ڪتاب جو نالو: ساهان اوڏا سپرين
مصنف: عنايت بلوچ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 26 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 395 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 111 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عنايت بلوچ صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو بَرجستو ۽ هر دلعزيز شاعر ته آهي ئي آهي، پر هُن پنهنجي دلچسپ نثر ذريعي به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو آهي. سندس سفرنامي لکڻ جو انداز هجي يا وري شخصيتن تي لکيل خاڪا هُجن يا ڪتابن جا لکيل مُهاڳَ، عنايت بلوچ صاحب جي تحريرَ پڙهندڙن کي اَڌَ مان هَٿُ ڇڏائڻ ناهي ڏيندي. براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ عنايت صاحب جو نالو اسان سڀني لاءِ فخر جوڳو رهيو آهي. بلوچ صاحب مختلف وقتن تي آمريڪا جا جيڪي سفر ڪيا آهن، انهن جو احوالُ تمام سُهڻي ۽ مَنَ موهيندڙ انداز ۾ هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مُورک اُڃ مَرنِ،
  • مصنف جا حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • عنايت- سهڻو شاعر ، اديب،دلبر دوست ۽ بهترين سفرنامه نگار
  • آمريڪي حڪومت جي دعوت تي ”انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام“ ذريعي پهريون سفر سال 1986ع

  • اسلام آباد ۾ خوشخبري
  • مهتاب راشديءَ جون مهربانيون
  • آمريڪا روانگي Departure For States
  • پئرس ۾ ڏيڍ ڏينهن
  • واشنگٽن ڊي سي ۾ (Washington DC)
  • شهناز عزيز جي گهر ۾ رهائش
  • افضل رحمان ۽ صلاح الدين سان ملاقاتون
  • نيَر محفوظ سان ملاقات
  • واشنگٽن ڊي سي جو مختصر سئر
  • دي مال (The Mall)
  • ڪئپيٽول (Capitol)
  • لائبرري آف ڪانگريس
  • لائبرري آف ڪانگريس ۾ سنڌي ڪتاب
  • سمٿ سونين ميوزيم
  • سنڌي گهر
  • نيشنل ايئر ائنڊ اسپيس ميوزيم
  • نيشنل گئلري آف آرٽ
  • هرشارن ميوزيم ۽ نقاشيءَ جو باغ
  • آرلنگٽن قبرستان
  • آمريڪا جو نشرياتي سرشتو
  • اسڪولي ٻارن لاءِ ٽيليويزن ۽ خاص طرح ريڊيو جو ڪردار
  • ميوزڪ جو جنون ۽ ريڊيو اسٽيشنن جي چٽاڀيٽي
  • سازن ۽ سُرن جو بي مثال مظاهرو
  • آمريڪا ۾ ٽيليفون جو ڪمال
  • واشنگٽن کان نيو آرلينس
  • نيو آرلينس هڪ انوکو شهر
  • ريڊيو 86 جو نه وسرندڙ ڪنوينشن
  • لارا ۽ چارلس ـــ منهنجا جاني جگر دوست
  • چارلس جو ٻُڌايل دلچسپ واقعو
  • مِسيسيپي نديءَ جو سئر
  • نيو آرلينس کان ڊَلَس (ٽيڪسَس)
  • جتي جان.ايف.ڪينيڊيءَ کي قتل ڪيو ويو
  • ڊَلَس ۾ والنٽيئر عورتن جي مهمان نوازي
  • مسز وانڊا پئرش
  • گائيڊ تمرينا: حُسن جي ديوي
  • ڊَلَس (ٽيڪسَس) کان لاس ائنجلس
  • آمريڪا ۾ اسپئنش زبان جي سڀ کان وڏي اسٽيشن
  • ارشاد قاضيءَ سان ملاقات
  • ڊزني لئنڊ: هڪ طلسماتي دنيا
  • هالي ووڊ (Holly Wood)
  • يونيورسل اسٽوڊيوز جو ٽوئر
  • لاس ائنجلس کان ملواڪي (وسڪانسن)
  • ملواڪيءَ ۾ شاهه لطيف جو غوغاءُ
  • جتي دنيا جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پيدا ٿيو هو
  • مشيگان ڍنڍ جو سئر
  • سڄو گهر چورائجي ويو
  • ملواڪيءَ کان نيويارڪ
  • منهنجي واپسيءَ جي ٽڪيٽ ۾ تبديلي
  • آزاديءَ جي مجسمي ۽ ايلس ٻيٽن جو سئر
  • ٽائيمس اسڪوائر جو سئر
  • نيويارڪ ۾ براڊڪاسٽنگ گروپ جي الوداعي تقريب
  • نياگرا فالس جا نظارا
  • ائٽلانٽڪ سٽي جو سئر
  • نيويارڪ کان لنڊن
  • لنڊن کان جده
  • جده کان مڪه مڪرمه
  • غار حرا جي زيارت
  • مڪي کان مديني شريف
  • جده کان طائف
  • جده جي هڪ هوٽل ۾ مون سان ادبي شام ۽ دوستن جي پريشاني
  • وطن واپسي
  • عشق کي شاباس : حميد سنڌي
  • سال 2006ع ۾ آمريڪا جو ٻيو سفر

  • ويهن سالن کان پوءِ وري آمريڪا ۾
  • ڪاڪ پٽ ۾ سفر جو مزو
  • جهاز جي ڪاڪ پِٽ ۾ ٻه سنڌي
  • مئنچيسٽر ايئرپورٽ تي لئنڊنگ جو نظارو
  • هوسٽن پهچي وياسين
  • گئليريا مال
  • هڪ سنڌيءَ سان ملاقات
  • ڪلوٽ کان هوسٽن
  • سئن ائنٽونيو جو سئر
  • هوسٽن ۾ عيدالاضحيٰ جون ٻه عيدون
  • برئزوز بينڊ پارڪ جو سئر
  • عبدالواحد ڪاڇيلي سان رهاڻيون
  • دل گهرئي دوست ڊاڪٽر امداد سيهڙ سان ملاقات
  • بچل ساڱري صاحب جا قرب
  • هوسٽن کان نيويارڪ
  • نعمت سان گڏ نيويارڪ کان ڪنيڪٽيڪٽ
  • ڀوتار سليم سان ملاقات ۽ سندس قرب
  • نيويارڪ جو سئر
  • اسٽريٽ ۽ اوينيو ڇا آهن؟
  • بروڪلن برج ۽ مئنهئٽن برج
  • نيويارڪ ۽ ان جا ضلعا
  • ٽائيمس اسڪوائر تي گهماگهمي
  • نئين سال جي آمد جو جشن
  • نيويارڪ جو سينٽرل پارڪ
  • مئنهئٽن-اُوچين جاين جو جهنگ
  • نعمت سان گڏ نيويارڪ کان ائٽلانٽڪ سٽي
  • سڪندر اعواڻ طرفان ڊنر
  • نيويارڪ کان هوسٽن
  • هوسٽن ۾ سائين جي.ايم.سيد جي سالگرهه
  • فطري غارن جو سئر
  • فاروق جي ڊرائيونگ تي ڏنڊ
  • گئلويسٽن ڪائونٽي جو سئر
  • سيد منظور حسين شاهه طرفان ڊنر
  • امان االله تُرڪ طرفان رات جي مانيءَ جي دعوت
  • نورالنساءِ گهانگهرو طرفان منهنجو انٽرويو ۽ لنچ
  • ڊاڪٽر امداد سيهڙ جي گهر ڊنر جي دعوت
  • هوسٽن ۾ وار ڪٽرائڻ
  • هوسٽن کان لنڊن
  • مئنچيسٽر ايئرپورٽ کان لنڊن ايوسٽن
  • لنڊن ۾ عبيده سيد جي گهر رهائش
  • سائوٿ آل ۾ ايف-ايم ريڊيو اسٽيشنون
  • لنڊن ۾ بيروزگار، رٽائرڊ ڪامورا ۽ ننڍن ٻارن جا والدين موجن ۾
  • لنڊن ۾ جسٽس (ر) سيد غوث علي شاهه سان ملاقات
  • لنڊن کان ڪارڊف (ويلز) ڊاڪٽر لياقت ۽ ڊاڪٽر سلمه سان ملاقات
  • علي اڪبر ميمڻ سان ملاقاتون
  • چار يار ۽ پنجتن
  • سنڌي ريڊيو اسٽيشن لاءِ لنڊن جي سنڌين سان ويچار ونڊڻ
  • سنڌي ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي
  • لنڊن کان ڪراچي
  • عشق کي شاباس : فضل قلباڻي
  • سال 2012ع ۾ آمريڪا جو ٽيون سفر

  • ڪراچيءَ کان هوسٽن
  • آمريڪا ۾ جنرل اليڪشن
  • آمريڪي ميڊيا جي نااهلي
  • اصغر پٺاڻ جو ساٿ ۽ ماڻهن سان ملاقاتون
  • سنڌي ريڊيو ۽ عيسيٰ ڀرڳڙيءَ سان ملاقات
  • جي.پي.ايس جي انقلابي سهولت
  • ممتاز ۽ طارق جي گهرن ۾ ڪچهريون
  • حيدرآباد جا لساني هنگاما ۽ اعجاز ۽ طارق جي دوستي
  • نعمت ۽ مير عبدالرسول مير جا فون تي رابطا
  • اعجاز عالماڻيءَ جي دعوت
  • ميڪسيڪو بازار ۾ ميڪسيڪو جو مزو
  • نئين طرز جي بئنڪنگ
  • ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ۽ ڊاڪٽر امداد سيهڙ سان ڪچهريون
  • هوسٽن ڊائون ٽائون جو سئر
  • ڊاڪٽر امداد سيهڙ: هڪ فخر لائق سنڌي
  • طارق جون محبتون ۽ هوسٽن کان آسٽن جو سفر
  • مائونٽ بونيل جو سير
  • ڪئپيٽول بلڊنگ
  • ٽاڪو ڪبانا
  • شڪراني جو ڏينهن
  • بلئڪ فرائيڊي
  • ڪاڇيلي جا قرب
  • فاروق طرفان منهنجي لاءِ شاپنگ
  • بولنگ جي راند
  • هوسٽن کان لاس ائنجلس روانگي
  • لاس ائنجلس کان سئن ڊئيگو
  • ننڊ ۾ ڊرائيونگ
  • اسلامي ريسٽورنٽ ۾ ارشاد قاضيءَ طرفان ڊنر
  • لاس ائنجلس کان لاس ويگاس
  • ظفر جماڻيءَ جون دلچسپ ڳالهيون
  • لاس ويگاس ۾ رات جا رنگ ۽ هڪ ڇوڪريءَ جي لفٽ
  • هووَر ڊئم جو سئر
  • سَني پنهور وٽ رات جي ماني
  • لاس ائنجلس ۾ آخري ڏينهن
  • ڪراڪيٽ (Crocket) ۾ اشفاق سيهڙ طرفان دعوت
  • آخري ٻه ڏينهن اعجاز جي گهر
  • ليڪ جئڪسن جو سئر
  • سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏينهن
  • هوسٽن ۾ ملهايل اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جي ڏينهن تي هوسٽن جي سنڌين سان منسوب
  • هوسٽن کان دُبئي
  • دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ شاپنگ مال
  • دُبئيءَ کان ڪراچي
  • عشق کي شاباس : فضل قلباڻي
  • سال 2015ع ۾ آمريڪا جو چوٿون سفر

  • حيدرآباد سنڌ کان هوسٽن (آمريڪا)
  • اسان جي ٽن گهرن ۾ سنڌ واريون رهاڻيون
  • فاروق جا قرب
  • گلف آف ميڪسيڪو تي پِڪنِڪ
  • پُراسرار هنڌ ڏسڻ لاءِ سئن ائنٽونيو روانگي
  • جي-ايس ۽ اندرا طرفان دعوت
  • هوسٽن کان ليڪ چارلس (لوزيانا)
  • هدايت سان ڪچهريون
  • بولنگ جي راند Bowling
  • وطن واپسي
  • عشق کي شاباس : علي احمد بروهي
  • بئڪ ٽائيٽل

  • پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مُورک اُڃ مَرنِ،

    پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مُورک اُڃ مَرنِ،
    ساهان اوڏا سُپرين، لوچي تان نه لهن،
    دَم نه سُڃاڻن، دانهون ڪن مُٺن جيئن!

    لطيف


    مصنف جا حق ۽ واسطا محفوظ

    POPAT BOOK NO. 82
    ساهان اوڏا سپرين
    (آمريڪا جو سفرنامو)
    سفر نامه نگار: عنايت بلوچ
    ڇاپو پهريون: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: نعيم ديسوالي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: اياز غلام علي چنا
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 500/- روپيه


    SAHAAN ODA SUPREEN
    (Travelogue of U.S.A)
    By: Inayat Baloch
    First Edition: 2016
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Naeem Deswali
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Ayaz Ghulam Ali Channa
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs.500/-


    ارپنا

    هوسٽن ۾ رهندڙ ٻچڙن
    اعجاز، ممتاز، فاروق، نسرين ۽ انيتا
    جي نالي  


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ساهان اوڏا سپرين“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ تخليقڪار عنايت بلوچ جو آمريڪا جو لکيل سفرنامو آهي.
    عنايت بلوچ صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو بَرجستو ۽ هر دلعزيز شاعر ته آهي ئي آهي، پر هُن پنهنجي دلچسپ نثر ذريعي به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو آهي. سندس سفرنامي لکڻ جو انداز هجي يا وري شخصيتن تي لکيل خاڪا هُجن يا ڪتابن جا لکيل مُهاڳَ، عنايت بلوچ صاحب جي تحريرَ پڙهندڙن کي اَڌَ مان هَٿُ ڇڏائڻ ناهي ڏيندي. براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ عنايت صاحب جو نالو اسان سڀني لاءِ فخر جوڳو رهيو آهي. بلوچ صاحب مختلف وقتن تي آمريڪا جا جيڪي سفر ڪيا آهن، انهن جو احوالُ تمام سُهڻي ۽ مَنَ موهيندڙ انداز ۾ هن ڪتاب ۾ ملي ٿو.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com 


    پبلشر نوٽ

    عنايت بلوچ صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو بَرجستو ۽ هر دلعزيز شاعر ته آهي ئي آهي، پر هُن پنهنجي دلچسپ نثر ذريعي به پڙهندڙن جي دلين کي موهيو آهي. سندس سفرنامي لکڻ جو انداز هجي يا وري شخصيتن تي لکيل خاڪا هُجن يا ڪتابن جا لکيل مُهاڳَ، عنايت بلوچ صاحب جي تحريرَ پڙهندڙن کي اَڌَ مان هَٿُ ڇڏائڻ ناهي ڏيندي. براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ عنايت صاحب جو نالو اسان سڀني لاءِ فخر جوڳو رهيو آهي. بلوچ صاحب مختلف وقتن تي آمريڪا جا جيڪي سفر ڪيا آهن، انهن جو احوالُ تمام سُهڻي ۽ مَنَ موهيندڙ انداز ۾ هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. هي ڪتابَ ڄاڻَ ۽ مشاهدي جو حسين سنگم آهي، جنهن کي ڇاپيندي اسان دلي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون، انهيءَ اميد سان ته پڙهندڙ هن ڪتاب کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا.

    قربان منگي
    چيئرمن
    پوپٽ پبلشنگ هائوس
    خيرپور ـــ سنڌ


    پنهنجي پاران

    هن وقت تائين آءٌ آمريڪا جا چار چڪر لڳائي آيو آهيان. پهريون ڀيرو آمريڪي حڪومت جي دعوت تي انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام جي اسڪيم هيٺ 1986ع ۾ ستن-اٺن رياستن (States) جو دورو ڪري آيس، جنهن ۾ ايشيا، آفريڪا، ڪئريبيَن ۽ يورپ جي ملڪن جي ويهارو کن نشرياتي ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. اهڙيءَ طرح اسان سڀني کي براڊڪاسٽنگ گروپ(Broadcasting Group) جو نالو ڏنو ويو. پورو مهينو آمريڪا ۾ رهڻ کان پوءِ واپسيءَ تي لنڊن کان ٿيندو حرمين شريفين (سعودي عرب) آيس جتي عمري ادا ڪرڻ جي سعادت ملي.
    ٻئي ڀيري سڄن سارن ويهن سالن کان پوءِ 2006ع ۾ پنهنجي پُٽ اعجاز جي زور ڀرڻ تي آمريڪا ويس. هُو گذريل 15-16 سالن کان آمريڪا ۾ رهيل هو، 2015ع تائين آمريڪا ۾ رهندي کيس 25 سال پورا ٿيا. منهنجي پُٽ کان سواءِ منهنجا ٻه ڀائٽيا، توڙي منهنجو سڳو سئوٽ پڻ آمريڪا ۾ هئا. پورو مهينو آمريڪا ۾ رهي، ڪجهه دوستن جي دعوت تي آمريڪا کان لنڊن ويس، جتي 13-12 ڏينهن دوستن سان رهاڻيون ڪري وطن واپس وريس.
    آمريڪا جي ٻئي سفر جي ڇهن سالن گذرڻ کان پوءِ ٽيون ڀيرو 2012ع ۾ وري آمريڪا ڇِڪ ڪئي، پر هن دفعي ائين لڳو ته آمريڪا جي صدر بارڪ حسين اوباما ڄڻ مون ڏي پيغام موڪليو هو ته: ”يار عنايت! جلدي پهچ جو مون کي پنهنجي مخالف کان ڪجهه خطرو آهي، تنهنڪري اليڪشن ۾ مون کي سوڀارو اچي ڪراءِ“. آءٌ 5 نومبر تي هوسٽن پهتس ۽ 6 نومبر 2012ع تي آمريڪا جي صدارتي اليڪشن جي ڏينهن هو. اتفاق سان منهنجو ماروٽ فيض کوسو پڻ اڳي ئي اُتي موجود هو. جڏهن 6 نومبر رات جو دير سان 7 نومبر ۾ بدلجي چُڪي هئي ۽ آيل نتيجن موجب اوباما واضح اڪثريت سان چونڊن ۾ سوڀ ماڻي هئي ته فيض چيو: ”ادا، لڳي ائين ٿو ته اوهان هتي اوباما کي کٽرائڻ لاءِ پهتا آهيو“. بهرحال سڀني پاڪستانين کي اوباما جي ٻيهر صدر ٿيڻ تي بيحد خوشي ٿي.
    چوٿون ڀيرو منهنجي پُٽ اعجاز جي ڪوششن جي نتيجي ۾ آمريڪا اسان کي هميشه لاءِ پنهنجو بنائڻ جي آڇ ڪئي. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان مون کي ۽ منهنجي گهرواريءَ کي مستقل رهائش جو ويزا (Immigrant Visa) اپريل 2015ع جي پهرئين هفتي ۾ ڏنو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته: ”جيئن اوهان آمريڪا پهچندئو ته هڪ مهيني جي اندر اوهان کي گِرين ڪارڊ (Green Card) به ملي ويندو“. اهڙيءَ طرح اسان ٻيئي (آءٌ ۽ منهنجي گهرواري) مئي 2015ع ۾ آمريڪا پهچي، ڏهن سالن لاءِ گِرين ڪارڊ وٺي ٻه مهينا پنهنجن ٻچن سان گذاري جولاءِ 2015ع جي آخر ۾ حيدرآباد سنڌ پهچي وياسين.
    .....هاڻي آءٌ پنهنجن مهربان پڙهندڙن جي خدمت ۾ هڪ جي بجاءِ چئن سفرنامن جو تحفو هڪڙي ئي ڪتاب اندر ڏيئي رهيو آهيان. کوڙ ساريون دلچسپ ڳالهيون اوهان جي مطالعي هيٺ اينديون جن ۾ ”سنڌي گهر“ ۽ ”ملواڪي (آمريڪا) ۾ لطيف جو غوغاءُ“ جهڙا باب اوهان جي لاءِ خوشي ۽ قلبي اطمينان جو باعث ٿيندا. 1986ع جو لکيل سفرنامو ڪن مصروفيتين ۽ ڪجهه سُستيءَ سبب بروقت مارڪيٽ ۾ نه اچي سگهيو جنهن لاءِ افسوس اٿم پر چئن سفرنامن کي هڪ ئي ڪتاب ۾ ڇپرائي مٿي بيان ڪيل ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪنهن حد تائين ممڪن ٿي سگهيو آهي. آخر ۾ عزيزم اياز چنا کي داد ڏيندس جنهن مواد جلد ڪمپوز ڪري ڏنو جنهن ڪري ڪتاب جي تُرت ڇپائي ممڪن ٿي سگهي.


    آءٌ پياري قربان منگيءَ جو به ٿورائتو آهيان، جنهن وڏيءَ محبت سان مون کي اِنهيءَ سفرنامي کي پنهنجي اداري پوپٽ پبلشنگ هائوس جي طرفان ڇپرائڻ جي آڇ ڪئي ۽ تمام ٿوري وقت ۾ سهڻي طريقي سان منظر عام تي آندو.
    پنهنجي دلربا دوست نفيس احمد ناشاد جو ته بيحد شڪرگذار آهيان جنهن وڏيءَ محنت ۽ محبت سان پروف ريڊنگ ڪئي. تنهن هوندي به ڪتاب ۾ ڪٿي لفظن جي ڪا غلطي نظر اچي ته اهڙو اطلاع ڏئي ٿورائتو ڪندا.
    آخر ۾ آءٌ پنهنجي ديرينه مهربان ۽ نهايت پياري دوست الطاف شيخ جو ٿورائتو آهيان، جو پنهنجي علالت جي باوجود به منهنجي هن ڪتاب لاءِ نهايت ئي مانائتا لفظ لکي ڏنائين، جن کي پنهنجي سفرنامي ۾ شامل ڪندي بيحد سرهائي پيو محسوس ڪريان.
    هن سفرنامي بابت مهربان پڙهندڙن جي قيمتي راءِ جو مون کي انتظار رهندو.

    عنايت بلوچ

     پينٽ هائوس،
    ايس- ايم - ريزيڊنسي،
    گِرين هومز، قاسم آباد
    حيدرآباد
    inayatbaloch@hotmail.com
    092-300-3793224


    عنايت- سهڻو شاعر ، اديب،دلبر دوست ۽ بهترين سفرنامه نگار

    منهنجي دل گهرئي دوست عنايت بلوچ سان منهنجي روحاني رشتي جي مضبوط ناتي کي پنجاهه سال پورا ٿي ويا آهن. اها خوش قسمتي يا حسين حقيقت چئجي جو اڌ صديءَ جي طويل عرصي دؤران عنايت سان قرب، الفتون ۽ محبتون وڌنديون رهيون آهن پر اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪا به وڇوٽي ۽ هڪ ٻئي کان دوريءَ جو تصور ڪڏهن به اسان جي اوڏو نه آيو آهي. هو ننڍپڻ کان وٺي مسلسل خوب کان خوبتر لکندو رهيو آهي، هڪ اديب ۽ شاعر جي حيثيت سان اهوئي سندس ڪاميابيءَ جو راز آهي. عنايت ريڊيو پاڪستان جو هڪ وڏو آفيسر رهيو آهي پر ان کان وڌيڪ هو هردلعزيز ۽ پياري شخصيت هئڻ سان گڏ هڪ سٺو ۽ دلربا دوست رهيو آهي.
    عنايت جي اصل سڃاڻپ ته سندس شاعري آهي جنهن ۾ حسن ۽ عشق جي خوبصورت ۽ دلفريب قصن سان گڏ سندس شاعريءَ جي مجموعي ۾ پيش آيل واقعن، حادثن ۽ پيڙائن کي عنايت، هڪ سچي فنڪار وانگر ايڏو ته ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي جو سيني ۾ هڪ حساس دل رکندڙ شخص بنهه تڙپي پوي ٿو، پر عنايت جو نثر جڏهن به مون پڙهيو آهي ته اهو به مون کي اوتروئي جاندار، اثرائتو ۽ سندس دل جي سچن جذبن وانگر اصلي، کرو ۽ دلگداز لڳو آهي، تنهنڪري 1980ع جي ڏهاڪي کان وٺي جڏهن به عنايت سان منهنجي ملاقات ٿي آهي ته آءٌ مٿس زور ڀريندو رهيو آهيان ته تون سفرناما، يادگيريون ۽ پنهنجي آتم ڪٿا لک.
    مون کي خوشي آهي ته عنايت منهنجو عرض اگهائيندي ٻه چار سفرناما لکي چڪو آهي جيڪي عوام ۾ ڪافي مقبول ٿيا ۽ جن کي مون به وڏي شوق سان پڙهيو ۽ خوب enjoy ڪيو آهي. عنايت جيئن ته هڪ سچو ۽ کرو انسان آهي ته هن پنهنجن سفرن دوران پيش آيل واقعن ۽ حسين حادثن کي لوڪ کان لڪايو نه آهي، پر انهن کي هُوبهو اهڙيءَ طرح پيش ڪيو آهي، جيئن اُهي واقعا کيس پيش آيا. البت هڪ واقعو مان اوهان سان ورجائيندي خوشي ۽ فخرمــحسوس
    ڪري رهيو آهيان. اهو واقعو عنايت اوهان کي نه ٻڌايو آهي ڇو ته ان ۾ عنايت جي پنهنجي شهرت سمايل آهي.
    ”جڏهن عنايت ريڊيو جي ٽريننگ وٺڻ لاءِ پهريون دفعو لنڊن آيل هو، آءٌ به تن ڏينهن ۾ انگلنڊ ۾ هوس. دوستن جي سٿ ۾ هڪ دفعي اوچتو واهه واهه ٿي ويئي ته هن هفتي بي بي سي لنڊن تان جن جا پروگرام سڀ کان گهڻو پسند ڪيا ويا هيا، اُنهن ۾ هڪ پاڪستاني نوجوان عنايت بلوچ پڻ شامل هو. مون چيو: ”يارو! هڪ عنايت بلوچ مان به سُڃاڻان ٿو جيڪو منهنجو وڏو يار آهي.“ محمد علي جماڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر اعجاز قريشي، پروفيسر غلام حسين خاصخيلي، ڪمپيوٽر وارو سيد مير محمد شاهه ۽ فضل الله قريشي وارا پڻ ان وقت انگلنڊ ۾ اعليٰ تعليم وٺي رهيا هيا تن کان خبر پئي ته اهو همراهه واقعي اسان جو ساڳيوئي جگري يار عنايت بلوچ آهي. ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ان سان گڏ اها به ڄاڻ پيئي ته عنايت لنڊن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان آيل هو.“
    عنايت اڄ 9 جنوري 2016ع تي مون کي ٻڌايو آهي ته آمريڪا جو سندس سفرنامو ”ساهان اوڏا سُپرين“ صفا تيار آهي ۽ آءٌ ان تي ٻه چار لفظ لکان پر آءٌ راولپنڊيءَ جي هڪ اسپتال ۾ داخل آهيان ۽ منهنجو هڪ آپريشن ٿيو آهي. انڪري عنايت کي مون پنهنجا ڪجھه ٽڙيل پکڙيل لفظ ٽيليفون تي لکرايا آهن ۽ کيس چيو اٿم ته اُهي لفظ ڪتاب ۾ ڇاپي ڇڏي. مون کي پورو يقين آهي ته عنايت جي اڳين سفر نامن وانگر سندس آمريڪا جو هيءُ سفرنامو به ڏاڍو دلچسپ ۽ جاندار هوندو.
    عنايت نه رڳو دلبر دوست پر منهنجو پسنديده ليکڪ آهي. جيتري اُتساهيندڙ سندس شاعري آهي، اوترائي جاندار سندس سفر ناما به آهن. هاڻي آءُ کيس عرض ڪندس ته پنهنجون يادگيريون يا آتم ڪٿا به ضرور لکڻ شروع ڪري جو مون کي خبر آهي ته هُن جو تعلق عوامي سطح کان وٺي ڪيترن ئي علم، ادب توڙي سياست جي وڏن وڏن ماڻهن سان رهيو آهي، تنهن ڪري يقين اٿم ته سندس يادگيريون سنڌ جي تاريخ جو اهم حصو بڻجي وينديون جيڪي اسانجي ايندڙ نسل لاءِ بيحد ڪارآمد ثابت ٿينديون.

    الطاف شيخ
    ڪراچي


    آمريڪي حڪومت جي دعوت تي ”انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام“ ذريعي پهريون سفر سال 1986ع

    اسلام آباد ۾ خوشخبري

    جولاءِ 1985ع ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسلام آباد آيل ۽ رهيل به اسلام آباد هوٽل ۾ هوس. ڊائننگ هال ۾ لنچ ڪندي هڪ دوست پويان اچي ڪُلهي تي هٿ رکيو. آواز آيو: ”ڪٿي ڀُليو ته نه آهيان، عنايت آهين نه“؟ پُٺتي ڪنڌ ورايم ۽ سُڃاتم ته منهنجو محترم دوست ۽ نالي ڀائي انور عنايت الله بيٺو هو، جيڪو ڪراچيءَ ۾ آمريڪن سينٽر (American Centre) جو انچارج هو. چيائين: ”يار ڪالهه کان تنهنجي تلاش ۾ آهيان، پر چڱو ٿيو جو زمين تي ئي ملي وئين. هاڻي فٽافٽ پنهنجو (Biodata) تيار ڪري ڏي“.
    کانئس تفصيل پڇيم ته تڪڙ ۾ چيائين: ”بس ائين سمجهه ته وقت تمام گهٽ آهي، مقابلو سخت آهي، تنهنڪري اڄ جو اڄ ٻيا ڪم ڇڏي، پنهنجا ڪارناما، سونهري اکرن ۾ ويهي لک ته جيئن هڪ موثر بايو ڊيٽا تيار ٿي وڃي. ٽائيپ به هتي هوٽل تي ئي ڪرائي وٺ ته جيئن مان سڀاڻي سان ئي ڪاغذ آمريڪا موڪلي ڏيان. مون تنهنجو نالو انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام (International Visitor Program) ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي ته جيئن توکي آمريڪا جهڙي لاجواب ملڪ جو خوبصورت چڪر لڳرايان“.
    بنا دير جي پنهنجي باري ۾ گهربل تفصيل هوٽل جي ڪمري ۾ ئي ويهي تيار ڪيم ۽ هوٽل جي ٽائيپسٽ کان فورن ٽائيپ ڪرائي دوست جي حوالي ڪيم.
    چڪر، سو به آمريڪا جو، سو هاڻي ڏينهن گذرڻ پڄاڻان انتظار ۽ اوسيئڙو رهڻ لڳو ته ڪڏهن ٿو آمريڪا اُسهان ۽ اسٽيٽس جا رنگبرنگي ڏيک ڏسان ۽ پَسان. ڪڏهن ڪڏهن خيالن ۾ ماضيءَ ۾ گم ٿي ويندو هوس جڏهن اڄ کان 15-16 سال اڳ مون کي آمريڪا ۾ مستقل رهڻ جي آڇ ٿي هئي.
    فيبروري 1970ع جي ڳالهه آهي جڏهن فلاڊيلفيا (آمريڪا) کان چند ڏينهن لاءِ هڪ پيارو دوست پاڪستان آيل هو. هن دوست سان منهنجي شناسائي فقط ٽي سال اڳ يعني 1967ع ۾ ٿي جڏهن مان ڪراچي ۾ ڪسٽم جي کاتي ۾ نوڪري شروع ڪئي هئي. اسان جي تمام سٺي دوستي ٿي ويئي جيڪا پوءِ چاهت ۽ پيار ۾ بدلجي ويئي.
    ڪسٽم جي کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ جي باوجود مان مالي طرح ساڳيو ئي هوس. مون وٽ سواريءَ لاءِ فقط ويسپا اسڪوٽر هو. پر منهنجي دوست وٽ نئين ٽوويٽا ڪورونا هئي، (تڏهن ڪورولا جو نالو نشان ئي ڪونه هو) جنهن کي ڊرائيو ڪندي هو ڏاڍو سهڻو لڳندو هو. تقريبن روز مون وٽ ايندو هو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ ويهاري الائي ڪٿي ڪٿي وٺي ويندو هو.ڪڏهن سمنڊ جي ڪناري تي ته ڪڏهن پارڪن ۾ ته ڪڏهن هوٽلن تي، خوب ڪچهريون، دلبريون ۽ رهاڻيون ٿينديون هيون. جڏهن هو نه ايندو هو ته مان پريشان ٿيندو هوس ۽ منهنجو دوست مون کان به وڌيڪ بيتاب ۽ بيقرار هوندو هو. ائين ئي وقت گذرندو رهيو، تمام حسِين، خوبصورت ۽ يادگار وقت.
    هڪ ڏينهن دستور موجب هو آيو. ڏانهس نهاريم، ٻهڪيل مُکڙي جي بجاءِ سندس چهرو اُداس ۽ ڪُوماٽيل نظر آيو. مان پريشان ٿي ويس ۽ کانئس پريشانيءَ جو سبب پڇيم جنهن جو جواب ڪجهه ڳالهائڻ بجاءِ سندسن نرمل نيڻن ڳوڙها ڳاڙيندي خاموشيءَ سان ڏئي ڇڏيو. نيٺ نِڙي آلي ڪندي ٻڌايائين، ”ڊئڊي آمريڪا ورتيون پيو وڃي، جتي پنج سال رهڻو پوندو“. ڇهه ڇِڄي پيا. اُمالڪ اٻاڻڪو ٿي ويس. دل ۾ اُداسيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، جن برسات جي صورت ۾ وسڪارو لائي ڏنو. جڏهن سامت ۾ آيس ته پنهنجو مُنهن ڳراٽڙين پاتل ٻانهن ۾ ڀڪوڙيل ڏٺم. اهڙين ٻانهن ۾ جن ۾ گرمي هئي، حرارت هئي ۽ ان ساعت ۾ خبر ناهي ته ڪيتريون ۽ ڪهڙيون دلفريب ڪيفيتون سمايل هُيون.
    ڏهن ڏينهن کانپوءِ منهنجو دوست فلاڊيلفيا وڃي نڪتو ۽ مان ڪياماڙيءَ جي ڊَمَن، اناج جي گُدامن ۽ جهازن مان ڪِرينن ذريعي لهندڙ سامان جي ڪِن ڪِچري جي وچ ۾ حسِين خواب ۽ نازڪ جذبا دل ۾ سانڍي هلندو رهيس.
    ٽن سالن کانپوءِ وري ڪراچيءَ ۾ ساڳئي دوست سان ميل ملاقات جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو پر هن دفعي سندس ضِد اهو هو ته مان ساڻس گڏجي آمريڪا هلان ۽ گڏ جيئڻ گڏ مرڻ جا واعدا وچن ڪري، هميشه لاءِ هُن جو ٿي وڃان ۽ ساڻس گڏ رهان، جتي پهچڻ شرط مون کي گِرين ڪارڊ ملي ويندو. منهنجي دوست کي اڳ ۾ ئي گِرين ڪارڊ ملي چڪو هو. منهنجي تجسُس تي مون کي تفصيل سان ٻڌايائين ته آمريڪا ۾ گِرين ڪارڊ رکندڙ کي اهو قانوني حق آهي ته هو پنهنجي جِيوَن ساٿي لاءِ به گِرين ڪارڊ حاصل ڪري . پياري ساٿيءَ جي اڻ مئي ۽ اٿاهه پيار سان گڏ گِرين ڪارڊ جي ڪشش ڪا معمولي ڳالهه ڪانه هئي پر ان سڄي ڪشش جي باوجود جيڪا وڌ ۾ وڌ رڪاوٽ هئي سا هئي منهنجي ٻن ٻارن سميت منهنجي گهرواري، جن سان ڪنهن به قيمت تي بي وفائي ڪرڻ نٿي ڪرڻ چاهيم. هن ڪٿا ٻڌائڻ جو مقصد اِهو هو ته ڪيئي سال اڳ جڏهن جواني ۽ جوڀنَ جون مون سان ڳل ڳراٽڙيون هونديون هيون، تڏهن آمريڪا وڃڻ، اُتي وڃي پيار جي پاڇن ۾ زندگي گذارڻ ۽ آمريڪا جو دائمي شهري ٿي رهڻ منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ڪونه هو.
    بهرحال پياري دوست پاران اَٿاهه پيار جي آڇ قبول نه ڪيم ۽ پرديسي پرين اندر ۾ آڙاهه ٻاري هليو ويو.

    هڪڙو پرڏيهي پرين آڙاهه ٻاري ويو هليو،
    ڪيئن وسامي جنهن کي ٿو سوئي سڄڻ سوري ڇڏي.
    انهن ڏينهن کان وٺي آمريڪا منهنجي ذهن تي ڇانيل رهيو پر دل ۾ اهو به عزم ڪيل هو ته ڪنهن گِرين ڪارڊ جي سهاري تي آمريڪا نه وڃان جنهن ۾ سونَ تي سيڻ مٽائڻ جي طعني ملڻ جو انديشو هجي.
    عيدالاضحيٰ جي موڪلن ۾ فيملي سميت ڳوٺ ويل هياسين. عيد جي ٽئين ڏينهن تي ڳوٺ نياپو پهتو ته فورن حيدرآباد پهچو ۽ آمريڪا وڃڻ بابت پنهنجا ڪاغذ پَٽ مڪمل ڪري موڪليو.
    حيدرآباد پهتس ۽ خبر پيم ته ڪيترائي ڪاغذ فورن آمريڪا موڪلڻا هُيا ۽ ٽيليڪس ذريعي يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفرميشن سروس (USIS) وارن کي پنهنجي اطلاع سان گڏ ڪجهه ٻين گهربل ڳالهين بابت اطلاع به ڏيڻو هو. ڪراچيءَ ۾ آمريڪي سفارتخاني مان تيار ٿيل ويزا کنيم، ڪجهه ڊالر سفر خرچ لاءِ ڏنائون ۽ اهو به چيائون ته بقايا ڊالر واشنگٽن ڊي سِي ۾ رپورٽ ڪرڻ شرط ملندا.


    مهتاب راشديءَ جون مهربانيون

    آمريڪا جي هن سفر جي تيارين جي سلسلي ۾ منهنجي وڌيڪ رهنمائي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبه پڻ ڪئي ڇو ته مئڊم مهتاب مون کان فقط هڪ سال اڳ ساڳئي ئي پروگرام يعني انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام تحت آمريڪا جو سئر ڪري آئي هئي ۽ مون کي به مهرباني ڪري اڳواٽ ئي مفيد مشورا ۽ دلچسپ معلومات فراهم ڪيائين ۽ ان سان گڏ گهمڻ ڦرڻ وارن مشهور معروف ماڳن مڪانن، جاين جڳهين ۽ ڪجهه پنهنجن سنڌي سڄڻن جون ائڊريسون پڻ ڏنائين ته جي اُنهن شهرن ۾ آءٌ وڃان جتي اُهي دوست رهن ٿا ته ساڻن ضرور رابطو ڪريان ڇو ته پاڻ اُميد رکيائين ته اُهي منهنجي ڪافي مدد ڪندا.
    مون کي اهو اعتراف ڪندي خوشي پيئي محسوس ٿئي ته مانائتي مهتاب طرفان ڪجهه سڄڻن جا حوالا مون کي هڪ ٻن هنڌن ۽ خاص طرح سان لاس ائنجلس ۾ ڏاڍا ڪم آيا، جن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ايندو. خاص طرح لاس ائنجلس ۾ ڀاءُ ارشاد قاضي ۽ اشرف ميمڻ ته منهنجي پنجن ڏينهن رهڻ جي دوران ڏاڍي چاهه پيار ۽ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو، دعوتون ڪيائون، گهمايائون ڦيرايائون ۽ هڪ ٻئي سان دل کولي خوب ڪچهريون ڪيونسين. ڌارئي ديس ۾ پنهنجن سان پنهنجائپ جي ماحول ۾ رهاڻين ڪرڻ جو موقعو ملي ته ان کان وڌيڪ ٻي خوشي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.


    آمريڪا روانگي Departure For States

    29 آگسٽ 1986ع تي حيدرآباد مان ڪراچي پهتس جتان رات جو آمريڪا لاءِ ايئر فرانس (Air France) جي اُڏام ذريعي ان وقت روانو ٿيس جڏهن 29 تاريخ 30 ۾ بدلجي چُڪي هئي يعني رات جو هڪ وڳي. ايئر فرانس جي اُڏام ذريعي پئرس لاءِ روانگي ٿي. مون اڳ برٽش ايئرويز ۽ ڪي ايل ايم ۾ ڪيئي ڀيرا سفر ڪيو هو جن جي سروس پڻ لاجواب هئي پر اڄ ايئر فرانس ڄڻ اُنهن جي مقابلي ۾ به بهتر لڳي. اُڏام حد کان وڌيڪ آرامده، عملو ۽ ايئرهوسٽيسون تمام خوش خلق ۽ ملنسار هيون، جيڪي آرام ڪرائڻ لاءِ خوبصورت اسڪارف کڻي آيون. اسڪارف منهن تي رکي، سيٽ کي پوئتي ڪري سُمهي پيس، ٿوريءَ دير ۾ ننڊ اچي ويئي. پاڪستان جي وقت مطابق صبح جو ساڍي ستين وڳي جهاز ۾ لائيٽون ٻيهر روشن ٿي ويون، ته تيز روشنيءَ تي فورن سڀيئي مسافر جاڳي پيا. ننڊاکڙين چهرن تي سجاڳ ڪرڻ لاءِ نيم گرم ٽوال اسان کي ڏنا ويا جن جو سيڪو، هڪ خوبصورت، نرم ۽ نازڪ هٿ جي ڇهاوَ جيترو آسيس ڏيندڙ نه ئي سهي پر پوءِ به ڪافي طراوت ڏيندڙ هو جنهن فورن چهري تي توانائي آڻي ڇڏي. ڀر واري سيٽ تي هڪ انڊونيشي نوجوان ڪجهه زياده ئي ڦڙتيءَ سان گرم ٽوال پنهنجي مُنهن تي رکيو ته هلڪي دانهن نڪري ويس. پُڇا ڪئي مانس ته ٻڌايائين ته ٽوال ڏاڍو گرم هو اصل صفا ساڙي ڇڏيائين. دل ۾ چيم، هڪ دفعو اڳ مون سان به ساڳي ويڌن ٿي هئي پر ان کانپوءِ سکي ويو آهيان. چيومانس: ”يار اهو ٽوال سَهسائي سهسائي مُنهن تي رکبو آهي، پر تو شايد ان ڪم ۾ تڪڙ ڪئي“. چيائين: ”مُنهن ته اڳ ئي سڙي ويو آهي ويتر منهنجو اندر ته نه ساڙ“. ماٺڙي ڪري ويهي رهيس ته ڪٿي انڊونيشي نوجوان پنهنجي مُنهن جي سڙڻ جون ڪسرون مون مان نه ڪڍي.
    منهن ٽوال سان ڌوئي تازه ٿي ويهي رهياسون ۽ ناشتو ڪيوسين. ٿورڙي ئي دير ۾ سيٽ بيلٽ ٻڌڻ لاءِ چيو ويو ۽ اعلان ٿيو ته اسان چند لمحن بعد چارلس ڊيگال ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون. پاڪستان جي وقت مطابق ٺيڪ صبح جو نوين وڳي يعني پورن 8 ڪلاڪن جي لڳاتار اُڏام کانپوءِ اچي فرانس جي چارلس ڊيگال ايئرپورٽ تي لٿاسون. هتي مقامي وقت مطابق صبح جا ڇهه وڳا هئا ۽ موسم ۾ چڱي خاصي خُنڪي هئي. عجيب اتفاق جو 1983ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ کان سڌي اُڏام ذريعي ائمسٽرڊم پهتو هوس تڏهن به پهچڻ ۾ پورا 8 ڪلاڪ لڳا هئا، توڙي جو ائمسٽرڊم جو ڪراچيءَ کان هوائي مفاصلو پئرس کان ڪجهه وڌيڪ آهي.
    چارلس ڊيگال ايئر پورٽ تي پريشاني
    ڪراچيءَ کان روانگيءَ وقت مون آمريڪي سفارتخاني وارن کي چيو هو ته مون کي پئرس ۾ هڪ ڏينهن ترسڻ (Journey-Break) جي اجازت ڏين ته جيئن هڪ ڏيڍ ڏينهن پئرس ۾ آرام ڪري پوءِ واشنگٽن لاءِ روانو ٿيان. آمريڪي سفارتخاني وارن بغير ڪنهن اعتراض ڪرڻ جي ايئر فرانس وارن کان نه رڳو اجازت ورتي پر پئرس جي ڪنهن به فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهڻ جو ڪوپن به منهنجي حوالي ڪيائون ڇو ته منهنجي ٽڪيٽ اڪانامي ڪلاس جي نه پر ائمبيسيڊر يا بزنس ڪلاس جي هئي، جنهن جي مسافرن کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهڻ جي اجازت هوندي آهي.
    چارلس ڊيگال ايئرپورٽ تي ايئر فرانس جي ڪائونٽر تي ويس جتي هڪ ليڊي ويٺي هئي. کيس هوٽل وارو ڪوپن ڏيکاريندي کانئس پڇيم ته مون کي ڪهڙيءَ هوٽل ۾ اوهان رهائيندو؟ خونخوار نظرن سان مون کي ڏٺائين، ڪوپن کي به غور سان ڏسي، ٿوري وقفي کانپوءِ مون کي چيائين: ”Sorry اسان اوهان کي هتي رهڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ڇو ته چئن ڪلاڪن کانپوءِ اسان جي ٻي فلائيٽ واشنگٽن وڃي رهي آهي. توهان ان ۾ وڃي سگهو ٿا“. مون کيس چيو: ”هڪ ته مان آرام ڪرڻ چاهيان ٿو، ۽ سورنهن ـــ سترنهن ڪلاڪن جو لڳاتار ڊگهو سفر نٿو ڪرڻ چاهيان. ٻيو ته ڪراچيءَ کان خود اوهان جي پنهنجي ايئرلائين وارن سوچي ويچاري مون کي هوٽل ۾ هڪ ڏينهن رهڻ جو اجازت نامو ٺاهي ڏنو آهي، جيڪو اوهان کي مڃڻو ئي پوندو“. مائي مُنجهي پيئي. منجهڻ جي درحقيقت ڪابه ڳالهه ڪانه هئي، معاملو بلڪل صاف هو ۽ قانوني توڙي اخلاقي طرح مون کي اجازت مليل هئي ته مان پئرس ۾ پنهنجي سفر ۾ وقفو ڪري پئي سگهيس. پر اصل حقيقت هيءَ آهي ته فرانس ۾ پاڪستانين لاءِ سخت نفرت موجود آهي جنهن جو مظاهرو مون اڳ 1983ع ۾ به اورلي سُڊ (فرانس) ايئرپورٽ تي ڏٺو هو. ايئر فرانس جي ليڊي طرفان منهنجي پئرس ۾ رهائش جي صاف معاملي کي منجهائڻ ۽ هروڀرو خراب ڪرڻ واري ڳالهه به پاڪستانين خلاف شديد نفرت جي هڪ ڪَڙي هئي.
    هاڻي مائيءَ آخري وار ڪيو: ”جيڪڏهن اسان جي فلائيٽ ٿوريءَ دير کانپوءِ واشنگٽن نه وڃڻي هجي ها ته پوءِ ته اوهان هن ڪوپن موجب هتي ترسي سگهو ها، پر جڏهن اسان جي فلائيٽ وڃڻي هوندي آهي، ته ان صورت ۾ اسان ڪوپن کي نه مڃيندا آهيون“. سندس بيجا ۽ بداخلاقيءَ واري رويي تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ کيس تمام تيز ترش لهجي ۾ چيم: ”هن ڪوپن مطابق مون کي هر صورت ۾ هتي رهڻو آهي. ٻيو ته مان جنهن فلائيٽ ۾ واشنگٽن پهچندس اُتي يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفرميشن سروس (USIS) جو گائيڊ سڀاڻي مون کي ايئرپورٽ تي وٺڻ ايندو ڇو ته کيس اڳواٽ اهڙو ئي اطلاع مليل آهي“. اِتي بَدخُوءِ ليڊي چيو: ”چڱو ڀلا ٿورو ترسو مان اچان ٿي“. مون وارو پاسپورٽ ۽ هوٽل وارو ڪوپن کڻي ٻئي ڪمري ۾ هلي ويئي. ڏهن منٽن کانپوءِ موٽي آئي ۽ پنهنجي بي حيائيءَ کي لڪائڻ لاءِ ڦِڪي مُرڪ چپن تي آڻيندي چيائين: ”اوهان ناراض نه ٿيو اسان جي جنرل مئنيجر اوهان جي ڪوپن کي تسليم ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي اوهان پئرس ۾ رات رهي سگهو ٿا“. پوءِ رهبري به ڪيائين ته جيئن فلاڻي گيٽ کان اوهان نڪرندا ته Sofitel هوٽل ۾، جيڪو هن ايئرپورٽ جي لڳولڳ آهي، انهيءَ جي شٽل سروس (Shuttle Service) ذريعي اوهان هوٽل ۾ هليا وڃجو.
    ٻاهرين ملڪن ۾ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو جنهن بدبخت کي مون ويندي وقت Thank youنه چيو هو ته اُها ايئر فرانس جي اڄوڪي منحوس مائي هئي جنهن ذهني طرح ڪافي پريشان ڪري ڇڏيو هو. بغير کيس ميڪسي بِڪو (اوهان جي مهرباني) چوڻ جي مان ڏسيل گيٽ طرف روانو ٿي ويس. گيٽ کان ٻاهر نڪري ٻه منٽ به مشڪل سان انتظار ڪيو هوندم ته هڪ ننڍڙي وئگن نظر آئي جنهن تي لکيل هو Shuttle Sofitel شٽل ۾ ويهي هوٽل طرف روانو ٿيس. ٽي چار منٽ ته فقط ايئرپورٽ جي ورن وڪڙن ۽ روڊن تي ڦيرا ڏيندي گذريا. بهرحال 5-اسٽار سوفيٽيل هوٽل ۾ اچي ويس ۽ ڪمرو ورتم.


    پئرس ۾ ڏيڍ ڏينهن

    چارلس ڊيگال ايئرپورٽ تمام وڏو ۽ بيحد خوبصورت ايئرپورٽ آهي ۽ ائين محسوس ٿيو ته فرانس وارن پنهنجي ليڊر جي اعزاز ۽ ان جي ياد کي قائم رکڻ لاءِ شايان شان ايئرپورٽ ٺاهيو آهي ته جيئن هن ايئرپورٽ جي وڏائي ۽ شان شوڪت کي ڏسي ماڻهن کي چارلس ڊيگال جهڙو عظيم ليڊر ياد اچي وڃي. سوفيٽل هوٽل تائين پهچڻ ۾ ست-اٺ منٽ لڳا. هوٽل تمام خوبصورت هو. ڪمرو وٺي فورن سمهي پيس ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ گهَري ننڊ اچي ويئي. فرانس جي وقت مطابق منجهند جو ٻارهين وڳي ڌاران ننڊ مان اُٿي، شاور وٺي ڪپڙا پائي تيار ٿي ويس. پنهنجي ڀاڻيجي تاج محمد جي ڏنل حوالي کي آزمائڻ چاهيم. هتي پاڪستان جي سفارتخاني ۾ تاج محمد جي دوست انورزاده خٽڪ سان ٽيليفون تي ڳالهايم جيڪو خوش قسمتيءَ سان ملي ويو. کيس تاجن جا سلام ڏنم. ٽيليفون تي ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيائين ۽ مون سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين. جيئن ته مون کي ٻئي ڏينهن تي هڪ وڳي منجهند جو واشنگٽن لاءِ روانو ٿيڻو هو ۽ پوري ڏيڍ ڏينهن جو وقفو منهنجي بِلي هو ته ان ڏيڍ ڏينهن مان پورو پورو فائدو وٺڻ ٿي چاهيم. پئرس کي جيترو گهڻو ڏسجي وائسجي اوترو اکيون نه ڍاپنديون ۽ جيترو گهڻو گهمجي ڦرجي اوترو ٿورو. توڙي جو 1983ع ۾ پورو هفتو رهيو هوس ۽ خوب گهميو ڦريو هوس، پر پئرس جو شهر ئي اهڙو ته هِرکائيندڙ ۽ هوش حواس گم ڪندڙ آهي جو اُتان جا دلڪش نظارا ۽ منظر ڏسي وري وري ڏسڻ تي دل چاهيندي آهي. پئرس جون رنگين راتيون هجن يا ڏينهن جون دلفريب دلچسپيون هجن، ماڻهو ڪنهن به لمحي هتي بور نٿو ٿئي بلڪ پورو وقت هتان جي دلفريبين ۾ لطف اندوز رهي ٿو.
    انورزاده خٽڪ سان پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملڻ جو پروگرام ٺاهي اُتان بس ۾ ويهي اچي هڪ جڳهه تي لٿس جتان پئرس جي ميٽرو (Metro) يعني زير زمين ريلوي ۾ سُوار ٿي اچي چارلس ڊيگال جي ميٽرو اسٽيشن تي لٿس. سفارتخاني ڳولڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ٿي ڇو ته اڳ 1983ع ۾ به پنهنجي سفارتخاني ۾ وڃي چُڪو هوس. گهڙي کن سفارتخاني ۾ ڪچهري ڪري ٻاهر نڪتاسين. مختلف هنڌن جو چڪر ڏنوسين جهڙوڪ سينٽ مائيڪل جو مشهور علائقو، رُوڊي ريوالي (Rue-de-Rivoli) جيڪو پئرس جي بهترين شاپنگ سينٽرن جو پُررونق علائقو آهي. اُتان هڪ دفعو ٻيهر ناتخ ڊيم جي چرچ(Church of Notre Dame) آياسين جنهن کي ٻيهر خوب گهميوسين. اُتان وري سين درياهه (Siene River) گهمندا آئفل ٽاور جي ڦوهارن وٽ اچي بيٺاسين. مختلف هنڌن تي فوٽا به خوب ڪڍياسين. گهمي گهمي ڄنگهن ۾ سور پئجي ويو ۽ شام به ٿي چُڪي هئي. هاڻي وقت هو شانزي ليزي جي سير جو. ٻه ڪلاڪ کن شانزي ليزي (Champs Elysees) گهمياسين. دنيا جي هن ويڪري ۾ ويڪري سڙڪ تي جيئن رات جو پهر پُٺتي ويندو آهي، تيئن هتي عشق، حُسن ۽ جوانيءَ جي جلون جو جوڀن اڳتي وڌندو آهي. جيئن رات پُٺتي تيئن رنگ ۽ رونق اڳتي. اُتي ئي فٽ پاٿ جي ريسٽورنٽ ۾ ويهي ماني کاڌيسون. رات جا ٻارنهن ٿي چُڪا هئا ته انورزادي چيو: ”شايد توهان کي پنهنجي هوٽل تي وڃڻ لاءِ روح ڪونه ٿو ٿئي. مان به اوهان جي ڪمپنيءَ مان خوب لطف اندوز ٿي رهيو آهيان، پر بهتر ٿيندو ته اوهان جي هوٽل تي هلون جيئن اوهان کي وڌيڪ دير نه ٿي وڃي“. مون ضِد ڪيو ته سندس هلڻ جي ضرورت ڪانه هئي پر اٽلو پاڻ ضِد ڪيائين ته آءٌ اوهان کي ڇڏي پوءِ واپس ورندس ۽ اُتي هوٽل تي به گھڙي کن ويهي ڪچهري ڪنداسون.
    انورزادو وڏو قربائتو شخص هو، سو هڪ ڪوڏي به مون کي خرچ ڪرڻ نه ڏنائين. جي مان ضِد ڪيانس ته چوي: ”ڇو ڀلا مهمان نوازيءَ جي ٺيڪو رڳو اوهان سنڌين کنيو آهي ڇا؟. جناب! اسان به مهمان نوازي ڄاڻون ٿا. اڄ تون منهنجو مهمان آهين تنهنڪري خرچ سڄو مان ڪندس“. منهنجي گهمائڻ ڦيرائڻ ۽ کارائڻ پيارڻ ۾ سندس ڪافي فرئنڪ خرچ ٿي چُڪا هئا، پر ان کان وڌيڪ سندس خلوص ۽ محبت وارو رويو هو جنهن جي قيمت هرگز نٿي ڪَٿي سگهجي. وڏي ڳالهه ته منهنجو اڄوڪو ڏينهن جيڪو هونئن بغير ڪنهن سنگتي ساٿي جي بوريت ۾ گذري ها، سو ڏاڍو ڪارائتو ۽ سڦلو گذري ويو.
    پئرس ۾ گهميل جاين جڳهين بابت جيئن ته مان پنهنجي ٻئي سفرنامي ”پرديسي ڪهڙا پرين“ ۾ اڳ ئي ڪافي تفصيل سان لکي چُڪو آهيان تنهنڪري ٻيهر لکڻ اجايو آهي.
    انورزادو مون کي هوٽل تي ڇڏي اڌ مُنو ڪلاڪ مون سان وڌيڪ ڪچهري ڪري پاڻ رات جي ڏيڍ وڳي ڌاران واپس موٽي ويو ۽ مان به گهڙي پل کان پوءِ بيڊ تي ڪِري پيس. سڄو ڏينهن گهمي گهمي ٿَڪَ ان حد تائين ٿيو هو جو يقين اٿم ته بيڊ تي سمهڻ واري پهرين منٽ ۾ ئي ننڊ وٺي ويئي هوندي.
    اڄ 31 آگسٽ هئي ۽ مون کي پئرس مان واشنگٽن پهچڻو هو. ننڊ مان ساڍي ڏهين ڌاران اُٿيس ۽ احساس ٿيو ته دير ٿي ويئي اٿم جو ٻارهين وڳي مون کي ايئرپورٽ تي پهچڻو هو. تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي ناشتو ڪيم ۽ ساڳي شٽل سوفيٽيل ۾ سُوار ٿي ايئرپورٽ پهتس. اڄ منهنجي بوڪنگ ٽرنس ورلڊ ايئر لائينس (TWA) ذريعي ٿيل هئي.
    (TWA) جو جهاز فرانس جي وقت مطابق منجهند جو پوري ڏيڍ وڳي اُڏاڻو. توڙي جو TWA جو معيار به بهتر نظر آيو پر برٽش ايئرويز، ايئر فرانس ۽ رائل ڊچ ايئرلائنس (KLM) جي مقابلي جو هرگز نه هو. پورا ست ڪلاڪ لڳاتار اُڏام کانپوءِ اچي واشنگٽن ڊولس ايئرپورٽ (Washington Dulles Airport) پهتس جتي مقامي وقت مطابق شام جا ٽي وڳا هئا.


    واشنگٽن ڊي سي ۾ (Washington DC)

    آمريڪا جي تصور اچڻ شرط هر شيءِ اوچي ۽ پهرين نمبر جي هئڻ جو تصور ايندو آهي، پر واشنگٽن ڊولس ايئرپورٽ پهرين نمبر جو ته نه پر مون کي ٻئي نمبر جهڙو به نظر نه آيو. لنڊن جو هيٿرو ايئرپورٽ يا پئرس جو چارلس ڊيگال يا ٻيا ڪيترائي ڏٺل هوائي اڏا واشنگٽن ڊولس ايئرپورٽ کان هزار دفعا بهتر هئا.
    فورن اميگريشن ٿي ويئي. اميگريشن ڪائونٽر کان جيئن ٻاهر آيس ته هڪ ماڻهو اچي اڳ ورتو ۽ چيائين: ”عنايت بلوچ توهان جو نالو آهي؟“ ها ڪيم ته پنهنجو به تعارف ڪرايائين. سندس نالو هو جان لارج (John Large) جيڪو يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفرميشن سروس (USIS) وارن طرفان موڪليل گائيڊ هو. جان لارج ڪار ۾ ويهاري ڊائون ٽائون (Down Town) وٺي ويو، يعني شهر جو اُهو رونق وارو حصو جيڪو شاپنگ ۽ واپار وڙي جو مرڪز هجي. ڊائون ٽائون ۾ (The Quality Inn) ۾ آياسين جتي انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام جي سلسلي ۾ مختلف ملڪن جا ڪجهه نمائندا اڳ ئي پهچي چُڪا هئا. ڪوالٽي اِن هڪ تمام سٺو هوٽل آهي ۽ 16 اسٽريٽ تي آهي. هي علائقو تمام گهماگهميءَ وارو آهي. سفارتخانن وارو مشهور مساچوسيٽس اوينيو (Massachussettes Avenue) يا فقط (Mass Avenue) هتان ويجهو آهي، جنهن کي مئس (Mass) اوينيو ڪوٺيو ويندو آهي جتي مان پاڪستان جي سفارتخاني ۾ پنهنجي پياري دوست سليم گل شيخ سان پنڌ ملڻ هليو ويندو هوس جيڪو ان وقت اتي قانصلر هو.


    شهناز عزيز جي گهر ۾ رهائش

    ڪوالٽي اِن ۾ ڪمري ملڻ شرط جيڪو پهريون ڪم ڪيم سو هيءُ ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جِي هڪ ناليواري پروڊيوسر، خوبصورت ۽ خوب سيرت ڇوڪريءَ، سُلجهيل معتبر ۽ مانائتي شخصيت ۽ بهترين دوست شهناز سليم کي ٽيليفون ڪيم جنهن کي هڪ شخص عزيز نالي شهناز سليم مان شهناز عزيز ۾ بدلائي، اسان ريڊيو وارن کان ڇِني ڌار ڪري آمريڪا وٺي آيو. پوري معاشري جيان ريڊيو ۾ به چڱن مَٺن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي پر شهناز جو معاملو ئي نرالو هوندو هو. ڪي ماڻهو هوندا آهن جيڪي انگريزي محاوري (Some Command Respect) جي مقولي جيان قدرتي طور اهڙا هوندا آهن جن جي قسمت ۾ پيار ۽ عزت لکيل هوندي آهي.
    شهناز به ريڊيو ۾ بلڪل ائين هئي سڀ ڪنهن جي لاڏلي، هر ڪنهن کي پياري، هر ڪو سندس عزت ڪري، ڪير هجي جنهن کي شهناز ڪو ڪم چوي ته اُهو شخص خوشيءَ سان سندس ڪم نه ڪري، سواءِ انهن بدبختن جي جيڪي اُنهن نازڪ ۽ نفيس جذبن کان هميشه واسطي محروم ۽ نا آشنا رهيا آهن.
    شهناز کي ٽيليفون ڪيم. رِسِيوَر سندس جيون ساٿي عزيز کنيو جنهن فورن منهنجو آواز سڃاڻي ورتو توڙي جو مون اڳ ڪڏهن به ٽيليفون تي ساڻس ڳالهايو ڪو نه هو. پر پوءِ خبر پيئي ته وائيس آف آمريڪا ۾ اسان جي اچڻ جو اطلاع اڳواٽ ئي پهچي چُڪو هو ۽ شهناز جيئن ته اُتي ڪم ڪري ٿي ته ان اهو اطلاع اڳ ۾ ئي عزيز تائين پهچائي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ شهناز ڳالهايو - اُهوئي پنهنجائپ وارو لهجو، جنهن ۾ ڪا به ملاوٽ ڪانه، ساڳي ريڊيو واري شهناز ڳالهائي رهي هئي. چيائين، بس اسين اوهان وٽ اچون پيا.
    ڪلاڪ کن اندر پهچي ويا. پهريون دفعو سندس هنج ۾ هڪ گلن جهڙو ٻارڙو ڏٺم جيڪو بيحد خوبصورت، وڻندڙ ۽ شهناز جهڙو ئي Cute ۽ چلولو لڳو. اچڻ شرط سندس نئين سوکڙي تي کيس مبارڪباد ڏنم. شهناز چيو: ”فورن تيار ٿي وٺ ته اظهار ڪاظمي صاحب جي گهر هلون جتي اڄ سندس ڌيءَ جي سالگرهه آهي“. اظهار ڪاظمي صاحب ريڊيو جو پراڻو براڊڪاسٽر آهي ۽ ڪجهه سال اڳ رٽائرمينٽ وٺي آمريڪا هليو ويو جتي وائيس آف آمريڪا تان پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو آهي. ڪاظمي صاحب مون کي ڏسي تعجب ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مون کي به ساڻس ملي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي.
    شهناز ۽ سندس خاوند عزيز صاحب ٻنهي زور ڀريو ته مان هوٽل ڇڏي ساڻن گڏ وڃي رهان. منهنجي لاءِ وڏو مسئلو ٿي پيو. هوٽل ۾ به مختلف ملڪن کان آيل دوستن ۽ ساٿين سان بي تڪلف رابطا ۽ ڪچهريون قائم ٿي چُڪيون هيون، جن کي ڇڏڻ دل نٿي چاهيو. هوڏانهن ڀاءُ عزيز ۽ شهناز جو بي انداز خلوص هو. ٻه ٽي ڏينهن ته ٽاريندو رهيس. نيٺ چوٿين ڏينهن تي زوري سامان گاڏي ۾ رکي پنهنجي گهر وٺي ويا، جيڪو واشنگٽن ڊي سِي يعني گاديءَ جي هنڌ کان ٻاهر ورجينا اسٽيٽ ۾ هو. ورجينا ۽ واشنگٽن ڊي سي بلڪل پاڻ ۾ گڏيا پيا آهن. هڪڙو ئي شهر آهي، بلڪ ائين جيئن ڪراچي ۾ ناظم آباد يا سوسائٽي جا علائقا هجن. اها ٻي ڳالهه آهي ته واشنگٽن ڊي سي انتظامي لحاظ سان بلڪل الڳ حيثيت رکي ٿو. گهر ۾ شهناز جا والدين به موجود هئا جيڪي پڻ بيحد خلوص سان پيش آيا.


    افضل رحمان ۽ صلاح الدين سان ملاقاتون

    هوڏانهن ريڊيو پاڪستان جو هڪ ٻيو پيارو دوست افضل رحمان جيڪو چئن سالن کان وائيس آف آمريڪا سان منسلڪ هو، اُهو به مليو جنهن پڻ ڪشاده دلي ۽ محبت سان آفر ڏني ته مان هوٽل ڇڏي سندس گهر اچي رهان. افضل رحمان کل ڀوڳ ۾ پياريون پياريون شرارتون به ڪندو رهندو آهي. ريڊيو ۾ به سندس اهو شغل مشهور هوندو هو. ڀوڳن چرچن ۾ شهناز کي به پيو پريشان ڪندو هو. مون کي بهرحال پنهنجي گهر وٺي ويو. پنهنجي گهر جي لذيذ ماني کارايائين. سندس ٻارڙا ڏاڍا پيارا ۽ وڻندڙ ۽ ڀاڀي ڏاڍي سٺي، سليقي واري ۽ مانائتي پئي لڳي. افضل رحمان نه رڳو هڪ دفعو پنهنجي گهر وٺي ويو پر ڪيترا ڀيرا مون کي مختلف جڳهين تي وٺي ويو ۽ خوب سئر تفريح ڪئي سون. هڪ جڳهه تي مشهور Pizza کارايائين جيڪو ڏاڍو لذيذ ۽ سوادي هو. هينئر جڏهن Pizza بابت لکان ويٺو ته دل چوي ٿي ته وري ڪٿي اُهو Pizza کائڻ لاءِ ملي جيڪو افضل رحمان کارايو هو. مون کان هڪ انٽرويو به ورتائين جيڪو وائيس آف آمريڪا جي اردو سروس ۾ نشر ڪيو ويو. وائيس آف آمريڪا ۾ ريڊيو جا ٻيا به ڪيترائي پراڻا ساٿي مليا، جن ۾ صلاح الدين قريشي به شامل آهي، جيڪو ڪراچي نيوز جي شعبي جو ڊپٽي ڪنٽرولر هو. ڪافي رلڻو ملڻو ۽ دوستن جو دوست آهي. هو به هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو. سندس گهر ڪافي پري پنڌ تي هو جتي پهچڻ ۾ پورو ڪلاڪ لڳي ويو. صلاح الدين مون کي مائونٽ ورنن(Mount Vernon) تي به وٺي ويو جيڪو آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جو گهر هو. هاڻي اهو گهر ميوزيم ۾ تبديل ٿي ويو آهي. مائونٽ ورنن (Mount Vernon) کي ليڊيز ايسوسئيشن محفوظ رکيون ٿي اچي. افسوس ته جڏهن اسان شام جو اُتي دير سان پهتاسين ته مائونٽ ورنن جي گهمڻ جو وقت ختم ٿي چُڪو هو ۽ فقط ٻاهران ئي ڏسي سگهياسين. مائونٽ ورنن جي چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ آهي ۽ شهر جي گوڙ گهمسان کان ڪافي پري هڪ پُرسڪون جڳهه تي آهي.
    هتي اسان جيئن ڪار مان لٿاسون ته واشنگٽن ۽ ورجينا جي مقابلي ۾ اسان کي ڪافي ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. آمريڪا جي ڪيترن جڳهين تي جارج واشنگٽن جي ياد ۾ طرح طرح جا يادگار ٺهيل آهن. ورجينا ۾ 13-14 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي جارج واشنگٽن جي ڄم جي هنڌ جو قومي يادگار (George Washington Birth Place National Monument) تعمير ٿيل آهي جيڪو ڏسڻ وٽان آهي. ٻئي طرف واشنگٽن ڊي سي ۾ واشنگٽن يادگار Washington Monument ٺهيل آهي جيڪو 555 فوٽ اوچو آهي ۽ دنيا جي سياحن جي ڪشش جو مرڪز آهي.


    نيَر محفوظ سان ملاقات

    پاڪستان مان آمريڪا روانگي وقت پياري دوست محمد بچل ساڱري صاحب جيڪو تڏهن حيدرآباد ۾ ايس.ايس.پي (SSP) هو، مون کي هڪ ننڍڙو پئڪيٽ هٿ ۾ ڏيئي تاڪيد ڪيو ته سندس امانت کوڙ سارن سلامن سميت نيَر محفوظ صاحب تائين سلامت پهچايان. نيَر صاحب لاءِ تعارف ڪرايائين ته هو صاحب آمريڪا جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ قانصلر مقرر ٿيڻ کان اڳ هتي پوليس ۾ ڊي آءِ جي هو ۽ ڏاڍو سٺو انسان آهي. واشنگٽن پهچڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي نيَر صاحب کي ٽيليفون ڪيم جنهن خلوص ۽ بي تڪلفيءَ جي لهجي ۾ ڳالهايو. ساڻس ملاقات ٿي ۽ پهرئين ملاقات ۾ ئي چيائين ته ڪا تاريخ طئه ڪر ته جيئن گڏجي ماني کائون. ڏاڍو نٽائڻ جي ڪوشش ڪيم پر اصل نه مڙيو ۽ چيائين ته هڪ ته بچل جا سلام آندا اٿئي ٻيو پاڻ ڏاڍو ٺاهوڪو ماڻهو، اديب ۽ شاعر به آهين تنهنڪري ماني گڏجي کائينداسون ۽ ڪچهري به ڪنداسون (منهنجو وڌيڪ تعارف ساڻس سليم گل شيخ صاحب ڪرايو جيڪو پڻ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ قانصلر هو). دعوت جي تاريخ 9 سيپٽمبر مقرر ٿي جيڪو واشنگٽن ۾ منهنجو آخري ڏينهن هو ۽ 10 تاريخ صبح جو سوير نيو آرلينس لاءِ روانو ٿيڻو هو.
    مون سوچيو هو پنج ست ماڻهو هوندا پر ٽيهه کن ماڻهو دعوت ۾ سڏيا هئائين جن سان جدا جدا منهنجو پورو تعارف ڪرايائين. سليم گل شيخ، عزيز صاحب ۽ شهناز وارا به هن دعوت ۾ شريڪ ٿيا. گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو کن طعام ڊائننگ ٽيبل تي موجود هئا. تنهن کان علاوه ٻيو گهڻو ڪجهه. نيَر محفوظ صاحب جنهن خلوص ۽ محبت جو مظاهرو ڪيو اهو مون کي هميشه لاءِ ياد رهندو.


    واشنگٽن ڊي سي جو مختصر سئر

    Tourist Spots of Washington DC
    واشنگٽن ڊي سي 1800ع کان وٺي يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي گاديءَ جو هنڌ آهي جنهن کي آمريڪا جي ٻئي نمبر صدر جان ائڊمس آمريڪا جو نئون گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو جيڪو خوبصورت ڪشادن رستن، هر طرف کان پارڪن ۽ سبز ساوڪن جي سونهن سان سينگاريل شهر آهي. واشنگٽن جي سيني مان پوٽمئڪ ندي (Potmac River) نڪري ٿي جيڪا وَروَڪڙ کائيندي، ڊانس ڪندي وهندي رهي ٿي ۽ لنڊن جي ٽيمز وانگر هن شهر کي به پوٽمئڪ وڌيڪ حسِين ۽ دلفريب بڻايو آهي. ڊي سي ڊسٽرڪٽ ڪولمبيا جو شارٽ فارم آهي جيڪو مئري لئنڊ اسٽيٽ مان ٽوڙي، واشنگٽن سان ملايو ويو. ان کانپوءِ ئي آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ جو هيءُ شهر واشنگٽن مان ڦري واشنگٽن ڊي سي ٿي ويو. ڪيترا ماڻهو ڊي سي جي لفظ يا اصطلاح تي ڀُلندا آهن ته اها وري ڪهڙي بلا آهي؟


    دي مال (The Mall)

    آمريڪا ۾ اچڻ شرط هر ماڻهوءَ کي شروعات ۾ جيڪا پريشاني ٿئي ٿي اُها هتان جي زبان لفظن ۽ اصطلاحن جي آهي جنهن لاءِ وڌيڪ واضح انگريزي جو لفظ (Terminology) ٿيندو. آمريڪا وارن نوان لفظ گهڙيا آهن، نوان اصطلاح ۽ ترڪيبون ٺاهيون آهن ۽ گهڻو ڪري ڪوشش ڪئي اٿائون ته جيئن پاڻ هر طرح سان انگريزن کان مختلف لڳن. توڙي جو آمريڪين جا ابا، ڏاڏا ۽ پڙڏاڏا برطانيه جا انگريز ئي هئا پر ان جي باوجود آمريڪا وارن کي هر ان ڳالهه ۽ نسبت کان نفرت جي حد تائين چِڙ آهي جنهن جو تعلق انگريزي حسب نسب يا ثقافت سان هجي. مثال طور لنڊن ۾ شاپنگ واري گهماگهميءَ واري علائقي کي شاپنگ آرڪيڊ، شاپنگ ڪامپليڪس، شاپنگ پلازا يا شاپنگ سينٽر وغيره جا نالا ڏنا وڃن ٿا ته آمريڪا ۾ اهڙي علائقي جو هڪڙوئي نالو شاپنگ مال رکيو ويو يعني اهو علائقو جتي وڏا وڏا شاپنگ ڪرڻ لاءِ پلازه ۽ بلڊنگون هجن. اهڙيءَ طرح سان جيڪڏهن ڪو اهڙو علائقو آهي جيڪو سرسبز پارڪن وڻن ٽڻن ۽ چهچ ساوڪ سان ڍڪيل آهي ته ان کي به مال (The Mall) چيو ويندو. دي مال، جيڪو ڪنسٽيٽيوشن اوينيو سان گهڻي پنڌ تائين گڏوگڏ هلي ٿو سو ڪيپيٽول هِل کان شروع ٿي پوٽمئڪ نديءَ تائين وڃي ٿو. هيءُ ٽُڪرو واشنگٽن ڊي سي جو بيحد خوبصورت علائقو آهي جنهن جي اردگرد سڀ کان اهم جايون جهڙوڪ ڪئپيٽول (Capitol) بلڊنگ، سپريم ڪورٽ جي تاريخي عمارت، لائبرري آف ڪانگريس، لنڪن ميموريل، واشنگٽن يادگار ۽ سمٿ سونيَن انسٽيٽيوشن اچي وڃن ٿا. هن اوينيو جي اردگرد خوبصورت ڇٻرون (Lawns) وڻ ٽِڻ، پارڪ، سبزا ۽ ساوڪون آهن. تنهنڪري هن پوري علائقي کي دي مال (The Mall) چيو ويندو آهي. جڏهن ته ذڪر نڪتو ئي آهي ته آمريڪا وارن ڪيئن نه مختلف شين جا نوان نالا رکيا آهن ته بهتر ٿيندو ته ٻه چار ٻيا نالا به مهربان پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکي ڇڏيان.
    انگريز صبح جو ضروري سڏ واري جڳهه کي سڏين Toilet يا Lavatory ته آمريڪا وارن ان جو نالو رکيو آهي Rest Room، جنهن جو سوليءَ سنڌي ۾ ترجمو ٿيندو آرام ڪرڻ جي جڳهه. ڏسو ته آرام ڪرڻ لاءِ ڇا نه جڳهه مخصوص ڪئي اٿن. غسل خاني کي انگريز سڏين Bath Room ته آمريڪي سڏين Wash Room
    برطانيه وارن هڪڙي مهم شروع ڪئي ته سڄي دنيا ۾ ماپ ۽ تور وغيره جو هڪڙوئي سرشتو قائم ڪجي جنهن کي ميٽرڪ سسٽم Metric System جو نالو ڏنو ويو ۽ دنيا جي تقريبن تمام گهڻن ملڪن ۾ اهو سسٽم رائج ٿي ويو. پر ڇو ته ان سسٽم کي رائج ڪرائڻ ۾ انگلنڊ وڌ ۾ وڌ ڪردار ادا ڪيو ته آمريڪا وارن کي مٺيان لڳي ته انگريز ڇو ڪنهن ڳالهه کي دنيا جي گهڻن ملڪن کان مڃرائي معتبري ماڻي وڃي، تنهنڪري آمريڪا وارن ميٽرڪ سسٽم کي نه مڃيو ۽ ساڳيو ئي پراڻو طريقو هلائيندا اچن. مثال طور ٻين ملڪن ۾ هر جڳهه تي پيٽرول جي گئلن بجاءِ لٽر استعمال ٿيڻ لڳو پر آمريڪا ۾ اُهوئي گئلن هلندو اچي. مفاصلي جي ماپڻ لاءِ ميل بجاءِ ڪلوميٽر هر جڳهه تي رائج ٿي ويو، پر آمريڪا ۾ اُهي ئي ميل پيا هلن.....۽ ها پيٽرول وري ڇاجو؟ انگريزن جنهن کي پيٽرول چيو، آمريڪا وارن اُن کي گئس جو نالو ڏنو يعني آمريڪا ۾ ڪو ماڻهو ائين نه چوندو ته گاڏيءَ ۾ پيٽرول وجهرائڻ پيو وڃان پر چوندو ته گئس وجهرائي اچان. آمريڪا ۾ جي ڪنهن کان پيٽرول پمپ جو پڇبو ته ڪو به نه سمجهندو، ها گئس اسٽيشن چوندو ته سڀڪو سمجهندو. اڃان ايترا ته نوان نالا اُتي گهڙيا ويا آهن جو بنهه اچرج لڳڻ سان گڏ کِل به پيئي اچي. ڪار جي سائيلنسر کي مفلر ڪوٺين ٿا. مون ٻه چار مثال پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ڏيئي ڇڏيا آهن. وڌيڪ نالا ٻڌائڻ لاءِ پوري ڊڪشنري ٻڌائڻي پوندي. دي مال جي اردگرد جيڪي واشنگٽن جون سڀ کان وڌيڪ اهميت واريون مشهور جايون جڳهيون آهن، انهن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.


    ڪئپيٽول (Capitol)

    هي عاليشان ۽ عظيم الشان عمارت مال جي آخري ڇيڙي وٽ ڪئيٽول هِل تي ٺهيل آهي جنهن ۾ ملڪ جا قانونساز ادارا، سينيٽ ۽ اسيمبلين جا چونڊيل نمائندا ويهن ٿا. تمام وڏا وڏا ۽ بيحد خوبصورت هال ٺهيل آهن. وڏيون ۽ ڊگهيون ڪوريڊور آهن ۽ تمام سهڻيون آفيسون ٺهيل آهن. هتي حفاظتي تدبيرون ايتريون ته سخت آهن جو مون ڪٿي به ان حد تائين سختي نه ڏٺي، توڙي جو اسان جي گروپ جي لاءِ گهمڻ جو پروگرام اڳواٽ طئي ٿيل هو، پر پوءِ به ڪافي دير ترسڻ کانپوءِ اسان کي ڪئپيٽول بلڊنگ ۾ اندر وڃڻ جي اجازت ملي. اندر وڃي ويتر ويل ۾ اچي وياسون. دروازن وٽ چيڪنگ، ڏاڪڻين تي چيڪنگ ۽ آخرڪار جڏهن سينيٽ هال ۾ داخل ٿي رهيا هئاسون ته اُتي به الائي ڪهڙن ڪهڙن اوزان سان چيڪنگ ٿي. پر اُها جُٺ، کيچل يا هٿ چُراند ڪانه ٿي جيڪا اسان سان پنهنجي ملڪ ۾ ان وقت ٿيندي آهي جڏهن هوائي جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ معتبر بڻجي لائونج ۾ داخل ٿيندا آهيون.
    چيڪنگ وارا اسان جي معتبري ان وقت غائب ڪري ڇڏيندا آهن جڏهن جسم جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان ڪتڪاڙيون نڪرڻ شروع ٿينديون آهن، مڙئي مُنهن پڪو ڪري لائونج ۾ داخل ٿيندا آهيون.
    ڪئپيٽول هِل جي احاطي ۾ اندازي موجب 50-60 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي هڪ تمام سهڻو پارڪ ٺهيل آهي جنهن ۾ رنگ برنگي گل ٻوٽا ۽ قسمين قسمين وڻ آهن. ڪئپيٽول جي اوڀر کان لائبرري آف ڪانگريس آهي جيڪا دنيا جي ٻن-ٽن وڏي ۾ وڏين لائبررين منجهان هڪ آهي. اُترئين پاسي کان سُپريم ڪورٽ جي تاريخي عمارت آهي جيڪا 1935ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ ان وقت به مٿس هڪ ڪروڙ ڊالر خرچ آيو هو.


    لائبرري آف ڪانگريس

    Library of Congress
    هوٽل جي ڪمري ۾ بيڊروم ۾ فٽ ٿيل ريڊيو جو سئچ جيئن آن ڪيم ته انگلش ڪلاسيڪل ميوزڪ جو پڙلاءُ ڪنن تي پيو. ڌيمي ڌن تي مَڌم ميوزڪ جا سُريلا سُر سازن جي سِٽاءَ سان ايڏي ته خوبصورتيءَ سان ڪمپوز ڪيل هئا جو بيحد لطف اندوز ٿيس ڇو ته هن ميوزڪ ۾ ڪجهه مشرقي طرز جي ڌُنن جو سنگم به موجود هو. ميوزڪ ختم ٿيڻ تي اعلان ٿيو: ”هيءَ رڪارڊنگ هڪ ميوزڪ ڪنسرٽ جي هئي جنهن جو اهتمام لائبرري آف ڪانگريس ڪيو هو ۽ اسان اُها خوبصورت رڪارڊنگ سندن تعاون سان پيش ڪئي“.
    منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي ته هتي هڪ لائبرري اهڙي به آهي جيڪا ميوزڪ ڪنسرٽ جو پاڻ وٽ اهتمام به ڪري ٿي، ۽ ان جي رڪارڊنگ جو بندوبست به پنهنجي اسٽوڊيوز ۾ ڪري ٿي ۽ ان جو معيار ايڏو ته مٿانهون ٿئي ٿو جو هتان جي ريڊيو اسٽيشن اُها رڪارڊنگ نشر ڪري فخر محسوس ڪري ٿي.
    اڄوڪو پروگرام ٻُڌي شوق جاڳي پيو ته اها عظيم لائبرري ڏسي اچان. هونئن به لازمي طور وڃڻو هيم جو پنهنجو سفرنامو ”پرين جي پرديس“ جي ڪاپي هن لائبرريءَ کي ڏيڻي هيم. هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ لائبرري ڏسي آيس ۽ نيپچون پلازا (Neptune Plaza) به ڏسي آيس جتي ميوزڪ پروگرام (Music Concerts) ٿيندا رهندا آهن. هي پلازا لائبرري آف ڪانگريس جي جئفرسن بلڊنگ جي سامهون ٺهيل آهي جڏهن ان جو احوال هتي لکان ويٺو ته اهو اعتراف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته جيڪو ڪجهه مون ڏٺو اهو سڀ ڪجهه لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. الائي ڪيترن ايڪڙن ۾ ٽي وڏيون عمارتون آهن جن جون الائي ڪيتريون منزلون آهن ۽ اها لائبرري ٽنهي عمارتن تي پکڙيل آهي.
    دنيا جي ٽن وڏين لئبررين مان لائبرري آف ڪانگريس به آهي جيڪا پڻ ڪئپيٽول هِل تي هڪ عاليشان عمارت ۾ موجود آهي. اها بهرحال طئي ٿيل حقيقت آهي ته ڪانگريس لائبرري جي بلڊنگ دنيا جي سڀني لائبررين جي بلڊنگن کان وڌيڪ وڏي ۽ مهانگي عمارت آهي جنهن جي زيبائش ۽ آرائش تي پنجاهه کان وڌيڪ آمريڪي مصورن ۽ فنڪارن ڪم ڪيو. هن لائبرري کي آمريڪا جي ٻئي نمبر صدر جان ائڊمس فقط آمريڪي ڪانگريس جي نمائندن لاءِ 1800ع ۾ قائم ڪيو پر انگريزن 1814ع ۾ واشنگٽن تي حملو ڪري جتي ٻيون تباهيون آنديون، اُتي لائبرري آف ڪانگريس کي به تباهه ڪري ڇڏيو جيڪا ان وقت تمام مختصر ۽ ننڍڙي هئي. وقت وقت جي ڳالهه آهي، يا ته برطانيه جهڙي پتڪڙي ملڪ جي مختصر ماڻهن جتي دنيا کي تاراج ڪري ڇڏيو، اُتي آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ تي حملو ڪري اُتي به تباهي آڻي ڇڏيائون يا وري اڄوڪو آمريڪا گهر ويٺي پوري انگلنڊ کي هڪ ئي ڦُوڪ سان اُڏائي سگهي ٿو.
    بعد ۾ آمريڪا جي مشهور شخصيت ۽ ٽئين نمبر صدر ٿامس جئفرسن پنهنجي ذاتي لائبرريءَ جا ڪتاب جيڪي هن پنجاهه سالن ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا هئا، هن لائبرريءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ اهڙيءَ طرح لائبرري آف ڪانگريس ٻيهر وجود ۾ اچي ويئي.
    ٿامس جئفرسن اُهو ذهين شخص هو جنهن کي آمريڪا جي آزادي جي اعلان يا پڌرنامي، (Declaration of Independence-1776) جو مصنف سمجهيو ويندو آهي.
    لائبرري آف ڪانگريس ٽن عمارتن تي مشتمل آهي. پهرين عمارت ٿامس جئفرسن جي نالي سان منسوب ٿيل آهي جيڪا 1897ع ۾ ٺهي راس ٿي جنهن تي موزائڪ، شيشي ۽ اعليٰ پينٽنگ جو ڪم ٿيل آهي. ٻي عمارت جيڪا 1939ع ۾ کولي ويئي، جان ائڊمس جي نالي سان منسوب ٿيل آهي.
    ٽيون نمبر بلڊنگ جيڪا جديد عمارت سازي جو نادر نمونو آهي اُن جو افتتاح 24 اپريل 1980ع تي ٿيو جنهن کي جيمس مئڊيسن سان منسوب ڪيو ويو آهي جيڪو آمريڪا جو چوٿون نمبر صدر هو. جيمس مئڊيسن کي آمريڪا ۾ ”آئين جو ابو“ (Father of Constitution) ۽ ”عوامي حقن“ جو مصنف ڄاتو ويندو آهي.
    انسانذات جي ڀلائي ۽ بهبود وندر ۽ ورونهن لاءِ، توڙي علم جي اُڃارن انسانن لاءِ، اکين کان محروم ماڻهن لاءِ، معذورن ۽ اپاهجن لاءِ هن لائبرري جون خدمتون سونهري لفظن ۾ لکڻ جهڙيون آهن. مختصر طور ٻه چار ڳالهيون لکان ٿو.
    • هن لائبرري ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪتاب، قلمي نسخا، نقشا، ڪئٽالاگ ۽ لکن جي تعداد ۾ ميوزڪ جا ٽيپ، ڪيسٽون، ڊسڪون موجود آهن جن ۾ ناميارن موسيقارن جون آتم ڪهاڻيون به رڪارڊ ٿيل آهن ته، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي مختلف خِطن جون مشهور لوڪ ڌُنون پڻ محفوظ ٿيل آهن.
    • هن لائبرري ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي پرنٽس ۽ فوٽوگرافس نمائش جي لاءِ هروقت موجود آهن جن ذريعي آمريڪا جي مختلف رياستن توڙي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي رهڻي ڪهڻي ثقافت ۽ ريتن رسمن جي ڪهاڻي تصويرن ذريعي به معلوم ڪري سگهجي ٿي.
    • ڪانگريس لائبرري نه رڳو واشنگٽن ڊي سي ۽ پوري آمريڪا جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي ٿي پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي لائبررين لاءِ پڻ اُن جون خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن. مثال طور ڪنهن ناياب ڪتاب جي دنيا کي ضرورت ٿئي ٿي ۽ اهو ڪتاب لائبرري آف ڪانگريس ۾ به ڪونهي، ته اوهان جي پُڇڻ تي لائبرريءَ جو ڪمپيوٽر اوهان کي ٻڌائيندو ته اهو ڪتاب دنيا جي ڪهڙيءَ ڪُنڊ ۾ لڪل آهي يا ڪهڙي لائبرري ۾ موجود آهي. پر جي اُهو ڪتاب ڪٿي به نه آهي ۽ اهو ڪڏهن ڇپبو ۽ ڪڏهن مارڪيٽ ۾ ملي سگهندو، ملندو به سهي يا نه، ڪمپيوٽر، گهربل معلومات کان به ڪجهه وڌيڪ اوهان کي ٻڌائيندو جيئن اوهان جي مڪمل تسلي ٿي وڃي.
    • اکين کان محروم ماڻهن لاءِ اهي ناول، افسانا، ڊراما، شعرو شاعري، آتم ڪهاڻيون وغيره جيڪي دنيا ۾ بيحد مشهور ۽ مقبول ٿيون انهن کي بريل (Braille) صورتخطي (جيڪا فقط نابينا ماڻهن لاءِ ٺاهي وئي آهي) ۾ اهي ناول لکيا ويا آهن ته جيئن نابينا ماڻهو به انهن ڪتابن مان محفوظ ٿي سگهن. پر ترسو ڳالهه اڃا ختم ڪٿي ٿي آهي. جيڪڏهن ڪي نابينا بريل نه سکي سگهيا آهن ۽ اهي هٿ جي ڇهاءُ سان ڪتاب سمجهي نٿا سگهن ته انهن لاءِ ناول، افسانا، آتم ڪهاڻيون، شعرو شاعري جا مجموعا وغيره سڄا سارا رڪارڊ ڪري نابينائن کي ڪيسٽ يا ٽيپ رڪارڊر سميت مهيا ڪيا ويا آهن ته جيئن نُورَ کان محروم ماڻهو پنهنجي گهُٽ ۽ ٻوسٽ جي دنيا ۾ وندر ورونهن جو سامان مهيا ڪري سگهن ۽ محروم ٿي مري وڃڻ بدران ڪجهه حاصل ڪري ٻين ماڻهن جيتريون سهولتون ماڻي هن جهان ۾ جيئن ۽ زندگي ماڻين. صرف آمريڪا ۾ ڇهن-ستن لکن نابينائن کي اهي سهولتون بنا پئسي، بنا ڪنهن تڪليف جي مفت ۾ ميسر آهن. دنيا جا ڪيترائي اُسرندڙ ملڪ پنهنجي ملڪ جي نابينا ماڻهن لاءِ لائبرري آف ڪانگريس کان بريل وارا ڪتاب توڙي رڪارڊ ٿيل ميوزڪ خريد ڪن ٿا.
    • هن لائبرري ۾ ڪل 8 ڪروڙ، 20 لک ائٽم آهن (ڪتاب، ٽيپ، ڪيسٽ، پرنٽ، فوٽوگراف، نقشا وغيره وغيره).
    • اهي ائٽم دنيا جي 470 ٻولين ۾ آهن ۽ جن شيلفن تي اهي شيون رکيل آهن انهن جي ڊيگهه 525 ميل ٿيندي.
    • نوٽ: هي احوال 1986ع جا آهن ۽ هاڻي سن 2015ع پُڄاڻيءَ تي آهي معنيٰ ته 29 سال گذري ويا آهن. سوچيو ته انهن ٽن ڏهاڪن ۾ لائبرري آف ڪانگريس ۾ ڪيتري ترقي ۽ واڌارو آيو هوندو ان جو اندازو هر ڪو آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو.


    لائبرري آف ڪانگريس ۾ سنڌي ڪتاب

    لائبرري گهمڻ کانپوءِ، بلڪ سرسري طرح ڏسڻ کانپوءِ جنهن ۾ پڻ ٽي-چار ڪلاڪ لڳا، پنهنجي سفرنامي جي ڪاپي ڏيڻ لاءِ معلومات واري ڪائونٽر تي ويس، جنهن مون کي ايسٽرن لئنگئيجز سيڪشن ڏانهن رجوع ڪيو جتي ايسٽرن سيڪشن جي انچارج مسٽر مارڪ رِيڊ سان ملاقات ٿي. پنهنجو تعارف ڪرايومانس. آمريڪي بي تڪلفيءَ واري انداز ۾ چيائين ته: ”توهان سان ملي ڏاڍو خوش ٿيس. اچو ته ڪمپيوٽر کان پڇون، مبادا اوهان جو نالو اڳ ۾ ئي اسان جي لسٽ تي هجي ۽ اوهان جو ڪتاب پڻ اسان وٽ، ٿي سگهي ٿو ته اڳ ۾ ئي هجي“. خشڪيون چڙهي ويون، دل ۾ چيم اسان پارا سَڌڙيا ۽ سيکڙاٽ اديب، جيڪي ”اٺين پيڙهي اُٺ جو ماڪوڙو ماسات“ جي چوڻيءَ وانگر پنهنجي ملڪ ۾ به پيا حوالن ذريعي سڃاپن، سو هاڻي لائبرري آف ڪانگريس جهڙي دنيا جي مشهور اداري ۾ اسان جو نالو نشان ڪٿي هوندو. سوچيم ڏاڍو لڄي ٿيڻو پوندو پر هاڻي ڪري به ڪجهه نٿي سگهيس. مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ، هاڻي مان ريڊ جي حوالي ٿي ويس. وٺي ويو ايشين سيڪشن ۾. بٽڻ دٻائيندو ويو، ايشين مان ايسٽرن سيڪشن ۽ ايسٽرن مان وري پاڪستان جو بٽڻ دٻايائين ۽ هڪ وڏي بورڊ تي پاڪستاني اديبن جا نالا ۽ انهن جي سامهون سندن لکيل ڪتابن جا نالا هئا.
    هڪ منفي نفسياتي اثر هيٺ منهنجا هوش حواس غائب ٿي چُڪا هئا تنهنڪري رڳو مان وائڙن جيان نالا مٿاڇري نظر سان ڏسندو ويس ته رِيڊ ذري گهٽ رڙ ڪري چيو: ”سيريل نمبر 84 تي اوهان جو نالو موجود آهي، ڏسو“. ڄڻ مُئل جسم ۾ ساهه پئجي ويو ۽ مان جيڪو هن وقت تائين ڍِلو سُست ٿي لڳس، فورن چُست ٿي ويس. منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن مون پنهنجو نالو هن عظيم لائبرريءَ جي ڪمپيوٽرلسٽ ۾ شامل ڏٺو ۽ چار ڪتاب منهنجي نالي اڳيان لکيل هئا. ٻه منهنجا پنهنجا تحرير ڪيل ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ (شاعري)، ۽ ”پرين جي پرديس“ (سفرنامو) ۽ ٻه منهنجا ترتيب ڏنل ڪتاب هڪ ”سڀ ۾ پنهون پاڻ“ (مير سڪندر خان کوسي جي شاعري) ۽ ٻيو ”ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“ (سائين جي.الانا جي شاعري) جا ڪتاب به لائبرري ۾ ڏٺم. مون کي اهو ڏسي ڪري به ڏاڍي خوشي ٿي ته ڪيترن ئي سنڌي اديبن جا ڪتاب لائبرري آف ڪانگريس ۾ موجود آهن. جڏهن به اسان جا سنڌي دوست، اديب ۽ شاعر واشنگٽن ڊي سي وڃن ته منهنجو کين مخلصانه مشورو آهي ته لائبرري آف ڪانگريس ضرور ڏسن ۽ اتي وڌيڪ خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪتابن جو حصو پڻ ڏسن.


    سمٿ سونين ميوزيم

    (Smithsonian Museum)
    ڪنهن کي خبر هئي ته ايلزبيٿ هنگرفورڊ جو ناجائز ٻار(James Smithson) جيڪو بيٿوون، والٽيئر، ڪئوِنڊش، پريسٽلي، نيپولين، جارج واشنگٽن ۽ ٿامس جئفرسن جو همعصر هو سو هڪ سائنسدان ۽ دنيا جو هڪ اهڙو ناميارو انسان ثابت ٿيندو جو سدائين سندس نالو پيو ڳائبو. جيمس سمٿسن فيلو آف رائل سوسائٽي آف لنڊن هو جنهن جو انتقال 20 جون 1829ع تي ٿيو. مرڻ وقت هن وصيت ڪئي ته: واشنگٽن ۾ سندس نالي پٺيان هڪ ادارو....سمٿ سونين انسٽيٽيوشن جي نالي تي ٺاهيو وڃي، جيڪو سائنسي معلومات سان گڏ انساني تاريخ ۽ تمدن جي مختلف پهلوئن کان هڪ اهڙو عظيم ادارو هجي جنهن ذريعي انسانذات جي خدمت ۽ رهنمائي ٿي سگهي. سمٿ سونين انسٽيٽيوشن جيمس سمٿسن جي پئسن سان 1846ع ۾ قائم ٿيو جنهن جي لاءِ بنيادي گهربل رقم به جيمس سمٿسن جي وصيت موجب آمريڪا جي حڪومت کي ملي.
    آمريڪا وارن به هن انگريز سائنسدان جو شايد انڪري ڪجهه وڌيڪ قدر ڪيو ته هن اهڙو ادارو پنهنجي ملڪ انگلنڊ ۾ قائم ڪرڻ بدران آمريڪا ۾ قائم ڪرڻ لاءِ خواهش ظاهر ڪئي هئي. هاڻي ته واشنگٽن ڊي سي ۾ سمٿ سونين انسٽيٽيوشن جا 13 ميوزيم آهن جيڪي سڀيئي سمٿ سونين انسٽيٽيوشن جي نالي پٺيان آهن. ست ميوزيم ته فقط نيشنل مال يا دي مال (The Mall) تي آهن جنهن جي وضاحت مان گذريل صفحن ۾ ڪري آيو آهيان، جيڪو ڪئپيٽول هِل کان شروع ٿي واشنگٽن يادگار تي ختم ٿئي ٿو. ميوزم، واشنگٽن ۾ هيڏي هوڏي ٽڙيل پکڙيل آهن جن مان هڪڙو نيويارڪ ۾ آهي. نيشنل مال تي جيڪي ميوزيم مون گهميا انهن جو مختصر تعارف هن ريت آهي:
    • سمٿ سونين انسٽيٽيوشن بلڊنگ(Smithsonian Institution Building) : هي پهرين ۽ شروعاتي بلڊنگ آهي جيڪا 1850ع ۾ مڪمل ٿي. هن بلڊنگ ۾ سمٿ سونين انسٽيٽوشن جي باني جيمس سمٿ جو مقبرو، رسيپشن سينٽر، انتظاميه جون آفيسون ۽ وُڊرووِلسن سينٽر آهي. جيمس سمٿ جي قبر تي هيٺيان جملا اُڪريل آهن:

    Sacred to the memory of James Smithson Esqr fellow of the Royal Society of London who died at Genoa on 20th June 1829. Aged 75 years. He was illegitimate son of Elizabeth Hunger Ford………
    • ”فيلو آف رائل سوسائٽي آف لنڊن جيمس سمٿسن جي نالي جيڪو 75 سالن جي عمر ۾ 20 جون 1829ع تي جينئا (اٽلي) ۾ گذاري ويو. هُو ايلزبيٿ هنگرفورڊ جو ناجائز اولاد هو“.
    • نئشنل ميوزيم آف نيچرل هسٽري(National Museum of Natural History) : ٻيو ميوزيم جيڪو مون ڏٺو سو هو فطري تاريخ جو قومي عجائب گهر. هي ڇا ته ڪمال جو ميوزيم آهي جنهن ۾ زندگيءَ جا قديمي آثار ۽ اهڃاڻ به ڏيکاريل آهن، تنهنڪري هن ميوزيم کي(National Museum of Man) به چيو ويندو آهي. هتي زندگيءَ جي مختلف ارتقائي مرحلن کي فاسلز سيل ائٽم ۽ آڪسيجن جي ذريعي سمجهايو ويو آهي. هن ميوزيم ۾ هڪ ٻن جڳهين تي ٽي وي سيٽ رکيل آهن جن تي زندگيءَ جي ارتقائي عمل بابت فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون.
    هن ميوزيم ۾ جيتن جڻن، پکين پرندن، تِڏُن، مکين، مڇرن، نانگن بلائن، لُوڻن، سلفيٽن، پيٽرول، تيل، ڌاتن، لوهه، رُڪ، ٽامون مطلب ته ليکي ڪرڻ ۽ ڳڻڻ کان ڳالهيون گهڻيون آهن جن ذريعي زندگيءَ جي هئڻ ۽ ان جي شروعات ۽ ارتقائي مرحلن کي خوبصورتيءَ سان سمجهايو ويو آهي.
    ايشيائي تهذيب ۽ تمدن کي خطاطيءَ جي فن، ڳائڻ وڄائڻ جي سازن، ڪپڙن تي پرنٽنگ، اسلامي روايتن، جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن جهڙوڪ: نيزن، ڀالن، تير ڪمانن، ڇُرين، خنجرن ۽ پوءِ قومن ۽ قبيلن جي ريتن رسمن ذريعي نمايان ڪيو ويو آهي.


    سنڌي گهر

    (A Sindhi Home)
    هن ئي ميوزيم جي هڪ اهڙي جادوگريءَ واري ڪُنڊ ۾ پهتس جتي اوچتو بدن ۾ خون يا تيز تيز ڊوڙڻ لڳو يا مورڳو بيهجي ويو، اهو فرق نه ڪري سگهيس. اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون ۽ خوشيءَ جي لهر سڄي بدن ۾ بجليءَ جي ڪرنٽ جيان ڊوڙي ويئي، جڏهن نظرون دل ٺاريندڙ هيٺين لفظن تي کُپي ۽ رُڪجي ويون: A Sindhi Home (سنڌي گهر). سنڌي گهر ۾ ڇا ڏسان ته:
    • ڀرت ڀريل سنڌي گهَگهو پاتل هڪ ٿَري مائي وڏي چاڏيءَ ۾ ڏُڌُ ويٺي ولوڙي،
    • گهڙامنجيءَ تي ٻه دِلا ۽ مَٽ رکيل آهن ۽ هڪ سنڌي ڇوڪري دِلي مان پاڻي جو وٽو پيئي ڀري،
    • هڪ ٻار سنڌي ٽوپي پايون راند پيو کيڏي،
    • هڪ وڏو ڇَڄُ رکيل آهي ۽ مائي ڇَڄَ سان چانور پيئي ڇَنڊي،
    • هڪ سنڌي سهاڳڻ تڏي تي ويٺي سنهي سُئيءَ سان رلي (اُتر جي رِلي) پيئي ٺاهي،
    • هڪ مائي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي وِنجڻو (هٿ جو پکو) ويٺي جهلڪي، کيس وڏي گل واري جُتي پاتل آهي، پر هاڻي جُتي لاهي منجيءَ تي ويٺي آهي ۽ تَن تي سُوسيءَ جو وڳو اوڍيل اٿس،
    • وڏيون ديڳڙيون، منڌيئڙا ۽ ٿالهه پڻ رکيل آهن،
    • سنڌي گهر جي ڇت، هالن جي ڪاشيءَ سان سينگاريل آهي،
    • ڀتين تي پِنڊيون (دَٻڪيون) پِتل جون ٿالهيون ۽ سنڌي ثقافت جون ٻيون ڪيتريون ئي شيون لڳل آهن.
    مون کي جيڪا خوشي ”سنڌي گهر“ جي عبارت پڙهڻ ۽ ان کانپوءِ سنڌي گهر کي چڱيءَ طرح جاچڻ جوچڻ ۽ تسلي ڪرڻ سان ٿي ته واقعي هڪ ٺيٺ ۽ نِج ٻهراڙيءَ جي سنڌي ماڻهوءَ جو گهر جيئن هئڻ گهرجي تيئن هو، ان کان اٺوڻي ڏهوڻي خوشي ان ڳالهه تي ٿي ته مون سان گڏ ڪيترن ئي سياحن وڏي چاهه ۽ تجسُس سان ”سنڌي گهر“ ۾ رکيل ثقافت جا نادر نمونا نهايت ئي غور سان ۽ گهُوري گهُوري ٿي ڏٺا.
    هڪ هنڌ مان هڪ شخص تي شڪيُس ته سنڌي هو ته ان کي به مون تي اوتروئي شڪ گذريو. نيٺ هڪ ٻئي سان ڳالهايوسين ۽ تصديق ڪئي سون ته ٻيئي سنڌي هئاسون. سندس نالو پرشوتم هو ۽ سينگاپور جو سنڌي هو. پاڻ اصل هالاڻيءَ ۾ رهندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ ڪجهه سال هندستان رهي، پوءِ واپار وڙي جي خيال کان سينگاپور وڃي رهيا. هڪ ٻئي سان حال احوال اورياسين. هڪ ڪيفي ۾ ڳچ دير تائين ويهي ڪافي پيتيسون ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ هرڪو پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن راهي ٿي ويو. ”سنڌي گهر“ ڏسڻ کانپوءِ ٻيءَ ڪابه شيءِ سهڻي نٿي لڳي تنهنڪري هڪدم ميوزيم مان ٻاهر نڪري آيس. هڪ قصو ياد اچي ويو:
    اسان جو هڪ ويجهو عزيز هو. وڏو دلير دَبنگ ۽ هر وصف کان بلوچي رنگ ڍنگ جو هڪ سچو نمونو هو. پهريون ڀيرو ڪراچي گهمڻ ويو جتي زولاجيڪل گارڊن جي سئر ڪرڻ لاءِ اتي پهتو ته ساڻس گڏ ڳوٺ جا ٽي چار ماڻهو ٻيا به هئا. ٽڪيٽ وٺي جيئن گيٽ کان اندر ٿيا ته اسان جي دلير مائٽ جي پهرين نظر بَبر شينهن تي وڃي پيئي. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دوستن کي چيائين ته: ”اڙي هاڻي موٽو پوئتي ته واپس هلون“. سندس ساٿين اچرج وچان کانئس پڇيو: ”اڃا ته فقط شينهن ڏٺو اٿئون الائي ڪيترا ٻيا جانور، پکي ۽ بلائون آهن جن کي ڏسڻو آهي“. ان تي اسان جي دَبنگ عزيز وراڻيو: ”اوهان کي ٻيو ڪجهه ڏسڻو آهي ته ڀلي وڃي ڏسو، باقي بَبر شير ڏسڻ کانپوءِ هاڻي مان گدڙ لومڙيون ۽ ڀولڙا ڪونه ڏسندس“. ضد ڪري بيهي رهيو ۽ نيٺ ٻيو ڪجهه نه ڏسي، موٽ کاڌائين. سو مون تي به اڄ ٻروچڪي لِڇ جو اثر ڪجهه وڌيڪ ٿي ويو پر شُڪر ٿيو جو ميوزيم جو گهڻو ڪجهه حصو اڳ ئي ڏسي چڪو هوس.
    دل ۾ سوچيم ته پاڪستان جي حڪومت طرفان اهو ڪارنامو هرگز ٿي نٿو سگهي ڇو ته ان صورت ۾ فقط سنڌ جي ثقافت جي بدران پوري پاڪستان جي سڀني صوبن جي ثقافت ڏيکاري وڃي ها. نيٺ معلومات حاصل ڪرڻ تي خبر پيم ته اهو تعريف جوڳو ڪارنامو سمٿ سونين ميوزيم جي سائوٿ ايسٽ ايشيا سيڪشن جي انچارج ڊاڪٽر يوجين ڪنيز (Dr Knez) جي تعاون سان، سنڌ جي بي مثال دانشور ۽ محقق سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن سرانجام ڏنو هو. جس لهڻي سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جن جي خلوص ۽ سچي سنڌ دوستيءَ وارين ڪوششن سان سنڌي ثقافت جون ڪجهه جهلڪيون آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ واشنگٽن ڊي سي جهڙي سهڻي شهر ۾ هر روز هزارين سياحن جي توجهه جو مرڪز آهن.
    پاڪستان واپس ورڻ تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن کان جڏهن سنڌي گهر قائم ڪرڻ لاءِ معلومات حاصل ڪيم ته مون کي هينئن ٻڌايائون:
    ”پاڪستان جي حڪومت مون کي حڪم ڪيو ته سمٿ سونين انسٽيٽيوٽ (ميوزيم) ۾ پاڪستان جي ثقافت جي حوالي سان ڪا اهڙي ڪارنر قائم ڪري اچان جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري. مون گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ته سنڌ جي ثقافت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ قديم به آهي ته بين الاقوامي سطح تي جڳ مشهور به آهي، تنهنڪري مون ڊاڪٽر ڪنيز (Dr Knez) جيڪو هن منصوبي جو انچارج هو، کي سنڌي گهر (Sindhi Home) ٺاهڻ جو مشورو ڏنو جيڪو هن به بنا دير کڻي قبول ڪيو“.
    ڊاڪٽر بلوچ کي ته فقط اهڙي ثقافتي شيءِ ٺاهڻ لاءِ موڪليو ويو هو جيڪا سڄي پاڪستان جي نمائندگي ڪري پر اُتي به هو ”سنڌي گهر“ ٺاهي آيو ۽ اها پرواهه به نه ڪيائين ته ائين ڪرڻ سان مٿس ڪو اعتراض يا تڪليف به اچي سگهي ٿي. پر سنڌ جي عشق کيس ڪنهن به نتيجي ڀوڳڻ لاءِ سوچڻ تي به مجبور نه ڪيو ۽ هو سمٿ سونين ميوزيم ۾ (Sindhi Home) قائم ڪري واپس وريو. هميشه ياد رکڻ گهرجي ته کوکلن نعرن سان نه، پر فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙن جرئتمند انسانن طرفان عملي قدمن کڻڻ سان ئي سنڌ جيئندي ۽ سدائين جيئندي رهندي، انشاالله.


    نيشنل ايئر ائنڊ اسپيس ميوزيم

    National Air & Space Museum
    هي تمام جديد ترين ميوزيم آهي جيڪو پڻ سمٿ سونين ميوزيم واري ساڳي قطار ۾ يعني ڪنسٽيٽيوشن اوينيو ۽ مال تي آهي. هي ميوزيم 1976ع ۾ نمائش لاءِ کوليو ويو هو. هن ميوزيم ۾ هوائي سفر جا سڀئي ارتقائي مرحلا ڪمال ڪاريگريءَ سان محفوظ ڪيا ويا آهن، ان حد تائين جو رائيٽ ڀائرن (Wright Brothers) جو اصلوڪو ننڍڙو جهاز، جن ۾ رائيٽ ڀائرن دنيا جي پهرين ڪامياب اُڏام جو ڪارنامو 1903ع ۾ سرانجام ڏنو، هتي اصلوڪيءَ حالت ۾ محفوظ آهي.
    هتي اسڪاءِ لئب (Sky Lab) جنهن جي ڪِرڻ ۽ قيامت برپا ٿيڻ جي انديشن، ڪجهه سال اڳ سڄي دنيا ۾ هڪ مانڌاڻ مچائي ڏنو هو ۽ ماڻهن ۾ ايترو ته خوف ۽ هراس هو جو سڀڪنهن ٿي خير جون دعائون گهريون ته اها آفت ٽري وڃي، اُن جا نمونا پڻ هتي رکيل آهن.
    اُُن کان علاوه هن ميوزيم ۾ هوائي جهازن جا ڪيترائي نمونا، ميزائيل، راڪيٽ، هوائي انجڻيون ۽ هوائي اڏام جي سلسلي ۾ ڪيترائي ماڊل ۽ نمونا رکيل آهن.


    نيشنل گئلري آف آرٽ

    National Gallery of Art
    واشنگٽن ۾ آرٽ گئلرين گهمڻ يا ٻين تفريح وارين جاين جڳهين جو موقعو فقط هفتي جي ٻن موڪل وارن ڏينهن يعني ڇنڇر ۽ آچر تي ملندو هو باقي پنج ڏينهن يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفرميشن سروس وارن جي حوالي هوندا هئاسين جيڪي اسان کي مختلف ريڊيو ۽ ٽي-وي اسٽيشنن يا نيوز ايجنسين جا چڪر هڻائي ايندا هئا ته آمريڪا ۾ آڊيو يا وڊيو ميڊيا ڪيستائين پهتا آهن. ريڊيو.ٽي-وي اسٽيشنن جي اسٽڊي ٽوئر کان علاوه انفرميشن سروس وارا اسان کي مشهور جڳهين جو سئر به ڪرائيندا رهندا هئا. منهنجي وڌ ۾ وڌ خواهش اها هئي ته ڪنسٽيٽيوشن اوينيو تي نئشنل مال (National Mall) جي سرسبز ڇٻرن ۽ باغن باغيچن سان لڳولڳ ڪئپيٽول هِل ۽ واشنگٽن يادگار جي وچ تي جيڪي به نمايان جايون جڳهيون آهن سي سڀ، جيڪڏهن تفصيلي طرح نه ئي سهي، سرسري طرح ئي ڏسي وٺان.
    اڄ نيشنل گئلري آف آرٽ ڏسڻ ويس جيڪا پڻ بيحد خوبصورت عمارتن تي مشتمل آهي. هڪ ويسٽ بلڊنگ ۽ ٻي ايسٽ بلڊنگ.
    نيشنل گئلري آف آرٽ وڏن وڏن فنڪارن ۽ مصّوَرن جي ٺاهيل تصويرن ۽ من موهيندڙ مورتين ۽ فني شهپارن سان سينگاريل آهي. هتي فرينچ، ڊچ، جرمن، برٽش، آمريڪي ۽ اسپئنش آرٽ جا ڪيترائي نادر نمونا موجود آهن، جتي دنيا جي عظيم پينٽرن جهڙوڪ رافيل ۽ رئنبران جون شاهڪار تخليقون گئلري کي زينت بخشين ٿيون، ته اُتي ڊاونشي جي فقط هڪ تصوير به آرٽ گئلري ۾ دنيا کان ايندڙ ويندڙ سياحن جي توجهه جو مرڪز آهي.
    ٻن گئلرين جي وچ ۾ اچڻ وڃڻ جو رستو به ايڏو ته خوبصورت ۽ ڏسڻ جهڙو آهي جو دل چاهي ٿي ته ٻن گئلرين جي وچ ۾ ماڻهو پيو گهمي ڦري. ويسٽ بلڊنگ ۾ هڪ خوبصورت ريسٽورنٽ پڻ آهي جتي ماڻهو گهمي گهمي ٿڪجي، چانهه يا ڪافي جو ڪوپ پي ٿڪ لاهيندو آهي ۽ هيڏي هوڏي نهاري اکين جي خوراڪ جو بندوبست پڻ ڪندو آهي.


    هرشارن ميوزيم ۽ نقاشيءَ جو باغ

    Hirshhorn Museum and Sculpture Garden
    جديد ترين طرز تي تعمير ٿيل عمارت ۾ هي ميوزيم آهي جنهن ۾ اُڻويهين ۽ ويهين صدي جون جديد پينٽنگس ۽ نقاشيءَ جا نمونا نمائش لاءِ رکيل آهن. پينٽنگس کان وڌيڪ هن ميوزيم جي اندر وارا خوبصورت باغيچا ڏسڻ وٽان آهن. هنن باغيچن جو جوڙجڪ ۽ ڏيک توڙي ڦوهارن جو نظارو ايترو ته دلفريب آهي جو هتي اچڻ کانپوءِ هن ميوزيم مان ٻاهر نڪرڻ تي دل نه چوندي. باقي پينٽنگس ۾ زياده تر Abstract Art جي جلوه نمائي آهي جنهن جي خاص سُڌ ٻڌ اسان پارن کي ته آهي ئي ڪانه تنهنڪري مان ته صرف باغيچن ۽ ڦوهارن جي دلفريبيءَ ۾ ئي مست مگن هوس.
    Abstract Art تان هڪ قصو ياد اچي ويو، جن جو ٻُڌل نه هوندو، سي لطف اندوز ضرور ٿيندا: ٻه ليکڪ ۽ فنڪار دوست هڪ هوٽل ۾ ويا. ٽيبل تي ويهڻ شرط سندن نظرون وڃي هوٽل جي ديوار تي هڪ وڏي ۽ وکريل نشان تي پيون. ٻيئي سوچ ۾ پئجي ويا. هڪڙي چيو ته واهه جي پينٽنگ آهي، ٻئي وراڻيو ته آهي به ڪو Abstract Art جو نمونو. هاڻي خيالن جي ڏي وٺ شروع ٿي ته Abstract Art موجب اهو ڏيکاريل ڇا آهي؟ پهرئين دوست وراڻيو ته هڪ مظلوم انسان جي بدحالي ۽ بيڪسيءَ جي هوبهو تصوير چِٽيل آهي. ايتري ۾ بئري چانهه آڻي ٽيبل تي رکي ته هڪ ليکڪ بئري کان پڇيو: ”هيءَ عظيم پينٽنگ ڪهڙي پينٽر جي تخليق آهي؟“. بئري کان ٽهڪ نڪري ويو. چيائين ته: ”سائين ڇو ٿا شرمندو ڪريو؟ اِها پينٽنگ نه پر ڀِت تي هاريل چانهه جو نشان آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ٻه ماڻهو هتي هوٽل ۾ وڙهي پيا. هڪڙي ماڻهو چانهه جو گرم ڪوپ زور سان ٻئي ماڻهوءَ جي ٻُوٿ تي وهائي ڪڍيو، پر چانهه جو ڪوپ ماڻهوءَ کي لڳڻ جي بجاءِ وڃي ديوار تي لڳو ۽ هيڏو سارو نشان ٺهي پيو“. ٻنهي همراهن کي ڏاڍي ڦِڪائي ٿي ۽ جلدي جلدي بِل ڏيئي لڄ لڪائي هوٽل ڇڏي رمندا رهيا. منهنجي لاءِ به Abstract Art جو ذڪر ڪرڻ، مٿي ذڪر ڪيل دوستن جي سوچ سمجهه کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.


    آرلنگٽن قبرستان

    National Arlington Cemetery
    جڏهن آرلنگٽن قبرستان ۾ پير پاتوسين ته پهريون دفعو محسوس ٿيو ته هتي موت (زندگي ۽ موت جي ظاهري فرق جي باوجود) زندگي جيترو ئي حسِين آهي. جنهن قبرستان ۾ الائي ڪهڙا ڪهڙا خوشبودار ۽ رنگ برنگي گل هر وقت جهرمِر لايون بيٺا هجن ۽ اِردگِرد سهڻا ۽ سبز ڇٻراٽا هجن، جن کي مالهي هر روز پاڻي جو ڦوهارو ڏيئي وڌيڪ سهڻو بنائي وڃي ته اهڙيءَ جڳهه تي موت کان اهو ڊپ ڊاءُ هرگز نٿو ٿئي جيڪو پنهنجي ملڪ جا قبرستان ڏسي ٿيندو آهي. جڏهن به پنهنجي ديس جي قبرستان کان گذر ٿيندو آهي ته ڊٺل قبرون، اردگرد ڪلر ۽ سِم جو پاڻي، ڊَڀَ، ڪنڊا، ڪانڊيرا، ڊيڄاريندڙ جانور، چِٻرن ۽ اُلن جا آستانا ڏسي، موت پنهنجي وجود کان ڪيئي دفعا وڌيڪ ڀيانڪ ۽ خوفناڪ لڳندو آهي. واهه ڙي آرلنگٽن قبرستان واهه تنهنجا نظارا! مجال آهي اسان جي پارڪن کي جو ساوڪ، سبزه زاري ۽ گل ڦل گلزاري ۾ آرلنگٽن جي قومي قبرستان جو مقابلو ڪري سگهن.
    ها هتي البت مرڻ کانپوءِ ابدي آرام ڪرڻ لاءِ جڳهه ملڻ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي. هرڪو ائرو غيرو آمريڪا جي صدارت لاءِ اميدوار ته بيهي سگهي ٿو پر آرلنگٽن قبرستان ۾ پاڻ کي دفنائڻ جي اميد دل ۾ نه رکي. هتي خاصن جي داخلا تي به پابندي آهي. ها خاصن مان به ڪو خاص الخاص ماڻهو هجي ته پوءِ شايد گيهي گينداڙي سندس التجا اگهائي وڃي ۽ هتي اچي هميشه لاءِ آرامي ٿئي. آمريڪا ۽ خاص طرح واشنگٽن ڊي سي جا ڪيترائي وڏا وڏا ماڻهو جيئري ئي پنهنجي جڳهه آرلنگٽن قبرستان ۾ والارڻ لاءِ لکپڙهه هلائي ڇڏيندا آهن. ڪن جو عرض اگهامي ويندو آهي ۽ ٻين کي جيئري ئي ٻڌايو ويندو آهي ته جناب ويري ساري (Very sorry) تنهنجو اڃا ايڏو مرتبو ڪٿي آهي جو مُئي کانپوءِ آرلنگٽن قبرستان ۾ توکي جڳهه ڏجي. ٻين ناميارن ماڻهن سان گڏ هن قبرستان ۾ هيٺ بيان ڪيل شخصيتون دفن ٿيل آهن:
    • جان.ايف.ڪينيڊي (John. F. Kennedy): آمريڪا جو نوجوان خوبصورت ۽ بهادر صدر جنهن تمام ٿورڙي ئي عرصي ۾ مُلڪان ملڪ پنهنجو نالو ڪڍيو. گورن ۽ ڪارن جي نسلي امتياز جي سخت خلاف هو، انڪري ئي شايد ابراهم لنڪن وانگر کيس به 1963ع ۾ جان جو نذرانو ڏيڻو پيو. سندس قبر تي هڪ دوامي شعلو (Eternal Flame) ٻرندو رهي ٿو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي تيستائين ٻرندو رهندو.
    • رابرٽ ڪينيڊي (Robert Kennedy): جان.ايف.ڪينيڊي جو ننڍو ڀاءُ پڻ هتي دفن ٿيل آهي جنهن کي پڻ اليڪشن جي مهم جي دوران 1968ع ۾ گولي هڻي ماريو ويو.
    • عمر نيلسن برئڊلي (Omar Nelson Bradley): ٻي عالمي جنگ ۾ تيونس، سِسلي ۽ نارمنڊي ۾ آمريڪا جو فوجي ڪمانڊر رهيو. سندس بهادري جي ڪارنامن جي ڪري کيس 1948ع ۾چيف آف اسٽاف ٺاهيو ويو.
    • جارج مارشل (George Marshall): جارج مارشل به ٻي عالمي لڙائي ۾ آمريڪا جو چيف آف اسٽاف هو پر سندس نالو، جنهن عالمي شهرت جي حد کي ڇُهي ورتو سو سندس مارشل پلان جو منصوبو هو جنهن يورپ کي ٻيهر اقتصادي ميدان ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ ۾ بيحد مدد ڏني. کيس 1953ع ۾ امن جو نوبل انعام پڻ ڏنو ويو.
    • ورجل گرسم ۽ راجر چَيف (Virgil Grissom & Roger Chaffe): آمريڪا جا ٻه خلاباز راجر چَيف ۽ ورجل گِرسم جيڪي پنهنجي ٽئين خلاباز ساٿي ايڊوارڊ وائيٽ (Edward White) سان گڏ 27 جنوري 1967ع تي ڪيپ ڪينيڊي (Cap Kennedy) وٽ اپولو خلائي گاڏي (Apollo Space Craft) ۾ باهه لڳڻ سبب تباه ٿي ويا. راجر چَيف ۽ گرسم کي آرلنگٽن قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو ۽ ايڊوارڊ وائيٽ کي هڊسن ندي جي ڪِناري تي ويسٽ پوائنٽ (نيويارڪ) ۾ دفن ڪيو ويو.
    ان کان علاوه ابراهم لنڪن جو پُٽ رابرٽ ٽاڊ لنڪن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون هن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. مهربان پڙهندڙن کي مشورو ڏيندس ته واشنگٽن ۾ جيڪڏهن قسمت سانگي وڃن ته آرلنگٽن قبرستان فقط قبرستان سمجهي نظرانداز نه ڪن، پر ان کي هڪ بهترين تفريح مهيا ڪندڙ جڳهه سمجهي گهمي اچن، اميد ته مايوس نه ٿيندا.


    آمريڪا جو نشرياتي سرشتو

    Broadcasting in United States
    واشنگٽن ڊي سي ۾ پورا ڏهه ڏينهن رهياسون ۽ انهن ڏهن ڏينهن ۾ تمام گهڻيون ريڊيو ۽ ٽيليويزن اسٽيشنون ۽ نيوز ايجنسيز گهميونسين، خوب ليڪچر ٻڌاسين، خوب بحث مباحثا ۽ گرماگرم تقريرون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جيڪڏهن انهن سڀني ڳالهين جو تفصيلي ذڪر ڪبو ته هڪ ته بيان تمام ڊگهو ٿي ويندو ٻيو عام پڙهندڙ جي دلچسپيءَ وٽان به اها ڳالهه ڪانه ٿيندي، تنهنڪري مختصر طور خاص خاص ڳالهيون لکان ٿو. ان اميد ۽ يقين سان ته اُهي مهربان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو باعث ٿينديون.
    سڄي آمريڪا ۾ ريڊيو اسٽيشنون ڏهن هزارن کان به مٿي آهن جن ۾ وائيس آف آمريڪا به شامل آهي ۽ ٽيليويزن سينٽرن جو تعداد هزار ۽ يارهن سوَن جي وچ تي آهي. شروع ۾ ته بيحد تعجب لڳو ته آخر هيترين سارين اسٽيشنن تي ڪيڏو نه خرچ ٿيندو هوندو، ڪيترو نه اسٽاف هوندو، ڪيترا سارا نه ماڻهو هوندا ۽ ڇا ته آمريڪا ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو شان شوڪت ۽ دٻدٻو هوندو! پر جڏهن ريڊيو اسٽيشنون گهمڻ شروع ڪيونسين ته آمريڪا جي براڊڪاسٽنگ جو ذهن تي سُوار ٿيل ڀُوت الائي ڪاڏي ڀڙڪو کائي اُڏامي ويو. هِتان جي ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشنن جي مقابلي ۾ پنهنجي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشنن کي وڌيڪ مانائتو ۽ سٺو سمجهڻ لڳس. پر نه هي معاملو ڪجهه پيچيدو آهي جنهن کي غور سان سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ضرورت آهي.
    دراصل آمريڪا ۾ وائيس آف آمريڪا کان سواءِ ٻيون سڀ ريڊيو اسٽيشنون پرائيويٽ يا ذاتي ملڪيت آهن بلڪل ائين جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڪو ماڻهو پنهنجو ذاتي دڪان، ميڊيڪل اسٽور يا ڪو ٻيو ذاتي ڌنڌو ڌاڙي کولي ويهي رهي ۽ پيٽ گذران ڪري. آمريڪا ۾ ريڊيو اسٽيشن کولڻ معنيٰ هڪ نفع بخش بزنس جو مالڪ ٿيڻ. مزي جي ڳالهه ته زياده تر ريڊيو اسٽيشنن جي آواز جي پهچ پندرهن کان ويهن ميلن جي مفاصلي تائين محدود آهي. ڇو ته ٽرنسميٽر وڌ ۾ وڌ هڪ ڪلوواٽ جي طاقت جو به مشڪل سان ٿئي ٿو. ان پندرهن-ويهن ميلن جي دائري ۾ ڪا به هڪ اسٽيشن نه هوندي پر ٻه چار اسٽيشنون پيون ٻُڌبيون. پوءِ جنهن به ريڊيو اسٽيشن تي ڊسڪ جوڪي (Disk Jockey) جيڪو رڪارڊن جي بهترين چونڊ وڄائڻ سان گڏوگڏ اوهان سان بهترين نموني ۾ ڳالهائيندو آهي ۽ ماڻهن کي متوجهه ۽ متاثر ڪندو آهي، بهتر کان بهتر هوندو ته اهائي ريڊيو اسٽيشن سڀ کان وڌيڪ ڌوم ڌام واري هوندي ۽ گهڻي کان گهڻي ٻُڌي ويندي. آمريڪا ۾ (Disk Jockey) کي گهڻو ڪري M.C. يا (Master of Ceremony) چوندا آهن. هنن اسٽيشنن تان يڪو تجارتي يا ڪمرشل پروگرام پيا وڄندا آهن ۽ ريڊيو يا ٽي وي اسٽيشن جو مالڪ خرچ پکا لاهڻ کان پوءِ به خوب پئسا بچائي وٺندو آهي.
    وڌيڪ دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو، ڪجهه وقت لاءِ ريڊيو اسٽيشن کولي ٿو ۽ ان عرصي ۾ هو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته کيس براڊڪاسٽنگ جي ڌنڌي مان ڪو خاص نفعو نه ٿيو هو بلڪ اُٽلو کيس نقصان پيو پهچي ته هو پنهنجي ريڊيو اسٽيشن ڪنهن ٻئي ماڻهو کي وڪڻي به سگهي ٿو، بلڪل ائين جيئن اسان پنهنجي ڪا به ذاتي ملڪيت، جاءِ، جڳهه، دڪان، ڪار، گڏهه يا گهوڙو جڏهن به چاهيون ته ٻئي کي وڪڻي ڇڏيون.
    اڃا به وڌيڪ مزيدار ڳالهه اوهان جي پڙهڻ جي منتظر آهي ڪيترين ئي ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشنن تي اسان ڪُل عملو (Staff) اٺن-ڏهن ماڻهن کان وڌيڪ ڪو نه ڏٺو ۽ سڄي اسٽيشن چئن يا پنجن ڪمرن کان مٿي ڪانه هئي. ان ۾ به ٻه يا ٽي اسٽوڊيوز، باقي هڪ يا ٻه ڪمرا. اُتي اسان واري بادشاهي آهي ئي ڪانه. نه ڪو پٽيوالو، نه اسٽوڊيو ڪمشنر، نه ڪو انجنيرن جو اٽالو، نه زبردست آفيسون، نه سيڪيورٽي تي بيٺل عملو ۽ نه وري ٻيو نشوونما جو ڪو سامان وغيره. بس اتي هڪ پروڊيوسر، هڪ انجنير، هڪ ايم-سي يا ڊسڪ جوڪي ئي سڀ ڪجهه آهن. انهن جي مٿان فقط هڪڙو مئنيجر آهي پر اُهو پڻ پنهنجي ڪم جو ماهر ۽ بزنس ۾ بيحد چالاڪ ۽ هوشيار هجي ٿو.
    پاڪستان توڙي انڊيا ۾ ريڊيو جي براڊڪاسٽنگ هائوس جي تصور اچڻ سان ئي عام ماڻهو کي پهريون ته اهو خيال ايندو آهي ته اسٽيشن تي وڃبو ڪيئن؟ پهريون ته گيٽ تي سپاهي بندوقون جهليون بيٺا آهن. عام ماڻهوءَ لاءِ ريڊيو اسٽيشن تي ڪنهن آفيسر يا پروڊيوسر تائين پهچڻ به مشڪل مرحلو هوندو آهي، جيستائين ڪا دوستي يا واقفيت نه هجي. ان جي ابتڙ آمريڪا جي ريڊيو اسٽيشن هڪ دُڪان جيان آهي جتي اوهان جڏهن به چاهيو ته گهڙي وڃو. وڌ ۾ وڌ اسٽوڊيوز وٽ اوهان کي خود احتياط ڪرڻو آهي ڇو ته اُتي سڀڪو ماڻهو پڙهيل لکيل آهي، تنهنڪري اسٽوڊيوز ۾ اندر هروڀرو ڪُڏي ڪاهي نه پوندو. پهريون ته آمريڪا ۾ پهچي اهو عجيب نفسياتي جهٽڪو لڳو ته عجيب براڊڪاسٽنگ هائوسز آهن جتي نه سيڪيورٽي جو انتظام، نه ڪو جهل پل ڪرڻ وارو. ڇا جو ممنوع علائقو (Prohibited Area) بس اوهان رستو ورتيون وڃو. هڪ دڪان، ميڊيڪل اسٽور ٻيو ڪو بوڪ شاپ هوندو، ٽيون ڪو جنرل اسٽور هوندو ته چوٿون دڪان ڪا ريڊيو يا ٽي وي اسٽيشن به ٿي سگهي ٿي. نه اُتي ڪا وڏي ديوار هوندي ۽ نه وري ڪو جهنگلو يا ڪنڊيدار تار هوندي. ان صورتحال کي ڏسي جڏهن مون کي ريڊيو پاڪستان جو خيال آيو ته دٻدٻو، شان شوڪت، تقدس، ٺٺ ٺانگر، رعب تاب وغيره ته نظر آيا مگر جيڪا ڳالهه هيڏي ساري ٺٺ ٺانگر، رعب تاب ۽ دٻدٻي جي باوجود نه مون کي ٿي نظر اچي نه ئي ڪنهن ٻئي کي اُها هيءَ ته تمام گهٽ ماڻهو اسان وٽ هاڻي ريڊيو ٻُڌن ٿا. ريڊيو گهٽ ان ڪري ٿو ٻُڌو وڃي جو ميڊيا جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ ان جي اهميت يا افاديت گهٽجي ويئي آهي، سا به فقط انڪري جو مارشل لا جي پوئين حڪومت يا ٻين حڪومتون عوام جي امنگن وٽان ان کي نه هلائي سگهيون ۽ براڊڪاسٽنگ جي پاليسي به عام سياسي حالتن وانگر گهُٽ ۽ ٻوسٽ جو شڪار ٿي ويئي. ريڊيو ٻُڌڻ لاءِ آهي ۽ نه ڪوڙي رعب تاب ۽ دٻدٻي ڏيکارڻ جي جڳهه. جڏهن آمريڪا ۾ مون پرائيويٽ ريڊيو يا ٽيليويزن اسٽيشنون ڏٺيون، جن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان، ته اُتي مون کي اجائي ٺٺ ٺانگر جي بجاءِ معياري ۽ تفريحي پروگرام ٻُڌڻ ۾ آيا جن لاءِ ماڻهو ڇِتا ۽ چريا (Crazy) آهن.
    اسان وٽ اڳي ئي پابنديون ۽ حڪومتن جون طرحين طرحين پاليسيون، ويتر مارشل لا وارن سالن ۾ ته رهيو کهيو نور به چٽ ٿي ويو. چي سائين! فلاڻو گانو نه هلايو، جو ان ۾ ڪجهه فحاشي آهي، فلاڻو گيت اسلامي معاشري ۾ وڄائڻ ٺيڪ نٿو لڳي، فلاڻي شاعر يا اديب کي پروگرام نه ڏيو جو هو ڪافر، ملحد يا نظريئه پاڪستان جي خلاف آهي يا پاڪستان جي استحڪام ۽ سالميت جو دشمن آهي. استحڪام ۽ سالميت جا لفظ ته اسان ڄائي ڄم کان وٺي اڄ تائين ٻُڌندا آيا آهيون تنهنڪري انهن لفظن ۾ هاڻي ڪو به اثر نه رهيو آهي. ائين ڪندي ڪندي سوين نغما، گيت، غزل ۽ فلمي نغما بند ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي وڏن وڏن، ناميارن اديبن ۽ شاعرن جي لکڻين تي اُنهن جي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي داخلا تي بندش پئجي ويئي. ته ماشاالله ماڻهن به ريڊيو کي ٻُڌڻ گهٽائي ڇڏيو. عام ماڻهن جو اهو خيال بنهه غلط آهي ته ٽي ويءَ جي اچڻ کانپوءِ ريڊيو جون نشريات متاثر ٿيون آهن، ها ڪجهه نه ڪجهه فرق ضرور پيو آهي پر مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ريڊيو تي گهڻي کان گهڻي وِندر مهيا ڪئي وڃي، دلچسپ ۽ معلوماتي پروگرام پيش ڪيا وڃن، ريڊيو تي ڪنهن خاص خبر جي تصديق لاءِ بي بي سي ٻُڌڻي نه پوي ته مون کي يقين آهي ته ريڊيو پروگرام تمام گهڻا ٻُڌا ويندا.
    آمريڪي براڊڪاسٽرس جي راءِ آهي ته ڀلي اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪيڏي به ترقي ڪري وڃي پر پوءِ به ريڊيو جي نشريات تي ڪو خاص فرق نه پوندو ڇو ته:
    • ريڊيو اوهان سان هرجڳهه تي ساٿ ڏيئي سگهي ٿو. ڪار ۾، سفر ۾، گهمندي ڦرندي، ويندي باٿ روم ۾ به ريڊيو ٻُڌي سگهجي ٿو پر ٽيليويزن جا پروگرام جيئن ته ڏسڻ سان تعلق رکن ٿا انڪري ٽيليويزن هر جڳهه تي ساٿ نٿو ڏئي سگهي.
    • ٻهراڙين ۾ ڀلي کڻي ٽيليويزن ڳوٺن ۾ به پهچي ويو آهي پر ڪم ڪار ڪرڻ وقت، لابارن ۾ گاهه ڪرڻ ۾ ڳاهه ڳاهڻ ۾ هر ڪاهڻ ۾ مطلب ته هر ڪم ۾ ريڊيو هر هڪ جي هٿ ۾ آهي ئي آهي. ٻول ڀلي پوري طرح سمجهه ۾ اچن يا نه اچن، سُر، سنگيت ۽ سازن جو آلاپ ئي جهنگلن، واهڻن ۽ وستين ۾ روح کي راحت پهچائڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي.
    • ايڪيهين صدي شروع ٿي چُڪي آهي پر اڃا تائين ٻاهرين دنيا جي خبرن ٻڌڻ جو ذريعو يا ٻاهرين دنيا ۾ اسان متعلق معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو ريڊيو ۽ فقط ريڊيو ئي آهي. توڙي جو هاڻي سڄي دنيا ۾ ٽيليڪميونيڪيشن سئٽلائيٽ ذريعي ٽيليويزن جا پروگرام ڏسجڻ شروع ٿي ويا آهن پر پوءِ به جيئن مون مٿي وضاحت ڪئي آهي ته ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ ۾ جيڪو فطري فرق آهي، ته ريڊيو جون نشريات پوءِ به زياده متاثر نه ٿينديون ۽ شرط اهو آهي ته سٺا ۽ دلچسپ پروگرام ۽ سچيون خبرون نشر ڪيون وڃن. اسان اهو الائي ڪڏهن سمجهنداسين ته ماڻهن وٽ هاڻي وِندر ورونهن جا ڪيترائي اڻ ميا ذريعا موجود آهن ته پوءِ جيڪڏهن ريڊيو انهن کي گهربل وِندر مهيا نه ڪندو ته هو ريڊيو پاڪستان کي ڇڏي وڃي آل انڊيا ريڊيو ٻُڌندا.، سريلنڪا براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن ٻُڌندا، بي بي سي ٻُڌندا، جي ٽي وي به کين وِندُر مهيا نه ڪئي ته هو وڃي هندستاني فلمون يا ڊِش ائنٽينا ڏسندا. اسان پنهنجن مهربانن ۽ ڏسندڙن، ٻُڌندڙن کي ٻيو ڪنهن به طرح سان مجبور نٿا ڪري سگهون ته ريڊيو ٻُڌن يا وري ٽي وي ڏسن سواءِ ان جي ته اهڙا پروگرام نشر ڪيا وڃن جن کي هو پسند ڪن ۽ جن تي پاليسي يا ڪنهن اجائي پابندي جو ليبل لڳل نه هئڻ گهرجي.
    وري ڳالهه آمريڪا جي پرائيويٽ ۽ ننڍڙين ريڊيو ۽ ٽيليويزن اسٽيشنن کان شروع ٿا ڪريون ڇو ته ڪيتريون ڳالهيون اڃا رهجي ويون آهن جيڪي جيستائين واضح نه ڪبيون ته مهربان پڙهندڙ مطمئن نه ٿيندا.
    پڙهندڙ جي ذهن ۾ اهو سوال ضرور پيدا ٿيندو ته جڏهن ته ميڊيا جا ٻه مکيه ادارا آمريڪا ۾ بلڪل آزاد آهن ته پوءِ ته هر قسم جي فحاشي ۽ بي حيائي ۽ اگهاڙپ جي به مڪمل آزادي هوندي؟
    ان سلسلي ۾ پهريون ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي ته فحاشي، بي حيائي يا اگهاڙپ جا معيار اسان وٽ پنهنجا آهن ته آمريڪا ۾ بلڪل مختلف آهن. جيڪا ڳالهه اسان جي معاشري ۾ بي حيائيءَ جو باعث آهي سا آمريڪا ۾ عين اخلاقيات ۾ شمار آهي. پر هروڀرو ائين به ڪونهي ته آمريڪي معاشرو صفا مادر پدر آزاد ۽ ڇڙواڳ آهي جنهن سان ڪو به ضابطو لاڳو نٿو ٿئي. اُتي به اخلاقي معيار آهن، جن جو پرچار ريڊيو ۽ ٽيليويزن ذريعي تمام موثر نموني ڪيو وڃي ٿو. مثال طور: 17-18 سالن جي عمر کان اڳ جنسي تعلقات ۾ ملوث ٿيڻ کي نشرياتي ادارن تان سختيءَ سان نِنديو وڃي ٿو. يا ٻار ڪيرائڻ (Abortion) جي عمل کي به هو بُرو چون ٿا توڙي جو آمريڪي معاشري توڙي پوري يورپ ۾ تمام ننڍي ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي حمل ٿي وڃي ٿو ۽ اُهي ٻار ڪيرايو ڇڏين. ٿورو عرصو اڳ ٻارنهن سالن جي هڪ ڇوڪريءَ جي تصوير (نيوز ويڪ) رسالي پنهنجي ٽائيٽل تي ڇاپي هئي جنهن جو عنوان هو (Children having children) يعني ٻارڙن کي به ٻار پيا پيدا ٿين. – ههڙا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾.
    اُنهن سڀني ڳالهين جي باوجود به، آمريڪي معيار موجب، نشريات ۾ ڪنهن امڪاني فحاشي يا بي حيائيءَ جي واقعي يا انديشي کي روڪڻ لاءِ فيڊرل ڪميونيڪيشن ڪميشن (Federal Communication Commission) مقرر ٿيل آهي، جيڪا نشرياتي ادارن کي کولڻ وقت کين لائسنس جاري ڪندي آهي.
    (Federal Communication Commission) کي جيڪڏهن اِها خبر پوي ته ڪنهن به نشرياتي اداري تي آمريڪي معيار مطابق فحاشي يا بي حيائيءَ کي عام ڪرڻ جو الزام آهي ته فيڊرل ڪميونيڪيشن ڪميشن باقاعدي انڪوائري ڪندي ۽ جيڪڏهن اداري تي ڏوهه ثابت ٿي ويو ته فورن اُن جو لائسنس به رد ڪيو ويندو. پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ڪيئي دفعا ان قسم جا واقعا ٿيا آهن ۽ لائسنس رد ٿيا آهن. ظاهر آهي ته لائسنس رد ٿيڻ جي صورت ۾ اهو ادارو پنهنجون نشريات جاري نٿو رکي سگهي. ان صورت ۾ ڪيس ڪورٽن ۾ هلن ٿا يا وري اهو ادارو لِکت ۾ معافي وٺي سگهي ٿو ۽ Federal Communication Commission ان کي معاف ڪري ٻيهر لائسنس بحال ڪري سگهي ٿي.
    هڪ ٻي ڳالهه جي وضاحت به جلدي ڪري ڇڏيان، ممڪن آهي ڳالهه ذهن تان تِرڪي وڃي. وضاحت اها آهي ته سڀ اسٽيشنون به هڪ جهڙيون ناهن. ڪيتريون اسٽيشنون ڪافي وڏيون هيون. اسان جي اسٽيشنن کان به گهڻيون وڏيون جتي جديد ترين مشينون ۽ ڪمپيوٽر فِٽ ٿيل آهن. هڪ هڪ اسٽوڊيو يا بوٿ شايد اوتري رقم سان ٺهي تيار ٿيو هوندو جيتري رقم ۾ اسان جي سڄي اسٽيشن ٺهي هوندي. اي پي پي (APP) جو ادارو به ڏٺوسين، جيڪو نهايت ئي جديد ۽ حيران ڪندڙ آهي ۽ سَون جي تعداد ۾ ان جو اسٽاف آهي. پر اهڙين وڏين اسٽيشنن جو تعداد تمام گهٽ آهي.


    اسڪولي ٻارن لاءِ ٽيليويزن ۽ خاص طرح ريڊيو جو ڪردار

    هاڻي بهتر ٿيندو ته اسڪولي ٻارن لاءِ ذاتي ريڊيو ۽ ٽيليويزن اسٽيشن جي ڪارڪردگي جو ٿورو جائزو وٺجي.
    • صبح جو سوير هر نشرياتي ادارو پنهنجي پنهنجي علائقي جي مائرن ۽ ٻارڙن سان مخاطب هوندو آهي. يعني جيڪي مائرون پنهنجي گلڙن کي اسڪول لاءِ تيار ڪري رهيون هونديون آهن.
    • کين ٻڌايو ويندو آهي ته اسڪول جي کُلڻ جو ٽائيم ڇا آهي، ٻار کي ڪيترو وقت اڳ ۾ اسڪول پهچڻ گهرجي، صبح جو ٻار کي ناشتي (Break fast) ۾ ڇا کارائجي (هر موسم جي لاءِ جدا جدا خوراڪ تجويز ڪيل هوندي آهي).
    • ٻارڙن سان مخاطب ٿي کين چيو ويندو آهي ته: “مٺڙا پيارا ٻارو! ڇا اوهان پنهنجو بوٽ پالش ڪري چمڪائي ڇڏيو آهي؟ جي نه ڪيو اٿوَ ته جلدي ڪري وٺو. جوراب ڳولي ورتا اٿوَ؟ ڪپڙا استري ڪري ورتا اٿوَ؟ ڏسو اهي سڀ ڪم اوهان کي ڪرڻا آهن، ڇو ته اوهان جي ممي اوهان لاءِ ناشتو تيار پيئي ڪري ۽ کيس ٻيا به ڪيترائي گهر جا ڪم ڪرڻا آهن، وغيره.
    • موسم جي باري ۾ به ٻڌايو ويندو آهي ته ٻاهر ڪيتري سردي آهي، مينهن پوي پيو، هوا به لڳي پيئي ته ان صورتحال ۾ ٻار کي ڪهڙي قسم جا ڪپڙا پائڻ گهرجن.
    • هوم ورڪ ڪهڙي وقت ڪجي ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪجي.
    • ورزش ڪجي ته ڪهڙي ڪجي. عمر جي لحاظ سان هر گروپ جي ورزش جدا جدا ڄاڻايل هوندي آهي. مثال: 5-6 ورهين کان وٺي 9-10 سالن جي ٻارن لاءِ جدا ورزش هوندي، ته 10-15 سالن تائين ٻي ورزش هوندي.
    • اهو به ٻڌايو ويندو آهي ته صبح جو ڪهڙن رستن تان ڊرائيو ڪرڻ آسان هوندو ۽ اُهي ڪهڙا رستا هوندا جن تي ٽرئفڪ ڳُوڙهي ۽ ڳُتيل هئڻ جو امڪان آهي. جڏهن هتان جي نشرياتي ادارن جو فقط صبح جو پروگرام ٻُڌجي ٿو ته هنيانءُ ٺريو ٿو پوي ۽ زبان مان خودبخود واهه واهه نڪريو وڃي. واقعي هتان جا نشرياتي ادارا عوام جي صحيح خدمت، رهبري ۽ رهنمائي ڪن ٿا.


    ميوزڪ جو جنون ۽ ريڊيو اسٽيشنن جي چٽاڀيٽي

    هتان جي ريڊيو اسٽيشنن جي وچ ۾ جيڪا زوردار چٽاڀيٽي هوندي آهي سا ٿيندي آهي ڪنهن مشهور ڳائڻي جي نئين نڪور ڌماڪيدار ميوزڪ آئٽم جي آمد تي. جيڪا به ريڊيو اسٽيشن سڀ کان پهريائين اُهو ميوزڪ آئٽم براڊڪاسٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ته سمجهو ته ٻن چئن ڏينهن جي اندر هزارين يا لکين ڊالر ڪمائي ويئي. جنهن به رڪارڊنگ ڪمپني اُهو آئٽم رڪارڊ ڪيو هوندو ته فورن ڪنهن مشهور ريڊيو اسٽيشن سان ڪمرشل ڏي وٺ جا جائز معاملا ۽ معاهدا نبيرڻ کانپوءِ اُهو آئٽم جيئن نشر ٿيڻ شروع ٿيندو ته سمجهو ته هر جڳهه، هر ميوزڪ سينٽر تي ان آئٽم جي CD هٿ ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا انبوهه نظر ايندا. اڳ هوندو هو ڪلاسيڪل ميوزڪ، پوءِ لائيٽ ميوزڪ آيو، پوءِ جئز (Jazz)، ان کان پوءِ ڪيترو وقت راڪ ميوزڪ هليو ۽ هاڻي وري ڪيترن سالن کان وٺي پاپ ميوزڪ (Pop Music) جو دور شروع ٿيو، جيڪو اڃا هلي ته پيو پر ڪافي پوئتي رهجي ويو آهي. هاڻي ته وري ميوزڪ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي. ڳائڻ وقت ٺينگ ٽپا ڏيڻ به هاڻي پراڻي ڳالهه ٿي ويئي آهي، هاڻي آمريڪا ۾ اسٽيج شو جي موقعي تي ڳائڻا ۽ ڳائڻيون ڳائيندي ڳائيندي جڏهن به موج مستي ۽ مدهوشي ۾ مگن ٿي وڃن ٿا ته ڪپڙا به لاهي اُڇليندا آهن پر اهڙي انداز سان ڄڻ حاضرين محفل کي اهو محسوس ٿئي ته ڳائڻ جي جنون ۾ کين خبر ئي نه پيئي پوي ته هو ڇا پيا ڪن. سماع جي محفلن ۾ تصوف جي مختلف طريقن جي بزرگن جو بيخود ٿيڻ ته اڳ ٻُڌل هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏٺل به، پر هي نئين خرمستي جديد دور جي پيداوار آهي.
    جنوني (Crazy) اڳ ائين سمجهو ته فقط هڪ عام ٻُڌل لفظ هو پر ان لفظ جي صحيح معنيٰ ۽ مفهوم جي خبر به آمريڪا ۾ اچي پيئي ته هتي جنهن به شوق تي ڪنهن ماڻهوءَ توجهه ڏنو ته بس اُهو ان جو جنوني يا Crazy ٿي ويو، خاص طرح ميوزڪ لاءِ ته آمريڪي ماڻهن جو ذوق شوق مون جنون جي حدن کان به آرپار ڏٺو. مون پنهنجي اکين سان آمريڪا ۾ تيز ميوزڪ (Fast Music) لاءِ ماڻهو ڇِتا، چريا ۽ بي حد جنوني ڏٺا، خاص طرح ڪارن (Negroes) ۾ توبهه! بي حد بدشڪل، ڪارا، دانگيءَ جا تَرا، گدلا ڪپڙا پاتل، بدن ۾ بدبوءِ مگر وڏا وڏا ڊيڪ (Decks) ڪُلهن تي کنيون گهمندا وتندا، هلندا رهندا ۽ مائيڪل جيڪسن، ٽينا ۽ مئڊونا جا تيز طوفاني ميوزڪ آئٽم ۽ هاها، هُوهُو به وڄندي رهندي! تعجب ان ڳالهه تي ٿيو ته سندن هٿن ۾ ننڍڙا رڪارڊر ۽ ريڊيو نه هوندا آهن پر چڱا خاصا وڏا ڊيڪ سندن ڪُلهن تي هوندا آهن. ڪارا شيدي ڊيڪ به وڄائيندا رهندا ته هلندا به رهندا. پر جي ڪٿي ٿڪجي پوندا ته ڪنهن بس اسٽاپ تي ويهي ٿَڪُ ڀڃيندا ته ريڊيو يا ٽيپ رڪارڊر به وڄندو رهندو ۽ جي ڪنهن پارڪ ۾ وڃي ويٺا ته تيز ڌُن تي ڊانس به ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا. آمريڪا ۾ ريڊيو ٻُڌڻ جو شوق مون کي يورپ جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ جنوني حدن کان به اڳتي وڌيل نظر آيو.


    سازن ۽ سُرن جو بي مثال مظاهرو

    Symphony Orchestral Presentation
    6 سيپٽمبر تي رات جو 9 وڳي اڳ ۾ طئي ٿيل پروگرام موجب اسان ڪينيڊي سينٽر فار دي پرفارمنگ آرٽس(Kennedy Centre for Performing Arts) ڏسڻ وياسين جتي اسان کي مختلف سازن مان نڪتل سُرن جو مظاهرو ڏسڻو هو. اسان جا ڪجهه دوست ته اسان سان گڏجي آيا باقي ٻين دوستن گهر ۾ رهڻ پسند ڪيو يا پنهنجي منهن ٻيون جڳهيون گهمڻ هليا ويا. ڪينيڊي سينٽر پوٽمئڪ جي ڪناري تي جوڙيل هڪ بيحد خوبصورت بلڊنگ آهي جيڪا آمريڪا جي مقبول ۽ هردلعزيز صدر جان ايف ڪينڊيءَ جي ياد ۾ تعمير ڪئي ويئي. هي سينٽر 1971ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هن عظيم الشان ۽ عاليشان عمارت ۾ چار ٿئيٽر آهن. اوپيرا هائوس، ڪنسرٽ هال، آئزن هاور ٿئيٽر ۽ ٽيريس ٿئيٽر. هڪ ئي وقت ضرورت پوڻ تي چار ئي ٿئيٽر پيا هلندا آهن ۽ هر ٿئيٽر جي هر هال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ کان ٻن هزار ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. هتي ڊانس، ٿئيٽر، ساز آواز جون محفلون، اوپيرا ۽ ٻيون ثقافتي سرگرميون سڄو سال جاري رهن ٿيون، جتي آمريڪا جي فنڪارن کان سواءِ سڄي دنيا کان ناميارا ۽ وڏا وڏا فنڪار به پنهنجي فن جو مظاهرو اچي ڪندا آهن ۽ ڀرپور داد وصول ڪندا آهن.
    اڄ رات سمفني آرڪيسٽرل پريزينٽيشن(Symphony Orchestral Presentation) جو مظاهرو هو جيڪو مون پنهنجي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو، جنهن کي ميوزڪ ڊائريڪٽر سمفني جي مکيه استاد (Principal Conductor) پنهنجي مخصوص اشارن سان سئو کان به مٿي سازندن تي مشتمل آرڪيسٽرا تي سمفني جو مظاهرو ڪيو. پر ڇا ته پرفارمنس هو، ڇا ته سمفني جي عظمت هئي ۽ ڇا ته سازن جي هم آهنگي ۽ ميلاپ هو. چاليهه ته فقط وايولن هئا، ڏهاڪو کن بانسريون، ست اٺ ڪلارنيٽ، ٽليون، هارن، توتارا ۽ ٻيا الائي ڪهڙا ڪهڙا ساز هئا جن کي اسان لاءِ سڃاڻڻ به مشڪل هو. اهي جڏهن گڏجي وڳا ٿي ته اکين کي ڏسڻ جي باوجود ۽ ڪنن کي ٻُڌڻ کانپوءِ به ڄڻ اعتبار نٿي آيو ته هيترن سارن مختلف سازن مان فقط هڪڙي مغموم دانهَن ۽ سوزو گداز جو آواز ڪيئن ٿي نڪتو؟ ڇا ته سمفني ۾ درد هو، ڇا ته ان ۾ اثر هو، ڇا ته ڌُن ۾ جاذبيت سمايل هئي ۽ آلاپن ۾ دردن جو داستان دٻيل هو. مغربي سازن تي جتي مائيڪل جئڪسن ۽ مئڊونا جهڙن ڳائڻن جي هلا گُلا ٻُڌي ٺينگ ٽپا ڏيڻ تي دل چوندي آهي، اڄ سمفني آرڪسيٽرل پرفارمنس ڏسي ۽ ٻُڌي سڄي جسم ۾ ڄڻ وحدت الوجود جو صوفياڻو رنگ سمائجي ويو هو ۽ مان ته جيئرو جاڳندو بُت بڻجي ويو هوس. منهنجي ڀر ۾ اسان جو گائيڊ جان لارج ويٺو هو جنهن شايد سمفني جي مظاهري جي دوران مون سان ٻه دفعا ڪجهه ڳالهايو هو مگر مون ڪجهه به نه ٻُڌو هو. جڏهن مظاهرو ختم ٿيو ته مون ڏي نهاريائين ۽ مان جهڙوڪر محويت جي عالم ۾ هجان، ڌونڌاڙيندي مون کي چيائين: ”بلوچ جيئرو ته آهين نه؟“ ڄڻ ڇِرڪ ڀريم، ڄڻ گهَري ننڊ مان جاڳي پيس. ڏانهس نهاريم پر ڳالهايم ڪونه. مون کي چيائين ته: ”مون کي محسوس پيو ٿئي ته تون سمفني آرڪيسٽرا جي مظاهري کان ڏاڍو محظوظ ٿيو آهين. مون توسان ٻه دفعا وچ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر تون ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ ۾ ايترو ته جذب هئين جو مون نيٺ وڏي آواز سان ٽيون دفعو توکي سڏيو“. جان لارج ٻئي ڏينهن تي ڀري ميٽنگ ۾ به سڀني جي سامهون ڏاڍو خوش ٿيندي اهو انڪشاف ڪيو ته گذريل رات جان ايف ڪينيڊي سينٽر ۾ سمفني آرڪيسٽرا جي مظاهري کان جيڪڏهن وڌ ۾ وڌ ڪو متاثر ٿيو هو ته اهو فقط عنايت بلوچ هو. مظاهرو هو ئي اهڙو جو ڪوبه ماڻهو متاثر ۽ مستغرق ٿيڻ کانسواءِ رهي نه پئي سگهيو.
    دل ۾ ڏاڍي خواهش رهي ته ٻيهر به ساڳيو مظاهرو ڏسجي، پر واشنگٽن ۾ رهائش جا پويان ٽي ڏينهن بيحد مصروف گذريا، ڪجهه سرڪاري ۽ غيرسرڪاري مصروفيتون رهيون ۽ ڪجهه دوستن دعوتون ڪيون، تنهنڪري پويون ٽي راتيون پنهنجي مرضيءَ مطابق گذارڻ جي بجاءِ دوستن ۽ پيارن جي مرضي مطابق گذارڻيون پئجي ويون.


    آمريڪا ۾ ٽيليفون جو ڪمال

    آمريڪا ۾ ٽيليفون جو سرشتو ايترو ته ڪمال ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهي جو نه رڳو اسان ترقي پذير ملڪن لاءِ حيران ڪندڙ آهي پر انگلنڊ ۽ فرانس جهڙن ترقي يافته ملڪن ۾ به آمريڪا جي مقابلي ۾ ايترو اڳڀرو نه آهي. معلوم ڪرڻ تي خبر پيئي ته اهڙو منفرد سسٽم آمريڪا کان سواءِ فقط جپان ۽ ڪئناڊا ۾ آهي ٻيو ڪٿي به ڪونهي. ان ڪمال جي سرشتي جا ڪجهه مثال آءٌ هيٺ ڏيان ٿو:
    ڪليڪٽ ڪال (Collect Call): آمريڪا جي ڪنهن به شهر مان، آمريڪا جي ڪهڙي به ڏورانهين شهر ۾ ڪنهن دوست کي لئنڊ لائين (Landline) ذريعي ٽيليفون ڪرڻو آهي ۽ پاڻ وٽ پئسن جي کوٽ آهي ته گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي. آپريٽر کي چئبو ته هيءَ ڪليڪٽ ڪال آهي ته هوءَ (گهڻو ڪري آپريٽر ڇوڪريون آهن) ان ماڻهوءَ، جنهن ڏي ڪال ڪئي ويئي آهي، کان پُڇندي ته: “فلاڻي ماڻهوءَ جي تنهنجي لاءِ ڪليڪٽ ڪال آهي، تون اها ڪال وٺڻ لاءِ آماده آهين؟” گهاٽا ۽ گهرا دوست اڪثر ڪري ڪال وٺڻ قبول ڪن ٿا، باقي ڪيترا ماڻهو انڪار به ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته ڪليڪٽ ڪال جا پئسا ان دوست کي ئي ڀرڻا پوندا جنهن ڏي اها ڪال ڪئي ويئي هوندي. هتي هڪ وضاحت ڪندو هلان ته ڪليڪٽ ڪال گهڻو ڪري اسان جهڙا چند ڏينهن لاءِ آيل مسافر ئي ڪن ٿا جن کي هوٽلن ۾ رهايو وڃي ٿو. باقي هتان جا مقامي ماڻهو جن جي گهرن ۾ پنهنجا ٽيليفون سيٽ آهن ته اُهي پنهنجي ڪنهن به دوست کي اها تڪليف هرگز نه ڏيڻ چاهيندا آهن. بهرحال جيئن اوهان کي ڪليڪٽ ڪال ملي ويئي ته جيترو به اوهان کي وڻي اوترو ڳالهايو ڇو ته بِل ته اوهان جي دوست کي ئي ڀرڻو آهي جنهن ڏي ڪال ڪئي ويئي آهي.
    مان ڪوشش ڪري دوستن کي تڪليف نه ڏيندو هوس پر ان جي باوجود به مون کي ياد آهي ته مان نيو آرلينس، لاس ائنجلس، ڊَلس ۽ مِلواڪيءَ مان واشنگٽن، نيويارڪ ۽ شڪاگو ۾ ڪجهه دوستن سان ڪليڪٽ ڪال ذريعي ڳالهايو هو. اهي دوست ايترا ته قربائتا هئا جو پوءِ روزانو پاڻ پيا مون سان ڳالهائيندا هئا. مهربان پڙهندڙ غور ڪن ته ڪليڪٽ ڪال ڪيڏي نه زبردست سهولت آهي. ڏورانهين ڏيهه ۾ ماڻهو مسافر ٿي وڃي ٿو، قدم قدم تي ڊالرن جي ضرورت پوي ٿي، اتي ڪليڪٽ ڪال ذريعي هڪ ڪوڏي به خرچ نه ٿئي ته اها ڪيڏي نه ڪمال جي ڳالهه آهي. موبائيل فون جي انقلاب کان اڳ اسان پنهنجي ئي ملڪ ۾ لوڪل ڪال ڪرڻ لاءِ به پريشان هوندا هئاسين. ضرورت پوڻ تي ڪنهن دڪاندار کي فقط هڪ فون ڪرڻ لا ويچارڙا ٿي ائين عرض ڪندا هئاسين جيئن کانئس خيرات گهُري رهيا هجون. توڙي جو ڪال ڪرڻ جا پئسا به ڏيندا هئاسون. پر ڪڏهن ڪڏهن پئسن ڏيڻ جي باوجود به دڪاندار ٽيليفون ڪرڻ نه ڏيندو هو. شڪر ٿيو جو 1990ع جي ڏهاڪي ۾ موبائيل فونن جي انقلاب کان پوءِ ٽيليفون ڪرڻ جون سهولتون عام جام ٿي غريب غربي تائين پهچي ويون. 1967ع جي آخر ۾ مون کي ڪراچي ڪسٽم ۾ نوڪري ملي. پهريون ڀيرو گهر کان ٻاهر نڪري ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ آيو هوس سو مِٽن مائٽن لاءِ ڏاڍو ماندو ٿيندو هوس. تڏهن موبائيلن جو ته نالو نشان ئي ڪونه هو پر شهرن جي وچ ۾ ڊائريڪٽ ڊائلنگ (Direct Dialling) جو نظام به موجود ڪونه هو. ڪراچيءَ مان خيرپور ڪال بوڪ ڪرائبي هئي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته صبح جي وقت جي بوڪ ڪرايل ڪال ڪڏهن ڪڏهن شام جو وڃي ملندي هئي سو به تڏهن جڏهن آپريٽر کي باربار منٿون ڪرڻيون پونديون هيون ته يار مهرباني ڪري ڪال جلدي ملائي ڏي. نئين نسل جو نوجوان جڏهن هي سِٽون پڙهندو ته خبر ناهي ته منهنجي ڳالهه تي ويساهه به ڪندو الائي نه، پر سندس وڏڙا ضرور موجود هوندا ته اُنهن کان پُڇي پَڪ ڪرڻ تي اُميد ته کيس يقين اچي ويندو.
    ڳالهه مان ڳالهه نڪري ٿي ته الائي ڪٿي پهچيو وڃي. ڳالهه آمريڪا ۾ ٽيليفون جي سرشتي جي ڪمال جي ٿي هلي. سو هڪ ڳالهه هيءَ به پڙهو. پاڪستان ۾ هڪ دوست پنهنجي دوست جو هڪ نمبر ڏنو هو ۽ چيو هو ته: ”منهنجي دوست کي هڪ نياپو پهچائي ڇڏجانءِ“. نمبر ڪئليفورنيا اسٽيٽ جي مشهور شهر سئن فرئنسِسڪو جو هو. جڏهن مون اهو نمبر واشنگٽن کان ڊائل ڪيو ته سئن فرئنسِسڪو جي ڪمپيوٽر جو آواز آيو ته اهو نمبر بدلجي ويو آهي ۽ ان جي جڳهه تي اوهان فلاڻو نمبر ڊائل ڪريو. ڪمپيوٽر جو ٻڌايل نمبر جڏهن ڊائل ڪيم ته اهو دوست ملي ويو جنهن کي سندس پاڪستاني دوست جو نياپو پهچائي ڇڏيم. سوچيم هڪ طرف اسان جو ملڪ آهي جتي انڪواري تي ويٺل اسان جا ٽيليفون آپريٽر پهريون ته ٽيليفون اٽينڊ ئي ڪو نه ڪندا آهن، وري جي غلطيءَ مان رِسيوَر کڻي ڳالهائيندا ته ملڪ جي ناميارن ماڻهن جي نمبرن جي به کين خبر نه هوندي آهي ۽ اسان ويچارا ٿي ويهي رهندا آهيون پر هوڏانهن ڏسو ته آمريڪا ۾ ڪمپيوٽر ڪيڏي نه مڪمل رهبري ڪري ٿو.
    ڪانفرنس ڪال (Conference Call)آمريڪا ۾ اهڙو نظام به موجود آهي ته هڪ ئي وقت تي ٽي ڄڻا پاڻ ۾ گفتگو ڪري سگهن ٿا، نه رڳو آمريڪا ۾ پر سڄي دنيا جي ٽن مختلف شهرن ۾ ئي دوست پاڻ ۾ ٽيليفون تي ڪچهري ڪري سگهن ٿا. مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته اهو سرشتو پاڪستان ۾ به رائج ٿيو پر پوريءَ طرح اڃا ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي.
    ڪال فارورڊنگ (Call Forwarding) اوهان ڪنهن دوست وٽ وڃو ٿا جتي اوهان کي ٻه-چار ڪلاڪ ترسڻو آهي ته پنهنجي ٽيليفون سيٽ کي گهربل ڪوڊ نمبر ڏيئي پنهنجي دوست جو ٽيليفون نمبر ڏيئي ڇڏيو (جتي اوهان کي وڃڻو آهي) ۽ اهو به ٽيليفون سيٽ کي ٻڌائي ڇڏيو ته ڪيتريءَ دير کان پوءِ اهو سسٽم ڪم ڪري. اوتري دير کانپوءِ جيڪا به ڪال اوهان جي نمبر تي ايندي ان کي اوهان جو ٽيليفون سيٽ پاڻهي منتقل ڪندو رهندو ۽ پوءِ هر ڪال جي گهنٽي اوهان جي دوست جي ٽيليفون سيٽ تي وڄندي رهندي جتي اوهان ويل آهيو. ائين ٿو لڳي ته آمريڪا وارن ڄڻ پنهنجو عقل، ٽيليفون جي نظام کي حيرت انگيز حد تائين پهچائڻ تي صرف ڪيو آهي، پر وري جي ڪو ٻيو شعبو ڏسبو ته ان ۾ به اڃا وڌيڪ ڪمال جي ڪاريگري نظر ايندي.


    واشنگٽن کان نيو آرلينس

    Washington DC to New Orleans
    واشنگٽن ڊي سي ۾ پورا ڏهه ڏينهن رهڻ کانپوءِ اربع 10 سيپٽمبر تي نيو آرلينس (لوزيانا اسٽيٽ) لاءِ يونائيٽيڊ ايئر لائينس جي اُڏام ۾ روانا ٿياسون. نيو آرلينس پهچڻ ۽ اُتان جي بيحد اهم ڳالهين ٻڌائڻ کان اڳ اهو ٻڌائيندو هلان ته آمريڪا ۾ بين الاقوامي معيار جي ايئرلائنن جهڙوڪ پئن آمريڪن، ٽرنس ورلڊ ايئر لائينز وغيره کانسواءِ مقامي سطح تي به بيشمار ننڍيون ننڍيون ايئرلائنون آهن جن جون اُڏامون گهڻو ڪري مقامي آهن. پر ڪيتريون ايئرلائينون پاڙي وارن ملڪن تائين به اڏامن ٿيون، جيئن آمريڪا کان ڪئناڊا، ميڪسيڪو وغيره. ننڍين ايئرلائنس جو معيار ڪٿي سٺو، ڪٿي چڱو، ڪٿي موچارو ۽ ڪٿي ته صفا خراب هو. هنن ايئر لائينز ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٺڳي يا هيراڦيري (Cheating) جو چڪر به ٿئي ٿو. في الحال منهنجو خيال آهي ته پاڻ به نيو آرلينس پهچان ۽ مهربان پڙهندڙن کي به پاڻ سان گڏ هن طلمسي شهر ۾ پهچايان، جتي شام ٿيڻ سان ئي زندگي جون رنگينيون ۽ رونقون، جواني، جلوا ۽ جوڀن پنهنجي پوري ڪشش سان هر ايندڙ ويندڙ کي نه رڳو پاڻ ڏي متوجهه ڪن ٿا پر هرهڪ جي نَڪ ۾ نوڙي وجهي ۽ ڇِڪي پاڻ تائين پهچائين ٿا.
    10 سيپٽمبر تي ڊيولس انٽرنيشنل ايئرپورٽ واشنگٽن تان، يونائيٽيڊ ايئرلائينس جو جهاز صبح جو 11:30 اُڏاڻو ۽ ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ پوري هڪ وڳي اچي نيو آرلينس جي ايئرپورٽ تي پهتاسين. واچ ۾ وقت ڏسڻ شرط پنهنجي وطن جو تصور اچي ويو ته ڪراچي کان اسلام آباد به پوري ڏيڍ ڪلاڪ ۾ ئي پهچندا آهيون. هتي لهڻ شرط اسان کي چيو ويو ته واچن کي مقامي وقت مطابق درست ڪيو وڃي، يعني هڪ ڪلاڪ وقت پُٺتي ڪيو وڃي. جڏهن اسان ايئرپورٽ کان ٻاهر آياسين ته ان وقت واشنگٽن ڊي سي جي وقت مطابق منجهند جو ڏيڍ وڳو هو پر اسان کي چيو ويو ته واچن کي هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪري ساڍا ٻارنهن ڪري ڇڏيون. نيو آرلينس جو وقت سينٽرل ٽائيم زون ۾ هئڻ سبب واشنگٽن کان هڪ ڪلاڪ پوئتي آهي. ايئرپورٽ کان ٻاهر اچڻ شرط جيڪو پهريون احساس ٿيو، سو هتان جي گرمي هئي. اصل پگهر نڪري پيو. ڪيترن دوستن کي جرسيون ۽ ڪوٽ پاتل هئا، سي لاهي کڻي سڀني ڪلهي تي رکيا. جيترا به ڏينهن هتي رهياسون ته پنهنجي ملڪ واري گرمي سان گذران ڪيوسين. البت چوٿين ڏينهن تي چڱيرڙو مينهن پيو ۽ موسم بهتر ٿي. ايئرپورٽ کان Grayline جي بهترين ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ سوار ٿي ڊافين آرلينس (Dauphine Orleans) هوٽل ۾ آياسين جتي اسان جي رهائش جو انتظام اڳ ۾ ئي ڪيل هو.


    نيو آرلينس هڪ انوکو شهر

    New Orleans: A Unique City
    نيو آرلينس جو شهر مِسيسيپي (Mississippi) نديءَ تي واقع آهي. ننڍپڻ ۾ اسڪول ۽ ڪاليج جي ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسون ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي ندي مِسيسيپي (Mississippi) آهي. هتي اچي خبر پيئي ته مِسيسيپي (Mississippi) ندي جڏهن مِزوري (Missouri) سان ملي ٿي تڏهن ئي سڀني ندين کان وڏي ندي ٿيڻ جو اُن کي شرف ٿو ملي. نيو آرلينس ۾ اچڻ سان پهريون ته خوشيءَ جو هڪ اڻ لکو احساس ٿيو ته جنهن نديءَ بابت اسان ننڍپڻ ۾ پڙهيو هو سا نيٺ اچي ڏٺي سون.
    نيو آرلينس جو بندر آمريڪا جو ٻيو نمبر وڏو ۽ دنيا جو ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو بندر آهي. هيءُ شهر 1722ع کان وٺي فرانس جي ڪالوني رهيو آهي جتي هر ايندڙ ويندڙ کي هر جڳهه تي فرينچ تهذيب ۽ ثقافت جون جهلڪيون نظر ايندون. ڪجهه عرصي لاءِ نيو آرلينس اسپين جو به حصو رهيو، پر پوءِ 1803ع ۾ هي شهر ٻيهر فرانس کي موٽي مليو ۽ ساڳئي سال ۾ ئي پنهنجي مخصوص ثقافتي حيثيت رکندڙ هيءُ شهر آمريڪا خريد ڪري ورتو، جيڪو هن وقت تائين آمريڪا جو حصو آهي ۽ ڏاکڻي آمريڪا جي چند وڏن شهرن مان هڪ آهي.
    هيءُ شهر سڄي دنيا ۾ فرينچ ڪوارٽر (French Quarter) جي ڪري زياده مشهور آهي يعني اهي جايون جڳهيون جتي اڃا به فرينچ ڪافي زماني کان رهندا پيا اچن ۽ پنهنجي مخصوص رهڻي ڪهڻي، تهذيب تمدن ۽ ثقافت ذريعي ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا ۽ اڃا تائين فرينچ زبان ڳالهائين ٿا توڙي جو انگريزي ڳالهائڻ ۾ پڻ ٻين کان اڳرا آهن.
    هتي شام جو پنجين وڳين کان ويندي صبح ٿيڻ تائين عجيب رنگ ڍنگ جون محفلون متل رهن ٿيون، پري پري کان آيل سياح شام جو هتي گهمندا ڦرندا ۽ چڪر لڳائيندا نظر ايندا. ناچ، گانا، عيش و عشرت جا منظر اوهان کي رستي ويندي ئي نظر ايندا. دنيا جي هر شهر کان نيو آرلينس جي فرينچ ڪوارٽر جا منظر اوهان کي مختلف نظر ايندا. ٻئي ڪهڙي به هنڌ تي اوهان ٽڪيٽ وٺي ڪنهن ڪلب ۾ وڃو ته اُتي اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ ئي سڀ ڪجهه ڏسي سگهجي ٿو، پر فرينچ ڪوارٽر جي بوربن اسٽريٽ، ڊافين اسٽريٽ ۽ رائل اسٽريٽ تي ايندي ويندي، گهمندي ڦرندي ئي گهڻو ڪجهه ڏسي سگهجي ٿو.
    جئز ميوزڪ (Jazz Music) به فرينچ ڪوارٽر جي ناچ گانن ۾ ڄائو، اُتي ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو پوءِ دنيا ۾ پکڙيو. هن وقت به دنيا ۾ جئز ميوزڪ جو وڏي ۾ وڏو مرڪز، نيو آرلينس جو شهر ۽ فرينچ ڪوارٽر جو علائقو آهي، جتي سينٽ پيٽر اسٽريٽ جي پريزنٽيشن هال (Presentation Hall) ۾ اڄ به جئز ميوزڪ پنهنجي اصلي اسٽائيل ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.
    نيو آرلينس جو مختصر تعارف مهربان پڙهندڙن سان ٿي ويو، باقي ٻيا تفصيل ڳالهين ڳالهين ۾ پاڻهي ايندا ويندا.


    ريڊيو 86 جو نه وسرندڙ ڪنوينشن

    Memorable Radio-86 Convention
    ڊافين آرلينس هوٽل فرينچ ڪوارٽر (French Quarter) ۽ بوربن اسٽريٽ (Bourban Street) جي بلڪل لڳو لڳ آهي، تنهنڪري اسان سڀ ڏاڍا خوش ٿياسين جو اسان جي رهائش اهڙي علائقي ۾ ٿي جتي رهڻ لاءِ هرڪو آتو هوندو آهي ۽ رزرويشن لاءِ پيو واجهائيندو آهي.
    واشنگٽن ۾ ڏهن ڏينهن جي رهائش دوران جنهن به ريڊيو يا ٽيليويزن اسٽيشن کي گهمڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ وياسين ٿي ته هر جڳهه تي ريڊيو 86 ڪنوينشن جو چرچو هو. اسان جيڪي به سوال پڇون پيا ته ان جي وضاحت ته فورن ڪئي ٿي ويئي ۽ گڏوگڏ اهو به چيو پئي ويو ته پڇيل سوال بابت وڌيڪ عملي مظاهرو اوهان نيو آرلينس ۾ ريڊيو-86 جي ڪنوينشن ۾ ڏسندا. جتي به وڃون ته نيو آرلينس ۾ ٿيندڙ ان ميلي جي باري ۾ ٻڌايو پئي ويو تنهنڪري جيئن پوءِ تيئن اُڻ تُڻ ۽ تانگهه وڌندي رهي ته اِهو وڏاندرو ميلو بس جيترو جلدي ڏسجي اوترو بهتر.
    هوٽل ۾ ڪمرو وٺي منجهند جي ماني کائي ۽ ٿوري دير لاءِ آهلي پياسين ڇو ته اڄ ئي شام جو نيو آرلينس جي 5-اسٽار مئرئٽ هوٽل (Marriott Hotel) ۾ هڪ وڏي پئماني جي مرحبائي گڏجاڻي (Grand Welcome Reception) ۾ شريڪ ٿيڻو هو. شام جو ساڍي پنجين وڳي مئرئٽ هوٽل پهتاسون، جنهن جي هڪ عظيم الشان هال ۾ سڄي آمريڪا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن کان آيل پروڊيوسرس، براڊڪاسٽرس ۽ سيلز مئنيجرس هزارن جي تعداد ۾ ڪَٺا ٿيندا پئي ويا. بعد ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته ڏهه هزار نمائندن کي دعوت ڏني ويئي هئي جن مان 8500 نمائندن هن عظيم الشان ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي.
    پوري ڇهين وڳين وِسل، تُوتارا ۽ بئنڊ باجا وڄڻ لڳا. سوا ڇهين وڳين هوائي فائرنگ ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ هزارن جي تعداد ۾ رنگ برنگي ڦوڪڻا فضا ۾ اڏرايا ويا. ڦوڪڻن تي Radio Convention-86 لکيل هو. هن منظر جو تعلق ڏسڻ سان وڌيڪ ۽ لکڻ سان گهٽ آهي. هڪ هڪ ڦوڪڻو ايترو ته خوبصورت ۽ ايترو ته وڏو هو جو چار ماڻهو گڏجي ڀاڪر وجهن ته به جيڪر ڀاڪر ۾ نه اچي. ان کانپوءِ ٻنهي طرفن کان بلڪل ڳُتيل موٽر سائيڪلن تي سوار بيحد خوبصورت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي جلوس ۾ عاليشان ڊگهين ڪارن جو قافلو آهستي آهستي کليل ميدان طرف وڌندو آيو جن ۾ نيشنل ائسوسئيشن آف براڊڪاسٽرس (National Association of Broadcasters-NAB) جو پريزيڊنٽ ۽ ٻيا نمائندا ويٺل هئا. NAB جي نمائندن سان گڏوگڏ ٻين گاڏين ۾ نيشنل ريڊيو براڊڪاسٽرس ائسوسئيشن National Radio Broadcasters) (Association-NRBA جو پريزيڊنٽ ۽ ڪارڪن موجود هئا.
    جيئن ڪارُن ۾ NAB جو پريزيڊنٽ ۽ نمائندا لٿا تيئن اوچتو پنج سئو کن اڌ اگهاڙيون حسينائون الائي ڪهڙن ڪهڙن لباسن (خبر ناهي جيڪو ڪجهه کين پاتل هو، ان کي لباس چئي به سگهجي ٿو يا نه) ۾ پئريڊ ڪنديون، مهڪنديون، مُرڪنديون، ناز نخرا ڪنديون NAB۽ NRBA جي نمائندن جي سلامي ڀرينديون اينديون وينديون رهيون. پنج سئو ڇوڪرين جي پئريڊ گهٽ ۾ گهٽ ويهه منٽ جاري رهي. رستي تي بيٺل ماڻهو دل کولي داد ڏيڻ سان گڏ کين ڳلن تي چُميون به ڏيندا رهيا ۽ موٽ ۾ ڇوڪريون به هلندي هلندي کين چُميون ڏينديون ويون. اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته يورپ توڙي آمريڪا ۾ ڪن خاص موقعن تي غير واقف ڇوڪريءَ کي ڳلن يا ڳٽن تي بوسو ڏيڻ اخلاق جي دائري اندر آهي پر چپن تي چُمي هرگز نٿي ڏيئي سگهجي ڇو ته ان فعل کي ٻن ڌرين جي راضپي کانسواءِ غير اخلاقي سڏيو ويو آهي، تنهنڪري جرم آهي. منهنجي آفريڪي ڪارن ڪوجهن ساٿين کان به رهيو نه ٿيو، اُهي به اڳتي وڌي چُمين جو فراخدلانه چشڪارو وٺي موٽيا. ڇوڪرين کي اسان آفرين ڏنو ته اهڙن ماڻهن کي به مايوس نه ڪيائون جن تي جيڪڏهن ڏينهن جو فقط هڪ دفعو به نظر پوي ته رات جو تصور ۾ ڊيڄڙي ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو. اسان جي گروپ جي لائيبيريا جي هڪ دوست پوءِ مون کي هوٽل جي ڪمري ۾ ٻڌايو ته هن کي پنهنجي ماءُ کانسواءِ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حسين ڇوڪريءَ طرفان چُمي نصيب ٿي هئي. ويچارو هڪ بوسي ملڻ کانپوءِ سخت بيتاب ٿي ويو هو ۽ ٻه ٽي ڏينهن ته پُڇا ڪندو رهيو ته اهڙو ڪو جُلوس وري به نڪرندو يا نه؟ پر پوءِ ساٿين کيس سمجهايو ته ميان ڪالهه جهڙو بختاور ڏينهن روز روز ٿورو ئي هٿ ايندو آهي. هاڻي چُپڙي ڪيون نظرن سان پري پري کان حُسن جا جلوا ڏسي Flying kisses سان ئي دل کي خوش ڪندو رهه، نه ته هاڻي چُمي ڀاڪر جي بجاءِ موچڙن ملڻ جو امڪان وڌيڪ اٿيئي.
    سوچيم ته محروميون به انسان کي ڪيڏو نه بيوس ۽ مجبور بڻايو ڇڏين. لائيبيريا وارو دوست ٻه ڏهاڙا کن ته سامت ۾ ئي ڪو نه هو. سندس ڪيفيت جو نوٽيس اسان جي ميزبانن به ورتو پر اسان سڀني سندس حمايت ڪندي کين ٻڌايو ته سندس طبيعت ناساز هئڻ سبب هو ڪجهه مايوس ۽ ملول نظر اچي رهيو هو ۽ انشاالله جلد ٺيڪ ٿي ويندو.
    اڌ مُنو ڪلاڪ اهو جشن هلندو رهيو اُن کانپوءِ نيشنل ائسوسئيشن آف براڊڪاسٽرس جو پريزيڊنٽ تاڙين جي گونج يا اڃا به اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته تاڙين جي وڏ ڦڙي مينهن جهڙي وسڪاري ۾ نمودار ٿيو ۽ اچڻ شرط هن اعلان اچي ڪيو I declare Radio-86 Convention Open(مان ريڊيو-86 جي ڪنوينشن جي افتتاح ڪرڻ جو باقاعدي اعلان ڪريان ٿو). بس هيڏانهن سندس اعلان ڪرڻ ۽ هوڏانهن ٻيهر چُمين ڀاڪرن جا دور شروع ٿي ويا. هزارن جي تعداد ۾ شراب ۽ شئمپن جي بوتلن جون ٻُجيون هوا ۾ اڏامڻ لڳيون. مئخانن جا مُنهن کلي ويا. پئمانن تي پئمانن جو دور شروع ٿي ويو ۽ سڀ ڪنهن پنهنجا پنهنجا گلاس مٿي ڪري Cheers! Cheers!! چوڻ شروع ڪيو. مون جهڙي صوفيءَ لاءِ بيئر جا دَٻا به موجود هئا، پر پوءِ ڪافي همٿ ۽ حوصلو آيو تڏهن جڏهن هڪ ڇوڪري ۽ ٽي مرد منهنجي هٿ ۾ بيئر ڏسي مون ڏانهن وڌي آيا ۽ هڪ ٻئي کي چِيئرس چئي مخاطب ٿياسون ۽ مرحبا ڪئي سون.
    نيشنل ائسوسئيشن آف براڊڪاسٽرس (NAB) طرفان تيار ڪيل مخصوص قسم جون بئجون، جن تي نمائندي ۽ سندس ملڪ جو نالو لکيل هو، هر هڪ نمائندي کي لڳل هُيون تنهنڪري پري کان ئي نالو پڙهي هڪ ٻئي سان ائين ٿي مخاطب ٿياسون ڄڻ ديرينه دوست هُجون، يا وري ڪي وڇڙيا مليا هُجون. بئجن جو لڳڻ، مئرئٽ هوٽل ۾ داخلا لاءِ به بيحد ضروري هو ڇو ته ڌارين ماڻهن جي به ڏاڍي پيهه لڳي پيئي هئي ته ڪنهن طرح داخلا ملي پر اندر داخلا تي سخت پابندي هئي.
    ڀلا پيهه ۽ رش ڇو نه هجي؟ ڀلي آمريڪا وارا ڪلبن ۾، ناچ گانن ۾ يا ٻين مختلف محفلن ۾ وڏا وڏا فنڪشن ۽ جشن ڏسندا هجن ۽ خوب لطف اندوز ٿيندا هجن پر ريڊيو-86 جو اڄوڪو ڪنوينشن پنهنجو مَٽ پاڻ هو. مون لنڊن جي رايل البرٽ هال ۾ هڪ عظيم الشان ميوزڪ شو ڏٺو. پئرس ۾ وڏا وڏا جشن ڏٺم. پينانگ (ملائيشيا) ۾ پڻ هڪ وڏو عوامي ميلو ڏٺم پر اهڙو رنگين، دلڪش، دلفريب ۽ جاذب نظر نظارو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو.
    مان جڏهن هي بيان لکان ويٺو ته به ريڊيو-86 جي ڪنوينشن جو اهو عظيم الشان ۽ حسين استقبالي منظر تصور ۾ آڏو پيو ڦري ۽ دل پيئي چوي ته ڪاش! وقت جو ڪانٽو پُٺتي موٽي پوي ۽ وري اُهو جشن هجي، وري حُسن جي جلون جي هر طرف هُٻڪار هجي، وري نيڻ ٺرن ۽ وري دل باغ باغ ٿي وڃي.
    8500 ريڊيو جي نمائندن مان ائين سمجهو ته اڌ کان جيڪڏهن وڌيڪ نه ته پورو اڌ ڇوڪريون هُيون ۽ باقي نوجوان مرد هئا.


    لارا ۽ چارلس ـــ منهنجا جاني جگر دوست

    My Co-Broadcaster Friends Lara & Charls
    آمريڪي ماڻهن ۾ هڪ ڳالهه مون انگريزن کان ڪافي مختلف ڏٺي ته هو دوستيءَ ۾ وکون کڻندي ۽ اڳتي وڌندي ويرم ئي نٿا ڪن. هنن جي هيلو هاءِ واري دوستي ته هر ڪنهن سان ڄڻ آهي ئي آهي، ٻي دوستي هيلو هاءِ کان جڏهن ڪجهه وڌيڪ وڌي ٿي ته پوءِ ڪافي ويجهڙائپ (Understanding) خودبخود ٿي وڃي ٿي.
    فلوريڊا اسٽيٽ جي شهر آرلئنڊو کان آيل پنهنجن ملڪن جا مڃيل براڊڪاسٽرس لارا موريسن ۽ هيوسٽن کان آيل چارلس بينٽ ۽ ڪجهه ٻيا ريڊيو جا نمائندا پڻ منهنجا دوست ٿي ويا.
    پنج ڏينهن جيڪي اسان نيو آرلينس ۾ گذاريا سي ته هن شهر ۾ پهرئين ڏينهن پهچڻ شرط ئي سورنهن آنا سجايا ٿي چُڪا هئا جڏهن ريڊيو-86جي ڪنوينشن جو افتتاح ٿيو جنهن جو احوال گذريل صفحن ۾ ٻُڌائي چُڪو آهيان. سئر سفر جي گهربل آسائشن ۽ ضرورتن ۾ باقي جيڪا ڪسر رهجي ويئي هئي، ان جي ڪمي هڪ ته بوربن اسٽريٽ (Bourban Street) کي چڱيءَ طرح ڏسڻ وائسڻ سان پوري ٿي، ٻيو لارا ۽ چارلس جي دوستي ڄڻ سونَ تي سهاڳ جو ڪم ڏنو. عجيب اتفاق وري اهو ٿيو جو لارا ۽ چارلس جي هڪ ٻئي سان واقفيت به منهنجي معرفت ٿي، جڏهن چارلس مون وٽ ڊافين هوٽل ۾ (جنهن ۾ اسان رهيل هئاسون) ڪافي ويٺي پيتي ته لارا به بنا اڳواٽ اطلاع جي پهچي ويئي. ٻنهي سان جدا جدا تعارف ڪنوينشن جي افتتاح واري ڏينهن ٿيو هو. هڪڙي دفعي چارلس اڳ ۾ طئه ٿيل پروگرام مطابق شام جو پنجين وڳي پنهنجي براڊڪاسٽنگ سيلز سروس جا ڪجهه سُووينئر منهنجي لاءِ هوٽل ۾ کڻي آيو ته پنجن منٽن کانپوءِ هن دفعي لارا، بغير اڳواٽ اطلاع جي اچي در کڙڪايو. دروازو کوليم ۽ لارا اندر آئي. معذرت اچي ڪيائين ته هوءَ مون کي ٻڌائڻ کانسواءِ يا پروگرام طئه ڪرڻ کانسواءِ ئي هلي آئي هئي. پر مُرڪ مُنهن تي آڻيندي چيائين: ”مون کي ڪالهه جي ملاقات کانپوءِ هروڀرو رسمي اجازت وٺڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿي، تنهنڪري ائين ئي هلي آيس“ چارلس بلڪل خاموش هو ڇو ته انگريزن ۾ توڙي آمريڪي ماڻهن جي اها ئي ڪمال جي وصف آهي ته هو ٻن جي ڪنهن به معاملي ۾ ذري جو به دخل نه ڏيندا آهن.
    وزيٽر پروگرام جي دوستن سان طئي ٿيل پروگرام موجب گهمڻ ڦرڻ کان جيڪو وڌيڪ وقت بچندو هو سو لارا ۽ چارلس سان گهڻو ڪري جدا جدا ملاقاتين ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن گڏيل ڪچهرين ۾ گذرندو هو. هڪ ڀيري چارلس مون کان پڇيو ته: ”شادي ڪرڻ جو ارادو ڪڏهن آهي؟“ بجاءِ ان جي جو مان کيس جواب ڏيان، لارا فورن چيو: ”عنيات (عنايت) پڪ شادي شده هوندو“. مون حيرت مان کانئس پڇيو ته: ”تون ائين ڇو ٿي سمجهين ته مان شادي شده هوندس“. وراڻيائين: ”منهنجي هڪ پاڪستاني سهيلي آهي جيڪا ٻڌائيندي آهي ته پاڪستان ۾ اڪثر ڪري شاديون ننڍيءَ عمر ۾ ئي ٿي وينديون آهن“. لارا پوءِ ٻيون به گهڻيون ئي ڳالهيون ٻُڌايون جيڪي اسان جي ثقافت سان واسطو رکندڙ هيون. پوءِ مُرڪندي ۽ ڪجهه شرارت وارو لهجو اختيار ڪندي پُڇيائين: ”شادي شده آهين نه؟“ چيومانس: ”فرض ڪر ته شادي شده نه آهيان ته پوءِ ڀلا ڪو چانس آهي ڇا“ چارلس وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين ته: بلڪل صحيح جواب ۽ لارا کان مناسب سوال ڪيو اٿئي. (چارلس منهنجو نالو عنايت پوري طرح چئي سگهيو ٿي باقي لارا يڪو عِنيات چئي مخاطب ٿيندي هئي ۽ مان سندس مخاطب ٿيڻ تي ڏاڍو Enjoy ڪندو هوس). لارا وراڻيو: ”نو مسٽر! بلڪل چانس ڪونه آهي جو منهنجو بواءِ فرينڊ (Boy Friend) مون سان بلڪل سچو آهي ۽ اسان جي عنقريب شادي ٿيڻ واري آهي ۽ تو سان اڃا ته فقط ٽن ڏينهن جي دوستي آهي منهنجي. باقي هتي نيو آرلينس ۾ فقط ٽي ڏينهن وڌيڪ رهڻو آهي. جڏهن هتان هليا وياسين ته خبر ناهي ڪو ڪنهن کي ياد به ڪندو الائي نه“.


    چارلس جو ٻُڌايل دلچسپ واقعو

    لارا ۽ چارلس ٻيئي نهايت سنجيده، فضيلت وارا ۽ تمام گهڻي خُلق وارا هئا. چارلس ڪجهه وڌيڪ سنجيده هو ۽ مون کي پنهنجي متعلق اهڙيون ته عجيب و غريب ڳالهيون ٻڌايائين جو مان بنهه حيران ٿي ويس. جيئن ته ريڊيو-86 جي ڪنوينشن جي افتتاحي تقريب ۾ چارلس ۽ لارا سان جدا جدا ملاقات ٿي هئي ۽ ٻنهي شراب نٿي پيتو. (پوءِ لارا مون کي ٻڌايو ته هوءَ ڪڏهن ڪڏهن پيئندي آهي) مون هڪ ڏينهن چارلس کان شراب نه پيئڻ جو سبب پڇيو ته ٻڌايائين ته هو ٻارنهن سالن جي عمر کان وٺي ڊرنڪ ڪندڙ هو ۽ فقط ست سال اڳ ڊرنڪ ڪرڻ ڇڏي اٿائين، (چارلس جي عمر هاڻي 37 سال هئي) پر انڪري نه ته ڪنهن ڊاڪٽر يا دوست کيس جهليو هو يا سندس صحت خراب ٿيڻ لڳي هئي پر ان جا ٻيا سبب هئا. چارلس: ٻيا سبب چئي ڳالهه نٽائي ويو ۽ ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به شراب ترڪ ڪرڻ جو سبب نٿي ٻڌايائين. نيٺ هڪڙي ڏينهن منهنجي گهڻي زور ڀرڻ تي قصو هن طرح شروع ڪيائين:
    منهنجي هڪ دوست جي گرل فرينڊ آهي ڪئٿي (Cathy) جيڪا بيحد خوبصورت ۽ چنچل آهي پر مان سندس عزت ڪندو آهيان ڇو ته هوءَ منهنجي پياري دوست جي گرل فرينڊ آهي. هڪ دفعي دوست مون کي ڪلب وٺي ويا. مان هڪ پيگ کان وڌيڪ نه پيئندو آهيان، لاچار ٻه پيگ پر ان کان وڌيڪ هرگز نه. پر ان ڏينهن دوستن مون کي زبردستيءَ سان ست-اٺ پيگ پياريا ۽ مان بلڪل مدهوش ٿي ويس. ڊرائيو به نه پئي ڪري سگهيس، انڪري دوست پنهنجي گاڏيءَ ۾ مون کي پنهنجي اپارٽمينٽ تي ڇڏي ويا. مان بستري ۾ گِهڙي ويس. اُن وقت منهنجي ڪيفيت ۾ عجيب وحشيپڻو داخل ٿي ويو هو ۽ شدت سان پنهنجي گرل فرينڊ جي ڪمي پئي محسوس ڪيم. کيس ٽيليفون ڪيم، موجود ڪانه هئي. سندس سڀ ٿاڪ ٿاڻا جاچيم هر جڳهه تي ٽيليفون کڙڪايم، پر ڪٿي به ڪانه ملي (تڏهن آمريڪا ۾ به اڃا موبائيل فون ڪونه هئا) هڪ ٻي گرل فرينڊ کي ياد ڪيم جنهن سان دوستي ڦٽائي چُڪو هئس ۽ ڪا اميد ڪانه هئي ته ايندي پر اها به پنهنجي گهر موجود ڪانه هئي. ٻي ڪا به ڇوڪري ذهن ۾ ڪانه آئي. نيٺ منهنجي پياري دوست جي گرل فرينڊ ڪئٿيءَ کي ٽيليفون ڪيم. اتفاق سان هوءَ ٽيليفون تي موجود هئي، کيس چيم: ”تو ۾ ضروري ڪم اٿم جلدي مون وٽ پهچي وڃ“. ڪئٿي کي مون تي ڪنهن به قسم جي شڪ ڪرڻ جو سوال ئي ڪو نه هو ڇو ته ڪيئي ڀيرا پنهنجي بواءِ فرينڊ ۽ منهنجي پياري دوست ڊيورنڊ (Duarand) سان گڏ توڙي علحدگي ۾ مون سان ملي چڪي هئي. ڪڏهن ڪئٿي ۽ ڊيورنڊ پاڻ ۾ ناراض ٿيندا هئا ته مان وڃي ٻنهي جي وچ ۾ صلح صفائي ڪرائي ايندو هوس. ڪئٿي سمجهيو ته مان پڪ ڪنهن تڪليف ۾ آهيان يا ڪنهن مدد جي ضرورت اٿم سو فورن هلي آئي. کيس چيم: ”ڪئٿي اڄ مون کي تنهنجي ضرورت بستري ۾ پئجي وئي آهي“. ڪئٿي ڇِرڪ ڀريو، وائڙي ٿي ويئي ۽ چيائين: ”شرم ڪر، اڄ ڇا ٿيو اٿئي!“ مون سندس ڪجهه به نه ٻُڌي ۽ زبردستيءَ سان کيس بستري تي ڪيرائي ڇڏيم ۽ مون کان رات زياده شراب پيئڻ جي مدهوشيءَ ۾ اهو ڪجهه ٿي ويو جيڪو مون کي هرگز نه ڪرڻ کپندو هو. ٻئي ڏينهن تي جڏهن مان ننڊ مان اُٿيس ۽ بيڊ جي سامهون آئيني ۾ نهاريم ته پهريون دفعو مون کي محسوس ٿيو ڄڻ منهنجي چهري تي نحوست جا تَهه چڙهي ويا هجن، ۽ نِدامت ۽ شرمندگيءَ جي لعنت منهنجي چهري تي وسي رهي هئي. ڪئٿي صبح جو 11 وڳي پاڻ ٽيليفون ڪيو. مون سندس آواز سُڃاتو ۽ ٽيليفون تي مون کان اکر به نه اُڪليو ته پاڻ چيائين: ”رات وحشي ۽ درندو ٿي ويو هئين پر مون کي يقين آهي ته هاڻي جڏهن نشو لٿو اٿئي ته سخت نِدامت ٿيندي هوندئي. هاڻي ڳالهه ٻُڌ، جيڪي ڪجهه به رات ٿيو مان ڊيورنڊ کان ڪجهه به لڪائي نه سگهنديس، کيس سڀ ڪجهه ٻڌائينديس. جيڪڏهن اُن توکي معاف ڪيو ته مان به توکي معاف ڪري ڇڏينديس، ڇو ته مون کي يقين آهي ته تون اسان ٻنهي جو سٺو، مخلص ۽ پيارو دوست آهين. پر ڊارلنگ اڳتي لاءِ ايتري گهڻي نه پيئندو ڪر“. ڪئٿي پنهنجو بيان ختم ڪيو ته مون کي ٿوري جرئت ٿي ڳالهائڻ جي. مون ڪئٿيءَ کي چيو: ”ڪئٿي! اڄ کانپوءِ مان شراب نه پيئندس“. قصو ختم ڪري چارلس ڏاڍو جذباتي ٿي ويو ۽ ٻه منٽ کن ڳالهائي نه سگهيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ چيائين: ”عنايت، مان ڪئٿيءَ سان ڪيل وعدي تي گذريل ستن سالن کان وٺي قائم آهيان ۽ مرڻ تائين قائم رهندس“.
    مون پڇيومانس: ”ڀلا ڪئٿي ۽ ڊيورنڊ پاڻ به پيئندا ته هوندا، پوءِ اُنهن جي ڪمپنيءَ ۾ پيئڻو ته پئجي ويندو هوندئي؟“ وراڻيائين ته: ”بلڪل پيئندا آهن، مون کي به پيئڻ لاءِ ڏاڍو زور ڪندا آهن پر مان پنهنجي اٽل ارادي تي قائم آهيان“.
    ڊيورنڊ مون کي چوندو آهي ته: ”مون ته ان حادثي کي وساري ڇڏيو آهي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪو نه هو. ان ڪري تون به ضِد کي ڇڏي وري پيئڻ شروع ڪر“، پر مان نه پيئندو آهيان ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڊيورنڊ ۽ ڪئٿي، جن جي شادي به ٿي چُڪي آهي ۽ هڪڙو ٻار به اٿن، اڃا تائين منهنجا بهترين دوست آهن.
    مان چارلس جي جذباتي انداز ۾ بيان ڪيل داستان تي حيران ٿي ويس ۽ ويچار ڪيم ته سندس سوچ سندس نِدامت جو احساس ۽ نِدامت جي احساس کانپوءِ شراب کي ڇڏي ڏيڻ جو سچو عمل، اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي فقط مشرقي ملڪن ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون، مغربي ماڻهن جو اهڙن پاڪ ۽ شفاف احساسن سان ڪهڙو واسطو؟ سچ ته اهو آهي ته مشرق ۾ به جڏهن پنهنجي ئي ماحول ۽ معاشري تي نظر ڪجي ٿي ته اهڙو احساس ۽ اهڙو عمل جنهن جو مظاهرو چارلس هن دور ۾ ڪيو آهي، مان نٿو سمجهان ته پنهنجي معاشري جي ڪنهن ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڪو شخص ائين ڪري سگهي ٿو. پر نه مان ڀُليل آهيان. مون کي يقين آهي ته اسان وٽ به ڪَل جُڳ جا ڪاپڙي اڃا تائين موجود آهن. بدي پنهنجي اوج تي ئي سهي، پر ڪٿي ڪٿي نيڪيءَ ۽ چڱائيءَ جي ڪارنامن جي ڪري انسانيت مان ويساهه اڃا ويو نه آهي. چارلس اڃا ويٺو ئي هو ته دروازو کڙڪيو، پڪ ٿيم ته لارا هوندي، ڇو ته اڄ اچڻ جو ٽائيم ڏنو هئائين. لارا جي ايندي ئي چارلس اٿيو ته لارا کيس مُرڪي چيو: Bad manners (مطلب ته منهنجي اچڻ شرط تنهنجو وڃڻ مون کي خراب لڳو). ته ويچاري چارلس پنهنجي پوزيشن جي وضاحت ڪندي چيو: ”مان ڪافي اڳ هليو وڃان ها پر عنايت اڄ دل جا چاڪ چوري ڇڏيا. اندر جي خاموش ساز کي ڇيڙي ڇڏيو تنهن پئي هن وقت تائين سُر ڪڍيا نه ته مون کي ڪافي اڳ وڃڻ کپندو هو. پليز دل ۾ نه ڪجانءِ. ٽاٽا“. چارلس هليو ويو ۽ هاڻي لارا منهنجي ڪڍ پئجي ويئي ته: ڇا ڳالهه هئي، اڄ چارلس ڪجهه جذباتي، ڪجهه وڌيڪ گنڀير ۽ سيريس ٿي لڳو.
    مون لارا کي سڄي ڳالهه سربستي ڪري ٻُڌائي ۽ ٻيهر پنهنجي تعجب جو اظهار ڪيم ۽ هيڪاري وڌيڪ حيرت تڏهن ٿيم جو لارا ان ڳالهه کان ڪا خاص متاثر ڪانه ٿي سواءِ ان جي ته چارلس طرفان شراب ڇڏڻ تي البت کيس داد ڏنائين. لارا اهڙين ڳالهين تي وڌيڪ روشني وجهندي ٻڌايو ته آمريڪن سوسائٽي ۾ ان ڳالهه کي بيحد خراب ۽ بداخلاقيءَ ۾ شمار ڪيو ويندو آهي جي هڪ دوست ٻئي دوست جي گرل فرينڊ تي بُري نگاهه رکي. پر ضروري ناهي ته سڀ دوست ان اصول جا پڪا ۽ پابند هجن. ڪيترائي ماڻهو دوستي ۾ گڙٻڙ ڪري وجهندا آهن ۽ پوءِ دوستي خودبخود ختم ٿي ويندي آهي. لارا کي چيم: مطلب ته زر ۽ زمين سان گڏ زَن فتني ۽ فساد جو مُنڍ آهن. ڪيترائي مرد مارجي ويا. جُهڳا نيست نابود ٿي ويا. خاندان تباهه ٿي ويا، تخت تاراج ٿي ويا، بادشاهيون برباد ٿي ويون، وڏو سبب عورت، سندس ادائون، ناز نخرا، دلفريبيون ۽..... منهنجي گفتگو جاري هئي ته لارا فورن وچ ۾ ڪاهي پيئي ۽ سخت لهجي ۾ چيائين: مرد ڪيڏو به شريف هجي پر عورت جي مقابلي ۾ الائي ڪيترا حصا وڌيڪ ڪميڻو ۽ ذليل هوندو. چارلس جو ئي مثال وٺ جنهن جي ڳالهه هاڻي تو ٻُڌائي. ويچاري ڪئٿيءَ جي وهم گمان ۾ ئي نه هوندو ته سندس جو گهرو دوست، پرائي پُونجيءَ ۾ گهوٻي هڻندو. جڏهن لارا کي سيريس ٿيندي ڏٺم ته کيس موڊ ۾ آڻڻ لاءِ ڳالهه کڻي مٽايم ۽ ويرم ئي ڪانه لڳي جو لارا جي منهن تي وري موهيندڙ مُرڪ موٽي آئي. سندس چَپ چُريا ۽ ٻيهر مٺڙو ٻولڻ لڳا. ساڳيو ميٺاج، ساڳي سُٺائي ۽ ساڳيو جڳ مڳ ۽ چاهت تي راغب ڪندڙ چهرو منهنجي سامهون هو. ڳراٽڙيون پائي منهنجي وجود ۾ پيهجي ويئي. سندس پريم جي پچار ۽ قربن جي ڪٿ ڪري ان کي بيان ڪرڻ منهنجي وَس ۾ نه آهي ۽ هتي ان من موهيندڙ ڪيفيت ۽ واردات بابت نه ڪجهه لکي ٿو سگهجي ۽ نه وري سندس محبت جو مُلهه ۽ مَٽ دنيا ۾ ٻي ڪا به شيءِ آهي. پاوَر، پئسو، ٺٺ ٺانگر، دولت ۽ دٻدٻو اهي سڀ اهڙيون ته هَچائون آهن جو دل جو سُڪون ۽ قلب جو قرار کسي ماڻهوءَ کي روحاني طرح يتيم ۽ مفلس بڻائي ڇڏين ٿيون. پر پيار ۽ پريت جا چند لمحا به ايڏا ته ڀرپور ۽ زندگي ڏيندڙ ٿين ٿا جو ساهه ۽ سَرير ۾ سرور، لطف ۽ لذت جي بي انت جوت جاڳي پوي ٿي ۽ تن من ۽ جيوَن جرڪي پون ٿا.
    لارا جي قربن ڀري ڪچهري ۽ ويجهڙائپ واري آسيس مان اُٿڻ تان روح نٿي ٿيو، پر ٻنهي کي ٺيڪ ستين وڳي مئرئٽ هوٽل تي پهچڻو هو. لارا کي جڏهن ياد ڏياريم ته ستين وڳي هوٽل تي پهچڻو آهي ته صفا ڄڻ ڇِرڪ ڀري اُٿي. تڙ تڪڙ ۾ ٻيئي پنهنجو هوٽل ڇڏي، مئرئٽ هوٽل پهتاسون. پاڪستان هجي ها ته ستين وڳي وارو فنڪشن ساڍي نوين-ڏهين وڳين شروع ٿئي ها پر هتي ستين وڳي معنيٰ ٺيڪ ستين وڳي فنڪشن شروع ٿي چُڪو هو. اسان ويهه منٽ دير سان پهتاسون. اڳيان سڀئي سيٽون والارجي چُڪيون هيون، تنهنڪري پويان وڃي ويٺاسون. اڄوڪي فنڪشن ۾ براڊڪاسٽنگ جي باري ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي چوٽيءَ جي براڊڪاسٽرس جون تقريرون هيون. مکيه عنوان هو: ”اليڪٽرانڪ ميڊيا جي چٽاڀيٽيءَ ۾ ريڊيو جو ڪردار“. تمام دلچسپ ۽ معلوماتي ليڪچر ٻُڌاسين. ليڪچر به اسان جي ملڪن کان بلڪل مختلف. اسان جي ملڪ ۾ اهڙين ڪانفرنسن ۾ اچي ڪو صاحب تقرير ۾ ڇُٽندو ته تيستائين ڪاغذن منجهان مُنهن نه ڪڍندو جيستائين وڃي مقالو پورو ڪري. توڙي کڻي ماڻهو بيزار ٿين يا مُنهن مٿو پِٽين پر مقالو توڙي جو شيطان جي آنڊي جيترو ڊگهو هوندو تڏهن به پڙهي پورو ضرور ڪبو. پر هتي ڪجهه تقرير ته ڪجهه وري ماڻهن سان مخاطب ٿي تقرير جي وچ ۾ ئي چرچا گهٻا، وري تقرير شروع، پر انداز اهڙو جو ستن براڊڪاسٽرس جي تقريرن ٻُڌڻ کانپوءِ به اسان بور نه ٿياسين. رات جي نوين وڳي تائين تقريرن جو دور هليو پوءِ ڊنر شروع ٿي ۽ يارهين وڳي تائين پنهنجن دوستن سان ڊنر ۾ ڳالهائيندا ٻولهائيندا رهياسين ۽ خوب مزو آيو.
    ريڊيو-86 جي ڪنوينشن ۾ خاص طرح ڪمرشل ريڊيو اسٽيشنن جي طرفان ايڏا ته خوبصورت اسٽال لڳايا ويا هئا جو ماڻهو ڏسي اچرج ۾ پئجيو ٿي ويو. هزارن جي تعداد ۾ اسٽالن تي طرحين طرحين تحفا (Souvenirs) موجود هئا. اسان رڳو ڪنهن به اسٽال تي وڃي ٿي بيٺاسين ته اسان جو آڌرڀاءُ پهريون ته مٺڙي مُرڪ سان ٿي ٿيو ۽ پوءِ تحفن ڏيڻ سان. سڀني تحفن تي هر هڪ ريڊيو اسٽيشن جو نالو ۽ ائڊريس لکيل هئي. منهنجي وطن واپسيءَ وقت منهنجي سامان جو وزن گهڻو ڪري ريڊيو-86 جي ڪنوينشن جي موقعي تي وصول ڪيل تحفن جي ڪري گهڻو وڌي ويو هو. تحفا ننڍڙا ننڍڙا ئي سهي، پر ايترا ته انوکا ۽ خوبصورت هئا جو انهن کي ڇڏڻ نٿي چاهيم.
    آمريڪا جي براڊڪاسٽرس کي جڏهن اسان اهو ٻڌايو ته اسان جون اسٽيشنون ڪمرشل نه آهن، بس ٿورو ڪي گهڻو ڪمائي وٺندا آهيون ته کين حيرت وٺي ويئي. چيائون: ”توهان جا ملڪ اڳيئي غريب، ويتر اوهان جو بار به جيڪڏهن حڪومت جي مٿان هجي ته پوءِ اسٽيٽ جو گاڏو ڪيئن گِڙڪندو؟“ اسان کي ڪمرشل اسٽيشنن جي مئنيجرن ٻڌايو ته هو فقط پنهنجي پاڻ تي ڀاڙين ٿا، پنهنجا خرچ پکا ڪڍي به هزارين ڊالر هر مهيني بچائي وٺن ٿا. آمريڪا ۾ ريڊيو اسٽيشنن جي وچ ۾ پئسن ڪمائڻ جي سلسلي ۾ مقابلو هلي ٿو. بس جنهن به اسٽيشن کي بهترين ايم-سي (Master of Ceremony) ملي ويو ته سمجهو ته ان جا پئون ٻارهن ٿي ويا. ايم-سي کي ٻُڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو آتا هوندا آهن ۽ اُهو جنهن به شيءِ جي مشهوري ڪندو ته اُها شيءِ فورن وڪامي ويندي. هن سلسلي ۾ مان واشنگٽن واري باب ۾ گهڻو ڪجهه لکي آيو آهيان.
    ريڊيو-86 جي ڪنوينشن ۾ سڄي آمريڪا کان آيل براڊڪاسٽرس جو ايڏو ته سهڻو ميلو متل هو جنهن ۾ ڪافي ڪجهه هڪ ٻئي کان پرايوسين، سکيوسين ۽ براڊڪاسٽنگ متعلق نين ڳالهين ٻُڌڻ، نون تجربن پِرائڻ ۽ جديد طور طريقن (New trends in broadcasting) کان واقف ٿياسين. اسان کي جيڪي ريڊيو-86 جا بئج لڳايا ويا هئا انهن ته صفا سونَ تي سهاڳ جو ڪم ڏنو. اسان اهي بئج نه رڳو ڪنوينشن جي اجلاسن ۾ ٿي پاتا پر شهر گهمڻ وقت به بئج اسان جي کيسن کي چُهٽيا پيا هئا. ان مان ڪيترائي فائدا هئا. هڪ ته شهر جون ڳليون ۽ گهٽيون گهمندي جيڪڏهن ڪو بئج لڳل ساٿي سامهون ٿي آيو ته لڙي ڪري به آڌرڀاءُ اچي ٿي ڪيائين ۽ اهو پهريون آڌرڀاءُ ئي ڄڻ چڱي ڀلي دوستيءَ ۾ بدلجي ٿي ويو. مثال طور گڏجي گهمڻ، هوٽل يا ڪلبن ۾ گڏجي سئر تفريح ڪرڻ وغيره.
    ٻيو ته ريڊيو-86 جي ڪنوينشن جو نيو آرلينس ۾ ايترو ته غوغاءُ متل هو جو ڪڏهن ڪڏهن نيو آرلينس جا چڱا خاصا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به، اسان کي بئج لڳل ڏسي اسان ڏي وڌي پئي آيا ۽ نماڻو ٿيندي اسان کي ايلاز ٿي ڪيائون ته: پليز! اسان کي به ريڊيو-86 جي فنڪشن لاءِ پاس هٿ ڪري ڏيو. انهيءَ لحاظ سان اسين پرديسي، ديسين کان به ڄڻ وڌيڪ معتبر ۽ مانائتا ٿي ويا هئاسين.
    ذاتي طرح منهنجي لاءِ ته چارلس ۽ لارا سان واقفيت، دوستي ۽ ويجهڙائپ سبب نيو آرلينس ۾ منهنجا پنج ڏينهن تمام سهڻا سٺا ۽ سجايا رهيا. اسان کي مغربي ملڪن جي ماڻهن لاءِ تمام گهڻي غلط فهمي رهي ٿي ته دوستي ۽ وفاداري جي جذبن کان ناآشنا آهن ۽ اسان وارن مشرقي قدرن کان تمام پري آهن. اهو صحيح آهي ته اسان جي ۽ مغربي ماڻهن جي قدرن، رواجن، رسمن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي پر مون ڪيترا ڀيرا محسوس ڪيو آهي ته انسانن جي اندر جيڪا دل ڌڙڪي ٿي، ان ۾ پيار ۽ محبت جا جذبا بلڪل ساڳيا آهن ان ۾ ڪو به فرق ڪونه آهي. محبت جي اووَر ڊوز ملڻ تي جيڪڏهن مشرقي عورت جي دل تڙپي پوي ٿي ته مغربي مرد ۽ مغربي عورت به محبت جي مانڊاڻ ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪندا ئي رهن ٿا.
    چارلس بينٽ جو قصو جيڪو اوهان گذريل صفحن ۾ پڙهي چُڪا آهيو ايترو ته مثالي آهي جو اهڙو مثال شايد اسان مشرقي ماڻهن وٽ به نه ملندو. لارا ايتري ته سٺي سُلڇڻي ۽ ڪمال جي ڇوڪري آهي جنهن ۾ عام مغربي ڇوڪرين جي ڪا به بوءِ باس ڪانه آهي. سندس بواءِ فرينڊ کي بيحد ڀاڳن وارو ڀانيان ٿو جنهن سان لارا ڪجهه مهينا اڳ شادي ڪري چُڪي آهي ۽ خط لکي ٻڌايو اٿائين ته جوڙي پاڻ ۾ ڪيڏي ۽ ڪيتري نه خوش ۽ شاد آباد آهي. خط ۾ اهو به ٻڌايو اٿائين ته پنهنجي جيون ساٿي کي منهنجي متعلق سڀ ڪجهه ٻڌائي چُڪي آهي ۽ اهو پڻ لکيو اٿائين ته چند مهينن ۾ شايد پاڪستان اچي منهنجا مهمان بڻجن. لطيف بادشاهه پيو ياد اچي: ”الا اچن اوءِ جن آئي مَن سَرهو ٿئي“.


    مِسيسيپي نديءَ جو سئر

    Mississipi River Cruise
    13 سيپٽمبر تي صبح جو 11 وڳي اسان سڀئي دوست مِسيسيپي نديءَ جي سئر تي نڪتاسون. لارا ۽ چارلس به مون سان گڏ هئا. مون سندن بيحد ٿورا مڃيا جو هر وقت پنهنجي گروپ کي ڇڏي مون وٽ اچي ڪچهريون ڪندا هئا ۽ گهمندا ڦرندا هئا ۽ اڄ به مون سان گڏ هئا. ڏاڍا چرچا گهٻا، ڀوڳ ٺڪاءَ، ڊاڙون ٻٽاڪون هڻندا رهياسون. مِسيسيپي جي اڄوڪي سئر جي باري ۾ ڪا به خاص ڳالهه ڪانهي جيڪا لکجي سواءِ ان جي ته ڏاڍا مسرور ٿياسين جو سڀئي دوست گڏ هئاسون. جهاز تمام وڏو هو جنهن ۾ اندازي موجب چار سئو کن ماڻهو هئا. ندي تمام وڏي ۽ ويڪري آهي، اسان جي سنڌوءَ کان به تمام گهڻي ڪُشادي. چار ميل کن پري تائين وياسين ۽ اسان کي مختلف جايون ڏيکاريون ويون ته ٻاهرين ملڪن جا تمام وڏي ۾ وڏا جهاز ڪٿي لنگر ڪندا آهن، وچولا جهاز ڪٿي بيهندا آهن ته وري ننڍن جهازن کي ڪٿي بيهاريو ويندو آهي. ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ ساڳي جڳهه تي موٽي آياسين جتان اسان جهاز ۾ سوار ٿياسون. ان جي ڀر ۾ جئڪسن اسڪوائر ۽ جئڪسن شراب ٺاهڻ جو گُتو آهن. هي علائقو ڪافي خوبصورت آهي جتي عاليشان اسٽور، شراب خانا ۽ خوبصورت ڪلبون ۽ جئز ميوزڪ جا وڏا وڏا مرڪز آهن. فرينچ ڪوارٽر بوربن اسٽريٽ کان شروع ٿئي ٿو ۽ جئڪسن اسڪوائر جي حدن تائين وڃي ٿو پهچي.


    نيو آرلينس کان ڊَلَس (ٽيڪسَس)

    New Olreans to Dallas (Texas)
    14 سيپٽمبر تي صبح جو بستري مان اٿيس ته طبيعت تي ملال ۽ مونجهه جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. ڪا ڳالهه نٿي وڻي، خاص طرح اها ڳالهه ته هاڻي بس ٿوريءَ دير کانپوءِ نيو آرلينس ڇڏڻ ۽ چارلس ۽ لارا کان پري ٿيڻ وارو آهيان. انڪري اڄ پنهنجو بيحد برو حال هو. چارلس ڪالهه ئي خدا حافظ چئي ڇڏيو هو جو کيس اڄ واپس ورڻو هو. لارا صبح جو ساڍي ستين وڳي هوٽل تي پهچي ويئي.
    ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط چيو هئائين ته: ”مان فقط توکي کلائڻ آئي آهيان جو ڪالهه کان محسوس پيو ٿئيم ته تون مزي ۾ نه پيو لڳين“. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي. چيائين: ”سڀاڻي مان هتان رواني ٿي وينديس ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ تنهنجي ساٿ کان پاڻ کي پري هجڻ جو احساس مون کي ڏاڍو ڏکوئيندو، ڏنڀيندو ۽ ڏنگيندو رهندو. مان گذريل رات کان پاڻ کي ويڳاڻو محسوس ڪري رهي آهيان. سڄي رات ننڊ به نه آئي اٿم. انڪري سوير ئي تو وٽ پهچي ويئي آهيان ته وڃڻ کان اڳ پاڻ کي به موڊ ۾ آڻيان ته توکي به“.
    مون کي کلائڻ جي ڪوشش ۾ لارا جي ڪٽورن نيڻن مان اوچتو ڳوڙها ڳڙي پيا، جن کي مون پنهنجي وجود ۾ جذب ڪري ڇڏيو. منهنجي حالت به لارا کان مختلف نه هئي. ”ٽم ٽم نيڻ ٽمن“ واري ڪيفيت هئي. چند لمحن کان پوءِ ٻيئي وڇوڙي جي غم ۾ غلطان ٿي رهيا هئاسين. ڳراٽڙيون پائي هڪ ٻئي جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها پنهنجن چپن سان جذب ڪري رهيا هئاسين. اوچتو ٽيليفون جي گھنٽي وڳي ۽ آپريٽر ٻڌايو ته ٻنهي جي گاڏي اچي ويئي هئي. مون کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لاءِ لارا گاڏي تائين خداحافظ چوڻ آئي ۽ تيستائين مون کي هٿ لوڏي باءِ باءِ چوندي رهي جيستائين گاڏي ڪافي پنڌ تائين پري وڃي چُڪي هئي. سائوٿ ويسٽ ايئرلائينز جي فلائيٽ جيڪا صبح جو سوا ڏهين اُڏاڻي پوري هڪ ڪلاڪ کانپوءِ اچي ڊَلس لَوَ فيلڊ ايئرپورٽ (Dallas Love Field Airport) تي سوا يارهين وڳي ڇڏيائين. ڊائون ٽائون کان ڪافي پري اسان کي هوٽل هِلٽن ان (Hilton Inn) ۾ رهايو ويو جيڪو بيحد خوبصورت هوٽل آهي. هي هوٽل (Mocking Bird Boulevard) جيڪو هتان جو مشهور واپاري علائقو آهي، جي بلڪل ويجهو آهي. ڊائون ٽائون (يعني ڪمرشل علائقو جتي شاپنگ سينٽر ڪامپليڪس ۽ اسٽور هوندا آهن) پري هئڻ سبب ڊلس شهر وڃڻ مشڪل ٿي پيو. نيٺ منهنجي بنگلاديشي دوست مبارڪ حسين خان، مان ۽ ٻن ٻين دوستن گرين ول (Green Ville) ڳولي ڪڍيو جيڪو اسان جي هوٽل کان ٻه ميل کن پري هو. هتي روز پنڌ ڪري رات جي ماني کائڻ ايندا هئاسين ۽ وري گهمندا گهمندا هوٽل تي موٽندا هئاسين.
    موسم جي لحاظ سان ڊلس ۾ نيو آرلينس جي مقابلي ۾ ڪافي خوشگوار موسم هئي، توڙي جو گرمي هتي به هئي پر نيو آرلينس کان گهڻي گهٽ. ڊَلس جي اوسي پاسي سمنڊ جو نالو نشان ئي ڪونهي تنهنڪري هتان جا ماڻهو ڪڏهن اُٻاڻڪائي مان ته ڪڏهن وڏي فخر مان چوندا آهن ته: ڏسو توڙي جو اسان وٽ سمنڊ ڪونهي ته به جيئرا آهيون ۽ انهن علائقن کان به وڌيڪ سکيا ستابا آهيون جتي جتي شهر سمنڊن جي ڪنارن تي آباد آهن. مون هتي محسوس ڪيو ته ڊَلس شهر توڙي ٽيڪسَس اسٽيٽ جا رهواسي پنهنجي علائقي سان جُنون جي حد تائين پيار ڪن ٿا، اهوئي سبب آهي جو ڊَلس شهر جو نالو اڪثر ڪري رُڳو ڊَلس نه وٺندا آهن پر چوندا آهن ته: ڊَلَس ٽيڪسَس ۾ هينئن هوندو آهي يا ڊَلَس ٽيڪسَس هڪ خوبصورت شهر آهي، وغيره.
    ٻئي ڏينهن يعني 15 سيپٽمبر تي صبح جو ٻه ريڊيو اسٽيشنون ۽ هڪ ٽيليويزن اسٽيشن ڏٺيسون. تمام ننڍيون ننڍيون پر خوبصورت اسٽيشنون هيون. هتي به واشنگٽن ڊي سي وارو معاملو هو يعني ريڊيو اسٽيشن جي پهچ وڌ ۾ وڌ ڏهن کان پندرهن ميلن جي دائري (Radius) تائين محدود پر ان محدود علائقي ۾ هنن اسٽيشنن جي بيحد مقبوليت آهي.


    جتي جان.ايف.ڪينيڊيءَ کي قتل ڪيو ويو

    ريڊيو ٽي وي اسٽيشن جي گهمڻ کانپوءِ اسان ان جڳهه تي وياسون جتي آمريڪا جي مقبول ۽ محبوب صدر جان.ايف.ڪينيڊي (John F Kennedy) کي هڪ منحوس ماڻهو لِي هاروي اوسوالڊ (Lee Harvey Oswald) گولين جو نشانو بڻائي ماري ڇڏيو. هن ڪُڌي ڪم ڪرڻ تي قادر مطلق کي به شايد ڪاوڙ آئي جنهن ڪينيڊيءَ جي قاتل کي به ٿوري ئي عرصي کانپوءِ جئڪ ربي(Jack Ruby) جي هٿان تهس نهس ڪرائي ڇڏيو.
    ذاتي طرح مان آمريڪي مقتول صدر جان.ايف.ڪينيڊيءَ جو گهڻو مداح رهيو آهيان. شخصيت پرست آهيان تنهنڪري ڪي ڪي ماڻهو وڻي ويندا آهن ته بس هميشه دل ۾ گهر ڪري ويهي رهندا آهن.
    جان.ايف.ڪينيڊي کي فقط انڪري قتل ڪيو ويو ته هو ابراهم لنڪن جيان نسلي امتياز جي خلاف هو. لنڪن ۽ ڪينيڊي ٻيئي نسل پرست ۽ انتها پسند گورن جي گهري سازش جو نشانو بڻجي قتل ٿي ويا پر پنهنجي عظمت ۽ انسان دوستي جو ڌاڪو ڄمائي ويا.
    اسان کي اها چار منزله عمارت به ڏيکاري ويئي جنهن جي چوٿين منزل تان لِي هاروي اوسوالڊ، ڪينيڊيءَ کي گولين جو نشانو بڻايو. اُتي ئي جان.ايف.ڪينيڊيءَ جو هڪ يادگار تعمير ڪيو ويو آهي.


    ڊَلَس ۾ والنٽيئر عورتن جي مهمان نوازي

    Home Hospitality & Services of Volunteer Women in Dallas
    ڊَلس ۾ هڪ ڳالهه ڏاڍي وڻي ته هتان جا ماڻهو روايتي طور ڏاڍا ملنسار ۽ ٻاهرين سان دوستي رکڻ ۽ تعلقات قائم ڪرڻ جا خواهشمند رهن ٿا. هن سلسلي ۾ هو مختلف ادارن ۽ ايجنسين سان لهه وچڙ ۾ اچن ٿا ۽ پنهنجون ائڊريسون ڏين ٿا ته جيڪڏهن ڪو ٻاهريون مهمان اچي ته ساڻن رابطو قائم ڪيو وڃي ته جيئن هو سندن گهمائڻ ڦيرائڻ يا کارائڻ پيارڻ جو انتظام ڪري سگهن.


    مسز وانڊا پئرش

    Mrs Wanda Parish
    هڪ ستر ساله ڪُراڙيءَ اسان کي پنهنجي سنگت ۽ دوستيءَ جو شرف بخشيو. پنهنجي وڏي عمر هئڻ سبب ڪجهه وڌيڪ سوشل ۽ کلڻي ٽهڪڻي هئي. ڪاري رنگ جي ڪئڊلڪ گاڏي هلائي اسان جي هوٽل تان اسان کي وٺڻ آئي. ساڳئي وقت ٻه گاڏيون ٻيون به آيون. هڪ وڏي وئن هئي جنهن ۾ ٻارنهن چوڏهن ساٿي ويٺا. هڪ ٻي والنٽيئر عورت لارين به پنهنجي گاڏي ڪاهي آئي. اسان جي پُکي ۾ ڪئڊلڪ گاڏي ته ضرور آئي پر ستر سالن جي وانڊا پئرش جي سنگت به قسمت ۾ لکيل هئي. شروع ۾ ته ڏاڍا اَرها ٿياسين ته ڊَلس ٽيڪسَس ۾ ڪينيڊيءَ جي قتل کانپوءِ هي ٻيو قهر ۽ ڪلُور ڪهڙو پيو ٿئي پر وانڊا ايڏي ته سٺي مائي نڪري پيئي جو ٿوري دير اڳ جيڪا بوريت پنهنجي وجود کي وڪوڙي ويئي هئي سا ختم ٿي ويئي. وانڊا اسان سان اهڙا ته چرچا گهٻا ۽ ڀوڳ ٺڪاءَ شروع ڪيا جو بنهه پوءِ سندس سنگت کي خوب Enjoy ڪرڻ لڳاسين. پراڻو سِٽي پارڪ گهميوسين جيڪو ورهين کان وٺي قائم آهي ۽ هتي شام جو ڪيترائي ماڻهو تفريح طبع خاطر اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهن ٿا ۽ وندر ورونهن ڪن ٿا. قسمين قسمين ۽ رنگ برنگي گُل ۽ هيٺ مٿي طبقن ۾ ڇٻراٽا هن پارڪ جي سونهن ۾ اضافو ڪيون بيٺا آهن.
    انفومارٽ(Infomart) : 15 سيپٽمبر تي وانڊا پئرش ٺيڪ صبح جو ڏهين وڳي اچي هوٽل تي پهتي جتي اسان اڳئي موجود هئاسين. اسان کي اچڻ شرط چيائين ته: ”اڄ اوهان کي ڊَلس جي حيرت انگيز ۽ خوبصورت عمارت گهمائينديس“. اسان جو انتظار وڌي ويو. نيٺ ٿوريءَ دير جي ڊرائيونگ کانپوءِ سامهون هڪ بيحد خوبصورت عمارت نظر آئي. عجيب اتفاق آهي جو مون ۽ يونائيٽيڊ عرب امارات (UAE) جي ماها گارگيش (Maha Gargesh) تقريبن ساڳئي ئي وقت وانڊا سان مخاطب ٿيندي آواز بلند ڪيو ته: ”سامهون نظر ايندڙ بلڊنگ ئي اها حيرت انگيز عمارت ٿي سگهي ٿي جنهن جو اوهان ٿوري دير اڳ ذڪر ڪيو“. Exactly وانڊا وراڻيو: هن عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز طور تي تعمير جي فن جي جديد کان به جديد ترين عمارت جو نالو آهي انفو مارٽ (Infomart). هن عمارت تي انگريزيءَ ۾ هيٺين عبارت لکيل هئي: Infomart: The World’s First Information Processing Market Centre (انفو مارٽ دنيا جو پهريون معلومات فراهم ڪندڙ مارڪيٽ سينٽر)
    هن عظيم الشان بلڊنگ ۾ فن، آرٽ، ثقافت، سائنس، ميوزڪ، وڻج واپار، صنعت، تجارت، تعليم، زراعت، ڪمپيوٽر تي مڪمل معلومات مهيا ڪئي وڃي ٿي. هتي مختلف صنفن ۾ معلوماتي ليڪچر ۽ سيمينار پڻ منعقد ٿيندا رهندا آهن ۽ ڪيترائي فرد توڙي ادارا انفومارٽ جا مستقل ميمبر آهن.
    اسان هن عمارت جو تمام سرسري چڪر لڳايو پوءِ به ٽي ڪلاڪ کن لڳي ويا. هن عمارت جون لفٽون به نئين نموني جون آهن ته اليڪٽرڪ واريون ڏاڪڻيون (Escalators) پڻ. لفٽ ايتري ته تيز هلي ٿي جو فقط اڌ منٽ ۾ اچيو ڇهين ستين منزل تي لاهي، پر مجال آهي جو مٿو ڦري يا ڪو دل ۽ دماغ تي نقصان ڏيندڙ اثر پوي. جڏهن ته اسان جي ڪراچيءَ جي ڪجهه بلڊنگن ۾ به تيز لفٽون ته هلايائون، ايتري تائين جو پهرين جهوٽي سان ئي آخري منزل تي پهچي پيا وڃون، پر پنهنجو دماغ به آخري مرحلن ۾ داخل ٿي پئي ويو. ماڻهن جي ڪنن تي تاڙيون چڙهڻ لڳيون، کين ڀِنواٽيون ٿي آيون ۽ ڪيترائي ماڻهو ته مٿي جي ڦيريءَ جا مريض ٿي پيا. ائين ناهي ته ڪو اهي لفٽون اسان پاڪستانين ٺاهيون هيون، ٺهيون ته برابر ٻاهرين ملڪن ۾ پر اسان کي کين صحيح هلائڻ جو ڍنگ نه آيو.
    اڄ شام جو ليفٽيننٽ ڪرنل (رٽائرڊ) مسٽر ۽ مسز بي سي اووِنس جن جو ٻيو نالو چڪ اينڊري (Lt Col (Retd) Mr & Mrs B C Owens (Chik & Rae) طرفان سندن گهر تي دعوت هئي. هيءَ دعوت آمريڪا جي ڪجهه علائقن جي روايتي مهمان نوازي جو حصو هئي. اسان جي هوٽل کان اندازي موجب ويهه ميل پري هني ڪٽ روڊ (Hunnicut Road) تي سندن گهر هو. اڄوڪي دعوت ۾ سڄا سارا ٽي مهمان ته مسلمان هئا......افعالن جي خبر خدا کي باقي ڪلمو مان به ڀري ڇڏيندو آهيان. ٻه مسلمان ڇوڪريون هيون، هڪ اومان (Oman) جي فتحيا مبارڪ علي ۽ ٻي يونائيٽيڊ عرب امارات (UAE) جي ماها گارگيش، چوٿون دوست ايٿوپيا جو اَتو ڊيمسي عيسائي هو.
    چڪ ۽ ري ٻئي پوڙها آهن اندازي موجب 60 سالن جا ٿيندا، پر پوءِ به ڪافي صحتمند لڳن ٿا. کين ڪو به اولاد ڪونهي، فقط ٻه زال مڙس، چڱي خاصي وڏي گهر ۾ اڪيلا رهن ٿا. جيئن ته کين اولاد ڪو نه آهي تنهنڪري هو اولاد واري حصي وارو پيار به دوستن جي حوالي ڪري ڇڏين ٿا. هتي اچڻ کانپوءِ اسان کي صفا پنهنجائپ واري ويجهڙائپ جو احساس ٿيو.
    ماني کائڻ کان اڳ ڪافي دير تائين ڪچهري ڪئي سون. خاص طرح مختلف علائقن ۾ شادين جا رسم رواج، شاديون ڪهڙي عمر ۾ ٿين ٿيون، گهوٽ ڪنوار جي پنهنجي پسند يا ناپسند کي ڪيترو دخل رهي ٿو، عشق جو شاديون (Love Marriages) ڪامياب رهن ٿيون يا ناڪام. جڏهن عشق جي شادي جي ڳالهه نڪتي ته چڪ چيو ته: ”اسان جي جوڙي، عشق جي ڪامياب شادي جو چٽو مثال توهان جي آڏو آهي. توڙي جو اولاد ڪونهي پوءِ به اسان کي اڪيلائي يا تنهائي جو اونو ڪو نه رهندو آهي. اسان زال مڙس کان وڌيڪ هڪ ٻئي جا دوست ساٿي ۽ همدرد آهيون“. سندن عمريون ڏسي دل ۾ چيم ته: بلڪل ٺيڪ ٿا چئو، هن عمر ۾ هڪ ٻئي جي ساٿي ۽ همدرد هئڻ جو رشتو ئي اوهان کي وڌيڪ سونهي ٿو. سندن گهر ۾ هڪ چِٽڪٻري ٻِلي به هئي جا گهڙي گهڙي اچيو ڄنگهن وٽ کانَهر ڪري. مان ٻلي کي کڻي پنهنجي جهولي ۾ ويهاريو ۽ مٿائنس پيار مان هٿ گهمائڻ شروع ڪيو ته آسيس ملڻ تي دستوري طرح گُهر گُهر ڪري ٻلي منهنجي جهولي ۾ ئي سمهي پيئي. ري مرڪي ڏنو ۽ پڇيائين: ”اوهان به جانورن سان پيار ڪندا آهيو؟“ مون جواب ۾ وراڻيو ته: ”بلڪل پيار ڪندا آهيون پر ٿوري فرق سان“. ري چيو: ”وضاحت ڪندو ته ڪهڙو فرق آهي جانورن لاءِ اسان جي ۽ اوهان جي پيار ۾“. مون چيو: ”ٻلين سان اوهان به پيار ڪريو ٿا ۽ اسان به. وڌيڪ چيومانس ته منهنجي ڌيءَ جو ته ٻلين سان ايترو پيار آهي جو ٻلي گهر ۾ نه هجي ته کيس ماني ئي ڪا نه وڻي. باقي اوهان ڪُتا پاليندا آهيو گهر جي حفاظت ۽ وِندرُ لاءِ ته جيئن هڪ وفادار ساٿي جي حيثيت سان ڏکئي وقت ۾ ڪُتو شايد اوهان جي ڪا مدد ڪري سگهي. پر ان جي ابتڙ اسان ڪُتا پاليندا ۽ تاتيندا آهيون ته جيئن رِڇ ۽ سوئر جي بَڇ ڪرڻ وقت ڪُتو پنهنجا جوهر ڏيکاري سگهي ۽ سوئر جي وَڄَن ۾ چيرجڻ ڦاڙجڻ کان اڳ پنهنجي مالڪ کان پنهنجي بهادريءَ جو داد وٺي سگهي“.اتي چڪ رڙ ڪري چيو ته: ”پليز مسٽر بلوچ معاف ڪجو اهو ته ڏاڍو بي رحميءَ وارو عمل آهي“. اتي ري وچ ۾ ڳالهايو ته: ”ڀلا اوهان پنهنجي حفاظت لاءِ به ڪُتا ڌاريندا هوندو نه؟ انهن سان اوهان جو ڪهڙو ورتاءُ هوندو آهي؟“ وراڻيم ته: ”اهڙن ڪُتن تي اسان جي موچڙن جو زيپٽ هوندو آهي، پر جيئن ته ڪُتي کي خالق خلقيو ئي انڪري آهي ته بُک ڏُک تي به مالڪ جو در نه ڇڏي ۽ وفادار ٿي گهر ۾ رهي، انڪري ويچارو در تي پيو هوندو آهي ۽ پيو مالڪ اڳيان پُڇ لُٽڪائيندو آهي“.
    جڏهن محسوس ڪيم ته چَڪ ۽ ري توڙي منهنجا ٻيا ٽي ساٿي، منهنجن ڳالهين کان ڪجهه مايوس ۽ مغموم نظر آيا تڏهن ڪُتن جي پالڻ بابت ڪجهه مثبت ڳالهيون به ساڻن ڪيم جن جي ٻُڌڻ کانپوءِ هو ڏاڍا خوش ٿيا. کين ٻُڌايم ته ڪيترا ماڻهو شوق وچان ڪُتا پالين ٿا، انهن کي سٺو کارائين پيارين ٿا ۽ پنهنجي گهر جي چوڪيدار طور کين ڪم آڻين ٿا. اهڙن ڪُتن کي انهن جا مالڪ رِڇن ۽ سوئرن سان ويڙهائڻ لاءِ استعمال نٿا ڪن. اهو گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ ٿئي ٿو جتي هڪ ته تعليم گهٽ آهي ٻيو ماڻهن لاءِ راندين وغيره کيڏڻ جو به ڪو انتظام ڪونهي، انڪري هو ڪڏهن ڪڏهن اهڙا تماشا رچائين ٿا جن جي ذريعي جانورن سان بي رحميءَ وارو سلوڪ برابر ٿئي ٿو.
    رات جا يارنهن ٿي ويا هئا ۽ هاڻي ڪافي جو دور هليو. مون ويٺي ويٺي ٻه چار سِٽون لکي ورتيون جيڪي اتي پڙهي ٻُڌايم ۽ سمجهيم ته چڪ ۽ ري کي بيحد گهڻي خوشي پهتي. چيائون: ”اسان کي هونئن ئي توهان سڀني سان ملي ڪري ڏاڍي خوشي پهتي آهي. ويتر پاڪستان کان ته هڪ نوجوان شاعر ۽ اديب جو اسان جي گهر ۾ اچڻ، اسان لاءِ بيحد فخر جي ڳالهه آهي“. انگريزيءَ ۾ منهنجي طرفان لکيل سٽون هن طرح آهن:
    How we all are happy and gay,
    I have no words, what can I say!
    For your prosperity must I pray,
    For ever be happy, Dear Chick & Rae.
    ساڍي يارهين وڳي تائين چڪ ۽ ري سان ڪچهريون ڪري واپس ورياسين ۽ چڪ پنهنجي گاڏي ۾ اسان کي هوٽل تي ڇڏي ويو.
    16 سيپٽمبر تي KPLX ۽ KLIF ريڊيو اسٽيشن جو سئر ڪيوسين جيڪي هڪڙي ئي بلڊنگ ۾ آهن. هنن ريڊيو اسٽيشنن جي باري ۾ ڪا خاص ڳالهه ڪانه آهي جو ٻُڌائجي.
    اڄ شام اسان جي ڊنر ميڪسيڪن ريسٽورنٽ ۾ هئي. ميڪسيڪن کاڌو لڳ ڀڳ اسان جي ڪشميري کاڌي جهڙو ٿئي ٿو، ڏاڍو ذائقيدار ۽ لذيذ. خوب کاڌوسين.
    آمريڪا ۾ ميڪسيڪن ٻولي تهذيب ۽ ثقافت جو تمام گهڻو اثر آهي، ايتري تائين جو ميڪسيڪن لباس به ڪجهه منفرد ۽ مختلف آهي. جڏهن اسان کي کاڌو ڏاڍو وڻيو ته سوچيوسين ته ميڪسيڪو جي ثقافت به سٺي هوندي، ماڻهو به سٺا هوندا پر اِها حسرت دل ۾ رهجي ويئي ته ميڪسيڪو جي ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو.
    اڄ 17 سيپٽمبر هئي ۽ اسان جو ڊَلس ۾ آخري ڏينهن هو. صبح جو 10 وڳين پنهنجي هوٽل جي سامهون ڪيپيٽل بئنڪ بلڊنگ ۾ قائم ڪيل KLIV ريڊيو اسٽيشن گهمڻ وياسين. هن اسٽيشن جو جنرل مئنيجر مسٽر هَنٽ هو جيڪو M.C يا (Master of Ceremony) به پنهنجو پاڻ ئي آهي. ماهر براڊڪاسٽر ۽ چوٽيءَ جو پروفيشنل شخص نظر آيو. اتي ئي خبر پيئي ته سندس اسٽيشن جو چرچو پوري ڊَلس ۾ آهي ۽ تمام گهڻا ماڻهو هن اسٽيشن کي ٻُڌڻ چاهين ٿا، خاص طرح ان وقت جڏهن مسٽر هنٽ مائڪروفون تي ماڻهن سان گفتگو ڪري ٿو. آواز به هجي ۽ وري ڳالهائڻ جو انداز ۽ اسٽائيل به هجي ته اهي ٻيئي خوبيون آمريڪن ريڊيو سسٽم ۾ سونَ تي سهاڳ جو ڪم ڏين ٿيون. مسٽر هنٽ نه رڳو پنهنجي اسٽيشن جو بيحد مقبول آواز آهي پر کيس ڊَلس ۾ ٻين اسٽيشنن طرفان به بُوڪ ڪيو وڃي ٿو. اسان سان ايڏو ته واضح ۽ مدلل نموني ۾ ڳالهايائين جو اسان سڀ کيس ٻُڌي ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي وياسين. هي پهريون براڊڪاسٽر هو جنهن جو آواز اسٽائيل ۽ انداز ايترو ته اثرائتو هو جو دل پئي چيو ته پيو ڳالهائي. جڏهن سندس ڪمري مان نڪتاسين ته منهنجي ٻين سڀني ساٿين جو به ساڳيو خيال هو. اسان جي هڪ ساٿي ڇوڪري، جيڪا ويچاري رنگ جي ڪجهه سانوري هئي پر ڳالهائڻ ۾ ڏاڍي ٺهه پهه هئي، هوٽل ۾ واپس اچڻ وقت هن انڪشاف ڪيو ته: ”اهو ظالم براڊڪاسٽر مون کي ايترو ته وڻيو جو فٽافٽ ان سان جيڪر شادي ڪري ڇڏيان پر خبر ناهي ته نڀاڳو مون کي قبول به ڪندو الائي نه“. ڇوڪريءَ جي ان انڪشاف تي اسان ڏاڍا کلياسين ۽ بعد ۾ کيس خوب چيڙائيندا رهندا هئاسين. ڊَلس ٽيڪسَس ۾ اسان جو آخري پروگرام چائنا جي آرٽ ۽ سائنس ميوزيم جي سئر ڪرڻ جو هو. شام جو پنجين وڳي ميوزيم پهتاسين جنهن ۾ چائنا جي هزارها سال پراڻي تهذيب جا نادر نمونا موجود هئا.
    هزارين سال اڳ ڪپڙي جي اُڻت ۾ ڪتب ايندڙ چَرخا رکيل هئا، مِٽيءَ جا ٿانوَ، ٽامي جا اوزار، پينٽنگس، سُئيءَ سان ڪپڙي تي سنهي ڪم جا نادر نمونا، مطلب ته تمام گهڻو ڪجهه ميوزيم ۾ رکيل هو. چين جا ڏاها دنيا ۾ مشهور آهن، انهن ڏاهن بابت پوءِ جي مصورن جون خوبصورت پينٽنگس به هتي موجود هيون. سائنسي ايجادات جي باري ۾ به ڪيتريون ئي شيون ڏٺيوسين جن جو تفصيل ڳڻائبو ته تمام گهڻو ٿي ويندو.


    گائيڊ تمرينا: حُسن جي ديوي

    اسان جي گائيڊ هڪ نوجوان ڇوڪري هئي اها بذاتِ خود وڏي توجهه جو مرڪز هئي. کيس ڏسي قادر جي قدرت ٿي ياد آئي. خوبصورت ماڻهو ته دنيا ۾ الائي ڪيترا پيا آهن پر هن چهري جي جوڙ ئي نرالي هئي. بس ڇوڪريءَ کي ڏسي ان جي خالق جو دل جي حضور سان اقرار ڪري خوشي ۽ سُڪون پئي محسوس ڪيم. ڇوڪري بيحد حسِين هئي، منجهس بي پناهه ڪشش هئي ۽ وڏي ڳالهه ته سندس چهري ۾ نماڻائيءَ واري جاذبيت، جنهن کي انگريزي ۾ (Grace) چوندا آهن، اٿاهه موجود هئي.
    وڏو ڇِرڪائيندڙ انڪشاف تڏهن ٿيو جڏهن پاڻ ٻڌايائين ته هوءَ بحرين جي آهي ۽ مسلمان گهراڻي سان سندس تعلق آهي. پنهنجو نالو تمرينا ٻڌايائين، اومان جي فتحيا مبارڪ علي کيس چيو ته: ”تون ته پنهنجي نڪري پئينءَ“. کيس فورن جواب ڏنائين: ”اوهان جي مهرباني پر هتي روزانو ڪيترائي مسلمان ملندا اٿم. اهو تقريبن روز جو معمول بنجي ويو آهي“. صفا تاڪ لڳي ويا جو منهنجي ڳالهائڻ يا پاڻ کي مسلمان چورائي تعارف ڪرائڻ جي هاڻي ڪابه گنجائش باقي ڪانه رهي هئي، تنهنڪري مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. چُپڙي ڪيون هن ميوزيم ۾ اهو ڪجهه ڏسندا رهياسون جيڪو ڪجهه اسان جي خوبصورت گائيڊ اسان کي ڏيکاريندي رهي. جڏهن ميوزيم گهمي پورو ڪيوسين ۽ خدا حافظ چئي هلڻ لڳاسين ته سوچيم اهڙي حُسن جي ديويءَ سان منهنجي اليڪ سليڪ نه ٿيڻ وارو اندر جو اوٻر ڪنهن نه ڪنهن طريقي ڪڍي ڇڏيان نه ته اها اوٻر مون کي ئي تنگ ڪندي رهندي. تمرينا کي چيم: ”توڙي جو توهان اسان کي هر شيءِ باقاعدگي سان ڏيکاري پوءِ به مان ڄڻ ڪجهه به چڱيءَ طرح نه ڏسي سگهيس“. حيران ٿيندي پُڇيائين ته: ”اهو وري ڪيئن؟“ وراڻيم: ”گائيڊ جو انتخاب ڪجهه صحيح نه هو، انڪري“. منهنجي اهڙي اڻوڻندڙ ڳالهه ٻُڌي تمرينا صفا وسامي ويئي ۽ مون کان حيرت وچان پڇيائين: ”مون کان ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته ان لاءِ افسوس اٿم“. کيس چيم: ”سچ اهو آهي ته اوهان جي موجودگيءَ ۾ نظرون ڪنهن ٻئي طرف مُڙي ئي نه سگهيون ڇو جو اُهي ته اوهان تي ڄميل هيون“. تمرينا وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ اسان جي گهڻن ساٿين وڏي آواز سان منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪئي. تمرينا گلاب جي گل جيان ٻهڪي پيئي ۽ چيائين ته: ”هڪ سال اڳ تونيشيا کان آيل هڪ شخص به تقريبن توهان وارا لفظ چيا هئا“. مون کيس چيو ته: ”پوءِ اسان کي وڌيڪ اهو به گائيڊ ڪريو ته اسان ان صورتحال ۾ ڇا ڪريون؟“ تمرينا مُرڪندي رهي ۽ سندس مُرڪ سان سندس حُسن ۽ جوڀن وڌيڪ نکريل نظر ٿي آيو. اسان نه چاهيندي به کانئس مُرڪي موڪلايو ۽ کيس خدا حافظ چيو. مون کي ڪيٽس (Keats) جو جڳ مشهور قول ياد پيو ته: “A thing of beauty is a joy for ever” (سُونهن واري شيءِ دائمي خوشيءَ جو باعث هوندي آهي).


    ڊَلَس (ٽيڪسَس) کان لاس ائنجلس

    Dallas (Taxas) to Los Angeles
    اربع جي ڏينهن 17 سيپٽمبر تي شام جو ڇهين وڳي هوٽل ڇڏي ايئرپورٽ پهتاسين جتان پوري اٺين وڳي رات جو هوائي جهاز اُڏاڻو ۽ ٻه ڪلاڪ چاليهن منٽن جي مسلسل اُڏام کانپوءِ اچي لاس ائنجلس انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿاسين.
    ايئرپورٽ تي لهڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ پائلٽ چيو: ”ٿوريءَ دير ۾ اسان لاس ائنجلس انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون، سيٽ بيلٽ ٻَڌو وغيره“. عين اُن وقت لاس ائنجلس شهر جون روشنيون نظر آيون. جڏهن لئنڊ ڪرڻ ۾ اڃا 20 منٽ باقي بچيا هئا ته ان وقت به چوطرف چانڊاڻ هئي، ڄڻ روشنين جو چوڏس چهچٽو هو. لائيٽُن جو هڪ اڻ کُٽ سمنڊ هو جيڪو هرطرف پکڙيل هو. رنگ برنگي روشنيون جهرمر لايون بيٺيون هيون، ڇا ته هن شهر جو رات جو نظارو ۽ خاص طرح (Aerial View) هيو. هونئن ته ڪيئي دفعا جڏهن اسلام آباد کان 7 وڳي واري فلائيٽ ۾ رات جو 9 وڳي ڪراچي پهچبو آهي ته ان وقت به لائيٽن جي چڱي خاصي چانڊاڻ هوندي آهي، پر لاس ائنجلس سان ان جو ڪو مقابلو ڪونهي. ڪراچيءَ جون روشنيون پنجن ستن منٽن ۾ ختم ٿيو وڃن ۽ لاس ائنجلس شهر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ به ايئرپورٽ تي لهڻ وقت اسان کي گهٽ ۾ گهٽ 22 کان 25 منٽ لڳا. ايئرپورٽ به بذات خود تمام گهماگهميءَ وارو ۽ خوبصورت هو.
    لاس ائنجلس ايئرپورٽ کان اسان جي گائيڊ جان لارج ٽيليفون ڪري هوٽل جي ڪنفرميشن ڪرڻ چاهي پر کيس ٻڌايو ويو ته اوهان جي ته بوڪنگ آهي ئي ڪانه. جان لارج هوٽل مئنيجر سان ڏاڍو بحث ڪيو پر کيس کُتو جواب مليو ته براڊڪاسٽنگ گروپ جي ڪا به رزرويشن هوٽل ۾ ٿيل ڪانه هئي. نيٺ ويچاري جان ٻي هوٽل هاليڊي اِن انٽرنيشنل (Holiday Inn International) ۾ ٽيليفون تي ئي بوڪنگ ڪرائي. کيس توڙي اسان سڀني کي ڪافي پريشاني ٿي ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ به هيتري ساري غلط فهمي ڪيئن ٿي سگهي ٿي.
    دراصل اسان کي واشنگٽن ڊي سي ۾ ئي ڇپيل پروگرام ڏنو ويو هو جنهن ۾ مختلف شهرن ۾ انهن هوٽلن جون ائڊريسون ۽ ٽيليفون نمبر درج ٿيل هئا جتي جتي اسان کي رهڻو هو. انڪري مون ته واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪيترن ئي دوستن کي اُهي ٽيليفون نمبر لکرائي ڇڏيا هئا ته فلاڻن ڏينهن ۽ تاريخن تي مان هنن نمبرن تي هنن شهرن ۾ موجود هوندس. دوستن کي اڳواٽ ڏنل ٽيليفون نمبر منهنجي لاءِ ايڏو غنيمت ٿيا جو نيو آرلينس توڙي ڊَلَس ۾ صبح شام دوست پيا ٽيليفون تي ڪچهريون ڪندا هئا، ڪا به بوريت نه ٿيندي هئي، پر لاس ائنجلس ۾ عجيب پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پيو.
    ٿوريءَ دير ۾ هوٽل هاليڊي اِن پهچي وياسين، ۽ اچي ڪمرا بُوڪ ڪراياسين. توڙي جو گروپ جي حساب سان هن هوٽل ۾ به رعايت ته ٿي پر اوتري نه جيتري ٻين شهرن ۾ ٿي هئي. هتي اندازي موجب هڪ رات جو ڪمري جو ڪِرايو رعايت سان 90 ڊالر ڀرڻو پيو جڏهن ته ٻين هوٽلن ۾ 45 کان 55 ڊالر روز ڏيڻا ٿي پيا. اڃا ڪمرا بُوڪ ڪرائي سامان رکيوسين مس ته جان لارج ڪمرن ۾ اچي انفرادي طور هرهڪ کي خوشخبري ٻُڌائي ته هوٽل ڪلارمان، (Claremont) جتي اسان جي شروع ۾ بوڪنگ ٿيل هئي، اتي اسان جي بوڪنگ جي تصديق ٿي ويئي هئي ۽ ان هوٽل واري الائي ڪهڙي غلط فهميءَ هيٺ اڳ جان لارج کي غلط ٻڌايو هو ته ان هوٽل ۾ براڊڪاسٽنگ گروپ جي ڪا به رزرويشن ڪانه هئي. وڌيڪ ٻُڌايائين ته ان هوٽل واري نه رڳو اسان سڀني کي ڪوفت ۽ زحمت ڏيڻ جي کانئس (جان لارج کان) معافي ورتي هئي، پر اسان جيڪو ڪجهه هاليڊي اِن انٽرنيشنل ۾ وڌيڪ بِل ڀريو هو اُهي پئسا به اسان کي موٽائي ڏيڻ لاءِ تيار هو. جان لارج وڌيڪ چيو: ”هينئر جيئن ته ڪمرن ۾ سامان رکي چُڪا آهيون، پئسا به هوٽل واري کي ڏيئي چُڪا آهيون ته بهتر ٿيندو ته رات هتي گذاري صبح جو اُن هوٽل تي هلجي“. سڀني تجويز قبول ڪئي ۽ ٻئي صبح تي ٿڙا کڻي اچي هوٽل (Claremont) تي پهتاسين، جتي هوٽل جي مئنيجر هرهڪ کان ٻيهر نه رڳو معافي ورتي پر اُٽل ۾ اسان مان هر هڪ کي ٽيهه ٽيهه ڊالر به موٽائي ڏنا جيڪي آخري ڏينهن تي اسان جي بل ۾ adjust ڪيا ويا. پنهنجي ڪمري ۾ اچي اسان هوٽل جي مئنيجر کي داد ڏنو ته کيس جَس هجي جو نه رڳو اسان کي تمام گهڻي رعايت تي هوٽل ۾ ڪمرا ڏنائين پر ٻئي هوٽل ۾ وڌيڪ ڀريل پئسا به اسان کي واپس ڪيائين ته جان لارج چيو: ”ان ۾ ئي سندس ڀلائي هئي نه ته اسان کيس ايترو ته بُڇڙو ۽ بدنام ڪريون ها جو سندس ساک کي سخت ڇيهو رسي ها ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن ڏينهن اڳواٽ اسان وٽس بوڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي. جان لارج وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته: ”جيڪڏهن براڊڪاسٽنگ گروپ جنهن جي ائڊوانس بوڪنگ ٿيل هئي، وقت تي نه پهچي ها ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفرميشن سروس (USIS) وارن کي گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو هوٽل کي ڀري ڏيڻو پوي ها“. بهرحال آمريڪا ۾ اچي جيڪو پهريون مونجهارو ٿيو، اهو جلد حل ٿي ويو.
    18 سيپٽمبر تي صبح جو پهرئين پهر ۾ ٻه ريڊيو اسٽيشنون ڏٺيوسين. هڪ اسٽيشن فقط اسپئنش زبان ۾ پنهنجون نشريات جاري رکي ٿي جنهن کي هتي جي محاوري ۾ Hispanic چون ٿا. لاس ائنجلس ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ لکن جي تعداد Hispanic ڳالهائيندڙ رهن ٿا جن لاءِ هتان پروگرام نشر ٿين ٿا.
    اڄ شام جو منهنجي دوست اڪبر شهباز جو ڀاءُ امجد شهباز مون کي هوٽل تان پنهنجي گهر وٺي ويو جيڪو گلئنڊيل (Glandale) جي علائقي ۾ هو. اسان جي هوٽل کان سندس گهر 30 ميلن جي مفاصلي تي هو پر ڇا ته لاس ائنجلس جا روڊ ۽ رستا آهن. ٻه طرفا روڊ ۽ هر طرف چار پنج ڪارون آسانيءَ سان هڪ ئي وقت هلي سگهن ٿيون. 90 کان 100 ميل جي رفتار سان ڪار هلايائين ٿي ۽ مزي سان رستي تي رهاڻيون ڪندا پئي وياسون. نه ڪو ڊرائيونگ جو ٽينشن ۽ نه اهو اونو ته متان ڪو غلط اوورٽيڪنگ ڪري گاڏيءَ جا پرخچا اُڏائي ڇڏي. هرڪو ماڻهو پنهنجي دائري ۾ هلندو رهندو. پر جي ڪنهن کان اوورٽيڪنگ ڪرڻي هوندي ته اسپيڊ کي ٿورو تيز ڪري، باقاعدي مُڙڻ لاءِ ڪافي اڳواٽ انڊيڪيٽر ڏئي پوءِ ان دائري ۾ ايندو جتي وڌيڪ تيز رفتار گاڏين کي هلڻ جي اجازت آهي.
    امجد شهباز جنهن کي آمريڪا ۾ سندس دوست گوگي شهباز (Googie Shahbaz) چوندا آهن. پنهنجي ڀاءُ وانگر دلبر دوست تمام مخلص ۽ سٺو ماڻهو آهي. اسان جي ڀاڄائي ٺيٺ پاڪستاني کاڌا پچايا. ٻوڙ ماني ۽ برياني، ڏاڍو مزو آيو. رات جو يارهين وڳي تائين ڪچهري ڪئي سون. ان کان پوءِ امجد شهباز مون کي هوٽل تي ڇڏي ويو.


    آمريڪا ۾ اسپئنش زبان جي سڀ کان وڏي اسٽيشن

    19 سيپٽمبر تي صبح جو لاس ائنجلس ۾ هالي ووڊ جي بلڪل ويجهو هڪ ريڊيو اسٽيشن ڏٺيسون جيڪا پوري آمريڪا ۾ اسپئنش زبان جي وڏي ۾ وڏي ريڊيو اسٽيشن آهي. هن وقت تائين جيڪي به پرائيويٽ ريڊيو اسٽيشنون ڏٺيون هيوسين، انهن سڀني کان وڏي ۾ وڏي اسٽيشن هئي. هيءَ ريڊيو اسٽيشن اسپئنش ثقافت ۽ زبان جي وڏي خدمت ڪري رهي آهي.
    اسٽيشن جي سيلز ڊائريڪٽر جو ليڪچر ٻُڌوسين ته محسوس ٿيو ته هي يار پڻ هر ان قوم يا قوميت وانگر بيحد جذباتي نظر آيو جيڪي پنهنجي جدا ثقافت زبان ۽ سماجي حيثيت کي مڃرائڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا. اسپيني باشندن جي خوش قسمتي اها آهي جو هو آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ رهن ٿا جتي کين نه رڳو پنهنجي ثقافت ۽ زبان کي وڌائڻ جي پوري پوري آزادي آهي پر کين مڪمل طرح همٿايو پڻ وڃي ٿو.
    هتي اسان جي ملاقات همبرٽو لونا (Humberto Luna) سان ڪرائي ويئي جيڪو صبح جو روز Disc Jockey جي حيثيت ۾ پروگرام ڪري ٿو ۽ لکين ماڻهو نه رڳو کيس باقاعدگيءَ سان ٻُڌن ٿا پر سندس شيدائي به آهن. هن لاءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته اسان جو گروپ خوش قسمت هو جو لُونا جهڙي جڳ مشهور براڊڪاسٽر اسان کي ملاقات جو شرف بخشيو هو، نه ته هتي يعني KTNQ ريڊيو اسٽيشن تي هزارين ماڻهو هر روز پيا ايندا آهن ته همبرٽو سان ملاقات نه ئي سهي، رڳو پري کان سندس جهلڪ ئي ڏسي سگهن.
    لونا جي لاءِ ٻڌايو ويو ته فقط اڌ ڪلاڪ جي Disc Jockey پروگرام جا کانئن 600 ڊالر وٺندو آهي. دل ۾ چيم ته ڪاش اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ اسان جي سڄي مهيني جي پگهار ئي 600 ڊالرن جيتري هجي ته به غنيمت آهي. اسان کي هن ڳالهه تي به حيرت لڳي ته اڄڪلهه جي ٽيليويزن ۽ وي سي آر جي دور ۽ اوج جي باوجود به ريڊيو جو آواز ڪيڏو نه دلفريب ۽ موهيندڙ آهي جو هزارين ماڻهو آمريڪا ۾ ننڍڙين ننڍڙين ذاتي ريڊيو اسٽيشنن جي پروگرامن کي نه رڳو دلچسپيءَ سان ٻُڌن ٿا پر پنهنجي بزنس کي وڌائڻ لاءِ ٽيليويزن کان به وڌيڪ ريڊيو کي پسند ڪن ٿا.
    مون همبرٽو کان پڇيو: ”اسان جي ملڪن ۾ ته ريڊيو جي مقابلي ۾ ٽيليويزن تي ڪمرشلس (Commercials) وڌيڪ هلن ٿا پر هتي ريڊيو تي جيڪڏهن وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٽيليويزن جيترا ته هلن ئي ٿا، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟“ همبرٽو لونا پنهنجي مخصوص اثرائتي ۽ اعتماد واري لهجي ۾ وراڻيو: ”جيئن جيئن ترقي پذير ملڪ ترقي يافته ٿيندا ويندا ۽ انسان، انسانن جي بجاءِ مشينن جو روپ وٺندا ويندا، فرصت ملڻ محال ٿي ويندي ته ريڊيو جو زور خود بخود وڌيڪ ٿيندو ويندو ڇو ته ماڻهو ڪٿي ويهي رهڻ جي نعمت لاءِ پيا سڪندا ۽ هلندي ۽ گهمندي ڦرندي ته فقط ريڊيو کي ئي ٻُڌي سگهبو. اهو ئي سبب آهي جو اسٽيٽس ۾ ريڊيو کي ماڻهو وڌيڪ ٻُڌن ٿا“.
    لاس ائنجلس جي اسپئنش ريڊيو اسٽيشن اسان سڀني کي ڏاڍي وڻي ۽ ڪيترو وقت اسان سڀ دوست هن اسٽيشن جي تعريف جا ڳڻ ڳائيندا رهياسين.


    ارشاد قاضيءَ سان ملاقات

    18 سيپٽمبر تي شام جو ارشاد قاضيءَ کي ٽيليفون تي هيلو ڪيم. ارشاد قاضيءَ جي ٻين سڀني ڀائرن سان چڱي خاصي واقفيت آهي. نسيم ڪوثر صاحبه (ڊاڪٽر نسيم عالماڻي) ته ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ ٻه سال منهنجي ڪلاس فيلو رهي چُڪي آهي. ڀائو ابرار قاضي پڻ انهيءَ زماني ۾ ممتاز ڪاليج ۾ پڙهندو هو پر هڪ يا ٻه سال اسان کان اڳتي هو. ڀائو اشفاق قاضيءَ سان ته ڪافي وقت کان وٺي پڪي پختي دوستي رهي آهي. جيڪڏهن واقفيت نه هئي ته فقط ارشاد قاضيءَ سان. ڀائو ارشاد منهنجي ٽيليفون ڪرڻ تي جيڪو پنهنجائپ وارو Immediate response ڏنو اُن ئي دل موهي ورتي.
    جڏهن ٻڌايومانس ته اسان LA ۾ (لاس ائنجلس کي هتي پورو لاس ائنجلس ڪو به نه چوندو آهي پر فقط ايل-اي LA چوندا آهن) فقط ٽي ڏينهن باقي رهنداسون ته فورن چيائين ته: ”زورآور! پوءِ دير ڇاجي، سڀاڻي مان توهان کي هوٽل تان وٺي ويندس“. اتفاق سان اسان جي پروگرام آرگنائيزر، 19 سيپٽمبر جي شام اسان لاءِ خالي رکي هئي ته جيئن پنهنجي مرضيءَ مطابق گهمي ڦري سگهجي، تنهنڪري ارشاد صاحب سان شام چئين وڳي جو وقت طئه ٿيو.
    شام جو ساڍي چئين وڳي ڀاءُ ارشاد قاضي اچي دروازو کڙڪايو. مهانڊن مان ئي پري کان پڌرو ته اشفاق ۽ ابرار جو ڀاءُ آهي. جي لاس ائنجلس ۾ اچانڪ منهن مقابل ٿئي ها ته به مون کي يقين آهي ته مان بي ڌڙڪ ائين وڃي ٻانهن کان جهليانس ها جيئن ڪيترا سال اڳ ڏاندومل ڪرناڻي لنڊن ۾ جڏهن اوچتو منهنجي سامهون ٿيو هو ته مون کي گهُوري گهُوري فورن سنڌيءَ ۾ چئي ڏنو هئائين ته: ”يَرَ لڳين ته سنڌي ٿو!“ مان به ارشاد کي يقين سان چئي سگهان ها ته: ”يَرَ لڳين ته اشفاق ۽ ابرار جو ڀاءُ ٿو!“
    ارشاد پنهنجي گهر وٺي ويو جيڪو اسان جي هوٽل کان اندازي موجب 30 ميل کن پري هو. جڏهن ارشاد جي گهر پهتاسون ته ارشاد ٻڌايو ته هن علائقي جو نالو Orange County آهي. آرينج جي نالي ٻُڌڻ سان ئي Orange Juice جو تصور اچي ويو ۽ وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو. ارشاد چيو ته: مشهور ڊزي لئنڊ منهنجي گهر جي بلڪل ويجهو آهي. مون کيس ٻڌايو ته: سڀاڻي اسان جي پروگرام ۾ سڄو ڏينهن Disney Land جو سئر ڪرڻ شامل آهي.
    ٿوري دير هتي ترسي پوءِ وري سئر تي نڪتاسين. ڊائون ٽائون ۾ اچي هڪ سٺي هوٽل ۾ ماني کاڌيسون جتي ارشاد سان ڏاڍيون ڳالهيون ٻولهيون ٿيون. مون کي خوشي ٿي ته ارشاد کي سنڌي ادب سان ڪافي دلچسپي هئي ۽ ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن جي باري ۾ پڇيائين ٿي ته ڇا پيا ڪن، ڪجهه ڪن به پيا يا بنهه سُتل آهن، جاڳن ٿا يا ننڊ ۾ آهن وغيره. مون کي خوشي ٿي جو چيائين ته: ”عنايت صاحب، اوهان جي شاعري به وڏي چاهه سان پڙهندو آهيان ۽ پنهنجي دل ۾ اوهان جي تخليقن تي داد به ڏيندو آهيان“. مون کيس وڏو Thank you چيو. ساڳئي وقت اهو به ٻڌايائين ته سندس ڪوشش هوندي آهي ته ڪٿان نه ڪٿان ڪو سنڌي رسالو يا ڪتاب هٿ ڪري پيو پڙهندو آهيان. ڪافي دير تائين ارشاد سان ڪچهريون ٿيون. رات جو ڏيڍ وڳي مون کي هوٽل تي ڇڏي موڪلائي ويو.


    ڊزني لئنڊ: هڪ طلسماتي دنيا

    Disney Land: A Wonder World
    ڊزني لئنڊ جي باري ۾ اهو ڪجهه لکڻ، جيڪو اُتي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسي وائسي ٿو، نه رڳو مشڪل پر تقريبن ناممڪن آهي. هن جڳهه کي انگريزيءَ ۾ Magic land ٿا چون جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ جادونگري چئي سگهجي ٿو.
    مون کي ياد آهي ته جڏهن مان اڃا آمريڪا نه ويو هوس ته اُتي منهنجو پيارو دست ممتاز پنهور رهندو هو ۽ اتفاق سان رهندو به ڪيليفورنيا اسٽيٽ جي شهر لاس ائنجلس ۾ هو، جتي ڊزلي لئنڊ آهي. اُتان خطن جي ذريعي آمريڪا جا مختلف حال احوال پيو لکندو هو جنهن ۾ مسلسل ٻن ٽن خطن ۾ مون ڏي ڊزني لئنڊ جي باري ۾ تمام گهڻو لکيائين. خطن ذريعي تاڪيد ڪيائين ته: “اوهان آمريڪا ضرور اچو، جي وڌيڪ فرصت نه ملي ته رڳو هفتي کن لاءِ اچو ۽ فقط ڊزني لئنڊ ڏسي هليا وڃو”.
    ڪجهه سالن کانپوءِ ممتاز جڏهن پاڪستان آيو ۽ مون سان مليو ته ٻين جاين جڳهين جا تفصيل ته ٻڌائي سگهيو پر ڊزني لئنڊ لاءِ چيائين: ”بلوچ صاحب! هيءَ جڳهه ايڏي ته پُراسرار آهي، جنهن کي تفصيل سان ٻڌائڻ منهنجي لاءِ ممڪن آهي ئي ڪونه. هن جڳهه کي فقط ڏسي حيرت ۽ اچرج جو اظهار ته ڪري سگهجي ٿو، باقي ان جي ڪمالات ۽ جادوگري بابت بيان نٿو ڪري سگهجي“.
    ڪيترن ئي سالن گذرڻ کانپوءِ جڏهن مان پاڻ آمريڪا کان ٿي آيو آهيان ته منهنجو به ساڳيو ئي رايو آهي جيڪو ڀاءُ ممتاز پنهور جو هو.
    ڊزني لئنڊ جي طلسماتي منظرن کي بيان ڪرڻ کان اڳ مناسب ٿيندو ته اُن جي خالق ۽ خود ڊزني لئنڊ بابت مختصر تعارف ٿي وڃي.
    ڊزني لئنڊ جو خالق والٽر ايلس ڊزني (Walter Elias Disney) جيڪو پوءِ فقط والٽ ڊزني جي نالي سان جڳ ۾ مشهور ٿيو، 1901ع ۾ شڪاگو ۾ ڄائو. هو ڄمندي ئي ڄام هو. فنڪاري، آرٽ ۽مصوريءَ جهڙن نفيس ۽ نازڪ موضوعن سان نه رڳو ننڍپڻ کان ئي مانوس ٿيو ۽ انهن ۾ گهري دلچسپي ڏيکاريائين پر پاڻ به هر فن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. 1923ع ۾ شڪاگو کي ڇڏي هالي ووڊ جهڙي فني لحاظ کان زرخيز زمين تي قدم رکيائين جنهن آرٽ ۽ فلمي دنيا جا وڏا وڏا ۽ نامور اداڪار پيدا ڪيا جن پنهنجي اداڪاريءَ ذريعي سڄي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.
    هالي ووڊ پهچڻ شرط والٽ ڊزنيءَ جون تخليقي صلاحيتون ويتر تيز ٿي ويون ۽ هن عزم ڪيو ته هو دنيا وارن کي ڪو اهڙو ڪارنامو ڪري ڏيکاريندو جنهن سان ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويندا ۽ سڄي دنيا هن ڏي متوجهه ٿيندي. هن ڪارنامي سرانجام ڪرڻ ۾ ڊزنيءَ کي ڪو گهڻو وقت نه لڳو. فقط پنجن سالن جي عرصي اندر، هن دنيا جو پهريون ڳالهائيندڙ ڪارٽون (Talking Cartoon) مِڪي مائوس (Micky Mouse) 1928ع ۾ تخليق ڪيو، جنهن سڄي دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو. سڄي دنيا جي ٽيليويزن اسٽيشنن توڙي فلم جي اسڪرين تي مڪي مائوس کي ڏيکاريو ويو. توڙي جو هاڻي 80 سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي ۽ ڪارٽون ٺاهڻ جي فن ۾ پڻ وڏيون انقلابي تبديليون آيون آهن پر ان جي باوجود مِڪي مائوس جي مقبوليت ۾ ڪا به ڪمي نه آئي آهي.
    مِڪي مائوس کان سواءِ به والٽ ڊزني جا ڪيترائي اهم ڪارناما آهن جيڪي تعريف جوڳا آهن، پر سندس نالي ۽ شهرت آسمان جي بلندين کي تڏهن ڇُهي ورتو جڏهن 1955ع ۾، والٽ ڊزني، دنيا جي سڀ کان وڏي جادو نگري ڊزني لئنڊ جو افتتاح پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪيو.
    ڊزني لئنڊ جي افتتاح کان اڳ، والٽ ڊزني ڪيترا سال ته فقط ماهرن سان مشورا ڪندي ان سوچ ۽ ويچار ۾ گذاريا ته ڊزني لئنڊ جي لاءِ ڪهڙي جڳهه مناسب ٿيندي، ڇو ته هن اڳواٽ ئي سوچيو پئي ته هيءَ جڳهه سڄي دنيا جي سياحن کي ڇِڪي هِتي آڻيندي. اُنهن لاءِ هيءَ جڳهه تمام پُرڪشش هوندي جتي لکين ماڻهو پيا روزانو ايندا ويندا. ايترن سارن ماڻهن لاءِ هن سوچيو ته ايڏي ته ڪشادي جڳهه هجي جتي ڪافي تعداد ۾ هوٽل ۽ موٽيل ٺهي سگهن، نائٽ ڪلبون، ٿئيٽر، اوپيرا ۽ ميوزڪ سينٽر به هجن ته هزارن جي تعداد ۾ گاڏين جي پارڪنگ لاءِ تمام وسيع ۽ ڪشادو ميدان به هجي ۽ سياحن جي سير تفريح لاءِ ٻيون ڪيتريون ئي گُهرجون به پوريون ڪري سگهجن. هن سلسلي ۾ هُن ڪيترن ئي فردن، فرمن ۽ ادارن کان تجويزون گهرايون. نيٺ هڪ اداري اسٽئنفورڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ (Stanford Research Institute) جو مشورو والٽ ڊزني کي ڏاڍو وڻيو جنهن سڀني جڳهين مان ڪيليفورنيا اسٽيٽ جي آرينج ڪائونٽي جي هڪ خطي ائن هِم (Anaheim) کي چونڊيو.
    1955ع ۾ جڏهن ڊزني لئنڊ جو افتتاح والٽ ڊزني پاڻ ڪيو ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ زمين جي گولي تي ڄڻ هڪ تهلڪو مچي ويو ۽ سڄي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان لکن جي تعداد ۾ ماڻهو دنيا جي هن انوکي جادو نگريءَ کي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. رش جي حالت اها وڃي ٿي جو يورپ ۽ آمريڪا جي ٻين رياستن جي سياحن کي، هوائي جهازن ذريعي ڊزني لئنڊ ڏسڻ لاءِ مهينو ڏيڍ اڳ ۾ بوڪنگ ڪرائڻي ٿي پيئي. سياحن جي اها رش ٿوري گهڻي فرق سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. ماڻهن جي رش جو اندازو 110 ايڪڙن تي مشتمل ڪارن پارڪ ڪرڻ(Car Parking lot) جي ميدان جي ڪُشادگيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو جتي تقريبن ٻارنهن هزار ڪارن جي بيهارڻ جي جڳهه آهي. پر رَش وارن ڏينهن خاص طرح ڇنڇر، سومر، اڱاري ۽ اربع تي ته ڪار پارڪ ڪرڻ وارو سڄو سارو ميدان ڀرجي وڃي ٿو. پوءِ ماڻهو تمام پري وڃي ٿا ڪارون پارڪ ڪن ۽ هن سلسلي ۾ کين ڪافي تڪليف ۽ زحمت ٿئي ٿي.
    ڊزني لئنڊ جون راتيون مست ۽ مدهوش ڪندڙ ٿين ٿيون. جڳ مڳ ۽ جهرمر روشنيون، جتي هوٽلن ۾ پيانو يا گٽار تي ڪٿي ڌيمي ڌيمي ڌُن پيئي وڄندي ته ڪٿي جئز يا پاپ ميوزڪ جو شور شرابو هوندو جتي ڊرمن تي ڏوڪلن جو واڄٽ پيو وڄندو ۽ تُوتارا صفا ڪن کائي ويندا. ڊنر به کائيندا رهو، ڊانس به ڏسندا رهو ۽ پنهنجي پسند جو ميوزڪ به ٻُڌندا رهو ۽ چاهيو ته اُٿي ڪنهن سان بريڪ ڊانس ۾ ڪمپني به ڏيو.
    ڊزني لئنڊ جي جادوگري ستن حصن ۾ ورهايل آهي. اُهي ستَ حصا هن ريت آهن:
    1. مين اسٽريٽ يو-ايس-اي 1. Main Street USA
    2. ائڊوينچر لئنڊ 2. Adventure Land
    3. فرنٽيئر لئنڊ 3. Frontier Land
    4. نيو آرلينس اسڪوائر 4. New Orleans Square
    5. بيئر ڪنٽري 5. Bear Country
    6. فئنٽسي لئنڊ 6. Fantasy Land
    7. ٽومارو لئنڊ 7. Tomorrow Land
    ڊزني لئنڊ جي جادو نگريءَ ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته اُهي ڪارناما، حقيقتون يا ڏند ڪٿائون جن جو سائنسي، روايتي، ثقافتي يا وهمن وسوسن ذريعي هن دنيا ۾ ڪو وجود رهيو آهي ته اُنهن ڪارنامن، ڏند ڪٿائن ۽ سائنسي حقيقتن کي نه رڳو اُنهيءَ رُوپ ۾ ڏيکاريو وڃي پر ڪجهه ڳچ پُراسرار، وڌيڪ ڀيانڪ، زياده دلچسپ ۽ خوبصورت ڪري پيش ڪيو وڃي. هن سلسلي ۾ جيڪي جادونگريون ڊزني لئنڊ جي اندر ٺاهيون ويون آهن، انهن جو تعلق فقط ڏسڻ سان آهي، بيان ڪرڻ سان هرگز نه. مون پنهنجي سفرنامي ”سهسين ٿيا سارنگ“ ۾ ٽوڪيو ڊزني لئنڊ جي باب ۾ ٻن جادو نگرين، جِنات محل (Haunted Mansion) ۽ ڪئريبين جا سامونڊي لُٽيرا (Pirates of Caribbean) جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي هتي دُهرائڻ مناسب نه لڳندو.
    مٿي بيان ڪيل باب ۾ مون ڪوشش ڪئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڊزني لئنڊ جو تعارف مهربان پڙهندڙن سان ٿي وڃي. اُميد ته مٿيون بيان پڙهي اوهان جي اندر ۾ چاهه، تڙپ، ۽ تجسُس ضرور پيدا ٿيو هوندو ته ڊزني لئنڊ کي ڏسجي ۽ ضرور ڏسجي ۽ هن جادونگريءَ کي پنهنجي اکين سان پاڻ پسجي ۽ گهمجي ڦرجي. مان هتي فقط مهربان پڙهندڙن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ٿو ڪريان ته خدا ڪري اوهان ڏورانهان ڏيهه ڏسو جن ۾ ڊزني لئنڊ جو سير سفر به شامل هجي. ڳالهه کي کُٽائڻ کان اڳ اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڊزني لئنڊ گهمڻ لاءِ معذورن، انڌن منڊن، لُولن لنگڙن لاءِ به جوڳا انتظام ۽ بندوبست ڪيا ويا آهن. معذورن لاءِ مختلف سوسائٽيون ٺهيل آهن جن جا نمائندا تمام گهٽ ڪِراين تي معذورن لاءِ اسپيشل بسون هلائين ٿا يا ٽرين ۾ کين وٺي اچن ٿا. بسن ۽ ٽرينن ۾ ڦيٿن وارين ڪرسين (Wheel Chairs) جو بندوبست ٿيل هوندو آهي جن ۾ ويهي معذور آرام سان سفر ڪن ٿا.
    انڌن لاءِ ڊزني لئنڊ جي سِٽي هال ۾ ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪيسٽون موجود آهن جيڪي انڌن جي حوالي ڪيون ٿيون وڃن ته جيئن اُهي ڊزني لئنڊ جي مختلف جاين جڳهين بابت معلومات حاصل ڪن.
    جيڪي وري صفا ٺُپ ٻوڙا آهن ته اُنهن کي وري ڪَنَ تي رکڻ وارا ٽيليفون (Volume Control Telephones) مهيا ڪيا وڃن ٿا ته جيئن هو گائيڊ جي سمجهاڻيءَ کي چڱيءَ طرح ٻُڌي سگهن. معذورن، انڌن ۽ ٻوڙن جا دَڳَ، رندَ رستا ۽ گيٽَ به جدا آهن ته ويهڻ ۽ آرام ڪرڻ جا پارڪ به. اهو انتظام شايد انڪري ڪيو ويو آهي ته سڄا ۽ ماڻهن جهڙا ماڻهو، معذورن جي انوکي ۽ مخصوص دنيا ۽ رُوح رهاڻ ۾ خلل نه وجهن، پر سڀڪو پنهنجو پاسو ۽ ڪُنڊ ورتيون پيو گهمي ڦري ۽ هڪ ٻئي کان بُڇان ۽ خارَ کائڻ جو باعث نه بڻجي. هونئن اها ڳالهه به واضح ڪندو هلان ته اسان جن ملڪن ۾ معذورن لاءِ نه ته ايتري همدردي نظر ايندي آهي ۽ نه وري اُنهن ويچارن لاءِ ڪو اُنس يا رغبت، پر مغربي ملڪن ۾ معذورن لاءِ اڪيچار انساني همدرديون هر وقت اُنهن جو آڌرڀاءُ ڪن ٿيون ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ڪنهن به طرح سان معذورن ۾ ڪمتريءَ جو احساس پيدا نه ٿئي.
    والٽ ڊزني 1966ع ۾ وفات ڪئي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته هو مري وڃڻ جي باوجود به ڄڻ زنده آهي. سندس ڪيترن ئي نمايان ڪارنامن ۽ خاص طرح مِڪي مائوس ۽ ڊزني لئنڊ جي تخليق ذريعي هن پاڻ کي سڄي دنيا ۾ اَمر ڪري ڇڏيو آهي.


    هالي ووڊ (Holly Wood)

    لاس ائنجلس، جنهن کي عام ۽ معروف زبان ۾ (LA) چون ٿا، ۾ اچڻ کانپوءِ هر دوست زور ٿي ڀريو ته ايل اي جو چڪر تيستائين اڌورو ۽ اڻ پورو آهي جيستائين ماڻهو ڊزني لئنڊ ۽ هالي ووڊ جو چڪر نه هڻي، توڙي جو هالي ووڊ اُهو اڳيون هالي ووڊ هاڻي نه رهيو آهي. ٽي وي ۽ ڊش اينٽينا سڄي دنيا ۾ ايڏو ته انقلاب آڻي ڇڏيو آهي جو ان کان جتي ٻي سڄي دنيا متاثر ٿي آهي، اُتي هالي ووڊ جي چهل پهل ۽ رنگينين تي به ڪافي اثر پيو آهي.
    پر اهو به نه سمجهڻ گهرجي ته هالي ووڊ ۾ هاڻي ڪا رونق نه رهي آهي. جڏهن مون کي هڪ دوست رات جو 9 وڳي ڌاران هالي ووڊ بوليوارڊ ۾ وٺي ويو ته ڪافي رنگ، رونقون ۽ جلوا نظر آيا. هالي ووڊ جو نالو ايڏو ته وزندار ۽ عام ۽ خاص ماڻهن جي زبانن تي چڙهيل آهي ۽ جڏهن به تماشبين ڪنهن ايڪٽر يا ايڪٽريس جي صداڪاري ۽ اداڪاري کان متاثر ٿي اُنهن جي تعريف ڪرڻ لڳندا آهن ته فورن ائين چوندا آهن ته: ”آخر ته هالي ووڊ جو ايڪٽر يا ائڪٽريس آهي“. ڳالهه آهي به صحيح ڇو ته فلمون ٺهن ڀلي مختلف اسٽوڊيوز ۾ ٿيون پر چوٽيءَ جا ڪيترائي اسٽار اڃا تائين به هالي ووڊ جي علائقي ۾ ئي رهن ٿا. جُوڊي گارلئنڊ ۽ لانا ٽرنر (Judy Garland and Lana Turnor) به هتي رهيا ته مارلن مونرو (Marilyn Monroe) به هتي رهي. برٽ لئنڪاسٽر (Burt Lancaster) به هتي ئي ديرا ڄمايا ته پريسٽن فوسٽر (Preston Foster) به هتي ئي رهيو. ان کان علاوه ڪيترائي ٻيا نمايان فلمي اسٽار به هالي ووڊ جي نسبت سان ئي سڃاپن ٿا. مطلب ته هالي ووڊ جو نالو فلمي دنيا جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مٿانهون هو، آهي ۽ شايد هميشه لاءِ رهندو. جيئن شروع ۾ ٻڌايو اٿم ته توڙي جو هالي ووڊ اڳوڻو طلمسي هالي ووڊ نه رهيو آهي پر پوءِ به فلمي ستارن جي هتي رهائش ۽ اُنهن جي سماجي توڙي ثقافتي سرگرمين سبب هالي ووڊ جو علائقو اڃا تائين ڏورانهن ڏيهن کان آيل سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو.
    جيئن ئي هالي ووڊ جي علائقي ۾ داخل ٿبو ته هالي ووڊ جي پهرين نشاني پري کان ئي نظر ايندي ۽ شايد هرطرف کان نظر ايندي. اُها نشاني آهي لفظ Holly Wood جيڪو پري کان ئي تمام نمايان نموني نظر ايندو آهي. هن لفظ کي هالي ووڊ جي پهاڙين (Hollywood Hills) تي اهڙي ته نشانبر جڳهه تي لڳايو ويو آهي جو هرطرف کان ميل ڏيڍ جي مفاصلي تان ئي نظر اچيو وڃي. Holly Wood جو لفظ 1923ع ۾ هالي ووڊ جي پهاڙين تي لڳايو ويو هو، جيڪو شروع ۾ Holly Wood Land جي نالي سان لڳايو ويو هو، پر پوءِ 1949ع ۾ Land جو لفظ ڪڍيو ويو ۽ فقط هالي ووڊ رهڻ ڏنو ويو.
    هتي گهمندي ڦرندي مون کي عجيب ڳالهيون نظر آيون. هتي شام جو پيرين پيادو گهمڻ لاءِ به هڪ عجيب جملو گهڙيو ويو آهي The Holly Wood Walk of Fame يعني (هالي ووڊ ۾ شهرت لاءِ چهل قدمي).
    هالي ووڊ جي هاءِ لئنڊ اوينيو يا هالي ووڊ بوليوارڊ جي اردگرد يا هالي ووڊ جي مشهور چوواٽن تي براس جا گول دائرا ٺهيل آهن جن جي وچ ۾ فلمي دنيا جي مشهور معروف شخصيتن جا نالا براس جي پليٽن تي نهايت خوبصورتيءَ سان اُڪريل آهن ۽ وڏي ڳالهه ته هي نالا هيٺ فرش تي گول دائرن ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن. ڪجهه مشهور اسٽارز جا نالا جيڪي مون تڙ تڪڙ ۾ نوٽ ڪري ورتا اُهي هي آهن.
    اولِيو بورڊن (Olive Borden)، پريسٽن فوسٽر (Preston Foster)، مارلن برئنڊو (Marlon Brando)، چارلي چئپلن (Charlie Chaplin)، مارلن منرو (Marilyn Manroe)، برٽ لئنڪاسٽر (Burt Lanchaster)، ايڊورڊ سيجوِڪ (Edward Sedgwice)، ارنيسٽ ٽارينس (Ernest Torrence) وغيره وغيره. هتي اهو سمجهڻ نه گهرجي ته جيڪو به چاهي سو پنهنجو يا ڪنهن جو نالو گول دائرن اندر لکرائي سگهي ٿو. هالي ووڊ جو جيترو وڏو نالو ته ان جا فلم اسٽار به اوترا وڏا تنهنڪري هر ڪمپني پنهنجي لاءِ اِهو اعزاز سمجهندي آهي ته هو ڪنهن وڏي فلم اسٽار جو نالو هالي ووڊ جي ڪنهن مشهور چئواٽي تي اُڪرائي ڇڏي ۽ ان ڪم لاءِ ان ڪمپنيءَ کي چئن کان پنجن هزار ڊالرن جي في جمع ڪرائڻي پوندي آهي.
    هتي هڪ ٻي وضاحت به ضروري آهي ته رڳو فلمي دنيا جون ئي شخصيتون نه پر هن ۾ ريڊيو، ٽيليويزن، موسيقي ۽ ٿئيٽر به شامل آهن ۽ هر شخصيت جي نالي جي ڀرسان اهڙيون نشانيون به لڳايون ويون آهن ته جيئن هر ايندڙ ويندڙ آسانيءَ سان سڃاڻي سگهي ته اها شخصيت فن جي ڪهڙي صنف سان لاڳاپيل رهي آهي. مثال طور: فلمي شخصيت جي نالي سان گڏ موشن پڪچر ڪئميرا جي تصوير آهي، ريڊيو جي شخصيت سان ريڊيو مائڪروفون، ٽيليويزن جي شخصيت سان ٽيليويزن سيٽ، موسيقار سان گراموفون رڪارڊ ۽ ٿئيٽر جي شخصيت سان ٿئيٽر جو لباس آهي.
    هتي شام جو هڪ دوست سان گڏجي هڪ ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ وياسين جتي جديد موسيقيءَ سان گڏ پراڻي روايتي موسيقي ٻُڌڻ جو به موقعو مليو ۽ بيحد لطف اندوز ٿياسين. ڪنسرٽ هال ۾ ٽي ڪلاڪ ويٺاسين. جئز، پاپ ميوزڪ ۽ سمفني آرڪيسٽرا جا ايترا ته خوبصورت آئٽم پيش ڪيا ويا جو خبر ئي نه پيئي ته سڄا سارا ٽي ڪلاڪ اک ڇنڀ ۾ ڪيئن گذري ويا ۽ لمحن جو روپ وٺي رمندا رهيا.
    اهو عجيب اتفاق چئجي جو آمريڪا ۾ منهنجي پهچڻ واري سال يعني 1986ع ۾ هالي ووڊ ۾ فلمن جو ڪاروبار گذريل ستن اٺن سالن جي مقابلي ۾ تمام زوردار نموني هليو ۽ ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهن 1986ع ۾ پيش ٿيل فلمون ڏٺيون ۽ فلم پروڊيوسرن کي لکين ڊالرن جو نفعو ٿيو. بهرحال ان ۾ منهنجو ڪو قصور ناهي، منهنجو قصور صرف اهو آهي ته مان اُنهيءَ سال آمريڪا ۾ پهتس جڏهن فلمي پروڊيوسرن جو نفعو چوٽ چڙهيل هو. 1986ع ۾ آمريڪا ۾ ڪل 472 فلمون ٺهيون جن مان ڪيتريون ئي فلمون هِٽ ٿيون ۽ اُنهن لکين ڊالرن جو ڪاروبار ڪيو. 472 فلمن مان 96 فلمون هالي ووڊ جي ڇهن وڏن ناميارن اسٽوڊيوز ۾ ٺهيون يعني ڪولمبيا، پئرامائونٽ، ٽئنٽئيٿ سينچري فاڪس، يونيورسل، وارنر برادرس ۽ ايم جي ايم. 1986ع ۾ ڪجهه بهترين ٺهندڙ فلمون جيڪي نه رڳو هالي ووڊ ۾ هِٽ ويون پر سڄي دنيا ۾ جن جو چئوٻول ٿي ويو هو، سي هي آهن: ٽاپ گن (Top Gun)، دي ڪراٽي ڪِڊ (The Karate Kid)، ڪروڪو ڊائل ڊنڊي (Crocodile Dundee)، اسٽار ٽريڪ (Star Trek)، اَلينس (Aliens)، گولڊن چائلڊ (Golden Child) وغيره وغيره.
    هالي ووڊ ۾ فلمي ڪاروبار تي پراڻا اسٽوڊيوز اڃا تائين ڇانيل آهن، ۽ ڪجهه نوان اسٽوڊيوز به هاڻي ماڊرن طريقي سان فلمن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن. پر پراڻي سنڌي چوڻيءَ موجب ته: ”جُهونو اُٺ اَٺَ ڪنواٽ لهي“ وانگر اڳيان ناميارا اسٽوڊيوز اڃا تائين نون اسٽوڊيوز جي مقابلي ۾ زياده مقبول آهن ۽ بزنس به انهن جو ئي چوٽ چڙهيل آهي، جن ۾ وارنر برادرس (Warner Brothers)، ٽئنٽئيٿ سينچري فاڪس (20th Centry Fox)، ڪولمبيا پڪچرس (Columbia Pictures)، پئرا مائونٽ (Paramount)، يونيورسل پڪچرس (Universal Pictures) وغيره وغيره اچي وڃن ٿا. نوان اسٽوڊيوز جيئن ڪئنن فلمز (Cannon Films)، ٽراءِ-اسٽار پڪچرس (Tri-Star Pictures)، نيو ورلڊ پڪچرس (New World Pictures) ۽ اورين (Orion) به چڱو خاصو ڌنڌو ڪن ٿا، پر جيئن مون مٿي ٻڌايو آهي ته پراڻن اسٽوڊيوز جي ساک ۽ ڌاڪو وڌيڪ ڄميل آهي، تنهنڪري هالي ووڊ جا نوان اسٽوڊيوز اڃا ڪافي پوئتي آهن.
    تازي ٿيل سروي مطابق هالي ووڊ ۾ ٺهيل فلمن جي ڏسندڙن جي اڪثريت هاءِ اسڪولن جي شاگردن يا ڪاليج ويندڙ نوجوانن جي آهي، جيڪي اڃا تائين فلمن ڏسڻ لاءِ ديوانا رهن ٿا. بس هوڏانهن ڪا نئين فلم رليز ٿي ناهي ۽ اسڪولي شاگردن يا ڪاليجي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي رشَ سبب اُها هِٽ ٿي ناهي. باقي ڪرڙوڍَ ۽ جهونا جهاز هاڻي فلمون سئنيما هالن جي بجاءِ ٽيليويزن يا ڊش تي ڏسڻ پسند ڪن ٿا.
    اڄڪلهه ته آمريڪا ۾ ڪيتريون ئي فلمون فقط ٽيليويزن تي ڏيکارڻ لاءِ ئي ٺهن ٿيون جيڪي چئن ڪلاڪن کان وٺي ٻارهن ڪلاڪن جون به ٿين ته وري ٻيون فلمون ايتريون ته ڊگهيون ٿين ٿيون جو قسطوار هفتي يا ٻن هفتن تائين به ڏسي سگهجن ٿيون.
    سوال اهو آهي ته هالي ووڊ ۾ ايتري تعداد ۾ فلمون ڪيئن ٿيون ٺهن، وري اُنهن جو ڪاروبار ايترو ڪامياب ڇو آهي؟
    ان جو جواب هي آهي ته هالي ووڊ وارن فلم پروڊڪشن کي باقاعدگيءَ سان فلم ايجوڪيشن ذريعي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به متعارف ڪرايو آهي. هنن دنيا وارن کي آگاهه ڪيو ته فلم پروڊڪشن بذاتِ خود جتي هڪ آرٽ جي وڏي ۽ وسيع دنيا آهي اُها هڪ جديد سائنس به آهي ته ٽيڪنيڪي مهارت جو درجو به رکي ٿي. مطلب اهو ته فلمي ڪاروبار هروڀرو ائين ڪونهي ته هر ائرو غيرو ان تائين آسانيءَ سان پهچي وڃي ۽ ڪاميابيون حاصل ڪري. فلمي تعليم تي ان حد تائين توجهه ڏنو ويو ته اڄڪلهه آمريڪا جون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون فلم پروڊڪشن ۾ اعليٰ ڊگريون ڏيئي رهيون آهن. فلم ايجوڪيشن جي حوالي سان هيٺيون ٽي يونيورسٽيون تمام نمايان آهن: (1) نيويارڪ يونيورسٽي (New York University-NYU)، (2) يونيورسٽي آف سدرن ڪئليفورنيا(University of Southern California-USC)، ۽ (3) يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا ائٽ لاس اينجلس University of California at Los Angles-UCLA)). انهن يونيورسٽين ۾ فلم ٺاهڻ جي هر زاويي کان تعليم ڏني وڃي ٿي. يعني تخليقي اعتبار کان، فني ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ کان ۽ اقتصادي ۽ ڪاروباري نقطئه نظر کان. مهربان پڙهندڙ ٿورو سوچي ڏسن ته جنهن ملڪ ۾ يونيورسٽين جي حد تائين فلم ٺاهڻ لاءِ باقاعدي نصابي تعليم ڏني وڃي ته اُتي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪي فلمون ٺهنديون هونديون ته اُهي پڪ سان معياري هونديون ۽ اُنهن فلمن کي پڙهيل لکيل طبقو به ڏسڻ پسند ڪندو ته عام ماڻهن جي پسند جو خيال به اهڙين فلمن ۾ رکيو وڃي ٿو. هالي ووڊ جي مٿئين بيان ڪيل معيار کي ذهن ۾ رکي هاڻي پنهنجي ملڪ ۾ ٺهندڙ فلمن جي حالت کي ڏسو ته اوهان کي نه رڳو کِل ايندي پر چِڙ به ايندي. پر سچي ڳالهه پُڇو ته اڄڪلهه جيڪي پاڪستان ۾ فلمون ٺهن ٿيون ته اُنهن کي ڏسي هاڻي نه ته کِل ٿي اچي نه چِڙ، ڇو ته ڪاوڙ فقط تڏهن ايندي جڏهن معيار جي ڀيٽ جو معاملو هوندو.
    ٺهندڙ فلمن جي ابتري جو ڪارڻ به اهو ئي آهي ته اسان فلم ايجوڪيشن تي ته توجهه نه ڏنو پر جيڪي ماڻهو صفا اڻ ڄاڻ ۽ جاهل هئا اُنهن به رڳو ڏوڪڙ ڪمائڻ جي لالچ ۾ فلمون پروڊيوس ڪرڻ شروع ڪيون. اهڙيءَ صورتحال ۾ ابتري جي اميد ته ڪري سگهجي ٿي، پر بهتريءَ جي هرگز نه.
    وري موٽي اچون ٿا هالي ووڊ ۾ ٺهندڙ فلمن جي موضوع تي. آمريڪا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ فلمي تعليم ڏيڻ کان علاوه 1965ع ۾ آمريڪي ڪانگريس، آمريڪن فلم انسٽيٽيوٽ (American Film Institute) ٺاهڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن ذريعي فلمي دنيا کي وڌيڪ وسيع بنائڻ لاءِ ڪيترائي ٻيا ادارا به قائم ٿي چُڪا آهن. لاس ائنجلس جي مشهور ۽ معروف علائقي بيوَرلي هَلس (Beverly Hills) ۾ هڪ عاليشان سينٽر کوليو ويو آهي جيڪو ائڊوانسڊ فلم اسٽڊيز (Advanced Film Studies) جي نالي سان مشهور آهي. هن انسٽيٽيوٽ ۾ فلمي دنيا جي شاگردن کي نه پر فلمن جي پروڊيوسرن ۽ ڊائريڪٽرن کي ٽريننگ ڏني وڃي ٿي ته هڪ معياري فلم ٺاهڻ لاءِ ڪهڙا فني ۽ ٽيڪنيڪي نُڪتا ۽ نسخا فلم ٺاهڻ کان اڳ ذهن نشين ڪرڻ گهرجن. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ فلمي تعليم، ان کان سواءِ آمريڪن فلم انسٽيٽيوٽ جو قيام ۽ ان جي ٻين ننڍن ننڍن ادارن طرفان فلم پروڊڪشن کي معياري ۽ مانائتو بنائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا ويا آهن انهن ذريعي ئي هالي ووڊ فلمي دنيا جي آسمان تي اڃا تائين چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي ۽ هميشه واسطي فلمي دنيا جي پرستارن ۾ اُن جو نالو روشن رهندو.


    يونيورسل اسٽوڊيوز جو ٽوئر

    ڇنڇر 20 سيپٽمبر 1986ع تي اسان جي گروپ جو يونيورسل اسٽوڊيوز جو ٽوئر رکيل هو، جنهن جو اسان سڀني بيچينيءَ مان انتظار پئي ڪيو. دراصل هالي ووڊ ۽ يونيورسل اسٽوڊيوز جو ذڪر هڪ ٻئي سان لازم ملزوم آهي ڇو ته سڄي دنيا جا جڳ مشهور ۽ معروف ٻيئي هنڌ هڪ ٻئي جي سڃاڻپ آهن. يونيورسل اسٽوڊيوز هالي ووڊ جي علائقي ۾ آهي انڪري ان کي ”يونيورسل اسٽوڊيوز هالي ووڊ“ چيو ويندو آهي. جيئن ته ٻيئي ڪئليفورنيا اسٽيٽ جي شهر لاس ائنجلس ۾ آهن ته ٻنهي يعني هالي ووڊ ۽ يونيورسل اسٽوڊيوز کي ملائي ”لاس ائنجلس جي وندر ورونهن جو گاديءَ جو هنڌ“ (Entertainment Capital of Los Angeles) چيو ويندو آهي. بهرحال اسان منجهند جو 12 وڳي يونيورسل اسٽوڊيوز پهتاسين جتي اسان جون پاسون اڳي ئي ٺهيل هيون نه ته يونيورسل اسٽوڊيوز گهمڻ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ قطار ۾ بيهڻو پوندو آهي. اسان کي هڪ وڏي هال ۾ ويهاريو ويو جتي يونيورسل اسٽوڊيوز جا ٽي نمائندا اسان سان مليا. اُنهن جو هيڊ مسٽر بينيٽ هو، جنهن يونيورسل اسٽوڊيوز جو مختصر تعارف اسان سان ڪرايو. اسان جي گروپ جي ساٿين به پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرايو. ان کان پوءِ ريفريشمينٽ ۽ ڪافي پيارڻ سان اسان جي خاطر تواضع ڪئي ويئي. هاڻي ايڪڙن نه پر ميلن ۾ ڦهليل يونيورسل اسٽوڊيوز جو ٽوئر شروع ٿيو ۽ اسان کي هڪ ننڍڙي ريل ۾ ويهاري مختلف شوز ۽ رائيڊس (Rides) ڏيکاريون ويون. هتي هر شئي حيران ڪندڙ هئي. سائونڊ افيڪٽس (Sound Effects) جو شعبو ته ڪمال جو هو. مون 1974ع ۾ پنهنجي ٽريننگ دوران بي-بي-سي لنڊن جي سائونڊ افيڪٽس جي ڪمال واري لائبرري ڏٺي هئي جنهن جي باري ۾ مون پنهنجي پهرئين سفرنامي ”پرين جي پرديس“ ۾ تفصيل سان لکيو هو. پر يونيورسل اسٽوڊيوز جي فلمن جي سلسلي ۾ سائونڊ افيڪٽس ۾ Animation جا ڪمال ڏيکاريل هيا. شينهن ڪيئن نه گجگوڙ ڪري پاڻ کان وڏن جانورن تي حملو ٿو ڪري، رِڇ ڀولا، ڪُتا ۽ قسمين قسمين جانور ڏيکاريل آهن جيڪي سڀ مصنوعي آهن پر ڏسندڙ کي هرگز مصنوعي نه لڳندا. ريل تي سفر ڪندي رستي تي وڏا وڏا بئنر ۽ پئنافليڪس لڳايا ويا آهن جن تي مشهور فلمي ائڪٽرن جيئن برٽ لئنڪاسٽر، جينالولو برجيڊا، مارلن منرو، پريسٽن فرسٽر، عمر شريف، آڊري هيپبرن، جيمس بانڊ، ايلز بيٿ ٽيلر ۽ اڃا به بيشمار ناليوارن فلمي ائڪٽرن ۽ ائڪٽريسن جون ڪشش ڪندڙ تصويرون لڳل آهن.
    هڪڙي جڳهه تي وٺي ويا جتي باهه جو وڏو آڙاهه ٿي ٻريو ۽ اسان کي مُرڪندي چيائون ته باهه مان ٽپي ڏيکاريو. باهه جيڪا چوگرد لڳ ڀڳ هزار فوٽن جي دائري تائين پکڙيل هئي، ايڏي ته خطرناڪ هئي جيڪا ڄڀيون ڏيئي ٿي ٻري، سو اسان ته بنهه ڊڄي وياسين. ڏسندي ڏسندي اسان جي گائيڊ ڇوڪري ليزا باهه جي وڏي مَچ مان گهمندي پار پهچي ويئي، پوءِ اسان کي يقين ٿيو ته اها باهه به مصنوعي هئي. يقين ڪريو ته توڙي جو باهه جي مصنوعي هجڻ جي پَڪ ٿي ويئي تڏهن به اسان کي ان مصنوعي باهه ۾ ڪُڏي ڪاهي پوڻ جي همت ڪانه ٿي. باهه سان گڏ پاڻي به لازم ملزوم آهي. ٿورو اڳتي وڌياسين ته اسان جي رستي تي ئي زور سان وهندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو نظر آيو جيڪو ڪنهن وڏي پهاڙ کي به لوڙهي کڻي وڃي سگهيو ٿي. هاڻي اسان کي اهو ڪونه چيائون ته اُتان ٽپو، پر ليزا ۽ سندس ساٿي پاڻيءَ مان گهمندا پار پهچي ويا ۽ اسان کي به چيائون ته اچو. پر اسان سڀيئي بيهي رهياسين ته ليزا کلندي چيو: ”ڊڄو نه هليا اچو“. بس پوءِ ڊڄندي ڊڄندي بظاهر ان خطرناڪ وهڪري مان لنگهياسين ته حيران ٿي وياسين ته اهو هيڏو سارو ڀيانڪ منظر اسٽوڊيوز وارا ڪيئن ٿا ٺاهن. پوءِ ياد پيو ته جڏهن ننڍي هوندي اسان فلمون ڏسڻ ويندا هئاسين ته هڪ مرد هيرو پنهنجِي محبوبه کي پاڻيءَ جي وهڪري يا ٻرندڙ باهه جي آڙاهه مان ڪيئن ڪڍي ايندو هو ۽ اسان دل ۾ تڏهن کيس آفرين ڏيندا هئاسين ته ويچاري پنهنجي محبوبه لاءِ پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي ڪيڏي نه قرباني ڏني هئي.
    ٿورڙو اڳتي هلياسين ته موسم جهڙالي ٿي ويئي، کنوڻيون ٿيون، گجگوڙون، گاجون ۽ وِڄن جي ڪَڙڪَڙ ٺا، ٻُڌڻ ۾ آئي. بس ٿوري ساعت ۾ ئي وڏڦڙو مينهن وسڻ لڳو. هاڻي اسان سڀني پنهنجي دل ۾ سمجهيو ته شايد ريل کي پُٺتي هلائيندا ۽ اسان جو باقي ٽوئر ڪئنسل ٿي ويندو. هر منظر صفا اوريجنل ۽ نيچرل ٿي لڳو پر سچ پڇو ته مينهن لاءِ ته اسان کي سورهن آنا يقين ٿي ويو ته اهو سچو پچو مينهن هو. ليزا اسان کي چيو: ”هاڻي ته واقعي نيچرل مينهن پئجي ويو آهي، تنهنڪري واپس هلڻو پوندو“. پوءِ ريل جي ڊرائيور کي اڳتي هلڻ جو چيائين. هن ريل کي مٿان ڇِت ڪانه هئي، سو اسان ڇٽيون (Umbrella) ڪڍيون ته جيئن مينهن کان بچي سگهون. پوءِ ليزا کلي ڏنو، چيائين: ”ڇٽين کي نه کوليو، اوهان محفوظ آهيو. مون اڳ اوهان سان چرچو ڪيو هو“.
    اسان کي پوءِ ڪجهه ائڪٽرن ۽ ائڪٽريسن سان ملايو ويو جن ڪيترن ئي مشهور فلمن ۾ ڪم ڪيو هو. پر هر ڪم ۾ تڙ تڪڙ ايتري ته هئي جو اسان سندن نالا نوٽ نه ڪري سگهياسين.
    يونيورسل اسٽوڊيوز جي اندر شاپنگ جو به وڏو جهان آهي جتي مشهور ائڪٽرن ۽ ائڪٽريسن جي خوبصورت تصويرن جون شرٽس، ٽوپيون ۽ ٻيا ڪيترائي سووينئر ملن ٿا. هتي ئي وڏا وڏا ريسٽورنٽ، بارون ۽ ڪلبون آهن. پر ريسٽورنٽ کان سواءِ ٻي هر جڳهه تي وڃڻ لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪرڻيون پون ٿيون.
    ائين سمجهو ته يونيورسل اسٽوڊيوز جو تعارف مون تمام مختصر لکيو آهي، نه ته هن بابت تفصيل سان لکجي ته هڪ وڏو ڪتاب ٺهي ويندو. آخر ۾ مهربان پڙهندڙن کي مشورو ڏيندس ته جيڪڏهن قسمت سانگي اوهان جو آمريڪا جي لاس ائنجلس شهر ۾ وڃڻ ٿئي ته باقي ڪجهه ڏسو نه ڏسو ٽي هنڌ ضرور ڏسجو:
    1. ڊزني لئنڊ
    2. هالي ووڊ، ۽
    3. يونيورسل اسٽوڊيوز.


    لاس ائنجلس کان ملواڪي (وسڪانسن)

    Los Angeles to Milwaukee (Wisconsin)
    آچر 21 سيپٽمبر 1986ع تي شام جو ڇهين وڳي لاس ائنجلس جو شهر ڇڏي ملواڪي لاءِ روانا ٿياسون جيڪو وسڪانسن اسٽيٽ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. اسان جو جهاز ٺيڪ 7 وڳي اُڏاڻو ۽ فقط ساڍن ٽن ڪلاڪن جي اُڏام کان پوءِ ملواڪي پهتاسين. جيئن ته رات هئي تنهنڪري ايئرپورٽ تي چوڏس چانڊاڻ لڳي پيئي هئي ۽ هيءُ شهر به لاس ائنجلس وانگر تمام وڏو نظر آيو. هتي اسان جي رهائش جو انتظام هڪ عمدي هوٽل دي مارڪ پلازا هوٽل(The Marc Plaza Hotel) ۾ ڪيو ويو هو، جيڪو معيار ۾ ڊلسَ واري هِلٽن ان (Hilton Inn) کان به وڌيڪ معياري هو. هن هوٽل ۾ هڪ خوبصورت سئمنگ پول به هو جنهن ۾ جڏهن به وقت ملندو هو ته پيا ترندا ۽ ٽُٻيون هڻندا هئاسين.
    هوٽل تي پهچي ڊنر ڪئيسون، ان کان پوءِ هڪدم بسترن ۾ هليا وياسين ڇاڪاڻ ته هڪ ٻن ڏينهن کان خاص طرح آءٌ ته ڏاڍو ٿڪل هوس ۽ لارا جي سهڻي ۽ آسيس ڏيندڙ ساٿ جو اوجاڳو کانئس پري ٿيڻ کان پوءِ شدت سان محسوس ٿي رهيو هو. جيئن بستري تي پاڻ کي ڪيرايم ته اگهور ننڊ وڪوڙي ويئي. روم سروس ڪائونٽر تي چئي ڇڏيو هوم ته صبح جو 8 وڳي چانهه ڏين، سو ٻئي ڏينهن تي ٺيڪ اٺين وڳي صبح جو دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. بئرو چانهه کڻي آيو هو. چانهه پيتم ته فريش ٿي ويس. بهرحال اڳواٽ طئه ٿيل پروگرام موجب 9:30 صبح جو هوٽل ڇڏيوسين ۽ سوا ڏهين وڳي اسان يونيورسٽي آف وسڪانسن ملواڪي ۾ پهچي وياسين. ڇا ته هن يونيورسٽيءَ جو شان هو، سڄي يونيورسٽي ڪئمپس ۾ شاندار عمارتون ٺاهيون ويون آهن ۽ هتي 80 کان وڌيڪ سبجيڪٽ (Disciplines) ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. وڏن ۽ مکيه سبجيڪٽن کان سواءِ ڪيترائي ننڍا ننڍا شعبا به آهن جن ۾ پڻ تعليم ڏني وڃي ٿي. هيءَ يونيورسٽي ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ اسان کي پنڌ گهمائيندي بيشمار شعبن (Faculties) ڏانهن وٺي ويا، نيٺ هڪڙي شعبي ۾ وڏو هال ٺهيل هو جتي وڃي ويهاريائون ۽ اسان کي ٻڌايائون ته هي اليڪٽرانڪ ڪميونيڪيشن (Electronic Communication) جو شعبو آهي جتي ٽيليويزن وسيلي پڙهائي ٿيندي آهي ۽ اُهي شاگرد جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا نٿا وٺي سگهن ته اُهي فقط اليڪٽرانڪ ڪميونيڪيشن جي فئڪلٽي ۾ داخلا وٺن ٿا جيڪا اُنهن کي سستي پوي ٿي ۽ اُهي شاگرد پنهنجن گهرن ۾ ويهي ٽيليويزن جي ذريعي تعليم حاصل ڪن ٿا. وڏا وڏا پروفيسر ٽيليويزن تي اچي ليڪچر ڏين ٿا جن کي ڏسي شاگرد تعليم پرائين ٿا. سوالن جوابن دوران مون به کين ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پڻ اسلام آباد ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي آهي جيڪا ٽي وي ۽ ريڊيو ذريعي شاگردن کي تعليم ڏئي ٿي ۽ پاڪستان ۾ پڻ اهو تجربو ڪافي ڪامياب رهيو آهي.
    وسڪانسن يونيورسٽي وارن اسان جي لاءِ منجهند جي ماني (Lunch) جو عمدو انتظام ڪيو هو جنهن ۾ مڇي ۽ جهينگن سميت ڪيترائي طعام رکيا ويا هئا. ماني تمام لذيذ هئي. مون ۽ يونائيٽيڊ عرب اميريٽس جي ماها گارگيش (Maha Gargesh) سندن شڪريو ادا ڪيو. شام جو پنجين وڳي تائين يونيورسٽيءَ ۾ گهمندا ڦرندا ۽ مختلف شعبا ڏسندا رهياسين ۽ ڇهين وڳي هوٽل تي موٽي آياسين. اسان جي دوستن طئي ڪيو هو ته ٺيڪ 10 وڳي ڊائننگ هال ۾ گڏجي ماني کائينداسين ۽ ڪچهري به ڪنداسين. جيئن ڊائننگ هال ۾ آياسين ته ڪافي ساٿي اچي ويا هئا ۽ ٿوري دير ۾ سڀئي موجود ٿي ويا. اڄوڪي ٽوئر بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ سڀني پنهنجي خوشيءَ ۽ پسند جو اظهار ڪيو. 11:30 وڳي هڪ ٻئي کي خدا حافظ چيوسين ۽ پنهنجن پنهنجن بيڊرومز ۾ اچي وياسين.
    19 سيپٽمبر: اسان جو براڊڪاسٽنگ گروپ جتي به پهچندو هو ته اُتي اڳواٽ اسان کي پرنٽ ٿيل پروگرام ڏنو ويندو هو ته ڪهڙي ڏينهن ۽ ڪهڙي وقت ڪٿي هلڻو آهي، وغيره. اڄ جا سُور اڳواٽ ئي سُجهيا پئي ته اڄ به هڪ يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻو هو. سُور سُجهڻ جا لفظ مون انڪري استعمال ڪيا آهن جو يونيورسٽين جا ڪئمپَس تمام وڏا ٿين ٿا جتي گهمي گهمي ڏاڍا ٿڪجي پوندا هئاسين، توڙي جو اُتي حاصل به گهڻو ڪجهه ڪندا هئاسين. بهرحال اڄ به ڪالهه جي پروگرام وانگر هوٽل مان 9:30 وڳي صبح جو روانا ٿي پوري ڏهين وڳي مَرڪ يونيورسٽي (Marquette University) پهچي وياسين. يونيورسٽي آف وسڪانسن وانگر هيءَ يونيورسٽي پڻ تمام وڏي ۽ شانائتي هئي، هڪ عاليشان هال ۾ اسان کي ويهاريو ويو. ٿوريءَ دير ۾ يونيورسٽيءَ جا وڏا وڏا پروفيسر صاحبان به اسٽيج تي اچي ويٺا ۽ اسان سڀني پنهنجو پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو جيڪو دستور موجب هر نئين هنڌ تي ٿيندو هو. تعارف دوران ڪافي ۽ ريفريشمينٽ جو دور هليو ۽ پوري ٻارهين وڳي اسان يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن ڏانهن پيرين پيادو هلڻ شروع ڪيو.


    ملواڪيءَ ۾ شاهه لطيف جو غوغاءُ

    جيئن اڳ ۾ ٻڌايو اٿم ته هڪ فئڪلٽيءَ ٻي فئڪلٽيءَ کان چڱي خاصي پنڌ تي هئي ته جيئن گهمندا ڦرندا پئي وياسين ته هڪ پروفيسر صاحب منهنجي ويجهو آيو ۽ مون سان هن طرح مخاطب ٿيو: ”عنايت! پاڪستان ۾ توهان جو تعلق ڪهڙي صوبي سان آهي“. پهرين ته حيرت ٿيم ته منهنجو نالو کيس ڪنهن ٻڌايو پر پوءِ سمجهي ويس ته مَرڪ يونيورسٽي هال ۾ جيڪو اسان سڀني پنهنجو پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو هو، اُتان نالو ياد ڪيو هوندائين. ”منهنجو تعلق سنڌ صوبي سان آهي“. وراڻيم.

    ”جتي دنيا جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي
    پيدا ٿيو هو“.


    جتي دنيا جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پيدا ٿيو هو

    پروفيسر چيو. آمريڪا جي شهر ۾ هڪ آمريڪي ماڻهوءَ کان لطيف جو نالو ٻُڌڻ شرط جذبات جي طوفان جو وهڪرو بجليءَ جي ڪرنٽ جيان سڄي جسم ۾ ڊوڙي ويو ۽ آءٌ خوشي، سَرهائي ۽ لطيف جي بين الاقوامي عظمت جي انڪشاف تي هلندي هلندي بيهجي ويس ۽ پروفيسر کي زور سان ڀاڪر کڻي پاتم. چيائين: ”رچرڊ جونس (Richard Jones) منهنجو نالو آهي. آءٌ هن يونيورسٽيءَ ۾ مشرقي علمن (Oriental Studies) جو استاد آهيان، اهوئي سبب آهي جو شاهه لطيف کي نه رڳو ڄاڻان ٿو پر ان کي مون ڪافي قدر پڙهيو به آهي“. گروپ جا دوست ڪافي اڳتي وڌي ويا هئا، انڪري اسان تڪڙا قدم وڌائيندا ساڻن وڃي گڏياسين. پروفيسر صاحب هلندي ئي مون کي چيو: ”عنايت! جيڪڏهن تنهنجو ڪو ٻيو پروگرام نه هجي ته اڄ رات جي ماني منهنجي گهر گڏجي کائينداسين ۽ لطيف جي شاعريءَ بابت پڻ ڳالهائينداسين“.
    ”اڄ رات ڪيڏو ۽ ڪيترو به وڏو پروگرام هوندو به ته ان کي ختم ڪري توهان وٽ هلندس ڇو ته پروفيسر صاحب! تنهنجي ملاقات لطيف جي هڪ جيئري جاڳندي عاشق سان ٿي آهي“. جونس کي چيم. پروفيسر جونس ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڌيڪ وضاحت ڪندي چيائين: ”عنايت! هونئن ته تنهنجي اعزاز (Honor) ۾ آءٌ ڪجهه ٻين دوستن کي به سڏيان ها پر جيئن ته اسان کي ڀٽائيءَ بابت گهڻو ڪجهه ڳالهائڻو آهي ته ٻيا ماڻهو ان ادبي نشست ۾ مناسب نه ٿيندا“. وڌيڪ چيائين ته: ”آءٌ ٺيڪ رات جو 8:30 وڳي اوهان کي، اوهان جي هوٽل تان وٺي ويندس“. ”مان به ائين ئي چاهيان ٿو ته لطيف جي ذڪر ۾ ٻيو اهڙو ڪو به ماڻهو نه هجي جيڪو لطيف کي نه ڄاڻندو هجي“. وراڻيم.
    ٺيڪ ساڍي اٺين وڳي رات جو منهنجي ڪمري جي دروازي تي نرم طريقي سان ٺڪ ٺڪ ٿي. سمجهي ويس ته پروفيسر رچرڊ جونس هوندو. سندس گاڏيءَ ۾ ويهي سندس گهر آياسين. سندس گهر پهچڻ شرط سندس گهرواري ڊوروٿي (Dorothy) منهنجو استقبال ڪيو ۽ هڪدم مون کي چيائين: ”اوهان جي عظيم شاعر شاهه لطيف جو تعارف اڳ ۾ ئي جونس مون سان ڪرائي چُڪو آهي“.
    مون ٻيهر سندس ۽ جونس جون مهربانيون مڃيون. جونس جو هڪ 10 سالن جو پُٽ ۽ ٻارنهن سالن جي ڌيءُ به مون سان اچي مليا. سندن ڌيءُ ڏاڍي چنچل هئي ۽ پنهنجي پيءُ سان حُجت واري شڪايت ڪندي مون کي چيائين ته: ”انڪل! ڊئڊ ڪيئي دفعا اسان کي دلاسا ڏيندو رهيو آهي ته اوهان کي انڊيا ۽ پاڪستان وٺي هلندس پر اڃا تائين واعدو وفا نه ڪيو اٿس“. کيس چيم ته: ”هاڻي منهنجي طرفان اوهان سڀني کي خلوص واري دعوت آهي ته مهرباني ڪري پاڪستان ۽ سنڌ اچو ۽ اچي منهنجا مهمان ٿيو“. ٿوريءَ دير ۾ ڊائننگ تي ويهي گڏجي ماني کاڌيسون ۽ ڊوروٿي مون کي چوڻ لڳي ته: ”جيڪي چانور پچايا اٿم اُهي انڊين ۽ پاڪستاني طرز تي پچايا اٿم“. دراصل برياني ٺاهي هئائين پر ڏاڍي لذيذ هئي ۽ مون سڀني طعامن جي گهڻي تعريف ڪئي ته ڊوروٿي ويتر منهنجو شڪريو ادا ڪيو ته کاڌا مون پسند ڪيا هئا ۽ مون کي وڻيا هئا.
    ماني کائڻ کانپوءِ پروفيسر رچرڊ جونس ۽ منهنجي مخصوص ڪچهري شروع ٿي. پروفيسر صاحب مون کي ٻڌايو ته کيس حافظ شيرازي، رومي ۽ شاهه لطيف جو ترجمن جي وسيلي چڱو خاصو مطالعو آهي، پر پاڻ وضاحت ڪندي چيائين: ”عنايت! اوهان کي خبر آهي ته ترجما ڪڏهن به اصل شاعريءَ جا مڪمل ترجما نٿا ٿي سگهن“. جونس جي ان جملي تي ويتر مون کي حيرت ٿي ته سندس علم ۽ مطالعو ڪيڏو نه وسيع هوندو. پوءِ مون کي انگريزي ترجمن وارا لطيف جا هي بيت ٻڌايائين:
    سُوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
    وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.
    سُوريءَ جي سلسلي ۾ ٻه ٽي ٻيا شعر به ٻڌايائين ۽ چيائين ته لطيف جو ڪمال اهو آهي ته سوريءَ ڏي هلڻ وقت ٻين کي به وڏي واڪي سڏ ٿو ڪري ته: ”ادا سوريءَ تي چڙهڻ لاءِ تيار آهيو ته صلاح اٿوَ“.
    پوءِ مون به کيس لطيف جا ڪافي بيت پهريون کيس سنڌيءَ ۾ ٻڌايا پوءِ انهن جو ترجمو ڪندو ويس ۽ هر بيت تي رچرڊ جونس داد ڏيندو رهيو. پر جڏهن کيس مون لطيف جو هيٺ ڄاڻايل بيت ٻڌائي ان جو ترجمو کيس ٻڌايو ته جونس پنهنجون ٻيئي اکيون کڻي ٻوٽيون ڄڻ ڪنهن بيخوديءَ (Trance) جي ڪيفيت ۾ هليو ويو هجي. ٿوريءَ دير کان پوءِ اکيون کوليائين ۽ چيائين: “عنايت! اهڙي قسم جو تصور گهڻو اڳ مون مصر جي هڪ عربي شاعر جو ڪٿي پڙهيو هو پر سُئيءَ جي قرباني ڏيڻ بابت ايترو ڀرپور ۽ ڪمال جو انداز ان عربي شعر ۾ هرگز ڪونه هو جهڙيءَ طرح سنڌ جي لطيف ان کي پيش ڪيو آهي. مان نٿو سمجهان ته دنيا جو ٻيو ڪو به شاعر سنهي سُئيءَ جهڙي نه هئڻ جهڙي شيءِ کي فضيلت بخشي هئڻ جي ابدي مقام تائين پهچائي ان کي امر ڪري ڇڏي. لطيف جو هيءُ امر بيت مون کيس ٻڌايو هو:
    پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون سُئيءَ ساڻ،
    ڍڪي اُگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
    ٻيهر ڄاپِي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي.
    مون کي اهو تجربو آهي ته لطيف جو مٿي ڏنل بيت چڱن ڀلن پڙهيل لکيل ماڻهن کي اڃا تائين به پوريءَ طرح سمجهه ۾ نه ايندو آهي، تنهنڪري آءٌ مناسب ٿو سمجهان ته نوجوان نسل لاءِ ان جي تشريح ڪري ڇڏيان.
    ”ڪنهن به بادشاهيءَ جو مقابلو سُئيءَ سان ڪهڙيءَ ريت ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته سُئي پاڻ ته اُگهاڙي رهي ٿي، پر سندس قربانيءَ جي عظمت کي ته ڏسو جو پاڻ اگهاڙو رهي ڪري به اُگهاڙن کي ڍڪي ٿي. اي دوست! تون سُئيءَ جي وصفن کي هِن زندگيءَ ۾ نه سمجهي سگهندين پر ان لاءِ توکي ٻيو جنم وٺڻو پوندو“.
    ان کانپوءِ رچرڊ جونس مون کي پنهنجي لائبرري ڏيکاري جنهن ۾ بيشمار ڪتاب هئا ۽ مشرقي شاعري توڙي نثر ۾ ڪتابن جو وڏو ذخيرو وٽس نظر آيو. ڊاڪٽر ايڇ-ٽي-سورلي (Dr.H.T.Sorley) جي ڪتاب شاهه عبداللطيف آف ڀٽ (Shah Abdul Latif of Bhit) کان سواءِ مدر ايلسا قاضي طرفان شاهه جي بيتن جا ترجما ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ بابت ڪيترائي بائينڊ ٿيل مضمون مون سندس لائبرري ۾ ڏٺا.
    ڪچهري ڪندي رات جا ٻارهن وڄي ويا ته مون کانئس اجازت ورتي. چيائين ته: ”لطيف جي ذڪر مان اُٿڻ تي دل نٿي چوي پر پوءِ ڇا ڪجي جو زندگيءَ جي روزمره جي ڪاروبار سان هلڻو ٿو پوي“. مون کي پروفيسر جونس جو چيل جملو بس دل تي نقش ٿي ويو آهي ۽ سڄي ڄمار نقش رهندو. ٻيهر ان مختصر گفتگو کي ورجايان ٿو، پروفيسر جونس جي پُڇڻ تي جڏهن مون پنهنجو تعارف ڪرايو هو ته: منهنجو تعلق سنڌ صوبي سان آهي ته پروفيسر صاحب مون کان پڇيو هو: ”جتي دنيا جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پيدا ٿيو هو“.
    دل ٿي چوي جونس جي ان جملي کي سون ۾ مڙهائي تعويذ جيان پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائي ڇڏيان.
    لطيف سائينءَ جو ذڪر ايڏو ته دلفريب آهي جو اوهان کي اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته مَرڪ يونيورسٽيءَ ۾ اسان ڇا ڏٺو. جيئن ته اسان جي گروپ جو تعلق براڊڪاسٽنگ سان هو، انڪري اسان کي خبرن ۽ برقي نشرياتي شعبن (Mass Communication and Electronic Media) ۾ وٺي ويا، ۽ اسان کي ٻڌايائون ته مرڪ يونيورسٽي ريڊيو توڙي ٽيليويزن نشريات ذريعي شاگردن کي گهر ويٺي تعليم ڏئي ٿي ۽ اهو تجربو نهايت ئي ڪامياب رهيو آهي. البت هتي هڪ وضاحت اها به ڪئي ويئي ته جن شاگردن کي ريڊيو ۽ ٽي وي نشريات ذريعي ڪي ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون هجن اُهي اسٽوڊنٽ ڪن مخصوص ڏينهن تي يونيورسٽي پهچي متعلقه پروفيسرن کان وضاحت وٺي سگهيا ٿي. اليڪٽرانڪ ميڊيا کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي شعبا ڏيکاريا ويا. جيئن تعميري فن (Construction)، ڊزائننگ، مصوري پينٽنگ، گهريلو هنر وغيره وغيره.
    ان کان پوءِ هڪ وڏي هال ۾ وٺي ويا جتي هڪ وڏي اسڪرين (Cinema Scope) تي اسان کي پنهنجي يونيورسٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ بابت فلم ڏيکاريائون جنهن ۾ بيحد دلچسپ ۽ وندرائيندڙ انداز ۾ معلومات ڏيکاريل هئي. هن يونيورسٽيءَ ۾ ورزش ۽ جسم کي هلڪي ڪرڻ (Slimming) جا ڪرتب به ڏيکاريا ويا. نوجوان حسِين ڇوڪرين کي فقط مختصر چڍي ۽ انگيءَ (Bra & Short) ۾ ورزش ڪندي ڏيکاريو ويو. ڪيڏي نه ڪمال جي ڳالهه آهي جو انساني ورزش کي به تعليمي نصاب جو حصو بنايو ويو آهي.


    مشيگان ڍنڍ جو سئر

    Tour of Lake Michigan

    ملواڪيءَ جو شهر ليڪ مشيگان جي ڪناري تي ٻَڌل آهي. ان ڪري اڄ منجهند جو 2 وڳي اسان کي ليڪ مشيگان جي خوبصورت ڪناري تي وٺي ويا. مون کي حيرت ٿي ته هن کي ليڪ (ڍنڍ) ڪيئن ٿا چون. جڏهن ته ليڪ مشيگان اسان کي ڪراچيءَ واري عربي سمنڊ کان به وڏي نظر آئي. هتي وڏا وڏا هوٽل ريسٽورنٽ، ٻارن جي کيڏڻ لاءِ سوَن ايڪڙن ۾ ڦهليل هڪ وڏو رونق دار علائقو هو، جتي وڏا به اچي وڃي سگهن ٿا. اڄ اسان جي منجهند جي مانيءَ جو بندوبست به هتي ملواڪي اِن (Milwaukee Inn) ۾ ٿيل هو. ست-اٺ ڊشز هيون جن ۾ ٽي نمونا ته فقط مڇين جا هئا. لنچ کائي ڏاڍو مزو آيو ۽ اسان پنهنجن ميزبانن جو ٿورا مڃيا.


    سڄو گهر چورائجي ويو

    ملواڪي شهر ۾ گهمندي اسان کي ڪاٺ جا ٺهيل ننڍا گهر ڏيکاريا ويا جن ۾ ٻه ڪمرا، هڪ ڪِچن، باٿ روم، ننڍو وِرانڊو ۽ هڪ ننڍو اسٽور هو. اسان کي ٻڌايو ويو ته اهي گهر زمين اندر کُپيل نه پر اُنهن کي ٺاهي زمين مٿان رکيو ويو آهي. اهڙن گهرن ۾ گهٽ آمدني ۽ مختصر فيملين وارا ماڻهو رهن ٿا. گهرن جي ان تعارف کانپوءِ اسان کي انهن گهرن بابت هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ويئي. ٻڌايائون ته هڪ فيملي وارا گهر کي تالو ڏيئي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪنهن ٻئي شهر ڏانهن هليا ويا. جڏهن موٽيا ته ڏٺائون ته سندن گهر غائب هو. جڏهن پاڙي واري گهر کان پُڇيائون ته ان کين ٻڌايو ته سندن غير موجودگيءَ ۾ هُن پوليس کي رپورٽ ڪري ڇڏي هئي ته منهنجي پاڙي واري جو گهر چورائجي ويو آهي، مهرباني ڪري ان کي ڳوليو.
    اسان سڀني کي حيرت ٿي ته توڙي جو گهر زمين ۾ کُپيل نه به هجي تڏهن به اُهو چوري ڪيئن ٿي سگهندو ۽ هيڏي ساري گهر کي کڻي ڪير سگهندو ته اسان جي ميزبانن انڪشاف ڪيو ته گهرن چورائڻ جون هڪ ٻه وارداتون اڳ به ٿيون آهن ۽ اهي گهر وڏن جيڪن (Jacks) ذريعي چوري ٿيا آهن. پوءِ وضاحت ڪندي ٻڌايائون ته ملواڪيءَ ۾ هن وقت تائين ٽي گهر چورائجي ويا جن مان ٻه گهر اڄ ڏينهن تائين نه مليا آهن، البت هڪڙو گهر پوليس کي فقط تڏهن ملي سگهيو جڏهن چورن جو جيڪ خراب ٿي پيو ۽ اُهي گهر کي رستي ۾ ڇڏي هليا ويا.


    ملواڪيءَ کان نيويارڪ

    Milwaukee to New York

    اڄ 1986ع سال جي سيپٽمبر مهيني جي 25 تاريخ هئي ۽ اسان پنهنجي انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام جي آخري شهر جنهن کي انگريزيءَ ۾(Last but not the least) چوندا آهن يعني نيويارڪ وڃي رهيا هئاسين. جيئن ڪيترائي سال اڳ لنڊن دنيا جو مرڪز هو، تيئن ئي ويجهي زماني ۾ نيويارڪ جو معاملو رهيو آهي. البت هاڻوڪي وقت ۾ لنڊن جي اهميت ۾ ته ڪجهه گهٽتائي آئي آهي پر نيويارڪ جي اهميت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اُتي جو اُتي قائم آهي. سڄي دنيا جي وڻج واپار جو مرڪز (Trade Centre) به نيويارڪ آهي ته اقوام متحده جو هيڊڪوارٽر به اُتي آهي. ان کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي بين الاقوامي ادارن جا مرڪز يا هيڊڪوارٽر نيويارڪ ۾ ئي آهن. آءٌ هتي نيويارڪ بابت وڌيڪ معلومات نه لکڻ چاهيندس ڇاڪاڻ ته 2006ع ۾ جڏهن مان آمريڪا ويو هوس ته منهنجي سئوٽ نعمت جي دعوت تي نيويارڪ پڻ ويو هوس جنهن مون کي نيويارڪ جو ڪافي سئر ڪرايو هو، تنهنڪري هن شهر بابت اُنهن صفحن ۾ ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان لکيو ويو آهي ۽ نيويارڪ جو تفصيلي ذڪر به هن ئي سفرنامي جو حصو آهي. البت هتي فقط وزيٽر پروگرام جي باري ۾ لکندس يا وري اُهي تفصيل جن جو ذڪر 2006ع جي سفرنامي ۾ آيل نه آهي.
    اسان جي فلائيٽ ملواڪيءَ کان شام جو 3 وڳي اُڏاڻي ۽ فقط اڍائي ڪلاڪن ۾ نيويارڪ جي لگارڊيا ايئرپورٽ (Laguardia Airport) تي اچي لٿاسين. ايئرپورٽ تان سڌو اسان کي نيويارڪ جي ڊيز اِن (Days Inn) هوٽل تي آندو ويو جتي اسان جي ڇهن ڏينهن جي رهائش جو انتظام ڪيو ويو هو. هي هوٽل نيويارڪ جي 57هين اسٽريٽ تي هو جيڪو بيحد رنگ رونق وارو علائقو آهي. اسان جي سڀني ساٿين کي بس اندر ۾ آنڌ مانڌ لڳل هئي ته نيويارڪ جلد پهچجي. سو بهرحال نيويارڪ پهچي وياسين. جيئن ته رات ٿي چُڪي هئي، تنهنڪري مون ۽ منهنجن ٻن ٽن ساٿين هوٽل ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني، باقي اسان جي گروپ جا گهڻا دوست نيويارڪ جي سئر سفر تي نڪري ويا.


    منهنجي واپسيءَ جي ٽڪيٽ ۾ تبديلي

    مون پنهنجي گائيڊ جان لارج کي لکي ڏنو هو ته منهنجي ٽڪيٽ وايا جده (سعوي عرب) تبديل ڪئي وڃي ڇو ته آءٌ عمري جي سعادت حاصل ڪري پوءِ وطن واپس ٿيندس. کيس اهو به چيو هوم ته ان تبديليءَ جي عيوض مون کي وڌيڪ پئسا ڀرڻا نه پون. جان لارج ڏاڍو سٺو ۽ تعاون ڪندڙ انسان هو. مون کي چيائين ته ٽڪيٽ ۾ ضروري تبديلي ته ٿي ويندي باقي ممڪن آهي اوهان کي مٿي ڪجهه پئسا ڏيڻا پون. مون کيس چيو: ”يار قرب ڪر، جيئن پئسا نه ڀرڻا پون“. نيٺ 28 سيپٽمبر تي ٽڪيٽ منهنجي حوالي اچي ڪيائين ۽ چيائين ته: ”بلوچ صاحب! توهان جي خواهش کان به آءٌ اڃا اڳڀرو هليو ويو آهيان. اوهان جي واپسي وايا لنڊن ڪرائي اٿم، اُتي اوهان جو هڪ رات جو (Free stay) آهي سو به 5-اسٽار هوٽل هلٽن ۾ جتي اوهان 14 ڪلاڪ آرام ڪري ٻئي ڏينهن تي جده روانا ٿي وڃجو“. مون ٽي ڀيرا سندس مهربانيون مڃيون ۽ کيس چيم: A very huge thank you John Large وراڻيائين: ”اوهان جي مدد ڪرڻ منهنجو فرض هو ۽ مون کي خوشي آهي ته اوهان وٽ مان سرخرو ٿيس. بس هاڻي پنهنجي سفر کي Enjoy ڪجو“.
    26 سيپٽمبر تي صبح جو ڏهين وڳي هوٽل ڇڏيوسين جتان يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفرميشن سروس (USIS) جا گائيڊ جان لارج ۽ ڊوروٿي ٽامس اسان کي ٽرمپ بلڊنگ وٺي ويا. ڇا ته هيءَ بلڊنگ آهي. 68 منزلن تي ٺهيل آهي ۽ مئنهئٽن جي بلڪل وچ مرڪز ۾ ٺهيل آهي. اسان هن منزل جي 42 هين منزل تي آياسين جتي وائيس آف آمريڪا (Voice of America-VOA) جو خبرن جو شعبو ڪم ڪري ٿو. 42هين منزل جو ذري گهٽ اڌ وائيس آف آمريڪا جي خبرن جي شعبي جي حوالي آهي. هونئن وائيس آف آمريڪا جو هيڊڪوارٽر ته واشنگٽن ڊي سي ۾ آهي جنهن جو احوال گذريل صفحن ۾ ڏئي آيو آهيان پر نيويارڪ ۾ پڻ خبرن جو شعبو ڪافي سرگرم آهي ۽ ڪيتريون خبرون واشنگٽن جي بجاءِ نيويارڪ جي اسٽوڊيوز مان سڌيون نشرٿين ٿيون. بهرحال اڄ 26 سيپٽمبر جو سربستو احوال هن طرح آهي:
    جيئن اسان ٽرمپ بلڊنگ جي 42هين منزل تي پهتاسين ته وڏي ۽ تمام ڪشادي ورانڊي ۾ اسان جي لاءِ مرحبائي بئنر لڳايا ويا هئا جن تي لکيل هو:
    We heartily welcome our distinguished participants of International Visitor Program
    (اسان انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام جي معزز مهمانن کي دلي آجيان چئون ٿا).
    ان کانپوءِ اسان کي هڪ وڏي هال ۾ ويهاريو ويو ۽ اسان جي سامهون اسٽيج تي آمريڪا جا ماهر براڊڪاسٽر ويٺل هئا. دستور موجب اسان سڀني پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ ڪافيءَ جو دور شروع ٿيو ۽ ريفريشمينٽس ۾ ڪاٺين ۾ ٽُنبيل گوشت جون ٻُوٽيون کارايائون جيڪي اسان کان اڄ تائين نه وسري سگهيون آهن. ڇو ته هن گوشت جو ذائقو ئي نرالو هو. اسان کي ٻڌايو ويو ته جيڪي ٻُوٽيون اسان کاڌيون، اُهي پکين جون هيون ۽ اهي ٻُوٽيون نصيب وارن جي حصي ۾ اينديون آهن. 12 وڳي تائين چانهه ۽ ڪافيءَ جو دور هليو. بعد ۾ ٽن منجهان ٻن براڊڪاسٽرس ائنڊريو هاپڪنس ۽ جوزف سمپسن اسان کي خبرن جي شعبي جي باري ۾ تفصيلي ۽ وندرائيندڙ طريقي سان ليڪچر ڏنا ۽ اهو به ٻڌايو ويو ته ڪهڙين خبرن کي ڪارگر چئجي ۽ ڪهڙيون خبرون اجايون ۽ ڀراءَ خاطر(Fill gap arrangement) هونديون آهن. ٻنهي صاحبن ڏاڍا زبردست ليڪچر ڏنا. ليڪچر کانپوءِ اُنهن اسان کي دعوت ڏني ته کانئن ڪنهن به قسم جي وضاحت وٺون ۽ سوال ڪريون. اسان جي گروپ مان مون سميت پنجن ڄڻن ڪجهه سوال اُٿاريا جن جا جواب اُنهن نهايت ئي خوش اسلوبيءَ ۽ تسلي بخش نموني ڏنا. ڏاڍي مفيد معلومات ملي. ليڪچر، ريفريشمنيٽ، ڪافيءَ جو دور توڙي مجموعي طور اڄوڪي سڄي نشست کي اسان خوب Enjoy ڪيو. منجهند جو اڍائي وڳي هي نشست پوري ٿي ۽ اسان پنهنجن هوٽلن تي موٽي آياسين.
    27 ۽ 28 سيپٽمبر تي اسان کي نيويارڪ جي مختلف جڳهين تي وائيس آف آمريڪا جي براڊڪاسٽنگ جا شعبا ڏيکاريندا رهيا ۽ بروڪلن ۽ برانڪس جي علائقن ۾ اسان ننڍيون ننڍيون پرائيويٽ ريڊيو اسٽيشنون به ڏٺيون پر اُنهن جو معيار اهڙو نه هو جيڪي اسان ڊَلس (ٽيڪسَس) يا لاس اينجلس ڪئليفورنيا ۾ ڏٺيون هيون. يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفرميشن سروس وارن نيويارڪ ۾ اسان تي هٿ هلڪو رکيو هو. ڇاڪاڻ ته نيويارڪ اسان جي ٽوئر جو آخري شهر هو ته هنن به شايد اهو طئي ڪيو هو ته گروپ وارن کي براڊڪاسٽنگ جي سلسلي ۾ سڄي ڏينهن ۾ گهڻو مصروف نه رکجي ۽ ڀلي ته هو پاڻ به هيڏي هوڏي گهمن ڦرن، نه ته مِلواڪي شهر تائين اسان جي پروگرام کي ايترو ٽائيٽ رکندا هئا جو اسان کي صبح جي ڏهين وڳي کان وٺي شام جو پنجين وڳي تائين قابو رکندا هئا ۽ اسان جو هر قدم سندن ڇپيل پروگرام موجب کڄندو هو.


    آزاديءَ جي مجسمي ۽ ايلس ٻيٽن جو سئر

    Tour of Statue of Liberty and Ellis Islands

    28 سيپٽمبر تي شام جو اسان کي آزاديءَ جي مجسمي (Statue of Liberty) ۽ ايلس ٻيٽن (Ellis Islands) تي وٺي ويا. هتي اسان کي فيري ۾ ويهاري هڊسن نديءَ جو سئر پڻ ڪرايو ويو. فيريءَ ۾ ويٺي ئي اسان کي چاءِ ۽ ڪافي پياري ويئي. نديءَ جو سئر (Cruise) پورو هڪ ڪلاڪ هليو جتي ڏاڍو مزو آيو. ان کانپوءِ ايلس ٻيٽن تي وياسين جتي وڏا بورڊ لڳل آهن جن تي آزاديءَ جي مجسمي ۽ ٻيٽن جو پورو تعارف لکيل آهي ته ساڳئي وقت انهن جي تاريخي اهميت کي به اُجاگر ڪيو ويو آهي. وچ ۾ خوبصورت ريسٽورنٽ، ميوزيم ۽ ننڍن ٻارن جي وِندر ورونهن لاءِ راندين روندين (Rides) جهڙا شغل پڻ موجود آهن. خاص طرح اسان جي گروپ جي ڇوڪرين ڏاڍو Enjoy پئي ڪيو. باقي آزاديءَ جي مجسمي (Statue of Liberty) بابت مان اوهان کي ڇا ٻڌايان ڇو ته هن جي باري ۾ دنيا جي هر ننڍي وڏي کي پوري ڄاڻ آهي. فيريءَ تان هيٺ لهي ڪافي دير تائين نديءَ جي ڪناري تي هلندا ۽ هڪ ٻئي سان خوشگوار موڊ ۾ رهاڻيون رچائيندا رهياسون. جڏهن رات جا اَٺ ٿيا ته ڪوچ ۾ سُوار ٿي پنهنجي هوٽل تي آياسين.
    29 سيپٽمبر 1986ع جو سڄو ڏينهن اسان کي فري ڇڏيو ويو ڇو ته 30 سيپٽمبر تي صبح جو 11:30 وڳي آخري گڏجاڻي ۽ ان کانپوءِ الوداعي لنچ (Farewell Lunch) جو انتظام ڪيل هو.


    ٽائيمس اسڪوائر جو سئر

    اسان گروپ وارن پاڻ ۾ صلاح ڪري مِني ڪوچ (Mini-Coach) جيڪو اسان کي روزانو هوٽل تان کڻي ۽ پهچائي ويندو هو، کي رات جو 8 وڳي هوٽل تي گهرايو ته اڄ سڀيئي گڏجي ٽائيمس اسڪوائر (Times Square) هلنداسون ۽ اُتي گهمندا ڦرندا رهنداسون ۽ خوب انجواءِ ڪنداسين.
    نيويارڪ جي مئنهئٽن ۾ ٽائيمس اسڪوائر سڀ کان وڌيڪ مشهور، رنگ رونق وارو علائقو ۽ وڻج واپار ۾ سڀني کان اڳتي آهي. پر 1960ع کان وٺي 1982ع تائين ٽائيمس اسڪوائر جو علائقو ڏوهن جو ڳڙهه بڻجي ويو. رات جو غنڊاگردي، قتل، زوري زنا، هر ايندڙ ويندڙ کان پئسا ڦرڻ ۽ لُٽڻ جا واقعا عام جام ٿي ويا، تنهنڪري ڪو به اڪيلو ماڻهو ٽائيمس اسڪوائر وڃڻ جي جُرئت ئي نه ڪندو هو. اسان جو براڊڪاسٽنگ گروپ خوش قسمت هو جو 1984ع ۾ جڏهن نيويارڪ جي نئين ميئر پنهنجو عهدو سنڀاليو ته ان کان پوءِ هتي ڏوهن ۾ نمايان ڪئي آئي آهي. هاڻي ٽائيمس اسڪوائر ۾ ئي اي بي سي ريڊيو توڙي ٽي وي جا اسٽوڊيوز کلي ويا آهن جتان روزانو پروگرام ”گڊ مارننگ آمريڪا“(Good Morning America) شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان پروگرام حالتن کي بهتر بنائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي. ٽائيمس اسڪوائر جو وڏي ۾ وڏو جشن هر نئين سال جي آمد تي ٿيندو آهي جتي هزارن ۾ نه پر لکن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿين ٿا ۽ 31 ڊسمبر جي رات جڏهن گهڙيال جي سُئيءَ جو ڪانٽو 11:59 منٽن کان ٿورو اڳتي وڌي 12:00 وڳي تائين پهچي ٿو ته نئين سال جو بال ڦاٽي ٿو (Ball Drop) ۽ پوءِ هُو هو هُوڪرا، هئپي نيو ييئر جا نعرا لڳڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ ڇوڪرا ڇوڪريون، توڙي وڏا ننڍا هڪٻئي سان ڀاڪر پائن ٿا، هڪ ٻئي کي چُميون ڏين ٿا يا ٻين لفظن ۾ چُمين ڀاڪرن جا دور شروع ٿي وڃن ٿا. توڙي جو اسان کي ٻڌايو ويو ته هاڻي حالتون بهتر هيون ۽ امن امان جو ايترو مسئلو نه هو تڏهن به اسان ڊنل هئاسون ۽ اهو ئي سبب هو ته صلاح ڪري سڀيئي گڏجي نڪتاسون.
    هاڻي ٽائيمس اسڪوائر جي رنگ رونق جي ڪا هڪ يا ٻه چار ڳالهيون هجن ته ٻڌائجن. هتي ته بيشمار ۽ عجيب منظر ۽ نوان نظارا ڏٺاسون. براڊ وي ٿئيٽر به ٽائيمس اسڪوائر سان لڳو لڳ آهي ته وري اُتي ٿئيٽرن ۾ جيڪي جيئرا جاڳندا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا، اُهي به ڏٺاسون ۽ خوب لطف اندوز ٿياسون. ڪيترا ماڻهو پِيپ شوز (Peep Shows) ۾ محو مگن ٿي وڃن ٿا جيڪي جهاتيون پائي اگهاڙا شوز ڏسن ٿا.
    بهرحال اسان اُتي ٻه-ٽي ڪلاڪ گهمندا، ڦرندا ۽ شاپنگ ڪندا رهياسين ۽ خوب انجواءِ ڪيوسين. اڳواٽ طئي ٿيل پروگرام موجب رات جو 11:30 وڳي پنهنجي ڪوچ ۾ سُوار ٿي اچي پنهنجي هوٽل ڊيز اِن (Days Inn) ۾ پهتاسين.


    نيويارڪ ۾ براڊڪاسٽنگ گروپ جي الوداعي تقريب

    ڄ 30 سيپٽمبر هئي ۽ آمريڪا ۾ اسان جو اڄ آخري ڏينهن هو، پر منهنجو نه، ڇو ته مون ريڊيو پاڪستان جي صاحبن کان 15 ڏينهن موڪل ورتي هئي ڇاڪاڻ ته مون پاڪستان هلڻ وقت دل ۾ پڪو عزم ڪيو هو ته آمريڪا کان واپسيءَ تي عمري جي سعادت حاصل ڪري پوءِ وطن واپس ورندس. 30 سيپٽمبر 1986ع جي ڏينهن صبح جو پوري 11 وڳي اسان پنهنجي هوٽل مان روانا ٿياسون ۽ ٺيڪ 11:30 وڳي اسان کي هوٽل هلٽن گارڊن اِن (Hilton Garden Inn) ۾ آندو ويو جيڪو اتفاق سان ٽائيمس اسڪوائر ۾ ئي هو جتي اسان ڪالهه ٽي-چار ڪلاڪ گهمندا ڦرندا رهيا هئاسين. هي هوٽل فائيو اسٽار هو ۽ ڇا ته هن جي سونهن ۽ سندس شان هو. جڏهن اسان هن هوٽل جو باغيچو ۽ رنگ برنگي گل ڏٺا ته حيران ٿي وياسين. بهرحال پوءِ هڪ وڏي هال ۾ وڃي ويهاريائون. ٿوريءَ دير کان پوءِ تقريب جي ڪاروائي شروع ٿي. مون آمريڪا جي انفرميشن سروس وارن کي اڳي ئي چئي ڇڏيو هو ته تقريب جي وچ ۾ يا آخر ۾ مون کي اسٽيج تي ضرور سڏين جتي آءٌ الوداعي شعر پڙهندس. تقريب جي شروعات ۾ USIS جو ڊائريڪٽر ڊيوِڊ وليمَس آيو جنهن پنهنجي تقرير ۾ کليل اعتراف ڪيو ته اسان وٽ هن وقت تائين جيڪي به براڊڪاسٽنگ جا گروپ آيا آهن انهن سڀني ۾ اوهان جو گروپ سڀني کان وڌيڪ لائق، پروفيشنل ۽ دوستاڻو رهيو آهي. ان جملي تي اسان جي سڄي گروپ زور سان تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون جيڪي پورن پنجن منٽن تائين وڄنديون رهيون. ان کان پوءِ اسان سڀني کي هڪ هڪ ڪري سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا ۽ هر هڪ نمائندي جي سرٽيفڪيٽ وٺڻ وقت اسان زوردار تاڙيون وڄائي سرٽيفڪيٽ وٺڻ واري کي داد ٿي ڏنو. سرٽيفڪيٽن ورهائڻ کان پوءِ مون کي سڏيو ويو ته آءٌ پنهنجي شاعري پيش ڪريان. مون انگريزيءَ ۾ هڪ ڊگهو نظم لکيو هو جنهن ۾ اسان جي سڄي گروپ، توڙي انفرميشن سروس جي اُنهن سڀني ساٿين جا نالا ان نظم ۾ شامل هئا جيڪي اسان سان يڪو گڏ هئا. هر هڪ ساٿي جي نالي وٺڻ سان تاڙيون ٿي وڳيون ۽ جڏهن مون نظم ختم ڪيو ته وري ڀرپور تاڙيون وڄايون ويون. جڏهن تاڙيون بند ٿيون ۽ مان اسٽيج تان هيٺ لهڻ لڳس ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس انفرميشن سروس (USIS) جو ڊائريڪٽر ڊيوِڊ وليمس پنهنجي سيٽ تان اُٿيو ۽ منهنجو هٿ وٺي مٿي ڪيائين ۽ تاڙيون وڄايائين ته سڄو هال ٻيهر تاڙين سان گونجي اُٿيو. آءٌ ٻيهر مائڪروفون وٽ ويس ۽ ڊيوِڊ وليمس توڙي سڀني ساٿين جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيم، جن منهنجي عزت افزائي ڪندي مون کي ڀرپور داد ڏنو هو.
    پوڻين ٻي وڳي منجهند جو الوداعي تقريب ختم ٿي ان کان پوءِ ساڳئي هوٽل ۾ پُرتڪلف لنچ ويهي کاڌيسون. ماني کائيندي به گروپ جي ساٿين مون کي ڏاڍو داد ڏنو ۽ چيائون: ”اسان کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته اوهان ڪي ايڏا وڏا شاعر آهيو“. بهرحال لنچ کانپوءِ 3 وڳي ڌاران سڀني کان موڪلائي هوٽل تي آياسين ۽ هوٽل ڊيز اِن تي وري اسان گروپ جي ساٿين هڪ ٻئي کان موڪلايو ڇو ته ڪن ساٿين جي اڄ شام يا رات جو ئي واپسيءَ جي فلائيٽ هئي. مون رات هن هوٽل ۾ ئي گذاري. ڪن پيارن دوستن ۽ خاص طرح اشرف سمي صاحب ڏاڍو زور ڀريو ته ٻه-ٽي ڏينهن ساڻن گڏ گذاري پوءِ وطن واپس وڃان. پهرين آڪٽوبر تي اهي دوست مون کي هوٽل تان وٺي ويا ۽ اچي بروڪلن جي علائقي ۾ اشرف سمي جي گهر رهيس.


    نياگرا فالس جا نظارا

    نيويارڪ پهچڻ شرط خيال آيو هو ته هتي آيو ئي آهيان ته ڇو نه نياگرا فالس (Niagara Falls) به ڏسي اچان ڇو ته دوستن ٻڌايو هو ته نياگرا فالس نيويارڪ کان ويجهو آهي. ٻئي ڏينهن تي ئي ڪئناڊا جي سفارتخاني ۾ وڃي ڪئناڊا جو ويزا وٺي آيس ۽ 4 آڪٽوبر تي نيويارڪ کان جهاز ۾ سُوار ٿي فقط هڪ ڪلاڪ ۾ بفيلو (Buffalo) ايئرپورٽ پهتاسين. اتفاق سان جهاز ۾ منهنجي ملاقات حيدرآباد جي نواب يامين سان ٿي. ان سان گڏ ٻه ٻيا ساٿي به هئا، جن مان هڪڙو لياريءَ جو مشهور ليڊر ۽ قومي اسيمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر جناب احمد علي سومرو هو ۽ ڏاڍو معتبر ماڻهو نظر آيو. اُهي به نياگرا فالس ڏسڻ پئي ويا. بفيلو ايئرپورٽ تان گريهائونڊ (Greyhound) بس ۾ سُوار ٿي انٽئريو (Ontario) جي شهر پهتاسين جيڪو نياگرا فالس جي ڪناري تي آهي. بفيلو کان اَنٽئريو فقط 23 ميلن جو مفاصلو هو ۽ اسان اڌ ڪلاڪ ۾ اتي پهچي وياسين ۽ اَنٽئريو لگزري اِن (Ontario Luxury Inn) ۾ وڃي بوڪنگ ڪرائيسون جيڪو ڏاڍو سٺو هوٽل هو. سومرو صاحب ۽ آءٌ ساڳئي ڪمري ۾ رهياسين ۽ نواب يامين خان ۽ سندس ٻيو ساٿي ٻئي ڪمري ۾ رهيا. بس فقط هٿ منهن ڌوئي، چانهه پي ۽ نياگرا فالس ڏسڻ لاءِ پنڌ نڪري پياسين جيڪو اسان جي هوٽل کان اڌ فرلانگ جيترو مفاصلو به نه هو. پري کان ئي نياگرا فالس جي زور سان ڪِرندڙ پاڻيءَ جي گجگوڙ ڪَنن تي پيئي. جڏهن صفا ويجهو آياسين ته الله جي قدرت ۽ اُن جي جلون جو نظارو ڏٺوسين جنهن کي بيان ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه آهي ۽ ڪنهن جي به وس ۾ نه آهي. ڀلي ڪيڏو به ڪو وڏو شاعر، مصور يا پينٽر هجي پر نياگرا فالس جو جيڪو قدرتي نظارو آهي ان کي هوبهو بيان ڪرڻ يا ان بيان ۾ اهڙو رنگ ڀرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه آهي. حيرت ٿي ٿئي ته هتي ايترو اگوندرو پاڻي آخر ڪٿان ٿو اچي ۽ رات ڏينهن لڳاتار پيو هيٺ ڪِري! نيٺ نياگرا فالس بابت ڪجهه چوپڙيون ورتم جن مان معلوم ٿيو ته ٻن-ٽن دريائن يعني ليڪ سپيرئر (Lake Superior)، مشيگان (Lake Michigan) ۽ اِيري (Eirie) نديءَ جا پاڻي گڏجي نياگرا فالس ٺاهن ٿا.
    هتي هڪ ٻيو نظارو به ڏٺوسين ته ماڻهو لانچ ۾ چڙهن ٿا جيڪا نياگرا فالس جي زور سان ڪِرندڙ پاڻيءَ طرف هلي ٿي. هيڏانهن لانچ موٽرن جي زور تي سخت زور سان وهندڙ پاڻيءَ جي ٽڪراءَ ۾ اوڀاري هلي ٿي ته هوڏانهن وري نياگرا فالس تان زور سان ڪِرندڙ پاڻي لانچ کي پاڻ ڏي وڌڻ کان روڪي ٿو. لانچ ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ جنگ جو اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي! اسان دوستن به صلاح ڪئي ته لانچ ۾ چڙهون پر نواب يامين ۽ سندس ساٿي اصل تيار نه ٿيا ڇو ته هي ڏاڍو ڀوائتو ۽ ڀيانڪ منظر هوندو آهي. نيٺ آءٌ ۽ سومرو صاحب ٽڪيٽ وٺي وڃي لانچ ۾ ويٺاسين. زور سان ڪِرندڙ پاڻيءَ اسان جي لانچ کي ڪڏهن ڪڏهن ته ناڪاره بڻائي ٿي ڇڏيو ۽ ڪٿي ڪٿي ايترا ته خطرناڪ لوڏا ٿي آيا جو ائين ٿي لڳو ته ڄڻ لانچ اِجهو ٿي اونڌي ٿئي! بهرحال اهو اڌ ڪلاڪ کن جو نياگرا فالس جو ڀوائتو سفر ڪري اچي ڪِناري تي لٿاسين ته بُت ۾ ساهه پيو. پر هتي اها به وضاحت ڪري ڇڏيان ته توڙي جو لانچ ۾ ٿورو ڊناسين به ٿي پر دوستن سان ڀوڳ چرچا به هلندا رهيا ته جيئن لانچ جي سئر کي انجواءِ ڪري سگهجي.
    ان کانپوءِ اَنٽئريو شهر جو چڪر لڳايوسين ۽ هتان ڪجهه شاپنگ به ڪئي سون. ٻين دوستن کي هڪ ٻه ڏينهن وڌيڪ رهڻو هو ۽ آءٌ رات نياگرا فالس جي شهر اَنٽئريو ۾ گذاري ٻئي صبح جو ڏهين وڳي جي فلائيٽ ۾ بفيلو کان نيويارڪ پهچي ويس. اڄ رات جو ئي اشرف سمي وارن اڳواٽ مون سان پروگرام طئي ڪري ڇڏيو هو ته مشهور ڪئسينو ائٽلانٽڪ سٽي هلنداسون.


    ائٽلانٽڪ سٽي جو سئر

    اشرف سمو ڏاڍو دلبر ماڻهو آهي ۽ اسان کي ڀوڳن چرچن ذريعي ڏاڍو کلائيندو رهندو هو. سو جڏهن ائٽلانٽڪ سٽي هلڻ لاءِ چيائين ته مون ٿورو لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيومانس ته: ”يار! تو منهنجي اڳ ئي گهڻي خدمت ڪئي آهي، پنهنجي گهر ۾ رهايو اٿئي ۽ خوب کارايو پياريو اٿئي، هاڻي ائٽلانٽڪ سٽي وٺي هلڻ جي وڌيڪ تڪليف نه ڪر“. ته هڪدم مُرڪندي مون کي چيائين: ”هاڻي اهي دٻڙاٽ ڦُسڙاٽ بند ڪر، توکي اُتي ڏاڍو مزو ايندو“. دٻڙاٽ ڦُسڙاٽ سندس تڪيو ڪلام هوندو هو ۽ اسان سندس چوڻ جي انداز تي ڏاڍو کلندا هئاسين. رات جي ماني کائي 8 وڳي ڌاران نيويارڪ مان هلياسين. اشرف جا ٻه دوست ٻيا به هليا جن جا نالا ياد نه پيا اچن. ٽن ڪلاڪن جي ڊرائيو کان پوءِ رات جو 11 وڳي ائٽلانٽڪ سٽي پهچي وياسين. بس هر طرف چمڪاٽ، روشنيون ۽ چوڏس چانڊاڻ جا منظر هئا. ڪيترائي ڪئسينوز ڏٺاسين جيئن ٽرمپ پلازا، بئليز، سئنڊس وغيره. اشرف ۽ سندس دوست ڪئسينوز ۾ کيڏيا ۽ آءٌ صرف تماشو ڏسندو رهيس. هزارين ماڻهو آيل هئا، ڪٿي ٿئيٽر پئي هليا، ڪٿي ڇوڪرين طرفان ڊانس ڪيو پئي ويو. هتي ڪشش ڪرڻ ۽ مَن موهڻ جا ڪيترائي مقناطيسي رنگ ۽ جسم نظر آيا جيڪي هر ايندڙ ويندڙ کي پاڻ ڏي ڪشش ڪري قابو ڪري ڇڏين ٿا. اسان هتي ٽي ڪلاڪ کن مختلف ڪئسينوز جا چڪر لڳائيندا رهياسين ۽ رات جو 3 وڳي واپس ٿي صبح جو 6 وڳي نيويارڪ پهتاسين. اچڻ شرط بسترن ۾ وڃي ڪرياسين ۽ اک تڏهن کلي جڏهن منجهند جو هڪ ٿيو هو. مان ته اُٿي ويو هئس پر اشرف ۽ سندس ٻيا ساٿي 2 وڳي اٿيا. مون وٽ فقط هڪ ڏينهن وڃي بچيو هو جو 7 آڪٽوبر تي منهنجي فلائيٽ لنڊن جي هئي. اڄ ويهي پئڪنگ ڪيم. اشرف ۽ سندس دوستن اڄ رات جي مانيءَ جو پروگرام گهر کان ٻاهر رکيو هو. رات جو 9 وڳي هوٽل رايل پئليس تي اچي ماني کارايائون. اڄوڪي ڊنر ۾ ڪجهه پاڪستاني ڊشز ۽ ڪجهه چائنيز ڊشز جو ميلاپ هو تنهن ڪري ماني ڏاڍي لذيذ هئي. اشرف سمي ڪجهه ٻين دوستن کي به سڏي ورتو هو ۽ اٽڪل ڏهاڪو کن دوست ڊنر تي موجود هئاسون. ماني کائي رات جو 11 وڳي گهر موٽياسين.


    نيويارڪ کان لنڊن

    اڄ آڪٽوبر 1986ع جي ستين تاريخ هئي. اشرف صاحب پنهنجي گاڏيءَ ۾ مون کي ٻين وڳي منجهند جو نيويارڪ جي جان.ايف.ڪينيڊي ايئرپورٽ تي ڇڏي ويو ۽ موڪلائڻ مهل چيائين: ”يار عنايت! تون ڏاڍو ياد ايندين. توسان کُليءَ دل سان ڪيل ڪچهريون، تنهنجي وڃڻ کانپوءِ ستائينديون رهنديون“. مون سندس بيحد ٿورا مڃيا جو اشرف ڀاءُ منهنجو تمام گهڻو خيال رکيو، قرب ڏنو ۽ خدمتون ڪيون.
    آمريڪا جي وقت جي مطابق شام جو ٺيڪ 5 وڳي ٽرنسورلڊ ايئرلائينس جو جهاز ڪينيڊي ايئرپورٽ تان اُڏاڻو. ٽرنسورلڊ ايئرلائينس(Transworld Airlines) توڙي پئن آمريڪن (Pan American) ٻيئي آمريڪا جون ايئرلائينون آهن پر اُنهن جي سروس خراب ته نه پر اوتري معياري نه آهي جيتري برٽش ايئرويز، لفٿنسا يا جپان ايئرلائين جي آهي. بهرحال پوءِ به اُن جي سروس ٺيڪ ٺاڪ هئي. سندن ماني به سٺي هئي ۽ ايئرلائين جي هوسٽيسن به ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ جوسز ٿي پياريون ۽ اسان کان ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ پڇيائون پئي ته ڪنهن شيءِ جي ضرورت ته ڪانه هئي. پورن اٺن ڪلاڪن جي مسلسل اُڏام کان پوءِ لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي وڃي لٿاسون. ان وقت لنڊن ۾ صبح جا ست ٿيا هئا. اڳ به پنهنجن ڪيترن سفرنامن ۾ ٻڌايو اٿم ته هيٿرو ايئرپورٽ دنيا جي وڏن هوائي اڏن منجهان هڪ آهي. هن ايئرپورٽ تي هيڏي هوڏي نهارڻ کانپوءِ ٽرنسورلڊ ايئرلائين جو انفرميشن ڪائونٽر ملي ويو، جتي مون کين هوٽل جو ڪوپن ڏيکاريو ته مون کي هتي 14 ڪلاڪ کن ترسڻو آهي. ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪري، جنهن جي کيسي تي سندس نالو جُولي لکيل هو، جيتري خوبصورت هئي، اوتري ئي خوب سيرت به هئي، مون کي چيائين توهان رڳو پنج منٽ ترسو. سامهون رکيل صوفا سيٽ تي ويهڻ جو چيائين جتي آءٌ ويهي رهيس. ٽيليفون تي ڳالهائي ۽ ان کانپوءِ پنهنجي مُنهن تي موهڻي مُرڪ آڻيندي مون کي چيائين: ”هلٽن (Hilton) ۾ مون اوهان جو ڪمرو بُوڪ ڪرائي ڇڏيو آهي جتي اوهان اُميد ته آرامده طريقي سان پنهنجو وقت گذاري سگهندو“. ان کانپوءِ هڪ ڇوڪرو ساڻ ڪري ڏنائين ته مون کي شٽل سروس واري وئن تي ويهاري اچي. مون کيس وڏو Thank you چيو ۽ شٽل سروس ۾ ويهي هلٽن جي ڪمري نمبر 827 ۾ اچي رهيس. ڪمري ۾ ٻيو ته گهڻو ڪجهه هو پر جيڪو بيڊ مليو ان ۾ الائي ڪيترا سسٽم فِٽ ٿيل هئا. بهرحال وڏيءَ محنت کانپوءِ اُهو سسٽم ڳولي لڌم جنهن موجب بيڊ مون کي هڪ نوڪر وانگر زور ڏئي سگهيو ٿي. بس جيئن بيڊ منهنجي جسم کي نرم طريقي سان دٻائڻ شروع ڪيو ته بنان دير ننڊ وڪوڙي ويئي ۽ جاڳ تڏهن ٿيم جڏهن منجهند جا ٻه وڄي چُڪا هئا. پياري دوست علي اڪبر ميمڻ کي ٽيليفون ڪيم جيڪو شام جو پنجين وڳي گاڏي ڪاهي آيو ۽ ٻه ڪلاڪ کن لنڊن جو هڪ سرسري چڪر لڳائي شام جو ستين وڳي اچي هوٽل تي ڇڏيائين. علي اڪبر ميمڻ جو احوال منهنجي پهرئين سفرنامي: ”پرين جي پرديس“ ۾ تفصيل سان آيل آهي.


    لنڊن کان جده

    منهنجي خوش قسمتي جو لنڊن کان جده تائين منهنجي فلائيٽ منهنجي پسنديده ايئرلائين برٽش ايئرويز ۾ بوڪ هئي جيڪا رات جو ڏهين وڳي رواني ٿيڻي هئي پر ڪن ٽيڪنيڪي سببن جي ڪري رات جو ٻارهين وڳي رواني ٿي. رات جو هڪ وڳي اسان کي ڊنر کارايائون حالانڪ اسان کي هرگز آسرو ڪو نه هو ته جيڪا فلائيٽ اُڏاڻي ئي رات جو ٻارهين وڳي آهي ته ان ۾ ڊنر ڪيئن کارائيندا ڇو ته ان جو وقت گذري چڪو هو پر ايئر لائين وارن کي احساس هو ته جيئن ته جهاز کي رات جو ڏهين وڳي روانو ٿيڻو هو ته مسافرن رات جي ماني ان آسري ۾ نه کاڌي هوندي ته ماني جهاز ۾ ملندي. بهرحال پنهنجي سهڻي روايت کي قائم رکندي لذيذ ماني کارايائون. ماني کائي، سيٽون پوئتي ڪري سمهي پياسين. جاڳ تڏهن ٿي جڏهن صبح جو ستين وڳي جهاز ۾ بتيون ٻري ويون. هڪدم خوشبودار نيم گرم ٽوال اچي ويا، جن کي منهن تي گهمايوسين ته صفا فريش ٿي وياسين. ٿوريءَ دير ۾ اسان کي ناشتو ڏنو ويو ۽ ان کانپوءِ اڌ ڪلاڪ ۾ جده ايئرپورٽ تي لهي وياسين. لنڊن کان جدي پهچڻ تائين ست ڪلاڪ لڳا. جدي ۾ ان وقت صبح جا 10 وڳا هئا.
    جڏهن ايئرپورٽ کان ٻاهر آياسين ته برادرم محمد اسماعيل جهتيال تي نظر پيئي. اڳتي وڌي اچي وڏو ڀاڪر پائي مون سان مليو. اسماعيل صاحب سان سندس ڀائر ۽ ٻيا دوست به گڏ هئا جيڪي ٻه گاڏيون ڪاهي مون کي وٺڻ آيا هئا. سِڌا محمد اسماعيل جهتيال صاحب جي گهر آياسين.


    جده کان مڪه مڪرمه

    منهنجي خواهش هئي ته جلدي عمري لاءِ حرم شريف هلجي ۽ ڪعبت الله جي زيارت ڪجي پر پوءِ منجهند جي ماني تيار هئي. ماني کائي مڪي شريف لاءِ روانا ٿياسين ۽ فقط ڪلاڪ يا سوا ڪلاڪ ۾ حرم شريف پهچي وياسين. سالها سالن جي دل جي تمنا ۽ اکين ۾ سانڍيل پراڻي آرزو پوري ٿي جڏهن نظرون الله جي گهر ڪعبت الله تي صفا کُپي ويون. اکڙين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. اهڙن لمحن ۾ نه آمريڪا ياد رهيو نه لنڊن. هتي جي دنيا ئي نرالي هئي. دل جي ڪيفيت عجيب هئي ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته ڪعبت الله تي نظر وجهڻ سان اکين جي آس ڄڻ ڍاپي ئي ڪانه پيئي، بس دل پئي چيو ته ڏسندو ئي رهجي. محمد اسماعيل جهتيال ۽ سندس ڀائر به مون سان گڏ هئا. اسان طواف ڪيو ۽ ست چڪر لڳايا. ان کانپوءِ صفا مروه تي آياسين ۽ اُتي به ست چڪر لڳاياسين. ان کانپوءِ مٿي جي چڳ ڪٽرايسون ته عمرو مڪمل ٿي ويو. عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ ۾ اسان کي وڌ ۾ وڌ ٻه-اڍائي ڪلاڪ لڳا هوندا. حجر اسود کي چُمي ڏيڻ جي خواهش به پوري ٿي ته دل ۾ شڪر الحمدلله چيم. واقعي الله پاڪ جا لکين شڪرانا ادا ڪيم جو جڏهن گهر کان آمريڪا لاءِ نڪتو هوس ته پڪو عزم ڪيو هوم ته آمريڪا کان واپسيءَ تي عمرو ضرور ادا ڪندس. الله پاڪ آس پوري ڪئي ۽ حرمين شريفين جي سرزمين جي زيارت نصيب ٿي، ان کانپوءِ جده ۾ اسماعيل صاحب جي گهر واپس آياسين.


    غار حرا جي زيارت

    ٻئي ڏينهن تي صبح جي نماز پڙهڻ کانپوءِ غار حرا تي آياسين ۽ منهنجي پراڻي تمنا هئي ته غار حرا جي زيارت جبل تي چڙهي ان جڳهه تي وڃي ڪجي جتي رحمت للعالمين صه اڪيلائيءَ ۾ ويهي پنهنجي ربّ سان رجوع ٿيندا هئا. منهنجي ساٿين خاص طرح اسماعيل صاحب جي ڀاءُ حبيب الله جهتيال ۽ محمد يعقوب کوسي جي جبل نور تي چڙهڻ جي مرضي نه هئي پر منهنجي زور ڀرڻ تي پوءِ سڀئي ساٿي مون سان گڏ مٿي چڙهيا. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته غار حرا تي مٿي چڙهڻ ۽ اُتي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ جوکم جو ڪم پڻ آهي پر لطيف سائينءَ جي سِٽ ياد پيئي ته: ”عشق جنين کي آڪرو، تُرهو مٿي تن“.
    بهرحال الله آس پوري ڪئي ۽ غار حرا جي ان ننڍڙي جڳهه کي ورجائي ورجائي ڏٺم ته اهڙي اڪيلائيءَ ۾ رب للعالمين ۽ رحمت للعالمين جي وچ ۾ ڇا نه رهاڻ ٿيندي هوندي. ان ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙيءَ جي راز جي خبر طالب ۽ مطلوب کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به نه هوندي.
    احد احمد پاڻ ۾ وِچان ميم فرق،
    آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾.
    بهرحال هتي چار نفل پڙهياسين ۽ ڏيڍ ڪلاڪ کن مٿي ترسي پوءِ هيٺ لهي آياسين. مون کي هتي اوترو يا شايد ان کان به اڳرو سڪون ۽ سرور پهتو جيڏو ڪعبت الله جي زيارت ڪرڻ سان پهتو هو. ان کانپوءِ مڪي شريف ۾ مختلف زيارتون ڪيونسين جن ۾ جبل الرحمت، منيٰ ۽ غارِ ثور شامل آهن.


    مڪي کان مديني شريف

    ٽئين ڏينهن تي فقط اسان ٻه ڄڻا يعني محمد اسماعيل جهتيال ۽ مان مدينه منوره لاءِ روانا ٿياسون. مڪه المڪرمه کان مدينو شريف 450 ڪلوميٽرن جو سفر آهي جيڪو جهتيال صاحب ڊرائيو ڪندي فقط چئن ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو. رستي تي ڪافي شهر آيا جن مان نمايان هي هئا: وادي فاطمه، رابغ الابيار ۽ اليُتمه. هن رستي جو نالو خط الهجرت رکيو ويو آهي ڇو جو حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن ان رستي سان مڪي کان مديني هجرت ڪئي هئي. مديني پاڪ ۾ هوٽل فُندق الزهور ۾ رهياسين جتي اسماعيل جهتيال صاحب جي دوست علي گوهر بروهي به اسان جو ڪافي خيال رکيو. مديني پاڪ ۾ ٻنهي جهانن جي وارث ۽ وسيلي محمد (صلي الله عليه وسلم) جي روضي مبارڪ جي زيارت نصيب ٿي ۽ رياض الجنته ۾ نفل ادا ڪرڻ جي سعادت پڻ ملي جنهن کي مدني مرسل جنت جو ٽڪرو سڏيو آهي. ڪيترو دلي سڪون ۽ سرور آيو ان کي بيان نٿو ڪري سگهجي. رهائش دوران سڀئي نمازون حرم نبوي يا مسجد نبوي ۾ ادا ڪيونسين. ٻئي ڏينهن تي مديني منوره ۾ مختلف مقدس مقامات جون زيارتون ڪيونسين، جيئن جبل اُحد تي سيدنا امير حمزه (ع، س) جي تربت، مسجد قبلتين، مسجد قبه ۽ سبع مساجد، مسجد بلال ۽ بئر عثمان رضه (حضرت عثمان رضه جو کوهه). مديني منوره مان ٻئي ڏينهن شام جو جده واپس آياسين.


    جده کان طائف

    پنجين ڏينهن صبح جو طائف لاءِ روانا ٿياسين جنهن جي دعوت اسان کي ٻن مهربانن مزار ڇُٽي ۽ عبدالعزيز ڇُٽي ڏني هئي. طائف پهچڻ کان پوءِ خبر پيئي ته سعوي عرب جو هي ٽڪرو سرسبز به آهي، جتي ڇانوَ ڏيندڙ وڻ به آهن ته باغ پڻ آهن. طائف ڏاڍو سرسبز ۽ خوبصورت نظر آيو. هتي دوستن وڏي پُرتڪلف منجهند جي ماني کارائي. هڪ ٻن جڳهين تي خاص عربي قهوو پيتوسين. مون کي قهوو ايترو وڻيو جو چار پنج پياليون پي ويس. طائف ۾ خالد حسين يوسفاڻي به اسان سان گڏ هو جيڪو جده ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ تڏهن فرسٽ سيڪريٽري هو.


    جده جي هڪ هوٽل ۾ مون سان ادبي شام ۽ دوستن جي پريشاني


    اڄ آڪٽوبر جي 14 تاريخ هئي ۽ دوستن جده جي اسپينسر هوٽل ۾ مون سان ادبي شام ملهائي. پر ٿورو ترسو ان شام ملهائڻ جي سلسلي جو ڪجهه ابتدائي احوال اوهان کي ٻڌايان. دراصل جيڪي به پروگرام ٺهيا پئي ته اهي برادرم محمد اسماعيل جهتيال جي گهر ۽ ان جي صلاح سان پئي ٺهيا. 14 تاريخ مون سان هڪ ادبي شام ملهائڻ جو پروگرام به جهتيال صاحب ٻه-ٽي ڏينهن اڳ طئه ڪري ڇڏيو هو. ان پروگرام ٺهڻ کانپوءِ مون محسوس ڪيو ته دوست ڪجهه پريشان نظر اچي رهيا هئا ۽ هيڏي هوڏي ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ مون کي سُس پُس ڪندي نظر آيا. نيٺ مون اسماعيل صاحب کان پُڇيو ته آخر ڪهڙي ماجرا آهي جو اوهان دوست ڪجهه مُنجهيل ۽ هيڏي هوڏي سُس پُس ڪندي نظر اچو ٿا. پهرين ته ڀائو اسماعيل نٽائي ويو، پر پوءِ زور ڀرڻ تي ٻڌايائين ته سائين قصو ڪجهه هن ريت آهي:
    هتي سعودي عرب ۾ ذاتي زندگيءَ تي به سخت پهرا لڳل آهن. ڏهه ماڻهو به ڪٿي گڏ ٿين ٿا ته سعودي عرب جي پوليس اُنهن تي سخت چوڪسي رکي ٿي ته اهي ڏهه ماڻهو هڪ جڳهه تي ڇو گڏ ٿيا آهن. ڪٿي سعودي فرمانروا (بادشاهه) يا حڪومت جي خلاف سازش ته نه پيا سِٽين. سو ڳالهه اها آهي ته اوهان سان جيڪا شام ملهائي ويندي ان ۾ 70 کان 100 ماڻهن جي شريڪ ٿيڻ جو امڪان آهي. سو اسين پاڻ ۾ صلاح مصلحت فقط اها پيا ڪريون ته هتي جي پوليس اختيارين کي اسان جيئن اڳواٽ ٻڌائي سگهون ته سنڌ (پاڪستان) جو هڪ وڏو اديب ۽ شاعر اسان وٽ آيو آهي جنهن سان اسان هڪ ادبي بيٺڪ جو اهتمام ڪيو آهي ۽ هي ڪابه سياسي گڏجاڻي وغيره نه آهي. اهو احوال ٻُڌي دوستن جي پريشانيءَ کان منهنجي پريشاني وڌي ويئي. کين عرض ڪيم ته ٻيلي مان سڄي زندگي وڏي عزت ۽ مانَ مرتبي سان گذاري آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سعوي پوليس مورڳو مون کي گرفتار ڪري وڃي. اسماعيل صاحب ۽ ٻين دوستن کلي ڏنو. چيائون ته: ”سائين صفا فڪر نه ڪريو. اسان کانئن اجازت وٺي پوءِ اوهان سان شام ملهائينداسون“ بهرحال ڳالهه کي کُٽائجي. دوستن اسپينسر هوٽل جي هڪ وڏي هال ۾ تقريب ڪرڻ ٿي چاهي پر سعودي پوليس جي اختياري وارن کين هن شرط تي مون سان شام ملهائڻ جي اجازت ڏني ته اندر هال ۾ نه پر ٻاهر لان تي اهو فنڪشن ڪريو. جڏهن جهتيال صاحب کان اها وضاحت گهريم ته ڀلا اندر هال ۾ فنڪشن ڪرڻ جي اجازت ڇو نه ڏنائون ته اسماعيل صاحب چيو ته سعودي وارا ڪا به گڏجاڻي هال يا ڪمرن جي اندر ڪرڻ جي اجازت ان ڪري نه ڏيندا آهن ته سندن سوچ مطابق بند ڪمرن يا وڏن هالن اندر سازشون سِٽيون وينديون آهن، جڏهن ته کُليل لان ۾ جيئن ته سعودي پوليس جي سي.آءِ.ڊي وارا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ موجود رهي سڀ ڪجهه ڏسندا رهندا آهن ته کين تسلي ٿيندي آهي ته هتي بادشاهه يا حڪومت جي خلاف ڪا به سازش نه پيئي ٿئي.
    بهرحال خدا خدا ڪري 14 آڪٽوبر جو ڏينهن آيو ۽ اسان خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ اسپينسر هوٽل جي لان ۾ آياسين جتي الحمدلله 60 کان 70 مهمان گڏ ٿيا. ڪجهه نمايان دوست جن جا نالا ياد اچن ٿا، سي هي هئا: خالد حسين يوسفاڻي صاحب پاڪستان جي سفارتخاني جو فرسٽ سيڪريٽري، مشهور شاعر سيد شبير هاتف صاحب جيڪو هتان جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندو هو، بدر عباسي، محمد ابراهيم عرف خليل لاکير، محمد اسماعيل جهتيال، حبيب الله جهتيال، در محمد مشوري، غلام حسين لاکو، انور آرائين (ڀائو انور آرائين اُتي ڏاڍا قرب ڏنا، پر پوءِ يڪو غائب ٿي ويو آهي)، قاري عبدالجليل، عبدالله چانڊيو، مشهور شاعر سائين ميرل جويو، محمد حسن جويو، علي رضا پليپوٽو، علي گوهر بروهي، غلام اڪبر بروهي، محمد يعقوب کوسو، عبيدالله جوڻيجو، طالب حسين ڌامراه، محمد الياس جويو، محمد الياس لُنڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي دلبر دوست هئا جن جا نالا هينئر ياد نه پيا اچن.
    ڪيترن دوستن مون تي مقالا پڙهيا، جن ۾ خاص طرح خليل لاکير، ميرل جويو، شبير هاتف ۽ ڪجهه ٻيا دوست موجود هئا. آخر ۾ مون کي سڏيو ويو ۽ مون دوستن کي پنهنجي شاعري ٻُڌائي. خليل لاکير فرمائش ڪئي ته سائين ”شيڪسپيئر جي مزار تي“ وارو نظم ضرور ٻڌايو، جيڪو مون پڙهيو ۽ جنهن تي ڏاڍو داد مليو. بهرحال الله جا لک شڪرانا بجا آندم جو اڄوڪي ادبي شام وارو فنڪشن حد کان وڌيڪ ڪامياب رهيو. بعد ۾ برادرم اسماعيل جهتيال ٻڌايو ته فنڪشن جي ڪاروائيءَ دوران سعودي عرب پوليس جا آفيسر ۽ ٻيا ڪيترائي شُرطا ايندا ويندا رهيا.


    وطن واپسي

    15 آڪٽوبر 1986ع تي مون کي پاڪستان واپس اچڻو هو. شام جو 7 وڳي جده ايئرپورٽ تي پهتس، جتي هاڪيءَ جو مشهور رانديگر شهناز شيخ پي آءِ اي جده جو جنرل مئنيجر هو جيڪو منهنجو پراڻو دوست هو. منهنجي سامان جو وزن مقرره حد کان تمام وڌيڪ هو، پر شهناز شيخ وڏا قرب ڪري پئسن ڀرڻ کان سواءِ کڻڻ جي اجازت ڏني. ڀائو محمد اسماعيل، برادرم خالد حسين يوسفاڻي ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي پي آءِ اي جي فلائيٽ PK-732 ۾ سُوار ٿي اچي ڪراچي پهتس جتي منهنجو ڀاءُ هدايت بلوچ ۽ منهنجي گهر جا ڀاتي موجود هئا. اهي مون کي ڏسي ۽ مان کين ڏسي بيحد خوش ٿيس ۽ الله پاڪ جو شڪرانا بجا آندم جو هيڏو سارو ڊگهو سفر خير خوبيءَ سان گذريو.


    عشق کي شاباس : حميد سنڌي

    ”....جڏهن عنايت جي ٻاهرين وِزٽس جو ذڪر آيو آهي ته سندس ٽن سفرنامن جو ذڪر ڇو نه ڪجي. اِهي ٽي سفرناما: ”پرين جي پرديس“، ”پرديسي ڪهڙا پرين“، ۽ ”سهسين ٿيا سارنگ“، اُن وقت لکيا ويا هئا جڏهن عنايت بلوچ ريڊيو پاڪستان جي هڪ اهم عهديدار جي حيثيت ۾ ڪرڪيٽ مئچز ڪَور ڪرڻ لاءِ انگلنڊ، ويلز، آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ ويو هو. دلچسپ پيرايي ۾ بيان ڪيل اِهي سفرناما سنڌي سفرنامن جي تاريخ جو حصو بڻيا. مون سندس اِهي سفرناما اڳ به پڙهيا هئا، پر تازو ماهوار ”سرگذشت“ اردو ۾ ترجمو ٿيل ٻيهر پڙهيم. سائين محترم قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جي مشهور سفرنامي”سفر يورپ جي ڊائري“ جون سڪون ٿي لٿيون. هونئن به قاضي عابد صاحب جهڙي عظيم هستيءَ سان عنايت بلوچ صاحب جو تمام ويجهو رستو رهيو. خاص طرح اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن قاضي صاحب انفارميشن ۽ براڊڪاسٽنگ جو فيڊرل منسٽر هو ۽ عنايت بلوچ صاحب ريڊيو حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هو. قاضي صاحب جي آمد تي عنايت صاحب ريڊيو اسٽيشن تي ٻاهر لان ۾ شاندار فنڪشن ڪيو هو، جنهن ۾ قاضي صاحب عنايت بلوچ جي تمام گهڻي تعريف ڪري کيس هڪ سٺو منتظم ۽ براڊڪاسٽر قرار ڏنو هو. اُهو ڏينهن مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آهي. مون عنايت کي اهڙين شخصيتن جي ويجهو ڏٺو جن ڄڻ سندس تربيت ٿي ڪئي، جيئن قبله مخدوم طالب الموليٰ جهڙي هستيءَ سان به گهڻي نيازمندي هيس“.

    حميد سنڌي
    ”عشق کي شاباس“، ص 23


    سال 2006ع ۾ آمريڪا جو ٻيو سفر

    ويهن سالن کان پوءِ وري آمريڪا ۾

    اڄ کان ويهه سال اڳ 1986ع ۾ مون پهريون ڀيرو آمريڪا جو سفر ڪيو هو جڏهن آمريڪا جي انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام (International Visitor Program) اسڪيم هيٺ، پاڪستان جي گهڻن براڊڪاسٽرس مان منهنجي چونڊ ڪئي ويئي ۽ آءٌ ان وقت آمريڪا پهتو هوس جڏهن منهنجو پُٽ، ڀاءُ يا ڀائٽيو، سوٽ يا ماسات يا وري ڪنهن مِٽ مائٽ جو نالو نشان به آمريڪا ۾ موجود ڪو نه هو.
    پر اڄ جڏهن 4 جنوري 2006ع تي آمريڪا جي شهر هوسٽن لاءِ روانو ٿي رهيو هوس ته منهنجا گهڻائي جاني جگر اُتي موجود هئا. منهنجو پُٽ اعجاز ۽ منهنجا ٻه ڀائٽيا ممتاز ۽ فاروق هوسٽن ۾ موجود هئا ۽ نيو يارڪ ۾ وري منهنجو سڳو سوٽ نعمت ديرو ڄمايو ويٺو هو، تنهنڪري دل کي وڏو آٿت هو ته آمريڪا ۾ وقت سٺو گذرندو. هوسٽن لاءِ منهنجي فلائيٽ PK-713 رات جو ٽين وڳي وايا لاهور رواني ٿيڻي هئي، پر منهنجي ڀائيٽي فياض جيڪو ان وقت پي آءِ اي ۾ فلائيٽ آپريشنز آفيسر هو، پُڇي پڪ ڪئي ته لاهور ۾ سخت ڪوهيڙ ۽ ڌُنڌ سبب فلائيٽ صبح جو 9 وڳي رواني ٿيندي. هڪدم ٽاءِ کولي، سوٽ بدلائي، ڪانچ قميص پائي هدايت سان ڪچهري ڪري رات جو ڏيڍ وڳي سُتس. تنئوکري ۾ رات جو ٻه دفعا جاڳ ٿي، پر ان وقت اڃا اڌ رات هئي. البت صبح جو گهري ننڊ ۾ سُتل هوس ته منهنجي ڀيڻ اچي جاڳايو: ”ادا ڏسو ڪٿي اوهان جي جهاز جو ٽائيم ته نه ٿيو آهي“. گهڙيال تي نظر وڌم ۽ هڪدم اُڊڪو ڏئي اُٿيس. ڀيڻ جا ٿورا مڃيم ۽ تڙتڪڙ ۾ تيار ٿي، هدايت ۽ فياض سان گڏجي صبح جو 8 وڳي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچي وياسين. ڪامران، اڪبر جي گهر ترسيل هو اُهو به ايئرپورٽ پهچي ويو. هدايت ۽ فياض ٻيئي مون سان گڏجي ايئرپورٽ جي اندر داخل ٿيا ۽ آسانيءَ سان اميگريشن وغيره جا مرحلا طئي ٿي ويا. فياض جي ڪوششن سان مون کي Leg space واري سيٽ ملي ويئي ۽ مان دل ۾ باغ بهار ٿي ويس ڇو ته ان سيٽ تي ڄنگهون پکيڙي ماڻهو آرام ۽ آسائش سان سفر ڪري سگهندو آهي. ڪيترن سالن کان وٺي اها سيٽ منهنجي ڪمزوري ۽ دل جي دعا رهندي آئي آهي ۽ گهڻن ئي موقعن تي اها سيٽ وٺڻ ۾ آءٌ ڪامياب رهيو آهيان. ڪراچيءَ کان اسلام آباد توڙي جو فقط ڏيڍ ڪلاڪ جي اُڏام هوندي آهي. تڏهن به Leg space واري سيٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. فياض کي وڏو Thank you چئي، کائنس ۽ هدايت کان موڪلائي وڃي ويٽنگ لائونج ۾ ويٺس. ڪراچيءَ کان جهاز صبح جو پوڻين يارهين وڳي اُڏاڻو ۽ پوري ٻارهين وڳي اسان لاهور ايئرپورٽ تي لئنڊ ڪري وياسين. لاهور ۾ پورا ٻه ڪلاڪ ترسياسين جتي هيٺ لهڻ به نه ڏنو ويو ۽ ڪافي بوريت رهي. نيٺ منجهند جو پوري 2 وڳي لاهور ايئرپورٽ تان جهاز Take off ڪيو. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ اسان کي منجهند جي ماني کارائي ويئي. ماني بس ٺيڪ ٺاڪ هئي پر اوتري معياري نه هئي جيتري ٻين وڏين ايئرلائنن جي هوندي آهي.


    ڪاڪ پٽ ۾ سفر جو مزو

    ڪجهه دير کان پوءِ مون جهاز جي ڪپتان ڏي پنهنجو ڪارڊ موڪليو ته هو مهرباني ڪري مون کي ڪاڪ پٽ ۾ گهرائي وٺي ته ڏسان ته ڪمپيوٽر جي جديد دور ۾ ڪاڪ پٽ جي نظام ۾ ڪيتري بهتري آئي آهي ڇو ته ڪاڪ پٽ مان ئي سڄي جهاز کي ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي، Leg space جي سيٽ حاصل ڪرڻ وانگر، ڪاڪ پِٽ ڏسڻ جو شوق به منهنجو ڪافي پراڻو آهي. جڏهن 1980ع ۾ ريڊيو جي هڪ ٽريننگ جي سلسلي ۾ آءٌ ڪوالالمپور (ملائيشيا) وڃي رهيو هوس ته ان موقعي تي به مون ڪپتان کي لکي موڪليو هو ته ڪاڪ پِٽ ڏسڻ ٿو چاهيان. ريڊيو پاڪستان جو حوالو ئي ڪجهه اهڙو وزندار هوندو آهي جو ڪپتان به گهڻو ڪري انڪار نه ڪندو آهي. ان کانسواءِ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ خودڪش بمبارن ۽ دهشتگردن جو به ايترو زور ڪونه هو، تنهنڪري ڪپتان وڏا قرب ڪري مون کي پاڻ ڪاڪ پِٽ ۾ وٺي ويو هو ۽ ڪوالالمپور پهچڻ تائين مان ڪاڪ پِٽ ۾ مختلف قسمن جي رَسُن (Juices) پيئڻ جي عياشي ڪري رهيو هوس. اهو سڄو قصو مون پنهنجي پهرئين سفرنامي ”پرين جي پرديس“ ۾ ”ڪوالالمپور تائين ڪاڪ پِٽ ۾“ جي عنوان هيٺ لکيو آهي.


    جهاز جي ڪاڪ پِٽ ۾ ٻه سنڌي

    هن ڀيري مون نوٽ ڪري ورتو هو ته ڪپتان ڏي ڪاڪ پِٽ ڏسڻ جو پيغام مون هڪ پرسر جنهن جو نالو حنيف هو، هٿان موڪليو هو. پر حنيف مون کي اُتي ئي ذري گهٽ کُتو جواب ڏئي ڇڏيو هو ته سائين هاڻي سيڪيورٽي کي تمام سخت ڪيو ويو آهي ۽ مون کي نٿو لڳي ته ڪپتان صاحب اوهان کي ڪاڪ پِٽ ڏسڻ جي اجازت ڏئي. بهرحال پوءِ به کيس چيم ته تون منهنجو ڪارڊ ڪپتان صاحب تائين پهچاءِ ته سهي، پوءِ جي نه به گهرايائين ته مڙئي خير آهي. جڏهن ڪلاڪ کن تائين سڏ نه ٿيو ته سيٽ کي پوئتي ڪري سُمهي پيس. ٻيا به ڪيترائي مسافر آرام ڪري رهيا هئا. ننڊ ڪندي اوچتو تڏهن جاڳي پيس جڏهن هڪ ماڻهو منهنجي ڪُلهي تي ٺُونگو هڻي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جڏهن جاڳيس ته سنڌيءَ ۾ پڇيائين: ”سائين اوهان جو نالو عنايت بلوچ آهي؟“ ها ڪرڻ تي چيائين ته سائين ڪپتان صاحب اوهان کي ياد پيو ڪري، شايد اوهان کانئس وقت ورتو هو. سنڌيءَ ۾ ڳالهايائين ته سندس نالو پڇيم، جنهن پنهنجو نالو ظفر اقبال بِهڻ ٻڌايو ۽ پاڻ موري جو هو. چيومانس بس ٿوري دير ترس، واش روم ۾ وڃي رڳو مُنهن تي ڇنڊو هڻي اچان ته پوءِ هڪدم هلون ٿا.
    ٿوريءَ دير کانپوءِ آءٌ ڪاڪ پِٽ ۾ هوس ۽ ٻه ڪپتان جهاز کي ڪمانڊ ڪري رهيا هئا. ظفر اقبال بِهڻ مون کي سيٽ تي ويهاريو ۽ چيائين: ”سائين اوهان جو سيٽ بيلٽ مان ٿو ٻڌان جو هي جهاز جي عام سيٽ بيلٽ کان ڪجهه مختلف آهي“. پوريون ٽي واڳون ٻڌي مون کي بنهه اهڙو جڪڙي ڇڏيائين ڄڻ مان ڪپتان جو خاص مهمان نه پر دهشتگرد هوس جيڪو جهاز اغوا ڪرڻ جي ارادي سان ڪاڪ پِٽ ۾ اندر گهڙي ويو هجي.
    وڏي ڪپتان ممتازالحق پوءِ مون کي انگريزيءَ ۾ جهاز جي خودڪار (Automatic) سرشتي بابت هن ريت ٻڌايو: ”پهريون ته هي جهاز بوئينگ 777 آهي جنهن کي (LR-Long Range) جهاز چئبو آهي جيڪو هوا ۾ 20-22 ڪلاڪ لڳاتار اُڏام ڪري سگهي ٿو، ٻيو ٻڌايائين ته هي جهاز 43100 فوٽن جي بُلنديءَ تائين پرواز ڪري سگهي ٿو. پر بين الاقوامي طرح طئه ڪيل اصول موجب وڌ ۾ وڌ 41000 فوٽ اوچائيءَ تائين پرواز ڪري سگهجي ٿو. هن جهاز کي منزل مقصود تائين وڃڻ جو رستو ٻڌائي (Feed) ڇڏبو آهي. پوءِ هي جهاز خودبخود (Auto route and Auto pilot) ٿي ويندو آهي يعني پائلٽ کي ٻيو ڪجهه به نه ڪرڻو هوندو آهي سواءِ سخت نظرداري رکڻ جي ته سڀ سرشتا (Systems) چڱيءَ طرح ڪم ڪري رهيا آهن“. ممتازالحق صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن جهاز مڪمل طور ڪمپيوٽر سرشتي سان لاڳاپيل نه هوندا هئا ته ان وقت مئرينرس ڪمپاس (Mariners compass) ذريعي ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرولر جي ٽاورس کان صحيح طرف ڏانهن وڃڻ جون هدايتون ورتيون وينديون هيون. وڏو ڪپتان ممتاز الحق هو ۽ ٻيو ڪو-پائلٽ (Co-Pilot) جنهن جو نالو خالد هو، گڏ ويٺا هئا ۽ منهنجي ڀرپور آجيان ڪيائون. خاص ڪري وڏو ڪپتان ممتاز صاحب رلڻو ملڻو ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ نظر آيو. مون کي ٻڌايائين ته هو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري جو پڙهيل هو. پيٽاري جو نالو ورتائين ته کانئس پڇيم: ”الطاف شيخ کي سڃاڻو ٿا؟“ ”نه رڳو کيس سڃاڻان ٿو پر هو منهنجو تمام سٺو دوست آهي“، وراڻيائين. وڌيڪ مون کي ٻڌايائين ته ٽيليويزن وارو عبدالڪريم بلوچ به منهنجو دوست آهي! پڇيومانس: ”اوهان به شايد سنڌي آهيو؟“ ته مرڪندي وراڻيائين: ”عنايت صاحب نه رڳو سنڌي آهيان پر ڀٽائيءَ جو وڏو عاشق آهيان“. پوءِ ته منهنجي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي جو آمريڪا ڏي سفر ڪندي جهاز جي ڪاڪ پِٽ ۾ ٻه سنڌي ويٺا هئا ۽ ٻيئي لاکيڻي لطيف جا عاشق هئا. تفصيلي ڪچهري ڪرڻ ۾ گهڙي گهڙي رڪاوٽ پئي آئي جو مختلف ڪنٽرول ٽاورس تان سگنل اچي رهيا هئا ته جهاز کي پنج سئو فوٽ مٿي کڻي وڃو يا ٽي سئو فوٽ هيٺ هليا وڃو جو سامهون ساڳي بلنديءَ تي ٻيو جهاز پيو اچي. اهڙن ٽيڪنيڪي اطلاعن اچڻ تي مڪمل خاموشي ڇانئجي ٿي وئي. توڙي جو اڳ ڪوالالمپور ويندي مون ڪاڪ پِٽ ۾ ويهي سڄي معلومات حاصل ڪئي هئي پر پوءِ به جهاز جي سفر ۾ ماڻهن جي حفاظت جي سلسلي ۾ مون گهڻائي سوال ڪيا جن جو جواب مون کي ڪو پائلٽ خالد صاحب ڏيئي رهيو هو ۽ ڪڏهن وري ممتاز صاحب به وڌيڪ وضاحت ٿي ڪئي. ڪلاڪ ڏيڍ ڪاڪ پِٽ ۾ ويهي ڪپتان ۽ ڪو پائلٽ جون مهربانيون مڃيندي پنهنجي سيٽ ڏانهن وڃڻ لڳس ته ممتاز صاحب محترم عبدالڪريم بلوچ ڏانهن کوڙ سارا سلام ڏنا جيڪي آمريڪا کان واپسيءَ تي کيس پهچايم. (محترم عبدالڪريم بلوچ 2008ع ۾ وفات ڪئي).


    مئنچيسٽر ايئرپورٽ تي لئنڊنگ جو نظارو

    جڏهن پنهنجي سيٽ ڏانهن وڃڻ لڳس ته وڏي ڪپتان ممتاز الحق ظفر اقبال بِهڻ کي چيو: ”بابا ڪا سيٽ فرسٽ ڪلاس ۾ خالي آهي؟“ ”سائين ٻه سيٽون خالي آهن“. بهڻ صاحب جواب ڏنو. ڪپتان صاحب کيس حڪم ڏنو ته بلوچ صاحب کي هاڻي جو هاڻي فرسٽ ڪلاس ۾ شفٽ ڪريو ۽ ٻيو جيڪو عملو هوسٽن تائين ويندو ته کين به چئجو ته مون عنايت بلوچ جي سيٽ اپگريڊ (Upgrade) ڪري ڇڏي آهي. ڏهن منٽن اندر آءٌ فرسٽ ڪلاس ۾ ويٺو هوس. ظفر اقبال صاحب تحفن جا ٻه پئڪيٽ به مون کي آڻي ڏنا جيڪي فرسٽ توڙي بزنس ڪلاس جي پئسينجرز کي ڏيندا آهن. ان کان پوءِ ڪپتان صاحب مون کي انگريزي ۾ چيو: ”اوهان کي وري ڪاڪ پِٽ ۾ ان وقت سڏي وٺندس جڏهن مئنچيسٽر ويجهو ايندو ڇو ته ڪاڪ پِٽ ۾ ويهي جي اوهان جهاز جي لئنڊنگ نه ڏٺي ته سمجهو ته ڪاڪ پِٽ ۾ ويٺئو ئي نه“. پوءِ ظفر اقبال مون کي فرسٽ ڪلاس جي سيٽ تي ويهاري ويو. ڏيڍ ڪلاڪ مس گذريو ته وري ظفر اقبال بهڻ آيو ۽ چيائين: ”سائين ڪپتان صاحب اوهان کي ياد پيو ڪري جو مئنچيسٽر پهچڻ وارا آهيون“. ٻيهر ڪاڪ پِٽ اندر داخل ٿيس ته سنڌيءَ ۾ آڌر ڀاءُ ڪندي آهستي آواز ۾ چيائين: ويلڪم سائين. پهريون ته مئنچيسٽر جو ايريئل ويو(Aerial View) وٺو ۽ پوءِ لئنڊنگ ڏسو. ڪو-پائلٽ (Co-pilot) خالد صاحب جيڪو جهاز هلائي رهيو هو، ان به پنهنجي منهن تي مرڪ آڻيندي اشارن ۾ مون کي مرحبا ڪئي. ظفر اقبال بهڻ مون کي سيٽ تي ويهاريو ۽ سُس پُس ڪندي ٻيهر ٽن واڳين وارو سيٽ بيلٽ ٻڌي مون کي سوگهو ڪري ڇڏيائين ۽ منهنجي ويجهو ايندي مون کي ڪَن ۾ چيائين: ”سائين لئنڊنگ تائين ڪجهه به نه ڳالهائجو ڇاڪاڻ ته هي وقت ڪپتان جي Tension جو هوندو آهي“. ڪنٽرول ٽاور کان ڪپتان سان گفتگو جو سلسلو جاري هو ۽ ڪپتان صاحب منهنجي ٻُڌڻ لاءِ مانيٽر آن ڪري ڇڏيو. جيئن ته ان وقت رات ٿي چُڪي هئي ۽ مئنچيسٽر جو پورو شهر چانڊاڻ لڳو پيو هو. رنگ برنگي روشنين جي جهرمر ائين ٿي لڳي ڄڻ مئنچيسٽر جي شهر مٿان نُور وسي رهيو هو. اسان جو جهاز به ڪافي هيٺ لهي چُڪو هو. جڏهن جهاز زمين کان فقط 500 فوٽ مٿي هو ته لڳاتار هيٺيان اعلان ٿيڻ لڳا: 500 فوٽ، 300 فوٽ، 200 فوٽ، 100 فوٽ، 50 فوٽ، 20 فوٽ، 10 فوٽ.
    ۽ ان کانپوءِ جهاز مئنچيسٽر ايئرپورٽ تي لئنڊنگ ڪري ويو. پر سچ پچ ته خبر ئي نه پيئي ته جهاز ڪيئن لئنڊنگ ڪئي جو ٿورڙو ڌڏڪو به محسوس نه ٿيو ته مون فورن وڏي آواز سان چيو Perfect and Excellent Landing (يعني ڪپتان صاحب ڪمال جي لئنڊنگ ڪئي آهي). چيف ڪپتان ممتازالحق پنهنجي ننڍي پائلٽ خالد صاحب جي پُٺي ٺپيندي ۽ کيس همٿائيندي مون کي انگريزيءَ ۾ چيو: ”بلوچ صاحب، خالد صاحب، ڪمال جو پائلٽ آهي ۽ مون کي پنهنجن اهڙن آفيسرن تي هميشه ناز هوندو آهي“.
    مون ڪپتان صاحب ۽ خالد صاحب کي Thank you چيو ۽ پنهنجي سيٽ تي اچي ويس. ايئرپورٽ تي اسان کي لهڻ لاءِ چيو ويو. مئنچيسٽر جو هوائي اڏو تمام خوبصورت هو پر وٺ پڪڙ ۽ حفاظتي انتظام بيحد بدصورت هئا. مون اڳ به ڏاڍا سفر ڪيا آهن پر ٽرانزٽ مسافرن لاءِ اهڙي سخت چيڪنگ مون اڳ ڪڏهن به ڪانه ڏٺي. اسان کان ڪوٽ ۽ بوٽ به لهرايا ويا ۽ عورتن کان سئيٽر لهرائي انهن جي به تلاشي ورتي وئي. مئنچيسٽر جي هوائي اڏي تي ٻه ڪلاڪ کن ترسياسون. پاڪستان جي وقت مطابق رات جو 12 وڳي ۽ برطانيه جي وقت مطابق رات جو 8 وڳي هوسٽن رواني ٿيڻ لاءِ سڏ ٿيو. جيئن جهاز ۾ اندر داخل ٿيس ته مون جهاز جي هڪ سينيئر آفيسر کي چيو: ”جنهن جهاز جي ڪپتان جي ڊيوٽي مئنچيسٽر تائين هئي ان منهنجي سيٽ اپگريڊ ڪئي هئي ته اوهان به مهرباني ڪري مون کي فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ ڏيو“. سينيئر آفيسر جنهن جو نالو رفيق غوري هو، ان مون کي ٻه-ٽي منٽ اُتي ئي بيهڻ جو چئي پاڻ هليو ويو ۽ فقط پنجن منٽن ۾ موٽي آيو ۽ مبارڪ ڏيندي چيائين: ”خوش قسمتيءَ سان اوهان جي ڀاڳن ۾ فقط هڪ سيٽ بزنس ڪلاس ۾ موجود آهي، اُتي ويهو ۽ اِهو به چيائين ته بزنس ڪلاس ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي“. پوءِ مون کي وٺي وڃي بزنس ڪلاس جي آرامده سيٽ تي ويهاريائين.
    مقامي وقت موجب جهاز پوري 8:30 وڳي رات جو اڏاڻو ۽ پورن ساڍن 9 ڪلاڪن جي اُڏام کانپوءِ اسان هوسٽن جي جارج بُش انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لهي وياسون. پاڪستان جي وقت موجب صبح جا 10 ٿي رهيا هئا ته هتي هوسٽن ۾ رات جا يارهن ٿيا هئا ۽ اڃا هتي جنوري جي 4 تاريخ هئي. يعني پاڪستان مان به اڄوڪي تاريخ يعني 4 جنوري تي هليو هوس ۽ 22 ڪلاڪ سفر ڪرڻ کانپوءِ به ساڳي 4 جنوري جي تاريخ هئي. اهو ان ڪري جو هوسٽن جو وقت پاڪستان کان 11 ڪلاڪ پُٺتي آهي (گرمين ۾ 10 ڪلاڪ ۽ سردين ۾ 11 ڪلاڪ).


    هوسٽن پهچي وياسين

    مئنچيسٽر ايئرپورٽ تي چيڪنگ جي سختي ڏسي هتي به خدشو هو ته متان چيڪنگ ۾ گهڻو پريشان ڪن. ڪجهه دوستن ٻڌايو هو ته سڀ ڪپڙا ٿا لهرائن ۽ جيئن انسان ڄائو هو ان صورت ۾ ٿا آڻن پر مون ۾ رب العزت جيڪا خود اعتمادي پيدا ڪئي آهي ان موجب مون کي يقين هو ته مون کان ڪا به ڪڙي يا اڻوڻندڙ پُڇا ڳاڇا ڪندا ئي ڪونه ڇو ته هڪ ته اڳي به آمريڪي حڪومت جي دعوت تي آمريڪا اچي چُڪو هوس، ٻيو وري منهنجن پاسپورٽن تي ويهن کان به وڌيڪ ملڪن جا ويزا لڳل هئا.
    اڃا قطار ۾ ئي بيٺا هئاسين ته هڪ نيگرو مائي ۽ هڪ مرد مسافرن کي چوندا ويا ته اوهان فلاڻن ڪائونٽرن تي هليا وڃو. نيگرو مائي مون وٽ آئي ۽ منهنجو اميگريشن جو فارم ڏسي پڇيائين: ”اوهان آمريڪا ۾ اڳ به آيا هئا؟“ وراڻيم ها! 1986ع ۾ آمريڪي حڪومت جي دعوت تي انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام (International Visitor Program) جي سلسلي ۾ هتي آيو هوس، ته فورن مرڪندي چيائين: ”اوهان کي هن دفعي به اسان مرحبا (Welcome) ٿا چئون ۽ اميد ته اوهان هن ڀيري به Enjoy ڪندا“. ائين چئي فارم مون کان وٺي ان تي صحيح ڪيائين. مائيءَ جي ورتاءُ مان ئي يقين ٿي ويم ته انشاالله اميگريشن جو مرحلو آسانيءَ سان طئه ٿي ويندو. مائيءَ مون کي هڪ ڪائونٽر تي وڃڻ جو اشارو ڪيو جيڪو منهنجي تمام ويجهو هو، ان ڪائونٽر تي هڪ نوجوان گورو ويٺو هو جنهن مون کان پڇيو:
    ”اوهان ڪهڙي سلسلي ۾ هتي آيا آهيو؟“
    ”پنهنجي پُٽ سان ملڻ لاءِ آيو آهيان“. وراڻيم.
    ”اوهان جو پُٽ هتي ڇا ڪندو آهي؟“
    ”اسٽور هلائيندو آهي ۽ ڪيترن سالن کان گرين ڪارڊ هولڊر آهي“. وراڻيم.
    “You are welcome” (اوهان کي آڌرڀاءُ ٿا چئون). وڌيڪ چيائين ته جڏهن پنهنجي ملڪ موٽي وڃو ته وري ساڳي Multiple ويزا لاءِ درخواست ڏجو ته اوهان کي وري ساڳيو ويزا جلد ملي ويندو. سندس تمام گهڻي مهرباني مڃيم جو پاسپورٽ تي ڇهن مهينن جو ويزا هڻي ڏنائين.
    مون ان وقت اوسي پاسي به ڏٺو پئي. ڪجهه مسافر اهڙا به هئا جيڪي ڪافي دير کان سوالن جا جواب ڏئي رهيا هئا. ٻن ٽن کي ته پاسيرو ڪري ويهاري ڇڏيائون. جڏهن اعجاز ۽ ممتاز کي بعد ۾ اها ڳالهه ٻڌايم ته انهن ٻڌايو ته ڪجهه مشڪوڪ ماڻهن لاءِ آمريڪا جي انٽيليجنس کي اڳواٽ اطلاع هوندو آهي ان ڪري اهڙن ماڻهن کان تفصيلي ۽ ڪڙي پُڇا ڳاڇا ڪندا آهن.
    بهرحال اميگريشن کان فقط ٻن ٽن منٽن ۾ آجو ٿيڻ کان پوءِ سامان هٿ ڪرڻ لاءِ گهمندڙ پٽي (Conveyor Belt) تي آياسين جتي هڪ ئي وقت ٻه ڪئريئر ٿي هليا. منهنجو سامان ڪافي دير سان ظاهر ٿيو. سامان کڻي ڪسٽم وارن وٽ آيس. ڪسٽم وارن پنهنجو فارم ڏٺو جيڪو اسان جهاز ۾ ئي ڀري ڇڏيو هو. سامان ڏسڻ يا کولرائڻ کان سواءِ ڪسٽم آفيسر پنهنجي مُنهن تي مُرڪ آڻيندي چيو: ”اوهان ڀلي وڃو ۽ آمريڪا ۾ خوش باش رهو ۽ Enjoy your stay“.
    ڪسٽم ايريا کان ٻاهر آيس ته پري کان ئي اعجاز، ممتاز ۽ سندن ننڍپڻ جي دوست طارق تي نظر پيئي. وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملياسين. مُني ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ هوسٽن جي هڪ ريسٽورنٽ تي وٺي ويا جنهن لاءِ ٻڌايائون ته هي ميڪسيڪن ريسٽورنٽ هو جيڪو پنهنجن چَٽ پٽن ۽ چَهرن کاڌن جي ڪري مشهور آهي. آمريڪا جي وقت جي مطابق رات جو 3 وڳي تائين ماني کائيندا ۽ هوٽل ۾ ڪچهري ڪندا رهياسين. ان کانپوءِ ممتاز جي اپارٽمينٽ تي آياسين جيڪو هوسٽن جي هل ڪرافٽ Hillcraft جي علائقي ۾ هو ۽ اپارٽمينٽس جو نالو Crescent Oaks Apartments هو جڏهن ته منهنجو پُٽ اعجاز هوسٽن شهر کان هڪ ڪلاڪ جي ڊرائيو تي فري پورٽ جي علائقي ڪلوٽ (Clute) ۾ رهي ٿو. طارق موڪلائي پنهنجي گهر هليو ويو ۽ اسان يعني اعجاز، ممتاز ۽ آءٌ هڪ ڪلاڪ جي وڌيڪ ڪچهري ڪري اَسُر جو 4 وڳي ڌاران سمهي رهياسين. اعجاز ۽ ممتاز 5 جنوري تي موڪل ڪئي هئي، جيئن گذريل رات دير تائين ڪچهريون ڪندا رهيا هئاسين ته اعجاز ۽ ممتاز ته منجهند جو 12 ڌاران جاڳيا هئا باقي آءٌ ٺيڪ 9 وڳي ننڊ مان اُٿي ويو هوس. 2 وڳي تائين تيار ٿي گهر مان نڪتاسين ۽ وڃي هڪ پاڪستاني هوٽل ۾ ماني کاڌيسين.


    گئليريا مال

    ماني کائڻ کانپوءِ هوسٽن شهر جو چڪر لڳايوسين ۽ خاص طرح تي گئليريا مال Galleria Mall کي چڱيءَ طرح ڏٺوسين. ڇا ته هي شاپنگ مال آهي، جيڪو 30 لک اسڪوائر فوٽن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن شاپنگ مال ۾ هزارن جي تعداد ۾ آفيسون، بيشمار ريسٽورنٽ ۽ تمام وڏا وڏا سُپر اسٽور آهن، جن مان مئسيز (Macy’s)، نيمن مارڪَس فلئگشپ اسٽور(Neiman Marcus Flagship Store) ۽ ڊلارڊس (Dillord’s) ڏاڍا مشهور آهن. مون کي فلئگشپ جي نالي سان ٻيا به ڪيترائي وڏا وڏا سُپر اسٽور نظر آيا. هن ئي مال ۾ ٻه عمدا هوٽل به آهن جتي ٻاهرين ملڪن جا سياح اچي رهن ٿا ۽ هي ٻيئي هوٽل ”ويسٽن“ جي نالي سان مشهور آهن. هڪڙي جو نالو ويسٽن گئليريا (Westin Galleria) ته ٻي هوٽل جو نالو ويسٽن اوڪس (Westin Oaks) آهي.
    اها ڳالهه رڪارڊ تي آيل آهي ته سڄي ٽيڪسَس رياست ۾ گهڻي ۾ گهڻا سياح گئليريا مال کي ڏسڻ ايندا آهن ۽ هڪ صحيح اندازي موجب هر سال ٻه ڪروڙ سٺ لک ماڻهو گئليريا مال کي وزٽ ڪرڻ اچن ٿا. مون کي هتي اچي جنهن ڳالهه وڌ ۾ وڌ متاثر ڪيو اُها هن مال جي خوبصورتيءَ سان گڏ تعريف لائق صفائي ۽ سٺائي نظر آئي.
    جنوري جي 7 تاريخ هئي، صبح جو 11:30 ڌاران اعجاز فري پورٽ جي علائقي ۾ سير ڪرائڻ لاءِ وٺي ويو. هن علائقي جي خوبي اها آهي ته شهر به آهي ته وري ٻهراڙيءَ جا سڀ نظارا به هتي موجود آهن. ڊرائيو ڪندي اوسي پاسي کان سرسبز زمينون نظر آيون ۽ اُتي ئي گهاٽا ۽ وڏا وڏا وڻ پڻ نظر آيا پر سياري جي سرديءَ سبب پن ڇَڻ ٿي چُڪي هئي ۽ وڻن جي ساوڪ سوڪهڙي ۾ تبديل ٿي وئي هئي. اعجاز چيو: ”بابا! ڪاش توهان اپريل ۾ اچو ها ته هر جڳهه تي اوهان کي ساوڪ، سبزي، گل گلزاري ۽ وڻ به چهچ ساوا نظر اچن ها، وري ماڻهن ۾ ۽ خاص طرح ڇوڪرين جي سونهن، صورت ۽ ناز نخرا به اوهان کي وڌيڪ نکريل نظر اچن ها“. کيس چيم: ”فڪر نه ڪر هاڻي تنهنجي گهر جو رستو ڏسي ڇڏيو اٿم زندگي آهي ته هڪ ٻن سالن کانپوءِ اپريل جي مهيني ۾ چڪر لڳائيندس ۽ هتي جي سونهن سوڀيا توڙي حُسن جي جلوَن کي چڱيءَ طرح ۽ ورجائي ورجائي ڏسندس ۽ ديدار درشن اچي ڪندس“. ڊرائيو ڪندي هڪ طرف کان ٻنين ۾ بيشمار ڳئون چري رهيون هيون ته ساڳئي روڊ جي ٻئي طرف وڏا وڏا ڪارخانا نظر آيا. اعجاز ٻڌايو ته هتي ڪافي تعداد ۾ صنعتي علائقا Industrial Complexes آهن. اهڙيءَ طرح ٻهراڙيءَ ۽ شهر جو ميلاپ ڏاڍو انوکو نظر آيو.


    هڪ سنڌيءَ سان ملاقات

    ٿوريءَ دير کانپوءِ سامونڊي ڪناري جنهن کي Gulf of Mexico چوندا آهن، تي پهچي وياسين ۽ هڪ موٽيل جي سامهون اچي گاڏي بيهاريسون. اعجاز رستي تي ٻڌايو هو ته جڏهن ماما فيض وارا آيا هئا ته اسان هتي پڪنڪ ملهائڻ لاءِ آيا هئاسين جتي هندستان جي هڪ سنڌيءَ جي موٽيل تي ترسيا هئاسين، سو ڏسجي ته اُهو ڀائو آهي يا نه. جيئن ڪار مان لٿاسين ته اُهو ڀائو اعجاز کي سامهون بيٺل نظر آيو. کيس ڀاڪر پائي ملياسون. پنهنجو نالو لڇمڻ ٻڌايائين. اعجاز ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو، پوءِ ته لڇمڻ چانهه ۽ ڪافي پيارڻ جو زور ڀريو. پر اسان جيئن ته ٿورڙو ئي اڳ چانهه پي چُڪا هئاسين ته کيس منع ڪئي سون. پر پوءِ ان شرط تي مڙيو ته ٻئي دفعي اسان ساڻس گڏجي ماني کائينداسون. سوچيم ته مهمان نوازيءَ جي اها خصلت ۽ خوبي سنڌين وٽ وڃي رهي آهي، يا ٿي سگهي ٿو ٻين قومن ۾ به هجي، پر مون کي واقعي اچرج ٿيو ته آمريڪا ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هڪ ڌنڌي وارو ماڻهو اهڙي خلوص سان صلاح ڪري. ڪافي دير بيچ (Beach) تي گهمندا رهياسي ۽ گهڻو ڪجهه ڏسي وائسي پوءِ گهر موٽياسين.
    اڄ شام جو ممتاز به ڪلوٽ ۾ اعجاز جي گهر آيو ۽ اچڻ شرط چيائين: ”وڏا بابا! مان اوهان کي وٺڻ آيو آهيان جو اوهان هتي بور ٿيندا هوندا“. کيس چيم فڪر نه ڪر، صبح جو توسان گڏجي هوسٽن هلنداسين. اعجاز ۽ ممتاز جي پاڻ ۾ پراڻي دوستي ۽ هڪ ٻئي سان سٺي Understanding اٿن، جنهن کي ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان. ڪافي دير تائين هڪ ٻئي سان ڪچريون ڪري پوءِ آرامي ٿياسين.


    ڪلوٽ کان هوسٽن

    8 جنوري تي اعجاز وٽ منجهند جي ماني کائي ممتاز سان گڏ هوسٽن لاءِ روانو ٿيس. مون کي هونئن به هوسٽن وڃڻو هو جو ٻن ڏينهن کان پوءِ عيدالاضحيٰ جي نماز به پڙهڻي هئي. ڪلوٽ ۾ ڪابه مسجد ڪانه هئي، جمعي جي نماز به عبدالواحد ڪاڇيلي صاحب سان گڏجي هڪ ڪميونٽي سينٽر ۾ ادا ڪئي سين. هن ڪميونٽي سينٽر جو نالو P.K. Forest Community Centre آهي.


    سئن ائنٽونيو جو سئر

    اعجاز ۽ ممتاز اڄ ۽ سڀاڻي يعني 10 ۽ 11 جنوري 2006ع تي ٻن ڏينهن جي موڪل ورتي هئي، سندن پروگرام اهو هو ته هو مون کي هوسٽن کان ٻاهر ڪجهه ڏيکارڻ ۽ گهمائڻ وٺي ويندا. اڄ يعني 10 جنوري تي سئن ائنٽونيو San Antonio وڃڻ جو پروگرام هو. طارق پڻ چيو هو ته هو به هلندو، پر جيئن ته طارق وارن عيد اڄ ڪئي هئي، تنهنڪري سندن پروگرام پنهنجن ويجهن عزيزن قريبن سان ملڻ جو هو ان ڪري هُو اسان سان گڏجي نه هلي سگهيو.
    بهرحال اسان اعجاز، ممتاز، فاروق ۽ آءٌ منجهند جو 12 وڳي ڌاران اعجاز جي گاڏيءَ ۾ سئن ائنٽونيو لاءِ روانا ٿياسون. اُتي وڃڻ جا ٻه مقصد هئا، هڪ ته سئن ائنٽونيو جي تاريخي ۽ ثقافتي اهميت واري شهر کي ڏسڻو هو ٻيو ته منهنجي ڀاءُ فيض محمد، جيڪو هينئر يعني 2006ع ۾ تيونس (Tunisia) ۾ پاڪستان جو سفير آهي، جي نياڻي انيتا جي يونيورسٽيءَ کي ڏسڻو هو جتان هن انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايم-فل (M.Phil) ڪئي هئي. پورن ٽن ڪلاڪن ۾ سئن انٽونيو پهچي وياسين ۽ سڀ کان پهريون سينٽ ميري (St.Mary) يونيورسٽي جو چڪر لڳايوسين ۽ سڄو ڪئمپس گهميوسين ۽ اُتي خوب فوٽو ڪڍياسين ته جيئن اُنهن فوٽن کي پنهنجي ملڪ ۾ انيتا کي ڏيکاري خوش ڪجي. بهرحال هيءَ يونيورسٽي آمريڪا جي ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ ايتري وڏي ۽ معياري ناهي. يونيورسٽيءَ جو چڪر لڳائي پوءِ سئن ائنٽونيو شهر جو چڪر لڳايوسين جيڪو آمريڪا جو ستون نمبر ۽ ٽئڪسَس اسٽيٽ جو ٻيو نمبر وڏي آباديءَ وارو شهر آهي. سئن ائنٽونيو جو شهر سينٽ ائنٿني (Saint Anthony) جي نالي پٺيان قائم ٿيو جيڪو بعد ۾ فقط San Antonio جي نالي سان مشهور ٿيو.
    هن شهر جو سڀني کان وڌيڪ مشهور هنڌ رِوَر واڪ (River Walk) آهي. ٿوريءَ دير ۾ اسان رور واڪ جي هنڌ تي پهچي وياسين. ڇا ته نظارو هو، بس منهنجي واتان ته فقط سبحان الله جو لفظ نڪتو. باقي اعجاز ۽ ممتاز جي خبر ناهي. وچ ۾ صاف پاڻيءَ جي هڪ ندي آهي جيڪا قدرتي طور نه پر ٺاهيل ندي آهي جتي سڄو ڏينهن ٻيڙيون هلنديون ٿيون رهن ۽ ٻاهر کان آيل سياح ٻيڙين تي چڙهي خوب مزا ماڻن ٿا. اردگرد ننڍا وڏا اسٽور، بارون (Bars) ۽ کائڻ پيئڻ جا ننڍا توڙي وڏا ريسٽورنٽ آهن. رِورواڪ سان گڏوگڏ تمام وڏا ۽ ٿلها وڻ آهن جن جون عمريون 100 سالن کان به مٿي ٻڌايون ٿي ويون. ڪرسمس ۽ نئين سال (New Year) جي موقعن تي هتي ماڻهن جي وڏي پيهه لڳل رهي ٿي. اسان به ٻيڙيءَ تي چڙهي نديءَ جي سئر (River Drive) جو مزو ورتو ۽ خوب Enjoy ڪيوسين. سج لهڻ ويل تائين سئن ائنٽونيو ۾ رهياسين. ان کانپوءِ هوسٽن واپس ورياسين ۽ لڳ ڀڳ رات جو ڏهين وڳي تائين هوسٽن پهچي وياسين.


    هوسٽن ۾ عيدالاضحيٰ جون ٻه عيدون

    مُلان جتي به پهچن ٿا، اُتي مذهبي اختلاف ضرور جنم وٺن ٿا. اسان کي پاڪستان ۾ شڪايت رهندي آهي ته هر سال ٻه عيدون ٿين ٿيون ۽ اسان مسلمان هڪڙي ڏينهن عيد ڪرڻ تي به متفق نٿا ٿي سگهون پر ملان سڄي دنيا ۾ جتي جتي به پهتو آهي ته ان جي موجودگي ديني اختلافن کي جنم پئي ڏنو آهي. هاڻي انگلنڊ، آمريڪا توڙي ٻين ڪيترن ٻاهرين ملڪن ۾ به عيد هڪڙي ڏينهن تي نه پر ٻن ڏينهن تي ٿئي ٿي. گذريل صفحن ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته هوسٽن ۾ ڪالهه به عيد هئي جنهن ۾ اعجاز جي دوست طارق به نماز پڙهي ۽ اڄ يعني 11 جنوري 2006ع تي وري اسان عيد ڪئي. هوسٽن جي حافظ اقبال مسجد ۾ عيدالاضحيٰ جي عيد نماز پڙهيسون. پيارو دوست واحد ڪاڇيلو مون کي هتي وٺي آيو هو جنهن سان گڏجي عيد نماز پڙهيسون. اندازي موجب 3000 هزار کن نمازي هئا جن ۾ آفريڪا جا ڪارا ۽ ڪجهه گورا به شامل هئا. مسجد جي خطيب اردوءَ ۾ تقرير ڪئي ۽ بعد ۾ خطبو عربي زبان ۾ پڙهيائين. نماز کانپوءِ ماڻهو هڪ ٻئي سان وڏا ڀاڪر پائي عيد ٿي مليا. جيئن ته اعجاز ۽ ممتاز عيد نماز تي نه هليا هئا تنهنڪري مون پهريون ڪاڇيلي صاحب سان ۽ پوءِ ڪيترن ئي ڪارن ۽ گورن سان وڏا ڀاڪر پاتا ۽ کين عيد مبارڪون ڏنيون ۽ پاڻ به وصول ڪيون. مون پيش امام سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ساڻس گڏ فوٽو ڪڍرايو. نماز پڙهي گهر موٽيس ته اعجاز ۽ ممتاز اڃا سُتا پيا هئا. مون پنهنجي ڄمار ۾ ڪڏهن پاڻ چانهه ٺاهي ناهي پيتي، پر هتي ڇوڪرن کي چانهه جي بهاني ننڊ مان اٿارڻو هو، تنهنڪري چانهه ٺاهي کين وڃي اُٿاريم ۽ چيومانِ: ”ڀلا ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي عيد مبارڪ ته چئون!“ پوءِ اعجاز ۽ ممتاز وڏا وڏا ڀاڪر پائي مليا. ٿوري دير ۾ فاروق به اچي نڪتو جنهن سان پڻ وڏو ڀاڪر پائي کيس عيد مبارڪ چيم. اعجاز، ممتاز توڙي فاروق وڏن آوازن ۾ چيو: ”وڏا بابا! اوهان کي عيد مبارڪ“. کين چيم: ”بس ڀاڪر به پاتا اٿوَ ۽ وڏي آواز ۾ عيد مبارڪ به چئي اٿوَ ته بس ائين سمجهو ته اوهان جي به ڄڻ عيد ٿي ويئي“.


    برئزوز بينڊ پارڪ جو سئر

    A Visit to Brazo’s Bend State Park

    اڄ طارق طرفان پروگرام رکيل هو ته هو مون کي هڪ اهڙي جڳهه تي وٺي ويندو جتي اعجاز ۽ ممتاز وارا به اڳ نه ويا هئا. ڏاڍي اُڻ تُڻ هئي ته طارق اسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندو. البت افسوس اهو ٿيو جو ممتاز کي اڄ موڪل نه ملي سگهي ۽ هو اسان سان گڏجي نه هلي سگهيو. البت فاروق ته صفا پنهنجي الڳ موڊ وارو آهي، تنهنڪري هو به اڄ اسان سان گڏ نه هو. بهرحال مان ۽ اعجاز منجهند جو 12 وڳي ڌاران طارق جي گهر پهتاسين جيڪو شگرلئنڊ (Sugarland) جي علائقي ۾ رهندو آهي، جتي پاڪستاني توڙي هندستاني گهڻا رهندا آهن. منجهند جو هڪ وڳي طارق جي گهران نڪري فقط 40 منٽن ۾ برئزوز بينڊ اسٽيٽ پارڪBrazo’s Bend State Park پهتاسين. ڇا ته نظارو هو! هي واقعي هڪ قدرتي جهنگ آهي جتي مختلف قسمن جا وڏا وڏا ۽ گهاٽا وڻ آهن. وڻن جي اندر ئي جڳهه جڳهه تي ڍنڍون، ڍورا آهن جتي وڏا واڳون به نظر آيا. ٽئڪسَس اختياريءَ وارن قدرتي جهنگل جو فائدو وٺندي ان کي پارڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هتي وڏا وڏا روڊ ٺهيل آهن، جتي اندر وڃڻ لاءِ وري ڪشادا فوٽ پاٿ ٺهيل آهن. اسان جڏهن فوٽ پاٿ جو رستو وٺي اندر وڃڻ لڳاسين ته جهنگ ۾ اسان کي ڪيترائي هرڻ گهمندا نظر آيا، جيڪي اسان کي ڏسي پري تائين ته نه ڀڳا، البت 50-60 فوٽن جي مفاصلي تي بيهي گاهه چرندا رهيا. پارڪ ۾ اسان کي وڏيون وڏيون بسون بيٺل نظر آيون جيڪي سياحن جي سئر سفر لاءِ خاص طور تي ٺهيل هونديون آهن، جن ۾ ڪرسيون، صوفا سيٽ، بيڊ، باٿ روم وغيره فٽ ٿيل هجن ٿا. سياح هتي ڪِرائي تي گهر وٺي پارڪ ۾ هڪ ٻه راتيون گذاري پوءِ پنهنجن پنهنجن ماڳن تي واپس وڃن ٿا. هتي ئي اپارٽمينٽ به ٺهيل آهن ته ننڍا ننڍا گهر به، جن کي اڳواٽ بوڪ ڪرائي ماڻهو هتي سئر سفر لاءِ اچن ٿا ۽ ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون اچي هتي گذارن ٿا.
    جيڪڏهن ڪي سياح ڪِرائي تي گهر نه وٺن ته اُنهن لاءِ به هتي ڪمال جا انتظام ٿيل آهن. پارڪ جي اختياريءَ وارن پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مهيا ڪري ڇڏيو آهي. جڳهه جڳهه تي نلڪا فٽ ٿيل آهن جتي بار بي ڪيو (Bar B.Q) ڪرڻ يا رڌڻ پچائڻ لاءِ وڏا چُلها ٺهيل آهن، جن ۾ ڪاٺيون يا ڪوئلا استعمال ڪري کاڌو يا بار بي ڪيو Bar B.Q جا آئٽم تيار ڪري سگهجن ٿا.
    طارق ۽ سندس گهرواري ادي نوشين گهران ئي بار بي ڪيو جو سمورو سامان تيار ڪري کڻي آيا هئا جن کي هتي گرم ڪري کائيندا پئي وياسين ته هڪ ٻئي سان چرچا گهٻا به هلندا رهيا. هن پارڪ ۾ اڄوڪو ڏينهن ايترو ته Enjoy ڪيوسين جو ان جو ڪيترو بيان ڪري ڪيترو ڪجي. ڏاڍو مزو آيو پر ممتاز ۽ فاروق کي ڏاڍو مِس ڪيوسين ڇو ته اهڙن موقعن تي ساٿي ۽ دوست جيترا گهڻا هجن ته پوءِ سفر جو مزو ۽ لطف به اوتروئي وڌي وڃي ٿو. هن موقعي تي اردوءَ ۾ هڪ قطعو مون هن پارڪ ۾ ئي لکي ورتو ڇو ته طارق ۽ سندس گهر واري اردو ڳالهائيندڙ آهن. جڏهن کين قطعو ٻڌايم ته تمام گهڻا خوش ٿيا. اعجاز به مون کي دل کولي داد ڏنو. جڏهن پارڪ مان پڪنڪ جو پروگرام ختم ڪري طارق جي گهر موٽي آياسين ته ادي نوشين فرمائش ڪئي ته اُهو قطعو کين ٻيهر ٻڌايان ۽ کين لکي به ڏيان ته وٽن يادگار طور محفوظ رهي. اُهو قطعو هن ريت آهي:
    ساتھ ہے اعجاز تو تسکين ہے
    هوسٹن کا پارک بھی اک سِين ہے
    ہے عنايت کا جگر ممتاز بھی
    ايک طارق، دوسری نوشين ہے
    نوٽ: هن قطعي ۾ مون پنج نالا آندا آهن: اعجاز (منهنجو پُٽ)، ممتاز (منهنجو ڀائٽيو، توڙي جو هو اڄ اسان سان گڏ نه هو)، طارق (اعجاز جو دوست)، نوشين (طارق جي جيون ساٿي) ۽ آءٌ (قطعي جو شاعر).
    مان جڏهن 2012ع ۾ وري آمريڪا ويس ۽ طارق پنهنجي گهر منهنجي دعوت ڪئي ته هن مون کي چيو:
    انکل جو قطعه آپ نے 6 سال پہلے برئزوز پارک میں لکھا تھا، وه اس دن سے هی نوشين کو ياد ہے اور وه اکثر مجھے سنايا کرتی ہیں۔
    مان ڏاڍو خوش ٿيس ۽ نوشين لفظ به لفظ اُهو قطعو ٻيهر ٻڌائي داد حاصل ڪيو.
    عيد جي ٻئي ڏينهن تي به طارق مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو. اعجاز ۽ ممتاز به مون سان گڏ هئا. طارق پنهنجو گهر تمام خوبصورت طريقي سان ٺهرايو آهي، جنهن ۾ پاڻ، سندس گهرواري نوشين ۽ سندن ٻه سهڻا ٻارڙا هڪ ڌيءُ ۽ ٻيو پُٽ رهندا آهن. سندن گهر ڪشادو ۽ خوبصورتيءَ سان سجايل آهي. طارق جي گهر نهايت ئي پُرتڪلف رات جي ماني کاڌيسون. سندن کاڌي جي خاص خوبي (Speciality) انهن جو بار بي ڪيو (Bar B.Q) آهي، جيڪو طارق ۽ سندس گهر واري نوشين گڏجي پچائيندا آهن. طعام ڏاڍا لذيذ هئا ۽ خوب کاڌوسين. ڪافي دير ڪچهري ڪري اعجاز جي گهر ڪلوٽ پهچي وياسين ۽ اُن وقت رات جا 2 وڄي رهيا هئا.


    عبدالواحد ڪاڇيلي سان رهاڻيون

    عبدالواحد ڪاڇيلو ڏاڍو دلبر ماڻهو آهي ۽ ورهين کان وٺي ڪلوٽ ٽئڪسَس ۾ رهندو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته جتي اعجاز جو گهر آهي ان کان 4-5 سئو وال اڳتي اصغر پٺاڻ جو سُپر اسٽور آهي جتي هو ڪم ڪندو آهي. تنهنڪري مون کي روز پيو فون ڪندو هو ته عنايت صاحب جيترو وقت به ڪلوٽ ۾ هجو ته مون وٽ روزانو رهاڻ ڪرڻ ايندا ڪريو، سڄو ڏينهن پيو اوهان کي چانهه ۽ ڪافي پياريندس. سو جيترا ڏينهن به اعجاز وٽ ڪلوٽ ۾ هوندو هوس روز ڪاڇيلي صاحب وٽ هليو ويندو هوس. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ته ڪڏهن وري اُتي ويهي سنڌ سان رهاڻ رچائيندا هئاسون ته اُتي ڪيڏا ڪِيس ۽ ڪلور ٿين پيا ۽ سنڌ ويچاري سدائين سورن ۾ رهي آهي. ڪاڇيلو صاحب اسٽور جي ڊيوٽي تان واندو ٿي مون کي پنهنجي ڪار ۾ شام جو گهمائڻ ڦيرائڻ به وٺي ويندو هو ته ڪڏهن پاڪستاني هوٽلن تي ماني به وڃي کارائيندو هو. آمريڪا ۾ رهي ڪري به نماز پابنديءَ سان پڙهندو آهي ۽ مجموعي طور تي هڪ نيڪ شخص آهي.


    دل گهرئي دوست ڊاڪٽر امداد سيهڙ سان ملاقات

    اڄ يعني 14 جنوري 2006ع تي نهايت ئي پياري ۽ ديرينه دل گهرئي دوست ڊاڪٽر امداد سيهڙ سان منهنجي ملاقات ٿي. جيئن کيس فون ڪيم ته فورن چيائين: ”بس هاڻ صبر نٿو اچي. يا اوهان مون ڏي هليا اچو يا اوهان هوسٽن ۾ جتي به آهيو ته مان اوهان ڏي هليو اچان“.
    آءٌ به پهرئين ڏينهن تي جيئن ئي هوسٽن پهتو هوس ته ڊاڪٽر صاحب جي پُڇا ڪرڻ تي ممتاز ٻڌايو هو ته امداد صاحب پاڪستان ويل آهي پر هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچڻ وارو آهي. بهرحال ڊاڪٽر امداد جي گهر وڃڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. منهنجو پٽ اعجاز ۽ ڀائٽيو ممتاز ڊيوٽيءَ تي هئا، تنهنڪري برادرم عبدالواحد ڪاڇيلي کي چيم ته مون کي ڊاڪٽر امداد جي گهر ڇڏي اچي. جيئن مٿي لکيو اٿم ته ڪاڇيلو صاحب دلبر شخص آهي، بنا دير مون کي امداد صاحب وٽ پهچائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اسان ڪلوٽ کان شام جو 4 وڳي نڪتاسين ۽ پورن ٻن ڪلاڪن جي ڊرائيو کانپوءِ امداد صاحب وٽ پهتاسين.
    ڊاڪٽر امداد صاحب منهنجي ڪري پنهنجن ٻن دوستن امان الله تُرڪ ۽ ظفر آغا کي به دعوت ڏيئي پنهنجي گهر گهرائي ورتو هو. ڪاڇيلي صاحب کي جلد واپس وڃڻو هو پر امداد صاحب کيس وڃڻ نه ڏنو ۽ حُجت ڪندي کيس چيائين: ”ته يار اڄ ماني مون سان نه کاڌئي ته مزو نه ايندو، تنهنڪري مهرباني ڪري ماٺ ڪري ويهي رهه“. امداد سان ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ تمام ويجهو رشتو رهيو آهي ان ڪري ورهين پڄاڻان اڄ هتي هوسٽن ۾ ملڻ جي موقعي تي شعر جون ٻه چار سٽون ڄڻ خود بخود لکجي ويون جيڪي سڀني کي پڙهي ٻڌايم:
    ٿيو هوسٽن ۾ اڄ ملڻ، ويا ڳُڻ پراڻا ڳائجي،
    ناتا نوان، تازا ٿيا، ويا دل اندر دهرائجي،
    امداد سان قربن ڪڙيون، ويون نِت نيون گرمائجي،
    رشتا عنايت پيار جا، ويا ڄڻ وري ورجائجي.
    سڀني دوستن کي شعر ڏاڍو وڻيو ۽ امداد ڏانهن ڏٺم ته ائين لڳو ڄڻ هو گهَري سوچ ۾ غرق ٿي ويو هجي ۽ ماضيءَ ۾ لياڪا پائي رهيو هجي.
    ڊاڪٽر امداد سيهڙ سان منهنجي ملاقات 1988ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي هئي جتي هو ايس.ڊي.ايم هو ۽ آءٌ تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسٽيشن ڊائريڪٽر هئس. هر طرف دوستن ۽ مهربانن جو ان وقت ڪيڏو نه خوشگوار ۽ دوستيءَ وارو ماحول هو. شيخ علي محمد صاحب حيدرآباد جو ڪمشنر هو. شفيق پراچا، جيڪو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي منهنجو ساٿي اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر هو، سو هاڻي حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر هو. محترم محمد بچل ساڱري حيدرآباد جو ايس.ايس.پي (سينيئر سپرنٽيڊنٽ پوليس) هو، ڊاڪٽر امداد سيهڙ اسسٽنٽ ڪمشنر (ايس.ڊي.ايم) ته وري نظام الدين جتوئي صاحب ڊائريڪٽر انفرميشن هو. هر ٻئي ٽئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن جي گهر تي ڪچهري ٿيندي هئي. تڪلف وارا طعام ۽ مانيون هڪ طرف ته يارن جون ميٺاج ۽ محبت واريون ڪچهريون ٻئي طرف هيون.


    بچل ساڱري صاحب جا قرب

    توڙي جو شيخ علي محمد صاحب سان منهنجي ذاتي نيازمندي هئي پر سائين محمد بچل ساڱري صاحب مون کي جي-او-آر ڪالوني ۾ هڪ وڏي بنگلي وٺرائي ڏيڻ ۾ نه رڳو مدد ڪئي پر سائين شيخ علي محمد صاحب وٽ مون سان گڏجي هليو ۽ کيس چيائين ته: ”سائين تيستائين مان اٿندس ئي ڪونه جيستائين عنايت صاحب کي بنگلو الاٽ نه ڪندو“. اسان اڃا ڪمشنر صاحب وٽ ويٺا ئي هئاسون ته شفيق پراچا به اوچتو اچي نڪتو جنهن بنگلي جي الاٽمينٽ واري اسان جي گفتگو ٻُڌي ورتي ته ان به شيخ صاحب جن کي عرض ڪيو. ”سر! عنايت کي گهر الاٽ ڪرڻ لاءِ آءٌ به التجا ٿو ڪريان“. بهرحال مٿي ذڪر ڪيل دوستن جي مهربانيءَ سان ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ مون کي D-19 بنگلو الاٽ ٿي مليو ۽ پوءِ پورا ساڍا ڏهه سال ان ئي بنگلي ۾ رهيس. جتي پاڙي ۾ ڊاڪٽر امداد سيهڙ به اچي رهيو، پوءِ ته پڪي دوستي ٿي ويئي. ساڱري صاحب به ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ۽ بغير اطلاع ڪرڻ جي مون وٽ هليو ايندو هو ۽ اچڻ شرط چوندو هو: ”عنايت صاحب دوڌ پتيءَ واري ڪڙڪ چانهه جلدي پيار“. بس ائين دوستن سان بغير تڪلف واريون قربائتيون ڪچهريون پيون ٿينديون هيون.
    ٻن سالن کان پوءِ امداد صاحب جي شادي ٿي ۽ ان شاديءَ جي مينديءَ جي رسم اسان جي گهر ۾ ٿي جنهن لاءِ امداد جي ڀائرن ۽ عزيزن جو خيال هو ته جيڪا خوشي ۽ چهچٽو مينديءَ جي رسم ۾ هو سو شايد شاديءَ جي ڏينهن تي به ان حد تائين نه هو. بهرحال اُنهن ڏينهن کان وٺي ڊاڪٽر امداد سان ڀائپيءَ جي رشتي جو ڳانڍاپو رهندو آيو آهي ۽ انشاالله هميشه رهندو. اهو ئي گهاٽو تعلق هو جنهن جو ثبوت آمريڪا پهچڻ تي ڊاڪٽر امداد ۽ منهنجي ڀاڄائي ڀرپور خلوص ۽ محبت سان ڏنو. رات امداد صاحب جي گهر رهيس ۽ 15 جنوري تي امداد صاحب جي گهر لنچ ڪري پنهنجي ڀائٽي ممتاز جي گهر لاءِ روانو ٿيس ۽ ڊاڪٽر امداد صاحب مون کي اتي ڇڏي ويو. اڄ مون کي رات ممتاز وٽ گذارڻي هئي ڇاڪاڻ ته 16 جنوريءَ تي صبح جو نعمت سان ملڻ لاءِ نيو يارڪ روانو ٿيڻو هو ۽ طئي اهو ٿيل هو ته ممتاز مون کي ايئرپورٽ تي ڇڏي ايندو.


    هوسٽن کان نيويارڪ

    اڄ جنوري 2006ع جي 16 تاريخ هئي. اسان ممتاز جي گهر کان ٺيڪ صبح جو 11 وڳي نڪتاسين ۽ مُني ڪلاڪ ۾ ايئرپورٽ پهچي وياسين. اڄ صبح کان ئي تيز مينهن وسي رهيو هو، تنهنڪري ممتاز گاڏي آهستي هلائي رهيو هو. ممتاز چيو ته تيز برسات نه هجي ها ته منهنجي گهر کان ايئرپورٽ فقط اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو آهي.
    بهتر ٿيندو ته نيو يارڪ جي سفر جي احوال کان اڳ منهنجي سئوٽ نعمت الله عرف نعمت ڏانهن نيو يارڪ وڃڻ جو پس منظر ٻڌائجي. جڏهن آءٌ پاڪستان ۾ آمريڪا وڃڻ جي تيارين ۾ هوس ته نعمت به پنهنجي ڳوٺ آيل هو، تنهنڪري حيدرآباد ۾ ئي مون تي زور رکيائين ته هوسٽن کان مون ڏي نيويارڪ ضرور اچجو. (نعمت ڪيترن ئي سالن کان وٺي نيويارڪ ۾ رهندو آهي، جڏهن ته منهنجو پٽ اعجاز ۽ هدايت جا ٻه پٽ ممتاز ۽ فاروق اوترن ئي سالن کان وٺي هوسٽن ۾ رهندا آهن). مان 4 جنوري تي هوسٽن پهتو هوس ۽ نعمت مون کان فقط ٻه ڏينهن پوءِ يعني 6 جنوري تي نيويارڪ پهتو هو. هتي اها وضاحت به ڪندو هلان ته سال 1986ع ۾ مان جڏهن پهريون ڀيرو انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام(International Visitor Program) جي حوالي سان آمريڪا ويو هوس تڏهن منهنجو پٽ، ڀائٽيو، سوٽ يا ٻيو ڪو به عزيز اُتي موجود ڪو نه هو تڏهن مان گهڻي ۾ گهڻو عرصو نيويارڪ ۾ رهيو هوس. بهرحال نعمت جيئن 6 جنوري 2006ع تي نيويارڪ پهتو ته اچڻ شرط مون کي ٽيليفون ڪيائين ته: ”ادا ڪڏهن ٿا نيويارڪ اچو!“ پوءِ ذري گهٽ روزانو پيو فون ڪندو هو ته ادا جلدي اچو. نعمت منهنجو سڳو سئوٽ آهي ۽ سڳو سئوٽ ڀاءُ جي برابر هوندو آهي. هو وڏو پُرخلوص شخص ۽ دلبر مڙس آهي. منهنجو ساڻس رشتو ۽ پنهنجي خاندان جي وڏي جي حيثيت سان نعمت لاءِ منهنجي اهميت تمام گهڻي هئي. پر فطري طور تي هو شخص ٺهيل ئي اهڙو آهي جو ڪو به ماڻهو ڪنهن به حوالي سان وٽس ويندو ته کيس کارائيندو ۽ پياريندو، خدمتون ڪندو ۽ جيترو به کانئس پُڄي سگهندو سندس مدد ڪندو. ڪيترائي دوست نيويارڪ کان موٽندي نعمت جي تعريف جا ڳُڻ ڳائيندا موٽندا آهن.
    نعمت ڏانهن وڃڻ لاءِ جڏهن ٽڪيٽ جي باري ۾ معلوم ڪيوسين ته اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ 400 کان 370 ڊالرن تائين ڪنفرم پئي ٿئي، تنهنڪري ممتاز صلاح ڏني ته ٽڪيٽ گهر ويٺي ڪمپيوٽر تي آن لائين (On Line Booking) بوڪنگ ٿا ڪرايون، جيڪا هڪ ته گهر ويٺي ٿي وڃي ٿي ۽ سستي به پوي ٿي. منهنجو خيال هو ته 13 جنوري تي نيويارڪ وڃان پر جڏهن 13 جنوري تي سيٽ ڪنفرم ڪرائڻ چاهيسون ته رائونڊ ٽرپ (Round Trip) 370 ڊالرن ۾ ڪنفرم پئي ٿي جيڪا اسان کي مهانگي نظر آئي. ان ڪري ممتاز صلاح ڏني ته جيڪڏهن آن لائين بوڪنگ ڪرڻ وارن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي جو وقت ڏينداسون ته ٽڪيٽ ڪجهه سستي پوندي. نيٺ ممتاز وڏي جاکوڙ ڪري نيويارڪ روانگي 16 جنوري ۽ اُتان واپسي 20 جنوري جي ٽڪيٽ فقط 266 ڊالرن ۾ ڪنفرم ڪرائي ڇڏي. جيڪڏهن آن لائين بوڪنگ جو وقت کين هڪ هفتي جي بجاءِ ٻه هفتا ڏجي ها ته ممتاز چيو ته اها ساڳي ٽڪيٽ اسان کي وڌ ۾ وڌ 150 ڊالرن تائين پوي ها. بهرحال مون کي خوشي ٿي ته نيويارڪ وڃڻ ۽ اُتان واپسيءَ جي سيٽ ممتاز جي محنت سان ڪنفرم ٿي ويئي.
    اڄ هوسٽن کان Continental جي فلائيٽ ۾ فقط هڪ ڪلاڪ ۾ آسٽن Austin پهتس. هتان مون کي هڪ ٻي فلائيٽ ۾ نيويارڪ پهچڻو هو، پر اُها اُڏام ٻن ڪلاڪن کانپوءِ رواني ٿيڻي هئي. تيستائين مون آسٽن ايئرپورٽ تي ڪجهه اسٽور گهميا. بوڪ شاپس ڏٺا ۽ ڪافي پيتي. وقت گذارڻ لاءِ اُتان اعجاز ۽ ممتاز کي فون ڪري ساڻن چار چونڪ ڳالهين جا ڪيم.
    بهرحال شام جو 4:30 وڳي ڊيلٽا ايئرلائين Delta Airline ذريعي آسٽن کان نيويارڪ روانو ٿيس ۽ پورن ٽن ڪلاڪن جي فلائيٽ کان پوءِ نيويارڪ جي لگارڊيا ايئرپورٽ Laguardia Airport تي وڃي لٿس. اڃا جهاز ۾ ئي هوس ته نعمت پاڻ فون ڪيو ۽ چيائين ته اوهان جي انتظار ۾ ايئرپورٽ تي بيٺا آهيون. ايئرپورٽ کان ٻاهر اچڻ تي نعمت وڏا ڀاڪر پائي مليو. آڌرڀاءُ طور ڦوڪڻن جو هڪ گلدستو ٺهرائي آيو هو جيڪو مون کي پيش ڪيائين. ساڻس گڏ فِزا به هئي جيڪا سندس بهترين دوست ۽ گهڻو وقت جيون ساٿياڻي به رهي آهي. ان وقت هوسٽن جي ٽائيم مطابق شام جا 7:30 ۽ نيويارڪ ۾ 8:30 ٿيا هئا جو نيويارڪ هوسٽن کان هڪ ڪلاڪ اڳتي آهي. نيويارڪ ۾ هر طرف برف ڄميل هئي. رستن کي صاف ڪيو ويو هو پر رستن جي پاسن کان برف جا ڍِڳ لڳا پيا هئا. روڊن تي ڏاڍي احتياط سان هلڻو ٿي پيو ڇو جو برف رِجڻ ڪري روڊ تِرڪڻا ٿي ويا هئا. اسان جي سامهون هڪ ماڻهو ڦهڪو ڏئي وڃي روڊ تي ڪِريو پر نوجوان هو ان ڪري ڌڪ پچائي جلدي اُٿيو.
    نعمت مون کي فِزا جي گهر وٺي ويو جتي فِزا اسان کي پُرتڪلف ماني کارائي. ٻه ٽي طعام هئا پر لذيذ ۽ سوادي هئا. بُک به اچي پاسا ورايا هئا سو ڍئو ڪري ماني کاڌيسين. ٻه ڪلاڪ کن فِزا سان ڪچهري ڪري پُر تڪلف ماني کارائڻ ۽ سندس خلوص جا ٿورا مڃيندي، نعمت جي اپارٽمنيٽ تي آياسين جيڪو ڪئينس ۾ جئڪسن هائيٽس (Jackson Heights) جي علائقي ۾ آهي. نعمت هڪ اهڙي اپارٽمينٽ ۾ رهي ٿو جتي ٻه ٻيون فيمليون به رهن ٿيون ۽ هر فيملي کي هڪ هڪ ڪمرو آهي. ٻيا فيملين سان رهن ٿا ۽ نعمت ڇڙو ڇانڊ ٿو رهي. خبر ناهي ته ڪير موجن ۾ آهي ۽ ڪير ڏولاوَن ۾، خبر خدا کي. ظاهري طرح نعمت وڌيڪ خوش ۽ سَرهو نظر ٿي آيو. رات جو دير تائين ڪچهري ڪري سمهي پياسين ته جهٽ ننڊ وڪوڙي ويئي.


    نعمت سان گڏ نيويارڪ کان ڪنيڪٽيڪٽ

    (New York to Connecticut)

    اڄ 17 جنوري 2006ع تي 12:30 وڳي منجهند جو نيويارڪ ڇڏيوسين ۽ ڪنيڪٽيڪٽ لاءِ روانا ٿياسين جتي سليم صاحب، جيڪو منهنجي پٽ اعجاز جو Boss به رهيو آهي ته دوست به، ٽيليفونن تي ڌُم لائي ڏني هئي ته بلوچ صاحب جلدي پهچو ته اوهان جو ديدار ٿئي. جڏهن اعجاز ڪنيڪٽيڪٽ ۾ هوندو هو ته سليم صاحب تڏهن به مون سان پاڪستان ۾ ٽيليفون تي هر ڀيري منٿون پيو ڪندو ته، ڀوتار، مون وٽ ضرور اچو ته دل کولي ڪجهه ڪچهريون ڪريون (ڀوتار سندس تڪيه ڪلام هوندو آهي). جڏهن به ڳالهائيندو ته ڀوتار جو لفظ گهڙي گهڙيءَ پيو دهرائيندو آهي. بهرحال اسان سوا ٻن ڪلاڪن ۾ هارٽ فورڊ (Hartford) پهچي وياسين جيڪو ڪنيڪٽيڪٽ رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي شهر انشوئرنس ڪمپنين جي ڪري به ايترو مشهور آهي جو هن کي دنيا جي انشوئرنس ڪمپنين جي گاديءَ جو هنڌ (Capital) به چيو ويندو آهي.


    ڀوتار سليم سان ملاقات ۽ سندس قرب

    هارٽ فورڊ پهچڻ شرط سليم صاحب جي گهر هليا وياسين. ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ايتري چاهه سان مليو جو ٻه-ٽي منٽ ته ڀاڪر ڪڍي ئي نه پيو. وڏو قربدار ماڻهو لڳو. هڪ عاليشان آفيس ۾ وٺي ويو. هر طرف وڏا ۽ آرامده صوفا سيٽ لڳا پيا هئا. چيائين: ”ڀوتار هي اٿيئي اسان جو مئخانو ۽ محفل ملاقات جي جڳهه“. پوءِ ته بنا دير وسڪي، شئمپئن، بلئڪ ليبل ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا شراب کڻي آيو. چيومانس: ”ڀوتار، مان ٺُپ صوفي آهيان ۽ پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهي شيون مون نه واپرايون آهن جنهن جو شاهد منهنجو سوٽ نعمت اٿوَ“. پوءِ نعمت به کيس چيو ته: ”ادا کي اوهان ڪيترو به چوندا پر ادا عنايت انهن شين کي هٿ به نه لائيندو“. پوءِ به ڏاڍو زور ڀريائين پر مون به معافي وٺڻ لاءِ اوترو ئي زور ڏنو تڏهن وڃي معافي ملي. سندس مئخاني تي ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئيسون. پوءِ هڪ ريسٽورنٽ Red Lobstor تي وٺي ويو جتي اهڙي ته مڇي کارايائين جو مون اهڙي لذيذ مڇي پنهنجي ڄمار ۾ گهٽ کاڌي هوندي. ڪلاڪ ڏيڍ هوٽل تي ماني به کائيندا رهياسون ۽ ڪچهري به ڪندا رهياسون. سليم صاحب ڏاڍا وس ڪيا ته رات ترسو ته دل کولي ڪچهريون ڪريون، پر مون وٽ نيويارڪ ۾ ترسڻ لاءِ وقت تمام گهٽ هو. 16 جنوري جي رات جو هتي پهتو هوس ۽ 20 جنوري تي هوسٽن واپس وڃڻو هو، تنهنڪري نعمت ۽ مون اڳواٽ ئي ٽن ڏينهن جو پورو پروگرام طئه ڪري ڇڏيو هو ته ڪهڙي ڏينهن ۽ ڪهڙي وقت ڪٿي هلبو. سليم صاحب کان ڳراٽڙيون پائي موڪلايوسين. مون کي ائين لڳو ته سليم صاحب موڪلائڻ وقت ڪجهه مونجهو ۽ ڏُکارو ٿي پيو هو ۽ سندس دل نٿي چيو ته اسان ايترو جلد کانئس موڪلائي هليا وڃون. بهرحال لطيف چواڻي ته: ”وڃڻ وارا سپرين، رُئان تان نه رهن“. سو اسان به نيٺ کانئس موڪلايو. هارٽ فورڊ کان ڪلاڪ سوا جي ڊرائيو کان پوءِ موهيگن سن ڪئسينو Mohegan Sun Casino تي آياسين. وڏو جواخانو هو پر ايترو وڏو نه هو جيترو مون ائٽلانٽڪ سٽي جو ڪئسينو ان وقت ڏٺو هو جڏهن 1986ع ۾ انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام (International Visitor Program) هيٺ آءٌ پهريون ڀيرو آمريڪا آيو هوس. ٽي چار ڪلاڪ هتي گهمندا رهياسين. نعمت پنهنجي قسمت آزمائي سوڀارو ٿيو ۽ 900 ڊالر کٽي ورتائين. منهنجي دل به ڏاڍيون سٽون کاڌيون ته کيڏان ۽ قسمت آزمايان پر هتي پهچڻ کان اڳ دل ۾ عزم ڪيو هوم ته نه کيڏندس ۽ خوش ٿيس ته پنهنجي عزم کي قائم رکڻ ۾ ڪامياب رهيس. هزارين ماڻهو، نوجوان ڇوڪرا ۽ خوبصورت ڇوڪريون رانديون کيڏي رهيا هئا. نوجوانن کان به گهڻا وڏيءَ عمر جا ماڻهو هئا جيڪي هر جڳهه ۽ هر طرف راندين کيڏڻ ۾ مشغول لڳا پيا هئا. رات جو 8:30 وڳي ڪئسينو مان نڪري نيويارڪ لاءِ روانا ٿياسين. پورن اڍائي ڪلاڪن جي ڊرائيو کان پوءِ رات جو 11 وڳي نيويارڪ پهچي وياسين. ڪار ۾ ڊرائيو ڪندي (Manhattan) جا ٻه-چار چڪر لڳاياسين جتي نعمت مون کي مختلف جايون جڳهيون ڏيکاريون جيڪي مون 20 سال اڳ ڏٺيون هيون. نعمت جيئن ته ڪيترن ئي سالن کان نيويارڪ ۾ رهي ٿو ته هتان جي گهٽين ۽ مکيه جاين جڳهين جي چڱيءَ طرح ڄاڻ رکي ٿو. گاڏي به وڏي اعتماد سان هلائي ٿو پر ڪٿي ڪٿي مون کي ڊيڄاري ٿي ڇڏيائين. ڪيترن موقعن تي هڪ هٿ موبائيل ۾ ته ٻيو هٿ اسٽيرنگ ۾. گاڏي به ڏاڍي تيز ٿي هلايائين ته موڙ (Turn) به اوتري ئي تيزيءَ سان ٿي ڪاٽيائين. پر بهرحال گاڏي هلائڻ وارو سندس اعتماد ڪافي تعريف جوڳو هو.
    اڳئين ڏينهن هارٽ فورڊ ۾ گهڻي گهمڻ ڦرڻ جي ڪري ڪافي ٿڪجي پيا هئاسين، تنهنڪري اڄ 18 جنوريءَ تي صبح جو اٽڪل 11 وڳي ننڊ مان اٿياسين. نعمت چيو: ”ادا پهريون ڪافي ٿا پيئون، پوءِ اوهان کي ماني ڪنهن پاڪستاني ريسٽورنٽ ۾ هلي ٿو کارايان“. ڪافي نوش ڪرڻ کانپوءِ هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ سن شائن تي آياسين، جنهن لاءِ نعمت ٻڌايو ته ان جو مالڪ هڪ سنڌي هو، پر هتي سنڌي ڳالهائڻ وارو هڪڙو ماڻهو به نظر نه آيو. ريسٽورنٽ ۾ ويهي گِهه ۾ تريل اُڦراٽا، آمليٽ، ڏهي ۽ زيرن جو ٻوڙ کائي ڏاڍا لطف اندوز ٿياسين. هي ناشتو به هو ته ساڳئي وقت منجهند جي ماني پڻ.


    نيويارڪ جو سئر

    مانيءَ کان پوءِ نعمت نيويارڪ جا چڪر لڳرايا. توڙي جو آءٌ ويهه سال اڳ آمريڪا آيو هوس ۽ نيويارڪ ۾ 10-12 ڏينهن رهيو هوس، پر پوءِ به هينئر نعمت جي ساٿ سان ڄڻ نيويارڪ گهمڻ جو مزو ئي نرالو هو ته سندس ڪچهري به نرالي. هڪ ڳالهه اڃا کُٽائيندو ئي ڪو نه ته ٻيو داستان شروع ڪري ڇڏيندو، وري نيون پُتليون ۽ نيون ڪهاڻيون جنم وٺنديون وينديون، تان جو سندس ڳالهين جو سلسلو اڻکُٽ ٿي ويندو. چيائين: ”ادا اچو ته توهان کي نيويارڪ جون مشهور سُرنگهون (Tunnels) ۽ پُلون (Bridges) گهمائي اچان“.

    1. جارج واشنگٽن بِرج (George Washington Bridge)
    سڀ کان پهريون جارج واشنگٽن بِرج تي آياسين جيڪا هڊسن نديءَ (Hudson River) مٿان ٺهيل آهي. هن پُل جي خصوصيت هي آهي ته فورٽ لِي (Fortlee) وٽ هيءَ پُل نيويارڪ ۽ نيو جرسي اسٽيٽ کي هڪ ٻئي سان ملائي ٿي. منهنجي نظر ۾ هن پُل جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته اها بيحد خوبصورتيءَ سان ٺهيل آهي. هن بِرج کي پري کان ڏسڻ سان ئي بهترين هُنرمنديءَ جو هڪ منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. وڏي ڳالهه ته هيءَ پُل ٻه ماڙ طريقي سان ٺهيل آهي. مٿئين طبقي تي ڪُشادا رستا (Lanes) ٺهيل آهن. يعني اچڻ جا چار رستا ته وڃڻ لاءِ به چار رستا آهن. اهڙيءَ طرح هيٺئين طبقي تي ڪُل ڇَهه رستا آهن: ٽي اچڻ جا ته ٽي وڃڻ جا. حساب لڳائبو ته اهي ڪُل 14 رستا ٿيا جيڪي هڪ پُل مٿان گذرن ٿا. مهربان پڙهندڙ تصور ۾ اندازو لڳائن ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪار ۾ هن پُل تان گذرندو هوندو ته هيتري ۽ هيڏي ساري ٽرئفڪ جي گذرڻ جو نظارو ڪيڏو نه دلفريب هوندو. ڪارن. موٽرن جي رستن کان سواءِ پيادل ۽ سائيڪل سوارن جي گذرڻ جا رستا وري الڳ ٺهيل آهن.
    هڊسن نديءَ ۾ پاڻيءَ جو هڪ وڏو جهاز (Intrepid ship) لنگر ڪيون بيٺو هو، جنهن لاءِ نعمت ٻڌايو ته ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ان جهاز تان برطانيه جا هوائي جنگي جهاز اڏامندا هئا ۽ دشمنن مٿان حملو ڪري وري ساڳئي پاڻيءَ واري جهاز مٿان وڃي لهندا هئا.

    2. بروڪلن بئٽري ٽنل (Brooklyn Battery Tunnel)
    هيءَ سرنگهه (Tunnel) نيويارڪ جي ڊگهي ۾ ڊگهي سرنگهه آهي جيڪا اندازي موجب 2 ميل ڊگهي آهي ۽ هيءَ ٽنل بروڪلن جي علائقي کي ڊگهي ٻيٽ (Long Island) وٽ مئنهئٽن سان ملائي ٿي.
    گهمندي ڦرندي پاڪستان جي سفارتخاني وٽان پڻ گذرياسين جيڪو مئنهئٽن جي 65 اسٽريٽ تي ۽ پنجين ۽ مئڊيسن اوينيو جي وچ تي آهي.


    اسٽريٽ ۽ اوينيو ڇا آهن؟

    مهربان پڙهندڙن جي مونجهاري کي دور ڪرڻ خاطر هتي اها ڳالهه واضح ڪجي ته آمريڪا ۾ روڊ رستا مشرق کان مغرب ڏي وڃن ٿا جن کي عرف عام ۾ اسٽريٽ (Street) ٿو چئجي. جڏهن ته اتر کان ڏکڻ طرف ويندڙ رستن کي اوينيو (Avenue) ٿو سڏجي. اهڙيءَ طرح آمريڪا ۾ ڪنهن به هنڌ جو ڏس ڏيڻ لاءِ اسٽريٽ توڙي اوينيو ٻيئي ٻڌائڻ نهايت ضروري هجن ٿا. گهڻو ڪري اِڪي انگن وارا رستا اولهه طرف ۽ ٻڌيءَ وارا رستا اوڀر طرف وڃن ٿا.


    بروڪلن برج ۽ مئنهئٽن برج

    Brooklyn & Manhattan Bridges

    هاڻي نعمت مون کي ٻه پُليون ڏيکاريون بروڪلن برج ۽ مئنهئٽن برج، جيڪي هڪجهڙيون (Parallel) آهن ۽ ٻئي پُليون مئنهئٽن کي بروڪلن جي علائقي سان ملائين ٿيون. بروڪلن کي مئنهئٽن سان ملائڻ لاءِ ٻه رستا ٻيا به آهن، هڪڙو بروڪلن بيٽري ٽنل جيڪا نيويارڪ جي ڊگهي ۾ ڊگهي سُرنگهه آهي ۽ ٻي پُل آهي جنهن جو نالو وليمس برگ برج (Williams Berg Bridge) آهي.
    هاڻي اهو به مهربان پڙهندڙن کي ٻڌائجي ته ڪئينس جي علائقي کي مئنهئٽن سان ملائڻ لاءِ ٽي رستا آهن: (1) ڪئينس بارو برج(Queens Borough Bridge)، (2) مڊ ٽائون ٽنل (Mid Town Tunnel) ۽ (3) ٽراءِ بارو برج (Triborough Bridge) جنهن جو نئون نالو آر-ايف-ڪي برج آهي. ٽراءِ بارو برج، نيويارڪ سٽي جي ٽن علائقن کي ملائيندي آهي يعني مئنهئٽن، ڪئينس ۽ برانڪس.
    جئڪسن هائيٽس (Jackson Heights) جو مشهور علائقو ڪئينس ۾ آهي. هي علائقو ايشين ماڻهن جي رهائش توڙي واپار جي لحاظ سان گهڻو مشهور آهي. هتي جڳهه جڳهه تي هندستاني ۽ پاڪستاني واپاري مرڪز، اسٽور، هوٽل، شاپنگ مالز، جيولري شاپس ۽ وڏا وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور نظر آيا.
    بروڪلن جي ڪوني آئلئنڊ اوينيو (Cony Island Avenue) جو علائقو پاڪستانين ۽ خاص ڪري پنجابين جي گهڻائيءَ جي ڪري مشهور آهي. هر ڪو هڪ ٻئي سان پنجابي ڳالهائي ٿو. سنڌي به آهن پر اٽي ۾ لوڻ برابر.
    مئنهئٽن ۾ اسان دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور به ڏٺو جنهن تي لکيل آهي: مئيسز، دنيا جو وڏي ۾ وڏو اسٽور (Macy’s-World’s Largest Store)
    جڏهن پُلين ۽ سُرنگهن جو ذڪر نڪتو آهي ته پوءِ اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿي پيو آهي ته نيويارڪ جو شهر پنجن علائقن ۾ ورهايل آهي، جيڪي هن ريت آهن: (1) مئنهئٽن، (2) ڪئينس، (3) بروڪلن، (4) برانڪس، ۽ (5) اسٽئٽن آئلئنڊ (Staten Island).


    نيويارڪ ۽ ان جا ضلعا

    1. ناڻي وارو ضلعو Financial District

    هن ضلعي ۾ سڄي دنيا جي وڏين بئنڪن جون شاخون آهن. هتي ئي مشهور وال اسٽريٽ (Wall Street) به آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت به هن ضلعي ۾ آهي. هتي دنيا جي گڙنگ ۽ آڙيڪاپ واپارين جي تمام گهڻي رش رهي ٿي. هيءُ ڊسٽرڪٽ گهڻو ڪري مشهور وال اسٽريٽ سان گڏوگڏ هلي ٿو جتي دنيا جون وڏيون ۽ مشهور بئنڪون ۽ تمام وڏا وڏا واپاري مرڪز ٺهيل آهن. مثال طور: وڏين بئنڪن مان فيڊرل رزرو بئنڪ آف نيويارڪ(Federal Reserve Bank of New York) آهي، جيڪا 1913ع ۾ ٺهي ۽ هن وقت آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي بئنڪ آهي.
    هن بئنڪ جي پسگردائيءَ ۾ ئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ ان جا ٻه شاندار منارا (World Trade Centre & Twin Towers) هئا جيڪي 11 سيپٽمبر 2001 جي دهشتگرديءَ جي حملي ۾ تباهه ٿي ويا.
    آمريڪا وارا ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي ڀلا ڪٿي ٿا وساري سگهن، جنهن جي تباهيءَ سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو ۽ خاص طور تي پاڪستان کي به لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو هو. بهرحال ڪجهه سالن کان نئين ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي ٺاهڻ جو ڪم زور شور سان چالو آهي جنهن لاءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته اهو 2014ع ۾ ٺهي راس ٿيندو. هن سينٽر ۾ ٻن جي بجاءِ پنج وڏيون عمارتون يا ٻين لفظن ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ (Sky Scrapers) ٺاهيون وينديون ۽ اُنهن مان هڪڙي عمارت جو نالو فريڊم ٽاور (Freedom Tower) هوندو.
    نيو يارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج (New York Stock Exchange) به هتي ئي آهي جنهن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو اسٽاڪ ايڪسچينج چيو وڃي ٿو. 70 منزله ٽرمپ بلڊنگ (Trump Building) به هن ئي علائقي ۾ آهي. هيءَ بلڊنگ 1930ع ۾ ٺهي ۽ اُن وقت اُن کي دنيا جي اوچي ۾ اوچي عمارت سڏيو ويو. پر ويچاري ٽرمپ بلڊنگ کي دنيا جي اوچي عمارت جو لقب فقط هڪ سال تائين نصيب ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ (Empire State Building) فقط هڪ سال پوءِ يعني 1931ع ۾ ٺهي راس ٿي جيڪا 103 منزله آهي ۽ چاليهن سالن تائين ان کي دنيا جي اوچي ۾ اوچي عمارت هئڻ جو اعزاز نصيب ٿيو. سچ چوندا آهن ته وڏو نالو فقط ربّ جو آهي جنهن جي وڏائي ازل کان ابد تائين قائم آهي. ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي وڏائيءَ کي وري ورلڊ ٽريڊ سينٽر اچي ختم ڪيو جيڪو 11 سيپٽمبر 2001ع جي دهشتگرديءَ جي حملي ۾ پاڻ به ختم ٿي ويو.

    2. فئشن جو ضلعو (Fashion District)
    هن ضلعي ۾ وڏا وڏا گارمينٽس اسٽور آهن جتي طرح طرح جا ۽ جديد فئشن جا تيار ٿيل Ready made ڪپڙا ۽ ڊريسز ٺهن ٿيون. ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تباهه ٿيل هنڌ جي ويجهو ۽ چرچ اسٽريٽ کان ٿورو اڳڀرو وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن جتي جديد ڊريسز جي جلوه نمائي ڏسڻ وٽان آهي. هي علائقو 34هين اسٽريٽ کان شروع ٿئي ٿو ۽ 42 اسٽريٽ تائين وڃي ٿو. جيئن مٿين صفحن ۾ ٻڌايو اٿم ته اسٽريٽ سان گڏ اوينيو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ان حساب سان فئشن ڊسٽرڪٽ 6 اوينيو کان 8 اوينيو تائين آهي.

    3. ٿئيٽر ضلعو (Theatre District)
    هي علائقو براڊوي ٿئيٽر (Broadway Theater) جي نالي سان مشهور آهي. هتي بيشمار ٿئيٽر آهن جتي جيئرا جاڳندا فنڪار ڊرامن توڙي ٿئيٽرن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو (Live performance) ڪن ٿا. هتي سئنيمائون به آهن ته بيشمار فائن آرٽ گئلريون، هوٽل، ڪيفي، وڏا اسٽور ۽ هال آهن جتي مختلف فن جا مظاهرا ٿين ٿا. هتي وِندر ورونهن لاءِ روزانو ماڻهن جا انبوه شام جو ڪٺا ٿين ٿا ۽ رات جو 3-4 وڳي تائين هر ڪو پنهنجي پنهنجي شوق ۽ پسند مطابق مختلف شغلن ۾ مست ۽ مگن رهي ٿو.


    ٽائيمس اسڪوائر تي گهماگهمي

    Times Square Picturesque

    جيئن ٿئيٽر ڊسٽرڪٽ جي سڄي سونهن براڊوي ٿئيٽر جي وجود جي ڪري آهي، تيئن براڊوي ٿئيٽر جو حُسن وري ٽائيمس اسڪوائر ۾ لڪل آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي سمجهو ته سڄي نيويارڪ جي گهماگهمي هڪ پُڙ ۾ رکجي ۽ رات جو ٽائيمس اسڪوائر جو چهچٽو ٻئي طرف رکجي تڏهن به ٽائيمس اسڪوائر جون رنگينيون وڌيڪ زوردار لڳنديون. هيءُ علائقو مئنهئٽن جي وچ مرڪز ۾ آهي ۽ 42 ويسٽ اسٽريٽ کان شروع ٿي 47 ويسٽ اسٽريٽ تي ختم ٿئي ٿو. نيويارڪ جي وڏي ۾ وڏي اخبار نيويارڪ ٽائيمس (New York Times) جڏهن هن علائقي مان نڪرڻ لڳي ته پوري علائقي جو نالو ٽائيمس اسڪوائر ٿي ويو. رات جو هتي رات نه پر روشن ڏينهن نظر ايندو ڇو ته روشنين جي چوڏس چانڊاڻ هن پوري علائقي کي رات جو جرڪايو ٿي ڇڏي. هتي روزانو رات جو لکين ماڻهو اچن ٿا ۽ پنهنجي دل وندرائين ٿا.


    نئين سال جي آمد جو جشن

    اڳ نئين سال جو وڏي ۾ وڏو جشن لنڊن ۾ ٿيندو هو، پر ڪيترن سالن کان وٺي ٽائيمس اسڪوائر وٽ ٿيندڙ نئين سال جي جشن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو موقعو (Event) سمجهيو وڃي ٿو. شام جو پنجين وڳي کان ئي رستا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ لکين ماڻهو هتي اچي مِڙن ٿا ۽ رات جو ٺيڪ ٻارهين وڳي بال ڦاٽڻ (Ball Drop) جو جشن ٿئي ٿو ۽ جيئن ئي رات جي ٻارهين وڳي نئين سال جو بال ڦاٽي ٿو ته لکين ماڻهو هڪ ئي آواز ۾ هڪ ٻئي کي Happy New Year چون ٿا، هڪ ٻئي کي چميون ڀاڪر پائين ٿا. هڪ ٻئي سان محبت جي موجن ۾ مست مگن ٿي وڃن ٿا ۽ خوشين، شادمانن، ٽهڪن ۽ هوڪرن جو غُل ۽ غوغاءُ هر طرف کان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. نئين سال جو هيءُ پُربهار جشن ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي ٿو.


    نيويارڪ جو سينٽرل پارڪ

    (Central Park)

    مئنهئٽن مان گهمندي ڦرندي سينٽرل پارڪ کان لانگهائو ٿياسين ته مون نعمت کي چيو: ”يار هي سينٽرل پارڪ آهي نه؟“ نعمت حيران ٿي ويو، چيائين: ”ادا اهو ته مان اوهان کي ٻڌائڻ وارو هوس ته هي دنيا جي وڏن پارڪن منجهان هڪ آهي“. مون نعمت کي ٻڌايو ته آءٌ انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام جي سلسلي ۾ جڏهن 1986ع ۾ آمريڪا گهمڻ آيو هوس ته اسان جي سڄي براڊ ڪاسٽنگ گروپ کي ٻين جاين جڳهين سان گڏ سينٽرل پارڪ به گهمايو هئائون. مون کيس وڌيڪ ٻڌايو ته اڃا اسان اڌ پارڪ به نه ڏسي سگهياسين ته ٿڪجي ساڻا ٿي پيا هئاسين ۽ هڪ ئي آواز ۾ اسان ڪورس آرگنائيزرس کي چيو هو ته اسان ۾ وڌيڪ هلڻ چلڻ جي سگهه باقي نه رهي آهي، تنهنڪري اسان کي واپس هوٽل تي وٺي هلو. بهرحال جيڪو ڪجهه گهميو هئوسين، اُهو اڃا تائين دل تي نقش آهي. پارڪ جا سرسبز ڇٻراٽا هجن، توڙي پارڪ اندر ڪيترائي ميوزيم، هوٽل، شاپنگ سينٽر ۽ رانديون رونديون موجود هيون. هي پارڪ 843 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي ۽ دنيا جي وڏن پارڪن منجهان هڪ آهي.
    مون وٽ ايترو وقت ڪو نه هو جو پارڪ جو ٻيهر چڪر لڳائجي، پر اهو سٺو ٿيو ته پارڪ وٽان گذرندي ماضيءَ جون حسين يادون دل جي دائري تي تري آيون ته ڪيئن نه اسان براڊڪاسٽنگ گروپ جا ساٿي هڪ ٻئي سان ڀوڳ ٺڪاوَ ۽ چُونچلائپ ڪندا هئاسين، خوب کلندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي سان رهاڻيون رچائيندا هئاسين.


    مئنهئٽن-اُوچين جاين جو جهنگ

    Manhanttan: Jungle of Sky Scrapers

    مئنهئٽن کي ڪيئن ۽ ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجي؟ بس ائين کڻي سمجهو ته هيءُ علائقو وڏين ۽ اوچين عمارتن جو هڪ جهنگ يا جهنگل آهي، جتي جيڏانهن به نهاريو ته آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ اُتاهين عمارتن جو هڪ اڻ کُٽ سلسلو نظر ايندو. مان اُتي گهمندي گهمندي اڪثر سوچيندو آهيان ۽ دل ۾ دعا گهرڻ لڳندو آهيان ته ربّ سائين ساري جڳ جهان جو خير ڪري، پر جي خدانخواسته هتي ڪو خطرناڪ زلزلو اچي ته ڪا به شيءِ سلامت نه بچندي. بهرحال وري به دعا ٿو گهران ته الله پاڪ زلزلن ۽ آفتن کان سڄي انسانذات کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي آمين.
    مئنهئٽن ۾ سوين بلڊنگون اهڙيون آهن جيڪي 50 يا 50 منزلن کان مٿي آهن. هن علائقي ۾ 40 منزله عمارت مشڪل سان ملندي، ڇو ته ايتري ننڍي عمارت هن علائقي جي حساب سان ڄڻ هڪ مِهڻو آهي. بهرحال مان چاهيندس ته فقط ڏهن اوچين عمارتن جي اوچائي ۽ انهن جون منزلون اوهان کي ٻڌايان:


    نمبر بلڊنگ جو نالو اوچائي منزلون تعمير جو سال
    1 ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ 1250 فوٽ 102/103 1931
    2 بئنڪ آف آمريڪا ٽاور 1200 فوٽ 54 2008
    3 ڪرسلر بلڊنگ 1046 فوٽ 77 1930
    4 نيويارڪ ٽائيمس بلڊنگ 1046 فوٽ 52 2007
    5 آمريڪن انٽرنيشنل بلڊنگ 952 فوٽ 66 1932
    6 دي ٽرمپ بلڊنگ 927 فوٽ 70 1930
    7 سٽي گروپ سينٽر 915 فوٽ 59 1977
    8 ٽرمپ ورلڊ ٽاور 861 فوٽ 72 2001
    9 جي-اي بلڊنگ 850 فوٽ 69 1933
    10 سِٽي اسپائر سينٽر 814 فوٽ 75 1989

    هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٻن ٽاورس(Twin Towers) جي اوچائي سڀني بلڊنگن کان مٿي هئي پر 11 سيپٽمبر 2001ع تي هيڏي ساري عمارت مِٽيءَ ۾ ائين ملي ويئي جو اُن جو نالو نشان به نه رهيو. ٻي ڳالهه نوٽ ڪرڻ واري هيءَ آهي ته گهڻين منزلن سان ڪا به عمارت اُتاهين نٿي بڻجي پر ڏسبو اهو آهي ته ان جي اوچائي ڪيترا ميٽر يا فوٽ آهي. مثال طور هتي بيان ڪيل ڏهن اوچين عمارتن جي تفصيل مان صاف نظر ايندو ته ڪرسلر بلڊنگ يا ٽرمپ بلڊنگ جون جدا جدا منزلون ته 77 ۽ 70 آهن ۽ بئنڪ آف آمريڪا جون منزلون ته مٿي ذڪر ڪيل ٻن بلڊنگن کان گهڻيون گهٽ آهن پر ان جي اوچائي ڪافي مٿي آهي، تنهنڪري اوچائيءَ جي لحاظ سان ان بلڊنگ جو نمبر مٿي وڃي بيٺو.
    نيويارڪ جي مئنهئٽن جي علائقي ۾ نئون ورلڊ ٽريڊ سينٽر هينئر تعمير جي مرحلن مان تيزيءَ سان گذري رهيو آهي ۽ ان کي ساڳئي هنڌ تي تعمير ڪيو پيو وڃي جتي اڳيون WTC تباهه ٿيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته 2014ع ۾ اهو مڪمل ٿي ويندو، پر پوءِ به اها دنيا جي اوچي ۾ اوچي عمارت نه هوندي. في الحال ته مسلم دنيا ۾ يعني دبئي ۾ ٺهيل بُرج خليفه هن وقت سڄي دنيا جي اوچي ۽ اُتاهين عمارت آهي. مئنهئٽن جي چوطرف پاڻي ئي پاڻي آهي. ان جي اوڀر ۽ اتر کان ايسٽ ندي (East River) اولهه کان هڊسن ندي (Hudson River) ۽ ڏکڻ کان ائٽلانٽڪ سمنڊ (Atlantic Sea) آهي.


    نعمت سان گڏ نيويارڪ کان ائٽلانٽڪ سٽي

    New York to Atlantic City

    اڄ 18 جنوري هئي. صبح جو 11:30 وڳي کان وٺي شام ڇهين وڳي تائين نعمت نيويارڪ جا مختلف هنڌ ۽ جايون جڳهيون گهمائيندو رهيو جن جو مختصر ذڪر مان پوين صفحن ۾ ڪري آيو آهيان. شام جي پوري ڇهين وڳي اڳواٽ طئه ٿيل پروگرام لاءِ نڪتاسين. رستي تي خوب ڳالهيون ۽ ڪچهريون ڪندا نظارا ڏسندا اڍائي ڪلاڪن جي ڊرائيو کان پوءِ رات جي ساڍي اٺين وڳي ائٽلانٽڪ سٽي جي جهرمر روشنين ۾ چوڏس چانڊاڻ جي طلسماتي دنيا ۾ پهچي وياسين. هتي اچي مون کي محسوس ٿيو ته نعمت نيويارڪ جو نه پر ائٽلانٽڪ سٽي جو شهزادو آهي، جنهن به ڪئسينو ۾ وڃون ته سندس ڪيترن ئي دوستن کيس کلي کيڪاريو ٿي ۽ سندس مرحبا ٿي ڪئي. نعمت چيو: ”ادا پهريون ڪم اهو ٿا ڪريون ته ڪنهن سٺي ڪئسينو ۾ پنهنجو ڪمرو بوڪ ٿا ڪرايون ڇو ته اسان اڄ سڄي رات گهمندا ڦرندا رهنداسين ۽ رات هت گذاري صبح جو نيويارڪ هلنداسين“. سڌو ٽرمپ پلازا جي عاليشان ڪئسينو ۾ وٺي ويو جتي کيس مفت ۾ ڪمرو ڏنو ويو. منهنجي پڇڻ تي نعمت ٻڌايو ته جيئن ته هو هتي اڪثر ايندڙ ويندڙ (Frequent Visitor) ۽ کيڏندڙ به هو ته سندس Points جمع ٿيندا رهندا آهن جنهن ڪري بغير پئسن ڏيڻ جي کيس ڪمرو آسانيءَ سان ملي ويندو آهي. نعمت وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس Points جمع ٿيل نه هجن ها ته ٽرمپ پلازاجهڙي مهانگي ڪئسينو ۾ هڪ رات رهڻ لاءِ اهڙو بهترين ڪمرو گهٽ ۾ گهٽ 500-600 ڊالرن ۾ ملي ها.
    رات جي 9 وڳي کان رات جي 4 وڳي تائين مختلف ڪئسينوز جا چڪر لڳائيندا رهياسين جتي هزارين ماڻهو جُوا کيڏڻ ۾ لڳا پيا هئا. ڪئسينوز کي هلائڻ واريون اڪثر ڪري حسِين ۽ ڪشش ڪندڙ ڇوڪريون آهن، پر مجال آهي جو ڪو ساڻن کيچل بازي يا هَٿَ چُراند ڪري. هو پنهنجي بزنس سان سچيون ۽ وفادار آهن. ها اوهان ساڻن ڳالهائيندئو ته اهڙي نموني اوهان سان مخاطب ٿينديون ڄڻ اوهان سان عشق ڪن ٿيون ۽ اهو ئي سندن وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ انداز هزارين ماڻهن کي ڪشش ڪري هتي آڻي ٿو.
    رات جا 10 ٿيا ته نعمت چيو: ”ادا اوهان کي اڃا بُک ڪانه لڳي آهي ڇا؟“ وراڻيم: ”هتان جي سونهن جي سنسار ۽ حُسن جي هٻڪار کان نظرون هٽن ته پيٽ جي ڳَڻ ڪجي“. نعمت ڏاڍو کليو ۽ مون کي تاج محل ڪئسينو جي رائل آلبرٽ پئليس (Royal Albert Palace) تي وٺي ويو، جتي اسان لذيذ ۽ پُرتڪلف ڊنر کاڌي. مهربان پڙهندڙن کي ياد ڏيارجي ته رائل آلبرٽ پئلس ريسٽورنٽ جو افتتاح اڄوڪي دنيا جي حسن جي ديوي (Miss World) ۽ هندستان جي فلمي دنيا تي راڄ ڪندڙ، هزارين مردن جي دلين تي ڌاڙو هڻندڙ، هڪ چرندڙ ڦرندڙ ۽ من موهيندڙ مورتي ايشورياراءِ اڄ کان ٻه سال اڳ ڪيو هو. ڇا ته هي ريسٽورنٽ آهي! هن جي سجاوٽ، ٽيبلون، ڪرسيون ۽ سونهن سينگار جي ترتيب ئي نرالي آهي جنهن جو تعلق هتي لکڻ سان نه پر هتي اچي ڏسڻ سان آهي.
    هن ريسٽورنٽ ۾ ڪم ڪندڙن جي گهڻائي هندستان جي ماڻهن جي آهي. جيئن ئي اسان ريسٽورنٽ اندر داخل ٿياسين ته ڪائونٽر تي ويٺل مئنيجر نعمت سان ائين مليو ڄڻ سندس گهاٽو دوست هجي ۽ مرڪندي کيس اردوءَ ۾ چيائين: ”سائين ڪيتري وقت کان پوءِ ظاهر ٿيا آهيو!“ نعمت کي وضاحت ڪرڻي پيئي ته پاڪستان ويو هوس، شاديون ۽ ٻيا ڪجهه ڌنڌا خفا هئا ان ڪري هتي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي. نعمت پوءِ ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو ته اسان سنڌين وانگر ٻيئي ٻانهون ٻڌي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيائين. مئنيجر کان علاوه ٻيا ملازم به گهڻي ڀاڱي هندستاني هئا ۽ اردو توڙي پنجابي ٻوليون ڳالهائي رهيا هئا.
    ڊنر ڪرڻ کان پوءِ اسان ائٽلانٽڪ سٽي جا ڪئسينوز گهمڻ شروع ڪيا ۽ رات جي چئين وڳي تائين اسان هيٺ بيان ڪيل ڪئسينوز ڏٺا: سيزرس (Caesars) ٽرمپ پلازا(Trump Plaza) وائيلڊ وائيلڊ ويسٽ (Wild Wild West) بئليز (Balley’s) ٽرمپ ٽاور (Trump Tower) سئنڊس (Sands) ڪالرج (Caldrige) رزورٽس (Resorts) (پراڻو ڪئسينو) (Old Time Casino)۽ تاج محل(Taj Mahal) .
    نعمت ٻن ٽن ڪئسينوز ۾ کيڏيو، ڪٿي کٽيائين، ڪٿي هاريائين، پر جيتري قدر ياد ٿو پوي ته ٻه چار سئو ڊالر ڪمائي ورتائين. رات جو دير تائين گهمندا ڦرندا ۽ دل وندرائيندا رهياسين. اٽڪل چئين وڳي ڌاران ٽرمپ پلازا تي آياسين جتي 18هين منزل تي ڪمري نمبر 1883 ۾ اچي رهياسين. هر طرح جي آرام آسائش سان سجايل ڪمرو هو. اسان جو ڪمرو به ڪُنڊ وارو هو جتان ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نظارو سهڻو ۽ دلڪش هو. توڙي جو دير سان سمهياسين تڏهن به صبح جو منهنجي اک 9 وڳي کلي ويئي. نعمت کي به جاڳايم ۽ ٽرمپ پلازا ۾ ئي ناشتو ڪري نيويارڪ موٽياسين جتي منجهند جو ٻارهين وڳي پهچي وياسين.


    سڪندر اعواڻ طرفان ڊنر

    جڏهن آءٌ ڪراچيءَ ۾ پاڪستان ڪوارٽرس ۾ رهندو هوس ته اُتي ريڊيو جو سينيئر پروڊيوسر ممتاز اعواڻ به رهندو هو جيڪو ٻه-ٽي سال اڳ مرحومن جي صف ۾ شامل ٿي چڪو آهي، ان جو ڀائٽيو سڪندر اعواڻ به اُتي رهندو هو. تڏهن هو ڏاڍو شرميلو، حيادار ۽ فرمانبردار هوندو هو ۽ مون کي ڏاڍو وڻندو هو. پوءِ خبر پيئي ته هو به آمريڪا هليو ويو آهي ۽ نيويارڪ ۾ رهي ٿو. جڏهن نعمت کيس ٻڌايو ته ادا عنايت آيو آهي ته هڪدم ملڻ لاءِ هليو آيو ۽ اڄ يعني 19 جنوري تي رات جي مانيءَ جي دعوت تي سڏيائين.
    سڪندر اعواڻ ڊنر جو پروگرام سٽي آئلنڊ آرچرڊ بيچ(City Island Orchard Beach) تي رکيو هو، پر هن ٻڌايو ته ان علائقي ۾ اڄ بجلي غائب هئي ۽ 75000 ماڻهو متاثر ٿيا هئا. منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي ۽ دل ۾ خيال آيو ته نيويارڪ ۾ به پاڪستان قائم ٿي ويو آهي ڇا؟ بهرحال پوءِ جئڪسن هائيٽس جي علائقي ۾ ائمبئسيڊر هوٽل تي آياسين جنهن جو مالڪ هڪ پاڪستاني آهي، جيڪو هوٽل ۾ موجود هو ۽ گرمجوشيءَ سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيائين. ڪڙهائي، برياني ۽ هڪ ٻه ٻيا طعام کاڌاسين. گهر جي مانيءَ جهڙو مزو آيو. جئڪسن هائيٽس جي علائقي ۾ گهمندي ڦرندي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هتي آمريڪي نه پر هيءُ علائقو هندستان ۽ پاڪستان جي ماڻهن پاڻ ۾ ورهائي کنيو آهي. فوٽ پاٿ تي گهمندي اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ کوڙ ٿي ڦريا. مون جڏهن سڪندر کان پڇيو ته ڪنهن سنڌيءَ جو به ڪو ڪاروبار، اسٽور يا هوٽل هو يا نه، ته سڪندر اعواڻ ٺهه پهه وراڻيو: ”سائين عين ان وقت اهو سوال پڇيو اٿوَ جڏهن اسان صفا هاڻي هڪ سنڌيءَ جي ميوزڪ اسٽور جي سامهون اچي بيٺا آهيون“. پوءِ ان اسٽور جي اندر هليا وياسين جتي هڪ عورت ويٺي هئي جنهن سان نعمت ۽ سڪندر سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ۽ ان مائيءَ به صاف سنڌيءَ ۾ جواب ڏنو. سڪندر سندس نالو پڇيو ۽ مائيءَ کيس کتو جواب ڏنو ته هوءَ پنهنجو نالو ڪنهن به ٻاهرئين ماڻهوءَ کي نه ٻڌائيندي آهي. نعمت مون ڏي اشارو ڪندي کيس ٻڌايو ته سائين هڪ اديب ۽ شاعر آهي ۽ هتان وطن واپسيءَ تي سفرنامو لکندو جنهن ۾ اوهان جو ذڪر به هوندو پر خاتون اهڙي ته خشڪ مزاج جي هئي جو اصل پنهنجو نالو نه ٻڌايائين.
    جئڪسن هائيٽس جي علائقي ۾ سنڌين جا هڪ ٻه ٻيا اسٽور به ٻڌايائون ته آهن پر ساڳئي وقت اهو چتاءُ به ڏنائون ته: ”بلوچ صاحب! متان سنڌي سمجهي منجهن ڪنهن رعايت يا ڇڏ ڇوٽ جي اميد رکو پر اُلٽو هو کَل ئي پنهنجن جي لاهيندا آهن“. مون کي ته خير اڳ ۾ به اهڙا تجربا ڪيترن هنڌن ۽ خاص طرح تي سينگاپور ۾ ٿي چڪا هئا جنهن جو ذڪر مون پنهنجن اڳين سفرنامن ۾ کولي ڪيو آهي. رات جو ٻارهين وڳي تائين ڪچهريون ڪري سڪندر کان موڪلايوسين.


    نيويارڪ کان هوسٽن

    New York to Houston

    اڄ 20 جنوري هئي ۽ اڄ ئي مون کي هوسٽن واپس وڃڻو هو. صبح جو ڏهين وڳي نعمت جي گهر کان نڪري سڪندر اعواڻ جي گهر آياسين جتي هو اڳ ئي تيار ويٺو هو. نعمت پنهنجي گاڏي سڪندر وٽ ڇڏي ۽ اسان ٽيئي سڪندر جي گاڏيءَ ۾ جان.ايف.ڪينيڊي ايئرپورٽ (John F.Kennedy Airport) پهتاسين جتي مون نعمت کي اجازت ڏني ته هو ڀلي سڪندر سان گڏ واپس وڃي. پر نعمت تيستائين مون وٽ رُڪڻ ٿي چاهيو جيستائين مان ايئرپورٽ جي ضروري ڪارواين کان آجو ٿي اندر لائونج ۾ هليو وڃان.
    ڊيلٽا ايئرلائينز جي فلائيٽ پنهنجي پوري وقت يعني نيويارڪ جي وقت مطابق 12:30 منجهند جو رواني ٿي ۽ پورن چئن ڪلاڪن ۾ 4:30 وڳي ۽ ٽيڪسس جي وقت موجب شام جو 3:30 وڳي آسٽن ايئرپورٽ تي لئنڊ ٿي. هن ايئرپورٽ تي ڏيڍ ڪلاڪ ترسياسين، لائونج ۾ ڪافي جو ڪوپ پي ٿورو فريش ٿيس ته ٻي فلائيٽ جو وقت ويجهو اچي ويو. آسٽن ايئرپورٽ تان ڪانٽينينٽل (Continental) جي فلائيٽ شام 5 وڳي رواني ٿي ۽ فقط هڪ ڪلاڪ ۾ شام جو 6 وڳي هوسٽن جي جارج بش ايئرپورٽ تي پهتس جتي پيارو ڀائٽيو ممتاز اڳ ئي موجود هو. هن سان گڏجي سندس اپارٽمينٽ تي پهچي وياسين.


    هوسٽن ۾ سائين جي.ايم.سيد جي سالگرهه

    اڄ شگر لئنڊ (Sugar Land) جي علائقي جي وليج ريسٽورنٽ ۾ سائين جي.ايم.سيد جي سالگره ملهائي ويئي جنهن ۾ مون کي شريڪ ٿيڻ لاءِ دوستن ڏاڍو زور ڀريو هو. اهو ئي سبب هو جو مون نيويارڪ کان هوسٽن پنهنجي واپسيءَ جي سيٽ 20 جنوري تي ڪنفرم ڪرائي ڇڏي هئي. سالگره جي هن تقريب ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو مهمانن شرڪت ڪئي. ٿورڙن آمريڪي گورن کان سواءِ باقي سڀ سنڌي هئا.
    جڏهن سائين جي.ايم.سيد جي سالگره جي ڪيڪ ڪاٽڻ جو وقت آيو ته سائين ضيا شاهه (سائين امداد محمد شاهه جي پٽ ۽ سائين جي.ايم.سيد جي پوٽي) مون کي اسٽيج تي سڏيو. اهڙيءَ طرح ضيا شاهه، سندس ننڍڙي پُٽ ۽ مون گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو. منهنجي هن عزت افزائيءَ ۾ سائين ڊاڪٽر امداد سيهڙ جو وڏو حصو هو. توڙي جو ضيا شاهه صاحب مون کي اڳ ۾ به ڄاڻندو هو پر تڏهن به سيهڙ صاحب ساڻس منهنجو ڀرپور علمي ۽ ادبي تعارف ڪرايو هو. ان کان پوءِ موقعي جي لحاظ کان مون شعر پڙهيا جيڪي مون تازو اڄ ئي لکيا هئا. الله جي مهربانيءَ سان اڪيلو آءٌ ئي هوس جنهن کي شاعري پڙهڻ تي ۽ ڳالهائڻ تي ڀرپور داد مليو. ماڻهن خوب تاڙيون وڄائي مون کي داد ڏنو ۽ جڏهن اسٽيج تان لهي آيس ته ڪيترن ماڻهن محبت مان منهنجي ڳلن تي چُميون ڏنيون ۽ نوجوانن جن ۾ ادڙيون به شامل هيون، مون کان آٽوگراف ورتا. پهريون مون هي قطعو پڙهيو:
    آهي ڇا ڪرڻو اسان کي، هُو ته سمجهائي ويو،
    سنڌ جو سيد اسان کي واٽ وٺرائي ويو،
    ديس جا دشمن دسي، ٿيون سرخرو سڀ سنڌ سان،
    ننڊ ڪرڻي ناهي يارو! هو ته جاڳائي ويو.
    هن قطعي تي به ڀرپور تاڙيون وڳيون ۽ داد مليو. ان کانپوءِ مون هي گيت پڙهيو:

    جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو،
    جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو.
    وک وڌائڻ جو ٿيو سيهو
    ماٺ ڪري پر مور نه ويهو
    سيد جو هي آهي سنيهو
    جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو
    جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو

    سڻ نه ڪنهن جي تيري ميري
    آهي اسان جو هرڪو ويري
    دسي دشمن کي ڪر ڍيري
    جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو
    جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو.
    ڪالا باغ نه هرگز ٺهندو
    پر جي ٺهندو، ڊهندو ڊهندو
    ڊهندو ڊهندو مور نه رهندو
    جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو
    جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو.

    سنڌي آهيو، سنڌ بچايو
    آزاديءَ جا نغما ڳايو
    وارو ڄاڻ ”عنايت“’ آيو
    جوڌا جاڳو، سنڌي جاڳو
    جاڳو جاڳو، جلدي جاڳو.

    22 ۽ 23 جنوري 2006ع جا ٻه ڏينهن مون ڪلوٽ ۾ اعجاز سان گڏ گذاريا. هي ٻيئي ڏينهن مون خوب نِنڊون ڪيون ۽ پاڻ کي تازو ڪيم ڇاڪاڻ ته پويون پورو هفتو نيويارڪ توڙي هوسٽن ۾ رڳو گهمندي ۽ هلندي ڦرندي گذريو هو. البت شام جو ٻئي ڏينهن ڪاڇيلو صاحب ڪنهن پارڪ يا ريسٽورنٽ ۾ وٺي ويندو هو ۽ چانهه يا ڪافي پي گهر موٽي ايندا هئاسين.


    فطري غارن جو سئر

    Visit to Natural Bridge Caverns

    جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ اسان سئن ائنٽونيو ڏسي آيا هئاسين ۽ طارق اسان سان گڏ نه هلي سگهيو هو ته اسان کان پڇيو هئائين: ”اوهان سئن ائنٽونيو کان ٿورو اڳ زمين جي اندر غارون ۽ تاريخي منظر ڏٺا؟“ ته اعجاز کيس ٻڌايو ته کيس ته ان جڳهه جي خبر ئي ڪا نه هئي، ان حد تائين جو ممتاز کي به خبر نه هئي جيڪو هر مهيني پيو هتي جا هڪ ٻه چڪر لڳائيندو رهندو هو. بهرحال پوءِ پروگرام ٺاهي اڄ 24 جنوري 2006ع تي طارق جي گاڏيءَ ۾ هيٺين پيارن جي سنگت ۾ سئن ائنٽونيو لاءِ ٻيهر روانا ٿياسين: اعجاز، ممتاز، فاروق، طارق ۽ سندس زندگي کي گل و گلزار بنائڻ واري سندس گهر واري نوشين ۽ سندس ٻه ٻارڙا.
    جڏهن انٽر اسٽيٽ فري وي 1-10 جي 146 ميل تائين پهتاسين ته ان کان ٿورو اڳتي سئنٽا ڪلارا (Santa Clara) کان ٻاهر وڃڻ واري رستي (Exit) کان ساڄي پاسي مڙياسين. سئنٽا ڪلارا جو رستو وٺي جڏهن FM-78 تي پهتاسين ته اُتان کاٻي تي مڙياسين، پوءِ رچرڊ FM-3009 کان ساڄي طرف مڙي سڌو 10 ميل کن هلياسين ته نيچرل برج ڪئوَرنس تي اچي پهتاسين، جتي اسان کان اڳ ٻيا به ڪيترائي سياح موجود هئا جيڪي پڻ پري پري کان غارن ڏسڻ لاءِ هتي پهتا هئا.
    بهرحال نيچرل برج ڪئوَرنس جي غارن ۾ هيٺ لهڻ شروع ڪيوسين. گائيڊ اسان سان گڏ هو جنهن جڳهه جڳهه تي اسان کي غارن جي تاريخي ۽ تمدني اهميت ۽ انهن جي قديمي حيثيت جي باري ۾ ٿي ٻڌايو. ڪمال جي ڳالهه هيءَ آهي ته هن جڳهه کي سئن ائنٽونيو سينٽ مئري يونيورسٽيءَ جي چئن شاگردن 27 مارچ 1960ع تي ڳولي لڌو هو. گورنر جان ڪونلي (John Connally) 5 آگسٽ 1964ع تي هن تاريخي جڳهه کي اُنهن چئن شاگردن جي نالي منسوب ڪيو جن هن کي Discover ڪيو هو.
    هي غارون زمين کان 180 فوٽ هيٺ آهن. هتي اسان کي ٻڌايو ويو ته اڄ کان لکين ڪروڙين سال اڳ هتي هر طرف رڳو سمنڊ ئي سمنڊ ۽ پاڻي ئي پاڻي هو. جڏهن سمنڊن جو پاڻي هيٺ ٿيڻ لڳو ۽ مڪمل طور هتان ڇڏي ويو ته هي غارون قدرتي طور تي خودبخود ٺهي ويون. هنن غارن اندر قدرتي لوڻن، فاسفيٽس (Salts & Phosphates) ۽ الائي ٻين ڪيترين ئي معدنيات جا پهاڙ ٺهيل آهن جن جو تعلق ڏسڻ سان وڌيڪ ۽ بيان ڪرڻ سان گهٽ آهي. جهڙيءَ طرح سونهن ۽ حُسن جي جيتري به تعريف ڪجي ته گهٽ ٿيندي پر نظرن جي هڪڙي جهلڪ، هزارن بيانن ۽ داستانن کان وڌيڪ اثرائتي هوندي آهي.
    ٻه اڍائي ڪلاڪ هتي گهمياسين ۽ هنن پراسرار غارن کي ڏٺوسين ۽ عبرت حاصل ڪئيسين. ان کان پوءِ هتي ئي منجهند جي ماني کاڌيسين جيڪا طارق جي شريڪِ حيات ادي نوشين نهايت سٺي طريقي سان ٺاهي هئي ۽ سليقي سان سجائي هئي. ماني کائڻ کان پوءِ مون کيس چيو: ”بابا توهان ته اهڙا پُرتڪلف ۽ لذيذ طعام کارائي اسان کي عياشي ڪرائي ڇڏي“. نوشين چيو: بھائی شکريه! آپکو کھانا پسند آيا، يهی تحسين ميرے لئے کافیہے کہ آپ نے Dishes کو پسند کيا. ماني کائي پوءِ جهنگلي جانورن جي علائقي ۾ آياسين جتي قسمين قسمين جانور بلڪل آزاد رهن ٿا ۽ هيڏي هوڏي ائين گهمن ڦرن ٿا جيئن اصل قدرتي طور پنهنجي جهنگ ۾ رهندا هجن. سوين هرڻ، ڦاڙها، جن جي سِڱن جون 10 کان 15 شاخون هيون، اُهي هر طرف گهمندي نظر آيا. هن کان سواءِ گڏهه، خچر، زيبرا، ظراف ۽ ٻيا قسمين قسمين جانور هيڏي هوڏي چڪر لڳائي رهيا هئا. جانورن جي حصي ۾ وڃڻ لاءِ پاس وٺڻ وقت اسان ٻه ٽي پئڪٽ جانورن ۽ پکين جي کاڌي لاءِ ورتا هئا. اندر گهمندي ئي سڀ کان اڳ ۾ اسان کي شتر مرغ نظر آيا، جيڪي قد ۾ ذري گهٽ اُٺ جيڏا هئا. اسان گاڏين جا شيشا کولي سندن هٿ تي کاڌي جون شيون رکيون ته شتر مرغن صفا ڄڻ حملو ڪري ڏنو. منهنجون ته ٻيئي آڱريون شتر مرغ جي وات ۾ هليون ويون. شتر مرغ کاڌي کائڻ لاءِ وٺي جو پنهنجو کاري جيڏو وڏو وات ڦاڙيو ته منهنجين آڱرين کي به چَٻَ ڏئي ڇڏيائين ۽ ساڄي هٿ جي وچين آڱر مان رت نڪري پيو. مون کي پوءِ ڪيترا ڏينهن آڱرين ۾ سور رهيو جنهن ڪيترن ڏينهن کان پوءِ وڃي منهنجي جان ڇڏي. نوشين جا ٻه ٻارڙا ۽ خاص طرح سندن پٽ عريب جانورن کان ڏاڍو مسرور ٿي رهيو هو. هر جڳهه ته چتاءُ (Warning) ڏنل هو ته: ”اوهان پنهنجي گاڏيءَ ۾ اندر ئي رهو ۽ گاڏيءَ مان هيٺ هرگز نه لهو ڇو ته جانور ڪنهن به وقت اوهان تي حملو ڪري سگهن ٿا“.
    البت جتي گينڊا گهمي رهيا هئا انهن جي چوڌاري لوهين سيخن جو پڃرو ٺاهيل هو ته جيئن گينڊا ڪارن تي حملو نه ڪري سگهن، باقي هاٿي ۽ شينهن اسان کي ڪٿي به نظر ڪو نه آيا. هتي گهمندي مون کي انگلينڊ جو سفاري پارڪ ”ووبرن وائيلڊ ائنيمل ڪنگڊم“(Woburn Wild Animal Kingdom, England) ياد اچي ويو جنهن ۾ هتي جي مقابلي ۾ هزارين دفعا وڌيڪ جانور هئا. اُتي ته شينهن به کُليا ٿي گهميا ۽ اچي اسان جي گاڏين جي شيشن سان پنهنجا خوفناڪ مُنهن ملائي ٿي بيٺا ۽ اسان گاڏيءَ جي اندران اُنهن جا فوٽا ٿي ڪڍيا. مون انگلنڊ جي سفاري پارڪ جو تفصيلي ذڪر پنهنجي پهرئين سفرنامي ”پرين جي پرديس“ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
    قدرتي غارن ۽ جانورن جي دنيا جي چڪر لڳائڻ کان پوءِ اسان سئن ائنٽونيو پهچي وياسين جتي هڪ دفعو ڊائون ٽائون جا خوب چڪر لڳاياسين. ان کان پوءِ هتان جي مشهور هنڌ رِوَر واڪ (River Walk) تي آياسين جتي ڪلاڪ کن تفريح ڪري رات جو 8:30 وڳي سئن ائنٽونيو مان روانا ٿياسين.


    فاروق جي ڊرائيونگ تي ڏنڊ

    رستي تي ريسٽ ايريا وٽ رُڪندا، کائيندا پيئندا، ڀوڳ ٺڪاءَ هڻندا رات جو ٻارهين وڳي طارق جي گهر پهچي وياسين. طارق جي گهر پهچڻ کان اڳ اسان جي گاڏيءَ جي پويان ٽرئفڪ جو هڪ سپاهي گاڏي ڀَڄائيندو پيو اچي. سڀني کي ڦِڦڙي پئجي ويئي ته خدا خير ڪري، شايد ڪا گڙٻڙ ٿي آهي جو COP پويان پيو اچي. نيٺ هن اسان کي روڪڻ لاءِ لائٽون ڏنيون. ان وقت گاڏي فاروق ٿي هلائي. سڀني چيو ته فاروق کان ڊرائيونگ ۾ پڪ ڪا غلطي ٿي هوندي. گاڏي پاسي تي ڪري روڪيسين. ٽرئفڪ COP پنهنجي گاڏيءَ مان لهي آيو ۽ اسان کي اچي ٻڌايائين ته: ”بريڪ لڳائڻ تي اوهان جي گاڏيءَ جي بريڪ لائيٽ نٿي ٻري جيڪو جرم آهي“. COP فاروق جا ڪاغذ پَٽَ ڏٺا. اڌ ڪلاڪ جي مٿي ماريءَ کان پوءِ فاروق کي فقط تنبيهه نامون (Warning) جاري ڪيو ويو، پر جڏهن پوليس مئن فاروق جو رڪارڊ وڌيڪ چيڪ ڪيو ته فاروق کي ٻڌايائين ته: ”تو ٽرئفڪ جون ايتريون ته خلاف ورزيون ڪيون آهن جو تنهنجي خلاف گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿيل آهن“، پر پوءِ فاروق کي کلندي چيائين: ”ڀلي تون وڃ، ڀاڳ ڀلا اٿئي جو تنهنجي گاڏيءَ ۾ هڪ ليڊي ۽ ٻه ٻارڙا موجود آهن نه ته تو کي گرفتار ڪريان ها. پر اڳتي لاءِ احتياط ۽ خبرداريءَ واري ڊرائيونگ (Safe Driving) سان پاڻ کي وارنٽس کان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪجانءِ“. فاروق کي شايد 200 ڊالرن جي ٽڪيٽ ملي، يعني مٿس ڏنڊ وڌو ويو جنهن کي آمريڪا ۾ ٽڪيٽ چوندا آهن.


    گئلويسٽن ڪائونٽي جو سئر

    Visit to Galveston County

    اڄ 25 جنوري هئي ۽ اڄ به طارق جي طرفان پروگرام ٺهيل هو ته ٻاهر هلنداسون. سندس ٿورا مڃيم ته تو اڪيلي سِر هيترا سارا پروگرام منهنجي لاءِ ڪيا آهن. وراڻيائين: “انکل آپ برسوں کے بعد ہمارے پاس تشريف لائے هیں، جو بھی لمحات آپ کے ساتھ، ہمیں ميسر ہو رہے ہیں وه ہمارے لئے بہت ہی غنيمت ہیں“. مو ن ٻيهر سندس شڪريو ادا ڪيو.
    شام جو 6 وڳي ممتاز جي اپارٽمينٽ مان نڪتاسون پر ڪم جي گهڻائيءَ جي ڪري ممتاز اسان سان سنگت نه ڪري سگهيو، ان ڪري آءٌ اعجاز، طارق ۽ سندس شريڪِ حيات نوشين گئلويسٽن ڪائونٽي آياسين ۽ ڪليئرليڪ شهر مان گذري ڪيما بورڊ واڪ (Kemah Board Walk) تي آياسين جيڪو گلف آف ميڪسيڪو (Gulf of Mexico) سمنڊ تي آهي، پر هتي هن سمنڊ کي ڍنڍ (Lake) چوندا آهن. ڇا ته هتي نظارا هئا! هڪ جڳهه کان ٻيءَ جڳهه گهمندا هليا هلو رستي تي بيحد خوبصورت هوٽل، رانديون، ريسٽورنٽ ۽ ٻي تمام گهڻي وندر ورونهن جو سامان هتي موجود آهي.
    هوسٽن ته سڄوئي صفائي سٺائيءَ جي لحاظ کان هڪ سهڻو شهر آهي پر هتي ڪيما بورڊ واڪ جي سونهن ۽ صفائي ڏسي دل ٿي چيو ته جيڪر ڪا جهوپڙي اڏي هِتي ئي رهي پئجي. جڏهن هِتان جي صفائيءَ جي مون گهڻي تعريف ڪئي ته طارق ٻڌايو ته هِتي فقط آمريڪي گورن جي آبادي آهي ۽ ڪو به ڪارو هتي ڳوليو به نه ملندو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيما بورڊ جي علائقي ۾ بي مثال صفائي هر طرف ۽ هر ڪُنڊ تي نظر ٿي آئي.
    هتي هڪڙو اسڪاءِ ٽاور (Sky Tower) به ٺهيل آهي جنهن ۾ چڙهياسين. هي ٽاور گول ڦرندو ڦرندو 170 فوٽ مٿي وڃي ٿو جتان رات جو سمنڊ ۽ سڄي شهر جو نظارو لائٽن جي رِم جِهم سبب ڏسڻ وٽان آهي.
    مطلب ته هتي اچي خوب Enjoy ڪيوسين ۽ مون طارق کي ٻيهر Big thank you چيو.


    سيد منظور حسين شاهه طرفان ڊنر

    27.01.2006: اڄ اسان جي پراڻي دوست ۽ الاهرام پلازه ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ساٿي سيد منظور حسين شاهه طرفان هڪ عربي هوٽل دماسي (Dimmasi) ۾ منهنجي مانَ ۾ هڪ ڊنر جو اهتمام ٿيل هو، جنهن ۾ ٻين دوستن سان گڏ سيد ضياءُ شاهه (سيد امداد محمد شاهه جو پُٽ ۽ سائين جي.ايم.سيد جو پوٽو) به موجود هو. دماسي ريسٽورنٽ ۾ وڃڻ کان اڳ رمدا (Ramada) هوٽل ۾ گڏجاڻي ٿي جتي فقط ”پيئڻ“ جو بندوبست ٿيل هو. منظور حسين شاهه تمام گهڻو زور ڀريو ته ٿورو وِسڪي جو چُڪو پيان پر پوءِ مون کيس ٻانهون ٻڌي پنهنجي جان ڇڏائي.
    ان کانپوءِ دماسيءَ تي آياسين جتي پُرتڪلف ڊنر جو اهتمام ٿيل هو. دماسيءَ ۾ ڪجهه ڊشون خاص عرب اسٽائيل جون هيون جن پهريون ڀيرو نئون ذائقو ڏنو.
    منظور حسين شاهه جي خلوص جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ڪارپَس ڪِرسٽي (Corpus Christi) ۾ ڪم ڪري ٿو جيڪو هنڌ هوسٽن کان ڪافي پري آهي، اُتان جي دعوت ڏني هئائين پر جيئن ته ڪافي دور وڃڻو پوي ها ۽ اعجاز ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ ڇهن ڪلاڪن جي ڊرائيو هئي، تنهنڪري اسان اوڏانهن وڃڻ کان معذرت ڪئي هئي. پر منظور صاحب چيو: ”سائين! اوهان نٿا اچو ته مان هوسٽن ايندس ۽ ماني گڏجي کائينداسون“.
    بهرحال ڪافي دير تائين ڪجهه ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ پلازا ۾ گڏ رهڻ وارين يادن کي دهرائي ماضيءَ جي طلسماتي تصور ۾ لياڪا پائيندا رهياسين.


    امان االله تُرڪ طرفان رات جي مانيءَ جي دعوت

    اڄ جنوري جي 28 تاريخ هئي. اڄوڪي تاريخ تي هڪ نهايت ئي پياري ماڻهو جنهن سان هتي هوسٽن ۾ ڊاڪٽر امداد سيهڙ جي گهر ۾ دوستي ٿي هئي، شگرلئنڊ جي علائقي ۾ پنهنجي گهر تي رات جي مانيءَ لاءِ سڏيو هو جنهن ۾ منهنجي دلبر دوست ڊاڪٽر امداد سيهڙ ۽ نير باري صاحب، (اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ سنڌ حڪومت جي اڳوڻي سيڪريٽري)، شرڪت ڪئي. اهو پيارو ماڻهو آهي سائين امان الله ترڪ جنهن ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايو ته هو منهنجي ڀاءٌ هدايت بلوچ جو به سٺو دوست آهي.
    تمام پُرتڪلف دعوت ۽ ٽي-چار ڪلاڪ سٺي ۽ قربن ڀري ڪچهري ٿي. پراڻن وقتن جون ڳالهيون ٿيون ۽ ماضيءَ کي ويهي ياد ڪيوسين. جڏهن نيرَ باري صاحب مون کان پڇيو ته منهنجو تعلق سنڌ جي ڪهڙي ضلعي سان هو ته مون کيس ٻڌايو ته خيرپور ضلعي سان ته نير باري چيو ته هُو ته سٺ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ خيرپور ۾ ٽي سال ڊپٽي ڪمشنر رهي چڪو هو ۽ مون ساڻس انڪشاف ڪيو ته: ”اوهان جي وقت ۾ ئي مون ڊوميسائيل ۽ سٽيزن شپ سرٽيفڪيٽ اوهان کان ئي ورتا هئا“. مُرڪندي مون کان پڇيائين: ”پوءِ سچ ٻڌايو ته اوهان کي سرٽيفڪيٽن وٺڻ ۾ ڪا دقت يا تڪليف ته نه ٿي هئي؟ جي ٿي هئي ته هاڻي، هن موقعي تي اوهان کان معافي وٺي ڇڏيان“. مون سورهن آنا سچ ڳالهائيندي ساڻس ڪجهه وڌيڪ حقيقتن جو انڪشاف هن طرح ڪيو:
    ”سائين آءٌ ممتاز ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، جتي 1961ع ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ هڪ انگلش ڊبيٽ جو مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ خاص مهمان اوهان هئا ۽ مون ان ڊبيٽ ۾ پهريون انعام کٽيو هو. ڪاليج طرفان فرسٽ پرائيز کٽندڙ لاءِ رکيل ٽرافي به اوهان پنهنجن هٿن سان مون کي ڏني هئي ۽ اوهان منهنجي تقرير کان ايترا ته متاثر ٿيا هئا جو اوهان پنهنجي کيسي مان مون کي ٻه سئو رپيا انعام الڳ ڏنو هو. پوءِ جڏهن ڪجهه وقت کانپوءِ ڊوميسائيل وٺڻ لاءِ آءٌ اوهان سان مليو هوس ته اوهان پري کان ئي مون کي ڏسي مون کان پڇيو هو ته: ”اوهان اُهي ساڳيا اسٽوڊنٽ ته نه آهيو جنهن کي ممتاز ڪاليج جي ڊبيٽ ۾ مون انعام ڏنا هئا“. ”سائين مان ساڳيو عنايت الله بلوچ آهيان جنهن کي اوهان ٽرافي سان گڏ ذاتي انعام ڏيڻ سان به نوازيو هو“. وراڻيو هوم.
    پوءِ نيرَ باري صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ مون کي ٻيهر ڀاڪر پاتائين ۽ اهو به چيائين ته تصور ۾ جڏهن جڏهن به خيرپور جون يادون اينديون هيون ته اوهان به ياد ايندا هيئو ۽ سوچيندو رهندو هوس ته يقينن اُهو هوشيار اسٽوڊنٽ ڪنهن مٿاهين مرتبي تي ضرور پهتو هوندو ۽ اڄ هي ڪيڏو نه حسِين اتفاق ٿيو آهي جو ترڪ صاحب وٽ اوهان سان ملاقات ٿي ويئي.
    ان موقعي تي ڊاڪٽر امداد سيهڙ نيرَ باري صاحب کي ٻڌايو ته: ”باري صاحب! عنايت بلوچ صاحب پنهنجي ڪيريئر ۾ نه رڳو وڏا مرتبا ماڻيا پر اسان جي هن دوست جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۽ اديبن ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته عنايت صاحب شاهه جي رسالي جو وڏو ڄاڻو آهي ته غالب ۽ علامه اقبال جو به خوب مطالعو اٿن“. بهرحال دوست ڏاڍا خوش ٿيا ۽ 12 وڳي سڀ موڪلائي هليا ويا پر اڳ ۾ ئي طئه ٿيل پروگرام موجب امان الله ترڪ صاحب مون کي پاڻ وٽ ترسايو ۽ چيائين ته هاڻي ته دير ٿي ويئي آهي، صبح جو وري اوهان سان ڪچهري ڪنداسون.
    صبح جو ٺيڪ 8 وڳي چانهه پيتيسون ۽ 9:30 وڳي ٽيبل تي ناشتو لڳو ته امان الله صاحب سان گڏ سندس شريڪِ حيات ادي عنبرين به اسان سان گڏ اچي ويٺي. ادي عنبرين به نهايت ئي مانائتي لڳي. نه منجهس آڪڙ، نه وڏائي، اسان سان گڏجي ماني کاڌائين ۽ ڪچهري ڪرڻ ۾ پڻ شريڪ ٿي. مون کي امان الله ترڪ ۽ ادي عنبرين جي جوڙي بيحد قربائتي لڳي جن ۾ مون کي سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ مڻين محبت محسوس ٿي.


    نورالنساءِ گهانگهرو طرفان منهنجو انٽرويو ۽ لنچ

    امان الله ترڪ صاحب وٽ ناشتو ڪري مون کي فورن شگر لئنڊ جي وليج ريسٽورنٽ تي پهچڻو هو جتي ميڊم نورالنساءِ گهانگهرو صاحبه منهنجي لاءِ منتظر هئي ۽ چيو هئائين ته: ”عنايت صاحب اوهان جو تفصيلي انٽرويو ڪنديس ۽ منجهند جي ماني به گڏجي کائينداسين“. محترم امان الله ترڪ ۽ ادي عنبرين سان گڏ جيئن وليج ريسٽورنٽ تي پهتس ته ادي نور اڳ ۾ ئي موجود هئي. ترڪ صاحب ۽ سندس شريڪِ حيات موڪلائي هليا ويا ۽ سندن وڃڻ وقت انهن جي بيحد مهرباني ۽ ٿورا مڃيم جن مون کي هيڏو سارو مانُ ڏنو هو ته ترڪ صاحب چيو: ”مهرباني ته اوهان جي آهي جو اسان کي خدمت ڪرڻ ۽ اوهان جهڙي شخصيت سان ڪچهري ڪرڻ جو اسان کي موقعو ڏنو“.
    هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ۽ خوش خيرعافيت ڪري نُور چيو: :”ادا شروع ڪريون اوهان جي انٽرويو جي رڪارڊنگ“. چيومانس: ”ادي هوٽل ۾ ته ماڻهن جو ڌمچر لڳو پيو آهي. منهنجي جوابن يا اوهان جي سوالن جو ته هڪ لفظ به منهنجي سمجهه ۾ نه ايندو“. نور کان کِل نڪري ويئي ۽ چيائين ته ادا ان مسئلي تي ته مون سوچيو ئي ڪو نه هو. پوءِ صابري نهاريءَ واري جي هوٽل تي آياسين ته اُتي وري ڌمچر سان گڏ اُٽل ۾ ڌماچوڪڙي به لڳي پيئي هئي. صفا پاڪستاني هوٽلن وارو شور شرابو لڳو پيو هو. بهرحال منجهند جي ماني هتي ئي کاڌيسون ۽ نهاريءَ سان گڏ برياني ۽ چِڪن پِيس به کاڌاسين ته صابري جي پاڪستان واري نهاري ياد اچي ويئي.
    ماني کائڻ کان پوءِ نور کي ياد آيو ته صابري نهاريءَ واري کان ٿورڙي ئي پنڌ تي هڪ باغيچو هو، اُتي هليا وياسين ۽ ڏاڍي سڪون سان ويهي رڪارڊنگ ڪئي سون.
    نورالنساءِ گهانگهرو وڏي مانائتي خاتون آهي. هوءَ هوسٽن ۾ جاب به ڪري ٿي ته هڪ ٻن ريڊيو اسٽيشنن تان پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺي ٿي. کيس اونو رهندو آهي ته جلد پنهنجي جيون ساٿيءَ کي به هوسٽن ۾ آڻي ته جيئن ٻيئي گڏجي رهن ۽ هڪ ٻئي جي مدد سان اڳتي وڌن.
    گهڻا سال اڳ نور جو تعلق ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ سان رهيو آهي جتي هوءَ مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ ڪندي رهي هئي. ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپيل رهڻ ڪري هن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ خاصو اعتماد اچي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هوءَ هوسٽن توڙي آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان ڪيترا پروگرام پوري اعتماد سان Conduct ڪندي آهي. سائين جي.ايم.سيد جي سالگره جو پروگرام به خوبصورتيءَ سان هلايو هئائين ۽ ٻُڌندڙن سندس ڪمپيئرنگ جي تعريف پئي ڪئي.


    ڊاڪٽر امداد سيهڙ جي گهر ڊنر جي دعوت

    29.01.2006: اڄ رات ڊاڪٽر امداد سيهڙ صاحب ٻيهر رات جي مانيءَ تي سڏيو هو. هن دعوت ۾ هوسٽن ۾ پاڪستاني قانصليٽ جي قانصل جنرل جناب جي.آر.بلوچ صاحب کان علاوه محترم ظفر آغا، واحد ڪاڇيلو ۽ سائين ضياءُ شاهه صاحب موجود هئا. جي-آر يعني غلام رسول بلوچ صاحب مون کي ٻڌايو ته گهڻا سال اڳ هن منهنجو هڪ سفرنامو پڙهيو هو ۽ ڏاڍو لطف اندوز ٿيو هو. ان تي امداد صاحب سڀني کي ٻڌايو ته عنايت صاحب هڪ بهترين شاعر، سنڌ جو وڏو اديب ۽ لطيف جو ڄاڻو آهي. پوءِ ته سڀني گڏجي فرمائش ڪئي ته لطيف جا ڪجهه بيت کين ٻڌايان. سندن فرمائش پوري ڪيم ۽ لطيف جا ڪيترائي بيت مون اُتي پڙهي ٻڌايا ۽ سڀئي دوست ڏاڍا محظوظ ٿيا. مون سڀني دوستن کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر امداد صاحب جو والد محترم به لطيف سائينءَ جو وڏو پارکو ۽ ڄاڻو آهي ۽ اسان جڏهن به پاڻ ۾ ملندا آهيون ته لطيفي لات ويهي اوريندا آهيون.
    امداد صاحب چيو: ”عنايت صاحب هن ڀيري آمريڪا آيا آهيو ته هتان جو سفرنامو لکڻ ته شايد اوهان جي ذهن ۾ ضرور هوندو“. مون کيس چيو: انشاالله هتان جو سفرنامو ضرور لکندس. پر هاڻي هتي مهربان پڙهندڙن سان اعتراف ٿو ڪريان ته ڪجهه سُستي ۽ ڪجهه مصروفيتن سبب 2006ع جو سفرنامو تڏهن لکڻ شروع ڪيم جڏهن ڇهن سالن کانپوءِ 2012ع ۾ وري آمريڪا ويس ته دوستن توڙي پنهنجي پٽ اعجاز ۽ ڀائٽين ممتاز ۽ فاروق ۽ اسان جي ٻي ڀائٽيي طارق ۽ سندس شريڪِ حيات نوشين توڙي ڪاڇيلي صاحب زور ڀريو ته هن دفعي سفرنامو ضرور لکان.
    بهرحال امداد صاحب جي گهر خوب ڪچهري ٿي. غلام رسول بلوچ صاحب گهڻيءَ محبت مان چيو ته منهنجي به دعوت کائو، پر مون کانئس معافي ورتي جو مون وٽ هاڻي وقت ڪو نه هو ۽ پهرين تاريخ تي لنڊن وڃڻ لاءِ منهنجي ٽڪيٽ ڪنفرم ٿيل هئي. وچ ۾ فقط ٻه ڏينهن هئا ۽ مون کي پئڪنگ به ڪرڻي هئي. اڄ هتي امداد صاحب جي ننڍي ڀاءُ اشفاق سان به ملاقات ٿي جيڪو تازو پاڪستان مان موٽيو هو. دعوت کان پوءِ ڊاڪٽر امداد ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي ڪاڇيلي صاحب سان گڏجي فري پورٽ ۾ اعجاز وٽ رات جي هڪ وڳي اچي پهتس ته اعجاز چيو: ”بابا توهان ته رڳو دعوتن جي بِلي آهيو. مون سان ته اوهان جون ڪچهريون ٿيون ئي ڪونهن“. چيومانس ته: ”بابا ڏس دوست مون تي ڪيترا نه مهربان آهن جو هڪ ڏينهن به ڪنهن دعوت کان واندڪائي نٿي ملي. دوستن جا توڙي اوهان سڀني جا قرب جيڪڏهن ڳائي وڄائي نه سگهيس ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي سفرنامي ۾ اهڙن قربن ۽ ٿيل ڪچهرين جو ذڪر ضرور ڪندس“.
    30.01.2006: اڄ سڄو ڏينهن پنهنجي گهر يعني اعجاز وٽ ويهي گذاريم ۽ پنهنجي سامان جي پئڪنگ ويهي ڪيم.
    31.01.2006: اڄ صبح جو واحد ڪاڇيلي صاحب وٽ دستوري حاضري ڀريم ۽ سندس ٿورا مڃيندي کانئس موڪلايم ڇو ته اڄ هوسٽن ۾ منهنجو آخري ڏينهن هو. ڪاڇيلي صاحب جي ڳڻن جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان جو جڏهن به کيس چيم ٿي ته اڄ شام هيڏانهن يا هوڏانهن هلڻو آهي ته ويچارو هر وقت حاضر هوندو هو. ٻه ڀيرا ته ڊاڪٽر امداد سيهڙ جي دعوت تي ان جي گهر وٺي هليو نه ته امداد صاحب جو گهر فري پورٽ کان تمام گهڻو پري آهي.


    هوسٽن ۾ وار ڪٽرائڻ

    (Hair Cutting in Houston)

    ڪاڇيلي صاحب کان موڪلائي وارن ڪٽرائڻ لاءِ Cuts & More هيئر ڊريسر وٽ ويس، جيڪو ڪاڇيلي جي اسٽور جي بلڪل ويجهو هو. جيئن ڪٽس ائنڊ مور سيلون ۾ اندر گهڙيس ته هڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري اڳ ۾ ئي هڪ شخص جا وار ٺاهي رهي هئي. مون سان هيلو هاءِ ڪري، مون کان پڇيائين: ”وار ڪٽرائڻا اٿوَ؟“ هائو ڪيم ته چيائين: ”رجسٽر تي پنهنجو نالو لکو ۽ پنهنجي صحي ڪري ڇڏيو!“ رجسٽر تي پنهنجو نالو لکيم، اعجاز جي گهر جي ائڊريس لکيم ۽ صحي ڪيم. حيرت ٿيم ته هتي وارن ڪٽرائڻ لاءِ به ماڻهوءَ کي پنهنجو نالو رجسٽر ۾ درج ڪرڻو ٿو پوي. سئلون جو جائزو ورتم جيڪا زيبائتي نموني ٺهيل ۽ ڪافي ڪُشادي هئي. نظرون وڃي هڪ بورڊ تي کُتيون جنهن تي لکيل هو: ”اوهان کي جيڪڏهن ڪا شڪايت هجي ته ٽيڪسَس جي ڪاسميٽالاجي ڪميشن Texas Cosmetology Commission سان رجوع ڪريو“. ڪميشن جا ٽيليفون نمبر به ان بورڊ تي لکيل هئا. جڏهن منهنجي وارن ڪٽرائڻ جو وارو آيو ته ڇوڪريءَ کان پڇيم: ”وارن ڪٽرائڻ جي سلسلي ۾ به هتي ڪا ڪميشن قائم ٿيل آهي ڇا؟“ وراڻيائين: ”هتي ڪو به ڌنڌو جنهن ۾ مهارت (Professionalism) جو عمل دخل هجي ٿو جيئن سونهن کي نکارڻ وارا (Beauticians) يا ٻين ڪيترن قسمن جا مهارت جا ڪم هجن ٿا ته انهن سڀني ڪمن لاءِ اڳواٽ اجازت ۽ ليسن وٺڻو پوي ٿو. ليسن وٺڻ کان سواءِ هتي ڪو به Profession شروع نٿو ڪري سگهجي ۽ انهن سڀني ڪمن لاءِ ڪاسميٽالاجي ڪميشن ٺهيل آهي“. وڌيڪ چيائين ته: ”مون کي به هيئر ڊريسنگ جو ليسن مليل آهي، تڏهن ٿي هتي ڪم ڪريان“. ڇوڪريءَ کان پڇيم: ”ڀلا اوهان هيئر ڪٽنگ ۾ ڪا سکيا حاصل ڪئي هئي ڇا؟“. وراڻيائين: ”پورو سال ڪورس ڪيو هوم. وري 6 مهينا هڪ سينئر هيئر ڊريسر سان گڏ ڪم ڪيم. جڏهن هن منهنجي ڪم جي باري ۾ اطمينان جي اظهار جو خط ڪميشن کي لکيو، تڏهن وڃي مون کي ليسن مليو“. سوچيم هتي هر ننڍي وڏي ڪم لاءِ سکيا ۽ ٽريننگ کي ڪيڏو نه ضروري سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نائي ماڻهن کي ٻڪر بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪو به کانئن پڇڻ وارو ڪو نه هوندو آهي. مون کي ياد آهي جڏهن اسان ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ پڙهندا هئاسين ۽ ڪرنل شاهه هاسٽل ۾ رهندا هئاسين ته ان زماني ۾ اسان جو هڪ دوست وار ڪٽرائي آيو، پر ويچارو ايترو ته بڇڙو ٿي پيو جو اسان سڀني دوستن جا مٿس هُوڪرا هجن. ڪٿي وار ننڍا ته ڪٿي وڏا، سندس خط به هڪ جيترا ٺهيل نه هجن. اسان سڀني جي ٽوڪن کان پوءِ ۽ وڌيڪ خواريءَ کان بچڻ خاطر نيٺ ويچاري پنهنجو مٿو ڪوڙائي پنهنجي جان ڇڏائي.
    ڇوڪريءَ کي جيئن ته مون چوري ڇڏيو هو ته هاڻي پاڻ پنهنجي طرفان مون سان نوان موضوع ڇيڙيندي ويئي. ٻڌايائين ته: ”خدانخواسته جيڪڏهن ڪٽنگ ۾ اسان کان ڪا خرابي ٿي وڃي ۽ ماڻهو اسان جي خلاف شڪايت ڪري ته اسان جي ڪميشن ۾ پيشي ٿيندي ۽ غلطي ثابت ٿيڻ تي اسان کي ڏنڊ ڀرڻو پوندو آهي. پر جي غلطيءَ سان گڏ گراهڪن (Customers) سان اسان جي طرفان ڪا بدخُلقي يا بدمزاجي ٿي هوندي ۽ جيڪڏهن اُها ثابت ٿي ويئي ته ڪميشن اسان جو ليسن رد ڪري ڇڏيندي“.
    خوبصورت ڇوڪري جنهن جو نالو جولي هو مون سان ڪچهري به ڪندي رهي ته وار به ٺاهيندي رهي. اوچتو چيائين ته: (Ok sir, your hair look fine now!) (ماشاالله اوهان جا وار ٺهي ويا جيڪي هاڻي وڌيڪ سٺا پيا لڳن).
    دل ۾ چيم: ”سدورڙي! ڪجهه وڌيڪ وقت وٺين ها ته بهتر ٿئي ها جو تنهنجو ڳالهائڻ ڏاڍو وڻندڙ آهي ۽ تو کان اُٿي وڃڻ تي دل نٿي چوي“. پر منهنجي به مجبوري هئي ته خوبصورت هيئر ڊريسر ڇوڪري جي پڻ. ڏهه ڊالر سندس في هئي، پر مون کيس پندرهن ڊالر ڏنا ته خوش ٿي ۽ منهنجو شڪريو ادا ڪيائين.
    رات جو اعجاز سان خوب ڪچهريون ڪيم. رات جي 2 وڳين تائين جاڳندا ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا رهياسين ڇاڪاڻ ته صبح سوير اٿڻ جو اونو ڪو نه هو ۽ هوسٽن کان لنڊن لاءِ منهنجي فلائيٽ شام جو رواني ٿيڻي هئي.


    هوسٽن کان لنڊن

    Houston to London

    اڄ 2006ع جي پهرين فيبروري هئي. اعجاز جي گهران شام جو ٽين وڳي نڪتاسين ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ جارج بش انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچي وياسين. اعجاز کي خدا حافظ چئي، ايئرپورٽ اندر داخل ٿيس. ٻين ڪاغذي ڪارواين ۾ ته ڪابه دير ڪانه ٿي باقي سيڪيورٽيءَ جي چيڪنگ دوران ڏاڍو خراب خوار ٿيڻو ٿو پوي. اسان کان بوٽ ۽ پينٽ جو پٽو (Belt) به لهرايائون ۽ انهن جي به چيڪنگ ڪيائون. سڀني ڪارواين کان جڏهن آجو ٿيس ته وڏو ساهه کڻي چيم: ”شڪر الحمدلله“. سخت حفاظتي انتظامن سبب اڄ ڪلهه بين الاقوامي سفر عذاب بڻجي ويو آهي پر ڇا ڪجي، مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. پنهنجن پيارن سان ملڻ خاطر اهڙي خواريءَ کي به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. جڏهن لائونج ۾ پهتاسين ته اُتي وڃي سڪون جو ساهه پٽيوسين.
    برٽش ايئرلائينس (BA) جي فلائيٽ پنهنجي پوري وقت يعني شام جو 6:30 وڳي رواني ٿي. برٽش ايئرلائينس ۾ مون هڪ ٻه ڀيرا اڳ به سفر ڪيو آهي، بيحد آرامده اُڏام آهي. هوسٽيس (Hostess) جڏهن به اوهان وٽ ايندي ته مُرڪ مُنهن تي هوندس ۽ گهڙي گهڙي اوهان کان پڇندي رهندي ته سائين ٻيو ڪجهه گهرجي يا چوندي ته جنهن به شيءِ جي ضرورت هجي ته بنا ڌڙڪ حڪم ڪجو. رات جو 9:30 ڌاران ڊنر به ايڏي ته لذيذ کارايائون جو اڃا تائين نٿي وسري. ماني کائڻ کان ڪلاڪ کن پوءِ جهاز جون ڪافي لائٽون وسائي ڇڏيائون جنهن جو مطلب ته هاڻي آرام ڪرڻ جو وقت ٿي ويو آهي جيڪو به چاهي ته آرام ڪري سگهي ٿو. مون به پنهنجي ڪرسيءَ کي پوئتي ڪيو ۽ لوئي ويڙهي سمهي پيس. گذريل رات به دير تائين جاڳڻ سبب اوجاڳو به هو ته ٿَڪ به، سو جلدي ننڊ اچي ويئي. انگلنڊ جي وقت موجب جڏهن صبح جا ست ٿيا ته لائٽون ٻاريائون ته سڀ مسافر ڄڻ ڇِرڪ ڀري جاڳي پيا. پر منهنجي سئوٽ امان الله يا سندس نالي ڀائي امان الله لاڙڪ جهڙا مسافر ڪجهه اهڙا به هئا جن جي گهوگهرن جو ٺڪاءُ لڳو پيو هو. هوسٽيسون کِلي کِلي بيحال ٿي رهيون هيون ته اسان سڀئي مسافر پڻ کِلي رهيا هئاسون ته تيز لائٽن ٻرڻ جو مٿن ذري جيترو به اثر نه ٿيو هو. نيٺ هوسٽيسن سندن ڪُلهن تي ٺُونگا وڃي هنيا ته پوءِ همراهه ڇرڪ ڀري جاڳي پيا. بهرحال هوسٽيسون خوشبودار نيم گرم ٽوال کڻي آيون، جن کي جڏهن مُنهن تي رکيوسين ته نه رڳو ننڊ ڦٽي ويئي پر تازا توانا ۽ صفا فريش ٿي وياسين. ٿوريءَ دير ۾ ناشتو به اچي ويو جيڪو پڻ شانائتو هو. ناشتي کان پوءِ تيارين ۾ لڳي ويس. هوسٽيس کي چيم ته Shaving kit آڻي ڏي. هن بنا دير هڪ ننڍو پئڪيٽ منهنجي حوالي ڪيو جنهن ۾ شيونگ جي سڄي سامان سان گڏ ٽوٿ برش ۽ ٽوٿ پيسٽ به هئي. واش روم ۾ وڃي شيو ڪيم ۽ وڌيڪ فريش ٿي ويس.
    انگلنڊ جي وقت مطابق صبح جو 8:30 وڳي ڌاران اعلان ٿيو ته اسان ٿوريءَ دير ۾ مئنچيسٽر جي هوائي اڏي تي لهڻ وارا آهيون ۽ الله پاڪ جي مهرباني سان فقط ويهن منٽن اندر اسان مئنچيسٽر جي هوائي اڏي تي لئنڊ ڪري وياسين. هتي به ساڳي سخت چيڪنگ هئي جنهن جو ذڪر اڳين صفحن ۾ ڪيو اٿم. عجيب اتفاق چئجي ته آمريڪا وڃڻ وقت به مئنچيسٽر ايئرپورٽ تي لهي پوءِ ٻيهر جهاز ۾ سوار ٿي هوسٽن لاءِ روانا ٿيا هئاسون ۽ هاڻي لنڊن ويندي به ساڳيو ايئرپورٽ هو جتي لٿاسين.


    مئنچيسٽر ايئرپورٽ کان لنڊن ايوسٽن

    Manchester Airport to London Euston

    عبيده سيد، جنهن جو تفصيلي ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ايندو، ٽيليفون تي صلاح ڏني هئي ته اوهان مئنچيسٽر ايئرپورٽ کان ريل ذريعي لنڊن ايوسٽن پهچي، اُتان ٽئڪسي ڪري الفرڊ (Ilford) پهچي وڃجو. مون ائين ئي ڪيو، مئنچيسٽر ايئرپورٽ سان لڳو لڳ مئنچيسٽر ريلوي اسٽيشن به آهي جتي وڃي لنڊن ايوسٽن جي ٽڪيٽ ورتم. منهنجون ٻه وڏيون بئگون سامان سان ڀريل هيون ۽ ٽين منهنجي بريف ڪيس هئي، تنهنڪري وزن ڪافي گهڻو هو. شڪر ٿيو جو هڪ ٽرالي ملي ويئي جنهن تي بئگون رکي ذري گهٽ فرلانگ کن پنڌ هلندو رهيس. نيٺ اهو پليٽ فارم اچي ويو جنهن تي ايوسٽن ڏانهن ويندڙ ريل اچڻي هئي. مغربي ملڪن ۾ ڪُولي ته آهن ڪو نه جيڪي سامان کڻائن. ريل آئي ۽ وڏين تڪليفن سان هڪ هڪ بئگ کڻي ريل ۾ رکيم. لنڊن جي وقت موجب 11:45 تي ريل رواني ٿي ۽ فقط سوا ٻن ڪلاڪن ۾ لنڊن-ايوسٽن ريلوي اسٽيشن تي پهچي ويس. پندرهن ويهن منٽن کانپوءِ ٽيڪسي ملي ويئي، جنهن الفرڊ تائين 50 پائونڊ (لڳ ڀڳ پاڪستاني 7 هزار رپيا) ڪرايو وصول ڪيو، پر ڊرائيور جيڪو هندستاني هو ۽ مون سان صاف اردو ٿي ڳالهايائين، ڏاڍو سٺو ماڻهو ۽ تعاون ڪندڙ هو. جڏهن اسان الفرڊ جي علائقي ۾ داخل ٿياسين ته هن مون کان گهر جي مڪمل ائڊريس ورتي، پر ان جي باوجود اسان هيڏي هوڏي ڦرندا پيا وتون ۽ صحيح هنڌ تي نه پيا پهچون. نيٺ مون عبيده کي فون ڪيو ۽ ٻڌايومانس ته اوهان جي علائقي ۾ ته پهچي ويا آهيون پر اوهان جي گهر تائين نه پيا پهچي سگهون ته هڪدم عبيده چيو: ”ڊرائيور کي فون ڏيو ته ائڊريس سمجهايانس“. مون فون ڊرائيور جي هٿ ۾ ڏنو، ڪجهه ڳالهائڻ بعد فون بند ڪري ڊرائيور چيو: ”سائين اسان ته مئڊم صاحبه جي گهر جي چوڌاري چڪر پيا ڪاٽيون پر اُتي پهچون نه پيا. هاڻي مون ائڊريس چڱيءَ طرح سمجهي آهي ۽ پنجن منٽن ۾ اُتي پهچي وينداسين“. ٿيو به ائين فقط پنجن ستن منٽن ۾ سائوٿ ايسٽ لنڊن جي علائقي الفرڊ ۾ اسان عبيده جي فليٽ جي سامهون وڃي بيٺاسين جتي عبيده ۽ سندس پياري ڌيءُ بِنديا ٻاهر بالڪونيءَ ۾ منهنجي لاءِ واٽون واجهائي رهيا هئا.
    عبيده ۽ بِنديا هيٺ لهي آيون، هٿ ملايائون ۽ اچڻ شرط هيڏين وڏين بئگن تي حيرت جو اظهار ڪيائون. بِنديا چيو: ”اَنڪل هي هيڏيون ساريون وڏيون بئگون اوهان ڪيئن کنيون هونديون. آءٌ ته حيران آهيان ته اوهان هيڏو بار کڻڻ ڪيئن Manage ڪيو هوندو“.
    بهرحال پوءِ عبيده وارن جي گهر اندر داخل ٿياسين. مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ مان به ساڻن ملي اوتروئي خوش هوس.


    لنڊن ۾ عبيده سيد جي گهر رهائش

    عبيده سيد ريڊيو پاڪستان ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر جي عهدي تان اڳواٽ رٽائرمينٽ ورتي. ان کان پوءِ هوءَ ٽن ڌيئرن سميت انگلنڊ هلي ويئي ۽ هاڻي هو سڀيئي لنڊن جا شهري ٿي ويا آهن. عبيده ۽ منهنجو هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ احترام وارو رشتو رهيو آهي. جڏهن آءٌ ڊائريڪٽر پروگرامز هوس ته ريڊيو جو هڪ مَها خبيث آفيسر منهنجو دشمن ٿي پيو. الحمدلله آءٌ حق تي ۽ اُهو بدبخت باطل تي هو ۽ اسان سڀني سان سراسر زيادتون ڪري رهيو هو. ريڊيو جا ڪيترائي آفيسر ۽ ننڍا ملازم منهنجي طرف هئا ۽ منهنجي مڪمل حمايت ڪري رهيا هئا ۽ عبيده اُنهن ۾ ٽاپ تي هئي، ان ڪري هِن اشراف کي منهنجي ڪري ڪجهه تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پيون.
    لنڊن ۾ عبيده سان ٽيليفون تي اڪثر ڳالهه ٻولهه پيئي ٿيندي هئي. هڪ دفعي ساڻس ذڪر ڪيم ته آءٌ عنقريب پنهنجي پٽ ڏي آمريڪا وڃڻ وارو آهيان ۽ اُتي مهينو کن رهندس ته فورن چيائين ته آمريڪا کان واپسيءَ تي هتان لنڊن جو چڪر به هڻندا وڃو. چيومانس منهنجا جيڪي گهاٽا دوست هئا اُهي سڀ لنڊن ڇڏي ويا آهن، تنهنڪري لنڊن اچان ته ڪٿي رهان. ٺهه پهه محبت مان وراڻيائين: ”ڇو ڀلا مون کي پنهنجو دوست نٿا سمجهو ڇا؟ منهنجيءَ دل ۾ اوهان لاءِ اُها ئي عزت ۽ احترام آهي جيڪو ريڊيو پاڪستان واري زماني ۾ هو، تنهنڪري اوهان اسان وٽ ضرور اچجو.“ .....ٿورو رُڪي وري چيائين ته: ”منهنجو لنڊن ۾ گهر ننڍو ضرور آهي پر دل ۾ وڏي ڪشادگي آهي جنهن ۾ اوهان جي لاءِ گنجائش هر وقت موجود آهي“. سندس ٿورا مڃيم ۽ آمريڪا وڃڻ وقت پنهنجي پاسپورٽ تي يونائيٽيڊ ڪنگڊم (United Kingdom) جو ويزا به لڳرايم. اهڙيءَ طرح اڄ يعني 2 فيبروري 2006ع تي شام پنجين وڳي ڌاران سائوٿ-ايسٽ لنڊن جي علائقي الفرڊ (Ilford) ۾ عبيده جي گهر پهچي ويس. عبيده سان گڏ سندس وڏي نياڻي بِنديا به مون کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. بِنديا وڏي همت ۽ حوصلي واري ڇوڪري آهي جنهن کي عبيده پنهنجو پٽ سمجهندي آهي.
    پنج دفعا اڳ به لنڊن اچي چڪو هوس تنهنڪري مون کي لنڊن گهمڻ جو گهڻو شوق ڪو نه هو. بس دل چاهيو پئي ته ڪجهه پراڻن دوستن سان ملجي. اڄوڪو ڏينهن گهر ۾ ئي رهياسين ۽ گهر ۾ ويهي ڪچهري ڪئيسون. اڄ فيبروري جي 3 تاريخ هئي. مون ڊاڪٽر سلمه ۽ ڊاڪٽر لياقت کي ٽيليفون ڪري پنهنجي لنڊن ۾ پهچڻ جو اطلاع ڏنو، جيڪي ويلز جي گاديءَ جي هنڌ ڪارڊف (Cardiff) ۾ رهن ٿا. هنن مون کي ڪارڊف اچڻ لاءِ زور ڀريو ۽ مون کين چيو ته هفتو کن اڃا لنڊن ۾ آهيان، ڪنهن به ڏينهن اوهان ڏانهن هليو ايندس. پر پوءِ شام جو ڊاڪٽر لياقت جو فون آيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ اوهان کي ريلوي جي ٽڪيٽ موڪليون ٿا، اوهان ڀلي هڪ ڏينهن لاءِ ئي سهي، مگر اچو ضرور.


    سائوٿ آل ۾ ايف-ايم ريڊيو اسٽيشنون

    FM Radio Stations in Southall

    اڄ ئي عبيده ۽ مون پروگرام ٺاهيو هو ته لنڊن جون ڪجهه ايف-ايم ريڊيو اسٽيشنون ڏسڻ هلنداسون. عبيده مون کي سائوٿ آل (Southall) وٺي ويئي جتي هندستان ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي اڪثريت رهي ٿي. هتان جا اصلي رهاڪو يعني انگريز گورا 80 في صد هي علائقو ڇڏي هليا ويا آهن ڇو ته پاڪستانين، هندستانين توڙي ايشيا جي مختلف ماڻهن هن علائقي کي گندو ڪري ڇڏيو آهي. هر جڳهه تي اوهان کي ڪِن ڪچرو نظر ايندو. بس جيئن اسان جا شهر آهن، سائوٿ آل به اوهان کي ائين نظر ايندو. پهرين سن رائيز ريڊيو (Sunrise Radio) تي آياسين جتي هڪ سِک سردارجي ويٺو هو ۽ عبيده کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. ان سان ڪچهري ٿي. چيائين: ”اسان پنهنجي اسٽيشن تان 60 سيڪڙو پروگرام پنجابي ۽ 40 سيڪڙو اردو نشر ڪريون ٿا ۽ اسان جي اسٽيشن کي ٻُڌڻ وارن جو تعداد (Listenership) تمام گهڻو آهي“. سردارجيءَ جي اها دعويٰ مون کي ڪافي حد تائين سچائيءَ تي مبني لڳي جو عبيده توڙي ڪيترن ٻين ماڻهن ٻڌايو ته ايشين ڪميونٽيءَ ۾ سن رائيز ريڊيو گهڻو مقبول آهي. عبيده، سردارجيءَ سان منهنجو ڀرپور تعارف ڪرايو ته سردارجي فورن ڪافي گهرائي اسان کي پياري. منجهند جي ماني ساڻس گڏجي کائڻ لاءِ به زور ڀريائين پر اسان سندس مهرباني مڃي کانئس موڪلايو. فقط ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ديسي ريڊيو (Desi Radio) تي آياسين، جتي پاڪستان جو هڪ پنجابي ان جو مالڪ هو. اُتي وري 60 سيڪڙو اردو ۽ 40 سيڪڙو پنجابي زبان ۾ پروگرام ٿين ٿا. ساڳيو ديسي ريڊيو پر مختلف فريڪئنسي سان هڪ هندستاني جو به هو. پوءِ عبيده ٻڌايو ته بلوچ صاحب! هتي لنڊن جي هر علائقي ۾ اوهان کي ايف-ايم ريڊيو ۽ ڪميونٽي ريڊيو ملندا. عبيده جي گهر ۾ ڪڏهن ٿورو وقت ملندو هو يا ڪار ۾ سفر ڪندي به ريڊيو پيا ٻڌندا هئاسين. مون کي حيرانگي وٺي ويئي ته دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ هتي پروگرام هلن ٿا. مثال طور پنجابي، هندي، تامل، عربي، فارسي، پشتو، گجراتي، بنگالي ۽ بيشمار ٻين ملڪن جي زبانن ۾ به هتي ريڊيو قائم ڪيا ويا آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن زبان ۾ ريڊيو اسٽيشن ڪانه هئي ته اُها فقط سنڌي زبان هئي. انگلنڊ ۾ رهندڙ سنڌين جي بيحسيءَ تي ڏاڍي تڪليف پهتي ۽ دل ۾ عزم ڪيم ته توڙي جو مون وٽ لنڊن ۾ رهڻ لاءِ وقت تمام ٿورو آهي، پر پوءِ به اهو موضوع جذبي رکندڙ سنڌين سان ضرور ڇيڙبو ته من ڪنهن کي خيال اچي ۽ مَن سنڌي زبان ۾ به ڪا هڪ ئي ايف-ايم اسٽيشن قائم ٿي وڃي.


    لنڊن ۾ بيروزگار، رٽائرڊ ڪامورا ۽ ننڍن ٻارن جا والدين موجن ۾

    عبيده جي وڏي نياڻي بِنديا کي ٻه ننڍا ٻار. هڪ چئن سالن جو، ٻيو ٻن سالن جو اڳ ۾ ئي موجود هئا ته وري به اُميد سان هئي. مون کيس چيو: ”بابا، ٻه ٻارڙا اڃا ننڍڙا اٿئي وري ٽيون به اچڻ وارو آهي، تو کي ٻارن پالڻ سانڀڻ ۾ تڪليف نٿي ٿئي“. ”انڪل تڪليف ته ٿئي ٿي پر هتي لنڊن ۾ ٻارن جي پالنا لاءِ حڪومت جيڪا مالي مدد ڪري ٿي، ان لاءِ هتي اڪثر عورتن جي دل چوندي آهي ته ڀلي ٻار گهڻا هجن، ڇو ته ٻارن لاءِ مالي مدد وٺڻ سان بهتر گذارو ٿي سگهي ٿو“. بِنديا وراڻيو. پوءِ عبيده مون کي تفصيل سان وڌيڪ خبرون چارون هن ريت ويهي ٻڌايون:
    1. هر نئين ڄاول ٻار لاءِ سندس پيدائش کان وٺي 16 سالن جي عمر تائين، ٻار جي ماءُ کي هر هفتي 17 پائونڊ ملندا آهن.
    2. هر ٻار جي پيدائش کان اڳ، سندس ماءُ کي 300 پائونڊ اڳواٽ ملندا آهن ته جيئن ايندڙ ٻار لاءِ ان جي ماءُ، ڪپڙن لٽن ۽ کاڌي پيتي جو اڳواٽ بندوبست ڪري.
    3. جيستائين ٻار جي ماءُ ويم جي سلسلي ۾ اسپتال ۾ داخل رهي ٿي ته سندس ويم ۽ رهائش جي ڪا به فيس ڪانهي.
    4. هر ٻار کي هر هفتي ٽيڪس جي ڇوٽ ملندي آهي جيڪا 43 پائونڊ هوندي آهي.
    5. ڪا عورت جيڪڏهن اڪيلي ڪنهن گهر ۾ رهي ٿي ته کيس هر هفتي 56 پائونڊ ڏنا وڃن ٿا ته هوءَ پنهنجي ٻارن جي سار سنڀار چڱيءَ طرح لهي سگهي.
    6. جيڪڏهن ڪا ماءُ ٻارن کان سواءِ ڪٿي اڪيلي رهي ٿي ته ان کي مفت ۾ گهر ملي ٿو. هوءَ حڪومت کي فقط 4 پائونڊ هفتي ۾ ٽئڪس ڏئي ٿي جيڪا نه هئڻ جي برابر آهي.
    7. عبيده ٻڌايو ته هوءَ به اڪيلي ماءُ طور پنهنجي گهر ۾ رهي ٿي ۽ حڪومت طرفان کيس 1100 پائونڊ هر مهيني ملن ٿا.
    8. جڏهن ٻار 16 سالن جو ٿئي ٿو ته حڪومت ان ٻار کي تعليم ۽ پنهنجي پاڻ سار سنڀال لاءِ قرض ڏئي ٿي، جيڪو قرض اُهو ٻار فقط تڏهن حڪومت کي آسان قسطن ۾ موٽائي ڏئي ٿو، جڏهن کيس ڪا نوڪري ملي ٿي.
    9. جيڪڏهن ڪن سببن جي ڪري ٻار پنهنجي تعليم مڪمل نٿو ڪري ۽ کيس نوڪري به نٿي ملي ته سندس ورتل سڄي جو سڄو قرض معاف ٿي وڃي ٿو.
    جنهن ملڪ ۾ اهڙا عيش هجن ته پوءِ ڇو نه ماڻهو پنهنجن سُڃن ڀينگين ملڪن مان ڀڄي اُتي پهچن جتي اهڙيون اڻ ميون سهولتون موجود هجن. ڀلي والدين وٽ ڪا به نوڪري يا ڌنڌو ڌاڙي نه هجي پر جي کين ٻه يا ٽي ٻار آهن ته اُنهن کي ايترا ته پئسا هر هفتي ملي ٿا وڃن جو اُنهن جو گذران نه رڳو سکيو پر عياشيءَ وارو ٿي وڃي ٿو.
    ان کان ڪجهه مختلف پر هر هفتي وظيفن جون سهولتون پوڙهن ۽ رٽائرڊ ماڻهن لاءِ به آهن. کين به جام پئسا ملن ٿا ته وري اُنهن جي وِندر ورونهن لاءِ پارڪ، رانديون ۽ ٻيا تفريح جا هنڌ پڻ ٺاهيا ويا آهن جتي وڃي اُهي وڏيءَ عمر وارا ماڻهو ويهن ٿا ۽ پنهنجي دل وندرائن ٿا.
    اهڙيون ۽ ڪجهه اڃا وڌيڪ سهولتون اُنهن ماڻهن لاءِ به آهن جيڪي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪوڙا سچا سرٽيفڪيٽ وٺي انگلنڊ پهچن ٿا ۽ هتان جي حڪومت کي ٻڌائن ٿا ته پنهنجن ملڪن ۾ مٿن ظلم زيادتيون ٿيون آهن، تنهنڪري هو هتي پناهه وٺڻ آيا آهن. پوءِ ائمنيسٽي انٽرنيشنل (Amnesty International) جي قانون موجب کين پناهه ملي ٿي، مفت ۾ کين گهر ڏنا وڃن ٿا ته هو پنهنجو گذر سفر سهڻي نموني ڪري سگهن.
    ايشيا جي ملڪن ۾ غربت به گهڻي ته غريبن وٽ ٻار به گهڻا ۽ جيترا گهڻا ٻار، اوتري سندن زندگي عذاب ۾ گذري ٿي. ايشيا جي ملڪن ۾ خاص طور پاڪستان يا هندستان ۾ حڪومت ڪنهن کان به نٿي پُڇي ته بابا اوهان جا هيترا ٻار آهن، اوهان کي ڪا نوڪري يا ٻي آمدني به ڪانهي ته پوءِ اوهان جو گذر سفر ڪيئن پيو ٿئي. ڀلي ٻار مرن يا بُک ۾ پاهه ٿين پر هتي سندن ڪو به مددگار ڪونهي.


    لنڊن ۾ جسٽس (ر) سيد غوث علي شاهه سان ملاقات

    آمريڪا ۾ رهائش دوران ئي مون دل ۾ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن لنڊن ويندس ته سائين غوث علي شاهه صاحب جن سان ضرور ملندس. سائين غوث علي شاهه سان منهنجي نيازمندي منهنجي والد بزرگوار قبله غلام نبي ”اداسي“ جن جي ڪري ٿي. بابا جن اڪثر ساڻن ملندا رهندا هئا. هي 1959-60ع جو زمانو هو تڏهن ٻيئي شاهه صاحبان يعني سائين غوث علي شاهه ۽ سائين قائم علي شاهه خيرپور جا ناميارا وڪيل هوندا هئا ۽ اڪثر ڪري خيرپور ۾ هڪ ٻئي سان گڏ هوندا هئا. سندن هڪ ٻئي سان پڪي دوستيءَ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت هيءُ آهي جو ڪيترا ماڻهو کين هڪ ٻئي جا سڳا ڀائر پيا سمجهندا هئا. پوءِ جڏهن 1967/68ع ۾ پاڪستان جي عظيم ليڊر جناب ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته سائين قائم علي شاهه پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو ۽ سائين غوث علي شاهه مسلم ليگ جوائن ڪئي ۽ جڏهن اڳتي هلي ميان محمد نواز شريف مسلم ليگ (ن) ٺاهي ته سائين غوث علي شاهه صاحب جن ان ۾ شامل ٿي ويا.
    اسان جي احمدپور جي اوسي پاسي جي سڄي کوسا برادري به شروع کان ئي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي. سائين غوث علي شاهه جن جي اعليٰ ظرفيءَ جو ان کان وڌيڪ مثال ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو توڙي جو هر اليڪشن ۾ کوسا برادريءَ پيپلز پارٽيءَ جي اُميدوارن کي ووٽ پئي ڏنا آهن، پر جڏهن به سائينءَ سان ملڻ ٿيو آهي ته سندن ملڻ جي رويي ۽ سندن خوش اخلاقيءَ جي قدرن ۾ ڪو به فرق نه آيو آهي. کوسا برادريءَ ۾ سائينءَ جو تعلق سواءِ منهنجي ۽ هدايت جي ٻيو ڪنهن سان به نه رهيو آهي. اسان ٻيئي ڀائر به سندن بيحد عزت ۽ احترام ڪندا آهيون جو سندن شخصيت ايتري ته من موهيندڙ ۽ باڪمال رهي آهي جو ساڻن ملڻ ۽ سندن مِٺي گفتگو ٻڌڻ لاءِ دل هميشه چاهيندي رهندي آهي.
    هتي لنڊن پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن يعني 3 فيبروري 2006ع تي مون کين فون ڪيو ۽ کين ٻڌايم ته لنڊن ۾ موجود آهيان ته پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ 4 فيبروري تي سندن رهائش گاهه تي ملڻ جو پروگرام طئه ٿيو.
    04.02.2006: اڄ اڳواٽ طئه ٿيل پروگرام موجب 56 ڊيوَن پورٽ (Devon Port) بلڊنگ ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزير اعليٰ جسٽس (ر) سيد غوث علي شاهه سان ملاقات ٿي. جيئن ته شاهه صاحب جن ڪجهه سالن کان وٺي لنڊن ۾ رهائش پذير هئا ته اڄوڪي ملاقات گويا ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ٿي هئي. شاهه صاحب جن مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ تمام گهڻي چاهه ۽ محبت سان پيش آيا. مون کي به ساڻن ملڻ تي تمام گهڻي خوشي ۽ سُڪون پهتو. سنڌ جون ڳالهيون پڇيائون، ڳوٺ وارن جا حال احوال ورتائون ۽ ڪلاڪ کن سندن رهائش گاهه تي ڪچهري ٿي، جتي شاهه صاحب جن جو ننڍو فرزند سيد فرحان حيدر شاهه به مليو. تڏهن 10-11 سالن جو مس هو پر ايڏو ته سلڇڻو، هوشيار ۽ بااخلاق هو جو جيئن مليو ته هڪدم پڇيائين: ”انڪل ڇا کائيندا، ڇا پيئندا وغيره“. چانهه کڻي آيو ته اُها به تمام سهڻي نموني ۽ سليقي سان ٽيبل تي اچي رکيائين. ڳالهائي پيو ته ايڏو پڪو پختو جو مون کي ته حيرت پئي ٿي ۽ فرحان حيدر شاهه سچ پچ ته پنهنجيءَ عمر کان مون کي ڪجهه وڌيڪ ئي سلجهليل سياڻو ۽ ڪڙهيل نينگر نظر آيو. پر پوءِ سوچيم ته آخر پُٽ ڪنهن جو آهي. سائين غوث علي شاهه صاحب جا سڀئي گُڻ ۽ خصلتون مون کي هن نوخير نينگر ۾ نظر اچي رهيون هيون، الله پاڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ پنهنجي باوقار والد محترم وانگر سندس بخت بلند ڪري – آمين.
    ٿوريءَ دير کانپوءِ سائين غوث علي شاهه چيو: ”عنايت! هل ته هائيڊ پارڪ جو چڪر هڻي اچون جيڪو منهنجي گهر جي بلڪل ويجهو آهي“. فيبروريءَ جي شروعات هئي ان ڪري لنڊن ۾ سخت سردي هئي ۽ مون کي پينٽ مٿان فقط ڪوٽ پاتل هو جڏهن ته شاهه صاحب جن کي اووَر ڪوٽ ۽ ڳچيءَ ۾ مفلر ويڙهيل هو. هلندي هلندي شاهه صاحب بيهي رهيو. چيائين: ”بلوچ صاحب، لنڊن جي سخت سرديءَ کان بچڻ خاطر سخت احتياط جي ضرورت آهي“. پڇيائين: ”ڪوٽ جي اندران ڪا جرسي يا سئيٽر وغيره پاتو اٿوَ يا نه؟“ جڏهن کين ٻڌايم ته جرسي وغيره ڪانه پاتي اٿم ته فرمايائون: ”عنايت صاحب اسان جا وڏڙا جيڪي بيحد ڏاها به هوندا هئا، چوندا هئا ته ”بابا گرميءَ جا مَڻ کنيون وتندئو ته به خير آهي پر سرديءَ جو تولو به نقصان پهچائي سگهي ٿو!“ انڪري آئنده لنڊن جهڙي سخت سردي ۾ چڱيءَ طرح ويڙهجي سيڙهجي گهران نڪرندا ڪريو“. چيم: ”سائين آئنده لاءِ سائين جن جي خيرخواهيءَ واري نصيحت تي پوريءَ طرح عمل ڪبو!“.
    پهرين هائيڊ پارڪ جي سرپينٽائن ڍنڍ (Serpentine Lake) تي آياسين جتي ڪافي دير ڪچهري ڪندا رهياسون. بجاءِ منهنجي ٻڌائڻ جي پاڻ چيائون ته: ”عنايت صاحب اوهان ته لنڊن ڪيئي ڀيرا آيا ۽ ويا آهيو. ڏسو هي ڪيڏو نه خوبصورت ملڪ آهي، صفائي سٿرائي آهي ۽ هتي سفر ڪرڻ به بيحد آسان آهي وغيره“. ان کان پوءِ هائيڊ پارڪ جي ريسٽورنٽ ۾ آياسين جتي شاهه صاحب جن سئنڊوچز ۽ ڪافي پيارڻ سان منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو. ريسٽورنٽ ۾ ويهي قبله شاهه صاحب جن سان دل کولي ڪچهري ٿي ۽ اڄ پهريون ڀيرو مون سندن ڏک جو ڪنهن حد تائين ازالو ڪيو جيڪو شاهه صاحب جن منهنجي ڀاءُ هدايت ۽ منهنجي پُٽ ڪامران سان ڪيو هو. يعني اهو ته عنايت کي آءٌ ڀائيندو ڏاڍو آهيان پر هو ووٽ هميشه پيپلز پارٽي وارن کي ڏيندو آهي.
    مون اڄ کين واضح ڪري ٻڌايو ته سائين جڏهن کوسن جا سڀئي ڳوٺ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل هجن ته پوءِ عنايت کي ٻئي طرف وڃڻ جي ته ڪا واهه ئي ڪانهي ۽ پنهنجي هيڏي ساري برادريءَ کان الڳ ڪيئن ٿو رهي سگهجي. باقي رهيو سوال منهنجي ذاتي تعلق جو ته اڄ به قبله سائين غوث علي شاهه لاءِ دل ۾ جيڪا عزت ۽ احترام آهي ته ان جي شاهد فقط رب پاڪ جي ذات آهي. بهرحال اڄوڪي گفتگو کانپوءِ شاهه صاحب جن ڪافي حد تائين مطمئن ٿيا ته مان قصوروار نه آهيان. موڪلائڻ وقت شاهه صاحب جن چيو ته اڄ شام ستين وڳي تائين منهنجي گهر پهچي وڃجو جو هڪ دعوت ۾ هلڻو آهي ۽ چاهيان ٿو ته اوهان به مون سان گڏ هجو.
    ڳالهين ڳالهين ۾ مهربان پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته سائين غوث علي شاهه جن هيٺ بيان ڪيل عهدن تي فائز رهي چڪا آهن:
    1. وائيس چيئرمن، پاڪستان بار ڪائونسل 1974ع-1975ع
    2. جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ 1979ع-1980ع
    3. وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ 1981ع-1984ع
    4. چيف منسٽر سنڌ اپريل 1985ع-اپريل 1988ع
    5. چيف ايگزيڪيوٽو سنڌ، (وزير اعليٰ) جون 1999 – آڪٽوبر 1999ع
    6. وزير دفاع، حڪومتِ پاڪستان 1991ع-1993ع
    7. وزيرِ تعليم، حڪومتِ پاڪستان 1997ع-جون 1999ع
    مان ٺيڪ ستين وڳي شام جو 56-ڊيوَن پورٽ پهچي ويس. ساڍي ستين وڳي شاهه صاحب جن به تيار ٿي نڪتا ۽ اسان ٻيئي بامبي پئليس هوٽل (Bombay Palace Hotel) تي ٺيڪ اٺين وڳي پهچي وياسين. ڊنر ۾ هيٺيون شخصيتون شريڪ ٿيون:
    1. سيد غوث علي شاهه، پريزيڊنٽ، پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ، بطور خاص مهمان جي،
    2. سردار عبدالرحيم، وائيس پريزيڊنٽ، پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ،
    3. شيخ قيصر محمود، چيف آرگنائيزر، پاڪستان مسلم ليگ (ن) اووَرسيز،
    4. احسان پاشا، ڊپٽي آرگنائيزر، پاڪستان مسلم ليگ (ن) اووَرسيز،
    5. ذوالفقار علي بلتي، ميان محمد نواز شريف جو ذاتي فوٽوگرافر،
    6. سيد فرحان حيدر شاهه، سائين غوث علي شاهه جن جو ننڍو فرزند، ۽
    7. عنايت بلوچ
    شاهه صاحب جن پنهنجي دوستن بلڪ پنهنجي پارٽيءَ جي عهديدارن سان منهنجو ڀرپور تعارف ڪرايو ۽ منهنجي اديب ۽ شاعر جي حيثيت جي باري ۾ کين ٻڌايو.
    تمام پُرتڪلف ڊنر هئي جتي شاهه صاحب سان پارٽيءَ جي ٻين اڳواڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مون محسوس ڪيو ته هر ڪنهن شاهه صاحب جن جي راءِ ۽ خيالن کي وڌيڪ وزن ٿي ڏنو. رات جو 11:30 ڌاران ڊنر مان واندو ٿي عبيده وارن جي گهر پهچي ويس جتي سڀني منهنجو انتظار ٿي ڪيو.


    لنڊن کان ڪارڊف (ويلز) ڊاڪٽر لياقت ۽ ڊاڪٽر سلمه سان ملاقات

    London to Cardiff (Wales)

    05.02.2006: جيئن گذريل صفحن ۾ ٻڌايو اٿم ته ڪارڊف کان ڊاڪٽر لياقت عباسي، جيڪو اسان جي پياري دوست عبدالجبار عباسي جو ڀائٽيو ۽ جبار عباسي وري منهنجو تمام گهاٽو دوست رهيو آهي، (جنهن لاءِ هتي بيحد ڏکوئيندڙ لفظن ۾ لکڻو ٿو پوي ته چند مهينا اڳ هو اسان سڀني کان هميشه واسطي وڇڙي ويو آهي). ڪارڊف کان فون تي چيو هو ته هڪ ڏينهن لاءِ ئي اچو پر اچو ضرور. 4 فيبروري تي ڊاڪٽر لياقت فون ڪري ٻڌايو ته هن منهنجي ريل ذريعي ٽڪيٽ بوڪ ڪرائي ڇڏي هئي جيڪا آءٌ پئڊنگٽن اسٽيشن (Paddington Station) تي پهچڻ وقت وڃي کڻان. اڄ صبح 8 وڳي پئڊنگٽن اسٽيشن پهچي ويس جيڪا هاڻي (London Paddington) جي نالي سان مشهور آهي. بوڪنگ آفيس ۾ هليو ويس. بوڪنگ تي ويٺل هڪ نيگرو ليڊي ويٺي هئي جنهن سان جيئن ذڪر ڪيم ته هڪدم ٽڪيٽ ڪڍي ڏنائين جيڪا اڳ ۾ ئي ٺهيل ۽ (Great Western Train) جي لفافي ۾ پيل هئي. مائي صاحبه ٽڪيٽ هٿ ۾ ڏيندي چيو: ”اُميد ته اوهان جو سفر سٺو ۽ آرامده گذرندو“. کيس Thank you چيم ۽ ريل جي هلڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس، پر جيستائين ريل ڪارڊف لاءِ رواني ٿئي، تيستائين پئڊنگٽن اسٽيشن بابت هن ڪتاب جي مهربان پڙهندڙن کي مختصر طور ڪجهه معلومات ڏئي ڇڏيان.
    هونئن ته لنڊن ۾ ٻيون به سينٽرل ريلوي اسٽيشنون آهن ۽ اُهي به ڪافي مشهور ۽ وڏيون آهن، جيئن وڪٽوريا (Victoria)، چيرنگ ڪراس(Charing Cross)، ڪنگس ڪراس (Kings Cross)، ايوسٽن (Euston)، لِورپول اسٽريٽ (Liver Pool Street) ۽ واٽرلُو (Water Loo) وغيره، پر پئڊنگٽن انهن سڀني کان وڏي ۽ گهڻي رنگ رونق واري اسٽيشن آهي. خبر ناهي ته هن جا ڪيترا پليٽ فارم آهن ۽ ڪيتريون لائينون آهن جيڪي مختلف شهرن ڏانهن وڃن ٿيون. هتي اچڻ شرط ئي ماڻهوءَ جو دماغ چڪر کائڻ لڳي ٿو. هن ئي اسٽيشن تي زير زمين (Underground) هلندڙ گاڏين جو به وڏو نيٽ ورڪ وڇايل آهي ۽ پئڊنگٽن ئي واحد سينٽرل اسٽيشن آهي جنهن کي دنيا جي پهرين انڊر گرائونڊ ريلوي اسٽيشن هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. هتان هونئن ته تمام گهڻن شهرن طرف ريلون وڃن ٿيون، باقي جيڪي وڏا شهر هينئر مون کي ياد پيا اچن اُهي هي آهن: برسٽل، ريڊنگ، ڪارڊف، سوان سي، آڪسفورڊ، نيو بري، پلمٿ، وورسيسٽر وغيره. مهربان پڙهندڙن سان پئڊنگٽن اسٽيشن جو تعارف ڪرائيندي گريٽ ويسٽرن ريلوي جي ٽرين به پليٽ فارم تي اچي ويئي. ان ۾ سوار ٿيس. مان پنهنجن پهرين سفرنامن ۾ پڻ لنڊن جي گريٽ ويسٽرن ريلوي جي تعريف ڪري چڪو آهيان، ڇا ته آرامده سفر آهي هن ٽرين جو! هلي ٿي ته ڪو به کڙڪو يا آواز نٿو اچي ۽ اسان جي ٽرين واري ڪڙاڪ ڪڙاڪ پڻ ڪَن لڳائڻ سان به ٻڌڻ ۾ نٿي اچي. هن جون سيٽون به ڪمال جون آهن. سيٽون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن، جيڪڏهن چار دوست گڏ آهن ته اُهي هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري ڪچهري به ڪن ته راند به کيڏي سگهن ۽ چانهن ڪافي يا ماني به کائي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته ٽيبل وچ ۾ فٽ ٿيل آهي.
    پئڊنگٽن اسٽيشن کان ريل صبح جو پوري 8:30 وڳي رواني ٿي جنهن کي ٽن ڪلاڪن کان پوءِ 11:30 وڳي ڪارڊف پهچڻو هو پر رستي تي لائنن جي مرمت سبب ٽرين ڪلاڪ کن دير ٿي ۽ 12 وڳي ڪارڊف پهچي ويئي جتي ڊاڪٽر لياقت عباسي اڳ ئي موجود هو. ٿوريءَ دير ۾ ڊاڪٽر صاحب جي گهر پهچي وياسين جتي ڊاڪٽر لياقت جي شريڪِ حيات ڊاڪٽر سلمه ۽ سندن ٻارن (پُٽ ۽ ڌيءُ) سان به ملاقات ٿي. بهتر ٿيندو ته ڊاڪٽر سلمه جو به مختصر تعارف ٿي وڃي.
    ڊاڪٽر سلمه صاحبه سنڌ جي مشهور ۽ خاص طرح ”قطعي لکڻ جي بادشاهه شاعر“ سائين زيب عاقلي صاحب جي نياڻي آهي. آءٌ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر هوس تڏهن زيب عاقلي صاحب، ڊاڪٽر سلمه سان گڏ منهنجي آفيس ۾ اڪثر ايندو ويندو رهندو هو ۽ پنهنجي نياڻيءَ جي لنڊن وڃڻ لاءِ جيڪي خط سنڌ جي وزير اعليٰ يا ٻين اختيارين ڏانهن اُماڻيندو هو ته اُهي سڀئي خط پنهنجي PA کان آءٌ ڊڪٽيٽ ڪرائي ڏيندو هوس. ڪافي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ وري سائين زيب عاقلي ۽ ڊاڪٽر سلمه منهنجي آفيس ۾ داخل ٿيا ۽ زيب عاقلي صاحب بامبي بيڪريءَ (Bombay Bakery) جا ٻه ڪيڪ منهنجي آڏو اچي رکيا ۽ چيائين: ”بلوچ صاحب، اوهان جي لکيل زبردست خطن سبب سلمه جي لنڊن ۾ داخلا ٿي ويئي آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته سنڌ حڪومت کي جيڪي اجازت ناما ڏيڻا هئا ۽ ٻيون ضروري ڪاروايون ڪرڻيون هيون، اُهي به اوهان جي لکيل زوردار ليٽرس سبب پوريون ٿي ويون، سو اڄ ان خوشيءَ ۾ اوهان ڏانهن تحفو کڻي آيا آهيون“. پهريون ته کين دلي مبارڪ ڏنم ۽ پوءِ کين چيم ته ڪيڪ آءٌ گهر کڻي ڪونه ويندس، سو ڪيڪ اوهان جي طرفان ۽ چانهه منهنجي طرفان هتي ئي گڏجي ٿا کائون پيئون. ٻيو ڪيڪ سلمه کي واپس ڪرڻ لڳس ته هي اوهان وڃي گهر کائجو پر پوءِ زيب صاحب چيو: ”بلوچ صاحب هڪ ڪيڪ ته هتي ئي ڪٽجي ويو، ٻيو اوهان گهر پنهنجن ٻچڙن سان گڏجي کائجو ته اسان کي وڌيڪ خوشي ٿيندي“. بهرحال ڊاڪٽر سلمه توڙي سائين زيب عاقليءَ جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. مون هڪدم زيب صاحب کان ڊاڪٽر لياقت جي باري ۾ پڇيو ته سندس ڪم جو ڇا ٿيو؟ ته ڊاڪٽر سلمه ٻڌايو ته ان جو ڪم به ٿي ويو آهي ۽ اسان ٻيئي جلد ئي لنڊن روانا ٿي وينداسون.
    ڊاڪٽر لياقت ۽ ڊاڪٽر سلمه جا ٻارڙا مذهبي رنگ ۾ رڱجي ويا آهن. 2006ع ۾ سندن نياڻيءَ جي عمر 8-9 سال مس هئي پر هوءَ حجاب پائيندي هئي. برقعو آءٌ ان ڪري نٿو لکان جو حجاب پائڻ سان منهن نٿو ڍڪجي. باقي سڄو جسم ڍڪجي وڃي ٿو. ڪلاڪ ڏيڍ سندن ئي گهر تي ڪچهري ٿي. پوءِ ڊاڪٽر صاحبان ائٽلانٽڪ سمنڊ سان گڏيل هڪ ڍنڍ (Lake) تي واقع باسفورس ريسٽورنٽ (Bosphorous Restaurant) تي وٺي ويا جتي Lunch ڪئي سون. هر ڪنهن پنهنجي پسند تي ڊِش گهرائي ۽ مون مڇي کاڌي جيڪا بيحد لذيذ هئي ۽ کائڻ ۾ خوب ذائقو ڏنائين. منجهند جي ماني کائڻ کانپوءِ مون کي هڪ پارڪ ۾ وٺي ويا جنهن جو نالو روٿ پارڪ (Roath Park) آهي جيڪو بيحد خوبصورت آهي. هن ئي پارڪ ۾ هڪ وڏي ڍنڍ (Lake) به آهي جنهن جي وچان ماڻهن جي پيادل هلڻ لاءِ ڪُشادا رستا (Pavements) ٺهيل آهن. سوين ماڻهو، مرد، عورتون ۽ ننڍا ٻار هر طرف پئي گهميا ڦريا. باسفورس ريسٽورنٽ توڙي روٿ پارڪ تي خوب فوٽو ڪڍياسين جن مان هڪ تصوير هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
    هتي گهمي ڦري پوءِ ڊاڪٽر صاحبان جي گهر آياسين جتي ٿورو ترسي، چانهه پي ۽ ريلوي اسٽيشن لاءِ روانا ٿياسين ڇاڪاڻ ته مون کي ساڳئي ڏينهن تي لنڊن واپس ورڻو هو. ڳالهين ڳالهين ۾ ڊاڪٽر لياقت عباسي پنهنجي هڪ پياري دوست ڊاڪٽر انور بلوچ جو نالو ٻڌايو جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشهور ”گهڙا پليئر“ مِٺا خان زرداريءَ جو پٽ هو. کيس ٽيليفون ڪري چيو هئائينس ته: ”بابا عنايت بلوچ صاحب هتي آيل آهي، ان سان ضرور ملجو جو هي شخص سنڌ جو وڏو اديب ۽ شاعر هئڻ سان گڏ براڊڪاسٽنگ جي دنيا جو هڪ وڏو نالو آهي“.
    ڪارڊف ريلوي اسٽيشن تان ريل شام جو ٺيڪ 6:30 وڳي رواني ٿي ۽ پورن ٽن ڪلاڪن ۾ رات جو 9:30 وڳي پئڊنگٽن پهچي ويئي، جتان وري انڊرگرائونڊ ذريعي الفرڊ جي هئناٽ (Hainault) اسٽيشن پهچي رات جو 10:30 تائين عبيده جي گهر پهچي ويس. رات جي 11:00 ڌاران ڊاڪٽر انور بلوچ جو ٽيليفون آيو جنهن ٽيليفون تي منهنجو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ چيائين ته سائين اوهان کي نه رڳو سڃاڻان ٿو پر اوهان جو دل سان احترام ڪريان ٿو جو بابا سائين جن اڪثر اوهان جو ذڪر ڪندا رهندا آهن. وري منهنجي پياري دوست ڊاڪٽر لياقت عباسي پڻ اوهان جي لاءِ گهڻو ڪجهه ٻڌايو. بهرحال طئه اهو ٿيو ته سڀاڻي يعني 6 فيبروري تي علي اڪبر ميمڻ وٽ شام جو ملاقات ٿيندي.


    علي اڪبر ميمڻ سان ملاقاتون

    06.02.2006: اڄ صبح جو 9 وڳي علي اڪبر کي فون ڪيم. هيلو ڪيائين. چيومانس: ”سُڃاڻ ته آءٌ ڪير پيو ڳالهايان؟“ نه سُڃاتائين. پوءِ چيومانس: ”چئن يارن ۽ پنجن تنن مان ڪو هڪڙو ماڻهو“. ته رڙ ڪري چيائين. ”اڙي عنايت! تون اوچتو ڪيئن آئين، اڳواٽ اطلاع به نه ڏنئي. اهي ڳالهيون روبرو ڪرڻ جون آهن، ٻڌاءِ ته اڄ جو اڄ ڪٿي ۽ ڪيئن ملون. پر اڄ جو اڄ به ڇو، مان چوان ٿو بس هاڻي جو هاڻي“. طئه ٿيو ته آءٌ فورن هئنگرلين (Hangerlane) ٽيوب اسٽيشن تي پهچان، جتي هو گاڏي ڪاهي منهنجي وٺڻ لاءِ بيٺو هوندو. ٽائيم 11 کان 11:15 جو طئه ٿيو هو ۽ اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي جي خبر هئي ته اسان ٻيئي وقت جا پابند آهيون. مان ٺيڪ 11:15 وڳي هئنگرلين اسٽيشن کان ٻاهر آيس ته علي اڪبر کي اووَرڪوٽ پاتل هو ۽ هو منهنجي انتظار ۾ بيٺو هو. مون به سائين غوث علي شاهه جي هدايت تي عمل ڪندي نه رڳو فل سوٽ پاتو هو پر اندران جرسي پڻ پاتل هئي ڇاڪاڻ ته لنڊن ۾ ڪافي سردي هئي. هڪ ٻئي سان وڏا ڀاڪر پائي ملياسين. علي اڪبر کي چيم: ”هيءُ هئنگرلين اُهائي ٽيوب اسٽيشن آهي جتي 32 سال اڳي هتان روز پيو بي-بي-سي لنڊن (BBC London) ايندو ويندو هوس“. ان زماني ۾ آءٌ محترم مقبول مغل جي گهر هڪ مهينو کن رهيو هوس جتي ڀاءُ مقبول ۽ سندس گهرواري ادي سنجيده رهندا هئا. توڙي جو مان رهندو ته مقبول صاحب جي گهر هوس پر گَهرائيءَ جو رشتو ڀاءُ علي اڪبر سان ئي قائم ٿيو جيڪو مقبول صاحب مغل جي گهر جي بلڪل ويجهو رهندو هو.


    چار يار ۽ پنجتن

    علي اڪبر پڪو سنڌي، وطن دوست، دلبر انسان ۽ يارن جو يار آهي. 1974ع ۾ جڏهن آءٌ بي.بي.سيءَ ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ لنڊن آيو هوس ته اُنهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جو بزرگ سياستدان محترم قاضي فيض محمد لنڊن آيل هو ۽ محترم خدابخش سنديلو (جنهن کي اسان چاچو سنديلو سڏيندا هئاسين ۽ جيڪو پاڪستان جي سفارتخاني ۾ وڏو آفيسر هو ۽ ننڍپڻ کان وٺي لنڊن ۾ رهائش پذير هو) به اسان جي ساٿ ۾ شامل هو. اهڙيءَ طرح اسان ”چار يار“ سڏجڻ لڳاسين. يعني قاضي فيص محمد صاحب، چاچو سنديلو، علي اڪبر ميمڻ ۽ عنايت بلوچ. ڪجهه وقت کانپوءِ سنڌ جي عظيم رهبر ۽ رهنما سائين جي.ايم.سيد جي نياڻي دُرِشهوار سيد پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ لنڊن پهتي، جيڪا پڻ سائين قاضي فيض محمد جن جي طفيل اسان جي گروپ ۾ شامل ٿي ويئي ڇو ته سائين جي.ايم.سيد ۽ قاضي فيض محمد هڪ ٻئي جا گهاٽا دوست هئا. سائين قاضي فيض محمد صاحب هڪ ڏينهن کلندي چيو: ”بابا، درِ شهوار جي اچڻ کان پوءِ هاڻي اسان چئن يارن مان ڦري پنجتن ٿي ويا آهيون“. (يعني ڀوڳن ڀوڳن ۾ هڪ ڳالهه چئي وئي نه ته ڇا اسين ۽ ڇا اهڙيون تشبيهون). ”چِه نسبت خاک را با عالم پاک“.
    اُهي روح پرور رهاڻيون، قربن ڀريون ڪهاڻيون ۽ ڪچهريون جڏهن ياد اچن ٿيون ته جيءُ جهُري ٿو پوي ۽ اندر اُڌمن ۾ کامي ۽ پڄري وڃي ٿو. پنجن گهڻگهرن دوستن مان فقط آءٌ ۽ علي اڪبر ميمڻ رهجي ويا آهيون، جيڪي به هاڻي جيئڻ جي وهي وڃائي، گريس جي دائري ۾ اچي، بس مڙئي جيئڻ خاطر پيا جيئون، باقي اسان جا ٽي جاني، جگر ۽ جيءَ جيارا ساٿي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا. درِشهوار سيد پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري وٺي ڊاڪٽر درِشهوار سيد موٽي آئي هئي، پر پاڪستان پهچڻ کان پوءِ هڪ موذي مرض ۾ وڪوڙجي ويئي جنهن کيس اسان کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو. ”موت تي شل موت اچي، ڪيڏا وڇوڙا ٿو وجهي.“ (اسان چئن يا پنجتن ساٿين جو تفصيلي احوال منهنجي پهرئين سفرنامي ”پرين جي پرديس“ ۾ شامل آهي).
    علي اڪبر پنهنجي گهر وٺي ويو جتي ڪلاڪ کن ويهي ڪچهري ڪئيسون ته چانهه به پيتيسون. پوءِ علي اڪبر چيو ته ماني ڪٿي ٻاهر ٿا هلي کائون. سندس گهر کان ٻاهر نڪتاسين ته سامهون مقبول مغل بيٺو هو. ان مون کي ڏٺو ته ان کي پڻ حيرت ٿي ته آءٌ اوچتو لنڊن ڪيئن پهچي ويو هوس. بهرحال اڪبر، مغل صاحب کي به گاڏيءَ ۾ ويهاريو. ٽيئي گڏجي ڪنگس بري جي علائقي ۾ شيخان ريسٽورنٽ (Shaikhan Restaurant) تي اچي ديسي ماني کاڌيسين جنهن ۾ تِڪا، ڪباب، قورمو، برياني شامل هئا. ياد پيم ته اِنهيءَ ئي ڪنگس بري ٽيوب اسٽيشن تي لهي آءٌ چاچا سنديلي جي گهر ويندو هوس، هتي اڄ چاچو سنديلو ڏاڍو ياد پيو ۽ اردو شعر ذهن تي تري آيو:
    ياد ماضی عذاب ہے يا رب،
    چھين لے مجھ سے حافظه ميرا.


    سنڌي ريڊيو اسٽيشن لاءِ لنڊن جي سنڌين سان ويچار ونڊڻ

    شام جو 7 وڳي ڊاڪٽر انور بلوچ به پهچي ويو ۽ مون کي ۽ علي اڪبر کي هڪ چيني ريسٽورنٽ تي وٺي ويو (نالو ياد نه پيو اچيم). هتي ڊنر به ڪندا رهياسين ته ڪچهري به جاري رهي. ڪچهري ڪندي مون ساڻن هڪ توجهه طلب موضوع ڇيڙيو. مون کين چيو: ”يار جڏهن کان هتي آيو آهيان ۽ جڏهن به مون کي وقت مليو آهي ته مون هتي جون ريڊيو اسٽيشنون پئي ٻڌيون آهن جن تان اردو، پنجابي، گجراتي، بنگالي، پشتو ۽ ٻين الائي ڪيترن زبانن ۾ هتي پروگرام هلن ٿا. ڇا اسان سنڌي ايترا بي حِس ۽ ڪاهل ٿي ويا آهيون جو هيڏي ساري وسيع ٻولي ۽ عظيم ثقافت جي وارث هئڻ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ ۾ پروگرام شروع نٿو ڪري سگهجي“. ڏٺم ته علي اڪبر ۽ ڊاڪٽر انور بلوچ کي ڄڻ ڪو جهٽڪو لڳي ويو. چيائيون: ”يار ڳالهه سورهن آنا صحيح ٿو ڪرين پر اسان کي هتي ڪو به ماڻهو رستو ڏيکارڻ وارو ڪونهي“. مون ڊاڪٽر انور بلوچ کي چيو ته بس هڪ ٻن ڏينهن ۾ ئي هڪ گڏجاڻي رکون ٿا جنهن ۾ سنڌي ريڊيو اسٽيشن کولڻ جي پروگرام بابت هڪ ٻئي سان ويچار ونڊينداسين. وڌيڪ چيومانس: ”منهنجي پاڪستان واپسيءَ جي ٽڪيٽ 12 فيبروري تي ڪنفرم ٿيل آهي تنهنڪري جي گڏجاڻي رکو ته پوءِ اُها وڌ ۾ وڌ 9 يا 10 تاريخ تي هئڻ گهرجي!“ ڊاڪٽر چيو ته هو سڀاڻي تائين مون کي ٻڌائي ڇڏيندو.


    سنڌي ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي

    10.02.2006: روٽي ريسٽورنٽ (Roti Restaurant) ۾ ڊاڪٽر انور بلوچ دوستن جي هڪ گڏجاڻيءَ جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ ٽيهارو کن دوست گڏ ٿيا. ٽن-چئن کانسواءِ ٻيا سڀ ڊاڪٽر هئا. سنڌي ايف-ايم اسٽيشن قائم ڪرڻ لاءِ مون هڪ جوشيلي ۽ جذباتي تقرير ڪئي. تقرير ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀني دوستن يڪراءِ ٿي پنهنجي آمادگيءَ جو اظهار ڪيو ته سنڌي زبان ۾ هڪ ايف-ايم اسٽيشن هجڻ گهرجي. هن ئي گڏجاڻيءَ ۾ هڪ دوست انڪشاف ڪيو ته مئنچيسٽر ۾ هفتي ۾ هڪ ڪلاڪ سنڌي پروگرام نشر ٿيندو آهي پر پوءِ خبر پيئي ته اُها سنڌي اسٽيشن ناهي پر ڪنهن ٻيءَ اسٽيشن کان هڪ ڪلاڪ جو ايئر ٽائيم خريد ڪيو ويو هو. اڄوڪي ئي ميٽنگ ۾ هڪ ورڪنگ ڪميٽي به ٺاهي ڇڏيسين جنهن جو سيڪريٽري منهنجو پراڻو دوست ڊاڪٽر عبداللطيف سومرو ٿيو. هن ئي گڏجاڻي ۾ سندس شريڪِ حيات ادي ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو سان به ملاقات ٿي جيڪا خود ريڊيو حيدرآباد تي اسان جي ڪمپيئر رهي چُڪي آهي ۽ پاڻ شعله بيان تقرير ڪندڙ پڻ آهي.
    دوستن چيو: ”اسٽيشن وري به اوهان ئي اچي قائم ڪندا ڇو ته اسان کي بنيادي ڪم ڪرڻ ۽ هن سلسلي ۾ اڳتي وڌڻ جي ايتري ڄاڻ نه آهي“. مون کين چيو ته مان واپس اچڻ لاءِ تيار آهيان پر شرط اهو آهي ته ان وچ ۾ اوهان ٻه چار گڏجاڻيون ڪريو، پئسا ڪٺا ڪريو ۽ جذبي کي زنده رکو، پوءِ هر ڪم آسان آهي. کين هڪ سنڌي شاعر استاد حاميءَ جو اردوءَ ۾ چيل هڪ شعر ٻڌايم:
    جذبئہ دل ہو سلامت، تو ہے مشکل آساں،
    کون سا کام ہے وه، جس کو بشر کر نه سکے.
    بهرحال اڄوڪي گڏجاڻي منهنجي اُميدن کان وڌيڪ ئي ڪامياب رهي. رات جو 11:30 وڳي تائين ڪچهري هلندي رهي، پوءِ هڪ ٻئي کان موڪلائي هرڪو پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ٿي ويو.
    11.02.2006: اڄ سڄو ڏينهن گهر ۾ رهيس ۽ پئڪنگ ڪيم. عبيده چئي ڇڏيو هو ته اڄ شام جو الفرڊ جا شاپنگ مالز ۽ وڏن اسٽورن جو چڪر لڳائينداسين. پروگرام موجب شام جو هتان جا مالز ۽ وڏا وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏسندا رهياسين. عبيده مارڪس ائنڊ اسپينسر اسٽور(Marks and Spenser Store) تان منهنجي لاءِ ٻه شرٽس ورتيون ته پوءِ کيس کلندي چيم ته وري مون کي ٻيهر پئڪنگ ڪرڻي پوندي. بهرحال سندس مهربانيون مڃيم. هتي ئي الفرڊ جو ٽائون هال به آهي، هتي ئي هتان جي مشهور ريسٽورنٽ نئنڊوز (Nandoo’s) ۾ ماني کاڌيسين، پر واهه جو ماني هئي، خاص طرح جهينگا (Prawns) ڏاڍا لذيذ ۽ ذائقي وارا هئا. رات جو دير تائين عبيده وارن سان ڪچهري ڪندا رهياسين.


    لنڊن کان ڪراچي

    (London to Karachi)

    اڄ فيبروري 2006 جي 12 تاريخ هئي. اڳ اهو طئي ٿيو هو ته ڀاءُ علي اڪبر ميمڻ مون کي هيٿرو ايئرپورٽ تي ڇڏي ايندو، پر ٻه ڏينهن اڳ روٽي ريسٽورنٽ جي ڊنر ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڊاڪٽر عبداللطيف سومري چيو ته جيئن ته کيس هونئن ئي ڪنهن دوست کي وٺڻ لاءِ ايئرپورٽ تي وڃڻو هو تنهنڪري آءٌ اڪبر صاحب کي تڪليف نه ڏيان، بلڪ هو ئي مون کي هوائي اڏي تي پهچائيندو. ڊاڪٽر عبداللطيف سومرو ٺيڪ 1:30 منجهند جو مون وٽ پهچي ويو ۽ اسان 3:00 وڳي تائين هيٿرو ايئرپورٽ پهچي وياسين. ڊاڪٽر صاحب جو شڪريو ادا ڪري کيس خداحافظ چئي ايئرپورٽ جي اندر داخل ٿيس. منهنجي سامان جو وزن گهربل وزن کان 40 ڪلو مٿي هو، جنهن لاءِ چيائون ته 80 پائونڊ ڏيڻا پوندا. مان ڏاڍو پريشان ٿي ويس. چوندا آهن ته ”چڱو لکيو جن، مندو سي نه پسن“. سو ڏٺم ته منهنجو پراڻو دوست ڊاڪٽر ش-ح-زيدي سامهون نظر آيو. دل ۾ چيم خدا ڪري ان وٽ به گهڻو سامان نه هجي. وڃي مليومانس، مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. پڇيومانس سامان گهڻو ته ڪو نه اٿئي؟ ته هڪدم پڇيائين: ”اووَر ويٽ جو مسئلو آهي ته پرواهه ئي نه ڪر. مون وٽ فقط هڪ بئگ آهي جنهن جو وزن 15 ڪلو به مس ٿيندو، سو فڪر نه ڪر“. نيٺ ڊاڪٽر زيدي ۽ مون ٻنهي جڏهن گڏجي وزن ڪرايو تڏهن به 5 ڪلو مٿي ٿيو پر پوءِ ڪائونٽر تي ويٺل ليڊي مرڪندي چيو ته ايترو وڌيڪ وزن اوهان کي ڇوٽ آهي. بس پنهنجو سفر Enjoy ڪيو ۽ خوش رهو.
    اسان جي فلائيٽ پي ڪي 788 پنهنجي وقت کان فقط اڌ ڪلاڪ پوءِ يعني لنڊن جي وقت مطابق شام جو 7 وڳي پرواز ڪيو. ڊاڪٽر زيدي ۽ مون سيٽ به گڏوگڏ ورتي. ڪچهري ڪندا رهياسين. جڏهن رات جي 9:30 وڳي ماني کارايائون ته ماني بس ٺيڪ ٺاڪ لڳي ۽ اوترا گهڻا آئٽم نه هئا جيڪي هوسٽن کان لنڊن ايندي مون برٽش ايئرويز جي اُڏام ۾ واپرايا هئا. مون اها ڳالهه ڊاڪٽر زيدي سان به شيئر ڪئي ته هن به ٺهه پهه منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪئي ۽ چيائين ته هو ڪالهه ئي لفٿنسا Lufthansa (جرمني جي ايئرلائين) ۾ ائمسٽرڊم کان لنڊن پهتو هو ۽ ڇا ته هنن اسان کي ڊنر کارائي هئي. چيائين ته پي آءِ اي وارا بس ٻه ٽي آئٽم ڊنر ۾ کارائن ٿا جڏهن ته وڏيون ايئرلائنون ڊنر ۾ 6-7 آئٽم رکن ٿيون. رات جو ٻارهين وڳي ڌاران سيٽون پوئتي ڪري سمهي پياسين ۽ ننڊ وڪوڙي ويئي. خبر تڏهن پيئي جڏهن پاڪستان جي وقت مطابق صبح جو 6 وڳي جهاز ۾ لائٽون ٻري ويون ۽ سڀ جاڳي پياسون. هوسٽيسون خوشبوءَ ۾ ڀڳل گرم ٽوال کڻي آيون جن سان مُنهن ڌوتوسين ۽ ڏهن منٽن اندر فريش ٿي وياسين. صبح جو 6:45 تي هلڪو ناشتو ڏنائون. 7:30 وڳي اعلان ٿيو ته اسان ٿوري وقت ۾ قائد اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي لهڻ وارا آهيون. صبح جو ٺيڪ 8:10 منٽن تي اسان ڪراچي جي هوائي اڏي تي لهي وياسين. ٻاهر نڪتاسين ته منهنجي فيملي ايئرپورٽ تي موجود هئي. ايئرپورٽ کان هدايت جي گهر پهتاسين. پر هدايت پنهنجي پوسٽنگ تي بنگلاديش ۾ هو، البت سندس سڄي فيملي ڪراچيءَ ۾ موجود هئي. هدايت جي گهر، چڪر لڳائي، اڪبر وارن جي گهر چانهه پي، ساڳئي ڏينهن تي حيدرآباد پهچي وياسين ۽ الله پاڪ جا لکين شڪرانا ادا ڪيم جنهن ڪريم جي ڪرم سان هيڏو سارو ڊگهو سفر يعني آمريڪا کان وٺي لنڊن ۽ لنڊن کان پاڪستان جو سفر سولو، سڻائو ۽ آرام آسائش وارو گذريو هو. شڪر الحمدلله.


    عشق کي شاباس : فضل قلباڻي

    ”.....سنڌي ادب کي ”تند ڪٽارو ڪنڌ“، ”پرين جي پرديس“، ”پرديسي ڪهڙا پرين“، ”سهسين ٿيا سارنگ“، ”روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو“ (ترجمو) ۽ ”سڀ ۾ پنهون پاڻ“ جهڙا خوبصورت ڪتاب ڏيندڙ عنايت بلوچ ادب جي تقريبن هر صِنف تي لکيو آهي، جنهن ۾ نثر ۽ نظم ٻيئي شامل آهن، پر سندس لکيل سفرنامن جو ته جواب ئي ناهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرناما لکندڙن ۾ سائين الطاف شيخ جو ته خير جبل جيڏو اوچو نانءُ آهي.ساڳئي وقت سائين عبدالحي پليجي ۽ اسان جي ياراسحاق انصاريءَ به وسان گهٽايو ڪونهي. اسحاق جا لکيل سفرناما ته ان ڪري به زبردست هوندا آهن جو هو لڪائيندو ڪجهه ڪونهي. مون جيان جيڪي ڪجهه به پرديس ۾ ڏسي ايندو سو بنان ڪنهن ايڊيٽنگ جي جيئن جو تيئن لکي ڇڏيندو. اُن ۾ کاڌو، پيتو، تان جو اُتي ٺاهيل ساهيڙين جو ذڪر به ڪندو. سندس پنج سال پراڻو ڇپيل سفرنامو ”پرين هُن پار“ ان ڳالهه جو ثبوت آهي. عنايت بلوچ جي سفرنامي جي وري اها خوبصورتي آهي ته ٻاهرئين دنيا جا ماڳ مڪان ڏسندو ته اُتي به کيس سنڌ جا ماڳ مڪان اکين اڳيان اچي ويندا. اُتان جي عمارتن، روڊ رستن جي ڀيٽ سنڌ سان ڪندو ويندو. اُتان جي نئين ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ سفر ڪندو ته کيس خيرپور کان پير ڳوٺ يا احمدپور هلندڙ (وايا لُقمان ڦاٽڪ) ڀڳل ٽُٽل بَس ياد اچي ويندي. پئرس جو ايفل ٽاور ۽ ان جي هيٺان وهندڙ صاف سٿري سين ندي ڏسندو ته کيس سکر وارو معصوم شاهه جو منارو ۽ مير واهه ۽ فيض واهه ياد اچي ويندو. سُوٽ بُوٽ ۾ ماڻهو ڏسندو ته کيس سنڌ جي واهڻن جا غريب اٻوجهه ۽ ”ڪلهي ڦاٽل ڪنجرو مٿي اگهاڙو“ وارا ماڻهو دل تي تري ايندا. اهو ئي سبب آهي جو سندس سفرناما سنڌ جي پڙهندڙن ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا آهن، حالانڪ سنڌي ادب ۾ سندس بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي“.

    فضل قلباڻي
    ”عشق کي شاباس“، ص 170-171


    سال 2012ع ۾ آمريڪا جو ٽيون سفر

    ڪراچيءَ کان هوسٽن

    ڪيتري وقت کان وٺي ارادو هو ته پنهنجي وڏي پُٽ اعجاز ڏانهن وڃان جيڪو هوسٽن (آمريڪا) ۾ رهي ٿو، پر پوءِ سنبرندو ئي رهيس تان جو منهنجي پاسپورٽ تي لڳل آمريڪن ويزا جي مُدي ختم ٿيڻ جي تاريخ 25 ڊسمبر 2012ع به ويجهي اچي ويئي. هن کان اڳ اعجاز ڏي 2006ع ۾ ويو هوس ۽ آمريڪا ۾ هڪ مهينو رهي، لنڊن کان ٿيندو پوءِ وطن واپس وريو هوس. ان سفر جو احوال به هن سفرنامي ۾ شامل آهي.
    آمريڪا وڃڻ جو ٻيو سبب اهو به هو ته منهنجي ڀاءُ هدايت بلوچ جي پُٽ ۽ منهنجي ڀائٽيي ممتاز ۽ منهنجي ماروٽ فيض جي سڪيلڌي نياڻي ۽ پنهنجي پياري ڀاڻيجي انيتا فاطمه کي الله تعاليٰ پُٽ عطا ڪيو هو، سو دل سَٽون پئي کاڌيون ته پنهنجن ٻچن جي گلن جهڙي ٻچڙي کي به ڏسي پنهنجي دل خوش ڪري اچان.
    5 نومبر 2012ع تي اميريٽس ايئرلائينس (EMIRATES) جي اُڏام EK-506 ۾ دبئيءَ لاءِ روانو ٿيس. ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ شخص ٽيليفون تي ميمڻڪي سنڌيءَ ۾ ٿي ڳالهايو. جڏهن ٽيليفون تي ڳالهائڻ بند ڪيائين ته ساڻس عليڪ سليڪ ٿي. جڏهن مون سان ڳالهائڻ لڳو ته صاف سنڌيءَ ۾ ٿي ڳالهايائين، پر پوءِ به ڪراچيءَ جي ميمڻن وارو لهجو سندس ڳالهائڻ مان صاف محسوس ٿي رهيو هو. گفتگو ۾ واپارين واريون ڌنڌي ڌاڙيءَ جون ڳالهيون چوريندي پڇيائين: ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ وراڻيم: ”هوسٽن.“ ”ڪنهن وٽ ٿو وڃين؟“ پنهنجي پُٽ اعجاز لاءِ ٻڌايومانس ته ”ان وٽ ٿو وڃان“. پڇيائين: ”تنهنجو پُٽ هوسٽن ۾ ڇا ڪندو آهي؟“ وراڻيم. ”بزنس ڪندو آهي.“ ڏٺم ته هڪدم سندس چهري تي سَرهائي اچي ويئي. چيائين. ”يار، پنهنجي پُٽ جو نمبر ڏي ته آءٌ هوسٽن ۾ بزنس ڪرڻ لاءِ کانئس مشورو وٺندس“. ڀڳيءَ دل سان اعجاز جو ٽيليفون کيس ڏنم. جهاز ۾ جڏهن ويٺاسين ته شڪر ڪيم جو سندس سيٽ مون کان ڪافي پري هئي تنهنڪري جهاز ۾ سندس ڌنڌي گاڏڙ گفتگو کان بچي ويس ۽ فطرت جي مالڪ کي شايد اهو منظور هو ته واپاريءَ جي بدلي ۾ منهنجي ڀر واريءَ سيٽ تي مون کي اهڙو ساٿي ڏيئي ڇڏيائين جو دل باغ بهار ٿي ويئي. هڪ خوبصورت ڇوڪري منهنجي ڀِڪ ۾ ويٺي هئي. مون کانئس پڇيو: ”تون به هوسٽن پيئي وڃين؟“ ”ڪئناڊا پيئي وڃان ۽ اُتي ئي رهندي آهيان!“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ فضيلت ڀري ۽ بااخلاق نظر آئي. پڇيومانس: ”پاڪستان ڪنهن ڪم ڪار سانگي ويا هيئو؟“ چيائين: ”منهنجي امان ۽ منهنجو ڀاءُ ڪراچيءَ ۾ رهندا آهن، انهن سان ملڻ ويئي هيس“. پوءِ ڪراچي شهر جي ڏاڍي تعريف ڪيائين ته کيس ڏاڍو وڻيو ۽ سامونڊي ڪنارن تي جيڪو سئر ڪيو هيائين ان کان به ڏاڍي متاثرهئي. اترين علائقن جي سئر سفر جو به ٻڌايائين ۽ تعريف ڪندي چيائين ته پاڪستان ڪيڏو نه خوبصورت ملڪ آهي. دل ۾ چيم: ”واقعي بيحد خوبصورت ۽ شاهوڪار ملڪ آهي پر دهشتگردي، بدعنواني ۽ اسان جي نااهل۽ ڪرپٽ حاڪمن ان کي اوتروئي بدصورت بنائي ڇڏيو آهي جيترو ٻاهرين سياحن کي سرسري نظر وجهڻ سان اسان جو ملڪ خوبصورت نظر اچي ٿو“.
    ساڻس ڳالهائڻ جي شروعات مون ڪئي هئي پر نالي پُڇڻ جي اڳرائي هُن ڪئي. ”منهنجو نالو عنايت بلوچ آهي“. کيس ٻڌايم، “آءٌ به مسلمان آهيان. اصل ڪينيا جي رهواسڻ آهيان پر هاڻي منهنجي مستقل رهائش ڪئناڊا ۾ آهي ۽ منهنجو نالو شاهين آهي“. پوءِ ته هڪ ٻئي سان ڄڻ دوستي ٿي ويئي. دبئي ايئرپورٽ تي کيس ۽ مون کي ٻه ڪلاڪ ترسڻو هو تنهنڪري هڪ ڪيفي ۾ وڃي ڪافي پيتيسون ۽ گفتگو جو سلسلو جاري رهيو. مون کان ائڊريس ورتائين ته آءٌ اوهان ڏي خط لکنديس. مون سندس ائڊريس نه ورتي پر ساڻس واعدو ڪيم ته جيئن سندس خط مليو ته فورن کيس جواب لکندس. ڪافي پيئندي مون کي ياد ڏياريائين ته: ”اوهان جي فلائيٽ جو ٽائيم ويجهو اچي ويو آهي“. خوشگوار ۽ وڻندڙ ساٿ جي ڪري مون کي خبر ئي نه پيئي ته وقت ڪيترو جلد گذري ويو. هڪ ٻئي کي خدا حافظ چئي پنهنجو پنهنجو رستو ورتوسين.
    اميريٽس ايئرلائن ۾ منهنجي ٽڪيٽ ته منهنجي پياري دوست لکمير جروار جي معرفت هڪ ٽريول ايجنٽ بوڪ ڪئي هئي پر اوٽ موٽ جي سيٽن ڪنفرم ڪرڻ جو ڪم منهنجي پُٽ ڪامران ڪيو هو. پر بدقسمتيءَ سان دبئيءَ کان هوسٽن سيڪٽر جي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ اُڏام جي سيٽ ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به بوڪ نه ٿي سگهي هئي. بس الله جو آسرو ڪري ڪراچي ايئرپورٽ جي چيڪ اِن ڪائونٽر تي ويٺل بوڪنگ ڪندڙ اسٽاف جي ماڻهوءَ کي چيم: ”يار تنهنجا ٿورا ڳائيندو رهندس جي تون مون کي Leg Space جي سيٽ (اهڙي سيٽ جتي ڄنگهون ڊگهيري آسائش سان سفر ڪري سگهبو آهي) بوڪ ڪري ڏين“. بوڪنگ تي ويٺل شخص مانائتو ۽ فضيلت وارو نظر آيو سو هن منهنجو عرض اگهائيندي Leg Space جي سيٽ ڪنفرم ڪري ڏني، جنهنڪري دبئيءَ کان هوسٽن جو 16 ڪلاڪ لڳاتار ۽ ڊگهي اڏام جو سفر تمام سٺو ۽ آرامده گذريو. پنهنجي ٻوليءَ جي چوَڻي ياد پيئي:
    چڱو لکيو جن، مندو سي نه پسن،
    توڙي روههَ رهن، ته به کنڊون کائن کير سان.
    ڪراچيءَ کان دبئي پهچڻ ۾ پورا ٻه ڪلاڪ لڳا. ڪراچيءَ مان جهاز صبح جو 6 وڳي روانو ٿي پاڪستان جي وقت مطابق 8 وڳي دبئي پهتو. ان وقت دبئيءَ ۾ مقامي وقت مطابق صبح جا 7 ٿيا هئا. اهڙيءَ طرح دبئي جو وقت پاڪستان کان هڪ ڪلاڪ پٺتي آهي.
    اسان جي ٻي فلائيٽ EK-211 جيڪا پڻ اميريٽس ايئرلائين جي هئي، دبئيءَ جي وقت مطابق صبح جو 9:45 تي رواني ٿي. مون زندگيءَ ۾ دنيا جا ڏاڍا سفر ڪيا آهن پر اڄوڪو سفر لڳاتار اُڏام جي حساب سان ڊگھي ۾ ڊگهو سفر هو. جهاز ۾ ويهڻ شرط ٻڌايو ويو ته اسان پورن سورهن ڪلاڪن ۾ هوسٽن پهچنداسون. مون پنهنجي سفرنامي ”سهسين ٿيا سارنگ“ ۾ 8 ڪلاڪن جي مخلتف فلائيٽس جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ اهو ذڪر ٿيل آهي ته هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پهچڻ ۾ اڪثر ڪري اسان جي اڏام 8 ڪلاڪن جي هوندي هئي. هڪ ٻه ڀيرا اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ سفر فقط ڏهن ڪلاڪن تائين ڪيم پر اڄوڪي 16 ڪلاڪن جي لڳاتار اُڏام جي انائونسمينٽ ٻُڌندي ئي ڄڻ ڇِرڪي ويس. ٿيو به بلڪل ائين. پهرين پنجن-ڇهن ڪلاڪن گذرڻ کانپوءِ ئي بوريت محسوس ٿيڻ لڳي. هڪ دلچسپ ڪتاب کولي ويهي رهيس پر پوءِ سفر جي بوريت ۾ ڪتاب پڙهڻ جو پورو لطف حاصل ڪري نه سگهيس. ٿوريءَ دير کانپوءِ اسان جو جهاز هوا جي زور (Air Pockets) سبب جهٽڪا هڻڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ته اُهي جهٽڪا ايترا ته زوردار هئا جو مسافرن سخت پريشانيءَ جو باعث بنجي ويا. ڪلاڪ ڏيڍ تائين اهي جهٽڪا ايندا رهيا ۽ سڀني مسافرن کي چيو ويو ته سيٽ بيلٽ ٻَڌي ڇڏين، ان ڪري اسان کي حفاظتي بيلٽ لڳاتار ٽائيٽ رکڻا پيا. هڪ ٻن مسافرن تي زور پئجي ويو ۽ ٽوائليٽ (Toilet) ڏانهن وڃڻ لڳا پر ايئرهوسٽيس کين اوڏانهن وڃڻ نه ڏنو ۽ ويچارا واپس وڃي پنهنجن سيٽن تي ويٺا. ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ وڃي جهٽڪا بند ٿيا ۽ مسافرن جي چهرن تي ٻيهر رنگ ۽ رونق جا پاڇا نمودار ٿيڻ لڳا. هڪ ايئرهوسٽيس کي مون چيو ته: ”مهرباني ڪري مون کي اهو ٻڌاءِ ته دبئيءَ کان هوسٽن تائين ڪهڙن مکيه شهرن مٿان اسان جي جهاز کي گذرڻو هو“. چيائين ته: ”مون کي خبر ڪانهي باقي مان جهاز جي ڪپتان کان پُڇي اوهان کي ٻڌايان ٿي“. ٿوريءَ دير ۾ مون کي هڪ پنو آڻي ڏنائين ۽ چيائين ته نائب ڪپتان صاحب چوي ٿو: ”هونئن ته اسان ڪيترن ئي شهرن مٿان گذرنداسون پر وڏا ۽ مکيه شهر هي آهن. وارسا (پولئنڊ)، ڪوپن هئگن (ڊينمارڪ) ۽ ٽورونٽو (ڪئناڊا)“.
    امارات (EMIRATES) جي اُڏام بهرحال ڪافي آرامده هئي. سندن کاڌي پيتي جو انتظام نهايت ئي اعليٰ معيار جو هو. ايئرهوسٽيس جوسز پياري پياري اسان کي ٿڪائي ڇڏيو هو. ڪنهن وقت جوس پيئڻ تي دل نٿي چاهيو، پر حسِين چهرن جي موهيندڙ مُرڪ ۽ نفيس هٿن سان جڏهن اُها جوس پيش ڪئي ٿي ويئي ته مون جهڙن حُسن جي پوڄارين کي مجال ئي ڪانه ٿي جو اهڙي من موهيندڙ پيشڪش کي ٺُڪرائي سگهجي.
    هاڻي اعلان ٿيو ته ٿورڙي دير ۾ اسان هوسٽن ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون تنهنڪري اسان کي حفاظتي بندن ٻَڌڻ لاءِ چيو ويو. هوسٽن ايئرپورٽ تي موسم خراب هجڻ سبب جهاز کي هڪ ٻه چڪر هوا ۾ لڳائڻا پيا، نيٺ مقامي وقت مطابق شام چئين وڳي جهاز لئنڊ ڪيو. اهڙيءَ طرح پورن ساڍن سورهن ڪلاڪن جي لڳاتار اُڏام کانپوءِ هوسٽن پهچي وياسين. اميگريشن وارن ڪيترن مسافرن کان چڱا خاصا سوال ٿي ڪيا پر هميشه وانگر مون کي هڪ منٽ اندر فارغ ڪري ڇڏيائون. جيئن ٻاهر آيس ته منهنجو پُٽ اعجاز، ڀائٽيو ممتاز ۽ ڀائرن جهڙو ماروٽ فيض ايئرپورٽ تي موجود هئا. ايئرپورٽ تان سڌو ممتاز ۽ انيتا جي گهر پهتاسون. رستي تي ٽرئفڪ ڪافي جام (Jam) هئي.
    ممتاز جي گهر فيض، حُسنه (فيض جي شريڪِ حيات)، ممتاز، انيتا (ممتاز جي وائيف)، آءٌ، فاروق، منهنجو پُٽ اعجاز موجود هئاسين. ٿوريءَ دير کانپوءِ نئون مهمان يعني ممتاز ۽ انيتا جو پُٽ زوهيب ننڊ مان جاڳيو جنهن کي ڏسي دل بهار بهار ٿي ويئي. خوبصورت ۽ بخت وارو نظر آيو. ٻه-چار ڪلاڪ ڪچهري ڪئي سون، مگر مجال آهي جو هڪ سيڪنڊ لاءِ به زوهيب کي روئندو ڏٺو هجي. مون کي دل ۾ حسرت رهجي ويئي ته زوهيب کي جيڪر ڏسان ته هو روئي ڪيئن ٿو. ننڍڙي زوهيب کي باغ بهار ڏسي منهنجي ذهن ۾ ڪجهه شعر سِرجڻ لڳا. ڪچهريءَ کان فقط ڏهن منٽن جي اجازت وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آيس ته ٻه چار سِٽون لکجي ويون جيڪي ٻاهر وڃي سڀني کي ٻڌايم ۽ سڀئي ڏاڍا خوش ٿيا:
    سنڌي چوسٽو:
    اي انيتا فاطمه! ممتاز! آهيو خوش نصيب،
    دائمي وسنديون اوهان تي رب جون شل رحمتون،
    ٿيو عنايت هڪ نئون ناياب آ تحفو زوهيب!
    ان جي صدقي ۾ اوهان تي ٿينديون نازل نعمتون.
    اردو قطعو:
    ہیں انيتا فاطمه! ممتاز! کتنے خوش نصيب،
    ميرے رب نے دامنِ اُميد ان کا بھر ديا،
    پھول جيسا چاند جيسا خوبرو بيٹا زوهيب!
    ديکھئے الله نے اُن کو عنايت کرديا.
    رات جو دير تائين ڪچهري ڪري فاروق جي گهر پهتاسين ۽ پهچڻ شرط بستري تي اهڙا وڃي ڪِرياسين جو ٻئي ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي وڃي اکيون کُليون. غسل ڪري تازو توانو ٿيس. ٿوريءَ دير کانپوءِ اعجاز ۽ فاروق به اُٿيا. شام جو 8 وڳي ڌاران فيض، ممتاز ۽ انيتا به پهچي ويا ڇاڪاڻ ته اڄ رات جي ماني جي ميزباني فاروق پنهنجي ذمي ڪئي هئي. فاروق منهنجي ڀاءُ هدايت بلوچ جو ٻيو نمبر پُٽ آهي ۽ اُهو به ويهن ٻاويهن سالن کان آمريڪا ۾ رهندو آهي.
    اعجاز ٻڌايو ته نيويارڪ کان نعمت جو فون آيو هو جنهن اوهان جي پُڇا ڳاڇا ڪئي ۽ اوهان کي کوڙ سارا سلام موڪليا اٿائين. نعمت منهنجي چاچا غلام مصطفيٰ مهجور (مرحوم) جو وڏو پُٽ ۽ منهنجو سڳو سوٽ آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان وٺي نيويارڪ ۾ رهندو آهي. الله جا لک شڪرانا جو اسان جي خاندان ۾ محبتن جو رشتو مضبوط رهندو آيو آهي ۽ ڪلفتن يا نفرتن ڪڏهن به اسان جي اڱڻ تي پير نه پاتو آهي.


    آمريڪا ۾ جنرل اليڪشن

    (General Election in United States)

    فاروق جي گهر ڪچهري به ڪندا رهياسين ۽ ٽيليويزن تي آمريڪا جي 6 نومبر جي جنرل اليڪشن جي نتيجن جي ڀرپور گهماگهمي به ڏسندا رهياسين. هر ٽي-وي چئنل تي اليڪشن جا نتيجا اچي رهيا هئا ته ان سان گڏوگڏ وڏن صحافين ۽ تجزيا ڪندڙن جا تبصرا به نشر ٿي رهيا هئا.
    6 نومبر 2012ع تي آمريڪا جي صدارتي يا جنرل اليڪشن لاءِ ٽي اميدوار ميدان تي لٿل هئا پر ويچاري ٽئين اميدوار جو نالو به نٿي ورتو ويو ڇو ته اصل مقابلو فقط ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي موجوده صدر بارڪ حسين اوباما ۽ ريپبليڪن پارٽيءَ جي مِٽ رومني جي وچ ۾ هو. اليڪشن ۾ ماڻهو پنهنجي ووٽ وجهڻ لاءِ منظم طريقي سان قطارن ۾ بيٺل هئا ۽ پنهنجي ووٽ وجهڻ جي انتظار ۾ ڪيترائي ڪلاڪ قطارن ۾ بيٺل نظر آيا. اهڙو نظارو ٿوري ٿوري وقفي سان هر ٽيليويزن چئنل طرفان ڏيکاريو ٿي ويو. فيض مون کي چيو: “لڳي ائين ٿو ته اوهان آمريڪا جي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ هتي پهتا آهيو”. اهو عجيب اتفاق چئجي ته آءٌ 5 نومبر 2012ع تي آمريڪا جي شهر هوسٽن پهتو هوس ۽ اڄ 6 نومبر 2012ع جي شام جو اليڪشن ٿيڻ کانپوءِ نتيجا اچڻ شروع ٿي چڪا هئا. آمريڪا ۾ شام جو ڪٿي 6 ته ڪٿي 7 وڳي (آمريڪا جي مختلف علائقن ۾ مختلف وقتن جي حساب سان) اليڪشن ختم ٿي. چونڊن دوران يا چونڊن جي ختم ٿيڻ تي ڪنهن جي مرڻ، بندوق جي گولين ۾ ماڻهن جي چِچرجي وڃڻ، زخمي ٿيڻ، جهيڙي جهڳڙي، هٿيارن جي استعمال وغيره جي خبر ته پري رهي پر معمولي اختلاف يا تون ڇا، تون ڇا جي نوبت به ڪٿان ۽ ڪنهن به هنڌان ٻڌڻ ۾ نه آئي. پاڪستان ۾ اليڪشن جي موقعي تي خبر ناهي ته ڪيترن ماڻهن جا جنازا نڪرندا آهن، سوين ماڻهو زخمي ٿي اسپتالن ۾ وڃي داخل ٿيندا آهن ۽ سياسي اختلاف ذاتي ۽ دائمي دشمنيءَ جو روپ وٺي نسل در نسل هلندا رهندا آهن. رات جو ساڍي اٺين وڳي کان ئي چونڊن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا هئا.


    آمريڪي ميڊيا جي نااهلي

    (Incompetence of US Media)

    پوين صفحن ۾ ٻڌايو اٿم ته اسان هدايت بلوچ جي ننڍي پٽ فاروق جي گهر هئاسون. فاروق وٽ پنهنجو سٺو گهر آهي ۽ وڏي نزاڪت ۽ نفاست سان پنهنجي گهر ۾ رهندو آهي. طئي اهو ٿيل هو ته رات جي ماني فاروق جي گهر کائينداسون ۽ چُونڊن (Elections) جا نتيجا به اُتي ئي ويهي ڏسنداسون. ڪچهريءَ ۾ ڀوڳ ٺڪاوَ، چرچا گهٻا ۽ بحث مباحثا به ٿي رهيا هئا ته ساڳئي وقت رزلٽ به ڏسندا ٿي رهياسون. وقفي وقفي سان Scrabble جي راند به کيڏندا ٿي رهياسون. هڪ ڳالهه جنهن اسان سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو سا هيءَ هئي ته ڪجهه ٽي وي چئنلن تي نتيجن کي تڪڙو تڪڙو ڏيکاريو ٿي ويو ته ٻين تي وري نتيجا ڪافي دير سان ٿي آيا. نيٺ اسان سڀني اهو طئي ڪيو ته ٻين سڀني چئنلن کي ڇڏي فقط CNN کي ڏسجي ڇو ته سڄي دنيا ۾ ان چئنل جي وڏي شهرت آهي ۽ اتي ئي تڪڙا تڪڙا نتيجا ڏسي سگهبا. پر اسان سڀني جي حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن سي.اين.اين ووٽن جي نتيجن نشر ڪرڻ ۾ سڀني چئنلن کان پٺتي پيل هئي. پاپولر توڙي اليڪٽرول ووٽن (Popular and Electoral Votes) جي نتيجن کي، ٻين چئنلن جهڙوڪ اين.بي.سي (NBC)، ايم.ايس.اين.بي.سي (MSNBC)، سي.بي.سي (CBC) وغيره نتيجن کي لاڳيتو وڌندي ۽ جلدي بدلجندي ٿي ڏيکاريو پر سي.اين.اين تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ساڳي صورتحال ڏيکاري ٿي ويئي.
    منهنجي سروس جو سمورو حصو جيئن ته ريڊيو پاڪستان ۾ گذريو آهي. جنرل يحيٰ خان طرفان ڪرايل 1970ع واري اليڪشن (جنهن کي اڄ ڏينهن تائين پاڪستان جي تاريخ جي وڌ ۾ وڌ شفاف اليڪشن چيو ۽ مڃيو ويندو آهي) کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو يا ميان نواز شريف جي دورن تائين منعقد ٿيل اليڪشنن جو عيني شاهد ۽ ريڊيو پاڪستان طرفان قائم ڪيل اليڪشن سيل جو ڪيترا ڀيرا سربراهه به رهيو آهيان ته مون کي اهو ڏسي سخت افسوس ٿيو ته سي.اين.اين جهڙي جڳ مشهور چئنل 2012ع جي آمريڪي اليڪشن جي نتيجن کي بروقت ڏيکارڻ ۾ بنهه ناڪام ويئي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻيون گهٽ مشهور چئنلون گهڻو اڳتي هيون. سنڌيءَ جي چوڻي ياد پئي ته: ”نانءُ وڏو، ديهه ويران“. مان اها ڳالهه سئو فيصد يقين سان چئي سگهان ٿو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ اليڪشن جي ڪوَريج اسان آمريڪي ميڊيا کان هزار دفعا بهتر طريقي سان ڪئي هئي. ٻيو ته ٺهيو پر ريڊيو ۽ ٽيليويزن طرفان جلد نتيجن ڏيڻ ۾ مقابلو ٿيندو هو ۽ اڪثر ڪري ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن کان گهڻو اڳتي هوندو هو. تڏهن فقط ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن جو مقابلو هوندو هو پر هاڻي ته ٽيليويزن جا بيشمار چئنل اچي ويا آهن.
    اليڪشن جي ساڳي تاريخ تي رات جي 11:30 وڳي تائين تمام گهڻا نتيجا اچي چُڪا هئا ۽ اها ڳالهه واضح ٿي ويئي هئي ته بارڪ حسين اوباما (Barack Hussein Obama) واضح اڪثريت سان اليڪشن کٽي ويو هو ۽ کيس مبارڪباد جا پيغام به وصول ٿي رهيا هئا ۽ ساڳيءَ رات جڏهن تاريخ 6 نومبر مان بدلجي 7 نومبر ٿي چُڪي هئي ته رات جو هڪ وڳي بارڪ اوباما پنهنجي گهرواريءَ ۽ آمريڪن فرسٽ ليڊي مشل (Michelle) ۽ ٻن ڌيئرن ساشا ۽ ماليا (Sasha & Malia) سان گڏجي پنهنجي سرڪاري رهائش گاهه مِڪ ڪارمڪ محل (Mc Cormick Palace) مان ظاهر ٿيو ۽ ماڻهن جي هڪ تمام وڏي هجوم اڳيان اچي بيٺو ڇو ته هزارين ماڻهو آمريڪا جي اليڪشن ۾ ٻيهر ڪامياب ٿيندڙ پنهنجي ليڊر کي ڏسڻ جا سخت منتظر هئا. جيئن اوباما ٻاهر آيو ته تاڙين جي گونج، مُرڪن، جهمُرين، هٿن جي چُمين (Flying Kisses) خوشين ۽ شادمانن سان سندس استقبال ڪيو ويو. پنجن کان ستن منٽن تائين تاڙيون وڄنديون رهيون ۽ اوباما هر طرف ڏانهن مُنهن ورائيندي ماڻهن جي مرحبائي نعرن جو جواب پنهنجا هٿ مٿي ڪري ڏيندو رهيو. نيٺ هن ماڻهن جي وڏي هجوم کي خطاب ڪندي چيو: ”اسان آمريڪي هڪڙي خاندان وانگر آهيون ۽ اسان گڏجي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندا آهيون. پر جي مٿاهينءَ کان هيٺ ڪِرندا آهيون ته به گڏجي ڪِرندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي قوم توڙي گهراڻو ساڳيو ئي آهي ڇو ته اسين سڀئي آمريڪي آهيون.“
    اوباما اليڪشن ۾ هارائيندڙ اميدوار مِٽ رومني(Mitt Romney) کي اليڪشن ۾ جوش و خروش سان حصو وٺڻ تي نه رڳو کيس تحسين ڏني پر کيس چيائين ته: ”اسان آمريڪا جي بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين“. مِٽ رومني پڻ سوڀ ماڻيندڙ صدر کي مبارڪباد ڏيندي عوام کي اپيل ڪئي ته: ”هو اوباما جي حق ۾ دعائون گهُرن ۽ پنهنجي طرفان هن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪن ته جيئن بارڪ اوباما قوم جي ڀرپور رهبري ڪري سگهي.“
    پاڪستان ۾ اليڪشن هارائيندڙ اميدوار کي گهڻو ڪري ته سُتت ئي جيل اُماڻيو ويندو آهي پر جي ڀاڳ ڀلا اٿس ۽ جيل وڃڻ کان بچي ويو ته پوءِ کيس غدار جو لقب مفت ۾ ملي ويندو آهي.


    اصغر پٺاڻ جو ساٿ ۽ ماڻهن سان ملاقاتون

    09.11.2012: اڄ منهنجو برخوردار اصغر پٺاڻ، جيڪو سائين محمد يوسف پٺاڻ (مرحوم) جو پٽ آهي ۽ جنهن جي فيملي سان اسان جا خانداني ۽ برادري وارا لڳ لاڳاپا رهيا آهن، مون کي اعجاز جي گهران پاڻ سان گڏ وٺي ويو. اسان پهرين سندس سُپر اسٽور تي وياسين جيڪو ائنگلٽن (Angleton-Texas) جي علائقي ۾ آهي. سُپر اسٽور سان گڏ سندس گئس اسٽيشن (يعني پيٽرول پمپ) به آهي. ان کان پوءِ ڀاءُ اصغر مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو جيڪو هوسٽن جي صاف ۽ سٺي علائقي پيئرلئنڊ (Pearland) ۾ آهي. اُتي سندس مانائتي گهر واري ادي نزهت ۽ سندس ٻارڙن سان ملاقات ٿي. ادي نزهت ڏاڍو قرب ڏنو. توڙي جو هاڻي آمريڪا ۾ رهي ٿي پر منجهس ڳوٺاڻو خلوص ۽ نج ٻهراڙيءَ واري اُنسيت موجود آهي. اسان گڏجي ڪچهري ڪئي ۽ ائين لڳو ته ادي نزهت ڄڻ منهنجي اڳ جي واقف آهي. رات جو اصغر مون کي سنڌين جي هڪ دعوت ۾ وٺي ويو جيڪا ٻن دوستن يعني محترم سهيل سومري ۽ محترم منير پاٽولي طرفان حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪئي ويئي هئي. اڄوڪي دعوت جي ميزباني محترم منصور سمي پنهنجي گهر ۾ ڪئي هئي. هن دعوت ۾ ڏهه-ٻارهن سنڌي فيمليون گڏ هيون جن سان ملي ۽ ڪچهري ڪري لطف اندوز ٿياسين. جيڪي نمايان سنڌي ان ۾ شريڪ ٿيا انهن جا نالا هي آهن: اصغر پٺاڻ ۽ سندس شريڪِ حيات ادي نزهت ۽ سندن ٻار، محترم اعجاز عالماڻي، پرويز شيخ ۽ دانش پٺاڻ موجود هئا. ڪجهه ٻيا دوست به هئا پر انهن جا نالا بروقت نوٽ نه ڪري سگهيو هوس.
    11.11.2012: اڄ محترم ممتاز چانگ طرفان ساڳين دوستن يعني ٻن حاجي صاحبان جي مانَ ۾ هڪ دعوت جو بندوبست ٿيل هو. دستور موجب اڄ به ڀاءُ اصغر پٺاڻ مون کي ڊِماسس ميڊيٽرينين بوفي(Dimasis Mediterranean Buffet) ۾ وٺي ويو. اصغر سان گڏ سندس شريڪِ حيات ادي نزهت ۽ سندن ٽي ٻار دانش، تابش ۽ سندن پياري ڌيءُ اَلشبا به موجود هئي. هن هوٽل ۾ منجهند جي ماني (Lunch) جو نهايت ئي شاندار انتظام ٿيل هو ۽ هڪ اندازي موجب 60 کان 70 سنڌي جيڪي پنهنجين فيملين سان گڏ هئا، هن دعوت ۾ شريڪ ٿيا. اڄوڪي گڏجاڻيءَ ۾ ڏاڍو مزو آيو ڇو ته ڪيترن ئي سنڌين سان ملاقاتون ٿيون. هيڏي ساري مجمعي ۾ ڪو به غير سنڌي ڪونه هو. ساڍي چئين وڳي تائين هوٽل ۾ سنڌين جي ڪچهريءَ جي گهما گهمي رهي. مون کي هڪ ڳالهه جي ڪري خوشي ۽ دلي سڪون پهتو ته سنڌين جي هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي دوستن مون کي شاعر ۽ اديب جي حيثيت سان چڱيءَ طرح سڃاتو ٿي. ڪجهه دوستن منهنجا ڪتاب پڙهيا هئا ۽ وٽن موجود به هئا. مون کان پڇيائون ته اوهان جي پاڪستان واپسي ڪڏهن آهي؟ جڏهن کين ٻڌايم ته: ”28 نومبر تي منهنجي واپسيءَ جي سيٽ بوڪ آهي“ ته سڀئي همراهه بنهه مڇرجي پيا ۽ چيائيون ته: ”سائين اوهان جهڙو سڄاڻ اديب ۽ شاعر اسان کي هتي اوچتو الائي ڪيئن هٿ لڳو آهي سو اوهان کي 8 ڊسمبر کان اڳ هرگز وڃڻ نه ڏينداسون“. پوءِ وضاحت ڪندي ٻڌايائون ته 8 ڊسمبر تي سنڌين طرفان هر سال اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو ڏهاڙو وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، انڪري مون کي چيائون ته ان موقعي تي اوهان اسان جا خاص مهمان هوندا. اسان کي ان ڏينهن سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائجو ۽ موقعي جي مناسبت سان شاعري به پيش ڪجو ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي. نيٺ راضي نامو ان ڳالهه تي ٿيو ته جي منهنجي ٽڪيٽ 8 ڊسمبر تائين آسانيءَ سان بدلجي ويئي ۽ واپسيءَ جي بوڪنگ 9 يا 10 ڊسمبر 2012ع تائين ڪنفرم ٿي ويئي ته پوءِ آءٌ ضرور ان تاريخ تائين ترسندس نه ته ٻي صورت ۾ مون کي اجازت ڏجو ته مان 28 نومبر تي واپس هليو وڃان. بهرحال ڊماسس ۾ لنچ کائڻ کانپوءِ اصغر صاحب مون کي پياري دوست واحد ڪاڇيلي جي گهر ڇڏيو ڇو ته اڄ رات جي ڪچهري توڙي رات جي مانيءَ جو بندوبست ڪاڇيلي صاحب ڪيو هو. هڪ ايراني ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني کاڌيسين ۽ اسان هن ريسٽورنٽ ۾ تِترن جو ٻوڙ کاڌو جنهن کائڻ ۾ ڏاڍي لذت ڏني. ڊنر کائي سڌو ڪلوٽ آياسين جتي اعجاز رهندو آهي. ڪاڇيلو صاحب ۽ سندس ٻه ٻيا دوست مون کي ڇڏڻ آيا. هوسٽن شهر کان ڪلوٽ ڪلاڪ کان به مٿي جي ڊرائيو آهي.


    سنڌي ريڊيو ۽ عيسيٰ ڀرڳڙيءَ سان ملاقات

    12.11.2012: عيسيٰ ڀرڳڙي، جيڪو اعجاز جو دوست آهي ۽ جنهن سان هوسٽن ۾ ٿيل هڪ ٻن گڏجاڻين ۾ ملاقات ٿي هئي، زوردار فرمائش ڪئي ته اڄوڪو ڏينهن آءٌ ساڻس گڏجي گذاريان. هو به ڪِلوٽ جي بلڪل ويجهو فري پورٽ ۾ هڪ اسٽور ۽ گئس اسٽيشن هلائيندو آهي، جنهن ڪري اعجاز کي چيم ته مون کي عيسيٰ ڀرڳڙي وٽ ڇڏي اچي. هڪ ڏيڍ وڳي منجهند جو اعجاز مون کي عيسيٰ ڀرڳڙيءَ جي اسٽور تي ڇڏي ويو. عيسيٰ صاحب مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. اعجاز شايد اڳ ۾ ئي کيس ٽيليفون ڪري ڇڏيو هو ته بابا کي وٺي ايندس سو هن دوست منجهند جي مانيءَ جو پُرتڪلف انتظام ڪري ڇڏيو هو. ماني کائيندي خوب ڪچهري ڪندا رهياسون. مون کي ٻڌايائين ته هوسٽن ۾ هڪ ڪلاڪ جو سنڌيءَ ۾ ريڊيو پروگرام نشر ڪرڻ لاءِ کيس ڪيترا نه جتن ڪرڻا پيا هئا. اهو به ٻڌايائين ته سندس دوست اعجاز عالماڻيءَ جون ڪوششون پڻ ذڪر لائق هيون. مون کان بهرحال واعدو ورتائين ته پنهنجي مصروفيت مان ڪنهن به آچر تي هڪ ڏيڍ ڪلاڪ جو وقت ضرور ڪڍان ته جيئن هو منهنجو تفصيلي انٽرويو پنهنجي ريڊيو اسٽيشن ”سنگيت ريڊيو“ جي پروگرام ”مهراڻ رنگ“ ۾ نشر ڪري سگهي. مون ساڻس واعدو ڪيو ته ايندڙ آچر تي ضرور ان پروگرام ۾ شرڪت ڪبي.
    هفتي کانپوءِ آچر جو ڏينهن آيو ۽ اڄ تاريخ 18 نومبر 2012ع هئي. منجهند جو 12 وڳي کان ئي عيسيٰ ڀرڳڙي صاحب جا ٽيليفون اچڻ شروع ٿي ويا ته جيئن مان ٺيڪ پوڻين پنجين وڳي ”سنگيت ريڊيو“ جي اسٽوڊيوز ۾ پهچي وڃان جو پوري پنجين وڳي پروگرام ”مهراڻ رنگ“ شروع ٿيڻو هو. وري به ڀاءُ اصغر پٺاڻ مون کي سنگيت ريڊيو وٽ وڃي ڇڏيو جتي ٻه دوست اعجاز عالماڻي ۽ عيسيٰ ڀرڳڙي اڳ ئي موجود هئا ۽ مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. پنهنجي پروگرام جي شروعات ۾ ئي سامعين سان منهنجو تعارف هن ريت ڪرايو ويو: ”سامعين! اسان جي اها وڏي خوش قسمتي چئجي جو اسان جي سنگيت ريڊيو جي اسٽوڊيوز ۾ اڄ سنڌ جو هڪ مايه ناز شاعر، اديب ۽ مشهور براڊڪاسٽر جناب عنايت بلوچ موجود آهي، جنهن سان اسان پنهنجي پروگرام ”مهراڻ رنگ“ ۾ ڳالهيون ڪندا رهنداسون ۽ سندس شاعري به اوهان کي ٻڌرائينداسون“. پروگرام شروع ٿي ويو ۽ ٻئي ائنڪرز (Anchors) يعني اعجاز عالماڻي ۽ عيسيٰ ڀرڳڙي مون کان مختلف سوال ڪندا رهيا ۽ منهنجي فرمائش تي وقفي وقفي سان منهنجي پسند جا نغما به نشر ڪندا رهيا. هلندڙ پروگرام ۾ مختلف ماڻهن طرفان 9-10 فون آيا. هڪ ٻن دوستن مون کي ٻڌايو ته ڪنهن وٽ منهنجو سفرنامو ”پرديسي ڪهڙا پرين“ موجود هو، ٻئي وري ٻڌايو ته ان وٽ منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ موجود هو. هڪ ٻن اردو ڳالهائيندڙن جا فون به آيا جن پروگرام کي پسند ڪيو. پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ عيسيٰ ڀرڳڙي مون کي ٻڌايو ته جن اردو ڳالهائيندڙن جا فون آيا هئا اُهي سنڌي پروگرام ”مهراڻ رنگ“ جا ريگيولر ڪالر آهن ۽ هر دفعي پنهنجي پسند کان آگاهه به ڪندا رهندا آهن ته پروگرام کي بهتر بنائڻ لاءِ تجويزون به ڏيندا رهندا آهن.
    هاڻي بهتر ٿيندو ته هوسٽن مان سنڌي پروگرام شروع ڪرڻ بابت مختصر طور تي اوهان کي ڪجهه ٻڌائجي. محترم اعجاز عالماڻي ۽ عيسيٰ ڀرڳڙي ٻڌايو ته 9-10 سال اڳ هڪ ڪلاڪ جو هفتيوار سنڌي پروگرام ”مهراڻ رنگ“ هوسٽن جي سنگيت ريڊيو کان خريد ڪيو ويو هو، پر ڪن مالي مجبورين سبب اُهو ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ويو ۽ سال-ڏيڍ جي وقفي کانپوءِ ان پروگرام کي ٻيهر شروع ڪيو ويو. هن پروگرام کي باقاعدگيءَ سان هلائڻ جي سلسلي ۾ محترم اعجاز عالماڻي ۽ ڀاءُ عيسيٰ ڀرڳڙيءَ جون ڪوششون تعريف لائق آهن جن پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون ڪري پروگرام ”مهراڻ رنگ“ جي نشريات کي جاري رکيو آهي. مون کين مشورو ڏنو ته ڇو نه ان پروگرام کي روزانو نشر ڪيو وڃي ۽ خرچن کي برداشت ڪرڻ لاءِ ڪجهه اشتهار هلايا وڃن. دوستن ٻڌايو ته هُنن اهي ڪوششون ورتيون هيون پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. پر مون کي يقين آهي ته هوسٽن جي شهر ۾ جتي سنڌي وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ رهن ٿا، اُتي روزانو هڪ ڪلاڪ جي پروگرام نشر ڪرڻ ۾ گهڻي دُشواري نه هجڻ گهرجي. ضرورت فقط گڏيل ۽ پُرخلوص ڪوششن ڪرڻ جي آهي.


    جي.پي.ايس جي انقلابي سهولت

    13.11.2012: اڄ اڱارو هو جنهن تي اعجاز ۽ فاروق کي موڪل هوندي آهي باقي ممتاز کي ڊيوٽي ڪرڻ کانپوءِ موڪل ڪرڻي هئي. شروع وارن صفحن ۾ تعارف ڪرائي آيو آهيان ته اعجاز منهنجو پٽ ۽ ممتاز ۽ فاروق منهنجي ڀاءُ هدايت بلوچ جا پٽ آهن ۽ ٽيئي ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا ۾ رهندا آهن. اعجاز ۽ مان ڪلوٽ کان هوسٽن آياسين. اڄ جي پروگرام ۾ پهريون امارات (Emirates) ايئرلائينس جي آفيس وڃڻو هو پر اعجاز کي خبر نه هئي ته امارات ايئرلائينس جي آفيس ڪٿي هئي، سو سندس گاڏيءَ ۾ فٽ ٿيل (Global Positioning System: GPS) جو سهارو ورتائين، جنهن کي ٻين لفظن ۾ Navigation سسٽم به چيو ويندو آهي. هيءُ طريقو شروعات ۾ ترقي يافته ملڪن پنهنجي فوجين ۾ رائج ڪيو ته جيئن دشمن ملڪن جي اهم فوجي اڏن يا شهرن جو صحيح نقشو هٿ ڪري سسٽم ۾ وجهي، پوءِ حملو عين انهن جاين يا فوجي اڏن تي ڪيو وڃي جن کي نشانو بنائڻو هو. پاڪستان جي اترين علائقن يا وزيرستان ۾ آمريڪا طرفان جيڪي ڊرون حملا ٿي رهيا آهن اُهي به جي.پي.ايس سرشتي ذريعي ٿي رهيا آهن. اڄڪلهه اهو طريقو هوائي جهازن توڙي سامونڊي جهازن ۾ پڻ فٽ ٿيل آهي ته جيئن جهاز هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ کان سواءِ سڌو پنهنجيءَ منزل تي پهچي وڃن.
    سو اعجاز به امارات ايئرلائينس جي ائڊريس هٿ ڪري پنهنجي گاڏيءَ جي جي.پي.ايس سرشتي ۾ وجهي ڇڏي ۽ سسٽم کي چالو ڪري ڇڏيو. هاڻي کيس جي.پي.ايس جي هدايتن تي عمل ڪرڻو هو ۽ اهي هدايتون انگريزي زبان ۾ هڪ عورت جي وڻندڙ آواز ۾ رڪارڊ ٿيل هيون. هدايتون ڪجهه هن طرح هيون:
    • توهان هاڻي فلاڻي روڊ تي ڊرائيو پيا ڪريو. ساڍا ٽي ميل (آمريڪا ۾ ڪلوميٽر نه پر ميل رائج آهن) ان روڊ تي هلو پوءِ فلاڻي روڊ تي ساڄي طرف مُڙي وڃجو. جڏهن ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي طئي ڪرڻ ۾ باقي هڪ يا اڌ فرلانگ بچيو ٿي ته وري ساڳئي خوبصورت ۽ نرم آواز ۾ هدايت ٿي آئي ته:
    • فقط اڌ فرلانگ کانپوءِ کاٻي طرف فلاڻي روڊ تي هليا وڃجو. جڏهن عين ان روڊ طرف مُڙڻا هياسين ته وري آواز ٿي آيو:
    • اهو اٿوَ اُهو روڊ جتي توهان کي کاٻي تي مڙڻو آهي، سو هڪدم کاٻي تي لڙي پئو. هاڻي جڏهن کاٻي تي ٻڌايل روڊ تي لڙياسين ته چيو ويو:
    • ان روڊ تي اوهان کي پنج-ڏهه يا پندرهن ميل (جيترو به مفاصلو هوندو) ڊرائيو ڪرڻي آهي. تان جو انهن هدايتن تي عمل ڪندا جڏهن اسان(Emirates Airlines) جي عمارت جي سامهون پهتاسين ته نرم آواز ۾ آخري هدايت آئي:
    • توهان هاڻي پنهنجيءَ منزل تي پهچي چُڪا آهيو. اوهان جي سامهون امارات جي آفيس آهي. آءٌ گاڏيءَ ۾ ويٺس ۽ اعجاز منهنجي ٽڪيٽ 28 نومبر 2012ع کان تبديل ڪرائي 9 ڊسمبر 2012ع جي ڪرائي آيو ڇو ته جيئن ٿورڙو اڳ ۾ ٻڌايو اٿم ته سنڌي دوستن جي خواهش هئي ته آءٌ 8 ڊسمبر تائين هوسٽن ۾ ضرور ترسان ۽ سندن سالياني جشن ”سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ“ ڏينهن ۾ ضرور شرڪت ڪريان.
    اعجاز وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن جي.پي.ايس سسٽم گاڏين ۾ نه آيو هو ته اسان ڪنهن به نئين جڳهه کي ڳولڻ جي سلسلي ۾ بنهه عذاب ۾ هوندا هياسين. پر هاڻي اسان کي ڪجهه ڪرڻو نٿو پوي ۽ فقط اُها ائڊريس سسٽم ۾ وجهڻي ٿي پوي، پوءِ سسٽم اسان کي آڱر مان وٺي وڃي اتي ٿو بيهاري. مهربان پڙهندڙن لاءِ هتي هڪ ٻي وضاحت به ڪري ڇڏيان.
    مثال طور اسان ڏنل هدايتن موجب عمل نه ڪيو ۽ ڪنهن غلط روڊ طرف لڙي پياسين يعني وڃڻو ته ساڄي طرف هو پر کاٻي طرف مُڙي پياسين ته جي.پي.ايس ٿوريءَ دير (فقط هڪ ٻن منٽن) لاءِ خاموش ٿي ويندو ۽ کيس خبر پئجي ويندي ته گاڏيءَ جي ڊرائيور غلط رستو ورتو آهي سو ويچارو رُلي ويندو. تنهنڪري وري کيس هدايت هن طرح ايندي:
    • اسان توهان جي رستي جو ٻيهر تعين ڪري رهيا آهيون.
    مهربان پڙهندڙن کي اهو به ٻڌائيندو هلجي ته جي.پي.ايس سرشتو سڌو سنئون سئٽلائيٽ سان ڳنڍيل آهي تنهنڪري سئٽلائيٽ طرفان سسٽم کي هدايت ملي ويندي ته هاڻي گاڏي هلائيندڙ کي وري نئين سِر ان روڊ تان رهبري ڪرڻي آهي جتي هو ڀُلجي ويو هو.
    هي سرشتو پاڪستان ۾ به اچي چُڪو آهي پر ڪيترن دوستن مون کي ٻڌايو ته الائي ڇو جي.پي.ايس پاڪستان ۾ پوري ڪاميابيءَ سان هلي نه سگهيو آهي. پر جيئن اسان مغربي ملڪن کان ترقيءَ جي هر منزل ۾ سدائين پٺتي هوندا آهيون ته اُميد ڪري سگهجي ٿي ته ٿورڙن ئي سالن ۾ پاڪستان ۾ پڻ اهو سرشتو اوتري ڪاميابيءَ سان رائج ٿي ويندو جيئن هينئر اهو آمريڪا توڙي ٻين مغربي ملڪن توڙي ترقي يافته مشرقي ملڪن ۾ رائج ٿي چُڪو آهي.


    ممتاز ۽ طارق جي گهرن ۾ ڪچهريون

    امارات ايئرلائينس ۾ بوڪنگ ڪنفرم ڪرائڻ کانپوءِ سڌو بارنس ائنڊ نوبل جي ڪتابن جي وڏي اسٽور (Barnes & Nobles) تي هليا وياسين جيڪو امارت جي آفيس کان ٿورڙي ئي پنڌ تي هو. ڪجهه ڏينهن اڳ اعجاز مون کي ٻڌايو هو ته هڪ هندو رائيٽر ديپڪ چوپڙا دنيا جي مختلف مذهبي شخصيتن تي ڪتاب لکيا آهن جن ۾ گوتم ٻُڌ (Budha) ۽ عظيم ترين اسان جو پيارو پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ (صلي الله عليه وآله وسلم) به شامل آهي. مون هتان ديپڪ چوپڙا (Deepak Chopra) جا ٻه ڪتاب محمد (صلعم) ۽ ٻُڌا (Budha) خريد ڪيا. ان کان سواءِ ڪئرن آرم اسٽرانگ (Karen Armstrong) جا لکيل ڪتاب پڻ مون ورتا جيڪي پڻ حضرت محمد مصطفيٰ (صلي الله عليه وآله وسلم) ۽ اسلام متعلق هئا. اعجاز اڄڪلهه هندستان جي هڪ هاڪاري ليکڪ، مقرر ۽ وڏي دانشور اوشو (Osho) سان عشق رکيو آهي ۽ ان جا گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ٿو پڙهي، سو هن ڪجهه اوشو جا ڪتاب ۽ هڪ ٻه ديپڪ چوپڙا جا ڪتاب خريد ڪيا. بارنس ائنڊ نوبل تان ڪتابن جي خريداريءَ کانپوءِ سڌو ممتاز جي گهر آياسين ۽ رات ان جي گهر رهياسين. ممتاز ۽ سندس زندگيءَ جي ساٿياڻي انيتا اسان کي ڏسي بيحد خوش ٿيا. ٿوريءَ دير ۾ منهنجو ننڍو ڀائٽيو فاروق به پهچي ويو ته انيتا ويتر خوش ٿي. فاروق گهر ۾ موجود هوندو آهي ته پوءِ سڄي ڪوڪنگ سندس حوالي ڪئي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته هن رڌڻ پچائڻ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري ورتي آهي. توڙي جو اعجاز به سٺو ڪُڪ آهي پر فاروق کي هر ڪو مڃيندو آهي. بهرحال دستور موجب سڀئي طعام فاروق تيار ڪيا جيڪي ڏاڍا لذيذ هئا ۽ اسان سڀني گڏجي سندس تعريف ڪئي ته سندس ٿڪ ئي لهي ويا. ٻيو سڄو ڏينهن به ممتاز وارن جي گهر گذاريوسين ۽ سڄو ڏينهن اسڪرئبل (Scrabble) راند کيڏندا رهياسين. جڏهن سڀ رانديون مون کٽيون ته اعجاز ڀوڳ ڪري ممتاز ۽ فاروق وارن کي چيو ته هاڻي جلدي بابا جي واپسيءَ جي ٽڪيٽ بوڪ ڪرايو نه ته هن راند ۾ بابا اوهان جا لاهه ڪڍي ڇڏيندو.


    حيدرآباد جا لساني هنگاما ۽ اعجاز ۽ طارق جي دوستي

    14.11.2012: اڄ شام اسان کي طارق وٽ وڃڻو هو، ڇاڪاڻ ته رات جي مانيءَ جو بندوبست اُن ڪيو هو. بهتر ٿيندو ته طارق جو تعارف به ڪرائجي. طارق ۽ منهنجو پٽ اعجاز ننڍپڻ کان وٺي هڪ ٻئي جا دوست هئا ۽ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا. تڏهن آءٌ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر هوس ۽ جي-او-آر ڪالوني جي سرڪاري بنگلي ۾ رهندو هوس. طارق اردو ڳالهائيندڙ ۽ لطيف آباد جو رهواسي هوندو هو. 1988ع کان وٺي 1990ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي مهاجر هنگاما ۽ فساد ٿيا جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مرندا رهيا. توڙي جو سنڌي مهاجرن ۾ سخت نفرتن جو دور هو تڏهن به طارق اسان جي گهر موجود يا وري اعجاز لطيف آباد ۾ طارق جي گهر هوندو هو. اهڙن خونريز هنگامن ۾ جڏهن اعجاز گم ٿي ويندو هو ته اسان طارق جي گهر فون ڪندا هئاسون (تڏهن موبائيل فونن جو نالو نشان ئي ڪو نه هوندو هو) ۽ جڏهن خبر پوندي هئي ته اعجاز، طارق جي گهر موجود آهي ته اطمينان ٿي ويندو هو ته سڀ خير خيريت آهي. ساڳيءَ طرح طارق اسان جي گهر هوندو هو ته سندس گهروارن کي ڪو به فڪر نه رهندو هو. مطلب اهو ته لساني نفرتن جي اهڙي انتهائي خطرناڪ ماحول ۾ به اعجاز ۽ طارق جون هڪ ٻئي سان محبتون ۽ دوستيون برقرار رهيون جيڪي اڄ ڏينهن تائين قائم آهن.
    طارق پنهنجي گهر ۾ باربي ڪيو جو بندوبست ڪيو هو جنهن ۾ ڪباب، چِڪن تِڪا ۽ روسٽ جا ڪيترائي ڊش موجود هئا. سندس گهر واري نوشين به ڏاڍي مانائتي ۽ سگهڙ عورت آهي ۽ باربي ڪِيو ۾ هن جو وڏو عمل دخل هو. ماحول به کليل کليل ۽ باربي ڪيو وارو هو. هر ڪو گهمندي ڦرندي تِڪا، ڪباب ۽ روسٽ کائي رهيو هو ته ساڳئي وقت ڀوڳ، چرچا گهٻا به ٿيندا رهيا. مطلب ته باربي ڪيو جي اڄوڪي دعوت ۾ ڏاڍو مزو آيو.
    دعوت کائي ڪلوٽ موٽي آياسين ۽ پهريون ڀيرو هو جو اعجاز جي گهر مون ٻه يا ٽي راتيون مسلسل گذاريون نه ته روز دوستن جي دعوتن جي بِلي هجبو هو جن جو ذڪر گذريل صفحن ۾ ڪري چڪو آهيان. جڏهن 9 ڊسمبر 2012ع تي آءٌ پاڪستان واپس ٿي آيس ته اعجاز چيو: ”بابا پنهنجي آمريڪا جي هاڻوڪي مهيني کان به مٿي جي ٽوئر ۾ اوهان مون وٽ هفتو کن به مس رهيا هوندا“. مون کيس چيو: ”بابا منهنجين ٻاهر جي دعوتن ۾ به اڪثر ڪري تنهنجن ئي دوستن جا قرب ۽ مهربانيون آهن جيڪي ويچارا پنهنجون گاڏيون ڪاهي اچن ٿا ۽ پنهنجن گهرن ۾ وٺي وڃن ٿا، خدمتون ڪن ٿا ۽ پُر تڪلف دعوتون کارائن ٿا. ها، ڪجهه منهنجا ذاتي دوست به آهن، جيڪي پڻ وقفي وقفي سان مون کي ياد ڪن ٿا ۽ کوڙ سارو قرب ۽ محبتون ونڊين ٿا“.


    نعمت ۽ مير عبدالرسول مير جا فون تي رابطا

    نعمت الله يا نعمت کوسو، جنهن جو مختصر ذڪر گذريل صفحن ۾ به ڪيو اٿم، منهنجو سڳو سئوٽ آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان وٺي نيو يارڪ (آمريڪا) ۾ رهندو آهي. جيئن کيس خبر پيئي ته آءٌ اعجاز وٽ پهتو آهيان ته ان ڏينهن کان وٺي فون تي رابطا شروع ڪيائين ۽ سڀني مِٽن مائٽن جا حال احوال ورتائين. ان کانپوءِ لڳ ڀڳ روزانو پيو فون ڪندو هو، پر پوءِ مان به اڪثر ڪري کيس ٽيليفون پيو ڪندو هوس ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ سندس صحت ٺيڪ ڪانه هئي ۽ ڪافي تڪليف ۾ مبتلا هو. کيس صلاح ڏنم ته فورن پاڪستان هليو وڃي جو گهٽ ۾ گهٽ اُتي پنهنجن گهرن ۾ خدمت ڪرڻ وارا ته موجود هئا، پر صلاح نه مڃيائين ۽ آمريڪا ۾ پنهنجو علاج ڪرائيندو رهيو. بهرحال ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس طبيعت ڪافي بهتر ٿي ويئي ۽ مون الله پاڪ جا شڪرانا ادا ڪيا.
    مير عبدالرسول مير منهنجو توڙي منهنجي ڀاءُ هدايت بلوچ جو پراڻو دوست رهيو آهي ۽ اها دوستي گذريل 40-45 سالن کان وٺي قائم آهي. ٻيو وري اسان ٽيئي شاعريءَ جي ساڳي رشتي ۾ به سلهاڙيل رهيا آهيون. ڪيترن ئي مشاعرن ۾ گڏ شعر پڙهيا اٿئون ۽ ڪيترين ئي ادبي محفلن ۽ بيٺڪن ۾ گڏ اُٿيا ويٺا آهيون. پر سچي ڳالهه اها آهي ته دوستيءَ جي ان رشتي کي پوري وفاداري ۽ خلوص سان نباهڻ ۾ گهڻو هٿ مير صاحب جو آهي. هڪ ڏينهن اوچتو هڪ فون آيو، نمبر پاڪستان جو هو، لائين ڪجهه صاف نه هئڻ سبب مان آواز سڃاڻي نه سگهيس ته پاڻ چيائين ته سائين آءٌ مير عبدالرسول پيو ڳالهايان. سچ ته ڏاڍي خوشي ٿي. بس پوءِ ته هر ٽئين چوٿين ڏينهن ٽيليفون تي پيو حال احوال اوريندو هو. مون کي ڏاڍي دلي خوشي پهچندي هئي جڏهن مهربان مير صاحب جو فون ايندو هو. وري مون کي وندرائڻ لاءِ پاڪستان توڙي سنڌ جون نيون تازيون خبرون به پيو ٻڌائيندو هو ۽ ادبي سرگرمين جا احوال به پيو ڏيندو هو. ٻه چار ٻيا دوست به آهن جن هڪ ٻه دفعا فون ڪري ياد ڪيو هو پر جنهن دوست پاڪستان مان پورو مهينو لڳاتار ٽئين چوٿين ڏينهن سار ٿي لڌي اهو فقط مير عبدالرسول مير هو.
    .....ها هتي مهربان پڙهندڙن کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته جڏهن مان 2010ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ حرمين شريفين پهتو هوس ته اُتي به خبر ناهي ڪنهن کان منهنجو سيل فون ورتائين ۽ پوءِ اُتي به اڪثر سندس فون ايندا هئا. آءٌ فون تي سندس قرب ڳائيندو رهندو هوس پر هتي هن سفرنامي ۾ به سنڌيءَ ۾ سندس ٿورا ۽ مهربانيون ٿو مڃان ۽ انگريزيءَ ۾ ساڻس هينئن مخاطب ٿو ٿيان:
    Thank you very much my dear friend Mir Abdul Rasool Mir.


    اعجاز عالماڻيءَ جي دعوت

    17.11.2012: اڄ محترم اعجاز عالماڻيءَ طرفان ٻن حاجين، جن جو ذڪر پوين صفحن ۾ ٿي چڪو آهي، جي مان ۾ بار بي ڪيو ٽو نائيٽ جي رم جهم هال (Rim Jhim Hall of Barbeque Tonight) ۾ هڪ پُروقار دعوت جو اهتمام ڪيو ويو هو. اندازي موجب هن دعوت ۾ ڏيڍ کان ٻه سئو ماڻهو شريڪ ٿيا جن ۾ فيمليون ۽ ٻار پڻ موجود هئا. مون کي سنڌي ثقافت جي هيءَ روايت ڏاڍي سٺي لڳي ته حج جي سعادت حاصل ڪرڻ تي حاجين جي مان ۾ مسلسل دعوتون ٿي رهيون هيون. دراصل هوسٽن جي سنڌين کي مون هڪ ٻئي سان ڏاڍو لاڳاپيل ۽ هڪ ٻئي سان جُڙيل ڏٺو. ائين ٿي لڳو ته کين هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ پاڻ ۾ گڏجڻ جو ڪو بهانو ملي. دراصل حاجين جون هڪ ٻئي پٺيان دعوتون به ڄڻ فيملين جي هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ ڪچهرين ڪرڻ جو بهانو هو.
    محترم اعجاز عالماڻي ڪشاده دليءَ سان هن دعوت جو بندوبست ڪيو هو. ڪافي سارا طعام سجائي رکيا ويا هئا ۽ بُوفي اسٽائيل ۾ ماڻهن ٿي کاڌو ۽ پيتو. مردن ۽ عورتن پنهنجون پنهنجون چوڪڙيون لڳائي رکيون هيون جتي هرڪو آزاديءَ سان هڪ ٻئي سان ڪچهرين ڪرڻ، حال احوال اورڻ، ڀوڳن ٺڪاون ڪرڻ ۾ مشغول هو. عالماڻي صاحب مون کي ڏٺو ته پنهنجي سِيٽ تان اُٿي اچي مون کي ڀاڪر پاتائين ۽ چاهه مان پڇيائين ته: ”اوهان جي سِيٽ 8 ڊسمبر تائين Extend ٿي يا اڃا نه؟“ جڏهن کيس ٻڌايم ته هاڻي 28 نومبر تي نه پر 9 ڊسمبر تي واپس ويندس ۽ اوهان جي سنڌي ٽوپي-اجرڪ جي ڏينهن ۾ آءٌ ضرور شريڪ ٿيندس ته ٻيهر زور سان ڀاڪر پاتائين ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. هيءَ محفل رات جو ڏيڍ وڳي تائين هلندي رهي.
    دعوت کانپوءِ ڀاءُ اصغر مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو ڇاڪاڻ ته سڀاڻي واري پروگرام ۾ پڻ اصغر سان گڏجي شريڪ ٿيڻو هو.


    ميڪسيڪو بازار ۾ ميڪسيڪو جو مزو

    18.11.2012: پياري اصغر جي گهر ناشتي ڪرڻ کانپوءِ اصغر چيو ته هلو ته اوهان کي ميڪسيڪو جو چڪر ڏياري اچان. پڇيومانس: ”ميڪسيڪو هلڻ جي تياري اوچتو ڪيئن ٿي وئي“، ته چيائين: ”جيڪو مزو اوچتن پروگرامن ۾ اچي ٿو اهڙو مزو باقاعده تياري وارن پروگرامن ۾ هرگز ڪين آهي، تنهنڪري جلدي تيار ٿي وٺو ته ميڪسيڪو هلون“. ڀائو اصغر جي وني ادي نزهت ۽ سندن ٻار دانش، تابش ۽ الشبا به تيار ٿيا ۽ اسان فقط 20 منٽن جي ڊرائيو کانپوءِ سندن ئي علائقي پيئرلئنڊ ۾ ميڪسيڪو جي ماڻهن طرفان لڳايل هڪ فلي مارڪيٽ (Flea Market) ۾ پهچي وياسين. بلڪل ائين لڳو جيئن اسان وٽ جمعا بازار يا آچر بازار لڳندي آهي، جتي سبزين، گوشت، ڪڪڙين کان وٺي دنيا جي هر شئي سستن اگهن تي ٿي وڪاڻيون. هن ئي بازار ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪارون به بيٺل نظر آيون جيڪي پڻ وڪري لاءِ بيهاريون ويون هيون. ماڻهن جي وڏي پِيهه لڳي پيئي هئي. ڀائو اصغر ٻڌايو ته سائين هيءَ بازار ڏٺوَ ته سمجهو ته اوهان ميڪسيڪو جو شهر ڏسي آيا آهيو. پاڻ ٻڌايائين ته هو ٻه-ٽي ڀيرا ميڪسيڪو ويو آهي ۽ ان شهر ۾ به اهڙا ئي منظر ۽ اهڙيون بازارون هر وقت لڳل هونديون آهن.
    ٻه-ٽي ڪلاڪ هتي گهمي ڦري ٿڪجي پياسين، تنهنڪري ٿوري گهڻي خريداري ڪري گهر موٽي آياسين. اڄ شام جو ڀاءُ عيسيٰ ڀرڳڙي ۽ برادرم اعجاز عالماڻي سان ريڊيو سنگيت جي سنڌي پروگرام مهراڻ رنگ ۾ پهچي ويس، جنهن جو تفصيلي احوال گذريل صفحن ۾ ڏيئي آيو آهيان.


    نئين طرز جي بئنڪنگ

    ڀائو اصغر مون کي سنگيت ريڊيو اسٽيشن تان وٺڻ آيو ۽ چيائين ته رستي تي بئنڪ ۾ ڪجهه پئسا جمع ڪرائڻا آهن سو اُتان ٿيندا هلون. ٽيڪسَس گلف بئنڪ (Texas Gulf Bank) جي آڏو وڃي بيٺاسين ۽ گاڏيءَ ۾ ئي ويٺا رهياسين. ٿوري دير ۾ ڪائونٽر تي فٽ ٿيل اسپيڪر مان هڪ عورت جو آواز آيو جنهن سان اصغر ڳالهايو ۽ چيائينس: ”ٻن اڪائونٽس جا پئسا موڪليان ٿو، رسيد جلدي رواني ڪجو ڇاڪاڻ ته اسان کي فورن ڪٿي پهچڻو آهي“. ان کان پوءِ اصغر صاحب ڊالرن جا ٻه پئڪيٽ ڪائونٽر تي رکيا، دري بند ٿي ۽ اُهي پئڪيٽ ٻن-ٽن سيڪنڊن اندر هڪ شفاف پائيپ مان گذري وڃي ڪئشير وٽ پهتا. نه ڪئشير اسان کي ٿي ڏٺو نه وري اسان هُن کي. اسان کي وڌ ۾ وڌ پنج منٽ رسيد لاءِ انتظار ڪرڻو پيو جو اصغر چيو ته ايتري دير فقط پئسن ڳڻڻ ۾ ٿي لڳي. پنجن منٽن کانپوءِ ٻنهي اڪائونٽس جون ٻه رسيدون ساڳئي شفاف پائيپ ذريعي اچي ڪائونٽر تي پهتيون. مون کي هن سسٽم تي گهڻي حيرت ڪانه ٿي جو سوچيم ته پاڪستان ۾ به ڪمپيوٽرائيزيشن جو طريقو ڀرپور طريقي سان هلي پيو ۽ بئنڪنگ جو هي طريقو پاڪستان ۾ به رائج ٿي سگهي ٿو پر ٿورو سوچڻ کانپوءِ اندازو لڳايم ته بئنڪنگ جو اهو طريقو پاڪستان ۾ هرگز رائج نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ جو لُٽيرا، ڌاڙيل ۽ دهشتگرد اڳ ۾ ئي اهڙي بئنڪ جي ڪُنڊ پاسي ۾ لڪل هوندا. جيئن ئي ڪا گاڏي پئسا کڻي ايندي ته ڌاڙيل ان ماڻهوءَ جو ارڪو ترڪو لُٽي هليا ويندا ۽ پوليس ۾ به ڪو داد فرياد ڪونه ٿيندو ڇو ته پوليس کاتو به ڦرلُٽ جي اهڙن ڏوهن ۾ گهڻو ڪري خود ڀاڱي ڀائيوار ٻُڌو ويو آهي. پر هتي آمريڪا توڙي يورپ ۾ مجال آهي جو ڪو اهڙو ناخوشگوار واقعو ٿئي. هرڪو ماڻهو خوشي، سڪون ۽ اطمينان سان پنهنجي روزي محنت سان ڪمائي ٿو ۽ پنهنجن پئسن جي ڦرجڻ ۽ لُٽجڻ کان بنهه بي فڪر رهي ٿو. اصغر پوءِ مون کي سڌو ڪلوٽ ۾ اعجاز وٽ وڃي ڇڏيو جتي مون فقط 3-4 ڪلاڪ گذاريا. وري به ڀائو اصغر مون کي وٺڻ آيو، ان وقت شام جا پنج ٿيا هئا.


    ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ۽ ڊاڪٽر امداد سيهڙ سان ڪچهريون

    19.11.2012: اڄ ڀائو اصغر منهنجي گذارش ڪرڻ تي مون کي وٺڻ آيو هو ڇاڪاڻ ته اڄ منهنجو مُربي ۽ مهربان دوست ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر امداد سيهڙ وٽ اچڻو هو ۽ سومري صاحب (بقول امداد سيهڙ جي) آمريڪا جي ٻئي شهر مان فرمائش ڪئي هئي ته عنايت بلوچ کي هر صورت ۾ موجود رکجو. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف، وڏو محقق ۽ هاڻي شاهه جي رسالي جي تشريح جو ڪم اُتان شروع ڪيو اٿائون جتي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن ان کي ڇڏيو هو. سائين منهنجو وڏو مهربان آهي، مون کي سندن اچڻ جي خبر تي بيحد سرهائي ٿي. شام جي ڇهين وڳي ڌاران ڀاءُ اصغر مون کي امداد صاحب جي حوالي ڪري هليو ويو ۽ ٿوريءَ دير کانپوءِ امداد صاحب سان گڏجي هوسٽن جي جارج بُش انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان سائين ڊاڪٽر عبدالغفار سومري کي وٺڻ وياسين. سومري صاحب کي وٺي ڊاڪٽر امداد جي گهر آياسين جتي رات جي مانيءَ جو بندوبست ٿيل هو. ڪافي دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين. رات جي ٻارهين وڳي ڌاران ڊاڪٽر امداد صاحب اسان کي ڪمفرٽ اِن (Comfort Inn) ۾ وٺي ويو جيڪو سندس گهر کان فقط فرلانگ کن جي مفاصلي تي هو. هتي امداد صاحب طرفان اسان جي رهائش جو انتظام ٿيل هو.


    هوسٽن ڊائون ٽائون جو سئر

    (Around Houston Down Town)

    اڄ يعني 20 نومبر تي ڊاڪٽر امداد سيهڙ (جنهن جو مختصر تعارف ورندڙ صفحن ۾ ايندو) مون کي ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري کي ڊائون ٽائون وٺي آيو جتي هو اسان کي تفصيل سان ٻڌائي ويو ته هتي اسان کي ڇا ڇا ڏسڻو هو. پاڻ پنهنجي آفيس هليو ويو ۽ ڊاڪٽر سومرو صاحب ۽ آءٌ ڊائون ٽائون گهمندا رهياسون، ۽ هتان جون اهم شيون ڏٺيوسين جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
    سڀ کان پهريون اسان هتي ميٽرو ۾ سُوار ٿي وڃي ميوزيم ڊسٽرڪٽ جي اسٽيشن تي لٿاسين جتي ميوزيم آف فائين آرٽس ڏٺوسين جنهن ۾ گهڻو ڪري مختلف پينٽنگس کي نمايان ڪيو ويو هو. ان کانسواءِ مصر، عراق، پاپئا نيوگني ۽ ٻين ملڪن مان هٿ آيل مجسمن کي هتي آڻي ميوزيم ۾ سَجايو ويو آهي. ڪجهه اسلامي تهذيب جا نقش نگار به اسان کي هن آرٽ گئلريءَ ۾ ڏسڻ ۾ آيا. فائين آرٽ ميوزيم ڏسڻ کانپوءِ اسان ننڍن ٻارن جي ميوزيم ۾ وياسين پر اُتي اسان ٻارن کي مختلف مشينن ۽ عجوبن سان کيڏندي ڏٺو. هتي فقط ٻاراڻا عجوبا ۽ راندين روندين جو سامان هو تنهنڪري اسان پوڙهن مڙسن کي اُتي مزو نه آيو ۽ ٻارن جي ميوزيم مان جلد فارغ ٿي نيچرل ميوزيم آف هسٽري ۽ سائنس جي ڳولا ڪندا رهياسين جيڪو ڪافي گهمڻ ۽ رُلڻ جي باوجود به اسان کان نه لڌو. گهمي گهمي جڏهن ڏاڍا ٿڪجي پياسين ته سومري صاحب صلاح ڏني ته ماني کائي تازا توانا ٿي وري گهمڻ ڦرڻ شروع ڪجي.
    ڊائون ٽائون جي پريسٽن جي علائقي ۾ سب-وي (Subway) ريسٽورنٽ ۾ ماني کاڌيسين. اسان جي ڀر ۾ ئي اسلامڪ دعويٰ سينٽر (Islamic Dawah Centre) هو جيڪو اڄ صبح جو ڊاڪٽر امداد ڏيکاريو هو ۽ تاڪيد ڪيو هئائين ته اهو سينٽر ضرور گهمجو. سو اسلامڪ دعويٰ سينٽر ۾ هليا وياسين جتي اردن جو هڪ مسلمان جنهن پنهنجو نالو امير ابو سليمان ٻڌايو، رسيپشن ڊيسڪ تي ويٺو هو. اسان کيس اسلام عليڪم چيو ته هڪدم وڏي آواز سان عربي لهجي ۾ وعليڪم السلام چيائين. ساڻس عليڪ سليڪ ٿي. جڏهن اسان کيس ٻڌايو ته اسان به مسلمان آهيون ۽ پاڪستان مان آيا آهيون ته هيڪاري وڌيڪ آڌرڀاءُ ڪيائين. ان کانپوءِ اسان کي سڄو سينٽر گهمايائين جيڪو هڪ وڏي ۽ عاليشان عمارت جي اندر آهي. هن سينٽر جي ٻي ڪا به خصوصيت ڪا نه هئي سواءِ ان جي ته ان جي اندر هڪ وڏي مسجد آهي جتي اردن واري همراهه امير ابو سليمان ٻڌايو ته فقط ظهر، عصر ۽ جمعي جي نماز باجماعت ٿيندي آهي. باقي مغرب، عشا ۽ فجر جون نمازون هتي نه پڙهيون وينديون آهن، ڇو ته هي سينٽر روزانو شام جو پنجين وڳي بند ٿي ويندو آهي. اهو ٻُڌي بهرحال افسوس ٿيو ڇاڪاڻ ته هيءَ عمارت ايتري ته وڏي ۽ عظيم الشان آهي جو هتي مسلمانن جي ٻارن کي اسلامي ۽ قرآني تعليم باقاعدگيءَ سان ڏيئي سگهجي ٿي. اسان اسلامي سينٽر گهمي وڃي هڪ هنڌ تي ڪافي پيتي ته ڊاڪٽر امداد جو فون اچي ويو ته آءٌ اوهان کي کڻڻ ٿو اچان. ان وقت شام جا ساڍا پنج ٿيا هئا.


    ڊاڪٽر امداد سيهڙ: هڪ فخر لائق سنڌي

    ڊاڪٽر امداد اسان کي هوسٽن جي ڊائون ٽائون مان کڻي پنهنجي آفيس وٺي ويو جتي سندس مئنيجمينٽ ۽ آفيس جو سرشتو ڏسي اسان کي سندس مرتبو نهايت مٿانهون نظر آيو. ٽي-چار آمريڪي عورتون سندس آفيس ۾ ڪم ڪندي نظر آيون. ڪا سندس پرسنل سيڪريٽري آهي ته ٻي وري اميگريشن جي ڪيسن جي معاملن کي اُڪلائيندي آهي. ٻيون عورتون يا ٻيو اسٽاف به ڪنهن نه ڪنهن ڪم سان رُڌل آهي. ڊاڪٽر امداد جيترو قابل شخص آهي اوترو ئي رب کيس نوازيو به آهي. پر ايڏي مٿانهين مرتبي تائين پهچڻ ۾ سندس ذهانت ۽ مسلسل محنت ۽ لڳاتار اڳتي وڌڻ جي جستجو جو وڏو عمل دخل آهي. سندس محنت ۽ قابليت جو اندازو اسان جي ملڪ کي ان وقت ٿي ويو هو جڏهن 1985ع ۾ هُو سي-ايس-ايس (CSS) جي امتحان ۾ سڄي پاڪستان ۾ پهريون نمبر آيو هو. وري سن 2000ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهڙي دٻدٻي واري عهدي کي ڇڏي وڃي آمريڪا وسايائين جتي ڪنهن اسٽور يا گئس اسٽيشن تي ڪم ڪرڻ بجاءِ هن پنهنجي عزم کي اُوچو ۽ ارادن کي اُتانهون رکيو ۽ Nationality and Immigration جي قانون ۾ ماسٽرس ڪيائين. مون کي هڪ سنڌيءَ جي حيثيت ۾ فخر محسوس ٿيڻ لڳو جڏهن سندس آفيس ۾ لڳل بيشمار سرٽيفڪيٽ مون ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب گڏجي ڏٺا جن ۾ سندس اعزاز ڄاڻايل هئا. خاص طرح جڏهن ٻن سرٽيفڪيٽن کي مون ڏٺو ته ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو توڙي آءٌ ڪافي متاثر ٿياسون. اهي سرٽيفڪيٽ ڊاڪٽر امداد صاحب کي (1) آمريڪا جي سپريم ڪورٽ، ۽ (2) ٽيڪسَس جي سپريم ڪورٽ طرفان اميگريشن ۽ نيشنلٽيءَ جي معاملن ۾ اٽارني هئڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن ۽ ڊاڪٽر صاحب کي هوسٽن ۾ Immigration and Nationality Laws جو هڪ ماهر Specialist مڃيو ويو آهي. هو سڄي آمريڪا ۾ انهن قانونن جي پوئواري ڪندي ماڻهن جي رهبري ڪندو رهندو آهي. الحمد الله ڊاڪٽر امداد جي ڪامرانيءَ ۾ سندس نيڪ والدين جي دعائن جو پڻ وڏو هٿ آهي. سندس والد صاحب کي رب ڪريم سُٺي صحت ۽ وڏي عمر عطا فرمائي. تازو سندن والده ماجده جو انتقال ٿي ويو جن جي تدفين به هوسٽن ۾ ٿي (انالله وانا اليه راجعون). الله پاڪ سندن مغفرت ڪري، آمين.


    طارق جون محبتون ۽ هوسٽن کان آسٽن جو سفر

    (A Trip to Austin)

    اڄ 20 نومبر جي شام جو اڳواٽ ٺاهيل پروگرام موجب طارق (جنهن جو مختصر تعارف پوين صفحن ۾ ڪرائي آيو آهيان) جي وڏي وئگن ۾ چڙهي آسٽن لاءِ روانا ٿياسين. آسٽن، هوسٽن جي مقابلي ۾ ڪافي ننڍو شهر آهي پر هن شهر کي ٽيڪسسَ اسٽيٽ جي گاديءَ جي هنڌ هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. طارق جي گاڏيءَ ۾ آءٌ، اعجاز، طارق جي شريڪِ حيات نوشين ۽ سندن ٻار هئا. طارق، ممتاز ۽ فاروق کي به چيو هو ته اُهي به آسٽن گڏجي هلن، پر ٻين ڪن مصروفيتن سبب نه هلي سگهيا. گاڏيءَ ۾ جي-پي-ايس فٽ ٿيل هو ۽ ان ۾ آسٽن جي هاليڊي اِن (Holiday Inn) هوٽل جي ائڊريس وِڌي ويئي ڇو ته طارق اسان جي رهائش جو انتظام اُتي ڪيو هو. هوسٽن کان آسٽن هاليڊي اِن (Holiday Inn) تائين جي-پي-ايس (GPS) جي ڏنل هديتن تي عمل ڪندا فقط ٽن ڪلاڪن ۾ هاليڊي اِن پهچي وياسين. هاليڊي اِن هوٽلن جي انٽرنيشنل برادري (International Chain) آهي تنهنڪري هي هوٽل دنيا جي سٺن ۽ معياري هوٽلن ۾ شامل آهي. آسٽن جو هاليڊي اِن به سٺو ۽ شانائتو هوٽل لڳو. سفر جا ٿڪل هئاسين سو ٿوري ڪچهري ڪري، رات جي ماني کائي سمهي پياسين.


    مائونٽ بونيل جو سير

    (Visit to Mount Bonnell)

    21.11.2012: اڄ ٿورو دير سان ننڊ مان اٿياسين. ناشتو ڪري، تيار ٿي اٽڪل منجهند جي 12 وڳي هوٽل مان نڪتاسين، طارق چيو: ”آسٽن ۾ اڄ انڪل (Uncle) کي سڀ کان پهرين اهڙي شئي ڏيکاريون ٿا جو انڪل خوش ٿي ويندو“. جي-پي-ايس جي مدد سان ڊرائيو ڪندا مائونٽ بونيل (Mount Bonell) تي آياسين جنهن کي جارج بونيل جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ مشهور اخبار جو پبلشر هو ۽ 1836ع ۾ ٽيڪسَس ۾ آيو هو. هي جبل سمنڊ جي سطح کان 780 فوٽ مٿي آهي جنهن تي پڻ ٽيڪسس جا ماڻهو فخر ڪن ٿا. منهنجي چهري تي ان وقت اوچتو طنز واري مُرڪ ظاهر ٿي ۽ دل ۾ چيم ته آمريڪا جي نادانن کي ڪهڙي خبر ته اسان وٽ ڪي-ٽو ته ڇڏيو پر ننڍا ننڍا پهاڙ به هزارين فوٽ اوچائيءَ کان گهٽ نه آهن. بهرحال ڏاڪڻ ذريعي 780 فوٽ مٿي چڙهي وياسين. پهاڙ جي هيٺان آسٽن ڍنڍ (Austin Lake) هئي، جيڪا آسٽن جي ڪولورئڊو ندي (Colorado River) مان نڪري ٿي. هن ڍنڍ جي ڀرسان ننڍا ننڍا پر خوبصورت گهر ٺهيل هئا. ڍنڍ ۾ ٻيڙيون هلي رهيون هيون ۽ هڪ خوبصورت نظارو هو جنهن کي ڏسڻ لاءِ اسان سميت ڪافي تعداد ۾ ٻيا سياح به موجود هئا.
    مائونٽ بونيل جي پهاڙ تي اسان هڪ ٻئي جا ڪافي فوٽو ڪڍيا ۽ سچ پچ ته اسان کي هتي ڏاڍو مزو آيو. مون طارق جو شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس چيو ته: ”واقعي تون سڀ کان پهريون آسٽن جي اهڙي قدرتي منظر تي وٺي آيو آهين جيڪو فطري سونهن جو هڪ حسِين منظر پيش ڪري ٿو“.


    ڪئپيٽول بلڊنگ

    (Capitol Building)

    مائونٽ بونيل گهمڻ کانپوءِ اسان آسٽن جي ڪئپيٽول بلڊنگ ڏسڻ وياسين، جيڪا سئو فيصد واشنگٽن ڊي-سي جي اصل ڪئپيٽول بلڊنگ وانگر آهي، جنهن کي مون 1986ع ۾ ڏٺو هو جڏهن انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام (International Visitor Program) هيٺ مون هن ڏورانهين ڏيهه کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. آسٽن جي ڪئپيٽول بلڊنگ جي اندر هليا وياسين جنهن جون مختلف گئلريون ۽ خاص طرح سينيٽ هال وڃي ڏٺوسين. ڇا ته عمارت آهي! ڇا نه هن جون بيحد ڪشاديون ڏاڪڻيون آهن ۽ هن بلڊنگ جون ڪيتريون ئي خوبصورت گئلريون پڻ آهن. دراصل ڪئپيٽول بلڊنگ جو سرڪاري نالو ٽيڪسس اسٽيٽ ڪئپيٽول آهي پر عرف عام ۾ مشهور ڪئپيٽول بلڊنگ جي نالي سان آهي. هن بلڊنگ جي ڇِت تي، آزاديءَ جي ديوي(Goddess of Liberty) جو شاندار مجسمو ٺهيل آهي. مجسمو ايترو ته خوبصورت آهي جو ماڻهو گُهور پائي ان کي ڏسندا آهن. اسان به مجسمي کي چڱيءَ طرح ڏٺو ۽ اتي فوٽو ڪڍرايا. سچي ڳالهه اها آهي ته مٿي بيان ڪيل ڳالهين جو تعلق هتي بيان ڪرڻ سان نه پر ڏسڻ سان وڌيڪ آهي.
    ڪئپيٽول بلڊنگ ڏسڻ کانپوءِ آسٽن پارڪ آياسين ڇو ته طارق ۽ نوشين جي ٻارن جو گڏيل انگل هو ته کين آسٽن پارڪ ضرور ڏيکاريو وڃي. نوشين ۽ سندس ٻارن کي آسٽن پارڪ جي حوالي ڪري طارق، اعجاز ۽ آءٌ مئنسفيلڊ ڊئم (Mansfield Dam) ڏسڻ وياسين جتي ڊئم جي ڀرسان سياحن جي ويهڻ ۽ سندن پڪنڪ ڪرڻ جون جايون ٺهيل آهن. هتي ننڍا ڪچن به ٺهيل آهن جتي سياح پنهنجو پنهنجو رڌ پچاءُ به آسانيءَ سان ڪري سگهن ٿا. بار بي ڪِيو (Bar B.Q) لاءِ سگريون به رکيل آهن جتي ماڻهو اچي چِڪن تِڪا پچائن ٿا ۽ گوشت يا ڪُڪڙ به روسٽ ڪن ٿا.


    ٽاڪو ڪبانا

    مئنسفيلڊ ڊئم خاص ڪونه هو پر اُتي سياحن لاءِ سٺا انتظام ڪيل آهن. هتي اچڻ کان اڳ هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويهي ٽاڪو ڪبانا کاڌوسين. آمريڪا ۾ ٽاڪو ڪبانا جا جدا ريسٽورنٽ کلي ويا آهن جتي هن جديد فئشن جي ماني کائڻ هتان جو ڪلچر بڻجي ويو آهي. ٽاڪو ڪبانا آهي ڇا؟ غور سان پڙهو.
    مانيءَ جو هڪ ننڍڙو ۽ سنهڙو ڦُلڪو پچائي اچي ٿا ٽيبل تي رکن ۽ ٻن ٽن پليٽن ۾ ڪجهه ٽماٽر، بصر، کيرو، ساوا مرچ وغيره جا ننڍا ننڍا ٽڪر ۽ ڪجهه فراءِ ڪيل گوشت جا چِپس وانگر ڪٽيل ٽڪرا به کڻي اچن ٿا. ان کانسواءِ ڪجهه چانور به کڻي اچي ٽيبل تي رکن ٿا، پر چانور اهڙا ته ٺهيل هوندا آهن جو پنهنجي گهر ۾ اهڙي طريقي سان رڌل چانور ملن ته نه رڳو نه کائون پر پچائڻ واري تي به خوب ٽوڪون ڪريون ته ڪهڙي قسم جا چانور ٺاهيا اٿئي؟ بهرحال جيئن ته ماڊرن فيشن ۾ اهڙي طريقي جو کاڌو ملي ٿو ته، مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ جي چوڻيءَ تي عمل ڪندي اُهو سڀ ڪجهه کائي وڃون ٿا جيڪو هوند پنهنجي گهر ۾ هرگز نه کائجي. بهرحال پوءِ هر ڊِش مان ٿورو ٿورو کڻي ان ڦلڪي ۾ وجهو ۽ ڦلڪي کي گول ڪري وڏا وڏا چَڪ هڻندا کائيندا وڃو. گول ڦلڪي مان، کائڻ وقت چانور ۽ ٻيو مواد پليٽ ۾ هيٺ ڪِرندو رهي ٿو جنهن جي پرواهه نه ڪريو ۽ ان کي به کڻي ڀلي کائيندا رهو. ان ۾ بهرحال ڪو به شڪ ناهي ته جڏهن سڀ شيون ان ڦلڪي جي گول ۾ پاڻ ۾ ملن ٿيون ته پوءِ کائڻ ۾ ذائقو ضرور اچي ٿو. بهرحال ٽاڪو ڪبانا کائڻ وڏي خواري آهي پر پوءِ قول ياد پيو ته ولايت کي شرف آهي.
    سڄو ڏينهن گهمندا ڦرندا رهياسين ۽ رات جو دير سان پنهنجي هوٽل هاليڊي اِن آياسين. ماني کائي رات جو دير تائين طارق ۽ نوشين جي ڪمري ۾ ويهي ڪچهري ڪئيسون. اُتي ويٺي ويٺي مون کي طارق ۽ نوشين طرفان ڏنل پيار ۽ خلوص تي، شعر جون ڪجهه سِٽون ذهن ۾ جنم وٺڻ لڳيون جن کي ڪمري ۾ ويٺي ئي لکي ورتم ۽ سڀني کي ٻڌايم. طارق ۽ نوشين ڏاڍا خوش ٿيا. جڏهن 2006ع ۾ آمريڪا ويو هوس تڏهن به طارق وارن طرفان گهڻي قرب ملڻ تي مون اردو ۾ قطعو لکيو هو جيڪو نوشين کي اڄ تائين برزبان ياد آهي. بهرحال پوءِ مون موقعي تي لکيل شعر کين ٻڌايو:
    محبت کی محفل، یہ شاداب لمحے،
    ہمارا یہاں آسٹن ميں یہ آنا،
    یہ باتيں، یہ ياديں نہ بھوليں گے ہرگز،
    یہ طارق کا، نوشين کا مسکرانا،
    ہے اعجاز کے دوستوں کو گذارش،
    عنايت کو اے دوست مت بھول جانا.
    نوشين هڪدم چيو: انکل آپ کے یہ اشعار پہلے سے بھی بہت اچھے ہیں. مون چيومانس ته: شرطیہ ہے کہ ان اشعار کو بھی پہلے کی طرح حفظ کرليں، ته نوشين چوڻ لڳي: انکل بس سمجھ ليں کہ حفظ ہوگئے .
    اعجاز پڻ ڏاڍو داد ڏنو ته بابا توهان ايترو جلدي اهڙا سٺا شعر ڪيئن لکي سگهو ٿا. شعر پڙهڻ کانپوءِ مون طارق ۽ نوشين جون مهربانيون مڃيون ۽ کين وڏو Thank You چيو جن منهنجي اعزاز ۾ آسٽن جي خوبصورت ٽِرپ جو بندوبست ڪيو هو ۽ منهنجي عزت افزائي ڪئي هئي.


    شڪراني جو ڏينهن

    (Thanks Giving Day)

    22 نومبر 2012ع: اڄ اسان آسٽن مان منجهند جو ڏيڍ وڳي ڌاران نڪتاسين. عجيب اتفاق اهو هو جو اڄ آمريڪا جي ماڻهن طرفان شڪراني جو ڏينهن (Thanks Giving Day) ملهايو ٿي ويو. سڄي آمريڪا ۾ عام موڪل هئي تنهنڪري اسان کي روڊ رستا گهڻي ڀاڱي خالي ٿي مليا. طارق ۽ اعجاز ڏاڍا خوش هئا جن واري واري سان ڊرائيونگ ٿي ڪئي. هاڻي اچو ته شڪراني جي ڏينهن بابت اوهان کي ڪجهه ٻڌائجي.
    شڪراني جو ڏينهن (Thanks Giving Day). هر سال نومبر جي چوٿين خميس تي ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن هونئن ته ٻن صدين کان به ڪجهه سال اڳ کان ملهايو ويندو هو پر ان کي 1863ع کان باقاعدگيءَ سان ملهائڻ شروع ڪيو ويو جڏهن آمريڪا جي عظيم انسان ۽ سورهين نمبر صدر ابراهيم لنڪن ان ڏينهن کي هر سال نومبر جي آخري خميس تي مقرر ڪيو. 1863ع کان 1941ع تائين ڪانگريس ۾ وڏي بحث مباحثي کانپوءِ ان ڏينهن کي نومبر جي چوٿين خميس تي مقرر ڪيو ويو ۽ هاڻي 72 سالن کان وٺي اهو ڏينهن هر سال نومبر جي چوٿين خميس تي ملهايو ويندو آهي.
    اهو عجيب يا حسِين اتفاق چئجي جو اڄ يعني 2012ع جي نومبر مهيني جي چوٿين خميس تي اسان آسٽن کان هوسٽن اچي رهيا هئاسين. منهنجو پٽ اعجاز، سندس دوست طارق ۽ سندس گهرواري نوشين ۽ سندن ٽي ٻار اسان سان گڏ هئا. هاڻي سوال آهي ته شڪراني جو ڏينهن ڇو ۽ ڇا لاءِ ملهايو ٿو وڃي؟ ان لاءِ آمريڪا ۾ مختلف ماڻهن جا مختلف خيال ۽ رايا آهن. گُوگل وڪيپيڊيا ۾ جتي هر سوال جو جواب هر وقت موجود هوندو آهي اتي به مختلف ڳالهيون ۽ مختلف سبب ڄاڻايل آهن ۽ واضح طور تي ڪا به ڳالهه نه ڪئي ويئي آهي.
    عام خيال اهو آهي ته جڏهن ڪولمبس آمريڪا جهڙي خوبصورت خطي کي 1492ع ۾ ڳولي لڌو هو ته هي ڏينهن ان ڏينهن جي خوشيءَ ۾ ملهايو ٿو وڃي. اعجاز هن سلسلي ۾ ٻڌايو ته هي ڏينهن آمريڪا جي اصلوڪن رهواسين يعني ريڊ انڊيَنسن (Red Indians) کي شڪست ڏيڻ ۽ پاڻ ملڪ جا حاڪم ٿي ويهي رهڻ جي خوشيءَ ۾ ملهايو ويندو آهي. اعجاز وڌيڪ اهو به ٻڌايو ته ٻه ريڊ انڊينس سندس دوست آهن جيڪي شڪراني جو اهو ڏينهن نه رڳو نٿا ملهائين پر ان ڏينهن کان سخت نفرت ڪن ٿا. اعجاز جي ڳالهه جي وڌيڪ تصديق مون کي وڪيپيڊيا جي مطالعي مان به ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪولمبس مقامي ماڻهن سان وڏيون زيادتيون ڪيون هيون. هن ڏينهن کي ٽرڪي-ڊي به چوندا آهن ڇاڪاڻ ته جيئن ٻڌايو ٿو وڃي ته جڏهن ڪولمبس ۽ سندس ساٿين آمريڪا کي ڳولي لڌو ته اُهي ان وقت ٿڪل، ساڻا ۽ بکيا هئا ۽ وٽن کائڻ لاءِ ڪجهه به ڪو نه هو. اُڃ، بُک ۽ ڏک جي حالت ۾ اوچتو کين هڪ ٽرڪي (شتر مرغ) نظر آئي جنهن کي ماري هنن پچائي کاڌو ۽ پنهنجي بُک جي باهه کي ٿڌو ڪيو.


    بلئڪ فرائيڊي

    (Black Friday)

    هي اُهو ڏينهن هوندو آهي جيڪو شڪراني جي ڏينهن کان ٻئي ڏينهن تي ملهائبو آهي. هن ڏينهن تي عجيب تماشو ٿيندو آهي. وڏن وڏن سُپر اسٽورن تي ماڻهن جون قطارون لڳل هونديون آهن جيڪي رات کان ئي سُپر اسٽورن يا شاپنگ مالز جي سامهون گڏ ٿيندا ويندا آهن. پوءِ سُپر اسٽور جو مالڪ پهريَن ڏهن پندرهن يا ويهن ماڻهن کي (جيڪو به تعداد هو مقرر ڪري) تمام مهانگيون شيون ڀڳڙن مُٺ جي اگهه تي وڪڻي ڇڏيندو آهي. مثال طور هڪ رفريجريٽر جي مارڪيٽ ۾ قيمت ٽي هزار ڊالر آهي پر بلئڪ فرائيڊي جي ڏينهن تي سپر اسٽور ٻاهران قطار ۾ بيٺل پهريَن ڏهن، پندرهن يا ويهن ماڻهن (جيترو به تعداد اسٽور جي مالڪ پنهنجي طرفان مقرر ڪيو هوندو) کي اُهو رفريجريٽر هڪ سئو يا وڌ ۾ وڌ ٻه سئو ڊالرن ۾ ملي ويندو. ويچارا غريب غربا شڪراني جي ڏينهن کان پوءِ ايندڙ رات کان ئي اسٽورن جي آڏو پنهنجا هنڌ بسترا کڻي وڃي سمهندا آهن ته من اُهي به انهن خوش نصيبن منجهان هجن جن کي هزارن ڊالرن جو سامان چند سوَن ۾ ملي وڃي.


    ڪاڇيلي جا قرب

    25 ۽ 26 نومبر 2012ع: واحد ڪاڇيلو هڪ دلبر دوست آهي. هڪ ڀيري منهنجي پٽ اعجاز مون کي آمريڪا مان فون ڪيو ته بابا واحد ڪاڇيلو منهنجو تمام پيارو دوست آهي. هو پاڪستان آيل آهي ۽ اوهان سان ضرور ملندو، سو سندس خيال رکجو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪاڇيلي صاحب جو فون آيو ۽ ٻئي ڏينهن تي هو منهنجي گهر پهچي ويو. پهرين ملاقات ۾ ئي مون کي هو هڪ سادگي پسند، ٺيٺ سنڌي مزاج رکندڙ ۽ سُريلو شخص نظر آيو. ڪچهري ڪئيسون ۽ گڏجي ماني کاڌي سون. بس پوءِ ته منهنجي به ساڻس پڪي دوستي ٿي ويئي. بابا مرحوم قبله غلام نبي اداسي جن سرائيڪي زبان (جيڪا اسان جي مادري زبان آهي) ۾ هڪ شعر ٻڌائيندا هئا جيڪو هن ريت آهي:
    خوشامد برآمد عجب مسخري،
    کَواوَڻ، پِلاوڻ، عجب دلبري.
    سو جيڪڏهن ڪنهن سان دوستي پڪي رکجي ته ان سان گڏجي ماني کائڻ ۽ مانيءَ تي ڪچهري ڪرڻ سان محبت وڌي ٿي.
    بهرحال ڪالهه يعني 24 نومبر تي ڪاڇيلي صاحب جو فون آيو ته آءٌ اوهان کي سڀاڻي وٺڻ ايندس ۽ هڪ ڏينهن ۽ رات مون سان گڏ گذارجو. برادرم واحد ڪاڇيلو 25 نومبر جي شام پنجين وڳي ڪلوٽ پهچي ويو ۽ هوسٽن ۾ پنهنجي گهر وٺي ويو. رات جو ساڍي اٺين وڳي تائين ڪچهري ڪندا رهياسين. سندس گهر جي ڀرسان هڪ جامع مسجد آهي جتي مغرب ۽ عشا جون نمازون پڙهيوسين. رات جو صابري نهاريءَ واري جي ريسٽورنٽ ۾ ماني کاڌيسون. بلڪل پنهنجي ديسي ماني، قورمو، ڪوفتا، برياني ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هو. دل ۾ هڪ حسرت پيدا ٿي ته ڪاش اسان جا سنڌي رئيس ۽ وڏيرا به جيڪر ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪن ها ۽ عيش عشرت ۾ لکين ڪروڙين رپيا لُٽائڻ جي بدران هتي اچي بزنس ڪن ها ته ڪيترن سنڌين کي روزگار به ملي ها ۽ پاڻ به وڌيڪ مالدار ٿي وڃن ها. مون کي بُندو خان جو ڪبابن جو ٺيلهو اڃا تائين ياد آهي جڏهن 1970ع ۾ ڪجهه دوستن سان گڏجي بُندو خان وٽ ڪباب کائيندا هئاسين ۽ بندو خان پنهنجي سِر پاڻ ڪباب ٺاهيندو ماڻهن کي ڏيندو ويندو هو. ان کانپوءِ جڏهن پئسي ڏوڪڙ ۾ پاڻ ڀرو ٿيو ته ڪراچيءَ جي جيڪب لائنس جي علائقي ۾ بندو خان ڪباب والا جي نالي سان پهرين هوٽل کوليائين ته ان تي ماڻهن جي ايتري ته پِيهه ٿيندي هئي جو ڪڏهن ڪڏهن ته ڪافي دير انتظار ڪرڻ کانپوءِ ٽيبل تي ويهڻ نصيب ٿيندو هو. هاڻي ته جيڪب لائين جو نالو نشان ئي ڄڻ مِٽجي ويو آهي ۽ اتي ڊاڪٽرن جا وڏا وڏا پلازا ۽ ٻيون گهڻ ـــ ماڙ عمارتون ٺهي ويون آهن. ڪجهه سالن پڄاڻان خبر اها پيئي ته انگلنڊ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ به بندو خان جا وڏا وڏا هوٽل ٺهي ويا آهن. ٿورو تصور ڪريو ته هڪ ٺيلهو هلائيندڙ ماڻهو ايڏي ترقي ڪري جو ٻاهرين ملڪن جي وڏن شهرن ۾ پنهنجو ساڳيو ڪاروبار نه رڳو شروع ڪري پر ان کي ايترو ڄمائي وڃي جو ماڻهو دنگ رهجيو وڃن.
    بهرحال رات جي ماني کائي ڪاڇيلي صاحب جي گهر رات رهيس. 26 نومبر جي صبح جو 9:30 وڳي ڪاڇيلي جي گهران روانا ٿياسين. ٿورڙي ئي پنڌ تي هڪ وڏي هول سيل مارڪيٽ جي سامهون وڃي گاڏي بيهاريائين جنهن تي لکيل هو جئسمن ٽيڪسَس (Jasmine Texas). ڪاڇيلي صاحب ٻڌايو ته هول سيل جو اهو وڏو شاپنگ سينٽر حيدرآباد سنڌ جي هڪ اردو ڳالهائيندڙ جو آهي. بهرحال پوءِ به خوش ٿيس ته پنهنجي ئي شهر جو ماڻهو آهي ۽ آفرين اٿس جو هوسٽن جهڙي شهر ۾ ايڪڙن تي ڦهليل هول سيل مارڪيٽ قائم ڪيو اٿس، جتان ٽيڪسس جا شهري پڻ سامان خريد ڪن ٿا. ڪاڇيلي صاحب پڻ پنهنجن ٻن اسٽورن لاءِ هتان سامان خريد ڪيو. ان کانپوءِ پنهنجي ٻن اسٽورن تي وٺي ويو ۽ خوب خدمتون چاڪريون ڪيائين.


    فاروق طرفان منهنجي لاءِ شاپنگ

    شام جو فاروق ڪاڇيلي صاحب جي اسٽور تان مون کي پهرين پنهنجي گهر وٺي ويو، جتي ڪافي پيتيسون. ان کانپوءِ فاروق ۽ مون مختلف شاپنگ مالز ۽ سُپر اسٽورن جا چڪر لڳايا. آخر ۾ راس سُپر اسٽور (Ross Super Store) تي آياسين ۽ فاروق مون کي چيو: ”وڏا بابا! (هدايت جا ٻار مون کي وڏا بابا چئي مخاطب ٿيندا آهن، جڏهن ته منهنجا ٻار هدايت کي ابا چوندا آهن) اوهان کي جيڪو ڪجهه ۽ جيترو ڪجهه کپي ته هتان وٺو ۽ مون کي گهڻي خوشي ٿيندي جيڪڏهن اوهان هتان ڪجهه وٺندئو“. مون کيس چيو ته مون کي ڪنهن به شئي جي ضرورت ڪانهي. پر فاروق مُڙڻ وارو ڪونه هو، سو منهنجي ۽ منهنجي پُٽن لاءِ ڪافي ساريون شرٽس ۽ ٻيون ڪافي سوکڙيون پاکڙيون خريد ڪيائين. منهنجي گهرواري ۽ منهنجي نُنهن لاءِ پڻ تمام قيمتي پرس ورتائين. ٻيون به ننڍيون ننڍيون بيشمار شيون پنهنجي توڙي منهنجي گهر وارن لاءِ خريد ڪيائين. سڀ کان وڏي ڳالهه ته سوني ڪمپني جو هڪ زبردست لئپ ٽاپ (Laptop) به مون کي تحفي ۾ ڏنائين. اهڙن قربن ڪرڻ تي فاروق کي هڪ ٻه ڀيرا وڏو Thank you چيم. راس اسٽور مان نڪري وري به مختلف شاپنگ مالز جا چڪر لڳاياسين. گهمي گهمي دير ٿي ويئي هئي، ٿڪجي به پياسين سو هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ ۾ ماني کارايائين. روايتي قورمو ۽ برياني کاڌيسين. ڏاڍو مزو آيو. افسوس جو ريسٽورنٽ جنهن ۾ ماني کاڌيسين، ان جو نالو ياد نه پيو اچي. ماني کائڻ کانپوءِ اٽڪل رات جو يارهين ڌاران ممتاز جي گهر آياسين ۽ اتي ئي رات رهياسين.
    27 نومبر 2012ع تي به فاروق جي موڪل هئي، سو ٻيهر مون کي مختلف جاين تي گهمائڻ ڦيرائڻ وٺي ويو. ڪافي دير تائين هيڏي هوڏي چڪر لڳائي ممتاز ۽ انيتا جي گهر واپس ورياسين.


    بولنگ جي راند

    اڄ 28 نومبر 2012ع تي اعجاز، ممتاز، طارق ۽ سندن دوست عابد وارن پروگرام ٺاهيو ته اڄ هر صورت ۾ بولنگ راند کيڏڻ هلنداسون. جڏهن آءٌ سال 2006ع ۾ هوسٽن ويو هوس تڏهن به مٿي بيان ڪيل برخوردار مون کي بولنگ (Bowling) تي وٺي ويا هئا ۽ ڏاڍو مزو آيو هو، تنهنڪري هن دفعي مون کانئن بار بار مطالبو ٿي ڪيو ته بولنگ تي ضرور هلجي نه ته افسوس رهجي ويندو ته هن دفعي اها دلچسپ راند نه کيڏي سگهياسين.
    مهربان پڙهندڙن کي مختصر طور ۽ ٿُلهي ليکي اهو ٻڌائيندو هلان ته بولنگ آهي ڇا؟ اٽڪل 35 کان 45 فوٽن جي ڊيگهه تائين هڪ تختو فٽ ٿيل آهي جنهن جي آخر ۾ 5 يا 10 پِنون (Pins) رکيل هونديون آهن. اِهي پِنون ننڍيون نه پر هڪ کان ڏيڍ فوٽ جي ماپ جون هونديون آهن. بولر هڪ وڏو بال (ذري گهٽ فوٽ بال جيڏو) کڻي اڇلائيندو آهي ته جيئن اُهي پِنون بال لڳڻ سان ڪِري پون. اسان ٻنهي موقعن (يعني 2006ع توڙي 2012ع ۾) پنجن پِنن واري راند ڪئي. جيڪو بولر هڪ دفعي بال اڇلائڻ سان پنجئي پِنون ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿو وڃي ته ان جي داوَ کي اسٽرائيڪ (Strike) چئبو آهي ۽ ان کي مارڪون به گهڻي کان گهڻيون ملنديون آهن، نه ته ڪو هڪ ڀيري بولنگ سان هڪ، ٻه يا ٽي پِنون مسَ ڪيرائي سگهندو آهي. ڪيترائي ڀيرا ته بال پِنن طرف ويندو ئي ڪونهي پر ان کي غلط اڇلائڻ سبب لڙي ٻئي طرف هليو ويندو آهي ۽ هڪ پِن به نه ڪِرندي آهي. هر راند چاليهه-پنجاهه منٽ هلندي آهي ۽ هڪ وڏو چهچٽو متل هوندو آهي، جيڪو واقعي ڏسڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ وٽان هوندو آهي ڇو ته راند وارن تختن جي قطار لڳل هوندي آهي ۽ اوتري ئي قطار کيڏڻ وارن مردن ۽ کيڏڻ وارين عورتن ۽ ڇوڪرين جي هوندي آهي، جيڪي هڪ ۽ ساڳئي وقت ۾ بيهي کيڏندا/کيڏنديون آهن. جڏهن ڪا ڇوڪري بولنگ ڪرائيندي آهي ته مرد پنهنجي بولنگ کي ٿورو روڪي ڇوڪريءَ جي انگن عضون جي چرپر ڏسڻ ۾ مشغول ٿي ويندا آهن، پر ان وقت کين وڏي شرمساري ٿيندي آهي جڏهن اڪثر ڇوڪريون توڙي وڏي عمر واريون عورتون پڻ گهڻن مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ نمبر کڻي وينديون آهن. بهرحال مون پڻ ٻه، ٽي ڀيرا هڪ ئي بال سان جڏهن پنجئي پِنون ڪيرايون ته اعجاز، ممتاز، طارق ۽ عابد طرفان وڏو داد مليو ڇو ته آءٌ سڀني کان عمر ۾ ذري گهٽ ٻيڻ تي وڏو هوس ۽ بالنگ جي راند ۾ طاقت جو وڏو دخل آهي. بال جيترو زور سان ۽ صحيح طريقي سان اڇلائبو ته پِنون به اوتريون ئي زوردار طريقي سان ڪِرنديون.
    بهرحال ڏاڍو مزو آيو ۽ خوب Enjoy ڪيوسين. لڳ ڀڳ رات جي ٻين وڳي اعجاز جي گهر پهتاسين. 29 نومبر 2012ع تي گهر ۾ ئي گذاريم ڇاڪاڻ ته صبح جو لاس ائنجلس لاءِ روانو ٿيڻو هو.


    هوسٽن کان لاس ائنجلس روانگي

    (Houston to Los Angeles)

    هوسٽن ۾ رهائش دوران منهنجي ننڍپڻ جي پياري دوست غلام فريد عباسي جو ٽيليفون ذري گهٽ روزانو پيو ايندو هو ۽ هو وڏي قرب ۽ چاهه مان لاس ائنجلس گهمڻ ۽ وٽن ٻه چار ڏينهن رهڻ جون دعوتون پيو ڏيندو هو. هتي اها وضاحت ڪندو هلان ته فريد صاحب جي نياڻي احسانا، جيڪا منهنجي ڌيءُ پروين (مرحومه) جي سهيلي رهي آهي، ڪافي سالن کان لاس ائنجلس ۾ رهائش اختيار ڪري چڪي آهي سو فريد صاحب جيڪو پاڪستان کان اڪثر لاس ائنجلس ۾ پنهنجي گهر ايندو ويندو رهندو آهي، جي فونن کان وڌيڪ منهنجي نياڻي احسانا جا فون پيا ايندا هئا ته چاچا هن دفعي ضرور اسان وٽ اچجو. جڏهن آءٌ 2006ع ۾ آمريڪا ويو هوس تڏهن به احسانا کي الائي ڪٿان خبر پيئي ته چاچا عنايت پنهنجي پٽ اعجاز وٽ هوسٽن آيل آهي، سو اعجاز جو فون هٿ ڪري ان سان ڳالهايائين، منهنجو پڇيائين ۽ مون سان ڳالهايائين. پر سندس لهجي ۾ ايتري ته اُڪير ۽ ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي سنڌي عورت واري سِڪ هجي جو آءٌ حيران ٿي ويو هوس ته هيءَ ڪهڙي نه عجيب ۽ مثالي ڇوڪري آهي جو هتي آمريڪا ۾ سالن جا سال رهڻ کانپوءِ به وطن نه وساريو اٿس. لاکيڻي لطيف جو بيت ياد آيو جيڪو لطيف سائين مارئي جي زبان ۾ اسان کي ٻڌايو آهي:
    آءٌ ڪيئن ڇڏيان سومرا تن پنهوارن پچار،
    جڙ جنين جي جان ۾ لڳي ريءَ لهار،
    ميخون محبت سنديون هينئڙي منجهه هزار،
    پکا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
    نياڻي احسانا ۾ مون کي لطيف جي بيت واري مارن لاءِ ڇِڪ ۽ سانگين لاءِ سِڪ نظر آئي.
    2006ع ۾ بهرحال مان احسانا وٽ لاس ائنجلس نه وڃي سگهيو هوس، تنهنڪري هن دفعي حجت ڪندي چيائين ته چاچا اوهان کي هن دفعي هر صورت ۾ لاس ائنجلس اچڻو آهي. وري فارسيءَ جي چوڻي مطابق: يک نہ شد، دو شد. هاڻي هڪ مان ٻه ٿي ويا آهن يعني فريد ۽ احسانا (پيءُ ۽ ڌيءَ) جي فونن کانپوءِ منهنجي اندر ۾ پڻ لاس ائنجلس وڃڻ جي اُڻ تُڻ پيدا ٿي ويئي ته پنهنجي ديرينه دوست ۽ پنهنجي نياڻيءَ ڏانهن ضرور وڃان. اعجاز به مون تي ڏاڍو زور ڀريو ته بابا اوهان لاس ائنجلس ضرور وڃو ۽ اُتي اوهان کي ڏاڍو مزو ايندو. مون اعجاز کي ٻڌايو ته مان لاس ائنجلس 1986ع ۾ ڏٺو هو جڏهن انٽرنيشنل وزيٽر پروگرام(International Visitor Program) هيٺ آمريڪا گهمڻ ويو هوس ۽ لاس ائنجلس ۾ پورا پنج ڏينهن رهيو هوس.
    بهرحال اڄ 30 نومبر 2012ع تي يونائيٽيڊ ايئرلائينس جي فلائيٽ ۾ هوسٽن جي جارج بش انٽرنيشنل ايئرپورٽ (IAH) تان منجهند جو ٻه لڳي چاليهن منٽن تي روانو ٿيس پر ٿورو ترسو. رواني ٿيڻ کان اڳ بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جو مرحلو ڪيئن طئه ٿيو، ان بابت به اوهان کي ڪجهه ٻڌائجي.
    ايئرپورٽ جي اندر وڃي چيڪ اِن ڪائونٽر تي بوڪنگ ڪرڻ وارن همراهن لاءِ هيڏي هوڏي نهاريم پر هتي ”بندا نه بندي دي ذات هووي“، وارو منظر هو. هرطرف رڳيون مشينون نظر آيون، سو آءٌ به هڪ مشين اڳيان وڃي بيٺس جيئن ٻيا به ڪيترائي ماڻهو بيٺا هئا. مشين کي پنهنجي بوڪنگ جو رفرنس نمبر ڏيئي ٿوري ٽِڪ ٽِڪ ڪيم ته فورن منهنجي بورڊنگ ڪارڊ جو پنو نڪري آيو جنهن تي منهنجو نالو، فلائيٽ نمبر، سيٽ نمبر ۽ گيٽ نمبر وغيره جا سڀ تفصيل لکيل هئا. توڙي جو مشين مان پنهنجي بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ مون کي هڪ منٽ به مس لڳو هوندو، پر تڏهن به الائي ڇو انسانن جي ڪميءَ کي مون ڏاڍو محسوس ڪيو ڇو ته مان اڪثر ڪري بوڪنگ تي ويٺل مردن يا ڇوڪرين کي گذارش ڪندو آهيان ته مون کي Leg Space واري سيٽ ڏيو جتي ڄنگهون پکيڙي ماڻهو آرام سان سفر ڪندو آهي. هن دفعي آمريڪا ويندي به ڪراچي ۾ بوڪنگ تي ويٺل آفيسر هڪ ڀلي مانس نظر آيو جنهن دبئيءَ کان هوسٽن (جيڪو 16 ڪلاڪ لڳاتار اڏام جو سفر هو) جي سيٽ مون کي Leg Space واري ڪنفرم ڪري ڏني هئي جنهن جو تفصيل گذريل صفحن ۾ لکي آيو آهيان. بهرحال هتي جيڪا به سيٽ مشين ڪڍي ڏني ان تي ئي سفر ڪرڻو پيو.
    آمريڪا توڙي يورپ جي ايئرپورٽس تي سيڪيورٽيءَ جي مرحلن مان گذرڻ وڏي خواريءَ جو ڪم هوندو آهي. مسافرن کان بوٽ، پينٽ ۾ پيل پٽو (Belt)، موبائيل، پين، واچ وغيره لهرائي هڪ ٽوڪريءَ ۾ رکن ٿا ۽ اُها ٽوڪري وڏين ۽ تيز ڪئميرائن اڳيان گذرندي ان طرف وڃي ٿي جتي مسافرن جي جسماني چيڪنگ کانپوءِ آخر اُتي پهچڻو هوندو آهي. جسماني چيڪنگ ڪندي هڪ هنڌ تي ڪئميرا جي هيٺان بيهاري ٻيئي ٻانهون مٿي کڻائين ٿا ته ڪٿي اسان پنهنجي ڪڇَ ۾ ڪجهه لڪايو ته نه آهي. هن ايئرپورٽ تي به سيڪيورٽيءَ جي ساڳين سخت مرحلن مان گذرڻو پيو.
    يونائيٽيڊ ايئرلائينس جي فلائيٽ ڏاڍي فضول ۽ بيڪار نظر آئي. اڌ مُني ڪلاڪ تائين ته ايئرهوسٽيسون اسان جي ويجهو ئي نٿي آيون نيٺ ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ مانيءَ جون ٽراليون ڀري آيون ۽ مون ڏٺو ته ماڻهو ماني کائڻ لاءِ پئسا ڏئي رهيا هئا. جڏهن هوسٽيس مون کان پڇيو ته ڇا کائيندئو؟ ته مون کانئس پڇيو: ”ڇا اوهان ٻين ايئرلائينس جيان ماني مفت ۾ (Complimentary) نٿا کارايو؟“ ته سخت رُکائيءَ مان جواب ڏنائين: ”اسان مفت ۾ نٿا کارايون، اوهان کي پئسا ڏيڻا پوندا“. بُک به اچي پاسا ورتا هئا سو 9 ڊالرن ۾ منجهند جي ماني خريد ڪري کاڌم ۽ ايئرلائين کي دل ۾ بُرو ۽ کين ملامت ڪيم. مون کي پنهنجي پي-آءِ-اي توڙي پنهنجون ٻيون ايئرلائنون ياد آيون، جيڪي ڪراچيءَ کان اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا وغيره جي اڏام جيڪا ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ مس هوندي آهي ته ان ۾ به بهترين لنچ يا ڊنر (جنهن جو به وقت هجي) کارائيندا آهن ۽ جوسز به پياريندا رهندا آهن، پر هوسٽن کان لاس ائنجلس جي فلائيٽ ساڍن ٽن ڪلاڪن جي هئڻ جي باوجود منجهند جي ماني اسان کي پنهنجن پئسن جي کائڻي پيئي. بهرحال ڪئليفورنيا اسٽيٽ (جنهن جو ٽائيم هوسٽن کان ٻه ڪلاڪ پُٺتي آهي) جي وقت موجب شام جو ساڍي چئين وڳي لاس ائنجلس پهچي ويس. جيئن لاس ائنجلس جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ (LAX) کان ٻاهر آيس ته فريد عباسي صاحب سامهون بيٺل نظر آيو. ان سان گڏ سندس نياڻو ظفر جماڻي به موجود هو. مون کي ڏسي ۽ مون سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا.
    منهنجي پهچڻ کان اڳ لاس ائنجلس ۾ ٺاهوڪو مينهن پئجي چڪو هو پر هاڻي به سنهي بوند برسي رهي هئي ۽ هر طرف ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. ڪلاڪ کن ۾ فريد صاحب جي نياڻي احسانا جي گهر پهچي وياسين جتي منهنجي نياڻي مون کي ڏسي خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهي هئي. مون کان منهنجي خيريت پڇڻ بعد منهنجي سڀني گهر وارن جو حال احوال پڇيائين ڇو ته هوءَ سڀني کي چڱيءَ طرح ڄاڻندي سڃاڻندي آهي ۽ پنهنجي سهڻي اخلاق، عادتن سبب سڀني کي پياري به آهي. احسانا جو گهر ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي جيڪو لڳ ڀڳ هڪ هزار والن جي ايراضيءَ تي ٺهيل آهي. رات جي مانيءَ تي احسانا اٺ-ڏهه طعام پچايا جن ۾ ديسي طعامن کانسواءِ آمريڪي طرز جا طعام به هئا ۽ هر ڊش جو ذائقو ۽ مزو نئون ۽ نرالو هو. مون احسانا جي ڪوڪنگ تي کيس ڏاڍو داد ڏنو ته سندس جيوَن ساٿي ظفر چيو: ”سائين ڪجهه داد مون کي به ڏيو جو مون به سندس هٿ ونڊايو آهي“.


    لاس ائنجلس کان سئن ڊئيگو

    (Los Angeles to San Diego)

    فريد صاحب ۽ ظفر جماڻي منهنجي لاس ائنجلس پهچڻ کان اڳ ئي سڄو پروگرام ٺاهي چڪا هئا ته ڪهڙي ڏينهن ڪٿي وڃڻو هو يا ڪهڙي هنڌ جو سئر سفر ڪرڻو هو ڇو ته مون وٽ هتي رهڻ لاءِ فقط چار ڏينهن هئا ۽ 5 ڊسمبر 2012ع تي منهنجي هوسٽن واپسيءَ جي ٽڪيٽ ڪنفرم ٿيل هئي. اڄ ڊسمبر جي پهرين تاريخ هئي ۽ اسان (فريد صاحب، ظفر جماڻي ۽ آءٌ) صبح جو ساڍي ڏهين وڳي لاس ائنجلس کان سئن ڊئيگو (San Diego) لاءِ روانا ٿياسين. سئن ڊئيگو آمريڪا جو اٺون نمبر ۽ ڪئليفورنيا اسٽيٽ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. هيءُ شهرپئسفڪ سمنڊ جي ڪناري جي اردگرد آباد آهي ۽ اُن جو خوبصورت سامونڊي ڪنارو، جيڪو سياحن کي ڪشش ڪري هتي وٺي اچي ٿو، 70 ميلن تائين ڊگهو آهي. هتان جون گهڻيون ئي جايون جڳهيون مشهور ۽ ڏسڻ وٽان آهن پر سئن ڊئيگو جي ڪئليفورنيا يونيورسٽي سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هتان جو چڙيا گهر (Zoo) به تمام وڏو آهي جتي پڻ سياح تمام گهڻي تعداد ۾ اچن ٿا. اسان لاس ائنجلس شهر کان ٿورو ٻاهر اچي آءِ-5 (I-5) يا انٽر اسٽيٽ روڊ-5 وٺي فقط ٻن ڪلاڪن ۾ سئن ڊئيگو پهچي وياسين. هن روڊ کي پئسفڪ هاءِ وي به چوندا آهن ڇاڪاڻ ته پئسفڪ وڏو سمنڊ هن هاءِ وي سان گڏوگڏ هلي ٿو. هن روڊ جي ڀرسان اسان کي (Amtrak) ريل ملي جيڪا آمريڪا جي مختلف شهرن کي هڪ ٻئي سان ملائي ٿي. هيءَ ٽرين ڊبل ڊيڪر هئي جنهن ۾ مسافر ٻنهي طبقن ۾ ويٺل نظر آيا. ٿڌو ساهه ڀريم ۽ دل ۾ چيم ته ڪجهه عرصو اڳ تائين اسان جي ملڪ ۾ پڻ ريلن جو نظام ڪافي بهتر هو ۽ ٽرين ۾ سفر ڪندي ڏاڍو مزو ايندو هو. هڪ دفعي مون کي ياد آهي ته جڏهن منهنجو ڀاءُ فيض ۽ آءٌ اسلام آباد هوندا هئاسين ته عيدالفطر جي موقعي تي گڏجي پنهنجي ڳوٺ اچڻ جو پروگرام ٺهيو ۽ اسان سيڪنڊ ڪلاس ايئرڪنڊيشن سليپر جو پورو گاڏو (Compartment) بوڪ ڪرايو جنهن ۾ اسان جي ٻن فيملين کان سواءِ ٻيو ڪو به ماڻهو سُوار ڪونه هو.
    راولپنڊي جنڪشن کان وٺي خيرپور ريلوي اسٽيشن تائين رانديون کيڏندا، ڀوڳ چرچا ۽ روح رهاڻيون ڪندا، سُڪون ۽ سانت ۾ آرام ڪندا خيرپور پهچي وياسين. سفر جو ٿڪ ته پري جي ڳالهه پر خود سفر جي ڄڻ خبر ئي نه پيئي هئي ته ڪيئن گذري ويو. پر هاڻي پاڪستان جي ريل ڄڻ ختم ٿي چڪي آهي ۽ ٽرانسپورٽ مافيا جي ظالمن پنهنجي ذاتي فائدي حاصل ڪرڻ خاطر، انگريزن جي قائم ڪيل مسافريءَ جي هن عظيم نظام کي ناڪام، تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن مان هتي هي سِٽون لکان ويٺو ته ملڪ ۾ 11 مئي 2013ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ميان محمد نواز شريف ملڪ جو وزير اعظم چونڊجي ويو آهي، پر هن وزير اعظم جي عهدي جي قسم کڻڻ کان اڳ ئي اعلان ڪيو هو ته هو ريلوي کي پنهنجي اڳئين عروج تي آڻيندو ۽ ساڳئي وقت پي-آءِ-اي کي به پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي پوري ڪوشش ڪندو. مون کي هتي اهو لکندي خوشي محسوس ٿي ٿئي ته ريلوي جو وزير ميان سعد رفيق وڏا انقلابي قدم کڻي پاڪستان ريلوي کي ٻيهر پنهنجي اڳئين اوج تي آڻڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ريلن جو سفر هاڻي سستو ۽ آرامده ٿي ويو آهي ۽ وڏي ڳالهه اها ته ريلون هاڻي پنهنجي پوري وقت تي هلن ٿيون ۽ مقرر وقت تي پنهنجيءَ منزل تي پهچن ٿيون.
    سئن ڊئيگو ۾ اسان ميٽرو ۾ سوار ٿي سڄي شهر جو چڪر لڳايو جيڪو بيحد سرسبز، صاف سٿرو ۽ خوبصورت نظر آيو. هر طرف ڄڻ ساوڪ جي چادر وڇايل هئي. سئن ڊئيگو ۾ ميٽرو کي سئن ڊئيگو ٽرالي (San Diego Trolley) چون ٿا. هن ٽرالي ۾ جڏهن سڄو شهر گهمي گهمي ٿڪجي پياسين ته پوءِ بس ذريعي سمنڊ جي ڪناري (Imperial Beach) تي آياسين جيڪو ڪورونئڊو شهر جي ڀرسان آهي، تنهنڪري هن کي ڪورونئڊو بيچ (Coronado Beach) به چيو ويندو آهي. هتي به اُهو ئي سمنڊ هو جيڪو ڪراچيءَ ۾ آهي پر امپيريل بيچ کي هوٽلن، ريسٽورنٽس ۽ ٻين وندر ورونهن جي بيشمار سامان سان سجايو ۽ سينگاريو ويو آهي. ڪراچي بيچ کي به شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جهڙو بنائڻ ٿي چاهيو پر شرپسندن مذهب جي اوٽ وٺي ان منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو.


    ننڊ ۾ ڊرائيونگ

    شام جو پنجين وڳي سئن ڊئيگو کان لاس ائنجلس واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو. معمول موجب ڊرائيونگ ظفر جماڻي ٿي ڪئي. هڪ جڳهه تي گاڏيءَ کي خوب جهٽڪو آيو ۽ اسان سڀني کان ڇرڪ نڪري ويو ته فريد صاحب رڙ ڪئي. يار اڄ به ننڊ ٿي اچئي ڇا؟ ظفر سجاڳ ٿي ويو، پر پوءِ خبر پيئي ته ظفر کي گاڏي هلائيندي اڪثر ننڊ ايندي آهي. پوءِ ته ظفر گاڏي هلائيندي کيس ننڊ اچڻ جا کوڙ سارا اهڙا انڪشاف پاڻ ڪيا. ڳالهين ڪندي ٻڌايائين ته هڪ دفعي ڊرائيونگ ڪندي کيس ننڊ اچي ويئي ۽ گاڏي الله جي آسري تي پاڻهي ٿي هلي. وڌيڪ تفصيل ٻڌايائين ته ننڊ ۾ ئي گاڏي سگنل پڻ ڪِراس ڪري ويئي پرخوش قسمتيءَ سان سگنل گرين ٿيل هو ۽ هو اطمينان سان ڪِراس ڪري ويو. پر جي خدانخوانسته سگنل ريڊ هجي ها ته وڏي خطرناڪ حادثي ٿيڻ جو انديشو نه پر پوري پڪ هئي. ان انڪشاف کانپوءِ مون کي اهڙو ڀئو لڳو جو مون گهڙي گهڙي ظفر سان ٿي ڳالهايو ته جيئن هُو سجاڳ رهي.


    اسلامي ريسٽورنٽ ۾ ارشاد قاضيءَ طرفان ڊنر

    سئن ڊئيگو مان ٻن ڪلاڪن ۾ لاس ائنجلس ۾ پنهنجي گهر پهتاسين. گهڙي کن آسيرا پاسيرا (Relax) ۽ ڪجهه تازا توانا ٿي اسلامي ريسٽورنٽ لاءِ روانا ٿياسين ڇاڪاڻ ته برادرم ارشاد قاضيءَ طرفان اسان کي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏنل هئي. فريد صاحب ۽ ظفر مون سان گڏ هئا. ارشاد قاضي صاحب سان پراڻي واقفيت ۽ دعا سلام رهي آهي، پر سندس ٻن وڏن ڀائرن اشفاق قاضي ۽ ابرار قاضي سان منهنجي دوستي رهي آهي، اشفاق اسان کان ڪافي سينيئر هو ۽ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ پڻ رهيو آهي. ڪيترين ادبي بيٺڪن ۾ اسين گڏ اٿيا ويٺا آهيون. سندن ٻه ٻيا ڀائر اعجاز ۽ امتياز به وڏن عهدن تي رهيا آهن. سندن والد صاحب قاضي سچيڏنو (مرحوم) ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ٿيو هو. منهنجي دوست نفيس احمد ناشاد، جيڪو ڪيترائي سال سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ جو نهايت ئي جاکوڙيندڙ ۽ ڪامياب ايڊيٽر رهيو، ڳالهين ڳالهين ۾ مون کي ٻڌايو ته جڳ مشهور دانشور ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪامورن ۾ گهَري گهاٽي دوستي فقط ٻن شخصن سان هئي: هڪڙو قاضي سچيڏنو ۽ ٻيو محمد اسماعيل نُون، جي ٻيئي وڏا علم شناس ۽ ادب پرور هئا. ابرار قاضي ڪافي عرصي کان سياست ۾ پير پاتو ۽ سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جو باني آهي.
    هاڻي ڀاءُ ارشاد قاضيءَ جي حوالي سان مهربان پڙهندڙن کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائڻ ٿو چاهيان. ارشاد صاحب جو فون آيو ته سڀاڻي رات جي ماني مون سان گڏجي کائجو. جڏهن فون تي هڪ ٻئي کي خدا حافظ چوڻ وارا هئاسين ته ارشاد چيو ته موڪلائڻ کان اڳ اوهان کي ٻه ٽي شعر ٻڌايان ٿو، جيڪي اميد ته اوهان کي پسند ايندا. مون کيس چيو: ”چئبو ته ارشاد کي هاڻي ارشاد فرمايو چوڻو ئي پوندو“. ٽهڪ ڏنائين ۽ جيئن هُن شعر جي پهرين سِٽ پڙهي ته مون کان حيرت واري رڙ نڪري ويئي ڇو ته اُها منهنجي ئي غزل جي سِٽ هئي. پوءِ ته ارشاد صاحب منهنجي غزل جا ٻه چار بند ٻڌايا جن کي مهربان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي لکان ٿو:
    مٺڙا مون کان ٿيندو وڃجان،
    روح کي راحت ڏيندو وڃجان.
    تنهنجي راهه ۾ نيڻ وڇايم،
    پيارا پير ڌريندو وڃجان.
    رستي ويندي، جاني مون وٽ،
    چار گهڙيون گهاريندو وڃجان.
    حُسن جوانيءَ جا ڪي موتي،
    مون وٽ ڀي هاريندو وڃجان.
    آهي عنايت اوسيئڙي ۾،
    وسريل کي ساريندو وڃجان.
    مون هتي فقط ٻه بند وڌيڪ لکيا آهن، باقي غزل جا پورا ٽي بند کيس برزبان ياد هئا. ٻڌايائين ته اهو غزل ڪيترا سال اڳ ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيو هو جيڪو کيس ڏاڍو پسند آيو هو، پر وري ورجائي چيائين ته هن مصرع جو ته جواب ناهي:
    حُسن جوانيءَ جا ڪي موتي،
    مون وٽ ڀي هاريندو وڃجان.
    ارشاد صاحب پهريون ڀيرو بارِيش نظر آيو. اڳ به خوبصورت هو ۽ هينئر سُونهاري رکڻ سان سندس چهري جي نِرملتا وڌيڪ مانائتي (Graceful) لڳي رهي هئي. پنج وقت نماز ادا ڪندو آهي. متقي ۽ پرهيز گار شخص آهي. گهڻو وقت اڳ منهنجي ان غزل ۽ خاص طرح سندس پسند واري شعر جي تعريف ڪرڻ جو راز شايد سندس جواني مستاني جي ڏينهَن ۾ لڪل هوندو ۽ عين ممڪن آهي ته جوانيءَ جي مست ڏينهَن ۾ ارشاد قاضي به ڪنهن کي مخاطب ٿي چيو هجي:
    حُسن، جوانيءَ جا ڪي موتي
    مون وٽ ڀي هاريندو وڃجان.
    ڳالهه مان ڳالهه نڪري ٿي ته الائي ڪٿي پهچيو وڃي. اسان بهرحال ڊرائيو ڪندا اسلامي ريسٽورنٽ پهچي وياسين، جنهن تي Mas Islamic) (Restaurant Halal Food ماس اسلامي ريسٽورنٽ حلال کاڌو لکيل هو. ارشاد صاحب ٻڌايو ته هي ريسٽورنٽ چيني مسلمانن جو آهي جيڪي پاڻ به گوشت کي اسلامي طريقي سان حلال ڪري کائيندا آهن ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن کي پڻ حلال گوشت کارائيندا آهن. ارشاد قاضي صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته ماس اسلامي ريسٽورنٽ جون شاخون ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڻ کوليون ويون آهن. هتي ماڻهن جي بيحد رش لڳل هئي ۽ اسان کي پڻ ٿوري دير لاءِ انتظار ڪرڻو پيو ڇو ته هتي بيشمار ماڻهو ماني کائڻ اچن ٿا. جيئن ته هن ريسٽورنٽ جا کاڌا ڏاڍا لذيذ هئا ته هن سلسلي ۾ ارشاد صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته هتي غير مسلم پڻ گهڻي تعداد ۾ اچن ٿا.
    ماني کائيندي ڪچهري به ڪندا رهياسين ۽ ڪيترن سالن گذرڻ کانپوءِ ارشاد قاضي صاحب سان ملي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ارشاد صاحب پڻ ساڳين خيالن جو اظهار ڪيو. ڀاءُ فريد عباسي ۽ ظفر جماڻي به ارشاد قاضي صاحب سان ٿيل روح رهاڻ کان ڏاڍا خوش ۽ سَرها نظر آيا توڙي جو هو ساڳئي شهر ۾ هڪ ٻئي سان ملندا رهندا آهن.


    لاس ائنجلس کان لاس ويگاس

    (Los Angeles to Las Vegas)

    اڄ ڊسمبر جي 2 تاريخ هئي. مان، ڀاءُ فريد عباسي ۽ ظفر جماڻي لاس ائنجلس مان لاس ويگاس لاءِ روانا ٿياسين. اڳ ٻه ڀيرا آمريڪا آيو هوس پر لاس ويگاس نه ڏسڻ جي حسرت کڻي وطن واپس وريو هوس. لاس ويگاس، نيواڊا اسٽيٽ جو هڪ خوبصورت شهر آهي پر هن هنڌ جي شهرت، شهر جي خوبصورتيءَ جي ڪري نه پر جوا کيڏڻ جي خوبصورت، جڳمڳ چلڪندڙ ۽ چمڪندڙ اَڏن (Casinos) جي ڪري آهي.
    صبح جو سوا يارهين وڳي لاس ائنجلس مان نڪتاسين. گهر کان 91-ايسٽ روڊ اختيار ڪري، پوءِ 15-نارٿ ذريعي لاس ويگاس لاءِ روانا ٿياسين ۽ ٻن ڪلاڪن جي ڊرائيو کانپوءِ اٽڪل ڏيڍ وڳي منجهند جو هڪ نئين نموني نظر ايندڙ ٿڪ پٽڻ جي هنڌ (Rest Area) تي اچي پهتاسين جنهن تي لکيل هو وئلي ويلز (Valley Wells). ڪاٺ جا ٺهيل ڪمرا نظر آيا جن جي اندر واش رومز (Wash Rooms) ٺهيل هئا. هر طرف صفائي سٺائي نظر ٿي آئي. هتي ويهي برگر وغيره کاڌاسين ته مڪمل لنچ جو مزو آيو. فريد صاحب ۽ آءٌ وري پٿر تي اُڪريل تحريرن کي پڙهڻ ۾ لڳي وياسين. گهڻو ڪجهه لکيل هو، پر منهنجي نظر موت جي وادي (Death Valley California) تي وڃي پيئي جيڪا اسان سي-ايس-ايس جي امتحان جي تياري ڪندي پڙهي هئي ته هيءَ جڳهه دنيا جي سڀني کان وڌيڪ گرم جڳهه آهي. پر پوءِ مون کي ياد پيو ته لبيا ۾ عزيزيه هڪ جڳهه اهڙي آهي جيڪا موت جي وادي ڪئليفورنيا کان به وڌيڪ گرم آهي. فريد صاحب جنهن جي يادداشت به ڪمال جي آهي، کي آزمائڻ چاهيم ۽ کانئس پڇيم ته: اوهان ٻڌايو ته Death Valley کان به وڌيڪ گرم علائقو ڪهڙو آهي ته بنا دير ”عزيزيه“ جو نالو ورتائين ۽ مون کيس دل کولي داد ڏنو.


    ظفر جماڻيءَ جون دلچسپ ڳالهيون

    ظفر جماڻي جيئن ته هڪ ٻه ڀيرا اڳ ۾ به لاس ويگاس اچي چڪو هو ته کيس خبر هئي ته هاڻي ڪهڙو ننڍو يا وڏو شهر ايندو. سو ڪو به شهر اڃا 30، 40 ميل پري هجي ته ظفر اڳواٽ چوي ته فلاڻي شهر بس پُڄي وياسين. توڙي جو ان شهر جو نالو نشان ئي نه هجي. مثال طور هڪ هنڌ وڏي آواز ۾ چيائين: ”اسان بارسٽو (Borstow) پهچي ويا آهيون“. مون پڇيومانس: ”ڪٿي آهي بارسٽو جو شهر، جنهن جي اڳواٽ خوشخبري ٻڌائي اٿئي؟“، ته چيائين ”بس ٿورڙو ئي اڳتي آهي“. خبر اها پيئي ته 30-35 ميل جي مفاصلي طئي ڪرڻ کانپوءِ Borstow جو شهر آيو. ان تي مون کي ساده لوح ٿَري ماڻهن جو لفظ ”اوڏڙو“ ياد پيو. جڏهن به ڪنهن ٿر جي رهواسيءَ کان اوهان پڇندئو ته ادا فلاڻو شهر ڪٿي آهي ته ٿري اشارو ڪري چوندو ته سِڌا هليا وڃو، بس اهو شهر اوڏڙوئي آهي. خبر تڏهن پوندي ته 20-30 ميلن جي سفر کانپوءِ به اوڏڙو ڏسيل شهر ظاهر نه ٿيندو. ظفر جماڻي به اڄ ٿرين جي ياد کي ورجائي ڇڏيو هو.
    Valley Wells جي ٿڪ پٽڻ جي جڳهه تي منو ڪلاڪ کن رڪياسين ۽ تازا توانا ٿي ٻيهر لاس ويگاس طرف پنهنجو سفر جاري رکيوسين ۽ شام جو اٽڪل چئين وڳي لاس ويگاس پهچي وياسين. لاس ائنجلس کان لاس ويگاس اٽڪل پوڻا چار سئو ميل پري آهي پر روڊ رستا ايترا ته سٺا آهن جو چڱو خاصو وڏو سفر اسان فقط چئن ڪلاڪن ۾ طئه ڪري ورتو. هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته سڄو رستو رڳو رڻ پٽ ۽ جابلو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ڪا ننڍي آباديءَ جي ٿوري گهڻي وَسنوَ هئي نه ته صفا بُٺ ۽ ويراني نظر ٿي آئي. برپٽ، بُٺ ۽ ويرانيءَ وارو منظرنامو ذري گهٽ لاس ويگاس پهچڻ تائين قائم رهيو. دل ۾ سوچيم ته آمريڪا وارا ڪيڏا نه دورانديش آهن جو هونئن هن ويران جڳهه تي دنيا جو ڪو بني بشر شايد لڙي لِيئو به نه پائي ها پر هاڻي ان جڳهه تي ماڻهن لاءِ هرکائيندڙ ڪئسينوز (Casinos) ناچ گانا، هوٽل، رنگ برنگي ريسٽورنٽ ۽ ڪشش ڪرڻ جو سامان مهيا ڪري اهڙو ته ڪمال جو ڪم ڪيو اٿائون جو هاڻي پوري دنيا کان ماڻهو هتي پهچن ٿا ۽ لکن، ڪروڙن ڊالرن جي جوا ٿا اچي کيڏن. لاس ويگاس جي ڪئسينوز منجهان آمريڪا کي تمام وڏي آمدني ٿئي ٿي. ڊائون ٽائون لاس ويگاس شروع ٿيڻ کان اڳ هڪ ننڍو پر خوبصورت شهر پِرم سٽي (Prim City) شروع ٿئي ٿو جتان دراصل نيواڊا اسٽيٽ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ ڪئسينوز به هتان کان ئي شروع ٿي وڃن ٿا.
    ڀاءُ غلام فريد عباسي ۽ سندس گهروارن جي قربن جو ڪاٿو نٿو ڪري سگهان جو هنن منهنجي لاس ائنجلس پهچڻ کان اڳ ئي سرڪس سرڪس هوٽل ۽ ڪئسينو (Circus Circus Hotel and Casino) ۾ اسان جي رهڻ جي بوڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي. سرڪس سرڪس هوٽل ۽ ڪئسينو هتان جي پراڻن، مشهور ۽ سٺن ڪئسينوز منجهان هڪ آهي. اُتي اچي ٻه ڪمرا والارياسين جن جي بوڪنگ، جيئن مٿي ٻڌايو اٿم، اڳ ۾ ئي ٿي چڪي هئي. ڪلاڪ ٻه ڪمرن ۾ آرام ڪيوسين. شام جو ساڍي ڇهين ڌاران فريد عباسي صاحب جي هڪ دوست وٽ رات جي مانيءَ جي دعوت هئي. ستين وڳي ڌاران اُتي پهچي وياسين. عباسي صاحب جي دوست جو نالو آفتاب آهي ۽ ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ آهي، پر تمام سٺو ماڻهو لڳو. فريد عباسي مون کي ٿورو اڳ ٻڌايو هو ته آفتاب صاحب، فريد صاحب سان ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو هو ته سندس گهر جي هوندي هوٽل ۾ بوڪنگ ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. آفتاب صاحب ڊنر تي پنهنجا ٻيا به ڪجهه دوست سڏي ورتا هئا ۽ تمام پُرتڪلف ماني کارايائين. آفتاب ۽ سندس ڪجهه دوستن ڳالهين ڳالهين ۾ عجيب انڪشاف ڪيو ته لاس ويگاس، جنهن جي شُهرت صرف ۽ صرف دنيا جي وڏي ۾ وڏي جوا جي اڏي جي آهي، اُتي مسلمان به چڱي خاصي تعداد ۾ رهن ٿا. آفتاب صاحب ٻڌايو ته هينئر لاس ويگاس ۾ پنج جامع مسجدون آهن جتي مسلمان باجماعت نماز ادا ڪن ٿا ۽ خاص طرح جمعي تي ته هر مسجد ۾ گهڻي تعداد ۾ مسلمان باجماعت جمعي نماز ٿا پڙهن. آفتاب صاحب ٻڌايو ته اڄ لاس ويگاس جو مکيه رستو (Main Road) جيڪو ڪئسينوز مان گذري ٿو، بند هو ڇو ته اڄ ماڻهن جي مئراٿن ريس (Marathon Race) جو ڏينهن هو ۽ اها ريس يا گوءِ رات جي ٻارهين وڳي تائين هلڻي هئي. عجيب اتفاق يا اسان جي بدقسمتي اها هئي جو ٻارهن مهينن کانپوءِ ايندڙ هڪڙو ڏينهن به اسان جي نصيبن ۾ لکيل هو. مقصد اهو ته مئراٿن ريس جي ڪري گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ڪانه هئي. پر پوءِ آفتاب صاحب جيڪو گذريل 17 سالن کان لاس ويگاس ۾ رهي ٿو، چيو ته گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. اسان گاڏي ڪٿي پارڪ ڪري ڪئسينوز جا شوز ۽ تماشا هلي ٿا ڏسون. ٻارهين وڳي جڏهن مئراٿن ختم ٿيندي ته گاڏي ڪاهي جنهن به ڪئسينو ۾ هلڻو هوندو هليا هلنداسين.


    لاس ويگاس ۾ رات جا رنگ ۽ هڪ ڇوڪريءَ جي لفٽ

    هتان جي رات جا رنگ توڙي ڪئسينوز کي چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ هفتا يا مهينا گهرجن پر اسان فقط هڪڙي ڏينهن ۾ ئي پنجن-ڇهن ڪئسينوز ۾ گهمندي ڦرندي ايترا ته ٿڪجي پياسين جو هاڻي وڌيڪ گهمڻ جي سگهه ئي باقي نه رهي هئي. هڪ هڪ ڪئسينو ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي ۽ انهن ڪئسينوز ۾ هڪ ئي وقت جيڪي شغل ٿيندا رهن ٿا، اهي وري سڀ ٿڪ لاهي ٿا ڇڏين. سوين هزارين مرد ۽ عورتون توڙي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا مختلف قسمن جون رانديون کيڏن ٿا. ٻئي طرف اڌ اگهاڙيون حسينائون نازن نخرن وارين من موهيندڙ ادائن سان ڊانس ڪن ٿيون ۽ ڳائن ٿيون ۽ وري ڪيتريون من موجي ۽ مست ڇوڪريون هيڏي هوڏي گهمنديون ۽ شڪار ڦاسائڻ لاءِ لامارا ڏينديون نظر اچن ٿيون. جڏهن اسان بئليز (Bally’s) ڪئسينو کان بلئجيوز (Bellagios) طرف وڃي رهيا هئاسين ته رستي تي ڪي خوبصورت ۽ الهڙ حسينائون مليون. انهن مان هڪ ڇوڪري مون کي ڏسندي چيو: ”توهان ڏاڍا سهڻا ٿا لڳو“. (Oh! You looking handsome and great.) مون ڏانهس نهاريو ته هوءَ ڇوڪري بيهي رهي ۽ مون کيس Thank you Darling چيو ۽ اهو به چيومانس ته تون به ڏاڍي خوبصورت(Beautiful and Charming) آهين. ائين چئي وِک کي وڌايم ته فريد صاحب ۽ ظفر جماڻي چيو: ”سائين ظلم ڪري ڇڏيوَ. ڇوري اوهان سان دوستي رکڻ پئي چاهي پر اوهان لفٽ ئي ڪا نه ڏنس!“ ”جيتري تعريف هن منهنجي ڪئي ته جواب ۾ مون به سندس گهڻي تعريف ڪئي ۽ کيس خوش ڪري ڇڏيو“. مون وراڻيو. بس پوءِ فريد صاحب بس ئي نه ڪري. چيائين: ”بلوچ صاحب اوهان ماشاالله ايترا ته خوبصورت آهيو جو توهان آمريڪي ڇوريءَ کي صفا موهي وِڌو“. توهان جي شخصيت ئي اهڙي آهي جو ڇوري اوهان کي ڏسي دَنگ رهجي ويئي ۽ بيهي رهي. مون چيومانس: ”ٻيلي مون سان وڌيڪ چرچا نه ڪريو. هلو ته ڪنهن ٻي ڪئسينو ڏانهن هلون“.
    فريد صاحب هاڻي آمريڪا کان پاڪستان موٽي آيو آهي ۽ جڏهن به اسان هڪ ٻئي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندا آهيون ته مون کي تاڪيد سان چوندو آهي ته لاس ويگاس واري خوبصورت ڇوڪريءَ جو واقعو پنهنجي نئين سفرنامي ۾ ضرور لکجو ته ڪيئن نه اوهان تي موهجي پيئي هئي وغيره ۽ سندس ئي فرمائش تي مون مٿيون نه وسرندڙ واقعو لکيو آهي.
    لاس ويگاس جي ڪئسينوز ۾ هر طرف حسن جا جلوا، جُهومندڙ جُوانڙين جا ناچ گانا، جُوا ۽ شراب خوريءَ جا شغل ۽ مختلف قسمن جون من مستيون ڏٺيوسين. هر طرف هر شئي هِرکائيندڙ هئي، پر اسان چارئي دوست اهڙا ته نِڪما چونڊجي هڪ ٻئي سان گڏيا هئاسين جو مٿي بيان ڪيل ڪنهن به شغل ۾ شامل نه ٿياسين. بس رڳو پري کان دم ديدار ڪندا، حسن جي جلون کي گُهوريندا مختلف شوز (Shows) ڏسندا، هر طرف چڪر لڳائيندا ۽ دل وندرائيندا رهياسين. منهنجي پٽ اعجاز هوسٽن ۾ مون کي چيو هو ته بابا سيزرس پئليس(Caesers Palace) ضرور ڏسجو ڇاڪاڻ ته اهو ڪئسينو سڀني کان وڌيڪ سهڻو آهي. نيٺ گهمندا گهمندا ان ڪئسينو تي به آياسين ۽ واقعي اهو زبردست ڪئسينو هو پر بلئجيوز (Bellagios) به ان کان گهٽ ڪو نه هو.
    گهمندي ڦرندي ۽ حسن جا درشن ديدار ڪندي فريد عباسي صاحب چيو: ”بلوچ صاحب توڙي جو اسان کي اڄ کان هڪ ٻه ڏهاڪا اڳ هتي اچڻ کپندو هو پر وري به انگريزيءَ جي چوڻي: Better late than never موجب گهٽ ۾ گهٽ آيا ته آهيون ۽ سڄي دنيا ۾ هتي جو انوکو انگ ۽ رنگ اچي ڏٺو اٿئون“. مون سندس تائيد ڪندي کيس چيو: “پيارا اکيون ته ڪڏهن به پوڙهيون نه ٿينديون آهن. اکين ته اڄ به اهو ڪجهه ڏٺو آهي جيڪو ٻه يا ٽي ڏهاڪا اڳ ڏسن ها. رهيو سوال ته انهن شغلن ۾ اسان پاڻ شريڪ نه ٿياسون ته ان لاءِ غالب جي هڪ سِٽ ڪمال جي آهي، هن به شايد اهڙي ڪيفيت ۾ چيو هوندو ته:
    ”گو هاتھه ميں جنبش نہیں، آنکھوں ميں تو دم هے“.
    مون پنهنجي گفتگو جاري رکندي چيو: ”فريد صاحب غم نه ڪريو، اسان اکين کان بهرحال ڀرپور ڪم ورتو آهي“. فريد صاحب کي مرزا غالب جي سِٽ ڏاڍي پسند آئي ۽ شايد ان ڪري به ته حسب حال هئي. بهرحال پوءِ ته وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلياسين.
    رات جو اڍائي-ٽين وڳي تائين گهمندا ڦرندا ۽ هر طرف ڪئسينوز جا چڪر لڳائيندا رهياسين ۽ هتان جا وڏا وڏا ڪئسينوز لڳ ڀڳ ڏسي ورتاسين، توڙي جا اڃا به وڏي دنيا پٺتي رهيل هئي. مون اندازو لڳايو ته لاس ويگاس جا سڀئي شوز ۽ ڪئسينوز ڏسڻ لاءِ پورو مهينو نه ئي سهي پر گهٽ ۾ گهٽ هفتو ضرور گهرجي. جيڪي ڪئسينوز اسان ڏسي سگهياسين اُهي هن ريت آهن: سيزرس پئليس (Caesars Palace)، بلئجيوز (Bellagios)، بئليز (Ballys)، سرڪس سرڪس (Circus Circus) فلئمنگو (Flamingo) ۽ ريو (Rio) وغيره. لڳ ڀڳ رات جو ٽين وڳي سرڪس سرڪس ڪئسينو جي ڪمرن ۾ آياسين ۽ فورن بسترن تي پنهنجي پاڻ کي اڇلايوسون ڇو ته جيترو گهمڻ ڦرڻ ۾ مزو آيو هو اوتروئي ٿڪ به ٿيو هو. صبح جو ڏهين وڳي وڃي اک کلي. فريد صاحب جيڪو ٻئي ڪمري ۾ هو، ڏهين وڳي صبح جو فون ڪيائين. مون هيلو ڪئي ته فريد صاحب چيو: ”مون هٻڪي هٻڪي فون ڪيو آهي ته متان اوهان آرام ۾ هجو“، پر مون کيس چيو ته جاڳيو آهيان ۽ واش روم ۾ تيار ٿيڻ پيو وڃان. بس پوءِ طئي اهو ٿيو ته صبح جو ٺيڪ يارهين وڳي هوٽل کي ڇڏڻو آهي.


    هووَر ڊئم جو سئر

    (Hoover Dam)

    اڄ ڊسمبر 2012ع جي 3 تاريخ هئي ۽ اسان صبح جو يارهين وڳي هوٽل ڇڏي چڪا هئاسين. صبح جي وقت گذريل رات وارو جِهرمر جِهرمر جرڪندڙ ۽ تجليون ڏيندڙ لاس ويگاس صفا ويران ۽ اُداس نظر آيو. بس فقط ڪم ڪار وارا يا آفيس ويندڙ ماڻهو هيڏي هوڏي نظر آيا. لاس ويگاس جي چهل پهل ۽ چهچٽو رات جي 9-10 وڳي کان شروع ٿئي ٿو جيڪو صبح ٿيڻ تائين جاري رهي ٿو.
    عباسي صاحب چيو ته: ”بلوچ صاحب هلو ته اوهان کي دنيا جو مشهور هُووَر ڊئم (Hoover Dam) به ڏيکاريندا هلون“. هُووَر ڊئم لاس ويگاس کان 25-26 ميلن جي پنڌ تي هو. ڊئم ڏانهن ويندي رستي تي بولڊر سٽي (Boulder City) مان گذرياسين جيڪو هڪ ننڍڙو شهر هو پر ان جي صفائي سٺائي، روڊ رستا ۽ سهولتون اهڙيون ئي نظر آيون جيڪي ڪنهن وڏي شهر ۾ هونديون آهن. بولڊر سٽي گذرڻ کان پوءِ فقط پنجن منٽن ۾ هووَر ڊئم پهچي وياسين، پر رستي جي ڀُل ٿي ويئي جو ڊئم اسان جي هيٺان هو ۽ اسان مٿي پُل تي بيٺا هئاسين. نيٺ ڊئم جي اصل جڳهه تائين پهچڻ لاءِ اسان کي هڪ ٻه اُبتا سُبتا چڪر ڪاٽڻا پيا. ان وقت ظفر جماڻي، جيڪو گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو هو، وڏا ٽهڪ ڏيندي اسان کي ٻڌايو ته جي-پي-ايس به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جيڪو شايد اسان جي غلطي يا بي عقليءَ سبب اسان کان ناراض ٿي ويو آهي. حيرت اها هئي ته اسان ڊئم جي مٿان چڪر لڳائي رهيا هئاسين، ڊئم پنهنجي اکين سان ڏسي به رهيا هئاسي پر ڊئم واري خاص جڳهه تي اڃا نه پهتا هئاسين. پر پوءِ اسان ڏٺو ته اسان جهڙا ڀٽڪيل ٻه-چار ٻيا ماڻهو به نظر آيا جيڪي اسان وانگر اُبتا سُبتا چڪر لڳائي رهيا هئا. نيٺ خدا خدا ڪري هووَر ڊئم تي پهچي وياسين.
    هووَر ڊئم (Hoover Dam) بولڊر سٽي (Boulder City) سان ذري گهٽ لڳو لڳ ٺهيل آهي ان ڪري هن کي شروع ۾ بولڊر ڊئم به چيو ويندو هو. هي ڊئم 1935ع ۾ مڪمل ٿيو جنهن جو افتتاح ان وقت جي صدر فرئنڪلن ڊي روزويلٽ (Franklin D Roosevelt) ڪيو هو. هن ڊئم کي ڪولورئڊو نديءَ مان پاڻي ملي ٿو ۽ هي ڊئم آمريڪا جي ٻن رياستن يعني نيواڊا ۽ اريزونا(Nevada And Arizona) جي سرحد تي ٺهيل آهي ۽ دنيا جو واحد ڊئم آهي جيڪو سڀني ڊئمن کان وڌيڪ اوچائيءَ تي ٺهيل آهي.
    جيئن ته هن ڊئم جو اڌ نيواڊا اسٽيٽ ۽ ٻيو اڌ اريزونا اسٽيٽ ۾ آهي ته هتي ٻه گهڙيال لڳل آهن. هڪڙو گهڙيال هڪ رياست جو وقت ٿو ڏيکاري ته ٻيو گهڙيال ٻيءَ اسٽيٽ جو. جڏهن اسان ڊئم تي پهتاسين ته ان وقت نيواڊا اسٽيٽ ۾ منجهند جو هڪ ٿيو هو، جڏهن ته اريزونا اسٽيٽ جو ٽائيم هڪ ڪلاڪ اڳتي هو، يعني ان گهڙيال ۾ منجهند جا ٻه وڳا هئا.


    سَني پنهور وٽ رات جي ماني

    هووَر ڊئم ڏسي لاس ائنجلس لاءِ روانا ٿياسين. ڀاءُ سني پنهور طرفان اڄ رات جي مانيءَ جي دعوت هئي. سني پنهور ڪنهن تفصيلي تعارف جو محتاج ڪونهي. هو هڪ دلبر دوست، مهمان نواز ۽ يارويس انسان آهي ۽ آمريڪا ۾ ويندڙ سنڌين جي دل کولي مدد ۽ دعوتون ڪندو رهندو آهي. پر سندس اصل تعارف اهو آهي ته هو هڪ عظيم محقق ۽ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، روينيو، زراعت، آرڪيالاجي، ايريگيشن يا مجموعي طور سنڌ شناسي تي هڪ اٿارٽي سمجهيو ويندڙ محترم ايم-ايڇ-پنهور جو نهايت ئي لائق پٽ ۽ اعليٰ ظرف انسان آهي. هڪ ٻه ڀيرا ٽيليفون تي ساڻس ڳالهائڻ ٿيو ته ڏاڍي اُڪير مان چيائين: ”سائين مون سان ٻه چار گهڙيون گهاري وڃو، ماني به گڏجي کائون ته ڪچهري به ڪريون“.
    حُسن اتفاق اهو جو لاس ويگاس کان اسان جي واپسيءَ تي سندس گهر اسان جي رستي تي هو. سني لاس ائنجلس شهر ۾ نه پر ان کان ٿورو ٻاهر رِور سائيڊ (River side) جي علائقي ۾ رهندو آهي. بهرحال لاس ويگاس کان سفر ڪندا وري وئلي ويلس (Valley Wells) جي ريسٽ ايريا تي رُڪياسين ۽ هڪ ٻئي جا فوٽو پڻ ڪڍياسين. جيئن پوين صفحن ۾ لکيو اٿم ته سياحن جي هتي ڪجهه دير ترسڻ، ٿڪ پٽڻ ۽ تازي تواني ٿيڻ (Relax) لاءِ هيءُ هنڌ نهايت موزون ۽ خوبصورت ٺهيل آهي. ويهڻ جون جايون جڳهيون به مانائتيون ۽ سٺيون ٺهيل آهن. وڏي ڳالهه ته هتي پٿر جون تختيون لڳل آهن جن ۾ مختلف جڳهين جي معلومات پڻ ڏنل آهي. مثال طور اهو لکيل هو ته اڄ کان 15000 سال اڳ هتي ڊائنوسار ۽ اُٺ هوندا هئا، ان کان سواءِ گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگل پڻ هتي هر طرف هئا. پٿرن جي تختين تي ٻي پڻ ڪافي معلومات ڏنل آهي. پورو ڏيڍ ڪلاڪ کن هتي ويهي ڪجهه کاڌوسين پيتوسين، تازا توانا ٿياسين ۽ ڪجهه معلومات به ملي.
    وري سفر شروع ڪيوسين ۽ فقط ڏيڍ ڪلاڪ جي ڊرائيو کانپوءِ رِوَر سائيڊ ۾ شام جو ساڍي ڇهين وڳي برادرم سني پنهور جي گهر پهچي وياسين ۽ سني اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي، دلي آڌرڀاءُ ڪيو.
    سني صاحب سان گڏ ماني کائيندي ڪچهري به ٿيندي رهي ۽ علم ادب تي ڳالهيون به ٿينديون رهيون. پر ادب کانپوءِ ٿورڙو سياست جي موضوع تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. سنيءَ کي سنڌ مان ڪنهن سيٽ تي اليڪشن ۾ حصو وٺي خدمت ڪرڻ جو ارادو هو، پر پوءِ وڏيرا شاهيءَ جي ڪرتوتن ۽ پنهنجن جا پِرڪار ڏسي ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو هئائين. ماني کائڻ کانپوءِ سني اسان کي پنهنجي شاندار لائبرري ڏيکاري جيڪا انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ جي بهترين ڪتابن سان سجايل هئي. جڏهن کانئس موڪلايوسين ته مون کي هڪ ٻه ڪتاب به تحفي ۾ ڏنائين جنهن لاءِ سندس شڪرگذار ٿيس. رات جو ڏهين وڳي کانئس موڪلايوسين ۽ اٽڪل ساڍي ٻارهين وڳي رات جو لاس ائنجلس پهچي وياسين.


    لاس ائنجلس ۾ آخري ڏينهن

    اڄ اڱاري جو ڏينهن ۽ ڊسمبر 2012ع جي 4 تاريخ هئي. صبح صبح جو منهنجي نياڻي احسانا چيو: ”چاچا اوهان ته رڳو گهمڻ جي بلي آهيو، پر مون وٽ ته اوهان ڪي چند گهڙيون ئي گذاريون آهن“. سندس خلوص ۽ سِڪ جي احساسن کي چڱيءَ طرح سمجهي ويس، پر پوءِ کيس چيم ته: ”پُٽ اهو سوال ته پنهنجي بابا ۽ جيون ساٿي جماڻيءَ کان پُڇ جن گڏجي مون کي هيڏي هوڏي گهمائڻ ڦيرائڻ جي سازش سِٽي هئي ۽ مون کي پڪ آهي ته ان سازش ۾ تون به يقينن شريڪ ٿي هوندينءَ“، ڏٺم ته سندس چهري تي معصوميت واري مُرڪ نروار نظر آئي ۽ کلندي چيائين ته: ”چاچا سچ ٿا چئو، اوهان کي گهمائڻ ڦيرائڻ جو پروگرام اسان سڀني گڏجي ٺاهيو هو“.
    لاس ائنجلس جي شهر ۾ مون کي ان وقت حيرت ٿي جڏهن مون هتي کجين جا ڪيترائي ڊگها وڻ ڏٺا جن ۾ ٻُهارا پڻ نظر آيا ۽ اُهي ٻُهارا کارڪن سان ڀريل هئا. کجين کانسواءِ هتي ڏاڙهون، انگور، ناسپاتيون، تُرنج، زيتون ۽ نارنگيون به جام ٿين ٿيون. احسانا وڌيڪ ٻڌايو ته چاچا هن شهر جي آس پاس سبزيون به جام پيدا ٿين ٿيون ۽ اسين گهڻو ڪري پنهنجي گهر ۾ مقامي سبزيون ٿا کائون.
    اڄوڪي ڏينهن تي لاس ائنجلس شهر ۾ مختلف شين کي ڏسڻ جو پروگرام هو ۽ طئي اهو ٿيو ته سڀ کان اڳ تحقيق گاهه (Observatory) ڏسنداسون، جنهن ۾ آسماني، شمسي ۽ قمري نظام بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائن ٿا. هي آبزرويٽري هالي ووڊ جي جڳ مشهور فلم انڊسٽريءَ جي علائقي ۾ آهي. جيئن هالي ووڊ پهتاسين ته خبر پيئي ته آبزرويٽري سومر ۽ اڱاري جي ڏينهن تي بند رهندي آهي ۽ اڄ 4 ڊسمبر اڱاري جو ڏينهن هو. ڏاڍو افسوس ٿيو ته آبزرويٽري نه ڏسي سگهياسين. البت بند ٿيل تحقيق گاهه جي اِرد گرد چڪر لڳائيندا رهياسين جتان پڻ چڱي خاصي معلومات ملي. تحقيق گاهه Griffith Observatory LA جي احاطي ۾ هڪ ننڍو يادگار (Monument) تعمير ڪيو ويو آهي جتي ڪجهه وڏن سائنسدانن جا مجسما اُن يادگار جي چوگرد اُڪريل آهن. نمايان سائنسدانن ۾ هي نالا اُنهن جي زندگيءَ جي سَنن سميت اُڪريل هئا:

    1. گئليلو (Galileo) (1564-1642)
    2. ڪاپرنيڪس (Copernicus) (1473-1543)
    3. هپارچس (Hipparchus) (160 BC-125 BC)
    4. هرشيل (Herschel) (1738-1822)
    5. نيوٽن (Newton) (1642-1722)
    6. ڪيپلر (Kepler) (1571-1630)
    وغيره وغيره هن يادگار تي آخر ۾ لکيل هو: Astronomers Monument sponsored by Morton LA Kretz (فلڪيات جي ماهرن جو هي يادگار مارٽن لاڪريز جي تعاون سان تعمير ٿيو).
    مون هاڻي فريد صاحب ۽ ظفر جماڻي کان مطالبو ڪيو ته لاس ائنجلس جي انڊر گرائونڊ جو چڪر لڳائجي، تنهنڪري طئي اهو ٿيو ته ظفر گاڏي ڪاهي پيڪو اسٽيشن تي وڃي بيهندو جتي اسان ٽيوب ۾ سُوار ٿي وڃي لهنداسون. پيڪو اسٽيشن انڪري چونڊي ويئي هئي ته اُها سندن گهر جي ويجهو هئي. فريد صاحب ۽ مان ڀر واري انڊر گرائونڊ اسٽيشن تي آياسين جنهن جو نالو هينئر ياد نه پيو اچي. اتان انڊر گرائونڊ ۾ سُوار ٿي پيڪو اسٽيشن تي وڃي لٿاسين. رستي تي فريد صاحب سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ هتان جي انڊر گرائونڊ کي لنڊن انڊر گرائونڊ سان ڀيٽي ڏٺوسين، پر ٻنهي جي ساڳي راءِ هئي ته لنڊن جي انڊر گرائونڊ سان شايد دنيا جي ڪنهن به انڊر گرائونڊ کي ڀيٽي نٿو سگهجي. لنڊن ۾ انڊرگرائونڊ پوري لنڊن ۾ هر طرف ڦهليل آهي جڏهن ته لاس ائنجلس ۾ اهو گهڻو محدود آهي. البت پئرس ۽ ٽوڪيو جي انڊرگرائونڊ کي شايد ڪجهه قدر لنڊن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. پئرس ۽ ٽوڪيو جون ٽرينون لنڊن جي ٽرينن جي مقابلي ۾ وڌيڪ جديد ۽ سٺيون آهن پر اُتان جا انڊرگرائونڊ لنڊن جي ڀيٽ ۾ ايترا وسيع ۽ ڦهليل نه آهن. اسان ٻنهي کي ان راءِ ڏيڻ جو حق ان ڪري مليو ته اسان ٻيئي ڪافي عرصو لنڊن ۾ رهيا آهيون. فريد صاحب ته يڪو ٻه-ٽي سال لنڊن ۾ پوسٽنگ تي ويو هو ۽ آءٌ مختلف وقتن تي 6-7 دفعا لنڊن ويو آهيان. بهرحال ڳالهين ڳالهين ۾ پيڪو اسٽيشن اچي ويئي. ٻاهر آياسين ته ظفر بيٺو هو ۽ سڌا گهر آياسين.
    فريد صاحب، ظفر جماڻي ۽ نياڻي احسانا طرفان خلوص ۽ محبتون ڏسي مان ڏاڍو متاثر ٿيس. سندن گهر ۾ ويٺي خيالن جي وهڪري ۾ ڪجهه شعر لکجي ويا، هڪ سنڌي ۽ ٻيو اردو ۾. سڀني کي گڏ ويهاري اُهي شعر پڙهيم ته سڀئي تمام گهڻا خوش ٿيا.
    رب سائينءَ جا لَکَ شڪرانا،
    ٿيا نوان، اڄ پراڻا يارانا،
    منهنجو ڄڻ ڀاءُ آ غلام فريد،
    منهنجي پروين آهي احسانا.
    ٻه-ٽي سِٽون اردو ۾ هن ريت لکجي ويون:
    دُورياں مٹ گئی هيں اس لمحے
    آپکا، میں نے اپنا گھر جانا،
    دوست دیرینہ ہے غلام فريد
    جس نے رشتوں کو خوب پہچانا
    ميري انمول بيٹياں هيں دو
    جيسي پروين، ویسی احسانا.
    اڄ ڊسمبر 2012ع جي پنجين تاريخ هئي ۽ منهنجي هوسٽن واپسيءَ جي فلائيٽ جو وقت صبح جو ساڍي ڏهين وڳي هو. نياڻي احسانا کان موڪلائي پوڻين اٺين ڌاران گهران نڪتاسين پر رستي تي سخت ڪوهيڙو ڇانيل هو، ان ڪري ظفر گاڏيءَ کي تيز نٿي هلائي سگهيو. ٻيو ته اڄ ويچاري ظفر کي موڪن (Piles) جي سخت تڪليف هئي، تنهنڪري گاڏي هلائڻ ۾ به ويچاري کي ڏاڍي پريشاني محسوس پئي ٿي ۽ اسان سڀئي سندس تڪليف جي شدت ڏسي بيحد پريشان ٿي ويا هئاسون. بهرحال خدا خدا ڪري 9 وڳي ڌاران لاس ائنجلس انٽرنيشنل ايئرپورٽ (LAX) پهچي وياسين. فريد صاحب ۽ ظفر کي خدا حافظ چئي جهاز ۾ سُوار ٿي اچي هوسٽن پهتس، جتي شام جا ساڍا ٽي ٿيا هئا. اعجاز ۽ فاروق مون کي ايئرپورٽ تان وٺڻ آيا هئا. پهريون فاروق جي گهر آياسين جتي فاروق گرماگرم چانهه پياري. گهڙي کن ڪچهري ڪري پوءِ ممتاز ۽ انيتا جي گهر آياسين. اعجاز رات جي ماني کائي ڪلوٽ هليو ويو ۽ مان ممتاز وٽ رهي پيس ڇاڪاڻ ته ٻئي ڏينهن تي وري اشفاق سيهڙ صاحب جي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻو هو، جتي ممتاز جي گهر کان وڃڻ وڌيڪ آسان هو.


    ڪراڪيٽ (Crocket) ۾ اشفاق سيهڙ طرفان دعوت

    اڄ سال 2012ع جي ڊسمبر جي 6 تاريخ هئي. جڏهن 3 ڊسمبر تي اسان لاس ويگاس کان واپس اچي رهيا هئاسين ته ڀائو اشفاق سيهڙ، جيڪو محترم امداد سيهڙ جو ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ آهي، جو فون آيو ۽ چيائين ته سڀاڻي اسان سان گڏجي رات جي ماني کائو. جڏهن کيس ٻڌايم ته لاس ائنجلس آيل آهيان ۽ هينئر لاس ويگاس مان پيو ڳالهايان ته پوءِ پورو پروگرام پڇيائين. جڏهن کيس ٻڌايم ته پنجين ڊسمبر جي شام جو هوسٽن پهچندس ته ان صورت ۾ 6 ڊسمبر رات جي ماني طئي ٿي.
    ڀائو امداد سيهڙ جي باري ۾ مون پوين صفحن ۾ تفصيلي احوال لکيو آهي. امداد صاحب جو ننڍو ڀاءُ اشفاق تڏهن ڪافي ننڍو هو ۽ منهنجي پٽن سان سندس دوستي هئي. هوسٽن ۾ اشفاق ڪراڪيٽ ۾ رهندو آهي، هي هڪ ننڍڙو شهر هوسٽن جي ڪائونٽي ۾ آهي ۽ هوسٽن کان ڪافي پري آهي. تنهنڪري فيصلو اهو ٿيو هو ته اشفاق صاحب جو ڪو ماڻهو مون کي ممتاز جي گهران وٺي ويندو ۽ وري ساڳي رات جو ڪلوٽ ۾ اعجاز جي گهر ڇڏي ويندو. توڙي جو ٻنهين طرفن ڏي هي ڪافي وڏو سفر هو پر ڊاڪٽر امداد سيهڙ ۽ اشفاق جي محبت سفر جي ان تڪليف کي ڪنهن کاتي ۾ ئي نه آندو.
    شام جو ساڍي پنجين وڳي، ڊاڪٽر اقبال جيڪو ڊاڪٽر امداد سيهڙ جو وڏو ڀاءُ آهي، مون کي ممتاز جي گهران وٺڻ آيو، جتان سڌا امداد صاحب جي گهر آياسين ۽ اُتان ٽيئي ڄڻا گڏجي اشفاق جي گهر لاءِ روانا ٿياسين، جيڪو هوسٽن ڪائونٽي جي ننڍڙي شهر ڪراڪيٽ (Crocket) ۾ رهندو آهي. ڪراڪيٽ ڏانهن ويندي رستي تي ٽي ننڍا ننڍا شهر آيا جن جا نالا هن ريت آهن: هَنٽس وِل (Hunts Ville)، ٽِرنٽي (Trinity) ۽ لَوَليڊي (Love Lady). منهنجو اندازو آهي ته ڪراڪيٽ، هوسٽن شهر کان گهٽ ۾ گهٽ 50-60 ميل پري هوندو. بلڪل ٻهراڙي آهي ۽ روڊ جهنگ مان گذري رهيو هو، پر مجال آهي جو سنڌ وانگر ڪا بدامني هجي ۽ اوچتو ڪو ڌاڙيل يا ڦورُو ڪلاشنڪوف کڻي ظاهر ٿئي ته ٻاهر ڪڍو سڀ ڪجهه جيڪو ڪجهه اوهان وٽ آهي. ٿوريءَ دير ۾ اشفاق صاحب جي گهر پهچي وياسين جتي سندن والد صاحب سائين خدا بخش سيهڙ به موجود هو. سائين خدابخش صاحب مون کي ڏسي خوش ٿيو ۽ مون کي پڻ سندن موجودگيءَ تي ڏاڍي خوشي ٿي ڇو ته جڏهن به اسان هڪ ٻئي سان ملندا آهيون ته هڪ ٻئي کي لطيف جا بيت ٻڌائيندا آهيون. اڄوڪي ڪچهريءَ ۾ پڻ سائينءَ اسان کي لطيف جا توڙي ٻين بزرگن جا ڪافي بيت ٻڌايا ۽ مون به کين ڪجهه بيت ٻڌايا ۽ بيتن جي ڏي وٺ کي ڊاڪٽر امداد، ڊاڪٽر اقبال توڙي اشفاق خوب انجواءِ (Enjoy) پئي ڪيو.
    رات جي ماني به واهه جي هئي. الائي ڪيترا طعام ٺهي آيا هئا ۽ هر طعام بيحد لذيذ ۽ ذائقي دار هو. رات جو 11 وڳي تائين ڪچهري هلي. ان کان پوءِ موڪلايوسين. وري به ڊاڪٽر امداد جي گهر آياسين جتان ڊاڪٽر اقبال پنهنجي گاڏي ڊرائيو ڪري رات جي ڏيڍ وڳي ڌاران مون کي ڪلوٽ ۾ اعجاز جي گهر اچي ڇڏيو.


    آخري ٻه ڏينهن اعجاز جي گهر

    جيئن گذريل صفحن ۾ لکيو اٿم ته آمريڪا ۾ مهيني کان به ڪجهه وڌيڪ عرصي ۾ پنهنجي پٽ اعجاز وٽ مان مجموعي طرح هفتو يا اٺ ڏينهن به مس رهيو هوندس. بس دوستن، قربدارن جون ايتريون ته محبتون ۽ مهربانيون رهيون جو اڪثر انهن وٽ ڏينهن ۽ راتيون گذاريم. چار پنج ڏينهن ممتاز وارن وٽ به گذاريم ۽ فقط هڪ رات فاروق جي گهر رهيس. مون کي هيڏي هوڏي گهمائڻ ڦيرائڻ ۾ فاروق ۽ ڀائو اصغر پٺاڻ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو. هيڏي هوڏي گهمي ڦري رات پنهنجي وڏي ڀائٽيي ممتاز جي گهر اچي گذاريندو هوس ڇو ته اتي منهنجِي ڀائيٽي انيتا ۽ ان سان گڏ سندن گُڏڙو زوهيب به موجود هوندو هو جيڪو سڄو ڏينهن ٽهڪڙا ڏيئي پيو اسان کي وندرائيندو هو. اعجاز چيو بابا هي آخري ٻه ڏينهن مهرباني ڪري مون سان گڏ گذارجو ۽ ڪنهن به دوست کي لنچ يا ڊنر جو ٽائيم نه ڏجو.
    اعجاز پوين ٻن ڏينهن ۾ پاڻ به طرحين طرحين طعام پچائي مون کي پئي کارايا ته ڪڏهن وري ٻاهر به وٺي ويندو هو ۽ گهمي ڦري، ريسٽورنٽس ۾ مانيون کائي گهر موٽي ايندا هئاسين. ليڪ جئڪسن (Lake Jackson) جي شاپنگ مالز جا به خوب چڪر لڳاياسين ۽ ڪجهه خريداري (Shopping) به ڪئي سون. انهن ٻن ڏينهن ۾ اعجاز مون کي اوشو رجنيش (Osho Rajnesh) جا رڪارڊ ٿيل ليڪچر پڻ ٻڌرايا جيڪي ويجهي ماضيءَ جي هڪ مڃيل ۽ وڏي فيلسوف مختلف وقتن ۽ هنڌن تي ڏنا. دراصل اعجاز، مهاتما ٻُڌ (Budha) کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ جيئن ته اوشو وري مهاتما ٻُڌ جي تعليم (Teaching) جي گهڻي ۾ گهڻي تشريح ۽ تعريف ڪئي آهي ته ان حساب سان اعجاز اوشو جو به تمام گهڻو مداح آهي. مان پاڻ اوشو جا ليڪچر ٻُڌي ڏاڍو متاثر ٿيس. اوشو جي ڳالهائڻ جو انداز ايترو ته ڌيرج وارو، هر لفظ چٽو، صاف ۽ آهستگيءَ سان چيل آهي جو سندس ٻڌندڙ ضرور متاثر ٿئي ٿو.
    اعجاز، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي باري ۾ به هڪ دستاويزي فلم (Documentary) مون کي ڏيکاري جيڪا پڻ ڪمال جي ٺهيل هئي، ان کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي سٺيون ۽ پراڻيون فلمون گڏجي ڏٺيوسين. اعجاز رهي ته آمريڪا ۾ ٿو پر سندس اندر ۾ قدامت پرست، سادو، صاف مزاج هڪ ڳوٺاڻو ويٺل آهي. هو سٺن ۽ پراڻن قدرن (Values) کي، نوَن ۽ مصنوعيت وارن قدرن تي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آهي، تنهنڪري هو زندگيءَ جي روزمره جي معاملن ۾ ڪنهن سان رتيءَ ماتر به منافقت نه رکندو آهي. بلڪ جهڙو هو اندران آهي، اهڙو ئي روَيو ۽ سندس ڪردار ٻاهريون هوندو آهي. پر جيئن ته گهڻي ڀاڱي دنيا دورنگي آهي ۽ منافقن جي گهڻائي آهي تنهنڪري ڪٿي ڪٿي مار کائي ۽ ٺڳجي به ويندو آهي. اعجاز لاءِ سدائين دل مان دعائون نڪرنديون رهنديون آهن ته الله پاڪ کيس هميشه خوش، آباد ۽ صحتمند رکي، آمين.


    ليڪ جئڪسن جو سئر

    دراصل ڪلوٽ جتي اعجاز رهندو آهي اُتي وڏا اسٽور وغيره ايترا نه آهن پر ڪلوٽ کان فقط ٻن يا ٽن فرلانگن جي پنڌ تي ليڪ جئڪسن جي علائقي ۾ وڏا وڏا سُپر اسٽور موجود آهن. هيءُ علائقو ڪافي خوبصورت آهي. اعجاز مون کي هڪ ڪاليج ڏيکاريو جيڪو ويهن کان ٽيهن ايڪڙن تي ڦهليل هو. هن ڪاليج جو نالو Brazos Sports College آهي. ان ڪاليج جي اندر وڏا ڇپراٽا، راندين روندين ۽ اسٽوڊنٽس جي کيڏڻ يا ورزش ڪرڻ جي هر سهولت موجود هئي. ان کانسواءِ هتي خوبصورت اسپتالون، ميڊيڪل ڪيئر سينٽر، فائربرگيڊ ۽ اهڙيون پوليس اسٽيشنون به مون ڏٺيون جن ۾ اندر وڃڻ سان آٿت ۽ آرام اچي وڃي ۽ اُهي اسان جي پوليس اسٽيشنن وانگر نه هيون جتي گهڙڻ سان ئي ماڻهوءَ تي خوف ۽ ڊيڄڙو طاري ٿي وڃي ٿو.
    ليڪ جئڪسن ۾ اعجاز مون کي مختلف سپر اسٽورن تي به وٺي ويو، جن ۾ هيٺ ڄاڻايل سپر اسٽور تمام وڏا ۽ ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن. وال مارٽ (Wal Mart) جَي-سي-پيني (JC Penny)، سيئرس (Sears)، ڪول (Kohl) ۽ هڪ تمام وڏو دوائن جو سپر اسٽور ڏٺوسين جيڪو پڻ ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. هن ميڊيڪل سينٽر جو نالو جي-اين-سي (GNC) آهي. يعني (General Nutrition Centre) هتان اسان گهر جي لاءِ ڪجهه دوائون به ورتيون ۽ جَي-سي-پيني تان اعجاز منهنجي لاءِ شرٽس ۽ ڪوٽ ۽ پنهنجن ڀائرن لاءِ به ڪجهه ڊريسون خريد ڪيون.
    اعجاز گهر ۾ ڪوڪنگ پاڻ ڪندو آهي ۽ ڏاڍا سٺا ۽ لذيذ طعام تيار ڪري پيو کارائيندو هو. صبح جي ناشتي ۾ اڪثر ٻن قسمن جا جوس پياريندو هو. مئنگو ۽ آرينج جوس کانسواءِ هڪ هربل جوس، جنهن کي مان هربل ٽانڪ جو نالو ڏيندس، اُهو به پيئندا هئاسين. هربل جوس پيئڻ کانپوءِ پاڻ کي واضح طور محسوس ٿيندو هو ته سڄي جسم ۾ ڄڻ طاقت ۽ توانائي اچي ويئي آهي.
    هڪ ڏينهن اعجاز ناشتي لاءِ مون کي ليڪ جئڪسن وٺي ويو، اُتي گهڻو گهمي ڦري پوءِ سب وي (Subway) ۾ وڃي ناشتو ڪرايائين جتي ڏاڍو مزو آيو. آمريڪا ۾ Subway وارن جي هڪ وڏي چئن آهي جيڪا هر جڳهه تي اوهان کي نظر ايندي. تازي کاڌي جي معيار کي قائم رکڻ لاءِ سب-وي ماڻهن ۾ تمام گهڻو مشهور آهي.


    سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏينهن

    اڄ 8 ڊسمبر 2012ع جي تاريخ ۽ ڇنڇر جو ڏينهن هو، يعني اُهو ڏينهن جنهن جي لاءِ هوسٽن جي سنڌي ڀائرن منهنجي 28 نومبر تي سنڌ واپسيءَ جي ڪنفرم ٿيل ٽڪيٽ کي وڌرائڻ لاءِ مون کي مجبور ڪيو هو ته جيئن سندن اڄوڪي، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي جشن ۾ شريڪ ٿي سگهان.
    آءٌ ۽ اعجاز رات جي 8:30 وڳي باربي ڪِيو ٽو نائيٽ جي رِم جهم هال ۾ پهتاسون. سڀني سنڌي ڀائرن توڙي ڀينرن کي سنڌي ثقافتي ڪپڙا اوڍيل هئا. مرد سنڌي ٽوپي پائي ۽ اجرڪ اوڍي آيا هئا جڏهن ته عورتون پڻ سنڌي گج ۽ ڀرت وارو لباس پائي آيون هيون. تمام ٿورڙا نوجوان اهڙا به هئا جيڪي پينٽ قميص پائي آيا هئا. مون پڻ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتو هو. هڪ اندازي موجب هڪ هزار کان پندرهن سئو کن سنڌي اڄوڪي جشن ۾ موجود هئا ۽ اها ڳالهه وڏي فخر لائق هئي ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۽ هوسٽن جهڙي شهر ۾ هيترا سارا سنڌي، پنهنجي ثقافتي لباس ۾ موجود هجن، سنڌي جهمريون هڻن ۽ هوجمالو ڳائن. هن فنڪشن ۾ هوسٽن شهر جا وڏا آمريڪي عهديدار پڻ ڪافي تعداد ۾ شريڪ ٿيا جن انگريزيءَ ۾ تقريرون ڪري هوسٽن جي سنڌي ڪميونٽيءَ کي دل کولي داد ڏنو ۽ پنهنجي طرفان ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.
    مون کي هن فنڪشن ۾ وڏي عزت ڏني ويئي. مئڊم نورالنساء گهانگهرو هن فنڪشن جي ڪمپيئرنگ ٿي ڪئي. جڏهن مون کي سڏيائين ته منهنجو تفصيلي تعارف ڪرايائين ته آءٌ هڪ وڏو براڊڪاسٽر، سنڌي زبان جو ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هوس. مون شروع ۾ انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي ۽ ان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ هيٺيون طويل نظم پيش ڪيم:


    هوسٽن ۾ ملهايل اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جي ڏينهن تي هوسٽن جي سنڌين سان منسوب

    نظم

    هوسٽن جون ڀينرون ۽ ڀائرو
    اڄ اوهان ڳالهيون عنايت جون ٻُڌو
    پاڻ ۾ ٿا خوب گڏجاڻيون ڪريو
    پيار ۾ ٿا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪريو
    فيملين جو هي محبت جو ملڻ
    پاڻ ۾ گڏجڻ، سدا خوش ٿي کلڻ
    آ سٺو ڪلچر اوهان قائم ڪيو
    سنڌ جيئي ۽ اوهان سنڌي جيئو
    ٽوپي ۽ اجرڪ اسان جو شان آ
    پڳ ۽ پٽڪو اسان جو مانُ آ
    مانُ دنيا ۾ مٿاهون سنڌ جو
    جنهن جو شاهد آهي موهن جو دڙو
    سنڌ کي دل سان سدائين سارجو
    پنهنجي ٻوليءَ کي نه پر ويسارجو
    ماءُ جي جهوليءَ ۾ هي ٻولي ملي
    شاهه جي ۽ سنڌ جي لولي ملي
    ياد رکجو سنڌ جو مُحسن لطيف
    ساري دنيا هِند جو مُحسن لطيف
    جيترا سنڌي به هتڙي ٿا اچن
    سي اوهان سان ٿا ملن ۽ خوش ٿين
    هت ڪيو تن جي اوهان ئي رهبري
    جنهن مان ثابت ٿئي برادر ڀائري
    پاڻ هڪ ٻئي ساڻ ايڪي ۾ رهو
    پاڻ هڪ ٻئي سان ملي، خوش ٿي کِلو
    بغض، ڪلفت ڪين هڪ ٻئي سان رکو
    پاڻ ۾ الفت، محبت سان رهو
    پاڻ ۾ ويڇا وساري هڪ ٿيو
    اڳڀرو سنڌين جو ٿئي جيئن قافلو
    پنهنجي منزل دوستو! اڳتي اڃان
    ٿيو سڀن کان اڳڀرا اڳتي اوهان
    سنڌ جا بيشڪ اوهان آهيو سفير
    ڌَن ۽ دولت ۾ اوهان آهيو امير
    سنڌ وارن تي اچن ٿيون آفتون
    پاڻ کي گُهرجي مدد تن جي ڪريون
    سنڌ جيئي ۽ سدا پئي جيئي سنڌ
    جنهن سان جڪڙيل آ اسان جي جِند جِند
    سنڌ جيجل، سنڌ آ پنهنجي امان
    سنڌ خاطر ئي جيئان، سنڌ لئي مران
    هي وچن يارو اچو گڏجي ڪريون
    سنڌ سنواري، سنڌ سينگاري ڇڏيون
    اهڙيون گڏجاڻيون سدا قائم رهن
    شال اهڙيون محفلون دائم رهن
    پيار هڪ ٻئي سان مُحبت ٿي وڃي
    سنڌ وارن تي عنايت ٿي وڃي

    Dedicated to all Sindh-Loving Sindhis living in Houston
    Inayat Baloch, Cell # 92-300-3793224
    Email: inayatbaloch@hotmail.com
    شعر پڙهڻ تي سنڌين طرفان ڀرپور موٽ ملي ۽ ڪافي دير تائين تاڙيون وڄائي داد ڏنو ويو. جڏهن ڊائيس تان هيٺ لهي آيس ته ڪيترا دوست وڏا وڏا ڀاڪر پائي مليا ۽ عزت افزائي ڪيائون.
    تقريرن جي ويهڪ رات جو ساڍي يارهين وڳي ختم ٿي. ان کان پوءِ ڊنر کارائي وئي. رات جي مانيءَ کانپوءِ راڳ رنگ جي محفل جيڪا اڃا جاري هئي ته اسان ۽ اعجاز اُتان روانا ٿياسين ۽ لڳ ڀڳ رات جو ٽين وڳي اعجاز جي گهر ڪلوٽ پهتاسين.


    هوسٽن کان دُبئي

    اڄ 9 ڊسمبر 2012ع تي اعجاز مون کي منجهند جو 12 وڳي ڌاران اصغر پٺاڻ جي گهر ڇڏي آيو. طئي اهو ٿيو هو ته اعجاز جي بجاءِ اصغر مون کي ايئرپورٽ تي ڊراپ ڪندو ڇاڪاڻ ته اصغر وڏو هوشيار، ذهني طرح تيز ۽ زندگيءَ ۾ هڪ Active ماڻهو آهي ۽ هن جي هوندي مون کي ايئرپورٽ تي هر سهولت ملندي. جيئن ته منهنجي فلائيٽ جو ٽائيم شام جا 6:30 وڳا هو انڪري اسان ٺيڪ 4 وڳي جارج بش انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پُڄي وياسين. نه رڳو اصغر پر سندس پوري فيملي ۽ سندن ٻار مون کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ آيا. منهنجي سامان جو وزن مقرر حد کان گهڻو وڌيڪ هو ۽ هٿ ۾ کڻڻ واري بئگ (Hand Carry) جو وزن پڻ 6 يا 7 ڪلو وڌيڪ هو. پر اصغر اڳواٽ ئي پوري اعتماد سان چيو: ”ادا فڪر نه ڪريو، آءٌ جو اوهان سان گڏ آهيان ته پوءِ ڪو به اُلڪو نه ڪجو. الله ڪندو سڀ سڻائي ٿيندي“. ٿيو به ائين جو ڪائونٽر تي ويٺل ليڊي اعتراض ڪيو ته بئگ جو وزن گهٽ ڪريو يا وڌيڪ پئسا ڏيو. اصغر فٽافٽ بئگ کولي ۽ اندران ٻه چار ڪتاب ڪڍي ڪائونٽر تي ويٺل مائيءَ کي ڏيکاريائين ۽ چيائينس ته هي ڪتابن جو وزن آهي ۽ اوهان ڪتابن کڻڻ جي اجازت ته ڏيندا آهيو!. پر سندس ڳالهائڻ جو انداز ايترو ته وزنائتو، نرم لهجي وارو سُٺو ۽ وڻندڙ هو جو ڪائونٽر واري ليڊي بغير پئسن جي بئگ کڻڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. ان کان اڳ مون ڏانهن اشارو ڪندي ڪائونٽر تي ويٺل بوڪنگ ڪرڻ واري ليڊي کي چيائين: ”هي صاحب پاڪستان کان اسان جو خاص مهمان ٿي آيو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جو ناميارو اديب ۽ شاعر آهي، تنهنڪري هن کي مهرباني ڪري Leg Space (جتي ڄنگهون پکيڙي ماڻهو آسانيءَ سان سفر ڪندو آهي) واري سيٽ ڏيارجو“. ليڊي هڪدم انٽرڪام تي پنهنجي آفيسر کي فون ڪيو ۽ ٿورڙي ئي دير ۾ مرڪندي اسان کي ٻڌايائين ته اوهان جي ڀاڳ ۾ هڪڙي ئي Leg Space واندي آهي جيڪا اوهان کي ڏيان ٿي.
    اصغر ۽ سندس فيملي وارن جون مهربانيون مڃيندي کانئن موڪلايم. اصغر پٺاڻ واقعي هڪ لائق انسان آهي ۽ کيس رشتن جي سڃاڻ ۽ پوري پوري شناس آهي. سندس والد ۽ منهنجي والد بزرگوار جا پاڻ ۾ گهاٽا لڳ لاڳاپا هئا. سندس والد محترم يوسف پٺاڻ به انتهائي نيڪ ۽ معتبر شخص هو ۽ اسان سڀني کي ڏاڍو ڀانئيندو هو. آمريڪا جي هر شهر ۾ هرڪو ماڻهو پنهنجي جڳهه تي بيحد مصروف رهي ٿو ۽ ڪنهن کي به ايترو وقت ڪونهي جو ٻئي ماڻهوءَ لاءِ وقت ڪڍي پنهنجو وقت وڃائي. پر مون کي هتي اهو لکندي خوشي محسوس ٿئي ٿي ته ڀائو اصغر هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا وقت ڪڍي مون کي مختلف گڏجاڻين ۾ وٺي ويندو هو ۽ وري واپس منهنجي پٽ اعجاز جي گهر ڇڏي ويندو هو. هڪ ٻه دفعا پنهنجي گهر به وٺي ويو ۽ خوب خاطر تواضع ڪيائين ۽ پنهنجي گهر ۾ رهايائين. سندس شريڪِ حيات ادي نزهت به اوتري ئي سٺي، هڪ مهذب ۽ مانائتي عورت آهي. بهرحال مون کي وٽن ڏاڍو مزو آيو ۽ سندن سنگت ۾ گهڻو لطف اندوز ٿيس.
    هوسٽن کان عرب امارات جي اُڏام (Emirates Airlines Flight) پنهنجي پوري وقت يعني شام جو ساڍي ڇهين وڳي اُڏاڻي. هوسٽن ۾ ئي رات ٿي چُڪي هئي. رات جو 8 وڳي ڌاران ننڊ اچڻ لڳي، پر امارات جي ايئر هوسٽيسُن ڪٿي ننڊ ڪرڻ ٿي ڏني. گهڙي گهڙي پيئڻ جون بوتلون کڻي پيون اچن ۽ مون ته فقط رَسُن (Juices) تي اڪتفا ڪئي. اڃا هڪڙي جوس پي بس ڪريون ته وري ٻي جوس. نيٺ 9:30 رات جو شاندار ڊنر کارايائون. برٽش ايئرويز (British Airways) ۽ جپان ايئرلائينس (Japan Airlines) ۾ ڪيترا سال اڳ مون اهڙي شاندار سروس ڏٺي هئي، وري ڪيترن سالن گذرڻ کانپوءِ Emirates جي سروس توڙي ماني مون کي اوتري ئي معياري لڳي جهڙي برٽش ايئرويز ۽ جپان ايئرلائينس جي گهڻا سال اڳ نظر آئي هئي. ماني کائي چادر تاڻي سُمهي پيس. هڪدم ننڊ اچي ويئي. خبر تڏهن پيئي جڏهن صبح ٿي ويو ۽ هوسٽيس خوشبودار گرم ٽوال کڻي آئي. جيئن ئي گرم ٽوال مُنهن تي لڳو ته فريش ٿي ويس. ٿوريءَ دير ۾ ناشتو به اچي ويو. ناشتي کان هڪ ڪلاڪ پوءِ اعلان ٿيو ته اسين دبئي بين الاقوامي هوائي اڏي تي لهڻ وارا آهيون ۽ هڪدم حفاظتي بيلٽ ٻَڌو. مون کي حيرت ٿي ته هوسٽن کان واپسيءَ تي دبئي پهچڻ ۾ فقط 14 ڪلاڪ لڳا جڏهن ته دبئي کان هوسٽن ويندي پورا 16 ڪلاڪ لڳا هئا. واپسيءَ جي اڏام ۾ هي ٻن ڪلاڪن جو فرق ڇو هو. مون هوسٽيس کان ان جو سبب پڇيو، جنهن ٻڌايو ته هوسٽن ڏانهن ويندي اڪثر ڪري هوا سامهون هجي ٿي جنهن ڪري جهاز کي پهچڻ ۾ دير ٿي لڳي ۽ ٻيو ته هوسٽن وڃڻ وقت جهاز ڪن ضروري سببن ڪري ٽِڪُنڊو سفر ڪري ٿو جنهن ۾ پڻ دير لڳي ٿي. جڏهن ته هوسٽن کان دبئي واپسيءَ تي جهاز هڪ ته سڌي اڏام ٿو ڪري، ٻيو فضا ۾ هوا سامُهين هئڻ جي بجاءِ پُٺيري رهي ٿي جيڪا جهاز جي رفتار ۾ تيزي آڻي ڇڏي ٿي. هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته دبئيءَ کان هوسٽن ويندي رستي تي خطرناڪ جهٽڪا ڇو ٿي آيا ۽ پائلٽ ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ پَٽن (Belt) ٻڌڻ جو اعلان ڇو ٿي ڪيو. پوري وقت تي دبئي پهچي وياسين، ان وقت دبئي ۾ شام جا ساڍا ست ٿيا هئا ۽ هتي اسان کي 5 ڪلاڪ ترسڻو هو.


    دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ شاپنگ مال

    سال 1974ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون ٻاهر جي ملڪن جا ڏاڍا سفر ڪيا آهن ۽ ويهارو کن ملڪن ۾ وڃي چڪو آهيان. هوائي اَڏا به ظاهرآهي ته اوترن ئي ملڪن جا ڏٺا هوندا. مثال طور لنڊن جا هيٿرو يا گئٽوِڪ ايئرپورٽ (Heathrow and Gatwick Airports) يا فرانس جا اورلي ۽ چارلس ڊيگال ايئرپورٽ(Orly & Charles De Gaulle Airports of Paris) سينگاپور جو چانگي ايئرپورٽ(Changi Airport Singapore) وغيره وغيره پر دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ(Dubai International Airport) جو مون ڏيک ئي نرالو ڏٺو. هر طرف وڏا وڏا شاپنگ مالز ٺهيل آهن جن جي صفائي، سُٺائي ۽ سجاوٽ ئي نرالي هئي. وڏا وڏا سُپر اسٽور، عاليشان هوٽل ۽ شاندار ريسٽورنٽ، ڪافي ۽ چانهه پيئڻ جا ڪارنرز به نهايت نفاست ۽ عمدگيءَ سان ٺاهيا ويا آهن. جيولري شاپس به هر طرف نظر آيا، پر ڇا ڇا نه نظر آيو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر آهي. پراڻن وقتن جو ڪو پهاڪو آهي ته “هجئي ناڻو ته گُهم لاڙڪاڻو” (توڙي جو هاڻي ته لاڙڪاڻي ۾ هر طرف ڀينگ پيئي نظر اچي) سو اهو پهاڪو مون کي دبئي ايئرپورٽ توڙي دُبئي شهر لاءِ موزون لڳو. ان پهاڪي کي هاڻي هينئن بدلائجي ته بهتر ٿيندو. ”جي ناڻو هجئي ته وڃ دبئي“.


    دُبئيءَ کان ڪراچي

    توڙي جو مون کي لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪ هتي ترسڻو پيو پر سچ پڇو ته خبر ئي ڪا نه پيئي ته اهي 5 ڪلاڪ ڪيئن گذري ويا. ايئرپورٽ تي ڏاڍا چڪر لڳايم. جڏهن ٿڪجي پيس ته ڪافي يا ڪئپيچينو جو ڪوپ پي تازو توانو ٿي پئي ويس. دبئيءَ جي وقت مطابق رات جو 12:45 وڳي ڪراچي وڃڻ جو سڏ ٿيو ڇاڪاڻ ته دبئي کان ڪراچي لاءِ عرب امارات (Emirates) جي اُڏام پوري 1:30 وڳي رواني ٿيڻي هئي جيڪا ٺيڪ پنهنجي مقرر وقت تي رواني ٿي. فقط ٻن ڪلاڪن جي اندر جڏهن پاڪستان ۾ صبح جا 4:30 وڳا هئا ته فلائيٽ ڪراچي جي قائد اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لئنڊ ڪيو ۽ مون دل ۾ الله پاڪ جا لکين شڪرانا ادا ڪيا جنهن جي ڪرم ۽ مهربانين سان ڏورانهين ڏيهه جو سفر پورو ڪري، خير خيريت سان واپس ڪراچي پهچي ويس.


    عشق کي شاباس : فضل قلباڻي

    ”.....سنڌي ادب کي ”تند ڪٽارو ڪنڌ“، ”پرين جي پرديس“، ”پرديسي ڪهڙا پرين“، ”سهسين ٿيا سارنگ“، ”روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو“ (ترجمو) ۽ ”سڀ ۾ پنهون پاڻ“ جهڙا خوبصورت ڪتاب ڏيندڙ عنايت بلوچ ادب جي تقريبن هر صِنف تي لکيو آهي، جنهن ۾ نثر ۽ نظم ٻيئي شامل آهن، پر سندس لکيل سفرنامن جو ته جواب ئي ناهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرناما لکندڙن ۾ سائين الطاف شيخ جو ته خير جبل جيڏو اوچو نانءُ آهي.ساڳئي وقت سائين عبدالحي پليجي ۽ اسان جي ياراسحاق انصاريءَ به وسان گهٽايو ڪونهي. اسحاق جا لکيل سفرناما ته ان ڪري به زبردست هوندا آهن جو هو لڪائيندو ڪجهه ڪونهي. مون جيان جيڪي ڪجهه به پرديس ۾ ڏسي ايندو سو بنان ڪنهن ايڊيٽنگ جي جيئن جو تيئن لکي ڇڏيندو. اُن ۾ کاڌو، پيتو، تان جو اُتي ٺاهيل ساهيڙين جو ذڪر به ڪندو. سندس پنج سال پراڻو ڇپيل سفرنامو ”پرين هُن پار“ ان ڳالهه جو ثبوت آهي. عنايت بلوچ جي سفرنامي جي وري اها خوبصورتي آهي ته ٻاهرئين دنيا جا ماڳ مڪان ڏسندو ته اُتي به کيس سنڌ جا ماڳ مڪان اکين اڳيان اچي ويندا. اُتان جي عمارتن، روڊ رستن جي ڀيٽ سنڌ سان ڪندو ويندو. اُتان جي نئين ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ سفر ڪندو ته کيس خيرپور کان پير ڳوٺ يا احمدپور هلندڙ (وايا لُقمان ڦاٽڪ) ڀڳل ٽُٽل بَس ياد اچي ويندي. پئرس جو ايفل ٽاور ۽ ان جي هيٺان وهندڙ صاف سٿري سين ندي ڏسندو ته کيس سکر وارو معصوم شاهه جو منارو ۽ مير واهه ۽ فيض واهه ياد اچي ويندو. سُوٽ بُوٽ ۾ ماڻهو ڏسندو ته کيس سنڌ جي واهڻن جا غريب اٻوجهه ۽ ”ڪلهي ڦاٽل ڪنجرو مٿي اگهاڙو“ وارا ماڻهو دل تي تري ايندا. اهو ئي سبب آهي جو سندس سفرناما سنڌ جي پڙهندڙن ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا آهن، حالانڪ سنڌي ادب ۾ سندس بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي“.

    فضل قلباڻي
    ”عشق کي شاباس“، ص 170-171


    سال 2015ع ۾ آمريڪا جو چوٿون سفر

    حيدرآباد سنڌ کان هوسٽن (آمريڪا)

    منهنجو وڏو پُٽ اعجاز عنايت 25 سالن کان وٺي آمريڪا جي رياست ٽيڪسَس جي شهر هوسٽن ۾ رهي ٿو ۽ ڪجهه سال اڳ هُو آمريڪا جي قانون موجب آمريڪي شهري ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ به آمريڪي پاسپورٽ تي ايندو آهي. آمريڪا جي قانوني شهريت رکڻ کان پوءِ هن ڪوششون شروع ڪيون ته جيئن سندس والدين به آمريڪي شهري ٿي وڃن. نيٺ سندس ڪوششن رنگ لاتو ۽ اسان کي (يعني مون کي ۽ منهنجي زندگيءَ جي ساٿياڻيءَ کي) اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان، آمريڪا ۾ مستقل رهائش (Immigration) اختيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ 31 مارچ 2015 تي انٽرويو لاءِ سڏيو ويو. ويزا ته اسان کي 15 منٽن اندر ملي ويو، پر ان کان اڳ لازمي ميڊيڪل رپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي عزيز ميڊيڪل سينٽر اسلام آباد جا ٻه-ٽي چڪر لڳائڻا پيا.
    جڏهن اپريل 2015 جي پهرئين هفتي ۾ اسان جا پاسپورٽ آمريڪي ميل سروس اسپيڊيڪس (Speedex) ذريعي حيدرآباد پهتا ته اسان جن پاسپورٽن تي Immigrant Visa جي تاريخ 01 اپريل 2015ع لکيل هئي. 22 مئي 2015ع تي مان ۽ منهنجي گهرواري ۽ غزل (هدايت جي نوجوان مرحوم پُٽ فياض جي وني) ۽ سندس ٽن گلڙن جهڙن پيارن ٻارڙن سان گڏ ٽرڪش ايئرلائين(Turkish Airline) جي فلائيٽ ذريعي ڪراچيءَ مان ٺيڪ صبح جو ڇهين وڳي روانا ٿياسين ۽ پورن ڇهن ڪلاڪن ۾ ترڪيءَ جي قديمي ۽ تاريخي شهر استنبول جي بين الاقوامي اتاترڪ ايئرپورٽ (Ataturk International Airport, Istanbul) تي وڃي لٿاسين، ان وقت پاڪستان جي وقت مطابق منجهند جا ٻارنهن ۽ ترڪيءَ جي وقت موجب صبح جا ڏهه ٿيا هئا. هتي اسان کي لڳ ڀڳ چار ڪلاڪ کن ترسڻو هو. استنبول (اڳوڻي ۽ تاريخي قسطنطنيه) جو اتاترڪ ايئرپورٽ هن تاريخي شهر جي شان وٽان نه لڳو. هتي لائونجز ۾ ويهي وقت گذارڻ جي ڪوشش ڪئيسين پر هر لائونج ۾ اسان کي چيو ويو ته هتي فقط فرسٽ يا بزنس ڪلاس جا مسافر ويهي سگهن ٿا. ان ڪري اسان هڪ مانائتي ريسٽورنٽ ۾ ويهي رهياسين جتي ويهي منجهند جي ماني کاڌيسين ۽ اُتي ئي ويهي تيستائين وقت گذاريوسين جيستائين استنبول کان هوسٽن وڃڻ واري اُڏام لاءِ اسان کي سڏ ٿئي. نيٺ هوسٽن رواني ٿيڻ کان فقط مُنو ڪلاڪ کن اڳ ۾ اسان جي جي فلائيٽ وري لائونج ۾ چيڪ ان (Check In) ڪرايوسين ۽ جهاز ۾ سُوار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ترڪيءَ جي وقت مطابق منجهند جو ڏيڍ وڳي ۽ پاڪستان جي وقت موجب ساڍي ٽين وڳي جهاز ۾ ويهڻ جو سڏ ٿيو ۽ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اسان جي فلائيٽ پرواز ڪيو. هاڻي اسان کي هوسٽن پهچڻ لاءِ مسلسل 13 ڪلاڪ لڳاتار سفر ڪرڻو هو. اُڏام دوران اسان کي خوب کارايو پياريو ويو. ماني توڙي جو ٺيڪ پر اوتري شاندار نه هئي جيتري اڳ اسان کي عرب امارات (Emirates) يا برٽش ايئرويز جي ميسر ٿي هئي. البت فلائيٽ ڪافي آرامده هئي ۽ خوش قسمتيءَ سان فضا ۾ زوردار هوا يا طوفان نه هجڻ ڪري اُڏام نهايت ئي پُرسڪون هئي. جهٽڪا به نه آيا ۽ خوب ننڊون ڪندا ٻئي ڏينهن شام جو 6:30 وڳي آمريڪا جي جارج بش انٽرنيشنل ايئرپورٽ (George Bush International Airport) تي لهي وياسين. جيئن ته هن ڀيري Immigrant Visa تي آمريڪا آيا هئاسين ته منهنجي ۽ منهنجي گهرواريءَ جي داخلا جي رڪارڊ رکڻ لاءِ ايئرپورٽ تي ڪلاڪ کن وڌيڪ وقت لڳو. پر جڏهن ٻاهر آياسين ته منهنجو پُٽ اعجاز، سندس وَني نسرين ۽ فاروق (هدايت جو پُٽ) تعجب ۾ پئجي ويا ته اسان ايترو جلد ٻاهر ڪيئن اچي وياسين، ڇو ته عام طرح سان مستقل رهائش اختيار ڪرڻ وارن کان اُبتا سُبتا سوال ڪندا آهن ۽ آڏي پُڇا ڳاڇا ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو آهي. ايئرپورٽ تي اعجاز ۽ سندس شريڪِ حيات نسرين، فاروق ۽ انيتا (هدايت جي پُٽ ممتاز جي گهرواري) اسان کي وٺڻ آيا هئا. اسان سڌو ممتاز جي گهر آياسين ۽ ممتاز ۽ انيتا جو عاليشان ۽ ڪُشادو گهر ڏسي ڏاڍا خوش ٿياسين. وڏي ڳالهه ته سندن گهر هوسٽن جي صاف ۽ سٺي علائقي ۾ آهي. ٻه ڏينهن ممتاز وٽ ترسي پوءِ فاروق جي گهر آياسين. فاروق به همت ڪري پنهنجو گهر خريد ڪري ڇڏيو آهي. پورا ٻه ڏينهن هتي گذاري آخر ۾ اعجاز جي گهر آياسين جيڪو سائوٿ ولڪريسٽ(South Wilcrest) جي علائقي ۾ آهي. مون کي هن دفعي هڪ خوشگوار احساس ٿيڻ تي بيحد خوشي ٿي ته منهنجي پُٽ اعجاز ۽ هدايت جي پُٽن ممتاز ۽ فاروق جي هڪ ٻئي سان نه رڳو سٺي Understanding آهي پر هڪ ٻئي سان دوستيءَ وارو رشتو اٿن. چئن ڏينهن کانپوءِ منهنجو ڀاءُ هدايت ۽ سندس گهرواري به هوسٽن پهچي ويا. مهربان پڙهندڙن کي اهو تجسُس ضرور ٿيندو ته ڀلا اسان ٻنهي ڀائرن ساڳي فلائيٽ ۾ سفر ڪرڻ جي بجاءِ الڳ الڳ اُڏامن ۽ الڳ ڏينهن تي آمريڪا جو سفر ڇو ڪيو؟ ان جي وضاحت اها آهي ته هدايت جيئن ته پي-آءِ-اي (PIA) جي سروس مان رٽائر ڪيو هو ته کيس سڄي زندگيءَ لاءِ پي-آءِ-اي جون پروازون ذري گهٽ فري پوَن ٿيون (فقط ڏهه يا ڪجهه سيڪڙو کيس پنهنجي کيسي مان ڏيڻو پوي ٿو) اهو ئي سبب هو جو هدايت پي-آءِ-اي ۾ سفر ڪيو ۽ اسان ٻي ايئرلائين ۾ آمريڪا پهتاسين ۽ ٻنهي ايئرلائنن جا ڏينهن ۽ وقت مختلف هئا.
    هدايت جي پهچڻ کانپوءِ اسان جي دل پسند راند Scrabble جا دور شروع ٿي ويا. ممتاز به هن راند جو تمام گهڻو شوق رکي ٿو. بس ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ته اعجاز ۽ فاروق به اسان سان راندين ۾ شروع ٿي ويا. اسڪرئبل راند جو اهو چهچٽو هوسٽن ۾ اسان جي رهائش وارن ٻنهي مهينن تائين جاري رهيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ رمضان جو مهينو شروع ٿي ويو ۽ مون کي هتي اهو لکندي خوشي محسوس ٿئي ٿي ته مون کي ۽ هدايت کي رمضان مبارڪ جا سڀئي روزا نصيب ٿيا ۽ اسان عيد نماز به هوسٽن جي هڪ وڏي هال ۾ وڃي ادا ڪئي جتي اسان کي ٻڌايو ويو ته 60 هزار کان وٺي هڪ لک نمازين جو ميڙ عيدالفطر جي نماز ۾ موجود هو. خطبوانگريزي زبان ۾ ڏنو ويو ۽ خطبي ڏيندڙ مولوي کي جسم تي ٽاءِ سميت فل سوٽ پاتل هو پر وڏو قابل شخص هو ۽ موثر تقرير ڪيائين پر افسوس جو ماڻهن جي گوڙ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ سبب سندس ڪيترا لفظ سمجهه ۾ نٿي آيا.


    اسان جي ٽن گهرن ۾ سنڌ واريون رهاڻيون

    سال 2015ع ۾ آءٌ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويس، اهڙيءَ طرح هدايت پڻ ڪيترائي دفعا آمريڪا ايندو ويندو رهيو آهي، پر هن ڀيري عجيب ۽ نهايت ئي خوشگوار اتفاق اهڙو ٿيو جو اسان جي ٻن فيملين کان سواءِ اعجاز ۽ ممتاز جي فيملين، فاروق، غزل ۽ سندس ٻارڙن سميت 13-14 ڀاتي هوسٽن ۾ هئاسون. سو ڪڏهن اعجاز جي گهر هوندا هئاسين ته اُتي ٻه ٽي ڏينهن رهاڻيون ٿينديون هيون جتي ٽنهي گهرن جا ڀاتي اچي هڪ جڳهه تي ڪَٺا ٿيندا هئاسون ۽ خوب ڪچهريون پيا ڪندا هئاسين ته اسڪرئبل جي راند به پيا کيڏندا هئاسين. مان الله پاڪ جا لک شڪرانا بجا آڻيندو آهيان ته دورنگي هن دور ۾ جڏهن ڪيترن هنڌن تي پيءُ پُٽ به پاڻ ۾ نٿا ٺهن ۽ ڀائر به هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا آهن ته اهڙي ابتريءَ جي ماحول ۾ اسان جي خاندان توڙي ويجهڙن مِٽن مائٽن جو هڪ ٻئي سان رشتو قربن ۽ محبتن سان جُڙيل ۽ جڪڙيل رهيو آهي. ڪلفتن ۽ ڪدورتن ڪڏهن به اسان جي اڱڻ تي پير نه پاتو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي ٽن ٻچن جي گهرن کي اسان سونهاري سنڌ جي سهڻين ريتن ۽ رسمن وارن گهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. جيئن مٿي ٻڌايو اٿم ته اعجاز جي گهر ۾ ٻه-ٽي ڏينهن رهون ۽ رهاڻيون ڪريون ته وري ممتاز ۽ انيتا گاڏيون ڪاهي محبت ۽ حُجت واري زبردستي ڪري پنهنجي گهر وٺي وڃن. هر جڳهه تي طرحين طرحين طعام پچن. بار بي ڪِيو آئٽم تيار ٿين ۽ ٻه چار ڏهاڙا روح رچندين رهاڻين ۾ گذري وڃن.
    هدايت جو ننڍو پُٽ فاروق جيئن ته شادي شده نه آهي پر گهرداريءَ جي معاملن ۾ عورتن جي ڪِچن وارن ڪمن جو ماهر ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هو هڪ بهترين ڪُڪ پڻ آهي ۽ عورتن جي مقابلي ۾ به وڌيڪ بهتر طعام ٺاهي ويندو آهي. جڏهن ڪچهرين جا ٻه-ٽي ڏينهن اعجاز يا ممتاز وٽ ٿي ويندا هئا ته وري فاروق اسان سڀني کي پنهنجي گهر وٺي ويندو هو ۽ پاڻ ڪوڪنگ ڪري بهترين طعام (Dishes) پيو اسان کي کارائيندو هو. جڏهن گهر وارا اسان کي راندين روندين ۾ مشغول ڏسندا هئا ته پوءِ پاڻ گاڏيون ڪاهي شاپنگ تي هليا ويندا هئا.
    مطلب ته منهنجي پُٽ ۽ منهنجن ڀائٽين جي گهرن ۾ ٿيل قربن واريون ڪچهريون دل جي تختيءَ تي هميشه واسطي نقش ٿي ويون آهن ۽ سدائين نقش رهنديون. لاکيڻي لطيف جو بيت ياد پيو آهي:

    ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
    منهنجو جيءُ جڙي، سپيريان سوگهو ڪيو.


    فاروق جا قرب

    آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي ۽ هدايت جي ٻارن ۾ فاروق سڀني کان ننڍو آهي پر سندس سوچون وڏي عقلمندي ۽ دورانديشيءَ واريون هونديون آهن. هن دفعي جيئن ته منهنجي توڙي هدايت جي فيملي، فياض مرحوم جي گهرواري ۽ سندس ٻارڙا به موجود هئا ۽ هوڏانهن اعجاز ۽ ممتاز جون فيمليون به موجود هيون ته فاروق سوچيو ته آمريڪا ۾ ڏسڻ جهڙين جاين جڳهين ڏسڻ لاءِ جيڪڏهن مختلف گاڏين ۾ سوار ٿي وڃبو ته اُهو مزو نه ايندو. تنهنڪري هن سوچيو ته هڪ وڏي وئن خريد ڪجي جنهن ۾ سڀ گڏجي سفر ڪن ته جيئن هڪ ٻئي سان ڪچهريون به ٿينديون رهن ته سفر جو صحيح لطف به ان صورت ۾ ايندو. تنهنڪري فاروق هڪ عاليشان وئن خريد ڪري آيو جنهن ۾ لڳ ڀڳ پندرهن-سورهن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش موجود هئي. سندس اهڙي سوچ ۽ محبت جي جذبي تي اسان کيس دل کولي داد ڏنو. بعد ۾ فاروق خود ٻڌايو ته هن سلسلي ۾ هن اعجاز سان به صلاح ڪئي هئي، جنهن ساڻس ڪجهه مالي سهڪار پڻ ڪيو هو. بهرحال داد وري به فاروق ئي لهڻو ڇو ته اصل سوچ سندس ئي هئي جو اسان سڀئي سندس وئن ۾ سوار ٿي سئن ائنٽونيو به وياسين ته ٻين مختلف جڳهين جو سئر سفر ۾ هن وئن ۾ گڏجي ڪيوسين. ڀوڳن ٺڪاوَن ۽ خوشي ۽ شادماني جي ماحول ۾ گڏجي سفر ڪرڻ جو مزو ئي نرالو هو.


    گلف آف ميڪسيڪو تي پِڪنِڪ

    Picnic at Gulf of Mexico

    اڳواٽ طئي ٿيل پروگرام موجب اڄ 3 جون 2015ع تي گلف آف ميڪسيڪو سمنڊ جي ڪناري تي اسان پِڪنِڪ ملهائي ۽ پهريون ڀيرو فاروق جي خريد ڪيل وئن ۾ سوار ٿي سمنڊ جي ڪناري تي آياسين. هن پڪنڪ ۾ آءٌ ۽ هدايت پنهنجين پنهنجين گهروارين سميت، اعجاز ۽ ممتاز پنهنجين فيملين سميت، غزل پنهنجن ٽن ٻارڙن سميت ۽ فاروق ويچارو اڪيلو موجود هو. فاروق کي اڪيلو ڏسي لڳ ڀڳ چاليهارو کن سال اڳ ڪوهه مريءَ ۾ لکيل مون کي پنهنجي شعر جون ٻه سِٽون ياد آيون:

    دنيا ۾ سڀ جوڙا جوڙا
    آءٌ اڪيلو، گهوڙا گهوڙا.

    پڪنڪ تي اسان سڀئي مرد سمنڊ ۾ وهنجندا ۽ ٽُٻيون هڻندا رهياسين. جڏهن ته عورتون سمنڊ جي ڪناري تي ويهي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪنديون رهيون. ڪنهن وقت نسرين ۽ انيتا پڻ سمنڊ جي ڪناري تي ننڍي پاڻيءَ ۾ گهڙڻ جو لطف ورتو ٿي پر سمنڊ ۾ اڳڀرو ويندي شايد کين ڪجهه ڀئو ٿي ٿيو. مون کي، ممتاز ۽ انيتا جي ننڍڙي زوهيب تي حيرت ٿي رهي هئي جو هو اعجاز جي هٿن ۾ سمنڊ ۾ ٽٻيون به هڻي رهيو هو ته خوب ٽهڪڙا ڏيندي Enjoy ڪري رهيو هو، جڏهن ته غزل جو ننڍڙو جبران سمنڊ کان ڏاڍو خوفزده هو ۽ اندر نٿي گهڙيو.
    اڄوڪي پڪنڪ جي دعوت اعجاز طرفان ڏنل هئي ان ڪري اسان سڀئي سندس ٿورائتا ٿياسين ۽ وئن ۾ گڏجي سفر ڪرڻ لاءِ وري فاروق جون مهربانيون مڃيونسين. شام جو ڇهين وڳي تائين پڪنڪ ڪندا، رهاڻيون رچائيندا، کِلندا، خوش ٿيندا ۽ خوب Enjoy ڪندا رهياسين ۽ شام جو 8 وڳي ڌاران اعجاز جي گهر پهتاسين جتي چانهه پي تازا توانا ٿيڻ کان پوءِ سڀئي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا.


    پُراسرار هنڌ ڏسڻ لاءِ سئن ائنٽونيو روانگي

    Visit to Ghost Track and San Antonio

    جڏهن به آمريڪا ۾ هوسٽن وڃڻ ٿيو آهي ته سئن ائنٽونيو جو چڪر ضرور لڳندو آهي ڇو ته اهو هنڌ ايترو ته رونق وارو ۽ ڪشش ڪندڙ آهي جو هوسٽن ۾ رهائش دوران سئن ائنٽونيو جي River Walk جو چڪر لڳائڻ ڄڻڪ لازمي هوندو آهي. پر هن دفعي اسان جو شوق جِناتي يا پُراسرار هنڌ(Ghost Track) کي ڏسڻ لاءِ وڌيڪ هو. رٿيل پروگرام موجب 14 جون 2015ع تي اٽڪل 11:30 وڳي صبح جو ممتاز جي گهران نڪتاسين ۽ فاروق جي وئن ۾ آرام سان سفر ڪندا، ڪچهريون ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهين، ٽوٽڪن ۽ ڀوڳن ٺَڪاوَن جون رهاڻيون رچائيندا ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ پُراسرار هنڌ (Ghost Track) تي پهچي وياسين. هي هنڌ به سئن ائنٽونيو ۾ ئي آهي پر مشهور رِور واڪ (River Walk) کان ڏهاڪو ميل کن پاسيرو آهي. هتي گهڻي زماني کان ريل جون پٽڙيون وڇايل آهن جتي گهڻا سال اڳ ريل هلندي هئي، پر ڪيترن سالن کان وٺي ريل هلڻ بند ٿي ويئي آهي. ريل جي بند ٿيڻ جو سبب اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته اڄ کان ستر-اسي سال اڳ يعني سن 1930ع يا 1940ع ۾ هن جڳهه تي هڪ دردناڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ اسڪول جي ٻارن جي ڀريل بس تيز هلندڙ ريل سان ٽڪرائجي ويئي هئي ۽ بس ۾ سوار سڀئي ٻارڙا ٿڏي تي ئي مري ويا هئا. ان کان پوءِ ريل هلڻ بند ٿي ويئي ۽ هيءَ جڳهه ويران، سُنسان ۽ پُراسرار بڻجي ويئي. هتي گاڏي بيهاري ڇڏيو، گاڏيءَ جي انجڻ به ڀلي بند ڪري ڇڏيو پر گاڏي خودبخود هلڻ شروع ڪندي ۽ وڏي ڳالهه ته لاهيءَ کان چاڙهيءَ طرف هلڻ شروع ڪندي! اڄ اسان جي وئن ممتاز ڊرائيو ڪري رهيو هو ۽ ممتاز اسان جي سامهون گاڏيءَ کي بند ڪري بيهاري ڇڏيو پر گاڏي، لاهيءَ طرف هلڻ جي بجاءِ چاڙهيءَ ڏانهن چُرڻ شروع ڪيو. پهريون آهستي هلي، پوءِ اسپيڊ سان هلڻ لڳي. بعد ۾ گاڏي رِورس (Reverse) ۾ بيهاري گاڏيءَ کي نيوٽرل گيئر ۾ ڪيو ويو مگر پوءِ به گاڏيءَ رِورس ۾ هلڻ لڳي. اسان وانگر ٻيا به ڪيترائي سياح هن غيباتي هنڌ تي آيل هئا ۽ گاڏين جي خودبخود چاڙهيءَ طرف هلڻ جا ڪرشما ڏسي رهيا هئا. اهو تجربو اسان به هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا ڪيو، ۽ هر دفعي گاڏيءَ خودبخود چاڙهيءَ طرف هلڻ شروع ٿي ڪيو!
    عام ماڻهن جو خيال اهو آهي ۽ ڪتابن ۾ به لکيو ويو آهي ته معصوم ٻارڙن جي دردناڪ موت کان پوءِ سندن روح هتي موجود رهن ٿا ۽ جڏهن به ڪو گاڏي بيهاري ٿو ته معصوم ٻچڙن جا روح ان گاڏيءَ کي ڌِڪي هلائن ٿا. هڪ ٻه ڪهاڻيون اهڙيون به ٻُڌڻ ۾ آيون ته جي اوهان ڪار جي بانيٽ تي پائوڊر هاريو ته ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهان کي ٻارڙن جي هٿن (چَنبن) جا نشان هاريل پائوڊر تي نظر ايندا. مطلب اهو ته ٻارڙن جا روح پاڻ گاڏين کي ڌِڪي هلائن ٿا. هن حادثي بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي قصا مشهور ٿيا آهن پر بدقسمتيءَ سان ڪا به ڳالهه تصديق سان اڃا تائين نه لکي ويئي آهي. ان حد تائين جو حادثي جي باري ۾ به اڃا تائين پوري پَڪ ڪانه آهي ته اهڙو دردناڪ حادثو ٿيو به هو يا نه. سڄي دنيا ۾ آمريڪا وڌ ۾ وڌ ترقي يافته ملڪ آهي ۽ ستر يا اسي سال اڳ جيڪڏهن اهو واقعو پيش اچي ها ته اهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ اهڙو دردناڪ واقعو يقيني طور تي تفصيل ۽ تصديق سان لکيل هجي ها. بهرحال ان هوندي اها ڳالهه به يقيني آهي جيڪا اسان خود پنهنجين اکين سان پاڻ ڏسي آيا آهيون ته توڙي جو ريلوي لائين اڃا تائين سُٺي حالت ۾ موجود آهي پر ان تي هاڻي ريل ڪانه ٿي هلي ۽ ڪارُن ۽ موٽرن جو خودبخود چڙهائيءَ طرف هلڻ جو اعتبار ۾ نه ايندڙ مشاهدو به خود ئي ڏسي آيا آهيون. بهرحال صحيح ۽ اصل حقيقت جي خبر فقط رب پاڪ کي هوندي باقي ظاهري طرح هن پُراسرار قصي جي ڪا به پڪي پُختي ثابتي يا تصديق، تاريخ جي صفحن تي موجود نه آهي.
    پُراسرار هنڌ (Ghost Track) ڏسڻ کانپوءِ اسان سئن ائنٽونيو جي رِوَر واڪ (River Walk) تي پهچي وياسين جنهن جا تفصيل هتي نٿو لکان ڇاڪاڻ جو 2006ع ۽ 2012ع وارن سفرن دوران رِوَر واڪ جي رونقن جا ڀرپور تفصيل هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن. بهرحال هتي خوب گهميا ڦرياسين ۽ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي نديءَ جو چڪر به لڳايوسين. شام جو 7 وڳي سئن ائنٽونيو تان روانا ٿي رات جو ساڍي ڏهين ڌاران هوسٽن پهچي وياسين.
    گرين ڪارڊ ملي ويو
    اسان 22 مئي 2015ع تي آمريڪا جي شهر هوسٽن پهتا هئاسين. گذريل صفحن ۾ واضح ڪيو اٿم ته جيئن ته هن دفعي اسان مستقل رهائشي ويزا (Immigrant Visa) تي هتي آيا هئاسين ته اسان کي ايئرپورٽ تي اسان جي داخلا رکڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه زياده دير لڳي هئي. ڳالهين ڳالهين ۾ اعجاز ۽ نسرين ٻڌايو هو ته گرين ڪارڊ هڪ مهيني اندر اچي ويندو. ان ڪري پندرهن ڏينهن کان پوءِ ٽپال (Mail) جو انتظار ڪرڻ لڳس. آمريڪا توڙي ترقي يافته ٻين ملڪن ۾ به ٽپال جو ڪيڏو نه سهڻو سرشتو سيٽ ٿيل آهي. هر علائقي جي رهواسين جي هر گهر کي پوسٽ جو هڪ دٻو يا لاڪر ڏنو ويو آهي جنهن جي هڪ چاٻي مالڪ وٽ ۽ ٻي ٽپاليءَ (Postman) وٽ رهي ٿي. ٽپالي روزانو جي ٽپال (Mail) لاڪر ۾ وجهي وڃي ٿو، ۽ مالڪ پنهنجي مرضيءَ تي وڃي ميل کڻي ٿو اچي. پندرهن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ نسرين چيو: ”وڏا بابا هاڻي ميل ڏسڻ اوهان پاڻ ويندا ڪريو ڇو ته اوهان جو گرين ڪارڊ به هاڻي اڄ سڀاڻي تي ئي اچڻ وارو آهي“. اهڙيءَ طرح مون کي گرين ڪارڊ جي خوشخبري 26 جون 2015ع تي ملي ويئي جڏهن پوسٽ کوليم ته منهنجو ڪارڊ موجود هو، البت منهنجي گهرواريءَ جو ڪارڊ نه مليو هو توڙي جو اسان جي آمد جي داخلا ساڳئي ڏينهن يعني 22 مئي تي رکي ويئي هئي. گرين ڪارڊ ملڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ مون سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ (Social Security Card) لاءِ به درخواست ڏئي ڇڏي هئي ۽ 29.6.2015 تي اهو ڪارڊ به مون کي ملي ويو. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته منهنجي گهرواريءَ جو گرين ڪارڊ منهنجي ڪارڊ وصول ٿيڻ کان پندرهن ڏينهن پوءِ به جڏهن نه آيو ته تشويش ٿيڻ لڳي. هن سلسلي ۾ پنهنجي مهربان امداد سيهڙ سان ڳالهايم جنهن رهبري ڪئي ته مبادا اوهان جي گهرواريءَ جو ڪارڊ اعجاز جي پهرين ائڊريس تي موڪليو ويو هجي. جيئن پوين صفحن ۾ ٻڌايو اٿم ته منهنجو پُٽ اعجاز هوسٽن شهر کان ٻاهر ڪلوٽ ۾ رهندو هو ۽ ڪيترائي سال اتي رهڻ کانپوءِ فقط 5-6 مهينا اڳ هوسٽن شهر ۾ شفٽ ٿيو هو. اعجاز پنهنجي پراڻي ائڊريس تي رابطو ڪيو ۽ سيهڙ صاحب جي رهبري ڪم آئي ۽ ڪارڊ ڪلوٽ واري ائڊريس تي پهتل هو. سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار جي انڌيرنگري رڳو پاڪستان ۾ ئي نه آهي پر آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به اهڙو وائڙو مثال نظر آيو جو اسان ٻنهي جي ساڳي ائڊريس ڏيڻ جي باوجود منهنجو ڪارڊ ته نئين ائڊريس تي پهتو پر گهرواريءَ جو ڪارڊ پراڻي ائڊريس تي موڪليو ويو جنهن جو هرگز ڪو به جواز ڪو نه هو. بهرحال 16 جولاءِ 2015ع تي منهنجي ونيءَ جو ڪارڊ مليو ۽ فقط ٻن ڏينهن کانپوءِ سندس سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ به ملي ويو، تڏهن ئي اونو ۽ انتظار وڃي ختم ٿيو.


    جي-ايس ۽ اندرا طرفان دعوت

    ممتاز ۽ انيتا وارن اسان کي ٻڌايو ته هڪ هندو فيملي سندن دوست آهي جن اسان سڀني کي پنهنجي گهر دعوت ڪئي آهي. فاروق جي ساڳي وئن ۾ سوار ٿي آچر 19 جولاءِ تي دعوت کائڻ لاءِ جي-ايس ۽ اندرا جي گهر پهتاسين. ممتاز ۽ انيتا اڳواٽ اسان جن اڄوڪن ميزبانن جي بيحد تعريف ڪئي هئي ته تمام سٺا ماڻهو آهن. جڏهن سندن گهر پهتاسون ۽ جهڙي گرمجوشيءَ سان اسان جو استقبال ڪيو ويو، ان مان واقعي معلوم ٿيو ته ميزبانن جي جوڙي ۽ خاص طرح جي-ايس جي گهرواري ڪمال جي عورت نظر آئي. سندس ڳالهائڻ ايڏو ته مِٺو ۽ مهذب هو جو سندس تعريف ڪرڻ تي دل پئي چاهيو. توڙي جو لڳ ڀڳ اسان 13-14 مهمان هئاسون پر ان جي باوجود هيترن سارن مهمانن کي سهڻي سليقي ۽ خنده مزاجيءَ سان ماني کارايائون ۽ تمام گهڻو قرب ڏنائون. سندن قربن ڏيڻ تي مون هڪ قطعو لکي ورتو جيڪو سڀني کي پڙهي ٻڌايم ته جي-ايس صاحب چيو: ”عنايت صاحب! اهو قطعو مون کي لکي ڏيو، مان ان کي فريم ڪرائي پنهنجي گهر ۾ رکندس“. کيس قطعو لکي ڏنم جيڪو پڙهي اندرا ڀاڀي به خوب داد ڏنو. قطعو هن ريت آهي ته:

    اندرا، جے-ايس دو انمول ہیں
    ان سے مل کر، ہم بہت ہی خوش ہوئے
    جا رہے ہیں ہم عنايت گھر ابہی
    پھر سے جی بھر ملنے کے ارماں لئے.


    هوسٽن کان ليڪ چارلس (لوزيانا)

    Houston to Lake Charles, Louisiana

    طارق، جيڪو منهنجي پُٽ اعجاز جو پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي زماني جو دوست آهي، طرفان هر دفعي هوسٽن کان ٻاهر وٺي وڃڻ جو ڪو نه ڪو زبردست پروگرام ٺهيل هوندو آهي جيڪو هو منهنجي اعزاز ۾ ترتيب ڏيندو رهندو آهي. سو هن دفعي به چيائين ته: ”انڪل! هلو ته توهان کي لوزيانا اسٽيٽ جو هڪ ڪئسينو گهمائي اچان جتي اوهان ڏاڍو Enjoy ڪندا“. آءٌ جُوا (Gambling) ته کيڏان ئي ڪو نه، باقي ڪئسينو ۾ ڇا هلي ڪنداسين. وراڻيم. چيائين: ”انڪل Gambling کانسواءِ به گولڊن نگيٽ ڪئسينو(Golden Nugget Casino) ۾ ايترا ته ڪمال جا شغل آهن جو اوهان کي ڏاڍو لطف ايندو“. سو سندس طرفان ٺاهيل پروگرام موجب 22 جولاءِ 2015ع تي سندس ئي وڏي وئن ۾ اسان يعني آءٌ، هدايت، اعجاز، ممتاز، فاروق لوزيانا اسٽيٽ جي مشهور شهر ليڪ چارلس (Lake Charles) جي زبردست ڪئسينو گولڊن نگيٽ ۾ آياسين. هي بلڪل نئون نڪور ڪئسينو آهي جنهن جو افتتاح فقط 7 مهينا اڳ ڊسمبر 2014ع تي ڪيو ويو هو. هن ڪئسينو جي نائين منزل تي طارق اڳ ۾ ئي ڪمرو بوڪ ڪرائي ڇڏيو هو. هوسٽن کان لڳ ڀڳ هڪ وڳي روانا ٿي فقط ٽن ڪلاڪن ۾ شام جو چئين وڳي Golden Nugget ڪئسينو پهچي وياسين. ڇا ته هي ڪئسينو آهي، جيئن ته نئون نڪور ٺهيل آهي ته هر طرف صفائي سٺائي ۽ سُونهن نظر اچي رهي هئي.
    سڀ کان پهريون ڪئسينو جو چڪر لڳايوسين، هر طرف نوجوان، وڏيءَ عمر جا ماڻهو، مرد عورتون توڙي نوجوان ڇوڪريون راند کيڏڻ ۾ مشغول هيون. اسان مان ڪو به راند تي نه ويٺو پر فقط فاروق راند تي ويهي رهيو ۽ ڪيترائي ڪلاڪ راند کيڏندو رهيو. جڏهن رات جو ڪافي دير کان پوءِ ڪمري ۾ آيو ته لڳو ته همراهه شايد هارائي ويو هو ڇو ته مزي ۾ نظر نه پئي آيو.
    هن ڪئسينو ۾ وندر ورونهن جو ڪيتروئي سامان هو جيڪو هر سياح لاءِ ڪشش جو باعث هو پر اسان سڀني جتي وڌ ۾ وڌ Enjoy ڪيو اُهو هن ڪئسينو جو تلاءُ يا (Swimming Pool) هو. نوجوان ۽ حسين ڇوڪريون جن کي صرف انگيون ۽ نالي ماتر چڍيون پاتل هيون، سئمنگ پول ۾ اسان سان گڏوگڏ تَري رهيون هيون. مون کي هتي خواجه فريد جي سرائڪي ڪافيءَ جو هڪ بند ياد پيو ته:

    هي حُسن دا جلوا، هر هر جا،
    سبحان الله، سبحان الله.

    سئمنگ پول تي هڪ ننڍي پهاڙي ٺهيل هئي جتان ٻن جڳهين تان زوردار ۽ وڏي پريشر وارو پاڻي تلاءُ ۾ هيٺ ٿي لٿو. هتي ماڻهن پاڻ کي بس زوردار پاڻيءَ جي حوالي ڪري ٿي ڇڏيو ۽ پاڻي تمام تيزيءَ سان ماڻهن کي ڇِڪي هيٺ پول ۾ ٿي اُڇلايو‏۔ ڪي ڪي ماڻهو پاڻ تي ڪنٽرول نٿي ڪري سگهيا ۽ پاڻيءَ ۾ هيٺ هليا ٿي ويا ۽ ڪجهه دير تائين ٻاهر نڪري نٿي سگهيا. جڏهن هدايت پول ۾ اچي ڪريو ته هو به پاڻيءَ ۾ هيٺ هليو ويو. جڏهن اڌ منٽ تائين ٻاهر نه آيو ته مون کي تشويش ٿي ۽ سندس ٻانهُن مان وٺي کيس ٻاهر ڪڍيم ته سامت ۾ آيو. سج لهڻ تائين پول ۾ ترندا ۽ حُسن جا جلوا ڏسندا پسندا رهياسون. ان کان پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ آياسين جتي ٿوري دير لاءِ بسترن تي ليٽي پياسين.
    رات جو يارهين وڳي هن ئي ڪئسينو جي هڪ شاندار ڪيفي ۾ رات جي ماني کاڌيسون. ماني بيحد لذيذ هئي ته وري بُک به پاسا اچي ورايا هئا سو خوب ڊنر کاڌيسون. ان کانپوءِ ڪمري ۾ آياسين، اسڪرئبل جون ٻه چار رانديون کيڏي ۽ ڪچهريون ڪري سمهي پياسين. 23 جولاءِ تي صبح جو 10 وڳي وڃي اک کلي. شاور وٺي، تازا توانا ٿي صبح جو 11:30 وڳي ڌاران لوزيانا جي شهر ليڪ چارلس مان روانا ٿي فقط اڍائي ڪلاڪن ۾ يعني منجهند جو 2 وڳي ڌاران هوسٽن پهچي وياسين. طارق جو وڏو شڪريو ادا ڪيم جنهن اهڙي خوبصورت ٽرپ (Trip) جو انتظام ڪيو هو.


    هدايت سان ڪچهريون

    هونئن ته اسان سڀني جون ڪچهريون ۽ روح رهاڻيون پنهنجين فيملين ۽ ٻارن ٻچڙن سان ئي ٿينديون هيون جن جو ذڪر ٿورڙو اڳ ڪيو اٿم، پر هدايت ۽ منهنجون جدا ڪچهريون، ادب ۽ شاعريءَ تي بحث مباحثا ۽ هڪ ٻئي سان مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ٿيندي رهندي هئي. هدايت علم ۽ ادب جي ٻين حوالن سان گڏوگڏ قرآن پاڪ کي ترجمي سان ڪافي پڙهيو آهي تنهنڪري اڪثر ڪري بحث دوران پاڪ ڪتاب جا حوالا ڏيندو رهندو آهي جن کي مان ڏاڍو پسند ڪندو آهيان ۽ کيس داد به ڏيندو آهيان.
    آءٌ ۽ هدايت ٻه ڀيرا اعجاز سان گڏجي آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي بوڪ اسٽور Barnes & Noble جيڪو ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي، ۾ وياسين ۽ اُتان ڪافي ڪتاب وڃي خريد ڪياسين. گهرن ۾ اچڻ شرط اڪثر ڪري Scrabble راند کيڏڻ شروع ٿي ويندا هئاسين پر ان جي باوجود ڪجهه وقت ڪڍي ڪتاب به پڙهندا رهندا هئاسين. ڪڏهن هدايت مون کان ڪتاب کڻي ويندو هو ته ڪڏهن وري آءٌ کانئس ڪتاب وٺي ايندو هوس. ڪتابن کي پڙهي، انهن تي پنهنجا پنهنجا رايا هڪ ٻئي سان Share ڪندا هئاسين. مطلب ته آمريڪا ۾ هدايت ۽ مون جتي اسڪرئبل جون رانديون کيڏيون، اُتي پڙهڻ لکڻ ۽ هڪ ٻئي سان ادبي خيالن جي ڏي وٺ به ڪندا رهياسين ۽ اهڙين رهاڻين مان خوب لطف اندوز ٿياسين.


    بولنگ جي راند Bowling

    اڄ ممتاز اسان کي بولنگ تي وٺي ويو، جتي هدايت به پهريون ڀيرو بولنگ ڪئي. ڏاڍو مزو آيو پر هڪ ننڍڙو حادثو به ٿي پيو. غزل جا ننڍڙا ٻارڙا به راند کي Enjoy ڪري رهيا هئا ۽ هيڏي هوڏي ڀڄي ڊُڪي رهيا هئا. جڏهن مون بولنگ ڪرائي ته ننڍڙو جبران منهنجي وچ ۾ اچي ويو جنهن جي نتيجي ۾ مان به ڪِري پيس ۽ جبران کي به ڪجهه ڌڪ لڳو، پر الحمدلله جبران ڏي مڪمل خير خيريت رهي پر منهنجي ٻانهن کي موچ اچي ويئي ۽ سخت سور ٿي پيو. ٻئي ڏينهن تي اسان کي وطن واپس ورڻو هو ۽ منهنجي سِڌي ٻانهن صفا ناڪاره بڻجي ويئي هئي. اعجاز وڏا قرب ڪري وال مارٽ تان هڪ پٽي (Bandage) وٺي آيو ۽ منهنجي ٻانهن تي اچي چاڙهيائين جنهن ڪري سُور ۾ ڪجهه افاقو پيو، پر دٻ اهڙي اچي ويئي هئي جو حيدرآباد پهچڻ کان پوءِ به پورو مهينو سُور رهيو. بولنگ جي راند آهي ڇا؟ ان بابت هن ئي سفرنامي ۾ مون ڪنهن ٻئي هنڌ تفصيل سان لکيو آهي.


    وطن واپسي

    Back Home Journey

    پورا ٻه مهينا ۽ ٽي ڏينهن هوسٽن ۾ رهڻ کان پوءِ اڄ وطن واپسي هئي. اعجاز، ممتاز، فاروق، نسرين ۽ انيتا ايترا قرب ڏنا ۽ محبتون ونڊيون جو اڄ وطن واپس ورندي دل جي ڪيفيت عجيب ٿي ويئي هئي. هڪ طرف گهر ڏانهن موٽڻ جي خوشي هئي ته ٻئي طرف سڄڻن کان موڪلائڻ مهل دل ڪافي اُداس ٿي ويئي هئي. اعجاز، ممتاز ۽ نسرين اسان کي جارج بش انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڇڏڻ آيا. غزل ۽ سندس ٽي خوبصورت ۽ چنچل ٻارڙا به اسان سان گڏ هئا. 11 ڪلاڪن جي مسلسل اُڏام کان پوءِ اسان استنبول جي ڪمال اتاترڪ ايئرپورٽ تي اچي لٿاسين.
    هتي گهمندي ڦرندي، کائيندي پيئندي ڪجهه خريداري ڪندي وقت گذاريوسين. ايئرپورٽ تي ئي هڪ مسجد نظر آئي ۽ ان وقت عصر جي نماز جو وقت هو. عصر جي نماز هتي ادا ڪيم پر مون کي ان وقت هڪ خوشگوار حيرت ٿي جڏهن ترڪي زبان ۾ مسجد جو نالو مَسِيت (Mescit) لکيل نظر آيو ۽ ان جي مٿان وري انگريزيءَ ۾ Mosque نه پر مسجد (Masjid) لکيل هو جيڪو عربي لفظ آهي. مون کي حيرت به ٿي ۽ خوشي به ته سنڌي توڙي ترڪي زبان ۾ مسجد جو نالو ساڳئي اُچار سان مسيت آهي. هاڻي ڪو محقق ويهي ان تي تحقيق ڪري ته مسيت جو لفظ سنڌ مان ترڪيءَ ۾ پهتو يا ترڪيءَ مان سنڌ ڏي آيو. بهرحال مون کي سنڌي ۽ ترڪي ٻولين جي ميلاپ تي خوشگوار حيرت سان گڏ تمام گهڻي خوشي ٿي.
    گهمندي ڦرندي پورا پنج ڪلاڪ ڪيئن گذري ويا، خبر ئي ڪانه پيئي. ٽرڪش ايئرلائين جو جهاز رات جو مقامي وقت موجب 9:30 وڳي ۽ پاڪستان جي وقت مطابق 11:30 وڳي رات جو اُڏاڻو ۽ فقط 5 ڪلاڪن ۾ ڪراچيءَ جي قائدِ اعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اچي لٿاسين. پر هيٺ لهڻ کان اڳ جهاز ڪراچيءَ مٿان هڪ ٻه چڪر لڳايا، ڪڏهن هيٺ اچِي وري مٿي اُڏام ٿي ڪيائين ڇاڪاڻ ته موسم تمام خراب هئي ۽ سخت مينهن ٿي پيو ۽ تيز هوائون به ٿي هليون. ايترا خطرناڪ جهٽڪا آيا جو الله پاڪ کي امن امان لاءِ ٻاڏايوسين ۽ رب ڪريم پنهنجي پناهه ۾ رکيو ۽ جهاز صحيح سلامت لئنڊ ڪري ويو. منهنجو ڀائٽيو ماڻڪ جيڪو ڪراچي ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن آفيسر آهي، ان بعد ۾ ٻڌايو ته خراب موسم جي ڪري اومان ايئر (Oman Air) جي جهاز کي واپس اومان موڪليو ويو هو. پر اسان تي رب العزت جي خاص مهرباني هئي جو صحيح سلامت زمين تي اچي وياسين ۽ الله پاڪ جا لکين شڪرانا ادا ڪياسين. ٽن چئن ڏينهن کانپوءِ هدايت ۽ سندس گهرواري به پي-آءِ-اي جي فلائيٽ ذريعي ڪراچي پهچي ويا. شڪر الحمدالله.


    عشق کي شاباس : علي احمد بروهي

    چوڻي آهي ته: ”هجئي ناڻو ته گُهم لاڙڪاڻو“، پر لاڙڪاڻي گهمڻ جو اڃان به بهتر طريقو هيءُ آهي ته عنايت کي ڀاڙو ڀُتو ڏيئي لاڙڪاڻي موڪليو وڃي ته سئر ڪري اچي اسان کي سربستو احوال ٻڌائي. مسافريءَ جي جاکوڙ ۽ جوکم سندس قسمت، باقي سئر جي تفريح ۽ طراوت جو مزو سو خوب ماڻينداسون. ڪير ويٺو حادثن جي هولناڪ دنيا ۾ سفر جون سختيون ۽ سور سهي! مقصد آهي لاڙڪاڻي جي لَست وٺڻ، جا آس به پوري ٿيندي ۽ اُٽلَ ۾ عنايت جي زباني، ادبي چاشني ۽ ثقافتي لئه به حاصل ٿيندي.
    اکيون ته هر هڪ جون رب رکيون آهن پر ذهن جو ذوق هر هڪ جو پنهنجو آهي. سئر سفر ۾ وڏي ڳالهه آهي مشاهدو ماڻڻ جي. جنهن نظر سان عنايت هر نظاري کي ڏسي ٿو، کيس تڪي توري اُنَ جي هوبهو تصوير چِٽي ٿو، اِهو هڪ فن آهي، جنهن ۾ عنايت کي خوب مهارت ٿي ڏسجي.
    سفرناما ته گهڻيئي پيا لکجن. اڄ جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي تفريح ۽ عياشي آهي ئي سياحت. اڳوڻي زماني ۾ مسافريءَ لاءِ سِرَ تان سانگو کڻڻو پوندو هو، ان ڪري ان دور ۾ ڪو ڀُليل ڀٽڪيل ”مارڪوپولو“ هوندو هو..... اڄ ڪلهه سفر سڻائي آهي، ان ڪري هر مسافر ”ابن بطوطه“ جي ڏِکَ پيو ڏئي. خشڪي خواهه سامونڊي سفر ته پنهنجي جاءِ تي پر، انسان ته چنڊ جا چڪر به هڻي موٽيو آهي. ولايت جو سفر ته ڪنهن ليکي ۾ ئي نه آهي. ڪلاڪن جي اُڏام، جنهن ۾ نه لهر نه لوڏو، پر هتي ڳالهه آهي سيلانيءَ جي سندس سوچ، فڪر ۽ نظر جي. سُرمو ته سڀڪا پائي پر اک اک جو فرق آهي. کِلَ خوشي ۽ غم ڳڻتي ته خوشيءَ جيان هر هنڌ هڪ جهڙي ڦهليل آهي، پوءِ هجي ڪو سُرهاڻ جو سوداگر، جو واٽ ويندي اسان کي واسُ وٺرائي!

    علي احمد بروهي
    ”عشق کي شاباس“، ص 350


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 671
    ڪتابن جو مشاهدو: 867870
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 295022
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ