ڪتاب جو نالو: دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون
مصنف: پروفيسر مختيار سمون
ڇپائيندڙ: ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 17 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 476 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 181 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • درسگاهن سان دل لڳيءَ جي ڳالهه (پيش لفظ)
  • اعليٰ تعليم جي لاءِ بهترين رهنمائي
  • تعليمي ادارن سان چاهه
  • برطانيه جون يونيورسٽيون

  • آڪسفورڊ يونيورسٽي
  • ڪيمبرج يونيورسٽي
  • باٿ يونيورسٽي
  • لِيڊس يونيورسٽي
  • لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پوليٽڪل سائنس
  • برئڊفورڊ يونيورسٽي
  • رَيڊنگ يونيورسٽي
  • نيو ڪاسل يونيورسٽي
  • برمنگھم يونيورسٽي
  • دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر
  • ايڊنبرا يونيورسٽي
  • بئنگر يونيورسٽي
  • اسڪاٽلينڊ جي گلاسگو يونيورسٽي
  • ڪُوئِينِ ميري يونيورسٽي
  • لِوَرپُول يونيورسٽي
  • يونيورسٽي ڪاليج لنڊن
  • ناٽنگهم يونيورسٽي
  • شِفيلڊ يونيورسٽي
  • شفيلڊ هيلم يونيورسٽي
  • ڪارڊف يونيورسٽي،
  • ڪوئينس يونيورسٽي
  • رايل هالووَي يونيورسٽي
  • يورپ جي ٻين ملڪن جون يونيورسٽيون

  • جرمني جي هائيڊلبرگ يونيورسٽي
  • همبولٽ يونيورسٽي آف برلن
  • جرمني جي فِري يونيورسٽي
  • سوئيڊن جي اسٽاڪهوم يونيورسٽي
  • سوئيڊن جو ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي
  • سوئيڊن جو ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوف آف ٽيڪنالاجي
  • سوئيڊن جو ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوف آف ٽيڪنالاجي
  • سوئيڊن جو ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوف آف ٽيڪنالاجي
  • سوئيڊن جي 538 سال پراڻي اپسالا يونيورسٽي
  • سوئزرلينڊ جو سُوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي
  • فرانس جي پئرس يونيورسٽي
  • اٽليءَ جي بولونئا يونيورسٽي
  • اٽليءَ جي ميلان يونيورسٽي
  • سلامانڪا يونيورسٽي
  • ائمسٽرڊئم يونيورسٽي
  • لائيڊن يونيورسٽي
  • نيوزيلينڊ جي ڪئنٽربري يونيورسٽي
  • ارسٽاٽل يونيورسٽي
  • صوفيا يونيورسٽي
  • ڊينمارڪ جي ڪوپن هَيگن يونيورسٽي
  • ريپبلڪ آف ڪروشيا جي زَگريب يونيورسٽي
  • چارلس يونيورسٽي اِن پراگ
  • فِنلينڊ جي هيلسنڪي يونيورسٽي
  • ناروي جي اوسلو يونيورسٽي

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر 06
    حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون)
    موضوع: يورپ جون يونيورسٽيون
    ليکڪ: پروفيسر مختيار سمون
    ڇاپو پهريون: نومبر 2017ع
    ٽائيٽل: رضوان گل
    ڇپائيندڙ: ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
    فون:0744040671
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 300/=

    DUNIYA JOON DARSGAHOON—I
    (Europe joon Universityoon)
    By: Prof. Mukhtiar Samo
    Printed by: Sambara Publication Hyderabad

    رابطي لاءِ:
    ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
    فون: 03003410640 / 0744040671


    ارپنا

    مان
    هي ڪتاب
    ارپيان ٿو
    انهن نوجوانن کي
    جيڪي اعليٰ تعليم
    حاصل ڪرڻ لاءِ
    سچائي سان جستجو
    ۽ جاکوڙ ڪري رهيا آهن.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي.

    هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.

    هي ڪتاب ناليج سينٽر، لاڙڪاڻي پاران 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مهربانيون سائين مختيار سمون صاحب جون جنهن ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    ناليج سينٽر لاڙڪاڻي پاران هن اداري جي باني پروفيسر مختيار سمون جي ڪتاب “ دنيا جون درسگاهون” جو پهريون ڀاڱو ڇپرائي اوهان جي هٿن تائين پهچائيندي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن. ڪتاب جا ٻيا ٻه ڀاڱا جيڪي آمريڪا، ڪئناڊا، آسريليا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ناليوارن تعليمي ادارن بابت آهن، جلدي ڇپرائي پڌرا ڪيا ويندا.
    ناليج سينٽر 1992ع ۾ قائم ڪيو ويو هيو. هن جو بنيادي مقصد سنڌ جي ننڍن شهرن يا ٻهراڙي وارن علائقن سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي انگريزي ٻولي سيکاري کين جديد ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو اتساهه ڏيڻ آهي ته جيئن هو معياري تعليم حاصل ڪري تيزي سان اڳتي وڌندڙ دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي اڳتي وڌن ۽ سماج ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. انهيءَ مقصد لاءِ اداري ۾ انگريزي ٻوليءَ جي سکيا جا باقاعده ڪلاس هليا وڃن ٿا جن مان وڏي تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون مستفيض ٿي ڪاميابيون حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ ٻيا انهيءَ ئي پنڌ تي گامزن آهن. هتي ٻيون به علمي، ادبي سرگرميون ۽ مختلف شعبن جي ماهر ۽ ڪامياب شخصيتن جا ليڪچر منعقد ڪرايا ويندا آهن ته جيئن شاگردن جي شخصيت سازي ٿئي، سندن معلومات ۽ خود اعتمادي وڌي ته جيئن کين پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. هي ڪتاب به انهيءَ تعليمي مقصد جي هڪ ڪڙي آهي. اميد ٿي ڪجي ته اعليٰ تعليم جي خواهش رکندڙ نوجوانن توڙي ٻين پڙهندڙن لاءِ هي ڪتاب ڪارائتو ثابت ٿيندو

    فيروز علي سمون
    ائڊمنسٽريٽر،
    ناليج سينٽر لاڙڪاڻو


    درسگاهن سان دل لڳيءَ جي ڳالهه (پيش لفظ)

    درسگاهن جي دنيا به ڏاڍي دلچسپ، دلڪش، دلپذير، دلربا ۽ دل لُڀائيندڙ هجي ٿي. هن روشن دنيا سان جيڪڏهن ڪو هيڪر چڱي طرح روشناس ٿي وڃي ته پوءِ هو ان کان ڪڏهن به ڌار ٿيڻ لاءِ راضي نه ٿيندو آهي. حقيقت ۾ درسگاهون متحرڪ زندگي جي علامت هونديون آهن. هي شعور ۽ ساڃاهه جون اهڙيون جڳهون هونديون آهن جتي ماڻهوءَ جو ذهن علم، عقل ۽ فهم جي روشني سان منوَر ٿي دنيا جهان جا وڏا وڏا اسرار پسي وٺندو آهي. درسگاهون ننڍپڻ ۽ نوجواني جي نعمتن سان سرشار شاگردن لاءِ اهڙو ذريعو هونديون آهن جن جي مدد سان هو روشن مستقبل جا دڳ تلاش ڪري نه رڳو پنهنجي والدين جي خواهشن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر هو انهن رستن تي هلي پنهنجي امنگن ۽ خوابن کي به تعبير بخشيندا آهن ته وري پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي اميدن تي پورو لهي هميشه لاءِ سرخروبه ٿي ويندا آهن.
    توڙي جو ڪو به ماڻهو پنهنجي حياتيءَ دوران درسگاهن ۾ طالبعلم جي حيثيت سان ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جا صرف چند سال ئي گذاري ٿو پر اهي چند سال سموري زندگي ان ماڻهوءَ جي حيثيت، حالت، ڪردار۽ ڪارڪردگي مان پيا جهلڪندا رهندا آهن. درسگاهن مان پڙهي فارغ ٿيندڙ ماڻهوءَ جي اندر ۾ اها خواهش به هميشه پئي رهندي آهي ته ڪاش وري ننڍپڻ جا بي فڪري وارا ۽ جوانيءَ جا حسين ڏينهن واپس ورن ته وري اسڪول وڃي بينچ تي ويهجي ۽ قلم ڪتاب کڻي سائين کان الف ب سکجي يا ڪاليجي ڪورس پڙهي وڃي اهڙين يونيورسٽين ۾ پهچجي جتي علم جا اٿاهه بحر ڇوليون هڻندا هجن ۽ جتي جوماحول پُر عزم جذبي، همٿ، حوصلي، جستجو ۽ جدوجهد وارن رنگن ۾ رنڱيل به هجي ته وري ساڳئي وقت جوانيءَ جي بي فڪر چلولاين جو آئينه دار به هجي. اهو ئي سبب آهي جو درسگاهن سان نينهن جو ناتو ڳنڍي ويهڻ وارن ماڻهن جي وات تي سدائين هيءَ وائي هوندي آهي ته
    “درسگاهن سان دل منهنجي، ڪتب خانو وطن منهنجو”
    مان به پنهنجي سموري زندگي نوجوانن جي تعليم ۽ تعليمي ادارن کي ارپي ڇڏي آهي ۽ اهو مان پاڻ لاءِ وڏو اعزاز به سمجهان ٿو. سرڪاري موڪلن وارن ڏينهن کان سواءِ منهنجا ٻيا ڏينهن صبح کان رات تائين تعليمي ادارن ۾ ئي گذرندا آهن ، جتي مان شاگردن کي پڙهائيندو به آهيان ته پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم به ڪندو رهندو آهيان. دنيا جي درسگاهن تي لکيل هنن مضمونن کان اڳ به مون پنهنجا ڇپيل ٽي انگريزي ۽ سنڌي گرامر وارا ڪتاب پنهنجي ڪاليج ۾ درس وتدريس کان ملندڙ فارغ وقت ۾ پنهنجي آفيس ۽ لئبريري ۾ ويهي تحقيق ڪري لکيا آهن يا شام جي وقت ۾ پنهنجي قائم ڪيل اداري ناليج سينٽر ۾ اچي اتي ويهي لکيا آهن. ساڳئي طرح هن ڪتاب سميت دنيا جي درسگاهن تي ايندڙ ٻين ٻن ڪتابن ۾ شامل مواد لاءِ به مون پنهنجن انهن ادارن ۾ صبح کان رات تائين ويهي تحقيق ڪئي آهي ۽ لکيو آهي. اهڙي طرح تعليمي ادارن سان منهنجو روح جو اٽوٽ رشتو جڙي ويو آهي، جيڪو انشاءالله هميشه قائم رهندو.
    حقيقت هي آهي ته پنهنجي ڏيهه جي تعليم ۽ تعليمي ماڳن مڪانن تي لکڻ لاءِ دل ته اڳ ۾ ئي گهڻو چوندي هئي پر هن ڪتاب ۾ شامل دنيا جي درسگاهن وارا مضمون لکڻ لاءِ منهنجو جيڪو اتساهه بڻيو ۽ جنهن جي چوڻ تي مون دنيا جي معياري يونيورسٽين تي لکڻ شروع ڪيو، اهو منهنجو عزيز دوست، سنڌ جو نامور اديب ۽ ڪاوش اخبار جي ٻن هفتيوار مئگزينس جو انچارج محترم انور ابڙو آهي. ڀاءُ انور جي دعوت ۽ همٿ ڏيارڻ تي مون دنيا جي معتبر درسگاهن تي لکڻ شروع ڪيو جيڪو سلسلو لاڳيتو اڍائي سال جاري رهيو. مان هر هفتي دنيا جي ڪنهن هڪ معياري يونيورسٽي تي تحقيقي مضمون لکي کيس موڪليندو هيس جيڪو هو ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ سينگاري ۽ سنواري ڇپيندو هيو ۽ ان سان گڏ يونيورسٽيءَ جون خوبصورت تصويرون به پاڻ ئي هٿ ڪري مضمون سان گڏ ڇپيندو هيو. مان سندس شڪرگذار آهيان.
    دنيا جي درسگاهن تي منهنجن هفتيوار مضمونن جي ڇپجڻ جو سلسلو 12اپريل 2013ع کان شروع ٿيو جيڪو پورا اڍائي سال جاري رهي 11 نومبر 2017ع تي ختم ٿيو. انهيءَ دوران مون سخت تحقيق ۽ جفاڪشي ڪري دنيا جي 125 يونيورسٽين ۽ ٻين اعليٰ تعليمي ادارن تي تحقيقي مضمون لکيا، جنهن لاءِ مان دنيا جي يونيورسٽين بابت انٽرنيٽ تي موجود مختلف سائيٽس تي ڏنل مواد جي گهري مطالعي ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان گڏ ٻاهرين يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ يا تعليم حاصل ڪري واپس آيل دوستن سان به رابطو ڪري معلومات حاصل ڪندو هيس. هر هفتي اربع واري ڏينهن ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ ڇپجندڙ هي سلسلو ڏاڍو مقبول بڻيو. نه رڳو ٻاهرين يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشس رکندڙ نوجوان هي مضمون شوق سان پڙهندا هيا پر سندن والدين، هتان جي تعليمي ادارن جا استاد ۽ عام ماڻهو به اهي مضمون وڏي دلچسپي سان پڙهندا هيا. ان جو اندازو مون کي تڏهن ٿيندو هيو جڏهن مضمون ڇپجڻ کان پوءِ ڪيترائي پڙهندڙ پنهنجو فيڊ بيڪ ڏيڻ لاءِ مختلف ذريعن وسيلي مون سان رابطو ڪندا هيا. جڏهن هي سلسلو ختم ٿيو تڏهن به منهنجا مهربان پڙهندڙ هن کي وري شروع ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا ڇاڪاڻ ته هن ذريعي کين ۽ سندن اولاد کي دنيا جي معياري يونيورسٽين بابت مڪمل ۽ سودمند ڄاڻ به ملي رهي هئي ته وري پرڏيهه جي يونيورسٽين ۾ پهچڻ لاءِ اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ ۽ اتي پڙهندڙ يا پڙهي واپس آيل سنڌي نوجوانن ۽ پروفيشنلس جي ڪاميابيءَ وارين ڪهاڻين مان به کين وڏو اتساهه ملندو رهندو هيو. بحرحال انهن ئي دوستن جي اهڙي دلچسپي ۽ تعليم دوستي واري عظيم جذبي کي مدِنظر رکي مون پنهنجي مضمونن کي گڏ ڪري هڪ ڪتاب ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن اسان جو موجوده توڙي ايندڙ نسل پڻ ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهي. اها ڳالهه ڳڻي جڏهن مون پنهنجن لکيل مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ترتيب ڏني ته هڪ وڏو ڪتاب جڙي پيو جيڪو لڳ ڀڳ اٺ سئو صفحن کان به وڌيڪ پئي ٿيو. تنهنڪري بهتر ڀانيم ته هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايان ته جيئن پڙهندڙن لاءِ آساني ٿئي. ان حساب سان دنيا جي معياري اعليٰ تعليمي ادارن ۽ نامور يونيورسٽين متعلق اوهان کي منهنجا ٽي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ميسر ٿيندا. انهيءَ سلسلي جو هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو يورپ جي چوئتاليهه معياري ۽ چونڊ يونيورسٽين تي لکيل مضمونن تي مشتمل آهي. انهن ۾ ٻاويهه يونيورسٽيون صرف برطانيا جي مختلف شهرن ۾ واقع آهن جن مان گهڻيون ته مان پاڻ به گهمي ۽ ڏسي آيو آهيان. باقي يورپ جي ٻين ملڪن جي به اهڙين يونيورسٽين کي شامل ڪيو آهي جيڪي پڻ تعليمي معيار واري حوالي سان وڏي ساک رکن ٿيون. انهن يونيورسٽين مان کوڙ سارا سنڌ واسي به اعليٰ تعليم حاصل ڪري آيا آهن ۽ ٻيا اڃا اتي پڙهي رهيا آهن.
    هن سلسلي جا باقي ٻه ايندڙ ڪتاب ايشيا، آمريڪا، آسٽريليا، آفريڪا ۽ ٻين ملڪن جي معياري يونيورسٽين ۽ ٻين اعليٰ علمي ادارن متعلق آهن جيڪي پڻ تمام جلدي ڇپجي مارڪيٽ ۾ ايندا.
    مان معزز پڙهندڙن کي هي ڪتاب آڇيندي تمام گهڻي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان، اميد اٿم ته سنڌ جا نوجوان هن مان وڌ ۾ وڌ لاڀ حاصل ڪندا.



    پروفيسر مختيار سمون
    ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
    03003410640


    اعليٰ تعليم جي لاءِ بهترين رهنمائي

    انسان کي هر لحاظ سان علم حاصل ڪرڻ گهرجي پوءِ اهو ڪٿان به ملي، ڏيهه مان توڙي پرڏيهه مان. اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي نوجوان غربت، سهوليتن جي غيرموجودگي يا وري ٻين سببن جي ڪري تعليم حاصل ڪري نه ٿا سگهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪي نوجوان اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پهچن ٿا ته اها انهن لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن ڪي نوجوان دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي ناليوارين يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا ته اهي به وڏا خوشنصيب ئي هوندا آهن.
    اها حقيقت آهي ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن جا نه رڳو تعليمي ادارا پر ٻيا ادارا به ڪيترن ئي ڳالهين ۾ اسان جي ادارن کان گهڻو اڳتي آهن ان جو سبب اتان جو سياسي سماجي استحڪام، سسٽم جي مضبوطي، مالي خوشحالي، جديد ٽڪينالاجي ۽ قانون جي بالادستي پڻ آهي. يورپ ۾ اهڙا به تعليمي ادارا آهن جيڪي سوين سال اڳ قائم ٿيا پر انهن ڪڏهن به تعليمي معيار تي ڪمپرومائيز ڪو نه ڪيو جنهنڪري اهي اڄ به سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ۽ اتي سڄي دنيا مان نوجوان تعليم پرائڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. اسان جي سنڌ جون به ڪيتريون ئي شخصيتون دنيا جي انهن معياري درسگاهن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن ۽ اڄ به ڪيترا ئي سنڌي نوجوان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن. مان پاڻ به اسڪالرشپ حاصل ڪري انگلينڊ جي مشهور ريڊنگ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي تعلم حاصل ڪئي آهي. تنهنڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته اعليٰ تعليم جي مقصد لاءِ دنيا جي ڪنهن به معياري يونيورسٽي ۾ پهچڻ ناممڪن ڪم نه آهي.
    نوجوانن کي دنيا جي معياري يونيورسٽين بابت معلومات ۽ آگاهي ڏيڻ تمام ضروري آهي ته جيئن هو اتي آساني سان پهچي سگهن. ڪنهن کي دڳ جو ڏس ڏئي منزل تي پهچائڻ به نيڪي وارو عمل آهي. مان پنهنجي دوست پروفيسر مختيار سمون کي جس ڏيان ٿو جيڪو سنڌ جي نوجوانن کي عملي طور تعليم به ڏئي ٿو ته وري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندن رهنمائي به ڪندو رهي ٿو. سمون صاحب جا دنيا جي عظيم درسگاهن متعلق لکيل هي مضمون وڏا معلوماتي آهن جيڪي عالمي يونيورسٽين بابت مڪمل آگاهي ڏين ٿا. ان کان علاوه هن مضمونن ۾ پرڏيهي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ يا اڳ پڙهي فارغ ٿيل شخصيتن جا پروفائيل ، اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ جي طريقن ۽ سندن تعليمي ڪاميابين بابت به معلومات ڏنل آهي جيڪا نوجوانن کي وڏو اتساهه مهيا ڪندي. مختيار صاحب هي مضمون ڪتابي صورت ۾ آڻي ڏاڍو ڀلو ڪم ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب پڙهي ڪيترائي سنڌي نوجوان يورپ ۾ پنهنجي پسند جي يونيورسٽي جي چونڊ ڪري اتان اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنهنجي قوم، ملڪ ۽ عالمي انسانيت جي خدمت ڪندا.
    مان هتي انگلينڊ ۾ 1997ع کان يعني ويهن سالن کان رهان ٿو پيو. هتي مون ڪيترائي اهڙا سنڌي نوجوان ايندي ۽ هتان جي معياري يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪندي ڏٺا آهن ۽ انهن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جيڪي غريب ڪٽنبن سان تعلق رکن ٿا ۽ سنڌ جي اهڙن ڳوٺن ۽ شهرن سان تعلق رکن ٿا جتي کين پوريون سهوليتون به ميسر ڪونه هيون پر اهي هميشه متحرڪ رهيا، ڪوششون ڪيائون، ڪتاب ۽ قلم کان ڪڏهن به پري نه ٿيا، اسڪالرشپون حاصل ڪيائون يا قرض وٺي اچي هتي يورپ ۾ پهتا ۽ هتان وڏي تعليم حاصل ڪري اڄ ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن. منهنجو دوست مختيار ۽ مان پڻ به پورهيت طبقي سان تعلق رکون ٿا پر پنهنجي همٿ سان نه رڳو پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري آهي پر انهيءَ سان گڏ پنهنجي ڌرتي جي سڀني نوجوانن جي اعليٰ تعليم لاءِ به جاکوڙ ڪرڻ کي پنهنجو اخلاقي، قومي ۽ انساني فرض سمجهون ٿا، جيڪو هميشه جاري رهندو.


    ڊاڪٽر علي نواز مهر
    ريڊنگ، انگلينڊ


    تعليمي ادارن سان چاهه

    هڪ حديث آهي، جنهن ۾ محسنِ ڪائنات، رحمت العالمين جن عربن سان مخاطب ٿيندي فرمايو ته مان توهان جا اخلاق سڌارڻ آيو آهيان.سرور ڪائنات علم ذريعي عربن جا اخلاق سڌاريندا رهيا. ان جي معنيٰ اها ٿي ته علم واري راهه بهتر آهي جيڪا ماڻهو کي بهتري طرف وٺي وڃي ٿي. مختيار صاحب به اها راهه اختيار ڪري نوجوانن کي علم حاصل ڪرڻ جو اتساهه ڏيندو رهيو آهي جنهن جو هڪ مثال سندس هي ڪتاب به آهي. تعليم ۽ تعليم ادارن سان هن جو چاهه به مثالي آهي.
    انگلينڊ ۾ رهڻ ڪري اهو منهنجو ذاتي مشاهدو رهيو آهي ته، پاڪستان منجهان ڪافي دوست هتي انگلينڊ گهمڻ ايندا آهن ۽ ڪيترا اچي مونوٽ مهمان به ٿيا آهن، پر سندن گهڻو شوق انگلينڊ جا شهر ۽ بازارون ڏسڻ تائين محدود هوندو آهي
    پرمختيارصاحب جڏهن انگلينڊ آيو تڏهن هو ڪڏهن مونسان ته ڪڏهن ٻين دوستن سان گڏجي هر وقت انگلينڊ جون يونيورسٽيون ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هونئن به مان پنهنجي شاگرديءَ واري زماني کان وٺي اڄ تائين کيس سدائين علم مست واري روپ ۾ ڏٺو آهي. هن جي تن ۾ سدائين علم جي تئونس ائين رهي آهي جيئن لطيف سرڪار فرمايو آهي ته؛
    کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
    تن ۾ تئونس پرين جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سمنڊ منهن ڪريان، تو سرڪيائي نه ٿئي. شاهه

    مختيار صاحب علم ۽ علمي ادارن کي واقعي به پرينءَ وانگر ئي پنهنجو ڪيو آهي. 1989ع ۽ 1990 ع واري زماني ۾ جڏهن مان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ طالبِ علم هيس ته سمون صاحب سوشل سائنسز واري فئڪلٽي ۾ ليڪچرر هيو، مان ڪراپ پروٽيڪشن فئڪلٽي ۾ پڙهندو هيس. هڪ ڏينهن هو پنهنجي فئڪلٽي جي ڪنهن استاد جي بدران اسان جي ڪلاس ۾ آيو ۽ ليڪچر ڏنائين جنهن مون کي گهڻو متاثر ڪيو. مختيار صاحب زندگيءَ جا اعليٰ اصول اپنائيندڙ شخص آهي جنهن جي طبيعت مان سادگي ۽ جدوجهد پئي جهلڪندي آهي. مان پاڻ به سادگي پسند آهيان. رب پاڪ مونکي تمام وڏي تعليم يعني پيايڇڊي سميت ٻين نعمتن سان پڻ نوازيو آهي پر مان ظاهري ڏيک ڏيکاءَ جو مخالف رهيو آهيان.
    مختيارصاحب ۽ منهنجي طبيعت جي هم آهنگي اسانکي ڀائري ۽ پنهنجائپ واري رشتي ۾ وڌيڪ تڏهن مضبوط ڪيو جڏهن مان 1995ع ۾ شهيد ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ ليڪچرر مقرر ٿي آيُسِ جتي مختيار صاحب اڳ ۾ ئي زرعي يونيورسٽي مان بدلي ٿي هن ڪاليج ۾ مقرر ٿي چڪو هيو.
    ان کانپوءِ مختيارصاحب سان منهنجي دوست ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي وئي ۽ ايتري مضبوط ٿي جنهنجو اندازو توهان هن تحرير مان به لڳائي سگهو ٿا.
    منهنجي دعا آهي ته مختيار صاحب جن جي علمي تونس ۽ صحتِ ڪامل سدائين برقرار رهي ۽ اهڙا علمي نسخا سنڌي نوجوانن کي ڏيندا رهن ته جيئن سنڌ جي نوجوانن ۾ دنيا
    جي درسگاهن منجهان اعليٰ تعليم پرائڻ جو شوق پئدا ٿئي.

    ڊاڪٽر دائم علي دربان
    ريڊنگ يونيورسٽي، انگلينڊ


    برطانيه جون يونيورسٽيون

    آڪسفورڊ يونيورسٽي

    آڪسفورڊ يونيورسٽي
    جنهن ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه پئدا ڪيا

    سيپٽمبر 2011ع ۾ مان جڏهن برطانيا ويس ته اتي مستقل طور رهندڙ منهنجي ٻن ميزبان دوستن مون کي برطانيا جو تفصيلي سير ڪرايو. منھنجا اهي دوست ڊاڪٽر علي نواز مھر جيڪو اصلي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ رستم جو آهي ۽ ڊاڪٽر دائم علي دربان جيڪو لاڙڪاڻي جي وڳڻ شهر ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ماهي خان دربان جو رهاڪو آهي، اهي ٻئي وڏي عرصي کان انگلينڊ جي شهر ريڊنگ ۾ پنهنجي ڪٽنبن سان گڏ رهائش پذير آهن. ٻئي ڄڻا پنهنجن ڪٽنبن سميت برطانيا جا شهريت يافته پڻ آهن. ٻنهي دوستن “ريڊنگ يونيورسٽيءَ” مان پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيون آهن. مون انهن دوستن جي مهمان نوازي ۽ خلوص جو آدرڀاءُ ڪندي برطانيا جي ناميارين يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن، لئبررين، عجائب گھرن، ثقافتي ۽ تفريحي جاين جي سير ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. انهيءَ سفر دوران برطانيا جي مختلف شهرن ۾ اتان جي يونيورسٽين ۾ وڃڻ ۽ ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ منهنجي اوليتن ۾ شامل هيو.
    جڏهن آڪسفورڊ شهر جي سير لاءِ نڪتاسين ته منهنجي خيالن تي آڪسفورڊ يونيورسٽي ڇانيل رهي ڇو ته تعلمي ميدان ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو نالو سڄي دنيا ۾ گونجندو رهي ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جا ڇپايل نصابي ڪتاب پڻ تمام معياري سمجھيا وڃن ٿا، جيڪي پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ ڪيترن ئي بهترين تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل ٿيل آهن، جنهن ڪري اسڪولي ٻار نرسري ۽ ڪي جي ليول کان ئي آڪسفورڊ جي نالي سان روشناس آهن. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جا غير نصابي ڪتاب، ٻاراڻو ادب ۽ انگريزي ٻوليءَ جون ڊڪشنريون پڻ وڏي ساک رکن ٿيون جيڪي انگريزي ٻولي ڄاڻندڙ توڙي ان جي خواهش رکندڙ هر شاگرد جي اسٽڊي ٽيبل جي زينت بڻيل رهن ٿيون.
    آڪسفورڊ شهر، جنهن جي نالي پٺيان هيءَ يونيورسٽي مشھور آهي، سو لنڊن کان سٺ ميل يعني تقريبن نوي ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ واقع آهي. شهر جي ڪل آبادي اٽڪل هڪ لک پنجھٺ هزار ماڻھن تي مشتمل آهي. هن شهر ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي قيام جي حقيقي تاريخ ته خود انگريز تاريخدانن کي به معلوم نه آهي پر چون ٿا ته هن ۾ پڙهائي جو عمل 1096ع کان شروع ٿيو هو. هن کان اڳ يورپي ملڪ اٽليءَ جي شھر بولونئا ۾ بولونئا يونيورسٽي 1088ع ۾ قائم ٿيل هئي، باقي سڄي دنيا ۾ ڪٿي به ان درجي جو ڪو ٻيو تعليمي ادارو موجود ڪونه هيو، تنهنڪري بولونئا يونيورسٽيءَ کي دنيا جي پھرين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ کي دنيا جي ٻي پراڻي يونيورسٽيءَ طور ڄاتو وڃي ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي قيام بابت هڪ مفروضو هي به آهي ته الفرڊ بادشاھ ڪجھ ڏينھن آڪسفورڊ شهر ۾ رهيو ان دوران هن جو اتي جي پادرين، مذهبي اسڪالرن ۽ مفڪرن سان فڪري نڪتن تي بحث مباحثو ٿيو جيڪو ڪيترا ئي ڏينهن جاري رهيو، ان کان متاثر ٿي الفرڊ بادشاھ 872ع ۾ هتي يونيورسٽي ٺھرائي پر ان جون ڪي شاهديون ڪونه ٿيون ملن جهنڪري يونيورسٽيءَ جي شروعات 1096ع کان ئي ليکي وڃي ٿي . بحرحال آڪسفورڊ يونيورسٽي صحيح معني ۾ ترقيءَ جي راھ تي تڏهن گامزن ٿي جڏهن 1167ع ۾ بادشاھ هينري ٻئي ڪجھ سياسي سببن جي ڪري انگريز شاگردن تي فرانس مان تعليم حاصل ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. انهيءَ کان پوءِ برطانيا جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ پئرس يونيورسٽي وڃڻ بجاءِ آڪسفورڊ يونورسٽي ۾ اچڻ لڳا جنھنڪري آڪسفورڊ يونيورسٽي جي نيڪناميءَ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. سن 1209ع ۾ هڪ افسوسناڪ واقعي هن يونورسٽي لاءِ ڪجھ مشڪلاتون پئدا ڪيون. ٿيو هيئن جو يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ آڪسفورڊجي شهرين وچم جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ هڪ قتل به ٿي پيو ان کان پوءَ ڪيترا ئي شاگرد هتان ڇڏي ڪيمبرج وڃڻ لڳا. آڪسفورڊ مان شاگردن جي وڏي انگ ۾ لڏ پلاڻ هتان جي واپارين جي حق ۾ ڪونه هئي ڇو ته شاگردن جي گھڻائي آڪسفورڊ جي مارڪيٽ کي پڻ متحرڪ بڻايو بيٺي هئي ۽ لڏ پلاڻ جي ڪري ڌنڌن کي نقصان پھچي رهيو هو، تنھنڪري آڪسفورڊجا شهري، شاگردن کي ڪيمبرج مان واپس موٽي اچڻ لاءَ ميڙ منٿ ڪرڻ لڳا ۽ وڌيڪ شاگردن کي ڇڏي وڃڻ کان منع ڪرڻ لڳا. بحر حال شاگردن ۽ شهرين ۾ تعلقات بهتر ٿيڻ کان پوءِ هيءَ يونيورسٽي وري ٻيهر ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳي.
    يونيورسٽيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن اڃا يورپ ۾ ڪتابن جي ڇپائي جو ڪو خاص انتظام موجود ڪونه هيو تڏهن ڪتابن جي اڻاٺ هوندي هئي ۽ هٿ سان لکيل ڪتاب گھڻا مهانگا هوندا هيا جيڪي عام شاگرد خريد نه ڪري سگھندا هيا، جنھن ڪري شاگردن جو گھڻو وقت ۽ زور ڪلاسن ۾ ليڪچر ٻڌڻ تي لڳندو هيو پر جڏهن 1476ع ۾ لنڊن ۾ پھريون ڀيرو ڪئسٽن نالي هڪ همراھ ڇپائي جي پريس لڳائي ته پوءِ جهجي انداز ۾ ڪتاب ڇپجڻ لڳا جنهن جي ڪري شاگردن کي پڙهڻ ۾ ڪافي سولائي ٿي. بعد ۾ 1478ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ پنهنجي پريس به قائم ڪئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي نالي سان معياري ڪتابن جي ڇپائي ۽ وڪري جو ڪم ڪندي رهي ٿي.
    آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪنهن عام رواجي يونيورسٽيءَ جيان ڪنهن هڪ جاءِ تي چوديواري اندر واقع نه آهي پر هيءُ اٺٽيھه ڪاليجن ۽ ڇهن پرائيويٽ هالن جي مجموعو آهي جنهن کي گڏي آڪسفورڊ يونيورسٽي سڏيو وڃي ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جا اهي ڪاليج شهر ۾ هڪ ٻئي کان ٿوري مفاصلي تي قائم آهن.اهي سڀئي ڪاليج پنهنجي انتظامي لحاظ کان خود مختيار آهن پر مجموعي طور تي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو حصو آهن. سندن نالا هن ريت آهن؛ ٽرنٽي ڪاليج، لنڪولن ڪاليج، ڪرائيسٽ چرچ ڪاليج، آل سولس ڪاليج، بئليول ڪاليج، براسنوز ڪاليج، ڪورڪرسٽي ڪاليج، ايگزيٽر ڪاليج، گرين ٽيمپلٽن ڪاليج، هئرس مانچيسٽر ڪاليج، هرٽفورڊ ڪاليج، جيوسس ڪاليج، ڪيبلي ڪاليج، ليڊي مارگريٽ هال، ڪيلاگ ڪاليج، لنئسر ڪاليج، ڪئمپئن هال، مئگڊلن ڪاليج، مئنسفيلڊ ڪاليج، ميرٽن ڪاليج، نيو فيلڊ ڪاليج، اوريل ڪاليج، پيمبروڪ ڪاليج، ريجنٽس پارڪ ڪاليج، سمروائيل ڪاليج، سينٽ ايني ڪاليج، سينٽ ائنٿوني ڪاليج، سينٽ بينيٽسٽس هال، سينٽ ڪئٿرائن ڪاليج، سينٽ ڪراس ڪاليج، سينٽ ايڊمڊ ڪاليج، هگس ڪاليج، سينٽ جانسن ڪاليج، سينٽ پيٽرس ڪاليج، ڪوئنس ڪاليج، اسينٽستيفنس هائوس، يونيورسٽي ڪاليج.
    پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظمن ذوالفقار علي ڀٽوآڪسفورڊيونيورسٽيءَ جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج ۽ محترمه بينظير ڀٽو ليڊي مارگريٽ هال ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوه پاڪستان جا ٻيا ٽي اڳوڻا وزيراعظم لياقت علي خان، حسين شهيد سهروردي ۽ سر فيروز خان نون، پاڪستان جو اڳوڻو صدر سردار فاروق احمد لغاري، اڳوڻو نگران وزير اعظم وسيم سجاد، قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاھ، عمران خان، نواب اڪبر شهباز خان بگٽي، بلاول ڀٽو زرداري سميت پاڪستان جا ڪيترائي نالي وارا سياستدان، سائنسدان، استاد ۽ ٻيون شخصيتون هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن. پاڪستاني شاگردن جو ڪافي تعداد اڄڪلھه پڻ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم آهي. دنيا جون مشهور شخصيتون جيڪي هن يونيورسٽيءَ مان پڙهيون آهن، انهن ۾ برطانيا جي موجوده وزيراعظم ڊيوڊ ڪئمرون سميت ٻيا ڇويھه وزيراعظم، هندوستان جا وزيراعظم، اندراگانڌي، من موهن سنگھه، سريلنڪا جي اڳوڻي وزيراعظم بندرانائڪي، مشهور سائنسدان آئن اسٽائن، اسٽيفن هاڪن، آمريڪا جو اڳوڻو صدر بل ڪلنٽن شامل آهن. محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونين جي پھرين ايشين عورت صدر، ۽ عمران خان آڪسفورد ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پڻ رهي چڪو آهي.
    يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستاني شاگردن جي هڪ سوشل تنظيم “آڪسفورڊ يونيورسٽي پاڪستان سوسائٽيڍ“پڻ قائم آهي جيڪا هتي پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿي. هن سوسائيٽي پاران پاڪستان جي حوالي سان بحث مباحثا ۽ ليڪچر پڻ منعقد ڪرايا ويندا آهن. يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت اٽڪل ٻاويھه هزار شاگرد زير تعليم آهن، جن ۾ پاڪستان سميت 138 ملڪن جا شاگرد پڻ شامل آهن. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئڪنگ مطابق هيءَدنيا جي ٻيو نمبر معياري يونيورسٽي آهي.
    آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ هر لائق اميدوار داخلا جي لاءِ درخواست ڏئي سگھي ٿي. هتي سائنس، آرٽ، ڪامرس، بزنس ائڊمنسٽريشن سميت سڀني جديد علمن ۾اعليِٰ ڊگريون حاصل ڪرڻ جا خواهشمند داخلا وٺي سگھن ٿا. سنڌي شاگردن لاءِ پڻ هتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دروازه کليل آهن. برطانيه جي سمورين يونيورسٽين وانگر هن يونيورسٽي ۾ پڻ داخلا لاءَ اهل ٿيڻ جي لاءِ گھربل تعليمي سرٽيفڪيٽن سميت انگريزي ٻوليءَ جي قابليت واري ٽيسٽ”آءِ آي ايل ٽي ايس” يعني انٽرنيشنل انگلش لئنگيج ٽيسٽنگ سسٽم جو گھٽ ۾ گھٽ اسڪور 7.0 هجڻ ضروري آهي. اچو ڪوشش ڪيو، ڪاميابي توهان جا پير چمندي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 24 اپريل 2013)


    ڪيمبرج يونيورسٽي

    ڪيمبرج يونيورسٽي
    جيڪا دنيا جي ٽين معياري يونيورسٽي آهي

    برطانيا جي هاڻوڪي يا پندرنهن صديون اڳ واري تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته ان اندر ڪي ئي بحران ۽ تضاد ڪر کنيون بيٺل نظر ايندا. انهن بحرانن ۾ اتان جي چرچ ، مذهبي ڌرين، بادشاهن، جاگيردارن ، ٻاهرين حملي آورن سميت ٻين ملڪن مٿان خود برطانوي قبضه گير پاليسين جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. پر هڪ ڳالھه جنهن ۾ اتان جي هر دور جي حڪمران توڙي ڪنهن ٻيءَ ڌر ڪوتاهي نه ڪئي، اها آهي تعليم ۽ تربيت جيڪا صدين کان برطانوي معاشري کي بحرانن مان ڪڍندي ان کي ترقيءَ ۽ جھموريت جي رستي تي گامزن ڪندي رهي آهي.
    انگلينڊ جيڪو نه رڳو ٻاهرين حملي آورن جهڙوڪ رومين، وائيڪنگ، اسڪينيڊينيوين، ۽ جرمنڪ نسلن جي حملن ۽ تسلط هيٺ رهيو پر 1642ع کان1651ع تائين پنهنجين اندروني خانه جنگين، 1337ع کان 1453ع تائين فرانس سان سئو سالن واري علاقائي جنگ، 1348ع کان 1350ع واري بلئڪ ڊئٿ، 1665ع واري “پلئگ” جي بيماري جنهن ۾ لنڊن جا اڌ کان وڌيڪ ماڻھو مري ويا، 1666ع واري “گريٽ فائير” يعني وڏي باھ جيڪا مسلسل پنج ڏينهن هلي ۽ لنڊن کي ساڙي ويران ڪري ڇڏيائين، انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لاهن چاڙهن مان ٿيندو ۽ نڪرندو آيو آهي پران سموري عرصي دوران انگينڊ جي ٻن پراڻين يونيورسٽين آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج پنهنجو صدين جو سفر جاري رکيو آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ رڪيو ناهي.
    يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين ائنڊ نارٿ آئرلينڊ (يو ڪي) جي چئني رياستن جھڙوڪ، انگلينڊ، وئلز، اسڪاٽليند ۽ آئرلينڊ ۾ ڪل 116 يونيورسٽيون ۽ ساڳي سطح جا ٻيا 166 تعليمي ادارا موجود آهن پر اڄ ڏينهن تائين آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جيان ڪيمبرج يونيورسٽيءَ پاران تعليم ۽ ريسرچ واري شعبي ۾ قائم ڪيل نمايان رڪارڊ کي ڪوبه مات ڏئي نه سگھيو آهي.
    ڪيمبرج يونيورسٽي دنيا جي ٽين ۽ انگلينڊ جي ٻي پراڻي يونيورسٽي آهي جيڪا سن 1209ع ۾ قائم ٿي. اڄڪلهه هن يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي 120 ملڪن جي 1200 شاگردن سميت اٽڪل 19000 شاگرد زير تعليم آهن. ڪيمبرج يونيورسٽي پڻ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جيان ڪنهن هڪ چار ديواري اندر بند نه آهي پر اها ايڪٽيھه مختلف ڪاليجن ۽ تقريبن ڏيڍ سئو ڊپارٽمنٽن، فئڪلٽين ۽ اسڪولن تي مشتمل هڪ وسيع علائقي تي ڦهليل آهي. هن يونيورسٽي ۾ آرٽس، هيومنٽيز، بايولاجيڪل سائنسز، ڪلينيڪل ميڊيسن، سوشل سائنسز، فزيڪل سائنسز، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾مختلف ڊگري لاءِ ڪورسن ۾ داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون. ٽائيمز هائير ورلڊ يونيورسٽي ريپوٽيشن رئنڪنگ جي 2013ع واري رپورٽ موجب هيءَ دنيا جي ٽيون نمبرمعياري يونيورسٽي آهي.هن جي اڻانوي شخصيتن اعليٰ ڪارڪردگي عيوض نوبل انعام حاصل ڪيا آهن. پاڪستان جو ناميارو سائسدان عبدالسلام ۽ دنيا جو مشهور فلاسافر اديب برٽرنڊ رسل پڻ هن يونيورسٽيءَ جا نوبل انعام يافته شاگرد آهن.
    ڪيمبرج يونيورسٽي جو قيام به حقيقت ۾ هڪ عجيب اتقاق هيو.تاريخدان چون ٿا سن 1209 ۾ آڪسفورڊ شهر ۾ اتان جي يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شهرين جي وچ۾ ڪنهن ڳالھه تي جھيڙو ٿي پيو جنهن ڪري اتي حالتون ڏاڍيون خراب ٿي پيون. شاگرد آڪسفورڊ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجھي، وڏي انگ ۾ اتان لڏ پلاڻ ڪري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪئمبرج ۾ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪري پنهنجي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ هڪ يونيورسٽي قائم ڪيائون جيڪا پوءِ ترقيون ڪندي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي نالي سان دنيا ۾ مشهور ٿي.
    ڪيمبرج، آڪسفورڊ شهر کان 133 ڪلوميٽر ۽ لنڊن کان 80 ڪلوميٽر اتر طرف واقع آهي. ڪيمبرج شهر جي مختصر تاريخ هن ريت آهي. سن 43ع ۾ رومين انگلينڊ جي فتح کان پوءِ ٻين شهرن کان علاوه لنڊن کان ٿورو پري “ گرانٽا نديءَ” جي ٻنھي ڪنارن تي اچي پنهنجيون بيٺڪون ٺاهيون. پنجين عيسوي صديءَ ۾ جڏهن رومي هتان ڇڏي ويا ته انهن جي جڳھه اچي “سيڪسن” نسل جي حملي آورن والاري جن ان نديءَ جي مٿان هڪ برج (پل) پڻ ٺهرائي ۽ ڳوٺ جو نالو
    ” گرانٽا برج” رکيائون ، بعد ۾گرانٽا نديءَ جو نالو تبديل ڪري “ڪيم برج” رکيو ويو ۽ اهڙي نموني شهر جو نالو پڻ ڪيمبرج مشهور ٿيو. مان 2011ع ۾ جڏهن ڪيمبرج يونيورسٽي ڏسڻ ويو هئيس ته ڪيم ندي ۽ ان جي مٿان ٺهيل اها برج پڻ منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز هئي. ڪيمبرج شهر جي گھڻي ترقي 1951ع کان پوءِ ٿي جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي وڌندڙ تعداد ۽ شهري ضرورتن جي مد نظر ڪيمبرج ۾شاپنگ سينٽر ۽ هوٽل ٺهيا ۽ سياحن لاءِ سهوليتن جو بندوبست ٿيو. هن وقت ڪيمبرج شهر جي ڪل آبادي هڪ لک اٺ هزار اٺ سئو پنجيتاليھه آهي. 1992ع ۾ ڪيمبرج شهر ۾ هڪ “ ائنگليا رسڪن يونيورسٽي” به قائم ڪئي وئي آهي، پر ڪيمبرج يونيورسٽي مقبوليت ۾ اڃا به اڳ ڀري آهي. ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ اها به هڪجهڙائي آهي ته انهن ٻنهي يونورسٽين جو بنياد سندن ڪاليج آهن جنهن ڪري انهن ٻنهي کي “ڪاليجئٽ يونيورسٽيز” به سڏيو وڃي ٿو. انهن ٻنهي يونيورسٽين جي نالن کي گڏي کين “آڪسبرج” به سڏيو ويندو آهي.
    ڪيمبرج يونيورسٽي جا ڪاليج هڪٻئي کان ٿوري مفاصلي تي قائم آهن انهن جا نالا هن طرح آهن؛ پيٽر هائوس ڪاليج، ڪنگس ڪاليج، ٽرنٽي ڪاليج، سينٽ جانسن ڪاليج، ڪلائر ڪاليج، پيمبروڪ ڪاليج، ڪوئينس ڪاليج، گونائل ائنڊ ڪيائس ڪاليج، ٽرنٽي هال، سينٽ ڪئٿرنس ڪاليج، جيوسس ڪاليج، ڪرائيٽس ڪاليج، مئگڊئلن ڪاليج، ايمئنيول ڪاليج، سڊني سيوسيڪس ڪاليج، ڊائوننگ ڪاليج، گرٽن ڪاليج، نيونهئم ڪاليج، سيلوين ڪاليج، چرچل ڪاليج، فزوليم ڪاليج، نيو هال، ڊارون ڪاليج، وولفسن ڪاليج، ڪلائر هال، رابنس ڪاليج، ليوسي ڪئونڊش ڪاليج، سينٽ ايڊمنڊس ڪاليج، هگس هال ۽ هومرٽن ڪاليج. شروعات ۾ عورتن کي يونيورسٽي ۾ داخلا ڪونه ڏني ويندي هئي پر پوءِ سندن لاءِ ڌار ڪاليج ٺاهيا ويا. هاڻيته سڀني ڪاليجن ۾ ڇوڪرين لاءِ پڻ داخلا کولي وئي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر محمد بن عمر دائود پوٽو، مشهور شاعر علامه اقبال، سائنسدان عبدالسلام، هندوستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لعل نهرو، راجيو گانڌي، دنيا جو مشهور رياضيدان سرآئزڪ نيوٽن، اديب فرانسز بئڪن، لارڊ بائرن، الفرڊ ٽينيسن، سميت ڪيترن ئي ملڪن جي مشهور شخصيتن هن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي آهي. اڄ به پاڪسان جا ڪافي شاگرد هتي تعليم پرائي رهيا آهن. هتي قائم پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي واري تنطيم “پاڪستان سوسائٽي آف ڪيمبرج يونيورسٽي” پاڪستاني ڪلچر کي روشناس ڪرائڻ ۽ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي لاءِ سرگرم آهي. هڪ ٻي خانگي تنظيم “ڪئمبرج اسٽوڊنٽس يونين” پڻ 1815ع کان علمي، فڪري، سياسي ۽ سماجي بحث مباحثن جو انتظام ڪندي رهي ٿي. جنهن ۾ ناميارين شخصيتن کي دعوت ڏئي گھرايو وڃي ٿو. هن وقت تائين ٻين کان علاوه تبت جو انقلابي اڳواڻ دلائلاما، آمريڪا جو اڳوڻو صدر رونالڊ ريگن، برطانيا جو اڳوڻا وزيراعظم ونسٽن چرچل، جان ميجر، پاڪستان جو اڳوڻو صدر پرويز مشرف پڻ ان ۾ ليڪچر ڏئي چڪا آهن.
    ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ پڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي جهڙا ئي شرط آهن. وڌيڪ گهربل ڄاڻ يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهجي ٿي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين1 مئي 2013ع)


    باٿ يونيورسٽي

    باٿ يونيورسٽي
    جتي مشهور شاعر فيض احمد فيض جي ڌيءُ سليمه هاشمي به پڙهي

    انگلينڊ ۾ “باٿ” شهر جو نالو پهريون دفعو مون اتي مستقل طور رهندڙ پنهنجي دوست ڊاڪٽر دائم علي دربان جي واتان ٻڌو. ان کان اڳ مان “باٿ” صرف غسل ڪرڻ کي يا غسل خاني کي سمجهندو هيس، پر هي پهريون ڀيرو هيو جو مونکي اها خبر پئي ته انگلينڊ ۾ باٿ نالي هڪ شهر به آهي، ۽ پوءِ جڏهن اها به خبر پئي ته باٿ شهر واري يونيورسٽي به پنهنجو مٽ پڻ آهي ته اسان به سهي سنبري يونيورسٽيءَ جي درشن لاءِ باٿ شهر ڏانهن روانه ٿياسين. جڏهن ٻن ڪلاڪن جي ڪار واري سفر کان پوءِ باٿ ۾ پهتاسين ته هن شهر جي قدامت، لئنڊ اسڪيپ، سونهن ، ساوڪ ۽ حسن ڏسي حيرت ۾ پئجي وياسين. انگلينڊجو هي تاريخي شهر پنهنجي انفراديت ۽ قدامت جي ڪري يونيسڪو جي ورلڊ هيرٽيج سائيٽ واري لسٽ۾ شامل آهي.
    هن شهر جو پورو نالو “باٿ اسپا” آهي پر سهوليت ڪارڻ کيس صرف باٿ به سڏيو وڃي ٿو. هي شهر لنڊن کان اولھه ڏکڻ ۾ ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ ريڊنگ شهر، جتي اسان رهيل هياسين اتان کان باٿ اسپا هڪ سئو ڪلوميٽر اتر طرف هيو. هن شهر بابت تاريخدانن جي هڪ راءِ آهي ته هي شهر عيسوي سن کان 8000 سال پهريون موجود هيو پر ٻي راءِ اها آهي ته هي شهر اصل ۾ رومين سن 43 عيسوي ۾ انگلينڊ تي قبضي کان ويھه سال پوءِ قائم ڪيو ۽ ان جو لاطيني ٻوليءَ ۾ پهريون نالو “اڪوا سولس” رکيو جنهن جي معنيٰ هئي “ سولس جا دريا ۽ نديون” . اصل ۾ “اسپا” پڻ اهڙي جاءِ کي سڏجي ٿو جتان قدرتي پاڻيءَ جا چشما نڪرندا هجن. هن علائقي مان پڻ گرم پاڻيءَ جا چشما ڦٽي ٿي نڪتا جن جي مٿان ان وقت جي رومي انتظاميه باٿ روم ۽ ڀرسان عبادتگاھه پڻ جوڙايا. ڇهين عيسوي صديءَ ۾ رومين جي هتان ڇڏي وڃڻ کان گهڻو وقت پوءِ ارڙهين صديءَ دوران هن شهر جو نالو ئي “ باٿ اسپا” مشهور ٿيو.. هن شهر ۾ هنن تاريخي نوعيت جي باٿ رومن ۽ شهر جي انفرادي بناوت جي ڪري هي شهر اڄ ڏينھن تائين ڏيهان ڏيھه مشهور آهي ۽ دنيا جي سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻيل آهي.
    باٿ يونيورسٽي” جو پورو نالو “يونيورسٽي آف باٿ” آهي سا باٿ شهر جي مرڪزي علائقي کان ٻه ڪلوميٽر ٻاهر “ڪلائورٽن ڊائون” واري علائقي ۾ واقع آهي. دي سنڊي ٽائيمس گائيڊ جي “يوڪي يونيورسٽيز رئنڪنگ سروي رپورٽ” مطابق هيءَ يونيورسٽيِ برطانيا جي ٽيون نمبر معياري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل پندرهن هزار هڪ سئو ستٽيھه شاگرد زير تعليم آهن.
    يونيورسٽي آف باٿ، “ڪئمپس يونيورسٽي” آهي. يونيورسٽين جي ٻئي قسم کي، جيڪي ڪاليجن تي مشتمل هونديون آهن، “ڪاليجئٽ” يونيورسٽي چيو ويندو آهي، جئين آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽيون آهن. ڪئمپس يونيورسٽي صرف پنهنجي فئڪلٽين ۽ تدريسي شعبن تي مشتمل هونديون آهن، ان جون هڪ کان وڌيڪ برانچون پڻ ٿي سگهن ٿيون. سموري پاڪستان جيان سنڌ ۾ به تقريبن سڀ ئي ڪئمپس يونيورسٽيون آهن. سنڌ يونيورسٽي ته هاڻي ٻين شهرن جھڙوڪ بدين، ميرپور خاص، دادو، ٺٽي ۽ لا ڙڪاڻي ۾ به پنهجون شاخون قائم ڪيون آهن جن کي به ڪئمپس لکيو ۽ سڏيو وڃي ٿو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پڻ 1992ع ۾ لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ هڪ ڪاليج “شهيد زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري قائم ڪيوآهي، لاڙڪاڻي ضلعي جي ورهاست ۽ جاگرافيائي ڦير ڦار جي ڪري هاڻي هي ڪاليج تعلقي باقراڻي ۾ اچي ويو آهي. قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي نوابشاھه، پڻ 2009ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو هڪڙو ڪاليج، قائد عوام يونيورسٽي ڪاليج آف انجنئيرنگ، سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي جي نالي سان قائم ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ۽ قائد عوام يونيورسٽيءَ جون شاخون يا ڪاليج انهن ٽنهي يونيورسٽين جا “ ڪانسٽيٽوئنٽ” يعني تدرسي توڙي انتظامي حصو آهن، جن کي يونيورسٽي طرفان مقرر ڪيل، پرووائيس چانسلر، ڪوآرڊينيٽر يا ڪو پرنسپال ئي سنڀاليندو آهي ۽ ٻيا ملازم به يونيورسٽي پاڻ ئي مقرر ڪندي آهي، جڏهن ته باقي ٻيا ڪاليج جيڪي صرف امتحان ۽ ڊگرين ۽ سرٽيفڪيٽن جي حد تائين يونيورسٽين سان لاڳاپيل آهن، پر انهن جو باقي انتظام ۽ مقرريون سرڪار جي تعليم واري کاتي جي حوالي آهي، اهي يونيورسٽيءَ سان “ ايفيلئٽڊ” ڪاليج هوندا آهن پر ڪانسٽيٽيوئنٽ ڪاليجن وانگر يونيورسٽيءَ جو انتظامي ۽ تدريسي حصو نه هوندا آهن. جيئن شاھ عبدللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور سان اتر سنڌ جا ڪيترا ئي ڪاليج ايفيلئٽڊ آهن. پاڪستان جي ٻين صوبن جي يونيورسٽين جا به ڪجھه ڪانسٽيٽيوئينٽ ڪاليج آهن پر زياده تر اهي سڀئي يونيورسٽيون پڻ ڪئمپس يونيورسٽيون آهن. انگلينڊ جي هيءَ باٿ يونيورسٽي پڻ ڪئمپس يونيورسٽي آهي. “ڪئمپس” لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي “ ميداني زمين جو هموار ٽڪرو” پر انگريزي ٻوليءَ ۾ آيل هي لفظ تعليمي ادري جي جاءِ لاءِ استعمال ٿئي ٿو جتي هڪ ئي هنڌ تدريسي، تحقيقي سرگرميون ٿينديون هجن ۽ اتي ئي اداري جون مختلف عمارتون به هجن.
    باٿ يونيورسٽي انگلينڊ جي اهڙي معياري ڪئمپس يونيورسٽي آهي جنهن پنهنجي قيام جي اڌ صديءَ جي عرصي ۾ سائنس انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي وارن تدريسي شعبن ۾ سڄي يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ وڏي نيڪنامي حاصل ڪئي آهي. هن يونيورسٽيءَ جا پنجويھه سيڪڙو شاگرد جرمني، فرانس، چائنا، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿا. هتي جا نمايان تدريسي شعبا اليڪٽرانڪس ائنڊ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، مڪينيڪل انجنيئرنگ، سول انجنيئرنگ، آرڪيٽيڪچر۽ ڪمپيوٽر سائنس ۽ مئٿميٽڪيٽيڪل سائنسز ۾ شاگردن جو گھڻو تعداد داخل آهي. انهيءَ کان علاوه يونيورسٽيءَ جا ٻيا تدريسي شعبا جهڙوڪ فارميسي، فارماڪالاجي، بزنس ائڊمنسٽريشن، ايڪنامڪس، اسٽيٽسٽڪس، ماليڪيولر بائلاجي سائنسز، هيلٿ، فزڪس، ائسٽرانامي، ايجوڪيشن، آپريشنل ريسرچ ۽ سوشل ۽ پاليسي سائنسز ، پاليٽڪس، لئنگئج ۽ انٽرنيشنل اسٽڊي آهن.
    باٿ يونيورسٽيءَ ۾ غير ملڪي شاگردن لاءَ داخلائن جا دروازا هميشھه کليل رکيا وڃن ٿا. انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس ائڊوائزري سروس پاران پڻ شاگردن کي درپيش هر مسئلي جي حل لاءَ صلاح مشورو ڏنو وڃي ٿو، جن ۾ داخلائن ، فيس، اسڪالرشپ، رهائش ۽ ويزا جي حصول سميت ننڍن وڏن مسئلن لاءِ صلاح مشورا ڏنو وڃي ٿو. سينٽرل لائبرري شاگردن لاءِ چوويھه ڪلاڪ ئي کليل رھي ٿي جتي ڪتابن ءِ تحقيقي جرنلن سميت ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي سهوليت پڻ موجود هوندي آهي.هتي رائيٽنگ ۽ لرننگ سينٽر پڻ شاگردن جي لکڻ، پڙهڻ ۽ سکڻ واري عمل ۾ رهنمائي ڪندو رهي ٿو. شاگردن جي جسماني، ذهني، فني نشونما ۽ ثقافتي ۽ تفريحي ضرورتن جي پورائي لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ آرٽس ڪامپليڪس ۽ اسپورٽس ٽريننگ وليج پڻ قائم ڪيو ويو آهي. شاگردن جي رهائش لاءِ ڪئمپس جي ڀرسان هاسٽلون پڻ ميسر آهن.پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جي ڌيءُ سلمه هاشميءَ سميت مختلف شعبن ۾ نيڪنامي حاصل ڪندڙ دنيا جون ڪيتريون شخصيتون باٿ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن.
    يونيورسٽي جي قيام۽ ترقيءَ جي تاريخ تي هڪ نظر وجھڻ سان خبر ٿي پوي ته هن يونيورسٽيءَ جو اصل بڻ بڻياد باٿ شهر جي ٻئي پاڙيسري شهر برسٽل جي هڪ ٽيڪنيڪل تعليمي اداري “برسٽل ٽريڊ اسڪول” سان ملي ٿو. برسٽل شهر باٿ کان 13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. 1885ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي هن کي “مرچنٽ وينچرس ٽيڪنيڪل ڪاليج” جو نالو ڏنو ويو، بعد ۾ باٿ شهر واري “ دي اسڪول آف فارميسي” کي پڻ ان ڪاليج جو حصو بڻايو ويو. 1960ع ۾ هن جو نالو بدلائي “برسٽل ڪاليج آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي” رکيو ويو. 1963ع ۾ جڏهن هن ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي ته ان کي برسٽل ۾ شفٽ ڪري پاڙيسري شهر باٿ ۾ ڪنهن ڪشادي ۽ مناسب جاءِ تي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙي طرح 1966ع ۾ هيءَ يونيورسٽي باٿ جي تاريخي شهر جي هڪ ٽڪريلي علائقي “ڪلائورٽن ڊائون” ۾ قائم ٿيڻ کان پوءِ يونيورسٽي آف باٿ جي نالي سان مشهور ٿي.
    منهنجي دوست ڊاڪٽر دائم علي دربان جي ڪار، جنهن ۾ اسان سفر ڪري رهيا هياسين، جڏهن باٿ شهر جي ور وڪڙ ۽ هيٺائين مٿائين وارن روڊن تي سوين سال پراڻين ۽ قدوقامت وارين عمارتن جي ڇانورن مان گذرڻ لڳي ته پاڻ کي به تاريخ جي ڪنهن اونهي سمنڊ مان موتي لعل ميڙيندي محسوس ڪرڻ لڳس. هڪ پاسي رومين جا پندرنهن سئو سال اڳ جا قديمي آثار ته ٻئي طرف سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ جارجين دور جو ڪيل تعميري ڪم، شهر جون پراڻيون، شانائتيون ڪاراٺيل عمارتون ۽ انهن جي پس منظر ۾ چهچ سائي وڻن جا گهٽا جهڳٽا ۽ ننڍيون وڏيون جابلي ٽڪريون دل کي لڀائي رهيون هيون. اهڙي پر ڪيف ۽ ماحولياتي گدلاڻ کان پاڪ ۽ صاف شهر جي هڪ اوچي ٽڪريءَ تي قائم يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ شاگردن جي قسمت تي رشڪ اچڻ وارن احساسن کي روڪڻ پنهنجي دل ۽ دماغ تي ظلم ڪرڻ جي برابر لڳي رهيو. دنيا ۾ موجود اهڙيون تعليمي سهولتون ماڻيندڙ نوجوان يقينن خوشنصيب ئي هوند آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 8 مئي 2013)


    لِيڊس يونيورسٽي

    لِيڊس يونيورسٽي
    جتي سنڌ جي ڳوٺ جو نوجوان به پڙهيو

    برطانيا ۾ اسان واري هن سفر جي آخري منزل يوڪي جي اترئين طرف واري رياست اسڪاٽلينڊ جو هڪ ننڍڙو شهر “ڪِرڪاڊي” هيو. ڪرڪاڊي، اسڪاٽلينڊ جي گادي واري شهر ايڊنبرا کان اٽڪل 19 ڪلوميٽر اتر ۾ هڪ ننڍڙو شهر آهي جنهن جي ڪل آبادي اٽڪل 49000 آهي. برطانيا جو اڳوڻو وزيراعظم گورڊن برائون پڻ هن شهر سان تعلق رکي ٿو. منهجي ميزبان ڊاڪٽر علي نواز جو هڪ گهاٽودوست حامد محمود ڪيترن ئي سالن کان ڪرڪاڊي ۾ پنهنجو گهر گهاٽ ٺاهيو ويٺو آهي، جنهن جي دعوت تي اسان اسڪاٽلينڊ وڃڻ جو پروگرام جوڙيو هو. حامد محمود اصل ۾ اسلام آباد جو آهي.
    ڊاڪٽر علي نواز مهر ۽ مان اهو گڏيل فيصلو ڪيوسين ته هن سفر دوران رستي ۾ سولو پوندڙ انگلينڊ، وَيلز ۽ اسڪاٽلينڊ جي مختلف شهرن ۾ هلي اتي رهندڙ سنڌي دوستن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون به ڪجن ته وري انهن شهرن جا تعليمي ادارا، تفريحي ماڳ ۽ تاريخي هنڌ به ڏسجن. اهڙي طرح، اسان پنهنجي هن سفري شيڊول ۾ انگلينڊ جا شهر جهڙوڪ لِيڊس، نيوڪاسل، لِوَر پُول، بليڪ برن؛ ويلز رياست جا شهر بينگر، انگلسي، بيومريز ۽ اسڪاٽلينڊ جا شهر ايڊنبرا ۽ گلاسگو به شامل ڪياسين. نيٺ هڪڙي ڏينهن “الله تو آهر” چئي ڪار تي چڙهي سفر تي نڪري پياسين. رستي ۾ اسان جي پهرين منزل اتر انگلينڊ جو هڪ ناميارو شهر برئڊفورڊ هئي جنهن جو پاڙيسري شهر لِيڊس پنهنجي جڳ مشهور “لِيڊس يونيورسٽي” جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. اسان رَيدنگ شهر مان اڍائي سئو ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪري برئڊ فورڊ ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ دوست خدا بخش رند وٽ پهتاسين جنهن سان گڏجي ليڊس يونيورسٽي جو درشن ڪرڻ لاءِ، ليڊس شهر لاءِ روانا ٿياسن.
    ليڊس شهر برئڊ فورڊکان 19 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي ۽ برئڊفورڊ سان ائين ئي سلهاڙيل آهي جيئن ڄامشورو ۽ حيدرآباد يا جئين ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد هڪٻئي سان گڏيا پيا آهن. ليڊس اتر انگلينڊ جي يوڪشائر ڪائونٽي جي اولاهين حصي ۾ واقع آهي. هن جي ڪل آبادي 775360 آهي. هي انگلينڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. هن جي شهرت جو هڪ حوالو سندس تجارتي مرڪز هجڻ ۽ منجهس وڌندڙ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري (ڪپڙي جي صنعت) ۽ اُن (وول) جي پئداوار آهي پر بين الاقوامي طور هي شهر پنهنجي ان هڪ صدي پراڻي درسگاھه جي ڪري پڻ سڃاتو وڃي ٿو جيڪو “ ليڊس يونيورسٽي” يا “يونيورسٽي آف ليڊس” جي نالي سان نه رڳو برطانيا جي شاگردن ۾ علم جو فيض عام ڪندورهي ٿو پر دنيا جي مختلف ملڪن جا طالبعلم پڻ هتي اچي اعليٰ تعليمي ڊگريون ماڻي وڃن ٿا.
    ليڊس يونيورسٽيءَ جي عمر ته اڃا هڪ صدي ۽ چند سال آهي جو هن کي يونيورسٽيءَ واري حيثيت 1904ع ۾ ملي پر هن جي بڻ بڻياد جو سلسلو ليڊس شهر ۾ باشعور شهرين پاران 1831ع ۾ قائم ڪيل “ليڊس اسڪول آف ميڊيسن” سان ملي ٿو. 1884ع ۾ هن اسڪول جو درجو وڌائي کيس “ يَوڪشائر ڪاليج آف سائنس” جو نالو ڏنو ويو ۽ هن ۾ ليڊس اسڪول آف ميڊيسن کي به ضم ڪيو ويو. شروعاتي ڏينهن ۾ هن ڪاليج ۾ جيالاجي، مائيننگ، ڪيمسٽري، بايولاجي ۽ فزڪس جا سبجيڪٽ پڙهايا ويندا هيا پر پوءِ هن ۾ انجنئرنگ ۽ ٽيڪسٽائل جا درسي شعبا به شامل ڪيا ويا. ڪجھه سال بعد جڏهن هن ئي ڪاليج ۾ اساسي ۽ جديد ادب ۽ تاريخ جا تدريسي شعبا به متعارف ڪرايا ويا ته ڪاليج جو نالوبدلائي “ يوڪشائر ڪاليج ليڊس” رکيو ويو ۽ 1887ع ۾ کيس مانچيسٽر جي وفاقي “ وڪٽوريا يونيورسٽي” سان منسلڪ ڪري هن جي حيثيت ۾ اضافو ڪيو ويو. 1904ع ۾ انگلينڊجي ان وقت جي بادشاھ ايڊورڊ ستين هن ڪاليج جي وڌندڙ شهرت ۽ ضرورت جي مد نظر هن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏئي کيس “يونيورسٽي آف ليڊس” بڻائي ڇڏيو، اهڙي طرح ليڊس شهر جي هيءَ پهرين يونيورسٽي ترقيون ڪندي اڄڪلھ دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ڳڻي وڃي ٿي. ليڊس شهر ۾ تازو ٻه ٻيون يونيورسٽيون به قائم ڪيون ويون آهن جهڙوڪ 1992ع ۾ ليڊس مئٽروپوليٽن يونيورسٽي ۽ 2012ع ۾ ليڊس ٽرنٽي يونيورسٽي.
    ليڊس يونيورسٽي ۾ بِزنس، ميڊيسنس، انجنيرنگ، سائنس، هيومئنٽيز ۽ آرٽس جي سڀني شعبن ۾ گريجوئيشن، پوسٽ گريجوئيشن، ۽ ريسرچ وارن ڪورسن ۾ ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. خاص طور انجنيرنگ ۽ ٽيڪنالاجي وارن شعبن ۾ هي يونيورسٽي اسان جي ملڪ ۾ به ڪافي مقبول آهي. سنڌ مان پڻ وڏي تعداد ۾ اسڪالرن، استادن ۽ شاگردن هن يونيورسٽيءَ مان اعليٰ ڊگريون حاصل ڪيون آهن. اسان جي مهراڻ يونيورسٽيءَ جو موجوده وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدلقدير راجپوت، پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، ڊين آف فئڪلٽي آف انجنيئرنگ ڊاڪٽر حفيظ الرحمان ميمڻ هن يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. هن ئي يونيورسٽي جي ٻن ليڊي پروفيسرن ڊاڪٽر ثنا حور آريسر ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ڊاڪٽر ثانيا ڀٽي ڪمپيوٽر سسٽم وارن شعبن ۾ ليڊس يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جو ڊگريون حاصل ڪيون آهن. مان جڏهن 2011ع ۾ ليڊس يونيورسٽي ڏسڻ ويس هيس تڏهن مهراڻ يونيورسٽيءَ جا 15 استاد انجنيرنگ جي مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي جا ڪورس ڪري رهيا هيا. ليڊس يونورسٽيءَ ۾ منهنجي ملاقات اتي مڪينڪل انجنيرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ مهراڻ يونيورسٽي جي استاد جاويد لاڙڪ ۽ علي اصغر ميمڻ سان ٿي. جاويد لاڙڪ اصل ۾ سنڌ جي عظيم شاعر شاھه عبدللطيف ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاھ جو ويٺل آهي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي گڏيل اسڪالرشپ تي ليڊس يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو. ڊاڪٽر علي نواز ۽ مان فون تي ٻڌايل سندس ائڊريس، هالبورن اسٽوڊنٽس ريزيڊنس، هائيڊ پارڪ ايريا ليڊس ۾ سندس فيملي رهائشگاھ تي پهتاسين ته اسان جو پُرجوش استقبال ڪيائين. جاويد لاڙڪ انجنئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي تي وسيع ڄاڻ رکڻ سان گڏوگڏ ادبي ۽ سياسي ساڃاھ رکندڙ نوجوان پروفيسر آهي. پُر خلوص چانهن پارٽي ۽ علمي ادبي ڪچهري کان پوءِ اسان کي يونيورسٽي گھمائڻ لاءِ وٺي هليو.
    ليڊس يونيورسٽي، ليڊس شهر جي انتظامي حصي نمبر ٻئي ۾ قائم آهي. انتظامي سهوليت خاطر ليڊس شهر کي ٻارنهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. ليڊس يونيورسٽي کي (رَيڊ بِرڪ يونيورسٽي ) يعني ڳاڙهين سرن واري يونيورسٽي ليکيو وڃي ٿو. “رَيڊ بِرڪ يونيورسٽي” جو اصطلاح انگلينڊجي ڇهن صنعتي شهرن ۾ قائم ڪل ڇهن يونيورسٽين لاءِ استعمال ٿئي ٿو، انهن يونيورسٽين ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ۽ پهرين عالمي جنگ کان اڳ يونيورسٽيءَ واري حيثيت ماڻي هئي. شروعاتي دور ۾ انهن جي ڪجھه عمارتن جي تعمير ۾ ڳاڙهيون سرون استعمال ڪيون ويون هيون، انهن عمارتن جو شان ۽ شوڪت ۽ خوبصورتي اڄ به اکين کي وري وري ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي. ريڊ برڪ يونيورسٽين ۾ يونيورسٽي آف برمنگهنم، يونيورسٽي آف لِوَرپُول، يونيويرسٽي آف ليڊس، يونيورسٽي آف شيفيلڊ ۽ يونيورسٽي آف برسٽل اچي وڃن ٿيون. ليڊس يونيورسٽي کي “ريڊبرڪ يونيورسٽي” جو اعزاز پڻ برطانيا جي يونيورسٽين ۾ هڪ منفرد حيثيت بخشي ٿو.
    ليڊس يونيورسٽي ۾ دنيا جي سڀني جديد علمن جون فئڪلٽيون ۽ ڊپارٽمنٽس موجود آهن. اهي فئڪلٽيون هن ريت آهن؛ فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف بزنس، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، اسڪول آف ڪمپيوٽنگ، فئڪلٽي آف مئڊيسن ائنڊ هيلٿ، فئڪلٽي آف بايولاجيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، سوشل سائنسز ائنڊ لا، فئڪلٽي آف مئٿميٽڪس ائنڊ فزيڪل سائنسز، ۽ فيڪلٽي آف پرفارمنس، وزيول آرٽس ائنڊ ڪميونيڪيشنز. يونيورسٽيءَ جي هر فئڪلٽيءَ ۾ ان شعبي سان لاڳاپيل مختلف ڊپارٽمنٽ آهن. جن ۾ ميرٽ وسيلي داخلا حاصل ڪري سگھجي ٿي. ليڊس يونيورسٽي ۾ هن وقت 33600 شاگرد زير تعليم آهن جن۾ پاڪستان سميت دنيا جي 145 ملڪن جا 5000 کان وڌيڪ شاگرد پڻ شامل آهن.
    منهنجي هڪ دوست ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ نوڪري دوران منهنجي ساٿي استاد، رفيق ميمڻ پڻ ليڊس يونيورسٽيءَ مان ٻه ڀيرا تعليم حاصل ڪئي آهي. هڪ دفعو 1994ع ۾ برٽش ڪائونسل جي اسڪالرشپ تي هو هتان انگلش لئنگوِيج ۾ ايم اي ڪري آيو ۽ پوءِ وري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري دوران سنڌ يونورسٽيءَ طرفان مليل اسڪالر شپ تي 2002ع ۾ ليڊس يونيورسٽيءَ مان ئي پي ايڇ ڊي ڪري آيو، واپسيءَ تي کيس انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگئج ۽ لٽريچر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. اڄڪلھه هي دوست سعودي عربيه جي “يانبو يونيورسٽي ڪاليج” ۾ پروفيسر آهي. ڊاڪٽر رفيق ميمڻ ٺٽي ضلعي جي سجاول تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ٻيلو” جو رهاڪو آهي. (تازي معلومات موجب ڊاڪٽر رفيق اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئج ائنڊ لٽريچر جو ڊاريڪٽر آهي.)
    يونيورسٽي لِيگ ٽيبل مطابق هيءَ برطانيا جي 34هون نمبر معياري يونيوررسٽي آهي.هن ۾ شاگرد ن جي لاءِ بيچلر ۽ فئملي هاسٽلون ۽ رهائشگاهون پڻ ميسر آهن. “ليڊس يونيورسٽي يونين” طرفان شاگردن جي تخليقي، سماجي ۽تفريحي سرگرمين جو مسلسل اهتمام ڪيو وڃي ٿو. پاڪستاني شاگردن پاران جوڙيل “ليڊس يونيورسٽي پاڪستاني سوسائٽي”، پاڪستان مان ايندڙ شاگردن جي هر لحاظ سان رهنمائي ۽ مدد ڪندي رهي ٿي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 15 مئي 2013)


    لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پوليٽڪل سائنس

    لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پوليٽڪل
    سائنس، جتي سنڌ جا نوجوان به پڙهيا

    لنڊن عالمي حيثيت جو اهڙو شهر آهي جتي پهچڻ کانپوءِ هر ڪو ئي پنهنجي مزاج مطابق ماحول ڳولهي لهي ٿو ۽ انهيءَ مان حض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اسان تاريخ ۽ تهذيب جا شاگرد، علم، قلم ۽ ڪتاب جا گھرجائو ، ثقافت ۽ فطرت جا چاهيندڙ جتي به پهتاسين پنهنجي لاءِ ماحول به اھڙو ئي طلبيوسين. لنڊن پهچڻ کانپوءِ ڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري جي تلاش ۾ نڪتاسين ته ڪڏهن ڪنهن ميوزم جو مزو ماڻيوسين. ڪڏهن لئبريري ۾ لعل ڳولهياسين ته ڪڏهن تاريخي جاين، اھڃاڻن ۽ آثارن جي آڳنڌن ۾ گھمياسين يا وسيع ۽ ڪشادن پارڪن جي پسار ڪئيسين. بحر حال ريڊنگ شهر مان جڏهن به لنڊن ايندا هياسين ته پنهنجي ڪار لنڊن جي سائوٿ هال واري علائقي ۾ پارڪ ڪري، سائوٿ هال ريلوي اسٽيشن وٽان “ڊَي ٽڪيٽ” يعني هڪ ڏينهن تائين هلندڙ ٽڪيٽ وٺي اچي ريل ۾ سوار ٿيندا هياسين جيڪا هڪ ٻن اسٽيشنن کان پوءِ انڊر گرائونڊ ٽيوب ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. اها ساڳي ٽڪيٽ ساڳي ڏينهن تي ريل ۾ به ڪم ڏيندي هئي ته لنڊن شهر ۾ هلندڙ بسن ۾ به اها ساڳي ئي ٽڪيٽ ڪم ڏيندي هئي. ائين ئي اسان پنهنجي مرضي واري منزل تي وڃي پهچندا هياسين. لنڊن جي سائوٿ هال واري علائقي ۾ پهچڻ کانپوءِ ائين لڳندو هيو ڄڻ انڊيا، پاڪستان يا اهڙي ئي ٻئي ايشين ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ پهتا هجون. دور دور تائين انگريز نامدار جو نه نالو نه نشان. دوڪان، هوٽل ۽ فوٽ پاٿيون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن ۽ شين سان سٿيل. ڪٿي ڪٿي ته مختلف عمارتن تي “لاهوري ڪڙاهي هائوس ” ، “پنجابي باءِ نيچر” ، “شير ِپنجاب مارڪيٽ”، “ چوڌري ريسٽورينٽ”، “ امبالا سوئيٽ شاپ”، “ مرچ مصالحه ۽ شهنشاهه ريسٽورنٽ” جهڙا سائين بورڊ پڙهي ائين پئي محسوس ٿيندو هو ڄڻ لنڊن ۾ به هڪڙو پنجاب آهي. بحرحال لنڊن جو اهو به ٻين گھڻن مان هڪڙو روپ آهي جنهن تي ڪنهن ٻئي موقعي تي لکبو اڄ اسان جي دلچسپي جو مرڪز لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ائنڊ پالٽڪس آهي، تنهنڪري اچو ته ان بابت ڪجھه ڳالهيون ڪريون.
    لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پالٽڪس، جنهن کي سهوليت خاطر صرف “ايل اِي سِي” يا لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس به سڏجي ٿو، سو هڪ پبلڪ يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکندڙ پنهنجي نوعيت جو اهڙو معياري ادارو آهي جنهن جي هاڪ ملڪن ۾ مشهور آهي. هن اداري جي نالي ۾ ته لفظ “اسڪول” استعمال ٿئي ٿو پر هتي يونيورسٽيءَ جيان گريجوئيشن، پوسٽ گريجوئيشن ۽ ڊاڪٽوريٽ جا ڪورس پڙهايا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن کي ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. هي ادارو نالي ۾ ته اسڪول ٿو سڏجي پر حيثيت ۾ يونيورسٽي آهي.
    “لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پالٽڪس” لنڊن شهر جي مرڪزي ۽ تمام اھم علائقي “ويسٽمنسٽر” ۾ قائم آهي. لنڊن جي وچ مان گذرندڙ ٿئمس ندي جي اترئين ڪناري کان وٺي ڏکڻ اولھه ۾ “چارنگ ڪراس” تائين ڦھليل هي ويسٽمنسٽر وارو علائقو لنڊن اندر هڪ مرڪزي ضلعي يا “بارو” واري حيثيت رکي ٿو. لنڊن جو هي علائقو اسلام آباد جي بلو ايريا وانگر برطانيا سرڪار جي اهم عمارتن جي جڳھه آهي. هن علائقي ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس سميت برطانيا جي راڻي جي سرڪاري رھائشگاھه “بڪنگھم پئلس، يونيسڪو پاران “ورلڊ هيريٽيج” جو اعزاز رکندڙ “ پارليامنٽ آف يونائيٽڊ ڪنگڊم” جي تاريخي عمارت، “ پئلس آف ويسٽ منسٽر”، تاريخي عبادتگاھ ۽ برطانيا جي ڪيترن ئي مشهور اڳوڻن بادشاهن، فلاسافرن، ڪلاسيڪي شاعرن، اديبن ۽ ٻين شخصيتن جو آخري ۽ ابدي آرمگاھه “ وَيسٽمنسٽر ابَي” پڻ هن علائقي ۾ قائم آهي.
    “لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پالٽڪس” جي قيام جو قصو به حقيقت ۾ اڻوهين صديءَ ڌاران چند انسان دوست باشعور شخصيتن پاران شعور ۽ ساڃاه جي ترقيءَ لاءِ ڪيل بي لوث ڪوششن جو قصو آهي. جيڪو ٻڌڻ کان پوءِ علم دوستن ۽ سماج سڌارڪن لاءِ وڏي اتساھه جو سبب بڻجي ٿو. اُهو سن 1884ع جي چوٿين آگسٽ واري ڏينهن جو صبح وارو پهر هيو، جو اسان وٽ “سَرَي محل” وارين خبرن سبب مشهوري ماڻيل برطانيا جي هڪ وسيع علائقي “سَرَي” ڪائونٽي جي هڪ ننڍي شهر “ملفورڊ” جي هڪ فارم هائوس ۾ چار دوست گڏجي ويٺي ناشتو به ڪري رهيا هيا ته علم، شعور، آگاهي ۽ برطانيا جي ماڻهن جي تعليمي ترقيءَ جو خبرون چارون به ڪري رهيا هيا. اهي چار ئي يعني مشهور اديب جارج برنارڊ شا، مسٽر بيٽرائيس، سڊني ويب ۽ گراھم وئلاس پاڻ ۾ پڪا دوست به هيا ته برطانيا جي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هڪ سماجي ۽ نظرياتي تنظيم “ فيبئن سوسائٽي” جا ميمبر به هيا. انهيءَ علمي ڪچهري جي نتيجي ۾ سندن ذهنن ۾ هڪ خيال جنم ورتو ته ڇو نه لنڊن ۾ هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪجي جيڪو نئين نسل کي معاشيات ۽ سياست واري علم سان همڪنار ڪري، منجهن معاشي، سياسي، سماجي برابري ۽ بنيادي انساني حقن ۽ آزادين لاءِ ڪم ڪرڻ جو جذبو پئدا ڪري ته جئين قومن جو اهو نسل پُر امن ۽ مثبت سماجي تبديليءَ جو محرڪ بڻجي سگھي. خيال تمام خوبصورت هيو چئني هڪ ٻئي سان ها ۾ ها ملائي ۽ پوءِ اهي چار ئي پنهنجي آدرش کي عملي روپ ڏيڻ لاءَ ڪم ۾ لڳي ويا، جنهن لاءِ فيبئن سوسائٽي سندن ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ آخر ڪار سندن انهيءَ علمپسنديءَ واري پورهئي جي نتيجي ۾ وَيسٽمنسٽر جي وسيع علائقي ۾ آڪٽوبر 1895ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ظهور پذير ٿيو.
    اڄ تائين هڪ سئو اڻويھه سالن جو سفر طئي ڪري هي اسڪول نه رڳو هڪ ريسرچ يونيورسٽي واري حيثيت ماڻي چڪو آهي پر برطانيا سميت سڄي دنيا مان ايندڙ شاگردن لاءِسماجي علمن ۽ شعوري تربيت جو آمجگاھه بڻجي چڪو آهي. هن وقت هن اسڪول ۾ ڏھه هزار شاگرد سوشل سائنسز ۽ ٻين تدريسي شعبن ۾ گريجوئيشن، ماسٽرس، ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ڊگري ڪورسن ۾ داخل آهن. هن اسڪول ۾ ڪل 3000 استاد آهن جن مان 16 ڄڻن مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ تي نوبل انعام حاصل ڪيا آهن. لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪل ٽيويھه تدريسي شعبا ۽ سورنهن تحقيقي مرڪز آهن. جيتوڻيڪ هي اسڪول صرف آرٽس جي سبجيڪٽن م تدريس لاءِ ٺاهيو ويو هيو پر بعد ۾ هن ۾ ڪامرس ۽ سائنس جي ڪجھه سبجيڪٽن جي تدريس به شروع ڪئي وئي آهي. هن اسڪول ۾ آرٽس ۽ سوشل سائنسز جا نمايان شعبا هن ريت آهن؛ ايڪنامڪس، پوليٽيڪل سائنس، انٽرنيشنل رليشن، سوشالاجي، لا، لنگوِسٽِڪس ائنڊ لٽريچر، ائنٿراپولاجي، ميڊيا ائنڊ ڪميونيڪيشن، فلاسافي، پبلڪ افيئرس، هيومن رائيٽس، ڪرمنالاجي ۽ انهيءَ کان علاوه ڪامرس جا شعبا اڪائونٽنگ، فئنانس، مئنيجمنٽ وغيره ۽ سائنس جا چند سبجيڪٽ جھڙوڪ جاگرافي، ۽ مئٿميٽڪس وغيره شامل آهن.
    لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس خاص طور تي آرٽس جي تدريسي شعبن ۾ ريسرچ ۽ پڙهائي ۾ دنيا ۾ وڏي ساک رکندڙ ادارو آهي. ٽائيمس ايجوڪيشن ورلڊ ريپوٽيشن مطابق هي اسڪول دنيا جي بهترين ساک رکندڙ تعليمي ادارن ۾ 25 نمبر ۽ تعليمي معيار واري حوالي سان اوڻتالهين نمبر تي آهي. آمريڪا جي اڳوڻي صدر جان ايف ڪئنيڊي ۽ برطانيا جي اڳوڻي وزير اعظم لارڊ ائٽلي سميت دنيا جي 34 ملڪن جي حڪومتن جا سربراھه هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. اسان جي سنڌ جي هڪ نياڻي ۽ پاڪستان جي نيشنل اسيمبلي جي ميمبر ماروي ميمڻ سميت سنڌ جون ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون هن اسڪول مان تعليم پرائي چڪيون آهن. منهنجو هڪ ويجهو دوست اقبال ڏيٿو جنهن پنهنجي بنيادي تعليم لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ “نظر ڏيٿو” مان ورتي ۽ پوءِ شڪارپور جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهيو اهو پنهنجي محنت ۽ ذهانت جي مدد سان برطانيا سرڪار جي “شِوِننگس اسڪالرشپ” حاصل ڪري وڃي لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ پھتو جتان هيومن رائيٽس ۾ ايم ايس سي ڪيائين ۽ بعد ۾ ٻي اسڪالر شپ “ هبرٽ همپري فيلوشپ” حاصل ڪري وڃي آمريڪا جي يونيورسٽي آف مينوسوٽا مان پڙهائي ڪري آيو. ٻهراڙيءَ جي عام رواجي اسڪول مان پڙهيل هي نوجوان اڄڪلھه انساني حقنن واري هڪ تنظيم ۾ اعليٰ عھدي تي فائز آهي. انهيءَ کان علاوه پوليس کاتي ۾ سٺي ساک رکندڙ سنڌي نوجوان آفيسر جهڙوڪ خادم رند، عرفان بلوچ، پير محمد شاھه، شرجيل کرل، عبدالخالق شيخ، ڊاڪٽر امير شيخ، جاويد جسڪاڻي ۽ ڪافي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي پڻ مختلف اسڪالرشپس حاصل ڪري لنڊن جي هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. مان اڳم به ڪيترن ئي مصمونن ۾ لکي چڪا آهيان ته محنتي، ۽ مستقبل کي روشن ڏسڻ جا خيال رکندڙ همٿ وارن نوجوانن لاءِ دنيا جي اهڙن تعليمي ادارن ۾ پھچڻ ڏکيو ڪونهي، اڳم به ته سندن جھڙا ئي وچولي طبقي ۽ سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۽ شھرن سان تعلق رکندڙ ڪيئي نوجوان اتي پهتا، انهن محنت ڪئي ، اسڪالر شپون حاصل ڪيون، ۽ انهن مان ڪيترن ئي پنهنجي پڙهائي جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ فارغ وقت ۾ ڪمايو به ته تعليم به جاري رکي ۽ آخرڪار ڪامياب ٿيا. علم ۽ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ڪونهي، اوهان به جستجو ڪريو، ڪتاب پڙهو، لکو، انٽرنيٽ مان فائدو حاصل ڪيو، روشن مستقبل جي تلاش ڪيو ۽ پوءِ ڪامياب ٿي پنهنجي ماروئڙن، سانگئيڙن ۽ ڌرتي ڌڻين سميت سموري عالمِ انسانيت جي خدمت ڪيو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 19 جون 2013)


    برئڊفورڊ يونيورسٽي

    برئڊفورڊ يونيورسٽي
    جنهن جو چانسلر عمران خان به رهي چڪو آهي


    برئڊفورڊ شهر ۾ پنهنجي دوست زاهد جماڻي وٽ ٽي ڏينهن رهڻ کان پوءِ کائنس موڪلائي ساڳئي ئي شهر ۾ رهندڙ هڪ ٻئي دوست خدا بخش رند سان گڏجي “رچمنڊ روڊ” تي واقع برئڊفورڊ يونيورسٽي آياسين جٿي هو پنهنجي ڪنهن ڪم سان لڳي ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر علي نواز مهر ۽ مان يونيورسٽيءَ جي ديدار ۽ درشن ۾ لڳي وياسين. يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي پسار ڪندا اتان، پمفليٽ، بروشرس (Brochures) ۽ ٻيو معلوماتي مواد گڏ ڪندا رهياسين.
    برئڊ فورڊ يونيورسٽي 1966ع ۾ قائم ٿي. هن جون برئڊ فورڊ شهر ۾ ٻه ڪئمپسون آهن؛ هڪ رچمنڊ روڊ تي ۽ ٻي اسڪول آف مئنجمنٽ واري ايمنلئن وٽ آهي. برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جو پهريون چانسلر برطانيا جو تڏهوڪو وزير اعظم هئرالڊ ولسن هيو ۽ موجوده چانسلر پاڪستاني ڪرڪيٽ جو اڳوڻو ڪپتان ۽ اڄڪلهه هڪ سياسي جماعت تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان آهي. توڙي جو هن يونيورسٽيءَ جي عمر ڪل ستيتاليهه سال آهي پر هن جو حسب نسب جو سلسلو اڻويهين صدي کان شروع ٿئي ٿو جنهن بابت ڄاڻڻ پڻ ضروري آهي.
    برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي بڻ بڻياد جو قصو دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ سان جُڙي ٿو، ڇو ته بدلجندڙ دنيا ۾ برطانيا جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي شعبن جي اهم ڪارڪردگيءَ سان گڏ سندس تحقيقي ۽ صنعتي ادارن پاران ٿيندڙ دريافن ۽ ايجادن جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي. برئڊ فورڊ اتر انگلينڊ ۾ واقع آهي ۽ هي انگلينڊ جو ڏهون نمبر وڏو شهر آهي. هن شهر ۾ ٽيڪنيڪل تعليم جي ضرورت کي محسوس ڪندي سال 1832ع ۾ “مڪئينڪس انسٽيٽيوٽ” قائم ڪيو ويوهيو. هن انسٽيٽيوٽ جي ٽيڪنيڪل تعليم ۽ تربيت ۾ وڌندڙ ڪردار سبب هن کي 1882ع ۾ وڌائي “برئڊ فورڊ ٽيڪنيڪل ڪاليج” جو نالو ڏنو ويو ۽ 1957ع ۾ هن کي “برئڊ فورڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي” بڻايو ويو.۽ سال 1966ع ۾ هن کي برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ درجو ڏئي “برئڊ فورڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي” کي ان ۾ ضم ڪيو ويو. اهڙي طرح انگلينڊ جي هن شهر ۾ برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي نالي سان پهرين سرڪاري يونيورسٽيءَ جو بنياد پيو. هن وقت هن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل تيرنهن هزار شاگرد مختلف ڪورسن ۾ داخل آهن جتي هو پڙهڻ لکڻ سان گڏ پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ تحقيق به ڪري رهيا آهن. هن يونيورسٽيءَ جي ڪل شاگردن ۾ اٽڪل ويهه سيڪڙو شاگرد دنيا جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن سان تعلق رکن ٿا. برئڊفورڊ يونيورسٽي جي سڃاڻپ نشان (logo) ۾ انگريزي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ شاعر شيڪسپيئر جي سانيٽ (شاعري جي هڪ صنف) مان شامل هڪ سٽ (give invention light) “ايجاد کي عام ڪيو” پڻ ڪلاسيڪي فهم ذريعي جديد دور جي تقاضائن جي پورائي لاءِ تعليم، تحقيق ۽ ايجادن واري عمل کي ترقي وٺرائڻ ۽ ان لاءِ اتساهڻ جو ڪم ڏئي ٿي، جيڪا ڳالهه خود هن يونيورسٽيءَ جي نيڪنامي واري تاثر ۾ اضافو ڪري ٿي.
    برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل انجنيئرنگ، بزنس اسٽڊيز، ميڊيا اسٽڊيز، اڪائوٽنگ، آرڪيالاجي، نيچرل سائنسز، هيلٿ اسٽڊيز، مارڪيٽنگ، ايڪنامڪس، آرٽس ائنڊ سوشل سائنسز، مئٿميٽڪس سميت جديد دنيا جي ضرورتن ۽ انٽرنيشنل جاب مارڪيٽ جي گھرجن مطابق ڪي ئي شعبا قائم آهن جن ۾ انڊر گريجوئشن، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڪورسن ۾ داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون. هڪ ٻي انفراديت جيڪا پڻ هن يونيورسٽيءَ جي کاتي ۾ اچي ٿي سا اها آهي ته هيءَ پهرين برطانوي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ 1973 ۾ “امن ۽ تضاد” جي مطالعي وارو هڪ شعبو قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو اڄڪلهه “پيس ائنڊ ڪنفلڪٽ سينٽر(peace and Conflict Centre) جي نالي سان ان نوعيت جو ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو سينٽر ليکيو وڃي ٿو. برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي ان سينٽر ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پي ايڇ ڊيءَ جو اسڪالر ۽ شاگرد سعيد احمد رڏ به شامل آهي. سعيد احمد رڏ سان منهنجي ملاقات سيپٽمبر 2011ع ۾ اوڀر لنڊن جي الفرڊ واري علائقي ۾ واقع سيد آفتاب شاهه جي گھر ۾ ٿي هئي جٿي برطانيا ۾ رهندڙ سنڌ جا ڪجهه ساڃاهوَند دوست سنڌ جي مسئلن جي حل وارين ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪا سماجي تنظيم جوڙڻ لاءِ گڏ ٿيا هيا. مان به برطانيا ۾ پنهنجي ريڊنگ شهر واري دوست ڊاڪٽر دائم علي درباڻ سان گڏجي اتي ويو هيس. اتي ٻين دوستن جهڙوڪ سعيد احمد سومرو، امداد علي اوڍو، ڊاڪٽر علي رضا ميرجت، ڊاڪٽر شهاب حيدر شيخ، ڊاڪٽر شجاع مهيسر، انجنيئر محمد علي شيخ، آفتاب ٽالپر، غلام علي رضا ۽ عبدالله عباسي سميت برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگرد سعيد احمد رڏ سان به مکاميل ٿيڻ جو موقعو مليو هيو. سعيد احمد اصل ۾ خير پور ميرس ضلعي ۾ واقع ڪوٽڏيجي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “مِٺڙي” سان تعلق رکي ٿو. هو قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽڊيز ۾ ليڪچرر آهي ۽ اڄڪلهه ڪامن ويلٿ جي اسڪالرشپ (Common Wealth Scholarship)تي برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ ۾ “ پِيس اسٽڊيز” واري شعبي ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيق ڪري رهيو آهي. هن کان اڳ هو 2006ع ۾ روٽري ورلڊ پيس فيلوشپ پروگرام (Rotary World Peace Fellowship Programme) جي مالي سهائتا سان آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان پوليٽيڪل سائنس ۽ ايريا اسٽڊيز ۾ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪري چڪو آهي. برئڊ فورڊ شهر ۾ ئي تعليم سانگي رهندڙ اسان جو دوست زاهد جماڻي تعليم، روزگار توڙي تفريح لاءِ هتي ايندڙ سنڌين جو گرمجوشيءَ سان استقبال به ڪندو رهي ٿو ته پرڏيهه ۾ انهن جي گھربل رهنمائي به ڪري ٿو. هو پاڻ مانچيسٽر ميٽروپوليٽن ڪاليج جو شاگرد به آهي ته برئڊفورڊ جي هڪ خانگي نرسنگ هوم ۾ جُزُ وقتي نوڪري (part-time job) به ڪندو آهي. زاهد جماڻي اصل ۾ شڪارپور سان تعلق رکي ٿو گذريل ڪيترن ئي سالن کان برئڊ فورڊ ۾ رهي ٿو، جتي هو سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ ين جي هڪ سماجي تنظيم “ سنڌ ي سنگت يو ڪي” جو پڻ سرگرم رڪن ۽ عهديدار به آهي. برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جو ٻيو شاگرد عبدالستار سومرو هيلٿ اسٽڊيز ۾ ماسٽرس ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي ڪٽنب سميت هتي رهائش پذير آهي. انهن دوستن کان اڳ هن يونيورسٽيءَ مان اعجاز مهر ۽ اياز سومرو انجنيئرنگ ۽ رضوان احمد ميمڻ ۽ وجئي ماکيجاڻي بزنس اسٽديز ۾ ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن. هيءَ ڳالهه به پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ٻڌائيندو هلان ته برئڊ فورڊ يونيورسٽي لنڊن کان ٻاهر برطانيا جي پهرين يونيورسٽي آهي جيڪا مختلف شعبن ۾ ڊگري ڏيڻ لاءَ پارٽ ٽائيم پڙهائي پڻ ڪرائي ٿي.
    اها اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته ٻين جيان اسان جا سنڌي پڻ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃن ٿا ۽ پنهنجي صلاحيتن، محنتن ۽ ڪارڪردگيءَ ذريعي ڌارين ديسن ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪندا رهن ٿا. انگلئنڊ جي برئڊ فورڊ شهر سميت برطانيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سنڌي ماڻهو روزگار، تعليم، سماجي سرگرمين ۽ سياست جي ميدان ۾ پنهنجو متحرڪ ادا ڪري رهيا آهن. اهي ديس کان دور رهندي به هن جي خوشحالي، امن، آجپي، سماجي ۽ ثقافتي ترقي لاءِ سرگرم رهي سنڌ سان سلهاڙيل رهن ٿا. برئڊ فورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا جي خواهش رکندڙ نوجوان سنڌي شاگردن جي معلومات لاءِ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته برئڊ فورڊ شهر ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ڪيترائي سنڌي ڪٽنب آباد آهن، جيڪي سنڌ کان هتي ايندڙ جي رهنمائي ڪندا رهن ٿا. برئڊ فورڊ ۾ رهندڙ سنڌي ڪٽنبن ۾ علي ميمڻ، عبدالستار سومرو، عبدالرئوف لغاري، ضمير گلال، سڪندر خاصخيلي، سردار علي سوهو، ڊاڪٽر عطاءالله جکراڻي ۽ ٻيا شامل آهن. لاڙڪاڻي جي حيتم سوهُو ڳوٺ جو هڪ نوجوان مسعود سوهو پڻ برئڊفورڊ جي ڪنهن خانگي ڪاليج مان تعليم به حاصل ڪري رهيو آهي ته پارٽ ٽائيم روزگار سان به سلهاڙيل آهي.
    برئڊفورڊ شهر ۾ موجود ڪيتريون ئي تفريحي جڳهون تجارتي مرڪز برئڊفورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ پڻ دلچسپيءَ جو خاصو سامان مهياڪن ٿا. يونيورسٽي جي ڪئمپسن توڙي هاسٽلن ۾ شاگردن کي متحرڪ رکڻ لاءِ تدريسي بندوبست سان گڏ تفريح لاءِ پڻ ڪيترا ئي ڪلب ۽ سوسائٽيون موجود آهن. “برئڊ فورڊ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين” شاگردن جي فلاح ۽ بهبود، تفريح ۽ تعليمي ترقي لاءِ ڪم ڪندي رهي ٿي. يونيورسٽي ۾ اسٽوڊنٽس يونين جي انتظام هيٺ هلندڙ سينما شاگردن کي دلچسپ فلمن ذريعي تفريح مهيا ڪندي رهي ٿي . انهيءَ کان علاوه ريڊيو، سئمنگ پول، فٽنيس ۽ اسپورٽس ڪلب، ثقافتي ۽ ادبي گروپ برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ذهني ۽ جسماني آسودگي حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪندا رهن ٿا .
    داخلائن متعلق وڌيڪ معلومات برئڊ فورد يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي پڻ موجود آهي ، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سندن نمائندن جوڏس پتو پڻ ڄاڻايل آهي. منهنجي خيال مطابق برئڊ فورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ ايجنٽن جي بجاءِ جيڪڏهن خواهشمند اميدوار سنئون سڌو يونيورسٽيءَ جي لاڳاپيل شعبي سان رابطو ڪن ته وڌيڪ بهتر آهي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 28 آگسٽ 2013)


    رَيڊنگ يونيورسٽي

    رَيڊنگ يونيورسٽي،
    جتان سنڌي شاگردن تعليم حاصل ڪئي آهي


    ڪاوش مئگزين ۾ دنيا جي درسگاهن تي ڇپجندڙ منهنجا مضمون پڙهي، چند ڏينهن اڳ يوڪي (UK) جا ٻه سنڌي نوجوان لاڙڪاڻي اچي مون وٽ نڪتا. پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ مون وٽ اچڻ جو مقصد اهو بيان ڪيائون ته کين ڪنهن معياري غير ملڪي اداري ۾ تعليم لاءِ داخلا وٺڻ جو طريقو ۽ ان لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جو دڳ ٻڌايان. شايد پهريان ته اوهان مان گھڻا اهو سوچيندا هوندا ته يو ڪي يعني “يونائيٽڊ ڪنڊم آف گريٽ برٽين ائنڊ آئرلينڊ” کان هي ٻه نوجوان ايڏو ڊگهو سفر ۽ تڪليف ڪري لاڙڪاڻي ۾ رڳو اها ننڍڙي ڳالهه پڇڻ ڪئين آيا جڏهن ته پاڻ اڳم ئي يو ڪي ۾ رهن ٿا، اتان ئي ڪٿان خبر چار لهي وٺن ها . دوستو ٿورو ترسو، ان حوالي سان هي اطلاع آهي ته يو ڪي صرف يورپ ۾ ئي نه پر اسان جي سنڌ ۾ به آهي. اسان جي تاريخي شهر عمر ڪوٽ (Umar Kot) جو نالو به ته مختصر صورت ۾ يو ڪي (UK)ئي لکبو۽ سڏبو آهي نه. سو انهيءَ سنڌ واري يو ڪي يعني عمر ڪوٽ جا هي ٻه نوجوان لاڙڪاڻي ۾ اچي مون وٽ پهتا. انهن مان هڪ جنهن جو نالو سروڻ ڪمار مالهي هيو ان چيو ته “ مان توهان جا درسگاهن بابت ڪاوش ۾ ڇپجندڙ مضمون پابنديءَ سان پڙهندو آهيان. ڪجهه وقت اڳ مون پڙهائي ڇڏي ڏني هئي پر هنن مضمونن پڙهڻ کان پوءِ وري مون ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو احساس ۽ جذبو پئدا ٿيو آهي. سو مون اڌ ۾ ڇڏيل پنهنجي پڙهائي کي وري جاري رکڻ لاءِ ڪامرس ڪاليج ۾ بي. ڪام پارٽ ٽو جي ڪورس ۾ داخلا ورتي آهي ۽ هاڻي اوهان وڌيڪ مشورو ڏيو ته مان بيچلر ڊگري وٺڻ کان پوءِ اسڪالر شپ ڪئين حاصل ڪريان ۽ ڪهڙي ملڪ جي معياري تعليمي اداري ۾ داخلا وٺان؟ ” سروڻ ڪمار جي همٿ ۽ جذبو ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، مون کيس گھربل صلاح مشورو ۽ پنهنجي لکيل ڪتابن جو تحفو ڏئي کيس تاڪيد ڪيم ته هو محنت جاري رکي ڪاميابي سندس قدم چمندي.
    مٿئين قصي ٻڌائڻ مان منهنجو مقصد اهو هيو ته اسان کي معلوم هجڻ گھرجي ته سنڌي نوجوانن جو گھڻو تعداد همٿ واري جذبي، شوق ۽ شعور سان سرشار آهي. انهن کي صحيح طرح جي رهنمائي جي ضرورت آهي. صرف هڪ دفعو انهن کي دڳ سان لائجي ته اهي پنهنجي منزل پاڻ ئي ماڻي وٺن ٿا. اسان وٽ هن کان اڳ به سنڌ جي نوجوانن جي اهڙين ڪاميابين جا ڪيترائي مثال موجود آهن جن جا حوالا هنن ڪالمن ۾ ايندا رهيا آهن. رَيڊنگ يونيورسٽيءَ واري اڄوڪي هن مضمون ۾ پڻ علم ۽ قلم واري ڪافلي ۾ شامل سنڌ جي اهڙين شخصيتن جو ذڪر ٿيندو جيڪي يورپ واري يو ڪي (UK) جي هن نامياري يونيورسٽي” مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن پر پهريان اچو ته هن يونيورسٽي بابت ڪجهه آگاهي حاصل ڪريون.
    پهريان ته اهو واضع ڪندو هلان ته اڄ اسان جو بيان جنهن يونيورسٽي بابت آهي سا “ رِيڊنگ” (reading) نه پر “ رَيڊنگ” (Reading) يونيورسٽي سڏجي ٿي. انگريزيءَ ۾ ٻنهي جي هِجي(spell) هڪجهڙي آهي پر اُچار ۾ ٿورو فرق آهي ۽ ٻيو فرق هي آهي ته لفظ read (رِيڊ)انگريزي ۾ فعل ليکجي ٿو جيڪو اڪثر ڪري ننڍيءَ “آر ” r)) سان لکبو آهي، جنهن جي معني آهي پڙهڻ. ان جو اسم حاليه آهي. (reading رِيڊنگ)، جڏهن ته “Reading” (رَيڊنگ) اسم خاص آهي ۽ ان جي شروعات ۾ هميشه وڏي “ آر ” (R) لکبي آهي. انگلينڊ ۾ رَيڊنگ جو شهر لنڊن کان اٽڪل 45 ڪلو ميٽر اولهه ۾ واقع آهي. ان ۾ قائم يونيورسٽي آف ريڊنگ (University of Reading ) جنهن کي عام طور تي ريڊنگ يونيورسٽي پڻ سڏجي ٿو سا پنهنجي تحقيقي سرگرمين ۽ تعليمي معيار جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي.
    حقيقت ۾ ريڊنگ يونيورسٽيءَ جي بنياد جو سهرو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ تي اچي ٿو. اوڻويهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪاليج ڪرائيسٽ چرچ جي انتظاميا کي هن ڪاليج جي توسيع جو خيال ذهن ۾ آيو، ان پروگرام تحت 1892ع ۾ برڪشائر ڪائونٽي جي شهر ريڊنگ ۾ اسڪول آف سائنس ائنڊ آرٽ کي ضم ڪري “يونيورسٽي ڪاليج آف ريڊنگ” قائم ڪيو ويو. بعد ۾ ڪاليج کي ترقي ڏئي 1926ع ۾ هن کي “يونيورسٽي آف ريڊنگ” بڻايو ويو. ريڊنگ يونيورسٽيءَ جون ريڊنگ شهر اندر ۽ ڀر پاسي ۾ چار ڪئمپسون آهن. تازو ئي پنجين ۽ پهرين غير ملڪي ڪئمپس ملائيشيا ۾ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هن يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف سائنس ۾ اسڪول آف ڪنسٽرڪشن مئنيجمنٽ ائنڊ انجنيئرنگ، اسڪول آف آرڪيالاجي، جيوگرافي ائنڊ انوائرنمنٽل سائنس، اسڪول آف مئٿميٽيڪل ائنڊ فزيڪل سائنس، اسڪول آف سسٽميٽڪ انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف لائيف سائنسز ۾ اسڪول آف بايولاجيڪل سائنسز، اسڪول آف ائگريڪلچر، پاليسي ڊيولپمنٽ، اسڪول آف ڪئميسٽري، فوڊ ائنڊ فارميسي، اسڪول آف سائيڪالاجي ائنڊ ڪلينيڪل سائنسز ۽ فئڪلٽي آف آرٽس، هيومنٽيز ائنڊ سوشل سائنسز ۾ اسڪول آف آرٽ ائنڊ ڪميونيڪيشن ڊزائين، ڊپارٽمنٽ آف فلم، ٿيٽر ائنڊ ٽيليويزن، اسڪول آف هيومنٽيز جا ڊپارٽمنٽ آف ڪلاسڪس، هسٽري ۽ فلاسافي، اسڪول آف لا، اسڪول آف لٽريچر ائنڊ لئنگوِجز، اسڪول آف پاليٽڪس، ايڪنامڪس ائنڊ انٽرنيشنل رليشنس آهن.
    سنڌ جون ڪي ئي نامياريون شخصيتون ريڊنگ يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن. انهن ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ وڳڻ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر دائم علي درباڻ ۽ ڊاڪٽر روشن علي وڳڻ، شڪارپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ رستم سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر علي نواز مهر ۽ پاڪستان سائنس فائونڊيشن اسلام آباد جو چيئرمن ڊاڪٽر منظور حسين سومرو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊيٽ پام ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام سرور مرکنڊ، ساڳيءَ يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر نور حسين شاهه بخاري، سنڌ يونيورسٽي جي نيچرل سائنس فئڪلٽي جو ڊين ڊاڪٽر عبدالرسول عباسي، وِيٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سڪرنڊ جا ڊاڪٽر علي مراد راهو، ڊاڪٽر ڪريم بخش لغاري ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو پروفيسر ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ ۽ ڊاڪٽر محمد جڙيل رند، شڪارپور جو ڊاڪٽر عبدالله سيٺار ۽ هالا وارو مُيَسر ميمڻ جيڪواڄڪلهه برمنگھم ۾ انجنيئر آهي پڻ شامل آهن. ڊاڪٽر دائم علي درباڻ ۽ ڊاڪٽر علي نواز مهر ريڊنگ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جا اعزاز حاصل ڪري مستقل طور تي ريڊنگ شهر ۾ ئي رهائش اختيار ڪئي آهي جتي هو اڄڪلهه برطانيا جي شهرت حاصل ڪري پنهنجا گھر خريد ڪري ٻارن ٻچن سميت رهيل آهن. مان به سندن وٽ هڪ مهينو مهمان طور رهي ريڊنگ يونيورسٽيءَ جا ڪي ئي ڀيرا درشن ڪري چڪو آهيان. لاڙڪاڻي جو هڪ نوجوان عبدالقيوم شيخ ۽ ٽنڊوالهيار جو فرحان علي پاٽولي به پنهنجي ڪٽنبن سان ريڊنگ شهر ۾ رهائش پذير آهن ۽ هو اتي نوڪريون ڪن ٿا.
    ريڊنگ يونيورسٽي ۾شاگردن جي رهائش لاءِ آرمده هاسٽلون موجود آهن. ڪئمپس اندر موجود ميوزمس جهڙوڪ “ ميوزم آف انگلش ريورل لائيف”، ميوزم آف “گرِيڪ آرڪيالاجي”، “ميوزم آف زولاجي”، “هاريس گارڊن” ۽ “يونيورسٽي آف ريڊنگ هربيريم” شاگردن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏ انهن جي سماجي ۽ سائنسي ڄاڻ جي واڌاري ۽ تفريح جا وڏا موقعا فراهم ڪندا رهن ٿا. يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنس يونين شاگردن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. هن شاگرد يونين پاران جاري ڪيل هڪ پندرنهن روزه اخبار “ اسپارڪ”، اسٽوڊنٽس ريڊيو اسٽيشن، ۽ اسٽوڊنٽس ٽيليويزن اسٽيشن شاگردن کي يونيورسٽي جي سرگرمين، نين نين ايجادن، تحقيقن ۽ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنسن، سيمنارن متعلق ضروري ڄاڻ فراهم ڪندا رهن ٿا. يونيورسٽيءَ جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ کي برطانيا جي بهترين ڊبيٽنگ سوسائٽي ۾ شامل هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.
    سرڪاري سيڪٽر جي هن ريسرچ يونيورسٽيءَ جي مکيه ڪئمپس ۾ موجود سينٽرل لائبريري شاگردن جي پڙهائي ۾ وڏي معاونت ڪندي رهي ٿي. هن لائبريري ۾ موجود ٻارنهن لکن کان وڌيڪ ڪتاب، آڊيو وڊيو سهوليتون، آرڪائيوِز ۽ ٻيو اليڪٽرانڪ انفرميٽِو مٽيريل چويهه ئي ڪلاڪ شاگردن جي استعمال لاءِ تيار رهي ٿو. يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسن ۾ ڊپارٽمنٽل لائبريريون پڻ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون. ريڊنگ يونيورسٽي پنهنجي سائنسي تحقيق ۽ ريسرچ وارين سهوليتن جي مدد سان مارڪيٽ ۾ انوائرنمنٽ، انفارميشن، لائيف سائنس ۽ مٽيريل سائنس جي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ هاءِ ٽيڪنالاجي ڪمپنين سان سهڪار ڪري سماج جي خدمت ۾ به پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهي ٿي.
    ريڊنگ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ جي خواهش رکندڙ سنڌي نوجوان يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس ۽ ايڊميشنس واري شعبي سان لهه وچڙ ۾ اچي، گھربل رُڪائيرمنٽس پوريون ڪري اتي پهچي سگھن ٿا. ريڊنگ شهر ۾ مستقل طور رهندڙ مٿي ذڪر ڪيل چار ئي سنڌي خاندان سنڌ کان ايندڙ ماڻهن جي کليءَ دل سان آجيان ڪندا رهن ٿا، جنهن لاءِ هو پڻ جس لهڻن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 6 نومبر 2013)


    نيو ڪاسل يونيورسٽي

    نيو ڪاسل يونيورسٽي،
    جتي سنڌ جا نوجوان به پڙهيا آهن

    پنهنجي ديس توڙي دنيا جا درسگاهه منهنجي لاءِ نامياري شاعر نارائڻ شيام جي هن شعر جيان آهن، “ درسگاهن سان دل منهنجي ڪتب خانه وطن منهنجو“. مان جڏهن به پنهنجي ملڪ جي ڪنهن به اڻڏٺل شهر ۾ ويو آهيان يا وري ڪڏهن پنهنجي ديس کان ٻاهر نڪتو آهيان ته پهريائين تمنا ۽ تلاش اتان جي ڪنهن تعليمي اداري جي درشن جي ئي ڪئي اٿم. اهو ان لاءِ ته جيئن ان جو واس ۽ سڳند وٺي پنهنجي روح کي به ريجهائجي ۽ واپس پنهنجي وطن وڃي ان جو احوال پنهنجي نوجوانن تائين به پهچائجي ته جيئن هو به ان اداري جي سرهاڻ سان سلهاڙجي پنهنجي محنتن ۽ لياقتن جي وسيلي اتي پهچي، علم جي زيور سان آراسته ٿي واپس اچي پنهنجو مستقبل به سنوارڻ جي ڪوشش ڪن ته پنهنجي خاندان، قوم ۽ ڌرتي تي خوشين ۽ خوشبوئن جي فضا کي ڦهلائڻ ۾ به ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگھن.
    مان پنهجي دوست ڊاڪٽر علي نواز مهر سان گڏجي جڏهن نيو ڪاسل شهر ۾ پير رکيو هيو ته منهنجو پهريون قدم ان دڳ ڏانهن وڌيو هو جيڪو هتان جي نامياري تعليمي اداري نيو ڪاسل يونيورسٽي ڏانهن پئي ويو. انهيءَ دوران اسان هن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪري ان شهر ۾ ئي مستقل طور رهائش اختيار ڪندڙ سنڌ جي ٻن سپوتن لاڙڪاڻي واري ڊاڪٽر فضل الله ٻگھيو ۽ خيرپور واري ڊاڪٽر بدرالدين لنڊ جو به ساٿ حاصل ڪيوهو ۽ وڃي يونيورسٽي جي وشال آڳنڌ ۾ پهتا هياسين. اهڙي طرح نيو ڪاسل يونيورسٽي اندر پسار ڪندا ان جي دلڪش نظاري ۽ حسين مظهرن مان مستفيض ٿيندا رهيا هياسين.
    “يونيورسٽي آف نيو ڪاسل اپان ٽائين” کي عام طور تي نيو ڪاسل يونيورسٽي چيو ويندو آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ برطانيا جي ڏيهي شاگردن سميت دنيا جي هڪ سئو ويهن کان به وڌيڪ ملڪن کان آيل ڪل پنجويهه هزار شاگرد زير تعليم آهن. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز جي رئنڪنگ مطابق هيءَ دنيا جي هڪ سئو اسي نمبر معياري يونيورسٽي ليکي وڃي ٿي. هن يونيورسٽي جي بڻ بڻياد جو سلسلو “نيوڪاسل اپان ٽائين” (Newcastle upon Tyne) شهر جي ٻن پراڻن تعليمي ادارن اسڪول آف ميڊيسن ائنڊ سرجري جيڪو 1834ع ۾ قائم ڪيو ويو هيو ۽ ڪاليج آف فزيڪل سائنسز جيڪو 1871ع ۾ نيو ڪاسل ۾ قائم ڪيو ويو هيو سان ملي ٿو. جيئن ته انهيءَ دور ۾ نيو ڪاسل اپان ٽائين شهر ۾ ڪا يونيورسٽي ڪونه هئي تنهنڪري انهن ٻنهي ڪاليجن کي گڏائي ان جو نالو رکيو ويو ڪِنگس ڪاليج. 1963ع ۾ ڪنگس ڪاليج جو درجو وڌائي ان کي “يونيورسٽي آف نيو ڪاسل اپان ٽائين” بڻايو ويو. نيو ڪاسل يونيورسٽي کي “ ريڊ برڪ يونيورسٽي” هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. “ريڊ برڪ يونيورسٽي” برطانيا جي انهن قديمي يونيورسٽين کي سڏيو وڃي ٿو جنهن جي روايتي طرز تعمير ۾ ڳاڙهين سِرن جو استعمال ٿيل آهي. اهڙين ريڊ برڪ يونيورسٽين جو تعداد محدود آهي پر انهن جي اندر ٿيندڙ تعليم ۽ تحقيق جو ڪم انهن يونيورسٽين کي هڪ خاص مقام بخشي ٿو. نيوڪاسل يونيورسٽي ۾ بعد ۾ تعمير ڪيل عمارتون جديد فن تعمير جواعليٰ نمونوآهن.
    هن يونيورسٽي جي ٽن فئڪلٽين جهڙوڪ فئڪلٽي آف سائنس، انجنيئرنگ ائنڊ ائگريڪلچر، فئڪلٽي آف ميڊيڪل سائنسز ۽ فئڪلٽي آف هيومنٽيز ائنڊ سوشل سائنسز ۾ چويهه اسڪول، چاليهه ريسرچ سينٽر ۽ ٻيا ڪيترائي تدريسي ۽ تحقيقي انسٽيوٽ آهن جيڪي شاگردن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهن.
    يونيورسٽي جي وسيع لئبري سسٽم ۾ ٽي وڏيون ۽ ٻيون ڪيتري ننڍيون ڊپارٽمنٽل لائبريريون آهن.جن ۾ ڏهن لکن کان وڌيڪ ڪتاب، مسودا، تحقيقي جرنل ۽ پنجن لکن کان وڌيڪ اليڪٽرانڪس وسيلا موجود آهن. هي لئبريري سسٽم برطانيا جي ڪنهن تعليم اداري جو واحد سسٽم آهي جنهن کي پنج ڀيرا مسلسل برطانيا جو “چارٽر مارڪ ايوارڊ” ۽ “ڪسٽمر سروس ائڪسيلئنس ايوارڊ” ڏنا ويا آهن. يونيورسٽي جي مقبوليت جي پيش نظر سال 2008ع ۾ هن يونيورسٽي جي هڪ انٽرنيشنل ڪئمپس سنگاپور ۾ پڻ قائم ڪئي وئي آهي جيڪا “ مئرائين انٽرنيشنل ڪئمپس سنگاپور” جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي.
    يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جي هڪ الڳ ڪشادي عمارت آهي جيڪا هن شهر جي هڪ مخير شخصيت سر سيسل جي مالي سهڪار سان 1924ع ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. شاگرد يونين جي نگراني ۾ شاگردن لاءِ اسپورٽس ڪلب، ثقافتي سرگرميون، تعليمي ۽ ذهني اوثر لاءِ هم نصابي پروگرام ۽ تفريحي ڪلب هلايا وڃن ٿا. ڪئمپس اندر شاگردن جي دلچسپي لاءِ موجود اهڙيون سهوليتون کين متحرڪ ۽ مزيدار زندگيءَ جا موقعا فراهم ڪنديون رهن ٿيون.
    نيو ڪاسل يونيورسٽيءَ ۾ سال 1948ع کان جاري ڪيل شاگردن جي اخبار “اسٽوڊنٽس نيوزپيپر” يونيورسٽي جي هر تعليمي، تحقيقي ۽ تفريحي عمل جي معلومات فراهم ڪندي رهي ٿي. ان کان علاوه ڪئمپس اندر قائم “اسٽوڊنٽس ريڊيو اسٽيشن” پڻ شاگردن جي دلچسپي پٽاندڙ نشريات کي جاري رکندي اچي ٿي.
    نيوڪاسل يونيورسٽيءَ مان سنڌ جون ڪافي شخصيتون پڻ تعليم حاصل ڪري چڪيون انهن ۾ خيرپور ميرس ضلعي جي هڪ ننڍي شهر “ وڏا ٽالپر” جو ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جيڪو اڄڪلهه پاڪستان سائنس فائونڊيشن اسلام آباد جو چئرمين آهي، خيرپور سان ئي تعلق رکندڙ ڊاڪٽر بدرالدين لنڊ جيڪو اڄڪلهه پنهنجي ڪٽنب سان نيو ڪاسل شهر ۾ ئي مستقل طور رهائس پذير آهي ۽ ڊاڪٽر فضل الله ٻگھيو جيڪو اصل ۾ موهن جي دڙي ڀرسان واقع هڪ ڳوٺ کبڙاڻي سان تعلق رکي ٿو اهو به نيوڪاسل يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪري اتي ئي پنهنجي خاندان سان مستقل سڪون پذير آهي. ڪاوش اخبار جي لاڙڪاڻي ضلعي واري بيوروچيف معشوق اوڍاڻي جو پٽ طاهر اوڍاڻو پڻ پنهنجي فيملي سميت نيو ڪاسل اپان ٽائن شهر ۾ مستقل طور رهائش پذير آهي. لاڙڪاڻي جي هڪ علمي شخصيت، بيلجم يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي يافته ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي اڳوڻي پرنسپال ڊاڪٽر حاجي خان ابڙي جو پٽ هيبت خان ابڙو پڻ نيو ڪاسل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو آهي.
    هن شهر جي تاريخ تي سرسري نگاهه وجهڻ سان خبر پئي ٿي ته هي شهر “ٽائين” نالي هڪ ندي جي اترئين ڪناري تي آباد آهي. جنهن علائقي تي موجوده شهر ٻڌل آهي ان کي رومن دورِ اقتدار ۾ “پونس ايلئس” سڏيو ويندو هيو ۽ اهو رومن آبادي وارو شهر ليکبو هيو. ان کان پوءِ جڏهن اقتدار ڏيهي ماڻهن جي هٿ آيو ته رابرٽ ثاني جيڪو “وليم دي ڪنڪيورر” جو پٽ هيو تنهن هتي يارهين صديءَ جي پڇاڙڪي ڏهاڪي ۾ هڪڙو محل (castle) ڪاسل جوڙايو جيڪو ٽائين نديءَ جي ڪناري تي هيو، جنهن ڪري هن شهر تي نالو به ان ڪاسل جي ڪري “نيو ڪاسل اپان ٽائين” پيو. بحرحال برطانيا جي هن خوبصورت شهر ۾ نيو ڪاسل يونيورسٽي دنيا جي ٻين ملڪن جي شاگردن جيان سنڌ جي نوجوانن لاءِ پڻ هڪجيترا موقعا فراهم ڪري ٿي، انهن موقعن مان فائدو صرف اهي وٺي سگھن ٿا جيڪي الله تو آهر چئي منزل جي تلاش ۾ نڪري پون ٿا.

    (ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين، 18 ڊسمبر 2013)


    برمنگھم يونيورسٽي

    برمنگھم يونيورسٽي،
    جتان جي استادن 8 نوبل انعام حاصل ڪيا


    برطانيا جي ٻئي نمبر وڏي شهر برمنگهم جي هڪ پرسڪون علائقي ۾ هالا جي دوست مُيَسر ميمڻ جي گھر ۾ ويٺا هياسين. هڪ گھڻ رخي ڪچهري وارو ماحول جڙيل هيو. ڪچهري ۾ شامل باقي سڀئي سنڌي دوست ته برطانيا جا مستقل رهاڪو هيا، پر مان ٿوري عرصي لاءِ مطالعاتي، تعليمي ۽ تفريحي دوري لاءِ اتي پهتل هيس. علي نواز مهر مون کي رَيڊنگ شهر مان پنهنجي ڪار تي ويهاري برمنگهم ۾ پهچي اتان جا مختلف تعليمي ادارا ۽ تفريحي جايون ڏيکاريندو، اتي رهندڙ سنڌي دوستن سان ڪچهري ڪرائڻ لاءِ اچي ميسر ميمڻ جي گھر پهچايو هيو. ٿوري ئي دير ۾ اتي رهندڙ نامياري ليکڪا، سماج سڌارڪ ۽ برمنگھم جي هڪ اسڪول ۾ درس وتدريس سان واڳيل سنڌ ڄائي ثريا مخدوم، ۽ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ اسان جو نوجوان دوست ۽ برمنگهم جو مشهور اٽارني ۽ سرگرم شخصيت بئريسٽر فياض کهڙو به اچي اتي پهتو هو. اسان جي هي ڪچهري رسمي خوش خير آفيت ۽ حال حوالن کان شروع ٿي سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي صورتحال کان وٺي سنڌ ۾ آيل تازين ٻوڏن جي تباهڪارين، امن امان ۽ تعليمي تباهي ۽ ٻين مسئلن متعلق ٽيڪا ٽپڻي تائين وڃي پهتي هئي. سڀني دوستن جو خيال هيو ته سنڌ کي درپيش سڀني سياسي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت کي سنجيدگيءَ سان اپاءَ وٺڻ سان گڏ سنڌ ۾ تعليمي ترقيءَ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ گھرجن. تعليم وقت جي اشد ضرورت آهي ۽ سٺي تعيلم ئي اسان کي دنيا سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلڻ جو حوصلو ڏيندي. برمنگھم جي ڌرتيءَ تي سنڌ جي سماجي ۽ تعليمي ترقي لاءِ هلندڙ هي ڳالهه ٻولهه منهنجي ان ويساهه کي اڃا به وڏيڪ پختو ڪري رهي هئي ته تعليم ئي هڪ اهڙو وسيلو آهي جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن کي سندن روشن مستقبل واري منزل ڏانهن وٺي ويندو. تنهنڪري کين ٻين ڳالهين کان وڌيڪ پنهنجي ديس سان گڏ دنيا جي معياري درسگاهن سان به روشناس ڪرائجي ته جيئن هو انهن مان به ڀرپور لاڀ حاصل ڪري پنهنجي وطن جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن. انهيءَ حوالي سان، مون کي اميد آهي ته برمنگھم يونيورسٽي بابت هي مضمون تعليم جي گھڻ گُھرن لاءِ اتساهه جو سبب بڻبو.
    برمنگھم يونيورسٽي انگلينڊ جي شهر برمنگھم ۾ واقع آهي. ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رئنڪنگ جي سال 2013ع واري سروي مطابق تدريسي ۽ تحقيقي سرگرمين جي معيار مطابق هي يونيورسٽي برطانيا جي ڏهون ۽ دنيا جي ٻاهٺهون نمبر معياري يونيورسٽي آهي. يونيورسٽي ۾ ڪل اٺاويهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ دنيا جي هڪ سئو کان وڌيڪ مختلف ملڪن جا انٽرنيشنل شاگرد پڻ شامل آهن.
    برمنگھم يونيورسٽي جو شمار برطانيا جي “ريڊ برڪ يونيورسٽيز” ۾ ٿئي ٿو. هتان جي ڪنهن به يونيورسٽي جي اهڙي سڃاڻپ خود يونيورسٽي جي قدامت ۽ اعليٰ معيار جو ثبوت ليکي ويندي آهي. رَيڊ بِرڪ يونيورسٽي (Read Brick University) يعني ڳاڙهين سرن واري عمارت ۾ قائم ٿيل يونيورسٽي . “رَيڊ بِرڪ يونيورسٽي” جو اصطلاح انگلئنڊجي ڇهن صنعتي شهرن ۾ قائم ٿيل ڪل ڇهن يونيورسٽين لاءِ استعمال ٿئي ٿو، انهن يونيورسٽين ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ۽ پهرين عالمي جنگ کان اڳ يونيورسٽيءَ واري حيثيت ماڻي هئي. شروعاتي دور ۾ انهن جي ڪجھه عمارتن جي تعمير ۾ ڳاڙهيون سرون استعمال ڪيون ويون هيون. انهن عمارتن جو شان ۽ شوڪت ۽ خوبصورتي اڄ به اکين کي کين وري وري ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي. ريڊ برڪ يونيورسٽين ۾ يونيورسٽي آف برمنگهم سميت يونيورسٽي آف لِوَرپُول، يونيورسٽي آف لِيڊس، يونيورسٽي آف شفيلڊ ۽ يونيورسٽي آف برسٽل اچي وڃن ٿيون. برمنگھم يونيورسٽي کي “ريڊبرڪ يونيورسٽي” هجڻ جو اعزاز برطانيا جي يونيورسٽين ۾ هڪ منفرد حيثيت بخشي ٿو.
    برطانيا توڙي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جون مختلف شعبن ۾ مشهور شخصيتن برمنگھم يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هتان پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ اهڙين شخصيتن ۾ برطانيا جا ٻه اڳوڻا وزير اعظم اسٽئنليبالڊوِن ۽ نيوِل چئمبرليئن، سنگاپور جا اڳوڻا ٻه وزير تائو رچرڊ ۽ مئٿياس يائو، اقوام متحده جو انڊر سيڪريٽريجنرل ڪرائيس ٽئرنٽ ۽ هانگ ڪانگ جو اڳوڻو چيف جسٽس جوفري ماتائولي شامل آهن. برمنگھم يونيورسٽي جي کاتي تي اٺ نوبيل انعام پڻ اچي وڃن ٿا جيڪي هن يونيورسٽي سان واڳيل اٺن محققن ۽ سائنسدانن پنهنجن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ نمايان ڪمن تي حاصل ڪيا آهن.
    برمنگھم يونيورسٽي 31 مئي 1900ع تي قائم ڪئي وئي هئي.هن يونيورسٽي جي شروعاتي ڏينهن ۾ ان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ برمنگھم جي مخير ماڻهن وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان حوالي سان سال 1900ع ۾ برمنگھم جي هڪ مخير ڪاروباري شهري “ لارڊ ڪئٿروپ ” پنهنجي پنجويهه ايڪڙ زمين يونيورسٽي انتظاميا جي حوالي ڪئي. هڪ ٻئي مخير شخص “ايندريو ڪارنيگي” يونيورسٽي جي مکيه عمارت جي تعمير لاءِ ان زماني ۾ پنجاهه هزار پائونڊن جو عطيو ڏنو. ان سان گڏ هڪ ٻئي مخير “سر چارلس هال ڪرافٽ” پڻ هن يونيورسٽي جي فنڊ ۾ پنهنجو عطيو شامل ڪيو، اهڙي طرح هيءَ يونيورسٽي پنهنجي پيرن تي بيهي تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ڪارنامن مٿان ڪارنام سرانجام ڏيندي وئي. برمنگھم يونيورسٽي پنهنجي قيام کان پوءِ اعليٰ ڪارڪردگي جي عيوض برطانيا جي” رسل گروپ” جي ميمبري جو اعزاز ماڻي چڪي آهي. رسل گروپ (Resell Group) برطانيا جي چويهه معياري يونيورسٽين جو هڪ اهڙو فورم آهي جيڪو پنهنجي ميمبر يونيورسٽين جي اعليٰ تدريسي ۽ تحقيقي معيار کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ انهن جي وچم سهڪار واروڪم رهي ٿو.
    برمنگھم يونيورسٽيءَ جون پنج فئڪلٽيون آهن جيڪي ڪاليج سڏجن ٿيون. جهڙوڪ، ڪاليج آف انجنيئرنگ ائنڊ فزيڪل سائنسز، ڪاليج آف ميڊيڪل ائنڊ ڊينٽل سائنسز، ڪاليج آف لائيف ائنڊ انوائرنمنٽ سائنسز، ڪاليج آف آرٽس ائنڊ لا ۽ ڪاليج آف سوشل سائنسز. هن ڪاليج ۾ برمنگھم بزنس اسڪول ۽ برمنگھم لا اسڪول پڻ اهم جڳهه والارين ٿا. مٿين سمورن ڪاليجن ۾ جديد تدريسي ۽ تحقيقي شعبا جهڙوڪ ڪيميڪل انجنيئرنگ، اليڪٽرانڪس، اليڪٽريڪل ائنڊ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ، سِوِل انجنيئرنگ، فزڪس ائنڊ ائسٽرانامي، ڪئنسر سائنسز، ڪلينيڪل ائنڊ ايڪسپريمينٽل سائنسز، ڊينٽسٽري، هيلٿ ائنڊ پاپوليشن سائنسز، اميونٽي ائنڊ انفيڪشن، بايو سائنسز، ارٿ ائنڊ انوائرنمنٽل سائنسز، سائيڪالاجي، اسپورٽس ائنڊ ايڪسرسائيزز، لئنگئجز، ڪلچر، لٽريچر، فلاسافي، آرٽ، هسٽري ۽ ميوزڪ وغيره ۾ گريجوئيشن، پوسٽ گريجوئيشن، ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين لاءِ ڪورس پڙهايا وڃن ٿا. هن يونيورسٽيءَ جون ٻه ڪئمپسون آهن جن ۾ مکيه ڪئمپس برمنگهم جي مرڪزي علائقي کان ساڍا چار ڪلوميٽر پري ايجبيسٽن واري علائقي ۾ واقع آهي جهن ڪري هن کي ايجبيسٽن ڪئمپس ۽ ان کان ٿورو اڳتي واقع ٻي ڪئمپس کي سيلي اوڪ ڪئمپس سڏيو وڃي ٿو. برمنگھم شهر ۽ ان کان ٻاهر پڻ هن يونيورسٽي جا آف ڪئمپس ادار موجود آهن ۽ انهن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ليول جي پڙهائي سان گڏ تحقيق جو پڻ ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن جي اهڙن آف ڪئمپس پروگرامن ۾ مشهور اديب شيڪسپيئر جي جنم ڀومي” اسٽراٽفورڊ اپان ايوان” ۾ “شئڪسپيئر انسٽيٽيوٽ”، ٽيلفورڊ شهر ۾ “ آئرن پرج انسٽيٽيوٽ ” ۽ ليڪ ڊسٽرڪٽ ۾ “ رائمنڊ پريسٽلي انسٽيٽيوٽ ” ۽ “برمنگھم سٽي سينٽر” پڻ شامل آهن.
    برمنگھم يونيورسٽي جي ڏهن لئبريرين ۾ لکين ڪتاب ۽ ريسرچ جرنل موجود آهن. يونيورسٽي ۾ شاگردن لاٰءِ ٻين سهوليتن سان گڏ برمنگھم يونيورسٽي هاسپيٽل پڻ سندن صحت جو خاصو خيال رکي ٿي .
    برمنگھم شهر ۾ دنيا جي ٻين ماڻهن جيان ڪجهه سنڌي ڪٽنب پڻ آباد آهن جن جو ٿورو ذڪر هن مضمون ۾ مٿي اچي چڪو آهي. پر هتي لاڙڪاڻي جي هڪ محنتڪش نوجوان راشد مغيري جو ذڪر پڻ ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻبو. راشد مغيري جيڪو لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي سان گڏ شام جو پنهنجي والد سان سندس پرنٽنگ پريس جي ڪم ڪار ۾ هٿ به ونڊائيندو هيو تنهن هتان انٽر پاس ڪري وڌيڪ تعليم برطانيا مان حاصل ڪرڻ جو پهه ڪيو ۽ آخرڪار مسلسل ڪوششون ڪري وڃي برمنگھم ۾ پهتو جتي هو اڄڪلهه گريجوئشن جو ڪورس به ڪري رهيو آهي ته ان سان گڏ برمنگھم جي هڪ پرنٽنگ پريس ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪري پنهنجي پڙهائي جو خرچ پکو پورو ڪرڻ لاءِ پئسا به ڪمائي رهيو آهي.
    برمنگھم يونيورسٽي سميت دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ وڃي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مضبوط ارادي ۽ مسلسل محنت جي ضرورت آهي. ائين ڪرڻ سان منزل پاڻ ئي سري اڳتي ايندي، بلڪل ائين جيئن ڀٽائي سائين پنهنجي بيت ۾ فرمايو آهي ته؛
    پاڻ ئي ايندو هوت، پر آئون به اڳڀري ٿيان

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 19فيبروري 2014)


    دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر

    دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر،
    جيڪا ماڊرن ائٽامڪ انرجي جي خالق جان ڊالٽن جي مادر علمي پڻ آهي


    مان ۽ منهنجو دوست ڊاڪٽر علي نواز مهر ڪار ۾ سوار ٿي اسڪاٽلينڊ جا مختلف شهر گھمندا، وئلزرياست جي بئنگر يونيورسٽي ۽ انگلينڊ جي نيوڪاسل يونيورسٽي جو چڪر لڳائيندا اچي مانچيسٽر ۾ پهتا هئاسين جتي اسان کي سنڌين جي هڪ سماجي تنظيم “سنڌي سنگت آف يو ڪي” جي هڪ ثقافتي، سماجي ۽ قومي محبتن واري ميل ميلاپ واري تقريب ۾ شموليت ڪرڻي هئي. هن تقريب ۾ برطانيا جي چئني رياستن جي مختلف شهرن مان اٽڪل ٻه سئو کن سنڌي ماڻهو اڪيلا توڙي پنهنجي ڪٽنبن سان اتي اچي گڏ ٿيا هيا. انهن ۾ ڪافي اهڙا سنڌي نوجوان شاگرد، استاد ۽ پنهنجي ملڪ جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ پروفيشنلس به شامل هيا جيڪي پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي اسڪالرشپ حاصل ڪري برطانيا جي مختلف درسگاهن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هيا. انهن دوستن سان ڳالهه ٻولهه دوران برطانيا جي کوڙ سارن ٻين ناميارن درسگاهن سميت انگلينڊ جي نامياري شهر مانچيسٽر ۾ واقع مانچيسٽر يونيورسٽي جو به وڏي اتساهه سان ذڪر ٿيو هيو.
    مانچيسٽر يونيورسٽي جي تفصيل ۾ وڃڻ کان پهريان اهو واضع ڪندو هلان ته مانچيسٽر جي نالي سان دنيا ۾ ٻه شهر ۽ ٻه يونيورسٽيون آهن. دنيا جو هڪ مکيه صنعتي شهر “مانچيسٽر” برطانيا ۾ آهي جتي جي مانچيسٽر يونيورسٽي جو پورو نالو “ دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر” آهي جنهن متعلق هي اڄوڪو مضمون اوهان پڙهي رهيا آهيو، ۽ ٻي مانچيسٽر يونيورسٽي آمريڪا جي انڊيانا رياست ۾ واقع هڪ ننڍڙي شهر “نارٿ مانچيسٽر” ۾ آهي.”دِي يونيورسٽي آف مانچيسٽر” جنهن کي عام طور تي صرف مانچيسٽر يونيورسٽي ئي سڏيو وڃي ٿو سا پنهنجي موجوده صورت ۾ ظهور پذير ته پهرين آڪٽوبر 2004ع ۾ ئي ٿي آهي پر هن جي قيام جو تاريخي حوالو هڪ صديءَ کان به مٿي واري عرصي جو آهي. شايد اها ڳالهه تعجب ۾ وجهندڙ هجي پر حقيت هيءَ آهي ته موجوده مانچيسٽر يونيورسٽي وجود ۾ تڏهن آئي جڏهن 2004ع واري سال ۾ مانچيسٽر جي ٻن قديمي يونيورسٽين جهڙوڪ “يونيورسٽي آف مانچيسٽر انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي” ۽ “وڪٽوريا يونيورسٽي آف مانچيسٽر” کي پاڻ ۾ گڏائي کين هڪ جامع ۽ وسيع يونيورسٽي جي شڪل ۽ حيثيت ڏئي ان تي نئون نالو “ دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر” رکيو ويو. مانچيسٽر يونيورسٽي ۾ ضم ڪيل انهن ٻنهي آڳاٽين يونيورسٽين جي قيام ۽ واڌِ وِيجهه جو سهِرو مانچيسٽر جي ٽن مخير شخصيتن جهڙوڪ جان ڊالٽن، جان اووينس ۽ رچرڊ ڪوبڊن جي سرن تي آهي جن پنهنجي مالي سهاتا ۽ شخصي ڪوششن سان 1824ع ۾ غريب صنعتي مزدورن ۽ ورڪرن لاءِ مانچيسٽر ۾ “مڪينڪس انسٽيٽيوٽ” (جيڪو اڳتي هلي يونيورسٽي آف مانچيسٽر انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي بڻيو) ۽ 1851ع ۾ “اووينس ڪاليج” (جيڪو اڳتي هلي وڪٽوريا يونيورسٽي بڻيو)، جهڙا تعليمي ۽ تربيتي ادارا قائم ڪيا جن بعد ۾ ترقي ڪري يونيورسٽين جو روپ اختيار ڪيو ۽ پوءِ مانچيسٽر يونيورسٽي جهڙي درسگاهه جو بنياد بڻيا.
    مانچيسٽر شهر جي مرڪزي علائقي کان ڏکڻ طرف آڪسفورڊ روڊ تي واقع دِي يونيورسٽي آف مانچيسٽر برطانيا جي مشهور “رَيڊ بِرڪ” يونيورسٽي آهي.هن ۾ اٽڪل چاليهه هزار شاگرد يارنهن هزار تدريسي، انتظامي ۽ مددي عملي جي نگراني ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. دنيا جي ٻين ملڪن کان آيل شاگردن جو پڻ وڏو تعداد مانچيسٽر يونيورسٽي ۾ پنهنجي تعليم جي سفر ۾ ڏيهي شاگردن سان همسفر آهي.
    ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز جي 2014ع واري سروي رپورٽ مطابق مانچيسٽر يونيورسٽي يورپ جي ٻارهون ۽ دنيا جي اڻونجاهون نمبر اعليٰ معياري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۽ عملي مختلف شعبن ۾ نمايان تحقيق ۽ ڪارڪردگي جي عيوض پنجويهه نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن.هن جي تدريسي ۽ تحقيقي عملي ۾ اڄڪلهه پڻ چار نوبيل انعام يافته شخصيتون شامل آهن.
    مانچيسٽر يونيورسٽي جي ويب سائيٽ واري پَيج تي مهيا ٿيل معلومات موجب هي يونيورسٽي دنيا اندر “نيوڪليئر سائنس” واري ڊوڙ ۾ سڀ کان پهريان شامل ٿيندڙ چند ادارن مان هڪ آهي ڇو ته سڀ کان پهريان هن يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ سائنسدان ارنيسٽ رٿ فورڊ جي ڪيل تحقيق جي بنياد تي ائٽم (atom) کي ٽوڙڻ جو تجربو ڪيو ويو هو. ان کان علاوه ڪمپوٽر سائنس واري حوالي سان پڻ هن يونيورسٽي ڏي اهو اعزاز به وڃي ٿو ته هن جي هڪ پروفيسر ۽ سائنسدان 1948ع ۾ هڪ مشين ٺاهي ان ۾ گڏ ڪيل ڊيٽا کي پروگرام جي صورت ۾ هلائي ڪمپيوٽر واري انقلابي دور ۾ سڀ کان پهرين قدم رکندڙ سائنسدانن جي فهرست ۾ شامل ٿيو.
    مانچيسٽر يونيورسٽي مان پڙهي نڪتل ڪيترن ئي شاگردن زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ ذريعي دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو درج ڪرايو آهي. هن يونيورسٽي جي اهڙن ٻين کوڙ سارن اڳوڻن شاگردن ۾ ماڊرن ائٽامڪ ٿئيوري جو خالق جان ڊالٽن، ريپبلڪ آف آئرلئينڊ جو صدر، مشهور ٽي وي ڊرامه سيريل شرلاڪ هومز ۾ جاسوس شرلاڪ هومز جو ڪردارادا ڪندڙ اداڪار بئنڊڪٽ ڪئمبرپئچ پڻ شامل آهن.
    مانچيسٽر واري شهر ۾ دي يونيورسٽي آف مانچيسٽر کان سواءِ ٻه ٻيون يونيورسٽيون جهڙوڪ مانچيسٽر ميٽروپوليٽن يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف سلفورڊ پڻ آهن. مانچيسٽر جي انهن ٽنهي يونيورسٽين مان ڪيترا ئي سنڌي پڻ تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ معلومات وٺڻ لاءِ مان مانچيسٽر ۾مستقل طور رهندڙ پنهنجي دوست گل سنائي ميمڻ سان رابطو ڪيو. گل سنائي ميمڻ مانچيسٽر جي نيشنل هيلٿ سروس واري کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏ ميٽرو پوليٽن يونيورسٽي مانچيسٽر مان قانون ۾ گريجوئيٽ ڊپلوما واري ڪورس لاءِ پڙهائي به ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ هن مانچيسٽر يونيورسٽي مان مينٽرشپ جو ڪورس ڪيو آهي. گل سنائي ميمڻ مانچيسٽر ۾ پڙهندڙ ۽ رهندڙ سنڌين بابت ڪافي معلومات مهيا ڪئي. هن ٻڌايو ته مانچيسٽر ۾ سنڌين جي سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي ڀلائي واري هڪ تنظيم “ سنڌي سنگت آف يوڪي” پڻ موجود آهي. جيڪڏهن سنڌ مان ڪو به سنڌي برطانيا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ وڃڻ جي خواهش رکي ٿو ته سنڌين جي هيءَ سنگت انهن جي تعليم، رهائش ۽ اتان جي تعليمي ادارن متعلق معلومات ميسر ڪرڻ ۾ سهڪار ڪندي. “سنڌي سنگت يو ڪي سان رابطي ڪرڻ لاءِ سندن اِي ميل هن ريت آهي sindhisangatuk@yahoo.com. گل سنائي ميمڻ جيڪو پاڻ به هن سنگت جو اهم رڪن آهي ان وڌيڪ ٻڌايو ته مانچيسٽر ۾ ڪافي سنڌي خاندان مستقل طور رهائش پذير آهن. اتي مستقل طور رهندڙ سنڌين ۾ عبدالجبار قريشي، ڊاڪٽر لياقت عباسي، ڊاڪٽر مسز سلميٰ عباسي، ڊاڪٽر قاسم چنا، ڊاڪٽر دولت رام، محمد جمن سومرو، ۽ محبوب علي ڪلهوڙو (جيڪي سڀئي برطانيا جي نيشنل هيلٿ سروس واري کاتي ۾ ۾ نوڪري ڪن ٿا)، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر روبينا شيخ، ڊي ايم ڊجيٽل نيٽ ورڪ ۾ ڪم ڪندڙ شبير ٻانڀڻ، پنهنجو خانگي ڪاروبار ڪندڙ راج ڪمار، نسيم ميمڻ، اميت ڪمار، سريش ڪمار، اڳوڻو جنرل پريڪٽسنر ڊاڪٽر شبير احمد راهوجو، شهر يار قريشي، ڪامران لاشاري ۽ نويد تنيوشامل آهن.
    مانچيسٽر جي يونيورسٽين مان جيڪي سنڌي اعليٰ تعليم حاصل ڪري ويا آهن انهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڊاڪٽر اعجاز سومرو، ڊاڪٽر عيسيٰ عباسي، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جو ڊاڪٽر اشفاق ميمڻ، سنڌ جي مختلف کاتن جا آفيسر رفيق الرحمان ميمڻ ۽ فيصل رند، سکر جي اڳوڻي ناظم جو فرزند شبير شاهه، وقاص سرڪي (لنڊن ۾ رهندڙ) ، وسيم ميمڻ ۽ نويد تنيو شامل آهن.
    مانچيسٽر يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ ويندڙ نوجوانن کي هن يونيورسٽي ۾ دنيا جي سڀني اهم جديد علمن جا تدريسي ۽ تحقيقي شعبا عالمي معيار مطابق ڪم ڪندي ملندا. هن يونيورسٽي جي اهڙن کوڙ سارن اهم تدريسي شعبن ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ فزڪس سائنسز جا شعبا مڪينيڪل، ايرو اسپيس ائنڊ سِوِل انجنيرنگ، ڪيميڪل انجنيئرنگ ائند ايناليٽيڪل سائنسز، ڪمپيوٽر سائنس، مٽيريل ائنڊ مئٿميٽڪس، فئڪلٽي آف لائيف سائنس جو اسڪول آف بايولاجيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف هيومنٽيز جا اسڪول آف آرٽس، هسٽري، ڪلچر، آرڪيالاجي، لا، وزيل اسٽڊيز، ڊراما، آرڪيٽيڪچر، لنگوجز ائنڊ لنگوِسٽڪس، انگلش لٽريچر، اسڪول آف ايجوڪيشن، انِوائرنمنٽ ڊيولپمنٽ، ميوزولاجي، ميوزڪ، ڪلاسڪ ائنڊ اينشن هسٽري ۽ مانچيسٽر بزنس اسڪول وغيره شامل آهن. انهن کان علاوه مانچيسٽر يونيورسٽي جي لکن جي تعداد ۾ ڪتابن جو ذخيرو رکندڙ وسيع ۽ جديد سهولتن سان آرسته لئبريري، مانچيسٽر ميوزم، وائيٽ ورٿ آرٽ گئلري ۽ شاگردن جي ڀلائي وارا گروپ، تنظيمون ۽ ڪلبس هتان جي شاگردن جي تدريسي عمل کي ڪارج ڀريو بڻائڻ سان گڏ هنن جي لاءِ تفريحي سرگرمين کي پڻ جلا بخشين ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 9 اپريل 2014)


    ايڊنبرا يونيورسٽي

    ايڊنبرا يونيورسٽي،
    جيڪا ڊارون، گراهم بيل ۽ بختاور ڀٽو زرداري جي مادر علمي آهي


    اسڪاٽلينڊ جي گادي واري شهر ايڊنبرا ۾ واقع ايڊنبرا يونيورسٽي، اڄ کان ٻه سال کن اڳ، پاڪستان جي ٻين اخبارن سميت سنڌي اخبارن جي خبرن جي به زينت بڻي هئي. خبر هيءَ هئي ته “سنڌ جي راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ايڊنبرا يونيورسٽي جي “اسڪول آف لٽريچر، لئنگئج ائنڊ ڪلچرس” مان پنهنجي گريجوئيشن واري چئن سالن تي مشتمل تعليم جي پڄاڻي تي يونيورسٽي پاران 28 جُون 2012ع تي منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ انگريزي ادب واري سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن جي ڊگري وصول ڪئي جنهن ۾ بختاور ڀٽو جي والد ۽ پاڪستان جي تڏهوڪي صدر آصف علي زرداري پڻ شرڪت ڪئي. بختاور ڀٽو جنهن کي سندس ماءَ شهيد بينظير ڀٽو پيار مان “اِٽي بِي”(Itty Bee) سڏيندي هئي تنهن انگريزي لٽريچر ۾ گريجوئيشن واري ٿيسز لاءِ جنهن موضوع تي تحقيق ڪئي هئي اهو هو “Shakespeare’s political heroines in Anthony and Cleopatra, Macbeth, Othello and The winter’s Tale” يعني“شڪيسپيئر جي ڊرامن ائنٿوني ائنڊ ڪليوپئٽرا، مئڪبيٿ، اوٿيلو ۽ دي ونٽرس ٽيل جون سياسي هيروئنيون” ايڊنبرا يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ هن سنڌي نياڻي نه رڳو پنهنجين صلاحيتن جي آڌار اسڪاٽلينڊ جي انهيءَ يونيورسٽي ۾ پنهنجو ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو پر ان يونيورسٽي کي پڻ اسان جي ڌيان جو مرڪز بڻايو.
    ”دِي يونيورسٽي آف ايڊنبرا” جنهن کي عام طور تي صرف ايڊنبرا يونيورسٽي سڏيو ويندو آهي سا برطانيا جي اتر طرف واري رياست اسڪاٽلينڊ جي گادي واري شهر ايڊنبرا ۾ اڄ کان چار سئو ايڪيٽهه سال اڳ يعني 1583ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هي يونيورسٽي اسڪاٽلينڊ جي پراڻين يونيورسٽين مان هڪ آهي جيتوڻيڪ اسڪاٽلينڊ جي ڏيهي ٻولي “اسڪاٽش” آهي پر هن رياست، برطانيا جو حصو هجڻ ڪري، انگريزي کي پنهنجي ٻي ٻوليءَ طور اختيار ڪيو آهي، جنهنڪري هتي درس ۽ تدريس جوعمل انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي ٿيندو آهي.
    ايڊنبرا شهر جيڪو خود يارنهين عيسوي صدي ۾ قائم ٿيو هيو ۽ پندرنهين صدي کان اسڪاٽلينڊ جي حڪومتي ۽ انتظامي گادي جو هنڌ آهي ان جي تاريخي اهميت جي حامل هڪ پراڻي پر مرڪزي علائقي ۾ چار صديون اڳ واقع ٿيل هي يونيورسٽي نه رڳو وقت جي ڇوليون هڻندڙ طوفاني وِيرن سان ٽڪرائبي پاڻ به تاريخي حيثيت ماڻي چڪي آهي پر هن يونيورسٽيءَ دنيا ۾ڪي ئي تاريخ ساز شخصيتون پيدا ڪري سماج ۾ پنهنجي ڪارج ڀرئي ڪردار جي ساک پڻ قائم ڪئي آهي. اِهو هِن يونيورسٽي ۾ صدين کان روان دوان علم ۽ ادب جي ڪاروان جو ئي نتيجو آهي جو يورپ ۾ ارڙهين صدي دوران آيل سجاڳيءَ واري دور (The Enlightenment) ۾ايڊنبرا شهر کي به علم ادب، ساڃاهه ۽ سرت جو مرڪز سمجهيو ويندو هيو ۽ ان حوالي سان هن شهر کي .”ايٿنس آف نارٿ” جي لقب سان به متعارف ڪرايو ويندو هيو ڇاڪاڻ ته قديم يونان جو شهرايٿنس عالمن۽ فلاسافرن جو مرڪز هيو.هن يونيورسٽي مان پڙهي نڪتل شخصيتن جن پنهنجن ڪارنامن جي عيوض دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو انهن ۾ “ارتقا واري نظريي” (Evolution Theory)جو باني چارلس ڊارون، ٽيليفون ايجاد ڪندڙ سائنسدان الينگّزينڊر گراهم بيل، برطانيا جا ٽي اڳوڻا وزيراعظم گورڊن برائون، لارڊ پالمسٽرن ۽ لارڊ جان رسل، ڪئناڊا جو اڳوڻو وزيراعظم چارلس ٽوپر، ڏکڻ ڪوريا جو اڳوڻو صدر يون جُو سيوز ۽ اڳوڻو وزيراعظم جانگ تائڪ سئنگ، نڪاراگوا جو اڳوڻو صدر وليم واڪر، آفريڪي ملڪ تنزانيا جو پهريون صدر جولئس نيريري،مالوي جو اڳوڻو صدر هئسٽگس باندا، ڪولمبيا جي موجوده عورت وزير اعظم ڪرسٽي ڪلرڪ، شام ملڪ جي پهرين عورت نائب وزيراعظم نجاح العطار، مصر جي اڳوڻي عورت وزير حڪمت ابوزيد، رومانيا جي شهزادي مارگريٽا، اردن جي بادشاهه حسين ۽ راڻي نور جي ڌيءُ شهزادي رائيا بنت الحسين، انگريزي ٻوليءَ جا مشهور اديب سر والٽر اسڪاٽ، رابرٽ لوئس اسٽينونسن، چوٿين جولاءِ 1776ع ۾ برطانيا کان آمريڪا جي آزادي واري معاهدي تي صحيح ڪندڙ جيمس ولسن، جان وڌراسپون ۽ بينجمن رش سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن جون مشهور شخصيتون شامل آهن. هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل ارڙهن محققن ۽ سائنسدانن پنهنجي نمايان ڪمن جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز جي 2013ع واري سروي مطابق ايڊنبرا يونيورسٽي آرٽس ۽ هيومنٽيز وارن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ معيار جي لحاظ کان دنيا ۾ يارنهين نمبرآهي.
    ايڊنبرا يونيورسٽي 1583ع ۾ قائم ڪئي وئي. هيءَ يونيورسٽينون فئڪلٽين ۽ ڪيترن ئي ، انسٽيٽيوٽس، ريسرچ لئبارٽرين ۽ ٻين اهم مرڪزن تي مشتمل هئي پر2002ع ۾ يونيورسٽي جي سڀن فئڪلٽين کي ٽن ڪاليجن ۾ گڏايو ويو آهي جهڙوڪ ڪاليج آف سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، ڪاليج آف سوشل سائنسز ائنڊ هيومنٽيز ۽ ڪاليج آف ميڊيسن ائنڊ ويٽرنري سائنسز. اهي ڪاليج مختلف تدريسي ۽ تحقيقي سبجيڪٽن جي حوالي سان ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ورهايل آهن. ايڊنبرا يونيورسٽي جو ڪاليج آف سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز ٻين ٻنهي ڪاليجن کان وڏو ۽ وسيع آهي. هن ڪاليج ۾ يارنهن اسڪول آهن جهڙوڪ اسڪول آف لٽريچرس، لئنگوِجز ائنڊ ڪلچرس، بزنس اسڪول، موري هائوس اسڪول آف ايجوڪيشن، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر ائنڊ لئنڊ اسڪيپ، اسڪول آف هسٽري، ڪلاسڪس ائنڊ آرڪيالاجي، اسڪول آف فلاسافي، سئڪالاجي ائنڊ لئنگوجز سائنس، اسڪول آف سوشل ائنڊ پوليٽيڪل سائنس، اسڪول آف هيلٿ اِن سوشل سائنس، اسڪول آف ايڪنامڪس، اسڪول آف ڪمپيوٽنگ ائنڊ انفرميٽڪس ۽ اسڪول آف ڊِوِنٽي وغيره. هن يونيورسٽي جو انگريزي ادب وارو شعبو برطانيا ۾ سڀ کان آڳاٽو آهي.
    ايڊنبرا يونيورسٽي جو ڪاليج آف ميڊيسن ائنڊ ويٽرنري ميڊيسن پڻ وڏي نالي ۽ اهميت وارو آهي. هن ۾اسڪول آف بايوميڊيڪل سائنسز، اسڪول آف ڪلينيڪل سائنسز، رايل اسڪول آف ويٽرنري اسٽڊيز ۽ ايڊنبرا يونيورسٽي ميڊيڪل اسڪول قائم آهن. يونيورسٽي جي هن ڪاليج جي محققن ۽ سائنسدانن وڏيون ايجادون ۽ دريافتون ڪري يونيورسٽيءَ لاءِ دنيا ۾ نيڪنامي حاصل ڪئي آهي. يونيورسٽي جي هن ڪاليج مان پڙهيل سائنسدانن جي ايجادن ۽ دريافتن ۾ ارتقا جو نظريو، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪلوروفارم اينٿيزيا، آڪسٽوسن، هيپاٽئيٽس بي جي ويڪسن، ٽي بي جو علاج وغيره شامل آهن.
    هن يونيورسٽي جو ٽيون ڪاليج جيڪو ڪاليج آف سائنس ائنڊ انجنيئرنگ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ان ۾ اسڪول آف ڪيمسٽري، اسڪول آف مئٿميٽڪس، اسڪول آف فزڪس ائنڊ ائسٽرانامي، اسڪول آف انجنيئرنگ وغيره قائم آهن.
    ايڊنبرا يونيورسٽي تعليم ۽ تحقيق وارين سرگرمين سان گڏ هم نصابي سرگرمين، تفريحي، ثقافتي ۽ شاگردن جي ڀلائي وارين سرگرمين جو پڻ مرڪز آهي. هتان جي شاگردن جو پڙهائي سان گڏ سماجي طور متحرڪ هجڻ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هتان جي شاگردن جون سوسائٽيون ۽ تنظيمون جهڙوڪ ايڊنبرا يونيورسٽي سوشلسٽ سوسائٽي، ينگ گرينس، پيپل ائنڊ پلانيٽ، ايڊنبرا گلوبل پارٽنر شپ، اسٽوڊنس فار جسٽس اِن فلسطين ۽اهڙا ئي ٻيا شاگردن جا گروپ برطانيا سان گڏ دنيا جي ماحولاياتي بهتري، سماجي انصاف، پائيدار ترقي۽ معاشي برابري لاءِ آواز اٿاريندا رهن ٿا. راند روند ۽ تفريحي، ۽ اشاعتي شعبي ۾ پڻ هتان جا شاگرد گھڻن کان اڳڀرا آهن. ايڊنبرا يونيورسٽي جي شاگردن 1887ع ۾ “دِي اسٽوڊنٽس” نالي اخبار جاري ڪئي هئي جيڪا اڄ تائين وڏي ڪاميابي سان پنهنجي پڙهندڙن تائين دلچسپ معلومات پهچائيندي رهي ٿي.انهيءَ کان علاوه هتان جي شاگردن جو جاري ڪيل “دِي جرنل” پڻ شاگردن جي اشاعتي صلاحيتن جو ثبوت آهي. ايڊنبرا يونيورسٽي اسپورٽس يونين هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل ستهٺ اسپورٽس ڪلب هلائي ٿي. ايڊنبرا يونيورسٽي ۾ 1896ع ۾ قائم ڪيل ايڊنبرا يونيورسٽي ٿيٽر ڪمپني، ڊراماٽڪ سوسائٽي، اوپيرا گروپ، فٽ لائيٽ ميوزيڪل ٿيٽر هتان جي شاگردن کي نه رڳو “پَرفارمنگ آرٽ” وسيلي تفريح ميسر ڪندا آهن پر شاگردن کي شموليت جا موقعا ڏئي انهن ۾ موجود فنون لطيفه وارين صلاحيتن جو پڻ واڌارو ڪندا رهن ٿا. هتان جا شاگردن جي سماجي شعور ۽ خدمت جي جذبي جو مثال هي آهي ته هنن پنهنجي همٿ سان “ اسٽوڊنٽس هائوسنگ ڪو آپريٽو سوسائٽي” ۽ “هارٽي اسڪيورل فوڊ ڪوآپريٽو سوسائٽي” جهڙيون تنظيمون قائم ڪري شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ پڻ جوڳو انتظام ڪيو آهي.
    ايڊنبرا يونيورسٽي سان گڏ هن شهر جا ٻيا اعليٰ درسگاهه جهڙوڪ هيرياٽ واٽ يونيورسٽي، ڪوئين مارگريٽ يونيورسٽي، ايڊنبرا نيپيئر يونيورسٽي، ايڊنبرا ڪاليج آف آرٽ، اسڪاٽس ائگريڪلچر ڪاليج، ايڊنبرا ٽيلفورڊ ڪاليج، ۽ انٽرنيشنل ڪاليج وغيره هن شهر ۾ علم ادب جي سهوليتن سان گڏ هن جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. ايڊنبرا جي اها سونهن جيڪا ٻه ٽي سال اڳ مون به پسي هئي، اوهان به ان جا مظهر پسي سگھو ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين 30 اپريل 2014)


    بئنگر يونيورسٽي

    بئنگر يونيورسٽي
    جتان سنڌ جي ڪافي شاگردن تعليم حاصل ڪئي

    مان ڪجهه سال اڳ جڏهن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙهائيندو هيس، تڏهن منهنجا ڪيترا ئي ساٿي استاد ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ڪيترائي سنڌي نوجوان قومي توڙي بين الاقومي ادارن مان اسڪالرشپ ۽ مالي سهائتا حاصل ڪري برطانيا جي رياست ويلز ڏانهن ويل هيا جتي هو بئنگر يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا هيا. جيئن ته زرعي يونيورسٽي ٽندوڄام سان واڳيل پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙاستادن جو خاصو تعداد پڻ بنگر يونيورسٽي جي زرعي تعليم واري شعبي مان پڙهي آيل هيو تنهنڪري اسان جي سنگت ۾ به بئنگر يونيورسٽي جو ذڪر گھڻو ٿيندو هيو. اهو ئي سبب هيو جو جڏهن مون کي به برطانيا وڃڻ جو موقعو مليو هيو ته مان به پنهنجي هن مطالعاتي دوري ۾ برطانيا جي ويلز رياست ۾ واقع بئنگر يونيورسٽي جي درشن ۽ ديدار جو پروگرام اوليت تي رکيو هيو.
    نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي شڪارپوري دوست ڊاڪٽر علي نواز مهر سان گڏجي وڃي برطانيا جي ويلز رياست واري شهر “بئنگر” ۾ پهتاسين ۽ پوءِ اتي هڪدم بئنگر يونيورسٽي جو رخ ڪيوسين. بئنگر يونيورسٽي ۾پهچڻ تي اسان جو آڌرڀاءَ اتي جي ٻن سنڌي شاگردن ظهيرالدين سومرو ۽ مظهر علي ڪيريو ڪيو. اهي ٻئي سنڌي سپوت زرعي تعليم ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ پڙهائي ڪري رهيا هيا. رسمي خير آفيت کان پوءِ اسان بئنگر يونيورسٽي جي مختلف تدريسي ۽ تحقيقي شعبن، فئڪلٽين، لئبريرين ۽ رهائشي سهوليتن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو، ۽ ان دوران اتان جي ڪائونٽرن تان يونيورسٽي بابت ڇپيل معلوماتي لٽريچر پڻ حاصل ڪيو. ان معلوماتي لٽريچر ۽ ٻين ذريعن کان حاصل ڪيل معلومات موجب بئنگر يونيورسٽي جي قصو ڪجهه هيٺيئن ريت آهي.
    بئنگر يونيورسٽي جنهن کي مقامي ويلش ٻولي ۾ “پرفوسگل بئنگر” سڏيو ويندو آهي سا نارٿ ويلز جي ڪائونٽي “گُوانِيد” جي هڪ ننڍڙي شهر “بئنگر” ۾ 1885ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هن يونيورسٽي جي قيام جو قصو هن طرح آهي ته اڻويهين صدي جي پڇاڙڪي اڌ ۾ ويلز جي ماڻهن اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪرڻ شروع ڪئي ته سندن رياست ۾ وچولي درجي جا تعليمي ادارا ته موجود آهن پر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وٽن ڪو اعليٰ درجي جو درسگاهه موجود ڪونه آهي جنهن ڪري سندن نئين نسل کي اعليٰ تعليم لاءِ ويلز کان ٻاهر واجهائڻو پوي ٿو. انهيءَ ڳالهه کي ڳڻي پنهنجي رياست ۾ هنن اعليٰ سطح جي درسگاهه جي قيام لاءِ هڪ ڀر پور تحريڪ هلائي. انهيءَ دوران هنن نه رڳو وقت جي حڪومت تي زور بار رکيو پر پنهنجي هڙان وڻان پڻ مالي مدد ڪري وَيلز ۾ اعليٰ تعليمي اداري جي قيام جون ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. آخرڪار عوام جون ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ 18 آڪٽوبر 1884ع تي ويلز رياست جي بئنگر شهر ۾ يونيورسٽي جي سطح جو هڪ تعليمي ادارو “ يونيورسٽي ڪاليج آف نارٿ ويلز” جي نالي سان قائم ڪيو ويو. هن ڪاليج کي 1885ع ۾ يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو. شروعات طور هن جو تدريسي ڪم بنئگر شهر ۾ “پنرهين آرمس” جي نالي هڪ “ڪوچنگ سينٽر” جي پراڻي عمارت ۾ شروع ڪيو ويو هو ارڙهن سال پوءِ بئنگر شهر جي انتظاميا يونيورسٽي جي نئين عمارت تعمير ڪرڻ لاءِ 10 ايڪڙ زمين يونيورسٽي اختيارين جي حوالي ڪئي جنهن تي اڄ بئنگر يونيورسٽي جي اصلوڪي عمارت قائم آهي. اڻويهين صديءَ ۾ هن يونيورسٽي جي قيام جي پهرين سال يونيورسٽي ۾ صرف اٺونجاهه شاگرد ۽ ڏهه استاد موجود هيا پرترقين جا سفر تيزيءَ سان طئي ڪندڙ هن يونيورسٽيءَ ۾ اڄڪلهه ٻارنهن هزار شاگرد ۽ ٻه هزار تدريسي ۽ انتظامي عملو موجود آهي.
    بئنگر يونيورسٽي پنجن ڪاليجن تي مشتمل آهي جن ۾ڪاليج آف نيچرل سائنسز، ڪاليج آف هيلٿ ائنڊ بهيوريل سائنسز، ڪاليج آف فزيڪل ائنڊ اپلائيڊ سائنسز، ڪاليج آف آرٽس، ائنڊ هيومنٽيز، ڪاليج آف بزنس، لا ائنڊ سوشل سائنسزشامل آهن جن ۾ سڀني جديد سبجيڪٽن جا اسڪول ۽ شعبا موجود آهن.
    بئنگر يونيورسٽيءَ جو زرعي تعليم وارو شعبو پڻ وڏي ساک رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو زرعي تعليم سان واڳيل سنڌ جا ڪيترائي استاد ۽ زرعي سائنسدان بئنگر يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊيءَ جا اعزاز ۽ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪري آيا آهن. اهڙين شخصيتن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رحيم بخش ميربحر، زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جو اڳوڻو پرنسپال ڊاڪٽر محمد ابراهيم ڪيريو، سنڌي سائينٽيفڪ ڊڪشنري ۽ زراعتي لغات جو مرتب، ناميارو ليکڪ ۽ زرعي يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن جو موجوده ڊين ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، فوڊ ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صغير احمد شيخ، وٽرنري سائنسز جو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله آريجو، ڊاڪٽر رحمت الله رند، ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر ، ڊاڪٽر محمد عرس سمون، ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ، ڊاڪٽر ممتاز سيٺار، ڊاڪٽر محمد هاشم رهبر ڀٽي، ڊاڪٽر آغا سميع الله ۽ ڊاڪٽر مسعود بيگ، ڪلثوم سمون، امير امان الله سولنگي ۽ الاهي بخش ڪلهوڙو شامل آهن. 1987 کان 1992ع تائين بئنگر يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام وچ ۾ ڊاڪٽر رحيم بخش ميربحر جي نگراني ۾ باضابطه طور هڪ “باهمي رابطي ۽ دلچسپي جو معاهدو” ٿيل هيو جنهن جي مالي سهائتا تي ڪيترائي سنڌي نوجوان بئنگر يونيورسٽي مان زراعت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري آيا آهن.
    بئنگر يونيورسٽي ۾ اٽڪل ٻن هزار ڪمرن تي مشتمل رهائشي عمارتون يا هاسٽلون آهن جن کي عام طور تي “هال” سڏيو ويندو آهي. هتي ڊجيل سهوليتن سان آراسته لائبريريون، ريسرچ لئبارٽريون، ميوزمس ۽ فيلڊ ايڪسپريمينٽس جون سهوليتون پڻ موجود آهن. هن يونيورسٽي جي شاگردن جي تنظيم “ اسٽوڊنٽس والنٽيئر بئنگر” رضاڪاراڻي طور بئنگر جي شهرين جي ڀلائي وارن ڪمن ۾ حصو وٺندي رهي ٿي. تنظيم جا ميمبر شاگرد بئنگر جي شهرين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ شروع ڪيل اٽڪل ٽيهن کان وڌيڪ پراجيڪٽن ۾ رضاڪاراڻي طور حصو وٺن ٿا. بئنگر يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس والنٽيئرس پاران 1952ع کان شروع ڪيل هڪ پراجيڪٽ جيڪو “ٽَي پارٽي پراجيڪٽ” (Tea Party Projrect) جي نالي سان شروع ڪيو ويو هيو ان تحت اڄ تائين بئنگر جي عمر رسيده رهاڪن لاءِ چانهن پارٽيءَجو انتظام ڪيو وڃي ٿو ان موقعي تي يونيورسٽيءَ جا نوجوان شاگرد شهر جي بزرگ ماڻهن سان رابطي ۾ اچي انهن وٽان سکن به ٿا ته کين به صحبت جو وقت ميسر ڪن ٿا.اسٽوڊنٽس والئنٽيئرس جو هڪ ٻيو پراجيڪٽ “رَيزِنگ ائنڊ گِوِنگِس”(Raising and Givings) آهي. هن پروجيڪٽ تحت يونيورسٽي جا رضاڪار شاگرد فنڊ جمع ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي پئسا عام ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ٻن مقامي ادارن جي حوالي ڪندا آهن. شاگرد جي هن تنظيم کي سندس خدمتن عيوض 2012ع ۾ “ ڪوئينس ايوارڊ فار والئنٽيئر سروس” ڏنو ويو آهي.
    بئنگر يونيورسٽي ۾ شاگردن جا اٽڪل ڏيڍ سئو اڪيڊمڪ، اسپورٽس، انٽرٽينمنٽ ۽ لٽرري سوسائٽيون ۽ ڪلب آهن. انهيءَ کان علاوه يونيورسٽي جو ريڊيو،اخبار ۽ مئگزينس شاگردن جي ڄاڻ ۾ وڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.بئنگر يونيورسٽي بنا رنگ ۽ نسل جي فرق جي سڀني ملڪن جي نوجوانن لاءِ تعليم جا موقعا آڇيندي رهي ٿي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 18 جون 2014)


    اسڪاٽلينڊ جي گلاسگو يونيورسٽي

    اسڪاٽلينڊ جي گلاسگو يونيورسٽي،
    جيڪا پنج صديون پراڻي آهي

    حقيقت هيءَ آهي ته گذريل سموري زندگيءَ جيان ڪجه سال اڳ وارو اهو ڏينهن به ڄڻ ڪلهوڪو ڏينهن ئي ٿو لڳي جڏهن مان ۽ ڊاڪٽر علي نواز مهر اسڪاٽلينڊ جي سڀ کان وڏي شهر گلاسگو ۾ داخل ٿي پنهنجي ڪار جو رخ ان علائقي ڏانهن موڙيو هيوسين جتي منهنجو هڪ عزيز دوست ارشاد چنو رهندو آهي. گلاسگو ۾ دوستن سان ملاقاتون ڪندا شهر جي ماڳن مڪانن، روشنين ۽ رونقن مان محضوض ٿيندا اسڪاٽلينڊ جي گادي واري شهر ايڊنبرا ڀرسان مشهور پُل “فِرٿ آف فورٿ روڊ بِرج” تان گذرندا وڃي ان شهر ۾ نڪتا هياسين جيڪو گلاسگو کان اٽڪل اٺانوي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هو ۽ جنهن کي “ڪِرڪاڊي” پئي سڏيائون. ڪِرڪاڊي شهر جتان جي اسڪولن مان برطانيا جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ ليبر پارٽي جي ليڊر گورڊن برائون بنيادي تعليم حاصل ڪئي هئي، اتي رهندڙ دوست حامد وٽ پهچي ساڻس ٻه ڏينهن روح رهاڻيون ڪري وري ٻيا پنڌ پڇايا هياسين.بحرحال اسڪاٽلينڊ جي هن ننڍڙي ۽ پُر رونق شهر ڪرڪاڊي ۽ اتان جي درسگاهن جو ذڪر به ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪبو پر هن مضمون ۾ اسڪاٽلينڊ جي نامياري درسگاهه گلاسگو يونيورسٽي جو حال احوال ٿا ڪريون.
    اڄ کان ساڍا پنج سئو سال اڳ قائم ڪيل گلاسگو يونيورسٽي جو وڌيڪ تفصيل پڙهڻ کان پهريان يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي يونيورسٽي جي انتظاميا پاران هن درسگاهه بابت ڏنل هي مختصر خاڪو پڙهي ڏسو جهن مان هن يونيورسٽي جي اهميت ۽ افاديت جو چڱيءَ ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو. يونيورسٽي جي انتظاميا هن ۾ لکيو آهي ته “اسان گذريل پنجن صدين جي عرصي ۾ اهڙي طريقي سان مسلسل ڪم ۽ جدوجهد ڪئي آهي ته جيئن هر مقصد جي حصول کي ممڪن بڻائي سگهون. دنيا جو ناميارو سائنسدان البرٽ آئين اسٽائين جڏهن گلاسگو يونيورسٽي ۾ پنهنجي “نظريي اضافيت” يعني “ ٿِيئري آف رليٽوِٽي” (Theory of Relativity) تي ليڪچر ڏيڻ آيو هيو ته هتي اسان سندس پرجوش استقبال ڪيو هيوسين”. يونيورسٽي جي ويب پيج تي گلاسگو يونيورسٽي جي ڪاميابين تي روشني وجهندي وڌيڪ لکيو ويو آهي ته “ هن يونيورسٽي جي پروفيسر آئن ڊوناليڊ ئي پهريون ڀيرو 1958ع ۾ فِيٽَس (Foetus) يعني “ماءُ جي پيٽ ۾ وجود وٺندڙ ٻار جي شروعاتي شڪل” يا “ڳڀ” جو الٽراسائونڊ وارو عڪس شايع ڪيو هيو. اسڪاٽلينڊ جي پهرين عورت هن يونيورسٽيءَ مان هڪ صدي اڳ 1894ع ۾ ميڊيڪل سائنس جي شعبي ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي هئي”. گلاسگو يونيورسٽي جي ڪارڪردگيءَ بابت هن خاڪي ۾ يونيورسٽي جي منتظمن وڌيڪ لکيو آهي ته “اسان جي هن يونيورسٽيءَ پنهنجي شاگردن جي ذهانت جي آبياري ڪري ست نوبيل انعام يافته شخصيتون پئدا ڪيون آهن. اسڪاٽلينڊ جو اڳوڻو وزير اعظم سر هينري ڪئمپبل بئنرمين ۽ اسڪاٽش پارليامينٽ جو پهريون وزير ڊونالڊ ڊيور ۽ نائب وزير نڪولس اسٽرجن به هن يونيورسٽي جي ئي در وتدريس ۽ علمي خدمتن جو نتيجو آهن.”
    گلاسگو يونيورسٽي جي سڃاڻپ جا اهڃاڻ مٿي ڄاڻايل صرف اهي چند مثال ئي نه آهن پر دنيا جو مشهور ۽ معروف معاشي ماهر آدم سمٿ، لنڊن جي “ويسٽمنسٽر اَبي” (چرچ وارو قبرستان) ۾ نامياري سائنسدان آئزڪ نيوٽن جي ڀر ۾ ابدي ننڊ ستل فزڪس جي نيچرل فلاسافي جو ناميارو سائنسدان “وليم ٿامسن لارڊ ڪيلون” ۽ ٽيليويزن جي موجدن مان هڪ مشهور سائنسدان “لوگي بائرڊ” سميت مختلف شعبن جو ٻيون به ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون هن يونيورسٽيءَ جي ئي پئداوار آهن.
    اسان سنڌ واسين لاءِ پڻ اها ڳالهه گهڻي خوشي ۽ فخر جو باعث آهي ته اسان جي سونهاري سنڌ جي نوشهرو فيرزو ضلعي جي تعلقي ڪنڊياري جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ “حاجي احمد علي خشڪ” سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر وقار احمد خشڪ گلاسگو يونيورسٽي ۾ ڪميونٽي ميڊيسنز واري شعبي ۾ ليڪچرر آهي. انهيءَ اعزاز سان گڏ هو ساڳئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جو اعزاز پڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ريسرچ ۽ پڙهائي پڻ ڪري رهيو آهي.
    گلاسگو يونيورسٽي1451ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل پنجويهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ خاصو تعداد انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ شامل آهي. ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي رئڪنگ جي 2013ع واري سروي رپورٽ مطابق گلاسگو يونيورسٽي دنيا جي معياري يونيورسٽين ۾ ايڪونجاهين ۽ برطانيا ۾ نائين نمبر تي آهي.
    گلاسگو يونيورسٽيءَ جون تاريخي شهادتون ٻڌائين ٿيون ته هيءَ يونيورسٽي 1451ع ۾ تڏهن وجود ۾ آئي هئي جڏهن ان وقت جي اسڪاٽلينڊ جي بادشاهه جيمس ٻئي تنهن وقت جي عيسائين جي پيشوا “پوپ نڪولس پنجين” کي صلاح ڏني هئي ته هو گلاسگو شهر ۾ اعليٰ تعليم جي سهوليت لاءِ گلاسگو يونيورسٽي جي قيام جو چارٽر (Charter) جاري ڪري. اهڙي طرح پوپ نڪولس گلاسگو يونيورسٽي جو پروانو (چارٽر) جاري ڪيو ۽ هن يونيورسٽي جو انتظام گلاسگو شهر جي مکيه چَرچ يعني “گلاسگو ڪيٿيڊرل” (Catheral) جي ماتحت ڪيو. يونيورسٽيءَ جو ڪار ۽ وهنوار به شروعاتي ڏينهن ۾ گلاسگو ڪيٿيڊرل جو بشپ (Bishop) ئي هلائيندو هيو.
    آڳاٽي دور ۾ گلاسگو يونيورسٽيءَ جيان اسڪاٽلينڊ جون ٻيون ٻه يونيورسٽيون جهڙوڪ “يونيورسٽي آف سينٽ ائندريو”۽ “اَبرڊِين يونيورسٽي” پڻ چرچ جي انتظام هيٺ ئي هونديون هيون جيڪي بعد ۾ يورپ اندر ملڪي انتظامي ڪاروبار تان چَرچ جي اجارداري ختم ٿيڻ کان پوءِ چرچ جي اثر رسوخ کان ٻاهر نڪري آزاد طريقي سان تعليم ۽ تحقيق جا ڪم ڪري همعصر دور جي تعليمي گهرجن کي پورو ڪرڻ لڳيون. اڄڪلهه هي يونيورسٽي چئن ڪاليجن تي مشتمل آهي جهڙوڪ؛ ڪاليج آف ميڊيسنز، ويٽرنري ائنڊ لائيف سائنسز، ڪاليج آف سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، ڪاليج آف سوشل سائنسز ۽ ڪاليج آف آرٽس. انهن ڪاليجن جا مکيه تدريسي ۽ تحقيقي شعبا جيڪي اسڪولن جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا سي هن ريت آهي جهڙوڪ؛ اسڪول آف لائيف سائنسز، اسڪول آف ميڊيسنز ائنڊ ڊينٽسري، اسڪول آف ويٽرنري ميڊيسنز، اسڪول آف انجنيئرنگ، اسڪول آف فزڪس ائنڊ ائسٽرانامي، اسڪول آف ڪيمسٽري، اسڪول آف سائڪالاجي ،اسڪول آف جاگرافيڪل ائنڊ اَرٿ سائنس، اسڪول آف ميٿميٽڪس ائنڊ اسٽيٽڪس، اسڪول آف ڪمپيوٽنگ سائنس، آدم سمٿ اسڪول آف بزنس، اسڪول آف ايجوڪيشن، اسڪول آف انٽرڊسيپلينري اسٽڊيز، اسڪول آف سوشل ائنڊ پوليٽيڪل سائنس، اسڪول آف لا، اسڪول آف ماڊرن لئنگئجِز ائنڊ ڪلچرس، اسڪول آف ڪِرٽيڪل اسٽڊيز، اسڪول آف ڪلچر ائنڊ ڪِريئيٽِوِ آرٽ وغيره.
    گلاسگو يونيورسٽي ۾ شاگرد پنهنجي تعليم سان گڏ اتي منعقد ٿيندڙ تفريحي سرگرمين ۾ پڻ زور شور سان حصو وٺندا رهن ٿا. انهيءَ ڏس ۾ شاگردن جون پنهنجيون به تفريحي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ڀلائي واريون تنظيميون، يونينيون، ڪلب ۽ ڪائونسلون قائم ٿيل آهن جيڪي يونيورسٽي ۾ سمورو سال ئي متحرڪ رهن ٿيون جنهن ڪري شاگردن کي مزيدار ماحول ميسر ٿئي ٿو جنهن سان هنن جي ذهني توڙي جسماني صلاحيتن جو وڌارو ٿيندو رهي ٿو. شاگردن جي راند روند وارين سرگرمين لاءِ “گلاسگو يونيورسٽي اسپورٽس ايسوسيئيشن” جون ڪوششون پڻ ساراهه جوڳيون هجن ٿيون.
    گلاسگو يونيورسٽي ۾ ڇپجندڙ يونيورسٽي جون اخبارون، مئگزينس، يا هتان جي ٽيليويزن ۽ ريڊيو جو نيٽ ورڪ يونيورسٽي جي شاگردن توڙي ٻئي عملي کي يونيورسٽي جي هر تفريحي ۽ ثقافتي سرگرمي ۽ اتي ٿيندڙ علمي ادبي ۽ تحقيقي ڪمن، ڪاوشن ۽ ڪوششن بابت آگاهه ڪندا رهن ٿا.
    اسڪاٽلينڊ ۽ ان جي شهر گلاسگوجو مختصر تعارف هن ريت آهي.يورپ جي مشهور ملڪ برطانيا جنهن جو پورو نالو “يونائيٽڊ ڪنگدم آف گريٽ بِرٽين ائنڊ نارٿ آئرلينڊ” آهي ۽ جنهن کي مختصر طرح صرف “يُو ڪي” سڏيو ويندو آهي، اسڪاٽلينڊ ان جو هڪ اهم حصو ۽ خود مختيار صوبو يا رياست آهي. اسڪاٽلينڊ جي گادي جو هنڌ ايڊنبرا آهي. هڪ اعتبار جوڳي ذريعي موجب اسڪاٽلينڊ جي ڪل آبادي اٽڪل ٽيونجاهه لک ماڻهن تي مشتمل آهي. هن جون سرحدو ڏکڻ ۾ سندس ئي ملڪ يُوڪي (UK) جي هڪ ٻئي صوبي انگلينڊ سان جڙيل آهن جڏهن ته هن جي باقي ٽن طرفن کان سمنڊ ئي سمنڊ آهي جيڪو “ائٽلانٽڪ اَوشن” ، “نارٿ سِي” ۽ “نارٿ چئنل” جي نالن سان سڃاڻپ رکي ٿو.
    گلاسگو اسڪاٽلينڊ جي سڀني شهرن کان ته وڏو آهي ئي پر هي “يُوڪَي” جو ٽيون نمبر وڏو شهر به آهي. هن شهر جي ڪل آبادي اٽڪل ڇهه لک ماڻهن تي مشتمل آهي.
    گذريل هفتي مان جڏهن گلاسگو يونيورسٽي تي هي مضمون لکي رهيو هيس تڏهن اسڪاٽلينڊ ۾ سندس برطانيا کان علحدگيءَ واري سوال تي ريفرنڊم ٿي رهيو هيو جنهن ۾ اتان جو عوام اسڪاٽلينڊ جي آزاديءَ جي حق يا مخالفت ۾ ووٽ ڏئي رهيو هيو. بحرحال اسڪاٽلينڊ برطانيا سان گڏ رهي ٿو يا آزاديءَ ماڻي ٿو، ٻنهي صورتن ۾ گلاسگو يونيورسٽي ڏيهه توڙي پرڏيهه جي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم جا اهڙا ئي موقعا آڇيندي رهندي جهڙا موقعا هن يونيورسٽيءَ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي پنجن صدين واري طويل عرصي ۾ پنهنجن اڳلن شاگردن کي ميسر ڪيا آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 24 سيپٽمبر 2014)


    ڪُوئِينِ ميري يونيورسٽي

    ڪُوئِينِ ميري يونيورسٽي،
    جتي 30 سيڪڙو انٽرنيشنل شاگرد داخل آهن

    جيتوڻيڪ ڪوئين ميري يونيورسٽي پنهنجو موجوده تعارف ته سال 2000ع ۾ حاصل ڪيو آهي پر هن جي قيام جو قصو گهڻو آڳاٽو آهي. هي يونيورسٽي لنڊن جي مرڪزي علائقي ۾ واقع آهي. هن جو پورو نالو“ڪوئين ميري يونيورسٽي آف لنڊن” آهي. هن يونيورسٽي ۾ه اٽڪل ويهه هزار شاگرد داخل آهن. يونيورسٽي جي ڪل شاگردن جو اٽڪل ٽيهه سيڪڙو انٽرنيشنل شاگردن تي مشتمل آهي جيڪي پاڪستان سميت دنيا جي هڪ سئو ٽيهن کان وڌيڪ ملڪن سان تعلق رکن ٿا. سنڌ جي ضلعي نوشهرو فيروز ٺارو شاهه شهر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “سخي واهي” سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر سليمان پيرزادو HEC اسلام آباد جي اسڪالرشپ حاصل ڪري ڪوئين ميري يونيورسٽي مان ميڊيڪل سائنس ۾ پي ايڇ ڊي حاصل ڪري آيو آهي. ڊاڪٽر سليمان اڄڪلهه لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. نوشهرو فيروز جي تعلقي محراب پور جو نوجوان ڊاڪٽر اياز راڄپر پڻ هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هو اڄڪلهه ايشيا جي هڪ عرب ملڪ عمان ۾ نوڪري ڪري رهي آهيو. ٺٽي جي ڊاڪٽر عظيم سومرو ۽ بدين جي خرم ميمڻ پڻ هن يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي. انهن سڀني دوستن پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي مختلف اسڪالرشپس حاصل ڪيون هيون.
    ڪوئين ميري يونيورسٽي جي بڻ بڻياد جو سلسلو لنڊن جي چئن آڳاٽن ڪاليجن جهڙوڪ ڪوئين ميري ڪاليج، ويسٽ فيلڊ ڪاليج، سينٽ بارٿولوميوز هاسپيٽل ميڊيڪل ڪاليج ۽ لنڊن هاسپيٽل ميڊيڪل ڪاليج سان ملي ٿو. اهي ڪاليج يونيورسٽي آف لنڊن سان منسلڪ هيا. بعد ۾ انهن ڪاليجن کي سهڪاري بڻائي ڪوئين ميري يونيورسٽي آف لنڊن کي وجود ۾ آندو ويو.
    ڪوئين ميري يونيورسٽي جنهن شخصيت جي نالي پٺيان سڃاتي وڃي ٿي، تنهن کي عام طور تي “ميري آف ٽريڪ” به سڏيندا آهن. ميري آف ٽريڪ يونائيٽڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين جي 1910ع کان 1936ع تائين حڪمران رهي آهي. ان سان گڏ هوءَ هندوستان ۽ برطانيا جي تسلط هيٺ آيل ٻين رياستن ۽ ملڪن جي پڻ راڻي يا حڪمران رهي آهي. سندس پورو نالو “ وڪٽوريا ميري آگسٽا لوئزي اولگا پائولن” هيو پر عام طور تي کيس “ڪوئين ميري” به سڏيندا آهن. ڪوئين ميري جي ياد ۾ نه رڳو لنڊن ۾ ڪوئين ميري يونيورسٽي قائم آهي، پر سندس نالي پٺيان پاڪستان جي شهر لاهور ۾ ڪوئين ميري ڪاليج (جيڪو اصل ۾ 1908ع ۾ وڪٽوريا ميري گرلس هاءِ اسڪول جي نالي سان قائم ڪيوويو هيو) ، هندوستان جي شهر چناءِ ۾ ڪوئين ميري ڪاليج ۽ هانگ ڪانگ ۾ سندس نالي پٺيان ڪوئين ميري هاسپيٽل پڻ قائم آهن. برطانيا جي موجوده راڻي ايلزبيٿ ٻي سندس پڙ پوٽي آهي. ڪوئين ميري برطانيا جي بادشاهه جارج پنجين جي گهرواري هئي.
    ڪوئين ميري يونيورسٽي آف لنڊن جون پنج ڪئمپسون آهن جيڪي لنڊن شهر جي مختلف علائقن ۾ واقع آهن. اهي پنج ئي ڪئمپسون ۽ منجهن قائم مختلف تدريسي، تحقيقي شعبا ۽ اتي تعليم لاءِ ٻين لاڳاپيل سهوليتن جا تفصيل هيٺئين ريت آهن.
    1. ڪوئين ميري يونيورسٽي مائيل اينڊ روڊ لنڊن؛ لنڊن شهر جي مائيل اينڊ روڊ واري سائيٽ تي واقع هيءَ يونيورسٽيءَ جي مکيه ڪئمپس آهي. جنهن ۾ هيومنٽيز ائنڊ سوشل سائنسز، انجنيئرنگ ۽ سائنس واريون فئڪلٽيون، انتظامي دفتر، سينٽرل لائبريري، ليڪچر هال ۽ شاگردن جا زياده رهائشي هال هن ئي ڪئمپس ۾ موجود آهن. انجنيئرنگ ۽ سائنس فئڪلٽيءَ جا اسڪول آف بايولاجيڪل ائنڊ ڪيميڪل سائنس، اليڪٽريڪل انجنئييرنگ ائنڊ ڪمپيوٽر سائنس، انجنيئرنگ ائنڊ مٽيريل سائنس، اسڪول آف ميٿميٽيڪل سائنس، اسڪول آف فزڪس ائنڊ ايسٽرانامي ۽ هيومنٽيز ائنڊ سوشل سائنسز فئڪلٽي جا اسڪول آف بزنس ائڊمنسٽريشن، اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ فئنانس، اسڪول آف انگلش ائنڊ ڊراما، اسڪول آف جاگرافي، اسڪول آف هسٽري ڊپارٽمنٽ آف انگلش، اسڪول آف لئنگئجز، لِنگوِسٽڪس ائنڊ فلم، ڪمپيئريٽِو لٽريچر، اسڪول آف پاليٽڪس ائنڊ انٽرنيشنل رليشن کان علاوه ٻيا به ڪي ئي اسڪول، انسٽيٽيوٽ ۽ سينٽر پڻ اعليٰ تعليم واري شعبي ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا.
    2. ڪوئين ميري يونيورسٽي وائيٽ چپل لنڊن: هيءَ ڪئمپس وائيٽ چپل واري علائقي ۾ واقع آهي. هي ڪئمپس ميڊيڪل سائنسز واري تدريس ۽ تحقيق جي حوالي سان وڏي شهرت رکي ٿي. هن ڪئمپس ۾ خاص طور تي ميڊيسن ائنڊ ڊينٽسري اسڪول، انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنس، رايل لنڊن هاسپيٽل، انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽسٽري، ۽ ميڊيڪل لئبريري قابل ذڪر آهن.
    3. ڪوئين ميري يونيورسٽي چارٽرهائوس اسڪوائر لنڊن؛ هيءَ ڪئمپس جيڪا لنڊن شهر جي چارٽر هائوس اسڪوائر واري علائقي م واقع آهي سا پڻ ميڊيڪل ريسرچ جي مکيه مرڪز طور ڄاتي وڃي ٿي. هتي جا وولفسن انسٽيٽيوٽ آف پِرِيوينٽِوِ ميڊيسن، دِي جان وين سائنس سينٽر، دِي جوزف راٽبلٽ بلڊنگ ائنڊ هيرٽ سينٽر ۽ ميڊيڪل سائنسز جي شاگردن جا رهائشي هال نمايان آهن.
    4. ڪوئين ميري يونيورسٽي ويسٽ سمٿ فيلڊ لنڊن؛ سمٿ فيلڊ واري علائقي ۾ قائم هيءَ ڪئمپس پڻ ميڊيڪل درس و تدريس ۽ تحقيق واري حوالي سان وڏي نيڪنامي رکي ٿي. هن ڪئمپس ۾ ڪارڊيووسڪيولر، ڪئنسر، اپيڊيميولاجي ۽ پبلڪ هيلٿ ريسرچ وارن شعبن ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو وڃي ٿو.
    5. ڪوئين ميري يونيورسٽي لنڪولنس اِن فيلڊ لنڊن؛ هن ڪئمپس ۾ قانون ۾ معياري تدريس ۽ تحقيق جوڪم ڪيووڃي ٿو. ڪئمپس ۾ “پوسٽ گريجوئيٽ لا سينٽر”، ڪمرشل لا اسٽڊيز واري حوالي سان خاص حيثيت جو حامل آهي.
    ڪوئين ميري يونيورسٽي جي جنم ڀومي يعني لنڊن شهر ۽ اتي آباد سنڌين جو احوال به دلچسپي کان خالي نه آهي. هي شهر نه رڳو برطانيا پر پوري دنيا جي نگاهن جو مرڪز بڻيل رهي ٿو. هن شهر ۾ جتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو رهن ٿا اتي سنڌ ۽ هند جي سنڌين جو پڻ وڏو تعداد رهي ٿو. لاڙڪاڻي جي ننڍڙي ڳوٺ غلام ڀٽو سان تعلق رکندڙ ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري لنڊن ۾ مستقل رهائش پذير ڊاڪٽر هدايت الله ڀٽولنڊن ۾ سنڌين جي تنظيم ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو صدر آهي. لاڙڪاڻي جي هڪ ٻئي ڳوٺ پير بخش ميتلو سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر علي گل ميتلو ۽سنڌ جي نامياري اديبه ذبيده ميتلو، ۽ ناميارو صحافي امداد اوڍو پڻ لنڊن ۾ مستقل طور رهائش پذير آهي ۽ اتان “ريڊيووائيس آف سنڌ” جاري ڪيو اٿائين جنهن جي نشريات انٽرنيٽ وسيلي سموري دنيا جي ملڪن ۾ ٻڌي وڃي ٿي. مان جڏهن وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ مستقل طور رهندڙ لاڙڪاڻي جي هڪ نامياري انجنيئر سعيد احمد سومرو سان رابطو ڪيم ته هن ٻڌايو ته برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين هڪ سماجي عام ڀلائي واري تنطيم “سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ” پڻ قائم ڪئي آهي جنهن جي مرڪزي آفيس پڻ لنڊن ۾آهي.انهيءَ کان علاوه لنڊن ۾ قائم ٿيل سنڌ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جا عهديدار ڊاڪٽر ضياءُالدين شيخ، ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي، ڊاڪٽر اويس شيخ، ڊاڪٽر شهاب ڪلهوڙو، ڊاڪٽر ارشد ميمڻ، ڊاڪٽر وقاصي ۽ ٻيا سنڌ جا گهڻگهرا پڻ سنڌين جي عام ڀلائي لاءِ متحرڪ آهن. بحرحال مون کي يقين آهي ته ڪوئين ميري يونيورسٽي لنڊن مان تعليم پرائڻ جي خواهش رکندڙ نوجوان لنڊن وڃي پاڻ کي اوپرو محسوس نه ڪندا ڇو ته اتي رهندڙ سندن ديس واسي سنڌ کان ويندڙ نوجوانن جي آجيان، رهنمائي ۽ مدد لاءِ هميشه تيار رهندا آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 19 نومبر 2014)


    لِوَرپُول يونيورسٽي

    لِوَرپُول يونيورسٽي،
    جيڪا ٽائٽانڪ جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ ۽ سليوري ميوزم واري شهر ۾ قائم آهي

    هونئن ته انگلينڊ جو لِورپول شهر برطانيا جي هڪ اهم سامونڊي پورٽ طور ڏيهان ڏيهه مشهور آهي پر هن شهر جي مرڪزي علائقي ۾ واقع “لِوَرپُول يونيورسٽي” پڻ هن شهر جو هڪ وڏو حوالو بڻيل آهي. هي اهو ئي لورپول شهر آهي جهن جي سامونڊي جهازن واري ڪمپني وائيٽ اسٽار لائين جو هڪ وڏو سامونڊي جهاز آر ايم ايس ٽائيٽانڪ جيڪو انگلينڊ جي هڪ ٻئي شهر سائوٿمپٽن جي سِي پورٽ تان ڏهين اپريل 1912ع تي اٽڪل 1317 مسافر ۽885 جهازي عملو کڻي آمريڪا جي نيويارڪ شهر لاءِ پنهنجي پهرئين سفر تي روانو ٿيو هيو پر پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ پنهنجي سفر جي پنجين ڏينهن تي يعني پندرنهين اپريل 1912ع تي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ برف جي هڪ وڏي ٽڪِريءَ سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو هيو.
    اعليٰ تعليم جي نامياري درسگاهه “لورپول يونيورسٽي” سميت لورپول شهر جي “مرزيسائيڊ ميريٽائيم ميوزم” ۾ ٽائيٽانڪ (R.M.S Titanic) جهاز جو مجسمو ۽ هن ئي شهر جي جيمس گهٽيءَ ۾ هن بدنصيب جهاز جي جهازران ڪمپني “وائيٽ اسٽار لائين” جون آفيسون ۽ هتي جي “سليوري ميوزم” (غلاميءَ واري ميوزم) هن شهر کي دنيا ۾ هڪ خاص سڃاڻپ بخشين ٿا جنهن جي ڪري ئي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاگردن جو خاصو تعداد لِورپول يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي نه رڳو پاڻ کي اعليٰ تعليم جي زيور سان آراسته ڪندا آهن پر هن شهر جي تاريخي حوالن ۽ حسناڪين مان به مستفيض ٿيندا رهندا آهن.
    لورپول يونيورسٽي جيڪا ڪيترن ئي حوالن سان برطانيا جي منفرد ۽ معياري يونيورسٽي ليکي وڃي ٿي ان کي ڏسڻ جو اعزاز به مون لاءِ ڄڻ هڪ خوبصورت خواب مثل هيو جنهن جي ٻيهر ڏسڻ جي تمنا هر وقت دل ۾ موجود رهي ٿي. قصو هن طرح آهي ته مانپنهنجن شاگردن کي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ڇپايل هڪ درسي ڪتاب “گائيڊيڊ انگلش فار پاڪستان” پڙهائيندي ان ۾ ڏنل هڪ دلچسپ آکاڻي “اَرائونڊ دي ورلڊ اِن اَيٽي ڊَيز” ۾ اڪثر ڪري برطانيا جي ڪجهه شهرن جهڙوڪ لنڊن، گلاسگو، سائوٿپمٽن ۽ لورپول جو ذڪر پڙهندو رهندو هيس. هيءَ ڪهاڻي فرانس جي نامور اديب جيولس ويرن جي (Jules Verne)لکيل ناول “ اَرائونڊ دي ورلڊ اِن اَيٽي ڊَيز” مان ئي ورتي وئي آ هي، جيڪو 1874ع ۾ ڇپيو هيو. هن ڪهاڻي ۾ لنڊن جو هڪ رهاڪو جنهن جو نالو “فليز فاگ” آهي سو لنڊن جي “رفارم ڪلب” ۾ ويٺي پنهنجي دوستن سان شرط لڳائي ٿو ته هو سڄي دنيا جو چڪر صرف اسي ڏينهن ۾ لڳائي سگهي ٿو ۽ سندس اهڙي سفر جي منصوبا بندي ۾ دنيا جي ٻين مشهور شهرن سان گڏ برطانيا جي انهن مٿي ڄاڻايل شهرن يعني گلاسگو، سائوٿمپٽن ۽ لورپول جا نالا ۽ اتان جا سامونڊي جهاز پڻ بحث هيٺ ايندا رهن ٿا.
    بحرحال جڏهن ڪجهه سال اڳ ٿوري عرصي لاءِ منهنجو برطانيا وڃڻ ٿيو ته مون کي لنڊن کان علاوه انهن ٽنهي شهرن ۾ وڃي نه رڳو انهن کي ڏسڻ پر اتان جي يونيورسٽين جي درشن جو به اشتياق ٿيڻ لڳو. گلاسگو، سائوٿمپٽن ۽ لنڊن ته پهرين چند ڏينهن ۾ ئي گهمي ورتا هيم (گلاسگو يونيورسٽي ۽ لنڊن جي ڪجهه درسگاهن بابت آرٽيڪل به لکيا اٿم جيڪي اڳم ئي هن مئگزين ۾ ڇپجي چڪا آهن)، پر جڏهن لورپول شهر ڏانهن وڃڻ جو سانگ ٿيو ته لور پول يونيورسٽي منهنجي دوري جي اوليت ۾ شامل رهي.
    ان حوالي سان ڊاڪٽر علي نواز مهر جڏهن لورپول شهر ۾اسان جي اچڻ واري پروگرام بابت اطلاع ان وقت لورپول يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي جي اعزاز لاءِ تعليم پرائيندڙ سنڌي نوجوان ڊاڪٽر صاحب خان شاهاڻي کي ڏنو ته هن به کيس ڀليڪار ڪندي لِورپول اچڻ جي دعوت ڏني. اهڙي طرح اسان لورپول ۾ ڊاڪٽر صاحب خان شاهاڻي وٽ وڃي پهتاسين جنهن اسان سان گڏ هلي اسان کي لورپول يونيورسٽي جو دورو ڪرايو، جتي جي اسڪول آف اينيمل هسبنڊري ۽ ويٽرنري سائنسز جو هو پاڻ به شاگرد هيو. ڊاڪٽر صاحب خان شاهاڻي لِورپول يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جو اعزاز حاصل ڪري تازو ئي ڪئناڊا هليو ويو آهي جتي اڄڪلهه هن پنهنجي ڪٽنب سميت مستقل طور رهائش اختيار ڪئي آهي.
    عام طور تي “لورپول يونيورسٽي” جي نالي سان مشهور هن درسگاهه جو پورو ۽ سرڪاري نالو “يونيورسٽي آف لِور پول” آهي. هن يونيورسٽي جي قيام جي ڪهاڻي 1881ع ۾شروع ٿي جڏهن لِور پول شهر ۾ “يونيورسٽي ڪاليج لورپول” جي نالي سان هڪ ناميارو درسگاهه قائم ڪيو ويو هو. بعد ۾ يعني 1903ع ۾ هن ڪاليج جو درجو وڌائي کيس يونيورسٽي بڻائي هن جو نالو “يونيورسٽي آف لورپول” رکيو ويو. هن يونيورسٽي جي نو ڄڻن کي نوبيل انعام ملي چڪا آهن.
    هن يونيورسٽي جي نامياري پروفيسر اوليور لاج 1894ع ۾ دنيا جو پهريون پبلڪ ريڊيو ٽرانزميشن ٺاهيوهيو. هتان جي ئي هڪ ٻئي ريسرچر وليم بليئرس ڪئنسر جي مرض جي علاج لاءِ “ڪيميوٿراپي” واري علاج جي طريقي لاءِ ڪافي ايڊوانسڊ ريسرچ ڪري ان شعبي ۾ ميڊيڪل سائنس کي ڪافي فائدو رسايو. هن يونيورسٽي جي ٻين نوبيل انعام يافته پروفيسرن جهڙوڪ سر رونالڊ راس، چارلس برڪلا، سر چارلس شيرنگٽن،۽ جوسف راٽالٽ موضي مرض مليريا، ايڪسري، نيورانس ۽ عالمي امن جي بحالي لاءِ موتمار هٿيارن جي خاتمي (نيوڪليئر ڊس آرمامنٽ) واري حوالي سان پنهنجي تحقيقن ۽ دريافتن وسيلي وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ساڳئي طرح هن يونيورسٽي جي هڪ ٻئي سائنسدان ايلين ڊووين ماتا (Small Pox) واري بيماري لاءِ بيڪٽريا ۽علاج دريافت ڪرڻ واري ڏس ۾ وڏي ريسرچ ڪري انساني چڱ ڀلائي لاءِ قابل قدر ڪم ڪيو آهي.
    لورپول يونيورسٽي ۾ ڪل ٽي فئڪلٽيون آهنانهن ۾ قائم مختلف تدريسي شعبن جو تفصيل هن ريت آهي جهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف هيلٿ ائنڊ لائيف سائنس؛ هن فئڪلٽي جي ناميارن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ اسڪول آف ميڊيسن، اسڪول آف ڊينٽسٽري، اسڪول آف لائيف سائنسز، اسڪول آف هيلٿ سائنسز، اسڪول آف ويٽرنري سائنسز اچي وڃن ٿا. فئڪلٽي آف سائنس ائنڊ انجنيئرنگ؛ هن فئڪلٽي ۾ اسڪول آف انجنيئرنگ، اسڪول آف فزيڪل سائنسز، اسڪول آف انوائرنمنٽل سائنسز، اسڪول آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، اسڪول آف اليڪٽرانڪس، اسڪول آف ڪمپيوٽر سائنس وغيره اچي وڃن ٿا.فئڪلٽي آف هيومنٽيز ائنڊ سوشل سائنسز؛ هن فئڪلٽي ۾ اسڪول آف آرٽ، اسڪول آف هسٽريز، لئنگئجز ائنڊ ڪلچرس، اسڪول آف لا ائنڊ سوشل جسٽس ۽ اسڪول آف مئنيجمنٽ وغيره اچي وڃن ٿا. مٿي ڄاڻايل ٽنهي فئڪلٽين جا اهي سمورا اسڪول پڻ پاڻ ۾ خود هڪ فئڪلٽي جي وسعت رکن ٿا جن اندر لاڳاپيل سبجيڪٽن جا ٻيا به ڪيترا ئي ڊپارٽمنٽس موجود آهن. هي برطانيا جي پهرين يونيورسٽي آهي جنهن پنهنجي هڪ ڪئمپس چين ۾ پڻ قائم ڪئي آهي. ان حوالي سان هن جي چين واري ڪئمپس پهرين “سائينو برٽش” يونيورسٽي جو اعزاز پڻ رکي ٿي.
    لورپول شهر ۾ هن درسگاهه جو “يونيورسٽي آف لورپول اسڪول آف ميڊيسن” ۽ ان سان منسلڪ “رايل لورپول يونيورسٽي هاسپيٽل” پڻ صحت واري شعبي ۾ نمايان خدمتون سر انجام ڏيندي رهي ٿي. لور پول يونيورسٽي جي هڪ صدي کان وڌيڪ واري تاريخي عرصي ۾ لکين شاگر هتان تعليم حاصل ڪري پنهنجي پنهنجي دور ۾ دنيا اندر سماج جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي سرانجام ڏيندا رهيا آهن. اڄڪلهه يونيورسٽي ۾ اٽڪل ڇٽيهه هزار شاگرد زير تعليم آهن جن ۾ ڇهه هزار انٽرنيشنل شاگرد پڻ شامل آهن. ڪردستان ريجنل حڪومت جو اڳوڻو وزير اعظم برام احمد صالح، گمبيا جو پهريون صدر ۽ وزير اعظم “سر دوادا جوارا” سميت سائنس انجنيرنگ ۽ ميڊيڪل شعبي جو ڪيتريون ئي دنيا جون ڪامياب شخصيتون هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن. آمريڪن براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني (اي بي سي نيوز) ۽ وِڪيپيڊيا مطابق آمريڪي حساس ادارن جي ڳجهي معلومات کي منظر عام تي آڻي سڄي دنيا ۾ وڏي شهرت ماڻيندڙ آمريڪي نوجوان ايڊورڊ سنوڊن پڻ 2011ع ۾ لورپول يونيورسٽي مان انٽرنيٽ ذريعي آن لائين ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي آهي. سهڻيءَ سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ عبدالطيف ڀٽو پڻ لورپول يونيورسٽي جي اسڪول آف اينيمل هسبندري ائنڊ ويٽرنري سائنسز مان پي ايڇ ڊي حاصل ڪري آيو آهي ۽ هو اڄڪلهه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي. سعيد احمد سومري به لورپول يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي آهي.
    لورپول يونيورسٽي ۾ شاگردن جي پڙهائي سان گڏ انهن جي ذهني، جسماني ۽ سماجي چڱ ڀلائي لاءِ جديد طرز تي ٺهيل ڪتابن ۽ ڊجيٽل سوليتن سان آراستا لئبريرين، لئبارٽرين ۽ ريسرچ انسٽيوٽن سان گڏ اسپورٽس سينٽر، انٽرٽينمٽ ڪلبس، ڊپيٽنگ سوسائٽيز ۽ ويلفيئر آرگنائيزيشن، ايف ايم ريڊيو، يونيورسٽي نيوز پيپر موجود آهن. هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جي رهائش لاءِ پڻ اسٽوڊنٽس هال موجود آهن.لورپول يونيورسٽي ۾ تعليم لاءِ اچڻ وارن شاگردن کي لورپول شهر ۾ موجود هتان جو تاريخي ورثو جيڪو هتان جي نيشنل ميوزمس، انٽرنيشنل سليوري ميوزم ۽ ميرزيسائيڊ ميريٽائيم ميوزم کان علاوه ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن تي موجوجود آهي ان مان پڻ مستفيض ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 7 جنوري 2015 )


    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن

    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن،
    جيڪا ٽئگور ۽ گانڌي جي به مادر علمي آهي

    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جنهنسان تعلق رکندڙ ٻٽيهه شخصيتن نوبيل انعام ماڻيا آهن، سو پنهنجن ٻين خصوصيتن کان علاوه ان ڪري به منهنجي ڌيان جو مرڪز بڻيو جو هن ۾ دنيا جو هڪ اهڙو نامور اديب، دانشور ۽ تعليمدان به شاگرد رهي چڪو آهي جنهن جو ذڪر منهنجي شهر لاڙڪاڻي ۾ تمام گهڻو ٿيندو رهيو آهي. يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي ان اڳوڻي شاگرد ۽ نامور اديب جو نالو آهي رابندرناٿ ٽئگور.
    سموري سنڌ سميت لاڙڪاڻي جي ادبي ۽ علمي حلقن ۾ ٽئگور جو تعارف ته سندس ڪتابن ۽ علمي ڪارنامن جي ڪري اڳ ئي ٿيل هيو پر سندس گهڻو ذڪر هتي ان حوالي سان به ٿيندو رهيو آهي جو هو تازو پرلوڪ پڌاري ويندڙ لاڙڪاڻي واسي مهان شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو استاد هيو. ڪامريڊ سوڀو لاڙڪاڻي جي مختلف علمي ۽ ادبي تقريبن، يا نجي ڪچهرين ۾ اڪثر ڪري هن جو ذڪر وڏي شان ۽ مانَ سان ڪندو هيو، ڇاڪاڻ جو ڪامريڊ سوڀو ٽيگور جوشاگرد رهي چڪو هيو ۽ ٽيگور کيس “ مئن فرام موهن جو دڙو” سڏيندو هيو. رابندر ناٿ ٽئگور جيڪو پاڻ هندوستان جي هڪ نامياري درسگاهه شانتي نيڪتن جو باني هيو سو، يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جو پڻ شاگرد رهي چڪو هيو، جنهن ڪري اها ڳالهه به هن يونيورسٽي جي اهميت کي اجاگر ڪري مون کي مٿانهس لکڻ لاءِ وڏو اتساهه ڏيندي رهندي هئي.
    هونئن ته يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جنهن کي اڄڪلهه “لنڊنس گلوبل يونيورسٽي” پڻ سڏيو وڃي ٿو تنهن مان سائنس ٽيڪنالاجي ۽ ٻين سماجي علمن جي ماهرن سميت دنيا جي ڪيترين ئي ناموَر شخصيتن تعليم حاصل ڪئي آهي. انهن ۾ برطانيا جو اڳوڻو وزير اعظم جان رسل، هندوستان جي آزاديءَ جو اڳواڻ مهاتما موهنچند ڪرمچند گانڌي، جپان جا ٻه اڳوڻا وزير اعظم “اتو هر بومي” ۽ “جونيرو ڪوائزمي”، چين جو اڳوڻو وزير اعظم ووزوافنگ، آفريڪا جي ملڪ ماريشس جو پهريون وزيراعظم سيووسگر رمگولم، ڪينيا جو باني پهريون صدر ۽ وزيراعظم جومو ڪينياتا، ٽيلفون جو ايجاد ڪندڙ سائنسدان اليگزينڊر گراهم بيل به شامل آهن پر يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن تي لکڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ جذبو تڏهن جاڳيو جڏهن مون کي، لنڊن جي هن نامياري يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان پڙهائيندڙ ۽ تحقيقي ڪم ڪندڙ هڪ اهڙي سنڌي نوجوان بابت معلومات ملي، جنهن وڏي همٿ، محنت ۽ جدوجهد جي وسيلي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ آباد پورهيت ڪٽنب مان اڳتي نڪري دنيا جي مرڪزي شهر لنڊن ۾ واقعي ڪوئين ميري يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم پرائي ۽ پوءِ هن درسگاهه يعني “يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن” ۾ سينيئر ريسرچ فيلو جو جاب حاصل ڪيو آهي. ان نوجوان جو نالو آهي رفيق نانگريجو. هن سنڌي نوجوان جي يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن ۾ پهچڻ واري جدوجهد جي ڪهاڻي ٻڌي منهنجي اتساهه جي حد ئي نه رهي، ان کان پوءِ مون هڪدم فيصلو ڪري ورتو ته هن يونيورسٽي کي پنهنجن ٻين اهڙن ئي همٿ ڀرين نوجوانن سان متعارف ڪرائي کين به اتي پهچڻ جو جذبو ڏيارجي.بحرحال يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي ان همٿ ڀرئي سنڌي نوجوان جو تعارف ۽ سندس جدوجهد جو اتساهيندڙ احوال به هيٺ هن مضمون ۾ ايندو پر ان کان پهريان هڪ نظر هن يونيورسٽي جي تاريخ ۽ موجوده صورتحال تي وجهون ٿا.
    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جيڪو نالي ۾ ته ڪاليج لکجي ٿو پر حقيقت ۾ هي مڪمل طور تي هڪ يونيورسٽي جي حيثيت رکي ٿو. سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ لنڊن جو هي درسگاهه “ فيڊرل يونيورسٽي آف لنڊن” جو حصو آهي. فيڊرل يونيورسٽي آف لنڊن ڪل ارڙهن خود مختيار ڪاليجن ۽ ڏهن تحقيقي مرڪزن تي مشتمل آهي. انهن ارڙهن ئي ڪاليجن ۾ يونيورسٽي جي سطح جي ئي تعليم ۽ تحقيق جو ڪم ٿيندو آهي. يونيورسٽي ڪاليج لنڊن پڻ يونيورسٽيءَ جي انهن ارڙهن ڪاليجن مان هڪ آهي.
    لنڊن شهر جي بلومسبري علائقي ۾ واقع هي ادارو 1826ع ۾ وجود ۾ آيو، شروعاتي طور تي سندس نالو “ لنڊن يونيورسٽي” هيو پر 1836ع ۾ “فيڊرل يونيورسٽي آف لنڊن” جو قيام عمل ۾ آڻي هن کي به ان جو حصو بڻائي هن جو نالو “يونيورسٽي ڪاليج لنڊن” رکيو ويو. هن درسگاهه کي لنڊن شهر جي پهرين يونيورسٽي هجڻ جو پڻ اعزاز حاصل آهي.
    برطانيا جي آڳاٽين يونيورسٽين جي رواج جي ابتڙ هيءَ پهرين يونيورسٽي هئي جيڪا مڪمل طور تي غيرجانبدار ۽ سيڪيولر نوعيت جي هئي. هونئن قديمي رواج مطابق برطانيا توڙي يورپ ۽ آمريڪا جون آڳاٽيون يونيورسٽيون شروعاتي ڏينهن ۾ چَرچ (Church) جي اثر هيٺ هونديون هيون ۽ انهن جو انتظام پڻ چرچ ئي هلائيندو هيو، پر بعد ۾ جيئن ئي حڪومتي معاملن مان چرچ جي مداخلت ختم ٿي ته پوءِ اتان جا اعليٰ تعليمي ادارا به چرچ جي اثر کان آجا ٿي غير جانبدار ۽ خود مختيار بڻيا. لنڊن يونيورسٽي جو تعليمي نظام جديد تقاضائن سان هم آهنگ هيو جنهن ڪري هي يونيورسٽي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ شاگردن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل رهي آهي.
    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي هي به هڪ سٺي روايت رهي آهي ته هيءَ آڳاٽين يونيورسٽين جي شروعاتي رواج جي ابتڙ شروع کان ئي عورتن جي تعليم لاءِ پڻ مناسب موقعا پئدا ڪندي رهي آهي ۽ پنهنجي ابتدا کان ئي ڪو ايجوڪيشن يعني تعليم جي گڏيل نظام واري اصول تحت نياڻين کي پڻ اعليٰ تعليم لاءِ مختلف ڪورسن ۾ برابريءَ جي بنياد تي داخلائون ڏيندي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نياڻين جو وڏي تعداد پڻ هن يونيورسٽي ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم جي زيور سان آراستا ٿيندو رهيو آهي. اڄڪلهه يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ زيرِ تعليم شاگردن جو ڪل تعداد اٽڪل چاليهه هزار آهي جن ۾ خاصو تعداد دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ آهي. هن يونيورسٽي جي مکيه ڪئمپس سينٽرل لنڊن جي هڪ خوبصورت ۽ مرڪزي علائقي بلومسبري ۾ واقع آهي. هن جون ملڪ کان ٻاهر واريون ڪمپسون جهڙوڪ يو سي ايل آسٽريليا، يوسي ايل قطر ۽ يوسي ايل دوها پڻ انهن ملڪن جي شاگردن سان گڏ ٻين ملڪن کان ايندڙ نوجوانن کي پڻ معياري تعيلم جا فراهم ڪري ٿي.
    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي مکيه ڪئمپس يارنهن فئڪلٽين تي مشتمل آهيجهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف لائيف سائنسز، فئڪلٽي آف ميڊيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف برين سائنسز، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ سائنسز، فئڪلٽي آف مئٿميٽيڪل ائنڊ فزيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف پاپوليشن هيلٿ سائنسز، فئڪلٽي آف آرٽس ائنڊ هيومنٽيز، فئڪلٽي آف بِلٽ انوائرنمنٽ، فئڪلٽي آف آرٽس ائنڊ هيومنٽيز، فئڪلٽي آف سوشل ائنڊ هسٽاريڪل سائنسز، فئڪلٽي آف لا ۽ انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن وغيره. انهن مٿي ڄاڻايل فئڪلٽين ۾ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، سوشل ۽ انوائرنمنٽل سائنسز جا سڀئي تدريسي ۽ تحقيقي شعبا پنهنجي ڪم ۽ ڪارج واري حوالي سان سموري دنيا جي طالبعلمن، تعليمدانن ۽ تحقيڪارن ۾ وڏي مقبوليت رکن ٿا.
    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ سورنهن لئبريريون آهن جن ۾ مختلف موضوعن تي اٽڪل پندرنهن لک ڪتابن سان گڏ ڊجيٽل انفرميشن جا ذريعا موجود آهن جتي شاگرد باقاعدگيءَ سان اچي مطالعي وسيلي پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪندا رهندا آهن. انهيءَ کان علاوه هن يونيورسٽي جا ريسرچ انسٽيٽيوٽ، ميڊيڪل ائنڊ هيلٿ سينٽر شاگردن جي روزمره واري عملي سکيا سان گڏ تحقيقن ذريعي انساني سماج جي چڱ ڀلائي لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.
    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن شهر جي مرڪزي علائقي ۾ اهڙي جڳهه تي واقع آهي جتي دنيا جا ٻيا ناميارا ادارا پڻ هن درسگاهه جي شاگردن جي پهچ ۾ هجن ٿا جتي وڃي اهي پنهنجي معلومات ۾ پڻ اضافو ڪندا آهن. انهن ناميارن ادارن ۾ برٽس لائبريري جتي هڪ اندازي مطابق اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ڪتاب ۽ مسودا موجود آهن، ۽ ٻيو معلومات وارو ادارو اهرو ئي ادارو برٽش ميوزم آهي، جتي پڻ دلچسپي ۽ معلومات جا وڏا سامان مهيا آهن.
    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي ان مختصر پر مفصل تعارفي حال احوال کان پوءِ ان يونيورسٽي ۾ جاب ڪندڙ سنڌ جي سپوت ڊاڪٽر رفيق نانگريجو جي جدوجهد تي هڪ نظر ڦيرايون ٿا، جيڪا مون کي يقين آهي ته پڙهندرن جي اتساهه جو وڏو ذريعو بڻبي.سنڌ مان سفر ڪري يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ سندس پهچڻ واري ڪامياب جدوجهد جي معلومات وٺڻ لاءِ مون جڏهن ڊاڪٽر رفيق نانگريجو ڏانهن ڪجهه سوال لکي اِي ميل ذريعي موڪليا ته انهن جي جواب ۾ هن جيڪو ڪجهه لکيو اهو سندس ئي زباني هن ريت آهي ؛ “ مان خيرپور جي تعلقي ڪمب کان اٺ ڪلوميٽر پري ڳوٺ ٽالپر وڏا ڀرسان واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ناگريجا چودڳي” سان تعلق رکان ٿو. منهنجو پيءُ جيڪو منهنجي پڙهائي دوارن ئي وفات ڪري ويو هيو سو ريلوي کاتي ۾ مزدوري ڪندو هيو. مان بنيادي تعليم پرائمري اسڪول ناگريجو مان حاصل ڪري اٺين جماعت مڊل اسڪول ڳوٺ جهنڊو مشائخ ۽ مئٽرڪ راڻيپور اسڪول مان پاس ڪئي. مان گرمي توڙي سرديءَ ۾ هر روز پنهنجي مڊل اسڪول ڏانهن هڪ ڪلاڪ پنڌ ڪري ويندو هيس ڇو ته ان زماني ۾ اسان وٽ سائيڪل خريد ڪرڻ جي لاءِ به پئسا ڪو نه هيا. بحرحال انٽرميڊيٽ جو امتحان گمبٽ ڪاليج مان پاس ڪري شاهه عبدالطيف يونيورسٽي مان بي ايس سي ۽ ايم ايس سي فزڪس ۽ ايم اي سوشالاجي ۾ پاس ڪيم. توڙي جو مان غربت جي ڪري ڪيترائي ڀيرا دلشڪستو به ٿيو هيس پر همٿ نه هاريم ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ٻه امتحان هڪ سوشل ويلفيئر آفيسر ۽ ٻيو ليڪچرار فزڪس جي عهدي لاءِ پاس ڪيم ۽ نوڪرين جا به ٻه آفر آرڊر مليا پر مون فزڪس جي ليڪچرار جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ به محنت جاري رکيم ۽ نيٺ برطانيا جي اوورسيز ايوارڊ اسڪيم تحت اسڪالرشپ حاصل ڪري برطانيا ۾ اچي لنڊن جي ڪوئين ميري ڪاليج مان “ميٽيرلس سائنس ائنڊ انجنيئرنگ” ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيم ۽ ان دوران تحقيقي پيپر به لکيم جنهنڪري برطانيا جي نامور اداري رائيل ڪميشن فار ائزگزيبيشن پاران مون کي فيلوشپ ايوارڊ ڪئي وئي ۽ مون کي برطانيا جي پارليامينٽ پاران هائوس آف ڪامنس ۾ پنهنجو تحقيقي ڪم پيش ڪرڻ جي دعوت به ڏني وئي.
    بحرحال سال 2006ع ۾ مون کي يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ سينيئر ريسرچ فيلو جي نوڪري ڏني وئي آهي جتي اڄڪلهه مان شاگردن جي نگراني سان گڏ سائنسي تحقيق به ڪري رهيو آهيان ۽ هن وقت تائين ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن جهڙوڪ آمريڪا، ڪيناڊا، جرمني، اٽلي، اسپين، سوئزرلينڊ، فرانس، هالينڊ، مصر، دبئي ۽ سعودي عرب وڃي اتي جي مختلف ادارن ۾ پنهنجا سائنٽيفڪ تحقيقي پيپر پيش ڪري چڪو آهيان”
    يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي سينيئر ريسرچ فيلو سنڌ ڄائَي ڊاڪٽر رفيق نانگريجو جي جدوجهد جي ان ڪهاڻيءَ مون کي ته وڏو اتساهه ڏنوآهي پر مون کي يقين آهي ته سنڌ جا نوجوان به ان ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ محنت، جدوجهد ۽ همٿ واري اها ئي راهه اپنائي پنهنجي منزلن کي تلاش ڪري وٺندا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 4 فيبروري 2015)


    ناٽنگهم يونيورسٽي

    ناٽنگهم يونيورسٽي،
    جتي آئنسٽائن ۽ گانڌي ليڪچر ڏيڻ ايندا هئا

    برطانيا جي شهر ناٽنگهم جي مشهوريءَ جا جديد حوالا ته ٻين گهڻين دللُڀائيندڙ ڳالهين سان گڏ اتان جي ترقي، تفريح ۽ تعليم جا عمده انتظام به آهن جن ۾ نمايان حيثيت هن شهر ۾ واقع ٻن يونيورسٽين جهڙوڪ “ناٽنگهم يونيورسٽي” ۽ “ناٽنگهم ٽرينٽ يونيورسٽي” جي آهي پر چوڏيهين صديءَ واري قديم انگريزي ادب ۾ موجود اهو لوڪ داستان جنهن جو هيرو جڳ مشهور شريف بدمعاش رابن هوڊ ۽ وِلِين ناٽنگهم جو شيرف (پوليس عملدار) هيو سو پڻ ناٽنگهم جي سڃاڻپ جو هڪ تاريخي حوالو آهي.اسان جي سنڌ واري ڌاڙيل پرو چانڊئي جيان انگريزن جي ديس جي ڌاڙيل رابن هوڊ، جنهن جو تعلق پڻ ناٽنگهم سان ٻڌايو وڃي ٿو، تي پڻ ڪي ئي انگريزي فلمون، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ ناول وغيرلکيا ويا آهن. بحرحال ناٽنگهم يونيورسٽي واري شهر ناٽنگهم جي هن اوائلي ۽ غريب پرور رهزن جو قصو به پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هن مضمون ۾ هيٺ بيان ڪبو پر پهريان ڳالهه ٿيندي “ناٽنگهم يونيورسٽي” ، “ناٽنگهم ٽرينٽ يونيورسٽي” ۽ ٽرينٽ يونيورسٽي ۾ تعليم پرائڻ لاءِ تازو اعلانيل اسڪالر شپ جي.
    “دِي يونيورسٽي آف ناٽنگهم” برطانيا جي صوبي انگلينڊ جي خوبصورت شهر ناٽنگهم ۾ واقع آهي 1881ع ۾ ٿي هئي پر هن جو رايل چارٽر ( Royal Charter) 1948ع ۾ جاري ٿيو هيو.
    جڏهن ناٽنگهم شهر ۾ اڃا ڪو ڪاليج يا يونيورسٽيڪو نه هئي تڏهن هتان جي شهرين لاءِ تعليم جي ضرورت کي محسوس ڪندي 1798ع ۾ “اَيڊلٽ ايجوڪيشن اسڪول” قائم ڪيو ويو. 1875ع ۾ هڪ گمنام مخير ۽ تعليم دوست شخص اسڪول کي ترقي وٺرائڻ ۽ هن شهر ۾ اعليٰ تعليم جو رجحان پئدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان ڏهه هزار ڊالرن جو عطيو ڏئي هن اسڪول ۾ڪيمبرج يونيورسٽي پاران توسيعي ليڪچرن جو سلسلي جو آغاز ڪرايو. 1881ع ۾ ايڊلٽ ايجوڪيشن اسڪول کي ترقي ڏئي “ يونيورسٽي ڪاليج آف ناٽنگهم” بڻايو ويو.
    هن يونيورسٽي ڪاليج جي عمارتن ۽ هڪ ڪشادي پارڪ لاءِ زمين هڪ ٻئي مخير شخص “سر جيس بوٽ” (Sir Jesse Boot ) ناٽنگهم انتظاميا حوالي ڪئي. بعد ۾ يعني 1948ع ۾ هن ڪاليج کي ترقي ڏئي ناٽنگهم يونيورسٽي بڻايو ويو. مخير شخص “سر جيس بوٽ” جي مدد سان قائم ناٽنگهم پارڪ واري علائقي ۾ واقع ناٽنگهم يونيورسٽي جي هن ڪئمپس کي پارڪ ڪئمپس سڏيو وڃي ٿو، جيڪا ناٽنگهم جي چئن ٻين ڪئمپسن مان مکيه ڪئمپس ليکي وڃي ٿي. برطانيا جي نامور اديب ۽ انگريزي ٻوليءَ جي شاعر ڊي ايڇ لارينس (D.H.Lawerence) سر جيس بوٽ جي ان سهائتا تي پنهنجي هڪ شعر جي وسيلي هيٺين طرح تبصرو ڪيو هيو، جيڪو ان دور جي ناٽنگهم شهر جي صورتحال ۽ سر جيس بوٽ پاران ڏنل ملڪيت تي ان زماني جي هڪ شاعر جو ذاتي رايو سمجهيو وڃي ٿو. سندس ان شعر جو ترجمو هن ريت آهي؛ “ناٽنگهم جو اداس شهر جنهن جي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ مان پڙهيو آهيان، ان شهر ۾ علم جي ڦهلاءِ لاءِ هڪ يونيورسٽي ٺاهي وئي آهي. هي يونيورسٽي جنهن جي عمارت تمام وسيع ۽ روعبدار آهي اها هڪ چڱي ماڻهوءَ سر جيس بوٽ جي هوشيارپ وسيلي حاصل ڪيل دولت سان جوڙي وئي آهي”.
    ناٽنگهم يونيورسٽي ڪاليج جيڪو بعد ۾ ناٽنگهم يونيورسٽي بڻيو ان کي اهو به اعزاز حاصل رهيو آهي ته هن ڪاليج ۾ دنيا جي نامياري سائنسدان آئن اسٽائين ۽ هندوستان جي آزاديءَ جي اڳواڻ مهاتما موهن داس ڪرمچند گانڌي اعزازي ليڪچر ڏنا آهن. هڪ اطلاع موجب ناٽنگهم يونيورسٽي ڪاليج جي ان اعزازي ليڪچر دوران آئن اسٽائن جيڪو بليڪ بورڊ استعمال ڪيو هيو اهو اڄ تائين هن يونيورسٽي جي فزڪس ڊپارٽمنٽ ۾ نمائش لاءِ موجود آهي.
    ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ” جي سال 2011ع واري سروي رپورٽ مطابق ناٽنگهم يونيورسٽي دنيا جي معياري يونيورسٽين واري لسٽ ۾ چوهترين نمبر تي هئي.ناٽنگهم يونيورسٽيءَ جو ناٽنگهم شهر ۾ پنج ڪئمپسون آهن جهڙوڪ يونيورسٽي پارڪ ڪئمپس، جوبلي ڪئمپس، سوٽن بوننگ ڪئمپس، سٽي هاسپيٽل ڪئمپس ۽ ڪنگس ميڊو ڪئمپس. پارڪ ڪئمپس جيڪا ٽي سئو ٽيهه ايڪڙن تي ڦهليل آهي سا پنهنجي خوبصورتي ۽ ساوڪ جي ڪري برطانيا جي خوبصورت ڪئمپس ليکي وڃي ٿي. هن يونيورسٽي جو ٻه انٽرنيشنل ڪئمپسون به آهن جنهن مان هڪ 1999ع ۾ ملائيشيا جي سلنگور صوبي جي شهر سيميا ۾ ۽ ٻي 2004ع ۾ چين جي صوبي ضيانگ جي شهر ننگبو ۾ قائم ڪئي وئي آهي. ناٽنگهم يونيورسٽي جي برطانوي ڪئمپسن ۾ جديد علمن جا ناميارا تدريسي ۽ تحقيقي شعبا قائم آهن جن ۾ ويٽرنري سائنس، ميڊسن سائنس، ميڊيڪل سائنس، ائگريڪلچر، انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر ائنڊ انفارميشن سائنس، بزنس اسٽڊيز، فارميسي، سوشل سائنسز، آرٽس، ايجوڪيشن، لا، جنرل سائنس،فزڪس، ڪيمسٽري، ميٿميٽڪس، لئنگئجز ائنڊ لٽريچر وغيره اچي وڃن ٿا. هن يونيورسٽي ۾ سندس اڳوڻي نامياري شاگرد ڊي ايڇ لارينس جيڪو بعد ۾ انگريزي ادب جو وڏو نانءُ بڻيو، جي نالي پٺيان “ڊي ايڇ لارينس ڪامپليڪس” قائم ڪيل آهي جيڪا ثقافتي، ادبي ۽ آرٽ جي سرگرمين جو مرڪز بڻيل هجي ٿي.
    ناٽنگهم شهر ۾ هڪ ٻي به يونيورسٽي آهي جيڪا “ناٽنگهم ٽرينٽ يونيورسٽي” جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. هي يونيورسٽي پڻ سرڪاري سرپرستي هيٺ هلندڙ ريسرچ يونيورسٽي آهي جيڪا پنهنجي تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي ڪري ڪافي ساک رکي ٿي. ٽرينٽ يونيورسٽي 1992ع ۾ قائم ڪئي وئي آهي.
    ناٽنگهم شهر جتي ناٽنگهم يونيورسٽي ۽ ناٽنگهم ٽرينٽ يونيورسٽي کان علاوه ٻيون به ڪي ئي تاريخي ۽ تفريحي اهميت واريون جايون موجود آهن، انهيءَ ئي شهر سان چوڏهين عيسوي صديءَ ڌاري تخليق ڪيل انگريزي لوڪ ادب جو هڪ دلچسپ قصو به منسوب ٿيل آهي جنهن جو مرڪزي ڪردار ان زماني جو مشهور ڌاڙيل رابن هوڊ آهي. قصو هن طرح آهي ته اڄ کان اٽڪل ست سئو سال اڳ رابن هوڊ نالي هڪ امير گهراڻي جو فرد باغي بڻجي ڌاڙيل بڻجي ويو ۽ هن ناٽنگهم جي هڪ ٻيلي “شيرووڊ فاريسٽ” ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ پنهنجو ٽڪاڻو ٺاهيوهو. هو وجهه ملڻ تي ٻيلي مان نڪري شهر ۾ اچي امير ماڻهن جي گهرن ۾ ڌاڙا هڻندو هيو ۽ اتان لٽيل ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هيو. ناٽنگهم شهر جو عملدار شيروف هن کي پڪڙڻ جا وڏا وس ڪيا پر هن پنهنجي ڪرت جاري رکي. رابن هوڊ جي غريبن جي لاءِ سندس انهيءَ قسم جيهمدردي جي ڪري اتان جا غريب ماڻهو کيس پنهنجو هيرو ۽ ناٽنگهم جي شيروف کي وِلِيَن سمجهندا هيا. ناٽنگهم جي انهيءَ شريف بدمعاش جي زندگيءَ تي ڪي ئي ڊراما، فلمون به ٺهي چڪيون آهن ته ڪتابن ۾ ڪهاڻيون پڻ ڇپجي چڪيون آهن.
    بحرحال اهو مٿيون ته هڪڙو قصو ئي هيو جنهنجي صداقت تي اڃا به يورپ ۾ بحث هلندا رهن ٿا، پر ناٽنگهم جا هي اعليٰ درسگاهه اڄ به اهڙي مشعل مثل آهن جن ۾ جنم وٺندڙ علم، ادب، ساڃاهه ۽ شعور جي روشني نه رڳو ناٽنگهم يا برطانيا جي شهرين پر دنيا جي ٻين ملڪن کان هتي ايندڙ نوجوانن جي ذهنن کي پڻ علم سان روشناس ڪري کين ڪاميابين سان همڪنار ڪندي رهي ٿي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 1 اپريل 2015)


    شِفيلڊ يونيورسٽي

    شِفيلڊ يونيورسٽي،
    جيڪا هڪ حسين شهر ۾ قائم آهي


    يونيورسٽي آف شِفيلڊ انگلينڊ جينامياري شهر شفيلڊ ۾ واقع آهي. شفيلڊ برطانيا جو اهو شهر آهي جنهن سان ڪيتريون حيرانڪُن حقيقتون ۽ حسناڪيون منسوب ٿيل آهن. يونيورسٽي آف شفيلڊ ۽ ٻيا ننڍا وڏا درسگاهه هن شهر جي زيب ۽ زينت هئڻ سان گڏ هن جي علم پروري جا انمول اهڃاڻ ته بڻيل آهن ئي پر شفيلڊ شهر جي حسن جي هاڪ جا حوالا هتان جي شيف ندي (Sheaf River) ۽ ان سان گڏ سموري شهر ۾ ڦهليل اٽڪل اڍائي سئو کن پارڪ، ننڍا وڏا ٻيلا (جن کي هتان جا ماڻهو “ووڊلئنڊ” woodland) سڏيندا آهن ۽ هتان جا باغ باغيچا خاص طور تي رچمنڊ پارڪ، ڪانڪورڊ پارڪ، ڪيلهم آئلئنڊ ميوزم، ملينيم گئلري وغيره آهن. چون ٿا ته شفيلڊ اهڙو شهر آهي جتي هڪ اندازي مطابق وِيهه لکن کان وڌيڪ وڻ سڄي شهر کي پنهنجي سائي ڀاڪر ۾ ڀريو بيٺا آهن. جڏهن ته هن شهر جي ڪل آبادي اٽڪل ساڍا پنج لک ماڻهن تي مشتمل آهي. انهيءِ حساب سان شفيلڊ شهر جي هر شهريءَ جي حصي ۾ تقريبا چئن وڻن جي ڇانوَ ۽ انهن ڇانوَ ڏيندڙ شجرن جو هر فائديمند ثمر به اچي وڃي ٿو.
    هونئن به تعليمي حوالي کان علاوه به جيڪڏهن شفيلڊ شهر جو جائزو وٺجي ته خبر پوندي ته هي آباديءَ جي لحاض کان انگلينڊ جو چوٿون نمبر وڏو شهر پڻ آهي جيڪو سائوٿيورڪشائر ميرووپوليٽن جو حصو آهي. اتر انگلينڊ جي هڪ خوبصورت ندي “Sheaf River” جيڪا هن شهر جي مرڪز مان زيرِ زمين (underground) وهي ٿي ۽ جنهن نديءَ کان هن شهر پنهنجو نالو به ورتو آهي يعني “شفيلڊ” (Sheffield)، سا سائوٿ يورڪشائر جي ڊون نديءَ مان (Don River ) مان نڪري ٿي جنهن جي ماٿريءَ ۾ ئي شفيلڊ شهر واقع آهي. هي شهر ڪنهن زماني ۾ ڪاري سون يعني ڪوئلي جي کاڻين ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ پئداوار ۽ آمدني جي حوالي سان مشهور هوندو هيو پر صنعتي ترقيءَ ۾ چوٽ چڙهڻ کان پوءِ شفيلڊ شهر اسٽيل جي پئداوار جو مرڪز بڻجي ويو جنهنڪري شفيلڊ کي “اسٽيل سِٽي” پڻ سڏيندا آهن. بحرحال شفيلڊ شهر جتي ڪافي سنڌي ڪٽنب پڻ آباد آهن جن جو ذڪر به اڳتي هن مضمون ۾ ايندو پر پهريان شفيلڊ شهرجي تعليمي ميدان تي نظر ڊوڙايون ٿا جتي ٻين ننڍن وڏن تعليمي ادارن کان علاوه هن شهر جون ٻه وڏيون درسگاهون اتان جي علم جي افق تي روشن ستارن جيان موجود آهن. انهن مان هڪ درسگاهه آهي شفيلڊ هئلم يونيورسٽي (Sheffield Hallam University) ۽ ٻي آهي يونيورسٽي آف شفيلڊ ( University of Sheffield) ، جنهن کي “شفيلڊ يونيورسٽي” پڻ سڏجي ٿو.
    شفيلڊ يونيورسٽي جيڪا هاڻي پنهنجي عمر جا هڪ سئو ڏهه سال پورا ڪري چڪي آهي ۽ پنهنجي وسيع تدريسي ۽ تحقيقي تجربي ۽ منجهنس موجود سهوليتن جي بنياد تي نه رڳو شفيلڊ شهر پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ نوجوان نسل جي تعلييم ۽ ترتيب ڪري رهي آهي سا اصل ۾ 1905ع ۾ وجود ۾ آئي آهي.
    ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي 2014ع واري سروي رپورٽ مطابق شفيلڊ يونيورسٽي دنيا جي هڪ سئو ٻارنهن ٽاپ معيار واري يونيورسٽي آهي. جڏهن ته ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪگ مطابق شفيلڊ برطانيا جي تيرهين ۽ دنيا جي ڇاهٺون نمبر معياري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي ۾ اڄڪلهه اٺاويهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ ڪافي تعداد انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ آهي. شفيلڊ يونيورسٽي جي سائنس ۽ ميڊيڪل فئڪلٽيءَ سان منسلڪ پنجن سائنسدانن کي سندن شعبن ۾ نمايان تحقيقن، دريافتن ۽ ايجادن جي عيوض نوبيل انعام ڏنا ويا آهن.
    شفيلڊ يونيورسٽي روايتي طور ڪئمپس يونيورسٽي نه آهي جنهن جا سڀئي ادارا ۽ بلڊنگيون هڪ هنڌ ئي هونديون آهن پر هي يونيورسٽي شفيلڊ شهر جي مختلف علائقن ۾ ڦهليل آهي جتي هن جا مختلف ڪاليج، اسڪول، انسٽيٽيوٽ ۽ ٻيا تدريسي، تحقيقي ۽ انتظامي ادارا شاگردن جي وڏي انگ کي سندن دلچسپي وارن سبجيڪٽن ۾ پڙهائي ۽ تحقيق جو اهتمام ڪندا رهن ٿا.
    شفيلڊ يونيورسٽي جو مکيه ڪئمپس شفيلڊ شهر جي مرڪزي علائقي کان اولهه طرف ڪجهه مفاصلي تي آهي جتي يونيورسٽيءَ جي مختلف نالن وارن عمارتن ۾ هتان جا ڪيترائي تدريسي ۽ ٻيا شعبا قائم آهن. يونيورسٽي جي هن حصي ۾ موجود تدريسي شعبن ۾ اينيمل ائنڊ پلانٽ سائنسز، بايولاجي، جياگرافي، بايو ٽيڪنيڪل سائنسز، ميڊيسن، ماليڪولر بايولاجي، بايو ميڊيڪل سائنسز، آرٽس، ۽ نيچرل سائنس جا ٻيا شعبا شامل آهن. هن ڪئمپس جي هِڪس بلڊنگ ۾ فزڪس، ايسٽرانامي، اسڪول آف مئٿميٽڪس ائنڊ اسٽيٽڪس پڻ شاگردن جي دلچسپي ۽ گهما گهمي جو مرڪز بنيل هوندو آهي.
    شفيلڊ جي ٻي ڪئمپس جنهن کي سينٽ جارج ڪئمپس جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي تنهن م فئڪلٽي آف نجنيئرنگ، شفيلڊ اسڪول آف مئنيجمنٽ سائنسز، ڊپارٽمنٽ آف ڪمپيوٽر سائنس، ڊپارٽمنٽ آف ميوزڪ، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز ائنڊ هيومنٽيز، ٽرنر ميوزم آف گلاس، ٽريڊيشنل هيريٽيج ميوزم کان علاوه ريسرچ لئبارٽريون، انفرميشن ڪامنس، ويسٽرن بئنڪ لئبريري، سينٽ جارج لئبريري ۽ هيلٿ سائنس لئبريري وغيره شامل آهن.انهن کان علاوه هن يونيورسٽي جا ٻيا ادارا جهڙوڪ ويسٽن پارڪ ميوزم، فئڪلٽي آف هيلٿ سائنس، رايل هلمشائر هاسپيٽل، شفيلٽ ٽيچنگ هاسپيٽل، اسپورٽس ۽ انٽرٽينمنٽ فئسلٽيز وغيره هن يونيورسٽي کي هڪ خاص اهميت بخشن ٿا.
    شفيلڊ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ يا شفيلڊ شهر ۾ رهائش پذير سنڌين بابت معلومات وٺڻ لاءِ مون جڏهن شفيلڊ کي هڪ ويجهي شهر برئڊ فورڊ ۾ مستقل طور رهندڙ شڪارپور جي دوست ۽ برطانيا جي سنڌين جي سماجي ۽ ثقافتي ڀلائي واري تنطيم“سنڌي سنگت يوڪي” جي متحرڪ ميمبر زاهد جماڻي سان رابطو ڪيو ته هن شفيلڊ جي سنڌين بابت وڏي اتساهيندڙ ڄاڻ ڏني جيڪا شفيلڊ يونيورسٽي ۾ تعليم جي خواهش رکندڙ سنڌ جي نوجوانن لاءِ پڻ دلچسپي ۽ اتساهه جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.
    زاهد جماڻي ٻڌايو ته شفيلڊ يونيورسٽي مان سنڌ سان تعلق رکندڙ لياقت ڀٽو اگريڪلچر ۾ پي ايڇ ڊي، فياض ڪانڌڙي انجنيرنگ ۾ پي ايڇ ڊي، پروين اعظم نرنسگ ۾ پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي آهي. جڏهن ته ساڳئي يوينورسٽي مان لياقت شيخ، زاهد ميمڻ، اشفاق ٽالپر، اي ڊي ڪيريو، حفيظان وڌيو ۽ شهزادو وڌيو پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي آهن. انهن کان علاوه شفيلڊ جي هيلم يونيورسٽي مان رجب علي ڪيرئي انٽرنيشنل بزنس ائنڊ مئنيجمنٽ ۾ ماسٽرس حاصل ڪئي آهي.
    زاهد جماڻي ٻڌايو ته اڄڪلهه شِفيلڊ شهر ۾ تقريبا پنڌرنهن سنڌي ڪٽنب مستقل طور رهائش پذير آهن جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان اعليٰ تعليم يا روزگار جي سانگي هن شهر ڏانهن آيا آهن. شفيلڊ شهر جي اهڙن سنڌين ۾ لاڙڪاڻي جو عبدالقادر ڀٽو، گمبٽ جو غلام قادر، خيرپور ميرس جو نثار گلال، ڪنڊياري تعلقي جومير خان خشڪ، ڪنڌڪوٽ جو اڪبر علي بهلڪاڻي، ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جا صادق ڀنڀرو، فياض ڪانڌڙو، عالم شيخ ۽ ڊاڪٽر اعظم علي ميمڻ، شڪارپور ضلعي جي ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ وَڌَو جو شهزادو وڌو، ساڳئي ضلعي جي وزير آباد شهر جو وسيم مهر، ٽنڊوڄام جو اي ڊي ڪِيريو، ڪوٽڙي جو شمس الدين شورو، حيدرآباد جو اشفاق ٽالپر شامل آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شڪارپور سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نامياري سياستدان غوث بخش خان مهر جي نياڻي مسز وسيم مهر شفيلڊ جي ناموَر ڊاڪٽر آهي. شمس الدين شورو هتان جي صحت واري کاتي “نيشنل هيلٿ سوروس” (NHS)۾ سنڌي ترجمان طور پڻ خدمتون سرانجام ڏيندو آهي. لاڙڪاڻي جو سيد عالم شاهه پڻ شفيلڊ شهر ۾ رهائش پذير آهي.
    شفليڊ جي سنڌين مان ڪافي دوست سنڌين جي ثقافتي تنظيم “سنڌي سنگت” جا عهديدار ۽ ان جا متحرڪ ميمبر پڻ آهن. زاهد جماڻي ٻڌايو ته اڄڪلهه هن سنگت جا جيڪي عهديدار آهن انهن ۾ شفيلڊ جا رهاڪو ٽي دوست جهڙوڪ شهزادو وڌيو جنرل سيڪريٽري، نثار گلال فئنانشل سيڪريٽري، اَي ڊي ڪيريو ڪلچرل سيڪريٽري جي عهدن تي فائز آهن، جڏهن ته مانچيسٽر ۾ رهندڙ شڪارپور جو جبار قريشي سنڌي سنگ يوڪي جو صدر، گل ميمڻ انفارميش سيڪريٽري ۽ برطانيا جي برئڊ فورڊ شهر ۾ رهندڙ ڳڙهي ياسين جو علي ميمڻ نائب صدر آهن. مان جڏهن ڪجهه عرصو اڳ برطانيا جي دوري دوران “ سنڌي سنگت يو ڪي” طرفان مانچيسٽر ۾ منعقد ڪيل هڪ ثقافتي تقريب ۾ شريڪ ٿيو هيس تڏهن ان تقريب ۾ برطانيا جي ٻين شهرن سميت شفليڊ کان آيل ڪيترن ئي سنڌي خاندانن سان پڻ ملاقات ٿي هئي.
    بحرحال شفيلڊ شهر واري شفيلڊ يونيورسٽي ۾ نوجوانن جي اعليٰ ۽ جديد تعليم سان گڏوگڏ سندن ذهني ترقيءَ ۽ چڱ ڀلائي لاءِ گهڻين سهوليتن جو انتظام ٿيل آهي. انهيءَ سان گڏ شفيليڊ جا سنڌي پڻ شفيلڊ ۾ تعليم لاءِ ايندڙ سنڌي نوجوانن جي همٿ افزائي جو سبب بڻجندا رهن ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 15 اپريل 2015)


    شفيلڊ هيلم يونيورسٽي

    شفيلڊ هيلم يونيورسٽي،
    جتي سنڌي شاگرد پڻ پڙهن ٿا

    شفيلڊ هيلم يونيورسٽي برطانيا جي وڏين يونيورسٽين مان هڪ ليکي وڃي ٿي.هن ۾اٽڪل پنجٽيهه هزار شاگرد داخل آهن جن ۾ خاصو تعداد انٽرنيشنل شاگردن جوبه آهي.يونيورسٽي جي شاگردن يا اسٽاف ۾ ٻين سان گڏ اسان جا سنڌي نوجوان پڻ شامل آهن. انهن ۾خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ جنگهو” ۽ لاڙڪاڻي شهر سان تعلق رکندڙ ٻه اهڙا سنڌي نوجوان به شامل آهن جن جي همٿ جدوجهد ۽ ڪاميابين جي ڪهاڻي ڏاڍي اتساهيندڙ آهي جيڪا به هن مضمون ۾ اڳتي هلي پنهنجي مانوارن پڙهندڙن سان شيئر ڪبي پر پهريان شفيلڊ هيلم يونيورسٽي جو تفصيلي جائزو پيش ڪجي ٿو.
    شفيلڊ هيلم يونيورسٽي جي وجود ۾ اچڻ جو بنياد اڄ کان پوڻا ٻه سئو سال اڳ تڏهن پئجي چڪو هيو جڏهن شفيلڊ جي هڪ مصور ۽ ڊزائينر شهر ۾ ڊزائيننگ جو هڪ تربيت گاهه قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون هيون. هي اهو زمانو هيو جڏهن شفيلڊ جي معشيت پنهنجو رنگ بدلائي رهي هئي ۽ هي علائقو “ڪاري سون” يعني ڪوئلي ۽ لوهه جي کاڻين جي مرڪز مان تبديل ٿي “اسٽيل سِٽي” (Steel City) بڻجڻ وارو هيو. هن شهر ۾ اِسٽيل جي صنعتن متعارف ٿيڻ سان اسٽيل جي ٿانون ٿڦن ۽ ٻئي سامان ٺاهڻ لاءِ ڊزائينگ وارو ڪم وڌڻ لڳو جنهنڪري هن شهر ۾ آرٽ ۽ ڊزائيننگ سيکارڻ جي ڪنهن معياري اداري جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. ان حوالي سان شفيلڊ جي نامياري آرٽسٽ ۽ ڊزائينر “بينجمن هيڊن” جي ورتل ڪوششن جي نتيجي ۾ 1843 ۾ هتي “ شفيلڊ اسڪول آف ڊزائينگ” قائم ڪيو ويو جنهن جو انتظام ۽ سار سنڀال شفيلڊ جي لوڪل ڪائونسل جي هٿ هيٺ ڏني وئي. 1850ع ۾ هن اسڪول کي وسعت ڏئي هن جو نالو “ شفيلڊ اسڪول آف ڊزائين ائنڊ آرٽ” رکيو ويو. 1969ع ۾هن کي استادن جي ٻن تربيتي ادارن يعني شفيلڊ سِٽي ڪاليج ۽ ٽوٽلي هال ڪاليج ۾ ضم ڪري هن جو نئون نالو “شفيلڊ سِٽي پوليٽيڪنڪ” رکيو ويو. 1992ع ۾ “شفيلڊ سِٽي پوليٽيڪنڪ” جو درجو وڌائي کيس “شفيلڊ هيلم يونيورسٽي” بڻايو ويو.
    شفيلڊ هيلم يونيورسٽي ٻن ڪئمپسن، چئن فئڪلٽين،کوڙ سارن تدريسي تحقيقي شعبن، انسٽيٽوٽن، اسڪولن ۽ ڪاليجن تي مشتمل آهي.هن جون فئڪلٽيون هن ريت آهن، جهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف هيلٿ ائنڊ ووئيل بينگ (Well being) ، فئڪلٽي آف ڊيولپمنٽ ائنڊ سوسائٽي، فئڪلٽي آف آرٽس، ڪمپيٽنگ، انجنيرنگ ائنڊ سائنس، ۽ فئڪلٽي آف آرگنائيزيشن ائنڊ مئنيجمنٽ جنهن کي شفيلڊ اسڪول آف بزنس ائنڊ مئنيجمنٽ سڏيو وڃي ٿو.
    مٿين فئڪلٽين جي خاص تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ بايو سائنسز، ڊائگنوسٽڪ ريڊيوگرافي، نرسنگ ائنڊ مڊ وائفري، فزيوٿراپي، آڪيوپيشنل ٿراپي، آپريٽنگ ڊپارٽمنٽ پريئڪٽشنرس، پئراميڊڪ اسٽڊيز، ريڊيوٿراپي ائنڊ اونڪولاجي،سوشل ورڪ ائنڊ اسپورٽ، آرٽ ائنڊ ڊزائين، ڪميونيڪيش ائنڊ ميڊيا، بِزنس سِسِٽَمس ائنڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽرس ائنڊ ڪمپيوٽنگ، انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، ملٽي ميڊيا ائنڊ انٽرنيٽ، مئٿميٽڪس ائنڊ اسٽيٽڪس، آرڪيٽيڪچر، انوائرنمنٽل سائنس، بِلٽ انوائرنمنٽ، جيوفرافي، انگلش لٽريچر ائنڊ لئنگئج، ايجوڪيشن، هيومنٽيز، لا، ڪميونٽي جَسٽس، پلاننگ، سوشل سائنسز،پرفارمنگ آرٽس، بزنس ائنڊ مئينجمنٽ، فئسلٽيز مئنيجمنٽ،فئنانس، اِيوينٽس مئنيجمنٽ، ڦوڊ ائنڊ نيوٽريشن، لئنگئج ائنڊ ڪلچر،ٽوئرازم ۽ هاسپيٽلٽي وغيره شامل آهن.
    تازو ئي منهنجو رابطو شفيلڊ هيلم يونيورسٽي سان وابسطه سنڌ جي هڪ پورهيت گهراڻي جي هڪڙي اهڙي باهمٿ نوجوان سان ٿيو، جنهن جي جدوجهد جي ڪهاڻي وڏي اتساهيندڙ آهي. منهنجي رابطي دوران هو هيلم يونيورسٽي پاران مليل ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم لاءِ اونڊونيشيا جي اندلس يونيورسٽي ۾ ڪجهه هفتن لاءِ آيل هيو.هن نوجوان جو نالو صادق ڀنڀرو آهي.منهنجي رابطي ڪرڻ تي هن جيڪو ڪجهه ٻڌايو اهو زندگي جي سڦلتا لاءِجاکوڙيندڙ نوجوانن جي اتساهه لاءِ هتي پيش ڪيان ٿو. صادق ٻڌايو ته “ مان پهرين مارچ 1981ع ۾ ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ “جهنگو” ۾ هڪ هاري محمد صالح ڀنڀري جي گهر ۾ پئدا ٿيس. مان اڃا سيڪنڊري اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس ۾ ئي پڙهندو هيس جو منهنجو والد گذاري ويو. مون کي هڪ وڏو ڀاءُ ۽ پنج ڀينرون آهن جيڪي سواءِ هڪ ڀيڻ جي ٻيون سڀئي مون کان وڏيون آهن. توڙي جو منهنجا پيءُ ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀينيرون ( سواءِ هڪ ڀيڻ جي جيڪا صرف پنج درجا پرائمري پڙهيل آهي) اڻپڙهيل آهن پر منهنجي امڙ جندل خاتون منهنجي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ مونکي همٿائيندي رهي. مان ان دوران پنهنجي تعليمي خرچ پکي حاصل ڪرڻ لاءِ شام جو ڳوٺ ۾ ڪلينڪ تي ڪمپائونڊر جو ڪم به ڪندو هيس. آخر ڪار مون سخت محنت ڪري گمبٽ جي هائير سيڪنڊري اسڪول مان اَي وَن گريڊ ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ساڳئي اسڪول مان 1998ع ۾ پِري ميڊيڪل ( Pre-Medical)گروپ ۾ انٽرميڊيئيٽ جو امتحان اَي گريڊ ۾ پاس ڪيم. ان کان پوءِ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٽيچر جي حيثيت سان ڪم به ڪندو رهيس ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ٽي دفعا اينٽري ٽيسٽ وارا امتحان به ڏنم پر ٽئي دفعا ناڪام ٿيس. بحرحال هن ناڪاميءَ جي ڏک ۾ اچي مايوس ٿي ويهي رهڻ بجاءِ مون اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي سان منسلڪ خيرپور جي ڪاليج مان بي اَي جو امتحان پاس ڪري ڪراچي هليو ويس. ڪراچي ۾ صبح جو ڪالا بورڊ واري علائقي ۾ واقع هڪ خانگي اسڪول ۾ ۽ وري منجهند جو سچل ڳوٺ ۾ واقع روشن تارا اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳس. شام جو انگريزي ٻولي تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ لئنگئج سينٽر ۾ داخلا ورتم ۽ ائين سمورو ڏينهن ويندي رات دير تائين جدوجهد ڪرڻ لڳس. هڪ سال جي انهيءَ سخت محنت کان پوءِ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ داخلا ورتم جتان 2004ع ۾ سوشل ائنٿراپالاجي واري سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيم. اسلام آباد ۾ تعليم لاءِ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن پاران مون کي مالي مدد پڻ ملندي هئي. ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مون کي ڪراچي ۾ ٽرسٽ فار والنٽيئر آرگنائيزيشن ۾ اسسٽنٽ ريجنل آفيسر جي نوڪري ملي وئي پر چند مهينا اها نوڪري ڪرڻ کان پوءِ مون آغا خان يونيورسٽي جي ڪمينٽوني هيلٿ سائنسز ڊپارٽمنٽ ۾ ريسرچ آفيسر جي نوڪري حاصل ڪري ورتي. ان دوران 2006ع ۾ مون کي يورپين ڪميشن جي “ارسمس منڊس اسڪالرشپ پروگرام”(Erasmus Mundus Scholarship Programme) تحت برطانيا ۽ پولينڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي وئي. هن اسڪالرشپ جي مدد سان مان برطانيا، پولينڊ ۽ فرانس وڃي اتي تعليم جاري رکي ٻه ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون؛ هڪ شفيلڊ يونيورسٽي مان ماسٽرس آف پبلڪ هيلٿ (MPH) ۽ ٻي جيگيلونين يونيورسٽي آف ڪراڪو، پولينڊ مان ايم ايس سي اِن سوشل ائنڊ هيلٿ پروٽيڪشن (MSc.PH), انهيءَ سلسلي ۾ڪجهه عرصو فرانس جي رينيس شهر ۾فرينچ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ۾ به پڙهڻ لاءِ ويس. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مون کي “سِٽي يونيورسٽي آف لنڊن” ۽ “سينٽ جارج يونيورسٽي آف لنڊن” ۾ پڻ ريسرچ ايسوسئيٽ طور نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو. بلآخر 2012ع ۾ لنڊن کي ڇڏي شفيليڊ ۾ اچي “شفيلڊ هيلم يونيورسٽي” ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان نوڪري جوائن ڪيم جيڪا اڃا تائين جاري آهي. مان پنهنجا لکيل تحقيقي پيپر ڪيترن ئي ملڪن ۾ منعقد ٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنسن ۽ سيمنارن ۾ پيش ڪري چڪو آهيان، انهن ملڪن ۾ سوئزرلينڊ، فلپائينس، ترڪي، جرمني، ريپبلڪ آف آئرلينڊ، انڊونيشيا، پاڪستان ۽ برطانيا به شامل آهن.
    اهڙو ئي ٻيو همٿ ڀريو نوجوان لاڙڪاڻي واروڊاڪٽر سيد عالم شاهه آهي جيڪو پڻ هڪ مڊل ڪلاس ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. هن جي جدوجهد جي ڪهاڻي به محنت ۾ يقين رکندڙ ماڻهن لاءِ جوت ۽ جلا بخشيندڙ آهي. عالم شاهه لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسڪولن مان پڙهي ڪراچي يونيورسٽي پهتو جتان هن 2002ع ۾فلاسافي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري اتان ئي “پوليٽيڪل فلاسافي ۾ “پوليٽيڪل لِبرَلزم آف جان رالس” جي موضوع تي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس صلاحيتن جي بنياد تي کيس ڪراچي يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ به هن نوجوان پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ نامياري جرمن فلاسافر “هيڊيگر” جي فلسفي واري نظرئي تي تحقيق ڪري 2013ع ۾ پي ايڇ جي ڊگري حاصل ڪئي ان لاءِ پاڻ جرمني ٻولي ۾ به مهارت حاصل ڪيائين. ساڳئي سال سندس شريڪ حيات صبا عالم شاهه (جيڪا پڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي) کي شفيلڊ هيلم يونيورسٽي جي هيلٿ ايڪنامڪس ڊپارٽمنٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي جنهن سان گڏجي هو به شفيلڊ هليو آيو جتي اڄڪلهه هو “شفيلڊ يونيورسٽي” جي فلاسافي ڊپارٽمنٽ ۾ وِزيٽنگ اسڪالر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هڪ سنڌي نياڻي ڊاڪٽر پروين اعظم ميمڻ پڻ شفيلڊ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر مقر ٿيل آهي. لاڙڪاڻي جو فياض حسين ڪانڌڙو جيڪو اين اِي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي اهو به اڄڪلهه شفيلڊ يونيورسٽي مان مٽيريل انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.بحرحال“شفيلڊ هيلم يونيورسٽي” جامٿي ڄاڻايل باصلاحيت سنڌ واسين جيان اوهان لاءِ به علم جا دروازکليل آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 10 جون 2015)


    ڪارڊف يونيورسٽي،

    جتي ٻن سائنسدانن نوبيل انعام حاصل ڪيا

    ڪجهه سال اڳ جڏهن مان ۽ ڊاڪٽر علي نواز مهر اسڪاٽلينڊ ۾ ڪجهه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ واپس انگلينڊ پئي آياسين تڏهن مون کيس راءِ ڏني ته ڇو نه “وَيلز” مان به مختصر چڪر لڳائيندا هلون ته جئين اتي اعليٰ تعليم لاءِ آيل ڪجهه سنڌي دوستن سان به ملون ۽ اتي جي ماڳ مڪانن ۽ درسگاهن جو به درشن ڪندا هلون. بحرحال انهيءَ صلاح تي متفق ٿي اسان پنهنجي ڪار کي ڪارڊف يونيورسٽي واري ديس وَيلز ڏانهن ويندڙ رستن تان ڊوڙائيندا اچي ويلز جي شهر بينگر ۾ پهتاسين.
    وَيلز (Wales) انگلينڊ جيان “يونائيٽيڊ ڪِنگڊم آف گريٽ بِرٽن ائنڊ نارٿ آئرلينڊ” (UK) جو هڪ صوبو يا رياست آهي آهي. يورپ جي هن ترقي يافته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ اسڪاٽلينڊ ۽ نارٿ آئرلينڊ به شامل آهن. وَيلز جي گاديءَ جو هنڌ ڪارڊف (Cardiff) آهي.ويلز ۽ ان جي گادي واري شهرڪارڊف بابت ٻي دلچسپ معلومات به مختصر طور تي هن مضمون ۾ هيٺ ڏبي، پر پهريان اتان جي تعليمي صورتحال خاص طور تي ڪارڊف يونيورسٽي جي حوالي سان ڪجهه ضروري ڳالهيون شيئر ڪبيون.
    برطانيا جي وَيلز صوبي ۾ ڊگري سطح جي تعليم ڏيندڙ ۽ ڊگريون جاري ڪندڙ ڪل نَوَ نامياريون يونيورسٽيون آهن. انهن نوَن يونيورسٽين مان پنج يونيورسٽيون هن جي گادي واري شهر ڪارڊف ۾ آهن ۽ باقي ٻيون چار يونيورسٽيون ويلز جي ٻين شهرن جهڙوڪ “سوان سِي”، “جنيڊ”، “سيريڊيجن” ۽ “ريڪسام” ۾ آهن. ڪارڊف جي انهن يونيورسٽين ۾ 1913ع ۾ قائم ڪيل يونيورسٽي آف سائوٿ ويلز، 1865ع ۾ قائم ڪيل ڪارڊف ميٽروپوليٽن يونيورسٽي، 1882ع ۾ قائم ڪيل يونيورسٽي آف ويلز (جيڪا هاڻي يونيورسٽي آف ڪارڊف سميت ٽن ٻين يونيورسٽين ۾ ورهائجي چڪي آهي)، رايل وَيلش ڪاليج آف ميوزڪ ائنڊ ڊراما (جنهن کي يونيورسٽي واري حيثيت حاصل آهي) ۽ ڪارڊف يونيورسٽي جنهن بابت هي مضمون آهي، شامل آهن. ڪارڊف يونيورسٽي جي قيام جو قصو ڪجهه هن طرح آهي ؛
    ڪارڊف يونيورسٽي جنهن کي مختصر طرح صرف “سِي يو” پڻ سڏيندا آهن ، سا حقيقت ۾1881ع ۾ هڪ ڪاليج جي حيثيت سان قائم ڪئي وئي هئي ۽ ان ڪاليج جو نالو “يونيورسٽي ڪاليج آف ويلز ۽ مونمائوٿشائير” هيو. هي ڪاليج ان وقت “يونيورسٽي آف لنڊن” سان منسلڪ هيو ۽ هن جو ڊگريون پڻ يونيورسٽي آف لنڊن مان ئي جاري ٿينديون هيون. بعد ۾ جڏهن ويلز ۾ هڪ يونيورسٽي “ يونيورسٽي آف ويلز” جي نالي سان قائم ٿي ته هن ڪاليج کي ان سان منسلڪ ڪيو ويو هيو.
    يونيورسٽي آف ويلز حقيقت ۾ وفاقي سطح جي هڪ نامياري ۽ ويلز (Wales) جي پهرين يونيورسٽي هئي جنهن سان نه رڳو مستقبل ۾ ڪارڊف يونيورسٽي جو بنياد بڻجندڙ ڪاليج “يونيورسٽي ڪاليج آف ويلز ۽ مونمائوٿشائير” منسلڪ هيو پر هن يونيورسٽي سان ويلز جا ڪجهه ٻيا به ڪاليج ۽ اسڪول جهڙوڪ “ يونيورسٽي ڪاليج آف ويلز” ، “يونيورسٽي ڪاليج آف نارٿ ويلز”، “سوان سي ڪاليج”، ويلش نيشنل اسڪول آف ميڊيسن، “ ويلش ڪاليج آف ايڊوانسڊ ٽيڪنالاجي” ۽ ڪجهه ٻيا تعليمي ادارا پڻ منسلڪ ڪيا ويا هيا جن جون ڊگريون پڻ يونيورسٽي آف وليز مان ئي جاري ٿينديون هيون.
    بحرحال وقت گذرڻ سان گڏ دنيا جي ٻين ملڪن جيان ويلز ۾ به اعليٰ تعليم جي ادارن جي گهرج ۾ اضافو ٿيڻ لڳو تڏهن هن برطانيا جي هن حصي ۾ پڻ وڌيڪ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو. انهيءَ حوالي سان اڳتي هلي ويلز جي هن وفاقي درسگاهه يعني “يونيورسٽي آف ويلز” جي اوائلي ڪاليجن کي ترقي ڏئي انهن کي خودمختيار يونيورسٽين جي حيثيت ڏئي کين نوان نالا ڏنا ويا. انهي عمل جي نتيجي ۾ “يونيورسٽي ڪاليج آف نارٿ ويلز” ترقي ماڻي “يونيورسٽي آف بينگر” بڻجي ويو، “يونيورسٽي ڪاليج آف ويلز” ترقي وٺي “ ابرسٿ يونيورسٽي” بڻيو، “سوان سِي ڪاليج” سوان سِي يونيورسٽي بڻيو، “ ويلش ڪاليج آف ايڊوانسڊ ٽيڪنالاجي” ترقي ڪري “يونيورسٽي آف ويلز انسٽيٽيوٽ آف سائنس” ۽ “يونيورسٽي ڪاليج آف ويلز ۽ مونمائوٿشائير” ارتقا ڪري 1999ع ۾ “ ڪارڊف يونيورسٽي” بڻجي دنيا جي تعليمي نقشي تي نروار ٿي.
    ڪارڊف يونيورسٽي کي ويلز جي ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي سمجهيو وڃي ٿو. هي يونيورسٽي دنيا جي ناميارين يونيورسٽين جي تنظيم “ رسل گروپ” جي ميمبر آهي. “ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز رئڪنگ” موجب ڪارڊف يونيورسٽي دنيا جي هڪ سئو ٽيويهون نمبر ٽاپ معياري يونيورسٽي آهي. هن ٻن ناميارن سائنسدانن ٻه نوبيل انعا حاصل ڪيا آهن.
    هي يونيورسٽي ٽن بنيادي ڪاليجن تي مشتمل آهي جيڪي سندس فئڪلٽين جي حيثيت رکن ٿا.. هنن ڪاليجن ۽ سندن اسڪولن جا نالا هيٺئين ريت آهن:
    ڪاليج آف آرٽس، هيومنٽيز ائنڊ سوشل سائنسز: ڪارڊف يونيورسٽي جي هن ڪاليج ۾ اسڪولن جي حيثيت سان جيڪي نمايان تدريسي ۽ تحقيقي شعبا شامل آهن انهن ۾ ڪارڊف بزنس اسڪول، اسڪول آف انگلش، ڪميونيڪيشن ائنڊ فلاسافي، اسڪول آف ماڊرن لئنگِوِجِز، اسڪول آف هسٽري آرڪيالاجي ائنڊ رليجن، اسڪول آف جرنلزم، ميڊيا ائنڊ ڪلچرل اسٽڊيز، اسڪول آف لا ائنڊ پاليٽڪس، اسڪول آف لائيف لانگ لرننگ، اسڪول آف سوشل سائنسز۽ اسڪول آف ميوزڪ وغيره اچي وڃن ٿا.
    ڪاليج آف بايو ميڊڪل ائنڊ لائيف سائنسز: هن ڪاليج ۾ اسڪول آف بايو سائنسز، اسڪول آف ڊينٽسٽري، اسڪول آف هيلٿ سائنسز، اسڪول آف ميڊيسنز، اسڪول آف آپٽوميٽري ائنڊ ويزن سائنس، اسڪول آف فارميسي سائنسز، اسڪول آف پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل ائنڊ ڊينٽل ايجوڪيشن، اسڪول آف سائيڪالاجي وغيره اچي وڃن ٿا.
    ڪاليج آف فزيڪل سائنسز: هن ڪاليج ۾اسڪول آف انجنيئرنگ، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر،اسڪول آف ڪيمسٽري، اسڪول آف ڪمپيوٽر سائنسز ائنڊ انفرميٽڪس، اسڪول آف ارٿ ائنڊ اوشين سائنسز، اسڪول مئٿميٽڪس ۽ اسڪول آف فزڪس ائنڊ ايسٽرونامي شامل آهن. هن جو “يونيورسٽي گريجوئيٽ ڪاليج” پڻ نمايان اهميت ۽ حيثيت جو حامل آهي.
    ڪارڊف يونيورسٽي ۾ اٽڪل ٽيهه هزار شاگرد زير تعليم آهن جن ۾ خاصوتعداد هڪ سئوکان وڌيڪ مختلف ملڪن کان آيل انٽرنيشنل شاگردن جو پڻ آهي. اسان جي سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاگردن کان علاوه سنڌ يونيورسٽي جي لاڙڪاڻي ۽ دادو وارين ڪئمپسن جو پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر انور علي شاهه پڻ ڪارڊف اسڪول آف بزنس مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري آيو آهي. ڊاڪٽر انور علي شاهه جيڪو سکر سان تعلق رکي ٿو تنهن سنڌ جي تعليمي اداران مان بنيادي تعليم حاصل ڪري پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي اسڪالرشپ حاصل ڪري پهريان يونيورسٽي آف لِيڊس انگلينڊ مان ماسٽرس آف بزنس ايڊمنسٽرس جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي هئي ۽ بعد ۾ ڪارڊف مان پي ايڇ ڊي جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. هو آءِ بي اي سکر جو اڳوڻو ڊائريڪٽر ۽ يونيورسٽي آف سنڌ جي بزنس ائڊمنسٽريشن فئڪلٽي جي ڊين پڻ رهي چڪو آهي.
    هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جي رهائش لاءِ چوڏهن هال آهن جن ۾ اٽڪل ڇهه هزار کان وڌيڪ شاگردن جي رهائش جوبندوبست ٿيل آهي. انهيءَ کان علاوه يونيورسٽي جون ريسرچ ليبارٽريون، لائبريريون شاگردن لاءِ رات ڏينهن پنهنجا دروازا کولي رکن ٿا ته جيئن هو انهن مان وڌ ۾ وڌ لاڀ حاصل ڪري سگهن. شاگردن جي ڀلائي لاءِ سندن اسٽوڊنس يونينس سميت ٻيا ڪلچرل، اسپورٽس، انٽيلڪچوئل ۽ انٽرٽينمنٽ گروپ پڻ متحرڪ آهن. يونيورسٽي جي ڊبيٽنگ سوسائٽي، ڊرامئٽڪ سوسائٽي ايٿليٽڪس ائنڊ اسپورٽس ڪلب، انٽرٽينمنٽ ڪلب وغيره شاگردن جي ذهني، جسماني ۽ سماجي بهتري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار اد ڪندا رهن ٿا.
    ڪارڊف يونيورسٽي جنهن شهر ۾ واقع آهي سو پڻ پنهنجين ڪيترين ئي حسناڪين، تاريخي ۽ تفريحي ماڳن مڪانن جي ڪري دنيا ڀر جي سياحن سميت هن يونيورسٽي جي شاگردن جي نگاهه جو مرڪز پڻ بڻيو رهندو آهي. هي شهر ويلز جو گاديءَ جو هنڌ ۽ يونيائٽيڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين جو ڏهون نمبر وڏو شهر آهي. ڪارڊف جنهن کي 1955ع ۾ وليز جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو هيو سو هتان جي ڪاروباري مرڪز هجڻ سان گڏ اسپورٽس سرگرمين جو مرڪز پڻ آهي اهو ئي سبب آهي جو 2009ع ۾ هن شهر کي “ يورپين سٽي آف اسپورٽس” جو اعزاز پڻ ملي چڪو آهي. ڪارڊف ۾واقع ويلش اسيمبلي، ويلز ملينيم سينٽر آرٽس ڪامپليڪس، ڪارڊف انٽرنيشنل اسپورٽس وليج، ڪارڊف ملينيم اسٽيڊيم، ڪارڊف بَي، ڪارڊف آرمز پارڪ سميت ڪارڊف شهر جا خوبصورت درسگاهه جن ۾ ڪارڊف يونيورسٽي پڻ شامل آهي، هن شهر کي هڪ منفرد حيثيت ۽ حسناڪي بخشين ٿا.
    ويلز جيتوڻيڪ آباديءَ جي حوالي سان ننڍو صوبو آهي، سو پنهنجي منفرد بيهڪ ۽ فطري سونهن جي ڪري دنيا جي سياحن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهي. ويلز جي اوڀر ۾ انگلينڊ، ۽ باقي ٽن طرفن کان پاڻي آهي جهڙوڪ هن جي اتر اولهه ۾ نارٿ سِي ۽ ڏکڻ ۾ برسٽل چينل آهي.هن جي ڪل آبادي اٽڪل ٽيهه لک پنجهٺ هزار ماڻهن تي مشتمل آهي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 1 جولاءِ 2015)


    ڪوئينس يونيورسٽي

    ڪوئينس يونيورسٽي،
    جيڪا آئرلينڊ جي شهر بيلفاسٽ ۾ آهي

    ڪوئينس يونيورسٽي آئرلينڊ ۾ آهي ۽ آئرلينڊ جو وڏو دلچسپ قصو آهي. هتي اسان لاءِ هڪ سوال آهي ته ڇا اسان پهريان آئرلينڊ جي ان قصي جو اڀياس ڪيون يا پهريان ڪوئينس يونيورسٽي جي دلپذر دنيا جو ادراڪ حاصل ڪرڻ لاٰءِ هن يونيورسٽي جي حال ۽ ماضي تي نظر ڦيرائيون ۽ هن جي اهم حقيقتن کان واقف ٿيون؟ منهنجي خيال ۾ شروعات آئرلينڊ کان ٿيڻ کپي جو ڪوئنيس يونيورسٽي آئرلينڊ جي ڌرتي تي آهي ۽ ڌرتي هميشه پهريان هوندي آهي.
    دنيا ۾ آئر لينڊ جي نالي سان ٻه علائقا آهن. هڪ آئرلينڊ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي موجود آهي جنهن کي “ريپبلڪ آف آئرلينڊ” (Republic of Ireland)سڏين ٿا. يورپ جي هن آزاد ملڪ جي گادي وارو شهر ڊبلن (Dublin) آهي. ٻي آئرلينڊ جتي ڪوئنس يونيورسٽي قائم آهي سو برطانيا جو هڪ صوبو يا رياست آهي. هن رياست جو گادي وارو شهر بيلفاسٽ (Belfast) آهي. برطانيا واري رياست آئرلينڊ کي “نارٿ آئرلينڊ” (North Ireland) سڏيندا آهن. اها ڳالهه خود برطانيا جي پنهنجي سرڪاري نالي مان به ظاهر آهي يعني يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين ائنڊ نارٿ آئرلينڊ”.
    بحرحال ٻن حصن ۾ هجڻ صرف آئرلينڊ جي ئي حقيقت نه آهي پر دنيا ۾ اهڙا ٻيا به مثال موجود آهن. جهڙوڪ ايشيا کنڊ ۾ ڪوريا جي نالي سان ٻه ملڪ آهن، هڪ سائوٿ ڪوريا ۽ ٻيو نارٿ ڪوريا. اڳي پاڪستان به ٻن حصن تي مشتمل هيو جهڙوڪ مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان. مشرقي پاڪستان 1971ع ۾ بنگلاديش بڻجي ويو.ڪنهن زماني ۾ جرمنيون (Germany) به ٻه هيون جن کي برلن جي ديوار ورهائي ڇڏيو هيو پر بعد ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي خواهشن مطابق برلن ديوار کي ڊاهي 1990ع ۾ جرمني جو ميلاپ ڪيو ويو. انهيءَ کان اڳ هڪ ملڪ کي اِيسٽ جرمني يا جرمن ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ ۽ ٻئي کي ويسٽ جرمني يا فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني سڏيو ويندو هيو. اِيسٽ جرمني جي گادي جو هنڌ برلن ۽ ويسٽ جرمني جي گادي جو هنڌ بون هيو. ساڳي طرح عرب دنيا جو ملڪ جيڪو هاڻي ريپبلڪ آف يمن سڏجي ٿو سو پڻ 22 مئي 1990ع ۾ هڪ ملڪ ٿيڻ کان پهريان ٻن ملڪن جي صورت ۾ موجود هيو. جنهن مان هڪ نارٿ يمن ۽ ٻيو سائوٿ يمن سڏبو هيو ۽ اهي ٻئي ملڪ آزاد حيثيت رکندا هيا. چند سال اڳ يعني 9 جولاءِ 2011ع تي آفريڪا جي سڀ کان وڏي ملڪ سوڊان جو ورهاڱو ٿيڻ سان ٻه سوڊان دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا آهن. هڪ ريپبلڪ آف سوڊان جنهن جي گادي جو هنڌ “خرطوم” آهي ۽ ٻيو يعني تازو وجود ۾ آيل ريپبلڪ آف سائوٿ سوڊان جنهن جي گادي جو هنڌ “جُبا” آهي. بنگال ۽ پنجاب به اهڙا ٻه صوبا آهن جيڪي ٻن ملڪن ۾ ورهائيل آهن. جهڙوڪ مشرقي پنجاب هندوستان ۾ ۽ مغربي پنجاب پاڪستان ۾ آهي. ساڳي طرح اوڀر بنگال بنگلاديش جو صوبو آهي ته وري مغربي بنگال هندوستان جو صوبو آهي. اهڙي طرح آئرليند جي ڌرتي به ٻن حصن ۾ ورهائيل آهي.
    بحرحال آئرلينڊ جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ جي ڪهاڻي ۽ ان ورهاست جي سياسي، سماجي سببن ۽ حقيقتن جو تفصيلي جائزو به ڪنهن ٻئي مضمون ۾ پيش ڪبو پر هتي نارٿ آئرلينڊ (North Ireland) جي تعليمي کيتر ۾ اهم حيثيت رکندڙ درسگاهه “ ڪوئينس يونيورسٽي بيلفاسٽ” بابت معلومات وٺون ٿا.
    ڪوئينس يونيورسٽي جنهن جو پورو نالو “ ڪوئينس يونيورسٽي بيلفاسٽ” (Queen’s University Belfast) آهي، سا پنهنجي صوبائي حڪومت جي سرپرستي ۾ هلندڙ نامياري ريسرچ يونيورسٽي ليکي وڃي ٿي. هن کي آساني خاطر صرف “ ڪوئين” يا “ڪيو يو بي” (QUB) به سڏيندا آهن.هيءَ يونيورسٽي نارٿ آئرلينڊ جي گادي واري شهر بيلفاسٽ ۾ واقع آهي.هي يونيورسٽي اڄ کان اٽڪل ستانوي سال اڳ يعني 1908ع ۾وجود ۾ آئي. ڪوئينس “رسل گروپ”، ايسوسيئيشن آف ڪامن ويلٿ يونيورسٽيز” ۽ “يورپين يونيورسٽيز يونين” جي ميمبر آهي. هن يونيورسٽيجي ٽن ريسرچرس کي سندن نمايان تحقيقين، دريافتن ۽ ايجادن جي عيوض نوبيل انعام ملي چڪا آهن.
    ڪوئينس يونيورسٽي جي ٻي اهم ڳالهه هي به آهي ته هيءَ يونيورسٽي برطانيا جي انهن آڳاٽين يونيورسٽين ۾ شامل آهي جن کي لنڊن جي ويسٽمنسٽر واري علائقي ۾ قائم “ يونائيٽيڊ ڪنگڊم آف گريٽ برٽين” جي پارليامينٽ ۾ سيٽون مليل هيون ۽ اهي يونيورسٽيون پنهنجا اميدوار چونڊي کين برطانيا جي قانون ساز اسيمبلي ۾ ميمبر جي حيثيت سان موڪلينديون هيون. ڪوئينس يونيورسٽي کي پڻ “ يو ڪي” ( UK) جي پارليامينٽ ۾ چونڊيل ميمبرن جون ٻه سيٽون مليل هيون. اهو سلسلو 1950ع تائين جاري هيو پر بعد ۾ ختم ڪيو ويو. ساڳي طرح 1920ع کان 1968ع تائين نارٿ آئرلينڊ جي پارليامينٽ ۾ پڻ ڪوئينس يونيورسٽي پنهنجا اميدوار چونڊي موڪليندي هئي.
    ملڪي پارليامينٽ ۾ يونيورسٽين جي نمائندن کي چونڊي کين ميمبر جي حيثيت سان موڪلڻ جو رواج آڳاٽي دور ۾ اسڪاٽلينڊ کان شروع ٿيوهيو. 1603ع ۾ جڏهن بادشاهه جيمس ڇهون (جيڪو “ڪِنگِ جيمس سِڪسِ آف اسڪاٽلينڊ” جي نالي ۽ لقب سان مشهور هيو) برطانيا جي راڄ ڀاڳ جو مالڪ بڻيو ته هن انهيءَ نظام کي انگليڊ جي پارليامينٽ ۾ به لاڳو ڪيو هو جيڪو برطانيا جي “ يونائيٽيڊ ڪِنگڊم” بڻجڻ کان پوءِ به 1950ع تائين جاري رهيو.
    ڪوئينس يونيورسٽي جون ٽي وسيع ۽ جامع فئڪلٽيون آهن جن ۾ اٽڪل ويهه اسڪول آهن جن ۾ بايولاجيڪل سائنسز، ڪيمسٽري ائنڊ ڪيميڪل انجنيئرنگ، ڪريئيٽِوِ آرٽ، اليڪٽرانڪس، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ائنڊ ڪمپيوٽر سائنس ايجوڪيشن، جيوگرافي، آرڪيٽيڪچر ائنڊ پاليوڪالاجي، انگلش، هسٽري ائنڊ ائنٿروپالاجي، لا، مئنيجمنٽ، ائنٿراپالاجي،اسڪول آف مئٿميٽڪس ائنڊ فزڪس، مڪينيڪل ائنڊ ائرواسپيس انجنيئرنگ، ميڊيسن، ڊينٽسٽري ائنڊ بايوميڊيڪل سائنس، ماڊرن لئنگوِجِز، نرسنگ ائنڊ مڊ وائيفري، فارميسي، پلاننگ، آرڪيٽيڪچر ائنڊ سِوِل انجنيئرنگ، پاليٽڪس، انٽرنيشنل اِسٽڊيز ائنڊ فلاسافي، سائڪالاجي، سوشالاجي ۽ سوشل پاليسي ائنڊ سوشل ورڪ جهڙا اهم سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا.
    انهن کان علاوه ڪوئينس يونيورسٽي جا مکيه انسٽيٽيوٽ جهڙوڪ انسٽيٽيوٽ آف ليگل اسٽڊيز، انسٽيٽيوٽ فار ڪوليبريٽِوِ ريسرچ اِن دي هيومنٽيز، انسٽيٽيوٽ فار دِي اسٽڊي آف ڪنفلڪٽ ٽراسفارميشن ائنڊ سوشل جسٽس، انسٽيٽيوٽ آف ٿيالاجي، انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽرانڪس، ڪميونيڪيشنس، ائنڊ انفارميشن ٽڪنالاجي، انسٽيٽيوٽ فار گلوبل ڦوڊ سڪيورٽي، گِبسن انسٽيٽيوٽ، انسٽيٽيوٽ آف ڪاگنيشن ائنڊ ڪلچر. انسٽيٽيوٽ آف آئرش اسٽڊيز، انسٽيٽيوٽ آف اسپيشل ائنڊ انوائرنمنٽل پلاننگ ۽ وليم جِي ڪلنٽن ليڊرشپ انسٽيٽيوٽ پڻ ساراهه جوڳو ڪم ڪندا رهن ٿا.
    ڪوئينس يونيورسٽي ۾ شاگردن جي هم نصابي سرگرمين لاءِ جوڳو انتظام ٿيل آهي.“ اسٽوڊنٽس يونين” پڻ انهيءَ ڏس ۾ هميشه متحرڪ رهي ٿي. اسٽوڊنٽس يونين يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ڀلائي لاءِ هڪ ايڊوائس سينٽر (Advice Centre) پڻ قائم ڪيو آهي جنهن ۾ شاگردن کي پيش ايندڙ مونجهارن، مالي ۽ رهائشي توڙي ٻين مسئلن جي حل ۾ مدد ڪئي وڃي ٿي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 2 سيپٽمبر 2015)


    رايل هالووَي يونيورسٽي

    رايل هالووَي يونيورسٽي،
    برطانيا جي سترهين معياري يونيورسٽي آهي

    برطانيا واري رايل هالووي يونيورسٽي جي قصي کان اڳ مان چاهيان ٿو ته توهان سان هن يونيورسٽي جي باني جو بلڪل مختصر پر اتساهيندڙ احوال شيئر ڪندو هلان جنهن مان اوهان اندازو لڳائي سگهندئو ته ماڻهو جيڪڏهن محنت جي ذريعي چاهي ته ڇا ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي ۽ ٻي ڳالهه اها ته ماڻهوءَ جي مهانتا جو سبب سندس پئسو ۽ ٻي ڌن دولت ئي نه پر سندس لاکيڻو ڪردار ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪيترن ئي روشن ۽ مثبت پهلوئن سميت سندس پاران ڪمايل اضافي پئسي جو جائز ۽ عام ڀلائي وارن ڪمن تي استعمال پڻ هجي ٿو.
    رايل هالووي يونيورسٽي جو باني “ٿامس هالووي” انگلينڊ جي محنتڪش خاندان سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙو “ خود ساخته” يا “سيلف ميڊ” شخص هيو جنهن پنهنجي سخت محنت ۽ جانفشانيءَ ذريعي نه رڳو پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کي خوشحال ۽ مستحڪم بڻايو پر محنت سان ڪمايل پنهنجي دولت جي مثبت استعمال ذريعي انسانذات جي ڀلائي ۽ سماج جي سڌاري لاءِ ڪم ڪري تاريخ جي ورقن ۾ امر ٿي ويو. سندس پاران قائم ڪيل رايل هالووي يونيورسٽي پڻ سندس عظيم ڪمن مان هڪ آهي، جنهن جو بنياد سندس نالي پٺيان “هالووي ڪاليج” جي حيثيت سان 1886ع ۾ پيو هيو. ٿامس هالووي سن 1800ع ۾ انگلينڊ ۾ پئدا ٿيو هن جو پيءَ انگلينڊ سرڪار جو هڪ ننڍڙو ملازم هيو ۽ نوڪري تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن هڪ بيڪري قائم ڪري پنهنجي خاندان لاءِ گذر سفر جو ذريعو ڪڍي ورتو هيو. ٿامس هالووي پڻ شروعاتي طور پنهنجي پيءَ جي قائم ڪيل بيڪري تي ئي ڪم ڪندو هيو پر پوءِ مختلف جڳهن تي نوڪريون ڪندو آخرڪار وڃي لنڊن ۾ دوائون وڪڻڻ جو ڌندو شروع ڪيائين. هن خاص طور تي زخمن جي علاج لاءِ پنهنجي هڪ ساٿي فليڪس البينولو جي مدد سان هڪ ملم ۽ هاضمي جون گوريون تيارڪري ان جي زوردار ايڊورٽائيزمنٽ ڪئي جنهن ڪري اها ملم مارڪيٽ ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي جتان هن تمام گهڻو ناڻو ڪمايو ۽ وڏو امير ٿي ويو. خوشحال ٿيڻ کان پوءِ ٿامس هالووي پنهنجي قومي فرض کان غافل ڪو نه ٿيو هو تنهنڪري هن پنهنجي ڪمايل ان رقم جو ڪجهه حصو پنهنجي قوم جي ٻچن جي تعليمي ڀلائي ۽ عام ماڻهن جي صحت ۽ چڱ ڀلائي لاءِ خرچ ڪرڻ کي پنهنجو فرض پئي سمجهيو. ان جذبي تحت هن همراهه پنهنجي محنت سان ڪمايل ناڻي جو وڏو حصو انگلينڊ ۾ عام ڀلائي جي ٻن ادارن قائم ڪرڻ تي خرچ ڪيو. انهن ادارن ۾ هڪ وچڙندڙ ۽ ڊگهي عرصي وارن مرضن جي علاج لاءِ “ هالووي سينٽوريم” هيو جيڪو هن انگلينڊ جي ڪائونٽي “سَري” جي هڪ شهر “ورجينيا واٽرس” ۾ جوڙايو ۽ ٻيو “رايل هالووي ڪاليج” هيو جيڪو “سَري” ڪائونٽي جي ئي هڪ ٻئي شهر “اگم” ۾ “مائونٽ لِي اسٽيٽ” ۾ قائم ڪيو. هي ڪاليج بعد ۾ وڌي ويجهي هالووي يونيورسٽي بڻيو. ٿامس هالووي پنهنجن انهن ٻنهي ادارن کي پنهنجي طرفان “ قوم لاءِ هڪ تحفو” سڏي سرهائي محسوس ڪندو هيو.
    انگلينڊ جي ان مخير شخص ٿامس هالووي جي نالي پٺيان مشهور رايل هالووي يونيورسٽي آف لنڊن (Raoyal Holloway University of London)کي دنيا جي مشهور معياري درسگاهن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو. هي يونيورسٽي هاڻي سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪري رهي آهي. هن جي جي شروعات صرف عورتن لاءِ هڪ معياري ڪاليج جي حيثيت سان ٿي هئي جنهن لاءِ 1879ع ۾ ٿامس هالووي وڏي انداز ۾ ڦنڊ ڏنو هيو. هن جو افتتاح برطانيا جي راڻي ڪوئين وڪٽوريا ڪيو هو. سن 1900ع ۾ هالووي ڪاليج کي يونيورسٽي آف لنڊن جو ميمبر بڻايو ويو، جيڪا هن ڪاليج کان چند ميلن جي مفاصلي تي واقع هئي. 1945ع کان وٺي هن ڪاليج ۾ مڙد شاگردن کي به داخلائون ڏيڻ جو آغاز ڪيو ويو. 1985 ۾“ بيڊفورڊ ڪاليج” کي هالووي ڪاليج ۾ ضم ڪري هن جو نالو “رايل هالووي ائنڊ بيڊفورڊ نيو ڪاليج” رکيو ويو. بعد ۾سندسجو درجو وڌائي کيس “رايل هالووي يونيورسٽي” بڻايو ويو. ٽائيمز هائير ايدوڪيشن ورلڊ يونيورسٽي رئنڪنگ جي 2014ع واريسروي مطابق هي برطانيا جي سترهين معياري يونيورسٽي آهي. هتي فزڪس، ارٿ سائنس، انٽرنيشنل ريليشنس، ميڊيا آرٽس، انفارميشن سڪيورٽي وغيره ۾ ٿيندڙ ڊگري ڪورسن کي دنيا ۾ وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا.
    رايل هالووي يونيورسٽي مجموعي طور تي ٽن فئڪلٽين تي مشتمل آهيجهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف آرٽس ائنڊ سوشل سائنسز ۽ فئڪلٽي آف مئنيجمنٽ، ايڪنامڪس ائنڊ لا. انهن ٽنهيفئڪلٽين ۾ ڪمپيوٽر سائنس، بايولاجيڪل سائنس، ارٿ سائنس، جيوگرافي، اسڪول آف مئٿميٽڪس، فزڪس، اسڪول آف فزيولاجي، ڪلاسڪس، ڊراما ائنڊ ٿئيٽر، فلاسافي، انگلش، هسٽري، يوروپين اسٽڊيز، ميڊيا آرٽس، ماڊرن لئنگئجز، ميوزڪ، ڊپارٽمنٽ آف ڪلچرس، پاليٽڪس ائنڊ انٽرنيشنل رليشنس، سوشل ورڪ، ايڪنامڪس، اسڪول آف مينيجمنٽ ۽ ڊپارٽمنٽ آف لا، ڪرمنالاجي ائنڊ سوشالاجي اچي وڃن ٿا.
    رايل هالووي يونيورسٽي جي جديد لئبريري سسٽم ۽ يونيورسٽي جو ريڊيو ۽ ٽي وي سسٽم شاگردن جي ڄاڻ لاءِ وڏو مواد ميسر ڪن ٿا. “هالوي يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين” ۽ مختلف ڪلب يونيورسٽي جي انتظاميا جي سهڪار سان شاگردن جي ذهني، ۽ جسماني تفريح لاءِ انٽرٽينمنٽ جا پروگرام ۽ اسپورٽس ايوينٽس منعقد ڪندا رهن ٿا.جيڪڏهن ڪو نوجوان هن يونيورسٽي مان تعليم پرائڻ جي خواهش رکي ٿو هو پنهنجي پسند جي تدريسي شعبي ۾داخلا بابت وڌيڪ معلومات يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهي ٿو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 21 آڪٽوبر 2015)


    يورپ جي ٻين ملڪن جون يونيورسٽيون

    جرمني جي هائيڊلبرگ يونيورسٽي

    جرمني جي هائيڊلبرگ يونيورسٽي،
    جتي مشهور فلاسافر هيگل به پڙهايو

    مون جرمنيءَ جي ڪنهن معياري يونيورسٽيءَ بابت جيئن ئي لکڻ جي تياري ڪئي ته ماضيءَ جي هڪ يادگيري منهنجي ذهن جي ڪينواس تي نروار ٿيڻ لڳي. شايد اهو سال 1986ع جي فيبروري جو ڪو ڏينهن هيو. اسان سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي ۾ قائم پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ايم اي واري ڪلاس روم ۾ پنهنجي پڙهائي واري ٽائيم ٽيبل مطابق پنهجياستاد جو انتظار ڪري رهيا هياسين ته معمول جي ابتڙ هڪ نه پر ان وقت ٽي شخصيتون اسان جي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيون. انهن ۾ هڪ ته اسان جو ٽيچر ناميارو محقق ۽ رائيٽر سر لعل بخش جسڪاڻي هيو ۽ ٻيو جرنلزم ڊپارٽمنٽ جو پروفيسر ۽ سماج سڌارڪ محترم خان محمد پنهور هيو، انهن سان گڏ جيڪا ٽين شخصيت اسان جي سامهون آئي انهيءَ جنم ته جرمنيءَ ۾ ورتو هيو ۽ سندس پيءُ ماءُ به جرمن هيا پر تصوف ڏانهن سندس لاڙو هجڻ ڪري سنڌ سان سندس اهڙي ته جند جڙي جو دفن وڃي ٺٽي شهر واري مڪليءَ جي مٽيءَ ۾ ٿي. منهنجي اها پهريون ڀيرو ڪنهن جرمن پروفيسر، اسڪالر ۽ محقق سان ملاقات هئي. اسان جي ڪلاس رم ۾ اسان جي اڳيان مرڪن ۽ لفظن جي گلن جي ورکا ڪندڙ اها صوفي منش جرمن اسڪالر هئي ڊاڪٽر اينيمري شِمل. ڊاڪٽر شِمل جيڪا جرمني جي برلن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري آمريڪا جي هاورڊ يونيورسٽي، ترڪيءَ جي انڪرا يونيورسٽي ۽ جرمنيءَ جي بون يونيورسٽي ۾ پروفيسر رهي چڪي هئي اها لڳ ڀڳ اسي ڪتابن جي ليکڪا پڻ هئي. جن مان سندس پندرنهن ڪتاب اسلامي تصوف ۽ صوفي مت تي لکيل آهن. انهن ڪتابن ۾ سنڌ ۾ تصوف جو ذڪر به تفصيل سان ٿيل آهي. سنڌ ۽ سنڌ جي علمي ادبي ذخيري تي سندس لکيل هڪ ڪتاب “هسٽري آف سنڌي لٽريچر” ۽ “پرلس فرام انڊس” پڻ سندس هڪ وڏو ڪارنامو آهي. جرمنيءَ ڄائي ڊاڪٽر شِمل جي سنڌ سان دلي لڳاءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگھهجي ٿو ته هوءَ سنڌ ۾ ڳچ عرصو رهي مري ته جرمنيءَ ۾ ئي وئي هئي پر سندس وصيت مطابق سندس جسد خاڪي کي جرمني مان آڻي ٺٽي واري مڪليءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر اينيمري شمل ۽ ان کان اڳ وارا ٻيا سنڌ سان محبت ڪندڙ جرمن اسڪالر جهڙوڪ سنڌي گرامر جوڙيندڙ ۽ شاهه عبدللطيف ڀٽائي جي شاعري کي سهيڙي “شاهه جو رسالو” ترتيب ڏيندڙ ڊاڪٽر ارنسيٽ ٽرمپ ۽ سنڌ جي نامياري دانشور ۽ تعليمدان علامه آءِ آءِ قاضي جي جرمن نسل واري اهليه جنهن ڀٽائي جي شاعريءَ کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪيو محترمه ايلسا قاضي به جرمنيءَ جو سنڌ سان سٻنڌ جو اعلي مثال بڻيل آهن. مان پنهنجي اڄ واري هن مضمون جي ذريعي جرمني جي تعليمي افق تي روشن ستاري جيان چمڪندڙ هائيڊلبرگ يونيورسٽي کي پنهنجي سنڌي پڙهندڙن سان متعارف ڪرائڻ سان گڏ انهن سنڌ دوست جرمن اسڪالرن ۽ اديبن کي سنڌ جي علم ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ تي خراج تحسين به پيش ڪيان ٿو.
    يونيورسٽي آف هائيڊلبرگ جنهن کي عام طور تي هائيڊلبرگ يونيورسٽي پڻ سڏيو ويندو آهي سا ڏکڻ اولهه جرمني جي خوبصورت شهر هائيڊلبرگ ۾ 1386ع ۾ قائم ڪئي وئي . هائيڊلبرگ شهر جرمني جي هڪ مشهور رياست بيڊن ورٽمبرگ جو ڇهون نمبر وڏو شهر آهي. هن شهر ۾ ڇهه سئو ستاويهه سال اڳ قائم ڪيل هائيڊلبرگ يونيورسٽي جرمنيءَ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي پر پنهجي معيار ۽ ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي جوان سال يونيورسٽين کان اڄ به اڳڀري آهي. هائيڊلبرگ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ناميارن سائنسدانن، استادن ۽ محققن جي نمايان ڪارڪردگيءَ جي ڪري اڄ تائين پنجونجاهه نوبيل انعام ۽ ٻه آسڪر ايوارڊ سندن حصي ۾ اچي چڪا آهن. جڏهن اڃا يورپ ۽ آمريڪا تعليمي ادارن ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي گڏ پڙهڻ جو رواج ڪونه هيو ته هي يونيورسٽي دنيا جي انهن چند يونيورسٽين مان هڪ هئي جتي اڻويهين صدي جي آخري سال کان ئي گڏيل تعليم(co-education)وارو نظام هيو.
    جيئن ته هائيڊلبرگ يونيورسٽي ان وقت جي مقدس رومن شهنشاهيت (Holy Roman Empire) ۾شامل ملڪن جي ڪل ٽن يونيورسٽين مان هڪ هئي، تنهنڪري يورپ جي ٻين ملڪن جي رواج مطابق هن ۾ به شروعاتي سالن ۾ صرف مذهب، منطق ۽ قانون جي تعليم ڏني ويندي هئي. ان حوالي سان هيءَ يونيورسٽي هولي رومن ايمپائير جي مرڪزي يونيورسٽي ليکبي هئي. ارڙهين عيسوي صدي ۾ جڏهن نشاته ثانيه (Renaissances) پنهنجا جوهر ڏيکاريندي يورپ ۾ فڪر جي آزاديءَ واري رجحان ۽ جهموري روين جي آبياري ڪرڻ لڳي ته هتان جا تعليمي ادارا پڻ پنهنجيون اوليتون مٽائي جدت وارا دڳ اختيار ڪرڻ لڳا، انهن ۾ جرمنيءَ واري هائيڊلبرگ يونيورسٽي پڻ پهرين صف ۾ شامل هئي. يورپ ۾ تبديل ٿيندڙ سياسي، سائنسي، سماجي ۽ معاشي حالتن ۽ رجحانن مطابق هن يونيورسٽيءَ ۾ به جديد علمن جا شعبا شامل ٿيڻ لڳا ۽ هن جي ناماچاري ملڪ جون سرحدون پار ڪرڻ لڳي. جرمني جي سياسي صورتحال پڻ هن يونيورسٽي تي پنهنجا ڀلا يا برا اثر ڇڏيندي رهي آهي. مثال طور 1933ع کان 1945ع وارو نازي جرمني وارو زمانو پوري ملڪ سميت هن يونيورسٽي لاءِ به سٺو سنوڻ ڪونه هيو. بحر حال ڇهه سئو ستاويهه سال وقت جي رفتار سان سفر ڪندي هائيڊلبرگ يونيورسٽي اڄ جي زماني ۾ اتي اچي پهتي آهي جتي کيس علم جي تلاش ۾ جرمنيءَ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نڪتل نوجوان پنهنجو مسڪن بڻائي پنهنجي مستقبل کي محفوظ ۽ روشن سمجهن ٿا.
    هائيڊلبرگ يونيورسٽي جون ٻه ڪئمپسون آهن هڪ هائيڊلبرگ شهر جي قديمي علائقي ۾ ٻي شهر سان لڳ ٻاهرئين پاسي واري علائقي “نيئهيمر فيلڊ” ۾. هائيڊلبرگ يونيورسٽيءَ ۾ ڪل ٻارنهن فئڪلٽيون آهن، جهڙوڪ؛ ميڊيڪل سائنسز، نيچرل سائنسز، ڪمپيوٽر سائنسز، ارٿ سائنسز، بايو سائنسز، مئٿميٽڪس، ماڊرن لئنگئجز، لبرل آرٽ ۽ ٿيالاجي، لا، فلاسافي، ايڪنامڪس وغيره . انهن فئڪلٽيز ۾ موجود هڪ سئو کان وڌيڪ شعبن ۾ انڊر گريجوئيشن، گريجوئيشن ۽ ڊاڪٽوريٽ جا ڪورس به پڙهايا وڃن ٿا ته تحقيق به ڪرائي وڃي ٿي. هائيڊلبرگ يونيورسٽي جي ٻين شعبن جيان هن جو ميڊيڪل سائنسز وارو شعبو پڻ تعليم سان گڏ سماجي ضرورتن جي پورائي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادار ڪندو رهي ٿو. هائيڊلبرگ يونيورسٽي اسپتال جون چاليهه ڪلينڪون علاج معالج جي جديد سهوليتن سان آراسته آهن جتي سڄي دنيا جا ماڻهو پنهنجي علاج لاءِ پهچي شفا حاصل ڪن ٿا. يونيورسٽي جي ان ميڊڪل واري شعبي ۾ شاگردن ۽ سائنسدانن پاران ٿيندڙ مسلسل تحقيق جي نتيجي ۾ مختلف بيمارين جي تشخيص ۽ علاج لاءِ نت نوان ۽ اثرائتا طريقا متعارف ٿيندا رهن ٿا. هن يونيورسٽي ۾ داخل اٽڪل ايڪٽيهه هزار شاگردن مان ويهه سيڪڙو کان وڌيڪ شاگرد مختلف ملڪن سان تعلق رکن ٿا. جرمنيءَ جا اڳوڻا ٽي حڪمران (چانسلر) ڪجهه ملڪن جا اڳوڻا سربراهه ۽ دنيا جون ڪيترين ئي مشهور شخصيتن هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي آهي. اڻويهين صديءَ جو ناميارو جرمن فلاسافر فريڊرڪ هيگل ڪافي عرصو هن يونيورسٽيءَ ۾ تدريس جي عمل سان واڳيل رهيو هو.
    سنڌ جا شاگرد پڻ اسڪالرشپس حاصل ڪري هائيڊلبرگ سميت ٻين يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جرمني ويندا رهن ٿا. اهڙن سنڌي نوجوانن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي باقراڻيءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “هٽيءَ” جي پورهيت گھراڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان نظير حسين ڪلهوڙو پڻ هڪ آهي. هو چند سال اڳ جرمنيءَ جي ويٽرنري ميڊيسن يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ وڻن هيٺان رکيل بئنچن تي ويهي حاصل ڪئي، 2005ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي اينيمل هسبنڊري ائنڊ ويٽرنري سائنسز فئڪلٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اتي ئي اسسٽنٽ پروفيسر بڻيو. بعد ۾ هن GRE جي ٽيسٽ پاس ڪري اسڪالرشپ حاصل ڪئي ۽ جرمنيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو. اڄڪلهه هو سند حڪومت جي لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمنٽ جي پولٽري ويڪسن سينٽر جو ڊائريڪٽر آهي. کيس سندس سٺي تعليمي رڪارڊ تي پاڪستان جو صدارتي ايوارڊ “ اعزازِ صبغت” پڻ ڏنو ويو آهي. انهيءَ کان علاوه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر گوردن داس، ۽ انهيءَ ڊپارٽمنٽ جا نوجوان استاد ڊاڪٽر منصور حيدر ڏيپر، ڊاڪٽر اختر علي جلباڻي، ڊاڪٽر انيلا ٻگھيو ۽ پلانٽ پئٿالاجي شعبي جي ڊاڪٽر ريحانه شهاب پڻ GRE جي ٽيسٽ پاس ڪري هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان جي اسڪالرشپ تي جرمنيءَ جي يونيورسٽين مان پي ايڇ ڊي جو اعزاز حاصل ڪري آيا آهن. سنڌ جا ٻه ٻيا نوجوان قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ڪاليج لاڙڪاڻي جو ٽيچر احسن علي ٻرڙو ۽ زرعي يونيورسٽي جو ڄام غلام مرتضي سهتو پڻ اسڪالرشپ حاصل ڪري پي ايڇ ڊي جي تعليم لاءِ جرمنيءَ ويل آهن.
    جرمنيءَ ۾خاص طور تي انٽرنيشنل شاگردن کي پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ انگريزي ٻوليءَ جي ذريعي ئي تعليم ڏني وڃي ٿي. انڊر گريجوئيشن ۽ گريجوئيشن لاءِ زياده تر جرمن ٻوليءَ ۾ ئي پڙهايو وڃي ٿو. انٽرنيشنل شاگردن کي سندن گھربل ڪورسن ۾ پڙهائڻ کان پهريائين کين جرمني ٻولي سيکاري وڃي ٿي. سنڌ جي نوجوانن لاءِ جرمني ٻولي سکڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي ڇو ته ڪيترا ئي سنڌي ماڻهو پهريائين جرمني ٻوليءَ ذريعي اتان ڪاميابي سان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن.

    ( ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 30 آڪٽوبر 2013)


    همبولٽ يونيورسٽي آف برلن

    همبولٽ يونيورسٽي آف برلن،
    جتي ڪارل مارڪس ۽ آئنسٽائين به پڙهيو

    ويهين صديءَ کان وٺي اڄ تائين واري جرمني جو تصور ڪرڻ سان ٻه واضع ۽ هڪ ٻئي سان متضاد دور اکين اڳيان فلم جيان ڦريو وڃن ٿا. انهن مان هڪڙو دورنازي جرمني وارو هيو ته وري ٻيو اڄ واري جديد، ترقي يافته ۽ جھموري جرمني جو دور آهي. نازي جرمني مان مقصد آهي، انهن ڏينهن واري جرمني جڏهن هن جي مٿان ائڊولف هٽلر جي حڪمراني ۾ نازي پارٽي جو راڄ هيو. نازي جرمنيءَ جي تعارف ڪرائڻ ۾ اڪثر ڪري جيڪي لفظ ڪم ايندا آهن اهي ڪجهه هن طرح جا آهن جهڙوڪ؛ ڊڪٽيٽرشپ، آمريت، نسل پرستي، انساني حقن جي پائمالي، قانون ۽ آئين جي لتاڙ، جيل، قتل، جنگ ۽ جنگاڻ وغيره. ان جي تضاد ۾ اڄوڪي جرمني دنيا جي چوٿين وڏي معاشي قوت آهي. سورنهن رياستن تي مشتمل اڄوڪي جرمني صنعتي ترقيءَ ۽ تعليمي ميدان ۾ وڏي مڃتا ماڻيندڙ ملڪ آهي، جتان جي اعليٰ معيار واري زندگي، ثقافتي شاهوڪاري، ادبي فراواني، امن امان ۽ خوشحالي دنيا جي ماڻهن جو توجه پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي رهي ٿي.
    هونئن ته تاريخ ۾ جيترو پوئتي وڃبو ايترو ئي گھڻو جرمني جي جهان سان روشناس ٿبو وڃبو. اهڙي مطالعي مان هن جي سياسي، جاگرافيائي، علمي ادبي ۽ ثقافتي سلسلسن جي عجب اسرارن سان آشنا ٿيڻ جو به موقعو ملندو ته وري ان آڳاٽيءَ جرمني ۾ جنم وٺندڙ اساسي ادب، فڪر ۽ فلسفي جا بحر بيقران پڻ ڇوليون هڻندي ملندا. ان زماني جي جرمني جي سڃاڻپ جوهان وولفگانگ گوئٽي، ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينگلز، فريڊرڪ ولهيم نٽشي، مارٽن هيڊگر، ارٿر شوپنهار، ٿامس مئن ۽ جوهان ڪرسٽوفر شلر ۽ امنيول ڪانٽ جهڙيون مشهورِ زمانه علمي، ادبي، سماجي سائنس، فڪر ۽ فلسفي جون نامياريون شخصيتون هيون، انهن سان به مکاميل ٿيڻ جو موقعو ملندو پر اسان هن مضمون جي عنوان جي پابندين جي پاسداري ڪندي ٻين ڳالهين کان پرڀرو ٿي همعصر جرمني جي تعليمي افق تي روشن ستاري جيان چمڪندڙ همبولٽ يونيورسٽي آف برلن تائين پهچڻ جي ڪوشسش ڪنداسين. ان يونيورسٽيءَ جو حال ۾ به جائزو وٺنداسين ته ماضي جي ڳڙکين مان ليئا پائي انجي جوانيءَ جا جلوا پسڻ جي به ڪوشش ڪنداسين.
    همبولٽ يونيورسٽي آف برلن جنهن کي برلن يونيورسٽي به سڏيو ويندو آهي سا 1810ع ۾ برلن جي سرزمين تي ٻن علم دوست ۽ سماج سڌارڪ ڀائرن لسانيات جي ماهر ولهيم همبولٽ ۽ جاگرافي دان اليگذينڊر همبولٽ جي ڪوششن سان وجود ۾ آئي. اصل ۾ “يونيورسٽي آف برلن” جي نالي سان قائم ٿيل هي درسگاهه جيڪا هندوستان جي اڳوڻي صدر ذاڪر حسين، لاطيني آمريڪا جي ملڪ چلي جي صدر مشل بئڪليٽ، جرمني جي پهرين چانسلر اوٽو وان بسمرڪ، نامياري سائنسدان آئين اسٽائين، جڳ مشهور فلاسافرن ڪارل مارڪس، فريڊرڪ اينگلس، فريڊرڪ هيگل ۽ ٻين پنجٽيهه نوبيل انعام يافته محققن، سائنسدانن ۽استادن جي مادر علمي رهي آهي سا جرمني جي تاريخ جي مختلف پرتشدد ۽ پرامن دورن جا نتيجا ڀوڳيندي پنهنجا نالا تبديل ڪندي موجوده شڪل ۽ حيثيت حاصل ڪئي آهي. 1810ع ۾ قائم ٿيل برلن يونيورسٽي جو نالو 1928ع ۾ تبديل ڪري فريڊرڪ ولِيَم يونيورسٽي رکيو ويو، جنهن کي هڪ دفعو ٻيهر 1954ع ۾ تبديل ڪري سندس باني ڀائرن جي نالي پٺيانهمبولٽ يونيورسٽي آف برلن رکيو ويو. هن يونيورسٽي ۾ اڄڪلهه پنجٽيهه هزار شاگرد تدريس ۽ تحقيق جي مختلف شعبن ۾ انڊر گريجوئيشن، پوسٽ گريجوئيشن ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڪورسن لاءِ زير تعليم آهن. انهن ۾ پنجن هزارن کان وڌيڪ انٽرنيشنل شاگرد پڻ شامل آهن، جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن مان ڪهي آيل آهن. ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز جي رئنڪنگ مطابق همبولٽ برلن يونيورسٽي دنيا جي هڪ سئو ڇويهون ۽ جرمني جي ستون نمبر معيار يونيورسٽي آهي، جڏهن ته ٽائمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز جي ڪاٿي مطابق برلن يونيورسٽي پنهنجي تعليمي ۽ تحقيقي معيار ۽ هم نصابي سرگرمين جي پيشِ نظر دنيا جي ڇانوي ۽ جرمني جي ڇهون نمبر معياري يونيورسٽي آهي.
    همبولٽ برلن يونيورسٽي يارنهن فئڪلٽين ۽ انهن ۾ هڪ سئو کان مٿي تدريسي ۽ تحقيقي شعبن، خود مختيار اداران ۽ اسپتالن تي مشتمل پبلڪ ريسرچ يونيورسٽي آهي. هن جي تدريسي فئڪلٽيون هن ريت آهن، جهڙوڪ فئڪلٽي آف نيچرل سائنس، فئڪلٽي آف ميڊيسن، فئڪلٽي آف ائگريڪلچر، فئڪلٽي آف ويٽرنري سائنس، فئڪلٽي آف مئٿميٽڪس، فئڪلٽي آف ايڪنامڪس ائنڊ بزنس ائڊمنسٽريشن، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ آرٽس، فئڪلٽي آف فلاسافي، فئڪلٽي آف ٿيالاجي وغيره. برلن يونيورسٽي جا ٻه خود مختيار تدريسي شعبا جهڙوڪ سينٽر فار برٽس اسٽڊيز ۽ ميوزم فار نيچرل هسٽري پڻ يونيورسٽي جي تدريسي وسعت ۾ پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا.
    همبولٽ برلن يونيورسٽي ويهين صدي جي ٻن تباهه ڪن عالمي جنگين ۽ هٽلر جي اڳواڻيءَ ۾ جرمني مٿان مڙهيل نازي پارٽي جي حڪومت جي غلطڪارين کان پنهنجو پانڌ بچائي ڪو نه سگھي هئي جنهن ڪري هن يونيورسٽي جي تاريخ سکن سان گڏ ڏکن جا قصا به پنهنجي سيني ۾ سانڍي حال ۽ مستقبل جي روشن پيچرن تي گامزن آهي. 1933ع ۾ هٽلر جي “نيشنل سوشلسٽ جرمن ورڪرز پارٽي” يعني “نازي پارٽي” جي اقتدار ۾ اچڻ سان ان پنهنجي هڪ ڪاري قانون “ريسٽوريشن آف پروفيشنل سِوِل سروسز” تحت هن يونيورسٽي جي نازي پارٽي مخالف اڍائي سئو پروفيسرن ۽ انتظامي عملي جي ٽئين حصي کي يونيورسٽي مان ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيو. هٽلر جي حامين برلن يونيورسٽي جي هڪ انسٽيٽوٽ مان پنجويهه هزار ڪتاب کڻي هڪ چوڪ تي رکي کين نّذرِ آتش ڪري ڇڏيو. هن يونيورسٽي جي ڪيترن ئي شاگردن کان سندن ڊگريون واپس ڪري کين حڪومت جي مخالفت جي سخت سزا ڏني وئي ۽ ڪيترن ئي استادن ۽ شاگردن کي جيل ياترا ڪرائي وئي ته ڪجهه کي قتل به ڪيو ويو. 1939ع کان 1945ع تائين ڇهه سال جاري رهندڙ ٻي عالمي جنگ ۾ هي يونيورسٽي جرمني مخالف سويت يونين ۽ ان جي اتحادي طاقتن جي حملن جو نشانو بڻي جنهن ڪري هن جي عمارت جو وڏو حصو کنڊر بڻجي ويو، انهيءَ ڪري ڳچ عرصو عملي طور هي يونيورسٽي تعطل جو شڪار رهي. بحرحال جنگ ۾ جرمني جي شڪست کان پوءِ جرمنيءَ ۾روس جي قائم ڪيل “ سويت ملٽري ائڊمنسٽريشن هن يونيورسٽي کي 1946ع ۾ ٻيهر کوليو. سويت ائڊمنسٽريشن ئي هن يونيورسٽي جو نالو فيڊرلڪ وليم يونيورسٽيءَ مان تبديل ڪري سندس موجوده نالو همبولٽ يونيورسٽي آف برلن رکيو.
    همبولٽ برلن يونيورسٽي جي قصي کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هن جي ملڪ جرمني ۽ ان جي گادي واري شهر برلن بابتڪجهه ڄاڻ حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي. جيڪاهيئٺين ريت آهي.
    اڄڪلهه ته جرمني جو سرڪاري نالو فيڊرل ريپبلڪ آف جرمني آهي پر ڪنهن زماني ۾جرمني واري علائقي کي شهنشايت پروشيا ياڪنگڊم آف پروشيا(Kingdom of Prussia) جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو. ڪنگڊم آف پروشا اڳوڻي جرمن شهنشاهيت جو نالو آهي جيڪا موجوده جرمني جي برئنڊنبرگ واري علائقي ۾ واقع هڪ وسيع ريجن پروشيا ، جنهن جو گادي وارو شهر پڻ برلن هيو، جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي. ڪنگڊم آف پروشيا 1525ع کان شروع ٿي 1947ع ۾ ختم ٿي. شهنشاهيت پروشيا ۾ جرمني سميت موجوده پولينڊ، رشيا، لئٿونيا، ڊينمارڪ، بيلجم، ۽ چيڪ ريپبلڪ وارن ملڪن جا علائقا شامل هيا. 1918ع ۾ جرمن انقلاب ۽ پهرين عالمي جنگ جي نتيجي ۾ “ ورسليز معاهدي” تحت جرمن شهنشاهيت کي ورهائي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو، جنهن کي وري ٻيهر مستحڪم ڪرڻ لاءِ نازي پارٽي جي اڳواڻ ايڊوليف هٽلر 1933ع ۾ اقتدار ۾ اچي آمريت قائم ڪري ظالمانه ۽ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ اهڙي طرح نازي جرمنيءَ آسٽريا ۽ چيڪوسليويڪيا تي قبضي کان پوءِ جڏهن پولينڊ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي ته پهرين سيپٽمبر 1939ع ۾ پهرين عالمي جنگ ڇڙي پئي جيڪا ڇهه سال جاري رهي 1945ع ۾ ختم ٿي پر جرمني کي ٻن حصن ۾ ورهائي وئي. جرمني جا اهي ٻئي حصا ٻن ملڪن يعني اولهه جرمني ۽ اوڀر جرمني جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي نروار ٿي پنجيتاليهه سالن جوڊگھوعرصو هڪ ٻئي کي جدائي جا داغ ڏئي 3 آڪٽوبر 1991ع تي هڪٻئي سان ملي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم جرمني جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. اها متحد ٿيل جرمني اڄڪلهه وچ اولهه يورپ جو ترقي يافته ملڪ هجڻ سان گڏ يورپي يونين جو اهم رڪن آهي.
    برلن جتي همبولٽ يونيورسٽي سميت ٽي ٻيون به يونيورسٽيون موجود آهن،سو جرمني جي گادي جو هنڌ هجڻ سان گڏ ساڍا اٺ ڪروڙ آباديءَ واري هن ملڪ جي هڪ صوبي جي حيثيت پڻ رکي ٿو. 1991ع کان اڳ برلن “ اوڀر جرمني ” ۽ “ بون ” اولهه جرمنيءَ جي گادي جا هنڌ هيا پر جرمني وارن ٻنهي ملڪن جي متحد ٿيڻ کان پوءِ هاڻي برلن ئي هن ملڪ جي گادي واروشهرآهي. 1991ع کان اڳ هن شهر جي وچ مان هڪ ڊگھي ديوار گذرندي هئي جيڪا ٻنهي ملڪن جي شهرين کي هڪ ٻئي کان ڌار رکندي هئي.اڄڪلهه هن شهر کي دنيا جي بهترين شهرن مان هڪ هجڻ جي حيثيت حاصل آهي. بحرحال برلن شهر جي هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا ٻين جيان سنڌ جي سپوتن لاءِ پڻ موجود آهن، جن مان فائدو وٺڻ لاءِ محنت، همٿ ۽ حوصلي سان اڳتي وڌڻو پوندو. ڪاميابي ماڻڻ لاءِ سنڌ جي سرتاج شاعر به اهو ئي درس ڏنوآهي ته “ پاڻ ئي ايندو هوت پر آءُ به اڳ ڀري ٿيان“، تنهڪري اٿو قدم وڌايو ۽ علم پرايو.

    ( ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 26 مارچ 2014)


    جرمني جي فِري يونيورسٽي

    جرمني جي فِري يونيورسٽي

    جرمني واري فري يونيورسٽي ڪو ان حوالي سان فري نه آهي ته هتي صفا مفت يا فريءَ ۾تعليم ڏني وڃي ٿي پر هن درسگاهه جي “فري يونيورسٽي” (Free University) واري نالي جو مطلب آهي ته “آزاد يونيورسٽي”. هونئن به انگريزي واري لفظ فري Free) ) جي معنيٰ صرف “مفت” ئي نه پر “آزاد” پڻ آهي. تنهن جي ڪري اهو واضع هجي ته هيءَ “آزاد يونيورسٽي” آهي نه ڪه مفت واري يونيورسٽي. باقي ايترو ضرور آهي ته هن يونيورسٽي جي ڪجهه شعبن ۾ مفت ۾ داخلا ڏني وڃي ٿي يا وري بلڪل ئي گهٽ فيس ورتي وڃي ٿي، پر اها سهوليت به گهڻو ڪري اتان جي ڏيهي شاگردن لاءِ آهي، ڪنهن حد تائين انٽرنيشنل شاگرد به اهڙي سهوليت مان فائدو حاصل ڪندا آهن. باقي يونيورسٽي طرفان مقرر فيس جي ادائگي تي سڀني باصلاحيت پرڏيهي شاگردن کي مختلف ڊگري ڪورسز ۾ داخلا ڏني ويندي آهي.
    هن يونيورسٽي جي “فري” يا “آزد” هجڻ واري اعزاز جي پٺيان حقيقت ۾ هڪ سياسي سبب آهي. اهو هن طرح ته هن يونيورسٽيءَ پنهنجو نالو پنهنجي ملڪ جي ان دور واري سياسي صورتحال جي نتيجي ۾ حاصل ڪيو جڏهن اڃا دنيا ۾ سياسي حوالي سا ٻه “سپر پاور” (Supper Power) موجود هئا ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ هلندڙ سياسي ۽ نظرياتي ڇڪتاڻ کي “ ٿڌي جنگ” يعني ڪولڊ وار (Cold War) سڏيو ويندو هيو. “ڪولڊ وار” وارو اهو زمانو يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ۽ سويت يونين جي وچ ۾ ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ 1948ع کان شروع ٿيو هو جيڪو آخرڪار 1990ع ۾ سويت يونين جي خاتمي تي اچي ختم ٿيو.انهيءَ وچين دور دوراناهي ٻئي عالمي طاقتون ڪوششون ڪري رهيون هيون ته جيئن دينا جا ٻيا ملڪ به سندن سياسي نظام يعني ڪيپيٽلزم (Capitalism) ۽ ڪميونزم ( Communism) کي اپنائن.
    انهيءَ حوالي سان ان دور ۾ دنيا اندر ٻه بلاڪ جڙيا هيا. جن مان هڪ جي اڳواڻي آمريڪا ۽ ٻئي جي اڳواڻي يونين آف سويت سوشلٽ ريپبلڪ (USSR) ڪري رهي هئي. آمريڪا واري ڪيپيٽلزم واري بلاڪ) جنهن کي وَيسٽرن بلاڪ BlockWestern چوندا هيا) ۾ توڙي سويت يونين واري سوشلشٽ بلاڪ جنهن کي ( اِيسٽرن بلاڪ Eastern Block چوندا هيا ) ۾ ايشيا ۽ آفريڪا سميت يورپ جا به ڪي ئي ملڪ شامل هيا. ايتري تائين جو ان بنياد تي ڪجهه ملڪ ٻن حصن ۾ به ورهائجي ويا هيا. فري يونيورسٽيءَ واري ملڪ جرمني جا به ٻه حصا ٿي ويا هيا؛ هڪ جيڪو ڪيپيٽلسٽ بلاڪ ۾ آيو يعني اولهه جرمني (West Germany) ۽ ٻيو ڪميونسٽ بلاڪ ۾ يعني اوڀرجرمني (East Germany). ساڳي طرح جرمني جو شهر برلن به ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو، جنهن مان هڪ “وَيسٽ برلن” ۽ ٻيو “اِيسٽ برلن” ٿي ويو هو.
    اولهه (وَيسٽ) جرمني وارا اوڀر (اِيسٽ) جرمني کي سويت يونين جي قبضي هيٺ آيل ملڪ سمجهندا هيا ۽ ساڳئي طرح هو اتان جي ماڻهن ۽ شهرن کي به آزاد نه سمجهندا هيا.اِيسٽرنبلاڪ واري برلن شهر، جيڪو ايسٽ جرمنيءَ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ هيو، ۾ “همبولٽ يونيورسٽي” جي نالي سان اعليٰ تعليم جو هڪ درسگاهه هيو جنهن کي به هو آزاد يونيورسٽي نه سمجهندا هيا. جڏهن ته “وَيسٽ برلن” کي آزاد شهر يا فري سِٽي (Free City) سمجهيو ويندو هيو جو اهو سويت يونين واري اثر کان ٻاهر هيو. ۽ ان تائين ويسٽرن جرمني سميت ويسٽرن بلاڪ جي ٻين ملڪن جي پهچ به آساني سان ٿيندي هئي. جڏهن “وَيسٽ برلن” ۾ يونيورسٽي قائم ٿي ته ان کي “فري يونيورسٽي” جو نالو ڏنو ويو ڇاڪاڻ ته اها “فري سِٽي” يعني آزاد شهر ۾ قائم ٿي آهي تنهنڪري ان يونيورسٽي جو نالو به “فري يونيورسٽي” مشهور ٿي ويو.
    بحرحال هاڻي ته ٻئي جرمنيون 1990ع کان گڏجي هڪ ملڪ جي صورت ۾ دنيا جي نقشي تي نروار ٿيون آهن. برلن شهر به ورهاست جا گهاو وساري نئين آب تاب سان ترقيءَ جا تيز قدم کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ هتان جي “فري يونيورسٽي” هن شهر جي تعليمي شان ۽ شوڪت جو اهڃاڻ ليکجي ٿي.
    فري يونيورسٽي جنهن کي مقامي جرمني ٻوليءَ ۾ (Freie Universität Berlin ) ۽ انگريزي ٻولي ۾ )(Free University Berlin لکيو ويندو آهي سا چار ڊسمبر 1948ع ۾ قائم ڪئي وئي آهي. هن يونيورسٽي کي سهوليت خاطر صرف “ايف يو برلن” (FU Berlin) به سڏيندا آهن. هي يونيورسٽي خاص طور تي سوشل سائنسز، هيومنٽيز، نيچرل سائنسز ۽ لائيف سائنسز وارن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ پنهنجي نمايان ڪارڪردگي جي ڪري گهڻو مشهور آهي. فري يونيورسٽيءَ جو پنج ڪئمپسون آهن جيڪي جرمني جي مختلف شهرن ۾ واقع آهن جڏهن ته هن جي مکيه ڪئمپس برلن ۾ ئي واقع آهي.
    فري يونيورسٽي ۾ هسٽري ائنڊ ڪلچرل اسٽڊيز، اينشن اسٽڊيز، بايولاجي، مائيڪرو بايولاجي، نيورو بايولاجي، ڪيمسٽري، فارميسي، ارٿ سائنس، ميٽرالاجي، جاگرافيڪل سائنسز، ويٽرنري ميڊيسنز، لائيف سائنسز، انسٽيٽيوٽ آف پولٽري ڊزيزز، اسٽرڪچرل بايو ڪيمسٽري، ڪمپيريٽِوِ اَيٿڪس، سائنٽيفڪ اسٽڊي آف ريليجن، لا اسٽڊي،بزنس ائڊمنسٽريشن، اڪائونٽنگ، ٽيڪسيشن، مينيجمنٽ ائنڊ مارڪيٽنگ مئٿميٽڪس ائنڊ ڪمپيوٽر سائنس، ڊپارٽمنٽ آف ايجوڪيشن، سائيڪالاجي، ائنٿراپالاجي ائنڊ هيومنٽيز، فلاسافي، گريڪ ائنڊ ليٽن لئنگوَجز، جرمن ائنڊ ڊچ لئنگويج ائنڊ لٽريچر، انگلش لئنگئج ائنڊ لٽريچر، رومانس لئنگئج ائنڊ لٽريچر، ٿيٽر اسٽڊيز، آرٽس ائنڊ ميڊيا مينجمنٽ، پوليٽيڪل سائنس جا شعبا شامل آهن.انهن کان علاوه گريجوئيٽ اسڪول آف مسلم ڪلچرس ائنڊ سوسائٽيز، گريجوئيٽ اسڪول آف ريجنريٽوِ ٿراپيز، برلن اسڪول آف انٽيگريٽِوِ آنڪالاجي،فيڊرڪ شيگل گريجوئيٽ اسڪول آف لائبريري اسٽڊيز، گريجوئيٽ اسڪول آف اِسٽ ايشين اسٽڊيز وغيره به وڏي مقبوليت رکن ٿا.
    فري يونيورسٽي ۾ تعليم،تحقيق، تفريح ۽ صحت جي لاءِ به ڪيترا ئي ادارا ۽ سهوليتون موجود آهن. جهڙوڪ باٽنيڪل گارڊن آف فري يونيورسٽي، چيئرٽي ميڊيڪل اسڪول،يونيورسٽي ڪلينڪ بينجمنٽ فرينلنگ ڪئمپس، فلاسافيڪل لئبريري، کان علاوه شاگردن جي آرمده رهائش لاءِ ستاويهن کان وڌيڪ ڪشادين هاسٽلين ۽ هالن تي مشتمل “ اسٽوڊنٽس وليج” يعني “ شاگردن جو ڳوٺ” به قائم آهي. فري يونيورسٽي جي لائبريري ۾ اٽڪل نوي لکن کان وڌيڪ ڪتاب، تحقيقي جرنل ۽ تاريخي مسودا ۽ ڊجيٽل جرنل وغيره موجود آهن. هن يونيورسٽي جيچئن ريسرچرس کي سندن بهترين تحقيقين ۽ دريافتن تي نوبيل انعام ملي چڪا آهن. يونيورسٽي ۾ اٽڪل پنجٽيهه هزارن کان وڌيڪ شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ خاصو تعداد انٽرنيشنل شاگردن جو به شامل آهي.
    فري يونيورسٽي تدريسي توڙي تحقيقي سرگرمين ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ناميارين يونيورسٽين سان سهڪاري هوندي آهي. انهيءَ حوالي سان هن يونيورسٽي جا دنيا جي جن يونيورسٽين سان سهڪاري سرگرميون هلنديون رهن ٿيون انهن ۾يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا برڪلي، يونيورسٽي آف شڪاگو، اسٽينفورڊ يونيورسٽي، يونيورسٽي آف آڪسفورڊ، يونيورسٽي آف شنگهائي، يونيورسٽي اف ٽوڪيو ۽ دنيا جا ٻيا معياري درسگاهه ۽ ادارا شامل آهن.بحرحالجيڪڏهن ڪو به باصلاحيت نوجوان فري يونيورسٽي ۾ پهچڻ جو پروگرام ٺاهي ٿو ته ان کي سچائي سان محنت ڪرڻ پوندي ۽ پوءِ فري يونيورسٽي ۾ پهچڻ جو سندس اهو خواب ضرور تعبير ماڻيندو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 9 سيپٽمبر 2015)


    سوئيڊن جي اسٽاڪهوم يونيورسٽي

    سوئيڊن جي اسٽاڪهوم يونيورسٽي،
    جتان ڪيترائي ملڪي سربراهه پئدا ٿيا

    اسٽاڪهوم يونيورسٽي يورپ جي اترئين حصي ۾ واقع هڪ خوبصورت ۽ خوشحال ملڪ سُوئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ واقع آهي. هن ئي شهر ۾ يونيورسٽي کان علاوه هڪ نامياري “سوئيڊش اڪيڊمي“ پڻ آهي جنهن جي طرفان گذريل هڪ صدي کان وٺي هر سال دنيا ۾ امن، سلامتي، ادب، تحقيق ۽ ترقيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪم ڪندڙ شخصيتن کي نوبيل امن انعام ڏنو ويندو آهي، اهو انعام سوئيڊن ڄائَي نامياري انجنيئر، سائنسدان ۽ محقق الفرڊ نوبيل جي نالي پٺيان سندس ياد سان منسلڪ هوندو آهي.الفرڊ نوبيل جوٿورو ذڪر به ضرور ٿيندو پر پهريان اسٽاڪهوم يونيورسٽي جي ڳالهه ٿا ڪريون.
    اسٽاڪهوم يونيورسٽي سوئيڊن جي چوٿين پراڻي يونيورسٽي آهي جيڪا1960ع ۾ وجود ۾ آئي. حقيقت هئين آهي ته 1869ع ۾ “اسٽاڪهوم يونيورسٽي ڪاليج ايسوسيئشن”نالي هڪ سماجي تنظيم اسٽاڪهوم شهر ۾ يونيورسٽي جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون جنهن جي نتيجي ۾هتي 1878ع ۾ شهر ۾ هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويوجنهن کي1960 ۾ ترقي ڏئي “ اسٽاڪهوم يونيورسٽي” بڻايو ويو. هن يونيورسٽيءَ ۾ اڄڪلهه اٽڪل ستهٺ هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ ٻين ملڪن جي شاگردن جو به خاصو تعداد شامل آهي. سال 2013ع ۾ هن يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي جي اميدوارن جو تعداد ٻن هزارن کان به وڌيڪ هيو، جيڪو ڪنهن به ريسرچ يونيورسٽي جي مقبول ۽ معياري هجڻ جو دليل هوندو آهي.
    اسٽاڪهوم يونيورسٽي جي فئڪلٽين جهڙوڪ فئڪلٽي آف نيچرل سائنس، فئڪلٽي آف هيومنٽيز فئڪلٽي آف سوشل سائنسز، فئڪلٽي آف لا، ۽ فئڪلٽي آف مئٿميٽڪس ۾ ستر تدريسي شعبا آهن. هن يونيورسٽي جون ريسرچ فيلڊ اسٽيشنس پڻ تحقيق جي دنيا ۾ وڏي نيڪنامي رکن ٿيون. اهڙين تحقيقي اسٽيشنس ۾ “اسٽاڪهوم يونيورسٽي ميرين سينٽر” جي “آسڪو لئبارٽري” وڏي ڪارج ڀري آهي جنهن ۾نيچرل ۽ انوائيرنمنٽل سائنس جي شعبن ايڪوسسٽمس، ايڪالاجي، ۽ انساني رهڻي ڪهڻي جا ماحول تي اثرن متعلق تمام گھڻو تحيقي ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن يونيورسٽي جي “ ترفلا ريسرچ اسٽيشن” ۾ گليشيئرلاجي، هائيڊرولاجي، ميٽرولاجي ۽ ڪلائيميٽولاجي جي مختلف پهلوئن تي وڏو تحقيق ڪم ڪيو وڃي ٿو. ساڳي طرح اسٽاڪهوم يونيورسٽي جي “ٽويٽورپ زولاجيڪل ريسرچ اسٽيشن” تي ايٿولاجي ۽ ايڪالاجي متعلق ريسرچ ڪئي وڃي ٿي. هن يونيورسٽي جا ٽي محقق مختلف شعبن ۾ نمايان تحقيق تي نوبيل انعام حاصل ڪري چڪا آهن. سوئيڊن جا ٽي اڳوڻا وزير اعظم ڪارل بلٽ، اولوف پام، فيڊرڪ رينفلٽ، يونان جا ٻه اڳوڻا وزير اعظم اندريئس پاپاندريو، جارجيس پاپاندريو ۽ سوئيڊن جي پهرين عورت وزير ۽ قومي معاشيات جي پهرين عورت پروفيسر ڪئرين ڪاڪ لنڊبرگ هن يونيورسٽي شاگرد رهي چڪا آهن.
    دنيا جي ٻين ملڪن جيان سنڌ جا شاگرد پڻ سوئيڊن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. مير پورخاص سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان طاهر حسين پنهور جنهن قائدِاعظم يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي سو هاڻي سوئيڊن ۾ پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ويٽرنري سائنسز فيڪلٽي جا ٻه ليڪچرر شاهد حسين ابڙو ۽ سنڌي نياڻي راڻي وڳڻ پڻ سوئيڊن ۾ پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
    اسٽاڪهوم يونيورسٽي ۾ شاگردن جون يونينيون، ڪلب ۽ گروپ پنهنجي برادريءَ جي فلاح ۽ تفريح لاءِ سرگرم رهن ٿا. اسٽاڪهوم يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين به نمايان حيثيت رکي ٿي جيڪا هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻين سڀني فلاحي تنظيمن کان پراڻي ۽ وڌيڪ متحرڪ آهي.
    سوئيڊن اتر يورپ ۾ پاڻيءَ جي وچ ۾واقع اسڪنڊينيوين جزيري جو هڪ ديومالائي خوابن جهڙو حسين ۽ پر امن ملڪ آهي. هن جون زميني سرحدون ناروي ۽ فنلئنڊ سان ملن ٿيون جڏهن ته هن کي هڪ پُل (Bridge) وسيلي ڊينمارڪ ملڪ سان پڻ ملايو ويو آهي. اسٽاڪهوم يونيورسٽي واري شهر اسٽاڪهوم جي مشهوري جا هونئن ته ٻيا به ڪيترائي حوالا آهن پر هڪڙو خاص حوالو جنهن جو ٿورڙو ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون، اهو آهي مشهور سائنسدان الفرڊ نوبيل. هن شهر ۾ 21 آڪٽوبر 1833ع ۾ هڪ اهڙي ٻار جنم ورتو هيو جيڪو وڏو ٿي دنيا ۾ الفرڊ نوبيل جي نالي سان مشهور ٿيو. البرٽ نوبيل ڊائنامائيٽ ايجاد ڪري دنيا جي ترقيءَ جو راهون هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر سندس زندگيءَ ۾ ئي سندس هن ايجاد کي جنگي مقصدن لاءِ استعال ڪيو ويو جنهن ڳالهه جو الفرد نوبيل کي پڻ ڏاڍو افسوس ٿيو. تنهن کان پوءِ هن دنيا اندر امن جي قيام ۽ فوجي قوتن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ شخصيتن لاءِ نوبيل امن انعام جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو. نوبيل امن انعام ڪل پنجن قسمن جي نوبيل انعامن مان هڪ آهي. ٻيا انعام فزڪس، ڪئميسٽري، فزيالاجي يا ميڊسن ۽ ادب تي نمايان ڪم ۽ تحقيق تي ڏنا ويندا آهن. انهن انعامن جو سلسلو 1901ع کان شروع ٿيو آهي جيڪو اڃا تائين جاري آهي. هڪ صدي ۽ ٻارنهن سالن جي ڊگھي عرصي تي ڦهليل هن سفر ۾گذريل سال تائين ڪل اٺ سئو ڇاهٺ نوبيل انعام ڏنا ويا آهن جن مان اٺ سئو پنجٽيهه انعام شخصيتن کي ۽ ايڪيهه انعام تنظيمن کي مليا آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين 1 جنوري 2014)


    سوئيڊن جو ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي

    سوئيڊن جو ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي،
    جتي دنيا جا شاگرد اچن ٿا


    يونيورسٽيون يا ڪي ٻيا تعليمي ادارا ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا جنرل ۽ ٻيا پروفيشنل. جنرل ادارا اهي آهن جتي هڪ کان وڌيڪ فيلڊس ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، جهڙوڪ: آرٽس، سائنس، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، ائگريڪلچر، ڪمپيوٽر، بزنس اسٽڊيز، سوشل سائنس وغيره. مطلب ته هڪ ئي تعليمي اداري ۾ مختلف فيلڊس ۾ تعليم ڏني ويندي آهي. اهڙيون جنرل يونيورسٽيون دنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ آهن.
    درسگاهن جو ٻيو قسم جن ۾ صرف پيشيوارانه يا پروفيشنل تعليم ڏني وڃي ٿي اهي پروفيشنل تعليمي ادار سڏجن ٿا. انهن ۾پروفيشنل يونيورسٽيون، اڪيڊميون، ڪاليج، انسٽيٽيوٽ ۽ ٻيا درسگاهه به شامل آهن جيڪي صرف هڪ ئي فيلڊ جي مختلف پهلوئن ۾ پڙهائي، پريڪٽيڪل ۽ تحقيق ڪرائڻ کان پوءِ لاڳاپيل ڊگري ڏيندا آهن. اهڙن پروفيشنل يونيورسٽين ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽين، ميڊيڪل يونيورسٽين، بزنس يونيورسٽين وغيره کان علاوه مئريٽائيم يونيورسٽيون، اڪيڊميون ۽ انسٽيوٽ به شامل آهن جتي مئرين انجنيئرنگ ۾ دلچسپي رکندڙ شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن.
    دنيا جي اهڙن ناميارن مئرين انجنيئرنگ وارن درسگاهن ۾ سوئيڊن جي مالمو شهر واري ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي کان علاوه اسٽيٽ يونيورسٽي آف مئريٽائيم نيويارڪ آمريڪا، شنگهائي مئريٽائيم يونيورسٽي چائنا، ميانمار مئريٽائيم يونيورسٽي برما، انڊين مئريٽائيم يونيورسٽي چناءِ ۽ بمبئي ، مئرين انجنيئرنگ ائنڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪلڪتا انڊيا، ڊاليان مئريٽائيم يونيورسٽي چائنا، وارسئش مئريٽائيم اڪيڊمي سائوٿمپٽن انگلينڊ، مئساچوسيٽس مئريٽائيم اڪيڊمي آمريڪا، ميرٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۽ پاڪستان مئرين اڪيڊمي ڪراچي وغيره شامل آهن.
    حقيقت هي آهي ته سوئيڊن جي مالمو شهر ۾ واقع ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي سان منهنجو پهريون مکاميل سنڌ جي نامياري اديب، سفرنامان ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جي سفرنامن ۽ لکڻين جي توسط سان ٿيو. الطاف شيخ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو مان پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. سنڌ جو هي سيلاني رائيٽر ۽ مئرين انجنيئر جيڪو 1944ع ۾ هالا شهر ۾ پئدا ٿيو تنهن هالا جي پرائمري اسڪول ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارومان تعليم پرائڻ کان پوءِ مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ مشرقي پاڪستان ( هاڻي بنگلاديش) مان 1963ع ۾ مئرين انجنيئرنگ ۾ بي ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان بعد ۾ يورپ جي پر امن ۽ پر رونق ملڪ سوئيڊن جي ورلڊ مئريٽائم يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. الطاف شيخ پندرنهن سال سمنڊن تي مختلف جهازن ۾ چيف انجنيئر جي حيثيت سان سڄي دنيا جو سفر ڪري بعد ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ميريٽائيم اڪيڊمين ۾ تدريس جو ڪم شروع ڪيو. الطاف شيخ جي مئرين انجنيئر واري اتساهيندڙ ڪيريئر کان متاثر ٿي ڪيترا ئي سنڌي نوجوان پڻ تعليم جي اها فيلڊ چونڊيندا رهيا آهن.
    ورلڊ يونيورسٽي آف مئريٽائيم 1983ع ۾ سوئيڊن جي شهر مالمو ۾ وجود ۾ آئي. هن يونيورسٽي جي قيام جو سهرو اقوام متحده جي هڪ خاص اداري “انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن” جي سِر تي آهي جنهن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ ٺهراءَ جي روشنيءَ ۾ هي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي ته جئين دنيا ۾ جهازرانيءَ جي تعليم ۽ تربيت جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي.هيءَ يونيورسٽي مئرين انجنيئرنگ جي هڪ عالمي سطح جي تعليمي اداري جي حيثيت سان نه رڳو سوئيڊن ۽ يورپ جي نوجوانن لاءِ جهازراني ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل انجنيرنگ جي تعليم جون سهوليتون فراهم ڪري ٿي پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ شپنگ واري فيلڊ ۾ تجربو رکندڙ پروفيشنلز جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت جو انتظام پڻ ڪندي رهي ٿي. مئريٽائيم افيئرس جي مختلف شعبن ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگرين لاءِ ڪورسن کان سواءِ پروفيشنل ڊيولپمنٽ ڪورس، مئريٽائيم افيئرس شارٽ ڪورس، ٽريننگ پروگرام، سيمينار ۽ ڪانفرنسن جو انتظام ڪندڙ هي يونيورسٽي دور دراز تعليم (ڊِسٽنس ايجوڪيشن) واري نظام تحت مئرين انشورنس ائنڊ مئريٽائيم اِنرجي مئنيجمنٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن دپلوما وارا ڪورس پڻ ڪرائيندي آهي. انهيءَ سان گڏ مئرين معاملن متعلق مسلسل تحقيقي سرگرميون پڻ هن يونيورسٽي جي خاص خاصيتن ۾ شامل آهن.دنيا جي ڪيترن ملڪن جا نامور مئرين انجنيئر، شپنگ ڪمپنين ۽ بندرگاهن جا سربراهه، نيول آرگنائيزيشنس ۽ مئريٽائيم يونيورسٽين جا اڳواڻ ۽ منتظم هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن.
    ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو ۾جن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ “ماسٽرس آف مئريٽائيم افيئرس” جي ڊگري ڏني وڃي ٿي. انهن مان خاص شعبا هن طرح آهن، جهڙوڪ؛ شپنگ مئنيجمنٽ ائنڊ لاجسٽڪ، مئريٽائيم سيفٽي ائنڊ انوائرنمنٽل ائڊمنسٽريشن، مئريٽائيم لا ائنڊ پاليسي، مئرين انوائرنمنٽل ائنڊ اوشن مئنيجمنٽ، مئريٽائيم ايجوڪيشن ائنڊ ٽريننگ ائنڊ آرگنائيزيشنل ليڊرشپ، پورٽ مئنيجمنٽ وغيره.
    سوئيڊن جي ڏيهي ٻولي ته سوئيڊش ۽ ڊينس ئي آهي پر مالمو واري ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ انگريزي ٻولي ۾ تدريس جو عمل سر انجام ڏنو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن کان هتي ماسٽرس ڊگري ۾ داخلا وٺڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ لازمي آهي ته انهن مئريٽائيم واري شعبي ۾ دنيا جي ڪنهن به مئرين انجنيئرنگ واري اداري مان نه رڳو انڊر گريجوئيشن ڪئي هجي پر انهن کي لاڳاپيل فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو پنج سال تجربو ۽ انگريزي ٻولي جي مناسب ڄاڻ هجڻ پڻ ضروري آهي. انگريزي ٻولي ۾ ڪمزور ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اميدوارن کي هن ئي يونيورسٽي ۾ پهريان ٽي مهينا مئريٽائيم انگلش پروگرام ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ته جئين هو وڌيڪ ڪورس پڙهڻ لائق ٿي سگھن. اقوام متحده جي اداري “انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن” طرفان قائم ڪيل هن قسم جي يونيورسٽي چين ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ پڻ واقع آهي. مئرين انجنيئرنگ جي حوالي سان هڪ ساک ڀريو ادارو ڪراچيءَ ۾ به آهي جيڪو “ پاڪستان مئرين اڪيڊمي” جي نالي سان مشهور آهي. جتي ٻن سالن جي پڙهائي کانپوءِ مئريٽائيم اسٽڊيز ۾ بِي اَيس سِي جي ڊگري ڏني وڃي ٿي.
    لاڙڪاڻي جو هڪ نوجوان ذيشان سومرو جنهن 2007ع ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊمي مان ميريٽائيم اسٽڊي ۾ بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي هئي سو پڻ اڄڪلهه فورٿ انجنير جي حيثيت سان “ريڊ سي ميرين سروس ڪمپني سعودي عرب” جي هڪ جهاز تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن کان اڳ هن سائوٿ ڪوريا ۽ ڪويت جي جهازن تي پڻ نوڪري ڪئي آهي. ذيشان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گھڻن سنڌي نوجوانن کي تعليم جي هن فيلڊ جي خبر ڪو نه آهي. جيتوڻيڪ سمنڊ تي جهازراني وارو ڪم ڏکيو آهي ۽ نوڪري لاءِ پڻ گھڻيون ڪوششون ڪرڻيون پون ٿيون پر هن جاب ۾ بهترين پگھار محنت جي بهترين مڃتا جيان آهي. هن کان علاوه لاڙڪاڻي جو هڪ ٻيو نوجوان سجاد منگي، دولتپور جو شهزور علي ڪورائي ۽ سڪرنڊ جو اعجاز علي انڙ پڻ دنيا جي مختلف پاڻيءَ وارن جهازن تي جونيئر انجنيئرن جي حيثيت سان نوڪري ڪري رهيا آهن.
    موجوده دور ۾ مئرين انجنيئرنگ جي اهميت معلوم ڪرڻ لاءِ مون فون وسيلي جڏهن نامور اديب ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ کان سوال پڇيو ته هن ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ هن شعبي جي تمام گھڻي اهميت هوندي هئي پر دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ مارڪيٽ ۽ ان جي رجحانن جي ڪري هاڻي هن جي گھڻي اهميت ڪو نه رهي آهي ڇو ته اڄڪلهه ٽرانسپورٽ توڙي پئداوار جا مّختلف ۽ جديد ذريعا متعارف ٿي ويا آهن جنهن ڪري شپنگ وارو شعبو پوئتي پوندو پيو وڃي جنهن ڪري هن فيلڊ ۾ روزگار جا موقعا پڻ گھٽبا پيا وڃن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان پنهنجي هن ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ سنڌين کي هن شعبي ۾ اچڻ لاءِ گهڻو اتساهيندو هيس ۽ اڄڪلهه ڪيترا ئي سنڌي مئرين انجنئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪري چڪا آهن پر هاڻ هن شعبي ۾ وڌيڪ کپت نه هجڻ ڪري سنڌي نوجوانن کي مئرين انجنئرنگ ۾ اچڻ جي صلاح نه ڏيندو آهيان. بحرحال علم ته وري به علم ئي آهي. جيڪڏهن رڳو رزگار جي لاءِ ئي نه پڙهجي ته پوءِ علم جي دولت سان مالا مال ٿيڻ وارو مقصد به زندگيءَ کي خوبصورت بڻائي ڇڏيندو آهي.
    ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو واري ملڪ سوئيڊن جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه سنڌي ماڻهو پڻ آباد آهن، جهڙوڪ هن جي گادي واري شهر ۾ سنڌ جي مورو شهر جو ناميارو سنڌي ليکڪ عبدالله مورائي رهي ٿو جٿان هو مختلف وقتن تي “ نوٽس فرام يورپ” جي سري سان سنڌي اخبارن ۾ مضمون به لکندو آهي. مالمو شهر ۾ شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ وزير سومرو گذريل ٽيهن سالن کان پنهنجي سوئيڊش گهرواري ليانه ۽ ٻارن سان گڏ رهي ٿو. سوئيڊن ۾ چار سال رهي گذريل مهيني پي ايڇ جي ڊگري ماڻي سنڌ موٽي ايندڙ هڪ نوجوان جوڙو شاهد ابڙو ۽ سندس وَني راڻي وڳڻ آهي. اهي ٻئي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ويٽرننري فئڪلٽي جا استاد آهن.
    سوئيڊن جي درسگاهن ۾ تعليم مفت ۾ ڏيڻ جورواج آهي. باقي کاڌي پيتي، اٿڻ ويهڻ ۽ رهائش جوخرچ ماڻهو کي پاڻ ئي ڪرڻو پوي ٿو. سوئيڊن ۾ تعليم لاءِ وڌيڪ معلومات انٽرنيٽ وسيلي به حاصل ڪري سگھجي ٿي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 28 مئي 2014)


    سوئيڊن جو ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوف آف ٽيڪنالاجي

    سوئيڊن جو ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوف آف ٽيڪنالاجي،جتي سنڌي شاگرد پڻ پڙهن ٿا

    يورپ ۾ ڪجهه اهڙا ملڪ به آهن جتي تعليم بلڪل مفت ۾ ڏني وڃي ٿي. اهي ملڪ نه رڳو پنهنجي ڏيهي ماڻهن لاءِ اهڙو قابل قدر ڪم ڪن ٿا پر تعليم پرائڻ جو اعليٰ مقصد دل ۾ سانڍي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي هتي پهچندڙ مختلف قوميت جا نوجوان پڻ ان سهوليت مان مستفيض ٿيندا رهن ٿا. اتر يورپ جو هڪ خوبصورت ملڪ سوئيڊن پڻ انهن تعليم دوست ملڪن مان هڪ آهي جن پنهنجي درسگاهن جا در دنيا جي هر نوجوان لاءِ کولي ڇڏيا آهن ، جيڪو طالبِ علم چاهي هتي اچِي هتان جي درسگاهن ۾ ڇوليون هڻندڙ علم جي بحر مان ماڻڪ ۽ موتي ميڙي علم ۽ ساڃاهه جي دولت سان مال مال ٿي سگهي ٿو. هتان جا تعليمي ادارا داخلا توڙي پڙهائي واري حوالي سان شاگردن کان ڪنهن به قسم جي فيس ڪونه اڳاڙيندا آهن باقي شاگردن کي پنهنجي سفر، رهائش، کاڌي پيتي، ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻين ضرورتن لاءِ خرچ پکي جو بندوبست پاڻ ئي ڪرڻو پوندو آهي.
    سوئيڊن ۾ هونئن ته عالمي سطح تي شهرت رکندڙ اعليٰ معيار جا ڪي ئي بهترين درسگاهه موجود آهن، جهڙوڪ اسٽاڪهوم يونيورسٽي، اپسالا يونيورسٽي، لُنڊ يونيورسٽي، مالمو يونيورسٽي، سوئيڊش يونيورسٽي آف ائگريڪلچر، ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي وغيره جتي سائنس، آرٽس، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، ائگريڪلچر ۽ سوشل سائنسز جي مختلف تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ اعليٰ نوعيت جو علمي ۽ تحقيقي ڪم ٿئي ٿو ، پر هن ملڪ جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ ٽيڪنيڪل تعليم وارو هڪ ناميارو ادارو ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي سوئيڊن جي تعليمي ميدان ۾ اهم ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو. هن انسٽيٽيوٽ کي يونيورسٽيءَ جي حيثيت حاصل آهي.هي پنهنجي اعليٰ تعليمي معيار جي ڪري دنيا جي ٽاپ معياري سطح جي تعليمي ادارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هتي ٻين ملڪن جي شاگردن جيان سنڌي نوجوان پڻ تعليم حاصل ڪندا رهيا آهن، جن جو تفصيلي ذڪر ۽ هتي داخلا وٺڻ جي طريقي بابت تفصيلي ڳالههبه ڪيون ٿا پر پهريان هڪ نظر ڪي ٽي ايڇ تي ٿا وجهون.
    ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي سوئيندن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ واقع آهي. هن درسگاهه جو سوئيڊن جي مقامي سوئيڊش ٻوليءَ ۾ نالو “ Kungliga Tekniska högskolan” آهي، جنهن ڪري هن کي ان نالي جي ٽنهين لفظن جي صرف پهرين اکرن يعني ڪي ٽي ايڇ (KTH) جي تعارف سان پڻ سڃاتو ويندو آهي. ڪي ٽي ايڇ کي نه رڳو سوئيڊن جو سڀ کان اڳاٽو پوليٽڪنيڪل تعليم وارو درسگاهه هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، پر هن درسگاهه کي ڪيترن ئي حوالن سان اسڪينڊينيوين (Scandinavian) ملڪن جهڙوڪ سوئيڊن، ناروي، دينمارڪ، فنلينڊ ۽ آئسلينڊ وغيره جو ٽڪينيڪل تعليم جو وڏو ادارو پڻ ليکيو وڃي ٿو. ڪي ٽي ايڇ جو قيام اڄ کان اٽڪل پوڻا ٻه سئو سال اڳ يعني 1827ع ۾ ان وقت ٿيو هيو جڏهن اڃا دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ ٽيڪنيڪل تعليم جي باضابطه ادارن جي قيام جو تصور به نه ڪيو ويندو هيو. سوئيڊن ۾ ٽيڪنيڪل تعليم جي هن معياري اداري ڪي ٽي ايڇ پنهنجي قيام کان وٺي اڄ واري جديد دور تائين نه رڳو سوئيڊن ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ شاگردن جي ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪرڻ واري خواهش کي پوري ڪندي انهن منجهان وڏا ماهر انجنيئر ۽ سائنسدان پئدا ڪيا آهن جن پنهنجي نمايان ايجادن، دريافتن ۽ ڪارڪردگيءَ جي ذريعي دنيا جي ترقي ۾ وڏو ڪردارا ادا ڪيو آهي. اڄڪلهه هن درسگاهه ۾ اٽڪل ويهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ انٽرنيشنل شاگردن جو خاصو تعداد پڻ شامل آهي.
    مون جڏهن ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مان تعليم حاصل ڪندڙ ۽ سوئيڊن ۾ رهائش پذير سنڌ جي موري شهر سان تعلق رکندڙ پنهنجي هڪ دوست ۽ نامياري سنڌي ليکڪ عبدالله مورائي سان رابطو ڪري اتي تعليمي موقعن،درسگاهن ۽ انهن مان تعليم پرائيندڙ سنڌ جي نوجوانن بابت حال احوال پڇيو ته هن ٻڌايو ته “ مان ڪي ٽي ايڇ مان واٽر سسٽم ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ايم ايس سي ڪئي آهي. ۽ اڄڪلهه اسٽاڪهوم يونيورسٽي ۾ وڌيڪ تعليم جاري رکيو پيو اچان.” هن وڌيڪ ٻڌايو ته سوئيڊن جي مختلف تعليمي ادارن ۾ سنڌ جا کوڙ سارا نوجوان تعليم پرائي رهيا آهن. هتان جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ واقع ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ ۾ پڻ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن سان تعلق رکندڙ سنڌي نوجوانن جو خاصو تعداد مختلف تدريسي شعبن ۾ اعليٰ ڊگرين لاءِ زيرِ تعليم آهي. ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ پڙهندر اهڙن سنڌي نوجوانن ۾ سانگهڙ جو ارشد محراب ميمڻ، نوابشاهه جو عمران جمالي، خير پور ميرس جي ڳوٺ سيٺارجا جو شاهد سيال، پنو عاقل جو نويد شاهه، نبيسر روڊ جو سنيل ڪمار، مٺي جو نريش کتري، لاڙڪاڻي جو رمضان لهر، دادو جو اجيت نانڪاڻي، راڌڻ جو جَئه پرڪاش، خيرپور جو سيد ضياع سجاد رضوي، ڪوهستان جو شنڪر لال، سڪرنڊ جو عبدالمجيد رند، حيدرآباد جو ارشاد علي لغاري ۽ ڪراچي جو سنجي راجواڻي شامل آهن.”
    ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ جونپنج ڪئمپسون اسٽاڪهوم ڪائونٽي جي مختلف علائقن ۾ واقع آهن. هن جا نو اسڪول آهن جيڪي يونيورسٽي جي فئڪلٽين جي حيثيت رکن ٿا جن ۾ ڪيترا ئي مختلف تدريسي شعبا قائم آهن.اهي اسڪول هن ريت آهن جهڙوڪ؛ اسڪول آف انجنيئرنگ ائنڊ مئنيجمنٽ، اسڪول آف بايو ٽيڪنالاجي، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر ائنڊ بِلٽِ انوائرنمنٽ، اسڪول آف ڪيميڪل سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، اسڪول آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، اسڪول آف انفارميشن ائنڊ ٽيڪنالاجي، اسڪول آف ٽيڪنالاجي ائنڊ هيلٿ ۽ اسڪول آف انجنيئرنگ سائنسز ۽ اسڪول آف مائيننگ وغيره. انهن اسڪولن ۾ جيڪي سِول انجنيئرنگ، آرڪيٽيڪچر، ريئل ائنڊ ڪنسٽرڪشن مئنيجمنٽ، لينڊ ائنڊ واٽر مئنيجمنٽ انجنيئرنگ، مشين ڊزائين، اربن پلاننگ ائنڊ انوائرنمنٽ، نيومريڪل ائنالسز ائنڊ ڪمپيوٽر سائنس، پراڊڪشن انجنيئرنگ، مٽيريل سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، بايو ٽيڪنالاجي،انرجي ٽيڪنالاجي، انڊسٽريل انجنيئرنگ ائنڊ مئنيجمنٽ، ائروناٽيڪل ائنڊ وهيڪل انجنيئرنگ، اپلائيڊ فزڪس، ٿيوريٽيڪل فزڪس، فائيبر ائنڊ پوليمر ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل انجنيئرنگ، نئنوٽيڪنالجي، فوٽونڪس، مائننگ سائنس، بلڊنگ آرڪيٽيڪچر، نيول آرٽيڪيڪچر، مڪينيڪل انجنيئرنگ جا تحقيقي ۽ تدريسي شعبا قائم آهن . 1950ع ۾ سوئيدن جو پهريون نيوڪليئر ريئيڪٽر هن ئي ڪئمپس اندر سيلر (Celler) ۾ لڳايو (install) ويو هيو.
    ڪيٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ۾ ٿيندڙ اهم ريسرچ جواندازو هن حقيقت مان به لڳائي سگهجي ٿو ته چوٿين سيپٽمبر 2013ع ۾ آمريڪا جو صدر بارڪ اوباما جڏهن سوئيڊن جي دوري تي آيو هو تڏهن هن ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي اسڪول آف ڪيميڪل سائنس ائنڊ انجنيرنگ ۾ وڃي اتي “رنيوايئبل انرجي” جي حوالي سان ٿيندڙ ريسرچ ۽ ان بابت حقيقت جي آگاهي ورتي هئي. ڪي ٽي ايڇ جي هن ڪيميڪل انجنيئرنگ واري اسڪول ۾ پاڻي ۽ اهڙن ٻين سستن ۽ آسان ذريعن کي استعمال ڪري ان مان انرجي پئدا ڪرڻ لاءِ تحقيقي ڪم ٿيندو رهي ٿو. اهڙي ريسرچ جي نتيجي مان حاصل ٿيل ڄاڻ جي بنياد تي هتان جي پروفيسرن پاورٽيڪ موبائيل چارجر ۾ پاڻي جا صرف ٻه ٽي ننڍا چمچا وجهي صدر اوباما کي موبائيل فون جي بيٽري چارج ڪري ڏيکاري هئي، جنهن تي صدر اوباما ڪي ٽي ايڇ ۾ رنيوايبل انرجي (Renewable Energy) تي ٿيندڙ ريسرچ تي هن اداري جي ڪوششن کي ساراهيو هيو. ڪي ٽي ايڇ جا پروفيسر هن ريسرچ کي اڃا وڌيڪ وسيع بڻائي اهڙن گهٽ خرچ، مفت وارين يا ناڪاره شين يا ٻين ذريعن مان به انرجي پئدا ڪري ان تي ٽرانسپورٽ، بجلي گهرن، اسپتالن، هوٽلن ۽ ٻين جڳهن تي استعمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ شين کي هلائڻ لاءِ وڏي دلچسپي سان ڪم ڪري رهيا آهن.
    سوئيڊن جي درسگاهن ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ تعليمي موقعن بابت ڪي ٽي ايڇ جي سنڌي شاگرد عبدالله مورائي وڌيڪ ٻڌايو ته سوئيڊن ۾ تعليم مفت ۾ ڏني وڃي ٿي. هتان جي يونيورسٽين ۾ مفت ۾ داخلائون حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي ته هو انٽرنيٽ ذريعي هن ويب سائيٽ جهڙڪ www.universityadmission.se تي سوئيڊن جي يونيورسٽين ۾ داخلائن جي موقعن بابت ڄاڻ حاصل ڪري ان ۾ ڏنل اِي ميل ائڊريس جي ذريعي پنهنجي پنسد جي يونيورسٽي ۽ ان جي تدريسي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست موڪلين. سوئيڊن جي يونيورسٽين ۾ داخلا بابت مٿي ڄاڻايل ويب سائيٽ سوئيڊن جي تعليمي ادارن جي مرڪزي ۽ گڏيل سسٽم جي نمائندگي ڪري ٿي. داخلا جي اميدوارن کي مختلف ڊگرين لاءِ ڪن به چئن تدريسي شعبن ۽ چئن مختلف يونيورسٽين جو انتخاب ڪرڻو آهي. سندن اهڙيون درخواستون مٿئين ويب سائيٽ ۾ ڏنل اِي ميل تي وصولي کان پوءِ اميدوار جي موجوده تعليم، ميرٽ، يونيورسٽي ۽ تدريسي شعبي جي پسند ۽ گهرج جي بنيادي تي اڪلائي اميدوار جي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا بابت فيصلو ڪيو ويندو آهي..” ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ داخلا لاءِ اهل بڻجندڙ سوئيڊن توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جا شاگرد پاڻ کي خوشنصيب سمجهندا آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 10 ڊسمبر 2014)


    سوئيڊن جو ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوف آف ٽيڪنالاجي

    سوئيڊن جو ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوف آف ٽيڪنالاجي،جتي سنڌي شاگرد پڻ پڙهن ٿا

    يورپ ۾ ڪجهه اهڙا ملڪ به آهن جتي تعليم بلڪل مفت ۾ ڏني وڃي ٿي. اهي ملڪ نه رڳو پنهنجي ڏيهي ماڻهن لاءِ اهڙو قابل قدر ڪم ڪن ٿا پر تعليم پرائڻ جو اعليٰ مقصد دل ۾ سانڍي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي هتي پهچندڙ مختلف قوميت جا نوجوان پڻ ان سهوليت مان مستفيض ٿيندا رهن ٿا. اتر يورپ جو هڪ خوبصورت ملڪ سوئيڊن پڻ انهن تعليم دوست ملڪن مان هڪ آهي جن پنهنجي درسگاهن جا در دنيا جي هر نوجوان لاءِ کولي ڇڏيا آهن ، جيڪو طالبِ علم چاهي هتي اچِي هتان جي درسگاهن ۾ ڇوليون هڻندڙ علم جي بحر مان ماڻڪ ۽ موتي ميڙي علم ۽ ساڃاهه جي دولت سان مال مال ٿي سگهي ٿو. هتان جا تعليمي ادارا داخلا توڙي پڙهائي واري حوالي سان شاگردن کان ڪنهن به قسم جي فيس ڪونه اڳاڙيندا آهن باقي شاگردن کي پنهنجي سفر، رهائش، کاڌي پيتي، ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻين ضرورتن لاءِ خرچ پکي جو بندوبست پاڻ ئي ڪرڻو پوندو آهي.
    سوئيڊن ۾ هونئن ته عالمي سطح تي شهرت رکندڙ اعليٰ معيار جا ڪي ئي بهترين درسگاهه موجود آهن، جهڙوڪ اسٽاڪهوم يونيورسٽي، اپسالا يونيورسٽي، لُنڊ يونيورسٽي، مالمو يونيورسٽي، سوئيڊش يونيورسٽي آف ائگريڪلچر، ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي وغيره جتي سائنس، آرٽس، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، ائگريڪلچر ۽ سوشل سائنسز جي مختلف تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ اعليٰ نوعيت جو علمي ۽ تحقيقي ڪم ٿئي ٿو ، پر هن ملڪ جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ ٽيڪنيڪل تعليم وارو هڪ ناميارو ادارو ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي سوئيڊن جي تعليمي ميدان ۾ اهم ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو. هن انسٽيٽيوٽ کي يونيورسٽيءَ جي حيثيت حاصل آهي.هي پنهنجي اعليٰ تعليمي معيار جي ڪري دنيا جي ٽاپ معياري سطح جي تعليمي ادارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هتي ٻين ملڪن جي شاگردن جيان سنڌي نوجوان پڻ تعليم حاصل ڪندا رهيا آهن، جن جو تفصيلي ذڪر ۽ هتي داخلا وٺڻ جي طريقي بابت تفصيلي ڳالههبه ڪيون ٿا پر پهريان هڪ نظر ڪي ٽي ايڇ تي ٿا وجهون.
    ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي سوئيندن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ واقع آهي. هن درسگاهه جو سوئيڊن جي مقامي سوئيڊش ٻوليءَ ۾ نالو “ Kungliga Tekniska högskolan” آهي، جنهن ڪري هن کي ان نالي جي ٽنهين لفظن جي صرف پهرين اکرن يعني ڪي ٽي ايڇ (KTH) جي تعارف سان پڻ سڃاتو ويندو آهي. ڪي ٽي ايڇ کي نه رڳو سوئيڊن جو سڀ کان اڳاٽو پوليٽڪنيڪل تعليم وارو درسگاهه هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، پر هن درسگاهه کي ڪيترن ئي حوالن سان اسڪينڊينيوين (Scandinavian) ملڪن جهڙوڪ سوئيڊن، ناروي، دينمارڪ، فنلينڊ ۽ آئسلينڊ وغيره جو ٽڪينيڪل تعليم جو وڏو ادارو پڻ ليکيو وڃي ٿو. ڪي ٽي ايڇ جو قيام اڄ کان اٽڪل پوڻا ٻه سئو سال اڳ يعني 1827ع ۾ ان وقت ٿيو هيو جڏهن اڃا دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ ٽيڪنيڪل تعليم جي باضابطه ادارن جي قيام جو تصور به نه ڪيو ويندو هيو. سوئيڊن ۾ ٽيڪنيڪل تعليم جي هن معياري اداري ڪي ٽي ايڇ پنهنجي قيام کان وٺي اڄ واري جديد دور تائين نه رڳو سوئيڊن ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ شاگردن جي ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪرڻ واري خواهش کي پوري ڪندي انهن منجهان وڏا ماهر انجنيئر ۽ سائنسدان پئدا ڪيا آهن جن پنهنجي نمايان ايجادن، دريافتن ۽ ڪارڪردگيءَ جي ذريعي دنيا جي ترقي ۾ وڏو ڪردارا ادا ڪيو آهي. اڄڪلهه هن درسگاهه ۾ اٽڪل ويهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ انٽرنيشنل شاگردن جو خاصو تعداد پڻ شامل آهي.
    مون جڏهن ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مان تعليم حاصل ڪندڙ ۽ سوئيڊن ۾ رهائش پذير سنڌ جي موري شهر سان تعلق رکندڙ پنهنجي هڪ دوست ۽ نامياري سنڌي ليکڪ عبدالله مورائي سان رابطو ڪري اتي تعليمي موقعن،درسگاهن ۽ انهن مان تعليم پرائيندڙ سنڌ جي نوجوانن بابت حال احوال پڇيو ته هن ٻڌايو ته “ مان ڪي ٽي ايڇ مان واٽر سسٽم ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ايم ايس سي ڪئي آهي. ۽ اڄڪلهه اسٽاڪهوم يونيورسٽي ۾ وڌيڪ تعليم جاري رکيو پيو اچان.” هن وڌيڪ ٻڌايو ته سوئيڊن جي مختلف تعليمي ادارن ۾ سنڌ جا کوڙ سارا نوجوان تعليم پرائي رهيا آهن. هتان جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ واقع ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ ۾ پڻ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن سان تعلق رکندڙ سنڌي نوجوانن جو خاصو تعداد مختلف تدريسي شعبن ۾ اعليٰ ڊگرين لاءِ زيرِ تعليم آهي. ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ پڙهندر اهڙن سنڌي نوجوانن ۾ سانگهڙ جو ارشد محراب ميمڻ، نوابشاهه جو عمران جمالي، خير پور ميرس جي ڳوٺ سيٺارجا جو شاهد سيال، پنو عاقل جو نويد شاهه، نبيسر روڊ جو سنيل ڪمار، مٺي جو نريش کتري، لاڙڪاڻي جو رمضان لهر، دادو جو اجيت نانڪاڻي، راڌڻ جو جَئه پرڪاش، خيرپور جو سيد ضياع سجاد رضوي، ڪوهستان جو شنڪر لال، سڪرنڊ جو عبدالمجيد رند، حيدرآباد جو ارشاد علي لغاري ۽ ڪراچي جو سنجي راجواڻي شامل آهن.”
    ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ جونپنج ڪئمپسون اسٽاڪهوم ڪائونٽي جي مختلف علائقن ۾ واقع آهن. هن جا نو اسڪول آهن جيڪي يونيورسٽي جي فئڪلٽين جي حيثيت رکن ٿا جن ۾ ڪيترا ئي مختلف تدريسي شعبا قائم آهن.اهي اسڪول هن ريت آهن جهڙوڪ؛ اسڪول آف انجنيئرنگ ائنڊ مئنيجمنٽ، اسڪول آف بايو ٽيڪنالاجي، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر ائنڊ بِلٽِ انوائرنمنٽ، اسڪول آف ڪيميڪل سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، اسڪول آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، اسڪول آف انفارميشن ائنڊ ٽيڪنالاجي، اسڪول آف ٽيڪنالاجي ائنڊ هيلٿ ۽ اسڪول آف انجنيئرنگ سائنسز ۽ اسڪول آف مائيننگ وغيره. انهن اسڪولن ۾ جيڪي سِول انجنيئرنگ، آرڪيٽيڪچر، ريئل ائنڊ ڪنسٽرڪشن مئنيجمنٽ، لينڊ ائنڊ واٽر مئنيجمنٽ انجنيئرنگ، مشين ڊزائين، اربن پلاننگ ائنڊ انوائرنمنٽ، نيومريڪل ائنالسز ائنڊ ڪمپيوٽر سائنس، پراڊڪشن انجنيئرنگ، مٽيريل سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، بايو ٽيڪنالاجي،انرجي ٽيڪنالاجي، انڊسٽريل انجنيئرنگ ائنڊ مئنيجمنٽ، ائروناٽيڪل ائنڊ وهيڪل انجنيئرنگ، اپلائيڊ فزڪس، ٿيوريٽيڪل فزڪس، فائيبر ائنڊ پوليمر ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل انجنيئرنگ، نئنوٽيڪنالجي، فوٽونڪس، مائننگ سائنس، بلڊنگ آرڪيٽيڪچر، نيول آرٽيڪيڪچر، مڪينيڪل انجنيئرنگ جا تحقيقي ۽ تدريسي شعبا قائم آهن . 1950ع ۾ سوئيدن جو پهريون نيوڪليئر ريئيڪٽر هن ئي ڪئمپس اندر سيلر (Celler) ۾ لڳايو (install) ويو هيو.
    ڪيٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ۾ ٿيندڙ اهم ريسرچ جواندازو هن حقيقت مان به لڳائي سگهجي ٿو ته چوٿين سيپٽمبر 2013ع ۾ آمريڪا جو صدر بارڪ اوباما جڏهن سوئيڊن جي دوري تي آيو هو تڏهن هن ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي اسڪول آف ڪيميڪل سائنس ائنڊ انجنيرنگ ۾ وڃي اتي “رنيوايئبل انرجي” جي حوالي سان ٿيندڙ ريسرچ ۽ ان بابت حقيقت جي آگاهي ورتي هئي. ڪي ٽي ايڇ جي هن ڪيميڪل انجنيئرنگ واري اسڪول ۾ پاڻي ۽ اهڙن ٻين سستن ۽ آسان ذريعن کي استعمال ڪري ان مان انرجي پئدا ڪرڻ لاءِ تحقيقي ڪم ٿيندو رهي ٿو. اهڙي ريسرچ جي نتيجي مان حاصل ٿيل ڄاڻ جي بنياد تي هتان جي پروفيسرن پاورٽيڪ موبائيل چارجر ۾ پاڻي جا صرف ٻه ٽي ننڍا چمچا وجهي صدر اوباما کي موبائيل فون جي بيٽري چارج ڪري ڏيکاري هئي، جنهن تي صدر اوباما ڪي ٽي ايڇ ۾ رنيوايبل انرجي (Renewable Energy) تي ٿيندڙ ريسرچ تي هن اداري جي ڪوششن کي ساراهيو هيو. ڪي ٽي ايڇ جا پروفيسر هن ريسرچ کي اڃا وڌيڪ وسيع بڻائي اهڙن گهٽ خرچ، مفت وارين يا ناڪاره شين يا ٻين ذريعن مان به انرجي پئدا ڪري ان تي ٽرانسپورٽ، بجلي گهرن، اسپتالن، هوٽلن ۽ ٻين جڳهن تي استعمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ شين کي هلائڻ لاءِ وڏي دلچسپي سان ڪم ڪري رهيا آهن.
    سوئيڊن جي درسگاهن ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ تعليمي موقعن بابت ڪي ٽي ايڇ جي سنڌي شاگرد عبدالله مورائي وڌيڪ ٻڌايو ته سوئيڊن ۾ تعليم مفت ۾ ڏني وڃي ٿي. هتان جي يونيورسٽين ۾ مفت ۾ داخلائون حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي ته هو انٽرنيٽ ذريعي هن ويب سائيٽ جهڙڪ www.universityadmission.se تي سوئيڊن جي يونيورسٽين ۾ داخلائن جي موقعن بابت ڄاڻ حاصل ڪري ان ۾ ڏنل اِي ميل ائڊريس جي ذريعي پنهنجي پنسد جي يونيورسٽي ۽ ان جي تدريسي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست موڪلين. سوئيڊن جي يونيورسٽين ۾ داخلا بابت مٿي ڄاڻايل ويب سائيٽ سوئيڊن جي تعليمي ادارن جي مرڪزي ۽ گڏيل سسٽم جي نمائندگي ڪري ٿي. داخلا جي اميدوارن کي مختلف ڊگرين لاءِ ڪن به چئن تدريسي شعبن ۽ چئن مختلف يونيورسٽين جو انتخاب ڪرڻو آهي. سندن اهڙيون درخواستون مٿئين ويب سائيٽ ۾ ڏنل اِي ميل تي وصولي کان پوءِ اميدوار جي موجوده تعليم، ميرٽ، يونيورسٽي ۽ تدريسي شعبي جي پسند ۽ گهرج جي بنيادي تي اڪلائي اميدوار جي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا بابت فيصلو ڪيو ويندو آهي..” ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ داخلا لاءِ اهل بڻجندڙ سوئيڊن توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جا شاگرد پاڻ کي خوشنصيب سمجهندا آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 10 ڊسمبر 2014)


    سوئيڊن جو ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوف آف ٽيڪنالاجي

    سوئيڊن جو ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوف آف ٽيڪنالاجي،جتي سنڌي شاگرد پڻ پڙهن ٿا

    يورپ ۾ ڪجهه اهڙا ملڪ به آهن جتي تعليم بلڪل مفت ۾ ڏني وڃي ٿي. اهي ملڪ نه رڳو پنهنجي ڏيهي ماڻهن لاءِ اهڙو قابل قدر ڪم ڪن ٿا پر تعليم پرائڻ جو اعليٰ مقصد دل ۾ سانڍي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي هتي پهچندڙ مختلف قوميت جا نوجوان پڻ ان سهوليت مان مستفيض ٿيندا رهن ٿا. اتر يورپ جو هڪ خوبصورت ملڪ سوئيڊن پڻ انهن تعليم دوست ملڪن مان هڪ آهي جن پنهنجي درسگاهن جا در دنيا جي هر نوجوان لاءِ کولي ڇڏيا آهن ، جيڪو طالبِ علم چاهي هتي اچِي هتان جي درسگاهن ۾ ڇوليون هڻندڙ علم جي بحر مان ماڻڪ ۽ موتي ميڙي علم ۽ ساڃاهه جي دولت سان مال مال ٿي سگهي ٿو. هتان جا تعليمي ادارا داخلا توڙي پڙهائي واري حوالي سان شاگردن کان ڪنهن به قسم جي فيس ڪونه اڳاڙيندا آهن باقي شاگردن کي پنهنجي سفر، رهائش، کاڌي پيتي، ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻين ضرورتن لاءِ خرچ پکي جو بندوبست پاڻ ئي ڪرڻو پوندو آهي.
    سوئيڊن ۾ هونئن ته عالمي سطح تي شهرت رکندڙ اعليٰ معيار جا ڪي ئي بهترين درسگاهه موجود آهن، جهڙوڪ اسٽاڪهوم يونيورسٽي، اپسالا يونيورسٽي، لُنڊ يونيورسٽي، مالمو يونيورسٽي، سوئيڊش يونيورسٽي آف ائگريڪلچر، ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي وغيره جتي سائنس، آرٽس، انجنيئرنگ، ميڊيڪل، ائگريڪلچر ۽ سوشل سائنسز جي مختلف تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ اعليٰ نوعيت جو علمي ۽ تحقيقي ڪم ٿئي ٿو ، پر هن ملڪ جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ ٽيڪنيڪل تعليم وارو هڪ ناميارو ادارو ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي سوئيڊن جي تعليمي ميدان ۾ اهم ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو. هن انسٽيٽيوٽ کي يونيورسٽيءَ جي حيثيت حاصل آهي.هي پنهنجي اعليٰ تعليمي معيار جي ڪري دنيا جي ٽاپ معياري سطح جي تعليمي ادارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هتي ٻين ملڪن جي شاگردن جيان سنڌي نوجوان پڻ تعليم حاصل ڪندا رهيا آهن، جن جو تفصيلي ذڪر ۽ هتي داخلا وٺڻ جي طريقي بابت تفصيلي ڳالههبه ڪيون ٿا پر پهريان هڪ نظر ڪي ٽي ايڇ تي ٿا وجهون.
    ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي سوئيندن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ واقع آهي. هن درسگاهه جو سوئيڊن جي مقامي سوئيڊش ٻوليءَ ۾ نالو “ Kungliga Tekniska högskolan” آهي، جنهن ڪري هن کي ان نالي جي ٽنهين لفظن جي صرف پهرين اکرن يعني ڪي ٽي ايڇ (KTH) جي تعارف سان پڻ سڃاتو ويندو آهي. ڪي ٽي ايڇ کي نه رڳو سوئيڊن جو سڀ کان اڳاٽو پوليٽڪنيڪل تعليم وارو درسگاهه هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، پر هن درسگاهه کي ڪيترن ئي حوالن سان اسڪينڊينيوين (Scandinavian) ملڪن جهڙوڪ سوئيڊن، ناروي، دينمارڪ، فنلينڊ ۽ آئسلينڊ وغيره جو ٽڪينيڪل تعليم جو وڏو ادارو پڻ ليکيو وڃي ٿو. ڪي ٽي ايڇ جو قيام اڄ کان اٽڪل پوڻا ٻه سئو سال اڳ يعني 1827ع ۾ ان وقت ٿيو هيو جڏهن اڃا دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ ٽيڪنيڪل تعليم جي باضابطه ادارن جي قيام جو تصور به نه ڪيو ويندو هيو. سوئيڊن ۾ ٽيڪنيڪل تعليم جي هن معياري اداري ڪي ٽي ايڇ پنهنجي قيام کان وٺي اڄ واري جديد دور تائين نه رڳو سوئيڊن ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ شاگردن جي ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪرڻ واري خواهش کي پوري ڪندي انهن منجهان وڏا ماهر انجنيئر ۽ سائنسدان پئدا ڪيا آهن جن پنهنجي نمايان ايجادن، دريافتن ۽ ڪارڪردگيءَ جي ذريعي دنيا جي ترقي ۾ وڏو ڪردارا ادا ڪيو آهي. اڄڪلهه هن درسگاهه ۾ اٽڪل ويهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن جن ۾ انٽرنيشنل شاگردن جو خاصو تعداد پڻ شامل آهي.
    مون جڏهن ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مان تعليم حاصل ڪندڙ ۽ سوئيڊن ۾ رهائش پذير سنڌ جي موري شهر سان تعلق رکندڙ پنهنجي هڪ دوست ۽ نامياري سنڌي ليکڪ عبدالله مورائي سان رابطو ڪري اتي تعليمي موقعن،درسگاهن ۽ انهن مان تعليم پرائيندڙ سنڌ جي نوجوانن بابت حال احوال پڇيو ته هن ٻڌايو ته “ مان ڪي ٽي ايڇ مان واٽر سسٽم ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ايم ايس سي ڪئي آهي. ۽ اڄڪلهه اسٽاڪهوم يونيورسٽي ۾ وڌيڪ تعليم جاري رکيو پيو اچان.” هن وڌيڪ ٻڌايو ته سوئيڊن جي مختلف تعليمي ادارن ۾ سنڌ جا کوڙ سارا نوجوان تعليم پرائي رهيا آهن. هتان جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ واقع ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ ۾ پڻ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن سان تعلق رکندڙ سنڌي نوجوانن جو خاصو تعداد مختلف تدريسي شعبن ۾ اعليٰ ڊگرين لاءِ زيرِ تعليم آهي. ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ پڙهندر اهڙن سنڌي نوجوانن ۾ سانگهڙ جو ارشد محراب ميمڻ، نوابشاهه جو عمران جمالي، خير پور ميرس جي ڳوٺ سيٺارجا جو شاهد سيال، پنو عاقل جو نويد شاهه، نبيسر روڊ جو سنيل ڪمار، مٺي جو نريش کتري، لاڙڪاڻي جو رمضان لهر، دادو جو اجيت نانڪاڻي، راڌڻ جو جَئه پرڪاش، خيرپور جو سيد ضياع سجاد رضوي، ڪوهستان جو شنڪر لال، سڪرنڊ جو عبدالمجيد رند، حيدرآباد جو ارشاد علي لغاري ۽ ڪراچي جو سنجي راجواڻي شامل آهن.”
    ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ جونپنج ڪئمپسون اسٽاڪهوم ڪائونٽي جي مختلف علائقن ۾ واقع آهن. هن جا نو اسڪول آهن جيڪي يونيورسٽي جي فئڪلٽين جي حيثيت رکن ٿا جن ۾ ڪيترا ئي مختلف تدريسي شعبا قائم آهن.اهي اسڪول هن ريت آهن جهڙوڪ؛ اسڪول آف انجنيئرنگ ائنڊ مئنيجمنٽ، اسڪول آف بايو ٽيڪنالاجي، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر ائنڊ بِلٽِ انوائرنمنٽ، اسڪول آف ڪيميڪل سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، اسڪول آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، اسڪول آف انفارميشن ائنڊ ٽيڪنالاجي، اسڪول آف ٽيڪنالاجي ائنڊ هيلٿ ۽ اسڪول آف انجنيئرنگ سائنسز ۽ اسڪول آف مائيننگ وغيره. انهن اسڪولن ۾ جيڪي سِول انجنيئرنگ، آرڪيٽيڪچر، ريئل ائنڊ ڪنسٽرڪشن مئنيجمنٽ، لينڊ ائنڊ واٽر مئنيجمنٽ انجنيئرنگ، مشين ڊزائين، اربن پلاننگ ائنڊ انوائرنمنٽ، نيومريڪل ائنالسز ائنڊ ڪمپيوٽر سائنس، پراڊڪشن انجنيئرنگ، مٽيريل سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، بايو ٽيڪنالاجي،انرجي ٽيڪنالاجي، انڊسٽريل انجنيئرنگ ائنڊ مئنيجمنٽ، ائروناٽيڪل ائنڊ وهيڪل انجنيئرنگ، اپلائيڊ فزڪس، ٿيوريٽيڪل فزڪس، فائيبر ائنڊ پوليمر ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل انجنيئرنگ، نئنوٽيڪنالجي، فوٽونڪس، مائننگ سائنس، بلڊنگ آرڪيٽيڪچر، نيول آرٽيڪيڪچر، مڪينيڪل انجنيئرنگ جا تحقيقي ۽ تدريسي شعبا قائم آهن . 1950ع ۾ سوئيدن جو پهريون نيوڪليئر ريئيڪٽر هن ئي ڪئمپس اندر سيلر (Celler) ۾ لڳايو (install) ويو هيو.
    ڪيٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ۾ ٿيندڙ اهم ريسرچ جواندازو هن حقيقت مان به لڳائي سگهجي ٿو ته چوٿين سيپٽمبر 2013ع ۾ آمريڪا جو صدر بارڪ اوباما جڏهن سوئيڊن جي دوري تي آيو هو تڏهن هن ڪي ٽي ايڇ رايل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي اسڪول آف ڪيميڪل سائنس ائنڊ انجنيرنگ ۾ وڃي اتي “رنيوايئبل انرجي” جي حوالي سان ٿيندڙ ريسرچ ۽ ان بابت حقيقت جي آگاهي ورتي هئي. ڪي ٽي ايڇ جي هن ڪيميڪل انجنيئرنگ واري اسڪول ۾ پاڻي ۽ اهڙن ٻين سستن ۽ آسان ذريعن کي استعمال ڪري ان مان انرجي پئدا ڪرڻ لاءِ تحقيقي ڪم ٿيندو رهي ٿو. اهڙي ريسرچ جي نتيجي مان حاصل ٿيل ڄاڻ جي بنياد تي هتان جي پروفيسرن پاورٽيڪ موبائيل چارجر ۾ پاڻي جا صرف ٻه ٽي ننڍا چمچا وجهي صدر اوباما کي موبائيل فون جي بيٽري چارج ڪري ڏيکاري هئي، جنهن تي صدر اوباما ڪي ٽي ايڇ ۾ رنيوايبل انرجي (Renewable Energy) تي ٿيندڙ ريسرچ تي هن اداري جي ڪوششن کي ساراهيو هيو. ڪي ٽي ايڇ جا پروفيسر هن ريسرچ کي اڃا وڌيڪ وسيع بڻائي اهڙن گهٽ خرچ، مفت وارين يا ناڪاره شين يا ٻين ذريعن مان به انرجي پئدا ڪري ان تي ٽرانسپورٽ، بجلي گهرن، اسپتالن، هوٽلن ۽ ٻين جڳهن تي استعمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ شين کي هلائڻ لاءِ وڏي دلچسپي سان ڪم ڪري رهيا آهن.
    سوئيڊن جي درسگاهن ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ تعليمي موقعن بابت ڪي ٽي ايڇ جي سنڌي شاگرد عبدالله مورائي وڌيڪ ٻڌايو ته سوئيڊن ۾ تعليم مفت ۾ ڏني وڃي ٿي. هتان جي يونيورسٽين ۾ مفت ۾ داخلائون حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي ته هو انٽرنيٽ ذريعي هن ويب سائيٽ جهڙڪ www.universityadmission.se تي سوئيڊن جي يونيورسٽين ۾ داخلائن جي موقعن بابت ڄاڻ حاصل ڪري ان ۾ ڏنل اِي ميل ائڊريس جي ذريعي پنهنجي پنسد جي يونيورسٽي ۽ ان جي تدريسي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست موڪلين. سوئيڊن جي يونيورسٽين ۾ داخلا بابت مٿي ڄاڻايل ويب سائيٽ سوئيڊن جي تعليمي ادارن جي مرڪزي ۽ گڏيل سسٽم جي نمائندگي ڪري ٿي. داخلا جي اميدوارن کي مختلف ڊگرين لاءِ ڪن به چئن تدريسي شعبن ۽ چئن مختلف يونيورسٽين جو انتخاب ڪرڻو آهي. سندن اهڙيون درخواستون مٿئين ويب سائيٽ ۾ ڏنل اِي ميل تي وصولي کان پوءِ اميدوار جي موجوده تعليم، ميرٽ، يونيورسٽي ۽ تدريسي شعبي جي پسند ۽ گهرج جي بنيادي تي اڪلائي اميدوار جي مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا بابت فيصلو ڪيو ويندو آهي..” ڪي ٽي ايڇ رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ داخلا لاءِ اهل بڻجندڙ سوئيڊن توڙي دنيا جي ٻين ملڪن جا شاگرد پاڻ کي خوشنصيب سمجهندا آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 10 ڊسمبر 2014)


    سوئيڊن جي 538 سال پراڻي اپسالا يونيورسٽي

    سوئيڊن جي 538 سال پراڻي
    اپسالا يونيورسٽي

    يورپ ۾ ڪجهه اهڙا به ترقي يافته ملڪ موجود آهن جتي جي ڪيترن ئي درسگاهن ۾ تعليم مفت ۾ ڏني وڃي ٿي يا گهٽ فيس ورتي وڃي ٿي.اهڙن يورپي ملڪن ۾ خاص طور تي جرمني، فنلينڊ، ناروَي، آسٽريا ۽ سوئيڊن شامل آهن. اهڙن تعليمي ادارن کي“ ٽيوشن فري ڪاليجز ائنڊ يونيورسٽيز” (Tuition free colleges and schools) سڏيو وڃي ٿو. جيڪي شاگرد اسڪالرشپ وٺي اهڙن ٽيوشن فري تعليمي ادارن ۾ پهچن ٿا اهي پنهنجيرهائش ۽ کاڌي پيتي جا خرچ آساني سان پورا ڪري سگهن ٿا.سوئيڊن جي “اپسالا يونيورسٽي” پڻ اڳم ٽيوشن فري يونيورسٽي هئي پر هاڻي اتي فيس ورتي وڃي ٿي.
    حقيقت هي آهي ته سوئيڊن ۾ سال 2010ع تائين ڪجهه يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس بلڪل ڪو نه ورتي ويندي هئي پر پوءِ ان سال هن ملڪ جي پارليمينٽ هڪ ٺهراءَ پاس ڪري غير يورپي يا ٻين انٽرنيشنل شاگردن جي تعليم لاءِ هتان جي يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري هاڻي هتي فيس ورتي وڃي ٿي پر ان جي ازالي طور اهو ڪيو ويو آهي ته باصلاحيت شاگردن لاءِ اسڪالرشپس متعارف ڪرايون ويون آهن جيڪي حاصل ڪري انٽرنيشنل شاگرد ٽيوشن فيس جي بار کان بچي سوئيڊن جي يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا . سوئيڊن جي اهڙين نمايان يونيورسٽين ۾ اپسالا يونيورسٽي (Uppsala University)، لُنڊ يونيورسٽي ( Lund University) ، همسٽيڊ يونيورسٽي (Halmstad University)، ، اسٽاڪهوم يونيورسٽي(Stockholm University)، جونڪوپنگ يونيورسٽي (Jonkoping University)، اچي وڃن ٿيون.
    جيتوڻيڪ ناروي (Norway) جو تعلق آهي ته هي اتر يورپ جو هڪ ننڍڙو پر ترقي يافته ملڪ آهي هن ملڪ ۾ سرڪاري سهڪار ۽ نگراني هيٺ هلندڙ اٺ يونيورسٽي ۽ اٽڪل ويهه کن يونيورسٽي ڪاليج آهن.ان کان علاوه تقريبن سورنهن کن خانگي ڪاليج پڻ آهن. ناروي ۾ جيڪي ٽيوشن فيس فري يا گهٽ فيس واريون يونيورسٽيون آهن انهن ۾ يونيورسٽي آف برجن (University of Bergen) يونيورسٽي آف اوسلو (University of Oslo)، نارويجن يونيورسٽي آف لائيف سائنس (Norwegian University of Life Sciences)، يونيورسٽي آف اسٽيونجر(University of Stavanger) ، يونيورسٽي آف ايجر (University of Agder)۽ يونيورسٽي آف نارڊلينڊ (University of Nordland)اچي وڃن ٿيون. بحرحال هن ملڪ ۾ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ جو مفت ۾ موقعو ملي وڃي ٿو پر باقي ٻئي خرچ پَکي لاءِ اتان جي مقامي سِڪي (Currency)۾گهٽ ۾ گهٽ اٽڪل اٺ يا نو هزار (اين او ڪي) هر مهيني ۾ گهربل آهن.
    جرمني جي يونيورسٽين ۾ پڻ اڳي مفت ۾ تعليم ڏني ويندي هئي پر هاڻي اتي به گهٽ فيس ورتي وڃي ٿي جيڪا انڊر گريجوئيٽ ڪورس جي هڪ سيمسٽر لاءِ يورپي ڪرنسي ۾ 50 يورو (Euro) کان 500 يورو تائين هجي ٿي. جڏهن ته ماسٽرس ڊگري ڪورس جي سيمسٽر لاءِ 650 يورو کان 3000 يورو تائين به هجي ٿي. اها فيس ٻين يورپي ملڪن جي درسگاهن ۾ ورتي ويندڙ فيس جي ڀيٽ ۾ گهٽ ليکي وڃي ٿي. جرمني ۾ سوئيڊن ۽ ناروي جي ڀيٽ ۾ رهائش، کاڌي پيتي وغيره تي خرچ پڻ گهٽ اچي ٿو.فنلينڊ ۽ آسٽريا ۾ به لڳ ڀڳ مٿين ملڪن واري تعليمي صورتحال آهي جتي پڻ گهٽ ٽيوشن فيس ورتي وڃي ٿي ۽ باصلاحيت شاگردن کي اسڪالرشپ پڻ ڏني وڃي ٿي.
    انهن ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ معلومات هيٺ ڄاڻايل ويب سائيٽن تان به حاصل ڪري سگهجي ٿي جهڙوڪ؛
    http://www.scholars4dev.com/4031/list-of-european-countries-with-tuition-freelow-tuition-universities-colleges/
    ۽
    http://europe.graduateshotline.com/free-education.html#.VZiuUxuqqko
    ۽
    http://www.studyinfinland.fi/scholarship
    هاڻي اچون ٿا سوئيڊن واري اپسالا يونيورسٽي جي تفصيلي احوال طرف. اپسالا يونيورسٽي کي اتر يورپ جي ملڪن جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ ليکيو وڃي ٿو. هن ۾ اٽڪل اٺاويهه هزار شاگرد زيرِتعليم آهن،جن ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪندڙ اٽڪل اڍائي هزار شاگرد پڻ شامل آهن. هيءَ سوئيڊن جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي جيڪا اڄ کان اٽڪل پنج سئو اٺٽيهه سال کن اڳ يعني 1477ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. ان وقت تائين اڃا اتر يورپ ۾ يونيورسٽي جي سطح جي ڪا درسگاهه قائم ڪو نه ٿي هئي پر پوءِ وقت گذرڻ سان جڏهن هن خطي ۾ سياسي، سماجي ۽ حڪمرانيءَ واري سطح تي تبديليون رونما ٿيڻ لڳيون ته هتي جي علائقن ۾ به اعليٰ تعليم جي ادارن جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي، جنهن کان بعد ئي سترهين صدي جي ٽئين ڏهاڪي کان پوءِ هتي ڪجهه ٻيون به يونيورسٽيون قائم ٿيڻ لڳيون جن ۾ 1632ع ۾ اڄ واري آزاد ملڪ اسٽونيا ۾ يونيورسٽي آف ڊارپيٽ ، جيڪا اڄڪلهه يونيورسٽي آف ٽارٽو جي نالي سان مشهور آهي، 1640ع ۾ فنلئنڊ ۾ يونيورسٽي آف آبو ۽ خود سوئيڊن ۾ 1666ع ۾ لُنڊ يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آيو. پر اهي سڀئي يونيورسٽيون اپسالا يونيورسٽي کان گهڻو پوءِ قائم ٿيون جهن ڪري اپسالا يونيورسٽي اتر يورپ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي.
    اپسالا يونيورسٽي به يورپ جي اڳوڻي رواج موجب مذهبي اثر هيٺ شروع ٿي هئي جنهن ۾ شروعاتي طور ان دور جا صرف چار روايتي سبجيڪٽ جهڙوڪ ٿيالاجي، لا، ميڊسن ۽ فلاسافي پڙهائي ويندا هيا ۽ انهن ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جو ڊگريون ڏنيون وينديون هيون. پر پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ يورپ جي ٻين يونيورسٽين جيان هي يونيورسٽي به غيرجانبدار ۽ سيڪيولر راويتن جي امين بڻجي جديد تعليم ۽ تربيت ڏيڻ واري راهه اختيار ڪئي جنهن ڪري هن يونيورسٽي ۾ شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو جيڪو اڄڪلهه هر سال هزارن جي تعداد ۾ ٿئي ٿو. هن يونيورسٽي ۾ نه رڳو سوئيڊن پر پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن جا شاگرد پڻ جهجهي تعداد ۾ اعليٰ تعليم لاءِ اتي پهچن ٿا.
    اپسالا يونيورسٽي ۾ نو فئڪلٽيون آهنجهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف ميڊسن، فئڪلٽي آف فارميسي، فئڪلٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي (فئڪلٽي آف مئٿميٽڪس، فئڪلٽي آف نيچرل سائنس ۽ اپسالا اسڪول آف انجنيئرنگ هن فئڪلٽي ۾ شامل آهن)،فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز، فئڪلٽي آف لئنگوجز، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف ايجوڪيشنل سائنسز، فئڪلٽي آف ٿيالاجي اچي وڃن ٿا. هنن فئڪلٽين ۾ جديد دنيا جي سڀني تدريسي ۽ تحقيقي شعبن سميت لئبارٽريون، لائبريريون، ريسرچ سينٽر ۽ انسٽيٽيوٽ قائم آهن جن ۾ شاگردن کي انڊرگريجوئيشن ۽ ماسٽرس سطح کان وٺي ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين جي تعليم ڏني وڃي ٿي.
    ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي ماڻهن لاءِ خاص طور تي هن يونيورسٽي ۾ “ فورم فار سائوٿ ايشيا اسٽيڊز” قائم ڪيو ويو آهي. هي فورم اپسالا يونيورسٽي جي ڇهن تدريسي شعبن جهڙوڪ سوشل سائنسز، هسٽري، فلاسافي، ايجوڪيشنل سائنسز ۽ لئنگوِجِز جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويندو آهي جنهن جي ذريعي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جهڙوڪ؛ پاڪستان، بنگلاديش، انڊيا، سريلنڪا، نيپال، مالديوز ۽ افعانستان سان تعلق رکندڙ تعليمدانن ۽ محققن جي ريسرچ ۽ تعليمي ڪارڪردگي کي انٽرنيشنل سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪندو رهي ٿو.
    هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل اٺن استادن، اڳوڻن شاگردن، پنهنجي نمايان ريسرچ،ايجادن ۽ دريافتن جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن.يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگرن ۾ ٻين شخصيتن کان علاوه سترهين صدي ۾ سوئيڊن جو حڪمران جان آڪسنترنا، سوئيڊن جوپهريون سوشل ڊيموڪرٽڪ وزيراعظم هجلمر برئنٽنگ، اقوام متحده جو نوبيل انعام يافته اڳوڻو سيڪريٽري ڊئگ هئمرسڪولڊ، سوئيڊن جو اڳوڻو فارين افيئرس منسٽر ۽ 1981ع کان 1997ع تائين انٽرنيشنل ائٽامڪ انرجي جو سربراهه رهندڙ “هنس بلڪس” پڻ شامل آهن.
    هن يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن ۾ سوئيڊن جو هڪ اهڙو يگانو شاعر “ايرڪ ايڪسل فارفيلڊ”) Erik Axel Karlfeldt(به شامل آهي جنهن لاءِ 1918ع ۾ نوبيل انعام جو اعلان ڪيو ويو پر هن اهو انعام وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر هن جي مري وڃڻ کان پوءِ 1931ع ۾ هن جي پوئيرن اهو انعام وصول ڪيو. ايرڪ ايڪسل فارفيلڊ هڪ پورهيت گهراڻي ۾ جنم ورتو هيو. هن ادبي دنيا ۾ پنهنجين بهترين تخيلقن جي ذريعي وڏي مڃتا ماڻي. هن ئي يونيورسٽي جو هڪ ٻيو اڳوڻو شاگرد پڻ يورپ جو ناميارو اديب ۽ شاعر هيو جنهن کي پڻ 1951ع ۾ نوبيل انعام ڏنو ويو هيو سندس نالو پار لاگرڪوِسٽ) Pär Lagerkvist (آهي. انهيءَ کان علاوه اڻونجاهه سالن جو جوان نڪولس زيسنسٽام (Niklas Zennström) جيڪو نامياري آن لائين سهوليت “اسڪاءِ پي” ( (Skype جي موجدن مان هڪ آهي، سوپڻ اپسالا يونيورسٽي جو شاگرد رهي چڪو آهي. اپسالا يونيورسٽي جي هڪ اڳوڻي شاگردياڻي “ڪرن ماريا بواءِ” (Karin Maria Boye ) جيڪا سوئيڊن جي نامياري شاعره پڻ هئي ان جي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ اپسالا يونيورسٽي جي لائبريري جو هڪ حصو ان جي نالي ڪيو ويو آهي.يونيورسٽي ۾ بهترين پڙهائي ۽ تحقيق جي سهوليتن سان گڏ شاگردن جي علمي ادبي، سماجي ۽ ذهني نشونما لاءِ ٻيا به گهڻا بندوبست ٿيل آهن. اعليٰ تعليم جو اتساهه رکندڙ شاگردن کي اپسالا يونيورسٽي جي علمي خزانن تائين پهچڻ لاءِ سچائي سان محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي

    (ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين 22 جولاءِ 2015)


    سوئزرلينڊ جو سُوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي

    سوئزرلينڊ جو سُوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف
    ٽيڪنالاجي،جيڪا آئنسٽائن جي مادر علمي آهي

    اسان جي سهڻيءَ سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهڙا شهر، ڳوٺ ۽ علائقا موجود آهن جن جي نالي جو آخري حصو “پور” لفظ تي مشتمل آهي. جهڙوڪ شڪارپور، شهدادپور، خيرپور، ميرپور، راڻيپور، دولتپور، شاهپور، رحمت پور، محراب پور وغيره. اهڙي طرح پنجاب جي شهر بهاولپور، رسالپور، ايشيا جي ملڪ سنگاپور، ملئيشيا جي گادي واري شهر ڪولالمپور، ۽ هندوستان جي شهرن جوڌپور، ڪانپور ۽ ناگپور وغيره ۾ پڻ “پور” وارو لفظ استعمال ٿئي ٿو، جنهن جي معني آهي “رهڻ واري جاءِ يا هنڌ”. جيئن ميرپور يعني اهڙي جاءِ يا هنڌ جتي ميرن جي گھڻائي آباد آهي. رحمت پور يعني جتي رحمت ئي رحمت هجي يا خير پور يعني خير سان ڀرپور. بلڪل ئي اهڙي طرح دنيا جي ٻين هنڌن ۽ خاص طور يورپ واري کنڊ ۾ پڻ ڪيترائي اهڙا ملڪ، رياستون، علائقا ۽ شهر آهن جن جي نالي جو آخري لفظ آهي “لينڊ” (land). مثال طور نيڌرلينڊ، فِنلينڊ، آئرلئنڊ، نيوزيلينڊ، اسڪاٽلينڊ، هالينڊ، آئسلينڊ، پولينڊ، سوئزرلينڊ، انگلينڊ، ايشيا ۾ ٿائلنڊ، آفريڪا ۾ سوازيلينڊ، آمريڪا ۾ ميريلينڊ، آسٽريليا ۾ ڪوئينسلينڊ، ۽ هندوستان ۾ ناگالينڊ وغيره. “لينڊ” جي معني به تقريبا اهائي “پور” واري آهي، يعني جاءِ، هنڌ يا ڌرتي. بحرحال اوهان اهو سوچيندا هوندا ته ڳالهه ڪرڻي آهي “سُوئِس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي” جي ته پوءِ آخرڪار مان انهيءَ “ پور” ۽ “لينڊ” وارن لفظن جي چڪر ۾ ڇو پيو آهيان؟ ان لاءِ مان اها وضاحت ٿو ڪريان ته اڄ هن مضمون ۾ جنهن تعلمي اداري جو ذڪر ٿيندو اهو جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن “پور” واري شهر ۾ واقع نه ئي سهي تڏهن به سندس هم معني ۽ ساڳئي مفهوم واري انگريزي لفظ “لينڊ” جي مدد سان جڙيل نالي واري ملڪ سُوئِزرلئنڊ ۾ قائم آهي، تنهنڪري “پور ۽ لينڊ” واري چڪر کان بچي نه پيو سگھجي.
    سُوئزرلينڊ (Switzerland) وچ يورپ جو هڪ اهڙو ننڍڙو ۽ جابلو ملڪ آهي جيڪو “لينڊ لاڪڊ” به آهي. land locked اهڙي مخصوص ملڪ يا علائقي کي چئجي ٿو جنهن جي سرحدن ٻاهران چوڌاري زميني علائقا ئي هجن پر سرحد جي ڪنهن به پاسي کان سمنڊ، درياءَ يا پاڻي نه لڳندو هجي. سُوئزرلينڊ جي اتر ۾ جرمني ۽ ڏکڻ ۾ اِٽلي آهي. هن جي اولهه ۾ فرانس ۽ اوڀر ۾ آسٽريا آهي، انهن سڀني ملڪن سان سوئزرلينڊ جو ڳانڍاپو زمين ذريعي ئي آهي. تنهنڪري هن کي “لينڊ لاڪڊ” ملڪ يعني “چوڌاري زمين جي گرفت” وارو ملڪ به چئبو آهي. جيتوڻيڪ “سُوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي زيورخ” جنهن کي اتان جي عام ڳالهائجندڙ زبان جرمن ۾ (Edienossische Technische Hochschule Zurich) يا “ اِي ٽي ايڇ زيورخ” (ETH Zurich) به سڏيو ويندو آهي سو سوئزرلينڊ جي نيڪنامي جو ته حامل آهي ئي، پر انهيءَ کان علاوه به هن ملڪ جي حسناڪين جا داستان ڏيهان ڏيهه مشهور آهن. هن مضمون ۾ اڳتي هلي سُوئزرلينڊ جي انهيءَ سونهن جا اسرار پروڙڻ جي ڪوشش به ضرور ڪنداسين پر پهريان وري به ڳالهه علم ، ادب ۽ تعليم جي ڇوته منهنجي نظر ۾ علم ۽ تعيلم اهو بي بها زيور آهي جنهن سان چڱيءَ طرح سينگاريل شخص توڙي علمي ادارن جي موتين سان مڙهيل ملڪ به “پنهنجو مَٽ پاڻ” ئي ٿئي ٿو. سوئزرلينڊ وارو هي تعليم ادارو جيڪو حيثيت ۾ ته يونيورسٽي ئي آهي پر انسٽيوٽ لفظ سان انسيت جا پيچ پائڻ ڪري دنيا ۾ “اِي ٽي ايڇ زيورخ” يا “ سُوِئس فيدرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي” جي نالي سان مشهور آهي. سوئزرلينڊ جي پهرئين وڏي شهر “زيورخ” ۾ قائم هي انسٽيٽيوٽ، ٽائيمس ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽي ريڪنگ جي ڪَٿ مطابق دنيا جي اعليٰ معيار وارين يونيورسٽين ۾ ٻارنهين نمبر تي آهي.
    اِي ٽي ايڇ زيورخ جو هڪ اڳوڻو شاگرد البرٽ آئنسٽائن جيڪو بعد ۾ دنيا جو عظيم سائنسدان بڻيو، تنهن پنهنجي نمايان سائنسي تحقيق جي وسيلي نه رڳو هن اداري جي اهميت ۾ اضافو ڪيو پرسندس اها سائنسي تحقيق دنيا ۾ ڪيترن ئي ايجادن جو موجد پڻ بڻي. آئنسٽائين جي ڄاڻ، فهم ۽ فڪر جو ذڪر سيپٽمبر جي ٻي تاريخ واري ڪاوش اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ هن ريت ٿيل آهي، “آئنسٽائين کان جڏهن ڪنهن پڇيو ته ٽين عالمي جنگ ڪيتري تباهي ڦهلائي سگھي ٿي؟ تڏهن آئنسٽائين وراڻيو ته آئون چوٿين عالمي جنگ بابت ٻڌائي سگھان ٿو جو اها لڳندي ئي ڪونه . سوال ڪندڙ حيرت مان پڇيوته اهو ڪيئن؟ تنهن تي آئنسٽان جواب ڏنو ته ٽين عالمي جنگ کان پوءِ ڪجهه بچندو ئي ڪو نه، ته پوءِ وري چوٿين عالمي جنگ ڪيئن لڳندي”. اي ٽي ايڇ زيورخ مان پڙهي نڪتل اهو ساڳيو ئي البرٽ آئنسٽائين هيو جنهن علم طبعيات (Physics) ۾ “اضافت وارو نظريو” Theory of Relativity)( ڏئي نه رڳو نوبل پيس انعام حاصل ڪيو پر هميشه لاءِ سائنس جي دنيا جو منهندار به بڻيو.
    سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽئڪنالاجي (اِي ٽي ايڇ زيورزخ) جي تاريخ ڪجهه هن ريت آهي. 1854ع ۾ سوئزرلينڊ جي وفاقي سرڪار ملڪ ۾ انجنيئر ۽ سائنسدان پئدا ڪرڻ لاءِ زيورخ شهر ۾“سوئس فيڊرل پوليٽيڪنيڪل اسڪول” جي نالي سان هڪ تعليمي ادارو قائم ڪيو. هن ۾ شروعاتي ڏينهن ۾ مڪينيڪل ۽ سِوِل انجنيئرنگ، آرڪيٽيڪچر، ڪيمسٽري، فاريسٽري، نيچرل سائنس، مئٿميٽڪس، لٽريچر، سوشل ۽ پوليٽيڪل سائنس وارا شعبا کوليا ويا. ٿوري ئي عرصي ۾ هن اسڪول انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري سکيا ۽ تحقيق ۾ وڏو نالو ڪڍيو. هن جي انهيءَ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي 1905ع ۾ هن کي هڪ فيڊرل ريسرچ يونيورسٽي جي حيثيت ۾ تسليم ڪندي هن کي پي.ايڇ ڊي سطح جي تعليم ۽ تحقيق ڪرڻ ۽ ڊگري ڏيڻ جو اختيار ڏنو ويو. 1911ع ۾ هن جو نالو تبديل ڪري اِي ٽي ايڇ زيورخ يا سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي زيورخ رکيو ويو. اڄڪلهه هن ۾ سائنس، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي سميت جديد ۽ ڪلاسيڪي سماجي علمن جا سورنهن شعبا موجود آهن، جن ۾ ارڙهن هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن. سندس قيام کان اڄ تائين هن اداري جي شاگردن استادن ۽ سائنسدانن مختلف شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ جي عيوض ايڪويهه نوبل انعام حاصل ڪيا آهن. ٻيا سبجيڪٽ پڻ پنهنجي جڳهه تي پر انجنيئرنگ، فزڪس، ڪيمسٽري، مئٿميٽڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس هن اداري جا ڄڻ ته ٽريڊ مارڪ بڻيل آهن. اِي ٽي ايڇ زيورزخ جون ٻه ڪئمپسون آهن، هڪ زيورخ شهر جي مرڪزي علائقي ۾ واقع آهي جنهن کي “زينٽرم ڪئمپس” سڏين ٿا. اها ڪئمپس زيورخ يونيورسٽي جي پاڙيسري پڻ آهي ۽ ٻي ڪئمپس شهر جي ٻاهرئين پاسي واري علائقي “هونگربيرا” ۾ قائم آهي. هن ڪئمپس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وارن شعبن کي وڌيڪ زور وٺرائي هن کي هڪ سائنس سِٽي (Science City) جي حيثيت ۾ آندو ويو آهي.
    سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ دنيا جي ٻين ملڪن کان وڏي تعداد ۾ شاگرد انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ وارن شعبن ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. ساڳي طرح هن جي ٽيچنگ فئڪلٽيءَ ۾ پڻ دنيا جا ناميارا استاد ۽ سائنسدان شامل آهن. هيءَ ڳالهه پڻ هن اداري جي لاءِ قابل فخر آهي ته موجوده وقت ۾ پڻ هن جي ارڙهن هزار شاگردن مان اٽڪل چار هزار شاگرد صرف پي ايڇ ڊي جي ڪورسن ۾ داخل آهن. هن اداري جو مقامي توڙي بين الاقوامي ادارن ۽ صنعتن سان مربوط رابطو آهي جنهن جي ذريعي هتان جي شاگردن کي سندن تعليم مڪمل ٿيڻ تي لاڳاپيل شعبن ۾ نوڪري ڪرڻ جا موقعا ميسر ڪيا وڃن ٿا. هن اداري ۾ ٿيندڙ مسلسل تحقيق ذريعي دنيا کي درپيش توانائي، خوراڪ ۽ انساني صحت جي مسئلن، سڪيورٽي، رسڪ مئنيجمنٽ ۽ مسقبل جي شهرن جي تعمير ۽ ترقيءَ وارن معاملن جي حل لاءِ معاونت ڪئي وڃي ٿي ۽ رابطو ڪندڙ ادارن کي پيشيوارانه مشورن، پنڌن ۽ پيچرن کان آگاهه ڪيو وڃي ٿو. سوئزرلنڊ جون چار سرڪار ي ٻوليون آهن جهڙوڪ جرمن، فرينچ، اطالوي ۽ رومانش. هن انسٽيٽيوٽ ۾ بيچلر ڊگريءَ لاءِ جرمن ٻولي ذريعي پڙهايو وڃي ٿو جيڪا سوئزرلئنڊ جي چوهتر سيڪڙو آباديءَ جي مادري ٻولي آهي، باقي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي سطح جي تعليم لاءِ جرمن ۽ انگريزي ٻوليون ٻئي استعمال ٿين ٿيون. اِي ٽي ايڇ زيوررخ شاگردن جوn هڪ سئو ننڍيون وڏيون تنظيمون تدريسي عمل سان گڏ هم نصابي سرگرمين جو پڻ انعقاد ڪنديون رهن ٿيون.
    سوئزرلينڊ دنيا جو اهڙو خوبصورت ملڪ آهي جيڪو 26 صوبن يا (cantons) تي مشتمل هڪ ڪنفيڊريشن آهي. هي نه رڳو تعليمي ميدان ۾ منفرد آهي پر هتي موجود سوين جابلو چوٽيون، چهچ سائي ساوڪ، ۽ وڏي انداز ۾ برف باري هن ملڪ کي فطرتي سونهن جا نت نوان نظارا بخشي هڪ ديومالائي جاءِ بڻائي ڇڏيو آهي. سوئزرلئنڊ سونهن ۽ امن جو گَهَوارو هجڻ ڪري ڪيترن ئي عالمي تنظيمن جو هيڊڪوارٽر پڻ آهي. هن جي جڳ مشهور شهر جنيوا ۾ ٽيويهه عالمي تنظيمن جون مرڪزي آفيسون آهن، انهن ۾ اقوام متحده جي ٻيو نمبر وڏي آفيس، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، يونائيٽيڊ نيشنس هاءِ ڪميشن فار هيومن رائيٽس، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن وغيره شامل آهن. ان کان علاوه هن ملڪ جي واچن واري صنعت پڻ سڄي دنيا ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. اسان جي ملڪ ۾ پڻ سوئس واچون خاص طور تي “راڊو” ۽ “روليڪس” گھڻيون مقبول آهن. سوئزرلينڊ “شينگن” (Schengen) معاهدي جو پڻ ميمبر آهي. هن معاهدي ۾ يورپ جا ٻيا به پنجويهه ملڪ شامل آهن. اوهان جي پاسپورٽ تي انهن مان ڪنهن به هڪڙي ئي ملڪ جو “شينگن” ويزا لڳي ته اوهان ان جي سڀني ميمبر ملڪن ۾ وڃي سگهو ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 25 سيپٽمبر 2013)


    فرانس جي پئرس يونيورسٽي

    فرانس جي پئرس يونيورسٽي،
    جيڪا 897 سال پراڻي آهي


    يونيورسٽي آف پئرس ٻارهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري قائم ڪئي وئي هئي. فرانس جي گاديءَ واري شهر پئرس جي اها تاريخي يونيورسٽي جيڪا دنيا جي پراڻين يونيورسٽين مان هڪ ليکي وڃي ٿي اها ڪيترن ئي موافق ۽ مخالف مرحلن، آسان ۽ ڏکين دورن مان گذرندي، علم جو فيض عام ڪندي پنهجي وجود جي جنگ جوٽيندي آخر ڪار پنهنجي قيام کان 830 سال پوءِ پئرس جي شهر ۾ 13 مختلف يونيورسٽين جي شڪل ۾ ورهائجي وئي. فرانس جي انهيءَ قديمي تعليمي اداري “ يونيورسٽي آف پئرس” مان جنم ورتل پئرس شهر جون موجوده تيرنهن ئي يونورسٽيون پنهنجي اصل نسل ۽ بڻ بڻياد جو شجروع پئرس جي ان پراڻي يونيورسٽيءَسان ڳنڍي پنهنجي معياري ۽ تحقيقي تعليمي اداري هجڻ جون دعوائون ڪري فرانس سميت سڄي دنيا جي شاگردن، عالمن ۽ استادن جو ڌيان پاڻ ڏانهن شڪائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهن ٿيون.
    انگلينڊ جيڪيمبرج يونيورسٽيءَ جيان پئرس يونيورسٽيءَ جي قيام جو پڻ ڪو خاص ڏينهن، مهينو ۽ سال تعين ٿي نه سگھيو آهي ڇو جو ان بابت تاريخدان ڪنهن هڪ تاريخ تي متفق ٿي نه سگھيا آهن پر اها ڳالهه طئي ٿي چڪي آهي ته سال 1116ع کان پوءِ ويهين صديءَ جي وچ ڌاري هيءَ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي هئي. هن جي قيام کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ معياري تعليم ، تحقيق ۽ تربيت وارين سرگرمين جي ڪري هر گذرندڙ ڏينهن سان پئرس يونيورسٽي جي نيڪنامي ۾ اضافو ٿيندو ويو. ڇھه سئو ٽيتاليهه سالن جي تعليمي خدمت ۽ ڪارگذارين کان پوءِ هي يونيورسٽي فرانس جي سياسي بحران جي ور چڙهي وئي ۽ هن کي 1793ع کان 1896ع تائين ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو. هي اهو دور هيو جڏهن فرانسيسي انقلاب عوام جي سجاڳيءَ ۽ سهڪار جي مدد سان ڪاميابيءَ جا مرحلا طئي ڪندو اڳتي ته وڌيو هيو پر اڃا ماضيءَ جي مسئلن ۽ نئين دور جي چئليجن سان منهان منهن هيو. اهڙي طرح مُني صديءَ کان وڌيڪ عرصو هن يونيورسٽي ۾ تعليم ۽ تحقيق جو ڪم معطل رهيو. ان کان پوءِ پئرس جي ساڃاھوند ڌرين جي ڪوششن ۽ زور بار جي ڪري 1896ع ۾ يونيورسٽي آف پئرس کي ٻيهر کوليو ويو جنهن کان پوءِ هتي جون تعليمي۽ تحقيقي سرگرميون ٻيهر طالبعلمن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجڻ لڳيون. بحرحال 74 سالن جي مليل ٻي زندگيءَ کان پوءِ 1970ع ۾ هن يونيورسٽيءَ کي وڍي ٽڪي ختم ڪري ان مان 13 نيون يونيورسٽيون ٺاهيون ويون. يونيورسٽي آف پئرس جي مستند تي ويٺل پئرس شهر جون اهي 13 يونيورسٽين جا نالا هن طرح آهن؛ يونيورسٽي آف پئرس ڪئوسٽ، يونيورسٽي آف پئرس سڊ، يونيورسٽي آف پئرس اسٽ، يونيورسٽي آف پئرس نارڊ، پئرس سوربون يونيورسٽي، پئنٿيان سورنبون يونيورسٽي، رين ڊسڪارٽ يونيورسٽي، پئنٿيان ائسس يونيورسٽي، سوربون نوول يونيورسٽي، پائري ائنڊ مئري يونيورسٽي، يونيورسٽي آف ونسنس ، پئرس ڊوفائين يونيورسٽي ۽ ڊينس ڊڊيراٽ يونيورسٽي. يونيورسٽي آف پئرس جون اهي جانشين تيرنهن ئي يونيورسٽيون پنهنجي هر طرح مالي، انتظامي ۽ تدريسي بندوبست ۽ انتظام جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان الڳ ۽ خود مختيار آهن پر رسمي طور تي سند ن “ريڪٽر” هڪ ئي هجي ٿو. “ريڪٽر”، يونيورسٽي جو اعليٰ انتظامي عهدو هوندو آهي جيڪو چانسلر جي برابر هوندو آهي.
    هن قديمي پئرس يونيورسٽيءَ 800 سالن جي تاريخ ۾ نه رڳو فرانس جي پنهنجي سماج ۾ تعليمي شعور جا اڻمٽ نقش چٽيا آهن پر پاڙيسري ملڪن جي شاگردن لاءِ علم ۽ سکيا جو گهوارو رهي آهي. يونيورسٽي آف پئرس ۾ چار فئڪلٽيون هونديون هيون جهڙوڪ فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف ميڊيسنس، فئڪلٽي آف ٿيالاجي ۽ فئڪلٽي آف لا. هن يونيورسٽيءَ ۾ فرانس سميت نارمنڊي، پڪارڊي، انگلينڊ، اسڪئنڊينيوا ۽ جرمني سميت اوڀر يورپ جا ڪيترائي شاگرد پڙهندا هيا. شروعات ۾ يورپ جي آڳاٽين يونيورسٽين جيان هن يونيورسٽيءَ جو انتظام پڻ چرچ جي حوالي هوندو هيو. يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ اهو لازمي هوندو هيو ته هو پنهنجي مٿي جا وار به ڪوڙائن ۽ چوغو به پائن. يونيورسٽي جا شاگرد چرج جي سڀني قانون ۽ قاعدن جي پاسداري ڪرڻ جا پابند هوندا هيا جنهن ڪري هو فرانس جي بادشاھي درٻار جي ٺاهيل قانونن کان پاڻ کي آجو سمجهندا هيا. يورپ ۾ اوئلي دور ۾ شاگردن ۽ شهرين جي وچم جهيڙا جهڳڙا ٿيندا رهندا هيا ۽ جهيڙيندڙ ڌرين کي “ گائون ائنڊ ٽائون” جي اصطلاح سان ياد ڪيو ويندو هيو. انگريزي لفظ “گائون” يعني چوغو يا جُبو جيڪو شاگردن جي سڃاڻپ هوندو هيو۽ “ٽائون” جو اشارو شهرين ڏانهن هيو. انهن جهيڙن جو هڪڙو سبب اهو به هيو جو شاگرد پاڻ کي شهري قانون کان مٿاهون سمجهندا هيا ۽ انهن جي پاسداري ڪرڻ کان ڪيٻائيندا هيا. انگلينڊ ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جو قيام پڻ شاگردن ۽ شهرين جي اهڙي جهڳڙي جو مظهر هيو. ٿيو ائين هيو جو آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شهرين جي جهيڙي کان متاثر ٿي آڪسفورڊ کي ڇڏي ڪيمبرج ۾ آيل شاگردن هتي اچي هڪ تعليمي ۽ تدريسي ادارو ٺاهيو جيڪو پوءِ ڪيمبرج يونيورسٽي جي نالي سان مشهور ٿيو.
    پئرس يونيورسٽي جو هڪ ڪاليج “سوربون ڪاليج” جيڪو بنهنجي باني رابرٽ ڊي سوبورن جي نالي پٺيا مشهور ٿيو، اهو 1257ع ۾ پئرس ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن ڪاليج پئرس يونيورسٽي جي ٿيالوجي فئڪلٽي طور ڏاڍو نالو ڪمايو. ايتري تائين جو خود پئرس يونيورسٽي کي پڻ “لا سوربون” جي نالي سان به سڏيو ويندو هيو. حالانڪ پئرس يونيورسٽي جي سموري ڪئمپس سوربون ڪاليج اندر ڪونه هئي پر تڏهن به سوربون واري عمارت پئرس يونيورسٽيءَ جو هڪ وڏو حوالو بڻيل هوندي هئي. اڄڪلھه پئرس جي تيرنهن يونيورسٽين مان چار يونيورسٽيون سوربون واري عمارت ۾ واقع آهن جڏ هن ته ٻين ٽن يونيورسٽين پڻ پنهنجي نالي ۾ سوربون جو لفظ شامل ڪيو آهي.
    هن يونيورسٽيءِ جي تاريخ ۾ هڪڙو زمانو اهڙو به هيو جو هن جي آرٽس فئڪلٽي ۾ پڙهائجندڙ اٺن سبجيڪٽن خاص طور تي فلاسافي، گرامر، جدلياتي ماديت، مئٿميٽڪس، ايسٽرانومي، موسيقي، فن خطابت ۽ اخلاقيات جي هاڪ ملڪان ملڪ مشهور هئي جنهنڪري هتي تعليم سانگي ٻاهران ايندڙ شاگردن جي رهائش جو پورائو نه ٿي سگھندو هيو. ان زماني ۾ فرانس جي بادشاهن، اميرن ۽ وزيرن جي اولاد ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جا شاگرد پڻ هتي تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هيا. انگلئنڊ جي شاگردن جو وڏو تعداد پڻ پيرس يونيورسٽي ۾ پڙهندو هيو، پر پوءِ 1167ع ۾ انگلئنڊ جي بادشاھ هينري ٻئي ڪجھ سياسي سببن جي ڪري انگريز شاگردن تي فرانس مان تعليم حاصل ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. انهيءَ کان پوءِ برطانيه جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ پئرس يونيورسٽي وڃڻ بجاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ اچڻ لڳا. پئرس يونيورسٽيءِ جي انهي شُهرت جي ڪري ان وقت جا تاريخدان پئرس کي “علم جي شهر” جو درجو ڏئي کيس ان وقت جي مشهور علمي ادبي شهرن، ايٿينس، روم ۽ مصر جي النگزينڊريا کان مٿاهون مانُ ڏيندا هيا. دنيا جي يونيورسٽين ۾ فئڪلٽي جي “ڊين” واري عهدي جي شروعات به 1868ع کان پئرس يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف لا ۽ فئڪلٽي آف مئڊيسن ۾ ڊين جو عھدو متعارف ڪرڻ کان پوءِ ٿي.
    1970ع ۾ يونيورسٽي آف پئرس کي ورهائي نيون 13 يونيورسٽيون ٺاهيون ويون. توڙي جو انهن تيرنهن ئي يونيورسٽين جو بڻياد پئرس يونيورسٽي تي رکيل آهي پر ان جي حقيقي جانشيني جي دعويٰ ڪندڙ “پئنٿئيان سوربون يونيورسٽي” انهيءَ ئي لئٽن ڪوارٽرس واري تاريخ عمارت سوربون ۾ واقع آهي جنهن ۾ 1257ع ۾ يونيورسٽيءَ جو ڪاليج قائم ڪيو ويو هو.
    فرانس توڙي ان جي ڏيهان ڏيھه مشهور گادي واري شهر جي هڪ ڀرپور ۽ ڌيان شڪائيندڙ تاريخ آهي. ارڙهين صدي وارو فرانسي انقلاب نه رڳو فرانس اندر مذهبي شدت ۽ چرچ جي اجارداري، جاگيرداري، امراءَ ۽ اشرافيا طبقي جي هڪ هَٽي کي چئلنج ڪري فرانس جي عوام کي آزاديون ڏياريون پر يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به استحصالي ڌريون عوام ۾ ايندڙ سجاڳيءَ جي ڪري پنهنجي اقتدار ۽ اختيار کي خطرو محسوس ڪرڻ لڳيون. فرانس کي نه رڳو سندس اها سياسي سجاڳيءَ جي تاريخ ٻين ملڪن کان مختلف بڻائي ٿي پر پئرس جو حُسانڪيون پڻ دنيا جي سياحن لاءَ وڏي ڪشش جو سبب بڻيل آهن. پئرس جي يونيورسٽين ۾ تعليم لاءِ ويندڙ شاگرد اتان نه رڳو علم جو فيض حاصل ڪري اعليٰ ڊگري يافته اسڪالر ٿي سگھن ٿا پر پئرس جي حُسن ما ن پڻ حِضُ حاصل ڪري سگھن ٿا .
    پئرس جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ انگريزي ٻوليءَ جي مهارت واري سرٽيفڪيٽ جي ضرورت نه هوندي آهي ڇو ته فرانس انگريزي ملڪ نه آهي پر ان جي هڪ الڳ ٻولي آهي جنهن کي فرينچ سڏيو وڃي ٿو. ٻين ملڪن جي شاگردن کي اتان جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وقت فريئچ ٻولي ۾ ڪورس ڪرايو ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ ئي کيس گهربل ڊگريءَ واري ڪورس لاءِ پڙهايو ويندو آهي. اڄڪلھه انگريزي ٻوليءَ جي وڌندڙ ضرورت ۽ شهرت جي مد نظر ڪجھه يونيورسٽين ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ تدريس جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 12 جون2013)


    اٽليءَ جي بولونئا يونيورسٽي

    اٽليءَ جي بولونئا يونيورسٽي
    اولهه جي ملڪن جي پهرين يونيورسٽي آهي

    انسان جِي جياپي لاءِ جدوجهد جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيتري خود انسان جي تاريخ. هيءَ ارتقا پذير زندگي مختلف دورن ۾ ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندي اڄوڪي صورت ۾ ظهور پذير آهي. اڄوڪو دور جنهن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور چيو وڃي ٿو ان تائين پهچڻ لاءِ انسان کي جيڪي ڪشالا ڪڍڻا پيا آهن انهن جو صحيح معني ۾ ادراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخ جي پٺين دورن ۾ وڃي انهن ادارن جي ڳولها ڪري سندن تاريخ ۽ ڪارڪردگيءَ جو مطالعو ڪرڻو پوندو، جيڪي انساني شعور ۽ علم کي ايترو ته مٿي کڻي آيا جوانسان پنهنجي جياپي ۽ آرمده زندگي گذارڻ لاءَ اڄوڪيءَ هن سموري ترقي کي ممڪن بڻائي سگھيو آهي. بحر حال ايترو سو ضرور چئبو ته شعور ۽ روحاني بلندين کي ڇهڻ کان سواءِ ماڻهو مادي ترقيءَ مان صحيح معني ۾ نه پاڻ لطف اندوز ٿي سگھندو آهي نه ئي وري ان جو لاڀ عام انسانن تائين پهچائي سگھندو آهي. منهنجي خيال ۾ ترقي ان حالت جو نالو آهي جيڪا انسان جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪندي عام ڀلائي، امن، آجپي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجي. انهيءَ عظيم مقصد جي حصول لاءِ هر دور ۾ انسان دوست ماڻهن پهنجين مخصوص حالتن ۽ وسيلن پٽاندڙ ڪوششون ڪيون آهن جيڪي اڄ واري زماني ۾ باظابطه ادارن، تنظيمن ۽ سماجي سسٽم جي صورت ۾ اسان جي اڳيان آهن. انهن ۾ تعليمي ادارا خاص اهميت جا حامل آهن.
    تعيلمي ادارن جي شروعات وارو سفر اسان کي چار سئو سال قبل مسيح واري يوناني شهر ايٿنس ۾ پهچائي ٿو جتي سڀ کان پهريائين سقراط جي شاگرد افلاطون (پلئٽو) “اڪئڊمي” جي نالي سان هڪ اسڪول قائم ڪيو هيو. قبل مسيح واري انهيءَ ساڳئي دور ۾ ميسوپوٽميا (عراق) ۾ سميري قوم پاران اسڪولن جي قيام جي شاهدي پڻ ملي ٿي جن کي هو “ اِي دَب با ” (E-Dub-Ba)يعني دانشگاهه سڏيندا هيا. انهيءَ کان پوءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي ثقافتن ۽ مذهبي رنگن ۾ رليل تعليمي ادارن جا بنياد پيا، جيڪي عيسائي چرج جي اثر هيٺ “ڪئٿيڊرل اسڪولن” ۽ اسلامي تعليم ۽ طريقي وارن “مدرسن” جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. اڳتي هلي اهي ادارا ترقي ڪندا الڳ الڳ مذهبي ادارن ۽ جديد تعليمي ادارن جي صورت ۾ نمودار ٿيندا رهيا آهن. يونيورسٽيون جديد تعليمي ادارن جو معراج آهن. دنيا جي پهرين يونيورسٽي جو تعين جيتوڻيڪ ڏکيو ڪم آهي پر ناممڪن ناهي. يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکندڙ اوائلي تعليمي ادارن پاران دنيا ۾ سڀ کان اوَل قائم ٿيڻ جي دعويٰ ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ ادارا آهن، جن ۾ سن 500 عيسوي ۾ ان وقت جي هندوستان ۽ هاڻوڪي پاڪستاني پنجاب واري شهر ٽيڪسيلا ۾ قائم “ تڪشيسلا تعليمي ادارو”، مراڪش جي شهر فيض ۾ 598ع ۾ قائم ٿيل “مدرسو” جيڪو پوءِ 1968ع ۾ يونيورسٽي جو درجو ماڻي جامعته القرويين يا “يونيورسٽي آف القرويين” جي نالي سان مشهور ٿيو، هندوستان ۾ پنجين عيسوي صديءَ کان ٻارنهين صديءَ تائين بِهار واري صوبي ۾ ڪم ڪندڙ “نلندا” تعليمي ادارو، 840ع ۾ عراق ۾ پنجين عباسي خليفي هارون رشيد پاران بغداد ۾ قائم ڪيل “بيت الحڪمه” (هائوس آف وِزِڊم)، ۽ 1088ع ۾ اٽلي جي شهر بولونئا Bologna) (۾ قائم يونيورسٽي آف بولونئا اچي وڃن ٿا. جيئن ته لفظ يونيورسٽي خود يورپي ، ماحول ۽ اتان جي ملڪ اٽليءَ جي اوئلي “ لاطيني” (Latin) ٻوليءَ جي لفظ “يونيورسٽاس” (universitas) مان ورتل آهي تنهنڪري گمان ڪيو وڃي ٿو ته “يونيورسٽي آف بولونئا” ئي دنيا جي پهرين جديد يونيورسٽي آهي، ڇو ته لفظ “يونيورسٽاس” سڀ کان پهريائين “بولونئا يونيورسٽيءَ” لاءِ استعمال ڪيو ويو هيو. جيتوڻيڪ مٿي بيان ڪيل ٻيا ادارا بولونئا يونيورسٽيءَکان به اڳ موجود هيا ۽ پنهنجي معيار ۾ پڻ منفرد هيا پر ڇوته انهن مان ڪو به جديد معني ۾ يونيورسٽي واري تشريح تي نه پيو لهي تنهنڪري انهن مان ڪنهن کي به يونيورسٽيءَ جي حيثيت ۾ تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. بحرحال مون سميت گھڻن ماڻهن جي خيال مطابق بولنئا يونيورسٽي دنيا جي نه پر اولهه جي ملڪن جي پهرين يونيورسٽي آهي، ڇو ته يونان ۾ افلاطون واري اڪيڊمي توڙي مشرقي دنيا وارا مٿيان ادارا پڻ ڪنهن به صورت ۾ اڄ وارين ڪيترن ئي يونيورسٽين کان معيار ۾ گھٽ ڪو نه هئا.
    يونيورسٽي آف بولونئا انهن اوائلي يونيورسٽين مان هڪ آهي جيڪا پنهنجي قيام کان اڄ تائين هڪ هزار سال واري سفر ۾ پنهنجي پوري جاه و جلال سان روان داوان آهي. اڄ به هن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل چوراسي هزار جي قريب شاگرد ٽي هزار استادن جي نگراني هيٺ زيرِتعليم آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن جا پنج هزار انٽرنيشنل شاگرد پڻ داخل آهن. اٽليءَ جو اڳوڻو وزير اعظم “ رومانو پورڊي” پڻ هن يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس واري فئڪلٽيءَ جي “ انڊسٽريل آرگنائيزيشن ائنڊ پاليسي ” واري شعبي ۾ ڪل وقتي پروفيسر جي حيثيت سان تدريس جو فرض انجام ڏئي رهيو آهي. هن يونيورسٽيءَ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هتان جي هڪ اڳوڻي شاگرد اڻويهين صديءَ ۾ مواصلاتي شعبي ۾ منفرد ايجاد وسيلي انقلاب برپا ڪر ڇڏيو. اهو هيو “گليلامو مارڪوني” جنهن دور رس ريڊيو ٽرانسميشن، ۽ وائير ليس ٽيليگراف ايجاد ڪري پنهنجو ۽ هن يونيورسٽيءَ جو نالو روشن ڪيو. مارڪوني کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ نوبل انعام ڏنو ويو. اٽليءَ جو قومي شاعر “جوزو ڪارڊف” هن يونيورسٽيءَ ۾ اطالوي (Italian) ٻوليءَ جو نوبل انعام يافته پروفيسر هيو.
    اٽليءَ جي مشهور تاريخي شهر بولونئا ۾ هن يونيورسٽيءَ جو قيام هن طرح ٿيو جو 1088ع کان اٽليءَ جا شاگرد گروپن جي صورت ۾ گڏجي استادن کي معاوضو ڏئي چرچ وارن مذهبي ۽ سماجي اصولن، قاعدن ۽ قانونن بابت سکيا وٺندا هيا، انهيءَ ڳالهه يورپ جي ٻين ملڪن جي شاگردن جو به ڌيان ڇڪايو جيڪي اٽليءَ جي شهر بولونئا ۾ پهچي پنهنجون تنظيمون ٺاهي استادن جون خدمتون حاصل ڪري انهن وٽان مٿي ڄاڻايل شعبن ۾ تعليم وٺڻ لڳا. پڙهائي جو اهو عمل ايترو ته منظم طرح ٿيندو هيو جو انهيءَ رومن ايمپائير جي شهنشاهه ۽ اٽليءَ جي بادشاهه “فيڊرڪ ون باربوسا” جو ڌيان ڇڪايو جنهن 1158ع ۾ شاگردن جي انهن تنظيمن کي باظابطه يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو اهڙي طرح بولونئا يونيورسٽي وجود ۾ آئي. اڄڪلهه بولونئا يونيورسٽيءَ کي اٽليءَ جي “اسٽيٽ يونيورسٽي” جو درجو حاصل آهي. ياد رهي ته اٽليءَ وارو ملڪ ان وقت رومن شهنشاهيت جو حصو هيو. يونيورسٽيءَ جي قيام جو سال 1088ع کي ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو. بولونئا يونيورسٽيءَ جي نَوَن صدين جي خدمتن جي مدِنطر 1988ع ۾ هن جي 900وين سالگرهه جي موقعي تي يورپ جي430 يونيورسٽين جا وائيس چانسلر ۽ ريڪٽر بولونئا يونيورسٽي م گڏ ٿيا جٿي هنن يورپ جي يونيورسٽين جي اصولِ عمل واري هڪ گڏيل دستاويز تي صحيحون ڪندي بولونئا يونيورسٽيءَ کي “ تعليمي ادارن جي ماءُ” جو لقب ڏنو. بولونئا يونيورسٽي پنجن ڪئمپسن ۽ ٽيويهن اسڪولن تي مشتمل آهي جتي سمورن جديد علمن جهڙوڪ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي، هيلٿ سائنسز، ميڊسنز، ائگريڪلچر، ڪمپيوٽر ائنڊ انفرميشن ٽيڪنالاجي، ايڪنامڪس ۽ مئٿميٽڪس، نيچرل سائنس، آرٽس، ميوزڪ، فلم ميڪنگ، هيومنٽيز ۽ سوشل سائنسز جي اٽڪل هڪ سئو کان وڌيڪ شعبن ۾ پڙهائي ۽ تحقيق جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. بولونئا يونيورسٽيءَ جي مکيه ڪئمپس اتر اٽليءَ جي “ايمليا رومانيا” واري پرڳڻي جي گاديءَ واري شهر بولونئا ۾ آهي ۽ ٻيون ڪئمپسون اٽليءَ جي شهرن “سيسينئا”، “رئوِينئا”، “رمني”۽ “فورلي” ۾ آهن. هن جي انٽرنيشنل ڪئمپس ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ ارجنٽينئا جي شهر “بونئيس ائريز ” ۾ آهي.
    اٽلي اولهه يورپ جو مشهور ملڪ آهي جنهن جي تاريخ ڪيترن ئي اهم واقعن، ماڳن ۽ شخصيتن جي ذڪر سان ڀري پئي آهي. هن ملڪ ۾ مشهورِ زمانه رومن شهنشايت جي گادي وارو شهر روم پڻ واقع آهي. هي ملڪ ئي قديم ٻولي “لئٽن” جو گھر رهيو آهي، لاطيني ٻولي انگريزي ٻوليءَ سميت ڪيترن ئي ٻين يورپي ٻولين جي لفطن جي ذخيري توڙي علم ادب ۾ واڌارو ڪيو آهي. عيسائي دنيا ۾ پڻ لاطيني ٻوليءَ کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اٽليءَ مٿان ايڪيهه سال دٻدٻي سان حڪومت ڪندڙ فاشسٽ اڳواڻ ۽ ڊڪٽيٽر “بينيٽو مئسوليني” پڻ اٽلي جي تاريخ جو متضاد حوالو آهي. بحرحال بولونئا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن کي پنهنجي گريجوئيشن يا ڊاڪٽوريٽ ڪورس پڙهڻ سان گڏوگڏ اهو به موقعو ميسر ٿئي ٿو ته هو اٽليءَ جي تاريخ جيڪا ماڳن مڪانن جي صورت ۾ هن ملڪ جي مختلف هندن تي موجود آهي انهن جا نظارا ڪري يورپ جي آڳاٽي علم ادب، سياست ۽ سماج جا ڪي ئي راز پروڙي سگھن ٿا.
    هن يونيورسٽي ۾ درس و تدريس جو ڪم اطالوي (اٽيلئن) ٻوليءَ ۾ ئي ڪيو وڃي ٿو جنهن لاءَ انٽرنيشنل شاگردن کي پهريان چار پنج سيمسٽر اطالوي ٻوليءَ جي سکيا تي لڳائڻا پون ٿا. ٻوليءَ جي سکيا کي آسان بڻائڻ لاءِ انٽرنيشنل شاگردن کي مقامي ڪٽنبن سان پڻ رهايو ويندو آهي ته جيئن کين ٻوليءَ تي عبور حاصل ٿئي. بحر حال علم جي بحرتائين پهچڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ سان ماڻهوءَ جي لياقت ۾ اضافو ٿئي ٿو. دنيا جي هزارن نوجوانن جيان اوهان به جيڪڏهن انهيءَ موقعي ۾ مستفيض ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اڄ کان ئي ڪوششون وٺڻ شروع ڪيو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 4 سيپٽمبر 2013)


    اٽليءَ جي ميلان يونيورسٽي

    اٽليءَ جي ميلان يونيورسٽي
    جتي پنجهٺ هزارشاگرد پڙهن ٿا

    ميلان يونيورسٽي يورپ جي ملڪ اٽليءَ جي هڪ نامياري درسگاهه آهي جيڪا هن ملڪ جي ٻيو نمبر وڏي شهر ميلان ۾ واقع آهي. هن يونيورسٽي بابت تفصيلي احوال ته هن مضمون ۾ هيٺ ضرور ايندو پر ان کان پهريان هڪ تڪڙو ۽ مختصر احوال مختلف ادارن پاران تازو اعلانيل ڪجهه اهڙين انٽرنيشنل اسڪالرشپس جو ڪيون ٿا جن جي وسيلي ڪو به اهل ۽ باصلاحيت نوجوان نه رڳو اٽليءَ جي هن ميلان يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو پر دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي معياري يونيورسٽين مان پڻ تعليم جي بي بها زيور سان آراستا ٿي سگهي ٿو. انهن اسڪالرشپس لاءِ درخواستن ڏيڻ جون آخري تاريخون به ويجهيون آهن تنهڪري ميلان يونيورسٽي کان پهريان انهن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته جيئن دلچسپي رکندڙ نوجوان انهن لاءِ تڪڙي تياري ڪري سگهن.
    اهڙين اسڪالرشپس ۾ هڪڙي “ ڪلچرل اسڪالرشپ” آهي. هن اسڪالرشپ جو اعلان تازو ئي پاڪستان سرڪار جي انٽرپراونشل ڪوآرڊينيشن وزارت،، اسلام آباد پاران ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ 29 نومبر 2015ع تي هڪ ساک واري اداري “نيشنل ٽيسٽنگ سروس” (NTS) پاران گريجوئيٽ رڪارڊ ايگزيمنيشن (GRE)ٽيسٽ ورتي ويندي. هن ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ اميدوارن کي يورپ، ايشيا توري سائوٿ آمريڪا جي ڪجهه ملڪن جهڙوڪ اٽلي، رومانيا، گريس، چيڪ ريپبلڪ چين، ترڪي، رشيا، سائوٿ ڪوريا، ۽ ميڪسيڪو وغيره پاران اسڪالر شپ ڏني ويندي. انهيءَ اسڪالرشپ جي مدد سان ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوار مٿي ڄاڻايل ملڪن جي ڪنهن به معياري يونيورسٽي مان ماسٽرس يا پي ايڇ ڊي جي ڊگرين لاءِ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. هن اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 11 نومبر 2015ع آهي. وڌيڪ معلومات ۽ درخواست فارم اين ٽي ايس جي ويب سائيٽ جهڙوڪ www.nts.org.pk تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
    هڪڙي ٻي اسڪالرشپ جنهن لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري حد پڻ نومبر جي 18 تاريخ آهي، ان جو نالو آهي “ انڊرگريجوئيٽ سيمسٽر ايڪسچيج پروگرام فار پاڪستان”. هن پروگرام لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران ڪيو ويو آهي. هن پروگرام تحت پاڪستان جي اهڙن باصلاحيت شاگردن کي آمريڪا جي ڪنهن به معياري يونيورسٽي مان هڪ سيمسٽر لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي جيڪي پنجويهه سالن کان گهٽ عمر جا هجن ۽ هن وقت پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ خاص طور تي انجنيئرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، ميڊيڪل سائنسز ۽ ڪجهه ٻين پروفيشنل سبجيڪٽن جي شعبن ۾ گريجوئيشن جي ڊگري ڪورسن ۾ ٻئي سال جا شاگرد هجن. هن اسڪالرشپ متعلق وڌيڪ معلومات يا ان لاءِ درخواست فارم حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ وسيلي يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجوڪيشن فائونڊيشن پاڪستان جي هيٺ ڄاڻيل ويب سائيٽ کي وزٽ ڪرڻ گهرجي جهڙوڪ؛ http://www.usefpakistan.org
    آمريڪا ۾ تعليم لاءِ هڪ اسڪالرشپ جو نالو “ ڪميونٽي ڪاليجز انيشيٽِوِ پروگرام” آهي. هي اسڪالرشپ پڻ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجوڪيشن فائونڊيشن پاڪستان پاران تازو ئي اعلاني وئي آهي جنهن لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ به پهرين ڊسمبر 2015ع مقرر ڪئي وئي آهي.هن بابت پڻ وڌيڪ معلومات http://www.usefpakistan.orgذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿي.مٿي ڏنل اهم ۽ ڪارج ڀري معلومات کان پوءِ هاڻ اچون ٿا اٽليءَ واري نامياري درسگاهه ميلان يونيورسٽي جي طرف، جنهن جو احوال ڪجهه هيٺيئن ريت آهي؛
    يونيورسٽي آف ميلان اٽليءَ جي سڀ کان وڌيڪ معياري يونيورسٽي آهي جيڪا اڄ کان اٽڪل هڪ صدي کن اڳ يعني 1924ع ۾ قائم ڪئي وئي آهي. هن يونيورسٽياٽڪل پنجهٺ هزار شاگرد زيرِ تعليم آهنهي يونيورسٽي اٽليءَ جي هڪ خوبصورت شهر ميلان ۾ واقع آهي. هن ئي شهر پٺيان يونيورسٽي جو نالو پڻ “ميلان يونيورسٽي” ئي رکيو ويو آهي.جيتوڻيڪ ميلان شهر ۾ ٻيون به يونيورسٽيون آهن جيڪي هن يونيورسٽي کان ٿورو پوءِ وجود ۾ آيون جهڙوڪ “ پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي آف ميلان”، “ يونيورسٽي آف ميلانو بڪوڪا”، “فري يونيورسٽي آف لئنگئجز ائنڊ ڪميونيڪيشن”، “يونيورسٽي آف بڪوني” وغيره جيڪي پاڻ سان گڏ سمورا جديد لاڙا کڻي ڪم ڪري رهيو آهن پر اهي ميلان يونيورسٽي کان اڳتي وڌي نه سگهيون آهن.
    ميلان يونيورسٽي ۾ ميڊيسن، ويٽرنري ميڊيسن، ائگريڪلچرل ائنڊ فوڊ سائنسز، فارماسوٽيڪل سائنسز، سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي، ايڪسرسائيز ائنڊ اسپورٽس سائنسز، پوليٽيڪل، ايڪنامڪ ائنڊ سوشل سائنسز، لئنگوجسٽڪ ائنڊ ڪلچرل ميڊيئيشن سائنسز، هيومنٽيز ۽ لا جا ڪل نو اسڪول آهن جن ۾ بايو ميڊيڪل سائنسز فار هيلٿ، بايوميڊيڪل ائنڊ ڪلينيڪل سائنسز، ڪلچرل هيريٽيج ائنڊ انوائرنمنٽ، ائگريڪلچرل ائنڊ انوائرنمنٽل سائنسنز، پرڊاڪشن، لئنڊ اسڪيپ ائنڊ ائگروانرجي، سرجيڪل ائنڊ ڊينٽل سائنسز، ڪيمسٽري، ڪميونٽي هيلٿ، ڪمپيوٽر سائنسز، ارٿ سائنس، ايڪنامڪس، مئنيجمنٽ ائنڊ ڪوائنٽيٽيٽوِ ميٿڊس، فوڊ، انوائرنمنٽل ائنڊ نيوٽريشنل سائنسز، لئنگوجز ائنڊ لٽريچرس، اينيمل سائنس ائنڊ فوڊ سيفٽي، هسٽاريڪل اسٽڊيز، انٽرنيشنل، ليگل، هسٽاريڪل ائنڊ پوليٽيڪل اسٽڊيز، اٽيليئن ائنڊ سپرانيشنل پبلڪ لا، لا، ڊپارٽمنٽ آف لائيف سائنسز، لٽرري اسٽڊيز، فلاسافي ائنڊ لئنگوجسٽڪس، ميئٿميٽڪس، ميڊيڪل بايوٽيڪنالاجي، ٽرانسليشن ميڊيسن، پئٿوسائيڪالاجي ائنڊ ٽراسنسپلانٽيشن، فارماڪالاجيڪل ائنڊ بايوماليڪيولر سائنسز، پرائيويٽ لا ائنڊ ليگل هسٽري، پوليٽيڪل سائنسز ۽ اسٽڊيز اِن لئنگوج ميڊيئيشن ائنڊ انٽرڪلچرل ڪميونيڪيشن وغيره جا تدريسي شعبا موجود آهن.
    ميلان يونيورسٽي ۾ مٿين شعبن کان علاوه ريسرچ ۽ مطالعي لاءِ اسٽيٽ آف آرٽ لئبارٽريون، ريسرچ سينٽر ۽ انسٽيٽيوٽ ۽ شاندار لئبريريون پڻ هر وقت شاگردن ۽ سائنسدانن لاءِ سندن ريسرچ ۽ مطالعي وارين سرگرمين لاءِ پنهنجا در کليل رکن ٿيون. اها پڻ اتساهيندڙ ڳالهه آهي ته ميلان يونيورسٽي جو لائبريري سسٽم ستيتاليهه ننڍين وڏين لائبريرين تي مشتمل آهي جن ۾ قديم توڙي جديد علمن جا لکين ڪتاب، مسودا ۽ ڊجيٽل مواد موجود آهي. آرٽسٽڪ ۽ ڪلچرل هيريٽيج واري حوالي سان پڻ ميلان يونيورسٽي نه رڳو اٽلي پر سموري يورپ ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿي. هن يونيورسٽي جي حوالي ڪيل ڪجهه قديم عمارتون پندرهين صدي ۽ ارڙهين صدي ۾ تعمير ڪيون ويون هيون جيڪي پنهنجي اندر ۾ صدين جا قصا ۽ داستان سانڍيو يونيورسٽي جي شاگردن کي سندن پڙهائي واري عمل لاءِ ڇپر ۽ ڇانو مهيا ڪنديون رهن ٿيون.
    ميلان يونيورسٽي وارو شهر پڻ تاريخي اعتبار کان يورپ جو هڪ اهم شهر آهي. هي شهر اٽليءَ جو ٻيو نمبر وڏو شهر هجڻ سان گڏ هن ملڪ جي هڪ اهم صوبي “لمبارڊي” جو گادي وارو هنڌ پڻ آهي. ميلان شهر ۾ تعليمي سهوليتن کان علاوه انٽرٽينمنٽ، ۽ ثقافتي مرڪزن سميت تاريخي ۽ تفريحي جاين جو به گهڻو تعداد موجود آهي جيڪي دنيا کان ايندڙ سياحن سميت ميلان يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ پڻ دلچسپي جو مرڪزبڻيل هوندا آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 11 نومبر 2015)


    سلامانڪا يونيورسٽي

    سلامانڪا يونيورسٽي،
    اسپين جي مشهور درسگاهه

    تاريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته اٽليءَ ڄائي هڪ کوجِي جهازران سياح ڪرسٽوفر ڪولمبس کي اڄ کان اٽڪل پنج سئو سال کن اڳ جڏهن اهو خيال آيو ته دنيا جي نامياري کنڊ ايشا کي ڳولهي لهجي ۽ اتي موجود وسيلن ۽ نعمتن مان يورپ کي به مستفيض ڪجي تڏهن هو ڊوڙي وڃي اسپين جي بادشاه فردينند (Ferdinand)۽ سندس راڻي اسابيلا (Isabella) وٽ پهتو ۽ کين التجا ڪيائين ته کيس اجازت ۽ ضروري مدد ڏني وڃي ته جيئن هو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ذريعي اولهه طرف سفر ڪري هڪ نئين دنيا جنهن کي “ ايشيا ” سڏيو وڃي ٿو تنهن کي ڳولهي لهي. فردينند هن جي انهي التجا واري درخواست کي سلامانڪا يونيورسٽي جي جاگرافي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن جي پروفيسرن اڳيان رکيو ۽ کين گذارش ڪئي ته ڪروسٽوفر ڪولمبس جي هن خواهش بابت پنهنجي ماهرانه راءِ ڏين. انهيءَ تي سلامانڪا يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن ۽ ماهرن گهڻي غور ويچارڪرڻ کان پوءِ ڪروسٽوفر ڪولمبس جي هڪ نئين دنيا کي ڳولهي لهڻ واري خواهش جي تائيد ۾ پنهنجي راءَ ڏني. سلامانڪا يونيورسٽي جي ماهراستادن طرفان اهڙي همٿ افزائي کان پوءِ 1490ع ۾ ڪولمبس اسپين جي بادشاهه فردينند کان اجازت نامو ۽ مدد حاصل ڪري ٽن ننڍن ٻيڙن ۽ چند مددگارن جو ڪافلو ٺاهي ائٽلانٽڪ سمنڊ کي جهاڳيندو اولهه طرف هڪليندو وڃي ڪئريبين ٻيٽن (Caribbean Islands) تي پهتو جن مان ڪجههويسٽ انڊيز (West Indies) جي نالي سان پڻ مشهور آهن. اهي ٻيٽ آمريڪا کنڊ ۾ اچي وڃن ٿا. هتي پهچڻ کان پوءِ ڪولمبس جو اهو گمان هيو ته هيءَ ئي هڪ نئين دنيا آهي جنهن کي ايشيا چيو وڃي ٿو پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي ڇو ته هن ايشيا کي ڳولهڻ واري پنهنجي جستجو ۾ آمريڪا کنڊ کي ڳولهي لڌو ۽ اهڙي طرح هو Discoverer of America يعني “آمريڪا کي ڳولهي لهندڙ” جولقب وٺي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه امر ٿي ويو. ڪرسٽوفر ڪولمبس جي اهڙي امرتا جو هڪڙو بنياد جيڪڏهن اسپين واري سلامانڪا يونيورسٽي کي به ليکجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه هوندو.
    مٿئين قصي کي پڙهڻ کان پوءِ هڪ سوال اڀري ٿو ته ڪرسٽوفر جنهن جو تعلق اٽليءَ سان هيو ان جو اسپين جي بادشاهه کان اجازت وٺڻ ۽ ان حوالي سان سلامانڪا يونيورسٽيءَ جي ڪردار جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ان بابت ذڪر ايندو پر پهريائين سلامانڪا يونيورسٽيءَ جو تفصيلي احوال ڪجي ٿو.
    اسپين جي گادي واري شهر ميڊرڊ کان اولهه طرف ٻه سئو تيرنهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اسپين جو هڪ خوبصورت ۽ تاريخي شهر سلامانڪا (Salamanca) واقع آهي. “دي يونيورسٽي آف سلامانڪا” قائم آهي جنهن کي صرف “سلامانڪا يونيورسٽي” يا وري سندس اسپيني ٻولي واري نالي “يونيورسيداد دي سلامانڪا” سان سڃاتو ويندو آهي. هي يونيورسٽي اسپين جي سڀ کان قديمي ۽ سموري يورپ جي ٽيون نمبر پراڻي يونيورسٽي ليکي وڃي ٿي جيڪا اڄ کان اٺ سئو اسي سال اڳ يعني 1134ع ۾ قائم ٿي هئي. اڄڪلهه هن يونيورسٽي ۾ ٽيهه هزار شاگرد داخل آهن.
    سلامانڪا يونيورسٽي جا ڪاليج، درسي ۽ انتظامي عمارتون برطانيا وارين آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج يونيورسٽين جيان سلامانڪا شهر جي مختلف علائقن ۾ ڦهليل آهن. هن يونيورسٽي جون ڇهه ڪئمپسون هن طرح آهن، جهڙوڪ ڪئمپس آف سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، ڪئمپس آف بايو هيلٿ، هسٽاريڪل ڪئمپس، ڪئمپس آف هيومنٽيز، ڪئمپس آف بزنس ائڊمنسٽريشن ۽ ڪئمپس آف سوشل سائنسز. انهن ۾ واقع جن شعبن ۾ انڊرگريجوئيشن، گريجوئيشن ۽ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگرين ۽ اعزازن لاءِ وڏي ڌيان ۽ گيان سان پڙهائي ڪئي وڃي ٿي انهن ۾ ائگريڪلچرل انجنيئرنگ، بايو ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ائنڊ آرڪيٽيڪچر، انوائرنمنٽل سائنس، نيورو سائنس، ليزر فزڪس ٽيڪنالاجي، آڊيو وزيل ڪميونيڪشن، انفارميشن سائنس ائنڊ ڊاڪومنٽيشن، هسٽري، ميوزڪ، فوڊ ٽيڪنالاجي، بزنس ائڊمنسٽريشن ائنڊ مئنيجمنٽ، ايڪنامڪس، نرسنگ، فارميسي، بايولاجي، فلاسافي، سوشالاجي فزڪس، اسٽيٽڪس، ايڪانمڪس، انگلش، عريبڪ ائنڊ اسلامڪ اسٽڊيز، هسپانڪ هسٽري، ايجوڪيشن وغيره شامل آهن.سلامانڪا يونيورسٽي ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي جي تعاون سان 1989ع ۾ قائم ٿيل “ايسوسيئيشن آف لئنگئج ٽيسٽرس اِن يورپ”، ٻولين جي سکيا ۽انهن جي ترقي جي حوالي سان وڏيون ڪوششون ڪري رهي آهي. هن يونيورسٽي ۾ اسپينش ٻوليءَ جا مخصوص ڪورسن ۾انٽرنيشنل شاگردن جو وڏو تعداد داخل ٿئي ٿو.
    سلامانڪا يونيورسٽي اڄڪلهه پنهنجي معياري تعليم، تحقيق، لئبريرين، ليبارٽرين، ريسرچ سينٽرن ۽ شاگردن لاءِ مناسب رهائش ۽ ٻين تعليمي، تفريحي سرگرمين جي سهوليتن سان آراسته قديم يونيورسٽي هجڻ جي باوجود جديد دنيا جي معيارن تي لهندڙ هڪ نامياري يونيورسٽي جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي.
    سلامانڪا يونيورسٽيءَ جي ان تفصيلي احوال کان پوءِ اچون ٿا مٿي ڇڏيل سوال جي طرف ته ڪرسٽوفر ڪولمبس جو اسپين جي بادشاهه فردينند ۽ اسابيلا سان تعلق ڪئين پئي جڙيو جو هن کي نئين دنيا ڳولهڻ لاءِ فردينند کان اجازت وٺڻي پئي جنهن ۾ سلامانڪا يونيورسٽي خاص ڪردار ادا ڪيو؟ ان جو جواب هي آهي ته فردينند ارگان Aragon) ) نالي رياست ۽ اسپين جو بادشاهه هيو، اسابيلا جيڪا خود هڪ رياست ڪيسٽائيل (Castile) جي راڻي هئي سا فردينند جي گهرواري هئي. اٽلي جيڪو ڪرسٽوفر ڪولمبس جي جنم ڀومي هيو اهو پڻ سورهين ۽ سترهين عيسوي صديءَ دوران اسپين جي قبضي هيٺ هيو جنهن ڪري ان تي پڻ اسپين جي بادشاهن جو حڪم هلندو هيو.اهو ئي سبب هيو جو ايشيا کي ڳولهڻ واري سفر لاءِ پڻ هن کي ان وقت جي اسپين جي حڪمران فردينند ۽ ان جي راڻي اسبيلا کان اجازت وٺڻي پئي هئي. فردينند اها اجازت کيس سلامانڪا يونيورسٽي جي استادن ۽ ماهرن سان مشوري کان پوءِ ڏني هئي.
    هاڻي مختصر ذڪر ڪيون ٿا سلامانڪا واري شهر سلامانڪا ۽ اسپين جو جيڪو پڻ دلچسپي کان خالي نه آهي. اسپين ڏکڻ اولهه يورپ جو هڪ تاريخي شهر آهي. اسپين کي اولهه يورپ جو ٻيو ۽ يورپي يونين جو پنجون نمبر وڏو ملڪ ليکيو وڃي ٿو. آڳاٽي زماني ۾ يورپ جا ڪجهه ٻيا ملڪ جهڙوڪ پورچوگال ۽ اٽلي وغيره پڻ اسپين جي بادشاهه جي راڄ هيٺ هوندا هيا. اسپين تي مسلمانن جي پڻ اٺين عيسوي صدي کان پندرهين عيسوي تائين ڪل ست صديون حڪومت رهي آهي. جيئن ته اتر آفريڪا جو وڏو حصو 640ع کان مسلمانن جي فتح هيٺ رهيو، جٿان مسلمانن جي لشڪر تياري ڪري 711ع ۾ طارق بن زياد جي سربراهي ۾ اسپين تي چڙهائي ڪري ان کي فتح ڪري اتي مسلمانن جي حڪومت قائم ڪئي هئي جيڪا پندرنهين عيسوي صديءَ تائين قائم رهي. بعد ۾ بادشاهه فردينند مسلمانن سان جنگيون جوٽي کين اسپين جي حڪومت تان بيدخل ڪري پنهنجو راڄ قائم ڪيو.
    سلامانڪا يونيورسٽي وارو شهر سلامانڪا اسپين۾ ساڳئي نالي واري هڪ صوبي سلامانڪا جي گادي جو هنڌ آهي. سلامانڪا تمام قديم شهر آهي جنهن ڪري يونيسڪو طرفان 1988ع ۾ هن شهر جي پراڻي حصي کي “ورلڊ هيريٽيج سائيٽ” واري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سال 2012ع جي آدمشماري جي رپورٽ موجب هن جي ڪل آبادي ٻه لک اٺاويهه هزار ماڻهن تي مشتمل آهي. هن شهر کي سلامانڪا يونيورسٽي ۽ ڪجهه ٻين درسگاهن جي ڪري تعليمي شهر هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 5 نومبر 2014)


    ائمسٽرڊئم يونيورسٽي

    ائمسٽرڊئم يونيورسٽي،
    جيڪا هيرن جواهرن جي شهر ۾ قائم آهي

    ائمسٽرڊئم يونيورسٽي ان ملڪ ۾ واقع آهي، جيڪو پهريان هالينڊ ۽ هاڻي نيڌرلينڊس جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. نيڌرلينڊس ڊچ قوم جو ملڪ آهي. جهڙي طرح اسان جي تاريخ جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ برطانيا جي انگريزن جي برِصغير ۾ واپاري مقصدن لاءِ آمد جا احوال ۽ ان کان پوءِ انهن پاران حڪمران بڻجي هن مٿان لڳ ڀڳ هڪ صدي حڪومت ڪرڻ جا جام قصا ۽ ڪهاڻيون ملن ٿيون، اهڙي طرح انگريزن جي آمد کان اڳ هن ڌرتيءَ تي ٻين يورپي توڙي ايشيائي قومن جهڙوڪ پورچوگيز، فرانسيسي، ۽ وچ ايشيائي رياستن جي قومن سميت نيڌرلئنڊس جي ڊچ واپارين جو هندوستان ۾اچڻ ۽ پوءِ هتي اچي پنهنجي اجاراداري قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ جا سر بستا احوال به ڪيترن تاريخي ڪتابن ۾ رقم ٿيل آهن. بحرحال اهو احوال وڌيڪ تفصيلي طرح ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪبو، هن مضمون ۾ ڊچن جي ملڪ نيڌرلينڊس جي ان يونيورسٽي جو ذڪر ڪريون ٿا جيڪا قائم ته سترهين صديءَ جي شروعات ۾ ڊچن طرفان هندوستان ۾ اچڻ کان ڪجهه سال پوءِ ٿي هئي پر هي يونيورسٽي اڄڪلهه نه رڳو ڊچ قوم جي نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي پر برصغير پاڪ ۽ هند سميت دنيا جي هر ملڪ جي نوجوانن لاءِ پڻ علم ۽ ادب جا دروازکولي بيٺي آهي. ان عظيم درسگاهه جو نالو آهي ائمسٽرڊئم يونيورسٽي.
    يونيورسٽي آف ائمسٽرڊئم جنهن کي ڊچ ٻوليءَ ۾ “يونيورسٽيٽ وئن ائمسٽرڊم” (UVA) يا صرف ائمسٽرڊم يونيورسٽي پڻ سڏيو وڃي ٿو سا نيڌرلينڊس جي گاديءَ واري شهر ائمسٽرڊئم ۾ قائم ٻن وڏين سرڪاري يونيورسٽين مان هڪ آهي. هي يونيورسٽي 1632ع ۾ ان وقت جي ٻن ناميارن ڊچ دانشورن “گيراردس ووسئس” ۽ “ڪئسپر برلوئس” قائم ڪئي هئي. يونيورسٽي جي انهن باني دانشورن شروعات ۾ هن درسگاهه جو نالو پنهنجي ڊچ ٻوليءَ ۾ “ ائٿينيئم السٽري” رکيو هو. ائمسٽرڊئم يونيورسٽي کي نيڌرلينڊس جي ٽن پراڻين يونيورسٽين مان هڪ هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن يونيورسٽي ۾ پنجٽيهه هزار شاگرد مختلف ڊگري ڪورسن ۾ داخل آهن.. ائمسٽرڊم يونيورسٽي ۾ هر سال دنيا جي مختلف ملڪن جا اٽڪل ٻن هزارن کان وڌيڪ انٽرنيشنل شاگرد پڻ اعليٰ تعليم لاءِ داخلائون وٺن ٿا. تدريس سان گڏ سائنٽيفڪ ريسرچ واري شعبي ۾ پڻ هي يونيورسٽي دنيا ۾ نيڪنامي رکي ٿي. هڪ اندازي موجب هر سال هن يونيورسٽي جي استادن، سائنسدانن ۽ شاگردن جون اٺ هزار سائنٽيفڪ پبليڪشنس منظرعام تي اچن ٿيون. دنيا جي درسگاهن جو معيار جاچيندڙ اداري “ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ” جي گذريل سال واري سروي مطابق ائمسٽرڊئم يونيورسٽي تدريسي، تحقيقي ۽ انتظامي معيار جي حوالي سان دنيا جي اٺونجاهون اهم يونيورسٽي آهي. ساڳئي اداري جي 2011ع واري رپورٽ مطابق هي يونيورسٽي، سائنس، جاگرافي، فلاسافي، ائڪنامئٽرڪس، سوشالاجي، لنگئسٽڪس۽ ايڪنامڪس وارن تدريسي شعبن ۾ دنيا جي پنجاهه اعليٰ معياري يونيورسٽين ۾ شامل آهي.هن يونيورسٽي جي استادن ۽ سائنسدانن پنهنجين نمايان تحقيقن عيوض ڇهه نوبيل انعام ۽ ست اسپينوزا انعام حاصل ڪيا آهن.
    ائمسٽرڊئم يونيورسٽي جي مکيه عمارت نيڌرلينڊس جي وڏي شهر ائمسٽرڊئم جي مرڪزي علائقي ۾ واقع آهي جڏهن ته هن جي ستن فئڪلٽين مان ڪجهه فئڪلٽيون ۽ اسڪول هن جي ڀرپاسي وارين ٻين علائقن ۾ واقع آهن. يونيورسٽي جي خاص فئڪلٽين ۾ فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف ميڊيسن، فئڪلٽي آف ڊينٽسٽري، فئڪلٽي آف بِهَيوريَل سائنس، فئڪلٽي آف هيومنٽيز، فئڪلٽي آف لا ۽ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز شامل آهن. انهن فئڪلٽين ۾ دنيا جي جديد علمن جا سڀئي شعبا تدريس ۽ تحقيق واري عمل ۾ پاڻ ملهائيندا رهن ٿا.
    ائمسٽرڊئم يونيورسٽي جي قيام واري تاريخي عمل تي نظر ڦيرائڻ سان خبر پئي ٿي ته هن يونيورسٽي کان پهريان نيڌرلينڊس واري پوري وسيع صوبي ۾ صرف هڪ يونيورسٽي هوندي هئي جيڪا “ ليئڊن يونيورسٽي” جي نالي سان سڏبي هئي. ائمسٽرڊئم ۾ هڪ وڌيڪ معياري اعليٰ تعليمي اداري جي ضرورت کي محسوس ڪندي اتان جي شهري حڪومت لئيڊن يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن ۽ دانشورن جو سهڪار حاصل ڪيو جن “ ائٿينيم السٽري” نالي سان 1632ع ۾ ائمسٽرڊئم شهر ۾ هڪ تعليمي ادارو جوڙيو جتي شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. هن درسگاهه جا اهي ٻئي باني پروفيسر”گيراردس ووسئس” ۽ “ڪئسپر برلوئس” پڻ هن اداري ۾ تاريخ ۽ فلاسافي جا سبجيڪٽ پڙهائيندا هيا. توڙي جو هي ادارو ائمسٽرڊئم ۽ ان جي آس پاس جي علائقن جي شاگردن جي تعليمي ضرورتن جي پورائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو تاهم هن کي اڃا يونيورسٽي وارو درجو حاصل ڪونه ٿيو هيو، تنهنڪري هتان تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هتان جا شاگرد وري به ڪنهن ٻئي پاسي ڪنهن يونيورسٽي ۾ وڃڻ لاءِ پيا نهاريندا هيا. انهيءِ کوٽ کي محسوس ڪندي هتان جي حڪومتهن درسگاهه کي 1961ع ۾هن جو درجو وڌائي کيس “يونيورسٽي آف ائمسٽرڊئم” جو نالو ڏنو. هن يونيورسٽي ۾ ڊچ ۽ انگريزي ٻولين ۾ تدريس جوعمل ڪيو وڃي ٿو.
    هي يونيورسٽي ڇوڪرين لاءِ پڻ پسنديده تعليمي اداري جي حيثيت رکي ٿو جنهن جو اندازو ان حقيقت مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هن يونيورسٽي ۾ اٺونجاهه سيڪڙو ڇوڪريون ۽ ٻاونجاهه سيڪڙو ڇوڪرا پڙهن ٿا. هتان جي شاگردن جي آباديءَ ۾ ڊچ شاگردن سميت ايشيا، نارٿ ۽ سائوٿ آمريڪا، آفريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جا شاگرد پڻ شامل آهن. هڪ اندازي مطابق هن يونيورسٽيءَ ۾ زيرِ تعليم ڪل شاگردن جو ست سيڪڙو انٽرنيشنل شاگردن تي مشتمل آهي.
    ائمسٽرڊئم يونيورسٽي ۾ هڪ وسيع سينٽرل لائبريري کان علاوه هن جي مختلف تدريسي شعبن ۾ ستر کان وڌيڪ شعباجاتي لائبريريون قائم آهن. سينٽرل لئبريري ۾ اٽڪل چاليهه لک ڪتاب موجود آهن. انهيءَ کان علاوه هن جي ڊپارٽمنٽ آف رَيئر پِريوَيس وَرڪ ۽ مئنو اسڪرپٽ ميوزم ۾ ستر هزار کن قلمي نسخا ۽ مسودا، لکن جي تعداد ۾ تاريخي خط ۽ اٽڪل سوا لک مختلف نقشا موجود آهن. ائمسٽرڊئم يونيورسٽي پريس هن يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ تحقيق جي نتيجي ۾ تيار ٿيندڙ ڪتاب ۽ ٻيو مواد ڇاپيندي رهي ٿي.
    ائمسٽرڊئم يونيورسٽي مان نيڌر لينڊس سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا ڪي ئي اهڙا شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا آهن جيڪي سائنس، اقتصاديات، سياست، حڪومتي معاملن ۽ سماج جي ٻين شعبن ۾ پنهنجي نمايان ڪارڪردگي جي ڪري پنهنجي ملڪ ۽ دنيا جي اهم شخصيتن جو درجو ماڻي چڪا آهن. اهڙن شخصيتن ۾ نيڌر لينڊس جا ٻه اڳوڻا وزير اعظم پيٽر لنڊين ۽ جوپ ڊين ائل، اڳوڻا وزير فرٽس بولڪيسٽن، ايلس بورسٽ، فرئنڪ هيمسڪرڪ، وم ڊيوسبرگ، ناميارا سائنسدان ۽ نوبيل انعام يافته ڪرسٽين ايجڪسن، ايلس جيفري، ايم اي ليون، مشهور ليکڪ ۽ اديب مينو براڪ، فيڊرڪ هيرمن شامل آهن.
    سنڌ جون ڪافي شخصيتون پڻ نيڌرلينڊس جي مختلف يونيورسٽين ۽ ٻين درسگاهن مان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري آيون آهن، ڪجهه سنڌي نوجوان اڃا به اتي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شهيد زيڊ.اي.ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جو پروفيسر انجنيئر اياز حسن ابڙو رايل ڊچ فيلوشپ جو مالي تعاون حاصل ڪري نيڌر لينڊس جي آرنيم صوبي ۾ قائم هڪ اداري انٽرنيشنل لئنڊ ريڪليميشن ائنڊ امپرومنٽ مان لينڊ ڊرنيج متعلق ٽريننگ ڪورس ڪري آيو آهي. انهي کان علاوه شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي پروفيسر سميا شاهه نيڌرلينڊس جي واخنگھن يونيورسٽي مان بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آئي آهي. ساڳي يونيورسٽي جوهڪ استاد عرفان ميراڻي پڻ نيڌرلينڊ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄا م ۾ انجنيرنگ جو پروفيسر سراج سيال، زاهد ملڪ ۽ سنڌ جي ماحولياتي تحفظ واري اداري جو شهاب ميمڻ پڻ نيڌرلئنڊس مان تعليم حاصل ڪري آيا آهن.
    ناميارين يونيورسٽين ۽ حسين نظارن وارو ملڪ نيڌرلينڊس يورپ جو هڪ اهم ملڪ آهي جيڪو ٻارنهن صوبن تي مشتمل آهي ۽ هن جا ڪئيربيئن سمنڊ ۾ ٽي ٻيٽ پڻ آهن. نيڌرلينڊس وارو ملڪ “ڪنگڊم آف نيڌرلينڊس” جو جز آهي.نيڌرلينڊس کي هالينڊ جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي، جڏهن ته اڄڪلهه اتر هالينڊ ۽ ڏکڻ هالينڊ هن جي ٻارنهن صوبن ۾ شامل آهن. نيڌرلينڊ هن حوالي سان به دنيا جو هڪ منفرد ملڪ آهي جو هن ملڪ جو وڏو حصو سطح سمنڊ کان هيٺ آهي.هن جي گادي وارو شهر ائمسٽرڊئم آهي، جڏهن ته هن ملڪ جو حڪومتي ڪاروبار هتان جي مشهور شهر “هيگ” مان هلايو ويندو آهي. ائمسٽرڊئم ۾ هيرن ۽ جواهرن جو وڏو مارڪيٽ آهي جنهن ڪري هن کي ڊائمنڊ سِٽي پڻ سڏيندا آهن. تعليم لاءِ نيڌرلينڊس ڏانهن سفر ڪرڻ جي خواهش رکندڙ سنڌي نوجوان نيڌرلينڊس ۾ تعليم پرائڻ سان گڏ نه رڳو اتان جي ماڳن مڪانن، تفريحي جاين ۽ هيرن جي مارڪيٽن جا جلوا پسي سگھن ٿا پر اتان تعليم جي زيور سان آرستا ٿي سماج کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ هيرن کان به وڌيڪ قيمتي ۽ ڪارج ڀريو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.

    (ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين، 5 مارچ 2015)


    لائيڊن يونيورسٽي

    لائيڊن يونيورسٽي،
    جيڪا نيڌرس لينڊ جي چار سئو سال پراڻي يونيورسٽي آهي

    لائيڊن يونيورسٽي جيڪا اولهه يورپ جي هڪ خوبصورت ملڪ نيڌرلينڊس ۾ واقع آهي، تَنهن جي قيام جو ڪريڊٽ پرنس آف اورينج ڏانهن وڃي ٿو. ممڪن آهي ته اوهان مان ڪجهه پڙهندڙ “پرنس آف اورينج” (Prince of Orange) جو مطلب “ نارنگين جو شهزادو” ڪڍندا هجن، ڇاڪاڻ جو انگريزي ٻوليءَ ۾ اورينج “نارنگي” ميوي کي ئي چئبو آهي، ۽ شايد اهو به سمجهندا هجن ته جيئن سنڌ جي ضلعي ميرپورخاص ۾ هڪ سنڌي آبادگار کي ، “ڪِنگ آف مئنگوز” (King of Mangoes) يعني “ انبن جوبادشاهه” جو لقب مليل آهي ڇاڪاڻ ته هن جي سوين ايڪڙ زمين تي “سنڌڙي” نالي دنيا جا بهترين انب پئدا ٿيندا آهن، اهڙي ئي طرح نيڌرلينڊس واري لائيڊن يونيورسٽي جي باني کي به ڪي هزارين ايڪڙ زررعي زمين هئي جنهن تي دنيا جون بهترين نارنگيون پئدا ٿينديون هيون جنهن ڪري کيس به نارنگين جو شهزادو سڏيو ويندو هيو. پر دوستو ڳالهه ائين ناهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته لائينڊن يونيورسٽي جي باني جو نالو وليم(William) هيو. وليم جو پيءُ “ڪِنگڊم آف نيڌرلينڊس” جو بادشاهه هيو ۽ بعد ۾ وليم پاڻ به نه رڳو “ڊَچ انقلاب” جو اڳواڻ بڻيو جنهن نيڌرلينڊس کي اسپين جي اجاراداري مان آزاد ڪرايو پر هو نيڌرلينڊس جو حڪمران پڻ بڻيو هيو.ان دور ۾ “اورينج” شهر جيڪو اڄڪلهه ڏکڻ فرانس جو حصو آهي سو پڻ نيڌرلينڊس ۾ ئي هيو ۽ ان نسبت سان نيڌرلينڊس جي هن انقلابي حڪمران “وليَم” کي “پرنس آف اورينج” جو لقب ڏنو ويو هيو. اهڙي طرح سندس شاهي گهراڻي کي پڻ “هائوس آف اوريج” سڏيو ويندو هيو. هي اهو ئي وليم پرنس آف اورينج هيو جنهن نيڌرلينڊس جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان هڪدم ئي پوءِ نيڌرلينڊس جي شهر لائيڊن ۾ اعليٰ تعليم جي ضرورت جي مدِ نظر اڄ کان چار سئو چاليهه سال اڳ يعني 1575ع ۾ هڪ بهترين درسگاهه جو قيام عمل۾ آندو.جيڪو درسگاهه پنهنجي شهر جي نالي پٺيان سڃاڻپ حاصل ڪري اڄ به “لائيڊن يونيورسٽي” جي نالي سان دنيا جي علمي افق تي روشن ستاري جيان چمڪندو رهي ٿو.
    لائيڊن يونيورسٽي (Leiden University) نيڌرس لينڊ جي ٻيو نمبر قديم يونيورسٽي آهي. هن کان اڳ هن ملڪ۾ صرف هڪ ئي يونيورسٽي هئي جنهن جو نالو “ يونيورسٽي آف ليووين” آهي، جيڪا نيڌرلينڊس جي ڏاکڻي حصي ۾ هن جي هڪ شهر ليويون ۾ قائم آهي. نيڌرلينڊس جي اترئين حصي جي نامياري صوبي “سائوٿ هالينڊ” جي خوبصورت شهر لائيڊن ۾ پهريون اعليٰ درسگاهه لائيڊن يونيورسٽي ئي آهي. لائيڊن يونيورسٽي جي تعليمي ۽ تحقيقي معيار ۽ هن جي اعليٰ ڪارڪردگي جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي تي ته هن يونيورسٽي سان وابسطه ناميارن محققن، سائنسدانن، استادن ۽ اڳوڻن شاگردن سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ سماجيات جي مختلف شعبن ۾ پنهنجين نت نين تحقيقن ۽ دريافتن جي عيوض سترنهن نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن. لائيڊن يونيورسٽي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته دنيا جو ناميارو سائنسدان آئن اسٽائين ڪجهه سال هن يونيورسٽي ۾ پڻ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان تدريسي ۽ تحقيقي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو هو.
    لائيڊن يونيورسٽي اڄڪلهه سائنس، ميڊسن، بهيوريل سائنسز، نيچرل سائنسز، هيومنٽيز ۽ سوشل سائنسز ۾ دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ ليکي وڃي ٿي. هن نامياري درسگاهه جي نيڌرلينڊس جي علمي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن ملڪ اندر سائنس واري شعبي م نمايان ڪم ڪندڙ ادارن جي لاءِ رکيل اعليٰ ايوارڊ “اسپينوزاپريمائي” جنهن جو ڪل تعدا ستهتر آهي ان مان اڻويهه ايوراڊ لائيڊن يونيورسٽي جي سائنسدانن حاصل ڪري ورتا آهن.
    ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ مطابق لائيڊن يونيورسٽي نيڪنامي واري حوالي سان دنيا ۾ پنجهتر نمبر تي آهي. لائيڊن يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن مان ڪيترن ئي پنهنجي نمايان ڪارڪردگي جي بنياد تي سماج جي مختلف شعبن ۾ وڏي نيڪنامي حاصل ڪئي آهي. لائيڊ يونيورسٽي جي اهڙن اڳوڻن شاگردن ۾ ڪنگڊم آف نيڌرلينڊس جو اڳوڻو بادشاهه وليم ايلنگزينڊر، ۽ هن ئي بادشاهت جون ٻه راڻيون ڪوئين جيولانا ۽ ڪوئين بيٽرڪس پڻ شامل آهن. هن يونيورسٽي سان شاگردن يا استادن جي حيثيت ۾ وابسطه ٻين شخصيتن ۾ برطانيا جو اڳوڻو بادشاه وليم ٽيون، آمريڪا جو ڇهون صدر جان ڪيونسي ائڊمس، برطانيا جواڳوڻو وزيراعظم جان اسٽاوٽ ٿرڊ ارل آف بيوٽ، گهانا جو وزيراعظم ڪوفي ابرفا بيسا، سائوٿ آفريڪا جو اڳوڻو صدر نڪولس ڊيڊرچ، البانيا جو ناميارو سائنسدان ڊمر بشاتي، انڊونيشايا جا ٻه اڳوڻا وزير اعظم علي ساسڊروميڊجو، سوئيٽن ساجهرر، ساڳي ئي ملڪ جا ٽي اڳوڻا نائب صدر محمد هتا، بوئيڊونيو ۽ سري سلطان هيمڪو، نيڌرلينڊس جا اڳوڻا وزيراعظم نڪولس گرارڊ پئيرسن، مارڪ ريوٽ، چارلس ريوجس بيرينبروڪ، اڳوڻو ڊپٽي پرائيم منسٽر فرسٽ بوڪسٽن، نيڌر لينڊس جي پرنسز مارگريٽ ۽ دنيا ٻيا ڪيترا ئي مشهور سياستدان، سائنسدان ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون شامل آهن
    لائينڊن يونيورسٽي جون ست فئڪلٽيون هن ريت آهن جهڙوڪ فئڪلٽي آف نيچرل سائنس ائنڊ ميٿميٽڪس، فئڪلٽي آف ميڊيسن يا لائيڊن يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر، فئڪلٽي آف آرڪيالاجي، فئڪلٽي آف هيومنٽيز، فئڪلٽي آف سوشل ائنڊ بهيوريل سائنس ۽ دِي هيگ ڪئمپس. انهن ۾ جديد علمن جا سڀئي تدريسي ۽ تحقيقي شعبا موجود آهن.يونيورسٽي جي ناميارن ريسرچ انسٽيٽيوٽن ۾ انسٽيٽيوٽآف انوائرنمنٽل سائنسز، ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل ليگل اسٽڊيز، سينٽر فار سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي، ريسرچ سينٽر فار لئنگوج ائنڊ ائڊنٽٽي، ڪرائيسزريسرچ سينٽر وغيره شامل آهن.
    لائيڊن يونيورسٽي جي لائبريري ۾ اٽڪل پنجهتر لک ڪتاب، ۽ بيو مواد هر وقت پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ موجود هجي ٿو. انهيءَ کان علاوه هن يونيورسٽي جو ريڊيو ۽ ٽي وي سسٽم ۽ نيوز ليٽرس پڻ آگاهي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا. لائيڊن يونيورسٽي جو موٽو (Motto) يعني مقصد يا مول آهي “Bastion of Freedon” جنهن جي معنيٰ آهي “آزاديءَ جو قلعو”. هونئن به سچ اهو ئي آهي ته تعليمي ادارا آزاديءَ جا علمبردار هوندا آهن جيڪي علم ذريعي ماڻهو کي باشعور بڻائي کيس هر قسم جي غلاميءَ کان نجات حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
    بحرحال لائيڊن يونيورسٽي جيڪا نيڌرلينڊس جي شهر لائيڊن ۾ واقع آهي اهو شهر پڻ پنهنجي ٻين حسناڪين جي باوجود لائيڊن يونيورسٽي جي حوالي سان يونيورسٽي سِٽي طورسڃاتو وڃي ٿو. هن شهر جي ڪل آبادي اٽڪل هڪ لک ٻاويهه هزار ماڻهن تي مشتمل آهي جن ۾ لائيڊن يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ اٽڪل ٽيهه هزار شاگرد پڻ هڪ خوبصورت ۽ باشعور اضافي طور ڏٺا وڃن ٿا. جيڪڏهن اوهان به نيڌرلينڊس جي لائيڊن يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا خوبصورت خواب ڏسو ٿا ته پوءِ انهن خوابن جو تعبير پنهنجي محنت، همٿ ۽ صلاحيتن ۾ تلاش ڪري لائيڊن يوينورسٽي جي شاگردن جي آباديءَ ۾ هڪ خوبصورت اضافو بڻجي سگهو ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 28 آڪٽوبر2015)


    نيوزيلينڊ جي ڪئنٽربري يونيورسٽي

    نيوزيلينڊ جي ڪئنٽربري يونيورسٽي

    مون جڏهن نيوزيلنيڊ جي ڪئنٽربري يونيورسٽيتي لکڻ جوفيصلو ڪيو ته “ڪئنٽربري” جي نالي سان هڪ کان وڌيڪ دلچسپ موضوع منهنجي اڳيان اڀري آيا. جهڙوڪ؛ لنڊن جي “ويسٽمنسٽر اَبي” (Westminster Abbey) واري قبرستان جي“ شاعرن واري ڪارنر” ۾ دفن ٿيل “انگريزي ادب جي اَبي” (Father of English Literature) ۽ نامياري ليکڪ جيفري چاسر جون آکاڻيون “ڪئنٽربري ٽيلس”، برطانيا جي صوبي انگلينڊ جو مشهور شهر “ڪئنٽربري” ۽ ان شهر ۾ واقع “ڪئنٽربري ڪرائيسٽ چرچ يونيورسٽي” ۽ “ڪئنٽربري ڪئٿيڊرل” وغيره.بحرحال هن مضمون ۾ برطانيا واري ڪئنٽربري نه پر پئسيفڪ سمنڊ جي ٻيٽن تي واقع ملڪ نيوزيلينڊ واري “ ڪئنٽربري يونيورسٽي” جو تفصيلي احوال معلوم ڪريون ٿا.
    اها اڄ کان اٽڪل ڏيڍ صدي کن اڳ جي ڳالهه آهي ته نيوزيلينڊ جي شهر “ڪرائيسٽ چرچ” ۾ اعليٰ تعليم جي سهوليتن ۾ واڌاري ڪرڻ لاءِ اتي هڪ نئون ڪاليج قائم ڪيو ويو. ان ڪاليج ۾ ان دور مطابق اهم تدريسي ۽ تحقيقي شعبا قائم ڪري انهن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف درسگاهن ۾تدريسي ڪم ڪندڙ ٽن اهڙن ناميارين ۽ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ماهر پروفيسرن کي هن ڪاليج ۾ اچي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي جيڪي نه رڳو هن ڪاليج جا صرف استاد ئي اچي بڻيا پر انهن هن نيوزيلينڊ جي ڪاليج جي ترقي لاءِ پنهنجي سچائي ۽ ارپنا سان ايترو ته بنيادي ڪم ڪيو جو انهن ٽنهي ڄڻن هن ڪاليج جي بانين واري حيثيت حاصل ڪري ورتي. اهي ٽئي پروفيسر جيڪي پاڻ برطانيا جي مختلف تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪري ۽ اتي جي مختلف درسگاهن ۾ ڪجهه عرصو درس وتدريس جو ذميواريون سرانجام ڏئي نيوزلينڊ واري هن ڪاليج ۾ اچي رسيا هيا ۽ ان جا باني به بڻيا، اهي هيا چارلس هينري هربرٽ ڪُڪ ( هن ڪاليج جي مئٿميٽڪس شعبي جو باني)، اليگزينڊروليم بڪرٽن ( ڪيمسٽري جي شعبي جو باني) ۽ جان مئڪملن برائون ( ڪلاسيڪي انگريزي ادب ۽ فلاسافي شعبن جو باني).
    نيوزيلينڊ جي ڪرائيسٽ شهر ۾1873ع ۾ قائم ڪيل هن ڪاليج جي نسبت ۽ تعلق برطانيا جي مذهبي طور مقبول شهر ڪئنٽربري سان ڳنڍڻ لاءِ ان جو نالو “ ڪئنٽربري ڪاليج” رکيو ويو هيو. حقيقت ۾ هن نئين قائم ٿيل درسگاهه جو نالو “ڪئنٽربري ڪاليج” ٻن سببن جي ڪري تجويز ڪيو ويو هو؛ هڪ اهو ته اوائلي ڏينهن ۾ برطانيا جي شهر ڪئنٽربري ۽ ان جي آس پاس مان ڪافي تعداد ۾ ماڻهو لڏي اچي نيوزيلنڊ جي هن شهر ۾ آباد ٿيا هيا ۽ انهن جي سماجي ڀلائي واري تنطيم “ ڪئنٽربري ايسوسيئيشن” هن ڪاليج جو نالو “ڪئنٽربري ڪاليج” رکرائي پنهنجي پراڻي شهر جي ياد تازي ڪرڻ ٿي گهري ۽ ٻيو ته انگلينڊ جو شهر ڪئنٽربري دنيا ۾ عيسائي عقيدو رکڻ وارن ماڻهن لاءِ وڏي حيثيت جو حامل آهي. اهو هن طرح ته جڏهن پنجين عيسوي صديءَ ۾ اڃا انگلينڊ ۾ مسيحي مذهب گهڻوعام ڪو نه ٿيو هيو تڏهن اٽليءَ جي شهر روم ۾ عيسائين جي مذهبي ۽ روحاني پيشوا پوپ “گريگري دي گريٽ” (Pope Gregory the Great) پنهنجي حلقي جي هڪ نامياري مذهبي مبلغ سينٽ آگسٽائين کي عيسائيت جي پرچار ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ڏانهن موڪليو هو. سينٽ آگسٽائين اهو مقصد کڻي پنهنجي ڪافلي سان گڏ 597ع ۾ انگلينڊ جي شهر ڪئنٽربري ۾ اچي پهتو. انگلينڊ جو بادشاهه البرٽ جيڪو ان وقت لادين هيو پر سندس گهرواري مسيحي مذهب سان تعلق رکي پئي تنهن پنهنجي زال جي مشوري تي سينٽ آگسٽائين جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ بعد ۾ سينٽ آگسٽائين جي تعليم ۽ تبليغ جي اثر هيٺ اچي عيسائي عقيدو قبول ڪيائين. سينٽ آگسٽائين ڪئنٽربري شهر ۾ پهريون چرچ ۽ مونيسٽري (Monastery) قائم ڪري هن شهر کي پنهنجي پرچار جو مرڪز بڻايو. انهيءَ ڪري عيسائي عقيدي جي ماڻهن لاءَ هي شهر اهم بڻجي ويو جنهن ڪري نيوزيلينڊ ۾ قائم مٿي ڄاڻايل ڪاليج جو نالو انهيءَ نسبت سان به“ ڪئنٽربري ڪاليج” رکيوويو.
    نيوزيلينڊ (New Zealand) جي خوبصورت شهر ڪرائيسٽ چرچ جي مرڪز ۾ واقع هن ڪئنٽربري ڪاليج کي شروعاتي ڏينهن ۾ يونيورسٽي آف نيوزيلينڊ سان منسلڪ ڪيو ويو هيو ته جيئن هن ڪاليج ۾ پنهنجا ڪورس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هتان جا شاگرد گريجوئيشن واري ڊگري حاصل ڪري سگهن. انهيءَ ڪري ڪئنٽربري ڪاليج کي يونيورسٽي آف نيوزيلينڊ منسلڪ ڪاليج طور پڻ سڃاتو ويندو هيو. ڪئنٽربري ڪاليج کي اهو به اعزاز حاصل هيو ته هي ڪاليج نيوزيلينيڊ ۾ اعليٰ تعليم جو ٻيو نمبر آڳاٽو ڪاليج هيو. هي ڪاليج پنهنجي محنتي ۽ ماهر پروفيسرن ۽ ٻئي مددي عملي جي محنت سان تيزي سان ترقي ڪرڻ لڳو جنهن جي ڪر نه صرف ڪرائسٽ چرچ شهر پر نيوزيلينڊ جي ٻين شهرن کان پڻ وڏي تعداد ۾ شاگرد هتي اچي تعليم پرائڻ لڳا. ان ڳالهه جي مدِنظر 1933ع ۾ هن ڪاليج جو نه رڳو درجو وڌايو پر سندس نالو پڻ تبديل ڪيو، جنهن ڪري هي ڪاليج هاڻي ڪئنٽربري ڪاليج جي بدران “ڪئنٽربري يونيورسٽي ڪاليج” سڏجڻ لڳو. ان کان پوءِ 1957ع ۾هن کي مڪمل ۽ خود مختيار يونيورسٽي بڻائي هن جو نالو “يونيورسٽي آف ڪئنٽربري” ( University of Canterbury) رکيو ويو. هن جي فئڪلٽين ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف آرٽس ائنڊ سوشل سائنسز، فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، فئڪلٽي آف ڪامرس، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف فاريسٽري، فئڪلٽي آف اِسپيچ ائنڊ لئنگِوِج، فئڪلٽي آف هيلٿ سائنس، فئڪلٽي آف ميوزڪ، فئڪلٽي آف سوشل ورڪ، فئڪلٽي آف اسپورٽس ڪوچنگ، فئڪلٽي آف ٽيچنگ ۽ فئڪلٽي آف فائين آرٽس وغيره شامل آهن.
    ڪئنٽربري يونيورسٽي، جتي اٽڪل پنجويهه هزار شاگرد هتان جي مختلف تدريسي ۽ تحقيق شعبن ۾ گريجوئيشن، ماسٽرس ۽ پي ايچ ڊي جي ڊگرين لاءِ زير تعليم آهن، تنهن ۾ مختلف ريسرچ لئبارٽرين، انسٽيٽيوٽس، اسڪولن ۽ ڪاليجن کان علاوه هڪ وڏو سينٽرل لائبريري سسٽم پڻ موجود آهي جيڪو سموري ڪئمپس جي ٻين لئبريرين کي به پنهنجي سنڀال ۽ رابطي هيٺ رکي ٿو. هنن لئبريرين ۾ لکن جي تعداد ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب، ريسرچ جرنل ۽ ٻيو ڊجيٽل توڙي پرنٽ مٽيريل پڻ موجود آهي.يونيورسٽي جي فزڪس ۽ ايسٽرانامي ڊپارٽمنٽ جي بهترين فيلڊ ريسرچ لئبارٽرين سميت يونيورسٽي جي پارٽر ڊپارٽمنٽس جون پڻ فيلڊ لئبارٽريز آهن جتي پڻ سائنسي تحقيق وارو عمل باقاعدگي سان ٿيندو رهي ٿو.
    ڪئنٽربري يونيورسٽي جي خوبصورت ڪئمپس نيوزيلنڊ جي ٻئي نمبر وڏي شهر ڪرائيسٽ چرچ جي ڪاروباري ۽مرڪزي علائقي کان اٽڪل پنج ڪلوميٽر ٻاهر هڪ پرسڪون ماحول ۽ علم دوست علائقي ۾ واقع آهي. شاگردن جي رهائش لاءِ آرمده ڇهن ڪشادين هاسٽلين ۽ هالن سميت انهن جي جسماني ۽ ذهني نشو نما لاءِ به ٻيون کوڙ سهوليتون ميسر آهن.
    ڪئنٽربري يونيورسٽي وارو ملڪ نيوزيلينڊ آسٽريليا کان اوڀر ۾ اٽڪل 1500 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ اولهه پئسيفڪ سمنڊ ۾ٻن وڏن ۽ کوڙ سارن ننڍن ٻيٽن جي هڪ جهڳٽي تي مشتمل هڪ ننڍڙو پر خوبصورت ملڪ آهي. زرعي معاشيات رکندڙ هن ملڪ جي ڪل آبادي اٽڪل پنجيتاليهه لک ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ هن جي گاديءَ جو هنڌ ويلنگٽن شهر ۾ آهي. نيوزيلنيڊ جي سرڪاري زبانون انگريزي ۽ مائوري آهن جيڪا اتان جي اصلوڪن ماڻهن جي زبان پڻ آهي. هي ملڪ، پئسيفڪ سمنڊ ۾ زمين جي ٻن ٽڪرن تي آباد آهي جن کي اتر ٻيٽ ۽ ڏکڻ ٻيٽ سڏيو وڃي ٿو. نيوزيلينڊ وارن ٻيٽن کي يورپ جي هڪ ملڪ نيڌرلينڊ (جنهن کي هالينڊ پڻ سڏيو ويندو آهي)، جي هڪ ڊچ نسل جي جهازران تاسمن 1642ع ۾ ڳولهي لڌو هو، تنهنڪري هن پنهنجي ملڪ نيڌرلينڊ (Netherlands) ۾ واقع هڪ صوبي “زيلينڊ” (Zealand) جي ياد ۾ هنن نون لڌل ٻيٽن جو نالو نيوزيلينڊ (New Zealand) رکيو جنهن سان اڄ تائين هي ملڪ مشهور آهي. نيوزيلينڊ تي ڊچن (Dutches) کان پوءِ 1840ع ۾برطانيا جو قبضو ٿيو ۽ اهڙي طرح نيوزيلينڊ کي برطانيا جي هڪ ڪالوني بڻايو ويو. اهو ئي سبب آهي جو هن ملڪ ۾ يورپي نسل جي ماڻهن جي اڪثرتت آباد آهي. بحرحال نيوزيلينڊ 1931ع ۾ آزدي ماڻي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو آهي. هن خوشحال ملڪ جي معشيت جو گهڻو تڻو دارومدار زراعت ۽ ٽوئراِزم تي آهي.
    نيوزيلينڊ جي جنهن شهر ۾ڪئنٽربري يونيورسٽي واقع آهي ان جو به قصو کوڙ دلچسپ آهي. هن شهر جو نالو ڪرائيسٽ چرچ آهي. هي شهرنيوزيلينڊ جي ڏکڻ ٻيٽ تي واقع سڀني شهرن کان وڏو آهي، جڏهن تي آباديءَ جي لحاظ کان ڪرائيسٽ چرچ شهر سموري نيوزيلينڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. هن شهر جي آبادي اٽڪل ساڍا ٽي لک کن ماڻهن تي مشتمل آهي. ڪرائيسٽ چرچ شهر جنهن جي وچ مان “اَيوَن رِوِر” نالي هڪ ندي پنهنجو گذر گاهه ٺاهي هن شهر کي فطري حسن جي ڪيترن ئي تحفن سان نوازيو آهي، ان شهر ۾ ڪئنٽربري يونيورسٽي سان گڏ ٻين تعليمي،ثقافتي، تاريخي ۽ تفريحي اهميت جي ادارن، ماڳن ۽ مڪان پڻ هن شهر جي حسن ۾ حيرت جهڙن حقيقتن جو اضافو ڪيو آهي. هتان جي ڪئنٽربري يونيورسٽي ۾ تعليم لاءِ ايندڙ نوجوان پنهنجي علم ۾ وڌاري ڪرڻ سان گڏ ڪرائيسٽ چرچ سميت نيوزلينڊ جي ٻين تفريح گاهن مان پڻ حظ حاصل ڪري سگهن ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 13 مئي 2015)


    ارسٽاٽل يونيورسٽي

    ارسٽاٽل يونيورسٽي،
    جيڪا ارسطوءَ جي نالي پٺيان قائم آهي

    يونان جو عظيم فلاسافرجنهن کي پاڻ ارسطو جي نالي سان سڃاڻون ٿا تنهن کي سندس جنم ڀوميءَ سميت دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ ارسٽاٽل (Aristotle) جي نالي سان ئي سڃاتو ويندو آهي. هن جي نالي پٺيان قائم ڪيل ارسٽاٽل يونيورسٽي حقيقت ۾ نه رڳو ارسطو جي ديس يونان جنهن کي عام طور تي “ گريس” (Greece) سڏيو ويندو آهي، جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم جي سهوليتن سان آراستا ڪرڻ جي قابل قدر ڪوشش آهي پر ارسطو کي ارپيل هي يونيورسٽي يونان جي هن دانشور کي سندس لاثاني علمي خدمتن جي عيوض سندس قوم پاران هڪ معتبر خراج تحسين پيش ڪرڻ جو علامتي قدم پڻ آهي. ارسٽاٽل يونيورسٽي جوتفصيلي احول ته اڳين سٽن ۾ ضرور ايندو پر هن جي پسمنظر ۾ ارسٽاٽل (ارسطوءَ) جي عظيم شخصيت ۽ سندس پاران تعليم ۽ شعور جي ترقي لاءِ ڪيل خدمتون به اوچو ڳاٽ کنيون بيٺل نظر اچن ٿيون، جن تي ٿورڙي روشني وجهڻ سان هن يونيورسٽي جي اهميت اڃا به وڌيڪ اجاگر ٿيندي.
    ارسطو کي يونان جي پهرينءَ صف وارن ناميارن فلاسافرن، استادن ۽ دانشورن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو. هو پاڻ پنهنجي وطن جي هڪ ٻئي عظيم استاد ۽ فلاسافر افلاطون ( Plato) جو شاگرد هيو ۽ ننڍيءَ عمر ۾ دنيا جي ڳچ حصي کي فتح ڪندڙ مقدونيا جي حڪمران سڪندرِاعظم (Alexander the great) جو استاد هيو.روايتي طور تي اهو چيو وڃي ٿو ارسطو ٻاتڙو ڳالهيندڙ، ننڍين اکين، سنهين ڄنگهن ۽ وارن کان خالي مٿي وارو سادي شخصيت رکندڙ شخص هيو پرخوش لباسي سندس عادت بڻيل هئي. يونان جي هڪ قديمي شهر “اسٽيجائرس” جي ڌرتيءَ تي 384 قبل مسيح ۾ جنم وٺي ڪل ٻاهٺ سالن جي عمر ماڻي 322 قبل مسيح ۾ پرلوڪ پڌاري ويندڙ هي فلاسافر منطق (Logic) ، طبيعات ( Physical Science)، مابعدالطبيعات (Metaphysics)، حياتيات (Biology) ، نفسيات (Psychology)، اخلاقيات(Ethics) ، سياسات (Political Sicence) ، فنِ خطابت (Rehtoric) ۽ فلڪيات (Astronomy)وارن علمن ۾ وڏي مهارت رکندو هيو. سندس دور ۾ علم ۽ شعور جي متلاشين کي ڏنل هن جا ليڪچر اڄڪلهه به عالمي علم، ادب، فلسفي ۽ سائنس جو بي بها سرمايو ليکيا وڃن ٿا. ارسطو پڙهڻ پڙهائڻ واري جذبي تحت 335 قبل مسيح ۾ يونان جي تاريخي شهر اَيٿنس جي ٿورو ٻاهران پنهنجو هڪ تعليم ادارو ۽ ڪتبخانو پڻ قائم ڪيو هيو جنهن کي “ ليڪيوم” (Lyceum) سڏيو ويندو هيو. ارسطو جيڪو پنهنجي ٻاهٺ سالن واري مختصر طبعي زندگي ۾ يونان جي علمي افق تي ته صرف ڪجهه سال ئي اڀريو هيو پر هن جي قول ۽ ڪمن جو ستارو اڄ به سڄي دنيا جي علمي افق تي پوريءَ جوت سان ٽمڪندو رهي ٿو. يوناني قوم کي پڻ جس هجي جو هنن ارسطو جهڙي عظيم انسان جي نالي کي صرف تاريخ جي ورقن ۾ دفن ڪرڻ بجاءِ هن جي نالي پٺيان ارسٽاٽل يونيورسٽي جهڙو اعليٰ تعليم جو هڪ عظيم درسگاهه قائم ڪري پنهنجي ايندڙ نسلن کي پنهنجي وقت جي هن نامياري عالم سان روشناس ڪرائڻ جو مستقل بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.
    ارسٽاٽل يونيورسٽي يونان جي ٻئي نمبر وڏي شهر ٿيسالونڪي (Thessalonci) ۾ واقع آهي. هن شهر کي عام طور تي سالونيڪا پڻ سڏيو ويندو آهي. ارسٽاٽل (ارسطو) جي جنم ڀومي وارو شهر “ اسٽيجائرس” هن کان پنجونجاهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اوڀر طرف واقع آهي. هي يونيورسٽي جيڪا 1925ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي سا اڄڪلهه نه رڳو يونان جي پر ڀرپاسي وارين ٻين بالڪن (Balkans) رياستن جي پڻ سڀ کان وڏي اعليٰ تعليمي درسگاهه سمجهي وڃي ٿي.
    هن يونيورسٽي ۾ اڄڪلهه ڇهانوي هزار شاگرد زير تعليم آهن. يونيورسٽي جا زياده تر ڪورس اتان جي مقامي ٻوليءَ گِريڪ ۾ ئي پڙهايا وڃن ٿا، جنهن لاءِ شاگردن کي اڳواٽ ئي گريڪ ٻوليءَ جي سکيا وٺڻي پوي ٿي. بحرحال ڪيترا ئي ڪورس انگريزي، فرينچ، جرمن ۽ اطالوي ٻولين ۾ پڻ پڙهايا ويندا آهن.
    جيتوڻيڪ يونيورسٽي جي جديد تشريح ۽ معيار مطابق ارسٽاٽل يونيورسٽي کي يونان جي ٻي پراڻي يونيورسٽي ۽ “يونيورسٽي آف ايٿنس” جيڪا 1837ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، کي پهرين پراڻي يونيورسٽي ليکيو وڃي ٿو ، پر حقيقت هن ريت آهي ته قديم تهذيب، ادب ۽ علم جو مرڪز سمجهيو ويندڙ ۽ آڳاٽن نامور فلاسافرن، عالمن ۽ استادن جي ملڪ يونان ۾ عيسوي سن کان به اڳ يعني قبل مسيح واري دور ۾ به ٻه اهڙا علمي ادارا هيا جيڪي جيتوڻيڪ وسعت، جوڙجڪ، اسٽائيل، ڪم ۽ سهوليتن جي لحاظ کان اڄوڪين يونيورسٽين سان ته ڀيٽي نه ٿا سگهجن پر اهي پنهنجي علمي اثر، ڪارج ۽ معيار جي لحاظ کان ان دور جا اعليٰ درسگاهه ئي ليکيا وڃن ٿا. قديم دور جا اهي درسگاهه هياافلاطون (Plato) جي قائم ڪيل “اڪيڊمي” جيڪا ايٿنس شهر جي ڀرسان هئي، ۽ ارسطو جو قائم ڪيل “ليڪيوم” جيڪو پڻ ايٿنس جي ڀرواري علائقي ۾ ئي واقع هيو.
    جڏهن ته کليل آسمان هيٺ يونان جي ايٿنس شهر جي ڌرتي جو اهو ٽڪرو جتي انهن ٻنهي ادارن جي قيام کان به اڳ ۾ افلاطون جو استاد سقراط (Socretes)پنهنجي شاگردن ۽ عام شهرين کي حق، سچ ۽ ساڃاهه جي واٽ وٺرائڻ لاءِ ليڪچر ڏيندو هيو، اها جاءِ به ڪنهن تعليمي اداري جي عظمت کان ڪا گھٽ حيثيت واري نه سمجهڻ گهرجي. سقراط جا اهي ئي حقيقت تي مبيني خطبا ۽ واعض هيا جن جي ڏوهه ۾ مٿس نوجوانن کي بگاڙڻ جا الزم هڻي ان وقت واري يونان جي عدليا سزا ڏيندي کيس زهر جا پيالو ڏنو هيو جيڪو هو مرڪندي پي ويو هيو.
    بحرحال 2014ع ۾ پنهنجي اڻانوي سالگرهه ملهائيندڙ ارسٽاٽل يونيورسٽي جي ترقيءَ جي تاريخ جا ٽي مختلف دور آهن، جن ۾ پهريون دور 1924ع ۾ سندس قيام کان وٺي 1960ع تائين وارو آهي. هن دور ۾ ارسٽاٽل يونيورسٽي پنهنجي مختلف ادارن، ڪلاس رومن، لائبريرين ، لئبارٽيرين، آفيسن ۽ اهڙين ئي ٻين عمارتن جي تعميراتي ڪم سان گڏ ڪجهه تدريسي ۽ تحقيقي شعبن کي متعارف ڪرايو. يونيورسٽي ۾ ان دور جا قائم ڪيل شعبا هن ريت آهن جهڙوڪ فئڪلٽي آف فلاسافي، فئڪلٽي آف فزڪس ائنڊ مئٿميٽڪس، فئڪلٽي آف ٿيالاجي، فئڪلٽي آف لا ائنڊ ايڪنامڪس، ارسٽاٽل يونيورسٽي ميڊيڪل اسڪول، ڊپارٽمنت آف فارميسي ائنڊ ڊينٽسٽري، فئڪلٽي آف ويٽرنري سائنس ۽ انسٽيٽيوٽ آف فارين لئنگئجز جنهن ۾ اڄڪلهه انگلش، فرينچ، جرمن ۽ اطالوي ٻوليون سيکاريون وڃن ٿيون ۽ انهن ۾ ڊگري ۽ سرٽيفڪيٽ ڪورس پڻ ڪرايا وڃن ٿا.
    ارسٽاٽل يونيورسٽي جي ترقيءَ جو ٻيو دور 1961ع کان وٺي 1990ع تائين ڦهليل آهي. هن عرصي ۾ يونيورسٽي اندر انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي، ڪمپويٽنگ ۽ پلاننگ واري تعليم ۽ تحقيق کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ انهن تدريسي ۽ تحقيقي مضمونن وارا بهترين شعبا جوڙيا ويا. يونيورسٽي جي انهن شعبن ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، اسڪول آف ڪمپيوٽيشنل سائنس، اسڪول آف اربن پلاننگ، اسڪول آف آرڪيالاجي، اسڪول آف مڪينيڪل انجنيئرنگ، اسڪول آف سِوِل انجنيئرنگ، اسڪول آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ سميت انجنيئرنگ جي ٻين فيلڊس وارا ڪي ئي ٻيا شعبا قائم ڪيا ويا.
    ارسٽاٽل يونيورسٽي جي ترقيءَ جو ٽيون دور جيڪو 1991ع کان شروع ٿيو۽ اهو اڃا تائين جاري آهي، ان دور ۾ هيءَ يونيورسٽي يونان سميت دنيا جي ٻين ملڪن کان هتي ايندڙ شاگردن جي مستقبل ۾ درس و تدريس، علم ۽ ڦهم جي فرواني وسيلي چار چنڊ لڳائڻ جي ڪوشس ڪندي رهي ٿي. هن دور ۾ ارسٽاٽل يونيورسٽي اندر جن علمن جي شعبن جو اضافو انهن ۾ فئڪلٽي آف فائين آرٽس جنهن ۾ فلم ائنڊ ڊراما اسٽڊيز، ميوزڪ اسٽڊيز، وزيل ائنڊ اپلائيڊ اسٽڊيز جا اسڪول قائم آهن ۽ فئڪلٽي آف ائگريڪلچر، فاريسٽري ائنڊ نيچرل انوائرنمنٽ، اسڪول آف جرنلزم ائنڊ ماس ڪميونيڪيشن، اسڪول آف فزيڪل ايجوڪيشن ائنڊ اسپورٽس سائنس وغيره اچي وڃن ٿا. مجموعي طور تي اڄڪلهه ارسٽاٽل يونيورسٽي ۾ ڪل ٻارنهن فئڪلٽين ۽ ڇٽيهه اسڪولن سان گڏ ڪي ئي انسٽيٽيوٽ، تحقيقي مرڪز، لائبريريون، لئبارٽريون، اسپتالون، ڪلينڪس،پارڪس، ميوزمس ۽ ٻيون تدريس، تحقيق، تفريح ۽ رهائش جون سهوليتون موجود آهن.
    يونان ڏکڻ اوڀر يورپ جوهڪ تاريخي ملڪ آهي جنهن جو سرڪاري نالو ته ريپبلڪ آف هيلنس (Republic of Hellans) آهي پر عام طور تي هن ملڪ کي گريس (Greece) سڏيو ۽ لکيو ويندو آهي. يونان بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ آهي پر اڄڪلهه هي ملڪ به صنعتي ترقي ۾ گهڻو اڳڀرو اچي چڪو آهي. هڪ اندازي مطابق هن ملڪ جي ڪل آبادي سوا ڪروڙ ماڻهن تي مشتمل آهي. ايٿنس هن جي گاديءَ جو شهر آهي. قديم زماني ۾ ايٿنس علم، شعور ۽ تهذيب جي نمائندگي ڪندڙ شهر رهيو آهي جڏهن ته يونان جو هڪ ٻيو شهر “اسپارٽا” ان جي ابتڙ رهيو آهي جنهن ڪري ان زماني ۾ انهن ٻنهي شهرن جي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان چپڪلش ٿيندي رهندي هئي. هاڻي اهي ٻئي شهر تاريخي حيثيت رکن ٿا.
    ارسٽاٽل يونيورسٽيءَ وارو شهر ٿيسالونڪي يونان جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ “گريڪ مقدونيا” ريجن جو گادي وارو شهر آهي. هن شهر کي سالونڪيا پڻ سڏيو ويندو آهي. ٿيسالونڪي جي آبادي اٺ لک ماڻهن تي مشتمل آهي. هي شهر صنعتي، تجارتي، تعليمي ۽ سياسي سرگرمين جي لحاظ کان پڻ يونان جو ٻيو نمبر متحرڪ شهر ليکيو ويندو آهي. هتي ٿيندڙ ثقافتي سرگرمين جي ڪري هن کي يونان جي “ثقافتي گادي” پڻ سڏيو ويندو آهي.

    (ڪاوش مڊ ويڪ مئگزين 10سيپٽمبر2014)


    صوفيا يونيورسٽي

    بلغاريا جي هڪ خوبصورت درسگاهه
    صوفيا يونيورسٽي

    ڏکڻ اوڀر يورپ جي هڪ ننڍي پر خوبصورت ملڪ بلغاريه جي گادي واري شهر صوفيا ۾ هڪ عظيم الشان تعليم ادارو واقع آهي جنهن جو اصلي نالو آهي “ سينٽ ڪليمينٽ آف اوهرڊسڪي يونيورسٽي آف صوفيا” پر هن کي عام طور تي صوفيا يونيورسٽي سڏيو وڃي ٿو. “سينٽ ڪليمينٽ آف اوهرڊ” ان بزرگ شخصيت جو نالو آهي جيڪو بلغاريه ۽ ڀرپاسي جي ملڪن جو مسيحي برادريءَ جو روحاني رهنما هيو. هو پنهنجي دور جو ناميارو دانشور ، ليکڪ ۽سماج سڌارڪ هجڻ سان گڏ بلغاريه ۾ ڏهين عيسوي صدي واري اوائلي دور ۾ قائم ٿيل “اوهرڊ لٽرري اسڪول” جو باني پڻ هيو. هي اسڪول بلغاريه ۾ تعليم، ادب ۽ اعليٰ روايتن جي تشڪيل ۽ فراواني ۾ پيڙه جي پٿر واري حيثيت رکي ٿو. سينٽ ڪئليمنٽ کي بلغاريه ۾سندس پاران تعليم ۽ ٻولي جي ترقي لاءِ ڪيل خدمتن جي عيوض وڏي احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن جي روحاني ۽ سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ صوفيا يونيورسٽي کي سندس نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. صوفيا يونيورسٽي جو بنياد ايڪٽيهه جنوري 1888ع ۾ پيو. هن يونيورسٽي کي بلغاريه جي پهرئين اعليٰ تعليمي اداري هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. صوفيا يونيورسٽي ۾ هن وقت پنجويهه هزار شاگرد زير تعليم آهن. هي يونيورسٽي سائنس، آرٽس، هيومنٽيز، ميڊيڪل ۽ بزنس سائنسز، ائگريڪلچر، فاريسٽري ۽ ويٽرنري سائنسز وارن شعبن جي حوالي سان دنيا جي معياري يونيورسٽن ۾ ليکي وڃي ٿي. صوفيا يونيورسٽي جي مکيه بلڊنگ صوفيا شهر جي پر رونق علائقي “زار اوسووباڊيل بولورڊ” ۾ واقع آهي جڏهن ته هن جون ڪيمسٽري ائنڊ فارميسي، فزڪس، ايڪنامڪس ائنڊ بزنس ائڊمنسٽريشن، جرنلزم،انفارميٽڪس، ماس ڪميونيڪيشن، پري اسڪول ۽ پرائمري اسڪول ايجوڪيشن واريون فئڪلٽيون صوفيا شهر جي متخلف علائقن ۾ پکڙيل آهن. صوفيا يونيورسٽي ۾ جيولاجي ائنڊ جيوگرافي، بايولاجي، ميڊيسن، ڪلاسيڪل ائنڊ ماڊرن فلاسافي، ايجوڪيشن، هسٽري، لا، سئلوِڪ اسٽڊيز ۽ ٿيالاجيواريون فئڪلٽيون آهن جن ۾ موجود هڪ سئوکان وڌيڪ تدريسي شعبا آهن. هن يونيورسٽي جا ڪي ئي شاگرد وڏن منصبن تي پهتا آهن انهن ۾ بلغاريه جا ٽي سابقه صدر پيٽر اسٽويانوف، جارج پاروانوف ۽ زيليا زيلوف به شامل آهن. صوفيا يونيورسٽي بلعاريه سرڪار جي سرپرستي ۾ هلڻ واري ريسرچ يونيورسٽي آهيجنهن جون مالي ضرورتون هن ملڪ جي تعليم واري وزارت پوريون ڪندي آهي پر بلغاريه جا مخير ماڻهو به پنهنجي ملڪ جي تعليمي ترقيءَ لاءِ مختلف طريقن سان هن يونيورسٽي جي ترقيءَ ۾ پنهنجو هٿ ونڊرائيندا رهن ٿا. تعليم تي سخاوت سان خرچ ڪندڙ اهڙن مخيرن ماڻهن ۾ “هرسٽو جارجوف” پڻ شامل آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ جي پڄاڻيءَ کان پهريان پنهنجي ڏهه هزار هم چورس فوٽ قيمتي زمين ۽ پاڻ وٽ پيل وڏي ماليت جو سون صوفيا يونيورسٽي کي حوالي ڪرڻ جي وصيت ڪري راه رباني ورتي هئي. سندس اها وصيت بعد ۾ سندس ڀاءُ “ايولوگي جارجوف” پوري ڪئي.
    صوفيا يونيورسٽي وارو ملڪ بلغاريهيورپ جو چوڏهون نمبر وڏو ملڪ آهي. هن جون سرحدون يونان، ترڪي، رومانيه، مقدونيه ۽ سربيا سان ملن ٿيون. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هي ملڪ 632ع ۾ يورپ جي ٽن وڏن بلغر قبيلن جهڙوڪ؛ ڪتريغر، اتوغر ۽ اونوغوندري گڏجي تشڪيل ڏنو جنهن کي “گريٽ بلغاريه” سڏيندا هيا. هي پنج سئو اٺيتاليهه سال “بلغارين ايمپائير” جي حيثيت سان پڻ رهيو آهي. بعد ۾ وقت سان گڏ دنيا جي سياست جي لاهن چاڙهن بلغاريه کي ڪڏهن رومن ايمپائير ته ڪڏهن بزنٽائين ايمپائير ته ور ي ڪڏهن ترڪن واري عثمانيه ايمپائير جي تسلط هيٺ به آندو آهي. بلغاريه مٿان ترڪي جي عثمانيه شهنشاهيت جو قبضو جيڪو 1396ع کان شروع ٿيو هيو سو پوڻا پنج صديون جاري رهي 1878ع ۾ ختم ٿيو. انهيءَ دوران بلغاريه جي ڪافي ماڻهن اسلامي مذهب پڻ اپنايو جيڪي زياده تر بلغاريه جي روڊوپس واري علائقي جا “ پومئڪس” رهاڪو هيا. بلغاريه ۾عثمانيه ترڪن جو زور گھٽ ٿيڻ سان ئي بلغارين قومپرستي وارو رجحان وڌيو ۽ قومي تحرڪ جنم ورتو جنهن جو اڳواڻ بلغاريه جو قومي هيرو “واسل ليسڪي” هيو. بحرحال 1870ع واري روس ۽ ترڪي واري جنگ ۽ ان دوران ئي بلغاريه ۾ اپريل واري بغاوت جي نتيجي ۾ بلغاريه 1788ع ۾ آزدي حاصل ڪئي. هن جي آزادي کان ڏهه سال پوءِ بلغاريه جي گادي واري هنڌ صوفيا ۾ هن جي پهرين اعليٰ تعليمي اداري جو بنياد پيو جيڪو پوءِ صوفيا يونيورسٽي جي نالي سان دنيا ۾ مشهور ٿيو. پنهنجي آزاديءَ کان پوءِ به بلغاريه ٻه دفعا “بالڪن جنگين“۽ ويهين صديءَ جي پهرين اڌ دوران پهرين ۽ ٻي مهار ڀاري لڙائين جي تباهڪارين مان متاثر ٿيندي ڪميونسٽ راڄ وري “ پيپلز ريپبلڪ آف بلغاريه” جي سڃاڻپ کان وٺي “ ريپبلڪ آف بلغاريه” واري اڄ جي سڃاڻپ تائين سلامتي ۽ ترقي وارو سفر ڪندي پُر امن ملڪ واري حيثيت ماڻي يورپي يونين جي اٺاويهن ميمبرن ۾ شمار ٿيو آهي. صوفيا بلغاريه جو سڀ کان وڏو گادي وارو شهر آهي. تعليمي لحاظ کان پڻ هي بلغاريه جو مڃيل مرڪز آهي. بلغاريه جي ڪل ايڪونجاهه اعليٰ تعليمي ادارن مان ايڪيهه ادارا صرف صوفيا ۾ آهن جن ۾ عالمي معيار جون چار يونيورسٽيون جهڙوڪ صوفيا يونيورسٽي، نيو بلغارين يونيورسٽي، ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف صوفيا، ۽ يونيورسٽي آف مائيننگ ائنڊ جيالاجي پڻ شامل آهن. انهن يونيورسٽين مان ڏيهي شاگردن سان گڏ دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن جا نوجوان پڻ تعليم پرائي رهيا آهن. سنڌ مان پڻ خيرپور سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر پير بخش فلپوٽوبلغاريه مان تعليم حاصل ڪري آيو هيو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 8 جنوري 2014)


    ڊينمارڪ جي ڪوپن هَيگن يونيورسٽي

    ڊينمارڪ جي ڪوپن هَيگن يونيورسٽي،
    دنيا جي هڪ قديم درسگاهه

    ڪوپن هَيگن يونيورسٽي تي لکڻ جو اتساهه مونکي ائين مليو جو ڪجهه ڏينهن اڳ مان اڳوڻي وفاقي وزير نثار ميمڻ جي گهرواري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ماروي ميمڻ جي ماءُ فازيا ميمڻ جو انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ ڪتاب “بائونٽيز آف هيلٿ” (Bounties of Health) پڙهي رهيو هيس ته منهجي نطرن ۾ هن ڪتاب جو اهو صفحو گذريو جنهن ۾ ڪوپن هيگن يونيورسٽي پاران ڪيل هڪ تحقيق جو ذڪر ڪيل هيو. هن يونيورسٽي جي ان تحقيق جوجيڪوانسان دوست پهلو هيو ان مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو جنهن ڪري منهنجي ذهن ۾ ڪوپن هيگن يونيورسٽي بابت هڪ سٺي تاثر جنم ورتو. ڪتاب ۾ لکيل هيو ته ڪوپن هيگن يونيورسٽي ۾ ٿيل هڪ تحقيق مطابق ماکيءَ جي هڪ چمچي ۾ اڌ چمچو دالچيني جي پائوڊر جو ملائي هفتو ڏيڍ روزانو استعمال ڪرڻ سان ماڻهو هڏن ۽ جوڙن ۾ سور واري بيماري “ارٿرائيٽس” (Arthritis) کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. ان تحقيق جا وڌيڪ تفصيل هن ريت هيا ته ڪوپن هيگن يونيورسٽي جي تحقيقارن ٻه سئو اهڙن ماڻهن جو تجزيو ڪيو جن کي جوڙن ۾ سور هيو، انهن مان زياده تر مريض اهڙا هيا جيڪي ان سور جي ڪري گهمڻ ڦرڻ ۽ اٿڻ ويهڻ کان به لاچار هيا. اهڙن ٻن سئو مريضن کي جڏهن ڊاڪٽرن مٿئين نسخي موجب ماکي ۽ دالچيني جي پائوڊر وارو وزن کاريو ته انهن مريضن مان ٽيهتر سيڪڙو مريضن جو سور هڪ هفتي اندر ئي گهٽجي ويو ۽ هڪ مهيني اندر اهي ٻيهر گهمڻ ڦرڻ لائق ٿي ويا. ڪوپن هگين يونيورسٽي جي انهيءَ ڪارڪردگي کي پيشِنطر رکي مون هن يونيورسٽي بابت مطالعو شروع ڪيو جيڪو هن ريت هيو.
    يونيورسٽي آف ڪوپن هيگن جنهن کي عام طور تي “ڪوپن هيگن يونيورسٽي” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو سا اتر يورپ جي خوبصورت ملڪ ڊينمارڪ جي گادي واري شهر ڪوپن هيگن ۾ قائم آهي. هي يونيورسٽي ڊينمارڪ جي سڀ کان پراڻي ۽ اتر يورپ جي ٻيو نمبر وڏي يونيورسٽي آهي، هن کان اڳ اتر يورپ جي ملڪ سوئيڊن ۾ يونيورسٽي موجود هئي جيڪا ڪوپن هيگن يونيورسٽي کان صرف ٻه سال اڳ يعني 1477ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي جنهن جو نالو “اپسالا يونيورسٽي” آهي. ٽائيمزايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي رپورٽ مطابق ڪوپن هيگن يونيورسٽي دنيا جي هڪ سئو پنجاهين معياري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل اٺٽيهه هزار شاگرد پڙهي رهيا آهن.
    ڪوپن هيگن يونيورسٽي جو ڊينمارڪ جي بادشاهه “ڪرسٽين وَن” اڄ کان پنج سئو پنجٽيهه سال اڳ پهرين جون 1479ع تي افتتاح ڪيو هيو. ان وقت هن يونيورسٽي ۾ ڪل چار فئڪلٽيون هيون جهڙوڪ فلاسافي، ٿيالاجي، ميڊسنز ۽ قانون.اڄڪلهه هن يونيورسٽي ۾ جديد زماني جي سڀني مُروَج علمن جا شعبا ۽ تحقيقي سرگرمين جون اعليٰ پائي جون سهوليتون موجود آهن. يونيورسٽي جي اٺن سائنسدانن،استادن ۽ اڳوڻن شاگردن مختلف شعبن ۾ نمايان تحقيق ۽ ڪارڪردگي جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن. ڪوپن هيگن شهر ۾ هن يونيورسٽيءَ جون چار ڪئمپسون واقع آهن. جن جون فئڪلٽيون ۽ تدريسي شعبا هن ريت آهن جهڙوڪ فئڪلٽي آف هيلٿ ائنڊ ميڊيڪل سائنسز، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف ٿيالاجي، فئڪلٽي آف سائنس فئڪلٽي آف هيلٿ ائنڊ ميڊيڪل سائنس، فئڪلٽي آف هيومنٽيز، فئڪلٽي آف سائنس ۽ فئڪلٽي آف هيلٿ ائنڊ ميڊيڪل سائنسز.
    هيءَ ڳالهه پڻ قابلِ ذڪر آهي ته 2007ع ۾ ڊينمارڪ جي “رائيل ويٽرنري ائنڊ ائگريڪلچر يونيورسٽي” ۽ “ڊينش يونيورسٽي آف فارماسوٽيڪل” کي ڪوپن هيگن يونيورسٽي ۾ ضم ڪيو ويو هيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪوپن هيگن يونيورسٽي ۾ جيڪو هيلٿ ائنڊ لائيف سائنسز وارو سينٽر جڙيو آهي تنهن کي اتر يورپ جي بهترين سائنسي ۽ ميڊيڪل ادارن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو. ان دعويٰ جو دليل هي به آهي ته هن يونيورسٽي جي جن اٺن تحقيقارن کي نوبيل انعام مليا آهن انهن مان کين پنج نوبيل انعام ميڊيسنز ۽ ميڊيڪل سائنسز ۽ ٽي نوبيل انعام فزڪس واري فيلڊ ۾ نمايان ڪم ۽ دريافتن عيوض ڏنا ويا آهن.
    ڪوپن هيگن يونيورسٽي اندر “ڪوپن هيگن سائنس سِٽي”، هتان جي ريسرچ لئيبارٽيز، ۽ شهرين وچم هڪ مسلسل رابطي جي ڪم ڪري ٿي جنهن ذريعي هنن ليئبارٽرين ۾ ٿيندڙ نئين تحقيق جي ڄاڻ شهرين ڏانهن منتقل ڪئي وڃي ٿي ته جيئن هو به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن ۽ ان سان گڏ کين سائنسي سهوليتون پڻ مهيا ڪيون وڃن ٿيون. ان ڏس ۾ ڪوپن هيگن يونيورسٽي اسپتال پڻ قابل قدر ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي.
    ڪوپن هيگن يونيورسٽي جي سڀني ڪئمپسن ۾ فئڪلٽين ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ تدريسي شعبن جي موجودگي کان علاوه هن يونيورسٽي جو تاريخي ۽ ڪلاسيڪل نوعيت جون خوبصورت عمارتون باٽنيڪل گارڊنس، ماحول دوست گرين لائيٽ هائوسز، هاءِ ٽيڪ ريسرچ لئبارٽريون، ڪشاده آڊيٽوريم، ميوزمس، ريزيڊنشل هال ۽ پِليگرائونڊس، شاگردن جي ڀلائي جو تنظيمون ۽ سوسائٽيون، انٽرٽينمنٽ ائنڊ انٽيليڪچوئل ڪلب ڪوپن هيگن يونيورسٽي کي اتر يورپ ۾ تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ هڪ خاص مقام ڏيارين ٿا.
    هونئن ته ڪوپن هيگن يونيورسٽي خود ئي ڊينمارڪ ملڪ جي تعارف جو هڪ خاص حوالو آهي پر ڊينمارڪ جي سرسري جائزي وٺڻ کان پوءِ هن ملڪ جي حوالي سان جيڪي ٻيون به دلچسپ حقيقتون سامهون اچن ٿيون اهي هن ريت آهن.
    ڊينمارڪ اتر يورپ ۾ اسڪينڊينويا واري جاگرافيڪل ريجن جو هڪ ملڪ آهي. هن ملڪ جو پورو نالو ڪنگڊم آف ڊينمارڪ آهي. هن جا ٻيا پاڙيسري ملڪ سوئيڊن، ناروي ۽ جرمني آهن. اتر يورپ جي هڪ ٻئي خوبصورت ملڪ سوئيڊن سان هن ملڪ جي سرحدي ويجهڙائپ ته ايتري آهي جو سنڌي ٻوليءَ جوناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ جيڪو ڊينمارڪ جي پاڙيسري ملڪ سوئيڊن جي شهر مالمو ۾ ٻه سال رهي اتان جي ميريٽائيم يونيورسٽي مان پڙهي آيو آهي، اهو پنهنجي اردو ٻولي واري ڪتاب “ ڪراچي سَي ڪوپن هيگن تَڪ” ۾ لکي ٿو ته “ اسان کي سوئيڊن جي شهر مالمو ڏانهن وڃڻوهيو تنهنڪري سوئيڊن جي بين الاقوامي ايئرپورٽ تي لهڻ جي بجاءِ اسان ڊينمارڪ جي هوائي اڏي ڪوپن هيگن تي لٿاسين ڇو ته ڊينمانرڪ جو گادي وارو شهر ڪوپن هيگن سوئيڊن جي شهر مالمو کي ايترو ويجهو آهي جيترو ڪراچيءَ واري ڪيماڙي منوڙي کي ويجهي آهي.”
    ٽيتاليهه هزار اٺانوي ڪلوميٽرن تي ڦهليل هن ملڪ جي ڪل آبادي اٽڪل ڇاونجاهه لک ماڻهن تي مشتمل آهي.هتان جي قومي ٻولي ڊئنش آهي پر هتي انگريزي ٻوليءَ جو خاصو واهپو آهي.
    “يونيورسٽي آف ڪوپن هيگن” جي جنم ڀومي يعني ڪوپن هيگن نه رڳو ڊينمارڪ جي گادي جو هنڌ آهي پر هي شهر ڪوپن هيگن يونيورسٽي سميت ڪيترن ئي قدرتي نظارن، تاريخي ۽ تفريحي جاين جو مرڪز هجڻ ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. ڪوپن يونيورسٽي مان تعليم جي خواهش رکندڙ نوجوان نه رڳو اتان تعليم حاصل ڪري ڪاميابين سان همڪنار ٿي سگهن ٿا پر اهي هن شهر جي رونقن ۽ راحتن جي رازکي پروڙي هن شهر بابت پنهنجي مشاهدي ۽ معلومات ۾ به اضافو ڪري سگهن ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 13 آگسٽ 2014)


    ريپبلڪ آف ڪروشيا جي زَگريب يونيورسٽي

    ريپبلڪ آف ڪروشيا جي زَگريب يونيورسٽي،
    جتي 72 هزار شاگرد پڙهن ٿا

    ڏکڻ-اوڀر يورپ ۾ اعليٰ درسگاهن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي جنهن کي “بالڪن يونيورسٽيز نيٽ ورڪ” (Balkan Universities Network) سڏجي ٿو. يورپ جي انهيءَ حصي ۾ ريپبلڪ آفڪروشيا نالي هڪ ملڪ واقع آهي جنهن جو ناميارو اعليٰ تعليمي ادارو “ زَگريب يونيورسٽي” (Zagreb University) پڻ بالڪن يونيورسٽيز جي انهيءَ نيٽ ورڪ جو ميمبر آهي. زگريب يونيورسٽي جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پهريان “بالڪن يونيورسٽيز نيٽ ورڪ”، “ بالڪن”، “بالڪن پيننسولا” ۽ “ريبلڪ آف ڪروشيا” بابت تمام مختصر معلومات حاصل ڪريون ٿا ته جيئن اتي واقع زگريب يونيورسٽي جي اهميت، افاديت ۽ سندس ڪارڪردگيءَ کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهجي.
    بالڪن يونيورسٽيز نيٽ ورڪ ۾ اوڀر يورپ جي تيرنهن ملڪن جون اٽڪل ٻاهٺ يونيورسٽيون شامل آهن. اهي ميمبر يونيورسٽيون هڪ ٻئي سان تعليم، تدريس، تحقيق ۽ اهڙن ئي ٻين تعليمي ڀلائي وارن پراجيڪٽس ۽ منصوبن ۾ سهڪار ڪنديون رهن ٿيون.هن نيٽ ورڪ ۾ سينٽرل يورپ ۽ سائوٿ اِيسٽ يورپ جي چودڳي تي واقع هڪ ننڍڙي پر خوبصورت ۽ خوشحال ملڪريپبلڪ آف ڪروشيا (Republic of Croatia) جون ست اعليٰ معيار واريون يونيورسٽيون به شامل آهن جن ۾ هڪ زگريب يونيورسٽي پڻ آهي. ڪروشيا جي يونيورسٽين کان علاوه هن نيٽ ورڪ ۾ شامل ٻين ملڪن جي يونيورسٽين جو تعداد هن ريت آهي، جهڙوڪ ؛ البانيا جون ست يونيورسٽيون، بوسنيا ائنڊ هرزگوَينيا جون چار يونيورسٽيون، بلغياريه جون يارنهن يونيورسٽيون، ترڪيءَ جون يارنهن يونيورسٽيون، ميقدونيا جون ڇهه يونيورسٽيون، گِريس جو پنج يونيورسٽيون،سربيا جون پنج يونيورسٽيون، مانٽينگرو جون ٻه يونيورسٽيون،رومانيا جي هڪ يونيورسٽي، مولدووا جي هڪ يونيورسٽي، ڪوسووو جي هڪ يونيورسٽي ۽ سائپرس جي هڪ يونيورسٽي.
    جيتري قدر لفظ “بالڪن” ۽ “بالڪن پيننسولا” جو تعلق آهي ته ان بابت هيءَ واضع رهي ته ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ بالڪن نالي هڪ جبل آهي جنهن جي نسبت سان هتان جي جاگرافيائي علائقي کي بالڪن پيننسولا (Balkan Peninsula) سڏيو ويندو آهي. “پيننسولا ” (Peninsula) زمين جي ان جزيري نما حصي يا ٽُڪري کي چئبو آهي جنهن جي ٽن طرفن کان پاڻي هوندو آهي. بالڪن پيننسولا ۾ واقع رياستن يا ملڪن کي بالڪن اِسٽيٽس سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ مٿي ڄاڻايل ملڪن سميت زگريب يونيورسٽي واري ملڪ “ريپبلڪ آف ڪروشيا” جو ڪجهه جاگرافيائي حصو پڻ شامل آهي.
    بالڪن پيننسولا ۾ واقع تقريبن سڀني رياستن تي1478ع کان ترڪي جي عثمانيه سلطنت جو راڄ رهيو بعد ۾ 1918ع واري پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ بالڪن پيننسولا تان ترڪي جي عثمانيه سلطنت جو راڄ ختم ٿيو ۽ هن بالڪن پيننسولا کي ڪجهه ملڪن جهڙوڪ گِريس، بلغاريه، البانيا ۽ يوگوسليويا ۾ ورهايو ويو. زگريب يونيورسٽي وارو ملڪ ڪروشيا پڻ يوگوسليويا جي يونين ۾ اچي ان جو حصو بڻجي ويو هيو.
    1991ع ۾ ڪروشيا جي مقامي ڪروٽس (Croats) نسل جي ماڻهن يوگوسليويا کان ڌار ٿي آزادي جي نعمت سان آرستا ٿيڻ جو پڪ پهه ڪري آزديءَ جي تحريڪ هلائي. هيءَ جنگ ڪروشيا جي ڌرتيءَ ڌڻين يعني “ڪروٽس” (Croats) ۽ يوگوسليويا جي سرب (Serb) باشندن تي مشتمل پيپلز آرمي ۽ ڪروشيا جي اقليتي مقامي سربن (جيڪي پڻ يوگوسليويا جا حمايت يافته هيا ۽ ڪروشيا جي آزاديءَ جا مخالف هيا) جي وچم هلي. آخر ڪار 1992ع ۾ ڪروشيا آزادي ماڻڻ ۾ ته ڪامياب ٿيو ۽ عالمي طور تي هن کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان تسليم به ڪيو ويو پر هن آزاد رياست جي اندر هن جي آزادي مخالف قوتن ۽ سرب نسل جي ماڻهن (سرب (Serb) جيڪي ڪروشيا ۾ اقليت ۾ هيا،اهي ڪروشيا اندر پنهنجي هڪ الڳ رياست جو مطالبو ڪري رهيا هيا) ۽ ڪروشيا جي همدردن ۽ فوجن وچم وڌيڪ ٽي سال جنگ جاري رهي. انهيءَ مسلسل گهرو جنگ ۽ جدوجهد کان پوءِ نيٺ ڌرتي ڌڻي ڪروٽس سوڀارا ٿيا ۽ ڪروشيا پنهنجي اندروني خلفشار کان پڻ نجات حاصل ڪري 1995ع تي “ ريبلڪ آف ڪروشيا” جي نالي سان دنيا جي نقشي تي مڪمل طور تي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان نمودار ٿيو. ويهين صديءَ جي پڇاڙڪي ڏهاڪي ۾ آزاد ٿيل ان يورپي ملڪ “ ريبلڪ آف ڪروشيا”جي گادي جو هنڌ زگريب آهي. زگريب شهر ۾ ٻيون به ست يونيورسٽيون آهن، پر هن مضمون ۾ انهن يونيورسٽين مان سڀ کان پراڻي ۽ معياري يونيورسٽي زگريب يونيورسٽي جو جائزو وٺون ٿا.
    زگريب يونيورسٽي جي قيام جو قصو ڪجهه هن ريت آهي ته فرانز جوزف جيڪو آسٽريا جو شهنشاهه هجڻ سان گڏ سينٽرل ۽ اوڀر يورپ جي ٻين ٻن ملڪن “هَنگِري” ۽ ڪروشيا جو بادشاهه پڻ هيو تنهن 1869ع ۾ ڪروشيا جي شهر زگريب ڏانهن پنهنجي دوري دوران هن شهر ۾ اعليٰ تعليم جي ضرورت کي محسوس ڪندي هتي هڪ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو. ڪروشيا جي پارليامينٽ بادشاهه جي فرمان جي بجا آوري ۾ هڪ ايڪٽ پاس ڪيو جهن ۾ چيو ويو ته زگريب ۾ اعليٰ تعليم جي پورائي لاءِ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي ۽ ان يونيورسٽي جو نالو بادشاهه سلامت جي نالي يعني “فرانز جوزف وَن” جي پٺيان “ رايل يونيورسٽي آف فرانز جوزف وَن اِن زگريب” رکيو وڃي”. پارليامينٽ جي ان ايڪٽ جي تعميل ۾ اڻويهه آڪتوبر ارڙهن سئو چوهتر ۾ مٿي ڄاڻايل نالي سان زگريب شهر ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي. پارليمينٽ جي ان علم پرور عمل جي شهرين تمام گهڻي آجيان ڪئي ۽ اهڙي طرح زگريب ۾ يونيورسٽي جي قيام سان ڏکڻ اوڀر يورپ جي رياستن ۾ اعليٰ تعليم کي فروغ ملڻ لڳو. هن يونيورسٽي ۾ نه رڳو ڪروشيا پر ٻين ملڪن جا شاگرد پڻ وڏي تعداد ۾ تعليم لاءِ اچڻ لڳا. اڄڪلهه هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل ٻاهتر هزار شاگرد ٻن سَوَن کان وڌيڪ تدريسي ۽ تحقيقي ڪورسن ۾ اَنڊر گريجونشن کان وٺي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جي پروگرامن ۾ زير تعليم آهن. هن يونيورسٽي جي شاگردن جي ڪل تعداد ۾ چاليهه سيڪڙو ڇوڪريون ۽ ٻارنهن سيڪڙو دنيا جي ٻين ملڪن کان آيل نوجوان شامل آهن.
    جيتوڻيڪ ڪروشيا جي هن تعليمي اداري يونيورسٽي جي حيثيت سان اڄ ڏينهن تائين پنهنجي عمر جا ڪل هڪ سئو ايڪتالهه سال مڪمل ڪيا آهن پر حقيقت ۾ هن اداري جي عمر ان کان به اڃا وڌيڪ آهي ڇو ته هن جو بنياد حققت ۾ سوا ٽي سئو سال اڳ تڏهن پئجي چڪو هيو جڏهن ڪروشيا جي تنهن وقت جي پادشاهه ليوپولڊ هبسبرگ حڪم ڪيو هو ته زگريب ۾اعليٰ تعليم جي لاءِ “ جيوسٽ اڪيڊمي آف رائيل فِري سٽي آف زگريب” قائم ڪئي وڃي. 1776ع ۾ هن اڪيڊمي جو نالو بدلائي “رايل اڪيڊمي آف سائنس” رکيو ويو. بحرحال تبديليءَ جو عمل صرف اتي ئي رڪڻو نه هيو پر جڏهن 1874 ۾ ڪروشيا جي پارليامينٽ زگريب ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ وارو قانون پاس ڪيو تڏهن هن اڪيڊمي جي حيثيت وڌائي هن کي يونيورسٽي بڻايو ويو. شروعات ۾ هن جو نالو“ رايل يونيورسٽي آف فرانز جوزف ون اِن زگريب” رکيو ويو هو پر بعد ۾ هن يونيورسٽي کي صرف “زگريب يونيورسٽي” جو نالو ڏنو ويو، جنهن سڃاڻپ سان ڪروشيا جو هي درسگاهه ڏيهان ڏيهه مشهور آهي.
    شروعات ۾زگريب يونيورسٽي ۾ ان وقت جي تقاضائن مطابق صرف چار فئڪلٽيون هيون جهڙوڪ فلاسافي، سائنس، ٿيالاجي ۽ لا، پر بعد ۾ جيئن ئي زمانو ترقي ڪرڻ لڳو ۽ نوان رجحان، نيون ٽيڪنالاجيون ۽ نيون سماجي سرگرميون ۽ ضرورتون جنم وٺڻ لڳيون تڏهن زگريب يونيورسٽي پڻ پنهنجي تعليم کي جديد دنيا سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نيون فئڪلٽيون ۽ ڊپارٽمنٽس قائم ڪيا.
    اڄڪلهه زگريب يونيورسٽي ۾ ڪل اڻٽيهه فئڪلٽيون آهن جن ۾ جديد تعليم جا سڀئي شعبا، لائبريٽريون ۽ تحقيقي مرڪز موجود آهن. فئڪلٽين جو تفصيل هن ريت آهي جهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف سائنس، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف اگريڪلچر، فئڪلٽي آف فوڊ ٽيڪنالاجي، فئڪلٽي آف فاريسٽري، فئڪلٽي آف آرڪيٽيڪچر، فئڪلٽي آف ڪيميڪل انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، فئڪلٽي آف سِوِل انجنيرنگ، فئڪلٽي آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ائنڊ ڪپيوٽنگ. فئڪلٽي آف ڪنسٽرڪشن ائنڊ جيوڊسي، فئڪلٽي آف جيوٽيڪنڪس، فئڪلٽي آف گرافڪ آرٽس، فئڪلٽي آف مڪينيڪل انجنيئرنگ ائنڊ نيول آرڪيٽيڪچر، فئڪلٽي آف مائيننگ،جيالاجي ائنڊ پيٽروليئم انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف ٽيڪسٽائيل انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف ٽرانسپورٽ ائنڊ ٽريفڪ انجنيئرنگ، فئڪلٽي آف فارميسي ائنڊ بايو ڪيمسٽري، فئڪلٽي آف ويٽرنري ائنڊ ميڊيسن، فئڪلٽي آف ڊينٽل ميڊيسن، فئڪلٽي آف ايڪنامڪس ائنڊ بزنس، فئڪلٽي آف ٽيچر ايجوڪيشن، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف آرگنائيزيشن ائنڊ انفارميٽڪس، فئڪلٽي آف پوليٽيڪل سائنس، فئڪلٽي آف اسپيشل ايجوڪيشن ائنڊ ريهيبيليٽيشن، فئڪلٽي آف هيومينيٽيز ائنڊ سوشل سائنسز،، فئڪلٽي آف ٿيالاجي ۽ انهن کان علاوه ايڪڊمي آف ڊراماٽڪس آرٽ، اڪيڊمي آف فائين آرٽس، اڪيدمي آف ميوزڪ ۽ سينٽر فار ڪروشن اسٽڊيز شامل آهن.هن يونيورسٽي جي جنم ڀومي يعني زگرب شهر ڪروشيا جو نه رڳو سڀ کان وڏو شهر آهي پر پنهنجي ملڪ جو گاديءَ وارو هنڌ پڻ آهي. شهر جي ڪل آبادي اٽڪل ساڍا ست لک آهي. هن شهر ۾ زگريب يونيورسٽي کان علاوه هتان جا ٻيا نامياره درسگاهه ۽ علمي ادبي ادارا، تاريخي، تفريحي جڳهون آهن.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 6 مئي 2015)


    چارلس يونيورسٽي اِن پراگ

    چارلس يونيورسٽي اِن پراگ،
    جيڪا مشهور اديب ميلان ڪنڊيرا جي مادر علمي آهي

    چارلس يونيورسٽي جو قصو يورپ جيهڪ جڳ مشهور بادشاهه جي قصي سان شروع ٿئي ٿو. ان بادشاهه جو نالو چارلس هو پر عوام ۽ مائٽ کيس چارلس چوٿون سڏيندا هيا ڇو ته ان بادشاهي ۾ ان نالي سان ٽي بادشاهه اڳم ئي ٿي گذريا هيا. هوصرف بادشاهه ئي نه پر مقدس رومي شهنشايت يعني “هولي رومن ايمپائر” (Holy Roman Empire) جو شهنشاهه هيو.هن جي شهنشاهي جو سرحدون وسيع هيون جنهن ۾ چارلس يونيورسٽي وارو ملڪ چيڪ ريپبلڪ پڻ اچي ٿي ويو. چيڪ ريپبلڪ جي گادي واري شهر پراگ ۾ قائم چارلس يونيورسٽي ان بادشاهه “چارلس چوٿين” جي نالي سان ئي سڃاڻپ رکي ٿي. چارلس يونيورسٽي جي تاريخ ۽ افاديت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته هولي رومن ايمپائر جوبه ٿورو جائزو وٺجي، ڇو ته هي يونيورسٽي ان دور جي علمي اُفق جي هڪ روشن ستاري جي حيثيت رکي ٿي.
    “هولي رومن ايمپائير” جا بنياد رومي شهنشاهيت يعني “رومن ايمپائير” جي باقيات ۾ پيل آهن. رومن ايمپائير (Roman Empire) ” آڪٽووئن” نالي هڪ يورپي حڪمران جيڪو “آگسٽس” جي لقب سان مشهور هيو، تنهن 27 قبل مسيح ۾ قائم ڪئي هئي. رومن ايمپائير پنهنجي آب تاب سان پنج صديون قائم رهي پنهنجي آخري حڪمران روميولس آگسٽلس جي معزوليءَ سان گڏ پنجين عيسوي صديءَ ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي هئي. رومي شهنشاهيت کي ٽوڙڻ جو سهرو ان وقت جي حڪمران” ٿيوڊوسس” جي سر تي آهي، جنهن هن کي ٽوڙي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هيو. ان جو هڪ حصو وَيسٽرن (Western) يا “لئٽن ائمپائير” (Latin Empire)۽ ٻيو حصو اِيسٽرن (Eastern)يا “گِريڪ ائمپائير” (Greek Empire)بڻيو. گريڪ ائمپائير 1453ع تائين زنده رهي پر لئٽن ائمپائير 476ع ۾ ختم ٿي چڪي هئي جنهن کي “چارليمئن” نالي هڪ حڪمران 800ع ۾ ٻيهر زنده ڪيو جيڪا پوءِ هولي رومن ائمپائير جي نالي سان 1806ع تائين سلامت رهي. انهيءَ هولي رومن ائمپائير جو شهنشاهه چارلس چوٿون جي دور ۾ 1347 ۾ پراگ ۾ چارلس يونيورسٽي جو بنياد پيو.
    چيڪ ريپبلڪ جي ماضي جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي پسمنظر ۾ چارلس يونيورسٽي جا مختلف دورن ۾ نالا به تبديل ٿيندا رهيا آهن جيڪي ڪڏهن لئٽن ٻولي، ۾ ته ڪڏهن چيڪ ٻولي ۾ اچاربا هيا. جهڙوڪ 1347ع ۾ چارلس يونيورسٽي جي نالي سان قائم ڪيل هن يونيورسٽي جو 1654ع ۾ نالو تبديل ڪري ان دور جي شهنشاهه فردينند ٽئين جي نالي کي به هن ۾ شامل ڪري يونيورسٽيءَ جو نالو“چارلس فردينند يونيورسٽي” رکيو ويوهو جنهن کي لاطيني ٻوليءَ ۾” يونيورتاس ڪارلو فردينندي” سڏيو ويندو هيو. وري 1882ع ۾ هن يونيورسٽي جو نه رڳو نالو تبديل ڪيو ويو پر هن کي ورهائي هن مان ٻه يونيورسٽيون جوڙيون ويون جنهن مان هڪ کي “جرمن چارلس فردينند يونيورسٽي” ته وري ٻيءَ کي “چيڪ چارلس فردينند يونيورسٽي” جو نالو ڏنو ويو جنهن کي چيڪ ٻولي جي نالي “اونيورزتا ڪارلو فرننديوا” سان پڻ سڃاتو ويندو هو. آخرڪار هڪ دفعو ٻيهر 1920 ۾ هن جي نالي ۾ تبديلي ڪري کيس ۾“اُونورزتا ڪارلووا وي پرئز” جي سڃاڻپ ڏني وئي ۽ 8 مئي 1940ع ۾ هن جو اصلوڪو نالو بحال ڪري “چارلس يونيورسٽي اِن پراگ” رکيو ويو جنهن نالي سان هي يونيورسٽي اڄ به ساري دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي. چيڪ ٻوليءَ ۾ هن کي هن طرح لکيو وڃي ٿو ” Česká univerzita Karlova”.چارلس يونيورسٽي چيڪ ريپبلڪ جي سڀ کان پراڻي ۽ وڏي يونيورسٽي سمجهيو وڃي ٿو.
    چارلس يونيورسٽي چوڏهن فئڪلٽيون آهن جيڪي پراگ سان گڏ ٻين ٻن شهرن جهڙوڪ “هريڊڪ ڪرالوف” ۽ “پلزن” ۾ پڻ ڦهليل آهن. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگز جي سال 2012 ع جي سروي رپورٽ مطابق هي يونيورسٽي ٽي سئو پنجين نمبر واري معياري يونيورسٽي ليکي وڃي ٿي.
    چارلس يونيورسٽي مان ڪيترائي اهڙا شاگرد پڙهي نڪتا آهن جن زندگي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي نمايان ڪارڪردگي جي ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو درج ڪرايو آهي. هن جي اهڙن اڳوڻن شاگردن مان چيڪوسليويڪيا جو پهريون صدر ٽامس مئسرڪ ۽ آسٽريا جي آخري بادشاهه چارلس پهرين سميت کوڙ سارا سائنسدان، تعليمدان، ادبي، ثقافتي ۽ فنونِ لطيف جا وڏا نالا پڻ شامل آهن جن پنهنجي تحيقين ۽ ڪارگذارين عيوض نوبيل ۽ ٻين انعامن اڪرامن سميت دنيا ۾ وڏو نانءُ ۽ ناموس حاصل ڪيو آهي.مشهور ليکڪ ميلان ڪنڊيرا به چارلس يونيورسٽيءَ مان ادب ۽ اخلاقيات ۾ تعليم حاصل ڪئي.
    جڏهن چيڪوسلوواڪيا هڪ ملڪ هو ۽ ان جون ٻه ريپبلڪ يعني چيڪ ۽ سلوواڪ ريپبلڪ نه بڻيون هيون تڏهن اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب اسحاق انصاري جيڪو ان وقت شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ ليڪچرار هيو، چيڪوسلوواڪيا سرڪار جي ڪلچرل اسڪالرشپ، وزارت تعليم، حڪومت پاڪستان جي ذريعي سان حاصل ڪري 1990ع ۾ چيڪوسلوواڪيا ويو هيو جتان سلوواڪيا ريپبلڪ جي ايڪنامڪس يونيورسٽي آف براتيسلاوا مان اسٽيٽسٽڪس واري سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي حاصل ڪيائين. نه رڳو ايترو پر هن شادي به اتان ئي ڪري سلوويڪ ڊگري سميت سلوويڪ وَني سميت سنڌ واپس آيو هو.هن ٻيو دفعو 1998ع ۾ چارلس يونيورسٽي پراگ مان ڊيموگرافي ۾ سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪيو. هو اڄڪلهه اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچي ۾ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز آهي. سنڌ جي شهر سانگھڙ سان تعلق رکندڙ هڪ سنڌي سپوت ابرار مري پڻ چارلس يونيورسٽي پراگ مان نفنسيات جي تعليم حاصل ڪري مستقل طور اتي ئي رهائش اختيار ڪئي آهي، ياد رهي ته جڏهن چيڪوسلوواڪيا ۾ سوشلسٽ حڪومت هوندي هئي ته اها ٻين غريب سوشلسٽ ملڪن جي نوجوانن کي تعليم لاءِ پاڻ وٽ گھرائيندي هئي. ان کان علاوهه ٻين ملڪن جي سوشلسٽ يا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نوجوانن کي به اسڪالرشپ ڏئي پاڻ وٽ گھرائيندي هئي. ان پارٽي واري اسڪيم تحت ابرار مري ۽ سنڌي ادب جي بهترين ڪتاب “ سنڌ جون تهذيبي روايتون” جي ليکڪ محمد بخش سومرو جي فرزند دودي سومرو پڻ چيڪ ريبلڪ مان تعليم حاصل ڪئي آهي.
    لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ شير محمد جمالي جو رهواسي عبدالخالق جمالي ولد جادو خان جمالي پڻ چيڪوسلواڪيا مان انجنيئرنگ ۾ بي اِي ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ اتي ئي انجنيئر جي حيثيت سان نوڪري ڪري ٿو. هن منگوليا جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري اتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي.
    چيڪ ريپبلڪ جي پراگ شهر ۾چارلس يونيورسٽي سميت ٻيون به چار نامياريون يونيورسٽيون آهن جهڙوڪ؛ يونيورسٽي آف ايڪنامڪس(اتان چيڪ ريپبلڪ جي ٻي صدر واتسلاو ڪلائوس تعليم حاصل ڪئي) يونيورسٽي آف لائيف سائنسز، چيڪ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي(جنهن مان ڊراما نگار ۽ چيڪ رييپبلڪ جي پهرين صدر واتسلاو هاول تعليم حاصل ڪئي) ۽ يونيورسٽي آف فئنانس ائنڊ ائڊمنسٽريشن. پراگ جون اهي سڀئي يونيورسٽيون توڙي چيڪ ريپبلڪ جا ٻيا اعليٰ تعليمي درسگاهه پنهنجي ڏيهي شاگردن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي نوجوانن سميت سنڌ جي طالبعلمن لاءِ به پنهنجا دروازا هميشه کيليل رکنديون آهن.
    چيڪ ريپبلڪ توڙي سلوواڪيا جي درسگاهن ۾ تعليم لاءِ ويندڙ شاگردن کي پهريان اتان جي ٻولي جا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا ڇو ته اتي تعليم اتان جي مقامي ٻولين ذريعي ڏني وڃي ٿي. پر اڄڪلهه اتي شاگرد سليف فئنانس تي به پڙهڻ وڃن ٿا جن کي انگريزيءَ ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي.
    چارلس يونيورسٽي ملڪ چيڪ ريپبلڪ وچ يورپ جو پر امن ۽ خوشحال ملڪ آهي. هن جون زميني سرحدون اولهه ۾ جرمني، ڏکڻ ۾ آسٽريا، اوڀر ۾ سلوويڪيا، ۽ اتر ۾ پولينڊ سان ملن ٿيون. سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جيتري يعني اٽڪل تيرنهن لک آبادي رکندڙ شهر پراگ چيڪ ريبلڪ جو وڏو شهر ۽ حڪومتي گادي وارو هنڌ آهي. ٻيون نمبر شهر برنو آهي. چيڪ ريپبلڪ جي تاريخ به دلچسپي کان خالي نه آهي. نائين عيسوي صدي دوران چيڪ ريپبلڪ واري علائقي کي بوهميا جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو. 1002ع ۾ هي بوهميا واري رياست مقدس رومن شهنشاهيت بڻي. 1918ع ۾ هن کي سلوواڪيا واري علائقي سان گڏائي ريپبلڪ آف چيڪو سلوواڪيا جي نالي سان هڪ ملڪ جي شڪل ڏني وئي، پر ڇاهتر سال جي ان ڊگھي وصال کان پوءِ پهرين جنوري 1993ع تي هي ملڪ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو جنهن مان ٻه آزاد ملڪ ريپبلڪ آف سلوواڪيا ۽ ريپبلڪ آف چيڪ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيا. ريپبلڪ آف چيڪ وارو ئي ملڪ چارلس يونيورسٽي جو ملڪ آهي جتي ممڪن آهي ته اوهان به ڪڏهن اعليٰ تعليم جي خواهش کڻي وڃي اتي پهچو.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 2 اپريل 2014)


    فِنلينڊ جي هيلسنڪي يونيورسٽي

    فِنلينڊ جي هيلسنڪي يونيورسٽي،
    جنهن ملڪي سربراهه پيدا ڪيا

    اتر يورپ جي ملڪ فِنلينڊ جي گادي واري شهر هيلسنڪيقائم يونيورسٽي جو پورو نالو “ايمپيرئل اليگزنڊريه يونيورسٽي آف هيلسنڪي” آهي. ٽائمز ورلڊ هائير ايجوڪيشن يونيورسٽي رئنڪنگ جي موجب هيءَ معيار جي حوالي سان هڪ سئو نمبر تي آهي. هن ۾ چاليهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن. هن يونيورسٽي جون هيلسنڪي شهر ۾ چار ڪئمپسون آهن.
    هيلسنڪي يونيورسٽي جي شروعات فنلينڊ جي هڪ ٻئي شهر “تُرڪو” ۾ 1640ع ۾ قائم “رائل اڪيڊمي آف ترڪو” کان ٿي. 1927ع ۾ تُرڪو شهر کي باهه لڳي جنهن ڪريان اڪيڊمي کي فنلئنڊ جي گادي واري شهر هيلسنڪي منتقل ڪري 1928ع ۾ هن کي ترقي ڏئي يونيورسٽي جي حيثيت ڏني وئي ۽ ان جو نالو رکيو ويو” ايمپيرئل ايلنگزينڊريه يونيويرسٽي آف هيلسنڪي“. هن يونيورسٽي جي مکيه ڪئمپس هيلسنڪي شهر جي مرڪزي ۽ تاريخي علائقي “سينيٽ اسڪوائر” ۾ واقع آهي. هي ڪئمپس هيلسنڪي يونيورسٽي جو انتطامي مرڪز هجڻ سان گڏ هيومن سائنسز جي کوڙ سارن تدريسي شعبن جو مجموعو پڻ آهي. هيلنسڪي يونيورسٽي جي هيءَ ڪئمپس جيڪا سٽي سينٽر ڪئمپس جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ان ۾فئڪلٽي آف ايجوڪيشن، فئڪلٽي آف لا، فئڪلٽي آف ٿيالاجي، فئڪلٽي آف آرٽس، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ فئڪلٽي آف بهيوريل سائنسز جي ڪيترن ئي شعبن سان گڏ يونيورسٽي جي مرڪزي لئبريري جنهن کي فنلئنڊ جي قومي لئبريري ليکيو وڃي ٿو، شاگردن ۽ ملازمن لاءِ گڏيل سکيا جو ادارو “ ايلگزندريه ليرننگ سينٽر“، فنش سينٽر فار رشن ائنڊ ايسٽ يوروپين اسٽڊيز، فنش ميوزم آف نيچرل هسٽري، سينٽر فار ڪنٽينيوئنگ ايجوڪيشن، هيلسنڪي ڪاليج فار ائڊوانسڊ اسٽڊيز ۽ هيلسنڪي يونيورسٽي ميوزم پڻ قائم آهن. هي ڪئمپس تدريس ۽ تحقيق واري عمل سان گڏ فنلئنڊ جي ثقافتي سرگرمين جو پڻ مرڪز آهي.
    هيلسنڪي يونيورسٽي جي ٻي ڪئمپس جيڪا “ڪمپولا سائنس ڪئمپس” جي نالي سان مشهور آهي سا هيلسنڪي شهر جي مرڪزي علائقي کان چارڪلوميٽر جي مفاصلي تي قائم آهي. هن ۾ سائنس جي هڪ ئي فئڪلٽي آهي جيڪا نيچرل سائنس جي تدريسي ۽ تحقيقي شعبن جهڙوڪ ڪيمسٽري، فزڪس، مئٿميٽڪس، اسٽيٽسٽڪس، ڪمپيوٽر سائنس، جيو سائنس، جيوگرافي، ڪمپيوٽر سائنس وغيره تي مشتمل آهي.
    هن يونيورسٽي جي ٽين ڪئمپس “ميئلاهٽي ڪئمپس” سڏيو وڃي ٿو. هن ڪئمپس جو ٻيو نالو “هيلسنڪي اڪيڊمڪ ميڊيڪل سنٽر” پڻ آهي. هن ڪئمپس ۾ فئڪلٽي آف ميڊيسنس، انسٽيٽيوٽ آف ماليڪيولر ميڊيسن، ۽ هيلسنڪي يونيورسٽي سينٽرل هاسپيٽل واقع آهي.
    چوٿين ڪئمپس جو نالو “ويڪي ڪئمپس” آهي پرهن کي “گرين ڪئمپس” به سڏيو ويندو آهي ڇو ته هن ڪئمپس ۾ زياده تر بايوسائنسز تي ڪم ٿيندوآهي. ان کان علاوه هن ڪئمپس ۾ چار فئڪلٽيون جهڙوڪ انوائرنمنٽل سائنسز، ويٽرنري سائنس، فوڊ ريسرچ، فارميسي، ايڪانامڪس ۽ ٻه خود مختيار تحقيقي ادارا ۽ هڪ سائنس لائبريري واقع آهي. يونيورسٽي جي هيءَ ڪئمپس يونيورسٽي جي مالي ترقي لاءِ ڪاروباري سرگرمين جي حوالي سان اهميت رکي ٿي. انهيءَ حوالي سان هن ڪئمپس جا ٻيا ادارا جهڙوڪ بزنس ائنڊ سائنس پارڪ، فنش فوڊ سيفٽي، فنش گئمز ائنڊ فشريز ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ايم آ ٽي ائگري فوڊ ريسرچ وڏي ناماچاري رکن ٿا. ويڪي ڪئمپس پنهنجي فطري خوبصورتي واري حوالي سان پڻ مشهور آهي. هن ۾ قائم “ٽراپيڪل گارڊنس“، پکين جي پالنا ۽ تحفظ وارا سينٽر،تفريح جون جڳهون ۽ قدرتي سونهن وارا نظارا هن “ويڪي فئڪلٽي” کي هڪ خاص حيثيت بخشين ٿا.
    هن يونيورسٽي جي پنجن ڄڻن فنلينڊ جي صدارت ۽ هڪ ڄڻي وزيراعظم جو عهدو ماڻيو آهي. پنجن محققن مختلف شعبن ۾ نمايا تحقيق تي نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن.
    فنلينڊ جي ڪل آبادي اٽڪل چوونجاهه لک ماڻهن تي مشتمل آهي. هن جو پورو نالو ريپبلڪ آف فنلينڊ آهي. فنلينڊ جون سرحدون ناروي، رشيا ۽ سوئيڊن سان ملن ٿيون. هي بنيادي طور زرعي ملڪ هيو پر گذريل سٺ سالن دوران هتي آيل صنعتي ترقي جي ڪري هن ملڪ وڏي خوشحالي ماڻي آهي.اڄڪلهه هي ملڪ خوشحالي، سماجي برابري، امن امان، تعليمي ۽ صنعتي ترقي ۽ معاشي مضبوطي ۾ دنيا جي پهرين صف وارن ملڪن ۾ شامل ٿئي ٿو. تاريخ جي مختلف دورن ۾ فنلئنڊ ان دور جي سوئيڊن ائمپائير ۽ رشن ايمپئار جي قبضي ۾ رهڻ کان پوءِ 1917ع ۾ آزدي ماڻي. هيلسنڪي هن جي گادي وارو سڀ کان وڏو شهر آهي هن کان اڳ هن جي گادي جو شهر ترڪو هيو.هيلنسڪي جي ڪل آبادي اٽڪل ست لک ماڻهن تي مشتمل آهي. هيلسينڪي فنلئنڊ جو وڏو، سياسي، سماجي، تعليمي، معاشي ۽ ثقافتي مرڪز آهي. هن شهر م قائم هڪ سئو نوي ڪمپريهينسِو اسڪول، ايڪيتاليهه هائير سيڪنڊري اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ڪي ئي ميوزمس، ٿيٽر، ثقافتي ۽ تفريحي ماڳ مڪان هيلسنڪي کي دللڀائيندڙ بڻائين ٿا. هيلسنڪي يونيورسٽي جا سمورا پروگرام ۽ ان جون سهوليتون اتي ويندڙ شاگردن لاءِ موجود آهن پر انهن مان فائدو صرف اهي وٺي سگهن ٿا جيڪي پنهنجي صلاحيتن ۽ همٿن جي وسيلي اتي پهچن ٿا. سنڌ جا نوجوان پڻ ڪوششن وسيلي ڪاميابي ماڻي سگھن ٿا.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 22 جنوري 2014)


    ناروي جي اوسلو يونيورسٽي

    ناروي جي اوسلو يونيورسٽي،
    جيڪا عوام تحريڪ هلائي قائم ڪرائي هئي


    اوسلو يونيورسٽي اتر يورپ جي هڪ خوبصورت ملڪ ناروَي جي گاديءَ واري شهر اوسلو ۾ واقع آهي. هن ملڪ جو نالو “ناروَي” (Norway) انگريزي ٻوليءَ جي ٻن لفظن جهڙوڪ نارٿNorth۽ وَي way مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي “اتر وارو رستو“. شايد هن ملڪ کي سندس هي نالو هن جي جاگرافيائي بيهڪ جي مناسبت سان ئي پلئه پيو هجي، ڇو ته ناروَي وارو ملڪ اتر يورپ ۾ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي قائم ٿيل آهي.
    يونيورسٽي آف اوسلو، ناروي جي سڀ کان پهرين يونيورسٽي آهي جيڪا 1811ع ۾ قائم ڪئي وئي. اڪيڊمڪ رئنڪنگ آف ورلڊ يونيورسٽيز مطابق هيءَ ستهٺين نمبر تي دنيا جي معياري يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي جي ڇهن استادن ۽ محققن نمايان ڪم ۽ ريسرچ جي عيوض نوبيل انعام مليا آهن. يونيورسٽي ۾ اٽڪل ٽيهه هزار شاگرد زيرِ تعليم آهن.
    اوسلو يونيورسٽي جو اڳوڻو نالو “ رايل فريڊرڪ يونيورسٽي” آهي. 1811ع ۾ جڏهن هيءَ يونيورسٽي قائم ٿي هئي ان وقت ناروي آزد نه هيو پر هي ملڪ ڊينو نارويجن يونين (Dano-Norwegian Union) جو حصو هيو ۽ ان يونين جو بادشاهه “ڪِنگ فريڊرڪ ڇهون” هيو جيڪو ڊينمارڪ ۽ ناروي تي حڪومت ڪندو هيو. هن جي راڄ ۾ رعيت جي نوجوانن جي اعليٰ تعيلم جو ڪو به جوڳو بندوبست ڪونه ٿيل هيو. هو سمجهندو هيو ته سندس ملڪ ۾ اعليٰ تعليمي درسگاهه جي قيام سان سندس حڪمرانيءَ هيٺ آيل يونين ۾ رهندڙ نوجوانن ۾ علحدگيءَ واري سياست جو رجحان جنم وٺندو، تنهنڪري هو يونيورسٽي جي قيام جو حامي نه هيو. انهيءِ ڳالهه کي محسوس ڪندي ناروي جي عوام يونيورسٽي جي قيام لاءِ زوردار تحريڪ هلائي جنهن جي نتيجي ۾ ناروي جي هڪ ننڍڙي شهر “ڪرسٽينيا” ۾ 1811ع ۾”رايل فريڊرڪ يونيورسٽي” جو قيام عمل ۾ آندو ويو جنهن جو نالو ڊينو نارويجن يونين جي بادشاهه فريڊرڪ جي نالي پٺيان ئي رکيو ويو. 1814ع جي جنگ جي نتيجي ۾ ناروي آزدي ماڻي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان پنهنجو آئين جوڙي ورتو پر کيس معاهدن هيٺ آڻي سوئيڊن جي يونين سان جوڙي رکيو ويو پر ڪجهه محدود اختيارن ۾ کيس آزاد رکيو ويو. بحرحال فريڊرڪ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن درس ۽ تدريس سان گڏ ناروي جي قومي تشخص کي سلامت رکڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي ترقيءَ وارين سرگرمين سان گڏ سياسي ۽ قومي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ جدوجهد جاري رکي. آخر ڪار 1905ع ۾ جڏهن سوئيڊن سان يونين واري نظام جو خاتمو آيو ته ناروي جا ادارا خودمختيار بڻجي ڪم ڪرڻ لڳا ۽ اهڙي طرح هيءَ رايل فريڊرڪ يونيورسٽي پڻ ترقي جا ڏڪا چڙهندي وئي. آخرڪار 1939ع ۾ يونيورسٽي جو اهو بادشاهيءَ وارو نالو تبديل ڪري هن کي سندس موجوده نالو يعني “ اوسلو يونيورسٽي” ڏنو ويو. 1946ع تائين هيءَ يونيورسٽي ناروي جي اڪيلي يونيورسٽي هوندي هئي جنهن ڪري هن کي صرف “ دي يونيورسٽي” جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هيو. اڄڪلهه اوسلو يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿي. جنهن ۾ پڙهڻ لاءِ پهچندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي شاگرد پنهنجي مستقبل جي روشن هجڻ لاءِ هميشه پر اعتماد رهن ٿا.
    اوسلو يونيورسٽي جي اصلي ۽ مکيه ڪئمپس جنهن کي نيوڪلاسيڪل دور جي فنِ تعمير جو اعليٰ نمونو سمجهيو وڃي ٿو سا اوسلو شهر جي مرڪزي علائقي ۾ واقع آهي. يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف ميڊيسن جون اسپتالون اوسلو شهر جي مختلف علائقن ۾ موجود آهن، جيڪي هن يونيورسٽي جي شاگردن جي تدريسي ۽ تحقيقي گھرجن جي پورائي سميت شهرين جي صحت لاءِ پڻ اعليٰ خدمتون سرانجام ڏينديون رهن ٿيون. يونيورسٽي جون فئڪلٽين ۾ هيلٿ، بيسڪ ميڊيڪل سائنس، ڪلينيڪل ميڊيسن، فارينسڪ ميڊيسنس،آرڪيالاجي، ڪنزروَيشن ائنڊ هسٽري، ڪلچرل اسٽڊيز، ائنڊ اورنٽيئل لئنگِوِجز، فلاسافي، ڪلاسڪس، هسٽري آف آرٽ ائنڊ آئڊياز، لٽريچر، ايريا اسٽڊيز ائنڊ يوروپين لئنگِوِجز، ميڊيا ائنڊ ڪميونييڪيشن، ميوزڪلاجي، ابيسن اسٽڊيز، اسٽڊيز آف مائنڊ اِن نيچر، انوائرنمنٽ. مئٿميٽڪس ،بايولاجي، ڪيمسٽري، جيو سائنسز، انفارميٽڪس، مئٿميٽڪس، ماليڪيولر بايوسائنسز ۽ فزڪس، فارميسي، ٿيوريٽيڪل ائسٽروفزڪس، مٽيريل سائنسز ائنڊ نئنوٽيڪنالاجي،ايڪلاجيڪل ائنڊ اِووليوشن سينٿسز،. ڊينٽسٽري،سوشالاجي، هيومن جاگرافي، سائڪالاجي، پوليٽيڪل سائنس، ايڪنامڪس،ٽيچرس ايجوڪيشن ائنڊ اسڪول ريسرچ، اسپيشل نيڊس ايجوڪيشن ۽ ايجوڪيشنل ريسرچ، ڪرمنالاجي ائنڊ سوشل لا، پرائيويٽ لا، پبلڪ ائنڊ انٽرنيشنل لاءِ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ادارا هن يونيورسٽي جي شاگردن جي تدريس ۽ تحقيق واري عمل ۾ گھربل ماحول ۽ موقعا فراهم ڪندا رهن ٿا.
    اوسلو يونيورسٽي ۾ عجائب گھرن (Museums)جوپڻ هڪ شانائتو نيٽ ورڪ موجود آهي ، جتي نه رڳو هن يونيورسٽي جا شاگرد پر دنيا جي مختلف ملڪن مان تفريح تي ايندڙ سياح پڻ هتي اچي ميوزيمس ۾ موجود شين کي ڏسي انهن مان معلومات ۽ حض حاصل ڪندا رهندا آهن. اوسلو يونيورسٽيءَ جون اهڙيون ميوزمس هن ريت آهن؛ هسٽاريڪل ميوزيم، وائيڪنگ شپ ميوزيم، ايٿنوگرافڪ ميوزيم، ڪوائنس ائنڊ مَيڊلس ميوزيم، نيچرل هسٽري ميوزيم، پئليوٽونالاجي ميوزيم،باٽنيڪل ميوزيم ۽ باٽنيڪل گراڊن وغيره.
    اوسلو يونيورسٽي مان اهڙا ڪي ئي اهل ۽ ناميارا شاگرد تعليم مڪمل ڪري نڪتا آهن جن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي وسيلي ذاتي، قومي ۽ ملڪي سطح تي ڪاميابيون ماڻي تاريخن ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو نالو روشن ڪري ڇڏيو آهي. هن يونيورسٽي جي اهڙن اڳوڻن شاگردن ۾ ناروي جا اڳوڻا ٽي وزيراعظم هارليم پرنڊلئنڊ، جينس اسٽالٽنبرگ ۽ ڪئري وولچ، لاطيني آمريڪا جي ملڪ انٽيگوئا ۽ باربودا جو وزيراعظم بالڊوِن اسپينسر، يورپ جي ملڪ ڪوسووو جو دپٽي فارين منسٽر پيٽر سلمي ۽ آمريڪي خلاباز هيرسن پڻ شامل آهن.
    اوسلو يونيورسٽي جي هڪ اهم ۽ قابل تعريف خصوصيت اها به آهي ته هي يونيورسٽي پڻ ناروي جي سڀني سرڪاري اعليٰ تعليمي اداران جيان شاگردن کان ڪا ڳري فيس وغيره ڪو نه وٺندي آهي. البته هر تدريسي ٽرم جي لاءِ شاگردن کي صرف 550 ناريويجن NOK جيڪي صرف 70 آمريڪن ڊالر جي برابر ٿين ٿا، سي يونيورسٽي جي فنڊ ۾ جمع ڪرائڻا پوندا آهن جيڪا رقم پڻ بعد ۾ شاگردن جي عام ڀلائي واري تنظيم “فائونڊيشن فار اسٽوڊنٽس لائيف اِن اوسلو” جي حوالي ڪئي ويندي آهي. هيءَ تنظيم شاگردن کان مليل اها رقم ناروي ۾ ننڍن ٻارڙن جي اسڪولن، صحت ۽ رهائش جي سهوليتن، ثقافتي سرگرمين، يونيورسٽي جي هفتيوار اخبار جي ڇپائي ۽ يونيورسٽي جي ريڊيو جي ترقيءَ تي خرچ ڪندي آهي. باقي پين پني، ڪاپي ۽ ڪتاب لاءَ شاگردن کان صرف 100 NOK يعني 17 آمرڪي ڊالر ورتا ويندا آهن. انهيءَ سان گڏ پنج ڊالر ٻيا به ورتا ويندا آهن جيڪي پڻ شاگردن جي ڀلائي واري هڪ ٻي تنظيم جي حوالي ڪيا ويندا آهن.
    سنڌ مان سفر ڪري ناروي ۾ پڙهڻ جي خواهش رکندڙ شاگردن جي معلومات لاءِ اوسلو يونيورسٽي جي ڌرتي ناروي ۽ ان جي شهر اوسلو جو ٿورو حال احوال ڪرڻ به ضروري ٿو ڀانيان، جيڪو هيٺينءَ ريت آهي.
    ناروي جو سرڪاري نالو “ ڪِنگڊم آف ناروَي” آهي. هي ملڪ پنهنجي زميني بيهڪ جي لحاظ کان اسڪينڊنيويا (Scandinavia) واري اڪائي جو حصو آهي، جنهن ۾ ٻيا ملڪ جهڙوڪ جاگرافيائي طور ڊينمارڪ ۽ سوئيڊن، جيلاجيڪل ۽ معاشي طور فنلينڊ، ۽ انهي کان علاوه آئسلئينڊ کي پڻ نسلي ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي شامل سمجھيو ويندو آهي. ناروي وارو ملڪ پکيڙ جي لحاظ کان پاڪستان جي اڌ ايراضيءَ جيترو آهي. ڇو ته هن جي ڪل پکيڙ ٽي لک پنجاسي هزار ٻاويهه ڪلوميٽر آهي جڏهن ته پاڪستان جي ڪل ايراضي اٽڪل ساڍا ست لک ڪلوميٽر آهي. ناروي جي ڪل آبادي اٽڪل پنجاهه يا سٺ لک ماڻهن تي مشتمل آهي جنهنڪري هن ملڪ کي يورپ جو ٻيو نمبر گھٽ آباديءَ وارو ملڪ سمجھيو ويندو آهي. هي ملڪ پيٽروليئم، معدنيات، قدرتي گئس ۽ سامونڊي مال ۽ کاڌي جي نعمتن سان مالا مال آهي. تيرهين عيسوي صديءَ ۾ ناروي وائيڪنگ حملن (Viking Raids) جي نتيجي ۾پنهنجو اثر رسوخ برطانيا، آئرلينڊ، گرينلينڊ ۽ آئسلينڊ تائين پڻ وڌايو هيو، جيڪو مختصر عرصي تائين قائم رهيو هيو. هن ملڪ جون ڊگھيون سرحدون سوئيڊن سان ملن ٿيون جيڪي سورنهن سئو اڻويهه ڪلوميٽرن تي مشتمل آهن.انهيءَ کان علاوه فنلئنڊ، رشيا ۽ ڊينمارڪ سان پڻ هن جون سرحدون ملن ٿيون. اوسلو هن ملڪ جي گادي جو شهر آهي. جيڪو نه رڳو اوسلو يونيورسٽي جو گھر آهي پر هن ۾ قائم ٻيا اعليٰ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون پڻ ناروي سميت دنيا جي شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪنديون رهن ٿيون.

    (ڪاوش مڊويڪ مئگزين 12مارچ 2014)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 648
    ڪتابن جو مشاهدو: 819655
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 282167
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ