ڪتاب جو نالو: زينت
مصنف: مرزا قليچ بيگ
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1973
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 09 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 675 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 363 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” کي خاص اهميت حاصل آهي. هي هڪ، معاشرتي ناول آهي.
هن ناول لکڻ وقت مرزا صاحب مرحوم، ناول جي جديد اصولن کي مد نظر رکيو آهي، پر ان هوندي به ڪجھ قدرتي داستانوي رنگ اچي ويو آهي. هن کان اڳ ۾ سنڌي زبان ۾ داستانن جو رواج هو.
هي سنڌيءَ جو پهريون ناول آهي، جنهن ۾ ناول جي فن جي تقاضائن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ناشر طرفان ٻه لفظ
  • پــيــش لــفــظ
  • باب پهريون : نـيـاڻـيءَ جـو فـڪـر
  • باب ٻيو : سرائيءَ جو گهر
  • باب ٽيون : پٽ جي ڳڻتي
  • باب چوٿون : سجاڳ ڇوڪري
  • باب پنجون : نئون پيغام
  • باب ڇهون : جــوڙ جُــڙڻ
  • باب ستون : مبارڪ شادي
  • باب اٺون : جــدائــي
  • باب نائون : بــچــاءُ
  • باب ڏهون : ڀــڄ ۾
  • باب يارهون : جيل ۾
  • باب ٻارهون : ميلاپ
  • باب تيرهون : خانه بربادي
  • باب چوڏهون : نئون اسڪول
  • باب پندرهون : بغداد ۾
  • باب سورهون : سلطان وٽ
  • باب سترهون : منصوبو
  • باب ارڙهون : وڏن وٽ
  • باب اوڻيهون : غلطڪار فرزند
  • باب ويهون : وري وطن ۾

  • سنڌ سلامت پاران

    مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” کي خاص اهميت حاصل آهي. هي هڪ، معاشرتي ناول آهي.
    هن ناول لکڻ وقت مرزا صاحب مرحوم، ناول جي جديد اصولن کي مد نظر رکيو آهي، پر ان هوندي به ڪجھ قدرتي داستانوي رنگ اچي ويو آهي. هن کان اڳ ۾ سنڌي زبان ۾ داستانن جو رواج هو.
    هي سنڌيءَ جو پهريون ناول آهي، جنهن ۾ ناول جي فن جي تقاضائن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.
    هي ناول پهريون دفعو 1890ع ۾ ڇپيو. ان بعد سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪيترائي دفعا ڇپيو آهي.


    ناشر طرفان ٻه لفظ

    ڪتابي ادبي جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد به ڪرايا ويندا آهن ۽ انهن جي بر وقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي. پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.
    زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهين به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب و تاب سان هميشه نڪرندائي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سون اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهين لکيائي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري، ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهين معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهين هميشه وڃائيندائي رهياسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو. سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.
    سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هيءُ به رکيو آهي، ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ طرفان ڪيترائي ڪتاب جهڙوڪ: گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل، جهان آرا، سون ورنيون دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، هدايت الانشاء، گل ۽ ايسپ جون آکاڻيون اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي هڪ وڌيڪ ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
    هيءُ ناول سنڌي علم ادب جي عظيم محسن، مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، جو تصنيف ڪيل آهي، ۽ سنڌي علم ادب جي عظيم محسن، مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، جو تصنيف ڪيل آهي؛ ۽ سنڌ جي اوائلي اصلوڪن ناولن مان هڪ بهترين ناول آهي، جو اگرچه ستر سال کن اڳ جو لکيل آهي، ته به ان مان اڄ به اهوئي لطف حاصل ٿئي ٿو، جهڙو ڪنهن هاڻوڪي لکيل معياري ناول مان. سنڌي افسانوي ادب جي هن لافاني ڪتاب جا چند پهريان اقتباس – مڪالمن سميت – اردو ناول ”صحت النساء“ تان ورتل آهن، جيڪو مرزا صاحب مرحوم پاڻ ئي ڪجهه وقت پوءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، سڄي جو سڄو ساڳئي نالي سان، جدا پڻ شايع ڪرايو هو. معلوم ائين ٿو ٿئي ته پاڻ مٿين اردو ناول جو ترجمو ڪرڻ جو ويٺا ته ترت ئي کين ذهن ۾ هڪ نئون ۽ بهتر پلاٽ سجهي آيو، ۽ ترجمي کي اتي ڇڏي، ان پنهنجي طبعزاد پلاٽ جي بنياد تي هڪ نئون ۽ مڪمل ناول ”زينت“ لکي پورو ڪري ورتائون. پر ”صحت النساء“ اردو ناول به، جو پنهنجي جاءِ تي کين ايترو وڻيو هو، سو اڳتي هلي، فرصت سان ان جو مڪمل ترجمو ڪري، ان جي الڳ اشاعت جو پڻ اهتمام ڪيائون.
    زير نظر ناول ظاهر ته هڪ خيالي قصو پيو لڳي، مگر در حقيقت گهڻي قدر سچن واقعن جو مجموعو آهي، جن مان ڪي واقعا ته خود مرزا صاحب جي خاندان سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪي سندس قريبي تعلق رکندڙ خاندانن سان، انهيءَ حيققت نگاريءَ سبب ان ۾ تمام گهڻا اخلاقي سبق نهايت دلچسپ ۽ دلنشين پيرايي ۾ درج ٿيل آهن، ۽ ان ۾ هر مزاج جي پڙهندڙن لاءِ سچين پچين ڳالهين جو لطف موجود آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هو، ته ههڙا لافاني ڪتاب ترت ترت شايع ٿيندا رهن، ۽ انعامي، لئبرري ۽ نصابي طور خوب پکڙن، مگر اسان جي پبلشرن ۽ تعليمي اختياريءَ وارن جي غفلت ۽ عدم توجهيءَ سبب، افسوس جو اسان جي عام پڙهندڙن کي ورهين جا ورهيه انهن جي مطالعي کان محروم رهڻو پوي ٿو.
    سنڌي ادبي بورڊ هن افسوسناڪ ڪوتاهيءَ کي شروع کان ئي محسوس ڪري، پنهنجي پروگرام جو هڪ شعبو خاص اهڙن معياري، مگر ناياب ڪتابن جي از سرنو طباعت ۽ اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي. نهايت خوشي جي ڳالهه آهي، ته انهيءَ پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن مان ڪن جا ته ٻيا ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال – ٻن جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن، جن مان عوام طرفان بورڊ جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت ملي ٿو. مناسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ اهي ناياب ڪتاب محض جيئن جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿو پڌرا ڪري، بلڪ انهن کي لائق اديبن هٿان نئين سر سڌرائي، ۽ طباعت ۽ ڪتابي اشاعت جي جديد تقاضائن موجب حتي الامڪان ٺاهي سينگاري، پوءِ شايع ٿو ڪري. ايتريقدر، جو ڪتابن جي هنن نون ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو وڃي ٿي. بورڊ جو هي پروگرام ڪافي وسيع آهي، ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه سو قديم خواه جديد مگر ناياب ٿيل ڪتاب شايع ڪرڻا آهن. اميد آهي ته سنڌي ادب جا بهي خواه بورڊ جي هنن ڪوششن کي همٿائيندا ۽ هن نيڪ مقصد جي تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدر مشورن سان هميشه نوازيندا رهندا.


    سيڪريٽري،
    سنڌي ادبي بورڊ


    پــيــش لــفــظ

    پڙهندڙڻ جي خدمت ۾ عرض ته ”ناول“ صنف جي ڪتابن جي گهرج سنڌ ۾ تمام گهڻي آهي. سڌريل ملڪن ۾ ۽ سڌريل ٻولين ۾ هزارين ناول اڳيئي جڙيل آهن، ته به هزارين ٻيا سال بسان نوان پيا جڙ، ۽ جوڙڻ وارا نه رڳو مڙس آهن، پر زالون به. انهيءَ مان معلوم ٿيندو ته اتي جي مڙسن ۽ زالن کي انهيءَ قسم جي ڪتابن پڙهڻ جو ڪيترو نه شوق آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جا ڪتاب بلڪل ڪمياب آهن، نڪو ڪنهن کي انهن جي لکڻ يا پڙهڻ جو گهڻو شوق ٿو ڏسجي. تنهن ڪري اهڙي شوق پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ مون هن کان اڳي انهيءَ نموني جو هڪڙو ننڍو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو ”دلارام“ آهي. ٻيو وري هي لکيو اٿم.
    اهو هڪڙو نئون رٿيل خيالي قصو آهي، جنهن ۾ زماني جي گردش ۽ هال چال جو بيان گهرو اصطلاح ۾ ڏنل آهي. هن ۾ سنڌ جي سڌريل گهرن جي هلت چلت، جيڪا اڪثر هن زماني ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، سا چڱيءَ طرح ڏيکاريل آهي. قصو رڳو ڪهاڻيءَ وانگي ناهي، پر گهڻو ڀاڱو گفتگو جي صورت ۾ ڏنل آهي. اڳوڻي زماني جي قصن وانگي هن ۾ جن ڀوت يا پري يا ديو يا جادوءَ جو نالو به ڪونهي. هن ۾ اهڙا واقعا ڏنل آهن، جي ٿيڻ جهڙا آهن، جي سڀڪنهن انسان جي سر تي اچي سگهن ٿا. ۽ جڏهن منهنجو اهو به مطلب هو ته زالن جي دل تي نيڪيءَ جو اثر ويهاريان، تڏهن هن ۾ جيڪي خيالي ماڻهو آندا اٿم، تن مان مکيه هڪڙي زال آهي، جنهن تي ساري قصي جو مدار آهي. انهيءَ جي نالي جي پٺيان مون هن ڪتاب جو نالو به ”زينت“ رکيو آهي. اميد ته پڙهندڙ ان جي پڙهڻ مان گهڻي خوشي حاصل ڪندا، ۽ قسمين قسمين جون نصيحتون ڪڍندا، ۽ جيڪا سهو يا خطا ڏسندا تنهن بابت مهرباني ڪري مون کي اطلاع ڏيندا، ته آئنده لاءِ اُن تي مناسب نظر رکي وڃي.
    هن ڪتاب ۾ هيٺين ڳالهين جو ذڪر هليل آهي، ۽ جتي ڪنهن سڌاري هئڻ جو ضرور ڏٺو ويو آهي، اتي مناسب طرح اشارو به ڏنو ويو آهي:
    نياڻي جي پرڻي بابت ماءُ کي ڳڻتي، پنهنجن يا پراون کي سڱ ڏيڻ – ذات ڏي ڏسڻ، يا ڌن ڏي ڏسڻ، يا ڪن ٻين ڳالهين ڏي؛ قديم خاندان جي اجائي هلت چلت ۽ ان ڪري سندن خانه خرابي؛ زناني تعليم؛ زنانه اخلاق ۽ سگهڙپائي، ٻن گهرن جي پاڻ ۾ اُٿ ويهه، ننڍيءَ وهيءَ ۾ شادي نه ڪرڻ، ڪهڙي قسم جي زال هٿ ڪجي ۽ ڪهڙيءَ طرح، شاديءَ لاءِ زال جي مرضيءَ پڇڻ جو ضرور، ڪهڙي قسم جو مڙس زال قبول ڪري، پردي وارين زالن جو ٻاهر نڪري، ٻئي هنڌ وڃڻ جو دستور، مهمان جي آڌر ڀاءُ، ماني کائڻ جو دستور، سڱ گهرڻ ۽ شاديءَ جي قبولداري ڪرڻ، شاديءَ جا اجايا خرچ ۽ اڍنگا رستا – ان لاءِ سڌريل رٿون، گهر هلائڻ جي خرچ جو بندوبست ۽ بچت جو قابو رکڻ، پردو ڇاکي چئجي ۽ اهل پردي جا ڪي رستا، زال مرس جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ جو رستو، زال مڙس جو هڪٻئي ڏي خط پٽ لکڻ، زالن جو سفر، سمنڊ جي مسافري، سختيءَ مهل ڪيئن هلت ڪجي، سرڪاري ڪامورن جو ظلم، ڏک، سک جي حالت، نمڪ حلال ٻانها، خراب صحبت جو اثر، ڪهڙيءَ طرح خراب عادتون پون ٿيون، ۽ انهن مان خراب نتيجا نڪرن ٿا، مائٽ جي محبت اولاد ڏانهن، پڙهيل زالون پهنجي قوم وارن کي فائدو پهچائي سگهن ٿيون، زناني مڪتب جو انتظام، ۽ انهيءَ جو چڱو نتيجو، ڏيهي شاگردن جو تعليمي لاءِ ولايت ۾ وڃڻ، ماڻهن سان رهوڻي، ملڪن جي سير ڪرڻ مان آزمودو ۽ واقفيت، هوشياري ۽ چالاڪيءَ ڪري وڏن درجن جو ملڻ، زناني سڌاري جي مجلس، اُن جو انتظام ۽ انهيءَجا فائدا، بادشاهن سان اميرن جي نمڪ حلالي ۽ ايمانداريءَ جا چڱا نتيجا، وطن جي حب، حڪومت هلائڻ جي تجويز، هتي جي ڏيهي ماڻهن جي منڊمن سان شادي ڪرڻ مان نفعا ۽ نقصان، سڀڪنهن لاءِ پنهنجي قوم چڱي، ٻن ڀائرن جي طبيعتن ۾ فرق، پي ماءُ سان خراب هلت ڪرڻ مان پشيماني، زال مڙس جي فرمانبردار هئڻ کپي، نه مڙس زال جو تابعدار، زال ۽ مڙس جي ناسازيءَ مان خراب نتيجا، اولاد تي ماءُ، پيءُ جا حق، زمين جي آباديءَ واسطي سڀڪنهن لاءِ مختصر رستو.


    قليچ بيگ
    منزل، روهڙي،
    تايخ 1 – آڪٽوبر 1890ع


    باب پهريون : نـيـاڻـيءَ جـو فـڪـر

    اَرهڙ جا ڏينهن هئا، صبح جو سج اُڀري سنئون ٿيو هو.
    بختاور ٻهاري سهاري ڏيئي بس ڪئي هئي، ۽ ٿانو ٿپو ملي پئي بورچياني ۾ رکيائين، مائي شهربانو، سرائي فتح خان مرحوم جي زال، صفي ۾ منجي وجهيو ويٺي هئي.، ڏندڻ – پاڻي ڪري بس ڪيو هئائين. اتي ئي ماٺ ڪيو، ڳلن تي هٿ ڏيو، ڪنهن خيال ۾ ويٺي هئي. سندس نياڻي زينت بانو پاسي واريءَ ڪوٺيءَ جي اڳيان ٻاهر پينگهي ۾ ويٺي قرآن جو دور ڪيو، ۽ سندس پٽ حامد علي، ڪتاب ڪڇ ۾ ڪري اسڪل ڏي روانو ٿيو هو.
    گهر جا ڀاتي انهيءَ حالت ۾ هئا، ته در جو کڙڪو ٿيو، بختاور نڪري ٻاهر ويئي، ۽ ستت هڪڙي ننڍي ڪمانگري صندوق مٿي تي، ۽ هڪڙي ڇٻي ميوي جي هٿ ۾ کڻي آڻي مائيءَ جي آڏو تڏي تي رکيائين.
    مائي شهربانوءَ پڇيو ته ”بختاور، هيءُ ڇا آندو اٿيئي؟“ بختاور چيو ته ”مائي، سيٺ گل محمد جي گهران، دعائون سلام به ڏنا اٿن ۽ هيءَ سوکڙي به موڪلي اٿن، وٽن ڪو تازو مال ٻاهران آيو آهي.
    ائين چئي، بختاور بورچيخاني ڏي هلي ويئي. جهٽ ۾ وري موٽي آئي، ته به مائي ائين ئي ڳلن کي هٿ ڏيو ويٺي هئي، ۽ سوکڙيون ائين ئي تڏي تي رکيون هيون. تڏهن چوڻ لڳي ته ”ڇو مائي، اڄ ڪهڙي فڪر ۾ ويٺي آهين؟ جيئي تنهنجو اولاد، توکي ڪهڙُ فڪر هئڻ گهرجي؟“
    شهربانوءَ چيو ته ”بختاور، ڇو نه فڪر هوندو، هڪڙو ته (الله رهيس) سرائيءَ جي گذرڻ کان پوءِ سڄو بار مون تي ليٽي پيو. قضيي کي ٻارهون مهينو ٿو ڏسجي، ته به آءٌ ائين ٿي سمجهان ته ڄڻ سرائي ڪالهه مئو آهي. جا خوشي اڳي گهر ۾ ڏسندي هئينءَ، سا ڪا ڏسين ٿي؟ تو به اسان وٽ عمر آندي آهي، ۽ گهر جو ڀاتي ٿي رهي آهين. ٻيو زينت جي ڳالهه مون کي ڪک ۾ ڪان لڳي بيٺي آهي. خير جي هيڏي ساري ٿي آهي، خدا ڪري ته وڃي پنهنجي گهر تڙ واري ٿئي، ته پاڻ به خوش رهي ۽ اسين به ڳڻتيءَ کان ڇٽون. هينئر ماڻهن ۾ حال ڪونه وڃي رهيو آهي – نه اميرن مان نه فقيرن مان ٿا ٽرن، گلا ڪندي هنن کي دير ڪانه ٿي ٿئي، اشراف ته هينئر پنهنجو ڪنڌ لڪايو وتن گذاريندا.“
    بختاور چيو ته ”مائي، سچ ٿي چوين – اولاد جو فڪر مائٽن کي نه هوندو ته ٻيو ڪنهن کي هوندو؟ خدا ڪندو ته زينت سگهو ئي وڃي سُکي ٿيندي. پر مائي، اوهين به اُڪلاءُ ڪونه ٿا ڪريو. مائٽيءَ لاءِ ته تمام چڱا چڱا ماڻهو چون ٿا، اوهين الائجي ڇو هام نٿا ڀريو، پهرين هن سيٺ جو گهر ڪو ننڍو آهي، جتي هزارن جو مال پيو اچي وڃي! يا محمد رمضان وڪيل ڪو گهٽ آهي، جنهن جي هينئر سڀڪائي ٿي هلي.!“ شهربانوءَ چيو ته ”اُهي به چڱا آهن، پر پنهنجا ڪي وري بڇڙا آهن؟ ادي الهداد جو جوان پٽ ويٺو آهي – پنهنجو رت آهي، پنهنجو هڏ آهي – پر بختاور، آءٌ ڇتي ٿي پيئي آهيان، ڪيئن ڪريان. نه وري نينگريءَ جي مون کي ڪا خبر ٿي پوي. ڏينهن – ٻن ۾ تون ڪو سماءُ لهي ڏينم – ته سندس ڇا خيال آهي، تو نپايو اٿس، توکان پنهنجو حال ڳجهو نه رکندي آهي.“
    انهن ڳالهين ڪندي بختاور ڇٻي مان بمبئيءَ جو تازو آيل ميوو ڪڍي تڏي تي رکيو- لال ڪيوڙو هو، انناس هئا، انب هئا، پپنوس هئا، ۽ صندوقڙي ته مائيءَ پاڻ کولي – منجهس چڱا چڱا ريشم جا ٽڪرا هئا، هڪڙي جوڙي سچن موتين جي دٻليءَ ۾ پيل هئي، ۽ ڏهه – ٻارهن سونيون چوڙيون هيون. اهي ڏسي، مائيءَ کان وڌ بختاور خوش ٿي، ٻاهر ڀرو ٿي سڏ ڪري زينت بانوءَ کي چيائين ته ”امان زينت، هيءُ ته اچي ڏس، ڪهڙيون نه مزي جون شيون آيون آهن.“
    پر زينت پنهنجي دؤر ڪرڻ ۾ مشغول هئي، تنهن ڪري اکيون مٿي کڻي دائيءَ ڏي ڏسي وري به پڙهڻ کي لڳي رهي. مائيءَ بختاور کي چيو ته ”هيءَ صندوقڙي کڻي وڃي اندرينءَ وڏي صندوق ۾ رکي اچي، ۽ ميوو ٿالهيءَ ۾ وجهي، مٿي جاري تي نيئي رک.“
    بختاور ائين ڪيو. سگهوئي وري آئي، ۽ سويرڪي ڳالهه چوري، وري به چوڻ لڳي ته ”مائي، شابس آهي ويچاري گل محمد کي، ڏيڻ وٺڻ اهڙو ٿو ڪري، جهڙو مائٽ ڪن. مون کان پڇين ته محمد رمضان وڪيل کان هيءُ سو ڀيرا چڱو آهي، وري ويچارو ذمو به کڻي ٿو ته پئسا خرچ ڪري حامد کي به پرڻائي ڏيندس!“
    شهربانوءَ ورندي ڏني ته منهنجي نظر ۾ ٻيئي هڪجحڙا آهن. چڱا آهن ته ٻيئي چڱا آهن، نه ته ٻيئي چڱان ناهن؟“
    بختاور پڇيو سو ڀلا ڪيئن؟“
    شهربانوءَ چيو ته ”سو هينءَ ته سيٺ گل محمد چڱو ماڻهو آهي ۽ سندس ننڍو پٽ به غريب ٿو ٻڌجي، پر جيتوڻيڪ پڄنديءَ وارو آهي ۽ بخت زور اٿس، تڏهن به اصل جي توکي خبر آهي ته ذات جو ميمڻ آهي. جي اسين ساڻس اهڙو پير کڻنداسين، ته ماڻهو اسان تي کلندا ته پئسن جي لالچ تي اهو ڪم ڪيائون، يا چوندا ته جڏهن مڙس مري ويا، تڏهن زالن ٽڪن تي پنهنجو ٻار وڪيو. سو ويچاري مئي تي مون کي خلق کلائڻي ناهي.“
    بختاور چيو ته ”مائي، اهو سچ ٿي چوين، پر وٺ سک کي – ٻار ته وڃي سکيو ٿيندو، اسين پاڻ به سکيا ٿينداسين. اگرچ خير جو وقت چڱو پيو گذري، تڏهن به جي دور پاڻ اڳي ڏٺا آهن، سي ڪي هينئر آهن؟ جيسين اسان جو حامد خدا حياتي ڏئيس – کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ٿئي، تيسين هن رستي سان اسان جي زندگي مزي جهڙي پيئي گذرندي.“
    شهربانوءَ چيو ته ”اڙي، اهڙي گذر کان پنهنجو غريباڻو ٽڪر چڱو.“
    بختاور چيو ته ”محمد رمضان وڪيل جي به ته ايتري ئي ڳالهه آهي.“
    مائيءَ ورندي ڏني ته ”هائو، انهيءَ جي بابت به منهنجو اهڙوئي اعتراض آهي. هو هينئر وڏو ماڻهو آهي ۽ هزارن جو ڌڻي آهي ته ڀو ڪونهي، پر توکي خبر آهي ته پڻس رڳو مسيت جي ٽڪرن تي پليو، ۽ رڳو ڪڪڙ وانگي ٻانگون ڏيئي لولا ڇڏائيندو هو. وري انهيءَ وڪيل کيه ڪڙي زال ته اڳيئي آهي، سو پهاڄ تي ڪنهن کي کُٽيءَ کنيو آهي جو پنهنجو ٻار ڏيندو!“
    بختاور چيو ته ”اهو جيڪي چوين ٿي، غلط ڪونهي، اهو مون کي به نٿو وڻي، باقي سيٺ جي گهر ۾ سو مون کي عيب ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي؟“
    شهربانوءَ چيو ته ”مون کي ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو، مون کي پنهنجي ڀاءُ جي اولاد جو خيال آهي. پنهنجن هوندي پراون کي ڪير ڏيندو؟ ادي الهداد کي نياڻي آهي، سا منهنجي حامد کي ڏيندو ، ۽ سندس پٽ اميد عليءَ کي آءٌ کڻنديس. اهڙي چڱي ڳالهه ٻي ڪهڙي؟“
    بختاور ورندي ڏني ته ”اهو مائي سچ آهي، اها ته کير ۾ کنڊ آهي.مون رڳو سکيي گذران لاءِ ٿي چيو، نه ته جيئي تنهنجو ڀائٽيو، جواڻ جماڻ آهي، منجهس ٻي گهٽتائي ڪانهي.“
    مائيءَ چيو ته ”گذران خير جو پيو ٿيندو، جي ادو شاهوڪار ناهي، ته اسان کان غريب به ناهي، باقي اميد علي گونگو آهي، ته ڀو ڪونهي، پيءُ جو گهر سنڀاليو ويٺو هوندو پر جهڙو هجي، تهڙو وري به پنهنجو جگر آهي، تنهن کي ڪونه ڇڏبو؟ الله ڪندو ته سندس ننڍڙي ڀيڻ چڱي ٿيندي، سڀاڳي سدوري ٿيندي!“
    بختاور چيو ته ”مائي،سرائي اميد علي چڱو آهي، جوان آهي، پر منهنجي زينت سان ڪٿان مٽ ٿيندو؟ مائي، پنهنجي ڀاءُ جي پاران چڙين ته ڀلي پيئي چڙ – سندس بدران ڏهه نياڻيون ملن، ته به آءُ ساڻس مٽ نه ڪريان، پر وڏي ڳاهه امي دعلي کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ڪٿان ٿيندو. سڄو ڏينهن گهر ويٺو هوندو، اٽلندو اسان جي زنيت سندس خدمت چاڪريءَ ۾ هلاڪ هوندي! سرائي الهداد کي جيڪا پينشن ملي ٿي، سا مٿان ئي واڻيان قرض ۾ کنيو وڃن، باقي ٻي ڪهڙي پيدائش اٿس، جنهن تي اسان جي زينت کي سکيو رکندا؟“
    شهربانوءَ چيو ”سو سچ آهي، پر بختاور! ڏک سک به پنهنجن ۾ چڱو، پراون جو سون به گهوريو. مون کي به اهي ئي ڳڻتيون آهن، جن ۾ پيئي ٻڏان چڙهان. اهوئي خيال هوم جنهن ۾ موڙهي ويٺي هيس. خدا ڪري ته خير سان نينگري وڃي شينهن ڪلهي چڙهي، ته اسان کي به آرام ٿئي. چڱو، هاڻ ياد ڪري مون کي زينت جو سماءُ لهي ڏج. رڌڻ پچائڻ جي مهل به ٿي آهي، وڃي تنهن جو بلو ڪر. جيڪا الله گهري هوندي، سا پيئي ٿيندي.“ ائين چئي، مائي پاڻ اُٿي پيرن ڀر ٿي، ۽ بختاور بورچيخاني ڏي هلي ويئي.


    باب ٻيو : سرائيءَ جو گهر

    انهيءَ گهر جو جيڪو ذڪر مٿي ڏنو ويو اهي، تنهن جي پوريءَ طرح سمجهڻ ۾ هتي مختصر طرح بيان ڪرڻ ضروري ڏسجي ٿو.
    سرائي فتح خان، سنڌ جي هڪڙي قديم خاندان مان هو. سندس پيءُ، مير غلام علي خان ٽالپر جي ڏينهن ۾ مشهور بهادر ٿي گذريو هو ۽ هڪڙي جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو هو. سرائي فتح خان پاڻ به مير مراد علي خان وٽ معتبر ۽ عزت وارو ماڻهو هو. ٽالپرن جي حڪومت وئي کان پوءِ هن کي هڪ سو رپيا انگريز سڪار مان پينشن ملندي هئي، جيڪڏهن نوڪري ڪري ها، ته سرڪار مان هن کي وڏي آبروءَ جهڙي جڳهه ملي ها، پر هن نوڪريءَ کان عار ٿي ڪيو ۽ پاڻ کي گذريل حڪومت جو نمڪ خوار ڄاڻي، خانگي گذران کي فخر ٿي سمجهيائين.
    اگرچه اڳوڻي وڏ ماڻهپ جي هلت چلت ڇڏي به نه سگهيو، تنهن ڪري البت ڏکيائي هوندي هيس، تڏهن به هو ڏاهو ۽ آزمودگار ماڻهو هو. بلڪل چڱيءَ تجويز سان هلت ڪندو هو. پهرين ڏينهن ۾ ته جيڪي پنهنجا قيمتي زيور ۽ مڻا هئن، سي ڳاري، ٺاهه ٺوهه رکندو ايندو هو. جڏهن اُهي سڀ کپي ويا، تڏهن خرچ گهٽائڻ لڳو. اهڙيءَ طرح جو پينشن کان وڌيڪ خرچ نه ٿيندو هوس. اهڙيءَ رٿ ڪري، هو پاڻ کي قرض کان بچائيندو آيو هو، نه ته اهڙيءَ حالت ۾ اڳوڻي وقت جا ڪيترا خاندان هن کان اڳي خراب ٿي ويا هئا.
    هن سرائيءَ ٻيون به ٻه ٽي چڱيون ڳالهيون ڪيون، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو پنهنجيءَ قوم جي ٻين ماڻهن کان هر طرح زياده عقل وارو هو: هڪڙو ته شادي رڳو هڪ زال سان ڪئي هئائين، جنهن ڪري گهر جي ريڙهه پيڙهه ۽ اندروني معاملن کان به ڇٽي پيو ۽ خرچ جي ڪفايت به ٿيس.
    ٻيو ته اگرچ پاڻ اڳئين زماني جو هو، ته به اڳ ڳڻتي ڪري هاڻوڪي زماني جي مناسب طرح واٽ وٺڻ لڳو. پنهنجي پٽ حامد عليءَ کي ننڍي ئي هوندي اسڪول ۾ پڙهائڻ ويهاريائين، جو پهرين سنڌي ۽ پوءِ انگريزي به پڙهڻ لڳو. اگرچه انهيءَ ڪري سندس عزيز ۽ پاڙيسري مٿس کلڻ ۽ ٽوڪون ڪرڻ لڳا، ته به انهيءَ جي پرواهه نه رکيائين، پٽ جي ته ڳاهه ڇڏيو، پر پنهنجي نياڻي زينت بانوءَ کي به گهر ئي گهر ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. ڪي سندس ڪوشش سان، ڪي حامد جي سنگت مان، ۽ ڪي هڪڙي پير مرد آخوند جي پڙهائڻ ڪري، هوءَ قرآن ۽ ديني ڪتابن ۾ توڙي سنڌي فارسي پڙهڻ ۾ اهڙي چالاڪ ٿي ويئي، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر.
    هن سرائيءَ جا اهي سڌريل رستا پنهنجا ئي پنهنجا هئا، سندس قوم جي رستن کان بلڪل ٻيءَ طرح جا هئا، تنهن ڪري سندس ويجها مائٽ به مٿس کلندا هئا، ۽ هن کان گوشو ڪندا هئا، يا ته شهر ۾ انهن ڳالهين ڪري جيڪا سندس تعريف ٿيندي هئي، تنهن تي حسد ڪندا هئا. انهيءَ سبب هن کي لاچار ٿيو،. پنهنجي منهن پنهنجو رستو وٺڻ ۽ رڳو ظاهري پنهنجن عزيزن سان اُٿ ويهه جو رستو رکڻ. هو حيدرآباد جي پسگردائيءَ ۾ ڪوهه کن پنڌ تي رهندو هو، تنهن ڪري ٻهراڙيءَ ۾ رهي شهر جي سڌاري مان فائدي وٺڻ جو هن کي چڱو وجهه مليو.
    اڳي ته وٽن گهڻائي ٻانها ٻانهيون هوندا هئا، پر صاحبيءَ ڦرڻ کان پوءِ باقي هڪڙو شيدي شنگور نالي ۽ هڪڙي حبشياڻي بختاور نالي وڃي رهيا هئن، پر شنگور به مري ويو هو، باقي بختاور هوندي هئي، جا هنن کي گهڻي ڪم جي هوندي هئي. هن ٻارن کي ننڍو ڪري نياپو هو،تنهن ڪري هو هن کي ماءُ وانگي ڄاڻندا هئا. پيدائش پوري پني هين،تنهن ڪري سرائي، ٻيو نوڪرنه رکيو هو. انهيءَ ٻانهيءَ منجهان سڀ ڪم جو پورائو ڪندو هو.
    آخر ٻاهٺ ورهين جي عمر ۾ سرائيءَ وفات ڪئي. هن مرڻ مهل پنهنجي گهر جي ڀاتين کي سڏي روبرو ويهاريو ۽ هڪ هڪ کي آئيندي جي هلت ڪرڻ لاءِ نصيحتون ڏنائين، جي هنن کي مرڻ گهڙيءَ تائين دل تي ڄميون بيٺيون هيون،
    سندس مرڻ کان پوءِ سرڪار پينشن سو رپيي مان گهتائي پنجاهه ڪري، سندس زال، مائي شهربانوءَ جي نالي ڪئي، جنهن تي هنن جو گذران ٿيندو هو؛ تنهن کان سواءِ اها مائي پاڻ، توڙي سندس ڌيءَ زينت بانو، سبڻ ڀرڻ جي ڪم ۾ هوشيار هونديون هيون. بختاور ڪڏهين ڪڏهين شهر ۾ وڃي پاٽولين يا ٻين واڻين کان ڪپڙا وٺي ايندي هئي، ۽ تيار ڪرائي هنن کي ڏيئي، پئسا وٺي ايندي هئي.
    انهيءَ طرح سرائيءَ جي مرڻ کانپوءِ به هنن جو ڪارخانو اندران ئي اندر اهڙو پئي هليو، جو آسپاس وارا حيران هئا ته هي الائجي ڪيمياگر آهن ڪينءَ، جو آبروءَ سان گذران ڪندا اچن ۽ اندر ٻاهر جو خرچ پکو هميشه وانگي چڱي طرح هلائيندا اچن.
    حامد علي اچي سورهن سترهن ورهين جو ٿيو هو، پر اڃا انگريزي اسڪول ۾ پڙهندو هو. زينت بانو چوڏهن پندرهن ورهين جي جوان ڇوڪري هئي. جي سندس باطني سيرت جي اسان مٿي تعريف لکي آهي، ته سندس ظاهري صورت به گهٽ ڪانه هئي. پردي واري گهر جو ٻار هو ۽ سک سان پليو هو، تنهن ڪري هوءَ ڏاڍي نازڪ بدن هوندي هئي. رنگ تمام اڇو نه هوس، ته به نهايت وڻندڙ هوس، ليڪن مهانڊا ته اهڙا هئس جو ڏسندڙ جي دل ۾ چپي ويندا هئا.
    طبيعت اهڙي چڱي هيس، جو اهو ڪونه هوندو، جنهن سان هن مرڪڻ ڌاران ڪڏهن ڪي ڳالهايو هوندو، گهر جو خرچ پکو ۽ حساب ڪتاب جيڪو ٿيندو هو، سو سندس پيءُ جي ڏينهن ۾ ئي هن وٽ رهندو هو. جيڪي پڙهيو هئائين يا ٻڌو هئائين، تنهن مان هن کي هيترو فائدو حاصل ٿيو هو، جو هوءَ پنهنجي وقت سجايو ڪم آڻيندي هئي. مهل تي لکندي پڙهندي هئي ۽ مهل تي سبندي ڀريندي هئي.
    نه رڳو ايترو، پر اڪثر پنهنجي دائيءَ بختاور کي رڌڻ پچائڻ ۾ به مدد ڏيندي هئي؛ ۽ جيڪڏهن هوءَ بيمار ٿي پوندي هئي، ته پوءِ سڄو بار سندس سر تي ايندو هو. انهيءَ هوندي به پوشيد گائي حد کان وڌيڪ هوندي هيس. ڪپڙو گندي ته سٺو رکندي هئي، پر گهر مان جا هڪڙي ڪوٺي خلاصي کيس مليل هئي، جنهن ۾ ڀاڻس حامد به اچي رهندو هو، تنهن ۾ شيءِ شڪل اهڙيءَ تجويز سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي رکيل هوندي هئي، جو جيڪو پاڙي اوڙي جو ماڻهو ڪڏهن اتي ويندو هو ته سندس سگهڙپائيءَ جي تعريف مان ڍاپندو ئي ڪين هو.
    اهڙين ڳالهين جي ڪري، هن گهر جي و اکان ڳوٺ مان هلي شهر جي ماڻهن تائين وڃي پهتي هئي: پوءِ اهڙيءَ ٻانهن جي لاءِ ڀلا ڪهڙو اشراف ۽ عزت وارو ماڻهو خواهشمند نه ٿيندو؟ سرائيءَ جي جيئري ئي انهيءَ نسبت ۾ ٿورو گهڻو چوڻ چائڻ ٿيو هو، پر سندس ميئ کان پوءِ پاڻ ماڻهن کي ڪوشش ڪرڻ سولي ٿي. خاص ڪري جڏهن سڀني کي خبر هئي ته سرائيءَ سان سندس عزيز به ايتريقدر ساز ۾ نه آهن.
    سيٺ گل محمد ميمڻ هڪڙو وڏو شاهوڪار هو، جنهن جي ڪوٺي حيدرآباد ۾ هئي، ۽ سندس گماشتا ڪراچيءَ، بمبئيءَ ۽ ٻين پاسي هوندا هئا،؛ تنهن پنهنجي پٽ جي لاءِ مٿا پئي هنيا ۽ اوير سوير سوکڙيون سڙيون پي موڪليندو هو. نه رڳو ايترو، پر بختاور کي به ڏيڻ وٺڻ سان پنهنجو ڪري ڇڏيو هئائين.
    پر ميان محمد رمضان وڪيل هو، تنهن کي وري پنهنجي طمع هئي ۽ اگرچ هڪ زال اڳي به هيس، ته به ڇوڪريءَ جي تعريف ٻڌي، وڏ گهري ڄاڻي، پئي مٿا هنيائين ته سکرن مان ٻانهن وٺي، آءُ به وڏو ماڻهو ليکجان. جيتوڻيڪ هو اصل غريب ماڻهو، ذات جو ميربحر هو، ۽ پڻس مسيت ۾ ملپي ڪندو هو، ته به هاڻ وڪالت ڪري اچي بخت لڳو هوس، سو هينئر تمام وڏو ماڻهو ليکجڻ ۾ ايندو هو.
    پر اسان مٿي ڏٺو آهي ته، مائي شهربانوءَ کي هن سان مائٽي ڪرڻ ۾ البت اعتراض هو، اگرچ بختاور سيٺ جي فائدي ۾ گهڻو ڳالهايو ٿي. مائيءَ جي اعتراض آڻڻ جو هيءُ به سبب هو، جو هن کي پنهنجي ڀاءُ الهداد جي پٽ سان ڌيءَ جي شادي ڪرڻ جو ارادو هو ۽ اگرچ اهو گونگو هو، ڪنهن به طرح ڪمائيءَ ڪرڻ جهڙو نه هو، پر ويجهو مائٽ هوس، تنهنڪري جيئن اڪثر زالن جو خيال ٿيندو آهي، ته ڌاريا ڪهڙا به لائق هجن، ته اهي ڇڏي به پنهنجا نالائق عزيز پسند ڪنديون آهن. تيئن هن کي به خيال هو. وري ڀاڻس کي ننڍي ڌيءَ ٽن ورهين جي هئي، سا ڀانيائين ته حامد کي وٺي ڏيان، انهيءَ ڪري ٻين سڀني رٿن کان اها رٿ وڌيڪ پسند هيس.
    ليڪن اڃا دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪونه ڪيو هئائين، پئي ڳڻتيون کاڌائين ته ڪيئن ڪريان،. ڪنهن ٻاهرئين ماڻهوءَ سان صلاح ڪرڻ لاءِ دل نه چوندي هيس. سندس صلاحڪاريون هيون هڪڙي بختاور ۽ ٻي سندس جوان ۽ پڙهيل ڌيءَ زينت بانو. پر اهڙين ڳالهين ۾ زينت بانوءَ کان پڇڻ ڳاڇڻ هن مناسب نٿي ڄاتو، تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن بختاور سان ڳالهه چوريندي هئي، نه ته پنهنجي منهن پئي پهه پچائيندي هئي. انهن ڳڻتين کائيندي به ڪي ڏينهن لنگهي ويس.


    باب ٽيون : پٽ جي ڳڻتي

    حيدرآباد جي ڪچي ۾ علي نواز خان نالي هڪڙي مغل جو گهر هوندو هو. هو ميرن جي صاحبيءَ ۾ خراسان کان آيو هو ۽ واپاري ماڻهو هوندو هو. هن مغل جي گهر جو اسان جي ڳالهه سان جيڪو واسطو آهي، تنهن جي بيان ڪرڻ کان اڳي بهتر آهي ته هن جي سنڌ ۾ اچڻ جو بيان ڏيون.
    هو اصل جو ترڪ هو. هن جو پيءُ ترڪستان جي سرحد واري هڪڙي جابلو پرڳڻن جو رئيس هو ۽ روس جي شهنشاهه جو ڍل ڀرو هو. انهن ڏينهن ۾ روس ۽ ايران جي وچ ۾ اڪثر لڙايون ٿينديون هيون ۽ هو ٻيئي هڪٻين جي ملڪ تي ڪاهه ڪري ڦرون لٽون ڪندا هئا. هڪڙي اهڙي لڙائيءَ ۾ ڪن سببن ڪري، ايران جو لشڪر فتحياب ٿيو ۽ روسي لشڪر کي شڪست آئي.
    روس جي لشڪر ۾ سندس هٿ هيٺ وارن ڪيترن ئي ننڍن حاڪمن جو لشڪر مدد لاءِ آيل هو. انهن ۾ علي نواز جو پيءُ به پنهنجي لشڪر سوڌو حاضر هو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ ڏاڍي خونريزي ٿي ۽ روس جي طرف جا گهڻا ماڻهو ماريا. جيڪا ڦر مار ٿي، تنهن ۾ ڪيترائي مڙس ۽ زالون ۽ ٻار قيد ٿيا. علي نواز جو پيءُ پنهجي زال ۽ ٻن پٽن سوڌو به قيد ٿي پيو. ۽ ذري گهٽ ماريائونس ٿي، پر هن گهڻا حيلا حوال ڪري، پاڻ کي موت کان بچايو. اهو جيئدان جو هن کي مليو، سو خاص سندس زال ۽ ننڍن ٻارن جي منٿن ڪري، جن جي ليلائڻ تي فتحمند غنيم کي قياس اچي ويو،تنهن ڪري هنن کي ٻين قيدين سان گڏ ايران ڏي وٺي آيا. هي چار ڄڻا اگرچ پرڏيهه ۾ قيدي هئا، تڏهن به گڏ رهڻ ڪري پاڻ کي چڱي نصيب وارا سمجهندا هئا.
    انهيءَ طرح هنن کي قيد ۾ ٻه – ٽي مهينا گذريا. روسي لشڪر جنهن شڪست کاڌي هئي، تنهن کي وري تازي ڀرتي ملي، سو هاڻي نئين سر تياري ڪري ايرانين سان وڙهڻ لاءِ سنڀري آيو ۽ ڪاهه ڪري اچي ويجهو پيو هو. علي نواز جي پيءُ جڏهن خبر ٻڌي ته سندس ملڪ جو بادشاهه ڪاهي اچي ويجهو ٿيو آهي ۽ اڳيئي پيو خيال پچائيندو هو، ته وجهه ملي ته ڀڄي وڃي هن سان شامل ٿيان، سو هاڻي ڪنهن حيلي سان پنهنجي وڏي پٽ سوڌو، جو سورهن ورهين جي ڄمار جو جوان هو، ڀڄي نڪتو ۽ پنهنجي سرحدي قوم گڏ ڪري اچي روسي بادشاهه سان گڏيو.
    اگرچه هن پنهنجي وطن ۽ قوم جي طرفان ايمانداري ۽ بهادري ڏيکارڻ ۾ ڪين گهٽايو، پر تڏهن به سندس حياتي اچي پوري ٿي هئي، سو پٽ سوڌو دشمن سان جنگ ڪندي مارجي ويو.
    هيءُ جو هن طرح ٺڳي ڪري ڀڄي ويو ۽ وري وڃي ايران سان سامهون ٿيو، تنهن ڪري ايران جي سرڪار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ويئي. هن جي زال ۽ ننڍي پٽ علي نواز کي دڙڪا ڏنائون ته اهو وير اوهان کان وٺنداسون يا غلام ڪري وڪڻي ڇڏينداسون. هن ڊپ ۽ شرم کان علي نواز جي ماءُ هينءَ ڪيو، جو رات جو سمهڻ مهل زهر ذرو کائي ڇڏيائين.
    صبح جو ننڍو پٽس معصوم اٿي ڏسي ته هنڌ تي امان مئي پيئي آهي. جيڪا حالت هن ڇوڪري سان ٿي گذري هوندي، سا لکي نٿي سگهجي، البت آسانيءَ سان خيال ۾ اچي سگهندي: چار ڏينهن اڳي هن پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ خوش پئي گذاريو. هاڻي پيءُ ۽ ڀاءُ ته ڀڄي ويا،باقي ماءُ بچي هيس جا پرڏيهه ۾ هيڏڙي ٻار جي انگل کڻڻ واري هئي، سا به ويندي رهي. هي يتيم علي نواز تڏهن ڏهن ورهين جي عمر جو مس هو.
    انهيءَ وقت کان پوءِ سگهوئي حڪم جاري ٿيو ته ننڍيءَ عمر وارن قيدين ۽ قيدياڻين کي غلام ڪري وڪڻي ڇڏجي. ڪيترا سو ٻارن جا روز ٿورا ٿورا ڪري، ٻانهن جي بازار ۾ وڪڻندا هئا. هڪڙي ڏينهن علي نواز جو به وارو آيو. هن کي هڪڙي ايرانيءَ خريد ڪيو، جنهن وٽ هو پنج – ڇهه مهينا رهيو. پوءِ وري اهو ماڻهو ڪنهن ٻئي پاسي ٿي ويو،تنهن هن کي دلال جي حوالي ڪيو ته وڪڻي ڇڏيس.
    اها ٻانهن جي بازار هفتي ۾ کلندي هئي، ۽ تڏهن خريد و فروخت هلندي هئي. سو انهيءَ هفتي علي نواز وري ٻيو مالڪ ڪيو. انهيءَ طرح ٻن ورهين جي اندر، هن ڇوڪر پنج ڀيرا انهيءَ بازار جو منهن ڏٺو، آخر هڪڙي وڏي سوداگر جي هٿ ۾ آيو، جتي هن البت آرام پاتو.
    هن جي هلت چلت تمام چڱي هوندي هئي، ۽ شڪل جو به موچارو هو، تنهن ڪري سندس ڌڻي ۽ ان جي گهر جا ماڻهو ڏاڍو پيار ڏيندا هئس. هتي هن کي تعليم به ملي، قرآڻ پڙهڻ سکيو ۽ جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن پنهنجي ڌڻيءَ کي سندس ڌنڌي ۾ مدد ڏيندو رهيو. هتي رهي هيءُ گهر جو ڀاتي ٿي ويو، ۽ هن جي ايمانداري ڏسي سڀڪنهن هن کي آفرين پئي ڪئي.
    جڏهن اهو سوداگر بيمار ٿيو، ۽ مرڻ جو وقت ويجهو ڏٺائين، تڏهن وصيت ڪري پنهنجو مال پنهنجي اولاد کي ورهائي ڏنائين، ۽ علي نواز کي ڳچ جيترا پئسا ڏيئي آزاد ڪري ڇڏيائين.
    ڌڻيءَ جي مرڻ کان پوءِ به علي نواز پنج – ڇهه مهينا انهيءَ گهر ۾ هو. پوءِ پنهنجي منهن سوداگريءَ جي سانگي خراسان ۾ آيو. خراسان ۾ تن ڏينهن ايران جي ماڻهن جي گهڻي آمدرفت هوندي هئي، تنهنڪري هن کي اتي اچي پنهنجو واپار هلائڻ ۾ ڏاڍي سولائي ٿي. هتي رهڻ ڪري هو مشهور ٿي ويو، ۽ واپار جي ڪم ۾ ڏاڍو هوشيار ٿيو.
    خراسان مان وري علي نواز، ڪي سير ڪرڻ لاءِ ۽ ڪي واپار جي سانگي سنڌ ۾ آيو. سنڌ تن ڏينهن ٽالپرن اميرن جي هٿ ۾ هئي، ا نهن جي دربار ۾ هن جو رستو ٿي ويو، جنهن ڪري هن کي جهڙو واپار ۾ تهڙو عزت ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو ۽ انهيءَ سبب هو اتي رهي پيو.
    علي نواز جو واپار دڪان ڪڍي ويهڻ سان نه هلندو هو. هن جي معرفت مير صاحبن ۽ سندن درٻار جي اميرن سان هوندي هئي. هو معتبر، هوشيار، پڙهيل ۽ چالاڪ ماڻهو هوندو هو، تنهن ڪري سڀڪنهن وٽ هن کي گهڻو مان ملندو هو. هن کي ڳچ جيترا پئسا ڏيئي موڪليندا هئا، جو بمبئي ۽ ڪلڪتي، توڙي بغداد، ايران ۽ ٻين ولايتن ڏي وڃي. خاصو خاصو مال سودي سندن لاءِ ايندو هو؛ ۽ انهيءَ تڪليف کڻڻ لاءِ چڱو محنتاڻو ۽ انعام اڪرام ملندو هوس. اهڙن فائدن کان هو سنڌ ۾ رهي پيو، ۽ پنهنجو وطن به وسري ويس.
    ايترن ورهين رهڻ ڪري ۽ هيترن ماڻهن سان واسطي رکڻ ڪري هو هاڻي هر طرح سنڌ جو ماڻهو ليکجڻ ۾ ايندو هو. هن کي ڪنهن سکر گهر مان ٻانهن ملي ويئي، تنهن سان شادي ڪري پنهنجو گهر ٺاهي ويهي رهيو. ميرن جي صاحبيءَ وئي کان پوءِ به هو اتي رهندو آيو، ۽ اگرچ اڳيون اوج پوءِ ڇڏائي ويس، تڏهن به مناسب سوداگري ڪري، هو پنهنجو گذران عزت آبروءَ سان پيو ڪندو هو.
    هن کي هڪڙو پٽ به خدا ڏنو هو، جنهن جو نالو علي رضا رکيو هئائين، تنهن کي ننڍي هوندي کان هن چڱي تعليم ڏياري هئي. سو سنڌي ۽ فارسي پڙهي ته هوشيار ٿيو هو. پر انگريزيءَ ۾ به چالاڪ هو. اگرچ پڙهيو رڳو سنڌي اسڪول ۾ هو، مگر ذهين طبع جو هو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي آزمودي ڪري زياده هوشيار ڏسڻ ۾ ايندو هو.
    علي نواز پنهنجي پٽ کي ڪنهين نوڪريءَ ۾ نه رکيو، نه ڪنهن واپار ۾و ڌائينس، مگر جيڪي صاحبلوڪ سنڌي يا فارسي يا هندستاني پڙهندا هئا، انهن وٽ منشي يا ماستر ڪري رکيائينس، انهيءَ ڪري انگريزيءَ ۾ هن جو مايو وڌي ويو هو، ۽ صاحبلوڪن کي به پڙهڻ ۾ گهڻي سولائي ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪراچيءَ تائين به وڃي اهو ڪم ڪندو هو. انهيءَ طرح پڙهائڻ جي ڪم مان هن کي سٺ – ستر رپيا پيدا ٿيندا هئا.
    ٻيو وري علي نواز خان پاڻ سوداگري ڪندو هو، تنهن ڪري هنن جو گذران تمام چڱو پيو ٿيندو هو. هو به اصل ولائتي ماڻهو اٽڪل وارو هو، گهر ۾ ڀاتي پورا پنا هئن. پاڻ هو، پڻس هو، سندس زال هئي، جنهن جو نالو جان بيبي هو، ۽ پورهيت هين، جا گهڻن ورهين کان وٽن رهندي آئي ۽ گهر جو ڀاتي ٿي ويئي هئي، ۽ انهيءَ جو نالو مريم هو.
    جنهنن وقت جي ڳالهه اسين ڪريون ٿا، تنهن کان ٻه ورهيه کن اڳي علي نواز خان وفات ڪئي هئي، ۽ گهر جو بار سڄو ئي علي رضا تي هو، جو هينئر چوويهن ورهين جو جوان ماڻهو هو، هو تمام چڱيءَ شڪل وارو ۽ ڳوري رنگ جو هو. هلت چلت سندس تمام پسنديءَ جهڙي هئي، جو سندس پيءُ جي انهيءَ ڳالهه تي خاص نظر هوندي هئي. ٻيو هن جي اٿ – ويهه رڳو سکرن سان هئي، تنهن ڪري لياقت ۽ فضيلت به گهڻي هوندي هيس. طبع جو تمام حليم هو؛ اهڙو جو شهر جا هندو خواهه مسلمان سندس صحبت لاءِ مشتاق هوندا هئا.
    صاحبي ڦرڻ جي تفرقي کان پوءِ به، جن اميرن ۽ وڏن ماڻهن سان علي نواز خان جو رستو هوندو هو، سو هو وٺيو آيو، ۽ هنن سان پاڻ وقت بوقت شادي مراديءَ ۾ اُٿ ويهه ڪندو هو، توڙي سندس گهر جا ماڻهو ايندا ويندا هئا. هر طرح هو هنن کي دوستن يا عزيزن وانگي سمجهندا هئا.
    سرائي فتح خان جي گهر سان به هنن جو اهڙو ئي رستو هو. ٻيو وري فتح خان جو پٽ حامد ۽ علي رضا ڪي ٿورا ڏينهن هڪ اسڪول ۾ گڏ به پڙهيا هئا، تنهن ڪري هنن جو وري پاڻ ۾ خلاصو رستو دوستيءَ جو ٿي ويو هو.
    علي نواز ۽ فتح خان جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ انهن جي گهرن جو پاڻ ۾ رستو هوندو هو، سو سندن مئي کان پوءِ به سندن پوين جي وچ ۾ هليو آيو، ۽ هي، ٻئي طرف، هڪ – ٻئي وٽ ايندڙ ويندڙ هئا. ڪنهن آچر تي حامد هنن وٽ ايندو هو، جو ٻئي ڄڻا ٻاهر لانڍيءَ ۾ ويهي صحبت ڪندا هئا. ڪنهن آچر تي علي رضا هنن وٽ ايندو هو. ۽ اهڙيءَ طرح هو ٻئي هڪٻئي جي گهر ايندا ويندا هئا. انهيءَ طرح هنن جون مائون به ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي جي گهر اچي ڏينهن گذارينديون هيون. تنهن ڪري هڪ ٻئي جي حال جي ۽ هلت چلت جي پوري خبر هين.
    جان بيبيءَ کي پنهنجي پٽ جي شاديءَ جو خيال گهڻن ڏينهن کان هوندو هو. هو کٽڻ ڪمائڻ وارو هو ۽ جوان هو، مڙس مئي کان پوءِ ڳڻتي واڌو ٿيس، جو ڀايائين ته منهنجي مڙس جو نسل باقي رهي. هڪڙي – ٻه ٻانهن به هٿ ڪئي هئائين، پر هو انهيءَ تي نه بيٺو. پيو چوندو هو ته آءٌ ننڍو آهيان، اڃا شادي ڪرڻ جو وقت پيو آهي. اهو سندس نٽائڻ ڪي حجاب ۽ ڪي حيا کان هو ۽ ڪي وري انهيءَ کان هو، جو هو انهن ماڻهن سان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ اهي ٻانهون لکي پڙهي نه ڄاڻنديون هيون. انهيءَ سبب ڪري هڪڙي ڀيري ته سندس ماءُ ساڻس تکو ڳالهائي رنج به ٿي هئي. پوءِ جڏهن اها ڳالهه ياد پوندي هيس، تڏهن اڪثر انهيءَ ڏک کان رئندي هئي، ته شايد نيٺ آءٌ مري وينديس ۽ جهان وانگي پنهنجي پٽ جي مراد ڪانه ڏسنديس.
    هڪڙي ڀيري رات جو جان بيبي جي ننڊ اچي ڦٽي، پئي ٿڌا ساهه کنيائين ۽ اُٿلي پٿلي. مريم جا ويجهو ستل هيس، سا به جاڳي، چوڻ لڳيس ته ”مائي ڇو اڄ توکي ننڊ نٿي اچي؟“
    جان بيبيءَ چيو ته ”بس مريم، زمانسازيءَ جون ڳالهيون اچي دل تي چڙهيون اٿم؛ تنهن کان ننڊ ڦٽي ويئي ا ٿم.“
    مريم چيو ته ”مائي! سي ڪهڙيون ڳالهيون؟“
    جان بيبيءَ ورندي ڏني ته ”پهرين علي رضا جي شاديءَ جي – هيڏو سارو اچي ٿيو آهي، جهان جون مائون ڏکن سان پٽ پالينديون آهن، انهيءَ لاءِ ته هنن جون مرادون جيئري ڏسن، شايد منهنجي قسمت خراب آهي، جو جڏهن آءٌ هن جي اڳيان اهڙي ڪا ڳالهه ڪريان، تڏهن منهن پاسي ڪري ويهي رهي يا ابتا سبتا جواب ڏيئي هليو وڃي.“
    مريم چيو ته ”هائو مائي، هي زمانو هاڻ اهڙو اچي لڳو آهي.“
    علي رضا، جو ٿورو پرڀرو سمهيو پيو هو، تنهن جي به انهيءَ ڳالهه تي اک پٽجي ويئي، ۽ جڏهن پنهنجو نالو به ٻڌائين، تڏهن پاڻ سجاڳ ٿيو، رڙهي اچي ويجهو ٿين ۽ چوڻ لڳو ته ”امان جيجي! خير ته آهي، اڄ وري ننڊ ڦٽائي، اچي انهن قصن کي لڳا آهيو؟“
    جان بيبيءَ البت رنج مان جواب ڏنس ته ”بس ابا، اسان جي خدا ننڊ ڦٽائي هوندي ته ڪو ڪنهن جو وس!“
    مريم چيو ته ”ابا، مائي سچ ٿي چوي، تون ته ڏاڍو زورآور آهين، ماڻهن جا ٻار اڃا ڪمائڻ جهڙا نه ٿين، ته مائٽ انهن کي پرڻائي پنهنجون آسون ۽ اميدون پوريون ڪن ۽ انهن جو خانو آباد ڪن، تون اچي هيڏو سارو ٿيو آهين، ته به بحث ڪري ويهي رهيو آهين ته شادي ڪين ڪندس.“
    اتي جان بيبيءَ وري رنج مان چيو ته ”ڇڏينس مريم، اڳي ٿورا مٿا هنيا اٿم جو هاڻ ٻڌندو، ماٺ ڪري ويهي رهه، خوشي سنديس، هي ننيگر ڀانئي ته امان به مري ته پوءِ پنهنجي منهن جتان اچي اتان وڃي شادي ڪريان.“
    علي رضا ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي چيو ته ”امان، ائين نه چئو، خدا توکي سلامت رکي، تون رنج نه ٿيءُ. هونءَ ته جيڪي اوهين مون کي چوندؤ ائين ڪندس، اولاد کي ڇا اختيار آهي مائٽ جي مرضيءَ کان ٻاهر وڃي؟ مگر مائٽ تي به حق آهي ته اولاد جيڪي واجبي چوي سو ٻڌي ۽ ان تي خيال ڪري.“
    جان بيبي پڇيو ته ”هاڻ ابا تو ڪهڙي واجبي ڳالهه ڪئي جا مون نه ٻڌي؟ اها واجبي ڳالهه ٿو ڪرين ته آءٌ اڃا ننڍڙو آهيان، آءٌ اڃا ٿورو ٿو ڪمايان. اڇي ڏاڙهي ٿيندءِ، ته پوءِ پرڻبين؟ يا قارون جو خزانو هٿ ايندءِ، پوءِ شادي ڪندين؟“
    علي رضا ورندي ڏني ته ”امان! جڏهن سچ وچ عمر جو ننڍو هوس ۽ ڪمائڻ جهڙو نه هوس، تڏهن ته بيشڪ منهنجو اهڙو اعتراض هو، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ ننڍيءَ عمر ۾ اڪثر شاديءَ جو گهڻو شوق ٿيندو آهي، مگر جيڪي پڙهيو اٿم ۽ ڏٺو اٿم، تنهن موجب ڄاڻان ٿو ته ننڍيءَ ڄمار ۾ شادي ڪرڻ مان ڇا حاصل آهي. پهرين ته ماڻهو جڏهن پاڻ مائٽن تي بار آهي، تڏهن وري زال پرڻجي وڌيڪ بار ڇالاءِ ٿجي؟ تنهن کانسواءِ، ننڍيءَ وهيءَ جي شاديءَ ڪري سڌاري جا ڪم جيڪي سکڻا آهن سي ڇڏايو وڃن، ۽ ننڍي وهيءَ جا ٻار جيڪي ڄمن ٿا، سي اڪثر ضعيف ٿا ٿين، ۽ ننڍيءَ وهيءَ جي شاديءَ ڪري ماڻهو پاڻ به جلد پيريءَ ۽ ضعيفيءَ کي پهچي ٿو. وري جيستائين پنهنجو کٽيو ڪونهي، تيستائين شادي رڳي فضولي آهي. چوندا آهن ته ’پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري‘ خدانخواسته اوکو سوکو وقت اچي مٿان پوي، ته هونءَ رڳو پنهنجي ڳڻتي وٺي، هوڻءَ ٻين جي به انهي ڳالهين ڪري مون ته ’نه‘ پئي ڪئي، پر هاڻ جڏهن خدا تعاليٰ اهي سڀ عذر لاٿا آهن، تڏهن آءٌ پاڻ راضي آهيان، جيڪا اوهان جي مرضي!“
    جان بيبي،. جنهن هي سڀ ڳالهيون ماٺ ڪري ويٺي ٻڌيون، تنهن چيو ته ”ابا، هاڻي اڳوڻيون ڳالهيون ته کڻي ڇڏ، ٽي – چار مهينا مس ٿيا هوندا، جو مون توکي شهباز خان ٺيڪيدار جي نياڻيءَ يا علي بخش شيخ جي ڌيءَ جي نالي چيو هو، جو پڻهين جا واقف هئا ۽ انهيءَ ڳالهه تي نيٺ بيهن به ها، پر تون رؤ ڪڏائي بيهي رهئين. اهو ساڳيو تون آهين ڪو ٻيو، جو هاڻ ٿو چوين ته جيڪا اوهان جي مرضي؟ منهنجي مرضي ڪهڙي آهي! هينئر انگريزي آئي مائٽن جي مرضي ويئي، هينئر مرضي ٿي ڇوڪرن جي. منهنجي هلي ها، ته اڄ آءٌ پوٽن پڙپوٽن واري هجان ها.“
    علي رضا چيو ته ”جيجل، مون کي معاف ڪجئين، انهن ٻانهن تي منهنجو هي اعتراض هو: هڪڙو ته پاڻ انهن ماڻهن جا رڳو نالي جا واقف آهيون، انهن ٻانهن جا ته اوترا به واقف ناهيون؛ نه خبر ته هو شڪل جون ڪهڙيون، لکڻ پڙهڻ جون ڪهڙيون؟ رڳو سندن مائٽ سکر آهن يا هوند وارا آهن ايتري ڳالهه بس ناهي.
    اوهان کي جيڪا خبر پوندي، سا به وچ وارن جي معرفت سو جيڪا شيءِ هڪڙن کي پسند ايندي، سا ٻين کي نه ايندي. مون کي ته ٻين سڀني ڳالهين سان گڏ، انهيءَ ڳالهه جو به ضرور آهي ته لکڻ پڙهڻ ايندو هجيس ۽ نيڪ زال هجي ۽ آءٌ پنهنجي سر انهيءَ ٻانهن جو واقف هجان، ۽ جي امڪان هجي ته اها منهنجي ڏٺل هجي ته چڱو.“
    جان بيبي خفي مان چوڻ لڳي ته ابا، تڏهن وڃي سنئون ٿي سمهي رهه. ٻي خبر چار سڀڪا پڇڻ سان پئجي سگهندي، ۽ اهڙي خبر اسان کي اڳيئي آهي ته، پڙهڻ لکڻ جو ته اصلي هتي اشرافن ۾ دستور ڪونهي، نڪا مون کي ڪا سجهي. نڪا وري ڌين کي ڪا منشگيري ڪمائڻي يا سرڪار جي نوڪري ڏيڻي آهي، جو مائٽ پڙهائينن. پڙهي پڙهي قرآن ۽ نماز پڙهنديون، سو ته اهي نينگريون به ڄاڻنديون هيون. باقي رهي ڏٺي جي ڳالهه، سو ابا، ڪنهن کي کُٽي کنيو آهي جو ڌيءُ به توکي ڏين ۽ اڳواٽ به ڏيکاري ڏين!“
    اتي مريم به کلي چيو ته ”ٻڙا ابا، خدا خدا ڪر، توکي چون ته اچي ڏس، پسند پويئي ته وٺ نه ته بس!“
    جان بيبيءَ چيو ته ”نڪو مريم، هن کي شادي نصيب ۾ ڪانهي. مون اڳهين سمجهو ٿي ته اسان جي گهر جو در پوربو. سو اهڙا صالح پٽ آهن، ته سگهو ئي ائين ٿيندو.“
    علي رضا حجت ڪري چوڻ لڳو ته ”امان! سچ تان چڙو ته ڀلي چڙو. آءٌ هن گهڙيءَ جو رنج اوهان جو کڻندس ته حرڪت ڪانهي، مگر هينئر اوهان کي خوش ڪري زال پرڻجي، مرڻ گهڙيءَ جو سودو ڪري، پوءِ پشيمانيءَ ۾ سڄي ڄمار وڃايان سو مون کان ڪين ٿي سگهندو.“
    اتي مريم وچ ۾ پئي چيو ته ”مائي، لکڻ پڙهڻ واري ٻانهن به هڪڙي ته من کي سُجهي ٿي. ڇو، سرائي فتح خان جي ڌيءَ ڪين لکي پڙهي ڄاڻي؟ جڏهن ڪڏهن پاڻ هلنديون آهيون، تڏهن هن جو ڪم اهو لکڻ پڙهڻ سان هوندو آهي. ڪا گهڙي سبڻ ڀرڻ جو يا ٻيو ڪم ڪري ته ڪري، نه ته اها ڪوٺي اها پاڻ.“
    جان بيبيءَ چيو ته ”مريم تون سچي آهين، هوءَ لکڻ پڙهڻ ۾ برابر هوشيار آهي، پر ماڻهو ته انهيءَ تان به پيا کلندا اٿس. هونءَ ٻانهن به ملوڪ آهي، جهڙو شڪل شباهت ۾، تهڙو لڄ حيا ۾.“
    مريم چيو ته ”مائي، مون بختاور کان ٻڌو هو ته اها ٻانهن به اٿارڻ ۾ آهن؛ وڏا وڏا ماڻهو پٺيان هئن، ۽ هڪ ليکي ته سيٺ گل محمد جي پٽ جو نالو به مٿس پيو آهي، ته شڪ ناهي.“
    جان بيبيءَ چيو ته ”مائي، جهان لاءِ ٻانهون گهڻيون ئي چڱيون پيون آهن، هن جي لاءِ ڪا آسمان مان حور اچي، تڏهن اسان جو رئيس پرڻجي. انهيءَ ڇوڪري زينت بانوءَ ۾ بيشڪ گهٽ ڪانهي، پر وٺ انهيءَ ڳالهه کي ته جڏهن هو هن رئيس کي آڻي ڏيکارين ۽ هي پسند ڪري، تڏهن چئجي.“
    تڏهن علي رضا به منهن مٿي ڪري چيو ته ”امان! جي اها ٻانهن اوهان کي پسند آهي، ته مون کي به پسند آهي. انهيءَ گهر جا اسين چڱيءَ طرح واقف آهيون. اها ٻانهن هڪ ڀيري مون ڏٺي به آهي، مون کي گهڻو پسند آهي.“
    مريم پڇيو ته ”سو ابا ڪيئن ڏٺيئي؟“
    علي رضا چيو ته ”دائي، اٽڪل ٻه مهينا ٿيندا جو آءٌ حامد عليءَ وٽ ويو هوس، حامد ڪنهن ڪم سان نڪري ٻاهر ويو، آءٌ در تي لانڍيءَ ۾ ويٺو هوس، انهيءَ وچ ۾ اندر دانهن ٿي ۽ مائي بختاور ڊوڙي در تي آئي، مون کي چيائين ته ”ابا! اندر ڪوٺيءَ ۾ نانگ نڪتو آهي، سو اچي مار، آءٌ اندر ڊوڙيس. اگرچ بختاور پري کان پاسي پاسي به ڪيو، پر هل ۾ سندس چوڻ هنن کي برابر ٻڌڻ ۾ نه آيو، ۽ آءُ بختاور جي پٺيان وڃي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيس، جتي سرائيءَ جي نياڻي بيٺي هئي، ۽ سڄي ساري منهنجي نظر پئجي ويئي، هوءَ به شرم کان منهن پاسي ڪري صفي ڏي لنگهي ويئي جتي سندس ماءُ هئي، ۽ آءٌ به دهلجي بيهي رهيس. پوءِ ته مائي بختاور صفي ۽ ڪوٺيءَ جي وچ وارو در ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ بلا ماري، لٺ تي لڙڪائي در تي نڪري آيس. اها ڪوٺي به شايد سرائي جي نياڻيءَ جي هئي، جنهن جي ڳالهه مريم ٿي ڪئي، ڇالاءِ جو لکڻ پڙهڻ جو سامان گهڻو ئي اتي پيل هو ۽ جاءِ جو ٻيو سامان به ڏاڍي پوشيدگائيءَ سان رکيل هو. انهيءَ وقت کان وٺي، منهنجي دل ۾ يقين ٿيو ته سرائي جي ڌيءَ بيشڪ صورت واري به آهي، لکڻ پڙهڻ واري به آهي، ۽ سگهڙپائيءَ واري به آهي!“
    مريم به شاهدي ڏني ته ”ابا، آهي به ائين.“
    علي رضا شوق مان چيو ته ”تڏهن امان هاڻي دير نه ڪريو، هاڻي اوهان جي وس آهي، متان پوءِ وري مون تي ڏوهه رکو، پرڻايونس ٿا، پر پرڻجي نٿو.“
    جان بيبيءَ جواب ڏنو ته ”ابا، سو ته چڱو، پر جي هنن سيٺ جهڙي مڙس سان اڳئي هائو ڪئي هوندي، ته پوءِ ڪيئن ڳالهه ٿيندي.“
    علي رضا چيو ته ”پوءِ خير، پر مون کي بيشڪ ارمان ٿيندو، جو اهڙي ٻانهن مون کي وري آسانيءَ سان نظر نه ايندي.“
    جان بيبيءَ چيو ته ”چڱو ابا، ڏينهن – ٻن ۾ ڪنهن عذر سان آءٌ سرائي جي گهر وينديس ۽ وجهه ڏسي ڳالهه چورينديس، پوءِ جيئن لکيو هوندو، ائين ٿيندو.“
    اتي ڳالهين ڪندي، هنن کي اچي ڏينهن ٿيو، مريم اٿي ٻهاري سهاريءَ جي ڪئي، ۽ علي رضا ۽ جان بيبيءَ به اٿي نماز پڙهڻ جو سعيو ڪيو.


    باب چوٿون : سجاڳ ڇوڪري

    پهرئين باب ۾ چيو ويو آهي ته مائي شهربانو ۽ بختاور، زينت بانو جي شاديءَ بابت جا گفتگو پئي ڪئي، تنهن جي زينت بانوءَ کي خبر ئي ڪانه هئي، جو هن پري ويٺي قرآن جو دؤر ڪيو. جڏهن هوءَ دؤر ڪري اٿي، تڏهن دستور موجب صبح جا ٻه – ٽي ڪلاڪ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيائين، پوءِ ڪارچوب ڪڍي ويهي هڪڙي ٽوپي ڀرڻ لڳي. پوءِ ته سگهوئي ماني تيار ٿي ۽ حامد علي به اسڪول کان آيو، ۽ ماءُ، پٽ، ڏيءَ ٽنهي گڏجي ويهي ماني کاڌي.
    ماني کاڌي کان پوءِ حامد چيو ته ”مون علي رضا وٽ وڃڻ جو اڄ انجام ڪيو آهي سو وڃان ٿو، هو ڪنهن صاحبلوڪ وٽان ٻه – ٽي ڪتاب آڻيندو، جن ۾ ولايت جي عمارتن ۽ ڪارخانن جون تصويرون نڪتل آهن، سي گڏجي ڏسنداسين.“ ائين چئي هو اٿي هليو.
    هلندي مهل ڀيڻس چيس ته ”ادا جي اهي ڪتاب ٿوري تائين ملي سگهنئي ته کنيو اچجئين، ته آءٌ به ڏسان.“ هن چيس ته ”چڱو“.
    مائي شهربانو ته ٻي ڪوٺيءَ ۾ وڃي سمهي پيئي، جو گرميءَ جا ڏينهن هئا، ۽ بختاور جنهن زينت کي خلاصي وقت ۾ ملڻ جو وجهه پئي ڳوليو، سا ڪيوڙي جون ٻٽي ڦريون ۽ انناس رڪابيءَ ۾ وجهي ڪپ مٿانئس رکي، زينت بانو جي ڪوٺيءَ ۾ کڻي آئي. پوءِ ته سندس وچ ۾ هيٺين گفتگو هلي:
    زينت – دائي، ڇا آندو اٿئي؟
    بختاور – امان، ڦريون آهن.
    زينت – ڪٿان آيون آهن؟
    بختاور – ڇو امان، صبح جو ڪين ڏٺو هيئي، جو سيٺ گل محمد جو ماڻهو در تي آيو هو، ۽ هيترو سارو ميوو ۽ هڪڙي سهڻي پيتي مال جي آءٌ کڻي آئي هيس، اجها اندر رکي آهي.
    زينت – (البت منهن ۾ گهنڊ وجهي)، امان به زورآور آهي، ماٺ ڪيو پراون ماڻهن جون سوکڙيون وٺيو رکي.
    بختاور – ڇو امان، نيٺ اهي پراوا آهن، جي پنهنجا ٿيندا آهن، اهو جهان جو دستور آهي.
    زينبت – دائي، تون الائجي پا ٿي چوين، آءٌ ته نه ٿي سمجهان.
    بختاور – ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن، جو ويچارو سيٺ سوکڙيون پاکڙيون پيو موڪلي. هڪ ٻه ڀيرو آءٌ وٽن ويئي آهيان ته مون کي ايتري آبرو ڏني اٿن، جو حد کان ٻاهر.
    زينبت – دائي، اڄ تون الله ۽ رسول جي تعريف ڇڏي اچي انهيءَ سيٺ جي تعريف ۾ پيئي آهين، ٻيو خير ته آهي.
    بختاور – امان! جيڪي وڙن وارا هوندا، تن جا ته وڙ ڳائبا، سندس پٽ ڊوڙي مون وٽ آيو، اچي مون کي ڀاڪر پائي مليو ڏاڍو ملوڪڙو ٻار آهي. ماشاء الله وڏي هوندي ته موتيءَ جو داڻو ٿيندو.
    زينت – پوءِ تنهنجو ڇا؟
    بختاور – خدا ڪري ته زينت تون به اهڙي سکئي گهر ۾ وڃي سکي ٿين.
    زينت – دائي، واه واه، اڄ تون سنڀري مون کي گاريون ڏيڻ آئي آهين ڇا؟ آءٌ. توکي ماءُ وانگي ڄاڻي گستاخي ڪري، توسان چرچا گهٻا ڪندي آهيان، متان انهيءَ ڪري سنڌو سيڙهو وڃائي ڇڏيو اٿئي ڇا؟ هونءَ ته سياڻي هوندي هئينءَ اڄ ڇا ٿيو اٿيئي؟
    بختاور – زينت امان، انهيءَ ۾ ڇا آهي؟ ڌيون نيٺ پرايون آهن. تون سمجهه واري آهين، توکي خبر ناهي ته سدائين هن گهر ۾ ويٺي ڪين هوندينءَ، نيٺ ڪنهن سکر جو گهر وسائيندينءَ؟
    زينت – سو ته سچ آهي، مگر دائي، تون دعا ڪر ته ڪنهن سچي پچي لائق ماڻهوءَ سان پلئو اٽڪي، جو ساري ڄمار انهيءَ سان رهڻو ٿيندو. هونءَ ته مون کي حيا ٿو ٿئي، پر جڏهن اڄ تون بيحيا ٿي بيٺي آهين، ۽ اهڙي ڳالهه سڌي مون سان چورين ٿي، تڏهن آءٌ به توکي بي حجاب ٿي سچ ٿي چوان.
    بختاور – ڇو مائي، سيٺ گل محمد جي گهر ۾ ڪا گهٽ آهي؟ سندس گهر جيڪڏهن تنهنجو وڃڻ ٿئي، ته هزارن جا ڳهه ڳٺا پائين، مون جهڙيون ڏهه دايون تنهنجي اڳيان ڪمائين. دنيا ۾ اهڙي سکي زال پوءِ جيڪر ڪا مشڪل ملي.
    زينت – اهڙو سک ڪهڙي ڪم جو؟ هوڏي ٿي چوين ته سيٺ جو پٽ اڃا گرانٺ جيڏو آهي، سو تون متان اٺ سان گهنڊڻي ٻڌڻ سنڀري آهين؟
    بختاور – هان مائي، اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو. تون به ته اڃا ڪالهه ايڏي هئينءَ، اڄ ته ڏس، زالن جيڏي زال ٿيو ويٺي آهين.
    زينبت – دائي، دنيا سازيءَ جي سک لاءِ اهي هزار ۽ لک ڪنهن ڪم جا ڪين آهن. اهو سون روپو اڄ هوندو ته سڀاڻي ڪونه هوندو، زال کي آسرو سون روپي جو ته ڪونهي، انهيءَ ماڻهو جو آهي جنهن سان سندس پلئو ٿو ٻڌجي. انهيءَ جي جڏهن اڃا خبر ئي ڪانهي ته چڱو ٿيندو يا بڇڙو ٿيندو، سڌرندو يا کرندو، تڏهن انهيءَ جي آسري ڇا لڳبو؟ پر دائي سچ ته چؤ، تون اڄ پاڻهي مون سان اهو ذڪر ٿي چورين، يا امان ڪو اشارو ڏنو اٿئي؟ سچ چئج – آءٌ توکان پنهنجو حال ڳجهو ڪين رکندي آهيان.
    بختاور – امان، سچي پڇين ته مون کي پنهنجي منهن به گهڻو فڪر هو، پر مائيءَ انهيءَ بابت مون کي چيو آهي.
    زينت – تڏهن دائي سچ ته ٻڌاءِ، امان هنن سان هائو ته نه ڪئي آهي؟
    بختاور- نه امان، هائو ته نه ڪئي اٿس، مگر انهن ڏي توڙي ٻين ڏي خيال بيشڪ ا ٿس.
    زينت – ٻيا ڪهڙا
    بختاور – ڇو اڳئين جمعي رات شربت ۽ گلاب جا شيشا ڪين ڏٺا هيئي؟ محمد رمضان وڪيل موڪليا هئا. اهو ويچارو به پيو مٿا هڻي.
    زينت – ڇا دائي، اهو وڪيل جنهن بابت انهيءَ رات مانيءَ مهل حامد ڳالهه ڪئي ته ڪنهن مجلس ۾ ماڻهن سندس گلا پئي ڪئي ته پئسا ججها اٿس ۽ وڏو ماڻهو آهي، مگر اهڙو ڪنجوس آهي، جو کاڻي مانيءَ تان کل به نه لاهي ۽ پائي به خدا جي واٽ ۾ نه ڏئي، غرين کي دڙڪا تاب ڏيو ڦريو پنهنجو گهر پيو ڀري، ۽ ٻيو ته شراب پيئڻ جي به عادت اٿس، جو اڪثر شراب پي مست ٿي پوءِ اچي پنهنجي زال ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي وٺي.
    بختاور – هائو امان، اوهو.
    زينت – واه دائي واه، اهڙي ڪميني ماڻهوءَ جا ٿيون نياپا نڙا توهين ٻڌو! اهڙي خسيس ماڻهوءَ جون ٿيون سوکڙيون سڙيون وٺو! شرم جي ڳالهه آهي، جو سکر اشراف ٿي اهڙي نيچ آدميءَ جون گاريون جهليو. وري جڏهن هن کي هڪڙي زال اصلي آهي ۽ اها به اهڙي سکي آهي، تڏهن ٻي ڪهڙيءَ کي انهيءَ کڏ ۾ پوڻ تي دل چوندي؟
    بختاور – نه امان نهن هڻينس گڏ ۾، مائيءَ کي به انهيءَ جو خيال ڪونهي، مگر مائيءَ جي مرضي گهڻي تنهنجي ماروٽ اميد عليءَ ڏي آهي.
    زينت – مائي منهنجو ماروٽ هجي ته ڀلي هجي، جنهن کي ڳالهائڻ به نٿو اچي، چٽ گونگو آهي تنهن جي حوالي مون کي ڪندا ڇا؟ امان اهڙو قهر ڪيئن ڪندي؟ تنهن کان مون کي زهر جو ڍڪ ڏئي ته پي پاڻ کي به عذاب کان ڇڏايان ۽ ٻين کي به.
    بختاور – دائي صدقي، خير گهُر! خدا توکي پٽن پوٽن وارو ڪندو، تنهنجون مرادون اسان کي ڏيکاريندو. پر امان، کريا به پنهنجا، ٻريا به پنهنجا. پنهنجي مامي جو پٽ اٿئي، پنهنجو رت اٿئي. جيئي سندس پيءُ، کٽڻ ڪمائڻ جي ڪهڙي پروا ٿيندي؟ جهڙو پاڻ کائيندا، اهڙو توکي پيا کارائيندا.

    زينت- دائي، خدا خدا ڪر، نڪي پيءُ – ماءُ جي حياتي جٽاءُ ڪندي، نڪي سندن ڪمائي، ڪم سڀ کي پنهنجو ڪمائي ايندي. جنهن کي پنهنجي فضيلت ڪابه ڪانه هوندي سو پاڻ دنيا ۾ ڪيئن گذاريندو ۽ ٻين کي ڪيئن پاريندو. نه دائي نه، خدا جي واسطي انهيءَ مرض کان مون کي ڇڏائجئين. اهڙي شاديءَ کان بک چڱي، اهڙي شاديءَ کان ڏک چڱو، مون کي کاڌي پيتي جي ڏکيائي ڪانهي، پنهنجي ابي جي گهر ۾ سکي ويٺي آهيان. جي امان ۽ ادي منهنجي سنڀال نه لڌي، ته پنهنجن بازن جي پورهئي ۽ سئيءَ جي ڪمائيءَ تي پيٽ پيئي پاريندس، پر انهن عذابن کان ڇٽي پئي هونديس.

    بختاور – امان زينت، سچ ٿي چوين، پر تنهنجي ماءُ جي سا اها مرضي آهي.

    زينت – دائي، وس پڄندي تون نه گهٽائج. تون مون کي ماءُ وانگي ڀائيندي آهين، ڀلائي ڪري امان کي انهيءَ ڳالهه تان لاهه. اگرچ ماءُ جي حڪم کان ڌيءُ کي پير ٻاهر ڪڍڻ مناسب ناهي، تڏهن به ههڙن ڪمن ۾ جڏهن نڙيءَ تي لت ايندي، تڏهن ڌيءَ کي به دانهن ڪرڻ کان ڪو عيب ڪونهي، سو اهڙو ڪو بلو ڪج جيئن ايتري حد تي ڳالهه نه وڃي.

    بختاور- ڌيءُ! تڏهن تنهنجي مرضي اصل ڪانهي؟ توکي خبر آهي ته هيڏي ساري ٻار کي گهر ۾ ويهارڻ جو وقت ڪونهي. پنهنجي مائٽن ۽ پاڙي وارن جي حال جي توکي خبر آهي ته کلڻ ۽ ٽوڪن ڪرڻ جا وجهه پيا ڳولين. ڪنهن جي نياڻي ٻه – ٽي ڏينهن وڌيڪ ويهي ٿي، ته جهان پيو چوندو آهي ته ”فلاڻيءَ جي لاءِ گهوٽ ڪونه ٿو لڀين.“ انهيءَ ۾ وري به امان، اسان جي گلا آهي. آخر اهو جهان جو دستور آهي. خدا ۽ رسول جو حڪم آهي، سو ته پورو ڪرڻ حق آهي.

    زينت – بيشڪ اهو ضرور آهي، مگر ڏسي وائسي کوهه ۾ ٽپو به نه ڏجي.

    بختاور – تڏهن پوءِ نيٺ ڪيئن ڪجي؟ توکي الائجي ڪهڙي قسم جو گهر، ڪهڙي قسم جو ماڻهو چڱو نظر ٿو اچي، اسين ته اجهي اهڙا ٿا ڏسون جهڙا ٻڌئي.

    زينت – دائي، گهر جو به گهڻو فڪر ڪونهي. غريب هوندو ته ڇا! دليادار هوندو ته ڇا! پئسن ڏي ڏسڻو ناهي، غريبت ۽ شرافت ڏي ڏسڻو آهي. پوري پُني گذران وارو هجي، مگر آبرو ۽ شرافت وارو هجي، چڱيءَ چال وارو هجي، علم ۽ هنر وارو هجي، پوريءَ عمر وارو هجي، پر امير جو پٽ نه هوندو ته به عيب ڪونهي. اهڙي ماڻهوءَ سان حياتيءَ جون ٻه – ٽي گهڙيون گذاري ته سگهبيون. ڪتابن ۾ پڙهيو اٿم ته زال مڙس جي وچ ۾ صحبت وارو سلوڪ هئڻ گهرجي، اهڙي صحبت جنهن مان ٻنهي کي خوشي حاصل ٿئي، ٻنهي جي حالت سڌري، ٻنهي جو وقت چڱو گذري. اهڙيءَ صحبت ڪري سڄو گهر به پيو کلندو. جتي اهڙو مزو ۽ سلوڪ ناهي، اتي سڄو گهر دوزخ جي ڏيکاري پيو ڏيندو. چؤ دائي سچ آهي ڪ ڪوڙ؟ تو به گهڻا زمانا ڏٺا آهن.

    بختاور – جيجل، سچ ٿي چوين. جهڙي تون ڏاهي آهين، اهڙو گهر وارو الله شال توکي ملائيندو. چڱو امان، آءٌ مائيءَ سان ڳالهه چوري ڏسنديس.

    ائين چئي بختاور هلي ويئي ۽ زينت بانوءَ به اٿي اڳئينءَ جي نماز جو سعيو ڪيو. ذري کان پوءِ مائي به اٿي. گهر جو ڪم ڪار ڏهاڙيءَ وانگي هليو. پوياڙيءَ مهل حامد علي به آيو؛ ٻه وڏا ڪتاب پاڻ سان آندائين، جي انهيءَ مهل ڀاءُ – ڀيڻ ٻنهي گڏ ويهي ڏٺا، حامد، ماءُ کي سڏ ڪري چيو ته ”امان! سڀاڻي پاڻ وٽ مهمان ايندا.“

    ماڻس پڇيس ته ”ابا ڪهڙا؟“

    حامد وراڻيو ته ”اڄ آءٌ علي رضا وٽ ويو هوس، هلڻ مهل اندران چوائي موڪليائون ته پنهنجي گهر خبر ڪج ته سڀاڻي اسين اوهان وٽ اينداسين ۽ اچي ڏينهن گذارينداسين، جو ٻه – ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، ته نه آيا آهيون.“

    ماڻس چيو ته ”ابا ڀلي اچن.“ پوءِ ته خير جي رات آئي، ماني ٽڪي کائي سڀيئي سمهي پيا. بختاور سڀ کان پوءِ سمهندي هئي، جو گهر جو ڪم ڪار ٿيندو هوس. سمهڻ مهل مائيءَ کي جاڳندو ڏسي اچي پيرن کي به زور ڏيڻ لڳس ۽ آهستي چوڻ لڳس ته ”مائي اڄ ڏينهن جو مون ۽ زينت پاڻ ۾ ڏاڍي چٽا ڀيٽي کاڌي آهي.“

    مائيءَ پڇيو ته ”ڇا تي؟“

    بختاور چيو ته ”ٻيو ڇا تي، اجهو انهيءَ ڳالهه تي جنهن جو تاڪيد ڪيو هوءِ.“ شهربانوءَ پڇيو ته ”پوءِ نيٺ شير ڪي لوغان؛ ڪهڙو خيال ڏٺئي ڇوڪريءَ جو؟“

    بختاور چيو ”مائي، هوءَ ته هٿ ڇهڻ کان پري بيٺي آهي.، اهي ٻه – ٽي جايون، جن جي پاڻ ڪالهه صبح جو رٿ پئي ڪئي، سي ته هتي نظر ۾ ئي ڪين آهن.“

    شهربانو وري پڇيو ته ”نيٺ ڇا ٿي چوي؟“

    بختاور ورندي ڏني ته ”چوي ٿي ته هونءَ ته ماءُ مالڪياڻي آهي- وڻيس ته ڌيءَ کي تاري، وڻيس ته ٻوڙي، مگر اهڙي ڪم ۾ ڌيءُ جي ڳالهه مڙيئي ٻڌڻ گهرجي. چوي ٿي ته اهڙي ڪم ۾ سون رپي ۽ عزيزي خوشيءَ ڏي اوترو ڏسڻو ناهي، پوريءَ عمر ڏي، اشرافت، لياقت، غريبيءَ، چڱي هلت چلت، موچاري کٽڻ ڪمائڻ جي لياقت، علميت ۽ هوشياريءَ ڏي ڏسڻو آهي – سو اهي خاصيتون انهن ماڻهن ۾ ناهن.“

    شهربانوءَ چيو ته ”بختاور! ڏس اڄوڪو زمانو پٽ ته پنهنجي وات وڪيل ٿيا آهن، پر هاڻي ڌيئون به پنهنجي وات وڪيل! گهوڙا گهوڙا! حق تي برڪت ملڪ مان ويئي آهي، حق تي آهن سهانگو نٿو ٿئي. هاڻي وڃي پڙهو گهمائجي ته ههڙن پارن وارو ڪو گهوٽ هجي ته اچي، نه ته بس!“

    بختاور چيو ته ”مائي تنهنجي ڳالهه سچي آهي، مگر تنهنجي ڌيءَ به ڪوڙ نٿي چوي. ويچاريءَ مون سان پنهنجو سڄو حال ونڊيو. پهريائين ته حيا کان ڪڇيائين ڪين ٿي، پر جڏهن تنهنجي چئي تي مون زور رکيس، تڏهن مون سان حجت دليل ڪرڻ لڳي. اگرچه منهنجو خيال به پهريائين اهڙو هو جهڙو تنهنجو آهي، مگر زينت بانوءَ جي ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ ڄاڻان ٿي ته اهڙي اجائي بندوبست ڪري اسان جي مهل في الحال سا خوشيءَ سان گذرندي، باقي پوءِ جي خبر ناهي ته نينگريءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو. اسين ٻارهوئي جيرا ڪين هونداسين، نڪي ساڻس گڏيا وتنداسين، نڪي پئسا جٽا ڪندا، نڪي زال مڙس جا مائٽ کين ڪم ايندا. پنهنجي سر پاڻ ۾ حياتيءَ دم تائين پيا ڳن ڏيندا؛ سو جي ٻئي چڱا هوندا ته غريبيءَ منجهه به پاڻ ۾خوش رهندا ايندا ۽ جي ٻيءَ طرح ته پوءِ ٻنهي کي جٺين جو گذران ڪرڻو پوندو.“

    مائي شهربانو چيو ته ”اهو سچ آهي بختاور، مگر اهڙي به ڪالهه اچي پئي آهي. ائين ڪندي ڪندي ته نينگريءَ جي هيڏي ڄمار اچي ٿي آهي. پڻس هليو ويو، آءٌ به اڄ سڀاڻ هلي وينديس پوءِ الائجي ڪنهنجن هٿن ۾ ڳالهه ايندي – انهيءَ جو مرم ٿو مون کي ماري.“

    بختاور چيو ”مائي! خدا سڀ خير ڪندو. تون شال پنهنجي اولاد جون مرادون ڏسندينءَ. اسان جي زينت خدا جي مهربانيءَ سان اهڙي سڌريل ڌيءُ آهي جو ڪنهن وٽ ڪا ٿوري هوندي. جڏهن ڪين جهڙن جون ڌيئون وڃي سکيون ٿين، تڏهن پڪ آهي ته ههڙو املهه ماڻڪ رهجي ڪين ويندو. خدا تي کڻي رک، پاڻهي پنهنجا ڪم ڪندو. دل ۾ ڪوبه فڪر نه ڪر.“

    شهربانوءَ چيو ته ”هائو مائي، الله تي لڄ آهي.“

    پوءِ ته بختاور اٿي ويئي ۽ شهربانو ٿوري تائين خيال پچائي پچائي سمهي رهي. خواب ۾ ٿي ڏسي ته سرائي، سندس گهر وارو ٻاهران ڪنهن سفر کان آيو آهي – ٻه – ٽي ڳنڍڙيون ڪپڙن جون کڻائي آيو آهي ۽ هڪڙو ڪنو مٺائي جو به. زال کي ٿو چئي ته ”توکي زينت جي ڳڻتي رهندي آهي، هاڻي سندس شاديءَ جو سعيو ڪر. آءٌ توکي چوندو آهيان ته انهن پنهنجن کان پراوا چڱا اٿئي ۽ پراون مان جن تي ڀاڙيو اٿئي سي ڪنهن ڪم جا ناهن. جيڪو هاڻ مون بندوبست ڪيو آهي سو چڱو آهي، پر جنهن کي ڏک ڏولاوا نصيب ۾ هوندا تنهن سان ڪو ڪنهن جو وس؟ ماٺ ڪري کڻي هائو ڪر.“ اتي شهربانوءَ جي اک پٽجي ويئي. وري اچي خواب جي لڳس، ڪڏهن دل ۾ چوي ته زال جي خواب جي تعبير ابتڙ ٿيندي آهي سو الائجي ڇا ٿيندو. ڪڏهن چوي ته مئو ماڻهو خواب ۾ ڏسبو آهي ته الائجي ڪهڙو حال ٿيندو آهي. انهن ڳڻتين ۾ وڃي بختاور کي اٿاريائين، جا ٽپ ڏيئي اٿي. هن کي آهستي پاڻ وٽ وٺي ويهاريائين ۽ خواب جي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس ۽ چيائينس ته ”مون کي فڪر ٿي بيٺو آهي.“

    بختاور چيس ته ”مائي! اسان جو سرائي اسان سڀني جو دعاگو آهي، خير سان خوشيءَ جي خبر آندي اٿس جو توکي انهيءَ پاسي جو انتظار هو. ٻيو سڀ خير آهي، الله ڪندو سگهوئي سبب ٿيندو!“ انهيءَ دلاسي ڪري مائي شهربانوءَ جي هانو تي ڇنڊو پيو ۽ دل کي تقويت آيس. ماٺ ڪري ڪلمو پڙهي وري سمهي رهي ۽ بختاور به وڃي پنهنجي جاءِ تي ستي.


    باب پنجون : نئون پيغام

    رات گذري صبح ٿيو. گهر جا ڀاتي اٿي ڏهاڙيءَ وارو ڪم ڪار ڪرڻ لڳا. زينت بانو نماز پڙهي وڃي قرآن جي دؤر تي پينگهي ۾ ويٺي. حامد اسڪول ڏي سنڀريو. بختاور کي مائي شهربانوءَ سڏي چيو ته ”اڄ مائي جان بيبي اچڻي آهي، سو سويري وڃي ڀاڄي ڀتي وٺي آءُ، گوشت سرس آڻجئين ته سوير ئي رڌڻ پائڻ جو ڪم ٿئي“، ۽ ڌيءُ کي به سڏي چيائين ته ”امان! بختاور کي پئسا ڏيئي، سمجهائي روانو ڪر ۽ پوءِ مانيء ٽڪيءَ جي نظر رکجئين متان مون کي اٿڻ جو وقت نه ملي.“

    زينت انهيءَ مهل قرآن ٺپي، بختاور کي سڏي جيڪو سامان آڻڻو هو، تنهن جو سمجهايو ۽ پئسا ڏيئي هن کي روانو ڪيائين. پاڻ وري ويهي قرآن پڙهڻ لڳي. بختاور ڪلاڪ کن ۾ سامان وٺي آئي ۽ اچي رڌڻ پچائڻ جو ڪم شروع ڪيائين. ايتري ۾ زينت بانو قرآن پڙهي اٿي ۽ هميشه وانگي ڪپڙو کڻي جاءِ جي شين جي صفائي ڪري، پوءِ پنهنجي ڪم کي لڳي.

    نائين بجي ڌاري در تي هڪڙي گاڏي آئي جنهن ۾ برقعي سان هڪڙي زال ويٺل هئي ۽ هڪڙي پورهيت ساڻس هيس ۽ ساڻس گڏ هڪڙو جوان ويٺل هو – ٽيئي لٿا. اها مائي جان بيبي ۽ سندس پورهيت مريم هئي، جن کي علي رضا اماڻڻ آيو هو. هنن کي سرائي فتح خان جي گهر اماڻي، علي رضا وري ساڳيءَ گاڏيءَ تي چڙهي پٺتي موٽي ويو.

    علي نواز مغل اهو دستور ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن ڪڏهن سندس زال ڪيڏي ٻاهر ويندي هئي. جيئن پردي وارن ماڻهن جو دستور آهي ته جي ٿورو پنڌ هوندو هو ته پيادي ويندي هئي ۽ ساڻس سندس پورهيت ۽ سندس عزيزن مان هڪڙو مڙس ماڻهو ويندو هو ۽ جي پرڀرو پنڌ هوندو هو ته گاڏي ڀاڙي ڪري آڻيندا هئا، انهيءَ ۾ ويندا هئا. برقعو به ايراني يا پٺاڻڪي ڊول جو هوندو هون، نه سنڌي ڊول جو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ته هنن کي به ڪجاون ۾ چڙهي وڃڻ جو لاچار هو. ڇالاءِ جو هنن جو گهڻو واسطو حاڪمن سان هو، تنهن ڪري رسم به انهن جي تي هلندا هئا. صاحبيءَ وئيءَ کانپوءِ ٿورو ٿورو ڪري ڪجاوا ڇڏي، ڏوليءَ ۾ چڙهڻ جي رسم ورتي هئائون؛ پر جيئن غريب ٿيندا ويا ۽ ڏوليءَ جو به کٽراڳ ڏسندا ويا تيئن انهيءَ کي به ڇڏي هاڻي اچي پنهجي پيرن جي پنڌ ۽ ڀاڙي جي گاڏيءَ تي بيٺا هئا. علي نواز خان ڏاهو ماڻهو هو ۽ ٻيو وري ولايتي ماڻهو هو، تنهن کي ولايتي مسلمانن جون رسمون سجهيون ٿي، تنهن ڄاتو ته جنهن کي پردو چئجي سو مطلب هن مان ئي ٿو نڪري تڏهن پاڻ کي ٻيڻي تڪليف ۽ خرچ ۾ وجهڻ جو ڪهڙو ضرور؟

    فتح خان جي گهر سان اهو حال نه هو. هو سرائي ماڻهو هئا، هنن جو پردو وڌيڪ سخت هو. جيڪو دستور ميرن جي صاحبيءَ کان هليل هو، سو هليو آيو. هنن ۾ زال ماڻهو پهريائين ته گهڻو ڪري ٻاهر نڪرندي ڪين هئي. جڏهن ڪڏهن ضرور پوندو هو تڏهن قنات ۽ پوش واري ڪجائي کان سواءِ ڪين نڪرندا هئا، پوءِ ڀلي پنڌ تمام ٿورو هجي ته به جتي ڪجائي جي جاءِ نه هوندي هئي اتي لاچار ڏولي ڪم آڻيندا هئا.

    مطلب ڳالهه جو ته مائي جان بيبي پورهيت سميت اچي سرائي فتح علي خان جي گهر لٿي. هوءَ گهر جي ڀاتين سان ملي، پوءِ وڃي سڀ صفي ۾ ويٺيون. مايون ٻيءَ هڪڙي کٽ تي ويٺيون. زينت بانو وري پاسي ۾ ٻيو کٽولو پيو هو تنهن تي ويٺي ۽ مريم سڀني جي اڳيان تڏي تي ويهي رهي. اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪيائون. ٻه ٽي ڏينهن لنگهي ويا هئا جو هو مليانه هئا، تنهن ڪري هڪٻئي ڏي ڏک ڏوراپا ڪڍيائون.

    مائي جان بيبي ۽ مائي شهربانو پاڻ ۾ ويٺي ڳالهايو – تيتري ۾ زينت بانو اٿي بورچيخاني ۾ ويئي ۽ بختاور کي رڌڻ پچائڻ ۾ مدد ڏيڻ لڳي. ٻه پهر اچي قابو ٿيا هئا، تنهنڪري همت ڪري ٻه – ٽي چلها کڻي چاڙهيائون؛ ٻه – ٽي طعام هُن پچايا، ٻه – ٽي هُن، جهٽ ۾ ماني تيار ٿي ويئي.

    زينت بانو پاڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ فرش ڪري، دسترخوان وڇايو ۽ پاسي واري ٻاهرئين در مان ڳچ جيترا ڍاڪو رکي ويئي. پوءِ صفي ۾ ماءُ کي چيائين ته ”امان ماني تيار آهي“ پر انهيءَ کان اڳي هڪڙي ننڍي خونچي ۾ ڪي ڍاڪون رکي، مٿانئس دسترخوان وجهي ٻاهر در تي موڪليائين، جو سندس ڀاءُ حامد به اسڪول کان موٽي آيو هو ۽ اوطاق واري لانڍيءَ ۾ ويٺو هو ۽ علي رضا به پنهنجي ڏهاڙيءَ جي نوڪري ڏيئي موٽي اُتي آيو هو – جو ٻنهي يارن پاڻ ۾ وري ٻاهر ويٺي صحبت ڪئي.

    بختاور سڀني جا هٿ ڌئاريا، ٽيئي ڄڻيون مانيءَ تي ويٺيون، مريم ۽ بختاور پاسي کان بيهي پکو هڻڻ لڳيون. سڀني پريندي ”بسم الله“ ڪئي ۽ جان بيبيءَ ته پنهنجي هميشه جي دستور موجب ”لا يلاف“ به پڙهيو – پوءِ کائڻ لڳيون.

    جان بيبيءَ چيو ته ”مائي شهربانو! هيڏي تڪليف ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هو، هيتري ماني ڪير کائيندو؟“

    شهربانوءَ چيو ته ”مائي ڪهڙي تڪليف – ماني، گوشت ۽ چانور – اهو ڏهاڙي پيو کائجي، ٻيو وڌيڪ وري ڇاهي؟“

    جان بيبي چيو ته ”هان! مائي، چادر جيڏو دسترخوان ڍاڪن ۽ رڪيبين سان ڀرجي ويو آهي؛ اڃا به ٿورو آهي! آءٌ ته کائيندي آهيان ٻه – ٽي گرنهن، ههڙو سڻڀو طعام ته ڏينهن ٿيا آهن، مون اکئين به ڪونه ڏٺو آهي. منهنجي گهر واري کي ٻيو ورهيه ٿو لنگهي ته مون کي نه سجهي ته مون پيٽ ڀري ماني کاڌي. هيءُ مريم رڌڻ پچائڻ واري بيٺي آهي، کڻي پڇينس.“

    شهربانوءَ چيو ته ”مائي، اهو خيال ڇو نه آهي – گهر واري جو وڏو آسرو آهي، وڏي خوشي آهي؛ ادي، منهنجو به اهڙو ئي حال آهي، بس گذر ڪرڻو آهي، حياتيءَ جو دم لنگهائڻو آهي.“

    جان بيبيءَ چيو ته ”زينت امان، تو به ڪين گهٽايو آهي. مون کي سُجهي ٿو هيءُ چاشني، پلاءُ ۽ کيرڻي، توڙي هي حلوو تنهنجو رڌل آهي. ڪهڙو نه چڱو سواد منجهس رکيو اٿئي! پر ناحق منهنجي خاطر اڄ بورچيخاني جو سيڪ جهليئي.“

    شهربانوءَ چيو ته ”مائي، ڪڏهن ڪڏهن اُهئين به وڃي بختاور کي مدد ڏيندي آهي، اڄ مهمانن جي لاءِ جي ائين ڪيائين، ته ڇا ٿيو.“ زينت، جنهن ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي کاڌو. تنهن چيو ته ”مائي! اوهان کي منهنجو رڌل کاڌو پسند آيو ته منهنجو پورهيو سجايو ٿيو.“

    ”جان بيبيءَ چرچو ڪري چيس ته ”سو ته چڱو پر جي اهڙو طعام اسان کي کارايئي ته اسين ڏهاري ڀڳا بيٺا هونداسين.“

    زينت ورندي ڏني ته ”مائي! آءُ حاضر آهيان، اوهين ڀلي اچو، جيءُ اچو.“

    انهيءَ طرح ڳالهيون به ويٺي ڪيائون ۽ ماني به ويٺي کاڌائون. نيٺ کائي بس ڪيائون،، جان بيبيءَ دعا گهري، ۽ سڀ اٿي کڙا ٿيا. بختاور ٻاهر در تي مڙس مانڻهن جي سماءَ تي ويٺي هئي، تنهنڪري مريم ڪونرو ۽ چلمچي کڻي هٿ ڌئارين. زينت وري ميز جي خاني مان سوپاريون ۽ ڦوٽا ڪڍي هنن کي ڏنا. بختاور موٽي آئي، سا ۽ مريم ٻيئي ٿانو کڻي بورچيخاني ۾ وييون، اتي ويهي وري هو گڏ ماني کائڻ ۽ پاڻ ۾ صحبت ڪرڻ لڳيون.

    جان بيبي ٿوري دير تائين زينت جي ڪوٺيءَ ۾ بيٺي ۽ جيڪي گل ۽ تصويرون، ڪتاب ۽ ٻيو سامان چڱي ڊول سان جاءِ ۾ رکيل هو، سو ڏسي تعريف ڪرڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته ”مائي زينت به پنهنجي جاءِ کي اهڙو سينگاريو آهي. جو ڇا چئجي! اسان جي علي رضا جو به ساڳيو ئي ڊول آهي پنهجي ويهڻ جي جاءِ ٺاهي اٿس. تنهن ۾ هن وانگي چڱيون شيون ۽ ڪتاب رکي ڇڏيا اٿس. سڄو ڏينهن انهيءَ ۾ پوريو پيو آهي.“

    پوءِ وري ٽيئي ڄڻيون اچي صفي ۾ ويٺيون ۽ هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳيون.

    جان بيبيءَ چيو ته ”امان زينت، تون به ذري تائين ته اچي منهنجي ڀر ۾ ويهه، صبح کان وٺي پئي ڊوڙي آهين، تو سان کلي ڳالهائي ڍو ته ڪريان.“

    زينت اٿي وڃي جان بيبيءَ جي پاسي ۾ ويٺي، ۽ جان بيبي سندس تعريف ڪرڻ لڳي ته ”امان! تو جهڙي پڙهيل هوشيار ۽ هنر واري ۽ نيڪ ڌيءَ خدا شال جهان کي ڏئي. جنهن گهر ۾ تون هوندينءَ، انهيءَ گهر جو وڏو نصيب هوندو. تون ڌيءَ ناهين، تون پُٽن جو مَٽ آهين. آءٌ خوشامند نٿي ڪريان. مريم کان پڇي ڏس ته ڪيترا ڀيرا اسين تنهنجون ڳالهيون ڪنديون آهيون، ۽ جڏهن جهان جي پُٽن ڌيئن جو ذڪر نڪري، تڏهن آءٌ چوندي آهيان ته مون به گهر گهڻا ڏٺا، پر اهڙي سگهڙ ۽ نيڪ ڌيءَ ڪنهن امير جي گهر ۾ مشڪل هوندي.“

    زينت ته حيا کان ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي هئي ۽ جواب ڪونه ڏنائين. شهربانوءَ چيو ته ”مائي! الله شال جهان جو اولاد صالح ڪري، ڇا پٽ، ڇا ڏيءَ“

    اتي بختاور زينت کي ڪنهن ڪم لاءِ سڏ ڪيو، سا ويئي اوڏي، ۽ جان بيبي وجهه ڏسي چيو ته ”مائي شهربانو! مون کي ڪو ٿورڙو عرض ڪرڻو آهي.“

    شهربانوءَ چيو ته ”مائي ڀلي چئو“

    جان بيبيءَ چيو ته ”مائي، توکي خبر آهي ته اسان ٻنهي گهرن جي وچ ۾ جيڪو رستو آهي، سو مائٽن کان به وڌيڪ آهي. خدا سرائيءَ کي بهشت نصيب ڪري ۽ منهنجي گهرواري کي مرهي، سي جڏهن حيات هوندا هئا، ۽ پنهنجو به دور هوندو هو، تڏهن ته توکي ياد هوندو ته ڪهڙي نه پاڻ ۾ اٿ – ويهه ڪندا هئاسين. اڄ اجهو ائين آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٿو ملڻ ٿئي. منهنجو مڙس به اصل پرديسي هو، پر هاڻ ته اسين سڀ ديسي ٿياسون. جهڙا اشراف توهين آهيو، تهڙا اسين آهيون. اسان کي اوهان کان عار ڪونهي، اوهان کي اسان کان عار نه اچڻ گهرجي. منهنجي مرضي آهي ته منهنجي نينگر علي رضا کي تون پنهنجو ڪرين ته چڱو؟ هو غريب آهي، چڱي چال وارو آهي. اسان جي حال جي توکي ساري خبر آهي- توکان ڳجهو ڪين آهي. آءٌ نٿي چوان ته اسين اوهان جا مائٽ آهيون، اسين اوهان جا غلام آهيون، ائين ڄاڻي تون کڻي منهنجي علي رضا سان ننگ ڪر.“

    جان بيبيءَ بس ڪئي، ڀانيائين ته ڏسان شهربانو ڇا ٿي چوي، پر هن کي ته انهيءَ مهل اهڙي ڳالهه ٻڌڻ جو ته خيال ئي ڪونه هو، تنهنڪري چپ کڻي ڪيائين، ماٺ ڪيو پئي ٻڌائين.

    تڏهن جان بيبيءَ وري چيو ته ”ادي! تون خفي نه ٿجئين، منهنجي ڳالهه ناشائستي هجي ته مون کي معاف ڪجئين. مون کي خبر آهي ته اهڙي مائٽي جي ڳالهه کي هتي جا ماڻهو گار سڏيندا آهن ۽ انهيءَ تي پاڻ ۾ گهڻا جهيڙا ڪندا آهن. پر سرائي مرحوم جي توڙي اوهان سڀني جي هلت چلت ٻين عام ماڻهن جهڙي ناهي. اوهين سمجهو عقل وارا آهيو – ڄاڻو ٿا ته زماني جو اهو دستور آهي، نبين ولين به پنهنجن ٻارن جا اهڙا بندوبست پئي ڪيا آهن، تڏهن پاڻ ڪير آهيون. هاڻي منهن مٿي ڪري مون کي ڪو دلاسو ڏي، ته منهنجي دل کي ڏڍ اچي.“

    تڏهن لاچار شهربانوءَ منهن مٿي ڪري چيو ته ”ادي! تون منهنجي ڀيڻ آهين، مائٽن وانگي آهين. اهڙن ڪمن ۾ مون کي توکان عيب ڪونهي، توکي مون کان عيب ڪونهي. مگر مون کي خيال به ڪونه هو ته اڄ تون رڳو انهيءَ لاءِ پنڌ ڪري اچي اهڙي ڳالهه مون سان ڪندينءَ!“

    جان بيبيءَ چيو ته ”ادي! ائين متان چوين، آءٌ رڳو انهيءَ ڪم لاءِ نه آيس. ڪيترا نه ڏينهن ٿي ويا آهن، جو پاڻ نه مليا آهيون، تنهنڪري ڄاتم ته اچي اوهان جو منهن به ڏسان ۽ جيڪو حال هوم سو به توسان ڪريان، جو توکان سواءِ هتي مون کي صلاح مصلحت ڏيڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟“

    شهربانوءَ ورندي ڏني ته ”ادي، چڱو ڪيئي، پر توکي خبر آهي ته منهنجا مائٽ پاسي ۾ ويٺا آهن، نينگريءَ جو مامو آهي، چاچو آهي، ٻيا ڪيترا مائٽ آهن، انهن کي به نيٺ مائٽيءَ جي ڳالهه دل ۾ هوندي. وري جيئي شل منهنجو حامد به ويٺو آهي، جوان اچي ٿيو آهي، تنهن جو به نيٺ بلو ڪرڻو اٿم. اڄ ته مائٽ به چون ٿا ته ”اٽي تي اٽو، کارو نه کٽو، هڪڙي هٿ ۾ ڏيو ٻئي هٿ ۾ وٺو، سو جي آءٌ کڻي اهڙو پير توسان ڀريان، ته مائٽن کان به مور وينديس ۽ منهنجو ڇوڪرو به رهجي ويندو.“

    جان بيبيءَ چيو ته ”مائي، سچ ٿي چوين، اها ڳالهه برابر آهي، تنهنجي پٽ جو به توکي خيال نه هوندو، ته ٻيو ڪنهن کي هوندو. الله انهيءَ کي به کڻي گهوٽ ڪندو. لائق پٽن جي لاءِ لائق زالون جهجهيون آهن. قسم کڻي ٿي چوان ته جي مون کي نياڻي هجي ها ته آءٌ پهرين انهيءَ کي تنهنجي جهوٺيءَ ۾ وجهان ها، پر منهنجو وس ڪونهي. تنهنجو پٽ، سو منهنجو پٽ آهي. جهڙو آءٌ علي رضا جي شاديءَ ۾ خوش ٿينديس، تهڙو حامد جي. جيترو پنهنجي پٽ لاءِ ٿي سعيو ڪريان، تنهن کان وڌ تنهنجي حامد لاءِ ڪنديس، پوءِ هٿ وس خدا جي آهي.“

    شهربانوءَ چيو ته ”مائي! اهي تون پنهنجا لائق ٿي ڪرين، مگر وري به زمانيسازيءَ ۾ سڀڪنهن کي اهڙن ڪمن لاءِ گهڻيون ڳالهيون ڳڻڻيون آهن.“

    جان بيبيءَ چيو ته ”ادي شهربانو، تڏهن مون کي نااميد ٿي ڪرين؟ منهنجو غرض قبول نه ڪيئي،. منهنجي اڇي مٿي ڏي نه ڏٺئي؟“

    شهربانوءَ ورندي ڏني ته ”ادي! آءٌ ائين ڪين ٿي چوان، مون چيو ته اهڙن ڪمن جي لاءِ خيال ڪرڻ ۽ اڳ – پوءِ ڳڻڻ ضروري آهي، سا ڳڻ ڳڻي پوءِ توکي جواب ڏينديس.“

    جان بيبيءَ چيو ته ”تڏهن ڀلائي ڪج، وسارج نه، مون کي رات، ڏينهن توڏي ڌيان هوندو.

    اتي زينت به وري آئي، تنهنڪري هنن کڻي بس ڪئي. پوءِ سڀيئي وري کٽولن تي ليٽي پيون، ۽ ٿورو آرام ڪري اٿيون، وري وضو ڪري اڳئينءَ جي نماز پڙهيائون. پوءِ زينت جيڪي ٽوپيون ۽ چولا ڀريا هئا سي آڻي مائي جان بيبيءَ کي ڏيکاريائين، جي ڏسي هوءَ هيڪاري خوش ٿي.

    اتي ڏينهن به ٺريو، ۽ علي رضا هلڻ جو وقت ڏسي، شهر ڏي وڃي گاڏي وٺي آيو هو، تنهن در تان ماءُ ڏي چوائي موڪليو ته ”گاڏي تيار آهي، هاڻي اچو.“ مائي سنڀري ۽ برقعو مٿان وڌائين، شهربانوءَ کان موڪلايائين، ۽ هلڻ مهل به آهستو چيائين ته ”منهنجي ڳالهه نه وسارج“ ۽ زينت کي وري به هلڻ مهل سڏي ڀاڪر پائي پيشانيءَ تي چمي ڏنائين ۽ چيائينس ته ”امان، اسين ته تنهنجي گهر پيا اچون، تون الائجي ڪهڙي ڏينهن اسان جي گهر ايندينءَ!“


    باب ڇهون : جــوڙ جُــڙڻ

    علي رضا، جنهن کي انهيءَ ڏينهن جي ذڪر چُرئي کان پوءِ سرائي فتح خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪرڻ جو شوق ٿي بيٺو هو، جنهن جي صلاح سان سندس ماءُ هنن وٽ آئي هئي، تنهن کي اهائي ڳڻتي هئي ته الائجي اها ٻانهن ملي يا نه ملي. سو اڃا ماڻس گاڏي ڇڏي، اندر پنهنجي گهر ۾ مس گهڙي ته پڇڻ لڳس ته ”ڪيئن امان، فتحون آهن نه؟“

    ماڻس چيو ته ”ابا! برقعو ته لاهڻ ڏينم، ساهه ته پٽڻ ڏينم، خدا سڀ چڱي ڪندو!“

    وري مريم کان پڇيائين ته ”دائي، تون ڪا ڳالهه ٻڌاءِ، ڪڏهن جو انجام ورتو؟“

    جان بيبيءَ چيو ته ”مار، ابا! تون ته تريءَ تي بهشت ٿو طلبين؟ يا ته چوندو هئين ته شادي ڪانه کپي، يا ته هاڻي آڻي تڪڙ مچائي اٿئي“

    علي رضا چيو ته ”امان، آءٌ ائين ئي ٿو پڇان ته جنهن ڪم لاءِ ويا هئو، تنهن جي ذڪر ڪڍڻ جو وجهه مليو يا نه؟“

    جان بيبيءَ ورندي ڏني ته ”هائو، ابا مليو، مائيءَ پنهنجا گهڻا لائق ڪيا. آخر خوشيءَ جو ڪم آهي، چيائين ته پنهنجو تن من پڇي ڏينهن – ٻن ۾ جواب ڏينديس. پر الله ۾ اميد جهجهي آهي.“

    پوءِ ته جيڪي انهيءَ ڏينهن ٿي گذريو هو سو سارو احوال ڪري ٻڌايائينس ۽ ان سان گڏ زينت بانوءَ جي تعريف نئين سر ڪيائين جا ٻڌي، علي رضا گهڻو خوش ٿيو.

    هوڏانهن وري شام جو سرائي فتح خان جي گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ گڏ ٿيا ۽ جان بيبيءَ جي اچڻ ۽ سندس فضيلت ۽ مائيءَ جي چڱي ٿيڻ وغيره جون ڳالهيون پاڻ ۾ ڪرڻ لڳا ۽ حامد وري جهڙيءَ طرح علي رضا جي صحبت ۾ ڪتابن پڙهڻ يا شطرنج راند ڪرڻ ۾ پنهنجو ڏينهن گذاريو هو، سو حال ڪري ٻڌايو.

    رات جو جڏهن سڀ ماني کائي سمهي پيا، تڏهن شهربانوءَ پنهنجي صلاحڪار بختاور سان جان بيبيءَ وارو ذڪر ڪڍيو ۽ چيائينس ته ”مون کي خبر آهي ته اهو به آبروءَ وارو گهر آهي. علي نواز مغل به ننڍڙو مڙس ڪين هو ۽ هاڻ هي چڱي حال ۾ آهن، مگر وري به پرائي ۽ پنهنجي ۾ فرق آهي.“

    بختاور چيو ته ”مائي، سو سچ آهي پر جيڪي پنهنجا ٿي چوين يا جيڪي ٻيا پراوا اسان اڳي رٿيا هئا، تن تي ته اسان جي زينت جو خيال ئي ڪونهي، تنهن ڪري جي اتيئي راضي ٿئي ته به چڱو، پر هوءَ مائي وري انهيءَ مان به پنج عيب ڪڍندي.“

    شهربانوءَ چيو ته ”هائو مائي، شڪ ناهي.“

    بختاور وري پڇيو ته ”پوءِ حامد عليءَ جي شادي ڪيئن ٿيندي؟ اڄ ته رڳو ڏي وٺ لڳي پئي آهي. هنن سان ڪريو ها ته پنهنجن مان ٻانهن جي ٻانهن ملي ها ۽ ڌارين به ذمو ٿي کنيو، ٻيءَ ٻانهن ڳولائي وٺي ڏيڻ جو. انهيءَ جي ڪهڙي رٿ آهي؟“

    شهربانوءَ ورندي ڏني ته ”ڪهڙي رٿ آهي، مائي جان بيبيءَ چيو ته حامد کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڄاڻان – جيئن علي رضا کي پرڻائينديس، تيئن حامد جي لاءِ به گهٽائينديس ڪين. سو ته آءٌ به ڄاڻان ٿي پر جڏهن نينگري پير ئي نٿي کوڙي، تڏهن جيستائين حامد جو بندوبست لاءِ ترسنديس، تيستائين زينت ته اچي اُٺ جيڏي ٿيندي. ڌيون ته اصل ڊڀريون آهن، وڌندي ويرم ڪانه ٿيون ڪن؛ پوءِ هيڏو سارو ٻار گهر ۾ ويهارڻ من کي ڏکيو ٿو لڳي. تنهن کان جيڪڏهن في الحال اتيئي خير جو ڪم ٿي وڃي ته پوءِ نينگريءَ جو وڏو بار مٿي تان لٿو، وري لڳان نينگر جي پٺيان. اڄ ته نينگرا به انگريزي پڙهيا آهن، سي به ائين پيا چون ته اسين چونڊي پنهنجي ٻانهن وٺنداسين. ٻڌو ڪين هئي ته انهيءَ ڏينهن حامد چرچن ۾ ڇا پئي چيو؟“

    بختاور چيو ته ”هائو مائي، سچ ٿي چوين پر مون کي اميد آهي ته زينت کي به اهو هنڌ چڱو لڳندو. جن ڳالهين جي کيس ڳڻتي آهي، سي ته سڀ مائي جان بيبيءَ جي پٽ ۾ موجود آهن. پڙهڻ لکڻ وارو آهي، اشراف گهر جو آهي، کٽڻ ڪمائڻ وارو آهي، پوري وهيءَ وارو آهي، صورت جو موچارو آهي. رڳو ڌارياڻيءَ جو عيب ڪڍي ته خدا کي خبر. پر انهيءَ جي آءٌ ڀانيان ٿي ته هتي حرڪت ڪانه ٿيندي.“

    شهربانوءَ چيو ”پر بختاور، ڪالهوڪو خواب جو مون توکي ٻڌايو هو، تنهن جو به هيستائين مون کي دل ۾ ويچار هو. لاشڪ سرائي به هن ڪم ۾ راضي آهي جو اڳواٽ مون کي اشارو ڪيو هئائين ۽ دلجاءِ ڏني هئائين. آءٌ سو ڀانيان ٿي ته انهيءَ جو تعبير اجهو اهو آهي!“

    بختاور جواب ڏنو ته ”ٻڙي مائي! چوين ته سچ ٿي، مون کي دل تان لهي ويو هو، واه جو سهي ڪيو اٿئي. ڏس ته سهي، جيئرن کان وري به مئا گهڻي ڪم جا آهن؛ هاڻ ڪير چوندو ته سرائي، الله مرهيس، جيئرو ناهي. مون توکي انهيءَ مهل چيو هو ته ويچارو اوهان جو دعاگو آهي. انهيءَ ڳالهه جي هن کي اڳيئي خبر پئي هئي. ڀلا هن جو ڇٽل روح جو آهي! هاڻي مائي ٻڌين ٿي، بسم الله ڪري انهيءَ ڳالهه تي ڪري بيهه.“

    شهربانوءَ چيو ته ”تڏهن، بختاور، چڱو سڀاڻي تون مون کي وري به ڇوڪريءَ جو سماءُ وٺي ڏج. حامد علي کي آءُ پاڻهي ڪن تي وجهنديس. نيٺ اهو به هيڏو سارو اچي ٿيو آهي، نيٺ هينئر اسان جو وارث آهي. گهر ۾ هينئر مڙس ماڻهو اهوئي آهي.“

    ٻيو ڏينهن ٿيو، پهر سوا سج چڙهيو؛ زينت بانو قرآن پڙهي پوءِ ڪارچوب ڪڍيو. مائي شهربانو ويئي وهنجڻ، تنهن کي بختاور ميٽ تيل ۽ پاڻي ڏيئي آئي. پاڻ وجهه ڏسي، اچي زينت جو پاسو ورتائين. چوڻ لڳيس ته ”امان ڪيئن، ڪالهوڪن مهمانن جو ڪو سماءُ پيئي.“

    زينت ورندي ڏني ته ”ڪهڙو سماءُ! خير سان پلڪ گذري ويئي، مهمان خوش ٿي ويا. مائي جان بيبي بلڪل غريب زال آهي، اسان سان محبت ٻجهي ويئي اٿس.“

    بختاور چيو ته ”سو برابر، پر آيا هئا تنهنجي لاءِ.

    زينت پڇيو ته ”منهنجي لاءِ؟ منهنجي ڏسڻ جي سڪ پئي هين ڇا؟“

    بختاور جواب ڏنو ته ”تنهنجي ٻانهن گهرڻ ۾ مائي جان بيبيءَ اسان جي مائيءَ کي گهڻيون منٿون ڪيون پنهنجي پٽ جي لاءِ” مائيءَ ورندي ڪانه ڏنيس. ڀلا ويچاريءَ کي سجهيو ٿي ته اڄ پٽ ڌيون سڀ آهن وات وڪيل. هاڻ تون به امان اسان کي کڻي ٻڌاءِ ته تنهنجو ڪهڙو خيال آهي، وري هن مان ڪهڙو عيب ٿي ڪڍين؟“

    زينت ته حيا کان في الحال ورندي ڪانه ڏنيس، تڏهن پاڻ وري چيائين ته ”جيڪي وصف انهيءَ ڏينهن تو ٿي چيا، سي ته هن ۾ موجود آهن. توکي به خبر هوندي ته مائي جان بيبيءَ جو پٽ پڙهڻ لکڻ ۾ هوشيار آهي، کٽڻ ڪمائڻ وارو آهي، سڀڪي ٿو گهر ۾ اچين، شڪل صورت جو چڱو آهي، جوان جماڻ آهي، اشراف گهر جو آهي، ڌاريو آهي ته به مائٽن وانگر آهي. اسان جي سرائيءَ ۽ علي نواز مغل جو پاڻ ۾ رستو ڪين هو؟ هاڻي ته مرضي تنهنجي، ماڻهين ويچاريءَ ته انهيءَ ڏينهن کانپوءِ کڻي ماٺ ڪئي آهي. جڏهن ڪٿي به سندس ڪانه ٿي هلي، تڏهن ٻيو ڇا ڪري!“

    زينت چيو ته ”دائي، امان الائجي ڇو خفي ٿي آهي. مون ته اڳي به توکي چيو هو ته اولاد جو ڇا وس جو مائٽ جي سامهون ٿئي. منهنجي مرضي ڪهڙي آهي! جيڪا امان جي مرضي. انهيءَ گهر جي جيڪا ڳالهه ڪيئي، سا مون کي اڳيئي خبر آهي، هو اسان وٽ ايندڙ ويندڙ آهن، جنهن ڳالهه ۾ امان جي مرضي ٿيندي، سان مون کي قبول آهي.“

    بس، هن جي ايتري چوڻ مان بختاور سمجهيو ته زينت کي انهيءَ پاسي تي اعتراض ڪونهي. انهيءَ هوندي به هن جي دل پڪي ڪرڻ لاءِ جان بيبيءَ ۽ سندس پٽ جي هلت چلت جي تعريف ڪرڻ لڳي ۽ ڪڏهن ته وري چرچي طور هن کي اشارا ڏيڻ لڳي ته هاڻ اجهو سگهوئي ٻارن ٻچن واري ٿيندينءَ، اولاد جو سيڪ ايندءِ، ڳالهه نه مڃيندا ته پاڻهي ڪاوڙ لڳنديئي.

    انهن چرچن ڪندي، مائيءَ شهربانوءَ وهنجي بس ڪيو هو، تنهن بختاور کي سڏ ڪيو. هن وڃي اتيئي گرما گرم خبر ٻڌايس ۽ مبارڪ ڏنائينس ته ڌيڻين مس مس بيٺي آهي. پوءِ ته مائي به نڪري ٻاهر آئي، بختاور وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي.

    ٻنپهرن جو وري مائيءَ شهربانوءَ وڃي ڪوٺيءَ ۾ آرام ٿي ڪيو ته اتي حامد به آيو، تنهن کي سڏي ڀر ۾ ويهاريائين، هن سان اهو ذڪر چوريائين ۽ جيڪي چوڻو هوس سو چڱيءَ طرح سمجهايائينس. حامد ته علي رضا جو سنگتي هو ۽ هن جي هلت چلت جو چڱيءَ طرح واقف هو، سو انهيءَ رٿ ۾ ناراض نه ٿيو باقي پنهنجي شاديءَ بابت ته هو پاڻ به انهيءَ ڳالهه تي بيٺو ته ”اڃا منهنجي شاديءَ جي تڪڙ ڪانه پيئي آهي، نڪو اڃا آءٌ کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ٿيو آهيان.“ ٻيو هيءُ به چيائين ته ”مامي جي ڌيءَ اڃا ننڍڙي آهي، جڏهن ڪا وڏي ٿئي، تنهن کان سواءِ هن کي سڱاوتيءَ جو سودو پسند ناهي. آءٌ جڏهن شادي ڪرڻ جهڙو ٿيس، تڏهن پاڻهي پنهنجي زال جو بندوبست ڪندس، اوهان کي هلاڪي ڪانه ڏيندس.“ حامد ته اهي ڳالهيون علي رضا، توڙي شهر جي ٻين ڪن سنگتين جي صحبت ۾ سکيو هو، ۽ شهربانوءَ کي به اڳ ئي هن جي دل جي خبر هئي، تنهن هينئر کڻي ماٺ ڪئي.

    زينت بانوءَ جو پنهنجي دائي کي نئين رٿ جي پسنديءَ جو اهڙو جلد جواب ڏنو، سو گهڻي خيال ۽ ويچار کان سواءِ نه هو، اڳئين ڏينهن ماڻس سان جان بيبيءَ جا سُس پس پئي ڪئي، تنهن مان ٿورو گهڻو شڪ اڳيئي پيو هوس. وري هن ڀيري جان بيبيءَ به اڳي کان وڌيڪ پيار ڏيکاريو هوس، ۽ اشاري طرح ايترو به چئي چڪي هيس ته تون اسانجي گهر ڪڏهن ايندينءَ، تنهن مان هن کي پڪو گمان پيو ته منهنجي بابت ذڪر هليو آهي. انهيءَ وقت کان وٺي هوءَ انهيءَ ڳالهه تي خيال ڪرڻ لڳي. علي رضا جي گهر جي خبرچار ساري هيس، سندس گڻن جي تعريف ڀاءُ کان به ٻڌي هئائين، جو هن جو پڪو سنگتي هو. سندس شڪل به ڏٺي هئائين جو هڪڙي ڏينهن اتفاق سان نانگ مارڻ جي لاءِ اندر آيو هو ۽ سندس منهن پئجي ويو هو. هن جي تصوير به ڀاڻس وٽ هئي، جا ڀاڻس جي ڪتابن سان گڏ سندس جاءِ ۾ رکي هوندي هئي. تنهن کي هن وري به هاڻي چتائي ڏٺو، جنهن هن جي دل تي زياده اثر ڪيو. مطلب ته هوءَ ٿوري عرصي منجهه پنهنجي دل ۾ چڱيءَ طرح ويچار ڪري رهي هئي، ۽ اها جاءِ هر طرح پسند آئي هيس، تنهن ڪري جڏهن دائيءَ ساڻس ذڪر چوريو، تڏهن هن کي ڪا مشڪلات ڏسڻ ۾ ڪانه آئي، ٿورن ئي لفظن ۾ اشاري طرح مرضي ڏيکاريائين، جو بختاور جي ڳالهائڻ مان صاف سمجهائين ٿي ته ماڻس انهيءَ ڪم ۾ راضي آهي ۽ ڀاڻس به ضرور خوش هوندو.

    انهيءَ وقت کان وٺي، انهيءَ گهر جا سڀ ڀاتي سرها ڏسڻ ۾ آيا. ڇالاءِ جو جنهن ڳالهه جو سڀني جي دل تي بار هوندو هو، تنهن جو فيصلو هاڻي اچي ويجهو ٿيو هو.

    ساڳيوئي حال هنن مغلن جي گهر جي ڀاتين جو هو. گذريءَ ملاقات کي ٽي يا چار ڏينهن مس گذريا هئا، ته علي رضا ماءُ کي چيو ته ”امان، بهتر صلاح آهي ته سرائيءَ جي گهران سماءُ وٺجي ته ڪهڙو حال آهي، هيستائين مائي به پنهنجي دل ۾ ٺهراءُ ڪري رهي هوندي، بهتر آهي ته ترت جواب وٺجي، متان ڍر ڏني ڪم بگڙي وڃي!“

    اها صلاح ماڻس به مناسب ڄاتي، تنهن ڪري مريم جي هٿان ڪي گل جا هار به سوکڙي ڪري ڏياري موڪليائين ۽ مائي شهربانوءَ ڏي چوائي موڪليائين ته ”جنهن ڳالهه جو مون تاڪيد ڪيو هو، تنهن جو ڀلائي ڪري اسان ڏي جواب جلد موڪلجئين، جو اسان جو سڄو ئي خيال انهيءَ پاسي ٿي بيٺو آهي.“ ٻيو ته جيڪي مريم کي سمجهائڻو هون، سو سمجهائي هن کي روانو ڪيائون.

    مريم وڏن وڏن گهرن ۾ آئي ويئي هئي ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ فضيلت واري ۽ چالاڪ هئي، تنهن خلاصو وقت وٺي پنهنجو پيغام چڱيءَ طرح وڃي پهچايو. پاڻ منجهس جيڪا ضروري ڀڃ گهڙ ڪرڻي هيس سا به ڪيائين ۽ جيڪو مڙهو مصالحو وجهڻو هوس سو به وڌائين.

    مائي شهربانوءَ ته اڳيئي تن من ڀڃي رکيو هو، پٽ ۽ ڌيءَ جي به دل جي ڳالهه هٿ ڪئي هئائين؛ تنهن مختصر طرح جواب ڏنس ته ”مائي جان بيبي کي منهنجي پاران دعائون ڏج، ۽ چئج ته تو واري ڳالهه اسان کي قبول آهي. پوءِ ڪهڙي به ڏکيائي اسان جي نظر آئي، پر جڏهن تو پاڻ انهيءَ ڪم لاءِ پنڌ ڪيو ۽ وري پنهنجو رستو به ڌارين وارو ناهي، مائٽن وارو آهي – تڏهن آءٌ اها ڳالهه مڃان ٿي، اڳتي جيڪي لکيي ۾ هوندو سو ٿيندو. اوهان جي ته الله جوڙي، اسان جي به کڻي جوڙيندو! هاڻي اوهين تياري ڪجو اسين به ڪنداسين. ڪو چڱو وار ڏسي في الحال مڱڻي جو بندوبست ڪجي، پوءِ شادي به ٿي پوندي.“

    اهو جواب وٺي مريم سگهوئي پٺتي موٽي، اڳيان ته هنن سندس واٽ پئي ڏٺي، ايندي سان مائيءَ کي ۽ علي رضا کي مبارڪ ڏنائين.

    جان بيبيءَ ڊوڙ پائي مصريءَ جو هيڏو سارو ٽڪر کڻي وات ۾ وڌس، پوءِ ته سڀئي پاڻ ۾ خوشيون ۽ چرچا ڪرڻ لڳا ۽ علي رضا ته پنهنجن ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيو.


    باب ستون : مبارڪ شادي

    انهيءَ ڏينهن کان وٺي ٻيئي طرف تياري ڪرڻ لڳا ۽ ڪپڙو گندي، ڳهه ڳٽو جوڙائڻ لڳا. ٻنهي گهرن ۾ اها پهرين شادي هئي ۽ ٻيئي سکر ماڻهو هئا، تنهن ڪري ٻنهي جي خواهش هئي ته آبروءَ جهڙو بندوبست ٿئي. هن کان پوءِ جڏهن ڪڏهن علي رضا ۽ حامد علي پاڻ ۾ گڏبا هئا ته اڳي کان وڌيڪ پاڻ ۾ گستاخ رهندا هئا، جو پڪ هين ته سگهوئي مائٽ ٿينداسين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايندڙ شاديءَ جي نسبت ۾ گفتگو ڪندا هئا ۽ ان جي تياريءَ بابت پاڻ ۾ صلاح ڪندا هئا.

    هو ٻيئي نئين زماني جا ماڻهو هئا، نئون چلتو ڏٺو هئائون، ان بابت ڪتابن ۾ پڙهيو هئائون ۽ چڱن چڱن ماڻهن کان ٻڌو هئائون، تنهن ڪري اهڙين ڳالهين بابت هنن ٻنهي جي هڪڙي راءِ هئي. ان موجب پاڻ ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيائون ته اها شادي، جا ٿيندي سا هو نئينءَ ۽ سڌريل رٿ پٺيان ڪن ۽ اڳوڻا رستا ڇڏي ڏين. هنن کي سجهيو ٿي ته اهڙن ڪمن ۾ زالن جي ٻيگهي مچندي آهي ۽ مڙسن جي ڪابه ڳالهه ڪانه هلدي آهي، پر ٻنهي سان سندن مائرن جي محبت گهڻي هئي ۽ جهڙي هي هنن جي مرضي رکندا هئا، تهڙي هو هنن جي مرضي رکنديون هيون” تنهنڪري هنن ڄاتو ته اسين ڪي لٺ سان، ڪي چٺ سان سڀني کي آڻي پنهجي رستي تي بيهندارينداسين. پوءِ ته ٻنهي گڏجي ڪي مکيه ڳالهيون مختصر طرح کڻي ڪاغذ تي اٽڪايون، جن بابت شاديءَ جي ڪم ۾ هنن کي هلت ڪرڻي هئي:

    1- پهرين ڳالهه اها رٿيائون ته مڱڻي کان شادي گهڻا ڏينهن پوءِ نه ٿئي هفتي کن ۾ ٿئي، ڇالاءِ جو ڄاتائون ته گهڻن ڏينهن وچ ۾ پوڻ ڪري هڪڙو ته ڏيتي ليتي جو خرچ به ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته هڪٻئي جي سنڀال رکڻ به ڏکي ٿي ٿئي.

    2- مڱڻي ۾ رڳو ڪن ٿورن عزيزن کي سڏي، مٺائي ورهائي پڌري ڪرائجي ۽ ڪنوار کي ويڙهه يا منڊي نشانيءَ لاءِ وجهجي – ٻيو ڪي ڪين ڪجي.

    3- شاديءَ جو ڏينهن ٻيئي طرف صلاح ڪري اهڙو مقرر ڪن، جو ٻنهي کي سولو هجي. ڏڻ وار وٺڻ يا يا مُلي کان ڏينهن ڪڍائڻ يا ڏساسول جاچڻ، اهو سڀ بند رکجي.

    4- ڏاج چئن جوڙن ڪپڙن ۽ ضروري زيورن کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ٺهرائجي. وڌيڪ جيڪي ڏيڻو هجي، سو شاديءَ کان پوءِ هڪٻئي کي ڏيئي سگهجي ٿو.

    5- ڏاج ڏيکارڻ جو ڪوبه ضرور ڪونهي.

    6- زيور وسعت آهر رڳا هيٺيان يا انهن مان ڪي هئڻ گهرجن، ڪنن جي لاءِ هڪ جُت پنڙا يا دُر، هٿن جي لاءِ مُنڊي، ٻانهن لاءِ ڪنگڻ يا ڪنگڻيون ۽ ڳچيءَ لاءِ دُهري يا اهڙو ڪو ٻيو زيور؛ باقي نڪ ۾ ضرور ڪونهي. جي اصل ننڍي هوندي کان ٽنگ نڪتل هجي ته پوءِ لاچار هڪڙي ننڍڙي ڦلڙي وجهجي. انهيءَ ڪري هنن ڄاتو ته اجاين زيورن تي پئسا به خرچ نه ٿيندا، نڪ ۽ ڪن به گهڻن ٽنگن ڪڍڻ ۽ گهڻي بار کڻڻ جي عذاب کان ڇٽي پوندا.

    7- نڪاح سنجهي جو ڏهين بجي اندر پورو ٿيڻ کپي، جنهن کانپوءِ گهوٽ ڪنوار پنهنجي جاءِ تي هليا وڃن ۽ نڪاح مهل ڪي ٿورا ويجها عزيز يا گهرا دوست حاضر هجن، جي نڪاح کان پوءِ مٺائي يا کارڪون وٺي، پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن؛ نه ائين، جو سڄي رات اتي ويٺا پنڪيون کائين ۽ شاديءَ وارن کي دل ۾ پٽين.

    8- ڪنهن به قسم جا سڳڻ ساٺ، سي اڪثر ٻاهر مڙسن ۽ يا اندر زالن ۾ ٿيندا آهن، سي بند رکجن، رڳو گهوٽ نڪاح کان پوءِ ڪنوار جي گهر اچي، ڪنوار سان هڪ کٽ تي ذري تائين گڏ ويهي ۽ عزيز انهن کي ڏسن ۽ مبارڪون ڏين، پوءِ رات جو گاڏيءَ يا ڏليءَ ۾ يا ڪجائي ۾ هليا وڃن.

    9- شاديءَ جي ٻئي ڏينهن يا ان جي اڳئين ڏينهن، شاديءَ جي ماني ٿئي، گهوٽيتا ٻاهر جي ڪن ۽ ڪُنواريتا اندر جي. پورا پنا ماڻهو، عزيز ۽ دوست سڏجن، جنهن ڪري اجايو خرچ مانيءَ تي به نه ٿئي. مانيءَ کاڌي کان پوءِ جي پهت جا پئسا وٺڻ ۾ ايندا آهن ۽ وقت بوقت جا گهور ڏيڻ ۾ ايندي آهي، سا اصل بند ڪجي.

    10- ٻاهر دهلن وڄائڻ يا ڏونڪن هڻڻ ۽ اندر ڍورڪ وڄائڻ جو دستور،، جيڪو هلندڙ آهي سو بند ڪجي؛ ڇالاءِ جو شاديءَ جي گوڙ ۾ دهل مرڳو گڙٻڙ وجهو ڏين- تنهن کان سواءِ شرعي به منع آهي.

    انهن مٿين ڳالهين جي ٺهرائن ۾ هنن ٻنهي جوانن پاڻ ۾ چڱا چڱا دليل هلايا ۽ حجتون آنديون، مگر انهن جو بيان ڪرڻ جو هتي ضرور ڪونه ٿو ڏسجي.

    انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هنن پڪي ڪمر ٻڌي، ٻنهي ڄڻن پنهنجي پنهنجي گهر ڳالهه چوري. پهريائين ته سندن مائون ۽ دايون، توڙي ٻيا جيڪي ماڻهو وٽن ايندا هئا ۽ ٻڌندا هئا سي کلندا هئا ۽ چوندا هئا ته ”ڇوڪرا انگريزي پڙهي کري پيا آهن، ٻاهر جا ڪم ته بگيڙيا اٿن هاڻ وري اندرين زنانن ڪمن ۾ ٿا هٿ وجهن. نيون ٻوليون ٿا ٻولين. جيڪي سندن ابي – ڏ اڏي ڪيو تنهن تان ٿا عيب وٺن.

    مطلب ته هنن ۽ زالن جي وچ ۾ چٽا ڀيٽي هلي ۽ هنن به ديني توڙي عقلي حجتن ڏيڻ سان گهٽايو ڪين. ٿوري تائين سندن مائون خفي ٿيون ۽ ڪاوڙ ڪرڻ لڳيون، نيٺ هنن هٿين پيرين پئي، پنهنجي ڳالهه تي آڻي بيهارين ۽ اهو عذر جوڙي وات ۾ ڏنائون ته ”جيڪو اوهان کي انهيءَ باب ۾ چوي ٽوڪ ڪري، تنهن کي اوهين چئو ته اسين ڇا ڪريون ڇوڪرا نٿا مڙن. جي سندن مرضي نٿا رکون ته اسان جي هٿن کان ٿا وڃن. الائجي پنهنجي منهن ڪا ٻي وڌيڪ خرابي نه ڪن تنهنڪري لاچار آهيون.“

    انهيءَ تجويز سان هنن پنهنجو پنهنجو پڪو بندوبست بيهاري شاديءَ جو سعيو ڪيو. نيٺ ٻنهي طرفن صلاح ڪري پنهنجي سهنج موجب شاديءَ جي لاءِ هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو. انهيءَ ڏينهن جي گهوٽيتن توڙي ڪنواريتن ماڻهن کي دعوت ڏني. ماڻهو آيا، ماني کاڌائون؛ رات ٿي نڪاح پڙهيو. گهوٽ کي ڪنوار جي گهر آندائون،م ٿوري وقت کان پوءِ گهوٽ، ڪنوار کي ساڻ وٺي وري پنهنجي گهر آيو. انهيءَ ڪم جي پورائيءَ ۾ جيڪي جيڪي ٺهراءُ ٻنهي طرفن ڪري ڇڏيا هئا، انهن تي زور ڪري عمل ڪيائون. اگرچه گهڻن ماڻهن ته منهن تي پئي مٿن ٺٺوليون ڪيون پر تڏهن به هنن، انهن جي پرواهه ڪانه رکي. جيئن مناسب ڄاتائون تيئن پنهنجو ڪم پورو ڪيائون.

    ياد رکڻ گهرجي ته هن شاديءَ ۾ سرائي فتح خان يا سندس زال جا گهڻا مائٽ راضي نه هئا. ٿوري گهڻي کونس ته هنن سان ڪچيءَ کان کنئي هئائون، پر هاڻ ته ويتر سندن وچ ۾ وڏو سڌو پئجي ويو؛ جو هنن ڄاتو ته هيءَ مائي پنهنجي پٽ جي ۽ ٻين ماڻهن جي ڳالهه تي لڳي، مائٽڻ کي ڇڏي ڌارين سان گڏي آهي؛ انهيءَ ڪري هن شاديءَ ۾ نه ويٺا. هنن به مائٽڻ مان گهڻن ڏينهن کان آسرو لاهي ڇڏيو هو. هاڻ هنن مغلن کي پنهنجو مائٽ ٿي ڄاتائون. ٻيئي گهر سڀڪنهن ڪم ۾ هڪٻئي جي ڏڍ تي رهندا هئا ۽ هڪٻئي جا صلاحڪار هوندا هئا.

    گهوٽ ڪنوار جي گڏ رهڻ جو اسين ڪهڙو ذڪر لکون؟ هيتريءَ واقفيت، هيتريءَ سڪ ۽ هيتري محبت کان پوءِ جا سندن شادي ٿي هئي، تنهنڪري هڪٻئي سان حد کان وڌيڪ پيار ٿين. اڪثر جيڪي شاديون هتي ٿين ٿيون، تن ۾ گهوٽ – ڪنوار هڪٻئي جا ناواقف هوندا آهن، تنهن ڪري جيسين پرڻجي گڏ ٿين، تيسين پيا ڳڻتيون کائيندا آهن ته الائجي ڪهڙيءَ طرح جو ماڻهو هوندو، الائجي ڪهڙي شڪل هونديس، الائجي ڪهڙي طبيعت هونديس. پرڻي کان پوءِ به ڪنوار ته مهينو کن حيا کان ڪنڌ مٿي ئي نه کڻندي، ڏانهس منهن ئي مٿي ڪري نه نيهاريندي، اکر ئي ڪونه ڳالهائيندي. پر هتي اهڙو حال نه هو، پهرئين ڏينهن کان وٺي هنن جي دل ٻجهي ويئي ۽ پاڻ ۾ اهڙا گهرا ٿي ويا جو ڄڻ اڳي جا واقف هئا.

    شاديءَ جي ٽئين ڏينهن وري گهوٽ – ڪنوار گڏجي، ڪنوار جي پيڪي گهر آيا. هڪڙو ڏينهن رهي وري پنهنجي گهر آيا. پوءِ به هفتي – ٻئي، آچر جي ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن هي هنن وٽ ويندا هئا ۽ ڪڏهن هو هنن وٽ ايندا هئا.

    زينت بانوءَ جي اچڻ ڪري مغلن جي گهر جي وري ٻي رونق ٿي. گهر جي ٻين ڀاتين سان هن جي اهڙي چڱي هلت هوندي هئي جو سڀڪو مٿانئس ساهه پيو صدقو ڪندو هو. سس- ننهن جون لڙايون اڪثر ٻڌبيون آهن، پر هتي ته ٻنهي جي وچ ۾ روز بروز محبت وڌندي ويئي.

    گهر جو سڄو حساب ڪتاب زينت بانوءَ جي هٿ ۾ رهندو هو، جهڙيءَ طرح پيءُ جي گهر ۾ هوندو هو. هن پنهنجي مشغوليءَ جي لاءِ وقت ورهائي ڇڏيو هو، ان موجب لکڻ پڙهڻ ۽ سبڻ ڀرڻ جو ڪم ڪندي هئي. مڙس جي ويهڻ جي جيڪا جاءِ هوندي هئي، تنهن کي هن اچي اڳي کان وڌ سينگاريو. علي رضا تونگر ماڻهو نه هو جيئن ته اسان مٿي ڏيکاريو آهي، نڪي وري تمام غريب هو، پوري پنيءَ وسعت وارو هو. هن شاديءَ جي ڪري جيڪو پئسو اڳي ميڙيو هو، تنهن کي گهڻي ڇڪ اچي ويئي هئي، تنهن ڪري زينت بانوءَ جو خاص ڪري انهيءَ پاسي ڌيان ٿيو. مڙس جيڪي مهيني ۾ ڪمائيندو هو تنهن مان ماهوار خرچ ڪڍي رکندي هئي، باقي ٻيو سڀ مڙس جي معرفت بئنڪ ۾ رکائي ڇڏيندي هئي. اگرچه بئنڪ مان وياج وٺڻ جي نسبت دل تي ديني خطرو گذرين، تڏهن به هنن پاڻ ۾ پهي، ٺهراءُ ڪيو ته پئسا ته قابو رکيا هوندا باقي وياج کڻي نه وٺنداسين يا وٺي پنهنجي ڪم نه لڳائينداسين. ڪنهن اڙئي اٿڙئي ڪم ۾ آڻينداسين. يا ته ڪنهن کي ڏيئي ڇڏينداسين.

    انهيءَ طرح گهر جي ڪمن ۾ هنن ٻنهي گڏجي يڪدل ٿي اهڙو سڌارو ڪيو، جنهن مان ڏسڻ واري کي جيڪر صاف معلوم ٿئي ته في الحقيقت مڙس جو ڪم آهي پورهيو ڪري کٽي ڪمائي اچڻ ۽ زال جو ڪم آهي گهر جو سڀ ڪم ڪار سنڀالڻ؛ نه رڳو ايترو پر پاڻ ٻاهر جي ڪمن ۾ مڙس جي مددگار ۽ صلاحڪار هئڻ.

    زال – مڙس ٻنهي ديني ۽ علمي سڌاري ۾ به پريندي کان گهڻي ڪوشش ڪئي. هڪڙو وقت مقرر ڪري ڇڏيو هئائون، جنهن تي مڙس، زال کي انگريزي پڙهائيندو هو ۽ ٻيا جيڪي ڪتاب اڪثر اسڪولن ۾ پڙهائيندا آهن، جهڙوڪ تاريخ، جاگرافي، حساب وغيره، سي به هن کي پڙهائيندو هو. جيتوڻيڪ اهي زال کي گهڻي ڪم جا نه هئا، پر تڏهن به واقفيت جي لاءِ هن ضروري ڄاتا. تنهن کان سواءِ وقت ٽارڻ جو به اهو چڱو اپاءُ هو، ۽ زينت بانو به انهن جي سکڻ جي خواهشمند ٿي.

    ڪنهن وقت وري ڪو ديني يا اخلاقي علم جو ڪتاب کڻي، گڏ ويهي مطالعو ڪندا هئا. انهيءَ بحث مان هيءُ به فائدو هو، جو هڪٻئي سان بيحجاب ڳالهائيندا هئا. هتي اڪثر رواج آهي ته مڙس زال ماڻهن جي اڳيان گڏ نه ويهن، نه گفتگو ڪن؛ خاص جڏهن تازا پرڻيل هوندا آهن، ته نه زال مڙس جو نالو وٺي سڏي، نه مڙس زال کي – رڳو رکا سوال جواب ڪن، سو به لڪندي ڇپندي. هنن اهو رواج ڪڍيو، جو مڙس زال کي نالو وٺي سڏيندو هو، مگر زال ڪي حجاب ڪي ادب کان هن جو نالو وٺي نه سڏيندي هئي، پر انهيءَ جي بدران هو هڪٻئي کي سڏڻ ۾ پيار يا آبروءَ جهڙا لفظ ڪم آڻيندا هئا، جيئن ته پيارا، يا جان، يا سائين، يا صاحب.

    هڪڙي ڀيري، ڪنهن هندستاني ڪتاب پڙهندي، پردي جي نسبت ۾ هنن جو پاڻ ۾ بحث هليو، جو مختصر طور هيٺ ڏجي ٿو:

    علي رضا، جو البت ٻاهر اٿليل پٿليل هو، ۽ جنهن کي هاڻوڪي زماني جو گهڻو واءُ لڳل هو، تنهن چيو ته ”سنڌ ۾ پردي جي تمام جٺ آهي؛ جيڪي مسلماني ملڪ آهن، ايران يا ترڪستان ۽ ٻيا، اتي اهڙي جٺ ڪانهي. جهڙي هتي آهي، ڄڻ ته مسلماني آهي ئي رڳو هتي.“

    زينت بانو – سو ڪيئن؟ هُتي به پرده داري هُليل آهي، هتي به آهي، ۽ ديني حڪم به اهڙو ئي آهي.

    علي رضا - پياري، ائين ناهي. هُتي سکرن سکرن جون زالون برقعا منهن تي وجهيو، ٻاهر پنڌ يا گاڏين ۾ ڪم ڪار يا تماشه بينيءَ لاءِ نڪري سگهن ٿيون؛ هتي ته عمر ساري در کان ٻاهر پير نه ڪڍن، بند ئي بند ۾ پيون آهن. جيئن وڌيڪ سکر، تيئن وڌيڪ بند. جي اندر ته ڪوٽ، جي ٻاهر ته پوش.

    زينت بانو – پوءِ سائين، انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت؟ زال جي لاءِ ته پردو آهي، شال ڪابه زال بي پردي نه ٿئي بي پردي ۽ اُگهاڙيءَ ۾ ڪهڙو فرق؟ باقي ٿيو برقعو يا پوش يا ڪوٽ، سو ته آهي جتي ڪٿي جي رسم. جهڙي طرح مسلمان سڀيئي مسلمان، پوءِ هڪڙي هنڌ هڪڙي پوشاڪ ٿا ڍڪين، ٻئي هنڌ ٻي پوشاڪ. چوڻي به آهي ته ”جهڙو ديس تهڙو ويس“.

    علي رضا – اهو سچ آهي، پر جنهن پردي جي اها تعريف آهي، اهو اهو بند ناهي. تڏهن سمجهڻ گهرجي ته پردي ۽ قيد ۾ فرق ڪونهي، حرمخاني ۽ بديخاني ۾ تفاوت ڪونهي؟

    زينت بانو – سائين، توهين زور آور آهيو. رڳو ٻاهرينءَ ديوار يا ڪوٽ هئڻ ڪري ۽ ٻاهر نڪرڻ جي منع هئڻ ڪري هڪجهڙا چئو ته ڀلي چئو، نه ته مطلب مدعا هن جو ٻيو، هن جو ٻيو. هڪڙي ۾ رهڻ فخر آهي، ٻئي ۾ رهڻ خواري آهي.

    علي رضا – زينت جان، زورآور ته تون آهين.، تون ڀانئين ٿي ته انهيءَ پردي واري بند ۾ رهڻ ڪري زالن جي حالت ڪا بهتر ٿي ٿئي؟

    زينت – آءٌ ڀانيان ٿي ته ٿئي ٿي. جي بهتر نه ٿي ٿئي، ته بدتر ته مور نٿي ٿئي.

    علي رضا – سو ڪيئن؟

    زينت – هيئن، جو دنيا ۾ اهڙيون حرص وڌائڻ ۽ گمراهه ڪرڻ جون شيون پکڙيون پيون آهن، جو جڏهن مڙس به انهن تي ٺڳجي وڃن ٿا ۽ خطا کايو وڃن، تڏهن زالون ڇا آهن؟ انهن کان گوشي تي رهڻ ۽ انهن جي وڪڙ ۾ نه اچڻ به وڏي شيءِ آهي. جي بديءَ سان وڙهي، اُن تي غالب پوڻ وڏي نيڪي آهي، ته ”جت پڄڻ ناهي وس، اُت ڀڄڻ ڪم وريام جو.“ سو حقيقت ڪري زالون ڄاڻي واڻي پردي ۾ رهڻ ڪري وريامن جو ڪم ٿيون ڪن. اها به سندن هڪڙي بهادري آهي، اها به سندن هڪڙي تعريف آهي.

    علي رضا – اهو سچ آهي، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته ٻاهر نه نڪرڻ ڪري دنيائي شين نه ڏسڻ ڪري اندر وارن جو حرص گهٽجي نٿو، پاڻ وڌي ٿو. جا چڱي شيءِ ڏٺل ناهي، پر ٻڌجي پيئي ته تمام ويجهي به آهي يا ڀت جي ٻاهران آهي يا ان جي ڏسڻ جي به جاءِ آهي، ته انساني طبيعت جو اهو ميل آهي ته انهيءَ کي ڏسڻ جي ماڻهو ضرور خواهش رکندو. جي خواهش رکندو ته هڪڙي وقت ڪوشش به ڪندو، ۽ جا شيءِ پريندي نئين ڏسڻ ۾ ايندي، تنهن تي پهرين هڪڙو- ٻه ڀيرا چتائي ڏسڻ يا خيال سان نهارڻ ضرور ٿئي ٿو، پوءِ انهيءَ ڏي بلڪل خيال به ڪونه ٿو ٿئي؛ تنهن ڪري جنهن ڊپ کان زالن کي مڙس ٻاهر نه ٿا ڪڍن، سو ڊپ رڳو خيالي آهي، حقيقت ڪري آهي ئي ڪونه.

    زينت – پر سائين! اهڙين شين جي ڏسڻ جو ڪهڙو ضرور؟

    علي رضا- پياري ائين نه چؤ. دنيا هڪڙو عجيب ڪارخانو ۽ عجائبخانو آهي. انهيءَ ۾ خدا تعاليٰ ڪروڙين شيون پيدا ڪيون آهن، جي سندس قدرت جون نشانيون آحن. اهي سڀ رڳو ڏسڻ جي لاءِ نه آهن، پر انهن جي ڏٺي سندس قدرت جي زياده خبر پوي ٿي ۽ منجهس ديني اعتقاد زياده پڪو ٿو ٿئي. تنهن کان سواءِ انهن جي ڏٺي آزمودو وڌي ٿو، علم ۽ عقل زياده ٿئي ٿو، خبر وڌيڪ پوي ٿي. جنهن اهي عجائب غرائب ڏٺا آهن ۽ جنهن نه ڏ ٺا آهن، تن جي وچ ۾ اهڙو فرق آهي، جهڙو سڄي ۽ انڌي جي وچ ۾. هاڻ تون قبول ڪندينءَ ته زال مڙس کان سڀاءَ ڪري ضعيف ۽ گهٽ عقل واري آهي. ديني ڪتاب به اها شاهدي ڏين ٿا، تڏهن اهڙي آزمودي جو ضرور، زال کي وڌيڪ آهي يا مڙس کي؟ جي شيطاني ڪمن کان پاسي ٿيڻ يا انهن کي ڌڪي پاسي ڪرڻ لاءِ علم ۽ عقل جو ضرور آهي، ته يقيناََ مڙس کان زالن کي علم ۽ عقل جي وڌيڪ گهرج آهي. جيڪڏهن شيطان ڀت جي ٻاهران خرابيون ڪرائي ٿو، ته ڀت جي اندر لنگهڻ ۾ به هن کي حرڪت ڪانهي. هو ته زالن جو ڪوڏيو آهي، جي آسانيءَ سان سندس چئي ۾ اچي سگهن ٿيون. بيبي حوا جو حال توکي ياد هوندو. ۽ جيڪڏهن شيطان کي ٽارڻ ۽ انهيءَ کي نٽائڻ ۾ علم ۽ عقل جي گهرج آهي، ته مڙسن کان زالن کي انهن جو وڌيڪ واهپو رکڻ گهرجي. هاڻي جي علم ۽ عقل جو ضرور آهي، ته جي ڳالهيون علم ۽ عقل کي وڌائين ٿيون، تن جو ته بيشڪ ضرور هئڻ گهرجي.

    زينت – اها اوهان جي حجت بيشڪ قوي آهي، مگر ديني توڙي عقلي ڪتابن مان معلوم آهي، ته هڪڙيون ڳالهيون ۽ هڪڙا ڪم خاص مردن لاءِ آهن ۽ ٻيا وري خاص زالن جي لاءِ آهن. خدا تعاليٰ سڀ ڪنهن تي پنهجي وسعت آهر ڪم رکي ٿو. ٻاهر گهمڻ ڦرڻ، جنگيون ڪرڻ، دشمنن کي سامهون ٿيڻ، کٽڻ ڪمائڻ، مڙسن جي بلي ڪيو ويو آهي، ۽ گهر سنڀالڻ، جڏهن مڙس ٻاهران هلاڪيون ڪڍي اچن، تڏهن انهن جي خدمت چاڪري ڪرڻ، ٻار ڄڻڻ، انهن جي سنڀال ۽ پرورش ڪرڻ – اهي ڪم وري زالن تي رکيا ويا آهن.

    علي رضا- سچ آهي، مگر جن ڳالهين ۽ شين جو آءٌ ذڪر ٿو ڪريان، تن جو عقل ۽ نيڪيءَ سان واسطو آهي. اُهي جهڙو مڙسن کي ضروري آهن، تهڙو زالن کي. انگريز ماڻهن جو حال ڏس ته جهڙا پاڻ هوشيار، تهڙيون سندن زالون. اهو سڀ ڇا کان آهي؟ رڳو ٻاهر آمدرفت ڪرڻ ۽ جيڪي ڪم اندر ٿي نٿا سگهن، تن جي جاچڻ کان. هنن مان هڪڙي مئڊم چاليهن مڙسن جي وچ ۾ ويٺي هوندي، ته به پرواهه ڪانه هونديس؛ هنن سان گفتگو ڪرڻ توڙي حجت هلائڻ ۾ اهڙي چالاڪي ڏيکاريندي، جهڙو ڪو هوشياري مڙس ڏيکاري. هتي جي پردي وارين زالن ڪڏهن ڌارئين ماڻهوءَ جو منهن نه ڏٺو آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن اتفاق سان غير ماڻهوءَ وٽ آيون، ته پوءِ اکر ئي واتان نه نڪرندن. پنهنجي ئي پگهر ۾ پيون ٻڏنديون، ۽ جي ٻاهر ماڻهن ۾ هلڻ لاچار ٿين، ته هلندي ٽنگون پيون وچڙندين، جنهن ڪري سڀ پيا مٿن کلندا. انسان تي سرديون گرميون رکيون آهن، خدانخواسته اهڙيءَ زال تي ڪڏهن ڪو اهڙو حادثو اچي پوي، ته جيڪر مشڪلات ۾ مري وڃي، يا ته رلي خراب ٿئي.، جيڪا اصلي ٻاهر جي آمدوگار هوندي، سا اهڙن مشڪل وقتن ۾ به پنهجي جاءِ ڪري وجهندي، ۽ وڏي همت ڏيکاري سگهندي.

    زينت – تڏهن زالن جي ٻاهر نڪرڻ ڪري سندن گمراهه ٿيڻ جو ڊپ ڪونهي؟

    علي رضا- ڪهڙو ڊپ آهي. جن قومن جون زالون ائين ٻاهر نڪرن ٿيون، سي خراب ڪين ٿيون آهن. چڱو مثال پارسين جو آهي، جي هندستان جا ڏيهي ماڻهو آهن؛ سچ آهي ته ڪي خراب مثال اهڙين قومن مان به ملي سگهندا. پر اوترا مثال، بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ خراب مثال، پردي وارن ۽ حرمخانن وارن ماڻهن جا به ملي سگهندا. ٿورن جي ڪري گهڻا ڪين مسندا.

    زينت – اهو ته سائين ٺهيو، پر پردي جي نسبت ۾ جو ديني حڪم آهي، تنهن تي به ته ڪو ڌيان ڏيڻ ضروري آهي؟

    علي رضا- هائو، بيشڪ ضروري آهي؛ پر جيتريقدر مون انهيءَ نسبت ۾ ديني ڪتاب ڏٺا آهن، تن مان پردي جي معنيٰ بند قيد نٿو نڪري، جيئن هتي آهي. منهنجي نظر ۾ زال جي لاءِ وڏو پردو آهي مڙس، انهيءَ جو ته قرآن ۾ به اشارو آهي. جا زال پنهنجي مڙس يا وارث کان پري هوندي، يا انهيءَ جي مرضيءَ ڌاران ڪيڏي ايندي ويندي، يا ڪي اجايا پير کڻندي، انهيءَ چئبو ته پردو ڇڏيو، پوءِ ڀلي ڪوٽن ۾ ويٺي هجي، پر جنهن زال کي مڙس يا وارث ساڻ هوندو، ۽ انهيءَ جي حفاظت هيٺ ڪيڏي ايندي ويندي، اها ڄڻ ته پردي سان آهي، پوءِ ڀلي عام ماڻهن جي وچ ۾ هجي.

    زينت- تڏهن ائين، اوهان جو مطب آهي ته مئڊمن وانگي زالون ڀلي ٻاهر وتن گهمنديون ڦرنديون، ۽ ڌارين ماڻهن سان تماشا ۽ ناچ ڪنديون؟

    علي رضا- منهنجو اهڙو مطلب ناهي. غير قومن جون مناسب ڳالهيون هٿ ڪجن، پر انهن جي نامناسب ڳالهين تي هلڻ ضروري ڪونهي. پردي جي نسبت ۾ منهنجو مختصر مطلب هيءُ آهي، ته زالن کي اصل ديوارن جي اندر بند رکڻ ۽ بلڪل نڪرڻ کان روڪڻ اجايو آهي. جڏهن نڪرن، تڏهن مناسب پردو هجين، يعني جيڪي ديني حق جسم ڍڪڻ ۽ لباس ڍڪڻ جا آهن، سي پورا ڪجن، ۽ پنهنجي وارث کان سواءِ يا انهيءَ جي مرضيءَ ڌاران ٻئي ڪنهن هنڌ نه وڃن. جڏهن ڪڏهن ڪن عجيب غريب شين ڏسڻ جو وجهه سڻائو هجي، جن مان ڪنهن قسم جي فائدي جو امڪان هجي، يا جڏهن ڪڏهن ڪنهن ضروري ڪم لاءِ ڪنهن هنڌ وڃڻو هجي، تڏهن منناسب ۽ شائستي رستي سان انهن جي ڏسڻ ۾ يا اتي وڃڻ ۾ ڪابه حرڪت نه هئڻ گهرجي. ائين ڪرڻ ڪري ديني حڪم به بجا آڻي سگهجن ٿا، ۽ جهان جي توڙي خدا تعاليٰ جي قدرت جي به زياده خبر پوي ٿي. انهيءَ ڪري سمجهه وڌي ٿي، سک وڌي ٿو، انساني حالت ۾ سڌارو ٿئي ٿو، ۽ اوير سوير جي اتفاقن مهل مشڪلات ۾ ڦاسڻ کان به ڇٽجي ٿو.


    باب اٺون : جــدائــي

    انهيءَ شاديءَ کي پنج – ڇهه مهينا مس گذريا، ته جن صاحبلوڪن کي علي رضا پڙهائيندو هو، تن مان هڪڙي جي بدلي بمبئيءَ ٿي. تنهن هن کي چيو ته جيڪڏهن تون مون سان هلندين، ته توکي اسي رپيا درماهو ڏيندس. هو جنگي کاتي جو وڏو عهديدار هو، ۽ علي رضا تي گهڻو مهربان هوندو هو، هن جي به ساڻس پريت ٻجهي ويئي هئي، تنهن اها ڳالهه قبول ڪئي. ڀانيائين ته اسي رپيا اهي ٿيا، اهڙيون ٻه – چار آساميون ٻيون پڙهايم ته سڀڪي ٿي پوندو. وري ٻي طمع هيس جو هن صاحبلوڪ دلاسو ڏنس ته ڪنهن هنڌ ڪا آبروءَ جهڙي جاءِ خالي ٿي، ته تنهنجو بندوبست ڪندس، تنهن ڪري هو پاڻ انهيءَ ڳالهه ۾ خوش هو.

    اها ڳالهه علي رضا پنهنجي گهر اچي ڪئي. سڀني گهر جي ڀاتين کي هڪڙي پاسي خوشي ٿي، جو فائدي جي اُميد هئي، ٻئي پاسي ارمان ٿيو، جو جتي عمر ساري گذاري هئائون، اُتان نڪرڻ به اهنجو پئي لڳن. پر هنن جي عزازت رڳو هڪ گهر سان هئي، تنهن ڪري هن ملڪ ڇڏڻ ڪري گهڻو فڪر نه ٿي ٿين.

    آخر ٻنهي گهرن پاڻ ۾ پهي اهو ٺهراءُ ڪيو ته في الحال علي رضا بمبئي وڃي. اُتي وڃي پهريائين رهڻ جي جاءِ جو به بندوبست ڪري، ۽ ڏسي ته جي اتي رهڻ ڪري فائدو هجيس ۽ ٻي حرڪت نه هجي، ته مهيني- ٻن کان پوءِ موڪلائي، اچي پنهنجا ٻار ٻچا وٺي وڃي. تيتري ۾ علي رضا جو مامو دلاور خان، جوا ڪثر وٽن ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻه – ٽي ڏينهن وٽن رهي به پوندو هو، تنهن سندس گهر ۾ ٽڪڻ جو ذمو کنيو.

    هفتي کن جي اندر، علي رضا ٽپڙ ٻڌي تيار ٿيو. هلڻ جي ڏينهن صبح جو وڃي پنهنجي سس کان موڪلائي آيو ۽ ساڻس گڏ حامد علي اُماڻڻ جي لاءِ آيو. وچن وچن جي مهل، هو هلڻ لاءِ تيار ٿيو. پهرين ماءُ کي پيرين پئي موڪليائين، ۽ پنهنجي زال جي پارت ڪيائينس. وري مريم کي ڀاڪر پائي موڪلايائين. پوءِ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو، جتي چئن – پنجن منٽن تائين زال مڙس ويهي محبت جون ڳالهيون ڪيون.

    زينت بانو چوڻ لڳيس ته ”پيارا، پوءِ نيٺ اوهين اُسهو ٿا؟“

    علي رضا ورندي ڏني ته ”بس پياري، قسمت ائين آهي، خدا ڪندو، ته وري خير سان سگهو ئي ملنداسين. زينت! تون اڃا گهڻن سان گڏ ويٺي آهين؛ پر حال منهنجا، جو پرڏيهه ۾ وڃي هيڪلو رهندس. جيسين توکي وري اچي پاڻ سان وٺي ويندس، تيسين الاجي منهنجو وقت ڪيئن گذرندو!“

    زينت کي اتي اکين مان پاڻي اچڻ لڳو، سو اُگهي مڙس کي چوڻ لڳي ته ”تڏهن جان، خط لکڻ جو تاڪيد رکجو، متان اسان کي انتظار ٿئي.“

    علي رضا چيو ته ”وڃڻ سان خبر چار لکندس، پوءِ تون به برابر لکندي رهج. پر پياري، جيتر وري ملون، تيتر پنهنجي پڙهڻ لکڻ ۾ مشغول رهج؛ اما کي خوش رکيو اچج، وڏو مائٽ آهي، ڪڏهن ڪڏهن اما سان گڏجي، مامو يا حامد ساڻ ڪري، پنهنجي پيءُ جي گهر ويئيءَ ته حرڪت ڪانهي.“

    انهيءَ طرح جيڪا ضروري فهمائش ڏيڻي هيس، سا ڏئي علي رضا اُٿيو، ۽ زال کي پيار ڏيئي موڪلائي نڪري ٻاهر آيو. حامد علي به ساڻس گڏ گاڏيءَ تي چڙهي گدوبندر تائين ويو.[1] * پوءِ موٽي آيو؛ جو اڪثر رات جو گهر کان ٻاهر نه رهندو هو. پٺ تي، اها رات علي رضا جي زال يا ٻيا گهر جا ڀاتي البت ملول هئا، جو هو پهريون ڀيرو ايڏي سفر تي نڪتو هو، پر پوءِ ٺهي ويا.

    علي رضا ڪراچيءَ ۾ پنهنجي صاحب کي اچي گڏيو. ساڻس گڏ اچي آگبوٽ ۾ چڙهيو، ۽ اچي نيٺ بمبئيءَ کان نڪتو. اُتي پهريائين ته جنهن بنگلي ۾ صاحب پاڻ ر هندو هو، تنهن جي احاطي ۾ هڪڙي خلاصي جاءِ سندس حوالي هئي. هفتي کن جي اندر، هن ڦول گليءَ ۾ ٻي هڪڙي خلاصي جاءِ ڀاڙي تي ورتي، ۽ اُتي رهڻ لڳو.

    صاحب جي معرفت ٻين ٻن – ٽن صاحبلوڪن سان به معرفت ٿيس. جتان ساڳيءَ طرح هن کي پيدائش ٿيڻ لڳي. وري سنڌ جهڙي ملڪ مان نڪري، بمبئيءَ جهڙي شهر ۾ آيو هو،

    تنهن ڪري هن کي اُتي رهڻ هر طرح پسند آيو، ۽ دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيائين ته اڳتي انهيءَ هنڌ پنهنجي قسمت آزمايان.

    بمبئيءَ ۾ پهچڻ شرط هن هڪڙو خط حامد عليءَ جي معرفت گهر موڪليو، جو سندس زال زينت بانوءَ کي مليو، جنهن کي اوڏانهن اکيون هيون. انهيءَ ۾ خير سلامتيءَ سان پهچڻ جي خبر لکي هئائين؛ ۽ ٻيو منجهس درياهه جي مسافريءَ جو احوال ۽ بمبئي شهر جي تعريف هئي. ٻئي ٽئي خط ۾ هنن کي خبر ڏنائين ته ”آءُ ڦول گليءَ ۾ رهندو آهيان، اُتي منهنجي نالي خط لکندا رهجو.“

    انهيءَ طرح هفتي بهفتي هڪٻئي ڏي خط لکندا رهيا. زينت بانوءَ هتي جو سٺو حال لکيس، ۽ هن وري پنهنجو احوال ٿي ڏنس، ۽ اڪثر ٻنهي هڪٻئي کان جدا رهڻ جي شڪايت پئي لکي. ۽ خدا کي سوال پئي ڪيائون ته ڪا جلد اسان جي قسمت گڏ ٿئي.

    ڏيڍ مهيني کن کانپوءِ آخر هيٺيون خط زينت بانوءَ جي نالي آيو.

    خط – ”عزيز مهربان من، زينت جسم و جان من، سلامت بعد از سلام شوق انجام و آرزوي ديدار محبت آثار – انڪه اوهان جي خط جو جواب هن کان اڳي لکيو اٿم. منهنجي مرضي هئي ته پنهنجي صاحب کان موڪلائي، اچي اوهان کي وٺي وڃان، مگر صاحب جو امتحان تمام نزديڪ آهي، تنهن ڪري مون کي ڇڏي نٿو سگهي؛ نڪي وري مون کي اوهان کان پري گذارڻ سهنجو ٿو لڳي، اگرچه ٻيو هر طرح جو سک اٿم.

    هاڻ مون ٻئي هنڌ هڪڙو موچارو وڏو گهر ڀاڙي تي هٿ ڪيو آهي. اوهان کي گهرجي ته ايندڙ سومر واري آگبوٽ ۾ چڙهي روانا ٿيو. مامي ڏي به خط لکيو اٿم، سو اوهان سان گڏيو ايندو. ٻه ڏينهن اتان اڳڀرو نڪرندو، ته مهيني تي پهچي سگهندو. سمنڊ به ماٺو آهي، خدا ڪندو ته خير سان تڪليف کان سواءِ هليا ايندو. آگبوٽ پهچڻ ڏينهن آءٌ پاڻهي آگبوٽ تي ايندس. مگر تاڪيد ڄاڻي، انهيءَ ڏينهن روانا ٿجو. زياده سلام، سڀني گهر جي ڀاتين کي سلام پهچن.

    قلم تازو – خميس واري آگبوٽ ۾ ضرور هن خط جو جواب لکجو، ته سومر واري آگبوٽ ۾ روانا ٿينداسين، ته مون کي تسلي ٿئي.

    ”علي رضا“

    انهيءَ خط پڙهڻ ڪري زينت بانوءَ کي مڙس جي نه اچڻ کان ارمان ٿيو، مگر هن سان جلدي وڃي ملڻ جي ڪري خوشي ٿي. گهر جي ڀاتين کي خط جي مضمون مان واقف ڪيائين، ماءُ ۽ ڀاءُ کي ٻڌايائين، آخر سنبت ڪرڻ لڳا. جيتوڻيڪ ڪي سندن وڃڻ ۾ ناراض به هئا، پر زال کي مڙس ڏي وڃڻ ته ضرور هو. ان موجب وڃڻ جو پڪو ٺهراءُ ڪري، خميس واري آگبوٽ ۾. زينت بانوءَ مڙس جي خط جو جواب هيئنءَ لکيو:

    خط- ”شوهر مهربان، عزيز از جان سلامت. بعد تسليمات نياز آيات و اشتياق ملاقات محبت آثار عرض – اوهان جو خط پهتو. جلد ملڻ جي خوشيءَ کان موئيءَ دل ۾ ساهه پيو، اگرچه اوهان جي پاڻ نه اچڻ کان گهڻو ئي ارمان ٿيو. هيڏي وڏي سفر ۾ جڏهن اڳي ڪڏهن گهر کان مون ٻاهر پير به نه رکيو هو، تڏهن اوهان جو مون سان گڏ هلڻ ضرور هو. پر خير، جيئن قسمت ۾ هوندو، ائين ٿيندو. جنهن ڳالهه ۾ اوهين خوش، انهيءَ ۾ آءٌ به خوش. اوهان جي حڪم موجب اسين سومر واري آگبوٽ ۾ روانا ٿينداسين. مامي جن به هلڻ جو انجام ڪيو آهي. اميد ته وقت تي اسان کي ملندو. زياده نياز. گهر جي سڀني ڀاتين جا سلام پهچن-

    ”زينت“

    خميس واري آگبوٽ ۾ خط روانو ڪري، هنن ٺهراءُ ڪيو ته ڇنڇر جي ڏينهن حيدرآباد کان نڪرجي، آچر جي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهجي، ۽ سومر جي ڏينهن صبح جو روانو ٿجي. ڪراچيءَ ۾ علي رضا جو ڪو واقف هو، انهيءَ ڏي به اڳواٽ انهيءَ بابت خط لکيائون.

    نيٺ ڇنڇر جو ڏينهن آيو ۽ علي رضا جي گهر جا ڀاتي، يعني سندس ماءُ ۽ زال ۽ دائي اٿي سنبريا. انهيءَ ڏينهن حامد علي ۽ مائي شهربانو ۽ بختاور وٽن اچي رهيا هئا. انهن کان موڪلائڻ جي گهڙي به آئي. ڏاڍا روئڻ ڪيائون - نيٺ به ته ويجها عزيز هئن. حامد علي به ساڻن ڪراچيءَ تائين وڃڻ جو ارادو ڪيو.

    نيٺ موڪلائي توڪلائي، گاڏيءَ تي چڙهي نڪتا. رات جو ڪراچيءَ پهتا. آچر جو ڏينهن اتي گذاري، سومر جي ڏينهن سوير اچي آگبوٽ تي چڙهيا، ۽ حامد علي وري موٽي ڳوٺ ويو. هنن عمر ۾ اهو پهريون سفر ڪيو هو، تنهن ڪري ڏاڍا اٻاڻڪا ٿيا. پر لاچار دل ڏاڍي ڪري، خدا تي رکي ويهي رهيا. آگبوٽ هليو. هنن کي هڪڙي ڪنڊ کان جاءِ ملي، سو اتيئي پئجي رهيا.، جيڪو گوڙ ماڻهن جي جاين وٺڻ تي ٿيندو آهي، سو جيڪو آگبوٽ تي چڙهيو هوندو، تنهن کي خبر هوندي. هي ويچارا اٻوجهه ماڻهو هئا، سي ڏاڪڻ تان لهندي ئي پاسو وٺي ويهي رهيا. آگبوٽ هلڻ کانپوءِ ته سڀڪنهن جو مٿو ڦرڻ لڳو، ۽ قيون اچڻ لڳيون. هي ويچارا انهيءَ هنڌ تختي تي فراشي وڇائي ليٽي پيا.

    پهريون ڏينهن ته ڏاڍو عذابن ۾ گذاريائون، نڪو کاڌو نڪو پيتو. رات جو به کاڌو نه کاڌي جهڙو، ننڊ کڻي وين. صبح جو اٿيا، تڏهن البت ساهه پيٽ ۾ پين، لوڏو مغز ۾ ويهي وين، اٿي ويهڻ لڳا. وري سگهوئي ٽپڙ ٽاڙي کڻايائون، جو خلاصي آگبوٽ کي ڌوئڻ ۽ صاف ڪرڻ لڳا. جڏهن صفائي ٿي رهي ۽ هنن وري پنهنجو هنڌ وڇايو، تڏهن البت لذت سان ٽڪر ٽيرو کاڌائون. انهيءَ هوندي به اڃا موڳا ٿيا ويٺا هئا.

    منجهن وري به زينت بانو سجاڳ ۽ چالاڪ هئي. سڀني جي خدمت پئي ڪيائين. سندس مامو ته زالن کان به پري هو. موالين وانگي گوماٽيو پيو هو. زينت بانو ۽ سسڻس ته برقعو پهرئين ڏينهن لاهي ڇڏيو هو. اهڙي هنڌ ڀلا پردو ڪيترو هلي سگهندو؟ وري اتي ٻيو سڃاڻڻ وارو به ڪونه هو. ڪيترائي ٻيا مڙس زالون اوري – پري ويٺا هئا. هي به پنهنجو منهن کوليو ويٺيون هيون، ويٺي هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪيائون.

    زينت بانوءَ کي اتي مڙس جي ڳالهه ياد آئي، جنهن چيو هوس ته پردو هن دنيا ۾ گهڻن جاين تي ڪم نه ايندو آهي، اٽلندو تڪليف ڏيندو آهي. ماڻهن جي وچ ۾ کلئي منهن رهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڪري پاڻ هن کي همت آئي، ۽ هيترن جي وچ ۾ پنهنجي سنگت جي چڱيءَ طرح اٿي ويٺي ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته سندن مٿان جا ڏاڪڻ جي جاءِ هئي، اتي وڃي ٿڌيءَ هوا ۾ بيهندي هئي ۽ آسمان پاڻيءَ جو رنگ ڏسندي هئي، مٿان بيٺي هنن سان ڳالهيون به ڪندي هئي.

    هي پاسي وارين ٻن – ٽن زالن سان به واقف ٿيون، سو ڪڏهن ڪڏهن وري انهن سان ويهي ڳالهيون ٻولهيون ڪنديون هيون. پهرئين ڏينهن ته جان بيبي پنهنجي پٽ تي ڪاوڙي هئي، چوڻ لڳي ته ”ڀلو ٿئيس، ناحق رلائي، اسان جي پاڙ ڪڍي اٿس. ڪهڙي نه آرام سان مڙس جي ڪکن ۾ ويٺي هيس ’نبم نان، صحت جان‘ آڻي اسان کي هتي رلايو اٿس.“ پر پوءِ وري ننهڻس دلاسا ڏيئي بس ڪرايس. انهيءَ طرح خير سان اهو ڏينهن گذريو، ۽ رات ٿي چنڊ به چڙهي سنئون ٿيو، سمنڊ به ماٺو هو، ڏاڍو لذت جهڙو وقت هو. ڳچ رات تائين پاڻ ۾ کلي ڳالهيون ڪري سڀ سمهي رهيا.

    رات جو ٻين – ٽين بجي ڌاري زينت بانوءَ کي سجاڳي ٿي، ڏاڍي اُڃ لڳيس. هيڏي هوڏي ڏٺائين، سڀ سمهيا پيا هئا، ڪنهن کي جاڳائڻ تي به دل نه چيس. پاڻي پيئڻ جي لاءِ اٿي. پاڻيءَ جي هڪڙي وڏي گگهري ساڻ هين، سا سانجهن جو ڏاڪڻ جي پاسي کان رسي سان ٻڌل، هوا ۾ ٺرڻ لاءِ رکي ڇڏي هئائون. تنهن مان پاڻي ڀرڻ لاءِ وٽو کڻي ڏاڪڻ تي آئي.

    ٻيو ڪو ڊپ ڪونه هوس، ماڻهن کان پري ڪين هئي. پاسي واري تختي کي ٽيڪ ڏيئي، گهگهريءَ مان پاڻي ٿي ڪڍيائين ته اوچتو اهو تختو، جو لوهه جي ڪڙي سان آگبوٽ جي پاسي واري ڪٽهڙي سان ڳنڍيل هو ۽ انهيءَ مهل شايد لوڏي جي ڪري نڪري پيو هو ۽ رڳو اشاري وهيڻو هو، سو ليٽي پيو ۽ زينت بانو وٽي سوڌي تختي سان گڏ ڌو وڃي سمنڊ ۾ پيئي. هن کي اڃا پاڻيءَ اندران ڪي ٻاهر مس ڪڍيو ته آگبوٽ پري وڃي نڪتو ۽ جهڙي جلديءَ سان هليو پئي آيو، اهڙي جلديءَ سان اڳتي هليو ويو.

    اگرچه ماڻهوءَ جي يا تختي جي ڪرڻ ڪري آواز به ٿيو، پر آگبوٽ جو ڌمچر اڳيئي گهڻو متل هو، ٻيو لهرن جو سٽڪو هو، تنهن ۾ اهڙو آواز ٻڌڻ ۾ ڪين آيو. وري مهل به ننڊ جي هئي. انهيءَ حادثي جي، رات سڄيءَ ۾ ڪنهن کي به خبر ڪانه پيئي. هيڏي هوڏي نهاريائين، ته به نظر نه آيس. ڀاءُ کي اٿاريائين، مريم کي سڏ ڪيائين.، سڀئي سسا مسا ٿي ويا؛ هيڏي هوڏي ڳولڻ لڳس، پر هن جو پتو ئي ڪونه پيو.

    ڪپتان کي رپورٽ ڪيائون، جنهن چڱيءَ طرح جاچ ڪرائي: آخر ڏاڪي جي پاسي وارو تختو به ڪونه ڏٺائون، ۽ هنن جو وٽو به ڪونه لڌو؛ تنهن مان صاف معلوم ٿيو ته گگهريءَ مان پاڻي پيئڻ ويئي آهي، تختي کي ٽيڪ ڏيندي ڪري پيئي آهي، پر رات جو الائجي ڪيڏيءَ مهل ڪري، تنهنڪري سمنڊ ۾ ڳولا ڪرڻ هنن اجائي ڄاتي. اگرچه پريندي رپورٽ ٿيڻ مهل ڪپتان آگبوٽ کڙو به ڪرائي ڇڏيو هو، پر جڏهن لڀڻ جو امڪان نه ڄاتائين، تڏهن وري انهيءَ کي هلائڻ لڳو.

    ههڙي ڪوڏن جهڙيءَ جوان زال جي هن رستي گم ٿيڻ ڪري، جيڪي رڙيون سندس عزيزن ڪيون، تن جو اسين هتي بيان ڏيئي نه سگهنداسين. شال ڪنهين انسان سان اهڙو واقعو نه ٿئي؛ شال ڪنهن جي مٿان اهڙي اوچتي آفت نه اچي. جان بيبي ويچاري منهن – مٿو پٽي پٽي ساڻي ٿي پيئي. مريم جو به چرين جهڙو حال ٿي پيو؛ ۽ جان بيبيءَ جي ڀاءُ دلاور خان کي به افسوس حد کان گهڻو ٿيو، پر هن انهيءَ حال هوندي به زالن کي دلاسي ڏيڻ ۾ ڪين گهٽايو. اهو سڄو ڏينهن هنن روئندي ۽ اوساريندي گذاريو. هنن جو روئڻ – پٽڻ ڏسي، پاسي ۾ جيڪي ويٺل هئا، تن کي به پئي روئڻ آيو. وري جا رات آئي، سا به هنن روئڻ – پٽڻ ۾ گذاري. پاڻ ته ننڊ نه ڪيائون، پر ٻين جي به ننڊ ڦٽايائون؛ آخر جهڪا ٿيا.

    وري جو ٽيون ڏينهن ٿيو، تنهن تي سڀ ماڻهو ٽپڙ ٽاڙي ٻڌڻ لڳا، جو پري کان بمبئيءَ جا جبل پئي ڏٺا. سگهوئي شهر جي عمارتن منهن ڪڍيو ۽ بندر جا جهاز ڏسڻ ۾ آيا، آگبوٽ اچي ناري کي سڻائو لنگر ڪيو. ڊونڊيون آگبوٽ کي وڪوڙي ويون؛ ڪي پئي لٿا، ڪي پئي چڙهيا، ڪي پنهنجن سنگتين ۽ عزيزن کي وٺڻ آيا، ڪي پنهنجي سامان جو سماءُ ڪرڻ آيا.

    هڪڙي بتيلي ۾ علي رضا مغل به چڱا خاصا ڪپڙا ڍڪيو، خوشيءَ منجهان مرڪندو هليو آيو. هو ڀلا پنهنجي پياريءَ زال کي هيترن ڏينهن جي وڇوڙي کان پوءِ ملڻ ٿي آيو، سو ڪهڙو نه سرهو هوندو! آگبوٽ تي اچي چڙهيو، ۽ گوڙ ۾ هيڏي هوڏي جهوتون ڏيندو، ڪلها هڻندو، اچي پنهنجن عزيزن جي مٿان بيٺو، پري کان ماءُ کي ڏسي ڀانيائين ته ڊوڙي وڃي پيرين پوانس، ته کيس ڏسي هو سڀئي اڳيان اوڇپنگارون ڏيئي روئڻ لڳا. هو ويچارو حيرت ۾ پئجي ويو، ڀلا اها کلڻ جي مهل هئي يا روئڻ جي؟ هن جي هانو ۾ ڌڪاءُ پئجي ويو، خبر پڇيائين، پر هنن جو روئڻ بيهي، ته هن کي ورندي ڏين! گهر جا ٻيا سڀ ڀاتي ڏٺائين، زال نه ڏٺائين سو هن کي پڪ ٿي ته منهنجي زال سان خير ڪونهي.

    خبر ملڻ کان اڳ ئي، هنن سان گڏ، هو ماءُ کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳو. هنن جو اهڙو حال ڏسي، ٻين ماڻهن جي دل پئي ڳري. آخر جيڪا ڳالهه هئي، سا سڏڪا ڀريندي هن کي ڪري ٻڌايائون. ”ابا، تنهنجي زينت سان ڏاڍو قهر ٿيو، ويچاري اوچتي وڃي سمنڊ ۾ پيئي.“ هيءُ ٻڌي علي رضا نئون سنئون روئڻ لڳو. ڀلا اوچتو سمنڊ ۾ ٻڏي مرڻ جو موت شال دشمن کي به نصيب نه ٿئي.

    آخر ٻيو چارو ڪونه ٿيو. ماڻهو ته ٻيا سڀ لهي ويا هئا، پوءِ هي به مرندا جهرندا، بتيلي تي چڙهي وڃي ڪناري تي پهتا، ۽ علي رضا هنن کي وٺي پنهنجي جاءِ تي آيو. جيڪي خوشيءَ جا سانباها ڪيا هئائين، سي هينئر ڏک ۽ عذاب ٿي پيا. ويچارو گذريون ڳالهيون ياد ڪيو پئي ڳريو، ۽ ذري ذري زال جي هٿ جا لکيل خط پئي پڙهيائين، ۽ واڪا ڪيو پئي رنائين. يا وري سندس ڪپڙا گنديون کنيو، منهن کي پئي مليائين ۽ هنجون پئي هاريائين.


    باب نائون : بــچــاءُ

    زينت بانو جو سمنڊ ۾ ڪري سو پريندي نه تختي سوڌو هيٺ هلي ويئي. ٻڏندي ماڻهوءَ کي جيڪي پهچ ۾ اچي تنهن کي سوگهو ڪري جهليندو آهي. هن کي ته خدا تختي سان ڪيرايو هو، تنهن کي هن ساهه جي ڊپ کان کڻي ٻک وڌا، انهيءَ سگهو ئي مٿي کڻي آندس. پر آگبوٽ تان پاڻيءَ ۾ ڪرڻ ڪري، جو هن کي ڌڪو آيو، ۽ وري سمنڊ جو کارو پاڻي، جو اکين، نڪ ۽ وات ۾ پيس، تنهن هن کي موڳو ڪري وڏو، ۽ اڌ مئن وانگي تختي کي چنبڙيو پيئي هئي، ٻيو ڪوبه سماءُ ڪونه هوس.

    صبح ٿيڻ ۾ باقي جيڪي ٻه – ٽي ڪلاڪ هئا، سي هوءَ پئي اتي پاڻيءَ ۾ ٽُلڪي، ۽ لهرن تي لڌي، جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن البت سماءُ پيس. پر ڪيڏي هڪڙي نازڪ پردي ۾ پيٺل ضعيف زال، ۽ ڪيڏي ههڙو حادثو ۽ سمنڊ جون لهرون ۽ اڪيلائي! ساهه مٺ ۾ ڪيو پيئي هئي. سڀڪنهن لهر پئي ڀانيائين ته اجها ٻڏيس، پر اڃا ڏينهن هئس. هوءَ ڏاڍي نيڪ زال هئي،تنهن خدا تي کڻي توڪل رکي. ٻڏي مرڻ جي پڪ هيس، تنهن ڪري اها گهڙي فرصت ڄاڻي، الله کي ياد ڪرڻ ۽ ڪلما پڙهڻ لڳي.

    جنهن هنڌ تي اهو اتفاق ٿيو، سو ڪڇ جي ڪناري کان گهڻو پري نه هو، ٻيڙيون ۽ ڊونڊيون مڇي مارڻ لاءِ توڙي پاسي وارن بندرن کان انهيءَ هنڌان سمنڊ تي اينديون وينديون هيون. اهڙي هڪڙي ٻيڙي اوچتو آسپاس جي لنگهي، سا پري کان پاڻيءَ تي ڪا شي لٽڪندي ڏسي لڙي آئي، مهاڻن ويجهو اچي، همت ڪري هن کي ڇڪي ٻيڙيءَ تي آندو.

    هوءَ پاڻي ۾ ڀڄي پيئي هئي، ۽ ڌڪن ۾ ساڻي ٿي پيئي هئي، تنهن کي هڪڙي چادر ڏنائون ته ويڙهجي، پسيل ڪپڙا لاهي ڏئي. هن ائين ڪيو، پوءِ مٺي پاڻيءَ جو لوٽو ڏنائونس، جنهن مان هن گرڙيون ڪيون ۽ منهن ڌوتو، جڏهن بت سڪس ۽ سامت ۾ آئي، تڏهن هن سان مها‎ڻن ڳالهايو ۽ حال ورتائونس. وٽن مانيءَ جو ٽڪر پيو هو، سو ڳڙ سان ڏنائونس، جو هن کاڌو، البت بُود ۾ آئي.

    انهيءَ ٻيڙيءَ تي چار مهاڻا هئا، هڪڙو ٻيڙيءَ جو مالڪ هو، اهو پير مرد هو ۽ تمام غريب ۽ رحمدل ماڻهو هو، انهيءَ جو نالو صديق هو. ٻيو سندس پٽ هو ۽ ٻه سندس نوڪر هئا، جي ٻيڙيءَ جا جوان ڪري رکيا هئائين، هن پريي مڙس زينت بانوءَ کي دڙ دلاسو ڏنو ۽ چيائينس ”تون مون کي ڌيءَ وانگي آهين، ٻيو ڊپ نه ڪر، آءٌ توکي ڪناري تي نيئي، پنهنجي گهر پنهنجي زال وٽ سکيو رکندس، پوءِ جيڪا تنهنجي مرضي هوندي، ائين ڪنداسين.“

    هوءَ ويچاري خوش ٿي. هن مهاڻي جي گهڻي شڪرگذاري ڪئي، جو هن ٻڏڻ کان بچايس، نيٺ هو اچي ڪناري تي پهتا، ڪناري کي ويجهو هڪڙو ننڍو ڳوٺ مهماڻن جو ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڏهه – پندرهن ڀونگيون ڏٺيون ٿي. انهن مان هڪڙيءَ ۾ زينت کي پير مرد مهاڻو ۽ سندس پٽ وٺي آيا.

    انهيءَ ۾ ٻه زالون به هيون، هڪڙيءَ انهيءَ مهاڻي جي زال ۽ ٻي سندس ڀيڻ، جا وٽن مهمان هئي، هنن کي صديق زينت جي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ هنن کي پارت ڪيائين ته ”هيءَ مون کي ڌيءَ وانگي آهي، تنهن جي چڱيءَ طرح خدمت ڪريو، هيءَ سکر اشراف گهر جي ڏسجي ٿي.“ هنن زالن به هن جي گهڻي آدر ڀاءُ ڪئي، وس پڄندي هن کي خوش ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايائون ۽ جهڙو حال هون، اهڙو هن جي اڳيان رکيائون.

    زينت بانوءَ کي لاچار ٿيو، هنن مهاڻن سان گذارڻ، هو هن جي پرگهور گهڻي ڪندا هئا، تنهن ڪري هن به پاڻ تي فرض ڄاتو ته هنن کي گهر جي ڪم ۾ مدد ڏئي، سو اوير سوير ٻهاري ڏيڻ، ماني پچائڻ،توڙي ان پيهڻ ۽ ڇڙڻ ۾ هنن سان شامل ٿيندي هئي. انهيءَ ڪري هو هن جو مان رکندا هئا، ۽ جي هوءَ زور ڪري گهر جو ڪم ڪندي هئي، ته به هن کي منع ڪندا هئا. خاص ڪري پريو مڙس ته هن کي گهڻو ڀائيندو هو. ۽ وقت بوقت زال ۽ ڀيڻ کي هن جي پارت ڪندو هو. اگرچه هو سڀ جهنگلي ماڻهو هئا، ته به هن نئين ڀاتيءَ جي اچڻ ڪري هنن جو گهر سڄي ڳوٺ ۾ سڌري پيو، ۽ اڳي کان وڌيڪ صفا رهندو هو.

    ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ويهي گهر جي ڀاتين کي، يا ٻيون جيڪي پاڙي جون زالون اتي اينديون هيون، انهن کي قرآن ۽ حديث جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي، جنهنڪري هفتي – ٻن جي اندر ڳوٺ ۾ اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي ته صديق جي گهر ڪا وڏي اشراف ۽ نيڪ زال آئي آهي.

    زينت بانوءَ کي بت تي سؤ – سوا جا زيور به هئا، جن سوڌو هوءَ سمنڊ ۾ ڪري هئي، اهي پهرئن ئي ڏينهن پريي مڙس صديق مالڪياڻيءَ جي مرضيءَ پٺيان پنهنجي و سلن ۾ امانت طرح لڪائي رکي ڇڏيا هئا. انهن مان هڪڙو – ٻه زينت خوشيءَ سان هنن کي ڏنو ٿي، ڇالاءِ جو هنن نه ورتا، چيائون ته ”تنهنجي شيءِ ڀلي توکي ڪم اچي.“

    هن پنهنجو سڄو حال هنن کي ڏنو هو، ۽ هو ڄاڻندا هئا ته هن کي پنهنجن وارثن ڏي وڃڻ جي گهڻي خواهش آهي، مگر جيسين ڪو اهڙو وجهه ملي، تيسين اتي رهڻ ۾ راضي آهي ۽ اتان نڪرڻ لاءِ اهڙي تڪڙي ناهي.

    اهو مهاڻن جو ڳوٺ، ڪڇ جي وڏي شهر ڀڄ کان اٽڪل ويهه – ٻاويهه ڪوهه پري هو. ڳوٺ جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪم ساڻ اوڏي ويندا هئا، ۽ ڪن جا مائٽ به اتي هوندا هئا، جن سان آمدرفت هوندي هين.

    صديق جي ڀيڻ، جنهن جو نالو صفوران هو ۽ جا سندس گهر ۾ ڪن ڏينهن کان مهمان هوندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هتي مائٽن کي ملڻ ايندي هئي، هن ڀيري به ائين آئي هئي، سامهينو کن گذاري وري اوڏي سنبري.، انهيءَ جو سانباهو ڏسي زينت جي به مرضي ٿي ته ساڻس گڏجي اوڏي وڃان، هڪڙو ته ههڙي سڃي جنگلي ڳوٺ ۾ رهي ڪڪ ٿي پيئي هئي، ۽ ٻيو ڄاتائين ٿي ته وڏي شهر ۾ وري به بمبئيءَ ڏي وڃڻ يا ڪراچي موٽڻ جو شايد چڱو وجهه ملي ويندو. تنهن کان سواءِ صفوران به ڀڄ جون ڳالهيون ٻڌايون هيس ته ههڙو شهر آهي، هيڏو شهر آهي، ۽ دلاسو به ڏنو هئائينس ته ”اتي تون هن کان وڌيڪ سکيو گذاريندينءَ، جو تون پاڻ وڏي شهر جي آهين“ ايترو به ٻڌايو هئائينس ته ”منهنجو گهر وارو فضل محمد لاڙڪن جي پاڙي جو نيڪ مرد آهي ۽ اشراف ماڻهو آهي، ۽ اسان کي خدا جو ڏنو سڀڪي آهي، اسان وٽ هوندينءَ ته منهنجو گهر وارو تنهنجو ضرور ڪوبندوبست ڪندو، جو هن جي وڏن وڏن ماڻهن سان واٽ آهي.“

    نيٺ پڪو ٺهراءُ ڪري، هڪڙي ڏينهن سانجهيءَ جو ماني ٽڪي کاڌي کان پوءِ صفوران ۽ زينت کي ڏاندن جي گاڏيءَ تي چاڙهي روانو ڪيائون. گاڏيءَ وارو به سندن راڄ مان هو، تنهن کي به صديق گهڻي پارت ڪئي. اميد هين ته رات جو ٿڌ ۾ پنڌ ٿيندو، ٻئي ڏينهن سوير وڃي پهچندا.

    هنن جي سنبرڻ مهل صديق کي زينت بانوءَ جي امانت ياد پئي، سو ڊوڙ پائي سڀ ڳهه اڳڙيءَ ۾ ٻڌل کڻي آيو، ۽ سندس حوالي ڪيائين، گاڏي هلي، رستو برپٽ مان هو؛ گهاڙو سڙڪ ڪانه هئي، چارو هو، سو چارو ڏيو آهستي هلندا ويا. هڪڙي رات انڌاري، ٻيو گاڏيءَ جو پنڌ – پنڪيون کائيندا هليا ويا، ڪڏهن ته ٽيئي ڄڻا ننڊ ۾ پئجو ٿي ويا ۽ ڏاند پاڻهي ئي پئي هليا.

    اڌ رات مهل گهوڙن جي ڪڙڪي کان هو ڇرڪ ڀري اٿيا. چار مڙس گهوڙن تي چڙهيل ڌڪا ۽ تراريون کڻي مٿن ڪاهي آيا. اهي ڌاڙي وارا چور هئا، جي اڪثر رستا ڦريندا هئا ۽ هاڻ گهمندي هي شڪار منهن پئجي ويو هون، يا ته ڪا کڻڪ هين، ته انهي رات ڪي ٻه زالون ڳهن ڳٺن سميت هن واٽ سان وينديون، سو اڳ وٺي آيا هئن.

    هنن ايندي سان گاڏيءَ واري کي ڌڪو مٿي وارو هنيو، جو گوماٽجي گاڏيءَ تان ڪري پيو ۽ ماندو ٿي ويو، پوءِ زالن تي هڪل ڪري آيا، چيائون ته ”مال ڪڍو“.

    هنن جون ته ٻه به وييون ٽي به ويوون. پهرين ته ڪڇيائون ڪين، ڊپ ۾ اونڌيون ٿي پئجي رهيون؛ پر جڏهن هڪڙي چور لهي هٿ وڌن، تڏهن چيائون ته ”اسان وٽ جيڪي آهي سو وٺو، رپ اسان کي جيئندان ڏيو“. هنن پهرين صفوران جا ڳهه لهرايا، جي هن کي بت تي پيل هئا، ويچاريءَ وٽ جيڪي ڳهه پڳهه هئا، سي ڍڪي مائٽن کي ملڻ آئي هئي، اهي سڀ هينئر لاهي هنن کي ڏنائين، ۽ زينت ته پنهنجي هڙئي ٻڌل کڻي هنن کي هٿ ۾ ڏني؛ پر انهيءَ تي به هو راضي نه ٿيا. هنن کي گهڻي مال جي اميد هئي، يا ڏس هون، تنهن ڪري هنن کي دڙڪا تاب ڏيڻ لڳا.

    نيٺ جڏهن ٻئي وسيلي جو آسرو ڪونه رهين، تڏهن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ”هن ڇوڪريءَ کي کڻي هلجي، هوءَ پان به هڪڙو زيور آهي“ زينت بانوءَ کي جوڻ جماڻ ڏسي لچا اچي مست ٿيا، ۽ ڀانيائون هيتري هلاڪي به ڪئيسون، ٿورڙي مال تي ڪيئن راضي ٿي ويهون. سو هن ويچاريءَ کي هڪڙي ڄڻي کنڀي، کڻي پنهنجي پٺيان گهوڙي تي وڌو ۽ث گهوڙا ڊوڙائي جهنگ منهن ڏيئي اُٿي هليا.

    چورن جي وڃڻ کان پوءِ گاڏي وارو به اُٿيو، الائجي سامت ۾ آيو هو، ته اُٿيو، يا ڊپ کان ڇپ هنيو پيو هو، سو هنن کي ويندو ڏسي پوءِ اُٿيو، هنن کي پنهنجي ساهه جي لڳي، سي گاڏي ڊوڙائي، رستو ڏيئي اُٿي هليا ۽ ويچاريءَ زينت جي پوئواري به ڪانه ڪيائون.

    هو ٻئي ڏينهن وڃي شهر رسيا، پنهنجي مائٽن مان رستي جي واقعي جو بيان ڪرڻ لڳا؛ هيڏي چور اڳڀرو اچي ڪنهن کوهيءَ ڌاري لهي پيا، ۽ زينت بانوءَ کي به لاهي هڪ پاسي ويهاريائون. پاڻيءَ ڍڪ پي، پوءِ پاڻ ۾ ويهي مال ورهائڻ لڳا، گهڻيءَ ريڙهه پيڙهه کان پوءِ اهو ٺهراءُ ڪيائون، ته مال جا ٽي حصا ٿين، جي ٽي ڄڻا وٺن، چوٿين پنهنجي پتيءَ ۾ زينت جي ٻانهن قبول ڪئي. اتي سڀڪو چور پنهنجو پنهنجو رستو ڏيئي هليو ويو ۽ منجهائن هيبت نالي، جنهن کي هيءَ زال پتيءَ ۾ آئي هئي، سو هن کي لاڏ سان ٻانهن مان وٺي گهوڙي تي چاڙهي ڳوٺ هليو.

    جيڪي زينت جي دل ۾ هو، سو پڙهندڙن کي پاڻ خيال ۾ اچي سگهندو، اسين بيان ڪرڻ ضروري نٿا ڄاڻون، ويچاري سور پي، پنهنجي بڇڙي قسمت تي افسوس کائي، صبر ڪري ويهي رهي، ۽ پرهه ڦٽيءَ مهل چور هن کي پنهنجي گهر آڻي پهچايو.

    هن کي هڪڙي زال اڳ ئي گهر ۾ هئي، تنهن کي ۽ پنهنجي سس کي هن اٿاريو ۽ زينت جي ٻانهن ڏيئي چيائين ته هيءَ ”سوکڙي اوهان جي لاءِ آندي اٿم، تنهن جو بلو ڪريو.“ پوءِ پاڻ وڃي گهوڙي کي ٻڌي، هنو لاهي، گاهه ڏيئي، اچي ڦڙهه ٿي سمهي پيو.

    زينت کان به هنن ٻه – ٽي ڳالهيون هيڏي هوڏي جون پڇيون، پوءِ هن کي سمهڻ جي جاءِ ڏنائون، جا پئي رهي، چور رات جو جاڳيل هو، سو پهر سوا تائين ستو پيو هو، زينت کي ته ننڊ ڪانه هئي. سج اڀرئي ڌاري اُٿي ويهي رهي.

    چور جي زال ۽ سس سمجهيو ته ڪٿان هيءَ ٻانهن ڦر ڪري چورائي، پنهنجي لاءِ وٺي آيو آهي، سو هن کي غريب اشراف زال ڄاڻي مٿس ڪهل ڪيائون، ۽ سندس حال احوال پڇيائون، هن کي ٽڪڙ ٽيڙو کارايائون، پرهن ويچاريءَ جي دل ۾ الائجي ڪهڙي واويلا هئي، سو ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي ڳري.

    نيٺ چور اٿيو، هن جو اچي پاسو ورتائين هن کي دلاسو ڏنائين ته ”هاڻ گهڻو مٿو نه مار، وري ڪنهن پاسي توکي وڃڻو نه ٿيندو، آءٌ توکي سکيو رکندس،. هزارن قسمن جا توکي مال کارائيندس ۽ ڪپڙا ڍڪائيندس.“ انهيءَ طرح هن نامراد ڪيترائي ٻيا ناشائستا لفظ سندس نسبت ۾ ڳالهايا، پر هن ورندي ڪانه ڏني، ڪنڌ هيٺ ڪيو وٺي ٻڌائين.

    انهيءَ حال ۾ هن کي ڏينهن جا اڍائي ڪي-ٽي پهرگذريا، پوءِ هڪڙا ٽي ڄڻا انهيءَ گهر ۾ آيا، جن سان هيبت چور گوشي تي ويهي ڳالهيون ڪيون. اهي هن جا راتوڪا سنگتي هئا، ڪلاڪ – اڌ تائين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري، ٽيئي ڄڻا سنبري هڪڙي پاسي اٿي هليا.

    هنن جي ويئي کان پوءِ چور جي زال ۽ سس زينت سان وري وڌيڪ ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لڳيون. اگرچه هن جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيون ۽ منجهانئس گهڻو راضي هيون، مگر هيءَ جا نئين پهاڄ جا مٿان ٿي پيئي، تنهن ڪري هو ٻيئي هن جي نه هجڻ ۾ وڌيڪ راضي هيون، ۽ زينت به چين ته ”مائي، اوهين مون تي رنج نه ٿيو، آءٌ پنهنجي خوشيءَ سان هتي ڪين آئي آهيان، زور ظلم سان مون کي هتي اندو اٿس؛ آءٌ لاچار اچي بند ۾ ڦاٿي آهيان ۽ منهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ جيڪا مدد پڄيو، سا ڪريو،ته خدا اوهان کي اجر ڏيندو.“

    هنن کي به اها صلاح آئڙي ته هن کي روانو ڪجي. زينت به اڳيئي ٻڌايو هون ته آءٌ شهر ڏي وڃڻي هيس، ۽ اهو شهر به انهيءَ هنڌان اٺ – ڏهه ڪوهه مس هو، سو هن کي انهيءَ طرف جو رستو ڏيکاريائون، ۽ چور جي سس ڳچ تائين ساڻ به ٿيس.

    زينت اگرچه وڃڻ ۾ خوش هئي، پر ڊني ته متان چور اچي مليم ۽ ماريم، مگر هنن پڪ ڏنيس ته ”هو هن پاسي ويا آهن، سو وري اڌ رات جو مس ايندا. انهيءَ جو تون ڪو ڊپ نه ڪر.“ سنئون پيچرو انهيءَ هنڌ کان ڏکڻ ڏي ويو، سو وٺي هليون، ڪوهه کن تائين چور جي سس به زينت سان ويئي، پوءِ هن کي دڳ لائي موٽي آئي.

    هن کي سمجهائي ڇڏيائين ته ”سامهون هلي وڃ، ڏينهن ڏٺو آهي. شهر کان ٻه – اڍائي ڪوهه اوري دڳ سان هڪڙي کوهي ۽ مڪان اٿئي، جتي هڪڙو فقير ۽ سندس زال رهن ٿا، اتي جي ٿڪجين ته لڙي پاڻي پيجئين ۽ ساهي کڻجئين.“

    انهيءَ ڏس تي زينت اُٿي هلي، اگرچه جهنگ مان هيکلي پئي وئي، پر ڏينهن ڏٺو هو، ڍارو لڳو پيو هو، ۽ وري آزاد ٿيڻ جي به خوشي هيس، تنهن ۾ پنڌ ڪرڻ سان گهٽايائين ڪين، ۽ سج لهڻ تي انهيءَ فقير جي اوتاري وٽ اچي پهتي.

    هيءَ ويچاري ٿڪجي پئي هئي، سا لنگهي اوتاري ۾ آئي ۽ اچي مٽن مان پاڻي پيتائين ۽ منهن ڌوتائين،هنن پڇيس ته ”مائي ڪير آهين؟“ هن چيو ته ”واٽهڙو آهيان، شهر ٿي وڃان.“

    فقير جي زال رات ٽڪڻ جي صلاح ڪيس ۽ چيائينس ته ”رات ٿي پوي تون هيکلي آهين.“زينت کي به اها صلاح پسند آئي، هڪڙو ته هن کي اڳتي هلڻ جي طاقت به ڪانه رهي، ٻيو رات به پئجي آئي هئي ۽ اڳيان شهر ۾ به سندس لاءِ جاءِ ٺهي ٺڪي ڪانه پئي هئي، تنهن ڪري هن فقير ۽ فقيرياڻيءَ جي مهرباني ڏسي رهجي پيئي.

    هن کي ٽڪر مانيءَ جو ڏنائون، سو کائي، تڏو وڇائي، سندن پاسي ۾ سمهي پيئي، جيتوڻيڪ چور جي اچڻ جو ڊپ گهڻو هوس، پر لاچار ٿي خدا تي ڀاڙي سمهي رهي، هن چڱي موچاري ننڊ ڪئي، پر رات جو ٽي – چار ڀيرا بڇڙا خواب ڏسي دانهن ڪري اُٿي، وري ڪلمو پڙهي سمهي رهي.

    نيٺ خير جو صبح ٿيو، هيءَ هٿ منهن ڌوئي نماز پڙهي، فقير ۽ فقيرياڻي کان موڪلائي، اٿي اهو ڏکڻ وارو دڳ ڏيئي هلي. ٿڌ جو پنڌ سولو لڳس، پهر ڏينهن جو مس ٿيو ته اچي ڀڄ جي شهر کان نڪتي.

    [1] . * تڏهن درياهه تي پل ڪانه هئي، آگبوٽ تي درياهه لنگهبو هو.


    باب ڏهون : ڀــڄ ۾

    ڀڄ جو شهر ساري ڪڇ ۾ وڏو گهاٽو شهر آهي. اهو ڪڇ جي راءِ يعني راجا جي رهڻ جو هنڌ آهي، تنهن ڪري منجهس وڏا وڏا ماڻهو هندو توڙي مسلمان رهندا آهن، ۽ گهڻا شاهوڪار ۽ واپاري ڌنڌو هلائيندا آهن.انهيءَ جو واپار جهڙو سمنڊ جي رستي مڏئي بندر کان ٻين پاسي هلندو آهي، تهڙو خشڪيءَ جي رستي گجرات ۽ ٻين ڀاڱن سان، مڏئي جو بندر ڀڄ کان ارڙهن ڪوهه پري آهي ۽ وچ ۾ شاهي سڙڪ لڳي پيئي آهي، جنهن سان ڏاڍي وهڪ آهي. انهيءَ بندر تي ڪراچيءَ ۽ بمبئيءَ وارا آگبوٽ به اچي بيهندا آهن، ۽ مال لاهيندا چاڙهيندا آهن، انهيءَ ڪريمڏئي ۽ ڀڄ زور وٺندا وڃن.

    زينت بانو شهر ۾ اچي پهتي ته سهي، پر هاڻ وڃي ڪيڏي؛ هن کي سجهيو ڪين ٿي ته ڪيئن ڪريان. پهريائين ڀانيائين ته ڪنهن ڌرمسالا ۾ وڃي ويهان، پر هڙ ۾ ڪي ڪين هوس، جنهن سان کاڌي پيتي جو بلو ڪري. ساري شهر ۾ هن کي هڪڙو ماڻهو واقف سجهيو ٿي اها هئي صفوران،صديق مهاڻي جي ڀيڻ، جنهن کي ساڻس گڏ رستي ۾ چورن اچي ڦريو هو. انهيءَ جي به پڪ خبر نه هيس ته ڪيڏي ويئي پر ڄاتائين ته ضرور اڌ ۾ پٺتي موٽي نه ويئي هوندي، گاڏيءَ تي هئي، سا ڀڄ آئي هوندي؛ ۽ سندس مڙس جو نالو به سجهيس ٿي ته فضل محمد آهي ۽ لاڙڪن جي پاڙي جو چڱو مڙس آهي. في الحال دل ۾ اهو ٺهراءُ ڪيائين ته ”انهي کي پڇائي وڃي هٿ ڪريان، ۽ ڏينهن سڄو پيو آهي، خدا ۾ اميد آهي ته ڳولي وڃي لهنديسانس.

    هيءَ اڳڀرو هلي، ته بازار ۾ هڪڙو سرڪاري سپاهي ترار سان مليس، جو شهر ۾ نظرداريءَ لاءِ پئي گهميو. ڀانيائين ته ٻئي کان ڏس پڇان، تنهن کان هيءُ سرڪاري ماڻهو آهي، هن کي وڌيڪ خبر هوندي. سو هن کي ويجهو اچي چيائين ته ”سائين، ڀلائي ڪري مون کي ڏس ڏي ته لاڙڪن جو پاڙو ڪهڙي پاسي آهي؟“

    سپاهيءَ پڇيس ته ”ڇو مائي! تون ڪا نئين آئي آهين ڇا؟“

    زينت چيو ته ”هائو، آءٌ فضل محمد پريي مڙس جي مائٽياڻي آهيان، انهيءَ جي گهر وينديس.“

    سپاهيءَ چيوته ”مائٽن مان ٻيو ڪو مڙس ماڻهو ساڻ نه کنيئي؟“

    زينت اڳ وٺي چيو ته ”هڪڙو مون سان هو، پر هتي ڪنهن پاسي مون کان ڇڄي جدا ٿيو آهي؛ ڳوليومانس پر هٿ نه آيو، تڏهين اوهان کي سوال ڪيم.“

    انهيءَ گفتگومان سپاهيءَ ايترو سمجهيو، ته هيءَ غير واقف زال آهي. وري جوان جماڻ، مهانڊي جي چڱي ڏٺائينس، تنهن دل ۾ ٻيو ڪو پهه پچائي، هن کي گمراهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هن کي چيائين”ته مائي، اچ ته آءٌ توکي فضل محمد جو گهر لهي ڏيان، هتان سڻائو آهي.“

    زينت بانوءَ دعا ڪيس ۽ چيائينس ته ”مهرباني اوهان جي، جو مون غريب کي رستي لايو ٿا.“

    سپاهي ٿيو اڳ ۾، زينت بانو ٿي پٺ ۾. ٻه – ٽي گهٽيون ور وڪڙ ڏيئي، سپاهي هڪڙي در تي اچي بيٺو. زينت کي چيائين ته ”مائي، تون بيهه، آءٌ سماءُ لمان.“ اندر وڃي سگهوئي نڪري آيو. چيائين ته ”مائي، اهو گهر آهي، تون اندر هلي وڃ“، سپاهي پاڻ اتان ئي موٽي ويو، زينت بانو اندر گهڙي وئي.

    اهو گهر فضل محمد لاڙڪ جو نه هو، اهو شهر جي فوجدارجو گهر هو، جنهن جو نالو سمندر خان هو. هو شهر جي سڀني سپاهين جي مٿان داروغو ۽ عملدار هو ۽ وڏي حڪم وارو هو، مگر ڏاڍو ظالم ۽ بدچال ماڻهو هو. ٻاريچو ڪونه هوس، گهر ۾ هڪڙو پاڻ رهندو هو، ٻيو نوڪر هوندو هوس، ۽ تنهن کانسواءِ ڪيترائي سپاهي سڙا هميشه وٽس پيا حاضري ڀريندا هئا، ۽ اڪثر هن کي بدپيشي ۾ واهر ڏيو، خوش رکندا هئا. هن سپاهيءَ کي به هيءَ نڌڻڪي جوان زال هٿ لڳي ويئي، تنهن پنهنجي عملدار کي راضي ڪرڻ ۽ پنهنجي سرخروئي ڏيکارڻ لاءِ هن کي اتي آڻي ڪڍيو هو ۽ اڳ ۾ اندر وڃي سمجهائي آيس، پوءِ هن ويچاريءَ کي اندرروانو ڪري پاڻ هليو آيو.

    زينت بانو اندر لنگهي ايوان ۾ آئي، سامهون جاءِ جا در کليا پيا هئا تن ۾ هلي ويئي.ا ندر جاءِ ڏاڍي ٺاهوڪي ڏسڻ ۾ آيس. ڏاڍا گلم غاليچا وڇايا پيا هئا، ٻه – ٽي کٽون ٺهيون پيون هيون. سڀ شيءِ چڱي ڊول سان رکي هئي. هڪ – ٻه جاين تي ڪي تراريون بندوقون به پيون هيون. هوءَ هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي. ڊپ به ٿيس پر پڪ هيس، ته صفوران آسپاس هوندي.

    ائين ڪندي پاسي واري در کان هڪڙو قداور مڙس ڪپڙن گندين ٺهيل نڪري آيو. زينت بانوءَ ڀانيو، نه صفوران جو مڙس فضل محمد هوندو. هن ايندي سان چيس ته ”ڀلي آئينءَ، خوش چڱي ڀلي آهين؟“

    زينت بانوءَ حجاب سان پر ڊپ کان سواءِ جواب ڏنس ته ”سائين، خير هجي، سلامت هجو.“

    فوجدار چيو ته ويهه، خوش ٿي ويهه، اها کٽ پئي اٿئي.“

    زينت ويٺي ۽ هن کان پڇڻ لڳي ته ”سائين! مائي صفوران ته خير سان اچي پهتي؟ خوش چڱي ڀلي ته آهي؟“

    فوجدار ڪوڙ ڪري چيو ته ”خوش چڱي ڀلي آهي، تنهنجي لاءِ ڏاڍي انتظار ۾ آهي؛ تون دلجاءِ ڪري ويهه، ته سڀڪي توکي موجود ڪري ٿو ڏجي.“

    ائين چئي فوجدار وري پاسي واري در کان نڪري ويو؛ وري سگهوئي چوڻ لڳو ته ”پياري! هي سيجون سڀ تنهنجي لاءِ وڇايون اٿم. هي سامان سڀ تنهنجي لاءِ تيار ڪرايو اٿم، تون هيءُ گهر پنهنجو ڄاڻ، منهنجا ماڻهو به تنهنجي خدمت ڪندا ۽ آءٌ به تنهنجي خدمت ۾ حاضر رهندس.“ ائين چئي، هو اچي زينت بانوءَ جي ڀر ۾ ويٺو.

    اتي زينت کي به شڪ پيو ته مون سان ڪا دغابازي ٿي آهي، سا ڇرڪ ڀري پرڀرو رڙهي ويٺي، اصل منهن بڇڙو ڪري چوڻ لڳي ته ”تڏهن سائين تون فضل محمد ناهين، تڏهن مون سان ڊوهه ٿيو آهي!“

    فوجدار محبت سان پنهنجون ٻانهون ڊگهيون ڪري چيس ته ”منهنجي جان! ڇو ٿي ڊڄين؟ تون ڊپ ڪونه ڪر. جيڪي تون طلبيندينءَ سو توکي حاضر ڪري ڏيندس. جهڙو پنهنجي گهر ۾ سکي هوندينءَ، انهيءَ کان به آءٌ توکي سکيو رکندس. توکي خبر ناهي ته آءٌ وڏو امير آهيان، شهر جا جيڪي سپاهي آهن، تن سڀني جو آءٌ سردار آهيان. مون وٽ رهڻ کان توکي عار ٿو اچي! سون رپي جا تو وٽ آءٌ ڍير ڪندس، پٽ پٽيهر تنهنجي مٿان وجهندس، تون ڇو پاسو ٿي ڪرين؟“ ائين چئي ٻانهون ڊگهيرري ڀاڪر وجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، ته زينت دانهن ڪري وڃي پري بيٺي. فوجدار به اٿي کڙو ٿيو.

    اتي ڪي ٻه سپاهي ٻيا به ٻاهران آيا، تن کي ڏسي، زينت بانوءَ کي پاڻ ڊپ ٿيو، ۽ ڀڄڻ جو رستو بند ڏٺائين، جڏهن فوجدار ڏٺو ته هيءَ خوشيءَ سان راضي نه ٿي ٿئي، تڏهن دڙڪو ڏيئي چيائينس ته نادان رن، ماٺ ڪري ويهي رهه، نه ته ترار کڻي ٻه اڌ ڪري وجهندوسئين.“

    زينت ڄاتو ته هي بيحيا ماڻهو ٿو ڏسجي، نه زبردستي ڪرڻ کان ڊڄندو، نه مارڻ کان. آءٌ هن سان ڪنهن به طرح ڀڄي نه سگهنديس؛ تنهنڪري في الحال ڪو حيلو ڪريان، پوءِ اويسلائيءَ ۾ نڪري هلي وڃان. سا ماٺ ڪري وري وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺي، ۽ منهن مٿي ڪري کلي چوڻ لڳي ته ”ڀلا سائين، آءٌ حاضر آهيان، منهنجي ڇا مجال جو آءٌ پاسو ڪنديس؟ اسين مهاڻا ماڻهو، اوهان جهڙن سردارن وٽ رهڻ کان اسان کي ڪهڙو عار هوندو، اسان جو ڪم اهو آهي. مون به رڳو انگل ٿي ڪيو، اسان جا انگل نيٺ اوهين امير ماڻهو کڻندو.!“

    هي مٺا لفظ، ٻڌي ، فوجدار ڏاڍو خوش ٿيو. ڪاوڙ ڍري ٿيس، هن کي شاباس ڪيائين، پاڻ ماٺ ڪري پرڀرو وڃي ويهي رهيو، ۽ نوڪر کي حڪم ڏنائين ته ”سگهوئي ماني تيار ڪرائي کڻي آءُ، ته منهنجي لاڏلي کائي آرام وٺي.“

    پوءِ ويهي زينت بانوءَ ساڻ پنهنجي وڏائيءَ ۽ حڪم جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، ۽ جيڪي سامان اتي پيل هو تنهن جو ملهه ٻڌائڻ ۽ هن کي آئيندي جا دلاسا دڙا ڏيڻ لڳو. زينت بانوءَ ڪوڙ ڪري، مرڪندي منهن سان هائو هائو ويٺي ڪئي.

    نيٺ ماني وڌائي آيا، فرش تي رکيائين. فوجدار زينت بانوءَ کي به سڏيو ته ”جاني، اچ ته ماني کائون.“

    هن ويچاريءَ دل ۾ اهڙن بيحيائيءَ جي لفظن ٻڌڻ ڪري هن کي گهڻو ئي پٽيو ٿي، پر لاچار هئس، ڍونگ ڪري پنهنجي آبرو بچائڻي هيس، تنهنڪري ٽپ ڏيئي اچي مانيءَ تي ويٺي. ٻيئي گڏجي ماني کائي اُٿيا.

    زينت وري وڃي کٽولي تي ويٺي ۽ فوجدار ڪپڙا ڍڪڻ لڳو؛ زينت بانوءَ پڇيس ته ”سائين ڪيڏي ٿا سنڀرو؟“

    هن چيو ته ”ٻاهر ڪو سرڪاري ڪم آهي، سو لاهي جهٽ ۾ وري ٿو اچان.“

    زينت بانوءَ چيس ته ”سائين، آءٌ هيکلي ويٺي هونديس، ڀلائي ڪري سگها موٽجو.“

    هن چيو ته ”پياري، دلجاءِ ڪجئين.“

    انهيءَ مهل سنڀري، اُهي ٻيئي سپاهي ساڻ ڪري، سمندر خان فوجدار روانو ٿيو ۽ نوڪر کي پارت ڪري ويو ته مهمان جي سنڀال رکجئين.

    هن جي وئي کان پوءِ، زينت بانو پنهنجي منهن گهڙيءَ تائين ويهي خيال پچائڻ لڳي. پهريائين ته گذريل ڏينهن ياد ڪري روئڻ لڳي، پوءِ خدا کي سوال ڪرڻ لڳي ته ”يا الــٰهي! زماني جي گردش مون کي گهڻو ستايو آهي. اڳتي ڪنهن مصيبت جي کڻڻ جي طاقت ڪانه رهي آهي، پنهنجي فضل ۽ رحم سان مون کي يا پنهنجي مڙس وٽ پهچاءِ، يا موٽي وطن تي؛ نه ته ڪنهن اهڙيءَ امن واري جاءِ تي پهچاءِ، جتي عزت ۽ آبروءَ سان حياتي جا ڏينهن گذاريان. جي قسمت ۾ اڃا به ٻيءَ طرح آهي ته مون کي موت ڏي، ته قبر جي ڪنڊ ۾ وڃي آسودي ٿيان.“

    پوءِ ٿوريءَ دير تائين ليٽي ڳڻتيون ڪرڻ لڳي، ته هن بند مان ڪيئن ڇٽان. دل ۾ چيائين ته ”هن ماريي کي دلبو ڏيئي خوش رکيو اٿم، نه ته هو مون کي هينئرجو هينئر خرابي پهچائي ها؛ پر هاڻي پڪ اٿس ته ڪميني ذات جي آهي، منهنجي سون رپي جي دلاسي تي ٺهي ويئي آهي، سا ويندي ڪين. سو رات جو ضرور ڪار منهون مون سان زبردستي ڪندو، تنهن کان جند ڇڏائڻ جو ڪو بلو ڪجي. هاڻي ڏينهن ڏٺو آهي، جي سٽ پائي درکان ٻاهرٿيس، ته بازار وهندي منهنجو ڪوبه نالو وٺي نه سگهندو، ۽ شهر به آڏو آهي، ڪنهن پاسي ڀڃي وينديس، ۽ وڃي پڇا ڪري فضل محمد جو گهر هٿ ڪنديس، نه ته به ڪنهن مسيت ۾ وڃي ويهي رهنديس. بندي جي گهر کان وري به الله جو گهر چڱو آهي، پاڻهي لولو مانيءَ جو پيو ملندو!“

    اهو پهه پچائي، هيڏي هوڏي ڏسي در ڏي هلي، ڏسي ته در کي اندران ڪلف ڏنو پيو آهي؛ فوجدارکي اگرچه پڪ هئي ته هيءَ ويندي ڪين، پر تڏهن به اڳ ڳڻتي ڪري نوڪر کي سوگهائيءَ جو تاڪيد ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن اندران ڪلف ڏيئي ڇڏيو هو.

    زينت بورچيخاني ۾ وڃي ڏسي ته فوجدار جو نوڪر تڏي تي سمهيو پيو آهي ۽ ٻه – ٽي ڪنجيون ڌاڳي ۾ ٻڌل بورچيخاني واري در جي ڪلف ۾ لڳيون پيون آهن، سي آهستي ڪڍي اچي ٻاهريون در پٽيائين ۽ وري در ورائي خدا کي سنڀالي، نڪري ٻاهر ٿي؛ ۽ ٻن – ٽن گهٽين مان لنگهي اچي وڏي بازار ۾ پيئي.

    ماڻهو گهڻائي پئي آيا ويا، وچين وچين جي مهل هئي. زينت بانو به هٽن تي جيڪي ماڻهو ويٺا هئا، يا گهور ڪندا وتيا، تن کان لاڙڪن جي پاڙي جو ڏس پڇائيندي پڇائيندي، اچي انهيءَ پاڙي ۾ نڪتي، جو شهر جي اوڀرين پاسي کان هو.

    اتي سٽون ڏيندي، فضل محمدجي گهر پڇائيندي، اوچتو اها اها ساڳي صفوران منهن پئجي ويس. انهيءَ کي ڊوڙي وڃي ٻانهن کان ورتائين. هوءَبه هن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. پوءِ ته اتي بيٺي هڪٻئي کي حال احوال ڏنائون،نيٺ صفوران هن کي وٺي پنهنجي گهر ويئي.

    اهو گهر به چڱو پڪو جڙيل ڏسڻ ۾ ٿي آيو. صفوران جو گهر وارو فضل محمد ويٺو هو، تنهن کي چيائين ته ”ميان! جنهن مائيءَجي نالي مون ڳالهه ڪئي، سا اجها خدا کڻي آندي آهي.“ پوءِ هن کي ڏسي گهر جا جيڪي ٻه – چار ڀاتي هئا، سي اچي گڏ ٿيا.

    اگرچه زينت ويچاري ڏکن سورن ۾ گهڻوئي لتڙي هئي، تڏهن به سنديس شڪل وڏ گهراڻي پئي ڏٺي، تنهن کي گهڻي تعظيم ڏنائون، ويهاريائونس ۽ دلاسا ڏنائونس. هنن جي آدرڀاءَ ڏسي، زينت بانوءَ کي پيٽ ۾ ساهه پيو، جيئن نه پنهنجن مائٽن جي گهر آئي هجي. پوءِ ته دلجاءِ ڪري اتي ويهه رهي ۽ گهر جي ڀاتين سان ڳالهيون ٻولهيون ڪري ٺهي ويئي.

    فضل محمد لاڙڪ هن پاڙي جو نيڪ مرد هو، وسعت وارو ماڻهو به هو. سندس ڪيتريون ئي ٻيڙيون مڏئيءَ وٽ سمنڊ ۾ هلندڙ هيون ۽ واپار ۾ به هٿ هوس، تنهنڪري هلنديءَ وارو به هو. کيس اولاد ڪونه هو، مگر ساڻس گڏ سندس ننڍو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي رهندا هئا، جن کي ٽي ننڍا ٻار هئا. ٻه ڌيئون ۽ هڪڙو پٽ. اهو ڀاڻس به ڪم ۾ ساڻس ڀائيوار هو. هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پٽ وانگي پالي وڏو ڪيو هو، ۽ پرڻايو هئائينس، تنهن ڪري هن سان گهڻي محبت هوندي هيس، هن جي اولاد کي پنهنجو اولاد ڪري ڄاڻندو هو،

    انهيءَ گهر ۾ زينت کي البت چڱي وندر ٿي. هيءَ وري هتي به وقت سر نماز ۽ قرآن پڙهڻ لڳي ۽ سگهوئي سڄي پاڙي ۾ مشهور ٿي ويئي. فضل محمد هن کي گهر ۾ ٻيو ڪم ڪرڻ نه ڏيندو هو. هن کي چيائين ته ”مائي، تون اسان جن ٻارن کي قرآن پاڙهيندي وڃ.“ سو هن کي پاڻ اهو شغل سڀ کان وڌيڪ پسند آيو، سا هاڻي مُلياڻي ٿي ويٺي ۽ ٻارن کي پيئي پڙهائيندي هئي.

    انهيءَ هنڌ هن کي آرام مليو، ته به هن پنهنجا مائٽ وساري نه ڇڏيا هئا. هن ٻه خط لکي ٽپال ۾ وڌاو هڪڙو پنهنجي مڙس ڏي بمبئيءَ ۾، ٻيو پنهنجي ڀاءُ جي نالي حيدرآباد ۾. مڙس جو پتو ڦول گليءَ ۾ هوس، سو لفافي تي به ائين لکيائين. باقي ڀاءُ واري لفافي تي حيدرآباد لکي ڇڏيائين.

    انهن خطن ۾ هن پنهنجو حال لکيو ۽ پڇاڙي ۾ لکيائين ته ”جي ٿي سگهيو ته منهنجو سماءُ لهجو، ۽ جي نه، ته به جيسين ساهه پيٽ ۾ هوندم، تيسين اوهان جي تانگ رکنديس ۽ جنهن مهل وجهه ملي سگهيم، تنهن مهل اچي اوهان وٽ نڪرنديس.“

    اهي خط ويا ته سهي، مگر بمبئيءَ واري کي ڦول گليءَ ۾ رلائي رلائي بيٺا ته ميان علي رضا هٿ ڪونه لڳو، جو اتان لڏي وري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ويٺو هو، ۽ حيدرآباد وارو خط سو وڃي حيدرآباد دکن کان نڪتو، جو انهيءَ تي سنڌ جو لفظ لکيل نه هو. انهيءَ کي به اتي رلائي ڦاڙي ڦٽو ڪيائون.

    ٿورا ڏينهن ڏٺائين، جڏهن ڪو پوئواريءَ وارو ڪونه پيدا ٿيو، تڏهن وري مڙس ڏي ٻيا خط لکڻ لڳي، پر انهن جي پهچڻ جو ته امڪان ئي ڪونه هو، جو علي رضا ڦول گوليءَ مان لڏي، الائجي ڪهڙي هنڌ وڃي ويٺو هو، ڀاءُ ڏي وري هن ٻيو خط ڪونه لکيو، جو ڄاتائين ته هو اڃا ڇوڪر آهي، شايد منهنجي پٺيان اهڙا جاکوڙا ڪڍي اچي نه سگهيو ۽ خط پهچڻ کان پوءِ به ماٺ ڪري ويهي رهيو آهي. ماءُ ته زال ماڻهو ڪين ايندي، انهيءَ پاسي جو خيال ڇڏي، رڳو علي رضا ڏي پئي لکيائين.

    انهيءَ طرح ويچاريءَ جي وڇڙيءَ جي خبر نه هن پاسي مائٽن کي پهتي، نه هن پاسي. نه ڪو ڪڏهن انهن جو جواب هن کي آيو، نه ڪو ماڻهو آيو، ڀانئيائين ته وساري ويهي رهيا يا خط نه پهتن، يا ڪو ٻيو سبب هوندو.

    فضل محمد جي گهر ۾ زينت بانوءَ کي ڇهه مهينا گذري ويا. انهيءَ وچ ۾ هن کي ٻاربه ڄائو، ڇالاءِ جو مڙس کان جدا ٿيڻمهل هن کي پيٽ هو. ويچاريءَ هيترا ڌڪا پيٽ سان پئي کاڌا، پٽ ڄمڻ ڪري زينت توڙي فضل محمد جي گهر جا ڀاتي ڏاڍا خوش ٿيا.

    زينت ڄاتو ته وري به مڙس جي ڪا نشاني مون سان ٿي، ۽ پرديس جي ڏکن ڏوجهرن ۾ ڪا سنگت، ڪا وندر ته ٿي. انهيءَ جو نالو محبوب علي رکيائين. هو ڏاڍو ملوڪڙو ٻار هو، جنهن ٿي کنيس، تنهن کي هن جي شڪل شباهت ۽ هن جي يتيمي ڏسي مٿس ڪهل پئي آئي.

    ويم ۾ به زينت بانوءَ کي انهيءَ گهر جي ڀاتين چڱي مدد ڏني، جهڙي ڪو مائٽ مائٽ کي ڏئي. هن ويچاريءَ سندن گهڻي شڪرگذاري ڪئي ۽ هنن سان ملي رهندي آئي ۽ هنن جي ٻارن کي پيئي پڙهائيندي هئي.

    اسان مٿي چيو آهي ته فضل محمد جو شهر ۾ سکر سکرن سان رستو هو،. انهيءَ طرح سندس زال صفوران جو به سکرن جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ جو رستو هو. شهر ۾ هڪڙو ميمڻ سيٺ حاجي ڏوسل نالي هوندو هو. انهيءَ جو بمبئي ۽ ٻين ولايتن سان واپار هلندو هو، ۽ هزارن جو خاوند هو. هن جون جايون مڏئيءَ ۾ ٻه گهڻيون هوندينون هيون، جتي ڪڏهن ڪڏهن هو مهينن جا مهينا وڃي رهندو هو.

    هو وڏو نمازي ماڻهو هو، ۽ ٻه حج به ڪيا هئائين. هن کي ڪا پورهيت گهربي هئي. هڪڙي ڏينهن اهڙي ڳالهه انهيءَ سيٺ جي گهر ۾ مائيءَ صفوران جي آڏو چوري، هن چيو ته ”اسان وٽ هڪڙي زال آهي، پر ڏاڍي اشراف نمازڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جي هوشيار آهي. اسان جي ٻارن کي پڙهائيندي آهي. ننڍڙو ٻار به ساڻ اٿس، جي راضي ٿي ته انهيءَ جي ٻانهن اوهان کي آڻي ڏينديس، پوءِ اوهان کان جيڪي پڄي سگهي، سو هن جي حق ۾ ڪجو.“ هنن قبول ڪيو.

    صفوران گهر اچي زينت بانوءَ سان ڳالهه ڪئي ۽ سيٺ جي گهر جي تعريف ڪرڻ لڳي. زينت بانو هن جي گهر ۾ ٺهي ويئي هئي، ۽ ٻيو اهنج به ڪونه هوس. اهائي جاءِ هئي، جتي مائٽن جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ ٻه – ٽي ڏينهن آرام ورتو هئائين، تنهنڪري اتان نڪري وڃڻ به پسند نه هوس. مگر جڏهن معلوم ٿيس ته هتي آءٌ وڌيڪ آسودي به رهنديس، ۽ سيٺ جي معرفت سگهو چرڪو بمبئي يا ڪراچيءَ وڄڻ جو به وجهه لڳي ويندم، تڏهن صفوران واري رٿ قبول ڪيائين.

    صفوران به زينت مان ڪڪ نه ٿي هئي، جنهن ڪري هن کي اهڙا ڏس ٿي ڏنائين، پر انهن کي به پڪ هئي ته هيءَ سکر گهر جي آهي، اتي وڌيڪ سکي رهندي ۽ نيٺ وڃي مطلب کي به رسندي، تنهنڪري اها صلاح ڪئي هئائين.

    پوءِ ته ٻئي ڏينهن زينت کي سيٺ حاجي ڏسول جي گهر وڍي ويئي. سيٺ توڙي سندس گهر جا ڀاتي هن کي ڏسي خوش ٿيا ۽ سندس ڳالهين مان سهي ڪيائون ته هيءَ بيشڪ اشراف آهي، نتهنڪري هن جي گهڻي خاطرداري ڪيائون. هن کي ڇهه روپيا پگهار، پيٽ جي ماني، ڪپڙو گندي ٻڌي ڏنائون. اتي به هن کي ٻارن پڙهائڻ جي ڪم تي رکيائون، جو گهر ۾ ٽي – چار ڇوڪريون هين، انهيءَ کان سواءِ ٻيو به اٿي – ويٺيءَ جو هلڪو ڪم هيءَ پاڻهي پيئي ڪندي هئي، جهڙو پاڻي پيارڻ، ٻارن جا ڪپڙا سبڻ، ٻارن کي وهنجارڻ.

    انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته فضل محمد جي گهر کان زينت بانو هتي سکي هئي ۽ جهڙي هن گهر ۾ محبت ملندي هيس، انهيءَ کان گهٽ هتي به نٿي مليس. ڏينهن پئي هنن سان به ٺهي ويئي، سندن گهر – ڀاتي ٿي ويئي.


    باب يارهون : جيل ۾

    سيٺ ڏوسل جي گهر ۾ زينت بانو تقريباََ ٻارهن مهينا رهي. هن کي اگرچه سک ۽ مشغولي گهڻي هئي ۽ پنهنجي اولاد جي وندر به ججهي هئي، انهيءَ هوندي به پنهنجن مٺن عزيزن کي وساريو ڪين هئائين. پئي انهن ڏي وڃڻ جا وجهه ڳوليندي هئي. ٻه – ٽي ڀيرا ته سيٺ پاڻ به هن کي چيو ته ”مائي! جي تنهنجي مرضي هجي ته توکي بمبئي يا ڪراچيءَ روانو ڪري ڇڏيون، جو مڏئي وٽان آگبوٽ لنگهندا آهن.“ پر زينت بانو پئي چيو ته ”اڃا ته اوهان سان منهنجي روزي لکيل آهي، ڪنهن ڏينهن اوهان کي آءٌ پاڻيهي عرض ڪنديس.“

    هن جو مطلب هو ته جڏهن في الحال خير سان وقت پيو گذري، تڏهن ڀلي ساه پٽي، ٻه – ٽي پئسا به گڏ ڪريان، متان ڪا ويل نه ڪنهن جهڙي! سو هينئر پنهنجي پگهار مان ئي سٺ – ستر رپيا گڏ ٿيا هئس، ڇالاءِ جو ڪپڙو گندي، کاڌو پيتو ڌار هنن کان ملندو هوس. نيٺ هڪڙي ڏينهن مائٽ اچي ياد پيس ۽ مڙس جي محبت اچي دل تي چڙهيس، روئي روئي اکيون ڳاڙهيون ٿي پيس.

    انهيءَ اٻاڻڪي حالت ۾ سيٺ جي زال کي اچي عرض ڪيائين ته ”مائي هاڻي مون کي موڪل ڏيو ته آءٌ پنهنجن مائٽن ڏي بمبئيءَ وڃان ۽ سيٺ کي پارت ڪر ته مون کي اوڏي روانو ڪري.“ هن مائيءَ سيٺ کي سمجهايو. سيٺ ته اڳيئي انهيءَ ڪم لاءِ تيار هو. هفتي کن جي اندر هڪڙو ڪناري وارو آگبوٽ ڪراچيءَ کان هليل اچڻو هو.

    مڏئي يا جنهن کي مانڊوي ۾ سڏيندا آهن، سو وڏو بندر آهي، جتي آگبوٽ اچي بيهندا آهن. جيئن مٿي چيو ويو آهي، ته اهو ڀڄ کان ارڙن ڪوهه پري آهي، ۽ وچ ۾ شاهي سڙڪ لڳي پيئي آهي ۽ انهيءَ مڏئيءَ ۾ سيٺ جون جايون جڳهيون هيون ۽ سندس ماڻهو رهندا هئا.

    زينت بانوءَ کي سيٺ پنهنجي ڪنهن مائٽ سان مڏئيءَ ڏي موڪليو ۽ ان کي سمجهايائين ته ”هن مائيءَ کي ٽڪيٽ وٺي چاڙهي، ٻيو ڪو سڃاڻ ڄاڻ ويندڙ هجي ته ان کي پارت ڪري پوءِ اچجئين.“

    زينت بانو سنڀري، سڀني کان موڪلائي ٻار ڪڇ تي ڪري هلي. هلڻ مهل گهر وارن ساڻس ڏاڍيون ڀلايون ڪيون، ڏهه – پندرهن رپيا روڪ ۽ ٻه – ٽي وڳا ڪپڙن جا به انعام طور ڏنائونس. هيءَ انهيءَ ئي ڏينهن اچي مڏئيءَ پهتي. سگهوئي آگبوٽ به آيو.، هن کي آڻي آگبوٽ تي چاڙهيائون. ٻيا به ڪي ڪڇي مهاڻا سيٺ جا واقف اتان چڙهيا، تن کي سيٺ جي طرفان سندس مائٽ هن مائيءَ جي گهڻي پارت ڪئي. نيٺ آگبوٽ لنگر کڻي روانو ٿيو، ۽ سيٺ جو مائٽ، زينت بانوءَ کي اماڻڻ آيو هو، سو موٽي ڪناري ڏي ويو.

    ٻئي ڏينهن ٻنپهرن کان پوءِ، آگبوٽ اچي بمبئيءَ پهتو. گهڻائي ماڻهو آگبوٽ تي چڙهي آيا ۽ پنهنجن ڄاڻن سڃاڻن کي ڳولي هٿ ڪيو پئي لاٿائون. ويچاريءَ زينت کي به دل ۾ آيو ته ”جي منهنجي مڙس کي خبر هجي ها ته جيڪرمون کي به وٺڻ اچي ها.“ وري چيائين ته ”اڳئين ڀيري هنن ماڻهن وانگي آيو هوندو، مون کي نه ڏسي گهڻو ارمان ٿيو هوندس. هاڻي الائجي ڪٿي هوندو، ڇا ڪندو هوندو؟ يا موٽي حيدرآباد ويو هوندو.“ پر انهيءَجي گهڻو ڪري پڪ هيس ته موٽي نه ويو هوندو، ڇالاءِ جو مڙسس کي بمبئيءَ ۾ ڪن ورهين تائين گهر ڪري رهڻ جو ارادو هو. سو هينئر خدا تي ڪم رکي، توڪل ڪري اچي اتي نڪتي هئي.

    آگبوٽ ۾ جيڪي رفيق هئس ۽ جن کي سندس پارت ڪئي هئائون، تن هن کي پاڻ سان گڏ بتيلي تي چاڙهي آڻي بندر تي لاٿو. زينت بانوءَ کي ڦول گليءَ ۾ وڃڻو هو ۽ هنن ماڻهن کي ميمڻ محلي ۾ لهڻو هو، سو هڪڙي گاڏي ڀاڙي ڪري ميمڻ محلي تائين ته گڏ َآيا، پوءِ هو لهي پيا ۽ گاڏي واري کي اڳواٽ پئسا به ڏيئي ڇڏيائون ۽ چيائونس ته ”هن مائيءَ کي ڦول گليءَ جي منهن وٽ لاهي ڇڏجئين.“

    گاڏيءَ واري اڳڀرو وڃي، هڪڙي گهٽيءَ جي منهن وٽ زينت بانوءَ کي لاهي ڇڏيو. هن کي چيائين ته ”ڦول گلي اها اٿئي.“ حقيقت ڪري ڦول گلي اڃا پري هئي، پر بمبئيءَ جي گاڏيءَ وارن سان خدا شال ڪنهن جو پلو نه اٽڪائي، ڏاڍا لُچا ٿيندا آهن، هن ڏٺو ته مون کي پنهنجا پئسا ملي ويا آهن ۽ زال به غير واقف ٿي ڏسجي. ڇالاءِ ايترو هلاڪ ٿيان.“ اتيئي لاهي ڇڏيانس.

    هو ته گاڏي هڪلي هليو ويو. زينت بانو ٻار ڪڇ تي ڪري لهي پئي. هوءَ پاڻ به بُکي هئي ۽ ٻار به بکيو هوس، تنهنڪري ٻه – ٽي آنا ڪڍي ڪنهن گهورڙيي کان ٿورا ڪماند جا ڇليل ٽڪر ۽ ڪيوڙن جون ڦريون ۽ ڪتل وٺي جهوليءَ ۾ کنيائين. هڪڙي ڦري کڻي ٻارجي هٿ ۾ ڏنائين، جو کائيندو هليو ۽ پاڻ ڪماند جا ٽڪر کائيندي هلي.

    هن گهٽيءَ جي پهرئين ٻن هٽن تان پڇا ڪئي. اتان جواب مليس ته ڦول گلي ڀينڊي بازار جي وچ ڌاري آهي. سو هتان هيءَ گهٽي ڏيئي وڃي ڀينڊي بازار ۾ پؤ، پوءِ سڌي هلي وڃ. هن ويچاريءَ ايئن ڪيو. گهٽي وٺي اچي بازار ۾ پيئي.

    ڪنڊ تي پهچڻ کان اڳي هڪڙو اتفاق ٿيو، جو ڪنڊ واري هٽ تي ميوو ۽ ٻيو وکر کاڌي جو رکيو هو، تنهن مان ڪال زال گوڙ ۾ هلندي جهٽ ڏئي ڪيوڙي جو ڇڳو ۽ مٺ ڪتل جي کڻي اٿي ڀڳي هئي. هٽ وارو ڪم سان اندر ڪوٺيءَ ۾ هو، ننڍڙو ڇوڪر سندس هٽ تي هو، تنهن دانهن ڪئي، تنهن تي اندران هٽ وارو به نڪتو،سو هٽ تان لهي هيڏي هوڏي ڊوڙڻ لڳو.

    اها زال ته گوڙمان کسڪي، ٻي ڪا گهٽي ڏيئي هلي ويئي، پر زينت بانوءَ، جا هاڻي ورکائي اچي ڀينڊي بازار ۾ پئي هئي، ۽ پاسو ڏيو هلي ائي، تنهن کي آڻي هن ٻانهن کان ورتو، ڀانيائين ته اها آهي. هن کي چيائين ته ”تون چور آهين.“ هن چيو ته ”آءٌ غريب مسافر آهيان.“ هٽ واري کي ڪيوڙو ۽ ڪتل ڏسي پڪ ٿي؛ ”فرياد فرياد“ ڪيائين ته هڪڙو – ٻه پوليس جو سپاهي اچي نڪتو. جهولي پٽي سندس ڪيوڙو ۽ ڪتل هٿ ڪيائون،۽ پڇيائونس ته ”هي ڪٿان آندا اٿئي؟“ هن چيو ته ”ملهه ورتا اٿم.“ پڇيائونس ته ”ڪنهن کان ورتا اٿئي، هلي ڏيکار.“ پر هو ته گهور وارن مان هو، جي هلندي وڪرو ڪن، سو الائجي ڪيڏي ويو.ويچاري لاجواب ٿي؛ ٻيو وري هندستاني برابر ڳالهائڻ نه پئي اچيس، نه هنن جي ٻولي برابر سمجهي سگهي، گوڙ ۾ موڳي ٿي ويئي.

    هن کي توڙي فرياديءَ کي پوليس وارن پاڻ سان کنيو؛ ويجهي ٿاڻي تي وٺي آين، اتي هن کان پڇاڳاڇا ٿي. هٽ واري پنهنجو ڇوڪر ۽ هڪڙو ٻيو شاهد ڏنو، جن چيو ته اسان انهيءَ زال کي کڻندو ڏٺو، جنهن قسم جو مال چوري ٿي ويو هو، سو به هن زال وٽان ۽ هيءَ وري هئي به ننڌڻڪي، ۽ غير واقف، سو ڀانيائون ته فقيرياڻي آهي، جا ڪنهن ظاهري گذر اپاءُ کان سواءِ گهمندي وتي. وري وٽانئس ستر – اسي روپيا به لڀي پيا. هيڪاري پڪو شڪ پين ته هيءَ ڪا خراب چال واري آهي، جهلي ڪورٽ ۾ رجوع ڪيائونس.

    ٻئي ڏينهن مقدمو هليو. فرياديءَ جا شاهد گواهه پڇيا ويا. هن ويچاريءَ جو خدا کان سواءِ نڪو شاهد نڪو گواهه، نڪو واقف، نڪو سڃاڻو. گهڻوئي بچاءَ ۾ دانهون ڪيائين، حجت دليل ڏنائين، پر هڪڙو ته سندس ٻولي پوريءَ طرح نه سمجهن، ٻيو وري قاعدي موجب بچاءُ جو شاهد ڪونه هوس، تنهنڪري هڪ مهينو قيد ملي ويس. روپيا، شڪ ۽ چوريءَ جا ڄاڻي ضبط ڪيائون ۽ ڪيوڙو ۽ ڪتل فرياديءَ کي ڏياريائون. ويچاريءَ منهن مٿو پٽيو، پر کنڀڙين کان وڍي، ٻار سوڌو وڃي جيل ۾ وڌائونس.

    جيل ۾ زنانو گهر مڙسن کان ڌار هو. هتي اڳيئي پنج – ڇهه قيدياڻيون پيون هيون، تن سان زينت به وڃي گڏي. سندس ڪپڙا لهرائي قيدين جا ڪپڙا ڍڪايائونس. پهريائين چار – پنج ڏينهن سخت پورهيو ڪرايائونس، جنهن ڪري هٿ ئي لڦن سان ڀرجي پيس. پوءِ هلڪي هلڪي ڪم تي رکيائونس. سندس ٻار جي سنڀال به سرڪار جي طرفان ٿيندي هئي. مگر هو اڪثر ساڻس رهندو هو، تنهن ڪري هن جي هانو کي وري به ڪو ڏڍ هوندو هو.

    ويچاريءَ پنهنجي ڦٽل نصيب تي پئي رُنو. چوندا آهن ته هن دنيا ۾ ڏک ايندا آهن، ته هڪٻئي پٺيءَ ڪاهي اچي ڪنڌ تي ڪڙڪندا آهن؛ سو سچ آهي. اڃا هڪڙيءَ بلا مان مس ڇٽي، ته ٻيءَ ۾ اچيو ڦاسي. وري به شابس هجيس، جو سڀ مصيبتون سر تي کڻي صبر ۽ تحمل سان ڏينهن ڪاٽيو آئي.

    هن ويچاريءَ پئي ڏينهن ڳڻيا، ته ڪڏهن بند مان نڪرنديس. آخر مهينو پورو ٿيو ۽ زينت جي ڇٽڻ جو ڏينهن آيو. پنهنجا ڪپڙا ڍڪيائونس ۽ موڪل ڏنائونس. انهيءَ ساڳئي ڏينهن هڪڙي ٻي قيدياڻي به ڇٽي. جيل ۾ رهي زينت هن سان واقف ٿي وئي هئي. هوءَ ته بمبئيءَ جي تر جي هئي. ڪا هندستانڻ ٿي ڏٺي، تنهن هن کي چيو ته ”آءٌ توسان گڏجي هلنديس، هلي توکي ڦول گلي ڏيکارينديس.“ سي هاڻ ٻيئي گڏجي اٿي هليون.

    گهڙيءَ ۾ اچي ڦول گليءَ جي منهن وٽ نڪتيون. اتي هن کي ڇڏي هوءَ ٻي زال هلي ويئي، جا قيد مان ڇٽي هئي ۽ گهر موٽڻ لاءِ تڪڙي هئي. زينت بانوءَ وري به ٻن – چئن دڪانن وارن کان پڇي پڪ ڪئي، ته ڦول گلي برابر اها آهي. پڪ ڪري پوءِ هوءَ پنهنجي مڙس علي رضا جي پڇا ڪرڻ لڳي.

    ڦول گليءَ جي منهن وٽ پهريون هٽ جيڪو هو، سو هڪڙيءَ سرهاڻن وڪڻڻ واريءَ زال جو هو. انهيءَ جو نالو چاند بيبي هو. اها مرداني ۽ چڱي زال ڏٺي ٿي، تنهن کان وڃي زينت پڇيو ته ”مائي، هن گهٽيءَ ۾ هڪڙو ماستر علي رضا نالي سنڌ جو ماڻهو رهي ٿو، تنهن جي گهر جو ڀلائي ڪري ڏس ڏيندينءَ؟“

    هن چيس ته ”هائو مائي، اهو مون کي سجهي ٿو، هتي برابر رهندو هو، پر گهڻا ڏينهن ٿيا، جو لڏي ويو ۽ وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ جاءِ ورتي اٿس، سندس اصلوڪو گهر به پري ناهي، او اهيو پريان هن ماڙيءَ تي هوندو هو. پر هينئر منجهس ٻيا ماڻهو ويٺا آهن.“

    وري پڇڻ لڳيس ته ”ڇو مائي، تون انهيءَ جي واقف آهين ڇا؟“

    زينت بانوءَ چيو ته ”هائو مائي، آءٌ به سنڌ جي آهيان. هڪڙي پاڙي جا ويٺل آهيون. منهنجو هتي اچڻ ٿيو، تڏهن ارادو ٿيم ته هن وٽ وڃان، جو هتي منهنجو ٻيو واقف ڪونهي.“

    زينت بانوءَ ڄاڻي واڻي سچي ڳالهه نه ٻڌايس. ڀانئيائين ته منهنجو مڙس هتي آبروءَ سان هلندو چلندو هوندو، متان هي ماڻهو ڄاڻن ته آءٌ سندس زال نڌڻڪي گهمندي ڦرندي وتان، ۽ هن جي خواري ٿئي، تنهن ڪري بدلائي ايئن ڳالهه ڪيائين.

    پوءِ ته پاڻ ۾ هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪري ٺهي ويون. زينت بانوءَ کي هينئر ڪي به ڪين ٿي سجهيو ته ڇا ڪريان! ههڙي وڏي شهر ۾ ڀلا مڙس جو پتو ڪيئن پئجي سگهندو! دل ۾ ٺهرايائين ته في الحال ڪٿي گذارڻ جو بندوبست ڪريان، پوءِ جيڪا خدا گهري هوندي، سا ٿيندي.

    چاند بي بي به چڱي زال هئي ۽ موچاريءَ وسعت واري هئي، تنهن، جو زينت کي ههڙي حال ۾ ڏٺو، ۽ ڄاتائين ته هيءَ پرديس ۾ غير واقف آهي، تنهن کي مٿس ڪهل آئي. وري هن کي ڏٺائين به اشراف ۽ غريب، تنهن سج لٿي تائين اُتيئي پاڻ وٽ ويهاريس ۽ پوءِ دڪان بند ڪري، هن کي ٻار سوڌو پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر آئي، جو سندس هٽ کان گهڻو پري نه هو.

    چاند بيبيءَ جي گهر ۾ رڳو هڪڙي پاڻ رهندي هئي، ٻيو سندس پٽ، جو ڏينهن جو ڪنهن ڪارخاني ۾ ڪمائڻ ويندو هو ۽ ٽين هڪڙي پورهيت هين ماني پچائڻ واري. پٽس پرڻيل هو، پر مهينو – ڏيڍ ٿيو هو جو سندس زال هڪڙي ننڍڙي ڌيءَ ڇڏي مري ويئي هئي، سو اڃا انهيءَ جي سوڳَ ۾ هو. انهن ڀاتين سان زينت بانوءَ جو هاڻي اچي گذر ٿيو.

    هن وٽ هڙ ۾ پئسو ڪونه هو، تنهن ڪري هو ماني کارائيندا هئس، ۽ پاڻ هنن جي گهر جو جيڪو پورهيو مناسب ڄاڻندي هئي اهو ڪندي هئي، ۽ هن ٻئي ننڍڙي ٻار جي سنڀال به ڪندي هئي، جنهنڪري چاند بيبيءَ جو پٽ هن پنهنجيِءَ مهمانڻ جو گهڻو شڪرگذار هوندو هو.

    هفتي – ٻن جي آزمودي مان چاند بيبيءَ کي زينت جي اشرافت ۽ نمڪ حلالي چڱيءَ طرح معلوم ٿي ويئي، سا هاڻ هن کي پاڻ سان مدد لاءِ هٽ تي وٺي نيئي ويهارڻ لڳي. بعضي وقت ته پاڻ ڪنهن پاسي هلي ويندي هئي ۽ زينت پيئي سودو ڏيندي هئي، جو هوءَ ڏسي ڏسي واقف ٿي ويئي هئي.

    پاڙي جي هڪڙي ٻي به زال چاند بيبيءَ جي ذات جي هوندي هئي، جا اڪثر وٽن اچي رهندي هئي. اها شهر جي البت واقفڪار هئي، ۽ چڱن چڱن گهرن ۾ پورهيت ٿي ته ڪمايو هئائين. تنهن هڪڙي ڏينهن ڳالهين ڪندي زينت بانوءَ کي چيو ته “مائي، هتي تون رڳو پيٽ تي پيئي ڪمائين، ڇو نه ڪٿي پورهيت بيهين؟ ٻه – ٽي روپيا مهيني ۾ نڪري پوندءِ” بمبئيءَ جهڙي شهر ۾ پنهنجي پئسي کان سواءِ مڙئي ڪوڙ آهي.“

    زينت بانوءَ چيوته ”مائي، سچ آهي، مگر منهنجو هتي واقف ڪونهي. تنهن کان سواءِ اڄ ملڪ ۾ اشرافت ڪانه رهي آهي، ڪو سکر گهر هجي ته جيڪر ڇو نه بيهان.“

    هن مائيءَ چيوته ”منهنجي هڪڙي ساهيڙي آهي، اها آياجو ڪم ڪندي آهي، تنهن ٽيون ڏينهن مون کي چيو هو ته ”ڪنهن سکر ماڻهوءَ کي اشراف پورهيت گهرجي، سو ڪا هٿ لڳيئي ته مون کي ٻڌائج. پگهار چڱو ملندس.“

    زينت بانوءَ چيوته ”مائي، جي اهڙي ڳاله آهي ۽ گهر سکرن جو آهي، ته آءٌ خوشيءَ سان پورهيت بيهنديس.“

    هن مائي ورندي ڏني ته ”چڱو مائي، سڀاڻي صبح جو آءٌ هتي سوير اينديس، تون سنڀري ويٺي هججئين ته آءٌ توکي وٺي پنهنجي ساهيڙيءَ وٽ هلنديس.“

    اهو ڏينهن ته خير جو گذريو.

    رات جو زينت بانو، چاند بيبيءَ سان اها ڳالهه ڪئي، تنهن ڏوراپو ڏنس ته ”متان اسان وٽ بک هيئي تنهن کان ڀڳي آهين؟“ پر هن چيس ”آءٌ ته اوهان وٽ ڏاڍي سکي هيس. اوهان جو گهر پنهنجو گهر ٿي ڄاڻان؛ پر آخر اوهين پنهنجن ٻارن ٻچن وارا آهيو. گهڻائي ڏينهن مون نڌڻڪيءَ سان اوهان ڀلائي ڪئي. هاڻي جڏهن پاڻيهي حق- حلال جي پورهيي جي آڇ ٿي آهي، تڏهن ڇو نه اُهو هٿ ڪريان؟“

    انهيءَ طرح رات جو هنن کان موڪلائي ڇڏيو هئائين. صبح جو سوير اها مائي هٽ تي آئي، تنهن سان گڏجي پنهنجو ٻار ڪڇ تي کڻي هلي.

    ٻه – ٽي گهٽيون لنگهي ٻيئي ڄڻيون هڪڙي گهر ۾ گهڙي ويوين، اتي هوءَ ٻي مائي آيا ويٺي هئي، ٻي هڪڙي ڇوڪري به وٽس هئي، ٻيو ماڻهو اتي ڪونه هو. هن زال انهيءَ کي چيو ته ”ادي، پورهيت تو پڇي ٿي، سا اجها“ هن چيو ته ”ادي، چڱو جو تون آئينءَ، آءٌ به تنهنجي دلاسي لڳي ويٺي هيس، نه ته ويس ٿي هلي. هاڻ مائي تڏهن اُٿ ته هلون.“

    هي ٻيئي اُٿيون ۽ هوءَ اڳين زال موڪلائي هلي ويئي.


    باب ٻارهون : ميلاپ

    آيا ۽ زينت بانو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون بازار ڏيئي هليون. پهريائين ته هڪٻئي جو حال ڏنائون ورتائون، پوءِ زينت بانوءَ پڇيس ته ”مائي، اهو ڪنهن جو گهر آهي، جتي پورهيت گهرجي ٿي؟“

    آيا چيو ته ”مائي، هڪڙو ماستر آهي، هتي اچي ورهيه – ٻن کان رهيو آهي، هو ٻارن ٻچن وارو آهي. زال اٿس، ڌيءَ اٿس، ماءُ اٿس ۽ هڪڙي پورهيت اٿس. وڏا اشراف ٿا ڏسجن ۽ پنهنجيءَ وارا به آهن. اءٌ سندن گهر ويندي آهيان، جو سندس زال سان منهنجي ڏيٺ آهي. ٿورا ڏينهن ٿيندا جو ٻار جي لاءِ هڪڙي پورهيت رکي هئائون، پر اها سگهوئي ڇڏي وين؛ ٻيءَ جي ڳولا ۾ آهن. مون کي به منٿ ڪئي هئائون ته اسان کي ڪو اشراف ماڻهو ڳولائي ڏي.“

    زينت پڇيو ته ”ٻار ڪيڏو آهي؟“

    آيا چيو ته ”ننڍڙو آهي؛ ڄائي چار- پنج مهينا مس ٿيندس.“

    زينت وري پڇيس ته ”مائي، انهيءَ ماستر جو نالو ڇا آهي؟“

    آيا ورندي ڏني ته ”مائي، نالو ته مون کي نٿو اچي، باقي سندس زال جو نالو عزت بي آهي.“

    زينت چيو ته ”پوءِ ادي! اها مائي ڪهڙي هنڌ جي آهي؟“

    آيا جواب ڏنو ته ”اها مائي هتي جي رهاڪو آهي. سندس پيءُ هڪ اشراف دکني آهي، ذات جو شيخ آهي، تنهن سان ماستر جو رستو هو، پوءِ ته نيٺ پاڻ ۾ مائٽي ٿي وين.“

    اهي ڳالهيون ٻڌي زينت بانوءَ پنهنجي دل ۾ اهو ويچار ڪيو ته ”لاشڪ اهو ماستر منهنجو مڙس علي رضا آهي، جو مون کي مئو ڄاڻي هتي پرڻيو آهي ۽ ڌيءَ به ڄائي اٿس.“ انهيءَ ڪري هن کي دل ۾ نهايت گهڻي خوشي به ٿي، جو ڄاتائين ته جنهن مڙس سان منهنجي هيتري دل هئي، ۽ جنهن لاءِ هيتري جاکوڙ پئي ڪڍيم، تنهن سان نيٺ ملڻ جو وقت نزديڪ اچي ٿيو آهي. پر پوءِ هيءُ ڏک به ٿيس ته ”جڏهن ٻي ازال پرڻيو آهي، تڏهن الائجي مون سان خاطر ٿئيس يا نه. ٻيو ته ساڳئي گهر ۾ ۽ پهاڄ سان گڏ رهڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو. تنهن کان سواءِ آءٌ جو هيترا ڏينهن کانئس ڌار رهي آهيان ۽هو ٻڌندو ته آءٌ ڪهڙن ڪهڙن خراب ماڻهن جي چنبن ۾ پئي رهي آهيان ۽ وري اتان نڪتي آهيان ته شايد هن کي منهنجي پاڪدامنيءَ ۾ شڪ پيو ته عجب ڪونهي. تنهنڪري يا ته مون کي پاڻ وٽ رکندو ئي ڪين يا جي رکيائين ته به محبت ڪانه ڏيندو رڳو عذاب سهڻو پوندو.“

    نيٺ اهي ڳڻتيون ڳڻي، دل ۾ ٺهراءُ ڪيائين ته ”آءٌ پاڻ ظاهرنه ڪريان، پورهيت ٿي وڃي وٽن بيهان.ا گرچه پهاڄ جي اڳيان ڪمائڻ ڏکيو آهي، پر تڏهن به مون کي پنهنجي مڙس ڏي ڏسڻو آهي. جڏهن ڪو مناسب ۽ سڻائو وجهه ڏٺم، تڏهن کڻي ظاهر ٿينديس. تيسين پنهنجو نالو زينب کڻي رکنديس، جو زينت جي نالي کي ويجهو به آهي. آءٌ ڳالهائيندينس به کڻي هندستاني، جو هتي گهڻا ڏينهن رلڻ پنڻ ڪري مون کي چڱي موچاري اچي به ويئي آهي ۽ هن جي زال به دکنڻ آهي، سو گهر ۾ اڳيئي هندستاني ڳالهائيندا هوندا.“ ائين ڪندي هي ٻيئي ڄڻيون اچي ماستر علي رضاجي گهر وٽان نڪتيون.

    حقيقت جي ڳالهه به ائين هئي، جيئن زينت بانوءَ انهيءَ ماستر بابت دل ۾ سمجهي هئي؛ اهو گهر برابر علي رضاجو هو، مائٽ جي آئي کان پوءِ ويچارو پهريان ڏينهن ته زال کي ياد ڪري پيو ڳرندو هو، ڏينهن جا ڏينهن هنن جي گهر ۾ ماتم هو، مهيني کن جي اندر هنن ڦول گليءَ وارو گهر ڇڏي ڏنو، جو ماڻس چيس ته ”اهو گهر نڀاڳو آهي، جنهن ۾ روئندي اچي داخل ٿيا آهيون.“ سو نڪري، وري اچي بازار جي هن ڀر بابلا تلاءَ جي پاسي ۾ هڪڙي جاءِ ڀاڙي ڪري ويٺو، جا اڳي کان بهتر هئي.

    ماڻس ته پريندي شرط گهڻا زور ڪيس ته موٽي وطن هلون. چيائينس ته ”ابا، هيترن ماڻهن ٿي چيئي ته آرام سان، گهر ويٺي الله ٽڪر پيو ڏئي، سو ڇڏي، گهڻي جي لالچ تي پرديس ۾ نه وڃ؛ پر تون نه رهئين، نه ته ههڙي جٺ نه ٿئي ها. ٻيو ته اوهين نئين پوڄ پيدا ٿيا آهيو، سي ڏاڍا ڏنگا آهيو. شاديءَ جا سڳڻ ساٺ بند ڪرائي ڇڏيو، رڳو دهل جو به ڏونڪو نه لڳو. گهڻن مون کي چيو ته نڀاڳي، خراب ڪم ٿي ڪرين، سوڻن سڳڻن جي ڳالهه اٿئي، سنڀالج، پر مون نه سنڀاليو؛ اوهان جي انگلن ڏي ڏٺم. هاڻ اها ساڳي بدسوڻي پيش آئي!“

    علي رضا ته ماٺ ڪري اها ڪاوڙ سٺي، جواب ڪونه ڏنائين، جو اها ڏک جي مهل هئي. ٻئي گهر ۾ به ٻه – چار مهينا رهيا، نيٺ ٿورو ٿورو ڪري زينت کي وساري، سهسائي ويهي رهيا. زماني جود ستور به ائين آهي، ٻارو هي ڪنهن لاءِ ڏک ڪين ٿو رهي. جيترو ڪالهه هو، اوترو اٺ ناهي، جيترو اڄ آهي، اوترو سڀاڻي نه هوندو.

    علي رضا جو ڪم چڱيءَ طرح پئي هليو، گهڻي معرفت شهر ۾ ٿي ويئي هيس. پئسو به چڱو مورچارو گڏ ڪيو هئائين، تنهنڪري پٺتي موٽڻ جو ارادو في الحال بند ڪري، هتي جو رهاڪو ٿي رهڻ لڳو.
    هڪڙي دکني ماڻهوءَ شيخ شهاب الدين نالي سان رستو ٿي ويو هوس. هو چڱو ماڻهو هو؛ بمبئيءَ جو رهاڪو هو، ڪنهن ڇاپخاني ۾ ڀائيوار هوندو هو، جنهن مان چڱي پيدائش هوندي هيس. انهيءَ کي ڌيءَ عزت بي نالي هئي، تنهن سان شاديءَ جو بندوبست ڪيو هئائين. هوءَ به جوان ۽ خوبصورت ۽ نرم سڀاءَ واري ڇوڪري هئي. هندستاني چڱي طرح لکي پڙهي ڄاڻدي هئي. تنهن مان هڪڙي ڌيءَ به ڄائي هيس، جنهن جو نالو آمرازادي رکيو هئائين.

    علي رضا جو مامو، جو سندس ٻار پهچائڻ آيو هو، سو به ٻه مهينا ساڻس گڏ رهي، وري ڳوٺ هليو ويو، باقي سندس ماءُجان بيبي ۽ سندس دائي ساڻس هيون. مريم ماني ٽڪيءَ جي ڪم تي هئي،تنهن ڪري هنن ٻي هڪڙي پورهيت رکي هئي، جا اُٿيءَ ويٺيءَ جي ۽ گهر جو ٻيو ڪم ڪار به ڪندي هئي ۽ پوءِ جڏهن ٻار گهر ۾ ٿيو، تڏهن ٻار به سنڀاليندي هئي. پر اُها هاڻي ڇڏي ويئي هين، هو ٻيءَ جي تلاش ۾ هئا، مٿين آيا شيخ شهاب الدين جي گهر جي واقف هئي، پوءِ سندس ڌيءَ جي خاطر هن گهر جي به واقف ٿي، تنهن کي ڪنهن پورهيت لاءِ سوال ڪيو هئائون، سا هاڻ زينت بانوءَ کي هٿ ڪري سندس گهر ٿي آئي.

    جڏهن هي ٻيئي اندر ويون، تڏهن گهر جا ڀاتي سڀ حاضر هئا. آچر جو ڏينهن هو. علي رضا به گهر ۾ هو، پر مٿي ماڙي تي پنهنجي جاءِ ۾ هو؛ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ٿي ڪيائين. مائي هيٺ آئي. آيا مائيءَ کي چيو ته ”هيءَ پورهيت اوهان جي لاءِ آندي اٿم. مون کي به هن جي ٻانهن ڪنهن ٻيءَ سهيليءَ ڏني آهي. پر جهڙي اوهان ٿي ڳولي، اهڙي آهي. رهندي به اوهان وٽ. پنهنجي ٻار واري آهي، سا اوهان جي ٻار جي سنڀال به چڱي ڪندي ۽ ٻيو جيڪو ڪم ڪار چوندوس اهو به پئي ڪندي. هاڻي پنهنجو پگهار ٻولائي ڇڏيوس.

    مائيءَ هن کان مختصر خبرچار ورتي. پگهار پنج روپيا ۽ پيٽ جي ماني ٺهرايائين. علي رضا کي خبر ڪيائون، سو به لهي آيو. تنهن به هنن جي ڳالهه ٻڌي قبول ڪيو. پوءِ آيابه ستت ئي موڪلائي هلي ويئي.

    زينت بانوءَ سان گهر جا ڀاتي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ٻار به ساڻس هو، تنهن جو پڇيائونس، هو تمام وڻندڙ ٻار هو، جهڙو نالو محبوب هوس، اهڙو محبوب هو؛ تنهن ڪري ويجهو اچي انهيءَ سان کيڏڻ لڳا. هو کلڻ ۽ ڏانهن اهلرون ڪرڻ لڳو، تنهن کي علي رضا ۽ ٻين کنيو، چميون ڏنائونس ۽ ٽول هٿ ۾ ڏنائونس ۽ پورهيت کي جس شابس ڪري سندس ڪم ڪار سمجهائي ڇڏيائون، سا انهيءَ مهل وڃي مريم وٽ ويٺي.

    زينت بانوءَ جي نڪا سونهن نڪا جواني گم ٿي وئي هئي، جدا ٿئي ٻه ورهيه کن مس ٿيا هئس، پر هيترا ڪشالا ۽ هيڏا جاکوڙا جي ڪڍيائين، پنڌ ڪاٽيائين، جنڊ ڪڍيائين، ڏک سٺائين، تنهن ڪري بيشڪ سندس شڪل جهڪي ٿي ڦري وئي هئي ۽ هينئر ٻيو نالو هوس، ٻي ٻولي هيس، ٻي حالت هيس، تنهن ڪري جن ساڻس گڏ گذاريو هو، سي به ڀلجي ويا. وري هنن هن کي مئو سهسايو هو، پڪ هين ته ٻڏي ويئي؛ هنن جي وري ڏسڻ جي اميد ئي ڪانه هين؛ تنهن ڪري امڪان ڪونه هو ته هن کي سڃاڻن.انهيءَ هوندي به هنن کي هن جا ڪي مهانڊا پئي دل ۾ لڳا، جيئن ته هي ماڻهو ڪٿي ڪو ڏٺو هجين، پر ياد نه پوين؛ پر ماڻهو ماڻهن جهڙا، انهيءَ پاسي ڏي ڪنهن کي گمان به ڪونه پيو.

    آخر زينت بانو، ”زينب“ جي نالي هيٺ پنهنجي مڙس ۽ پهاڄ ۽ سس جي اڳيان پورهيت ٿي ڪمائڻ لڳي. مهيني کن جي اندر هن جي چالاڪي، نمڪ حلالي، اشرافت ۽ چڱي هلت ڏسي هن کي آفرين ڪرڻ لڳا. خاص ڪري هن جي نماز ۽ قرآن جي شغل ڪري منجهانئس خوش هئا. پر هن جي لکپڙهه ڄاڻڻ جي خبر ڪانه هين، نڪو زينت بانوءَ کي انهيءَ ڳالهه ظاهرڪرڻ جو في الحال ارادو ئي هو.
    جيئن وڌيڪ ڏينهن پوندا ويا، تيئن سڀني جي محبت هن سان وڌندي ويئي. خود علي رضا به هن جي افعالن ۽ اخلاقن تي عاشق ٿي رهيو هو ۽ هن کي گهڻو ڀائيندو هو. ڪنهن مهل ته انهيءَ پورهيت کي ڏسي، هن کي پنهنجي زال به ياد پوندي هئي ۽ ٻه – ٽي ڀيرا انهيءَ بابت پنهنجي نئين زال سان ذڪر به ڪڍيو هئائين، جنهن تي هن چرچو ڪري چيس ته ”ڌيان ڪر، متان ڀلجي وڃين ۽ چڱي چڱي ڪري وڃي مٿس هٿ رکين! هن جي گهڻي تعريف ٿو ڪرين، تنهن ڪري مون کي ٿو شڪ پوي.“ هن ٻار جي به گهر جي ڀاتين سان، خاص ڪري علي رضا سان ڏاڍي دل ٻجهي وئي، سو گهڻو ڪري هن سان کلندو ڳالهائيندو هو. ڀلا رت جي ڇڪي ڪٿي ٿي لڪي سگهي؟

    جان بيبيءَ ته هڪڙي ڀيري ائين به چيو هو ته ”هن نينگري جو نڪ ۽ اکيون ۽ ڳل ساڳيا اهڙا آهن، جهڙا علي رضا جا ننڍي هوندي هئا.“ ۽ هن سان چرچو ڪري چوپندي هئي ته ”مائي، متان ڪا تو ۾ اسان جي لڇ به گڏيل آهي؟“ هوءَ جواب ڏيندي هئي ته ”مائي، ڪا هوندي ته خدا کي خبر!“

    انهيءَ طرح هن کي اٺ مهينا گذريا. عزت بي پيٽ سان هئي، تنهن جي مدت به اچي پوري ٿي هئي، تنهن کي ويم جا سور اچي ٿيا، دائي گهرايائون، پر سور سخت ٿيڻ لڳا. ٻه ڏينهن لنگهي ويا، ته به ڇوٽڪارو نه ٿيو. ڊاڪٽر کي آندائون، انهيءَ مٿا هنيا ٻار آ مهاڙو اچڻ لڳو نيٺ هيلن سان ڪڍيائون مئل نڪتو. عزت بي ويچاري ٽي ڏينهن سانده. تمام خراب حالت ۾ هئي، نيٺ رضا خدا جي، دم ڏنائين. هن جي مرڻ ڪري وري اچي هن گهر ۾ واويلا ٿي. ويچارا روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهيا.

    ننڍڙي ڌيءَ، عزت بيءَ جي ويچاري ڇوري ٿي، تنهن کي ٻاٽليءَ سان کير پيارڻ، توڙي ٻي سنڀال ڪرڻ ۾ز ينت بانوءَ ڪين گهٽايو. پنهنجي ٻار کان به وڌيڪ خدمت ڪرڻ لڳس. جي زال جي جيئري ئي علي رضا کي هن پورهيت جو کپ هو ته هاڻي زال جي مئي کان پوءِ پاڻ وڌيڪ ٿيو؛ سو هوءَ ماءُوانگي هن کي پاليندي هئي ۽ جان بيبي، جان سوڻ سڳڻ ڳنڍڻ واري هئي ۽ جنهن وري هن گهر کي به نڀاڳو ٿي سمجهيو، سا به هن جي رهڻ ۾ گهڻو راضي هئي، تنهن ڪري زينت بانو ساڻن ڳنڍي آئي.

    انهيءَ طرح پنج – ڇهه مهينا گذري ويا. جا محبت ۽ الفلت گهرجي ڀاتين جي، خاص ڪري علي رضا جي زينت بانوءَ سان اڳي هئي، تنهن کان هاڻ وڌيڪ ٿي ويئي. عليءَ رضا کي هينئر زال جي رنڊڪ ڪانه هئي، جوان پورهيت گهر ۾ موجود هئي، جنهن جي لڇڻن جي چڱي خبر هيس. هيترا ڏينهن پاڻ ٻارن ٻچن سان رهيو هو، تنهن ڪري هاڻ ڇڙو رهڻ تي دل نٿي چيس،ز ينت بانوءَ کان اڳيئي ڳالهين ڪندي هن کي معلوم ٿيو هو ته هيءَ هينئر رنڙ آهي. هوءَ اگرچه پورهيت هئي، پر گهر ۾ زال ئي وانگي ٻار جي سنڀال ڪندي هئي، توڙي جو ٻيو ڪم ڪار سندس حوالي هوندو هو. تنهنڪري علي رضا کي هن ڏي گهڻو خيال ٿي بيٺو. ماءُ سان صلاح ڪيائين، تنهن کي به اها ڳالهه وڻي. مريم به کلي چيس ته ”ابا، توکي ڪنواري ڪانه ٿي ڦٻي، من رنڙ ڦٻئي!“ نيٺ ماءُ کي سمجهايائين ته ”وجهه ڏسي انهيءَ باب ۾ هن کي چو، ڏس ته ڇاٿي چوي.“ ايتري پڪ هين، ته اسان سان ٺهي ويئي آهي، ظاهري ڪري ڏسجي به نڌڻڪي ٿي، تنهن ڪري پورهيت جي درجي کان گهر جي ڌياڻي ٿيڻ ۾ گهڻو خوش ٿيندي.

    هوڏي وري زينت بانوءَ دل ۾ پئي ويچارڪ يو ته عزت بي جي مرڻ کان پوءِ پاڻ ظاهر ڪرڻ جو چڱو وجهه آيو آهي. ۽ اهو به خطرو هوس ته متان ڍرائي ڪريان، ۽ هو وري ڪنهن ٻئي هنڌ شاديءَ جو بندوبست ڪري ڇڏي، پر اڳوڻو ڊپ به دل تان نٿي ويس ته متان منهنجي پاڪ دامنيءَ ۾ شڪ اچيس ۽ اٽلندو هن حالت کان به خراب ٿيان.

    نيٺ مڙس جي جا محبت هاڻي پاڻ ڏٺي هئائين، تنهن جي ڏڍ تي دل ۾ اهو ٺهراءُ ڪيائين ته پوءِ ظاهر ٿيڻ کان هينئر ظاهر ٿيڻ بهتر آهي. انهيءَ رٿ ۾ هئي، ته ڪو خلاصو وقت ڏسي ڪنهن ڪاغذ تي پنهنجو ڏک ڀريو احوال لکي کڻي ڏيانس. پوءِ جڏهن خبر پيس، تڏهن ضرور مون سان ڳالهئين پوندو، پوءِ آءٌ پاڻهي خاطري ڏينديسانس.

    پر هيڏي قصي لکڻ لاءِبه وقت ۽ وجهه گهرجي. گهر جي ڪم کان جيڪو ٿورو گهڻو فرجو ملندو هوس، سو پيئي لکندي هئي. انيهءَ ۾ هن کي ست – اٺ ڏينهن ليڳ ويا، ۽ اڃا پنهنجو داستان لکي پورو نه ڪيو هئائين، ته هڪڙي ڏينهن جان بي بي سڏي چيس ته ”زينب! هڪڙي ڳالهه چوئين، جي چڙين نه؟“ زينت بانو چيو ته ”مائي، تون منهنجي سائڻ آهين، ڀلي چئو.“ جان بيبيءَ چيو ته ”زينب! توکي خبر آهي، ته منهنجي پٽ جي زال مري ويئي آهي، هوءَ ڇورو ٻار ڇڏي ويئي آهي، جو تنهنجن هٿن ۾ آهي. تون هن کي ماءُ وانگي آهين ۽ اسان سان به ٺهي ويئي آهين. تون غريب اشراف ڏسجين ٿي، ۽ اسين پاڻ به اشراف آهيون. هن جو ٺهيو ٺڪيو گهر هلندي هلندي ڊهي پيو، جي تون کڻي هائو ڪندينءَ ته سندس گهر وري آباد ٿي پوندو. پاڻ سڀ گڏ خوش پيا گذارينداسين. اها مسلماني پر آهي، ڪا مهڻي جي ڳالهه ناهي، سڀ مسلمان ڀائر آهيون، تون اسان وٽ پورهيت ٿينءَ ته ڇا ٿيو” تنهنجا لڇڻ موچارا آهن، سو اسان کي مائٽن کان به پياري آهين.“

    ائين چئي هن ذري تائين بس ڪئي، ڀانيائين ته هوءَ ڪو جواب ڏيندي، زينت بانو ته پڪي هئي، دل ۾ ته گهڻوئي خوش هئي، ۽ پئي چيائين ”انڌو گهري الله کان ٻه اکيون“ پر شڪ لاهڻ لاءِ پڪائي ڪري ماٺ کڻي ڪيائين. جان بيبيءَ وري چيس ته ”مائي، تڏهن منهنجي ڳالهه وڻيئي؟ مون کي رنج ڪندينءَ؟صاف جواب ۾ شرم ڇو ٿي ڪرين؟ آءٌ توکي به ماءُ وانگي آهيان، مون کان ڪهڙو حال ٿي لڪائين، ڪڇ ته سهي.“ ائين چئي ٻانهن ڊگهي ڪري، منهن مٿي ڪرڻ لڳس. زينت چيو ته ”مائي، آءٌ هينئر ڇا چوان، آءٌ پاڻيهي ڳالهه ڳڻي ڏينهن – ٻن ۾ اوهان کي جواب ڏينديس.“ جان بيبيءَ چيو ته ”مائي شابس جس اٿئي!“

    ڏينهن – ٻن ۾ زينت بانو به وٺ پڄ ڪري پنهنجو دفتر پورو ڪيو. آچر جي ڏينهن صبح جو پهريون پهر هو. علي رضا مٿي جاءِ ۾ هو، هوٽيئي زالون ٻن ٻارن سان هيٺينءَ جاءِ ۾ گڏ ويٺيون هيون، ويٺي ڳالهيون ڪيائون. ڇوڪري جان بيبي ج هنج ۾ هئي، محبوب مريم جي اڳيان ويٺي راند ڪئي. ائين ڪندي زينت ڪنهن ڪم پٺيان اُٿي، سگهوئي هڪڙو بند ڪيل لفافو هٿ ۾ کڻي آئي، ۽ مريم جي هٿ ڏئي چيائين ته ”ادي،هيءُ ٻاهران آيو آهي، ڀلائي ڪري مٿي پهچائي اچ، آءٌ وري ٿي اچان.“

    اهو خط زينت بانوءَ جي حال جو هو، جو هن پنهنجي مڙس لاءِ لکي تيار ڪيو هو، مريم خط ڏيئي وري اچي پنهنجي جاءِ تي ويهي رهي، ۽ زينت بانو به ذري کان پوءِ وري اچي سندن اڳيان بيٺي.

    انهيءَ وچ ۾ علي رضا لفافو کولي پڙهيو، هن ۾ زينت بانوءَ اول کان آخر تائين اهڙي چڱي ۽ ڏک ڀريءَ عبارت ۾ پنهنجو احوال لکيو هو، جو پهڻ جي دل واري ماڻهوءَ کي به روئڻ اچي وڃي. هيءُ به هنجو هاريندو پڇاڙيءَ تائين پڙهندو ويو. پنهنجي زينت جا اکربه صاف سڃاتائين.

    جيڪا محبت هاڻ تازي منجهس ڦٽي هئي، تنهن ڏهوڻون زور رکيو، هو ٽپ ڏيئي اٿيو، مٿان ڏاڪڻ تان دٻ دٻ ڪندو تڪڙو لٿو، ۽ پري کان ”منهنجي جان، منهنجي پياري!“ ڪندو، ڳوڙها ڳاڙيندو، جيئن زينت بانو سامهون بيٺي هئي، تيئن هن کي وڃي ڀاڪر وڌائين، ۽ بي حجاب ٿي هيترن جي اڳيان هن کي چميون ڏيڻ لڳو. پوءِ ٻيئي هڪٻئي کي چنبڙي ويا ۽ اوڇنگارنو ڏيئي روئڻ لڳا.

    هي زالون ويچاريون پهريائين ته علي رضا کي مٿان تڪڙو لهندو ڏسي ڊڄي ويون. پوءِ جو هو دانهن ڪري وڃي زينت کي چنبڙيو ۽ چميون ڏيڻ لڳو، تنهن تي ڄاتائون ته هيءُ الائجي چريو ٿيو آهي، يا ڪينءَ! مطلب ته هي اوچتو رنگ جو ڏٺائون، سو حيران ٿي ويون.

    سگهو ئي علي رضا زينت کي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي اچي ماءُجي اڳيان بيٺو ۽ چوڻ لڳو ”امان، هيءَ منهنجي پياري زينت“ ۽ محبوب عليءَ کي کڻي چميون ڏيئي چيائين ته ”هيءُ منهنجو پيارو پٽ!“ سڀ اچرج ۾ پئجي ويون.

    زينت وڃي جان بيبيءَ جي پيرن تي ڪري، جا ڀاڪر پائي ملڻ لڳيس ۽ چوڻ لڳي ته ”ابا، مون سان ته ڳالهه ڪر؛ هي ڪهڙو رنگ؟ آهي ته بيشڪ زينت؛ مون کي اڳيئي شڪ پئي پيو، هن نينگر جا مهانڊا به مون کي پنهنجن جا پئي لڳا؛ امان زينت! ٻڌاءِ ته سهي، ته تون ٻڏي ڪيئن بچينءَ؟ هيترا ڏينهن ڪٿي ڪيئن پئي گذاريئي ۽ هتي ڪيئن اچي پهتينءَ؟“

    مريم جا اٿي وڃي زينت کي چنبڙي، تنهن چيو ته ”وري به خدا جا لک شڪرانا، جنهن وڇڙيا ته ملايا!“

    علي رضا ماءُ کي چيو ته ”امان! اهو ڪاغذ جو مون کي مريم مٿي آڻي ڏنو، تنهن ۾ زينت پنهنجو سڄو حال لکيو هو. اهو مون پڙهيو آهي، آءٌ ٿو توکي ٻڌايان؟“ پوءِ هن ويهي اتي ماءُ کي اهو قصو ٻڌايو، جو ٻڌي سڀني کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ پر پڇاڙيءَ ۾ وري به سڀني خدا جو شڪرانو ڪيو ۽ اهو سارو ڏينهن خوشيءَ ۾ گذاريائون.

    ٻئي ڏينهن علي رضا خيرات جي ماني ڪئي ۽ پنهنجا دوست گڏ ڪري، انهن کي به کارايائين ۽ غريب غربي کي به ڍءُ ڪرايائين، پوءِ جيئن اصل گهر جا ڀاتي هئا، تيئن گڏ رهڻ لڳا، ۽ هندستاني ٻولي، جا ڪن ڏينهن کان اچي سندن وچ ۾ پئي هئي، سا اڏامي ويئي؛ وري اچي ويچاري سنڌي پيئي.

    علي رضا زينت جي ماءُ ۽ ڀاءَ ڏي هن خوشخبريءَ جو ٿي لکيو، پر جان بيبيءَ جهليس ته ”ابا، تڪڙ نه ڪر، منهنجي صلاح آهي ته هاڻ اسين اڳتي هتي نه رهون. جيڪي هتي ٿو توکي ملي، سو الله بيشڪ هُتي به پيو ڏيندو، پنهنجو جڙيو جيڪو گهر ڦٽو ڪيو، پرديس ۾ پراون گهرن ۾ رهندا وتون! گهڻوئي جلاوطني ڪاٽيسين، گهڻائي ورهيه جدا ريهاسين، هاڻ هلو ته هلون.“

    جان بيبيءَ جي ڳالهه کي مريم پشتي ڏني. زينت بانو گهڻن ڏينهن کان مائٽن جي منهن لاءِ پئي سڪي، جي هن کي مئو سهسائي ويٺا هئا، تنهن به چيو ته ”هميشه لاءِنه هلجي، ته به في الحال ته ڪي ڏينهن هلي پنهنجي وطن گذاريون.

    هيترن جي مرضي ڏسي علي رضا به قبولدار ٿيو. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جي هلجي ته اڳ ۾ ڪنهن کي خط نه لکجي، ماٺ ماٺ ڪري اوچتو هلي نڪرجي، ته ڀلي اڳين جي خوشي وڌي.

    پوءِ ته سڀ سانباهو ڪرڻ لڳا. علي رضا جو ته هٿ ٻن – چئن صاحبلوڪن سان اٽڪيل هو، تنهنڪري يڪدم هنن کي ڇڏي وڃڻ مناسب نظر نه آيس. پهريائين هڪڙو هوشيار منشي سڃاڻپ وارو ڳولي هٿ ڪيائين ته ”مون کي ڪنهن ضروري ڪم لاءِ پنهنجي وطن ڏي وڃڻو آهي، پنهنجي جاءِ تي ٻيو عيوضي اوهان کي رکي ڏيو ٿو وڃان. جي آءٌ موٽي آيس ۽ اوهين هتي هوندو ته آءٌ وري به اوهان جو نوڪر آهيان، نه ته معاف ڪجو.“

    هنن لاچار ڄاڻي موڪل ڏنيس، پر انهيءَ هوندي به علي رضا مهيني جي پڇاڙيءَ تائين ساڻ رهيو. پوءِ هنن کان پگهار وٺي موڪلايائين، هفتي جي اندر هي سڀ گهر جا ڀاتي آگبوٽ ۾ چڙهي روانا ٿيا ۽ پنجين ڏينهن صبح جو اچي ڪوٽڙيءَ کان پهرئين پور ۾ پتڻ لنگهيا.

    اسان چيو آهي ته هنن جو گهر حيدرآباد جي ڪچي ۾ هو، جو مائٽن جي حوالي ڪري آيا هئا. علي رضا جو مامو به اڳيئي موٽي آيو هو، سو به اتي هو، پر ڪنهن کي به هنن جي موٽڻ جي اميد ڪانه هئي. هي گاڏيءَ تان لهي پنهنجي اصلوڪي گهر گهڙي آيا. جيڪي ٻه – ٽي ماڻهو سندن عزيز اتي رهندا هئا، سي ٽپ ڏيئي اٿيا. هنن کي مليا، ڏاڍا خوش ٿيا.

    پهچڻ شرط علي رضا هڪڙي کي سمجهائي، سرائي فتح خان جي گهر ڏياري موڪليو ته ”حامد عليءَ کي ۽ سندس جاءِ تي خبر ڏي، ته فلاڻا اڄ صبح جو بمبئيءَ کان آيا آهن.“ پر هيترو تاڪيد ڪري ڇڏيو هئانيس ته ”زينت بانوءَ جي هنن سان بلڪل خبر نه ڪجئين.“

    هن وڃي اهو پيغام ڏنو. هو هنن جي اچڻ جي خبر ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا، مگر جڏهن پنهنجي نياڻيءَ جي ساڻ وڃڻ ۽ ٻڏي مرڻ جي ڳالهه ياد ڪيائون، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿين، هو ستت ئي تياري ڪري، اچي علي رضا جي گهر جي در تي لٿا.

    اڳيان هنن وري هيئن ڪيو، جو زينت بانوءَ کي کڻي ڪوٺيءَ ۾ لڪايائون. پڪ هين ته هو اچي اسان کي روئي ملندا، پوءِ زينت اوچتو نڪري ايندي ته ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ هڪڙو وڏو چرچو ٿيندو. ٿيو به ائين، مائي شهر بانو ۽ حامد علي روئندا اوڇنگارون ڏيندا اندر گهڙي آيا ۽ اچي هنن کي ڀاڪر پائي گڏيا. هنن به ڪوڙ ڪري منهن هيٺ ڪري هنن سان رنو. ٿوري دير کان پوءِ ماٺ ڪيائون، ويهي گذريل حال جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا.

    پر مائي شهربانوِءَ وري به پنهنجي ڌيءَ جي ٻڏڻ جي ڳاله ۽ سندس هٿن جون شيون، جي هاڻي ڪڍي ٻاهر ڪيون هئائون، سي ڏسي نئين سر ڏک ڪرڻ ۽ زينت جو نالو وٺي دانهون ڪري روئڻ لڳي. اوچتو ڪوٺيءَ جو در کليو ۽ زينت جيئري جاڳندي ٻاهر نڪري، چوڻ لڳي ته ”جيجل امان! تون نه رو، آءٌ جيئري آهيان، ٻڏي ڪين مئي آهيان.“ ائين چئي ڊوڙي اچي ماءُ کي ڳراٽڙي پاتائين.

    هن کي ڏسي، سندس ماءُ، ڀاءُ ۽ دائي، سڀ خوشيءَ کان ڪپڙن ئي ۾ نه ماپي سگهيا. اعتبار نه آين ته ڪا سچ پچ هيءَ زينت آهي. ڀانيائون ته گهڻي روئڻ ڪري مٿو ڦري ويو اٿئون ۽ هيءَ ڪا خيالي شڪل آهي. پر نيٺ جڏهن معلوم ٿين ته نه، ساڳي اها زينت بانو آهي. تڏهن سڀ اٿي انهيءَ سان گڏجڻ لڳا ۽ هڪٻئي کي ڏاڍا پيار جا ڀاڪر پاتائون.

    علي رضا واري پهر وري هنن جو چرچو ڏسي، خوشيءَ کان کلڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳي. گهڙيءَ ۾ ماتم مان مٽجي شادي ٿي ويئي ۽ ڏک مان مٽجي سک ٿي پيو. انهيءَ ڏينهن سڀني گڏجي خوشي ڪئي ۽ هڪ هنڌ ويهي ماني کاڌائون. جيڪي واقعات زينت تي ٿي گذريا هئا، سڀ هن پنهنجن مائٽن کي ڪري ٻڌايا، جي ٻڌي هنن کي ڏک ۽ ارمان ٿيو.

    شهربانو ۽ حامد علي ٻه ڏينهن ٻيا به هنن جي گهر ۾ ٽڪي پيا؛ پوءِ وري زينت بانوءَ کي پاڻ سان وٺي ويا ۽ نيئي هفتو کن پنهنجي گهر رهايائونس. اوري پري جا ماڻهو، جي هنن جا واقف هئا، سي اهو احوال ٻڌي، ڏاڍا حيرت ۾ پيا ۽ خوش ٿيا ۽ مائي شهربانوءَ کي اچي مبارڪون ڏيڻ لڳا.


    باب تيرهون : خانه بربادي

    علي رضاجن جي سنڌ مان لڏي وڃن کان پوءِ سرائي فتح محمد خان جي گهر کي گهڻي شڪست پهچي ويئي هئي،. تنهن جا ٻه – ٽي سبب هئا؛ پهرين ته هنن جي اٿ – ويهه جيڪا وڃي رهي هئي، سان علي رضا جن سان ۽ ڪن ٿورن ٻين ماڻهن سان؛ مائٽن ۽ عزيزن سان ته رستو گهڻو ڪري بند ٿي ويو هئن، جيئن اسان مٿي به ڏيکاريو آهي. سو هنن جي وڃڻ ڪري هي ڏاڍا اٻاڻڪا ٿيا. هنن کي اڪيلو ڏسي، سندن عزيز، جي مٿن اڳيئي ڪاوڙيل هئا، سي هنن کي هر طرح ستائڻ لڳا. هڪڙي ڀيري ته ڪوڙي سوڙي معاملي ۾ حامد ۽ سندس ماءُ کي ڪورٽ ۾ به آڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائون، جو سندن اڻبڻت ظاهر هئڻ ڪري هو انهيءََ تڪيلف کان ڇٽي ويا، ٻيون ته سندن ايماندار ٻانهي بختاور، علي رضا جن جي وڃڻ کان اٺ – نو مهينا پوءِ مري ويئي هئي، هوءَ مائي شهربانوءَ جي صلاحڪار ۽ مددگار سنگتياڻي هوندي هئي. هن کي ٻانهي نٿي ڄاتائون،پر گهر جو وڏو ڀاتي ڪيو ٿي ڄاتائون. هوءَ سرائيءَ جي اولاد کي پنهنجو اولاد ڄاڻندي هئي، ۽ هو به کيس پنهنجي ماءُ ڪري ڄاڻندا هئا. هنن سان ايتري خاطري هوندي هيس، جو مرڻ مهل به زينت بانوءَ کي ياد ڪيو پئي رنائين، ۽ سڀني کي دعائون ڪندي دم ڏنائين.

    هن جي مئي کان پوءِ پوءِ مائي شهربانوءَ هڪڙي پورهيت رکي، پر ڪيڏانهن نمڪ حلال ٻانهي جو منهن، ڪيڏانهن پورهيت جو منهن. سگهوئي هڪڙي ڪڍي ٻي رکيائين، بي ڪڍي ٽين رکيائين. ڪا پاڻيهي ڇڏي هلي ويئي، ڪا گهر جي شيءِ شڪل چورائي ڀڄي ويئي. مطلب ته ٿوري ئي عرصي ۾ هنن وٽ ڪيتريون ئي زالون آيون ويون، پرجا لذت هنن کي اڳي بختاور مان ايندي هئي سا نه آئي.

    نڪا وري زينت جي جهڙي ٻي ڌيءَ گهر ۾ هئي، جا هن کي رڌڻ پچائڻ يا ٻئي ڪم ۾ مدد ڏئي، تنهن ڪري مائي شهربانو ويچاري ڏکي ٿي هئي.، پاڻ کان به رڌڻ پچائڻ جو توڙي ٻيو ڪم ڪار نٿي ٿي سگهيس، لاچار ڏکيو سکيو گذران پيئي ڪندي هئي.

    ٽيون جنهن ڏک هن کي سڀ کان وڌيڪ ماري وڌو هو، سو وچئون ٻيو هو، اهو هيءُ، ته سندس پٽ حامد، جو اڳي هڪڙو سڌريل ڇوڪرو هوندو هو، سو هاڻي کري ٻهر ٿي پيو هو. علي رضا جو هتي هئڻ هن جي لاءِ وڏي ڳالهه هئي، جو اڪثر هن کي هن جي صحبت ۾ رهڻو ٿيندو هو، گهر ۾ ته هن کي ڀيڻس زينت بانوءَ جهڙو ماڻهو هوندو هو، جنهن سان گڏ پڙهڻو لکڻو ۽ ٻيو اهڙو شغل ڪرڻو ٿيندو هوس، ۽ ٻاهر شهر ۾ علي رضا وٽ ويندو هو ۽ هو وٽس ايندو هو، ۽ هن جي معرفت چڱن چڱن ماڻهن وٽ اچ وڃ هيس، تنهن ڪري پاڻ به سڌري پيو هو. پر هن کي شڪار جو شوق اچي ٿيو، انهيءَ چوس تي هي پلٽڻ جي سپاهين سان واقف ٿيو، تن سان گڏ اڪثر آچر جي ڏينهن شڪار تي پيو ويندو هو. پوءِ ٿورو ٿورو ڪري پاڻ به بندوق هٿ ڪيائين، ۽ هنن جو پڪو سنگتي ٿي ويو. اهو آچر جو ڏينهن ئي ڪونه ٿي آيو، جو هن ٻاهر نٿي گذاريو.

    انهن سنگتين جي معرفت هن کي ٻين لچن سان گڏ اٿڻو ويهڻو پيو، سگهوئي حقو پيئڻ سکيو[1]. پهرين لڪي لڪي ڇڪيندو هو، پوءِ ته هڪڙو خلاصو حقو گهر ۾ جوڙي رکيائين.تنهن کان پوءِ چرس پيئڻ ۾ پيو. سگهوئي انهيءَ جي پٺيان ڀنگ جو سواد وٺڻ لڳو ۽ اوبر سوبر جو چڪو پي پي اچي ٻانڌاڻي ٿيو، ۽ ڏهاڻي پنهنجي ڀنگ گهوٽيندو هو، يا ڪو اوتارو ۽ دائرو چتائيندو هو.

    اتي وڃڻ مان وري نون نون سنگتين جو واقف ٿيو، انهن سان گڏ ڳائڻ وڄائڻ جو شوق جاڳيس. ڪافيون ۽ راڳ پيو ٻڌندو هو. گهر ۾ پنهنجو يڪتارو ٺاهي رکيائين، رات جو پيو اها وندر ڪندو هو. انهيءَ شغل مان ڦري وري رنن جي صحبت پيدا ٿيس، پهريائين پلٽڻ جي سپاهين ۽ ٻين سان ڪڃرين ۽ رنگيلين جي حاضري ڀرڻ لڳو، پوءِ ٿورو ٿورو ٿي اچي رنڊيبازيءَ جي عادت پيس، سونه ڪاري ڇٽي، نه ڪمري ڇٽي. ڳچ وقت تائين ٻاهر جو ٻاهر اهو ڌنڌو هلائيندو هو، پوءِ ته نيٺ هڪڙي مهاڻي وٺي آڻي ويهاريائين، رات ڏينهن انهيءَ سان خوش رهندو هو.

    مطلب ته علي رضا جي بمبئيءَ لڏي وڃن کان پوءِ ورهيه – ٻن جي اندر هن جي حالت ئي ڦري ويئي، جهڙو اڳي چڱو هو، اهڙو هاڻ بڇڙو ٿيو، هن کي منع ڪرڻ وارو ٻيو ڪو وڏو مائٽ ڪونه هو، رڳي ماءُ هئي، تنهن جي هن به پرواهه ڪانه رکي. هوءَ ويچاري گهڻوئي چوندي هيس، رئندي پٽيندي هئي، پر هو ليکيندو به ڪين هوس. نڪو وري هنن جو ٻيو ڪو وڏو هو جو هن کي سمجهائي، جيڪي دشمن هئن سي ته پاڻ هنن جي خراب حالت ڏ سي حسد کان خوش ٿيندا هئا.

    اهڙن ڪنن ڪمن ڪري حامد ۾ پڙهڻ لکڻ جو شوق گهٽبو ويو ۽ لچائيءَ جو خيال وڌندو ويو. اسڪول ۾ هي چڙهي چڙهي اچي مٿئين درجي کي پهتو هو، سو هاڻ پٺتي پوڻ لڳو. ماستر سندس ڪم کان ناراض رهيا ۽ مٿس ڪاوڙ ڪرڻ لڳا. ڪي ڏينهن ته هي اسڪول جي وڃڻ کان پيو گسائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن بيماريءَ جي عذر تي غير حاضر رهي، پنهنجي منهن يا پنهنجن سنگتين سان پيو گذاريندو هو، جي ڪو جهڙالو ڏينهن آيو ته اسڪول کان رهي پوندو هو؛ ۽ سنگتين سان باغن ۾ وڃي پيالا پاڻي ڪندو هو. نيٺ ٿورو ٿورو ڪري اسڪول به ڇڏي ڏنائين.

    اهڙن ڪمن ۾ جيڪو لڳندو آهي تنهن کي پئسي جي تهڍ گهرج ضرور ٿيني آحي. ماڻس کي جيڪا پينشن ملندي هئي، سا هنن جي لاءِ ٿورينه هوندي هئي. ٻيوته سرائي فتح محمد خان جي پوري بندوبست ڪري هي قرض کان به ڇٽل هئا، تنهنڪري هنن جي حالت پاڙي وارن کان بهتر هلندي آئي، جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، جيڪي ٿورو گهڻو گڏ ڪيو هئائو، تنهن ۾ پريندي ئي حامد آڻي هٿ ڳنڍيا. ماڻس کي سندس شاديءَ جي ڳڻتي هئي؛ انهيءَ لاءِ پئي پئسو – پنجڙ ڇل ڇتر گڏ ڪندي هئي، سو به هاڻ هن جي هٿ ۾ آيو ۽ انهيءَ تي پنهنجو حق ڄاڻي، کپائڻ لڳو. رنڊيبازيءَ ۾ توڙي سنگتين جي پيالي پاڻيِءَ ۾ هن جي ضرورت وڌي ته قرض کڻڻ لڳو؛ پينشن وٺڻ لاءِ ماءُ جي پاران آفيس ڏي هي پاڻ ويندو هو، سو اڌ ٻاهران کائي، کپائي باقي آڻي ماءُ کي ڏيندو هو. هوءَ گهڻيون دانهون ڪندي هئي، پر سندس وس ڪونه ٿي هليو.

    نيٺ جڏهن انهيءَ رستي به پورت ڪانه ٿيس، تڏهن ڪنهن نوڪريءَ جي ڳولا ۾ رهيو. جهڙا افعال هئس، تن ۾ ٻي ڀلا ڪهڙي نوڪري هن کي ملي! پوليس کاتي ۾ گهڙڻ جي خواهش ڪيائين، جو اها نوڪري سندس ڀيت تي هئي. هن ڄاتو ته ڳاڙهو پٽڪو ٻڌي، ترار چيلهه سان ٻڌي حڪم هلائيندو وتندس ۽ مزي مزي جي جاين تي گهمندو وتندس.[2] * سکر ماڻهوءَ جو اولاد هو، تنهنڪري هن کي هڪڙي جاءِ جمعداريءَ جي پندرهن روپين پگهار واري ملي ويئي، سو هاڻي پنهنجي پئسي وارو به ٿيو، ٻي مدد ماءُ جي پئسن جي به سجهيس ٿي. رن ته اڳيئي گهر ۾ آڻي ويهاري هئائين، جا پريندي نٿي آئي ۽ چيائين ٿي ته ”مون کي نڪاح ڪري گهر ويهارين ته ويهنديس، نه ته ائين هلي بند ۾ ڪين پونديس.“ انهيءَ ڪري هن کي لاچار ٿيو، پنج روپيا خرچي، مُلي کان ظاهر ظهور نڪاح پڙهائي، سنگتين ۾ کارڪون ورهائي، آڻي گهر ويهاريو هئائينس، جا هينئر ڪپڙا گنديون ۽ ڳهه ڳٺا گهرڻ لڳي، تنهن جي پورائي پيو ڪندو هو. هن رن کي ڪا هن سان محبت ڪانه هئي. هن کي هو ڦڙڻو کائڻو، جو ڄاڻندي هئي ته ڦري کائي هڪڙي ڏينهن هلي وينديس.

    هي نئون ڀاتي جو گهر ۾ آيو، تنهنڪري مائي شهربانو ويچاريءَ جو بڇڙو حال ٿيو، جو هوءَ اچي مالڪياڻي ٿي ويٺي. هن جي جا ساڻس نه پيئي، تنهنڪري سنجهه- صبح جهيڙا ٿيڻ لڳا. مهاڻي، حامد وٽ ماڻس تي چغليون هڻڻ لڳي، جنهن تي حامد اويل سويل ماءُ سان معاملا ڪرڻ لڳو ۽ اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳو. ويچاري مائي شهربانو گذريل ڏينهن ياد ڪيو ۽ پٽ جو هاڻوڪو حال ڏسي رت پئي روئندي هئي. نڪي نڪري ڪنهن ٻي پاسي وڃي سگهندي هئي؛ لاچار سوس پيو پيئي گذاريندي هئي.

    حامد عليءَ جو ۽ سرائي فتح خان جي گهر جو اهو حال هو، جو علي رضا جن بمبئيءَ کان موٽي آيا. آئي کان پوءِ سگهوئي هنن کي معلوم ٿيو ته حامد جو تمام خراب حال آهي ۽ مائي شهربانو ڏاڍي ڏکي آهي. هنن جي اچڻ ڪري انهي ويچاريءَ جي هانو تي وڏو ڇنڊُ پيو، جو ڄاتائين ٿي ته منهنجي ڌيءَ اگرچه هاڻي ڌارين آهي، پر وري به اولاد آهي ۽ صالح ته آهي ۽ علي رضا کي به پٽ وانگي ڄاڻندي هئي ۽ سندس صحبت ۾ حامد جي وري به سڌرڻ جي اميد هيس. پر هنن جي اچڻ ڪري حامد کي ڪا گهڻي خوشي ڪانه ٿي. بڇڙائي هن جي دل تي ايترو اثر ڪري ويئي هئي، جو جنهن صحبت مان اڳي هن کي لذت ايندي هئي،تنهن کي هي هينئر ڌڪارڻ لڳو؛ تنهن ڪري اها اڳوڻي آمد رفت ڇڏي ڏني هئائين. وري پنهنجي نوڪريءَ ۾ به قابو هو. نڪي حقيقت ڪري هاڻي خود علي رضا جي مرضي هئي ته ههڙو ماڻهو سندس گهر ۾ آمد رفت ڪري. پنهنجيءَ زال کي به علي رضا هن جي گهر ڏي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جو هينئر سرائي فتح خان جو گهر نه هو، حامد ۽مهاڻيءَ جو گهر هو. مائي شهربانوءَ کي هنن سان ملڻ جي خواهش ٿيندي هئي، ته اچي وٽانئن ٿي ويندي هئي. هوءَ جيڪر علي رضا جن وٽ ويهي رهي ها، پر ڄاتائين ته ماڻهو کلندا ۽ چوندا ته مڙس جا ڪک ڇڏي، ناٺيءَ جي در تي وڃي ڪري آهي؛ تنهن ڪري جيتوڻيڪ علي رضا انهيءَ لاءِ زور به ڪندو هوس، ته به هوءَ پئي نٽائيندي هئي.

    علي رضا جن جي آئي کي ڇهه مهينا مس گذريا ته حامد علي، جو هينئر پوليس جي نوڪريءَ ۾ هو، سو اچي ڪنهن معامل ۾ ڦاٿو؛ سندس حد ۾ هڪڙو خون ٿيو. ڪنهن شاهوڪار جي گهر کي رات جو کاٽ لڳو؛ ٽي – چار چور هئا، جي کاٽ هڻي اندر ويا ۽ قريباََ ٽن هزارن رپين جيترو مال، زيور ۽ زريءَ جا ڪپڙا ۽ نقدي چوري ڪري کنيائون، نڪرڻ مهل گهر جو مالڪ جاڳيو، شاهوڪار کي ڌڪ هڻي ماري وڌائون ۽ پٽس کي ڦٽي ڇڏيائون ۽ پاڻ مال سوڌو ڀڄي ويا.

    ڳولا ڦولا ۽ تپاس هلي، ڪن ڏينهن تائين ڪوبه پتو ڪونه پيو. پوليس جا وڏا عملدار انهيءَ جاچ ۾ هئا ۽ جاسوس ڦٽا ڪيل هئا، آخر شهر کان ٻاهر ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ وٽ چوريءَ واري مال مان ڪا شيءِ ڏسي، شڪ – چوريءَ ۾ جهليائون. جاچ ڪرڻ سان مالڪ جي پٽ اها شيءِ سڃاتي. هن کي پڪڙيائون. پوليس جي اک ڏيکارڻ سان هن سچي ڪري وڌي، ٻيا ٽي سنگتي به ڏسيائين ۽ جيئن پتيون ڪري مال ورهائيو هئائون، سو به ظاهر ڪيائين. هن اهڙي به ڳالهه ڪئي ته حامد علي جمعدار جي صلاح سان اسان اها چوري ڪئي ۽ هو انهيءَ رات اسان کي آڻي، انهيءَ شاهوڪار جي جاءِ ۾ اُماڻي ويو هو. هونءَ به چيائين ته چورايل مال جو هيترو ڀاڱوحامد عليءَ کي مليو آهي.

    انهيءَ چور جي ڏسڻ تي ٻيا ٽي چور ڳولي وڃي جهليائون ۽ انهن جي خانه تلاشيءَ مان چوريءَ جو ٿورو گهڻو مال مليو. حامد کي اچي جهليائون.سندس گهر جو جهاڙو ورتائون ته وٽانئس به ٿوريون گهڻيون شيون مليون. هن ڄاتو هو ته آءٌ وڏو ماڻهو آهيان ۽ پوليس جو عملدار آهيان؛ مون ۾ ڪنهن جو شڪ ڪونه پوندو، سو جيڪي زيور پتيءَ ۾ مليا هئس، تن مان ڪي ته سندس زال مهاڻيءَجي بت تي هئا. ٻيا ڪي لڪائي رکيا هئا. هن کي گرفتار ڪيائون ۽ پنجن ئي ڄڻن تي مقدمو هليو. هنن چئن چورن مان ٻن کي ڦاسي ملي ۽ ٻن کي کارو پاڻي آيو ۽ حامد کي پنج ورهيه سخت قيد مليو.

    حامد عليءَ جي قيد ٿيڻ ڪري سندس دشمنن کي گهڻي خوشي ٿي. هن گهڻن اشرافن کي ڪڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ پوليس جي نوڪريءَ ۾ رهي ڪيترن ئي سکرن کي آزاريو هئائين. علي رضا به هڪڙي ڪري خوش ٿيو، جو ڄاتائين ٿي ته هي ٻنهي گهرن تي ڪوڙهه جو چٽو هو. پر سندس زال جو ڀاءُ ٿهو، تنهن ڪري البت ارمان ٿيس. معاملي هلندي جيڪا قاعدي موجب واجبي مدد پڄي سگهيس، سا به ڏنائين، پر ان مان حاصل ڪي ڪين ٿيو.

    ويچاري مائي شهربانوءَ کي به انهيءَ پٽ جا سور گهڻا هئا، پر هاڻي ته انهيءَ ساڳيءَ لاءِ پئي رنائين. سڌريل، جي کريل، ته به نيٺ اولاد مائٽ لاءِ وڏي وٿ آهي؛ تنهنڪري ويچاريءَ روئي پٽي پنهنجو حال وڃائي ڇڏيو، هڪڙي پيري، ٻيا وري ڏکن تي ڏک آيا هئس تن هن کي اڳهين نبيري ڇڏيو هو، هاڻي وري هي جو تازو ڌڪ لڳس، تنهن سبب ڪري پيئي ۽ انهيءَ معاملي کي ٻه مهينا به ڪين گذريا ته ويچاري مري ويئي. هن ويچاريءَ پنهنجي عمر پنهنجي اولاد تان صدقي ڪئي. هوءَ تمام نيڪ زال هئي، جنهنڪري جيڪي سندس خير خواهه هئا، تن کي ڏاڍو ارمان ٿيو. سڀ کان گهڻو افسوس علي رضا ۽ سندس زال کي هو. ويچارا روئي روئي ماٺ ڪري ويهي رهيا.

    حامد به قيد ۾ گهڻو نه جاليو، هن کي جو سخت پورهيو ڪرڻو پيو ۽ جنڊ ڪڍڻا پيا، سو انهن جي سٽ جهلي نه سگهيو، ڀلا، هن سڄي عمر سکن ۾ گذاريو هو، هتي ته رڳو سندس بڇڙن ڪمن جي ڪري خراب قسمت آڻي ڦاسايو هوس، سو چئن مهينن کان پوءِ مري ويو.

    انهيءَ طرح سرائي فتح خان مرحوم جو گهر سڄو ويران ٿي ويو. باقي پوئتي اهڙو ڪونه بچيو، جو سندس نالو نشان ظاهر ڪري. زينت بانو سندس صالح ڌيءَ هئي، پر سا به هاڻي ٿي پرائي گهر ۽ پرائي وس. جنهن گهر ۾ ڪن ڏينهن چهچٽو لڳو پيو هوندو هو، سو خدا هن طرح بند ڪري ڇڏيو.

    [1] . تڏهن هتي اڃان ٻيڙين ۽ سگارن جو رواج عام نه هو.
    [2] . * اڳين ڏينهن ۾ پوليس وارا ڳاڙهو پٽڪو ٻڌندا هئا۽ تراريون کڻندا هئا.


    باب چوڏهون : نئون اسڪول

    جڏهن علي رضا بمبئيءَ کان موٽي آيو، تڏهن هن اچي پنهنجو گهر وسايو هو. مٿان مونا هڻي هڪڙو – ٻه صاحبلوڪ هٿ ڪيائين، جنهن ڪري سندس پڙهائڻ جو ڪم وري شروع ٿيو. مگر هو جو هيترن ڏينهن کان پوءِ آيو هو، تنهن ڪري سڃاڻپ ۽ جا پيدائش اڳي هوندي هيس، سا هاڻي ڪانه ٿيس. ٻيو وري سرائي فتح خان جي گهر جو حال، حامد جي گبدچاليءَ ڪري خراب ڏٺائين، تنهنڪري اڪثر دل شڪستو گذاريندو هو. جڏهن مائي شهربانو به مئي ۽ حامد قيد ٿي ويو، تنهن هنن کي اتي گذارڻ بلڪل ڏکيو لڳو. سگهوئي وري حامد جي مرڻ جي خبر پين، تڏهن هيڪاري هتي ڪڪ ٿي پيا ۽ پير تپي آين. ٺهراءُ ڪيائون ته وري وڃي بمبئي وسائجي، جتي هو هيترن ڏينهن ڪري ٺهي به ويا هئا. علي رضا کي به پنهنجي ڪم جو چڱو سانگو هو، سو حامد جي مرڻ کان پوءِ مهينو – اڌ گذاري، هنن وري ٽپڙ ٻڌا ۽ اچي بمبئيءَ کان نڪتا.

    بمبئيءَ ۾ ته علي رضا پنهنجو ڪارخانو متل ڇڏي ويو هو. جنهن منشيءَ کي پنهنجو عيوضي ڪري ڏئي ويو هو، سو اڃا انهيءَ ڪم ۾ رڌل هو. هن کي هن جي جلد موٽڻ جي اميد هئي، پر هن جو زياده ڏينهن لڳايا، تنهن ڪري هو پاڻ زياده خوش ٿيو، ۽ هن جو شڪرگذار رهيو. آخر هن پنهنجو ڪم وري هٿ ڪيو. هن جا صاحبلوڪ شاگرد هن کي ڏسي خوش ٿيا. اگرچه انهيءَ وچ ۾ هڪڙو – ٻه ڄڻا بدلي ٿي ويا هئا، تڏهن به اهڙا ٻيا وري سگهوئي هن کي هٿ لڳا، جنهنڪري هن جي پيدائش ۾ گهڻي حرڪت ڪانه رهي.

    علي رضا جو خانگي بندوبست به اڳي جهڙو چڱو پئي هليو. هن کي پنهنجي پياري زال زينت بانو گهر ۾ هئي.سندس ماءُ جان بيبي ساڻس هئي، سندس پورهيت مريم اڃا وٽن هئي، هڪڙو پٽ محبوب علي هئس، جو هينئر ٻن – اڍائن ورهين جي ڄمار جو هو ۽ هڪڙي ڌيءَ عظمت بانو (يا جنهن کي عظمت بي به ڪري سڏيندا هئا) هندستاني زال مان هيس، جا زينت بانوءَ جي سنڀال هيٺ هئي ۽ جا هينبئر ورهيه – ڏيڍ جي هئي.

    زينت بانو وري به پيٽ سان هئي ۽ بمبئيءَ ۾ آئي ٽي مهينا مس گذرين ته ويائي ۽ پٽ ڄائس، جنهن جو نالو منصور علي رکيائون. سو هينئر خدا جي مهربانيءَ سان علي رضا جو گهر اچي چڱو آباد ٿيو هو. هنن کي هڪڙي پورهيت وري به رکڻي پيئي، جا رکيائون. انهيءَ طرح هنن جو خانگي بندوبست عام چڱي دستور پئي هليو ۽ خوشيءَ ۽ سک ۾ پئي گذاريائون.

    علي رضا کي ههڙي پڙهيل ۽ سڌريل زال گهر ۾ هئي، سو انهيءَ کان وڌيڪ فائدي وٺنڻ جي اميد پيو رکندو هو. زماني جو اٿليل پٿليل ماڻهو هو، وڏن وڏن شهرن ۾ ڏٺو ٻڌو هئائين ته هاڻوڪي زماني ۾ زالون اهڙا عجيب عجيب ڪم ٿيون ڪن، جي مڙس کان به مشڪل ٿي سگهن. هن جي زال کي چڱي تعليم ته اصل مليل هئي، ٻي وري پاڻ ڏني هئائينس، سا بلڪل چالاڪ ٿي ويئي هئي.

    جڏهن اڳي بمبئيءَ ۾ آيو هو ۽ پنهنجي زال به ٿي آندائين، تڏهن سندس خاص مطلب اهو هو ته ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ ڪري جا بندش وطن ۾ رهندي آهي، سا ڪانه رهندي، آءٌ زال کي علم ۽ هنر جو چڱو فائدو وٺارائيندس ۽ جي ٿي سگهيو ته ٻيئي گڏجي ڪنهن رستي پنهنجي قوم وارن کي فائدو رسائينداسين. پر تڏهن ته خدا جي مرضي ائين نه هئي. سندس زال جي سمنڊ ۾ ڪرڻ جو اتفاق ٿي پيو، جنهن ڪري هوءَ ويچاري ڪيترا ڏينهن دربدر هئي.

    وري جڏهن بمبئيءَ ۾ اچي ٻيئي گڏ ٿيا، تڏهن به پهريائين ته هو هڪٻئي کي نه سڃاڻندا هئا، جڏهن سڃاتائون، تڏهن خوشيءَ کان وطن ڏي موٽي آيا. حيدرآباد ۾ ته هن پنهنجي دل جي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ مناسب وجهه نه ڏٺو، نڪي اتي وري گهڻا ڏينهن خوش گذاريائون. پر هاڻ جڏهن هو وري بمبئيءَ ۾ آيا ۽ خدا جي فضل سان اندر – ٻاهر آرام سان رهڻ لڳا، تڏهن علي رضا کي وري پنهنجو اصلوڪو خيال دل ۾ جاڳيو.

    هن کي پريندي کان اهڙي قسم جي سڌاري جي لاءِ پردي جي وڏي اٽڪ ڏسڻ ۾ آئي. پر سندس زال جي گم ٿيڻ جي اتفاق اها اٽڪ لاٿي ۽ هن جي لاءِ رستو صفا ڪيائين، جو حجاب ۽ دل جي مونجهه پهرين ڏينهن ۾ زينت بانوءَ کي هوندي هئي، سا هاڻ نه هيس. هوءَ ڌارين مڙسن ۽ ڌارين ملڪن ۾ رلي هئي، تنهن ڪري دل جي همٿ يدڪ هيس. دنيا ۾ جدا جدا قسمن جي ماڻهن سان هلت چلت ڪهڙيءَ طرح ڪجي، تنهن ۾ چڪي ٿي هئي. هوءَ اڃا عمر جي وڏي نه هئي، تنهن ڪري علي رضا ڀانئيو ته اهڙو ڪو بندوبست ڪريان، جنهن ڪري منهنجي زال جو به زياده سڌارو ٿئي، منهنجي اولاد جي به تعليم جو بندوبست ٿئي، منهنجي پيدائش به وڌي.

    انهيءَ بابت هن پنهنجي زال سان صلاح ڪئي. آخر پاڻ ۾ پهي، هيءُ ٺهراءُ ڪيائون ته هڪڙي چڱي پوشيده جاءِ وٺي، انهيءَ ۾ هڪڙو زنانو اسڪول وجهجي، جنهن ۾ اڪثر سکرن مسلمانن جون ڌيئون پڙهائجن. انهيءَ ۾ هنن جي آسائش لاءِ آبروءَ جهڙو بندوبست رکائجي.س يکارڻ واري زينت بانو پاڻ ٿئي ۽ جيئن ڇوڪرين جو تعداد وڌندو وڃي، تيئن جاچ ڪري پگهار تي ٻي هڪ – ٻه پڙهيل زال اشراف گهر جي مدد لاءِ هٿ ڪجي. تعليم فارسي،، هندستاني ۽ انگريزيءَ ۾ ڏجي؛ انهيءَ سان گڏ سبڻ، ڀرڻ ۽ ٻيو انگريزي سئي ۽ ڪُنڊيءَ يا اُن جو ڪم سيکارجي. تنهن کان سواءِ قرآن پڙهائڻ ۽ ديني علم جي به ضروري تعليم ڏيڻ ۾ اچي. انهيءَ پورهئي جي بدران هڪ – هڪ ڇوڪريءَ کان ٺهرايل پگهار يا في درماهو وٺجي.

    اها مٿين رٿ هنن تفصيلوار لکي تيار ڪئي ۽ ان سان لاڳو ڪي مناسب قانون ٺاهي ڇاپيائون ۽ جيڪي شهر جا سکر – سکر مسلمان هئا، جن مانگهڻن سان علي رضا جي معرفت هئي،تن کي ورهائي ڌنائون. علي رضا وٽ پنهنجي بچت جا پئسا گهڻائي هئا، جنهن ڪري اهڙي بندوبست ڪرڻ ۾ دير ڪانه ٿي. هڪڙي چڱي هوادار جاءِ ڀاڙي تي ورتائين،انهيءَ ۾ ضروري سامان ڪرسين، ميزن ۽ بينچن جو وجهارائين ۽ ٻارن جي آسائش لاءِ ڪي ڪوچ به وجهارائي ڇڏيائين، پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪري ڇڏيائون ته ڏسندي مهيني جي پهرينءَ تاريخ کان وٺي اهو ڪم هلڻ لڳندو.

    انهيءَ کان اڳي، گهڻن سکرن وٽ علي رضا پاڻ به انهيءَ ڪم لاءِ ويو ۽ هنن سان گفتگو ڪيائين ۽ هنن کي خاطري ڏنائين ته جنهن قسم جو بندوبست اڳيئي هلندڙ آهي، تنهن کان اشراف پردي وارن مسلمان ماڻهن جي لاءِ هيءُ بهتر بندوبست آهي، جتي خاص ڌيان ڏيڻ ۾ ايندو؛ تنهنڪري ٺهرايل تاريخ تي يڪدم ويهارو ڇوڪريون اچي نڪتيون، زينت بانو هنن ڇوڪرين جو گهڻو آڌرڀاءُ ۽ خاطري ڪئي. مريم، جا هاڻ اسڪول جي پٽيوالي ٿي، تنهن به انهيءَ ڪم ۾ پنهنجي بيبيءَ کي چڱي مدد ڏني. انهيءَ طرح هن زناني اسڪول جو ڪم تمام چڱيءَ طرح شروع ٿيو. پوءِ ته مهيني سر ڇوڪرين جو ٿورو گهڻو تعداد وڌندو ويو. زينت بانوءَ کان جيترو پڄي ٿي سگهيو، اوترو ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾، هنن کي ادب اخلاق سيکارڻ ۾، هنن کي پيار ڏيڻ ۾، هنن جي سنڀال ڪرڻ ۾، ڪين ٿي گهٽايائين. ڇوڪرين جي به هن سان اهڙي دل ٻجهي ويئي، جو هن کي سڳي ماءُ کان گهٽ نه ڄاڻنديون هيون. هن کي سيکارڻ جي اهڙي طرز ياد هئي، جو سگهوئي ڇوڪريون چالاڪ ۽ سمجهه واريون ٿي ويون.

    جڏهن اهڙي رٿ ڪئي هئائون ته ٻه – ٽي ٻوليون پڙهائڻ ۾ اينديون، تڏهن زينت بانوءَ کي ضروري ٿيو ته گهر ۾ پاڻ به انهيءَ جو وڌيڪ محاورو رکي؛ تنهنڪري هوءَ پاڻ ڪشالو ڪري، گهر ۾ انگريزي توڙي فارسي ۽ هندستاني پڙهڻ لڳي ۽ علي رضا هن کي انهيءَ ڪم ۾ گهڻي مدد ڏني. هيءَ اصلي هوشيار هئي، ويتر هينئر جو شوق رکي سکڻ لڳي، سو ويئي روز بروز خبردار ۽ ڀڙ ٿيندي.

    ڇوڪرين جي حالت سڌرندي ڏسي، سندن ماءُ – پيءُ ڏاڍا خوش ٿيا. هنن کي ٻين هنڌن جي تعليم جي چڱي خبر هئي، جو هو معتبر وڏا وڏا ماڻهو هئا؛ تنهنڪري هو آسانيءَ سان مقابلو ڪري سگهيا ته هتي نهايت چڱي ۽ پسنديءَ جهڙي تعليم ڏيڻ ۾ ٿي اچي.

    جڏهن انهيءَ بندوبست کي ٻارهن مهينا گذريا، يعني جڏهن اهو ساڳيو ڏينهن موٽي آيو، جنهن ڏينهن اسڪول کليو هو، تڏهن علي رضا اسڪول ۾ هڪڙي مجلس گڏ ڪئي، جنهن ۾ ڇوڪرين جا پيءُ ۽ ٻيا وڏا وڏا ماڻهو دعوت ڪري گهرايائين. انهن جي روبرو انهيءَ اسڪول جي شروعات ٿيڻ ۽ ڪم هلڻ جو بيان، جو لکي تيار ڪيو هئائين، سو مفصل ڪري ٻڌايائين.

    پوءِ ڇوڪرين جو امتحان ورتائون. تنهن کان پوءِ سڀيئي چاءِ پي گلدستا وٺي، موڪلائي ويا. اسڪول جي انهيءَ بيان ٻڌڻ ڪري ۽ حال ڏسڻ ڪري، ماڻهو نهايت خوش ٿيا ۽ علي رضا کي ۽ سندس بيبيءَ کي اهڙي چڱي بندوبست ڪرڻ تي آفرين چيائون.

    انهيءَ طرح مڪتب سال بسال بهتر ٿيندو ويو. جن اشراف مسلمان خاندان جون ڇوڪريون پوري بندوبست نه هئڻ ڪري ٻاهرئين ڪنهن اسڪول ۾ پڙهنديون هيون، سي هينئر هتي اچڻ لڳيون ۽ جيڪي پڙهي اُٿيون، سي بلڪل خبردار، لياقت واريون ۽ نيڪ ڏسڻ ۾ آيون؛ تنهنڪري سگهوئي هن اسڪول جو نالو مشهور ٿيو ۽ علي رضا ۽ زينت بانوءَ جا سکر ماڻهو واقف ٿي ويا.

    ڪن ورهين کان پوءِ ته مڪتب جو اهڙو زور هو، جو سالياني مجلس ۾ علي رضا گورنر صاحب ۽ ٻين وڏن وڏن صاحبلوڪن ۽ منڊمن کي به سڏڻ لڳو، جن هن زناني اسڪول جي بهتريءَ جو ذڪر پنهنجن ڪنن سان کانئن توڙي ٻين بيٺلن ماڻهن کان ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيا. هنن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها نظر آئي ته سکرن مسلمانن جي زالن ۾ پردي جي هئڻ سب تعليم جو استعمال بلڪل مشڪل هو، اها مشڪلات علي رضا جن حل ڪئي، جوا هڙو مناسب بندوبست رکيائون، جنهنڪري علم به حاصل ٿئي ۽ ديني توڙي دنيوي اعتراض به برطرف ٿين.

    هيترن وڏن ماڻهن جون ڌيئون هن مڪتب ۾ پڙهنديون هيون، تن جي سک – سهنج تي هنن وقت بوقت پئسو زياده پئي خرچيو، تڏهن به اپت خرچ کان گهڻو مٿي ٿي آين. هيڏي وري خود زينت بانو گهر ۾ مڙس کان پڙهڻ ۽ پنهنجي منهن محاوري ڪرڻ ڪري ڏاڍي هوشيار ٿي ويئي. انگريزي ٻولي، جا هن جي لاءِ ٿوري اهنجي هئي، تنهن ۾ به هن ڏاڍو سڌارو ڪيو ۽ پڙهڻ – لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ بلڪل چالاڪ ٿي. ڪيتريون ئي وڏن وڏن صاحبلوڪن جون منڊمون هن جون واقف ٿيون، جي وقت بوقت اسڪول ۾ اينديون هيون، تن سان هيءَ گفتگو ڪندي هئي ۽ هنن کي خوش ڪري ڪڍندي هئي.

    هن بندوبست ڪري، خود علي رضا کي به پنهنجي ڪم ۾ فائدو پهتو. نالي مشهور هئڻ ڪري، هن جي وڏن وڏن ماڻهن سان واقفيت، ٿي، تنهن ڪري هن وٽ به وڏا صاحبلوڪ پڙهڻ وارا ٿيا. ڪي ته پاڻيهي سندس گهر سبق وٺڻ ايندا هئا، پاڻ هنن وٽ ويندو به ڪين هو. هن جي پيدائش هر طرح وڌڻ لڳي. هي هينئر ايتري وسعت وارا اچي ٿيا، جو تمام چڱي بنگلي ۾ رهندا هئا، گهوڙا گاڏيون رکيائيون، ڪيترائي نوڪر اڳيان ڪمائيندا هئن ۽ انهيءَ هوندي به ڳچ جيتري رقم بچت ٿي پيئي هين.

    علي رضا پنهنجا ٻيئي پٽ محبوب علي ۽ منصور علي به هاڻ بمبئيءَ جي هڪڙي وڏي اسڪول ۾ پڙهڻ ويهاريا ۽ سندس نياڻي ته ماءُ جي هٿ هيٺ سندس مڪتب ۾ پڙهڻ لڳي. اهي ٽيئي هاڻ تعليم جهڙي ڄمار جا هئا، جو هنن کي بمبئيءَ ۾ رهي ۽ انهيءَ مڪتب جاري ڪئي ته ڇه – ست ورهيه گذري ويا هئا، اهڙا ڇه – ست ورهيه ٻيا به هنن کي اتي گذريا. جهڙا هي پاڻ، تهڙا هنن جا ٻار تعليم ڪري سڌرندا به ويا ۽ سُکي حال ۾ به ايندا ويا. مڪتب به روز بروز ويو يڪ زور وٺندو ۽ مشهور ٿيندو.

    علي رضا کي دل ۾ هو ته في الحال پنهنجي وڏي پٽ کي ولايت موڪلي. اهو هينئر سورهن – سترهن ورهين جو هو ۽ انهيءَ ڄمار ۾ انگريزي، فارسيءَ ۾ بلڪل هوشيار ٿيو هو. علي رضا هلندڙ زماني جي وڏن وڏن ماڻهن سان اٿليو پٿليو هو ۽ ٻيو وري ڪيترن صاحبلوڪن به اها صلاح ڏنيس؛ تنهنڪري هن انهيءَ ڪم تي ڪمر ي. سانگائتو هڪڙو وڏو آفيسر ولايت ويو ٿي، سو هن جو چڱيءَ طرح واقف هو، تنهن انجام ڪيو ته هن جي لاءِ آءٌ چڱو بندوبست ڪندس.
    علي رضا هينئر پئسي وارو به هو ۽ اهڙي قسم جو خرچ هو آسانيءَ سان ڪري به سگهيو ٿي، تنهن ڪري هن جو ارادو ٿيو ته محبوب علي کي لنڊن موڪليان ته پهريائين ٻه – چار ورهيه اتي وڃي علم حاصل ڪري، پوءِ قاعدا پڙهي باليسٽريءَ جو امحان ڏئي. محبوب علي پاڻ به انهيءَ لاءِ گهڻو خواهشمند هو، جو ڄاتائين ته انهيءَ رستي جهڙو هاڻي آهيان، تنهن کان بهتر ٿيندس. نيٺ اهو ٺهراءُ ڪري، علي رضا پنهنجي پٽ کي روانو ڪيو ۽ سندس لاءِ اڳواٽ پئسا بئنڪ ۾ رکي ڇڏيائين. ته هن کي ماه بماه ٺهرايل وقت تي رقم ملندي رهي؛ جنهن ڪري هن کي ڌارئين ملڪ ۾ ڪابه تڪليف يا تنگي نه ٿئي.

    آخر اها صلاح ڪري علي رضا پنهنجي پٽ کي لنڊن ڏي موڪليو. اهو صاحبلوڪ، جنهن سان هي هتان گڏ روانو ٿيو هو، تنهن هن کي اتي رهڻ جي لاءِ چڱو بندوبست ڪرائي ڏنو ۽ ٻي معرفت به ڪرائي ڏنائينس. تنهن کان پوءِ محبوب علي اهڙي آرام سان پنهنجي ڪم کي لڳو. جهڙو پنهنجي وطن ۾.


    باب پندرهون : بغداد ۾

    محبوب علي جي ولايت وڃڻ کان پوءِ سگهوئي علي رضا کي سندس ڌيءُ عظمت بانوءَ جي سڱ لاءِ بمبئيءَ جي هڪڙي – ٻن وڏن ماڻهن چورايو. هوءَ هينئر سورهن ورهين جي جوان زال هئي ۽ حسن واري به هئي. ماءُ واري ڪتب ۾ هندستاني، فارسي ۽ انگريزي پڙهي موچاري هوشيار ٿي هئي، نه رڳو لکڻ - پڙهڻ ۾، پرڳ الهائڻ ۾ به. جيئن هن جا ماءُ – پيءُ مشهور ٿي ويا هئا، تيئن هيءَ پاڻ به نيڪيءَ، خوشخلقيءَ ۽ هوشياريءَ ڪري مشهورٿي ويئي هئي.

    علي رضا جي ڪن مسلمانن خاندان سان اُٿ – ويهه هئي، تن مان هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجي پٽ لاءِ اها ٻانهن گهري. اهو پٽس جوان هو ۽ وڪالت جو ڪم ڪندو هو ۽ هر طرح اهڙيءَ ٻانهن جو لائق هو. ٻيو وري هڪڙو واپاري سيٺ هو، تنهن کي پنهنجي پٽ لاءِ طمع هئي. پر علي رضا کي ٻنهي مان هو جوان وڪيل پسند آيو، جو خزسندانيءَ ڪري بهتر ماڻهو به هو ۽ سندس پيءُ پئسي وارو به هو. اگرچه هن ڄاتو ٿي ته اڃا عظمت ننڍير آهي، شادي ڪرڻ لاءِ ٽي- چار ويهه ٻيا به گهرجنس، پر جڏهن هن خيال ڪيو ته زال ذات جي جواني گهڻو جٽاءُ نٿي ڪري ۽ وجهه چڱو به لڳو آهي، تڏهن اهڙي مائٽي ڪرڻ ۾ حرڪت ناهي. ماءُ سان ۽ زال سان به صلاح ڪيائين. هن به ڄاتو ته انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ عيب ڪونهي.

    پر انهيءَ بندوبست ڪرڻ جو ٻيو به هڪڙو سبب هو: علي رضا کي هڪڙي چڱي نوڪريءَ جو دلاسو مليوهو، اگرچه هو تمام خوش هو ۽ سندس ڪم ڪار چڱو پئي هليو ۽ خود مختاريءَ ڪري بيپرواهه ٿيو ويٺو هو، تڏهن به اصل کان وڏن وڏن صاحبلوڪن کي ڪنهن آبروءَ واري نوڪريءَ لاءِ پيو چوندو هو؛ سو هاڻ هن کي بغداد ۾ انگريز سرڪار جي ريزيڊنٽ جي نائبيءَ جي جڳهه ملي.

    هن کي پوليٽيڪل کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ جي گهڻن ڏينهن کان خواهش هئي، جو ڄاتائين ٿي ته پنهنجي چالاڪي ۽ ايمانداريءَ ڪري پاڻ کي مشهور ڪري سگهندس. ٻن – ٽن صاحبلوڪن کيس انهيءَ جاءِ تي وڃڻ لاءِ صلاح ڏني ۽ اميد به ڏيکاريائونس ته شايد ورهيه-ٻن جي اندر ڪنهن پاسي نائب ڪانسل ٿي ويندين. سو هن کي انهن مسلماني حڪومتن ڏسڻ جو به گهڻو شوق هو.

    هي ڪيترين زبانن ۾ هوشيار هو، ۽ پاڻ مسلمان ۽ سکر ماڻهو هو ۽ بمبئيءَ جهڙي شهر ۾ به سندس نالو هو، تنهن ڪري اهڙيءَ نوڪريءَ لاءِ هن جهڙو لائق ماڻهو في الحال سرڪار کي هٿ ڪونه لڳو. وڏي ڳالهه ته هن جي سفارش به گهڻي ٿي.

    هي انهيءَ پاسي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ڌيءَ جهڙي شيءِ کي پرڏيهه رلائڻ هن کي مناسب نه آيو. جيسين هڪ هنڌ ويٺو هو، تيسين پرواهه ڪانه هيس، پرهينئر ٿيو نوڪر، پرائي وس، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي. ۽ ڌيءُ جو نيڪال به نيٺ ضروري هو ۽ هوءَ به هاڻ اچي زال ٿي هئي، تنهن ڪري هن دل ۾ خيال ڪيو ته پرڏيهه ۾ وري ڪو اهڙو چڱو بندوبست ٿئي نه ٿئي، هاڻي جڏهن پاڻيهي ڪو وجهه مليو آهي، تڏهن انهيءَجو فائدو وٺڻ گهرجي.

    انهيءَ خيال سان هن انهيءَ جوان وڪيل جي نالي وارو چوڻ قبول ڪيو. هن جو نالو فضل علي هو، هو علي رضا جو واقف هو ۽ وٽس ايندڙ ويندڙ هو ۽ زينت بانوءَ جي مڪتب ۾ به هڪ – ٻه ڀيرا سندس اچڻ ٿيو هو، جتي هن عظمت کي ڏٺو هو.

    آخر سگهوئي شاديءَ جو بندوبست ٿيو، ٻيئي طرف دولتمند ۽ اشراف ماڻهو هئا، تنهن ڪري هنن جي شادي وڏي تجمل سان ٿي. نه رڳو بمبئي شهرجا مسلمان ۽ هندو هنن جي مجلس ۾ آيا، پر وڏا وڏا صاحبلوڪ ۽ منڊمون به اچي گڏ ٿيون، جو هنن سان هنن جي سڃاڻپ هئي.

    اگرچه علي رضاپنهنجي شادي زينت سان مختصر بندوبست سان ڪئي هئي، پر تڏهن به هينئر هن کي لاچار ٿيو اهڙو وڏو بندوبست ڪرڻ؛ جو وڏي شهر ۾ هو، پئسي وارو هو ۽ وڏن وڏن ماڻهن سان رستو هوس. جيتوڻيڪ شاديءَ جون اجايون رسمون اڳئين وانگي هن ڪم نه آنديون، جو ٻئي طرف سڌريل ماڻهو هئا ۽ نئين زماني ۾ پيدا ٿيا هئا.

    ڌيءَ جو ڪم اُڪلائي ۽ سندن سک سنڀال جو پورو بندوبست ڪري، علي رضا سنبت ڪرڻ لڳو. ڌيءَ جي نسبت هن کي ٻي به خاطري هئي، عظمت جي ماءُ عزت به اصل بمبئيءَ جي ويٺل هئي، تنهن جا مائٽ به اُتي هئا ۽ عظمت کي ملڻ لاءِ علي رضاجي گهر ايندا هئا، سي به هن جا ويجها مائٽ ٿيا، تنهن ڪري هنن کي هيڪلائيءَ جو گهڻو ڊپ ڪونه ٿيو، جو ڄاتائون ته پنهنجن مان به ڪي آهن، جي هن وٽ پيا ايندا ويندا.

    وڃڻ کان اڳي هنن کي هڪڙو وڏو ڪارخانو ڦٽائڻو پيو، علي رضا کي ته آسان ٿيو، جو جن صاحبلوڪن کي پڙهائيندو هو، تن کي چيائين ته خدا جي مهربانيءَ سان ۽ اوهان جي مدد سان، مون کي ٻاهر آبروءَ جهڙي نوڪري ملي آهي، سو آءٌ اوڏي وڃان ٿو، اوهين پنهنجي لاءِ ڪو ٻيو بندوبست ڪريو. پر زينت بانوءَ کي ته هڪڙي وڏي ڪارخاني ۾ رولو وجهڻو ٿيو. اگرچه ڏک ٿي ٿين ته ههڙو بندوبست ڦٽي وڃي! پر فائدي جي اميدتي ائين ڪرڻ لاچار ڄاتائون.

    سو سڀني ڇوڪرين جي مائٽن کي اطلاع ڏنائون، جنهن تي ٺهرايل ڏينهن سڀئي اچي گڏ ٿيا. انهن کي سڄو احوال ٻڌايائون. هنن کي گهڻو ارمان ٿيو ته اهڙي اشراف ۽ ۽ پڙهيل زال ڪيئن هٿ لڳي، جا انهيءَ متل ڪارخاني کي هلائي،مٿان گهڻائي هنيائون، پر في الحال هٿ ڪانه لڳين، تنهن ڪري لاچار اهو اسڪول بند ڪيائون. سڀڪو پنهنجي ٻار جو بندوبست پاڻ ڪرڻ لڳو.

    جڏهن علي رضا جن جي رواني ٿيڻ جو ڏينهن آيو، تڏهن آگبوٽ تي چڙهڻ کان اڳي بندر تي ڪيتريون ئي گاڏيون اچي گڏ ٿيون. ڪيترا مسلمان، هندو ۽ يورپين، جي هنن جا واقف هئا، سي هنن کي موڪلائڻ ۽ هنن کي اُپرائڻ لاءِ آيا. سڀ ڪنهن پئي افسوس ڪيو،. سڀئي پئي هن جي تعريف ڪئي ۽ هنن کي آئندي جي بهتريءَ لاءِ دعائون پئي ڪيائون ۽ اهي اُميدون پئي رکيائون ته شل وري به موٽي هتي ايندا. گهڻا ته هنن سان آگبوٽ تائين به آيا. پوءِ سڀ موڪلائي هليا ويا ۽ آگبوٽ روانو ٿيو.

    انهيءَ طرح جنهن بمبئيءَ شهر ۾ علي رضا پهرين هڪڙو بي نام بي نشان ماستر ٿي آيو هو، جنهن ۾ سندس زال زينت بانو ڪيترا ڏينهن دربدر ٿيو پئي رلي، جنهن ۾ هن قيد ڪاٽيو هو؛ تنهن ۾هي اهڙا مشهور ٿي ويا هئا، جو وڏا وڏا ماڻهو هنن جي تعريف مان ڍاوائي نٿي. اهو سڀ هنن جي سرجوشي ۽ محبت، علميت، ايمانداري اشرافت ۽ چڱي انتظام جو ڦل هو.

    درياه جو سفر چڱي آرام سان ڪاٽي، نيٺ علي رضا پنهنجي زال زينت بانو، پنهنجي ماءُ جان بيبي، پنهنجي ننڍي پٽ منصور علي ۽ پنهنجي دائي مريم سان اچي بغداد ۾ وارد ٿيو.

    انهيءَ پٽ کي علي رضا ڄاڻي واڻي پاڻ سان کڻندو هو. پهرين دل ۾ آيو هوس ته متان بغداد ۾ يا ٻئي پاسي هنن جي پڙهڻ جو بندوبست نه ٿئي، تنهنڪري هن کي بمبئيءَ ۾ ڇڏي وڃجي، جتي سندس ماٽي جي ڀيڻ به هوندي ۽ ٻيا به سڃاڻپ وارا هوندا ۽ جتي هن جو پڙهڻ چڱيءَ طرح پيو هلندو ، پر ڏٺائين ته اهڙي سفر ۾ زال کان سواءِ هڪڙو ٻيو سنگتي به مڙس ماڻهن مان ضروري آهي ۽ پٽ جو ساڻ هئڻ دل جي لاءِ وڏو ڏڍ آهي ۽ اوکي سوکي ڪم ۾ وڏي مدد آهي. رٿ ڪيائين ته جيستائين ڪو ٻيو بهتر بندوبست ٿئي، تيستائين آءٌ پاڻ پيو پڙهائيندوسانس.انهيءَ طرح گهر جا ڀاتي اچي بغداد جا رهاڪو ٿيا.

    علي رضا وڃي پنهنجي عهدي جي جاءِ تي قابو ٿيو. لکپڙهه سڀ وٺي هٿ ڪيائين. رهيا کهيا ڪاعذ جيڪي هئا تن جو پڇي ڳاڇي نيڪال ڪيائين ۽ جيڪي ڪم ڪرڻا درپيش هئا، انهن جي پورائيءَ جو بندوبست ڪيائين. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن جي هوشياري، چالاڪي ۽ ايمانداري سندس بالا آفيسر کي معلوم ٿي، جنهن جو ساڻس گهڻو پيار ٻجهي ويو. هن کي هن جا سفارش ناما به گهڻا پهتا هئا، سو هن کي خاطري ٿي ته برابر هي هر طرح اهڙن ملڪي ڪمن جو لائق آهي.

    ڌارينءَ حڪومت سان ٺاهه- ٺوهه رکڻ البت مشڪل ڪم آهي. هڪڙو ٻه ڪم انگريز سرڪار ۽ سلطان جي سرڪار جي وچ ۾ هو، جنهن جو فيصلو ڪرڻو هو ۽ هن کان اڳي گهڻا مٿا هنيا هئائون، پر فائدي ‎ ۾ نبيرو نٿي ٿيو. علي رضا، جنهن سلطان جي ڪامورن سان دوستيءَ جو رستو رکيو هو ۽ ٻيو وري پاڻ مسلمان ۽ قابل تجويز وارو ماڻهو هو، تنهن هنن سان سگهوئي اهڙو ٺاهه ڪيو، جنهنڪري ريزيڊنٽ صاحب نهايت خوش ٿيو ۽ هن جي تعريف مٿي سرڪار ۾ لکيائين، جو علي رضا جي نالي آفرين نامو آيو.

    مطلب ته انهيءَ عهدي تي علي رضا کي هڪڙو ورهيه مس گذريو ته هن جو نالو ٻنهي طرفن ۾ مشهور ٿي ويو. هن جي اهڙي عجيب هلت هئي، جو هو هر دلعزيز ٿي ويو.

    سگهوئي حڪم پهتو ته استنبول ۾ انگريز سرڪار جو جيڪو ڪانسل رهي ٿو، تنهن جي هيٺان نائب جي جاءِ تي علي رضا وڃي. پگهار به تمام چـڱو ۽ درجو به وڏو هو، تنهنڪري علي رضا گهڻو خوش ٿيو.

    اگرچه بغداد جي ريزيڊنٽ هن کي ڇڏڻ نٿي گهريو ۽ دفعي ته انهيءَ بدلي مهل رکڻ لاءِ به لکيو هئائين، پر جڏهن هن پاڻ کي لياقت ڪري اضافي جو حقدار ڪيو هو، تڏهن سرڪار هن جي هڪدم بدلي ڪئي؛ سو اوڏي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. هن کي انهيءَ پاسي وڃڻ ملڪن گهمڻ جو هوس اڳيئي گهڻو هو، جو خوشي هيس ته قومن- قومن جي ماڻهن سان واقفيت ٿئي ۽ زماني جو آزمودو به حاصل ٿئي، سو پاڻ گهڻو خوش ٿيو.

    اهو هڪڙو سال،جو علي رضا بغداد ۾ رهيو، تنهن ڪري سندس پٽ منصور عليءَ جي تعليم ۾ گهڻي رنڊڪ ٿي. اگرچه پاڻ هن کي پيو پڙهائيندو هو، تڏهن به پوليٽيڪل ڪم ايترو گهڻو هو، جو هن کي پوريءَ طرح تعليم ڏيڻ لاءِ وقت ڪونه ٿي مليس، سو پئي خيال ڪيائين تنهن کي وري بمبئيءَ موڪليان، يا ولايت ڏي روانو ڪريان ته ڀلي ڀاءُ سان گڏ رهي، پڙهي، هيءُ محبوب علي کان رڳو ٻه – اڍائي ورهيه ننڍو هو ۽ بمبئيءَ ۾ پڙهي ڀاءُ جهڙو هوشيار ٿيو هو.

    ڪن دوستن به علي رضا کي اها صلاح ڏني ته ”جڏهن هڪڙو پٽ اڳيئي لنڊن ۾ اٿئي، تڏهن هن کي به ڏياري موڪل، ٻيئي گڏ رهندا، ڌارين ملڪ ۾ هڪ ٻئي جي سنگت به ٿيندين ۽ خرچ به هڪڙو ئي ٿيندو. گهڻو وڌندو ڪين، وڏي ڳالهه ته هن جي تعليم جو تمام چڱو بندوبست ٿيندو.“

    اها صلاح علي رضا کي به پسند آئي، جڏهن خدا وسعت به ڏني هيس، تڏهن پنهنجي اولاد جي لاءِ حتي المقدور چڱو بندوبست ڪرڻ هن ضروري ڄاتو، تنهنڪري ٺهراءُ ڪيائين ته سڀ گڏ بغداد مان روانا ٿيون؛ اسين وڃون استنبول ۽ منصور علي وڃي لنڊن.

    هن پٽ جي نسبت ۾ علي رضا ارادو ڪيو ته ولايت ۾ طبابت جو علم سکي ۽ ڊاڪٽريءَ جو امتحان ڏئي ۽ نيٺ سول سرجن ٿئي. انهيءَ بابت جيڪا فهمايش هن ضروري ڄاتي، سا ڏيئي، هن، پٽ کي به روانو ڪيو ۽ پاڻ به روانو ٿيو.

    پنهنجي اولاد جي نسبت ۾ علي رضا کي هاڻ هر طرح خاطري ٿي. هن ڏٺو ته خدا جي مهربانيءَ سان سڀ صالح ٿيا آهن ۽ پنهنجي منهن ڪم کي لڳي ويا آهن ۽ وڏو انتظار مائٽ کي ڌيءُ جو ٿيندو اهي، سو به ڪونه هوس. جيڪي کانئس پڄي سگهيو هو، سو انهن جي بهتري لاءِ ڪيو هئائين، باقي سڀ ننگ کڻي الله تي رکيائين.

    ٻيو ڪو ٻار به اڃا ڪونه ٿيو هون، تنهنڪري گهر ۾ وري به اهي ساڳيا ڀاتي وڃي بچيا، جيڪي سندس شاديءَ جي پهرئين ڏينهن هئا: يعني علي رضا، سندس زال زينت بانو، سندس ماءُ جان بيبي ۽ سندس دائي مريم.

    جان بيبي ۽ مريم اچي پوڙهيون ٿيون هيون، پر علي رضاجي لاءِ هي غنيمت هيون. انهن جي هوندي هن جي گهر جي وڏي آبادي هئي، هو هن جي لاءِ وڏي مدد هونديون هيون.

    اگرچه پريندي بمبئيءَ ۾ صلاح آئي هيس ته انهن مان هڪڙي يا ٻنهي کي پنهنجي ڌيءَ وٽ کڻي ڇڏي، پر پوءِ هن خيال ڪري ڏٺو ته اهي سوکڙيون بابي مرحوم جون نشانيون آهن، سي ڀلي منهنجي سر سان هجن ته چڱو، جو انهن جي سنڀال جو حق منهنجي ئي سر تي آهي.

    انهن مٿين ڀاتين سان علي رضا اچي استنبول ۾ پهتو.


    باب سورهون : سلطان وٽ

    استنبول يا اسلامبول، جنهن کي قسطنطنيه به چوندا آهن، سو وڏن شهرن مان هڪڙو آهي. اهو روم يا ترڪستان جي سلطان جو تختگاهه آهي ۽ مسلمانن جي وڏي بادشاهت جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اهو هڪڙو قديم شهر آهي ۽ گهڻين ڳالهين ڪري دنيا ۾ مشهور آهي.

    انهيءَ شهر ڏسڻ جي خواهش علي رضا کي گهڻن ڏينهن کان هئي. تنهن جو هڪڙو ته سبب هيءُ هو، جو اهو تمام سهڻو ٻڌل شهر مشهور آهي، ٻيو ته مسلمانن جي گادي ۽ اسلامي دين ۽ علم جي خاص جاءِ آهي، ٽيون ته اهو علي رضا جي پيءُ ۽ ڏاڏي جو اصلوڪو وطن هو، ڇالاءِ جو علي رضا جو ڏاڏو پاڻ ترڪ هو ۽ سرحدي پرڳڻي جو رئيس هوندو هو، جو پوءِ زماني جي گردش ڪري اچي نيٺ سنڌ ۾ نڪتو هو ۽ اتي رهي وڃڻ ڪري پنهنجي اصلوڪن مائٽڻ سان واسطو ٽٽي ويو هوس، (جيئن مٿي ٽئين باب ۾ ذڪر ڪيل َآهي) علي رضا ڀانئيو ته جڏهن خدا وسعت ڏني آهي ۽ وجهه ڏنو آهي، تڏهن ابي – ڏاڏي جي ڄمڻ جي جاءِ ڏسان، اگرچه پڪ هيس ته سندس پيءُ سسانگي سان سنڌ ۾ ويهي ويو ۽ پوئيوارن سان واسطو ڪونه رکيائين، تنهن ڪري سندس عزيزن کي هٿ ڪرڻ مشڪل ٿيندو، تڏهن به رڳو اصلوڪن وطن ڏسڻ جي هن کي سُڀائي سڪ هئي ۽ اتي جي رڳي هوا مانه هن کي لذت اچڻ جي اميد هئي.

    استنبول ۾ انگريز سرڪار جي طرفان هڪڙو وڏو ڪانسل رهي ٿو، انهيءَ جي نائبيءَ تي علي رضا بغداد مان بدلي ٿي آيو هو. هو پنهنجي عهدي جي چارج وٺي دخلڪار ٿيو.

    پوليٽيڪل ڪم هاڻ هن کي نئون ڪين هو. ٻارهن مهينا بغداد ۾ به ڪيو هئائين. اگرچه هتي انهيءَ هنڌ کان گهڻو ڪم هو، تڏهن به علي رضا ڪو ڪم کان ڊڄڻ وارو نه هو. اهڙيءَ چالاڪيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪيائين جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڪانسل صاحب منجهانئس خوش ٿيو. ٻيو وري هن جا آفرين ناما ۽ هن جي وڏ ماڻهپ ۽ هوشياريءَ جا ڪاغذ جي ڏٺائين، تن هيڪاري هن جي دل تي چڱو اثر پيدا ڪيو. سو هن کي زيردست ڪين ڄاڻندو هو ۽ تمام گهڻي عزت ڏيندو هوس.

    هن کي پهريائين ترڪي ٻولي نه ڄاڻڻ ڪري البت ٿوري مشڪلات ٿي، پر ڇهن مهينن جي اندر هن شوق رکي،اها ٻولي سکي. فارسي ۽ عربيءَ ۾ هوشيار هو ۽ ترڪي هن جي وڏن جي زبان به هئي؛ تنهنڪري انهيءَ جي سکڻ ۾ هن کي گهڻ آساني ٿي. تيستائين هن کي ڪم ۾ ڪا حرڪت نه ٿي. آفس جو ڪم گهڻو ڪري انگريزيءَ ۾ هلندڙ هو ۽ سلطان جي سرڪار سان جيڪو ڪم ڪار ٿيندو هو، تنهن جو اُڪلاءُ هو فارسي زبان ۾ ڪندو هو.

    اهو ڪم اهڙي ڊول جو هو، جنهن ڪري سگهوئي هن کي سلطان جي اميرن ۽ ٻين عهديدارن سان آمد رفت ۽ گفتو ڪرڻي پئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته خود سلطان جي درٻار ۾ به اچڻو پيو . انهيءَ ڪري هي پنهنجي ڦڙتائي ۽ هوشياري ڏيکاري مشهور ٿي ويو.

    انهيءَ عهدي تي علي رضا ڪل ٻه ورهيه رهيو. پر انهن ٻن ورهين ۾ جهڙو انگريز سرڪار کان، تهڙو ترڪي سرڪار کان هن کي آفرين ناما ۽ انعام مليا. انهيءَ عرصي ۾ زينت بانو به پنهنجي سر محنت ڪرڻ ۾ ڪين گهٽايو. مڙس کي ترڪي پڙهندو ڏسي، کيس به شوق ٿيو. سا به هاڻي ترڪي ٻولي ڳالهائڻ توڙي لکڻ – پڙهڻ سکي ۽ جن وڏن ماڻهن سان اتي رهڻ ڪري هي واقف ٿي ويا هئا،تن سان اٿڻ – ويهڻ لڳا.

    هتي جي زالن کي ايتري علميت نه هئي، جيتري زينت بانوءَ کي هئي، پاڻ هن ۾ ٻين مسلماني ٻولين سان گڏ انگريزي ٻولي ڄاڻڻ جو ڳڻ وڌيڪ هو، تنهن ڪري سڀ زالون زينت بانوءَ کي هڪڙي وڏي هوشيار ۽ علامه ڪري ليکينديون هيون. انهيءَ جو وجهه ڏسي زينت بانوءَ پاڻ کي مشهور ڪرڻ ۽ هنن کي فائدي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

    پهرين ارادو هوس ته جيئن بمبئيءَ ۾ ڪيو هئائين، تيئن هتي به هڪڙو زنانو مڪتب جاري ڪري، پر انهيءَ لاءِ هن کي ٻه اعتراض هئا: هڪڙو ته هتي ماڻهو (خاص زالون) انگريزي ٻوليءَ سان ٿوري گهڻي نفرت ڪندڙ هئا ۽ انهيءَ ڪري ڪنهن کي سکڻ جي خواهش نه هوندي هئي. ٻيو ته هتي هي امير ماڻهو ليکيل هئا ۽ اميراڻي اُٿ – ويهه ڪندا هئا، تنهنڪري ڄاتائون ته اهڙي بندوبست ڪري اسين وڃي عام مُلن ۽ آخوندن سان مٽ پونداسين ۽ ائين به چوڻ ۾ ايندو ته انهيءَ رستي پئسي اماڻڻ جي رٿ ڪئي اٿن.

    تنهن ڪري هنن وچون ٻي رٿ ڪئي. زينت بانوءَ هڪڙي پردي واري مجلس مقرر ڪئي، جتي هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو جمعي جي ڏينهن شام جو سڀ بيبيون، جي هن سان واقف هيون ۽ ٻيون به جن جي خواهش ٿيندي هئي، سي اچي گڏ ٿينديون هيون. انهيءَ زنانيءَ مجلس ۾ زينت بانو اٿي ڪنهن خاص مضمون تي گفتگو ڪندي هئي. ڪلاڪ – ٻه اتي گذاري، پاڻ ۾ صحبت ڪري، وري هليون وينديون هيون، ۽ وري اٺين ڏينهن گڏ ٿينديون هيون.

    اهي اميرن جون زالون ۽ ڌيئون هيون، تنهن ڪري هنن جو اچڻ وڃڻ پردي وارين گاڏين ۾ ٿيندو هو ۽ اها جاءِ به انهيءَ ڪم لاءِ هن سرڪاري طرح هٿ ڪئي هئي، جنهن جي چوڌاري هڪ عجيب باغ هو، جنهن ۾ شام جو مجلس جي ڪم لهڻ کان اڳي يا پوءِ هنن کي گهمڻو ڦرڻو ۽ کلڻو ڳالهائڻو ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ ۾ مناسب ۽ شائستيون رانديون ڪنديون هيون؛ ڪڏهن ڪڏهن ته اتي چاءِ يا هلڪي کاڌي جو بندوبست ٿيندو هو.

    مطلب ته اهو ڪلاڪ ٻه جيڪو اينديون هيون، سو هنن جو خوشيءَ ۾ گذرندو هو. سڀڪا بيبي پنهنجي گهر ۾ خوش گذاريندي هئي، جهڙو هتي ٻين سهيلين جي سنگت ۾؛ تنهنڪري هو سڀ سڄو ئي هفتو انهيءَ ڏينهن جي لاءِ منتظر رهنديون هيون. اها خبر هين ته انهيءَ بندوبست ڪرڻ واري زينت بانو آهي ۽ وري هن کي مسافر ۽ ڌارئين ملڪ جو ٿي ڄاتائون، تنهن ڪري هن کي پاڻ زياده عزت ڏينديون هيون.

    انهيءَ انتظام مان رڳو اهو فائدو نه نڪتو ته پردي وارين اشراف زالن کي مناسب طرح صحبت ڪرڻ، خوش گذارڻ ۽ دل وندرائڻ جو چڱو وجهه مليو، پر هنن جو ديني ۽ دنيوي سڌارو به ٿيڻ لڳو. ڇالاءِ جو زينت بانو انهيءَ ڪم لاءِ چونڊي مختصر طرح جدا جدا مضمونن جي يادداشت پاڻ وٽ رکي پوءِ هڪڙي – هڪڙي مضمون تي واري واري سان گفتگو ڪندي هئي. هن کي انهيءَ ڪم لاءِ اڳيئي تيار ٿيڻو پوندو هو، تنهن ڪري پنهنجي منهن فارسي، هندستاني ۽ انگريزي ۽ ترڪي ڪتاب اٿلائي – پٿلائي ضروري ڳالهيون ڪاغذ تي اٽڪائي ايندي هئي ۽ اهي مضمون خاص ڪن ديني ڳالهين ۽ زنانن اخلاقن ۽ نيڪي جي ڪمن بابت هوندا هئا ۽ اڪثر حجت ۽ دليلن لاءِ هن کي قرآن جون آيتون ۽ حديثون شاهديءَ ۾ آڻڻيون پونديون هيون. ۽ انهن جي سمجهاڻي ڏيڻي پوندي هئي.

    انهيءَ رستي مسلماني دين ۾ جيڪي ڀرم ۽ وسوسا ۽ ٻيون اعتراض جهڙيون ڳالهيون ماڻهن جي اڻ سمجهائي ۽ عالمن جي فضوليءَ کان پئجي ويون هيون، تگن سڀني جيبرخلاف هن کي ثابتيءَ ڏيڻ جو چڱو وجهه مليو. تنهنڪري چئبو ته انهيءَ مجلس مان زالن لاءِ دين جو سڌارو، علم جو سڌارو، عقل جو سڌارو انهيءَ سان گڏ جسم جو سڌارو ۽ دل ۽ دماغ جو سڌارو ٿيو؛ تنهنڪري اهي سڀ زينت بانوءَ جون شڪرگذار ٿيون.

    زينت بانو ٿورو ٿورو ڪري ٻين به ٻن – چئن بيبين کي اهڙي قسم جي گفتگو ڪرڻ لاءِ پنهنجو شاگرد ڪيو، جو هو به ڪڏهن ڪڏهن گفتگو ڪنديون هيون. پوءِ ته گهڻن ئي کي انهيِءَ جو اچي شوق ٿيو ۽ هيترن جي وچ ۾ اچي گفتگو ۽ چڱي مضمون ۽ چڱي حجت آڻ لاءِ اڳيئي علم جو تحصيل ڪرڻ ۽ ڪتاب مطالع ڪرڻ جو هوس جاڳيو هو؛ نتهنڪري اها ڳالهه شهر ۾ مشهور ٿي ويئي ته علي رضا جي بيبيءَ جي آئي استنبول جي زناني عالم ۾ هر طرح جو سڌارو ٿيو آهي ۽ جتي ڪٿي مڙسن خواه زالن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نڪرندي هئي، ته فلاڻي بيبي به انهيءَ زناني مجلس جي شريڪ آهي ته سڀڪو چوندو هو ته ”تڏهن ڀلا ڇونه اها پڙهيل ۽ نيڪ ۽ لائق زال هوندي“.

    اها مشهوري سلطان جي ڪنن پيئي، جنهن هڪڙو چڱو انعام علي رضا جي بيبيءَ لاءِ ڏياري موڪليو. انهيءَ کي هي فخر سمجهندا هئا، جو انهيءَ ڪري زينت بانو گويا اسنبول جي اميرن جي بيبين کان درجي ۾ واڌو ليکجي ويئي.

    ڪي اهڙي مشهوريءَ ڪري ۽ ڪي سلطان ۽ سندس اميرن جي لالچائڻ تي، علي رضا جي خواهش ٿي ته نائب ڪانسل جي نوڪري ڇڏي ڏيان ۽ سلطان وٽ اميريءَ جي جاءِ قبول ڪريان پر اوچتو استعيفا ڏيڻ هن کي به مناسب نظر نه آئي، تنهنڪري اهڙو بندوبست ڪيائين، جو سلطان جي طرفان انگريزي ڪانسل کي منٿ ڪرڻ ۾ آئي ته جڏهن علي رضا مسلمان ۽ آبروءَ وارو ۽ پڙهيل ماڻهو آهي ۽ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ عمر آندي اٿس، تڏهن هن کي موڪل ڏجي ته سلطان وٽ اميريءَ جو عهدو قبول ڪري، جو انهيءَ ڪري انهيءَ حڪومت کي به فائدو ٿيندو ۽ انگريزي سرڪار سان به دوستي پڪي ۽ قائم ٿيندي.

    علي رضا ته اڳيئي انگريز سرڪار وٽ برک هو، تنهنڪري هن کي انهيءَ ڪم جو هر طرح لائق ڄاتائون؛ سو لکپڙهه سان انگريز سرڪار جي معرفت علي رضا اچي سلطان وٽ ٿيو. انهيءَ تجويز مان علي رضا کي هڪڙي ٻئي فائدي جي به اميد هئي، ڇالاءِ جو ڄاتائين ٿي ته اڪثر خود مختار بادشاهه جڏهن ڪاوڙبو آهي، تڏهن گهڙيءَ ۾ امير کي لاهي آڻي فقير ڪندو آهي ۽ جڏهن راضي ٿيندو آهي، تنهن گهڙيءَ ۾ فقير کي چاڙهي نيئي امير ڪندو آهي؛ سو متان ٻين اميرن جي حسد ڪري يا ٻيِءَ طرح مون سان به اوچتو اها جُٺ ٿئي، تنهنڪري جي منهنجي مقرري انگريز سرڪار جي معرفت ۽ ان جي هٿان ٿيندي ته وري به وڏو بچاءُ ٿيندو ۽ اهڙو آسانيِءَ سان مون کي ستائي نه سگهندا.

    انهيءَ طرح پنهنجو پڪو بندوبست ڪري، علي رضا سلطان وٽ حاضر ٿيو ۽ سندس مقربن مان هڪڙو ٿيو. اڪثر اندرين يا ٻاهرين ملڪي ڪمن ۾ هن جي صلاح مصلحت پڇڻ ۾ ايندي هئي، خاص ڳالهه جيڪا انگريز سرڪار سان واسطو رکندڙ هئي،تنهن ۾ به هن جي صلاح ضرور پڇڻ ۾ ايندي هئي.

    اگرچه هيءُ ڌاريو هو ۽ انگريز سرڪار جي ملڪ جو هو، ته به سلطان کي هن جي نمڪ حلاليءَ ۾ ايتري اميد هئي ته هي مسلمان آهي، ديندار آهي، نيڪ آهي، پڙهيل آهي، آزمودگار آهي ۽ ٻنهي حڪومتن جو چڱيِءَ طرح واقفڪار آهي؛ تنهن سان جو آءٌ هيتري مهرباني ڪريان ٿو ۽ هيتري عزت ڏيانس ٿو، سو نمڪ حراميءَ ڪري ڪا خراب صلاح نه ڏيندو، پاڻ فائدي جهڙي مصلحت ڏسيندو. حقيقت ڪري هو ڪندو به ائين هو. ڪيترن ئي ڪمن ۾ اهڙيءَ طرح جي پورائي ڪئي هئائين. مطلب ڳالهه جو ته علي رضا ۽ سندس بيبيءَ جو درجو سلطان وٽ وڌندو ويو ۽ هنن جي عزت زياده ٿيندي ويئي.

    هڪڙي ڀيري ڪو چڱو اتفاق ٿيو، جنهنڪري علي رضا وڃي اوج کي پهتو. هڪڙي ڏينهن صبح جو سوير سلطان پنهنجي وڏي حرمخاني ۾ نماز پڙهي اچي ويٺو هو ته هڪڙي ٻانهيءَ هڪڙو بند ٿيل ڪاغذ آڻي ڏنس. چيائين ته ”محلات جي پاسي ۾ ٻاهر پيو هو.“مٿانس اکر لکيل ڪونه هو، جي ڪو هو، ته به رات جي وقت گهم ‎ ۾ جو ٻاهر پيو هو يا لتڙ ۾ آيو هو، سو اکر ڊهي ويا هئا. ٻانهيءَ لنگهندي پٽ تان کنيو هو، ڀانيائين ته متان ڪنهن سرڪاري ڪم بابت هجي، يا سلطان جي کيسي مان ڪريو هجي، سو کڻي آڻي ڏنائينس.

    سلطان کولي ڏٺو ته منجهس هن طرح لکيل هو؛ يارو! سڀني کي خوشخبري هجي. پنج – اٺ ڄڻا ٻيا به اسان سان شامل ٿيا آهن. باروت جو به اوهان اڳيئي ٿورو گهڻو انداز پهچايو هوندو. ٻيو اسان موڪليو آهي، سو قابو رکجو. اوهان جي اطلاع اچڻ تي ٻيو به پيا موڪلينداسين، جيسين ڪه انهيءَ م حلات کي سندس ڀاتين سوڌو اڏائي وڃي آسمان تائين پهچائينداسين. ايندڙ جمعي ڏينهن ضرور اسان سان ملجو، جو اڳتي لاءِ ڪا ٻي وڌيڪ صلاح ڪرڻي آهي. خدا حافظ.

    اهو خط گونگو لکيل هو. نڪا مٿان عبارت هيس، نڪا هيٺان ڪا صحيح هيس؛ جنهن مان خبر پوي ته ڪنهن، ڪنهن ڏي لکيو. سلطان ته خط پڙهي کڻي کيسي ۾ وڌو؛ پوءِ ويٺو ڳڻتي ڪرڻ ته هن جو مطلب ڇا هوندو، ۽ اهڙو ڪاغذ خود منهنجي گهر جي اندر ڪيئن آيو هوندو! ڄاتائين ته يا ڪنهن جو بيخبريءَ کان ڪري پيو آهي، يا ته ڪنهن ڄاڻي واڻي منهنجي نظر تي آڻڻ لاءِ اتي ڦٽو ڪرايو آهي. باروت ۽ محلات جي اشارن مان هن کي دل جو خطرو به جاڳيو ته متان ڪن دشمنن ڪو منصوبو ڪيو هجي!

    هي ڳچ تائين فڪر ۾ رهيو، پاڻ ظاهر ڪرڻ به مناسب نه ڄاتائين. ۽ جلد سماءُ وٺڻ يا بندوبست ڪرڻ به ضرور سمجهيائين؛ تنهن ڪري پهريائين ته پاڻ حرمسراءِ جي اندر سڀني حرمخانن ۾ گهمڻ ويو ۽ هيڏي هوڏي جون جايون گهمي ڏٺائين، ته متان ڪا اهڙي خرابي جهڙي شئي لڪي پيئي هجي.

    اندر جي ماڻهن کي پاڻ حيرت ورتو، ته اڄ سلطان ڪيئن ڪنڊ ڪنڊ ڪري ٿو حويلي گهمي! پر سلطان ظاهر ڪيو ته محلاتن جي عمارتن ۾ ڦير گهير ۽ پڃ گهڙ ڪرائڻي اٿم، تنهن ڪري گهمي ٿو ڏسان. سو اهو ڏينهن ته سڄوئي هن کي انهيءَ ڪم ۾ گذريو، پر ڪوبه پتو نه پيس. شام جو مناسب ڄاتائين ته علي رضا بيگ سان انهيءَ باتب صلاح ڪريان، جو هن جي چالاڪيءَ ۽ ايمانداريءَ تي گهڻو ڀروسو هوس.

    علي رضا به خط ڏسي گهڻو ڊنو. پڪ ٿيس ته ڪا خرابي درپيش آهي، پر لفظن مان معلوم ڪيائين ته اها خرابي جي هوندي، ته گهڻن ڏينهن کان پوءِ ٿيڻي آهي، هڪڙي – ٻن ڏينهن ۾ ڪين ايندي. تنهن ڪري مخفي طرح جاچ ڪرڻ جو وقت پيو آهي، هن پاڻ سلطان کي صلاح ڏني ته اها ڳالهه ظاهر نه ڪجي، متان ڪنهن درٻار جي امير جو انهيءَ ۾ هٿ به هجي.

    علي رضا دل ۾ ڄاتو ته اهڙو ڪاغذ، جو حرمخاني جي اندر لڌو آهي، سو ضرور ڪنهن زال ماڻهوءَ جو به انهيءَ ۾ هٿ آهي. انهيءَ جاسوسپ لاءِ پاڻ ته مڙس ماڻهو ٿي جاچ ڪري سگهي، تنهن ڪري سلطان کي عرضءِ ڪيائين ته ”سائين! اجازت ملي ته منهنجي بيبي ڪي ڏينهن حرمسراءِ ۾ اچي رهي ۽ مخفي جاچ ڪري، ۽ آءٌ ٻاهر جاچ ڪندس؛ اميد آهي ته ڪو پتو ڪڍي ڏينداسين؛ ته پوءِ وري ڪا ٻي صلاح ڪنداسين.“

    ٻئي ڏينهن سوير زينت بانو اچي اندر ٿي، ۽ سندس لاءِ سلطان تاڪيد ڪري ڇڏيو، ته اسان انهيءَ بيبيءَ کي اندر رهڻ ۽ حرمن سان محبت ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي، تنهن جي چڱيءَ طرح سنڀال رهي ۽ هن کي پوري عزت ۽ آبرو ملي.“

    زينت بانوءَ کي مڙس سمجهائي ڇڏيو هو ته اندر وڇي سڀني زالن سان ، جهڙو سلطان جي بيبين سان تهڙو ٻين خدمتگارن حد کان وڌيڪ ميلاپ ۽ گهرائي رکج جنهن ڪري انهن سان ڳالهين ڪندي ڪا ٻاڦ ٻاهر نڪري پوي ته چڱو.

    زينت بانوءَ ڏاڍي استادي ڪئي: سلطان جي سڀني حرمن وٽ ويئي، انهن سان ڏاڍو ميلاپ رکيائين. هن جي تعريف اندر به پهتي هئي، ۽ خبر هين ته عزت واري امير جي زال آهي ۽ ڏاڍي هوشيار آهي، تنهن ڪري هنن پاڻ هن سان صحبت ڪرڻ جي گهڻي خواهش ڪئي.

    اٺن – نون ڏينهن جي گهرائي ۽ جاچ مان هن نيٺ پڪو پتو هٿ ڪيو. سلطان کي ٻن حرمن مان پٽ هئا، وڏو پٽ ڏاڏيءَ پوٽيءَ مان ۽ ننڍو پٽ ڪرد قوم جي هڪڙيءَ زال مان. ڪرد ماڻهو ايران جي سرحد تي هڪڙي جابلو پرڳڻي، ڪردستان جا رهاڪو آهن. هو گهڻو ڪري جهنگلي ماڻهو آهن ۽ ڦرمار تي به گذران ڪندا آهن. انهن ترڪستان جي سرحد تي لُٽ جي لاءِ ڪاهه ڪئي هئي. اڳيان ترڪي لشڪر سامهون ٿين، تن هنن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڪن کي ماري وڌائون ۽ ڪن کي قيد ڪيائون.

    قيدين ۾ ٻه – ٽي زالون به هيون، جي مڙسن سان گڏ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان وڙهيون هيون.انهن کي سلطان وٽ آندائون. انهن مان هڪڙي تمام جوان ۽ حسين ۽ همت ڀري هئي ۽ پرڻيل به نه هئي. انهيءَ جو نالو فتنه خانم هو. اُها سلطان کي پسند آئي. زال جي مرضيءَ پٺيان سلطان انهيءَ سان نڪاح ڪيو ۽ هن کي حرمسراءِ ۾ آندائين.

    هن سان ايتري دل ٿي ويس، جو ڪي ڏينهن ته ٻيا حرم ئي وسري ويس؛ انهيءَ مان هڪڙو پٽ به ڄائس.هن کي هتي رهئي ست – اٺ ورهيه گذري ويا هئا ۽ هن جي معرفت سندس خدمت لاءِ سندس قوم جون ٻه – ٽي زالون به اچي رهيون، ۽ ٻه – ٽي نوڪر به سلطان وٽ پگهاردار ٿيا.

    زينت بانوءَ کي اندر پنهنجي جاچ مان معولوم ٿيو ته هن زال جي سلطان جي وڏي گهر يعني ڏاڏي پوٽيءَ زال ساڻ گهڻي اڻبڻت هئي، جو هڪ ٻئي جو گهڻو شڪوو ڪندو ٻڌو هئائين.

    هيءَ به ڳالهه معلوم ٿيس ته هڪڙي ڪرد زال بيبي فتنه خانم کان ظاهر ڪري رُسي، اچي سلطان جي وڏي گهرواريءَ محلات ۾ رهي هئي، اُها پهرين ڏينهن ۾ اصل فتنه خانم ڏي ڪين ويندي هئي. پر پوءِ اڪثر پئي ويندي هئي، مگر رهندي انهيِءَ محلات جي هڪڙي پاسي واري ڪوٺيءَ ۾ هئي. ۽ سلطان جي وڏي بيبي به هن کي پنهنجي پهاڄ جو ماڻهو ڄاڻي، هن سان مهرباني ڪندي هئي. انهن مٿين ٻنهي ڳالهين تي زينت بانوءَ گهڻو ويچار هلايو، ۽ پنهنجيءَ پر ۾ باريڪ جاچ ڪرڻ لڳي جنهن جاءِ ۾ اها ڪرد ٻانهي رُسي اچي رهي هگئي. اتي ٿورن ڏينهن تائين رهڻ جي لاءِ زينت بانوءَ ارادو ڪيو. ظاهري عذر ڪيائين ته ”اها گوشائتي جاءِ آهي ۽ هوادار آهي، اتي آءٌ به پيئي رهنديس.“ اگرچه پهرئين ڏينهن انهيءَ ٻانهي کي زينت بانوءَ جو اتي رهڻ ڳرو لڳو، پر زينت بانو ته ڏاڍي خوشطبع ۽ ميلاپڻ هئي، تنهن هن کي پنهنجي سنگت ۾ خوش ڪري ڇڏيو.


    باب سترهون : منصوبو

    زينت بانو جنهن ڏينهن انهيءَ جاءِ ۾ آئي، انهي ڏينهن ڪچيءَ سومهڻيءَ جو پاڻ وڃي پنهنجي هنڌ تي ليٽي. ننڊ جي خمار ۾ هئي، ته ڏسي ته هڪڙي زال ٻاهران آئي ۽ هن ڪردن ٻانهيءَ سان آهستون ڳالهيون ڪري، پاسي واري ڪوٺي، جنهن کي ڏينهن جو ڪلف آيل هو، سا کولي اندر ويئي، وري ٿوريءَ ويرم کان پوءِ نڪري آئي ۽ وري به هن سان سس ڦس ڪري هلي ويئي.

    زينت بانوءَ ڀانيو ته ڪا حرمسراءِ جي ٻانهي آهي، جا اتي ايندڙ آهي، پر ساري هلت ڏسي، هن کي البت شڪ پيو، صبح جو اٿي جاچ ڪيائين: معلوم ٿيس ته انهيءَ پاسي واري ڪوٺيءَ مان هيٺ محلات جي تهخاني ڏي وڃن جو رستگو آهي. انهن ملڪن ڏي گهرن جي هيٺان تهخانن جوڙڻ جو دستور آهي، جتي سياري جي موسم ۾ رهڻو ٿيندو آهي. اها ڪردڻ ٻانهيءَ واري ڪوٺي به سياري ۾ کلندي هئي ۽ ڪم ايندي هئي، نه ته بند ٿي پيئي هوندي هئي.

    انهيءَ هنڌ جي هيٺان تهخاني هئڻ جي ڳالهه ٻڌڻ شرط زينت بانوءَ کي زياده شڪ پيو. انهيءَ سان راتوڪي زال جي اچڻ جو ڪوبه ذڪر نه چوريائين. مگرهن کي گهنتري ٻڌي چيائين ته ”مائي، مون ڪڏهن سلطان جو تهخانو ڪونه ڏٺو آهي، ڀلائي ڪري مون کي ڏيکاريندينءَ؟“ هن غذر وراڻيو ته ”بيبي! هنن ڏينهن ۾ اندر گرمي ۽ اونداهي هوندي، متان ڪا بلا ڀٽون نه هجي.“ ۽ ٻيون ڪي اهڙيون نٽائڻ جون ڳالهيون ڪيائين؛ پر زينت بانوءَ پنهنجو گهڻو شوق ڏيکاريو ۽ چيائين ته ”ڀلا، آءٌ سلطان جي وڏي بيبيءَ کي عرض ٿي ڪريان ته مون کي تهخانو گهمائي ڏيکارڻ لاءِ حڪم ڪري؟“

    اتي هن ٻانهيءَ ڏٺو ته هيءَ معتبر زال آهي، ائين سوچي، هلي ڪوٺيءَ جو در پٽيائين. ڪوٺيءَ مان وري هيٺ ڏاڪڻ هلي، سا اچي هيٺ تهخاني ۾ بيٺي. اندر انڌارو برابر هو، ليڪن معلوم ٿي سگهيو ٿي ته وڏي ڪشادي جاءِ آهي، جا خود محلات جي هيٺان گهڙي وئي آهي. هڪڙي پاسي کان اٽڪل ويهارو کن ڪاٺ جا پيپ بند پيل هئا ۽ اڀرندي پاسي کان وري تازو کوٽيل سوڙهو رستو موريءَ وانگي ٻاهر نڪتل ڏٺو ٿي، جتان ٿوري روشنائي به پئي آئي.

    زينت بانوءَ کي شڪ پيو ته گمنام خط ۾ باروت جو ذڪر هو، سو متان اهي پيپ يا باروت جا آهن. ويجهو چڪاس ڪرڻ مان معلوم ٿيس ته باروت ٿورو گهڻو هاريل به پيو هو، جو انڌاريءَ ۾ چٽو نٿي ڏٺو. هن کي پنهنجي جان جو به اچي خوف ٿيو، سو سگهوئي وري پٺتي موٽي.

    ٻاهر اچي انهيءَ زال کي چيائين ته ”مائي، مون ڀانڀيو ته بادشاهن جي تهخانن ۾ ڏاڍو ڪو اسباب پيو هوندو، پر هتي ته گهڻو ڪچرو پيو هو!“ ۽ پڇيائينس ته ”اهي پيپ ڇا جا هئا؟“ هن چيو ته ”خبر ناهي ڇاجا آهن، مون به تو وانگر ڏٺا، شايد ڪو بادشاهي سامان هوندو، جو وجهي ڇڏيو اٿن، وري جڏهن ڪم پوندن، تڏهن ڪڍندا!“

    خير، زينت بانوءَ ته ڳاله نٽائي ڇڏي، نڪي پڇيائين ته اندرين کوٽيل موري ڇاجي هئي ڪيئن ٿي، انهيءَ لاءِ ته متان ڪو شڪ پويس. هڪڙو – ٻه ڏينهن ٻيو به رهي نڪري آئي.

    پڪ ٿيس ته جنهن ڳالهه جي پٺيان هيس، تنهن جو پتو پيم ۽ اها شيءِ به لڌيم، مگر هيٺين ڳالهه جي اڃا صفائي ڪانه ٿي ته اها زال رات جو ڪير آئي هئي، جا انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ويئي ۽ اهي باروت جا پيپ اندر محلات جي پيٽ ۾ ڪيئن آيا ۽ ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جو اندر يا ٻاهر واسطو آهي، اهو خط جو لڌو، سو ڪنهن جو هو ۽ ڪيئن اتي آيو.

    هن جيڪو پتو هٿ ڪيو هو، سو اچي مڙس کي ٻڌايائين علي رضا ڏاڍو خوش ٿيو. سلطان سان خلوت ڪيائين، هن کي سڄو حال ڏنائين ۽ چيائين ته ”منهنجي بيبيءَ ايترو حال معلوم ڪيو آهي، باقي ٻاهر جو ڪم، سو مون تي آهي، پاڻيهي آءٌ ڪندس.“

    سلطان کي عرض ڪيائين ته ”قبلا! خدا جي مهربانيءَ سان هيتري ڳالهه معلوم ٿي ته انهيءَ تهخاني ۾ باروت گڏ پئي ٿيو آهي، انهيءَ لاءِ ته ٺهرايل وقت تي انهيءَ کي باهه ڏيئي، محلات کي اڏائي ڇڏين ۽ سائين جن جي دشمنن کي آل عيال سوڌو ناس ڪن؛ ڪهڙن ماڻهن جو اهو ڪم آهي، سو جاچ ڪري پوءِ عرض ڪرڻ ۾ ايندو، في الحال اڳ ڳڻتي ڪري انهيءَ جي نظر رکائجي يا انهيِءَ کي بند ڪرائجي ۽ ايتري به خبرداري رکجي ته اها ڳالهه ڳجهي رهي، ظاهر نه ٿئي ته ڀلي ڏوهاري به هٿ اچي وڃن.“

    سلطان اها خبر ٻڌي، گهڻو خوش ٿيو ۽ علي رضا ۽ خصوصاََ سندس بيبيءَ جو شڪرگذار ٿيو ۽ هن کي آفرين ڪيائين ۽ دلاسو ڏنائين ته ”سگهوئي آءٌ اوهان کي انهيءَ نمڪ حلاليءَ جو انعام ڏيندس.“

    علي رضا جي صلاح سان سلطان يڪدم هڪڙي نه ٻئي عذر سان انهيءَ ڪردن ٻانهيءَ کي ڪڍائي، سندس ڌياڻيءَ فتنه خانم ڏي موڪليو ۽ انهيءَ تهخاني جي دروازي کان ڪوٺيءَ ۾ ٻيا پنهنجا ماڻهو ويهاريائين، جن تي اعتبار هوس. تهخاني مان جو ٻاهرموريءَ واري رستي جو ڏس مليو هوس، تنهن جي پنهنجيءَ پر ۾ جاچ ڪرائي معلوم ڪيائين ته ڪوٽ جي اوڀارين ڀت جي ٻاهران ٿورو ويجهو هڪڙو سڃو گهر هو، جنهن مان زمين کوٽي محلات ڏي موريءَ جهڙو رستو ٺاهيو هئائون.

    اهو گهر ڏينهن جو بنديل رهندو هو،تنهن ڪري آسانيءَ سان اهڙي جاچ ڪئي ويئي. سلطان انهيءَ هنڌ زياده پهرو رات – ڏينهن جو رکارايو؛ پراها سڄي رٿ اهڙي تجويز سان ڪئي ويئي، جو اندر يا ٻاهر ڪنهن کي به گمان ڪونه پيو، ته تهخاني ۾ ڪو باروت لڌو آهي ۽ جيڪي دشمن انهيءَ ڪم ۾ شامل هئا، تن کي به پوريءَ سنڀال رهڻ ڪري اوستائين وڃڻ جو وجهه ڪونه مليو.

    اهو بندوبست پورو رکائي، علي رضا سلطان کي هڪڙي ٻي رٿي ڏني: عرض ڪرڻ لڳو ته ”سائين! اوهين سڀاڻي ڪنهنه عذر سان ظاهر ظهور مون تي رنج ٿي مون کي درٻار مان لوڌائي ڪڍيو ۽ نوڪريءَ کان برطرف ڪري ڇڏيو، جو انهيءَ ڪري پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي اوهان جا دشمن هٿ ڪرڻ ۽ انهن سان دوستي رکڻ سولي ڳالهه ٿيندي. پوءِ اگرچه انهيءَ ۾ جان جو به جوکو آهي، پر جي بادشاه سلامت هجي ته رعيت مٿانس قربان آهي.“

    اگرچه سلطان کي ائين ڪرڻ اهنجو ٿي لڳو، تڏهن به هن پنهنجو امير جو مطلب چڱيءَ طرح پروڙيو ۽ هن جي چئي تي هلڻ لاءِ ڪم ٻڌائين.

    ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن درٻار گڏ ٿي، تڏهن سلطان سڀني جي اڳيان علي رضا کي سڏي ناشائستو ڳالهايو ۽ ڪاوڙ ڪيائينس ۽ چيائينس ته ”ٻاهرين حڪومتن جون هيتريون ضروري لکپڙهون تنهنجي حوالي ڪيون ويون هيون ۽ توکي تاڪيد ڪيو ويو هو ته انهن جو جلد نيڪال ڪر، پر تو ڄاڻي واڻي انهيءَ ۾ دير وڌي ۽ انهيءَ ڪري اسان جي دشمنن کي پنهنجي مطلب پوري ڪرڻ جو وجهه مليو، جو هو اسان جي سرحدي ڀاڱن ۾ پيا دل ڪن ۽ اسان کي معلوم ٿيو آهي ته تنهنجي انهن سان ڪا رساڪاري آهي ۽ اسان ڏي تون سچو نه رهيو آهين، انهيءَ ڪري تون وڏيءَ سزا جو لائق آهين، پر جڏهن هيترا ڏينهن نوڪري ڪئي اٿئي ۽ انگريز سرڪار جي معرفت اسان وٽ آيو آهين، تڏهن اسين توسان ٻيو نٿا ڪريون، حڪم ٿا ڏيون ته يڪدم اسان جي درٻار مان نڪري وڃ، اڳتي اسان جو نوڪر ناهين.“

    علي رضا ڪڇيو ڪين، ماٺ ڪري سر نوائي هليو ويو. حاضر اميرن مان گهڻن علي رضا جي تعريف ۽ سفارش ڪئي، پر سلطان قبول نه ڪئي. سڀني کي هن اوچتي خراب اتفاق ڪري ڏاڍو ارمان ٿيو. ههڙي مشهور امير جي بيعزتيءَ جي خبر جهٽ چوڌاري پکڙجي وئي.

    انهيءَ جو وجهه ڏسي علي رضا زينت بانوءَ کي پُٽ جي پارت ڪري پاڻ سفر تي سنڀريو. هن کي هيتري پڪ ٿي هئي ته انهيءَ منصوبي ۾ ڪرد ماڻهو شامل آهن؛ ڇالاءِ جو زينت بانوءَ کان هن کي معلوم ٿيو هو ته فتنه خانم ڪردڻ جي سلطان جي وڏي بيبيءَ سان دشمني آهي ۽ ٻيو ته تهخاني واري ڪوٺيءَ ۾ هوءَ ڪردن رهندي هئي، جنهن جو پڻ انهيءَ ڪم ۾ بيشڪ هٿ هو، ٽيون ته ڪوٽ جي ٻاهران سُڃي جاءِ هئي، جنهن مان اندر محلات ڏي سرنگهه جو رستو نڪتل هو. انهيءَ مان به معلوم ٿيو ته اڪثر سلطان جا ڪردين وڪر رهندا هئا ۽ اهي ڪرد وقت بوقت سلطان کان موڪلائي پنهنجي وطن ايندا ويند اهئا؛ تنهن ڪري علي رضا به آسانيءَ سان انهن ڪردن نوڪرن جي واهر سان استنبول ڇڏي ڪردستان ڏي آيو.

    هنن کي پڪ هئي ته هن کي سلطان بيعزتي ڪري ڪڍيو آهي، سو ضرور سلطان جي برخلاف هوندو ۽ هيءُ به ظاهر ظهور ڪوڙ ڪري سلطان کي اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳو. انهيءَ رستي هي هنن سان ملي ويو.

    هي ابروءَ وارو ماڻهو هو، تنهن جي هنن گهڻي خاطري ڪئي. هو پاڻ خوش ٿيا ته هي اسان جو گهڻو مددگار ۽ صلاحڪار ٿيندو. تن هوريان هوريان پنهنجي سڄي منصوبي مان هن کي واقف ڪيو. چيائونس ته :”اسين سڀ فتنه خانم جي طرف جا آهيون، اسان مان گهڻا ته هن جا عزيز آهن. راڻيءَ سان سلطان جي گهڻي دل آهي ۽ منجهانئس هڪڙو پٽ به اٿس. مگر سلطان کي پهرئين حرم مان وڏو پٽ آهي،تنهن ڪري سلطان کان پوءِ تخت انهيءَ کي ملندو، انهيءَ سان اسان جي راڻيءَ جيگ هڻي اڻبڻت آهي. تنهنڪري هن جي اشاري سان اسان رٿ ڪئي آهي ته بادشاه کي سندس وڏي راڻيءَ ۽ وڏي پٽ سوڌو کپائي ڇڏيون ته پوءِ ضرور تخت اسان جي راڻيءَجي پٽ کي ملندو ۽ بادشاه جي مرڻ جي ڪري جلد اهو ملندو. اهو شهزادو اڃا ته صغير آهي، تنهنڪري جيسين وڏو ٿيندو، تيسين حڪومت جي واڳ راڻيءَ جي هٿ ۾ رهندي،. پوءِ اسين سڀ چڱي حال ۾ گذارينداسين ۽ اسان کي يقين آهي ته جهڙي امير کي راڻي فتنه خانم پنهنجو اڳوڻو درجو ڏيندي، خاص جڏهن ٻڌندي ته تو اسان سان ڏاڍي مددگاري ڪئي آهي.“

    علي رضا چيو ته آءٌ راڻي تان قربان آهيان. اهڙي بيقدر سلطان جي نه هئڻ ۾ آءٌ گهڻو خوش آهيان. اوهان جي صلاح مون کي گهڻو پسند آهي. مون کان جيڪي پڄي سگهندو، سو آءٌ ڪندس ۽ جيڪو ڪم اوهين مون تي رکندؤ، انهيءَ جي پورائيءَ لاءِ ڪوشش ڪندس، پوءِ جيڪا خدا گهري هوندي، سا ٿيندي. مگر اوهين مون کي ٻڌايو ته سهي ته ڪهڙيءَ طرح بادشاهه ۽ سندس راڻي ۽ پٽ کي کپائڻ جي رٿ ڪئي اٿو؟“

    هنن چيو ته ”سلطان جي وڏي حرم واري محلات، ڪوٽ جي ٻاهرينءَ ڀت کي ويجهي آهي، انهيءَ ڀت جي ويجهو ٻاهران ڪردن جي اوطاق آهي، انهيءَ مان زمين جي هيٺان کوٽي کوٽي اسان انهيءَ محلات جي تهخاني تائين سرنگهن سان رستو جاري ڪيو آهي، جڏهن سج لهي انڌيرو ٿيندو آهي، اسين هتان هُتان داروءَ جا پيپ سودي، انهيءَ اوطاق ۾ گڏ ڪندا آهيون. اها موري اهڙي لاهين آهي، جو سندس منهن تي پيپ کڻي رکي ڌڪيون ته هيٺ وڃيو ٺڪاءٌ ڪري ۽ تهخاني کي وڃيو ويجهو پوي. وري ٻن – ٽن ڇوڪراٽن کي زنانا ڪپڙا ڍڪائي، سانجهيءَ جي ويل سلطان جي ڪردي ٻانهين سان گڏي اندر موڪليندا آهيون، جي اندر تهخاني ۾ گهڙي، اُهي پيپ گهلي، تهخاني ۾ سلطان جي محلات جي هيٺان رکي ايندا آهن. اسان انهيءَ ڪم ۾ ٻه مهينا پورهيو ڪيو آهي ۽ اڃا مهيني کن جو ڪم آهي. اهڙيءَ طرح محلات کي هڪڙي ڌڪ سان اڏائي ڇڏڻ لاءِ به ملڪ جو باروت گهرجي. جڏهن تهخاني جو گهڻو ڀاڱو ڀرينداسين، تڏهن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي، رات جو انهيءَ کي باهه ڏينداسين ته پوءِ رقم ئي پوري! صبح جو هلي نئين ڪارخاني تي بيهنداسين.“

    علي رضا اها ڳالهه ٻڌي ڍونگ ڪري حيرت ۾ پئجي چيو ته ”يارو! آفرين آهي اوهان شينهن مڙسن کي، جن ههڙو ديون جهڙو پورهيو ڪيو آهي. خدا ڪندو ته اوهان کي انهيءَ پورهئي جو جلد اُجورو ملندو. هاڻي مون تي به جيڪو ڪم رکو، سو ڪريان؟“

    هنن چيو ته ”تون اسان جو وڏو مربي آهين، سايتن توکي کڻڻ اپائڻ جهڙي خسيس ڪم ۾ ڪين لڳائينداسين. جڏهن سڀ ڪم ڪار تيار ٿيندو، تڏهن توکي اڳڀرو هتان هلائينداسين ته رات جو باهه ڏيارڻ جو بندوبست پورو رکائين.“ هن گهڻي خوشيءَ سان قبو ل ڪيو.

    ائين ڪندي هڪڙو ڪرد سوار استنبول مان آيو، جنهن کي هنن ٻه ڏينهن اڳي اوڏي موڪليو هو، تنهن کان پڇيائون ته ”ڪاڪا، ٻيو ته خير آهي؟“ هن چيو ته ”ٻيو سڀ خير آهي. ظاهري ڪري ته اسان جي رٿ جي ڪنهن پکيءَ کي به خبر ڪانهي، باقي محلات جي چوڌاري سو اڳي کان پهرو زياده آهي ۽ اندران به تهخاني ۾ وڃڻجو رستو بند آهي، جو ڪنهن سبب ڪري اسان جي ماڻهوءَ کان اها ڪوٺي ڇڏائي،ٻئي هنڌ ويهاريو اٿن.“

    هنن پڇيس ته :”اسان جي سنگتي پهلوان خان کان اسان جي ڪاغذ جو جواب آندءِ؟“

    هن چيو ته ”پيپ صحيح سلامت اندر وڃي اوطاق مان هيٺ داخل ڪياسين. پوءِ آءٌ پاڻ به اندر ويو هوس، تهخاني ۾، جو پيپ ڌڪي وڃي گڏ ڪيم. مگر اهو ڪاغذ ڪٿي وٺ – پڄ ۾ ڪيرائي ڇڏيم، ڀانيان ٿو ته پيپن گهليندي اندر تهخاني ۾ ڪري پيو!“

    هنن چيوته ”جيسين اسان کي پڪ نه ڏيندين ته ڪاغذ ٻاهر نه رهيو، تيسين اسين سمجهنداسين ته ضرور اسان جو هيترن ڏينهن جو پورهيو ڪُٽ ٿيندو.“ پر هن پڪ ڏنين ته ضرور اتي ڪريو آهي.“

    هڪڙي ٻئي چيو ته ”ادا! جي ڪنهن لڌو ته منجهس ڇا لکيل آهي، ڪو نالو ڪو نشان، ڪنهن کي کڻڪ ئي ڪانه هوندي ته پوءِ ڇا سهي ڪري سگهندو. خدا ڪندو ته سڀ خير ٿيندو.“

    اتي علي رضا کي پڪ ٿي ته سلطان کي جيڪو خط هٿ لڳو هو، سو اهو هو، جو انهيءَ جوان زناني ويس ۾ رات جو اندر ٿي نيو ۽ رستي ۾ ڪري پيس، پر هو ٿي سمجهي ته اندر ڪريو.

    خير، هنن في الحال ٻيا پيپ سودڻ بند ڪيا ۽ ٻيو هڪڙو ماڻهو سماءَ تي موڪليائون ته جاچي اچي ته اوطاق تائين وڃڻ يا پيپن نيڻ جو وجهه آهي يا نه ۽ اندر وڃڻ جو ڪو اپاءُ آهي يا نه” اٺن ڏينهن کان پوءِ هو وري آيو؛ اچي ظاهرڪ يائين ته ”اندر وڃڻ جو رستو بند آهي. جي ڪنهن عذر سان وڃبو ته به شڪ پوڻ يا ڳالهه ظاهر ٿيڻ جو ڊپ آهي. باقي ٻاهرينءَ اوطاق ۾ پنهنجي سر اچي وڃي سگهجي ٿو، مگر پيپن جهڙي شيءِ آڻڻ ۽ نيڻ هيڏي پهري جي اندر مشڪل آهي.“ ۽ هيئن به چيائين ته ”راڻي فتنه خانم چوائي موڪليو آهي ته چنڊ جي پهرينءَ تاريخ کان وٺي، ٽي ڏينهن برابر سلطان جو وڏي حرم وٽ رهڻ جو وارو آهي. اوهان کي ڪا ٻاڻي هجي ته ٻاريو، متان دير پوڻ ڪري وڌيڪ مشڪلات نه درپيش اچي.“

    هي پيغام ٻڌي، سڀ اچي گڏ ٿيا ۽ صلاح ڪرڻ لڳا. ڪن جي صلاح هئي ته ”گڏ ٿيل باروت شايد پورو نه پوي ۽ ساري رٿ فيصل نه ٿئي، تنهن ڪري بهتر آهي ته ٻه – ٽي جوان ڇڏجن ته وجهه ڏسي، وڃي ترار سان ڪم نباهين.“ پر انهيءَ ۾ هڪڙو ته ائين ڪرڻ وارا پنهنجا سر سهسائين، ٻيو وري اها مشڪلات هئي ته جن ٽن ڄڻن کي شڪار ڪرڻ لاءِ سنبريا، تن کي گڏ ڪيئن پورو ڪن، جو اندر حرمسراءِ ۾ وڃڻ ۽ اهڙو ڪم ڪرڻ بلڪل اهنجو هو.

    علي رضا صلاح ڏني ته ”جيترو باروت اوهين چئو ٿا ته گڏ ٿيو آهي، سو جي چڱي طرح سوڙهو ڪري بند رکبو ۽ دکائبو ته انهيءَ کان به وڏي محلات کي اڏائي ڇڏيندو، تنهن ڪري بهتر آهي ته دير نه ڪجي، رٿ ڪري ڪو ڏينهن مقرر ڪري، انهيءَ مال مان پورائي ڪجي. جي فتح ٿي ته بس، نه ته وري ترار سان مارڻ جي يا ڪا ٻي رٿ پوءِ ڪبي. جي اسان جو بندوبست پورو هوندو ته ڪنهن کي خبر ڪانه پوندي ته اها حرڪت ڪنهن ڪئي، پوءِ وري به اسان کي صلاح مصلحت ڪرڻ کان جهليندو ڪو ڪونه.“

    هنن سڀني رايون ورتيون، غلبي راءِ علي رضاجي رٿ ۾ ويئي، تنهن ڪري سڀئي الله اڪبر چئي اٿيا. ٺهراءُ ڪيائون ته چنڊ جي پهرينءَ تاريخ اتي گڏ ٿجي ۽ ٻيءَ تاريخ رات جو اڌ رات مهل اندر باهه لڳائجي. هي پاڻ ۾ گهڻا ڄڻا هئا. سي سڀ ته انهيءَ اوطاق ۾ وڃي نه سگهن، تنهن ڪري صلاح ڪيائون ته ڏهاڪو ڄڻا هڪڙو – ٻه ڪري اڻ لکا وڃي اوطاق ۾ ظاهر ٿين، باقي ٻيا شهر جير لشڪري قهوه خاني جي اتر ۾ جا سراءِ آهي، سا هلي والارين، جو انهيءَ حادثي گذرڻ بعد سڀئي اچي اتي گڏ ٿين.

    هيءُ به ٺهراءُ ڪيائون ته انهن ڏهن ڄڻن مان هڪڙو – ٻه اندر وڃي پيپ ٽوڙي، باروت جي ناڙي اوطاق تائين آڻي ڇڏين، جو انهيءَ کي دکائڻ سان باهه اها ناڙي ڏيئي، ڊوڙي وڃي اندر باروت جي انبار کي لڳي.

    علي رضا پاڻ تي اهو ذمو کنيو ته ”ٻيا سنگتي سڀ وڃي گڏ ٿي پنهنجن جاين تي ويهن. آءٌ ٻه – ٽي ڏينهن اڳي شهر ڏي هلندس، واءٌ سواءُ پيو لهندس؛ انهيءَ رات سنجهي مان ڪردن واريءَ اوطاق ۾ ايندس، پوءِ اڌ رات جو هو ڪم شروع ڪنداسين. اوهين سڀ اشاري وهيڻا ويٺا هججو.“ انهيءَ صلاح تي سڀ ڪمر ٻڌي سانباهو ڪرڻ لڳا.

    چنڊ جي پهرين تاريخ به اچي ويجهي ٿي. علي رضا ٻه – ٽي ڏينهن اڳي روانو ٿيو. هن اچي ڳجهيءَ طرح سلطان کي مبارڪ ڏني ته ”منهنجي محنت خدا صاب وڌي، خدا تعاليٰ اوهان جو سر بچائيندو ۽ اوهان جي دشمنن جو خانو خراب ڪندو.“ پوءِ ته پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌايائينس.

    تنهن کان پوءِ رٿ ڪيائون ته برجستو لشڪر پيادن ۽ سوارن جو تيار رکجي، جو انهيءَ ”مقرر ڪيل رات“ جو سنجهو ٽاري، هڪڙي ٽولي وڃي اوچتو ڪردن جي اوطاق ۾ پوي ۽ ٻي قهوه خاني جي ڀر واريءَ سراءِ ۾، ۽ جيڪي ماڻهو اتي حاضر هجن، انهن کي گرفتار ڪري، جو اهي سڀ انهيءَ منصوبي ۾ شامل آهن.

    سلطان اهڙي خوفناڪ منصوبي جو ذڪر ٻڌي ۽ ان جي خراب نتيجي تي خيال ڪري ڏڪي ويو ۽ اهڙي بلا سر تان ٽريل ڏسي، خدا جو شڪرانو ڪيائين ۽ علي رضا کي آفرين ڪيائين.

    آخر چنڊ جي ٻي رات آئي، جنهن کي انهن فسادين پنهنجي گفتگو ۾ حشر جي رات پئي سڏيو. انهيءَ حشر جي رات، سڀ فسادي، ڪيل انجام موجب ٺهرايل جاءِ تي اچي گڏ ٿيا. اوطاق وارا ڪرد علي رضا جي لاءِ منتظر ويٺا هئا. ڪن پئي ماني کاڌي، ڪن پئي اشارن ۽ پرولين ۾ هڪٻئي سان انهيءَ خوفناڪ واردات جا چرچا ڪيا.

    خبر تڏهن پيئي، جڏهن سرڪاري سوار ۽ پيادا اوچتو وڪوڙي وين. يڪدم اندر ڪاهي پيا ۽ سڀ ماڻهو قيد ڪري وڌائون. هڪڙو به ڪونه ڀڄي سگهيو. هو سامهان ٿيا سهي، پر تراريون ۽ بندوقون ساڻ نه هين، جو هنن کي ڪنهن لڙائيءَ جو خيال به ڪونه هو. جن وٽ وري هيون، تن انهيءَ مهل ڪنڊ پاسي رکي ڇڏيون هيون، جنهنڪري هو آسانيءَ سان وٺجي پيا.

    يڪدم محلات جي چوڌاري پهرو بيهي ويو، ۽ انهن فسادين کي آڻي قيد خاني ۾ زنجير وجهي سوڙهو ڪيائون ۽ مٿن سخت پهرو بهاريائون. انهيءَ دم راڻي فتنه خانم ۽ سندس ڪردي زالن کي توڙي مڙسن کي به جدا جاءِ ۾ پهري هيٺ بند ڪيائون.

    شهر ۾ غلغلو پئجي ويو. ساري رات ماڻهن ننڊ ڪانه ڪئي، انهيءَ واقعي جي پچار هئي. صبح ٿيو، دستوري پڇا ڳاڇا هلي، تهخاني کي کوليائون ۽ اندر قهر جو باروت هٿ لڳو. سرنگهه هلي ڪردن جي ٻاهرينءَ اوطاق تي بيٺي.

    انهن فسادين تي مقدمو هليو، مٿن ڏوهه ثابت ٿيو، فتوا ملي ته انهن سڀني کي توب جي منهن ۾ ڏجي، زالن کي شهر نيڪالي ڏيئي روانو ڪجي ۽ راڻي فتنه خان کي طلاق ڏيئي، وري جهڙي قيدڻ هئي، اهڙي ڪجي. باقي هن جو پٽ، اڃا صغير آهي ۽ بي قصور آهي، نتهن کي الڳ ڪري انهيءَ جي خلاصي تعليم جو بندوبست ڪجي.

    نيٺ انهيءَ فيصلي جي تعميل ٿي، جن فسادين سلطان ۽ سندس راڻي ۽ پٽ لاءِ جو باروت سنبرايو هو، تنهن سان اهي پاڻ اڏامي ويا، ۽ جن انهيءَ ڪم ۾ واهر ٿي ڏني، سي به آخر سزا ياب ٿيا.


    باب ارڙهون : وڏن وٽ

    جڏهن اهو وڏو واقعو خير سان پورو ٿيو، تڏهن سلطان هڪڙي خاص دربار گڏ ڪئي، جنهن ‎ ۾ هن علي رضا بيگ افندي ۽ سندس بيگم جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ چيائين ته ”هن اسان جي جان بچائڻ لاءِ گهڻو مٿو هنيو آهي، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي اٿن، تنهن ڪري اسين هنن جا گهڻو شڪرگذار آهيون. ۽ اڳي جو اسان علي رضا بيگ افنديءَ کي دربار مان لوڌي ڪچيو هو ۽ ڪاوڙجي نوڪريءَ مان خارج ڪيو هو، سو فقط وقت، صلاح ۽ تجويز لاءِ ۽ سندس مرضيءَ پٺيان. اسان کي اميد آهي ته جيڪي اسان جا رعيتي ماڻهو ۽ نمڪخوار آهن، سي به هن امير وانگي پنهنجي نمڪحلالي ڏيکاريندا.“

    انهيءَ تعريف ڪرڻ کانپوءِ هن علي رضا کي اميريءَ جي وڏي درجي تي آندو ۽ انعام اڪرام ڪيائين، وڏي درجي جا نشان ۽ ٻلا عطا ڪيائين ۽ ”مقرب السلطان“ جو لقب ڏنائينس.

    تنهن کانپوءِ حڪومت جي سڀني ڪمن ۾ هن جي راءِ پڇي ويندي هئي، ۽ سڀ ڪم تي هن جي اهڙي نظر هوندي هئي، جو انهيءَ ڪري ڪيترا ڏينهن حڪومت جو سارو ڪارخانو سانت ۽ صلح سان پئي هليو، ۽ هر طرح جو سڌارو ملڪ ۾ پئي ٿيو. وري خوشمزاج ملنسار ۽ خليق اهڙو جو جن ٻين اميرن کان چڙهي مٿي آيو هو، تن سان به اهڙي دوستي رکيو آيو، جو اُهي به مٿانئس سر گهوري بيٺا هئا، ۽ ذرو به مٿس حسد نٿي نيائون. هينئر علي رضا وڏي اوج تي هو. مسلماني بادشاهيءَ ۾ بادشاهه کان گهٽ جيڪو وڏو درجو هو، سو هاڻ هن کيد هو. وڌيڪ جي هن کي اميد به ڪانه هئي. انهيءَ وزيريءَ جي عهدي تي هو پنج ورهيهه رهيو.

    انهيءَ عرصي ۾ هو ٻه ڀيرا وڇي زال.، ماءُ ۽ دائيءَ سوڌو حج به ڪري آيو،جو اتان مڪو ۽ مدينو سڻاوا هئا، ۽ اڪثر سلطان جا امير سال بسال اوڏي ويندا هئا. پويون حج ڪري رهيا هئا،تنهن کان پوءِ اڃا مديني ۾ ئي هئا، ته علي رضا جي ماءُ جان بيبي، جا هاڻ اچي ٻڍي ٿي هئي، تنهن وفات ڪئي، انهيءَ کي هنن اُتي دفن ڪيو.

    انهيءَ ماءُ جي لاءِ علي رضا توڙي زينت بانو ۽ مريم کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ڀلا انهيءَ سان سفرن ۾ هنن جي سنگت هئي، وڏو مائٽ هئي، گهرجي لاءِ وڏي آڌر هئي، هن پنهنجي اولاد جي لاءِ گهڻوئي ڪيو ۽ سندس اولاد نيٺ صالح ٿيو ۽ وڏي درجي کي پهتو، ۽ پٽ جو اولاد اکين سان ڏٺائين، سي وڃي پنهنجيءَ وارا به ٿيا. خدا هن جا سڀ مطلب پورا ڪيا، خدا هن جون سڀ مرادون پڄايون. هيءَ پاڻ ديندار ۽ نيڪ زال هئي،تنهن جي نيٺ پڇاڙي سُرهي ٿي، ۽ مئي کان پوءِ به چڱي ۽ پاڪ جاءِ نصيب ٿيس.

    علي رضا، يا جنهن کي هاڻ حاجي علي رضا بيگ افندي، مقرب السطان، وزير ڪل ممالڪ دخليه و خارجيه وغيره ڪري سڏيندا هئا، تنهن کي هميشه هڪڙي آرزو دل ۾ هوندي هئي، جنهن لاءِ هو پيو خيال پچائيرندو هو؛ هن کي خبر هئي ته منهنجو پيءُ علي نواز خان اصل ترڪ هو ۽ سندس پيءُ ترڪستان جي سرحد واري پرڳڻي جو رئيس هو، جو جڏهن روس ۽ ايران جي لڙائيءَ ۾ ماريو، تڏهن ايرانين پڻس علي نواز خان کي غلام ڪري وڪيو هو، جتي سانگو ڏسي حاڪمن جي مهربانيءَ جي ڀروسي تي رهي پيو ۽ وطن وسري ويس.

    جڏهن اڃا اميريءَ جي درجي تي هو، تڏهن علي رضا جي مرضي هئي ته ڪوشش ڪري پنهنجو اصلوڪو وطن وڃي ڏسان، ۽ جي ٿي سگهي ته پنهنجي پيءُ جي ڪن عزيزن کي ڳولي لهان. پر هڪڙو ته هن اڃا ڳالهه پنهنجي پيءُ جي غلاميءَ ۽ خواريءَ جي شرم کان ڪنهن سان نه ڪئي هئي، ۽ ٻيو وري اهو پرڳڻو روس جي بلي هو، تنهن ڪري اتي وڃڻ گهڻن سببن ڪري هن کي مناسب نٿي آيو.

    آخر شوق جي گهڻائي کان هن هڪڙي ڀيري سلطان سان ڳالهه چوري ۽ مختصر طرح ٻڌايائينس ته ”منهنجو ڏاڏو اصل ترڪ هو ۽ روس واري سرحدي پرڳڻي جو رئيس هو، ۽ منهنجو زماني جي تفرقي ڪري اتان نڪري اچي سنڌ ۾ رهي پيو هو، جتي آءٌ پاڻ پيدا ٿيس ۽ جتي هن وفات ڪئي. منهنجي دل جي مرضي آهي ته آءٌ پنهنجو اصلوڪو وطن گهمي ڏسان، سو مون کي ڪي مهينا رخصت ملي؟“

    سلطان اها ڳالهه ٻڌي خوشي سان قبول ڪئي، پاڻ جيڪا ضروري مدد گهربل هيس سا ڏنائينس، ۽ جڏهن ته اها روس جي حد هئي، تڏهن سندس نسبت ۾، اهڙو خط به اطلاع لاءِ روس جي شهنشاه ڏي موڪليائين، جنهن انهن سرحدي پرڳڻن ۾ حڪم پڌرو ڪرائي ڇڏيو هو ته ”سلطان جو فلاڻو وڏو امير گهمڻ اچي ٿو، تنهن کي حرڪت ڪانه پهچي.“

    انهيءَ بندوبست سان هي پنهنجي بيبي ۽ دائيءَ سوڌو انهيءَ سفر تي نڪتو. ساڻس ڪي خدمتگار ۽ سرڪاري ماڻهو به هئا. آخر سرحد وارا جابلو ملڪ جهاڳي، انهن پرڳڻين ۾ آيو.

    جيڪا پيءُ جي يادگيري هيس ۽ جيڪو احوال تاريخن پڙهڻ مان معلوم ٿيو هوس، تنهن جي ڀيٽڻ کان پوءِ هن کي خبر پئجي سگهي ته ڪهڙي سال ۾ اها ايران ۽ روس واري لڙائي ٿي هئي، جنهن ۾ سندس ڏاڏو، جو رئيس هو، سو روس جي لشڪر سان گڏ ايرانين سان لڙيو هو ۽ مارجي ويو هو. هو انهيءَ بابت پڇا ڪرڻ لڳو.

    جيڪي ماڻهو انهن پرڳڻن ۾ پير مرد ۽ پڙهيل هئا، تن کان هن کي معتبر احوال ملندو ويو.

    انهيءَ هنڌ ڌاري پنج – اٺ اهڙا به پرڳڻا هئا، آخر هڪڙي ۾ هن کي پڇا ڳاڇا سان معلوم ٿيو، ته سندس پيءُ واري ڳالهه ملي آئي. تڏهن پڪ ٿيس ته انهيءَ پرڳڻي جو رئيس سندس ڏاڏو هو.

    پوءِ پڇا ڪرڻ لڳو ته ”انهيءَ رئيس جي اولاد مان ڪو آهي؟“

    ٻڌايائونس ته ”اهو پاڻ ته وڏي پٽ سوڌو لڙائيءَ ۾ مارجي ويو، باقي سندس زال ۽ ننڍو پٽ قيد ٿي ايران ڏي ويا، جتان وري نه موٽيا. پوءِ سندس گاديءَ تي سندس ننڍي ڀاءُ کي ويهاريائون، جو پڻ سگهوئي اهڙيءَ هڪڙي لڙائي ۾ وڙهندي مري ويو. انهيءَ جو پٽ وري سندس جاءِ تي ويٺو، جو اڃا تائين انهيءَ پرڳڻي جو رئيس آهي، جنهن جو نالو عمردراز خان آهي.“

    انهيءَ کي ڏسڻ علي رضا اٿي هليو. پڇائي وڃي اتي پهتو. هي جابلو ملڪ هو، تنهن ۾ ڪو شهرن جهڙو بندوبست رکيل نه هو. جهڙيءَ طرح ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ٿيندا آهن، جي راڄ ڪري ويهندا آهن، ۽ راڄ هڪڙو وڏيرو يا چڱو مڙس هوندو آهي، انهيءَ جي چئي چائي ۾ رهندا آهن، ۽ پاڻ هنن سان مليو پيو گذاريندو آهي، تهڙيءَ طرح هنن جو بندوبست به هو.

    هي وڃي رئيس عمردراز خان وٽ نڪتو. هن هن کان خبرون چارون پڇيون. هن چيس ته ”آءٌ سلطان جو هڪڙو امير آهيان، هن جابلو پرڳڻن جي آبهوا جي تعريف ٻڌي سير تي نڪتو آهيان.“

    عمردراز کي ٻين رئيسن وانگي روس جي شهنشاهه جو اطلاع مليل هو، تنهن هن جي گهڻي آڌرڀاءُ ڪئي، ۽ سندس حد ۾ جيڪي چڱا چڱا باغ، جبلن جون واهيون، نيون ۽ ٻيون اهڙيون ڏسڻ جهڙيون جايون هيون، سي هن کي گهمائي ڏيکاريون ويون. پوءِ هڪڙي ڏينهن ماني کائي، پاڻ ۾ ويٺي صحبت ڪيائون، ته گذريل وقت جي ڳالهه اچي چري، ايران ۽ روس واري لڙائيءَ جو ذڪر نڪتو.

    آخر ڳالهين ڪندي وجهه ڏسي، علي رضا ٻڌايس، ته ”منهنجو ڏاڏو ۽ تنهنجو ڏاڏو ٻيئي ڀائر هئا، آءٌ وڏي ڀاءٌ جو پوٽو، تون ننڍي ڀاءُجو پوٽو.“ هيءَ ڳالهه جا ظاهر ٿي تنهن ڪري سڀني کي حيرت وٺي ويئي، سڀئي هن کي اڳي کان وڌيڪ آبرو ۽ پيار ڏيڻ لڳا، جو هينئر سندن عزيز ظاهر ٿي پيو.

    هونءَ ته انصاف ڪري اها گادي حق علي رضا جو هئي، جو وڏي ڀاءُ جو اولاد هو، پر هيءُ پاڻ به وڏي درجي تي هو ۽ رڳو پنهنجي پيءُ جي ملڪ ۽ عزيزن کي ڏسڻ آيو هو، تنهنڪري عمردراز کي ڪو ڊپ ملڪ کسجڻ جو ڪونه ٿيو، پاڻ هن جو احسانمند ٿيو. نڪا ٻي شڪ جي ڳالهه رهي، ڇالاءِ جو هي معتبر ماڻهو هو.

    پوءِ زالين مڙسين علي رضا ۽ زينت بانوءَ سان گڏجي پيا، جيئن مائٽ مائٽن سان ملندا آهن. هن کي سندس ڏاڏي جي هٿن جون شيون ڏيکاريائون،جن مان هڪڙي ترار ۽ هڪڙو ڀالو نشانيءَ لاءِ هن ساڻ کينو.

    هن پنهنجي ڏاڏي جي قبر جو پڇيو ته ”ڪٿي آهي ته هلي زيارت ڪريان“ پر هنن ٻڌايس ته :”هو جتي لڙائي ۾ ماريو، اتي پوري ڇڏيائونس.“ ۽ چيائونس ته ”اسين جنگي ماڻهو آهيون، اسان جو ملڪ ٽڪر آهي، اسان جو هٿيار ترار آهي، ۽ اسان جي قبر جنگ جو ميدان آهي.“

    علي رضا هنن کي پنهنجو ۽ پنهنجي پيءُ جو بيان ڪري ٻڌايو، سو ٻڌي هنن کي ارمان به ٿيو ۽ خوشي به ٿي. هيءُ هنن وٽ ٻه- ٽي مهينا رهيا، انهيءَ وچ ۾ هو هنن سان اهڙا ٺهي ويا، جو هنن کي ڇڏين ئي نه.

    علي رضا هنن کي چيو ته ”اوهان مان ڪي جوان هلن ته آءٌ سلطان وٽ هن کي چڱيون جايون وٺائي ڏيان.“ پر هنن چيس ته ”اسين جبل ۾ خوش رهندا آهيون، ۽ اگرچه قوم ترڪن جي آهيون، مگر ابي – ڏاڏي کان روس جا ڍل ڀرو آهيون، تنهن ڪري نئون رستو رکڻ اسان کي پسند نٿو اچي.“

    نيٺ علي رضا جن موڪلايو. راڄ مانگ هڻائي ماڻهو رئيس سوڌو هنن سان گڏجي هليا. پنهنجي حد ته لنگهيائوسن، پر ٻين پرڳڻن مان به اماڻي روس ۽ ترڪستان جي سرحد تي آڻيد ڇڏيائونس، پوءِ موڪلائي ويا.

    اهو سفر ڪري پنجين – ڇهين مهينن کان پوءِ علي رضا وري اچي استنبول پهتو، ۽ سلطان کي پنهنجي سفر جو بيان ڪري ٻڌايائين. هو ڏاڍو خوش ٿيو، جو هن پنهنجن وڏن جا مائٽ ڳولي وڃي لڌا.

    علي رضا استنبول ۾ اميري پئي ڪمائي، ته سندس پٽن مان وڏي محبوب علي باريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو. هي پٽن سان لکپڙهه پيو ڪندو هو، هنن کي وقت بوقت خرچ پکو پيو پهچائيندو هو.

    محبوب عليءَ جي مرضي هئي ته ”بمبئيءَ ۾ وڃي باريسٽريءَ جو ڪم ڪري.“ ۽ علي رضا کي به اها ڳالهه پسند هئي، جو اتي هنن گهڻا ڏينهن گذاريا هئا، سندس گهڻا واقف هئا، سندس ڌيءَ اتي هئي، تنهن ڪري محبوب علي ولايت مان بمبئيءَ آيو.

    پر هو ڇڙهو ڪين هو، هو ولايت ۾ هڪڙي منڊم سان پرڻيو هو، سا به هو پاڻ سان وٺي آيو هو. هيءُ گهڻا ورهيه ولايت ۾ رهيو ۽ ڪنهن جوان منڊم سان واقف ٿي ويو هو. آخر جڏهن امتحان پاس ڪيائين، تڏهن يڪدم هن سان کڻي شادي ڪيائين، شادي ڪرڻ کان اڳي پيءُ کي طالاع ڏنو هئائين ته هڪڙي جوان منڊم سان مون کي شادي ڪرڻ جو ارادو آهي. علي رضا البت اعتراض آندو. هڪڙو ته پاڻ چڱو مسلمان هو ۽ مسلمان قوم سان اُٿڻ – ويهڻ جو ارادو ڪيو هئائين، ٻيو وري هن اڳ ڳڻتي ڪري پوءِ خيال ڪيو ته منڊم سان شادي ڪرڻ ڪري زال مڙس پاڻ ۾ بيشڪ خوش گذايندا ۽ گهر چڱو هلائيندا، مگر ٻين مائٽن مٽن سان توڙي پنهنجي قوم وارن سان هنن جو گذران اهڙو نه ٿيندو جهڙو ٿيڻ گهرجي تنهن کان سواءِ وري جي انهن کي اولاد ٿيندو، ته انهن جي مذهب، انهن جي هلت چلت، انهن جي حق وراثت وغيره ڪري گهڻو خلل ٿيڻ جو امڪان آهي. هن اهي ڳالهيون پٽ کي ڏيکاريون، پر پٽس جي هن منڊم سان دل گهڻي هئي ۽ ولايت ۾ رهڻ ڪري سڀ طرح جا ديني يا دنيوي خيال اڳي کان بدليل هئس، تنهن ڪري هنن اڳي شادي ڪري ڇڏي.
    انهن جي شاديءَ ۾ محبوب عليءَ جو ننڍو ڀاءُ منصور علي، جو ساڻس گڏ ولايت ۾ ڊاڪٽريءَ جو ڪم سکندو هو، سو به راضي نه هو. هن جي طبع به پيءُ جهڙي هئي ۽ هن جي راءِ به پيءُ وانگي هئي. پر محبوب علي نه رهيو، شادي ڪيائين ۽ سگهوئي زال سوڌو روانو ٿيو ۽ اچي بمبئيءَ نڪتو.

    بمبئي ۾ هن پنهنجو ڪم شروع ڪيو. هو چالاڪ ۽ هوشيار هو، تنهن ڪري سگهوئي مشهور ٿي ويو. هن جي پيءُ جي معرفت گهڻن سکرن سان هوندي هئي، تنهنڪري ماڻهو هن ڏي گهڻو رجوع ٿيڻ لڳا، جنهنڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن گهڻوئي پئسو ڪمايو، ۽ هو هاڻي پنهنجون جايون جڳهيون وٺي ٿانيڪو ٿي بمبئيءَ ۾ ويهي رهيو.

    علي رضا جڏهن پنج ورهيه وزيري ڪمائي رهيو، تڏهن هن جي دل ۾ پيو ته هاڻي هتان موڪلائي هلجي. هينئر اچي پيريءَ کي ويجهو ٿيو هو، پنجاهي ورهين جي عمر هيس. اولاد جو انتظار ڪونه هوس، سڀڪنهن کي چڱي رستي تي آڻي ڇڏيو هئائين. هيءُ طبع جو سالم ۽ ديندار ماڻهو هوندو هو.

    هن چيو ته گهڻائي ورهيهه دل جي خوشيءَ ۽ دنيا جي لالچ تي هيڏي هوڏي گهمياسين. خدا تعاليٰ پنهنجي فضل سان اسان تي هر طرح مهرباني ڪئي آهي، ۽ اسان جي سڀڪا گهرج پلي آهي، تنهنڪري بهتر آهي ته هاڻي عمر جي پڇاڙيءَ ۾ ڪو آرام به وٺجي ۽ انهيءَ جي عبادت به پوريءَ طرح ڪجي.“

    هن جي زال زينت بانو به اهڙي ئي ديندار هئي، تنهن کي اها صلاح بڇڙي نه لڳي. هنن ڄاتو ته بمبئيءَ ۾ اسان جو پٽ اڳيئي پنهنجو ڪارخانو مچايو ويٺو آهي. ڪي ڏينهن هلي اتي رهون، پوءِ ڪو شهر کان ٻاهر زمين جو ٽڪر هٿ ڪري، وڃي اتي گوشه نشين ٿي ويهون.

    علي رضا کي اتان نڪرڻ لاءِ شايد ڪو ٻيو به ڳجهو سبب هو: تمام وڏي عهدي کي پهچڻ ڪري هن اتي جي ڪن اميرن کي پنهنجو حاسد ڏٺو، ۽ ٻن – چئن وقتن تي هن کي معلوم ٿيو ته هنن کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر فتحياب ٿي نه سگهيا هئا. هن کي پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ تي ايترو ڀروسو هو، جو اهڙن حاسدن جي پرواهه ئي ڪانه هوندي هيس، نڪي ڪڏهن سلطان ئي کي پاڻ ڏي منهن مٽيل ڏٺائين، پر تڏهن به هن جي دل ۾ آيو ته ”آءٌ ڌاريو ماڻهو، جو اچي خدا جي مهربانيءَ سان هتي وڏي درجي کي پهتو آهيان، سو هتي اصل جا اميرمون مان گهڻو خوش ڪين هوندا، ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي، متان ڪا حرڪت ٿي نه وڃي، تنهن ڪري متل ڪارخانو ڇڏي هلجي ته عزت آبرو رهجي اچي!“ هن کي هيءَ به خبر هئي ته ”بادشاهن جي طبيعت رنگين ٿيندي آهي. گاهي بسلامي برنجند و گاهي بدشنامي خلعت دهند. اڄ سلطان مون تي هيترو مهرباني آهي متان سڀاڻي حاسدن جي گلا تي ۽ دشنن جي چور تي منهن کڻي مٽي، ته عجب ڪونهي.“ اگرچه هن اهڙي پڪائي ڪئي هئي، جنهنڪري ٻين وانگي هن کي اهڙو وٺ- پڄ ۾ ڪو نقصان نه پهچي ها، تڏهن به هن ڄاتو ته جڏهن هاڻ هر طرح خير سان عزت آبروءَ سان ڪم پيو هلي ۽ وسعت به خدا موچاري ڏني آهي ۽ نيٺ مون کي هتان وڃڻو به آهي، تڏهن بهتر آهي ته هينئر ئي موڪلائجي.“

    اهو پهه پچائي، هن سلطان کان اچي موڪلايو، ۽ ٻه –ٽي عذر ٺاهي ٻڌايائينس ته هنن سببن ڪري مون کي بمبئيءَ ڏي وڃڻ لاچار ٿيو آهي. سلطان جي دل ته هن ڏي صاف هئي ۽ سندس محبت هن سان گهڻي هئي تنهن هن کي گهڻو زور لاتو ته نه وڃ. پر هن ادب سان چيس ته آءٌ جيڪر اهڙي مهربان ڌڻي کي ڇڏي ڪين وڃان، پر مون کي وڃڻ تمام ضروري آهي. آءٌ جتي هوندس، اتي حضور جو نمڪ پرورده غلام هوندس ۽ حضور جي اقبال کي دعا ڪندو رهندس جي ٿي سگهيو، ته وري به اچي ڪنهن وقت حاضر ٿيندس، نه ته پنهنجن پٽن مان هڪڙو سائينءَ جي خدمت ۾ ڏيندس.“

    انهيءَ طرح هن مٿان مونا هڻي موڪلايو. سلطان هن کي هلڻ مهل گهڻا انعام اڪرام ڪيا. سڀ امير امراء هن جي وڃڻ ڪري ناراض هئا، جو هن سڀني سان رس رهايو هو، جيڪي هن جا ڳجها حاسد هئا، سي به ظاهري ڪري هن کي ويندو ڏسي ارمان ڪرڻ لڳا. نيٺ هي موڪلائي نڪتو، ۽ پنهنجي عيال سوڌو اچي بمبئيءَ پهتو.

    بمبئيءَ ۾ هي پريندي پنهنجي پٽ محبوب علي باريسٽر سان اچي گڏ رهيو. هو پنهنجي پيءُ – ماءُ کي گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڏسي خوش ٿيو. هيءُ به پنهنجي نونهن منڊم کي ڏسي گهڻو خوش ٿيا. محبوب علي جو بنگلو وڏو هو، تنهن ڪري اڌ بنگلي جو هن پيءُ – ماءُ کي رهڻ لاءِ ڏنو ۽ اڌ ۾ پاڻ رهڻ لڳا.

    علي رضا ۽ سندس بيبيءَ جي اچڻ جو ٻڌي، سڀئي سکر ماڻهو جن جو هنن سان رستو هو، سي خوش ٿيا ۽ هنن وٽ آيا، ۽ سلطان وٽ وڏيءَ جڳهه تي رهڻ ڪري هن کي مبارڪون ڏنائون. پوءِ به هو هن وٽ وقت بوقت ملاقات لاءِ پيا ايندا هئا، ۽ هيءُ به انهن وٽ پيو ويندو هو، جو اڳي واقف هون ۽ هنن سان گهڻي رهائي هئائين، انهيءَ طرح هنن کي بمبئيءَ ۾ ڪي ڏينهن گذريا.


    باب اوڻيهون : غلطڪار فرزند

    علي رضا بمبئيءَ ۾ هو، ته سندس ننڍي پٽ منصور علي، جنهن ڊاڪٽريءَ جا ٻه – چار وڏا امتحان پاس ڪيا هئا، سول سروس جي امتحان لاءِ ويو. پر هو بدن ۾ البت سنهڙو هو ۽ ضعيف ڏسڻ ۾ ٿي آيو، ۽ هتي ته جنگي کاتي لاءِ مضبوط ماڻهو گهربا آهن، تنهن ڪري هو تندرستيءَ جي امتحان ۾ پاس نه ٿيو. هن ٻه ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر ٻيئي ڀيرا هنن نه ورتس. انهيءَ سبب ڪري هن وڌيڪ ويهڻ ضرور نه ڄاتو.

    امتحان وڏا وڏا ڏنا هئائين،تنهن ڪري هوشياريءَ جي ڪري هن کي حرڪت ڪانه هئي. پيءُ کان صلاح پڇيائين، تنهن به چيس ته ”بهتر آهي ته هاڻ نڪري اچي پنهنجي ڌنڌي کي لڳ.“

    پر هندستان ڏي اچڻ جي بدران هن صلاح ڏنيس ته ”اتان سڌو استنبول ڏي وڃ. اتي وڃي پنهنجو ڌنڌو ڪر، ۽ جي سرڪاري نوڪريءَ جو چڱو وجهه مليئي ته نوڪري ڪر.“ هن کي به اها صلاح پسند آئي، سو ولايت مان روانو ٿيو. هن محبوب عليءَ وانگي منڊم ڪانه پرڻي هئي. اگرچه اوترائي ورهيه ولايت ۾ رهيو هو، مگر هن جا خيال پيءَ طرح جا هئا ۽ هن جي طبع پيءُ جي طبع سان گهڻو ملي ٿي آئي، تنهن ڪري انهيءَ نسبت هو جهڙو ويو، اهڙو وري اتان نڪتو.

    علي رضا استنبول جي اميرن ڏي ۽ انهن جي معرفت سلطان ڏي پنهنجي پٽ ڊاڪٽر منصور عليءَ جي سفارش لکي. سو جڏهن منصور علي اسنتبول ۾ پهتو، تڏهن هن کي پريندي ئي ايترو مان مليو، جو هو نهايت خوش ٿيو. يورپي ڊاڪٽرن جو اصلي اهڙن ملڪن ۾ گهڻو مان هوندو آهي، پر هيءُ ته وري مسلمان هو، ۽ انهيءَ ماڻهو جو پٽ هو جو اتي وڏو وزير ٿي گذاري ويو هو، تنهن ڪري هن کي هيڪاري پسند ڪرڻ لڳا.

    هن پنهنجي خانگي ڌنڌي کولڻ جي تجويز ڪئي، جيڪو ڊول ولايت ۾ ڏسي آيو هو، انهيءَ طرح يڪدم عجيب ڪارخانو بيدهاريائين. پئسن جي مدد پريندي کان پيءُ جي هيس، جنهن هيستائين پئي ولايت ۾ پهچايس. ٿوري عرصي ۾ هي مشهور ٿي ويو، ۽هزارن ماڻهن کي فائدو پهچايائين. هن کي ترڪي ٻولي سکڻي پيئي، جا ڪي پڙهيائين، ڪي ماڻهن سان واهپي رکڻ ڪري ڳالهائڻ مان سکيو.هي نرم طبع جو ۽ رحمدل هو، تنهن ڪري ڪيترن ئي غريبن سان خيراتي طرح ڀلايون ڪيائين.

    سلطان تائين هن جي سڃاڻپ ٿي، جنهن هن کي درماهو چڱو پگهار ٻڌي ڏنو، ۽ اها به اجازت ڏنائينس ته ڀلي پنهنجي منهن به پيو ڌنڌو هلائي. اهو پگهار سلطان هن نظر تي ڏياريس جو هڪڙو ته سندس پيءُ جون خدمتون هن کي ياد هيون، ٻيون ته هن سندس شهر ۾ ماڻهن کي فائدو پهچايو ۽ گهڻين حالتن ۾ خيراتي دوائون ٿي هلايائين، ٽيون ته اوير سوير پنهنجي خواه پنهنجي ملڪ جي نسبت ۾ تندرستيءَ سان سلطان تائين هن جي سڃاڻپ ٿي، جنهن هن کي درماهو چڱو پگهار ٻڌي ڏنو، ۽ اها به اجازت ڏنائينس ته ڀلي پنهنجي منهن به پيو ڌنڌو هلائي. اهو پگهار سلطان هن نظر تي ڏياريس جو هڪڙو ته سندس سپيءُ جون خدمتون هن کي ياد هيون، ٻيون ته هن سندس شهر ۾ ماڻهن کي فائدو پهچايو ۽ گهڻين حالتن ۾ خيراتي دوائون ٿي هلايائين، ٽيون ته اوير سوير پنهنجي خواه پنهنجي ملڪ جي نسبت ۾ تندرستيءَ سان واسطي رکندڙن ڪمن بابت هن سان صلاح مصلحت ٿي ڪيائين، انهيءَ بندوبست ڪري منصور علي تمام چڱي آبروءَ ۽ آسائش سان رهڻ لڳو.

    هن جي معرفت هينئر گهڻن وڏن وڏن ماڻهن سان ٿي. اٺن، ڏهن مهينن جي اندر هن اتي شادي به ڪئي. ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي گهران هن کي ٻانهن ملي. هن جي اصل وڏ ماڻهپ لڪل ڪانه هئي ۽ هي پاڻ به چڱو ماڻهو ٿي ڏٺو، تنهنڪري اهڙيءَ چڱي ٻانهن ملڻ ۾ هن کي حرڪت ڪانه ٿي. اها جوان ۽ تمام حسين زال هئي، ترڪن جي خوبصورتي اصل مشهور آهي، پر هيءَ ته وڏي خاندان جي هئي، تنهن ڪري هن ۾ اتي عام ماڻهن کان سو ڀيرا وڌيڪ سونهن، نزاڪت ۽ لياقت هئي. هن جو نالو ”فلڪ سوز بيگم“ هو.

    منصور عليءَ جا اها شادي ڪئي سا به پيءُ جي صلاح کان سواءِ نه هئي،. هو شاديءَ کان پوءِ گهر ٺاهي ويهي رهيو. هن گهر هلائڻ جو بندوبست ولايت ۾ چڱي طرح ڏٺو هو ۽ وٽس پئسي جي تنگي ڪانه هئي، تنهن ڪري هن پنهنجو خانگي بندوبست به اهڙو رکيو، جهڙو ولايت جا ماڻهو رکندا آهن. جي هن جي گهر ۾ منڊم ڪانه هئي، ته ڪابه حرڪت نه هئي. جيڪا پوشيدگي، صفائي، رٿ ۽ جيڪي سهنج ۽ فائدا مندم جي گهر ۾ هئڻ سان ٿيندا آهن، سي سڀ هن وٽ موجود هئا. پاڻ هن کي وڌيڪ فرحت ۽ لذت اها هئي، جو هي ٻيئي هم مذهب هئا، هم قوم هئا، جوان هئا. اهڙو هڪٻئي سان ملي ويا، جو حد کان ٻاهر.

    هوڏي بمبئيءَ ۾ پيءُ – پٽ جو گڏ رهندا هئا، تن جي وچ ۾ البت کونس ڦٽائي ٿيڻ لڳي. اگرچ علي رضا توڙي زينت بانو به نئين طرز جا ماڻهو هئا، نئين هلت چلت جا واقف هئا، گهر جي چڱي بندوبست رکڻ وارا هئا، تڏهن به مسلمان هئا، ديندار هئا، پنهنجي نماز ۽ قرآن جي شغل ۾ رهندا هئا ۽ ڪيتريون ئي ٻيون ڳالهيون جي مسلمان هئڻ سان لاڳو آهن، تن کي مدنظر رکندا هئا، پر محبوب علي ۽ سندس منڊم جو حال ٻيءَ طرح هو، هو مسلماني ته خير، پر اصل دين جي نالي کان ڀڄندڙ هئا. خدا جي هستيءَ ڏي گهڻو خيال نه هوندو هون. دين آهي يا ڪونهي، ماڻهوءَ کي گهرجي يا نه تنهن جي هنن کي پرواهه ڪانه هئي، تنهن ڪري هڪڙي گهر ۾ رهي هنن ٻن مختلف قسمن جي ماڻهن ۾ پهريائين انهيءَ مضمون بابت زباني بحث ۽ گفتگو هلندي هئي، جو نيٺ وڃي ناسازيءَ جهڙي حد کي پهتو.

    محبوب علي پٽ هو، تنهن ڪري هن تي ڪهڙي به معاملي ۾ پيءُ جو ادب ڪرڻ فرض هو، پر هن اهڙن وقتن تي ائين ٿي سمجهيو، جيئن نه ڪنهن ڌارين ۽ نيچ ماڻهوءَ سان تڪرار هلائجي. ادب ته بجاءِ خود، پر ڪڏهن ڪڏهن ڇوهه ۾ ناشائستا لفظ به ڳالهائي ويندو هو. هو سمجهندو هو، ته آءٌ ولايت ۾ رهي بهتر ماڻهو، بهتر بندوبست ۽ بهتر صحبت ڏسي آيو آهيان، تنهنڪري جيڪي به چوان ٿو يا ڪريان ٿو، سو ضرور چڱو هوندو، ۽ طبع جو به اصل کان البت تيز هوندو هو، تنهن ڪري پاڻ زياده بيحيائي ڏيکاريندو هو. ٻيو وري سندس منڊم بحث ۾ مددگار هوندي هيس، جا انهيءَ قسم جي منڊمن مان هئي، جي ڄاڻنديون آهن ته مڙس زالن جا غلام آهن ۽ هنن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ ٻڌل آهن، ۽ جي مشرقي قوم جي ماڻهن کي مرن کان گهٽ نه سمجهنديون آهن. سو اهڙي حال ۾ هنن جي وچ ۾ ڏڦير پوڻ لڳو.

    تنهن کان سواءِ علي رضا جن وٽ جيڪي ڏيهي وڏا ماڻهو وقت بوقت ايند اهئا، تن کان محبوب علي ۽ سندس منڊم کي مٺيان لڳندي هئي. هنن جي مرضي هئي ته اهي نه اچن ته چڱو. ۽ وٽن جو ڪي منڊمون ۽ صاحبلوڪ ملاقات لاءِ پيا ايندا هئا، تن جي ڪري سو هو ڏاڍا خوش ٿيندا هئا، ۽ انهن جي تمام گهڻي خدمت ڪندا هئا. اهو حال ڏسي پاڻ علي رضا کي ارمان ٿيندو هو ته هيءُ اسان کي ۽ اسان جي دوستن کي انهن ڪرستانن کان به گهٽ ٿو سمجهي. هن جي هيتري خوشامد ٿو ڪري ۽ هنن تي نفرت ٿو ڪري. انهيءَ ڳالهه تي به سندن وچ ۾ تڪرار هلندو هو.

    وري محبوب علي منڊم سو اڪثر صاحبلوڪ ناچن ۽ مجلسن ۾ ويندو هو، ۽ بعضي ته ٻيا ڪي صاحبلوڪ ايند اهئا، جي سندس منڊم سان گڏجي هوا کائڻ ويندا هئا. انهيءَ جي سندس مڙس کي به خبر هوندي هئي، ته به ڪين چوندو هوس. اها ڳالهه به علي رضا کي خراب لڳندي هئي، ۽ انهيءَ بابت به پٽ کي سمجهائيندو هو، تنهن تي پاڻ ۾ وقت بوقت تڪرار ڪندا هئا.

    مطلب ته ايترين ڳالهين تي انهن جي وچ ۾ بحث ۽ هوڏ هلندي هئي، جو هو هڪٻئي جي صحبت مان بيزار ٿي پيا، ۽ اگرچه پهرين ڏينهن ۾ محبوب علي زور ڪري پنهنجي پيءُ – ماءُ کي سندن خرچ ڪرڻ نه ڏيندو هو، پنهنجي خرچ تي ماني کارائيندو هو ۽ کائيندا به سڀ گڏ هئا،. پر پوءِ ته جدا پنهنجي منهن کائيندا پيئندا هئا، باقي رهندا هڪ بنگلي ۾ هڪڙي پاسي کان هئا.تنهن مان به نڪري وڃڻ جي هنن خواهش ڪئي. ۽ هنن جي نڪري وڃڻ ۾ هو ناراض نه هئا. اگرچه هنن کي وڃڻ لاءِ صفا نه چيو هئائون، مگر هلت چلت ۽ ڳالهائڻ مان صاف معولوم ٿي سگهيو ٿي، ته هو ڄڻ ته هن کي وڃي جدا رهڻ لاءِ تاڪيد پيا ڪندا هئا. تنهن ڪري علي رضا ٻي جاءِ ڀاڙي ڪري وڇي اُتي رهيو ۽ پٽ سان واسطو ڇڏي ڏنائين.

    جيتوڻيڪ علي رضا هينئر پيريءَ ڪري يا آرام وٺڻ جي ارادي سان ٻيو ڌنڌو ڪونه ڪندو هو، تڏهن به تمام اڻهوند ڪانه هيس. اهو سچ آهي ته هن پنهنجي دولت پنهنجي اولاد جي تعليم ۾ توڙي ٻين خير جي ڪمن ۾ لڳائي هئي، پر تڏهن به اڃا هن وٽ پنهنجي ايتري بچت هئي، جنهن سان جيڪڏهن هو ڪو ٿورو گهڻُ واپار يا ٻيو ڌنڌو هلائي ها، ته هلائي سگهي ها.

    هنن کي ته اها اميد هئي ته جڏهن اسين پنهنجو مال متاع اولاد تي خرچي، هن کي کٽڻ ڪمائڻ جهڙو ڪنداسين، تڏهن اسين آرام سان ڪري وٽن پيا گذارينداسين ۽ هو اسان جي خدمت ڪندا. پر وڏي پٽ جي هلت هنن کي گهڻو نااميد ڪيو. سو في الحال هو ويچارا غريبت طور گذارڻ لڳا. اهو ارادو هون ته ننڍي پٽ جي خبر پوي ته پوءِ پنهنجي لاءِ پڪو بندوبست ڪريون. جنهن ڪري باقي حياتيءَ جا ڏينهن خير سان آرام ۾ ۽ خدا جي بندگيءَ ۾ اچي پورا ٿين.

    علي رضا جن کي سندن ڌيءَ عظمت بانو ۽ اُن جي مڙس به گهڻي خاطري ڏني. هوءَ ويچاري به پهرين محبوب عليءَ جن جي گهر ڀاءُ ڄاڻي گهڻو وڃڻ لڳي، پر جنهن عزت جي طالبو هئي سا نه مليس، تنهن ڪري هن به وٽن وڃڻ اڳئي بند ڪيو هو، پر جڏهن سندس پيءُ ۽ سندس ماٽي جي ماءُ جنهن کي سڳي ماءُ ڪري ڄاڻندي هئي، سي اچي محبوب عليءَ وٽ رهڻ لڳا، تڏهن هوءَ به وٽن پئي ايندي هئي. اُها هاڻي پيءُ – ماءُ کي منٿون ڪرڻ لڳي ته جدا رهڻ جي نه ڪريو، هلي مون سان گڏ رهو ۽ سندس مڙس به انهيءَ ڳالهه تي زور لائڻ لڳو. پر هن مناسب نه ڄاتو ته پٽ جي در تان تڙجي، وري وڃي ڌيءَ جي در تي ڪرون، تنهن ڪري نيٺ پنهنجي جدا جاءِ ڪيائون، جتي هو پنهنجي ڌيءَ ۽ سندس گهر واري سان اڳي وانگي رس رهائيندا آيا.

    پيءُ – ماءُ جي نڪرڻ ڪري محبوب علي ۽ سندس منڊم جي هانو تان گهڻو بار هلڪو ٿيو. هنن کي انهيءَ ڪري ڪا پشيماني ڪانه ٿي، پاڻ خوش ٿيا. پر سگهوئي محبوب عليءَ کي معلوم ٿيو ته مون خراب ڪم ڪيو آهي. اسان مٿي به چيو آهي ته هن جي منڊم اگرچه چڱي موچاري گهر جي هئي، پر طبيعت البت شوخ هئي ۽ پاڻ کي سڀ کان مٿي سمجهندي هئي ۽ ٽنڊ ٽوپي ۽ گهمڻ ڦرڻ جي گهڻي شوقين هئي. مڙس تي اُڊڪ نه ايندي هيس. ائين ڪن ڄاڻندي هئي ته زال مڙس جي زيردست آهي، پر سمجهندي هئي ته شادي ڪرڻ ڪري مڙس کي زال جو غلام ڪري ٿا ڏين. سو انهن رستن تي هلندي هلندي اهڙيءَ حد تي وڃي پهتي، جو خود محبوب علي به ٿڪجي پيو.

    هن کي هاڻ ٿوري گهڻي غيرت اچڻ لڳي ۽ ناچن ۾ وڃڻ ۽ ٻين صاحبلوڪن وٽ اويرف سوير وڃڻ ۽ هنن سان گهڻي گستاخي رکڻ بند ڪرڻ :ڳو. شايد ڪن دوستن انهيءَ بابت سمجهايو به ته هوندس، يا ته مٿس ٽوڪون ٿيون هونديون، سي ڪنن سان ٻڌيون هوندائين. تنهنڪري هو هينئر زال کي روڪڻ لڳو.

    پر پريندي کان جنهن ڇيڪ گهمي ڏٺو هو، سا مڙس جي روڪڻ ڪري تمام خفي ٿي. هن جي نافرماني ڪرڻ لڳي؛ پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي منهن هلڻ لڳي ۽ مڙس جو هئڻ يا نه هئڻ هڪجهڙو ڄاتائين. انهيءَ ڪري ٻنهي جي وچ ۾ ناسازي پيدا ٿي، هڪٻئي سان تڪرار ڪرڻ لڳا، اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳا. ٻيئي طبع جا تيز هئا، وڃي ڌڪن – بُجن تي ڳالهه بيٺي.

    آخر جيڪا سندن وچ ۾ زال – مڙس واري محبت هئي، سا ته نڪري ويئي، هينئرڪُتي ٻلي واري ريڙهه پيڙهه وڃي رهي. هڪڙي ڀيري هنن جو پاڻ ۾ ايتريقدر جهيڙو ٿي پيو، جو منڊم وڃي سرڪاري ڪورٽ ۾ فريادڻ ٿي. باريسٽر صاحب پنهنجي وڪالت ڪرڻ لڳو – نيٺ مٿس ٿورو گهڻو ڏنڊ به پيو.

    انهيءَ معاملي ڪري محبوب عليءَ جي گهڻي بدنامي ٿي. سگهوئي هنن جي وچ ۾ ايتري ناسازي ٿي جو زال، مڙس کي ڇڏي وڃڻ ۾ خوش هئي ۽ مڙس، زال کي ڇڏي ڏيڻ ۾ راضي هو. زال، مڙس کان نافرمان هئي، تنهن ڪري مڙس مٿس نا مهربان هو. زال جي هلت جي نسبت ۾ ڪيتريون ئي بدناميءَ جهڙيون ڳالهيون ظاهر ٿيون؛ جنهنڪري زال هر طرح طلاق جي لائق ٿي ۽ قاعدي موجب هن کي طلاق ملي، سا مڙس کي ڇڏي ولايت رواني ٿي. محبوب علي هن جي وڃڻ ڪري گهڻو خوش ٿيو، ڇالاءِ جو هن جي نه هئڻ ڪري روزبروز گهڻو آرام وٺڻ لڳو. مگر جيڪا خواري خرابي ٿي گذري هئي، تنهن جو ارمان دل ۾ هئس.

    محبوب علي ڇهه – ست مهينا ڇڙو گذاريو. پر هن هيترا ڏينهن گهر ڪري رهي ڏٺو هو، تنهن ڪري ڇڙو رهڻ گهڻو پسند نه آيس، وري شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، بعضي دل ۾ آيس ته وري ولايت وڃي ٻيءَ منڊم سان شادي ڪري اچان، پري هڪڙيءَ جي هلت اهڙو ڪڪ ڪيو هوس، جو ٻيءَ شادي ڪرڻ کان اڳيئي پئي شڪ پيس. ڏٺائين ته هڪڙيءَ منجهان هيتري خواري ٿي اٿم، متان ٻيءَ مان انهيءَ کان به گهڻي ٿئيم.

    ٻيو خيال وري هي ڪيائين ته بمبئيءَ ۾ ڪا منڊم هٿ ڪريان. هتي به هنن سان گهڻن جي معرفت هئي، جو وٽن ڪيترائي صاحبلوڪ ۽ منڊمون اينديون هيون ۽ ٻي ڪا جوان منڊم هٿ ڪري انهيءَ سان شادي ڪرڻ شايد هن جي لاءِ مشڪل نه هو.

    پر هن کي هتي جي ۽ هندستان جي منڊمن ۾ وڏو فرق ڏسڻ ۾ آيو. خوبصورتي ۽ پوشيدگائيءَ جي ڳالهه ته کڻي ڇڏيو، پر هلت چلت جي ڪري به اڃا ولايت واريون منڊمون اڪٿر ڏيهي ماڻهن کي پاڻ کان وڌيڪ نه ته به پاڻ جهڙو سمجهنديون آهن، هنن سان اٿڻ ويهڻ ۾ اعتراض ڪونه آڻينديون آهن، پر جيڪيمنڊمون هندستان ۾ پيدا ٿيون آهن، يا هتي گهڻو رهيون آهن، سي ته ڄاڻنديون آهن ته اسين آسمان مان لٿيون آهيون ۽ ڏيهي ماڻهو رڳو خسيس نوڪريءَ جي لائق آهن. جڏهن هتي جي صاحبلوڪن جو اهو خيال آهي، تڏهن منڊمن جو ته انهي کان به وڌ .

    انهيءَ تفاوت جي محبوب علي کي زال جي وڃڻ کان پوءِ سگهوئي خبر پئي. جيڪي منڊمون ۽ صاحبلوڪ هن وٽ زال هوندي ايندا هئا، تن هاڻي اچڻ وڃڻ ڍرو ڪيو ۽ آخر بند ڪيائون، ۽ وري جن وٽ ويندڙ هئا سي به هنن کان هينئر گوشو ڪرڻ لڳا. جيڪا گستاخي هو اڳي هن سان رکندا هئا، تنهن جي ڪا نشاني به هن کي ڏسڻ ۾ نه آئي، تنهن ڪري محبوب عليءَ کي هتي منڊم جي آسانيءَ سان ملڻ جو آسرو به ڪونه رهيو، جي مليس به ها ته به جنهن لذت ڀرئي گذاري جي اميد هيس، سا حاصل ڪين ٿئيس ها. انهيءَ سبب هن کي لاچار ٿيو ڏيهي ماڻهن ڏي خيال ڪرڻ.

    منڊم هوندي ته هنن سان آمدرفت جو رستو گهڻو ڪونه هوس. جيڪو واسطو هوس، سو پنهنجي ڌنڌي جي ڪري. پر هاڻ زور ڪري انهن سان دوستي ڳنڍڻ لڳو. جيڪي مسلمان سکر ماڻهو پڻس جا واقف هئا، ۽ جي پوءِ هن جا واقف ٿيا هئا تن وٽ اچڻ لڳو، هنن جي صحبت ڪري وري هن کي ٿورو گهڻو ڏيهي رستا وٺڻ ضرور ٿيا. هيترا ڏينهن مسلماني وسري ويئي هيس، سا وري ياد آيس. ڪڏهن خدا جو نالو ياد به ڪونه هوس، تنهن جو وري ٿورو گهڻو واهپو رکڻ لڳو، ماڻهن کي هن جي نسبت ۾ جيڪي ڪفر وغيره جا شڪ گذرندا هئا، سي لٿا. جيڪا هن جي اجائي هلت ڏٺي هئائون سا هينئر گهڻو گهٽ ڏٺائون. نيٺ ٿورو ٿورو ڪري هن سان ملي ٺهي ويا.

    پوءِ ته محبوب عليءَ کي ڪنهن اشراف گهر مان ٻانهن ملڻ ۾ حرڪت ڪانه ٿي. هڪڙي واپاري شاهوڪار مسلمان جي گهران هيءُ پرڻيو. هن کي تمام جوان ۽ نيڪ زال ملي، جنهن ڪري هن جو خانو وري آباد ٿيو، ۽ جنهن جي صحبت ۾ هي وري اڳي کان به وڌيڪ خوش رهڻ لڳو. ٻيئي بنيادي ماڻهن جو اولاد هئا، ٻيئي شاهوڪار هئا. جي محبوب علي طبع جو تکو هو، ته گذريل خراب اتفاقن ڪري هن جي طبع جي تکائي گهٽجي ويئي هئي. جيڪو انگريزي دستور گهر رکڻ جو هو، سوئي هينئر به رکڻ لڳا.

    زال کي تعليم ڏيڻ لڳو، جا هن جي سعيي سان سڌارو ڪرڻ لڳي. زال جي تابعداريءَ مان ڪهڙي خوشي حاصل ٿي ٿئي، تنهن جي منڊم هوندي ڪابه خبر ڪانه هيس، هينئر ته زال هن جي فرمانبردار هئي. مطلب ته هن جو گذارو اهڙي مزي سان ٿيڻ لڳو، جو محبوب علي افسوس پئي کاڌو ته ناحق منڊم سان هٿ اٽڪايو هوم.

    هينئر هن کي ياد آيو ته جڏهن ولايت ۾ هوس ۽ منڊ۾ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ٿي ڪيم، تڏهن پيءُ به مون کي منع ٿي ڪئي ۽ ننڍي ڀاءُ به ٿي ڪئي، سو اڳ ڳڻتيءَ ڪري سچ ٿي چيائون.سندس ڀاءُ منصور علي کي استنبول ۾ جو تُرڪڻ گهر ۾ هئي،تنهن جي خوبيءَ جي هينئر هن کي خبر پوڻ لڳي. منڊم هوندي پيءُ ماءُ سان جيڪي عقوبتون ڪيون هئائين، سي هينئر هن جي دل تي تازيون ٿيڻ لڳيون. هي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ گذريءَ هلت ڪري افسوس جا هٿ هڻڻ لڳو.

    انهن سڀني ڳالهين مان نتيجو اهو ٿيو، جو هن کي پيءُ – ماءُ کان معافي گهرڻ ۽ انهن سان توڙي ٻين عزيزن سان وري پرچاءُ ڪرڻ ۽ ميلاپ رکڻ جو حد کان گهڻو شوق پيدا ٿيو.


    باب ويهون : وري وطن ۾

    محبوب علي هاڻي پشيمان گهڻو ئي ٿيو، ۽ پيءُ- ماءُ جي تانگهه گهڻيئي لڳيس، پر هن جا ماءُ-پيءُ ته هنيئر بمبئيءَ ۾ ڪين هئا، هو وڃي سنڌ حيدرآباد کان نڪتا هئا. هنن ويچارن جڏهن ڏٺو ته جنهن پٽ جي آسري اسان ڪم ڪار ڇڏي آرام وٺڻ جي ڪئي هئي، سو اهڙو بيحيا ٿي بيهي رهيو جو آخر اسان کي کانئس جدا رهڻو پيو، تڏهن پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ ۽ گذريل ڏينهن اچي ياد پين، سي ماٺ ڪري اوڏي اُٿي هليا.

    بمبئيءَ ۾ جيڪي ڏينهن هي پنهنجي منهن رهيا، سي هنن بيشڪ خير سان گذاريا، مگر رکيل پئسو گهڻو جٽاءُ ڪين ڪندو آهي، نيٺ گهٽبو ويندو آهي، ۽ هنن کي في الحال ٻيءَ ڪنهن آمدنيءَ جي اميد ڪانه هئي ۽ بمبئي شهر جو خرچ به البت ڳرو هو، تنهن ڪري هنن ڄاتو ته موٽي وڃن حيدرآباد ۾، جتي رهڻ ڪري خرچ گهڻو هلڪو به ٿيندو ۽ پئسووڌيڪ جٽاءُ به ڪندو. ٻيو ته هنن جو ارادو هو ته هي پڇاڙيءَ جا ڏينهن گوشائتو ۽ آرام ۾ گذاريون ۽ جي ٿي سگهي ته ڪو زمين جو ٽڪر هٿ ڪري پوک- راهه جو بندوسبت ڪريون، جنهن ڪري مشغولي به ٿئي، کاڌي پيتي جهڙي اُپت به ٿئي ۽ آرام وٺڻ جو به گهڻو وقت ملي.

    پر اهڙو بندوبست ته بمبئي شهر ۾ يا ان جي آسپاس آسانيءَ سان ٿيڻ اهنجو هو. اها سنڌ هئي، جتي ٿوري خرچ سان ماڻهو اهڙو بندوبست رکي ٿي سگهيو، علي رضا حيدرآباد جو چڱي طرح واقف هو، اتي ڄائو نپنو هو. ننڍي هوندي اوري پري گهميو ڦريو هو، سو سجهيس ٿي، ته اهڙا ٽڪر زمين جا اوڏي گهڻا آهن ۽ آسانيءَ سان هٿ ڪري به سگهبا.

    وري هن کي پنهنجا ڏينهن ياد پوڻ لڳا، پنهنجا مائٽ ياد پوڻ لڳا. دستور آهي ته ڏکن ۾ گذريل ڏينهن ياد پوندا آهن. سو جيئن اهي خيال پئي پچايائون، تيئن اوڏي موٽڻ جو شوق زياده ٿي ٿين، ۽ جيئن هنن جو رکيل پئسو روز بروز گهٽبو ٿي ويو، تيئن بمبئيءَ مان نڪرڻ جو وڌيڪ سعيو ٿي ٿين، آخر هو ٺهراءُ ڪري سنبريا.

    جيڪي پنهنجا گهرا دوست هئن، تن کان موڪلايائون. سڀني کي سنڌ ڏي وڃڻ جي لاءِ چڱو عذر ڏنائون، جنهنڪري ڪنهن کي به اهڙو شڪ ڪونه پيو ته هي بمبئيءَ ۾ گذاري نٿا سگهن، تنهنڪري لڏي ٿي وڃن. هنن پنهنجي ڌيءُ عظمت بانو ۽ سندس مڙس کان به موڪلايو. هن ويچاريءَ کي به گهڻو ڏک ٿي ٿيو، جو پيءُ – ماءُ جي هوندي هن کي وڏو ڏڍ هو.

    هن ويچاريءَ کان به جيڪي پڄي سگهندو هو، سو پيءُ-ماءُ جي لاءِ ڪندي هئي. هنن کي غريب ڏسي ي لاءِ ڪندي هئي. هنن کي غريب ڏسي ي لاءِ ڪندي هئي. هنن کي غريب ڏسي پنهنجي پر ۾ پئسي پنجڙ جي مدد ڪرڻ ۾ ڪين گهٽائيندي هئي. هوءَ دولتمند جي گهر ۾ هوندي هئي، تنهنڪري اهڙي اڃا ٻاجهه ڪرڻ ۾ حرڪت ڪانه هيس. اگرچه هنن کي اهڙي مدد قبول ڪرڻ ۾ گهڻو عار هو، پر تڏهن به عظمت بانو زور ڪري ٿورو گهڻو لڪائي ماءُ کي ڏيندي هئي. هينئر جو هو اتان نڪرڻ لڳا، سو هن ويچاريءَ کي ويتر ارمان ٿيڻ لڳو، پر لاچار ماٺ ڪري ويهي رهي ۽ اهو دلاسو ڏنائين ته جي قسمت ۽ حياتي هوندي ته هڪڙي ڏينهن اسين به اچي اوهان وٽن ڪرنداسين.

    علي رضا جي پٽن مان محبوب علي ايتري بيحيائي ڪئي هئي، ته منصو رعلي وڏو حيا وارو هو. اسان چيو آهي ته هو تمام چڱي ۽ سالم طبع جو هو ۽ هن جا خيال پيءُ جي خيالن سان ملي ٿي آيا. هو هينئر استنبول ۾ گهر ڪري رهندو هو ۽ سندس ڪارخانو تمام زور هو.

    هن جي پيءُ – ماءُ سان گهڻي خاطر هئي. تن ڏي علي رضا وقت بوقت حال پيو لکندو هو ۽ هو اتان پنهنجي ڀاءُ کي جٺيون به پيو ڪندو هو ۽ هنن لاءِ دلاسا به پيو لکندو هو. هنن ڏي ائين به لکي چڪو هو ته ”اوهين موٽي استنبول ۾ اچو، جو هتي سڀ ماڻهو اوهان جي ڏسڻ لاءِ مشتاق آهن ۽ اچي اسان جي اکين تي رهو. جيڪي اولاد جا حق آهن، سي سڀ اسين ادا ڪنداسين ۽ جيتري خدمت پڄي سگهندي، اوتري پيريءَ ۾ اوهان جي ڪنداسين.“

    پر علي رضا جن کي اوڏي وڃڻ جي خواهش ڪانه هئي. چيائون ته ”هينئر حياتي جي پڇاڙيءَ ۾ دربدر ٿيڻ چڱو ناهي، اڳيئي گهڻو رُليا آهيون. هينئر گوشه نشين ٿي ويهڻ ۽ خدا جي عبادت ڪرڻ اسان کي زياده پسند آهي.“

    تڏهن منصور عليءَ هنن ڏي ٿورو گهڻو پئسو مدد لاءِ موڪلڻ لڳو ۽ لکيائين ته ”جيڪي اوهان کي گهرجي، سو مون کي بيشڪ گهرائجو، جيڪي مون وٽ آهي سو سڀ اوهان جو آهي، حجاب بلڪل ڪونه ڪجو.“

    جڏهن آخر هن کي خبر پيئي ته محبوب علي هنن سان تمام گهڻيون جٺيون ڪيون آهن، جنهن ڪري هو ڪيترا ڏينهن ڌار رهي حيدرآباد روانا ٿيا آهن، تڏهن هن کي گهڻو ارمان ٿيو. خيال ڪيائين ته ”پيءُ- ماءُ اولاد کي پالي وڏو ڪندا آهن ته پيريءَ ۾ اهو کين ڪم اچي. بابي سائينءَ اسان کي تعليم ڏيئي، هزار خرچي ههڙي درجي تي پهچايو هينئر اسين پنهنجين زالن سان فرحتن ۾ پيا گذاريون ۽ هو ويچارا غريبيءَ حال وتن ڪنڌ لڪائيندا. انسان جي حياتي الاجي ڪيتري آهي! زال ۽ ٻار ٻچا ٻيا به ٿي پوندا، تنهنڪري پهرين انهن جي سنڀال ڪرڻ حق آهي.“ اهي خيال ڪري هن جا هتي پير تپي آيا. زال سان صلاح ڪيائين ته ڪي ورهيه هلي سنڌ ۾ گذاريون.

    بيبي فلڪ سوز بيگم به چڱيءَ طبيعت جي زال هئي، عقل واري هئي ۽ مڙس جي فرمانبردار هئي. اگرچه وطن کي ۽ مائٽن کي ڇڏڻ اهنجو به ٿي لڳس، پر تڏهن به مڙس کي خوش رکڻ فرض ٿي ڄاتائين ۽ اها به خبر هيس ته منهنجو مڙس به گويا پنهنجو فرض ادا ڪرڻ ٿو وڃي، تنهن کانسواءِ ڪن ٻين ملڪن جي سير ڪرڻ ۽ هوا بدلائڻ جو به خيال ٿين، تنهنڪري هي موڪلائي توڪلائي اُٿي هليا.

    انهيءَ وچ ۾ علي رضا، زينت ۽ مريم اچي حيدرآباد کان نڪتا. هنن پنهنجي اصلوڪي ڪچي واري جاءِ وري وڃي هٿ ڪري وسائي. اتي هنن کي البت آرام آيو. اگرچه هي وڏا وڏا ملڪ ڏٺا هئائون ۽ جي وڏا وڏا عهدا ڪمايا هئائون تن جي بنسبت اها جاءِ ۽ اهو ملڪ ڪي به ڪين هو، تڏهن به هاڻوڪيءَ حالت ۾ هنن جي لاءِ وڏي غنيمت هئي.

    سندن پراڻا واقف هنن کي ڏسي گهڻو خوش ٿيا. زينت بانو جا مائٽ جيڪي هنن سان نه ٺهيل هوندا هئا سي به سرائي فتح خان جي گهر ويران ٿيڻ کان پوءِ پشيمان ٿيا هئا، ۽ هاڻ هنن سان گهڻي مهرباني ڪرڻ لڳا.

    هي ٿانيڪا ٿي ويٺا، تنهن کي مهينو – ٻه مس گذريو ته علي رضا کي منصور علي جو خط آيو ته ”اسين استنبول مان روانا ٿيون ٿا اميد آهي ته سگهوئي اوهان جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿينداسين؛ پوءِ جيڪو حال هوندو سو اوهان جي آڏو پيش ڪنداسين ۽ جيڪا چاڪري پڄي سگهي، سا ڪنداسين.“ پيءُ ڏي هيئن به لکيائين ته ”ڪو هڪڙو چڱو بنگلو به لڳو لڳ ڀاڙي ڪري ڇڏجو ته اچي انهيءَ ۾ لهون، پوءِ اتي ڪي ڏينهن گڏجي گذاريون.“ اها خبر ٻڌي علي رضا ۽ زينت بانو گهڻو خوش ٿيا ۽ پٽ کي دعائون ڪرڻ لڳا.

    منصور علي جو استنبول مان روانو ٿيو، سو پهرين آيو بمبئي ۾، اتي ڪي ڏينهن رهي پيو. ڀيڻ کي به گڏيو ۽ ڀاءُ کي به مليو. محبوب علي کي گهڻيون جٺيون ڪيائين، هو ته اڳهين پشيمان ٿيو هو. منڊم وئي کان پوءِ هوش ۾ آيو هو ۽ وري ٻي شادي ڪري البت چڱو رستو ورتو هئائين.

    تنهن جڏهن ڏٺو ته منهنجو ننڍو ڀاءُ پنڌ تان رڳو پيءُ – ماءُ جي ڏسڻ ۽ انهن جي بندوبست ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ حيدرآباد ڏي ٿو وڃي، تڏهن هن کي به دل ۾ آيو ته، آءٌ به هن سان گڏيو وڃان ۽ وڃي هنن کان گناهه بخشايان ۽ معافي گهران ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو هنن جي خاطرداري ۽ تلافي ڪريان، سو هو به پنهنجي زال سان سنڀريو.

    هنن ڀائن کي سنبرندو ڏسي، عظمت بانوءَ جي به دل سرڪي. هوءَ ويچاري ته هن کان وڌ پيءُ-ماءُ سان گڏ رهڻ جي ڪوڏي هئي، پر پنهنجي وس نه هئي، پرائي گهر ۾ هئي، تنهن کي ۽ سندس گهر واري کي به هنن چيو ته ”اوهين به ڪي ڏينهن اسان سان گڏجي هلو، پوءِ کڻي سگها وري اچجو.“ سو هوءَ به مڙس سوڌي سنبري.

    ٽيئي جوڙا پنهنجي نوڪرن نڙن سميت وڏي ڌوم ڌام سان آگبوٽ تي چڙهي روانا ٿيا. پيءُ ڏي اڳڀرو خط لکيو هئائون، تنهن هڪڙو – ٻه بنگلو ٻيو به ڀر ۾ ڀاڙي ڪري ڇڏيو هو ۽ ضروري سامان مسواڙ تي وٺي جايون ڀري تيار ڪري ڇڏيون هئائين.

    نيٺ هو اچي حيدرآباد پهتا. هن جو تجمل ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. هي اچي بنگلن ۾ لٿا، جنهن شهر ۾ علي رضا ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو، اُتي هينئر هي پنهنجي آل عيال سوڌو اچي نڪتو، ۽ عزت آبروءَ سان گذارڻ لڳو، انهيءَ خوشيءَ کان هن جي دل ته باغ باغ ٿي، پر سندس آشنا ۽ سندس زال جا مائٽ به گهڻو خوش ٿيا. سڀئي هن کي ڏسڻ آيا، ۽ هنن کي مبارڪون ڏيڻ لڳا.

    محبوب علي اچي پيءُ-ماءُ جي پيرن تي ڪري پيو. هنن کي پهرين ته روئڻ اچي ويو، پوءِ نيٺ هن کي معافي ڏنائون ۽ پاڻ ۾ پرچي خوش ٿي ويهي رهيا. هو سڀئي گڏجي وري مرحوم علي نواز خان سندن بزرگ جي قبر تي زيارت لاءِ ويا، جو علي رضا جو پيءُ ۽ هنن جو ڏاڏو هو،. هن کي ختمو ڏيئي دعا گهريائون ۽ جان بيبي، جا مديني ۾ پوريل هئي، تنهن جي روح کي به ختمي جو ثواب بخشيائون.

    جيڪڏهن علي رضا ويچارو پنهنجي سر هينئر غريب هو، ته ڀؤ ڪونهي، پر سندس اولاد تمام دولت وارو هو. ۽ انهن جي دولت سان هينئر هن جي دولت هئي، تنهن ڪري هن به هينئر پاڻ کي دولتمند ٿي ڄاتو، هنن جو گڏجڻ اتفاق سان ٿيو هو، پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته متان اهڙو وقت وري هٿ نه اچي، تنهن ڪري هڪڙي تصوير ڪڍڻ واري کي گهرائي، سڀني زالن مڙسن گڏ ويهي تصوير ڪڍائي، اها ساري ڪٽنب جي تصوير ورهين تائين پوءِ وٽن نشانيءَ طرح رهندي آئي.

    انهيءَ طرح ٻه – ٽي مهينا هنن سڀني گڏجي پئي گذاريو. هينئر علي رضا کي بک ڪانه هئي. مگر هن جي دل ۾ جا ننڍي هوندي کان خواهش هئي ته پيريءَ ۾ زمين جو ٽڪر ٻهراڙيءَ ۾ هٿ ڪري، اُتي گهر جوڙي گوشه نشين ٿي ويهندس، ۽ آباديءَ جو شغل به ڪندس ۽ خدا جي بندگي به ڪندس. تنهن جو خيال هن کي اڃا دل ۾ هو. جيئن پيري ٿي باد پيس، تيئن انهيءَ جو شوق ٿي وڌيس.

    هن جي مرضيءَ جي پٺيان سندس پٽن حيدرآباد جي اُڀرندي ڏي ڪوهه – ڏيڍ پنڌ تي هڪڙو چڱو زمين جو ٽڪر هٿ ڪيو، جنهن ۾ اڳيئي هڪڙو کوهه به جاري هو ۽ موچارو ننڍو باغ به ساڻس لڳل هو. انهيءَ سان گڏ وري ٿورو ٽڪر آباديءَ جي لاءِ به هنن ورتو. مڙيئي ٻارهن جريب زمين جا ٿيا، تن مان پنجن جريبن ۾ باغ هو ۽ ست جريب آباديءَ لاءِ هئا، جي کوهه تي به آباد ٿي سگهڻ جهڙا هئا ۽ واهه جي پاڻيءَ جي به مدد اچي ٿي سگهين.

    باغ سان لڳ وري هنن موچارو ننڍوبنگلو جوڙايو. ۽ انهي سان لڳ هڪڙي ننڍي سهڻي مسيت به ٺهرايائون، ۽ انهيءَ ساري زمين جي چوڌاري اوڏڪي ننڍي ديوار کڻائي ڇڏيائون. انهيءَ هنڌ علي رضا ۽ زينت بانو۽ مريم ٽي ئيگڏجي اچڻ رهڻ لڳا. هنن باغ ۽ ٻنيءَ جي ڪم لاءِ جيڪي ٻه-چار ماڻهو ضروري ڄاتا، سي به چونڊي رکيا.

    علي رضا پنهنجو وقت ورهائي ڇڏيو،. صبح جو ۽ شام جو ٻه – ٽي ڪلاڪ پاڻ پنهنجي سر وڃي باغ ۾ باغائيءَ سان ڪمائيندو هو، ۽ گلڪاري ۽ ميون جي وڻن جي سنڀال ۽ چمن ۽ ٻارن جي ڀڃگهڙ ڪندو هو. پوءِ وري ٻنيءَ جي ڪم جي نظرداري رکندو هو ۽ باقي وقت ڪتابن جي مطالع ڪرڻ ۽ ٻي لکپڙهه ۾ گذاريندو هو. انهيءَ سال گڏ هو مقرر وقتن تي عبادت ڪرڻ ۾ مشغول رهندو هو. زينت بانو ٻاهر جي ڪم ڪار ‎ ۾ سو گهڻو هٿ نه وجهندي هئي، باقي گهر ۾ هن جو به اهو ساڳيو شغل هوندو هو. انهيءَ طرح هي سانهه ستيءَ سان گوشه نشينيءَ ۾ گذارڻ لڳا.

    جڏهن علي رضا جا پٽ پيءُ – ماءُ کي سندن مرضيءَ پٺيان انهيءَ هنڌ ٿانيڪو ڪري رهيا، تڏهن هنن کي وڏو انتظار دل تان لٿو. پاڻ اڃا شهر وارن بنگلن ۾ رهندا هئا. هيءُ جو هتي حيدرآباد ۾ ڳچ ڏينهن رهيا، تنهنڪري البت ٺهي ويا. ڪي سندن مرضي ٿي، ڪي ٻين صلاح ڏنين ته ”جي ٿي سگهيو ته پاڻ به سنڌ ۾ رهي پئو، جو چڱي موچاري پيدائش هتي به پيئي ٿيندي.“

    علي رضا پاڻ به انهيءَ صلاح ۾ شامل هو، جو ڀانئيائين ته اولاد جي اکين آڏو نه هجي، ته من ويجهو هجي. سو في الحال هنن به انهيءَ صلاح تي هلڻ مناسب ڄاتو.حيدرآباد ۾ پنهنجي ڌنڌي جو گهڻو چالو نٿي ڏٺائون، تنهنڪري صلاح ڪيائون ته ڪراچيءَ ۾ هلي پنهنجو پنهنجو ڌنڌو هلايون، جو اهو شهر وري به بمبئيءَ جهڙو نمونو آهي، پوءِ اوير سوير پنهنجي دل جي خوشيءَ جي لاءِ يا ڌنڌي پٺيان حيدرآباد ڏي به پيو اچبو ۽ جي دل چيو ته بمبئيءَ به پيو وڃبو.

    اها صلاح پڪي ڪري هي سنبريا. پر جدا ٿيڻ کان اڳ ٻنهي ڀائرن، خاص منصور علي پنهنجي پيءُ-ماءُ جي گذران لاءِ ڪنهن پڪي بندوبست ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو. پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪري ٺهراءُ ڪيائون ته في الحال هڪ هزار روپيا هو ڏيئي، هڪ هزار روپيا هو ڏيئي، ٻه هزار ڪري سرڪاري بئنڪ ۾ پيءُ جي نالي رکائن، پوءِ اڳتي به جيڪي پڄي سگهين، سو هنن کي پيا پهچائين. هنن يڪدم ائين ڪيو. ٻه هزار رپيا بئنڪ ۾ رکائي، داخلا جو ڪتاب پيءُ جي حوالي ڪيائون ۽ پيرين پئي موڪلايائون. ۽ دعا گهريائون، ۽ اهو دلاسو به ڏنائون ته ”اوير سوير اسين اچي ٿيو پيا وينداسين ۽ جيڪڏهن ڪا ضرورت پئجي وڃي ته هڪدم اسان کي گهرائي وٺن لاءِ اختيار وارا آهيو.“ انهيءَ طرح هي موڪلائي ڪراچيءَ آيا ۽ عظمت بانو به موڪلائي پنهنجي مڙس سوڌو بمبئيءَ ڏي رواني ٿي. هي ٻيئي ڀائر اچي ڪراچي ۾ جايون جڳهيون وٺي ويٺا. هڪڙي باريسٽر يا وڪيل ٿي، ۽ ٻئي ڊاڪٽر ٿي، پنهنجو ڌنڌو هلايو، ۽ سگهوئي ٻنهي سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو.

    انهيءَ نئينءَ جاءِ تي علي رضا ۽ زينت بانو ڏاڍي آرام سان رهڻ لڳا. جهڙي ننڍي هوندي کان خواهش هين ته وڏپڻ ۾ گذاريون- اهڙي سندن مراد خدا پوري ڪئي. هنن جو تمام سکيو گذر پيو ٿيندو هو ۽ چڱو وقت پيو گذرندو هو. اتي هو ڇهه ورهيه رهيا. آخر زينت بانوءَ پهرين وفات ڪئي.

    هوءَ سٺ ورهين ڄمار جي ٿي مُئي. هن جي مرڻ ڪري علي رضا ويچارو هيڪلو ٿي پيو. سارو ڏينهن غم ۾ پيو گذاريندو هو. هڪڙو اڳهين فرتوت هو، جو عمر سندس ستر-پنجهتر ورهين جي هئي، ٻيو وري هي تازو زال جو ڏک، تنهن ماري وڌس، زال جي مئي کان پوءِ ڇهين – ستين ڏينهن پاڻ به دم ڏنائين. هنن ٻنهي ڄڻن اڳيئي پاڻ ۾ صلاح به ڪئي هئي ۽ مرڻ مهل وصيت به ڪئي هئائون ته اسان کي انهيءَ باغ واري بنگلي ۾ دفن ڪجو، سو ڪيائون ته ائين، ٻنهي کي اندر بنگلي جي وچين صفي ۾ لڳو لڳ پوريائون ۽ سندن وصيت موجب پڪي گچ سان قبرون جوڙي ڇڏيائون ۽ سندن سيرانديءَ کان هڪڙي ننڍي مسجد به ٺهرائي ڇڏيائون، جيئن اڪثر دستور ٿيندو آهي. انهن جي قبر تي ويچاري مريم، جا پڻ هينئر تمام ڪراڙي اچي ٿي هئي، سا ٻهاريدارمجاور ٿي ويٺي، ڏهاڙي جاءِ صفا ڪيو، انهيءَ باغ مان گل ۽ نازبو پٽي قبرن تي وجهيو ويٺي هوندي.

    محبوب علي ۽ منصور علي، جي بروقت ماءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌي ٻارين ٻچين آيا هئا، سي اڃا اتي ئي هئا، ته سندن پيءُ مري ويو، سي ويچارا ڏاڍي غم ۾ هئا. نيٺ مهينو کن ٽڪي قبرون ٺهرائي، دائيءَ کي ويهاري، باغ ۽ ٻنيءَ جو بندوبست ڪري وري ويا.

    پنجن – ڇهن مهينن کان پوءِ مريم به موڪلايو، تنهن جي به قبر سندس ڌڻيءَ ۽ ڌڃاڻيءَ جي پيرانديءَ کان جوڙايائون. انهيءَ طرح انهن نيڪ، ديندار ۽ ايماندار ماڻهن جي خير سان پڄاڻي ٿي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 728
    ڪتابن جو مشاهدو: 1066558
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 353968
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ