ڪتاب جو نالو: ارپڻ کان رهجي ويل محبت
مصنف: وفا صالح راڄپر
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 19 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 776 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 213 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پورهيت گهر ۾ جنم وٺندڙ ”وفا“ صالح سنڌي ادب جو اهو پورهيت لکاري آهي جنھن آنجهيءَ توڙي مانجهيءَ تخليقي پورهيو پئي ڪيو آهي. هن وٽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جيڪو درد آهي، اهو درد ئي هن کي متحرڪ رکندو پيو اچي. ڇاڪاڻ ته درد جو رشتو عظيم رشتو هوندو آهي، جتي ڪيترين ئي ڪھاڻين جا زنده ڪردار هوندا آهن جيڪي ”وفا“ صالح راڄپر جي ڪھاڻين ۾ اهي ڪردار امر بڻجي ويا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپــنــا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنھنجي پاران:ڪهاڻي منهنجي محبوبه آهي
  • مُـهـاڳ
  • ڪهاڻيون

  • سـُـريـت
  • ســيــمــا
  • نيڻن ۾ سجايل خواب
  • رکــوالـي
  • ارپڻ کان رهجي ويل محبت
  • اجـازت
  • ٻـه جـريـب
  • ڪـارو ڌاڳـو
  • پـهـريـون پـيـار
  • ڪــاري
  • اوجاڳو، درد ۽ راتيون
  • اکيون ۽ عشق
  • تِـرَن جـو تـيـل
  • رايا

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : اَرپڻ کان رهجي ويل محبت
    موضوع : (ڪھاڻيون)
    ليکڪ : ”وفا“ صالح راڄپر
    ڇاپو : پھريون، سال 2017ع
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر - ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو


    مُلھه : 150 روپيه



    ڪتاب گهرائڻ ۽ رابطي لاءِ:
    عيسى ميمڻ
    E-mail: essa.memon1985@gmail.com
    (هي ڪتاب ”عيسى ميمڻ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران ڪراچي مان ڇپرائي
    ڏوڪريءَ مان پڌرو ڪيو )


    ارپــنــا

    پنهنجي پياري ڀينرن
    عائشه ۽ روبينه
    جي نانءِ
    جن جو پيار مون لاءِ سدائين
    بڙ جي گهاٽي ڇانوري جيان رهيو آهي
    ۽
    سندن محبتون سدائين مون لاءِ.....
    امام ضامن وانگر رهيون آهن.


    ”وفا“ صالح راڄپر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب وفا صالح راڄپر جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    پورهيت گهر ۾ جنم وٺندڙ ”وفا“ صالح سنڌي ادب جو اهو پورهيت لکاري آهي جنھن آنجهيءَ توڙي مانجهيءَ تخليقي پورهيو پئي ڪيو آهي. هن وٽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جيڪو درد آهي، اهو درد ئي هن کي متحرڪ رکندو پيو اچي. ڇاڪاڻ ته درد جو رشتو عظيم رشتو هوندو آهي، جتي ڪيترين ئي ڪھاڻين جا زنده ڪردار هوندا آهن جيڪي ”وفا“ صالح راڄپر جي ڪھاڻين ۾ اهي ڪردار امر بڻجي ويا آهن.
    محمد صديق مڱيو لکي ٿو:
    ”وفا صالح تخيلقڪارن جي ان قبيلي مان آهي، جيڪي لکڻ ۾ جئدان ڳوليندا آهن. لفظن جا ڏنگ ۽ سِٽن جا صدما سھندا آهن. ڏات ۽ ڏانءُ کين پنھنجي پناهه جون پکيڙيل ٻانهون آڇيندا آهن. قلم انهن لاءِ اهڙو ڪلهو هوندو آهي، جنھن تي ڪنڌ رکي، لفظن جا سُڏڪا ڀـريندا آهن. هو اهڙو ڏات ڌڻي آهي، جيڪو لکڻ لاءِ لکي ٿو، لکڻ سندس جياپو آهي.“

    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري عيسيٰ ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جو هي ويهون ڪتاب آهي، جيڪو وفا صالح راڄپر جي ڪهاڻين جو پھريون مجموعو آهي.
    هونئن سنڌي ڪھاڻيءَ جو سفر سنڌي سماج سان شروع ٿئي ٿو. ڪھاڻي ۽ سماج هم عمر رهيا آهن. اها ڪھاڻيءَ جي قدامت داستانن کان شروع ٿي جديد ڪھاڻيءَ تائين سفر ڪري پھتي آهي. اڄ سنڌي ڪھاڻي پنھنجي سمورين فني ۽ فڪري خوبين سان عروج تي آهي. ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ کان وفا صالح راڄپر جي ”چڪلو“ ڪھاڻي تائين سنڌي ڪھاڻيءَ سنڌي سماج جي زبردست ترجماني پئي ڪئي آهي. اوهان جي هٿن ۾ وفا صالح راڄپر جي ڪھاڻين جو ڪتاب ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ يقينن اوهان جي لائبريريءَ ۾ هڪ خوبصورت ڪتاب جو اضافو هوندو. ڇاڪاڻ ته پورهيت گهر ۾ جنم وٺندڙ ”وفا“ صالح سنڌي ادب جو اهو پورهيت لکاري آهي جنھن آنجهيءَ توڙي مانجهيءَ تخليقي پورهيو پئي ڪيو آهي. هن وٽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جيڪو درد آهي، اهو درد ئي هن کي متحرڪ رکندو پيو اچي. ڇاڪاڻ ته درد جو رشتو عظيم رشتو هوندو آهي، جتي ڪيترين ئي ڪھاڻين جا زنده ڪردار هوندا آهن جيڪي ”وفا“ صالح راڄپر جي ڪھاڻين ۾ اهي ڪردار امر بڻجي ويا آهن. هن جي ڪھاڻين ۾ انهن ڪردارن جي دردن جي عڪاسي ٿيل آهي جيڪي ڪردار سماج جا ڏکويل ڪردار آهن ۽ نظر انداز ڪيل ڪردار آهن. اسان کي خوشي آهي ته سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران وفا صالح راڄپر جي ڪھاڻين جو ڪتاب اوهان تائين پھچايو آهي، جيڪو يقينن اوهان وٽ گهربل مان ضرور ماڻيندو.

    ادارو
    سرسوتي ساهت گهر
    تاريخ: 2017-02-03
    ڏوڪري/ لاڙڪاڻو


    پنھنجي پاران:ڪهاڻي منهنجي محبوبه آهي

    مون پنھنجي لکڻ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي، شاعريءَ کانپوءِ ڪھاڻيون، مضمون، ڪالم، اڀياس ۽ خاڪا پڻ لکيا. پر ادبي حلقن ۾ منھنجي جيڪا سڃاڻپ ٿي، اها هڪ ڪھاڻيڪار طور ٿي. مان نٿو سمجهان ته سنڌ جو اهڙو ڪوبه رسالو يا ڪوبه ڪھاڻي نمبر هجي، جنھن ۾ منھنجي ڪھاڻي ڇپيل نه هجي.
    مون جڏهن تاج بلوچ جي نگرانيءَ ۾ نڪرندڙ سوجهري رسالي ۾ مسلسل ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون ته سوجهري منھنجي ڪھاڻيءَ واري سڃاڻپ کي اڃان وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارو بنائي ڇڏيو.
    سال 2015ع ۾ جڏهن نثري نظمن تي مـُبني ڪتاب ”دردن ڦولاريا ڦول“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ته ان ڪتاب تي مون کي ايتري پذيرائي ۽ مڃتا ملي جو ان ڪتاب منھنجي ڪھاڻيڪار واري سڃاڻپ کي ڄڻ ته دز چاڙهي لَٽي ڇڏي. انهيءَ سال ۾ ٻيا ته الائي جي ڪيترا ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا هوندا پر اهو مان دعوى سان چئي سگهان ٿو ته جيترو منھنجي نظمن واري ڪتاب تي لکيو ويو، ايترو شايد ئي ڪنھن ٻي ڪتاب تي لکيو ويو هجي.
    مون شروع کان ٿوري پر معياري لکڻ کي ترجيح ڏني آهي. پوءِ اهو نثر وارو پاسو هجي يا نظم وارو پاسو هجي، مون کي پھرين ڪتاب تي لکت ۾، فونن، خطن ۽ ميسيجن ذريعي جيڪا پذيرائي ۽ مڃتا جو داد ۽ تاج مليو ان جو بيان مان ڪيئن ۽ ڪھڙن لفظن ۾ ڪريان...!؟ لفظ به پريشان آهن ته ساڳي وقت لفظن سان گڏ مان به پريشان آهيان. هن ڪھاڻي ڪتاب تي مھاڳ لکڻ وقت سائين محمد صديق منگيي جي ذهن ۽ د جي ڪينواس تي اڃان تائين منھنجي پھرين شاعريءَ واري ڪتاب جا رنگ اثر انداز آهن. هُو اڃان تائين منھنجي ڪتاب جي سحر مان پاڻ کي ڪڍي نه سگهيو آهي. اهو اثر، اهو تاثر، اهو سحر هن ڪھاڻي ڪتاب جي مھاڳ ۾ ڪر کنيون بيٺو آهي.
    مون اهو سوچيو به نه هو ته مون کي پنھنجي ادبي پورهئي تي ايترو داد ۽ مڃتا ملندي. مان ته ان خوف ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙجي ويو هيس ته ڪٿي اها مڃتا، اهو درد مون کان منھنجي لکڻ واري حِس کسي نه وٺي ......!
    شاعريءَ تي مون کي ڀل ڪيتري به مڃتا، ڪيتري به پذيرائي ۽ ڪيترو به داد ملي پر مان ڪھاڻيءَ کان پنھنجو اٽڪيل پاند، اٽڪيل ساهه ڇڏائي نـٿـو سگهان، ڪھاڻي جيڪا رڳو ڪتاب ۽ رسالي ۾ ڇپجڻ لاءِ ڪھاڻي نه آهي، پر ڪھاڻي منھنجي زندگي ۽ بندگي به آهي. ڪھاڻي منھنجو ساهه ۽ ويساهه به آهي، ڪھاڻيءَ سان منھنجو جنون جي حد تائين پيار ۽ محبت آهي، ڪھاڻيءَ سان منھنجو اهڙو گھرو تعلق ۽ عشق آهي جنھن کي موت به چاهي ته ڌار نٿو ڪري سگهي. موت کانپوءِ به منھنجو ڪھاڻيءَ سان عشق هن ڪتاب ذريعي زنده، شاد ۽ آباد رهندو.
    مون دل ۾ خيال ڪري ڪڏهن ويھي ڪھاڻي ناهي لکي، مون ڪڏهن انگ وڌائڻ لاءِ به زوريءَ ڪھاڻي ناهي لکي، مون ڪڏهن لکڻ لاءِ ڪھاڻيءَ سان زبردستي به ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري ڪھاڻيءَ ڪڏهن مون کي لکڻ لاءِ زبردستي ڪئي آهي. مون وٽ جڏهن به ڪھاڻي آئي ته مور جيان رقص ڪندي آئي آهي، ڪنوار جيان سينگارجي ۽ سنوارجي آئي آهي ۽ پوءِ جڏهن هڪ سچي عاشق جيان ننھن کان چوٽيءَ تائين ان کي ڏسندو آهيان، ته پوءِ ڪھاڻي پاڻ مون سان ڳالهائيندي چوندي آهي ته، ”ڏس ....! هاڻ مان توکي وڻان ٿي نه ....؟، ڏس! مان ڪيڏو نه سينگارجي سنوارجي تنھنجي دل ۽ نيڻن جي آڳر تي رقص ڪندي لٿي آهيان. هاڻ تون ڀل مون کي قلم جي نوڪ سان پنھنجي لفظن ۾ محفوظ ڪري ڇڏ، منھنجي سونھن، سينگار ۽ رقص کي پنھنجي سِٽن ۾ سمائي ڇڏ.“
    ڪھاڻيءَ سان، بي پناهه عشق هئڻ ڪري مان خود ڪھاڻي بڻجي ويو آهيان، پر منھنجي ڪھاڻيءَ ۾ ڪٿي به خوشي ناهي؟ ڪٿي به مور جھڙو رقص ناهي؟ ڪٿي سونھن ۽ سينگار ناهي؟ جيڪڏهن آهي ته رڳو مفلسي آهي، اڪيلائپ آهي، ڏک ۽ ڏولاوا آهن. اذيتون، تڪليفون، ڀوڳنائون، درد ۽ پيڙائون آهن. زندگيءَ ساٿ نه ڇنو ته پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجي ڪھاڻي ضرور لکندس. هن جنم ۾ نه لکي سگهيس ته ٻئي جنم ۾ ضرور لکندس.
    انگريزي ادب جي نامياري مترجم هيري ايولنگ (Harry Aveling) چواڻي ته، ”ڪھاڻي اظھار جو اهڙو نفيس ذريعو آهي، جنھن ذريعي پنھنجو پاڻ کي سمجهڻ سان گڏوگڏ آس پاس جي ماحول کي پڻ پرجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي/ ڪري ٿو.“ مون پنھنجون ڪھاڻيون پنھنجي جيءُ ۾ پاتل جهاتين سان گڏوگڏ آس پاس جي ماحول کي پڻ نظر ۾ رکي ڪري لکيون آهن.
    منھنجي ڪھاڻين ۾ جنس، سيڪس جو موضوع ڪجهه سرس رهيو آهي ۽ مون تي پڻ اگهاڙپ جا الزام به لڳندا رهيا آهن. پر مون ڪڏهن به انهن کي ليکي ۾ نه آندو آهي. منھنجون اهڙي قسم جون ڪھاڻيون جڏهن ادبي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون ته انهن ڪھاڻين تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪار محمد صديق منگيي پنھنجي راءِ ۾ لکيو هيو ته ”ڪھاڻيءَ ۾ جنس ۽ سيڪس جو اظھار شھواني نه پر جمالياتي هئڻ گهرجي، اهڙو اظھار جيڪڏهن پڙهندڙن جذبات اُڀارڻ بدران ڪردار جي مظلوميت کي پڌرو ڪرڻ وارو يا ڪھاڻيءَ جي اڻٽر گهرج مطابق آهي ته خراب ناهي هوندو. سنڌي ادب ۾ اهڙيون کوڙ لاجواب ڪھاڻيون لکيون ويون آهن. امر جليل جي ”سرد لاش جو سفر“، غلام نبي مغل جي ”ريشمي وار“، ”گٽس“، علي بابا جي ”گرف جو تيج“ ۽ ٻيون ڪھاڻيون شامل آهن. وفا صالح راڄپر جون ڪھاڻيون خوبصورت آهن. ڪھاڻين ۾ جنس، سيڪس جو اظھار فطري ۽ ڪھاڻيءَ جي گهرج مطابق آهي، خراب نٿو لڳي. وفا جون اهي ڀلوڙڪھاڻيون آهن.“
    معاشري جي غليظ ترين موضوعن کي به ڪھاڻين ۾ خوبصورت انداز ۾ بيان ڪرڻ ائين هوندو آهي جيئن ڪو ڪنول ڪني ۽ گندي پاڻيءَ مان ڪڍي ڪنھن وينگس جي ريشم جھڙن ذلفن ۾ لڳائڻ. ائين ڪرڻ سان لازمي طور تي ڪِنُ، گندگي به پلئه پوندي. وينگس ۽ ان جھڙيون ٻيون شخصيتون به ناراضگيءَ جي باهه ۾ ته ساڙينديون. اهڙا ڪم ڪرڻ تي نتيجن ڀوڳڻ جي به سگهه ۽ ان سان گڏوگڏ بلند حوصلو به گهرجي ٿو.
    منھنجون ڪي ڪھاڻيون اهڙيون به آهن جن منھنجي جان جوکي ۾ وڌي هئي ۽ مون کي وڏي مشڪلاتن، تڪليفن ۽ اذيتن کي منھن ڏيڻو پيو. منھنجي ڪھاڻين مون کي جيڪا تڪليف ڏني، انهيءَ تڪليف جي درد منھنجي اندر جي ڪھاڻيڪار کي خاموشيءَ جو لباس پارائڻ بجاءِ همت، جُرئت ۽ حوصلو ڏنو ۽ لکڻ واري سگهه کي اتساهه ڏنو. اُهي ڪھاڻيون مون هن ڪتاب ۾ شامل نه ڪيون آهن. اُهي ايندڙ ٻي ڪھاڻي ڪتاب جي انتظار ۾ آهن. هن ڪتاب ۾ شامل منھنجون ڪھاڻيون رڳو منھنجي پنھنجي تصوير ناهن. پر اردو جي مھان ۽ عظيم ڪھاڻيڪار منٽو چواڻي ته، ”ادب هڪ فرد جي پنھنجي زندگيءَ جي تصوير ناهي، جڏهن ڪوئي اديب، ليکڪ، قلم کڻي ٿو ته هو پنھنجي گهريلو معاملن جو روزنامچو نٿو لکي. پنھنجي ذاتي خوشين، رنجشن، بيمارين ۽ تندرستين جو ذڪر نٿو ڪري، ان جي قلمي تصويرن ۾ گهڻو ممڪن آهي ته ڳوڙها ان جي ڏکايل ڀيڻن جا هجن، مسڪراهٽ اوهان جي هجي ۽ ٽھڪ هڪ خسته حال مزدور جا هجن.“
    اهڙا ڪيترائي رنگ قلم جي برش سان مون پنھنجي ڪھاڻين ۾ پئنٽ ڪيا ۽ چٽيا آهن. منھنجي ڪھاڻين جا ڪردار ڪي ڌاريا ۽ اوپرا ڪونه آهن. اُهي هن سماج سان جڙيل آهن. ڪھاڻي ”سيما“، ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“، ”پھريون پيار“، ۽ ”نيڻن ۾ سجايل خوابُ“، منھنجي زندگيءَ سان ائين ٽاڪيل آهن جيئن ڪنوار جي رَئي تي ستارا ٽاڪيل هوندا آهن. مون پاڻ کي ننڍي ۽ وڏي، خراب ۽ سٺي ڪھاڻيڪار جي ڊوڙ کان تمام پري رکيو آهي.
    مان بيحد ٿورائتو آهيان پنھنجي پيارن ۽ پنھنجي محسن سائين اخلاق انصاري جو جنھن پنھنجو قيمتي وقت ڪڍي بيڪ ٽائيٽل فوراً لکي ڏنو ۽ سائين محمد صديق منگيي جو جنھن الاهي مصروفيتن هوندي به مون کي مھاڳ لکي ڏنو ۽ منھنجي هڪ هڪ ڪھاڻيءَ کي هڪ ماءُ جيان پيار ۽ پاٻوهه مان دل جي اکين سان ڏٺو ۽ پڙهيو آهي. مان ٿورائتو آهيان پنھنجي پياري دوست آدرش جو جيڪو ڪتاب جي ڇپائي بابت هر پل مون سان رابطي ۾ رهيو ۽ ڪجهه سِٽون به لکي ڏنيون. مان ٿورائتو آهيان پنھنجي پيارن عزيزن وزير راڄپر ۽ اسد الله راڄپر جو جن ڪتاب جي ڇپائي جي حوالي سان تعاون ڪيو. مان ايترو ئي ٿورائتو آهيان ڇھين درجي کان دوستي نڀائيندڙ پنھنجي پياري سنگتي عيسى ميمڻ جو جنھن منھنجي ڪتاب کي پنھنجو ڪتاب سمجهي ڇپرائي مون کي هٿن ۾ اچي ڏنو ۽ لک قرب علي بخش پٺاڻ جا، جنھن ڪتاب جا پروف چيڪ ڪري ڏنا.
    منھنجيون اکيون ۽ منھنجي دل توهان پڙهندڙن جي راءِ جي اوسيئڙي ۾ اٽڪيل رهنديون.

    وفا صالح راڄپر
    وڏي وهڻي باڊهه
    0334656-0348
    3670955-0333


    مُـهـاڳ

    ادبُ، قومن جي سڃاڻپ جو ساکائتو حوالو هوندو آهي. سڄاڻ ۽ مھذب قومون عشق جي حد تائين پاڻ کي ادب سان واڳيل رکنديون آهن. اُهي پاڻ کي ادبي ڌارائن سان سلھاڙي نه رڳو ادب جي جدت ۽ جلا کي سلامت رکنديون آهن پر ادب جي واڌ ويجهه لاءِ به پاڻ پتوڙينديون آهن. ان لاءِ وٽن پيڙهه وِڇوٽيءَ واري ڪوڙي اَنا هوندي ئي ڪانهي. ادب جي ڪنھن به صنف جي بيهجي وڃڻ جي حد تائين گهٽجڻ تي فتوائن جا فائر ڇوڙي، وهاڻو سيراندي ڏيڻ بدران ڪارڻن جا پيرا کڻي، نه رڳو ممڪنات پر ناممڪنات جي حدن تائين به ڪوششون ورتيون وينديون آهن.
    ڪجهه سال اڳُ، ڪئناڊا ۾ يورپ ۽ آمريڪا سميت مختلف ملڪن جي اديبن جي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي. جنھن ۾ چوٽيءَ جا اديب شريڪ ٿيا هئا. ڪانفرنس جي هڪ نقاطي ايجنڊا هئي، ته ڪھاڻي، جيڪا بنهه گهٽ لکي پئي وڃي، ان کي ڪيئن بچائجي؟ هن ڪانفرنس ۾ رسمي ۽ روايتي احوال ڪٽي، ميار نه لاٿي وئي هئي، نه ئي سکڻا فوٽو سيشن ٿيا هئا. وڏن اديبن ۽ ڏاهن ڪھاڻيءَ جي مري وڃڻ جي فتوى ڏئي، تڏو وڇائڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي نه ئي پنھنجي دور جي ڪھاڻيءَ تي ليڪو ڇڪي ”اڳتي مِڙئي اوندهه“ جا راڳ آلاپيا هئا. پر هنن مٿا جوڙ ڪري، ڪھاڻيءَ جو اوج ٻيھر موٽائڻ لاءِ ڳوڙهو ويچاريو هو اڳتي هلي ڪئناڊا ڄائي ڪھاڻيڪاره ايلس منرو کي ڪھاڻين تي مليل ”نوبل پرائيز“ به ان ڪانفرنس جي ثمرات جو حصو سمجهڻ گهرجي.
    اهو سچ آهي، ته يورپ ۽ آمريڪا سميت عالمي ادب ۽ ناول جي بلي بلي آهي ۽ ڪھاڻي پوهائين حال ۾ آهي، ايئن جيئن اسان وٽ سنڌي ۾، ڪھاڻي ته بتدريج سڻائي سفر ۾ آهي، پر ناول بنهه گهٽ پيو لکجي. اسان وٽ ناول جي صنعت کي جيارڻ لاءِ ڪي مُئا هٿَ ئي هنيا وڃن ها، سو ته گهوريو، رهندو جيئري جاڳندي ڪھاڻيءَ لاءِ فتوائن جي اهڙي سنگ باري شروع ڪئي وئي، جنھن جو ڪو منھن مَٿو هئو ئي ڪونه. انهن فتوائن ۾ نه ته اڄ جي ڪھاڻيءَ جو مطالعاتي پس منظر هو، نه ئي منطقي دليل. ڳنڍ ٻڌل فتوى هئي، جيڪا اڄ به ثواب خاطر موقعي مھل سان ورجائي پئي وڃي.
    صفا سُڃَ به ته ڪانه ٿي آهي نه ئي تخليقي ادب مان ڏات مري مُڃَ ٿي آهي. ڪھاڻيءَ جو سفر بيھجي ته نه ويو آهي. سنڌي ڪھاڻيءَ جو منظرنامو ايترو مايوسيءَ وارو به ته ڪونهي جو گوڏا اونڌا ڪري، جوٽون ويهي ڪُٽجن. سنڌي ادب ۾ اڄ به وڏي ۽ شاهڪار ڪھاڻي لکجي پئي. اڄ جي ڪھاڻيڪار وٽ ڪھاڻي به آهي، ته ڪھاڻيءَ جو ادراڪ به آهي. وٽس تخليقي جوهر به آهي، ته Vision به آهي. ڪٿي ڪا کوٽ آهي، ته اڄ جي ڪھاڻيڪار جي حصي ۾ نقاد نه آهي. ان هوندي به اڄ جي ڪھاڻيءَ ۾ ايترو دم خم ضرور آهي، جنھن سنڌي ڪھاڻيءَ جي اعلى روايتن کي مرڻ نه ڏنو آهي.
    اڄ جي سنڌي ادب جي تخيلقي ڪھڪشان ۾ جتي اخلاق انصاري، رسول ميمڻ، منظور ڪوهيار، لياقت رضوي، محمد علي پٺاڻ کان وٺي پير عبيد راشدي، منور سراج، امر لغاري، پروفيسر نصير ڪنڀر، انور ڪاڪا، ممتاز لوهار تائين کوڙ برجستا ڪھاڻيڪار موجود آهن. اُتي اڄ جي سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ نئون سَرهائي جوڳو تخليقي جوهر به دريافت ٿئي پيو. نوان ڪھاڻيڪار پنھجي تخليقي جوهر سان ڌيان ڇڪائڻ لڳا آهن. انهن ۾ انور شيخ، منظور ڪلهوڙو، حميد ابڙو، اختر حفيظ، يار محمد چانڊيو، عبدالسلام ٿهيم، حسيب ڪانهيو، رئوف کوسو، ذوالفقار گاڏهي، ’وفا‘ صالح راڄپر ۽ ٻيا ڪيترائي نئين خوشگوار تعارف سان پاڻ ڳڻائي رهيا آهن.
    ڪھاڻي، انساني زندگيءَ جو عڪسُ ۽ اولڙو آهي ته پاڇولو به آهي، جيڪو انساني زندگيءَ سان گڏ گڏ سفر ڪري ٿو. کن پل لاءِ به ڌار نٿو ٿئي ان ڪري، ڪھاڻيءَ جي تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي، جيتري انساني ارتقا جي تاريخ. قابيل هٿان هابيل جو پھريون انساني قتل ڀلي ڌرتيءَ جي پھرين ڪھاڻي نه به هجي، پر ڌرتيءَ تي موجود اوائلي انسان، هٿن جي ميڇن ۽ اشارن جي زبان ۾ جڏهن ٻئي انسان جو ڌيان ڪنھن وارتا جون اهڃاڻيون ڏئي ڇڪايو هوندو، ڪھاڻي ته هُن کان پنھنجو سفر رکيون پئي اچي ۽ تيستائين لکي ويندي، جيستائين ڌرتيءَ تي هڪ به انسان جي موجودگيءَ جا اهڃاڻ سلامت هوندا.
    ڪھاڻي لکڻ، اَڪ مان ماکي لاهڻ جيترو سَولو ڪم به ڪونهي. اهو تخليقي پورهيو آهي. رت جي لَپ ڏئي، ڏات ڏيئي کي روشن رکڻو ٿو پوي. تڏهن وڃي ڪو زندگيءَ جو سچو پچو عڪس تخليق جو روپ ٿو وٺي. ڪھاڻي، گهڻي کي ٿورڙي ۾ سموهڻ جو تخليقي ڏانءُ آهي. لفظن جي وڏي هجوم مان ڪارائـتي نڪـتي کي جهٽي فني انداز ۾ پيش ڪرڻ. سنهي سيبي جھڙو ڏکيو ڪم آهي. ايئن، جو ڏٺل وائٺل شيءِ نئين ۽ نئين شيءِ ڏٺل وائٺل لڳي. مولانا ابوالڪلام آزاد هڪ خط جي جواب ۾ لکيو هو ته:”اڄڪلهه ڏاڍو مصروف آهيان، مختصر نٿو لکي سگهان.“
    ڪھاڻي، ڏات جو ڪرشمو ته آهي ئي، پر ڊکاڻڪو هُنر به آهي، ان ڪري ته ڪھاڻي جتي تخيلقي تپسيا مان جنم وٺي ٿي، اُتي رمزي واهولي سان گهڙي به وڃي ٿي. گهڙيل ڪھاڻيءَ ۾ ته ليکڪ جو گهڻو هَڏُ ڪونه ٿو اُلڙي، پر وجداني سطحن تي سرجندڙ ڪھاڻيءَ جو سڌو سنئون تعلق ڏات سان آهي ۽ ڏات ڌڻي پاڻ وهيڻو نه هوندو آهي. ڏات جا درياهه شاهه وارا ويرا آهن. ڪڏهن ٻوڙان ٻوڙ ڌڌڪا، ته ڪڏهن خالي پيٽ جون وارياسيون پاسراٽيون پيون ڏسبيون آهن. ايئن ڏات ديوي ماڻا ڪري، ته هفتن جا هفتا سِٽَ به نٿي سِرجي. پنن مٿان پين رکي آڱرين مان ٺۡڪاءَ پيا ڪڍائبا آهن. ڪڏهن، ته ڏات ديوي وجدان جي رَٿ تي سوار ٿي ايئن اچي واسو ٿي ڪري، جو لکڻ جون ڪيفيتون مھربان ٿي اورگهور پيون وينديون آهن ۽ پوءِ جيئن درياءُ، مينھن جي چاري مان به وهي پوندو آهي، تيئن تخيل جا وهڪرا جاري ٿي ويندا آهن.
    ايئن، ليکڪ ۽ تخليقڪار به قلمي قبيلي سان لاڳاپيل هوندي به هڪٻئي کان گهڻو مختلف هوندا آهن. هر تخيلقڪار ته ليکڪ به هوندو آهي. پر هر ليکڪ تخليقڪار نه هوندو آهي. ان ڪري، ته ليکڪ ته درخواستون لکڻ وارو اسٽامپ وينڊر به آهي، جيڪو هر درخواست ۾ ڪانه ڪا ڪھاڻي لکندو آهي. اخباري رپورٽر به ليکڪ آهي جنھن جي هر خبر ۽ رپورٽ ۾ ڪھاڻي هوندي آهي. انهن ڪھاڻين ۾ وارتائون ۽ واقعا به هوندا آهن ته منظر نگاري ۽ ڪردار نگاري به هوندي آهي. ڪردار به هوندا آهن، ته مڪالما به هوندا آهن. اسلوبي رنگ به هوندو آهي، ته بيان جي چاشني به هوندي آهي، پر ڪھاڻيءَ وارو تخليقي ۽ احساساتي رچاءُ نه هوندو آهي. ليکڪ جي ذهن ۽ آڱرين جو پورهيو ته هوندو آهي، پر احساسن جي ڇاڇول ۽ لفطن ۾ حرارت وارو ساهه پساهه نه هوندو آهي.
    تخيلقي ادب محسوسات جو جھانُ ۽ لفظن جي سائنس آهي ۽ لفظ ڪائنات جي نه رڳو سونھن، پر جذبن ۽ احساسن جي ترجمانيءَ جي سگهه رکندا آهن. تخليقڪار، پڪاسو جيان درد آشنا هوندا آهن، جيڪو ڌام تتيءَ، نِٽھڻ اُس ۾ ويھي جڏهن سورج کي گلن جا چتر چِٽيندو هو، ته سندس تخليقون ساهه کڻڻ لڳنديون هيون. تخليقڪار لفظن سان پيار ڪندا آهن ۽ لفظن سان پيار ڪرڻ وارا ڀوڳنائن جا درياهه اُڪرندا آهن ۽ پوءِ ڏات جي ونڊ مان جيڪي ميڙي چونڊي پلئه پوندي اٿن، اوجاڳن جي بند لفافن ۾ آڇيندا آهن. بنگال (بنگله ديش) جي ڪوي جسيم الدين چواڻي ته:
    ”اوهين جڏهن خواب ۾ مدهوش هوندا آهيو. اسين مٽيءَ جي ڏيئن کي روشن ڪري، اوهان لاءِ لکندا آهيون. اسان جو فن ۽ ادب، اوهان جي زندگيءَ جو ساٿي ۽ رفيق ثابت ٿيندو.“
    تخليقڪار جي اندر ۾ هڪ آرٽسٽ هوندو آهي، جيڪو سندس ڏات ۽ جمالياتي قدرن جو تعين وجداني سطحن تي ڪندو آهي ۽ پوءِ وجدان جي پاڻيءَ ۾ ڳوهيل مٽيءَ مان انسان زندگيءَ جي جذبن ۽ احساسن جا ڪومل گؤنچ ڦٽي، نئين تخليق جون واڌايون ڪري سگهندو آهي. ٽن آڱرين جي ٽيانگهه تي قلم رکي لکڻ وارو هر ليکڪ نه.
    ”وفا“ صالح تخيلقڪارن جي ان قبيلي مان آهي، جيڪي لکڻ ۾ جئدان ڳوليندا آهن. لفظن جا ڏنگ ۽ سِٽن جا صدما سھندا آهن. ڏات ۽ ڏانءُ کين پنھنجي پناهه جون پکيڙيل ٻانهون آڇيندا آهن. قلم انهن لاءِ اهڙو ڪلهو هوندو آهي، جنھن تي ڪنڌ رکي، لفظن جا سُڏڪا ڀـريندا آهن. هو اهڙو ڏات ڌڻي آهي، جيڪو لکڻ لاءِ لکي ٿو، لکڻ سندس جياپو آهي. هو پنھنجي لکڻين کي آڪسيجن بڻائي جياپي جا اونها ساهه کڻي ٿو. ائين، جيئن ثميره زرين هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته:
    ”ڪوئي لکي، ٻين تي احسان ڪندو هوندو. ادب تي، عوام تي، سماج تي، داد طلبڻ لاءِ مون کي اعتراف آهي، پنھنجي دل جي سمورين سچائين سان، ته مان صرف ان ڪري لکان ٿي، جو مان لکڻ چاهيان ٿي.“
    يا جيئن قمر شھباز کي لکيل هڪ خط ۾ امر جليل لکيو هوته:
    ”روز ڪاغذ ڪارا ڪندو آهيان. ڦاڙي ڇڏيندو آهيان. وري لکندو آهيان. لکڻ کان سواءِ منھنجي زندگيءَ جو ڪوبه مصرف نه آهي. مون اڪثر تمام سنجيدگيءَ سان سوچيو آهي، ته لکڻ جي ڏات (جنھن کي مانTalent of Exhimtion چوندو آهيان) مون کان کسجي ويندي، تڏهن مان خودڪشي ڪندس. جيئندس ته اهو حادثو ئي هوندو.“
    ”وفا“ جي شخصيت ۽ سندس تخليقي سُرت مون لاءِ اوپرا نه رهيا آهن. مون جتي سندس تخليقن کي پيار ۽ پرک وارين دل جي اکين سان پڙهيو آهي، اُتي سندس جيون باب به ڀيرا ڏئي پڙهيا آهن. شيخ سعدي چيو هو ته ”مون ڪجهه اهڙا غريب به ڏٺا آهن، جن وٽ پئسي کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.“ منھنجي نظر ۾ ”وفا“ پنھنجي فقيراڻي حال ۾ اهڙو تونگر آهي، جنھن وٽ پئسي کان سواءِ سڀ ڪجهه آهي. هونئن به زندگيءَ جي سچائين کي پرکڻ، پرجهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ کيسن جو ڀـرتو هجڻ نه، پر خالي هجڻ ضروري هوندو آهي. هو پنھنجي جيون جالاڻي ۾ به اوترو ئي سادو، سچو ۽ کرو آهي، جيترو پنھنجي تخليقن ۾ نظر اچي ٿو. هو ”ٻاهر ٻولي هنج جي، اندر ڪارو ڪانءُ“ واري ڪوفي قبيلي مان ڪونهي ۽ ماڻهپي جو معراج جو، ان کان وڏو ٻيو ڪو حوالو ٿي نٿو سگهي.
    اهو سچ آهي، ته هر ماڻهو ڪھاڻي آهي. ”وفا“ جي جيون ۾ جهاتي پائي ڏسبو، ته هو پاڻ به ڪھاڻي آهي. ريئلزم ۽ سريئلزم جو سنگم اهڙي ڪھاڻي، جنھن ۾ پيڙا به آهي، ته رومانس به آهي. ٻرندڙ آڙاهه جھڙيون خارجي ڪيفيتون به آهن ته ڪنڀر جي دکندڙ آويءَ جھڙيون داخلي ڀاونائون به آهن. هن جي ساهه ساهه ۾ درد جون سانجهيون لٿل آهن ۽ اکين ۾ ڪرب جا لمحا قيد ٿيل آهن. هو پنھنجي وکريل خوابن کي ميڙڻ وارو اهڙو اڻ ٿانيڪو انسان آهي، جنھن جي جل ٿل جيون ۾ وڏي ۽ شاهڪار ڪھاڻي ساهه کڻي پئي.
    ”وفا“ ڪھاڻيڪار به آهي، ته شاعر به آهي. منھنجي ذاتي محسوسات موجب شاعري سندس جيون حساب سان پيچ کائيندڙ اهڙو کوڙو آهي، جنھن ۾ پاڇي نٿو بچي. هو نثر- نظم جو ٺاهوڪو شاعر آهي. اهو ئي سندس ادبي سڃاڻپ جو پھريون سگهارو حوالو به آهي. سندس نثري نظمن جو تازو ڇپيل ڪتاب ”دردن ڦولاريا ڦول“ سندس سگهارو ادبي تعارف آهي. جنھن کيس ادبي حلقن ۾ اهڙي مڃتا ڏياري آهي، جيڪا مڃتا جي رُڃ ۾ ڊوڙندڙ ڪيترن شاعرن کي نه ملي سگهي آهي. پر ڇاڪاڻ ته کيس زندگيءَ جي انيڪ صورتن جو شعور حاصل آهي ۽ زندگيءَ جي هاڪاري توڙي ناڪاري پاسن جو ڳوڙهو مشاهدو به رکي ٿو. ان کان سواءِ ڪھاڻيءَ جي فني ڪاڪ ڪلن جي چڱي موچاري ڄاڻ به رکي ٿو. ان ڪري هن زندگيءَ جي صورتن جي وائکي ۽ دل گهري کول لاءِ ڪھاڻيءَ جي چونڊ ڪئي آهي.
    فيصلو غلط به ڪونهي، ان ڪري ته هن پنھنجي ڏات ڏيئي سان ادب جي ٻنھي پاسن کي روشن رکيو آهي. شاعريءَ ۾ خيال کي ۽ ڪھاڻيءَ ۾ خيال کان وڌيڪ آرٽ کي اهميت هوندي آهي ۽ ”وفا“ ان جو ادراڪ رکي ٿو. جتي سندس شاعراڻي تخيل جي اُڏام، سُن ٿي ويل سريرن ۾ حرارت جون لهرون اُڀارڻ جي سگهه رکي ٿي، اُتي ڪھاڻين ۾ آرٽ جي ڇھاءَ سان ذهن کي اُٿل وهيڻو ڪرڻ جي خوبي محسوس ڪري سگهجي ٿي. آءٌ پاڻ به ڪھاڻيڪار آهيان. ڪھاڻيءَ جي ظاهري ۽ اندروني حُسن جي جيڪا ٿوري گهڻي پرک ۽ پروڙ رکان ٿو، ان آڌار تي مون کي سندس ڪھاڻين تي پيار اچي ٿو. پر سچ اهو به آهي، ته سندس شاعري به منھنجي من جي تارن کي ڇيڙي ڇڏيندي آهي. مون لاءِ هن جا ٻـئي ادبي پاسا ساڄي ۽ کاٻي اک جيان آهن. هڪ اک، ٻي اک کي ڏسڻ جي قدرت ڀلي نه رکندي هجي، پر ٻنهي اکين مان جاري ٿيندڙ جوت جو اُهاءُ گڏ گڏ هڪ ئي مرڪز ڏانھن سفر ڪري ٿو. ”وفا“ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ گهڻو ڪجهه هئڻ جي هامَ ڀلي نه به هڻي، پر هو لئيءَ مان لٺ ڀڃي، پاڻ کي گهڻو ڪجهه سمجهڻ وارن گهڻن کان گهڻو ڪجهه سگهارو ۽ برجستو ڪھاڻيڪار آهي. هن وٽ فن به آهي، ته فن جي پاسداري به آهي.
    تخليقي ادب اهڙي ڳڙکيءَ وانگر هوندو آهي، جيڪو تخليقڪار کي آسپاس جي سچائين جو ادراڪ بخشيندو آهي. اهي سچايون اصل ۾ ڪنھن تخليقڪار جي تخليقن جو محور به هونديون آهن ته مرڪز به. اسين جنھن ايڪويهين صديءَ ۾ ساهه تڳايون پيا، اها عمل ۽ رد عمل جي صدي آهي. سنڌ سميت سموري دنيا سياسي ۽ معاشي بُحران ۽ دهشتگرديءَ جي ٻڙڌڪ جي ور چڙهيل آهي. عالمي سامراجي طاقتون، جديد دور جي نَون فريبن ۽ کريبن مان غلاميءَ جا نوان ريشمي ڳَٽَ وجهڻ جي ڪوشش ۾ آهن. غربت جي لڪير کان هيٺ ڪرندڙ انساني زندگيءَ جون سطحون ڇڙوڇڙ ٿي، ويڳاڻپ جي حدن کي ڇُهڻ لڳيون آهن. سنڌي مديني واسي بک، بيماري، بيروزگاري، بدامني ۽ وسيلن جي ڦرلٽ وارين حالتن جي جن ڪربلائن مان گذرن پيا، انهن حالتن ۾ ڏسڻو آهي، ته اڄ جو تخليقڪار، پنھنجي عھد کي ساڻ کڻي، اجتماعي شعور وسيلي، حقيقتن جي کول ڪيئن ٿو ڪري؟ وقت ۽ تاريخ جي سچائين اڄ جيڪي ذميدارين جا بار ڏات ڌڻين جي ڪلهن تي اُڇلايا آهن. ان حوالي سان ”وفا“ سميت اسين سڀ علائقائي ليکڪ آهيون. ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ ناول نگار وليم فاڪنر جا ناول آمريڪا جي ميسيسپي علائقي جي پسمنظر ۾ لکيل آهن. ان حوالي سان انگريزيءَ جي انتھائي معتبر رسالي ”پيرس رِويو“ وارن هڪ انٽرويوءَ ۾ کانئس سوال ڪيو ته، ”ڇا اوهان کي علائقائي ليکڪ سمجهيو وڃي؟“ ان جي جواب ۾ هن وراڻيو هو ته، ”دنيا جا سڀ ليکڪ علائقائي آهن. جيڪو نيويارڪ جي پسمنظر ۾ لکي ٿو، اهو به علائقائي آهي، جيڪو پيرس جي پسمنظر ۾ لکي ٿو، اهو به علائقائي آهي.“
    ”وفا“ حساس هردو، سڄاڻ ذهن ۽ ڪھاڻيءَ جي فني ڄاڻ رکندڙ ڪھاڻيڪار آهي. سندس فڪري ۽ تخليقي معيار ڪھاڻيءَ کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. هن ٿورو لکيو آهي پر سٺو لکيو آهي. هونئن به مڃتا گهڻو لکڻ سان نه، پر چڱو ۽ معياري لکڻ سان ملندي آهي. سگهاري ۽ معياري تخليق پاڻ مڃائيندي آهي. هو سماجي حقيقت پسند ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻيون، سماج جا اولڙا آهن. سماج جي وَهي واپريءَ جا اُهي ڏکوئيندڙ ڏيک ۽ منظرناما، جيڪي سياسي مدارين، سماجي ڌنڌوڙين ۽ مذهبي ٺوڳين، خدا جي بي پھچ، هيڻن بندن جي وَهيءَ کاتي ۾ لکئي جو ليک ڄاڻائي ٿوڦي ڇڏيا آهن، سندس ڪھاڻين جا موضوع آهن. هن جي اندر جو آرٽسٽڪ اکيون انهن منظرنامن کي ڪيئن ٿيون ڏسن؟ حساس هِردو، انهن جو اثر ڪيئن ٿو قبول ڪري؟ ۽ پوءِ سندس تخيلقي جوهر ان کي آرٽسٽڪ انداز ۾ ڪيئن ٿو اظھاري؟ اهو اسلوبي رنگ وٽس پنھنجو آهي. ڪنھن کان اڌارو ورتل نه آهي.
    هو لفظن جي حُرمت ڄاڻي ٿو، ان ڪري لفظن جي خرچ ۾ هَٿ ڇوٽَ ڪونهي. هو ڪھاڻيءَ کي رٻڙ وانگر اينگهائي اجائي طوالت ڏيڻ جو قائل نه آهي. ڪھاڻيءَ جي پکيڙ موضوع ۽ ڪردارن جي گهرج آهر رکي ٿو. ان ڪري سندس ڪھاڻيون پنھنجي تَر ۽ بَر ۾ درزيءَ جي ويٽيل وڳي وانگر فِٽ هونديون آهن.
    هن سماج جي ڪھاڻين جا ڪردار هن وانگر سادا ۽ سِڌا سنوان فليٽ آهن. هو ڪردارن کي گهڙي ٺاهي، انهن جا بي جان بوتا ڪھاڻين ۾ فِٽ نٿو ڪري، پر جيئن جو تيئن پنھنجي ماحول مان کڻي ٿو. هو ڪردارن کي واقعن جو اڻ ٽٽ حصو بڻائي، ڪھاڻيءَ سان ايئن هم آهنگ ڪري ٿو، جو پڙهندڙ جڏهن انهن ڪردار سان ملي ٿو، ته ڪردارن کي پنھنجو تعاف ڪرائڻو نٿو پوي. اُهي ڪھاڻيءَ جي تھن مان نڪري، ايئن سامهون اچن ٿا، جو ڏٺل وائٺل ۽ ڄاڻو سڃاڻو لڳن ٿا.
    هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جي موضوعاتي وِرڇ کي آڏو رکي ”وفا“ تي موضوعاتي ورجاءَ جي آڱر کڄي سگهي ٿي. موضوعاتي ورجاءَ تي ڏات جا لونگ ڦوٽا هارڻ ڪو وڏو ادبي ڪم به ڪونهي، جو ان جي واکاڻ ويهي ڪجي. پر ڪو وڏو ادبي گناهه به ته ڪونهي. جڏهن موضوع ساڳيا ئي آهن، ته پوءِ ورجاءُ ته اوس ٿيڻو ئي آهي، پر اهو ورجاءُ اهڙو تخيلقي ۽ هنرمنديءَ وارو هئڻ گهرجي، جنھن ۾ موضوع جي هڪجھڙائي هوندي به ڪا نيارپ ۽ نواڻ محسوس ٿئي. پراڻي موضوع کي نواڻ جو ڪو اڻ ڇُهيو رُخ ۽ پھلو به ملي. منھنجي خيال ۾ پراڻي موضوع تي ساڳئي انداز ۾ ساڳين نتيجن ۽ نبيرن سان ڪھاڻي لکڻ، سکڻي پاڻيءَ ولوڙ کان اڳتي ڪجهه به ناهي. اهو نه رڳو وقت جو زيان، پر ڏات ۽ تخيلقي جوهر کي ضايع ڪرڻ برابر آهي. ڪردارن جي ڦيري سان موضوع جي اڻ ڇُھيل پاسن کي اُجاگر ڪري نوان نتيجا ڏيڻ ضروري آهن. جمال ابڙي، ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي ”سينڌ“ جھڙي شاهڪار ڪھاڻي لکي. ان کانپوءِ ساڳئي موضوع تي مختلف انداز ۽ نتيجن جي ڦير گهير سان کوڙ ڪھاڻيون لکيون ويون. تازو ان موضوع تي انور شيخ ”درد جو انگاس“ ڪھاڻي لکي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪاري ڪري ماري ويندڙ ناري ”حياتان“ جي ڪردار کي جنھن نئين رُخ سان پيش ڪيو ويو آهي، اهو نه رڳو موضوعاتي نواڻ، پر موضوعاتي حُسن به بڻجي پيو آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين ۾ گهڻيون تڻيون رومانس جي موضوع تي لکيل آهن، پر هو ليڪو ڪُٽڻ واري موضوعاتي ورجاءَ کان پاڻ بچائي، نواڻ پسنديءَ جو مظاهرو ڪري ٿو. ان ڪري سندس ڪھاڻين جا نبيرا به ڌار ڌار نظر اچن ٿا. ٽي ڪھاڻيون ”ڪاري“، ”ٻه جريب“، ۽ ”ڪارو ڌاڳو“ (ڪارو ڪاري) جي موضوع تي لکيل آهن. پر هر ڪھاڻيءَ ۾ موضوع ۽ نئين رُخ ۽ پھلوءَ جي کول ۽ نواڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    هو توڙي جو سماجي حقيقت پسند ڪھاڻيڪار آهي، پر اها به رومانس ڪوٽيڊ آهي. رومانيت جو عنصر مٿس گهڻو غالب نظر اچي ٿو. هن سماجي حقيقت پسندي کي رومانس سان گڏ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رومانس وڏو انقلابي لاڙو آهي. ان جي تعريف ۽ تشريح پيار کان گهڻو اڳتي ويندڙ آهي. پيار جي معنوي الفي، رومانس جي انيڪ ويسن مان محض هڪ ويس آهي. پيار، ”وفا“ جي جيون جو اساس آهي. ان ڪري ڪھاڻيءَ جو موضوع ”سريت“ سندس اهڙي ڪھاڻي آهي، جنھن کي سماجي حقيقت نگاري ۽ رومانس جو موضوعاتي سنگم چئي سگهجي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ سماجي حقيقت کي رومانس جي ٿڌن مٺن جذبن سان رَلائي ايئن پيش ڪيو ويو آهي، جو نه رڳو ڪھاڻيءَ جو اصل موضوع بنا ڪنھن ڇيهو رسڻ جي نيشانبر ٿي پيو آهي، پر رومانس جي ڇايا ۽ سماج جي نظر ۾ اڻ وڻندڙ ڪردار ”ڪونج“ سان ڌڪار بدران همدردي ٿيڻ لڳي ٿي. ڪھاڻيڪار جي اهڙي روش، ڪنھن نقاد جي تنقيد جي جهپيٽ ۾ به اچي سگهي ٿي. پر پيشڪش جو انوکو ڏانءُ ۽ ڪردار نگاريءَ جو ڏانءُ ئي ته آهي، جو ڪونج، جھڙي ڪردار جي سماجي اوڻائي به سماج جي کاتي ۾ داخل ٿي، سماجي مجبوري بڻجي ٿي وڃي ۽ مٿس پيار اچڻ لڳي ٿو. اهڙو ڏانءُ گهٽ ڪھاڻيڪارن جي حصي ۾ ايندو آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل احساساتي ڪھاڻي، جنھن منھنجو گهڻو ڌيان ڇڪايو. موضوعاتي نيارپ رکندڙ ڪھاڻي ”ارپڻ کان رهجي ويل محبت“ پنھنجي تر، بر ۽ اثر ۾ خوبصورت ۽ ڀرپور اينٽي ڪلائمڪس ڪھاڻي آهي. ڪھاڻي پڙهندڙ کي پنھنجي اثر ۽ سحر ۾ وڪوڙي، چيچ مان پڪڙي پاڻ سان گڏ گڏ کڻي هلي ٿي ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻيءَ تي اوچتو چيچ ڇڏي، پڙهندڙ کي سوچن جا ٽُٻ ڏئي ٿي ڇڏي. سٺي ڪھاڻيءَ جي خوبين مان هڪ وڏي خوبي اها به هجي ٿي.
    ”نيڻن ۾ سجايل خواب“ ڪھاڻيءَ ۾ ”وفا“جي مضبوط گرفت ۽ تخليقي جوهر ڏسڻ وٽان آهي. هن ڪھاڻيءَ جي ڪلائمڪس وارا جملا ڪھاڻيءَ جو عرق ۽ روح به آهن، ته حُسن به آهن، ته حسين به آهن. ڪھاڻيءَ جي سموري عمارت انهن جملن تي آڌاريل آهي. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻيءَ مان جيڪو نتيجو ۽ ميسيج پڙهندڙ ڏانھن وڃي ٿو، اهو سنڌ جي نوجوان نسل جي بيروزگاريءَ جي ڏائڻ هٿان مرندڙ ٽيلنٽ جو تخليقي نوحو آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ جيڪا ڪاٽَ محسوس ٿئي ٿي ۽ تخليقي طنز ڇيت وانگر چڀڻ لڳي ٿي، ان ۾ جتي سنڌ جي نوجوانن جي ذهني فرسٽريشن کي هنرمنديءَ سان سمايو ويو آهي، اُتي سنڌ ۾ رائج عوامي ۽ جمھوري راڄ تي اهو تاريخي تبرو به آهي، جيڪو سنڌ جي لڳ ڀڳ هر گهر ۾ ورجايو پيو وڃي. هن ڪھاڻيءَ ۾ سچ ته ”وفا“ سنڌ جي نوجوانن جي ڪرب کي محفوظ ڪري، ڪرنٽ تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.
    ”پھريون پيار“ ڪھاڻيءَ ۾ ٿورن لفظن جي خرچ سان نِج نِبار ڳوٺاڻي پيار جي اهم فلسفي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مرداڻي مٿڀرائپ واري سنڌي زرعي سماج ۾ عورت کي پيار ۾ ڪھڙين آزمائشن ۽ مجبورين جا اوڙاهه پار ڪرڻا ٿا پون. توڙي جو هوءَ پنھنجي زندگيءَ جي فيصلن ۾ آزاد ۽ خودمختيار نه رهي آهي، پوءِ به کيس پھريون پيار ساري ڄمار ساهه سيباڻو رهندو آهي. اها نڪاح جي سماجي معاهدي ۾ جسماني طرح ڀلي ڪنھن جي ٿي وڃي، پر سندس روح، اخلاقي حدبندين ۾ رهندي به پنھنجي فيصلن ۾ آزاد ۽ خودمختيار هوندو آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ عورت جي ان نفسيات کي ڀرپورتا سان آندو ويو آهي.
    تخيلقڪار ماءُ جيان هوندو آهي، جيئن امڙ کي پنھنجو پيٽ ڄڻيو اولاد مِٺو هوندو آهي، تيئن تخيلقڪار به پنھنجي تخليقن سان اڻ ميو پيار ڪندو آهي. ”وفا“ ان خيال ۽ جذبي کي کڻي ڪھاڻي ”اوجاڳو، درد ۽ راتيون“ جو موضوع بڻائي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ ڪھاڻي هڪ غريب شاعر جي پنھنجي شاعراڻي ڌراوت ۽ نور پورهئي سان ميڙيل پُونجي (شاعري) سان اڻ مئي فطري پياري ۽ لڳاءَ کي نروار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان کان سواءِ اديب ۽ قلمڪار جهيڻي ۽ اڻپوري روشنيءَ ۾ راتيون اکين ۾ ڪٽي، پنھنجي ڏک سور پاسي تي رکي، جن جي جيون سان لاڳاپيل ڏک، درد ۽ پيڙائن کي پنھنجي تخليق ۾ نروار ڪري ٿو، انهن جا ساڻس رويا ڪھڙا آهن. غلام قوم جي غلام ذهنن جي ان نفسيات کي به هن ڪھاڻيءَ ۾ پڌرو ڪيو ويو آهي.
    ڪھاڻي ”اجازت“ ان حوالي سان ڀرپور آهي، ته هن ڪھاڻيءَ ۾ روايت پڻي کان هٽي ڪري، جتي حقيقت جو اظھار آهي، اُتي حقيقت مان تبديليءَ ڏانھن مثبت اشارو به ڏنو ويو آهي. سنڌي سماج ۾ ريتن رسمن جي نالي ۾ جتي نياڻين کي رڍن، ٻڪرين جيان ڪَن مان وٺي ڏيڻ وٺڻ جو رواج عام آهي. جتي نياڻين کي مُڇ جي وار جيتري به اهميت نٿي ڏني وڃي، اُتي هڪ ڪمزور نياڻيءَ کي اڏولتا سان سماجي بغاوت جي علامت بڻائي، تبديليءَ جو سگهارو ميسيج ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    ”ڪارو ڌاڳو“ ڪھاڻيءَ جو موضوع توڙي جو نئون ڪونهي، پر ڪھاڻيءَ جو نبيرو اهڙو ته جاندار ۽ آرٽسٽڪ آهي، جنھن روايتي موضوع کي به نواڻ جي سگهه ڏئي ڇڏي آهي. جرڳا ڪري، غريبن جي نياڻين تي ڪاريءَ جون فتوائون مڙهڻ وارن جي پنھنجي گهرن جي چؤديوارين ۾ جڏهن اهڙيون ڪاريون جنم وٺنديون آهن، ته اهي تھمتن ۽ فتوائن جي سنگ باريءَ ۾ سنگسار نه ٿينديون آهن پر ڪارا بي دريافتا پنھنجا سر وڃائيندا آهن. هن ڪھاڻيءَ ۾ درجابنديءَ وارن اهڙين ٻٽن معيارن جي کول ڪئي وئي آهي.
    ”ٻه جريب“ ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي ڀلوڙ ڪھاڻي آهي. ڪاراڻ جي تھمت جي اوٻاري مان اُٻريل غيرت جو پاڻي، زمين جي ٻن جريبن جو کاتو ملڻ تي، ڪيئن نه ڪوساڻ ماري ٿڌو گهڙو بڻجي ٿو وڃي؟ جو نه رڳو سماجي ڏوهه، ثواب بڻجي ٿو وڃي، پر ڪارو به کير جھڙو اڇو اُجرو بڻجي ٿو پوي. هن ڪھاڻيءَ جو تاڃي پيٽو ۽ ڪھاڻيڪار جو موقف، اصل ۾ سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جي هٿ وٺي وڌايل لعنت جي پٺيان جيڪي اصل مڪروهه مقصد هجن ٿا، ان کي وائکو ڪندڙ آهي.
    ”رکوالي“ ڪھاڻيءَ ۾ ٽريٽمنٽ جي انوکائپ ۽ اظھار جي بي ساختگي ڏسڻ وٽان آهي. ڇوڪراٽ وهيءَ مان جوانيءَ جي مست حدن کي ڇھندڙ جوانڙن جي جنسي خواهشن جي پورائي واري تڙپ کان وٺي، سندن وهيءَ واري فطري ڇڙواڳ گفتگوءَ تائين ڪردار نگاري ۽ منظرنگاريءَ جي مدد سان جيڪو ماحول جوڙيو ويو آهي، اهو فطري آهي. ان ۾ هٿرادو يا ٻاهران مڙهيل ڪابه مداخلت نه آهي.
    مرداڻي مٿڀرائپ واري سماج ۾، مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار معنائن ۾ رائج آهي. پيار کي مرد جنھن معنى ۾ پاڻ سان لاڳو ڪن ٿا، ان پيار کي ساڳي معنى ۾ پنھنجي نياڻين سان لاڳو ڪرڻ کي نه رڳو عزت ۽ غيرت جو مسئلو، پر ڪبيرو گناهه به سمجهن ٿا. مرد، پراوا ڪک لتاڙي، پرائي نياڻيءَ کي ڀڄائي کڻي اچڻ کي پيار پرڻي جو نالو ڏين ٿا، پر نياڻي رڳو ڪنھن جو نالو به زبان تي آڻي ته ڪاري بڻجي وڃي ٿي. ”وفا“ جي هيءَ ڪھاڻي ”ڪاري“ ان ڌپاري سوچ کي پڌرو ڪندڙ ڀلوڙ ڪھاڻي آهي.
    ”سيما“ خوبصورت اينٽي ڪلائمڪس ڪھاڻي آهي. اڻ اظھاريل معصوم محبت جي ڪومل ۽ تاسارن جذبن جي ترجماني ڪندڙ ڀرپور احساساتي ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻي ۾ پيار جي انهن سمورن احساسن کي سھيڙي، جنھن هنرمنديءَ سان ڪلائمڪس جو حصو بڻايو ويو آهي، اهو ڀرپور آهي. ڪھاڻي، سسپنس جو ويڙهو ويڙهيندي ڪاميابيءَ سان ڇرڪائيندڙ پڄاڻيءَ کي پھچي ٿي.
    ايئن، ”اکيون ۽ عشق“، ”محبت“ ۽ ”تِـرَن جو تيل“ به رومانس ۽ سماجياتي موضوع تي ڀلوڙ ڪھاڻيون آهن. ڪھاڻين جي موضوعاتي تاڃي ته ساڳي آهي، پر پيٽيءَ جي اُڪلاءَ جا چِٽَ ڌار ڌار آهن.
    ”وفا“ جو هي تخليقي پورهيو، سندس نثر جي پھرين مراد آهي. سندس ڪھاڻيون تخيلقي حُسن رکن ٿيون، پر اڃان کيس تخيلقي تپسيا مان گذري، ڪھاڻيءَ جي روح تائين وڌيڪ رسائيءَ لاءِ جهاڳڻو آهي. ان ڪري، ته تخليقي پورهئي سان ادب ۾ مڃتا ماڻڻ جيترو ڏکيرڙو ڪم آهي، ان کان وڌيڪ ڏکيو ڪم ان سڃاڻپ کي برقرار رکڻ هوندو آهي. آءٌ پڪ سان چئي سگهان ٿو، ته هو پنھنجي ٽھيءَ جو اهڙو ڪھاڻيڪار آهي، جنھن مان اُميدون واڳي سگهجن ٿيون. منجهس اُهي سموريون تخليقي اهڃاڻيون موجود آهن، جيڪي ڪنھن ڪھاڻيڪار کي نمايان مقام ڏيارڻ ۾ مددگار بڻجي سگهنديون.
    دُعائون، جهليل ٻُڪن ۽ چوريل چپن جون محتاج نه هونديون آهن. اُهي، ته اندر جي انت اونهائين مان ٻاڦ بڻجي بي اختيار اُٿنديون آهن. ”وفا“ لاءِ اهڙين دعائن جي دري منھنجي مَنَ ۾ به آهي، جنھن کي ڪڙو ڪُنڍو، ته پري، ڪو تاڪُ به ڪونهي. انهن غير مشروط دعائن مان هڪ دعا اها به آهي، ته شل هن جي اکين جا اوجاڳا سڦلتا ماڻين، هو ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ به اها مڃتا ماڻي، جيڪا کيس شاعراڻي پورهئي ڏني آهي.


    محمد صديق منگيو
    سڪرنڊ
    2016-12-18


    ڪهاڻيون

    سـُـريـت

    ”هان، هي وٺ پيسا، تون هاڻي وڃين سگهين ٿي.“ مون پنج سَوَ جا ٻه نوٽ هن ڏانھن وڌائيندي چيو.
    ”پاڻ وٽ رک مون کي پئسن جي ضرورت نه آهي.“ هن وکريل وارن کي درست ڪندي، مرڪي چيو.
    ”پر، ڇو ...........؟“ پئسن وارو هٿ اڃان هنڏانھن وڌايل هو.
    ”بس، چيو نه، پئسا پاڻ وٽ رک“ چپن تي وکريل مرڪ گھري ٿي وئي هئي.
    ”آخر ڇو ........؟ ان ڏينھن به پئسا نه ورتئي ۽ اڄ به ......!“ منھنجي لھجي ۾ حيرت هئي.
    ”ها، اڳتي به نه وٺنديس پئسا“ اکين ۾ اکيون وجهي وراڻيائين.
    ”ته، پوءِ ....! تنھنجو گاڏو ڪيئن هلندو؟“ ٿڌو ساهه کڻي چيم
    ”ان جو ڏوراپو توکي ڪونه ڏينديس“
    ”مون جھڙا ٻيا به ته گراهڪ هوندئي نه .......؟“
    ”ها هڪ ئي هيو. ان کي به ڪلهه جواب ڏئي ڇڏيو.“
    ”ڇو ......!؟“
    ”اهو، ته مان به نٿي ڄاڻان، بس ........!“ هن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    ”بس، ڇا .........؟“
    ”جڏهن کان توسان ملي آهيان، ٻيو ڪو وڻي ئي نٿو“
    ”پوءِ، ته هي پيسا وٺڻا ئي پوندا.“ مون زور ڀريو.
    ”اهو ٿي ئي نٿو سگهي.“
    ”پر ڇو .......!؟“
    ”مون کي رڳو تنھنجي ضرورت آهي. زندگي جي ضرورتن لاءِ نوڪريءَ جي پگهار ئي کوڙ آهي.“
    ”ڪھڙي نوڪري اٿئي؟“
    ”اسپتال ۾ نرس آهيان.“
    پئسا هٿ ۾ ئي هئا، چوڻ لاءِ ڪجهه بچيو ئي نه هو. هُن ڪڇڻ جون سڀ واهون بند ڪري ڇڏيون هيون. مرڪي مون ڏانھن ڏٺائين پئي ۽ خماريل لھجي ۾ چيائين؛
    ”ٻڌ .......! تنھنجو نالو ڇا آهي؟“
    ”توکي منھنجي نالي جي به خبر ناهي ڇا......؟“
    ”توکان ڪڏهن پڇيو به ته ڪونهي“
    ”ته پوءِ اڄ اوچتو نالي پڇڻ جي ڪھڙي ضرورت پيش آيئي؟“
    ”بس ائين ئي دل چيو.“
    ”آءٌ صابر آهيان، دوست پيار مان صابو چوندا آهن.“
    ”صابو .........!!!؟“ منھنجي بگڙيل نالي واري ڳالهه کيس سُٺي نه لڳي.
    ”ها، صابو ....!“
    ”اَڌ نالي وٺڻ سان توکي ڪاوڙ ناهي لڳندي؟“
    ”نه، ڪڏهن به نه“
    ”ڇو .....!؟“
    ”ان ڪري، ته اُن ۾ دوستن جو پيار شامل هوندو آهي.“
    ”ڀلا!، آون توکي ڪھڙي نالي سان سڏيان؟“
    ”توکي جيڪو سٺو لڳي.“
    ”ته، پوءِ مان به توکي تنھنجي پيار واري نالي سان ”صابو“ سڏينديس.“
    ”مون کي ڪوبه اعتراض نه هوندو. ها، پنھنجو نالو ته نه ٻڌايئي؟“
    ”منھنجو نالو ڪُونج آهي.“
    ”واهه....! سچ، ته آهين به جھڙي ڪونج.“
    ”ريئلي ..........!“ هوءَ ڪنول جي گلن جيان ٽڙي پئي.
    ”ها، ها، ريئلي“
    هوءَ پنھنجي سونھن جي واکاڻ جي سحر ۾ گم ٿي وئي. ڪجهه ساعتن کانپوءِ اونهو ساهه کڻي چيائين؛
    ”صابو ..............؟“
    ”هُون ..............!“
    ”هڪڙي ڳالهه پڇانءِ؟“
    ”ها، پچ.“
    ”مون ٻڌو آهي ته تو اڃان شادي ناهي ڪئي ڇو ......!؟“
    ”دل ۾ آيو، ته ڪوڙ هڻي چوانس، ته مان شادي شده آهيان. پر الائي ڇو هن سان سچ ڳالهائڻ جي همت نه ڪري سگهيس. ڪوڙ ڳالهائيندي وراڻيم، ”ها تو ٺيڪ ٻُڌو آهي، مون اڃان شادي نه ڪئي آهي.“
    ”ان جو ڪو خاص ڪارڻ......؟“
    ”زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به هونديون آهن، جن جي سبب جا پر ڪٽيل هوندا آهن.“
    هوءَ سُري منھنجي ڀرسان ٿي ويٺي ۽ پوءِ ڪنڌ منھنجي ڪُلهي تي رکي خماريل لھجي ۾ چيائين،
    ”اڄ الائي ڇو؟ توسان ڳالهيون ڪرڻ تي دل گُهري ٿي.“
    ”ڪچھريءَ لاءِ شاديءَ کانسواءِ ٻيا به ته کوڙ موضوع ٿي سگهن ٿا؟“
    ”ڇو؟ شاديءَ جو موضوع توکي سٺو نٿو لڳي ڇا....!؟“
    ”نه، مون ائين ڪٿي چيو؟“
    ”پوءِ ٻڌائين ڇو نٿو؟“
    ”ڇا ٻڌايان .....؟“
    ”اهو ئي ته اڃان تائين شادي ڇونه ڪئي اٿئي؟“
    ”جنھن سان زندگيءَ کان به مٿانهون پيار ڪيو، اها منھنجي ٿي نه سگهي. ان کان پوءِ دل جي اها سکڻي ڪُنڊ ڀرجي نه سگهي آهي.“
    ”جنھن سان پيار ڪجي، ان کي حاصل به ڪري سگهجي، اهو ضروري به ته ناهي.“
    ”ها، اهو سچ آهي پر دل جا فيصلا دليلن جا محتاج نه هوندا آهن.“
    ”صابو....! تنھنجي دل جي سکڻي ڪنڊ ڀرجي به ته سگهي ٿي؟“
    ”اها اڻ ٿيڻي آهي، ڪونج“
    ”پيار جي نصاب ۾ اڻ ٿيڻي جو لفظ آهي ئي ڪونه، تون چاهين، ته اهو ممڪن آهي.“
    ”ڪير آهي، جيڪو اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي ۾ بدلائي سگهي؟“
    ”مان .......!“ هن جي لھجي ۾ اعتماد هو. صابوءَ ڇرڪي ڏانھنس ڏٺو، سندس چھري تي لازوال مرڪ هئي. صابوءَ ڪابه ورندي نه ڏني، ان کان اڳ هن ٻيھر ڳالهايو.
    ”صابو .....! مان توسان اڻ ميو پيار ڪريان ٿي. منھنجي پيار ۾ اها شڪتي آهي جا تنھنجي اندر جي مايوسين کي پيار جون خوشيون ارپي سگهي ٿي.“
    ”ڪونج...! تون انڌاري غار ۾ ٽپو ڏئي جذبات ۾ پاڻ کي وڃائڻ جي ڪوشش نه ڪر.“
    ”صابو......! منھنجو فيصلو اٽل آهي. زندگي تنھنجي پيار تان گهوري، ته به پاڻ کي ڀاڳ وارو سمجهنديس.“
    ”ڪونج مان ويران کنڊر آهيان، توکي جيون جي ڪابه خوشي ڏئي نه سگهندسُ.“
    ”مان ان ويران کنڊر کي پيار جي ڦلواڙيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏينديس.“
    ”مان، پوءِ به انڪار ڪري ڇڏيان، ته ........؟“
    ”ته، پوءِ منھنجو فيصلو به ٻڌي ڇڏ. مان به ڪنھن سان شادي نه ڪنديس. ساري ڄمار نڪاح جي ٻن ٻولن کان سواءِ تنھنجي سُريت ٿي گذاري ڇڏينديس.“
    هو سوچ جي سمنڊ ۾ سُن ٿي ويو. هن سوچيو پئي، ته ڪا عورت چاهت ۾ ان حد تائين به وڃي سگهي ٿي. ڪونج جي ڳالهائڻ تي هن ڇرڪ ڀري ڏانھنس ڏٺو.
    هن چيو پئي؛
    ”ڇا پيو سوچين، صابو ...............!“
    ”ڪجهه به نه ......! ڪونج مون کي سوچڻ ڏي.“
    ”مون سوچي ڇڏيو آهي، تون ڀلي سوچ. فيصلو ڪھڙو به ڪرين، پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ تون منھنجو آهين، صرف منھنجو ..........!“
    هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي ۽ ڀاڪر ۾ ڀري ڳل تي گرم چُمي ڏئي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي.
    موڪل جو ڏهاڙو هو، ناشتو ڪري، چانهه سان گڏ اخبار جون سرخيون پئي پڙهيم ته ڪال بيل وڳي. اخبار ٽيبل تي رکي دروازو کوليم ته منھنجو گهاٽو دوست راشد هو.
    ”اوهه، راشد تون ........! آهين ڪٿي يڪو گم ٿي وئين؟“
    ”ها، صابو ......! اندر به وٺي هلندي يا دروازي تان ئي روانو ڪري ڇڏيندين؟“
    ”ها، ها .....! ڇو نه؟ اچ، اچ .....!“
    راشد، جنھن جي چھري تي سدائين مايوسين جا ٻارنھن پيا وڄندا هئا، اڄ ڏاڍو خوش ۽ سرهو پئي لڳو. خوشي سندس چھري مان ڦاٽ کائي ٻاهر پئي آيس، کيس ائين ٻھڪندو ڏسي کانئس پڇيم؛
    ”ڏي خبر، اڄ ڏاڍو خوش پيولڳين؟ اصل ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپين؟“
    ”ها، يار....! اڄ واقعي به ڏاڍو خوش آهيان.“
    ”نوڪري ته ڪانه ملي اٿئي؟“
    ”نه يار، نوڪري نه پر ڇوڪري ملي اٿم.“
    ”ڇا، اها ئي ڇوڪري جنھن جو ذڪر اڪثر ڪندو آهين؟“
    ”ها، صابو....! اها ئي ڇوڪري“
    ”پر، هُن ته توسان ڳالهائڻ به پسند نٿي ڪيو، ته پوءِ شادي لاءِ ڪيئن راضي ٿي؟“
    ”هوءَ، ته اڃان به راضي نه آهي.“
    ”ته پوءِ .......؟“
    ”ڇوڪريءَ جا مائٽ راضي ٿيا آهن.“
    ”ڇوڪري پڙهي ٿي يا ..........؟“
    ”نه، نوڪري ڪندي آهي.“
    ”پوءِ ڪڏهن ٿو ملائين؟ مان به ته ان صورت کي ڏسان، جنھن اسان جي يار جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن.“
    ”ڪڏهن ڇو؟ اڄ ئي ٿو ملايان توسان.“
    هن يڪدم پاسي واري کيس مان پوسٽ ڪارڊ تصوير ڪڍي مون ڏانھن وڌائيندي خوشيءَ مان چيو؛
    ”ڏس، صابو .......! چوڏهينءَ جو چنڊ ۽ سونھن جو سمنڊ اٿئي.“
    تصويرڏسي منھنجي پيرن هيٺان زمين ڇڏائجي وئي. تھُه سياري ۾ به پگهر ۾ شل ٿي ويس. هي ته سونھن جو اهو سمنڊ هو جنھن جي ساهن جي خوشبوءِ اڃان تائين منھنجي ڪمري مان نه وئي هئي.
    **


    ســيــمــا

    هوءَ نه رڳو منھنجي ڀيڻ ياسمين جي دل گُهري ساهيڙي، پر اسان جي پاڙيسري به آهي. وچولي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سيما هڪ شريف گهراڻي جي پڙهيل لکيل، سُگهڙ، سنجيده مزاج رکندڙ ڇوڪري آهي. رنگ گورو، ڪٽورا نيڻ، پورو پُنو قد بت، لباس ۾ سادگي ۽ سليقو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڌيرج ۽ شائستگي. هوءَ منھنجي ڀيڻ سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهندي آهي. ڪاليج کان پوءِ گهر جي ڪم ڪار ۾ ماءُ جو هٿ ونڊائڻ کانپوءِ جيڪو وقت بچندو اٿس، ياسمين سان گڏ گذارڻ لاءِ اسان جي گهر هلي ايندي آهي. ٻنهي گهرن جا پراڻا واسطا ۽ تعلقات آهن، ان ڪري کيس اسان جي گهر ۾ ڪابه اوپرائپ محسوس نه ٿيندي آهي.
    مان ادب سان لاڳاپيل ڪھاڻيڪار آهيان ۽ هوءَ ادب جي سٺي پاڙهو آهي. خاص ڪري سٺي ڪھاڻي يا شاعري سندس ڪمزوري آهي. جڏهن به ڪھاڻي يا شاعريءَ جونئون ڪتاب خريد ڪري ايندو آهيان، ته پڙهڻ لاءِ گهر کڻي ويندي آهي. مزاج سان ٺھڪندڙ هوندس، ته رات ۾ پڙهي ٻئي ڏينھن نه رڳو ڪتاب موٽائي ڏيندي، پر ان تي تبصرو به ڪندي آهي. جڏهن به ڪا نئين ڪھاڻي لکندو آهيان، ته ڇپجڻ کان اڳ پڙهي وٺندي آهي.
    جڏهن کان منھنجي گهر واري نصرت ، پھرئين ويم دوران پُٽ کي جنم ڏئي، پنھنجي پُٽ ۽ مون کان مُنھن موڙي وڇڙي وئي آهي، تڏهن کان مان اندران ئي اندران ڀڄي ڀُري پيو هوس. نصرت جي وڇوڙي کي اٺ مھينا گذري ويا هئا، پر مان اڃان تائين پاڻ کي ان صدمي مان ٻاهر ڪڍي نه سگهيو هئس. صدمي جي ان ڪيفيت ۾ مون کان لکڻ پڙهڻ ڇڏائجي ويا هئا. مون کي صدمي جي ان ڪيفيت مان ڪڍڻ لاءِ سيما ڀرپور ڪوشش ڪندي هئي. منھنجو گهڻو خيال رکڻ لڳي هئي. ان خيال کان، ته مان پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ ٻيھر تخليقي دنيا ڏانھن موٽي اچيان. ايئن سيما سان احساس جو رشتو جڙي ويو هو. هن جي آٿت جھڙي ورتاءَ ڪري مان ٻيھر تخليقي دنيا ۾ موٽڻ لڳو هئس. انهن ڏهاڙن ۾ هڪ ڪھاڻيڪار دوست مون ڏانھن ڪھاڻين جو مسودو مھاڳ لکڻ لاءِ ڏياري موڪليو هو. دل نه چاهيندي به لکڻ لاءِ هڪ سبب پيدا ٿي پيو هو.
    ڪھاڻين جو مسودو پڙهي، نوٽس وٺي، مھاڳ لکڻ ويٺس، اڃان ابتدائي سِٽون مَس لکيم، ته سيما ڪمري جي ٻيڪڙيل دروازي کي کولي چيو، ”وسيم مان اندر اچي سگهان ٿي؟“
    ”ها، سيما....! ان ۾ پڇڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟“ مون پين، پنن مٿان رکي وراڻيو.
    ”وسيم...! سچ، ته توکي ايئن لکندي ڏسي، ڏاڍي خوشي ٿي اٿم.“ هن ڪرسيءَ تي ويھندي چيو.
    ”سيما، اهو تنھنجي خلوص جو ثمرُ ئي ته آهي، نه ته .....!“
    ”وسيم....! ليکڪ قومن جا دماغ هوندا آهن، انهن کي حالتن جي بي رحم وهڪرن ۾ ضايع ٿيڻ نه گهرجي.“
    ”تون ٺيڪ ٿي چوين، سيما.....!“
    ”وسيم....! الائجي ڇو؟ مون کي تنھنجي ڪھاڻي پڙهڻ جو گهڻو انتظار آهي، جنھن کان تون منھن موڙي ويو آهين.“
    ”تنھنجي خواهشن جو مون کي احترام آهي، سيما.....!“
    ايتري ۾ ياسمين ٽري ۾ چانهه کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي. هن چانهه جي ٽري ٽيبل تي رکندي چيو،
    ”اديب حضرات، ڪھڙي موضوع تي گفتگو پيا ڪن؟“
    ”ڪو خاص موضوع ناهي، ياسمين.“ سيما وراڻيو
    ”گفتگوءَ جو ڪجهه ته عنوان هوندو؟“
    ”ياسمين....! وسيم ٻيھر لکڻ پڙهڻ ڏانھن موٽ کاڌي آهي. ان کان وڏو ٻيو ڪھڙو عنوان هوندو؟“ سيما وراڻيو.
    ”ها، سيما....! شُڪر آهي، ادا، مَس وڃي پاڻُ سنڀاليو آهي.“
    ”سيما جي مھربانين سان.“ وسيم کلندي چيو.
    ”ٺيڪ آهي، ان خوشيءَ ۾ چانهه پي تازا توانا ٿيو.“ ياسمين وراڻيو.
    سيما، حساس هِردو رکڻ واري سلڇڻي ڇوڪري هئي. هوءَ نه رڳو منھنجو پر منھنجي ننڍڙي پُٽ ڪليم جو به خيال رکڻ لڳي هئي. ڪليم به ساڻس مانوس ٿي ويو هو. هوءَ پاڻ اديب ته نه هئي، پر ادب جو چڱو مطالعو رکندي هئي. ادب جي نظماڻين توڙي نثراڻين صنفن تي ڳالهائيندي هئي. مون وٽ ايندي هئي، ته مون سان بي تڪلف گفتگو ڪندي هئي. نه رڳو ادب، پر زندگيءَ جي ٻين موضوعن تي به ڳالهائيندي هئي. ساڻس احساس جو اهڙو رشتو جُڙي ويو هو، جو سندس موجودگيءَ ۾، اڪيلائپ جو احساس نه ٿيندو هو. سندس ويجهڙائپ جي ڪري، نه رڳو ادب، پر زندگيءَ سان پيار به جاڳي پيو هو.
    ننڍڙو ڪليم سال کن جو ٿي ويو هو. بانبڙن کان اڳڀرو ٿي، کٽ جي ايسَ کي وٺي هلڻ لڳو هو. موڪل واري هڪ ڏينھن، هوءَ گهر آئي، ته مان پنھنجي ڪمري ۾ ننڍڙي پٽ ڪليم کي هنج ۾ کڻي ويٺو هئس. سندس ٻاتڙين ٻولين ۾ دنيا جھان کي ائين وساري ويٺو هئس، ڄڻ سموري ڪائنات سُسي سوڙهي ٿي، منھنجي هنج ۾ سمائجي وئي هئي. سيما ڪمري ۾ داخل ٿي، ته ڪليم کيس ڏسي روئڻ لڳو ۽ کڻڻ لاءِ ڏانھس هٿ جون اُڇلون ڏيڻ لڳو. هن اڳتي وڌي ڪليم کي مون کان ورتو ۽ ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهي رهي. ڪليم سندس هنج ۾ هو ۽ سندس وکريل وارن سان کيڏڻ لڳو هو. هوءَ اوچتو سنجيده ٿي وئي. هوءَ ڪا مھل ايئن گم سم رهي. اکيون کڻي ڪڏهن مون ڏانھن، ته ڪڏهن ڪليم ڏانھن ٿي ڏٺائين.
    ”سيما.....!“
    ”جي، وسيم....!“
    ”ماٺ ٿي وئينءَ، ڇا پئي سوچين؟“
    هن اونهو ساهه کڻي ڪليم ڏانھن ڏٺو ۽ سندس ڳل تي چمي ڏيندي وراڻيو؛
    ”وسيم...! تو ڪڏهن سوچيو، ته هن معصوم کي ماءُ جي پيار جي ضرورت آهي؟“
    ”سيما...! مان ليکڪ آهيان، ليکڪ حساس هوندا آهن. سوچيان ضرور ٿو، پر .....!“ هن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    ”پر ڇا وسيم؟“
    ”اهو ئي، ته ماءُ جھڙي ماٽيلي ماءُ ڪٿان آڻيان؟“
    ”اهڙي، ته صفا سُڃَ به ڪانه ٿي آهي.“
    ”ڪيئن ڀلا....!“
    ”ڏس نه وسيم....! گهر ۾ هڪ ئي عورت آهي، تنھنجي ڪراڙي ماءُ. ياسيمن ته نياڻي آهي، پرائو ڌڻ. اڄ نه ته سڀاڻي پنھنجي گهر هلي ويندي. هن معصوم جو ڇا ٿيندو؟“
    ها، سيما....! اهو ته مان به سوچيان ٿو، پر .....!“
    ”پر، وري ڇا.....؟“
    ”سيما، تو جھڙي سگهڙ، سُلجهيل ۽ حساس عورت ڪٿان آڻيان؟“
    ”تو جھڙي ڇا....؟“
    ”ڇا مطلب....؟“ حيرت مان کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ ماٺ ٿي وئي. پوءِ ڪجهه سوچي ڌيمي لھجي ۾ چيائين؛
    ”وسيم، مون جھڙي ڇو؟ مان ڇونه....؟“
    مان، هڪو ٻڪو ٿي، حيرت گاڏڙ خوشگوار احساس مان کيس ڏسڻ لڳس. هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪليم کي کڻي ويٺي هئي. ڪليم جي پتڪڙين ٻانهن جو هارُ سيما جي ڳچيءَ ۾ هو، سندس ڪلهي تي ڪنڌ رکي ايئن سُڪون جي گھري ننڊ ۾ هو، ڄڻ ڪيترن ڏهاڙن کان سُتو ئي نه هو.

    **


    نيڻن ۾ سجايل خواب

    هوءَ سالن پڄاڻان اسان جي گهر آئي هئي. اچڻي نه وڃڻي. شايد گسُ ڀلجي اچي نڪتي هئي. سچُ ئي ته آهي. مَن مندر ۾ آستانو اڏي ويٺل ماڻهو، جڏهن ڀيرو ڀڃي، واٽون وِساري ڇڏي، ته ان لاءِ ٻيو چئي به ڇا ٿو سگهجي؟ هوءَ ڪمري ۾ منھنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان ويٺي هئي. ڪمري ۾ داخل ٿيس، ته هن تي نظر پئي. ڇرڪي ويس. پر هن جي چھري تي بدحواسيءَ جا ڪي به آثار نه هئا. مون ڏانھن ڏسي مُرڪي پئي. مرڪندي چيائين؛
    ”ڪريم.....! خوش ته آهين نه .....!“
    ”ها فاطي....! خوش آهيان.“ مختصر ورندي ڏنم.
    هوريان هوريان ڪري ڀينرون، ڀاڄايون، ڪم ڪار جي سانگي ڪمري مان ايئن نڪري ويون، جيئن گهوٽ ڪنوار کي لانئون ڏيڻ کانپوءِ، سيج تي گڏ ويهاري، عورتون کسڪي وينديون آهن. امان به اهو چئي ٻاهر هلي وئي ته، ”ابا...! تون فاطيءَ سان ڪچھري ڪر، ته آءٌ ماني ٽڪيءَ جو بندوبست ڪري وٺان.“
    ڪمري ۾ آءٌ ۽ فاطي اڪيلا رهجي وياسين. هوءَ ڪمري ۾ فريم ٿيل تصورن کي غور سان ڏسي رهي هئي ۽ مون ٽِڪَ ٻڌي کيس ڏٺو پئي. هوءَ شاديءَ کان پوءِ ڳوٺ ڇڏي شھر ۾ رهڻ کان پوءِ ڪيڏي نه بدلجي وئي هئي. ڄامشوري جي ٿڌين ۽ ڪومل هوائن سندس ڪڻڪائين رنگ کي نکاري ڳورو ڪري ڇڏيو هو. چھرو سيور بلب جيان ٻريس پيو. هوءَ اڳ کان به وڌيڪ خوبصورت پئي لڳي. مون کي لاڳيتو گهوريندو ڏسي، چپن تي مـُرڪ وکري ويس. هن پنھنجائپ واري نگاهه سان مون ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ڪتابن جي شيلف ڏانھن ڏسڻ لڳي. اوچتو شيلف تي رکيل تصورن جي البم تي نظر پيس، ته ڦڙتائيءَ سان ائين کٽ تان اُٿي پئي، ڄڻ گهڻي ڳولا کان پوءِ ڪا وڃائجي ويل شئي ملي وئي هجيس. اهو هن جو فطري رد عمل هيو. يادن جا ڪيئي گم ٿيل لمحا ئي ته بند هئس ان البم ۾. اهو البم منھنجي جيون جي ڪل ڪائنات هو. ان البم کي هڪ لمحي لاءِ به پاڻ کان پري نه ڪندو هئس. زندگيءَ جي حسين ۽ اڻ وسرندڙ يادن جا ساهه سيباڻا منظر محفوظ هئا. ان البم ۾ جڏهن به من جي ماندڪائي ۽ اُٻاڻڪائي محسوس ڪندو هئس، ته البم کولي ڏسندو هئس. البم جي هر تصوير مون سان ڳالهائيندي هئي. گذري ويل لمحن جا منظر ورجائيندي هئي. مَن جي مونجهه لهي ويندي هئم. هوءِ البم کڻي کٽ تي اچي ويٺي ۽ البم جي تصورن ۾ ڄڻ وڃائجي وئي ۽ مان سندس سُندر مُک ۾ اکيون اٽڪائي، يادن جي ڪوهه قاف ۾ هليو ويس.
    فاطي ۽ مان ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئاسين. ويھندا به هڪ ئي بينچ تي هئاسين. هُن جو گهر اسان جي گهر جي ڀرسان ئي هو. ذات قبيلو ته ساڳيو هو، پر ساڻن ناناڻي يا ڏاڏاڻي لِڇَ واري ويجهي مائٽي نه هئي. ذات ساڳي هئي، پر پاڙو الڳ هو. ان ڪري مٽن مائٽن وارو قرب جو تعلق ته هيو، پر سنگـتن پرتين، اڏيل گڏيل نه هئاسين، ٻئين درجي کان گڏ پڙهندا هئاسين. هوءَ ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍي سادي، معصوم ۽ خوبصورت هئي. ان جي ابتڙ مان وري ضرورت کان وڌيڪ ضدي، حرڪتي هئس. باهه ۽ پاڻيءَ وانگر طبيعتن ۾ هڪ ٻئي جو ضد هئاسين. مان کيس گهڻو چيڙائي تنگ ڪندو هئس.
    ڪڏهن ڪڏهن ته ڀڄي نه سگهندي هئي، ته روئي پوندي هئي ۽ مان کيس پرچائيندو هئس. ان هوندي به ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ مون سان گهڻي لڳندي هئس. هوءَ جڏهن چڙي پوندي هئي، ته وڌيڪ خوبصورت لڳندي هئي. وڏيون ڪجليون اکيون ڦوٽارجي وينديون هئس. ناسون ٽڙي پونديون هئس ۽ ڳٽن ۾ گُهٻَ پئجي ويندا هئس. مان کيس چيڙائڻ جا وجهه پيو ڳوليندو هئس. ماستر جڏهن ڪلاس روم مان ٻاهر وڃڻ لڳندو هئو، ته مان اُٿي بيھي چوندو هئس.
    ”سائين...! فاطيءَ جا کوڙا ڪچا آهن. کيس کوڙا پڪا ڪرايان؟“ ۽ ماستر ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻي ٻاهر نڪري ويندو هو، ته مان فاطيءَ لاءِ ڄڻ ماستر بڻجي ويندو هئس. چوندو هئس،”ايڪ ڏُون، ڏون...!“ مان يڪدم وراڻيندو هئس، ”فاطي چاڏي ڀڃ تون، مکڻ کاوان مان، لسي پيءُ تون.“
    هوءَ مون ڏانھن ڪاوڙ مان ڏسندي هئي، پر ڪڇي نه سگهندي هئي. مان کيس چوندو هئس، ”ها، فاطي....! اڳتي کوڙو ٻڌاءِ.“ هوءَ هٻڪندي چوندي هئي،”ٻه ڏون چار....!“ ان کان اڳ جو هوءَ کوڙو اڳتي ٻڌائي، مان تڙ تڪڙ ۾ چوندو هئس، ”فاطي...! مان تنھنجو يارُ.“ هوءَ ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهي ٿي ويندي هئي ۽ پُٺيءَ تي مُڪون هڻي ڪاوڙ مان چوندي هئي، ”تون ڪِنو آهين. ڪِنو ٿو ڳالهائين. مان اڳتي توسان کوڙا پڪا نه ڪنديس.“ مان کيس پرچائيندي چوندو هئس، نه فاطي...! ائين نه چئُه.“
    ”پوءِ ائين ڇو ٿو چوين؟“ مان ڪو ڇوڪرو ته ناهيان جو ....“ هوءِ روئڻهارڪي ٿي ويندي هئي.
    ”چڱو اڳتي ائين ڪونه چوندس.“
    هڪ ڀيري هن نائين جو کوڙو پئي ٻڌايو؛ جڏهن چيو،”ناءِ نا ايڪاسي“ تهمون جهٽ پٽ چيو، ”فاطي... ٻلي تنھنجي ماسي.“ هوءَ يڪدم ڪتاب ٺپي، رُسي ويهي رهي. چيو مانس،”فاطي...! مون بس ڪئي. ڀلا هاڻي پندرهين جو کوڙو ٻڌاءِ.“ هوءَ انڪار ڪري ڇڏيندي هئي ۽ مان ڪوڙ مان چوندو هئس. ”سائين ....ا و، سائين....! فاطي، کوڙا نٿي ٻڌائي“ ۽ هوءِ سائينءَ جي ڊپ کان منھنجي وات تي هٿ رکي چوندي هئي. ”ٻڌايان ٿي، پر تون مشڪري نه ڪر مون سان.“، ”نٿو ڪريان، ٻڌاءِ.“
    هوءَ اکيون بند ڪري ٻڌائيندي هئي، ”ايڪ پندرهو، ...!“ مان ترت وراڻيندو هئس، ”فاطي...! ڏاڏو تنھنجو ڏندرو.“ مان کوڙن جا شاعريءَ وانگر قافيا ملائي کيس چيڙائيندو هئس. اڄ مان شاعر آهيان. شاعريءَ ۾ قافيا، رديف ملائي گيت، غزل ۽ وايون لکان ٿو. پر منھنجي شاعري سان قافيا ملائي چيڙائڻ وارو ڪوبه نه آهي. سوچيان ٿو ڪاش! ننڍپڻ جا اهي ڏينھن وري موٽي اچن. مان ڇرڪ ڀري فاطيءَ جي يادن جي ڪوهيڙي مان نڪري، ڪمري ۾ موٽي آيس، هن ڳالهايو پئي.
    ”ڪريم...! تصويرن کي ڪيڏي نه پيار ۽ پاٻوهه مان سانڍي رکيو اٿئي. هيءَ تصوير ڏي، جيڪا پاڻ اسڪول جي ڪلاس روم ۾ ڇڪرائي هئي، مان کوڙن جو ڪتابُ اڳيان جهلي بيٺي آهيان ۽ تون ....!“
    ”ها، فاطي....! اهي تصويرون ئي ته منھنجي ڪُل پُونجي آهن. هنن سان ئي ته ماضيءَ جي خوشگوار يادن سان جڙيل رهندو آهيان.
    مون ڏانھنس ڏٺو. هن رُنو پئي ۽ رَئي جي پلاند سان اکين مان ٽِمي پيل لڙڪن کي اُگهيو پئي. مون ڪوبه رد عمل ظاهر نه ڪيو ۽ کيس روئي هانءَ جو بار هلڪو ڪرڻ ڏنم ۽ ماضيءَ جي يادن ۾ ٻيھر گم ٿي ويس.
    پنجون درجو پاس ڪرڻ کانپوءِ فاطيءَ جي مائٽن کيس وڌيڪ پڙهائڻ بدران گهر ۾ ويھاري ڇڏيو هو ۽ مون شھر جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي. توڙي جو ملڻ جلڻ گهڻو گهٽجي ويو هو. پر اسان جي دلين ۾ پيار جون وليون سدائين سايون رهيون. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اسان جي گهر ايندي هئي ته مَن جي مونجهه لھي ويندي هئي. مون انٽر پاس ڪئي ته فاطيءَ جي چوڻ تي امان ۽ بابا کي سندس سڱ جي گهر ڪرڻ لاءِ سندن گهر موڪليم. سندس پيءُ امان ۽ بابا کي اهو چئي مھلت گهري ته، ”ادا...! توهان لاءِ لک عزتون آهن، پر ٻئي اڃان ننڍا آهن. اسان به دل من جاچي پوءِ ورندي ڏينداسين.“
    ان ڳالهه کي به ٻه ٽي سال گذري ويا هئا. مون گريجوئيشن ڪري ڇڏي هئي ۽ نوڪري لاءِ هٿ پير پئي هنيم. هڪ ڏينھن فاطي اسان جي گهر آئي، ”ڏاڍي خوش پئي لڳي. مرڪندي چيم،
    ”فاطي....! اڄ ته ڏاڍي خوش پئي لڳين.“
    ”ها، ڪريم...! ڳالهه آهي به ته خوش ٿيڻ جھڙي.“ هن وراڻيو.
    ”ٻڌائيندينءَ ڪونه؟“ مون اتاولائيءَ مان چيو.
    ”ڳالهه ئي اهڙي آهي جو تنھنجا سمورا ٿڪ لھي ويندا ۽ جهول خوشين سان ڀرجي ويندئي.“ هن تجسس وڌائي ڇڏيو هو.
    ”پوءِ ٻڌاءِ نه، تڙپائين ڇو پئي؟“ مون منـٿ واري لھجي ۾ چيو.
    ”نه، بابا...! ائين ڪيئن ٻڌائبي؟“هن جي لھجي ۾ شرارت هئي.
    ”پوءِ ڀلا ڪيئن ٻڌائبي؟“
    ”ان لاءِ توکي مٺائي کارائـڻي پوندي.“
    ”بس، ڳالهه به ايتري؟ تون ڪيتري مٺائي کائيندينءَ؟“
    ”ٻه ٽي ڪلو مٺائي ته هجي.“ هن ٽھڪ ڏنو.
    ”ڇو ايتري مٺائي، ڀَتَ مٿان ٻُرڪي، گهروارن کي کارائيندينءَ ڇا؟“ مون به جوابي ٽھڪ سان وراڻيو.
    ”ڳڙ واري مٺائيءَ تي، تو به ڳالهه نه ٻُڌي.“
    ”ٺيڪ آهي، بابا.....! تون جيتري مٺائي چوندينءَ، توکي ملندي. هاڻي ته ٻڌاءِ کڻي.“ مون هار مڃيندي چيو. هن اونهو ساهه کڻي مون ڏانھن وراڻيو، ته ”ڪريم ...! تو لاءِ سٺي خبر آهي، ته بابا جنھن هن وقت تائين منھنجو سڱ ڏيڻ کان نٽايو پئي، سو مَسَ مَسَ راضي ٿيو آهي.“
    ”واقعي به .... فاطي ....!“ مون کان خوشيءَ مان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ها، ڪريم....! پر ....!“ هن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    ”پر، ڇا... فاطي....!“ مون حيرت مان چيو.
    ”ان لاءِ بابا هڪ شرط به رکيو آهي.“
    ”شرط....!“
    ”ها، ڪريم....! شرط اهو آهي ته، جيستائين توکي ڪا نوڪري نه ملندي، تيستائين پنھنجي شادي نه ٿي سگهندي.“
    مان سوچ ۾ پئجي ويس. هن ٻيھر ڳالهايو.
    ”ڪريم.....! تون گريجوئيٽ آهين. ٻيا سڀ خفا ڇڏي، جلدي نوڪري وٺڻ جي ڪوشش ڪر.“
    اهو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن، ڪيئي سال گذري ويا آهن. فاطي، ته پڻس جي ٽٽل واعدي جي ٽياس تي ٽنگجي، ٽن ٻارن جي ماءُ بڻجي ويئي آهي، پر مان اڄ به نوڪريءَ جي پٺيان ايئن پيو ڊُڪان ڄڻ....!!“

    **


    رکــوالـي

    شھر جي گوشائتي علائقي جي وڏي عوامي هوٽل جو ننڍڙو ڪمرو اسان جي ڇڙواڳي ٽھڪن سان ائين پئي گونجيو، ڄڻ سڀئي ڀنگ جو ڪونڊو چاڙهيون ويٺا هئاسين. کِلي کِلي ٻيڻا، ٽيڻا پئي ٿياسين. سڀ مست الست وهيءَ وارا ڇڙها ڇانڊ. نه لٿي جي خبر، نه اُڀرئي جي. مائٽن جي ڪُلهن تي ڍؤَ جون پستيون پيا هڻندا هئاسين. ڪانو سج چڙهندو هو ته گهران خرچ پکو وٺي، هُوٽل ڀيڙا اچي ٿيندا هئاسين ۽ لڙي منجهند تائين پيا وات وڙهائيندا هئاسين. جوانيءَ جا ٽھڪ به جوانيءَ وانگر مست ۽ دنيا جھان جي فڪر کان آجا هوندا آهن.
    جون جي لڱ لھسيندڙ جهولن واري ٻيپھري هئي، سج به پنھنجي جولان جي ڇيهه تي هو. اُڀ مان ٽانڊا پئي وسيا. هوٽل ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هئا. هوٽل جي ڪمري جي ڇت ۾ لڳل پکي جي هوا به گرم هئي. پر اسان ڪچھريءَ ۾ ايترو گم سم هئاسين، جو گرم هوا جو احساس ئي نه پئي ٿيو. سڀ گلزار کي ورائي ويا هئا. زبان چم جي، ڪنھن نه ڪم جي، سو هُو به پنھنجي واتان نڪتل گفتي مان اهڙو، ته اچي اڙيو هو جو سنگت جي چرچن ۽ ڀوڳن جو ٽارگيٽ بنجي ويو هو. جند ڇڏائڻ لاءِ گهڻيون ئي گهٽيون ۽ گوهيون ڏنائين، پر جيئن پوءِ تيئن ويو پئي لوهُه ٿيندو.
    اسان جي ياراڻي جو ساٿي منٺار جيئن ئي هوٽل جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته کيس ملول ڏسي سڀ ماٺ ٿي ويا، ٽھڪن کي ايمرجنسي بريڪ لڳي وئي. سڀ ماٺ ميٺ ۾ کيس ائين ڏسڻ لڳا، ڄڻ کين نانگ سراپي ويو هجي. گلزار جي ته الله کڻي ٻڌي هئي. هن لاءِ ته منٺار ڄڻ ڇوٽڪاري جو فرشتو بڻجي آيو هو. سڀني جو ڌيان منٺار ڏانھن ائين ڇڪجي ويو جيئن ان جا داڻا بکايل پکيءَ کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندا آهن. هو ماٺڙي ڪري ڪنھن سان ڳالهائڻ بنا پاروٿي واڱڻ جھڙو منھن ڪري ويھي رهيو. سمجهه ۾ نه ايندڙ معاملي جي حيرت مان سمورن کيس ڏٺو پئي. نيٺ جانيءَ ڦاٽ کاڌو.
    ”هن ڪميڻي کي وري ڪھڙي کاڌي مان خرابي ٿي آهي.“
    ”قاضيءَ جي ڪکن کانپوءِ جو اهو حال ٿيو اٿس“ منظور وراڻيو
    ”اڙي، چنڊا.....! توهان کي لڳو آهي رونشو. هيءُ ويچارو ٿو مري. موت جو ملائڪ ڏٺو اٿس، رات بچيو ته نئون ڄائو.“ ڪريم وچ ۾ ڳالهايو. سڀ ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳا، پر هُو چپ جھڙي ڀِتِ، اکيون ڦاڙي پئي ڏٺائين. سندس مونجَهه ڪڍڻ لاءِ سُري اچي ڀرسان ويٺس ۽ کيس پيار مان چيم؛
    ”منٺار.........!“
    ”هُون ............!“ هن مختصر ورندي ڏني.
    ”هُون جا پٽ! ڇا ٿيو اٿئي؟ ڪلهه ته منھن تي رابيل پئي ٽڙيئي، اڄ ڪنھن منھن تي دانگي گهمائي اٿئي؟“ زاهد ڪاوڙ مان چيو.
    ”اهڙي ته ڳالهه ڪانهي“ هن وراڻيو.
    ”پوءِ، ڪھڙو کنڊ جو جھاز ٻڏي ويو اٿئي؟“ مون ڳالهايو.
    ”کنڊ جو جھاز ٻُڏي ها ته به چڱو هو، نه .....!“ هن وراڻيو
    ”ڀلا ڪجهه ڦاٽندي به سھي يا ....!“ جانيءَ جو لھجو ڪاوڙ وارو هو.
    ”اڄ اخبار نه پڙهي اٿوَ ڇا......!؟“ هن مسئلو ٻڌائڻ لاءِ ٿلهه ٻڌو.
    سڀ حيرت مان هڪٻئي ڏانھن ڏسڻ لڳا. مُون ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”اهڙي ڪھڙي ڳالهه آهي اخبار ۾“
    ”مون کي خبر آهي“ زاهد منھن پڪو ڪري چيو.
    ”تو اخبار پڙهي آهي ڇا؟“ گلزار حيرت مان پڇيو.
    ”هائو.......!“ هن وراڻيو
    اهڙي ڪھڙي ڇرڪائيندڙ خبر آهي اخبار ۾؟“ ڪريم ڳالهايو.
    ”پتائي گجرن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن“ زاهد وراڻيو
    سڀ کل ۾ وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهجي ويا. جانيءَ کلندي چيو
    ”يار....ٰ! پتائي گجرن سان اسان جي يار جي پريشانيءَ جو ڀلا ڪھڙو تعلق؟“
    ”کائيندو به آهي، ته ڌوئي پوئي.....!“ زاهد جملو پورو به نه ڪيو ته سڀ کلي کلي کيرا پئي ٿيا ۽ منٺار جو منھن لھي ويو. هُو ڪاوڙ مان اُٿي ٻاهر وڃڻ لڳو. مون اڳتي وڌي کيس ڀاڪر ۾ ڀري زوريءَ ويھاريندي چيو.
    ”اڙي، ٿڪ ئي کوڙ اٿئي، يارن سان به ڪاوڙ؟“
    ”پر، ڏس نه .......! اسان کي پنھنجا ڍڪر، هنن کي لڳو آهي ڀوڳ.“ هن ڪرسيءَ تي ويھندي وراڻيو.
    ”اڙي، ته پوءِ نالت پوئي تون به سڌي ڳالهه ڪر نه......!“ سگهڙن واريون ڳجهارتيون ڇو پيو ڏين؟“ گلزار ٻن آڱرين جو ڀونڊو ڏيندي چيس.
    ”ها، ته ڇا هو اخبار ۾؟“ جانيءَ پنھنجائپ واري لھجي ۾ چيو.
    ”يار، جيئن ئي اخبار پڙهي اٿم هينئون هنڌ نه اٿم. دماغ ڦرڻيءَ وانگر پيو ڦِري.“ هن وراڻيو.
    ”اهو ته ٺيڪ، پر هيو ڇا اخبار ۾؟“ مون پڇيو
    ”اخبار ۾ خبر آهي ته ضلعي انتظاميه ڳاڙهي بازار تي بندش هڻي ڇڏي آهي“ هن ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.
    ”اڙي، نه، نه ......!“ سڀني کان ڇرڪ ۽ گاڏڙ رڙ نڪري وئي.
    ”ها، يار.......! ڏس نه، اسان ڇڙها ڇانڊ.......!“ هن هٿ جون تريون مھٽيندي وراڻيو.
    ”اڙي، پوءِ ته وڄائي ڇڏيئي ٻيو .......!“ گلزار ڳالهايو.
    ”نالتي.......! چوين ته ائين پيو ڄڻ بندش ئي مون هڻائي آهي.“ منٺار ڪاوڙ مان چيو.
    سڀ سوچ ۾ پئجي ويا. اوچتو زاهد کان ٽھڪ ڇڏائجي ويو. سڀ ڪاوڙ مان ڏانھنس ڏسڻ لڳا. جانيءَ کيس ٽوڪيندي چيو.
    ”اڙي لوسي.......! تون وري کلين پيو.“
    ”ڳالهه به ته کل جھڙي آهي“ زاهد کلندي وراڻيو.
    ”ڪيئن ڀلا.....؟“ گلزار چيو.
    ”اڙي يار .......! صفا ڪو درويش آهين. هن ملڪ ۾ ڳاڙهيون بازارون به ڪڏهن بند ٿيون آهن ڇا؟“ زاهد ٽھڪ ڏئي وراڻيو
    ”اڙي بابا.......! بند پيون آهن ڌڪا کائي اکئين ڏسيو پيو اچان، پوليس اکيون ڳاڙهيون ڪري ويٺي آهي.“ منٺار ثابتي ڏيندي چيو.
    ”هائو، برابر.......! آئون به اڄ ئي ته ٿيو پيو اچان، ساڳيو جھان هلي پيو.“ زاهد وراڻيو.
    ”ڪُوڙ ٿو هڻين، نالتي .......!“ منٺار ٻڏتر وارين نھارن سان کيس ڏسندي چيو.
    ”نُور بٽازي جو قسم .......! سچ پيو چوان“ زاهد ٻئي هٿ اکين تي رکي يقين ڏياريندي وراڻيو.
    ”پوءِ هيءَ پوليس .......!“ جانيءَ حيرت مان چيو
    ”اڙي چريا ڀوڪ بصر .......! پوليس به نانگ ته ڪونهي، جو مِٽي کائيندي، ترن جو تيل تِرن مان نڪرندو. بس ٿورو ريٽ وڌي ويو آهي.“ زاهد وراڻيو.
    ”اهو وري ڪيئن؟“ گلزار ڳالهايو.
    ”اڙي بابا .......! سئو روپيه ڳاڙهي بازار واري جي مزدوري ۽ پنجاهه روپيه پوليس جي رکواليءَ جا ......“
    هُوٽل جو ڪمرو ساڳين جوانيءَ جي ڇڙواڳ ٽھڪن سان ٻرڻ لڳو.

    **


    ارپڻ کان رهجي ويل محبت

    هو اَڄُ الائجي ڇونه آيو هو؟ روزاني معمول موجب صائما، جيئن اسٽاپ تان بس ۾ چڙهي، ته هن جون نظرون پاڻ مراديون بس جي مرداڻي پاسي ڏانھن کڄي ويون. بس ۾ رش نه هئي. مسافر ٺريا ٺاپريا پرسڪون ويٺا هئا. ننڍيون نيٽيون، جوان ۽ ڪراڙيون اکيون، ته سندس اکين سان ٽڪرايون، پر اُهي ڳولائون اکيون کيس ڪنھن به سيٽ تي نظر نه آيون، جيڪي روزانو بس جي سفر ۾ سندس پيڇو ڪنديون هُيون. اُهي اکيون نه هيون، پر ترڪش هئا، جن مان نظرن جا ڇُٽل تير ٻِسٽ سندس جسم مان پار ٿي ويندا هئا. نظرن جي تيرن جو اهو وسڪارو، تيستائين پيو هلندو هو، جيستائين هوءَ ڪاليج اسٽاپ تي بس مان لهي نه ويندي هئي.
    هوءَ نه چاهيندي به پريشان ٿي وئي. پنھنجي وجود ۾ ڪا شئي کُٽل کُٽل پئي محسوس ڪيائين. غير ارادي طور نگاهون بس جي مردن واري پاسي ڏانھن کڄي ٿي ويس ۽ پوءِ سيٽن تي ويٺل مسافرن جي اَڇاتري ياترا ڪري ناڪام موٽي ٿي آيون. هن ذهن ۾ ايندڙ خيالن کي اهو آٿت ڏئي ذهن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ته پوءِ اجايو ڇو پريشان ٿيان؟“ پر ان ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي. سندس ان اُتاولائيءَ کي بس جي ڪنڊڪٽر به محسوس ڪيو پئي. ماڻهن جو ڌنار هو. ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان روز جو واهپو هئس. ان کان سواءِ صائما جي پريشانيءَ جو ڪارڻ کانئس ڳجهو به ته ڪونه هو. ان گونگي ڪھاڻيءَ جو اڻ ڌريو گواهه به ته هيو. هن صائما کان ٽڪيٽ جا پئسا وٺندي، چپن تي مُرڪ آڻي چيو؛
    ”محترمه...! ڪا پريشاني آهي ڇا؟“
    ”نه، اهڙي ته ڪابه ڳالهه ناهي.“ هن ٽڪيٽ جا پئسا ڏيندي وراڻيو.
    ”مسٽر حميد جي آفيس، اسان جي آخري اسٽاپ ڀرسان آهي. ان ڪري موڪل جي درخواست مون کي ڏني اٿس.“ ڪنڊڪٽر کيس ڄاڻ ڏني.
    ”ڇو...؟ ڇا ٿيو.....؟“ صائمه جي واتان بي اختيار نڪري ويو.
    ”اها ته خبر ناهي، شايد طبيعت ٺيڪ نه اٿس.“
    ”توهان کيس سڃاڻو ٿا؟“
    ”ها، منھنجي پاڙي ۾ رهندو آهي. نھايت شريف ماڻهو آهي.“
    هن گواهي ڏني. هوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ ڪنڊڪٽر اڳتي وڌي ويو. هوءَ سوچ ۾ گم ٿي وئي. سوچن ۾ سوالن جا دائرا، ذهن کي وڪوڙي ويا هئس. کيس پھريون ڀيرو هن لاءِ دل ۾ احساس جاڳي پيو هو. اهو احساس ئي کيس ڪنھن اڄاتي تعلق جو الارم محسوس پئي ٿيو. سندس غير موجودگيءَ واري کوٽ الائجي ڇو کيس شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي هئي. چپن مان بي اختيار ڀڻڪو نڪري ويس.
    ”الائجي ڇونه آيو آهي؟ خدا ڪري، ته خير سان هجي.“
    اهو روز جو معمول هو. صائما، جيئن ڪاليج وڃڻ لاءِ صبح اسپيشل سروس جي بس ۾ چڙهندي هئي، ته مرداڻي ڪمپارٽمينٽ ۾ ٻن ڳولائو اکين کي پنھنجو منتظر محسوس ڪندي هئي. کيس ايئن لڳندو هو، ڄڻ کيس ڏسي، انهن اکين کي پنھنجي منزل ملي ويندي هئي. اسپيشل بس جو ڀاڙو، ٻين عام لوڪل بسن جي ڀاڙي کان ٻيڻو، ٽيڻو وڌيڪ هو، ان ڪري بس ۾ رش نه هوندي هئي. مسافر سيٽ باءِ سيٽ سانتيڪو سفر ڪندا هئا. متلاشي اکيون ڪيتري وقت کان کيس تڪي رهيون هيون، ان جي پڪ سان ته کيس ڄاڻ نه هئي، پر جڏهن کان هن انهن نھارن جي تپش کي محسوس ڪيو آهي، ان کي به مھيني کان وڌيڪ ڏينھن گذريا آهن. پھرين، ته هن کي ڏاڍو خراب لڳو هو ۽ ڪاوڙ به گهڻي ايندي هئس. دل ۾ ايندو هئس، ته سيٽ تان اُٿي کيس ست سُريون ٻڌائي، پر پوءِ آهستي آهستي هوءَ انهن نگاهن کي برداشت ڪرڻ لڳي هئي. کيس سڪون محسوس ٿيڻ لڳو هو انهن نھارن ۾. ڪابه ڇيڳرائپ، ڪابه هلڪڙائپ نه هئي، پر کيس ايئن لڳندو هو، ڄڻ ڪا تانگهه، ڪا ڳولا، ڪا پياس هئي، صدين جي پنڌ جي ڪا پيڙا هئي، انهن نھارن ۾. هڪ عجيب ڇِڪ هئي، جنھن کيس ڄڻ هپناٽائيز ڪري ڇڏيو هو.
    حميد چاليهن ورهين جي لڳ ڀڳ ڄمار وارو پختو مرد هو. پر پنھنجي جسامت، سٺي صحت ۽ هاٺيءَ مان پنھنجي عمر کان گهڻو ننڍو ٿي لڳو. کڙوتر، ڀريل بُت، رنگ ڳورو، وڏيون اکيون. نَڪ نقشي ۾ سيبتو. شيو ڪيل چھري تي سنهيون مُڇون. پٺتي ورايل گهاٽا وارَ ۽ ڪپڙي لٽي ۾ ڇنڊيل ڦوڪيل. حميد نوجوان پيو لڳندو هو. هو هڪ پرائيويٽ دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ ملازم هو. هن جي چھري ۾ ڏسڻ واري کي پھرين نظر ۾ موهڻ جي ڪشش هئي.
    هو ٽن ڏهاڙن کان مليريا بخار ۾ مبتلا رهڻ ڪري آفيس نه ويو هو. بيماريءَ کان وڌيڪ کيس صائما جي اُڻ تڻ هئي. ٽن ڏهاڙن کان جو کيس نه ڏٺو هئائين. ٽيسٽن ۽ اينٽي مليريا ڊوز وٺڻ کانپوءِ ٽئين ڏينھن سندس طبيعت ۾ بھتري آئي هئي. سومھڻيءَ جو وقت هو، هو مانيءَ کان واندو ٿي پنھنجي ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هو، ته موبائيل فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. هن ڪتاب ڊگهيري وهاڻي هيٺان فون کڻي اسڪرين ۾ ڏٺو. نمبر نئون هو، هن ڪال اوڪي ڪري، فون ڪَنَ تي رکي، ته عورتاڻو آواز ڪن تي پيس.
    ”هيلو....!“
    ”جي محترمه .....! فرمايو.“
    ”توهان حميد صاحب پيا ڳالهايو؟“
    ”جي، ها... پر توهان .....؟“
    ”مان، توهان جي ڳولا .....!“
    ”معاف ڪجو. مون سمجهيو ڪونه.“
    ”مان صائمه پئي ڳالهايان.“ ترنم ٽھڪ فون جي مائوٿ پيس مان نڪري، هن جي ڪن ۾ ٻُرڻ لڳو.
    ”صائمه......!!!“
    ”اسپيشل بس جي، اسپيشل مسافر!“
    ”اوه، صائما، تون ......!“
    ”ها، مان....! تنھنجي نگاهن جو مرڪز.“
    ”نه، ائين نه چئه صائما، خدارا مون کي غلط نه سمجهه.“
    ”غلط سمجهان ها، ته فون ڇو ڪريان ها...؟“
    ”صائما.... تنھنجي وڏي مھرباني، سچ پڇين، ته اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان.“
    ”خير....! ٻڌايو، توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
    ”مليريا بخار هو، اڄ بھتر محسوس پيو ڪريان.“
    ”ٻئي ماٺ ٿي ويا، ڪجهه ساعتن کان پوءِ حميد ماٺ کي ٽوڙيو.“
    ”صائما، هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ؟“
    ”جي، فرمايو.“
    ”منھنجو نمبر ڪٿان مليو؟“
    ”ڳولڻ وارن کي خدا به ملي ويندو آهي.“
    ”پر، پوءِ به .....!“
    ”ڪنڊڪٽر کان ورتو اٿم.“
    ”اوهه.....!“
    ”حميد صاحب....!“
    ”جيءُ، جيءُ، چئو صائما....!“
    ”مان توهان سان ملڻ چاهيان ٿي.“
    ”اهو ته مان به چاهيان ٿو. ماڻهوءَ جي شخصيت بند تالي جيان هوندي آهي ۽ گفتگو ان تالي جي ڪنجي هوندي آهي.“
    ”مان ته توهان جي آلجبرا جھڙي شخصيت کي ويجهڙائيءَ سان سمجهڻ گهران ٿي.“
    ”منھنجي شخصيت ته جوڙ جو سولو حساب آهي، جنھن سولائيءَ سان حل ڪري سگهجي ٿو.“
    ”پوءِ به ....!“
    ”جڏهن ۽ جتي چاهيو، مان اچي ويندس.“
    ”سڀاڻي رات منھنجي فون جو انتظار ڪجو.“
    ”ٺيڪ آهي، مان انتظار ڪندس.“
    ”چڱو، فون بند ڪريان ٿي.“
    ”مھرباني، خوش هجين شل.“
    آچرڏينھن صائما جي ڏنل پروگرام تي حميد مشھور پارڪ پھتو، ته صبح جا ڏهه ٿيا هئا. پارڪ ۾ رش نه هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو بئنچن تي ويٺل هئا. ڪجهه فيمليون ڇٻر تي چادرون وڇائي ويٺل هيون ۽ ٻار راند روند ۾ مصروف هئا. صائما کي ڳولڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي. هوءَ پارڪ جي ڪنڊائتي پاسي، هڪ خالي بينچ تي ويٺي هئي. هو توريل وکون کڻي صائما وٽ پھتو، جيڪا چپن تي مرڪون وکيري سندس آجيان ڪري رهي هئي. هن صائما کي غور سان ڏٺو، ته جسم ۾ برقي لھرون ڊوڙي ويس ۽ بت ۾ هلڪي رٿني محسوس ڪيائين. هن صائما کي سدائين ڪاليج جي يونيفارم ۾ ڏٺو هو. اڄ هوءَ عام گهريلو لباس ۾ هلڪ ٺاهه ٺوهه سان اپسرا پئي لڳي. ويھن ورهين جي صائما، ٽاريءَ ۾ ٽڙيل تازي گلاب جيان پئي لڳي. گول گول کليل چھرو، وڏيون ڪجليون اکيون، ڳورو رنگ، هٿين پيرين آرکڻي. ٽڪ نقشي ۾ سدا ملوڪ، قد پورو پنو. ڏند موتين جي مالها جيان جرڪندڙ، کاٻي اک هيٺان جاڙا تِرَ، سندس سونھن کي ويتر وڌائي رهيا هئا. هن جي سونھن اندر ۾ پيھي پئي وئي. هوءَ ڪجهه ڊنل ڊنل پئي لڳي، پر ان فطري ڊِني ڊپَ ۾ به اعتماد هئس، جيڪو کيس هتي وٺي آيو هو.
    ”اچي ويا، حميد صاحب؟“ هن لاڳيتو مرڪيو پئي.
    ”ها، سيما.....!“ هن بينچ تي ويھندي وراڻيو.
    ڪجهه دير ٻئي خاموش رهيا. پارڪ جي گلن ٻوٽن ۽ گلن جھڙن ٻارڙن کي راند روند ڪندي ڏسندا رهيا. شايد ٻنهي کي گفتگوءَ جي شروعات ڪرڻ ۾ هٻڪ پئي محسوس ٿي. نيٺ صائما ٿڌو ساهه کڻي ماٺ کي ٽوڙيو.
    ”حميد صاحب....!“
    ”جي، صائما.... چئه.“
    ”توهان، ته اجنبين وانگر ائين ماٺ آهيو، ڄڻ ....!“
    ”اهڙي ڳالهه ناهي، صائما، سوچيان پيو ته....!“
    ”ڇا پيا سوچيو؟“
    ”اهو، ته ڳالهه جي شروعات ڪٿان ڪريان؟“
    ”ڳالهه شروعات کان گهڻو اڳتي نڪري آئي آهي. مان، ته ....!“
    ”مان، ته ڇا....؟“ حميد حيرت مان کيس ڏسڻ لڳو.
    ”مان، ته توهان کي چاهڻ لڳي آهيان، پر .....!“
    ”پر، ڇا .....!“
    ”سوچيان ٿي، توهان به ......!“
    حميد هن ڏانھن گهوري ڏٺو، ته هوءَ شرمائجي پاڻ ۾ ويڙهجي وئي. حميد چپن تي اونهي مُرڪ آڻي وراڻيو،
    ”صائما.....! مان به توکي جند جان کان وڌيڪ پيار ڪريان ٿو. پر ٻنهي جي پيار جا رنگ ۽ انداز ڌار ڌار آهن.“
    ”مون سمجهيو ڪونه....!“
    ”سمجهي ويندينءَ.“
    ”پوءِ به .....!“
    هو نماڻين نهارن سان صائما جي اکين ۽ چھري ۾ ڏسڻ لڳو. هن جي چھري جا تاثرات تبديل ٿيڻ لڳا. چھري تي اداسيءَ جا بادل ڇانئجي ويا هئس ۽ لڙڪ ٽم ٽم ڪري اکين مان وهڻ لڳس. اها اوچتي صورتحال صائما جي توقع جي خلاف هئي. ان لاءِ هوءَ بنهه تيار نه هئي. ڪو پريمي، ميلاپ جي گهرين ۾ جذبات جو اظھار ائين به ڪري سگهي ٿو؟ هن سوچيو به نه هو. هوءَ غير ارادي طور سُري سندس ويجهو اچي ويٺي ۽ ٽِشو پيپر سان سندس لڙڪ اگهڻ لڳي. صائما جي ان پنھنجائپ واري ورتاءَ تي حميد ڄڻ ڀُري پيو هو. هو ٻئي هٿ منھن تي ڏئي سُڏڪن ۾ پئجي ويو. صائما کيس پرچائيندي چيو،
    ”حميد صاحب! خوشيءَ جي لمحن ۾ روئي پيا آهيو، توهان ته ضرورت کان وڌيڪ حساس آهيو.“
    ”ها، صائما.....! تنھنجي ملڻ جي اڻ جهل خوشي، اکين مان لڙڪ بڻجي ڇلڪي پئي آهي.“
    ”يقين ڪريو، حميد صاحب، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ صائما کيس آٿت ڏني.
    هوءَ، حميد جي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻڻ لا جيڪي ڳالهيون ۽ سوال ذهن ۾ سوچي آئي هئي، اُهي سمورا سوال حميد جي جذبات پڻي واري اظھار ۾ لڙهي ويا هئس. اهي سمورا سوال ڪنھن ٻئي موقعي لاءِ ٽاريندي، کيس دلداري ڏيندي چيو؛
    ”حميد صاحب...! مون کي پنھنجو پاڇو سمجهو، زندگيءَ جي ڪنھن به موڙ تي توهان کي اڪيلو نه ڇڏينديس. ان لاءِ ڪو وچن وٺڻ گهرو ته به مان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“
    ”صائما، تنھنجي وڏي مھرباني، تو منھنجي دل جو وڏو بار هلڪو ڪري ڇڏيو. بس، مون کي رڳو هڪڙو وچن ڏي.“
    ”ها، ها، چئه... ڪھڙو وچن وٺڻ ٿو گهرين؟“
    ”اهو ته تون منھنجي گهر ايندينءَ. پوءِ اڪيلي اچين يا پنھنجي ماءُ پيءُ کي ساڻ وٺي اچين، ان جو توکي اختيار آهي.“
    صائما، سوچ ۾ پئجي وئي، پوءِ ڪجهه سوچي وراڻيائين؛
    ”ٺيڪ آهي حميد صاحب، ضرور اينديس. پر وڌيڪ پروگرام رات فون ڪري ٻڌائي ڇڏينديس.“
    ”ٺيڪ آهي، مان انتظار ڪندس.“
    رات جا يارهن ٿيا هئا. حميد پنھنجي ڪمري ۾ ٻن وهاڻن جي ٽيڪ تي بيڊ تي ٽنگون ڊگهيري ويٺو هو. اکيون ڪتاب ۾ هئس، پر ڌيان فون جي گهنٽيءَ ۾ هئس ڪتاب پڙهيائين پئي، پر ڪتاب جا لفظ، سندس ڌيان ورهائجڻ ڪري، معنائون وڃائي ويٺا هئا. فون جي گهنٽي وڳي ته هن ڪتاب رکي فون کڻي اوڪي جو بٽڻ دٻايو.
    ”هيلو....!“
    ”هيلو، حميد صاحب، ڪيئن آهيو؟“ صائما خوشگوار موڊ ۾ هئي.
    ”مان ٺيڪ آهيان، صائما تون ٻڌاءِ؟“
    ”مان به ٺيڪ آهيان.“
    ”ڇا پيو ٿئي؟“ حميد رسمي جملو ڳالهايو. صائما سندس سوال کي اڻ ٻڌو ڪري وراڻيو.
    ”حميد صاحب! توهان جي پيار جي انوکي اظھار ته مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي.“
    ”جذبا، پنھنجي اظھار جا رستا پاڻ جوڙيندا آهن.“ حميد وراڻيو.
    ”ٺيڪ ٿا چئو. سنوان سڌا ماڻهو، پنھنجي دل وانگر سادا ۽ معصوم هوندا آهن. انهن ۾ بناوٽ جو نالو نشان به نه هوندو آهي.“
    ”اهو تنھنجو ظرف آهي، صائما“
    ”ها، حميد صاحب! مون پنھنجي ماءُ کي سموري ڳالهه کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ آچر تي توهان جي گهر اچون پيا.“
    ”توهان جو بابا به اچي پيو نه .....؟“
    هوءَ ماٺ ٿي وئي.
    ”ڇو؟ ڇا ٿيو صائما”....؟“ حميد اُڻ تڻ ظاهر ڪئي. صائما ٻڏل ۽ ڏکاري لھجي ۾ وراڻيو.
    ”حميد صاحب! منھنجو بابا هن دنيا ۾ ناهي رهيو.“ هوءَ سڏڪي پئي.
    ”اوهه، Very Sad صائما، مون توهان جي دل ڏکائي، ان لاءِ معذرت.“
    ”نه، اهڙي ڳالهه ناهي. ٿيڻي کي ڪير ٿو ٽاري سگهي؟“
    حميد جي گهر ڊرائينگ روم ۾ صائما ۽ سندس ماءُ صوفا سيٽ تي ويٺيون هيون. سندن ڀرسان سنگل صوفي تي حميد جي ماءُ ويٺي هئي. ٻئي سنگل صوفي تي حميد سندن سامھون ويٺل هو. حميد جي نوجوان ڀيڻ طاهره چانهه بسڪيٽ جي ٽري کڻي سندن اڳيان ٽيبل تي رکي. صائما جي ماءُ پليٽ مان بسڪٽ کڻي سرسري نگاهه سان گهر کي ڏسڻ لڳي. اوچتو هن جي نگاهه ڀت ۾ لڳل وڏي فريم ٿيل تصويـر ڏانھن کڄي وئي. هٿ مان بسڪيٽ ڇڏائجي ويس. هن سُرٻاٽ ۾ صائما کي ڪجهه چيو ۽ صائما به ڪنڌ ورائي تصوير ڏانھن ڏٺو. ٻنهي جي چھرن جا تاثرات تبديل ٿيڻ لڳا. مرڪندڙ چھرن تي ناگواريءَ جا تاثرات اُڀري آيا هئا. صائما رُکي لھجي ۾ چيو،
    ”حميد صاحب....! هيءَ منھنجي تصوير توهان ڪٿان آندي آهي؟“ حميد ڪا ورندي ڏئي، ان کان اڳ صائما جي ماءُ ڦاٽ کاڌو؛
    ”اسين شريف ماڻهو آهيون ۽ ڪوبه شريف اهڙي بدتميزيءَ کي برداشت نه ڪندو. اڃان رشتي جي ڳالهه ئي نه ٿي آهي. توهان اڳواٽ ڇوڪريءَ جي تصوير گهر ۾ لڳائي ڇڏي آهي.“
    ”حميد صاحب...! اها شرافت ته ڪانه چئبي. اها، ته هلڪڙائپ آهي.“ صائما جو لھجو تکو ٿيندو پئي ويو.
    ”ڏس، صائما پليز....! مون کي غلط نه سمجهو.“
    ”ان کان وڌيڪ غلط ڇا ٿيندو؟“ صائما جي ماءُ ڳالهايو.
    ”ڏس، صائما، مون توکي چيو هو، ته مان توکي دل جان سان چاهيان ٿو، پر منھنجي چاهت جو رنگ الڳ آهي.“
    ”ته ڇا، اهو رنگ آهي توهان جي چاهت جو؟“
    ”ها، صائما.....! تو ٺيڪ سمجهيو.“
    ”پر، مون کي اهڙي چاهت جي ڪابه گهرج نه آهي.“ صائما صوفي تان اُٿندي چيو.
    ”ڏس، صائما....! هن تصوير ۾ تون ناهين، پر تنھنجو عڪس آهي.“ حميد ڳالهايو.
    ”توهان چوڻ ڇا ٿا چيهو؟ مون کي ته ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي.“ صائما جو لھجو اڃان به تکو هو.
    حميد جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون. هن ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آواز چڙهيل گرهه وانگر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هئس. حميد جي ماءُ ٽشوءَ سان اکيون اگهندي چيو،
    ”ڌيءَ.... ! هي تنھنجي تصوير نه آهي.“
    ”ته پوءِ، ڪنھن جي تصوير آهي؟“
    ”هيءَ حميد جي ڌيءُ نجمه جي تصوير آهي، جيڪا ٻه سال اڳ روڊ حادثي ۾ ماءُ سان گڏ اسان کان وڇڙي وئي آهي. حميد ساڻس بيحد پيار ڪندو هو. جڏهن کان توکي ڏٺو اٿس، ڄڻ ٻيھر جي پيو اهي. هو پنھجي ڌيءُ کي ارپڻ کان رهجي ويل محبتون، توکي ارپڻ گهري ٿو.“
    صائما ٽِڪَ ٻڌي فريم ٿيل تصوير ڏانھن ۽ پوءِ حميد ڏانھن ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ اُمالڪ ڊوڙي حميد جي ڇاتيءَ سان لڳي وئي. ٻنهي جي سُڏڪن جا ڌيما آواز ۽ صائما ۽ حميد جي مائرن جي اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪ، نجما جي تصوير کي خاموش ڀيٽا ڏئي رهيا هئا.

    **


    اجـازت

    نصرت خلاف داخل دعوى جي ڪيس جي اڄ فتوى هئي. زاهد جي وڪيل دعوى کي ثابت ڪرڻ لاءِ دليلن جا واهڙ وَهائي، ورتل فيس تي حق حلال جو ٺپو هڻي ويٺو، ته نصرت جو وڪيل، عينڪ کي ننڍڙي رومال سان اُگهي اکين تي رکي اطمينان سان اُٿي جج اڳيان آرگيومينٽ ڏيڻ لاءِ اچي بيٺو. هن جي چھري تي اطمينان ۽ لھجي ۾ ڌيرج هو. هن جج سان مخاطب ٿيندي چيو،
    ”جناب والا....! منھنجو وڪيل دوست، قانون، اخلاقيات ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي پيو ڪري. هو منھنجي مؤڪل تي ڪوڙو بھتان ڏئي، کيس ذهني ٽارچر ڏيڻ جي ڪوشش پيو ڪري. دعوى کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ توهان وٽ ڪھڙو ثبوت آهي؟“ جَج، کيس گهوري ڏسندي چيو.
    ”يور آنر....! اها دعوى ئي ڪوڙي آهي، ته نصرت، زاهد جي زال آهي. قانون ۽ شريعت جي حوالي سان هوءَ زاهد جي زال ٿي ئي نٿي سگهي؟“ وڪيل ڳالهايو.
    ”پر نُصرت جي ماءُ پيءُ سميت ڳوٺ وارن جون شاهديون به ته زاهد جي حق ۾ آهن.“ جج ڳالهايو.
    ”جناب والا....! پوءِ به نصرت، زاهد جي زال ٿي نٿي سگهي.“ وڪيل جي لھجي ۾ اعتماد هو.
    ”نڪاح نامو به موجود آهي ۽ نڪاح پڙهائندڙ مولوي جي شاهدي ۾ دعوى جي حق ۾ آهي.“ جج پين وات ۾ ڏئي چيو.
    ”جناب والا....! ان به انڪار نه ڪيو آهي، ته نڪاح به پڙهيو ويو آهي، پوءِ به نصرت، زاهد جي زال نه آهي.“ وڪيل ڳالهايو.
    ”گهوٽ ڪنوار جا وڪيل ۽ نڪاح جا شاهد به ته موجود آهن.“ جج ڳالهايو.
    ”جناب والا....! نه رڳو ايترو، پر نڪاح جو حق مھر به لکيل آهي ۽ ڳوٺ وارن نڪاح جون خارڪون به ته کاڌيون آهن، پر پوءِ به نصرت، زاهد جي زال نه آهي.“ وڪيل ڳالهايو.
    جج سميت، ڪورٽ ۾ ويٺل سمورا ماڻهو حيرت جي ڪُنَ ۾ غوطا کائڻ لڳا هئا، کين سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته وڪيل دعوى کي رد ڏيڻ بدران تسليم به ڪري پيو، پر پوءِ به آخر ان سچائيءَ کان انڪار ڇو پيو ڪري؟ جج پين وات ۾ ڏئي کيس گهوري ڏسي رهيو هو. عدالت جي ڪمري ۾ ماٺار ڇانيل هئي. زاهد جو وڪيل اُتي بيٺو ۽ جج ان کي مخاطب ٿيندي چيائين.
    ”جناب والا ....! منھنجو وڪيل دوست عدالت جو قيمتي وقت ضايع پيو ڪري. وٽس دعوى کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوبه معقول دليل نه آهي.“
    نصرت جي وڪيل جي چپن تي طنز ۾ مُرڪَ وکري وئي. هن ڌيرج سان وراڻيو.
    ”جناب والا....! عدالت سڳوريءَ جو آءٌ نه پر منھنجو وڪيل دوست وقت ضايع پيو ڪري، هو پاڻي پيو ولوڙي.“
    ”پر، تون پنھنجي موقف کي آخر ڪيئن ثابت ڪري سگهين ٿو؟“ جج صاحب ڳالهايو.
    ”يور آنر.....! آءٌ جيڪو ڪجهه چوان پيو، اهو سچ آهي.“ وڪيل چيو.
    ”تون ان کي ثابت ڪيئن ٿو ڪرين؟“ جج جي لھجي ۾ تجسس گاڏڙ بيزار هئي.
    ”سر....! مڃيان ٿو، ته زاهد جو نصرت سان نڪاح به ٿيو آهي. شاهد، گواهه به پنھنجي جاءِ تي ڪوڙ نٿا هڻن....!“ وڪيل ڳالهايو، پر زاهد جي وڪيل سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو.
    ”پوءِ، نصرت، زاهد جي زال نه ٿي ته ڇا ڀيڻ ٿي؟“
    عدالت جي ڪمري ۾ ٽھڪڙو پئجي ويو ۽ ماڻهن جو ڀڻڪو وڌي ويو. جَج ويٺلن کي خاموش رهڻ جي هدايت ڪندي چيو.
    ”ڇا توهان جا آرگيومينٽ مڪمل ٿيا؟“ جج چيو.
    ”يوئر آنر ....! آرگيومينٽ مڪمل نه پر شروع ٿيا آهن، سچ ته اڃان رهيل آهي.“ وڪيل ڳالهايو.
    ”ته، پوءِ مڪمل ڪريو.....!“ جج ڳالهايو.
    وڪيلَ وٽنيس باڪس ۾ بيٺل پنھنجي مؤڪل نصرت ڏانھن ڏٺو، جنھن جي چھري تي پريشانيءَ جا ڪي به آثار نه هئا. هن پنھنجي وڪيل دوست ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مُلان ڏانھن معنى خيز نگاهن سان ڏٺو ۽ چپن تي مرڪ آڻي جج سان مخاطب ٿيو.
    ”جناب والا..! جنھن حقيقت کي پڌرو ڪرڻ لڳو آهيان، ان سان نه رڳو زاهد، پر نڪاح پڙهائيندڙ مُلان، شاهد، وڪيل ۽ نصرت جا ماءُ پيءُ، ان ڏوهه ۾ گرفتار ٿي سگهن ٿا.“
    ”ڪارڻ.....؟“ جج وضاحت گهري.
    ”جناب والا.... شادي، ٻن انسانن وچ ۾ زندگي گڏ گذارڻ جو هڪ قانون ۽ شرعي معاهدو هوندو آهي، جنھن ۾ ٻنهي جي رضامندي شامل هوندي آهي.“
    ”پوءِ هي ڇا آهي....؟“ جج ڳالهايو
    ”گُڏي، گڏي جو وهانءُ آهي، جنھن ۾ مائٽن جي خوشي ته آهي، پر اُن جي قانوني ۽ شرعي حيثيت نه آهي. ان ڪري ته گڏي گڏيءَ جي وهانءَ ۾ ساٺ سنوڻ ته هوندا آهن، پر زندگيءَ جي سچائي شامل نه هوندي آهي.“ وڪيل ڳالهايو.
    ڪورٽ روم ۾ مڪمل ماٺار ڇانيل هئي. جَج پين وات ۾ ڏئي سوچ ۾ ٻُڏل هو، وڪيل ٻيھر ڳالهايو.
    ”جناب والا....! ريتون رسمون مثبت به هونديون آهن، ته منفي به. اهي اسان جي سڃاڻپ جو حوالو ضرور آهن، پر قانون کان مٿانهيون نه آهي. اسان وٽ اڄ به ريتن رسمن جي نالي ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي وڌيڪ ڀوڳـڻو ٿو پوي.“ وڪيل ڳالهايو.
    ”جناب والا....! منھنجي وڪيل دوست جي جذباتي تقرير جو هن ڪيس سان ڪوبه تعلق نه آهي.“ هو ڪورٽ سڳوريءَ جو وقت زيان پيو ڪري.“ زاهد جي وڪيل ڳالهايو.
    ”ڪيس سان تعلق آهي....؟“
    جج، زاهد جي وڪيل جي اعتراف کي رد ڪندي نصرت جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو،
    ”توهان پنھنجي موقف کي جاري رکو.“
    وڪيل جي چپن تي مُرڪ وکري وئي. هن ڪجهه ڪاغذ جج صاحب ڏانھن وڌائيندي ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”جناب والا... منھنجي مؤڪلا جي شادي جڏهن ڪرائي وئي هئي، تڏهن هن جي عمر ڏهه سال ۽ زاهد جي عمر 12 سال مَس هئي. اها سندس راند روند جي ٻاراڻي وَهي هئي. هن برٿ سرٽيفڪيٽ ۽ اسڪول سرٽيفڪيٽ ۾ ڄم جون تاريخون درج آهن.“ هن عمر ۾ پيل نڪاح جيڪڏهن قانون ۽ شرعي طور درست آهي، ته مان نصرت کي زاهد جي قانوني زال مڃڻ لاءِ تيار آهيان.“
    جَج نَڪ تي رکيل عينڪ سان وڪيل جي پيش ڪيل ڪاغذن کي غور سان پڙهڻ لڳو. وڪيل ڪجهه ٻيا ڪاغذ جج ڏانھن وڌائيندي چيو،
    ”يوئر آنر.....! منھنجي مؤڪلا پڙهيل لکيل آهي. هن وقت سندس عمر ويهه سال اَٺ مھينا آهي.“ ان ڪري هن پنھنجي رضا خوشيءَ سان جنيد نالي نوجوان سان شادي ڪئي آهي. جنھن جو قانون کيس پورو حق ڏئي ٿو.“
    جج جي چپن تي اڻ لکي مُرڪ وکري وئي. هو ڪنڌ جهڪائي ريڊر کي فتوى لکائڻ لڳو.
    نصرت پنھنجي وَر جنيد ۽ وڪيل سان گڏ عدالت جي ڪمري مان ٻاهر نڪتي، ته سندس چھري تي سوڀ ورنيون ريکائون هيون.

    **


    ٻـه جـريـب

    جُونِ جي جوڀن جا ڏهاڙا هئا، ڪانءَ جي اک پئي نڪتي، ٽاڪ منجهند جو ٽاڻو هو، ڌنارَ، مالُ ويھڪين تي مال کي ورائي ڳوٺ ڏانھن پئي آيا. ڏينھن جي ڪاڙهي واري تپش، مال ڀٽاري کي به ساڻو ڪري وڌو هو. ڄڀون ٻاهر نڪري آيون هئا. دَمُ ساهه جي بـيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ جيان ساهه جو هانبارو پئي لڳن. سج جي ڪوساڻ کان بچڻ لا ڌنار ويچارا انگوڇا ۽ پوتڙا پاڻيءَ ۾ پسائي، مٿي تي رکيون پئي آيا.
    ڳوٺ جي اُڀرندي پاسي وڏي اوطاق ۾ نم جي گهاٽي ۽ ٿڌيري ڇانوَ هيٺان ڳوٺ جا ماڻهو، پٽ تي پراڻيون رليون ۽ تڏا وڇائي تاس راند کيڏي رهيا هئا، ته ڪي وري لاٿل قميصون ڪلهن تي رکي سندن مٿان ايئن بيٺا هئا، جيئن مداريءَ جي کيل تماشي ۾ ماڻهون ميڙ ڪري بيھندا آهن. کانئن پرڀرو ڇانوَ ۾ ڳوٺ جا ٻارڙا بلور راند کيڏڻ ۾ مصروف هئا، بجليءَ جي ڊگهي بريڪ ڊائون ڪري ڳوٺ جا ماڻهون ڏينھن ٺارڻ لاءِ نم جي گهاٽي ڇانوَ ۾ ايئن اچي مڙيا هئا، جيئن ڳوٺ ڏانھن ويندڙ آخري بس ۾ ماڻهو سٿجي چڙهندا آهن.
    تاس راند جو مقابلو ٽڙڪن تي هو. گرميءَ جي شدت هوندي به رانديگر راند ۾ ائين گُم هئا جيئن ڪو عاشق پنھنجي محبوبه جي پيار ڀرين پورن ۾ گم هوندو آهي. راند کيڏندڙن سان گڏ راند ڏسندڙن جي دلچسپي ڏسڻ وٽان هئي. نبن سان تاس جا پتا ريڌل پئي لڳا. تڏهن ته هن مُبريءَ مٿان مُبري پئي ڏني. هر مُبريءَ تي راند ڏسندڙن ۾ نعرا ۽ هُوڪرا پئجي ٿي ويا. نبن تاس جي وڏن وڏن کيڏارين کي فٽ بال وانگر لت سان اُٿاري پئي ڇڏيو. رانديگرن نبن کي راند ۾ مات ڏيڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلائي ڇڏيا هئا پر اڄ نبن جي اڳيان ڪنھن جي به دال نه پئي ڳري. لڳاتار راند ۾ پنھنجي فتح تي نبن ۽ سندس ساٿي رانديگر ڪنول جي گلن جيان پئي ٽـڙيا.
    اوچتو رَمون ڪُميت گهوڙي جيان ڊوڙندو اوطاق ۾ داخل ٿيو، پٺيءَ اگهاڙي ۽ انگوڇي جي گوڏ ٻڌل رَمُونءَ اُڀساهيءَ واري اُکڙيل لھجي ۾ دانھن ڪئي،
    ”اڙ......ي، ظلل......... م ٿي و...........يو..... قھه ......ر ٿي ...... ويو“
    رَمون کي هن حالت ۾ ڏسي تاس کيڏندڙن جا تاس جي پتن مان هٿ نڪري ويا. سمورن جي بت مان ساهه ڇڏائجي ويو هو. هر ماڻهو ڪنھن انديشي ۽ انومان کي ذهن ۾ آڻي، صدمي جھڙي ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ڄن سُن ٿي ويو هو.
    چاچي خميسي نيٺ ٻوڏاريل لھجي ۾ ڳالهايو،
    ”ڇورا! خير ته آهي؟ ڇا ٿيو آهي؟ ڳالهه ته ڪر؟“
    گرميءَ جي شدت ۽ تيز ڊوڙڻ جي ڪري رَمون هڦجي پيو، بيمار ڍؤر جيان هُلو پئي پيس. رَمون جيستائين ساهه جاءِ تي ڪري، ماستر خان کان رهيو نه ٿيو.
    ”اڙي، چنڊا....! هاڻ ڦاٽ به سھي، ٿيو ڇا آهي؟“
    ”سائين....! ماستر خانه، ......و، ڪارو، ..........!“
    رَمون جي واتان رڳو ايترو ئي نڪتو، سھي ڪري هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. نڙي ۽ چپ خشڪ ٿي ويس.
    بلور راند کيڏندڙ ڇوڪرن جو گوڙ وڌي ويو هو. اُهي بلور راند ۾ گدي ڪرڻ تان پاڻ ۾ تون ڇا، تون ڇا کانپوءِ گارين ۽ رانڀوٽن جي حد تائين وڃي پھتا هئا. هڪ ٻئي کي لتون، مُڪون ۽ چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنو هئائون. ماستر شمن، جيڪو ڳوٺ جي اسڪول جو هيڊ ماستر هو ۽ سمور اڇوڪرا سندس شاگرد هئا، تنھن ڪاوڙ مان ڇُوڪرن کي گهروڙي ڀونڊو ڏيندي چيو،
    ”اڙي، ڪُتي جا پٽئو.....! چپ نٿا ڪريو، ڪنھن جي ڳالهه ٻڌڻ به نٿا ڏيو. ڪٻرين وارو ٽيڪو کڻي لاتو اٿوَ، هَلو نڪرو هتان، ته پٺن تان کل نه لاهي ڇڏيانوَ.“
    ماستر شمن جي دڙڪن داٻن تي ڇوڪرن بلور کڻي قميصن ۾ پاسي وارن کيسن ۾ وڌا ۽ هُوڪرا ڪند اوطاق کان ٻاهر نڪري ويا.
    ماستر شمن ڪلهي تي رکيل حاجين واري ڳاڙهي رومال سان منھن تان پگهر اُگهندي رمونءَ ڏانھن منھن ڪري چيو.
    ”ها، رَمون .....! هاڻي پيرائتي ڳالهه ڪر، ڇا ٿيو آهي؟“
    رَمون، جنھن جا ساهَه ڪجهه سُڌير ٿيا هئا، تنھن اُٿي نلڪي تان پاڻيءَ جا ٻه چار ٻُڪ منھن تي هڻي نلڪي جي منھن ۾ وات وجهي پاڻي پيتو ۽ کٽ تي ويھندي چيو،
    ”ماستر خانوءَ کي مانجهيءَ جي چري ڀيڻ شميءَ سان اکئين ڏٺو اٿن.“
    ”اهو وري ڪيئن؟“ دروءَ سوال ڪيو.
    ”گهر ۾ ڪوبه مرد نه هو. پاڙي جي ماسي جنت پنھنجي پٽ لاءِ مانجهيءَ جي گهران ٻوڙ مَٽائڻ لاءِ وئي، ٻوڙ ۾ ٿوري دير هئي، ان ڪري ماسي جنت جهٽ گهڙي شميءَ وٽ ويھڻ لاءِ جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿي، ته ماستر ۽ شميءَ کي خراب حالت ۾ ڏٺائين.“ رمون وراڻيو.
    ”پوءِ، ڪاري کي ڇڏي ڏنئون؟“ ربوءَ ڳالهايو.
    ”ماسي جنت باهه ٿي وئي، سياڻپ ڪري تڪڙ ۾ دروازو بند ڪري ٻاهران ڪڙو ڏئي ڇڏيائين. ماسي جنت جي رڙين تي گهر جون عورتون گڏ ٿي ويون ۽ ڪڙو کولي ماستر خانوءَ کي چپلن، ٿڪن، بُجن ۽ موچڙن سان چڱي ڦيھه ڏنائون. پر ماستر عورتن کي ڌڪا ڏئي، اُتان کسڪي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.“ رمونءَ پيرائتي ڳالهه ڪئي.
    ”لک جي نالت هجيس، مروان ڀيڻان! ويچاريءَ چري ۽ اٻوجهه نياڻيءَ مان به نه مڙيو.“ چاچي خميس اشھد آڱر نڪ سان گسائيندي چيو،
    ”نانگ جا ٻچا به نانگ ئي ٿيندا آهن، پٽ پيءُ جي آڍ ڇڪي پڻس کي به ته لاڙ مان ڪارو ڪري، ڳوٺ نيڪالي ڏني هئائون.“ قالوءَ پوتڙي سان منھن تان ٽمندڙ پگهر کي اُگهندي وراڻيو.
    ”بي ليمو، مردار....! ٻه شاديون ٿيل اٿس، پوءِ به لُنڌي ڪُتي وارا جهٽ پيو هڻي.“ نيڪو ڳالهايو.
    ”حيف هجيس، ڌوڙ پئيس منھن ۾، استاد ۽ استاد جو پٽ هوندي به اهڙي لُنڌ پائي وارو ڪِنو ڪم ڪيو اٿس. ماستر شمن ڏک ظاهر ڪيو،
    ”اڙي، رَمون......! خبر پئي، ته ڪا ڏي ڀڄي ويو....؟“ نبن جي لھجي ۾ ڪاوڙ ۽ ڌڪار هو.
    ”ويو هوندو پنھنجي ڳوٺ ٻيو وري ڪيڏانھن ويندو.“ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ گڏيل آواز آيو.
    ”پوءِ هوندو پنھنجي ڳوٺ ٻيو ڪيڏانھن ويندو.“ هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ گڏيل آواز آيو.
    ”پوءِ هتي ويهي ڳالهيون ڇو پيا پچايو. هلو ته هلي پڪڙي ڪارو منھن ڪري ڏاڙهي مڇون ۽ ڀرون ڪوڙي گڏهه تي چاڙهي ڳوٺ جي سرگس ڪرايونس ۽ پوءِ ڳوٺ جي وڏيري حوالي ڪريونس.“ نبن فيصلو ٻڌائيندي وراڻيو.
    نبن جي صلاح وڻي، ته سمورن کي، پر ننڍن نيٽن جي ته دل وٽان هئي. دير ڇا جي هئي؟ ڪِن جتيون پائي ڊڪ ڀري، ته ڪن لٿل قميصون تڪڙ ۾ پائي نڪرڻ وارا ئي هئا، ته اوڀرندي ويڙهي جي چڱي ۽ نيڪ مرد جي هڪلن تي جي جتي هئا سي اُتي ڄڻ ڄمي ويا ۽ سواليا اکين سان چاچي جمن ڏانھن ڏسڻ لڳا. هن ڌيرج ساڻ چيو پئي.
    ”بيھو....! اُٻھرا نه ٿيو، ابا...! پھرين ڏسون، ته ڌڻي ڪھڙو قدم ٿا کڻن.“
    ”چاچا....! ڳوٺ جو مسئلو ناهي ڇا؟ ڌاريو ماستر ٻي ذات ۽ ٻي ڳوٺ جو. اسان جي ڳوٺ جي عزت ۾ هٿ وڌا اٿس، پوءِ به اسان کي روڪين ٿو.؟“ شفوءَ ڪاوڙ مان وراڻيو.
    ”منھنجو وس پڄي ته هڪ ئي ڌڪ سان مُنڍي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيانس.“ نيڪوءَ ڳالهايو.
    ”بروبر، ابا.....! ماٺ ڪري ته اسين به ڪونه ويھنداسين، پر ابا....! جيڪو ٿيڻو هو، سو ته ٿي ويو. ڏڌو کير ٿڻين ڪونه پوندو. ڏسون، ته ڇوڪريءَ جو ڀاءُ مانجهي ڇا ٿو ڪري؟ اسان کي به ان جي صلاح ثـباب سان قدم کڻڻو پوندو.“ چاچي جمن جي ڳالهائڻ ۾ زماني گيري هئي.“
    ”مانجهي وري ڇا ڪندو؟“ نبن ڳالهايو.
    ”ابا جتي باهه ٻري، سا جاءِ جلي“ ماٺ ڪري ته ڪونه ويھندو. ڪجهه عقل ۽ سھپ کان ڪم وٺو“ چاچي جمن کين ٿڌو ڪندي وراڻيو.
    ”ماستر خانوءَ جو مَنُ وڌايو ئي مانجهيءَ پاڻ آهي، جڏهن عرس ۽ وارث کيس سمجهايو هو ته ماستر خانوءَ کي گهر اچڻ نه ڏي. تڏهن کين کلي چيو هئائين ته ”منھنجي گهر ۾ ڪراڙي امڙ ۽ چري ڀيڻ کانسواءِ ڪير آهي جو ماستر خانوءَ مان ڊپ ڊاءُ ڪريان؟“ خيرو ڳالهايو.
    ”اهڙو غيرتي هجي ها ته ننگن کي اڪيلو ڇڏي شھر ۾ نه رهي ها.“ شفوءَ ڳالهايو.
    ”بروبر، ابا....! پر ننگ هر ڪنھن کي پيارا آهن.“ هيڏو وڏو ڪارنھن جو معاملو آهي، ڪجهه ته لڇندو، پڇندو ضرور.“ چاچي جمن وراڻيو
    شمي ۽ ماستر خانوءَ واري ڳالهه چاليهي جي باهه جيان سڄي تر ۾ پکڙجي وئي هئي. جيترا هئا وات، اوتريون هيون ڳالهيون. واقعي تي ڪچھرين ۾ ڇڙواڳ تبصرا به هليا پئي، ته معاملي ۾ مرچ مصالحه ملائي وڌائي چڙهائي پيش به ڪيو پئي ويو. واقعي جو اطلاع مانجهي خان کي به ڏنو ويو.
    ٽن ڏهاڙن کانپوءِ، مانجهي خان ڳوٺ پھتو، ته تـتـل ڪڙهائي وانگر ٽچڪيو پئي. مڙس هٿن مان پئي ويو. واڇن مان گڦ پئي ڳڙيس. ان رات پنھنجي گهر برادريءَ جي ڪجهه ماڻهن کي سڏائي پاڻ سان ٿيل ارهه زورائي تي ساڻن ڳالهيون ڪري، کين اعتماد ۾ ورتائين.
    ٻئي ڏينھن تي مانجهي، برادريءَ جا ٻه چار ماڻهو ساڻ ڪري ڳوٺ جي وڏيري وٽ دانھي ويو، ته وڏيري جي اوطاق تي سمورو ڳوٺ مڙي آيو هو. ڳوٺ وارن کي مانجهيءَ سان همدردي هئي. وڏيري جڏهن مانجهيءَ کان خبرون ورتيون ته، مانجهي ڪاوڙ ۾ ٻانهون کنجي اُٿي بيٺو ۽ جذباتي لھجي ۾ چيائين،
    ”ڀوتار....! منھنجي ڀيڻ شمي اٻوجهه آهي، سڄي ڳوٺ کي خبر آهي ته کيس دنيا جھان جي ڪابه خبر نه آهي. هوءَ پاڪ صاف ۽ کير جھڙي اڇي اُجري آهي.“
    ”مانجهي.....! ڳالهه شميءَ جي ڪانهي، پر ماستر خانوءَ جي آهي.“ وڏيري ڳالهايو.
    ”ڀوتار....! درست ٿا چئو. ماستر خانوءَ سان اسان جي وڏن کان وٺي ڀت ڀائـپيءَ جو رشتو آهي، مون سان جيڪا بي واجبي ٿي آهي ان جو وهنوار ۽ حساب ڪتاب وٺي ڏيو....!“ هُو ماٺ ٿي ويو.
    ”ها، ها چئه....، مانجهي .....!“ وڏيري چيو.
    ”ماستر خانو ڪارو نه آهي، علڻ جي زال ماسي جنت منھنجي اٻوجهه ڀيڻ تي ماستر خانوءَ جو ڪوڙو ڊرامو ٺاهي الزام هنيو آهي ۽ سڄي ڳوٺ ۽ تر ۾ منھنجي عزت جو تماشو بڻايو آهي، ان جو مون کي وهنوار ۽ حساب ڪتاب وٺي ڏي.“ مانجهيءَ وراڻيو.
    وڏيري سميت ويٺلن جا مٿا چوڏس ڦرڻيءَ جيان ڦرڻ لڳا، ڏندين آڱريون اچي ويون هئن. ماٺ جون مورتيون بڻجي ويل ڳوٺ جي ماڻهن جون اکيون ٽڪ ٻڌي مانجهيءَ ۾ برف جيان ڄمي ويون. وڏيري کي اشھد آڱر وات ۾ ڏئي سوچ ۾ ٻڏل ڏسي ڪمدار ملوڪ اڳتي وڌيو. هن پنھجو منھن وڏيري جي ڪن جي ويجهو آڻي سنهين سُرٻاٽن ۾ کيس ٻڌايو ته،
    ”ڀوتار...! اصل ڳالهه اها آهي ته ماستر خانوءَ جو چاچو ۽ مامو ڪلهه برادريءَ جا ٻه چار ماڻهون ميڙ ڪري مانجهيءَ وٽ شھر ڏي ويا هئا ته، ”اسان کان خطا ٿي آهي، اسان کي بخش ڪر ۽ ٻه جريب زمين جيڪا تنھنجي زمين سان ڪلاس ۾ آهي اها به توکي ڏنڊ ۾ لکي ٿا ڏيون.“
    ملوڪ جي ڳالهه ٻڌي، وڏيري ٿڌو ساهه کڻي چپن ئي چپن ۾ چيو،”مار....! ٻه جريب زمين، ماستر خانوءَ کي ڪاري مان کير جھڙو اڇو اجرو ڪري ڇڏيو.“

    **


    ڪـارو ڌاڳـو

    رئيس علڻ خان، حڪيم جي ڏنل ڪُشتي سان، رات کي رنگين ڪري، مَڌ جي چڙهيل سستيءَ ۾ لڏندو لمندو، بنگلي جي ڏيوڍي ٽپي گهر ۾ داخل ٿيو. سانت ۾ ٻڏل گهر مان چُڻ پُڻ جا پڙلاءَ ڪن تي پيس، ته ڇرڪي بيھي ڪنائڻ لڳو. چُڻ ڀڻ جا آواز سندس ڌيءُ نسيم جي ڪمري مان پئي آيا. هو اڳتي وڌي ڪمري جي دروازي سان لڳي ڪنائڻ لڳو. هو ٻه چار جُملا جيڪي جهٽي سگهيو، اُهي ٿورو لکيو گهڻو سمجهڻ واري لاءِ گهڻو ڪجهه هئا. نشا هرڻ ٿي ويا هئس. مئي جا سُرور، ڪاوڙ بڻجي، پگهر جي صورت ۾ نراڙ تان وهڻ لڳا هئس. اکين اڳيان غريب پورهيت نوروءَ جي بي پھچ نياڻيءَ جو چھرو، ڦِرڻيءَ وانگر اکين اڳيان ڦِرڻ لڳو هئس، جنھن کي ڪجهه دير اڳ کنڀائي، چادر وانگر جسم سان ويڙهي، گُهنج گُهنج ڪري، گهر اُماڻيو هئائين. جسم ۾ ڏڪڻي اچي ورايس.
    ڪاوڙ ۾ جسم سان گڏ شھپرن جا وار به ڦڙڪيس پئي. ٻئي مُٺيون ڀڪوڙجي ويون هيس. سمجهه ۾ ڪجهه نه پئي آيس، ته ڇا ڪري؟ يڪدم چيلهه سان ٻڌل مائوذر ڪڍي ورتائين، پر بُت ۾ ايتري سگهه نه هئس، جو مائوذر هٿ ۾ جهلي سگهي.
    هو فرش تي ويهي، اُڀا ساهه جائيتا ڪرڻ لڳو. ڌيءُ نسيم جو چھرو اکين اڳيان ڦِرڻ لڳس. چئن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ ۽ سندس وڏهر ڌيءُ نسيم جي مٿي ۾ چانديءَ جون تندون ظاهر ٿين لڳيون هيون، پر سندس هٿ پيلا نه ٿيا هئا. ايئن به ڪونه هو، ته رئيس علڻ خان وٽ، نسيم لاءِ جوڙجيس ۽ برابري حيثيت وارا رشتا نه آيا هئا، علڻ خان، نياڻيءَ کي پرڻائي پنھنجي مُڇ جي وار کي هيٺ ٿيڻ نه پئي ڏنو. ڪو مائيءَ جو لالُ سندس نياڻو سڏائي، اها ڳالهه کيس پسند نه هئي. اميدن جي اُڀريل سج جا پاڇا، جڏهن، سماج جي هٿرادو مڙهيل قانون سان مٿو ٽڪرائي، مايوسيءَ جي لاهو سج وانگر رواني ٿي هئي.
    ماسي مٺل ڳالهايو.
    ”مائي مون کي ته ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي.“
    رئيس علڻ خان وراڻيو.
    ”ابا... ماٺ ميٺ ۾ وينداسين. ڪنھن جي ملائڪن کي به ڪل ڪانه پوندي.“ ماسي مٺل چيو.
    رئيس علڻ خان ڪابه ورندي نه ڏني. ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
    پھريون سَھائو سومر ڀيٽي، نسيم ماءُ سان گڏ موٽي، ته اڌ بيماري ڇڏي وئي هئس. ڀورل شاهه جو ڪارو ڌاڳو ٻڌو هئائين، ته دورا پوڻ به بند ٿي ويا هئس. خوش رهڻ لڳي هئي. بيماريءَ جي ڄڻ پاڙ پٽجي وئي هئي. ساڳيا هار سينگار، ساڳيو آرسيءَ سان جهيڙو، ساڳي کل خوشي. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو. نه رڳو نسيم جي ماءُ پر گهر جا ڀاتي به خوش هئا. ڀورل شاهه جي ڪاري ڌاڳي ۽ ڪرامت جا چرچا هئا ڳوٺ ۾. نسيم جي چڱ ڀلائيءَ جي زنده مثال سان. ڀورل شاهه جي ترَ ۾ هاڪ پئجي وئي هئي.
    ڀورل شاهه، نسيم جي ماءُ کي ٻڌايو هو، ته ڇوڪريءَ تي زبري جن جو اثر آهي في الحال ته ڪوبه نقصان نه پھچائيندو، پر سدائين لاءِڇوٽڪارو ضروي آهي. ان لاءِ توهان کي ست ڀيرا سھائي سومر تي اچڻو پوندو. نسيم ماءُ سان گڏهه ڇهه سھائا سومر ته ڀورل وٽان ڀيرو ڪري آئي هئي. ستون سومر وڃي بچيو هو. ان کان اڳ جو نسيم جي ماءُ کيس ستين سومر ڀيٽڻ لاءِ وٺي وڃي، کيس نسيم ۾ ڪا ڳالهه کٽڪڻ لڳي هئي. سڀاڻ ستون سومر هو ۽ اڄ ماڻس نسيم سان جهيڙو لائي بيٺي هئي.
    نسيم جي ماءُ جي تکو ڳالهائڻ تي علڻ خان اُٿي بيٺو ۽ ڪن سرلا ڪري دروازي سان لڳائي ڇڏيائين. هن ڪاوڙ مان چيو پئي،
    ”ڇوري....! اکيون ڦاڙي ڇا پئي ڏسين؟ ٻڌائين ڇونه ٿي ته اهو اڇو منھن ڪٿان ڪرايو اٿئي؟“
    ”امان...! ايئن پئي پڇين، ڄڻ توکي ڪا خبر ئي ڪانهي؟“ نسيم جو لھجو به تکو ٿي ويو هو.
    ”اڙي، مُٺيس....“ ڇوري مون کي ڪھڙي خبر، ته تو ڪٿان منھن تي دانگي مَلائي؟“
    ”امان... پاڻ کان پُڇ، اهو سمورو تنھنجو ڪيو ڪَرتيو آهي.“
    لاڙُو ٿيڻ لڳا هئا، تڏهن کان نسيم بيمار رهڻ لڳي هئي، بيوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا هئس. رئيس علڻ خان شھر جي وڏن ڊاڪٽرن کان سندس علاج ڪرايو. پر نسيم جيئن پوءِ تيئن ڀِتر جيان ڀُرندي پئي وئي. نسيم جي ماءُ ڊاڪٽرن جي علاج کان تنگ ٿي، ڌاڳن ڦيڻن جو گسُ وٺي ڌيءُ کي چڱو ڀلو ڪرڻ پئي گهريو، پر رئيس علڻ خان کيس ايئن ڪرڻ نه پئي ڏنو.
    هڪ ڏينھن علڻ خان جيئن گهر آيو، ته نسيم کي شديد دورو پيو هو. هوءَ بيھوش ٿي وئي هئي ۽ وات مان گڦ پئي وهيس. ڏندڻ پئجي ويا هئس. ڳوٺ جي ڪراڙي ماسي مِٺ، سَرائيءَ سان سندس ڏندڻ پئي ڪڍيا. گهر جون عورتون ۽ نوڪرياڻيون ميڙاڪو ڪري مٿان بيٺل هئس. ڏندڻ ڪڍڻ کان پوءِ ڪراڙي ماسي مِٺل، گلاس مان پاڻيءَ جا ڇنڊا منھن تي هڻيس، ته هن اکيون کوليون ۽ نماڻين نھارن سان چوڌاري ڏسڻ لڳي. سندس نگاهه رئيس علڻ خان تي پئي، ته اکين مان بي اختيار ڳوڙها ڳڙي پيا هئس ۽ سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي. نسيم جي ماءُ جيڪا بارود جيان ڀري ويٺي هئي، علڻ خان کي ڏسي، ڄڻ چڻنگ ڏس ورتي هئائين.
    ”توکي گهڻا ڀيرا چيو اٿم، ته ڇوڪريءَ کي غيبات جي لڳل آهي، تڏهن، ته ڪابه دوا اثر نٿي ڪري، پر تون آهين، جو ....!“
    ”مان به ڇا ڪريان؟ علاج ته گهڻا ئي ڪرايا اٿم.“ رئيس علڻ خان به پريشان ٿي ويو هو.
    ”مُئو ابو، انهن ڊاڪٽرن جو، لڳت کي ڊاڪٽر ڇا ڪندا؟، چوانءِ پئي، ته ڇوڪريءَ کي سائين ڀورل شاهه کان پڙهت ڪرائي ڌاڳو وٺي ڏيون.“ نسيم جي ماءُ چيو.
    ”تنھنجو ته اڇي مٿي ۾ اچي ڏاڪو ٿِڙيو آهي.“
    ”ڏاڪو منھنجو نه پر تنھنجو اچي ٿِڙيو آهي، ڀورل شاهه وٽ چڱا ڀلا راڄ پيا ڳاهٽ ٿين. سڀ چريا آهن. اَٽي لَپَ ڪونه ٿا کائين.“
    ”ابا.....! سانئڻ جو چوڻ کڻي کڻي مَڃ. اکئين ڏسيون پئي اچان. ڪالهه پري کان هڪڙي جوان ڇوڪريءَ کي گاڏيءَ تي کڻي آيا هئا. سائين ڀورل شاهه جي پڙهت کانپوءِ، ڇوڪري کلندي گاڏيءَ ۾ وئي.“
    ”آئي، گهوڙٽ...! ڏسو، ته سَهِي، اُلٽو مونکي پئي ڏوهي ڪرين.“ ماڻس جو لھجو روئڻهارڪو هو.
    ”ها، امان...! تون ئي ذميدار آهين، اُنجي.“
    ”ڇوري، ڪيئن...؟ آءٌ به ته ٻُڌان.“
    ”تون ئي مون کي ڀورل شاهه وٽ وٺي هلينءَ ۽ ڀورل شاهه سان ڪمري ۾ ائين اڪيلو واڙي ڇڏيُئي، جيئن ٻڪري، بگهڙ جي هٿ ۾ ڏبي آهي. ڀورل شاهه ئي مون سان ...!“ هن کان اوڇنگار ڇڏائجي وئي.
    ”اَئي، نڀاڳي، نِندوري..... ڪامل مُرشد تي ڪوڙُ هڻي، پنھنجو پاپُ پئي لڪائين؟“
    ”بکيو بگهڙ آهي، وحشي ۽ زناور، مون جھڙيون الائجي ته ڪيتريون نياڻيون هن جو نشانو بڻيون آهن.“
    ”تو دانھن ڪُوڪَ به نه ڪئي.“
    ”دانهون ته ڪيم، پر تو خليفي جي چوڻ تي سمجهيو، ته پيرُ جِن سان جهيڙو پيو ڪري، پر هن ته .....!“ هوءَ سُڏڪن ۾ پئجي وئي.
    رئيس علڻ خان بُت بڻيو بيٺو رهيو. بت مان ساهه ڇڏائجي ويو هئس. سڄو بنگلو ڦِرندو محسوس پئي ٿيس. هن اونهو ساهه کڻي مائوذر واپس رکيو ۽ اڳتي وڌي پنھنجي ڪمري ڏانھن وڃن بدران پويان پير ڪري، واپس بنگلي ڏانھن وڃڻ لڳو. رئيس کي ساڳين پيرن تي گهران واپس ايندي ڏسي، بنگلي جا نوڪر پريشان ٿي ويا.
    هن پراڻي نوڪر عدلوءَ کي سڏ ڪيو ۽ کيس مال جي وٿاڻ مان مئنيجر کي سڏي اچڻ لاءِ چيو ۽ اڳتي وڌي پاڻ کي پلنگ تي ائين ڦٽو ڪيائين، ڄڻ جُوا جي داءَ ۾ سڀڪجهه هارائي ويٺو هو. مئنيجر سھڪندو ڪمري ۾ داخل ٿيو ته رئيس علڻ خان بيڊ تان اُٿي، سگريٽ دکائي وڏو ڪش هنيو. مئنيجر معاملو نه سمجهڻ واري حيرت مان کيس ڏٺو پئي. هن کيس سڏي ويجهو ويهاريو ۽ پوءِ کيس سرٻاٽن ۾ ڪجهه چيو، مئنيجر ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي رکي، ڪنڌ کي هاڪار ۾ لوڏي، ٻاهر نڪري ويو.
    صبح سوير اڃان ڀنڀراڪو هو، سج ڪني به نه ڪڍي هئي، ته سڄي ڳوٺ ۾ هُل پئجي ويو هو. ننڍي وڏي، مرد توڙي عورت جي وات وائي هئي، ته ”قھر ٿي ويو، بغداد ٿي ويو.“ سادن ماڻهن نه پئي ڳالهايو، پر سندن ذهنن ۾ ڀريل عقيدي جي بارود پئي ڳالهايو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ڳوٺ جي هر گهر ۾ قضيو ٿيو هو. ڪن گهرن مان، ته عورتن جي روئڻ ۽ پار ڪڍڻ جا آواز به آيا پئي. هنن لاءِ وڏي ڏک ۽ ماتم جھڙي به ڳالهه ئي ته هئي. ان ڪري، ته سادن ماڻهن نه پئي ڳالهايو، پر سندن ذهنن۾ ڀريل عقيدي جي بارود پئي ڳالهايو. اها خبر هنن مٿان وڏي ڇِپَ وانگر ڪِري هئي، ته رات دير سان، وڏي اَسر ڌاري، ڪي اڻ سڃاتل هٿياربند، سائين ڀورل شاهه جي آستاني ۾ گهڙيا ۽ لڳاتار فائر ڪري، ٻن خليفن سميت کيس موت جي ننڊ سمھاري ويا هئا.


    پـهـريـون پـيـار

    محبت جي سفر ۾ جڏهن ڪو همسفر، راهون جدا ڪري، ساٿُ ڇِني ٿو وڃي، ته اهو سار جو سارس بڻجي، سدائين لاءِ من ۽ ذهن تي پنھنجا پَر پکيڙي، اُڏام ڀريندو ٿو رهي. پوءِ جڏهن زندگي جي سفر ۾ ڪٿي ٿڪ مسافر جيان جدا جدا راهن جا مسافر پاڻ ۾ ملندا آهن، ته وقت جو ڦيٿو اُبتو ڦِـرڻ لڳندو آهي. گذريل لمحا، دُکندڙ يادون ۽ ننڊاکڙا جذبا ڪر موڙي نراس سرير ۾ تحرڪ جون لھرون اُڀاري ويندا آهن.
    وڇڙڻ کانپوءِ هوءَ، اڄ جڏهن ٻن ٻارن جي ماءُ بڻجي سندس اڳيان ويٺي هئي، ته اُن وڇوڙي کي ڀريا چار سال ٿيا هئا. شاديءَ کانپوءِ پھريون ڀيرو سندس گهر آئي هئي.
    وري وڇڙڻ جي يقيني احساس واري مختصر ميلاپ جي هنن ساعتن سندس ذهن ۾ ڏياري جي ڏيئن جھڙيون يادون ٽمڪڻ لڳيون هيون. وڇڙڻ کانپوءِ هو کيس هڪ پل لاءِ به وساري نه سگهيو هو. سندس يادن سھاري جيئڻ لڳو هو. هوءَ گهر جي آڳر ۾ نم جي گهاٽي ڇانءَ ۾ سندس ماءُ، ڀينرن ۽ ڀاڄاين سان ويٺي هئي. ٻئي ٻارڙا کٽ تي ستل هئس. هو گهر جي ورانڊي ۾ کٽ تي ويڙهيل هنڌ کي ٽيڪ ڏئي ايئن آهليو پيو هو، جو هوءَ سندس نگاهن جي ٺيڪ سامھون هئي. هن ظاهري ڏيک مان ائين پئي محسوس ڪرايو، ڄڻ هن کي سندس اچڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه هي. رکي رکي ٻنھي جي سوال اکين جون نهارون، جوابن جا پيرا کڻي هڪٻئي ڏانھن آيون ويون پئي.
    زاهده، ننڍي لاڪون ڏاڍي چنچل هئي. امجد سان گهڻي لڳندي هئس. ذات برادري ۾ ته ڪانه هئي، پر پاڙي ۾ گهر گڏيل هئڻ ڪري، ٻنهي گهرن جو پاڻ ۾ سڳن مِٽن جھڙو تعلق هو. اوکي سوکيءَ ۾ ٻنهي گهرن کي هڪٻئي لاءِ ايترو ته سيڪُ ايندو هو، جيترو رت جي رشتن کي ايندو آهي. اهو ئي ڪارڻ هو، جو زاهده ننڍي هوندي کان ئي سڄو ڏينھن سندن گهر هوندي هئي. امجد جي ننڍي ڀيڻ شڪيلا سان گهاٽي ساهيڙپ هئس، پر گهڻو وقت امجد سان ڳالهيون ۽ مستيون ڪندي گذرندو هئس.
    ٻاراڻي وهي جڏهن سمجهه ۽ شعور جا ڏاڪا اُڪري الهڙ جوانيءَ جي حدن کي ڇُهڻ لڳي، تڏهن ننڍ پڻ جو فطري لڳاءُ، پيار ۾ ايئن بدلجي ويو، جو ان جو کين پتو ئي ڪونه پيو. اکين جي اٽڪاءَ سان دلين جي ڌڙڪن جو وڌڻ ۽ اکين ۾ حجاب جا ڏورا لهي اچڻ، سندن پيار جو اهڙو سچ هو، جنھن کي ڪنھن به اظھار جي محتاجي نه هئي. هونئن به جڏهن ننڍپڻ جي ذهني هم آهنگي، ٻاراڻي وهيءَ جا ڏاڪا اُڪري، چري مُند جي چاهت جي معنى ۾ بدلجي ٿي وڃي، تڏهن ڪوري ڪاغذ جھڙي مَن، ذهن جون سوچون به سامائجي جوان ٿي وينديون آهن. اکين جي خوابن جا عنوان بدلجي ويندا آهن.
    زاهده گُڏين راند بدران ڀرتَ ۽ ٽوپي ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي هئي. توڙي جو ٻاراڻي وَهيءَ مان ڀرپور جوانيءَ ۾ پير رکيو هئائين، پر طبيعت مان چنچلتا اڃان نه وئي هئس. ايترو ضرور ٿيو هو، ته ان چنچلتا ۾ وهيءَ ڦُلار جو حجاب شامل ٿي ويو هئس. زاهد سان ملڻ وقت به سندس رويو چنچل هوندو هو، پر زاهد جڏهن کيس گهوري ڏسندو هو، شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندي هئي، يا اُتان کِسڪي ويندي هئي.
    هڪ ڏينھن ٽاڪَ منجهند جي مھلَ، جڏهن امجد جي گهر جون عورتون، گهر جي آڳر ۾ نم جي گهاٽي ڇانءَ ۾ ڀرت ڀرڻ ۽ ڪچھريءَ ۾ مصروف هيون ۽ امجد ڪمري ۾ ڪجهه لکي رهيو هو، هوءَ ڪمري ۾ داخل ٿي. ٻئي هٿ چيلهه تي رکي چيائين.
    ”ڪھڙا اَڪَ ڪارا پيو ڪرين؟“
    ”اَڪَ نه، پر پَنا ڪارا پيو ڪريان.“
    ”ڳالهه ته ساڳي ٿي نه....!“
    هوءَ کٽ جي پيرانديءَ کان ويهي رهي. هٿ ۾ ڪجهه هئس جيڪو امجد کان لڪايائين پئي. نيٺ هٻڪي هٻڪي چيائين،
    ”امجد“
    ”ها، چئه زاهده...!“
    ”هن ڪپڙي تي نالو ته لکي ڏي.“ هن رومال جو ڪپڙو امجد ڏانھن وڌائيندي چيو.
    امجد کانئس رومال وڍي ڏسندي چيو،
    ”ڪنھن جو نالو لکان؟“
    ”توکي ڄڻ خبر ئي ڪونهي؟“
    ڀلا، مون کي ڪھڙي خبر؟“
    ”جيڪو نالو مون کي وڻي ٿو.“ هن شرمائيندي چيو.
    امجد وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ زاهده وائڙين نگاهن سان کيس ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ ڪاوڙ مان چيائين،
    ”ان ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟“
    ”ڳالهه کِلڻ جھڙي ئي آهي.“
    ”ڪيئن؟“ هوءِ ڪاوڙجي پئي هئي.
    ”ڀلا، مون کي ڪھڙي خبر ته توکي ڪھڙو نالو وڻي ٿو؟“
    هوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي ۽ يڪدم کٽ تان اُٿي، امجد جو هٿ وٺي، پنھنجي مٿي تي رکندي چيائين،
    ”هاڻي ٻڌاءِ، ته توکي خبر ناهي ته مون کي ڪھڙو نالو وڻي ٿو.“ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هئس.
    ”اڙي بابا... مون بس ڪئي، مون ته مذاق پئي ڪئي.“
    ”امجد...! مون کي اهڙي مذاق بلڪل نٿي وڻي.“
    ”چڱو بابا..... ٺيڪ آهي.“
    امجد رومال کولي، ان تي پنھنجو نالو لکي کيس موٽائي ڏنو، ته هن جي خوبصورت چھري تي خوشي جون ريکائون رقص ڪرڻ لڳيون. هن امجد جي ڳٽي تي زور سان چھنڊڙي پاتي ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيندي ڪمري مان نڪري وئي.
    اها رات امجد خوشيءَ ۾ سمهي نه سگهيو هو. ننڍپڻ جي پيار تي جوانيءَ جي اظھار جي مُھر جو لڳي هئس. خوشي ۽ سرشاريءَ جي عالم ۾ کيس ننڊ نه پئي آئي. ان ڪيفيت کيس ايترو ته سُرور پئي ڏنو، جو اکين مان ننڊ، پَر ڪري اڏامي وئي هئس. پاڻ کي دنيا جو خوشنصيب انسان پئي سمجهيائين. زاهده جو کلمک چھرو اکين اڳيان پئي ڦِريس. گهڻي رات گذرڻ کانپوءِ پاسا ورائيندي، ننڊ ديويءَ کيس پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀريو ته کيس ڪا ڪَلَ ئي نه پئي.
    ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ زاهده وٽس آئي، ته گهڻو خوش پئي لڳي. سندس نالي وارو ڀرت ڀريل رومال هٿ ۾ هئس. امجد کانئس رومال وٺي ڏسڻ لڳو. رومال جي چوڌاري گل ٻوٽا ۽ وليون هيون ۽ وچ ۾ سندس نالو ڀرت سان ڀريل هو، جيڪو هن پنھنجي نازڪ هٿڙن سان، پيار جي رنگين ڌاڳن سان ڀريو هو. امجد رومال اکين تي رکيو ۽ ۽ پوءِ چمڻ لڳو. زاهده، سندس هٿ مان رومال کسي ورتو ۽ وڏو ٽھڪ ڏئي چيو.
    ”امجد....! هيءُ رومال تنھنجي لاءِ نه آهي.“
    ”ته پوءِ ڪنھن جي لاءِ آهي؟“
    ”مون پنھنجي لاءِ ڀريو آهي.“
    ”تون ڇا ڪندينءَ هن رومال کي؟“
    ”هَر هَر چُمي، تنھنجي ناءَ کي سيني سان لائي رکنديس.“
    اَڄ ان کي سال گذري ويا آهن. وقت جا بي رحم واچوڙا، ٻن پيار ڪندڙ دلين کي اُڏائي ڌار ڪري ويا آهن. چئن سالن کان پوءِ ٻئي پھريون ڀيرو هڪٻئي جي سامھون بُت بڻيا ويٺا هئا. اجنبي.. اجنبي.. ٻئي خيالن ۾ گُم هئا.
    امجد جون اکيون ته زاهده ۾ هيون، پر ذهن ۾ واچوڙن جھڙا سوال ڦيريون پائي رهيا هئس، جيڪي هن اکين ئي اکين ۾ زاهده ڏانھن اُماڻيا پئي.
    ”زاهده....! مون ته توکي پنھنجي وجود جي جملي سچائين سان چاهيو هو. تنھنجي پيار ۾ پاڻ کي اَرپي ڇڏيو هئم. ڪڏهن سوچيو به نه هئم، ته ڪو تون ايئن به ڪندينءَ! پيار جي ان هڪ طرفي روپ ڏانھن ته مون سوچيو به نه هو. وڇڙڻ کان اڳ ايترو ته سوچين ها، ته توکان بنان مان ڪيئن جي سگهندس؟ تون، ته جياپي جا سڀ سھارا کسي، اڪيلائين جي رِڻَ ۾ رولي وئي آهين، پر مون هڪ پل لاءِ به توکي نه وِساريو آهي. تون اڄ به منھنجي ساههَ ۾ وسيل آهين. تون ئي منھنجي پھرين ۽ آخري چاهت آهين. مان اڄ به توکي اوترو ئي پيار ڪريان ٿو.“
    هوڏانھن زاهده جي اکين جي التجائي نھارن ۾ ڪيئي اڻ چيون عبارتون هيون. هن اکين ئي اکين ۾ ڪجهه چوڻ پئي گهريو. گونگيون وضاحتون هيون، جيڪي هن نھارن وسيلي امجد تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. هن اکين ئي اکين ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون پئي ڪيون. اُهي ڳالهيون، جيڪي سماجي بندشن واري ماحول ۾ زبانن مان ادا ٿي نه سگهنديون آهن، پر اکيون زبان بڻجي اظھارينديون آهن.
    پوءِ اوچتو امجد ٽپ ڏئي کٽ تي سڌو ٿي ويهي رهيو. اکيون زاهده ۾ هئس، کيس زاهده وٽان سمورن سوالن جا جواب ملي ويا هئا. سموريون وضاحتون معنائن جا ويس اوڍي سامھون اچي ويون هئس. هن کي سج جي اُڀرڻ جيترو يقين ٿي ويو هو، ته زاهده کيس اڄ به ناهي وساري سگهي. هن کي سمجهه ۾ اچي ويو هو ته، عورت جو پھريون پيار سندس ساري زندگيءَ جو سرمايو هوندو آهي.
    هن جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون هيون. هن لڙڪن هاڻين اکين جي ڌنڌلايل نھارن ۾ زاهده کي ڏٺو پئي، جنھن جي هٿ ۾ امجد جي نالي وارو ڀرت ڀريل رومال هو، جنھن سان هن امجد جي پيار جي حصي جا اکين ۾ اوتجي آيل لڙڪ اگهيا پئي. هن پيار جي رومال کي اکين جا لڙڪ اگهڻ جي آسيس بڻائي ورتو هو.

    **


    ڪــاري

    نورُ، جڏهن ڀَر واري ڳوٺ مان، ذات برادريءَ جي ڇوڪري ساران کي ڪورٽ ۾ بيان ڏياري، پيار پرڻو ڪري گهر وٺي آيو هو، ته گهر ۾ مَمڻ مچي ويو هو. پُٽن کي مٿي تي موڙون ٻَڌي ساڻن سنوڻن سان ڳائي وڄائي پرڻائڻ جون آسون سانڍي ويٺل ماءُ جو ته ڄڻ هِينئون ڦِسي پيو هو. هن ته ڪڏهن سوچيو ته ڪونه هو، ته سندس لاڏلو ۽ موڀي پُٽ، سندس ارمانن تي پاڻي ڦيري، ائين ٻُسو گهوٽ ٿي گهر ايندو. ان کان سواءِ سندس هنيانءَ جا ڳچَ ان ڪري به ڳريا پئي، ته هن پنھنجي موُڀي ڀاءُ وٽان لاڏڪوڏ مان پٽ کي مڱايو هو. اها ڳالهه جڏهن سندس ڀاءُ ٻڌندو، ته ساڻس مُئي جيئري ناتو ڇِني ڇڏيندو. هن اڳتي وڌي گهر آيل نئين ڪنوار کي پَلئه ڏئي، آجيان ڪري کٽ تي ويھارڻ بدران وڏي اوڇنگار ڏئي، پُٽَ کي ڏوراپو ڏيندي چيو.
    ”او، ابا...! اهو ڇا ڪيئي؟ ڪوڏن جھڙي مڱَ ڇڏي پرائي نياني ڀَڄائي آندي اٿئي. ان کان ته چڱو هو، مُئي ماءُ کي گهٽو ڏئي ڇڏين ها.“
    پڻس ٻه هٿَ ماڻس کان به اڳرو هو. ڪاوڙ ۾ وَهلور پئي ويو. هن گهروڙي ڀونڊو ڏيندي چيس،
    ”ٻُڏي مرين ها، مُردار....! لڄائي ماريو اٿئي. ذات برادري ۽ پاڙي ۾ ڪنڌ کڻڻ جھڙا ڪونه رهيا آهيون.“
    ”بابا....! پيار ڪيو اٿم، ڪو ڏوهه ته ڪونه ڪيو اٿم.“ نور ڳالهايو.
    ”ها، وڏي کيپَ کٽي آيو آهين. اڙي، پاڙي جو ته شرم ڪرين ها!“ پڻس ڪاوڙ مان چيو.
    هُو بُت بڻيو بيٺو رهيو. هِراسيل ساران سندس پٺيان پاڻ لڪائي، ڊنل اکين سان سمورن گهر ڀاتين ڏانھن ڏٺو پئي. پڻس ٻيھر ڳالهايو.
    ”اڙي، چنڊا....! ٻه اکر ڇا پڙهئين، رشتن جي شناس ئي نڪري وئي تومان. ان نياڻيءَ جي دل تي ڇا گذرندي، جنھن تو لاءِ سڳي سوٽَ جو رشتو به قبول نه ڪيو. مامهين کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين؟“
    ”بابا...! ڪهڙي زماني جون ڳالهيون پيا ڪريو؟ دنيا چنڊ تي وڃي پھتي آهي ۽ توهان آهيو،جو پراڻين ڳالهين ۾ ڦاٿا پيا آهيو. شادي دِلين ۽ ذهنن جي ميلاپ جو سماجي معاهدو هوندو آهي. پوءِ جڏهن زندگي اولاد کي گذارڻي آهي، ته اُن ۾ مرضي به ته انهن جي هئڻ گهرجي.“ نور ڳالهايو.
    ”ها، ابا...! شابس اٿئي. مائٽَ جيڪي اولاد ڄمڻ سان ئي آسن جون ڳنڍيون ٻَڌي، اميدن ڏسڻ لاءِ جيئندا آهن، اُهي ٿيا چريا ۽ تون عقل وارو آهين‘“ ماڻس روئندي وراڻيو.
    ”امان...‘ سمجهڻ جي ڪوشش ڇونٿا ڪريو؟ اسين هڪٻئي کي پسند ڪريون ٿا. ان ۾ ڏوهه به ڪھڙو ڪيو اٿئون؟“ نور چيو.
    ”اڙي، ڪميڻا...! تنھنجي پسند، ڪنھن جي عزت، غيرت ۽ ننگُ به آهي. ننگن ۽ دنگن تي سِرَ ڏبا آهن. تون ان ۾ هٿ وڌا آهن. اهو ڏوههُ گهٽِ آهي ڇا؟“ پڻنس جو لھجو تکو ٿي ويو هو.
    ”اسين پنھنجي ڄاين وارا آهيون، ابا....! ڪنھن جي ڄائيءَ جا مَٺ گُهرا ڇو ٿيون؟“ ماڻس ڳالهايو.
    ”امان.....! ان ۾ غيرت جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟ ڇوڪري پنھنجي رضا خوشيءَ سان نڪتي آهي. بيٺي آهي. پـُڇوس کڻي.“ نور وراڻيو.
    ”هُن ته کڻي ٻاراڻي ڪئي. تون ته ڪجهه پاڙي ۽ ذات برادريءَ جو شرم ڪرين ها!، انساني ۽ اخلاقي قدر به ته ڪا شئي هوندا آهن.“ پڻس جو لھجو بدستور تکو هو.
    ”بابا....! هاڻي جيڪو ٿيو، سو ٿيو، هينئر منھنجو ننگُ آهي. پيار ۾ سڀ جائز آهي. خوش رهو يا رنج، منھنجو فيصلو اَٽل آهي.“ نور وراڻيو.
    ٻيا گهر ڀاتي، جتي نُورَ تي ڏمريل هئا، اُتي سندس ڀيڻ ناهيد جو چھرو خوشيءَ مان ٻهڪيو پئي.هن ڪنوار ڏانھن پيار مان ڏسي مُرڪيو پئي. اڄاتي خوشي هئي، جيڪا سج جي ڪرڻن جيان سندس مُکَ مان ڇڻي پئي. مَن ۾ خوشيءَ جا سَرها گلابَ ٽِڙي پيا هئس. هن جا چپ ته مُرڪيا پئي، پر ٽِڪ ٻڌي ويل اکين ۾ شناسا منظر اُٿلي پيا هئس. هوءَ ڇرڪ ڀري سوچن جي مھا ساگر مان ٻاهر آئي ۽ تڪڙيون وِکون کڻي، نور جي پٺيان بيٺل هراسيل ڪنوار کي پوتيءَ جو پلئه ڏئي بيٺي ۽ پيءُ ڏانھن منھن ڪري چيائين،
    ”بابا....! لکئي جا ليکَ آهن، سٺو ٿيو يا خرابُ، ساران هاڻي هن گهر جي عزت آهي.“
    هوءَ ساران کي پوتيءَ جو پلئه ڏئي، ڪمري ڏانھن وٺي وڃڻ لڳي. پڻس، ماڻس سميت گهر ڀاتي کيس حيرت مان ڏسندا رهيا.
    مھيني ڏيڍ کان پوءِ جڏهن حالتن جي ساگر ۾ هوا جي اُڀار سان آيل طوفان، ڳالهين، فيصلن ۽ ڏنڊ چَٽين جي مرحلن مان گذري ماٺو ٿيو. ڳالهه آئي وئي ٿي ۽ ڇڪتاڻ ۾ ٺاپر ٿي، تڏهن مَس مَس وڃي ساهَه، ساهن سان ماپيا. اُلڪن ۽ اُڍڪن جا ڪڪرَ ڇِڊا ٿيا، ته گهر ۾ سانت ۽ سُڪون جون هيرون گُهلڻ لڳيون.
    ڪچڙي منجهند جو وقت هو. نور جا ماءُ پيءُ گهرَ جي ورانڊي ۾ ويٺا هئا. نور جي ماءُ پَٽ تي وڇايل رليءَ کي ٽوپا پئي ڏنا ۽ نور جي پيءُ کٽ جي سيرانديءَ کان رکيل هنڌ کي ٽيڪ ڏئي، سگريٽ مان دُونهان پئي ڪڍيا. نور جا ننڍڙا ڀائر اڃان اسڪول مان ڪونه موٽيا هئا. ساران رڌڻي ۾ مانيءَ جي تياري پئي ڪئي ۽ نُور پنھني ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽي ڪتاب پڙهي رهيو هو. ناهيد ڪمري ۾ ليئو پاتو، ته نور کيس ڏسي ورتو.
    ”ناهيد....!“
    ”جيءُ، ادا...!“ ناهيد ڪمري ۾ داخل ٿيندي وراڻيو.
    ”اچ، نه....! ڇو ليئا پئي پائين؟“
    ”ادا، ڏٺم پئي، ته توهان مصروف ته ناهيو؟“
    ”نه، ڪابه مصروفيت ناهي.“ نور ڪتابُ سيرانديءَ کان رکيو. سِڌو ٿي بيڊ تي ويھندي چيو.
    ناهيد بيڊ جي پيراندِءَ کان ويهي رهي. اندر ۾ آنڌمانڌ جو طوفان هو، هاريل حوصلي جا آثار چھري مان صاف ڏسڻ ۾ پئي آيس. نارمل موسم ۾ به پگهر جون بُوندون نراڙ تي مِڙي آيون هئس. نور غور سان کيس ڏٺو پئي. هن محسوس ڪيو، ته ناهيد ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، پر سَتُ نٿي ساري سگهي. هن ڳالهايو،
    ”ڀيڻ....! ڇا ڳالهه آهي، ڪا پريشاني آهي ڇا؟“
    ”نه، ادا...! پريشاني ته ڪابه ڪانهي، پر....!“ هن هٻڪندي وراڻيو.
    ”پر، ڇا...؟ ٻڌاءِ ڇا مسئلو آهي؟“
    ”ادا، هُو .... آهي... نه ....!“ هوءَ هٻڪڻ لڳي.
    ”هُو، ڇا....؟“
    ناهيد ڳيتون ڏئي دل پڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ جملي حواسَ يڪجا ڪري، پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ دل ٻڌي وراڻيو،
    ”ادا، هو جُنيد آهي، نه ....!“
    ”ها، ڇا ٿيو آهي جنيد کي؟“
    ”ادا، پڙهيل لکيل ۽ شريف آهي.“
    ”تون چوڻ ڇا ٿي چاهين؟ ڪٿي ....!“
    ”نه، ادا...! اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي.“
    ”پوءِ ڪھڙي ڳالهه آهي؟“ نور جو لھجو سخت ٿيندو ويو.
    ”ادا....! آءٌ جنيد کي چاهيان ٿي.“ ناهيد وراڻيو
    ”تڙاخ.... تڙاخ....!“ ڄڻ ڀنڀور کي باهه لڳي وئي هئي.
    ڪمري ۾ نور جي گوڙ، چماٽن جي آوازن ۽ ناهيد جي رڙين جا آواز گونجڻ لڳا هئا. نور جا ماءُ پيءُ ۽ ساران ڊوڙندا ڪمري ۾ داخل ٿيا. ناهيد فرش تي پئي هئي. رڙ هيٺ، رڙي مٿي هئس. نور کيس چوٽي مان وٺي لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو لائي ڏنو هو. ناهيد رڙين ۾ چيو پئي.
    ”ادا... مون ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي.“
    ”ڇا آهي...؟ ڇا آهي....؟“ ڇو اچي ڇتو ٿيو آهين؟“
    پڻس، نور کي پري ڌڪي، ناهيد کي اُٿاري گلي سان لڳائيندي چيو. نور جون اکيون ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو هيون. بُتُ، ڪُٺل ڍور وانگر رٿيس پئي. هن گڦ ڳاڙيندي وراڻيو،
    ”بابا...! تنھنجي لاڏلي ڇوري ڪاري اٿئي.“
    ”ڇو...؟ ڇا ڪيو اٿس؟“ پڻس وراڻيو.
    ”ڪميڻي، جنيد سان پيار ڪري ٿي.“
    ”پڻس گهورَ وجهي نور کي ڏٺو ۽ ناهيد جي پوتي مٿي تي رکي، کيس پاٻوهه مان ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيو ۽ ڪمري مان ٻاهر ويندي، ڪاوڙ مان نور ڏانھن منھن ڪري چيو،
    ”اڙي ڪميڻا....! زندگي جڏهن اولاد کي گذارڻي آهي ته پوءِ ان ۾ مرضي به ته ان جي هلندي نه....!“
    نور، حيرت مان کيس ڏسندو رهيو. هو ناهيد کي ڪوڙي ۾ ڪري، ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.

    **


    اوجاڳو، درد ۽ راتيون

    ”وڏا.....!“ خيرو ٻڌل ٻٽ مان نڪ آجو ڪندي، ڊگهو ساهه کڻي چيو.
    ”ڇاهي، ڙي.....! وڏي اوٻاسي ڏيندي وراڻيو.
    ”وڏا.....! لڳي ٿو ته هن گس سان اڄ ڪوبه داءُ نه لڳندو.“ خيروءَ چيو.
    ”ها، وڏا.....!، خيرو ٺيڪ ٿو چوي، بيٺي بيٺي ٽنگن جو رت ئي سُڪي ويو اٿئون، هتان نڪرڻ گهرجي.“ بالم، خيروءَ جي ڳالهه کي ٽيڪو ڀرايو.
    ”جيڪا سنگت جي صلاح، پر هتان پير ڊاهيون، ته ڪٿي هلون...؟“ وڏي ڳالهايو.
    ”سيوهاڻي سڙڪ واري موڙ وٽ تان هلون، روڊ به ٽٽل ڦٽل آهي، ته ماڻهن جي اچ وڃ به چڱي آهي.“ خيروءَ صلاح ڏني.
    ”اڙي او انڌا! سيوهاڻي سڙڪ تائين پھچندي پھچندي رات ٿي ويندي.“ جانوءَ ڇنڊ پٽيندي وراڻيس.
    ”ها“ اهو ته ٺيڪ ٿو چوين، پوءِ ڀلا ڪٿي هلون؟“ وڏي ڳالهايو.
    ”وڏا.....! سَرن واري لاڙي جي ڀرسان جيڪا اڇي مسيت آهي نه؟ اُتي ٿا هلون، پنڌ به ايڏو پري ڪونه آهي. ڪونه ڪو اسان جي ڪڻي ۾ ضرور ايندو.“ جانوءَ وراڻيو.
    ”پوءِ دير نه ڪريو. سج به لَھه پَھه ۾ آهي“ وڏي چيو.
    چارئي ڄڻا ڪپڙا ڇنڊي اُٿي بيٺا. هلڻ وارا هئا، ته بالم جي رڙ تي بيھي رهيا، هن چيو پئي،
    ”ترسو.....! تڪڙ نه ڪريو، پريان ڪو اچي پيو. کيس رهڙو ڏئي ٻُھڻي ڪري پوءِ ٿا نڪرون.“
    ”چڱو ٺيڪ آهي، اچڻ ڏيوس.“ وڏي وراڻيو.
    همراهه لڏندو لمندو جڏهن کين ويجهو ٿيو، ته بالم چيو،
    ”وڏا.....! هَڪل ڏيانس؟“
    ”ڇو پڇين پيو، پيءُ اٿئي ڇا؟“ وڏي داٻو ڏنس.
    ”اَڙي بيھه رَهُه“ بالم ويندڙ همراهه کي داٻي سان هڪ ڏئي چيو.
    همراهه اوچتي هڪل ٻڌي وائڙو ٿي ويو، بيھڻ بدران کڙيءَ تي زور رکيائين. ٿورو اڳتي ٿيو ته پٺيان پسٽل جي هوائي فائر تي هراسجي ٿاٻڙجي ڪري پيو، بالم ۽ جانو مٿان اچي بيٺس. هن ڊنل اکين سان کين ڏٺو ۽ گوڏن تي هٿ ڏئي اُٿي بيٺو.
    ”پئسا گهڻا اٿئي؟ جيڪو ڪجهه به اٿئي ٻاهر ڪڍ، نه ته .....!“ خيروءَ کيس داٻو ڏيندي چيو.
    ”رُ........ رپ........رُپيو به ڪونهي“ هُو ڏڪيو پئي.
    ”ڪوڙ ٿو هڻين“ جانوءَ پسٽل لوندڙيءَ تي رکيس.
    ”ڳاڙهي قرآن جو سُنھن، مُولا ڄاڻي ٿو، ڪوڙ نٿو هڻان“ هن وراڻيو.
    ”اڙي، وٺوس جهڙتي بشني ڪنھن جاءِ جو ڪوڙ ٿو هڻي.“ وڏي داٻي سان چيو.
    جهڙتيءَ جو ٻڌي هو تھه سياري ۾ پگهرجي ويو. ڪوٽ جي کيسي کي ٻنهي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان ايئن جهلي بيھي رهيو جيئن جواري کٽيل پئسا، ڪانچ جي وَرَ ۾ هڻي هٿ سان مضبوط جهلي ويھندا آهن.
    ”اڙي، هٿ ڪڍ کيسي مان“ بالم دڙڪو ڏنس.
    ”هٿ نه ڪڍندس، باقي پئسا مون وٽ ناهِنِ؟“
    ”پئسا نه آهن، ته ڪھڙا لال جواهر اٿئي جو ساهه پيو وڃئي.“ جانوءِ ٽوڪ مان چيس.
    ”منھنجي سڄي زندگيءَ جي ميڙي چونڊي ۽ سرمايو اٿم“ هن وراڻيو.
    ”اسان به ته ڏسون.....!“ وڏي ٽھڪ ڏئي چيو.
    ”مرندي مري ويندسُ، پر هٿ نه ڪڍندسُ“ هن ويتر کيسي کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو.
    ”وڏا....! مون کي ته ڪو پاڳل ٿو لڳي.“ بالم ڳالهايو.
    ”اڙي.....! افعالن تي نه وڃ وڏو ڍونگي اٿئي.“ وڏي وراڻيو.
    هُو هيٺ زمين تي ويھي رهيو ۽ ايلاز ڪرڻ لڳو،
    ”ٻيلي خدا کي مڃيو، مون غريب جي پچرَ ڇڏيو.“
    ”اڙي.....! نالو ڇا اٿئي؟“ وڏي ڳالهايو.
    ”سائين.....! جمن جاني“
    ”جُمن ته نالو ٿيو، باقي جاني پيءُ جو نالو اٿئي ڇا؟“ وڏي ٽھڪ ڏئي چيو، سڀ کلڻ لڳا.
    ”نه سائين.....! مُون پاڻ رکيو آهي. بابا جو نالو ”رکيو“ آهي.“
    ”ڇا ڪندو آهين؟“
    ”سائين.....! بيروزگار آهيان.“
    ”معنى ته ڪُتن کي گڏيون پيو هڻين“ جانيءَ چيو سڀ وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳا.
    ”هاڻي گهڻو ٿيو، ماٺڙي ڪري کيس مان هٿ ڪڍُ“ بالم دڙڪو ڏنس.
    ”هٿ نه ڪڍندس.“
    ”تنھنجو ته پيءُ به هٿ ڪڍندو.“ خيروءَ پسٽل جو هٿيو مٿي ۾ وهائي ڪڍيس. سياري جي ڌڪ سيڪاٽي ڇڏيس، دانھن نڪري ويس.
    ”اباڙي.....! ماري ڇڏيئي.....!“
    ”هٿ ڪڍين ٿو يا ٺوڪيئين ٻيو ڌڪُ؟“ خيرو سيني ۾ لت هڻندي چيس. هو ٻيڻو ٿي پٽ تي ڪري پيو. پر کيسي مان هٿ نه ڪڍيائين. درد ۽ تڪليف کان دانهون پئي ڪيائين.
    ”چپ ڪر، دانهه نه ڪر، نه ته .....!“ بالم دهمان ڪيس.
    ”اڙي، ڏسوس پيا، دسي، ٽنگون ٻانهون جهلي کسيوس.“
    وڏي هل ڪئي. جانو ۽ بالم ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويس. هُو ڪُٺل ڪڪڙ وانگر ڇڙهيون هڻڻ لڳو. هٿ کيسي ۾ قابو هئس، بالم سندس هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش به ڪئي پئي، ته کيس چماٽيون به هنيون پئي. پر هو کيسي مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هو. ان وٺ وٺان ۾ جانوءِ جو هٿ کيسي جي ٻاهران کيسي ۾ موجود شيءَ کي لڳو، هن رڙ ڪري چيو.
    ”وڏا.....! وڏو ٻٽون اٿس کيسي ۾ لڳي ٿو وڏو مال آهي، ان ٻٽونءَ ۾.“
    ”اڙي، ته پوءِ نالتي..... ڪڍي وٺينس نه .....! ڏسينس ڇا پيو؟“
    وڏي داٻو ڏيندي چيو.
    ”اڙي، ته پوءِ ٺوڪينس ڪارتوس، وڃي پنھنجي وڏڙن سان ملي.“ وڏي چيو.
    خيروءَ ڪاوڙ مان اڳتي وڌي پسٽل اچي لوندڙيءَ تي رکيس.
    ”اڙي، ڀَر ڪلمون، سُوئر جا پٽ.....! تون ائين ڪونه مڃيندين.“
    ”اڙي خدا جي واسطي، مون غريب تي رحم ڪريو، مون وٽ پئسو ڏوڪڙ ڪونهي.“ هن ايلاز ڪندي چيو.
    ”جيڪو اٿئي ٻاهر ڪڍ“ جانوءَ چيو.
    ”مان ٽن تائين ڳڻيا ٿو پوءِ به تو جي هٿ نه ڪڍيا ته پوءِ مُئو پيو هوندين.“ خيروءَ داٻو ڏئي پسٽل جو دٻاءُ لوندڙيءَ ڏي وڌائيندي ڳڻڻ لڳو، هڪ .....! ، ٻه .....!
    ان کان اڳ جو خيرو ٽي چوي هن جا هٿ ڍرا ٿي ويا. سڏڪن ۾ پئجي ويو، بالم سَٽَ ڏئي ڪوٽ جي کيسي مان سامان ڪڍي ورتو ۽ کولي ڏسڻ لڳو.
    ”وڏا.....! ٻٽون ۽ ٿيلهي اٿس.“
    ”ها، ها، ٻڌ.....! ڏند نه ڪڍي کولي ڏسينس“ وڏي ڳالهايو.
    ”ها، وڏا اهو ئي، ته ڪريان پيو.“ جانوءَ وراڻيو ۽ سامان کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو.
    ”اڙي، هي ڇا.....!؟ هيڏي ساري ڦوڪيل ٻٽونءَ ۾ رڳو پنا.....؟ چريو ته ناهين؟“ بالم رڙ ڪئي.
    ”ٻٽون ناهي، ڊائري آهي“ هن وراڻيو.
    خيرو ڪاوڙ مان زوردار چماٽ وهائي ڪڍيس. هن کان دانھن ڪري وئي.
    ”الا، ڙي .....! ڇو پيا مون غريب کي ماريو؟“
    ”پئسا ڪاٿي رکيا اٿئي؟“
    ”چيم، نه پئسا ناهن، مون وٽ.“ هن ڪنجهندي وراڻيو.
    ”اڙي، دسي ڪائنچ جا وَرَ ڏسوس، ضرور پئسا لڪايا اٿس.“ خيروءَ چيو
    ”اڙي کول وَرَ، ڪُتي جا ڦَرَ، پنن سان کڻي ٻٽون ڀريو اٿئي.“بالم ڳالهايو. هن قميص مٿي کنئي ته بالم سٽ ڏنس، بالم جي سٽَ تي سنھو اڳٺ ٽٽي پيس ۽ ڪائنچ جا وَرَ جاچي ڏٺا، پر ڪاريءَ وارا ڪک هئا.
    ”چنڊا.....! صفا ڪو ٽاڪ سڃو آهين، اجايو ڳاٽي ۾ اچي پيو آهين.“ وڏي ڪاوڙ مان چيو.
    ”اڙي نڀاڳا.....! ساهه وانگر پيو سانڍي، هنن پنن کي ڪھڙي ڌراوت اٿئي هنن پنن ۾؟“ جانوءَ ڪاوڙ مان ڊائري سندس منھن ۾ هڻندي چيو.
    ”ڪاروبار جي اوڌر لکيل اٿس ان کي بچائڻ لاءِ پادر پئي کاڌائين.“ بالم ڳالهايو.
    ”اڙي، ڇا اٿئي هنن پنن ۾؟“ وڏي ڳالهايو.
    ”منھنجي زندگيءَ جو ڪل سرمايو آهي، هن ڊائريءَ ۾.“ هن لٿل ڪانچ کي گوڏ وانگر ٻڌندي وراڻيو.
    ”ڪھڙو سرمايو.....!؟“
    ”منھنجي شاعري آهي، سالن جو نچوڙيل نُور ۽ اکين جا اوجاڳا آهن. هن ڊائريءَ ۾.“ هن ڊائري ڇنڊي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهندي وراڻيو.
    هن جو هڪڙو هٿ اڳٺ ڇنل سلوار ۾ هو، جنھن کي هن ڇڪي گوڏ وانگر ڳنڍ ڏئي ڇڏي هئي ۽ ٻيو هٿ ڪوٽ جي کيسي ۾ ان تخليقي سرمائي ۾ هو. جنھن کي انڌا ڦورو پرکي نه سگهيا هئا. هُو ڪنڌ جهڪائي رستي سان وڃي رهيو هو ۽ پٺيان وڏا ٽھڪ سندس ڪنن ۾ مترڪن وانگر وسي رهيا هئا.
    ”ها، ها.....! ها.....! ها.....! ها.....!

    **


    اکيون ۽ عشق

    ڀنڀراڪي جو وقت هو، سج جا ڪومل ڪرڻا، اونداهي رات جي باقيات کي تڙي، سوجهري جي چادر پکيڙي رهيا هئا. گهر جي اڱڻ ۾ گهاٽي نِم جي وَڻ تي پکين جي مڌر لاتين تي اک کلي پئي. اکيون مھٽي، چاد رلاهي، کٽ تي سِڌو ٿي ويهي رهيس. ڀنڀراڪي جي سحر ۾ ويڙهيل ماحول نه رڳو روح کي تازگي پئي ڏني، پر اکين ۾ به ڄڻ ڊَپَ جا ٿڌڙا ٻُڙا پئي رکيا. ننڊ جي خمار مان ذهن مڪمل آجو ٿيو، ته ياد آيم ته، آفيس ۾ اڄوڪي ڏينھن جي موڪل لاءِ درخواست ڏئي آيو هئس. آرس ڀڃي کٽ تان هيٺ لٿس ۽ وِهنجڻ کان وٺي نيرن تائين پَهه پئي پچايم، ته موڪل جي ڏهاڙي کي ڪيئن سجايو ڪجي؟ ايئن نه ٿئي جو ڪا وڻندڙ مصروفيت نه هئڻ ڪري، موڪل جو رومانس ئي نپوڙجي، بوريت ۾ بدلجي وڃي. ناشتي کانپوءِ چانهه جو پھريون سُرڪ ڀريندي ئي وڻندڙ خيال ذهن ۾ تري آيو، ته ڇونه اڄ لائبريري وڃجي؟ گهڻا ڏينھن ٿيا آهن. ڇونه نوان رسالا ۽ اخبارون پڙهي ڏسجن؟ اها رٿا جوڙي گهران نڪري پيس. پنڌ ئي پنڌ شھر جي رستن تي هلندي، لائبريري جي عمارت اڳيان پھتس ته صبح جا نوَ ٿيا هئا. گيٽ مان اندر داخل ٿيڻ وارو هئس، ته جتي هئس، اُتي بيھي رهيس. ڪنھن منھنجو نالو وٺي مون کي سڏ ڪيو هو. عورتاڻو آواز ڄاتل سڃاتل پئي لڳو. تڪڙو ڪنڌ ورائي ڏٺم. عائشه هئي، جيڪا مون کي ڏسي، رڪشا مان لھي پئي هئي. مون ڏانھن مُرڪي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ رڪشا واري کي ڀاڙو ڏئي مون ڏانھن هلي آئي.
    ”عائشه ، تون....!“ مون حيراني گاڏڙ خوشيءَ مان چيو.
    ”ها، عابد....! مان، عائشه ، ڪيئن آهين تون؟“
    ”مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“
    ”اڙي، بابا...! مان عائشه ئي آهيان. ايئن گهوري پيو ڏسين، ڄڻ اڳ ڏٺو ئي نه هجئي.“ هن هلڪو ٽھڪ ڏئي چيو.
    ”ها، عائشه .....! تون اڄ به مون کي اها ئي عائشه پئي لڳين، جيڪا ڏهه سال اڳ هئي. وڌندڙ ڄمار تنھنجو ڪجهه به بگاڙي نه سگهي آهي.“
    ”اهو تنھنجي نظر جو حُسن آهي عابد....! نه ته ايئن ڪٿي آهي؟ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي.“ هن ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.
    ”منھنجي اکين کان ساک ڀرائي پُڇُ، عائشه ....! مون لاءِ تون اڄ به اُها ئي عائشه آهين.“
    ”چڱو هاڻي شاعري گهڻي ٿي. هَلُ ته سامھون واري هوٽل ۾ چانهه ٿا پيئون.“
    هوٽل جي ڪنڊائتي ٽيبل تي هوءَ منھنجي سامھون ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. صبح جو وقت هو، ان ڪري هوٽل ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن کان سواءِ ڪوبه نه هو. ٿڌي روشنيءَ ۾ هوٽل جو ماحول رومانٽڪ پئي لڳو. هن ويٽر کي چانهه ۽ پيٽيز آڻڻ لاءِ چيو ۽ پرس کولي ڪجهه جانچڻ لڳي. مان اکيون منجهس کپائي کيس ڏسڻ لڳس. مون سندس سراپاءِ جي آئيني ۾ پندرهن ورهيه اڳ واري پنھنجي عائشه کي تلاش پئي ڪيو.
    هن سان منھنجي ملاقات اتفاقي ٿي هئي جيڪا پيار جو روپ ڌاري وئي هئي. هڪ ئي ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين، منھنجي ڊائري گم ٿي وئي هئي، جيڪا هن کي هٿ لڳي هئي. غير ارادي يا ارادي طور هن ڊائريءَ جا ڪجهه ورق پڙهي ورتا هئا. ٻئي ڏينھن پيرڊ اٽينڊ ڪري جيئن ڪلاس روم مان ٻاهر پئي نڪتس. هن پويان سڏ ڪيو، مڙي ڏٺم، عائشه هئي. مُرڪي چيائين،
    ”عابد......! توهان جي ڪا شئي گم ٿي وئي آهي؟“
    ”ها، وڃائي ته اٿم.“
    ”ڇا وڃايو اَٿوَ؟“
    ”سھيڙيل اُڌمن کان سواءِ اسان وٽ ڪھڙي قيمتي شئي ٿي سگهي ٿي؟“
    ”ها، اچي وٺو پنھنجي ڊائري.“ هن هلڪ ٽھڪ سان هٿ وڌائي ڊائري ڏني. موٽ ۾ مون به رسمي جملو ورجايو.
    ”ٿينڪس، مس عائشه ....!“
    ڊائري ڏيڻ ۽ وٺڻ وارين مختصر ساعتن ۾ ٻنهي جون چار اکيون اٽڪيون، ته ڪيئي اڻ چيون ڳالهيون، عبارتون بڻجي، دلين ۾ هُرڻ لڳيون هيون. ائين ڪونه هو، ته رڳو عائشه جي ڪارن ڊگهن وارن، چنڊ جي پھرين تاريخ جھڙن سنهڙن چپن ۽ خوبصورت بادامي اکين مون کي پنھنجي سھر ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو، پر عائشه جي من ۾ به ساڳي ڪيفيت هئي. اکين جي ڀرپور نگاهن ۾ قبوليت جا پيغام هئس، جيڪي نه رڳو مون، پر هن پاڻ به محسوس ڪيا هئا. ائين پئي لڳو ڄڻ ٻه روح، جيڪي ڳپل عرصي کان هڪٻئي جي ڳولا ۾ هئا، حادثاتي طور پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا هئا. ڪا مھل اسين ٻئي سُن بڻجي، مورتين جيان هڪٻئي ڏانھن ڏسندا رهياسين ۽ پوءِ هوءَ ڇرڪ ڀري مون ڏانھن ڏسڻ لڳي ۽ مرڪي بنان ڪجهه ڳالهائڻ جي اڳتي وڌي وئي.
    عائشه ۽ مان هڪٻئي کي ويجها ٿيڻ لڳا هئاسين، چري چاهت اسان جي وچان تڪلف جا پردا هٽائي ڇڏيا هئا. محبت جون ڀاونائون اظھارجي نروار ٿي پيون هيون. محبت جي موضوع تي کلي ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئاسين ۽ ڳالهين ۾ وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيندو هو. ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻجي وياسين. هڪٻئي کان سواءِ اڌورا ۽ اڻپورا.
    هڪ ڏينھن ڪاليج مان جيئن نڪتاسين، ته هڪ هوٽل جي فيملي روم ۾ اچي ويٺاسين. ٻنھي جي چھرن تي ڳنڀيرتا هئي. شايد عائشه به اهو ئي ڪجهه پئي سوچيو، جيڪو مان سوچي پريشان پئي ٿيس. هن پيٽيز کي ڇُريءَ سان ڪٽي، ڪانٽي سان ننڍو ٽڪرو وات ۾ رکيو. مون چانهه ۾ کنڊ ۽ کير پئي ملايو. چانهه جو ڪوپ هن ڏانهن وڌائيندي ڏٺم. هوءَ لاڳيتو مون کي گهوري ڏسي رهي هئي. مرڪي چيم،
    ”ايترو گهوري ڇا پئي ڏسين؟“
    ”ڏسڻ مان وِرچان ئي نٿي. ان ڪري.....!“ هن ٿڌو ساهه کڻي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    ”ڇا مطلب....؟“ مون ڇرڪ ڀري کيس گهوري ڏٺو.
    ”ڏس نه، عابد....!“ ڪاليج جي تعليم مڪمل ٿيڻ واري آهي پوءِ ته لازمي آهي، ته ملڻ جُلڻ به گهٽجي ويندو.“ هن وراڻيو
    ”ها، اهو ته مان به سوچيان پيو، پر ان جو حل به ته آهي.“
    ”ڪھڙو حل آهي تو وٽ، مان به ته ٻُڌان.“
    ”جڏهن پنھنجا خيال ملن ٿا. سوچون ۽ ذهن به ملن ٿا، ته پوءِ ڇونه شاديءَ لاءِ سوچيون.“ مون مقصد واري ڳالهه ڪئي.
    هوءَ ماٺ ٿي وئي. ڪنڌ جهڪائي ڪوپ مان چانهه جا ڍُڪَ ڀرڻ لڳي.
    ”عائشه ....! تو ڪا ورندي ناهي ڏني، ڪٿي تون....!“
    ”عابد....! تون منھنجي پھرين ۽ آخري محبت آهين. مون توکي دل جي اٿاهه گھرائين سان پيار ڪيو آهي، پر .....!“
    ”پر، ڇا......؟“
    ”پر، شاديءَ جو اختيار مون وٽ ڪونهي. ان جو اختيار منھنجي بابا وٽ آهي.“
    ”تنھنجو بابا انڪار ڪري ڇڏي، ته ....؟“
    ”پوءِ به توسان محبت ڪندي رهنديس. جسم ڀلي ڪنھن ٻئي جو ٿي وڃي، پر روح ۾ تون سمايل هوندين.“
    ”ان مسئلي جا ٻيا به ته حل ٿي سگهن ٿا.“
    هوءَ ڇرڪي پئي ۽ ڊنل اکين سان ڏسندي وراڻيائين.
    ”بابا جي رضامنديءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ڪونهي. اهڙو خيال به دل نه آڻجانءِ. مان پريم ڪھاڻيءَ جي خبر بڻجي، پنھنجي عظيم بابا جي نراڙ تي ڪارنھن جو ٽڪو لائڻ نٿي چاهيان. هن امڙ جي وڇوڙي کانپوءِ نه رڳو پيءُ، پر ماءُ جي ممتا جھڙي ٻاجهاري ڇانءَ به ڏني آهي.
    ”عائشه ....! مون کي غلط نه سمجهه. منھنجي چوڻ جو مطلب هو، ته تون پنھنجي بابا کي راضي به ته ڪري سگهين ٿي. اهو ته مائٽ تي اولاد جو حق به هجي ٿو.“ مون پنھنجي موقف جي وضاحت ڪئي.
    ”ها، عابد.....! مان اهو ضرور ڪنديس. پر وري به آخري فيصلو بابا جو ئي هوندو.“
    عائشه جي زور ڀرڻ تي هڪ ڏينھن مان پنھنجي ماءُ پيءُ کي ساڻ ڪري عائشه جي سڱ جي گُهر ڪرڻ سندس پيءُ وٽ وياسين. هو پڙهيل ڳڙهيل سيبتو ماڻهو هو. جيءَ ۾ جايون ڏنائين. ماني ٽِڪيءَ کانپوءِ منھنجي پيءُ ۽ امڙ کيس پنھنجي اچڻ جي مقصد کان آگاهه ڪيو، ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪا مھل سوچ ۾ ٻڏل رهڻ کانپوءِ ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏانھن ڏٺائين ۽ پوءِ بابا ڏانھن منھن ڪري، ٿڌو ساهه کڻي چيائين،
    ”مون کي خبر آهي، ته توهان جو پٽ عابد، ذهين، سلڇڻو ۽ باڪردار نوجوان آهي. اهڙا سلڇڻا پُٽ ته ڀلي مائرون ڄڻين، پر....!“
    امان ۽ بابا تجسس مان کيس ڏٺو پئي، نيٺ بابا ڳالهايو.
    ”پر ڇا سائين؟“
    ”ادا، اوهان اچڻ ۾ دير ڪري ڇڏي آهي، مان ٻه ڏينھن اڳ پنھنجي وڏي ڀاءُ کي سندس پٽ لاءِ عائشه جي سڱ ڏيڻ جي زبان ڏئي چڪو آهيان.“
    بابا ۽ امان جي ڪيفيت ته سندن چھرن مان صاف ڏسڻ ۾ پئي آئي، پر منھنجي پيرن هيٺان زمين ڇڏائجي وئي هئي. دنيا ئي اُجڙي وئي هئم. اتان ڪيئن ۽ ڪڏهن موٽياسين ۽ ڪيڏي مھل گهر پڳاسين؟ مون کي ڪابه خبر نه هئي. اکين اڳيان انڌاري ۽ ذهن تي ڍَڪر چڙهيل هئا. ڪي ڏينھن ته ڄڻ سامت ۾ ئي ڪونه هئس.
    ڪاليج جي تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان ٻنهي جا رستا به ڌار ٿي ويا هئا. امتحان هلندي ٻه چار ملاقاتون به ٿيون، پر اُهي ملاقاتون به گونگيون هيون. لفظن بدران لڙڪن لارن سان گفتگو ٿيندي هئي. امتحانن کانپوءِ ملاقاتون بند ٿي ويون هيون. عائشه جي شادي ٿي وئي هئي ۽ مون به دل تي پٿر رکي، جيئڻ جو نئون حوصلو ماڻي، روزگار جي ڳولا ۾ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو. هوءَ ڪھڙي حال ۾ هئي. ڪوبه پتو نه هئم. بس، ڪڏهن ڪڏهن سندس يادن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيندو هئس. ٻريا ڏهه سال گذري ويا هئا، پر ذهن جي ميموري باڪس مان سندس تصوير ۽ تصور ڊليٽ ٿي نه سگهيا هئا.
    ”ڪٿي گم ٿي وئين؟“
    عائشه جي اوچتي سوال تي سوچن جو اڻ کٽ سلسلو، ڪچي تندُ جيان ٽٽي پيو. ٿڌو ساهه کڻي کيس ڏسي وراڻيم،
    ”ڪيڏانھن ويندس عائشه ....؟ تنھنجي اڳيان ته ويٺو آهيان.“
    ”مورتي بڻجي ويو آهين، چانهه به ٺري پاڻي ٿي وئي.“
    چانهه جي سُرڪ ڀري کيس ڀرپور نگاهه سان ڏسندي وراڻيم،
    ”وقت ڪيئن پيو گذري، عائشه ....؟، خوش ته آهين نه......؟“
    ”ها، عابد....! وقت کي ته گذرڻو ئي آهي، سو گذري پيو. ارشد به خوش آهي. مون کي به خوش رکيو اٿس. زندگيءَ جو اصطلاح، زماني جي جوڙيل وصف آڌار تي ڏاڍو آسودو آهي، پر پيار جي اها مھڪ نه آهي، جيڪا تو وٽان ملندي هئي.“
    عائشه جي اعترافي جملن، منھنجي روح جي تڙپ کي وڌائي ڇڏيو هو. وجود جو سمورو درد ۽ پيڙا نِپوڙجي اکين مان لارون ڪري وهڻ لڳي.
    ”اڙي....! هي ڇا عابد! تون ته روئين پيو.“ هن پنھنجا لڙڪ زوريءَ پيئندي چيو، پر ان ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي. ڀرجي آيل ڳلي سندس ضبط کي ٽِڪڻ نه ڏنو. هن جي اکين جا بند به ڀڄي پيا. هن کي آٿت ڏيڻ لاءِ مون پنھنجي جذبن کي زوريءَ گُهٽيو ڏيندي چيو،
    ”عائشه ....! ياد اٿئي، هڪ ڀيري مان رُنو هئس ۽ تو پنھنجي پوتيءَ سان منھنجا لڙڪ اگهندي چيو هو، ته ”هيءُ لڙڪ منھنجي امانت اٿئي. انهن کي ايئن ضايع نه ڪجانءِ، ها، عائشه ....! اها سانڍيل امانت توکي موٽائي پيو ڏيان.“
    هوءَ سڏڪي پئي، سڏڪن ۾ چيائين،
    ”عابد....! سچ پڇين، ته مان توکي وساري نه سگهي آهيان، جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو زندگيءَ جو وڏو سچ هو. جنھن کان منھن موڙڻ منھنجي وس ۽ اختيار ۾ نه هو.“
    ”گذريءَ کي ياد نه ڪر عائشه.....! جيڪو ٿيو، سو ٿيو. هونئن به پيار هڪ امر ۽ پوتر رشتو آهي. حاصلات پيار جي منزل به ته ناهي هوندي. تون خوش آهين. بس، مون لاءِ ايترو ئي کوڙ آهي.“ مون وراڻيو.
    ٻئي ماٺ ٿي وياسين. هوءَ لاڳيتو مون کي ڏسي رهي هئي. ماٺ کي ٽوڙيندي چيائين،
    ”ڀلا، اهو ته ٻڌاءِ، شادي ڪئي اٿئي؟“
    ”ها، عائشه، شادي به ڪئي اٿم.“ مختصر وراڻيم.
    ”عابد....! سچي به .....!“ هن خوشيءَ مان چيو.
    ”ها، عائشه...! منھنجي اکين ۾ چتائي ڏس. توکي ان جو عڪس نظر ايندو.“
    هن جو پيار منھنجي اکين ۾ سمنڊ جيان نظر ايندئي. ڇو ته پيار ۽ سمنڊ ڪڏهن به ڪراڙا نه ٿيندا آهن.“
    ”ڪير آهي اُها خوشنصيب؟ نالو ڇا اٿس؟“
    ”اڪيلائي.....! جيڪا منھنجي يادن جي پناهه گاهه ۽ جيون ساٿي آهي.“
    هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏسندي رهي. پوءِ پرس مان ٽِشو ڪڍي اکين ۾ ڀرجي آيل لڙڪ اُگهي، اُٿي بيھي رهي. بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي فيملي روم مان ٻاهر نڪري وئي. مان کيس خالي نگاهن سان ويندي ڏسندو رهيس.

    **


    تِـرَن جـو تـيـل

    شھرين ۽ سماجي اڳواڻن جو وفد، شھر ۾ وڌندڙ گندگيءَ جي شڪايت کڻي، چونڊيل نمائندي جي بنگلي تي پھتو، ته ماستر شمن کي بت ۾ سيءُ ٿيڻ لڳو، جنھن اسڪول جي ڊيوٽي معاف ڪرائي، بنگلي جي حاضري جي ڊيوٽي سنڀالي هئي. کيس خوف اچي ورايو هو ته هي شھري، ڪٿي سندس شڪايت کڻي ته نه آيا آهن ته، ”مان معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه پيو ڪريان؟“ پوءِ اهو سوچي ڪجهه هانءَ کي ڇنڊو لڳس، ته ”ڀلي پيا شڪايت ڪن. مون کي ته صاحب پاڻ ڊيوٽي معاف ڪرائي بنگلي تي رکيو آهي. پوءِ مان هروڀرو ڇو پيو ڊڄان. هو انهن ئي خيالن ۾ گم هو، ته وفد جي اڳواڻ زاهد جي هٿ جو ڇهاءُ ڪلهي تي محسوس ڪري، خيالن مان موٽي آيو. هن چيو پئي،
    ”ماستر شمن....! صاحب کي اطلاع ڪر، ساڻس ملاقات ڪرڻي آهي.“
    ”ها، ها، سائين....! ڇونه؟ اچو، هن هال ۾ هلي ويهو، مان صاحب کي اطلاع ڪريان ٿو.“ ماستر ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو ۽ اڳتي وڌي ويو.
    چونڊيل نمائندو ٻن مھينن کانپوءِ آيو هو. ان ڪري، تڪ جا ماڻهو ڳاهٽ پئي ٿيا. سندس بنگلي تي وڏي رش هئي. هال ماڻهن سان ڀريل هو. ٻن ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ وفد کي ملاقات لاءِ سڏ ٿيو ته اهي تڪڙا تڪڙا چونڊيل نمائندي جي ڪمري ۾ داخل ٿيا. رسمي عليڪ سليڪ کان پوءِ چونڊيل نمائندي رُکائيءَ مان چيو،
    ”حڪم ڪريو، ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
    وفد جي اڳواڻ ڳالهائڻ لاءِ تياري پئي ڪئي، ته چونڊيل نمائندي کيس ٽوڪ واري انداز ۾ چيو،
    ”بابا جلدي احوال ٻڌايو، ٻيا به انتظار ۾ ويٺا آهن. مون کي به تڪڙ آهي.“ ضروري ميٽنگ ۾ وڃڻو آهي.“
    ”سائين! اسين سڀ اوهان جا ووٽر آهيون.“ زاهد ڳالهايو.
    ”مھرباني....!“
    ”اسان جي شھر مان اسي سيڪڙو ووٽ اوهان کي ئي مليا آهن.“
    ”بابا، ڪمَ جي ڳالهه ڪريو، نه ....!“
    ”اسان جو مطلب آهي، ته ان هوندي به شھر ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن. گندي پاڻيءَ سان روڊ ۽ گهٽيون ڀرجي ويون آهن. صفائيءَ جو عملو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.“
    ”صفائيءَ جو عملو ڇو ڪم نٿو ڪري؟“
    ”ان ڪري، ته ٽن مھينن کان کين پگهارون نه مليون آهن. ان ڪري، هڙتال تي آهن.“
    ”بابا، ان لاءِ اوهان کي ٽي ايم او سان ملڻ گهرجي، صفائيءَ جا مسئلا به مون کي ئي حل ڪرڻا پوندا ڇا؟“ چونڊيل نمائندي جو لھجو تيز ٿي ويو.
    ”ٽي ايم او سان به مليا آهيون، پر ....!“
    ”پر، ڇا ....؟“
    ”هو اوهان جو ئي رکرايل آهي. اسان جي ته ٻُڌي ئي نٿو، پوءِ اسين ڪنھن کي شڪايت ڪريون؟“
    ”ٺيڪ آهي، بابا....! شھر منھنجو آهي، توهان به منھنجا ڀائر آهيو.“ هن جو لھجو تبديل ٿيڻ لڳو.
    ”سائين ڪوشش وٺي، شھر جو اهم مسئلو حل ڪرايو.“ وفد جي هڪ ميمبر کيس ٻانهون ٻڌي چيو.
    ”ٺيڪ آهي، بابا ....! ڪجهه ڪريون ٿا. توهان جا مسئلا اسين حل نه ڪنداسين، ته ٻيو ڪير حل ڪندو؟“
    ”سائين، وري به پارت اٿوَ.“
    ”توهان دلجاءِ ڪريو، سڀاڻي تائين توهان کي رزلٽ ملندي.“
    هن گهنٽي جو بٽڻ دٻايو، ته ماستر شمن ذري گهٽ ڊوڙندو، ڪمري ۾ داخل ٿيو. بابا، انهيءَ ٽي ايم او کي رات ڏهين وڳي گهرائي وٺ. ميٽنگ تان موٽي ساڻس هڪ هڪاڻي ٿو ڪريان.“ هن ڪاوڙ مان چيو.
    ”جي، بابا سائين....!“ ماستر شمن ٻئي هٿ سيني تي رکي وراڻيو.
    ”مھرباني سائين! توهان جا لک ٿورا.“ زاهد وراڻيو.
    رات ڏهين وڳي ٽي ايم او، سھڪندو چونڊيل نمائندي جي بنگلي تي پھتو، ته چونڊيل نمائندي جي خاص ماڻهوءَ کيس ساڻ ڪري، هڪ ڪمري ۾ وٺي آيو.
    ”خير ته آهي؟ صاحب ڪُمھلو گهرايو آهي؟“ ٽي ايم او ڪرسيءَ تي ويھندي چيو.
    ”ماٺ اٿئي ڀلي. صاحب توتي ڏاڍو ڪاوڙيل آهي.“
    ”ڇو، خيرُ ته آهي؟“
    ”صبح شهرين جو وفد، تنھنجي شڪايت کڻي آيو هو.“
    ”پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ ٽي ايم او کانئس صلاح وٺڻ لاءِ چيو.
    ”صبر ۽ هيٺاهينءَ کان ڪم وٺجو. ڌڻي چڱائي ڪندو.“
    ”پنجاهه هزار مھيني ۾ تون به ته ڀتو وٺين ٿو. ڏکي مھل ۾ ڪجهه ته تون به ڪلهو هڻاءِ نه....!“
    ”ها، ها،.... ڇونه؟ تون دل نه لاههِ.“
    ٽي ايم او، چونڊيل نمائندي جي ڪمري ۾ داخل ٿيو، ته ڊوڙي ٻئي هٿ سندس پيرن تي وڃي رکيائين. چونڊيل نمائندي سندس نوڙت کي نظرانداز ڪندي ڪاوڙ مان چيو،
    ”تنھنجون شڪايتون وڌي ويون آهن. تون ڪم نٿو هلائي سگهين ته پوءِ ٽپڙ ٻڌ، ته مان ڪو ٻيو ٽي ايم او آڻيان.“
    ”سائين....! غلطيءَ جي معافي ملي. ٻيھر شڪايت نه ايندي.“
    ”تنھنجي پوسٽنگ مون ڪيڏي جهيڙي سان ڪرائي هئي. ان کان سواءِ تنھنجي بجيٽ به وڌائي ٻيڻي ڪرائي اٿم. ترقياتي ڪمن لاءِ ڌار فنڊ وٺي ڏنا اٿم، پوءِ به تنھنجي ڪارڪردگي ٻُڙي آهي.“
    ”سائين، توهان جا احسان آهن.“
    ”اسان جي نرميءَ جو غلط فائدو پيو وٺين. تون وڃي سگهي ٿو.“
    چونڊيل نمائندي جو پارو چڙهيل هو. هن چونڊيل نمائندي ۽ خاص ماڻهوءَ ڏانھن ڏٺو، جيڪو هن مھل تائين خاموش هو. هن کيس ڪنڌ ۾ اشاري سان ڪجهه چيو ۽ ٽي ايم او ٻاهر نڪري ويو. ڪمري ۾ چونڊيل نمائندي ۽ سندس خاص ماڻهو رهجي ويا.
    ”بابا، هن غريب جي ٻار تي ايتري ڪاوڙ....؟“
    ”آهي ئي نڪمو، نامراد....!“
    ”بابا....! هُو به آخر ڪيڏانھن وڃي؟“
    ”ڇو....؟“
    ”بابا، ڏسو نه....! هر مھيني پنجاهه هزار مون کي ڏئي، اوهان جي بنگلي جو سمورو خرچ ڀري، صحافين کي منٿليون ڏئي، پارٽيءَ جي مقامي اڳواڻن کان وٺي ڪارڪنن تائين سمورن کي ماهوار خرچ ڏئي. ان کان سواءِ سائين جن، سوئيپر طور پنھنجا سئو کن ماڻهو ڪچا ڀرتي ڪرايا آهن، انهن کي بنا ڊيوٽي پگهارون ڏئي. ان کان سواءِ ٻيون ننڍيون وڏيون بيگرون ڌار آهن. “
    ”هو پاڻ به ته پيٽ ڀري ان مان کائي ٿو.“
    ”بابا، ايترو ڪجهه ڪرڻ کانپوءِ، هو به ته ڪجهه لھڻي ٿو نه.....؟“
    ”اڇو منھن وڃي ڪري، پر گهٽ ۾ گهٽ شڪايت ته نه اچي.“
    ”بابا....! اوهان به بادشاهه آهيو.“
    ”اڙي، ڇو.....؟ ڇا مطلب؟“
    ”بابا، ڏسو نه..... سنڌ جو ڪھڙو شھر آهي، جيڪو کير جو ڌوتل آهي. شڪايتون ته ٿينديون رهنديون آهن.“
    ”ها، پر پوءِ به .....!“
    ”ٺيڪ آهي، بابا....! شڪايت جو ازالو ٿيندو.“
    چونڊيل نمائندو ڪا ورندي ڏئي، دروازو کليو، نوڪر چانهه ٽري ۾ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو. ٽيبل تي ٽري رکي واپس هليو ويو. خاص ماڻهوءَ چانهه جي سرڪ ڀريندي چيو.
    ”بابا....!“
    ”هون....!“
    ”توهان جي ننڍڙي اسڪول لاءِ نئين گاڏي لاءِ ضد ڪيو پئي نه......؟“
    ”ها، دادلو پٽ آهي، انگل ته ضرور ڪندو، نه ....!“
    ”بابا، سمجهو، ته ننڍي صاحب جي فرمائش پوري ٿي وئي.“
    ”اهو ڪيئن؟“
    ”بابا، ترن جو تيل ترن مان ئي نڪرندو نه ....!“
    چونديل نمائندي جي چھري تي مُرڪ گھري ٿي وئي.

    **


    رايا

    علي بابا، مون کي چيو هو،”ڪھاڻي اها محبوبا آهي، جنھن جي جيتري به خدمت ڪبي، تڏهن به راضي نه رهندي.“
    اسان جو پيارو دوست ’وفا‘ صالح راڄپر ته آهي ئي ڳوٺاڻو، نج پج، ڳوٺاڻو سڀاءُ. سادو، سچو، اهڙو جھڙو مکڻ. هن جي ڪھاڻي پڻ نج پج سچي سھڻي ڳوٺاڻي آهي. هو انتھائي ڏاهپ سان ڳوٺاڻي زندگي، وهنوار ۽ ڳوٺن جا سچ، ڪوڙ، ڀوڳن ۽ پھاڪن سان پنھنجي ڪھاڻيءَ کي سينگاري ۽ سنواري پيو. اصل ۾ ڳوٺ ئي ٻوليءَ جا قلعا هوندا آهن، اهي ئي، هر هر ڏکي وقت ۾ ٻوليءَ جو بچاءُ ڪندا آهن. جنھن به ٻوليءَ کي ڳوٺ آهن اها، ضرور بچندي ۽ ترقي ڪندي.
    وفا صالح راڄپر جون ڪھاڻيون ڳوٺاڻي سماج تي لکيل يقيني طور سنڌي ادب ۾ اهم جڳهه والارينديون ۽ جنھن تي فخر به ڪري سگهبو.

    اخلاق انصاري

    **

    اسان وٽ ساڃاهه هجي ته سنڌ سوئيزرلينڊ کان گهٽ ناهي ۽ سنڌي ڪھاڻيڪار پرڏيهي ڪھاڻيڪارن کان گهٽ ڪونه آهن. اسان ساڙ جي عينڪ لاهي رڳو انهن کي پڙهون ته جمال ابڙو، نسيم کرل ۽ ايشور چندر، غلام نبي مغل ۽ امر جليل کان وٺي محمد صديق مـنـگـيـي تـائـيـن هـڪ وڏي کـيـپ آهـي جـن زندگيءَ کي اهڙي نموني (Portray) ڪيو آهي جو چيخوف ۽ ڪافڪا به نه پڄن، جو انهن اسانجي جيون جي اهڙي ته تصوير ڪڍي آهي جو ڇا ڳالهه ڪجي؟!
    وفا صالح راڄپر سنڌي ٻوليءَ جو برجستو ڪھاڻيڪار آهي. هن وٽ ڪھاڻي لکڻ جو فن آهي، هن جي ڪھاڻين ۾ ٻولي، منظرنگاري ۽ پڄاڻي (Climax) جي حوالي سان، ڪنھن سٺي مُوسيقار جي سھيڙيل سازن سان ان گيت وانگر آهي جنھن ۾ ڪو ساز واڌو وَڄايل ناهي هوندو ۽ نه ئي ڪو جهولُ هوندو آهي.

    آدرش

    **

    پنھنجي ڳوٺ جي نانءَ کان وٺي، پنھنجي ڪھاڻين جي عنوان تائين درد جي وسيع ڪائنات رکندڙ ’وفا‘ صالح راڄپر سنڌي ڪھاڻيءَ جو خوبصورت نالو، جنھن جي سِٽن، جملن ۽ لفظن ۾ نئين جوڀن جي اُرهه جھڙي خوشبوءِ آهي، جنھن وٽ ڪھاڻيءَ جا رنگ، جوانيءَجي رنگ جھڙا مھڪندڙ آهن. هن جي ڪھاڻين جي گرفت ايتري مضبوط آهي جو هڪ ڪھاڻي پڙهڻ کانپوءِ ٻي ڪھاڻي پڙهڻ تي دل ڇڪجي ويندي آهي ۽ اها هڪ سگهاري ۽ ڪامياب ڪھاڻيڪار جي سڃاڻپ آهي.

    علي آزاد
    **


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 731
    ڪتابن جو مشاهدو: 1088340
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 356650
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ