مونکان ڏهه رپيا اڌارا ورتا ۽ هليو ويو. مونکي اسحاق ڏاڍو پسند آهي. هن وٽ پيسا هوندا آهن ته ناڪار نه ڪندو آهي، سڀني کي کارائيندو پياريندو آهي ۽ جڏهن پيسا نه هوندا اٿس تڏهن مونکانسواءِ ٻئي ڪنهن کان اڌارا نه وٺندو آهي. مون کي اسحاق جي دوستيءَ تي فخر آهي. جڏهن به مان اسحاق سان ملندو آهيان تڏهن مان خوشيءَ ۾ ڦونڊجي ويندو آهيان ۽ ان وقت مان ائين محسوس ڪندو آهيان ڄڻ مونکي ڪوبه غم ڪونهي، ڪائي تڪليف ڪونهي.
    ان وقت اسحاق سان ملي منهنجو هنيانءُ هلڪو ٿي ويو. مون ڪرافورڊ مارڪيٽ مان ٻه صوف وٺي کاڌا، هڪ بيکاريءَ کي ٻه آنا ڏنا ۽ اتان هلندو هلندو بوري بندر تائين اچي پهتس. کيسي ۾ رپيا هئا ان لاءِ سوبلئي گهر وڃڻ تي دل نٿي ٿي ۽ ان ڪري هارنبي روڊ طرف روانو ٿيس. هارنبي روڊ جا دڪان مون کي ڏاڍا پسند آهن ۽ خاص ڪري انهن دڪانن جون نمائشي دريون جن ۾ شيشا لڳل آهن ۽ بجلي جون لٺيون ۽ آدم قد شين جي شفاف تهن پوئتان ڪهڙيون نه خوبصورت شيون رکيل آهن. خوبصورت نيڪٽايون، سوٽن جو ڪپڙو، مفلر، بوٽ وغيره.هر هفتي انهن درين اندر رکيل خوبصورت شيون بدلجي وينديون آهن ۽ پراڻين ڊزائينن بدران نيون ڊزائينون اچي وينديون آهن.شام جو گهر وڃڻ کان اڳ مان اڪثر هارنبي روڊ جون نمائشي دريون ڏسندو آهيان. کيسي ۾ پيسا هجن يا نه هجن ليڪن ڪم تان موٽيندي بوري بندر طرف وڃڻ وقت، انهن درين ۾ پيل شين کي ضرور ڏسندو آهيان. مون پنهنجي سوٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهي نون ۽ڪڙڪ نوٽن کي ٿڦيو ۽ ڏاڍي شان سان ايوان ائڊر فريزر جي نمائشي درين اڳيان وڃي بيٺس. اُف! ڪيتري قدر ته خوبصورت خميس هئي!! بادامي رنگ جي صاف ۽ شفاف خميس مٿان بلوُ ۽ سرخ رنگ جا ليڪ!!! مون پنهنجي خميس جي ڦاٽل ڪالر مٿان هٿ ڦيريو ۽ سوچڻ لڳس ته ان سرخ ۽ بلوُ ليڪاخميس کي پهري مان ڪيئن لڳندس. مون تصوير ۾ پاڻ کي اها خميس پهريل ۽ هڪ وڏي آدم قد آئيني جي سامهون ڏٺو. ڇا ٺاٺ هو! خميس جو اگهه هئو 30 رپيا ۽ ان کان ٽيڻا پيسا مون وٽ هئا. مان خميس وٺي ٿي سگهيس پر اڃان به ڪا سٺي شيءِ ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌي ويس. ٻيءَ دريءَ ۾ خوبصورت صابڻ، ٽرڪش، ٽوال جن کي ڏسڻ سان خودبخود سنان ڪرڻ تي دل ٿيندي آهي، رکيا هئا. اهي سڀ مان خريد ڪري ٿي سگهيس. ٽين دريءَ ۾ مردن لاءِ رات جي وقت پهرڻ جا گاون هئا. گاون- ڀڀڪيدار ريشمي نقش ٿيل گاون جن کي پهري وارنش ڪندڙ به جيڪر مصر جو بادشاهه لڳي. گاون جي قيمت صرف 70 رپيا هئي ۽ ان کان وڌيڪ رپيا مون وٽ هئا. مون ان گاون کي تصور ۾ پهريو ۽ هڪ ايراني غاليچي تي اڏامندو تمام پري هليو ويس. هوا صاف هئي، منهنجي هيٺان خوبصورت باغن واري زمين ڦري رهي هئي ۽ سائي سائي مانريءَ ۾، ننڍي هڪ پهاڙي جوانڙيءِ وانگر اُس سيڪي رهي هئي. مون ان غاليچي کي ان نديءَجي ڪناري تي هيٺ لهڻ جو حڪم ڏنو. غاليچو نديءَ جي ڪناري تي لهي آيو ۽ خودبخود وڇائجي ويو، پر خودبخود هڪ گگهي، هڪ سنگمرمر جهڙو سفيد هٿ، ٻه چمڪندڙ اکيون ۽ هڪ حسين چهرو الائي ڪٿان اچي ويا ۽ ايتري ۾ ڪنهن مونکي ٿيلهو ڏنو ۽ رڙ ڪندي چيو، ”اڳتي وڌ! ٻئي ڪهن کي به ڏسڻ ڏيندين يا نه؟ اڌ ڪلاڪ کان بيٺو آهين ڪجهه وٺڻو به اٿئي؟“ مون مسڪرائي ايوان ۽ فريزر جي وردي پوش غلام طرف ڏٺو جيڪو مونکي ڏاڙهي رهيو هئو ۽ اڳتي وڌي ويس. ويچاري کي ڪهڙي خبر ته مون وٽ ايراني غاليچو آهي جيڪو هوا ۾ اڏامي ٿو ۽ کيسي ۾ 70 روپين کان به وڌيڪ رقم آهي. مان ان وقت اندر وڃي ان گاون کي خريد ڪري ٿي سگهيس پر منهنجي دل ڪونه مڃيو. هارنبي روڊ تي ان کان به ڪافي بهتر شيءِ ضرور هوندي. ان لاءِ اڳتي هلڻ گهرجي، باقي ان وردي پوش غلام کي ته ڪنهن به وقت شڪست ڏئي ٿي سگهجي. اڳتي هلندو هلندو ڪيترن دڪانن جي نمائشي درين کي ڏسندو مان جگه دمبالا پٽيل جي دڪان وٽ وڃي پهتس. هتي نمائشي دريءَ ۾ ڪئميرائون رکيل هيون، جن کي به مان خريد ڪري ٿي سگهيس، ڪئميرا کي وٺي مان انهن سڀني فرنيچرن جا ڦوٽا ڪڍي ٿي سگهيس جيڪي پراڻا هئا ليڪن جن کي وارنش ۽ منهنجي محنت ايترو خوبصورت ٿي بڻائي ڇڏيو جو اهي نئين فرنيچر وانگر چمڪڻ ٿي لڳا. مون سوچيو، اها ڪئميرا کڻي مان اسحاق وٽ ويندس ۽ چوندوسانس ته هل اڄ تنهنجي ۽ تنهنجي محبوبا جو ڪٺو ڦوٽو ڪڍندس. مون پنهنجو ايراني غاليچو گهرايو ۽ ڪئميرا هٿ ۾ کڻي سڄي دنيا جي خوبصورت نظارن جا ڦوٽا ڪڍڻ لڳس. ڪئميرا سان گڏ گڏ دوربيني به پئي هئي. جنهن ۾ ڏسڻ سان تصويرون وڏيون ٿي پوري گهرائيءُ سان اهڙيون ته صاف، ڏسڻ ۾ اينديون آهن جهڙيون سئنيما ۾ به نه اينديون آهن. جڏهن مان ننڍڙو هئس تڏهن هڪ ٻڍي اهڙي هڪ دوربين پاڻ سان آڻيندي هئي ۽ اسان هڪ هڪ پئسو ڏئي تماشو ڏسندا هئاسين. ان دوربين کي ڏسي منهنجي دل خوشيءِ وچان نچڻ لڳي ۽ مان دڪان اندر داخل ٿيس. ڪائونٽر تي مون هڪ نوجوان کان پڇيو، ”هن دوربين جي ڪيتري قيمت آهي؟“
    ”ساڍا ستٽيهه رپيا.“
    نوجوان کي ڏاڍي خوبصورت خميس پهريل هئي. هنجا گهنڊيدار وار بجليءَ جي لٺين جي روشني ۾ نئين فرنيچر جي وارنش وانگر چمڪي رهيا هئا. هنجي چپن تي به جوانيءَ جو وارنش هئو ۽ مغرور مسڪراهٽ. جهڙي چيڪ لکڻ وقت نظر ايندي آهي. هو مون طرف ڏسي ان ڇوڪريءَ طرف وڌي ويو جا هاڻي ئي دڪان ۾ داخل ٿي هئي ۽ هڪ بدصورت چهري وارو گجراتي جو شايد هن جو اسسٽنٽ هئو، مون طرف وڌي آيو. مون ڏٺو هن جي چهري تي لڳل وارنش ڪيترن هنڌن تان لهي ويو هئو ۽ هن مسڪرائڻ جي به ڪوشش ڪونه ڪئي.
    ”هيءَ دوربين ته مون کي ڏيکار،“ مون چيو.
    هن دوربين ۾ فلمن جو ويٽو رکي ان کي مون طرف وڌائيندي چيو، ”بٽڻ دٻائڻ سان تنهنجي سامهون نيون نيون تصويرون اينديون رهنديون.“
    مون بٽڻ کي دٻايو، گلن جا گلدستا ۽ گلن جا هار ۽ گلدار پڙا پهري هوائي ٻيٽ جون ڇوڪريون نچي رهيون هيون. مون بٽڻ کي دٻايو هڪ ٽارزن هڪ هاٿيءَ تي سوار ٿيل هلندو پئي آيو. مون بٽڻ دٻايو – ٽارزن آبشار ۾ ٽپو ڏئي رهيو هئو – مون بٽڻ دٻايو – ساحل جي واريءَ تي شراب، ميوو، بسڪوٽ ۽ کائڻ جون ٻيون شيون هڪ تسريءَ ۾ پيون هيون ۽ هڪ عورت واريءَ تي اکيون بند ڪيو ويٺي هئي. هن جو منهن منهنجي ايترو ته ويجهو هو جو مون يڪدم بٽڻ کي دٻايو– ايراني غاليچو ڌرتيءَ تي اچي ويو. مون وارنش لٿل گجراتيءَ کي چيو، ”هيءَ دوربين ته ڏاڍي سٺي آهي! گهڻي ۾ ڏيندين؟“
    هن مسڪرائڻ کانسواءِ چيو، ساڍي ستٽيهين روپين جي دروبين آهي ۽ ڏهن روپين جا هي فلمن جا ويٽا هڪ ڊزن وٺڻا پوندءِ ۽ سيلس ٽئڪس ان کانسواءِ.“ مون کيسي ۾ هٿ وجهي نون لسن نوٽن کي هٿ لڳايو. توهانکي يقين نه ايندو ليڪن اهو بلڪل سچ آهي ته ان کان اڳ منهنجي دل ۾ دروبين کانسواءِ ٻي ڪائي تصوير ڪونه هئي ليڪن نوٽن کي هٿ لڳائڻ سان هڪدم مونکي ڌڪ لڳو ۽ بٽڻ دٻائڻ کانسواءِ ڪيتريون تصويرون منهنجين اکين سامهون ڦرڻ لڳيون.
    هڪ ٻار ڦاٽل قميص پهري، گهٽيءَ ۾ ڌرتيءَ تي ويهي رهيو آهي. مون سڃاتو اهو منهنجو ئي ٻار هئو. هڪ عورت جي سلوار جو هڪ پاچو ٻئي پاچي کان لنڊو آهي ۽ هنجي پوتيءَ مان هنجي مٿي جا الجهيل وار ٻاهر نڪتل نظر اچي رهيا هئا. مان سمجهي ويس ته.....
    هڪ ماڻهود روازي وٽ بيٺو آهي، جنهن جي شڪل هر پل بدلجندي پئي وڃي، هنجو غصو هر پل وڌندو پيو وڃي. ڪڏهن هو جڳهه جي مالڪ جو مئنيجر بڻجي ٿو وڃي ۽ ڪڏهن کير واري سيٺ جو نوڪر – ڪڏهن بجليءَ ڪمپنيءَ جو عهديدار – ڪڏهن پاڻيءَ واري ڪمپنيءَ جو – مون بٽڻ دٻايو – هاڻ منهنجي ڪمري سامهون فرش تي خالي تسري پئيه ئي جنهن ۾ هڪ گلاس اونڌو پيو هئو.
    نوٽ منهنجي کيسي مان ٻاهر نڪتا پر وري اندر ڪري پيا. خوبصورت ڪلارڪ، خوبصورت ڇوڪريءَ کي ڪئميرا وڪڻي ڪائونٽر تي واپس اچي ويو ۽ مان تڪڙو تڪڙو دڪان کان ٻاهر وڃڻ لڳس. ٻاهر ويندي ويندي مون ڃاتو ٿي ته اهو ڪلارڪ پنهنجي بهترين وارنش ٿيل مسڪراهٽ سان منهنجي قميص جي ڦاٽل ڪالر کي ڏسي رهيو آهي، منهنجي خاڪي زين جي سوٽ طرف ڏسي رهيو آهي، جنهن جي پٺئين طرف چتيون لڳل آهن. مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ مون مٿان کلي رهيو هئو.
    پنهنجن ڏندن کي ڪرٽيندي چڱيءَ طرح کيسي ۾ هٿ وجهي نوٽن کي پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيم ۽ نمائشي درين تان پنهنجي نظرن کي هٽائي بوري بندر طرف هلڻ لڳس. هلندي هلندي مونکي محسوس ٿيو ڄڻ مون سان ڪنهن دوکو ڪيو آهي ڪنهن مونکي 100 روپيا ڏئي مونکان 200 روپيا کسي ورتا آهن ۽ گڏوگڏ منهنجو ايراني غاليچو ۽ دوربين ڦري ورتا آهن. ڪنهن زور سان منهنجي ڳل تي چماٽ هنئين آهي. ڪنهن منهنجي هر نوٽ تي لکي ڇڏيو آهي ”تنهنجي لاءِ ڪونهي! – تنهنجي لاءِ ڪونهي -!!“
    منهنجا قدم هر پل ڳورا ٿي رهيا هئا ۽ مون محسوس ڪيو ته منهنجي محنت جو هر نوٽ اداسي جي هڪ لنبي زنجير آهي، جنهن کي مان پنهنجن هٿن سان ڇڪي رهيو آهيان.
    بوري بندر پهچي مون اچانڪ فيصلو ڪيوته اڄ ريل ۾ گهر واپس نه ويندس ۽ پنڌ ئي سيان ڏانهن وڃڻ لڳس.
    گهڻي رات گذرئي مان ٿڪو ماندو پنهنجي گهر پهتس. منهجي زال فڪر ۾ ويٺي هئي ۽ منهنجو انتظار ڪري رهي هئي ليڪن جڏهن هن نوٽن کي ڏٺو تڏهن خوش ٿي وئي ان لاءِ هوءَ منهنجي اداسيءَ جو مطلب نه سمجهي سگهي. چيائين، ”ڪهڙي ڳالهه آهي – تون اڄ خوش هئڻ بدران اُداس آهين؟“
    مون کٽ تي وهندي چيو، ”مٺڙي! اڄ مون سمجهيو آهي ته هيءَ دنيا ٻڍي ٿي چڪي آهي ۽ مون کي اهڙي دنيا گهرجي جيڪا ٻارن وانگر مشڪي سگهي.“
    ”مون ڪونه سمجهيو، الائي ڇا پيو جيئن!“
    ”مٺڙي! مان چئي رهيو آهيان ته هاڻي پراڻي فرنيچر مٿان وارنش ڪرڻ سان ڪم ڪونه هلندو – هاڻ نئون فرنيچر ‎ٺاهڻو پوندو!“


    25. مان انتظارڪندس!

    ذي. ئي جي خوبصورت چهري ۽ ٺاهوڪي بدن ائين ٿي ٻڌايو ته هوءَ چين جي ڪنهن وڏي خاندان مان هئي. جڏهن مان پهريون دفعو ڪرافورڊ مارڪيٽ جي لڳ ڪاغذ جا گل وڪڻڻ لاءِ ويو هئس تڏهن هوءَ به پنهنجي ٻڍي پيءُ هانگ سان گڏ اتي ڪاغذ جا گل، ٽوپيون ۽ وڃڻا کنيو بيٺي هئي. سرديءَ جي مند هئي ان ڪري هن نيري رنگ جي صدري پاتي هئي، جا ڪپهه جي تهن سان ڀريل هئي. هن جا پير ٻڌل ڪونه هئا. يعني هوءَ انهن جهونين چيني عورتن مان ڪونه هئي جن جي چال ڏسي هميشه سرگس جي نوڙيءَ جو خيال ايندو آهي جنهن مٿان سرگس واريون ڇٽي هٿن ۾ کنيو بيٺل هونديون آهن.
    هانگ جو چهرو هڪ سڪل سيتاڦل جهڙو هو. زماني جي گردش چڱيءَ طرح ٺپي ٺوڪي هن جي چهري مٿان طرح طرح جا نشان بڻائي ڇڏيا هئا. هن جي چهري کي ڏسي توهان ايشيا جي گذريل پنجاهه سالن جي تاريخ پڙهي ٿي سگهيا.
    هنجي کاٻي پاسي واري ڳل تي زخم جو هڪ سائو نشان هو. اهو زخم هن کي هانگ ڪانگ ۾ ان وقت مليو هو. جڏهن رڪشا کي آهستي هلائڻ ڪري هڪ گوري هن کي مڪن سان، لتن سان ۽ چهبڪ سان ماريو هو. ان قسم جا هنجي جسم تي ٻيا به ڪيترا ئي نشان هئا، ظلم زبردستي جي تاريخ جا حد نشان جيڪي هن جي زندگيءَ ۾ صياد وانگر اڀريا ۽ جلاد وانگر پنهنجي بي رحميءَ جا نشان ڇڏي اڳتي هليا ويا. بهار ڪيئن ايندي آهي. ڪليون ڪيئن اڀرنديون آهن. گل ڪيئن ڦٽندا آهن. ميون سان ڳري ٿيل شاخ ڪيئن جهڪي بيهندي آهي ان ڳالهين جي هن کي ڪا خبر نه هئي.
    بک سان زبردست مقابلو ڪرڻ کانپوءِ به جڏهن هن بک کي دور ٿيندو نه ڏٺو تڏهن هنجي همٿ هنکي جواب ڏئي ڇڏيو. هن سوچيو جدوجهد ڪرڻ فضول آهي. زندگي جيئن آهي تيئن ئي رهندي. بيشمار ماڻهو تڙڦي تڙڦي مرندا رهندا ۽ ڳاڻ ڳڻيا مزا ماڻيندا رهندا، ڪجهه ماڻهو عزت پائيندا رهندا ۽ باقي بيعزتي سهندا رهندا، ڪجهه ماڻهو ظلم ڪندا رهندا ۽ ٻيا اهو ظ:م سهندا رهندا ۽ ان جو ڪوبه علاج ڪونه آهي. ڇو جو آسمان ۾ رهندڙ ديوتائن جي اهائي مرضي آهي ۽ ان خلاف جدوجهد ڪرڻ گناهه آهي. ان بعد هو بمبئيءَ هليو آيو.
    هاڻ هو ڏهن سالن کان بمبئيءَ جي هڪ گندي محلي ۾ رهندو هو. هتي هن هڪ چيني وئشا سان شادي ڪئي هئي. هو هنجو مڙس به هو ۽ دلال به ڏينهن جو مڙس جو حق جتائيندو هو ۽ رات جو دلالي ڪندو هو، آفيم کائيندو هو، چرس پيئندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن غصو ايندو هئس تڏهن پنهنجي پهرين زال جي ڌيءَ ذي ئي کي مارڻ لڳندو هو. ان ريت اٺ سال گذري ويا. پر آسمان ۾ رهندڙ ديوتائن کي هنجو سک نه وڻيو ۽ هن کان هنجي وئشيا زال کي کسي ورتائون ۽ هاڻ ٻڍي هانگ ۽ سندس ڌيءَ ذي ئي کي جا هاڻ جوان ٿي وئي هئي گل ۽ وڃڻا، وڪڻڻا پيا. ۽ اڄ آسمان جي ديوتائن مونکي گل وڪڻڻ لاءِ ڪرافورڊ مارڪيٽ موڪلي هن مٿان ظلم جو تير ڇوڙيو هو. مونکي پنهنجي ويجهو رهندو ڏسي هو مونکي نفرت سان ڏسڻ لڳا.
    حالانڪه مان ان نفرت لائق ڪونه هئس. مونکي ان ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. مون ته هڪ آرٽسٽ بنجڻ ٿي چاهيو. ننڍي هوندي کان ئي مونکي آرٽ سان ڏاڍي محبت هئي. مان سڄو سڄو ڏينهن تصويرون چٽيندو رهندو هئس ۽ اسڪول جي ٻين ڪمن طرف گهٽ ڌيان ڏيندو هئس ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو مان ڏهين ڪلاس ۾ ناپاس ٿي پيس. منهنجي چاچي جيڪو منهنجي ماءُ پيءُ جي مرڻ بعد مونکي پاليندو هو تنهن مونکي اڳتي پڙهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن هنجي آفيس ۾ ڏاٽو هنيو ويو ۽ هنکي نوڪريءَ کان جواب ڏنو ويو تڏهن به پنهنجي گهر ۾ ڏاٺو هڻي مونکي گهر مان ڪڍي ڇڏيو هاڻ مونکي اتي سمهڻو پيو جتي ڪجهه ذليل انسان کانسواءِ بمبئيءَ جا سڀ شريف انسان سمهندا آهن، يعني فٽ پاٿ تي! فٽ پاٿ تي سمهندي سمهندي پهرين ته مونکي ڏاڍا مجيب عجيب خواب ايندا رهيا مثلاََمون ڏٺو ته مون وٽ هڪ پيڪارڊ سوٽر گاڏي آهي ۽ منهنجو چاچو ان جو ڊرائيور آهي، مان يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهيان ۽ انهن شخصن کي ڇينڀي رهيو آهيان جن مونکي ڏهين ڪلاس ۾ ناپاس ڪيو هو، مان پئرس ۾ آهيان ۽ مونکي دنيا جا وڏا وڏا آرٽسٽ پنهنجون تصويرون ڏيکاري رهيا آهن ۽ مان انهن جون تصويرون ڏسي چوان ٿو ڇي! ڇي!! ڪهڙو نه بيهودو آرٽ آهي توهانجو!!! ليڪن ان کانپوءِ جڏهن مونکي ٻه ٽي ويلا بکون ڪڍڻيون پيون ۽ رات جو خواب ۾ ٻه روٽيون نظر اچڻ لڳيون تڏهن مون سوچيو ته ڪجهه ڪم ضرور ڪرڻ گهرجي. مونکي ڪلارڪيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي پر خبر پيم ته ڪلارڪ بڻجڻ لاءِ گرئجوئيٽ هئڻ کانپوءِ ڪنهن وڏي ماڻهو جو سالو بڻجڻ ضروري آهي. ان لاءِ مان هڪ حجم وٽ نوڪري ڪرڻ لڳس. حجم وار ڪٽيندو هو ۽ مان مٿي تي برش ڦيريندو هئس پر ٿورن ڏينهن ۾ حجم دڪان بند ڪري ڇڏيو ڇو ته هن کي خبر پئجي وئي ته بمبئيءَ ۾ بک، بيڪاري، وچان خودبخود ماڻهن جا وار اڏامي ٿا وڃن! پهرين ماڻهو حجم کان وار ڪٽائڻ ايندا هئا هاڻ صرف برش ڦيرائڻ لاءِ اچڻ لڳا هئا. پوءِ مل ۾ نوڪري ڪرڻ لڳس پر اسٽرائيڪ ۾ بهرو وٺڻ سببان ٽن مهينن لاءِ جيل موڪليو ويس ۽ جڏهن آزاد ٿيس تڏهن ڪم جي ڏاڍي ڳولها ڪيم پر ڪم ڪٿي به نٿي مليو. آخر ڇٻو کنيم، ان کانپوءِ هڪ ايراني هوٽل ۾ نوڪري ڪيم پر ڪٿي به پير نٿي ٽڪيا ۽ آخر گهڻي مٿاڪٽيءَ بعد ڪاغذ جا گل ٺاهي انهن کي ڪرافورڊ مارڪيٽ وٽ وڪڻڻ لڳس. ڪرافورڊ مارڪيٽ وٽ گل ڪافي هلدنا آهن ان لاءِ اٿي منهنجي لاءِ گل وڪڻڻ به ايترو ئي ضروري هو جيترو ٻڍي هانگ ۽ هنجي ڌيءَ ذي ئي جو مون طرف نفرت وچان ڏسڻ!
    ٻڍي هانگ جي نفرت جي ته مونکي پرواهه ڪونه هئي پر ذي ئي جهڙي جوان ۽ خوبصورت ڇوڪري مونکي نفرت جي نگاهه سان ڏسي، اهو مان ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيس. ائين به ته ڪونه هو ته ڪو منهنجا گل هنجي گلن کان خراب هئا.
    گل ڪترڻ جو طريقو هاڻ مونکي اچي ويو هو جيتوڻيڪ کيسو ڪترڻ جو طريقو اڃا تائين ڪونه آيو هو. منهنجا گل ڦٽاڦٽ وڪامي رهيا هئا. ان وقت مان سوچڻ لڳس ته هيءُ گل خريدڻ وارا به ڪهڙا نه احمق آهن. اهي ”نقلي عورتن سان نقلي محبت ڪن ٿا، نقلي گلن کي عظر لڳائي پنهنجا ڊرائنگ روم سجائن ٿا ۽ نقلي اخلاق مٿان عمل ڪندي نقلي سرڳ ڏانهن هليا ٿا وڃن. شام تائين مون سڀ گل وڪڻي ڇڏيا هئا صرف گلاب جي هڪ ڏانڊي مون وٽ رهجي وئي هئي. اها مون ذي ئي کي ڏئي ان کي پنهنجن وارن ۾ هڻڻ لاءِ چيو پر غصي وچان ان کي ڦڏو ٽڏو ڪري اڇلي ڇڏيو.
    هانگ غصي وچان مون طرف نهاريندي چيو، ”اڄ ته مون توکي معاف ڪيو ليڪن سڀاڻي جي وري تون هت گل وڪڻڻ آئين ته غنڊن کان مارائيندو مانءِ يا پوليس واري کي چئي گرفتار ڪرائيندومانءِ.“
    ”پوليس ته سڀني جي آهي. پوليس وارو تنهنجو چاچو ٿورو ئي آهي؟“ مون چيو.
    ”هت صرف بيهڻ لاءِ پوليس واري کي اٺ آنا ڏيندو آهيان. تو سمجهين ڇا ٿو؟“ هن چيو.
    ”تون آنا ڏيندو آهين ته مان ٻارهن آنا ڏيندومانس.“ مون هانگ کي چيو ۽ ٻئي ڏينهن هنکي ائين ڪري ڏيکاريم. مجبور ٿي هانگ کي مون سان ٺاهه ڪرڻو ئي پيو. ٺاهه جو پهريون شرط اهو هو ته مان هنجي ڌيءَ کي ڀڄائي ڪونه ويندس، ٻيو جنهن قسم جو گل هو وڪڻن ٿا ان قسم جا گل مان نه ٺاهيندس ۽ ٽيون ته پنن جا جهالردار وڃڻا نه ٺاهيندس پوين ٻن شرطن تي ته مان هاڻي به قائم آهيان پر جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا تيئن تيئن منهنجي دل ۾ ٽيون شرط کٽڪڻ لڳو ڇاڪاڻ جو ذي ئي مونکي ڏاڍي سٺي ٿي لڳي. پر هنجي مونڏانهن اڃان ساڳي روش هئي. مون پنهنجي ننڍڙي زندگيءَ جي تجربي مان اهو محسوس ڪيو هو ته جيڪي ڇوڪريون پهرئين ملاقات ۾ ئي ڳالهيون ڪنديون آهن اهي تمام خطرناڪ ٿينديون آهن ۽ غلطي کان اگر توهانجو هٿ، جي سندس ڪلهي تي لڳي ويون ته ان معاملي کي پوليس تائين پهچڻ ۾ دير ڪونه هئي.... هوءَ مونسان تمام ئي ٿورو ڳالهائيندي هئي. اڪثر ڪري ترڇي نگاهن سان مون طرف ڏسندي هئي ۽ مان هنجي ننڍين اکين کي ڏسڻ سان ائين سمجهندو هئس ته انهن جي اندر ٻيون به ڪي اکيون آهن جي مونکي چڱيءَ طرح ڏسي ٿيون سگهن ۽ منهنجي دل هنجي نگاهن کان ائين ڏڪندي هئي جيئن ڪو شاگرد هيڊ ماستر کان ڊڄندو آهي. ٻڍي هانگ منهنجي دل جي حالت پرکي، هڪ ڏينهن جڏهن هو اڪيلو هو. مونکي چيو، ”تون ذي ئي سان شادي ڪندين؟“
    ڪجهه گهٻراهٽ ۽ ڪجهه عجب وچان مون چيو، ”شادي؟“
    ”ها! ها!!“ ٻڍي هانگ ڏاڍي چالاڪيءَ سان پنهنجي ڀڳل ڏندن واري وات کي کوليندي چيو. ”هاڻ تون ذي ئي سان شادي ڪري سگهين ٿو.... تنهنجي ڪمائي چڱي آهي، تنهنجي صورت به خراب ڪونهي، لکڻ پڙهڻ به ڄاڻين ٿو ۽ منهنجي ذي ئي به ڪا گهٽ ڪونه آهي. چيني ۽ انگريزي لکي پڙهي سگهي ٿي ۽ هن جهڙيون ٽوپيون، وڃڻا ۽ گل ته ڪير مشڪل سان ٺاهي سگهندو.“
    ”چڱو مان ذي ئي سان شادي ئي ڪندس ورنه منهنجو خيال ته هنکي ڀڄائي وڃڻ تي هو.“ مون چيو.
    ”ان جي مونکي خبر آهي مان اهڙو ٻڌو آهيان. ليڪن تون ان ڪم ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿي نٿو سگهين.“ هن چيو.
    ”ڪامياب ٿيان يا نه ڪوشش ته ڪري سگهانٿو. پر هاڻ مان هن کي ڪونه ڀڄائيندس. ٻڌاءِ ڪيترا رپيا وٺندين؟“ مون چيو.
    هانگ چوطرف ڏسي چيو، ”هڪ ٻڍو مالدار چيني جنهن کي فورٽ ۾ ريسٽارنٽ به آهي. ذي ئي لاءِ هزار رپيا ڏيڻ لاءِ تيار هو پر عمر وڏي هئڻ ڪري مون کيس ناڪار ڪئي پر توکان ڇهه سؤ وٺندس.“
    ”ڇهه سؤ-! ڇهه سؤ مان ڪٿان آڻيندس؟“ مون چيو.
    ”قسطن ۾ ڏجانءِ. اڄ ڪلهه جيڪا به توکي شيءِ کپي قسطمن ۾ ملي سگهي ٿي. پنجاهه روپيا به مهني ۾ ڏئين ته سال ۾ ڇهه سو ٿي ويندا ۽ ٻئي سال ذي ئي سان شادي ڪجانءِ.“ هانگ چيو.
    ”چڱو منظور آ- ملاءِ هٿ!“ مون چيو. ٻڍي هانگ هٿ ملائيندي چيو، ”اڄ کان تو منهنجو پٽ آهين ان لاءِ مان توکي هڪ عقل واري صلاح ٿو ڏيان. روز سوا رپيو مونکي ڏيندو ڪر ورنه يڪا پيسا ڏيڻ مشڪل ٿي پونديءِ، پر ذي ئي کي ان ڳالهه جي خبر نه پوڻ گهرجي. شاديءَ کان اڳ هنکي توسان گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو به ڪونه ڏيندس. اسانجي اها ئي ريت آهي.“ هن چيو.
    ”اسانجي به اهائي ريت آهي.“ مون چيو.
    ان واقعي کي ڇهه مهينا ٿي ويا. مان اڃا تائين هانگ کي صرف ڏيڍ سؤ رپيا ئي ڏئي سگهيو هئس ڇو جو ڌنڌو ڪيترائي دفعا مندو به ٿي ويندو آهي. پر ويچارو هانگ مونکي ڪجهه به ڪونه چوندو هئو. هن منهنجي مجبوريءَ کي بخوبي سمجهيو ٿي ان لاءِ جيڪو به ڏيندو هئومانس اهو چپ چاپ وڄندو هو. مان ذي ئي سان ڳالهائڻ چاهيندو هئس پر ٻڍي هانگ جي موجودگي ۾ ائين ڪري نٿي سگهيس ۽ ڪنهن موقعي جي انتظار ۾ هئس.
    آخر هڪ ڏينهن مونکي اهڙو موقعو ملي ويو. چوماسي جا ڏينهن هئا. سخت برسات وسي رهي هئي. مان پنهنجن گلن کي کنيو ٽرام اسٽئنڊ جي ڇاپري ۾ وڃي بيٺو هئس. منهنجي ويجهو هڪ ٻڍو مڱه ڦرين مٿان ڪوئلن جي ننڍڙي هنڊي رکيو ويٺو هو. هڪ بکاري ڇوڪرو، ٿڌ ۾ ڏڪندي ڏندن کي وڄائي رهيو هئو. چوطرف زور سان مينهن وسي رهيو هو. سڙڪن تي ڪٿي ڪٿي بندو وڪٽوريا گاڏيون يا وري بند موٽرون جن جي درين مٿان شيشا چڙهيل هئا نظر اچي رهيون هيون – بيٺي بيٺي شام ٿي وئي، بتيون ٻري ويون، ليڪن برسات بند ڪونه ٿي. ٽرامن ۽ بسين جو هلڻ به بند ٿي ويو هو – اڄ سڄو ڏينهن ذي ئي ڪونه ڏٺو هئم، هنکي روز ڏسندو هئس ان لاءِ چاهه کان ناواقف هئس. اڄ خبر پيم ته جنهن کي روز روز دل جان سان ڏسجي ٿو ان کي هڪ ڏينهن نه ڏسڻ سان دل مٿان ڇا ٿو وهي واپري يڪا يڪ ڪنهن منهنجي ويجهو اچي مون کان پڇيو، ”اڄ ڪيترا گل وڪيئه؟“ پڇندڙ سوال ايترو ته ويجهو اچي ڪيو هو جو هنجي ساهه جي هوا منهنجي ڳلن کي ڇهڻ لڳي هئي ۽ جڏهن مون ڪنڌ مٿي کڻي سوال ڪندڙ کي ڏسڻ چاهيو تڏهن هن تيزيءَ سان پنهنجي چهري کي پري ڪري ڇڏيو – هوءَ ذي ئي هئي. هنجا ڪپڙا مينهن ۾ آلا ٿي ويا هئا. مون ڏٺو هن جي چپن تي عجيب چمڪ هئي....! مسڪراهٽ هئي!!
    ”مينهن ۾ اڪيلي ڪٿان آئي آهين؟“ مون هن کان پڇيو.
    ”بابا ٺيڪ ڪونهي، ڊاڪٽر کان دوا آڻڻي آهي ۽ ان لاءِ توهان کان سوا رپيو وٺڻ لاءِ آئي آهيان.“
    مون چپ چاپ هن کي سوا رپيو ڪڍي ڏنو.
    ”سوا رپيو ڪٿان آندءِ؟ اڄ گل ته ڪونه وڪيا هوندءِ؟“
    ”نه ڪلهه جا پيسا پيا آهن“
    ”ڪلهه به ته سوا رپيو ڏنو هيئه؟“
    ”توکي ڪيئن خبر پئي؟“
    ”مونکي سڀ خبر آهي“
    مان چپ رهيس.
    ”ڪيستائين سوا رپيو ڏيندا رهندا توهان؟ هن چيو،
    ”جيستائين ڇهه سو روپيا پورا ٿين“ مون چيو.
    ذي ئي آهه ڀريندي چيو، ”توهان کان ڇهه سو وٺي رهيو آهي – هڪ ٻئي سان اٺن سون ۾ سودو ڪيو اٿائين ۽ ٽئين سان ٻارهن سون ۾ - ذي ئي ته هڪ آهي پوءِ شادي ٽن هنڌ ڪيئن ٿيندي؟“
    مان هڪو ٻڪو ٿي هن طرف ڏسڻ لڳس ۽ پوءِ غصي وچان چيم، ”اها ته ڏاڍي خراب ڳالهه آهي“
    هن وري آهه ڀريندي چيو، ”ان کان به خراب ڳالهيون اسان ڏٺيون آهن.“
    ”ليڪن مون ته توسان ڪڏهن به خراب سلوڪ ڪونه ڪيو آهي؟ مون چيو.
    ذي ئيءَ اداس ۽ ڦڪي لهجي ۾ چيو، ”ڇا اهو سودو ڪرڻ کان اڳ توهان مونکان پڇيو هئو؟ ڇا توهان کي اها خبر ڪونه هئي ته چيني عورت جا پير هاڻ ٻڌل ڪونه آهن ۽ هاڻ هوءَ پنهنجن پيرن سان جيڏانهن چاهي وڃي ٿي سگهي؟“ ڪجهه دير ترسي هوءَ وري چوڻ لڳي، ”اڄ مونکي پنهنجو ديش ياد اچي رهيو آهي. جتي ماڻهو نئين زندگيءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن. جتي مون جهڙيون هزارين ڇوڪريون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهي رهيون آهن، هڪ مان ئي هتي سڙي رهي آهيان. ڪاش مونکي ڪٿان پر ملي وڃن ته جيڪر مان اڄ ئي، هن وقت ئي اڏامي اتي پهچي وڃان جتي اها لڙائي لڙي پئي وڃي.“
    ”اها ڪهڙي لڙائي آهي؟“ مون حيرت وچان هن طرف ڏسندي چيو.
    ذي ئي اڄ ڳالهائي رهيه ئي....
    هن منهنجي سوال جو جواب ڪونه ڏنو، ڪجهه دير بعد چوڻ لڳي، ”توکي خبر آهي ته منهنجو اصلي نالو ذي ئي ڪونه آهي؟“
    ”نه!“
    ”منهنجو اصلي نالو ڪجهه ٻيو ئي هو، اهو نالو مون پنهنجي پسنديءَ سان رکيو آهي. ذي ئي هڪ بهادر چيني ڇوڪري هئي جا چيانگ ڪائي شيڪ جي ظلم خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي وئي. مان به ذي ئي وانگر وڙهڻ چاهيان ٿي.“
    ”ڇا لاءِ؟“
    ”هاڻ توکي ڪيئن سمجهايان...! چڱو ڪوشش ڪريان ٿي .... ٻڌ .... اسانجو ڳوٺ ڪؤنگه شا، هان نديءَ جي ڪناري تي آهي، اتي جي زميندار سردار ’ذو‘ منهنجي پيءُ کان زمين کسي اسان کي ڳوٺ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هئو. ان وقت مان چئن سالن جي هئس.....“
    ”توهان کي ڳوٺ مان ڇو ڪڍيائين؟“ مون هن کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
    ”انڪري جو اهو قرض ادا نه ڪري سگهيا هئاسين جيڪو سردار ’ذو‘ منهنجي ڄم جي وقت منهنجي پيءُ کي ڏنو هئو.“
    يڪايڪ مونکي پنهنجي گهر مان نڪرڻ ياد اچي ويو. ”بس مان سمجهي ويس.“ مون هنکي چيو.
    ”ڪيئن؟“ هن پڇيو.
    ”پنهنجي تجربي مان!“ مون چيو.
    ”پنهنجو تجربو تمام ضروري آهي.“ هن چيو.
    ”چڱو اڳتي ٻڌاءِ.“ مون چيو.
    هوءَ چوڻ لڳي، ”پوءِ اسان ٻئي ڳوٺ ۾ اچي رهڻ لڳاسين. اتي اسان ٻين جي کيتن ۾ مزوري ڪندا هئاسين! منهنجي ماءُ ڏاڍي خوبصورت هئي.“
    ”اهو مان به سمجهي ٿو سگهان!“ مون چيو.
    هوءَ شرمائجي وئي ۽ وري ڪجهه وقت ترسي چوڻ لڳي، ”ڇاڪاڻ ته منهنجي ماءُ ڏاڍي خوبصورت هئي ۽ اسان ڏاڍا غريب هئاسين ان لاءِ انهن ماڻهن جن جي کيتن ۾ اسان ڪم ڪندا هئاسين، اسان کان ڪم ڪرائڻ کانسواءِ عيش به ٿي چاهيو. ان ڪري اسان ان ڳوٺ مان روا ٿياسين.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ چين ۾ سخت ڏڪار پيو، ماڻهو بکه وچان مرڻ لڳا. منهنجي پيءُ تنگ ٿي منهنجي ماءُ کي هڪ امير ٻڍي وٽ ٻن هزار ڊالرن ۾ وڪڻي ڇڏيو ۽ انهن ٻن هزار ڊالرن مان اسان هانگ ڪانگ وياسين.ا تي منهنجي پيءُ هڪ رڪشا خريد ڪئي ۽ انکي هلائڻ لڳو. هڪ ڏينهن منهنجي پيءُ کي هڪ گوري ايترا ته چهبڪ هنيا جو هو بيهوش ٿي ويو پوءِ گوري هنجي رڪشا کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ ائين ٻه هزار ڊالر سڙي ويا.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ منهنجي پيءُ مونکي وڪڻڻ چاهيو ليڪن مان ننڍڙي ۽ ڪمزور هئس انڪري ڪوئي به مونکي خريدڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيو. آخر هڪ پادري مونکي پنهنجي گهر ۾ نوڪرياڻي ڪري رکيو. پادري جي ڌيءَ انگريزي پڙهائڻ لڳي. اهي ڏاڍا سٺا ڏينهن هئا. سٺي کاڌي ملڻ ڪري مان تندرست ٿي ويس پر منهنجي پيءُ کي ڪابه نوڪري ڪونه ملي انڪري هن هڪ انگريز ڪمپنيءَ جي گدام مان چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پڪڙيو ويو ۽ هنکي ٻه سال جيل جي سزا ملي “
    مان چپ چاپ ٻڌي رهيو هئس .
    هو چوڻ لڳي ”هن چانور چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ڇا ڪاڻ ته هو بکيو هو ۽ بکيو ان لاءِ هو ڇاڪاڻ جو هنجا چانور هنجي کيت مان چورائي چيانگ ڪائي شيڪ جي سرڪار انگريزن جي گدامن ۾ ڀريا هئا.“ ائين چئي هوءَ خاموش ٿي وئي.
    ”پوءِ؟“ مون پڇيو.
    هن ڏاڍي بيدليءَ سان چيو، ”پوءِ اسان سينگاپور وياسين، سينگاپور مان وري ملايا وياسين ۽ اتي رٻڙ جي کيتن ۾ ڪم ڪرڻ لڳاسين. ڪجهه عرصي بعد اتان برما آياسين ۽ برما مان بمبئي ۽ ان کان پوءِ جي ته توکي خبر آهي ئي.“
    ”۽ هاڻ؟“ مون پڇيو.
    ”۽ هاڻ مان توکي چوان ٿي ته منهنجي پيءُ کي سوا رپيو ڏيڻ بند ڪيو – مان توسان ڇا، ڪنهن سان به شادي ڪونه ڪنديس!“
    ”ڇو؟“
    ”جنهن ڏينهن به مون وٽ پئسا ڪٺا ٿيندا ان ڏينهن ئي مان چين واپس هلي وينديس.“
    ”پوءِ ته مونکي روز ڏيڍ رپيو ڏيڻ گهرجي.“ مون چيو.
    هوءَ حيرت وچان مون طرف ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ چيائين، ”مان تنهنجا پئسا کڻي چين هلي وينديس ان مان توکي ڇا ملندو؟“
    ”مان تنهنجو انتظار ڪندس!“
    هن مون طرف ڏسي مسڪرايو ۽ چيائين، ”مان ايتري ته سٺي ڪونه آهيان، هندستان ۾ مونکان به سٺيون ڇوڪريون آهن ان لاءِ منهنجو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“
    مون چيو، ”تون ڀل وڃ مان تنهجو انتظار ڪندس.!“
    هن منهنجي ويجهو اچي چيو، ”مونکي بک لڳي آهي.“
    مون مڱه ڦرين واري کان ٻن آنن جون مڱه ڦريون ورتيون ۽ کائڻ لڳاسين ۽ ڪجهه دير بعد هوءَ هلي ويئي.
    ۽ وقت گذرندو ويو. وقت گذرڻ جي خبر شام جي اخبار مان پوندي هئي. اخبار مان خبر پوندي هئي ته پيڪنگ ختم ٿي ويو، پيڪنگ ختم ٿير ويو، شهانگاڻي ختم ٿي وئي. مائو جون فوجون چين جي هڪ سري کان ٻئيس ري تائين پهچي ويون ۽ جنهن ڏينهن چين جون فوجون هانگ ڪانگ جي سرحد تائين پهچي ويون ان ڏينهن اسانجي محبت جي سرحد به اچي پهتي.
    هن چيو، ”بس هاڻ ڀاڙي جيترا پيسا ٿي ويا.“
    ”لڙائي ته هتان به لڙي سگهجي ٿي.“ مون چيو.
    هن چيو، ”اهو تنهنجو ڪم آهي. مان چين ويندس.“
    مون هنجو هٿ پڪڙي چيو، ”ذي ئي! دنيا ته ڪيترن هنڌان ڀڳي پئي آهي انکي ٺاهڻ ته هتان به شروع ڪري سگهجي ٿو. اچ هٿ ملاءِ.“
    هوءَ ڪجهه سوچڻ لڳي. ٿوريءَ دير تائين هنجو هٿ منهنجي هٿ ۾ رهيو پوءِ تمام نرميءَ سان هن پنهنجو هٿ منهنجي هٿ مان آزاد ڪرائي ڇڏيو ۽ منهنجو هٿ اڪيلو رهجي ويو.
    هن چيو، ”مونکي وڃڻ ڏي.... مونکي پنهنجي وطن ڏانهن وڃڻ ڏي. مان هت رهيس ته ڪڏهن به خوش ڪونه رهنديس. ها اتي وڃي ضرور سوچيندس.“
    ”چڱو مان انتظارڪ ندس.“ مون چيو.
    وڃڻ کان اڳ ٻڍي هانگ ۽ ذي ئي وچ ۾ ڏاڍو جهڳڙو ٿيو. ٻڍي هانگ واپس وڃڻ نٿي چاهيو ۽ اهو به نٿي چاهيائين ته هنجي ڌيءَ چين وڃي، هن ذي ئي کي ماريو، ڌمڪايو ۽ آخر معاملو پوليس تائين وڃي پهتو، ڀر ذي ئي بالغ هئي ۽ هاڻ هوءَ پنهنجي وطن واپس وڃي ٿي سگهي ۽ دنيا جيڪا ئي طاقت هن کي روڪي نٿي سگهي. محبت جا مضبوط هٿ به هن کي روڪي ڪونه سگهيا ۽ هوءَ بمبئيءَ مان ڪلڪتي ۽ ڪلڪتي مان هانگ ڪانگ هلي وئي. وڃڻ کان اڳ منهنجي ۽ هنجي وچ ۾ ڪا خاص ڳالهه ٻولهه ڪونه ٿي. رواني ٿيڻ وقت هنجي اکين م آنسو ڪونه هئا پر خوشيءَ جي چمڪ هئي. وڃڻ وقت هن زور سان منهنجي هٿ کي پڪڙيو ۽ منهنجي ڪن ۾ چيائين، ”مان ضرور ايندس. منهنجو انتظار ڪج“ هوءَ هلي وئي.
    هن جي وڃڻ بعد مون کي ائين لڳو ڄڻ سڄي جهان جي خوشبوءِ پر لڳائي هن سان گڏ اڏامي وئي هئي ۽ منهنجي هٿن ۾ صرف ڪاغذ جا گل رهجي ويا هئا.
    ٻڍو هانگ هن کي رخصت ڪرڻ لاءِ به ڪونه آيو ۽ نه ئي ان کانپوءِمون سان گڏيو آهي.
    ڪافي عرصي بعد مون کي ذي ئي جو خط مليو. لکيل هو:
    پيارا!
    هيءُ خط توکي پنهنجي ڳوٺ مان لکي رهي آهيان، جيڪو هانگ نديءَ جي ڪناري تي آهي جتي ناسپاتين جي وڻن جا جهنڊ آهن. اڳ جتي سردار ’ذو‘ جو گهر هئو اتي هاڻي اسان جي ڳوٺ جو اسڪول آهي. زمين اسان سڀني ڪسانن کي واپس ملي وئي آهي. پنهنجي ماءُ کي مون ڳولي ورتو آهي ۽ ان کي پاڻ سان وٺي آئي آهيان، جنهن زميندار هن کي ڏڪار جي وقت ۾ منهنجي پيءُ کان خريد ڪيو هو، اهو اڄڪلهه وطن سان غداري ڪرڻ ۽ بلئڪ مارڪيٽ ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ جيل ۾ آهي. هتي مون کي اسڪول ۾ ماسترياڻيءَ جو ڪم سونپيو ويو آهي. ڇا ٿو سمجهين! مان هاڻي ٻارن کي انگريزي پڙهائيندي آهيان. ڇا تون ڪڏهن سوچي سگهين ٿو ته تنهنجي ذي ئي اسڪول ۾ انگريزي پڙهائيندي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن مان به ائين سوچيندي آهيان، ته خوشيءَ وچان ٽپا ڏيڻ لڳندي آهيان. اهڙي خوشي ڇا ڪڏهن ممڪن به هئي؟ ڪهڙين مصيبتن سان اسان پنهجي آزادي حاصل ڪئي آهي. سوچيان ٿي ته خيال ٿو اچي ته مون ته ان آزاديءَ لاءِ ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي ۽ اگر هاڻ جي سڄي زندگي به ان ڪم ۾ لڳيا ته به ٿوري آهي. تون هت ايندين ته حيران ٿي ويندين اهو ڏسي ته ڇا هي اهي ئي چيني آهن؟ اهي ئي ڳوٺ آهن؟ سڄي ڌرتي بدلجي وئي آهي. هتان جي جهرڪين کي به احساس آهي ته اسان آزاد ٿي چڪا آهيون. پنهنجي ضمير جا خود مالڪ آهيون. تنهنجي ڏاڍي ياد ستائي ٿي.
    ”تنهنجي ذي ئي“
    مون ذي ئي کي هن جي خط جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ڪيترائي دفعا خط لکي ڦاڙي ڇڏيو. ڪجهه پريشانيون به وڌي ويون هيون. گلن ۾ ڪم ايندڙ تارن جا اگهه وڌي ويا مهانگائيءَ ڪري ماڻهو گل گهٽ وٺڻ لڳا. ماڻهن وٽ ڪپڙا وٺڻ لاءِ به پيسا نه رهيا ته گل ڪٿان وٺن؟ مان اڪثر بکيو ۽ بيڪار رهڻ لڳس. پوليس وارن سان جهڳڙو ٿي پيو. مونکي آمدنيءَ جي صورت نظر نٿي آئي ته ڀلا پوليس واري کي ٻارهن آنا ڪٿان ڏيان؟؟ هن ٻه ٽي ڏينهن مونکي پيار ۽ محبت سان سمجهايو. هن مونکي ٻڌايو ته هو رشوت خور ڪونه آهي. رشوت کان هن کي سخت نفرت آهي پر هنجي زال بيمار آهي ۽ دوا لاءِ پگهار مان پيسا نٿا بچن، مهانگائي ايتري قدرته وڌي وئي آهي جو ايمانداريءَ سان هلڻ سان پيٽ نٿو ڀرجي. پر مان هن کي پسا ڪٿان ڏيان؟ لاچار غصي وچان هن مونکي لاڪپ ۾ بند ڪيو۽ بدمعاشي ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ مونکي پندرهن ڏينهن جيل جي سزا ملي.
    جيل مان واپس موٽيس ته ذي ئي جو ٻيو خط مليو.
    تنهنجي پهرئين خط جو ڪوبه جواب ڪونه مليو ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڪالهه اسان جو قومي ڏڻ هو. سڄي ڳوٺ کي بتين سان سينگاريو ويو هو. چوطرف ناچن ۽ گانن جي ڌم لڳي پئي هئي.، اسڪول جي ٻاهران ڳوٺ جي ماڻهن گڏجي هڪ تمام وڏو جلسو ڪيو. ان موقعي تي مون به هڪ فانوس ٺاهيو. ڳوٺ وارا منهنجي ڪاريگري ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ مونکي چانديءَ جو ٻلو انعام ڏنائون. اسڪول ۾ به منهنجي ڪم کي ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي. ”تنهنجي ذي ئي“ ان خط جو مون هيءُ جواب ڏنو.
    پياري ذي ئي،
    خوش هجين، مان تازو پندرهن ڏينهن جيل ڪاٽي آيو آهيان ۽ توکي خط لکي رهيو آهيان. منهنجو گناهه اهو هو جو مان بيڪار هئس مون کي منهنجي بيڪاري جي سزا ملي. حالانڪه سزا ان وزير کي ملڻ گهربي هئي جنهن جي راڄ ۾ مان بيروزگار آهيان. هتي ڌنڌو ڏاڍو ماٺو آهي. اڄڪلهه گل نٿا وڪامن. اناج مهانگو ٿي ويو آهي. ڪپڙو به مهانگو ٿي ويو آهي. هر شيءِ جو اگهه وڌندو پيو وڃي. سوچيان ٿو ته هتي ائين ڇو ٿي رهيو آهي. هت اگهه وڌي رهيا آهن ۽ توهان وٽ چين ۾ گهٽجي رهيا آهن. ائين مان تنهنجي محبت وچان نٿو سوچيان پر آسپاس جي حالتن ڪري ٿو سوچيان ۽ نه به سوچيان ته ڇا ڪريان؟ اهو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته تون خوش آهين. منهنجي خوشيءَ جي ته ڪابه صورت نظر نٿي اچي.
    ”تنهنجو ....“
    ان بعد جڏهن ڪوريا جي جنگ شروع ٿي تڏهن هن جو خط آيو، جنهن ۾ هن لکيو هو: ”هن جنگ منهنجي زندگيءَ جا سڀ ارادا بدلي ڇڏيا آهن. مان هاڻ اها ڪڏهن به بڻجي نٿي سگهان جنهن لاءِ سوچيندي هيس. هاڻي مان ڪوريا جي جنگ ۾ چيني والنٽيئر بڻجي وڃي رهي آهيان. اتي نرس جو ڪم ڪنديس ۽ اگر زندهه رهيس ته شايد توسان ملڻ جي ڪا صورت نڪري اچي باقي نه ته الوداع.“ آخري فقرو هو، ”ٺيڪ ته ائين آهي ته مونکي ڀلائي ڇڏ، اسان اتي ملياسين جتي حالتون هڪ ٻئي سان ٽڪر هڻي رهيون هيون. هڪ وهڪ وٽ ڪونه ملياسين پر مختلف وهڪ ملياسين انڪري هڪ لحظي لاءِ رڪ جي الڳ ٿي وياسين. هاڻ ته مان گولين، مشين گنن ۽ بارود جي رستي تي وڃي رهي آهيان، پنهنجي راهه تان هٽائي ڇڏ پيارا- منهنجي وطن جي زندگي، ڪوريا جي زندگي، سڄي ايشيا جي زندگي خطري ۾ آهي.“
    ان بعد هن جو ڪوبه خط ڪونه آيو. ڪوريا جي جنگ ڪيترائي رخ بدليا پر ذي ئي جي ڪابه خبر ڪونه آئي. آزاد چين جي پهرين سالگره آئي ۽ هلي وئي. مون هن جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ڪيترائي خط لکيا پر ڪابه خبر ڪونه پئي، روز اخبار پڙهڻ لڳس ڇو جو ڪوريا جي جنگ هاڻ ذي ئي جي ئي جنگ ڪونه هئس اها هاڻ منهنجي به جنگ هئي.
    ڪلهه بلز (BLITZ) اخبار ڏسڻ سان ذي ئي جي خبر پئجي وئي. ڪوريا جي لڙائي متعقل ان ۾ هڪ تصوير ڇپي هئي جنجهن ۾ چند آمريڪي بهادر سپاهي بيٺا هئا ۽ پنهنجي سامهون هنن ڪوريائي ۽ چين سپاهين جا ٻارهن سر ڪٽي سرن تي رکيا هئا. انهن ٻارهن سرن ۾ هڪ سر ذي ئي جو هو. ٻارهن ڇا اگر هڪ لک سر هجن ها ته به مان پنهنجي ذي ئي جو سر سڃاڻي وٺان ها. هن جا چپ ڀيڪوڙيل هئا، هن جون اکيون کليل هيون، هن جا وار ڇڙوڇڙ هئا، ذي ئي جا ذي ئي وانگر پنهنجي وطن لاءِ شايد ڪيترن وطنن لاءِ جن سان هن جو دور جو به واسطو ڪونه هو، شهيد ٿي وئي.
    ۽ منهنجي سيني ۾ اهائي شام اڀري آئي، جڏهن چئني طرف برسات وسي رهي هئي ۽ اسان ٻئي هڪٻئي جي ويجهو بيٺا هئاسين. ذي ئي جا هڪ دائم محبت جي دائم جوانيءَ لاءِ مري مٽي. اڄ منهنجي هٿ ۾ هن جو ڪٽيل سر هو. زندگيءَ جي بند ڪليءَ وانگر جنهن ۾ چوطرف خوشبوءِ ئي خوشبوءِ هئي. مان توکي ڇا چوان؟ منهنجي محبت جي آخري شام– ڪهڙيءَ ريت تنهنجي وارن کي چمي چوان – وٺ منهنجي پيار جو آخري سلام ۽ سمهي رهه! پنهنجون اونهيون نگاهون منهنجي ملڪ جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي بخشي ڇڏ ۽ پوءِ پنهنجون اکيون بند ڪري سمهي رهه!! سمهي رهه چين ديس جي محبوبا – منهنجا گلاب، منهنجي ياسمين – منهنجي موتيا جي گلن جي راڻي – اڄ رات اسان سڀني مٿان ڀاري آهي. اسان لاءِ انڪري جو اسان توکي موت کان بچائي ڪونه سگهياسين. هن مٿان ان لاءِ جو هو تنهنجو سر ڪٽي سگهيا پر تنهنجي دل،تنهنجو عقل، تنهنجو احساس نه ڪٽي سگهيا. اهڙي ڪاٽ ڪنهن به تلوار ۾ ڪونه آهي جا ايشيا جي محبت کي ڪاٽي سگهي آمريڪي آدمخور ۽ انهن جا انگريز ، فرانيسي ۽ ترڪي غلام گڏجي نه ايشيا جي محبت کي ختم نٿا ڪري سگهن .
    اڄ مان ان ڳالهه کي سمجهي ويو آهيان ته تون مون وٽ ايندينءَ جهڙيءَ ريت ٻه هزار سال اڳ مان تو وٽ آيو هئس بلڪل ئي ساڳي رات اڄ ٻه هزار سال بعد تون مون وٽ ايندينءَ ۽ پوءِ توکي ۽ مون کي ۽ دنيا جي عوام کي اسان کان ڪوئي به جدا ڪري ڪونه سگهندو.
    ان ڳالهه کي اڄ مان سمجهي ويو آهيان ان لاءِ ذي ئي اڄ مان تنهنجو انتظار ڪري رهيون آهيان ڇو جو مان ذي ئي جو انتظار ٿو ڪريان ته مان روشنيءَ جي فانوسي جو انتظار ٿو ڪريان ته مان بهار جا انتظار ٿو ڪريان .....!


    26. مون کي روشني گهرجي

    چارئي پاسا اوندهه هئي. بندر روڊ کان پري عمارتن ۾ به مڪمل بليڪ آئوٽ هو. ٻه ڏينهن پهريان بليڪ آئوٽ ايترو سخت نه هو. مگر پوليس سختي ڪري عمل ڪرايو هو. روڊ، رستا، گهٽيون، شهر ايتري قدر جو رستو به صاف ڏسڻ ۾ نه پي آيو. سروجني بس ۾ خوف کان پنهنجي سيٽ تي سوڙهي ٿي ويٺي هئي. هن کي لوڪل گاڏيءَ ۾ جڳهه نه ملي سگهي هئي. ايڏي رش هئي جو ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻ لالءِ بيتاب هئا. رش ڏسي سروجني لوڪل گاڏي ڇڏي بس ۾ چڙهڻ ۾ بهتري سمجهي ٿي. هن گهڙي ڏي ڏٺو ست ٿي چڪا هئا. گهر پهچندي پهچندي نو ٿي ويندا ۽ هن جا ٻئي ٻار بک تي ويٺا هوندا. ۽ هن جو مڙس به بستري تي ليٽيو خوفزده نظرن سان دروازي ڏانهن ڏسي رهيو هوندو، ٻن سالن کان هن جو مڙس اڌ رنگ جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ کٽ تي پيو هو. هن جي جسم جو ساڄو پاسو مفلوج ٿي چڪو هو، ۽ هاڻ هو ڪنهن ڪم جي قابل نه رهيو هو. ٻه سال پهريان هن جو مڙس ٽيڪسي ڊرائيور هو، ۽ هر مهيني چار پنج سو ڪمائي ايندو هو. انهيءَ ايريا ۾ ان وقت ايترا پئسا ڪمائڻ واري کي امير گهراڻو تصور ڪيو ويندو هو. پر هن جي بيماريءَ هن کي ڪٿي جو نه ڇڏيو. ٻه مهينا ٽيڪسيءَ جي مالڪ هن کي علاج لاءِ پئسا ڏنا، اهو شريف ماڻهو هو. پر هن دنيا ۾ هر انسان وٽ هر جذبي جو هڪ خاص ماپ تور ٿيل مقدار هوندو آهي.
    يعني ايتري محبت، ايتري نفرت، ايترو حسد، ايترو ساڙ، ايتري شرافت ۽ جڏهن شرافت ۽ جيٽڪر ۾ اچي وڃن ته هميشه فتح کيسي جي ٿيندي آهي. ٻه ٽي مهينا ٽيڪسي مالڪ سروجنيءَ جي مڙس جي مدد ڪئي، آخر هن به هٿ ڪڍي ورتو. هن جي شرافت جي ڪوٽا به ختم ٿي چڪي هئي.
    اها ته هن گهر جي خوش قسمتي هئي جو سروجنيءَ کي هڪ سيٺ جي دوڪان تي سيلز گرل جي نوڪري ملي وئي. سروجني مڊل پاس هئي ۽ ٻه ٻار ٿي وڃڻ جي باوجود نهايت خوبصورت هئي. سيٺ هڪ نظر ڏسندي ئي هن کي وڪري تي رکي ڇڏيو هو. پر پگهار صرف اڍائي سو مقرر ڪيائين. ڪٿي پنج سو ڪٿي اڍائي سو پر پوءِ به هن خرچ اڌ ڪري ڇڏيو هو، ۽ ڪرائي جي هڪ تنگ جاءِ ۾ زندگي گذاري رهي هئي. دونهون ڪري مڇر ڊوڙايا ويندا هئا. پر بليڪ آئوٽ جي تاريخ ۾ اهو به مشڪل هو. باهه ٻارڻ سان روشني ديوارن کان ٻاهر ٿي ويئي. هوءَ بليڪ آئوٽ ۾ ڪيئن ماني پچائيندي؟ هوءَ ڪنڌ جهڪائي سوچيندي رهي.
    رستي ۾ ماڻهو لهندا ويا. آخر هڪ هوءَ ۽ ٽي مرد وڃي بچيا هئا. پنهنجي پنهنجي سوچن ۾ گم اڳئين اسٽاپ تي اهي به لهي ويا، هاڻ هوءَ اڪيلي خوفزده ڊنل ڊنل ويٺي هئي. چارئي پاسا خاموشي هئي. هن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ اڪيلي ڪنهن ٻي منزل ڏانهن سفر ڪري رهي آهي.
    هڪ جهٽڪي سان بس بيهي رهي. سانتا ڪروز جو اسٽاپ اچي ويو هو. هوءَ لهي پئي، اهو سوچيندي تيز تيز وکون کڻڻ لڳي ته ڪنهن طرح هوءَ سب وي تائين پهچي وڃي پوءِ ته هوءَ آسانيءَ سان گهر پهچي ويندي ۽ سک جو ساهه کڻي سگهي ٿي. پر اهو اڃا گهڻو پري هو - ۽ اوچتو خطري جو سائرن وڄڻ لڳو.
    هوءَ گنجان علائقي ۾ اڃا اڌ رستي ۾ ئي هئي ته توپن جي ڇٽڻ ۽ جيٽ جهازن جو آواز اچڻ لڳو. ڇا جهاز شهر تائين پهچي ويا؟ ضرور ڪو خطرو آهي هاڻي هوءَ ايترو ته ڄاڻي چڪي هئي ته جنهن مهل به خطرو هوندو آهي ريڊيو يڪدم بند ٿي ويندو آهي، ۽ ان وقت آس پاس مان ايندڙ ريڊيو جو آواز بند ٿي چڪو هو. هن اخبار ۾ به پڙهيو هو ۽ تصوير ڇپيل به ڏٺي هئي ته خطري جي وقت ڪنهن خندق ۾ پناهه وٺڻ گهرجي يا ڪنهن ڪمري ۾ ڪيئن ليٽڻ گهرجي. پر ان وقت نه ڪا خندق موجود هئي، ۽ نه وري پنهنجو گهر – اهو به اڃا تمام پري هو. ها گهڻو پري....
    سائرن جو آواز وڌندو ٿي ويو. گڏوگڏاينٽي ايئر ڪرافٽ توپن جو آواز به ٻڌندو پي ويو. هن جي دل تيز ڌڙڪڻ لڳي، ۽ ڄنگهون ڪنبڻ لڳس. هن کي لڳو ڄٺڻ هوءَ اتي ڪٿي ڪري پوندي. اوچتو هن پنهنجي ويجهو هڪ بنگلي جو گيٽ ٿورو کليل ڏٺو. غير شعوري طور بغير سوچي سمجهي هوءَ گيٽ اندر هلي وئي. چند ڏاڪڻيون چڙهڻ کان پوءِ هوءَ اڌ کليل دروازي تي پهچي وئي دروازي کان اندر بلڪل اوندهه هئي.
    چند منٽ هوءَ چپ چاپ سهڪندي رهي. جڏهن هن جون اکيون اوندهه ۾ ڪجهه ڏسڻ لڳيون. تڏهن هن ڏٺو ته اڌ کليل دريءَ وٽ ڪو شخص ٻاهر ڏسي رهيو هو. هن جي دل ۾ آيو ته فورن ڀڄي وڃي پر هاڻ هن جي ٽنگن ۾ ست نه هو، هوءَ جتي بيٺي هئي اتي بيٺي رهي. اهو ماڻهو دريءَ کان هڪ پاسي هٽي ڪري سگريٽ کي سوٽو هڻي، وري دريءَ تي اچي ٿي بيٺو.
    اوندهه هئڻ ڪري هوءَ هن کي چڱي طرح ڏسي نه پي سگهي. پوءِ هو بيٺي بيٺي دروازي ڏانهن وڌڻ لڳو، ۽ سروجني جي وار وار مان خطري جون گهنٽيون وڄڻ لڳيون. هن ڪيڏي نه غلطي ڪئي، هن واپس ورڻ پي چاهيو پر هن شخص جون ٻانهون هن جي چيلهه کي وڪوڙي چڪيون هيون. سروجني ڇڏائڻ چاهيو ۽ رڙيون ڪرڻ چاهيون پر بليڪ آئوٽ ۾ ڪير هو هن جي مدد ڪرڻ وارو! ان شخص سروجني جي وات تي هٿ ڏنو ۽ اندر کڻي وي. اندر ٻئي ڪمري ۾ بلڪل اوندهه هئي ۽ اها اوندهه زور زور سان ساهه کڻي رهي هئي، ۽ هوءَ انهي وحشيءَ کان ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پر هن جي ڪوشش بيڪار هئي، آهستي آهستي هن جي قوت ختم ٿيندي وئي، ۽ اوندهه هڪ خطرناڪ جانور جيان کيس چئني پاسن کان گهيري چڪي هئي.
    هاڻ سروجني ان شخص جي ڊرائنگ روم ۾ ويٺي سڏڪي رهي هئي، ۽ اهو شخص ان جي سامهون چپ چاپ ويٺو گريٽ کي سوٽا هڻي رهيو هو. ايتري ۾ خطري ٽري وڃڻ جو سائرن وڄڻ لڳو، پر سروجني جا سڏڪا گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيا هئا. چند منٽ خاموشيءَ سان اهو شخص سگريٽ پيئندو رهيو ۽ پوءِ هن پنهنجي ويجهو بلب جو بٽڻ دٻايو، جنهن سان زيرو جو بلب ڪمري ۾ هلڪي روشني ڪرڻ لڳو.
    ۽ ان هلڪي روشنيءَ ۾ انهن ٻنهي هڪٻئي کي سڃاڻي ورتو، اهو شخص هن جو سيٺ هو. ان دوڪان جو ملاڪ جتي سروجني سيلز گرل جو ڪم ڪندي هئي.
    ”او تون؟ سروجني!“ ۽ هن جو وات ڦاٽي ويو ۽ پوءِ خوف کان يڪدم سروجنيءَ جي پيرن تي ڪري پيو.
    ”ڪنهن کي به نه ٻڌائجان، نه ڄاڻ مون کي ڇا ٿي ويو هو، مون اوندهه ۾ توکي سڃاتو ڪونه اگر سڃاڻي وٺان ها ته... خدا جي واسطي مون کي معاف ڪري ڇڏ. مان تنهنجي پگهار ٽي سو...چار سو... ڪري ڇڏيندس، توکي زيور به وٺي ڏيندس، توکي جيڪو ڪجهه گهرجي وٺي ڏيندس... ٻڌاءِ ٻيو به توکي ڪجهه گهر.....؟“ سروجني صوفي تان اٿي ۽ ٿاٻڙجندي در ڏانهن وڃڻ لڳي، ۽ در تي بيهي سڏڪندي چوڻ لڳي:
    ”مون کي روشني گهرجي..... مون کي روشني گهرجي.....؟


    27. مُرڪڻ واريون

    ڏس، ڏس، هوءَ مُرڪي پئي!
    اسان ڪافيءَ جي اسٽال تي ويٺا هئاسين. ٽاور جي سامهون سڙڪ جي هن ڀر – ڪافيءَ جو اهو اسٽال انهن ڏينهن ۾ تمام گهڻو هلندو هو. ميزن جي آسي پاسي ماڻهو کچا کچ ڀريل هئا. شاگرد – ملاح، اديب، ڪاروباري ماڻهو، واندا، ٽائيپسٽ ڇوڪريون گلدار سڪرٽ ۽ بي داغ بلائوزن پاتل، پنهنجي پوني ٽيل کي هڪ ادا سان جهومائيندڙ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ لپ سٽڪ ”سرخي“ ٺيڪ ڪري رهيون هيون. ڇو ته چانهه جو هڪ ڍڪ مرد جي چُمي جيان آهي سرخي کي ڦهلائي ٿو ڇڏي..!
    اسان جي سامهون واري ڇوڪري مرُڪي هئي، هن جي ڪاري بلائوز تي سفيد ڇلڪندڙ موتي ٽانڪيل هئا ۽ ويجهو پيل روشندان جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هئا. جهڙوڪر هن ڇوڪري هڪ بلائوز نه پر تارن ڀري رات جو ٽڪرو پهري رکيو هو، ۽ سرخي ڪنهن خطرناڪ حد تائين گهري نظر اچي رهي هئي.
    ”ڏس، ڏس، هوءَ مُرڪي پئي.“ مون گلشن کي چيو. گلشن چور اکين سان ان طرف ڏٺو ۽ پوءِ ڪرسي کسڪائي ان طرف پٺيءَ ڏئي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ”ڇڏ – ڇڏ ان ڏانهن نه ڏس.“
    ”پر هي اها آهي مُرڪڻ واري!“ مون احتجاجن گلشن کي چيو. گلشن نيوي ۾ ليفٽيننٽ هو. هن دنيا ڏٺي هئي. اسان ٻنهي جي پهرين ملاقات لنڊن ۾ ٿي هئي سوهو جي مشڪوڪ گهٽين ۾ گهمندي ڦرندي، ڇوڪرين کي ڏسندي اسان هڪ ٻئي جا دوست ٿي ويا هياسين ۽ جڏهن اسان هڪٻئي جا دوست هئاسين ته سوهو جي گهٽين ۾ اسان کي تمام پياريون ڇوڪريون مليون. مگر سڀني کان پياريون ته اهي هيون جن کي لنڊن وارا Smilies چون ٿا. مُرڪڻ واريون – ٻه ٻه ڇوڪريون گڏ ٿي ٻاهر نڪرنديون هيون. ٺهي ٺهي هار سينگار ڪري – جي ڏس کڻي ته جواب ۾ مُرڪ ڏيندڙ هلڪي شرير مُرڪ – ڳالهه به ٺهي وڃي ۽ عزت به رهجي وڃي، اگر ڳالهه ٺهي وڃي ته هٿ ۾ هٿ ڏئي گڏ گڏ هلڻ لڳن جي نه ته ائين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون هليون وڃن، ڄڻ هوءَ گهٽين ۾ شڪار ڪندڙ عورتن مان نه هجن بلڪه پارڪ لين جي مٿانهين فليٽن ۾ رهندڙ شريف زاديون هجن.
    هي لطف ڏيندڙ ۽ پيشه ورانه مُرڪ ڪيڏي نه دلچسپ هوندي آهي! ڇوڪري مرڪي – ٿي ڄڻ چپن سان اک هڻي ٿي! اسان کي لنڊن جون Smilies تمام گهڻيون پسند آيون پر لنڊن ڇا – لنڊن ۾، پيرس ۾، بمبئي ۾، دهليءَ ۾ جتي حوس سر کڻي ٿي، پنهنجي مدمقابل تبسم موجود هجي ٿو ۽ انهي تبسم ۾ رنگ، نسل، قوم ۽ ملڪ جو ڪو فرق ڪونهي. انهي ڪري ته مون کي ڪافي اسٽال واري مُرڪڻ واري ڇوڪري ايتري قدر پسند آئي هئي. انهي ڪري ئي ته مون گلشن کي چيو هو:
    ”اڙي اها ئي اٿئي گلشن اها ئي.“
    ۽ گلشن اڃان به ڪرسي سرڪائي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪري ڇڏي، جيئن مان به ان کي نه ڏسي سگهان – مون ناراضگي ظاهر ڪندي چيو:
    ”هي ڪهڙي حرڪت آهي؟ تون ڪڏهن کان صوفي ٿيو آهين.؟“ هي گلشن سان منهنجي ملاقات چند مهينا بعد ٿي هئي ڇو ته مان ٻاهر ويل هئس. ان ڪري ان تبديليءَ تي حيرت ٿي رهي هئي.گلشن چانهه جو ڪوپ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهليندي هن ڏانهن غور سان ڏسندي مون کي چوڻ لڳو: ”هڪ ڪهاڻي ٻڌندين؟.“
    ”ڪهاڻي؟“ مون حيرت مان چيو.
    هن منهنجي راءِ کي نظرانداز ڪندي چيو، ”هڪ ڏينهن مان ڪيفي لبرٽي ۾ ويٺو هوس....
    ۽ ها-! مان ته توکان اهو پڇڻ ئي وساري ويٺس تون ته اڪثر ڪيفي لبرٽي ۾ ملي ويندو هئين. اڄ توکي هتي ڏسي رهيو آهيان؟“
    ڪيفي لبرٽي گلشن جو خاص اڏو هو. سمنڊ جي ڪناري تي ڪيفي جي ڇتيل ورانڊي ۾ ويهي رهندا هئاسين. اڪثر ۽ اتان ئي ميرين ڊرائيور تي چهل قدمي ڪندڙ خوش باش جوڙن کي ڏسندا رهندا هياسين.
    گلشن منهنجي سوال کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو. چانهه جي پيالي تي نظرون کُپائيندي چوڻ لڳو، ”اها مُون سُُن جي هڪ رنگين شام هئي.بادل وسڪاري کانپوءِ وکري ويا هئا ۽ روشني انهن کي ڇُهي سنهري ۽ نارنگي ڪري ڇڏيو هو ۽ سمنڊ پوري اوج تي هو ۽ ڪناري تي هلندڙ ڇوڪريون، سمنڊ جي ڇولين کان بچڻ لاءِ سڙڪ جي فٽ پاٿ تي اچي ٿي ويون ۽ گهٻرايل بدن هونءَ به توکي خبر آهي ڪيڏا نه دلڪش ٿي ويندا آهن.“
    ”جي نه، مون کي ڪابه خبر ناهي مان ته شريف نوجوان آهيان.“
    گلشن مرڪيو ۽ چوڻ لڳو ”خير! اها اهڙي ئي حسين شام هئي. جيڪا هر شريف زادي کي ڪنهن شريف زاديءَ لاءِ بيقرار ڪندي آهي. ان ڏينهن مان اڪيلو هوس ۽ مايوس مايوس خاموشيءَ سان چانهه پي رهيو هوس. منهنجي سامهون ڪرسيءَ تي هڪ سانوري رنگ جو معمر شخص اچي ويٺو. ان جو مٿو وچ کان گنجو هو ۽ هن جي ننڍين ننڍين اکين ۾ عجيب جهڙي گهٻراهٽ هئي ۽ هو بار بار هيڏانهن هوڏانهن واجهائي رهيو هو، ڄڻ ڪنهن گراهڪ کي ڳولي رهيو هو.
    ”گراهڪ کي؟“ مون کي سمجهه ۾ نه آيو ان ڪري مون پڇي ورتو. ”ها! گلشن چيو، ”هن سان گڏ هڪ ڇوڪري به هئي سترهن ارڙهن سال هن جي عمر هوندي، هن گجراتي ساڙهي پهري رکي هئي ۽ هن جو ڪڻڪائون رنگ نکري پيو هو. چمڪيلي اکين سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿي ورتائين.
    ڪيڏي ڪيڏي مهل نگاهه اهڙي طرح سڌي ٿي ويس ڄڻ انهي نظر جو ڪنهن سان واسطو ئي ناهي پيو ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل اها نظر ڪنهن نه ڪنهن چهري تي ٽڪي پئي وئي ۽ هوءَ مرڪڻ پي لڳي بلڪل اهائي مُرڪ!ٰ
    پوءِ هوءَ مون ڏانهن ڏسي مُرڪڻ لڳي- ڄڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هجي.
    هيلو! توهان ڪير آهيو ۽ ڇا مطلب آ توهان جو؟
    جڏهن هن مون ڏانهن مرڪي نهاريو ته مان ان جي ادا مان ئي سمجهي ويندس ته هوءَ ڪير آهي؟ پراڻو تجربو منهنجي ڪم اچي ويو ۽ مون موٽ به مُرڪ سان ڏني. مان ته اهوئي آهيان جنهن کي تون ڳولين ٿي. ڪنوارو ۽ لوفر به. حيرت آهي اها نگاهه به ڪيئن ايترو ڪجهه چئي ٿي ڇڏي، جيڪو ڪجهه هڪ پورو ڪتاب به چئي نٿو سگهي.
    ٿوري ئي دير ۾ هن منهن ڦيري ڇڏيو. هاڻ هن جي نظرن ۾ مون لاءِ ڪابه دلچسپي نه هئي. مون کي هڪ ڌڪ جهڙو لڳو. آخر مان ايترو بُرو به نه هوس، ڇوڪرين جي راءِ منهنجي باري ۾ هميشه سٺي هئي.
    مون هن جي پيءَ ڏانهن ڏٺو جيڪر گهٻرايل به هو ۽ ڪجهه ناتجربيڪار به- شايد هن مهذب ڪيفي ۾ پهريون ڀيرو آيو هو، جنهن کي سودي ڪرڻ جو ڍنگ به نه ٿي آيو. هن جون نظرون ٻڌائي رهيون هيون. تون ان جو خيال نه ڪريان ..... هن جون نظرون ٻڌائي رهيون هيون. تون ان جو خيال نه ڪر، يا ٻڌائي رهيون..... هيون مجبوري آهي، نه ته مان شريف ماڻهو آهيان. هن ڌنڌي لاءِ پهريون ڀيرو نڪتو آهيان، تو مون کي سڃاڻي ورتو! سٺو نه ڪيئي.
    ڪجهه به هو، هو منهنجي انداز مان گهٻرايل هئا. هنن جلدي جلدي چانهه ختم ڪئي ۽ بل ڏئي ڪري ڪيفي مان نڪري ويا. مون ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو جنهن تي ڀرپور جواني لٿي هئي.
    ”بيوقوف“ مون کان بي اختيار نڪري ويو.
    ”تون ٻڌ ته“ گلشن سختي ڪندي چيو: ”ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجي انهن ساڳئي ڪيفي ۾ ملاقات ٿي وئي .هو مون کان پهرين ئي هڪ ميز تي ويٺا هئا .ساڳيو پوڙهو ۽ ساڳي حسينه مان انهن جي ڀر واري ميز تي اچي ويهي رهيس. ڇوڪري مون ڏانهن ڏسي مرڪي ڏنو،ڄڻ سالن کان سڃاڻيندي هجي مون به مرڪي ڏنو. هوءَ بدن لڪائي ڪرسيءَ تي الڳ ٿي ويهي رهي،ٻئي ڀيري جڏهن هن ڏٺو ته اهڙي نظر سان ڄڻ ته سڄاڻيندي ئي نه هئي.
    ”چري ڪنهن جاءِ جي“دل ۾ سوچيو”پنهنجي پاڻ کي مهانگو ثابت ڪرڻ ٿي چاهي. مان به ڪچين گورين سان نه کيڏيو آهيان.”
    مون به هن کان نظرون هٽائي ڇڏيون ۽ اطمينان سان سينڊوچ کائڻ ۾ مصروف ٿي ويس.ٿوري دير کانپوءِ مون کي تمام طويل عرصو معلوم ٿيڻ لڳو ۽ جڏهن مون هن طرف ڏٺو ته منهنجي نظرن جو جائزو وٺي رهي هئي. هاڻ مون چور جهلي ورتو هو. هن وري به مسڪرائي ڏنو ۽ مان به پنهنجي ميز ڇڏي انهن جي ميز تي هليو ويس ۽ ڪرسي سرڪائي اطمينان سان هن سان گڏ ويهي رهيس.ڇوڪري لاڳيتو مون ڏانهن ڏسي مرڪي رهي هئي هن جي نظرن ۾ ڪوبه خوف يا ڊپ نه هو، پر ان پوڙهي جي منهن تي عجيب گهٻرائٽ ڇانيل هئي. مون هن جي گهٻرائٽ کي هٽائڻ لاءِ چيو” گهٻرايو نه مان هڪ شريف ماڻهو آهيان. توهان جو راز هميشه منهنجي سيني ۾ محفوظ رهندو.“
    پوءِ مون ڇوڪريءَ سان مخاطب ٿيندي پڇيو،”توهان جو نالو ڇا آهي ؟“
    ”ڪملا“ هن بي دڙڪ چيو مان ڪملا جو هٿ پنهنجي هٿ وٺڻ واروئي هوس ته پوڙهي گهٻرايل لهجي ۾ چيو ”اوهان سمجهيو ڪونه“
    ”مان سڀ سمجهان ٿو “ مون هن کي اک هڻندي چيو.
    هو اڃا به وڌيڪ گهٻرائجي ويو ”اوهان بلڪل ڪونه سمجهيو،هي منهنجي ڌي آهي.“
    “مان اڃان به نه سمجهيس _ مون چيو هر خوبصورت ڪنهن نه ڪنهن جي ڌيءَ هوندي آهي.“ ۽ پوءِ مون هن کي قابل اعتبار نه سمجهي ڪملا کي چيو” ڊانس ڪري سگهين ٿي ؟“
    ”ها “
    پوڙهو تمام گهڻو گهٻرائجي ويو ۽ چوڻ لڳو ”تون نه ٿو ڄاڻين ته مان ڪير آهيان؟“
    هو ميز تي جهڪي ويو، هن جون اکيون آليون هيون. هن ڏک واري لهجي ۾ چيو ” مان هڪ معزز شهري آهيان. هي منهنجي ڌي آهي ڪملا مون کي معاف ڪريو. هن جي مرڪ جو ڪوبه مطلب ڪونه هو. هي ته ......... هي ته .......هن رڪجي رڪجي چيو ....... هي ته چري ٿي وئي آهي.“
    پوڙهي جو چهرو ميز تي جهڪي ويو ۽ اکين ۾ لڙڪ هيا، چوڻ لڳو” مان هن کي هتي ان ڪري وٺي آيو آهيان جو ڊاڪٽرن چيو آهي ته هن کي گهر ۾ اڪيلو نه رهڻ ڏي.هن کي ماڻهن جي هجومن ۾ وٺي وڃ، پر رونق جاين تي رٺي وڃ ۽ رش سان دل وندرائينس.“
    مون پوڙهي ڏانهن ڏٺو پوءَ ڇرڪي ڪملا ڏانهن ڏٺو. هاڻ هن جون نظرون ڪيفي ۾ ويٺل ماڻهن جي سرن مٿان الئي ڪيڏانهن وڃي رهيون هيون.اهي نظرون ڄڻ چئي رهيون هجن. مان ڪنهن جي به ناهيان ۽ منهنجو ڪوبه ناهي. جتي مان آهيان اتي ڪوبه نٿو اچي سگهي. منهنجو روح ڪنهن سان محبت نه ڪري سگهندو ۽ مان ڪنهن جو به هٿ هٿ ۾ ڏئي سمنڊ ڪناري نه هلي سگهنديس ۽ منهنجي جوانيءَ جا گل ائين ئي ڪري مرجهائجي ويندا. مان ڪنهن تي به پنهنجو حق نه ڄاڻائي سگهنديس نه ڪنهن جي ياد ۾ روئي سگهنديس ۽ نه ڪو ٻار منهنجي ڪک مان جنم وٺي سگهندو ۽ نه ڪنهن معصوم چپن لاءِ منهنجي ڇاتين مان کير بيقرار ڦٽي نڪرندو. سڏڪا لڙڪ، چمبيون،انهن سڀني کان محروم مان ائين ئي مري وينديس.
    يڪدم مون ڪملا ڏانهن ڏسي مٿو جهڪائي ڇڏيو. خبر ناهي ڪيتري دير مان مٿو جهڪايو انهن جي ٽيبل تي ويٺو رهيس. مون ڏٺو ته ڪو نه پر مون محسوس ڪيو ته پوڙهو اٿيو ۽ هن سان گڏ اها ڇوڪري به اٿي ۽ هو ٻئي اٿي آهستي آهستي اتان هليا ويا. پوءِ به مون انهن ڏانهن ڪنڌ ورائي ڪونه ڏٺو. شام گهري ٿي چڪي هئي ۽ بادل گهاٽا ٿي چڪا هئا. بارش وسندي ان ۾ تيزي اچي چڪي هئي. مان ٽيبل تان اٿيس ۽ ميرين ڊرائيو ڏانهن هليو ويس ۽ مون ٽيڪسي واري کي چيو ته هو ٽيڪسي آهستي هلائي. مون اڄ پنهنجي ڪوارٽر تي جلدي وڃڻ نٿي چاهيو ڇو ته مون کي شديد صدمو رسيو هو.
    ٿورو اڳتي وڃي مون ان پوڙهي ۽ ڇوڪريءَ کي ميرين ڊرائيو تي بارش ۾ ڀڄندي ڏٺو. ڇوڪري اگهاڙن پيرن سان هلي رهي هئي ۽ پوڙهو مينهن ۾ ڀڄي چڪو هو. مون ٽيڪسي روڪي ۽ چيو”مون کي معاف ڪجو مون کان غلطي ٿي وئي. شايد اوهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي. مان اوهان کي پهچائي ڇڏيان“
    پوڙهي ” چيو ڪيڏانهن به ناهي وڃڻو. ڊاڪٽرن چيو آهي ته مون سون جي بارشن ۾ هن کي سير ڪرايان. انهي سان دماغ کي ٿڌڪار پهچي ٿي ان لاءِ ......
    هو ماٺ ٿي ويو. هڪدم ڇوڪري مون ڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳي ۽ هن کي مرڪندو ڏسي مان به مرڪي پيس جي ائين نه ڪيان ها ته يقيناََ روئي پوان ها پوءِ مون جلدي ٽيڪسي واري کي هلڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ پوڙهو ۽ ڇوڪري پوئتي رهجي ويا. هن وسندڙ آسمان هيٺ ٻه اداس وڃايل پيڪر هن گونگي گنهگار عقل واري جي دنيا ۾ آهستي سر جهڪائي هلي رهيا هئا.“
    گلشن ڪافيءَ جي ڪوپ کان هٿ الڳ ڪيا. چانهه ٿڌي ٿي چڪي هئي.
    هن اداس لهجي ۾ پڇيو هلون؟ پوءِ اسان ٻئي ٽيبل تان اٿياسين ۽ مرڪڻ واري ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسڻ بغير ٻاهر نڪري وياسين.


    28. اجنبي اکيون

    هن جي چهري تي، هن جون اکيون ڏاڍيون عجيب پئي لڳيون ڄڻ ته سڄو چهرو هن جون پنهنجو هجي پر اکيون ڌاريون جيڪي هن جي چهري تي هٿرادو آڻي لڳايون ويون هجن. سندس ننڍڙي نوڪدار کاڏي ٿلها چپ ۽ وڏن وڏن ڳٽن مٿان ٻه وڏيون وڏيون ڪاريون گهريون اکيون چالاڪ، مڪار، خود غرض ۽ ڪميني ماڻهو جهڙو اهڙو سخت چهرو گهڻو ڪري پنجٽيهن سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جو ٿيندو آهي، جن کي اهڙين حالتن مان گذرڻ جو موقعو ملندو آهي، جن مان اڄ ڪلهه گهڻا ماڻهو گذرن پيا. مون کي هن جي اکين ۾ ڏاڍي دلچسپي پيدا ٿي پئي، خبر ناهي ته ڪٿان چورايون هيون هن اهي ظالم اکيون!
    مان هن جي دڪان تي هڪ بشرٽ سبرائڻ لاءِ ويو هوس،“ڪولون “ ۾ هن جي ڪپڙي جو تمام وڏو دڪان هو. ٻاهر بورڊ لڳل هو، جنهن تي لکيل هو ”هتي ڪپڙن جو جوڙو چوويهن ڪلاڪن ۾ تيار ڪيو وڃي ٿو “ ۽ ان بورڊ ئي مون کي دڪان اندو وڃڻ تي مائل ڪيو، هڪ ته اهو سبب هو ۽ ٻيو سبب ان جو نالو هو جيڪو دڪان جي ٻاهران لڳل بورڊ تي وڏن، وڏ، اکرن ۾ لکيل هو ” پروپرائيٽر، بي ڊي اسراڻي،” هو بي ڊي اسراڻي هو ۽ مان ڊي اسراڻي، نالن جي هڪ جهڙائي به مون کي ان دڪان ۾ وڃڻ تي مجبور ڪيو. هو ٿيري لين جو اوچو وڳو اوڍيو، وات ۾ سگار، هٿن ۾ هيرن جون منڊيون، سگار مان وڏا وڏا سوٽا هڻندو پنهنجي شاهي دڪان ۾ هيڏانهن کان هوڏانهن گهمي رهيو هو. پهريان ته هن منهنجو ڪو به خيال ڪونه ڪيو پر آرڊر وٺڻ وقت جڏهن هن منهنجو نالو پڇيو ته هڪدم حيران ٿي ويو،ڇو ته اسان ٻئي سنڌي هئاسين سو به هڪ ذات وارا ۽ هي هانگ ڪانگ هو يعني وطن کان ايڏو ڏور. چند منٽن ۾ ئي اسان ٻئي هڪ ٻئي سان ايترو ته گهراٿي ويا سين جو ڄڻ ته سالن کان هڪ ٻئي جا واقف هجون. هن مون کي پنهنجي گهر رات جي ماني جو دعوت ڏني جامون خوشيءَ سان قبول ڪئي پوءِ مون کيس پنهنجي هڪ تڪليف به ٻڌائي ته ”مان ڪينٿ هوٽل ۾ ترسسيل آهيان.هيءُ هڪ سستي قسم جو هوٽل هو مگر ايترو سستو به نه جو ڇوڪرين مهيا ڪرڻ جو ڌنڌو ٿيندو هجي. هڪ ڀيري جيئن ئي مان رات جو ٻي بجي ڌاران نائٽ ڪلب جو ڪيبرو ڏسي موٽيس ته خبر پئي ته ڪينٿ هوٽل جي اٺن ڏهن ڪمرن ۾ هڪ ئي وقت چوري ٿي وئي آهي ۽ بدنصيبي سان منهنجو ڪمرو به انهن ۾ شامل هو. منهنجا ٻئي سوٽ ڪيس چوري ٿي چڪا هئا ۽ هڪ ٽائيپ ڪرڻ جي مشين به پوليس جاچ ڪري رهي هئي ۽ ڪندي رهندي مگر مون کي ٻن ڏينهن بعد بمبئي واپس موٽڻو هو ڇو ته آبزرور جي ايڊيٽر ڪئبل ذريعي اهڙو پيغام مون ڏي موڪليو هو، جيئن ته هانگ ڪانگ ۾ منهنجو ڪم ختم ٿي چڪو هو تنهنڪري مون کي بمبئي واپس پهچي اتان وري هڪدم نيروبي وڃڻو هو.
    ”مون کي ڪجهه پئسا گهرجن“ مون بي ڊي اسراڻيءَ کي چيو مگر هاڻ ان جي عيوض مان صرف پنهنجو چيڪ ئي پيش ڪري سگهان ٿو، سو به هندستان جي بينڪ جو !
    ”گهڻا پئسا گهرجن“ هن مون کان پڇيو” پنج سو روپيا “ بس ! ها. بي ڊي اسراڻيءَ سڪون جو ساهه کنيو مون سان گڏجي هلو، مان هينئر ئي بينڪ مان پنهنجي ضمانت تي توهان کي چيڪ ڪئش ڪرائي ٿو ڏيان. هت اسان سنڌين جي هڪ بينڪ آهي” سي سنڌي مرڪنٽائيل“ جيڪا هڪ پنج ماڙ عمارت ۾ قائم آهي. بينڪ جي جڳهه به منهنجي آهي جنهن جي مون کي يارنهن هزار رپيا ماهوار مسواڙ به ملي ٿي ان کان علاوه آءُان بينڪ جو ڊائيڪٽر پڻ آهيان. پنج سو روپيا مون کي ڏياري هن چيو ته” توهان شام جو ڇهين وڳي ڌاران منهنجي دڪان تي اچجو،گهر هلڻ کان اڳ ٿو روگهمي ڦري وٺنداسين.”مان شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي هن جي دڪان تي پهتم، هو به منهنجي ئي انتظار ۾ هو. دڪان تي نوڪرن کي ضروري هدايتون ڌيئي هو مون سان گڏ ٻاهر نڪتو، دڪان جي درتي بادامي رنگ جي هڪ مرسڊيز ڪار جون بريڪون تمام سٺيون هيون. جيئن ته هن جو منهن ننڍڙو هو مگر جسم ڏاڍو ڀريل ۽ مضبوط هيس خاص طور تي هن جا هٿ ڏاڍا مضبوط ۽ وارن سان ڀريل هئا انهيءَ خوبصورت وڳي ۾ هن جو جسم ڪنهن ڀولڙي جيان پئي لڳو.
    هو رستي سان هلندي سيٽيون وڄائيندو،ڪنهن، خوبصورت چيني ڇوڪريءَ جي ڀرسان پهچي ڪار کي هڪدم آهستي ڪري هن کي چيني زبا ن۾ ڪجهه چئي ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي اڳتي پئي وڌيو. هن جي ڳالهائڻ مان اهو محسوس پئي ٿيو ته هو ڏاڍا گندا جملا ڳالهائي رهيو هو.
    ” شايد ڪنهن چيني ڇوڪريءَ کان اڃان تائين ڪامار ڪانه کاڌي اٿو“ مون کيس چيو. هتي ڪنهن کي طاقت آهي جو اسراڻيءَ تي هٿ کڻي، هي ءَ منهنجي گهٽي آهي“
    ”تنهنجي ڪيئن آهي؟“ ”هن گهٽيءَ جي سڀني غنڊن کي آءُ سڃاڻان. هتي منهنجا به جوا جا اڏا به هلندا آهن.ڏسندين؟””ها“ مون کيس چيو ٻاهران ڪراڪري جا دڪان ۽ اندران جوا جا اڏا ٻنهي جي وچ ۾ ڪاڪوس جو هڪ ڊگهو ڪمرو آ جتي به اڌيڙ عمر جا چيني ملازم ننڍا، ننڍا ٽوال کنيو در تي بيٺا هئا. هو اسراڻي کي سڃاڻندا هئا ان ڪري مون کي ڪاڪوس جي ٻئي طرف يعني جوا خاني ۾ وڃڻ لاءِ ڪنهن به رڪاوٽ جو منهن ڏسڻو ڪين پيو، مگر ٻين گراهڪن لاءِ مخصوص ڪوڊ ورڊ مقرر هئا ۽ انهيءَ جوا خاني ۾ اهو ئي، داخل ٿي پئي سگهيو جنهن کي انهن ڪوڊ ورڊ جي خبر هئي نه ته هر ڪو ڪاڪوس ۾ پنهنجي ضرورت پوري ڪري واپس پئي ٿيو. مان هر ڪم هڪ مخصوص انداز ۾ ڪندو آهيان“ بي ڊي اسراڻي پنهنجا جوا جا اڏا ڏيکاريندي مون کي چيو. بهترين سينگاريل،ڏهه ڪمرا، ٿلها بي آواز غاليچا،خاموش با ادب نوڪر،نازڪ صفت،جام پيش ڪندڙ چيني ڇوڪريون ۽ امير گراهڪ هتي هاءِ ڪلاس هلندي آهي ۽ صرف آڱرين جي ڳڻڻ جيترا گراهڪ جوا کيڏڻ هت ايندا آهن ۽ روز رات جو هتان مون کي اڍائي ٽي هزار رپيا حصو ملندو آهي، ٻاهر ڪراڪري جا دڪان به سٺو هلندا آهن. ” تمام سٺي جڳهه آهي“ مون هن کي چيو هتي ته خليفي هارون رشيد جيان تاڙي وڄائڻ تي دل ٿي ڪري. ”ڪير خليفو“ هن حيرت وچان مون ڏانهن ڏسندي پڇيو. ان وقت مون کي هن جون اکيون ڏاڍيون معصوم ۽ پياريون لڳيون. ”ڪجهه نه“ مون نٽائيندي کيس چيو ته ”منهنجو بمبئي ۾ هڪ دوست آهي اهو ياد اچي ويو، ڇو ته جڏهن به هو ڪاسٺي جڳهه ڏسندو آهي ته تاڙيون وڄائڻ لڳندو آهي. ”ڇا ته ٻالپڻو اٿس“ هن مون کي چيو ۽ سگار جو هڪ وڏو سوٽو هڻي دونهون منهنجي منهن ۾ هڻڻ لڳو” جوا کيڏندين“ هن پڇيو ”نه“ مون کيس جواب ڏنو، هو مون کي جوا خاني کان باهر وٺي آيو. ٻيو جوا خانو ڏيکاري هو مون هڪ! اسٽريٽ وٺي ويو، اتي به هن کي سڀ ماڻهو سڃاڻن پيا. ۽ انهن جي چهرن مان محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ اهي هن کان ڊڄندا هجن! ” هتي منهنجو هڪ چنڊول خانو آهي“ اسراڻيءَ مون کي چيو ” ڇا اڃا تائين هتي چنڊول خانا موجود آهن؟“ مون کانئس پڇيو. هانگ ڪانگ ۾ ته آهن، او ڏانهن ٻڌو آهي ته ڪينهن، اسراڻي وات مان سگار ڪڍي اوڏانهن يعني ٻئي چين طرف اشارو ڪندي چيو. چنڊول خاني جو ماحول ڏاڍو وڻندڙ هو، هو انتظام به سٺو هو، اٺ ڪنڊا چيني شمعدان، هر طرف کان رنگين جهالرين وارا پردا، ننڍن ننڍن پيالن ۾ مختلف قسمن جا شراب ۽ دونهان، خوبصورت اکين واريون حسينائون، جيڪي پنهنجي مست شرابي نگاهن سان ڏسندڙن کي مدهوش ڪري رهيون هيون. هي چنڊول خانو به اٺ ڪنڊو هو، هر ڪمرو هڪ مرڪزي هال ۾ پئي کليو جنهن ۾ ڪجهه چيني سازندا ويٺا هئا هڪ چيني رقاصا، رقص ڪري رهي هئي، ٻه وڏا، وڏا چيني پکا هن جي هٿن ۾ هئا جن کان هو رکي رکي پنهنجو پاڻ کي ڍڪڻ جو ڪم وٺي رهي هئي نه ته هوئين اصل ۾ هو صفا اگهاڙي هئي. ميڪائو کان گهرائي اٿم” اسراڻي مون کي ٻڌايو ”ٻه سو ڊالر روز تي ڪيئن آهي؟ ”سٺي آهي“ ملندينس؟ نه! تنهنجي مرضي. ٻاهر اچي هن جي مرسيڊيز ڪار ۾ ويٺا سين. هن مون کي ٻڌايو ته ”سڄي ڪولون ۾ ٽي هاڪ جو چنڊول خانو سڀني کان معياري آهي جنهن مان رات جو پنج ست هزار ۽ ڏينهن جو ٻن اڍائن هزارن جي آمدني ٿي وڃي ٿي. ” ونڊرفل بزنس“ ۽ ڪپڙي جو دڪان“ مون کانئس پڇيو اڙي اهو ته صرف ڏيکاءُ آهي. ان مان ڇا ٿو ملي، اڄڪلهه ايمانداري جو ڌنڌو ڪري ڪير ٿو زنده رهي سگهي ؟ يو آر ڊيم فل“ هن مون کي چيو ” انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي “ مون جواب ڏنو پوءِ هو مون کي چنڊول خاني ۾ وٺي ويو، مان سمجهي ويس ته هو ڇا پيو چاهي. هڪ غريب سنڌي اڄ کان پنجٽيهه سال اڳ پاڻ سان ٻه سو ڊالر کڻي هانگ ڪانگ آيو هو ۽ اڄ ان جو شمار هانگ ڪانگ جي امير ترين ماڻهن ۾ پئي ٿيو ” هن جهڙا منهنجا ڇهه براٿل آهن“ هن مون کي پنهنجو پهريون قحبه خانو ڏيکاريندي چيو“ ڪا ڇوڪري پسند آئي ؟“نه، ڇا توکي ڇوڪريون وڻديون ناهن؟
    وڻديون آهن پر پنهنجن گهرن ۾. ”ڇا مطلب “ هن ٻيهر حيران ٿيندي مگر معصوم نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو، جن مان تيز روشني ڪنهن ڪار جي بتيءَ جيان نڪري رهي هئي ان مهل مونکي اهي نگاهون ڏاڍيون پاڪيزه لڳيون جيڪي سردين جي پهرين برفباريءَ جيان منهنجي چهري تي پئجي رهيون هيون، مون وضاحت ڪرڻ مناسب نه سمجهي، تنهنڪري صرف ايترو چيم ته ”مون لاءِ هانگ ڪانگ، بمبئي يا ڪلڪتي جي قحبه خاني ۾ ڪوبه فرق ڪونهي، پر جي فرق آهي ته صرف ظاهري سجاوٽ جو يا ته چهري جي بناوت جو هُتي ڇوڪريون هندستاني آهن ۽ هِتي چيني، ٻيو ته ڪو خاص فرق ڪونهي ؟
    ” اوه مان سمجهي ويم ته توکي ولائتي مال پسند آهي، ايمبسي روڊ تي جيڪو منهنجو براٿل آهي ان ۾ ولائتي مال به آهي . هاڻي توکي اوڏانهن وٺي ٿو هلان، اتي هڪ نئين ڇوڪري آئي آهي ان کي ڀلا ڏس!
    اسراڻي قحبه خاني جي مئنيجر چيني زبان ۾ وٺي ويا جتي هڪ چيني ڇوڪري هٿين، پيرين بڌل صوفي تي پئي هئي” اسراڻيءَ جي چوڻ تي هن جا هٿ پير کوليا ويا، هن جي عمر وڌ ۾ وڌ پندرهن، سورهن سال هئي. اسراڻي هن کي ڇوڪري کي ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو پر ڇوڪري پنهنجو ڪنڌ انڪار ۾ لوڏيندي رهي آخر رڙيون ڪرڻ ۽ ڪمري کان ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي تنهن تي اسراڻي کيس ٺونشو هڻي ڪيرائي وڌو ڇوڪريءَ جي وات مان رت وهڻ لڳو ۽ فرش تي پئي پئي هوءَ سڏڪڻ ۽ پڻ ڊنل نگاهن سان اسراڻي کي ڏسڻ لڳي اسراڻيءَ مون کي ٻاهر وٺي آيو ۽ دورازو ٻاهران بند ڪرا پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهيو،پوءِ مون ڏانهن ڏسي ڇوڻ لڳو ” ڪالهه ئي تائيوان کان ڇهن ڇوڪرين جو ٽولو گهرايو اٿم. قحبه خاني ۾ هر ٻئي،ٽئين مهيني نيون ڇوڪريون گهرائڻيون پون ٿيون نه ته ڌنڌو سست پئجي ٿو وڃي، بلڪل نيون ڇوڪريون آهن، اغوا ڪري آنديون ويون آهن تنهنڪري ڌنڌو ڪرڻ صفا ڪين ٿيون ڄاڻن صفا اڻ ڄاڻ آهن حرا مزاديون.“
    او _ڇنا! هن هڪ ڊگهي ٿلهي متاري هندوستاني کي سڏ ڪيو جيڪو لباس ۽ ڊيل ڊول کان قحبه خاني جو ڪو خاص ملازم پئي معلوم ٿيو ڇني ويجهو اچي ادب سان سلام ڪيو ” هن تي ڏهه ماڻهو ڇڏ “ اسراڻي اندر ڪمري ۾ بند ٿيل ڇوڪري طرف اشارو ڪندي چيو. ڇني، هيڏانهن، هوڏانهن منهن ڪري، ڪجهه نالا وٺي ڏاڍيان سڏ ڪيا، ٿوري دير ۾ اٺ ماڻهو گڏ ٿي ويا. اسراڻي سڀني کي هڪ قطار ۾ بيهاري ضروري هدايتون ڏيئي واپس موٽيو ئي مس ته پٺيان رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا تون ائين ڇو ٿو ڪرين مان صبر ڪري نه سگهيس، ” ته جيئن شرم باقي نه رهي“ هن مون کي تمام سرد لهجي ۾ جواب ڏنو. ”جيستائين ڇوڪري صفا بي حيا نه ٿيندي ته اسان جي ڪهڙي ڪم جي؟“
    هن جو گهر ڏاڍو خوبصورت، هڪ ننڍڙي پهاڙي لاهي تي ٺهيل هو، جتان هانگ ڪانگ جو سڄو نظارو ڏسڻ ۾ پئي آيو هن جي گهرواري گجراتي هئي ٻه نياڻيون هڪ ڏهن سالن جي ٻي ٻارنهن تيرنهن سالن جي هن ٻڌايو ته سندس سڀ کان و‎ٺي نياڻي جي شادي ٿي چڪي آهي سندس نياڻو جنوبي آمريڪا ۾ ڪاروبار ڪندو آهي، سنڌي آهي ۽منهنجي ان نياڻيءَ کي ٻه ٻارڙا به آهن، هن پنهنجي گهر ۾ ڏاڍي خوش آهي. پٽ ڪونه اٿئي ڇا ؟” مون هن کان پڇيو پٽ نه هجي ته پوءِ مزو ڪيئن ٿيندو“ هو ائين چئي زور سان کليو” ٻه پٽ آهن، ٻئي سياڻا ۽ جوان هڪ کي فلپائي ۾ ڪاروبار کولي ڏنو اٿم ۽ ٻيو جاپان ۾ آهي .
    وسڪي پيئڻ کان پوءِ هو وڦلڻ لڳو” ڀڳوان سڀ ڪجهه ڏنو آهي“ هن جي گهر واري سندس ڀر ۾ ويهي اسانجون ڳالهيو به ٻڌي رهي هئي ۽ پيلي رنگ جي ان سان سوٽر به اڻي رهي هئي، کلمک ۽ سلڇڻي شار ڌار، صحتمند ٻار جيان هر وقت مسڪرائڻ واري .هن سوٽر اڻندي اڻندي مسڪرائي پنهنجو سونهري ڪنگڻ وارو هٿ پنهنجي مڙس جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو“ منهنجي منو ۽ گنور، جي شايد هن جي ٻنهي ڌيئرن جا نالا هئا ۽ سوتري، هن جي وڏي ڌيءَ جو نالو هو، شار ڌا انهن جي تصوير آڻي مون کي ڏيکاري هڪ خوبصورت، بيوقوف ڇوڪري ، هڪ ٿلهي واپاري سان بيٺي هئي، ٻنهي جي چهرن تي اها حماقت ڀريل مرڪ هئي جيڪا صرف شادي جي ڏينهن ۾ ئي نظر ايندي آهي ۽ منهنجو وڏو پٽ سکداس جيڪو فلپائن ۾ آهي ۽ هري داس، جيڪو جپان ۾ آهي شارڌا مون کي انهن جون تصويرون، ڏيکاريون ٻئي پنهنجي پيءُ جا پاڪيٽ ايڊيشن ۾ هم شڪل هئا.”پنجٽيهه سال ٿيندا جو هانگ ڪانگ آيو هوس صرف ٻه سو ڊالر کڻي ۽ اڄ ٻن ڪروڙن کان به وڌيڪ ملڪيت جو مالڪ آهيان “تون هڪ ٻرندڙ جبل جي منهن تي ويٺو آهين، هانگ ڪانگ ٻن ڪلاڪن ۾ تباه ٿي سگهي ٿو. ” مان به چريو ڪونه آهيان“ اسراڻي ان لاءِ ته مون به پنهنجي فرم جي هيڊ آفيس فلپائن، منيلا ۾ کولي آهي.سکداس کي انجو انچارج بنايو اٿم۽ باقي سڀ بندوبست به اهڙو ڪري چڏيو اٿم جو مان به هانگ ڪانگ مان ٻن ڪلاڪن اندر وڃي سگهان ٿو ” هڪ عجيب بلڪ خوشي ڀريل مرڪ هن جي چهري تي هئي، هو وڏي اطيمنان سان پنهنجي پيٽ تي آهستي آهستي هٿ ڦيري رهيو هو ۽ چئي رهيو ته مان ڏاڍو خوش آهيان اصل ڏاڍو خوش.”
    ماني کائي اسان ڪافي پي رهيا هئاسين جو گهڙيال ڏهه وڄايا. اسراڻيءَ جي وات مان نڪتو ”اڙي“ ۽ ڪافي جي پيالي هن جي هٿن مان ڇڏائجي وڃي فرش تي ڪري، هن هڪدم پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ کڻي لڪايو. شارڌا جلد ئي ڊوڙي ٻئي ڪمري ۾ وئي ۽ تڪڙي واپس موٽي، هن جي هٿن ۾ تهه ٿيل رومال هئا، جيڪي هن هڪدم اسراڻيءَ جي گوڏن تي آڻي رکيا. مون ڏٺو ته ايتري ۾ اسراڻي جو چهرو ڳوڙهن سان ڀڄي چڪو هو، نه صرف چهرو پر هن جي هٿن جون تريون به !جلد ئي هو رومال کڻي پنهنجيون اکيون صاف ڪرڻ لڳو مگر ڳوڙها هئا جو هن جي وڏين وڏين اکين مان وهندا ۽ نڪرندا پئي آيا، مان حيرت وچان هن ڏانهن ڏسي رهيو هوس، هن رومال سان پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو ته ”توسان ڳالهين ڪندي مون کي خيال ئي نه رهيو _ ”ڇا جو خيال“؟ته ”وقت اچي ويو آهي “ ڇا جو وقت ؟ مون کانئس پڇيو هو ڪجهه دير چپ رهيو پوءِ پنهنجيون اکيون اگهندي چيائين ته ”مون تو توکي ڪونه ٻڌايو ته مون کي هن دنيا ۾ ڪابه تڪليف ڪانه آهي، پر جي آهي ته اهائي. جيئن ئي رات جا ڏهه ٿيندا آهن ته منهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويندا آهن ڪڏهن ڪلاڪ ته ڪڏهن ٻه ڪلاڪ ڪڏهن ٽي ڪلاڪ، منهنجي اکين مان ڳوڙها وهندائي رهندا آهن ”مگر ڇو“ الائي، خبر نه آهي، آمريڪا تائين ٿي آيو آهيان انهن اکين جي علاج خاطر، مگر ڪنهن به ڊاڪٽر کان ٺيڪ نه ٿيم ۽ ڪنهن به ڊاڪٽر کي منهنجي هن بيماريءَ جي خبر نه پئي سگهي ! ”ڇا ٿيندوآهي “ بس ڳوڙها وهندا آهن، ”ٻي ڪا تڪليف“؟نه ٻي ڪا به تڪليف نه ٿيندي آهي.
    هن جون اکيون روئي رهيون هيون ۽ ڳوڙها هن جي ڳلن تان نيسارن جيان وهي رهيا هئا ۽ هن هر هر رومال لڳائي پنهنجي اکين کي خشڪ پئي ڪيو مگر ڳوڙها هئا جو سندس اکين مان وهندا نڪرندا پئي آيا هڪدم مون کي هن جو ڳوڙهن سان ڀريل چهرو هڪ اهڙي لاش جو چهرو لڳو جيڪو پاڻي ۾ ٻڏل هجي، ۽ ان جي وقت ڏور ڪنهن اونهي کوهه مان مون کي هڪ ڇوڪريءَ جو رڙيون به ٻڌڻ ۾ آيون شايد اکيون احتجاج ڪري رهيون هيو ن .
    ”ڇا“ هو اکيون اگهندي اگهندي مون ڏانهن حيرانگيءَ سان ڏسڻ لڳو” تون ڇا چئي رهيوآهين؟ مون ڪونه سمجهيو ”ڪجهه نه هيءَ اها بيماري آهي جنهن کي تون سمجهي ڪونه سگهندين. مون مٿي تي ٽوپي رکي هن کي سلام ڪيو ۽ پوءِ اسراڻي ۽ سندس گهر واري کي حيران ۽ پريشان ڇڏي ٻاهر نڪري آيس.
    ۽ هينئر اها قحبه خاني جي ڇوڪري کلي رهي هئي!

    (سنڌيڪار: عطاءُ الله ابڙو)


    29. ٽٽل تارا

    راتوڪي ٿڪاوٽ سبب هن جا سنڌ اڃا تائين ساڻا هئا، اکيون خماريل ۽ چپن تي تريٽ جي ڊاڪ بنگلي جي بيئر جو ڪسارو ذائقو، هو بار بار، پنهنجي زبان سان چپن کي چٽي چٽي ان ذائقي کي وڃائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، حالانڪه هن جون اکيون ٻوٽيل هيون، پر پهاڙن جا ور وڪڙ کيس اهڙو ته ياد هئا جهڙي طرح الف، ب، جي پهرين سٽ ۽ هو نهايت ڦڙتيءَ سان پنهنجي موٽر کي جنهن ۾ صرف ٻه ماڻهو ويهي پئي سگهيا (هڪ مرد ۽ شايد ٻي عورت) انهن خطرناڪ موڙن کان لنگهي رهيو هو. ڪٿي، ڪٿي ته اهي موڙ ڏاڍا خطرناڪ پئي ٿي ويا، هڪ طرف عمودي اوچيون پهاڙيون ته ٻئي طرف اونهيون کاهيون جن جي تري ۾ جهلم درياءَ جو نيرو پاڻي ۽ سفيد گجي هڪ ٽيڏي ليڪ جيان نظر پئي آيو، انهن موڙن تان ڪار کي تيز هلائڻ ۾ اهڙو ته کيس لطف پئي آيو جو سڄي جسم مان درڙي پئي نڪتي، صبح جي هوا، خوشبودار، وڻندڙ ۽ برفيلي هئي، ڪهڙي نه نرالي خوشبوءَ هئي عجيب، گمنام، تر ۽ تازي، نهالوءَ جي چپن جهڙي، هو پنهنجي اڌ کليل اکين ۾ گذريل راتل جي گهاريل خوشيءَ ڀريل گهڙين کي ياد ڪري کين واپس سڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. شفق ۾ ٻڏندڙ سج جو سون ڳريل هو، رات جي ڀنل خاموشيءَ ۾ ڏور، ڪائي بلبل ڳائي رهي هئي. بلبل پنهنجي رسيلي آواز ۾ نغمي ۽ خاموشيءَ کي اهڙو ته ملائي ڇڏيو هو جو ٻئي هڪ ٻئي جو پڙاڏو پئي محسوس ٿيا ۽ هو اهو معلوم نه پئي ڪري سگهيو ته هيءَ خاموشيءَ ڪٿي ٿي ختم ٿئي ۽ هيءَ موسيقي ڪٿان ٿي شروع ٿئي ----! چانڊوڪي رات ۾ صوفن جا گل نهالوءَ جي چپن جيان مسڪرائي رهيا هئا ----! اهي چپ جيڪي بار، بار چمڻ کان پوءِ به معصوم پئي لڳا. ائين پئي معلوم ٿيو ته دنيا جي ڪا به شيءِ انهن کي ڇهي نٿي سگهي، ڪهڙو نه عجيب احساس هو ۽ هينئر ته اهو ڊاڪ بنگلو به ڪيئي ميل پوئتي رهجي ويو هو ----! رات جي تنهائيءَ ۾ نهالوءَ جي حسن لافاني محسوس پئي ٿيو. هن جا چپ ----! هن جون شرابي اکيون، ڊگها، ڊگها، ڪارا ريشمي وار ڄڻ ته رات جي ڀنل خاموشيءَ ۾ بلبل جا مٺا نغمه، هو اهو معلوم نه ڪري سگهيو ته اها خاموشي ڪٿان ٿي شروع ٿئي ۽ هي موسيقي ڪٿي ٿي ختم ٿئي ----! مگر هاڻآ ته اهو ڊاڪ بنگلو به گهڻو پوئتي رهجي ويو هو. ۽ ان وقت ڪنهن جادوئي قلعي جيان لڳي رهيو هو. ورن وڪڙن ۾ ڪار ڊوڙندي وڃي رهي هئي ۽ هن جي تخيل ۾ نهالوءَ جا چپ ۽ جيگن جي خوشبو بلبل جو نغمو ۽ بيئر جو سونهري رنگ، چانديءَ جي تار جيان چمڪندڙ سڙڪ تي الجهندا پئي ويا. هيٺ جهلم جو پاڻي وحشي راڳ ڳائي رهيو هو ۽ فضا ۾ صوف جا لکين گل اکڙيون کولي واجهائڻ لڳا ۽ هن سوچيو ته ڇو نه هو پنهنجي موٽر کي انهيءَ کاهيءَ جي وسيع خلا تي هڪ بي فڪري پکيءَ جيان اڏائي کڻي وڃي. اهو خيال ايندي ئي هن کي پنهنجي جسم ۾ هڪ سيسراٽي محسوس ٿي ۽ هن جو خمار آلود اکيون کلي ويون.
    رستي ۾ هڪ چشمي جي ڪناري هو پنهنجي ڪار بيهاري دير تائين هٿ، پير ڌوئيندو، اکين کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇانڊارا هڻندو، هڪ پهاڙي گيت ڳائيندو ۽ پاڻي کڻي گرڙيون ڪندو رهيو، آهستي، آهستي هن جي اکين تي ڇانيل خمار گهٽبو ويو ۽ بيئر جو ڪسارو ذائقو مٽبو ويو، هينئر سندس چپ سڪل هئا، اکين ۾ ساڙو محسوس ٿيڻ لڳس، بک ۽ اڃ به! هن ٿرماس کولي گرم چانه ڪڍي ٿڌي توش تي مکڻ لڳائي کائڻ لڳو. جسم ۾ گرمي ۽ تازگي اچي رهي هئي، جسم جي ٿڪاوٽ گهٽجڻ لڳس، هاڻ هو راهه ويندڙ ماڻهن، موٽرن ۽ لارين جا موڙ وڌيڪ دلچسپيءَ سان ڏسڻ لڳو. انهيءَ واديءَ ۾ بيڪانير جا مارواڙي پنهنجين ٿلهين متارين گهر وارين کي پهل گام جو سير ڪرائڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا هئا. انهيءَ ڪار ۾ هڪ انگريز مرد هڪ هٿ سان ڪار هلائي رهيو هو ۽ هن جو ٻيو هٿ سندس گهر واريءَ جي چيلهه ۾ پيل هو جيڪا پنهنجن چپن تي سرخي لڳائڻ ۾ رڌل هئي. انهيءَ لاريءَ ۾ بيمار ڪلارڪ ۽ سندن مرزيل زالون ويٺيون هيون ۽ انهن جا بيشمار ٻار لاريءَ جي درين کان بيهي گوڙ مچائي رهيا هئا، ان لاريءَ جي سک ڊرائيور جي پڳڙي ڍري ٿي وئي هئي ۽ کيس ننڊ جا گهيرٽ اچي رهيا هئا، هن کي خيال آيو ته چند ميلن کان پوءِ اهو سک ڊرائيور پنهنجي لاريءَ کي کاهي جي وسيع خلا ۾ اڏائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن هو اخبار ۾ هڪ ننڍڙي خبر پڙهي وٺندو ته مري .......... ڪشمير روڊ تي هڪ حادثو! لاري جهلم ندي ۾ وڃي ڪري، سڀ مسافر ٻڏي مئا پر ڊرائيور سلامت بچي ويو ۽ لاري موڙ کان گذري وئي.
    ان لاريءَ ۾ ويٺل ماڻهو جن ۾ پنجاب جا ڪجهه پهلوان به هئا ڏاڍو خوش نظر پئي آيا ۽ ان خوشيءَ ۾ غلباََ ڪشمير جي ناسپاتين ۽ عورتن جي نزاڪت ۽ سونهن جو وڏو دخل هو مگر هنن کي ڪهڙي خبر ته چند ميل اڳيان هنن کي موت سان مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي پهلوانيءَ جو ثبوت ڏيڻو پوندو ۽ هو ٿوريءَ دير بعد عورتن جيان رڙيون ڪندا کاهيءَ ۾ ناسپاتين جيان قلابازيون کائيندا ويندا --------! ان لاريءَ ۾ ڪجهه ريشمي برقعا سر پر ڪري رهيا هئا مگر ڪيترين ئي نقاب هٽائي ڇڏيا هئا، هڪ بدصورت عورت جنهن نهايت خوبصورت برقعو پاتو هو زور سان چٻاڙيل پان جي ٿڪ سڙڪ تي اڇلي ۽ ڦينگون اٿي ڪري چشمي جي ويجهو اچي پيون ۽ هو پري سرڪي ويو. ٽي مزدور پنهنجن مضبوط مٿن تي سوڙهيون ٽوپيون پائي، ڪلهن تي لوڻ جا وڏا وڏا ڳنڍا کنيو وڃي رهيا هئا، سندن ناسون ڦنڊيل ۽ ڳل ڳاڙها ۽ پيرن ۾ چپليون پاتل هيون، هن کي هڪدم اها چوڻي ياد آئي ته ”ڪشمير وڃي اسان ڏٺي هڪ عجيب ڳالهه، عورتون آهن مثل پرين جي ۽ مرد جي ذات ----!،“ ٻه گجر عورتون، جوان سانوريون سلوڻيون، ڳاڙهيون ڳٽول، جيئن پڪل ڄمون، تيز تيز وکون کڻنديون لنگهي ويون.
    هڪ ڊرائيور پنهنجي لاري چشمي جي ڪناري بيهاري انجڻ کي ٿڌو ڪرڻ لڳو، لاري ۾ هڪ ٿلهي سيٺ جو متارو ڪتو هن کي ڏسي ڀونڪڻ لڳو ”ٽامي شٽ اپ“ ٿلهي سيٺ ڪئي ڀيرا چيو مگر ڪتو نه مڙيو ۽ لاريءَ جي موڙ تائين ڀونڪندو رهيو، هاڻ صبح، صبح ۽ ٻنپهرن جي وچواري وقفي ۾ اچي ويو هو، هن هلڻ جو سوچيو، هن سوچيو ته هو اڄ رات چو ميل جي ڊاڪ بنگلي ۾ ترسندو، ڳڙهي ته هو اڄ رات ڪنهن به طرح پهچي ڪين سگهيو هو، هن پنهنجو ٻڪ چشمي جي صاف ۽ شفاف پاڻي پيئڻ لاءِ ڀريو، ايتري ۾ خاموش قدمن سان هڪ عورت هن جي ڀرسان اچي وئي، جوانڙي، ڀريل جسم، کيس نيرن گلن واري سوسيءَ جي وڏي سلوار پاتل هئي. هن کي سندس ڪاري قميص تي هن جي اڀريل ڇاتيءَ جا ٻه گول گول اڀار نظر آيا ۽ چشمي جو صاف ۽ شفاف پاڻي هن جي ٻڪ کان ٻاهر ڇلڪڻ لڳو ۽ ڪجهه عرصي بعد هن جون نگاهون انهن اڃايل ڳاڙهن چپن کي ڏسي ڪري هن کي پنهنجو سوال اجايو محسوس ٿيڻ لڳو، عورت چشمي مان ٻڪ ڀري، ڀري پنهنجي اڃ اجهائڻ لڳي مگر هن جي اڃ اڃان به تيز ٿيندي وئي، عورت جا چپ ۽ ڳٽا ڀڄي ويا ۽ ڪنن جي ڀرسان وڪڙ کائيندڙ زلف به ----! ۽ پوءِ اوچتو ٻنهي جون نگاهون مليون عورت مسڪرائي پنهنجي اکين کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ لڳي، هن پڇيس ”تون ڪيڏانهن وڃي رهي آهين؟
    عورت کلي وراڻيس ته ”اسان ڌنار ماڻهو آهيون ۽ رڍن، ٻڪرين جا ڏڻ پاليندا آهيون، هن موسم ۾ انهن مٿانهونهن علائقن تي ڏاڍا گهاٽا گهٽا گاه برف جي ڳرڻ کان پوءِ ڦٽي پوندا آهن جن کي اسان جا جانور ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن ۽ چشما ته اتي هن کان به وڌيڪ ٿڌا ۽ مٺا آهن“ هن ڳالهه بدلائيندي چيس ته ”تون ڪڏهن موٽر ۾ سوار ٿي آهين“
    ها هڪ ڀيرو لاريءَ ۾ چڙهي هيس جڏهن منهنجي شادي ٿي هئي“، گهڻو عرصو ٿيو؟ ”ٻه سال.“
    هو پنهنجو سامان سهيڙڻ لڳو، عورت جي نڪ تي پاڻيءَ جا ٻه ڦڙا اڃا به چمڪندا نظر پئي آيو ۽ ڀڳل وار سندس کٻي ڳل سان چهٽيل هيس، هن وراڻيس ته ”تنهنجي نڪ تي پاڻيءَ جون بوندون آهن“ ۽ پوءِ هڪ ٻئي گڏوگڏ کلڻ لڳا، ٻه ٻوندو، ٻه سال، ٻه گولائيون ۽ پوءِ هن آهستي چيس ته ”اچ تون منهنجي ڪار ۾ ويهه، گهٽ ۾ گهٽ ستن اٺن ڪوهن تائين ته مان توکي گڏ وٺي هلي سگهان ٿو، هن ان عورت جو هٿ پڪڙي ورتو، عورت ٿورو شرمايو، ليڪن موٽر جو دروازو کليل هو ۽ هن کيس اندر ڌڪو ڏنو، ۽ پوءِ ڇا هيءَ موٽر به ٻن ماڻهن جي سفر لاءِ نه بڻائي وئي آهي ڇا؟“. هڪ مرد ۽ گهڻو ڪري ٻي عورت ۽ هن غيرارادي طور تي پنهنجو هڪ هٿ عورت جي چليهه ۾ وجهي ڇڏيو، عورت جي جسم ۾ معمولي چرپر پيدا ٿي، ڄڻ ته ڪنهن ستل سمنڊ جون لهرون جاڳي پيون هجن، موٽر ڊوڙندي رهي، ۽ هن جو انگ انگ باهه جيان ٻرڻ لڳو، باهه ۽ سمنڊ جنهن ۾ بلند ڪوٽ جون بلنديون .... به غرق ٿي وينديون آهن ۽ وقت جو فاصلو مٽجي ويندو آهي. جڏهن هو چوميل جي ڊاڪ بنگلي وٽ پهتو ته هر طرف شام جي اداسي ڇانيل هئي، سامهون وارو ڪارو پهاڙ ڪنهن ڪشاده قلعي جي ديوار جيان معلوم ٿي رهيو هو ۽ وڻن جون چوٽيون ڄڻ پهريدارن جون بندوقون، کيس ماحول جي تنهائي کان خوف محسوس ٿيو. پنهنجو پاڻ کان ۽ انهي اونداهي کان به جيڪا هن جي روح تي ڇانيل هئي. رات جي گهرن پاڇولن جيان ڄڻ ته هو انهيءَ مجبوريءَ جي ڌٻڻ ۾ اندر ئي اندر لهندو رهيو هجي، هن ڊاڪ بنگليجي بيري کي سڏ ڪيو ”هڪ وائيٽ هارس کولي ڇڏ“ ۽ پوءِ هُن ڏهين رپئين جو نوٽ بيري کي هٿ ۾ ڏنو. ههڙي پياري شيءِ جي ڀيٽ ۾ ڏهين رپئين جي نوٽ جي ڪهڙي حيثيت! ڪاغذ جو حقير ٽڪرو، بوتل پنهنجي اکين اڳيان ڏسي هن سوچيو ته هاڻ مان بچي ويندس، هاڻ انهيءَ ڌٻڻ ۾ ڪونه ڦاسندس ۽ هن بوتل جي ڳچيءَ کي زور سان پڪڙي ورتو ته جيئن هو هن کان پاڻ ڇڏائي ڀڄي نه وڃي. هن بيري کي آواز ڏنو.
    ”جي سرڪار“
    ”هڪ مرغي ڀُڃي وٺ، ڏس سنهي ۽ سُڪل نه هجي“
    ”حاضر سائين“، ۽ هان ڏس ”هن بيري جي هٿ ۾ پنجين جو نوٽ ڏيندي چيس ته هڪ .... وٺي آءُ، ڏس سنهي ۽ سڪل نه هجي، توکي به انعام ملندو، بيري جون واڇون ٽڙي ويون، اکين ۾ چمڪ اچي ويس، سندس ڪنڌ جون رڳون به ڪاسائيءَ جيان ڇڪجي ويس. هن خوش ٿيندي وراڻيو ته ”؟ سائين فڪر نه ڪريو اهڙو عمدو چوزو آڻيندس جو.....!
    ”وڃ، وڃ“ هن جلدي ۾ چيس ۽ بوتل کي گلاس ۾ اوتڻ لڳو، ڊاڪ بنگلي جي باغ ۾ طوطو ۽ مئنا واري، واري سان ٻولي رهيا هئا، طوطو چوي پيو، پين پين پين ۽ مئنا پئي چيو ٽري – ري –ري، پوءِ ٻئي چپ ٿي ٿي ويا ۽ انهيءَ مهل ڪوئي نظر نه ايندڙ پکي ڪنهن وڻ تي پنهنجا پرڙا ڦڙ ڦڙائڻ لڳو، پوءِ مئنا ٻولڻ لڳي ٽري – ري-ري، ۽ طوطو پي پي پي ۽ هو پيئندو ويو ۽ هُن جي دل جي اداسي وڌنڌي وئي، ڊاڪ بنگلي ۾ ان وقت ڪوبه ڪونه هو ۽ هن سوچيو ته هو هن وقت گيريج ۾ وڃي پنهنجي موٽر کي چنبڙي پوي ۽ رئي روئي کيس چوي ته ”مان اڪيلو آهيان، منهنجي جان مان اڪيلو آهيان، مونکي توسان محبت آهي“ .... ٽري ري ري جي جي – جي ..... پي.... پي ..... پي، ڇا هو جيئي يا پيئي.......! بوتل خالي ٿي وئي ۽ هو ميز تي مٿو ٽيڪي جهڪڻ تي هو ته اوچتو ڪنهن هن جي ڪنڌ کان وٺي لوڏيس، بيرو هن جي ڀر ۾ بيٺو هو ۽ هن سان گڏ هڪ عورت به هئي ”تون ڪير آهين؟“ هن هٻڪندي پڇيس، ”منهنجو نالو زيبده آهي“ عورت ڏڪندڙ آواز ۾ وراڻيو ”هو ڪرسيءَ جو سهارو وٺي اٿيو ۽ ڪمري اندر وڃڻ لاءِ مڙيو“ مان ڪمري ۾ پاڻ ئي هليو ويندس، هو انهيءَ وقت پاڻ کي ان بهادر سياح جيان محسوس ڪري رهيو هو، جيڪو ڪنهن ڀوائتي قبرستان مان گذري رهيو هجي، هڪ اونداهي چادر هر طرف ڦهليل هئي، صرف ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ننڍڙي بتي ٻري رهي هئي ...... چئني پاسي انڌيري جو راڄ ۽ وچ ۾ روشني جو مينار.......!
    هو انهيءَ روشنيءَ طرف وڌندو ويو، شايد هو هاڻ بچي ويندو. اوچتو هن پٺيان دروازي بند ٿيڻ جو آواز ٻڌو ۽ هو رڪجي ويو، بيري عورت کي ڪمري اندر ڌڪو ڏئي دروازو ٻاهران بند ڪري ڇڏيو ۽ عورت دروازي سان لڳي بيهي رهي.
    اچ.... اچ .... هن عورت طرف هٿ لوڏيندي ۽ جهومندي چيو ”هيڏانهن اچ، روشني هيڏانهن آهي“
    عورت هوريان هوريان وکون کڻندي هن جي ويجهو اچي وئي، هن جي وارن جي پوري وچتي هڪ سڌي سينڌ نڪتل هئي، چانديءَ جي تار مثل ۽ هن اُن سينڌ جي ٻنهي پاسي خوبصورت انداز ۾ سٿو لڳايو هو جيڪو ميڻ بتيءَ جي روشني ۾ بار بار چمڪيو پئي ۽ هن جي ڪنن ۾ چانديءَ جي هڪ، هڪ والي به لڙڪي رهي هئي، هن عورت جي ڪلهي تي جهڪي رازدارانه لهجي ۾ چيس ته اداس ڇو آهين؟.... تنهنجو نالو ڇا آهي؟
    زبيده، هن بيجان انداز ۾ وراڻيو
    ق”شبيده..... شبيده.... هن کلندي چيو ”شبيده .... هون! ...... ڏاڍو سٺو ....... هن جي چمڪندڙ وارن تي هٿ ڦيريندي چيو، هي ڇا آهي.... شبيده.... پياري ..... ش......ش..... شبيده! هي سٿو آهي، جيڪو جهنگل جي جيگن مان ٺهندو آهي، هن سان وار خوبصورت....! خوب شورت؟ ...... خوب شورت شبيد آ .....آ.....! هن مرڪ ۽ سزڏڪي جي گڏيل لهجي ۾ ورڻيو ”تون ڏاڍي خوبصورت آهين شبيده“. هن زبيده جي صفا ۽ گلابي رخسارن تي آڱريون ڦيريندي چيو، پوءِ هو جدا ٿي پري هٽي بيهي رهيو ۽ آڱر سان هن طرف اشارو ڪري چوڻ لڳو ”تون .... تون...... شبيده آهين؟ .....؟ ..... نه ...... تون منهنجي ماءُ آهين! هي هي هي“ ۽ هو هن جي ويجهو ٿي ويو، عورت هڪدم هن جي ٻانهن کي جهٽڪو ڏنو، ڄڻ ته هن کي ڪنهن نانگ ڏنگيو هجي ”ها ..... ها..... ها....“ هن رڙڪ ئي ”ش..... ش..... شبيده مان گنهگار آهيان، شبيده تون هتي ڇو آئي آهين ...... اخ .... هي هي هي؟“
    ”مان غريب آهيان“ زبيده آهستي چيو، ”غريب؟“ ها .... ها.... ها، منهنجو ٻار بيمار آهي جيرو، منهنجو ننڍڙُ جيرو، ڏاڪدر چيو آهي ته هن کي نمونيا ٿي وئي آهي، ڏاڪدر چار رپيا في گهري ٿو ۽ بيري مونکي صرف ٽي روپيا ڏنا آهن، خدا جي واسطي مونکي هڪ رپيو ٻيو به ڏي“.
    نومونيا؟ ها.....ها....ها، هن کي خ....خ.... خيراتي اسپتال ۾ کڻي وڃ؟ ..... نمونيا...... ننڍڙو جيرو .....“ هت هڪڙي اسپتال ئي ته آهي ”عورت اداس لهجي ۾ وراڻيو ۽ اها به خيراتي ...... منهنجا خدا مان ڇا ڪريان ..... مان توکي پيرين ٿي پوان ....... خدا جي واسطي مونکي هڪ رپيو ٻيو به ڏي ..... صرف هڪ رپيو.“
    بس بس، فڪر نه ڪر ..... نه ...... نه ننڍڙي شبيده، هو هن جي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي چوڻ لڳو ته ”مان توتي مران ٿو، خوبصورت شبيده“، مان اڪيلو آهيان ...... مان اڪيلو آهيان..... مون کي توسان محبت آهي ..... مان اڪيلو آهيان..... مون کي بچاءَ شبيده، هو عورت جي ڪلهي تي مٿو رکي زار زار روئڻ لڳو.
    هو ستو پيو هو، عورت جي ڳچيءَ ۾ هن جو ڀاڪر هو، جهڙيءَ طرح وائٽ هارس جي بوتل تي، هن جون آڱريون..... بتيءَ جي مدهم روشني لڏي لمي رهي هئي، اونداهي رات جي خاموشي ۾ نظر نه ايندڙ طوطو ۽ مئنا، اڃان تائين ٻولي رهيا هئا .... جي ..... جي.... جي...... پي ...... پي..... پي..... مگر هنن کي ٻڌڻ وارو اتي ڪوبه ڪونه هو، کاهي هنن جي مٿان هموار ٿي چڪي هئي، هو جڏهن جاڳيو ته نشي جو خمار لهي چڪو هوس، بتي اجهامي چڪي هئي اونداهي جا پاڇا غائب ٿي چڪا هئا، طوطو ۽ مئنا خاموش هئا، صبح جي هلڪي روشني چئني پاسي بکي رهي هئي ۽ هوءَ اڃان تائين هن جي ڀاڪر ۾ مدهوش .... پئي هئي .... اگهاڙي، سٿي سان سينگاريل وار وکريل هيس، سندس خوبصورت ڳچيءَ تي سرخ نشان هيس جنهن کي هو بار بار چُمي رهيو هو، هن پنهنجي اڌ کليل اکين سان هن کي پيرن کان چوٽيءَ تائين ڏٺو، سڊول، گداز، قالب ۾ ڍليل جسم ..... هو آهسته آهسته هن جي خوبصورت پنين تي آڱريون گهمائڻ لڳو، عورت جي سڄي وجود ۾ هڪ لرزش پيد اٿي .... ڄڻ ته ستل سمونڊ جون لهرون سجاڳ ٿيون هجن. هن جي چپن مان هڪ سرد آه نڪتي ۽ هن آهستي ئي آهستي انهيءَ مدهوشيءَ جي حالت ۾ چيو ”جيرا ...... منهنجا پيارا ....... ننڍڙا جيرا ......“ ۽ پوءِ هن جا اڌ کليل چپ اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ مليا، جيئن ماءُ پنهنجي پياري ٻچي کي چمي رهي هجي.
    ...... ننڍڙو جيرو؟ ..... اوچتو ئي اوچتو هن ڇرڪ ڀريو. گذريل رات جا پوائتا پاڇا هن جي اکين اڳيان ايندا ويا ...... ننڍڙو جيرو .... نمونيا ..... ڏاڪدر ..... هو ..... ڏڪڻ لڳو ....... ٽي رپيا .... چار رپيا ... صرف هڪ رپيو، هن هڪدم پنهنجون ٻانهون هن جي ڳچيءَ مان ڪڍي ورتيون، منهنجو ننڍڙو جيرو ..... ۽ هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته هو پنهنجي ماءُ سان زيادتي ڪري رهيو آهي ... هو هڪدم بستري تان ٽپو کائي زمين تي اٿي بيٺو، ۽ حيران، حيران نگاهن سان انهيءَ عورت کي ڏسڻ لڳو، جيڪا هينئر جاڳي چڪي هئي ۽ اگهاڙي هئي، ۽ سڄي رات هن جي ڀاڪر ۾ گذاري چڪي هئي.
    هن رڙ ڪئي چيس ته ”ڍڪ ڍڪ پنهنجو پاڻ کي ڍڪ، هن ڪمبل ۾ ...... هٽي وڃ منهنجي اڳيان .... ڇو ههڙي طرح پريشاني وچان مونکي ڏسي رهي آهين!..... ٻڌين نٿي ڇا؟ ..... مان چوان ٿو، اٿي .... اٿي ... منهنجي بستر تان ... وٺ ..... وٺ.... هڪ رپيو، ٻه رپيا.... ٽي رپيا.... چار رپيا.... هي سڀ وٺي ڇڏ. ڀڄي وڃ هتان! ڀڄ! ڀڄ!! ڀڄ!!! ۽ هن انهي عورت کي ڪمبل ويڙهائي، هن جا ڪپڙا سندس هٿ ۾ ڏئي کيس ڪمري کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
    گهڻي دير تائين هو بستري تي ٻئي هٿ مٿي کي ڏيئي پريشان ويٺو رهيو، دل ۽ دماغ تي هڪ نامعلوم پريشاني ڪوريئڙي جي تانيءَ مثل ٺهيل هئي جيڪا هن کي بار بار پريشان ڪري رهي هئي ۽ هن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي آئي. هو بار بار پنهنجن الجهيل وارن ۾ آڱريون وجهي انهي ڪوريئڙي جي تاني کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، آخر جڏهن بيري اچي کيس چيو ته ”صاحب! غسل خاني ۾ گرم پاڻي پيدو اٿو“ تڏهن هو بيدليءَ سان اٿيو ۽ پوٽيشم پرمئگنيٽ جي پچڪاري کڻي غسل خاني ۾ هليو ويو. طبيعت بي مزي ٿي پئي هيس ۽ وات جو ڪسارو ذائقو هوش ۾ اچڻ کان پوءِ به نه مٽيو هوس، ڪلها ٿڪيل هيس، غسل ڪري ورانڊي ۾ پيل ميز تي ٺونٺيون اڀيون ڪري ناشتي جو انتظار ڪرڻ لڳو، ۽ پنهنجو پاڻ کي لعنت ملامت به!!، حالانڪه بيري ناشتي تي به بيئر جي بوتل حاضر ڪئي.
    بيئر جي خوشبودار ذائقي هن جي خيالن کي بدلائي ڇڏيو، هن جي طبيعت خوش ٿي وئي ۽ هو آهستي آهستي گنگنائڻ لڳو. گذريل رات جون گهڙيون خوشگوار ۽ دلڪش ٿينديون ويون، سٿي سان چمڪدنڙ وار ..... ڪاري قميص تي ڇاتيءَ جا اڀريل خم .... نهالو جو لافاني حسن ....... بلبل جو گيت .... پيهي جي پي پي پي ۽ صوف جا گل چانڊويڪءَ ۾ کلندڙ.....!
    اوچتو ئي اوچتو ڪنهن رستي ۾ چشمي جو ٿڌو ۽ مٺو پاڻي، هن جي اکين اڳيان (تصور ۾) بڙ بڙ ڪري ٻاهر وهندي نظر آيو ۽ هن کي پنهنجي ڪار ياد اچي وئي، جيڪا گيرج ۾ بيٺي هن جي واٽ نهاري رهي هئي، هو اٿي بيٺو ۽ بيري کي انعام ڏيندي کانئس پڇيو ته ”ڳڙهي جو ڊاڪ بنگلو هتان کان گهڻا ميل پري آهي؟“
    ”هڪ سو ڏهه ميل سائين.“
    ”هان“ بيري جو نالو ڇا آهي؟.
    ”خام شاه سائين“
    ”هو“
    ”ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي“ بيري چيو، توهان جهڙن صاحبن جو پراڻو خادم آهي سائين“
    ڊاڪ بنگلي جي ويجهو موڙ ڪٽيندي نيري رنگ جي ڪار کيس ملي جيڪا ڊاڪ بنگلي ڏانهن اچي رهي هئي. هڪ متاري جسم ۽ ڪشادي پيشاني وارو ماڻهو جنهن کي ڪاري ڦندڻ واري رومي ٽوپي پاتل هئي، ڪار هلائي رهيو هو، هن جي بغل ۾ هڪ عورت ويٺي هئي. نيري سوسيءَ جي سلوار، ڪاري قميص تي ڇاتيءَ جا اڀريل خم ۽ اکين ۾ عادي ڏوهارين جهڙي اداسي ۽ هو دل ئي دل ۾ کليو، ”واقف نه آهين تون ئي هڪ هن راز جو....“ .... غريب عورتن پنهنجي خيالي عصمت جي خاطر پهاڙن تي بلند ڪوٽ بڻايا هئا، مگر حقيقت اها هئي ته هنن جا پيڪا ۽ ساهرا هڪ مٺي چشمي کان ٻئي مٺي چشمي تائين ۽ هڪ ڊاڪ بنگلي کان ٻئي ڊاڪ بنگلي تائين محدود هئا. هن دل ئي دل ۾ خدا تعاليٰ جا لک لک شڪر ادا ڪيا جنهن انهن ماڻهن کي غريب بڻائي هنن لاءِ دلڪش راتيون مهيا ڪيون هيون....! زبيده وائيٽ هارس ۽ ڀڳل مرغي ... خدا يا تو ڪهڙيون ڪهڙيون نه نعمتون بڻايون آهن..... هن جي تخيل ۾ ڳڙهي جو ڊاڪ بنگلو هڪ پرستاني قلعو نظر اچڻ لڳو ۽ هن پنهنجي ڪار جي رفتار تيز ڪري ڇڏي.
    موڙ جي اڳيان ۽ پٺيان، ديال ۽ چيل جي گهاٽن ۽ ساون جهنگلن جي وچ ۾ چاندنيءَ جي تار وانگر چمڪندڙ پڪي سڙڪ ڦهلي رهي هئي. هڪ مٺي چشمي کان ٻئي مٺي چشمي تائين، هڪ ڊاڪ بنگلي کان ٻئي ڊاڪ بنگلي تائين، هڪ امير جي کيسي کان ٻئي امير جي کسي تائين، هيءَ اهائي چانديءَجي تار آهي جنهن انسانن جون دليون اونداهيون ۽ عورتن جون عصمتون ويران ڪري ڇڏيون آهن ۽ سماج جي روح کي سوزاڪ جي جهنم ۾ ساڙي ڇڏيو آهي.

    (سنڌيڪار: عطاءُ الله ابڙو)


    30. ماسي ايسري

    مان گرافٽ ميڊيڪل ڪاليج ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ هوس ۽ پنهنجي وڏي ڀاءَ جي شاديءَ تي ڪجهه ڏينهن لاءِ لاهو رآيل هوس. هتي شاهي محلي جي ويجهو گهٽي ٺاڪر داس ۽ اسان جو اباڻو گهر هو ۽ اتي ئي پهريون ڀيرو منهنجي ملاقات ماسيءَ سان ٿي .
    ماسي ايسري اسانجي سڳي ماسي ته ڪانه هئي مگر هن جي شخصيت اهڙي ته پياري هئي جو هن کي ڏسي هر هڪ جي دل هن کي ماسي چوڻ لاءِ لڳي بيقرار ٿي پوندي هئي. در جي ٻاهران جڏهن هن جي بکي بيٺي ته ڪنهن ڏاڍيان رڙ ڪري چيو ته ”ماسي ايسري اچي وئي “ ته ڪيترائي ٻڍاتوڙي جوان ا۽ عورتون به هن کي ملڻ لاءِ ڊوڙيون ، ٻن ٽن ، ڄڻن ٽيڪ ڏيئي کيس لاٿو ڇو ته ماسي ڪجهه وڌيڪ ٿلهيري جسم جي مالڪ هئي، ٿوري هلڻ ۽ گهڻي ڳالهائڻ سان هن جو ساهه به منجهڻ ٿي لڳو هن جي ٻن، ٽن، مائٽن ته هڪدم پنهنجن کيسن ۾ هٿ وجهي بگيءَ جي ڀاڙي ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي مگر ماسيءَ سڀني کي کلي چيو ته هوءَ اڳ ۾ ئي ڀاڙو ڏئي چڪي آهي،تنهن تي سندس مائٽن جا منهن ڏک ۾ ئي ڀرجي آيا ۽ پئسا کيسن ۾ واپس وجهندي چيائون ته ”ماسي تو هيءَ ڇا ڪيو “؟ ايتري ننڍڙي خدمت جو موقعو به تو اسان کي ڪونه ڏنو ۽ جڏهن هوءَ پنهنجن سڪهندڙ ساهن سان ڳالهيون ڪندي ڪندي مرڪي، ته مونکي ڏاڍي سٺي لڳي. هوءَ پنهنجي ڀر ۾ويٺل جوان عورت کان وڃڻو و‎ٺي پاڻ کي هڻندي ۽ مسڪرائيندي اڳتي وڌي وئي .
    ماسي جي عمر سٺ سالن کان گهٽ ڪانه هئي ، هن جي مٿي جا وار کير جهڙا اڇا هئا، جيڪي هن جي ڀريل ،ڀريل ، گول گول ڪڻڪائين چهري تي ڏاڍاسٺا ٿي لڳا. هن جو سهڪندي ، سهڪندي معصوميت ڀريو ڳالهائڻ ته سڀني کي وڻندو هو پر مون کي هن جي چهري ۾ هن جون اکيون وڏيون غير معمولي نظر آيون، جن کي ڏسي مونکي ڌرتيءَ جو ۽ ان تي ميلن تائين پري ، پري، پکڙيل فصلن ۽ ڪنهن وڏي اونهي درياءَ جي ڪشادي پاڻيءَ جي چادر جو خيال ۽ ان سان گڏو گڏ اهو به خيال پئي آيو ته هن جي اکين ۾ جيڪا معصوميت آهي تنهنجي ڪا به ڪنڌي يا ڪنارو ناهي ۽ جيڪا معصوميت آهي تنهنجي ڪابه حد ناهي ۽ جيڪو درد آهي ان جي ڪوبه دارون ناهي، مون اڄ تائين اهڙيون اکيون ڪنهن به عورت جي چهري تي ناهن ڏٺيون جيڪي ايتريقدر وسيع ۽ بي ڪنار هجن جو زندگيءَ وڏي کان وڏو حادثو به هن اڳيان هڪ معمولي ڪک کان وڌيڪ حيثيت نه رکي !
    اهڙيون اکيون جيڪي پنهنجي وهڪري ۾ سڀ ڪجهه لوڙهي کڻي وڃن غير معمولي ۽ عجيب و غريب معاف ڪرڻ واريون شفقت ڀريون اکيون ....!
    ماسي ايسريءَ کي ڪاسني رنگ جو گهگرو پاتل هو ،جنهن تي سونهري کوٽي جي ڪني چمڪي رهي هئي، سندس مٿي تي ٻٽي ململ جو قرمزي رئو ۽ هٿن ۾ سونا ڪنگڻ جڏهن هوءَ گهر جي اڱڻ ۾ داخل ٿي ته چئني پاسي چو ٻول پئجي ويو ،چاچيون ، ماسيون، ڀينر، ڀاڄايون ، ڌيئر ننهر سڀ جو سڀ هڪ ئي وقت ماسيءَ کي پيرين پوڻ ۽ ملڻ لاءِ ڊوڙيون .هڪ عورت جلديءَ ۾ هڪ صندلي سوري ماسيءَ کي ويهڻ لاءِ ڏني جنهن تي ماسي ويهي واري ، واري سان سڀني کي ڳلي لڳائي ۽ مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرائي سڀني کي دعائون ڏيڻ لڳي ۽ هن جي ڀر ۾” هيرو مهريءَ جي ڌيءَ سوتري “ خوشيءَ وچان واڇون ٽيڙي زور زور سان وڃڻو هڻي رهي هئي. تائي ايسري گهر کان هڪ رنگين بجڪي کڻي آئي هئي جيڪا هن جي پيرن ۾ صندليءَ جي ڀر سان پيل هئي، هوءَ نمبر وار هر هڪ کي دعائون ڏيندي پئي وئي تقريبا سو کان وڌيڪ پائليون هن گذريل ويهن منٽن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون. جڏهن سڀ عورتون ۽ مرد، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين هن کي پيرين پئي پنهنجي، پنهنجي پائلي وٺي چڪا تڏهن پنهنجو منهن مٿي ڪري وڃڻي هڻڻ واري ڇوڪريءَ ڏي واجهائي کانئنس پڇيو ته ”تون ڪير آهين “ مان سوتري آهيان ڇوڪريءَ شرمائيندي وراڻيو. اوهان تو جئي ڪشن جي ڇوڪري آهين مان وساري ويٺي هيس، اچ مونکي ڀاڪر پاءَ ماسي ءَ هن کي ڳلي لاتو بلڪه هن جون منهن به چمي ورتو ۽ جڏهن هن پنهنجي بجڪيءَ مان هن کي پائلي ڪڍي ڏني ته گهر ۾ موجود سڀئي عورتون ٽهڪ ڏئي کليون پر ماسي ڪرتارو ته پنهنجي نيلم پوتل منڊيءَ واري آڱر اڀي ڪري چيو ته ماسي هيءَ جئه ڪشن جي ڌيءَ سوتري نه پر هيرو مهريءَ جي ڌيءَ سوتري آهي .
    هاءِ مان مري ويس !! ماسيءَ هڪدم گهٻرائجي چيو ۽ هن جو دم منجهڻ لڳو، هاڻي ته مونکي وهنجڻو پوندو !
    مون ته هن جو منهن به چميو آهي ، هاڻ ڇا ڪريان؟
    ماسي ايسريءَ وڏين ، وڏين حيران نگاهن سان هيرو مهريءَ جي ڌيءَ سوتريءَ کي ڏٺو جيڪا هاڻ هن ريت ڌڪار جڻ تي روئڻ لڳي هئي، ماسيءَ کي هڪدم هن تي رحم اچي ويو هن وري ڇوڪريءَ کي ٻانهن کان پڪڙي ڇاتيءَ سان لاتو، نه ، نه تون ڇو ٿي روئين، تون ته بيخبر آهين، تون ته ديوي آهين، تون ته معصوم آهين! تنهنجي ته دل ۾ ڀڳوان ٿو رهي!، تون ڇو ٿي روئين؟ ”مان کي ته پنهنجي مذهب خاطر وهنجڻو پوندو“ پر تون ڇو ٿي روئين؟ هان هيءَ وٺ ٻي به پائلي، ماسيءَ هن کي ٻي به پائلي ڪڍي ڏني، ٻي پائلي وٺي سوتري پنهنجا ڳوڙها اگهي مسڪرائڻ لڳي. ماسي هٿ مٿي کڻي پريان دالي مان گذرندڙ هيرو مهريءَ کي ڏسي وڏي سڏ چيس ته اڙي هيرو منهنجي لاءِ پاڻي رک ته مان غسل ڪريان توکي به هڪ پائلي ڏيندس، تنهن تي هڪ دفعو ٻيهر محفل کل ۾ ويڙهجي وئي.
    هن جا ماءُ، پيءُ ڪير هئا؟ اها ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي، خود چندروءَ به ان جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي ۽ سڌو حلوائي به هن کي گاريون ڏيندي اڪثر ائين چوندو هو ته، هو چندروءَ کي سڙڪ تان کڻي آيو هو ۽ ان تي چندروءَ ڪڏهن به حيرت جو اظهار ڪونه ڪيو ۽ نه سڌو لاءِ سندس دل ۾ شڪراني جا ڪي نرم جذباتيءَ ڪڏهن اڀريا، ڇو ته هن کي ٻي ڪا به زندگي ياد ڪونه هئي جيڪا هن اڳ ڪنهن ٻئي هنڌ گذاري هجي، هن کي ته بس ايترو ئي معلوم هو ته ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي ماءُ پيءُ هوندو آهي ۽ ڪن کي نه!! ڪنهن ماڻهو پنهنجن گهرن وارا هودنا آهن ته ڪي وري هن وانگر ڏاڪڻين جي هيٺان سمهي زندگي گذاريندا آهن، ڪي گاريون ڏيندا آهن ته ڪي وري گارين سهڻ تي مجبور هوندا آهن، ڪي ڪم ڪندا آهن، ته ڪي وري ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن، بس ائين ئي آهي هيءَ دنيا ۽ ايئن ئي رهندي، ٻن خانن ۾ ورهايل يعني هڪ اهي جيڪي مٿان وارا آهن ۽ ٻيا هيٺيان وارا! هيئن ڇو آهي؟ هونئن ڇو نه آهي؟ جيڪي آهي اهو ڪڏهن کان؟ ڇو؟ ۽ ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿو؟ هو اهو سڀ ڪين ڄاڻندو هو ۽ نه ئي هو اهڙي قسم جي ڳالهين ۾ ڪا دلچسپي به رکندو هو، پر جڏهن به هو پنهنجي ذهن تي زور ڏئي ڪجهه سوچڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هن کي اهو ئي سمجهه ۾ ايندو هو ته جهڙي طرح هو جوئا جي داءَ لڳائڻ لاءِ ڪڏهن، ڪڏهن هوا ۾ سڪو اڇلي ٽاس ڪندو آهي، تهڙيءَ طرح هن جي پيدا ڪرڻ واري به هن جي ٽاس ڪري کيس انهيءَ خاني ۾ وجهي ڇڏيو هوندو جيڪا هينئر هن جي قسمت آهي.
    اهو چوڻ به غلط ٿيندو ته چندروءَ کي پنهنجي قسمت کان ڪا شڪايت هئي، هرگز نه! هو هميشه خوش رهڻ وارو، محنت ڪرڻ وارو، ڊڪي ڊڪي دل و جان سان ڪم ڪرڻ وارو ڇوڪر هو، هو رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مشغول پئي رهيو جو هن کي ڪڏهن بيمار ٿيڻ جي به فرصت ڪانه ملي.
    ڪراچيءَ ۾ ته هو هڪ ننڍڙو ڇوڪر هو، مگر بمبئي اچڻ کانپوءِ هن جو جسم ڪافي وڌيو، گندمي رنگ صاف ٿيڻ لڳس، وارن ۾ گهنڊڙيون پوڻ لڳس، اکيون وڌيڪ روشن ۽ وڏيون، هن جي اکين ۽ چپن کي ڏسي محسوس ٿيندو هو ته هن جي ماءُ ضرور ڪنهن وڏ گهراڻي جي سريت رهي چڪي هوندي، وري هن جي ڪشادي سيني، ٻانهن، جي مضبوط ڏورن ۽ سخت هٿن کي ڏسي اهو محسوس ٿيندو هو ته سندس پيءُ انهيءَ خاندان جو ڪوئي جانٺو جوان ۽ همت ڀريو نوڪر رهيو هوندو، ڇو ته اهڙي قسم جي ناجائز پيداوار کي ئي عام طور تي سڙڪن تي اڇلايو ويندو آهي.
    چندروءَ جي دنيا ۾ آواز جو انهيءَ حد تائين گذر هو جو هو فقط ٻڌي سگهندو هو پر ڳالهائي نه! هونئن نه ته گهڻو ڪري اڪثر گونگا، ٻوڙا به ٿيندا آهن مگر هيءُ صرف گونگو هو- تنهن ڪري سڌو حلوائي هن کي هڪ ڀيرو ڊاڪٽر وٽ به وٺي ويو، ڊاڪٽر چندروءَ کي چڱي طرح تپاسي حلوائيءَ کي چيو ته ”هن جي نڙي:ءَ ۾ ڪو پيدائشي نقص آهي جيڪو آپريشن ذريعي دور ٿي سگهي ٿو ۽ کيس ڳالهائڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو، مگر سڌوءَ اهڙي ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي، هن سوچيو ته ”اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيو جو هن جو نوڪر صرف ٻڌي سگهي، پر جواب ڏئي نه سگهي“ ۽ چندروءَ جو اهو نقص سڌوءَ جي نظر ۾ سڀ کان وڏي خوبي بنجي ويو. هن دنيا ۾ ته مالڪن جي اڌ زندگي انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ گذري ويندي آهي ته ڪهڙيءَ طرح پنهنجن نوڪرن کي گونگو بڻائي رکن، ان لاءِ قانون جوڙيا ويندا آهن، پارليامينٽون سجايون وينديون آهن، اخبارون ڪڍيون وينديون آهن، پوليس ۽ فوج جا پهرا بيهاريا ويندا آهن، ته ”بڌو مگر جواب نه ڏيو“ پر چندرو ته پيدائشي گونگو هو ۽ سڌو به اهڙو بيوقوفو ڪونه هو جو هو چندروءَ جو آپريشن ڪرائي.
    سڌو به دل جو خراب ڪين هو، پر پوءِ به پنهنجي مخصوص حالتن، مخصوص حدن اندر پنهنجي مخصوص سوچ رکندو هو، هو چندروءَ کي چاهيندو به هو ۽ ان جي ڳالهه جو فخريه اظاهر به ڪندو هو ته هن چندروءَ جي پرورش سندس اولاد وانگر ڪئي آهي، ڀلا ڪير ٿو ڪنهن يتيم ٻار جي پرورش ڪري پالي نپائي وڏو ڪري روزگار سان لائي. جيستائين چندرو ننڍو هو، سڌو هن کان گهرو ڪم ڪار وٺندو هو پر جڏهن چندرو ٻالپڻي جي وهيءَ کان گذرڻ لڳو ته سڌو هن وسطي هڪ نئون ڌنڌو سوچيو.
    مٺائيءَ جي دڪان تي ته هن جا پٽ ويهندا هئا انڪري هن چندروءَ واسطي چاٽ وڪڻڻ جو ڌنڌو سوچيو، هستي آهستي هن چندروءَ کي چاٽ بنائڻ جو هنر سيکاريو، گول گپا، ڏهي پيڙا، تيز مصالحي دار پاپڙيون، چهرا چڻا، سموسا، ڪچوريون، ٻٽالون جون ٽڪيون ۽ مختلف قسم جون چٽڻيون مثلا ٿوم جي، ڳاڙهن مرچن جي، سائي فودني جي، سنڍ جي، بصرن ۽ ڏاڙهون ڪڻ وغيره، وري مختلف قسمن جي چاٽ، ڏهي پيڙن جي چاٽ ٻٽالن جي چاٽ، پاپڙيءَ جي چاٽ وغيره. جيترن سالن ۾ چندروءَ اهو ڪم سکيو اوترن سالن ۾ هڪ ڇوڪرو ايم، اي ڪري وٺندو آهي، مگر سڌوءَ جو گهر بيڪار گريجوئيٽن پيدا ڪرڻ جي يونيورسٽي ڪونه هو، هن جڏهن ڏٺو ته چندرو پنهنجي ڪم ۾ ماهر ٿي ويو آهي تڏهن هن هڪ چئن ڦيٿن واري ريڙهي خريد ڪري ان تي چاٽ جا ٿالهه سينگاري کيس ڏيڍ رپيو روز تي ڪم تي لڳائي ڇڏيو، جتي چندرو چاٽ وڪڻڻ لڳو، اتي ڪوبه هن جو حريف ڪونه هو، سڌو وڏي سوچ ويچار کان پوءِ ان جڳهه جو انتخاب ڪيو هو، گارلنگ روڊ تي پاڻيءَ واري نل جي ڀر ۾ ٽيليفون ايڪسچينج جي سامهون هن پنهنجي ريڙهي آڻي بيهاري، اها جڳهه ڪافي پر رونق هئي، هڪ طرف يونين بينڪ، ٻئي طرف ٽيليفون ايڪسچينج ته وري ٽئين طرف ايراني هوٽل ۽ چوٿين طرف گهوڙ بندر روڊجو ناڪو، وچ تي شام جي وقت خوش لباس نوجوان ڇوڪرا ‎ ۽ ڇوڪريون اتان گذرند اهئا، چندروءَ جي چاٽ چهري، تازي ۽ ... هئي، هو ڳالهائي ڪين سگهندو هو مگر هن جي مسڪراهٽ ڏاڍي دلڪش، سودو هميشه کرو، تور صاف ۽ پوري، ڀلا هڪ گراهڪ کي ٻيو ڇا گهرجي؟
    چندروءَ جي چاٽ ذائقيدار هجڻ ڪري شام جي وقت هن جي ريڙهيءَ تي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا هجوم، اچڻ لڳا چندروءَ کي سڌو حلوائيءَ ڏيڍ رپيو روز مزوريءَ تي بيهاريو هو مگر هاڻ هو کيس ٽي رپيا ڏيڻ لڳس چندرو جيڪو اڳي ڏيڍ روپئي روز تي خوش هو ته هاڻي ٽي روپيا ملڻ تي به خوش هو ڇو ته خوش رهڻ هن جي عادت هئي هن کي ڪم ڪرڻ پسند هو ۽ هو پنهنجي ڪم ۾ ماهر به هو هن کي پنهنجي ڪم سان دلچسپي هئي ۽ هن پنهنجي گراهڪن کي خوش رکڻ جو فن به ڄاتو پئي هو سارو ڏينهن چاٽ تيار ڪرڻ ۾ مصروف رهندو هو ۽ شام جو چئين بجي ڌاران پنهجي ريڙهي ڪاهي اچي ناڪي تي بيهندو هو جتي اٺين بجي رات تائين بغير ڪنهن ساهي پٽڻ جي ڪم ڪندو رهندو هو اٺين بجي هن جو مال ختم ٿي ويندو هو ۽ هو ريڙهي واپس ڪاهي اچي مالڪ جي گهر پڄندو هو، ماني کائي فلم تي هليو ويندو هو جتان رات جو ٻارهين وڳي موٽي ڏاڪڻ جي پٺيان تڏو وڇائي سمهي پوندوهو ۽ صبح جو اٿي وري پنهنجي ڪم کي کي لڳي ويندو هو اها هئي هن جي زندگي ۽ اها ئي هئي هن جي مختصر ۽ محدود دنيا. هو بي فڪر ۽ زنده دل هونه ماءُ نه پيءُ، نه ڀاءُ نه ڀيڻ نه ٻار نه ٻچو، ٻين ماڻهن جا گهڻائي خانا هوندا آهن مگر هن جو صرف هڪ ئي خانو هو ٻيا ماڻهو گهڻن ئي حصن ۾ ورهايل هوندو آهن ۽ انهن ئي حصن کي گڏ ڪري انهن جي شخصيت ڏٺي ويندي آهي مگر چندرو هڪ ئي ڪاٺيءَ جو ۽ ڪاٺ جي هڪ ئي ٽڪري جو ٺهيل هو هو جهڙو اندر هو تهڙو ئي ٻاهر هو پنهنجي وجود ۾ بي جوڙ مڪمل هو.
    سانوري پاروءَ کي هن کي پريشان ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو ڪنن ۾ چانديءَ جا والا لوڏيندي پيرن ۾ ڇير ڇمڪائي جڏهن هوءَ پنهنجي ساهيڙين سان گڏ جي هن جي ريڙهي تي اچي بيهندي هئي ته چندرو سمجهي ويندو هو ته هاڻ هن جي شامت آئي آهي ڏهي پيڙن جي پليٽ تي ٿورو ٽڪرو پيڙي جو بچائي هن کي ڏيکاري چوندي هئي ته ” اڙي گونگاتون ٻوڙو به آهين ڇا“؟ مان ڏهي پيڙا ڪونه گهريا هئا ڏهي پٽا ڪري گهري هيم هاڻ هن جا پئسا ڪير ڏيندو تنهنجو پيءُ؟
    ايترو چئيءَ هوءَ تقريبا اها خالي پليٽ هن کا ڏيکاريندي حقارت سان زمين تي اڇليندي هئي.
    هو جلدي هن لاءِ ڏهي پٽا ڪري جي پليٽ ٺاهڻ لڳندو هو پارو اهاپليٽ به اڌ کائي اڌ بچائي کيس ڪاوڙ جي چوندي هي ته ”ايترا مرچ وڌا اٿئي _ هان ! _ ايترا مرچ ؟جي چاٽ ٺاهڻ ڪونه ٿي اچيئي ته پوءِ ريڙهي ڪاهي هيڏي ڇو ٿو اچين؟ کڻ پنهنجي پليٽ واپس ۽ ايتري ۾ هوءَ اوبر ٿيل پليٽ کي پنهنجي آڱرن جي ننهن ۾ ڦاسائي ريڙهي مٿان ڦيرائيندي کيس ٿالهه ۾ واپس وجهڻ جي ڌمڪي ڏيندي هئي ان تي هن جو سهليون کلنديون هيون ۽ پڻ تاڙيون به وڄائينديون هيون چندرو ٻنهي هٿن سان نه نه جو اشارو ڪندي پارو کي پنهنجي اوبر زمين تي هارڻ جو اشارو ڪندو هو. ” اڇا سمجهي ويس ته تنهنجي ڇولن جي ٿالهه ۾ هاريان “ پارو ڄاڻي واڻي هن جو اشارو غلط سمجهندي“ ان بچيل پليٽ کي هرو ڀرو ٿالهه ۾ هارڻ جي اداڪاري ڪندي هئي تنهن تي چندرو جلدي جلدي پريشان انداز ۾ زور زور سان انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي کيس زمين ڏانهن هارڻ لاءِ اشارو ڏيندو هوس ۽ پارو ٽهڪ ڏئي کيس چوندي هي ته“ اڇا زمين تان مٽي کڻي تنهنجي ٿالهه ۾ وجهان؟ ايتري تي چندرو اڃان به وڌيڪ پريشان ٿي ويندو هو ۽ ٻئي هٿ زورسان لوڏي کيس منع ڪندو هو پڇاڙيءَ ۾ پارو هن کي ڌمڪي ڏيندي چوندي هئي ” پوءِ جلدي ڪر آلوءَ جون ڇهه ٽڪيون تري ڏي ۽ خوب گرم مسالي وارا چڻان ڏجانءِ، سنڍ به وجهجانس، نه ته هي اوبر بچيل پليٽ وجهانءَ ٿي چڻن جي ٿالهه ۾ _؟
    چندرو خوش ٿي کلي ڏ يندو هو ته سندس ٻٽيهه ئي ڏند ظاهر ٿي پوندا هيس، نرڙ تي سرڪي آيل وارن جي چڳ پوئتي هٽائيندي ٽوال سان هٿ صاف ڪندو جلدي، جلدي پارو ۽ هن جي سهلين لاءِ آلوءَ جي ٽڪيون ترڻ ۾ مصروف ٿي ويندو هو.
    پوءِ پارو حساب ۾ ڄاڻي واڻي چندروءَ کي تنگ ڪرڻ خاطر ڦڏو ڪندي هيس، ” سٺ پئسن جو ٽڪيون، ٽيهن پئسن جي پلي، ڏهي پيڙا ته مون گهريائي ڪونه هئا، ڀلاانجا پئسا ڇو ملندئي؟ _ اهي ٿي نوي پئسا ڏهه پئسا ڪلهوڪا رهيل _ وٺ روپيو!! “
    گونگو چندرو پئسن وٺڻ کان انڪار ڪندو هو، ڪڏهن پاروءَ جون شوخ چمڪندڙ اکين کي ڏسندو هو ته ڪڏهن هن جي مخروطي آڱرين ڏڪندڙ نوٽ کي _ ۽ ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪندي کيس حساب سمجهائڻ بيهي رهندو هو ۽ اهو وقت قيامت جو هوندو جڏهن هو پاروءَ کي حساب سمجهائڻ لاءِ ڏهي پيڙن جي ٿالهه ڏي اشارو ڪري پنهنجي آڱر وات تي رکي، چٻ، چٻ جو آواز پيدا ڪندي ڄڻ ته هن کي چوندو هجي ” ڏهي پيڙا کاڌا ته اٿئي، انهيءَ جا پئسا ڇو ڪونه ڏيندينءَ_؟
    ٽيهه پئسا ڏهي پيڙن جا به هت رک! هو پنهنجي پيتيءَ مان ٽيهه پئسا ڪڍي پاروءَ کي ڏيکاريندي چوندو هو تنهن تي پارو اڃان به شوخ ٿي چوندي هيس ته ” اڇا ٽيهه پئسا مون کي واپس ٿو ڏين؟ ”هيڏي ڪر“ تنهنتي چندرو هڪدم هٿ پوئتي ڪري وٺندو هو ۽ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي کيس چوندو هو ته مونکي نه پر توکي ڏيڻا پوندا هي ٽيهه پئسا، هو پنهنجي ڏسڻي آڱر پاروءَ ڏانهن ڊگهيريندي اشارو ڪندي چوندو هيس ته ”اڙي پنهنجو هٿ پوئتي ڪر نه ته هڻندي سانءِ جتي“ جتي تنهن تي چندرو گهٻرائجي ويندو هو ۽ پاروءَ جي دٻائڻ تي مجبور ۽ هيسيل نگاهن سان پاروءَ کي ڏسڻ لڳندو هو ته پارو کي به مٿس رحم اچي ويندو هو ۽ کيسي مان پورا پئسا ڪڍي کيس ڏئي ڇڏيندي هئي ۽ چوندي هيس ته ” تون حساب ۾ ڏاڍي ٺڳي ٿو ڪرين؟ صبحاڻي کان مان تنهنجي ريڙهيءَ تي ڪو نه ايديس، پرٻئي ڏينهن هوءَ ٻيهر اچي ويندي هئي، هنکي چندروءَ کي تنگ ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، هاڻي ته چندروءَ کي به مزو اچڻ لڳو هو جنهن ڏينهن پارو چاٽ کائڻ ڪونه ايندي هيس ته اهو ڏينهن هن جو ڏاڍو اداس، اداس گذرندو هو.
    جنهن هنڌ تي چندرو ءَ جي ريڙهي بيهندي هئي ان جي سامنهن يونين بئنڪ هئي، مگر چندرو آهستي آهستي پنهنجي ريڙهي سوريندو، پاروءَ جي گهٽيءَ جي بلڪل سامنهن اچي بيهڻ لڳو، هاڻ هو پاروءَ کي پري کان ئي گهران نڪرندي آساني سان ڏسي سگهندو هو. پهرئين ڏينهن جڏهن چندرو پنهنجي ريڙهي اتي آڻي بيهاري ۽ پارو ريڙهيءَ جي مٽيل جڳهه تي ٿورو ڇرڪي به هئي ته ٿورڙو ڪاوڙي به هئي.
    اڙي تون ناڪي کان هيڏي ڇو آيو آهين؟ گونگي چندرو ءَ ٽيليفون ايڪسچينج جي عمارت طرف اشارو ڪري ڪجهه ڏيکاريائيس، جتي ڪيبل وڇائڻ لاءِ زمين کوٽي وئي هئي ۽گهڻيئي ڪارا، ڪارا پائيپ به اتي رکيل هئا، سبب معقول هو پارو لاجواب ٿي وئي ۽ زمين به هموار ٿي وئي تڏهن به چندرو پنهنجي ريڙهي اتان ڪونه هٽائي، تڏهن وري پارو به کيس ڪجهه ڪين چيو، ها البته هن جي چنچل طبيعت ۾ اڃان به اضافو اچي ويو ان ڪري هوءَ چندوءَ کي اڃان به وڌيڪ ستائڻ لڳيون هيون ۽ پڻ ڪيترائي ننڍڙا ڇوڪرا به ! مگر انهن ڇوڪرن کي چندرو دڙڪا ڏئي ڀڄائي ڪڍندو هو. هڪ دفعي هن پارو جي سهيلين کي به تنگ اچي تڙي ڏني، تنهن تي پارو ايتري ته ناراض ٿي جو هن ايندڙ ٽن، چئن ڏينهن تائين چندرءَ کي ستائڻ ڇڏي ڏنو! تنهن تي چندرو کي ايئن لڳو ڄڻ ته آسمان مٿائنس ڪري پيو هجيس يازمين هن جي پيرن هيٺان ڦاٽي پئي هجي ته “ پارو مون ستائي ڇو نه ٿي“ هن طرح طرح جا حيلا هلايا ته جيئن پارو هن کي ستائي مگر جڏهن ايئن ڪرڻ جي باوجود به پاروءَ جو رويو نه بدليو۽ هوءَ نهايت مهذب طريقي سان چپ چاپ ٻين عام گراهڪن وانگر ڪجهه فاصلي تي رهي چاٽ کائي هلي ويندي هئي، ته چندرو پنهنجي بيوقوفيءَ تي ڏاڍو پشيمان ٿيو هڪ دفعو هن بجاءِ پاروءَ جي پاڻ ئي حساب ۾ گهپلو ڪيو، سوا روپيو ٿيندو هو مگر هن ڄاڻي واڻي پاروءِ کان پوڻا ٻه روپيا گهريا، خوب جهڳڙو ٿيو آخرڪارا چندروءَ ڪنڌ جهڪائي پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ اها ڄڻ ته هڪ قسم جي سڀني پوين غلطين جي تلافي هئي چندرو ڏاڍو خوش ٿيو، ڇو ته پارو ۽ هن جي سهيلين وري هن کي ستائڻ شروع ڪيو هو، بس هن کي ايتروئي ته کپندو هو هڪ ڇير جو ڇمڪو ۽ هڪ شرير مسڪراهٽ جيڪا هن جي گونگي ۽ ويران دنيا کي پل کن ۾ روشن ڪري ڇڏيندي هئي!! ۽ پوءِ جڏهن پاروءَ جا قدم پنهنجي سهلين سان گڏ جي ويندا هئا ته هوپاروءَ جي ڇير جي ڇمڪي کي ٻين جي ڇمڪي کان الڳ محسوس ڪري سگهندو هو، جيئن ته ٻيون ڇوڪريون به ڇير پائنديون هيو مگر پاروءَ جي ڇير جي ڇمڪار ئي ڪجهه ٻي هئي، ڇو ته هن جي موسيقي جيڪا سندس ڪنن ۽ هن جي دل جي تاريڪ شرميلي ڪنڊ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي . بس ايترو ئي ڪافي هو هن لاءِ ۽ هو انهيءَ ۾ ئي خوش هو.
    اوچتو مصيبت نازل ٿي، هڪ ٻي ريڙهيءَ خوبصورت ڊزائين چئني پاسن کان چمڪندڙ شيشا لڳل. پتل جي بجاءَ چينيءَ جون چمڪندڙ پليٽون، ريڙهي واري سان گڏ هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪرو به هو ، جنهن گراهڪ کي وڏي ڦرتيءَ سان چمچي سوڌي پليٽ ۽ هڪ هٿن اگهڻ لاءِ رومال به پيش پئي ڪيو ۽ کين پاڻي به ٿي پياريو. چاٽ واري جي گهڙي جي ڳچيءَ ۾رابيل جي گلن جو هار به ويڙهيل هو، هن کان علاوه هن هڪ هار پنهنجي ٻانهن جي ڪرائيءَ ۾ به ٻڌي ڇڏيو هو. جڏهن هر مصالحيدار پاڻي ۾ گول گپا ٻوڙي پليٽ تي رکي گراهڪ جي هٿن ڏي سرڪائيندو هو ته چاٽجي وڻندڙ خوشبو سان گڏوگڏ رابيل جي خوشبو به گراهڪ کلي ڪري اها پليٽ ڪنهن تحفي جيان خوش ٿي وٺندو ۽نئين چاٽ وارو گونگي چندرو کي حقير نگاهن سان ڏسي ٽوڪ واري انداز ۾ وڏي سڏ اهو چوندو هو ته ”چکو“
    هاڻ هڪ، هڪ، ٻه ، ٻه ٿيندا چندروءَ جا گهڻائي گراهڪ نئين ريڙهيءَ واري ڏي وڃڻ لڳا تڏهن به چندرو کي ڪا خاص پريشاني ڪا نه ٿي، هو سوچڻ لڳو ته پرواه ناهي، نانءُ وڏو، ديهه ويران،“يا وڏو دڪان ڦڪوطعام“ وارو سلسلو آخر ڪيستائين هلندو ڀلاچندرو جي سٺن ۽ صحيح مصالحن واري چاٽ جو مقابلو ڪير ڪندو ڇو ته هن اهو پهرين ڏينهن ئي محسوس ڪري ورتو هو ته گراهڪن کي نئين چاٽ واري جي چاٽ، چمڪدار پليٽن ۽ هوٽل نما سروس جي باوجود به پسند ڪونه آئي هئي هو اڳي کان به وڌيڪ توجهه سان پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو. ايتري ۾ هن جي ڪنن اوچتو ڇمڪي جو آواز ٻڌو، ان سان گڏو گڏ هن جي دل به زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، هن اکيون کڻي ڏٺو گهٽيءَ مان پارو پنهنجي سهيلين سميت ڇير ڇمڪائيندي اچي رهي هئي جهڙو هو هنن جو ڇمڪو، تهڙو هو سندن ڳالهائڻ هن ڏٺو ته اهي فضا ۾ ابابيلن جيان ترنديون سڙڪ پار ڪري نئين ريڙهي واري ڏانهن وڌڻ لڳيون. مگر پارو نئين ريڙهي واري کي ڏسي بيهي رهي ته ان سان گڏو گڏ هن جون سهيليون به بيهجي ويون هوڏانهن چندرو به کين ساه کڻڻ بغير ڏسندو رهيو، پارو هڪ ترڇي نگاه سان چندرو جي ريڙهي کي ڏسي نخري سان نڪ کي موڙو ڏئ، هڪ ادا سان پنهنجي سهيلين کي وٺي نئين ريڙهي واري وٽ وڃي بيٺي. تون به .......... تون به ......... پارو ....... تون به !!! چندرو جو چهرو شرم ۽ ڪاوڙ وچان ڳاڙهو ٿي ويو سندس شريانين ۾رت ٽهڪڻ لڳس، هو ڪجهه به ڳالهائي ڪونه سگهيو ڄڻ ته هن جي نڙي به رت سان ڀرجي وئي هجي، هن کي ڏسڻ سان ائين محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ هو ڳالهائڻ جي بيحد ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هو انهيءَ ڪوٽ جي ڀت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن هن جي روح جو محاصرو ڪيو هو، هن کي ڏسڻ سان ايئن پئي لڳو ته ڄڻ هو ڄاڻ رڙڪري چوندو ته ؟ تون ..... تون به............ پارو تون به .....!!!!!
    مگر لفظ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پياهئا ۽ هن جي ڪن ڪنهن ايندڙ طوفان جا آواز ٻڌي رهيا هئا، هن جو سڄو جسم رڦي رهيو هو، سندس ڳالهائڻ جي آخري ڪوشش ڄڻ ته ڪنهن لوهه جي ديوار سان ٽڪرائجي پرزا، پرزا ٿي وئي هجي ۽ هو ڪنڌ جهڪائي پنهنجن گراهڪن ڏي متوجهه ٿي ويو مگر ان ڇير جي ڇمڪار اڃان تائين هن جي بيقرار دل ۾ موجود هئي، پارو ۽ سندس سهيليون نئين ريڙهيءَ واري جي چاٽ کائي واپس وڃي رهيون هيون ۽ ويندي ويندي ان جي ساراهه به ڪنديون پئي ويون انهن سڀني ۾ پاروءَ جو آواز سڀني کان اوچو هو. ”واهه ڪهڙي ذائيقيدار چاٽ اٿس ڪهڙا ته صحيح مصالحا اٿس، هن مئي (چندرو ڏانهن اشارو ڪندي ‎) پراڻي ريڙهي واري کي ته چاٽ ٺاهڻ جي تميز ئي ڪانهي“ هي ته اسان کي اڄ تائين پتل جي ڪسيل پليٽن ۾ چاٽ کارائيندو رهيو آهي، اڙي هن کي ته ڏسو .......! پارو هٿ لوڏي چندرو طرف اشارو ڪيو ” ڪپڙا ڪهڙا گندا۽ غليظ ..... لڳي ٿو ته هفتي کان وهتوئي ناهي، هڪ به رومال ڪونه اٿس............ جڏهن هٿ اگهڻ لاءِ ڪجهه گهروس ته اهوئي ..... پنهنجو ميرو ٽوال کڻي ڏيندو.“ ”اونهه“ پارو سنهڙا سنهڙا چپ ٽوڪڻ واري انداز ۾ ٻاهر ڪڍي چوڻ لڳي ته مان ته ڪڏهن هن چاٽ واري جي منهن تي به ڪونه ٿڪيان“ ان کان وڌيڪ چندروڪجهه به ٻڌي ڪين سگهيو، هن جي اکين اڳيان اونداه اچي، وئي هن گونگن جيان هڪ خوفناڪ رڙ ڪري نئين ريڙهي واري تي حملو ڪيو، هن نئين ريڙهي ۽ جا سڀ شيشا ڀڃي کيس اونڌو ڪري ڇڏيو ڪجهه دير بعد پوليس آئي چندرو کي گرفتار ڪري وٺي رئي ، هن عدالت ۾ پنهنجو ڏوهه باسيو، عدالت هن کي ٻه مهينا جيل ۽ پنج سو رپيا ڏنڊ وڌو، ڏنڊ نه ڏيڻ جي حالت ۾ چار مهينا وڌيڪ قيد بامشقت ڪٽڻو پوندو.
    سڌو حلوائي هن جو ڏنڊ ڪونه ڀريو ................۽ ٻيو ڀلا هو به ڪير جيڪو هن جو ڏنڊ ڀري ها ! تنهنڪري چندرو پورا ڇهه مهينا قيد ڪاٽيو، جيل مان ڇٽڻ بعد هو وري به سڌو حلوائيءَ جي گهر موٽي آيو ڇو ته ٻيو ڪوبه ٺڪاڻو کيس نه هو جتي هو موٽي وڃي سڌو حلوائي اول ته هن کي گارين سان وٺي، سندس بيوقوفين تي دير تائين گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو چندرو به دير تائين ڪنڌ جهڪايو صبر سان سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو” ڀلا جي هو گونگو ن نه به هجي ها ته هو ڪنهن کي ڇا چوي ها؟ هن جو ڏوهه رڳو اهو ڪونه هو ته ڪو هو ريڙهي واري سان وڙهيو هو، پر هن جو اهو به ڏوهه هو ته هن هڪ ڇير جي ڇمڪار ٻڌي هئي!!
    جڏهن سڌو حلوائي هن کي خوب گاريون ڏئي پنهنجي دل جي باهه ماري تڏهن هن چندروءَ کي ٻيهر ڪم تي لڳائي ڇڏيو، چندرو بيحدايماندار، محنتي ۽پنهنجي ڪم جو ماهر هو. جيل گهارڻ کان پوءِ ته هن لي هروڀرو به اهو معلوم ٿي ويو ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڪيتري نه خراب ڳالهه آهي، سڌو حلوئي وري به هن کي خوب سمجهائي، سيکاري ٻن، ٽن ڏينهن کان پوءِ ان ساڳئي هنڌ ريڙهي سميت روانو ڪري ڇڏيو.
    چندروءَ غير موجودگيءَ ۾ مڌو هڪ چڱو ڪم ڪيو هو هن چندوءَ جي ريڙهي کي نئون رنگ چمچا به نوان وٺي ڇڏيا هئا. چندرو ڇهن مهينن کان پوءِ ٻيهر ريڙهي ڪاهي روانو ٿيو، اٺين ڏهين ۽ يارنهين سڙڪ جتي هن جي ريڙهي پهريائين بيهندي هئي اتي هاڻ ان نئين ريڙهي واري قبضو ڄمائي ڇڏيو آهي. اهو ڇوڪرو. اهوئي ساڳيو ريڙهي وارو. ريڙهي واري چندروءَ کي گهوري ڏٺو، چندروءَ پنهنجون نگاهون ڦيرائي ڇڏيون، هن نئين ريڙهي واري کان ٿورڙو پرڀرو ايڪسچينج جي پاسي اچي ريڙهي آڻي بيهاري ۽گراهڪن جو انتظار ڪرڻ لڳو شام جا چار تا پنج ٿي ويا پر ڪوبه گراهڪ هن ڏي ڪونه آيو هڪ گراهڪ آيو به ته اهي نوان هئا ۽ چندروکي سڃاڻيندا ئي نه هئا اهي به چئن، اٺن آنن جي چاٽ کائي رهندا رهيا، اداس دل چندرو ڪنڌ جهڪايو پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهيو ڪڏهن ٽوال کڻي شيشا چمڪائڻ ٿي لڳو ته ڪڏهن ڏوئي وجهي پاري ۾ مسالي واري پاڻي کي گڏائڻ ٿي لڳو ته ڪڏهن چلهي جي باهه ٺيڪ ڪرڻ ٿي لڳو، آخر هو آهستي آهستي ٻٽالن جي ڪاتر، بيسڻ ۽ مصالحي ۾ وجهي ٽڪيون ترڻ لڳو ..
    اوچتو هن جي ڪنن ڇير جي ڇمڪار ٻڌي ۽ دل زور، زور سان ڌڙڪڻ لڳس، رت جو دورو تيز ٿي ويس، هن پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻڻ چاهيو مگر کڻي نه سگهيو ......... ڇير جي ڇمڪار هينئر سڙڪ تائين پهچي چڪي هئي.نيٺ هن پنهنجي جسم جو سمورو زور لڳائي جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو ته هن جون نگاهون پارو تي وڃي پيون ۽ ڏوئي هن جي هٿ مان ڪري پئي سندس ٽوال به ڪلهي تان ڪري بالٽي ۾ ڀڄي پيو، ان مهل هڪ گراهڪ ڀر ۾ اچي چيس ته” مونکي ٻه سموسا ڏي“ مگر هن ڪجهه به ڪين ٻڌو، هن جي بدن ۾ جيترا به حواس هئا، جيترا به احساس هئا، جذبات هئا سڀ ڇڪجي هن جي اکين ۾ سمائجي ويا هئا، ان وقت هن جو جسم نه پر صرف اکيون ئي اکيون هيون، هيءَ هن جي ريڙهي هئي نه سندس ڀرسان چند وکن تي ٻي ريڙهي به بيٺل هئي، هو صرف اهو سوچي رهيو هو ته پارو ڪاڏي ٿي وڃي؟ڇوڪريون هوريان هوريان سُسُ، پُسُ ڪنديون هنن ٻنهي کي ڏسنديون نزديڪ اچي رهيون هيون سندن وچ ۾ تمام آهستي آهستي بحث به هلي رهيو هو ، اوچتو ڄڻ ته اهو بحث ختم ٿي ويو ڇوڪرين سڙڪ پارڪري نئين ريڙهي کي واري کي گهيري ورتو مگر چندروءَ جون نگاهون نئين ريڙهي واري ڏانهن ڪو نه هيون هو ان مهل خلا ۾گهوري رهيو هو، گهٽي ۽ سڙڪ جي ملاپ تي جتي اڄ ڇهن مهينن کان پوءِ پارو کي ڏٺو، هو ڪنڌ مٿي ڪيو؛ دنيا جهان کان بيخبر اوڏانهن ئي ڏسندو رهيو هو بت بنيو صرف خلا ۾ گهوري رهيو ته اوچتو وڏي تيزيءَ سان پارو پنهنجي سهيلين کان ڀڄي هن جي اڳيان هڪ ڏوهاري جيان چپ چاپ اچي بيهي رهي،انهيءَ وقت گونگو چندرو اوڇنگارون ڏيئي روئي پيو. اهي ڳوڙها ڪين هئا بلڪ الفاظ هئا، شڪراني جا، دفترهئا شڪايتن جا، اٻرندڙ ڳوڙها فصيح ۽ بليغ جملن جيان هن جي ڳلن تان وهي رهيا هئا، پارو ڪنڌ جهڪائي اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهي هئي،
    اڄ پارو گونگي هئي ۽ چندرو ڳالهائي رهيو هي، اڄ ڀلا هو کيس ڪيئن چوي ته ”اڙي چريان مون به ته پورا ڇهه مهينا انهن ئي ڳوڙهن جو انتظار ڪيو هو !!!


    31. مان باغي آهيان

    پن ڇڻ جا پهريان ڏينهن هئا.
    صبح جو ڌنڌ قيدين جي بيرڪن مٿان ڇانيل هو. ٿڌي هوا ۾ ڪنهن ڪچي گار جهڙي تيزي تکاڻ هئي. وڻن جا پن ڪنڌ جهڪايو ڪنهن جي پڇاڙڪن پلن جي انتظار ۾ هئا ۽ انساني لاشن کي ساڙڻ واريون بٺيون هوريان هوريان دونهون ڪڍي رهيون هيون.
    ليون پنهنجي قبر کوٽيندي ڪنڌ کڻي پوپلر جي ڊگهن وڻن جي قطار کي ڏٺو، جن سان يهودي قيدين کي ٻڌي، کين گوليون هنيون وينديون آهن. هڪ پل لاءِ هن جو ساهه بند پکيءَ وانگرهن جي سيني جي پڃري ۾ اٽڪيو ۽ گهٽبو آه بڻجي ٻاهر نڪتو، هن جي ڇاتي لڏي وئي پر گشت ڪندڙ نازي سپاهين جي پيرن کي ٿاٻو نه آيو. هو پابندي ۽ مضبوطيءَ سان يهودي قيدين جي چوڌاري گشت ڪندا رهيا، جن کي اڄ گوليون لڳڻيون هيون ۽ جيڪي هن وقت نازي سپاهين جي نگرانيءَ ۾ پنهنجون پنهنجون قبرون کوٽي رهيا هئا.
    ليون جي نظر پوپلر جي وڻن کان به مٿي ڇانيل ڌنڌ کي چيريندي، دونهين جي ان لڪير کي ڏسڻ لڳي جا ڪلهه تائين ڪنهن محبوبه جي مهڪندڙ خوشبوءِ هئي. ڪنهن معصوم ٻار جي مرڪ هئي، ڪنهن محبت ڪندڙ سائنسدان، فلسفي ۽ اديب جو دماغ هئي، اڄ انهن سڀني جي جاءِ تي دونهين جي هڪ لڪير هئي. جا ٻرندڙ بٺيءَ جي چمني مان نڪري هوا ۾ شامل ٿي هئي.
    جڏهن قبرون چڱيون ٿي ويون ته نازي سارجنٽ زور سان رڙ ڪئي.
    ”ڪم بند ڪيو“
    سڀني قيدين پنهنجي قبرن سامهون ڪوڏر ۽ بيلچا رکي ڇڏيا.
    ”فارورڊ مارچ!“ نازي سارجنٽ وري رڙ ڪئي.
    ليون جا قدم مشين وانگر پوپلر جي وڻن ڏانهن وڌڻ لڳا جتي ڪجهه ئي لمحن کان پوءِ کيس گولي هڻي ماريو ويندو. هو هوريان هوريان پنهنجي موت ڏانهن وڌڻ لڳو. هن جي پويان ٻيا يهودي قيدي هلي رهيا هئا. جيڪي مختلف جاين تان آڻي لودر جي نازي جيل ۾ بند ڪيا ويا هئا. انهن ۾ هن جو دوست ۽ ساٿي ابراهيم به هو. هو سائنسدان هو ۽ سرطان جي مرض تي تحقيق ڪري رهيو هو. سفيد ڏاڙهيءَ وارو پوڙهو ابراهيم اهو سمجهي نه سگهيو هو ته کيس ڪهڙي ڏوه ۾ گولي هنئي پئي وڃي. هن جي پويان هن جون ٻه جوان جماڻ ڌيئون ارڙهن ساله اينٿل ۽ سورهن ساله روزا ڪنڌ مٿي ڪيو بنا ڊپ جي هلي رهيون هيون. انهن جي پويان ٻيا به يهودي هئا جن کي ليون ڪونه ٿي سڃاتو. سڀ کان آخر ۾ هن جي محبوبه جين هئي. ڪاش هي نازي سپاهي ايتري مهرباني ڪن ها جو هن جي محبوبه کي هن سان گڏ گڏ زندگي جي آخري لمحن ۾ موت ڏانهن وڃڻ ڏين ها، پر نازي سپاهين هن جي اها خواهش به پوري نه ڪئي هئي. جين سان گڏ ٽن سالن جو معصوم ٻار هلي رهيو هو، جنهن جي يهودي ماءُ پيءُ کي ٻه ڏينهن اڳ گوليون هڻي ماريو ويو هو. ٻار جو هڪ هٿ جين جي هٿ ۾ هو، ۽ ٻي هٿ جو آڱوٺو وات ۾ چوسيندو هلي رهيو هو، پنهنجي زندگيءَ جي آخري لمحن کان بي خبر.
    اوچتو هڪ وڻ جي هيٺان لنگهندي، پري مٿي ڪنهن شاخ ۾ هڪ پن کڙڪيو ۽ تيز هوا جي جهوٽي سان ٽٽي اچي پٽ تي پيو. ننڍڙي ٻار پنهنجو هٿ ڇڏايو ۽ زمين تي رڙهندڙ پن جي پويان ڊوڙڻ لڳو. جين هن کي روڪڻ چاهيو، ٻين قيدين به کيس سڏ ڪيا پر معصوم ٻار قطار ڀڃي سائي پن جي پويان ڊوڙندو ويو. پن اڳيان اڳيان رڙهندو پي ويو ۽ ٻار ان جي پويان پويان........ نيٺ خوشيءَ مان رڙ ڪندي، ٻار ان پن کي هٿ ۾ کڻي ورتو،
    ٺيڪ ان وقت هن جي پٺيءَ ۾ گولي لڳي ۽ هو اتي ئي ڪري پيو. هن جي هٿ ۾ اهوئي سائو پن هو ۽ اهوئي آخري پن هو جيڪو ٽن سالن جي ٻار پنهنجي اکين سان ڏٺو.
    يهودي قيدين جي قطار ۾ هر چهرو ڏک ۽ ڪاوڙ کان تپي ويو پر نازي سپاهي رائيفلون کڻي هنن جي ويجهو اچي ويا ۽ بيوس قيدي وري پوپلر جي وڻن ڏانهن وڌڻ لڳا.
    ليون جي ويجهو هن جي دوست ابراهيم کي ٻڌو ويو، سڀ کان آخر ۾ جين کي ٻڌو ويو. ڀوري اکين واري بهادر جين، جنهن جي چپن تي ڳاڙهي لپسٽڪ چمڪي پي. اهو ڪنهن نخريلي عورت جو انداز نه هو. اهو موت جي خلاف هڪ معصوم ۽ بهادر ڇوڪري جي بغاوت جو اعلان هو.
    جڏهن سڀ يهودي وڻن سان ٻڌا ويا ته نازي سپاهي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رائفلون سڌيون ڪري بيٺا. ٺيڪ ان وقت هڪ سپاهي ڊوڙندو آيو ۽ سارجنٽ کي چيائين: ”لاش ساڙڻ وارين بٺين تي هڪ ماڻهو کٽي پيو آهي ۽ نوان قيدي ته سڀاڻي ايندا.“
    سارجنٽ هٿ جي اشاري سان سپاهين کي فير ڪرڻ کان جهليو ۽ پاڻ وڻن سان ٻڌل هڪ هڪ قيدي کي ڏسڻ لڳو. هر قيدي هن جي نظر پوڻ تي ڏڪڻ لڳو. هي سارجنٽ ڪنهن هڪ کي هڪ ڏينهن جي زندگي ڏئي سگهي ٿو.
    سارجنٽ جي بي رحم نظر سڀني قيدين تان کسڪندي ليون تي اچي بيٺي.
    ليون رڙ ڪندي چيو: ”نه سارجنٽ نه مون کي نه اهو ڏينهن تون جين کي ڏي، ابراهيم کي ڏي.“
    ”هڪ ئي ته ڏينهن آهي.“ نازي سارجنٽ نفرت مان چيو.
    ”هڪ ئي ڏينهن!“ ليون سوچيو. ”پر هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا ساه کڻي سگهجن ٿا. هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا منٽ، ڪيترا سيڪنڊ، ڪيترا خيال، ڪيترا تصور! هڪ ڏينهن ۾ ڪيتريون خواهشون، ڪيترا گل ۽ ڪليون ٽڙن ٿيون. هڪ ڏينهن هڪ زندگي، هڪ صدي، هڪ تاريخ ٺهي سگهي ٿي، پر انڌي شعور جي پٿريلي ميدان ۾ گشت ڪندڙ سپاهي ڇا ڄاڻي ته هڪ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو آهي.“
    پر نازي سارجنٽ هن جي اها خواهش به پوري نه ڪئي. ”جين هڪ ڇوڪري آهي.“ هن چيو: ”۽ ابراهيم پوڙهو...... لاش ساڙڻ واري بٺي تي مضبوط ماڻهو جي ضرورت آهي.“
    نازي سارجنٽ رڙ ڪندي هڪ سپاهي کي چيو: ”ليون جون رسيون کولي ڇڏ.“
    ڪجهه منٽن کان پوءِ ليون بٺي نمبر ٻه تي ڪم ڪرڻ لڳو.
    لاش ساڙڻ واريون بٺيون ڪنسنٽيريشن ڪيمپ جي مٿين ڪنڊ تي هيون ۽ اتان پنجاه وال جي فاصلي تي جيل جي لوهي جنگلي واري ڄاري هئي. ان ڄاري کان ٻاهر به چوڌاري نازي سپاهي گشت ڪندا ۽ پهرو ڏيندا هئا. پر اڄ ڌنڌ ايترو ته گهرو هو جو لوهي ڄاري اڌ کان وڌيڪ ڌنڌ ۾ ٻڏل ٿي نظر آئي ۽ نازي سپاين جا چهرا ڪن لمحن لاءِ ڌنڌ مان اڀريا ٿي ۽ وري ڌنڌ ۾ گم ٿي پي ويا.
    ”پنجاه والن جي فاصلي تي آزادي آهي.“ ليون بٺيءَ ۾ لاش وجهندي سوچڻ لڳو. ”صرف پنجاه وال جي پنڌ تي!“ ليون سان گڏ ٻه نازي سپاهي ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ٽي يهودي قيدي، سائو پن ليون جي اکين اڳيان نچڻ لڳو. ڄڻ اهو هن کي زندگيءَ جو پيغام ڏئي رهيو هجي.
    ”پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“ ليون ڪم ڪندي ڪندي سوچيندو به رهيو. پوءِ اوچتو بٺي نمبر 2 ۾ ڪا خرابي ٿي پئي ۽ هڪ نازي سپاهي مدد جي لاءِ اوڏانهن هليو ويو. هاڻي صرف هڪ نازي سپاهي هو ۽ چار يهودي قيدي. سڀني قيدين هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو، ڄڻ هڪ ئي خيال هڪ وقت تي چئني جي ذهن ۾ آيو هجي. اکين ئي اکين ۾ اشارا ٿيا ۽ هو پهرين کان به وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳا ۽ ڪم ڪندي ڪندي نازي سپاهي جي ويجهو ايندا ويا. نازي سپاهيءَ هڪ لمحي لاءِ بٺي جي اندر ليئو پاتو ۽ چيو: ”بس ڪيو، بس ڪيو. هاڻي اندر جڳهه ڪانهي.“
    ٺيڪ ان وقت لوهي چنبي وانگر هڪ مضبوط هٿ هن جي منهن کي بند ڪري ڇڏيو. نازي سپاهي رڙ به ڪري نه سگهيو. قيدين هن کي کڻي بٺي ۾ اڇلايو ۽ دروازو بند ڪري چڏيو.
    پوءِ هو پنجاه وال جي فاصلي تي لوهي ڄاري ڏانهن ڀڳا. ڌنڌ گهاٽو ۽گهرو هو. لوهي تارن جي ڄار مان قيدي مڇين وانگر ٻاهر نڪرڻ لڳا. هڪ گشت ڪندڙ سپاهي هنن کي ڏسي ورتو. خطري جي سيٽي زور زور سان وڄڻ لڳي. رائفلون سڌيون ڪري سپاهي ڊوڙڻ لڳا.
    ليون گهاٽي ڌنڌ ۾ ڊوڙندو ويو. گوليون هن جي ساڄي کاٻي کان سون سون سون ڪنديون نڪري ويون. هو هڪ ئي طرف ڊوڙندو ويو. اولهندي پاسي وڻن جو هڪ گهاٽو جهنگ هو. هو جهنگ ۾ اندر پري تائين ڊوڙندو ويو ۽ سهڪي سهڪي گاه تي ڪري پيو. پوءِ هن کي هوش نه رهيو ته هو ڪٿي آهي؟ هاڻي هن کي صرف ايترو ياد آهي ته بيهوش ٿيڻ کان اڳ هن جي نرڙ تي هڪ سائو پن چمڪيو هو.
    هو ڪيترائي مهينا هڪ روسي هاريءَ جي گهر ۾ لڪل رهيو. انهن ڏينهن ۾ نازين جي قبضي هيٺ آيل علاقي ۾ ڪنهن يهوديءَ وڏي دليري سان ان خطري کي منهن ڏنو ۽ ليون کي پنهنجي گهر ۾ پناه ڏني. پوءِ جڏهن لڳاتار روسي حملن سان نازي فوجون يو ڪرين کان ڀڄڻ تي مجبور ٿيون ته واپس ويندي باقي بچيل ڳوٺن ۽انهن جي گهرن کي ساڙيندا، ڦريندا ۽ تباه ڪندا پوئتي هٽڻ لڳا. نازي فوجن جي ڀڄڻ وقت ليون بدقسمتيءَ سان وري پڪڙجي پيو. نازين هن کي پناه ڏيڻ واري هاريءَ کي ٿڏي تي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو ۽ ليون کي وري لودر جي نازي جيل ۾ موڪليو ويو.
    پر جيل ۾ ڪنهن به ليون کي نه سڃاتو. هڪ ته هن جي چهري تي ڪيترن مهينن جي ڏاڙهي هئي. ٻي ته ڪيترين مصيبتن ۽ بکن ڪٽڻ ڪري هن جي صحت ڪري پئي هئي. جيل جو ڍنگ به هاڻي بدلجي چڪو هو. يوڪرين کان پوئتي هٽڻ وقت هٽلر حڪم ڏنو هو ته ڪنسٽريشن ڪيمپن جا نشان به مٽايا وڃن، جيئن دنيا کي هٽلر. جي جبر ۽ ظلم جو ثبوت نه ملي سگهي.
    سارجنٽ هڪ فهرست کڻي ليون وٽ آيو ۽ چيو: ”جوزف (ليون پنهنجو نالو مٽائي ڇڏيو هو.)
    تنهنجي گروپ ۾ ڏهه قيدي آهن ۽ هن فهرست ۾ 182 يهودي قيدين جا نالا آهن، جن کي سلسليوار 182 قبرن ۾ وڌو ويو آهي. توهان کي هرقبر کوٽڻي آهي ۽ سڃاڻپ لاءِ هر لاش سان گڏ قبر ۾ جيڪو ڪارڊ دفن آهي، ان کي ڪڍي فهرست سان ملائي چيڪ ڪرڻو آهي ۽ لاشن کي ٻاهر ڪڍي بٺي ۾ اڇلائڻو آهي ۽ قبرن کي ائين مٽائڻو آهي جو انهن جو نشان به ڪنهن کي نه ملي ۽ اهو ڪم چئن ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻو آهي.“
    ”چار ڏينهن ته گهٽ آهن سائين.“ ليون ادب سان چيو.
    ”هڪ ڏينهن وڌيڪ کڻو.“ سارجنٽ لاپرواهي سان چيو.
    ”هڪ ڏينهن وڌيڪ!“ ليون سوچيو، پر هو جلدئي قبرن کوٽڻ، لاش ڪڍڻ ۽ انهن کي بٺي ۾ وجهڻ کي لڳي ويا. پهريون ڏينهن ان ڪم ۾گذري ويو، پوءِ ٻيو ڏينهن به گذري ويو ۽ پوءِ ان رات الائجي ڇا ٿيو جو نازي سارجنٽ ليون جي گروپ جي سڀني قيدين کي جاڳائي زمين. ڀرڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هو سڄو ڏينهن ڪم ڪري چڪا هئا ۽ رات جو ڪم ڪرڻو نه هوندو هو پر نازي سارجنٽ ڏاڍو گهٻرايل ۽ ڊنل هو، شايد مورچن کان ڪا وڏي خبر آئي هئي.
    هو سڄي رات قبرن تي ڪم ڪندا رهيا. جيڪو قيدي ٿڪيو ٿي ان کي نازي سپاهي ماري ماري وري ڪم ڪرائيندا هئا. ڪم ڪرائيندي ڪرائيندي نازي سپاهي ڊنل اکين سان پوئتي به نهاريندا رهيا. آهستي آهستي سڀ قبرون سڌيون ٿي ويون، هاڻي صرف چار قبرون باقي رهيون.
    سارجنٽ فهرست ڏسي پڇيو: ”ابراهيم ايرين برگ؟“
    ”لاش موجود آهي.“ هڪ قيدي کليل قبر ڏسي چيو.
    ”اينٿل ايرين برگ؟“ ”لاش موجود آهي.“
    ”ليون ويلز؟“ سارجنٽ فهرست جو آخري نالو پڙهندي پڇيو.
    ”قبر خالي آهي“ ليون قبر ڏسي جواب ڏنو.
    ”قبر خالي آهي؟ ڪيئن خالي آهي“ سارجنٽ حيرت مان پڇيو. نازي سارجنٽ قبر جي چوڌاري ڦريو ۽ مايوسيءَ مان چيائين: ”اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ نازي فهرست ۾ غلطي ٿي نٿي سگهي. سڀني کي اسان ماريو، سڀني کي اسان پوريو لاش هتي هئڻ گهرجي.“
    ”پر لاش هتي موجود ڪونهي.“‏ ليون جي آواز ۾ طنز هئي.
    ”ته پوءِ لاش ڪيڏانهن ويو؟ سارجنٽ سوچڻ لڳو.
    ”لاش پاڻ هلي نٿو سگهي. لاش ڀڄي نٿو سگهي پوءِ لاش ويو ڪيڏانهن!؟“چيائين. ”جلدي ٻڌايو. نه ته توهان سڀني کي گولين سان اڏائي ڇڏيندس.“
    سارجنٽ ڪاوڙ مان رائفل سڌي ڪئي سڀني قيدين جا چهرا هراسجي ويا. سواءِ ليون جي.
    ليون هڪ طرف ڏٺو جتان روشني پي نروار ٿي. پر اها صبح جي روشني نه هئي. وڌندڙ روسي فوجين جي روشني جو لائو هو.
    ”جلدي ٻڌايو. مون کي بيوقوف نه بڻايو.“ نازي سارجنٽ جي آواز مان خوف ظاهر هو. ”ڀلا لاش پنهنجو پاڻ ڪيئن ٿو غائب ٿي سگهي؟“
    ليون هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو. ٻئي لمحي سموري فضا باهه ۽ بارود جي ڌماڪن ۾ ويڙهجي وئي. لودر ڪيمپ جي چئني پاسن کان روسي فوجن جو حملو ٿي ويو. نازي سپاهي خوف ۽ هراس کان هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. سارجنٽ به هڪ پاسي ڀڄڻ لڳو پر ليون هن کي ڪنڌ کان جهلي ورتو هن جي رائيفل کسي ورتي ۽ هن کي گهلي پنهنجي قبر وٽ آڻي چيو: ”سارجنٽ نازي جي فهرست ۾ هڪ غلطي باقي رهجي وئي. هنن انسان جي آزادي واري جذبي کي وساري ڇڏيو. هنن وساري ڇڏيو ته لاش به هلي واپس اچي سگهن ٿا ۽ هڪ ڏينهن ۾ تاريخ به بدلجي سگهي ٿي. سارجنٽ مان جوزف ناهيان. مان ليون ويلز آهيان. هن خالي قبر کي غور سان ڏس جيڪا منهنجي لاءِ کوٽي وئي هئي. ڄاڻين ٿو سارجنٽ هي قبر خالي ڇو آهي؟“
    ”نه“ سارجنٽ چيو.
    ”هاڻي هن خالي قبر ۾ نازي دفن ڪيو ويندو.“


    32. ڏهين جو نوٽ

    مان 8- نومبر 1946ع ۾ ناسڪ شهر ۾ پيدا ٿيس، ليڪن مون کي اتي رهڻ جو موقعو تمام گهٽ مليو. مان هڪ آواره سيلاني آهيان، ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ گهمندو رهيو آهيان. ۽ سدائين چڪر ۾ آهيان. جتي وڃان ٿو ماڻهو مون کي هٿون هٿ کڻي ٿا وٺن، ۽ مرڪندڙ چهري سان منهنجو استقبال ڪندا آهن. هن دنيا ۾ منهنجو ڪوبه دشمن نه آهي، سڀ دوست آهن. سڀئي مون کي چاهين ٿا. مون پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺو، سکيو ۽ وڃايو. ليڪن پنهنجي زندگيءَ جي بيشمار تجربن جي باوجود هڪ ڳالهه بنا کٽڪي جي چئي سگهان ٿو ته پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ مون جيڪا شهرت ۽ مقبوليت حاصل ڪئي، سا تمام ٿورن کي نصيب ٿي. اڄ تائين ڪنهن وڏي سياسي ليڊر يا فلم اسٽار کي به ايتري مقبوليت نه ملي، جا مون کي ملي آهي. ٻچو ٻچو مون کي سڃاڻي ٿو ۽ مون سان محبت ڪري ٿو:
    ”مان ڏهين جو نوٽ آهيان.“
    ڪيترن مهينن تائين مان مشهورفلم اسٽار شهزاديءَ جي ڊرائنگ روم ۾ فقيربابا جي فريم ۾ رکيل تصوير مٿان پيل هار ۾ ٽنگيل هوس. شهزادي، فقير بابا کي تمام گهڻو مڃيندي هئي. هن ڏهين، ڏهين رپين جي نوٽن سان پنجن سون رپين جو هار فقيربابا جي فريم ٿيل تصوير تي وڌو. شهزاديءَ جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ (جو دراصل هن جو ڀاءُ نه پر پٽ هو.) گهر جو لاڏلو هو، گهر جا ڀاتي هن کي پيار مان منو چوندا هئا.
    ائين ته منو کي سندس ماءُ ۽ شهزادي کيسي جي خرچي ڏينديون هيون؛ ليڪن منو دادلن ٻارن جيان تمام گهڻو خرچائو هو. هن پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کان سواءِ، فقير بابا کان به پئسن وٺڻ جو طريقو ايجاد ڪري ورتو، هو بلڪل ذهين ڇوڪر هو. جڏهن ماڻس ۽ ڀيڻس کيس کيسي جي خرچي نه ڏينديون هيون، يا سندس خرچي ختم ٿي ويندي هئي، تڏهن هو سڀني کان لڪي هڪ ڪرسيءَ تي اسٽول رکي فقير بابا جي تصوير تائين پهچي ويندو هو. ۽ هٿ جوڙ ڪري چوندو هو: فقير بابا! اڄ پوري کائڻ تي دل ٿي آهي. جيڪڏهن ناراض نه ٿين ته تنهنجي هار مان هڪ رپيو کڻان.“
    ”کڻان نه؟“
    ”بس، هڪ رپيو کڻندس صرف هڪ رپيو، وري ڪڏهن به ڪونه کڻندس.“ ان کان پوءِ منو کي ائين محسوس ٿيندو هو، ته فقير بابا تصوير مان گهوري کيس نهاري رهيو آهي ۽ کيس رپيي ڪڍڻ جي اجازت ڏيئي رهيو آهي. ان کان پوءِ هو تصوير کي چمي ڏيئي هار مان نوٽ ڪڍي هليو ويندو هو.
    ڪافي عرصي تائين ائين ٿيندو رهيو. ڪڏهن پوري لاءِ، ڪڏهن آئسڪريم لاءِ، ڪڏهن ڦوڪڻن لاءِ، ڪڏهن دوستن کي قرض ڏيڻ لاءِ هار مان نوٽ نڪرندا رهيا. شروع شروع ۾ ته خبر ڪانه ٿي پيئي، آهستي آهستي هار خالي ٿيندو رهيو، وچ وچ مان گنجو ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن عين انهيءَ وقت هو پڪڙيو ويو، جنهن وقت ڪرسيءَ تي اسٽول رکي هو مون کي هار مان ڪڍي رهيو هو. شهزاديءَ کي ان کان اڳ نوڪرن تي شڪ هو. جڏهن هڪڙو نوڪر شهزاديءَ کي سڏي آيو. تڏهن شهزادي نوٽ هٿن مان ڦري پنهنجي پرس ۾ وڌو، پر سڄو هار لاهي هن پرس ۾ رکيو، ۽ منو کي ٻه ٽي چماٽون هڻي ڪڍيائين. منو شهزاديءَ جي گود ۾ ڦٿڪڻ لڳو ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو، ته شهزادي هن کي وري مارڻ لڳي، تنهن تي ماڻس ڊوڙندي ڊرائنگ روم ۾ لنگهي آئي، منوءَ کي کڻندي غضبناڪ آواز ۾ چيو:
    ”اي، هي ڇا ٿي ڪرين. پنهنجي جگر جي ٽڪر تي ايترو ظلم ٿي ڪرين: صرف ڏهن رپين جي ڪري پنهنجي پٽ تي ائين هٿ لائيندي توکي شرم نٿو اچي!“
    چوڻ لاءِ ته ماڻس غصي ۾ چئي ويئي. مگر ڳالهائيندي ڳالهائيندي هن پنهنجي غلطي محسوس ڪئي. ماڻس ڏندين آڱريون ڏيئي ۽ شهزادي وات تي هٿ ڏيئي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳيون. اتفاق سان ان وقت ڊرائنگ روم ۾ ماءُ، ڌيءَ ۽ پٽ کان سواءِ ٻيو ڪوبه موجود ڪونه هو. شهزاديءَ جي بدن ۾ ساهه پيو، ماڻس شرمندي ٿي. منو هن جي ڇاتيءَ ۾ منهن هنيو پيو هو، ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي. اوچتو منو مٿو مٿي کڻي شهزاديءَ طرف ڏٺو ۽ سڏڪا ڀريندي چيو:
    ”مون کي ڏهه رپيا ڏي، نه ته مان سڀني کي ٻڌائيندس ته آءٌ امان جو پٽ نه آهيان، بلڪ شهزاديءَ جو پٽ آهيان.“
    پنهنجي ماءُ کان ڏهه رپيا وٺڻ کان پوءِ هن ۾ نئين تازگي اچي ويئي.هو پنهنجي ناني جي گود مان اُٿيو ۽ ٻاهر آئسڪريم کائڻ لاءِ روانو ٿي ويو. مان هن جي زندگيءَ ۾ پهريون بليڪ ميل ٿيو هوس ته ڇا ٿيو، اڃا ته هن جي عمر ست سال آهي.
    آئسڪريم ۽ ملڪ بار جي ڪائونٽر کان پوءِ مان فيروز ۽ خانم وٽ پهتس، جيڪي ملڪ بار مان آئسڪريم کائي نڪتا هئا، دڪان کان نڪرڻ شرط خانم کي يادگيري آئي ته هنن جي ڳوٺ ۾ گيهه به بليڪ ۾ هلي رهيو آهي. انهيءَ ڪري هن ڀرواري واڻيي جي دڪان تان گيهه جو هڪڙو دٻو خريد ڪيو هو. مون کي مسز ايڊال جي حوالي ڪيو ويو. مسز ايڊال مون کي هڪڙي دڪاندار جي حوالي ڪيو، جنهن کان هن پنهنجي نئين ڊرائنگ روم لاءِ پردن جو ڪپڙو خريد ڪيو هو. انهيءَ دڪان تي منظور ڪلارڪ پنهنجي زال بتول سان بيٺو، گهر ۾ ننڍڙي ٻار جي پيدا ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه ضروري ڪپڙو خريد ڪري رهيو هو. هن ٻار جي پوتڙن، فراڪن، چڍين ۽ ننڍين ننڍين رنگدار ٽوپين لاءِ ڪپڙو خريد ڪيو. انهن سان، مان شربت واري جي دڪان تي آيس، ڇاڪاڻ ته بتول کي اُڃ لڳي هئي. پوءِ شربت واري مون کي هڪڙي اڌڙوٽ عمر واري جي حوالي ڪيو، جنهن هڪ ٻئي جي پٺيان شربت جا چار گلاس پيتا هئا. انهيءَ اڌڙوٽ عمر وارري ٻاهر اچي هڪڙي اسٽور واري کان مٿي جي سور جي گورين جو يڪو دٻو خريد ڪيو. انهيءَ کي ڏسڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو، ته هن کي سدائين مٿي جو سور رهندو آهي. پر هو خود به دنيا لاءِ مٿي جو سور هو. گورين خريد ڪرڻ کان پوءِ، هو هڪ ٽئڪسيءَ ۾ سوار ٿيو، پنهنجي گهر پهچي هن مون کي ٽئڪسيءَ واري جي حوالي ڪيو. جنهن وري پيٽرول پمپ واري کي ڏنو، پيٽرول پمپ واري وري هڪ اهڙي جوڙي کي ڏنو، جن تازو موٽر خريد ڪئي هئي ۽ ان ۾ چڙهي فلم ڏسڻ پئي ويا، فلم ڏسي مان هنن سان موٽي رهيو هوس ته وري هڪ ٻئي پيٽرول پمپ تي پهچي ويس. جتان مان غلام علي موٽر مڪينڪ جي کيسي ۾ پهتس. غلام علي مون کي کڻي حمام واري جي حوالي ڪيو، حمام واري حجام جي حوالي ڪيو، جنهن وري ڪباب واري جي حوالي ڪيو. ڪباب واري مون کي مسواڙ ۾ ڪيفي دلپسند جي مالڪ جي حوالي ڪيو، جنهن جي هوٽل جي ٻاهران هو ڪباب وڪڻندو هو. ڪيفي دلپسند وٽان وري هڪ درزيءَ جي حوالي ڪيو ويس. جنهن ٻئي ڏينهن مون کي سيٺ منگها رام جي حوالي ڪيو. جنهن درزيءَ کان هڪ سوٽ سبرايو هو. منگهارام جي ڪلب ۾هڪ دڪان هو، جتان امير ماڻهو ۽ غير ملڪي سياح اچي عمديون ۽ ناياب شيون خريد ڪندا هئا. هانگ ڪانگ کان وٺي نيويارڪ تائين هن جي مال جي گهرج هئي. شهر کان ٻاهر ڪيترين ئي جاين تي هن ننڍيون ننڍيون فئڪٽريون قائم ڪيون هيون. جتي تمام رازداريءَ سان پراڻي طرز جو مال تيار ٿيندو هو. هڪڙي فئڪٽري ۾ ستين صدي عيسوي جي ”ٻڌ“ جا بت تيار ٿيندا هئا. هڪڙي فئڪٽري ۾ ٻه صديون قبل مسيح، جي ”شيو مهاراج“ جا بت ٺاهيا ويندا هئا. هڪڙي فئڪٽريءَ ۾ صرف اهو مال تيار ٿيندو هو، جيڪو ”موهن جي دڙي“ ۽ ”هڙاپا“ جي کوٽائيءَ مان نڪتو هو. هڪڙي فئڪٽريءَ ۾ ”مغل“ جي زماني جون شيون تيار ٿينديون هيون. مثلاً نور جهان جو عطر، بابر جي تلوار، جهانگير جو خنجر، جوڌاٻائيءَ جي پوڄا واري ٿالهي، اڪبر جي منڊي، اورنگزيب جو ٿڪدان ۽ ممتاز محل جو پاندان سڀئي شيون سيٺ منگهارام وٽان ملنديون هيون.
    هڪڙي فئڪٽري وري پراڻي ڪاٺ جو تاريخي سامان تيار ڪندي هئي. اشوڪ جي خوابگاه جو دروازو، چندر گپت جي پلنگ جا پاوا، مهاراڻي پدمڻيءَ جي آرسيءَ جو فريم وغيره.
    هڪ دفعي سيٺ منگهارام جو هڪ سيلز مين، هڪ يورپي سياح کي ”چانڪيا رشيءَ“ جي عينڪ ٻارهن سو رپين ۾ وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، سيٺ منگهارام پنهنجي ملازم جي ڪارڪردگيءَ تي خوش ٿي کيس هڪ سئو رپيا انعام ڏنو.
    ڪالهه رات سيٺ دڪان مان ڪجهه رقم کنئي، حساب پوري ڪرڻ لاءِ هن پنهنجو ٻٽون کوليو، رقم برابر ڪري هن مون کي به نوٽن سان ملائي سموري رقم هڪڙي ملازم کي ڏني ته بئنڪ ۾ جمع ڪرائي اچي. سيٺ جي نوڪر رقم کڻي احتياط سان ڳڻڻ شروع ڪيو ۽ مون کي ڏسي وائڙو ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته مان هڪڙن وٽان ٻين وٽ، ٻين کان ٽين وٽ، ايترو ته ميرو، لڳڙو ۽ ڦاٽل ٿيو هوس،جو سڀني جي نگاهن ۾ چڀڻ لڳو هوس. ملازم مون کي غور سان ڏسڻ لڳو. هي اهوئي ملازم هو جيڪو گروچانڪيا جو چشمو وڪڻي چڪو هو. ڏسڻ ۾ آءٌ ايترو ته پراڻو ٿي ويو هوس، جو جيڪڏهن مون تي لکيل انگريزيءَ وارا لفظ نه هجن ها ته اهو ملازم مون کي ”محمدتغلق“ جي زماني جو نوٽ سمجهي وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها. پوءِ به هو مون کي اٿلائي پٿلائي ڏسندو رهيو. مان سمجهي نه سگهيس ته آخر مون ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو مون کي ايترو گهوري گهوري ڏسي رهيو آهي. فقط ڏهين جو نوٽ آهيان، نيٺ اهو ملازم مون کي کڻي سيٺ وٽ پهتو. مون کي سيٺ جي اڳيان رکي هن چيو:
    ”سيٺ صاحب! ٿورو غور سان ڏسو.“
    سيٺ مون تي سرسري نظر وجهي چيو:
    ”ڇا ڏسان، ڏهين جو نوٽ آهي. ڇا توکي سئو جو نوٽ لڳي رهيو آهي؟“
    سيٺ ملازم ڏانهن ٽوڪ واري انداز سان نهاريندي چيو.
    ”ڪجهه غور سان ڏسو، انڊيا جي ڊي ابتي ڇپجي ويئي آهي.“
    سيٺ ڇرڪ ڀري ڏٺو: واقعي منهنجي مٿي تي جتي:
    Reserve Bank of India
    لکيل هو اتي انڊيا جو لفظ هيئن ڇپيل هو INDIA واقعي D جي جاءِ تي D يعني ابتي ڊي هئي. پوءِ ملازم مون کي سيٺ جي اڳيان سرڪائيندي چيو: ”ڏسو جتي to pay bearer on demand I Promis اتي Promise جي اي (E) غائب آهي“.
    ”واقعي“ سيٺ مون کي غور سان ڏسندي چيو: ”هي ته.... هي ته، هڪ ناياب نوٽ آهي.“ منگهارام جي دل خوشيءَ مان ڌڙڪڻ لڳي.
    ”هن جي ”ڊي“ ابتي آهي. ۽ ”اِي“ بلڪل غائب آهي.“
    اوچتو سيٺ جي دل ۾ هڪ خيال آيو، هن ملازم جي طرف نهاريندي چيو:
    ”جعلي ته نه آهي.“
    ملازم خاموش رهيو، سيٺ سوچ بعد چيو:
    ”تون هي نوٽ هتي ڇڏي وڃ، مان سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو.“
    منهنجي جاءِ تي هن ملازم کي ڏهين جو ٻيو نوٽ ڏيئي بئنڪ روانو ڪيو، ۽ پاڻ ڪرنسي آفيس ۾ فون ڪري. مون کي پنهنجي کيسي ۾ رکي هليو ويو. آءٌ پنج، ڇهه ڏينهن سيٺ مينگهارام وٽ رهيس. هو مون کي بلڪل حفاظت سان ٽجوڙيءَ ۾ بند ڪري رکندو هو. پڇاڳاڇا ڪرڻ بعد جڏهن سيٺ کي اطمينان ٿيو، تڏهن هن منهنجي لاءِ چانديءَ جو هڪ فريم ٺهرايو، مون کي ان ۾ رکي ملازم کي چيو.
    ”مون سڀ ڪجهه معلوم ڪيو آهي، هي نوٽ بلڪل اصلي آهي. ناسڪ مان جاري ٿيو آهي. مگر اکر غلطيءَ کان ڇپجي ويا آهن. سيريل نمبر جا سڀ نوٽ غلط ڇپجڻ ڪري ناس ڪيا ويا هئا. مگر ڪنهن ڪارڪن جي غلطيءَ کان هي نوٽ ڪرنسيءَ ۾ اچي ويو. هي پنهنجي طرز جو واحد نوٽ آهي. هي سڄي هندستان ۾ بلڪل ناياب نوٽ آهي. مان اخبارن ۾ هن جو اشتهار ڏيان ٿو ۽ ايندڙ مهيني جي نيلام ۾ هن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هن جي جيڪا قيمت وصول ٿي، ان جو پنج سيڪڙو توکي ڏيندس، ڇاڪاڻ ته سڀ کان پهرين هن نوٽ کي تو سڃاتو آهي.
    ملازم هٻڪندي شڪريو ادا ڪيو. ايتري ۾ سيٺ جي نئين اسٽينو چند ڪاغذ ٽائپ ڪري حاضر ٿي. سيٺ منگهارام پهريون خط پڙهندي ئي غصي ۾ لال ٿي ويو. ٽائيپ جون ايتريون غلطيون!
    هن طرح لکيو ويندو آهي؟ Promise جي اِي غائب آهي. ۽ ڊالر جي اي ڪيڏانهن ويئي. گهران ناشتو ڪري نه ايندي آهين ڇا؟ جو هتي اکر کائڻ لڳي آهين. اسان جي فرم نيويارڪ تائين بزنس ڪري ٿي، اهڙيون هجي جون غلطيون هتي هلي نه سگهنديون، اڪائوٽنٽ کان پنهنجو حساب چڪتو ڪري وڃ. سيٺ نئين اسٽينو جي ڏڪندڙ هٿن ۾ ٽائيپ ٿيل ليٽر بنا صحيح جي ڏيندي چيو.
    انهيءَ ڏينهن نيلام ۾ تمام رش هئي. جنهن ڏينهن منهنجي ٻولي لڳائي ويئي هئي. پري پري کان نادر شيون خريد ڪرڻ وارا آيا. تمام حيرت، ۽ ڪجهه شڪ ۽ شوق سان مون کي ڏسي رهيا هئا. ليڪن سيٺ منگهارام شڪ جي ڪابه گنجائش نه ڇڏي هئي. مان چانديءَ جي چمڪندڙ فريم ۾ سڀني جي اڳيان موجود هوس. چانديءَ جي فريم هيٺان ناسڪ پرنٽريءَ جو هڪ سرڪاري ڪاغذ هوا ۾ جهومي رهيو هو، جنهن تي صاف اکرن ۾ لکيل هو.
    ”مان ڪو جعلي نوٽ نه آهيان، اصلي نوٽ آهيان.“ منهنجي تاريخ اشاعت به درج ٿيل هئي. شڪ جو ڪوبه سبب ڪونه هو.
    سيٺ منگهارام رڙ ڪري چيو:
    ”ڏهين جي نوٽ جي قيمت هڪ هزار رپيا!“
    ”ٻه هزار رپيا.“
    ”ٽي هزار رپيا.“
    ”ٽي هزار ست سئو.“
    ”ٽي هزار ست سئو، ٽي هزار ست سئو.“
    ”ساڍا چار هزار“
    ”پنج هزار.“
    منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، ڪهڙي نه عجيب و غريب دنيا آهي. ڪالهه تائين آءٌ محض ڏهن رپين جو نوٽ هوس. اڄ منهنجي قيمت پنج هزار رپيا آهي. مون کي اهي هزارين اکيون ياد آيون جن مون کي ڏٺو ۽ منهنجي مٿي تي لکيل لفظن Is to pay the bearer on demand the sum of rupees ten at any office of issue تي ڀروسو ڪيو.
    ”ڇهه هزار رپيا.“
    ”ست هزار رپيا.“
    ”ست هزار اٺ سئو رپيا.“
    ”ست هزار اٺ سئو، ست هزار اٺ سئو....هڪ.“
    ”اٺ هزار“، ”نو هزار“، ”ڏهه هزار.“
    ”ڏهه هزار“ مان حيرت مان ڇرڪي ويس، ڇا منهنجي قيمت واقعي ڏهه هزار آهي. ڪالهه تائين مان فقط ڏهن رپين جو نوٽ هوس. اڄ قيمت ڏهه هزار ڪيئن ٿي. اهوئي ساڳيو ڪاغذ جو ٽڪر آهيان، اهو ڪيئن ٿيو!
    ”ٻارهن هزار.....؟“ ٻارهن هزارن ۾ هڪڙي ڇوڪري جي شادي ٿي سگهي ٿي. مگر واڪ وڌندو ويو.
    ”تيرهن هزار، ڇهه سئو رپيا.
    ”تيرهن هزار، نو سئو رپيا.“
    ”چوڏهن هزار.“
    ”ارڙهن هزار رپيا“ هڪڙي چشمي واري سنهڙي نوجوان چيو.
    ”ارڙهن هزار....! هڪ زرد چهري، نٻل جسم، واري مون طرف ڏٺو. هاڻي منهنجي قيمت ارڙهن هزار رپيا آهي. ڪالهه تائين مان بناسپتي گيهه جو هڪڙو دٻو به خريد ڪري نٿي سگهيس ۽ اڄ هڪ موٽر خريد ڪري سگهان ٿو.
    ”ارڙهن هزار... ارڙهن هزار....“ سيٺ منگهارام نوجوان کي ڏسي زور سان چيو. هو هن کي سڃاڻندو هو، اهو زرد چهري وارو نوجوان ملڪ جي مشهور ڪروڙپتي سيٺ چمن لال جو پٽ مگن لال هو. مگن لال کي ناياب شين گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق هوندو هو ۽ هن پنهنجي عاليشان محل ۾ هڪ ”عجائب گهر“ بنايو هو، جنهن ۾ هن دنيا جون ناياب شيون گڏ ڪيون هيون.
    هينئر سڀئي ماڻهو پوئتي هٽي ويا هئا، مگن لال جو مقابلو هڪ آمريڪي سياح سان هو. چارلس ڊولٽل نيويارڪ ۾ بئريسٽر هو. دينا جي عظيم تر شاهوڪار ملڪ جو شهري هو. هو پوئتي نه هٽندو...!
    ”ويهه هزار رپيا.“
    ”ٻاويهه هزار رپيا“ مگن لال چيو.
    ”پنجويهه هزار!“ ڊولٽل سگريٽ دکائيندي بي پرواهي سان چيو.
    ”ستاويهه هزار،“ مگن لال پنهنجي سنهڙي آواز ۾ ايترو زور سان چيو. جو مجموعي ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.
    ”ٽيهه هزار رپيا.“
    منهنجا هوش و حواس جواب ڏيڻ لڳا، آخر مون ڇا ڪيو هو، ڪهڙي تلوار هنئي هئي. ڪهڙي محنت ڪئي هئي، ۽ ڪنهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڏينهن-رات ڪم ڪيم. جنهن جي انعام ۾ منهنجي قيمت ايتري وڌي ويئي، مگر هي هڪ عجيب ۽ غريب نامعلوم سماج آهي. هتي هر خوبي خامي آهي. جيڪڏهن اوهان هتي سڌا، سچار ۽ کهرا آهيو ته اوهان جي قيمت ڏهين جي نوٽ کان وڌيڪ ٿي نٿي سگهي، جيڪڏهن اوهان جي ”ڊي“ ابتي آهي ۽ غائب آهي ته اوهان جي قيمت ٽيهه هزار به ٿي سگهي ٿي.
    نوٽ جي اسپتل (هجي) غلط هجي ته اهو سڀ کان قيمتي آهي. ماڻهو جي هجي غلط هوندي ته آفيس کان ٻاهر ڪڍيو ويندو.
    ”ٻٽيهه هزار“ مگن لال غصي مان چيو.
    چارلس مرڪيو، هن جو مقابلو هڪ چريي سان هو.
    اوچتو ئي اوچتو، انهيءَ نيلام مان هن جي دلچسپي غائب ٿي وئي. هو مڙي هڪڙو پراڻو بت ڏسڻ لڳو. چند منٽن تائين سيٺ منگهارام هن کي متوجه ڪرڻ لاءِ زور زور سان واڪ ڏيڻ لڳو. ۽ منهنجون خوبيون وڌائي وڌائي بيان ڪرڻ لڳو. مگر هن آمريڪي سياح تي ذرو به اثر نه ٿيو. آخر هن مون کي ٻٽيهه هزار رپين جي عيوض مگن لال جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    سيٺ چمن لال جو ڪانپور ۾ هڪڙو وڏو ڪارخانو هو، هاڻي هو گواليار ۾ هڪ ٻئي وڏي ڪارخاني کولڻ ۾ مصروف هو. هن کي هڪڙو ئي غم هو هن جي پٽ مگن لال کي ڪوبه اولاد ڪونه هو، مگن لال اڃا تائين بي اولاد هو ۽ هو سيٺ چمن لال جو اڪيلو پٽ هو.
    مگن لال اولاد پيدا ڪرڻ جي قابل نه هو، هو نامرد هو،. هن جا جذبا ته مردن جهڙا هئا، مگر هن جي جسم جي عضون هن جو ساٿ نٿي ڏنو. هن محسوس ٿي ڪيو ته تخليق جو شعلو هن جي روح ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو، مگر هن جي روح ۽ هن جي احساسات جي چوڌاري جسم برف جيان سرد هو ۽ اها ٿڌاڻ هن جي خوبصورت جذبات کي ناڪام بنائي ڇڏيندي هئي هو هڪ زخمي جانور جيان تڙپندو رهندو هو. هن جي مرداني جسم سان گڏ سرد روح هجي ها ته پوءِ ڪو مسئلو ئي ڪونه هو. مگر هو پاڻ ته زنده دل هو، مگر هن جي جسم جي چوطرف ڄڻ قدرت برف جو تهه چاڙهي ڇڏيو هو. اها هن سان سراسر بي انصافي هئي. ڇاڪاڻ ته مگن لال جي حسن پرستي انتها تي پهچي چڪي هئي. ڪاخوبصورت عورت ڏسي هن جو ذهني ردعمل اهوئي ٿيندو هو، جيڪو ڪنهن مڪمل مرد جو هوندو آهي. هن کي عورت جي جسماني خدوخال، عورت جي نهارڻي، جسماني چرپر. اهڙو ئي متاثر ڪندا هئا جهڙي طرح ڪو صحتمند ۽ تندرست مرد متاثر ٿيندو آهي. مگر جڏهن هو ڪنهن عورت جي قريب ويندو هو ۽ ان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته نه صرف عورت کي بلڪل خود هن کي به ائين محسوس ٿيڻ لڳندو هو ڄڻ اهي آڱريون ڪنهن مرد جون ناهن، جيڪي عورت کي ڇهي رهيون آهن. بلڪ برف جا قلم آهن جن جي ڇهاءُ سان عورت جي جسم ۾ بيزاري ۽ نفرت جون لهرون ڊوڙي رهيون آهن ۽ پوءِ هو ڊڄي هٽي ويندو هو. ديوارن سان ٽڪر لڳائيندو هو. ٻه دفعا ته هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ناڪام رهيو.
    هڪ ٻئي پٺيان ناڪامين بعد هن پنهنجي روح کي ريجهائڻ لاءِ ٻيو طريقو استعمال ڪيو. هن پنهنجي شديد جنسي حس کي هڪ شديد جمالياتي حس ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي عورت جو جسم هن جو ٿي نٿي سگهيو. مگر خوبصورت تصويرون ته هن جون ٿي سگهيون ٿي. ۽ سنگ مرمر جا پراڻا بت جن تي وينس جو شڪ پيدا ٿيندو هو. اهي شمعدان، جي مغلن جي حرم ۾ حسن ۽ عشق کي تيز ڪندا هئا ۽ اهڙين ٻين شين کي قبضي ۾ آڻي سگهيو ٿي، جيڪي هن جي سرد آڱرين جي ڇهاءُ ڪري بيزار نٿي ٿيون. هو هڪ ڪروڙ پتي جو پٽ هو ۽ هن جي سموري جائيداد جو اڪيلو وارث هو. هينئر جيڪڏهن هو خوبصورت عورتن جو حرم سينگاري نٿي سگهيو، ته به خوبصورت شين جو هڪ عجائب گهر ٺاهي سگهيو ٿي، هن ائين ڪيو. هن پنهنجي محل ماگهر جو گهڻو حصو اهڙين شين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. جي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان خريد ڪري گڏ ڪندو هو. هينئر به هن جي روح ۾ ساڳئي بيقراري هئي. مگر ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪنهن هن جي زخم تي پهو رکي ڇڏيو هجي.
    هن جو پيءُ هڪ عملي ماڻهو هو. هن لاءِ ايترو ڪافي نه هو، هن جي پٽ جي مرڻ بعد هن جي ڪروڙن جي ملڪيت ٻين ماڻهن ۾ ورهائبي. اهو خيال ئي هن لاءِ وڏو عذاب هو. هن پنهنجي پٽ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا جتن ڪيا، طرح طرح جا علاج ڪيا. چار دفعا پٽ کي يورپ وٺي ويو. جديد کان جديد طريقن سان علاج ڪرائيندي هن لکين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا، انهن مان هڪڙو طريقو هي به هو ته مگن لال جي شادي ڪنهن حسين ڇوڪريءَ سان ڪرائي وڃي. مگن لال جي بار بار منع ڪرڻ جي باوجود، چمن لال پنهنجي پٽ جي شادي هڪ غريب گهراڻي جي انتهائي خوبصورت ڇوڪريءَ سان ڪرائي.
    رسنا هن جو نالو هو. شباب جو رس، هن جي رڳن مان ڦاٽي رهيو هو. هن جي جسم ۾ سمنڊ جهڙي موج ۽ مستي هئي، هن جي نگاهن ۾ بجلي هئي آڱرين ۾ باه جا شعلا هئا. مگن لال هن کي ڏسي ديوانو ٿي ويو. هن کي يقين هو ته هو رسنا سان شادي ڪري مڪمل مرد بنجي ويندو.
    پوءِ هو وسامي ويو، رسنا ڪجهه مهينا ته پنهنجي جذبات ۾ ٻڏندي ترندي رهي. پوءِ اوچتو هو پاڳل بنجي پيئي ٻه سال پاڳل رهي. جڏهن ٺيڪ ٿي ته هوءَ به وسامي ويئي. هن جي سهري هن جي محل نماگهر ۾ هن لاءِ هڪ مندر ٺهرائي ڏنو، جتي هو اڪثر ڪري تنهائيءَ ۾ پوڄا ڪري پنهنجي دل وندرائيندي هئي. هن جي آواز ۾ عجيب سوز ڀرئي سنگيت جو رس ڀرجي آيو، ڪلاڪن تائين هوءَ راڌا ڪرشن جي مورتين جي اڳيان ويهي پنهنجي ننڍڙي مندر ۾ ڀڄن ڳائيندي هئي. هوءَ هڪ غريب گهر جي ڇوڪري هئي. مگر هن کي هتي زندگيءَ جي هر آرائش ميسر هئي. ٻه عورتون هن کي بهتر تعليم ڏيڻ ۽ مغربي تهذيب سيکارڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون. تنهن کان سواءِ نوڪر چاڪر هر وقت سندس حڪم جي انتظار ۾ حاضر رهندا هئا. ان هوندي به ڪيترائي دفعا رسنا جي دل هتان ڀڄي وڃڻ لاءِ بيتاب هئي. پر سون جون زنجيرون خوبصورت هيون.
    رسنا کي گهڻو پيار ڪرڻ جي باوجود، مگن لال هن کان پري پري رهڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته گڏ رهڻ ڪري هن کي انهتائي ڪوفت محسوس ٿيندي هئي. ائين لڳندو هو ته ڄڻ سندس جسم ۽ جان ڦاٽي پرزا پرزا ٿيڻ تي آهن. هو پنهنجو وقت اڪثر ڪري ”عجائب گهر“ جي انهن شين تي صرف ڪندو هو. انهن سان هن جو ميل ميلاپ ايترو ته وڌي ويو، جو اڪثر ڪري تنهائيءَ ۾ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندو هو. هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته تصويرون به ڳالهائين ٿيون. ۽ سنگ مرمر جا يوناني مجسما به هن سان ڳالهائي سگهن ٿا. هينئر هو محل جي انهيءَ حصي ۾ بلڪل گهٽ ويندو هو. جتي رسنا رهندي هئي. صرف ٻنپهرن ۽ رات جي مانيءَ تي هو پاڻ ۾ ملندا هئا.
    جنهن ڏينهن مگن لال مون کي خريد ڪيو هو، هو پنهنجي غير متوقع ڪاميابيءَ تي ايترو خوش هو، جو اها خبر رسنا کي ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. مون کي نئين ڄاول ٻار جيان پنهنجن هٿن ۾ کڻي رسنا جي بيڊروم ۾ ويو. ان وقت رسنا پنهنجن واسينگ جهڙن وارن کي ڦڻي ڏيڻ ۾ مصروف هئي سندس وار ور کائيندا سندس ڪمر تائين پئي پهتا. رسنا هن کي ائين اوچتو ايندو ڏسي ڇرڪي وئي، مگن لال بيحد خوش ٿيندي هن کي چيو:
    ”ڏس ڏس! مون ڇا خريد ڪيو آهي...........؟“ هن ٻارن جيان خوش ٿيندي چيو.
    ”هي ته ڏهين جو نوٽ آهي.“ رسنا مون کي ڏسندي چيو.
    ”ها، آهي ته برابر ڏهين جو نوٽ، مگر مون هي ٻٽيهه هزار رپين ۾ خريد ڪيو آهي.“
    ”اهڙيون چريائيءَ واريون ڳالهيون تون هميشه ڪندو آهين.“
    ”هي چريائي نه آهي. هي ڪو معمولي عام ڏهين جو بازاري نوٽ نه آهي. هي هڪ خاص نوٽ آهي، ناياب نوٽ آهي، اڄ ٻنپهرن جو مون نيويارڪ ۾هڪ ڊيلر کي ٽيليفون تي ٻڌايو. هو نوٽ جي عيوض هڪ لک ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“
    ”آخر هن نوٽ ۾ ڇا آهي.“ رسنا ڏاڍي بيزاريءَ سان چانديءَ جو فريم ڏسڻ لڳي. ۽ ڪائي تي هٿ ڦيريندي مون تي هڪ سرسري نظر وڌي. پوءِ منهن مٿي ڪري مڙس ڏي سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳي.
    ”ٿورو غور سان ڏس. انڊيا جي ”ڊي“ ابتي ڇپجي وئي آهي. ۽ هن جي ”اي“ غائب آهي.“ مگن لال هن کي ٻڌايو.
    هنيئر رسنا غور سان ڏسڻ لڳي. پوءِ پنهنجي مڙس ڏانهن ڏسندي چيو:
    ”جيڪڏهن نوٽ جي ڊي ابتي آهي ۽ اي غائب آهي ته ڇا ٿيو؟“
    هن جون نگاهون چئي رهيون هيون ته تنهنجي جسم جي اي غائب آهي. ۽ ڊي ابتي آهي، پوءِ مان ڇا ڪريان.
    ”هي ڏهين جو نوٽ، جنهن کي مون ٻٽيهه هزار رپين ۾ خريد ڪيو- اڄ هن جا هڪ لک ڊالر ملي رهيا آهن- هي دنيا جو سڀ کان قيمتي نوٽ آهي. جيئن ته اڄ منهنجي سالگره آهي ۽ هن موقعي تي مان هي نوٽ توکي تحفي طور ڏيان ٿو.“
    رسنا مون کي ڏٺو، سينگار ميز جي آدم قدم آئيني ۾ پنهنجا وار ڏٺا، جيڪي چهبڪ جهڙي چيلهه تائين لهرائيندا رهيا. ڪمري جي وچ ۾ خوبصورت ريشمي چادرن سان سينگاريل ڊبل بيڊ ڏانهن ڏٺو. پوءِ سندس سڙيل دل جي هڪ آه، سيني کي جلائيندي نڪتي ۽ اها باهه هن جي اکين ۾ چمڪڻ لڳي ۽ هن مون کي کڻي فرش تي سٽيو، چانديءَ جو فريم ته ڪونه ڀڳو ليڪن ڪائي جا ٽڪر ٽڪر ٿي ويا.
    هوءَ ٻرندڙ اکين سان مگن لال کي ڏسندي رهي، هن جي نگاهن جي نفرت جو تير مگن لال جي سيني ۾ کپي ويو. هڪ گهڙيءَ لاءِ کيس ڪاوڙ آئي، پر پوءِ هن آهستي آهستي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. گوڏا کوڙي چانديءَ جو فريم ۽ مون کي کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
    رسنا دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو. هن پنهنجا سڀ ڪپڙا ڇڪي ڦاڙي ڇڏيا. هو ماهي بي آب جيان ڦٿڪڻ لڳي. هن جو سڄو جسم پڄرڻ لڳو. رکي رکي هن جي چپن مان چيخون نڪرڻ لڳيون اهي چيخون هن جي اڻ ڇهيل جسم جون آهون هيون. پوءِ هن سينگار ميز تان يو ڊي ڪلون جي هڪ بوتل کنئي جنهن جي منهن تي ريشمي ڏورين سان بند رٻڙ جو ڦوهارو لڳل هو. رٻڙ کي زور ڏيئي هوءَ يو ڊي ڪلون جو ڦوهارو پنهنجي منهن تي ڳچي تي، ڇاتي تي، ۽ جسم جي ٻين عضون تي هڻڻ لڳي. جتي جتي يو ڊي ڪلون جو ڦوهارو لڳو، اتي جسم ٺرڻ لڳو، ۽ ٿڌاڻ محسوس ٿيڻ لڳي.
    انهن ڏينهن ۾ هڪ انگريز ڊاڪٽر وليم رشر شهر ۾ آيل هو. هو نفسياتي طريقي سان علاج ڪندو هو. سڄي يورپ ۾ هن جي علاج جي جديد طريقي جي پچار هئي. هو هتي ٽن مهينن لاءِ آيو هو. چمن لال کيس پنهنجي پٽ ۽ ننهن جي علاج لاءِ چيو. وليم رشر وٽ ڊاڪٽري جي ڪابه رسمي ڊگري ڪانه هئي. هن جي علاج جو طريقو پڻ نئون ۽ عجيب و غريب هو ليڪن هن جي علاج سان ڪيترائي پراڻا مريض حيرت انگيز طريقي سان ٺيڪ ٿيا هو صرف وڏن لکاپتي گهراڻن جو علاج ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته هن جي پهرين في به پنجاهه هزار رپيا هئي يقين آهي ته ايتري وڏي رقم اسان ۽ اوهان جهڙا ته ادا ڪري ڪونه سگهندا.
    مگن لال ۽ رسنا جي طبي معائني کان پوءِ سيٺ چمن لال ۽ وليم رشر جون ڪافي دير تائين ڳالهيون ٿينديون رهيون ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون اها خبر ڪنهن کي به نه هئي ڳالهين بعد وليم رشر وري مگن لال جي عجائب گهر ۾ ويو، ۽ عجائب گهر ڏسڻ جي فرمائش ڪئي. دير تائين مگن لال هن کي عجائب گهر جون شيون ڏيکاريندو رهيو ڪويت جي کوٽائيءَ مان دستياب ٿيل نامعلوم بت تراش جا ٺهيل عجيب مجسما، زهره جو مجسمو، اهرام، مصر مان چورايل فرعون جي زماني جون مميون ۽ انهن جا زير وغيره ۽ چانديءَ جي فريم ۾ جڙيل هڪ ”نوٽ“، جنهن جي قيمت هڪ لک ڊالرن تائين پهچي چڪي هئي...... مگن لال جو خيال هو ته ڊاڪٽر رشر کي اهڙن شين جي ڪابه خبر ڪانه هوندي مگر قداور چست مضبوط ۽ بي داغ جسم واري ڊاڪٽر جي معلومات تمام وسيع هئي ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ آثار قديمه بابت هو ڪيترائي سال تحقيقات ڪندو رهيو مگن لال کي هن جي معلومات تي حيرت لڳي- ڪلاڪ ڏيڍ عجائب گهر ۾ گهمڻ بعد مگن لال ٿڪجي پيو، هو جلدئي ٿڪجي پوندو هو ٻين موقعن تي هو اهڙن ڪمن لاءِ ٻن ڦيٿن واري ڪرسي استعمال ڪندو هو مگر اڄ هن مغربي ڊاڪٽر جي اڳيان اهڙي ڪرسيءَ تي ويهي هن کي عجائب گهر ڏيکارڻ مناسب نه سمجهيو.
    عجائب گهر ڏسڻ بعد ٻيئي هڪ ڪنڊ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ، ڪئبن ۾ آيا، جيڪو مضبوط ڪاٺ جو ٺهيل هو جنهن جي هڪ ديوار تي مان چانديءَ جي فريم ۾ ٽنگيل هوس. هي ڪئبن مگن لال جي آفيس به هئي، هن جي سوچ ويچار جو ڪمرو به اهو هو. جتي هو ليٽي آرام به ڪندو هو. هن ڪمري ۾ پهچي هن سگريٽ دکايو، ۽ ڊاڪٽر پنهنجو سگار دکايو ۽ چند گهڙين لاءِ خاموشي ڇانئجي ويئي. پوءِ ڊاڪٽر چيو:
    ”منهنجو خيال آهي ته توکي ڪابه بيماري ڪانه آهي“
    ”ها........!“ مگن لال ڇرڪ ڀري ذري گهٽ اٿي بيٺو.
    ”ويهه، ويهه.......“ وليم رشر جي نيرين اکين ۾ همدردي جي هڪ جهلڪ نمودار ٿي.
    ”مگر...........!“ ايترو چئي مگن لال حيرت مان ڊاڪٽر جي طرف ڏسي سوچڻ لڳو. مگر ڇا؟
    هي ڊاڪٽر ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به ڊاڪٽر کيس ائين نه چيو. هر ڪو ڊاڪٽر کيس ذميوار ٺهرائيندو هو...... مگر هي ڪيئن ٿي سگهي ٿو. مگن لال حيرت مان ڊاڪٽر جي چهري طرف گهوري رهيو هو.
    ڊاڪٽر رشر مسڪرائيندي چيو: (هن جي مسڪراهٽ ڪيتري قدر نه صحتمند ۽ دل آويز هئي. ڄڻ خوشي هن جي اندر مان جهاتيون پائي رهي آهي. سندس عمر به پنجٽيهه- ڇٽيهه ورهن کان مٿي نه هوندي، مگن لال هن کي ڏسندي اندازو لڳايو.) ”مگن! منهنجو خيال آهي ته تنهنجي جسم ۾ ڪوبه نقص ڪونه آهي. نقص رسنا جي جسم ۾ آهي.“
    ”رسنا ۾!؟“ هن جو آواز اوچتوئي اوچتو بلند ٿيو.
    ”ها، ها........! رسنا ۾، رڙيون نه، ڪر، اطمينان سان منهنجي ڳالهه ٻڌ- مان ٽيڪنيڪل تفصيلات ۾ وڃڻ نٿو چاهيان، ائين تون سمجهي نه سگهندين- بهرحال، توکي مختصر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس- تنهنجو اعصابي نظام بيحد ذڪي الحس آهي- توکي اهڙي عورت جي ضرورت نه آهي جيڪا گرم مزاج جي هجي- اهڙي عورت جو ٽمپريچر تنهنجي اعصابي نظام کي پهگاري ڇڏيندو- بدقسمتيءَ سان رسنا جي عمر جهڙين نوجوان عورتن جو ٽمپريچر اهڙو ئي هوندو آهي- انهيءَ کان سواءِ جسم جي اندرين حصن ۾ مرد ۽ عورت درميان اليڪٽرڪ چارج گذرندا رهن ٿا ۽ اهي مرد ۽ عورت جي وچ ۾ هڪ مخصوص جنسي توازن برقرار رکن ٿا. جيڪڏهن اها اليڪٽرڪ چارج هڪ طرف مٿي ٻئي طرف هيٺ يا هڪ طرف وڌ ۽ ٻئي طرف گهٽ هوندي ته توازن صحيح نه بيهندو- تنهنجو حساس اعصابي نظام ٻئي طرف کان ايندڙ بجلي برداشت ڪري نٿو سگهي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيندو آهي“
    ”مگر ٻيون عورتون..........؟“ مگن لال جملو اڌ ۾ ڇڏيندي چيو.
    ”بدقسمتيءَ سان توکي جيڪي به عورتون مليون اهي هاءِ وولٽيج واريون هيون، ورنه تنهنجي جسم ۾ ڪابه خرابي نه آهي ۽ اهو هڪ حساس ۽ ذهين اعصابي نظام جو مڪمل نمونو آهي. مان تنهنجي اعصابي نظام ۾ ڪابه تبديلي ڪرڻ پسند نه ڪندس. مگر مان رسنا جو علاج ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ هن جي جسماني گرميءَ جو درجو بدلڻ چاهيان ٿو. هن جي اندرين عضون جي تيزي گهٽ ڪرڻ چاهيان ٿو. مگر اهو سڀ ڪجهه تنهنجي اجازت ۽ تنهنجي تحريري اجازت کان سواءِ ٿي نه سگهندو.“
    مگن لال جي دل خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳي، هن تمام مشڪل سان چيو: ”ڊاڪٽر! توکي واقعي يقين آهي ته مون ۾ ڪوبه نقص نه آهي؟“
    ”بلڪل يقين آهي.“
    ”۽ رسنا تنهنجي علاج سان ٺيڪ ٿيندي.“
    ”مون کي اميد نه پر يقين آهي ته رسنا منهنجي علاج سان ٺيڪ ٿيندي. ليڪن انهيءَ ۾ ڪجهه وقت لڳندو ۽ ڪجهه دوائون به ڪم ۾ اينديون. پر مان تو کي يقين سان چوان ٿو ته مان رسنا جي اعصابي نظام جي توازن کي درست ڪندس.“
    مگن لال پرجوش نموني سان ڊاڪٽر وليم رشر سان هٿ ملايو. ڏڪندڙ ۽ پراميد آواز ۾ چيو:
    ”ڊاڪٽر، تون علاج شروع ڪري سگهين ٿو.“
    وليم رشر رسنا کي ڪيترائي دفعا فلم تي وٺي ويو. هن جو اندازو بلڪل صحيح نڪتو. رسنا رومالوي تصويرون پسند ڪندي هئي؛ جن ۾ مجنونانه مار ڌاڙ هجي يا پراسرار هيبتناڪ ماحول هجي، يا خوفناڪ جسماني عذاب جا نظارا هجن. اهڙين تصويرن مان هن کي عجيب قسم جو ذهني سڪون ملندو هو. وليم رشر ڪيترائي دفعا هن کي سمنڊ جي ڪناري تي گهمائڻ وٺي ويو. پوءِ هن جو اندازو صحيح نڪتو، رسنا کي خاموش ۽ ماٺيڻو سمنڊ پسند نه هو. بلڪ سمنڊ جو طوفان، ڇوليون ۽ موج کيس پسند هئي.
    ”دل چوي ٿي، ڊوڙي انهن ڇولين ۾ ٽپو ڏيان“ رسنا ڊاڪٽر طرف نهاريندي چيو. هو ٻئي ان وقت سمنڊ جي هڪ سنسان جاءِ تي بيٺل هئا، پري پري تائين ڪوبه ماڻهو نظر نٿي آيو.
    ”نه ڏي ڇلانگ...........“ ڊاڪٽر چيو.
    ”مون کي ترڻ نٿو اچي.“
    ”ڪوبه ڊپ نه ڪر، چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ وڃي وهنج. اڳتي نه وڃجانءِ.“
    ”مان ٻڏي وينديس.“ رسنا ڊپ مان چيو.
    سڀ ڪپڙا لاهي، پاڻي ۾گهڙي پئو. مون کي ترڻ اچي ٿو. مان توکي بچائي وٺندس.“
    ”هاءِ.........!“ هوءَ هڪدم ڊپ گاڏڙ خوشيءَ مان چوڻ لڳي: ”مون وٽ ته وهنجڻ جي ڊريس به ڪانهي........!“
    ”پرواهه نه ڪر، مان ٻئي طرف ڏسان ٿو........ تون ڪپڙا لاهي سمنڊ ۾ گهڙي پئو، ۽ پوءِ سڏ ڪجانءِ.“
    ”نه.......نه.......!“ رسنا شرمائيندي چيو: هن جي ڳلن جو رنگ سرخ ٿي ويو ۽ تيزهوا جي ڪري سندس وار ٽڙي پکڙي سندس چهري تي پئجي رهيا هئا.
    وليم رشر، هن جي ڪلهي تي هٿ رکي تمام نرمي مگر مضبوط ارادي سان چيو:
    ”جيئن مان چوان ٿو. تيئن ڪر.“
    ”ته تون پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪر“
    ”چڱو، آءٌ ٻئي طرف نهاريان ٿو.“
    آهستي آهستي ڊڄندي ڊڄندي رسنا پنهنجا سڀئي ڪپڙا لاهي ڇڏيا- صرف هڪ چڊي ۽ باڊي سان سمنڊ ۾ گهڙي پئي، پاڻي ۾ گهڙي هوءَ لهرن سان کيڏڻ لڳي. اوچتو کلندي کلندي هن ٻارن جيان چنچل آواز ۾ چيو:
    ”تون به اچ، پاڻي تمام مزيدار آهي.“
    پاڻي رسنا جي جسم ۾ ڪتڪتائي ڪري رهيو هو. گجي ۽ ڇوليون هن جي جسم کي چمي رهيون هيون چوطرف پاڻي ئي پاڻي جون ٻانهون کيس گلي لڳائي رهيون هيون، هوءَ اڃا به اندر ويئي.
    ”هلي اچ، سمنڊ ۾ ڏاڍو مزو آهي.“
    ”اڳتي نه وڃجان“، رشر کيس روڪيندي چيو.
    مان ته وينديس رسنا ٻارن جيان نخرو ۽ ضد ڪندي چيو. هوءَ اڃا به ٻه قدم اڳتي ويئي، سمنڊ جي هڪ وڏي ڇولي سندس جسم سان ٽڪرائجي ٽٽي ويئي. پاڻي وهندڙ جذبن جيان هن جي جسم مان گذري رهيو هو. گجي ۽ ڇوليون هن جي جسم تي رقص ڪري رهيون هيون. رسنا خوشي مان مرڪڻ لڳي.
    کليل آسمان، رشر جي اکين جيان صاف ۽ بي داغ هو. پري پري ناريل جا وڻ رشر جي جوان ۽ مضبوط جسم جيان اڪيلا هئا سمنڊ ۾ شور سنگيت جيان لڳي رهيو هو ۽ لهرون ٻانهون ڦهلائي رسنا کي پنهنجي آغوش ۾ وڪوڙي رهيون هيون. رسنا اڃا به ٻه قدم اڳتي وڌي، هينئر هوءَ ڳچي جيڏي پاڻيءَ ۾ پيئي هئي.
    ”اڳتي نه وڃ.“ رشر کيس مشڪندي چيو، رسنا هن کي ڪپڙا لاهيندي ڏسي رهي هئي. رشر قميص لاٿي،، هن جي سيني جا ڀورا وار هوا ۾ رقص ڪرڻ لڳا: ”پنهنجون اکيون بند ڪر“ رشر چيو.
    رسنا زور سان کلڻ لڳي ۽ هن پنهنجو اکيون بند ڪيون. اوچتو هڪ ڇولي رسنا جي مٿان هلي ويئي، جڏهن ڇولي گذري ويئي. تڏهن رسنا جو ڪٿي وجود به نه هو. صرف ڇولين جي اندر ٿاڦوڙا لڳي رهيا هئا. چند گهڙين بعد رسنا جو جسم، رشر کي نزديڪ پاڻي ۾ نظر آيو هو اڇل ڏيئي وٽس پهتو.
    ”مان ٻڏي رهي آهيان..........“ رسنا هڪ دفعو زور سان رڙ ڪري وري گم ٿي ويئي. وري ٻئي دفعي ظاهر ٿي ته رشر جي ٻانهن هڪدم کيس کڻي بچائي ورتو. ۽ هينئر هو رسنا کي ٻانهن تي کڻي ڪناري طرف اچي رهيوهو.
    رسنا خوف ۽ ڊپ مان رشر کي سوڙهي پوندي، چنبڙندي ۽ سندس ٻانهن ۾ جڪڙبي ويئي. کيس بچڻ جي خوشي هئي رشر جون ٻانهون نهايت آرام ڏيندڙ هيون، تنهن ڪري کيس ڪجهه شرم محسوس ٿيڻ لڳو. رشر هن کي آڻي الڳ ليٽايو.
    ”اٽ واز.......اٽ واز.......ٽچ.........ائنڊ گو...........“ رسنا انگريزي ۾ چيو.
    ”شيور“ رشر مضبوط لهجي ۾ جواب ڏنو. تون منهنجي نزديڪ هئينءَ تنهن ڪري مون توکي ايترو پري وڃڻ جي اجازت ڏني.
    ”جيڪڏهن مان ٻڏي وڃان ها ته تون ڇا ڪرين ها؟“
    ”مان سمنڊ کي سڏ ڪريان ها ۽ تنهنجو جسم وينس جيان اڀري اچي ها.“
    ”ڊاڪٽر!“ رسنا چيو.
    ”مون کي ول چئو.“
    ”ول؟“
    ”ها.“
    ”ڄاڻين ٿو ته اڄ تو منهنجي جان بچائي آهي.“
    مگر ول ٿوري دير خاموش رهيو. هن پنهنجا هٿ پنهنجي ويڪري ڇاتيءَ تي ٻڌي ڇڏيا هئا، ۽ اکيون پوري ڇڏيون هيون. رسنا وري نه ڳالهايو صرف سمنڊ جي ڇولين جو شور هو. اڌ مني ڪلاڪ بعد جڏهن اس هنن جو جسم خشڪ ڪري ڇڏيو. رسنا ڇرڪ ڀري ڊاڪٽر کي ٻانهن کان جهنجهوڙيندي چيو:
    ”اٿ، گهر نه هلبو ڇا؟“
    ڪپڙا پائي هو ٻيئي گاڏيءَ طرف روانا ٿيا. اوچتو گاڏي ۾ ويهڻ شرط رسنا پنهنجي ڪن کي هٿ لائي چيو.
    ”منهنجي ڪنن جو هڪڙو جهومڪ پاڻيءَ ۾ ڪري پيو.“
    ”قيمتي هو.“
    ”هيرن جو هو.“
    ”پرواهه نه آهي، ڪا مڇي انهيءَ کي ڳڙڪائي ويندي. ڪو ميربحر هن کي ڄار ۾ ڦاسائي وٺندو. ڪنهن دڪان تان ڪا غريب عورت اها مڇي خريد ڪري وٺندي ۽ جڏهن هن کي چيريندي ته هيري وارو جهومڪ معجزي جيان ظاهر ٿيندو.“
    رسنا کلي چوڻ لڳي:
    ”ول! تون به ڪيتريون نه عجيب ۽ دلچسپ ڳالهيون ڪرين ٿو. اهڙيون ڳالهيون منهنجي مڙس اڄ تائين مون سان نه ڪيون.
    ”مڙس اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهن.“ هن بٽڻ دٻائي گاڏي اسٽارٽ ڪئي. جڏهن گاڏي اسٽارٽ ٿي رواني ٿي، تڏهن پري پهاڙين جي اوٽ ۾ لڪل مگن لال دير تائين مڙي، ڦرندڙ گاڏي ڏسندو رهيو. پوءِ جڏهن گاڏي نظرن کان غائب ٿي ويئي ته هن پنهنجون نظرون سمنڊ طرف کپائي ڇڏيون، جتي هن جي مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڏورپيئي هئي. ڪافي دير تائين ڏور کي هلائڻ کان سواءِ هو سمنڊ کي تڪيندو رهيو.
    ڪافي رات گذرڻ تائين مگن لال پنهنجي غائب گهر ۾ ڦرندو رهيو. اڄ هن شديد مصروفيت جو بهانو بنايو هو ۽ رات جو مانيءَ تي به نه آيو، پنهنجي ماني هن عجائب گهر ۾ گهرائي ورتي. ماني کائڻ کان پوءِ هن ٻه جام پيتا ۽ پوءِ ”شيني“ جو مجسمو هن جي پيتي مان ڪڍڻ لڳو. اها پيتي هوائي جهاز جي رستي آئي هئي. باڪس ۾ شينيءَ جو مشهور مجسمو بند ٿيل هو، هن مجسمي جو نالو هو ”انگڙائي“ هڪ عورت ڪر موڙي رهي هئي. مگن لال ڏاڍي بيقراري سان مجسمو پيتيءَ مان ڪڍڻ لڳو.
    رات جو ماني کائڻ بعد ڪافي دير تائين رسنا ۽ وليم ڳالهيون ڪندا رهيا، پهرين کاڌي واري ڪمري ۾ پوءِ ڊاڪٽر جي ڪمري ۾، جو رسنا جي ڪمري سان گڏ هو. ول جي هٿن سان پهريون دفعو رسنا پيگ پيتو، هوءَ پيئندي نه هئي. مگر ول کيس مجبور ڪيو ته اهو به علاج ۾ شامل آهي. ڌيمي ڌيمي موسيقيءَ جو رڪارڊ وڄي رهيو هو. رسنا جي اکين ۾ کيپ چڙهڻ لڳا، نيم مستيءَ ۾ هن چيو:
    ”مون کي ننڊ ٿي اچي.“
    ”تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃ، مان اچان ٿو.“
    ”تون ڇو ايندين؟“ رسنا ڇرڪ ڀري چيو.
    ”تنهنجي جسم تي مالش ڪندس.“
    رسنا پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي، شينيءَ جو سياهه عورت جو مجسمو قيامت خيز انگڙائيءَ جي پوز ۾ هو. مگن لال هن کي ڪنڊ ۾ بيهاري هن کي چوطرف غور سان ڏٺو؛ بلڪل بي عيب، بي نقص، حد درجي جي هيجان انگيز، هو هڪ بخمل جي ٽڪر سان سياهه بت جا عضوا چمڪائڻ لڳو، ۽ ان سان گڏ هن هڪ اداس روماني ڌن جو رڪارڊ چاڙهيو. پٿر جي بت تي ٻردار (بخمل) ڪپڙي لڳڻ ڪري سندس پالش خراب ٿيڻ لڳي. مگن لال ڪپڙو ڇڏي ڏنو، ۽ پنهنجو هٿ هن جي ٻانهن تي ڦيرڻ لڳو:
    ”هن جو ۽ منهنجو ٽمپريچر ڪيترو نه ملي ٿو. هي پٿر جو آهي ۽ ما برف جو آهيان، گرمي نه هن ۾ آهي، نه مون ۾ آهي.“
    ڊاڪٽر رشر رسنا جي بيڊروم ۾ ٻه ايئر ڪنڊيشنر لڳرايا هئا. ان وقت هن، هن جو ٽمپريچر درست ڪيو هو. بتيون بلڪل ڌيمي رشنيءَ واريون لڳايون ۽ هينئر هو انتهائي سنجيدگيءَ سان پنهنجي قميص جون ٻانهون کنجي رسنا جي پٺيءَ تي بادامي رنگ جي هڪ مرهم سان مالش ڪندو رهيو. هن جا هٿ پيرن کان رانن تائين، رانن کان چيلهه جي خم تائين ڦرندا رهيا. رشر رسنا کي ٻڌايو ته هن مالش جو اثر جلد ئي اندرين عضون تائين پهچي، رسنا جو اعصابي نظام ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.
    ڊاڪٽر رشر ڪمر کان ڪلهن تائين پهتو. هاڻي هو ڊبل بيڊ جي ڪناري رسنا جي مٿان جهڪي هن جي ڪنڌ ڳچي ۽ ڪلهن تي مالش ڪري رهيو هو. رسنا جي اعصابي نظام ۾ ٿڌاڻ جي بجاءِ بجلي جي ڪرنٽ هلي رهي هئي، پيرن کان ڪلهن تائين مالش ڪندو رهيو. رسنا پنهنجي جسم ۾ بجلي ڊوڙندي محسوس ڪري رهي هئي. پوءِ هوءَ ڏند ڀڪوڙي ساهه روڪي پئجي رهي.
    اي ڀڳوان! هي ڏاڍو مشڪل آهي......... تمام مشڪل..... هوءَ هڪدم وارن جي هڪ چڳ پنهنجي چڪ ۾ جهلي ويٺي. هن جو ساهه زور زور سان کڄي رهيو هو، رسنا پنهنجو منهن ٻنهي هٿن سان لڪائي ڇڏيو هو:
    ”سڀاڻي هوءَ اها مالش نه ڪرائيندي، صاف صاف انڪاري ڪندي.“
    آهستي آهستي ڊاڪٽر رشر هن جي وارن جي چڳ سندس ڏندن مان ڪڍي. هاڻي ملم سان ڀريل سڻڀا هٿ هن جي وارن ۾ هئا.......
    نه........ نه...........!؟ منهنجا وار خراب نه ڪر، منهنجن وارن کي هٿ نه لاءِ، رسنا پنهنجي دل ۾ چيو، مگر زور سان ڪجهه به چئي نه سگهي. هن جو ساهه گهٽجڻ لڳو. ليڪن رشر جا هٿ هن جي وارن ۾ ڦرندا رهيا. آهستي آهستي ڳچيءَ وٽ وارن جي اندر هو هٿڙا ڦيرائيندو، وارن جون چڳون سنواريندو رهيو، رشر کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو شعلن ۾ هٿ ڦيرائي رهيو آهي.
    اوچتوئي اوچتو ڪر موڙي رسنا اٿي، هن جي اکين ۾ شعلا ٻري رهيا هئا، ۽ چپ ڪجهه کليل هئا. هن غضب جي هڪ نگاهه رشر تي وڌي ۽ پنهنجون ٻئي ٻانهون رشر جي گلي ۾ وجهي ڇڏيون، ۽ ديوانه وار هن جو منهن ۽ چپ چمڻ لڳي:
    ”ول.........! منهنجا ول...... منهنجا........ منهنجا........ منهنجا....... ول.......“
    عجائب گهر ۾ مگن ٻنهي هٿن سان هن ڪاري عورت جي مجسمي جا پير پڪڙي روئي رهيو هو. ڪنڊ ۾ آهستي رڪارڊ وڄي رهيو هو.
    ڏينهن گذرندا ويا، مگن زياده کان زياده پنهنجي عجائب گهر ۾ مشغول ٿيندو ويو. ۽ محل نما گهر جو زنانو حصو رسنا جي مسرت آميز ٽهڪن سان گونجندو رهيو. هن جي چال ۾ زياده لچڪ اچي ويئي. هوءَ هر وقت جهونگاريندي رهندي هئي. هن تي بيهوشيءَ جا دورا به ڪونه پوندا هئا. ڪيترن ڏينهن گذرڻ بعد به هوءَ مندر ۾ نه ويندي هئي.
    ٽن مهينن بعد ڊاڪٽر رشر انگلينڊ هليو ويو. هن جي وڃڻ کان ڇهه مهينا پوءِ رسنا کي پٽ ڄائو، ڪروڙپتي خاندان جو وارث پيدا ٿي ويو. ڏاڏي جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه هئي. خيرات لاءِ هن پنهنجون ٿيلهيون کولي ڇڏيون.
    پهريون دفعو مگن لال پنهنجي پٽ کي ڏٺو، ۽ ڪافي دير تائين خاموشيءَ سان ڏسندو رهجي ويو رسنا اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    هن جو چهرو هڪ مڪمل نقاب هو، ڊاڪٽر ۽ ٻه نرسون پريان بيٺيون هيون ۽ اهي به بيهي هن کي ڏسي رهيا هئا. ٻار نهايت خوبصورت هو، گلابي گلابي مٽولا ڳٽا، ۽ انهن جي مٿان نيريون اکيون.
    مگن جهڪي پٽ کي نهايت سنجيدگيءَ سان پنهنجن ٻانهن ۾ کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو، هن جي مٿي تي ائين چمي ڏني، ڄڻ هو هڪ صليب کي چمي ڏيئي رهيو آهي. پوءِ هن نهايت احتياط سان ٻار کي ساڳيءَ جاءِ تي سمهاري ڇڏيو. ۽ چپ چاپ ڪجهه چوڻ کان سواءِ ڪمري مان نڪري ويو.
    ٻئي سال ڊاڪٽر رشر وري علاج لاءِ آيو. هو صرف ٻن مهينن لاءِ آيو هو پر رسنا جي چوڻ تي هو ٻه ٽي مهينا وڌيڪ ترسي پيو، هن جي وڃڻ کان ستن مهينن بعد رسنا کي ٻيو پٽ ڄائو. پهرين کان زياده خوبصورت ۽ تندرست هو. ٻئي پٽ ڄمڻ بعد رسنا آبهوا تبديل ڪرڻ لاءِ سئزرلينڊ هلي ويئي؛ پنهنجن ٻن پٽن سان. هن جو ارادو چند مهينن تائين يورپ جي سير ڪرڻ جو هو. ڪروڙپتي سيٺ اهو فيصلو ڪيو، ته ڊاڪٽر رشر سمورو وقت سفر ۾ رسنا سان گڏ هوندو ۽ هر وقت هن جي صحت جو خيال رکندو.
    جڏهن رسنا يورپ هلي ويئي، ان کان ٿورا ڏينهن پوءِ هڪ رات مگن لال پنهنجي پيءُ جي خوابگاهه ۾ ويو ۽ کيس چيو:
    ”هاڻي جڏهن ته اوهان جي خاندان جا ٻه وارث پيدا ٿي ويا آهن، ممڪن آهي ته ٽيون به پيدا ٿي وڃي. مان هتان وڃڻ چاهيان ٿو.“
    جتي وڻئي، وڃين سگهين ٿو. مون اڄ تائين تنهنجي ڪهڙي خواهش پوري نه ڪئي آهي. مون چاهيو ٿي ته تون به يورپ جي سير تي رسنا سان گڏ وڃين. پر تو پاڻ انڪار ڪيو، ”هاڻي ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿو؟“ سيٺ چمن لال پڇيو.
    ”اوهان سمجهو نٿا. مون هي گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ مگن لال چيو.
    ”ڪنهن ٻئي گهر ۾ رهڻ چاهين ٿو؟“
    ”نه، مون کي.....“ مگن چوندي رڪجي ويو. ”مان دراصل هي گهر هميشه لاءِ ڇڏڻ چاهيان ٿو. مان اوهان کان هڪ پئسو به وٺڻ نٿو چاهيان. صرف چند شيون هتان کڻي ويندس. ۽ وري ڪڏهن به اوهان کي پنهنجي صورت نه ڏيکاريندس.“
    ”ڇو؟“
    ”سبب اوهين ڄاڻو ٿا.“
    سيٺ چمن لال ڪافي دير تائين خاموش رهيو، پوءِ سخت لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”احمق، نه ٿيءُ، تون به جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي هجين ها ته ائين ئي ڪرين ها. خبر اٿئي، اسان جو خاندان هندستان جي پهرين ٽيهن خاندانن مان آهي ۽ طاقت جي لحاظ کان اهي ئي ٽيهه خاندان هندستان تي حڪومت ڪن ٿا. وزيرن جا نالا ۽ عهدا بيشڪ بدلبا رهن ٿا. مگر حقيقت ۾ حڪومت اسان جي آهي. تون ڇا ٿو سمجهين، ڇا؟ مان پنهنجي انهيءَ طاقت ۽ دولت کي لاوارث ڇڏي ڏيان ۽ منهنجي دولت دشمنن جي هٿن ۾ هلي وڃي.“
    ”هي ٻار منهنجا نه آهن ۽ اها زال منهنجي زال نه آهي.“
    ”اهڙي طرح هي دولت جا اسان گذريل سئو سالن ۾ گڏ ڪئي آهي. حقيقت ۾ اسان جي نه آهي. اخلاق جا اهڙا ٺلها اصول صرف اسٽيج تي ۽ مذهبي ڪتابن ۾ انهن جا وڏا اعلان ٿين ٿا، مگر عملي زندگيءَ ۾ انهن ڳالهين جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجو ڏاڏو، پڙڏاڏو، جيڪڏهن انهن اصولن تي هلن ها ته اڄ پاڻ ٻيئي فوٽ پاٿ تي هجون ها. احمق نه ٿيءُ.“
    مگن لال سخت ناراض هو، پڻس کيس جهلي ويهاريو. هو پاڻ پلنگ تي ويٺو هو. ڪرسي ۽ پلنگ جي وچ ۾ هڪڙي ٽپائي هئي، جنهن تي سندس ٻنهي پوٽن جون تصويرون فريم ۾ رکيل هيون. سيٺ چمن لال جو هٿ ڪافي دير تائين تصويرن جي فريم تي ڦرندو رهيو، هن جون بيقرار آڱريون ڪڏهن هڪ فريم تي ڪڏهن ٻئي فريم تي ڦرڻ لڳيون. آخر هن نظرون مٿي ڪري پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو ۽ تصويرن ڏانهن، تيز نشتر جي انداز ۾ چيو:
    ”هڪ ڏينهن آءٌ به اهڙيءَ طرح پيدا ٿيو هوس.“
    مگن لال اها دنيا ڇڏي ڏني، هينئر هو اڪيلو شهر جي رستن تي گهمندو رهيو. هلندي وقت هن پاڻ سان ڪجهه به نه کنيو هو، صرف چانديءَ جو اهو فريم جنهن۾ آءٌ بند ٿيل هوس کڻي پنهنجي سوٽ جي کيسي ۾ وڌو. هن جي کيسي ۾ صرف ٻه ٽي آنا هئا. انهيءَ حالت ۾ گهران نڪري آيو هو. چورن جيان پيءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ، چٺي وغيره لکڻ کان سواءِ. هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو وري گهر ۾ واپس نه ويندو، هو ڪيئن پنهنجي زندگي گذاريندو، هن کي ڪجهه به معلوم نه هو ته هو ڪهڙو ڪم ڪري سگهي ٿو. هن کي اهو به معلوم نه هو. دراصل ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين هن ڪوبه ڪم نه ڪيو. هن جو سڄو جسم اڄ تائين بلڪل بيڪار هو، هٿ، پير دل دماغ، سڀ بيڪار هئا. هن کي پنهنجي جسم ٺيڪ ڪرڻ جو به ڪڏهن وقت نه مليو.
    ڇا به ٿي پوي، هو وري ڪڏهن به واپس نه ويندو. دير تائين هو رستن تي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو رهيو. هن بي مقصد آواره گهمڻ ٿي چاهيو. هن هلڻ چاهيو ٿي. هن کي ڊپ هو ته جيڏهن هو بيٺو ته متان کيس گهر جو خيال نه اچي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ايترو نه هليو.
    رات جو يارهين بجي هو ٿڪجي سدانند روڊ تي نلڪي جي ڀرسان هڪ ٻارهن ماڙ، مگر نامڪمل بلڊنگ جي ٻاهران ريتيءَ ۽ بجريءَ جي مٿان سمهي رهيو. سمنڊ جي خوشگوار هوا لڳي رهي هئي. هو چيلهه سڌي ڪري پير ڊگها ڪري سمهي رهيو. هن کي ڪابه خبر ڪانه هئي. اوچتو ڪنهن هن کي جهنجهوڙيندي اٿاريو. وائڙو ٿي هن اکيون کوليون، سج جي تيز روشني هن جي اکين ۾ ڀالي جيان چڀي ويئي. هو اکيون مهٽيندي اٿي ويٺو. هڪڙي وٽيل سٽيل جسم واري صحت مند سانوري عورت ريتيءَ جي تغاري کڻي، هن جي مٿي کان بيٺي هئي. مگن لال صرف هن جون اگهاڙيون ٽنگيون ڏٺيون ۽ هن ڇرڪ ڀريو. ”شينيءَ جو بت“ هن جي نگاهه مٿي کڄي ويئي.
    ”اي بابو، اُٿ ڪيستائين سُتو پيو هوندين؟ رات جو دارون زياده پي وئين ڇا؟“ هن جا موتين جهڙا ڏند چمڪي رهيا هئا.
    ايترو چئي هوءَ ريتيءَ جي تغاري ڀري، هن جي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ، تغاري کڻي بلڊنگ ڏانهن هلي ويئي. مگن ڪيتري دير تائين هن جي ڪمر جي لچڪ ڇلڪندڙ ڇاتين، اگهاڙين ٽنگن ڏانهن حيرت مان ڏسندو رهيو.
    ”ڇا شينيءَ هيءَ عورت ڏسي پوءِ ڪارو بت بنايو هو!“ هو اٿي ويهي رهيو. پنهنجون ٻئي ٻانهون ٽنگن تي ٻڌي ڇڏيون ۽ وري هن عورت کي ڏسڻ لڳو، جيڪا وري تغاري کڻي ريتيءَ لاءِ اچي رهي هئي. هن اچي کيس چيو:
    ”هاڻي پنهنجي گهر وڃ،“
    ”گهر ته ڇڏي ڏنو اٿم.“
    ”ته ڪم تي وڃ.“
    ”مان ڪوبه ڪم ڪرڻ نٿو ڄاڻان.“ مگن چيو.
    ”ته پوءِ هيستائين ڪيئن زنده رهئين؟“
    ”زنده هوس يا نه ان ۾ به شڪ آهي.“
    ”عجيب ماڻهو آهي،“ عورت چيو، هن جي وارن جي هڪڙي چڳ ڪري سندس ڳٽي تي لٽڪي رهي هئي. هن جلديءَ مان انهيءَ کي ڇڪي چوٽي ۾ ملائي ڇڏيو. پگهر ۾ هن جو جسم چمڪي رهيو هو.
    ”مون کي اڃ لڳي آهي.“ مگن لال پنهنجي خشڪ چپن تي خشڪ زبان ڦيرائيندي چيو.
    ”او، هتي، سيمنٽ ۽ ريتي ملائڻ واري جاءِ تي نلڪو لڳل آهي. وڃ، پاڻي پي جلدي اچ.“ عورت هٿ جي اشاري سان کيس چئي رهي هئي.
    مگن پاڻي پي وري اچي ساڳي جاءِ تي ويهي رهيو.
    ”تون ڇو نٿو وڃين؟“ عورت تغاري ڀريندي چيو.
    ”بک لڳي آهي.“
    ”بک لڳي اٿئي ته ڪو ڪم ڪر.“ هوءَ تغاري کڻي هلي ويئي. جڏهن موٽي آئي ته مگن لال کيس چيو.
    ”مون کي ڪو ڪم وٺرائي ڏي.“
    ”ڪهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو؟“
    ”جيڪو تون ڪري سگهين ٿي.“
    ”مان تغاري کڻي سگهان ٿي.“
    ”مان به کڻندس.“
    عورت هن جو زرد چهرو، هن جو سنهڙو جسم ڏسي کلڻ لڳي ۽ پوءِ هو تغاري کڻي هلي ويئي. وري واپس آئي ته هڪ سفيد مڇن واري پوڙهي کي ساڻ وٺي آئي. مگن لال کي ڏسي سفيد مڇن واري جي چپن تي مرڪ تري آئي.
    ”اُٿي سڌو ٿي بيهه.“
    مگن لال اُٿي بيٺو، پوڙهي هن کي ننهن کان چوٽي تائين ڏٺو ۽ پوءِ چيائين.
    ”ڪم ڪندين؟“
    ”ها، ڪندس.“
    هتي مردن کي ڏيڍ رپيو روز ملي ٿو ۽ عورتن کي هڪ رپيو ملي ٿو. تنهنجو جسم بلڪل ڏٻرو آهي، زناني جسم جهڙو. توکي صرف هڪ رپيو ملندو. هو کليو.
    ”هلندس.“
    ”ته پوءِ کڻ تغاري.“
    سڄو ڏينهن هو تغاري کڻندو رهيو. پهرين ويهه پنجويهه تغارين ته هن کي ڪابه تڪليف ڪانه ڏني، پوءِ آهستي آهستي تغاري ڳري ٿيندي وئي ۽ جسم مان پگهر نڪرندو رهيو. سج جا ڪرڻا هن جي جسم ۾ سين جيان چڀڻ لڳا. هن کي بار بار اُڃ پئي لڳي. هٿ پير ڳرا محسوس ٿيڻ لڳس. ڄڻ هن جي جسم ۾ رت جي بدران پگهاريل شيهو هلي رهيو هو. پوءِ به ڏند ڀڪوڙي سڄو ڏينهن تغاري کڻندو رهيو. ڏينهن ۾ ڏهه دفعا کيس خيال آيو ته هو تغاري ڇڏي هليو وڃي ۽ رستي تي هلندڙ ٽيڪسين مان ڪنهن کي روڪي. سڌو پنهنجي عيش و آرام واري محل ۾ وڃي. پر پوءِ به هو ڪم ڪندو رهيو. شام جو جڏهن هن کي موڪل ملي ته هو تغاري ريتيءَ جي ڍڳ تي رکي اتيئي سمهي رهيو. شام جي سامونڊي هوا آهستي آهستي سندس پگهر سڪائي ڇڏيو. هن کي ننڊ اچڻ لڳي. هن کي خبر ڪانه پيئي ته ڪيڏي مهل سندس اک لڳي. اوچتو، رات جو ڪنهن هن کي اٿاريو. سانوري عورت هن جي ڀرسان بيٺي هئي ۽ کيس چئي رهي هئي:
    ”اُٿ، ماني کاءُ، بکيو ئي سمهندين ڇا؟“
    هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. سمنڊ اونداهو ٿيندو ويو. ٻارهن ماڙ، نامڪمل بلڊنگ هڪ خوفناڪ ديوي جيان وات ڦاڙي بيٺي هئي. هن جي قدمن ۾ مزدورن جون ننڍيون ٽوليون باهه ٻاري ماني پچائڻ ۽ کائڻ ۾ مصروف هيون. ٽهڪڙا، ڳالهيون ۽ گاريون وغيره.
    هڪ ٿلهي مانيءَ تي سانوري عورت ٿورو ساڳ رکي کيس ڏنو. پهريائين ته مگن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪيئن کائي. ڇاڪاڻ ته هو ڇرين ۽ ڪانٽن سان کائيندو هو. ٻيو ڪوبه طريقو هن جي سمجهه ۾ نه آيو. مگر هن کي ڏاڍي بک لڳي هئي. هو ماني ڀڃي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان کائڻ لڳو. سانوري عورت مسڪرائيندي کيس ڏسي رهي هئي. کائڻ کان پوءِ هن چيو:
    ”ٻي ماني به ڏي.“
    ”اڄڪلهه راشن مهانگو آهي، پهريائين اسين به ٻه مانيون کائيندا هئاسين، پر هاڻي اسين سڀ هڪ هڪ ماني کائيندا آهيون.
    ”مگر مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي.“
    ”ته نل مان گهڻو پاڻي پي سمهي رهه، ٻي ماني نه ملندي.“
    نل مان پاڻي پيئڻ بعد هو وري اچي سمهي رهيو. مگر هاڻي هن کي ننڊ نٿي آئي. آسمان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا ۽ هو دير تائين انهن کي ڏسندو رهيو. پوءِ هو پاسو ورائي پنهنجي ڀر ۾ ليٽيل عورت کي غور سان ڏسڻ لڳو. هوءَ به جاڳي رهي هئي ۽ آسمان طرف ڏسي رهي هئي.
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ مگن لال هن کان پڇيو.
    ”تلسي“. هن چيو.
    ”تنهنجو گهر وارو ڪٿي آهي؟“
    ”مون پنهنجي گهر واري کي ڇڏي ڏنو آهي.........“
    ”ڇو؟“
    ”هو دارو پيئندو هو.“
    ”ٻار ٻچو؟“
    ”هڪ ڇوڪري هئي، تاني اها به مري ويئي.“
    هو دير تائين خاموش رهيو. ڪافي دير تائين هوءَ به ماٺ هئي. هوا جون لهرون اينديون ويون، ۽ مگن لال جي جسم ۾ به لهرون اٿنديون رهيون.
    تلسيءَ پنهنجون ٻيئي ٻانهون پنهنجي ڇاتيءَ تي ٻڌي ڇڏيون هيون. هوءَ ڄڻ آسمان کي تڪي رهي هئي. پوءِ اوچتو هن پڇيو.
    ”تنهنجو نالو؟“
    ”مگن“
    ”گهر واري؟“
    ”اها مون کي ڇڏي هلي ويئي.“
    ”ڪو اولاد؟“
    ”ڪوبه ڪونه.“
    پوءِ سڄي رات تلسي ڪونه ڳالهايو ۽ مگن به تارا ڳڻيندي سمهي رهيو. جڏهن صبح جو اٿيو تڏهن هن جو سارو جسم ٻري رهيو هو، ۽ سڄي بدن ۾ سور هوس. پر هن تلسيءَ کي ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ تغاري کڻي سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهيو. ڪنهن ڪنهن مهل هن کي ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪم ڪندي ڪندي هن جو ساهه نڪري ويندو. پوءِ به هو ڪم ڪندو رهي ٿو. شام جو هو بلڪل بيستو ۽ بيجان ٿي زمين تي پئجي رهيو، رات جو تلسي هن کي جاڳايو. هوءَ هٿ ۾ ٿالهي کڻي هن جي ڀرسان بيٺي هئي، ۽ هن ڏانهن همدرديءَ وارين نگاهن سان ڏسي رهي هئي.
    ”توکي ته بخار آهي؟“
    ”ائين ئي هوندو.“
    ”ڪا دوا وٺندين؟“
    ”نه، سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي ويندس.“
    ”اٿي ماني کاءُ، اڄ توکي ٻه مانيون ملنديون.“ تلسيءَ ٿالهي هن جي اڳيان رکي ۽ پنهنجي ماني انهي ٿالهي مان کڻي ورتي، ۽ مگن کي چيائين تون ٿالهي ۾ کاءُ. مگن ٿالهي ۾ ماني کاڌي. ۽ ماني کائڻ بعد هو سمهي رهيو. ڪجهه بخار هوس، ۽ ڪجهه ٿڪ هوس، پر بلڪل بيخبر سمهي رهيو. رات جو تلسي ٻه ٽي دفعا اٿي، هن مگن کي ريتي جي ڍڳ تي بلڪل ٻارن جيان ستل ڏٺو. گول کينهوڙي وانگر گوڏن ۾ منهن هنيو پيو هو. تلسي پنهنجي پراڻي سوڙ هن تي وڌي. صبح جو جڏهن هن کي اڃ لڳي ته هن سوڙ پنهنجي مٿان ڏٺي. ڀرسان تلسي ستي پيئي هئي. نامڪمل ٻارهن ماڙ جي نامڪمل دروازن ۽ درين مان روشني اندر اچي رهي هئي. هن پنهنجي مٿي تي هٿ رکيو. بخار ڪالهه کان به وڌيڪ هوس، هن جا هٿ ريتي کڻڻ ڪري سڄي پيا هئا. اڄ هن کي ڪم ڪندي بيحد تڪليف ٿي رهي هئي. اڄ هو ڪم ڪندي سهڪندو رهيو. اکين اڳيان انڌاري اچي رهي هوس. ڪڏهن ڪڏهن سڄو آسمان ڳاڙهو ڏسڻ ۾ پئي آيس. مٿي کي چڪر اچي رهيا هئس. تلسي هن کي ڪم ڪرڻ کان منع ڪئي. مگر هن نه مڃيو. ڪرندي، ٿاٻڙندي هو سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهيو. شام جو خود بخود هن جو بخار گهٽجي ويو. بدن هلڪو هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو. ٻئي ڏينهن بخار وڌيڪ گهٽ ٿيو. ۽ ٽئين ڏينهن بخار بلڪل ختم ٿي ويو. دوا کان سواءِ، مگر هٿن جي حالت خراب ٿي چڪي هيس. تغاري کڻي کڻي کل ئي لهي ويئي هيس. ٽئين ڏينهن اهڙو حال ٿيس جو هو پنهنجن هٿن سان ماني به کائي نٿي سگهيو:
    ”مون وٽ اچ. مان توکي ماني کارايان.“
    ”نه.“ مگن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. مگر هن جيڪو ماني جو گرهه ڀڳو، سو سندس هٿن مان ڪري پيو.
    ”هيڏانهن اچ.“ تلسي دڙيندي چيو. هن مگن جي ٿالهي سرڪائي پنهنجي قريب ڪئي.
    مگن به سرڪي وٽس ويو. تلسي هڪڙو هڪڙو گرهه ڀڃي هن جي وات ۾ ڏيندي ويئي ۽ ٻيو گرهه ڀڃي پنهنجي وات ۾ وجهندي ويئي. ٻيئي گرهه چٻاڙيندا خوشيءَ مان هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا، تلسيءَ جون اکيون چمڪي رهيون هيون. مگن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سندس ورهين جو ڪٽ آهستي آهستي ڌوپجي رهيو آهي، ۽ هن جي روح جي چوطرف ڄميل برف آهستي آهستي ڳري رهي آهي.
    ماني کارائي، ٿالهي صاف ڪرڻ بعد تلسي ڪٿان تيل جي ننڍڙي شيشي ڪڍي آئي، ۽ مگن جي هٿن کي تيل هڻي، هن پنهنجي هڪڙي پراڻي ساڙهيءَ مان ٽڪر ڦاڙي هن جي هٿن تي پٽي ٻڌي.
    ٻئي ڏينهن هو انهن پٽي ٻڌل هٿن سان ڪم ڪرڻ لڳو، چئن- پنجن ڏينهن بعد هن جا هٿ ٺيڪ ٿيڻ لڳا، سوڄ ختم ٿي ويئي. هينئر هو بنان تڪليف جي پاڻ ريتي ڀري ٿي سگهيو، هن جي جسم جي زردي آهستي آهستي دور ٿيندي ويئي. کليل هوا، کليل اس، رات جو کليل فضا کان هن جي جسم ۾ هڪ نئين طاقت ڊوڙڻ لڳي. پندرهن- ويهن ڏينهن بعد هو ايترو سٺو ڪمائڻ لڳو، جو اڇن مڇن واري هن کي ترقي ڏيئي، مردن جي گريڊ ۾ رکيو. هنيئر هن کي ڏيڍ رپيو ملڻ لڳو. هو تلسيءَ کي ڏينهن جي مانيءَ لاءِ پنج آنا ۽ رات جي ماني لاءِ ڇهه آنا ڏيندو هو، ٻين آني جي چانهه پيئندو هو، ڪڏهن چئين آني جي، باقي پئسا هو تلسي وٽ رکندو هو. هن جو بوٽ ٽٽي ويو هو. پتلون ڦاٽي ويئي هيس، گوڏن وٽان ڦاٽي ليڙون پيون لڙڪنديون هيس، مگر هو خوش هو.
    چند ڏينهن بعد تلسي هن لاءِ ڀوري رنگ جي گوڏ وٺي آئي هن کان اها پتلون لهرائي کيس گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڏني. پهريائين ته هن انڪار ڪيو مگر تلسي جو چهرو ڏسي هو مڃي ويو. اڄ هن چڱيءَ طرح غسل ڪيو، پهريون دفعو تلسي هن جا ڪپڙا ڌوتا. هن جي وارن ۾ تيل وجهي چڱي طرح مالش ڪئي. پنهنجي ڦڻي سان هن جا وار سنواريا، اڄ هوءَ بار بار بي اختيار مشڪي رهي هئي. جڏهن هلندي هئي ته هن جو جسم ڊيل جيان ٽلندو ۽ ترندو پئي ويو.
    اهڙي طرح ڪم ڪندي ڪندي هڪ مهينو وڌيڪ گذري ويو. مگن پنهنجي جسم ۾ هڪ نئين طاقت ۽ چستي محسوس ڪرڻ لڳو. سندس ٻانهون مشڪون اڀري آيون. سڄو جسم تازو ٿيندو ويو. پيرن جون تريون سخت ٿينديون ويس. بلڊنگ به تيار ٿي ٿي چڪي هئي. باقي ٿورن ڏينهن ۾ ڪم ختم ٿي رهيو هو، پوءِ هنن کي هي جاءِ ڇڏڻي پوندي.
    ”پوءِ اسين ڇا ڪنداسين؟“ مگن پريشان ٿي تلسي کان پڇيو.
    ”هون! ٻي ڪنهن بلڊنگ ۾ هلي تغاري کڻنداسين.“ تلسي بيپرواهيءَ سان چيو. ”گهڻيون ئي بلڊنگون ٺهي رهيون آهن.“
    هن جي لهجي ۾ اهڙو ته گهرو اطمينان هو، جو مگن کي به يقين اچي ويو. هو پاسو ورائي سمهي رهيو. اڃا هنن کي ستي گهڻي دير ڪانه ٿي ته هن جي ڪنن تي گوڙ ۽ شور جو آواز اچڻ لڳو. هو آواز تي ڇرڪي اٿيو، اکيون کولي سجاڳ ٿيو. هڪڙو ماڻهو لتن ۽ مڪن سان تلسي کي ماري رهيو هو، تلسي زور زور سان رڙيون ڪري رهي هئي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ٻنهي ۾ جهڳڙو هلي رهيو هو. مگن لال گهٻرائجي اٿيو، ۽ هنن جي ڀرسان وڃي کانئن پڇڻ لڳو:
    ”ڇا آهي، ڇا آهي؟“
    ”توکي ڇا آهي؟“ هن بگڙجي چيو.
    ”هيءَ منهنجي گهر واري آهي، هن کي وٺي وڃي رهيو آهيان.“
    ”نه تون منهنجو گهر وارو آهين. نه آءٌ تنهنجي گهر واري آهيان. تو مون کي ڇڏي ڏنو.“ تلسي غصي مان چيو.” جڏهن کان تو منهنجي ناني کي ماريو. مون توکي ڇڏي ڏنو. اڄ ٻن سالن بعد توکي منهنجي ياد آئي آهي؟“
    ”ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، هن کي معاف ڪري ڇڏ، هن جي گهر وڃ.“ هڪ ٻيو ماڻهو تلسيءَ کي سمجهائڻ لڳو.
    ”نه، مان هن سان گڏ ڪڏهن به نه وينديس. دارون پي هن مون کي بک ماريو. منهنجي سڄي ڪمائي به ڦري ويندو هو. وڃي دارون پيئندو هو.“
    ”هاڻي ڪونه پيئندو.“ ٻئي ماڻهو چيو.
    ”ڪيئن ڪونه پيئندو، هيئنر به اوهين ٻئي دارون پي آيا آهيو.“
    ”هلين ٿي يا هڻانءِ موچڙا.“ کاکر هن کي لت هڻندي چيو.
    مگن ڦري کاکر جي اڳيان آيو. ۽ غضبناڪ آواز ۾ چوڻ لڳو:
    ”هن کي ڇڏي ڏي.“
    ”ڇو ڇڏيان، ڇا تون هن جو يار آهين؟“
    مگن هن جي منهن تي هڪ زوردار ٺونشو هنيو. کاکر جي منهن مان رت وهڻ لڳو. مگن کي ڏاڍي حيرت لڳي. هن کي خبر ڪانه هئي ته هن جي ٺونشي ۾ ايتري طاقت هوندي! کاکر گار ڏيندي مگن سان چنبڙي ويو. جانٺو هڻي هن مگن کي ڪيرائي وڌو ۽ ٻيئي ٻکين پئجي ويا. ڪڏهن هو هيٺ ته ڪڏهن هو هيٺ. نيٺ ٻئي ليٿڙيون پائيندا ريتي جي ڍڳ تان کسڪندا هيٺ وڃي پيا. مگن غصي مان ٻنهي هٿن، پيرن سان ڌڪ هڻي رهيو هو. ڪجهه دير کان پوءِ کاکر سهڪڻ لڳو. هن جو دوست کاکر جي مدد لاءِ پهتو ٻيئي گڏجي مگن جو مقابلو ڪرڻ لڳا. مگن ڏاڍي دليريءَ سان وڙهي رهيو هو. مگر هو ٻه هئا ۽ مگن اڪيلو هو. مگن هيسجڻ لڳو، ٻيئي گڏجي هن کي مارڻ لڳا. تلسي ميدان ۾ اچي ويئي. ڪڏهن هن هڪڙي کي ٺونشو ٿي هنيو. ته وري ڪنهن کيس ٿي ٺونشو هنيو. هن ڪڏهن کين پٿر ٿي هنيا، ڪڏهن جڪ کائڻ لڳي. ٻيو ماڻهو سگهو متارو هو. هن تلسيءَ کي ڪيرائي وڌو. هاڻي لڙائي مگن ۽ هن جي وچ ۾ هئي. مگن هڪ ديواني جيان وڙهي رهيو هو. ائين پئي لڳو ته هو وڙهندي وڙهندي مري ويندو پر هار نه مڃيندو پنهنجي بدن جو سمورو زور لڳائي مگن هن کي ڪيرائي وڌو پوءِ ڀرسان پيل هڪ وڏو پٿر کڻي هن جي مٿان بيهي رهيو.
    ”هاڻي اٿيو آهين، ته هن پٿر سان تنهنجو مٿو ڦاڙي ڇڏيندس.“ مگن سهڪندي، مگر غضبناڪ لهجي ۾ چيو. مگن کي غصي ۾ ڏسي هن هٿ مٿي ڪيا. ستي ستي چيو:
    ”مون هينئر دارون پيتو آهي، تنهنڪري وڙهي نٿو سگهان. صبح جو ٽائيم هجي ها ته توکي ڏينهن جا تارا ڏيکاريان ها هينئر معافي ڏي.“
    ايتري ۾ گهڻائي مزور مرد، عورتون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا کاکر اتان پنهنجي دوست کي وٺي هليو ويو. مگن آهستي آهستي پٿر هيٺ اچي اڇلي ڇڏيو.
    انهيءَ رات اڇين مڇن واري تلسي ۽ مگن کي صلاح ڏني ته هو ٻيئي ٻاهر نه سمهن پر جاءِ ۾ اندر ڪنهن ڪمري ۾ وڃي سمهن. ڪهڙي خبر ته هي وري ڪا بدمعاشي نه ڪن يا ٻين غنڊن کي وٺي اچن.
    هڪ ڪمري جي اونداهيءَ فرش تي ٻيئي ستا پيا هئا. چپ چاپ سمنڊ جي ڇولين جو آواز مگن کي پنهنجي دل جي ڌڙڪن جو آواز لڳي رهيو هو.
    تلسيءَ تمام آهستگيءَ سان پڇيو.
    ”مگن!“
    ”جي“
    ”تون منهنجي لاءِ ڇو وڙهيو آهين؟“
    ”ائين ئي.“
    ”گهڻا ڌڪ کاڌا هوندءِ؟“
    ”نه-“
    ”ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا اٿئي- مون کي ٻڌاءِ.“
    ”چوان پيو ته ڪٿي ڪو خاص ڌڪ ڪونه لڳو.“
    ”مان پڇان ٿي ته مگن! تون منهنجي لاءِ ڇو وڙهيو آهين؟“
    مگن خاموش رهيو- اوچتو هن محسوس ڪيو ته تلسيءَ جو هٿ آهستي آهستي سندس جسم تي ڦري رهيو آهي. نهايت گنڀيرتا سان هوءَ چوندي ويئي.
    ”هتي ڌڪ لڳو آهي....... هتي ڌڪ لڳو آهي..........“
    تلسيءَ جو زنانو هٿ مگن جي جسم تي ڦرڻ لڳو.
    ”اڙي، هي ڇا ڦري رهيو آهي، هيءَ ڇا ٿي رهيو آهي.“ مگن پنهنجو پاڻ کان پڇي رهيو هو. منهنجو جسم ڇو گرم ٿي رهيو آهي. زمين مان گرمي اٿي رهي آهي. سمنڊ جو شور اوچتو وڌي رهيو آهي. ديوارون ساهه کڻي رهيون آهن ۽ ڪهڙي خوشيءَ ۾ ڏڪي رهيون آهن. مگن پنهنجن هٿن مان چڻنگون نڪرندي محسوس ڪري رهيو هو. رڳن ۾ خون ڊوڙڻ لڳو ۽ سندس اکين ۾ شعلا ڀڙڪڻ لڳا. هن کلندي تلسيءَ کي چيو ته ”تو کي ڇا ٻڌايان، ته مون کي ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا آهن!“
    ...... ......... .........
    هينئر هو انهيءَ بلڊنگ کان پري شهر جي ٻئي حصي مان وڃي رهيا هئا. ڪم جي تلاش ۾........ مگن جي هٿ ۾ تلسيءَ جو هٿ هو. هو ٻيئي نئين شادي ڪيل جوڙي جيان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا اکين ئي اکين ۾ مرڪندا، گڏ هلي رهيا هئا. هڪ وڏي محل نما عمارت ڏسي تلسي حيرت ۾ پئجي ويئي.
    ”ڪنهن راجا، جو محل آهي شايد.“
    مگن پنهنجي گهر جي عاليشان عمارت ڏسي زور سان کليو ۽ کلي چيو:
    ”ها- مگر هن محل ۾ سڀ نامرد رهن ٿا.“
    ائين چئي هو تلسيءَ کي ڇڪي اڳتي وڌي ويو. محل پوئتي رهجي ويو. نظرن کان دور هميشه لاءِ.


    33. دريون

    چوڏهين جو چنڊ ڍنڍ جي سطح تي ڪنول جي گل جيان نمودار ٿيو. گرانڊ هوٽل جون سڀئي دريون، جي ساحل طرف هيون، هڪ هڪ ٿي کلڻ لڳيون، انهن درين مان سياحن جا چهرا ٻاهر جهاتيون پائڻ لڳا.
    چوڏهين جي رات هئي، ڄڻ سڄو منظر چنڊ جي روشني ۾ ڌوپي صاف ٿي ويو هو. ڪٿي ڪٿي ڪڪر آسمان ۾ هڪ ئي جڳهه تي ائين بيٺا هئا، ڄڻ هلي هلي ٿڪجي پيا هئا. ڍنڍ جي ڪناري تي ڪلب جي شاندار عمارت ائين بيٺي هئي. جيئن ڪو جوڳي پٿلي ماري ويٺو هجي. ڍنڍ جي وچ ۾چنڊ اهڙي طرح لڏي رهيو هو. جيئن ڪو ٻار پينگهي ۾ لڏي رهيو هجي. ڍنڍ جي چوطرف وڻن جي ڇانو مان سڙڪ ائين ڏيکارجڻ لڳي، جيئن ڪا حسينه آرسي جي ڀرسان پنهنجي ربن کي رکي پوءِ وساري ڇڏي. بيحد شاندار ڏيکاءُ هو. مگر هوٽل به بيحد خوبصورت هئي. ڪناري طرف کلندڙ درين جا فريم سفيد رنگ جا هئا. درين تي سائي رنگ جا ريشمي پردا هوا ۾ لهرائي رهيا هئا. انهن پردن جي اندران جهاتي پائڻ واريون جوانڙيون به بيحد خوبصورت هيون.
    پهرين دري:
    هڪڙي پارسي حسينه ٻاهر چنڊ طرف نهاري رهي هئي هن جي چهري تي اهڙي من موهيندڙ مرڪ رقص ڪري رهي هئي، ڄڻ هوءَ خوبصورت دوشيزه چنڊ کي نه، بلڪ پنهنجي شاديءَ جي ڪيڪ کي ڏسي رهي هئي. هن پهريائين آهستي تاڙي هنئي ۽ پوءِ پنهنجي دل تي هٿ رکندي چوي ٿي:
    ”فرام روز“
    ”ڇاهي“ اندران کهرو آواز اچي ٿو،
    ”جلد اچ نه!“
    ”آيس“
    ٿوري دير بعد هڪ مرد به دريءَ وٽ اچي بيٺو هو. بيحد گنجو ۽ بيحد بدصورت هو، ايترو ئي بدصورت هو جيتري هوءَ عورت خوبصورت هئي. سندس نڪ اهڙو هو، جنهن کي ڍنڍ ۾ وجهي آسانيءَ سان مڇيون ڦاسائي سگهجن ها.
    مرد پهريائين بلڪل خفا ٿيڻ لڳو، مگر ٻاهر نظارو ڏسي ڪجهه ٿڌو ٿيو. ۽ آهستي آهستي سندس چهري تي ماضيءَ جون يادگيريون رقص ڪرڻ لڳيون. هوءَ پارسي حسينه، هن جي بلڪل قريب اچي ٿي ۽ هو سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي چوي ٿو:
    ”کورسيد“ (خورشيد)
    ”جي فرام روز“
    ”پياري، توکي ياد آهي ايڏو ئي وڏو چنڊ هو. بلڪ ان کان به ڊبل هوندو، جڏهن پاڻ تنهنجي گهر ويٺا هئاسين. تنهنجي پيءُ، تنهنجي شادي مون سان ڪرائڻ کان بلڪل انڪار ڪيو هو.“
    ”ها ياد آهي، پوءِ تو منهنجي پيءُ کي، پنهنجي پيءُ جو پاس بوڪ ڏيکاريو، پوءِ بابا کي خاطري ٿي ته تنهنجو پيءُ به مون جيان لکاپتي آهي.“
    ”پوءِ تنهنجي پيءُ منهنجي پيءُ جو پاس بوڪ واپس ڪيو ۽ اسان جي شادي ٿي.“
    پوءِ هن حسينه پنهنجو مٿو هن جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو، ٿوري دير ٻئي خاموش بيٺا هئا. پوءِ هن پنهنجي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو:
    ”کورسيد (خورشيد)!“
    ”جي فرام روز“
    ”ايندڙ سال پاڻ دار جلنگ هلنداسين، ٻڌو اٿم اتي ”مون لائيٽ“جو نجارو (نظارو) هاءِ ڪلاس جو ٿئي ٿو.“
    ”مون لائيٽ نه ڊارلنگ! ”سن سيٽ“ جڏهن سورج پهاڙن پٺيان گم ٿئي ٿو.“
    ”ته پوءِ ايندڙ سال اسان دارجلنگ ۾ سن سيٽ ڏسڻ هلنداسين، ليڪن اتي جو مون لائيٽ به گجب (غضب) جو آهي.“
    پوءِ ٻئي تعريفي نگاهن سان چنڊ طرف ڏسڻ لڳا.
    ٻي دري:
    گهنڊيدار وارن شاعراڻن اکين ۽ رنگين بشرٽ وارو خوبصورت وصفن وارو هڪ نوجوان دريءَ وٽ بيٺو هو، هن چنڊ طرف ڏسندي ٿڌو ساهه کنيو. اوچتو ڪمري مان آواز آيو:
    ”دنيش! دنيش!“
    نوجوان سگريٽ مان هڪ زوردار ڪش لڳائي، سگريٽ دريءَ مان ٻاهر اڇلي، بڇڙو منهن ڪري چوي ٿو:
    ”ڇاهي سوشما!“
    ”يارهن ٿيا آهن، ڪيڏيءَ مهل سمهندين؟“
    آواز آيو.
    ”دنيش!....... دنيش“
    نوجوان دريءَ مان منهن هٽائي، ڪمري طرف نهاري چوي ٿو:
    ”اڃا ننڊ نٿي اچي.“
    ”پلنگ تي سمهندين ته ننڊ اچي ويندي.“
    ”تون سمهي رهه، مان اچان ٿو. هڪڙو سگريٽ ڇڪي وٺان.“
    ائين چئي نوجوان سگريٽ دکائي ٿو. ۽ پوءِ وري چنڊ کي مخاطب ٿي چوي ٿو.“
    ”ڇو ڀلا سڄي رات ننڊ نٿي اچي.“
    ايتري ۾ سوشما دريءَ وٽ اچي ٿي. قد جي بندري، ٿلهي ننڍڙن کسيل وارن واري. بلڪل بدصورت جنهن کي سندس ميڪ اپ پاڻ وڌيڪ بدصورت بنايو. ايندي شرط دنيش کي ٻانهن کان جهلي اندر ڪمري ڏانهن گهلي ٿي.
    ”سڄي رات چنڊ طرف نهاريندين ته ننڊ ڪٿان ايندي ڏسين نٿو يارهن ٿيا آهن. هل ته هلي سمهون.“
    ”تون وڃي سمهه، مان پوءِ سمهندس.“
    ”سوشما پيار مان چوي ٿي.
    ”هل نه دنيش!“
    ائين چئي هوءَ وري سندس ٻانهن کان جهلي ڇڪي ٿي.“
    دنيش کي غصو لڳي ٿو بلند آواز ۾ چوي ٿو.“
    ”چيم ته مان پوءِ سمهندس نه، گهڙي گهڙي پريشان ڇو ٿي ڪرين.“
    سوشما جي اکين ۾ ڳوڙها اچن ٿا، هو رئندي چوي ٿي.
    ”جڏهن به توکي ڏسان ٿي ته چنڊ طرف نهاريندو رهين ٿو، مون ڏانهن ته ڪڏهن به نٿو ڏسين، خبر ناهي انهيءَ مئي چنڊ ۾ ڇا رکيو آهي.“
    سوشما روئندي روئندي هلي وڃي ٿي، چند منٽن تائين هن جي سڏڪن جو آواز اچي ٿو ۽ دنيش ڪاوڙ مان دري بند ڪري ٿو.“
    ٽين دري:
    هڪ قد جو پورو پنو نوجوان گنڀيرتا سان دريءَ مان چنڊ طرف نهاري رهيو هو. چنڊ طرف ڏسندي ڏسندي پنهنجن خيالن ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو هن کي ڪنهن جي به خبر ڪانه هئي، هو چنڊ طرف نهارڻ ۾ مشغول هو. ايتري ۾ هڪ دوشيزه دٻيل قدمن سان آهستي آهستي هن طرف وڌندي رهي. ان دوشيزه کي هن جي حالت تي کل پئي آئي. هوءَ جيئن تيئن ڪري پنهنجي کل روڪيندي، مرڪندڙ چپن کي ڏندن ۾ ڀڪوڙيندي هن وٽ پهتي. تڏهن به هن کي ڪا خبر ئي ڪانه پيئي. هو اڳي جيان پنهنجن ئي خيالن ۾ گم هو. اوچتو ئي اوچتو دوشيزه جو کلندڙ چهرو بدلجي ويو.
    ”مون کي بک ستائي رهي آهي- مان ڇا کان“
    ”اندر ماني رکي آهي، وڃي کاءَ.“
    ٿوري دير لاءِ هو غائب ٿي ويئي ۽ پوءِ ماني کائيندي ٻاهر اچي ٿي.
    ”تو ڇا پئي ڪيو.“
    ”مان چنڊ کي ڏسندو رهيس ۽ تنهنجو انتظار ڪندو رهيس.“
    ”ڪوڙو! تون ڪنهن ٻئي جي ياد ۾ هئين. توکي ڪنهن جي ياد ستائي رهي هئي؟“
    ”تنهنجي، تنهنجي موجودگي ۾، هن خوبصورت رات ۾ ٻئي ڪنهن جي ياد ستائي سگهي ٿي.“
    ”هي چنڊ ڪهڙو نه خوبصورت آهي، هن هميشه اسان کي محبت جو رستو ٻڌايو آهي.“
    ”مان چوان ٿي ڪو مون کان سڄي دنيا وٺي ۽ ان جي عيوض، چنڊ منهنجي حوالي ڪري، هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو. انسانن چنڊ تي مصنوعي گره اڇلايا آهن. چنڊ سڀ کان اول اسان جي هٿ ايندو. پيارا، منهنجي دل چاهي ٿي ته مان اسپوتنڪ ۾ ويهي سڀني کان اڳ چنڊ ڏي وڃان.“
    اوچتو دريءَ هيٺان هڪ آواز بلند ٿئي ٿو:
    ”هڪڙي روٽي، بابوجي، ميم صاحبه جي جوڙي سلامت رهي، هڪ روٽي جو سوال آهي.“
    دوشيزه ۽ جوان گهٻرائجي هيٺ ڏسن ٿا. هيٺ هڪ بلڪل پراڻن، ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ اڌ اگهاڙي اٺن نون سالن جي نينگري بيٺي هئي. سنهڙو، نٻل، ڏٻرو جسم، بکايل چهرو، بکايل نظرون، بکايل پيٽ، سنهڙيون ۽ سڪل ٻانهون، مٿي کڻي ليلائي چئي رهي هئي:
    ”هڪ روٽي جو سوال آهي سائين.“
    هوءَ عورت اڃا تائين کائي رهي هئي. هن نوجوان جهڪي هيٺ نهاريندي چيو:
    ”چوڏهين جو چنڊ گهر جيئي.“
    ”روٽي سائين.“
    ڏس ڏس چوڏهين جو چنڊ ڪهڙو نه خوبصورت آهي، ٻڌاءِ چنڊ تي وينديئن.“
    ”هڪ روٽي جو سوال آهي، بابو جي!“
    هن مسڪين کي ڇو ٿو پريشان ڪرين، دوشيزه نوجوان کي ٽوڪيندي چيو ۽ پوءِ ان دوشيزه هڪ ماني ان انگ اگهاڙي ۽ پيٽ بکئي ڇوڪري جي جهولي ۾ اڇلي.
    ماني ملنديئي ان بکايل ڇوڪريءَ تڙ تڪڙ مان هڪ وڏو گره ڀڃي پنهنجي وات ۾ وڌو. ۽ پوءِ ان کي چٻاڙيندي پوئتي نهاريندي، تيزيءَ سان ڊوڙندي ويئي.
    ”جيڪي انسان مٿئين طبقي ۾ رهن ٿا، اهي ماڻهو ضرور چنڊ تي پهچندا، چنڊ کي حاصل ڪندا. چنڊ تي وڃڻ ٺيڪ آهي. انسانيت جي بهتري آهي، مگر اهي انسان جيڪي هيٺاهين طبقي ۾ رهن ٿا اهي ڪروڙين انسان جيڪي سڄو ڏينهن محنت ۽ مزوري ڪن ٿا. ته به انهن کي اڃا تائين اهو چنڊ نه مليو آهي، جيڪو اڌ پاءُ اٽي مان تيار ٿئي ٿو.
    اي مٿئين طبقي وارا خلائي مسافرو، هڪ نظر هيٺين طبقي ۾ رهندڙن طرف ڪريو، ۽ ڏسو ته اهي ڪروڙين انسان ڪهڙين مصيبتن ۽ مشڪلاتن سان ان ننڍڙي اسپوتنڪ کي ڳولي رهيا آهن، جنهن کي روٽي چئجي ٿو.“
    ”هي فلسفي جو ڪلاس نه آهي، تون هتي آرام ڪرڻ آيو آهين، هلي آرام ڪر. اڌ رات ٿي چڪي آهي.“ دوشيزه پنهنجي سرتاج کي چئي رهي هئي. ۽ پوءِ هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي دريءَ کان پري هليا ويا ۽ هيٺ چنڊ ڍنڍ جي پاڻي ۾ تڙڳي رهيو هو ۽ مسڪرائيندي پنجين دري ڏي نهاري رهيو هو.


    34. جولي

    ”هو جولي گيڪان جو لاش آڻي رهيا آهن!“ اولڊپاٽ ڪلب وٽ بيٺل عورتن ۽ مردن جي ميڙ مان هڪڙي چيو.
    بيٺلن جون نظرون سامهون سمنڊ مان ايندڙ ٻن آگبوٽن تي کپي ويون. ڪنور پاور سنگهه پنهنجي بيچيني لڪائڻ لاءِ دوربين اکين تي ائين رکي، جو دوربين ۽ هٿن سندس چهري کي لڪائي ڇڏيو هو، پوءِ به هن جي ننڍڙين مڇن جي هيٺان سندس چپ لرزندا نظر ٿي آيا. راجڪماري نرملا ڇاتيءَ تي هٿ رکيو بيٺي هئي، ۽ ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هئي. پر ماڻهن جي ايتري ميڙ ۾، بيهوش ٿيڻ لاءِ جاءِ ڪٿي هئي؟
    ۽ پوءِ ڪنور پاور سنگهه، پنهنجين اکين کان دوربين پري ڪري، راجڪماري نرملا ڏانهن سوالي نگاهن سان ڏٺو، ۽ پوءِ وري ڪلب ۾ اندر وڃڻ لڳو. راجڪماري نرملا، پنهنجن بيحد نفيس ۽ ڪٽيل وارن کي آهستي آهستي آڱرين سان سنواريندي، سندس پٺيان پٺيان وڃڻ لڳي. ٻئي ڄڻا ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ گم هئا. ڪن ماڻهن پٺ ورائي هنن ڏانهن ڏٺو. راجڪماري نرملا جي حسن جي هاڪ پري پري تائين پکڙيل هئي. پر هن وقت راجڪماري بلڪل اداس اداس هئي.
    اهو سوچي تعجب ٿو ٿئي ته اڃا ٻه ڪلاڪ اڳ جولي گيڪان زنده هئي! هوءَ ۽ ڪنور پاور سنگهه گهڻيءَ دير تائين ڳالهيون ڪري رهيا هئا؛ آهستي آهستي ۽ سنجيدگيءَ سان، ڪجهه غصي ڀريل ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ۽ جولي گيڪان جا ڊگها ۽ چمڪندڙ وار، بار بار، ڪنهن جهولندڙ ۽ موج ڪندڙ نانگ جيان، ان جي پٺيءَ ۽ ڪلهن تي لهرائي رهيا هئا.
    ”جولي“ ڪلب جي اڪيلي عورت هئي، جنهن جا وار ڪٽيل نه هئا، ۽ کيس سڀني کان ڊگها ۽ ملائم وار هئا. هوءَ بيحد حسين، مه جبين هئي. سندس چپ سنهڙا ۽ سهڻا هئا. جنهن وقت هوءَ پنهنجيءَ مادري زبان ۾ ڳالهائيندي هئي، تڏهن سندس زبان جي سلاست ۽ سندس ٻانهن جو گداز اهڙو تاثير پيدا ڪندا هئا جو انهن کان بچڻ ناممڪن هو. ٻه ڪلاڪ اڳ، ڪنهن کي اهو وهم گمان به نه هو ته ڪا جولي ائين مري ويندي، جا ڪنور پاور سنگهه سان ڳالهيون ڪري رهي هئي.
    هو گهڻيءَ دير تائين ڳالهيون ڪندا رهيا. ڪلب جي هڪ ميمبرسان ڪوبه ڳالهائڻ پسند نه ڪندو هو، جنهن واچ ڏسي، بعد ۾ ٻڌايو ته جولي ۽ ڪنور پاور سنگهه ٻئي پنجٽيهن منٽن تائين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا. جولي، غصي ۾ پنهنجن وارن کي جهٽڪو ڏيئي، ڪنور پارور سنگهه وٽان هلي ويئي ۽ پوءِ هوءَ هڪ لانچ ۾چڙهي، سمنڊ ۾ سير ڪرڻ ويئي.
    جولي لانچ ۾ ڪناري کان گهڻو پري ويئي. پر پوءِ به اولڊ پاٽ ڪلب هن جي نگاهن کان پري نه هئي. ٻيڙيءَ کي پري وٺي وڃڻ بعد، هن دوربين سان ڏٺو ته ڪلب جا گهڻا ميمبر کيس دوربين سان ڏسي رهيا آهن، پر ڪنور پاور سنگهه ٻئي طرف ڏسي رهيو هو ۽ ان جي سامهون راجڪماري نرملا ويٺي هئي. ان کي ڏسندي ئي، سندس اکين ۾ لڪل ڳوڙها نمودار ٿيا، ۽ هوءَ هڪدم ٻيڙيءَ تي بيهي رهي...... ۽ پوءِ پري کان ڪلب طرف هٿ هلائيندي، هن سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو.
    هن کي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيندي ڏسي، گهڻن ئي ميمبرن کي ڌڌڪو رسيو. هو پنهنجين ڪرسين تان اٿي کڙا ٿيا. بيچيني سان هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳا، ۽ پوءِ وري دوربين کڻي سمنڊ ۾ نهارڻ لڳا، جتي لانچ هڪ سفيد ڪاغذ جي ٻيڙيءَ جيان لهرين تي لڏي رهي هئي.
    چند عورتون اهو ڏيکاءُ ڏسي بيهوش ٿي ويون. اسٽيوارڊ چرن سنگهه، ٻه ملازم پاڻ سان وٺي، موٽر لانچ تي چڙهي جوليءَ کي بچائڻ لاءِ روانو ٿيو. پر ڪافي دير ٿي چڪي هئي. ۽ پوءِ هو جوليءَ جو لاش لانچ ۾کڻي اچي رهيا هئا.
    قوميت جا ڪيترائي اصول آهن. انهن مان ڪي چڱا اصول آهن، ته ڪي خراب پڻ آهن. انهن مان هڪ هي به آهي ته ڌارين تي ڪنهن به قسم جو ڀروسو ڪرڻ نه گهرجي ۽ هڪ اصول هي به آهي ته ڌاريون عورتون وفادار ناهن.
    جولي به هڪ اهڙي عورت هئي، جا ٻاهران پنهنجي خاوند سان چندرنگر ۾ آئي هئي. موسيو گيڪان کي ڪنهن خاص ڪم خاطر پئرس مان چندرنگر موڪليو ويو هو. ڇهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ هن پنهنجو ڪم خوش اسلوبيءَ سان پورو ڪيو. ٻن سالن بعد هن کي بمبئي موڪليو ويو، جتي چئن سالن بعد هن جو انتقال ٿيو.
    ان کان پوءِ وارا چند سال، جوليءَ لاءِ نه بلڪ سندس چاهڻ وارن لاءِ پراسرار هئا. جولي اوچتو ئي اوچتو لاپته ٿي ويئي. هوءَ پنهنجي وطن فرانس به نه ويئي، نه وري هتي ڪنهن ڪلب ۾ هئي. اهي افواهه ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ته هوءَ هتي ئي آهي؛ پر ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته هوءَ ڪٿي آهي ڪنهن چيو، جوليء ڪنهن اينگلو انڊين سان شادي ڪئي آهي، جو ريلوي ۾ انجڻ- ڊرائيور آهي ۽ شراب پي هن کي ماريندو آهي. پر ڪنهن کي به اهڙن افواهن تي اعتبار نه ايندو هو. پوءِ وري ٻڌڻ ۾ آيو ته اهو اينگلو انڊين انجڻ- ڊرائيور دراصل اينگلو انڊين نه هو، پر اڌ هندستاني ۽ اڌ فرانسي يهودي هو، ۽ ملازمت ختم ٿيندي ئي، جوليءَ کي ڇڏي، هو برازيل هليو ويو آهي. پوءِ انهيءَ جو ڇا ٿيو؟ جوليءَ جو ڇا ٿيو؟ هاڻي انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ جي ڪنهن کي ضرورت هئي. ڪلب ۾ ماڻهو جي آس تيستائين قائم رهي ٿي، جيستائين ڪو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي تري ٿو، يا موٽر- لانچ تي گهمي ٿو؛ ۽ جيڪي انسان غريبيءَ جي سطح هيٺ ٻڏل رهن ٿا، اهي ويچارا مڇين جيان فراءِ جي ڪم اچن ٿا. انهيءَ ڪري ڪلبن ۾ ماڻهو جوليءَ کي وساري ويٺا، گهرن ۾ وساري ويٺا، سير تفريح ۾ وساري ويٺا، ڊانس ۽ پارٽين ۾ وساري ويٺا، ته جولي گيڪان نالي ڪا سهڻي ۽ من مهڻي عورت به ڪڏهن بمبئيءَ ۾ موجود هئي.
    ......... ....... ..........
    پوءِ وري، هڪ ڏينهن اوچتو، جولي گيڪان ڪلب ۾ وارد ٿي اڪيلي، تن تنها ڪنهن ساٿيءَ کان سواءِ- اها ئي حسين، نازڪ، پر بيحد سنجيدي ۽ خطرناڪ. هاڻي هوءَ ڪشاده دل فرانسي عورت نه، بلڪ هڪ خطرناڪ هندستاني عورت هئي.
    ايترا سال هوءَ ڪٿي هئي؟ هن ٻڌايو ته هوءَ پري هلي ويئي هئي، ۽ ساڌن جي سنگت ۾ وڃي رهي هئي. هن اهو پراڻو فسلفو سکڻ ٿي چاهيو، جنهن سان بيقرار روحن کي سڪون حاصل ٿيندو آهي.
    اڳ هوءَ پئرس جي نائٽ ڪلبن کان وٺي پئرس جي نئين فيشن جون ڳالهيون ڪندي هئي؛ ۽ هاڻي، نرواڻ سکي هوءَ زياده خطرناڪ ٿي پيئي هئي. هينئر مردن لاءِ اهو بلڪل ناممڪن هو ته پنهنجين عورتن جي موجودگيءَ جي باوجود هو جوليءَ کان دور رهي سگهن. پر جولي اها پهرين جولي نه هئي، هينئر هن هيڏانهن هوڏانهن اڏامڻ ٿي چاهيو. هن جون نگاهون ڪنهن جي تلاش ۾ هيون- ڪا آغوش، ڪو سهارو، ڪو ساٿي، جنهن کي هوءَ پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏي ۽ کائنس سڀ ڪجهه وٺي. هينئر هوءَ اها اڳين سڀ ڪنهن تي ڀروسي ڪرڻ واري عورت نه هئي، جنهن کي نه ماضيءَ جو خيال هجي نه مستقبل جو؛ بلڪ هينئر هن جون سڀئي جبلتون بيدار هيون. نئين دور ۾ جيڪي شخص سندس قدمن ۾ ڪرڻ لاءِ تيار هئا، تن مان هن ڪنور پاور سنگهه کي چونڊيو: رياست بچل ڳڙهه جو اميرزادو، پراڻيءَ خانداني رياست جو واحد چشم و چراغ، خوبصورت، دلڪش وصفن وارو، باوقار شڪار جو شوقين، هر خوبصورت عورت جي هر ادا سمجهڻ وارو، خوش لباس ۽ خوش اطوار، نه ايترو فياض، جو صدين جي دولت ٻن ڏينهن ۾ ناس ڪري نه وري اهو ڪنجوس، جو ڪنهن سخيءَ کي ڏسي بيهوش ٿي وڃي.
    ڪنور پاور سنگهه کي به جولي بيحد پسند هئي. خوبصورتيءَ کان سواءِ، ڪنور پاور سنگهه کي يورپ جي حڪمران طبقي مان ڪنهن سان شادي ڪرڻ بيحد پسند هو. جولي خوبصورت هئي، ۽ هڪ فرانسي آفيسر جي زال هئي. جوليءَ جو خاندان، ڪنور پاور سنگهه جي خاندان جيان، چار سؤ ورهيه پراڻو هو. جولي فرانس جي پهاڙين جيان پراڻي هئي، ۽ ان جي انگوري وادين جيان شاداب ۽ حسين هئي- ڪنور پاور سنگهه جوليءَ سان مري مٽ ٿيڻ جو انجام ۽ اعلان ڪيو هو، ۽ راجڪماري نرملا کان پنهنجي جند ڇڏائي، جنهن سان چند ڏينهن اندر هن جو مڱڻو ٿيڻو هو.
    جولي ۽ ڪنور پاور سنگهه جو عشق چند مهينن ۾ جهنگل جي باهه جيان وڌندو ويو. اها باهه ايتري تيز ۽ روشن هئي، جو پري کان ڏسڻ وارن کي به نظر اچڻ لڳي. جولي ۽ ڪنور پاور سنگهه هر هنڌ ۽ هر وقت گڏ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. جولي ۽ پاور سنگهه پنهنجي مڱڻي جو پڻ اعلان ڪري چڪا هئا. مهاراجا بچل ڳڙهه خود انهن جي مڱڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي. سڀ ڪجهه ٺيڪ هو. ايندڙ بهار ۾ ٻنهي جي شادي ٿيڻ واري هئي. جولي بيحد خوش هئي. چوطرف کليل ۽ صاف آسمان هو، ڪٿي به ڪنهن ڪاري ڪڪر جو پاڇو ڪونه هو.
    پوءِ؛ هڪ پاڇو ظاهر ٿيو- جهرڪيءَ جي اک جيڏو. اهو هو، اولڊ پاٽ ڪلب ۾ گهپلا ڀائي ملتاني؛ جنهن جا ڪن لائوڊ اسپيڪر جيان وڏا ۽ مٿي کنيل هئا. سندس ٿلها ۽ وڏا چپ سدائين گگ سان ڀريل هوندا هئا. سندس اکيون بيحد بيچين؛ وحشتناڪ ۽ چالاڪ هيون. اهڙيون اکيون جهڙيون لومڙ يا نانگ بلا جون ٿينديون آهن انهن ۾ ڪنهن به قسم جي گهرائي ڪانه هئي.
    صاف ۽ گهرو پاڻي؛ ڪنول جو ٽڙيل گل، لهرون ٻارن جي مرڪ اهڙيون اکيون هن دنيا ۾ انسان جي چهري تي تمام جلد مريو وڃن؛ ۽ انهن جي جاءِ ي جيڪي اکيون اچن ٿيون، سي گهپلا ڀائي ملتانيءَ جي اکين جهڙيون هونديون آهن، جن کي ڏسڻ سان جهنگل ۾ ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور جو خيال ايندو آهي.
    گهپلا ڀائي ملتاني هڪ فلم پرڊيوسر هو، ۽ بچو ڀائي ڪروڙ پتيءَ سان گڏ، سندس مهمان ٿي، ڪلب ۾ داخل ٿيو هو. هن جي فلم اڃا مڪمل ڪانه ٿي هئي، تنهن ڪري گهپلا ڀائي ملتاني اڃا تائين بچو ڀائيءَ جي هر هنڌ ۽ هر وقت خوشامد ڪرڻ لاءِ مجبور هو. بچو ڀائي هن جي مجبوريءَ کي سمجهي، کيس ڪلب ۾ پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو- ته جيئن هو وقت بوقت سندس تعريف ٻين کي ٻڌائيندو رهي.
    گهپلا ڀائي ملتاني تعريف ڪندو رهندو هو، ۽ بچو ڀائي اها تعريف ائين ٻڌندو رهندو هو، ڄڻ هو ان کي وسڪي جي گلاس ۾ وجهي آهستي آهستي سرڪيون پيو ڀريندو هجي. جيڪڏهن عمدي تعريف هوندي هئي ته پوءِ اها اسڪاچ وسڪيءَ جيان کيس وڌيڪ ملائم ۽ وڌيڪ نشيدار لڳندي هئي. پر گهپلا ڀائي ملتاني جهڙيءَ شدت سان بچو ڀائيءَ جي تعريف ڪندو هو، اهڙي شدت سان انهن سڀني جي مخالفت ڪندو هو، جن کان کيس ڪو فائدو نه پهچندو هو.
    خاص ڪري هن جي زبان عورتن جي باري ۾ بلڪل بري هئي. هو ڪنهن به عورت جي عزت نه ڪندو هو. ملتاني جيئن آيو هو، تيئن هميشه بڪندو رهندو هو. هو ڪڏهن به اهو سمجهي نه سگهيو ته هڪ عورت ۽ ٻيءَ عورت ۾ ڪهڙو فرق آهي. هن لاءِ سڀ عورتون صرف گوشت جا ٽڪرا هيون.
    جولي گيڪان؟ جولي گيڪان!...... هڪ ڏينهن هن بچو ڀائيءَ جي اڌ بوتل ختم ڪندي چيو، ”مان جولي گيڪان کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو.“
    ”تون ڪيئن ٿو سڃاڻين؟“ بچو ڀائيءَ حيرت مان پڇيو ”هوءَ توسان منهن ڏيئي ڳالهائي به ڪانه ٿي!“
    ”هوءَ ڀلي منهن نه ڏئي، پر مان سندس منهن جو مزو چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو.“ گهپلا ڀائي ملتانيءَ بلند آواز سان چيو.
    ”شش! اهڙيون بيهوديون ڳالهيون نه ڪر. اڄ ڪلهه ڀتين کي به ڪن آهن. هوءَ ٻڌي وٺندي.“ بچو ڀائيءَ ۽ ٻين کيس منع ڪندي چيو.
    ”ڀلي ٻڌي، مان کانئس ڊڄان ٿو ڇا؟“
    ”جولي گيڪان! جولي گيڪان منهنجيءَ هڪ فلم ۾ ايڪسٽرا ڇوڪريءَ جو پارٽ ادا ڪيو....... هينئر وري نوابزادي بنجي، هڪڙي راجا سان شادي ڪرڻ هلي آهي! هوءَ اصل ۾ فلم جي هڪڙي ايڪسٽرا ڇوڪري آهي!“
    ”انهيءَ لاءِ تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي؟“ بچو ڀائي ملتاني کان پڇيو.
    ملتانيءَ پنهنجي ٽيبل جي چوطرف ڏٺو. ڪلب جا ميمبر کيس حيرت ۽ افسوس سان ڏسي رهيا هئا. ايڏي وڏي شاندار ۽ اميراڻي ڪلب ۾ هو سڀني جي نگاهن جو مرڪز هو. سڀ پنهنجو ساهه روڪي هن جو هڪ هڪ لفظ غور سان ٻڌي رهيا هئا. اهڙي اهم ساعت گهپلا ڀائي ملتانيءَ لاءِ اڳ ڪڏهن به نه آئي هئي. هن پنهنجو گلاس ختم ڪيو، ۽ مسڪرائيندي پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو. پنهنجو ٻٽو نئون کولي، ان مان احتياط سان تصويرون ڪڍي، حاضرين اڳيان پيش ڪندي، چوڻ لڳو: ”ڏسو، منهنجو ثبوت اوهان اڳيان حاضر آهي!“
    ماڻهو هٿو هٿ تصويرون وٺندا، ڏسندا ۽ هڪ ٻئي کي ڏيندا ويا. واقعي اهي تصويرون جولي جون هيون- هڪڙي فلمي ناچ جي لباس ۾، ۽ ٻي ايڪسٽرا ڇوڪرين سان گڏ اها ئي جولي، جا هينئر ڪلب جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجي مڱيندي ڪنور پاور سنگهه سان گڏ جام پي رهي هئي. هر ڪو تصويرون ڏسندو، حيرت سان گهپلا ڀائي ملتانيءَ کي تڪڻ لڳو. ملتاني هينئر خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. پنهنجي هٿ ۾ نئون جام کڻي، ڪرسي تان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو:
    ”گهپلا ڀائي ملتاني پيش ڪري ٿو، جولي گيڪان جي ڪهاڻي!“
    ان وقت هو ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ بچو ڀائي هن کي پڪچر لاءِ سرمايو ڏيئي ڇڏيو هو، ۽ پڪچر شروع ٿي چڪي هئي، هائوس فل هو، ۽ ان جي نمائش ٿيڻ واري هئي.
    هن هڪ دفعو وري وڏي واڪي چيو: ”گهپلا ڀائي ملتاني پيش ڪري ٿو، جولي گيڪان جي ڪهاڻي!“
    هن جا ٻئي هٿ فخريه انداز ۾ مٿي هئا. اوچتو کيس هڪ زبردست چماٽ لڳي. هو بيخود ٿي ڪرسيءَ تي ڪري پيو. هن جي چالاڪ اکين ڏٺو ته سامهون جولي گيڪان بيٺي هئي، جا پنهنجيءَ جاءِ تان اٿي آئي هئي. هن جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. هوءَ سڄي لرزي رهي هئي، ۽ پنهنجو پستول ڪڍي هٿ ۾ ڪيو هئائين پستول ڏسندي ئي گهپلا ڀائي ملتاني پنهنجو اکيون بند ڪري ڇڏيون، ۽ ڏڪندو، بيهوش ٿي، ڪرسي تان هيٺ ڪري پيو. ان وقت ڪنور پاور سنگهه اچي جولي کان پستول ڦريو جولي، پنهنجو هٿ ڇڏائيندي، تڪڙي تڪڙي ٻاهر نڪري ويئي.
    ٻئي ڏينهن ڪنور پاور سنگهه، راجڪماري نرملا کي ساڻ ڪري ٻاهر ويو. ان جي غير حاضري ۾ جولي ڪلب ۾ آئي. سڀني کيس ڏٺو، پر ڪنهن به ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي، ڪنور پاور سنگهه جڏهن موٽي آيو، ته کيس جولي ملي. راجڪماري نرملا ته پاسو ڪري جولي وٽان مٽي ويئي، پر جولي ڪنور پاور سنگهه کي روڪي ورتو.
    ”هلو!“
    ”هلو_____‏“
    ”ڇا اهو سچ آهي؟“ ڪنور پڇيو.
    ”بلڪل سچ آهي.“ جولي بيڊپائي سان چيو.
    ”تو مون کي پهريائين ڇو نٿي ٻڌايو؟“ ڪنور غصي مان چيو.
    ”ڇاڪاڻ ته تنهنجي سماج ۾ عورت کي غلطي ڪرڻ جو ڪو حق ناهي.“
    ”ٺيڪ آهي.“ ڪنور ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو.
    ”تون ٻڌاءِ جيڪڏهن مان توکي ٻڌايان ها، ته تون مون سان محبت ڪرين ها؟“
    ”محبت ڪريان ها، پر پري کان.“
    ”۽ هاڻي؟“
    ”هاڻي مان مڱڻي ٽوڙڻ تي مجبور آهيان.“
    ”ڇو؟“
    ”مهاراجا چوي ٿو، جنهن جي فلم ماڻهو ڇهين آني ۾ ڏسي سگهن ٿا، اها منهنجي محل ۾ ڪيئن ايندي؟ اها منهنجي ننهن ڪيئن ٿيندي؟ ۽ انهيءَ مان منهنجو پوٽو پيدا ٿيندو، سو ڪيئن؟“
    ”جا عورت جنم ڏيئي سگهي ٿي، اها ماءُ آهي- ۽ اها ڪنهن به محل ۾ راڄ ڪري سگهي ٿي! باقي راجائيءَ جو سوال؟ سو، پيارا توکي ياد هوندو ته اسان جي ملڪ پنهنجن بادشاهن کي ڦاسي به ڏني، انهن کي معزول به ڪيو، انهن کان هوٽل جي بيراگيري به ڪرائي ۽ موچين جو ڪم به ورتو!“ جولي جوش ۾ اچي چيو.
    ”تون منهنجي والد جي بعزتي ڪري رهين آهين!“ ڪنور زور سان چيو.
    ”مان صرف توسان محبت ڪريان ٿي.“ جوليءَ رڪجي رڪجي، پنهنجن ڳوڙهن کي روڪيندي، سڏڪا ڀريندي چيو. ”مون صرف چند سالن جي غربت توکان لڪائي هئي، ته مبادا تون مون کان نفرت نه ڪرين حالانڪ انهيءَ نفرت لاءِ ڪو خاص سبب ڪونه آهي، غريبي ته انسان جو پهريون ورثو آهي.“
    ”پر ٻين لاءِ.“ ڪنور بحث مان بيزار ٿيندي چيو. ”هن کان پوءِ تنهنجا ۽ منهنجا سڀ رشتا ۽ تعلقات ختم آهن!“ ڪنور فيصله ڪن لهجي ۾ چيو.
    ”پيارا، سينٽ ايملائن ۾ اسان جو هڪ خوبصورت گهر آهي. اتي اڄ به اسان جي باغ ۾ انگورن جا ڇڳا چمڪي رهيا هوندا. مون سان هل، منهنجا پرين!“
    ”گڊ باءِ، جولي!“
    ”گڊ باءِ _“
    ۽ هينئر جوليءَ جو لاش کڄي آيو هو. جيڪي ماڻهو انهيءَ نظاري جو تاب سهي نٿي سگهيا، تن پنهنجون نظرون ڦيري ڇڏيون. ڪي ماڻهو ادب سان سِر جهڪائي بيٺا رهيا ۽ جوليءَ جي لاش کي رستو ڏيڻ لڳا، جنهن کي چرن سنگهه پنهنجين مضبوط ٻانهن تي کنيو پئي آيو. جوليءَ جو گلابي چولو سندس جسم سان چهٽي پيو هو. سندس وار بلڪل کليل هئا، ۽ اهي فرش جي غاليچي تان گهلبا پئي آيا ۽ انهن مان پاڻي ٽمي رهيو هو، جنهن سان غاليچي تي نشان ٿيندا پئي ويا. هر ڪنهن گهپلا ڀائي ملتانيءَ کي اڪيلو ڇڏيو. ڪوبه شخص هن جي قريب وڃڻ لاءِ تيار نه هو. ڄڻ ته هو انسان نه هو، بلڪ هڪ خارش زده ڪتو هو. انهيءَ وقت سڀني جون نگاهون پاور سنگهه ۽ راجڪماري نرملا کي گهوري رهيون هيون، جيڪي اندر ڪنڊ ۾ ٻين جي نگاهن کان بچڻ لاءِ ويٺا هئا. پر لاش کي ليڊيز روم ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ، چرن سنگهه کي اتان لنگهڻو هو. هو بلڪل خاموشيءَ سان جوليءَ جو لاش کڻي اتان مٽيو. هو اتي ئي پٿر جي بت جيان خاموش ويٺا رهيا. ڪنور پاور سنگهه آڏيءَ اک سان چرن سنگهه کي ڏٺو. هڪ گهڙيءَ لاءِ هن کي جوليءَ جي سفيد چهري تي گهريون ۽ کليل اکيون ڏسڻ ۾ آيون ۽ ٻيءَ گهڙيءَ ۾ جوليءَ جي وارن جو پاڻي سندس قدمن تي ڳوڙهن جي ڌارا وهائيندو گذري ويو.
    اوچتو، هن جي دل ۾ ڦيرو اچڻ لڳو. پر هن ڏٺو ته ان وقت جو هو سڄي ڪلب جي نگاهن جو مرڪز بنيل آهي، تنهن ڪري پاڻ تي ضابطو رکندي، راجڪماري نرملا کان پڇيائين: ”توهان ڇا پيئندا؟“
    انهيءَ سوال تي، پروفيسر ملڪاڻي سوچڻ لڳو: ٻنهي مان ڪهڙو زياده بيرحم آهي- گهپلا ڀائي ملتاني، يا ڪنور پاور سنگهه؟ جڏهن هو ڪو فيصلو ڪري نه سگهيو، تڏهن هن پنهنجي دوست کان اهو سوال پڇيو. پر هو به ڪو جواب ڏيئي نه سگهيو.
    جڏهن چرن سنگهه جوليءَ جو لاش کڻي ليڊيز روم ۾ داخل ٿيو، تڏهن اتي ويٺل عورتون هڪ ٻئي پٺيان اُٿينديون ويون ۽ روم ۾ فقط اڪيلي ڪاشي ٻائي روئي رهي هئي- ڇاڪاڻ ته ڪلب ۾ اهائي هڪ عورت هئي جا محبت جو درد سمجهي سگهندي هئي.
    چرن سنگهه جولي گيڪان جي لاش کي رکندي هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ ڪاشي ٻائي کان پڇڻ لڳو: ”جولي ميم صاحبه ائين ڇو ڪيو؟“
    ڪاشي ٻائي کن پل لاءِ چرن سنگهه کي گهوري نهاريو. جڏهن کيس يقين آيو ته اها ڳالهه چرن سنگهه جي سمجهه ۾ نه آئي؛ تڏهن هن ڪنڌ لوڏيندي آهستي آهستي چيو: ”ڪجهه به نه چرن سنگهه!......... جولي ميم صاحبه سير ڪرڻ لاءِ تمام پري نڪري ويئي.“


    35. چيني پکو

    مون شادي نه ڪئي آهي- زندگي ۾ مون عورت سان ڪڏهن به محبت نه ڪئي آهي. صرف هڪ دفعو؛ هڪ ڇوڪري ٿورڙو پسند آئي.
    مون ان کي پهريون دفعو ’پطراش‘ ريسٽارنٽ ۾ ڏٺو هو. هوءَ اتي ويٽريس جو ڪم ڪندي هئي. پطراش ريسٽارنٽ بمبئي ۾ پهريون ريسٽارنٽ هو؛ جنهن ۾ بيري جي ڪم لاءِ عورتون ملازم هيون. هلڪي گلابي رنگ جي فراڪن ۾؛ نازڪ ۽ نفيس ڇوڪريون گلن وانگر ٻهڪنديون هڪ ٽيبل کان ٻيءَ ٽيبل تائين لچڪنديون ڦرنديون وتنديون هيون. انهن جا خوبصورت مشڪندڙ چهرا رنگين ننهن ۽ جڳمڳائيندڙ لباس ريسٽارنٽ کي روز بروز زياده قبول بنائيندا ٿي ويا. مان به اتي پهتس، جتي هر ابولهوس پهچندو آهي. اتي مون پهريون دفعو ’سريتا‘ کي ڏٺو. هن جا وار خشڪ ۽ منتشر هئا. هن انهن کي پٺتي ڇڪي ’پوني ٽيل‘ بنائي ڇڏيو هو. هن جي چپن تي لپ اِسٽڪ نه هئي. سرخي نه هئي ته ڇا مسڪراهٽ به ته نه هئي! رنگ اهڙو ته نکريل هوس ڄڻ ته کيس نربدا جي سنگ مرمر جي پهاڙن مان تراشيو ويو هو. هن جي گلابي فراڪ سندس جسم تي بلڪل ڦڪو معلوم ٿيندو هو. پر منهنجو خيال آهي ته ماڻهو سندس رنگ ڏسڻ نه ايندا هئا، هن جي چال ۽ رفتار ڏسڻ ايندا هئا. هن جي رفتار ۾ شاعرانه مڪنت سان گڏ اهڙي ته دلربا آوارگي هئي جو کيس ڏسي هڪدم قلوپطرا ۽ مارلن مونرو جو خيال ايندو هو. جڏهن آرڊر وٺي هلندي هئي ته مرد کيس اهڙيءَ حسرت ڀريءَ نگاهه سان ڏسندا هئا، ڄڻ تاج محل ٿا ڏسن. جڏهن هوءَ پنهنجي مخصوص انداز ۾ مون کان آرڊر وٺي چڪي ته مون کيس چيو، ”تون مسڪرائيندينءَ نه؟“
    ”ڇا اهو به آرڊر ۾ شامل آهي؟“ هن جي تيز نگاهه منهنجي مٿان اُڏامندي هلي ويئي.
    ”آرڊر ۾ ته نه، آداب ۾ شامل آهي!“
    هن جا چپ پنهنجيءَ جڳهه تي ٿورو چريا- غصي سان پر، خمدار، سنهڙا چپ هئا اهي، پاڳل بنائي ڇڏڻ وارا. ’انهن چپن جي کل ڪيتري ته موتمار هوندي!‘ مون پنهنجي دل ۾ سوچيو ۽ هن کي چيو، ”هن وقت تنهنجا چپ همليٽ وانگر سوچي رهيا آهن ته مسڪرايان يا نه مسڪرايان!“
    ”افسوس جو اوهين همليٽ نه آهيو.“ هن نفرت سان چيو.
    ”تون ڪهڙي روفيليا آهين!“ مان به ساڳئي انداز ۾ جواب ڏنو.
    هن منهنجي اکين ۾ گهوري ڏٺو. اتي هن ڪجهه ڳوليو. ٻئي لمحي هوءَ پٺي ڏئي واپس هلي وئي. ڪهڙي خبر، هن کي منهنجن اکين ۾ ڪجهه مليو يا نه، ليڪن مون کي سندس مستانه چال ۾ گهڻو ڪجهه مليو. اوهان کي تعجب نه کائڻ کپي، ڇو ته مان شريف ماڻهو نه آهيان. مون اڄ تائين شادي نه ڪئي آهي، ڪنهن عورت سان محبت به نه ڪئي آهي، ان ڪري سٺي اخلاق تي توهان جو ليڪچر ٻڌڻ لاءِ تيار ته آهيان.
    جڏهن هن ’ٿري اِن ون‘ آئيس ڪريم جي پليٽ منهنجي سامهون رکي ته چيائين، ”منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي، هن ريسٽارنٽ ۾ جيترا به مرد ٿا اچن اهي آئيس ڪريم کائيندا آهن، ۽ جيتريون به عورتون اينديون آهن اهي ڪافيءَ جو آرڊر ڪنديون آهن!“
    مون چيو، ”ان ڪري جو مرد ڪافي هوندا آهن، ۽ عورتون آئيس ڪريم!“
    ”هن برجسته جواب ڏنو، ”منهنجي خيال ۾ مرد ناڪافي هوندا آهن.“
    آءٌ خار وچان کيس ڪجهه چوڻ وارو هوس، ليڪن هوءَ مشڪي هلي وئي. ڏاڍي تلخ ۽ زهريلي مشڪ هئي اها. اهائي مسڪراهٽ ته مون به ڏسڻ ٿي چاهي! ’انهن چپن جو زهر اگر پيئڻ لاءِ ملي وڃي ته.......‘ مون هڪ گهڙي لاءِ دل ۾ سوچيو، پوءِ ان خيال کي دل تان لاهي ڇڏيم. ’هونهه! ڪهڙو نه بيهودو خيال آهي! عورت کان آئيس ڪريم بهتر آهي؛ ڇو ته آئيس ڪريم ختم ٿي سگهي ٿي، ليڪن عورت ڪڏهن به ختم ٿي نٿي سگهي.‘ مون پنهنجي کوپڙيءَ کي ڏاڍي شفقت سان ٺپيو. ’شاباس! تون وڏو عقلمند دماغ آهين، ڏاڍو سٺو مغز ٿو رکين، تنهنجي هوندي مون تي ڪابه عورت قبضو نٿي ڪري سگهي!‘
    مان آئيس ڪريم کائي پطراش ريسٽارنٽ مان هليو آيس ۽ وري ڪڏهن اوڏانهن نه ويس.
    شايد چئن مهينن کان پوءِ وري سريتا سان ملاقات ٿي. ’ڪف پريڊپوائنٽ‘ جي ڀرسان، سمنڊ جي ڪناري هڪ وڏو ڪشتي نما ريسٽارنٽ کليو هو، جنهن ۾ نوجوان ڇوڪريون جهازين جهڙي لباس ۾ بيرن جو ڪم ڪنديون هيون.
    ”هاءِ سيلر!“ مان سريتا کي ڏسي بلند آواز ۾ چيو، ”بير جو هڪ گلاس!“
    آسپاس ويٺل سڀ ماڻهو کلڻ لڳا، ڇو ته سڀني کي معلوم هو ته هتي بير جي منع آهي، ليڪن مان ته سرينا جي کل ڏسڻ ٿي چاهي، ورنه معلوم ته مون کي به هو.
    پر سريتا منهنجو جملو ٻڌي به بلڪل نه کلي. هوءَ منهنجي ٽيبل تي نه رڪي، پر ٻيءَ ٽيبل تان آرڊر وٺڻ هلي وئي. منهنجي ٽيبل تي هڪ ڇوڪري آئي. وڏي دلنواز ڇوڪري هئي هوءَ، بيحد مترنم ۽ پياري: چال به سٺي، ادا سٺي، مسڪراهٽ به پياري، هر لحاظ کان سئنيما جي اشتهار وانگر مڪمل، ايئر هوسٽيس جيان مادرانه شفقت سان لبريز. هوءَ پنهنجي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي جلد ۾ ملفوف مينو سميت منهنجي ٽيبل تي جهڪي.
    مون کيس چيو، ”مان آرڊر ڏيئي چڪو آهيان.“
    ”ڪنهن کي؟“
    اهائي، جيڪا توهان جي هوٽل ۾ سڀ کان وڌيڪ بددماغ ڇوڪري آهي، ان کي آرڊر ڏئي چڪو آهيان.“
    هن هڪ گهڙيءَ لاءِ پٺيري سريتا کي ڏٺو، ۽ پوءِ مون ڏانهن وڏيءَ ادا سان هڪ جڳمڳائيندڙ روشن مسڪراهٽ اهڙي طرح اڇلائي، جيئن ڏياريءَ رات ٻار هڪ ٻئي تي چڻنگائي تيلي اڇليندا آهن. اها مسڪراهٽ چئي رهي هئي ’هون، مان سڀ ڄاڻان ٿي!‘
    هر عورت اهوئي سمجهندي آهي ته هو مردن جي باري ۾ سڀڪجهه ڄاڻي ٿي، پر اهو اسين ڄاڻون ٿا ته هوءَ ڇا ٿي ڄاڻي، ڀلا مڇي سمنڊ جي باري ۾ ڇا ٿي ڄاڻي سگهي!
    ٿوريءَ دير بعد سريتا منهنجي ٽيبل تي آئي. چيائين، ”ڊالي ٿي چوي ته تو مون کي آرڊر ڏنو آهي، پر مون نه ورتو آهي!“
    ”ڪهڙي ڳالهه آهي، مان هاڻي ٿو عرض ڪريان.“
    ”فرمايو!“ هوءَ پيشيور ويٽريس وانگر مؤدب انداز ۾ منهنجي ٽيبل تي جهڪي. هن جي کليل پيشانيءَ تي سؤ گهنج هئا.
    مون چيو، ”مون کي هڪ فراءِ مسڪراهٽ کپي، غصي ۾ تريل!“
    هوءَ گهٻرائجي سڌي ٿي اٿي بيٺي. هن جي شفاف جبين تي جي گهنج هئا، سي غائب ٿي ويا. هاڻي هن جي چپن تي زهريلي کل اچي وئي، جا مون کي ڏاڍي پسند هئي.
    مون هن کان پڇيو، ”هن ريسٽارنٽ جي گراهڪن کي تنهنجي ڪهڙي ادا پسند آهي؟“
    ”اهائي، منهنجي آواره رفتار! ڪهڙين نه گندين نظرن سان منهنجي پٺيءَ کي ڏسندا آهن.“ سريتا خفا ٿي چيو، ”حالانڪ نٽشي عورت جي بي هنگم ڌڙ جي باري ۾ ايترو ڪجهه چئي ويو آهي!“
    مون کانئس پڇيو، ”تون نٽشي ۽ شيڪسپيئر جي مطالعي ڪرڻ جي باوجود هن ريسٽارنٽ ۾ نوڪري ٿي ڪرين!“
    جواب ۾ هن چيو، ”چئو ته توهان جو مغز فرائي ڪري اچان، ڏاڍو بڪبڪيو معلوم ٿي ٿئي.“
    مون مربيانه انداز ۾ چيو، ”منهنجو خيال آهي ته مان توسان دلچسپي وٺي سگهان ٿو. تون مون کي اهڙي عورت معلوم ٿئين ٿي، جنهن سان ماڻهو بور ٿيڻ بنا ڏهه منٽ ڳالهيون ڪري سگهي ٿو. ڪرسيءَ کي اورتي سير ۽ منهنجي قريب ٿي ويهه. مان توسان آئسٽائين جي فلسفئه اوقات تي بحث نه ڪندس، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته اگر اسان زمين کان مريخ تائين روشيءَ جي رفتار سان اڏرون ته وقت اڌ رهجي ويندو، ۽ اسان جي دل جي ڌڙڪن به اڌ ٿي ويندي.“
    ”۽ جيڪڏهن مان توهان سان اهڙيءَ طرح ڳالهيون ڪندي رهيس ته مئنيجر جي دل جي ڌڙڪن بلڪل ختم ٿي ويندي.“ هن طنزيه چيو، ”هاڻي توهان مون کي هڪ ڊگهو آرڊر ڏيو.“ هن پينسل جي نوڪ پئڊ تي رکي.
    شام جو تقريبا اٺين بجي مان پنهنجي گاڏي ڪاهي ’ڪف پريڊ پوائنٽ‘ تي پهچي ويس. مون کان اڳ ۾ چار ٻيون ڪارون به بيٺيون هيون؛ ۽ هن جو انتظار ڪري رهيون هيون. ڪجهه وقت بعد سريتا به ان ٻيڙيءَ نما هوٽل کان ٻاهر نڪتي. هاڻي هن جي ڊيوٽي ختم ٿي چڪي هئي. هن کي سرمائي رنگ جي هڪ نفيس ساڙهي پيل هئي. هٿ ۾ هڪ خوبصورت هئنڊبيگ، چپن تي لپ اسٽڪ جو جڳمڳائيندڙ رنگ، ۽ هڪ مٺي، مهربان ۽ معصوم مسڪراهٽ!
    هن ٻاهر نڪري چند گهڙين لاءِ پنهنجو هئنڊبيگ لوڏيو، پنجن ئي گاڏين کي نهاريو، ۽ آخر شرمائيندي لڄائيندي ساڙهي جو پلئه ٺاهيندي، منهنجي گاڏيءَ جي ڀرسان آئي ۽ سوئجي موئجي منهنجي ڀرسان ويهي، مسڪين لهجي ۾ چيائين؛ ”هلو!“
    ڪهڙو نه نرم ۽ ملائم لهجو هو؛ بلڪل پلاسٽڪ جو بنيل معلوم ٿي ٿيو! هيءَ ڪهڙي سريتا آهي؟ مان سوچڻ لڳس.
    سريتا شرمائجي آهستگيءَ سان منهنجي ڪوٽ جي ڪالر کي هٿ لاتو، ۽ نرميءَ سان چيائين، ”هاڻي هلو نه! مون کي هنن مردن کان ڊپ ٿيندو آهي. ڏسو نه، ڪيئن چار ئي گاڏين وارا مون کي گهوري رهيا آهن. جلدي هلو. پران ناٿ!“
    ’پر ان ناٿ‘ تي مون کي کل اچي وئي.
    ”ڪمبخت، ڏاڍي سٺي ايڪٽنگ ٿي ڪرين!“ اسان ٻئي زور زور سان کلڻ لڳاسين. مون ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيو.
    ڪار شهر کان ٻاهر روڊ تي هلي رهي هئي. جيتوڻيڪ سمنڊ جي ڪناري سان ٿي هلي، تاهم به آڪٽوبر جي ٻوسٽ کان جان جلي پئي. بمبئيءَ ۾ آڪٽوبر جي مهيني ۾ جيل جهڙي گرمي ٿيندي آهي.
    ”اسين ڪيڏانهن هلي رهيا آهيون؟“
    سريتا بيپرواهيءَ سان، اهڙي انداز سان پڇيو، ڄڻ چئي رهي هئي ته اسين کڻي جهنم ۾ به هليا وڃون ته کيس ڪوئي عذر يا انڪار نه آهي.
    مون چيو، ”ڌار ڍنڍ تي هلندينءَ؟“
    هن ڇرڪ ڀريو- ”ڌار ڍنڍ تي ڇا آهي؟“
    ”ڪنهن به هنڌ ڇا آهي.“ مون جواب ڏنو، ”۽ هر هنڌ سڀ ڪجهه آهي.“
    ”ڪنهن به هنڌ ڪجهه نه آهي.“ هن بيزاري سان چيو ۽ گاديلن کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهي.
    مون چيو، ”اتي هڪ ڍنڍ آهي، ڍنڍ ۾ پاڻي آهي، پاڻي ۾ ٻيڙي آهي، ٻيڙي ۾ ٻه دليون آهن، ٻن دلين ۾ خاڪ آهي، خاڪ ۾ چڻنگ آهي-“
    هن منهنجي ڳالهه کي مڪمل ڪندي چيو، ”چڻنگ ۾ باهه آهي ۽ باهه دل کي جلائيندي آهي!“
    هن چيو، ”مان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڊاڪ بنگلي ۾ نه رهي آهيان. ڊاڪ بنگلو؟ ڊاڪ بنگلو! ڇي ڇي! ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ پوسٽ آفيس جو ننڍو ڀاءُ آهي.“
    ”ڪهڙي ڳالهه آهي ان جي ڀرسان پهاڙ تي منهنجي هڪ دوست آنند جو بنگلو آهي.“
    هوءَ ڄڻ گهٻرائجي وئي ڄڻ پنهنجي دل کان ٿي پڇيائين ’هاڻي ڪهڙو بهانو ڪجي؟‘ چيائين ”ڪهڙو آنند؟“
    مون چيو ڌرم پال آنند. تون ان کي نٿي سڃاڻين. هن هڪ فلم ايڪٽرس سان شادي ڪئي آهي. جنهن وٽ بليڪ جا سٺ لک رپيا آهن ۽ عمر صرف 50 ورهيه اٿس. ليڪن ڌرم پال آنند پنهنجيءَ زال کي ڏاڍو پيار ڪندو آهي. تون کيس ڏسندين ته حيرت ۾ پئجي ويندين. بلڪل چينيءَ جو بنيل خوبصورت ڇوڪرو آهي. هن کي ڏسندي ئي انسان چوندو ’ڇا ڪوئي مرد ايترو خوبصورت ٿي ٿو سگهي!‘
    ”واقعي؟“ هوءَ ڄڻ خوابن جي واديءَ ۾ گم ٿي وئي.
    ”ڇا ٿي سوچين؟ مون کيس گهڻيءَ دير تائين خاموش ڏسي پڇيو.
    ”ڪجهه نه.“ هوءَ پنهنجن خيالن کان سجاڳ ٿي، ۽ يڪايڪ هن جو چهرو بشاشت سان چمڪڻ لڳو. هوءَ مون کي تکين ۽ شرير نظرن سان ڏسي چوڻ لڳي، چڱو، ٻڌاءِ تنهنجو نالو ڇا آهي- ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟“
    ”منهنجو نالو جيون آهي. مان پهريائين هڪ اخبار ۾ رپورٽر هوس، ۽ بک مرندو هوس.... هاڻي مون وٽ هڪ ڪار آهي، ۽ مان سون جي سمگلنگ ڪندو آهيان.“
    سريتا چيو، ”ائين چئه ته هاڻي مان سون جي سمگلنگ ڪندو آهيان ۽ مون وٽ هڪ گاڏي آهي“
    مون ڪاوڙ مان چيو، ”مگر منهنجو ڌنڌو بلڪل صاف آهي ۽ ايمانداريءَ جو ڌنڌو آهي. مان ٻاهر جو سون آڻيندو آهيان، اهو مون کي هت سٺ رپئين تولو پوندو آهي ۽ نوي رپئين مان اهو وڪڻندو آهيان. سڌو ۽ صاف ڌنڌو آهي، نه ڪاکٽ پٽ نه پرمٽ، ۽ نه ڪنهن کي رشوت ئي ڏيان. پنهنجو ڪم خود ڪندو آهيان. جڏهن جيل ويندو آهيان، خود ويندو آهيان، ڪنهن ٻئي کي جيل نه اماڻيندو آهيان.“
    ڪيترا دفعا جيل وڃي چڪو آهين؟“
    ”ويري گڊ! ڏاڍو دلچسپ ماڻهو ٿو ڏسجين.“
    مون پڇيو، ”هو چار گاڏين وارا ڪير هئا؟“
    سريتا چيو، ”نه پڇ، زندگي ڏاڍي پيچيده آهي.“
    مان چپ رهيس. منهنجي پڇڻ جي ضرورت به ڪهڙي هئي. مون چئني کي شهه ڏني هئي. سريتا منهنجي ڪار ۾ هئي. مون کي ڪنهن جي ڪهڙي پرواهه؟ ڪمبخت ڪهڙي نه سولائيءَ سان منهنجيءَ گاڏيءَ ۾ هلي آئي. ايتري آسان فتح مون کي سٺي نٿي لڳي. ٻه چار ڏينهن مون کي ساڙي ها چڪر ڏياري ها، هزار ٻه هزار خرچ ڪرائي ها، ته مزو به اچي ها. ڪيتري نه احمق ڇوڪري هئي، ٻيءَ ئي ملاقات ۾ گاڏي ۾ ويهي گڏ هلي آئي! هيءَ ويچاري به آخر عورت نڪتي. مون کي سريتا تي رحم اچڻ لڳو. مون پنهنجو بازو سندس پٺيءَ طرف ورايو. سريتا هڪدم تڙپي ٿورو اڳتي ٿي ويٺي. پوءِ هن پنهنجي بيگ کولي. ان مان هڪ هٿ جو پکو نڪتو. هوءَ ان کي کولي هڻڻ لڳي.
    ”افوه، ڪيتري نه گرمي آهي!“
    اهو هڪ نفيس، خوشنما؛ هٿ جو چيني پکو هو؛ صندل جي ڪاٺيءَ جو بنيل. سوڙهو ٿي ٻن اڱرين ۾ اچي ٿي ويو ۽ ويڪرو ٿي سارو چهرو ڍڪي ٿي سگهيو. يڪدم سريتا هڪ ادا سان پنهنجو منهن چيني پکي جي اوٽ ۾ لڪائي ڇڏيو. هن جي شرير نگاهن منهنجي دل ۽ جگر ۾ عجيب قسم جي هلچل مچائي ڇڏي. مون پنهنجو هٿ وڌايو. سريتا فورن اهو پکو کولي منهنجي سامهون ڪيو، چيائين.
    ”ڏس، هن تي ڇا لکيل آهي؟“
    مون چيني پکو پنهنجي هٿن ۾ ڪيو. ان کي سنگهيو. صندل جي هلڪي هلڪي خوشبوءِ ان جي ذري ذري مان اچي رهي هئي. آخري ٻن پتن تي ٻه تصويرون اڪريل هيون. هڪ طرف هڪ پهاڙ جي هيٺان هڪ چيني مرد بيٺو هو، ۽ ٻئي طرف هڪ عورت ’تنگ‘ جي وڻ هيٺان بيٺي هئي؛ وچ وارن نازڪ ۽ نفيس پتن تي چيني زبان ۾ هڪ عبارت اُڪريل هئي.
    ”ڇا، تون هن کي پڙهي سگهين ٿو؟“ سريتا مون کان پڇيو. ”هن پکي تي ڪهڙي عبارت لکيل آهي؟“
    مون چيو، ”جان من! مان هن کي پڙهي ته نٿو سگهان البت سنگهي سگهان ٿو.“ مون چيني پکي کي زور زور سان سنگهيو – ”هاءِ، مون کي ته هيءَ محبت جي ڪهاڻي ٿي معلوم ٿئي!“
    سريتا چيو، ”جيستائين ڌار ڍنڍ تي تنهنجي ڌرم پال آنند جي گهر تائين پهچون، تيسين اچ ته هن محبت جي ڪهاڻي کي پڙهون.... مان عورت ٿي بنجان، تون مرد بنج.“
    ”بنجڻ جو مطلب؟ مان ته مرد آهيان، جيئن تون عورت!“
    ”هيءَ عبارت کاٻي کان ساڄي پڙهبي يا سڄي کان کاٻي؟“
    ”مٿان کان هيٺ.“ مون نرميءَ سان چيو. ”هيءَ محبت جي ڪهاڻي آهي نه!“
    سريتا کلي، کلندي، هن پنهنجي سنهڙي آڱر عورت جي تصوير هيٺان لکيل عبارت تي رکي، ۽ چيائين:
    ”مان، .... مي ماوُ
    فاؤچانگ علائقي جي عورت
    تنگ جي وڻ جي هيٺان
    ڍنڍ جي ڪناري، تنهنجو انتظار ٿي ڪريان.“
    مون مرد جي تصوير جي هيٺان آڱر گهمائيندي چيو:
    ”مان، ڪواتنگ پهاڙن جو مرد،
    برفاني چوٽين تان لهي،
    جبل جي جهنگلن کان گذرندو،
    روان دوان ندين سان کيڏندو
    ڍنڍ جي ان ڪناري تي پهچان ٿو،
    جتي تون بيٺي آهين.“
    ”تون هتي ڇو آيو آهين، مرد؟“
    ”تون هتي ڇو بيٺي آهين، عورت؟“
    ”مان ڍنڍ ۾ پنهنجي لرزندڙ جسم جو عڪس ٿي ڏسان.“
    ”۽ مان پاڻيءَ ۾ ترندڙ تنهنجي خوبصورت چهري جو عڪس ٿو ڏسان.“
    سريتا چيو، ”فاؤ چانگ ۾ اکروٽ ماکي جهڙا مٺا ٿيندا آهن.“
    ”۽ چانورن جا داڻا عورت جي سنهڙين آڱرين جي پورن جهڙا نازڪ ۽ حسين ٿيندا آهن.“
    ”فاؤچانگ جي ڍنڍ جا جيترا نغما آهن،
    اُهي بهار جي موسم ۾ ’تنگ‘ جي درختن تي سرخ گل بنجي کڙندا آهن.“
    ”فاؤچانگ جي علائقي جي عورت پنهنجي گهر ۾ مطمئن هوندي آهي.“
    ”اجنبي، هن ڍنڍ ۾ ترندڙ عڪس ته ڏس!“
    مون چيو، ”منهنجي ڪواتنگ جي پهاڙن تي هميشه برف هوندي آهي،
    طوفان جا خوفناڪ آواز پيا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
    اتي سرد پهاڙ آهن، ۽ اگهاڙا نوڪدار پٿر:
    مون وٽ ڪجهه به نه آهي-
    نا کروٽ، نه چانور، نه ڍنڍ، نه نغما –
    پوءِ به مي م اؤ ۾ تنهنجو عڪس ڏسان ٿو،
    ڇو ته مون کي تو سان محبت آهي.“
    سريتا چيو،
    ”اي اجنبي!
    مان تنهنجي لاءِ ڪواتنگ جي پهاڙن تي وينديس
    نوڪدار ۽ برف سان ڍڪيل اگهاڙن پهاڙن تي ننگن پيرن سان گهمنديس،
    طوفاني زوردار هوائن سان مقابلو ڪنديس،
    سرد پهاڙن تي رهنديس،
    ۽ ’تنگ‘ جي سرخ گلن جهڙا خوبصورت ٻار پنهنجيءَ ڪک مان پيدا ڪنديس، ڇو ته مان عورت آهيان.“
    اوچتو سريتا دستي پکو بند ڪري پنهنجيءَ هنج ۾ رکيو، ۽ ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو منهن ڇپائي روئڻ لڳي.
    روئندي روئندي سريتا زياده دلڪش نظر اچڻ لڳي. هن جا رخسار جذباتي هيجان سبب سرخ ٿي ويا. وڏين وڏين ڪارين اکين ۾ شفق جي لالائي ڇانئجي وئي، ۽ ڀنل ڇپرن تي ڳوڙهن جا شفاف شبنم جهڙا موتي جهلمل ڪرڻ لڳا. مون کيس سهارو ڏئي پنهنجي ڪنڌ تي ليٽايو ۽ هن جو چهرو پنهنجن هٿن ۾ جهلي سندس اکڙين ۾ گهوريم. ڳوڙهڻ ڳاڙڻ بعد عورت ڪيتري نه ملائم ۽ نرم ٿي پوندي آهي- جيئن بارش کان پوءِ ڌرتي آلي ۽ نرم ٿي پوندي آهي. ان وقت عورت جي ڪمزوريءَ جي هڪ عجيب ۽ خطرناڪ ڪيفيت ٿي پوندي آهي، جنهن کان بچاءُ مشڪل ٿي پوندو آهي. مان ته عورت کي روئڻ وقت ۽ ٻار کي کلڻ وقت پيار ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو آهيان. اهڙو احمق آهيان!
    مون سريتا کان پڇيو، ”ڇا ياد آيئه؟“
    ”راهگذر ياد آئي!“ هن ڪنڌ هيٺ نمائي وراڻيو.
    ”اوهان عورتن ۾ بس اهائي خامي آهي.“ مون ٿورو ڪاوڙ منجهان چيو، ”اهڙي موقعي تي روئي ڏينديون آهيو جو ماڻهو بيوس ٿي پوي. مون کي ڏس، چڱو ڀلو پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺو آهيان، ڪنهن به طرح توکي پريشان نٿي ڪيم، ليڪن تو پنهنجيءَ ان حرڪت جي ڪري منهنجي موڊ آف ڪري ڇڏي. بس انهيءَ ڪري ته مون کي اوهان عورتن کان نفرت هوندي آهي!“
    مان هن کان جدا ٿي ويٺس، سچ پچ ته مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
    سريتا مشڪي پنهنجا ڳوڙها اگهيا.
    مون پڇيو مانس، ”تو بي. اي. ڪئي آهي؟“
    هن وراڻيو، ”بي.،اي. به ڪئي اٿم ۽ ان کان پوءِ ’لا‘ به.“
    ”لا ڪيو اٿئي ته پوءِ وڪيل ڇو نه بڻينءَ؟“
    ”هن دنيا ۾ انصاف ڪٿي آهي!“ جواب ۾ سريتا چيو.
    ”انصاف نه سهي، وڪالت ۾ توکي عزت ته ملي ها نه.“
    ”هن دنيا ۾ اها عورت وڏي خوش قسمت آهي،جهن کي عزت ٿي ملي.“
    ”چڱو، ڇڏ عزت کي، دولت ته ملئي ها، هن بيري گيريءَ کان ته زياده ملئي ها.“
    ”ڪهڙي ڳالهه ٿو ڪرين! توکي خبر آهي،“ سريتا غصي ۾ چيو، ”هن بيري گيريءَ ۾ هڪ معمولي طالب علم به ڪافي پيئڻ ايندو آهي. مون کي هڪ رپئي کان گهٽ ٽپ نه ڏيندو آهي. هڪڙو شخص آهي جو پنج رپيا ٽپ ۾ ڏيندو آهي، پوءِ ڇو نه اٺين آنين جو بل هجيس. هڪ واپاري آهي، اهو گذريل پندرهن ڏينهن کان رات جو ڊنر کائڻ ايندو آهي، ۽ سو روپين جو نوٽ منهنجي هٿ تي رکندو آهي. هر روز شام جو ان جي گاڏي منهنجو انتظار جدا ڪندي آهي. اڄ ان کي پندرهن ڏينهن ائين ڪندي ٿيا آهن.“
    ”پوءِ؟“ مون پڇيو.
    ”اڃا ٻه- چار مهينا وڌيڪ انتظار ڪندو.“ سريتا انداز سان چيو. “مان انهن مردن کان هڪ هڪ ڪري انتقام وٺنديس!“
    ”هن وقت تائين گهڻا انتقام ڳڻي چڪي آهين؟“ مون کانئس پڇيو. جملو سخت تيز هو، ان ڪري زوم مان هڪ مڪ وهائي ڪڍيائين .... وري هڪ ٻي .... وري هڪ ٻي .... ۽ مون پنهنجي بچاءَ ۾ سندس ٻئي هٿ پڪڙيا، تڏهن وڃي بس ڪيائين. ان وقت وچ ۾ هن مون کي بي ضرور گاريون پئي ڏنيون، جي مان ٻڌندو رهيس ۽ کلندو رهيس.
    ٿوريءَ دير کان پوءِ چيائين، ”ڇا، سون کان سواءِ عورتون به سمگل ڪندو آهين؟“
    مون چيو، ”هر قيمتي شيءِ سمگل ٿيندي آهي. چئين ته مان توکي به هن ڪار مان غائب ڪري ڇڏيان، جيئن جادوءَ جي زور سان تاس جو پتو؛ ۽ جڏهن صبح جو تنهنجي اک کلي ته تون پاڻ کي بغداد جي ڪنهن ڪنڊ ۾ يا روم جي ڪنهن بازار ۾ ڏسين!“
    ”هيئن!“ مون چپٽي وڄائي.
    ”نه بابا!“ سريتا جي جسم ۾ ڊپ جي لهر ڊوڙي وئي.
    ”مان اِتي ئي ٺيڪ آهيان.“
    گاڏي هاڻي پهاڙ جي چاڙهيءَ تي چڙهندي اوڏانهن وڃي رهي هئي، جتي منهنجي دوست آنند جو گهر هو. مون سئچ دٻائي ڪار جي اندر روشنائي ڪئي ۽ سريتا کي چيو، ”پف پائوڊر جي الم غلم سان پنهنجي چهري جي مرمت ڪر، آنند جو گهر ويجهو آهي.“۾
    سريتا ڪمپئڪٽ کوليو.
    .... .... .... ....
    بنگلي ۾ اسان کي آنند جو بيرو مليو، جنهن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته آنند جي زال گهر ۾ موجود نه آهي؛ اها لکپتڻ فلم ايڪٽريس، تاج هوٽل ۾ ڪنهن پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ وئي آهي، ۽ شام کان غائب آهي.
    ”۽هو نکٽو ڪٿي آهي!“ مون بيري کان پڇيو.
    ”ڪوبه نکٽو صاحب هيڏي ڪونه آيو آهي.“ بيري حيران ٿي چيو.
    ”اڙي، هن ڳاڙهي جهنڊيءَ، آنند لاءِ ٿو پڇان.“
    ”آنند صاحب ته پنهنجي بيڊروم ۾ آهي.“
    ”ڇا ٿو ڪري؟“
    ”وسڪي ٿو پيئي.“ بيري وراڻيو.
    مون سريتا کي ٻانهن کان پڪڙي گهليندي چيو، ”جلدي هل، سريتا، ورنه هو ڪمبخت ساري بوتل ختم ڪري ڇڏيندو!“
    خوش رو، خوش اخلاق، خوش نصيب آنند، پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو وسڪي پي رهيو هو. جڏهن اسين اطلاع ڏيڻ بنا سندس ڪمري ۾ پهتاسين ته هو پئگ بنائي ان کي چپن تائين آڻڻ وارو هو. اسان کي ڏسي هراسجي ويو. پاڻ سنڀاليائين، ليڪن يڪايڪش سندس هٿن مان گلاس ڇڏائجي ويو ۽ فرش تي ڪري چڪنا چور ٿي ويو.
    ”اهڙين ڦوٽاريل اکين سان ڇو ٿو ڏسين، مان تنهنجو دوست آهيان – جيون! ڪو ڀوت جن نه آهيان.“ مون کلي چيو.
    هن آهستگيءَ سان چيو، ”هڪ منٽ لاءِ ته مون به ائين سمجهيو ته ڪنهن ڀوت يا جن کي ڏسي رهيو آهيان.“
    مون تعارف ڪرايو، ”هيءَ سريتا آهي --- هي آنند آهي.“
    آنند هٻڪ سان رڪي رڪي پڇيو، ”هيءَ – هيءَ--- تنهنجي زال آهي؟“
    سريتا تيزيءَ سان چيو، ”نه سائين، مان هن جي محبوبه آهيان – هڪ رات جي محبوبه!“
    ان کان پوءِ هوءَ اطمينان سان ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي ۽ چيائين، ”هڪ پئگ بنايو.“
    رات، لطيف ۽ ملائم، ائين هوريان هوريان گذري رهي هئي، جيئن وسڪي نڙيءَ کان لنگهندي آهي. ان رات ۾ پراڻن گلن جي خوشبو هئي، ۽ هڪ افسرده نشو هو. اسين ٽيئي خاموش هئاسين- پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گم- پنهنجن پنهنجن پيالن ۾ وڃايل- پنهنجن پنهنجن سپنن ۾ ستل.
    اچانڪ سريتا ڄڻ جاڳي چيو، ”وسڪي ختم ٿي وئي!“ آنند اٿي ٻي بوتل ڪڍي.
    سريتا چيو، ”هن بيڊ- روم ۾ ڏاڍي ٻوسٽ آهي، ٻاهر ڇو نه هلون؟“
    اسين سڀ وسڪي کڻي ٻاهر آياسين، ۽ بنگلي جي مغربي ڏاڪڻ تي ويهي رهياسين. مان ۽ سريتا گڏ ويٺا هئاسين. آنند پٿر جي هڪ ڏاڪي تي ائين ويٺو هو، جتان اسان کي ڏسي ٿي سگهيو. سامهون سبز نوڪدار بانس جو جهنڊ هو، جو چيني پکي جيان ٽڙيو بيٺو هو. بانس جي جهنڊ جي پريان باغ هو، جنهن جي نظر نه ايندڙ گلن جي مهڪ ۽ خوشبو اسان جي ساهه ۾ سمائجي رهي هئي.
    ”هاڻي ٿوريءَ دير کان پوءِ چنڊ اڀرندو!“ آنند آهستي چيو ۽ چپ ٿي ويو. کيس ڪنهن به جواب نه ڏنو.
    گهڻي وقفي بعد سريتا پڇيو، ”توهان جي اهليه محترمه اڃا نه آئي آهي؟“
    ”اها دير سان ايندي آهي.“
    ”۽ ڪڏهن ڪڏهن نه به ايندي آهي؟“ سريتا پڇيو.
    آنند اقرار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، ”ها، ڪڏهن نه به ايندي آهي.“
    ”ڇو نه ايندي آهي؟“ سريتا وري پڇيو. ”فلمي لائين کان ته عرصي کان ڪناره ڪش ٿي چڪي آهي. هاڻي ڪاڏي ويندي آهي؟“
    ”خبر نه آهي ڪيڏانهن ويندي آهي. ليڪن مون کي هيءَ وسڪي، بنگلو، ڪار- سڀ ڪجهه ڏئي ويندي آهي.“
    ”تون پنهنجي زندگيءَ مان خوش آهين؟“
    آنند وسڪيءَ جو وڏو ڍڪ ڀري چيو، ”ڪافي وقت ٿيو ان ڳالهه کي جو هڪ سوال منهنجي آڏو آيو: خوشي يا دولت؟ مون دولت کي چونڊيو. مون کي شڪايت ڪرڻ جو حق ئي ڪونه آهي.“
    ”تون انسان آهين يا سوئر؟“ هڪدم سريتا رڙ ڪري چيو.
    آنند وسڪيءَ سان ڀريل گلاس هن جي منهن تي هڻڻ وارو هو ته مون سندس هٿ پڪڙيو. اڌ کان وڌيڪ وسڪي منهنجي هٿن تي هارجي پئي. آنند پٺتي هٽي ويو ۽ اسان کي پٺي ڏئي ويٺو.
    مون سريتا کي چيو، ”هيءَ تنهنجي انتهائي بدتميزي آهي. شراب جي نشي ۾ تون پنهنجو پاڻ وساريندي ٿي وڃين!“
    ”وسارڻ چاهيان ٿي؛ مگر وساري نٿي سگهان.“
    ”آنند کان معافي وٺ!“
    هڪدم آنند اٿي کڙو ٿيو ۽ سختيءَ سان چيائين، ”نه نه معافيءَ وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، مان وڃان ٿو. اڄ رات هي گهر توهان جي حوالي آهي!“
    هن گلاس ختم ڪري گلاس کي بانس جي جهنڊ ۾ اڇلايو، ۽ جلدي اتان هليو ويو. مون کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن هو نه رڪيو. ٿوري دير کان پوءِ سندس ڪارا سٽارٽ ٿيڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
    سريتا آهستي آهستي کلڻ لڳي. مون سندس هٿن مان گلاس کسڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”وڌيڪ نه پيءُ، تون هوش ۾ نه آهين.“
    آنند جي ڪار لاهي لهي هيٺ رستو اختيار ڪيو. ڪار جي پٺيان ڳاڙهيون بتيون ڪڏهن وڻن ۾ غائب ٿي ٿي ويون ته ڪڏهن دور سڙڪ تي ٽم- ٽم پئي ڪيائون. آهستي آهستي اهي به گم ٿي ويون.
    سريتا گوڏن ۾ منهن لڪائي دٻيل سڏڪا ڀرڻ لڳي.
    اچانڪ چنڊ بانس جي جهنڊ مان اڀريو، ۽ بانس جي هڪ شاخ جو سهارو وٺي حيران ۽ پريشان سريتا کي گهورڻ لڳو.
    سريتا منهن مٿي ڪيو ۽ چنڊ کي تيز نظرن سان گهوريندي چيائين، ”منهنجي طرف ڇا ٿو ڏسين؟ مون تي کلين ٿو! ڌوڪيباز، ڪوڙا، فريبي چنڊ!“
    سريتا گلاس ڇڪي چنڊ جي چهري تي اڇلايو. گلاس بانس جي جهنڊ ۾ وڃي ڪريو، ۽ ان جي ٽٽڻ جو آواز آيو. شاخون پنهنجي جڳهه تي ڌڏيون ۽ وري ساڪت ٿي ويون.
    سريتا سڏڪا ڀريندي چيو، ”ڪٿي ڪجهه ڀڄي ٿو، پوءِ به ڪجهه نٿو ٿئي. ٽاريون لڏن ٿيون، وري هڪ هنڌ بيهي ٿيون رهن.“ هوءَ زور زور سان روئڻ لڳي.
    مون هن کي پنهنجين ٻانهن تي کنيو. نشي ۾ سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ سندس جسم بانس جي ٽاريءَ وانگر پئي ڏڪيو. بيڊ- روم جي ڀرسان پهتاسين ته هوءَ پاڻ ڇڏائي اٿي بيٺي، ۽ منهنجي طرف آڱر جو اشارو ڪري چيائين. ”مان هن بيڊ- روم ۾ سمهنديس، تون هن بيڊ- روم ۾ وڃي سمهه!“
    ”ڇو؟“
    ”مان اڄ رات غم سان گڏ گذارڻ ٿي چاهيان.“
    ”تنهنجو ڪهڙو غم آهي؟“
    ”توکي ڇو ٻڌايان، تون منهنجو ڪير آهين.“
    سريتا ڪرڙين نگاهن سان گهوريندي چيو، ”جيڪڏهن تون انسان آهين ته هن بيڊ- روم ۾ وڃي سمهه، ۽ جيڪڏهن سوئر آهين ته منهنجي ڪمري ۾ ايندين!“ ايترو چئي سريتا جلدي دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو، ۽ مان آهستي آهستي ٻئي بيڊ- روم ۾ وڃڻ لڳس.
    صبح ٿيو ته سريتا وڃي چڪي هئي. ٽيبل تي هڪ خط پيو هو. خط تي چيني پکو پيو هو. مون خط کنيو. لکيل هو:
    ”مون سمجهيو هو ته آءٌ سڀ ڪجهه وساري چڪي آهيان، ليڪن عورت وسارڻ چاهيندي به نٿي وساري سگهي. هر زخم هن جي روح ۾ هميشه تازو ٿو رهي؛ ڪڏهن نٿو ڀرجي، سدائين سڙندو ٿو رهي. آنند منهنجو مڙس آهي! هن محبت کي ٺڪرايو، ۽ دولت سان شادي ڪيائين. اڄ مان کانئس انتقام وٺڻ آئي هيس، پر عين وقت تي منهنجي اندر واريءَ عورت منهنجو ساٿ نه ڏنو. منهنجا خريدار، مان توکان معافي ٿي گهران. مان بمبئيءَ کان گهڻو پري ٿي وڃان هڪ ننڍڙي دور افتاده شهر ۾ منهنجو هڪ ننڍڙو ٻار پلجي رهيو آهي _ منهنجو ۽ آنند جو ٻار __ مان ان وٽ ٿي وڃان.“
    ڪيترائي سال گذري ويا. اهو چيني پکو اڄ به مون وٽ موجود آهي. ان کي کوليان ٿو ته ان مان هڪ اهڙي خوشبو ايندي آهي. جا تيز ٿي وري سرد ٿي ويندي آهي: وري طوفان جهڙيون هوائون شروع ٿينديون آهن، ۽ ڪوئي ڏاڍي ڏکويل ۽ دلدوز سنجيده آواز ۾ چوندو اٿم:
    اي اجنبي!
    مان تنهنجي خاطر برفيلن پهاڙن تي وينديس.
    طوفاني جهڙپن سان مقابلو ڪنديس.
    سرد پهاڙن تي رهنديس.
    نوڪدار پٿرن تي اگهاڙن پيرن سان گهمنديس.
    ۽ ’تنگ‘ جي سرخ گلن جهڙا ٻار پنهنجيءَ ڪک مان پيدا ڪنديس،
    ڇو ته مان عورت آهيان!“


    36. شمع

    منهنجو ڳوٺ اڃان ڏهه ڪوهه پري هو. خچر جون ٽنگون ڪمزور ٿي چڪيون هيون. سڪل گاهه جي نامعلوم پيچري تان هلڻ ڪري گاهه مان کڙ کڙ جو آواز نڪري رهيو هو. جهرڪيون پڻ گاهه ۾ لڪي گوڙ وڌائڻ ۾ ساٿ ڏيئي رهيون هيون. ڪٿي ڪو جهنگلي جانور خوشيءَ ۾ اچي چيخ ڦاڙي يڪدم چپ پئي ٿي ويو. شايد ٽئين پهر جي گهٽجندڙ اُس ۽ گرميءَ جي خوشيءَ ۾ شام ٿيڻ جا حسين ۽ دل کي راحت بخشيندڙ سپنا لهي رهيو هو. وري چيخ ڪري، وري چپ پئي ٿي ويو. گويا هن جي دل ۾ ڪو شڪ پيدا ٿيو هجي ته هينئر شام نه ٿيندي، اصل نه ٿيندي. وري هوا جو ڪو دلفريب جهونڪو سندس اڳيان لنگهڻ تي، هن جي دل ۾ پنهنجي پريتم سان ملڻ جي چاهنا پيدا ڪري رهيو هو؛ ۽ کيس پڪ ٿي ته شام ٿيندي، ضرور ٿيندي. منهنجي دل شاهدي ڏني ته ڳوٺ مڙيوئي نزديڪ آهي، پر منهنجو ڳوٺ ته اڃان ڏهه ڪوهه پري هو، يعني ويهه ميل، خچر ٿڪجي پيو هو ۽ بک ۾ بانولو ٿي رهيو هو. هر هر بيهجي ٿي ويو، ناسون ٿي هنيائين ۽ ڪنڌ ڦيري هيڏي هوڏي نهارڻ پئي لڳو. شايد ڪٿي منزل هڻڻ جو هنڌ ملي وڃي. ان خيال کان مان کيس ٿوريءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ اڙي هڻندو، ٻچڪاريندو، هلڪيون هلڪيون مڪون هڻندو اڳتي وڌندو پئي ويس؛ ۽ آخر.......منزل به اچي ويئي. هتي سڌو ۽ لسو پيچرو ختم پئي ٿيو ۽ اتان ٻيو پيچرو ٽڪريءَ جي هيٺ تي ٿي ويو. اهو پيچرو ذرا اڻانگو ۽ پٿرائون هو. هتي خچر به جواب ڏيئي بيهي رهيو. گهڻو مارڻ تي به، هڪ وک به اڳتي نه وڌيو. لاچار مان سندس پٺيءَ تان لٿس ۽ لغام هٿ ۾ جهلي کيس چشمي ڏانهن گهلي ويس. چشمو پهاڙ جي بلڪل چوٽيءَ تي ٺهيل هو. ڀرسان ٻه ٽي چيل جا ڊگها وڻ هئا ۽ هڪ ننڍو وڻ پڻ هو. خچر کي ان ننڍي وڻ جي ٿڙ سان ٻڌي هن جي اڳيان داڻو ۽ گاهه رکيم ۽ هڙ مان مڪائيءَ جو ڍو ڍو ۽ ساڳ ڪڍي کائڻ ويٺس. ڪاش! ان وقت ڪٿان ٿوري چٽڻي ۽ سائو مرچ........
    پنهنجي پيءُ جي ڪاروبار جي سلسلي ۾ هڪ ٻه دفعو اول به اتان لنگهيو هوس. چشمي کان ٿورا قدم پري ڌاڻن جا کيت هئا. جتي اهي کيت ختم ٿي ٿيا اتان چمن ڪوٽ جي بستي پئي شروع ٿي. چمن ڪوٽ جي ڳوٺ ۾ منهنجو مامو الهداد خان رهندو هو. هو سڄي علائقي ۾ ڌاڙن هڻڻ ۾ ڏاڍو مشهور هو. منهنجو پيءُ هڪ سرڪاري ملازم هو ۽ جيئن ته منهنجو مامو ڊاڪو هو، ان ڪري مان ڪڏهن به چمن ڪوٽ ۾ پنهنجي مامي وٽ رهڻ ٺيڪ نه سمجهندو هوس. جيتوڻيڪ ڏينهن جلد ختم ٿي رهيو هو، تنهن هوندي به مون بهتر ائين سمجهيو ته ڪهڙي به نموني هي سفر طئي ڪري رنگپور پهچي وڃان.
    مون وٽ هڪ وڏو ۽ وزندار ٻٽون هو، جنهن ۾ وصول ڪيل سرڪاري ڍل جي چڱي چوکي رقم هئي. ڪلهي تي بندوق رکيل هئي ۽ پيتيءَ ۾ ٿورا ڪارتوس به پيا هئا. منهنجو نشان چڱو پري ويندو آهي ۽ ڪڏهن به گسندو ناهي، تنهن هوندي به اهڙيءَ خوفناڪ جڳهه تي رات ڪاٽڻ تي منهنجي دل نه ٿي. بس صرف خچر ٿوري ساهي پٽي ته مان کيس گهليندو ويندس. مون ماني کائي خچر ڏانهن نهاريو. هن به داڻو کائي ختم ڪيو هو. وڻ مان ڇوڙي، هڙ سندس ڪلهي تي رکي کيس چشمي ڏانهن اشارو ڪيم، ۽ مان گوڏا کوڙي چشمي جي اڳيان جهڪي ٻڪ جهلي پاڻي پيئڻ لڳس منهنجا چپ چشمي جي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ کي ڇهي رهيا هئا. اهڙي نموني پاڻي پيئڻ ۾ لطف ئي ٻئي قسم جو آهي. خچر به منهنجي ڀرسان پاڻي پي رهيو هو. اوچتو پنهنجو ٻوٿ پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍي منهنجي ويجهو آندائين. جيئن ئي خچر جا گرم پساهه، جن ۾ گاهه ۽ مٽرن جي خوشبوءِ گڏيل هئي، مون پنهنجي ڳلن تي لڳندا محسوس ڪيا، ته يڪدم سندس ٻوٿ کي هٿ سان پري ڪري ڇڏيم. اهو به ڪو پيار ڪرڻ جو طريقو ٿيندو آهي؟
    ”هي چشمو جانورن کي پاڻي پيئارڻ لاءِ ناهي.“
    اوچتو پٺيان ڪنهن رڙ ڪئي. مڙي ڏسڻ سان پتو پيم ته ٻه ڇوڪريون مٿن تي دلا کنيو بيٺيون هيون. ٻنهي مان ضرور ڪنهن هڪ اهي اکر چيا هئا. ٻئي جوان هيون، حسين هيون، مست هيون. ٻنهي جي وڏين وڏين ۽ ڪارين اکين ۾ نشو ڀريل هو. ها هڪ فرق هو....... هڪ جي کاڏي نوڪدار هئي ۽ ٻيءَ جي گول ۽ ملايم، ناسپاتيءَ جيان. ٻئي پيرين اگهاڙيون هيون. کين ڪاريون گهگهريون پهريل هيون ۽ گهگهرين جي مٿان ڪاري رنگ جون قميصون هئن. سندن هٿ پير محنت ۽ تڪليفن تي هريل پئي معلوم ٿيا. سندن منهن زيتون رنگ تي هوا، پر باقي بدن ڀورو هون.
    اڄ حسن آهي، سڀاڻي اهو نه رهندو. جڏهن جواني گذري ويندي ته هٿ پير ٻيئ ڪارا ٿي ويندا ۽ ناسپاتيءَ وانگر پڪل ۽ زيتوني رنگ ۾ وقت پنهنجي تيز چاقونءَ سان چير ۽ گهنج پيدا ڪري ڇڏيندو ۽ ڳلن تان اهو سونو پاڻي لهي ويندو. افسوس! پر اڙي انڌا فيلسوف! هينئر ته ڏس......... اکين ۾ جواني ناچ ڪري رهي آهي. مستيءَ ڀريل لبن ۾ ڪنهن سان لڳڻ لاءِ، ڪنهن کي چمڻ لاءِ، ڪنهن کان چمجڻ لاءِ ڇڪ ٿي رهي آهي. ڳل صوفن جيان چمڪي رهيا آهن گويا شفق جون ٽاريون جهڪي ويون هجن. گلابن جي سڄي لالائي سندس سيني، لبن ۽ ڳچيءَ ۾ سمائجي ويئي آهي. مان حيرت وچان انهن ڏانهن نهارڻ لڳس، انهن مان هڪ جنهن جي کاڏي ڊگهي ۽ نوڪدار هئي، چوڻ لڳي:
    ”هي چشمو جانورن لاءِ ناهي.“
    مون جواب ڏنو، ”هر ڪو انسان جانور ٿيندو آهي جو پاڻي پيئي ٿو سو جانور آهي. جهڙو انسان تهڙو جانور، پيءُ پٽ پيءُ،“ ائين چئي مان پنهنجي خچر کي، جو پڻ مون جيان، انهن ڇوڪرين ڏانهن، عجب وچان نهاري رهيو هو ٻوٿ کان جهلي زبردستيءَ پاڻي پيئارڻ لڳس. ڊگهيءَ کاڏي واريءَ جون اکيون غصي ۾ لعل ٿي ويون، ۽ جلدي خچر کي نوڙيءَ کان پڪڙي، کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيائين. خچر ٽپو ڏيئي واپس وڻ ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ ٽپڻ وقت اهڙيون ته ٻه اِٽون هنيائين جو حسينا جو دلو مٿي تان ڪري چور چور ٿي ويو. مان وات تي هٿ رکي کلڻ لڳس ٻي ڇوڪري جنهن کي کاڏيءَ جي لحاظ کان ناسپاتي چوڻ مناسب ٿيندو، اها زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳي. ”انهيءَ ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ڙي، مرجانه؟“ پهرينءَ ڇوڪريءَ غصي وچان چيو ۽ جهٽ مرجانه کان دلو کسي نديءَ ۾ ڦٽو ڪيائين. لهرن جي آنچل ۾ دلو چڱو سفر طئي ڪري ويو. اسين بت بڻجي دلي جو سفر ڏسي رهيا هئاسين، پر ٿوريءَ دير ۾ هڪ وڏيءَ لهر دلي کي هڪ ڇپ سان ٽڪرائي ڇڏيو ۽ ويچارو دلو!........
    ”هاءِ!........ هاءِ!........“ منهنجي واتان نڪري ويو.
    ”کلين ڇو ٿي ڙي“ پهرين ڇوڪريءَ جوش وچان چيو.
    مون چيو، ”جڏهن ٻه جانور وڙهندا آهن ته دلا ڀڄي پوندا آهن.“
    هن چيو ”جانور تون آهين، سوئر......... هڪ ته خچر کي پاڻي پياري چشمو خراب ڪري ڇڏيئه، ٻيو اسان جا دلا....... ۽ هينئر وري ڳالهيون ٿو بنائين، پئسا ڪڍ نه ته.........“
    ”نه ته ڇا ڪندينءَ؟“ مون پڇيو.
    ”مان تنهنجو خچر ڀڄائي وينديس،“ ائين چئي هوءَ خچر ڏانهن وڌي، مون اڃان کيس روڪڻ جي مس ڪئي جو هوءَ خچر جي پٺيءَ تي چڙهي ڀڄي ويئي. مرجان خچر سان گڏ ڀڄڻ لڳي ۽ مان بندوق هٿ ۾ جهلي ٻنهي جي پٺيان ڊوڙڻ لڳس. مون کي ايڏو ته جوش لڳو جو هڪ وار دل ٿي ته فائر ڪريان، پر ڇا ڪيان عورت ذات تي هٿ ڪيئن کڻان..............؟“
    ”اڙي ٻڌو ته سهين..... ٻڌو........ پرماتما جو قسم اٿو......... چڱو ڀلا هي اٿو پئسا.......... وٺو..... ڀڳوان جو قسم اٿو بيهو....... مون کي اڄ رنگپور وڃڻو آهي.“
    پر حرامزادين ڪجهه نه ٻڌو. خچر به، جيڪو پهرين هڪ قدم به نه ٿي وڌي سگهيو، سو هينئر گهاٽيءَ تان لهندي طوفان جيان تيز وڃي رهيو هو.
    مرجان هرڻيءَ جيان نازڪ پر هلڪي بدن جي هئي. ٻي ڇوڪري مون ڏانهن نهاريندي مشڪندي ٿي ويئي.
    ”بيهه ته سهين......... سوئر جي ڌيءَ....... اڄ رات جو ئي توسان شادي نه ڪيم ته........ منهنجو نالو شاهه زمان ناهي. مان ٻوٽن تان ٽپندو، نديءَ جو ڪنارو ڏيئي ڊوڙندو پئي ويس. جي بندوق ۽ ڪارتوسن جو بار نه هجي ها ته ڪڏهن جو وڃي کين پڪڙيان ها. آخر ڊوڙندي ڊوڙندي سهڪڻ لڳس ۽ هڪ هنڌ بيهي رڙ ڪري چوڻ لڳس، ”بيهه....او ڊاڪوءَ جي ڌيءُ........ رهزن..... نه ته هينئر ئي ٿو فاير ڪيانءِ.“
    اهڙي ڌمڪي ٻڌي هن مڙي ڪري پٺيان نه نهاريو ساڳئي نموني خچر کي اڙي هڻندي ڀڄندي پئي ويئي ۽ مان اتي ئي پٿر ٿي بيهي کيس ڏسندو رهيس ..... هوءَ گهاٽيءُ تان لهندي پئي ويئي.
    هيٺ جتي ندي هڪ ننڍيءِ ماٿري ۾ وهي رهي هئي، اتي ننڍو چراگاهه هو ۽ سبز زمين تي ٽي چار تنبو کوڙيل هئا. اهي تنبو ته خانه بدوشن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جا به نٿي ٿي سگهيا. تنبن ۾ باهه ٻري رهي هئي؛ ۽ باهه جو دونهون سبز زمين جي سطح تان چڙهندو آسمان طرف وڌي رهيو هو. آڪاش جو رنگ گلابي مان ڪارو ۽ ڪاري مان نيرو ٿي چڪو هو تارن روپي ڪنول گل آڪاس روپي سمنڊ ۾ تري رهيا هئا....... مرجان ۽ خچر تي ويٺل ڇوڪري کي مون انهن تنبن وٽ لهندو ڏٺو ۽ پوءِ ٻئي تنبن ۾ اندر هلي ويون. خچر ٻاهر چرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ هڪ ماڻهو تنبوءَ مان ٻاهر نڪتو. هو پنهنجا هٿ ڇپرن تي رکي پريان ئي مون کي ڏسڻ لڳو ۽ خچر کي هڪ تنبوءَ سان ٻڌي اندر هليو ويو. مون سوچيو ته هينئر هنن خانه بدوشن کان خچر واپس وٺڻ لاءِ گڙٻڙ ڪرڻي پوندي. ٻيهر خيال آيو ته ڇو نه پنهنجي مامي الهداد خان کي مدد لاءِ چوان پر اهو ڌيان تي اينديئي ته مون وٽ سرڪاري ڍڪ جا پئسا آهن، اهو خيال لاهي ڇڏيم. هو ڊاڪو ماڻهو ته آهيئي، جي کيس پئسن جي خبر پئجي ويئي ته مون کي به ڦرڻ کان نه رهندو. هينئر ته اڪيلو ئي خانه بدوشن سان وڙهڻو پوندو، فيصلو ڪرڻو پوندو. خير........ هيءَ بندوق کين ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي آهي. اهو سوچي مان جلدي جلدي هيٺ لهڻ لڳس.
    چوڌاري انڌيرو ڇانئجي چڪو هو. شفق جي گم ٿيڻ سان ئي اونداهي پهاڙن جي چوٽين تان لهندي سڀني ميدانن ۾ ڦهلجندي ويئي. جڏهن مان هيٺ لٿس ته ڏٺم ته، چئني طرفن کان انڌيرو ڇانئجي چڪو هو. تنبن ۾ باهه ٻري رهي هئي ۽ پويان هڪ وڻ سان منهنجو خچر ٻڌو بيٺو هو. هو مون ڏانهن ڏاڍي نماڻيءَ وچان نهاري رهيو هو. گهٻراءِ نه منهنجا يار، اجهو ٿو مان توکي هنن ظالمن جي چنبي مان آزاد ڪريان.
    ائين سوچي اڳيان وڌيس مس ته ڪنهن رڙ ڪئي،
    ”ڪير آهين؟“
    ”مان آهيان هڪ راهي.“
    ”راهي يا جانور؟“ ڪمبخت ساڳئي نوڪدار کاڏيءَ واري ڇوڪري چيلهه تي ڏاڍي رعب سان هٿ رکي واڪو ڪري چئي رهي هئي.
    تنبوءَ جو پردو هوا ۾ لڏي رهيو هو ۽ باهه جي اُلن جي روشني سندس ڳلن تي پئجي هن جي حسن کي وڌيڪ حسين بڻائي رهي هئي.
    ”شمع تون اندر هل.“ هڪ شخص چيو، ”“مان هن سان پاڻ ئي سمجهان ٿو.“
    مون چيو، ”مان ڪو جهڳڙو ڪرڻ ڪونه آيو آهيان، تنهنجي زال منهنجو خچر چورائي ويئي آهي؛ اهو مون کي واپس ڪر.“۾
    ”راهي، منهنجيءَ ڀيڻ کي منهنجي زال نه چئه.....“ هن ٿورو ناراضپو ڏيکاريندي جواب ڏنو.
    مون چيو، ”هوءَ ڪير به هجي، تنهنجي ڀيڻ، زال يا ماءُ ان سان منهنجو ڪو واسطو ڪونهي، مون کي پنهنجو خچر کپي.“
    ”سوئر جا پٽ! مان تنهنجي ماءُ آهيان؟“ هوءَ چيخندي تنبو کان ٻاهر اچي بيهي رهي.
    ”تون چپ رهه شمع، مون کي هن سان ڳالهائڻ ڏي.“
    چوڻ لڳو، ”تون ڪٿي رهندو آهين؟“
    ”رنگپور“
    ”تنهنجو نالو؟“
    ”شاهه زمان.“
    ”ڇا ڪندو آهين؟“
    ”مان؟.... مان صوبيدار جو پٽ آهيان.“
    ”مان پڇان ٿو ته ڇا ڪندو آهين؟“
    مون چيو، ”مان شڪار ڪندو آهيان، پيار ڪندو آهيان، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پيءُ جي پاران ڳوٺن مان ڍل وصول ڪندو آهيان. چڱو هاڻي مون کي پنهنجو خچر واپس ڪر.....“ ائين چئي مان پنهنجي خچر ڏانهن وڌيس.
    هن پڇيو، ”اسين ٻن ٽن ڏينهن ۾ رنگپور اينداسين، اتي ٻنين ۾ مزوري ملندي؟“
    مون چيو، ”توهان خانه بدوش ڪم کان ڏاڍو نٽائيندا آهيو. سڄو ڏينهن پيا لوفرن وانگر رلندا پنندا آهيو يا هارين جون ٻڪريون چورائيندا آهيو، ۽ جڏهن ڳوٺ مان هلي ويندا آهيو، تڏهن خبر پوندي آهي ته فلاڻي هاريءَ وٽان هر چوري ٿي ويو، فلاڻي جي گهران ڪڪڙيون گم آهن. ڪنهن جي ٻڪري نه هوندي ته ڪنهنجو گڏهه؛ توهان کي ڪير ڪم.....“
    هن منهنجي جملي کي اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو، ”اهي خسيس ڳالهيون آهن. توهين ماڻهو ڌرتيءَ جا بادشاهه آهيو. اهڙين ننڍين ننڍين ڳالهين تي ته توهان جو ڌيان نه وڃڻ گهرجي.“ هن جي لهجي ۾ هڪ قسم جي ٺٺوليءَ جو احساس ڀريل هو، ”اسان کي ڪم جي ڏاڍي ضرورت آهي“
    ”توکي چمن ڪوٽ پسند ڪونهي؟“
    ”ائين ته جڳهه ڏاڍي سٺي آهي پر ڊاڪن جي بستي آهي. ڊاڪن جو سردار الهداد خان اسان کي ڏاڍو ڊيڄاريندو ۽ ڌمڪائيندو آهي. جي هتي رهون ته ڪنهن ڏينهن خون خرابي ٿي پوندي. اوچتو هن پنهنجو هٿ مون ڏانهن وڌايو. مون ڏٺو ته هن جي هٿ ۾ هڪ بندوق هئي. هو چوڻ لڳو ”تون پنهنجو خچر کڻي وڃ. منهنجي ڀيڻ بيوقوف آهي. ڀلا مسافرن سان به ڪوئي اٽڪندو آهي؟ هو به ته اسان وانگر خانه بدوش ٿيندا آهن؛ وقتي طور تي ئي سهين.....“ ائين چئي هو کلڻ لڳو. هن جي کلڻ جو نمونو ڏاڍو دلڪش هو.
    هڪ ويجهي تنبوءَ ۾ هڪ ٻڍي، هڪ جوان ڇوڪري ٻه ٻار ۽ هڪ پيرسن خانه بدوش پئي ڏسڻ ۾ آيا. سڀ روٽي کائي رهيا هئا. ٻڍي هر گهڙيءَ ديڳ ۾ ڪاٺ جي ڏوئي گهمائي رهي هئي، ان سان گڏ ديڳڙي مان کڙ کڙ جو آواز به پئي ڪڍيائين ۽ ديڳ مان ڪجهه ڪڍي سڀني کي ورهائي ڏيندي پئي وئي. خوشبوءِ چوڌاري پکڙجي مون کي بک لڳائي رهي هئي. شاهه زمان جي نظرن مون ڏانهن نهاريو ۽ منهنجي طبيعت جو اندازو لڳائي چوڻ لڳو، ”اڄ رات کڻي هتيئي ترسي پئه. اڳيان خطرناڪ جهنگل آهي. اڪيلو ڪيئن ويندين؟“
    ”اڪيلو ڪٿي آهيان، هيءَ بندوق جو مون سان گڏ آهي،“ مون چيو.
    ”هن بندوق تي توکي گهمنڊ آهي؟ ڇو ته هيءَ توکي هلائڻ به ايندي آهي. راهي توکي اڃا هتي جي رهاڪن جي خبر ڪينهي،“ ائين چئي هو کلڻ لڳو. مان سندس ڳالهه جو ڪجهه به جواب نه ڏيئي سڌو تنبوءَ ۾ هلي ويس.
    زمين کوٽي ڪري چلهو ٺاهيو هو. ان تي ديڳ رکيل هئي. مرجان اڳيان ويهي ڏوئي گهمائي رهي هئي ۽ باهه ڪڍندي پئي وئي. شمع ڪنڌ هيٺ ڪري مڪائيءَ جو اٽو ڳوهي رهي هئي. ڏيئي جي روشني سندس ڳلن ۽ وارن تي پئي پيئي. مرجان جون اکيون بيچين هيون ۽ شمع جو ڌيان يڪ ٽڪ ٿالهه ۾ هو. تنبو پراڻن گندن، رنگين ڪپڙن جي ٽڪرن ۽ کجور جي کٻر مان ٺاهيو ويو هو. ڏسڻ ۾ ڪچو پر ڏاڍو مضبوط هو. نوڙين سان سبيل هو. هڪ ڪنڊ ۾ ٻه وڏيون هڙون ٻڌيون پيون هيون. پريان هڪ ٻڪري ٻڌل هئي، جنهنجي ٿڻن تي هڪ ميرو ڪپڙو ويڙهيل هو. هڪ ڊگهن وارن وارو ڪتو مون کي اندر ايندو ڏسي ڀونڪڻ لڳو.
    ”چپ ڙي ظالم.“ ان ماڻهوءَ جي آواز کيس خاموش ڪري ڇڏيو. ڪتي جي وارن جو رنگ ڪارو هو ۽ اکيون شيريون هيس. نالو ته ڏاڍو سٺو هئس، ”ظالم“
    مون ان ماڻهوءَ کان پڇيو، ”۽ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    ”مون کي خداداد چوندا آهن،“ هن جواب ڏنو.
    مون کانئس پڇيو، ”تون پنهنجي ڀيڻ جي شادي نٿو ڪرائي ڇڏين؟ جيستائين هيءَ پنهنجي مڙس جي مار نه کائيندي تيستائين سڌي نه ٿيندي.“
    هو کلي چوڻ لڳو، ”دوست، ڪو اهڙو مڙس به ته نٿو ملي جو کيس سڌو ڪري.“
    مون به کلي چيو مانس، ”هن سوئر کي مون سان شادي ڪرائي ڇڏ. پوءِ ڏسجانءِ ماري ماري کل نه لاٿي مانس ته شاهه زمان.....“
    شمع وڄ جيان ٽپو ڏيندي اٿي ۽ پنهنجي ڀاءُ کان بندوق کسي چوڻ لڳي، ”هٿ ته لائي ڏيکار، مسافر آهين ان ڪري جان بخشش ٿي ڪيانءِ، ٻيو ڪو هجي ها ته ڇرو سندس ڇاتيءَ جي پار ڪيان ها.“
    خداداد کلڻ لڳو، ”شمع سچ ٿي چوي راهي، هن جو نشان ڪڏهن به گسندو ناهي،“
    ”اسين به ته سندس ئي آهيون،“ مون ڊگهو ساهه کڻي چيو ۽ هوءَ تيزيءَ سان مڙي، مرجان جي اڳيان وڃي ويٺي. مرجان جون پريشان نظرون منهنجي چهري تي ڄميل هيون. شمع پنهنجا چپ ڏندن جي وچ ۾ ڪٽڻ لڳي. وري اتان اٿي ڪاٺ جي ٿالهه اڳيان وڃي ويٺي ۽ مڪائيءَ جو اٽو ڳوهي ڍوڍا پچائڻ لڳي. نرم ۽ گرم ڍوڍا ڍلهي ۾ سيڪا ٿي ويا ۽ انهن مان تازن مڪائيءَ جي سنگن جي خوشبوءَ اچي رهي هئي. ڀرسان واري تنبوءَ ۾ هڪ ٻار روئي رهيو هو ۽ سندس ماءُ کيس گاريون پئي ڏنيون. هن جو پيءُ چقمق تي ان ڪترڻ جي ڪئنچي تکي ڪري رهيو هو. ”چپ ڪر حرامي جا پٽ، نه ته هيءَ ڪئنچي پيٽ ۾ ٽنبيندو سانءِ.“
    ٻار روئندي روئندي چيو، ”حراميءَ جو ئي ته پٽ آهيان بابا!“
    پڻس ٿورو مشڪيو ۽ پنهنجي آڱوٺي تي ڪئنچيءَ جو هڪ ڦر رکي تيزيءَ جو اندازو لڳايائين. پوءِ زور سان چرخي هلائڻ لڳو ۽ ڪئنچي جي ڦر کي چقمق تي رکيائين. ڦوهاري وانگر چڻگون اونداهيءَ ۾ پکڙجنديون پئي ويون.
    ”خداداد؟“
    ”ڪير آهي؟“ راول!“
    ”ها.“
    ”ڇا هي راول؟“
    ”يار اڄ تنبو کان ٻاهر نه نڪرندين ڇا؟ ڪهڙي نه، مزيدار چانڊوڪي رات آهي.“
    اسين تنبو جو پردو بند ڪري نوڙي وٽي رهيا هئاسين. مان ۽ مرجان کجور جا سڪل کٻر نوڙي ۾ پئي وجهندا وياسين. شمع نوڙي جي هڪ پڇڙي پنهنجي آڱوٺي ۾ مضبوط جهلي بيٺي هئي. ٻئي پاسي کان خداداد نوڙي پئي وٽيندو ويو، پر مجال آهي جو شمع جا پير ٿورو به لڏن. ها صرف سندس ڳلن جو رنگ وڌيڪ گلابي ٿي ويو هو ۽ نيڻ هر هر جهڪي ٿي ويس. هن انهن کي سنڀالڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر مٿي ٿي نه سگهيا. سندس ساهه تيزي سان کڄي رهيو هو ۽ ڪنهن ڪنهن وقت پنهنجي سنهي ۽ لعل ڄڀ ڪڍي خشڪ چپن تي پئي ڦيريائين. سندس اها ادا مون کي ڏاڍي وڻي رهي هئي.
    راول جي سڏڻ تي خداداد اٿيو ۽ تنبو جو پردو پاسي ڪري ٻاهر وڃي بيٺو ۽ زور سان هڪ ڊگهو ساهه کنيائين گويا چانڊوڪي کي سنگهي رهيو هجي. شمع ائين ويٺي هئي جو تنبو جو پردو کڄڻ تي ئي چانڊوڪي جو طوفان بناڊپ جي سندس ڳلن سان ٽڪرجڻ لڳو ۽ پوءِ اتان ڊوڙندو تڏن تان ترڪندو تنبو جي ٻي ڪنڊ تائين هليو ويو. شمع جو زيتوني شفاف جسم چمڪڻ لڳو ۽ هن جون اکيون بند ٿي ويون. سندس بند پلڪن اندر ڪارين پتلين ۾ چانڊوڪي جهلڪا ڏيئي رهي هئي. شمع جي ڳلن ۾ غضب جي لالائي ڀرجي وئي هئي ۽ مان سندس بلوري حسن ڏانهن يڪ ٽڪ نهارڻ لڳس، پر خداداد جي سڏ ان ۾ رخنو وجهي ڇڏيو.
    هو چئي رهيو هو، ”شاهه زمان نڪر ٻاهر.... شمع.... مرجان.... توهين به.... شمع پنهنجي ڀاءُ جي بندوق ۽ منهنجي رائفل کڻي ٻاهر نڪري.
    جڏهن مون کانئس پڇيو ته بندوق ڇو کنئي هئائين ته جواب ڏنائين، ”تنهنجي گهمنڊ جو امتحان ٿي وٺڻ چاهيان.“
    ٻاهر راول بيٺو هو، قد ڇهه فوٽ، پير اُگهاڙا، چڻ چڻ سلوار، جا صرف گوڏن تائين پئي آيس، جنهن ڪري گوڏن جي هيٺان ٽنگون بلڪل اُگهاڙيون هئس ۽ انهن تي زخمن جا نشان صاف ظاهر هئا. مٿي تي ڊگها وار رکايا هئائين ۽ بغداد جي چور جيان هڪ رنگين رومال ٻڌو هئائين. ساڄي ڪن ۾ هڪ لوه جو والو پيل هوس جنهن ڪري خانه بدوش نه پر ڪنهن فلم جو هيرو پئي لڳو. مون ڏانهن نهاري مشڪڻ لڳو ۽ وري سندس نظرون شمع جي چهري تي وڃي اٽڪيون.
    راول چيو، ”خداداد چوي ٿو ته تو وٽ انگريزي بندوق آهي!“
    ”ها هيءَ ڏس راهيءَ جي بندوق.“ شمع جو حسن تجلا ڏيئي چمڪڻ لڳو.
    راول بندوق کي ڌيان سان ڏسڻ لڳو. پوءِ چيائين.
    ”هي وري ڪهڙي بندوق آهي، هن جي هڪ ڇيڙي کي ڏندا آهن ۽ ٻيو ڇيڙو اسان جي بندوق جيان خالي آهي!“
    مون چيو، ”ڏندن واري ڇيڙي ۾ وڏي شڪار لاءِ گوليون وجهندو آهيان ۽ خالي ڇيڙي کان تتر جو شڪار ڪندو آهيان، هي گولين وارو ڪارتوس آهي – هي ڇيرن وارو – ڏسو .... هي....
    راول چيو، ”انگريزي رائيفل سٺي ٿيندي آهي، پر اسان جي بندوق جو مقابلو ڪري نه سگهندي.“
    شمع وچ ۾ چيو، ”بندوق خراب يا سٺي نه ٿيندي آهي سٺو يا خراب ته هلائڻ واري جو هٿ ٿيندو آهي.“
    راول کلڻ لڳو. مون کي سندس کلڻ زهري تير جيان زخميندڙ ڀاسيو. مون چيو، چڱو ته جوان جا هٿ به ڏسو، انڪار ڪير ٿو ڪري. راول غصي ۾ اڳيان وڌيو، خداداد جو چهرو تمام ڳنڀير هو آهستي چيائين، ”راول، شاهه زمان اسان جو مهمان آهي.“
    راول ٿورو بيهي رهيو ۽ پوءِ پٺتي موٽي ويو.
    خداداد چيو، ”سامهون ٻنيءَ ۾ گاهه جو ٻوٽو ڏسين ٿو؟ اهو آهي اسان جو نشان.“
    شمع بندوق منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو، ”تون اسان جو مهمان آهين پهرين حق تنهنجو آهي.“
    شمع جي ٽوڪ واري نوع ۾ ڳالهائڻ مون کي شرمندو ڪري ڇڏيو. مون همٿ ٻڌي بندوق هلائي. پر جيئن مون سوچيو هو تيئن ئي ٿيو. نشان خالي ويو.
    خداداد هڪ دفعو ٻوٽي جو نشان ورتو. پوءِ بندوق سڌي ڪري گولي هلايائين، پر هو به ناڪامياب ويو. راول کلڻ لڳو. هينئر راول جو وارو هو. هن رعبدار ڍنگ سان بندوق پنهنجي هٿ ۾ کنئي ۽ اهڙي نموني بندوق هلايائين جو جيڪر ٻوٽو ته ڇا پهاڙ هجي ها ته اهو به اُڏامي وڃي ها، مگر قسمت هن سان ساٿ نه ڏنو.
    شمع جهٽڪو ڏئي بندوق راول جي هٿ مان کسي ورتي ۽ چوڻ لڳي، ”اڄ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟“ ۽ هڪ کن کانپوءِ ٺا...... گوليءَ جو ڀاري ٺڪاءُ ٿيو. اکين اڳيان انڌيرو ڇانئجي ويو. دونهين جي گهاٽن غبارن کان سواءِ ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، مگر کن به نه نبري جو دونهين جو گهاٽو غبار هوا جي حوالي ٿي، ٽڙي پکڙي ويو. سڀني سامهون نهاريو ته گاهه جو ٻوٽو غائب هو........ شمع جو نشان ڪامياب ويو.
    شمع بندوق جو منهن چپن سان لڳائي ڦوڪ ڏني ۽ بندوق کڻي راول جي هٿ تي رکيائين. راول جا هٿ هڪ پل لاءِ شمع جي آڱرين تي ڄمي ويا. شمع جلدي راول جي هٿ مان پنهنجو هٿ ڇڏايو. بندوق ڌرتيءَ تي ڪري پيئي. راول کلي ڪري چوڻ لڳو، ”چنبا پڪڙڻ ايندا اٿئي جوان؟“
    ”ڇو نه، آڻ هٿ.“
    پوءِ اسين ٻئي چنبا پڪڙڻ لڳاسين. هنن خانه بدوشن کي اها به خبر نه هئي ته چنبن پڪڙڻ ۾ مان ڪيڏو نه هوشيار آهيان. جلدي مون خداداد کي شڪست ڏني. پوءِ راول سان آزمائش شروع ٿي. چنبو ڇڏائيندي مون کيس اهڙو ته جهٽڪو ڏنو جو هو ڏهه وال پري وڃي ڪريو ۽ مرجانه خوشيءَ ۾ ڀرجي تاڙيون وڄائي کلڻ لڳي، شمع جوش ۾ اچي مرجانه کي ٿڦ وهائي ڪڍي، ۽ مرجانه روئڻ لڳي.
    مون شمع کي چيو، ”مرجانه کي ڇو ماريئه؟“
    هوءَ چوڻ لڳي، ”تون چپ ڪر، ڏاڍو آيو آهي مرجانه جو پاسو کڻندڙ. هڪ رات جو مهمان ۽ هاڻي کان ئي ڳالهيون اهڙيون ٿو ڪري ڄڻ ته خانه بدوشن جو سردار آهي. راول کان چنبا ڇڏايئي ته ڄڻ مير مارئيه.“
    خداداد کلڻ لڳو. ايتري ۾ سامهون واري تنبوءَ ۾ جيڪو خانه بدوش ڪئنچي تکي ڪري رهيو هو، تنهن چرخي ۽ چقمق کڻي پاسي ڪري رکيو؛ ۽ کنجري وڄائي راڳ ڳائڻ لڳو. سندس زال ۽ ٻار به ساڻس گڏ ڳائڻ لڳا. اسين سڀ اوڏانهن وڌي وياسين. راول جي تنبوءَ جا ماڻهو به اتي آيا ۽ چوٿين تنبوءَ جا ماڻهو، ٻڍو ۽ ٻڍي به آيا.
    ٻه وڏا سڪل بنڊ ٻري رهيا هئا. باهه جي روشني سڀني جي منهن پئي پيئي. وچ ۾ ڌيري ڌيري مٺو رباب وڄي رهيو هو. خانه بدوشن جو مٺو، سنهو ۽ وڻندڙ آواز چانڊوڪي رات ۾ پري پري تائين پئي گونجيو. هڪ چانڊوڪيءَ جو طوفان، ٻيو نشي، مستيءَ ۽ سونهن جو طوفان. تارن روپي سونهري ٻيڙيون آڪاش روپي سمنڊ ۾ لڏي لمي، ٽم ٽمائي رهيون هيون ۽ هينئر........ شمع جا پير نچي رهيا هئا ۽ هن جو جسم سندس روح ۾ پگهرجي ويو. اسان جي تنبوءَ ۾ اسان جي تنبوءَ کان ٻاهر، هتي هتي، زمين تي، آسمان تي هر هنڌ شمع ئي شمع هئي. ڪهڙو نه وڻندڙ، سريلو ۽ مزيدار آلاپ هو! شمع جو رقص ساريءَ ڪائنات جو رقص هو. سندس زلف نچي نچي هن جي ڳلن ۽ ڳچيءَ تي ڪري رهيا هئا ۽ جڏهن رقص جي ٻئي ڦيري تي هن انهن کي جهٽڪو پئي ڏنو ته، گويا وڄ پئي کڄي. اونداهي، روشني، سنگيت ۽ رقص........ گويا ستن ئي آڪاشن جا سج، چنڊ ۽ تارا بيهجي ويا هئا ۽ هڪ مدهوش ڪندڙ صورت زمين تي نچي رهي هئي. ڄڻڪ زندگي ۽ موت، خدا ۽ انسان هڪ ئي ڪٽنب ۾ جنم وٺي گوڙ ۽ شوڙ مچائي رهيا هئا. ڏسو ڏسو...... هيءَ حسينا......... هيءَ شمع....... هيءَ روشنيءَ جي مشعال، جا پنهنجي رحم جي مندر ۾ ديوتائن ۽ انسانن کي پيدا ڪري رهي آهي، کين سڀيتا ۽ ڌرم سيکاري رهي آهي. سندن دلين ۾ علم، اخلاق ۽ سچائيءَ جو ٻج ڇٽي رهي آهي. شروع کان آخر تائين صرف هيءَ حسينا آهي. شمع، حسن، حسينا سڀ نچي رهيا آهن.........
    ناچ ۽ راڳ جي هيءَ محفل جيڪر صبح تائين جاري رهي ها، جي منهنجو مامو الهداد خان اچي رنگ ۾ ڀنگ نه وجهي ها. اچانڪ هو محفل ۾ اچي گرجڻ لڳو، ”اڙي حرامزادو خانه بدوشو کڻو هتان پنهنجون ڀنگيون ۽ نڪري وڃو اسان جي ڳوٺ منجهان، هينئر، هن پل نه ته___“
    شمع نچندي نچندي يڪدم ويهي رهي ۽ سهڪندي سهڪندي پنهنجي ڀاءُ ڏانهن نهارڻ لڳي. راول ۽ خداداد ٻئي يڪدم الهداد خان ڏانهن وڌيا، پر سندس هٿ ۾ پستول ڏسي بيهي رهيا.
    راول چيو، ”اسين خانه بدوش آهيون، اسين ڪنهن جو به رعب پسند نه ڪنداسين. آڪاش جي هيٺان جيتري به زمين آهي اها سڀ اسان جي آهي؛ اسين..... جتي به مرضي پوندي رهنداسين....... جڏهن مرضي پوندي هليا وينداسين.“
    الهداد خان ڊگهو ۽ ويڪريءَ ڇاتيءَ واري ڊاڪو هو. ننڍيون ننڍيون اکيون، جي شيطاني نموني ۾ چمڪي رهيون هيون. جيترو سندس همٿ، ڦڙتيءَ ۽ چالاڪيءَ جو اظهار ٿي رهيو هو اوترو ئي بيرحميءَ جو پڻ _
    پستول راول جي ڇاتيءَ سان لڳائي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو، ”هي رنگپور جو ڳوٺ ناهي، هتي کدڙا نه رهندا آهن، هي الهداد خان جو ڳوٺ آهي. هڪ جهنگل ۾ ٻه شينهن نه رهي سگهندا. چپ چاپ سڀاڻي هتان هليا وڃو، نه ته سڀ تنبو ساڙائي ڇڏيندو سانو.“
    مون جوش ۾ اچي خداداد کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو ۽ الهداد جي سامهون بيهي رهيس.
    مون چيو، ”ماما، هنن خانه بدوشن سان ڇو ٿو وڙهين، جي وڙهڻو اٿئي ته مون سان وڙهه. اسين کدڙا آهيون ته اچ مان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
    هو مون کي اتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. ”اڙي تون شاهه زمان _ هنن جهنگلين جي گهر ۾ ڇا پيو ڪرين؟ اسان جي گهر ڇو نه آئين؟“
    وري شمع ۽ مرجانه کي ڏسي مشڪڻ لڳو، ”هاڻي هي تنبو ضرور ساڙڻا پوندا. ڳوٺ جا سڀ جوان، خانه بدوش ڇورين تي مري چڪا آهن.“
    راول اڳيان وڌيو. الهداد پستول اڃان به اڳيان وڌايو. خداداد راول کي روڪي بيهاريو. پوءِ نهايت مٺي آواز ۾ چيائين، الهداد خان سڀاڻي شام جو اسين هتان هليا وينداسين بس صرف اِها مهلت ڏي.
    ”چڱو، سڀاڻي شام جو هليا وڃجو. جي پرينهن مون توهان کي هتي ڏٺو ته ڪتن کان ڇيڇلائيندو سانو.“ ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، ”گهر هلندين ڇا؟“
    مون ڪنڌ لوڏي انڪار ڪئي.
    ”ڪٿان پيو اچين، ڍل اُڳاڙي؟ اڄ ٻٽون ته ڏاڍو ڳرو هوندو.“ الهداد جون تيز اکيون چمڪڻ لڳيون.
    مان چپ ڪري بيٺو رهيس. راول ۽ خداداد مون کي تڪڻ لڳا. الهداد خان ٻنهي ڏانهن معنيٰ ڀريل نظرن سان نهاري چيو، ”شاهه زمان ڏاڍو هوشيار ڇوڪر اٿو. چڱو مان هلان ٿو.،“ وري مون ڏانهن نهاري چيائين، ”صبح جو مون سان ملندو وڃج....“ پوءِ ٻئي، راول ۽ خداداد، الهداد خان کي نهر جي ٻئي پار پهچائڻ لاءِ ساڻس گڏجي ويا گهڻي دير کان پوءِ موٽيا. اڃان موٽيا به نه هئا، جو مون پنهنجي پختائي ڪري رکي، پنهنجو ٻٽون شمع جي اڳيان اڇلي، کيس چيم، ”صبح جو وٺندو سانءِ.“ ٻٽون ڏسي هوءَ مشڪڻ لڳي. چيائين، ”مان پاڻ وٽ نه رکندس. هي تنهنجو مال آهي. هن جي حفاظت ڪرڻ به تنهنجو ئي ڪم آهي.“
    مون چيو، ”مان تنهنجو مهمان آهيان.“
    شمع چيو، ”مون ٿوروئي توکي سڏايو هو.“
    ”ڊڄين ٿي؟“
    اهو ٻڌڻ تي ئي ٻٽون منهنجي هٿ مان کسي، چوڻ لڳي، ”مرد پنهنجي بندوق، تنبوءَ ۽ زال جي پاڻ ئي حفاظت ڪندو آهي، پر تو مٽيءَ جي گهرن ۾ رهندڙ اُلوءَ کي انهن ڳالهين جي ڪهڙي خبر....“
    مون بندوق پنهنجي مٿي کان رکي ڇڏي ۽ تڏي تي ليٽي پيس، ”بڪندي وڃ“ مون چيو، ”مون کي ته ننڊ ٿي اچي.“ ائين چئي مون اکيون ٻوٽيون ڇڏيون. گهڻي دير کان پوءِ راول ۽ خداداد، الهداد خان کي پهچائي موٽيا ۽ ڪيتري دير تائين تنبوءَ جي ٻاهران پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا. مان ظاهريءَ طرح سمهيو پيو هوس، پر حقيقت ۾ سندن هر هڪ ڳالهه ٻڌي رهيو هوس. منهنجو هٿ پنهنجيءَ بندوق ۾ هو. ٻئي شمع کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا؛ ۽ شمع کين چئي رهي هئي ته هوءَ هينئر ڪجهه به نه پئي ڪري سگهي، ڇو ته هوءَ منهنجو ٻٽون سنڀالڻ جو انجام ڏئي چڪي هئي راول شمع کي گاريون ڏيڻ لڳو ۽ شمع راول کي....
    پوءِ خداداد چيو، ”ڇو نه اسين هن کي (مون کي) ماري ڇڏيون.“ پر شمع نه مڃيو. هن چيو، ”جي هن کي ماريندا ته الهداد توهان کي ڇڏي ڏيندو؟ ڀلا خانه بدوش به ڪڏهن خون ڪندا آهن؟ چوريون ڪرڻ ۽ ڌاڙا هڻڻ ته کڻي ٻي ڳالهه آهي پر خون ته خانه بدوشن اڄ ڏينهن تائين نه ڪيو آهي. ڇا پننجي خاندان تي داغ لڳائيندءُ؟ آخر راول ۽ خداداد کي شمع جي ڳالهه مڃڻي پئي. شمع مون کي بچائي ورتو خداداد ۽ شمع تنبوءَ ۾ گهڙي باهه وسائي اچي تڏي تي سمهي پيا. مرجانه گهريءَ ننڊ ۾ هئي. شمع سندس اڳيان اچي سمهي پيئي. خداداد به منهنجي اڳيان سمهي پيو. هينئر مان خداداد ۽ شمع جي وچ ۾ هوس. تنبوءَ جو دروازو ڪنهن به بند نه ڪيو هو. پردو هوا جي جهونڪن ۾ ڦرڦر ڪري اڏامي رهيو هو. چانڊوڪيءَ جا ڪرڻا تڏن تان ترڪندا تنبوءَ ۾ پکڙجي ويا. ”ظالم“ دروازي تي ڪتو بيٺو هو؛ ۽ ناسون مٿي ڪري دشمن جي ڳولها ڪري رهيو هو. ٿورو ئي کڙڪو ٻڌڻ تي ڀونڪڻ ٿي لڳو. مان اندر ۾ ساهه سانڍيندي جاڳي رهيو هوس. خداداد کي جلدي ننڊ اچي وئي ۽ کونگهرا پئي هنيائين. اهي نقلي کونگهرا نه هئا.
    مون پاسو بدلائي، شمع ڏانهن نهاريو. چانڊوڪيءَ جي سفيدي هن جي ڳلن تي پکڙيل زلفن تي ميڙ ڪيو بيٺي هئي سندس نوڪدار کاڏي جي هيٺان هن جو ساڄو هٿ رکيل هو. هوءَ منهنجي ايترو ته ويجهو هئي جو مان هٿ وڌائي سندس کاڏي کي ڇهي ٿي سگهيس. منهنجي دل ۾ شمع جي کاڏي کي ڇهڻ لاءِ سندس ڳلن کي چمڻ ۽ سندس سڄي جسم کي پنهنجي آغوش ۾ ڀري ڇڏڻ جو طوفاني جذبو گونجڻ لڳو. ان وقت مون کي ذرو به آواز پسند نه هو، انهيءَ ڪري مون پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون، پر اها گونج ته دل جي تيز ڌڙڪن ۽ انگ انگ ۾ سمائجي ويئي هئي. جسم جي ذري ذري مان اهوئي آواز اچي رهيو هو. شمع کي ڪچلي ڇڏ، شمع کي ڪچلي ڇڏ.... مان ڌيري ڌيري شمع جي اڳيان رڙهي ويس ۽ پٺيان مڙي ڪري خداداد کي ڏٺم جو گهريءَ ننڊ ۾ غلطان هو.
    مون ڌيري ڌيري.... پنهنجو هٿ شمع جي ساڄي هٿ تي رکيو. پر ڪجهه نه ٿيو، ڪائي ڪتڪتالي محسوس نه ڪيم، ڪائي لرزش اتپن نه ٿي، گهڻيءَ دير تائين منهنجو جذبات جي باهه ۾ جلندڙ هٿ سندس برفيلي آڱرين تي رکيو رهيو، پر ڪائي جنبش پيدا نه ٿي. پوءِ آهستي آهستي منهنجا هٿ سندس گلابي ڳلن ڏانهن به وڌيا.... انگ انگ ۾“ نس نس ۾ لکين شعلا ڀڙڪڻ لڳا.... سڄي بدن ۾ آگ لڳي ويئي.... لبن تي اهو ئي راڳ هو .... اهائي ساڳي گونج هئي .... شمع کي ڪچلي ڇڏ .... کيس پنهنجي آغوش ۾ ڀري زور سان ڀڪوڙي ڇڏ .... مون خداد ۽ مرجانه ٻنهي ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ شمع ڏانهن وڌيڪ نزديڪ رڙهي ويس. تڏي منجهان هڪ هلڪي سرسراهٽ پيدا ٿي. اها سرسراهٽ هڪ راز وارو نغمو هئي، مستيءَ جي لهر هئي. مان ان وهڪري ۾ ترندو شمع جي بلڪل ويجهو پهچي ويس، ۽ پوءِ .... مون پنهنجو هٿ شمع جي هٿ تي رکيو ۽ ان کي زور سان دٻايو .... اُٿ .... اُٿ.... اي مڌر ميلاپ جي شمع....
    پر شمع نه جاڳي.... هن جون اکيون اڳي جيان بند هيون. منهنجي هٿ جي آڱرين اهڙو ته درد محسوس ڪيو جو مان مرد نه هجان ها ته رڙ ڪري اٿان ها. هوءَ آهستي آهستي منهنجون آڱريون موڙيندي پئي ويئي، خاموشيءَ سان.... بنا ڪنهن چرپر جي.... اکيون کولڻ کان سواءِ.... مون سان ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ منهنجي آڱرين کي ڄڻ هڪ لوهي چنبي ۾ ڦاسائي، موڙي رهي هئي ۽ مان اندرئي اندر ۾ سور کان جلي رهيو هوس. خبر ناهي ڇوريءَ کي ايڏي طاقت ڪٿان اچي وئي هئي، گل جهڙي جسم ۾ رڪ جهڙي سختي ڪٿان آئي. مون سندس چنبي مان هٿ ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سڀ اسڦل وئي. آخر جڏهن درد حد کان وڌي ويو ته مان پاسو ورائڻ تي مجبور ٿي ويس. منهنجي پٺي هن ڏانهن هئي ۽ منهنجون آڱريون سندس آڱرين ۾ جڪڙيل هيون.
    شمع مڌر آواز ۾ چيو، ”چنبا ڇڏائيندين؟“
    مون ڪاوڙجي چيو، تون استري نه، ڏائڻ آهين سوئر.“
    هوءَ چوندي رهي، ”ڀلا راڳ ٻڌندين؟“
    مون هٿ ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي چيو، ”هٿ ڇڏ.“
    ”مون کي ماهيا راڳ ڏاڍو وڻندو آهي. جڏه ماٿرين ۾ آواز گونجندو آهي.... ها، ها، ته ڪهڙو نه لطف....“
    ”پر ماتما جي واسطي چپ ڪر، ڪنهن ٻڌي ورتو ته....“
    ”مان ڪنهن کان به ڊڄندي ناهيان....“ ۽ هوءَ ڌيري ڌيري مٺي سر ۾ ماهيا ڳائڻ لڳي. سندس گلي ۾ غضب جو تاثير هو.
    ”حرامزادي، چپ ڪر،“ مون غصي ٿيندي چيو.
    هوءَ منهنجي هٿ کي اڃان به وڌيڪ چيڀاٽي چوڻ لڳي.
    ”شمع خانه بدوشن جي ڌيءَ آهي. هوءَ ڪنهن مٽيءَ جي گهرن ۾ رهندڙ هارين جي ڌيءَ ناهي جو صوبيدار جي پٽ کي ڏسي مٿس دل هاري ڇڏيندي ۽ حياتيءَ جو سڄو جواني روپي خزانو چپ چاپ هن جي حوالي ڪري ڇڏيندي. توهان ڌرم جي پوڄارين کي جهنگلين جي اخلاقن جي ڪهڙي خبر---!“
    ائين چئي هن اڃان به وڌيڪ زور ڏنو. اُف! قهر جو سور ٿي رهيو هو. ائين محسوس ٿي رهيو هو، گويا مان تنبوءَ ۾ نه پر جهنگل ۾ سمهيو پيو هوس ۽ ڪو جهنگلي جانور منهنجي ٻانهن پنهنجي چنبي ۾ جهلي بيٺو هو؛ ۽ جي مان پاڻ کي جلدي ان چنبي مان آزاد نه ڪيو ته ٿوري ئي دير ۾ هن جهنگل ۾ منهنجون هڏيون چمڪنديون نظر اينديون. درد اڃان به وڌي رهيو هو. آخر مون جهٽڪو ڏئي پنهنجا هٿ شمع جي چنبي مان آزاد ڪيا؛ پر ڇڏائڻ وقت منهنجو ڀرپور هٿ شمع جي ڳلن تي وڃي لڳو. سندس چپن مان هڪ دٻيل چيخ نڪتي ۽ ان کان پوءِ جلد هوءَ خاموش ٿي وئي. چيخ ٻڌي خداداد ٽپو ڏئي اٿي ويٺو. شمع به چالاڪي ڪري اٿڻ جو بهانو ڪيو.
    ”ڇاهي راهي؟“ شمع ائين پڇيو گويا هوءَ بلڪل بيخبر هئي.
    ”ڪجهه ناهي“ مون کيس جواب ڏنو.
    وچ ۾ خداداد به چئي ڏنو، ”ها مون به هڪ رڙ ٻڌي.“
    ”ويچارو ڊڄي ويو هوندو، ڪو خراب سپنو ڏٺئه ڇا،؟ شمع ٻيو سوال ڪيو.
    منهنجو رت ٽهڪي رهيو هو، پر چپ رهڻو پيو.
    ”ڇا هو؟ اوچتو مرجانه به اٿي کڙي ٿي“.
    ”ڪجهه ناهي، ويچاري ڀيانڪ خواب ڏٺو آهي،“ شمع ٽوڪ جي نموني ۾ چيو.
    ”چڱو چڱو، هاڻي سمهي پئو“ خداداد پاسو بدليندي چيو. ڪيترو وقت شانت هئي. پوءِ شمع آهستي پنهنجي جڳهه تان اٿي تنبوءَ جو پردو مٿي ڪري ٻاهر هلي ويئي. مان به پنهنجي بندوق کنئي ۽ ٻاهر هليو ويس. چنڊ ماٿريءَ جي وچ ۾ مشڪي رهيو هو، گويا اسان ٻنهي تي مشڪي رهيو هجي. شمع نديءَ جي ڪناري تي ويٺي منهن ڌوتو. مان سندس اڳيان وڌي ويس ۽ کانئس پڇيم، ”اڌ رات جو منهن ڌوئڻ مان فائدو؟“ شمع پاسو ورائي مون ڏانهن نهاريو. سندس چپ زخميل هئا، ۽ انهن مان رت وهي رهيو هو. شايد سندس چنبي مان هٿ ڇڏائڻ مهل منهنجو هٿ هن جي چپن تي وڃي لڳو هو. مان شمع جي اڳيان ڌرتيءَ تي ويهي رهيس ۽ ٻڪ ۾ پاڻي ڀري سندس چپن جي ويجهو آڻڻ لڳس. ٿوري و