ڪتاب جو نالو: سڀ پسندا پار
مصنف: هدايت منگي
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 24 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 591 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 171 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي تحقيقي مضمونن جو ليکڪ هدايت منگي آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مرتب عزيز منگي آهي. هي ڪتاب هدايت منگيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيل پروگرام ”لطيف رنگ ۽ رسالي“ ۾ پيش ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي. اهي مضمون ريڊيو جي انداز، گهرج ۽ پيشڪش جي طريقي موجب لکيل هئا ۽ ڪي سُرَ سلسليوار قسطن ۾ پيش ڪيل هئا، جن کي لِکيت واري انداز ۾ آڻي ۽ سموهي ڪتابي روپ ڏنو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ.
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • هدايت منگيءَ جو مختصر تعارف
  • مرتب پاران
  • مهاڳ
  • حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حياتيءَ جو احوال
  • ڀٽائي رح جي شروعاتي دور جي شاعري.
  • سُر ڪلياڻ، ان جا موضوع ۽ ڪردار
  • سُر يمن ڪلياڻ
  • سر کنڀات
  • سُر سريراڳ
  • سُرُ سامونڊي
  • سُر سهڻي
  • سُر سَسُئي آبري
  • سُر معذوري
  • رُڃن ۾ رڙ ٿي...
  • ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين
  • سُرُ ڪوهياري
  • سُر حسيني
  • سُر لِيلا چنيسر
  • سُر مومل راڻو
  • ڪل شيء يرجع الا اصله
  • مارو پاڻ امُل، مليرونِ مرڪڻون
  • پکا ۽ پـنـهـوار
  • مارئيءَ جو کوهه
  • ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو
  • سر گهاتو
  • سُر سورٺ
  • سر ڪيڏارو
  • بهادر گڏيا بهادرين...
  • سُر آسا
  • سُر آسا
  • سُر رِپ
  • جَني ڏٺو پرينءَ کي
  • سُر بروو سنڌي
  • ڀٽائيءَ جي ڪاپائتيءَ ۾ صنعت ۽ زراعت
  • سُر پورب
  • سُر ڪارايل
  • سُر ڪارايل : شاهه ڀٽائي ۽ فريد الدين عطار
  • سُر پِرڀاتي
  • سُر ڏهر
  • سُر بلاول
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ.

    Book No. 25
    ڪتاب جو نالو: سڀ پسندا پارُ
    موضوع: لطيفيات
    ليکڪ: هدايت منگي
    مرتب: عزيز منگي
    ڇاپو پهريون: جنوري 2018ع
    تعداد: هڪ هزار
    ڪمپوزنگ: عبدالمنان ميراڻي
    ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: مرتضيٰ ميمڻ (ڪاتب پريس) لاڙڪاڻو
    بيڪ ٽائيٽل تصوير: ڪامريڊ سوڀو، هدايت منگي ۽ عزيز منگي
    ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري.
    مُلهه: 240 روپيه.
    رابطي لاءِ: عزيز منگي
    0331-3487818
    عيسيٰ ميمڻ
    0333-7555986


    ارپنا

    هدايت منگيءَ جو هي تخليقي پورهيو
    سندس فڪري استادن
    سراج
    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
    ۽ صحافتي توڙي ادبي دنيا جي ڏاهن
    شمشيرالحيدري
    انور پيرزادي
    ۽ فقير محمد لاشاريءَ
    جي نانءِ.
    - عزيز منگي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي تحقيقي مضمونن جو ليکڪ هدايت منگي آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مرتب عزيز منگي آهي.
    هي ڪتاب هدايت منگيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيل پروگرام ”لطيف رنگ ۽ رسالي“ ۾ پيش ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي.
    اهي مضمون ريڊيو جي انداز، گهرج ۽ پيشڪش جي طريقي موجب لکيل هئا ۽ ڪي سُرَ سلسليوار قسطن ۾ پيش ڪيل هئا، جن کي لِکيت واري انداز ۾ آڻي ۽ سموهي ڪتابي روپ ڏنو آهي.
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مانواري عيسيٰ ميمڻ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    هدايت منگيءَ جو هيءُ ”سڀ پسندا پارُ“ ٻيو ڪتاب آهي جيڪو سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران شايع ٿي ، اوهان جي هٿن ۾ پهتو آهي. دنيا جي قديم ترين ڪتاب ”رگويد“جيڪو مهين جي دڙي جي ڀرسان سنڌو درياء جي ڪناري تي لکيو ويو هو،سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري ان ويدن جي تاريخ جي سڏ جو پڙاڏو آهي، اسان نه صرف جديد دنيا سان هم ڪنار ٿي هلڻ چاهيون ٿا پرپنهنجو ڪلاسيڪل ورثو پڻ گڏ کڻي سفر ڪرڻ چاهيون ٿا. هدايت منگيءَ جي لکڻين ۾ اوهان اها ئي ويدن جي خوشبو محسوس ڪندئو ڇاڪاڻ ته هدايت منگيءَ جو جنم به سنڌو درياء جي ساڳي ئي ڪناري تي ٿيو هو. جنهن ڪري شايد هن جون لکڻيون انهن جو اڄ به تسلسل ڀاسجن پيون. هدايت منگيءَ جو لکڻين جو پهريون ڪتاب ”هاريا ويڄ مياس!“ جڏهن سندس مرتئي جي اڻويهين سالن کان پوءِ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران شايع ٿي پڌرو ٿيو ته ان جي ايڏي ته زبردستي موٽ ملي آهي، جنهن جو اسان کي تصور به نه هيو، ان مليل موٽ ۽ محبت جي ڪري سان سندس شاهه لطيف جي متعلق لکيل تحقيقي ۽ تجزياتي مضمون تي مشتمل ڪتاب ”سڀ پسندا پارُ“ ترجيحي بنيادن تي شايع ڪرايو آهي. اسان کي اها خوشي آهي ته اسان جي ننڍڙي اداري پاران تاريخ جي هڪ وڏي ماڻهوءَ جو مواد ڇپجي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مضمون شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر کي نونِ رخن ۽ زاوين کي ظاهر ڪري ٿو ته ان سان گڏ پڙهندڙن کي لطيف سان انسيت جي تشنگيءَ جو پورائو به ڪري ٿو. هيءُ ڪتاب لطيف جي محققن لاءِ رهنما گائيڊ طور ڪم اچي سگهي ٿو ته لطيف سان عقيدت رکندڙن لاءِ روحانيت جا راز به ظاهر ڪري ٿو، ان سان گڏ ترقي پسند رخن تي پڻ روشني وجهي ٿو. هن ڪتاب کي اوهان تائين پهچائڻ ۾ سائين هدايت منگيءَ جي لائق فرزند عزيز منگيءَ ۽ حفيظ منگيءَ جا شڪرگذار آهيون جن هيءُ مواد ورهين کان ساهه ۾ سانڍي، اسان تي اعتماد ڪندي، ڇپائي لاءِ ڏنو.
    هميشه وانگر اوهان جي محبتن ۽ موٽ جو انتظار رهندو.

    عيسيٰ ميمڻ،
    چيئرمين
    تاريخ: 4 ڊسمبر 2017 سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري

    ضلعو لاڙڪاڻو.


    هدايت منگيءَ جو مختصر تعارف

    هدايت الله منگي نامياري استاد ۽ عالم غلام الرسول منگيءَ جو ٻيو نمبر پٽ هُئو. پاڻ مُهين جي دڙي لڳ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ 18هين آڪٽوبر 1946ع تي پيدا ٿيو.
    هدايت الله منگي، جنهن جو قلمي نالو هدايت منگي ۽ هيميم هيو،شروعاتي تعليم پنهنجي والد وٽ ئي حاصل ڪيائين. 1963ع ۾ هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل پاس ڪئي، 1968ع ۾ شاھ لطيف اورينٽل ڪاليج قنبر مان اديب سنڌي ۽ ساڳئي هنڌان 1970ع ۾ اديب عالم جا امتحان پاس ڪيائين. مئٽرڪ خانگي طور 1970ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان ۽ بي-اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1973ع ۾ پاس ڪيائين.
    هدايت منگي23 هين نومبر1964ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو.هُو شروعات کان ئي ذهين ۽ هوشيار شاگرد هو ۽ پاڻ کان وڏن شاگردن کي سندن ڪورسز ۽ امتحانن ۾ تياري ڪرائيندو هو. پاڻ 1964ع کان جُون 1974ع تائين پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. پوءِ 16هين جُون1974ع تي ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر- ڪم-ٽرانسليٽر طور نوڪري شروع ڪيائين. ان وقت ناميارو اديب ۽ ڏاهو سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هيو. هدايت منگي ترقي ڪندو سينئر سب ايڊيٽر ۽ سکر، حيدرآباد توڙي لاڙڪاڻي ۾ بيوريوچيف رهيو. هو اخبار لاءِ روزاني خبرون لکڻ سان گڏ ڪيترائي آرٽيڪل ۽ فيچرس به لکندو رهيو. نيوز ليٽرس ۽ ڊائريون لکڻ جو رواج پڻ هن وڌو.
    1991ع ۾ APNS پاران هدايت منگيءَ کي علائقائي زبان (سنڌي) جو بهترين فيچررائيٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو. 1992ع ۾ جڏهن هلال پاڪستان اخبار شيخ سلطان ٽرسٽ وڪرو ڪري ڇڏي ته هدايت منگيءَ کي ٻين ڪجھه ملازمن سميت رٽائر ڪيو ويو. پوءِ هو 1992ع ۽ 1993ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ بيوريوچيف مقرر ٿيو. نامياري صحافي ۽ شاعر يوسف شاهين جي ادارت ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبار Daily Sindh Tribune ۾ پڻ ساڳئي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. 70ع واري ڏهاڪي کان وٺي ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان مختلف پروگرام ڪيائين. 1995ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي قيام کان وٺي پنهنجي وفات تائين انائونسر، ڪمپيئر، ماڊريٽر ۽ انٽرويوئر طور پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيائين. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي سندس پروگرام رسالو، روبرو، لطيف رنگ، عوامي آواز، ريڊيو هيلپ لائين، انٽرويوز ۽ ٻيا کوڙ پروگرام ڏاڍا مقبول ٿيا. اتي کيس بهترين انٽرويوئر جي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.
    هدايت منگيءَ صحافت سان گڏ ادب ۾ به پاڻ موکيو.70ع واري ڏهاڪي کان ئي سندس شاعري، ڪهاڻيون، ترجمان، تنقيدي مضمون، تبصرا سنڌ جي مشهور رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هو شاھ لطيف جي شاعريءَ جو وڏو پارکو هو. ثقافت ۽ قديم آثارن جي علم تي عُبور حاصل هئس. موسيقي ۽ راڳ رنگ جي تمام سٺي ڄاڻ رکندو هو. استاد منظور علي خان کان سنڌيءَ ۾ ”خيال“ هِن ئي ڳائرايو ۽ اهو ئي سندس پسند جو راڳ به هو.
    سندس آواز ڳرو ۽ اُچار چِٽا ۽ تُزُ هوندا هئا. هو هميشه کلمک ۽ ڪچهرين جو مور هوندو هو. سندس سموري زندگي جدوجهد ۽ ڪوشش ڪندي گذري.
    ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران نومبر 1988ع ۾ پهريون ڀيرو دل جو عارضو ٿيس، انهيءَ دل جي بيوفائيءَ 22هين ڊسمبر 1999ع تي سندس آخري ساھَ کسي ورتا. هدايت منگي مُهين جي دڙي جي اولھه ۾ دادو ڪئنال جي سڄي ڪناري تي قائم ڳوٺ بگيءَ جي پيرُ حمل واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سُتل آهي.


    حفيظ هدايت منگي
    لاڙڪاڻو


    مرتب پاران

    وقت ۽ وِيرَ ڪنهن جو به انتظار نه ڪندا آهن. وقت تيزيءَ سان اڳتي وڌندو ٿو رهي وير ڪناري کي ڇُهي موٽي وڃي ٿي ته ورِي نٿي واپس وَري.22 ڊسمبر 1999ع تي بابا سائين (هدايت منگي) موڪلائي ويو. ان کان هڪ ڏينهن اول، يعني 21 هين ڊسمبر تي هِن ڪتاب ۾ شامل مضمون ”سُر سهڻي“ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي هفتيوار پروگرام ”لطيف رنگ“ ۾ پيش ڪري آيو هو. مان ساهڙ نه آهيان ۽ نه ئي بابا ”سُهڻي“ هو. پر پوءِ به من جي ڪئنواس تي الائي ڇو ڀٽائيءَ جي بيت جون هي سِٽون ظاهر ٿين ٿيون ته:
    تو ڪيئن ٻوڙِي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن؛
    درياههَ تو تي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.
    وقت جي درياههَ رڳو سهڻيءَ کي نه ٻوڙيو آهي، پر الائي ته ڪيترن سُچيت ۽ ساڃاهه وَندن ۽ سونَ کان وڌيڪ قيمتي اَمُلهه ماڻهن کي پنهنجي وهڪري سان گڏ وٺي ويو آهي.
    ڪو به موٽي نه ايندو....
    سڀني جو ڪم ، ڪردار ۽ ڪارناما محفوظ به نه آهن، جو منظر تي موجود رهن. جن محبت من ۾ پائي، سنهو ڪتيو، تن جو پورهيو ڪڏهن به ضايع نه ٿيو آهي ۽ نه وري ڪڏهن ضايع ٿيندو.
    ائين هدايت منگيءَ جو تخليقي، تحقيقي، تنقيدي توڙي ترتيبي پورهيو سمورو جو سمورو اسان وٽ محفوظ ته نه آهي، البت جيڪو ڪجھه سانڍي سگهيو آهيان، اهو پيش پريان ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هن کان اڳ سندس ڪهاڻين ۽ شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”هاريا ويڄ مُياس“ اوهان جي هٿن تائين ”سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ“ جي سهڪار سان پُڄائي چُڪا آهيون.
    هي ڪتاب هدايت منگيءَ جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر ٿيل پروگرام ”لطيف رنگ ۽ رسالي“ ۾ پيش ڪيل مضمونن تي مشتمل آهي.
    اهي مضمون ريڊيو جي انداز، گهرج ۽ پيشڪش جي طريقي موجب لکيل هئا ۽ ڪي سُرَ سلسليوار قسطن ۾ پيش ڪيل هئا، جن کي لِکيت واري انداز ۾ آڻي ۽ سموهي ڪتابي روپ ڏنو آهي. ان جي ترتيب پڻ ”شاهه جي رسالي“ جي سُرن واري رکي آهي ته، جيئن پڙهندڙ کي آساني ٿئي. اسان کي 28 سُر ميسر ٿي سگهيا آهن اهي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. ان ڪري ٻن سُرن جي اُپٽار وارا مضمون ريڊيو لاڙڪاڻي جي انتظاميا پاران هيڊڪوارٽر موڪلڻ، يا آفيس فائيل طور وٺڻ سبب هدايت منگي پاڻ وٽ محفوظ نه ڪري سگهيو ۽ اسان کي به اُهي مِلي نه سگهيا، تنهن ڪري هتي شامل نه ٿي سگهيا آهن. ڪوششن جي باوجود ڪتاب ۾ پروف جون ڪافي خاميون رهجي ويون آهن، جيڪي ايندڙ ايڊيشن ۾ درست ڪرڻ جي اميد سان اوهان کان معذرت ڪريون ٿا. مواد جي ترتيب، تدوين ۽ پيشڪش جي جيڪا به گهٽ وڌائي هُجي ته ان جي ذميواري مون مٿان آهي. ڇاڪاڻ ته هدايت منگي پاڻ تحرير توڙي تقرير ۾ گهڻي قدر (ٻولي ۽ مواد جي چونڊ ۾) سُريلو ۽ سيبتو ماڻهو هو.
    آخر ۾ خاص ٿورا انور ڏنگڙائيءَ جا، جنهن پنهنجي استاد/سُونهين هدايت منگيءَ جي هن ڪتاب جو مهاڳ لکي سندس شاگرديءَ جو قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مرتضيٰ مير ميمڻ ڪتاب جي، ورائي ورائي ڪمپوزنگ ڪرڻ، سُرن جي ترتيب بدلائڻ ۽ شاگرد ڪمپوزرس جي ڪيل ڪوتاهين جو ازالو ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ارهو نه ٿيو ۽ ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل پڻ هن ئي ٺاهي ڏنو . ان جي محبتن آڏو ”مهربانيءَ“ جو لفظ بي معنيٰ ٿو لڳي. حفيظ منگيءَ، هدايت جو مختصر ۽ جامع تعارف ترتيب ڏئي پُٽ طور فرض نڀائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي آهي. نامياري شاعر ، ڊرامه نگار ۽ اديب محمد علي پٺاڻ، سدائين اُتساهه ڏياريندي هدايت جا ڪتاب شايع ڪرائڻ جي هدايت ڪندو رهيو، ان جا به ٿورا. عيسيٰ ميمڻ ۽ سندس ''سرسوتي ساهت گهر'' جا ٿورا لاهڻ بجاءِ ڳائبا، جنهن هديت منگيءَ جو مواد اوهان جي هٿن تائين رسائڻ جو سعيو ڪري اسان جي خوابن کي ساڀيا ڏني.

    عزيز منگي- لاڙڪاڻو.


    مهاڳ

    ان ڏينهن زمين پيرن هيٺان نڪري نه پر، ڄڻ زمين پيرن هيٺان اچي وئي هئي ۽ پاڻ کي پڪو پختو زمين تي نه صرف بيٺل پر کتل محسوس ڪيو هيم. جڏهن عزيز منگيءَ چيو هو ته ”بابا جي ڪتاب جو مهاڳ تون لک“. اهو انڪري نه ته ڪو، مان هدايت جي ڪتاب جي مهاڳ لکڻ جهڙو ٿي ويو آهيان، پر اهو انڪري ته هدايت جي ڪتاب جو مهاڳ مان لکان، ان کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه مون لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. ان ايتري خوشيءَ جو سبب ڇا آهي؟ اهو ئي ته هدايت مون کي ايترو ويجهو رکيو هو ۽ ايترو ويجهو سمجهيو هو، جو ادبي دنيا ۾ نئين پير پائڻ جي باوجود پاڻ کي مالڪي ۽ وارثيءَ وارو سمجهندو هوس. ان وقت اسان سان به اهي سڀ تعديون يا جٺيون ٿيون، جيڪي نئين ماڻهوءَ سان ٿينديون آهن ۽ اهي جٺيون يا سوڙهه ۽ هروڀرو گُدَ ڪرڻ وارا هن جا ”پنهنجا“ هئا پر هدايت مونکي ان کان بچائيندو، اتساهيندو ۽ اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو (هاڻي انهن سڀني سان منهنجا تمام خوشگوار تعلقات آهن.) ان وقت اسانجي حالت اها هئي جو پوريءَ طرح سوال ڪرڻ به نه ايندو هو. جي چڱيءَ طرح رڳو سوال ڪرڻ ڏانءُ اچي ها، تڏهن به اسان هن کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري وٺون ها. ان جي باوجود به هو اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندو رهندو هو، ڪجهه نه ڪجهه پڙهائيندو رهندو هو. ٻڌايل ۽ پڙهايل مواد مان وري سوال ڪري ريهرسل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر پنهنجي حال ساڳيا هوندا هئا.
    اسان ته هن کان ايترو وجهه وٺي نه سگهياسين، جنهن ۾ اسان جو ايترو ڪو ڏوهه به ڪونهي ڇو ته اسان جي ذهنيت ئي ايتري هئي پر هڪ قسم جي تڙپ اسان جي به هئي. جي اها تڙپ نه هجي ها ته هن سان ڪچهرين جو ايترو شوق يا جنون نه هجي ها، ادبي سنگت جا يونٽ نه کوليون ها. ڪتابن جي ويجهو نه وڃون ها. اها خبر اڄ ٿي پوي ته اهي ڪچهريون ڪيتريون ڪم جون هيون، جيڪي ڪڏهن هلي وڃي هن سان ڪندا هئاسين ته ڪڏهن هو هلي اچي ڳولي ڳولي اسان کي هٿ ڪري ڪچهريون ڪندو هو، پر ان مان هڪ ڳالهه ته چٽي آهي ته ايتري شفقت، ايتري پنهنجائپ ۽ ايتري ويجهڙائيءَ سان اسان تي، خاص ڪري مون تي جيتري محنت پيو ڪري سو سڀ ڪجهه جو عزيز منگيءَ اکئين ڏٺو، شايد اهو ئي سبب آهي جو هُو هن ڪتاب جو مهاڳ مون کان پيو لکرائي. نه ته مهاڳ ته ڪنهن وڏي ۽ معتبر نالي کان لکرائبو آهي. هدايت جا اهي دوست جيڪي ادبي، صحافتي، سياسي ۽ نظرياتي طور هن سان تمام ويجهڙا رهيا، اهي به لکي سگهيا پي. انهن لاءِ به خوشيءَ جي ڳالهه هجي ها پر منهنجي لاءِ هي اعزاز ڪنهن ايوارڊ کان گهٽ ناهي.
    هدايت جي رڳو اها خوبي ڪانه هئي ته هو ليکڪ هو پر سندس وڏي خوبي اها به هئي ته هو لکڻين جون سڀ گهرجون پوريون ڪندو هو. جيئن زيرن، زبرن، پيشن سان گڏ ڪامائون، فل اسٽاپ، سوال ۽ عجب جون نشانيون وغيره سڀ ڏيندو هو. هن جي اها خوبي صرف لکڻين ۾ نه هوندي هئي پر ڳالهائڻ ۾ به انهن ضرورتن جو ايتروئي خيال رکندو هو. هن جي نڙيءَ مان اچار پنهنجين اصلوڪين شڪلين سان نڪرندا هئا جيئن ک، خ، ش، ڇ وغيره ۾ تميز ڪرڻ هدايت منگيءَ جي ئي خوبي هئي. هونئن لاڙڪاڻي ضلعي جي ماڻهن ۾ اها خوبي تمام گهٽ هوندي آهي، پر اهو لاڙڪاڻي ضلعي جو ٿي ڪري، انهن اچارن جو ڀرپور خيال رکندو هو ۽ ٻين کي اهڙن اچارن تي ڌيان ڏيڻ جي تلقين ڪندو هو. ان کان سواءِ لفظن جي ڦيري ۽ وڏن جملن ۾ ڳالهائڻ ۽ وري انهن جملن ۾ گرامر جي پورائي جو خيال رکڻ، مون ڪامريڊ سوڀي کان پوءِ هدايت منگيءَ ۾ ڏٺو.
    هي ڪتاب ريڊيي تي نشر ٿيل هڪ مختصر پروگرام ۾ پڙهيل مختصر ٽڪرا آهن جن ۾ سڀني سُرن جو مختصر تعارف پيش ٿيل آهي. ريڊيي جون پنهنجون هڪڙيون گهرجون ٿيل ٿيون جنهن ۾ صرف وقت جي محدوديت ئي نه هوندي آهي پر گهڻين ڳالهين کي کوکي رکڻ تي پابندي هوندي آهي ۽ اڳيان وري ڀٽائيءَ جهڙو شاعر هجي، جنهن جا الاهي سارا بيت باغيانا ۽ موجوده مدي خارج سماج جي حدبندين ۽ بنيادپرستيءَ کان آجا هجن، تنهن جاءِ تي ظاهر آهي ته ماڻهوءَ کي اختصار ۽ اشارن ڪناين کان ڪم وٺڻو پوندو، اهو سڀ ڪجهه هنن لکڻين سان به ٿيو آهي. جنهن ڪري هن ڪتاب جون سموريون نه تڏهن به ڪجهه لکڻيون اهڙين پابندين کان متاثر ٿيل نظر اينديون. اهي ساڳيون لکڻيون جيڪڏهن هدايت منگي آجائيءَ واري ماحول ۾ لکي ها ته ڀٽائيءَ کي پڙهندڙن ۽ ڀٽائيءَ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ اهڙو نرال ۽ منفرد ڪتاب ملي ها، جنهن جهڙو ڪتاب هن ميدان ۾، ههڙي ترتيب سان نه لکيو ويو آهي. تنهن هوندي به، جهڙيءَ طرح حدبندين جي باوجود پنهنجي مخصوص ۽ نرالي انداز ۽ ڏانوَ سان، هن سُرن جو تعارف ۽ ڀٽائيءَ جي مقصد سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته پڙهندڙ گهڻي حد تائين ان مقصد جي ويجهو پهچي وڃي ٿو. هن سُرن جو تعارف اهڙيءَ طرح ڪرايو آهي جو هر سُر جهڙوڪه ڪتاب هجي ۽ هن ان ڪتاب جو مهاڳ لکيو هجي.
    ڀٽائيءَ کي مڪمل طور تي ڪير به نه سمجهي سگهيو آهي، ان ڪري جو ڀٽائيءَ تي تحقيق جو ڪم مڪمل ٿيو ئي ڪونهي. ڀٽائيءَ کي سمجهڻ لاءِ اڃان به ايترو عرصو يا ان کان به شايد وڌيڪ لڳي وڃي. ڀٽائي سنڌ جو ته ڇا دنيا جو نرالو شاعر آهي، جنهن جي پيشڪش ٻين شاعرن وانگر نه پر انهن کان ابتڙ آهي. جنهن جي خيال ۾ ايتري اونهائي هوندي آهي جو پڙهندڙ کي غواص بنجي، ڪمر ڪڇي ان گهرائيءَ ۾ لهي وڃڻو پوندو ۽ ڪيترائي ٽوٻهارا کائڻ کانپوءِ به شايد ئي گهرائيءَ تائين پهچي سگهي. ذرا ڌيان ته ڪريو، ماني کائڻ کانسواءِ به بک کي ختم ڪري سگهجي ٿو؟ جو چوي ٿو ته بک کي ڪڍي بُگريءَ ۾ وجهي ڇڏيو پوءِ ڍؤ ئي ڍؤ آهن.
    بک وڌائون بگريين، جوڳي ڪندا جُڃَ
    پوءِ توهان کي طعام جي طلب ئي نه ٿيندي. اڃ لڳيوَ ته وري اُڃَ اوتي پيو – ابول!
    طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پين اُڃَ،
    لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃَ،
    سامي جهاڳي سُڃ، وسنؤ کي ويجها ٿيا.

    ڀٽائيءَ جي فوج جو سپاهي اهڙو آهي جو هن کي نه بک روڪي ٿي سگهي نه اڃ، ڇو ته هن جو من ماري ماري مڃ ٿي ويل آهي ۽ پوءِ اهڙو سپاهي ڇو نه سڃ جهاڳي سگهندو، جي هن کي وسنؤ تي پهچڻو آهي. وسنؤتي پهچڻ جو يقين ڀٽائيءَ کي سؤ سيڪڙو آهي ته وسنؤ تي پهچبو پر وچ ۾ ڇاڇا ٿي سگهي ٿو. ان سڀ لاءِ ايترو ئي تيار رهڻو آهي جيترو هو مٿئين بيت ۾ ٻڌائي ٿو.
    ڀلا اهڙي منزل جو ڳولائو ۽ تڪليفن سهڻ لاءِ ايتري تياري ڪيل کي جيڪڏهن منزل ملي وڃي ته ڇا اها منزل سندس اڃ، اساٽ، چاهه ۽ حاصلات جي تمنا کي گهٽائي سگهي ٿي؟ يا پوءِ ان کي هڪ منزل مان ڍؤ نٿو ٿئي ۽ اهڙين ڪيترين ئي منزلن لاءِ اڃيو ۽ وڌيڪ اُڃيو ٿيو وڃي. ڀٽائيءَ جي ڪردار سسئيءَ کي ڏسو جيڪا سٺي پنهونءَ کي پنهنجي اندر ۾ اوتي ٿي ڇڏي پر تنهن هوندي به هن جي اڃ ويتر وڌي ٿي وڃي، جو اهڙا ڪيترائي پنهون (منزلون) هجن جو انهن سڀني کي پيئندي وڃي:
    جي سجهائي سڪ، ته هڪ سِڪي سسئي،
    پيتائين پنهونءَ کي، هڏ نه ڀِڳِيَسِ هڪ،
    ان تڙ منجهان تِڪَ، ڏني پاڻ اڃ ٿئي.
    ”هڪ“ ڍئبو آهي نڙيءَ جي مٿين حصي کي، جنهن کي تارون ٿو چئجي. سڄي پنهونءَ کي پي وڃڻ کان پوءِ يعني اندر ۾ سمائي ڇڏڻ کانپوءِ به هن جو رڳو تارون به آلو نٿو ٿئي. هاڻي ڀلا اهڙي اڃايل کي جيڪڏهن سڄو سمنڊ اڳيان ڪري ڏجي ته چئجي ته هاڻي ڍؤ ڪري پيءُ، تنهنجون تارون به آلو نٿو ٿئي، من سمنڊ تنهنجي اڃ اجهائي يا تارون آلو ٿي پوئي، ته پوءِ ان جي اڃ گهٽبي؟؟
    پسي جهاجهه جمال جي، جنين پيتي پڪ،
    اپر آڳانجهو ٿيو، سور اُنين کي سِڪَ،
    هڏ نه ڀِڳِيَنِ هِڪَ، سدا سار سير ۾.
    تئونس ۽ تشنگيءَ جو هي هڪ اهڙو عالم آهي جو پيئڻ سان ڪڏهن به اڃ اجهامي نه ٿي سگهي. اها اُڃ ئي آهي جيڪا اُڃ کي ڀڙڪائي به ٿي ۽ اڃ کي اجهائي به ٿي. هت پاڻيءَ جي حاجت آهي ئي ڪانه:
    محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تارِ،
    پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اٿيارِ،
    پنهون پاڻ پيارِ، ته اڃ سين اڃ اجهائيان.
    پاڻي ته پاڻ ويچارو اڃيو آهي. اهو ڪنهن ٻئي جي اڃ ڇا گهٽائي سگهندو؟ پاڻيءَ کي پاڻ ڀٽائيءَ جي اهڙي ڪردار جي ڳولا آهي، جيڪو پاڻيءَ کي ملي وڃي ته ويچاري پاڻيءَ جي جيڪر ڪجهه اساٽ جَهڪِي ٿي سگهي:
    ساجن ڪارڻ سُڃ، مر قبولي سسئي،
    اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃيو تن کي.

    اهڙا ڪردار تخليق ڪندڙ ۽ اهڙا اوچا خيال سرجيندڙ ڀٽائيءَ وٽ پاڻ وٽ ڪيڏي تڙپ هوندي؟ ان تڙپ جو ڪاٿو آهي ڪنهن وٽ؟ اهو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ سمورو رسالو پيو آهي. جنهنجو هڪ بيت چڪرايو، ڦيراٽيون ڏياريو ڇڏي ته سٺي رسالي کي سمجهڻ لاءِ وقت، همت، علم، مطالعو ۽ چڱن جي صحبت گهرجي. ان لاءِ ئي ههڙن ڪتابن پڙهڻ جي ضرورت آهي.
    ڀٽائيءَ جا ڪي سُر وڏا آهن ته ڪي وري بنهه ننڍا. جيڪي ننڍا سر آهن انهن ۾ به هڪ دؤر جي، هڪ پوري خصلي جي تاريخ سمايل هوندي. جيئن پرڀاتيءَ ۾ موسيقيءَ سان گڏ موسيقارن جي حالت ۾ فن کي زنده رکڻ واري خوبي ٻڌايل آهي ته ڪارايل ۾ وري مولانا روميءَ سان ڀٽائيءَ جي تقابلي جائزي پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته اسانجو شاعر ڪيترو عظيم آهي. اسان صرف سنڌي هجڻ جي ڪري نه پر هن جي عظمت جي ڪري هن کي عظيم چئون ٿا.
    هدايت، پورب جي مطالعي ۾ لکي ٿو ته ”شاهه جو شعر تاريخ تي محيط آهي. هو يقينن تاريخ جي گذريل ٻن هزار سالن جي سنڌ جي عظيم ترين شخصيت آهي. جهڙس ٻيو مفڪر ۽ شاعر اڃا سنڌ ڪو نه ڄڻيو آهي“. سر کاهوڙيءَ جي ڪردارن جي اپٽار به ان انداز سان اڳ شايد ئي ڪنهن ڪئي هجي.
    مارئيءَ کي ڀٽائيءَ رڳو زال بنائڻ لاءِ زوريءَ آندل ڇوڪري نه پر هڪ اعليٰ سياسي، آدرشي انسان ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن جي جيل اندر وزير چوڪسي ٿا ڪن. ههڙن ڪردارن جي اهميت رڳو سنڌ تائين محدود نه آهي پر جهڙيءَ طرح دنيا جا آدرشي ڪردار اسان لاءِ مثال آهن اهڙيءَ طرح اسان جا آدرشي ڪردار به دنيا لاءِ مثال آهن. اهڙي هڪ ڪڙي هدايت منگي سر مارئيءَ جي مطالعي ۾ هن طرح ٿو ملائي ”مارئيءَ کان وٺي نيلسن منڊيلا تائين، انساني عظمت جي ڊگهي تاريخ اسان جي اڳيان ڦهلي پئي آهي“. وري هيءَ تاريخ شاهه عنايت واري نظريي سان هن طرح ٿو ملائي،
    ”ڇهه ست سؤ سال عمرڪوٽ جي راجا جوٽئڪس اڳاڙڻ جو نظام سڄي ٿر ۾ ڪونه پهتو هو، جو کيڙي سو کائي وارو نظام هو. ان ڪري محنتي ماڻهن کي جهجها ان ملندا هئا. ماڻهو به خوش ته مال به خوش“.
    مارئيءَ جي اصل ڳوٺ بابت بحث گهڻي وقت کان وٺي هلندڙ آهي، ان لاءِ اڃان تحقيق جي ضرورت آهي پر هدايت منگيءَ وارو مؤقف ساڳيو معمور يوسفائيءَ وارو آهي، جيڪو اڃا به بحث جوڳو آهي.
    ڀٽائي پنهنجن سرن جا نالا پاڻ رکي ويو هو. سر حسينيءَ تي به ڀٽائيءَ جو پنهنجو نالو رکيل آهي. ڪنهن محقق ان سر تي نالو نه رکيو آهي. محققن سر ۽ بيت اڳتي پوئتي ۽ گهٽ وڌ ضرور ڪيا آهن. ڀنڀور شهر جي ”هنڌ“ ۽ ان ۾ ”ڪتڻ“ جو تي بحث ٿيل آهي. ڪتڻ جو ڪم سڄي سنڌ ۾ ٿيندو هو، ضرور ڀنڀور ۾ به ٿيندو هوندو. سسئي به جيڏين سان گڏجي سٽ ڪتيندي هوندي. باقي ڀنڀور جتي اڄ آهي اتي هن وقت ته کڻي ايڏي وسندي ڪانه آهي باقي جڏهن ڀنڀور جو شهر آباد هو، تڏهن اهو سامونڊي بندرگاهه هو جتي نه صرف سامونڊي ٻيڙا اچي لنگر انداز ٿيندا هئا پر اتان خشڪيءَ جي قافلن جو به گذر هو. جنهن ڪري ڌوٻيءَ جي ڪاروبار سان گڏ ڪتڻ جو ڪاروبار به ٻارهوئي اوج تي هوندو هو. سر آسا ۾ آيل بيت اصل هيئن آهي،
    نايو سر سجدا ڪرين، تن تواضح تو نه،
    هو جو مڻڪو من جو، سُڌو ساڙين سو نه،
    ڪوڙا ٿيندئي ڪونه، ڦوڪِيَ ڌوتي فائدو.
    هي بيت ڇاپي رسالن ۾ گهٽ آيو آهي باقي قلمي نسخن گهڻن ۾ آيل آهي، جنهن ۾ ڌوڻي يا خاڪ جو ڪوبه ذڪر نه آهي، هن سڄي بيت ۾ ڀٽائي هڪ نمازيءَ سان مخاطب آهي ته ”سجدا ته ڪرين ٿو من جو مڻڪو ساڙين ئي ڪونه ٿو. اي ڪوڙا اهو جيڪو تون هر هر وضو ٿو ڪرين ۽ هر هر ڦوڪيءَ کي ٿو ڌوئين ائين فائدو ڪونه ٿيندئي“. ڦوڪي hip کي چئبو آهي اهو لفظ اڄ به ڪن علاقن ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. اسان وٽ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ به جوڳي ۽ گوپانگ اهو لفظ ڳالهائيندا آهن.
    جهرڪي پٽيل يا لُنيل سنگ کڻندي آهي. تڏهن ئي ڀٽائيءَ انهن جي تشبيهه جهرڪيءَ سان ڏني آهي ته اهي ٻئي جي محنت تي پلجندڙ هئا. جيڪي جهرڪيءَ وانگر چنهنب هڻي لُنيل کڻندا هئا:
    چڙيءَ جيئن چنهنج هڻي، لڏيائون لئا.
    سومرن جي صاحبيءَ جي دؤر 1050ع کان 1350ع تائين آهي. جنهن ڪري ليلا چنيسر جي داستان جي زمان سان گڏ مڪان تي به ٻيهر غور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي ضرورت آهي.
    جيئن مون اڳ ۾ به ذڪر ڪيو ته ريڊيي جي نزاڪت کي نظر ۾ رکي ڪافي بيتن کي اشارن ۾ سمجهائڻو ٿو پويس نه ته سر ڏهر جي بيت
    ڍول مَ کڻي ٻانهنڙي، پرهه مَ کڻي پاند،
    ته آئون پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان.
    جي معنيٰ جيڪا اسان روبرو هن کان ٻڌي، هتي ان جي پنجاهين پتي به ناهي. ڀٽائيءَ جو بيت پڙهندي ڀرپور لست وٺندو هو ۽ ايتري ئي لست وري ٻڌندڙ به وٺندو هو.
    هن کي آثار قديمه سان به تمام گهڻي دلچسپي هئي. ان ڪري ڀٽائي سمجهائڻ سان گڏ جاگرافي ۽ قديم آثارن کان به واقفيت ڪرائيندو هلي ٿو. مثال باڊهه واري آڍاٽ جي دڙي مان مليل سڙيل ڪتابن جي ذڪر کانپوءِ اها خبر پوي ٿي ته سنڌ جي لکيل تاريخ ڇو نه ٿي ملي؟ هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته باڊهه جي ڏکڻ ۾ ڌامراهه (اڌمراءِ) جي دڙي جي دريافت ۽ ان جي تاريخ به هدايت منگيءَ جي کاتي ۾ اچي ٿي.
    سريراڳ جي مطالعي ۾ لکيل هدايت جو هي جملو ”دل ته چوي ٿي ته ڀٽائيءَ جي رسالي کي ماخذ بنائي تڏهوڪي سنڌ جي تاريخ لکڻ جي ڪم کي جنبي وڃجي پر ان لاءِ وسيلا کپن ۽ مناسب فورم به“. يا سر کنڀات جي مطالعي ۾ لکڻ ته ”ڀٽائيءَ کي ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي“، جيڪو هن 98-99 ۾ لکيو. سيخيال هدايت ۽ صرف هدايت جا آهن، ان کان پوءِ جيڪڏهن اهڙو ذڪر ٿيو آهي ته اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي.


    انور ڏنگڙائي
    11-12-2017


    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حياتيءَ جو احوال

    گهڻا ماڻهو، ڀٽائي رح جي زندگيءَ بابت ڄاڻ چاهين ٿا. ڇاڪاڻ ته ڀٽ ڌڻيءَ بابت سنڌ ۽ ان کان ٻاهر اٽڪل روزانو هڪ نه ٻي تقريب ٿئي ٿي، پر ان ۾ محض ڀٽائيءَ جا چند بيت پڙهي گڏجاڻيون ڪوٺائڻ وارا پنهنجي مطلب جي ڳالهه پوري ڪري هليا ٿا وڃن. جڏهن ته اهو ضروري هوندو آهي ته جنهن شخصيت بابت ڪا تقريب ٿئي، ان بابت سڀ کان اڳ هن جي شخصي زندگيءَ جو جائزو پيش ڪيو وڃي.
    سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جون سياسي، سماجي، تاريخي ۽ ادبي حالتون ڪهڙيون هيون. انهن حالتن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ ڀٽائيءَ جي دور جي سنڌ کي سمجهڻ ۽ خود سندس زندگيءَ ۽ ڪارنامن کي سمجهڻ ممڪن ئي نه ٿيندو.
    مختلف تاريخي ۽ نسلي حوالن سان معلوم ٿو ٿئي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عربستان جي هاشمي سيد گهراڻي سان تعلق هو. نسب جو شجرو هن ريت هئس. هاشم جي پٽ عبدالمطلب جي پٽ عبدالله کي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ ڄائو، جنهن کي خاتون جنت حضرت بي بي فاطمة الزهريٰ سڀني کان وڌيڪ پياري ڌيءُ هئي. ٻئي طرف عبدالمطلب جي پٽ ابو طالب کي علي المرتضيٰ پٽ ڄائو، جنهن جو عقد نڪاح بيبي فاطمة الزهريٰ سان ٿيو. سندس اولاد ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جو پٽ امام زين العابدين ٿيو، جنهن کي امام محمد باقر ٿيو، جنهن مان امام جعفر صادق ۽ پوءِ امام موسيٰ ڪاظم ۽ ان مان امام زاده عراقي ٿيو. شجري موجب امام حسين عليه السلام کان اٺاويهين پيڙهيءَ ۾ شاهه لطيف پيدا ٿيو. امام زاده عراقيءَ کان پوءِ لطيف جي وڏن ڏاڏن جا نمبروار نالا هن ريت ملن ٿا؛
    سيد جعفر شاهه، سيد حسين الڪبريٰ شهزادو، سيد علي جواري، سيد ابراهيم شاهه، سيد حسين شاهه شيرازي، سيد يوسف شاهه، سيد علي، سيد حسين شاهه ترمذي، سيد مير علي شاهه هراتي، سيد حيدر شاهه، سيد مير علي شاهه، سيد شرف الدين، سيد جلال محمد شاهه، سيد حاجي شاهه، سيد هاشم شاهه، سيد عبدالمؤمن شاهه، سيد لعل شاهه، سيد عبدالڪريم شاهه بلڙيءَ وارو، سيد جمال شاهه (ڀٽائيءَ جي روزي اندر گڏ رکيل)، سيد عبدالقدوس شاهه، سيد حبيب شاهه، سيد عبداللطيف شاهه ڀٽائي، جيڪو بي اولاد هو.
    جيتوڻيڪ ڀٽائيءَ جي دور ۾ تاريخ نويس، خاص ڪري تحفة الاڪرام جي سيد علي شير قانح، شاهه جي حياتيءَ تي هڪ مختصر پئراگراف لکيو آهي ۽ ارڙهين صديءَ جي ٻين حالتن بابت به اختصار سان لکيو اٿس، پر اوڻيهين صديءَ تائين ڀٽائيءَ جي حياتيءَ بابت احوال گهڻو تڻو صدري ذريعن ۾ دفن هو. اوڻيهين صديءَ ۾ به جيتوڻيڪ ڀٽائيءَ جا گھٽ ۾ گھٽ پنج رسالا ڇپجي پڌرا ٿيا، پر حياتيءَ جي احوال جو حوالو ويهين صديءَ جي منڍ وارن محققن چڱيءَ ريت ڏنو ۽ مرزا قليچ بيگ ۽ گربخشاڻيءَ مٿس تفصيل سان بحث ڪيو.
    شاهه لطيف ڀٽائي موجوده ڀٽ شاهه کان ٽنڊي آدم ويندڙ رستي سان هڪ ننڍڙي ڳوٺ هالا حويليءَ ۾ شاهه حبيب جي گهر ۾ هجري سن 1102 ۽ عيسوي سن 1689-90ع ۾ جنم ورتو. اهو سترهين صدي عيسويءَ جو آخري ڏهاڪو هو. شاهه جي ڄمڻ کان ٽي سئو سال اڳ جڏهن 1398ع ۾ تيمور لنگ هرات فتح ڪيو ته شاهه جي ڏاڏي سيد مير علي شاهه هراتي کي، جيڪو محمد شاهه شيرازيءَ جو پٽ هو، هن کي هندوستان ۾ پنهنجو ايلچي ڪري موڪليو ۽ سڀني ڀائرن سان گڏجي هو هندستان آيو. سندس پٽ حيدر شاهه کي هالن جي هڪ امير ماڻهوءَ، شاهه محمد ڌيءَ جو سڱ ڏئي نياڻو ڪيو ۽ هو اتي رهي پيو. حيدر شاهه هالاڪنڊي (موجوده هالن ۾) ساڍا ٽي سال رهيو ۽ هرات ۾ پيءُ جي وفات جو ٻڌي هرات موٽي ويو. سندس حمل سان گهر واريءَ مير عليءَ کي جنم ڏنو جيڪو متعلوي سيدن جي گهراڻي سان مشهور ٿيو. هن خاندان جو تعلق امام موسيٰ ڪاظم جي پٽ سيد جعفر ثاني هجويريءَ سان آهي. هن ڪٽنب مان شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سنڌيءَ جو اعليٰ پائي جو شاعر ٿيو جيڪو ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو هو. شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو جنم 1537ع ۾ ٿيو ۽ وفات 1620ع ۾ ٿيس. سندس رسالو به ڇپيل آهي.
    شاهه ڀٽائيءَ جو پيءُ حبيب شاهه به علم ادب جو ڄاڻو ۽ هزارين ماڻهن جو مرشد هو، پر ڀٽائي پيري مريديءَ کي هٿي ڪانه ڏني سواءِ هڪ واقعي جي، جو، جڏهن هن پيءُ جي بيماريءَ سبب هڪ مريد مرزا مغل بيگ جي گهر وڃي هڪ جوان ڇوڪريءَ جي آڱر جهلي چڱڀلائي جي دعا ڏيندي پيغامِ محبت ڏنو.
    ڀٽائيءَ جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو، ان بابت سندس سوانح نگارن کي ڪو به مستند احوال ڪونه ملي سگهيو آهي. سيد علي شير قانح پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ شاهه ڀٽائيءَ کي اُمي يعني اڻڄاڻ ۽ اڻ پڙهيل لکيو آهي. البت شاهه جي تصوف ۽ اعليٰ پائي جي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو اٿس.
    روايتي طور لکيو ويندو آهي ته شاهه لطيف ڇهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ حبيب شاهه سان رلجي ڳوٺ وائيءَ ۾ آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ سندس مدرسي ۾ داخل ٿيو. روايتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاهه ان مدرسي ۾ الف کان اڳتي نه چريو ۽ چيائين ته الف کان اڳتي ڪجھه ئي ڪونهي، ”بي“ ڇو پڙهان. چئي نه ٿو سگهجي. اڳتي هلي شاهه جي ويهن ورهين جي ڄمار تائين ڪو حوالو ڪو احوال ملي ئي نه ٿو. جڏهن هو مرزا مغل بيگ جي گهر سندس ڌيءُ کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ دعا ڏيڻ ويو. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ويهن ايڪيهن ورهين جي ڄمار تائين شاهه گھٽ ۾ گھٽ 15-14 سال لڳاتار مدرسي ۾ پڙهيو ۽ عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا وٺي وڏو عالم ٿيو. ان وچ ۾ هن پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي فارسي ۽ سنڌي شاعري به پڙهي، مثنوي مولانا روم جو به مطالعو ڪيو، مختلف عالمن سان بحث مباحثا به ڪيائين ۽ گڏوگڏ همعصر ٻولين هندي، ڍاٽڪي ۽ سرائڪيءَ جي شاهپارن جو مطالعو پڻ ڪيائين، جن جو ثبوت انهن ٻولين جي بيتن، چوڻين، پهاڪن، اصطلاحن ۽ فلسفي جي سندس شاعريءَ ۾ ڪيل اپٽار مان ملي ٿو.
    دل ٿي چئي ته جيڪر ڀٽائيءَ جي علم ۽ گيان بابت سندس سوانح نگارن جي اڻ ڄاڻائي تي ڊگهو بحث ڪجي، ڇاڪاڻ ته ڀٽائيءَ جو دور خود اعليٰ درسگاهن جو دور آهي جن ۾ علم ۽ عرفان جا سڀ ذريعا موجود هئا ۽ جن ۾ ڀٽائيءَ جي اچ وڃ جا ثبوت به ملن ٿا. هن جوانيءَ ۾ ئي ايترو جهجهو علم حاصل ڪيو جو جهرڪ جي شاهه عنايت صوفيءَ سان به مليو، جنهن 1718ع ۾، ڀٽائيءَ جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪئي. ڀٽائي، مخدوم محمد معين ٺٺويءَ سان به ڪچهرين ڪيون، جنهن پوءِ 1747ع ۾ وفات ڪئي. هو کهڙن جي عالم مخدوم محمد سان به مليو، جنهن 1757ع ۾ وفات ڪئي. ڀٽائي مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري سان به مليو، جيڪو پوءِ 1770ع ۾ وفات ڪري ويو. انهن جيد عالمن سان ڀٽائي نه رڳو مليو پر انهن سان علمي بحث مباحثا به ڪيائين، جن بابت سندس شاعريءَ ۾ بيت به ملن ٿا. ان ڪري اهو چوڻ ته شاهه امي يا اڻ پڙهيل هو، سا ڳالھه ٺهي ئي ڪانه ٿي. ڪنهن به وڏي عالم سان ڪنهن اڻ پڙهيل جي بحث ۽ علمي ڏي وٺ جو سوال ڪيئن ٿو پيدا ٿئي، جڏهن ته اهي سڀ عالم پنهنجي دور جا اهي عالم هئا، جن علم و ادب جي نه رڳو لازوال خدمت ڪئي پر گڏوگڏ صدين تي محيط پنهنجي فلسفي ۽ نڪتئه نظر کي پڻ ڇڏيو.
    شاهه جي ڪلام جي مواد کي بغور پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن عالمن سان ملاقاتين کان علاوه هن گھٽ ۾ گھٽ ٻين مختلف طور طريقا رکندڙ صوفي منش ماڻهن، سنياسين، فقيرن، جوڳين، حڪيمن، نفسيات دانن، پنڊتن ۽ فقيرن سان به گهاٽيون ڪچهريون ڪيون. ان کان علاوه هن عربي، فارسي، هندي ۽ سرائڪي ٻولين جي شعر و ادب جو پڻ گهرو مطالعو ڪيو جنهن ڪري انهن ٻولين جو سڄو جوهر به سندس ڪلام ۾ اٿاهه نموني موجود آهي.
    شاهه لطيف ان ريت رڳو آخوند نور محمد ڀٽيءَ جي مدرسي تائين محدود ڪونه رهيو، بلڪه سنڌ کان علاوه هندوستان جي ڀروارن پرڳڻن جا به دورا ڪيائين ۽ اتان جي عالمن سان به مليو.
    ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي، جڏهن کيس حبيب شاهه ارغونن جي گهر سيده بيگم کي دعا ڦيڻو پڙهڻ لاءِ موڪليو ته هن ويجهي کان نهايت خوبصورت دوشيزه ڏٺي، جنهن جو تعلق حڪمران گهراڻي سان هجڻ ڪري سندس رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ ۽ اٿڻي ويهڻيءَ شاهه کي موهي ڇڏيو. ان ڏينهن کان علاوه اهڙو ٻيو ڪوبه واقعو ڪونهي، جڏهن شاهه لطيف عورت جي حسن کان ايڏو ڇڪجي ويو هجي، بعد ۾ هن پنهنجي ڪلام ۾ هنڌ هنڌ عورت جي حسن ۽ خوبين جو اظهار پئي ڪيو آهي. سيده بيگم جي سڱ لاءِ حبيب شاهه ارغونن وٽ ويو ته هنن مورڳو سيدن کي لڏي علائقو ڇڏي وڃڻ لاءِ چتاءُ ڏنو ۽ سيد سڳورا ڳوٺ ڇڏيندا، لڏو کنيو هنڌ هنڌ رلندا رهيا. ان وچ ۾ نوجوان لطيف موجوده ڀٽ شاهه جي علائقي ۾ واريءَ جي ڀِٽن ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ هڪ ڀيرو اهڙو ته ڪمزور ٿي ويو جو ڀِٽ جي واريءَ هوا لڳڻ سبب مٿانئس لٽ وجهي ڇڏيو. ڪو عضوو يا ڪپڙو ظاهر هئس. پڻس حبيب شاهه سندس باري ۾ پڇائون ڪندو پير کڻندو اچي هن جي ڍير تي بيٺو ۽ مٽيءَ ۾ لٽيل ڏسي چيائين؛
    لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا ڍڪجي،
    ته واريءَ اندران شاهه جواب ڏنو؛
    پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
    شاهه حبيب پنهنجي پٽ شاهه لطيف کي گهر موٽڻ ۽ پيري مريدي ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو پر هن کي اها ڳالھه پسند ڪانه آئي ۽ هن چئي ڏنو،
    پنڻ جي پورهئي سان، ڪنهن نه ڀريا پل
    مانجهي سي املهه، هر جـنـي جي هٿ ۾.
    ان زماني ۾ زراعت سنڌ ۾ پنهنجي ضرورت سارو ان پيدا ڪندي هئي ۽ ڪجھه آبپاشيءَ جي نظام وجهڻ جا بندوبست به ٿيا. اتر ۽ اولهه سنڌ ۾ ڪلهوڙن حڪمرانن اوائلي واهڙن ۽ درياهه جي ڪجھه ڦاٽن کي بَند هڻي ٻنيون آباد ڪيون، جن ۾ پيدا ٿيندڙ اناج جو اڌ دهليءَ جا حڪمران کڻي ويندا هئا. لاڙ جي ميان شاهه عنايت شهيد ته مورڳو سنڌ ۽ دهليءَ جي سرڪارُن سان بغاوت ڪري زراعتي فقيرن جو هڪ لشڪر جوڙيو، جنهن نوان واهه کوٽي هزارين ايڪڙن تي نيون زمينون آباد ڪيون ۽ هن زرعي هلچل سڄي سنڌ ۾ زراعت ڪاريءَ کي هڪ اهم اقتصادي ۽ سياسي سگهائي جو روپ ڏنو. شاهه عنايت سان ڪلهوڙن جي فوجن چوٽون به کاڌيون ۽ باقاعده جنگيون ڪيائون، جن دوران ڀٽائي جنگي اوزارن جوڙڻ جا ڪارخانا به ڏٺا ۽ جنگين جا منظر به.
    اهو شاهه لطيف جي جوانيءَ جو زمانو هو. سنڌي هارين جي پهرئين تاريخي اڀار ۽ زرعي اقتصاديات کي اڀارڻ خلاف ڪيل سندن هٿياربند جنگ جو نتيجو اهو نڪتو جو مغلن جي جاسوسن ۽ ڪلهوڙن جي ايلچين دوکو ڪري شاهه عنايت سان ٺاهه جو منصوبو بنائي، ٺاهه تي پهچي، کيس اچتو قتل ڪري ڇڏيو، جنهن تان سنڌ ۾ شديد خونريزي ٿي. اها خونريزي شاهه اکئين ڏٺي، جنهن تي هن ڪيترائي بيت لکيا جيڪي پوءِ مريدن ڪيڏاري ۾ شامل ڪيا.
    شاهه جي رسالي پڙهڻ سان لڳي ٿو ته هو جهوڪ واري جنگ جي محاذ تي تيغون تراريون تيز ڪندڙ ماهر فوجين سان گڏ وڃي رهيو ۽ ڪنهن حد تائين فوجي هٿيار سازيءَ جي هنر ۾ هٿ به ونڊايائين، ورنه هو هٿيارن جي تياريءَ بابت تُز بحث نه ڪري ها، جن مان هن جو مشاهدو تجربي جهڙو ڏيک ٿو ڏئي.
    سنڌ جي اقتصادي ۽ سياسي آزاديءَ جي اها جنگ هارائجندو ڏسي شاهه شديد نموني مايوس ٿيو، البت هن جيڪا جنگي يا رزميه شاعري ڪئي آهي اها دنيا جي ٻئي ڪنهن به رزميه شاعريءَ سان ڀيٽن جوڳي آهي.
    ڀڳو آنءُ نه چوان، ماريو ته وَسهان،
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
    ته ڪر لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.
    سامهون ٿي وڙهڻ ۽ ميدان ۾ پٺ ڏئي نه ڀڄڻ بهادريءَ جو ڪم آهي، جنهن جي روايت ڀٽائيءَ کي ميدانِ ڪربلا جي جنگ جي شاندار بهادريءَ مان به ملي ٿي. هن ان ڪري ڪربلا ۽ جهوڪ جي جنگ تي ڪيڏارو لکيو جيڪو جوانيءَ جي پُور ۾ هئڻ باوجود نهايت سنجيده نوع جي شاعريءَ جي تخليق چئي سگهجي ٿو.
    شاهه جي سوانح نگارن گهڻي قدر اهو تاثر پئي ڏنو آهي ته، هو جوانيءَ جا ٽي سال سفر ۾ رهيو ۽ ڏکڻ الهندي سنڌ، بلوچستان ۽ لاڙ ۾ سنڌ جا اڪثر ضلعا، اوڀر - ڏکڻ سنڌ جا ڪي ضلعا، ٿر، ڀُڄ، ڪڇ جو رڻ، لکپت، ڪاٺياواڙ، جيسلمير، جوڌپور ۽ جئي پور تائين ويو ۽ انهن ٽن سالن ۾ ئي هن سنياسين، ساڌُن، جوڳي فقيرن وغيره سان ميل ملاقاتون ڪيون. ان نوعيت جي تاثر سان نه معلوم هنن ڇا ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شايد هنن ايئن شاهه کي جوانيءَ ۾ ئي ڪنهن پير جي گاديءَ تي ويهارڻ ۽ پيرُ يا پُڄائڻ وارو، ٽوڻن ڦيڻن، ڌاڳي تعويذ لکندڙن ۽ پاڻي پڙهي ماڻهن سان دوکا ڪندڙ جو کيس روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته جيئن شاهه جي سرگرم ترين عالم، مفڪر، فلسفي ۽ بي انتها باشعور شاعر ۽ دانشور جي ڪردار کي مسخ ڪري سگهجي.
    پر حقيقت ائين ناهي، شاهه لطف الله قادري شاهه سائينءَ جي ڄمڻ کان ڏهه سال اڳ وفات ڪري ويو هو. (79 - 1616ع) پر سندس ٽي ڪتاب تحفته السالڪين ،منهاج المعرفت ۽ سنڌي رسالو شاهه جي مطالعي ۾ آيا ۽ لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ آيل ٽن سُرن آديسي، سامي ۽ ڪاپڙيءَ جي صوفي ڪردارن بدران ڀٽائيءَ انهن ڪردارن کي اصلي ۽ حقيقي رنگ ۾ سُر سريراڳ، سامونڊي ۽ کاهوڙيءَ ۾هميشه لاءِ زنده جاويد ڪري ڇڏيو.
    نصرپور واري شاهه عنايت رضويءَ (1712 - 1622ع) نوي ورهين جي ڄمار پاتي. هو اعليٰ پائي جو عالم، مفڪر ۽ شاعر هو. شاهه لطيف جوانيءَ ۾ هن جيد عالم ۽ صوفيءَ سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون ۽ تصوف، فڪر، فلسفي، سنڌي سماج جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي قدرن بابت ساڻس بحث مباحثا ڪيا.
    شاهه عنايت رضوي به لطف الله قادريءَ وانگر قادري طريقي جو عالم هو، پر پنهنجي شاعريءَ ۾ هن، شاهه لطيف جي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري وانگر سنڌ جي لوڪ داستانن کي شعر جو موضوع بنايو ۽ ڪاپڙي، آديسي ۽ سنياسي ڪردارن جي زندگيءَ تي شعر لکيا، جيڪي شاهه جي شاعريءَ جو به موضوع رهيا آهن. شاهه عنايت رضوي 1712ع ۾ وفات ڪئي.
    ساڳئي ئي سال، يعني 1712ع ۾ جهوڪ شريف ۾ شاهه سائينءَ جي گهري دوست ۽ سنڌ جي هڪ تاريخي ۽ انقلابي ڪردار شاهه عنايت کي ڪلهوڙا حڪرانن ۽ دهليءَ جي تخت نشين مغلن سازش ڪري شهيد ڪرايو. شاهه عنايت شهيد سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ”کيڙين سي کائن“ جو نعرو بلند ڪري فقيرن جي هڪ وڏي فوج بنائي، جنهن لاڙ توڙي ٻيءَ سنڌ ۾ واهه کوٽيا، سنڌونديءَ جي پاڻيءَ کي زرعي زمينن لاءِ استعمال ڪيو ۽ اناج نه رڳو اپايو، پر بچت اناج کي گودامن ۾ محفوظ ڪرايو ۽ دهلي سلطنت کي ڏن يا سنڌ جي اڻ ڪيل گناهن جي ڏنڊ طور اناج کڻڻ نه ڏنو. ائين ڪرڻ سان هن ڪلهوڙن کي ۽ سندن ڦِلـهِـڙي سرڪار کي للڪاريو به. ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجي ملڪ جو اناج دهلي سرڪار کي موڪلي پنهنجي سرڪار کي بچائڻ ٿي چاهيو پر عنايت شهيد اهو اناج پنهنجي عوام جي ضرورتن لاءِ محفوظ ڪيو ۽ ان مان مارڪيٽ ۾ آڻڻ کانپوءِ، جا، ڪمائي ٿي سا واهن جي کوٽائي، سٺن ٻجن وٺڻ ۽ اڳتي جي ضرورتن خواهه انتظامي مقصدن لاءِ استعمال ڪئي. ڪلهوڙن هڪ ئي وقت ٻه حڪومتون ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيون؟ اهي هٿ ڌوئي عنايت شهيد جي پٺيان پئجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ جهوڪ واري جنگ پڻ لڳي، جنهن ۾ شاهه عنايت جي فوجن باضابطه طور جنگي فن جي سکيا به ورتي ۽ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جو نيٺ سرڪار ڳالهين ڪرڻ تي مجبور ٿي. ايلچين کان وٺي اعليٰ قيادتن تائين ڳالهيون ٿيون ۽ امن معاهدو طي ٿيو، پر اوچتو شاهه عنايت جي تنبوءَ تي راتاهو هڻي کيس شهيد ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجھه ڀٽائيءَ جي جوانيءَ ۾ سندس ئي تَــر ۾ ٿيو ۽ وَهيو. ڪن سوانح نگارن تاريخ جي حقيقتن کي ۽ خود ڀٽائيءَ جي اعليٰ فلسفي ۽ فڪر کي مسخ ڪرڻ لاءِ الزام هنيو آهي ته، شاهه عنايت جي شهادت ۾ به ڀٽائيءَ جي مائٽ سيدن جو هٿ هو. هن الزام کي ڪوبه ثابت نه ٿو ڪري سگهي. پورهيت طبقن وچ ۾ اتحاد جو جيڪو بنياد سنڌ جي تاريخ جي ان دور ۾ عنايت شهيد وڌو تنهن بابت ڀٽائيءَ فرمايو؛
    ڏکيون جان نه مِڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
    پِٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن،
    ٻيون هونءَ ئي هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون.
    1712ع ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جي نصرپور ۾ وفات ۽ شاهه عنايت شهيد جي شهادت جا ٻه اهڙا واقعا آهن، جيڪي ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ مختلف وقتن تي زير بحث آيا آهن. ڪيڏاري جا ڪجھه بيت اهڙا آهن، جن ۾ عنايت شهيد ۽ سندس جنگي جوڌن جي بهادريءَ جو ذڪر آيو آهي.
    شاهه لطيف اهو پڻ مشاهدو ڪيو ته جهوڪ واري جنگ کان پوءِ وقت جي سرڪار ماڻهن اڳيان خوار ٿي ۽ ملڪ اندر افراتفري ۽ ڇڙواڳي پکڙجڻ لڳي، جنهن تي ضابطو آڻڻ ڪلهوڙن جي وس کان ٻاهر نڪري ويو. اها صورتحال ان حد تائين وڌي وئي جو، چڱن خوشحال گهراڻن جا ڪٽنب، ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي حملن سبب تباهه ٿي ويا. انهن ڪٽنبن ۾ اهي مغل به شامل هئا، جن شاهه لطيف کي سيده بيگم مغل جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ڌاڙيلن حملا ڪري ان ڪٽنب کي تباهه حال ڪري ڇڏيو ۽ انهن حملن ۾ گهر جا سڀ مرد به مارجي ويا. مغلن جي عورتن اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته شاهه لطيف صوفيءَ کي سڱ کان جواب ڏيڻ ڪري مٿن قدرتي آفتون لٿيون جن ۾ اهي برباد ٿيا. اهو سوچي هنن ميڙ منٿون ڪري شاهه کي سيده بيگم سان شادي ڪرائي ڇڏي، جنهن کان پوءِ هو موجوده ڀٽ شاهه جي تڏهوڪن واريءَ جي انيڪ دڙن مان هڪ وڏي دڙي تي گهر اڏي اچي ويٺو. سندس والد شاهه حبيب وفات ڪئي ته ڀٽائيءَ کيس هن ئي ڀٽ تي دفن ڪرايو، جنهن جي قبر شاهه جي قبر جي مٿن کان الڳ ٺهيل آهي.
    عمر جي لحاظ کان به ۽ ذهني لحاظ کان به اهو دور ڀٽائيءَ جي بلوغت جو دور هو، جنهن ۾ هن پنهنجي گهر ڀرسان مسجد به تعمير ڪرائي ۽ ڀر ۾ ئي قبرستان به ٺهرايو جنهن جي وچ تي هاڻي سندس مزار به آهي.
    راڳ ۽ موسيقي ڪلهوڙا حڪمرانن وٽ گناهه هئا. ڪلهوڙا حڪمران سني طريقي جا هئا پر شاهه وٽ سني ۽ شيعي جو فرق نه هو. اٽلو شاهه ڪيڏارو لکي علي عه ۽ هن جي اولاد سان ٿيل عقوبتن ۽ ڪربلا جي جنگ جا منظر پنهنجي ڪلام ۾ آڻي سنڌي سماج جي مذهبي فڪر کي نئون رنگ ڏنو. شاهه ڪلام جي مرتبن مان رڳو علامه آءِ آءِ قاضي اهڙو مرتب آهي جنهن رسالي مان اهو چئي ڪيڏارو ڪڍي ڇڏيو آهي ته، شاهه شيعو نه ٿو ٿي سگهي ۽ اهو ڪلام سندس ڪونهي.
    مسلڪ جي لحاظ کان ڀٽائي انتهائي فراخدل هو. سني ۽ شيعه ته ٺهيو، هن هندو فقيرن ۽ جوڳين تي ڪيترائي سُر لکيا ۽ سندن زندگيءَ جي طور طريقن تي پنهنجا ويچار ڏنا.
    منهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليس،
    اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين.

    حسن مير حسين جو، جن نه هينئڙي جارُ،
    خالق رب جبار، ڪين مرهيندو تن کي.

    ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ.
    اهي اهڙا بيت آهن، جن مان ڀٽائيءَ جي چوڌاري موجود مختلف مسلڪن ۽ مذهبن جي ماڻهن جي چؤياري ثابت ٿئي ٿي، جتي مذهبي ڀيد ڀاءُ ناهي. راڳ ۽ موسيقي اڪثر مذهبي عالمن کي فضول بلڪه حرام عمل لڳندا آهن، پر ڀٽائي نه رڳو پاڻ تنبورو ۽ يڪتارو وڄائي ڳائيندو هو. پر سندس ڪچهري پڙهيل پنڊتن، گوين ۽ ڳائڻن سان ڀريل هوندي هئي ۽ ڏينهن رات اها سرگرمي جاري رهندي هئي. ڀٽائيءَ پنهنجي دور ۾ هند ۽ پنجاب جي ڳائڻن، راڳين ۽ شاعرن جون مجلسون به ڪيون جنهن ڪري سندس فقيرن هندي، پنجابي، سرائڪي ۽ ڍاٽڪي ڪلام به لکي محفوظ ڪيا، جيڪي بعد ۾ مختلف رسالن ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام طور به شامل ٿيا ۽ وري ڪن مرتبن اهڙي ڌارئي ڪلام کي الڳ ڪري رسالا ڇپرايا ۽ اهو عمل اڄ سوڌو جاري آهي.
    ڀٽائيءَ جي سوانح نگارن جو تعداد جيتوڻيڪ وڏو ڪونهي، پر پوءِ به ڏيهي پرڏيهي، ڊزن کن اهڙا ماڻهو آهن جن ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جو احوال لکيو آهي. ان هوندي به اهڙو ڪو هڪ به سوانح نگار ڪونهي جنهن اهو ٻڌائي سگهيو هجي ته، پيٽ گذر لاءِ ڀٽائي ڪهڙو ڌنڌو ڪندو هو. ڀٽائيءَ جي هم عصر تاريخ نويسن به ڀٽائيءَ کي فقط صوفي شاعر ئي سڏيو آهي ۽ هن جو ڪو ڌنڌو ڌاڙِي ڪونه ٻڌايو اٿائون.
    حقيت اها آهي ته، تاريخ جا عظيم ڪردار پنهنجي وايو منڊل يا ماحول اندر ڪهڙو ڌنڌو ڌاڙي ڪندا هئا، ان حوالي سان ڪن ٿورڙن مفڪرن ۽ فلسفين جي ڪِرت جو ڏس پتو ملي ٿو، پر اڪثر پنهنجي علم ۽ عرفان جي ڌنڌي خفي ۾ جنبيل لڀندا. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي مطالعي ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته هو زراعت پيشه هارين ۽ آبادگارن جي جهڳٽي ۾ به هو، جن جي زرعي پيشي کي هن املهه پيشو سڏيو آهي. گمان آهي ته هو ڀٽ شاهه جي آس پاس ٻني ٻاري جي ڪم ۾ نگراني به ڪندو هو جنهن ۾ سندس ساٿي فقير مصروف رهندا هئا. گهوڙي تي چڙهي انُ اڳاڙيندڙ پيري مريديءَ جي ڌنڌي ۾ کُتل ماڻهن کي هو به ڏسندو هو، پر ان عمل کي هو ننديندو هو، جيئن چيو اٿس؛
    پنڻ جي پورهئي مان، ڪنهن نه ڀريا پل
    مانجهي سي املهه، هر جنين جي هٿ ۾.
    اهو بيت ۽ اهڙا ٻيا بيت ڀٽائيءَ جي ڀٽ شاهه لڳ زرعي ڪم ڪار ڏانهن رجحان کي پڌرو ڪن ٿا. اڍائي - پوڻا ٽي سئو سال اڳ جي سنڌ رڳو زراعت پيشه ڪانه هئي، پر پوءِ به زراعت عام جام هئي ۽ ڀٽائيءَ جي سفرن دوران هن جيڪو زرعي ڪم ڪار ڏٺو ۽ ان ذريعي اپائجندڙ ان تي واندن ماڻهن جي وار واران ڏٺي ته هن واندن کي ننديو. زرعي ڪم ڪار ميسر هوندي، جيڪي ماڻهو اَنَ تي چَٽي ٿا بڻجن، انهن واندن کي اڄ جي زماني تائين رڳو نندا ملي ٿي، جيڪڏهن ٻيو ڪو ڪم ڪار ڪونهي ۽ زراعت موجود آهي، پر ماڻهو ان ڏانهن توجهه نه ٿا ڏين البت کائڻ جا کرا آهن، نه هنر نه زراعت ڪاري ڪن، ته اهڙن ماڻهن کي ڀٽائي هن طرح ننديو آهي؛
    محروم ئي مري ويـا، ماهر ٿي نه مـئا،
    چڻيءَ جان چهنج هڻي، لڏيائون لُئا،
    حُباب ئي هـئـا، واديءَ انـهـيءَ وچ ۾.
    ڀٽائيءَ وارو دور اعليٰ ٽيڪسٽائيل يعني سڳي کان وٺي ڪپڙي ٺاهڻ جي ڪارخانن تائين جي سرگرمي، مقامي ۽ بين الاقوامي واپار، پٿر سازي، ان مان لوهه جوڙڻ ۽ سماجي - اقتصادي ترقيءَ ۾ ڪم آڻڻ وارو دور هو. اڄ جي دنيا ۾ اسٽيل ملون ڪچي لوهه، يعني پٿر کي پگهرائي رڪ ٺاهڻ جي عمل ذريعي انساني ترقيءَ کي عروج تي پهچائي رهيون آهن. ڀٽائيءَ جي دور ۾ سنڌ اندر اهو عمل، يعني پٿر پگهاري لوهه ٺاهڻ جو عمل عام جام هو، جنهن جو مشاهدو ڪندي هن ڪيترائي شعر ان ڌنڌي بابت لکيا آهن.
    پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رڪ کي،
    تنين سنـدو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي.
    اهو بيت بنهه ڪنهن اسٽيل مل جو منظر ٿو پيش ڪري، جنهن ۾ پهڻن يا پٿرن کي پچائي ان مان رُڪ تيار ڪيو ٿو وڃي. اهو نهايت ئي مهارت جو ڪم آهي ۽ گذرندڙ هن صديءَ دوران ترقي يافته دنيا جا ملڪ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍندي، اسرندڙ ملڪن ۾ اسٽيل ملون قائم ڪندا رهيا آهن. ذرا اندازو ڪريو ته، اڄ لوهه جون ڪيتريون مشينون اسان جي زندگيءَ کي وڌيڪ آسان ۽ سڦلو بنائي رهيون آهن؟! يمن ڪلياڻ جو مطالعو ڪندي ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ته، لوهه ٺاهڻ جي صنعت سنڌ ۾ اوج تي هئي. تڏهن به باهه جو ڪم لوهه ٺاهڻ لاءِ ڪوئلي يا اڱاري کان ورتو ويندو هو. اصل ۾ ڪوئلي جون کاڻيون دنيا جي معدنيات يا ڌرتيءَ مان ملندڙ اهڙي وٿ آهن جن تي اڄ جي دنيا به مدار رکي رهي آهي. اڪرندڙ صديءَ ۾ ٻين توانائيءَ جي وسيلن جي استعمال سان گڏ ڪوئلي جو استعمال شايد دنيا اندر وڌ ۾ وڌ ٿئي ٿو. اسان جي ملڪ جي اڪثر وڏين صنعتن ۾ ڪوئلو استعمال ٿئي ٿو، جيڪو سنڌ جي کاڻين ۾ به تمام جهجهي تعداد ۾ نه رڳو موجود آهي، پر گذريل ڪيترين صدين دوران اهو کوٽبو ۽ استعمال ٿيندو رهيو آهي. ڪوئلي جي کاڻين مان ڪوئلا مختلف صنعتي مقصدن لاءِ ڀٽائيءَ نڪرندي ۽ استعمال ٿيندي ڏٺا، جن جي اهميت کان به هُو واقف هو. معدني وسيلي ڪوئلي جي اهميت ان ڪري به آهي ته، اهو ڪاٺ مان ٺهندڙ ڪوئلي وانگر ڳارُو ۽ رکَ ٿي ويندڙ نه ٿو ٿئي پر بار بار باهه ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڪوئلو يا اڱر يا اڱار پنهنجي ان وٿ، قوت ۽ توانائي سميت ڀٽائيءَ کي هن طرح نظر اچي ٿو.
    ايءَ پر اڱارن، ٻڏائين ٻرن جي،
    هڪ کوري کانئيا، ٻيو ڌوڌي منجهه ڌڳن،
    پاڻان لُهارن، ميڙي رکيا مچ تي.

    لوهه ٺاهڻ جي صنعت ۽ ڪوئلي جي استعمال بابت ڀٽائي يمن ڪلياڻ ۾ نهايت تفصيلي بحث ٿو ڪري. سندس بيتن مان سنڌ اندر ان وقت ان صنعت سان لاڳاپيل ماهرن جو ڏس به ملي ٿو؛
    اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪِي سُڄاڻ،
    لاهيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو.
    ۽ اهو ڌنڌو يا مهارت رکندڙن ۽ لوهه جا اوزار ٺاهڻ جو ڪاروبار ڪندڙن جو تمام وڏو تعداد تڏهن کان اڄ تائين سنڌ ۾ موجود آهي. لوهر ڪهڙي وستي ۽ واهڻ يا شهر ۾ ڪم نه ٿو ڪري؟ ڏاٽي گهوٻي کان وٺي نفيس ۽ نازڪ بيئرنگ تائين سنڌ اندر سرگرمي اڄ به جاري آهي، جيتوڻيڪ هلندڙ ڪجھه سالن دوران لوهارڪو ڌنڌو پٺتي پئجي رهيو آهي ۽ خاص ڪري سنڌ اندر هن هنر کان ماڻهو منهن موڙي رهيا آهن. هن ئي صديءَ جي منڍ ۽ وچ واري عرصي ۾ مختلف صنعتن جيڪا ترقي ڪئي آهي اها لوهر جي ڌنڌي جي طفيل آهي. سنڌ ۾ مقامي طور هر شهر ۾ ليٿ مشينن وسيلي ننڍا وڏا سڀ اوزار هتان جا ماهر پنهنجي حرفت ۽ مهارت سان ٺاهيندا هئا ۽ اهڙن شهرن ۾ لاڙڪاڻو به شامل هو، پر اڄ ڏسجي ٿو ته ٽئين درجي جو سنڌ کان ٻاهر ٺهيل مال مارڪيٽ ۾ ٻين هنڌن تان آڻي هيءَ مهارت ختم ڪئي پئي وڃي. آٽوز جا دوڪان ٽئين درجي جي بيڪار مال سان ڀريا پيا آهن ۽ صنعتون وڃن پٺتي پونديون. لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جا اڪثر صنعتي يونٽ مقامي طور اسپيئر پارٽ نه ٺهڻ ڪري لکن جا نقصان سهي رهيا آهن.
    ڀٽائيءَ جي دور ۾ ٻين لوهي اوزارن سان گڏ تراريون به اڃا ٺهنديون هيون ۽ جنگ گهڻو تڻو ترار ۽ ڀالي توڙي زرهه يا ڍال سان وڙهي ويندي هئي. سنڌ هزارين سالن کان، سيراب ۽ معدني وسيلن سان مالامال هجڻ ڪري، لالچي نگاهن جو شڪار پئي رهي آهي ۽ ان تاريخ کان اڳ توڙي اونداهي، وچولي ۽ تاريخ جي دور ۾ پنهنجو جوڳو دفاع پڻ پئي ڪيو آهي. لوهر وٽ تراريون ٺاهڻ ۽ تکيون ڪرڻ جو ڪم ڀٽائيءَ ايڏيءَ توجهه سان ڏٺو جو، هن ان ڌنڌي کي به پنهنجي ڪلام اندر جاءِ ڏني. ڀٽائيءَ جو دور جنگين وارو دور آهي ۽ خود سنڌ اندر مقامي طور به جنگيون ٿيون آهن. جهوڪ شريف واري جنگ ته ڀٽائيءَ جي روبرو ٿي. جنگي مهارت ۾ مکيه ۽ اهم ترين مهارت جنگي سامان ۽ اوزار ٺاهڻ جي صنعت به آهي. جنهن ملڪ کي اها مهارت ڪانهي، اهو ڪنهن نه ڪنهن ٻئي ملڪ جو ڳيجُهو ۽ محتاج هڪ طرف ٿئي ٿو ته ٻئي طرف ان جا پنهنجا وسيلا پڻ ٻين جي استعمال ۾ اچيو، ملڪ کي تهائين وڌيڪ گهاٽي ۾ وجهن ٿا. اهي وسيلا ئي آهن جن تان جنگيون ٿينديون آهن، جن تي قبضي ڪرڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ لاءِ هڪڙن سرڪش ملڪن ٻين تي هلائون ۽ قبضا ڪري کين غلام پئي بنايو آهي.
    ڪچي لوهه کي پگهرائي رڪ ڪمائڻ جو ڌنڌو اڄ به ۽ اڄ کان صديون اڳ به ننگر پارڪر کان ڪشمور تائين وڌ ۾ وڌ مڙساڻو، ماهراڻو ۽ ڪارائتو ڌنڌو رهيو آهي. ڪٿي گهڻو ته ڪٿي گهٽ، پر ان ڌنڌي، صنعت ۽ ماهرانه ڪاروبار تي ڀٽائي ماڻهن جا ميڙ گڏ هجڻ جو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ آڻي تاريخ جا ماخذ مهيا ڪري ٿو؛
    ڪَٽُ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
    مطرقن منهن ڪڍيا، سانداڻيون سهڪن،
    اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.
    ڀٽائي لوهه جي صنعت کي ايترو ته گهرائيءَ سان ڏسي ٿو جو هڪ طرف هو اتي موجود ڪنهن ماڻهوءَ کي واندو بيهڻ برداشت نه ٿو ڪري؛
    ڌوڌا! تون نه ڌئين، آڳ اوڏو نه وڃيين،
    اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين،
    اُڀو ائين چئين، آءٌ آڳڙيو آهيان!

    ڌنءُ ڌنءُ ڌمڻ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي،
    ٻاري مچ مجاز جو، اوتيائون اڱار،
    ڌوڌا! ٿيءُ م ڌار، جئن نه ڪچو لوهه ڪڻيون ٿئي!
    ۽ وري ڏسو، ڀٽائي لوهه جي صنعت ۾ گهمندي ڦرندي پنهنجي پاڻ کي ڪيئن ان عمل جو حصو بنائيندو، پاڻ کي ٻارڻ به ڪوٺي ٿو ۽ سنداڻ به جنهن تان مطرقي جو ڪوبه ڌڪ نه ٿو گُسي.
    سِرُ سنداڻ ڪري، پڇج گهر لهار جو،
    ڌڪن هيٺ ڌري، مانَ گڏنَئي رُڪ سين.

    اڃا تنواران، ڪالهه ڪڍياسون سڄڻين،
    پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وڌاءَ،
    محبتين مٿانءُ، مچ مُورائين نه لهي.

    ٻاريو اجهائين پرين، اُجهايو ٻارين،
    مون کي ٿا مارين، لوهان لهارن جا.
    اڄ سراڻ جو ڪم ليٿ مشينون ۽ جديد ترين اوزار ڪن ٿا. ڀٽائيءَ کي اقتصادي عمل ۽ اقتصادي ترقيءَ جي تاريخ جڙڻ جي ڏسو ڪيڏي ساڃهه آهي؛
    سرها ڏٺم سي، جن جي ساڃاهه سراڻ سين،
    تيغ تنين جي کي، ڪَٽ نه لڳي ڪڏهين.
    هنن بيتن جو معنائون گهريون ۽ سمجهڻ جوڳيون آهن، پر افسوس جو ڀٽائيءَ کي اهڙو ڪو محقق اڃا نه مليو آهي، جيڪو تاريخ جي اُن دور کي ڀٽائيءَ جو رسالو شاهد بنائي تڏهوڪي سنڌ جو مڪمل نقشو پيش ڪري. ڀٽائيءَ جي ڪلام مان ڏس ملندڙ انهن اقتصادي سرگرمين کي اڳتي به اجاگر ڪندا اينداسون جيڪي سنڌ جي اقتصادي، هنري ۽ تجارتي وغيره شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا ۽ جن بابت تاريخ گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ لاءِ ٻيو ڪوبه ذريعو ڪونهي سواءِ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي.
    اُهي هنر، ڌنڌا ۽ ڪاروبار جن جو ڀٽائيءَ مشاهدو ڪيو ۽ شعرن ۾ ذڪر ڪيو.
    مٿي اسان اڍائي سئو سال اڳ جي سنڌ ۾ رُڪ ٺاهيندڙ اسٽيل مِلن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو هو ۽ ڏٺوسين ته سنڌ تي ڌارين جي ڪاهن، احمد شاهه ابدالي، نادر شاهه ۽ دهليءَ جي مغل بادشاهن جون يلغارون سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي زندگي تاراج ڪري چڪيون هيون، ان ڪري سنڌ ۾ پنهنجي دفاع لاءِ جتي ڪٿي جنگي هٿيار ٺاهڻ لاءِ پڻ ننڍيون وڏيون فيڪٽريون ڪارخانا موجود هئا، جن جو چٽو ذڪر ڀٽائيءَ سر يمن ڪلياڻ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي. اڄوڪي دنيا ۾ به اهو ملڪ ۽ قوم پاڻ کي مٿانهان سمجهن ٿا جن وٽ جنگي ساز سامان ٺاهڻ جو پنهنجو بندوبست آهي. هاڻ ته دور آهي ائٽمي هٿيارن جو، ان ڪري ڪوبه ننڍڙو ملڪ جيڪڏهن ائٽمي هٿيار تيار ڪري ٿو وٺي ته اوچتو ڪيڏن به وڏن ملڪن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چُڀي ٿو. ان وقت جي سنڌ جيتوڻيڪ پنهنجي دفاع ۾ مس پوري هئي، پر اهو واضع آهي ته جنگي ساز سامان جي تياريءَ ۾ ڀڙ هئي ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي محتاج نه هئي.
    پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رڪ کي،
    تنين سندو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي.
    اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سِراڻي،
    پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون.
    انهن ٻن بيتن مان ظاهر آهي ته، صديون اڳ جي سنڌ کي پنهنجا لوهه جا ڪارخانا هئا، جتي پهڻ يا پٿر جي شڪل ۾ ملندڙ ڪچو لوهه Iron Ore پچائي ان مان رڪ تيار ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ ان مان ٻئي سامان سان گڏ جنگي ساز سامان به ٺهندا هئا. اسان جا سڄڻ جيڪڏهن ڀٽائيءَ جي رسالي جو غور سان ۽ ترتيب وار مطالعو ڪن ته هوند انهن جي اڳيان ڀٽائيءَ جي گهري سوچ ۽ فڪر سان گڏ سندس دور جي سنڌ جا انيڪ اهڙا احوال حاصل ٿيندا جن کان ٻيءَ صورت ۾ اسين آگاهه ناهيون ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ رڳو ٻين کي ماهر سمجهڻ جي غلطي ڪندا رهون ٿا.
    رڪ ۽ لوهه جي راند ته سنڌ جو پراڻو هنر ۽ صنعت هئي ۽ زمين اندر موجود معدني وسيلن کي جوڳن ۽ مناسب استعمال جي خبر به پئي ٿي. گڏوگڏ يمن ڪلياڻ ۾ ٻي معدني وٿ ڪوئلي جي کاڻين جو به ذڪر ٿي چڪو، جيڪو به سنڌ ۾ تمام جهجهي تعداد ۾ نه رڳو موجود آهي، پر صدين کان اهو هاڻ ته پاڪستان جي سمورن حصن تائين موڪلي ٻارڻ طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
    اڍائي - ٽي سئو سال اڳ جي سنڌ ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ جا به چڱا بندوبست ڀٽائيءَ جي شاعريءَ مان نظر اچن ٿا. اڄ جي پريس انڊسٽري دنيا جي اهم ترين انڊسٽري يا صنعت آهي ۽ ان کي ڪنهن به ملڪ جي بقا لاءِ چوٿون ٿنڀو قرار ڏنو وڃي ٿو. اڄ جي دنيا جي پريس ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي وئي آهي ۽ هر سهولت ميسر ٿي وئي آهي. پر ڪن سڄڻن کي شايد خبر نه هجي ته رڳو ڏهه سال اڳ تائين پاڪستان جي ڪابه پريس، انگريزي، اردو، سنڌي ۽ گجراتيءَ ۾ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا چپٽيءَ سان اکر چونڊي مواد ڪمپوز ڪرائي ڇاپيندا هئا. سنڌي اخبارن ۾ ته جولاءِ 1989ع ۾ پهريون ڀيرو ڪمپيوٽر آيو، نه ته اسان جي پريسن ۾ ڪاتبن جو راڄ هو ۽ مٿن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن لکڻ جو سڄو دارومدار هو. اهو ڪاتب علم ادب ۽ فن جو محافظ آهي ۽ گهڻو گهڻو اڳ جي زمانن کان ادب، علم ۽ فلسفي کي ريڪارڊ ڪندو ٿو اچي.
    شاهه لطيف جو دور به ڪتابن ۽ رسالن توڙي تاريخ نويسيءَ جو اهم دور هو. جيتوڻيڪ ٻي دنيا توڙي اڳ ڀري هئي پر سنڌ ۾ ڪاتب ۽ پريسون موجود هئا. ڌارين جي يلغارن ۽ باهيون ڏئي ساڙڻ سبب ان دور جون لائبريريون سڙي رک ٿي ويون، ان ڪري سنڌي علم ۽ ادب، فڪر ۽ فلسفي جا انيڪ شاهڪار اسان وٽ موجود ناهن. ڀٽائيءَ جي دور جون ڪجھه تاريخون، احوال، شاعريءَ ۽ نثر جا ڪتاب پوءِ به اسان تائين پهتا آهن، بلڪه کانئس اڳ جا ڪتاب به، جيئن شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، شاهه عنات صوفي ۽ عنايت شهيد، مخدوم لنواريءَ واري ۽ ٻين اعليٰ پائي جي ليکڪن جو فڪري مواد وغيره.
    ڪاتب هڪ اسرندڙ سماج ۾ ڪيڏي اهميت ٿو رکي، ان جو اندازو ڀٽائيءَ جي هن بيت مان ڪريو.
    ڪاتب جو لکن، سو متان ويڻ ورائيين،
    جهڙيءَ تهڙيءَ ڳالهه کي، جمع جوڙيو ڪن،
    حرف جي حساب جا، چيٺيو چت رکن،
    سڄي کٻي سر کي، لکيو ڪاتبن،
    ڪرامن ڪاتبين يعلمون مايفعلون، نالو نورانين،
    تو پاڙو سين تن، جني ويڻ نه وسري!
    سٺن سهڻن اکرن ۾ لکندڙ ڪاتب ۽ لکاري ڀٽائيءَ جي پنهنجي صحبت ۽ درگاهه تي به موجود رهندا هئا جن سان سندن فهم جي تيزي، مهارت ۽ ڪم جي ڄاڻ بابت به هُو گفتگو ڪندو رهندو هو ۽ ساڻن ڀوڳ چرچا به ڪندو هو. انهن ماڻهن ۾ اهڙا تيز فهم ماڻهو به هئا جو ڀٽائي ٻين ماڻهن کي دڙڪو ڏيندو هو ته هنن چيڙهالن ماڻهن کان پري ٿيو يا ڀؤ ڪريو ۽ جيڪي لکن ٿا تن تي ٻڙڪ به نه ڪڍو؛
    ڪاتب جيئن لکن، سو متان ويڻ ورائيين،
    جهڙيءَ تهڙيءَ ڳالهه کي جمع جوڙيو ڪن،
    حرف جي حساب جا، چيٺيو چت رکن،
    تو پاڙو سين تن، جني ويڻ نه وسري!
    ڀٽائي ڪڏهن ڪاتبن جي بيٺڪ يا پريس ۾ ليئو ٿو پائي ته چرچو گهٻو هيئن ٿو ڪري؛
    ڪوهه ٿو ڪاغذ ڪورئين، ويٺو وڃائين مس،
    ڏوري تئان ڏس، اکر جئان آئيو.
    يا ٻئي ڪاتب کي ڀوڳ ۾ پنهنجي اجهاڳ فلسفي جو حوالو ڏيندي چئي ٿو؛
    تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
    ڪهڙي ڪاتب ٿو ڪرين، مٿان پنن پيهه،
    جي ورق ورائين ويهه، ته به اکر اهو ئي هيڪڙو.
    ڪنهن ڪاتب کي سهڻن اکرن يا خطاطيءَ ۾ ڪلمو لکندي ڏسي ٿو ته هن جي هٿ اکرن جي سونهن تي موهجي چئي ٿو؛
    ڪاتب! لکين جيئن، لايو لام الف سين،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
    ڀٽائي پاڻ وٽ مختلف ٻولين جي ڪتابن جي لائبريري به سانڍي رکندو آيو. انهن ڪتابن مان ڪن شايد مٿس ڪو اثر ڪيو هجي، پر هر پڙهندڙ وانگر ڪو ڪتاب وڻيو ته واهه، جي نه وڻيو ته امالڪ چوندو هو؛
    ڪوڙ ڪتابن ۾، حرف مڙيو ئي هيڪ،
    جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿئي.
    پڙهڻ جو شوقين ۽ اعليٰ فهم رکندڙ ماڻهوءَ وٽ سٺي ۽ ڪسي ڪتاب جي پرک هجڻ فطري آهي. ڀٽائيءَ کي ميسر ڪتابن مان جي کيس نه وڻيا تن بابت ته چئي ڏنائين ته ”ڪوڙ ڪتابن ۾، حرف مڙيوئي هيڪ“. پر جي ڪو ڪتاب هانءَ کي لڳس ته اهو بار بار پيو پڙهندو هو ۽ اهو پڙهئي ڍاپندو نه هو.
    وسريوم سبق، پهرين سٽ نه سنڀران،
    اڃا هيءُ ورق، هي مطالع نه ٿئي.
    هڪڙا گهڻ پڙهيا ماڻهو وتندا پريسن ۽ ڪتاب گهرن جا لامارا ڏيندا. انهن جي اڳيان مقصد هوندو آهي گهڻا ڪتاب پڙهي پنهنجي فهم ۽ ذهانت کي وڌائڻ، پر جي ماڻهو ڪوپنهنجو نڪتهءِ نظر اختيار نه ٿو ڪري سگهي، فهم نه ٿو بڻائي سگهي، ڳالهين، ماڻهن ۽ سماج کي سمجهي نه ٿو سگهي، ته ان لاءِ ڪيترو به جهجهو مطالعو ۽ گهڻا ڪتاب پڙهڻ فضول آهي. جيتوڻيڪ ڪتاب پڙهڻ هڪ نهايت ئي سٺي ڳالهه آهي پر ان پٺيان مقصد سمجهڻ اهم آهي، ڀٽائي فضول نموني جي گهڻي پڙهڻ کي پسند ئي نه ٿو ڪري؛
    ڪوڙين ڪتاب جي پڙهئين، جُزون جان ڪي تان،
    پهڻي ريءَ پريان، سوڌي ساڃاهه نه ٿئي.
    ان مان لڳي ٿو ته، ڀٽائيءَ جي دور ۾ به ڪيترائي اهڙا ڪتاب لکيا ويا، ڇپايا ۽ وڪيا يا ورهايا ويا جن جو لاڀ پڙهندڙن کي ڪونه مليو. سنڌيءَ ۽ ٻين ٻولين جون تڏهوڪيون پريسون ۽ ڪاتبن جا ٽولا بهرحال ڪتاب ڇاپڻ جي ڪم ۾ رُڌل نظر اچن ٿا، اها ٻي ڳالھه آهي ته اهي ڪنهن هڪ لاءِ دلچسپيءَ جو باعث بڻجن ته ٻين لاءِ فضول ثابت ٿين. انسان اڄ تائين ان مشغوليءَ ۾ مگن ۽ محو آهي. ڪتابن بابت پسند ۽ ناپسند جو اختيار وٽس آهي ۽ پڙهندڙ به موجود آهن ته پريسون ۽ لکاري به.
    متان ڀٽائيءَ جا سڄڻ ۽ محبتي ائين سمجهندا هجن ته، تڏهن واري دور ۾ پريس انڊسٽري ڪانه هئي. پريس جي تڏهوڪي ڪردار کي ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي. ضرورت آهي ان ڪلام کي پڙهڻ جي ۽ پنهنجي فهم ۽ سمجهه کي تيز ڪرڻ جي.


    ڀٽائي رح جي شروعاتي دور جي شاعري.

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي زندگيءَ جي تفصيلي احوال کان اسان گذريل اڍائي صدين کان محروم آهيون، اها ڳالهه طي ٿيل آهي.ڀٽائيءَ جا با ضابطه محقق اڃا ميدان ۾ لٿائي ڪونهن، ان ڪري هن تي ڪو جامع ۽ مستند ڪم به نه ٿيو آهي.
    وِيچارن جهڙي ڳالهه ته اها به آهي ته جامع تحقيق کان لنوائڻ سبب ڀٽائيءَ تي ڪم ڪندڙن سندس ڪلام پڙهندي، ان جي ترتيب ڏيندي يا تشريح ڪندي اها تڪليف به نه ڪئي آهي ته ڳولي لهن ته ڪهڙو ڪلام هُن شروعاتي دور ۾ چيو ، ڪهڙو ڪلام سندس ذهني ۽ فڪري بلوغت جي زماني جو آهي ۽ ڪهڙو سندس پِيريءَ جو. اسين ڪوشش ڪنداسين ته ڀٽائيءَ جي ڦوهه جوانيءَ واري زماني جي شروعاتي ڪلام، ان جي موضوعن ۽ فني جوڙجڪ تي بحث ڪريون.
    ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ سندس زندگيءَ کي گڏ کڻي، الڳ الڳ موقعن تي بحث ڪندي اسان اهو ٻڌائي چڪا آهيون ته،ڀٽائي ڇهن سالن جي ڄمار ۾ اسڪول يا تڏهوڪي مدرسي ۾ داخل ٿيو ۽ ڪي سورنهن کن سال مختلف مدرسن ۾ پڙهيو.انهن مدرسن ۾ حيدرآباد ضلعي جا ڪجهه مدرسا ۽ ٺٽي ضلعي جا مدرسا شامل آهن. دنيا ۾ پراڻي تهذيب کان رواج آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن توڙي يونيورسٽين جا شاگرد ٻين اهڙن ادارن جا تعليمي دورا ڪري هڪ ٻئي جي ٽعليمي، تدريسي ۽ فڪري ڄاڻ ۽ تجربن کان آگاهي حاصل ڪندا آهن. خود ديني مدرسن ۾ به اهو رواج آهي. خود مون پنهنجي جوانيءَ ۾ هڪ ديني مدرسي جي شاگرد طور کوڙ مشهور معروف ديني مدرسن جو پنهنجي استادن سان گڏجي دورو ڪيو ته خبر پئي ته استادن ۽ شاگردن جا هڪ ٻئي سان ويچار ونڊڻ ۽ تجربا Share ڪرڻ جو رواج ڪو ڏاڍو پراڻو آهي.
    ڀٽائيءَ پنهنجي جوانيءَ ۾ ان ريت ڏاکڻي سنڌ جي ڪيترن ئي مدرسن ۽ تعليمگاهن جا دورا به ڪيا ۽ علم ۽ عرفان جون منزلون طي ڪيون. سندس سڄي ڪلام جي غور سان مطالعي مان لڳي ٿو ته هن نوجوانيءَ ۾ ئي شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ شعرن جي مروج گهاڙيٽي بيت ۽ وائيءَ تي طبع آزمائي ڪئي. ڀٽائيءَ جي دور ۾ مدرسن ۽ تعليمگاهن ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو رواج هو،ڇاڪاڻ ته وقت جا حڪمران ڪلهوڙا سلطنت جو ڪاروبار فارسيءَ ۾ هلائيندا هئا، جنهن کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو حاصل هو. اڪثر عالم سڳورا فارسي شعر چوندا هئا ۽ عربيءَ ۾ پڻ. جن جي ڪمن تي ڪجهه سال اڳ ڪتاب پڻ ڇپيا آهن.
    پر ان ئي زماني ۾، ڀٽائيءَ جو ڏاڏو شاه ڪريم بلڙيءَ وارو، مخدوم محمد زمان لنواريءَ وارو، شاه عنايت شهيد جهوڪ وارو ۽ صوفي شاه عنايت نصرپور وارو توڙي ٻيا وڏا عالم سنڌيءَ ۾ شعر چئي رهيا هئا، جيڪي خطن، محفلن ۽ راڳ رهاڻ جي موقعن تي عام اڳيان پئي آيا. مٿان وري سنڌ جي عالمن اکئين ڏٺو پئي ته سنڌ جي تڏهوڪي سرڪار دهليءَ جي مغل سلطنت جي آٿت ۽ آسرَي پَئي حڪمراني ڪئي، جن جي سرڪاري ٻولي به فارسي هئي. ان ئي زماني ۾، بلڪه ڀٽائيءَ جي نوخيزيءَ جي زماني ۾ سنڌي عالمن جي حلقي ۾ نه رڳو سنڌي ٻوليءَ لاءِ محبت پيدا ڪئي وئي هئي پر مغليه ظلم ۽ ڏاڍ خلاف بغاوت به بلوغت تي پهتي هئي. جنهن جو عملي ثبوت شاهه عنايت شهيد پاران مغل ۽ ڪلهوڙا فوجن سان جوٽيل جنگ هئي. ان ئي جنگ جدل جي ماحول ۾، جڏهن مغلن کان سنڌ بغاوت ڪئي، ڀٽائيءَ عالمن ۽ مفڪرن جي هڪ محفل ۾ نوجوان شاعر طور شريڪ ٿيندي اُمالڪ چئي ڏنو؛
    جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام!
    ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُر بروو سنڌيءَ جو سڄو ڪلام نوجوان ڀتائيءَ جو ڪلام ٿو لڳي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪو هڪ موضوع موجود ڪونهي. ان ڪلام ۾ هن جي منڍ واري شاعريءَ جي پڪ سندس بيتن جي جوڙجڪ مان به پئي ٿي، جن ۾ فني پختگي ته آهي پر فڪري لحاظ کان اهو چيڙهُه نظر نٿو اچي جيڪو ٻيءَ طرح ڀٽائيءَ کي هميشه اعليٰ ۽ اُتم رکندو. ڀٽائي مذهبي عقيدي جي حوالي سان ڏاڍي شاندار شاعري ڪئي آهي،جيڪا ٻين سُرن ۾، بلڪه تقريبن سمورن سُرن ۾ لڀي ٿي، پر هي بيت سندس شروعاتي شعر لڳي ٿو؛
    ڇاکي وڃيو ڇو؟ ٻيلي ٿئين ٻين جو،
    وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو،
    سُهکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سين.
    نوجوان ڀٽائي خواب ڏسي ٿو ته شعر ٿو لکي؛
    پَرِوَسِ ٿيم پراڻ، پرين وس نه پانهنجي،
    لڳي ڪين لطيف چئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ،
    پرين ڏيکاري پاڻ، خوش ڪري ويا خواب ۾.
    ڪير چئي سگهي ٿو ته، ڀٽائيءَ جي شعر ۾ ڪا فني اوڻائي به ٿي سگهي ٿي؟ پر جڏهن اسان سيکڙاٽ شاعر جو ذڪر ڪريون ٿا ته، فطري ماحول کي بيت اندر چِٽيندي نوخيز شاعر هيئن ٿو چئي؛
    اونداهي اڌ رات ۾، پرينءَ پَسايو پاڻ،
    چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پاتال ۾.
    اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته، اونداهي اڌ رات به هجي ، وري چنڊ به هجي ۽ پرين جي اچڻ سان ڪَتين سوڌو گم ٿي وڃي؟ اڌ رات اونداهي آهي ۽ ان لاءِ ته اُن ۾ چنڊ ڪونهي.
    نوجوان شاعر کي عشق جي لپيٽ ٿي لڳي ته چئي ٿو؛
    هيرائي هٿ ڪيو، هينئڙو حبيبن،
    ٻڌي ڪچيءَ تند ۾، سلهاڙيو سيڻن،
    وجهي پيچ پرين، هينئڙو هٿيڪو ڪيو.
    تانگهه جي هيءَ ڪيفيت ڏسو؛
    ڪڏهن در ڪشادا دلبر سندا، ڪڏهن پورو ڏين،
    ڪڏهن وڃان، وڃي نه سگهان، ڪڏهن سڄڻ پاڻ سڏين،
    ڪڏهن ڪُڇن ڪينڪي، ڪڏهن ٻاجهه منجهان ٻولين،
    ڪڏهن قول ڪرين، ڪڏهن حرف نه ڪُڇن هيڪڙو.
    مجاز جا عجب اسرار ٿين ٿا. ڪير ائين چوندو ته عشق مونکي ٿيو ئي ڪونه هو پر ٻئي پاسي واري ماڻهوءَ عشق لاءِ مجبور ڪيو! ڀٽائي ڏسو، اِها ڳالهه ڪيئن ٿو ڪري؛
    آثارو تنهن عشق جو، ڪڏهن ڪونه ٿيومِ،
    محبوبن منٿون ڪري، سِڪڻ سيکاريومِ،
    تِهان پوءِ ٿيومِ، آرو پسڻ پرينءَ جو.
    لوهر جي دوڪان تي زنجير ٺهندي ڏسي نوجوان شاعر دل جي ڪيفيت هن طرح بيان ٿو ڪري؛

    جيئن لوهارن لپيٽيو، ڪڙو منجهه ڪڙي،
    منهنجو جيءُ جَڙي، سپيرين سوگهو ڪيو.
    ڀٽائيءَ جوانيءَ ۾ ئي هيکلا سفر شروع ڪيا هئا ۽ دڳ ۾ جو ڪجهه پئي ڏٺائين تنهن تي شعر پئي لکيائين. ڪنهن ماڻهوءَ جي قبر کوٽجندي ڏسي دڳ مان ئي هن ان حال تي غور ڪيو ته سندس ادراڪ موت سان واڳيل لازمي شين تي هن طرح شعر موڪليو؛
    فاني ئي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو،
    لٽي لوڙهه لتن سان، جوڙيندئي جاني،
    حرف پڇندئي هيڪڙو، ظاهر زباني،
    ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀڪنهين.
    موت بابت ڀٽائيءَ سوين شعر لکيا آهن، جن ۾ سندس فڪر جون گهِرايو ڏاڍيون انوکيون آهن، پر ڪنهن کي قبر تي ويهي دعا گهرڻ ۾ محو ڏسي نوجوان شاعر چيو؛
    ڀر ڀنجهوءَ ويهي، ڪهڙي ڪندين ڳالهڙي؟
    ڄاڃي ماڃي موٽيا، وَرُ ونيءَ ڏيئي،
    خبر نه پيئي ته، ڏاج ڏنائون ڪيترو؟
    ته ڀٽائيءَ جا چاهيندڙ سـڄڻ اهڙا بيت پڙهڻ لاءِ پاڻ به غور ڪندا.....


    سُر ڪلياڻ، ان جا موضوع ۽ ڪردار

    ڪلياڻ ڀٽائيءَ جي رسالي جو پهريون سر آهي. ڪلياڻ جي معنيٰ آهي امن، اطمينان، سک. ڪلياڻ ۾ جن ڪردارن کي شامل ڪيو ويو آهي، تن ۾ سڀ کان اڳ الله تعاليٰ، تنهن کان پوءِ ان جو رسول حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم، قيامت جو ڏينهن، بهشت، ايمان، ٻيائي، الله جي هيڪڙائيءَ جي مڃتا ڪندي سر ڏيڻ، عضوا وڍي ڏيڻ، سر ڏيڻ جي سُڌ، وحدت مان ڪثرت، پاڻ ۾ الله پسڻ، مختلف صورتن ۾ الله پسڻ ۽ الله جي عبادت وغيره.
    ڪلياڻ جي پهرئين داستان ۾ مٿين موضوعن ۽ ڪردارن بابت توڙي ايمان ۽ عقيدي تي بيت ملن ٿا. ايمان ۽ عقيدي جي معاملي ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو موقف نهايت واضع، اڻ ٽٽ ۽ ٺوس آهي ۽ ان ۾ هن وٽ شڪ گمان جي گنجائش ئي ڪانهي؛
    چئـو تون الله هيڪڙو، ٻي وائي وساري ڇڏ،
    اُو تان توسين گــڏ، سـڄــڻ ســاهه پساهه ۾.
    رسالت تي ايمان بابت سندس موقف به نهايت واضح ۽ ٺوس آهي؛
    وحدہٗ لاشريڪ له، جن اُتـوسين ايمـان،
    تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان،
    اُوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا.
    هتي هڪ عجيب ورتاءَ جو ذڪر ڪرڻ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ وٽان ٿيندو ته، ايڇ ٽي سورلي جڏهن ڀٽائيءَ جي بيتن جو ترجمو آندو ته، ان کي الله جي رسول جو نالو کڻڻ ۾ عارُ محسوس ٿيو. ان ڪري هن هر بيت ۾، جتي محمد ﷺ جو نالو آيو، لفظ ”تعريف ڪيل“ يعني praised استعمال ڪيو. معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ڳالهه ساڳي ٿي بيهي، پر اسين جڏهن مئڊم ايلسا قاضيءَ جي ڪيل ساڳي بيت جي ترجمي تي اچون ٿا ته فرق ظاهر ٿيو پوي؛
    وحده لاشريڪ له، جان ٿو چئين ايئن،
    تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
    سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.
    هن بيت جو سورلي اجهو هيئن ترجمو ڪيو آهي؛
    He is the lord, one only one,
    Sustainer and Compassionate,
    Sing the praise of him who heals,
    The true one, sing ye praise of him
    Acknowledge ye the praised one, who
    The causer of causes is.
    Why go ye then and bow yourselves
    In front of others, why go ye?
    ساڳي بيت جو ترجمو علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي گهر واري ايلسا قاضيءَ هن ريت ڪيو؛
    He is without a partner, when
    This glorious news you break
    With love and knowledge, Muhammad
    Accept as cause him take
    Why would you then obeisance make
    to others after that?
    ڪمپيوٽر جو ذڪر:- جيتوڻيڪ ڪمپيوٽر اسان جي هن ويهين صديءَ جي صفا آخري چوٿائيءَ جي ايجاد آهي ۽ ڪمپيوٽر ترقي ڪري رهيو آهي. ڪمپيوٽر جي دنيا جي ماڻهن کي ۽ انهن سڄڻن کي جن وٽ پنهنجا ڪمپيوٽر پي سيز آهن، انهن کي ڄاڻ آهي ته، ڪمپيوٽر تان پاڻ لاءِ ڪنهن به پروگرام کي کولڻ لاءِ سڀ کان اڳ دري کولڻي پوندي آهي. دريءَ کي انگريزيءَ ۾ Window چئجي ٿو ۽ اها ونڊو ئي ڪمپيوٽر جي خزانن جي تلاشيءَ لاءِ ڪارآمد ٿئي ٿي. هر ڪمپيوٽر لاءِ هاڻي ونڊو پروگرام سڄي دنيا ۾ ملن ٿا. اسان کي عجب ان ڳالهه جو آهي ته ٽي صديون اڳ جي ڀٽائيءَ ڪمپيوٽر جي ونڊو پروگرام بابت هي بيت ڪيئن چيو آهي ۽ اهو ڪلياڻ ۾ ئي آهي؛
    ايـڪ قصر در لک، ڪـؤڙين ڪڻس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
    ۽ هاڻي اچون ٿا سرڪلياڻ جي ٻئي داستان تي.
    ڪلياڻ جي ٻئي داستان جا موضوع آهن، اگهائي معنيٰ بيماري، چڱائي معنيٰ چڱ ڀلائي، ويڄ، طبيب، سوريءَ جي سيڄ معنيٰ ڦاسي قبولڻ، محبت ۾ سسي ڌار ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ، ڪسڻ لاءِ ڪات ۽ اڏيون موجود هجڻ، جيئن فرينچ انقلاب دوران ٻه صديون اڳ چؤواٽن تي سسيون وڍڻ وارو عمل تاريخ جو هڪ عجيب حوالو بڻجي ويو آهي. ڪلاڙڪو هٽ، يعني مڌ سازي، شراب جو دوڪان، ڪلال يعني پياڪ وغيره. چوَن ٿا ته مومل جي نوڪرياڻي ناتر مڌ سازي ءَ جي ماهر هوندي هئي ۽ جڏهن ڪاڪ تي مومل جي ماڙي ويران ٿي ۽ مومل ڏاگهه چڙهي ته، ناتر ڪراچيءَ جي اوڀر ۾ گڏاپ واري علائقي ۾ موجوده سپر هاءِ وي کان ڪجهه ميل اتر طرف ڪلاڙڪو هٽ قائم ڪيو، جتي اڻ ڄاتل ماڻهو هلي ايندا هئا. هوءُ مٽ چڪائيندي هئي ۽ سندس ڌيءُ موکي آيل متارن جي خدمت ڪندي هئي؛
    سوريءَ سڏ ٿيـو، ڪا هلندي جيڏيون،
    وڃڻ تـن پـيـو، نـالو نينهن ڳنهن جي.

    اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنبـاهيا،
    ڪاٽ ته پوين قبـــول ۾، مڇڻ ڀانئين گهٽ،
    مـٿا مـهاين جا، پيا نه ڏسين پٽ،
    ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي.
    ڪلياڻ جي ٻئي داستان جو بغور مطالعو ٻڌائي ٿو ته ڪسڻ لاءِ، جنهن اڏيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي سا، ڪا سياسي انقلاب يا هلچل جو ڪارڻ نه هئي بلڪه علامتي انداز ۾، ڪنهن به مقصد ماڻڻ لاءِ ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ آخري ۽ قطعي طريقو آهي سر ڏيڻ. حقيقت به اها آهي ته سر ڏني کانسواءِ، يا ايڏي پختي ارادي کانسواءِ مقصد ملڻ ممڪن ئي ڪونه ٿو رهي.
    سر ڪلياڻ جو لاڳيتو مطالعو ڪندي ، جڏهن ان جي ٽئين داستان تي پهچجي ٿو ته، مٿئين ٻن داستانن جو تت هن ٽئين داستان ۾ خلقڻهار ۽ بندي جي وچ ۾ تعلقات ان منزل تي پهچن ٿا، جڏهن بندو ٻڏتر جو شڪار ٿي خالق کان شرمائي ٿو ۽ سندس ويجهڙائيءَ جي شرطن کان لڄائي ۽ ڪترائي ٿو. اها ڪيفيت تڏهن واضح ٿئي ٿي جڏهن ڀٽائي فرمائي ٿو؛
    سڪين ڪُھ سلام کي، ڪرين ڪُھ نه سلام،
    ٻـيـا در تـن حرام، هيءُ در جنـي ديکيو.
    سر ڪلياڻ جي هن ٽئين داستان ۾ خالق ۽ بندي جي وچ ۾ ازلي عشق جي ڪيفيت چوٽ تي چڙهيل نظر اچي ٿي. حجاب ۽ شرمساريءَ جا سڀ پردا ڏور ٿيو وڃن ۽ جڏهن حبيب سڏ ڪن ته، اهو سڏ ۽ دل ۾ پيدا ٿيل محبت وجود تي طاري ۽ حاوي ٿيو وڃي؛
    حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
    سـو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.
    جيڪي ماڻهو چون ٿا ته، ڀٽائيءَ کي سمجهڻ ڏکيو آهي، اهي اها ڳالهه وساري ڇڏين. ڀٽائيءَ کي پڙهڻ ڏکيو نه بلڪه تمام سولو ۽ آسان آهي. اهو هيئن ته اوهان رسالو کنيو ۽ وچو واڙي بيت پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوهان کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو. هيئن ڪريو، رسالو کڻو، منڍ کان هر بيت نمبروار ضرور پڙهندا وڃو ۽ داستان جي پڄاڻيءَ تي بيهو. مڪمل ڪيل داستان جي انهن نقطن تي ٻيهر غور ڪريو جيڪي اوهان کي ڏکيا لڳا. اهي بيت ٻيهر پڙهو ۽ ان ئي رسالي ۾ ڏکين لفظن جي ڏنل معنائن کي ڏسي وٺو. داستان جا موضوع ۽ پيغام حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي اڳتي وڌو. فقط لڳاتار مطالعي سان ئي ڀٽائيءَ جو ڪلام اوهان کي آسان لڳندو ۽ سمجهه ۾ ايندو.


    سُر يمن ڪلياڻ

    سر يمن ڪلياڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جي مجموعي شاهه جي رسالي جو ٻيو نمبر سُر آهي. يمن ڪلياڻ جي معنيٰ شاهه جي شارحن ”سُک جو دڳ“ ڪڍي آهي. يعني اهو رستو جيڪو امن ۽ سک ڏانهن وٺي هلي.
    منهنجي اڳيان علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو آهي، جنهن جي يمن ڪلياڻ ۾ ڪل 9 (نو) داستان آهن. هنن نون داستانن ۾ هڪ ٻئي سان مشابهه موضوعن هوندي به اهي موضوع داستان وار بدلجندا وڃن ٿا ۽ مختلف ڪيفيتن کي اجاگر ڪن ٿا. مثال طور يمن ڪلياڻ جي پهرئين داستان ۾ ازلي ۽ لازوال طبيب جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو ڏک ۽ سک ڏيڻ ۽ لاهڻ تي قادر آهي. اهو ئي حبيب به آهي ۽ طبيب به، ڊٺن، ڪِرِيلن ۽ تباهه ٿيلن جو آٿت ۽ ڊب به آهي ۽ رب به، ڏکن کي لاهڻ لاءِ هن جو امر يا حڪم ئي ڪافي آهي. طالب ۽ مطلوب، الله ۽ بندي وچ ۾ ازلي رشتي جي مختلف پاسن، ڪيفيتن ۽ لڳ لاڳاپن ۾ هڪ ٻئي سان حجتن جو به هڪ عجيب رنگ هن داستان ۾ ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته طالب رڳو سک جو طالب ئي ناهي بلڪ خود سپردگيءَ يا پنهنجو پاڻ قادر جي حوالي ڪرڻ ۽ ارپڻ جو اهڙو انوکو اتساهه رکندڙ آهي، جو هو چاهي ٿو ته مٿس ڏکَ ڀلي وارد ٿين، هو انهن ڏکن کي سکَ ۽ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي انهن کي قبول ڪندو؛
    هڻ حبيب هٿ کڻي، ٺيڪ مَ ٿورو لاءِ،
    پــريـن تنهنجي گهاءَ، مران ته مانُ لهان.
    ان ساڳي ئي ڪيفيت جو هڪ ٻيو روپ، گُهرندڙ جي پاران وڏي آزار ۽ امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ محبوب جي منهن مقابل ٿيڻ جي اتساهه کي هن طرح پڌرو ٿو ڪري ته؛
    هڻ حبيب هٿ کڻي، ٻنگا لهي ٻاڻ،
    ماڳهين مون مِنهن ٿئي، جهوليءَ وجهان پاڻ،
    ان پر ساڄن ساڻ، من مقابل مون ٿئي.
    ساڳئي ئي داستان ۾ هن ناتي ۽ رشتي جي بدلجندڙ روپن ۾ طالب جو هڪ روپ اهو به پڌرو ٿو ٿئي ته ڏک ڏيندڙ محبوب ڀلي ڏک ڏولائا ۽ تڪليفون ڏئي، ڇاڪاڻ ته انهن جي نتيجي ۾ انهن عنصرن جي به پت وائکي ٿي ٿئي، جيڪي عذاب لاهڻ جي ڄاڻ يا وڄا رکڻ جا دعويدار آهن، پر انهن جي وڄا وسريو وڃي ٿي جڏهن ته گهرندڙ ان تڪليف جي لذت وٺڻ ۾ پنهنجو اعزاز ٿو سمجهي؛
    جت حبيب هڻن، نائڪ ڀري نينهن جي،
    تِتي طبيبن، وڄا وڃي وسري.

    هـڻين جي حـبيب، محبتـي ميا ڪري،
    پڇان ڪونه طبيب، هوند گهائن سان ئي گهاريان.
    پر وري هن ئي داستان اندر انهن طالبن ۽ محبت وارن جو سندن مختصر قوت برداشت سميت به ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي محبوبن وٽان مليل آزار تي ڪُڻڪن، ناراض ٿين ۽ دانهن ڪن ٿا ۽ ڪاڻيارا ثابت ٿين ٿا، پر بنهه ساڳي ئي ڪيفيت يعني آزار تي ڪُڻڪڻ باوجود جيڪي عاشق ان آزار کي برداشت ڪري ٿا وڃن، ٻئي ڪنهن جي آٿت يا آسري تي نه ٿا لڳن ۽ پنهنجي آزار کي پنهنجو ڪري، ان جي نتيجي ۾ مليل درد يا ڏک تي پاڻ هيرائين ٿا ۽ سور سختين تي پاڻ کي عادي بڻائي ٿا ڇڏين، تن کي به ڀٽائي آدرشي بنائي ٿو ڇڏي، ڇاڪاڻ ته اهي آزاريل ۽ ڏکويل سور ۽ ڏک تي شڪر ڪن ٿا ۽ ناراضگيءَ کي ڪڍي ٿا ڇڏين؛
    ڪاڻيارا ڪڻڪن، جنين لوهه لڱن ۾،
    محبت جي ميدان ۾، پـيـا لعل لڇن،
    پاڻهئي ٻڌن پٽيون، پاڻهئي چڪيا ڪن،
    وٽـــان واڍوڙين، رهـي اچـجـي راتـڙي.

    آزار ۽ ڏک هوندي به اهڙن آدرشي انسانن، حق ۽ سچ جي تلاش جاري رکندڙ ن جي جاکوڙ توڙ تائين، يعني منزل ملڻ تائين جاري ٿي رهي ۽ اهي ٻئي ڪنهن جو آسرو ڪونه ٿا ڪن؛
    ويچارا واڍوڙ، سدا شاڪر سور سين،
    تاڻين پاسي توڙ، اوري ڪن نه آسرو.
    سر يمن ڪلياڻ جي پهرئين داستان جي آخر ۾ اوچتو ئي اوچتو ٻه نوان ڪردار ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ نڪري نروار ٿا ٿين، جيڪي هن کان اڳ، رڳو مشاهدو ڪري رهيا آهن پر انهن جي سڃاڻپ آخر ۾ اچي ٿئي ٿي. هڪ ڪردار مشاهدو ماڻيندڙ جو آهي ۽ ٻيو ماءُ جو. مشاهدو ڪندڙ هن مرحلي تي هڪ نئين صورتحال پڻ بيان ٿو ڪري يا ٿي ڪري ۽ ماءُ کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته، انهن تي ويساهه ئي نه ٿو اچي جيڪي ڏکن تي شڪر نه ٿا ڪن ۽ روئن رڙن ٿا، اکين ۾ آب يا پاڻي آڻي دنيا کي ڏيکارين ٿا. جڏهن ته جيڪي سڄڻ کي ساريندا آهن، اهي مقصد ماڻڻ تائين نه روئندا آهن ۽ نه ئي ڏک ڪنهن سان سليندا آهن؛
    آيَـــلِ! اُنِ نـه وِسَهان، هَنجُون جي هارِينِ،
    آڻيو آبُ اَکين ۾، ڏيـهه کي ڏيکارِيـنِ،
    سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نڪي روئن نه چون ڪِي.
    ڀٽ ڌڻيءَ جي سر يمن ڪلياڻ جي ٻئي داستان جي صورتحال هيءَ آهي ته، هن ۾ اهڙا بيت آهن، جن ۾ اگهائي ۽ سگهائيءَ جي تضادن ۽ ويڄن ۽ طبيبن جي درجا بندي به آهي ۽ ويڄ يا طبيب هجڻ جي دعويداريءَ کي چئلينج به ڪيو ويو آهي ته، سَگهي ٿيڻ لاءِ ڪِرِي يا رکَ جو شرط به رکيو ويو آهي. عجيب ڳالهه آهي ته، ڀٽائيءَ جاڳڻ ۽ مقصد لاءِ اوجاڳن ڪڍڻ جي تلقين ڪندي هڪ اهڙي ڪردار کي به يمن ڪلياڻ جي بيتن ۾ آندو آهي، جيڪو سماجي طور نِندڻ جوڳو آهي پر جاڳڻ واري سندس عادت جي ڪري هن جو مانُ مٿانهون ٿي ٿو وڃي.
    اهو ڪردار آهي، چور جو. حقيقت اها آهي ته چورَ ۾ اهڙي ڪابه خاصيت ۽ خصلت ڪانهي جنهن کي، واکاڻي سگهجي پر ڀٽائيءَ سندس جاڳڻ جي عادت کي سُٺي ڌات سڏيو آهي ۽ راز رکڻ واري خصلت کي به.
    پر پهريائين اچو ته ڏسون ان تضاد کي، جنهن ۾ طبيب طبيب نه ٿو رهي ۽ سندس دعويداريءَ کي ڀٽائي ٿُڏي ٿو ڇڏي. ڀٽائي جڏهن چئي ٿو ته:
    تن طبيب نه تون، جو سُڌ لهين نه سُور جي،
    ڍڪ پنهنجيون ڍٻيون، کڏ کڻي ۾ ڀون،
    ڪانه گهرجي مون، حياتي هوتن ريءَ.
    تڏهن سندس مقصد آهي ان طبيب سان جنهن کي مريض جي مرض جي خبر ڪانهي. اندر جي اڌمن ۽ امنگن، سور، ٻَري ۽ بيماريءَ جي خبر چار نه هجڻ جي باوجود ڪو ماڻهو پاڻ کي طبيب يا چڱو ڀلو ڪندڙ سڏائي ته، ان کي پنهنجا سڀ حيلا ۽ دوا دارون ۽ نسخا مٽيءَ ۾ کڏ کوٽي ان ۾ پورڻ کپن، ڇاڪاڻ ته اهڙو ڏڏ وڌيڪ ڏنڀ ڏئي ڏيل کي وڌيڪ ڏکوئيندو؛
    تن طبيب نه گڏيا، ڪٺيس ڪُويڄن،
    ڏيـئـي ڏنـڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.
    وري جڏهن اندر جي آزار جي خبر رکندڙن کان پري ٿو رهجي، سندن ڏسيل راهه ۽ پابندين، رک ۽ ڪريءَ جو لحاظ نه ڪجي ته اٽلندو ڇيهو ئي رسندو؛
    ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪِري ڪن نه پاڻ،
    اگهــا اِن اهــڃاڻ، پسو! سور سجهائيا.
    ۽ هي معنيٰ خيز بيت؛
    جي ڀائين پرينءَ مِڙان، ته سِک چوران ڪِي ڌات،
    جاڳڻُ جشنُ جن کـي، سُکِ نه ساري رات،
    اُڄي ٻُجـهي آئيـا، وائـي ڪَـن نـه وات،
    سـَلـي سُـــوريءَ چاڙهيا، بـَيان ڪَـن نه بات،
    توڻي ڪُسن ڪـات، ساڳِـي سَلِن ڪِين ڪِـي.

    يمن ڪلياڻ جي هن داستان ۾ ڏکويل طبقن جي هڪ ٻئي سان ٻڌيءَ لاءِ به ڀٽائيءَ عجيب ڏس ڏنو آهي. جي سڀ ڏکويل هڪ هنڌ گڏ ٿا ٿين ته، ظالم کي ٽپڙ ٻڌڻا ئي ٿا پون؛
    اگـهن مِڙي اڄ، ڪيو سَڏُ صحت کي،
    ڏورُ ڏُکندا ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو.
    ڀٽائيءَ جي رسالي جي ٻئي نمبر سر يمن ڪلياڻ جو چوٿون باب يا داستان ان رومانوي داستان کي پڌرو ٿو ڪري جنهن کي ٻين شاعرن يا ته بيان ئي نه ڪيو آهي يا وري جزوي طور ذڪر هيٺ آندو آهي. هن داستان ۾ سر ڪلياڻ وانگر مومل جي جادوگر نوڪرياڻي ناتر ۽ ان جي ڌيءُ موکي جي انهن بٺين جو منظر اڀري ٿو اچي جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪراچي شهر کان 25-30 ميل پوئتي، گڏاپ جي علائقي ۾ سپر هاءِ وي ڀرسان موجود هيون. هن وقت انهن بٺين جا نشان ته ظاهر ناهن البته انهن بٺين تي هلي ايندڙ پياڪن جون قبرون موجود آهن، جن تي علائقي جا ماڻهو سالئون سال ثقافتي ميلو ڪرائيندا آهن.
    هن داستان جو پس منظر ٺيٺ رومانوي آهي. جنهن ۾ اڻ ڄاتي هنڌ کان ايندڙ متارا يا پياسا، سنجها ويل اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ موکي کين مڌُ وٽيون ڀري ڏيندي هئي. متارن ۾ هر وهيءَ جا ماڻهو شامل هئا ۽ اهي بنا ناغي موکيءَ جي ڪلاڙڪي هٽِ ايندا هئا. داستان موجب، هڪ ڀيري موکيءَ وٽان مڌ ختم ٿي وئي ۽ متارن وڌيڪ لاءِ اصرار ڪيو. جنهن تي موکيءَ پراڻا مٽ لوڏي هڪ مٽ مان مڌ وٽيون آڻي سندن اڳيان رکيون. مڄاڻ ان مٽ ۾ ڪو نانگ مري ويو هو، جنهن جو زهريلو وجود ڳري ويو هو ۽ ان زهر سبب ان رات آيل متارا اتي جواتي مري ويا. جنهن کانپوءِ هن ڪلاڙڪي هٽ ڪوبه نه وريو ۽ ان ريت داستان جو به خاتمو ٿيو. موکيءَ جي نالي سان نه رڳو گڏاپ ۾ بلڪه ڪراچي شهر جي ملير واري علائقي ۾ ديهن تي نالا رکيل آهن، جڏهن ته مٿي ڄاڻايل هٽ کان علاوه متارن جو ڪنهن ٻئي علائقي ۾ نه ذڪر ملي ٿو ۽ نه ڪي نشان. موکيءَ جي خدمت چاڪري ءَ ۾ مهارت ۽ ڏانءَ بابت پتو پئي ٿو ته هوءَ نهايت پرڪشش خدمت ڪندڙ هئي ۽ مڌ کان وڌيڪ متارن کي سندس ورتاءَ ۽ شخصيت موهي وڌو هو؛
    هـونـدو هـڏم رک، لاءِ پياڪن پانهنجو،
    وٽي واٽاڙئن کي، تان پياري پرکُ،
    سا لک لهي ٿي لِک، جا تو ايندي ان سين.
    موکيءَ جي ڳالهين جا به متارا ڳڱاٽيل هئا؛
    موکـيءَ مٺو نه گهريا، وهه نه وهاٽيا،
    سرڪيءَ ڪاڻ سيد چئي، اتي ٿي آٽيا،
    جي ڳالهين ڳڱاٽيا، تن بَٺين پاسي بُٺيون.
    يمن ڪلياڻ جي پنجين داستان ۾ ڀٽائي تصوف جي اٿاهه گهرائين ۾ لهي اچي ٿو. هو انهن صوفين جي نڪتئه نظر کي پيش ٿو ڪري جيڪي وجود کي ڌوئي ٻيائيءَ کان پاڪ ٿا ڪن ۽ هر شيءِ ۾ پرين پسن ٿا، ڪثرت يا گهڻائي کان وحدت ڏانهن مڙن ٿا؛
    صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
    تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
    يمن ڪلياڻ جا اهي صوفي ان حد تائين صاف دل آهن جو ، جيڪو ساڻن دشمني يا وير ٿو رکي، هُو انهن جا واهرو بڻجي ٿا وڃن؛
    صوفي لاڪُوفي، ڪونه ڀانئيس ڪيرُ،
    منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر نه آهس پيرُ،
    جنين ساڻس ويرُ، ٿئي تني جو واهرو.
    ڀٽائيءَ جي تصوف جا روپ يمن ڪلياڻ، کاهوڙي، رامڪلي ۽ ٻين سرن ۾ ور ور ڪري پڌرا ٿين ٿا، پر جيئن تنوير عباسيءَ ڀٽائيءَ جي مطالعي ۾ پڌرو ڪيو آهي ته ڀٽائيءَ جا صوفي گهڻو تــڻو ”ٻوڌي“ نوعيت جا هئا. يمن ڪلياڻ ۾ به ان نوعيت جو صوفي لڀي ٿو؛
    صوفي چائين، سڌ ڪرين، صوفين ايءَ نه صلاح،
    ڪـاٽـي رک ڪُلاه، اڇلـي وجُهه آڳ ۾.
    يمن ڪلياڻ جي پنجين داستان ۾ شامل ڀٽائيءَ جي بيتن جو مرڪز تصوف جو اهو رويو آهي، جنهن سان صوفي وجود کي دوئي يا ٻيائيءَ کان ڌوئي ٿو، وحدت کان سواءِ، الله جي هيڪڙائيءَ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به طاقت کي نه ٿو مڃي، تنهن کان پوءِ ئي کيس پرينءَ جو جيئري پسڻ نصيب ٿئي ٿو. ساڳي طرح صوفي پاڻ سان ڪجهه به ڪين ٿو کڻي ۽ جي کين ڪو ڪجهه ڏئي ٿو ته ڏکوئجن ٿا ۽ اڻ ڏني راضي ٿا رهن؛
    ڏني ڏکـوئيـا، اڻ ڏنـي راضي ٿيا،
    صوفي تيئن ٿيا، جيئن ڪين کنيائون پاڻ سين.
    ان ڪيفيت کان پوءِ جڏهن صوفي پاڻ لاءِ ڪابه لالچ نه ٿو رکي، تڏهن مرحلو اچي ٿو، ان پاڻ ارپڻ واري عمل جو جنهن ۾ انسان ڪثرت ۾، يعني ڪائنات جي مڙني مظهرن، شين، وجودن ۽ سڄي منڊل ۾ وحدت جو مظهر ڳولي ٿو ۽ پاڻ کي ان ۾ گم ڪري، آءٌ، کي وساري ٿو ڇڏي؛
    عالم آءٌ ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري،
    پاڻُ نه آهي ڄاڻُ، مانڊيءَ منڊ پکيڙيو.
    مولانا جلال الدين رومي ءَ جي صوفيءَ وٽ ڪائنات جي ڪل مظاهر ۾، ڪثرت جي هر ذري ۾ هن هيڪڙي طاقت جي سونهن از حد سمايل آهي ۽ جي طالب ان ڪثرت جي مظهرن يا روپن ۾ چتائي نهاري، تلاش ڪري ته هن کي انهن مظهرن ۽ روپن مان ئي محبوب ۽ مطلوب جو مشاهدو ٿئي ٿو؛
    طالب ڪثر، سونهن سر، روميءَ چيو آهي،
    تاڙي جي لاهي، ته منجھئين مشاهدو ٿئي.
    اکين اڳيان تاڙي يا روڪ ۽ اٽڪ کي دور ڪرڻ سان پرين پسڻ ممڪن ٿيو وڃي. اڳتي هلي يمن ڪلياڻ جو مطالعو ماڻهوءَ کي سوچ ۽ فڪر ڏانهن متوجهه ڪري ٿو. مقصد جي ڳولا بنا ڳڻ ڳوت ۽ فڪر جي، لاڀائتي ۽ ڪار آمد ڪانه ٿي ٿئي. جن ماڻهن کي ڳولا جي ڳڻتي آهي تن کي باضابطه طور فڪر ڪرڻ جڳا ئي ٿو؛
    جن کي دور درد جو، سبق سُور پڙهن،
    فڪر ڦرهـي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن،
    پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پَسن پرينءَ کي.
    يمن ڪلياڻ جي پنجين داستان جي بيتن جي اختتام تي، ڀٽائي محبوب کي موجودات ۾ هر هنڌ پسڻ جي ڳالهه ڪندي فرمائي ٿو ته، محبوب هر ڪنهن طرف ڏانهن سامهون آهي ۽ هن کان ڪوبه هنڌ خالي ڪونهي، پر جيڪي هن جي هيڪڙائيءَ کان نفي ڪن ٿا انهن ڪانئرن کي ڇا ڪبو، محبوب ته جسم اندر ئي موجود آهي ۽ اها ڄاڻ مون اَڄاڻ کي به پئجي وئي آهي؛
    سڀ ڪنهه ڏانهن سامهون، ڪو هنڌ خالي ناهه،
    احدا جي آرک ٿيا، سي ڪانئر ڪبا ڪاهه،
    محب منجهين من ماهه، مون اڄاڻنديءَ اُجهيو.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر يمن ڪلياڻ جي ڇهين داستان کي سندس مُرتبن، ڀٽائيءَ جي آس پاس رهندڙ انهن ماڻهن جي ذڪر سبب الڳ ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪي عشق الاهي جي دائري اندر اچڻ کان اڳ مجازي عشق جي لپيٽ ۾ اچن ٿا. ساڳئي ئي داستان اندر سنڌ جي ان دور جي ڀٽائيءَ جي اکين اڳيان هلندڙ شاهه عنايت شهيد جي هاري تحريڪ سان سلهاڙيل ماڻهن جي هلچل ۽ ان سان سر ڏيڻ تائين جو لڳاءُ به ملي ٿو، جڏهن ته چڱن، سر گهوريندڙ ماڻهن سان گڏ انهن ماڻهن جو به ذڪر هتي موجود آهي، جيڪي ڏکي ۽ اوکي صورتحال کان لنوائين ٿا، ڊڄن ٿا ۽ وسوسا ڪن ٿا ته کين عملي طور ميدان ۾ اچڻ کپي يا نه.
    مجازي عشق جو آغاز دنيا ڀر جي صوفين جي نظر ۾ ائين ٿيو آهي جو، طالب کان اڳ مطلوب پنهنجن جلون کي ٻلهار ڪندو آهي ۽ ان جي ادائن ۽ ڪشش جي انداز جو نشانو بڻبو آهي.
    اوقابيل اکين ۾، تـوکي تکـا تير،
    ساڄن! انهيءَ سينڱ سين، ڦَٽيئي گهڻا فقير،
    ٻيو مَ مارج مير، تنهنجو پهريون ئي پورو ٿيو.

    ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي همعصر دنيا جي ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيا آهن، جنهن جو هڪ مثال هن داستان ۾ به آهي؛
    او قابيـل اکين سين، تـير چلايا تـو،
    ٻيو مر ماري سو، جنهن جو پهريون پورو ٿئي.
    لفظ چلايا هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي. هن ئي سر جي پهرين داستانن ۾ ”ايڪ پيالو ٻه ڄڻا“ وارن بيتن ۾ ايڪ ڌاريون لفظ آهي. ”ڪُهين ته آپ ڪُهه، ڏک م چوهڙيان“ ۾ آپ اڀرندو لفظ آهي. ايئن رسالو پڙهندي همعصر ٻولين جا کوڙ لفظ ڀٽائي اهڙي سلوڻي انداز ۾ استعمال ڪري ٿو جو، ڄڻ اهي هجن ئي سنڌيءَ جا ٿا. سڪ ۽ سڪڻ جون سڌون ڪرڻ لاءِ طالب لاءِ پهرين شرط اهو آهي ته هو پاڻ کي هاڃي ۽ نقصان لاءِ به تيار رکي، جنهن کان سواءِ محبوب جو ملڻ ته ممڪن ئي ڪونهي، پر سڪ ۽ سڌ به اجائي ٿي ٿئي؛
    اڃا تو منجهاءُ، ڪک ڇُتي رت نڪري،
    منهن ۾ معشوقن جا، ڪيئن جهليندين گهاءَ
    سوتون ڪڄاڙياءُ، سڪڻ جون سڌون ڪرين؟
    ان لاءِ پاڻ مان سڀ نقص ڪڍڻا ٿا پون ۽ پوءِ طالب ۽ مطلوب ۾ فرق نه ٿو رهي؛
    عاشق چئه مَ ان کي، مَ ڪي چئه معشوق،
    خالق چئه مَ خام تون، مَ ڪي چئه مخلوق،
    سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي نِڱيو.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ٻئي نمبر سُر يمن ڪلياڻ جو مطالعو ڪندي اسان خالق ۽ بندي وچ ۾ ناتن جي انهن سمورن پهلوئن جو جائزو پئي ورتو آهي ،جيڪي الله جي وحدانيت جي مڃتا لاءِ ڀٽائي مقرر ٿو ڪري. ان مڃتا جا رڳو اشارا ئي نه بلڪه ڀٽ ڌڻي سمورا دڳ به ٻڌائيندو ٿو هلي، جن ۾ تصوف جا اهي دڳ ۽ پيچرا به شامل آهن، جيڪي ڀٽ ڌڻيءَ جي پنهنجن تجربن ۽ مشاهدي موافق به آهن ته ٻئي طرف اهي ڏس به، جيڪي سندس صوفياڻي مسلڪ کان علاوه ٻين صوفين جي طور طريقن جو مشاهدو ڪندي هن ڏٺا آهن. ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ سرن جو مطالعو هيل تائين شاهه جي گهڻن ئي شارحن پئي ڪيو آهي پر انهن جو تفصيلي جائزو نه ورتو ويو آهي، جنهن ڪري ڀٽائيءَ جي ڪلام جي مستند ۽ تفصيلي شرح اڃا تائين عام منظر تي نه آئي آهي. سڀني شارحن ڀٽائيءَ جي ڪلام جو جزوي مطالعو پئي ڪيو آهي ۽ ڪجهه سُرن جي الڳ الڳ جائزي وٺڻ جي باوجود سندس نڪتئه نظر جو مطالعو مڪمل نه ڪيو ويو آهي. ان ورتاءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو چڱا پڙهيا لکيا ماڻهو، جيڪي ڀٽائيءَ کي پنهنجو رهبر به مڃن ٿا، پر تقريبن هر ڪنهن کي اها شڪايت پئي رهي آهي ته ڀٽائي ڏکيو آهي ۽ سمجهه کان بالاتر آهي. منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته ڀٽائيءَ تي ڪيترن ئي جُلدن تي مشتمل شرح ڇاپڻ جي هڪ طرف ضرورت آهي ته ٻئي طرف اهو به ضروري آهي ته، اسين ماڻهو پاڻ به ڀٽائيءَ جي ڪلام جو دل سان مطالعو ڪريون.
    يمن ڪلياڻ جي اٺين داستان ۾ پهچندي معلوم ٿئي ٿو ته ڀٽائيءَ هيءُ داستان نهايت بلوغت واري عمل ۾ رچيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان داستان جي بيتن ۾ هڪ سماجي فيلسوف طور ڀٽائي اسان جي اڳيان اچي ٿو، جيڪو پنهنجي سماج کي انتهائي سنجيدگيءَ سان هڪ دڳ، هڪ واضح واٽ مهيا ڪري ٿو. ائين سنجيده سماجي زندگيءَ ڏانهن توجهه ڇڪيندي ڀٽائي شعوري ڪوشش وٺندي، سعيو ڪري ۽ اٽل انداز ۾ سماجي زندگيءَ جو اهڙو احساس ڏياري ٿو، جنهن سان حياتي گهارڻ جو صحيح ۽ سڦلائتو ڏانءُ ملي ٿو.
    ڪيني، وير، حسد، ساڙ، ٻيائي، دوئي، بغض، دوکي ۽ دغا وارن نفرت جوڳن جذبن سان سماج نه ٺهندا آهن. سماجُ فقط سچائي، محبت، ٻئي کي معاف ڪرڻ، ٻئي جي بغض ۽ ڪيني جي محبت سان موٽ ڏيڻ، غيبت کي محبت سان ٽارڻ ۽ اوڳڻن کي ڳڻن سان کٽڻ وسيلي جڙندو آهي.
    هر هر هرائي، وڃڻ در دوستن جي،
    پاڙي ڏانهن پرينءَ جي، اَڄ مَ اوائي!
    الڙ ٿي مَ آڇ تون، واٽاڙن وائـي،
    لائيندءِ لطيف چئي، سُوران سرَهائي،
    ڳجهو ڳالهائي، پرت وٽجي پاڻ ۾.
    هن بيت ۾ ڀٽائي بهترين سماجي زندگيءَ جو اهو سبق ٿو ڏئي جيڪو هڪ فلسفي، صاف دل رکڻ وارو ۽ انتهائي تجربيڪار دانشور ئي ڏئي سگهي ٿو. پنهنجي همدرد کي بيزار ڪرڻ، دوستن ڏانهن وائڙا مقصد ۽ بي معنيٰ مطلب کڻي وڃڻ، سنجيندگيءَ کان سواءِ ڪنهن تي چٿر ڪرڻ ۽ راءِ ڏيڻ سڀ انسان کي انساني قدرن کان ڪيرائي ٿا ڇڏين. محبت سان ڪنهن کي ياد ڪرڻ سان پنهنجي ذهن ۽ وجود جا آزار ۽ سور ٻرا ختم ٿيندا آهن ۽ محبت به ان ئي دڳ سان ونڊي سگهبي آهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ نهايت ئي سنجيده ۽ سماج ڏانهن ذميدار سماجي فيلسوف هو، جيڪو پنهنجي شاعريءَ جي فن وسيلي پنهنجن ماڻهن جي سماجي رهبري ڪندي، هڪ سماج سُڌارڪ جو باضابطه ڪردار ادا ڪندي ايئن نظر ٿو اچي جو ڄڻ ماڻهن لاءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسندي، هو پاڻ تي اها به ذميداري عايد ٿو ڪري ته سٺن سماجي ڳڻن کي اختيار ڪرڻ جي تلقين به ڪري ۽ اوڳڻن کان آجو ٿيڻ لاءِ به ڏس ڏيندو هلي. ڀٽائيءَ جي دور تي نظر ٿي ڪجي ته محسوس ٿو ٿئي ته، ان وقت سنڌي معاشري ۾، ڳڻ ۽ اوڳڻ نيڪي ۽ بديءَ ۾ تميز اڄوڪي دور وانگر ختم ٿي رهي هئي. در گذر، هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ، نيڪيءَ جي طرفداري ڪرڻ، وسوسا ۽ شڪ ختم ڪري هڪ ٻئي تي اعتبار ڪرڻ، ڌيان ۽ سچي نيت سان، ٻئي جي ڀلائي سوچي وک کڻڻ اهڙا سماجي قدر آهن، جن سان هڪ ذميدار معاشرو ترتيب وٺي ٿو. ڀٽائي انهن ڳڻن ڏانهن سڏ ڪندو نظر ٿو اچي. ٻئي جي ڳالهه ۽ ورتاءَ کي نيڪ نيتيءَ سان ٻڌڻ ۽ قبول ڪرڻ اهو انساني قدر آهي، جنهن کي ڀٽائي هر ماڻهوءَ لاءِ لازم قرار ٿو ڏئي ۽ ان مد ۾ هو پنهنجو مزاج، پنهنجي ئي مثال سان پيش ٿو ڪري؛
    جيڪي ڏنائون، سو مان ڳُڻ ڳنڍ ٿيـو،
    مون کي پڇيائون، ٺوڪي انهيءَ ٺوڪ سين.

    ۽ ڪنهن جي اتفاقي غلط ورتاءَ يا شڪ سبب ڪيل يا بنهه سعيو ڪري ڄاڻي ٻجهي غلط ورتاءَ کي به ڀٽائي اجهو هن طرح موٽ ڏئي Tolerance يا درگذر ۽ چڱيءَ نيت سان قبول ڪرڻ جو دڳ ٿو ڏئي؛
    جيڪي ڏنائون، سو سِر ڏئي سَههُ ڄندڙا،
    مَ چئه ڇنائون، ايءُ پڻ ڳنڍيو سڄڻين.
    ۽ ڪو اوڳڻ ڪري، بيجا هلت هلي، برائي ڪري، چڱائيءَ کي ڌڪ رسائي، انسانيت سوز عمل ڪري، منافقانه ۽ بد نيتيءَ تي ٻڌل رويو اختيار ڪري، ته به ڀٽائي هڪ سنجيده سماج سڌارڪ طور جنهن رستي سان لائي ٿو اهو هي آهي ته؛
    ڇنن توءِ مَ ڇن، پاءِ اميري ان سين،
    جي هو اوڳڻ ڪن ئي اَسُهين!، تون ڳڻيائي ڳن،
    پاند جهليو تون پن، هن سونهاري سنڱ ۾.
    سونهارو سڱ ڇا آهي؟ اهو سونهن وارو سڱ آهي سماج جنهن ۾ سڀ تسبيح جي مڻين وانگر هڪ جيڏا، هڪ جهڙا ۽ هڪ ٻئي جيترا ساڳي ئي انداز ۽ حيثيت سان پوئيل هجن ٿا. اُها سماجي روش، جيڪا نياز نوڙت ۽ صبر سيکاري، ڀٽائي ان روش جو پرچارڪ آهي؛
    ڏَمَرَ پاسو ڏک سين، کاند کٿوريءَ هوءِ،
    بيزاري، نفرت ۽ اجائي ٻيائيءَ جو ٻيو نالو آهي ڏمر، جنهن جو انت يا نتيجو وري به ڏک ۽ هاڃو آهي، پر کاند يا صبر کٿوريءَ جهڙو خوشبوءِ دار آهي؛
    ڏمر پاسو ڏک سين، کاند ڪٿوريءَ هوءِ،
    ولله مع الصابرين، آگو ائين چوء...........
    آگي يا اڳواڻ جي ريت اها آهي ته، الله صبر ڪندڙن سان گڏ ۽ سندن طرفدار آهي، ۽ اِها اُها اعليٰ ظرفيءَ جي ريت آهي جنهن سان زيادتي ڪندڙ پاڻ کڏ ۾ وڃيو ڪري؛
    هُو چونئي، تون مَ چئه، واتان ورائي،
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
    پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي.
    ڪيني منجهان ڪجهه ڪين ورندو آهي، ان اعليٰ تجربي ۽ مشاهدي جو ڀٽائي جڏهن تفصيل بيان ٿو ڪري ته انسان جي ان ڪمزور ۽ مذمت جوڳي ورتاءَ جو ذڪر به ڪري ٿو جنهن ۾ ويڻ، طعنا ۽ الزام تراشيون هڪ اعليٰ ظرف ماڻهوءَ کي لوڏي ۽ ڌوڏي نه ٿا سگهن؛
    سڻـي ويڻ ڪنن سين، ورائج مَ وري،
    هاديءَ جي هدايت جي، آهـي ايءُ ڳري،
    تن سَڄي ساهه سري، جن ماريو نفس ماٺ سين،
    چوندن ڪيم چئيج، ويڻ ورائي سامهون،
    ڪـامت، قيمت جهڙي، روز ڏمر کي ڏيج،
    ويڻ مَ ورائيج، تـه سڀ در سهاڳي ٿئين.
    رب تعاليٰ جو ڏسيل دڳ، ڳري يا ڳلي، رستو يا پيچرو چڱائيءَ وارو آهي ۽ ان ۾ نفرت، ضد، هُوڙهيائي ۽ ٻيائيءَ جي گنجائش ئي ڪانهي؛
    ڪيئن ماڻيندا من ۾، خودي ۽ خداء،
    ٻن تراڙين جاءِ، ڪا آهي هڪ مياڻ ۾!؟
    هڪ ڀيرو وري ڀٽائيءَ جي پنهنجي دور ۽ ماحول اندر ليئو پائي ڏسون. ان وقت مغل سلطنت محلاتي سازشن، سماجي اوسر جي ڪمن کان غفلت ۽ بي جوابداريءَ جو شڪار هئي ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي صاحبي سماج کي ذميداريءَ سان سنڀالڻ بدران رڳو هڪ ئي حڪمران طبقي جي مفادن تي توجهه ڏئي رهي هئي، تڏهن ماڻهن کي اهو پتو نه ٿي پيو ته ڪهڙن حلقن ۾ چڱائي آهي ۽ ڪهڙن حلقن ۾ ويهڻ به هاڃيڪار. تڏهن ڀٽائي اڪيلو سماج سڌارڪ نظر ٿو اچي، جيڪو ماڻهن کي چوندو ٿو وتي؛
    ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي،
    سا مجلس ئي مٽ، جي حاصل هوء هزار جو.
    ۽ ان ڪري هو انهن حلقن جو ڏس ٿو ڏئي، جتي ماڻهوءَ جا ڏک گهٽجن؛
    ويـٺي جـنـي وٽ، ڏکـنـدو ڏور ٿـئي،
    تون تني سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا.
    سر يمن ڪلياڻ جي نائين داستان ۾ ڀٽائي فلسفي جي ان موڙ تي اٽل ٿو ڏسجي، جتي فلسفو روشنيءَ کي سچ جي علامت قرار ڏيندو آهي. روشني فطرت جو اهو اهڃاڻ آهي جيڪو زندگيءَ جو اتساهه بخشي ٿو ۽ جيڪو جوت کي برقرار رکي ٿو. ڪائنات کي روشن رکندڙ عنصر زندگيءَ کي برقرار رکندڙ عنصر آهن ۽ ان ادراڪ وارا ماڻهو، جن کي روشنيءَ جي اهميت جي خبر آهي، انهن عنصرن جي بچاءَ ۽ تسلسل لاءِ هڪ هنڌ اچيو گڏ ٿين. دنيا جي هر ڪنڊ ۾، هر سماجي فلسفي ۾ اهڙا ماڻهو ميڙ ڪيو، زندگي جي روشن پهلوءَ کي برقرار رکيو پنهنجا سر فدا ڪري ڇڏيندا آهن. ان عمل کي ڀٽائي پتنگن معرفت واضح ڪيو آهي، جيڪي فطرت جي اٽل اصول، زندگيءَ جي روشن پهلوءَ کي جاودان ڪرڻ لاءِ هر روشن هنڌ تي موجود ڏسجندا آهن. هنن جي موجودگي ڪنهن مجبوريءَ سبب نه هوندي آهي، بلڪه اهي سعيو ڪري، ڄاڻي ٻجهي ۽ شعوري طور پهه ڪري، ارادي ذريعي مچ تي ميڙا ڪندا آهن ۽ پنهنجا سر فدا ڪري ڇڏيندا آهن؛
    پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
    پسي لهس نه لِچيا، سڙيا مٿي سچ،
    سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
    هڪڙن محققن پتنگن ۽ مچ جي تشريح هن طرح ڪئي آهي ته، سنڌ اندر ڀٽائيءَ جي دور واري ڪلهوڙن جي صاحبيءَ دهليءَ جي مغل سلطنت وٽ ساليانه ۽ ماهوار محصول پهچائڻ لاءِ هتان جي ماڻهن جي زندگي برباد ڪري ڇڏي هئي، تنهن جي رد عمل ۾ شاهه عنايت شهيد سنڌ اندر ڇوٽڪاري جي تحريڪ شروع ڪئي، ٻنيون آباد ڪري، هندستاني سلطنت کي هروڀرو جا محصول ڏيڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي ٻڌي ۽ ايڪي لاءِ هلچل کي زور وٺرايو، جنهن تان مغل ۽ ڪلهوڙن جي فوج عنايت شهيد سان جنگ ڪئي. ان جنگ ۾ عنايت شهيد جي فوج جي گڏ ٿيڻ واري هنڌ کي مچ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ شامل ٿيندڙن لاءِ پتنگ کي علامت بڻايو ويو آهي؛
    پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اُجهاءِ،
    پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ،
    واقف ٿي وساءِ، آڳ نـه ڏجـي عام کي.
    ڀٽائيءَ جي ان بيت مان ان آڳ کي وسائڻ ۽ اُجهائڻ جو درس ڏنو ويو آهي، جيڪا عام کي ساڙي رهي آهي ۽ اها هئي مغلن جي محصولن جي باهه. اڄ جي دنيا ۾ ٽين دنيا جون قومون عالمي مالياتي ادارن جي قرضن جي ٻوجهه هيٺان دٻجي تباهه ٿي رهيون آهن، جن جا کوڙ مثال اسين اکين سان ڏسي رهيا آهيون. عالمي واڳن خلاف قومن اهڙا مچ مچايا آهن ۽ مزاحمتي تحريڪن ۾ ڪروڙها عوام شامل ٿي رهيا آهن. تاريخ جي سمورن دورن ۾ اهڙي صورتحال جٿي ڪٿي نظر ٿي اچي. ڀٽائيءَ جي دور جي اهڙي تحريڪ تي گڏ ٿيل پتنگ اجهو هيڏا اٽل ۽ اڻموٽ آهن؛
    پُري پتنگ آئيا، مٿي مچ مڙي،
    ويندا تان نه ڦري، مٿو ڏيندا مچ کي.


    سر کنڀات

    اسين سرڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ جو مطالعو ڪري آياسين، جن ۾ ڀٽائيء جي انهن بيتن کي مرتبن شامل ڪيو آهي، جن ۾ خلقڻهار ۽ بندي، اسلامي عقيدي، ان جي پهرئين رڪن يعني ايمان جي موضوع کان علاوه مريضن، طبيبن، مختلف مسلڪن جي صوفين، علامتي طور سنڌ جي تڏهوڪي سياسي ۽ سماجي صورتحال ۽ ڀٽائيء جي نج سماجي فلسفي ۽ نڪتئه نظر جهڙا موضوع ور ور ڪري اڳيان ايندا رهيا. جيستائين صوفي نڪتئه نظر جو تعلق آهي ته هيء ڳالهه واضع آهي ته، ڀٽائيء جي سڄي شعر ۾، يعني هر سُر ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح جو صوفي اسان کي ملي ٿو ۽ ان جو ذڪر سندس مزاج ۽ ڀٽائيء جي اسلوب ۽ ٽريٽمينٽ جي حوالي سان اسين اهڙن ڪردارن جي اڀرڻ سان ڪنداسون ۽ خاص ڪري جڏهن صوفين وارا سُر، رامڪلي ۽ کاهوڙي آيا، تڏهن اسين ڪوشش ڪنداسون ته ان بحث کي باضابطه اُڪلايون. پر يمن ڪلياڻ جي مڪمل ٿيڻ سان جيڪي سوال مجموعي طور هڪ پڙهندڙ، شارح يا شاهه جي شعر کي سمجهڻ جو شوق رکندڙ جي ذهن ۾اڀرن ٿا، اهي گهڻو ڪري هي آهن ته هيل تائين پرڏيهي ٻولين خاص ڪري انگريزيء ۾ ڀٽائيء جي شعر جو ترجمو ڪندڙن يا شارحن، جنهن انداز ۾ ڀٽائيء کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهو خود سواليه نشان بڻجي اڀري ٿو. مثال طور ڀٽائيء جي تصوف جي فلسفي کي گهڻو ڪري فارسيء جي ٻن شاعرن فريد الدين عطار ۽ مولانا جلال الدين روميء جي تصوف جي فلسفن ۽ موضوعن سان ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪندي ڀٽائيء کي سمجهڻ بدران ساڻس بي انصافي ڪئي وئي آهي. اها ڪوشش ظاهر آهي ته ان نيت سان ڪئي وئي آهي ته، دنيا کي ٻڌايو وڃي ته رومي يا عطار جو ڀٽائي ڪيتري حد تائين پيروڪار هو. ڀٽائي بذات خود عظيم فلسفي ۽ دانشور هو ۽ کيس دنيا جي ٻئي ڪنهن شاعر يا فلسفيء سان ڀيٽڻ فضول ۽ اجايو آهي ۽ اها بي انصافي آهي. هن موضوع تي پاڻ اڳتي هلي کليل بحث به ڪنداسين ۽ سمورو معاملو عام بحث لاءِ اوهان جي اڳيان کولي رکنداسين. آءٌ چاهيان ٿو ته اسان جا جيڪي به ڀائر ۽ ڀينرون پڙهيل آهن، انهن کي ڀٽائيء جي رسالي جي شاعريء جو هڪ ڀيرو لڳاتار مطالعو ڪرڻ تي مجبور ڪريان، جيئن انهن ۾ لڳاتار پڙهڻ جي عادت پوي. ائين ڪرڻ سان رسالي جا سُر پڙهڻ ۽ انهن کي سندن موضوعن ۽ ڪردارن سميت سمجهڻ ۾ مدد ملندي.
    سر کنڀات جو مطالعو ظاهر ڪري ٿو ته ڀٽ ڌڻيء جا هي بيت ۽ وايون سندس ڦوهه جواني جا لکيل ۽ رچيل آهن. هنن بيتن جا موضوع آهن؛ رات، رات جو فطري حسن، چنڊ، تارا، انهن جي طبعي بيهڪ جو رومانوي حوالو، محبت جو لازوال ۽ اجهل جذبو ۽ اُڇل، محبوب جي حسن جي چنڊ سان ڀيٽ، محبوب وٽ پهچڻ جي سڪ ۽ ڇڪ، اٺ جا مختلف نالا ۽ تخاطب، اوٺين جي اُٺن سان مانوسيت، اٺن جي عادتن جو ذڪر، سندن رومانوي مزاج جون ڳالهيون ۽ اهو ماحول جيڪو اوٺين جي آس پاس آهي.
    کنڀات جا بيت پڙهي ماڻهوء اڳيان لاڙ جا اهي جهنگل اچيو بيهن ٿا جتي سنڌو نديء جي ڇوڙن وٽ ۽ سامونڊي ڪنارن تي قسمين قسمين وڻ ٽڻ آهن ۽ وچولي توڙي اترادي سنڌي ماڻهوء جي اوستائين پهچ ناممڪن نه سهي، ڏکي ضرور آهي. اسان لاڙ جي انهن علائقن جو سفر به ڪيو آهي، جتي اڃا تائين بجلي يا روڊ ناهن. اها ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته سنڌ جو سڄو ڏاکڻو حصو سامونڊي ڪناري وارو آهي ۽ درياهه جي مٺي پاڻيء توڙي ڏکڻ- اولهه سنڌ جي جابلو علائقي جي برساتي ندين جي مٺي پاڻيء جو لاهو ڏکڻ طرف آهي، جتي سمنڊ ۽ هنن مٺن پاڻين جي ميلاپ سان هڪ ته وڻن ٻوٽن ڦٽڻ جو هڪ عجيب ماحول آهي ٻيو ته درياهه توڙي جابلو وهڪرن ۾ ڏکڻ - اولهه سنڌ جي جابلو وڻن ٻوٽن جا ٻج توڙي اتر کان سوين ميل پنڌ ڪري سنڌو نديءَ ۾ لڙهي آيل ٻج هن ايراضي ۾ اچيو گڏ ٿين. اهي ٻج هن مخصوص ايراضي ۾ درياهه ۽ ندين نالن جي وهڪري ختم ٿيڻ ڪري بيهجيو ٿا وڃن ۽ پوسل وارو فطري ماحول هجڻ ڪري اهي اُتي ئي ڦٽن ٿا ۽ قسم قسم جا وڻ هڪ عجيب ماحول پيدا ڪري ٿا ڇڏين. ڀٽائيء جي سرکنڀات ۾ جن چيده چيده ۽ قيمتي وڻن جو ذڪر ملي ٿو، انهن جو سنڌ ۾ هن ايراضيء کان سواءِ ٻئي هنڌ هجڻ جو امڪان ئي نظر نه ٿو اچي. ان ماحول ۾ هڪ ٻئي ڏانهن ماڻهن جا رويا به ڏاڍا سُٻنڌڙا ۽ دوستاڻا ٿين ٿا. لاڙيچن ماڻهن ۾ خاص ڪري سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ جتن ۽ اوٺين جا هڪ ٻئي سان چڱائي ۽ ڀلائيء واري سوچ ۽ رويي جا اهڃاڻ ڀٽائيء حقيقتن جي روپ ۾ ڏٺا آهن، جنهن ڪري هو پنهنجي شعرن ۾ امالڪ انهن جو ذڪر ڪري ٿو. انهن روين ۾ هڪ ٻئي لاءِ محبت ته آهي ئي پر ننڍي وڏي ڳالهه مهاڙ، ڪنهن منديء واري چال يا هلت تي ماڻهو هڪ ٻئي کي معاف به ڪريو ڇڏين. ڳالهه رڳو ٻئي کي معاف ڪرڻ جي ڪانهي. هنن بيتن ۾ اهو اعتراف به ملي ٿو ته جيتوڻيڪ اسان ڏي منديون ٿين ٿيون، پر پنهنجا سڄڻ اهي منديون در گذر ڪري موٽ ۾ سڄايون ۽ سڄڻايون ٿا ڪن؛
    ڀلائي آهين، پرين ڀلائيءَ پانهنجي،
    سٻاجها سِر چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين،
    مان ڏي منديون ٿِين، سڄڻ سڄاين ۾.
    فطري حسن جي هن ماحول ۾، جيڪو کنڀات ۾ ملي ٿو، وڇوڙي جي ماريل ماڻهوءَ جي جذبن جي اپٽار دنيا جو شايد ڪو شاعر هن طرح ڪري سگهيو هجي؛
    کلان تان کامي هِنيون، روئان تان راند،
    اکڙيون ويساند، پرينءَ گڏجي ڪـنديـون.
    مون منڍ ۾ ڳالهه ڪئي آهي ته بجلي ۽ روڊ سامونڊي پٽيءَ واري هن ريگستاني ايراضيء ۾ سواءِ چند سوڙهن پيچرن جي، اڃا تائين ميسر ڪونهن. پر ڀٽائي جن ورهين دوران ارڙهين صديء ۾ هنن علائقن ۾ گهميو آهي، تڏهن به ۽ هاڻي به اُتي سفر جو اڪيلو وسيلو اُٺ آهي. اٺ ته لاڻيون ۽ جهنگل جا وڻ کائيندو آهي، پر جيئن ڪنهن بس، وئن يا ڪار جي تڳا هڪ ڊرائيور ڪندو آهي، تيئن اوٺي پنهنجي اٺ کي ايلاچيون يعني ننڍا وڏا ڦوٽا ۽ چندن ڪيئن ٿو کارائي؛

    رات سهائي، ڀونءِ سَنئين، ڀائي گهرجي ڀَلُ،
    آهُر ۾ ايلاچيـون، چندن چري چَـلُ،
    مون توسين ڳالهڙي، ٻئي ڪنهين مَ سَلِ،
    هاهُـر ڪندو هل، تــه کجايون کرن کي.
    ساڙ ۽ حسد وارو رويو اسان ۾ فطري طور موجود رهي ٿو. ٻئي جي خوشيءَ، محبت ۽ چڱائيء ۾ ڪي ماڻهو اَرها ٿيندا آهن ۽ پنهنجي اندر ۾ اُهي هروڀرو بغض ۽ ساڙ پاليندا رهندا آهن. ان جي باوجود هيء حقيقت به ڏاڍي کليل ۽ سمجهڻ جوڳي آهي ته ساڙ ۽ بغض واري هلت تمام ٿورڙن ماڻهن ۾ ٿئي ٿي جڏهن ته ڪروڙين، اربين ماڻهو ساڙ واري هلت کي غلط ۽ شرپسندانه قرار ڏين ٿا. ٻوليء جي ڄاڻن، دانشورن ۽ فلسفين ۽ پڻ نفسيات جي ماهرن هن ساڙ واري جذبي رکندڙ ماڻهن تي نالا ئي نفرت جهڙا رکيا آهن، مثال طور ڀٽائي اهڙي ماڻهوء کي کر ٿو ڪوٺي يعني کريل مزاج جو، غير انساني، غير سماجي سلوڪ ڪرڻ وارو. اهڙي روش رکندڙ ماڻهو پنهنجي ضمير اڳيان به خوار ٿا رهن. محبت ڪندڙ ماڻهن جو ميلاپ، فطرت لازمي طور ڪرائي ٿي ۽ جي اهو ميلاپ چوڏهينء جي رات متوقع هجي ته ان جي تصوير ڀٽائي ئي هن طرح چٽي سگهي ٿو؛
    اڄ پــڻ اڇـائي، چـوڏهينءَ ماهه چنڊ جي،
    مون گهر مون پرين جي، اچڻ جي وائي،
    مون گهر واڌائي، پـيئي کام کرن ۾.
    ڀٽ ڌڻي کريل مزاج جي حاسد ماڻهن کي هميشه ننديو آهي. ڇاڪاڻ ته حسد، ساڙ ۽ بغض انساني جذبن مان اوڳڻ سمجهيا وڃن ٿا. وري جڏهن انهن حاسدن جي سزا جي ڳالهه ڀٽائيء جي دل تي تري اچي ٿي ته هو انهن کي هن طرح جي مذمتي انداز ۾ ياد ٿو ڪري ۽ پنهنجي شعر جو موضوع ٿو بڻائي؛
    الا کر جيئن، مندي جن جي من ۾،
    اسان ۽ پرين جون، اميدون پسن،
    تهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾.
    کنڀات جي بيتن ۾ ڀٽائيء فطرت جي حسن جي ڀيٽ هڪ ته انساني تخليق سان ڪئي آهي ۽ ٻيو ته هن فطرت جي بي جان شين سان سڌو مخاطب ٿي ڳالهايو آهي. مثال طور سوين سجن ۽ چوراسي چنڊن جي روشني ۽ چٽائي محبوب جي حسن اڳيان منڊجي وڃن ٿيون؛
    سهسين سِڄن اڀري، چوراسي چنــڊن،
    بالله ريءَ پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
    شاعر بادشاهه مزاج جا ٿيندا آهن ۽ فطرت کان عجيب مطالبا ۽ تقاضا ڪندا آهن. وصال جي عمل کي لڪ ڇپ کپي ۽ ڀٽائي ان لاءِ چنڊ کان عجيب مطالبو ٿو ڪري ۽ کيس پاراتو ٿو ڏئي؛
    چنـڊ لڳئي منڊُ، سنجهي ئي سيخ ٿيـن؟
    ڪر اونداهي انڌ، ته ملان محبوبن کي.
    مولانا جلال الدين روميء پنهنجي شاهاڻي ٺاٺ باٺ سان هڪ ڀيري مشهور معروف صوفيء شمس تبريز سان ملاقات ڪئي. هو شمس تبريز جي حسن ۽ جلوي کان ايڏو متاثر ٿيو جو هن جو گرويده ٿي پيو پر اوچتو ئي اوچتو شمس تبريز گم ٿي ويو. روميء سڄي زندگي شمس تبريز کي عرب، ايران، ترڪي ۽ ٻين الهندي ايشيا جي ملڪن ۾ ڳولهيو پر هو کيس هٿ نه آيو. بعد ۾ روميء جيڪا شاعري ڪئي، ان جا ڪيترائي جلد هن شمس تبريز جي تعريف ۾ لکيا ۽ کيس سج سان تشبيهه ڏنائين. ڀٽائيء سوين سِجن کي پنهنجي محبوب تان قربان ڪري ڇڏيو آهي. اها سندس محبت جي شدت هئي، پر جڏهن پرين سامهون ٿيا ته چنڊ سان محبوب جي خدوخال جو ذڪر ڇڙيو؛
    چنڊ چوانءِ حـق، جي وڙهين، جي وچـڙئين،
    ٻه اکيون، ٽيون نڪ، تو ۾ ناهه پيشاني پرينءَ جي.
    ادبي تنقيد جي ماڻ ۽ ماپي ۾ دنيا ڀر جي ٻولين جي عظيم شاعرن ۽ ليکڪن کي توريو ويو آهي. اسين ماڻهو ڀٽائيء جي بيت ۾ سَهو به نه سهندا آهيون، پر رات جي ذڪر مهل جيڪڏهن اصلي صورتحال بدلائي پيش ڪجي ته خيال ايندو ته شاعر اهو رڳو وڌاء ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالهه کي مسلم ڪرڻ لاءِ ئي ڪيو آهي. جيئن هي بيت آهي؛
    اونداهي اڌ رات ۾، پرينء پسايو پاڻ،
    چنڊ ڪَتين ساڻ، پيهي ويو پاتال ۾.
    هڪ طرف اونداهي اڌ رات آهي ته ٻئي طرف پرينء جي اچڻ سان چيو پيو وڃي ته، چنڊ ڪتين سوڌو موجود هو جيڪو پاتال ۾ پيهجي ويو. تڏهن ته نقاد چوندا آهن ته، شاعري مبالغي آرائيء کان سواءِ هلي نه ٿي سگھي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمة جي سر کنڀات جو جائزو وٺندي مون عرض ڪيو ته هن سُر وارو ماحول ظاهر ڪري ٿو ته اهو ڪلام ڀٽ ڌڻيء ڦوهه جوانيء ۾ رچيو ٿو ڏسجي. اهو ماحول نج پج لاڙ جي سامونڊي علائقن جي انهن جهنگلن جو وايو منڊل ظاهر ٿو ڪري جتي سنڌو نديء جا ڇوڙ آهن، واريا سا پٽ آهن ۽ درياهه توڙي ڏکڻ -اولهه سنڌ جي جابلو ايراضين کان ايندڙ پاڻيء ۾ لڙهي آيل انيڪ قيمتي ٻج ڦٽن ٿا ۽ خوبصورت وڻراهه ٿئي ٿي. ڀٽائي جي دور جي سنڌ جي زماني ۾ پاليوشن يا ماحول کي گندو ڪندڙ آلودگي ڪانه هئي. اڄ به سنڌ جي ڳوٺاڻين ايراضين ۾ صاف سٿري هوا ۽ هڳاءُ پکيڙيندڙ وڻراهه، گهٽ وڌائيء سان موجود آهي. البت شهرن ۾ آلودگي ۽ ڪن ڦٿ وڌي ويا آهن ۽ وڻن جو تعداد ايڏو گهٽجي ويو آهي جو، گمان ٿو ٿئي ته ڄڻ اسين ههڙي سڌريل ۽ ترقي يافته دؤر ۾ وڻ جي اهميت کان، ان جي لاڀ ۽ فائدن کان بنهه بي بهرا ۽ اڄاڻ آهيون. وڻ، ٻوٽا فطرت جي سونهن سان گڏ حياتيء جي علامت آهن. وڻن کي پنهنجي گهرن، اڱڻ آڳنڌن، ٻنين کيتن، رستن، آفيسن ۽ ڪم وارن هنڌن تي ايتري گهڻي تعداد ۾ پوکڻ گهرجي جو ڪٿان ڪنهن ڍَڪ واري هنڌ تان نڪرجي ته چهچ ساوڪ ۽ گلن ٻوٽن جا منظر ڏسي هيانءُ ۽ اک ٺري پون ۽ گڏوگڏ حياتي لاءِ لازمي گئسون چوڌاري جهجهيون هئڻ کپن. کنڀات جي خوبصورت وڻراهه جي ماحول جي حوالي سان ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به عرض ڪندو هلان ته، اوهان اسان سڀ، هڪ وار پنهنجي چوڌاري ماحول جو جائزو وٺون ۽ ڏسون ته هن وقت جاري وڻڪاريء جي مند ۾، اسان پنهنجي ماحول ۾ جتي رهون ٿا، ڪم ٿا ڪريون يا ٻنيون ٻارا آباد ٿا ڪريون، اُتي ڪيترا وڻ پوکيا اٿئون. ڇا اسان پنهنجي مزاج ۾ وڻڪار وڌائڻ جو عمل شامل ڪيو آهي؟
    ڀٽ ڌڻي ڪپور، ايلاچي، چندن ۽ ٻين قيمتي وڻن جو ذڪر سرکنڀات ۾ اهڙي انداز ۾ ڪيو آهي جو، انهن وڻن جي ماحول بابت بيت پڙهندي طبيعت ۾ هٻڪار شامل ٿيو وڃي ٿي. اسان مان ڪيترن اهي وڻ ڏٺا آهن؟ ياد رهي ته ڀٽائيء پنهنجي ڪلام ۾ جن ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي، اهي سندس تجربن ۽ مشاهدي ۾ آيل آهن. هُن پنهنجي ڪلام کي ڌُڪي جي بنياد تي نه جوڙيو آهي. نوخيز عمرِ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڦوهه جوانيء ۾، فطرت جي حسن سان ٽمٽار ماحول ۾ وڃي ٿو ته اُمالڪ سندس هانءَ مان جيڪي ڳالهيون بيتن جو روپ ڳنهي نڪرن ٿيون، تن ۾ فطرت جي حسن جي اهڙي اپٽار ٿئي ٿي، جنهن جهڙي اڃا تائين سنڌي ٻوليء جي ڪنهن به شاعر نه ڪئي آهي. اسان جي ليکڪن ۽ شاعرن کي ياد رکڻ گهرجي ته، فن جي جنهن به صنف ۾ اهي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪن ٿا، ان ۾ پنهنجي ماحول جي حسن يا ٻيء صورت ۾ بد صورتيء جو ذڪر ضرور ڪن. ان سان سندن وقت جي سنڌ جي ماحول جي اهڙي عڪاسي ٿيندي، جيڪا بعد ۾ تاريخ جو حوالو بڻجي ويندي.
    دنيا جي مڙني وڏن ليکڪن ۽ شاعرن جو امتياز رهيو آهي ته، انهن پنهنجي چوڌاري ماحول جي، نهايت ئي ذميدارانه نموني عڪاسي ڪئي آهي. ان ريت ڀٽائي اسان جو اڪيلو شاعر آهي جنهن تڏهوڪي سنڌ جي سموري ماحول کي، بيتن ۽ واين اندر چٽيو آهي ۽ اهي چٽ ۽ عڪس، فطرت جي سونهن ۽ وايو منڊل اسان جي اڳيان ظاهر ٿيو بيهي رهي ٿو.
    سر کنڀات ۾ ڀٽ ڌڻي چنڊ، تارن، سج، اٺن ۽ پنهنجي چوڌاري ماحول جو نه رڳو ذڪر ڪيو آهي پر انهن سان ڳالهيون به ڪيون آهن؛
    توڏانهن گهڻو نهاريان، تارا! تي لانهين،
    سـڄـڻُ جيڏانهين، تـون تـيـڏانهين اُڀـريـن.
    جنهن طرف پنهنجا مٽ مائٽ، پرين، واقفڪار، سڄڻ رهن ٿا، رات جو تارن ڀرئي آسمان ۾ اُهو طرف مقرر ڪري، پنهنجي ٻارن ٻچڙن، ننڍن وڏن گهر ڀاتين کي توجهه ڏياري اوهان جيڪڏهن ڀٽائيء جي چيچ وٺي ڳالهائڻ سکندؤ ته دل م اُمالڪ ايندءَ؛
    هُـن تاري، هُن هيٺ، هُت منهنجا سپـريـن،
    سڄڻ ماکيء ميٺ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

    هــن تاري، هـن هنـڌ، هت منهنجا سپرين،
    سڄڻ ماکيء منڌ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

    هن تاري، هن جاءِ، هت منهنجا سپرين،
    سڄڻ ماکيء ساءِ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

    اوهان ڪڏهن چنڊ سان ڳالهايو آهي؟ سچي ڳالهه ته هيء آهي ته فطرت جي حسن پسڻ ۽ ان مان ڀرپور حِظ وٺڻ واري اسان جي حس اسان پاڻ مرده ڪري ڇڏي آهي. ان جي ڪري اسان ۾، اسان جي گهڻن ئي ماڻهن جي زندگيء ۾ مردگي وڌيڪ ڀرجي وئي آهي. زندگي فطري شيءِ آهي ۽ ان سان لڳ لاڳاپا گهرا ۽ گهاٽا هئڻ کپن. ڀٽائي نه رڳو چنڊ سان ڳالهائي ٿو، پر هو چنڊ کي نياپو پهچائڻ جي ذميداري به سونپي ٿو؛
    ناسيندي نِـرت، پـهـرئـيـن ڪـج پـريــن ڏي،
    قمر! ڪـهـج قريب کـي، سـاري سـاڻ سُرت،
    ٻيو ڀروسو نه ڀِت، اکيون اوهان جي آسري.
    ڀٽائي جو اهو ڪمال آهي ته هو چنڊ کي ذميداري سونپيندي مٿس جيڪي فرض عايد ٿو ڪري، انهن ۾ اڀرڻ جو فرض، سڄڻن جي اڱڻ مٿان بيهڻ جو فرض، جهيڻو يا نرميء سان ڳالهائڻ جو فرض ۽ سڄڻن کي پيرين پئجي نياپو ڏيڻ جو فرض به عايد ٿو ڪري ڇڏي. دنيا جي ٻئي ڪهڙي شاعر چنڊ کي مطلوب ڏانهن موڪلي پيرين پوڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي؟! ڪو اندازو آهي؟

    چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين،
    مــٿان اڱــڻ اُڀري، پــرين جـي پـئيـــج،
    جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا!
    ۽ چنڊ کي اهو فرض سونپيندي هيء عجيب هدايت ٿو ڪري؛
    آءٌ جي ڏيئين سنيها، سي تون چنڊ! پلئه ٻَنڌُ،
    چئج حال حبيب کي، نِيئي نِوڙائي ڪنڌ،
    تو تيڏانهن پنڌ، جيڏانهن عالم آسرو.
    هن بيت ۾ مسلمانن جي عقيدي جي عجيب اپٽار ڪيل آهي. ان ۾ چنڊ جي اولهه سفر جو اشارو آهي، جتي مسلمانن جو حبيب آهي. گڏوگڏ ان حبيب جي عزت ۽ احترام جو اظهار به ڪيل آهي، جتي شاعر پنهنجي دل مان عقيدت جو اظهار ڪندي چنڊ کي نوڙي، ڪنڌ جهڪائي سنيها پيش ڪرڻ لاءِ هدايت ٿو ڪري ۽ عجب اهو آهي ته اهي سنيها ۽ نياپا چنڊ کي پلئه ۾ ٻڌائي ٿو.
    سُر کنڀات ۾ ڀٽ ڌڻيء اٺ کي مختلف نالن سان سڏيو آهي. هتي ايئن به چئي سگهجي ٿو ته جتڪي ماحول ۾، اوٺارن وٽ اٺن جا جيڪي نالا آهن انهن مان ڪن جو ذڪر ڀٽائيء سر کنڀات ۾ به ڪيو آهي، مثال طور؛ ٻاٻل، ڪرهو، اولاڻيو، اٺ، ڪنواٽ، چانگو، ميو، ڀٽارو، ليڙو وغيره. ڍيڍ ۽ اڻ چئي اٺ کي ڀٽائي پاراتي سان ذڪر هيٺ آڻي ٿو؛
    وڏ ڦڙو ۽ واءُ، ڪرهي کا ڏو کوڙيو،
    کــوءِ، ٻــن! پلاڻيان، اولاڻيو نه اٿئي.
    هيل تائين ڀٽائي جي زندگي بابت جيڪي روايتون دهرائجنديون رهيون آهن، انهن ۾ اها ڳالهه عام طور هر محقق ۽ سوانح نگار ڪئي آهي ته، ڀٽائي عشق جي لپيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ ٽي سال سير سفر ۾ گذاريا، جنهن دوران هو مختلف نمونن جي جوڳين سان به مليو ۽ سنڌ جي وسعتن ۾ سفر ڪري داستانن، حالات ۽ واقعات جو مشاهدو ڪيو ۽ مشاهد به ايڏو رچيل ۽ شاهوڪار، جو جنهن نموني جي ماڻهوء، پکي يا جانور، ماحول يا فطري وايو منڊل ۾ ويو ته، آس پاس جي هر شيءِ جي مزاج کي پروڙيائين. اٺ کي چيڙهالو فطري جانور سڏيو ويندو آهي. هڪ ته اٺ محبوبن ڏانهن سفر ڪندي، مجاز جي ڪيفيت جو پاڻ به شڪار ٿئي ٿو، ٻيو هيءُ ته اٺ جو پنهنجو هڪ مجازاڻو مزاج ٺهي، بيتن مان ظاهر ٿيو پوي؛
    چندن جا چوپا ڪري، چري نه مصريء سنگ،
    اکين مٿي انگ، مَيي کـي محبوب جا،

    پُور نه چري ٻُور، ڇڏيو تُور، تَڪون ڪري،
    مونين هڻي موٽيو، ڪرهو رات ڪپورُ،
    مـيـو ٿـيـو مـخـمـور، چـنـدن چـکـي آئـيــو.

    لازوال محبت جي ان فطري جذبي جي اپٽار هتي ڏسو ڀٽ ڌڻي ڪيئن ٿو ڪري؛
    نَـوَ نير، ڏهه ڏانوڻيـون، پـندرهن پـيند پياس،
    جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي.
    ڀٽائيءَ جي سمورن شارحن، جن هيل تائين سندس ڪلام جي شرح پئي ڪئي آهي، ور ورڪري علامتي شاعريء جو ذڪر ڪيو آهي يا داستانن جو وچور يا انهن ۾ به علامتون ڳوليون اٿائون. ڪنهن خدا جي بندي کي توفيق نه ٿي آهي جو خود ڀٽائيء کي ڀٽائيء جي ڪلام اندر ڳولڻ جي ڪوشش ڪري. ڀٽائيء جي پنهنجي 63 ورهين جي ڄمار جا هڙ تجربا ۽ مشاهدا سندس شعرن ۾ موجود آهن، جن مان سندس ذات ۽ شخصيت ظاهر ٿي بيهي ٿي. جوانيء جي زماني جي رومانوي ڪيفيت واري دؤر ۾ ڀٽائي خود جنهن شديد محبت ۽ اجهل سڪ مان گذريو تنهن جو ذڪر هن شاعريء ۾ اهڙي انداز ۾ ڪيو آهي جو اهو ان ڪيفيت مان لنگهندڙ هر ماڻهوء جي جذبي جي ترجماني ڪندڙ بڻجي ويو آهي. پاڻ تي ضابطي رکڻ جي هر ڪوشش اِجهو هن ريت بيوسيء جو شڪار ٿيو وڃي؛
    نو نير پائي، جان مون هينئڙو جهليو،
    وئــڙو ڇـنـائي، پوئـيـنء رات پرين ڏي.
    جتڪي ۽ اوٺي ماحول اندر اٺن جي تڳا، پالنا ۽ واپار وهنوار جي سلسلن جو مشاهدو ڀٽ ڌڻيء اهڙي نموني پنهنجي مختلف سرن ۾ ڪيو آهي جو ڄڻ پاڻ اوٺي هو ۽ انهن جو واپار به ڪندو هو. ان ۾ اٺن سان محبت، انهن جي قدر ۽ قيمت جو بيان ڏاڍي مؤثر، ڇرڪائيندڙ ۽ رومانوي نوع سان ڪيو آهي. اُٺُ ٽرانسپورٽيشن ۽ سواريء کان علاوه زرعي ڪمن، آبپاشي توڙي تيلي ٻجن مان تيل ڪڍندڙ گهاڻن وغيره ۾ به استعمال ٿيندو رهيو آهي. هيءُ اٺ گهاڻي پيو ڦري، جنهن کي جادوء سان ڦاسايل ٿو ٻڌائي؛
    ڪني ڪامڻ ڪياءُ، ڪيئن ڀنڀولئين ڪرها،
    اکين مـٿـي اکيا، پڙ ۾ پـير گٺاءِ،
    وڳ ڪِ وسرياءِ، ٻَڌو جيئن گهاڻي وهين.
    کنڀات جي ڪنهن وڏي پاڻيء جي ذخيري يا تڙ تي ايندڙ سڪ وندي ناريء جي اوسيئڙن کي اجهو هن طرح بيان ٿو ڪري؛
    کنڀاتڙي تڙ وري، اُڀي تڙ واجهاءِ،
    مانَ اچهون ڪاءِ، سُواڌائي سڄڻين.
    اٺ پاليندڙ کي اٺ جي قيمت ۽ قدر دنيا جي ٻيء هر شيءِ کان مٿي نظر ٿو اچي، ايئن جيئن پنهنجي ڪم، مال متاع ۽ دل کي وڻندڙ شيءِ جو ڪو ملهه ئي ناهي ٿيندو. ورنه اٺ جي کاڌي جو سامان ۽ خود اٺ ڪروڙ رپين جو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؛
    جئان ڪوڙ به ڪاٺيون، پنجين لکين پاءُ،
    ميو تنهن ماڳاءُ، ڏيهاڻي ڏار چري.

    جئان ڪوڙ ٻه ڪاٺيون، پنجين لکين پن،
    تئان ڇاڻي ڇڳيون، مَئي رتو من،
    تنهن ول سندو پَن، ڪوماڻيو ڪوڙين لهي.

    لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙِين ڏئي ڳِڌوم،
    اڱـڻ سونـهـن ٿـيـومِ، ملهه مهانگو مَ چـئــو.


    سُر سريراڳ

    ڀٽائيءَ جي دور ۾ سامونڊي واپار ۽ ٻيا ڪم ڪاريون.

    سُر سريراڳ جو جائزو وٺندي معلوم ٿيو ته شپنگ انڊسٽريءَ جو بين الاقوامي تجارت ۾ ڪيترو قدر ۽ اهميت آهي. ان حوالي سان جنگي حڪمت عمليون، جيڪي سامونڊي فوج جي ڪارڪردگيء جي حوالي سان لازمي طور بحث هيٺ اچن ٿيون، اسان انهن جو به ذڪر ڪري چڪا آهيون ۽ انهن واپارن يا سوداگريء جي روپن جو به جيڪي ٽي سؤ سال اڳ جي سنڌ ۾ سر گرمين جا مکيه روپ به هئا. ڀٽ ڌڻي سامونڊي ڪنارن سان هڪ نهايت ئي سرگرم صورتحال ڏسڻ، ان جو ڳوڙهو مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻ کانپوءِ جهجهو وقت اتي رهي، ان ساحلي ماحول کان ايتري قدر ته واقف ٿي ويو هو جو هو وڏن ٻيڙن ۽ سامونڊي جهازن جي مختلف حصن جي مرمت ۽ ترتيب تي به مهاڻن، ناکئن، انجنيئرن سان بحث مباحثا ڪندو هو. هن پنهنجي شعر اندر انهن ٻيڙن ۾ ٿيندڙ وڻج واپار جي اسمن جو به ذڪر ڪيو آهي. نه رڳو ايترو پر ان گهرائيء سان ويهي هن سامونڊي واپار جو جائزو ورتو جو وکرن جي مزاج تي به شاعري ڪيائين؛
    وکر سو وهاء، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
    ويچيندي ولايت ۾، ذرو ٿئي نه ضاع،
    سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي ابهين.

    رڳو وکر نه بلڪ سنڌ مان جواهرات به export ٿيندا هئا، جن جو هڪ ڀريل جهاز روانو ٿيندي ڀٽائي دعا ٿو فرمائي؛

    جهاز جوهرين جو، تنهن کي ڀؤ نه ڏي ڀتار.
    ۽ جواهرات جو اهو ڀريل جهاز ٻئي پاسي، عرب ڏانهن نڪتو ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته عربن ۾ جواهرن جو قدر صدين کان آهي ۽ ٻي ڳالهه هيء ته عرب ملڪن سان سنڌ جا واپاري ناتا پراڻا رهيا آهن؛

    جــهــاز جــوهرين جو، تنهن کي ڀؤ نه ڏي ڀتار،
    نـنڍا وڏا مَـڪُـڙا، سـڀ پـسندا پــارُ،
    جيڏانهن منهن مــديني جو، سُڄي محمد موچارُ،
    سٻاجهو ستـار، سُـتـڙ سڀيئي ڪري.

    اڄوڪي جديد زماني ۾ انشوئرنس ڪمپنيون هر وٿ جي ويمي ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦري رهيون آهن ۽ هر ڪنهن کي خبر آهي ته معيشتون ڪيتري قدر انشوئرنس جي ڌنڌي ڪاروبار تي مدار رکڻ لڳيون آهن. انفرادي يا اجتماعي مالياتي، زرعي صنعتي يا تجارتي معاملن ۾ ويمو هاڻي لازمي عنصر بڻجي چڪو آهي. ۽ اڳ ۾ به اسان ان جو مختصر ذڪر ڪندي ٻڌايو هو ته صديون اڳ دنيا ۾ انشوئرنس جو ڪاروبار موجود هو ۽ ان دنيا ۾ سنڌ به موجود هئي، جتي به انشوئرنس ٿيندي هئي. ڀٽائيء کان ڪنهن پڇيو ته ويمو ڇا آهي؟ وراڻيائين؛
    وِتُ ويمي جو جي لهين، ته ٻي ڪار نه ڪرين ڪا،
    سا پروڙج ڳالهڙي، وڻجارن وٽان،
    موتي جن هٿان، آندئي گهڻي ادب سين.

    سو، سمونڊ ڪناري مڇي مارڻ جو ڪاروبار به آهي ته جوهرين جا جهاز به. اڄ ته دنيا تيل ۽ ٻين صنعتي سامانن جي مٽا سٽا ۽ واپار ۾ عروج تي پهتي آهي ۽ سامان جي پهچ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو سامونڊي جهاز ئي آهن. پر رڳو اڄ نه، ڀٽائيء واري سنڌ ۾ به اها ئي صورتحال هئي ڇو ته تيستائين جهاز راني هڪ وڏي صنعت جو روپ به وٺي چڪي هئي. ۽ جهاز رانيءَ جو ڌنڌو ڪيڏي اهميت جو حامل آهي، ان جو پتو اچو ڀٽائيء کان پڇون؛
    سمنڊ جي سيوين، تني مـاڻڪ ميڙيا،
    ڇِلُرَ جي چوئين، تن سانگوٽا ۽ سُتيون.

    ڀٽائيء جي دور جي سنڌ ٻين اهم تجارتي سرگرمين جي حوالي سان به پنهنجي سامونڊي ڪنارن تي سُکي هئي ۽ اڄ به آهي. بندرگاهن جي اهميت اڄ ڇاهي، ان جو اندازو ۽ احساس اڄوڪي زماني ۾ سڀ ڪنهن کي آهي، پر رڳو تجارت ئي نه، سفر جو هڪ اهم ترين ذريعو سامونڊي جهاز اڄ به آهي ۽ تڏهن به هو. اهي مسافر سامونڊي جهاز ڏور اوڀر ۾ جپان تائين ۽ الهندي ۾ آفريقا ۽ يورپ تائين ڳاڙهي ۽ ڀونؤچ سمنڊ ذريعي پهچندا هئا. اجهو هي هڪ جهاز الهندي ڏانهن اسهي رهيو آهي. ڀٽ ڌڻي مسافرن کي آٿت ڏئي دعائون گهري جهاز کان لهي آيو آهي ۽ سڀني کي همت ڏياري انجنيئرن ۽ خلاصين کي لنگر کڻڻ ۽ الا توهار ڪرڻ جو چئي رهيو آهي. لڳي ٿو جهاز اندر عربستان جي مڪي مڪرم ويندڙ حاجين جو به ڪو چڱو تعداد موجود آهي؛
    مَ ڪي هيجِ مَ هوجِ، ترسُ مَ، تاڻ جهاز کي،
    چئه ڪلمون محمد تي، ته اڳيان اچئي اوج،
    سهکيء ڀَتِ، سَٻوجهه، تنهنجي مڪي ڍُڪي مڪڙي!
    دل ته چوي ٿي ته ڀٽائيء جي رسالي کي ماخذ بنائي تڏهوڪي سنڌ جي تاريخ لکڻ جي ڪم کي جنبي پئجي، پر ان لاءِ وسيلا کپن ۽ مناسب فورم به، ڇاڪاڻ ته هيل تائين اسان کي تاريخ ترتيب ڏيڻ لاءِ جيڪي فورم ميسر آهن، انهن ۾ موجود مؤرخ مونجهارن جو شڪار هڪ طرف آهن ته ٻئي طرف سندن ديد ڪم نه ٿي ڪري. هر شي اڳيان پئي آهي، ڪم ڪرڻ وارو ڪونهي. ڀٽائيء کي رومانوي، داستان گو يا صوفي شاعر ڪوٺي، ماٺڙي ڪري ويهڻ جرم آهي. هو ته تاريخ نويس آهي، جيڪو هر سرگرميءَ کي ريڪارڊ ڪندو ويو آهي. ائين جيئن هو پاڻ ان ڪم يا سرگرميء جو حصو هجي، هڪ سامونڊي جهاز جي ڪپتان سان ائين سڌو مخاطب ٿي سفر تي اڀارڻ؛
    مَ ڪي هيجِ مَ هوجِ، ترس مَ، تــاڻ جهاز کـي،
    سهکيء ڀَتِ سٻوجهه، تنهنجي م ڪي ڍُڪي مڪڙي!
    چوڻ وارو ان ڌنڌي ڪاروبار ۽ سرگرميءَ ۾ ڪيڏو نه پاڻ involved ۽ موجود آهي. هو واپارين، جهاز رانن، جهازن جي مالڪن انجنيئرن، ننڍن وڏن خلاصين ۽ ويندي ڪامين تائين سڀني سان ٻٽ بيٺو آهي، ڄڻ آهي ئي ان شعبي سان واڳيل.
    ڀٽائي اهم بندرگاهن تي رڳو جهاز روانا ئي نه ٿو ڪري پر انهن جي سفر تان واپسيءَ تي سندن آجيان لاءِ به بندرگاهه تي موجود آهي. هيء ڏسو، سامونڊي جهازن جو هڪ ميڙ پڌرو ٿيو آهي ۽ انهن جي آجيان ڪيئن ٿو ڪري هڪ انتظار ڪندڙ خاتون وانگر؛
    چمڪيون چوڌار، ڌڄون ڌاڙيچن جون،
    ماءِ، سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار،
    انهين جي پچار، ڪالهونڪر ڪانگ ڪري.
    سريراڳ کانپوءِ وري سامونڊي جو جائزو وٺندي به ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ اهڙيون انيڪ ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون، جيڪي هوند تاريخ جي ڪتابن ۾ درج ڪجن. مثال طور شري لنڪا، ملائيشيا، جپان، عربستان ويل جهاز، جڏهن سمنڊ جي ماٺار ۾ سفر تي روانا ٿيا هئا ته انهن جي واپسي وري به تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن سمنڊ جا چاڙهه ۽ طوفان جهڪا ٿين ٿا ۽ اهو ماٺارجي ٿو. ائين جهاز رانيء جي سوکي ۽ مناسب مند اچڻ سان انهن جهازن جو تڙن تي انتظار ٿو ٿئي. سيپٽمبر- آڪٽوبر جي مهينن ۾ سر نسرجي ويندا آهن ۽ سمونڊ ماٺارجي ويندو آهي. تڏهن جي جهاز نه موٽن ته انتظار ڪندڙ وهون، وڻجارن، خلاصين ۽ ٻيڙياتن جون ونيون ههڙي قسم جي جذبات جو ئي اظهار ڪنديون؛
    سَرَ نِسريـا پـانـد، اتر لڳا، آءُ پـرين،
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون.
    اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جوڳي آهي ته ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ واسطيدار ماحول جي مڙني حقيقتن کي تسبيح جي مڻين وانگر پوئي، اُن شعبي جا تفصيل اِن ريت ترتيب ڏيندو ٿو وڃي جو، انهن کي درجي بدرجي لکندو وڃڻ سان ان شعبي تي ڪتاب لکجي وڃي. مثال طور سيارو سامونڊي جهاز رانيءَ لاءِ نهايت ئي مناسب مند آهي، ڇو ته انهن ٿڌن مهينن ۾ عربي ۽ هندي وڏو سمنڊ سامونڊي قهري طوفانن کان آجا هوندا آهن. ان ڪري جهاز ران جهٽ جهٽ اچي وري سفر تي روانا ٿيندا آهن. هڪ جهاز ران جي وريتيء جي زبان مان اها ڳالهه ڪيئن پڌري ٿئي ٿي؛
    لاهيندا ئي ڪن، ڳالهيون هلڻ سنديون،
    ڏيندا مون ڏکن، وَههِ وجھندا ڄندڙو.


    سُرُ سامونڊي

    ڀٽائيءَ جي دؤر جو سامونڊي واپار ۽ اُتان جو ماحول.

    اسان جي ڌرتيءَ تي پاڻيءَ ۽ خشڪيءَ تي رهندڙ ماڻهن جا مزاج مختلف تين ٿا. اُهي رهندڙ ماڻهن جا مزاج مختلف ٿين ٿا. اهي ماڻهو جيڪي خشڪ ايراضين ۾ رهن ٿا، تن کي پنهنجن ماحول جي خبر پئي ٿي. جڏهن ته سامونڊي ڪنارن ۽ ماحول ۾ رهندڙ ماڻهون پنهنجي وايو منڊل کان واقف هوندا آهن. انهن ٻنهي قسمن جي ماڻهن کي جيڪڏهن سندن ماحول بدلائي ڏنو وڃي يا لڏ پلاڻ سبب اهي ٻئي قسم جي ماحول ۾ رهن تي محسوس ڪندا ته ٻئي قسم جي ماحول ۾ رهڻ ناممڪن نه سهي، مشڪل ضرور آهي.
    خشڪيءَ تي رهندڙ ماڻهن، خاص ڪري پاڪستان جي خشڪ علائقن، ميداني يا جابلو ايراضين توڙي ريگستانن جي رهواسين وٽ جَرَ جي پاڻيءَ کان علاوه ندين، واهن ۽ ڍنڍن توڙي مينهن جو پاڻي ميسر هوندو آهي. مند سارو ان پاڻيءَ جي مقدار ۾ واڌي گھاٽي پئي ٿيندي آهي. مثال طور سانوڻيءَ ۾ مينهن ۽ درياهه جي چاڙهه سبب جھجھو پاڻي ٿئي ٿو. جابلو علائقن ۾ به مينهن سبب جھجھو پاڻي ٿئي ٿو جيڪو نَيُن، واهڙن ۽ وڏين کڏن وسيلي محفوظ به ڪجي ٿو، پر سانوڻ گذرڻ کانپوءِ اهو پاڻي کُٽي ٿو وڃي ۽ ٻيءَ مند اچڻ تائين خشڪ ايراضيون خشڪ ساليءَ يا سوڪهڙي جو شڪار ٿيو وڃن. ان جي ابتڙ سمنڊ ڪڏهن به خشڪ نه ٿو ٿئي، ان ۾ ٻارهوئي پاڻي موجود رهي ٿو. خشڪيءَ ۽ سامونڊي ايراضين جي فرق کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شعر اندر هن طرح چٽو ڪري پيش ٿو ڪري ته ڪروڙ ڀيرا سوڪهڙو ٿئي، پر سمنڊ ڪنهن به حالت ۾ سڪندا ناهن. هڪڙا ماڻهو 12 ئي مهينا موجود پاڻي جي ماحول يا سمنڊ سان ناتو جوڙي ٿا ڇڏين، پوءِ اهي واپار ۽ تجارت ۾ لعل کٽندا آهن، جھجھي ڪمائي ڪندا آهن؛
    ڪوڙين جي ڪائو ٿئي، سمنڊ ڪين سُڪن،
    پاڻيءَ جي پيکُ ڪيو، تيلانهن وڻجارن،
    لعلون سي لهن، جتي سوردو سچ سين.
    مرچنٽ نيويءَ جي ڪاروبار ۽ عمل ڀٽائيءَ جي دؤر تائين ڌرتيءَ جي سمورن کنڊن وچ ۾ عام جام ٿي چڪو هو. سنڌ جا ماڻهو سامونڊي ڪنارن سان جھاز رانيءَ جو عام جام ڪاروبار ڪندا هئا. انهن جھازرانن ۾ اهي ماڻهو به شامل هوندا هئا جن جا ڀڳل ٽٽل، پراڻا ۽ استعمال ٿيل جھاز به اونهي سمونڊ ۾ هلندا هئا. هڪ اهڙو جھاز لنگر کڻي جڏهن موڪلائي ٿو ته ڀٽائي اتي موجود نظر ٿو اچي. کيس احساس آهي ته سمنڊ ۾ بي انت پاڻي آهي ۽ ان ڪري هو دعا ٿو ڪري ته هن غريباڻي جھاز کي خير سلامتيءَ سان الله پر اُڪاري ۽ منزل پهچائي؛
    لُڙ، لهريون، لَسَ ليٽَ جتي انت نه آب جو،
    الله اول مَ اُن جِا، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
    جوکي ٿئي مَ جھاز کي، ڦرهي اچي مَ ڦيٽَ،
    لڳي ڪا مَ لَپيٽ، هن غاريبي غوراب کي.
    تجارتي جھاز رانيءَ جو هڪ گُر اهو به آهي ته، جيڪو سامان جھاز ۾ لڏيو يا ڀريو ويو آهي، ان کي هر طرح محفوظ رکجي. مينهن، رُگھه، گِھم يا سامونڊي پاڻيءَ جون ڦهنگون سامان تي يا وکرن تي پيون ته اهو مورڳو خراب ٿي ضايع ٿي سگهي ٿو. هڪ اهڙي خراب ٿي ڪٽجي ڪارو ٿي ويل سامان ڀريل جھاز اندر گھمندي ڀٽائيءَ ان جو سبب پڇيو ته خلاصين کيس ٻڌايو ته جھاز ۾ پاڻي پئجي ويو هو، جنهن ڪري وکر يا ان ۾ ڀريل سامان ڪٽجي خراب ٿي ويو هو؛
    منهنجا پيئي مڪُڙي، ڪاجا پاڻيءَ پِڪَ،
    وکر هڻي وِنڪ ڪٽجي ڪارو ٿيو.
    ان ريت پاڻيءَ کان بچاءُ جو بندوبست نه رکندڙ جھازي پنهنجي زيان تي هنجھون هاريندا ڏسي ڀٽائيءَ چيو؛
    منهنجا پيئي مڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻيءَ بوند،
    سي ئي ڏٺم رُوند، وکرُ جن وڃائيو.
    خشڪيءَ تي رهندڙن کي ان ڳالهه جو اندازو ئي ناهي ته جھاز راني ڪيڏو لاڀائتو ڌنڌو آهي. شپنگ انڊسٽري دنيا جو هڪ عجيب ۽ نهايت مفيد ڪاروبار رهيو آهي، رڳو اڄ ئي نه، صديون اڳ به سامونڊي ڪاروبار ايترو لاڀائتو هو، جو خشڪيءَ جي ڪاروبارن ۾ هڻ وٺان ڪندڙ واپارين جي هڪ ميڙاڪي يا گيدرنگ (Gathering) ۾ ڀٽائيءَ کين چيو؛
    سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جَرُ وهي ٿو جال،
    سوين وهن سِير ۾، ماڻڪ موتي لعل،
    جي ماسو مِلئي مال، ته پُوڄارا پُر ٿئين.

    سي پُوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
    آندائون عميق کان، جوتي جواهرن،
    لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لهرن،
    ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.
    سنڌ جا سامونڊ ڪنارا هر قسم جي بين الاقوامي ڪاروبار لاءِ ڏاڍا ڪارائتا رهيا آهن. رڳو سنڌ جا نه، بلڪه جن ملڪن کي سمنڊ ميسر آهي اهي موج ۾ آهن. اندازو ڪريو ته سمنڊ ۾ جھاز راني ته ٿئي پر انفرادي طور به ماڻهو گھتون هڻي (Dive) ڪري اونهي پاڻيءَ جي تري مان قيمتي شيون ڳولهي لک ڪمائين ٿا. اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڀٽائيءَ هينئن ڪيو آهي؛
    ايءُ گت غواصن، جيئن سمنڊ سُوجهيائون،
    پيهي منجهه پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون،
    آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.

    ويا جي عميق ڏي، مَنهن ڪائو ڏيئي،
    تن سِپون سُوجھي ڪڍيون، پاتاران پيهي.
    پسندا سيئي، املهه اکڙين سين.
    منهن تي ڪائو چاڙهي پاتار ۾ لهندڙ مردن ۽ عورتن جو عمل صدين کان جاري آهي. هاڻ ته اهو هڪ وڏو ڌنڌو ٿي پيو آهي جو نيشنل جاگرافڪ سوسائٽي ۽ اهڙين ٻين تنظيمن پاران assignments کڻي ماڻهو سمنڊن جا پاتار جاچي رهيا آهن. 1912ع ۾ ٻڏل ٽائيٽينڪ کي به اهڙن منهن ڪائو ڏيئي پاتار ۾ پيهندڙن ڳولي لڌو. اهي ماڻهو پاتارن جا ڳجھه ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ فطرت جا عجيب و غريب ڪرشما ۽ لقاءَ عام منظر تي اچي رهيا آهن. ڀٽائيءَ جي روبرو به اهڙا ماڻهو ان عمل ۾ سرگرم هئا.
    ڀٽائي سامونڊي تجارت جي ڪيترن وکرن جو به ذڪر ڪري ٿو. سندس اهي بيان ٽي چار صديون اڳ جي ڌنڌن ۽ ڪاروبارن جي تاريخ پڌري ڪن ٿا. ان دؤر جي ڌنڌن ڪاروبارن تي ٻيو ڪو ڪتاب ميسر ڪونهي، سواءِ يوناني، چيني ۽ عرب سياحن جي ڪتابن ۾ ٿوڙي ذڪر جي، جن به جزوي طور حوال ڏنا آهن. ڀٽائيءَ جو ڪلام ان ريت تاريخ جو هڪ وڏو ڀرپور ۽ شاهوڪار ماخذ پڻ آهي؛
    وکر ڍيرئون ڍير، پر وِهائو ويسرا،
    ڪنين وِهائي وس ڪَيو، وکر وڏيءَ وير،
    ڪنين گھمندي سَير، وکر وڪامي ويو.
    لوڻ ٺاهڻ جو ڌنڌو به ساحلي علائقن جو وڏو ڌنڌو آهي، ڀٽائي لوڻ جي اهڙي واپاريءَ کي ڊاڙ ٻٽاڪ هڻندي ٽوڪي ٿو ته تون ڌنڌو لوڻ جو ٿو ڪرين ۽ ٻٽاڪ کٿوريءَ جي واپاريءَ جھڙي ٿو هڻين!
    وکر وهائين لوڻ، رنگ کٿوڙيءَ جو گھرين،
    ڀونگو تنهنجو ڀر تي، جم ڳالهائين ڪُوڙ،
    جم وڃائين مُور، کٽيو تنهنجو گھوريو.
    واپارين جي جھڳٽي ۾ ڀٽائي ڪاروباري اسمن تي راءِ ڏيندي چئي ٿو؛
    وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
    ويچيندي ولايت ۾، ذور ٿئي نه ضاع،
    سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنھنجي اُبهين.
    سنڌ جي مختلف سامونڊي بندرگاهن تان رواني ٿيل جھاز بابت ڀٽائيءَ جي ڪلام مان سڌ پئي ٿي ته اهي عربستان ۽ هندستان جي بندرگاهن ڏانهن توڙي يورپ ۽ ڏور اوڀر جاپان تائين سفر ڪندا هئا. ان ڪري ڀٽائي عرب ملڪن، هندستاني بندرگاهن ۽ جاپان جو پنهنجي شعر ۾ امالڪ ذڪر ڪيو آهي جنهن جي بنياد تي تاريخ لکي سگھجي ٿي. ڀٽ ڌڻي انهن سنڌ جي بندرگاهن تي رهندو يورپي جھازن توڙي ٻيڙن ۾ چڙهيل پورچوگالي، فرانسيسي ۽ انگريز خلاصين، فوجين ۽ سامونڊي چورن، قذاقن وغيره جو به مشاهدو ڪري ٿو. اهو ئي دؤر يورپي حملي آورن جي ڦيرن جو به دؤر آهي، جڏهن اهي ڏکڻ ايشيا تي عام جام لامارا ڏيندا هئا. ڀٽائي ان صورتحال کان سنڌ کي چتاءُ به ڏنو آهي. هو اونهي سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ تي چڙهي اتان جا لقاءُ هن طرح بيان ٿو ڪري؛
    دنگي وچ درياهه، ڪي ٻُڏي، ڪي اُپڙي،
    هُوجي واڍي واڻيا، سي سوهڻ سڀ سڙيا،
    معلم ماڳ نه اڳهين، فرنگي منجھ ڦريا،
    ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
    جتي ڍنگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
    اڄ جي دنيا ۾ننڍي کان ننڍي قيمتي شيءَ کان وٺي انساني زندگيءَ جو ويمو به ٿئي ٿو ۽ سڄي دنيا اندر انشوئرنس ڪمپنيون سرگرم آهن. اهو ڪاروبار ڀٽائيءَ جي دؤر ۾ به هو ۽ ان جي اهميت ڀٽائي هيئن بيان ٿو ڪري؛
    وت ويمي جو جي لهين، ته ٻي ڪار مَ ڪرين ڪا،
    سا پروڙج ڳالهڙي، وڻجارن وٽان،
    موتي جن هٿان، آندءِ گھڻي ادب سين.


    سُر سهڻي

    ماحول ۽ ڪردارن جو جائزو

    شاهه لطيف رحه جي سُر سهڻيءَ جي تاڃي پيٽي اندر جنهن عشقيه داستان کي ڳولي لهجي ٿو سو آهي سهڻي ۽ ميهار جو داستان. هن داستان ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جي حوالي سان جيڪو ماحول ملي ٿو سو آهي درياهه جو. ڪن محققن ان درياهه کي سنڌو درياهه سڏيو آهي ۽ ٻين وري اهو قصو پنجاب صوبي جي چُناب نديءَ ڪنارن تي ٻڌايو آهي. ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ شهدادپور ۾ جنهن سهڻيءَ جي قبر موجود آهي، سا سهڻي به ساڳي ئي شاهه جي سورمي سهڻي آهي. ٿي سگهي ٿو اهڙو ڪو نشان پنجاب ۾ به موجود هجي پر ڪنهن مستند تحقيق کان سواءِ ڪجھه به چئي نه ٿو سگهجي.
    سُرَ سهڻي ميهار ۾ مکيه ڪردار ٻه آهن، هڪ سهڻيءَ جو ۽ ٻيو ميهر جو. چناب جي ڪهاڻيءَ واري سهڻي تُلي ڪنڀر جي ڌيءَ آهي جڏهن ته سنڌوءَ ڪناري رهندڙ سهڻيءَ جو ڪنڀار سان اهڙو ڪو رشتو ڪلام ۾ نٿو ملي. البت قصي ۾ هڪ جهڙائي اها آهي ته سهڻيءَ جو وهانءُ سندس سوٽ ڏم سان ڪيو ويو جيڪو کيس قبول نه هوج. قصو سترهين صديءَ جو آهي جڏهن هندوستان تي مغل بادشاهه شاهجهان راڄ ڪندو هو. مغلن جي دور ۾ اتر-اولهه جي جابلو ملڪن کان سوداگرن جا قافلا ايندا هئا جن ۾ هڪ بُخارا جي سوداگر مرزا عليءَ جو پٽ عزت بيگ به شامل هو. عزت بيگ کي مٽيءَ جا ٿانءَ ۽ مٿن چٽسالي ڏاڍي وني، سو ڀن نوان ٺهيل ٿانءَ خريد ڪيائين. سهڻي تان دولت قربان ڪري هو پوءِ ڪنڀار جي مائٽن سندس سوٽ ڏم سان پرڻائي ڪنڀارڪي دوڪان تان ڍي الڳ ڪيو. عزت بيگ کي به پار نيڪالي ڏنائون ۽ هو درياهه جي ٻئي ڪناري جوڳي بڻجي ويهي رهيو. هڪ روايت اها به آهي ته عزت بيگ اصل ميهار هو ۽ سهڻيءَ جي مائٽن جي درياهه پار ڪندي هن کين کير پياريو هو جتي هو سهڻيءَ کي وڻي ويو ۽ مٿس موهت ٿي پئي.
    سفر جون ڀوڳنائون شاهه جي سمورين سورمين ڀوڳيون آهن پر روزانو هڪ عورت جو درياهه تري وڃڻ وارو عمل فق سُر سهڻيءَ ۾ آهي جيڪو ڏم سان سهڻيءَ جي بي جوڙ شاديءَ خلاف احتجاج به سمجهڻ گهر جي جيڪو سترهين صديءَ عيسويءَ جي دور جي حوالي سان ڪافي جرتمندانه ۽ بهادرانه لڳي ٿو.
    سهڻي لڪ چوريءَ دلوپيٽ هيٺان ڏئي درياهه تري ٻئي پار ويندي هئي، جڏهن ته سِڻهِه يا سيڻاهه وارا تارو به درياهه جي دهشت کان ڊڄندا هئا. نيٺ هڪ رات سندس ڪچو گهڙو ڀوري مٽي ٿي ويو ۽ هوءَ ٻڌي هئي. چون ٿا ان رات طوفان ۽ مينهن به هو جنهن ۾ مشڪل سان ميهار کي سڏ پهتا پر هو مدد لاءِ پهچي نه سگهيو البت درياهه ۾ لڙهندي هن به دم ڏنو.
    درياهن ۾ هميشه سانوڻيءَ جي مند ۾ چاڙهه ايندو آهي ان ڪري هي سڄو قصو ان مند جو سمجهڻ گهرجي. البت ڀٽائيءَ ان کي ڪجھه بيتن ۾ سياري ۽ اونداهي رات جو ٻڌائي درياهه جي منظرن کي وڌيڪ ڀوائتو ۽ اڻ سهائيندڙ قرار ڏنو آهي؛
    سيءُ سيارو، پاڻي پارو، جِت جُهڙ جَهڪَ ۽ جهول،
    من اندر ميهارجا، هينئڙي اچن هول،
    جيلانهن ٻڌيس ٻول، تي اڙا نگا آر تران.

    سانوڻ گهڙي سڀڪا، هيءَ سَرجي سياري،
    تَنُ وڌائين تارِ ۾، ارواح جي آري،
    مُحبتي ماري، ڪونهي دادُ درياهه ۾.
    پر جيستائين شاهه جي هن سورميءَ جي جاکوڙ تي پهچون، اچو ته ڏسون ته شاهه جي رسالي جي مرتبن سر سهڻيءَ جي حوالي سان ڪهڙو ڪم ڪيو آهي. سڀ کان اڳ اسان جي سامهون آهي بمبئيءَ واري سرڪاري رسالي جو ٽيون ڇاپو جيڪو ڪوٺجي ته بمبئيءَ جو ٿو پر ڪراچيءَ ۾ ڪمشنرس پريس ۾ 1923ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. ان رسالي ۾ ڪل 225 بيتن ۽ 25 واين کي نون داستانن ۾ ورهائي 13 الڳ بيت ۽ هڪ وائي متفرقڳ بيتن ۾ ڏني وئي آهي. ان رسالي جي پهرئين داستان ۾ 34 بيت آهن جڏهن ته قليچ بيگ به پهرئين داستان ۾ 34 بيت ڏنا آهن. البت هن اضافي 12 بيت ڏئي هن داستان ۾ بيتن جو ڪل تعداد 42 ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ٻئي ڪنهن به رسالي ۾ ڪونهي. قليچ وٽ پڻ نو داستانن ۾ 247 بيت ۽ 23 وايون آهن پر هن متفرقه بيتن جو تعداد 16 ۽ هڪ وائي ڏني آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ وٽ به ڪل 9 داستان آهن ۽ باقي ڪجھه متفرقه بيت، البت علامه آءِ آءِ قاضيءَ سر سهڻيءَ جي ڪل ڏنل 227 بيتن ۽ 12 واين کي يارنهن داستانن ۾ ورهائي رکيو آهي ۽ مترفقه بيتن کي به داستانن ۾ ئي آندو اٿس.
    ڪلاسيڪي سنڌي، پنجابي ۽ سرائڪي شاعريءَ ۾ سهڻي ميهار توڻي بين داستانن جي ڪردارن جو هڪ ٻئي سان سنٻنڌ دنيا جي وجود کان اڳ جاڻايو ويو آهي. ڀٽائيءَ به ائين ڪيو آهي؛
    ”الست“ اوراحن کي، جڏهن چيائون،
    ميثاقان ميهارسين، لڌيون مون لائون،
    سو موٽي ڪيئن پاهون، جو محفوظان معاف ٿيو؟
    ان مطلب ۽ پسمنظر وارا کوڙ بيت پهرئين ئي داستان ۾ ڏنل آهن. البت درياهه ڀر هن داستانِ- عشق ۾ آُڃَ ۽ تئونس جو ذڪر اهڙو آيو آهي ڄڻ هيءَجاکوڙ ڪنهن پر انهين جبل ۾ لڪ ۽ لوساٽ ۾ ٿيندي هجي. پر اها اڃ عشق جي هئي جنهن مان ماڻهو ڍاپي نٿو سگهي؛
    کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
    تن ۾ تئونس پرينءَ جي، پيان، نه ڍاپان،
    جي سمنڊ منهن ڪريان، ته به سُرڪيا ئي نه ٿئي.
    مهراڻ لفظ وڏي درياهه يا سمنڊ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سر سهڻيءَ ۾ مهراڻ لفظ سنڌو درياهه لاءِ ئي استعمال ٿيو آهي پر هتي ان کي طعنو آهي ته پاڻيءَ گهڻيون ئي بوڙيون، پر سهڻيءَ جي ٻڏڻ جي لعني درياهه کي ٻوڙي جڏيو؛
    سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ،
    وَهَه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.
    ڀٽائيءَ جي سڄي شعر ۾، پوءِ اهو ڪهڙي به سُر مان ڇو نه هجي، جاکوڙ لاءِ ڪنهن ٻئي تي مدار رکڻ بدران سڀ ڪجھه پاڻ ڪرڻ تي زور ڏنو پئي ويو آهي، ٻيو ته ٺهيو پر طالب کي مطلوب وٽان ڪنهن به مدد جي اميد کي به ڇڏڻ لاءِ چيو ويو آهي جيئن جدوجهد خود مختيار رهي؛
    سپيريان جي ترهي، ٻڏين، هَٿُ مَلاءَ،
    سڀان تان چوندياءَ، ”اسان تو اُڪاريو....“
    ان جو مطلب اهو ٿيو ته طالب کي مطلوب جي مدد جي به آڌر نه وٺڻ جڳائي، متان بعد ۾ طعنو کڻڻو پئي.
    ٻئي طرف طالب پنهنجي مطلوب جهڙو ٻئي ڪنهن کي به نه ٿو سمجهي اها ڳالهه فطري آهي. مومل کي راڻي کان وڌيڪ ڀلو ماڻهو ٻيو ڪير ٿي ملي سهگيو، يا سسئيءَ کي پنهونءَ کان بهتر ور ڪٿي ٿي ملي سگهيو.
    ائين سهڻي هيئن چوندي حق بجانب لڳي ٿي ته؛
    ڏٺي جنيت هيڪار، صورت ساهڙ ڄام جي،
    سُکِ ٿي ستيون ڪينڪي، ڀري ساڻ ڀتار،
    گهڙي گهڙنئان ڌار، ڪاهي پئيون ڪُن ۾.
    فطرت جا عجيب منظر درياهه ۽ ان جي ڪنارن سان پکڙيل قدر تي نظارن جهنگلن، ٻنين ٻارن، وڻن ٽڻن ۾ مال متاع جي هونگر ۽ چڙن جي چونگارن سان جڙن ٿا. اهڙي فطري سونهن واري ماحول ۾ حواس ڪنهن طرف متوجه هجن ته اندر جون سُتيِون شاخون چُري جاڳي اٿنديون؛
    ٻيلي پار ٻُري، مون کي چَڙَن چوريو،
    محبتي ميهار جي، ستي شاخ چري،
    مٿي جهوڪ جُهري، پونديس پار يچن جي.
    هڪ هيکلي زائفان، اونداهي اڌ رات، چوڌاري واهٽ تي ويٺل ماڻهو ۽ وسيع ۽ ويڪرو درياهه، اهي سڀ منظر اهڙا آهن جن سان دل دهلجيو وڃي. ان صورت ۾ درياهه هڪ اڻ کٽ سمنڊ جو ئي منظر پيش ڪندو. ڏسو ڀٽائيءَ درياهه کي ڪيئن سمنڊ ڪوٺيو آهي؛
    دهشت دَم درياهه ۾، جِت ڪُنن جا ڪڙڪا،
    سهي ڪين سمونڊ جا، ماندي دل دڙڪا،
    ساهڙ! تون سُڻ ڪا، فريادي فقيرِ جي.

    ڪاري رات ڪچو گهڙو، اڻٽيهي اونداهي،
    چنڊ نالو ناهه ڪو، درياهه دَرَ لائي،
    ساهڙ ڪارڻ سهڻي، آڌيءَ ٿي، آئِي،
    اِيءُ ڪم اِلاهي، نه ته ڪُنن ۾ ڪير گهڙي؟!

    =========================================================================================
    (21-12-1999 بروز اڱارو، ريڊيو لاڙڪاڻي تان پيش ڪيل آخري پروگرام جي اسڪرپٽ.)
    (هي فقطه ٽن سُرن جي اپٽار آهي. ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن 22-12-1999 تي اربع ڏينهن رات جو نائين وڳي هدايت منگيءَ کي دل جو دورو پيو ۽ هو اسان کي الوداع ڪري هليو ويو...)


    سُر سَسُئي آبري

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمت جي ڪلام جو هڪ مکيه موضوع، جنهن تي هن جو سڀ کان گھڻو توجھ رهيو آهي، سو آهي ازدواجي رشتا يا زال مڙس جا رشتا. ڀٽائيء جي ڪلام ۾ ان موضوع تي هونئن ته مختلف پاسن کان انهن ڪردارن جو مزاج ويا کاڻيو ويو آهي ۽ هر ٻئي جوڙي جي ماحول جو پنهنجو رخ ۽ پس منظر آهي، پر سسئي- پنهونء جي قصي تي ڀٽائيء پنج سر نج پج سندن ڪردارن بابت لکيا آهن، جڏهن ته ٻيا قصا هڪ ئي سر اندر نبيريا ويا آهن. جيستائين نبيرڻ جي ڳالهه آهي ته ڪو ڪو بيت اڪيلو ئي اهڙو ٿو ملي جنهن ۾ ڳالهه نبري پئي آهي، پر سسئي جي سر تي ڀٽائيء سوين صفحا لکيا آهن.
    سسئي- پنهونء جو قصو سنڌ ۾ ئي نه، بلڪه ڏکڻ پنجاب جي شاعريء جو موضوع به رهيو آهي، يعني سرائڪي شاعريء جو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پاران وائيءَ جي موضوع تي لکيل مختلف جلدن ۾، هن جڏهن خواجه فريد جو ذڪر ڪيو آهي ته هن کي سنڌ ڄائو قرار ڏيندي سندس ٽي سنڌي وايون يا ڪافيون به ڪتاب ۾ شامل ڪيون اٿائين. ان ريت اتر سنڌ جي هن اعليٰ پائي جي سرائڪي شاعر سسئي پنهون جي قصي تي شاعري ڪري، بنهه ساڳئي روايت ۽ ڪردارن جي ساڳي مزاج جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌي شاعريء جو موضوع رهيا آهن. ڀٽائيء جي سسئيء بابت لکيل پنجن سرن آبري، معزوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيء مان، سندس مرتبن اڳ ۾ آبريء کي جاءِ ڏني آهي جنهن ۾ عشق جي لپيٽ ۽ جدائيءَ جي المئي جا ڪيترائي اهم واقعا ڏنا ويا آهن. سرن جي ترتيب بابت آءٌ ان خيال جو رهيو آهيان ته هاڻي وقت آهي ته ڪو ادارو ڀٽائيء جي مستند رسالي جي ترتيب جو ڪم هٿ ۾ کڻي ۽ نئين صديء ۾ مستند رسالو شايع ٿيڻ کپي. گذرندڙ صديء ۾ جو ڪجھ ٿيو، تنهن مونجھارا پئي پيدا ڪيا آهن ۽ پڙهندڙن جي ڪا خاص رهنمائي نه ڪئي ويئي آهي.
    آبري سسئي پنهونء جي امر عشقيه داستان جي مکيه ڪردارن سسئي ۽ پنهون وچ ۾ محبت ۽ سڪ جي اٿاهه جذبي جي ترجماني ڪري ٿو؛

    جي سِجھائي سِڪ، ته پڻ سڪي سَسُئي،
    پيتائين پنهونء سان، هَڏِ نه ڀڳيس هِڪ،
    ان تَڙَ منجھان تِڪ، ڏني پاڻ اُڃَ ٿئي.

    سسئي ۽ پنهون، ٻئي بي انتها خوبصورت ۽ خوب سيرت ڪردار هئا، هڪ ٻئي جي حسن ۽ جمال لاءِ چاهت ۽ سڪ ماپڻ جي نه هئي؛

    پسي جھاجھ جمال جي، جَنين پيتي پِڪَ،
    اَپر اَڳانجھو ٿيو، سُور انهن جو، سِڪَ،
    هڏ نه ڀڳين هڪ، سدا سائر سِيرَ ۾.

    محبت جن جي من ۾، تن تَشنگي تار،
    پي پيالو عشق جو، اڃ سين اُڃ اُتيار،
    پنهون پاڻ پيار، ته اُڃ سين اڃ اُجھائيان.

    اسان کي خبر آهي ته سسئي نائونء نالي هڪ هندوء جي گھر ڄائي، پر هن کي ڪنهن نجوميء ٻڌايو ته ڇوڪري وڏي ٿي مسلمان سان پرڻبي. بعد جي سُور کي نه سهي سگھڻ جي خيال کان هن نينگريءَ کي پيتيء ۾ بند ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو. اها پيتي ترندي اچي ڀنڀور ڀرسان هڪ لانگھي ۾ محمد نالي کٽيء جي داٻڙي لڳ بيٺي. پيتي کولي جئري نينگري لهي، کيس گھر کڻي آيو ته بي اولاد جوڻس هن کي جھوليء کڻي وڌو. بي انتها سونهن سبب سج سان تشبيهه ڏيندي سندس نالو رکيائون سسئي. ڀنڀور ۾ ڌوٻيء جي گھر پلجي وڏي ٿيندڙ سسئي مڪران کان ايندڙ واپاري قافلن جي پاران لڳندڙ ميلا گھمندي مڪران جي سوداگر شهزادي پنهونء سان لونءَ لائي ويٺي، جنهن شاهي طرز زندگي ڇڏي سسئيء جي پيءُ وٽ ڌوٻيء طور نوڪري ڪئي. ورهين پڄاڻا مائٽن کان گم ٿيل پنهونء کي ڀائرن ڀنڀور ۾ ڳولي لڌو، تيستائين هن سسئيء سان نڪاح ڪري ڇڏيو هو. پر پوءِ به پنهونء جا ڀائر راتو واهه، جڏهن سسئي ڪم ڪار ۽ خدمت چاڪريون ڪري، ٿڪجي چور ٿي ننڊ پئجي وئي ته ڏير پنهونء کي کنڀي ڪيچ مڪران کنيو هليا ويا. پٺيان سسئي اٿي ته ڪاريء وارا ڪک هئا، هن ٻيو چارو نه ڏسي پنهون جي اٺن جي قافلي جا پير کنيا ۽ ڪيچ رواني ٿي. سندس سفر ڏينهون ڏينهن ڊگھو ٿيندو ويو ۽ اڪيلائيءَ جا سور الڳ کيس ستائيندا رهيا. سسئيءَ جي ان سفر دوران جن جذبن احساسن، سوچن ۽ اذيتن مان سسئي گذري، ڀٽائي انهن سڀني کي شعر جو موضوع ٿو بڻائي. سسئيء سڃ جو سفر اختيار ڪيو، پر ڀٽائي ڏسو پنهونء جي سڪ جو ذڪر ٻه سٽي بيت ۾ ڪيئن ٿو ڪري؛

    ساڄن ڪارڻ سڃ، مر قبولي سسئيءَ،
    اندر جني اُڃ، پاڻي اُڃيو اُن کي.

    ڀٽ ڌڻي نفيء مان اثبات يا نهڪر مان هاڪار جو مطلب ڪڍڻ جھڙا ڪيترائي شعر لکيا آهن، اهڙا شعر هن سر آبري ء ۾ به چيا آهن، جن جو مطلب محبت سان پڙهندڙ اڳيان ظاهر ٿيو پئي:

    ويههُ مَ مُنڌ ڀنڀور ۾، هاڙهي هَڏِ مَ هَلُ،
    ڪوڙي ڪج ۾ ڪڏهين، سچي ڳالهه مَ سَلُ،
    جانب لئي مَ جَلُ، سورَ وسار مَ سسئي!


    پنهون پٺيان ويندي، ڀنڀور ڇڏڻ مهل ريهون ڪندي سسئي رواني ٿي ته ڪيتريون ٻيون عورتون به ساڻس گڏجي نڪري پيون، پر سسئيءَ کين جھليو:
    وريتيون ورو، آئون ورندي وَرَ ريء،
    جاڏي هن جبل جو، تانگھينديس ترو،
    جــتــن ساڻ ذرو، نينهن نبيرو نه ٿئي.

    اها سوچ هر ماڻهوء ۾ فطري طور اچي ٿي ته ور کي جوء ڳولي لهي، ان بدران ور کي جڳائي ته هو پنهنجي زال جي سنڀال ڪري. پر ڀٽائي ٻنهي تي هڪ جيترو ذمو ٿو رکي ۽ اهو ئي معيار آهي ازدواجي ٻنڌڻ جو:

    پهرين تون پــاريـج، پارڻ پوءِ پنـهونء تـي،
    ٻولُ مَ وساريج، هُو جو ڪيوءِ هوت سين.

    ڀنڀور جي ماڻهن به انبوهه ڪري سسئيء جو پيڇو ڪيو ۽ کيس سمجھايائون ته جابلو ۽ اڻ ڏٺو پنڌ تو کان ڏوريو نه ٿيندو ان ڪري موٽي هل، پاڻهئي پنهون موٽندو:
    چُڪس سڀ چئـي، ماڻهو شهر ڀنڀور جا،
    سا موٽي ڪيئن مُئي، جنهن جو جانب جت وٺي ويا؟
    سسئيء پاڻ ئي ماڻهن کي چيو:
    موٽڻ جي مصلحت، مون کي ڏيو مَ جيڏيون،
    نهارينديس نڪري، آرياڻي البت،
    ڪنديس اوٽ عـجيـب جي، لَـڪن ڏيئي لت،
    سرتيون شريڪت! آئون ڪيئن آگن سين ڪريان.
    سسئيء کي ماءُ به منٿون ڪيون، جنهن کيس پاليو هو، ماڻس جو خيال هو ته سسئي ڪجهه پنڌ کان پوء موٽي ايندي، پر سسئيءَ وراڻيس:
    موٽي مـران مَ مــاءُ، موٽڻ کان اڳي مران،
    لُڇي لالڻ لاءِ، شــال پـونديس پير تي.
    ڀٽائيء جي فلسفيانه گفتگوءَ جو انداز ڏسو:
    سَڏَ مَ ڪر سڏن ري، هلڻ ريء مَ هَلُ،
    جلڻ ريء مَ جَلُ، رئڻ ريء متان روئين.
    اها انساني ڪردارن ۽ جبلتن جي معروضيات آهي، جنهن کي هڪ مهان چترڪار وانگر ڀٽائي چٽيندو ٿو هلي. وري جدوجهد جي مرحلن جو هيءَ قدر ۽ طور طريقو ڏسو:
    ڪڏهن پئجي ڪَنُ ٿي، ڪڏهن ٿجي وات،
    ڪڏهن ٿجي ڪات، ڪڏهن ٿجي ٻڪرو.
    ۽ حاصلات جو هيء انداز ڀٽائي وٽ اٿاهه نموني ملي ٿو:
    پيهي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنـهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سُور هئا.

    هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوهه پَهي،
    ”وفي انفسڪم افلا تبصرون“، سوجھي ڪرصحيح،
    ڪڏهن ڪانه وئي، هوت ڳولڻ هَٽَ تي.


    سُر معذوري

    شاهه سائينء جي سُر آبريء جي آخري داستان جي آخري وائيء ۾ سسئيء جي اڻانگي سفر جي شروعات ڪرائيندي ڀٽ ڌڻي سسئيء جي ڪردار ۾ پختگي آڻي فرمائي ٿو ته؛
    پنڌ ڪريندي پرينء ڏي، ڪڏهن ڪان کُهِي....
    منزل پسڻ لاءِ هر سفر، هر جدوجھد ۽ هر جاکوڙ جو معيار ۽ Requirement آها آهي ته ان پنڌ ۾ کُهجي نه پئجي. کُهجي پوڻ سان پنڌ نه کٽندو ۽ مقصد ۽ منزل هٿ نه ايندا آهن. آبريء کان پوءِ ٻيو سر جيڪو شاهه سائينء جي رسالي ۾ اچي ٿو سو آهي معذوري. معذوريء جون ٻه معنائون آهن. هڪ معنٰي آهي لاچاري يا ڪنهن اهم عذر يا مجبوريء سبب بنجندڙ ڪيفيت. ٻي معنيٰ جيڪا سڄي سر جي تفصيلي مطالعي مان پڌري ٿئي ٿي، سا اها آهي ته هزار، لک مجبوريون هجڻ جي باوجود جدوجھد جاري رکجي ۽ سڀ ڏک ڏاکڙا به پنهنجا دوست ڪجن. سمورن ڏکن، ڏولاون ۽ درد انگيزين سان اڳتي رڙهجي ته جيئن تڪليف، آزار، ڏکن ۽ دردن جي شموليت سان جدو جھد جي تاريخ ٺهي؛
    هنلدي هوت پنهونء ڏي، کهجن ڪي کوٽيون،
    پاهَڻُ تــن پَٽُ ٿئي، جـي لالڻ لئه لوٺيون،
    سڀ سهيليون سڪ کي، چُنجھيون ۽ چوٺيون،
    ٻانڀڻ ٿي ٻُوٽيون، ته ڪتـا کائنئي ڪيچ جا.
    ڀٽائيءَ زندگيءَ جي جدوجھد ۾ اجايو مداخلت ڪندڙن، بيجا آزار پيدا ڪندڙن ۽ لاتعلق دخل پسندن کي دل جھلي گھٽ وڌ ڳالهايو آهي ۽ اهڙي فطرت رکندڙ ڪردارن کي ”ڪتو“ سڏيندي کين شديد انداز ۾ ننديو آهي؛
    نه ڪي اسين چُهڙا، نه ڪي اسين چور،
    هنگاما ۽ هور، ڪتا! ڪرين ڪن سين.
    وري جڏهن هو پنهنجي آدرش سامهون اچي ٿو ته، پنهنجي زندگي، سڀ ڪجهه سندس اڳيان پيش ڪندي چئي ٿو ته تون پاڻ ڪُهين ته ڪُههُ، چُهڙن کي ڏَسُ نه ڏي، انهن بي مروت آهيڙين جا هٿ مان نه سهي سگھندس؛
    ڪُهين ته آپُ ڪُههُ، ڏَس مَ چُوهڙيان،
    سـندا آهيڙيان، آءٌ نه سهندي هـٿـڙا.
    واهه، ڀٽ ڌڻيء جي چٿر ۽ حقيقت جي اظهار جو انداز ته ڏسو، ماڻهوء ۽ ڪتي جي مزاج کي ڪيئن الڳ الڳ ٿو ڪري، سو به هڪ سٽ ۾، ۽ ان کان پوءِ تصديق جي مُهر به هڪ حديث شريف سان هڻندو ٿو هلي؛
    ڪتو ڪرٽي هڏيون، جوان مرد جگر کاءِ،
    ”الدّنيا جيفة وَطلاَبُها ڪِلاباً“، اِيءُ هئين سان لاءِ.
    ڪُتي جو مزاج آهي مالڪ جي بڇ تي باهڻ ۽ ڏاڙهڻ. علامتي انداز ۾ ڀٽ ڌڻي سسئي تي ڇڏيل ۽ بڇ ڏنل ڪتن جي ڳالهه ڪندي انهن تي جُلهه به ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت اهڙي مزاج کي واضع به ڪندو ٿو هلي ته ڪيئن پرائي بڇ تي ڪي ڪردار باهن ۽ ڏاڙهين ٿا؛
    سگبان سينڊاريا، بَڇِيا، تي باهن،
    ڦريا نه فرمان کان، ملهه نه موتيئڙن،
    ڪونهي ڏوهه ڪتن، ڏاڪاريا ڏاڙهين ٿا.
    معذوري ۾ جدوجهد جو معيار ساڳيو آهي، يعني سک ڦٽي ڪرڻا پون ٿا ۽ پنهنجي حيثيت ۽ ڏيک ويک ۽ اڊنبر کي ڇڏڻو ٿو پئي؛
    ڏکي! ڏِک وسار، سيڄ ڦٽي ڪر سَسُئي!
    پَٽين پيرُ نِهار، تـه آرياڻي اُتــان لهين.
    سنڌ جي ڪاڇي يا جابلو ايراضي ۾ ماڻهن جي رهڻ ڪرڻ، سامان سڙي، ڪم ڪار ۽ گذربسر جي طور طريقن ۽ شهري توڙي گھاٽي آباد سنڌ جي طور طريقن ۾ فرق ڳولهڻ لاءِ به ڀٽائيء جو ڪلام وڏو ماخذ آهي. ڀٽائيء پنهنجي ڪلام ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ جن مٽن، دلي ۽ پياليء وغيره جو ذڪر ڪيو آهي، انهن جو ڪارج پهاڙي ايراضين ۾ ٻين وٿن ۽ سامان سان پورو ٿئي ٿو. جابلو ايراضين جي ماڻهن کي دلو مٽ ڀري رکڻ جو رواج ڪونهي. اُتي ٻڪريء يا رڍ جي کل ابتي ڪري، ان جا سڀ سوراخ بند ڪري، پاڻي ڀرڻ لاءِ جيڪا کَلي ٺاهي ويندي آهي، ان کي اهڙي زندگي گھاريندڙ ماڻهو “اوئي” ٿا ڪوٺين، جنهن کي عام ماڻهو سمجهي نه سگھندو. ان اوئيء جي ڳالهه ڀٽائي سسئيء جي خدمت جي حوالي سان هيئن ٿو ڪري؛
    ڏسـڻ ڏِکـان اڳرو، سسئي آڻ مَ شَـڪُ،
    ٿيءُ ٻانهـي، ڀـر اوئيـون، لُڏُ مَ، پسي لَـڪُ،
    وَرُ پنهونء سين پَلَڪُ، کُوءِ ٻارنهن ماهه ٻين سين.
    هن بيت ۾ پرينء سان هڪ پلڪ جي مزي جي ڀيٽ، ٻين سان گھارجندڙ ٻارنهن مهينن سان ڪئي وئي آهي. ايترو ئي نه بلڪه، ان پلڪ کي ڀٽائيء ٻئي بيت ۾ ٻارهن سالن يا وريهن سان ڀيٽيو آهي؛
    هردم هـوت پـنـهونء جـو، ڏسڻ ڀــانئج ڏِکُ،
    ور پنهونء سان پَلَڪُ، ٻن ٻارهن ورهيه ٻين سين.
    انسان جي فطرت عجيب آهي. سج پٺيرو ٿيندو وڃي ۽ جبلن جي چوٽين تي پيهيندو پيو وڃي. وڻن جا پاڇا به وڃن وڏا ٿيندا. هاڙهي جبل جا لڪ اڪرندي جڏهن سسئي ٿڪي، بکي، پيادي ۽ پياسي، شام جي اها صورتحال ڏسي ٿي ته درد جي اٿاهه ڪيفيت سبب کيس ائين ٿو لڳي ڄڻ سندس تڪليف وڌائڻ لاءِ جبل اوچا ٿيندا پيا وڃن ۽ وڻ وڌي اڃا وڏا پيان ٿين. پنهونء جي سڪ ۽ جدائيء ۾ سندس نيڻ ڀر جي ٽمي رهيا آهن، جنهن ڪري کيس سامهون جو نظارو پورو نظر نه ٿو اچي ۽ بيوسيءَ ۾ پئي چئي؛
    وَڌو ڪيم وڻان! اونـچا ڏونـگر مَ ٿيو،
    ٽمو مَ نيڻان، ته پير نهاريان پرينء جـو.
    پيرين اگھاڙين، سسئي جھر جھنگ جھاڳيندي، جبلن جا لڪ ۽ چاڙهاڪا چڙهندي پئي وڃي. دڳ ۾ ملندڙ مسافر جڏهن لڦون پئجي ويل رت وهائيندڙ پيرن کي ٿا ڏسن ته کيس جتي پائڻ جي صلاح ٿا ڏين. اندازو ڪريو ته هيء زال ذات بنا جُتيء سختيون سهڻ لاءِ آتي آهي؛
    ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لک لڳن،
    آڱر آڱوٺي نه ملي، ڇپون پيرن ڇنن،
    ويندي ڏانهن پرين، جتي ذات نه پائيان.

    جُتي سي پائينديون، جن کي پير پِرِين،
    لاٿيون سَڀ پرئين، سسئيء سپيرين کي.


    رُڃن ۾ رڙ ٿي...

    شاهه لطيف جي معذوريءَ جو مطالعو ڪندي معلوم ٿيندو ته سسئي- پنهونءَ جو هم آهنگُ جوڙي ۾ جدائيءَ جي جيڪا ڪيفيت پيدا ٿي آهي، ان جي ڏکن ڏاکڙن جو مذڪور ڀٽائيءَ اهڙي پيرائي ۾ ڪيو آهي جو، هر جدوجهد جو منظر به ساڳيو بڻجيو وڃي ٿو ۽ ساڳي وقت طالب ۽ مطلوب جو سٻنڌ تهائين تلاش جا نوان گس ۽ اتساهيندڙ موڙ ڏيکاريندو، اڳتي وٺيون ٿو هلي. ايتري زندگيءَ سان ڀرپور شاعري دنيا جي شايد ڪنهن شاعر ڪئي هجي، جو ڪي ناممڪن عمل به امڪان ۾ آڻي بيهاري؛
    هٿين، پيرين، مونڙئين، ڪهجه ڀَرَ ڪپار،
    متان ڇوري! ڇڏئين، پريتـڻي پچار،
    توکي سَنَدَ سسئي! سندي لَئـن لَغـار،
    جي هؤنئي هوت هزار، ته پاڙج ڪومَ پنهونءَ سين.

    هٿين پيرين مونڙين، سرج ساهه پَساهه،
    هوت گڏبئي حَبَ ۾، رهبر مٿي راهه،
    جان جان ساڻئه سـاهه، ته پاڙج ڪرم پـنهـونءَ سـين.
    زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو آهي، جنهن ۾ ساهه کڻڻ ۽ سک ڳولڻ کان پوءِ گهارڻ جي گنجائش ڪانهي، حاصلات اوس ٿيڻي آهي، اهو آسرو ڪڏهن به ختم ناهي ڪرڻو؛
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،
    آسر هڏ مَ لاهه، ڇنڻ ڳنڍڻ ان جو.
    تقدير ڪنهن کان نه ٿي ٽري، جنهن جي نصيب ۾ جو ڪجهه هوندو سو ان کي ڀوڳڻو پوندو. جيتري ڪوشش ۽ جتن سان محب ملڻو آهي، ان ۾ گهٽتائي ناهي ٿيڻي، اهو جتن ۽ اوتري ڪوشش ضرور ڪرڻي پئي ٿي؛
    توڻي وِلاڙون ڪرين، توڻي هلين وِک،
    لکئي منجهان لِک، ذرو ضايع نه ٿـئي.
    پرينءَ جي ڳولا ۽ تلاش ۾ ته هر ڪو رهي ٿو، پر پنهنجي وِتَ کان وڌيڪ ڏکي جدوجهد ڪندڙ مثال قائم ڪري ٿو ڇڏي. سسئيءَ جو مثال به ساڳيو آهي. پنهنجي طاقت ۽ وس کان وڌيڪ ڏکئي پنڌ تي نڪرڻ جي جرئت ڪري ويٺي ته سندس اهو ڳڻ ڳائڻ جهڙو ٿي پيو؛
    ڪيائين ڪيچين لـئه، جُسو جلاوت،
    ڇڏي پيٺي ڇپرين، هاري سڀ حجت،
    هئي نماڻي نِسَتُ، پنڌُ وڌائين پاڻ تي.
    ۽ اڻ ڏٺي، اڻ ٻڌي، جابلو جهنگن جي پنڌ ڪندي، دانهن ڪرڻ کان به لهرائي ٿي ته متان ماڻهو چون ته هاڻ چري ٿي پئي اٿو. پر وري ٻئي لمحي اها پرواهه به ختم ٿيو وڃيس؛
    پنڌ نه پنڌن جيترو، ڪيئن سُڄندي ڪِيهه،
    جيڪر ڪريان رِيهه، پر چوندا ”منڌ چري ٿي.“

    چونم مَرُ چري ٿي، پر جي سڏ سُڻين،
    مَرُ مونهين کي ڏين، ماڙهو اچيو ميهڻا.
    سسئي پنهونءَ جڏهن هڪ ٻئي کي پهريون ڀيرو ڏٺو تڏهن، سندن عمر ڪيتري هئي ۽ جڏهن اهي جدا ٿيا تڏهن کين گڏ رهندي گهڻا سال ٿيا. اهڙن سوالن جا جواب اسان کي قصن- ڪهاڻين ۽ هنن عشقيه داستانن ۾ روايتي ليکڪن ڪونه ٻڌايا آهن. داستانن ۾ گهڻو ڪري ڪردارن جي سڄي چر پر سندن بدليل حالتن موافق ٿيندي آهي، پر آفاقي تخليقڪار پنهنجي تخليقن ۾ اهڙا اهڃاڻ ۽ اشارا ڏيندا ويندا آهن، جن مان ڪردار جي سگهه يا اگهائي، غم ۽ خوشي هر ڪيفيت جي خبر پوندي آهي. ڏسو هيءُ بيت، جنهن ۾ ايئن ٿو لڳي ڄڻ سسئي پنڌ ڪندي وڃي پوڙهائپ کي رسي ۽ سندس جوڀن موڪلائي ويو هو؛

    آئون نه گڏي پرينءَ کي، جوڀن ويو جــاڙ،
    آڏا آريچن کي، چـــاڙهيڪا ۽ چاڙهه،
    مون مُٺيءَ کان نه ٿئي، وڏپڻ منجهه ولاڙ،
    عمر سڀ آوراڙ، وييم، ٿي واڪا ڪريان!
    ڪيترا ڀيرا همت هاري سسئيءَ محسوس پئي ڪيو آهي ته، بس هاڻي هوءَ ختم ٿيڻ تي آهي ۽ حياتي کانئس موڪلائڻ تي آهي. گڏوگڏ اهو اهڃاڻ ته سسئي ورهين جا ورهيه پنڌ ۾ هئي، کڻي وڌاء وارو هجي، پر ڀٽائي ان جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو؛
    آئـون نه گڏي پرينءَ کي، مٿان آيو موت،
    واجهائيندي ورهيه ٿيا، هڏ نه گڏيم هوت،
    جيڪس ٿينديس فوت، فنا هن فراق ۾.
    ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ لفظن جي اڻت جي سونهن ۽ منظر نگاري وري اهڙي بي مثال آهي جو حيرت ٿي ٿئي، شايد فنِ لطيف جي ڪنهن ٻئي فارم ۾ ڀٽائيءَ وانگر ڳالهه ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. هي بيت ڏسو جنهن جي تاڃي پيٽي ۾ اهڙا منظر آهن جن کي مصور، ڪهاڻيڪار يا داستان گو ڪڏهن به بيان نه ٿا ڪري سگهن؛
    ولاڙيـو وڻين چڙهي، ڏيو پٽولـي لانگ،
    ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگ، سسئيءَ سور ٻچن جئن!

    رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگيءَ ساز،
    ايءُ عشق جو آواز، ماڙهو رکن مُنڌ تي.
    ڀٽائيءَ جو اهو فڪر ته عالم آشڪار آهي ته موت ڪنهين صورت ۾ ماري ڪونه ٿو، اهو عشق کي اجاري، محبوب سان ملائي ٿو ڇڏي. قبل از تاريخ سقراط جهڙن ڪردارن ، شاهه عنايت شهيد، مخدوم بلاول وغيره کي ڇا موت فنا ڪري ڇڏيو؟ ڪير چوندو ته اهي مئا، بلڪه اٽلندو کين امرتا حاصل ٿي. ساڳي آفاقي ڪسوٽي ڀٽائيءَ وٽ ڏسو؛
    مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال،
    ٿئين هوند حلال، جي پنڌ اها ئي پارئين.
    اهو آدرش اڳيان رکي ڀٽ ڌڻي ڏسو موت کي ڪيئن رهنما ٿو بڻائي ۽ ساهه يعني زندگيءَ کان موڪلائي ٿو؛
    تو سڱ ساهه کڻڻ سين، جيئڻ گوشي جاءُ،
    مرڻ! مونسين آءُ، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان.


    ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين

    سسئي - پنهونءَ جي رومانوي داستان تي ڀٽائيءَ جي پنجن سرن مان هڪ سر، سندس محققن ديسيءَ جي نالي سان ترتيب ڏنو آهي. جنهن جو وايو منڊل جدائيء جي ان ڪيفيت جو آهي، جيڪا سسئيء کي ڪيچ ڏانهن ويندي حب ۽ هاڙهي جبلن جي چاڙهاڪن ۽ ڏکين وادين مان اُڪرندي ڀوڳڻي ٿي پئي. انهن غير آباد ۽ انساني آبادين کان پرانهن جبلن مان لنگهندي جهنگلي جانور پڻ ملن ٿا. اڄڪلهه به ان علائقي ۾ سواءِ هڪ اڌ پيچري جي عام رستو ڪونهي، ان ڪري جهنگلي جانور ۽ پکي پکڻ اڃا به اتي جام ملن ٿا.
    سسئيءَ ان اڻانگي سفر کي ڪيئن ڀوڳيو، ان جي حقيقت هڪ راز آهي، جيڪو شايد ڪڏهن ڪي مهم-جُو ان علائقي جو تفصيلي سفر ڪري کوليندا. البت ڀٽائيء ان دڳ سان جيڪو پنڌ ڪيو آهي، ان جا عڪس سندس ڪلام ۾ جا بجا ملن ٿا. جبلن مان اڪرندي، شديد گرميءَ ۽ لُڪ جي ڪوساڻ جو احساس، اتان لنگهندڙ مسافرن کي ئي ٿي سگهي ٿو. سسئيءَ کي انهن اُٺن هي پهاڙ اورانگهڻ تي مجبور ڪيو، جن تي ڪيچ جو قافلو لَڏيل هو، جنهن ۾ سسئيء جا ڏير به هئا ۽ هن دڳ جا اونچا پهاڙ يا ڏونگر. هوائي جهاز جو سفر ڪندڙ مسافر جهاز ۾ ويٺي، اڏام دوران هڪ عجيب لقاءُ ڌرتيءَ تي پسي سگهي ٿو. اهو لقاءُ آهي جبلن جو. پاڻي بظاهر ڪيڏو نرم آهي، پر اهو پاڻي تمام سگهارو به ٿئي ٿو، ان جو اندازو جبلن جي چوٽين ۽ وري جبلن جي وچان ئي ٺهيل نين، ندين ۽ گهارن کي ڏسي ٿئي ٿو. مينهن جو پاڻي جبلن کي هزارها سالن کان ڳاريندو رهيو آهي ۽ وڏن وڏن پهاڙن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو آهي. هوائي جهاز ۾ ويهي ان جو لقاءُ ڪري سگهجي ٿو ته، ڪيئن پاڻيءَ جهڙي نرم شيءِ پٿرن کي ڀوري ان کي ڇپن ۾ تبديل ڪيو آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه به چوندو هلان. پهاڙي يا جابلو مسافرن لاءِ سٺي ۾ سٺو رستو هوندو آهي، نئن يا نديءَ جو پيٽ. ندين جي پيٽ ۾ عام طور پاڻيءَ جون ڳاريل پهاڙي ڇپون عام جام پئيون هونديون آهن، جن جي چوڌاري پاڻيءَ جا زوردار وهڪرا چهنبيارا چاقو ٺاهي ڇڏيندا آهن. هڪ پيرين اگهاڙي عورت، جيڪا ڏيرن ۽ ڏاگهن جا پيدا ڪيل عذاب ڀوڳي اڻانگو سفر ٿي ڪري، تنهن کي ڏونگرن يعني جبلن جا ڏک به نهايت اهم ٿا لڳن؛
    ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽنهي ڏک ڏنام،
    لُڪُن لوساٽيو هيئون، ڇِپن پير ڇنام،
    رَندين رت رُنام، پَرندي پار پنهونءَ جي.
    ڀٽائي صاحب جون رمزون به عجيب آهن. اوکي ۽ اڻانگي سفر جون صعوبتون سهندڙ سسئيءَ کي مخاطب ٿي هڪ عجيب اٽڪل ٿو ڏسي ته، جڏهن اوپرا اٺ ڏٺا هيئه، ته اڳ ڳڻتي ڪندي، سندن دڳ وڃي جهلين ها، يا پنهنجي مٿي جي وارن کي زنجير بنائي اٺن سان ٻڌي ڇڏين ها ته پنهون کڄي نه وڃي ها؛
    اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏاگها ڏٺئي ڏينهن،
    وٺي سڙڪ سسئي! ويهه ويهاڻيء سينء،
    چوٽيءَ سان چانگن کي، جَڙِ زنـجيرن جيئن،
    ته هوت تنهنجو هيئن، پنهون نِيَن نه پاڻ سين.

    اڱڻ مٿـي اوپرا، جڏهن ڏٺئي اُٺ،
    ڏايئِه نه ڏاگهن کي، اوڳي ساڻ اڳٺ،
    ته هوند نه تنهنجي هٺ، سور پرايا سسئي!....
    سر ديسيءَ ۾ پهرئين ئي داستان ۾ ڀٽائي صاحب جو هي بيت اشارو ڪري ٿو، ان انساني ڳڻ تهذيبي ۽ تمدني گهرج يا تقاضا جو جيڪا، ماڻهو هزارها ورهين جي تجربن مان سکيو آهي. ۽ اهو تجربو آهي پنهنجن سان رهڻ، پنهنجن سان تعلق قائم ڪرڻ، ديسين سان نينهن رکڻ ۽ نڀائڻ. ڌارين سان نه محبت ٿي سونهين نه سيڻپو يا رشتو. ڌاريو سوئي ڌاريو، اڄ آهي، سڀاڻي نه هوندو؛
    ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين،
    لڏيو، لاڏوڻا ڪيو، پنهنجي ديس وڃن،
    پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀـور کان.
    ڌريان ئي ڌاريانِ، مٽ مئيء جا نه ٿيا،
    مَندي ڏيرن من ۾، کِليو کيڪاريانِ،
    صبح ٿي ساريانِ، ته اٺ نه اوطاقن ۾.
    ماڻهو جنهن ڏکئي ۽ درد انگيز تجربي مان گذرندو آهي، ان کان ٻيهر گذرڻ کان ڪؤ کائيندو آهي، اها ڳالهه انساني فطرت ۾ شامل آهي. ساڳئي ٻر ۾ هٿ وجهي نانگ کان ٻيو ڀيرو ڏنگجڻ ڪير چاهندو؟ ۽ سسئيءَ پنهنجي زندگيء ۾ اٺن ۽ اوٺارن سان رکيل پيچ مان رڳو ڏک پرايو، سو جڏهن پهاڙي اتاهين ۽ ماٿرين ۾ هلندي کيس اٺن جي قطار ايندي نظر آئي، ته کيس اٺن سان ڪيل تجربو ياد آيو، جن کيس ڏک ڏيکاريا هئا؛
    اٺ مَ اوري آڻ، ڏاگهن ڏڌي آهيان،
    هڻي هٿ هَيَن کي، پري نيئي پلاڻ،
    هوت منهنجو هاڻ، پنهون نيائون پاڻ سين.
    سسئيءَ جي سفر ۾ ڪنهن به ساڻس ڪا مدد ڪانه ڪئي، اٽلندو مددگار بدران دشمن عناصر سندس مصيبتون ۽ تڪليفون وڌائيندا رهيا. اڪيلي زائفان، پهاڙن جا پنڌ، اس ۽ واءُ ۽ پوءِ رات جي اونداهي، سڀ سسئيءَ جا دشمن ٿي بيٺا. ڀٽ ڌڻي پنهنجي هڪ بيت ۾ سسئي جي انهن ستن دشمنن يا ويرين جو ذڪر هن ريت ٿو ڪري؛
    اُٺ ويري، اوٺار ويري، ويري ٿيڙم ڏير،
    چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لَٽيا پنهونءَ پير،
    پنجون ويري سڄ ٿيو، جنهن اُلهي ڪئي اوير،
    ڇهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سوان نه ڪيا سير،
    ستون ويري چنڊ ٿيو، جو کِڙيو نه وڏيء وير،
    واهيريءَ جي وير، ڇُلون ڪيان ڇپرين.
    سسئي پنهونءَ جي قصي ۾، ڳالهه ٻولهه ذريعي پنهونءَ کي کڻي وڃڻ يا سسئيء کي هيکلو ڇڏڻ جي جيڪا سازش سٽي وئي، سا ڏيرن جي ورتاءَ مان اڳ ئي پڌري هئي. هنن پاڻ ۾ جيڪي سٽائون پئي ڪيون، انهن ۾ سندن ڳجهه ڳوهه جون ڳالهيون ۽ پارسي ٻوليءَ جو استعمال به شامل هو. ڀٽائيءَ پنهنجو شعر سنڌيءَ ۾ چيو ۽ تڏهوڪي سرڪاري ٻولي فارسيءَ جي مخالفت ڪيائين. جيئن سندس بيت آهي ته؛
    ”جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام“
    وري ديسيءَ اندر هن فارسيءَ بجاءِ پارسي لفظ استعمال ڪيو ۽ ان کي سازش طور استعمال ٿيندڙ ٻولي ڪوٺيو، بعد ۾ ان پارسيءَ کي هن ٻاروچي ٻولي ڪوٺيو آهي. جنهن لاءِ محققن جي راءِ آهي ته ٻروچڪي فارسيءَ جي کريل شڪل آهي؛
    پـڻ ٿا پـلاڻين، اوٺي اڄ اڀ کڙا،
    پهه، پارسيون پاڻ ۾، ڏير ڏيهاڻي ڏين،
    هوتُ پنهون ٿا نين، ٻاروچي ٻولي ڪيو.

    پنهونءَ جو ڪٽنب سوداگري ڪندو هو. سندن سودن ۾ کٿوري، زعفران، ۽ ٻيون خوشبودار شيون هيون، جن جو واپار ايران کان اڃا تائين ڏيهان ڏيهه ٿيندو آهي. ڪيچ کان آيل سوداگرن جي هڪ قافلي اچڻ جو هڪ منظر ڏسو؛
    ڪيچان آيو قافلو، عطر آندائون،
    کٿوريءَ خوشبوءِ سين، وَڻُ ٽِڻُ واسيائون،
    پسندي پنهونءَ ڄام کي، وِسريون وِڄائون،
    خيما کوڙيائون، وريـو بخت ڀنڀـور جو.
    لاڳيتي جدوجهد ۽ ڪوشش انسان ۾ جرئت ۽ همت پيدا ڪندي رهندي آهي. ڀلي وسيلا نه هجن پر جدوجهد جو پختو عزم پهاڙن کي پرزا ڪري سگهي ٿو. سسئيء جي هٿين خالي، پيرين پيادي سفر ۾ جبل اڳيان ٿا اچن ته ڏيرن جي ڪيل ويساهه گهاتي ۽ دغا جي ڳالهه ڪندي، بر لتاڙڻ جو عزم ٿي ڏيکاري ۽ جبل کي اڳيان ٽرڻ جو دڙڪو ٿي ڏئي؛
    ور ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو،
    نهارينديسِ نڪري، بوتن ڪارڻ بَرُ،
    آڏو ٽڪر ٽرُ! متان روهه رتيون ٿئين!
    سنڌ ۾ لس ٻيلي جي ميلاپ واري علائقي ۾ جهنگلي جيوت جا انيڪ نمونا آهن. ڀٽائيءَ هنن ايراضين ۾ هماءِ پکي، هرڻ ۽ روجهه توڙي سرهه جو ذڪر ڪيو آهي؛
    - جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾...
    - رات ڏٺائين روجهه، ڀانءِ ڪِ اوٺي آئيا...
    - جبل ۾ جانار، سرهه گڏبئي سسئي...
    ۽ هن عزم جو اندازو ته ڪريو؛
    سسئيءَ لنگهيو سو، مرد جنهن مات ڪيا،
    جبل وڏو جو، نوڻ مڙيو ئي نينهن کي

    جبل ماري جک، جو آڏو آريچن کي،
    توڻي لڪن لک، سڀ لنگهينديس سڪ سين.


    سُرُ ڪوهياري

    سسئي پنهونءَ جي روايتي قصي جو غور سان مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته، سڄو قصو، ٺٽي ضلعي جي الهندي اوائلي شهر ڀنڀور ۾ سسئيءَ جي جوانيءَ، پنهونءَ سان شادي ۽ ان کان پوءِ پنهون جي پنهنجي وطن واپسي جي موضوعن سان شروع ٿو ٿئي. هن قصي ۾ توڙي شاهه سائين جي ڪلام ۾ زمان ۽ مڪان جو جيڪو وايو منڊل ملي ٿو، سو آهي، جابلو پنڌن جو، جيڪي پنهونءَ کي ڳولڻ لاءِ سسئيءَ ڪيا. ڀنڀور شهر جي مختصر ترين ذڪر کانسواءِ باقي سسئيءَ سان ۽ سندس جاکوڙ سان واڳيل آهن انيڪ جبل ۽ پهاڙ. اهو روايتي انداز سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ کان علاوه سرائڪي شاعريءَ ۾ پڻ ملي ٿو ۽ ٻنهي ٻولين ۾ ذڪر هيٺ آيل هن داستان جي جاءِ وقوعه بنهه ساڳي آهي. هونئن ته سسئيءَ تي شاهه جا سڀ چيل سر، گهڻو تڻو جابلو پنڌن بابت آهن، پر سر ڪوهياري ته بنهه آهي ئي جبلن جي پنڌ کي ظاهر ڪندڙ، جنهن ڪري ئي، شايد، محققن ۽ شاهه جي ڪلام جي مرتبن هن سر کي نالو ئي ڪوهياري ڏنو آهي، يعني جابلو.
    ڪوهياري ان راڳ جو نالو به آهي، جيڪو سنڌ ۽ سرائڪي پٽيءَ ۾ صدين کان معروف ۽ مقبول آهي. ڪوهياري راڳ ۾ ايندڙ ماحول به جابلو ئي هجي ٿو، البت ان ۾ درد انگيز ڪيفيت اهڙي آهي جو، سنڌ ۽ پنجاب ۾ هيءُ راڳ نهايت ئي دل کي ڇڪيندڙ ۽ درد اڀاريندڙ ملي ٿو. سنڌ جو شايد ڪو ڳائڻو يا ڳائڻي هجي، جنهن کي ڪوهياري راڳ نه موهيو هجي. سنڌ کان علاوه، سنڌ بلوچستان جي وچ واري سرحد ۽ پڻ ڪڇ ۾ هيءُ راڳ مقبول رهيو آهي، پر ان جو موضوع گهڻو تڻو سسئيءَ جو پهاڙي ڪشالو رهيو آهي.
    سر ڪوهياري جي پهرئين داستان جا منڍ وارا بيت محققن ۽ مرتبن ان طرح چونڊي رکيا آهن، جو لڳي ٿو ته هنن سسئيءَ جي پنڌ کي ترتيب وار بنائڻ پئي چاهيو. ڀٽائيءَ جا جيڪي بيت هن سر ۾ آيا آهن، سي هن هروڀرو لاڳيتو ويهي ڪونه لکيا هئا. داستان جون حقيقتون، درد ۽ اڌما، جيئن جيئن ڀٽائيءَ کي اڌميا پئي، تيئن هن بيت به چيا ۽ وايون پڻ سرجيون.
    هن سر جي پهرين بيتن ۾، ڀٽائيءَ ڪجهه عربي لفظ انهن جي معنائن سميت وڌا آهن، جيڪي هونئن شعر ۾ ضروري نه ڀاسندا. پر ڀٽائيءَ انهن لفظن جي معنيٰ کڻي بيت جوڙيا. مثال طور عربيءَ ۾ ليل رات کي چئجي ٿو، ننڊ کي نوم. اٿڻ يا اٿي بيهڻ کي قام يا قم چئجي ٿو ۽ جلس ويهڻ کي. ڀٽائيءَ اهي لفظ سندن معنائن سان ڏنا آهن، جنهن مان خبر پئي ٿي ته، کيس عربي ٻوليءَ جي نه رڳو خاصي ڄاڻ هئي، پر هن موڊ اچڻ تي قرآن مجيد مان عربيءَ جون آيتون به کنيون، چوڻيون ۽ محاورا به ۽ ڪڏهن رڳو لفظن جو بيتن اندر استعمال ڪيائين؛
    ليل نه جاڳينءَ لک سين، ڪلي نوم ڪياءِ،
    قم ٿـي پهـچ قريب کي، اجلس تو نه جڳاءِ،
    مُـٺـي! مهــمــانن سيــن، ويهي رات وهاءِ،
    جيلانهن ننڊ ڪياءِ، تي روز رهين ٿي راهه ۾.
    ٻيو هڪ بيت هن سر ۾ آيو، جنهن ۾ ”هاڻ گهم ته خبر پوئي“ جو طعنو به ڀٽائيءَ ٻن عربي لفظن ۾ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڏنو آهي؛
    اجلـس ڪري اٿيا، تـنواريو توڏن،
    نـوم نـوازئـن اُن کـي، مرحبا موڏن،
    رڙهي رس روڏن، ”اليوم سيرُوا“ سسئي!
    پانڌيئڙو جي زندگيءَ ۽ جاکوڙ جو معيار آهي سجاڳي ۽ مهل سر پنڌ ڪرڻ. بيپرواهه ٿي، پير ڊگها ڪري ستل کي ساٿ اوس ڇڏي هليو ويندو؛
    جڏهن ستيون جي، پٿر پيري ڊگها ڪري،
    تـڏهن تنين کي، ساٿَ سُتيئي ڇـــڏيو.
    ڌارئي سڱ سبب ڀٽائي سسئيء جھڙي ڪردار کي هر دم هوشيار چوڪس ۽ خبردار ڏسڻ ٿو گھري. ان لاءِ هو ان سماجي اوڳڻ کي ضروري ٿو چئي، جنهن کي پنهنجن تي جاسوسي ڪرڻ جو عمل سڏي سگھجي ٿو. ڪن ڏئي ڪنهن ٻئي جي راز کي چوريءَ ٻڌڻ اوڳڻ آهي، پر سسئيء لاءِ اهو عمل به ضروري هو. ڇو ته ائين نه ڪرڻ سان کيس نقصان پهتو. ڀٽائي ڏسو ڏيرن ۽ پنهون تي ڪهڙي قسم جي جاسوسي سسئيء لاءِ ضروري قرار ٿو ڏئي؛
    سُتينء پير ڊگھا ڪري، وڏي جاڙ ڪياءِ،
    در ڀر اُڀئين دوس جي، ته سُر پُر هوند سُياءِ،
    اصل آري ڄام جي، سڳي تون نه سِياءُ،
    پنهونءَ سين پياءِ، ٿي نڀاڳي! ننڊون ڪرين؟
    ڪڏهن ڪڏهن ڀٽائيء کي پڙهندي سندس نوان عاشق، هڪ جهڙن لفظن جون ٻه ٻه معنائون ڏسي مونجھاري جو شڪار ٿيندا آهن. ڪوهياريء جي پهرئين داستان ۾ ٻه بيت اهڙا آهن، جن ۾ لفظ ”ڪميڻيون“ مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. مثال طور هڪ بيت آهي؛
    ايءُ ڪم ڪميڻين، جيئن سمهن پير ڊگها ڪري،
    لوچين ڇونه لطيف چئي، هاري! لئه هوتن،
    ننڊان نڀاڳين کي، اوڀـالا اچـن،
    سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي ئي رهن سمهي؟
    هن بيت ۾ محاوري طرح ننڊ ڪندڙين کي ڪميڻيون ڪوٺيون ويو آهي. وي ٻيو بيت آهي؛
    اوجاڳو اڄاڻ! ڪيئي نه ڪميڻين جئن،
    اسارِي اهڙيءَ پَرِ، پيئي ڪيچين سين ڪاڻ،
    ٻانهي ڇايو پاڻ، ٿي سڄيون راتيون سمهين؟!
    هن بيت ۾ جاڳڻ ڪميڻين جو ڪم ٻڌايو ويو آهي، يعني پيشيور ڪسب ڪندڙن ڏانهن اشارو، جن جو گذر ئي جاڳڻ سان آهي. ڏسو، ساڳئي لفظ کي ٻن نمونن سان ڪيئن استعمال ڪيو ويو آهي. ٻنهي بيتن جا پهريان حصا يا سٽون آءٌ ٻيهر ٿو آڻيان؛
    ايءُ ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگها ڪري......

    ۽ ٻيو بيت آهي؛
    اوجاڳو اڄاڻ! ڪيئه نه ڪميڻين جئن...........
    جبل، پٿر بيجان آهن جن سان ڪو شاعر ئي ڳالهائي سگهي ٿو. جبلن سان ڳالهائڻ، انهن کي پٽون پاراتا ڏيڻ، ڳالهيون ۽ ڏک اورڻ، جبلن کي پنهنجو ساٿي ۽ همدرد بنائڻ، انهن کي ڏکن ۾ شريڪ ڪري روئارڻ، اهي سڀ ڳالهيون واقعي شاعر ڪري سگهي ٿو ۽ ڀٽائي اهو شاعر آهي جنهن جا بيت پڙهي، ماڻهو ائين محسوس ڪندو ڄڻ واقعي ايئن ٿي رهيو هجي؛
    - ڏونگر! ڏک سنداءِ، پرينءِ گڏجان ته چوان......
    - ڏونگر! تون ڏاڍو، تو ڏاڍا ڏاڍيون ڪرين.....

    ڏونگر! ڏوراپو، پهرين چونديس پرينءِ کي،
    ”پـهڻ پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو،
    رحم نه پيئه روح ۾، قـدر منهنجو ڪـو،
    واڪو ڪنديس ووءِ! مونسين جبل ٿو جاڙون ڪري!!“
    - ڏونگر! ڏکوين کي دلاسا ڏجن.....
    - ڏونگر! مون نه ڏکوء، آءُ اڳ ڏکوئي آهيان....
    - ڏونگر! مونسان روءُ، ڪڍي پار پنهونءَ جا....
    - ڪي جي ڪڍيا پار، ڏکيءَ ڏونگر پاڻ ۾......
    - ٻيئي ويٺا رون، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾......
    انساني جسم درحقيقت چند هڏڙين ۽ ماس جو هڪ مختصر جوڙ آهي، جنهن کي تڪليف سهڻ جي ڪا خاص اهليت ڪانهي، پر عزم، همت ۽ حوصلو ته جبل سان ٽڪرائجڻ به ممڪن بنايو ڇڏي؛
    تپي ڪـندين ڪوهه، ڏونگر ڏکوئين کي،
    تون جي پهڻ پٻ جا، تـه لڱ مـنهـنجا لوهه،
    ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، امر مون سين ايئن ڪيو.
    پرتئو يا عڪس پسڻ، پر پٺ ڪنهن کي ڏسڻ انساني فطرت ۾ شامل آهي. اٿاهه محبت مطلوب جا عڪس اڳيان آڻيو بيهاري يا ٻيءَ صورت ۾، اهي عڪس بار بار اڳيان اچيو پيا جلوا پَسائين. ڀٽائيءَ اهڙي عڪس جي تصوير ڪشي ڏسو ڪيئن ڪئي آهي؛
    پـرتوو پـنـهـونءَ جـو، سهائي، سياهُه،
    منهن ڏيئي مون آئيو، رنـگـارنـگي راههُ،
    پـهـريـن ڏيندا پاهه، پوءِ رڱيندا رڱ سين.
    سدا خوش گذاريندڙ سسئي جي ڪردار کي روئڻ نه ٿو اچي. بيت ڏسو؛
    ڪنهن پر روئان پرين کي، روئي نه ڄاڻان،
    مٿي ڪيو ڀُـڻان، هَنجُن هاڻا هٿڙا!
    محبوب مڪمل لاڳاپي سان ملندو آهي. ان ۾ ٻيائيءَ جي گنجائش ئي ڪانهي. ڀٽائيءَ جا ان مد ۾ معيار هي آهن؛
    ٻـيـون ڏيئي ٻن، هلج پاسي هيڪ،
    ور نه سهي ويڪ، تون ٽيڏي ٽئايون ڪرين ؟!


    سُر حسيني

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سسئي - پنهونءَ جي داستان بابت نج پج پنجن سرن مان آخري سر آهي سر حسيني. جيتوڻيڪ سر جو نالو اسلامي تاريخ جي هڪ درد انگيز واقعي، يعني ڪربلا جي واقعي جي مکيه ڪردار امام حسين عليه السلام جي نالي سان رکيو ويو آهي، جنهن جو ذڪر هن سر ۾ نالي ماتر هڪ اڌ بيت ۾ آهي، باقي خود حسين جو نالو هڪ نه وسري سگهندڙ ۽ اٿاهه درد جي بار بار ياد ڏياري ٿو ڇڏي، شايد هن سر ۾ ان درد واري ڪيفيت جي حوالي سان مرتبن ۽ محققن ان جو نالو حسيني رکيو آهي.
    سر حسينيءَ جي مختلف رسالن ۾ ترتيب، اڃا تائين مستند انداز ۾ ڪانه ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته سسئيء جي اڻانگن ۽ اوکن سفرن جو انت سندس موت سان ٿئي ٿو، جنهن جو بار بار ذڪر به ملي ٿو. پر سر حسينيءَ جي آخري بيتن ۾ اوچتو سسئيءَ جي ڀنڀور ڇڏڻ جو ذڪر ٿو اچي. مثال طور؛
    ڪـلـهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو،
    منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هاڻ ڀنڀور ۾؟
    اهو مرحلو ڀنڀور ڇڏڻ جو آهي، جڏهن ته مرحليوار سفر اڪارڻ کان پوءِ هن مرحلي تي، حسينيءَ جي اڳيان ايندڙ وايو منڊل ۾ سسئي مڪران کي ويجهن ڪن پهاڙن ۾ آخري پساهه پئي کڻي.
    سسئيءَ جي درد انگيز ڪهاڻي لمحي لمحي ۽ پل پل جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ انساني فطرت موافق، فطري طور ڪڏهن ٿڪجيو چور ٿيو، ساهي کڻڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو، پر ڀٽائي ان کي گهتون - گوهيون ٿو سڏي ۽ نندي ٿو؛
    لَـڙُ مَ لاڙائُون ٿـيو، گُهتُون گُوهيون ڇڏ،
    لاهه مَ لڏو لَڏِ، ته ڳاڙهي سِڄِ ڳالهه مِڙين.
    ”ڳاڙهي سج“ جو منظر ٺيٺ شاعراڻو موضوع آهي. دنيا جو شايد ڪو شاعر هجي، جنهن کي شفق جي لالاڻ متاثر نه ڪيو هجي. ڀٽائيءَ پنهنجي زندگيءَ جي 63 ورهين مان سمورا سال پنهنجي چوڌاري فطرت جا سمورا رنگ ۽ روپ ڏٺا ۽ انهن جو گهرو مشاهدو ڪيائين. سج لهڻ کان اڳ شفق جي ڳاڙهاڻ پڻ ڀٽائيءَ جي مشاهدي جو اهڙو تجربو آهي، جيڪو ور ور ڪري سندس شعرن ۾ پنهنجي ڏيک ۽ سونهن سميت اوتجي اوتجي ٿو اچي، هي منظر ڏسو:
    لـــڙيو سج لڪـن تـان، راسيون رتائين،
    مون کي مـــاريائين، اديون اونداهي ڪري.

    لڙيو سج لڪن تان، راسيون ڏيئي رنگ،
    مون جني سين سنڱ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو.
    سر حسينيءَ جي ٻئي داستان جا ڪجهه بيت شعري ڪمال به ظاهر ڪن ٿا ته گڏوگڏ انساني جذبات جا اهي منظر به ڏين ٿا، جيڪي شاهه کانسواءِ ٻئي ڪنهن شاعر وٽ نه ٿا ملن. سندس تشبيهون اوچتيون ۽ امالڪ ٿيون اچن، جيڪي هوند ٻئي شاعر جي خيال ۾ ئي نه اچن. ڌرتتيءَ جي گرمي پانڌيئڙي کي ڪيڏي محسوس ٿيندي هوندي، ۽ ان جو شعر ۾ اچڻ جو ڪهڙو ضرور؟ وري سڄڻن جي جدائيءَ سبب اندر ۾ پيدا ٿيل شدتِ جذبات، ائين سج جي گرمي ۽ جذبن جي شدت جي هڪ جهڙائيءَ کي گڏي بيان ڪرڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي، پر ڀٽائي ڏسو ان کي ڪيئن ممڪن بڻايو ڇڏي؛
    ڪي ڌرتتي ماءِ، ڪي ڄَرَ سندي سڄڻين،
    هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾!!
    ۽ هيءَ ڪيفيت ڏسو، هڪ بيت، جنهن جهڙو بيت ٻيو ڪير لکي ٿو سگهي سواءِ شاهه سائينء جي؛
    مٿي منجهان مينهن، پَسو پاڻي جيئن وهي،
    مون ڀانيون نينهن، ڄڀيون ڄيري سنديون.

    ٽمن نيڻ، رت وهي، چُوئاڪا ڪيو،
    مون کي ڏنءُ ڏيو، ائين ٿا وڃو اوٺيا!
    ڀٽائيءَ جي دور انديشي ۽ گهڻ پاسائين ادراڪ جا ور ور ڪري مثال سامهون اچن ٿا، جن کي سمجهڻ جي لاءِ سندس شعرن جي گهرائيء سان مطالعي جي ضرورت آهي. مثال طور حسينيءَ جي ٻئي داستان ۾ کوڙ اهڙا بيت آهن، جن جو مفهوم ۽ تاڃي پيٽو هُو بهُو ڪاپائتيءَ جهڙو آهي؛
    آتـڻ چونم ڪَتِ، تاڻيان تند نه نڪري،
    پاڻان روئي رت، چرخو مون چِڪ ڪيو.
    هي ۽ هن جهڙا ٻيا بيت حسينيءَ ۾ ڪنهن غلطيءَ سبب ناهن آيا. سسئيءَ جي آکاڻيء ۾ سندس گهر ڀاتين جي ڪرت رڳو ڪپڙن ڌوئڻ يعني ڌوٻيءَ جي ڪرت ٻڌايل آهي، پر ڀنڀور جتي اڄ آهي، اتي ايڏي وڏي وسندي ڪانهي جو ڌوٻيءَ جو ٻارهوئي ڌنڌو ٿيندو نظر اچي. ٿي سگهي ٿو ته، واندڪائيءَ جي وقت ڀنڀور جون عورتون ڪتڻ جو ڪم ڪنديون هجن! گهڻو ممڪن آهي ته ڀٽائيءَ ان حقيقت کي هن سر ۾ سعيو ڪري ۽ ڄاڻي ٻجهي بيان ڪيو هجي. ڪاپائتي ۾ ڪاپائتين ۽ ڪارخاني جي مالڪن جا ڪردار به ملن ٿا ته وري ڪپهه جي پوک جي سٺي يا خراب صورتحال به، پر حسينيءَ ۾ سسئي جڏهن ڪاپائتيءَ طور نظر ٿي اچي ته، شعرن جو وايو منڊل ساڳيو ئي نظر ٿو اچي، جيڪو سسئيءَ کي سامهون هئو، يعني جابلو سوداگر جي راتوواهه روانگي، جيڪو سسئيء کي ڏنءُ ڏيئي هليو ويو ۽ هاڻي ڪاپائتي سسئيءَ کي آتڻ تي ڪتڻ به نه ٿو اُڄهي؛
    ڪَتِڻ، ٻن ڪپاهه، کوءِ آتڻ، ٻن جيڏيون،
    ساڄن منهنجو ساهه، هاڃي منجهه هڻي ويو!
    تصوف جو موضوع ڏاڍو گهرو ۽ گهڻ - واٽيو آهي. اسلامي تصوف جي تاريخ جو اڀياس ڪجي ٿو ته، نهايت اعليٰ درجي جي صوفي مسلڪن جو پتو پئي ٿو، جن ڏکڻ اولهه ايشيا کنڊ جي ڊزنين ملڪن تي پنهنجا اثرات ڇڏيا آهن. ڀٽ ڌڻي پنهنجي زندگيءَ جي نوجوانيءَ وارن سالن کان ئي صوفين جي صحبتن ۾ آيو ۽ اڌ صديءَ تائين مختلف مسلڪن جي صوفين سان گهاريائين. صوفين جي اڪثر مسلڪن ۾ آخري منزل فنائيت جي آهي ۽ ان کي ئي صوفي پنهنجي منزل به سمجهندا آهن، ان کي ئي ميلاپ يا وصال سمجهندا آهن ۽ ايستائين پهچي، باقي سڀني اڳين منزلن کي اجايو ڄاڻي، انهن کي ترڪ ڪندا آهن. اهڙو هڪ وِيچار ۽ تاثر حسينيءَ جي هنن بيتن مان به ملي ٿو؛
    کُوءِ هاڙهو، ٻن هوت، کُوءِ پنهون، ٻن پريتڻو،
    مادر مـون وت، پسڻان پـرائيو.

    کوءِ ٻولي، ٻن ٻروچ، گهوري ذات جتن جي،
    مون کي چئي ”لوچ“، پيهي ويا ڇپرين.
    سُک ئي سک انسان کي زندگيءَ گهارڻ جي جستجو، عملي ڪم ڪار ۽ اتفاقي ڏک کي منهن ڏئي پار پوڻ کان کاري بيڪار ۽ نِسَتو ڪري ٿو ڇڏي. سر حسينيء جي ٽئين داستان ۾ ڀٽائي ان ڪيفيت جو اظهار اجهو هن ريت ڪري ٿو؛
    مون کي ساٿان کاريو، ڀنڀورَ جن سُکن،
    هاڻي ساڻ ڏکن، تان ڪيئن ڏونگر ڏوريان؟
    ادبي محفلن ۾ اڪثر اهو تاثر ملندو آهي ته، جنهن ڀٽائيءَ کي پڙهي نه سمجهيو آهي، تنهن لاءِ شاعريءَ جهڙو اونهو ۽ گهرو عمل ڏکيو آهي. شعر انهي دلپذير لفظي گهڙگهت ۽ ڪمپوزيشن کي چئجي ٿو، جنهن ۾ خيال جي گهرائي سان گڏ، جذبن جو اظهار به اهڙي انداز ۾ ڪيل هجي جو، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي حيرت وٺيو وڃي. ماڻهوءَ جو هيانءُ هونئن ته حياتيء جي ڍانچي اندر هڪ ننڍڙي ۽ مختصر گوشت جي ذرڙي آهي، پر جڏهن شعر و ادب ۾ هيانءُ جو ذڪر ٿئي ٿو ته، انساني سُڀاءَ جو مرڪز به هيانءُ ٿيو پوي. ڏک سور يا سک ۽ سڪ محبت جو مرڪز، اهو هيان ڪنهن ٿوڻي ۽ ٿنڀي جي ٽيڪ به گهري ٿو، جيڪا ڏسڻ کان اوڏي يا (Invisible) هوندي آهي. اها ٽيڪ يا ٿنڀو آهن پرين، جن جو آسرو ۽ آٿت ماڻهوءَ کي حوصلو بخشي ٿو. پر جڏهن اهو ساٿ ڏيندڙ هليا، ڏور هليا ويا هجن ته هيانءَ مان ٿوڻي نڪري ويل ڀاسندي؛

    ساٿي نه پسان سي، جي هئم هِئين ٿوڻيون،
    هاڻي ڪنهين جي، وڃيو اڱڻ اُڀيان؟!
    حضرت شاهه ڀٽائي رح جي سر حسينيءَ ۾ ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بيت ۽ وايون آهن. سر مارئيءَ وانگر حسينيءَ ۾ به ٻارنهن داستان آهن، جن جو مطالعو به ائين ٿو لڳي ڄڻ، اڃا ڳالهه پوري نه ٿي هجي. هتي نثري ادب ۽ شعري ادب جي فرق کي به ڀليءَ ڀَت پروڙي سگھجي ٿو، سوهن ريت ته، نثري ادب ۾ ڪهاڻي، داستان، ناول وغيره سندن تاڃي پيٽي اندر، نيٺ هڪ مرحلي تي هلي پورا ٿيندا ۽ پڄاڻيءَ کي رسندا، پر ان جي ابتڙ ساڳئي موضوع تي شاعريءَ جو ڪو انت ڪونه ٿو ٿئي. ڳالهه به نثراڻي لکيتن کان گھڻو وڌيڪ اثرائتي نموني ڪبي ۽ وڌاءُ ۽ مبالغي سان به ڪري سگھبي، پر ان جو انت يا پڄاڻي ڪانه ٿيندي. موضوع پنهنجي ڍانچي موافق ۽ ماحول جي حوالي سان هلندو، نيٺ آکاڻيءَ جي تڪميل جا عڪس پسائيندو. پر شعري ادب اهڙو وسيع عمل آهي جو ساڳئي ڳالهه، ڪيفيت، جذبن ۽ احساسن جي اُپٽار ور ور ڪري پئي ڪبي ته، پئي ٺهندي ۽ ان جو حِظُ تهائين ويندو وڌندو. ۽ اها ڳالهه رڳو ڀٽائيءَ سان ئي نه، پر هر ڪنهن لکيڪ ۽ شاعر سان لاڳو آهي. جيڪي شاعر عشقيه داستانن تي شاعري ڪري ويا، انهن جي بيان جي انداز ۾ فرق ۽ هڪ ٻئي کان وڌيڪ نواڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته، شاعريءَ جو جهول نثر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وسيع ٿئي ٿو. انهن ئي موضوعن تي صدين کان ٿيندڙ شاعري، هن وقت ٿيندڙ شاعري ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ شاعري ڇا ڪڏهن انهن موضوعن تي شعري صنفن کي مڪمل يا آخري حد تائين آڻيندي؟ داستان، آکاڻي، ناول وغيره جي حوالي سان هنن داستانن کي ٻه ٻه - ٽي ٽي ڀيرا لکي نه سگھبو پر شعر لاءِ اها پابندي ڪانهي.
    سو، ترتيب جي لحاظ کان محقق ۽ مرتب ڀٽائيءَ جي شعرن کي ورائي مَٽائي ڪٿي به رکن، پر ڪهاڻيءَ جي ورن ورن عڪسن کي هن جيئن امالڪ ۽ اجھل جذبن سان ٽمٽار ڪري بيان ڪيو آهي، تن جي ترتيب ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ڪانهي. ترتيب جي لحاظ کان سر حسيني ، سسئي پنهونءَ جي داستان وارن سرن ۾ آخري سر آهي، جنهن جي پهرين چئن پنجن داستانن ۾ ئي اها ڳالهه واضع پئي ٿي آهي ته ڀنڀور کان نڪتل هيکلي جوان جماڻ زائفان، ڏکين، جبلن ۽ جھنگلن ۾ اوس جانِ وڃائيندي ۽ مرحلي جي لحاظ کان هوءَ هاڻي ڪنهن پري جي ماڳ تي آهي، پر اجھو هي بيت ڏسو، ڄڻ پنهونءَ جي روانگيءَ جي پهرين خبر ٻڌڻ کان فورن پوءِ سسئيءَ جي زبان تي آيا هجن؛
    ماءُ! وهاڻو وارِ، کڻ پٿراڻيون پانهنجيون،
    جيڪي ڏنئه ڏيج ۾، سو سڀوئي سار،
    وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم، پير پنهونءَ جو.

    سانڍ پنهنجي ساءِ، نه ته ٻانهين ٿي ٻورا ڪريان،
    واڳيون جي ورن سين، تن سرتين سِڄ سُهاءِ،
    مونکي طعنا تي ڏئين، جو مون جئن مٺينءَ نه ماءُ،
    آريءَ جي آڪاهه، رلايس روهن ۾.
    عشق ماڻهوءَ جي مزاج کي پاڻ جوڙيندو ۽ مختلف رخ ڏيندو ويندو آهي ۽ ان لحاظ کان ان جا ڪي اڳ طئه ٿيل معيار نه ٿا هجن. مثال طور ڏک ۽ سک ٻئي مختلف شيون آهن ۽ مختلف ڪيفيتن وارا آهن، پر عشق ڏک کي راحت ٿو سمجهي ته ان لاءِ هن کي جواز پيش ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. سسئي جبلن ۽ پهاڙن جي تڪليفن کي پاڻ لاءِ راحت ٿي سمجھي ته اها ڳالهه عشق جي حوالي سان جواز واري ٿي لڳي. ٿڪجي چور ٿي اجگر جيڏن پھاڙن جي چوٽين هيٺان ستل سسئيءَ جھڙو مسافر، پهاڙ کي ڇت ۽ ڇپر کٽ سمجھندو ۽ پٿرن کي پٿراڻيون، اوندهه انڌوڪار ۾ چوڌاري ڦري آيل حملي آور جانور کي مٽ مائٽ ۽ پنهنجو سمجھي، جبل جي تڪليف کي ڏولي سمجهي ته اهو ئي ته عشق آهي؛
    ڇِــپون ڇپــر کٽ، پهڻ پٿراڻيون ڀانئيان،
    جتي رهان راتڙي، مِرون منهنجا مِٽ،
    سيڻن جي سَهِٽ، ڏونگر ڏولي مون ٿيو.
    ذات پات جو فرق ۽ ڀيد ڀاءُ دنيا جي هر حصي ۾ رهيو آهي، پر جيتوڻيڪ ويهين صديءَ ۾ ڪن ڪن هنڌين دنيا ان ڏچي مان جند به ڇڏائي، پر انساني سماج ان سماجي قدر کان اڃا ڪو عرصو جند ڇڏائي نه سگھندو. اڄ ته دنيا وڏي ترقي جا مرحلا تڪڙا تڪڙا طئه ڪري رهي آهي، پر تنهن هوندي به پٺتي پيل سماجن ۾ ذات پات جو فرق اڃا اوترو ئي چوٽ چڙهيل آهي، جيترو وچولي تاريخي دور ۾. سر حسينيءَ توڙي ٻين ڪيترن سرن ۾ ڀٽائيءَ جي دور جي سنڌ ۾ جاري ذات پات ۽ ڀيد ڀاءُ جو فرق ظاهر ٿئي ٿو. جيئن سسئي جي سرن ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ملي ٿو ته سسئي ڌوٻياڻي هئي ان ڪري کيس پنهونءَ ٻروچ جي ڀيٽ ۾ هيچ هجڻ جو احساس کائيندو رهندو هو؛
    منهنجو پاڙيچين ڪچو ڪوهه مَ ڍڪيو،
    پاسي چڙهي پنهونءَ جي، ذات سلتي جن،
    تـيلانهن ٻاروچن، نـڌر ڇڏِي ننڊ ۾.
    هن ئي سر يعني حسينيءَ ۾ هڪ بيت جو پسمنظر ٻڌائيندي ڀٽائيءَ جا شارح ۽ محقق چوندا رهيا آهن ته، ڀٽ ڌڻي حج بيت الله لاءِ سفر ڪري رهيو هو ته هڪ ننڍڙي واقعي سندس خيال بدلائي ڇڏيا. اهو واقعو هن طرح بيان ٿيندو آهي ته، ڀٽائي حج جي پانڌئيڙن سان گڏ پنڌ ڪندي هڪ قدرتي چشمي جي ڀر تي آرامي هو ۽ ٿڪ ڀڃي رهيو هو ته، هڪ ٻڪرين جو ڌڻ ڌوڪيندو اچي چشمي تي پهتو. ٻڪرين اڃ ۽ تاس وگھي چشمي جي واهڙ ۾ گھڙي ڏاڍي سڪ سان پاڻي پيئڻ شروع ڪيو. چند گھڙين کان پوءِ جڏهن سندن اڃ لٿي تڏهن اتي ئي صاف شفاف پاڻيءَ ۾ موٽاڳو ڪرڻ لڳيون. اهو لقاءُ ڏسي ڀٽ ڌڻيءَ کي خيال آيو ته پاڻيءَ جي سڪ ڪيئن ٻڪرين کي ڊوڙندو آڻي پاڻيءَ ڀيڙو ڪيو پر اڃ لهڻ کان پوءِ کانئن سڪ ۽ احترام به هليو ويو ۽ ان ئي پاڻيءَ ۾ موٽاڳو ڪري ان کي خراب ڪيائون. تڏهن هن حج جو ارادو به بدلايو ۽ ڪيترائي بيت چيائين؛
    ڏوريان ڏوريان، مَ لهان، شال مَ ملان هوت،
    من اندر جا لوچ، مَڇُڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.
    آدرشن جي دنيا ماڻهوءَ جي نڪتئه نظر کي متعين به ڪري ٿي ۽ بهتر بنجڻ جو اتساهه به پيدا ڪري ٿي؛
    اچيو، مَرُ اچن، ٻاروچا ڀنڀور ۾،
    پٺيءَ لڳي جن، ڪميڻي ماڻهو ٿئي.
    شعر ڳالهه ڪرڻ ۽ لفظن جي سونهن وڌائڻ جو عمل آهي ۽ اهو گڏو گڏ منظرن کي سونهن مهيا ڪرڻ جو سبب به بڻجي ٿو. ڀٽائيءَ جا شعر ان لحاظ کان به نرالا آهن ته، هن شعرن ۾ لفظن جي ترتيب اهڙي ڏني آهي جو، پڙهندي ماڻهوءَ جو هانءُ ٺري پئي. هي منظر ڏسو، جتي پنهون پير گھمائي، گھميوآهي ۽ ٻيءَ صبح جڏهن هو هليو وڃي چڪو آهي ته، سسئي سندس پيرن جا نشان ڪيئن ٿي ڏسي؛
    پنهون پيرڙيون، گھر گُھمندي، جي ڏنيون،
    سي مون سيرڙيون، نت نهارڻ پيئيون.

    لڪڙياريون آڱريون، ٻاروچاڻو ڀير،
    اچي پسـو جيڏيون، تازو پنهونءَ پــير،
    ويچاريءَ سان وير، جتن جيڏو ئي ڪيو.


    سُر لِيلا چنيسر

    لِيلا چنيسر جو قصو سنڌ جي 15 هين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۽ سورهين صدي عيسوي جي پهرئين چوٿائيءَ جي وچ واري عرصي جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن کي اجاگر ڪندڙ ڪهاڻي آهي. اهو عرصو سنڌ جي خاص ڪري ڏاکڻي حصي ۾ سومرن جي صاحبيءَ جو دؤر آهي. اهو سنڌ جي تاريخ جو اهڙو دؤر آهي، جنهن ۾ رڳو سنڌ ۾ ئي نه، پر ان جي ويجھو سڀ صاحبيون، ويندي دهليءَ جي تخت گاهه تائين خلجين جي محلاتن ۾ به عيش عشرت، ملڪ ۽ ملت طرف بي ڌياني ۽ ڪمزور ۽ غير ذميدار حڪمران طبقن جو راڄ هجڻ سبب سڄي ننڍي کنڊ ۾ افراتفري هئي.
    لاڙ جي سومرن حڪمرانن جي پنهنجن محلن اندر محلاتي سازشن سبب سڄاڻ شهزادو دودو سومرو پنهنجي ڀاءُ چنيسر جي سازشن سبب شهيد ٿي چڪو ۽ چنيسر جي لالچي ماءُ جي زناني ۽ خود پسنديءَ جي ڪردار خود سومرن جي گاديءَ ۽ محل اندر عيش پسنديءَ ۽ لالچن جا اجھاڳ ۽ اڻ کٽ سبب پيدا ڪري وڌا هئا. نتيجي ۾ هڪ ته ڀرپاسي جي راڄن جا جاسوس سنڌ جي صاحبيء اندر ڀَيل ڪري رهيا هئا، ته ٻئي طرف محلاتن اندر جاسوس عورتون ڀرتي ٿي ويون هيون.
    ساڳيو ئي حال ڪڇ جي راجا کنگھار جي لکپت واري محل ۾ موجود هو، جتي کنگھار ۽ ان جي لالچي زال مرکيءَ جي لاڏ ڪوڏ سان پالڻ سبب سندن ڌيء شهزادي ڪؤنرؤکي آزاد خياليءَ سبب ڪاجھل پل نه هئي. ڪؤنرو پرڻيل هئي پر سندس ڪڇي مڙس سان هن جي نه پوندي هئي. لکپت جي راجا وٽ هيرا جواهر ۽ ڳهڻا جام هئا، جن کي پهري ڪونرو سڄو ڏينهن ٺاهه ٺوهه ڪندي رهندي هئي. ڪڇ جي رڻ سبب البت لکپت ۾ اناج گھٽ ٿيندو هو، جڏهن ته بدين، ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن تي مشتمل چنيسر جي راڄ ۾اَن پاڻي جام هو. ان ڪري لکپت ۾ سنڌ جون نيڪيون ٿينديون هيون. هڪ ڏينهن ڪؤنروءَ کي مڙس ٺاهه ٺوهه تي طعنو ڏنو ته، ڇا چنيسر جي راڻي ٿيندينء جو ايڏا ٿي هار سينگار ڪرين؟!
    ڪؤنروءَ هم ڪئي نه تم. ماءُ مرکي کي مڃايائين ته، ڪنهن طرح ديبل وٺي هل ۽ چنيسر ڏيکار. مرکي ٻيڙو ساڻ ڪري، سوداگر جو روپ ڌاري ديبل هاڪاريو، جتي ڪڇ، گجرات، مدراس۽ وچ هندستان جون شيون ۽ جواهرات وڪڻندي مرکي ۽ ڪؤنرو چنيسر جي محل تائين رسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون.
    مرکيءَ محل جي راڻين کي لالچون ڏنيون ۽ ڌيء کي وڃي چنيسر اڳيان حاضر ڪيائين، جنهن جو مزاج ڦلهڙو هو، پر ڪجھ پڪائي ڪيائين جيئن ڪو جواز نڪري. قصه نويسن جي اهڙي تاثر سان گڏ خود ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ اهڙو اشارو ڏنو آهي ته، چنيسر اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هو ته ڪؤنرو کي پنهنجو ڪري. لِيلا سان سندس دلبري چڱي هئي، پر موقعي دير ڪانه ڪئي. لِيلا ڪؤنرو جي آندل قيمتي نولکي هار تي هرکجي، سڄي رات محل ۾ راڻين اڳيان جشن ڪيو، پر پٺيان ڪؤنرو چنيسر کي پنهنجو ڪري ورتو ۽ سندس زال بڻجي وئي. هوءَ پورهيت ٿي محل ۾ داخل ٿي ۽ چنيسر کٽي ورتائين. ڀٽائيءَ هڪ بيت اهڙو لکيو آهي، جنهن مان چنيسر جي لالچي ۽ وري ڪاوڙيل مزاج جو پتو پئي ٿو؛
    چنيسر جي چت ۾، ڪي جو اڳ هُيو،
    تِهان پــوءِ ٿــيــو، مڻئي تي ئي مامــرو.
    چنيسر جي چت ۾ ڪؤنرو حاصل ڪرڻ جي آس اڳ ۾ هئي، ۽ پوءِ مڻين جي هار کيس لِيلا کي ڇنڻ ۽ ڪؤنروءَ کي قبولڻ جو موقعو فراهم ڪيو:
    چنيسـر چـؤرنگ، ٻه رنگو لوڪ ٻـيو،
    تنهن سـين ڇنـيـو سنگ، وڃيو هار هٿ ڇُهين؟
    ازدواجي زندگي ڏاڍي اوکي ۽ ڪچيءَ تند واري ٿئي ٿي. اهو رشتو ڏاڍو نازڪ ۽ نفيس ٿئي ٿو. ڪا هلڪي بي وفائي به زال - مڙس هڪ ٻئي کي برداشت نه ڪري سگھندا آهن.
    مڙس اڳيان گھٽ سينگار ڪندڙ زال به هميشه هارتي ۾ ٿي رهي. ڏسو هن معاملي کي ڀٽائي ازدواجي رشتن ۾ فيٽاڙي جو سبب ڪيئن ٿو ٻڌائي؛
    نه ڪِي ٻانهڙين ۾، نه ڪِي ڳَرِ هُيوم،
    نه مون سينڌ، نه سُرمون، نه سينگار ڪيوم،
    تيلانهن ڪانڌ سندوم، رُکو ئي ري ڳڙي.
    وري ازدواجي رشتن اندر گھڻي ٺاهه ٺوهه ۽ هار سينگار سبب به جدائيون پون ٿيون. مڙس گھڻو سينگار ڪندڙ زالن تي شڪ گمان ڪندا آهن. اهڙو اظهار ڀٽائيءَ هن بيت ۾ ڪيو آهي؛
    سونا ڪُر ڪنن ۾، ڳچيءَ ڳاڙها هار،
    ٻانهوٽــا ٻانهن ۾، سينڌ، سڻڀا وار،
    تيلانهِن پچار، ڪانڌ منهنجي ڇڏيـي!
    اها ڪؤنروءَ جي حرفت چئجي يا لِيلا جي غلطي، پر سر لِيلا چنيسر ۾ ڀٽائيءَ ذميدار زال جي اهميت تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي ۽ ڀتار کي مڃائڻ لاءِ لِيلا کان جتن ڪرايا آهن. هو لِيلا جون بيعزتيون ٿو ڪري، جيءُ بدران ڦوٽ ٿو ڏئي ته به لِيلا پيرانديءَ کان ويٺي جاڳي؛
    ڍولا! ڪڄاڙئان، ٻولائيو ٻوڏَ چئين،
    آئون تو پيرانديان، ڪر موڙيو ورَ! اُٿيان.
    سر لِيلا چنيسر جي اڌ ڪهاڻي سُر جي پهرئين داستان ۾ پوري ٿئي ٿي. لاڙ جي هن ڪهاڻي جو هڪ حوالو ميروخان ۾ به آهي. ميروخان وٽ لِيلا جي پنج سؤسال پراڻي محلات جا ڦِٽَل آثار موجود آهن.
    ڏُٻري، ڇڙ وڇڙ سماجي ۽ سياسي وايو منڊل ۾ سماج جا تقريبًا سمورا سماجي ادارا ڀڃ ڊاهه ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿيندا آهن. سماجي مفڪر البت ان ڳالهه تي متفق نظر ايندا ته، ڪنهن به سطح تي، سماج فقط تڏهن مستحڪم ٿئي ٿو، جڏهن ان جا سماجي ادارا مستحڪم ۽ پختا هجن. ۽ هڪ اداري جي ترتيب گھر کان شروع ٿئي ٿي جتي باهمي ٻنڌڻن جي ذميدارين کي قبول ڪندي، ازدواجي رشتي اندر، ننڍي پيماني تي سماج جا فرد، مڪمل ذميداريءَ سان پهريون قدم ٿا کڻن. ازدواجي ٻنڌڻن کي سماج جي نهايت ئي نازڪ اداري طور هر مڪتبئه فڪر انتهائي اهميت پئي ڏني آهي. جنهن ۾ ڪا به ڪسر رهي ته برباديءَ جو سلسلو شروع ٿيو وڃي. اهڙي بنيادي اداري جي تباهي بعد ۾ سماج تي به اثر انداز ٿئي ٿي. جنهن جا مثال اڄوڪي جديد دنيا اندر، سمورن سماجن ۾ نظر اچن ٿا.
    ليلا - چنيسر جي ڪهاڻي جيتوڻيڪ هڪ شاهي گھراڻي جي ڪهاڻي آهي، پر ان کي جڏهن ڀٽائي پنهنجي شعر جو موضُوع بڻائي ٿو. تڏهن هو ان کي محض هڪ جوڙي تائين محدود نه ٿو رکي. هو ان کي سڄي سماج جي بحث جو موضوع بڻائي ٿو ۽ سمورن مضمرات کي اڳيان ٿو آڻي. مال متاع ميڙڻ، انفرادي لالچ، تڪبر، پاڻ پسندي، ۽ سا به هڪ عورت ۾، اهي اهڙا اوڳڻ آهن جيڪي ماڻهن ۾ بحث هيٺ اچن ٿا ته مِھڻن، طعنن تنڪن سان ڀريل اهڙي هڪ شديد وهڪري جو روپ وٺن ٿا، جيڪو اهڙيءَ عورت جي جوڀن، زندگيء ماڻڻ جي سمورن احساسن ۽ جذبن کي لوڙهيو ڇڏي. ليلا جو حال اِجھو ههڙو ٿيو جيڪو فطري به آهي؛
    ٿڙڪيء پسي ٿوڪ، ترڪي، تڪبر ۾ پئي،
    اچيو اچيو اڳلي، چئي ليلا کي لوڪ،
    اندر اوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ،
    ٻــالاپڻ جــو ٻــوڪ، ويــو ويــچــاريءَ وسري.
    ان ڪيفيت ۾ ماڻهو پاڻ کي مجرم محسوس ڪرڻ ٿو لڳي ۽ چوڌاري، پنهنجي ئي سٿ اڳيان خواريءَ جو احساس، سمجھه جون حدون اورانگهي ٿو وڃي؛
    جيڪس ڪم سندام، جُوٺا ڏٺا جيڏئين،
    کـلــن سڀ مٿام، سا هيڙيون، سرتيون!
    اهڙي صورتحال ۾ هڪ گھريتڙي عورت، ازدواجي رشتن جي سمورين ذميدارين کي خوب سمجهندي آهي ۽ ڀٽائيءَ جو شعور ان جو ساکي آهي ته، ڪاوڙ قصور اوچتو ۽ اوچتو معاف ٿيو وڃن ۽ زال – مڙس ٻين کي خبر پوڻ کان سواءِ قربتن ۾ موٽي کير کنڊ ٿيو وڃن. ان لاءِ زال کي مڙس وٽ پورهيو، محنت ۽ ڪوشش ڪرڻي ٿي پئي. ان پورهئي ۽ ڪشالي جي نشاندهي پڻ ڀٽ ڌڻي هن طرح ٿو ڪري:
    تان ڪي چڙهنديس کٽ تي، ريجھائينديس راءُ،
    اهڙو ئي الله، جو پورهتيون پيش ڪــري.

    سر ليلا چنيسر جو ڀٽائيء جو هڪ بيت تقريبن هر هڪ لکئي پڙهئي ماڻهوءَ پڙهيو ۽ ٻڌو هوندو .اهو بيت ماڻهو گھڻو تڻو پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران پڙهي استعمال به ڪندا آهن ۽ ان جون گھڻيون ئي معنائون به ڪڍندا آهن.

    الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسـن،
    مون سين مون پرين، ڀورائيء ۾ ڀال ڪيا.

    بظاهر هن بيت ۾ ڏاڍا سولا ۽ عام فهم لفظ استعمال ڪيل آهن، ان ڪري ان جي معنيٰ به گهڻو ڪري هر لکيو پڙهيو ماڻهو ڪري سگھندو آهي.
    ڏاهپ هر ڪنهن ۾ ڪانهي ٿيندي. خاص ڪري اهڙي معاشري ۾ جيڪو اسان جي معاشري جھڙو هجي، جتي تربيت ۽ سکيا جا موقعا يا ته بنهه ناهن يا جي آهن، ته ڏاڍا محدود آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو، ننڍي کان ننڍي سطح کان وٺي وڏي سطح تائين ڏاهپ بدران انارڪي ۽ ڇڙواڳيء کي هر ڪو پنهنجي ميراث ٿو سمجهي. اها ڏاهپ ناهي، ها ڇڙواڳي ۽ بي سمجھي آهي. ڀٽائيء ان ئي ڏاهپ کان پناهه گھري آهي. جنهن ۾ شعور شامل ڪونهي. ساڃهه کان سواءِ ڏاهپ فائدي بدران ڏک، خواريون ۽ صدما آڻي ٿي.
    سر لِيلا چنيسر پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته، چنيسر ليلا کي ڏهاڳ ڏنو ۽ کيس گھران تڙي ڪڍيو هئائين. جيڪڏهن ائين آهي ۽ لکپت جي ارڏي ۽ جاسوس شهزادي ڪؤنروءَ جي سازش ان حد تائين ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ، اهو هڪ المئي جو آغاز چئبو. ڇاڪاڻ ته شاهي محل اندر راڻيءَ جي ايڏي شڪست اتان جي سڄي وايو منڊل کي تبديل ڪري ڇڏيو هوندو.
    دنيا جي گولي تي اڄ موجود شاهي گھراڻن جي شهزادين ۽ راڻين جي قصن ڪهاڻين کي ڏسو. يورپي شاهي محلن، اولهه ايشيائي عرب بادشاهتن، بادشاهن، راڻين، شهزادن ۽ شهزادين جي قصن ڪهاڻين کي ليلا جي ڪهاڻيء کان ڇني پڙهڻ اجايو آهي. ليڊي ڊائنا هڪ المئي کان جند ڇڏائي رهي هئي ته، ٻئي حادثي سندس جان ورتي. اسين اميد رکنداسون ته سنڌ جي پنج سؤ سال اڳ ڀُرندڙ ڊهندڙ شاهي گھراڻي جي ڪهاڻي، اسان جي ڀٽائيءَ جا پڙهندڙ ٻين اهڙن مکيه واقعن جي روشنيءَ ۾ پڙهن، جئين هڪ سماجي ٻنڌڻ کي ۽ ان جي نزاڪتن کي وڌيڪ گھرائيءَ سان سمجھي سگھجي.
    سر لِيلا چنيسر جي ٽنهي داستانن جي بيتن ۾ ازداوجي زندگيءَ جون مختلف ڪيفيتون ۽ حالتون بيان ڪيون ويون آهن. البت ٽنهي داستانن جي واين ۾ هڪ ئي ڪيفيت آهي ۽ اها آهي، زال جي بيوسي، لاچاري، شڪست خوردگي، پاڻ ارپڻ ۽ منٿ ميڙ ۽ آزي نيازيءَ جي. پهرئين داستان ۾ بيتن پٺيان آيل وائي آهي؛
    آءُ پـرين گـھـر پـيهـي، ميان چـنيـسـر!

    هار هٿان مون ڇڏيو.
    اوڳڻ، عيب، مَٺائيون، ڍولا، ڍڪ سڀيئي،

    هار هٿان مون ڇڏيو.
    تو در اچي داسڙا، آر ڪرينديس ڪيهي؟

    هار هٿان مون ڇڏيو.
    ان معني ۾ ليلا، يا لالچ هٿان هارايل ۽ شڪست خورده زال، مڙس جي اڳيان سڀ هٿيار ڦٽي ڪري Surrender ٿي ڪري ڇڏي.
    ٻئي داستان جي وائيءَ ۾ ساڳي بيوسيءَ جي ڪيفيت ۾ اميد پرستي به شامل نظر اچي ٿي؛
    مون تي وهر وري، وارو ڏيندم وَلهو،
    توکي ساري سُپرين، آءٌ پونديس ماڳِ مري،
    توکي سَرِي سُپرين، اسان تان نه سرِي،
    اسان توريءَ ناهه ڪا، ڳجھاندر ڳرِي...

    ان ريت سر ليلا چنيسر جي ٽئين داستان ۾ مايوسيءَ جي ڪيفيت کان اڳ رهجي ويل هڪ آس واري صورتحال ظاهر آهي؛

    جيئري زيارت، جي مان هوءِ پرين سين،
    سَڌر منهنجا سپرين، مون تان لاهه مَ هَٿ،
    مولا! مون کي ميڙئين، سپيريان جي سَٿ،
    ڇَنڊيان کِهَه اکين سين، پيرين وجھان هٿ،
    ڏوران ڏٺم سُپرين، سچِي جن صِفت،
    ملڻ ۾ مشتاق جي، ڪا نه ڪيائون ڪَٿ....

    انساني سماج پنهنجي وحشي جيوت جي زماني کان وٺي اڄ تائين هر هنڌ لڳاتار گھڻو تڻو مرداڻي تسلط ۾ پئي رهيو آهي. ايڪيهين صديءَ جي چانئٺ تي بيهي، اسين ڏسون ٿا ته اهو مرداڻو تسلط (Male domination) اڄ به هر سماج ۾ قائم آهي. سسئي، مومل، سهڻي، لِيلا، مارئي، نوري، هير، ڊائنا، مونيڪا لوئنسڪي، سڀ زنانا ڪردار مردن جي هٿان هارايل يا مردن هٿان کٽيل ڪردار آهن. سڀني پراڻن توڙي نون سماجن ۾ عورت کي ٻئي درجي جي حيثيت حاصل آهي. انفرادي طور ڪي نهايت ئي برجستيون عورتون تاريخ ۾ منفرد ڪردار حاصل ڪري ويون آهن، پر انهن جو ڌاڪو سماج تي قائم نه ٿي سگھيو آهي. ان نڪتئه نظر کان ڏسبو ته، عورت واقعي صنف نازڪ ثابت ٿي آهي ۽ اها پنهنجو هڪ ڪَرو مقام لهڻ ۽ ڳولڻ جي جدوجھد ۾ مصروف آهي. شايد ايڪيهين صدي عورت کي ڪو نئون مقام، نئين ۽ قابل رشڪ حيثيت ڏيارڻ ۾ مدد ڪري سگھي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کيس مرد سان هڪ ڪرو اچي بيهاري، پر هيل تائين هن جي حيثيت کيس وري به ڦري گھري بيوسيءَ واري حال تي اچي ٿي بيهاري. ليلا ۽ ڊائنا جي صورتحال اڄ سوڌو هڪ جھڙي آهي؛

    چنيسر سين چاڳ، متان ڪا مُنڌ ڪري،
    جان مون پوءِ پروڙيو، ته هيءَ نه ماڻي ماڳ،
    ڏمريو ڏهاڳ، سگھو ڏِئي سهـاڳڻين.

    چنيسر سين چاءُ، متان ڪا مُنڌ ڪري،
    ڪانڌ ڪهين جو نه وڻي، گيرب ۽ گاءُ،
    جي ٿِڙي ٿورڙياءُ، ته دوس دسائي داسڙو.

    سهاڳڻيون هزار حيلا ڪن، ٺٺ ٺانگر ڪن، سوين روپ سينگار ڪن ته، من کين سرسي حاصل ٿئي، پر کين هيٺانهين هر هال ۾ وٺڻي پوندي. اهو شايد انساني سماج جو گڻ بڻجي ويو آهي، جنهن کان سواءِ عورت کي پذيرائي ملڻ ناممڪن ٿيو وڃي.؛
    سڀيئــي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هَــسَ،
    پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، وڏا ڪيائون وَسَ،
    ڍول تني جي گس، هيٺانهيون هلن جــي.

    هڪ کان وڌيڪ شاديون مردن لاءِ هر سماج اندر رائج آهن. اڄ به عورت کي اهائي صورتحال درپيش آهي. ليلا ته پنج سؤ سال اڳ جي مشرقي زائفان هئي. ان صورت حال ۾ عورت پاڻ تان ٻاجھ ۽ ڪرم ختم ٿيندو ڏسڻ لاءِ تيار ڪانه ٿيندي؛
    ڪوڙئين تنهنجيون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌُ،
    مون کي ڇڏ مَ داسڙا، ته وڃان نه وِڻواند،
    مـون ڳـچيءَ ۾ پاند، تو چنيسر هٿ ۾.
    مرداڻي تسلط سبب دنيا اندر عورت جي مجموعي صورتحال اڄ به ساڳي اونداهي ۽ وچولي دور واري آهي. مرد پاڻ کي هر صورت ۾ مٿانهون ۽ عقل ڪل ٿو سمجهي. اسان جي ڪوتاهه نظر سماج ۾، سنڌ ۾، اصل کان وٺي عورت کي جوڳي ۽ هڪ جھڙي حيثيت اڃا تائين ناهي ملي. پنهنجي پاڻ کان مٿي ۽ پنهنجي ذاتي پيار کان مٿي ڪو به مرد سوچڻ لاءِ تيار نه ٿو ملي. ۽ ازدواجي زندگيءَ ۾ ته ڪانڌ يا مڙس اڳيان، يا وڏيءَ معنيٰ ۾ مرد اڳيان عورت جي ڳالهه پسند ئي نه ٿي ڪئي وڃي. اها حالت ڀٽائيءَ جي زندگيءَ ۾، سندس مشاهدي ۾ به رهي آهي؛
    ليلا! پُوري نه پئين، چئي چنيسر ساڻُ،
    توجو ڀانيو پانهنجو، سو ريساڻو راڄاڻ،
    پاڻان ڌار پِرياڻ، ڪانڌَ ڪنهنجو نه وڻي.

    چَئِي چنيسر ڄام سين، ليلا! لکاءِ مَ تُون،
    ايءُ ڪانڌُ ڪنهنجو نه ٿئي، نه ڪا مُون، نه تُون،
    رُوئندي ڏٺيون مون، اِن دَرَ مٿي دادليون.

    سر ليلا چنيسر جو مطالعو ڪندي ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ته ازدواجي رشتن کي نباهڻ ۽ انهن کي مصلحتن تي وٺي اچڻ، ٻيهر کير کنڊ ٿيڻ جي منطقي نتيجي تائين ڀٽائي ضرور آڻي ٿو. عام ورتاءُ جي لحاظ کان سنڌ جا ماڻهو، توڙي دنيا ڀر جا ماڻهو، جن جي هر هنڌ اڪثريت هجي ٿي ڪس ڪسر ذريعي گھر گرهستيءَ جي وايو منڊل کي بهتر ۽ موزون رکڻ لاءِ سرچاء جي مثبت نتيجي تي وٺي ٿا اچن. اها سنجيده مزاجي به آهي ۽ سماجي ادارن جي استحڪام جي نشاني به، ڇاڪاڻ ته دنيا جي سموري مخلوق، انسان ذات، اڃا تائين پابند ازدواجي رشتن کي ٽوڙي ڪو نعم البدل پيش نه ڪري سگھي آهي ۽ شايد ڪري به نه سگھندي، ڇاڪاڻ ته صُلح واري واٽ اُتم آهي؛

    ليلا! لــڇُ مَ ايترو، اُٿي سُور ٻُهار،
    ڍوليو اڱڻ پار، ڪانڌُ ڪميڻيءَ آئيو.

    ۽ جڏهن صلح ۽ سرچاء جي گھڙي ٿي اچي ته، اها نهايت ئي جذباتي منظر به پيش ٿي ڪري؛

    ليلا! لــڇُ مَ ايترو، اُٿي اڱڻ سورِ،
    ابو ڏاڏو گھور، پاڻ سُوڌو پرينءَ تان.


    سُر مومل راڻو

    شاهه لطيف جي ڪل ڪلام ۾ ڪي سُر اهڙا آهن، جن جو ڪئنواس ٻين ڪجھ سرن جي ڀيٽ ۾ وڏو آهي، جيئن يمن ڪلياڻ، سهڻي، سسئي آبري، حسيني، رامڪلي ۽ مارئي. انهن سرن وانگر سر مومل راڻو به ڊگھي ۽ وسيع ڪئنواس رکندڙ سرن ۾ شامل آهي، جنهن ۾ گجر شهزادي مومل ۽ لڊاڻي جي شهزادي - راڻي جو ذڪر ڪيل آهي. جيتوڻيڪ شاهه جا ٻيا به ڪيترائي سر حسن ۽ عشق جا داستان بيان ڪن ٿا پر مومل راڻو خاص حسن ۽ عشق جو اهو داستان آهي، جنهن جو ماحول اڌو اڌ ”صورت“ جي ڪشش وارو ۽ باقي اڌ ”سيرت“ جي ويا کاڻ تي ٻڌل آهي. شاهه جي ڪيترن ئي محققن مومل راڻي جي باري ۾ شاهه جي ڪلام کي ٻن معنائن ۾ شرح ۾ آندو آهي، هڪ ان سر جي ڪردارن جي حوالي سان ۽ ٻيو ڪامل مرشد جي تلاش جي حوالي سان. انهن تشريحن مان آخري نوعيت جي تشريح ۾ شارحن جي راءِ آهي ته، مرشد ڪامل اڳ ۾ پاڻ ڪنهن تي ڪرم جي نگاهه ٿو وجھي جنهن کان پوءِ طالب هن ڏانهن رجوع ٿو ٿئي. بعد ۾ جتي هلي طالب وسيلو ۽ بي پرواهه ٿئي ٿو، اتي کانئس راهه وڃائجي ٿي وڃي، جيڪا پوءِ کيس سِر وڃائڻ کان پوءِ ئي ملي ٿي، جيئن مومل سان ويڌن ٿي.
    قصي گوئيءَ جي حوالي سان مومل سنڌ جي اوائلي اترئين پرڳڻي ماٿيلي جي بادشاهه نند جي نون مان هڪ ڌيءُ ٻڌائي وئي آهي. قصي گوين مطابق، نند سنڌوءَ جي ڪپ تي هلندڙ هڪ مرونءَ کي ماري سندس ڏند مان جادو پيدا ڪري پنهنجو خزانو سنڌونديءَ جي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيو. ڪنهن لڱا هڪ ٻئي جادوگر کي پَرو پئجي ويو ته جادوءَ جو ڏند نند جي گھر ۾ موجود آهي، سو فقير بڻجي سئن هڻي محل سراءِ جي در تي ٿي ويٺو. مومل ۽ هن جي ڀيڻن پيءُ جي غير موجودگيءَ ۾ مرونءَ جو اهو ڏند آڻي فقير جادوگر کي ڏنو جيڪو خزانو کڻي ڀڄي ويو. راجا نند کي خبر پئي ته ڌيئرن تي ڏاڍو ڪاوڙيو. سندس ڌيئرن مومل ۽ سومل کي به ڪجھه جادو ايندو هو، تن پيءُ کي خزانو موٽائي ڏيڻ لاءِ جيسلمير ڀرسان لڊاڻي ۾ وڃي جادوءَ جو منڊل هنيون.
    مومل سونهن ۾ ٻين ڀيڻن کان سرس هئي ۽ سومل سڀني ۾ چالاڪ. هنن ڪاڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ ٽڪساد پکيڙي آئي وئي کي پاڻ ڏانهن متوجھ پئي ڪيو. ڪاڪ محل اهڙي هنڌ هئو، جتان هندوستان کان ايران ۽ عرب ڏانهن سوداگرن جا قافلا لنگھندا هئا. اهي سوداگر ۽ واپاري ڪاڪ محل تي مومل ۽ سندس ڀيڻن جي سونهن جا تجلا ڏسي، هرکجي ڏانهُن ويندا هئا ته جادوءَ جي ڄار ۾ ڦاسي مرندا هئا. مومل جو ٽولو سندن خزانو ۽ مال متاع لٽي پنهنجا خزانا ڀريندو هو ۽ اهي ڪنهن تي به رحم نه ڪنديون هيون. کين حسن تي الڳ ناز هو ته ٻئي طرف کين پيءُ جو نقصان به پورو ڪرڻو هو. ان صوتحال علائقي جي ڪيترن شهزادن کي يا ته فقير بنائي ڇڏيو هو يا ڪاڪ ڪنڌيءَ سندن قبرن جون قطارون لڳي رهيون هيون. ڪاڪ تان موٽيل هڪ شهزادي هن طرح احوال ٿي ڏنو؛
    آئون اُتاهين آئيو، جت ٻئي جي ناهه مجال،
    مومل جي ماڙيءَ کي، طرح طرح جا تال،
    لک مارايو لعل، موٽيو اچان مينڌرا.

    گجر کي گجميل جــون، تــارن ۾ تَبرَون،
    هڻــي حاڪميــن کــي، زور ڀــريون زبرون،
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون.

    خاص سوداگر ۽ شهزادا مومل ۽ سندس ڀيڻن جو شڪار رهندا هئا، ۽ کيس شڪار ڪرڻ لاءِ آيل پاڻ شڪار ٿيندا هئا؛
    مــومل ماري مير، آهيڙين کي آ ڪري،
    سوڍيءَ گھڻــا سڪائيا، پڙهيا، پڻت، پِير،
    هڻي تن کــي تيــر، مــڻيو جن مٿن ۾.“

    حسن جي اهڙي هاڪ سڀني علائقن ۾ پهتي ته ٿر جي راجا همير سومري پنهنجي سالي ۽ راجپوت شهزادي راڻي کي ساڻ ڪري ڪاڪ محل جو سانباهو ڪيو. ڪاڪ محل پهچي ٻيا ته سڀ هارائي ويا پر راڻي جادوءَ جو کيل تاڙي ورتو ۽ مومل کي وڃي سوگھو ڪيائين. راڻو پاڻ به ڏاڍو خوبصورت هو ۽ سندس هوشياريءَ ته بنهه مومل کي قائل ڪري وڌو. ڀٽائيءَ جتي مومل جي حسن جو ذڪر ڪيو آهي، اتي راڻي جي سونهن سوڀيا به بيان ڪئي اٿس. مومل ۽ سنديس ڀيڻن جي سونهن ۽ ٺاهه ٺوهه جو ذڪر ڀٽائيءَ هيئن ڪيو آهي؛

    ¬جھڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سائيون،
    عطر ۽ عنبير سان، تازا ڪيائون تَنَ،
    مڙهيا گھڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
    سونَهنِ رپي سون سي، سندا ڪامڻ ڪن،
    ڪيائون لال لطيف چئي، وڏا ويس وَرَنَ،
    منجھه مرڪيس مَنَ، سوڍي سين سڱ ٿيو.

    ٻئي طرف راڻي جي سونهن جو هي حال هو؛
    روءِ راڻي جي ناهه ڪو، سوڍو سڀن سونهن،
    لاٿائين لطيف چئي، مٿان دلين دُونهن،
    ڪانهي ٻي ورونهن، ٿيو مڙيوئي مينڌرو.

    راڻي مومل جا ٽڪساد اورانگھي کيس ماڻيو ۽ شادي ڪيائون، پر همير ستت ئي کيس گهرائي ورتو. پوءِ راڻو رات جو اٺ تي چڙهي سئو ڪوهه هڻي مومل سان ملي ايندو هو. نيٺ سندس اٺ ماريا ويا. پوءِ به ڪنواٽن تي چڙهي ويندو رهيو. هڪ رات سومل راڻي جو ويس ڍڪي مومل جي محل سراءِ ۾ وڃي سُتي. راڻي اچي ڪو ٻيو مرد ستل ڏسي ترارنشاني ڇڏي هميشه لاءِ رُسيو هليو ويو. ان کان پوءِ مومل وِرهه يا وڇوڙي جو شڪار ٿي وئي؛

    رئــان ٿــي راڻـا، هنڌ نهاريو حجرا،
    پيئي کِهه کَٽُن تي، ٿيا پلنگ پُراڻا،
    ڌريائي ڌوڙ ٿيا، ور ريءَ وهاڻا،
    جايون، گل، جبات وڻ، توريءَ ڪوماڻا،
    مينڌرا ماڻا، توريءَ ڪنديس ڪن سين؟!

    جن ماڻهن عمر ڪوٽ ڏٺو آهي ۽ عمر ڪوٽ جي قلعي جي چؤ ڦير ماحول ڏٺو اٿائون، تن کي ڄاڻ هوندي ته عمر ڪوٽ جي قلعي کان هڪ ڪلو ميٽر پنڌ تان هڪ پراڻي ڊٺل عمارت نظر ايندي آهي، جنهن کي اتان جا ماڻهو مومل جي ماڙي ٿا سڏين. مومل راڻي جو قصو پندرهين صدي عيسويءَ جو آهي، يعني اڄ کان 5 سئو سال اڳ جو. شايد مومل ڪاڪ محل کي ڇڏي اچي عمر ڪوٽ وسايو هجي، جيتوڻيڪ اهڙي ڪا روايت ڪانهي ملي سواءِ ان عمارت جي جيڪا هاڻي زبون آهي ۽ سرن ۽ مٽيءَ جو ڍير آهي. البته محققن اها روايت بيان ڪئي آهي ته، مومل لڏي اچي ان شهر ۾ رهي جتي راڻو رهندو هو. اتي چوپڙ راند جا مقابلا ٿيندا هئا ۽ سوداگر ۽ شهزادا انهن ۾ حصو وٺندا هئا. مومل به ويس مٽائي، مرداڻو لباس ڍڪي راڻي سان چوپڙ کيڏڻ ويندي هئي، پر هڪ رات راڻي سندس ٻانهن جا چِٽ سڃاڻي ورتا ۽ وري ڪاوڙجي هليو ويو. چون ٿا ته آخري وقت راڻو راضي ٿي ويو هو ۽ مومل کي نياپا به موڪلڻ لڳو هو، جيئن ڀٽائيءَ جي مومل راڻي جي آخري داستان ۾ اهڙا اشارا موجود آهن؛
    راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آيو آديسي،
    کٿوريءَ خوشبوءِ سان، ولايت سڀ واسي،
    سوڌو سنياسِي، اتاهين ٿي آئيو.

    راڻي ريٻــارو، تــو ڏانهن مُڪو تڪڙو،
    لڊاڻئان لـطيف چئي، ماڻج موچــارو،
    صبح ســوارو، ڪاڪ گـھڙنــدو ڪرهــو.
    روايتي قصي موجب مومل راڻي جي آکاڻي آخر ۾ المئي جو تاثر ڏئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڊگھي وڇوڙي مومل کي ٿڪائي وڌو، تنهنڪري مايوس ٿي هن ڪاٺ گڏ ڪرائي ڏاگهه تيار ڪيو ۽ پاڻ کي ٻرندڙ آڙاهه ۾ کڻي اڇلايائين. عين ان وقت راڻو اٺ تي چڙهي اتي پهتو ته باهه ڏسي مومل جو احوال ٻڌي پاڻ کي به ان باهه ۾ کڻي اڇلايائين.
    مومل راڻي جي قصي ان کان پوءِ سنڌ جي هڪ نهايت ئي مقبول داستان جو روپ ورتو. گجر ذات جا ماڻهو بعد ۾ سنڌ ڇڏي پنجاب جي گجرات ضلعي ڏانهن لڏي ويا ۽ خبر ناهي مومل مئي کان پوءِ سومل ۽ سندس ٻيون ڀيڻون گجرات هليون ويون يا ٻيو ڪيڏانهن. مومل راڻي جي قصي کي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ خاص جاءِ ملي ۽ ايئن هڪ نئون راڳ ”راڻو“ به ٺهيو جيڪو پنهنجي انفراديت سبب سنڌ جي هر ڳائڻ واري لاءِ ڪشش جو سبب بڻيو. وڇوڙي جو تاثر ڏيندڙ راڳ ”راڻو“، ٻين شاعرن بلڪه جديد دؤر جي شاعرن جي شعر جو پڻ موضوع رهيو آهي.


    ڪل شيء يرجع الا اصله

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيء پنهنجي ڪلام ۾ جن اعليٰ ۽ آفاقي انساني ڳڻن ۽ قدرن جو ذڪر بار بار پئي ڪيو آهي، انهن ۾ هڪ انساني گڻ ۽ آفاقي قدر اهو آهي ته، هر جيءُ پنهنجي اصل سان سونهين ٿو، ان ڪري ان ۾ پنهنجن اصلوڪن ماڻهن، ماحول ۽ روايتن سان رلجي ملڻ ۽ گڏجڻ جي نه رڳو ڪشش موجود رهي ٿي بلڪ اهو عمل ٿئي به ٿو.
    سر مارئيء ۾ جنهن سماجي ويساهه گهاتيء، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري آکاڻيءَ جو مذڪور آهي، تنهن جو بنياد به ڪردارن جي اصلوڪي ماحول، سماجي ڳڻن ۽ روايتن موافق چٽيو ويو آهي، جيڪو فطري به آهي ته انساني مزاج جي اعليٰ آدرشن مطابق پڻ؛

    هي هنڌَ ماڙيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهين ريء،
    ڪُل شيءِ يَرجِعُ اِلا اَصلِه، ٿي جھڄان جھانگين ڪاڻ،
    ڀِري پنهنجي ڀاڻ، پَسان مُلڪ ملير جو!

    مون اڳ ۾ به اِشارتاً اهو ذڪر ڪيو هو ته عمر هٿان مارئيءَ جي اغوا جو واقعو سلام ڪوٽ ۽ ويرا واهه وچ ۾ واقع ڀالوا جي ڳوٺ بدران عمر ڪوٽ جي ڀر ۾ ڪنهن ٿري ڀِٽ يا خود عمر ڪوٽ جي حدن اندر ٿيل ڏسجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڀٽائيء جي ڪلام مان اهڙا اَسُو يا اشارا ملن ٿا. ائين لڳي ٿو. ڏُڪر کان روايتي طور پڪي يا ڪئنال ايراضين ۾ پورهئي ڪاڻ لڏي آيل ٿرين جي ٽولي مان عمر هٿان هڪ نينگري، مارئيء جي اغوا ۽ يرغمال بنائڻ کانپوءِ سندس مٽ مائٽ اها جوءِ ڇڏي واپس ٿر ڏانهن موٽي ويا؛

    تـن وهيـن ويــڙهـيچن کي، رُئين نه راتو ڏينهن!
    ڪالهه پنهوارن لڏيو، مون کي چاڙهي چيئن،
    آئون جيئندي ڪيئن، جُه اُنِ ٿَرِ وڃي ٿاڻان ڪيا.

    ڀٽ ڌڻيء جي ڪيترن بيتن ۾ مارئيء هٿان مائٽن کي خط لکي موڪلڻ جو تاثر به ملي ٿو، جنهن مان ٻه انومان بلڪ معنائون ڪڍي سگھجن ٿيون. هڪ اها ته ڀٽائيءَ علامتي طور مارئيءَ پاران خط لکڻ جي عمل جو اظهار ڪندي هڪ لکئي پڙهئي مفڪر يا شاعر يا تاريخدان جي غم جي عڪاسي ڪئي آهي. ٻي معنيٰ اها ڪڍي سگھجي ٿي ته مارئي عمر ڪوٽ ۾ ماءُ پيءُ سان رهندي ڪنهن اسڪول مان پڙهي هئي. ڏسو، عمر مارئيء جي قصي ۾ روايتي طور ٻڌايو ويندو آهي ته، عمر مارئيء جي ماءُ جي ٿڃُ پيتي هئي. اها ٿڃ عمر کي سؤ ڪوهه تي کڻي پيارڻ لاءِ ڀالوا ته نه آڻيندا هوندا؟ پڪ سان عمر ڪوٽ ۾ رهيل ٿرين جي ڪٽنب جي عورت، مارئيء جي ماءُ عمر ڪوٽ ۾ ئي عمر کي ٿڃ پياري هوندي. شاهاڻي ٻار جي خدمت جي صلي ۾ ٿي سگھي ٿو ته مارئيء ڪجھ تعليم حاصل ڪرڻ جي سهوليت رعايت طور حاصل ڪئي هجي؛

    الا! اوٺــي آڻئين، جي نياپا نِين،
    آءٌ انــهين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين،
    مس منهنجي هٿ ۾، ڪاغذ ڪي آڻين،
    لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪِريو پون قلم تي!

    اسان جا ڪيترا ماڻهو ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آيل قصن ، ڪهاڻين ۽ آکاڻين جا اصل پس منظر اِن ڪري به نه ڄاڻندا آهن جو، هيل تائين ڪنهن ان ڏس ۾ محنت ڪري، کوج ۽ تحقيق ڪري اصلي آکاڻين جو پيرو نه کنيو آهي. ڀٽائيءَ جي ڪلام جي حوالي سان گھڻو زور ان ڳالهه تي به رهيو آهي ته، ڪنهن هڪ اڌ بيت کي کڻي ان جي تشريح تي ڪاڳر ڀريا ويا آهن، جڏهن ته سڄين آکاڻين جي ترتيب ۽ انهن بابت قطعي فهم جوڙڻ جي ڪوشش خير ڪا ٿي آهي. مثال طور مارئيء جي باري ۾ ٻه نڪتئه نظر موجود آهن؛ هڪ اهو ته هوءَ اڃا پرڻي ڪانه هئي ۽ مڱيل هئي. ٻيو نڪتئه نظر ڀٽائيء جي شعر مان واضع آهي، جيڪو صحيح به لڳي ٿو ۽ اُهو اِهو آهي ته، مارئيء کيت سان لائون لڌيون هيون. لائون سنڌ ته ڇڏيو، سڄي برصغير، بلڪ سڄي دنيا ۾ شاديءَ جي آخري رسم آهي، جنهن کانپوءِ گھوٽ ڪنوار مڪمل طور پرڻيل زندگي گهاريندا آهن؛

    مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيء ۾ لائون،
    سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون،
    عمر جو آئون، پٽ ڪيئن پهريان، سومرا!

    اعليٰ ۽ آدرشي ازدواجي زندگيءَ جو قدر ئي اهو آهي ته ٻِئي مڙس جي سوچ منفي سماجي قدر آهي، جنهن جي مارئي مسلسل مزاحمت به ڪندي رهي ۽ پنهنجو سَتُ ۽ ساک بچائڻ ڪري مڙس سان سچائيء سان پاندُ جوڙي رکڻ ڪري، هن امر ۽ املهه سماجي قدرن تي هلي مثالي گھر ڌياڻي هجڻ جو ثبوت ڏنو. جيڪو پوءِ نه رڳو تواريخي اعليٰ قدر به بڻيو ۽ مارئيء جي ڪردار کي به امر ڪري ڇڏيائين. ڪردار جي ان بختگيء ڪلاسيڪي شعر و ادب ۾ لافاني ۽ لازوال حيثيت والاري جيڪا اڄ ڏينهن تائين انساني سماجن لاءِ مثال بڻجي چڪي آهي:

    پَٽُ نه پرهيان سومرا، جان ڪِي تان جِئان،
    آئون ڪيــئن لــوئي لاهيــان، ڪــارڻ ٻن ڏينهان،
    جان سين ٿي جيئان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو.

    ۽ جڏهن آرام ڏيندڙ پلنگ پٿراڻيون، پٽولا پٽ چير، ارنچ عنبير، ايلا چيون، بخمل، بافتا، کُهنبا، چُوڙا ٻيڙا مارئيء کي آڇيا ويا ته هن وراڻيو، جن ڪچ جي چوڙن پهريندي لوڪ لڄي ٿو ٿئي، سو ڪچ ئي اسان لاءِ سچ آهي:

    ڪــرايــن ڪــــچ جــــا، چُوڙا ڪُوڙا جــن،
    سو مَرَڪُ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄي ٿئي.

    ايء نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي،
    اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،
    پکــن جي پــريت، مــــاڙيــن سيــن نه مَٽيان.

    ان ڪري جڏهن مارئيء کي پهريل کٿي کُسي ٿي وڃي ته، ان کي ٽوپا هڻي ٻيهر ٿي سِبي، متان ڪو چوي ته ٿرواسين کي، وڳا بدلائي، لڄائي ڇڏيائين؛

    سِبي، سيبا ڏئي، ڀورِيء نينهن نه ڪُڄيو،
    کٿيء وٽيون کُٿيون، سَتِي سِيوي سي،
    مَڇُڻِ چَوَنِم ڪي، ته لڄائيه ٿر ڄائيون!

    آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون وَرُ گھاري سُڃ،
    ور اباڻن سا اُڃَ، کُوءِ شربت تنهنجو سومرا!

    صحرائي زندگي هجي يا شهري سهولتن سان ڀرپور زندگي، هر ڪو پنهنجي اصلوڪي ماحول ۾ وڌيڪ خوش ۽ راضي رهي ٿو. عيدون براتون، سک ۽ ڏک، هر ڪنهن جي پنهنجي ماحول اندر ئي ڀلا لڳن ٿا، اهو انساني معاشري جو هڪ اعليٰ ڳڻ آهي. صحرا يا رڻ سَتُر وارين لاءِ پاڻ ئي سَتُر آهي. اُتي جي زندگيء سان مانوس هجڻ ئي انهن ماڻهن جي فطرت ۾ شامل آهي ۽ ان ڪري زندگيء جي ان اعليٰ گڻ کي ڀٽ ڌڻي به هن طرح بيان ٿو ڪري ۽ انهن ماڻهن جو ترجمان بڻجي ٿو؛
    وَرُ ســي وطــن ڄــائيــون، صــحــرا سَتُرُجن،
    گــولاڙا ۽ گُــگُــريــــون، اوڇــــڻ ابــــاڻــن،
    ويڙهيا گھمن وليين، جهانگي منجھ جھنگن،
    مــون کــي مــاروئــڙن، سُڃَ ڳڻائي سيج ۾.

    ويساهه گھاتي، دوکي ۽ دولاب جا ماريل ماڻهو عيد برات نه ملهائي سگھندا آهن. عمر جي محلات ۾ عيد جا جشن ٿي رهيا آهن پر قيدياڻيء لاءِ اهو جشن موت آهي، شهادت آهي. ۽ انهن ماڻهن لاءِ به جن جي نياڻي هڪ حڪمران جي قيد ۾ آهي. اهو موقعو مارن لاءِ موت جو پيغام آهي ۽ سندن عورتون ان موقعي تي عيد کي سُوءَ سمجھن ٿيون؛

    جا عمر! تو مُل عيد، سا اسان سوءَ ورتي سومرا!
    ويئـي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
    سِــڪڻ ڪيا شـهيد، مارو جي ملير جا.


    مارو پاڻ امُل، مليرونِ مرڪڻون

    ڪنهن پڪيءَ ٺهيل جاءِ، عمارت يا محلات جي ڪچن ڪکن ڪانن ۽ ڪاٺڙين جي ٺهيل ڀونگيءَ سان ڪهڙي ڀيٽ ٿي سگھي ٿي. هُن ۾ هر آسائش ميسر هجي ٿي ۽ هِن ۾ رڳو مٿي ڍڪ، پر جيڪو ماڻهو جنهن ماحول ۾ ڄمي نپني ٿو، اهو اتي اهڙو مانوس ٿيو وڃي جو، ان جي ابتڙ ماحول ملڻ سان سندس ساهه اچي گُھٽبو. اهو انساني فطرت ۽ جبلتن موافق آهي ته، پنهنجو اصلوڪو ماحول هر ڪنهن کي وڻندو آهي ۽ پرائي سک سان ڀريل ماحول ۾ کيس ٽڪاءُ نه ايندو آهي. ان ئي فطري جذبي کي اعليٰ انساني قدر طور متعارف ڪرائيندي ڏاها، مفڪر، دانشور ۽ شاعر پنهنجيون تخليقون ترتيب ڏين ٿا. اهو مثبت، هاڪاري ۽ پازيٽوِ رويو آهي. ڀٽائي مثبت ۽ هاڪاري جذبن ۽ روين جو شاعر آهي، ان ڪري سندس ڪلام ۾ يقينن اعليٰ ۽ هاڪاري انساني ورتاءَ جا نمونا ملن ٿا.
    چؤماسي جي مند آهي ۽ چؤماسي جي هوا جي خوشبوءِ سنگھي مارئي قيد و بند ۾ ئي اندازو لڳائڻ شروع ٿي ڪري ته، واهوندن ورئي، يعني جهڙ سانوڻ جي چؤماسي هوائن اچڻ شرط پنهوارن پنهنجن پکن ڏانهن پاٻوهيو هوندو، ته جيئن مينهن وسندي ئي وڃي پنهنجا ٻنيون ٻارا آباد ڪن؛
    پنهوارن پاٻوهيو، وريا واهوندا،
    ساريم سيڻ سيد چئي، گاڏيليون گوندا،
    ڀِٽن ڀر هوندا، ڀونگا ڀَڙَ ڀتار جا.
    ملير جي سونهن جا عڪس ڏسو ڀٽائي ڪهڙي انداز ۾ بيان ٿو ڪري؛
    پنهوارن پاٻوهيو، ڪَئي وَسَ واهوندن،
    لٿو سيءُ لطيف چئي، ٻڌو ٿڻُ ڦرَن،
    اُوءِ ٿا ڪورِن ڪُنئري ، سرتيون مٿان سسِن،
    عُمر اُن اگوندري، پاسي ڪانڌ ڪَتِن،
    پائُر ڏنيون پُٺيون، ننڍن نورا پَنِ،
    کائُرَ کٿيون خاصيون، اوچيون اُت اُڄن،
    ڪڍيو پيڻُ پَهَن، ”ملير گھرجي مارئي“!
    اَن جي پٽڙي ڀت، پيڻ يا پيڄيءَ جا ٿالهه کولي ولهه تي ٺاريندي، ماروئڙيون مارئيءَ کي ملير ۾ ڏسڻ ٿيون چاهين “ملير گھرجي مارئي“. گھرن ۽ ڳوٺن اندر ڪمن ڪارين ۽ پورهئي جي سونهن کان پوءِ ڀٽائي فطرت جي حسين نظارن کي هن طرح بيان فرمائي ٿو:
    پنهوارن پاٻوهيو، ڪئي واهوندن وَسَ،
    عمر! انــهــي ڏيــهه جــا، ڏوٿيــن ڏنم ڏَسَ،
    وليون، وَڻَ ڦــلاريــا، لُلُر نڱيو لَسَ،
    آڻيو وجھن آهرين، سندا ٽوهن طَسَ،
    ميوا، مَڃُرُ، ماکيون، سڀڪا چکن چس،
    ماڙي وِهي مـس، ملير ويندي مارئي.
    ٿر ۾ هاڻي ته اوهان کي هنڌ هنڌ ٽئڪس اڳاڙيندڙ ملندا. هڪ مينهن ڪونه وسي، جنهن ڪري فصل ٿين ڪونه، مٿان تپيدار ۽ ڪوٽار، او وڃي رڻ تائين اوهان کي ڪاهيندا نظر ايندا. ڇهه ست سئو سال اڳ عمر ڪوٽ جي راجا جو ٽئڪس اڳاڙڻ جو نظام سڄي ٿر ۾ ڪونه پهتو هو. جوکيڙي سو کائي وارو نظام هو، ان ڪري محنتي ماڻهن کي جھجھا ان ملندا هئا. ماڻهو به ته مال متاع به خوش. اندازو ته ڪريو:
    نڪا جھل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾،
    آڻيو وجھن آهرين، روڙيو رتا گُل،
    مارو پاڻ امل، مليرونِ مرڪڻو.
    ڀٽائي صاحب جي ڪلام کي پڙهندي لڳي ٿو ته، عمر ۽ مارئيءَ وچ ۾ عمر ڪوٽ جي قلعي اندر مڪالمو يا آمهون سامهون ڳالهه ٻولهه ۽ بحث مباحثو به ٿيو، جنهن کي ڀٽ ڌڻيءَ منظوم ڊرامي وانگر ريڪارڊ ڪيو آهي. مثال طور عمر رات جو جڏهن درٻاري ڪمن ڪارين کان فارغ ٿيندو هو ته، اچي زنجيرن ۾ ٻڌل مارئيءَ ڀرسان ڪرسي وجھرائي کيس سمجھائيندو ۽ پاڻ ڏانهن توجھ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڏسو هيءُ بيت ان سلسلي جو لڳي ٿو، جڏهن عمر مارئيءَ سان سامهون ويٺو ڳالهائي؛
    در، دروازا ، دريون، هاڻي هتي هوءِ،
    ڪوڙين اڏيان ڪيترا، تنبو مٿان توءِ،
    جي مُول نه آيا مارئي! تنين رڙ مَ روءُ،
    ڪُوڪَٽُ آهي ڪو؟ پُسِيءَ پنهوارن ۾.؟!
    پر مارئي اتي جو اتي کيس وراڻي ٿي؛
    سَنِهيءَ سُئيءَ سبيو، مــون مارؤسين ساهُه،
    ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهُه،
    هينئون منهنجو هُتِ ٿيو، هِتِ مٽي ۽ ماهُه،
    پکن منجھه پساهُه، قالب آهي ڪوٽ ۾.
    مارئي ٻٽي ڏک ۾ گھاري ٿي؛
    مون ماڙيءَ جو سومرا! ٻنهي پارين ڏُکُ،
    هِت عُمر جو اهُکُ، هُت مارو ڏينم مهڻا!
    جن ماڻهن ٿر يا ريگستان جي زندگي ڏٺي هوندي ۽ تفصيلي مطالعو ڪيو هوندو، فقط اهي ئي محسوس ڪري سگھن ٿا ته، برسات جي ريگستان ۾ ڪيتري اهميت آهي. اسان جي ڌرتيءَ تي ايشيا ۾ هند - سنڌ جو ٿر وڏو آهي، ٻيو عرب ريگستان وسيع آهن، آفريقا ۾ وڏا رڻ آهن، آسٽريليا جي اولهه اوڀر واري ڪناري ڊگھو ٿر آهي ۽ ميڪسڪو نار وٽ به ٿر آهي. قدرتي طور انهن علائقن ۾ مينهن جو مقدار به گھٽ پئي ٿو، ان ڪري زمين به گھٽ اپت ڏئي ٿي ۽ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ رهي ٿو.
    اهڙيءَ بُٺَ مان اغوا ٿي آيل هڪ نياڻي، ٿر جي اُڃ کي مينهن جي مند ۾ ڪيئن ٿي ساري، اهو ڀٽائيءَ جي ڪردار نگاريءَ جو ڪمال آهي؛
    جھڙ ڦڙ مٿي مارئين، جت چِيها، چِلُڙَ، چِڪَ،
    اندر ٿو اڃ مري، ساهه انــهين جي سِڪَ،
    پيهون شال پهيون پري، تئان ڏيئي تِڪَ،
    وَرُ پريان سين پِڪ، ٻيا ڀاڻ ڀريائي گھوريا!
    مارئيء جي پختگي ۽ مزاحمت جون خبرون سڄي ٿر ۾ پهتيون هيون، سو اتان چڱا مَٺا سڀ گڏجي عمر سان ڳالهائڻ پهتا. ڪجھ پنهنجين، مائن، ڀيڻين، سرتين به کيس هنجون هاريندي ساريو پئي، سو جڏهن ٿري وفد عمر ڪوٽ پهتو ته، ان وقت مارئي پنهنجي مٿان ويهاريل هڪ جاسوس مائيءَ کان پڇي رهي هئي ته، رات ٿر پاسي ڏاڍي وڄ پئي پئي، ڏسي آءُ ته ڪو ٿر مان آيو، جيڪو من مينهن جي خبر ئي ڏئي؛
    آيو ڪير ڏيهاءُ، جنهن ڪر پڇان خبرون،
    وِڄـون ان وٽـان، رات مارؤ تــي وُٺــيون!
    جاسوسڻ جھٽ موٽي اچي جا خبر ٻڌائي سا هيءَ هئي؛
    اتان اوٺي آئيو، خبر ايءَ کري،
    وساريج مَ وَرَ کي، پئج مَ مُنڌ مري،
    ويندينءَ اُت وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾!
    پوءِ جڏهن مارئيءَ جا زنجير لٿا ۽ بند خلاصا ٿيا، سندس ملاقت پهريون ڀيرو ٿري وفد سان ٿي ته کيس آزاديءَ جي خوشخبري ملي؛
    ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاهه،
    ڪامڻ، اهنجي ڪُرَ جي، آڏ وڏائي آهه،
    هت مَ پــاڙج هيڪڙو، پائر جي پساهه،
    ستي، سيل نباهه، ملير ويندينءَ مارئي!

    ملير ويندي مهل عمر ڪجهھ سون جا زيور مارئيءَ کي تحفي ۾ ڏنا ته اندر مان اڌمو اٿيس؛
    سي ساهيڙيون سارين تو، سِيل جني جو سَچُ،
    ماروءَ ريءَ مَ مَــچُ، سِيهو ڀانئج سون کي.
    ايڏي سچائي ۽ خود اعتماديءَ باوجود جڏهن پنهنجن مٿس ڏوهه رکيا ته، تون ضرور عمر سان رعايت ڪئي هوندي ۽ محل جا مزا ماڻيا هوندا، ته مارئيءَ جي دل ڀڄي پئي؛
    ”ستي، تنهنجي سٿ ۾، ڳالهه گھرجي ڳچ،
    وڍيــو، چــيــريــو، چــچــريو، پــر ۾ اُڀــي پَچُ،
    ساڻ امانت اچ، ته ٿئين سماني سٿ ۾“
    پوءِ به قيد مان نڪرڻ جي خبر ٻڌي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي:
    سُڻي ساڻيهه ڳالهڙي، لهي ويا لوهه،
    اندر جا اندوهه، لٿا ڏک، سک ٿيا.
    پر چون ٿا، مارئيءَ جو هڪ الميو پورو ٿيو ته ٻيو شروع ٿيو. مارن کيس نه قبوليو ۽ ٿرن ۾ مهينن جا مهينا ڦرندي سندس لٽا ليڙون ٿي ويا. ڪٿي رهڻ جي لاءِ ڪنهن به اجازت نه ڏنس. نيٺ ڇاڇري کان 40 ميل ڏکڻ طرف ڀٽن تي هڪ وڏي کوهه ۾ پاڻ اڇلي ڇڏيائين ۽ ٿر جو هيءُ دکدائڪ باب اتي پورو ٿيو.


    پکا ۽ پـنـهـوار

    شاهه عبداللطيف ڀٽائيء جي ڪلام ۾ سر مارئي اهڙو سُر آهي، جنهن ۾ انهن سمورن اعليٰ ۽ آفاقي انساني ڳڻن جي اپٽار آهي، جن سان انسان، انسان بڻجي ٿو. سماج سان هن جي وابستگي ۽ ذميداري ظاهر ٿئي ٿي ۽ وطن پرستيء جا اعليٰ قدر پڌرا ٿين ٿا.
    اڄ جي جديد سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقيءَ جي دؤر ۾ به اسين ڏسون ويٺا ته، وطن پرست هر هنڌ،ڪشمير ۾، فلسطين ۾، ڪوسو وو ۾، انيڪ ايشيائي، آفريقي ۽ لاطيني ملڪن ۾ پنهنجي آزادين لاءِ جانيون قربان ڪري رهيا آهن. هزارها اهڙا ڪردار تاريخ جا عظيم ڪردار بڻجي ويا آهن، جن پنهنجن پکن ۽ پنهوارن، وطن ۽ وطن ڄاين سان محبتن جي اعليٰ ۽ آفاقي ڳڻ سبب، تاريخي حيثيت والاري آهي. مارئيء کان وٺي نيلسن منڊيلا تائين، انساني عظمت جي ڊگھي تاريخ اسان جي اڳيان ڦهلي پئي آهي، جنهن ۾ پکن ۽ پنهوارن جي محبت لازوال انداز ۾ ثابت ٿي بيٺي آهي.
    مارئيء جي معاملي ۾ هڙ سچ ظاهر نه ڪيا ويا آهن، پر اسان جي شاعر هزار سچ ظاهر ڪري وڌا آهن، جن جي ميسر ٿيڻ کان پوءِ اسان جو فرض بڻجي ٿو ته مارئيء جي قصي کي ڀٽائيء جي ڪلام ۾ مليل اهڃاڻن جي آئيني ۾ ٻيهر لکيو ۽ سهيڙيو وڃي. مارئي عمر ڪوٽ جي تڏهوڪي حڪمران عمر سومري جي جيل اندر اڇلائي ڦٽي نه ڪئي وئي هئي، پرسندس ڳچيء ۾ لوهه جا ڳٽ، ٻانهن، ڄنگھن ۽ پيرن ۾ زنجير، پيڪڙا، ڏنڊا ٻيڙيون هڻي چئو کنڀو ٻڌي معزور ڪري اڇليو ويو هو ۽ مٿان واهت ڪرڻ لاءِ جاسوسيء جي مقصد سان وزير ۽ جيلر مقرر ڪيا ويا هئا؛
    زيـرئـيـن ٻيڙئين لـوهه ۾، ڳَٽن ڪيس ڳاههُ،
    سئونڪي سندي سومري، هَڏِ نه چاڙهيم ماهه،
    سرتيون دعا ڪجاهُه، ته ڀرمُ ڀاروڙيء رهي.

    ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريون ۽ زنجير،
    پيڪڙا پيــرن ۾، ڪوٺين اندر ڪِير،
    چــارِي چوگانن ۾، واهيت ڪن وزير،
    ڇَن نه ڇِڄي آهيان، اهڙيء سِٽ سَريرَ،
    مارو ڄام ملير، پڇج ڪِي پنهوار کي.
    اهڙي بيوسي، جنهن جو انت نظر نه اچي، ماڻهوء کي پنهنجي مقصد ۽ ايمان تان ٿيڙي ڇڏيندي آهي. ابتي سبتي ڪري ٽنگيل قيدياڻي مارئي پنهنجن کي اهڙي بيوسيء ۾ به وسارڻ لاءِ تيار ڪانهي؛
    ڇن نه ڇڄـي آهيان، ڪُڇن ۾ ڪوٽن،
    ايندي پيم اُبتا، پيڪڙا پيرن،
    هٿوڙيون هٿن، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾.
    اهڙي ڪيفيت ۾ وره يا وڇوڙي ۽ فراق جو نئين کان نئون احساس پيدا ٿيڻ فطري آهي. خاص ڪري تڏهن، جڏهن وطن سان محبت اڃا جھجھي ٿئي؛
    جي ويجھي ٿيان ور کي، ته سڀاڳومَ سئون،
    نِت نِت آهي نئون، مون کي ورهه ويڙهيچن جو.

    آءٌ ڪيئن ڇڏيان سومرا! تن پنهوارن پچار،
    جڙ جني جي جان ۾، لڳي ريءَ لوهار،
    ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار،
    پکا ۽ پنهوار، ڏِٺـي مون ڏينهن ٿيا.
    پکن ۽ پنهوارن سان محبت جون هزار ميخون قيد ڪڙي ۽ ڏاڍ سان ڪٿي ٿيون ختم ٿين. هڪ بيوسيء جي آڙاهه ۾ اڇليل عورت جو عزم ته ڏسو؛
    مون مَ کسجانء لوئي، مون مَ کڻجان لوئي!
    ساڻ پُلاهه نه پاڙيان، سندي ڏؤنرن ڏوئي!
    ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، مون ورُ مارو سوئي!
    کوء سي طعام تَيُن جا، ورُ سا ڏؤئرن ڏوئي!
    جھانگي جو جھنگن جو، سيڻ ڪميڻيء سوئي!
    وطن کان دوريءَ جي صورتحال هن جرئت مند عورت ۾ وطن جي محبت گھٽجڻ ڪانه ڏني آهي. قيد وبند جا عذاب سندس فطري ماحول سان سندس ڳانڍاپو ڇني نه سگھيا آهن؛
    وينديس وطن سامُهين، ملير منهنجو ماڳ،
    ڏٿ چونڊينديس ڏيــهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ،
    ته مون سنئون سڀاڳ، جي ويجھي ٿيان ورکي!
    مون چاهيو پئي ته مارئيء سان ۽ سندس مائٽن، ٿر واسين، مارن سان عمر ڪوٽ جي حڪمران عمر جي ٿيل ڏاڍ، ڏهڪاء ۽ ويساهه گھاتيء بابت انهن هنڌن ۽ ماڳ مڪانن جو به تفصيل سان ذڪر ڪندو هلان، جيڪي هن واقعي سان تعلق رکن ٿا. ڀالوا ۾ مارئيء سان منسوب کوهه جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي جيڪو هڪ کوهيء وانگر آهي ۽ سلام ڪوٽ کان ننگر پارڪر ويندي ويرا واهه کان اڳ گوڙيء جي مندرن ڀرسان ڀالوا ڳوٺ کان هڪ ميل پري اڃان موجود آهي. اها کوهي البت عمر ڪوٽ کان هڪ سؤ ميل پري آهي، پر مٺيءَ کان ننگر ويندڙ مسافر ۽ سياحن جي ڏسڻ لاءِ هڪ اهڙو هنڌ آهي، جنهن کي ڏسي انساني تاريخ جو هيءُ عجيب واقعو اڳيان اچيو بيهي ٿو.
    هوڏانهن عمر ڪوٽ شهر ۾ عمر جي ڪوٽ واري هنڌ ٻه صديون کن اڳ سڌ جي ٽالپر حڪمرانن جي ٺهرايل قلعي يا ڪوٽ اندر وچ تي هڪ دِ ڪي ٺهيل به موجود آهي جنهن تي نالو رکيل آهي مارئيء جي قيد وارو هنڌ. ان هنڌ ڪلو يا لوهو ڪِير هڻي زنجيرن سان مارئيء کي رات جو ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ چوڌاري عمر جا جاسوس مٿانئس پهرو ڏيندا هئا. اهو قلعو ۽ ڪوٽ ۽ مارئيء جي رات جي وقت قيد جي جاءِ اڄ به ڏسڻ ۾ آسان آهي، جنهن تي ڪا ٽڪيٽ يا چُنگي رکيل ڪانهي. سياحت جا شوقين جيڪڏهن عمر ڪوٽ وڃي ان لقاء جو مشاهدو ڪرڻ چاهين ته، عمر ڪوٽ ڏانهن چوويهه ئي ڪلاڪ سواريون وڃي رهيون آهن. لاڙڪاڻي کان عمر ڪوٽ ڪل ڏهه ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي. هزارين لکين ماڻهو سياحت جي خيال کان ٿر وڃي سگھن ٿا، جن جي دلچسپي لاءِ ڀٽائيء به پنهنجي ڪلام ۾ اشارو ڏنوآهي؛
    ٿڌيون وليون ٿرن ۾، ڪوڙين ڪرڙ ڪرِيرَ!
    سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته، پاڪستان ۾ هزارها اهڙا هنڌ ۽ علائقا آهن جن جي سياحت جي حوالي سان اعليٰ حيثيت آهي. جتي به اوهان وڃو، اوائلي دؤر جا عجيب و غريب نظارا اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪندا. سياحت کي حڪومت صنعت جو درجو ڏنو آهي ۽ هوند وارن ماڻهن کي سياحت ڪرڻ به کپي. ٿر پري ڪونهي، مارئيء جي سچي ڪهاڻي اوهان کي ٿر جي وڻ وڻ، ول ول، هر گام ۽ گھٽ، ڀتر ۽ ڀِت کان معلوم ٿيندي. ڄڻ اتان جو ماحول ئي اوهان سان خود بخود ڳالهائڻ لڳندو. عمر ڪوٽ ۾ مارئيء جو بند يا قيد يا جيل به ڏسو، پاسي ۾ تاريخ جي قهرامن جا آثار ڏسو، اڪبر اعظم جي ڄمڻ جي جاءِ ڏسو، جڏهن همايون دهليء مان زالن سوڌو شير شاهه سوريء هٿان شڪست کائي پنجاب ۽ سنڌ جي وسندين مان موت جي خوف کان ڀڄندو، عمر ڪوٽ ٻاهران هڪ ويرانيء ۾ زال کي اڪيلو ڇڏي بيوس ٿي بيوسيء اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو هو ته، زالس کي اڪبر ڄائو، هڪ جھنگ ۾، ويرانيء ۾، جيڪو پوءِ ننڍي کنڊ جو وڏي ۾ وڏو بادشاهه بڻيو. هڪ ڀيرو ٿر ڏانهن نڪري ته وڃو، اوهان ڏسندا ته چند سون جي خرچ سان اوهان لک رپين جي معلومات به وٺي ٿا اچو ۽ فطرت جي حسن جو مشاهدو به ڪري ٿا اچو.
    فطرت جو حسن، جيڪو پنهنجي سماجي قدرن ۽ ڳڻن سان عورت جي ست ۽ سيل ۾ به آهي، پنهنجن پکن ۽ پنهوارن سان لازوال محبت ۾ به آهي. اهو فطري حسن وڃائڻ جو احساس مارئيء کي پنهنجن کان ڇڄڻ سان ئي شروع ٿيو ۽ ان جو ادراڪ شاهه سائين جھڙي عظيم ‎شاعر کان علاوه ٻيو ڪنهن کي ٿي سگھي ٿو؛
    سونهن وڃايم سومرا! وطن وڃان ڪيئن،
    حُسن ڌاران هيئن، پسان ڪيئن پنهوار کي؟!

    سونهن وڃايم سومرا! ڪيڏانهن ويم ڪمال؟
    وڃان ڪيئن وطن ڏي، ههڙو وٺي حال،
    جي مون ڏين جمال، ته پسان مُنهن پنهوار جو.
    طعني ۽ مهڻي هاب مارئي بيوسيء جو هن طرح عجيب انداز ۾ اظهار ڪري ٿي؛
    ســونهن وڃــايم ســومر! مــارُو مس مڃين،
    ڏونگھا ڏاڏي پوٽئين، ڪن ڏنا ڪي ڏين،
    جي مان لوهه لاهين، ته ڪوٽن ۾ ڪين هُئان.
    ان مهڻي ۽ ڪنڌ ۾ پيل زنجير سان مارئي هر حال ۾ ملير موٽڻ چاهي ٿي ڀلي مُئي کان پوءِ ئي سهي؛
    آئون بندياڻي بند ۾، ڪِ آءٌ پــيس بندِ،
    مونهين لڳو ميهڻون، ڪِ مونهين ڪڙو ڪنڌِ،
    مــران جــي هن هنڌِ، ته نجان مئٿ ملير ڏي.
    هڪ حڪمران جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاء سان هڪ قيدياڻي بڻايل هن عورت جي ساڻيهه سان سڪ جو اندازو ته ڪريو، پنهنجي مٽيء سان محبت ته ڏسو؛
    واجھائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه،
    بُت منهنجو بند ۾، قيد مَ ڪريجاهه،
    پرڏيهياڻي پرينء رِيء، ڌار مَ ڌريجاهه،
    ٿڌي وسائج ٿر جي، مِٽي مُئيءَ مٿانهه،
    جي پويون ٿئي پساهه، ته نجان مڙهه ملير ڏي!


    مارئيءَ جو کوهه

    جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان گهڻا سال اڳ سڄي سنڌ جي سروي ڪرڻ کان پوءِ هڪ رپورٽ تيار ڪري شايع ڪئي هئي ته سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي فقط 25% آبادي کي درياهه ۽ مٺن کوهن وسيلي يا ڪن جابلو مٺن چشمن مان ميسر آهي ۽ باقي 75% آبادي کي مٺي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهوليت ميسر ڪانهي. وري ڏهه- ٻارنهن سال اڳ وفاقي وزارت اطلاعات پاران حيدرآباد ۾ هڪ اعليٰ سطحي مذاڪرو ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان سميت مختلف سرڪاري ۽ خانگي شعبن پاران پيئڻ جي پاڻيءَ بابت هڪ سڄو ڏينهن پڪا پختا انگ اکر پيش ڪري بحث ڪيو ويو ۽ نتيجو اخذ ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي موجودگي واقعي 25% آبادي لاءِ مس ميسر آهي جنهن ۾ قدرتي آبي ذخيرا، درياهه ۽ جر اندر مختلف هنڌن تي مٺا نار اچي وڃن ٿا، پر اهي به گهڻو ڪري سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن کي ويجهڙن هنڌن ۽ ڪن مٺن چشمن ۾ آهن، جيڪي جابلو لڪن مان وڏي سفر کانپوءِ انساني رهائشي آبادين وٽان ڦٽن ٿا.
    سنڌ اندر پاڻي ميسر نه هجڻ وارين ايراضين ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي رائيس ڪئنال کان الهندي طرف جا وسيع علائقا، دادوءَ جو ڪاڇو ۽ اتر اولهه تعلقن وارو حصو، ڪراچيءَ جا وسيع علائقا ۽ وسيع تر ٿر، جيڪو ڪڇ جي رڻ کان شروع ٿي، سڄي اڀرندي سنڌ جي اوڀارين ڪنار هلي وڃيو پنجاب جي چولستان واري علائقي سان ملي ٿو. ڪاڇي ۾ مينهن سبب گڏ ٿيندڙ پاڻين جا ڪجهه ذخيرا جيڪي قدرتي طور واهڙن ۽ نئين مان ڪن ٿورن هنڌن تي اچيو گڏ ٿا ٿين يا ڪي ٿورڙا چشما جن تي انساني آباديءَ جو ڪو وڏو تعداد جيئي نه ٿو سگهي.
    پيئڻ جي پاڻيءَ جي ان کوٽ وارو علائقو، ان پاڻيءَ جي حوالي سان هڪ لازوال جرئت، همت، وطن پرستي ۽ سيل ست جي داستان کي جنم ٿو ڏئي، جيڪو پوءِ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهم موضوع به بڻجي ٿو ۽ علم، ادب، سياست ۽ ثقافت جا عجيب منظر اسان اڳيان نڇاور ڪري ٿو ڇڏي. پاڻيءَ جي اڻاٺ جو پس منظر رکندڙ اهو داستان، مارئيءَ جو داستان آهي جنهن تي بحث ڪنداسون.
    ڪاڇي ۽ ٿر جي کوهن ۾ سنڌ جي ميداني علائقن جو ماڻهو مشڪل نهاري سگهندو، ڇاڪاڻ ته اهي ڏاڍا اونها ٿين ٿا. ٻن کان ٽي سؤ فوٽ هيٺ کوٽيل انهن کوهن ۾ به اڪثر ڪوڙو ۽ لوڻياٺو پاڻي نڪرندو آهي، جيڪو لٽي ڪپڙي ڌوئڻ جي ڪم اچي ٿو. انساني وستيون گهڻو تڻو مٺي پاڻي جي ذخيرن، چشمن ۽ کوهن ڀيڙيون ٺهنديون آهن ۽ ڪڏهن ته اهي مٺا جر انساني وستين کي ڪوهن جا ڪوهه هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيندا آهن. ٿر جي جنهن ايراضيءَ ۾ مارئيءَ جو کوهه ٻڌايو ويو آهي، يعني سلام ڪوٽ ۽ ويرا واهه جي وچ تي ڀالوا ڳوٺ وٽ، اتي ڪي قدر مٺو پاڻي ڪن جر جي وهڪرن مان ملي ٿو، مثال طور چند ڪلوميٽرن تي گوڙي جي مندرن وٽ صفا مٺي پاڻيءَ جا کوهه آهن.
    ڀالوا ۾ جنهن کوهه کي مارئي جو کوهه نالو ڏنو ويو آهي، اهو بنهه ننڍڙو ۽ سوڙهو کوهه آهي. بلڪه کوهي آهي جنهن جي ڀرپاسي هاڻي ڪابه آبادي يا ڪو آباد وستيءَ جو نشان ڪونهي. ٿر ۾ اڄ جي جديد سهولتن جي زماني ۾ به پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي ۽ ڪوهين پنڌ ڪري پاڻي اٺن ۽ گڏهن تي لڏي کنيو ۽ پهچايو ويندو آهي. ايئن جيڪو کوهه ڪن ٻن ٽن، ڳوٺن جي ماڻهن جي پورت ڪندو هجي ته پوءِ پاڻيارين کي اڌ رات اٿي کوهه ڀيڙو ٿيڻو پوندو آهي، جيئن مهل سان وارو ملي. ايئن ئي مارئيءَ جي دور ۾ مارئيءَ وارو واقعو به ان ئي انداز ۾ ٿيو، جو هوءَ اڌ رات اٿي واري لاءِ کوهه تي وئي جتان علائقي جو حڪمران عمر کيس کنڀي اغوا ڪري هليو ويو. اڌ رات اٿي کوهه تي پهچڻ جو پتو اجهو ڀٽائي هن طرح ڏئي ٿو؛
    آڌئي اُٿن تي، جيلانهن پاڻي پاتال ۾،
    وارو ويسرين کي، ڏينهان ڪونه ڏئي،
    مون ڪميڻيءَ کي، مٿان کوهه کڻي ويا.

    عمر سومري هٿان مارئيءَ جي اغوا جو واقعو ان ريت اڌ رات جي وڳڙي ٿيو، جيڪو هن واقعي کي تهائين وڌيڪ ڀوائتو ۽ ڏکوئيندڙ بڻائي ٿو ڇڏي.
    ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام ۾ هڪڙن مارئيءَ جي مائٽن جي ڳوٺ جو نالو کاروڙو کنيو آهي. کاروڙو ٿر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن هنڌن تي ملي ٿو، جتان بقول ڀٽائيءَ جي، مارو مارئيءَ جي دردناڪ انداز ۾ اغوا کانپوءِ لڏ کڻي ويڙهيجهپ ڳوٺ ڏانهن هليا ويا آهن. مارو اعليٰ ڳڻن وارا آهن ۽ اغوا ۽ يرغمال جي واقعي سبب لڏيندي، انهن پنهنجي ڳڻن جون ڳالهيون پوئتي ڇڏيون آهن، جڏهن ته سومري راجا جي زيادتيءَ جي دهشت علائقي ۾ اهڙو ته اثر ڪيو آهي جو راڄن جا راڄ لڏيا ٿا وڃن؛

    کاروڙئان کڻي ويا، ڳالهيون ڳڻ ڇڏي،
    ويٺا ويڙهيجهپ ۾، اجهائون اڏي،
    سؤنڪي سندي سومري، ويا راڄ لڏي،
    ڀري ڀاڳ وڏي، ملان مـاروئڙن سان.

    مارئي جي واقعي بابت هڪ ٻي روايت جيڪا ڀٽائيءَ جي بيتن مان ئي اهڃاڻ بڻجي اڀري ٿي، سا هيءَ ته مارئي پنهنجي مٽن مائٽن سان گڏ عمر ڪوٽ ۾ لڏ سان گڏ هئي، جتي به کوهن تي ڏينهن رات پاڻيارين جي رش لڳل هوندي آهي. عمر ڪوٽ جو اڌ شهر ٿر ۾ ۽ اڌ شهر چيڪي مٽيءَ وارو آهي. ڇا اهو واقعو اتي ئي ڪٿي ويجهو ٿيو، جتان پوءِ مارو لڏي ويا؛

    ساجَن پَرياڻُ، پانڌي پَکي لَڏَسين،
    مارو ڳُڻن ساڻ، وِيئڙا ٿَرِ اُڪري!

    سر مارئيءَ ۾ عمر مارئي، ٿر ۽ ان علائقي سان واسطو رکندڙ سمورين شين، ماڻهن، ريتن، رسمن وغيره جو ذڪر ته آهي ئي پر عجب ان ڳالهه جو آهي ته، ڀونءِ يا مٽيءَ سان ناتي ڳنڍڻ جا اهڙا عليٰ انساني قدر به بحث هيٺ آندا آهن جو، حيرت وٺيو وڃي. مثال طور ڀٽ ڌڻيءَ قرآن مجيد جون آيتون يا عربي محاورا به هن سر ۾ استعمال ڪيا آهن، پر انهن کي اهڙي انداز ۾ چيو اٿس جن مان مٽيءَ سان وابستگيءَ جو لازوال اظهار ٿئي ٿو. ڏسو، جڏهن الله تعاليٰ اڃا نه انساني ڍانچو، لڱ ۽ لحم يعني گوشت پوست ئي نه خلقيو آهي ته عالم ارواح ۾ هن جيءَ جي وابستگي انهيءَ ئي مٽيءَ سان ٿي وئي؛

    نه ڪا ”ڪُن“ ”فيڪُون“ هئي، نه ڪو لِڱُ لَحَمُ،
    بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدمُ،
    مون توهين سين سڱ، اُها ساڃاءِ سپرين!

    فيڪُون فدا ڪري، ڪيائين سين ڪُن،
    تعظيمان تمام ڪري، پوءِ پٿريائين ڀُون،
    مارو تئان مون، ڀينر ڀاڱي آئيا.

    نه ڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا هُنگ نه هُون،
    سڄڻ تنهن ساعت ۾، بيٺي ڏٺو سون،
    مون تن تڏهاڪون، ملي ملاقات ڪئي.

    ڀٽ ڌڻي يرغمال بڻيل مارئي جي جذبات ۽ من جي ڳانڍاپي جي سر مارئي ۾ جنهن انداز ۾ ڳالهه ڪري ٿو، ان مان ان اعليٰ انساني ڳڻ جو اظهار ٿئي ٿو ته، فطري طور انسان جو ڳانڍاپو پنهنجن سان ٿئي ٿو. اها انساني خصلت آهي، ڳڻ آهي جيڪو آفاقي ۽ هر هنڌ هڪ جهڙو آهي. پنهنجي اصلوڪي ۽ فطري لاڳاپي کان ڇڄڻ جي ڪيفيت ماڻهو کي ڪنهن به طرح نئين ۽ مڙهيل وايو منڊل ۾ قبول ڪانه ٿي پئي ۽ هن جي تانگهه پنهنجي اصل ۽ نج ماحول ڏانهن موٽڻ طرف رهي ٿي. قرآن مجيد جي آيت شريف ”ڪل شي يرجع الا اصله“ اهڙي تانگهه ۽ تونس جي ڪيڏي نه ڀرپور معنيٰ مهيا ڪري ٿي! ڀٽ ڌڻي عربيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ان ئي نوعيت جي عرب قدرن ۽ چوڻين کي هن پنهنجي سنڌي ڪلام ۾ تسبيح جي مڻين وانگر اهڙو سلهاڙي ڇڏيو آهي جو هڪ مثال قائم ٿي پيو آهي؛
    هي هنڌَ ماڙيون هاڻِ، ساڙيان سڀ ڏيهين ريءَ،
    ڪل شيءِ يرجع الا اصله، ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ،
    ڀِري پنهنجي ڀاڻِ، پسان ملڪ ملير جو!


    ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو

    پکا پکاريو، ڄام تماچي آئيو،
    گوندر لاهيو گندريون! آتڻ اُجاريو،
    ڪينجھر قراريو، سمي سام سمگئي!
    هيءُ بيت سنڌ جي ڏاکڻي ضلعي ٺٽي جي وسيع تفريحي هنڌن ۽ ڍنڍن مان هڪ ڍنڍ ڪينجھر تي بهار جي مند جي آمد وقت، ان وقت جو منظر پيش ڪري ٿو، جڏهن ڪينجھر تي بهار جو ساليانو ميڙو لڳندو آهي ۽ حاڪم ۽ محڪوم سڀ اچي سهڙندا آهن.
    اها ڳالهه انساني سڀاء ۾ هزارين سالن کان موجود رهي آهي ته، نوان فصل لهڻ سان، بهار جي مند ايندي ئي، انڊو نيشيا جي ٻيٽارين کان وٺي ميڪسيڪو تائين ساليانا ميلا ٿيندا آهن، جن ۾ آبشارن، ڍنڍن، تلائن، ندين ۽ درياهن جي ڪنارن سان ڀانت ڀانت جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ انساني ضرورت جي هر وکر- وڙ جي نمائش لڳندي آهي. هزارين سالن کان جڏهن کان انسان تهذيبي ۽ تمدني سرگرمين ۾ هر ڪنهن کي ڀاڱي ڀائيوار بنائڻ شروع ڪيو آهي، اهي ميلا لازمي طور ملهائبا آهن. ميلي جي مند گھڻو تڻو سڄي دنيا جي سماجن ۾ بهار جي مند ئي هوندي آهي، جڏهن سيءَ گھٽجندا آهن ۽ ماڻهو پنهنجي مرضي ۽ شوق جو وڳو پهري اچي ميلي ڀيڙو ٿيندو آهي. ڪينجھر ڪنڌئين هاڻي ته هنڌ هنڌ ميلا لڳندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪينجھر جا بهار جا منظر نهايت خوبصورت ڏيک ڏيندا آهن. ڀٽائيء پنهنجي ڪلام ۾ بهار جي مند کي “واهوندي” طور استعمال ڪيو آهي ۽ اجھو واهوندي ايندي، بهار ايندي ئي ڪينجھر جي ڪنڌيء جو هڪ منظر، هر منظر هن ريت ڏيک ڏيندو آهي؛
    هيٺ جر، مٿي مَڃُر، ڪنڌيء ڪئونر ترن،
    ورئي واهوندن، ڪينجھر کٿوري ٿئي!

    هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
    لڳي اتر واءُ، ڪينجھر هندورو ٿئي!
    سياحت اڄ جي دنيا ۾ صنعت جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي ۽ دنيا جو ڪو اهڙو ملڪ ناهي جتي سياحت جھڙي اهم انساني سرگرميء کي نظر انداز ڪيو ويو هجي. اها ڳالهه به انساني سُڀاء ۾ موجود رهي آهي ته، خوبصورت فطري ڏيک ۽ عام اجتماع مردن- عورتن ٻنهي لاءِ دلچسپيء جو باعث رهندا آيا آهن. ڀٽ ڌڻي ڪينجھر جي ميلي تي جتي پورهيت طبقن جي اٿل اچڻ جھڙي موجودگي پسي ان جو ذڪر ڪيو، اتي هن حڪمران سمي ڄام تماچيء جي گھر ڀاتياڻين، شهزادين ۽ راڻين جي آمد جو به ذڪر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سياحت سڀني لاءِ آهي؛
    سڀ سميون، سڀ سومريون، سڀني ڳچيء هس،
    پسڻ ڪارڻ پرينء جي، وڏا ڪيائون وس،
    ڍول تني جي گـس، هـيٺاهيون هلن جي.

    کوء سميون، ٻن سومريون، جي ڄامن جون ڄايون،
    ڪريو ويس وڏاندرا، اڱڻ تي آيون،
    گوندر گمايون، جھپي سڀ جھڙپ سين.
    ڪينجھر ڪنڌئين ميلي تي موجود سميون، سومريون وڏاندرا ويس ڪري پهتيون آهن، پر هيء جُوءِ ملاحن ۽ گندرن جي آهي، جن کي سڀ کان وڌ ميلي جو لاڀ ملندو آهي. گوندر ۽ غم سڀ جا لهندا آهن پر سڀ کان وڌيڪ خوشي اتان جي ملاحن ۽ سندن ڪٽنبن کي ٿيندي آهي. ڇو ته، سال ۾ هڪ ڀيرو بهار جو ميڙو سندن وکر مڇيء جي جھجھي واهپي سبب سندن جھول ڀرجي ويندا آهن. اهڙي وقت جڏهن ڪينجھر جي ڪنڌين تي ميلي جو اجتماع جوڀن تي هجي، اتي ملاحن جا ٻار اهي ئي اهنج ۾ ڏسبا آهن، ڇو ته مڇيء جا مارڪيٽ پري هجڻ سبب سڀني ملاحن کي ضرورت آهر اپت ڪانه ٿيندي آهي. ان ئي سبب جي ڪري، ميلي ۾ شريڪ وڏاندرا ويس ڪيل حڪمرانن جون عورتون ته پنهنجي چمتڪار ۾ پوريون هونديون آهن، پر مهاڻيون نهايت سادگيءَ سان اهڙن اجتماعن ۾ شرڪت ڪن ٿيون. ڀٽ ڌڻي اجھو هن ريت اهڙو منظر پيش ٿو ڪري، جنهن ۾ مهاڻيء جي سونهن، سادگيءَ باوجود ميلي جي اجتماع جو مرڪز بڻجي ٿي. پوشاڪ بدران هن کي پاٻوڙو ويڙهيل آهي؛
    پاٻوڙو پيش ڪيو، نوريء نئون نيئي،
    حاضر هيون هڪيون، سميون سڀيئي،
    نوازي، نيئي، گاڏي چاڙهي گندري!
    ڪينجھر جو ميلو گھمائيندي ڀٽ ڌڻي ميلي جا اجھاڳ منظر پسائيندو، اجھو مڇيءَ جي هٽ تي اچي ٿو بيهي ۽ هوند وارن هٿان اڻهوند وارن کي املهه آڇرائي ٿو؛
    هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٿين وچ ۾،
    گندگيء گوشو ڪيو، عطر اوتيائين،
    موتي مڇيء هٽ تي، ڪوڏن جيئن ڪڍيائين،
    ماڻڪ مياڻين ۾، ڇلرن جيئن ڇٽيائين،
    ڏيئي سون سوال ۾، رپي راند ڪيائين،
    فيروزا فقيرن تان، گھوري سڀ گھوريائين،
    اتي عبداللطيف چئي، اڇلي املهه ڏنائين.
    ڀٽ ڌڻي ڪينجھر جي سمورن منظرن کان هڪ ڀيرو نظر هٽائي، ڪائنات جي سڀ کان وڏي طاقت جو تصور ڪري ٿو ته، ٻيون سڀ طاقتون ان هڪڙي طاقت اڳيان تڇ ٿيو وڃن. خلقڻهار جي هيڪڙائي گوشائتي ٿي ويٺل ڀٽائيء جي ڪلام ۾ هن ريت اٿلي ٿي اچي؛
    نه ڪنهن ڄايو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
    ننڍيء وڏيء گندريء، سڀن آهه سِياءُ،
    ”لم يلد ولم يولد”، ايءُ نجابت نياءُ،
    ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو.
    اهو واحد خلقڻهار ئي اعليٰ مالڪ آهي. ان ريت ڀٽائي علامتي انداز کان وري موٽي ڪينجھر جي منظرن تي اچي ٿو ۽ اتي حاڪم ۽ محڪوم جي ڪردارن کي ئي تبديل ڪري ٿو ڇڏي. اصل ۾ ڪردار نگاري ۽ ڪردار سازي ڀٽائيء جي ڪلام جي هڪ اهم وٿ آهي جنهن تي غور ڪرڻ جڳائي. ڀٽائيء جي شارحن هن طرف گھٽ ڌيان پئي ڏنو آهي. پنهون ڌوٻي ٿي ڪپڙن ڌوئڻ ۾ مصروف ڏيکارڻ به ڪردار نگاري ۽ ڪردار سازيء جو اهم نمونو آهي. پر ڪاموڏ ۾ ڀٽائي ڄام تماچيء کي حاڪم مان تبديل ڪري نوڪر ڪري ڇڏيو. جيڪو نوريء کي مورڇل يا وڃڻو هڻي ويٺو؛
    تهڙو ڪينجھر ۾ ڪين ٻيو، جھڙي سونهن سندياس،
    مَڏَ، مياڻيون، مَڪُڙا، مـــڙئي معاف ٿياس،
    مورچل مٿائس، هڻي ڄام هٿن سين.
    نه رڳو ايترو ته نوريء جي حاڪماڻي ورتاء ۽ مزاج جو ذڪر ڪيو ويو آهي؛
    هٿين پيرين، لڇڻين، منهن نه مهاڻي،
    جئن سڳو وچ سرندڙي، تئن راڻين ۾ راڻي،
    اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي،
    سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڏس ٻانهن ۾.
    پر حڪمران ڄام تماچيء جو ڪردار به تبديل ٿي مهاڻي وارو ٿي ٿو وڃي. نوري مڪڙي يا ٻيڙي ويٺي هاڪاري ۽ ڄام تماچي ڄار کنيو مڇيون بيٺو ماري، ڪردار جي تبديلي ته ڏسو؛
    سميون ڪري سينگار، راءُ ريجھائڻ آئيون،
    ڄام هٿ ۾ ڄار، ڄُلي ڄٻيرين وچ ۾.

    مِيء هٿ ۾ مَڪُڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
    سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجھر تي ڪالهه هيو.
    ڪاموڏ هڪ راڳ جو نانءُ به آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”عشق تي دارومدار رکڻ“. ڀٽائيء ڪينجھر تي هڪ لازوال عشقيه داستان تخليق ڪيو. ان جو مطالعو چڱو ته ڪينجھر گھمي آيل ضرور ڪن. سنڌ ۾ سياحت جا کوڙ، اڻ ڳڻيا هنڌ آهن. انهن ۾ ڪينجھر به آهي. اميد ڪنداسون ته ڪينجھر گھمي آيل سڄڻ ڪاموڏ جو اڀياس ڪري پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا. ڀٽ ڌڻيء جي ڪلام جي گھراين، ڪردارن ۽ وايومنڊل کان واقف ٿيڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي.


    سر گهاتو

    ماحول ،ڪردار ۽ محققن جا رويا

    شاهه لطيف جي ڪلام ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا سڌو سنئون سامونڊي ماحول بحث هيٺ آيو آهي. سمنڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏاکڻن علائقن وٽ بيهڪ، سياري ۽ سانوڻ ٻنهي مندن ۾ سمنڊ جي مزاج،ننڍي پاڻيءَ کان اونهي پاڻيءَ يعني deep waters تائين جي فطري صورتحال، سمنڊ تي هلندڙ ٻيڙن، انهن ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن، انجنيئرن، خلاصين ۽ موسمي ڄاڻن، سامونڊي واپار ۽ ان جي خاص يا عام اسمن وغيره بابت توڙي سمورن هنرمندن يا ڪامين جي ڪٽنبن جا احوال، اسان اڳ ئي سُر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ تفصيل سان پڙهي آيا آهيون. ٽيون ڀيرو سامونڊي ماحول جي حوالي سان مواد مهيا ڪندڙ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو سُر آهي، گهاتو.
    گهاتو سنڌي ٻوليءَ جو قديم لفظ آهي، جيڪو سمنڊ جي نهايت اونهي علائقي ۾ مڇي ماريندڙ مهاڻن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ننڍي کنڊ جي ٻين همعصر ٻولين توڙي پراڻي سنسڪرت ۾ به گهاتوءَ جي معنيٰ مهاڻو يا مڇي ماريندڙ ٻڌائي وئي آهي، جيڪو سمنڊ جي پرانهين پنڌ تائين مڇي مارڻ هليو ٿو وڃي.
    گهاتو، ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ مختصر ۽ ننڍڙو سر آهي ۽ پاڻ وٽ ميسر سمورن رسالن ۾ هڪ ئي داستان تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ٻن ڊزن بيتن ۽ ٻن واين کان وڌيڪ مواد ڪونهي. اڪثر مُرتبن ۽ محققن وري انهن ٿورڙن بيتن ۾ به اڃا وڌيڪ گهٽتائي ڪندي، سڄي سُر جي هڪ وائي بچائي آهي ۽ اڌو اڌ بيتن جو تعداد ڦٽي ڪري ڇڏيو اٿائون. ڪنهن رسالي مان بيتن يا شعرن جو تعداد گهٽائڻ جو مطلب شايد تجارتي نڪتئه نظر کان هجي ته جيئن، شيءِ مارڪيٽ ۾ موجود ڪري ڏجي، پوءِ ٿوري ئي صحيح ، پر جڏهن معاملو هجي ڀٽائيءَ جهڙي ڪامل مفڪر ۽ سماج جي شارح جو ته پوءِ ڪجهه شعرن کي الڳ ڪري ڪتاب جي ذخامت گهٽائي ڇڏڻ مناسب ڪانه ٿي لڳي.
    خير، ڀٽائيءَ جي سريراڳ ۽ سامونڊيءَ جي علائقي وار حد بندي ڪجي ٿي ته، اهي ڀٽائيءَ جي دور جي انهن بندرگاهن جي نشاندهي ڪن ٿا، جيڪي اڄوڪي سنڌ جي اولهه - ڏکڻ وارن سامونڊي ڪنارن يعني رڻ ڪڇ جي اولهه - ڏکڻ واري اُن پٽيءَ ۾ هئا، جتي وڏا سامونڊي ٻيڙا بيهندا ۽ سامان آڻيندا ۽ نِـيندا هئا. پر گهاتوءَ ۾ اڄوڪي ڪراچي ۽ تڏهوڪي ڪلاچي ۽ سون مياڻيءَ واري بلوچستان جي ايراني ڪنارن تائين پکڙيل ان ايراضيءَ جو ذڪر ملي ٿو، جتي وچولي دور جي زماني ۾ سامونڊي واپاري ٻيڙا ته لنگهي ويندا هئا پر مڇي مارڻ وارن ملاحن کي اڄ جهڙيون سهوليتون نه هيون. ان ڪري سندن دور جا مڇيءَ جا ٻيڙا يا ٻيڙيون اڪثر ڪلاچيءَ جي ڪُن يا سون مياڻيءَ جي غير آباد پاڻين ۾ وڃي گم ٿي ويندا هئا، يا وري مانگر مڇن جو کاڄ بڻجندا هئا.
    گهاتوءَ جي ماحول ۽ ڪردارن کي محققن relate ڪيو آهي ”مورڙي ۽ مانگر مڇ“ جي پراڻي ڪهاڻي يا آکاڻيءَ سان جيڪا چيو وڃي ٿو ته، راجا دلوراءِ جي ڏينهن ۾ ٿي. آکاڻيءَ موجب ڪلاچيءَ کان ڪجهه ميل اولهه طرف سامونڊي گهوماٽو يا ڪُن پوندو هو جيڪو، ٻيڙا ماري وجهندو هو. ان ڪري مهاڻا ان طرف ڪونه ويندا هئا. ٻيو ته ان ئي گــهِـري اونهي پاڻيءَ ۾ وهيل نموني جي مڇي رهندي هئي، جنهن کي مانگر مڇ جو نالو ڏنل آهي. اها ملاح جا ٻيڙا اونڌا ڪري انهن کي ڳڙڪائي ويندي هئي. گذر بسر جي دارو مدار سبب ملاح علائقو ڇڏي به ڪين ٿي ويا ۽ مانگر مڇ سان سندن جهيڙو جاري هو. ائين هڪ لڱان سون مياڻيءَ جي مهاڻي اوباهئي جا ڇهه پٽ سرڪشي ڪري اونهي ڏانهن ٻيڙا ڪاهي ويا. ٻه ڏينهن ٿيا ته هو واپس آيا ئي ڪونه. پڪ ٿي وئي ته مانگر مڇ کين ڳڙڪائي ڇڏيو آهي. سندن ستون ڀاءُ مورڙو، جيتوڻيڪ پولئي جو ماريل معذور هو پر حرفت ڪري لوهو پڃرو ٺهرائي، ان ۾ ويهي اونهي ڏانهن هليو ويو. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ هن پڃري ۾ وجهايل واڍين کي ڇڪيو ته، ڪناري تي بيٺل وهڙن ۽ اٺن تي ٻڌل واڍرين سان پڃري سوڌو مانگر مڇ ڇڪي ٻاهر ڪڍيائون. مڇ هن پڃري کي به ڳڙڪايو هو، پر مورڙو محفوظ ويٺو هو. بعد ۾ مڇ کي ماري ان جي پيٽ مان مورڙي جي ڀائرن جا ڳريل جسم ۽ هڏا ڪڍي ڪناري تي پوريائون، جتي سندن قبرون اڃا موجود آهن. پر ان واقعي کان پوءِ صدين تائين ان علائقي ۾ مهاڻن جي ڪا وستي نه رهي ۽ هراس کان شهر ڦٽي ويا. ان برباديءَ جو ذڪر ڀٽ ڌڻيءَ هيئن ڪيو آهي؛

    جتي گهوريو گهاتئين، تتي واريءَ بُـٺ،
    سهسين ساٽي مُٺَ، سَرُ سڪو، سونگي ڳيا.

    نـڪا بُوءِ بزار ۾، نه ڪا ڇِلُرَ ڇَٽ،
    جتي ڏنڀرن جي، اڳي هُئي اَکُٽ،
    سي پِـڙَ پسيو پَـٽَ، ماڙهو وڃن موٽيا.

    هڪ هزار سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، جو اولهه ۽ اوڀر جي سامونڊي مسافرين جو سلسلو جاري آهي. اڄ شپنگ کي سڀ کان اهم انڊسٽري سمجهيو ٿو وڃي، پر اونداهي، جاڳرتا ۽ وچولي دورن ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ٻيڙن جي اچ وڃ جا اهڃاڻ ملن ٿا. ٻيو ته ٺهيو، عيسوي سن کان ٽي سو سال اڳ جي يوناني ملاحن، خلاصين ۽ فوجي ٻيڙن جو ذڪر به ڪتابن ۾ ملي ٿو، جڏهن سڪندر اعظم سنڌ فتح ڪرڻ آيو. تڏهن کان ڪلاچيءَ جي اونهي ڪن ۾ متان ڪي وڏا ٻيڙا موسمي حالتن سبب غرق ٿيا هجن، جن ۾ سنڌي ملاحن جا رڇَ وڃي ڦاسندا هئا! ڏسو؛

    ڪو جو ڪهر ڪلاچ ۾، گهڙي سو نِئي،
    خبر ڪونه ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊئا!؟

    سڏ نه سجهي ساٽئين، ڪُن ڪلاچيءَ پار،
    ڪنهن ٻئي تڙ نهار، گهاتن سندا مڪڙا!
    سامونڊي سفر ۽ مصيبتن جي ڄاڻ رکندڙ معلم، ملاح ۽ خلاصي ڪلاچيءَ جي ڪُن کان هٽي پرتي ٿيندا هئا، ڇو ته اونهي جي اسرار سندن متيون منجهائي ڇڏيون هيون؛

    گهنگهريا گهڻ ڄاڻ، مُوڙهي مَت مهائيين،
    ويا گڏجي وير ۾، پـيـا مـنهن مهراڻ،
    اڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارن وسري.

    مهراڻ لفظ بابت اڳ به بحث ڪيو اٿئون ته، ڀٽائيءَ اڪثر سنڌ واري سمنڊ کي، جيڪو اڳتي وڃي عربي سمنڊ ۾ پئي ٿو، ان کي مهراڻ سڏيو اٿس. ڪلاچيءَ جي ڪن وٽ به ملاحن جا صدين تائين ميڙاڪا رهيا آهن. هاڻي ته اهو علائـقو جپاني، آمريڪي، ڪوريائي، ٿائي، بنگالي، هندوستاني ۽ ٻين ملڪن جي ملاحن جي شڪار جو خاص علائقو آهي، پر پراڻي دور ۾ به سنڌي ۽ بلوچ ملاح بهادريءَ سان ان هنڌ شڪار ڪندا هئا. ڀٽائيءَ جو ڪلام هن ريت ان ڳالهه جو شاهد آهي؛

    اوهين جا لُڏو لوڏ، ايءَ پر گهـاتوُئـڙن جـي،
    ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سُکِ نه ستا ڪڏهين.

    اونهي جي آگاهيءَ لاءِ ڀٽائيءَ وٽ معيار ڏسو ته هو، مهاڻن کي سمنڊ جي گهرائين ۾ وڃڻ لاءِ گهربل تيارين ۽ تقاضائن کان ڪيئن ٿو هوشيار ڪري؛

    جيئن جهينگا پائين جهول ۾، ائين نه مرن مڇ،
    سَـٻَــرَ ڌار ســمــونڊ جــا، ڪــي رائــو رڱي رڇ،
    هـي ڇـارون ۽ ڇـڇ، اڃان اوڙاهه اڳـاهـون ٿيـو.

    ڪلاچيءَ جي ملاحن مانگر مڇ کي نيٺ حرفت سان ماريو، جنهن جو ذڪر به گهاتوءُ ۾ ڀٽائيءَ هن طرح ڪيو آهي؛
    گهُـوريندي گهُـور پيا، اَگهُـور گهُـوريائون،
    مانگر ماريائون، ملاحن مُـنـهـن سَنُرا.

    سر گهاتوءَ جي هڪ وائي؛ ”جڪس جهليا مڇ، گهاتو گهر نه آئيا“، هر رسالي ۾ آهي، پر بمبئيءَ ۽ قليچ وارن رسالن ۾ جيڪا وائي آهي سا سُر سامونڊيءَ واري ماحول جي ڏسجي ٿي؛

    - هُو جي ويا مون هڻي،الا تن جڙ جڏي ڪئي...
    - بندر مـٿـان بارَ سـي، ويــڙا ڪالهـه کڻي...
    - سامونڊيـن سڙهه سنباهيـا، ڇني تن تڻي...
    - لائينديس لـنڱن کي، سـنـدي پـريـنءَ پـڻـي...
    - ان سـان عبداللطيف چئي، ميڙيـندوم ڌڻـي...


    سُر سورٺ

    ڀٽ ڌڻيءَ جي رسالي جي سر سورٺ جي مطالعي کان اڳ ضروري آهي ته، ان ۾ جنهن هڪ داستان جي واقعن ۽ حادثن جي پس منظر سان شعر جوڙيا ويا آهن، ان جو مختصر ذڪر ڪجي. سر سورٺ سنڌ جي اوڀر- ڏکڻ جي هڪ عجيب و غريب واقعي جي داستان سان منصوب آهي، جنهن جهڙو ٻيو واقعو دنيا جي تاريخ اندر ڪجهه صديون اڳ جي برطانيا ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن راڳيءَ يا مڱڻهار کي انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو هو. پر سورٺ واري داستان جو واقعو بنهه نرالو ۽ انساني تاريخ جو اڪيلو واقعو آهي، جنهن ۾ راڳ ۽ ساز کان متاثر ٿي هڪ ماڻهو قدر ڪندي پنهنجي سسي لاهي انعام ۾ ڏئي ڇڏي.
    ميسر معلومات مطابق، ڪنهن سمي سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر واري ڪنڊ تي ڪاٺياواڙ علائقي ۾ جهونا ڳڙهه رياست جو حاڪم راجا راءِ ڏياچ ڏاڍي شان ۽ دٻدٻي سان راڄ ڪندو هو. تڏهن دنيا جي مختلف علائقن وانگر ننڍي کنڊ ۾ ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ثقافتن وارا ماڻهو ننڍڙين رياستن جي انتظامي سرشتي اندر رهندا هئا. جهونا ڳڙهه جي راجا راءِ ڏياچ کي هڪ ڀيڻ هئي جنهن کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. هوءَ رياست جي ڪيترن ئي بزرگن وٽ اولاد پنڻ لاءِ ويندي رهي هئي، هڪ ڀيري هڪ بزرگ هن مائيءَ کي ٻڌايو ته کيس پٽ ضرور ڄمندو، پر اهو سندس ڀاءُ راءِ ڏياچ جو سر لڻندو.
    مائيءَ جو ڀاءُ جي سر وڃڻ جي ڳالهه ٻڌي سو چيائين ته، اهڙو پٽ ئي گهوريو جيڪو ڀاءُ لاءِ موت جو پيغام بڻجي ۽ سندس سر لاهي. پوءِ به کيس حمل ٿيو ۽ پورين مهيني کيس پٽ ڄائو. پٽ ڄمڻ شرط کيس ڀاءُ راءِ ڏياچ جي سر جي ڳڻتي اچي لڳي، سو ڇا ڪيائين جو، هڪ پيتي ڪاٺ جي اهڙي ٺهرايائين جنهن ۾ ٻارڙو سمهاري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏجي ته، اها پاڻيءَ ۾ نه ٻڏي ۽ نه ٻار تائين پاڻي پهچي، ماهر ڊکڻ تجربيڪار ٻيڙياتن يا مير بحرن جي صلاح سان اها پيتي ٺاهي مائيء حوالي ڪئي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو سويل منهن اونداهي مهل ٻارڙي کي ٿڃ پياري سٺا سهڻا وڳا پهرائي ماءُ زارو قطار روئندي، پيتڙي پاڻيءَ ۾ لوڙهي ڇڏي، جيئن درياهه ان کي سامونڊي لهرن ۾ کڻي وڃي ۽ علائقي مان سندس ڀاءُ لاءِ خطرو بڻيل سندس ٻارڙو پري هليو وڃي.
    لڙيءَ منجهند جو درياهه جي ڪپ تي، ڀر واري ٻي رياست ۾ هڪ مڱڻهار پنهنجي زال سان گڏجي پاڻي ڀرڻ لاءِ آيو. هنن ڪپ تي ويهي ساهه پئي کنيو ۽ دلا مٽ ويٺي صاف ڪيا ته کين ڪاٺ جي هڪ خوبصورت پيتي لڙهندي نظر آئي.
    مڱڻهار پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي اها پيتي ڪناري ڏانهن کڻي آيو. جان کڻي کولين ته ان ۾ هڪ سهڻو ٻارڙو ڀلي سٺي جوڙي ۽ ململ جي رومالن سان ويڙهيو پيو ٻولڙيون ۽ هونگرون ڪري. سڄي جڳ کان لڪائي مڱڻهار اهو ٻارڙو گهر کڻي آيو ۽ ٻنهي زال-مڙس فيصلو ڪيو ته اهي هن ٻار کي پٽيلو ڪري پاليندا. ان ٻارڙي جو نالو رکيائون ٻيجل، ٻيجل کي ننڍڙي ڄمار ۾ ئي موسيقي ۽ ساز آواز جو ماحول گهر ۾ مليو، سو سندس طبع ۾ راڳ ۽ ساز رچندو ويو. هو مختلف ساز ۽ خاص ڪري چنگ ساڻ ڪري جهنگل ۽ ٻيلن جي گهاٽن وڻن ۾ پکين ۽ جانورن جون ٻوليون به ٻڌندو هو ۽ چنگ تي پکين جون ٻوليون نقل ڪندو، آلاپ ڪندو ڳائيندو وتندو هو.
    ايئن گهمندو، سير ڪندو، ٻيجل هڪ گهاٽ کان اچي لنگهيو ته سندس ڪنن تي هڪ عجيب ساز جو آواز پيو. هن ڪنائي وڃي هڪ وڻ تي نهاريو، جنهن تي ڪيترائي پکي پکڻ ۽ وڻ جي چوڌاري جانور مڙيا اهو ساز ٻڌي رهيا هئا. چتائي نهاريائين ته وڻ تي هڪ مئل هرڻيءَ جو هڏائون پڃرو ٽنگيل ڏٺائين جنهن جي پيٽ ۽ پاسيرين وٽان لڙڪندڙ آنڊن سڪي وڃڻ ڪري تارون ٺهي ويون هيون، جن کي هوا پئي لڳي ته اهو من موهيندڙ آواز پئي نڪتو جنهن تي پکي ۽ جانور مڙي آيا هئا.
    ٻيجل وڻ تي چڙهي هرڻيءَ جي سڪل آنڊن کي ڇڪي هٿ ڪيو ۽ گهر اچي، انهن مان تارون ٺاهي پنهنجو ساز بڻايائين. ساز وڄائڻ ۽ آلاپ جي تربيت ته سندس گهر ۾ ٿي هئي، سو هن نئين ساز سان ٻيجل اهڙو ته مانوس ٿي ويو، جو ڏينهن رات گهر توڙي ٻاهر وتندو هو ساز وڄائيندو ۽ آلاپ ڪندو. سندس هن ساز ۽ آواز سڄي علائقي ۾ کيس مشهور ڪري ڇڏيو. جتان ٿي لنگهيو، ماڻهن جا ميڙاڪا لڳي ٿي ويا، پر هو هر ڳالهه کان بي نياز پنهنجي ڌن ۾ ساز وڄائيندو ڳائيندو پئي وتيو.
    جڏهن راءِ ڏياچ جي ڀيڻ کي ٻيجل ڄائو هو، تنهن زماني ۾ ئي ڀر واري رياست جي راجا اني راءِ جي زال کي اٺين ڌيءُ ڄائي. ڦالون وجهندڙ اني راءِ کي ٻڌايو ته اها اٺين ڌيءَ سندس لاءِ پريشانين جو ڪارڻ بڻبي، اهو ٻڌي، زال سان صلاح ڪري، هن ننڍڙي ٻالڪيءَ کي هڪ سهڻي پيتيءَ ۾ وجهي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائون. اها پيتي لڙهي وڃي راءِ ڏياچ جي رياست ۾ نڪتي ۽ ڪناري سان اچي بيهي رهي.
    ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ ڪنڀر رتن صبح جو ٿانون لاءِ درياهه ڪناري چيڪي مٽي پٽڻ لاءِ آيو ته سينگاريل پيتيءَ تي نظر پيس. هو پيتيءَ سوڌو گهر پهتو ۽ زال سان گڏ جي جان کڻي پيتي کولين ته هڪ شاهي ٻارڙي اوچن ڪپڙن ۾ ويڙهيل ڪڏ ڪيون ڏئي پئي ٻولڙيون ڪري. ڪنڀر رتن ۽ زالس کي اولاد نه ٿيندو هو، سو غنيمت ڄاڻي هنن هن ٻالڪيءَ کي پاليو ۽ نالو رکيائونس سورٺ.
    سورٺ کي ڪنڀر رتن ۽ سندس زال ڏاڍي ناز سان پاليو. هو جوان ٿي ته، سندس سونهن جي هاڪ ٻنهي، راجا اني راءِ ۽ راءِ ڏياچ جي رياستن ۾ هر طرف پکڙجي وئي. اها هاڪ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي پيءُ، اني راءِ جي ڪنن تائين به پهتي. هاڻي سورٺ ڇاڪاڻ ته راءِ ڏياچ جي علائقي ۾ پئي رهي ان ڪري اني راءِ کي اهو خيال ئي ڪونه آيو ته، هو ڪا سندس ڌيءَ به ٿي سگهي ٿي. اني راءِ ڪنڀر رتن کي چورائي موڪليو ته سورٺ جو سڱ ساڻس ڪيو وڃي، پر جڏهن راءِ ڏياچ کي اها سُڌ پئي تڏهن هو رتن تي ڪاوڙيو ته، رياست کان ٻاهر سورٺ جو سڱ ڇو ٿيندو. رتن کي ههڙيء ماجرا جي خبر ئي ڪانه هئي سو، پهريائين ته منجهي پيو پر پوءِ اهو سوچي ته، راءِ ڏياچ جي راڄ ۾ رهڻو آهي ۽ سورٺ کي راڄ راڻي بنجڻ جو موقعو به آهي، سو سورٺ راءِ ڏياچ سان پرڻجي وئي.
    راجا اني راءِ سورٺ جي شاديءَ جي خبر ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ لشڪر چاڙهي جهونا ڳڙهه جي قلعي تي حملو ڪيائين. راءِ ڏياچ قلعه بند ٿي ويهي رهيو ۽ ٻاهران قلعي جو گهيرو ڪري اني راءِ هڪ سال تائين قلعي فتح ڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو. نيٺ جنگ لڳي ۽ اني راءِ جي ٿڪل فوج شڪست کائي موٽي وئي.
    هار کاڌل اني راءِ کي سورٺ نه ملي سگهڻ ۽ شڪست وڌيڪ چيڙائي وڌو ۽ هن ٻيو چارو نه ڏسي اعلان ڪيو ته، جيڪو راءِ ڏياج جو سر آڻي ڏيندو، ان کي سونين اشرفين جو ٿالهه انعام ۾ ڏنو ويندو.
    ٻئي طرف راءِ ڏياچ علم ۽ فن جو گرويده هو. مختلف علائقن جا موسيقار ۽ گويا سندس درٻار ۾ فن اچي پيش ڪندا هئا ۽ وڏا انعام اڪرام حاصل ڪندا هئا.
    راجا اني راءِ جا سفير سونين اشرفين جا ٿالهه سڄي رياست ۾ گهمائڻ لڳا. جڏهن اهي ٻيجل جي گهر وٽان لنگهيا ته ٻيجل جي زال لالچ ۾ هڪ ٿالهه وٺي پاڻ وٽ رکيو ۽ ٻيجل کي چيائين ته ساز کڻي راءِ ڏياچ جي درٻار ۾ وڃي. پهريائين ته ٻيجل نه مڃيو پر پوءِ زال جي ٽيڪن کي ڏسي پنهنجو ساز کڻي راءِ ڏياچ جي درٻار ۾ لنگهي آيو.
    راءِ ڏياچ جي درٻار تائين پهچندي سندس ساز تي لکين پکين جا ميڙاڪا ٿي ويا ۽ جو جتي هو سو اتي ساز جي جادوءِ ۾ گم ٿي ويو. هرڻيءَ جي سڪل آنڊي جي تارن مان نڪتل سرن راءِ ڏياچ کي گهائي وڌو. هن ٻيجل کي چيو ته جيڪو گهرين سو گهر، تنهنجي فن جو ڪو ملهه ئي ڪونهي، ٻيجل راءِ ڏياج کي سر جي صدا هنئي؛


    پرديسيان پنڌ ڪري، هلي آيو هت،
    جا جڪ اُڀو جت، سر جون صدائون هڻي.

    تو در آيس راڄيا، ٻيا در دور ڪري،
    دُولهه! تو درٻار ۾، آيس پير ڀري،
    مڱڻو آئون نه مـــال جو، منهنجو پنڌ پري،
    وري ڪين وري، مٿي ڌاران مڱڻو.

    ساز جي محفل هلندي رات ٿي وئي، ساز جو جادو هر ڪنهن تي اهڙو طاري ٿيو جو ڪنهن کي ڪا ڪل ئي نه پئي ته رات پوري ٿي چڪي.

    ساري رات صاحب کي، ڳڙهه ڀر ڳايائين،
    اُٺس ماڻڪ مينهن جئـن، هٿ نه ڇُتائين،
    تي لائق لڌائين، جئن هو ميراثي مڱڻو.

    انعام ۾ سر جي صدا سڄي درٻار کي پريشان ڪري ڇڏيو. سورٺ کي خبر پئي ته هوءَ سمجهي وئي ته اها سٽ اني راءِ جي سٽيل آهي. هن آهون دانهون ڪيون پر راءِ ڏياچ ٻيجل سان ”گهرڻو هجئي سو گهر“ جو وچن ڪري ويٺو هو. ڏياچ فيصلو ڪيو؛
    چارڻ! ٻولج ڪين ٻيو، جو گهرئين سوگهوريان،
    گهر، سورٺ نه پڙي، جان تند برابر توريان،
    ڳجهي آهم ڳالهڙي، آءُ اوري تان اوريان،
    ڪِ ڪلنهئون ڪوريان، ڪِ جاجڪ! جُسي سان ڏيانءِ؟!

    ٻيجل کي منڍي گهربي هئي، تنهن صدا تان نه هٽيو ۽ نيٺ ڏياچ سر ڏنو؛
    راڄا رنگ محل ۾، جاجڪُ سرزمين،
    جا هنيائين هٿن سين، سا سئي بالا بِين،
    جت اچن نه اُردا بيگيون، ات ڪوٺايو امين،
    ”تازي ڏيوس تڪڙو، جوهر پائي زين،“
    ٻيو مڱي ڪين، ڌاران سر سيد چئي.


    ڏاتار ۽ مڱڻي، ڪونه وسيلو وچ،
    سا ئي تال تندن جي، سائي چارڻ چِتِ،
    جي هُتي، جي هِت، ته ڳالهه مڙيائي هيڪڙي.

    ”مٿي اتـي منهنجي، جي هوئن سر هزار،
    ته تنهنجي تند تنوار، هر هر وڍيم هيڪڙو.“

    وڍِ سرُ، ٿيءُ سَرهو، مڪي آءُ مَ ڳاءُ،
    جاجڪ تو مٿانءُ، ملڪ مڙيو ئي گهوريو.

    ٽيئي پرتا پاڻ ۾، تند، ڪٽارو، ڪنڌ،
    تنهن جِهو ئي ناهه ڪي، جو تو چارڻ ڪيو پنڌ،
    ايءُ شڪر الحمد، جئن مٿو گهريئه مڱڻا.

    پوءِ سورٺ مري وئي. ڏياچ جي ڏاگهه واري باهه ۾ ٽپ ڏنائين. ٻيجل مٿو کڻي انيراءِ وٽ ويو ته هو دهلجي ويو ۽ ناراض ٿي ٻيجل کي احساس ڏياريائين. ٻيجل ڏياچ جي مٿي سوڌو واپس جهونا ڳڙهه پهتو ۽ باهه ڏسي ان ۾ ٽپو ڏئي پاڻ به سڙي مئو.

    گل ڇنو گرنار جو، پِٽڻ ٿيون پٽين،
    سهسين سورٺ جهڙيون، اڀيون اوسارين،
    چوڻا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
    نـاريون ناڏ ڪرين، راڄا رات رمگيو.

    سورٺ مئي، سک ٿيو، خيما کنيا کنگهار،
    نه ڪي راڳ نه روپ ڪو، نه ڪا تند تنوار،
    تهان پوءِ مڱڻهار، ڏنو سر ڏياچ کي.


    سر ڪيڏارو

    ڪيڏارو اصل ۾ هڪ عرب داستان آهي، جنهن جي حقيقت هجري سن جي ڇهين ڏهاڪي ۾ واقعه پذير ٿي. ان واقعي ۾ پيغمبر اسلام جي ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه السلام حاڪم وقت يزيد سان اصولن تي مهاڏو اٽڪايو، جنهن ڪري سندس زندگي توڙي سندس ڪٽنب وارن ۽ گڏوگڏ سندس پيروڪارن ۽ سچن ساٿين جون زندگيون، ظالم حاڪم جي اکين ۾ تير تي چڀڻ لڳيون. اختلاف جڏهن شدت اختيار ڪري ويا ته، امام عالي مقام عربستان کي قربان گاهه بنائڻ بدران سڀ سور پنهنجي سر تي کڻي، نتيجا ۽ Consequences به پنهنجي ئي سر تي قبولي، پنهنجي سرزمين تان ساٿين سميت ڪوچ ڪيو. سفر جي ڏاکڙن ۽ ظالم حاڪم جي ظلمن کي منهن ڏيندو، امام جو هي قافلو هڪ ٻئي اڀرندي ملڪ عراق جي علائقي ڪربلا ۾ پهتو ته، يزيد جي فوجن سندن قافلي جو گهيراءُ ڪيو. قافلي ڏانهن ان پاڻيءَ جي رسد بند ڪئي وئي ۽ مٿن بيگناهه جنگ مڙهي وئي. مظلوم قافلي، يعني نبيءَ جي اولاد تي مڙهيل هن جنگ ۾ مظلوم قافلي جي وڏن، ننڍن، عورتن، نياڻين، مددگارن ۽ ملازمن پوري بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ هر مرحلي تي ايڏي جرئت ۽ بردباريءَ سان صورتحال کي منهن ڏنو جو هڪ تاريخ، رت سان وهنتل تاريخ رقم ٿي. ظالم حاڪم قيامت تائين ڦٽ لعنت جو حقدار بڻجي ويو ته، ٻئي طرف مظلوم جي بهادري انسانيت جي اعليٰ ۽ بهادرانه قدرن جا بنياد رکيا، جن تي باقي دنيا عمل ڪندي هميشه فخر محسوس ڪندي رهندي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيتوڻيڪ امام عالي مقام ۽ امام الشهداء حسين عليه السلام جو اولاد هو، پر هن پنهنجي ڪلام ۾ مائٽي مٽيءَ جو حوالو ڏيڻ بنا، هڪ فلسفي ۽ مفڪر توڙي جنگي تاريخ نويس وانگر ڪربلا جي واقعي کي پنهنجي شعرن ۾ قلمبند ڪيو، جنهن کي ڪيڏاري جو نالو ڏنو ويو.
    شاهه، ڪيڏارو ڪهڙيءَ عمر ۾ لکيو، ان بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، البت جذبي ۽ احساس جي شدت، منظر نگاريءَ ۽ رويي کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته، ڀٽائيءَ ڪيڏارو 35 سالن جي ڄمار کانپوءِ چوڻ شروع ڪيو ۽ سٺ سالن جي ڄمار تائين چوندو رهيو. شاهه جي ڪيڏاري کي ترتيب ڏئي ڇاپيندڙن ان جا ڪل ڇهه حصا ڪيا آهن، جن کي داستان يا فصل جو نالو ڏنو ويو آهي. ان ترتيب موافق شاهه جي ڪيڏاري جي پهرئين فصل يا داستان ۾ مسلم ڪئلينڊر جي پهرئين مهيني محرم الحرام جي سال کان پوءِ ڦري موٽي اچڻ جو ان معنيٰ ۾ ذڪر ڪيل آهي ته، مهينو موٽيو آهي ۽ سيد شهزادن جو غم هڪ ڀيرو وري مسلم دنيا تي طاري آهي؛
    ڏٺو محرم ماهه، سئونچو شهزادن ٿيو،
    مڪي، مديني، ماڻهئين، رنو مٿي راهه،
    تنهن واحد کي واهه، جو حڪم ههڙائي ڪري.
    هن داستان جي بيتن ۾ سيد شهزادن جي قافلي کي ميدان شهادت ڏانهن روان دوان ڏيکاريو ويو آهي ۽ سلسلي کي ملائڻ خاطر مرتبن ضمني طور هن داستان جي آخري بيتن ۾ شهادت جو ذڪر به ڪيو آهي؛
    سـخــتي شــهادت جــي، نســورو ئــي نــــاز،
    ڪي رند پروڙين راز، قضئي ڪربلا جو،
    پهرئين داستان جي پڄاڻيءَ تي آيل سرائڪي وائي؛
    ميندي لاوڻ ڏي، جيئين شاهه،
    ميندي لاوڻ ڏي، قاسم شاهه سيج وڇاوڻ ڏي.
    شهيد سيد شهزادن بابت چيل ڪنهن سرائڪي شاعر جي وائي آهي، جيڪا ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ مينديءَ جي رسم تي فقيرن پاران لکي ڇڏي ٿي ڏسجي، جيڪا پوءِ رسالي ۾ به ڇپجي محفوظ ٿي وئي. اها وائي ساڳئي واقعي بابت آهي، پر ڀٽائيءَ سرائڪي بيت ۽ وايون ڪونه لکيا.
    ڪيڏاري جي ٻئي فصل يا داستان ۾ يزيد کي سڌو مخاطب ٿي، شاهه چتاءُ ٿو ڏئي ته، عليءَ جي اولاد سان اُچائي يزيد جنهن خوشيءَ يا عيد جو تصور ڪيو آهي، اها هو ڪڏهن نه پسندو ۽ خاص ڪري اها عيد جا حسين جو مقدر آهي؛
    جهيــڙو لاهه يزيد، عليءَ جي اولاد سين،
    سا نه پسندين عيد، جا هوندي مير حسين سين.
    هن داستان ۾ شاهه امام حسن جي اڳ ئي شهيد ٿي وڃڻ جو حوالو ڏيندي، امام حسين کي هن جنگ ۾ هڪ طرح اڪيلو ٿو ڀانئين، ڇوته حسن جهڙا ڀائر ٻانهن جو ٻل هوندا آهن؛
    حسن ناهه حسين وٽ، ٻيلي، نه ٻانهون،
    ساڻيهه شــهــزادن جــو، آهي اڳــانهون،
    يــزيد جُلاهون، تيلانهن ڪري تڪڙيون.
    شاهه، ڪيڏاري جي هن داستان ۾ ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان غم نه ڪندڙن جي رب تعاليٰ وٽ بخشش جي مڙني امڪانن کي رد ٿو ڪري؛
    حَسن مير حُسين جو، جن نه هينئڙي جار،
    خالق رب جبار، ڪين مرهيندو تن کي.
    ٻئي داستان جي آخر ۾ اردو وائيءَ جون ٻه سٽون آهن جيڪي ڀٽائيءَ جون ناهن.
    ٽئين داستان ۾ اهلبيتن جي ڪربلا پهچڻ جو ذڪر آهي ۽ گڏوگڏ جنگ شروع ٿيڻ جو به، جنهن ۾ مصر ۾ ٺهيل ترارين سان جنگ جا منظر به ملن ٿا؛
    ڪامل ڪربلا ۾، اهلبيت آيا،
    ماري مصرين سين، تن ڪافر ڪنبايا،
    سَچُ ڪِ بيبيءَ ڄايا، ههڙا سورهه سپرين.
    جنگ ۾ بهادريءَ جو نشان آهي سامهون ٿي وڙهڻ نه ڪي پٺي ڏئي ڀڄڻ، ڀٽائي ان بهادرانه قدر کي اجهو هن ريت بيان ڪيو آهي؛
    ڀــڳــو آءٌ نــه چــوان، مــاريــو تــه وسهان،
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
    تــه ڪــرلــڄ مــران، جــي هؤنس پٺ ۾.
    ڪيڏاري جي چوٿين داستان ۾ پيغمبر اسلام ۽ عليءَ جي پٽ حسين جي آڪهه سان ڪربلا ۾ وهيل منظر ئي اچن ٿا، مثال طور؛

    ڪا جا ڍُري ڍنگري، ڪو جو وريو واءُ،
    علي شير وياءَ، رڻ ۾ پين راتڙي،
    جنگ جو منظر اجهو هن کان وڌيڪ شدت آميز ڇا ٿو ٿي سگهي؛
    بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن،
    وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪاريو هڻن،
    ڪرن ڪنڌ نچن، رڻ گجيو، راڙو ٿيو.
    امام حسين جي قافلي جا سڀ فرد، مرد توڙي عورتون ۽ ٻار سڀ پنهنجي جاءِ تي اعليٰ ڪردار جا مالڪ هئا ۽ هميشه زنده جاويد رهندا. پر حر جي قرباني به انوکي آهي. هو حاضر ٿيو ته ڀٽائيءَ سندس آڇيل جند جو نقشو اجهو هيئن چٽيو؛
    حر هلي آئيو، مانجهي مردانو،
    آهي عاشق آڳ جو، پتنگ پروانو،
    هيءُ سر سمانو، گهوٽ مٿان ئي گهوريان.
    ۽ پوءِ جڏهن هو به شهيد ٿيو ته، سندس بهادريءَ سان وڙهيل جنگ جو احوال ڀٽائي اجهو هنن ٽن سٽن ۾ هيئن ٿو ڪري، ڇو ته هو ٻئي پارجو هو؛
    هئي هراڻي حر کي، گهوريس آءٌ مٿان،
    چڙهي آيو جنگ تي، هلي هُنِ پاران،
    ايندي چيائين امام کي، ”گهوريس آءٌ مٿان“،
    ”لايڪلف الله الا وُسها،“ جيڪا پڄنديم سا،
    گهوٽ به لڳا گهاءَ، سوپڻ شير شهيد ٿيو.
    ڪيڏاري جي پنجين ۽ ڇهين داستانن ۾ آخري جنگ جا منظر آهن، جن ۾ حسين عليه السلام جي معصومن، ساٿين ۽ ڀائرن توڙي سندس پنهنجي شهادت جا دلسوز منظر اچن ٿا، جن ۾ ڀٽائيءَ جي اظهار ۽ منظر نگاريءَ جو انداز نرالو آهي؛


    ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهونءَ ڪڻ جيئن،
    چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، پڙ ۾ پاڳڙياس،
    ميڙي ۾ محّمد جي، مَـرُ مُرڪي مائس،
    تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿيو.

    چــار تراريون چيلهه سين، ٻڌي ٻه پاڳون،
    اڳين جون آڳون، ڪؤنر ڪلي ۾ موکيون.

    ڪربلا ڪڪوري، دلدل رتا پير،
    سَٽون ڏيندي شير، مٿان سج به مُرڪيو.
    پنجين داستان جي آخر ۾ وري اردوءَ جي وائي اچي ٿي، ايئن اڪثر وايون ٻين ٻولين ۾ هجڻ ڪري لڳي ٿو ته، اهو اڪيلو سُر يعني ڪيڏارو ئي آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ وايون ڪونه لکيون آهن. هونئن به وائي ڳائڻ جي صنف آهي ۽ مسلمانن ۾ شهداءِ ڪربلا سان ٿيل ظلم سبب محرم ۾ راڳ حرام هوندو آهي، ان ڪري ڀٽائيءَ به اها روايت برقرار رکندي وايون ناهن لکيون. وائين جي جاءِ تي اردو ۽ سرائڪي ڪلام گهڻو تڻو ماتم جو تاثر ڏِئي ٿو. هڪ اڌ وائي ٺيٺ سنڌيءَ ۾ آهي ته به ماتم بابت ئي آهي ۽ جي اهي وايون، جيڪي سنڌيءَ ۾ آهن، ڀٽائيءَ سان منسوب ڪجن، ته به اهي پنهنجي مفهوم اندر ماتام لاءِ آهن نه ڪي ڳائڻ لاءِ.
    نيڪيءَ ۽ بديءَ جي جنگ ازلي آهي، سدائين جاري رهڻي آهي، سچ ڪوڙ اڳيان ڪڏهن به هارائڻو ناهي. ان حقيقت کي ڀٽائي سورهيائيءَ جو نانءُ ڏئي ٿو، اها سورهيائي جنهن ۾ سوڀ آهي، فتح آهي. سچ کي سدائين فتح حاصل آهي، وقتي طور جي ان جي هار نظر اچي ته اها هار نه چئبي، ضمير جو اطمينان فتح جو ٻيو نالو آهي پر ان سوڀ لاءِ وهم هٿان ڇڏڻا پوندا، دل جا وسوسا ختم ڪرڻا پوندا، وڙهڻو پوندو. ڀٽائيءَ ان ازلي جنگ جو طريقو ٻڌائيندي ڪيڏاري ۾ چيو؛
    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

    هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪُ،
    وجهن تان نه فرق، رُڪ وهنديء راند ۾.

    ۽ جڏهن امر آيو ته قضا ڪيئن ٽرندي؛
    گهوڙو گهوٽ پلاڻيو، مٿس زين ڌري،
    علي شير پٽن کي، اڀو سڏ ڪري،
    قضا ڪيئن ٽري، امُـر الاهـي آئيـو.


    بهادر گڏيا بهادرين...

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي ڪلام ۾ سر ڪيڏارو اهڙو سر آهي، جنهن ۾ پهرين صدي هجريءَ جي پڄاڻيءَ تي عرب ۽ اسلامي دنيا اندر ٿيل هڪ اهڙي واقعي جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن ۾ الله جي آخري رسول محمد ﷺ جي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين، پيارن ڏوهٽن سان ان تاريخي ظلم جو بيان ملي ٿو، جنهن سڄي اسلامي دنيا هڪ طرف ته انساني تاريخ ۾ ٻئي طرف المئي جو هڪ عجيب داستان رقم ڪيو. هڪ طرف اقتدار جي بکئي حاڪم ۽ سندس طاقتور فوج جو ظلم هو، ته ٻئي طرف منو سؤ مجاهد جن کي جنگ پسند به ڪانه هئي ۽ نه ڪنهن رتوڇاڻ جو ڪو بندوبست نه هٿيار پنهوار. هنن مجاهدن جي اڳواڻي رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو پيارو ڏوهٽو حضرت امام حسين عليه السلام ڪري رهيو هو.
    شاهه جي ڪلام ۾ اسلامي دنيا ۽ انساني تاريخ جي هن دردناڪ المئي جا مختلف واقعات ۽ حادثات بيتن ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جن ۾ مرحليوار واقعات جو بيان ملي ٿو، جيتوڻيڪ شاهه جي ڪلام جي مرتبن ڪلام جي ترتيب تي اوترو توجهه نه ڏنو آهي، جيترو ڏيڻ گهربو هو. ڀٽائيءَ جي رسالي جي ڪا مستند ڇپائي سنڌ جي هن لافاني ڪلام جي ضرورت رهي آهي، جا اڃا پوري نه ڪئي وئي آهي. اٽلندو سنڌ جي جديد فڪر جي هڪ ساڃهه ڀرئي مفڪر ۽ فلسفي علامه آءِ آءِ قاضي کي جڏهن اڌ صدي کن اڳ ڀٽائيءَ جي هڪ مستند رسالي جي تياري ۽ ترتيب لاءِ ڪم سونپيو ويو ته هن صاحب مورڳو شاهه جي رسالي مان سر ڪيڏارو اهو چئي ڪڍي ڇڏيو ته، هي شاهه صاحب جو ڪلام ٿي نه ٿو سگهي. ان ريت جڏهن 1968ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو رسالو سرڪاري طور ڇپجي پڌرو ٿيو ته، ان ۾ ڪيڏارو موجود ئي ڪونه هو، جنهن ڪري شاهه جي ڪلام سان محبت رکندڙن کي ڏاڍي مايوسي ٿي. علامه قاضيءَ کان علاوه شاهه جي مرتبن مان ٻئي ڪنهن به ڪيڏاري کي رسالي کان الڳ نه ڪيو آهي ۽ سڀني ڪيڏاري کي رسالي ۾ ضرور شامل ڪيو آهي.
    ڪيڏاري جو موضوع ڪربلا جو واقعو آهي، جيڪو نبي ڪريم جي هجرت کان ڪي 95 سال پوءِ رونما ٿيو. جيئن اڳ به چئي چڪا آهيون ته شاعري واقعات کي هروڀرو تاريخوار قلمبند ڪرڻ وارو عمل ڪونهي. اهو ڪم نثر وسيلي ڪيو وڃي ٿو. البت شاهه جي ڪيڏاري اندر ڪربلا جي واقعي جا اهي سڀ مرحلا موجود ٿا ڏسجن، جيڪي ڪربلا جي پس منظر ۽ پيش منظر سميت سڄي واقعي کي بيان ڪن ٿا.
    مثال طور، امام عالي مقام حضرت حسين عليه السلام جو قافلو مديني مان نڪري ٿو ته، ان جو بيان ڀٽ ڌڻي هن ريت ڪري ٿو؛
    مير مدينئا نڪري، رڙهيا مٿي رند،
    گهـوڙا تـن گهوٽن جا، پُريا مٿي پنڌ،
    جتي رهيا راتڙي، سي سونهارا هنڌ،
    ڪُلها، ڪرنگهر، ڪنڌ، جُهرن جهونجهارن جا.
    هڪ دردناڪ ۽ المناڪ جنگ جو ادراڪ امام حسين عليه السلام کي ان وقت ئي ٿي ويو هو، جڏهن هن، وقت جي خليفي يزيد جي بيعت مڃڻ کان انڪار ڪندي سفر جا سانباها ڪيا. ان ڪري ئي هن قافلي کي سفر جي سامان جي تياريءَ جو به حڪم ڏنو، سفر جي تياري ۾ گهربل سامان سان ٻارڻ، ڪاٺي ڀانگي ۽ جانورن لاءِ گاهه پٺي جي پڻ ڳڻتي ڪئي وئي هئي، جنهن کي ڀٽائي هن طرح بيان ٿو فرمائي؛
    مير مدينئا نڪري، ڏيرا ڏنائون،
    ڪاٺيءَ، پاڻيءَ، گاهه کي، ماڻهو مُڪائون،
    چڙهندي چيائون، ته ٿيندي ويڙهه وڏاندري.
    سفر جي شروعات ۾ ئي ڪوفين حضرت امام کي خط لکيا هئا ته هو انهن ڏانهن هليو وڃي ته، اهي سڀ سندس مددگار به ٿيندا ۽ يزيد جي مڃتا نه مڃيندا؛
    ڪوفين ڪاغذ لکيو، وچ وجهي الله،
    اسين تابع تنهنجا، تون اسان جو شاهه،
    هيڪر هيڏي آءُ، ته تخت تابيني تنهنجو.
    مديني مان نڪرڻ مهل ئي امام ۽ سندس قافلي جي پاڻ ارپڻ، جرئت، بي ڊپائي ۽ همت جو جيڪو مظاهرو ٿيو، تنهن جا عڪس ڀٽ ڌڻي پنهنجي ڪلام ۾ هن ريت پيش ڪيا آهن؛
    چنڊ وهاڻيءَ چڙهيا، مل مدينئا مير،
    ان سين طبل باز تبرون، ڪُند، ڪٽارا، ڪِير،
    عليءَ پــٽ اميـر، ڪندا راڙو رُڪ سين.

    چنڊ وهــاڻيءَ چــڙهيا، مَل مــدينئا ڄام،
    ان سين طبل باز تبرون، نيزا ۽ نيشان،
    عليءَ پٽ امام، ڪندا راڙو رڪ سين.

    چنڊ وهــاڻيءَ چڙهيا، مَل مدينئا گهوٽ،
    ان سين طبل باز تبرون، ڪُند ڪٽارا ڪوٽ،
    عليءَ پــٽ امــوٽ، راڙو ڪندا رُڪ سين.
    ۽ هي قافلو جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ اچي ٿو لهي ته ڀٽائي اهو منظر هنن لفظن ۾ پيش ٿو ڪري؛
    ڪامل ڪربلا ۾، آيا پاڻ پيهي،
    پَـهُه ڪيائون پاڻ ۾، مقابل ويهي،
    قضا هيءَ ڪيهي، هئه هئه ٿي حسين سان؟!
    يزيد جي وڏي لشڪر جڏهن امام جي قافلي جي بنهه ٿورڙي تعداد تي ڪربلا جي ميدان تي جنگ مڙهي ته هي بهادرَ ڀٽائي هن طرح وڙهندي ٿو ڏيکاري؛
    ڪامل ڪربلا ۾، آيا سيد شير،
    ماري مصرين سين، ڍونڍ ڪيائون ڍير،
    دهليا ات دلير، پسي حملو مير حسين جو.

    ڪامل ڪربلا ۾، آيا جُنگ جوان،
    ڌرتي ڌٻي، لـرزي، ٿرٿلـيا آسمان،
    ڪرهه هُئي ڪانه، هو نظارو نينهن جو.
    ڪربلا جي جنگ جي شدت جو احساس ڀٽائيءَ کي به هو ۽ هن ان شديد نوعيت جي ويڙهه جو منظر هن ريت بيان فرمايو آهي؛
    ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا،
    ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،
    ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جني ميهڻو.

    بهادر گڏيا بهادرين، کَڙڳ کِلوِل ڪن،
    وجهن ڌڙ ڌڙن تــي، هاڪاريو، هڻـن،
    ڪرن ڪنڌ، نچن، رڻ گجيو، راڙو ٿيو.

    ڏٺو ڪالهه ڪنهين، جهونجهارڪو جهڳڙو؟
    هاٿين هڏ مڇائيا، ريلو رت نئين،
    ڀانئين سا سنئين، جئان جيءَ جوکو ٿئي.
    ڪوفين جي ٺڳي ۽ دوکيبازيءَ واري ورتاءَ کي امام ۽ ان جي قافلي ان وقت پرکي ورتو جڏهن ٻيو ته ٺهيو، هنن پاڻي پيئڻ لاءِ به نه ڏنو؛
    ڪوفي ڪربلا ۾، پاڻي نه پيارين،
    اتي عليءَ شاهه کـي، شهـزادا سارين،
    نڪريو نهارين، چڙهه مير محمد عربي.

    ڪوفين قهر ڪيو، ٿيا جماعتي يزيد سين،
    پليتن کي پڙ ۾، ورنهه وَرِ پيو،
    سڌر هـون سِهـو، شير شهادت رسيو.
    حق لاءِ جنگ ڪيئن وڙهجي ۽ ظالم سان ڪيئن اٽڪجي، ان جو شعور ۽ ادراڪ ڀٽائيءَ وٽ ڏسو ڪيئن آهي؛
    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرئين، آڏي ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

    آيا اجارين، تيغون، تراريون، تيوڙا،
    سانگيون سائُن هٿ ۾، ڪلهنئون نه لاهين،
    اُڀائي آهين، مهائي مرڻ تي.
    ڪربلا جي هن جنگ ۾ ظالم سان اٽڪايل مهاڏي ۾ امام جي قافلي اندر ڪوبه اهڙو نه هو، جنهن واپس ورڻ يا ڀڄڻ پئي چاهيو. جيتوڻيڪ امام عالي مقام سڄي قافلي کي خطاب ڪندي فرمايو هو ته، جنهن کي وڃڻو هجي سو موٽي وڃي. ڪوبه نه موٽيو ۽ نه ڀڳو؛
    ڀڳو آءٌ، نه چوان، ماريو ته وسهان،
    ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
    ته ڪر لڄ مران، جي هوئنس پـٺ ۾.
    ۽ ان درد انگيز جنگ ۾ شهيدن جون قطارون لڳيون ته هڪ بيت اندر ڀٽائي سڄي صورتحال هن طرح بيان فرمائي ٿو؛
    ڪوپـا ڪلـي ڪوڏيا، ســائُو سلحــدار،
    هــڪ ڀــائر، ٻيا ڀائٽيا، ٽيان جاني جگر يار،
    آرڙ ۾ احسان سين، صوبا ٿيا سردار،
    حورن ٻڌا هار، سهرا شهيدن کي.

    گهـوڙن ۽ گهوٽن، جيئـڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجھه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
    ۽ سڀني ساٿين گھر ڀاتين جي قتلام کان پوءِ امام خود شهيد ٿيو ته ان گھڙيءَ جو منظر ڀٽ ڌڻي هن ريت پيش ڪري ٿو؛
    ڏاهڙي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهونءَ ڪڻ جئن،
    چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، پڙ ۾ پاڳڙياس،
    ميڙي ۾ مُحّمد جي، مَـرُ مُـرڪـي مائس،
    تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿيو.

    ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته موتيءَ ڳُتيا،
    چوڏهين ماهه چنڊ جئن، پڙ ۾ پيشانياس،
    “الله نورالسماوات ولارض” جلوو زميناس،
    “سيما هم في وجوههم” منهن ۾ مڻ ڳُتياس،
    ڪڪرا ڪربلا جا، مادر ٿي ميڙياس،
    ڦٽن تان رت ڦــــڙا، عليءَ ٿي اُگهياس،
    مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.
    شاهه جي ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي دردناڪ جنگ جي منظرن کان پوءِ ٻن قسمن جا منظر اهڙا آهن، جن ۾ پکين جو ذڪر ڪيل آهي. انهن مان هڪ پکي اهو آهي جيڪو ڪربلا کان مديني منوره پهچي ٿو ۽ جنهن جا پر ۽ بدن رت هاڻو آهي؛
    پرهه پکي آئيو، ڪربلا مان ڪالـهه،
    آهه آلــودو رت ۾، هــــيءُ منجهان حال،
    گهوٽ وناهيا ڪالهه، ٻيلي مير حسين جا.
    جنهن ٻئي پکيءَ جو ڪيڏاري ۾ ذڪر ملي ٿو، اهو ڪربلا جي جنگ کانپوءِ جنگ جي ميدان ۾ ڏسجي ٿو. اهو پکي آهي ڳِجهه. ڪربلا جي جنگ واري ميدان تي جنگ کانپوءِ ڳجهون ڳارا ٿيون ڏين، پر ڀٽائي اهو منظر ۽ لاڳاپيل ٻيا منظر هن ريت پيش ٿو ڪري؛
    پاڪ جني جا پير، کٽان هيٺ نه کوڙيا،
    تنگ ترارين تِڇيا، ڇڻيو پون ڇُڳير،
    ڍونڍ تني جا ڍير، ڳجهڙين ڳلي لائيا.
    شهزادن جي شهيد ٿيل لاشن تي ڳجهن جو ڳارو ڏسو؛
    ڳجهون ڳوٺ نه هون، وتن ڪلي جون ڪوڏيون،
    حسن مير حسين کي، لميو لائون ڏين،
    کُتا اُکوڙين، چوٽا چوڙيرين جا.
    ۽ جهڙي تهڙي لاش تي اهي نه ٿيون لهن، ڪلنگي وارا ڳولهين ٿيون؛
    ڳجهڙين ڳارو، راتو ڏينهان رڻ ۾،
    ڀڻيو پڇن پاڻ ۾، ڪنهن مُنهن ڪيڏارو،
    کائن کڳ مارو، ڪانئر پيو ڪِنو ٿئي.
    ڀٽائي هن اسرار کي اسرار ئي ڪوٺي ٿو؛
    دوست ڪهائــي دادلا، محب مارائـي،
    خاصن خلـيلن کي، سختيون سهائي،
    الله الصمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
    انهي منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

    حسن مير حسين جو، جن نه هينئڙي جار،
    خالق رب جبار، ڪين مرهيندو تن کي.


    سُر آسا

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو سر آسا حقيقت ۽ مجاز جي هم آهنگيء جو اهو شاعراڻو مظهر آهي، جنهن ۾ طالب ۽ مطلوب کي هڪ ٻئي جي ويڇي کان آجو ڪري هڪ ڪيو ويو آهي. آسا جا چار داستان آهن جن جي ترتيب گذريل هڪ صديءَ کان وٺي مُرتبن بيتن جي موضوعن جي آڌار تي پئي ڪئي آهي. آسا مقامي ٻوليءَ توڙي همعصر ۽ علائقي جي ٻين ٻولين ۾ آس يا اميد کي چئجي ٿو ۽ هن سر جي معنيٰ سمورن ترجمو ڪندڙن توڙي شارحن ”اميد“ ڪڍي آهي. آسا ننڍي کنڊ جي مشترڪ سنگيت جي روايتن ۾ پڻ هڪ راڳڻيءَ جو نالو به آهي، جنهن جو مفهوم ۽ ڪيفيت به اميد ۽ آس واري نڪري ٿي. آسا راڳ رات جي ڪچڙي پهر ۾ ڳائجي ٿو، جڏهن عبادت گذار ماڻهو سڄي لوڪ سُتي پرينء کي پرچائين ٿا، سندس هيڪڙائي سان هڪ ٿين ٿا ۽ پاڻ کي فنا ڪري هڪ ڪُلّ ۾ سمائي ڇڏين ٿا.
    سر آسا جي پهرئين داستان ۾ خلقڻهار جي حقيقت کي ڪائنات جي وُسعتن ۾ ڀٽائي هن طرح تلاش ٿو ڪري؛
    لڇان ٿـي لاحـد ۾، هاديء لهان نــه حد،
    سپيريان جي ســونهن جو، نه ڪو قد نه مدُ،
    هت سڪڻ بي عدد، هُت پرينء پرواهه ناهه ڪا.
    خالق جي هيڪڙائيء جي پرک ڪرڻ کانپوءِ طالب دوئيء ۽ ٻيائيء کي ترڪ ڪري پنهنجي پاڻ کي فنائيت ڏانهن رجوع ڪري ٿو ۽ ان وقت پنهنجي هجڻ، يا وجود جي احساس کي پاڻ مان ڪڍي ٿو ڇڏي؛
    آءٌ سان ان پـار، ڪڏهن تان ڪونه ويو،
    “ان الله وِترُ وُيحبِ الوِتر”، نيئي ٻيائي ٻار،
    هيڪڙائيءَ وٽ هار، هنجون جي “هئڻ” جون.
    الله ۽ بندو ٻه مختلف حقيقتون آهن. هڪ خلقڻهار آهي ۽ ٻيو مخلوق، پر خلقڻهار جي حقيقت کي مڃڻ واري، شعور ايندي ۽ ان جي پختي ٿيندي ئي هڪ سالڪ ان کي ويجهو ٿيڻ جي پاڻ ۾ خواهش پيدا ٿو ڪري. اها خواهش جڏهن عروج ٿي ماڻي ته سالڪ يا طالب پنهنجو پاڻ خالق اڳيان ان ريت پيش ٿو ڪري. جو هو پاڻ کي خالق جي ڪل وجوديت ۾ سمايل سمجھڻ ٿو لڳي. ان حالت کي پهچندي طالب کي پنهنجي الڳ هئڻ جو احساس به ستائي ٿو ۽ نيٺ هو مطلوب يعني خالق کي ئي منٿ ٿو ڪري ته کيس الڳ هئڻ جي احساس کان آجو ٿيڻ جي توفيق ڏئي ۽ اهو ڪم بندي ۽ طالب جي وس کان ٻاهرهجڻ ڪري هو اها سگھ به خالق کان گھري؛
    ٻَـن ٻيائي سپرين، ”پاڻان“ مــون کي پَلِ،
    ”آءٌ“ اوريان جھل، توکي رسي ”تو“ ڌڻي!
    ۽ ان ڪيفيت جي احساس دوران طالب رب تعالٰي جي هيڪڙائيء ۾ ضِم ٿيڻ کان ڪنڌ ڪڍائيندڙ کي شارڪ، شرڪ ڪندڙ ۽ الله سان ٻئي ڪنهن کي شامل ڪندڙ ٿو سمجھي ۽ اهڙي احساس کي نندي ٿو. تصوف جي سمورن مسلڪن ۾ صوفيء جو رستو شرڪ کي ختم ڪرڻ وارو ملي ٿو؛
    توکي رسي ”تون“ ڌڻي، سڀوئي جمال،
    ڪونهي ٻيو خيال، جي شارڪ شرڪ وڃائيين.
    ڌڻي ان ريت حسن ۽ جمال جو اڪيلو مظهر ٿي صوفيء جي وجود تي طاري ٿئي ٿو ۽ پنهنجي پچار کي ڦٽي ڪري، هڪ طالب پنهنجي غير سنجيده، غير ذميدارانه ۽ بي جوابدرا زندگيء، ماضيء جي غلط ڪاري ۽ فڪر کي ”اعتراف“ جي هن ڪيفيت ۾ اظهاري ٿو؛
    ”آءٌ“ اوريان جھل تون، ڇڏيم پاڻ پچار،
    شرڪ ساڻ ستار، گهڻا گھاريم ڏينهڙا.
    هن مرحلي تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيء طالبن جي پنهنجي حلقي اندر رهنما ۽ پيشوا جو ڪردار ادا ڪندو نظر ٿو اچي. جڏهن سندس فقير ساڻس صحبت ڪندي شرڪ ۽ ايمان جو فرق معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ کيس ٻڌائين ٿا ته، هنن پاڻ کي فنا ڪري هُن اصل جي حقيقت ۾ اوتي ڇڏيو آهي. فقيرن ۽ طالبن جي طريقئه واردات تي پنهنجا ويچار ڏيندي ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو؛
    عين شرڪ ايءُ، جيئن بي شرڪ ڀانئين پاڻ کي،
    وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ،
    هڏهين ڪونهي ”هيءُ“، ”هُو“ پڻ ڪينهي ”هِن“ ريء.
    فنائيت جي ان احساس ۽ حق کي محسوس ڪرڻ واري عمل ۾ به خدا ۽ بندي وچ ۾ خالق ۽ مخلوق ۽ عبد ۽ معبود واري فرق کي ڀٽائي هن طرح بيان ٿو فرمائي؛
    انا عبد، معبود تون، اِت نه شرڪ نه شڪ،
    پچارون پِرينَ جون، محبتين مَرڪُ،
    سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرينء کي.
    سنڌ ۾ صوفين جو هڪ حلقو اهڙو به آهي، جن وٽ هندو ۽ آتش پرستن جي هڪ مشترڪ روايت آهي ”دونهين“ هميشه برقرار رکڻ جي. اهي صوفي سمجھندا آهن ته جتي باهه يا دونهين هميشه ٻريل هوندي اتي حق يا سچ هميشه موجود هوندو. ڀٽائيءَ اهڙن صوفين ۽ انهن جي حلقن جو مختلف سرن ۾ بار بار ذڪر ڪيو آهي. اهو جو چيو ٿو وڃي ته ڀٽائي زندگيء جا مهڙ وارا ۽ جوانيء جا رڳو ٽي سال صوفين سان ۽ سفر ۾ گذاريا، تنهن تي اتفاق ڪرڻ جو اسان کي ڪو جواز نظر نه ٿو اچي. ان جو سبب اهو آهي ته مختلف نوعيت، مسلڪن ۽ سوچ وارن ماڻهن سان ملاقاتين، ساڻن گڏ گذاريل گھڙين، ڏينهن يا مهينن جو معروضي ذڪر ڪندي به ڀٽائي ائين نظر ٿو اچي ڄڻ هو ورهين جا ورهيه انهن سان گڏ رهيو هجي. وري سندن مسلڪ يا عقيدي بابت جڏهن ڀٽ ڌڻي ويچار ظاهر ٿو ڪري ته، ڪن جي طور طريقي کي پسند ٿو فرمائي ته، ڪن کي نندي ٿو. هي ڏسو، دونهين يا ڌوڻيءَ کي سدائين ٻاري رکندڙ صوفي يا سالڪ کي آسا جي هن بيت ۾ ڀٽائي هن ريت نندي ٿو ۽ ڪُوڙو قرار ٿو ڏئي؛
    سِرُ نايو سجدا ڪرين، تَن تواضع تو نه،
    هُو جو مڻڪو مَنَ جو، سهجان سارين سو نه،
    ڪوڙا ! ٿيندءِ ڪو نه، ڌوڻئي ڦوڪئي فائدو.
    عشق حقيقيءَ جي هڪ ڪشش جي ڪيفيت طالبن ۽ سالڪن اها به بيان ڪئي آهي ته، مطلوب باز جيان هانءُ جھلي، وجود کي پاڻ طرف رجوع ڪري ٿو ڇڏي ۽ طالب جي ڪوشش بجاء مطلوب پاڻ ئي پنهنجي طرف ڇڪي ٿو وڃي، جنهن کان پوءِ طالب جي تانگھ، ورد وضيفا سڀ ڪجھ وسريو ٿا وڃن؛
    ورد وضيفا وسريا، نه ڪا رهي نماز،
    هينئڙو بحري باز، چوري ڪيو چنبن ۾.
    ۽ ان نوعيت جي نا بودي يا فنائيت ٻانهي، طالب يا سالڪ جي حيثيت کي معبود سان ملائڻ سبب اعلٰي بنايو ڇڏي. اهو ڪو ڳجو عمل آهي جنهن کي طالب بيان به نه ٿو ڪري؛
    نابُوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
    مورت جي مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،
    ڪَبِي اُت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳُجھه جي.
    رب تعالي جي هڪ صفت اها به آهي ته، اهو ڏسڻ کان پاڪ آهي، ڪنهن به کيس نه ڏٺو آهي ۽ نه ڪو ان جي دعواٰ ڪري سگھي ٿو. سڀني مقدس ڪتابن ۾ به اهو واضع آهي ۽ قرآن مجيد ۾ جيڪو مقدس آسماني ڪتابن ۾ آخري ڪتاب آهي، جڏهن رب تعاليٰ پنهنجي صفت جو ذڪر آندو ته حضرت موسيٰ عليه السلام جي ان آس ۽ حجت جو مثال پيش ڪيو ويو، جيڪا هن الله کي پنهنجو ديدار ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي. صوفي جڏهن رب کي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، تڏهن به رب تعاليٰ جي اها صفت فطري طور بيان ٿئي ٿي. جنهن ۾ الله قرآن مجيد ۾ واضع ڪيو آهي ته ”مون کي تون ڏسي نه سگهندين“. الله تعاليٰ جو اهو سخن ڀٽ ڌڻيء جي شعر ۾ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي؛
    صورت سوجهه مَ تنهن جي، تون پڻ پڇين جو،
    سخن آهي سُو، جو مُنهن مُقابل نه ٿئي.
    ”صورت سوجھه مَ تنهن جي“ جي جيڪڏهن شرح ڪجي ۽ معنيٰ ۾ مفهوم معلوم ڪجي ته واضع ٿئي ٿو ته، الله جي صورت جي ڪا تشبيهه به جوڙي نه ٿي سگھجي، ان جو ڪو تصور مقرر نه ٿو ڪري سگھجي. ڇاڪاڻ ته ان جي صفت ئي اها آهي ته، نه هو ڪنهن جھڙو آهي ۽ نه ئي ڪو هُن جھڙو ٿي سگھي ٿو.
    سر آسا جي ٻئي داستان ۾ ڀٽ ڌڻي رب تعاليٰ جي هڪ ٻئي صفت يعني بصيرت واري سگھ جو اڻ سڌو ذڪر ڪندي، انسان اندر ان سگھ يعني ڏسي سگھڻ جي اپٽار ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪائنات جي حسن کي پسڻ جي ڳالهه به آهي ته ساڳئي وقت ان حس جي عمل جا انيڪ رنگ روپ به ڏسجن ٿا. اکيون ڏسڻ جو ذريعو هجن ٿيون ۽ اهي پنهنجي ماحول اندر جو ڪجھ پسن ٿيون، اهو ڀٽائيء جي شعرن ۾ هن طرح اچي ٿو. دنيا جا مظاهر هڪ شاعر لاءِ رومان ۽ محبت جي لازوال جذبن جي داخلي صورتحال جو بيان بڻجي وڃن ٿا؛
    اڀرندي ئي سج، پرين جي نه پسنديون،
    ڪــڍي ٻيئي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي.
    اکين جي قوت انسان جي پنهنجي وس کان ٻاهر ٿئي ٿي، اهڙو اظهار دنيا جي شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر ڪيو هجي، سواءِ ڀٽائيء جي. اکيون اجھل ٿين ٿيون ۽ انهن تي ڪو ضابطو مڙهڻ ممڪن ئي ڪونهي؛
    ڪي جو ڪيڏانهين، اکيون پَسي آئيون،
    تاڻن تيڏانهين، پيئون پاڻ مهاڙيون.

    ڪـي جــو وڃــي اڄ، اکيون ڏسي آئيون،
    سيڻن جي سهڄ، لالون ڪيون لطيف چئي.
    مجاز جي لپيٽ مڙني حيوانن جي ڀيٽ ۾ انسان کي وڌيڪ متاثرڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته ان وٽ شعور جي سگهه آهي. آسا جي هن ٻئي داستان توڙي ٽئين داستان ۾ ڀٽائيءَ اکين جي بصارت جي سگهه جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر انهن اکين جي عادتن ۽ وري انهن جي بک، ڍاپجڻ ۽ ٿڪ يا آرام جو اهڙيءَ ريت ذڪر ڪيو اٿس، ڄڻ اکيون انساني جسم جو جزو هجڻ بدران، هڪ مڪمل احساس رکندڙ جسم آهن، جنهن کي مجموعي انساني شعور ۽ احساس حاصل آهن. اهي اکيون مطلوب وٽ سوکڙي ٿي وڃن ٿيون ته، اجهو اهي مطلوب جي مجلس مان هيءُ قرار حاصل ٿيون ڪن؛
    نيرانان ئي نيڻ، نيئي، آڇ پرين کي،
    ستر کاڌا کيڻ، جي پَسيو منهن محبوب جو.
    اکيون جو ڪجهه ڏسن ٿيون، ان مان خوشيءَ ۽ غم ٻنهي ڪيفيتن جو فطري رد عمل به ظاهر ڪن ٿيون؛
    اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتـون،
    سـور پرائي ڏيهه جا، وڃيــو وهائين،
    اُتي لئون لائين، جت حاجت ناهه هٿيار جي.
    ڏک ۽ غم جي احساس ۾ مبتلا اکيون ڀٽائي هن ريت بحث ۾ آڻي ٿو؛
    اکــڙين آرام، ڪڏهن تان ڪونه ڪيو،
    هيون منجهه حمام، کاڻيون کوري وچ ۾.
    انگريزيءَ جي شاعر ملٽن اکيون ضايع ٿيڻ تي هڪ شاهوڪار گيت لکيو، جنهن سڄي دنيا جي شاعرن کي متاثر ڪيو. ان گيت جي ڀيٽ ۾ ڀٽائيءَ جون هي ٻه سٽون ڏسو ڪيڏيون معنيٰ خيز ۽ سڄي صورتحال بيان ڪندڙ آهن ته بنا نور جي انسان ڪهڙي حال ۾ آهي؛
    اکيون تان عيد، ڪانهي عيد اکين ريءَ،
    خــوشــي ۽ خــريد، وئي ويچارين وسري.

    اک الٽي ڌار، وانءُ الٽو عام سين،
    جي لهوارو لوڪ وهي، ته تون اوچو وهه اوڀار،
    منجهان نُوچ نهار، وانءُ پٺيرو پرينء ڏي.
    ڀٽ ڌڻيءَ جي سر آسا جو مطالعو ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته، عشق حقيقي ۽ مجازي عشق جي تفريق کان ڀٽ ڌڻي پنهنجي هم عصرن کي، پنهنجي حلقي جي ساٿين معرفت شعر وسيلي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان بيان ڪندو رهيو هو. سندس ان شعري بيان ۾ شاعريءَ جو فن پڻ عروج تي نظر اچي ٿو. شاهه جي شارحن مان ڪوبه اهڙو اڃا نظر نه ٿو اچي، جنهن سندس سموري شعر جي شرح تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. ڀٽائيءَ جي هن بيت ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، عشق جي پرڪشش ۽ فطري جذبي ڏانهن مائل ڪنهن نئين ساٿيءَ کي ڇڪجندو ۽ ٻڏتر جي صورتحال ۾ گذرندو ساٿي اهو فيصلو ناهي ڪري سگهيو ته، هن کي ڪهڙو دڳ وٺڻ کپي، مجاز به فطري ڇڪ آهي جنهن کان لنوائڻ ماڻهوءَ لاءِ ممڪن ڪونهي، پر ڀٽ ڌڻي مجازي ۽ حقيقي عشق جي لازوال جذبن ۽ ادراڪ ڏانهن هڪ ئي هنڌ هن ريت اشارو ڪري ٿو؛
    موهيندءِ مجاز، گهڻين ٿورين ڏينهڙين،
    هٿان ڇڏ مَ باز، تون هاريا! حقيقت جو.
    اکيون ڪائنات جي حسن جي مشاهدي جو مؤثر ترين وسيلو هجن ٿيون. اکين سان ماحول ۽ مشاهدي بابت اندازا لڳائجن ٿا. اکين جي قوت يعني ڏسڻ جي سگهه الاهي صفتن ۾ شامل ٿئي ٿي. اکين سان ئي حسن جي سمورن مظهرن کي پسي سگهجي ٿو، البت حسن جا لڪل ۽ اضافي مظهر اکين سان ڏسڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ٿي نه ٿا سگهن. بصيرت اعليٰ انساني گڻ ۽ عمل هجڻ سان گڏ قدرتي قوت به آهي، پر ڀٽائي انهن اکين سان ڪائنات جا مظهر پسڻ کي ڪافي يا مڪمل عمل ۽ ادراڪ نه ٿو سمجهي، ان ڪري هن طرح تلقين ٿو ڪري ته اکين ٻوٽڻ سان ئي اصل مشاهدو ممڪن ٿي سگهي ٿو؛
    هي جي مجازياڻيون مُنهن ۾، ديک مَ تون سين تن،
    ڪين سڃاتو سپرين، نِهاري نيڻن،
    پرين سي پسن، ٻيئي جنهن ٻوٽيون.
    دنيا جي شايد ڪنهن شاعر ڏسڻ جي عمل کي اکين کان سواءِ ممڪن ٻڌايو هجي. شاهه لطيف ڏسڻ جو عمل ۽ سڃاڻ جو ادارڪ اکين بدران ساهه - پساهه وسيلي ممڪن ٿو ٻڌائي. اها اهڙي قوت آهي، جيڪا طالب يا سالڪ کي مجموعي طور مطلوب ڏانهن مڪمل طور متوجهه هجڻ تي اُڀاري ٿي. ڀٽ ڌڻي اهڙي ادراڪ کي هن طرح بيان ٿو ڪري؛

    ساهه سين سڃاڻان، پساهه سان پَسان پرين،
    اهـي ٻه ٽـاڻان، اچـي رهيـا روح ۾.
    مجاز جي سَٽَ ڪيتري گهري ۽ پُر اثر ٿئي ٿي، ان جو اندازو هن بيت مان ڪري سگهجي ٿو؛
    مون کي ماءُ مجاز، پڃاري جيئن پڃيو،
    هــٿــن ڇــڏي هـاج، ويئي سار سنڌن مان.
    وري اتي ئي حقيقي عشق جي ڪيفيت جو اظهار ڏسو؛
    مُنهنجــي جــان جُــدا ڪــئــي، حــقيقت هڻي،
    پساهه هيڪ پرينءَ ريءَ، سگهان ڪين کڻي،
    ڌڻي ئي ڌڻي، رهيـو آهي رُوح ۾.
    ڪائنات جي بي انتها هجڻ ۽ لامحدود وسعتن بابت هاڻي سائنس به قائل ٿي چڪي آهي ۽ هن موضوع تي تازه ترين تحقيق ۽ کوجنا اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته، انسان جي سوچ توڙي کوجنا جي قوت وسيع ڪائنات کي ماپي ڪانه ٿي سگهي. اهو فهم ۽ ادراڪ ٽي صديون اڳ جو سنڌي شاعر ڪيئن ٿو ڪري، اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ به آهي ۽ اطمينان جوڳي به. حيرت ۾ وجهندڙ ان ڪري جو ڀٽائيءَ جي دور ۾ ڪائنات جي ڪڇ ماپ يا اندازن جي عمل ۾ رڌل تارن يا پولارن جي کوجنا ڪندڙ سائنسدان موجود ڪونه هئا، گهٽ ۾ گهٽ ڀٽائيءَ جي پنهنجي ماحول اندر، سنڌ ۽ هند ۾ ڪنهن به هنڌ ڪونه هئا. پر ڀٽائيءَ جي سائنسي سوچ فلڪيات جي ڳجهه جو ادراڪ رکندڙ هئي. اڄ جڏهن کوجنا جو نتيجو هڪ هنڌ هلي Nothingness يعني ڪجهه ڪونه يا لامحدود ڪائنات جو اخذ ڪري ٿو ته، سمورا دليل ۽ منطق ان کي نه رڳو قبول ڪن ٿا بلڪ ان نتيجي کي تازه ترين ۽ قطعي پڻ سمجهن ٿا. مالڪ حقيقيءَ جي ان لامحدود ڪائنات اندر ڪهڙي هنڌ هجڻ جي دعويٰ ڪوبه ڪري نٿو سگهي، ڇو ته طلب ۽ تحصيل جا مڙئي اندازا غير منطقي ٿا لڳن. ان جو سبب اهو به آهي ته، اصل مطلوب ته هر هنڌ ۽ هر مظهر ۾ موجود آهي پر ان جي هڪ وصف اڳ ۾ بيان ٿي چڪي آهي ته هو ڏسجڻ کان، محسوس ڪري سگهڻ کان پاڪ آهي؛
    سنئين سونهائي سڀڪا، ڪا مون منجهائي،
    طلب ۽ تحصيل سڀ، اوريان ئي آئِي،
    مان تند تِتِ لائي، جتي آهه نه ناهه ڪا.

    جتي آهه نه ناهه ڪا، ايءُ خاڪيءَ جو خيال،
    جــانــب جــو جمــال، پَسڻان ئــي پــــري ٿيــو.
    مطلوب جي پاڪائيءَ جي صفت جو ذڪر ڏسو؛
    جتي آهه نه ناهه ڪا، ايءُ خيال خاڪي،
    پرينءَ جي پاڪي، پسڻان ئي پري ٿئي.
    اڳ به هن ڳالهه جو ذڪر اسان آندو آهي ته ڀٽائي صاحب. هڪ عظيم دانشور ۽ سماجي فيلسوف پڻ هو، جيڪو سماج اندر گڻ-اوگڻ جو فرق ڪندي پنهنجي تاثر ڏيڻ ۾ خود مختيار هو. هن بي ربط ۽ غير ذميدارانه زندگي گهارڻ کي فضول، ٺلهو ۽ سکڻو ڪوٺيو آهي؛
    پرين نه اکڙين ۾، هيون نه حاضر جن،
    سي هونهئين جاڙجين، ٺلها ٺاٺا سکڻا.
    مجازي توڙي حقيقي عشق جي عوامل جي ذڪر ڪندي ڀٽ ڌڻي، سنڌي ٻوليءَ جي ان شعري سِٽاءَ ۽ ڪمپوزيشن جا مثال به ڏئي ٿو، جيڪي هوند ڪنهن وڏي خفي کان پوءِ ممڪن هجن، پر ڀٽائيءَ وٽ ٻوليءَ تي دسترس ۽ لفظن جو مهلائتو استعمال هڪ ننڍڙي راند وانگر آهي. ۽ وري راند روند جي عمل جو ذڪر هڪ سنجيده ڪم سان تشبيهه طور هيئن ڪير استعمال ڪري سگهي ٿو! سواءِ ڀٽائيءَ جي؛
    سِڪَ سڪائي سِڪُ، سڪ نه آهي سٿري،
    لِڪَ لڪوٽيءَ لِڪُ، ته کرن خبــر نه ٿــئي.
    بدنيتي هڪ اوگڻ آهي ۽ عالمي سطح تائين هاڻي دنيا جو هر سماج بدنيتيءَ جي نتيجي بابت ٺوس راءِ اظهاري چڪو آهي. مڙني مذهبن ۾ به ۽ سماجي فلسفن ۾ به اهو مشترڪ آهي ته، جيڪڏهن ڪو ڪنهن ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو ته ان ۾ اهو بدنيت پاڻ ئي ڪرندو. پيغمبر اسلام جي حوالي سان پڻ اهڙو هڪ واقعو بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن سندس ڪرڻ لاءِ هڪ دشمن کڏ کنئين پر ان ۾ پاڻ وڃي پيو؛
    کر جا کڏ کنئين، پوڻ ڪارڻ پرينءَ جي،
    تنهن ۾ پاڻ پئي، غيبتي غار ٿيو.
    کر جو ڪردار ڀٽائيءَ وٽ منافقيءَ، شر پسندي ۽ شيطانيت جي ڪمن وارو آهي. ٻن جي محبت کي نه سهي سگهندڙ ڪردار اجھو هن ريت پنهنجي عمل ۾ مصروف نظر ٿو اچي، پر بيت اندر سندس ذڪر پٽ پاراتي سان ئي اچي ٿو؛
    کر کي کپر کاء، نانگ مڻيارو نڪري،
    اُڀي جو اوناءِ، سُر پُر سندي سڄڻين.
    کيس تنبيهه به نڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته هن غير فطري ۽ نفاق واري عمل ذريعي محبت ڪندڙ جا دڳ پورائي ڇڏيا آهن؛
    کر ٿو کرايـون ڪرين، هر هر هچارا،
    پــورائين پــرينءَ جا، چوڌاري چارا،
    مرين نه منهن ڪارا، سڙي انهيءَ سور ۾.
    پر کر کي کرايون ڦٻڻيون ناهن، خاص ڪري ان وقت جڏهن محبت پختي ۽ اڻ موٽ هجي؛
    کر کـاريندو سي، ماٺو جن پريتڻو،
    جوش جلايا جي، ماري تن مات ڪيو.
    آسا پڙهندي انساني ورتاءَ جا اهي نمونا به ملن ٿا، جيڪي هر عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ اچڻ ممڪن نه ٿا هجن. سماجي ٻنڌڻن، لڳ لاڳاپن ۽ ناتن رشتن ۾ ڪي ماڻهو ظاهري طور پنهنجي ورتاءَ مان ائين ظاهر ٿيندا نظر ايندا ڄڻ ڪنهن جي مخالفت ڪندا هجن، پر سماجي ورتاءَ جي اها پَرِ يا نمونو پروڙڻ ۾ به ذهانت ۽ صاف دلي کپي؛
    سڄڻ سنيون ڪن، لوڪان ليکي ڏنگيون،
    سندي سپيرين، پـر پـروڙڻ ڏاکڙو.
    سر آسا جي هن ٽئين داستان جي آخر ۾ اهي بيت آهن، جن ۾ حيرت زدگيءَ جي ڪيفيت ۽ صورتحال جو ذڪر ڪيو ويو آهي. curiosity ۽ ڪنهن ڳالهه، عمل يا رشتي جي پيچيدگين جي مام سمجهڻ، ادراڪ ڪرڻ ۾ سچائيءَ جو شرط ضروري رکيو ويو آهي ۽ واضع ڪيو ويو آهي ته، ڪوڙ واري نيت سان اها مام سمجهڻ مشڪل آهي؛
    حوصلـو حـيرت جــو، ڪري ڪين درڪ،
    جو حُسن سندو حق، ڪُوڙ پروڙي ڪينڪي،

    حوصلو حيـرت جـو، آهي نـه مٿي عام،
    محبت سندي مام، ڪوڙ پروڙي ڪينڪي.
    آسا جي هن ٽئين داستان ۾ هڪ وائي اهڙي آهي، جنهن ۾ ڀٽ ڌڻي ماڻهوءَ جي ظاهري شڪل شبيهه کي سندس اندر جي نڪتئه نظر ۽ عمل کانسواءِ قبولڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي ظاهري ڇاپ ڪهڙي به رکي، اصل ته اندر ئي آهي، جيڪو سندس عملن مان پڌرو ٿو ٿئي؛
    وجهه منجهه خليل، اندر آذر آهئين.
    خليل حضرت ابراهيم عليه السلام آهي ۽ آذر سندس پيءُ. ابراهيم خليل نبين پيغمبرن جو ڏاڏو ۽ بتن جي پوڄا جو نه رڳو مخالف پر انهن جو خاتمو آڻيندڙ آهي. جڏهن ته سندس پيءُ آذر نه رڳو بتن جو پوڄاري هو، بلڪه ابراهيم جهڙي اعليٰ صفت نبيءَ جي نڪتئه نظر کي رد ڪندڙ، مشرڪ ۽ بت پرستيءَ جو وڏي ۾ وڏو حامي ۽ پٽ جو دشمن به هو. اهو پڻ مشهور آهي ته، حضرت ابراهيم جي ڪيترن ئي عملن کي بعد جي نبين جي امتن سنت ڪري اختيار ڪيو ۽ مسلمانن وٽ پڻ ابراهيمي سنتون موجود آهن، مثال طور منهن تي سونهاريء جي بيهڪ، شهپرن جي هڪ خاص انداز ۾ ڪتر، سا به ابراهيمي سنت آهي. ائين جي ڪو ماڻهو انهي نيت سان سونهاري رکي ٿو ته، هو ابراهيم خليل وانگر لڳي، پر اندر ۾ منافقانه رويا رکندو هجي، جيڪي پنهنجي عمل وسيلي ظاهر ڪندو رهي ته اهڙي منافقانه روش کي ڀٽ ڌڻي ٿڏي ٿو ڇڏي؛
    وجهه منجهه خليل، اندر آذر آهيين،
    سڌ مَ ڪر صحت جي، اڃا تون عليل،
    نالو ناهه نفاق جو، جتي رب جليل،
    منهن ۾ مسلمان تون، قلب تان قليل،
    وتر جي وصال ۾، دوئي ناهه دليل.
    شاهه سائين جي سر آساجي چوٿين داستان ۾ ٻين داستانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بيت آهن، جن ۾ طالب يا سالڪ جي معرفت يا سڃاڻ جي قوت، عشق حقيقيء جي اسرارن ۽ رمزن، ڪُل يعني ڪثرت ۽ گھڻائيء مان اصل جي سڃاڻ، ماڻهن جي ضمير جي سڃاڻپ ۽ ٻيائيء تي چٿر، ماڻهن جي ورتاء جي نکيڙ، ايمان جي اٽل ۽ اصلي بنيادن، همت، ڪوشش ۽ محنت ڏانهن توجھه ڇڪائڻ ۽ توحيد يعني الله جي هيڪڙائيء جهڙن موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي.
    ڀٽ ڌڻي سر آسا جي هن داستان ۾ فرمائي ٿو ته، ڪائنات جي مڙني شين کي اصل جا مظهر سمجھڻ اهڙو ڏکيو ڪم آهي جو، جيڪڏهن مطلوب پنهنجا عڪس طالب کي پسائي به ٿو، ته عام ماڻهن کي ته خبر ئي نه ٿي پئي، پر حق جي طالبن کي به سڃاڻ نه ٿي ٿئي ۽ ڪيترائي محبوب جي ديدار کان محروم رهجي ٿا وڃن:
    ديـکيندي ديـدار کي، ڪُلُ سڃاڻي ڪيئن،
    جانب منجهان جيئن، محروم ٿي مُنجهي پيا.
    لازوال حسن جي سڃاڻ جا طور طريقا به فطري لڳاء ۽ پاڻ ارپڻ کان پوءِ ئي ڪامياب ٿين ٿا، جن کان منهن موڙيندڙ کي ڪجهه به هڙ حاصل ڪونه ٿو ٿئي. ڀٽائي هتي سماجي فلسفي کي به بحث هيٺ آڻي ٿو. مثال طور سماجي اوسر ۽ ترقي انسان جي سعيو ڪري، شعوري ڪوشش سان ئي ممڪن ٿئي ٿي، جنهن سان زندگيء جي مختلف شعبن ۾ مهارت حاصل ٿئي ٿي ۽ ڪم يا هنر جو ڏانءُ به اچي ٿو. پر جيڪي ماڻهو زندگي گهارڻ جا هنر ۽ گر نه ٿا سکن، بي جوابدار، ۽ غير ذميدارانه زندگي گذارين ٿا. مهارت حاصل نه ٿا ڪن، اهي سڄي زندگي ٻين تي ڀاڙيندي پنهنجي حاصلات کان محروم ٿي مرن ٿا. انهن جو جياپو ٻين جي ڪمائيءَ ۽ مهارت تي آهي. جيئن جھرڪي جو مثال آهي ته اها پاڻ نه پوک پوکي ۽ نه ان جي سنڀال ڪري، پر فصل پچندي ئي اچي سنگن تي ويهي ۽ اتان سنگ پٽي، اناج کائي اڏامي هلي ٿي وڃي. جيڪڏهن هاري زراعت جو ڪم نه ڪري ته اهي پکي پکڻ جيڪي هاريء جي محنت تي گذر ڪن ٿا، يا اهي ماڻهو جيڪي پرائي محنت تي تڳن ٿا، اهي سماج اندر ڪا به حيثيت نه ٿا رکن ۽ انهن جي حيثيت پاڻيء جي ڦوٽي يا حُباب جهڙي آهي. اهڙا ماڻهو محروم ۽ ٻئي تي ڀاڙيندڙ زندگي گھاري مرن ٿا ۽ سماج جي اوسر ته ٺهيو ۽ پنهنجي جياپي لاءِ به ڪجھه نه ٿا ڪن:
    محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا،
    چــڻــيء جان چهنج هڻي، لوڏيائون لُئا،
    حُباب ئي هئا، واديء انهــي وچ ۾.
    محنت ۽ مهارت انسان کي عروج تي پهچائي ٿي ۽ جيڪي ماڻهو محنت ڪن ٿا، مهارتون حاصل ڪن ٿا اهي سمورين معروضي توڙي لڪل حقيقتن جو مشاهدو ماڻين ٿا ۽ کين اهو سڀ ڪجهه حاصل ٿي ٿو وڃي، جيڪو اهو چاهين ٿا. ڀٽ ڌڻي ان اعليٰ انساني وصف کان غافل ماڻهن کي هدايت ٿو ڪري ته، هٿن سان هاج ڪن، ڪم ڪار کي جنبيا رهن ۽ پنهنجي بصيرت کي سجاڳ رکن ته مٿن اها ڳالهه پڌري ٿي پوندي ته، سندن مطلب ۽ مطلوب سندن سامهون بيٺو آهي، کين حاصلات ٿي چڪي آهي:
    هٿن سان هاج ڪر، نيڻن سا نهار،
    اڀـا اڱڻ پار، پَسُ پنهنجا سپرين.
    حق جي تلاش ڪندڙن جو اهو لازوال اصول رهيو آهي ته، اهي ڳولها ۾ مصروف هوندي ڪنهن کي ڏِک نه ڏيندا آهن ۽ پاڻ لڪائي مطلوب کي ڳولهيندا آهن. اِن لِڪ کان پاڻ لڪائڻ، هجڻ جي احساس کان جند ڇڏائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي. ان ڪري طالب کي سدائين اهو اونو رهندو آهي ته، متان سندس عمل ڪٿي هرو ڀرو ظاهر نه ٿي پوي:
    لوڪان لڪي سڀ ڪو، لِڪان لڪي ڪونه،
    اٿي ويٺي اون، اِن الٽي ڳالهه جـي.
    ۽ اها محنت ۽ مشقت طالب کي هڪ ڏينهن مطلوب پنهنجي ئي وجود اندر هجڻ جو احساس ڏياري ٿي. صوفي ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندڙ هجي، پر مطلوب کي آخر پنهنجي اندر ئي پسي ٿو:
    اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
    هاڻي وڃ گمان، صحيح سڃاتا سپرين.
    ۽ محبوب جي ان طرح مشاهدي لاءِ طالب کي پنهنجي ئي اندر ۾ ڏسڻو پئي ٿو، ٻاهر ان کي ڪجھه ناهي ملڻو؛
    مُنهن ڪر مَنجھارا، ٻهران ڍونڍ مَ ڍور جيئن،
    جي اکڙين آرا، تـه ڪنڌيء اچڻ ڏاکـڙو.
    اڳ ۾ به ڀٽائيءَ جي شعرن معرفت اها ڳالهه واضع ڪئي وئي آهي ته، دوئي، ٻيائي ۽ منافقت نندڻ جوڳو عمل آهي ۽ اهو انساني وصفن ۾ اوڳڻن ۾ ڳڻجي ٿو. ان ڪري ڀٽائي اهڙي اوڳڻي عمل کي هن طرح نندي ٿو:
    ان پر نه ايمان، جو ڪلمي گو ڪوٺائيين،
    دغــا تـنـهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
    مُنهن ۾ مـسلمان، اندر آذر آهيين.

    مُنهن ته موسيٰ جهڙو، عادت ۾ ابليس،
    اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين؟
    ڀٽائيءَ جو دور جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سنڌي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جو دور هو، پر ڀٽائيءَ اڳيان اها ڳالهه واضع پئي هئي ته، ڪلهوڙا حڪمران دهلي جي مغل سلطنت جا ڏن ڀرو ۽ غلام هئا، جن جي آسري تي سنڌ جي حڪمراني هلي رهي هئي. سنڌ اندر پنهنجي مقامي حڪومت هوندي به فارسي ٻولي جو ڌاڪو هو ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري توڙي بعد جي دانشورن ۽ مفڪرن اهو فيصلو ڪري ورتو هو ته، اظهار جو وسيلو سندن پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ ئي هجڻ گھرجي نه ڪي فارسيء ۾. ڀٽائيء تائين اها سوچ پختي ٿي چڪي هئي پر مهم طور ان هلچل کي اڳتي وڌائڻ وارو ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته فارسيء کي ڪاروبار سلطنت هلائڻ طور سرڪاري ٻوليء جو درجو هڪ طرف هو ته ٻئي طرف تعليم ۽ تدريس جو انتظام به فقط فارسي ۾ ئي هو. ڏچو اهو به هو ته فارسي سکڻ وارا پاڻ کي خاص مخلوق سمجھندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ کي حڪمران طبقي ۾ شمار ڪندا هئا. پر ڀٽائيءَ پنهنجي سڄي شاعري سنڌيء ۾ ڪئي ۽ ڄاڻي ٻجھي ايئن ڪيائين. جڏهن سندس اهو نڪتئه نظر عام ٿيو ته سنڌ اندر هڪ بحث علم و دانش جي مرڪزن ۽ حلقن ۾ اٿي کڙو ٿيو ته، علم ۽ تدريس لاءِ ڪهڙي ٻولي اختيار ڪرڻ گھرجي. حڪمران طبقا ۽ انهن جا طفيلي فارسي جا طرفدار هئا، پر ڀٽائيء سندن نڪتئه نظر کي ٿڏي ڇڏيو ۽ هڪ باضابطه هلچل جو آغاز ڪيو ۽ فارسي سکندڙن کي ننديندي هن کين غلام ذهنيت وارو قرار ڏنو. ڀٽائيء گڏو گڏ اهو به احساس اڀاريو ته سنڌي معاشري جي ترقي ٻن ٻولين فارسي ۽ سنڌيء سان نه بلڪه سنڌي ٻولي سکڻ سان ئي ممڪن هئي. جيئن اڃي کي پاڻي ۽ بکئي کي ماني کپي، تيئن سماج کي پنهنجي ئي ٻوليء جي ترقيء ۽ رواج جي ضرورت هئي، ان ڪري ڀٽائيءَ نهايت ئي جرئتمنديء سان چيو:
    جي تون فارسي سکئين، گولو توءِ غلام،
    جو ٻَڌو ٻن ڳالهئين، سو ڪيئن ڄائي ڄام؟
    اڃيو تان آب گھري، بکيو تان طعام،
    ايءُ عامين سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.
    بنا محنت ۽ ڪم جي ڪڏهن به سک نه ٿو ماڻي سگهجي ۽ ان حقيقت کي ڀٽائي هن انداز ۾ پڌرو ٿو ڪري:
    سُــتـو ئـي ســيــج گھرين، جفا ڏئين نه جان،
    صلح ريء سيڻان، متان نونڌين، نه چڙهين.
    ۽ لڳاء ۽ dedication جو هيء عجيب طور طريقو ڏسو:
    تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن،
    تندون طلب سنديو، وحدت سر وڄن،
    وحده، لاشريڪ له، اهو راڳ رڳن،
    سي سُتائي جاڳن، ننڊ عبادت اُن جي.


    سُر آسا

    ڪجهه عجيب بيت

    شاهه ڀٽائيء جي سر آسا جو جائزو وٺندي، هڪ سرسري نگاهه ۾ چارئي داستان مڪمل ڪيا سون، پرهن داستان ۾ ڪجھ بيت اهڙا به آهن جن تي هڪ نظر ان ڪري به وجھڻ ضروري آهي، ڇا ڪاڻ جو انهن جو مفهوم هڪ نئين پڙهندڙ جي مدد طلبي ٿو. هڪ بيت آهي جنهن ۾ عام انساني عمل بدران ابتي عمل ڪرڻ سان مطلب حاصل ٿيڻ جي ڳالهه ڪيل آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته، عام طور لوازمات يعني لازمي عمل سان ٿيندڙ حاصالات کان علاوه به حاصلات ٿئي ٿي، جنهن لاءِ ڳولائوء کي هٿن، ٻانهن، ڄنگهن ۽ دماغ کان ڪم وٺڻ جي محتاجي ڪڍڻي نه ٿي پئي. بيت ڏسو، جنهن ۾انهن محتاجين کي رد ڪيو ويو آهي؛

    تحقيق جي تون ڀري، مٿي ريء کڻيج،
    ٻانهُنِئان ٻَهر ٿي، ڪُشتي ڪمائيج،
    سنڌن ريء ساري ٽنگون، ڄنگهن ريء ڄُليج،
    حاج هٿن ريء نه ٿئي، سا ٺونٺو ٿي ڪريج،
    هڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻُڌيج،
    انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.

    ٻيو اهڙو ئي بيت آهي؛

    چُپ ڪر، چَپَ مَ چور، ٻُوٽ اکيون، ڍَڪِ ڪَن،
    پاڻي پـي پيٽ مَ ڀر، کاءُ اڌورو ان،
    ته جا مورت تنهنجي من، تنهن مشاهدو ماڻئين.

    عربي ٻوليءَ جي جملن جي بيهڪ کي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته، جنهن ڳالهه تي زور ڏئي ڪجھ چوڻو پوندو آهي، ان لاءِ اڳ ۾ نفيءَ وارا لفظ ڪم آڻبا آهن، تنهن کان پوءِ اصل ڳالهه ظاهر ٿيندي آهي. ڪيترائي احڪام اهڙا آهن، جن کان اڳ نفيءَ جا لفظ استعمال ڪيل هوندا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر ايمان جو پهريون شرط آهي الله تعاليٰ۽ ان جي رسول کي مڃڻ. عربيءَ ۾ ان لاءِ ڪلمي جي بيهڪ لا اله سان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ الا الله اچي ٿو. انهن لفظن جي معنيٰ ڪبي ته هيئن ٿيندو، ”لا اله الاالله“ يعني عبادت لائق ڪوبه ڪونهي. ان کان پوءِ لفظ ايندا ”الاالله“ يعني سواءِ الله جي. لااله الالله جي معنيٰ ٿيندي ”ڪونهي ڪوبه معبود سواءِ الله جي“. ڀٽائي جي ڪجھ بيتن ۾ ان نفيءَ يعني انڪار کان اثبات يا هاڪار تائين پهچڻ جو رويو به آهي.
    ذرا غور ڪريو، ڪلمي بابت هيءُ بيت ڪيئن نه ڳالهه کي واضع ٿو ڪري.

    آڏو جو اثبات کي، سو شرڪ لاهي شڪ،
    هئي جنهن ۾ حق، تنهن نفيءَ جھڙو ناهه ڪو.

    انسان جي زندگي برائين، بدين، لالچن، خواهشن ۽ تمنائن سان ڀرپور آهي. انهن سڀني جي وچان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اهو ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو پاڻيءَ جي اونهي پا تار ۾ پيو هجي ۽ کيس چئجي ته پاند آلو نه ڪر. ان ڪيفيت جو ذڪر ڀٽ ڌڻي پنهنجي ڏاهپ ۽ فني ڏانء سان هن طرح ڪري ٿو؛

    مون کي مون پرين، ٻَڌي وڌو تار ۾،
    اُڀـا ائين چون، متان پانـد پُسائيين.

    پيو جو پاتار، سو ڪيئن پُسڻ کان پالهو رهي،
    سالڪ مــون سيکار، ڪو پهه انهي پاند جو.

    ۽ ان صورتحال مان نڪرڻ جا طريقا ڪي گھڻا ناهن. ڀٽائي ان لاءِ سماجي ۽ مذهبي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي، هيئن اُڪرڻ جو سڏ ٿو ڏئي؛

    ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
    هنيون حقيقت هيرتون، ماڳ معرفت ڄاڻ.
    هوءِ ثابوتيءَ ساڻ، ته پُسڻ کان پالهو رهين.

    صوفين وٽ هڪ طريقو ڇوٽڪاري جو فنائيت آهي، جنهن ۾ انسان کي پنهنجي هئڻ جي ڪيفيت، احساس ۽ دعويٰ تان هٿ کڻڻو ٿو پئي. شعر ذريعي ان عمل کي ڀٽائيءَ هن فني سٽاء کي ڪيئن جَڙيو آهي؛

    مـون، تون، آءٌ، اسين، چارئي چتان لاهه،
    سنـدي دوزخ باهه، ته تو اوڏيائي نه اچي.


    سُر رِپ

    سنڌي ٻوليءَ جي سرتاج شاعر، فيلسوف ۽ دانشور حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمة جي 1998ع واري سالياني عرس جي موقعي تي، ڀٽ شاهه بدران حيدرآباد شهر ۾ ڪيل سالياني ادبي ڪانفرنس جو موضوع هو “سر رپ”. ڊاڪٽر فهميده حسين، محمّد ابراهيم جوئي، غلام علي الانا، امداد حسيني ۽ ٻين ڪيترن معروف ۽ غير معروف ليکڪن ۽ ڀٽائيء جي شارحن سندس سر رپ بابت پنهنجا مقالا پڙهيا يا تقريرون ڪيون. اخباري رپورٽون ان ادبي ڪانفرنس بابت جيڪو تاثر قائم ڪن ٿيون اُهو اِهو آهي ته، هيءَ ادبي ڪانفرنس ڪي قدر بد مزگيء جو به شڪار رهي ۽ ڪن مقالا نگارن ته بنهه مقالا لکي اچڻ جي تڪليف کان نابري واريندي، سڌي تقرير ڪئي. ان طرح اُها روايت به متاثر ٿي جنهن سان محنت سان لکيل مقالا پيش ٿيندا آهن ۽ آيل اديبن ۽ شاهه جي ڪلام جي مفهوم سمجھڻ وارن شوقينن کي ڪنهن مقرر ڪيل هڪ سُر بابت جهجهي ڄاڻ ملي سگهندي آهي. ڀٽ شاهه تي ڪانفرنس نه ٿيڻ ڪري بد مزگيءَ بابت ڪي خدشا اسان هڪ هفتو اڳ ئي ظاهر ڪيا هئا، جيڪي حقيقت ثابت ٿيا. اڳتي منتظم جيڪر ادبي ڪانفرنس جي تڪليف وري به ڀٽ شاهه تي ئي وٺن ته بهتر ٿيندو. سچل سائينء بابت به ڪانفرنسون خيرپور بدران اڳي وانگر درازن ۾ ئي موزون لڳن ٿيون.
    ”سُر رپ“ جي مفهوم، پسمنظر ۽ تاڃي پيٽي توڙي موضوعن بابت هن ڀيري سنڌي اخبارن جي مضمون نگارن به پاڻ ڪونه ملهايو.
    رپ ڪنهن وڏي تڪليف، آفت يا عذاب کي چئجي ٿو ۽ ڀٽائيء جي هن سر ۾ ڪيچ ۽ ٻاروچن جو ذڪر اچي ٿو ۽ وڇوڙي جي ماريل هڪ ڪردار جون آهون ۽ دانهون، جڏهن ته اهو ڪردار مجاز جي اجھاڳ تاثر سان گڏو گڏ ڪنهن مجبور ۽ لاچار عورت جو ڪردار به ڀاسي ٿو. ڀٽائي هونئن به انسان جي خارجي يا داخلي ڪيفيتن کي زناني ڪردارن جي اظهار ذريعي ئي ظاهر پئي ڪيو آهي ۽ هن سر ۾ پڻ ايئن ئي ڪيو اٿس. غم ۽ ڏک جي اجھاڳ ڪيفيت جو مختلف بيتن ۾ اظهار ملي ٿو؛
    اُڀريم انگور، سُتي سـپيرين جا،
    کايو کايو سور، لُڇيو لوچيو اُٿيان.
    غم تي ضبط رکڻ ۽ صبر کان ڪم وٺڻ جي تلقين ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ هر هنڌ ڪندو رهيو آهي؛
    ڳرن ۾ ڳرهيج، روئي ڪِج مَ پـڌرا،
    تان سُوران ئي سَهيج، جان لاهيندڙ ڪو لَهين.
    انتظار ۽ اوسيئڙي جي ڪيفيت اٿي ويٺي، سُتي پئي به طاري ۽ حاوي رهي ٿي؛
    سُتي سنڀريوم، ڪو ڳُڻ ٻاروچن جو،
    ڪنڌ وهاڻو ڀـنو، هريو هٿ ٿيوم،
    سڄڻ ياد پيوم، جاڙ جيان ٿي جيڏيون.
    سر رپ جي پهرئين داستان ۾ انتظار ۽ اوسيئڙي کان پوءِ هڪ بيت اهڙو آهي، جنهن ۾ ڦوڙائي ۽ جدائي جو خاتمو ته ٿئي ٿو پر هڪ ٻي عجيب ۽ فطري ڪيفيت ظاهر ٿئي ٿي؛
    چيٽاريان، چوندياس، سڀ ڳالهيون کي سَڄُڻين،
    جـھُ مُنهن مـقـابـل ٿياس، ته سڀ وڃنمِ وسري!
    سياري جي مند جي دوران، جيڪڏهن ڪا پرڻيل عورت اناج پاڻي، اوڇڻ چڱي اوڍر ۽ ڍڪ ڏيندڙ گھر کان به محروم هجي ۽ سندس ور به نه هجي ته ان جو ڪهڙو حال ٿيندو؛
    سٻر سيءُ پيو، نه مون سَوَڙِ نه گبرو،
    نه مون ڪانڌ، نه قُوت ڪِي، جوڀن وهي ويو،
    تني حال ڪِهو، نڌر جَني نِجُهرا؟

    اتر ڏني اوت، نه مون سَوَڙِ نه گبرو،
    چارئي چُنيء پوت، مون ريڙهيندي رات ڳَئي.


    جَني ڏٺو پرينءَ کي

    حضرت شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ رڳو عشقيه داستانن ۽ تاريخ حوالن جو ئي ذڪر ناهي، بلڪ هو هڪ عظيم شاعر وانگر پنهنجي دڳ جو جتي وڻيس ٿو تعين ڪري ٿو. کاهوڙي اهڙو سُر آهي، جنهن جا ڪردار اڻ ڏٺي ۽ اڻ ٻڌي جوءِ جا مستقل راهي آهن ۽ ٻن وٿن جا ڳولائو آهن. هڪ وٿ کي ڀٽائي ڏٿ جو نالو ٿو ڏئي، جنهن جو مفهوم سڌو سنئون اناج يا کاڄ آهي، پر اهو اناج جيڪو پوکڻو، نٿو پئي ۽ جيڪو اوجھڙ ۾ ڳولڻ سان لڀي ٿو. ٻي وٿ جيڪا کاهوڙيءَ جي ڪردارن جي ڳولا جو موضوع آهي، سا آهي حقيقت يا حق، ۽ ان جي تلاش هو ناهه ۾ يعني جتي ڪجھ نه هجي Nothingness، ۾ ڪن ٿا. وڏي ڳالهه ته اهي تلاشون ۽ انهن جا نتيجا ڀٽائي سڦل ڪري ٿو ڏيکاري. نه رڳو ايترو پر هنن ڪردارن کي اهڙو ته Perfect ڪري ٿو ڏيکاري، جنهن جھڙا ٻيا ڪردار سڄي رسالي ۾ ڪو نه ٿا ملن.
    مــون ”ســي“ ڏٺـــــا ماءُ، جني ڏٺو پرينءَ کي،
    انهين سندي ڪاءُ، ڪري نه سگھان ڳالهڙي.
    عجيب ڳالهه آهي ته کاهوڙي ڪردارن جي ٻي ڪا سڃاڻپ ڪانهي ته اهي ڪير آهن، سندن رڳي سڃاڻپ اها آهي ته سدائين ڌوڙ ۾ ڀريا، ڪڏهن پيرين اگھاڙين ته ڪڏهن پلال ۽ ڪانهن جي ٺهيل نوڙين جي جتين سان پهاڙن جي اڻ ڏٺل ۽ اوپرن هنڌن ڏانهن روان دوان آهن.
    کاهوڙين جي پاران حق ۽ ڏٿ جي ڳولها جي انداز ۽ معيار جو ذڪر ڀٽائي اڃا اهڙي انداز ۾ ڪري ٿو جو، ان جي رمز کي ڪو ساڃھ وند ئي سمجھي سگھي ٿو، هر ڪنهن جي ڀيڻي ناهي. مثال طور هر ڪم هٿن پيرن، اکين ۽ عقل کي استعمال ڪرڻ سان ئي ڪري سگھجي ٿو، پر ڀٽائيءَ جو هيءُ انداز ڏسو؛


    تحقيق جي تون ڀري، مٿي رِيء کڻيج،
    جا حاج هٿن رِيء نه ٿئي، سا ٺوٺو ٿي ڪريج،
    هـڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻڌيج،
    انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
    هي نهايت ئي Informal۽ غير معمولي انداز آهي، جو اکيون ٻوٽي ڪنهن شيءِ جو مشاهدو ڪجي. جيڪو ڪم هٿن سان ٿئي سو ٺوٺو ٿي ڪجي ۽ ٻوڙو ٿي حيقيقت کي ٻڌجي. اهي سڀ بار بنا مٿي جي کڻڻا آهن. ڏسو، رسمي تلاش جا سڀ رستا بدلائي غير رسمي رستا اختيار ڪرڻ لاءِ اسان جو شاعر زور پيو ڀري.
    ماڻهوءَ کي تلاش لاءِ ڪو رستو ڪو دڳ ضرور وٺڻو ٿو پئي پر ڀٽائي اصرار ڪري ٿو ته؛
    جھنگل هليا، سي نه ڀُليا، راهه هليا ڦرجن،
    اوجــھــڙ ســـي نـــه پون، ٻيئي جني ڇڏيون.
    سر کاهوڙي جي ماحول ۽ ڪردارن جي چُر پُر جي ڪٿ ڪجي ٿي ته، لڳي ٿو ته ڪلام اندر ڏنل اشارن موافق کاهوڙي ڪردار پٻ جبل ڏانهن به نڪرندي نظر اچن ٿا ۽ ڪيترن ئي بنا نالي پهاڙن ۾ رلن ٿا. جڏهن ته گھڻو تڻو ڏٿ جي تلاش جو سندن ڪم گنجي ٽڪر جي اڻ ڏٺن ۽ پرانهن هنڌن ڏانهن ڏسجڻ ۾ اچي ٿو.
    گنجي ٽڪر تي ڀٽائي پهريون ڀيرو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي زماني ۾ ويو هو، جتي کوڙ ساريون غفائون ۽ جابلو چُرون ڏٺيون هئائين ۽ ڪيترا يوڳي ۽ عبادت گذار به جن جو توجھ پنهنجي محبوب سان هو، جن نه ڏٺو پئي، نه کاڌو پيتو پئي ۽ نه ڪجھ ٻڌو ٿي. انهن ئي جوڳين ۽ سنياسين فقيرن ڀٽائيء کي جوانيء ۾ ئي اهڙو متاثر ڪيو، جوهو پاڻ به زندگيءَ جا سڀ مزا تياڳي صوفي ٿيو. ان جي باوجود ته ڪجهه به ڪرڻ کانسواءِ زندگيون گهاريندڙ فقيرن ۽ صوفين ڀٽائيء کي شديد نموني متاثر ڪيو، پر پوءِ به هن زندگيءَ کي ڀرپور انداز ۾ گھارڻ، ڪمائڻ ۽ پنهنجيون ذميداريون نڀائڻ لاءِ ور ور ڪري پنهنجي ڪلام ۾ هدايتون پئي ڪيون آهن.
    کاهوڙيءَ جي ماحول جو جائزو وٺبو ته ڀٽائيء هڪ هنڌ پار جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ ۾ پار درياءَ جي ٻيءَ ڀر کي سڏجي ٿو. يعني کاهوڙي دريا ٽپي ٻئي پار وڃن ٿا؛
    پـاران پُـڇي آءُ، خبر کاهوڙين جي،
    ڏوٿين ڏونگرانءُ، ڪنهن پَرِ ڏوريو ڏُٿ کي؟!
    جيئن مون اڳ عرض ڪيو ته سُر کاهوڙيءَ ۾ ڪردارن جي ڳولا حد - لاحد کان ٽپي “ناهه” تائين يعني اوستائين وڃي ٿي جتي ڪجھ به ناهي؛
    جا جُوءِ سئي، نه ٻڌي، ڏوٿي سا ڏورين،
    پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين،
    ويا اُت ووڙين، جت نهايت ناهه ڪا.
    علامتي طور يا محاوراتي لحاظ کان به کاهوڙيء جي معني آهي، هميشه ڪم، خفي يا محنت ۽ مشقت سان جنبيل. اهائي معنيٰ! ڀٽ ڌڻي به مهيا ڪري ٿو، جڏهن هو پورهئي ۽ خفي سان لڳل ماڻهن کي واندو، ويسرو ۽ پنهنجي ڪم کان ٽوٽي ٿي لنوائيندو ڏسي ٿو؛
    کاهوڙي کِجن، پَسيو پورهيت ويسرا،
    سي ڏوٿيئڙا ڏُور ويا، رُڃُن جي رهن،
    ڪا مَن آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي.
    کاهوڙين جو ڪردار سدائين ڏٿ ۽ حق جي تلاش ۾ مصروف ڪردار آهي، البت سندن رويا سمجھ ۾ نه اچڻ جھڙا آهن، خاص ڪري اياڻي ۽ ڳهلي لوڪ کي اهي رويا سمجھ ۾ نه ايندا. پنهنجي ڪم يا ذميداريءَ کي نڀائڻ جو پهريون شرط هوندو آهي ان ڪم ۾ مگن ٿي وڃڻ، جنهن کان پوءِ ٺاهه ٺوهه ۽ پوشاڪ جي حفاظت جو اونو يا ڳڻتي نه ٿي رهي. کاهوڙين کي گودڙيون ۽ ڪفنيون پهريل آهن پر اهي ڌوڙ ۾ گڏيو پنهنجي تلاش ۾ لڳل آهن. ڪفني، پهرياڻ يا گودڙيءَ کي دلق سڏيو ويو آهي؛
    دلق گڏيو ڌوڙ ۾، ڀُڪليا ڀُڻن،
    ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين، پڌر پَئي نه ڪن،
    ڪا مَنِ آهي تن، مُون پِريان جي ڳالهڙي!
    ڏٿ جي ڳولا ۾ گھڻا ئي ماڻهو اوجھڙ ڏانهن روانا ٿين ٿا. هتي اهڙو وايومنڊل نظر ٿو اچي، جتي اناج اپائڻ بجاء قدرتي طور ڦٽل اناج جي تلاش ٿئي ٿي. ان ڪري پٽ ۽ ميدان ڇڏي کاهوڙي ڏٿ جي تلاش ۾ پري پري هليا ٿا وڃن؛
    ڏٿ گھڻائي ڪن، اِن اورانهين پنڌ جو،
    سندا کاهوڙين، پري سُڄن پيچرا.
    ۽ ڏٿ تلاش کان سواءِ ملي ڪونه ٿو. ستي پئي ڪجھ ڪيئن هڙ حاصل ٿيندو؟ آسمان مان ته ڏٿ نه ڪرندو؟
    جيــڪو ڏٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو،
    ڇَپَرُ ڪين ڏئي، سوکڙيون سُتن کي.
    حق ۽ ڏٿ، ٻنهي جي ڳولا لاءِ سياري، سانوڻ محنت ڪرڻي ٿي پئي؛
    مون کاهوڙي لَکيا، گھرين نه گھارين،
    واحد لڳ وِلهُن ۾، رويو جَرُ هارين،
    گوندر گذارين، جئن ڏوٿي ڏٿ گڏ ٿيا.

    مون کاهوڙي لَکيا، ويهي ويَرمَ ڪن،
    ڏينهن تتي، ۾ ڏونگرين ، ڪارڻ قُوت ڪَهن
    جھنگل ۾ جُھڻڪن، جئن ڏوٿي ڏٿِ گڏيا.
    ڀٽائيء جا کاهوڙي گھوڙن تي سوار ٿي ڪو نه ٿا نڪرن، انهن جي پيرن ۾ نوڙين جون جتيون يا گهيتلا پاتل آهن ۽ پاڻيءَ جي کلي يا سيڻاهه، جنهن کي ڀٽائيء سَنڊَ جو نالو ڏنو، ڀري کڻن ٿا جيڪي دڳ ۾ ئي خالي ٿيو وڃنن؛
    سُڪا سَنڊَ ڪَڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،
    ٽمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏيا؟!
    اڳ به عرض ڪري آيس ته رسمي واٽ بدران ڀٽائيء جي هنن کاهوڙين جو دڳ، معين ۽ مقرر دڳ/ پنڌ کان نرالو آهي ۽ ڪنهن پراڻي واٽ بدران هو ڪُواٽ اختيار ڪن ٿا؛
    ويجھو وڃ مَ واٽ کي، ڪَهِج ڏَنهن ڪُواٽ،
    اُجھي مـنجھان آٽ، اويسـي ٿي آءُ تون.
    هڪ مرحلي تي گنجي ٽڪر جي اوناهين ۾ ڀٽائي پاڻ لنگي ٿو وڃي کاهوڙين جو نه پير ٿو ملي نه سندن ٽولن ۾ ويل شڪاري ڪتن جي ڪُوڪار. شايد مينهن نه پوڻ سبب پوٺا نه ڦٽا آهن ۽ ڏٿ نه ملڻ ڪري کاهوڙي جوءِ ۾ ئي ناهن؛
    نه ڪُتا، نه ڪُوڪار، نه سي سڏ شڪارئين،
    پٽيو کڻـي پار، جـھنگل آهيڙين کي.

    ڏونگرِ نه ڏوٿي، ڏونگر سُڃو ڏوٿين ريءَ،
    پُـــڇـــان پـــروٿـــي، ڪ ڏوٿـــي ڏٿِ اچـڻــا؟!


    سُر بروو سنڌي

    شاهه لطيف ڀٽائي رح جي رسالي ۾سر بروو سنڌي ڏسجي ٿو ته، ڪن مرتبن جي دلچسپي ۽ توجھ کان وانجھيل رهيو آهي. ان جو سبب شايد اهو آهي ته، ان سُر جو ڪردران ۽ عشقيه داستانن جي حوالي سان ڪنهن مشهور معروف جوڙي سان واسطو ناهي، سواءِ هڪ بيت جي جنهن ۾ به شايد علامتي طور ڀنڀور جو ذڪر ڪيل آهي. لڳي ائين ٿو ته ننڍي کنڊ جي راڳ برووي سان هم آهنگيءَ سبب هن سُر جو نالو، ان جي شعرن جي مزاج موافق بروو سنڌي رکيو ويو آهي. البت رسالي جي مرتبن پنهنجي مرضيءَ سان بيتن جو مقدار مقرر ڪيو آهي، جن بابت ڪي وضاحتون به ڪنهن نه ڏنيون آهن. سڀ کان پراڻي ڇاپي رسالي بمبئيءَ واري ڇاپي ۾، سُر بروو سنڌيءَ ۾ ٽي داستان ، 43 بيت ۽ ڪل چار وايون ڏنل آهن. ان کان پوءِ مرزا قليج بيگ جو رسالو بمبئي واري ڇاپي جي 43 بيتن کان علاوه ، 18 ٻيا بيت به ڏئي ٿو ۽ قليچ واري ڇاپي ۾ ڇهه وايون ڏنل آهن. قليچ به انهن مڙني بيتن ۽ واين کي ٽن داستانن ۾ ورهائي رکيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري ترتيب ڏنل رسالي ۾ ته رڳو 24 بيت ٽن داستانن ۾ ڏنل آهن ۽ ان جي تازي ڇاپي ۾ هڪ به وائي ناهي ڏنل. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ڪل ٽن داستانن ۾ 48 بيت ۽ 3 وايون ڏنل آهن. انهن چئني رسالن ۾ بيتن ۽ واين جي جاءِ هر مرتب مختلف رکي آهي، جنهن مان مرتب جي پنهنجي مرضي رسالي جي ترتيب ۾ نمايان رهي آهي.
    تازو ئي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ اهو بحث اٿيو آهي ته، آخر شاهه جي محققن اها محنت ڪرڻ کان ڇو لنوايو آهي ته اهو تعين ڪجي ته، شاهه جي ڪهڙي شاعري سندس جوانيءَ جي شاعري آهي، ڪهڙي اڌ وهيءَ جي ۽ ڪهڙي ڪراڙپ جي. مون جڏهن سُر رِپ، سُر پورب ۽ سر کاهوڙيءَ جو سارُ ڪيو هو تڏهن ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هو ته ڀٽائي جواني ۾ جيڪا شاعري ڪئي اها انهن سُرن ۾ اچي وڃي ٿي. گڏو گڏ بروو سنڌيءَ جو مطالعو پڻ ان ساڳي ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته، ان سرُ ۾ آيل ڪلام به گھڻو ڪري ڀٽائيءَ جوانيءَ جي زماني ۾ ئي چيو. محقق ان ڳالهه کي گھڻي غور ويچار کان پوءِ قبول به ڪري سگھن ٿا ته رد به، ڇاڪاڻ ته ڪنهنجي ڳالهه حرف آخر ناهي هوندي. گھٽ ۾ گھٽ منطق جي حوالي سان ڪنهن ڳالهه يا راءِ کي قطعي ۽ حرف آخر نٿو سڏي سگھجي. اسان وٽ بروو سنڌيءَ جي ڪلام کي شاهه جي جوانيءَ جو ڪلام سڏڻ جو جواز اهو آهي ته، ان ڪلام ۾ مجاز جي به بنهه منڍ واري مرحلي جھڙي ڪيفيت ڀاسي ٿي، جنهن ۾ عشق جي اظهار جا اڌما ته آهن پر اهو ڇوهه ۽ شدت نظر نه ٿي اچي، جيڪا ٻي صورت ۾ ٻئي ڪلام ۾ ملي ٿي. بروو اهڙو ڪلام اسان جي اڳيان آڻي ٿو رکي، جنهن ۾ فطري احتياط به آهن ته اظهار جو اجھل جذبو به، پر شدت کان سواءِ. عشق لڄارو نه ٿيندو آهي، البت لڄارا ماڻهو عشق جي پهرين وک مان محتاط، ڊنل ۽ فطري طور نماڻا ۽ نياز نئڙت ڪندڙ لڳندا آهن. عشق جي اُساٽ ابتدائي مرحلن ۾ فقط انسان جي پنهنجي وجود اندر محسوس ٿيندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ پنهنجو وجود پرائو يا پرائي وس هليو ويو هجي. ۽ اها ڪيفيت خواب مان سجاڳ ٿيڻ مهل به محسوس ٿيندو آهي؛

    پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پَراڻُ، پرين وَسِ نه پانهنجي!
    لڳي ڪين لطيف چئي، ڇپر ڇاتيءَ ساڻ،
    پرين ڏيکاري پاڻ، خوش ڪري ويا خواب ۾.

    بروي جي پهرئين داستان ۾ ويڄ جو ذڪر ڪيل آهي ته ڪاني مان ٺهيل بِين جوبه؛
    جيئن ڪا ڪاني ڪانهن، لُسندي لاتيون ڪري،
    اچي پئي اوچتي، درد پريان جي دانهن،
    ويڄ ڏنڀين ڪُهه ٻانهه، سُورَ هِئين کي سامهان.
    عشق جي بيمار هجڻ جو اهو ڏاڍو سادڙو، پر فطري منظر آهي ته ڪنهن جي دل ۽ هيانءُ سور سان سلهاڙيو پيو هجي، پر ويڄ يا طبيب ٻانهه ڏنڀي علاج ويٺو ڪري!
    “لڪن ۾ روح رهاڻ” جي خواهش هڪ بيت ۾ ڪلاسيڪي دور جي مروج انداز کي ظاهر ٿي ڪري، ورنه بروي سنڌيءَ ۾ آيل ڪلام زمان ۽ مڪان جي حوالن کان آجو آهي؛

    مون ساريندي سپرين، اچين جي تون هاڻ،
    ڪريان روح رهاڻ، هوند لَڪَن منجهه لطيف چئي.

    ڏسو، هي ڪيفيت لڄاري عشق کي ڪيئن ٿي بيان ڪري؛
    اڄ پـڻ اکڙين، سڄڻ پـنهنجا ساريا،
    ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
    سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي ئي نه لهي.

    ۽ سڪ جڏهن شدت اختيار ٿي ڪري تڏهن دل ڪنهن جي لاءِ اوطاق بڻجي ٿي وڃي؛
    جڏهانڪر ٿيام، ساڃاهه سپرين سين،
    تڏهانڪر تر جيترو، وير نه وسريام،
    اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
    ۽ هي منظر ڏسو، جيڪي بروي کان سواءِ اوهان کي ڪنهن ٻئي سُر ۾ نه ملندا؛
    ڪڏهن کلن در دوستن جا، ڪڏهن طاقيون ڏين،
    ڪڏهن اچان، اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو نِينَ،
    ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجھاندر ڳرهين،
    اهڙا ئي آهين، صاحـب منهنجا سپرين.

    ڪڏهن درسندا دلبر سندا، ڏهين پوريو ڏين،
    ڪڏهن وڃان، وڃي نه سگھان، ڪڏهن سڄڻ پاڻ سڏين،
    ڪڏهن ڪڇن ڪينڪي، ڪڏهن ٻاجھ منجهان ٻولين،
    ڪڏهن قول ڪرين، ڪڏهن حرف نه ڪُڇن هيڪڙو.

    عشق جي آڳ ٻه طرفي ٿيندي آهي. ان ڪيفيت کي ڪنهن هڪ ڪردار تائين محدود نه ٿو ڪري سگھجي. عجب جھڙي ڳالهه اها آهي ته، جڏهن ڪنهن ۾ عشق لاءِ ڪي آثار نه هجن، ڌيان ئي نه هجي، ڪنهن به قسم جو ڪو لاڙو نه هجي، پر محبوبن جو ارادو ٿي پئي، اتان اتساهه به ملي، بلڪه منٿون ٿين، ته اها ڳالهه بنهه نئين ٿيندي. اسان ڪڏهن ڪنهن شعر ۾، ڪنهن جي ڪلام ۾ ائين نه پڙهيو آهي، پر ڀٽائيءَ ڏسو هيءُ بيت ڪيئن چيو آهي؛

    آثارو تنهن عشق جو، ڪڏهن ڪونه ٿيوم،
    محبوبن منٿون ڪري، سڪڻ سيکاريوم،
    تـهان پوءِ ٿيـوم، آرو پسڻ پرينءَ جو.

    سُر بروو سنڌيءَ جي پهرئين داستان کان پوءِ جيڪا وائي اچي ٿي تنهن جي پهرئين سٽ جو پهريون اڌ سرائڪي لهجي ۾ لکيل آهي؛
    هوت نيڻان دا دلبند، لو ڀلوڙي جيڏيون.........
    هن سڄي وائيءَ ۾ ڪٿي به ٻئي هنڌ سرائڪي لهجو ڪونهي، اهو همعصر سرائڪي شاعرن جي صحبتن ۽ ڪچهرين جو اثر ئي چئي سگھجي ٿو. ڇو ته ڀٽائيءَ سرائڪيءَ کان علاوه هندي، فارسي، بلوچي، براهوي، عربي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ ۽ محاورا به استعمال پئي ڪيا آهن..
    جيڪي سندس صحبتن ۽ مختلف ٻولين جي تخليقڪارن سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ شعرن جي مطالعي سان ئي ممڪن ٿي سگھن ٿا.
    ڀٽائيءَ جي هن سر ۾ قبر ۾ دفنائجڻ جي حوالي سان به ٻه بيت موجود آهن، جيڪي قبرستانن ۾ ورد طور پڙهجندا به آهن؛
    فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو،
    لٽي لوڙهه لتن سان، جوڙيندءِ جاني!
    حرف پڇندءِ هيڪڙو، ظاهر زباني،
    ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀڪنهين.
    ٽئين داستان ۾ ڀنڀور جو ذڪر ڇا علامتي انداز ۾ ڪيل آهي؟ اهو بيت هڪ محقق لاءِ مواد مهيا ٿو ڪري، جنهن ۾ سڄي سُر جي وايو منڊل جي جائزي کان پوءِ واقعي لڳي ٿو ته ڀنڀور جو ذڪر علامتي طور ئي ڪيل آهي؛
    ڀيڻي ناهه ڀنڀور ۾، جنهن جِي ڌڻيان ڌارَ،
    تنهن ڪميڻيءَ جي ڪان ڪئي، ساٿ لڏيندي سار،
    آءُ عالم جا آڌار، واري واڳ ولهيءَ تي.
    شاهه سائين جي ڪلام تي جڏهن به ڳالهايو يا لکيو ويو آهي ته، چيو پئي ويو آهي ته، هو زناني ڪردار واتان سڀ ڳالهين چورائي ٿو، ڏک، سک سڀ عورت جي واتان ئي ظاهر ٿو ڪري. سر بروي ۾ البت اها ڳالهه ڪانهي. ٻن ٽن بيتن کان سواءِ بروي جو سڄو ڪلام ائين آهي، جيئن عربي ٻولي جي زمان مضارع جي جوڙجڪ. جن ٿورڙن بيتن ۾ عورتاڻي احساس جو اظهار ٿئي ٿو، انهن ۾ هڪ هيءُ به آهي:
    سورن سانگھيئڙا ڪيا، مٿي مون معزور،
    آئون هت ويٺي وِجھلان، مران نِتُ مهجور،
    جي دوست منهنجا دور، سي والي! وهلا آڻئين.
    سماجن اندر ماڻهن ۾، ماڻهپي جا قدر حالتن موافق بدلجندا رهندا آهن. هڪڙا مستقل قدر آهن جيڪي انسان پنهنجي ڊگھي سفر مان اخذ ڪيا آهن، پر انهن ۾ به ڪڏهن تبديلي اچي ٿي ته زماني جو سماجي مفڪر ڏکارو ٿو ٿئي؛
    آدمين اخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو،
    ڪو نه کائي ڪنهن جو، سندو ماڙهوءَ ماسُ،
    دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس،
    ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
    اکين جي عادتن بابت ڀٽائيءَ جو سُر آسا گھڻو مواد مهيا ڪري ٿو، پر لڄارين اکين جو بروي سنڌيءَ ۾ اوچتو ذڪر ڏسو ڪيئن آيو آهي. هي اهي اکيون آهن جي ڪنهن تي کپندي کڄي ويو آهن. دل ٻَڌائڻ جو هي انداز ڏسو؛
    کوڙي کڻ مَ سپرين، کنيئِي تان کوڙِ،
    عادت جا اکين جي، سا نيئي نڀائج توڙ،
    مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.


    ڀٽائيءَ جي ڪاپائتيءَ ۾ صنعت ۽ زراعت

    سنڌ زرعي معيشت سان گڏ صنعتي ميدان ۾ به صدين کان سرگرم خطو رهيو آهي، البت اهو هڪ عظيم الميو آهي ته صدين جي انهن کيترن ۾ ڪيل محنت، خفي ۽ عمل بابت ڪتابن ۾ ذڪر نه ٿو ملي. ان جو سبب ڌارين جي ڪاهن دوران سنڌ جي لائبريرين، ڪتب خانن ۽ پڙهائيءَ جي مرڪزن کي باهيون ڏئي ساڙڻ ۽ برباد ڪرڻ جهڙا اذيتناڪ واقعات آهن، خاص ڪري ارغون، ترخان ۽ مغلن جي ڪاهن دوران سڄي سنڌ جا ڪتب خانا ساڙي خاڪ ڪيا ويا. سنڌ جي ڪجهه صديون اڳ جي شهرن ۽ وستين جي نشانن جي سروي ڪندي ڪجهه سال اڳ موهين جو دڙو ايڪسپلوريشن ائنڊ ريسرچ فورم کوڙ اهڙا پراڻا آثار ڳولي لڌا هئا جن جي سڙيل ڍانچن ۾ اهڙا تهه به لڌا ويا هئا، جن ۾ رک ٿيل ڪتابن جا ٽڪر ۽ خاڪ عام جام مِلِي ٿي. اهڙن شهرن ۾ بنهه موهين جي دڙي ويجهو 7-8 ڪلو ميٽر اولهه ۾ موجوده باڊهه جي شهر وچ ۾ آڍاٽ جي شهر به هو، جنهن بابت مورخن جو اندازو آهي ته ٽي - چار صديون اڳ سيوهاڻي سڻڪ يا يوناني فوجن جي پشاور کان سيوهڻ واري سڌي رستي تي باڊهه وٽ اهو آڍاٽ جو شهر وسندڙ هو. آڍاٽ ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ پاڪستان جي موجوده وڏن شهرن کي ڳنڍيندڙ مکيه شاهي رستي تي موجود هو، ان ڪري ان جو ٻين اهڙن آباد مرڪزن سان واپار وڙو پڻ هلندو هو. آڍاٽ جي باقي رهجي ويل دڙي جي سڙيل تهن جي جاچ ڪوبه نه ڪرائي سگهيو. مجمدار پڻ هن شهر جي پراڻن آثارن وٽان گذريو ۽ ڪانڌڙن جي ڳوٺن وچ ۾ ڌامراهه - ڏکڻ جي دڙن بابت پنهنجا حوال ۽ مشاهدا Explorations in Sindh ڪتاب ۾ ڏنا اٿائين.
    سو، سنڌ جي قبل از تاريخ، تاريخ واري دور، وچولي دور ۽ جاڳرتا وارن سڀني دورن جو احوال ۽ مشاهدا لکيل صورت ۾ نه ملڻ هڪ الميو ان ڪري به آهي، جو انهن احوالن کي محفوظ رکندڙ ڪتاب ۽ لائبريريون مورڳو ئي ساڙي ڀسم ڪيا ويا.
    ان هوندي به سنڌ جي ساڃهه وند مفڪرن ۽ ڏاهن شاعرن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل پنهنجي ڪلامن ۾ پنهنجي دور جي سنڌ جي معيشتن تي پڻ خيال آرائي فرمائي آهي، جنهن جو مطالعو ڪندي اهي احوال ماخذ طور هڪ محقق کي ميسر ٿين ٿا. شاهه جي سر ڪاپائتي جو مطالعو ڪندي اسانکي هڪ ئي وقت زرعي معيشت ۽ صنعت ڪاري، جي چند لاڳاپيل شعبن يا Trades جو پتو پئي ٿو.
    سنڌ جي زرخيز زمين ڪپهه جي پيداوار لاءِ هميشه موزون ۽ موافق رهي آهي. يورپي قبضيدارن ايشيا ۽ آفريقا جي سياسي ۽ معاشي قبضن کانپوءِ جيڪي زرعي اسم پنهنجن ڏورانهن ملڪن ۾ صنعتي ڪارج لاءِ موڪلي ڏنا، تن ۾ سنڌ جي ڪپهه به شامل هئي. ڪپهه ڀٽائي جي دور توڙي ان کان اڳ صدين بلڪ هزارن سالن کان وٺي هڪ اهم زرعي پيداوار رهي آهي. عربن سان سنڌ جو تعلق تاريخ جي مهڙئين دور کان ئي رهيو آهي. رسول اڪرم ﷺ پاڻ به رسالت کان اڳ سوداگر رهيا آهن. جيتوڻيڪ سنڌ ڏانهن سندن ڪو سفر نه ٿيو، البت پاڻ سنڌ مان ايندڙ سوداگرن سان رهاڻيون به ڪندا هئا ۽ وڻج واپار جي وکرن بابت ڄاڻ رکندا هئا. انهن وکرن ۽ واپاري اسمن مان هڪ اسم پاڻ سڳورن پنهنجي تن ڍڪڻ لاءِ ڏاڍي پاٻوهه سان منتخب ڪيو هو ۽ اهو اسم هو سنڌ جي ململ. پاڻ سڳورا ململ تن زيب ڪندا هئا ۽ سنڌ جي ململ جي نفاست جا ڳڻ ڳائيندا هئا.
    ڀٽائيءَ سر ڪاپائتيءَ ۾ ڪپهه جي پيداوار کان وٺي ململ جي تياريءَ تائين مختلف مرحلن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪپهه کي دنيا اندر اڇو سون ڪوٺيو ويو آهي ۽ ان جو ڪاروبار ڪندڙن کي صراف. ان ريت ڀٽ ڌڻي پڻ ڪپهه جي واپاريءَ ۽ ڪارخانيدار کي صراف ڪوٺيو آهي، سر ڪاپائتيءَ ۾ ڪپهه جي مختلف روپن، ڪچي ڪپهه، پُوڻي، سُٽ، تند، ڪاپو، ڀرت، سڳي، ڪپڙي ۽ ململ تائين جو ذڪر آهي. ان جو ڪم ڪندڙن کي ڪاتار، ڪاپائتي ڀيرم وارو يا ڀيرم واري، سيباڻي، ڏهسي ڪوري وغيره جو نالو ڏنو ويو آهي. ڪپهه جي ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪي مرحلا اُڪرڻا پون ٿا، تن جا ڪاپائتيءَ ۾ هنڌ ٻڌائيندي ڀٽائي هن ڪم جا هنڌ ذڪر ۾ آندا آهن؛ پهي، ارٽ، ڀيرم، مالهه، آتڻ، ٽِڪ، چرکو يا چرخو، ڀيرا وغيره.
    ڪپهه جي پوڻيء کان وٺي ڪپڙي جي تيار مرحلي تائين سنڌ اندر ٽيڪسٽائيل جو ڌنڌو عام جام هوندو هو. واسطيدار واپاري مرڪزن ۾ ڪپهه سان سنهي ۽ ٿلهي تيار ڪپڙي جون بازارون به هيون ته ان جي سوداگري ۽ پرڏيهي واپار به ٿيندو هو. سنڌ جا ڪپڙي جا ماهر يا ڪوري رڳو سنڌ ۾ ئي نه بلڪ سنڌ کان ٻاهر به پنهنجي مهارت طفيل ڪم ڪندا هئا. ان نوعيت جو (Skilled) ورڪر يا ماهر خاص ڪري افغانستان، ايران ۽ عربستان جي وسيع و عريض علائقن ۾ وڃي روزگار هٿ ڪندو هو. ان ڳالهه جو ذڪر به ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجن شعرن ۾ ڪيو آهي؛
    ڪي اوبين عرب ۾، ڪي ڪابل منجھ ڪتن،
    سُٽُ انهن جو سڦرو، مٽيو ماڻڪن،
    قادر ڪِيم ڪڍن، ٿيلهي ٿلهي واريون.
    ان ريت پرڏيهه ڪم ڪندڙ اوور سيز ورڪرز سنڌ ڪنهن جهوني زماني کان ڀرتيون ڪندي رهي آهي. تڏهن جي هنرمند ماهرن جي ڀيٽ ۾ اڄ جي سنڌ گهڻو تڻو بي هنر افرادي قوت پرڏيهه موڪلي ٿي پر اصل قدر ان ڪاميءَ جو آهي جيڪو هنر مند آهي، جيئن ڀٽائيءَ چيو ته سٺو ڪم ڄاڻندڙ هنر مندن کي ٿيلهي، تڙي نه ٿو ڪڍيو وڃي، انهن جو هنر يا ڪم ماڻڪن تي مٽجي ٿو. مان بيت ٻيهر ٿو ڏيان ته جيئن ٻاهر ڪم ڪندڙ هنرمندن جي اهميت وڌيڪ اجاگر ٿئي؛
    ڪي اوبين عرب، ڪي ڪابل منجهه ڪَتِن،
    سٽ انهن جو سڦرو، مٽيو ماڻڪن،
    قادر ڪيم ڪڍن، ٿيلهي ٿلهي واريون.
    ڀٽائيءَ ڪپهه ٽاڻڻ جي ڪارخانن جو دورو ڪري محسوس ڪيو ته ڪارخانن اندر گڏجي ڪم ڪرڻ سان مزدور يا ڪامياڻيون وڌيڪ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگھن ٿا، بنسبت ان جي جو ڪو گھر ويهي هيکلي سر ڪپهه ٽاڻي؛
    توڻي تون ڪاتار، جم هيڪلي ڀيرئين،
    ڏٺــي ڪـــا ڏُئار، صـــراف انهيءَ سُٽ ۾.
    ڀٽ ڌڻي انساني فطرت جو به وڏو پارکو آهي ۽ هُن هِن هنري ۽ اهم معاشي ميدان ۾ دلچسپي نه وٺندڙن کي دڙڪا دهمان به ڏنا آهن ته، ماحول موجود هوندي به ماڻهو ڪتڻ جي نه ڪري ته اهو ٿيلهبو، خوار ٿيندو ۽ ڏکي زندگي گھاريندو؛
    ڪتڻ جي ڪانه ڪرين، سُتي سَاهين هڏ،
    صبح ايندئي اوچتي، عيد اگھاڙن گڏ،
    جتي سرتيون ڪندئي سڏ، ات سڪندينء سينگار کي.
    ڪنهن ڪاپائتي جي هنر مند هوندي ڪم ۾ شريڪ نه ٿيڻ تي ڀٽائي تنبيهه ٿو ڪري؛
    توڻي ٿئين جڏي، ته به اُتي آتڻ آءُ،
    ٿيءُ ڀيڙي ڀيرم وارئين، ٻي هڏ ڪرم ڪاءِ،
    ته صراف تو صباح، ڪوٺي ڪاتارين سين.
    هڪ هنر مند جي سستيء ۽ ڪاهليء کي ڏسي، هن ماحول ۾ رچي ويل ڀٽائي ڏسو ڪهڙي انداز ۾ تنبيهه ڪري ٿو؛
    سون ساريڪا هٿڙا، ڪوهه نه ڪتين رڏ؟
    ويهي ڪُنڊ ڪاپو ڪر، گھتون گوهيون ڇڏ!
    ته صرافـــاڻي ســـڏ، مَرڪيـــو هـــوند مٽائيين!

    ٿلهـو، سنهـو، اڳيون، جيڪي ڪتائين،
    مرڪيو مٽائين، سُڀان وچ سَرتئين.
    اڄوڪي دنيا ۾ ماڻهوء جي سونهن آهر هنر، هنر مندي هونئن به انسان ذات لاءِ سونهن آهي. اڄ جيڪو قدر دنيا اندر هنر مند جو آهي، بي هنر ان جي ڀيٽ ۾ رڳو هارتي ۾ آهي. ڏسو، بي هنر ماڻهو لکن جي تعداد ۾ دوست ۽ ڀائر عرب ملڪن مان لوڌي ڪڍيا پيا وڃن پر هنر مند ۽ اسڪلڊ ورڪرز جديد ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ به پنهنجو مان مٿانهون ڪيو لک ڪروڙ روپيه پيا ٿا ڪمائين، هنر جي اها سونهن ڀٽائيء به هن طرح بيان ڪئي آهي؛
    ڪوجو وَهُه ڪاپائتين، ڪَتن ۽ ڪَنبن،
    ڪارڻ سُود سواريون، آتڻ منجھ اچن،
    ان جي سونهن سيد چئي، ٿا صراف سڪن،
    اگھيا سُٽ سندن، پائي ترازيء نه تُريا.

    ململ جي تياريءَ جو ملهه ڪيڏو وڏو آهي، اندازو ته ڪريو؛

    تنبائي تاڪيد سـين، جن پڃـايو پاءُ،
    لسي تـنـد لطيف چئي، هلي تن هٿاءُ
    ململ منجھان ماءُ، جي سکيون، تن سونُ ڪيو.


    سُر پورب

    اهو چوڻ جي ضرورت ڪانهي ته شاهه سائين هر دؤر جو شاعر ۽ مفڪر آهي. سندس شعر جيتوڻيڪ چند عشقيه داستانن سان منسوب آهن پر، انهن ۾ ايڏي وسعت آهي جو زندگيءَ جا سمورا مسئلا ۽ مرحلا ان ۾ سمائجي ويا آهن، پوءِ اهائي ٽي صديون اڳ جي زندگي هجي يا اڄ اڪرندڙ ويهين صديءَ مهل نئين ايڪيهين صديءَ ۾ پير پائڻ واري جديد تقاضائن واري زندگي. شاهه جو شعر تاريخ تي محيط آهي ۽ هو يقينن تاريخ جي گذريل ٻن هزار سالن جي سنڌ جي اهم ترين شخصيت آهي. جهڙس ٻيو مفڪر ۽ شاعر اڃا سنڌ ڪو نه ڏٺو آهي.
    اسان شاهه جي شاعري ۾ موجود ماحول ۽ ڪردارن جي جائزي سان گڏ زندگيءَ جي انهن عڪسن تي به بحث ڪندا رهيا آهيون، جيڪي اسان جي اجتماعي يا انفرادي زندگين جا مستقل قدر آهن يا ٻي طرح انساني فطرت جا ناقابل تقسيم آدرش، احساس، سک ۽ ڏک يا تجربن جا فطري ۽ منطقي نتيجا.
    اڄ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جيڪا ترقي ڪئي آهي ان ۾ پيغام يا سنيهو پهچائڻ جا وسيلا ايترا ته آسان ٿي چڪا آهن جو، پولار ۾ موجود زندگين يا وٿن بابت تحقيق ڪندڙ انساني اوزار يا Space Shipsان گھڙيءَ ئي ڪائنات ۾ ايندڙ تبديلين بابت اطلاع اسان کي پهچائي ٿا ڏين. پر ان ايڏي جديد اطلاعاتي نظام يا انفرميشن هاءِ وي هوندي، انساني زندگيءَ جا انيڪ اهڙا روپ هزارن سالن کان اڄ تائين اڃا اهڙا آهن، جيڪي هڪجھڙا ۽ بنهه ساڳيا آهن. مثال طور، محبت جو پيغام اي-ميل تي هجي يا مَنَهن تي ويٺل ڪانگ جي ٻوليءَ ۾، مطلب ساڳيوئي نڪرندو، بلڪه اهو وڌيڪ ممڪن آهي ته ڪانگ جو آندل نياپو انساني جذن لاءِ وڌيڪ مؤثر بڻجي ۽ دل کي وڌيڪ ويجھو ڀاسي. ڀٽائي يقينن ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَکان گھڻو، گھڻو اڳي هو، پر اهڙي انساني اُپاءَ جي پهچ ڀٽائي وٽ ممڪن هئي جھڙي ڪمپيوٽر جي ونڊوز معرفت ممڪن آهي؛
    ايــڪ قـصر، در لک، ڪوڙين ڪَڻَس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
    هڪ محلات، جنهن کي لک دَرَ هجن ۽ ڪروڙِين ڳڙکيون، انهن مان هر پاتل جهاتي ۾ محبوب جي جھلڪ پئي ملي، سو بندوبست اسان جي ڪمپيوٽر ۾ ضرور آهي، پر ڀٽائيءَ اڍائي سئو سال اڳ اهڙي وٿ يا شيءِ جي امڪان کي ڪيئن ممڪن ٻڌايو، سا ڳالهه واقعي حيرت ۾ وجھندڙ آهي.
    پيغام رساني يا اطلاع / سنيهو پهچائڻ جو هڪ مستقل ۽ قديم ذريعو ”پکي“ رهيو آهي ۽ ننڍي کنڊ ۾ اهو پکي آهي ڪانءُ. اڄوڪي سڌريل ۽ ترقي يافته دنيا ۾ به، اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر تان اٿي، ٻاهر نڪرندؤ ۽ تازي هوا ۾ ساهه کڻندي، مَنَهن تي يا وڻ تي ويٺل ڪانءَ جي ڪان ڪان ٻڌندؤ ته امالڪ زبان مان نڪرندو؛ ڪير ٿو اچي؟ اها آگاهي يا intuition ڪانءَ جي آواز ۾ صدين کان ملندي آئي آهي. شاهه جي سر پورب جو پهريون داستان نياپي جي ان مستقل فطري ذريعي يعني ڪانءَ بابت آهي، جيڪو ڏکڻ-اوڀر ايشيا ۾ سڀني ٻولين ۾ ۽ سماجن ۾ هڪ جھڙو آهي.
    هڪ بحث اهو به آهي ته، ڇا ڪانءُ يا ٻيو ڪو پکي ٽپالي ٿي سگھي ٿو؟ بالڪل ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن پاليل هجي ۽ ڪو ٿورڙو پنڌ هجيس. مختلف پکي هن ڪم لاءِ استعمال ته ٿيندا رهيا آهن، البته هروڀرو دنيا انهن تي ڀاڙيندي ڪانه رهي آهي. پکي هڪ پيغام رسائيندڙ جو ڪم شاعر وٽ ته ڪري سگھي ٿو، البته دنيا ان تي مدار ڪانه ٿي رکي سگھي. ها البته اهو انسان جي فطرت ۾آهي ته ڪو پکي لات لنوندو ته ماڻهو ان لات مان پنهنجا مطلب پيو ڪڍندو، جيئن سنڌ ۽ ڀرپاسي وارين ايراضين ۾ ڪانء بابت شاعريءَ ۾ تاثر ملي ٿو.
    شاهه جي سر پورب ۾ پهريون داستان ڪانءَ جي ڪارستانين ۽ ان تي مدار رکندڙ محبت ڪندڙن جي جذبن ۽ احساسن جي اپٽار تي مشتمل آهي. سنڌ جو ڪهڙو گھر هوندو جنهن ۾ اڄ به ڪنهن مهل ڪانءُ اچي مُني، مَنَهن، وڻ يا جاءِ تي ويهي لاتيون لنوين ۽ ٻڌندڙ نر يا ناري ساڻس نه ڳالهائي. اهڙن ئي نازڪ ۽ نفيس جذبن کي ڀٽائيء پورب ۾ بيان ڪيو آهي. پورب اوڀر کي چئجي ٿو ۽ سر پورب جي ٻئي حصي ۾ پوربي صوفي فقيرن ۽ سنياسين سان ڀٽائيء جي صحبت ۽ هجت جو ذڪر آهي.
    پورب جي پهرئين داستان ۾ ڀٽائيءَ ڪانء کي منو ڊزن نالن سان سڏيو آهي جن ۾ ڪانءُ، ڪانگ، ڪانگل، کنياتو، ڪانگڙو، غراب، زاغ، ڪانگو ۽ ڏائو اچي وڃن ٿا. ڪانءَ جي معرفت نياپن سنيهن جا جيڪي قسم ڀٽائيءَ هن مختصر شعري ڍانچي اندر آندا آهن اهي آهن؛ سنيهو، پارانڀو، کينء، پچار، سُڌ، پيغام، ڪهيو، ڪمايو، لينو، لات، واڪو، وائي، واڌائي، ڪانگِ، چٺي، خط ڪتابت وغيره.
    اهو ممڪن ته ڪونهي ته پرڏيهه مان ڪو ڪانءُ نياپو آڻي، پر انتظار ڪڍندڙ ڪردار پرڏيهه مان نياپي جو ڪانءَ کان به منتظر آهي؛
    مٿي لام لطيف چئي، پارانڀان پچار،
    ڦيرِمَ فضيلت تون، جا ڪُرَ اوهان جي ڪار،
    جي ڏٺئي ۾ ڏيسار، سي اڏامي آڻ تون.
    اجھي پرينءَ جي خبرن سان گڏ ڪانءَ سڄي ساڻيهه جون خبرون آنديون آهن؛
    آءُ ڪانگا وڻ ويهه، سُڌيون ڏي ساڻيهه جون،
    ڪِي چڱا ڀلا سپرين، ڪِي سُکِ وسي ساڻيهه؟
    پرين لئه پرڏيهه، مون تان گھڻو نهاريو!
    ڪانء سان لڳاء جو هيءُ انداز ڏسو؛
    ڪَرُ کنيو ڪانگ لنئين، مُنيء تي مضبوط،
    آڻيو ڏئـي آتـڻ ۾، سنيها ثـابوت،
    ڪانگل اٿئون قوت، پيغام تن پرين جا.

    مٿان مَنَهن منهنجي، ڪنهن اُڏايو ڪانءُ،
    ڳـنـهـي آيـو ڳـالهـڙي، سنـدي سُپيريانءُ،
    جيڏيون جاڙڪيائون، سُئم هوند سنيهڙو؟!

    ٽاريء تي ٽلي، قريبن جو ڪانگڙو،
    کڻيو کنياتو خبرون، کيرون ڏيو کِلي،
    لائي جنهن لالڻ سان، منهنجي بات بلي،
    سو ور چشمن تي چلي، جو درٻاري دوس جو.
    اهو ته اکين تي پير ڏيڻ وارو ڪانءُ هو. پر لالچ ۾ ورتل پيٽي ڪانءُ به ڀٽائي جي پورب ۾ موجود آهي؛
    سـو ڪانگ ۾ قاصد ڪر، جو سدا ڍونڍي ڍونڍ کي،
    ڪِ ڪندو پنهنجي پيٽ جي، ڪِ ويندو دوسن در،
    جنهن جي ٻوليا ئي ”ٻر ٻر“، سو نياپا نيئي رهيو!
    ڀٽائي سنڌ کان ٻاهر سفر تي نه ويو هو، البته سندس ملاقاتون جن صوفين سان ٿيون، سي ڪن پنجٽيهه سوفي مسلڪن جا ماڻهو هئا. انهن ۾ به وڏو تعداد پوربي يعني اڀرندي طرف راغب صوفين جو هو جيڪي سنڌ ۾ ڀٽائيء جي دور ۾ گھڻو ايندا ۽ ڦرندا رهندا هئا. پورب جي صوفين، سامين ۽ سنياسين جو ذڪر ڀٽ ڌڻيء سر پورب کان علاوه ٻين سرن ۾ به ڪيو آهي، پر پوربي سنياسي فقيرن جو مزاج پورب جي شعرن ۾ به پڌرو آهي، اهي سک نه ٿا طلبين ۽ بک ڏک تي رهڻ پسند ڪن ٿا؛
    تـن اکين اتان سُک، کلـندي کڻـن جي،
    پرين پاٻـــوهڻ سـان، ڏُور ڪيا سڀ ڏک،
    ماڻهن ليکي بک، سامي سور سنها ڪيا.
    پوربي اڌ راتي مسافر آهن جيڪي پرڀات جو لڀن ئي ڪونه ٿا؛


    پوربيا پورب ويا، آسڻ آڌيءَ رات،
    سُيم نه سنياسين جون، پچارون پرڀات،
    ڪا جا جوڳيِءَ ذات، مٽ نه معزورن جا.
    ڀٽائيءَ پورب جي بيتن ۾ هندي / اردو لفظ ۽ جملا به استعمال ڪيا آهن؛
    پـــوربـــيا پوري ويا، آسڻ اڄ صبوح،
    خستوري خوشبوء، آهي، آديسي گيا.

    پورب پورب تب ڪرون، جب هينئڙي آون پور،
    سڪندي کي سڄڻين، نِڪُون لايون نور،
    ماريس انهي سُور، جيئن ساڄن سُڄي، نه ملي


    سُر ڪارايل

    آفاقي شاعر، اديب ۽ فيلسوف پنهنجي فلسفي ۽ فڪر کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ علامتي انداز اختيار ڪندي جھنگل، درياهه، سمنڊ، آڪاش ۽ پاتال ۽ انهن ۾ لڀندڙ نشانين، ڪردارن، جانورن، پکي پکڻ ۽ چنڊ ستارن جا ڪردار سندن مزاجن موافق استعمال ڪندا رهندا آهن. اهڙا مثال دنيا ڀر جي ٻولين ۾ شعر ۽ ادب جي ڪتابن ۾ ملن ٿا. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمت پڻ پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن پکين جو باضابطه طور ذڪر ڪيو آهي. انهن پکين ۾ مور، هنج، جهرڪي يا چِڻي، ڪانءُ وغيره اچي وڃن ٿا، هنج ۽ ٻگهن جو سڌو ذڪر سندن ماحول سميت، ڀٽائيء جي سر ڪارايل ۾موجود آهي، جڏهن ته ڪانء جو ذڪر پورب ۾ ۽ ڳِجھ جو ذڪر ڪيڏاري ۾ سندن مزاجن ۽ ماحول سميت ملي ٿو.
    ڀٽائيءَ جي ڪلام تي تحقيق جي سلسلي کي هاڻي ڏيڍ - ٻه صديون اچي ٿيون آهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڀٽائيء جي ڪلام ۽ فڪر جي ڀيٽ، سندس ڪلام جي ڪردارن جي ڀيٽ ۽ حوالا مولانا روميءَ جي شعر ۽ ان جي ڪردارن سان اڪثرمحقق ڀيٽيندا رهيا آهن، اهو ڏسڻ کانسواءِ ته فڪر جي لحاظ کان ڀٽائي روميءَ کان گھڻو نرالو ۽ منفرد آهي، بلڪ ڪڏهن ته هو بنهه روميءَ جي فڪر جي ابتڙ پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو. مثال طور پکين جو ذڪر ڪندي رومي ڪانءُ کان نفرت جو اظهار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هو خراب شيون ۽ اوبر ٿو کائي. هن جي ڀيٽ ۾ ڀٽائي ڪانء کي محبوب جو قاصد قرار ڏئي اکين تي هلڻ جي لاءِ آماده ٿو ٿئي؛
    ٽاريءَ تي ٽلي، قـريبن، جو ڪانگڙو،
    سو ور چشمن تي چلي، جنهن نينـــهـن نياپا لائيا.
    ڀٽ ڌڻي البت اها به تنبيهه ٿو ڪري ته؛
    سو ڪانگ مَ قاصد ڪر،
    جـو سدا ڍونڍي ڍُونڍ کي.
    مولانا روميءَ باز کي به صوفيءَ واري حيثيت ڏيندي ان کي آزاد ڇڏيو آهي ته باز وانگر شڪار ڪندي هو اڳتي وڌندو وڃي ۽ منزل کي رسي. پر ڀٽائيء باز جي شدت آميز رويي جي بنهه مخالف رويي يعني نرمي جي رويي کي اختيار ڪندي هنج کي چونڊيو آهي جيڪو هن لاءِ نرميءَ ۽ نرم مزاجيءَ جي علامت ۽ نشان آهي.
    ڪارايل اصل ۾ ڪاري هنج کي چئجي ٿو، پر هنج سڄي دنيا ۾ اڇو اجرو ۽ سفيد آهي ۽ سندس بدن وڏي پاڻي ۾ ڌوتل ۽ اجرو ٿو رهي؛
    اڇو پاڻي لڙٿيو، ڪارو ڪيو ڪنگن،
    ايندا لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجهڙا.
    سونهن، صفائي ۽ نرم مزاجيءَ جي علامت هنج جي جاءِ ڀٽائي اڇي ۽ صاف سٿري پاڻيءَ کي قرار ٿو ڏئي:
    اڇـــو پـــيـــو اڇـــاههُ، تـــه اڇـــائيء اُبهو،
    وهـــڻ وڙ نه آ تـــنهنجو، پاڻيءَ لڙ لَلاهه
    سُسَرَ ڏجي ساهه، ڪُسَرَ ڪنگن قبرون.

    اونهـون جت اوڙاهه، هنج تتهين هوءِ،
    ايءُ ڪانيارو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.
    هنج جي ذات ٻگهن ۾ ملي ٿي پر ٻگھه مڇي پڪڙي ٿو کائي جڏهن ته هنج سدائين موتي ڳولي ٿو چُڻي؛
    اکـــڙيون اوڙاهه ۾، اُڀو تڪي تار،
    پٿون جي پاتار، هنج تني جو هيرئون.

    ٻگھن سين ٻاڻ هـڻي، اڏاڻو آنگاس،
    جتي پرين سنداس، سـو سَـــرُ مڻي هنجڙو.
    هنج جي اهڙي مزاج کي مستقل ڏسڻ جي خواهشمند ڀٽائيء ٻنڌياڻ به ٻڌي ڇڏيو ته ”اي هنج! توکي مستقل طور هنجن سان رهڻو آهي، ٻگھن جي سنگت ۾ نه ٿو سونهين“؛
    هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارئين،
    ٻگھن ساڻ ٻيهار، هوند ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.

    پکي پيهي نڱيا، منجھا لتاڙين لک،
    ڪني ماڻڪ ميڙيا، ڪني رتا پک،
    پٺيءَ لائي لک، گڏيو هنج حبيب کي.
    خوش اخلاق، نرم مزاج ۽ خوش خصلت ماڻهوءَ کي ڀٽائي علامتي انداز ۾ هنج ٿو چئي ۽ ان کي پنج وقتي عبادت ڏانهن توجھ ڏياري عاقبت سنوارڻ لاءِ چئي ٿو؛
    هنج مڙيئي هنج، ميرو منجھن ناهه ڪو،
    موتي جي مهراڻ جا، سي پورا چڻج پنج،
    اڄ ڪ صباح سنجھ، ڍٻيءَ ۾ ڍيري ٿئين.!
    هنج جو شڪار به عام جام ٿئي ٿو ۽ ڀٽائي هنج جي شڪار کي پسند نه ٿو فرمائي. شڪاري ماڻهن جون آهن پنهنجون لالچون. اجايا ويچار ۽ بدخصلتون، جن کان ڀٽائي ماڻهوءَ کي هوشيار ٿو ڪري. انسان جي اندر جا اهي شڪاري اڻ ڳڻيا آهن. معروضي طور پاڻيءَ جي ڪنهن وڏيءَ ڍنڍ تي شڪارين جا ڄار ۽ ڍٻيون تيار پيون آهن ۽ هنج لهرن ۾ پيو لڏي جنهن کي رڳو الله جو آسرو آهي؛
    سر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙيهري پنجاهه،
    ســنـديء آس الله، لُڏي لـــهـــرن وچ ۾.

    آءُ اڏامــي هنجڙا، سَرَ ۾ ساريـنـئـي،
    متان مارينئي، پاڙهيري پَهُه ڪري.
    ۽ جڏهن ماحول ڪوڙن ڪانيرن هٿان خراب هجي ته هنج رساما ڪري، ناراض ٿي پهاڙي ڍنڍن ڏانهن ئي سفر اختيار ڪندا؛
    سرهو سَرُ وڃائيو، ڪوڙن ڪـانيرن،
    رُٺا روهه وڃن، ڪنهن هيڻائيءَ کان هنجڙا.
    هنج ڪڏهن ڪِنُ يا حرام کائي گذران نه ڪندو آهي. انسان جي فطرت به اها آهي ته، ڪوڙ ڪپت جي ڪمائيءَ مان پيٽ نه ڀريندو آهي. ماڻهو پنهنجي مزاج کي موافق رکي ۽ انساني قدر نه وڃائي، اها ڀٽائيء جي مرضي ۽ دائمي صلاح آهي؛
    ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،
    ڇِلُـرَ ۾ چُهنج هڻي، مڇي کِيَن نه اي،
    لوڪ نه لکيا تي، جيلانهن ڀڻن ٻگھن گڏيا.
    سُر ڪارايل ۾ بيتن جي تعداد ۽ ورڇ جي لحاظ کان مرتبن فقط ٻه داستان ٻڌايا آهن ۽ ڏنا آهن. پهرئين داستان ۾ ڪنگن ۽ هنجن جي ماحول ۽ مزاج جي اُپٽار ڪيل آهي جڏهن ته، ٻئي داستان ۾ دنيا جي هڪ ٻئي نهايت ئي خوبصورت پکيءَ مور جي مقبول کاڄ نانگ جي مختلف قسمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مور، نانگ کي ڳولي ڳولي کائي ٿو ۽ اها هن جي مقبول ۽ وڻندڙ خوراڪ آهي. هن داستان جي بيتن ۾ کپر ۽ ڪاريهر نانگن جو ذڪر ڪيل آهي، جن ۾ شديد نموني خطرناڪ زهر ٿو ٿئي. کپر يا ٻه- منهين نانگ کي ٻنهي پاسي منڍي ٿئي. هڪ بيت ۾ ڀٽائي اهڙي ئي ڪنهن زهريلي نانگ جو ذڪر ٿو ڪري جنهن کان مور به ڪَؤ ٿو کائي؛
    وِهه هـٿيـن، وِهه پيرين، وِهه جَني جي وات،
    ڪاري ڪا جا ذات، جا مورن پڻ مٽي ڇڏي.
    هن سُر ڪارايل جي ٻئي داستان ۾ گاروڙي جوڳي به ذڪر هيٺ آيا آهن، جن جو پيشو آهي نانگ پڪڙڻ. ڪوکپر نانگ نڪتو لڪندو ٿو وتي پر ماهر جوڳيءَ کان ڪيڏانهن ويندو؛
    کپر! گـاروڙين سان، وڏو وڌءِ ويـــرُ،
    نانگ! نه ويندين نڪري، تو ڏَرِ مٿي پيرُ،
    هيءُ تني جو ڍيرُ، جن جهونا ڳڙهه جلائيو.
    داستان جي آخري بيت ۾ ڀٽائي پکيءَ جي علامت کي موٽائي انساني روپ ٿو بخشي ۽ پکي پڃرو، پاڻيءَ جو تلاءُ يا سَرَ، هنج وغيره پنهنجي ئي ڍانچي اندرلهڻ جو راز ٿو ٻڌائي:
    سو پکي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنج،
    پيهي جان پرُوڙيو، مون پانهنجو مَنجُھ،
    ڏيل جنھنجو ڏنجهه، سو ماري ٿو مَنجِهه ڦري.


    سُر ڪارايل : شاهه ڀٽائي ۽ فريد الدين عطار

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي شعر جي موضوعن، سندس نڪتهءِ نظر، سماج، تصوف، رومانوي داستانن توڙي سنڌ جي تڏهوڪي عام ۽ خاص طبقن جي زندگين بابت شاهه جي روين کي فقط ۽ فقط سندس ڪلام پڙهڻ ۽ ان کي ان اندر ئي سمجهڻ وسيلي معلوم ڪرڻ گهرجي ۽ سندس ڪلام ۽ خيالن جي ڀيٽ سندس زماني يا کانئس اڳ جي ڪنهن به ٻئي ڪتاب سان ڪرڻ نه گھرجي. شاهه جي ڪلام ۽ کانئس اڳ جي سنڌي شاعرن جي ڪلام ۾ موضوعن جي هڪ جھڙائي بهرحال ان لحاظ کان ذڪر ڪرڻ جوڳي آهي ته، سنڌ جي هنن عالمن جا فڪري سرچشما سنڌ جي تاريخ، سماج ۽ ثقافتي قدر ۽ روايتون رهيا آهن ۽ گڏوگڏ پنهنجي دور جا رويا، واقعا ۽ حادثا پڻ جن جو ذڪر ڀٽائيء جي ڪلام ۾ به آهي ۽ کانئس اڳ جي شاعرن جي ڪلام ۾ به. باقي ڪنهن به ٻيء ٻوليءَ جي ڪتاب ۽ ان جي موضوعن ۽ مفهوم سان شاهه جي ڪلام جي ڀيٽ ڪرڻ نه جڳائي. اهڙو ڪم شاهه جي شارحن البت لڳاتار هلندڙ صديءَ ۾ پئي ڪيو آهي ۽ شاهه جي شعر جي موضوعن جا ماخذ سندس ماحول کان ٻاهر ڳولڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي آهي.
    مثال طور ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي ڪتاب “شاهه آف ڀٽ” ۾ جيڪو اڀياس ڏنو آهي، ان ۾ شاهه جي ڪلام ۽ نڪتئه نظر جي ڀيٽ هن مولانا جلال الدين روميءَ جي ڪلام ۽ نڪتهءِ نظر سان ڪئي آهي، جڏهن ته ٻنهي عالمن ۽ شاعرن سڳورن کي پنهنجو پنهنجو ماحول هو. ساڳي ڪار شاهه جي ڪلام سان فريد الدين عطار جي “منطق الطير” سان ڀيٽ ڪندي ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ ڊاڪٽر اينميري شمل ۽ ٻين سان گڏ شاهه جي مقامي شارحن جو پڻ هٿ رهيو آهي. مثال طور جڏهن ڊاڪٽر در شهوار سيد مرحومه ڀٽائيء تي ڊاڪٽريٽ ڪرڻ ويٺي ته هن پنهنجي مقالي ۾ خاص هڪ باب شاهه ۽ عطار جي ڀيٽ لاءِ مخصوص ڪيو، جنهن ۾ هرڀرو به هن ڀٽائيء کي عطار جي تصوف واري فلسفي ۽ نڪتي اندر ماپائڻ ۽ ان جي ئي عڪس مان ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسين شاهه جي اسرارن کي ڄاڻڻ لاءِ انهيءَ نڪتئه نظر جا قائل ناهيون ۽ شاهه جي فلسفي جو ماخذ سندس پنهنجا تجربا، مشاهدا ۽ هن جي پنهنجي ئي ماحول جي معروضي حالتن ۽ سماجي ۽ ثقافتي روايتن ۽ قدرن سان گڏ سندس مذهبي عقيدي ۽ تصوف بابت سندس پنهنجي فهم کي ئي سندس شاعري جا سرچشما سمجهون ٿا.
    پر ڇاڪاڻ ته مختلف شارحن ۽ پارکن عطار ۽ ڀٽائيء کي هڪ ٻئي سان ڀيٽيو آهي، ان ڪري ڏسنداسون ته عطار تصوف جي ميدان ۾ ڪهڙو نڪتهءِ نظر رکي ٿو، جيئن اسان ان معرفت ڀٽائيء کي سمجهڻ ۾ دلچسپ رکندڙ انهن سڄڻن لاءِ مددگار ٿي سگهون جيڪي ٻيء طرح هن ڳوڙهي مطالعي ۾ ملوث ناهن. جن سڄڻن ڪتاب منطق الطير جو سنڌي ترجمو “پکين جي پاليامينٽ” ناهي پڙهيو يا ان ۾ ڪا گهڻي دلچسپي نه ٿا رکن، انهن لاءِ به عطار جي فلسفئه تصوف کي سمجهڻ واسطي هن موضوع کي بحث هيٺ آندو ويو آهي.
    منطق الطير جي ڪهاڻي ڪجهه هن طرح آهي؛
    هڪ ڀيري سڄي دنيا جا پکي هڪ هنڌ گڏ ٿيا ۽ پاڻ ۾ خيال ونڊي فڪر ظاهري ڪيائون ته، سندن اڳواڻي ڪندڙ ڪو بادشاهه آهي ئي ڪونه، جيڪو سندن مسئلن ۽ معاملن ۾ رهنمائي به ڪري سندن مالڪي به ڪري. انهن پکين ۾ بلبل، چَتون، مور، بدڪ، تتر، باز، چٻرو، جهرڪي، هُد هُد ۽ ٻيا هزارين پکي شامل هئا. پکين جي هن گڏجاڻيءَ اڃا بادشاهه نه هجڻ تي افسوس ئي پئي ڪيو ته ايتري ۾ هُد هُد پکي سڀني جي اڳيان اچي چيو ته، کيس هڪ پکي بادشاهه جي خبر آهي جنهن جو نالو آهي “سيمرغ”. هُد هُد سڀني پکين کي چيو ته، کيس اها به خبر آهي ته ڪهڙي رستي سان سيمرغ تائين پهچي سگهجي ٿو. هُد هُد اها پڻ دعوا ڪئي ته کيس الله تعاليٰ جي ڳُجهه ۽ اسرارن جي به خبر آهي ۽ اهو به ڄاڻي ٿو ته ڪائنات ڪيئن خلقي وئي آهي. پکي هُد هُد جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ کين شوق ٿيو ته سيمرغ سان ملن.
    هُد هُد سمورن پکين جي اڳواڻيء جو بار کنيو، البت مٿانئن اهو به واضع ڪيائين ته، سيمرغ ڏانهن هلندي سفر ۾ هزارها مشڪلاتون اينديون، ڏک ڏاکڙا ڪاٽڻا پوندا ۽ حياتي به وڃائي سگهجي ٿي ۽ اها قرباني ڏيڻ لاءِ پکين کي تيار ٿيڻو پوندو. هُد هُد جون اهي ڳالهيون ٻڌي ڪيترائي پکي پوئتي ٿي بيٺا ۽ سفر جي مشڪلاتن کان ڊڄي پنهنجي آکيرن ڏانهن اڏامي ويا. پوءِ به هزارين پکي پنهنجي بادشاهه سيمرغ ڏانهن رواني ٿيڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ سفر شروع ڪيائون.
    فارسي ٻولي ۾ سيمرغ جي معنيٰ آهي ٽيهه پکي. سيمرغ بادشاهه ڏانهن روانا ٿيل هزارين پکين مان ٻيا سڀ يا واٽ تان ئي موٽيا، ڪن کي موسم ته ڪن کي ٿڪ ۽ سيءَ تپ يا بيمارين واٽ تي ماريو، باقي وڃي ٽيهه پکي بچيا جيڪي پنهنجي منزل تي پهتا. پر منزل تي پهچڻ کان پوءِ هنن تي اها ڳالهه واضع ٿي ته، اتي ڪجهه ڪونه هو ۽ جنهن جي تلاش ۾ نڪتا هئا، اهي هو پاڻ ئي هئا.
    فريد الدين عطار ان ريت پکين کي علامت بنائي مطلوب کي ڳولڻ لاءِ سالڪ کي تلاش يا ڳولها تي اتساهيو آهي. شاهه ۽ عطار کي شارحن محض تلاش يا ڳولها واري عمل جي ڪري هڪ ٻئي سان ڀيٽيو آهي جڏهن ته ڀٽائي جي تلاش وارو ڪردار ماڻهو ادا ڪري ٿو، ڪوبه پکي نه. البت تصوف جي شارحن سالڪ کي حق جي تلاش لاءِ منزلون مقرر ڪري ڏنيون آهن، جيڪي عطار وٽ ڪل ست منزلون آهن، جيڪي آهن؛ عشق، تلاش يا طلب، آزادي، حيرت، معرفت، وصال ۽ فنا. فارسيء جي هڪ ٻئي صوفي السراج الطوسيء وٽ به ست منزلون آهن، جيڪي آهن؛ توجهه، ترڪ، زهد، فقر يا سُڃ، صبر، توڪل ۽ رضا.
    عطار ۽ طوسي جي انهن منزلن جي نشاندهي ڀٽائيء جي شعر ۾ مختلف هنڌن تي ٿئي ٿي. مختلف هنڌن تي ان ڪري ٿا چئون جو تقريبن هر سر ۾ جستجو ۽ مسلسل تلاش جو عنصر ڀٽائي انساني زندگي جو مکيه گڻ ٿو ٻڌائي. هن وٽ الوٽ عشق به آهي ته طلب ۽ تلاش به، دنيا جي جهنجهٽن ۽ لالچن کان آزادي ۽ خودمختياري به ته حيرت، معرفت، وصال ۽ فنائيت جون منزلون به. ساڳيء ريت وٽس توبهه، دنيا کي ترڪ ڪرڻ، زهد ۽ تقويٰ، فقر ۽ سڀ طلب ڇڏڻ، صبر، توڪل ۽ رب تعاليٰ جي رضا يا مرضيء جا چٽا رستا به، پر اهي هو علامتي طور استعمال نه ٿو ڪري. ڀٽائي سڌو سنئون تلاش جو عمل انسان کان ڪرائي ٿو ۽ ان لاءِ وٽس دليل به آهن ۽ جواز به. ڀٽائيء وٽ رڳو سسئي، سهڻي مارئي، ليلا، نوري ۽ مومل تلاش حق ۽ محبوب جي وصال لاءِ سرگرم عمل ناهن بلڪ هن وٽ ٽيهه مختلف ڪشالا ڪڍندڙ صوفي سالڪ به آهن، جيڪي نج پج انسان آهن ۽ سندن طور طريقو ماڻهن وارو آهي.


    سُر پِرڀاتي

    حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو ننڍڙو سُرُ پرڀاتي، پنهنجي تاڃي پيٽي اندر اڍائي- پوڻا ٽي سو سال اڳ جي سنڌ اندر موجود انهن ڀانن، ڀٽن، مڱڻهارن ۽ سازندن جي ڪائنات کي موضوع بڻائي ٿو، جيڪي ڏکڻ - الهندي سنڌ جي خاص ڪري لَس ٻيلي واري علائقي ۾ بي يارو مددگار ڦرن ٿا ۽ قدردانن جي تلاش ۾ آهن.
    سنڌ جي موسيقي ۽ ساز سرود جي دنيا ڀٽائيءَ جي دور وانگر اڄ به قدردانن جي ڳولها ۾ آهي. اُن وقت به راڳي ۽ موسيقار هڪ غريب ۽ سقيم سنڌي معاشري اندر فن موسيقيءَ جي خدمت پنهنجي ليکي پاڻ ڪندا هئا ۽ اڄ به هن فن سان لاڳاپيل هزارين ماڻهو ڪو مالي آٿت نه لهي گھڻي قدر مايوسيءَ جو شڪار آهن. پر هڪ حقيقت پڌري آهي ته ميدان نه ڇڏيو اٿائون.
    پرڀاتي اسر جو نکڙجندڙ وڏي چٽي تاري جي اڀرڻ مهل جي راڳ کي به چئجي ٿو، جنهن وقت ڪائنات ننڊاکي صورتحال مان ڪر موڙي ٻيهر بيدار ٿيندي آهي. پکي پکڻ آکيرن مان ٻوليون ٻولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ راڳي ۽ موسيقار نئين صبح جو فن ذريعي آڌرڀاءَ ڪندي، مسحور ڪندڙ موسيقيءَ وسيلي جڳ کي جاڳائيندا آهن.
    سر پرڀاتيءَ جا ڪردار ڳولهجن ٿا ته لڳي ٿو ته، اولهه - ڏکڻ سنڌ جي لاسي ۽ ٻيلي علائقي کان علاوه ڪجهه عڪس سنڌ جي سمن جي حڪومت هيٺ آيل علائقن جا به ملن ٿا، البت نه لس ٻيلي جي ڪنهن حڪمران جو سڌو نالو کنيو ويو آهي ۽ نه ڄام انڙ جو، جنهنجو ڪجھ بيتن ۾ جزوي طور ذڪر ڪيل آهي.
    ڀرڀاتيءَ جي ٻين ڪردارن ۾ موسيقار ۽ سازندا آهن، جن مان ڪي فقط پنهنجي فن ۾ محو ۽ مگن آهن ۽ اسپانسر يا قدردان جي پرواهه ڪانه اٿن. اڪثر فنڪار قدردان لاسي ڄام جي پٺيان آهن ۽ ڪن جي تانگهه ڄام انڙ طرف آهي. ٿي سگھي ٿو لاسي ۽ سنڌي ڄامن جو هڪ ٻئي سان واسطو هجي. ڇو ته ڏاکڻي سنڌ جي سمن واري دؤر کي خاصو بهتر دؤر به سمجهيو وڃي ٿو. لس ٻيلي جا ڪجھ خوشحال ماڻهو اڃا تائين ڄام سڏبا آهن ۽ سنڌ ۾ سمن جي دؤر کي به ڄامن جو دؤر ٿو سڏجي. ڪُڙهه ساڳي به ٿي سگھي ٿي، جنهن جا حصا پتيون بعد ۾ تاريخ جي جنگاهه جي ٻن اڍائي صدين ۾ ٿيا هجن. ڇو ته هاڻي سماٽ قومون سڄي سنڌ اندر موجود آهن، ورنه اهي ڪن مکيه علائقن تائين رهائش پزير ملندا هئا.
    سر پرڀاتي سڄو سارو موسيقارن جو سُر آهي، جيڪي البت ڀٽائيءَ جي شعرن ۾ بي ترتيب، اوڳي ۽ ڏکن ڏاکڙن واري زندگي گهاريندي نظر اچن ٿا. ڀٽائيءَ جو مشاهدو سنڌ اندر ان صورتحال جو چٽو احوال ٻڌائي ٿو، البت هر هنڌ هو، سماج جي هڪ معمار وانگر آٿت بڻجي سامهون اچي ٿو ۽ مايوس موسيقارن کي همٿ ٻڌائيندو نظر اچي ٿو؛
    ايءُ نه ڀانن ڀير، جِئن ڪينر ڪيريءَ ٽنگيو،
    سونهاري صبوح سين، وجھي ويٺين وير،
    توکي چوندو ڪير، ڪيرت ڌاران مڱڻو؟
    اهو هڪ موسيقار جو طور طريقو ئي ڪونهي ته هن جو ساز ڀت جي ڪليءَ ۾ ٽنگيو پيو هجي ۽ صبح جو سويل ئي هو پاڻ تي مايوسي طاري ڪري ويهي، سر ۽ ساز جي صدا کان سواءِ کيس موسيقار ڪير چوندو؟
    ستو ڪيئن ننڊون ڪرين، روائي رات وهاءِ،
    سُڀان ساز سنديـاءِ، پيا هوندا پٽ ۾،

    سيرانديءَ ساز ڪيو، سمهين ساري رات،
    جـــاجڪاڻي ذات، ايئن نه هوئي اڳهين،
    پرڀاتيءَ ۾ هڪڙا موسيقار مڱڻا يعني گھرندڙ ۽ پنندڙ آهن، جن کي ڀٽائي مڱڻو ۽ مڱڻهار ٿو ڪوٺي، جنهن کي ڏان يا دان جو ئي ڌيان ٿو رهي. ساڳيءَ ئي ڪڙهه ۾ جيڪي خود دار موسيقار آهن، تن کي پنڻ مڱڻ جي هير ئي ڪانهي ۽ اهي هر حال ۾ پنهنجي سازن سميت سفر ۾ آهن. ڀٽائي انهن کي شانائتو نالو ڏئي ٿو چارڻ جو؛
    جَنهِين سُک ناهه ڪو، چارڻ سي چئجن،
    رُڃــن راهه پُڇن، مٿي ڪلهن ڪينرا.
    راڳ ۽ ساز جي همٿ افزائيءَ جو رجحان موجوده سنڌ ۾ به خير ڪي آهي، ڇاڪاڻ ته وڏا موسيقار ۽ ڳائڻا اجھو اسان جي اکين اڳيان بيوسيءَ جون زندگيون گھاري گذري ويا آهن يا وري اڃا تائين همٿ افزائيءَ جا ڳولائو آهن. ڪي ادارا آهن ۽ فرد به جن وٽ موسيقارن ۽ راڳين مٿان ڇٽ ٿيندي آهي. ڀٽائيءَ جي پرڀاتيءَ ۾ ڄام رونجهو، لس ٻيلي جو هڪ والي اهڙو آهي جنهن وٽ ڇٽ مان ماڻهو مَٽ ڀري ٿا وڃن؛
    پيو ليٽين لُٽ، سڄيون راتيون سمهين،
    اٿي آڌيءَ نه ڪـــرين، سَپَـــڙ سـان سهـٽ،
    رونجـهي رات اُپـٽيا، پيٽنئون پـــاڻيٺ،
    ميـڙي تئان مـٽ، چونڊي ڀريا چارڻين،
    پرڀاتيءَ ۾ ڪن سازيندڙن وٽ سارنگي آهي ته ڪن وٽ تنبورو. ڀٽائيءَ شايد سفر دوران انهن ڀانن ۽ سازيندڙن کي ڏٺو آهي ۽ سندن صورتحال پرکي آهي. جيتوڻيڪ هر قسم جا گوّيا، راڳي ۽ موسيقار ڀٽائيءَ جي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ موجود رهندا هئا پر، جڏهن هو سازيندڙن جو هڪ وڏو تعداد موجود نه ٿو ڏسي ته امالڪ پڇي ٿو؛
    ڪاٿي سي تُنبير، جن ريجهايا راڄيا،
    وئڙا وڏيءَ وير، ڪُلهي رکي ڪينرا،

    اڄ نه سُڄي اڳئين، ڪا تُنبيران تنوار،
    مڙهيون مـڱڻهار، پُوري، ڪنهن پار ويا.


    سُر ڏهر

    سُر ڏهر جو مطالعو ڪندي جيڪو ماحول اڳيان اچي ٿو، سو ڪڇ ڀُڄ جو ماحول آهي، جنهن ۾ ماڻهن ۽ مال متاع جو جياپو اوائلي زماني جي وهندڙ ندين، واهڙن ۽ ڍورن تي هو. ڏهر ۾ جنهن ڪاڇي جا حوالا شاهه جا شارح عام طور ڏيندا رهيا آهن سو، ڄڻ ڪه ٺٽي يا دادو ضلعي جي جابلو چاڙهين جو لڳندو آهي، پر غور سان ڏسجي ته ڏهر جو ماحول ڪڇ ڀُڄ واري رڻ ۽ ان جي ڀرپاسي وارين ٽاڪرو ايراضين کان ٻاهر ئي نه ٿو نڪري. ريٻاري ۽ اوڏ ذاتيون به ان طرف آهن ۽ جن مسلم ذاتين جو ذڪر شاهه جي ڪلام ۾ ملي ٿو سي به ٿر جي ان آخري ڇيڙي تائين آباد آهن، بلڪه اصل ايڏانهن جا آهن. سما ۽ سومرا هونئن به راجپوت ڪوٺيا ويا آهن، جن جون ڇاڙهون پوءِ ملڪان ملڪ پکڙجي ويون.
    ڏهر لفظ جي معنيٰ آهي وادي. ڏهر جي پهرئين داستان ۾ ڀٽائي ائين داخل ٿئي ٿو، ڄڻ اڳي اتي آباديون، ٻنيون ۽ فصل توڙي وڻ راهه هئي، پر ڍورو سڪي وڃڻ سبب ساوا پٽ ۽ ٻنيون سڪي ٺوٺ ٿي ويل آهن، واهڙن ۽ وڏن تلائن ۾ پاڻي ڪونهي، پٽيهل خالي پيو آهي، ان ڪري ماڻهن جون عام جام وسنديون ختم ٿي ويون آهن. سوڪهڙي ۽ پاڻيء جي اڻاٺ سبب ڪوهن جا ڪوهه پري تائين وسندي يا ڳوٺ ڪونهي ۽ ماڻهو پري پري، ڪنهن ڪنهن هنڌ نظر ٿا اچن، باقي بک ۽ اُڃ آهي، ڏُڪر آهي ۽ جياپي جا ڏک آهن. فصل ويران ٿيڻ سبب چونگي يا محصول اڳاڙيندڙ به ٽپڙ ٻڌي وڃي چڪو آهي؛
    سچ ڪِ سُڪو ڍور، ڪنڌيء اَڪَ ڦُلاريا،
    جُنگن ڇڏيو زور، سَرُ سُڪو، سُونگِي گيا!؟
    سُڪِي ڍور ڍَٻون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
    پاڻي پٽيهل ۾، اڄ اڳيون نه آئيو،
    ماڻهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀيڻئين.
    واهڙن، ڍورن ۽ ندين جي ڇوڙن ۾ پاڻي سڪي وڃڻ کان پوءِ ڪا وڏي مڇي پڌري پٽ پئي ڦٿڪِي جنهن کي ڀٽائي چتاءُ ٿو ڏئي؛
    جان واهڙ ۾ وَهَه، تان تون مڇ نه موٽئين،
    ڪائي ۾ ڪوهه ڪرين، پوءِ موٽڻ جو پَهُه،
    سِر مٿي تون سَهُه، مهميزون ملاحن جون.

    جان جر هئڙو جال، تان تون مَڇَ نه موٽئين،
    پوندئي اڄ ڪِ ڪالهه، سانڀويون سانگن جو
    شاهه جي ڪلام ۾ ڏهر سر جي ٻئي داستان ۾ انتهائي بيوسي جي شڪار اهڙن ڪردارن جي جذبن ۽ احساسن جي، اپٽار ڪيل آهي، جن کي الله کان سواءِ ٻيو ڪو آسروئي ڪونهي. پيغمبر اسلام کي مديني جو مير سڏيندي واهر ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيل آهن ۽ ساڳئي وقت بيوسيء جي عالم ۾ الله تعاليٰ کي سڀ کان سگھارو تسليم ڪندي سندس اڳيان ٻاجھ لاءِ ٻاڪارون ڪيون ويو آهن؛
    مديني جا مير! سڻ منهنجا سڏڙا،
    سَرَڻُ تُنهنجي سِيرَ، تون پارِ لنگھائين پهيڙا.

    مديني جا ڄام، سُڻُ مُـنهنجا سڏِڙا،
    آهيان تنهنجي سام، سِگھو رسج سپرين!

    وڏي سگهه سندياءِ، ٻاجھن ڀريو آهئين،
    مون تـان مهر نه لاهه، آءٌ تُنهنجي آهيان.

    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان،
    ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوڻئين، تون ڇپر، تون ڇانءَ،
    ڪڄاڙو ڪهان، تو کي معلوم سڀڪي.
    ڏهر جي ٽئين داستان ۾ وري بيتن جا ڪردار ۽ ڪيفيتون تبديل ٿي وڃن ٿيو. هن داستان ۾ ورهه يا وڇوڙي جي ماريل هڪ زال پنهنجي مڙس کي ساري ۽ هنجون هاري ٿي؛
    جئن تون قائم ڪانڌ! تئن آئون وَرَ! وِلهي نه ٿيان،
    پِکي ڇِنان پاند، ڳنڍ نه ڄاڻي ڪو ٻيو.
    ۽ ور رڳو ور ناهي، عيب ڍڪيندڙ ۽ راز رکندڙ به آهي؛
    ڪانڌ ٻين ڪيترا، مـون ور وڏي ذات،
    لوڪِ نه آڇي واتِ، جي ڏسي ڏوهه اکين سين.
    ڀٽ ڌڻيء جي شعرن ۾ ڪردار نگاري ۽ ڪردار سازي اهڙي وٿ آهي جا ٻئي ڪنهن جي شعر ۾ نه ٿي لڀي. ذميدار ازدواجي زندگيء گهارڻ جا گر ڀٽائيء پنهنجي ڪلام ۾ عام جام سيکاريا آهن. سسئي، مارئي، مومل، ليلا، نوري سڀ ڪردار زالن جا آهن، جن کي ورکان پري ٿيڻ عيب هاڻو ڪوٺيو ويو. وري جڏهن اڻ سُهائيندڙ ۽ بي جوڙ شاديءَ جا عذاب اڳيان آيا ته سهڻيء جي بغاوت کي اتم سڏيو ويو. ڏهر ۾ ذميدار ازدواجي زندگيء جو احساس ڏياريندي، مڙس جي پرڏيهه هوندي زال کي ٻئي ڪنهن سان کل کيڪار ڪندو ڏسي چيو وڃي ٿو؛
    وَر سين وِجھيو ڪاڻ، کرسين کِلون پائيين،
    ڀــوري مــنــڌ اڄاڻِ! ڪَڻِ ڇڏيو تُهه ميڙئين!؟
    وڇوڙي ۽ ورهه جي ماريل کي ازدواجي رشتن ماڻڻ جو قدر ڀٽائيء کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي ٿي سگھي ٿو. هڪ سماجي مفڪر جي گھري سوچ ۽ فڪر جو اندازو ته ڪريو؛
    ڍولُ مَ کڻي ٻانهڙي، پرهه مَ کڻي پانڌ،
    آءٌ پنهنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪي رائيان!
    سر ڏهر جي چوٿين داستان جا مختلف منظر ڪنهن چترڪار يا مصور جي اٿاهه فن کي به مات ڪريو ڇڏين ٿا. چوندا آهن ته مصوري لطيف فنن ۾ مؤثر ترين فن آهي، پر ڀٽائيء جي شعر اڳيان وڏي کان وڏي مصوريءَ جو ڪو مثال تڇ ٿيو بيهي. ڪونجن جو لشڪر پاڻيء سڪڻ کان پوءِ ڪنهن ٻئي پاسي لڏ پلاڻ لاءِ ڪٺو ٿيو آهي ۽ ڪونجون سنڀريون بيٺيون دانهون ڪوڪون ڪن؛
    روهه رامـــاڻا ڪـن، اڄ پڻ هلڻ هاريون،
    ڪرڳل ڪونجڙين، رائي ۾ رات ڪيو.
    ڇا رات جو ڪونجڙين جي غوغاء کي ڪنهن تصوير ۾ لاهي سگھجي ٿو؟ بنهه نه. وري ڏسو، ماريء جي ڦٽيل ڪونج پنهنجي بيٺڪ تان اٿڻ جھڙي ڪانهي. اتان زخمي ٿي ويٺل ڪونج رڙيون ڪري پنهنجي ساٿياڻين کي ڪئين ٿي پڪارون ڪري، نياپا ڏئي؛
    وڏي وڳـــر هـــيرئيـــن، چُڻي نه ٻيـن گڏ،
    ڪونج ڪَريندي سڏ، وهامي رات وئي.

    اتـر ڏي آلاپ، ڪالهونڪر ڪونج ڪري،
    پرين پسي منجهه خواب، وهاڻيء وايون ڪري.
    پکين جا شڪاري انساني تاريخ جي هر دور ۾ هيکلا يا ڇيڙ جي صورت ۾ شڪار ڪندا رهيا آهن. ڀٽائي بڊام واري علائقي ۾ ڪونجن ۽ موسمي شڪارين جي ڇيڙ يا ميڙاڪو ڏسي ان سرگرميء کي هن طرح ريڪارڊ ڪيو آهي؛
    چيتان ڪيو چُڻيج، بڊاماڻيء بُٺ ۾،
    نيڻين ننڊ مَ ڏيج، ڇيڙون ڇپر آئيون.
    هڪ ٻي انساني خصلت يا ڳڻ آهي ٻين انسانن سان، پنهنجن سان گڏجي رهڻ ۽ ڏک سور ۾ ساٿ ڏيڻ. گڏجي رهڻ سان ڏکن کان وڌيڪ سک ٿا ملن. سک به ڪي سکن جھڙا. ٻڌيء ۾ سڀ ڪجھ هوندو آهي؛
    جي ڀائين وس چران، ته سنگھارن سين گهار،
    جني سنديء واڙ، چور نه اچي ڪڏهين.

    جيڪا گهاري ماءِ، آيل سنگھارن سين،
    ته رُکـو مُـور نه کاءِ، توڻي هئي اوڳڻي.
    ڪاڇي ۾ مينهن پيا آهن ۽ مندائتا گاهه پراهه ڦٽي پيا آهن. اتان چري آيل ڀورين مينهن جا اوهه کير سان ٽمن ٿا. منطر کي ڀٽائيء ڏسو ڪهڙي سونهن ڏئي ڇڏي آهي؛
    ڀُورين پاند ٽِمن، جهاڳ جهاڳي آئيون،
    ڪاڇو مينهڙين، مندائتو ماڻيو.
    ڪڇ ڀُڄ جي علائقي ۾ لاکي نالي هڪ ڌاڙيل ورهين جا ورهيه ماڻهن جو سک ڦٽائي ڏنو هو، جنهن مان راڄ ڪَڪِ هئا. سما، جاڙيجا، اوڏ، ريٻاري، ڌنار، مالوند سڀ لاکي ڌاڙيل جي ڌڪ ۾ هئا ۽ هو جتان لنگھندو هو ان علائقي کي برباد ڪيون ويندو هو؛
    جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو،
    پسو ان پاران، لاکو ٿو لوڙيون ڪري!
    اوڏن البت لاکي سان جھيڙيو ۽ خندقون ۽ کاهيون کوٽي لاکي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪوپنهنجي ڀلي گهوڙيء لکيء تي چڙهي ڌاڙيلن جي ٽولي جي اڳواڻي ڪندو هو. هڪ خير گهرو انهن اوڏن جي گھرن جو خير گھرندو چئي ٿو؛
    اڏيـــو جو اوڏن، سوشل ڍنگهر ڍلو مَ ٿئي،
    جنهن پَر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.

    اڏيندي اوڏن، لڏڻ جي ڪا نه ڪئي،
    لاکو مـٿان تن، اوچتو ئي آئيو.
    چون ٿا لاکي ڌاڙيل اوڏن جون تهبارون ڪڍي ڇڏيون ۽ کين ڀينگيو ڪري ڇڏيائين. ماڻهو ۽ مال متاع به ماريائين ۽ نيٺ اوڏن کي لڏڻ تي مجبور ڪيائين، اهي پنهنجا ڪک ڇڏي اڀرندي لڏي هليا ويا؛
    اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
    ٽڪاڻا ۽ ٽول، پيا آهن پٽ ۾.
    نيٺ هڪ لانگهو ٽپندي لاکو پنهنجي گهوڙي لکيءَ سميت ڌڪجي مري ويو، تڏهن اسان جي شاعر ماڻهن تان ڏولائا ۽ ڏک لهندا ڏسي چيو؛
    لکي ۽ لاکو، ٻئي مئا ٻاجهه ٿي،
    قادر لاٿوڪڇ تان، اديون اولاڪو،
    وانڍين ۾ واڪو، ريٻاري رهي ويا.
    لاکي ڦلاڻي جي ڪردار جو ٻيو پاسو وري ڀلو ٿو ڀاسي، جڏهن هو ريٻاري ۽ اوڏن جون سامون کڻي ٿو؛
    لاکـي لـڄ کـنئـي، اگلين اوڏڙين جي،
    ڪندو ڪانه ٻئي، اڳ وسوڙل آهيون.

    لاکا لک سڄن، پـر ڦلاڻيء، ڦيــر ٻيو،
    جنهن پر راڻا راڄيا، ڪوٽ ڌڻي ڪنبن،
    جنهن جو جاڙيجن، ستي سئونڪو نه لهي.
    پر ماڻهو ڪيڏو به سگھارو ۽ طاقتور هجي، موت مٿانئس اٽل آهي؛
    ڪڏهن ڳاڙهو گھوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،
    سندو واريء ڪوٽ، اَڏي اَڏبـو ڪيترو؟
    شاهه جي سر ڏهر جا اهي سڀ منظر مڙني تفصيلن سان رسالي ۾ موجود آهن، ضرورت انهن جي مطالعي جي آهي، جنهن جي اسان اميد نه وڃائي آهي.


    سُر بلاول

    شاهه لطيف جي سڄي ڪلام ۾ رڳو عشقيه داستان ناهن. عشقيه داستانن کان علاوه به کوڙ اهڙا ڪردار آهن جن جو واسطو سڌو پنهنجي ڌرتيء، ان جي ماڻهن، سٺي يا بري ڪردار وارن فردن، ويڙهاڪن، سنياسين، هنرمندن، ڪمين ڪاسبين وغيره سان آهي. اهڙا ڪردار ڪڏهن آدرش بنائي ڀٽائيء پنهنجي ڪلام ۾ آندا آهن ته ڪڏهن مڪروهه چهرن تان نقاب لاهي ڇڏيا اٿس. وار ڦير سان اسان اهڙن ڪردار کي بحث جو موضوع پئي بنايو آهي- ۽ ڀٽائيء کي سمجھڻ لاءِ اهو ضروري به آهي ته هن جي شعر ۾ آيل ڪردارن کي سندن مزاج موافق، سندن ماحول اندر سمجھيو وڃي ۽ ان ڪم ۾ ڀٽائيء پاڻ ئي يا تعريف جا يا ٻيء صورت ۾ تنقيد ۽ نفرت جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن.
    انساني سماج اندر ڀلئون ڀل فردن جي ڪڏهن کوٽ نه رهي آهي. حاتم طائيء جو سخاوت ۾ نالو صديون اڳ جي ليکڪن ۽ شاعرن مشهور ڪيو جيڪو ڌرتيء جي هڪ ننڍي ٽڪري تي رهيو ۽ ماڻهن سان چڱايون ڪيائين. بس، دنيا حاتم طائيء تي ختم ڪا نه ٿي ٿئي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳولي ڦولهي ڏسبو ته اهڙا هزارها ڪردار اسان کي ملندا جيڪي اَڀرن ماڻهن جي ڪم ايندا رهيا آهن. سنڌ ۾ به اهڙا ڪردار اوس ملن ٿا، جن کي البت زماني جي ڪاتبن ۽ تاريخ نويسن وساريو آهي. سنڌ جي تاريخ جي هڪ بد قسمتي اها به رهي آهي. ته ان جا مؤرخ هئا ته سنڌ ڄاوا پر لکندا هئا پرائي يا ڌاريءَ ٻوليء ۾. ڀٽائي يا ان کان اڳ جي دور جون مختصر يا تفصيلي تاريخون اسان کي رڳو فارسيء ۾ مليون آهن، جن ۾ ٻوليء جي تقاضائن جي ڪري سنڌي ڪردار نمايان نه ٿي سگھيا آهن. اهڙو حاتم طائيء کان وڌيڪ همدرد ۽ سخي مرد سنڌ جي اتهاس ۾ جادم جکرو به رهيو آهي، جنهن کي سمن جي دور جو نهايت رحمدل سلطان ليکيو وڃي ٿو. جادم جي عام خلق سان ورتاءَ ۽ سخاوت جا عڪس ڀٽائيء جي شاعريء ۾ سر بلاول ۾ نمايان آهن جيڪي اسان جي اڄوڪي بحث جو موضوع به آهن.
    سر بلاول گھڻن ئي ڪردارن کي پاڻ ۾ سمائي ٿو. مثال طور؛ پيغمبر اسلام ﷺ جي ڪردار کي بيتن ۾ کڻي ڀٽائيء ٻيا مدار ڇڏي ان هڪ ئي ڪردار تي ڀاڙڻ ۽ تڪيو ڪرڻ جو اجھو هن طرح ذڪر ڪيو آهي؛
    ڀيريُون ڀيري ڀڃ، هِي جي مَنجھان پُوريون،
    ٻئي در ڪنهين مَ وڃ، ريء هاشمي هيڪڙي.
    سنڌ جي تاريخ ۾ حڪمرانن يا حڪمران گھراڻن بابت انيڪ احوال ملن ٿا، جن مان پتو پئي ٿو ته مٿن ڪيئن مصيبتون به اينديون رهيون آهن. بلاول ۾ سومرا حڪمرانن جي بربادي ۽ زوال کان پوءِ ان صورتحال جا اشارا ملن ٿا ته، سندن ننگ غير محفوظ ٿي ويا هئا جن جي حفاظت جا امڪان ئي نظر نه ٿي آيا. اهڙي انتهائي دردناڪ وقت تي سمن سردارن جوکو کڻي سومرن کي سام ڏني ۽ سندن نياڻيون حفاظت ۾ آيون. جنگاهه جي وقت مصيبت ۾ آيل ماڻهن، سومرن جون سامون جھلڻ به بهادريء جو ڪم هو. ڀٽائي سام ۾ يا پناهه ۾ ورتل نياڻين کي سَرَڻيون ڪوٺيو آهي ۽ سندن ذميداريء کي سُوٺا سڏيو اٿس؛
    سرڻين جا سُوٺا سهي، وسيلو ولهن،
    لُڏي ڪين لطيف چئي، اڳيان لعلُ لکن،
    جت ڪوڙين ڪين ڪُڇن، ات پاٻوهي پڌرو.
    جادم جکري جي ڪردار کي ڀٽائي مختلف نالن ۽ خطابن سان سڏيو آهي، مثال طور؛ لعلُ، هالار ڌڻي، راهُو، پاڳارو، ابڙو، سردار، سلطان، ڀٽ ڌڻي، ڪڇ ڌڻي، جس کرو، اوڍر، اوڍڪو، اَجھو، آڳ وغيره. پراين نياڻين کي مصيبت وقت پناهه ڏيڻ جو جوکو کڻي جکري کي جنگ به وڙهڻي پئي، اهڙو اشارو ڀٽائيء جي ڪلام ۾ به ملي ٿو؛
    آروڙ جي اٿـيـو، ديمن پيس دانـهن،
    پـاٻوهيو پير کڻي، سمون سَرڻين ڏانهن،
    مٿان مٿـي ٻانـهن، اڀو آڇي سلطان کي.
    ڀٽائيءَ جي ڪردار سازيء جو ته ڪو انت ئي ناهي. جنهن ڪردار کي چاهي اعليٰ ترين حيثيت ڏئي ڇڏي ۽ هڪ ڪردار کي آدرش بنائي ڇڏي؛
    پـــڙ ۾ اڀو پاڻ ، ساٿين کي سڏ ڪري،
    ڀلي جي لاڏاڻ، سڀ لنگھيندا لڪيون.

    جکرو جس کرو، ٻيا مڙيو ئي ڄام،
    مـــٽـــي ان مـــقـــام، اصـــل هئي ايتري.
    جادم جکر جي مهمان نوازيء جو به ڪو ڇيهه نه ٿو نظر اچي، هر ڪنهن کي خوش آمديد ويٺو چئي؛
    هـــٿان جادم جکري، وٿـــي پوءِ مَ وچ،
    ”اچـو، آيا، نِچُ“، ســـمي وائي وات ۾.
    سر بلاول پڙهندي جادم جي سخاوت جي حد اها ٿي نظر اچي جو، هو گھرجاؤ ماڻهن کي گھوڙن جا تحفا به ڏئي ٿو ۽ گھرجائوء جي حيثيت کي نه ٿو ڏسي، جيڪو اچي ٿو سو پنهنجي مراد کنيو ٿو وڃي ۽ سخاوت جي ايڏي حد جي ڪري جکري جو نانءُ پنهنجي کنڊ يعني Continent کان پراهن کنڊن تائين ٿو پهچي؛
    راهُو! تنهنجي ريت، پر کنڊين پڌري،
    گھڻا گھوڙن چاڙهئين، مسافر مسيت،
    پڇين ڪا نه وڏيت، جي آيا، سي اگھيا.

    ڏمريو ته ڏئي، پرچي ته پاٽَ ڀري،
    جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.
    سر بلاول جي ٽئين داستان ۾ ڪجھ بيت ڪيڏاري جي شهزادن جي نسبت سان چيل ٿا ڏسجن، جن کي تاريخ جي وڏي جنگ وڙهڻي پئي. ”وڏي جنگ مَ وسار، ننڍيان نفعو ناهه ڪو.“ يا
    اصغر ڏي آهن گھڻا، تون اڪبر ڏي آءٌ،
    متان لوڙهو لاهئين، مجوسيء مٿانءُ،
    حيدر جي هٿانءُ، وڙهه ته ويري مارئين.
    ڀٽ ڌڻي جادم جکري جي سخاوت حاتم طائيءَ جي ڀيٽ ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ ٿو ڄاڻائي؛
    پانڊپ سين نه پاڙيان، سوين ٻيا سردار،
    لاهي مثل مينهن جي، سخي تنهنجي سار،
    حاتم هڙد هزار، جَهڙَ تَنهنجيء جهپيا.

    جَهڙ تَنهنجيء جھپيا، هزارين حاتم،
    ڪوجھن سندا ڪم، ڪامل ريء ڪير ڪري.
    ڪنهن رڻ جي پانڌيء جو ڪڏهن اوهان تصور ڪيو آهي. رڻ هجي، ۽ چوڌاري رڻ ئي رڻ، ڪا واٽ نه وسندي، ان صورت ۾ هڪ مسافر جا جذبا ڇا ٿي سگھن ٿا؟ ڪو اندازو آهي؟ ۽ اهڙي ڏکئي سفر جو انت ان اطمينان ڀرئي انداز ۾ ٿئي جو دل ٺري پئي، اڃ لهي وڃي ۽ پير ٺري پون ته اهڙن جذبن جو اظهار ٻن سٽن ۾ ڇا ممڪن ٿي سگھي ٿو؟ ها، بالڪل ٿي سگھي ٿو، ڀٽائيء لاءِ اهو بالڪل ممڪن آهي جڏهن ته ٻين لاءِ اهڙيون ٻه سٽون حيرت ۾ وجھندڙ ٿي سگھن ٿيون؛
    ايندي لٿي اُڃ، پير ڀريندي ٺريا،
    منجھه وِيريءَ سُڃ، ڪَرَ لڌِي رڻ اُڪارئين.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 671
    ڪتابن جو مشاهدو: 867913
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 295024
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ