ڪتاب جو نالو: نديءَ۾نهارون
مصنف: ربڏنو خاصخيلي
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 17 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 677 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 240 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب خوبصورت شاعر ربڏنو خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
ربڏني جي شاعري جو پنهنجو اسلوب ۽ ڊڪشن آهي. هن جي ٻولي ۾ لاڙ جي چانورن جهڙو هڳاءُ به آهي ۽ واهوندي جي هير به پسائي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مُهاڳ : تجريديت جي حسناڪ شاعريءَ
  • چاهتن جو بل
  • شاعري ئي اصل اندر جو آواز آهي
  • بيوسي چادرن ۾ روڪجي!!
  • آنچل اڏارن جهڙو شاعر ربڏنو خاصخيلي
  • محبتن جي ڳولا
  • شاعر پاران : دل جي ڳالهه
  • غزل

  • پيار ۾ پنهنجو وڏو نشان ڪونه آهي
  • دل ۾ پـــــڙهه تون بات سڄي
  • پيار ۾ پنهنجو وڏو نشان ڪونه آهي،
  • چنڊ کي چئو ماحول خطرناڪ مان لنگهي اچي،
  • من موهي وڌو مـــــــاني ڳاڙهي چانورن جي
  • پڄڻ کان پهرين واٽ ۾ گهيرجي وئـــــي
  • اکيون تنهنجون ايشاءُ کـــنڊ آهن
  • وکر ناهي ڪــــــاڳرن ۾ روڪجي
  • ڌرتي جو وچ ڪاڪ ۾ آهي
  • چنڊ ڪنهن جي عشق ۾ روڳي آهي
  • پاڻهي مِٽي کي خوبصورتي پڙهائيندو
  • اچ ته نوان ڀاڪر ايجاد ڪريون
  • ڪُهي هِت ڪنهن هرڻ کليو آهي
  • پرين اڳيان اُڇليو خوشبوُ ٿي ويندس
  • اڄ ڳـــوٺ تتل آهي
  • ڪلهه جنهن خوب ڀانئيو اڄ سا نه ڏِسي ســڃاڻي ٿي
  • نانگ مِٽي کـــــــــــائيندو تري ڪونهي
  • سئو تائين ڀاڪـــــر سارڻ سِکي وئين
  • اسان ڪوڙ کي ڀاڪـــر پائون ڪونه
  • دل دردن ســــــان مالا مال آهي
  • ٻٽي ڦڙا پاڻي جا تولاءِ ٿــوري کڻي ايندس
  • دِل ســـرڪاري پڊ آهي
  • هلندي هلندي چنڊ کي باقـــــــــي اچي ڇڏيو
  • سهڻي کي جڏهن ٿي سڏي دلبري
  • فقط جــاني چست آهي
  • لتاڙيندو ڪيئن مال ڳوٺ جو ڪهڙو مون راهه ۾ رکيو آهي
  • سمنڊ جي ٻک ۾ سماج ناهي
  • آهين سنڌ جي سُندس ڇوڪريءَ
  • جيئرا منهنجا پيار پوري ساحلن تي وئي آ
  • گـلن تـي هٿ گهمائي ڇڏ
  • وڻ ننڊ ڪندا آهن
  • آسمان تي وڃڻ جو شوق جــاڳيو وري آهي
  • اڏري ايندس تون رڳو طلب ڪجان
  • آسمان تي وڃڻ جي مونکي هئي ســـــوچ اچي وئي
  • تنهنجي عشق ۽ پـــــــــيار مونکي
  • هڪ ته عشق چنڊ کان به ڳرو هو
  • ڪــنارن تي بيهي نديءَ ۾ نهاري
  • عشق جي موسم عجيب ٿي لڳي
  • نڪي هٿ ۾ نڪي نڪ ۾ کنيو آهي
  • مري ويو هو مٽيءَ ۾ جو مٿان هو گـاهه پئجي ويو
  • مينهن وٺو ته مورن مرڪيو
  • پرديسي کان پُڇ وطن جو وڇوڙو
  • مُرڪيو هُو ته المنظر تي مهڪيو روح راڄن جو هو
  • بهارن لٽيو، هــــــڳائن لٽيو
  • خوشيون موٽن منهنجون ختم ڏک سور ٿي وڃي
  • روڪ پرين تون مَئو حُسن جو
  • پيار جـــو اونڌو تختو ٿي ويو
  • تنهنجي ڏکن سان اهڙا ته جڙي ويا تعلقات آهن
  • عشق عورت ناهي ته پوءِ عرض آهي
  • ٻاهر نه نڪـــرو ٻنپهرن جو
  • ڪي ڪي ماڻهو رڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن
  • وار نه کــول پرين هــــــوا ڇتيءَ ٿي پوندي
  • ڪو پيٽ خـــاطر پيو پلڙا چونڊي
  • گلابــــي وکــــــون يا ادائون ڳڻي
  • هو ڳـــــــوٺ وڃڻ لاءِ بيٺي سواري جي انتظار ۾ هئي
  • حُسن خـــــاطر عاشقي رُلي رڻن ۾
  • ڪــارونجهر تي ڊيل جو روڄ راڙو آهي
  • سُرو چڙهي آيو هاڻ ڀانڊن تي آهي
  • آئون به چوان چنڊ کي ڇـــاجي ڀرتي آهي
  • پرينءَ جي جــــواني بنهه خوبصورت
  • ٻني ســـــــــائي سڏي توکي پرين تون پهچ پٽن تي
  • ڪڏهن ويران ڪڏهن رونق شادي حال جيان
  • پُڇ نه چنڊ، دل ٻرڻ ٿي لڳي
  • ڪبو ڇا ڪنوارا ڪنڌ چمي
  • هاڻ پنهنجي زندگي ۾ اڳوڻي شِدت ناهي رهي
  • تون مٽيءَ جـــــــي پيدائش آهين، توتي باهه نٿو ادا ڪري سگهان
  • تو پيتي ته اُڀ مــــان ٽهڪ اچڻ لڳا
  • زندگي خـــالي پيٽ ســـان آهي
  • سنڀاليو ڪونه هو سڄڻن تو ته ڪير حُسن جي دورين ۾ لڏيو
  • هُن اڃا کنيو ئي مـــس جڳ ۾ چنڊ ڪري پيو
  • دنيا جي لالچ ۽ لوڀ ڇڏي سونهن سان ننڊ ۾ سُتا
  • وري نئين شخص ڪئي شِرڪت آهي
  • گل غيرن تي نه ڇٽيو ايترا
  • سنئوڻ خاطــــر سمنڊ ۾ تون پير پنهنجا ٻوڙ پرين
  • ڀنل ماڪ سان گل نچي اڄ هوا ۾
  • وٺي واٽ ساڳي عُنابي اچن
  • وڇوڙن ۾ دل ڌڳـــــــــي آهي
  • چيچ _نيڻ پير درد
  • نظم

  • “پاڻي جو موت”
  • “مدي خارج هوا”
  • “ڪوڪي جو ڪمال”

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: نديءَ ۾ نهارون
    شاعر: ربڏنو خاصخيلي
    موضوع: شاعري
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: هڪ هزار
    سال: © 2017ع
    ڪمپوزنگ لي آئوٽ: غلام شبير لغاري
    ٽائٽل: پرڪاش ڪرمواڻي
    ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
    فون نمبر: 03333173584
    قيمت: 200 روپيا

    [POETRY ]
    By: Rab Dino Khaskheli
    Edition: First
    Year: 2017
    Price: Rs. 200.00

    ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
    ڀٽائي ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
    مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-
    ٿر ڪتاب گهر، مٺي-ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
    عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ-مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
    مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-سنڌ ڪتاب گهر ، شڪارپور-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
    سچل ڪتاب گهر، درزا-ڪنول ڪتاب گهر، مورو-
    سارنگ ڪ1تاب گهر ڪنڊيارو
    شعور لائبريري خليفو قاسم، سليم نيوز پيپر ايجنسي ٽنڊوباگو،


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نديءَ ۾ نهارون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خوبصورت شاعر ربڏنو خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    ربڏني جي شاعري جو پنهنجو اسلوب ۽ ڊڪشن آهي. هن جي ٻولي ۾ لاڙ جي چانورن جهڙو هڳاءُ به آهي ۽ واهوندي جي هير به پسائي ٿو.
    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ، ٿرپارڪر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرمواڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني،.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپيم....

    انهن اکين جي نالي
    جن ۾
    وڃائجي وري
    لڀجي نه سگهيس....!!


    اداري پاران

    سامروٽي پبليڪيشن جو هي 9 نمبر ڪتاب جديد سنڌي شاعري جو سهڻو مجموعو آهي. ربڏنو خاصخيلي اُڀرندڙ ۽ متاثر ڪندڙ شاعر آهي، سندس هن مجموعي ۾ آيل شاعري ڪافي منفرد ۽ دل کي وڻندڙ شاعري آهي، هن نوجوان شاعر جي شاعري ۾ خيالن جي جيڪا نئين برسات موجود آهي، ويساهه آهي ته اها ضرور رنگ لائيندي. اسان جي شروع کان اها ڪوشش رهي آهي ته پنهنجي جديد ادب توڙي پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخ کي سهيڙي اڳتي وڌائجي، اسان کي خوشي آهي ته اسان پنهنجي حصي جي ڪم کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. هي ڪتاب پڻ ان سلسلي جي هڪ سهڻي ڪڙيءَ آهي. اميد آهي ته هن ڪاوش “نديءَ ۾ نهارون” کي دل سان پسند ڪيو ويندو.

    پرڪاش ڪرمواڻي
    03333173584
    سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر



    مُهاڳ : تجريديت جي حسناڪ شاعريءَ

    اڄلڪهه سنڌي شاعريءَ جي سينوارجي وڃڻ تي بحث مباحثا هلندڙ آهن ، سگھاريءَ شاعريءَ جي سنجيده عاشقن جي راءِ اها به ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته “ جديد سنڌي شاعريءَ مان ولولو ، تڙپ ۽ ڪشش موڪلاڻي ڪري ويا آهن ، ان ڪري هاڻ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ گھرجن!” اها راءِ غلط ڪونهي. سچ به اهو آهي ته غير سنجيده رنگروٽن ۽ شوقيا شاعرن جي لوڌ شاعري کي سستو تيل بڻائي ڇڏيو آهي. ويجھڙ ۾ “ شاعريءَ جو نئون پڌرنامو به پڌرو ٿيو آهي ” ان ۾ انيڪ مثبت صلاحون به آهن. باقي شاعر يا شاعري کي ڪنهن نظريي سان واڳيل نه هئڻ گھرجي واري نقطي سان مون کي ذاتي طور اختلاف آهي ، ڇو جو نظريي بنا شاعري بُوتو آهي ٻيو ڪجھه ناهي. ان حقيقت ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي جديد شاعري ساڳين گھڙيل گسن تي هلي هلي هاڻ ڳهرجي وئي آهي ،ان کي ضرور ڪنهن دڳ لائڻ گھرجي. ورجاءُ ۽ موضوعيت کان محرومي سنڌي شاعريءَ لاءِ هاڃيڪار آهن. مختلف لابين جا دهلاريءَ ادب جي ڀينگ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ٻي طرف سٺن ۽ سنجيده ڪتابن کي نظر اندازيءَ جي ڌوڙ لٽي رهي آهي ، ٽئين طرف جڙتو نقاد مٿو کائڻ ۾ رڌل آهن . اُهي سنڌ جي اڀرندڙ نئين شاعرن جي شاعريءَ کي يورپ جي ادبي لاڙن ۽ تحريڪن جي ساهميءَ ۾ توري وڏيون هامون ۽ هنبوشيون هڻن ۾ سرخرو آهن. مطلب ته ادب جي نالي ۾ هڪڙو سرڪس وارو تماشو هلي رهيو آهي. اهڙن ڄامڙن ڪردارن جي رستي روڪ ٿيڻ ضروري آهي، ته جيئن سنڌي ادب ڪو نئون ساهه کڻڻ جھڙو ٿئي.
    لاڙ سان تعلق رکندڙ منفرد ۽ خوبصورت نوجوان شاعر ربڏنو خاصخيلي جي شاعريءَ جي ڪتاب “ نديءَ ۾ نهارون ” جو پرنٽ ٿيل مسودو مُهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ جڏهن مون آڏو پهريون ڀيرو آيو ته شاعريءَ پڙهي سمجھي ويس ته اصلاح گھربل آهي، ڪجهھ ضروري اصلاحي نظر وجھي واپس ڪيم ته درست حالت ۾ آڻيو ته ڪجھه ڪجي. ٻئي ڀيري وري مسودي کي پڙهي سوچيم: هي نئون تجربو ضرور سامهون اچڻ گھرجي. توڙي جو شاعر سان منهنجي ڪا به ڏيٺ ويٺ ناهي، پر هُن جي شاعريءَ سان ملي خوشي ٿي آهي ته هُن نئين واٽ ورتي آهي. پنهنجي پاران ۾ هن پنهنجي شاعراڻي سفر جي ڄمار پنجويهه سال ڄاڻائي آهي، ان حساب سان مون کان ڪجھه سينئير آهي، پر هن جي شاعريءَ مون اڳ ناهي پڙهي. اهو به سهڻو اتفاق آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو “ ڊجيٽل شاعريءَ ” جو اصطلاح هِن شاعريءَ ۾ پڙهيو اٿم. هن کان اڳي فياض ڏاهري جو مجموعو “ هينگ اوور ” نظر مان گذريو آهي، جنهن لاءِ اهو چيو ويو آهي ته اها ايندڙ دؤر جي شاعري آهي جنهن کي انگريزي سان سلهاڙيو ويو آهي. سٺي ڳالهه آهي جو نوان تجربا ٿي رهيا آهن. شاعريءَ نيون منزلون ڳولي رهي آهي.
    ربڏني جي غير روايتي دلفريب شاعري تي غير روايتي مهاڳ لکندي ، سوچيو اٿم ته شاعري جي موجوده جمود کي هٽائڻ لاءِ هن جي باصلاحيت شاعر جيڪڏهن ڪا نئين واٽ ورتي آهي ته ڀلا اُن کي ڇو نظرانداز ڪجي ؟ هڪ نئون تجربو هُن هڪ جرئت سان ڪيو آهي ته اُن تي پنهنجيءَ پسند جو ڪو رنگ آخر ڇا لاءِ چاڙهجي؟ هڪ نئون انداز هِن نئين شاعر تخليق ڪرڻ جي ذميواريءَ جيڪڏهن کنئي آهي ته پوءِ اُن جي ڇو نه ڀرپور همٿ افزائي ڪجي. توڙي جو ساڳئي قسم جي ڪوشش اڳ به ڪن شاعرن پاران سنڌي جديد شاعري ۾ ٿي چڪي آهي. پر ناڪامي کان پوءِ اهڙن شاعرن وڃي نثري نظمن جي ڇانءُ ۾ ٿڪ ڀڳو آهي، علم عروض کان پاسيرو ٿي لکڻ جو رواج اسان وٽ پراڻو آهي ، پر حقيقت اها آهي ته علم عروض جي کوٽ کي سنڌ ۾ هڪ وڏو علمي ادبي حلقو شاعراڻو عيب ليکيندو آيو آهي.
    هِن ڪتاب ۾ آيل غزل جي شاعري علم عروض ۽ بحر وزن کي سامهون رکي ناهي ڪئي وئي، هِي صوتي اثرات تي لکيل شاعري آهي، عام طور تي اسان جا مضبوط شاعر جيڪي موسيقيت سان ڀريل بحر وزن استعمال ڪن ٿا، هن شاعريءَ ۾ اهو تجربو نه پر هڪ مختلف طريقو ۽ تجربو سامهون آهي، جيڪو مجموعي طور مناسب اثر ڇڏي ٿو. اهم ڳالهه اها آهي جو شاعر پنهنجي وجدان ، فڪر ۽ خيال کي ڪٿي به متاثر ناهي ڪيو، باقي علم عروض کي محور ناهي بڻايو. اهو به هڪ لاڙو آهي، جنهن کي آئون سوال بڻائڻ جو حامي ناهيان. شاعر هِن مجموعي ۾ پنهنجي خيالن کي پوريءَ سگھه سان نمايان ۽ نروار ڪيو آهي ، اها سچ ته دلچسپ نواڻ آهي.
    سوال هي به ڪر ٿو کڻي ته ڇا نوان تجربا ادب ۾ نه ٿيڻ گهرجن؟ منهنجي خيال ۾ادب نئين تجربن ذريعي ئي ترقي ڪئي آهي ائين ئي ته جمود ٽُٽي ٿو، ادب دُٻو بڻجڻ جوقائل ڪڏهن به ڪونهي رهيو نئين تجربن جي ضرور آجيان ٿيڻ گهرجي. هتي اهو ياد ڏياريندو هلان ته 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر اردو ادب جي ٻن نئين لاڙن کي وڏي پذيرائي ۽ مقبوليت ملي هئي. مظهر الاسلام جي علامتي ڪهاڻين جي هاڪ متي هئي ۽ ساره شگفتا جي تجريدي انداز ۾ لکيل نثري نظمن کي زبردست موٽ ملي هئي. اهي نوان تجربا ڇانئجي ويا هئا. ان ئي دؤر ۾ ملڪ نديم جي تجريدي نظمن جي هڳساڻ پکڙي هئي. منهنجي خيال مطابق هِي پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن شاعر سنڌي شاعري ۾ تجريدي رنگ غزلن ۾ ڀريو آهي آئون هن نئين تجربي کي پيار جي اکين سان ڏسان ٿو . هي مثبت لاڙو سمجھڻ کپي، ها باقي ضروري ناهي ته هر تجريدي خيال سان متفق ٿجي، اها الڳ ڳالهه آهي. تجريدي خيال آرٽ جي حسناڪيءَ ۽ سرريئلزم جي وسعت کي هر شاعر پيش نٿوڪري سگهي ان لاءِ آرٽسٽ مزاج ۽ ذهينت کپي ٿي، تجريديت ۾ ڪابه مونجهه ڪونهي صرف ان کي حسناڪ اک ۽ دل سان سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌي جديد شاعريءَکي وسڪيءَ جي ڪريٽن ۾ قيد ۽ غلام بڻائڻ واري هن ماحول ۾هي تجريدي شاعريءَ ڪنهن بغاوت جهڙي حقيقت لـڳي ٿي. آئون ان سچ کان منڪرناهيان ته تخليقي شاعريءَ ۾ موسيقيت دائميت کي بحال رکي ٿي. حسين خيال ترتيب کان هٽي بي وزن بڻجي تاثر وڃائين ٿا اهو سچ آهي پر خيال جي بلنديءَ حُسن ۽ گھرائي کي توڙي فڪر جي محبوبائي کي به نظرانداز ڪرڻ جرم آهي. هي ڊجيٽل شاعري آهي يا تجريدي شاعري ان بحث کي ڇڏي آئون اهو ٿو چوڻ چاهيان ته هِي سدا بهار خيالن جي شاعري آهي ، جيڪا غزل جي فريم ۾ پيار سان پيش ڪئي وئي آهي. هي سمورا خيال جدت جا گلاب لڳندڙآهن.
    ڪوبه رواجي خيال هن شاعريءَ پاڻ سان گڏ ناهي کنيو، اها نرالپ آهي. اسان جا اڪثر نوجوان شاعريءَ ۾ خيال تي زور رکن ٿا، فڪر کي ڪجھه نٿا ليکين، جڏهن ته اهو سمجھڻ کپي ته خيال ۽ فڪر ٻئي شاعريءِ لاءِ بنهه ضروري عنصر آهن. رب ڏني جي شاعريءَ ۾ خيالن توڙي فڪر جي نواڻ جي ڪا به گھٽتائي نظر نٿي اچي . هن ڪئين بنهه ڪنوارا خيال هن شاعري ۾ پيش ڪيا آهن جيڪي حيرت ڏيارين ٿا ڪمال جا لڳن ٿا. اهم ڳالهه اها به آهي ته هي سڄي شاعري ڪيفيت به آهي ته فڪر جي تڙپ به آهي. فطرت سان سلهاڙيل شاعري جو نئون رنگ آهي. نئون خيال هن شاعريءَ جو بنياديءَ محور آهي. هي ڪجھه خيال پڙهي ڏسو،

    بارش کي اکيون ڪو نه آهن، پوءِ به مٽيءَ سڃاڻي ٿي!
    ڏسو سامياڻي جي گودڙي ۾ اچي موئن جو دڙو لڪو آهي!
    پاڻي کي پتو ڪهڙو ته ڪير مون مان آهي وهنجي نڪتو!
    اڄ انڊلٺ مون کي پنهنجي وطن وٺي ويئي!
    عشق عورت ناهي ته عرض آهي!
    کڙکٻيتا ڄميا ئي پُراڻ تي آهن!
    رات ڌنارن سان چنڊ رلي ۾ ويڙهجي ستو!

    هنن شاعراڻن خيالن ۾ ڪو به مغالطو ڪونهي، سڌي سنئين دل جي ڳالهه آهي. هي خيال هڪ ادراڪ جو حسن به آهن ، ته حساسيت جي مهڪ سان گڏ لاشعور جو وجد به آهن. تهذيب ۽ تاريخ جو شعور به آهن. هي فطرت سان عاشقي آهي. سامياڻي جي گودڙي ۾ موئن جي دڙي جو لڪڻ ڪو مفروضو ناهي، پر تاريخ ۽ تهذيب ڏانهن هڪ گمنام اشارو آهي. هندستان ۾ جڏهن اوچ نيچ ۽ ذات پات جي ٻيگھي متل هئي اڇوت سڏجندڙ اقليتي قبيلن اچي سنڌ م ساهه پٽيو هو. انهن سنڌ جي خوشبو کي پنهنجي سينن ۽ گوڌڙين م لڪايو هو. سنڌ پاڻي جي زمين رهي آهي، سنڌ ۾ کڙکٻيتن سان پيار ڪيو ويو آهي. ڌنارن جو چنڊ سان گڏجي سمهڻ فطرت دوستيءَ کي پڌرو ڪري ٿو. ڇو جو امير پاڻهو بند اي سي ڪمرن ۽ گھٽيل فليٽن ۾ سمهن ٿا، چنڊ سان انهن جو ڪو واسطو ئي ناهي رهيو، پر ڌراڙ اگھاڙي پُٺيءَ سان ڌرتي تي سمهن ٿا ته چنڊ انهن مٿان اچي اڀو ٿئي ٿو. انهن کي سڃاڻي ٿو ۽ ڪڏهن انهن سان گڏجي سمهي به ٿو! رب ڏني جي شاعريءَ ۾ گوناگون خيالن جا پوپٽ ڦرن ٿا، اهي تجريدي رڳو خيال ناهن ڪئين جاڳندڙ ۽ ضمير رکندڙ خيال به ان گلدستي جا گل آهن. اهي خيال تشريع جا محتاج ناهن. انهن جون صورتون صفا چٽيون آهن. هي خيال هن شاعريءَ کي سگھه ڏياريندڙ آهن، ۽ پيش ڪيل شعر ٺهڪندڙ شڪل رکندڙ آهن.
    رب ڏنو خاصخيلي وجدي ڪيفيتن جو نئون شاعر آهي. ظاهر اهو ٿو ٿئي ته شاعريءَ هن جي رڳن ۾ موجود آهي. هن فطرت کي فوڪس ڪيو آهي، ان سان گڏ سگھاري شعور هن جي خيالن ۾ خوبصورتي ڀري آهي، هن جي نا تجربيڪاريءَ کي هن جا خوبصورت خيال ورلي ظاهر ڪن ٿا.

    سئو تائين ڀاڪر سارڻ سکي وئين.
    ڄڻ بارش ۾ ٽانڊو ٻارڻ سکي وئين.
    اڄ به اگھاڙو پيو آسمان ۾ گھمي،
    چنڊ جوانيون پرايون کارڻ سکي وئين.

    رب ڏني جي شاعريءَ جو سگھارو پاسو تجسس آهي. جنهن جو بيانيا نئون روپ موهيندڙ لڳي ٿو، هر شعر کي نواڻ ۾ رنڱڻ نئين خيال جي خوشبوءَ ڏيڻ بنا شڪ جي نئين ڳالهه به آهي ته نئين واٽ به آهي. حيرت ٿئي ٿي هي شاعريءَ پڙهي ته هن ۾ روائتي خيال ڪو ورلي نظر اچي ٿو، هر شعر نئين آرسي ٿيڻ جو آرزو مند محسوس ڪجي ٿو.

    پيار ۾ پنهنجو وڏو نشان ڪو نه آهي
    ٻڌائيندا ڇا وڻن کي زبان ڪو نه آهي!

    منهنجي شاعريءَ کي کڙکٻيتو ڳوليندو وتي
    ڇا ڪاڪ ۾ ٿي مومل جوان ڪو نه آهي؟

    منهنجي جسم تي هاڻي قبضو ڪري تون ڇا ڪندين؟
    ڇڏ ته نئون ماڻهو ڪو دل جي تاڪ مان لنگھي اچي!

    تيسين تون وڻن سان مٺيون مٺيون ڳاليون ڪر،
    جيسين تو لاءِ اي دل ڪا دوا خاڪ مان لنگھي اچي!

    جيڪو مٺي آواز سان هرڻ کي سڏي پيو،
    مون مور اڳيان رکي آهي ڀري ڪاوڙن جي

    وکر ناهي ڪاڳرن ۾ رکجي
    چنڊ ڪيسين ڀاڪرن ۾ روڪجي!

    چميون ڪنهن خساري ۾ وينديون هليون ،
    ڪاوڙ ۾ ڪنهن ڌرتي لوڏي آهي!

    وقت جو قدر ڪرڻ تون سک پرين،
    تو لاءِ ڀاڪر بيٺو کوٽي آهي

    موت زوري ماري وڃي ٿو،
    ماڻهو ڪٿ خوش ٿاڪ ۾ آهي.

    اچ ته نوان ڀاڪر ايجاد ڪريون
    پيار جو مضبود بنياد ڪريون.

    ننڊ مان اٿي ڀٽائي جو هڪڙو بيت ياد ڪيم
    يار مليو يارن سان روح ۾ رهاڻ رچي وئي.

    پاڻهي مٽيءَ کي خوبصورتي پڙهائيندو،
    تنهنجي چوليءَ کي ٿا استاد ڪريون!

    تو کي ڇو چنڊ جي عمر جو فڪر آهي،
    پڇي ڇو آسمان سان فساد ڪريون؟

    تعجب پيو ٿئي طوطي جي عقل تي،
    نموريون پيو کائي کجي ڏنگيل آهي.

    سنڌي جديد شاعريءَ ۾ ورجاءُ کان هڪ پاسي هٽي هي شاعريءَ جو نئون قدم آهي. نئون آواز آهي. نئين مهڪ آهي. نئون اظهار آهي. نئون لهجو آهي. نئين لفظيات ۽ شعريت آهي. جيڪا حيرت ۾ وجھندڙ به آهي ته متاثر ڪندڙ حقيقت به آهي. نئون خيال هن شاعريءَ جي سگهھ پڌري ڪري ٿو. هي تخليقيءَ شاعريءَ جي تڙپ جو سهڻو مثال آهي. ماڻهو ، ماڻهن کي استاد بڻائيندا آهن پر هي شاعريءَ محبوبا جي چولي کي استاد بڻائڻ جي ڳالهه ڪري ٿي، ڇو جو ماڻهو جي روپ ۽ شڪل وارا استاد اڄڪلهه خودڪش بمبار تيار ڪرڻ واري استاديءَ ۾ مصروف آهن. هي شاعريءَ نئين ماڻهو جي متلاشي آهي. جيڪو دل ۾ لنگھي اچي! اهڙي نئين ماڻهو لاءِ جنهن لاءِ استاد رجنيش اوشو چيو آهي ته “ فقط نئون ماڻهو ئي زنده رهندو! ” يعني جنهن وٽ جدت هوندي اهو ئي سلامت رهندو.
    نئين تجريديت غزل جي نئين شاعريءَ ۾ پيش ڪري ربڏني نئون مثال پيش ڪيو آهي. حسناڪ تجريديت ۾ بيباڪ فڪر پيش ڪري هُن شاعريءَ ۾ تازگيءَ ڀري آهي.

    ڪاڪ جي مٽيءَ مون کي اڄ سُونگھايو.
    ڏک ۾ مئل پکيءَ جي بدبو ٿي ويندس.

    چنيسر جي قبر ڇو پيو هرڻ چٽي ،
    ائين ته روپا رت ۾ گفتگو ٿي ويندس.

    اڄ به اُڀ مان انڊلٺ ڳولي سين
    اسان سانوڻ ڪو نه پليو آهي.

    ماني تي رکي دل نه کڻي اچ،
    سوچ ڪير تو لاءِ جليو آهي.

    آسمان ۾ سوراخ ٿي پيا آهن،
    گل تي کڙکٻيتو هليو آهي.

    ڪُونجن جي ڄڃ رڻ مان اچي پئي.
    جبل ڇو رکيو پاڻي ڀري ڪونهي؟

    سج مُون سان ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائيندو.
    پرينءَ جي منهن تي اڄ مُرڪ ذريءَ ڪونهي.

    تو کي وار وڏا ڪرڻ جي پريشاني آهي
    تولاءِ چنڊ مان مٽي چوريءَ کڻي ايندس.

    ڪنهن گلابي ڳوٺ جي پاسي ۾ پيل هوندا،
    بيمار مال جي ڳچيءَ ۾ هڏ هرڻيءَ جا ٻڌي ڇڏيو!

    بيهوشي جا دورا ڪجھه گھڙين ۾ موڪلائي ويندا،
    ٻه ٽي پيرونءَ پکيءَ جي وات ۾ هَڻي ڇڏيو.

    هلندي هلندي چنڊ کي باقي اچي ڇڏيو.
    اوچتو آسمان مون کي لتون هڻي ڪڍي ڇڏيو.

    بنا گھرائڻ جي تارا مون ۾ گھِڙيو ٿا اچن.
    آسمان سان منهنجو عشق قدرتي آهي.

    سچ ته هي بنهه نئين ۽ منفرد خيال نگاريءَ ۽ تجريديت آهي. بحر وزن ڪٿي به گم ٿيل نظر نٿو اچي. خود نئون بحر وزن ايجاد ٿيل محسوس ٿئي ٿو. هي اظهار ڪو فطرت دوست شاعر ئي ڪري ٿو سگھي. هي ڌرتيءَ سان سلهاڙيل هئڻ جو ثبوت آهي. با مقصد اظهار سان گڏ تجريديت جي ڌارتِکيءَ لڳي ٿي جيڪا احساسن ۾ چڀي ٿي وڃي. هي مئل هرڻين جي شاعريءَ آهي. هِي ڪونجڙين جي اُڃ جي فڪر ۾ تڙپيل شاعري آهي. چنڊ مقصد ۽ منزل جي علامت ۽ آسمان طبقاتي بلنديءَ جي علامت آهي. هِي هيڻائي ۽ ڏاڍائي جي ڪشمڪش جي شاعريءَ آهي. انڊلٺ کي اُڃ ڳوليندي آهي، آس ڳوليندي آهي، اکين کان اڳي بُک انڊلٺ ڏسڻ چاهيندي آهي. مئل پکيءَ جي بدبوءِ فقط اهو ئي حساس انسان ٿيڻ جي ڳالهه ڪندو ، جنهن کي سُڌ هجي ته ڪاڪ ڪالهه سنڌ ۾ هئي، اڄ اها سنڌ ۾ ناهي! چنيسر جي قبر کي هرڻ جو چٽڻ حيرتناڪ خيال آهي. اهو خيال سنڌي جديد شاعريءَ ۾ پهريون ڀيرو نقش ٿيو آهي! هرڻ فطرت جو حصو آهي، هُن کي اها سڌ ناهي ته غداريءَ ڇا آهي؟ هُن کي فقط مٽي جي مهڪ جي خبر آهي. مٽيءَ ڪو به ترازو نٿي رکي ، اها غدارکي به دفن ڪري ٿي ته محب وطن کي به پاڻ ۾ سمائي ٿيِ. هِي تجسس جي شاعريءَ جو بهترين نمونو آهي.

    رات تارا ڳڻيندي هُن جي ڇاتيءَ تي ڄمي تِر ويا !
    هوءَ رات سڄي تڙپي مڙس جواريءَ جي انتظار ۾ هئي.

    تلوار جھڙي ڳوٺ مان ڪيئن سلامت موٽي سگھبو ؟
    خنجر جھڙي ماڻهن ۾ ڪا انسانيت ناهي رهي.

    سمنڊ مان جھلي کڻي اچان چنڊ الاءِ گھڻا پئسا ڪندو؟
    ٻڌي ملاح جو آواز مٺڙو وٺڻ جو شوق چڪورين ۾ لڏيو.

    اسان جو هي پيارو شاعر شاعريءَ ۾ ڪا حقيقت ڪو اهم نقطو ٻڌائڻ ۾ هڪڙي عجيب مهارت رکي ٿو. دل جي ڳالهه ڪندي هڪ لمحي جي به دير نٿو لڳائي. اصل ۾ هو نئين سوچ جو شاعر آهي. هُن جو هر هڪ شعر هڪ ڪهاڻي به آهي ته نظم به آهي. تصوير به آهي ته تصور به آهي. انتظار ڪندڙ عورت کي بابا ڀٽائي سُر سامونڊيءَ ۽ مومل راڻو ۾ ڪماليت سان نروار ڪيو آهي. هتي انتظار ڪندڙ عورت سان ڪا ٻي ڪهاڻي لاڳو آهي. هوءَ جنهن جي انتظار ۾ سُتي ناهي اهو مورک سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائڻ جو هيراڪ آهي. اهو ٻچن جي روزيءَ لاءِ سمنڊ نٿو جھاڳي پر شارٽ ڪٽ جو قائل آهي. ڇا به آهي پر اصل درد وند موضوع عورت جي بيقراريءَ آهي. روايتي غيرت جي ڳالهه کي اسان جي هِن دلبر شاعر تلوارجي تکائي جو نالو ڏنو آهي اها انفراديت آهي. خنجر جھڙن ماڻهن ۾ انسانيت جو نه هجڻ ئي ته هن دنيا جو عظيم الميو آهي. سچ ته ائين لڳي ٿو ته انسانيت بارش جي پاڻي وانگي لاوارث ٿي وئي آهي! چنڊ گھڻا پئسا ڪندو؟ ڇرڪائيندڙ شاعراڻو خيال آهي. هڪ مهاڻي جو اهو تصور اهو جملو حيرتناڪ احساس وانگي ساهه کڻندڙ لڳي ٿو. هتي هنن بازارين ۾ جسم وڪجن ٿا، عزتون وڪجن ٿيون ، ڪو چنڊ کي وڪڻڻ چاهي ٿو. .... سڀ ڪجهھ عجيب هوندي عجيب ناهي رهيو! دل جي ڳالهه اها آهي ته هن شاعريءَ ذريعي نئين خيالن جو هڪ سفرنامون پيش ڪيو ويو آهي. اهي خيال ڏاڍا انوکا آهن. اها تجريديت جي جيت سمجھان ٿو. نواڻ جي ڪاميابي کان اکيون پري ڪري يا پوريءَ نٿيون سگھجن. هي ورجاءُ کي شڪست ڏيڻ جو حسين مرحلو سمجھڻ گھرجي.

    سڄي دنيا ڪِن سان ڀري پئي آهي
    هٿ ڪٿان ڳجهن جو اولاد ڪريون؟

    سمنڊ کائيندو مٽيءَ پيو اچي
    ڏک ۾ وساريا لاڙ جنڊ آهن.

    گدڙ جھنگ ۾ ماکيءَ کائي پيا مَستيون ڪن.
    رستا ٺاهيندي جواني گذري پئي راوڙن جي.

    تنهنجي تنهائي تاريخ مان اُٿي
    مون ۾ ڪيو گشت آهي!

    دل جي پنهنجي هڪ دنيا آهي
    محبت کان پري معراج ناهي.

    پتنگ پيا باهه ۾ پڄرن،
    اُٿي ڏيئو اجھائي ڇڏ.

    ڪيئن نه مٽيءَ کي اُت سج سجدا ڪري
    جتان مَٽيو سامين جو سَرو هو.

    تون سمنڊ سڄو ڪيئن پي سگھندين؟
    تو ته عشق ڪڏهن نه ٻُڪ ۾ کنيو آهي!

    دڪان تي رکيل ڦلڙين تي پرينءَ
    زنگي نه وجھي نڪن جو وڇوڙو.

    تون رڳو پيار مان منهنجو نالو وٺي سڏ،
    بهار جي موسم اچي انبن ۾ ٻُور ٿي وڃي.

    چيم سارين جي چونڊي مان ڇا ملندو؟
    چيائين اڄوڪي کنڊ پتيءَ ٿي پوندي.

    جنگ جو منظر ٿو عورتون اداس ڪري،
    ٻار به کير ٿڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن.

    اسان جي هِن روشن دل باصلاحيت نرالي شاعر جو مشاهدو ذرو به ڪمزور نٿو لڳي. سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ اُٿل پُٿل تي به هُن جي وسيع نظر ظاهر ٿئي ٿي. هو ڄاڻي ٿو ۽ دل سان محسوس ڪري پوءِ اُن کي اظهار جي زبان تي آڻي ٿو. اها بهترين شاعراڻي صلاحيت ۽ ڏات آهي. هُن جي شاعريءَ حقيقت جا پيرا ڳولي لهي ٿي ، پوءِ حقيقت جو درد بيان ڪري ٿي. اهو درد ڪٿي سمنڊ سان واڳيل آهي ، جيڪو هونئن ته سامونڊين جو جياپو آهي، پر اهو اوچتو زمينون پيو وڃائي ته نتيجي ۾ لاڙ برباديءَ ڏي پيو ڌڪجي. اهو نئون قومي ۽ تاريخي سانحو به آهي. ٻي پاسي هِن ڌرتيءَ جا ڳڀرو روڊن تي پٿر پيا ڪُٽين ۽ جواڻيون وڃائين ۽ نا اهل بدذوق سرمائيدار پيا مزا ماڻين. سارين جي چونڊي مان هڪ پورهيت جي صرف چانهه ڪڙهي ٿي ، پر اُن سارين جو واپاريءَ نيون ڪارون خريد ڪري گھمي ٿو. هِي پورهيت سان پيار جو اظهار آهي ، هي فڪر آهي تجريديت ناهي. پنهنجي وطن ۾ پُر امن جوڳي ۽ سامي گودڙين سان ڦرن ٿا. هي شاعري انهن سان محبت جي حمايت آهي. هي شاعريءَ اُن المناڪ اڪيلائي کي نروار ڪرڻ جي آرزومند آهي. جيڪا تنهائي تاريخ جي تنهائي آهي. غربت جي تنهائي آهي. اها بي رنگ تنهائي شاعري جي دل ۾ گشت ڪري ٿي. اُن ڏانئڻ تنهائي کي نوڪدار ننهن آهن. هِي انسان جي تنهائي آهي، جيڪو غارن مان اُٿي چنڊ تي پهتو آهي، پر اڄ به اهو ويڳاڻپ جي سوئر سامهون هٿين خالي بيٺل آهي! هي تاريخ جي به تنهائي آهي، جيڪا پنهنجو ڪپيل ڪنڌ ڳولي رهي آهي! هن تنهائي ۾ هزارين نياڻيون بي لباس ٿيل آهن. انهن جا سينا وڍيل آهن. انهن جا ڊگھا زلف بد حواس گھوڙن جي سنبن هيٺ آهن! هي نظرين جي ٻريل تنهائي به آهي، جنهن ۾ انسان سنگسار ٿيل آهي. پويان کان هٿ ٻڌل انسان جي نرڙ مان رائيفل جي گولي گذريل آهي! هي تهذيب جي به اڪيلائي آهي ، جنهن جي ماتم ۾ ڇيرن جا آلاپ آهن. ڀڳل بانسريون انتظارن ۾ آهن! طنبورا چُپ ٿي چڪا آهن. هيءَ دل جي به تنهائي آهي جنهن ۾ ڦلڙين تي وڇوڙي جو نانگ ويٺل آهي. ٻار ٿڻن جو کير ڇڏي اکيون پوري چڪا آهن ، زبانون مري ويون آهن!
    ڏيئو ٻري پيو ڏيئو ٻرڻ به گھرجي ، ڏيئو روشنيءَ جو سنهيو آهي پر ان جي باهه تي پتنگ خودڪشيءَ پيا ڪن، ڪجھه دير لاءِ ڏيئو اجھامڻ گھرجي پتنگ نه مرڻ گھرجن! روشني کان نفرت شاعر لاءِ ممڪن ئي ناهي. هِن سڄيءَ زهريلي ڇڪتاڻ ۾ پيار ئي فقط آڪسيجن آهي، جنهن سان ساهه کڻي سگھجي ٿو. بهار جي رُت جو تصور نه پر بهار خود ويجھي ٿي سگھي ٿي جيڪڏهن ڪو دل سان ياد ڪري يا ڪنهن کي دل سان ياد ڪيو وڃي. مطلب هيءَ ته انساني تعلق گم نه ٿيڻ گھرجي. دل جي رستي تي لوڙهو نه ڏجي ته رڳو انبن ۾ ٻور ڪو نه ايندو پر اهو ٻور دل جي ٽارين ۾ به ڦٽي پوندو. هي شاعريءَ دل سان آجيان ڪرڻ لائق آهي ڇو جو هن کي سنجيده فڪر اوڍيل آهي.
    هتي اهو به چٽو ڪندو هلان ته هي سڄي شاعريءَ تجريديت ۾ٻڏل ناهي ، هن شاعري جو هڪ وڏو حصو فڪريءَ، خيالي ۽ موضوعاتي شاعريءَ سان سرشار آهي. تجريدي شاعريءَ يورپ مان شروع ٿي هئي. ان کي ائبسٽرڪٽ آرٽ جو درجو مليو هو. هي آرٽ بيچينيءَ مان ڦُٽيءَ نڪتو هو. لاشعوري ڪيفيتن هن کي جواڻي ڏني آهي. منهنجو ذاتي رايو اهو آهي ته سماج ۾ غير مطمئن رهندڙ سماجي نقاد آرٽسٽن ۽ شاعرن جي تخليقي سگھه مان نئين جاندار تخليق جنم وٺندي آهي. جانبدار رويو ۽ لقائن سان ڪاوڙيل مزاج جي تخليق نراليءَ رهندي آهي. سچل سرمست جي شاعريءَ ان جو اعلى مثال آهي.
    تجريديت عالمي موضوع بڻجي ويل حقيقت آهي. اُن جي حسين جھلڪ پسڻ لاءِ اسان کي عظيم روسي شاعر مايا ڪوفسڪي جي هِي سِٽ نهارڻي پوندي.

    اڄ ڪا اک اونداهي جا ڇوڏا لاهيندي!
    تجريديت جو حسين ذائقو وٺڻ لاءِ اسان کي ساره شگفتا جا هي لفظ گُھورڻا پوندا.
    جڏهن ڪا رات اسان جي جسم جو لوڻ چکي وٺي ٿي
    ته اسان کي بي مزي ماني چيو وڃي ٿو.
    تجريديت پرکڻ لاءِ اسان کي سترهين صديءَ جي انگريز شاعر جارج چئيمبن جي هن خيال کي دل تي رکڻو پوندو.
    پيار فطرت جو ٻيو سج آهي.
    تجريديت جي تجسس کي سمجھڻ لاءِ اسان کي عظيم عرب شاعر نذار قباني جي هِن جملي ۾ دل لاهڻي پوندي.
    اسان کي جنن جو هڪ نسل گھرجي ٿو.
    تجريديت جو اعلى نمونو اسان انڊين شاعر گلزار جي هِن شعر ۾ ڏسي سگھون ٿا.
    چاند سي گر ڪي مر گيا هي وه
    لوگ ڪهتي هين خودکشي ڪي هي.
    اهڙا ٻيا هزارين مثال دنيا جي عالمي شاعري مان پيش ڪري سگھجن ٿا، جن مان شانداري تجريدي شاعري سان گڏ اعلى دائمي فڪر ظاهر ٿي دلين کي موهي وڃي ٿو.

    ڇو نه اُنهن تي اڄ اک ناز ڪري،
    جيڪي ڦٽيون آيا هٿڙا چونڊي.

    مڙهيءَ ۾ اڪيلي پئي شام گھُمي،
    ڇڏيا ماڻهن وزير کدڙا چونڊي.

    اُڪير سنڌ جي سانڍي اکين ۾،
    ڪو جُگنو رات ويو جلي رڻن ۾.

    سُرو چڙهي آيو هاڻ ڀانڊن تي آهي،
    بُک ستي پئي هاريءَ جي آنڊي تي آهي.

    تو ۾ آسان تڏهن پيو تڪڙو نهاري،
    تنهنجو منهن چنڊ جي مهانڊن تي آهي.

    نا معلوم هنڌ تي منهنجون اکيون کوليون ويون،
    پتو نه پيو ڪٿي آهيان پڙيءَ جي مال جيان.

    پڇ نه چنڊ دل ٻرڻ ٿي لڳي،
    سنڌ ڪُٺل ڪو ئي هرڻ ٿي لڳي.

    ڌرتي تان نشان ڪڏهن نه لهندا،
    آهن نانگ جھڙا چڪ دشمن جا.

    ڇا ڀٽائي ليلا مجنون ڪو نه ٻُڌا،
    پر خبر هيس پنهنجائپ ڇاهي.

    هِن شاعريءَ جو مرڪز پنهنجو وطن آهي. هي هڪ نوجوان اڀرندو شاعر جو قومي فڪر آهي. هُن وطن جي زخمن جي ڳالهه ڪئي آهي. هُن جو فڪر ويڙهيچن جي پگھر جي خوشبوءِ سان ٻکيو آهي. هي ڦٽيون چونڊيندڙ نازڪ ۽ سگھارين جواڻين جي عڪاس شاعريءَ آهي. ذڪر انهن آسروند جلاوطن اکين جو به آهي، جيڪي حشو ڪيولراڻي جي وجود جيان ڪٿي وڃائجي گم ٿِي ويون. وطن جي خواب سان ڀريل اکيون ڪيئن مڃجي ته مري ويون؟ عشق وطن جي سونهن سان به آهي، جنهن جي ادائن تي هينئان گھوري ڇڏجن ٿا. هِي اُن سنڌ جي ڳالهه آهي، جنهن ۾ ڪنهن وقت هاريءَ بک مري ٿو، اُتي ئي لڪل هٿ اسان جي نوجوانن ڳڀروئن کي جانورن جيان اکيون ٻڌي کڻي وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن جا چچريل لاش ويرانن مان هٿ اچن ٿا. اسين ڦٽين جيان پنهنجي حقن لاءِ الاءِ ته ڇو کدڙن کي چونڊيون ٿا؟ اسان جي ڌرتيءَ تي دشمن جا نانگ وارا چڪ آهن. اُهي چڪ پکڙيل آهن، اُهي چڪ ناسور آهن! سنڌ ڪُٺل هرڻ جيان ٿي وئي آهي. اُن تي کاميل دل سان ڳالهائڻو پوي ٿو. لطيف وٽ سنڌ لاءِ پنهنجائپ جو مضبوط نظريو هو، اهو هُن اسان کي سيکاريو آهي، پر اسان اڃا تائين اُن نظريي جي پوئواري ناهي ڪئي. اها اسان جي نااهلي آهي.
    ربڏني جي شاعريءَ ۾ ججھي موضوعيت آهي، هُن نوان موضوع مهارت سان متعارف ڪرايا آهن. شاعريءَ کي وسعت ڏيڻ جي اها ڪوشش داد لائق آهي. ان ڪوشش ۾ هُن ڪٿي ڪٿي غير شاعراڻا خيال به پيش ڪيا آهن، جن سان اختلاف جي چڱي گنجائش موجود آهي، پر هُن گھڻو ڪري مهذب خيال پيش ڪيا آهن. هي شاعريءَ نه نعريبازي پيش ڪري ٿي، نه ڪنهن هڪ نقطي تي ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿي.
    هتي اهو به ضرور چوڻ چاهيندس ته وضاحتي شاعريءَ ڪمزور شاعريءَ ليکي ويندي آهي، وضاحتي شاعري ائين هوندي آهي جيئن ڪو انڌي ماڻهو يا اڻپڙهيل انسان کي اخبار پڙهي ٻڌائي!شاعريءَ ۽ خبر نامي ۾ فرق کي نه سمجھڻ وارو ڪو به شاعر اڳتي وڌي نٿو سگھي. هِن شاعريءَ ۾ به وضاحتي شاعريءَ جو ڪجهھ عنصر نظر اچي ٿو. ڪي شعر ڪنهن ڳالهه ڪرڻ جي انداز ۾ لکيل آهن، اهو طريقو گھٽائڻ جي گھرج آهي ڇو جو هُن جو محبوب فڪر شاعراڻي ٻوليءَ ۾ ئي سونهين ٿو. هِن فڪر جي بنا شڪ جي اهميت آهي.
    هِي پرهه جي پنڌ جھڙي شاعريءَ ثابت ڪري ٿي ته ربڏنو خاصخيلي تخليقي شاعر آهي، هن وٽ وڏو شاعراڻو مزاج ۽ لاجواب ڏات آهي، فقط فنيءَ دسترس کي سگھارو ڪرڻ جي گھُرج آهي، ان کان پوءِ سڳداسي منزل پري ناهي، هن ڪتاب “ نديءَ ۾ نهارون” جي دل سان آجيان ٿيڻ گھرجي.

    ايوب کوسو
    جولاءِ 2017ع
    03063066162


    چاهتن جو بل

    مون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوباگو جي ادبي ڪلاس ۾ پهريون ڀيرو ربڏنو خاصخيلي جي شاعري تنقيدي ويهڪ دوران ٻڌي ۽ پوءِ سندس پيش ڪيل غزل ور ور ڏيئي پڙهيو هو. سندس ان غزل جي هڪڙي سٽ منهنجي دل تي اهڙو عڪس چٽيو، جيڪو ڪيئي سال گذري وڃڻ باوجود به منهنجي من ۾ پرين جي چمي جهڙو اثر ڇڏي ويو. هاڻي جڏهن سندس شاعري جو ڪتاب “نديءَ ۾ نهارون” پيو اچي. تڏهن مونکي سندس غزل جي اها سٽ “ڪر بقايا چاهتن جو بل ادا” وري به من جي پاتال ۾ لهندي پئي لڳي.
    مون به ڪجهه شاعري سرجي هئي. سو لاڙ واري پٽي مونکي آرٽ جو زون لڳندي آهي. هن پٽ مان مرکان شيخڻ جي لاڏن کان وٺي هن جي ڳوٺائي شاعر خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري تائين انوکي شاعري سرجندي رهي آهي. ربڏني جي شاعري جي غزل جي هي سٽ “اسان جون مائرون غدار پٽ ئي ڪون ڄڻينديون آهن”. ۾ اهڙو انوکو تاثر آهي جو وري به ڀاڳوڀان کان وٺي شيخ اياز جي وڄون وسڻ آيون ۽ شاهه عبدالطيف جي رسالي ۾ جي تون فارسي پڙهيو ته “گولو تون ئي غلام” يا خليفي جي ڪيڏاري ۾ به“جي تون ڀڄي آئين ڀڄڻا، ته آئون تنهنجي ڀيڻ” جهڙو تسلسل ملي ٿو. هو پنهنجي محبوبه سان هيئن مخاطب ٿئي ٿو ته “نبي بخش قاسم جي قبر تي وڃي، تولاءِ خوشبو ۽ کٿوري کڻي ايندس” ائين ئي هن جي غزل ۾ هي سٽ به آهي ته سمنڊ جي ٻک ۾ سماج ناهي، هوا سرحدن جي محتاج ناهي.
    سندس شاعري جو پنهنجو اسلوب ۽ ڊڪشن آهي. هن جي ٻولي ۾ لاڙ جي چانورن جهڙو هڳاءُ به آهي ۽ واهوندي جي هير به پسائي ٿو. اتي اونڌاهي جو انڪار ڪندڙ شاعر هيئن به مخاطب ٿئي ٿو ته “ڳوٺ جي چانڊوڪي بحال ڪر” يا پنهنجي محبوب سان غزل جي بند ۾ هن طرح جي نرالي انداز سان هيئن مخاطب ٿئي ٿو ته“اکيون تنهنجون ايشا کنڊ آهن، جنهن ۾ قيد سج ۽ چنڊ آهن. واري بند تي لاڙ پٽ جا ڀلوڙ شاعر الهه بچايو ساحل راهوڪڙو ۽ غلام شبير لغاري به شاعري تي ڳالهائيندي هن سرجڻهار جي شاعري جي واکاڻ ڪندا رهندا آهن. ڳوٺ سومار خاصخيلي جي فصائن مان تعلقي ٽنڊي باگي جي ڪاڪ ڪنڌي واري ديهه جو بار بار ذڪر ڪندڙ هن شاعر جي شاعري “نديءَ ۾ نهارون” ۾ ڏنل غزل ور ور ڏيئي پڙهڻ جهڙا آهن. فني لحاظ کان به سندس غزل پختا لڳن ٿا.

    عثمان راهوڪڙو
    29 مئي 2017ع
    03313834738


    شاعري ئي اصل اندر جو آواز آهي

    ادب جي دنيا ۾ شاعري تي تمام گھڻو بحث مباثو ٿيندو رهيو آهيو. ان جا ٻيا ڪيترائي سبب هجن پر هڪ اهم سبب هي به آهي ته شاعري ادب جي مقبول صنف آهي. ان ڪري ئي ادب جي دنيا ۾ نثرنويس، ڪهاڻيڪار، ناول نگارن جي ڀيٽ ۾ شاعرن جو تعداد چڱو خاصو رهيو آهي پر اڳتي هلي شاعري ۾ اهو انگ ورهائجي ٿو. جنهن ۾ ڪجهه شاعر انقلابي شاعري طرف راغب ٿي، مزاحمتي ادب تخليق ڪري، وطن ۽ قوم جو درد بيان ڪن ٿا. ڪي وري شاعري کي پنهنجي عشق جي اظهار جو ذريعو بڻائي عشقيه شاعري سرجين ٿا. ڪجهه شاعر وري روحانيت جي رمزن ۽ عقيدت جي رنگن کي صوفي شاعري ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بحرحال اظهار جا اهي سمورا ذريعا شاعري چئجن ٿا. جڏهن ته شاعري باقاعدي هڪ مڪمل قانون ۽ پابندي جو نالو آهي. جيڪڏهن اها پابند ناهي ته شاعري به ناهي، ان حوالي سان ڪجهه ڳالهيون واقعي حيرت ۾ وجهندڙ آهن. جئين شاعري جي گرامر ۽ پابندي جو قانون جدا آهي، جنهن تحت شاعري ان بحر وزن جي دائري ڪافيي ۽ رديف جي پورائي سميت هر صنف پنهنجي سڃاڻپ ۽ گھاڙيٽو رکي ٿي. گيت، غزل، وائي، بيت، ٽيڙو، چئوسٽو، ڪافي، ڏور، نظم وغيره جهڙيون صنفون شاعري ۾ پنهنجو الڳ مقام رکڻ جي ڪري ئي علم عروض جي دائري ۾ اچي سڃاڻپجن ٿيون. ڪابه صنف علم عروض جي دائري ۾ پوري نه بيهندي ته شاعري کان ٻاهر تصور ڪئي ويندي بلڪه اها اڻپوري سمجهي ويندي آهي. اهو قانون نثري نظم يا آزاد نظم تي لاڳو ناهي. ان حوالي سان علم عروض جا ماهر شاعر جڏهن به ڪنهن شاعري تي نظر وجهندا آهن ته سڀ کان پهرين سندن اک شاعري ۾ علم عروض جي کوٽ خامين کي ڳوليندي آهي.
    علم عروض جي تاريخ ڪيتري پُراڻي آهي، شاعري جي ان فن تي خود اڄ جي شاعرن کي ڪيترو علم آهي؟ ان موضوع تي ضرور سنجيدگي سان غور، ويچار ۽ فڪر ڪرڻ جي اهم ضرورت آهي. زمانا اڳ ڀڳت ڪبير، ميران ٻائي، هاسانند، بُلي شاهه، وارث شاهه، لطيف سرڪار، سچل ۽ ٻين شاعرن جي شاعري کي جڏهن علم عروض جي اک سان ڏسبو ته اها شاعري مڪمل پابند نظر ايندي. ان زماني ۾ گھڻي شاعري ڳائي ڪئي ويندي هئي. صوفي شاعرن جي شاعري ڇپيل گھٽ ۽ ڳايل وڌيڪ آهي. اها شاعري سينا به سينا صوفي راڳي ڳائي به زنده رکيو اچن. ماچيس جي دٻي وڄائي شاعري ڪندڙ شاعرن جي شاعري کي فقط اڀياس خاطر فني بنيادن تي ڏسبو ته سندن شاعري ۾ توڙي جو ڪا گھرائي، وزن، ڪشش هجي يا نه پر اها گھڻو ڪري پنهنجي وزن ۾ پوري ۽ پابند نظر ايندي. واقعي مون سکڻ خاطر ڪيترن ئي شاعرن سان ڊگھيون ڪچهريون ڪري شاعري جي علم “علم عروض” بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي پر کين ان بابت نه هئڻ برابر ڄاڻ هوندي آهي. هُنن جو سڄو ذور شاعري کي ترنم ۽ طرز ۾ ڳائي“ڪافيو ملائي” پورو ڪرڻ طرف هوندو آهي.
    شاعري تي بهتر ۽ وزنائتي راءِ ته ڪو پختو شاعر ئي ڏئي سگهي ٿو پر هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ آئون سمجهان ٿو ته شاعر ربڏني خاصخيلي جي شاعري اندر جي اظهار لاءِ سندس من ۾ موجود شاعر کي پڌرو ڪيو آهي. شاعري جيستائين شاعر وٽ پنن ۾ محفوظ آهي تيستائين اهو ان جي ذاتي ملڪيت ۾ شامل آهي پر جڏهن اهو شاعري ڪتابي صورت ۾ يا ڪنهن ٻي عوام تائين رسائي جي ذريعي اخبار، رسالي، ميگزين وغيره ۾ شايع ٿئي يا موسيقي ذريعي گيتن جي صورت ۾ عوام تائين پهچندي ئي عوام جي امانت بڻجي ويندي آهي. پوءِ عام پڙهندڙ ۽ ٻڌنڌڙ کي ان بابت آزاد راءِ رکڻ جو مڪمل اختيار هوندو آهي. اها شاعري عوام جي جذبن جي ترجمان آهي يا نه؟ اهو فيصلو به عام خلق ئي ڪري سگهندي آهي. ڪيترائي اهم ڏات ڌڻيءَ آهن جن کي هن سماج يا عوام ۾ ان ڪري پذيرائي ڪونه ملي سگهي جو سندن ڏات هن معاشري جي ڏکن، سورن، دردن، پيڙائن، ظلمتن. انيائن ۽ ناانصافين جي عڪاسي بجاءِ خود نمائي تائين محدود ٿي وئي. تنهنڪري اهڙي شاعري جيڪا ڪنهن ذات تائين محدود هجي سا ماڻهو پاڻ لکي يا ڪنهن درٻاري کان لکائي ڳالهه مڙئي ساڳي آهي.
    شاعر ربڏني خاصخيلي پنهنجي وس آهر پنهنجي ڏات کي پنهنجي ذات تائين محدود ڪرڻ بجاءِ هن سينواريل سماج جي اک جو ڳوڙهو، دل جو درد، اندر جي اڻ تڻ کي بيان ڪرڻ جي شاندار ڪوشش ڪئي آهي. سندس شاعري جو هي ڪتاب سندس محبتن ۽ محنتن جو ثمر آهي. آئون کيس اهڙي پورهيي تي جس پيش ڪيان ٿو.

    محب ڀيل
    جهڏو
    جون 2017ع


    بيوسي چادرن ۾ روڪجي!!

    اهو عشق ئي آهي جيڪو ماڻهو کان لکرائي ٿو. ۽ عشق ۾ ديوانگي وارين ڪيفيتن ۾ پني تي لاٿل احساسن سان ٽمٽار شاعري يادگار رهندي آئي آهي. تخليل سان ڀرپور آزاد شاعري بابت اڪثر اهي اعتراض واريا ويندا آهن ته اها علم عروض تي پوري نٿي لهي. جئين ته پاڻ وٽ شاعري جي سکيا لاءِ اڃان تائين ڪو انسٽيٽيوٽ کليل ناهي. جنهن ۾ علم عروض جهڙي ڏکئي جي ڪا تربيت ڏني ويندي هجي. ۽ اهڙي پختي شاعري سرجي سگهي. آئون سمجهان ٿو شاعري ۾ بنيادي حيثيت خيال جي آهي، جنهن سان پڙهندڙ کي متاثر ٿي سگهي ٿو. ان بعد گهاڙيٽو به شاعري ۾ اهم معني رکي ٿو. باقي شاعر جو مطالعو ۽ مشاهدو ان جي شاعري کي اڃان به پختو بنائي ٿو.
    ربڏني خاصخيلي به عشق جي پنڌ ۾ شاعري کي ڇانورو بنايو ۽ مسلسل شاعري سرجيندو رهيو. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ نظر اڳيان گذرندي هئي. خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته سندس ڪتاب “نديءَ ۾ نهارون” ڇپيو.
    ربڏنو خاصخيلي نڙ بيت جي ڪلاسيڪل شاعر سانوڻ فقير خاصخيلي جو ڳوٺائي آهي. سانوڻ فقير جيان هن ۾ به ڪا وڏائي ناهي ڪوبه غرور ناهي. لڳي ٿو ته هو عشق جي واٽن تي سانوڻ فقير جا پيرا ليڪيندو وڃي.
    هن جي شاعري کي مون چڱي ريت پڙهيو آهي. سندس شاعري سنڌي سماج کان ٻاهر نڪتي ئي ناهي. سندس شاعري ۾ پنهنجي دل لڳي کان سواءِ ديس وندن جي درد جو اولڙو به پسي سگهجي ٿو.
    امير زال ڊوڙ پائي اچي مڙس کي ٻڌايو،
    ماسي ڪپڙو هڻندي مري ٽائلن تي وئي آ.
    لاڙ جو هي سادڙو ۽ ماٺيڻو شاعر شهرت جي پويان ناهي ڀڳو، نه وري حاجي ۽ قاضي چوڻ واري روايت تي عمل ڪيو اٿس. ادبي حلقي ۾ ساڙ ۽ بغض ڏسي هن پنهنجي پر ۾ شاعري پي لکي آهي. فٽ پٽين تي شاعري ماپڻ وارا وڏا نقاد ڀلي سندس شاعري مان عيب ڪڍن پر سندس اهڙن خوبصورت خيالن جي اڏام ۽ لفظن جو جڙاءُ سندس شاعراڻي سگهه جو گواهه آهي؛
    دڪان تي رکيل ڦلڙين کي پرينءَ،
    زنگي نه وجهي اڄ نڪن جو وڇوڙو.
    يا وري؛
    اڄ حـــــــــياتي مــــــــوڙ آ ورتو نئون،
    بيوسيءَ چادرن ۾ روڪجي،
    اصل کان جنهن کي مٽيءَ جو عشق آ،
    بوند سا ڪيئن بادلن ۾ روڪجي،
    ربڏنو خاصخيلي جي شاعري ۾ مٿئين غزلن جي بندن جيان اهڙا ڪافي خوبصورت خيال ملن ٿا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سندس قلمي پورهيو سنڌواسين وٽ ضرور مان ماڻيندو.

    غلام شبير لغاري
    29 مئي 2017


    آنچل اڏارن جهڙو شاعر ربڏنو خاصخيلي

    رسول حمزا توف “ماءِ داغستان” ۾ لکيو آهي ته اُهي شعر جن کي زمانو ٻڌي جهومي اٿندو آهي. هر لب تان اڀرندڙ لفظن مان فنڪار تراشيندا آهن. بازار جي رونق اُهي ٿانءَ هوندا آهن،جيڪي اوسي پاسي پکڙيل مٽيءَ مان ڪنڀر ٺاهيندو آهي.
    مونکي اها خبر ناهي ته اها ڪهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا هن سادي سودي کلڻي ماڻهو کي کن پل ۾ اداس ۽ مڪليءَ جيان ماٺ ڪرايو ڇڏي. ۽ هو اداسي ۾ اندر ئي اندر ۾ ڀور ٿيو وڃي. اهو وکرڻ ۽ سميٽجڻ وارو تسلسل هن جي خاموش زندگي تي ڪنهن جي ڀنڀن وارن جيان عيان آهي. اها واٽ جنهن تي هلندي هن جا پير زخمي، احساس زخمي، ٽهڪ زخمي، هر زخم تي هڪ هڪ غزل سرجڻ واري هن چرئي شاعر کي اها سُڌ ڪير ڏيندو ته آنچل جي اُڏارن ۽ وکريل بهارن جو ڪوبه ڪاٿو ڪري نه سگهبو آهي. پر هو درد جي طويل راتين سان سمجهوتو ڪري چڪو آهي. خاموش نهارن جهڙا هن جا نظم غزل هن جي جاڳ جي گواهي آهن.
    چون ٿا شاعر جو روح شاعر جا لفظ شاعر جون اکيون شاعر جون سوچون محبوبي مرڪ کان شروع ٿي، پنهنجي لڙڪن تي ختم ٿي هڪ نظم بنجي، سماج سان مخاطب ٿين ٿيون. سج اڀرڻ کان سج لهڻ واري ڪٿا تائين ۽ درد جي سانجهين ۾ وڃائجي ويل يادگيرين جا منظر شاعر جي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندا رهندا آهن.
    لاڙ جي سانجهين جهڙو ربڏنو خاصخيلي انهن شاعرن مان آهي، جن پنهنجي تخليقي سگهه سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي آهي.
    20 مارچ 1977ع تي ڳوٺ محمد سومار خاصخيلي يوسي خليفوقاسم ضلع بدين ۾ جنم وٺندڙ ربڏنو پنجين ڪلاس کان وٺي مختلف رسالن اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو.

    پيار ۾ پنهنجو وڏو نشان ڪون آهي،
    ٻڌائيندا ڇا وڻن کي زبان ڪون آهي،

    جهڙا خوبصورت خيال ۽ منظرنگاري. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي خاموش ۽ کلڻو ملڻو ماڻهو ڪنهن جي اکين جي سمنڊ ۾ ٻڏي ڪئين اهڙو خوبصورت تخليقڪار بنيو آهي. هن تي جيڪڏهن اهو ٿورو آهي ته انهن اکين جو آهي، جن جي پويان هن پنهنجون اکيون بند ڪري اها راهه ورتي آهي، جيڪا تتل رڻ جهڙي آهي. ربڏني جي شاعري ۾ اهي منظر ملن ٿا، جيڪي منظر اسان جون اکيون روز ڏسن ٿيون. پورهيت جي ڦاٽل قميص کان وٺي، چانورن جي ڳاڙهي ماني تائين جو ذڪر هن خوبصورتي سان ڪيو آهي.

    من موهي وڌو آ ماني ڳاڙهي چانورن جي،
    جنهن ۾ خوشبو آ شامل هٿن سانورن جي،
    منهنجي ڊجيٽل شاعري توکي ڪون وڻندي،
    توتي راڳي پئي آ شاعري پراڻن شاعرن جي.

    ربڏني جو خوبصورت سٽون پڙهي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سندس سٽون جيڪڏهن محبوبي نرڙ جو پگهر نه ٿي سگهيون ته وڏي ڳالهه ناهي پر سندس سٽون پورهيت اکين جا لڙڪ ضرور بنيون آهن. هن جي شاعري کي پڙهي اهو چئي سگهجي ٿو ته سندس شاعري هن سماج جي چؤگرد ڦري ٿي. هن جي شاعري نسورو سچ آهي. روپاماڙي جي رات کان وٺي ڪارونجهر جي اُوچاين تائين جا سڀ فطرت جا حسين منظر ربڏني جي تخليقن ۾ انڊلٺ جيان اڪريل آهن.
    ربڏني خاصخيلي جي فني ۽ فڪري سفر کي آساني سان نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن پنهنجي رولاڪين ۽ خانه بدوشين ۽ من ڀاونائن کي آڌيءَ جي اوجاڳن جا عنوان ڏنا آهن.
    هن جي شاعري ۾ ٻهراڙي جي سانجهين ۽ صبوح جا انڊلٺي رنگن به آهن ته ملڪ ۾ ناقص طرز حڪمراني سميت هاري جي پگهر جي ڳالهه به آهي.
    ربڏني جي خوبصورت شاعري، نئون انداز، لفظن جو گهاڙيٽو، فن ۽ فڪر کي ڏسي اهو احساس ٿئي ٿو ته اڃان اسان جي نئين ٽهي خوبصورت تخليقون ادب کي ارپنا ڪري ٿي.
    ربڏني خاصخيلي جي ڪتاب “نديءِ ۾ نهارون” ۾ روح کي گرمائيندڙ ۽ دل کي تڙپائيندڙ نئين انداز ۾ ڪيل شاعري ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي آهي. سندس هي ڊجيٽل شاعري ضرور پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.


    گلزار احمد درس/ خليفو قاسم
    03433703938


    محبتن جي ڳولا

    چپن تي مرڪ اکين ۾ وڃائجي ويل محبت جي ڳولا، اندر ۾ حوصلن جي انتها، طبيعت ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر سادڙو، دل ۾ نه کٽندڙ درد جو سفر ۽ احساسن جو تن شاعري جي ويس سان ڇڪيل، جي ها اهي سڀ ڪيفيتون ان ربڏني خاصخيلي ۾ آهن جنهن ندي ۾ نهارون جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ڪري ثابت ڪيو آهي ته اڃان به تند بند نه ٿي آهي. هن ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر ڪري پيش نه ڪيو آهي. آئون جڏهن پهريون ڀيرو ساڻس مليو هئس ته هو مونکي صفا سادڙو محسوس ٿيو هو. مون کيس پنهنجي شاعري ٻڌائڻ لاءِ چيو جڏهن هن پنهنجا غزل ٻڌائڻ شروع ڪيا ته سچ پڇو ته منهنجون آڱريون چپن ۾ ڦاسي پيون مون کي سمجهه ۾ نه آيو هو ته هن جي ايڏي بهترين شاعري منظرن تان غائب ڇو رهي آهي جڏهن ته هن جي شاعري ۾ مون اهي سڀ منظر ڏٺا جيڪي ڪنهن هڪ عام ماڻهو کي بلندين تائين سگهن تڏهن مون دل ۾ سوچيو ته هن اهڙي خوبصورت شاعري منظر عام تي نه آڻي خود پاڻ سان ناانصافي ڪئي آهي. تڏهن مون ضد ڪيو ته يار اسان توکي ائين نه ڇڏينداسين تنهنجو شعور نئين نسل جي ضرورت آهي ان تائين ضرور پهچائينداسين. تڏهن وڏي ڪوشش کان پوءِ کيس ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ راضي ڪيوسين. “نديءَ ۾ نهارون” ان محبت جي ڳولا آهي، جيڪي زماني جي ڏاڍ ۽ جبر ۾ هيسجي ڪٿي وڃائجي ويون آهن، ان ڏڪاريل ڏيهه جي صدا آهي جنهن ڏيهه جو نياڻيون اگهاڙي ڪهاڙي جي اڃ بنيون آهن. دعا آهي ته شل سندس هي قلمي پورهيو جاري رهي ۽ احساس آشنا دليون هن جا خوشبوءَ جهڙا احساس اندر ۾ اوتينديون رهن.

    عبدالستار کوسو
    0342 3098207


    شاعر پاران : دل جي ڳالهه

    ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته لفظ ئي سڀ ڪجهه آهن نه ته آواز ته جهنگلن ۾ به کوڙ آهن. منهنجي خيال ۾ اهي لفظ جن ۾ لفظن ۾ پرينءَ پسڻ کان ويندي وڇوڙن جا منظر اکين ۾ اوجاڳا بنيا آهن.انهن لفظن جڏهن به لڙڪ بنجي پنبڻيون پسايون آهن ته اهي ڪڏهن نظم ته ڪڏهن وري غزل بنيا آهن، مونکي اها ڪل نه آهي ته وڇوڙن جو سانجهيون ماڻهو جي اندر ۾ ايڏي ڀڃ ڊاهه ڇو ٿيون ڪن پر مونکي اهو پتو آهي ته مون جڏهن به پنهنجي زندگي ۾ زخم کاڌو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکيو آهي.پورهيت هٿن جو قسم! جڏهن به ڪنهن جا ڪنوارا خواب ڀيلاڙ ٿيندي ڏٺا اٿم، جڏهن به ڪنهن پورهيت کي پگهر جي پورهئي عيوض ڏاڍن وڏيرن هٿان ٿڏا کائيندي ڏٺو اٿم ته آئون تڙپيو آهيان، منهنجو اندر ڪڙهيو آهي.
    آئون اها دعويٰ نٿو ڪريان ته آئون ڪو وڏو شاعر آهيان، مون ته عشق جي پنڌ ۾ ڪيل مسافرين کي شاعري جو روپ ڏنو آهي.مونکي ايترو ياد آهي ته 1987ع ۾ جڏهن آئون پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ته مون ان وقت لکڻ شروع ڪيو هو. پنهنجي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ احساسن کي ڪاغذ تي لاهيندي مون گهڻو ڀوڳيو آهي.منهنجو هي شاعري جو مجموعو “نديءَ ۾ نهارون” رتوڇاڻ ٿيل خوابن جو عڪس آهي. اندر جي پيڙاءُ ۽ احساسن جو مجموعو آهي. مون جڏهن سماج ۾ مسڪين ماڻهن کي بک، بدحالي، بيماري ۽ ناانصافي جي آڙاهه ۾ سڙندي ڏٺو آهي ته منهنجو اندر به جليو آهي. تنهن ڪري منهنجي شاعري ۾ اهڙو ذڪر فطري ڳالهه آهي.
    آئون ٿورائتو آهيان پنهنجي دوست غلام شبير لغاري جو جنهن جو ڪردار هن مجموعي ڇپائڻ ۾ تمام اهم آهي. ٿورائتو آهيان ايوب کوسو جو جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو ۽ سنڌ جي ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ اختر حفيظ جو جنهن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکيو. عثمان راهوڪڙو، غلام شبير لغاري، محب ڀيل، گلزار درس، عبدالستار کوسو، ظفر الله کوسو، محرم ڪوري، ڪمال امر هنگورجو، رحمت الله کوسو جو پڻ ٿورائتو آهيان جن ڪتاب بابت ٻه اکر لکيا آهن. پنهنجي ساٿين گلزار احمد درس، عبدالستار کوسو پروف چيڪ ڪرڻ سميت ڪتاب ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، مير بليدي، عمر احمداڻي، سيد جڙيل شاهه بخاري، سڄڻ خاصخيلي، فراق هاليپوٽو، ناشاد احسان ملاح، يوسف گل خاصخيلي، ماما متارو خاصخيلي، جاويد احمد جوڻيجو، محمد هاشم خاصخيلي، شبير ڪوري، سائين نور زمان خاصخيلي، اياز جوڻيجو، منور انڙ، فاروق احمداڻي، فياض اڪبر احمداڻي، عبدالرحمان کوسو، عرفان رستماڻي ۽ دين محمد ملاح سميت ٻين دوستن جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن منهنجي لکڻ ۽ ڪتاب ڇپرائڻ سميت مختلف موقعن تي رهنمائي ڪئي ۽ اتساهه بخشيو. سامروٽي پبليڪيشن جي دوست پرڪاش ڪرمواڻي جي مهرباني جنهن ڪتاب ڇپرائڻ جي ذميواري کنئي. ڪتاب ۾ ڪي اوڻايون هجن ته ان لاءِ معافي جو طلبگار آهيان.

    توهان جي راءِ جي انتظار ۾

    ربڏنو خاصخيلي
    ڳوٺ سومار خاصخيلي، ٽنڊوباگو ضلع بدين
    03332521520
    03452558821


    غزل

    پيار ۾ پنهنجو وڏو نشان ڪونه آهي

    پيار ۾ پنهنجو وڏو نشان ڪونه آهي،
    ٻڌائيندا ڇا وڻن کي زبان ڪونه آهي،

    منهنجي شاعري کي کڙکٻيتو ڳوليندو وتي،
    ڇا ڪاڪ ۾ ٿي مومل جوان ڪونه آهي؟

    کاٻي هٿ سان مون نديءَ کي ڇا کارايو،
    پر مڇين جو ان پاسي ڌيان ڪونه آهي،

    کٽ جي پاڳن ۾گهينگهرا ٻڌي آهي سُتي،
    ڇا ڀر ۾ جنن جو آستان ڪــونه آهي،

    چنڊ کي مِٽي ڳــــــــــاري ڪنهن پياري،
    فرشتن کان پُڇيو ڇو آسمان ڪونه آهي،

    پراڙ جو ڀاڪر ڀري هُن ٿلهي تي ڇٽيو،
    حُسن جو سارين تي احسان ڪونه آهي؟

    اڄ شهر وڃڻ جو هن منصوبو جوڙيو آ،
    ڇوته ڳوٺ ۾ چوڙين جو دڪان ڪونه آهي.
    


    دل ۾ پـــــڙهه تون بات سڄي

    دل ۾ پـــــڙهه تون بات سڄي،
    عشق ڪهاڻي ڪات سڄي،

    چنڊ لامـــــــــــارا ڏنا لهڻ لئه،
    روپــــــــــا ماڙ تي رات سڄي،

    پکين اکين سان آهي چميو،
    ميندي ٿــي پرڀات سڄي،

    ڪارونجهر جي ڳالهه ڪجي،
    سونهن ڪئي خيرات سڄي،

    ڪتريل چڳ تي خيال کُٽا،
    شـــــــاعري ٿي برسات سڄي،

    مٽيءَ مان محسوس ڪيو مون،
    سنڌ ڌرتي سوغات سڄي.
    


    پيار ۾ پنهنجو وڏو نشان ڪونه آهي،

    پيار ۾ پنهنجو وڏو نشان ڪونه آهي،
    ٻڌائيندا ڇا وڻن کي زبان ڪونه آهي،

    منهنجي شاعري کي کڙکٻيتو ڳوليندو وتي،
    ڇا ڪاڪ ۾ ٿي مومل جوان ڪونه آهي؟

    کاٻي هٿ سان مون نديءَ کي ڇا کارايو،
    پر مڇين جو ان پاسي ڌيان ڪونه آهي،

    کٽ جي پاڳن ۾گهينگهرا ٻڌي آهي سُتي،
    ڇا ڀر ۾ جنن جو آستان ڪــونه آهي،

    چنڊ کي مِٽي ڳــــــــــاري ڪنهن پياري،
    فرشتن کان پُڇيو ڇو آسمان ڪونه آهي،

    پراڙ جو ڀاڪر ڀري هُن ٿلهي تي ڇٽيو،
    حُسن جو سارين تي احسان ڪونه آهي؟

    اڄ شهر وڃڻ جو هن منصوبو جوڙيو آ،
    ڇوته ڳوٺ ۾ چوڙين جو دڪان ڪونه آهي.
    


    چنڊ کي چئو ماحول خطرناڪ مان لنگهي اچي،

    چنڊ کي چئو ماحول خطرناڪ مان لنگهي اچي،
    ستارن تي پير رکي عرش پاڪ مان لنگهي اچي،

    تــون پنهنجا وار کـولي ڳوٺ ۾ اِهو رواج نه وجهه،
    ڦڻي جو اشارو ڏي سڳي ڪاڪ مان لنگهي اچي،

    منهنجي جسم تي هاڻي قبضو ڪري تون ڇا ڪندين،
    ڇڏ ته نئون ماڻهو ڪو دل جي تاڪ مان لنگهي اچي،

    منهنجي محبت کائڻ لاءِ اڄ پرينءَ ٿيو راضي آهي،
    ڪاش ماڻا ڇڏي عشق خوراڪ مان لنگهي اچي،

    چنڊ پکين کان پيو هـــــــرڻ جي عُـــــــمر پُڇي،
    ٻڌائڻ لاءِ شل انڊلٺ سونهن جي ٿاڪ مان لنگهي اچي،

    تيسين تون وڻن سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪر،
    جيسين تولاءِ اي دل ڪا دوا خاڪ مان لنگهي اچي.
    


    من موهي وڌو مـــــــاني ڳاڙهي چانورن جي

    من موهي وڌو مـــــــاني ڳاڙهي چانورن جي،
    جنهن ۾ شامل آ خوشبو هٿن سانورن جي،

    ڦڪيون سوپاريون ڀڃي ڇو کيسي ۾ کنيون اٿئي؟
    اڄ ته هُن دعوت ڪئي آ چُمين ڀاڪرن جي،

    گدڙ جهنگ ۾ ماکي کائي مستيون پيا ڪن،
    رستا ٺاهيندي جــــــواني گذري پئي راوڙن جي،

    جيڪو مٺي آواز سان هرڻ کــــــــي سڏي پيو،
    مون مور اڳيان رکي آهي ڀري ڪـــــاوڙن جي

    پکين جون وِٺيون ڪير وڃي واڻ مان ڇنڊي،
    سـتايل هي کٽ لڳي ٿي پـــــــــراڻن آسرن جي،

    منهنجي ڊيجيٽل شاعري توکي ڪونه وڻندي
    تو تي راڳي پئي آهي شاعري پراڻن شاعرن جي.
    


    پڄڻ کان پهرين واٽ ۾ گهيرجي وئـــــي

    پڄڻ کان پهرين واٽ ۾ گهيرجي وئـــــي،
    سونهن پکين جي گهاٽ ۾ گهيرجي وئي،

    اڄ ته بارش اچڻ جو منصوبو جوڙيو هو،
    پوءِ ڪيئن ڪاڪ ساٽ ۾ گهيرجي وئي؟

    چلهه تي خـــــــالي پاڻي هُن چاڙهي رکيو،
    ٻارڙن جي بُــــــک پاٽ ۾ گهيرجي وئي،

    چانڊوڪي منهنجي نالي تي چڙهي سُتي
    ۽ ذات چنڊ جــــي لاٽ ۾ گهيرجي وئي،

    ڳاڙهي ڇمر ۾ جڏهن مـــــــــــورن نهاريو،
    شاعــــــــري ڊوڙي ڀاٽ ۾ گهيرجي وئي،

    لهرون ۽ ستارا گڏ ڳڻي ڪــونه سگهبا،
    اُٿ ته هــلون رات ٻاٽ ۾ گهيرجي وئي،

    تو ته دل تان حد دخليون هٽائي ڇڏيون،
    پر جواني نئين ڪــاٽ ۾ گهيرجي وئي.
    


    اکيون تنهنجون ايشاءُ کـــنڊ آهن

    اکيون تنهنجون ايشاءُ کـــنڊ آهن،
    جنهن ۾ قيد سج ۽ چنڊ آهن،

    مڇيون آســـما ن ســــان ڳــالـهائـي،
    فرشــــتن جي ڦٽائينديون نـنـڊ آهــن،

    ســمنڊ کائـيندو مـٽي پيو اچــــي،
    ڏک ۾ وســاريا لاڙ جــنـڊ آهــن،

    زمين جو وچ مومــــل ڪيئن لڌو؟
    دل جيترا ڪاڪ کــي ڪــنڊ آهــن،

    هــــوءُ ته هينئر اسڪــــول ۾ هونــدي،
    ڪنهن وڄـايا مندر جــــا گهـــــنڊ آهن،

    تــو ڇـــــــــو نــديءَ کي ڦـلــڙي وڌي آ،
    مـــــــــاڪ تـــي وِڌا پـــاڻي ڏنـــڊ آهــن،
    


    وکر ناهي ڪــــــاڳرن ۾ روڪجي

    وکر ناهي ڪــــــاڳرن ۾ روڪجي،
    ڪيسين چنڊ ڀاڪرن ۾ روڪجي،

    ڪـــر بقايا چـــــــــــاهتن جا بل ادا،
    عشق ڪيسين آسرن ۾ روڪجي،

    مور جــا سڀ رنگ نمــــونا مختلف،
    ناز ڪهڙو بارشـــــــــن ۾ روڪجي،

    چــمڪ نيلي بدن جي تجلو کنوڻ،
    دل چـــــري ڇا سانوڻن ۾ روڪجي،

    اصل کان جنهن کي مٽي جو عشق آ،
    بوند سا ڪيئن بادلن ۾ روڪجي،

    اڄ حـــــــــياتي مــــــــوڙ آ ورتو نئون،
    بيوسيءَ ڪيئن چادرن ۾ روڪجي،

    ڪير هـــاري ويو گهٽيءَ ۾ آ حُسن،
    شاعري ڪيئن فاصلن ۾ روڪجي.
    


    ڌرتي جو وچ ڪاڪ ۾ آهي

    ڌرتي جو وچ ڪاڪ ۾ آهي،
    حسن جِت وڏي هاڪ ۾ آهي،

    اونگهي ننڊ اکيون کائـــــن نٿيون،
    ڪا ته ڪمي خوراڪ ۾ آهي،

    چنڊ جا ڪنهن پگهر ڪڍيا آهن،
    يــا چانـــڊوڪــي واڪ ۾ آهـي،

    مـــــــور هرو ڀرو بــارش پـيـتـي،
    ڪـيڏي مـٺـاڻ ماڪ ۾ آهـــي،

    مـــوت زوري مــــاري وڃــي ٿـــو،
    ماڻهو ڪٿ خوش خاڪ ۾ آهي،

    منهنجي شاعري چنڊ مان اٿي،
    ستي جنن جي ٿاڪ ۾ آهي،

    سنسار سڄــــــو ســــرجي ڄڻ ويو آ،
    تو ڏک کنيو پوشـــاڪ ۾ آهي.
    


    چنڊ ڪنهن جي عشق ۾ روڳي آهي

    چنڊ ڪنهن جي عشق ۾ روڳي آهي،
    سونهن ته تنهنجي ساراهه جوڳي آهي،

    چــــــميون خساري ۾ وينديو ن هليون،
    ڪاوڙ ۾ ڪنهن ڌرتي لوڏي آهي،

    سونهن به حُسن جي وڏي دشمن آهي،
    پکين پنهنجي حياتي ڀوڳي آهي،

    آسمان اندر ئي انڊلٺ مري وئي،
    جنهن کي بارش هنئين دوڳي آهي،

    وقت جو قدر ڪرڻ تون سِک پرين،
    تولاءِ ڀاڪـــر بيٺو کوٽـــي آهي،

    توکان دوري حيرت انگيز لڳي ٿي،
    مرڪي سامهون مٽي مينهوڳي آهي،

    هاڻي ڀلي پرين تون عيش ڪر،
    مــــــون دل ڏني توکي آئوڳي آهي،
    


    پاڻهي مِٽي کي خوبصورتي پڙهائيندو

    پاڻهي مِٽي کي خوبصورتي پڙهائيندو،
    تنهنجي چولي کي ٿا استاد ڪريون.

    مٽيءَ مان ڦرڪي اُڀ ۾ رنڱيل آهي،
    منهنجي شـــاعري چنڊ سان مڱيل آهي،

    اڄ اِنڊلٺ مونکي پنهنجي وطن وٺي وئي،
    بارش سان منهنجي سنگت سنڱيل آهي،

    اڳتي وڌي ٻيو گُناهه ڪونه کڻندس،
    جــوڀن ڪـــــــنوارو سج ۾ دنگيل آهي،

    تعجب پيو ٿئي طــــــــوطي جي عقل تي،
    نِموريون پيو کائي کـــــــجي ڏنگيل آهي،

    آلجبرا جهڙو هي مــــــــــــــــــاڻو تنهنجو،
    پتو ناهي ڪهڙي انگ ۾ انگيل آهي،

    گهر ۾ حـــسينا پئي پينگهي ۾ لڏي،
    چـــون ٿا جنهن سان درياهه پرڻيل آهي.
    


    اچ ته نوان ڀاڪر ايجاد ڪريون

    اچ ته نوان ڀاڪر ايجاد ڪريون،
    پيار جو مضبوط بنياد ڪريون،

    ڪاري پکي جو رت نديءَ گُهري ٿي،
    ڪـــبوتر ڪُهي ٻنيون آباد ڪريون،

    مون کان پاڻي مان چميون ڦري ويون،
    مڇين تي داخل ڪٿي فرياد ڪريون،

    سڄي دنيا ڪِن سان ڀري پئي آهي،
    هٿ ڪِٿان ڳجهن جي اولاد ڪريون؟

    زمين جي پوري وِچ ۾ لاڙ اٿئي،
    مِٽي ماپي ڇو وقت برباد ڪريون،

    توکي ڇو چنڊ جي عُمر جو فڪر آ،
    پُڇي ڇو آسمان سان فساد ڪريون،
    


    ڪُهي هِت ڪنهن هرڻ کليو آهي

    ڪُهي هِت ڪنهن هرڻ کليو آهي،
    وڏو ڏک مٽيءَ کي مليو آهي،

    اڄ به اُڀ مان انڊلٺ ڳوليسين،
    اسان ســــانوڻ ڪونه پليو آهي،

    ماني تي رکي دل نه کڻي اچ،
    سوچ ڪــــــــير تولاءِ جليو آهي،

    مـــــــومل راڻو جُــدا هجن جڳ ۾،
    ڪنهن ڪاڪ گس تي اڇليوآهي،

    روپا ماڙي چــــــــــــري ٿي پوندي،
    تــــــو رڻ پرديس موڪليو آهي،

    آسـمان ۾ سوراخ ٿي پيا هِــــــــن،
    گـــــل تي کڙکٻيتو هليو آهي.
    


    پرين اڳيان اُڇليو خوشبوُ ٿي ويندس

    پرين اڳيان اُڇليو خوشبوُ ٿي ويندس،
    سونهن جي هٿن ۾ ناز بو ٿي ويندس،

    ڪاڪ جي مِٽي مونکي اڄ سُونگهايو،
    ڏک ۾ مئل پکي جي بدبو ٿي ويندس،

    مـــــــور جي مٿان ڇو پيا لوڻ گهوريو،
    پرن ۾ داغ داغ جستجو ٿي ويندس،

    چنيسر جي قبر ڇو پيو هرڻ چٽي،
    ائين ته روپا ۾ رت گفتگو ٿي ويندس،

    هوُ گاڏي مان لهي جي ڀِٽ تي هلندي،
    اي روح هڪدم ڀالوا کوهه ٿي ويندس،

    پيار گلاب ڪجهه خيال سان پٽيو پرين،
    ائين ته گنجي ڳــــاڙهي جوءُ ٿي ويندس،

    تون سُستي ۾ پيو جي آرس موڙيندين،
    تيسين غم ۾ ڀاڪر ٽوهه ٿي ويندس.
    


    اڄ ڳـــوٺ تتل آهي

    اڄ ڳـــوٺ تتل آهي،
    ٿي ڪــونج قتل آهي،

    نيڻن ۾ نئون اڄ ڪو،
    مِهمان ســـــُتل آهي،

    ٻاهران هِن نوان ڪپڙا،
    مــــچ من ۾ متل آهي،

    جِت کوڙي وئين آهين،
    دل اُت ئي کُتل آهي،

    هي پيار اٿئي ڪم جو،
    ڄـــــــڻ وڳو ڀرتل آهي،

    تون گذري جنهن تان آن،
    گس سو مقتل آهي،
    


    ڪلهه جنهن خوب ڀانئيو اڄ سا نه ڏِسي ســڃاڻي ٿي

    ڪلهه جنهن خوب ڀانئيو اڄ سا نه ڏِسي ســڃاڻي ٿي،
    بارش کي اکيون ڪونه آهِن پوءِ به مٽيءَ سڃاڻي ٿي،

    ابن ڏاڏن کان نسل اسان جو چنڊ جو مداح رهيو آهي،
    چانڊوڪي سان ڪرايان تعارف ڪهڙو سنگت سڃاڻي ٿي،

    ڏِس سامياڻي جي گودڙي ۾ اچي موئن جو دڙو لِڪو آهي،
    تهذيب اسان جي اڄ به جاني پنهنجي رلي سڃاڻي ٿي،

    پاڻي کي پتوڪهڙو ته ڪير مون مان آهي وِهنجي نڪتو،
    ڪــــــارن وارن جي عظمت کي فقط ڦڻي سڃاڻي ٿي،

    پيار جــــــي معاملي ۾ اصل ميهار بزدل نڪتا آهـن،
    سهڻين جي وفائـــــــــــن کي قسم سان نديءَ سڃاڻي ٿي،

    امان تو منهنجي پوني کي الائي ڪِٿي رکي ڇڏيو آهي،
    هاڻ ٻهراڙي جي ڇوڪريءَ به ڪونه سڳي سڃاڻي ٿي،

    هِن عشق ويچاري کي ڀــــــلي ستن آسمانن ۾ ويڙهيو،
    پـر مـــــــــــومل جي ڳلن کي راڻي جي چُمي سڃاڻي ٿي.
    


    نانگ مِٽي کـــــــــــائيندو تري ڪونهي

    نانگ مِٽي کـــــــــــائيندو تري ڪونهي،
    مور ڪڏهن به ٻوليندو هري ڪونهي،

    ماڻهن جا شڪ هرڻ جا آنڊا ٿي سُڪندا،
    مون تولاءِ ڏٺو منهن ڪري ڪونهي،

    کڙکٻيتا ڄميا ئي پُــــــــــــراڻ تـي آهن،
    چنڊ اُڀريو ته بوڙينڊو پري ڪــــــونهي،

    اڄ هنگلاج پيو بـــــــــارش ۾ وِهنجي،
    احتجاج ڪيو ان جي کري ڪونهي،

    قيامت ۾ ســـــــزا سمنڊ کي به ايندي،
    رڳو ڏوهه ڪيو يار ٺــــــري ڪونهي،

    ڪــــونجن جي ڄڃ رِڻ مان اچي پئي،
    جبل ڇـــــــو رکيو پاڻي ڀري ڪونهي،

    سج مونسان ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائيندو،
    پرينءَ جي منهن تي مرڪ اڄ ذري ڪونهي،
    


    سئو تائين ڀاڪـــــر سارڻ سِکي وئين

    سئو تائين ڀاڪـــــر سارڻ سِکي وئين،
    ڄـــڻ بارش ۾ ٽانڊو ٻارڻ سِکي وئين،

    تو جڏهن مُرڪي مڪلي ڏي نهاريو،
    ڄڻ سُپ مان ساريون تارڻ سِکي وئين،

    هاڻي غم جو تئو توکي ڪونه ساڙيندو،
    بهارن ۾ ڳــــــــوڙها هارڻ سِکي وئين،

    نينهن تنهنجو نوريءَ سان اٽڪيوهو،
    تڏهن تماچي مڇيءَ مارڻ سِکي وئين،

    هاڻي مونکي ڪهڙو کٽڪو آهي پرين،
    تون پنهنجا قـــــــول پارڻ سِکي وئين،

    سونهن کــــي ويٺي چپٽين تي نچائين،
    گهر ۾ مـــــورن کي ڌارڻ سِکي وئين،

    اڄ به اگهاڙو پيو آســــمان ۾ گهُمين،
    چنڊ پرايون جوانيون کارڻ سکي وئين.
    


    اسان ڪوڙ کي ڀاڪـــر پائون ڪونه

    اسان ڪوڙ کي ڀاڪـــر پائون ڪونه،
    کلي حرام ڪڏهن کائون ڪونه،

    ڦڻي ڦِــــــــري وري به وار سنواريندي،
    هٿن جي ڦير کي مڃان آئون ڪونه،

    جيڪي آمرن اڳيان گيسيون ڪن،
    اهڙا پُٽ ڄڻين سنڌ ۾ مائون ڪونه،

    سيپٽمبر ۾ سڄڻ صفحا وساري ڇڏيم،
    ڇو ته مونسان ٺهي انگ نائون ڪونه،

    هي خوشبو ڪنهن ٻي جي هوندي،
    مون گل ڇٽيا تنهنجي گائون ڪونه،

    جيڪو سنڌ جي فڪر کا خالي هُجي،
    گيت اهڙو اسين ڪِٿ ڳائون ڪونه،

    منٿن سان ته مون مُلڪ ٻوڙي ڇڏيو،
    پوء به دل پنهنجي کڻي ڏنائون ڪونه.
    


    دل دردن ســــــان مالا مال آهي

    دل دردن ســــــان مالا مال آهي،
    زندگــي منهنجي خوشحال آهي،

    تون ڇا روڪيندين رقص اسان جو،
    دل اسان جي قلندري ڌمال آهي،

    ملڪ کي مِرگهي آئي هوندي،
    تڏهن ته آسمان بي حـــال آهي،

    بچپن ۾ مون ٻڪريون چاريون،
    تڏهن ته ڪُلهي تي ٽــوال آهي،

    توڇو ڳوڙها ڪــاڪ ۾ڳاريا،
    لاڙ ته اڳ ئي ابـــــــــــــدال آهي،

    انسانن جي ڀاڪــــــرن ۾ اچي،
    پيار ٿي پيو اڄ حـــــــــلال آهي.
    


    ٻٽي ڦڙا پاڻي جا تولاءِ ٿــوري کڻي ايندس

    ٻٽي ڦڙا پاڻي جا تولاءِ ٿــوري کڻي ايندس،
    تولاءِ سمنڊ مان بارش زوري کڻي ايندس،

    توکـي وار وڏا ڪـرڻ جي پريشاني آهي،
    تولاءِ چنڊ مـان مِٽي چوري کڻي ايندس،

    سونهن هٿن ۾ کڻڻ سان ڪاوڙ گهٽجي،
    تولاءِ انڊلٺ جي ڀري ٻوري کڻي ايندس،

    تون سڪون سان گهر ۾ ويهي ٿانوءُ ملجان،
    تولاءِ نـــديءَ مان واري ڳوري کڻي ايندس،

    لاڙ ڀلي ڪاڪ مٿان پئي مستيون ڪري،
    آئون تولاءِ مومل کان مغروري کڻي ايندس،

    نبي بخش “قاسم” جي قبر تي وڃي مان،
    تولاءِ خوشبو ۽ کــــــــــٿوريءَ کڻي ايندس.
    


    دِل ســـرڪاري پڊ آهي

    دِل ســـرڪاري پڊ آهي،
    گهر اڏ ماحول گڊ آهي،

    تون رڳو لوڪيشن جانچ،
    سڄـــو پنهنجو وارڊ آهي،

    منهن تي ڌڪ لڳو آهي،
    يا چــــنڊ کي ٿي ڏڊ آهي.

    بگهڙن جهڙي ڳـــوٺن ۾،
    ماڻهــو مـــاڻهــو رِڍ آهي،

    اڄ به ذهن اندر پــــرينءَ،
    پئي غــمن جي بڊ آهي،

    پويان آواز اچـــــــــي پيو،
    ڪير منهنجي ڪڍ آهي،

    وري عجيب طريقي سان،
    وڇــــــــوڙي ڏنو وڍ آهي.
    


    هلندي هلندي چنڊ کي باقـــــــــي اچي ڇڏيو

    هلندي هلندي چنڊ کي باقـــــــــي اچي ڇڏيو،
    اوچتو آسمان مونکي لتون هڻي ڪڍي ڇڏيو،

    منهنجي اجازت بنا تون ايڏانهن وئين ڇو ڀلا،
    ڪـــاوڙ ۾ ڌرتي مونکي رات هڻي ڀڃي ڇڏيو،

    اڄ ڪينجهر مان ڪيڏو مٺو آواز پيو اچي،
    سنڌ جا پيار نـــــــوريءَ جي قبر تي رکي ڇڏيو،

    جنهن وڏف جي گل تي رات جگنو ستل هو،
    سو صبح جو هاري قئنچي سا وڍي ڇڏيو،

    ڪنهن گلابي ڳوٺ جي پاسي ۾ پيل هوندا،
    بيمار مال جي ڳچي ۾ هڏ هرڻي جا ٻڌي ڇڏيو،

    بيهوشي جا دورا ڪجهه گهڙين ۾ موڪلائي ويندا،
    ٻٽي پــــــيرون پٽي پکي جي وات ۾ هڻي ڇڏيو،

    ٻٽي ٽهڪ ٿال ۾ کڻي شاعر جي گهر نه وڃو،
    ٽوال ۾ ٻڌي انڊلٺ ماحول بارش ڪري ڇڏيو.
    


    سهڻي کي جڏهن ٿي سڏي دلبري

    سهڻي کي جڏهن ٿي سڏي دلبري،
    درياءَ ۾ تڏهن ٿــــــــي ٻڏي دلبري،

    سمنڊ تي سُندر پيار ٿو ســـــوچي،
    ٻيڙين ۾ جڏهن ٿـــــي لڏي دلبري،

    سنڌ سونهن سا آ سدائين وهنتل،
    ڪاش چنڊ به ڪا اڏي دلبري،

    لڙڪ اگهي استقبال ڪندس،
    سنڀرائي تون به سج وڏي دلبري،

    پريشان ٿي هوا کان پوپٽ پڇن ٿا،
    ڪــير گلن ۾ ويو گڏي دلبري،

    هو لــــغڙ اڏائي هيٺ لهي وئي،
    وئي ڇت تي ڪا ڇڏي دلبري.

    وري تيز لهرون ڏسن ڪو تماشو،
    ڪچي گهڙي تي اڄ ڪُڏي دلبري.
    


    فقط جــاني چست آهي

    فقط جــاني چست آهي،
    باقي لوڪ سست آهي،

    عشق جي چڪرن مونکي،
    ڪيو نابود نيست آهي،

    اڄ به آسمان ۾ نهاري،
    ساريو مون به بهشت آهي،

    تنهنجي تنهائي تاريخ مان اٿي،
    مون ۾ ڪيو گشت آهي،

    چيڪيءَ مٽيءَ چپن ۾ جهلي،
    توکي سڏيو ڀڳت آهي،

    جهڪندو ڪئين دنيا اڳيان،
    سوچ جنهن جي چست آهي،

    ڀاڪر کان اڳ رسي وئي،
    مرڪ تنهنجي مست آهي.
    


    لتاڙيندو ڪيئن مال ڳوٺ جو ڪهڙو مون راهه ۾ رکيو آهي

    لتاڙيندو ڪيئن مال ڳوٺ جو ڪهڙو مون راهه ۾ رکيو آهي،
    پرينءَ تنهنجي درد پُٽيلن کي سانڍي مون ساهه ۾ رکيو آهي،

    ٻهراڙي جا گيت جنهن مٿان پهرو ڏيئي گهور پيا ٿين اي پرينءَ،
    سينگاري ملاح ستن رنگن سان ٻيڙي کي درياهه ۾ رکيو آهي،

    رُڃ جي تشريح تون تــــاڙي کي سمجهائي ڇا ڪندين مور،
    اسان ته اُڃ کي چپن مان کڻي هٿـن سان واهه ۾ رکيو آهي،

    اها مـــــــومل جي دشمنن جي سڄي سازش لڳي رهي آهي،
    ڪاڪ کي ڪنهن ٻاري روح پنهنجو باهه ۾ رکيو آهي،

    مڻن جي تعداد ۾ مونکي محبت تي ڪــــــاوڙ ايندي آهي،
    ميهار جي حالت ڏسو عشق مال جي ڪاهه ۾ رکيو آهي،

    هرڻ جي پڇ تان اٿــــي ڪاوڙ ۾ جڳنو رڻ طرف روانو ٿيو،
    جنهن کي رات ڀنڀوري جهلي ڏاڍو ٻڌي گاهه ۾ رکيو آهي،

    چون ٿا رات روپا ماڙي تي بارش ڪـــــم لاهي ڇڏيا آهن،
    الائي ڇو ديس جي ماڻهن خنجر برادري ٺاهه ۾ رکيو آهي.
    


    سمنڊ جي ٻک ۾ سماج ناهي

    سمنڊ جي ٻک ۾ سماج ناهي،
    هوا ســـرحد جي محتاج ناهي،

    چنڊ ۽ تارا ڏي مــــــــــسواڙ تي،
    آڪاش وٽ اهڙو رواج ناهي،

    گلن کـــــي پوپٽ سان پرڻائي،
    بهار وٽ اهـــــــــڙو ڏاج ناهي،

    بمبئي بسڪيٽ ڪتا کائين،
    ۽ انسانن وٽ انــــــــاج ناهي،

    پيار کي پل ۾ پــــــــرکي وٺون،
    اسان سکيو اهڙو عــــلاج ناهي،

    سج جهلــــــي ڏيـون سمنڊ کي،
    انا جو اسان وٽ اخــــــراج ناهي،

    دل جي پنهنجي هڪ دنيا آهي،
    محبت کان پري معـــــــراج ناهي.
    


    آهين سنڌ جي سُندس ڇوڪريءَ

    آهين سنڌ جي سُندس ڇوڪريءَ،
    توکي حاصل ڪندس ڇوڪريءَ،

    ڪونه سڙڻ ســـــردي ۾ ڏيندس،
    تولاءِ ٻک آڻيندس ڇــــــوڪريءَ،

    مــــــومل جـــــا ملڪ مٿي ماڻا،
    تنهنجا ڪوٺي هلندس ڇوڪريءَ،

    اکيون کــــولـــي اُڀ ۾ ڏسجان،
    تـــــــو ۾ اڏري ايندس ڇوڪريءَ.

    اڄ ٿورئي مــــــــــان هليو ويندس،
    گهڻو وقت هت رهندس ڇوڪريءَ،

    دير تي پوءِ ڪڏهن ڳالهائينداسين،
    جڏهن چريو ٿي پوندس ڇوڪريءَ.
    


    جيئرا منهنجا پيار پوري ساحلن تي وئي آ

    جيئرا منهنجا پيار پوري ساحلن تي وئي آ،
    سڄڻ سوچ سڄي تنهنجي جاهلن تي وئي آ،

    آئون پيو تِن کي تنبورن جي تارن ۾ ڳولهيان،
    هوءُ ته گيت پنهنجا اڇلي وائلن تي وئي آ،

    هاڻي ته نج گيهه اسان وٽ اڻلڀ ٿيندو وڃي،
    مجبوري ۾ دل اسان جي هِري آئلن تي وئي آ،

    امير زال ڊوڙ پائي اچي پنهنجي مڙس کي چيو،
    ماسي ڪـــپڙو هڻندي مري ٽائلن تي وئي آ،

    هُن ته شوق سان وڃي آهي پيار پرڻو ڪيو،
    اجايو خواري جو ٺڪر رکي موبائلن تي وئي آ،

    مرحيات کي مرندي اڃا مهينو کن مس ٿيو آ،
    پر گهر ۾ جنگ شروع ٿي اڄ وسائلن تي وئي آ،

    نيب جي ڊپ کان نٿو ڪامورو آفيس ۾ اچي،
    ناني گونگڙي گهر ٺــــــــــــاهي فائلن تي وئي آ.
    


    گـلن تـي هٿ گهمائي ڇڏ

    گـلن تـي هٿ گهمائي ڇڏ،
    سڳند سونهن ۾ سمائي ڇڏ،

    حُسن جــــو حرص محبوبا،
    آئيني تي اڇـــــــــــلائي ڇڏ،

    پتـــــنگ پيا باهه ۾ پڄرن،
    اُٿي ڏيئو اجـــهائي ڇڏ،

    سِرن ۾ سپ سُتل آهي،
    پدم کي تون جاڳائي ڇڏ،

    پکين کي ٿي سڏي پرهه،
    هوا ۾ سُڌ هـــــلائي ڇڏ،

    پاڻــــــــــــــي ۾ پيرڙا جاني!
    ٻه ٽي پل تون پسائي ڇڏ،

    موســـم اڄ آهي ملهاري،
    اکيون مُرڪي ملائي ڇڏ.
    


    وڻ ننڊ ڪندا آهن

    وڻ ننڊ ڪندا آهن،
    شاهد پـــــــرندا آهن،

    جي ڳوٺ ڪِنا آهن،
    شهر ڀي گندا آهن،

    هــرڻين لاءِ سدا ماندا،
    گاهن جــا تندا آهن،

    سيد ۽ ڀنگي سارا،
    رب جا ئي بندا آهن،

    توکــي ته ڏسي دلبر،
    نيڻ هي نچندا آهن،

    اي سنڌ امڙ تولاءِ
    گهوٽ مرندا آهن.
    


    آسمان تي وڃڻ جو شوق جــاڳيو وري آهي

    آسمان تي وڃڻ جو شوق جــاڳيو وري آهي،
    پر ڇا ڪجي زندگي! چنڊ جي لت ڳري آهي،

    زمين کي اڃا تائين هوش ڪـــــون آيو آهي،
    ٻڌائي تنهنجي هٿن مان ماني ڪيئن ڪري آهي؟

    هُن جي ڦوڪن جو اثر ڪاٺين جو ويري نڪتو،
    بارش جــــــــــي مند ۾ باهه ٽَل سان ٻري آهي،

    اڏام کان اڳ ۾ اٿن، ڪارو ڇيلو صدقو ڪيو،
    رت ڏسي شامت ڪــــــــــــا جهاز تان ٽري آهي،

    ڪيئن وســــاريان توکي گورک هل جهڙا پرين،
    وڇــــــــــوڙو تنهنجو ڄڻ ٽانڊي جي ڄري آهي،

    پنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙي پاڻي جي کوٽ آهي،
    دل منهنجي ڇڏي تو اڄ ڇو ڪري گري آهي،

    سمنڊ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي تنهنجي ڳوٺ پيو اچي،
    هوا تو گهر ۾ رکـي غلطي ڪئي چـــــــري آهي.
    


    اڏري ايندس تون رڳو طلب ڪجان

    اڏري ايندس تون رڳو طلب ڪجان،
    پر شرط اِهو حــــــوالي قلب ڪجان،

    ائين نه ٿئي جو زمين به يـــــــاد نه رهي،
    مٺا منهنجي مستقبل تي قرب ڪجان،

    وهيل ڳوٺ جي او ويرو ڪولهڻ سوچ،
    ٿـــر وساري پاڻ سان نه غضب ڪجان،

    جيئن آئون توکي اماس ۾ ڏسي سگهان،
    دل پنهنجي ٻـــــــاري پرين بلب ڪجان،

    جڏهن ڪو پکي بارش ۾ وهجندي ڏسين،
    ان وقت يـــاد مونکي تون محب ڪجان،

    باک مونکي ٻڌائي پئي ته اجهو مور رُنو،
    ڊيل تون نيراني ڳــــوڙها جذب ڪجان.
    


    آسمان تي وڃڻ جي مونکي هئي ســـــوچ اچي وئي

    آسمان تي وڃڻ جي مونکي هئي ســـــوچ اچي وئي،
    سٺو ٿيو زندگي منهنجي چنڊ جي لت کان بچي وئي،

    ستارن مونکي جهلڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي،
    هيٺ نهاريم ڪائنات هن جي هٿن ۾ پچي وئي،

    جڏهن ڌنارن کڻي، هن کي وڃي پـــــــاڻي ۾ ڌوتو،
    ان مهل هار کي ياد اچي مومل جي ڳـــــچي وئي،

    ننڊ مان اٿـــي ڀٽائي جو هڪڙو بيت ياد ڪيم،
    يار مليو يارن سان روح ۾ رهـــــــــــــاڻ رچي وئي،

    ٻارنهن سالن جو وڇوڙو اسان جي ٻکن ۾ روئڻ لڳو،
    ۽ سنڌي شاعــــــــــري کي ڄڻ تازي يوريا اچي وئي،

    اٺين جو کير پي جڏهن مون ڄارين تي سوچيو هو،
    مونکان اڳ ڏندڻن جي ڪـاوڙ اَن سان پرچي وئي.

    مور دعوت جي روايت برقرار رکي ڪون سگهيو،
    تڏهن ته سارين تي رات آ بارش نچي وئي.
    


    تنهنجي عشق ۽ پـــــــــيار مونکي

    تنهنجي عشق ۽ پـــــــــيار مونکي،
    رات ڏني آهي مــــــــــــيار مونکي،

    ٽهڪ چپن تان گم ٿي ويا هن،
    مولا مرڪون ڪي ڏيار مونکي،

    ڪهڙو هنيو مــــــون ڌاڙو آهي،
    آڪــــــــاش نه ايڏو نهار مونکي،

    ماري جي ڄـــــار ۾ ڪون ڦاٿا،
    پکي لڳن ٿا هـــــــوشيار مونکي،

    ماڻــــــــــا محبوبن جا باغ مثل،
    لڳن ٿا انب صوف ليار مونکي،

    محبت ڇڏيو رت سڪائي پرين،
    لڳن ســـــــــــــتارا ٿا تيار مونکي،

    سنڌ تي لکڻ خوشي ۾ آ شامل،
    قلم مليو آهــــي هٿيار مونکي.
    


    هڪ ته عشق چنڊ کان به ڳرو هو

    هڪ ته عشق چنڊ کان به ڳرو هو،
    ٻيو ته آسمان به پيتو ٺــــــــــرو هو،

    نشن ۾ گهر سمجهي سمهي پياسين،
    اٿياسين ته اهو ســــــارين جو کرو هو،

    ڪيئن نه مٽي کي اُت سج سجدا ڪري،
    جتان مٽيو سامين جو ســــــــــــَرو هو،

    اڳــــيان به توســـــــــــان ئي ته ملڻو هو،
    دل ۾ خـــــــــوف پرين ڪون ذرو هو.

    سو ٻين کـــي ڪهڙي شـــــــــفا ڏيندو،
    خود مرشد سائين کي به ٻـــــــــــرو هو،

    هڪ ته اسان جو پير بريـــڪ تي لڳو،
    عشق هونئن به اســـــان کان اڳڀرو هو،

    تنهنجي فون رکڻ تـــــي ڪنهن ٻڌايو،
    ڳوٺ جي پٽيلن ڪــيو شــــــــرو هو.
    


    ڪــنارن تي بيهي نديءَ ۾ نهاري

    ڪــنارن تي بيهي نديءَ ۾ نهاري،
    مهاڻو پيو مُرڪي مڇيءَ ۾ نهاري،

    مٿان کان ته آهي نئون مينهن وسڻو،
    هرڻ ڇو پيو هر هر مٽيءَ ۾ نهاري،

    رئو تنهنجو آهي اندر ۾ اڏاڻو،
    ڏٺو آ جڏهن مون ٻــنيءَ ۾ نهاري،

    حُسن ڪهڙي ڌاتو مان آخر ٺهيو آ،
    سوچيو چنڊ آڇوڪـريءَ ۾ نهاري،

    ڪاش هن کي ٻاهر ڪن هجن ها،
    شخص هڪ بيٺو پکيءَ ۾ نهاري،

    ڀري کي هوءَ اُڇلي اندر آ هلي وئي،
    تتل سج پيو ٿو جهڳيءَ ۾ نهاري،

    ڪڏهن ٿي گهڙو کڻي تون هلين،
    پاڻي پيو ٿو تنهنجي ڳـچيءَ ۾ نهاري.
    


    عشق جي موسم عجيب ٿي لڳي

    عشق جي موسم عجيب ٿي لڳي،
    چنڊ گــــرهڻ جو نصيب ٿي لڳي،

    ڪبوترن پاتا ڪجل ڪونهي،
    حُـــسن جي اڏار غريب ٿي لڳي،

    کوئينبو اجــرڪ ڳنڍيل پاڻ ۾،
    قرب جي جوڙي قريب ٿي لڳي،

    ڪِري وطن ۾ نقصان ڪري ٿي،
    کنوڻ بارش جي رقـــيب ٿي لڳي،

    هُن جا نيڻ گــــــلابن جي موسم،
    نهار هن جــــــــــي اديب ٿي لڳي،

    اڄ حُـــــــسن جو ميلو لڳو آهي،
    ڳوٺ جي خوشي پازيب ٿي لڳي،

    اڄ هــــــــن وڏا ڀاڪر وڌا هن،
    عارضي محبت فريب ٿي لڳي.
    


    نڪي هٿ ۾ نڪي نڪ ۾ کنيو آهي

    نڪي هٿ ۾ نڪي نڪ ۾ کنيو آهي،
    پيار تنهنجو نمي چــــــڪ ۾ کنيو آهي،

    تون سمنڊ سڄو ڪئين پـــــي سگهندين،
    توته عشق ڪڏهن نه ٻُڪ ۾ کنيو آهي،

    الائي ڪئين شڪاري جي بندوق کان بچي،
    سهي ســــــــاهه اچــــــي اَڪ ۾ کنيو آهي،

    تو ته ڪڏهن مک به ڪــون ماري آهي،
    پوليس توکي ڪهڙي شڪ ۾ کنيو آهي،

    اڄ پِن ۾ ان ڪجهه ســــرس مليو اٿس،
    جوڳي گودڙي کي ٿـــــڪ ۾ کنيو آهي،

    بارش کــي سڏيندي تـــتـــــــل ڏينهن جو،
    تاڙي ساهه ڄارين مــــــڪ ۾ کنيو آهي،

    ڪنهن ٽوال ۾ نڪو ڪنهن چادر ۾،
    اسان عشق ويڙهي اجرڪ ۾ کنيو آهي.
    


    مري ويو هو مٽيءَ ۾ جو مٿان هو گـاهه پئجي ويو

    مري ويو هو مٽيءَ ۾ جو مٿان هو گـاهه پئجي ويو،
    کڻي ان کي رکيم گل تي پوپٽ ۾ ساهه پئجي ويو،

    ڪري پيڇو نشانن جو شڪاري پويان هو پهتو،
    ٻڌي کڙڪو ڪو پيرن جو سهن ۾ ٽاهه پئجي ويو،

    ڪري اوبارو تو پاڻي جڏهن هاريو آ مروي تي،
    پنن ۾ سونهن آ مرڪي، مٽيءَ ۾ چاهه پئجي ويو،

    اٽڪ جي پل تي اچي مون پاڻي جا عجيب تماشا ڏٺا،
    حاجي شاهه جي درگاهه ڏسي ياد ڀٽ شاهه پئجي ويو،

    وطن ۾ آهي غيرن کي ڏٺو مـــــون مستيون لُٽندي،
    اندر جي باهه ۾ ڄڻ ڪو سڪل آ لاهه پئجي ويو،
    


    مينهن وٺو ته مورن مرڪيو

    مينهن وٺو ته مورن مرڪيو،
    ڄڻ ڪو ٽڪ تي جوڀن مرڪيو،

    چنڊ به لهندو نيٺ ته لانئون،
    سمنڊ جي لهرن موجن مرڪيو،

    پرهه کي چمندي پيٽ نه ڀربو،
    مغرور صبح روشن مرڪيو،

    ريشمي پيرن کــــــي رات سڄي،
    چمندي لاڙي پوٺن مــــرڪيو،

    وطن ســــراپا ساوڪ، ساوڪ،
    ٻنين، ونين، پوکـــــــــن مرڪيو،
    


    پرديسي کان پُڇ وطن جو وڇوڙو

    پرديسي کان پُڇ وطن جو وڇوڙو،
    هـــوا ڇا سڃاڻي گلن جو وڇوڙو،

    دڪان تي رکيل ڦلڙين کي پرينءَ،
    زنگي نه وجهي نڪن جو وڇوڙو،

    ويچارا هڪ هڪ ٿي وڍبا رهيا،
    پکين نه ســـــاريو وڻن جو وڇوڙو،

    مجيريءَ جو قرض وڪڻي ڏنائين،
    هـاريءَ کي ماري ڍڳن جو وڇوڙو،

    نيرين اکــين ۾ سانجهه جا منظر،
    ويو چنڊ ڏيئي حُسن جو وڇوڙو،

    سنڌو جو پاڻي سمنڊ ڪون چميو،
    پيو ملاحـــن کي پلن جو وڇوڙو،

    قسمت سان ٿيندا اهڙا مور پيدا،
    جيجل کي جهوري پٽن جو وڇوڙو.
    


    مُرڪيو هُو ته المنظر تي مهڪيو روح راڄن جو هو

    مُرڪيو هُو ته المنظر تي مهڪيو روح راڄن جو هو،
    محل ڪــــــو سانجهه سنڌو تي اڏيو چنڊ تارن جو هو،

    پويان پير پيرن تي رکــــــي اکين تي هٿ ڪنهن ڏنا،
    هنيم چيچ ۾ چهنڊڙي سُڃاتم سوساٽ ساجن جو هو،

    پراڻ جي ٻنهي ڪــــــــپن تي نٿو پيارو حُسن نظر اچي،
    ڪڏهن ته سونهن جو ميلو لڳندو هتي شامن جو هو،

    تو پنهنجو خوبصورت چهرو اچي ڪجلاسر ۾ هو ڌوتو،
    پڇيو ڪون تو پاڻي کان جيڪو گهايل وارن جو هو،

    توکي ايڏي ڇو سنڌ وڻي ٿي، پڇيم رات چنڊ جاني کان،
    مدهوشي ۾ مرڪي ڏنائين، جنهن تي اثر جمالن جو هو،

    هن سورٺ جي ملڪ مٺي ۾ کڙکٻيتا کنڊڙن مان اُٿي،
    سونهن جي تلاش ۾ ڀٽڪن ٿا جت عروج راتن جو هو،

    منهنجي هٿن جي لڪيرن کي ڏسي ڇا ڪندين پرين،
    تــــريءَ تي لک سنڌ جو نالو اهو ئي الڪو سالن جو هو.
    


    بهارن لٽيو، هــــــڳائن لٽيو

    بهارن لٽيو، هــــــڳائن لٽيو،
    اسان کي خوب خزائن لٽيو،

    سارين ڪيا سينگار سورنهن،
    اکــــــين کي لاڙي ادائن لٽيو،

    سمنڊ مان بادل سنڌ لاءِ اٿيا،
    پر پڄڻ کان اڳ هوائن لٽيو،

    پوڙهي وڻ کان وڇڙي پکي ويا،
    ولرن کي وحشي ٺڪائن لٽيو،

    گهٽيا ذهنن جي گهيري ۾ اچي،
    دلــــبري کي ويري دغائن لٽيو،

    سڏڪا چپن جا ساٿاري بڻيا،
    ٽهڪن جو شهر جفائن لٽيو.
    


    خوشيون موٽن منهنجون ختم ڏک سور ٿي وڃي

    خوشيون موٽن منهنجون ختم ڏک سور ٿي وڃي،
    ملين جي مونسان تون، حياتي حُور ٿي وڃي،

    تـــون رڳو پيار مان، منهنجو نالو وٺي سڏ،
    بهار جي موسم اچي، انبن ۾ ٻُـور ٿي وڃي،

    سمورا سنڌي گڏجي، سوچين پنهنجي سنڌ لاءِ،
    پيارو وطن پنهنجو هي ڪوه نور ٿي وڃي،

    منهنجي جنم ڏينهن تي، تون جي مبارڪ ڏين،
    خوشـــــي ۾ دل نچي، شــاعريءَ کجور ٿي وڃي،

    پاڻي جو مسئلو اسان لئه سڀ کان اهم آهي،
    سنڌ تي سوچيندي خـــيال ٿو چُور ٿي وڃي،

    اڄ نشانيون سڀ تنهنجون ٿو اڇليان پاڻي ۾،
    ڀلي نديءَ جو مرڪڻ اڄ وري انگور ٿي وڃي.
    


    روڪ پرين تون مَئو حُسن جو

    روڪ پرين تون مَئو حُسن جو،
    وجهي نه ساڙي دَئو حُسن جو،

    وڻن جي هيٺان ڀڳي تو آرس،
    پيو پکين کي حَئو حُسن جو،

    سنڌ جا سورج مکي کلن سڀ،
    اماڻ سج تون تئو حُسن جو،

    عمر کوهه تان کنئي مارئي،
    وقت کي لڳو ڀئو حُسن جو،

    کيٽ ۾ وسي بارش وڃ تون،
    اڪ ڪو اوڍي رئو حُسن جو،

    اُڀ تان پريون اچن اڏامي،
    گيت هرڻ چئو حُسن جو،

    ٺُپ مورن کي نٿو نهاري،
    چنڊ کي آ ڍئو حُسن جو.
    


    پيار جـــو اونڌو تختو ٿي ويو

    پيار جـــو اونڌو تختو ٿي ويو،
    ڳالهه کي آهي هفتو ٿي ويو،

    مهانگائي آ اوج تي پهتي،
    ملڪ ۾ ماڻهو سستو ٿي ويو،

    سبتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مون،
    ڀاڳ وري آ اُبـتو ٿي ويو،

    گهر تي سوچيندي هيٺ ڪري پيو،
    فقير جو خــالي ڪشتو ٿي ويو،

    قدم قدم تي ڪــــنڊا رکيا هن،
    ڪـيڏو خطرناڪ رستو ٿي ويو،

    سمجهه ۾ اڃان سا ڳالهه نه آئي،
    پيار توسان ڪئين اوچتو ٿي ويو.
    


    تنهنجي ڏکن سان اهڙا ته جڙي ويا تعلقات آهن

    تنهنجي ڏکن سان اهڙا ته جڙي ويا تعلقات آهن،
    لڳندا سور سئوٽ آهن، لڳندا درد ماسات آهن،

    چوڙين مٿان گندي ويڙهڻ جو جڏهن سبب پڇيو،
    چيائين آواز ٻڌي اٿندا، ڳوٺ جا پکي واهيات آهن،

    اڃان ڌرتي پياري تي پيار ڪندڙ ٿين پيا پيدا،
    هٿن سان گل پوکي ڪندا رنگين ڪائنات آهن،

    رات جو سنسان جاءِ تي ، مٿو جي ڦري وڃي،
    ماڻهو کي تارا طرف جي ڏيندا معلومات آهن،

    آسمان جون اکـــــيون وسڻ شروع ٿيو وڃن،
    جڏهن تارا تڙپي رب کان گهرندا برسات آهن،

    گلن جي ٻنيءَ گهمندي خيال وڪوڙي ٿا وڃن،
    تنهنجي ڪري مٺا مونکي ساٿ ڏنا ڏات آهن،

    محبت جي معاملي ۾ محبوب ڪنجوس آهن،
    عاشق ڪيڏا سخي دليون ڪندا خيرات آهن.
    


    عشق عورت ناهي ته پوءِ عرض آهي

    عشق عورت ناهي ته پوءِ عرض آهي،
    پيار کي کيڪارڻ پنهنجو فرض آهي،

    هوءُ سامهون سُئي ڀــريو بيٺي آهي،
    منهنجي مُرڪ ۾ گم منهنجي نبض آهي،

    ڪلهي ۾ گن وجهيو گهمندو وتي،
    سپاهي جي جـــواني ته لاغرض آهي،

    وري هــيل نئون نينهن کڻت ۾ نه ڏي،
    مون تي رهيل پروڪو تنهنجو قرض آهي،

    جنهن کي لڳي، هٿ ڪون ڪڍي ٿو،
    اهــــــــــڙو محبت جو مٺا مرض آهي،
    


    ٻاهر نه نڪـــرو ٻنپهرن جو

    ٻاهر نه نڪـــرو ٻنپهرن جو،
    رنگ خراب نه ٿي چهرن جو،

    پشم پير ڇا مطلب ڄاڻن،
    حسين ڇيرن جي تجرن جو،

    سڪل نديءَ ۾ پاڻي پهتو،
    ٻيڙين چـــميو بت لهرن جو،

    ڳوٺ ۽ سارا شهر ٻڏي ويا،
    پاڻـــــــــي نچيو آ نهرن جو،

    مارئــي اچي مُرڪي ملير،
    شل ڪوٽ ڪري قهرن جو،

    ڇونه کلي مان احترام ڪيان،
    ڏنل پرين جي گهاءُ گِهرن جو،

    تاڙين گونج ۾ عشق ڦڙڪيو،
    جنهن تي جادو هو سهرن جو.
    


    ڪي ڪي ماڻهو رڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن

    ڪي ڪي ماڻهو رڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،
    محبتون پويان مڻن ۾ ڇــــــڏي هليا ٿا وڃن،

    پنهنجي پراڻن پڊن کي آخـــــري دفعو نهاري،
    پکي به ڪاوڙ وڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،

    جنگ جو منظر ٿو عورتون اداس ڪـــري،
    ٻار به کـــــــــــــير ٿڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،

    اڇـــــي سوزوڪيءَ ۾ روئي چڙهڻ کان پهرين،
    ڪولهي يادون گهڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،

    جن وٽ پنهنجي زمين ناهي سي سادا ماڻهو،
    ڳالهيون ڪي ڳڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،

    جڏهن سنڌو ٿو ڀرجي پڄي ٺٽي جي پٽن تي،
    هاريءَ ڳــــــوڙها * چڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن،

    رات ڌنارن سان چنڊ رليءَ ۾ ويڙهجي سُتو،
    ستارا يار وٿـــــــــاڻن ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن.
    

    * چڻن جو فصل


    وار نه کــول پرين هــــــوا ڇتيءَ ٿي پوندي

    وار نه کــول پرين هــــــوا ڇتيءَ ٿي پوندي،
    موسم چيٽ مان ڦري ڪتيءَ ٿي پوندي،

    منهنجي شاعري ننڍڙو ٻار آهي پـــــــرين،
    تون پڙهندي ته مون لاءِ سُتيءَ ٿي پوندي،

    چيم سارين جي چونڊي مان ڇا ملندو؟
    چيائين اڄوڪـي کنڊ ۽ پتيءَ ٿي پوندي،

    نلڪو هلائيندي حسن کي جي لوڏيندي،
    پـــــــــــــــاڻي کي دلي ۾ غشيءَ ٿي پوندي،

    مُــــــــــــــک تنهنجو نقاب ۾ بهتر لڳي ٿو،
    کولڻ سان آسمان کي ڏڪڻيءَ ٿي پوندي،

    عـــــــــــــــــــورت جنس ئي يار اهڙي آهي،
    ڏسڻ سان ماڻهو کي آهي مستيءَ ٿي پوندي.
    


    ڪو پيٽ خـــاطر پيو پلڙا چونڊي

    ڪو پيٽ خـــاطر پيو پلڙا چونڊي،
    ڪو غـــربت ۾ پيو گلڙا چونڊي،

    رب بکئي ٻار تي ڪا ٻاجهه فرماءِ،
    جيڪو مٽيءَ مان پيو ڀڳڙا چونڊي،

    ننڍڙن ٻــــارن لاءِ پڙيءَ مان نيلامي،
    ڪراڙو ڍڳ مان پيو ڪپڙا چونڊي،

    موڪل جي ڏينهن پڙهندو آهيان،
    خـــــوبصورت تنهنجا خطڙا چونڊي،

    ملڪ کي وئي آهي ملاوت ڀيلي،
    سوچيم دال مان پٿر ذرڙا چونڊي،

    ڇو نه اڄ انهن تي اک ناز ڪري،
    جيڪـــي ڦٽيون آيا هٿڙا چونڊي،

    مڙهي ۾ اڪيلي پئي شام گهمي،
    ڇــــــــڏيا ماڻهن وزير کدڙا چونڊي.
    


    گلابــــي وکــــــون يا ادائون ڳڻي

    گلابــــي وکــــــون يا ادائون ڳڻي،
    وقت ڪونه ٿو ڪي وفائون ڳڻي،

    وڻي چانڊوڪي کي آهي چنگ ويو،
    کلي چنڊ ته چارڻ صدائون ڳڻي،

    نگاهون ڳوٺن جي مٿان هِي گهمن ڇا،
    اڃان عــشق پيو ڪي دغائون ڳڻي،

    وساري تو مرڪن کي آهي ظلم ڪيو،
    سڄو شهر پيو الــــــــتجائون ڳڻي،

    سڄڻ نـــــــاز تنهنجو اُتم خوب آ،
    بدن ڪيئن ٻيون اپسرائون ڳڻي،

    مٽيءَ جو قسم هو ڏنو ڇـــوڪريءَ،
    ڏنائين ٻڪن ۾ دعــــائون ڳڻي.
    


    هو ڳـــــــوٺ وڃڻ لاءِ بيٺي سواري جي انتظار ۾ هئي

    هو ڳـــــــوٺ وڃڻ لاءِ بيٺي سواري جي انتظار ۾ هئي،
    پوڄارڻ هي دل منهنجي سوڳواري جي انتظار ۾ هئي،

    چُمي ته گلاب جي گل کان به تمام ننڍي هوندي آهي،
    پوءِ به صدين کان هي عاشقي خواري جي انتظار ۾ هئي،

    هُن ته شهر ۾ اچي آ ڪا خوبصورت اپسرا هٿ ڪئي،
    پر ڳوٺ ۾ اڄ به ڪا دل پوئواري جي انتظار ۾ هئي،

    تارا ڳڻيندي ڳڻيندي هُن جي ڇاتيءَ تي ڄمي تر ويا،
    هوءَ رات سڄي تڙپي مڙس جُواري جي انتظار ۾ هئي.

    عشق جي حقيقت جي هن کي ڪـــا پروڙ ڪونهي،
    بادلن ۾ بي چين بارش رات واري جي انتظار ۾ هئي،

    هو آڌي جو اُٿي درياءَ پار ڪـــــــــــري جا رات وئي،
    کٽ ڪا ڇوڪـريءَ ڪنواري جي انتظار ۾ هئي،

    نائين ذوالحج جي رات مُهراڻي تي ڪڇين ملاح ڳاتو،
    بدين ۾ پراڻي شاعري ته لنواريءَ جي انتظار ۾ هئي.
    


    حُسن خـــــاطر عاشقي رُلي رڻن ۾

    حُسن خـــــاطر عاشقي رُلي رڻن ۾،
    پر ڪٿي به ڪا سونهن، نه ملي رڻن ۾،

    نه خوش ڪو خوبصورت هرڻ مليو،
    نه خوش ٿي چانڊوڪي کلي رڻن ۾،

    انڊلٺ جهڙا پيچرا ڇڏيا جـــــــوڙي،
    مـــــــــور جهڙي ماڻهو هلي رڻن ۾،

    نيڻ ڪنهن تي ڀلا اڄ نڇاور ٿين،
    اڪن به ڪون پاتي ڦلي رڻن ۾،

    رنگين شام جـــي رونق لٽجي وئي،
    اسان به دانهن دل جي جهلي رڻن ۾،

    اڄ خــــوشبو مٿان پيا خنجر گُهمن،
    ڪيئن ٽڙي ڪا ٻڌا ڪلي رڻن ۾،

    اُڪـــير سنڌ جي سانڍي اکين ۾،
    ڪـــو جگنو رات ويو جلي رڻن ۾.
    


    ڪــارونجهر تي ڊيل جو روڄ راڙو آهي

    ڪــارونجهر تي ڊيل جو روڄ راڙو آهي،
    مور جي اکين جو ڇو پاڻي ٻاڙو آهي،

    چيچ ۾ اهڙو به چنڊ نهاربو آهي ڇا،
    ويچاري زخم ٿي ٻڌو وڃي ناڙو آهي،

    بارش جي ڪاوڙ جي ستارن کي ڪهڙي سُڌ،
    ڀٽ تـــــي بيهوش ڇو پيو تاڙو آهي،

    مڃان ٿــــــو مان توکي سانورو ٿو لڳان،
    پر منهنجي دل جو ته رنگ ڳاڙهو آهي،

    هوءُ ته سمنڊ تـــــي پيا روح وندرائين،
    اي سج توکـــي لڳو ڇو ڀلا ساڙو آهي،

    ڇانءَ ته پکين جي پرن تي چڙهي وئي،
    تڏهن ته ديس سڄي ۾ ڪاڙهو آهي،

    تو ڇو پرينءَ پنهنجو پردو ڪيو آهي،
    آسمان جو ته يار منهن اگهاڙو آهي.
    


    سُرو چڙهي آيو هاڻ ڀانڊن تي آهي

    سُرو چڙهي آيو هاڻ ڀانڊن تي آهي،
    بک سُتي پئي هاري جي آنڊن تي آهي،

    تون تئو لاهـــــــي ڪيڏانهن پئي وڃين،
    چنڊ هٿ سيڪـــــڻ آيو ٽانڊن تي آهي،

    تو ۾ آسمان تڏهن پــــــيو تڪڙو نهاري،
    تنهنجو منهن چنڊ جي مهانڊن تي آهي،

    منهنجي شاعري رات پنهنجي پرن تي کڻي،
    پکين اُڇــــــــــــلي تنهنجي پڊن تي آهي،

    ايترو ڳرو آ جو ماڪوڙن کان کڄي نٿو،
    پــــــــــــيار بيهوش پيو کارانڊن تي آهي،

    پاڻ شاعري ۾ ڪوڙ ڪريون ڪونه،
    ڊيل آنو لاٿو اُڏري وانڊن تي آهي.
    


    آئون به چوان چنڊ کي ڇـــاجي ڀرتي آهي

    آئون به چوان چنڊ کي ڇـــاجي ڀرتي آهي،
    تنهنجي پـــيرن هيٺان پــــوري ڌرتي آهي،

    هن ماڻهو جا مون تي لکين احسان آهن،
    ذات کان هٽي هن دل منهنجي ورتي آهي،

    روزگار جي تلاش ۾ ست سمنڊ مٽي ويس،
    پويان لاڙ کـــي ڇو ٿي منهنجي ڳڻتي آهي،

    سانوڻ سڀ گهٽيون باهه جون بند ڪندو،
    رڻ سان وڏي مشڪل سان بارش پرتي آهي،

    بنا گهرائڻ جي تارا مون ۾ ٿا گهڙيو اچن،
    آسمان ســـــــان منهنجو عشق قدرتي آهي،

    چهنبن ۾ گلاب کڻي وطن خوشبو ڪندا،
    ايتري اسان جــــــــــي پـــکين ۾ ڦڙتي آهي،

    ڏسون ته ڪـير ٿو ٻنهي مان ڇيڙو ڪري،
    هوءُ به ضديلي آهــــي چنڊ به شرطي آهي.
    


    پرينءَ جي جــــواني بنهه خوبصورت

    پرينءَ جي جــــواني بنهه خوبصورت،
    نديءَ جـــــي رواني بنهه خوبصورت،

    کڻي چنڊ ٿو آئون چُلهه ۾ وجهان،
    ڏسان باهه سونهاني بنهه خوبصورت،

    ســــڄي پنهنجي سنسار کان سئو دفعا،
    لڳي ٿــــي ته، ماني بنهه خوبصورت،

    پرينءَ پاڻ وٽ تو گهرائي نئين،
    ڪئي آ مهرباني بنهه خوبصورت.
    


    ٻني ســـــــــائي سڏي توکي پرين تون پهچ پٽن تي

    ٻني ســـــــــائي سڏي توکي پرين تون پهچ پٽن تي،
    شام ڌاري لڳن ٿا شيشا عشق نچي ٻيهر کٽن تي،

    هيل بهار ۾ جوڀن ۾ جي ٽڙيو ڪون گلن وانگر،
    رڳو ارڏي هوا مـــُرڪي ڇٽيو جام لوڻ هٿن تي،

    نديءَ جي ڀر ۾ مُهاڻو هاري پيو خوب ڳـــــــوڙها،
    ڇڏي لهرن موج مستي لُڇي ٻيڙي سُڪي ڏٽن تي،

    مور ساري ڊيل ڊوڙي، جهومن اڪـــن جون رنگتون،
    ڪڪر ڪارا اچو ڪوٺي وسي بارش هيل ڀٽن تي،

    نٿو نصيب پئسن سان ملي ڀلي اوهين زور لڳايو،
    اچن ڊوڙي وٺڻ وارا وڪامي جي بخت هٽن تي،

    پلي اميدون پـــــکي ويا نانگ گهمن پيا وڻن تي،
    پڪو قيدي عشق بڻيو لڳا پهرا گهيڙ گهٽن تي،

    چُني اڏري چــنڊ کليو تارن وڏا ٽهڪ ڏنا ڙي،
    حُسن تازي ڀڳي آرس ڏنو جوڀن ڏيک مِٽن تي.
    


    ڪڏهن ويران ڪڏهن رونق شادي حال جيان

    ڪڏهن ويران ڪڏهن رونق شادي حال جيان،
    زندگي گُـــــــــــزري رهي آهي منهنجي بال جيان،

    نامعلوم هنڌ تي منهنجون اکيون کوليون ويون،
    پتو نه پيو ڪـــــٿي آهيان پڙيءَ جي مال جيان،

    توبه مونکي پنهنجي من مان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو،
    گهوڙي جي پيرن ۾ لڳل جــــــــــــاني نال جيان،

    سڀ کان پهرين چـــــوڙيون ڪنهن ايجاد ڪيون،
    موئن جي دڙي ٽپا ڏنا هــــــــــرڻ جي ڇال جيان،

    وڻن کي پير هجن ته پنهنجي گهر وٺــــــــــي وڃان،
    نوان ڪـــــــــپڙا پارايان تن کي پنهنجي زال جيان،

    توکي به ذهن تي هــــــــــــــروڀـــرو کڻيو پيو هلان،
    جواني ۾ ڇــــــــــــــاتي تي بند دل جي وال جيان،

    منهنجي شــــاعري پڙهي اوهان به اها دعا گهرو،
    سنڌ سڄي آباد هــــــــــــــــــــجي قلندر لال جيان.
    


    پُڇ نه چنڊ، دل ٻرڻ ٿي لڳي

    پُڇ نه چنڊ، دل ٻرڻ ٿي لڳي،
    سنڌ ڪُٺل ڪوئي هرڻ ٿي لڳي،

    سُڪل گلن جي سوچ ۾ لڇي،
    هوا به مـــــاتم ڪرڻ ٿي لڳي،

    ڪاش هو اچي هن ڌرتي ويهي،
    ڀـــــــرت رليءَ تي ڀرڻ ٿي لڳي،

    مٽيءَ سان جنهن محبت ڪئي،
    ماڪ به ان تي مرڻ ٿي لڳي،

    سنڌ ۾ ڪابه نه سونهن ڏسي،
    ڪونج به واپس ورڻ ٿي لڳي،

    ڪانڊيري جي ڪاڻي ڇانءَ ۾،
    ڳيري جي دل ڳــــرڻ ٿي لڳي.
    


    ڪبو ڇا ڪنوارا ڪنڌ چمي

    ڪبو ڇا ڪنوارا ڪنڌ چمي،
    اسان صبوح شـــــام آ سنڌ چمي،

    مقصد ڪون ماڻي سگهيو هو،
    چـڪور چـــــــنڊ جا پنڌ چمي،

    ڪنهن جي ســـوچ آ سڏڪي،
    رت سان ڀـــــــــريل هنڌ چمي،

    سيني ســــــــانڍي هاڻ سُــُتي آ،
    تنهنجي نظم جــــــا بند چمي،

    ٿي هوا ڪيڏي اڄ اداس وئي،
    ڪڪرن جي ڪاري ڌنڌ چمي،

    مــــوکيءَ هٿن جي مٺاڻ چڱي،
    مرڪيا مـــــــــــتارا منڌ چمي،

    کاڌا لٽيرن خــــــــــوشي مان،
    غــريبن جا هيل فنڊ چمي.
    


    هاڻ پنهنجي زندگي ۾ اڳوڻي شِدت ناهي رهي

    هاڻ پنهنجي زندگي ۾ اڳوڻي شِدت ناهي رهي،
    پيار پوڙهو ٿي ويو، عـشق ۾ همت ناهي رهي،

    ڪارونجهر کي پرن تي کڻي مور ڪيڏانهن پيو وڃي،
    اي ننگر ڇا هوءُ هاڻي ڀـــــــــري ڀرت ناهي رهي،

    تلوار جهڙي ڳوٺ مان ڪيئن سلامت موٽي سگهبو،
    خنجر جهڙن ماڻهن ۾ ڪا انسانيت ناهي رهي،

    هيڏو سارو چنڊ ڪيئن هُن جي اکين ۾گهِڙي ويو،
    ڪير ٿو چوي قدرتي حُسن ۾ عِزت ناهي رهي،

    جڏهن تـــــون ملين ٿي ته حُسن تو مان اڏامن ٿا،
    غلط آهي ته لال قلندر جي مِٽي مست ناهي رهي،

    مان ته تنهنجي فِڪر ۾ پرين ڪمزور ٿي ويو آهيان،
    ماڻهو چون ٿا ته تنهنجي به چڱي طبيعت ناهي رهي،

    هي درد ويچارو دِل جـــــــــــو ٿي مهمان آيو آهي،
    تنهنجي وارن تي بارِش ڇو گهڻو وقت ناهي رهي.
    


    تون مٽيءَ جـــــــي پيدائش آهين، توتي باهه نٿو ادا ڪري سگهان

    تون مٽيءَ جـــــــي پيدائش آهين، توتي باهه نٿو ادا ڪري سگهان،
    خدمت جو موقعو فراهم ڪر هي دل تـــوتي فدا ڪري سگهان،

    پکين کــــــــــــــي پرچائڻ جـــي لاءِ بارش کي گڏ وٺي اچڻو پوندو،
    ســانوڻ کي سمنڊ کان بي اڪيلو نٿو آئون جدا ڪري سگهان،

    هير کي حاصل ڪــرڻ جي لاءِ رانجهي پنهنجو رت ولوڙيو هو،
    مان ڀي ڪرسي کي لت هڻي شل تولا، جسم گدا ڪري سگهان،

    مان ڪـــــــــو ملائڪ ته ناهيان، آئون ته آدم جو اولاد آهيان،
    پکي جـــي وک وک تي ڪيئن ڀلا توکي سجدا ڪري سگهان،

    چون ٿا هـــــــــزارين سال اڳ نانگ بلائن کي هٿ پير هوندا هئا،
    آسمان ويچارو بي زبان آهي، ڪئين ڌرتي کان پڇا ڪري سگهان،

    نوريءَ جي قـــــــــــبر کڻڻ جي لاءِ مڇين هڪ اتحاد جوڙيو آهـي،
    مان به ٻيڙي ۾ مسافر آهيان، نٿو پاڻي سان دغا ڪري سگهان،

    منهنجي فقيري ۾ شامل ٿي وئي تنهنجي پيار جي عادت گيڙو،
    اچ ته تنهنجي ٻانهن ۾ نچي راضي يار پنهنجو خدا ڪري سگهان.
    


    تو پيتي ته اُڀ مــــان ٽهڪ اچڻ لڳا

    تو پيتي ته اُڀ مــــان ٽهڪ اچڻ لڳا،
    چانهه جا نخرا ڪوپ ۾ نچڻ لڳا،

    مورن جا پر ميڙي هُن گهر ۾ رکيا،
    ڏور انڊلٺ جا رنگ اُڀ ۾ پچڻ لڳا،

    رات ڀنڀور مونکي خوابن ۾ سڏيو،
    اکين ۾ مـيلا سونهن جا مچڻ لڳا،

    رات وڏف جي گل تي جُگنو کليا،
    خيال شـــاعر جا ان مهل رچڻ لڳا،

    خـــوبصورت ان جي خــوشبو خاطر،
    پکين جـــــــا پير پراڙ ۾ گچڻ لڳا،

    اوبارو حُسن کائيندس ته اُبرڪا ايندا،
    تڏهن ته چنڊ ۽ تارا مون کان بچڻ لڳا،

    چون ٿا روئڻ روح جي هيٺان آهي،
    تڏهن ته دشمن منهنجا ڳوڙها جانچڻ لڳا.
    


    زندگي خـــالي پيٽ ســـان آهي

    زندگي خـــالي پيٽ ســـان آهي،
    بهار آئــــــــــــي ليٽ ســان آهي،

    مٽيءَ سان عشق مــاين رکيوآ،
    محبت جن جي ميٽ سان آهي،

    ڪتي کي ڪوڙا دلاسا ٿوڏي،
    پيار چنڊ جو چــيٽ سان آهي،

    سمنڊ ڀلي اکين کي دعوتون ڏي،
    سنگت دِل جي ٻيٽ سان آهي،

    اسان الائي ڄمياسين ڪڏهن،
    برج بيوس ڊيٽ ســـــــان آهي،

    تون به اچي ڪــــــي تحفا ڏي،
    بارش مُرڪيو کيٽ سان آهي.
    


    سنڀاليو ڪونه هو سڄڻن تو ته ڪير حُسن جي دورين ۾ لڏيو

    سنڀاليو ڪونه هو سڄڻن تو ته ڪير حُسن جي دورين ۾ لڏيو،
    پيار منهنجو لِڪــــــي چوڙين ۾ تنهنجي ٻانهن ڳورين ۾ لڏيو،

    ڏهن رپين جو ننڍڙو نوٽ ٻار به خــــــــــــــــــوشي سان کــڻن نٿا،
    گهر جي خرچ تي سوچيندي مـــــــزور جو هٿ ٻورين ۾ لڏيو،

    سمنڊ مان جهلي کڻي اچان چـــنڊ الائي گهڻا پئسه ڪندو،
    ٻڌي ملاح جو آواز مٺڙو وٺـــــڻ جو شوق چڪورين ۾ لڏيو،

    انهي ساڳي رنگ جو سج منهنجي ڳوٺ مٿان به اڀريو هوندو،
    جلاوطن جو جسم سمورو پنهنجي وطن جي دورين ۾ لڏيو،

    تتر جي اڏام جهڙي شاعري منهنجي تو ڇو ڪونه ڳاتي رات،
    انهي ڪاوڙ ۾ لفظ لفظ منهنجو چنڊ جي اکين ڀورين ۾ لڏيو،

    هي ڪينجهر منهنجي ديش جي انمول ســـــوکڙي سڏجي ٿي،
    تماچين جي پيار تي ســــــــــوچي نئون عــــشق آ نورين ۾ لڏيو،

    هن بهار جي غلام مـــــــــوسم ۾ ڇا گلاب ٽِڙي خوشبو ڏيندا،
    عــــــشق جي بادشاهي آ هتان ڪاوڙجي وڃي گورين ۾ لڏيو.
    


    هُن اڃا کنيو ئي مـــس جڳ ۾ چنڊ ڪري پيو

    هُن اڃا کنيو ئي مـــس جڳ ۾ چنڊ ڪري پيو،
    ڳاڙهي شـــربت ٺاهڻ کان اڳ ۾ چنڊ ڪِري پيو،

    مون سوچيو ڏسان وڃي ڊيل ڪيئن ٿي ڳوڙها پيئي،
    پر مون کان پهرين مور جي لڳ ۾ چنڊ ڪِري پيو،

    سڀن سامهون جڏهن هُن هيوحق جو فيصلو ڪيو،
    راڄن ڏٺو پٽيل جـــــــــي پڳ ۾ چنڊ ڪِري پيو،

    هوڏانهن ڀوپي پي ڪـنهن جواني جو جِن ڪڍيو،
    هيڏانهن تنهنجي وارن جي چڳ ۾ چنڊ ڪِري پيو،

    جــوڳي فقيرن پنهنجي جوءَ ۾ عجيب منظر ڏٺو،
    وانڍ ۾ رکــيل رلين جي ڍڳ ۾ چنڊ ڪِري پيو،

    ڳڻتين ۾ ڳري ڪـــنڊا ٿي ڪوما ۾ ويو هليو،
    سچي پريمي جي ڦاٽل رڳ ۾ چنڊ ڪِــري پيو،

    هـــــارياڻي جي هٿن جي خوشبوءَ اڃا اُت ڦري پئي،
    ستارن کِليو ته سارين جي ٽُڳ ۾ چنڊ ڪِري پيو.
    


    دنيا جي لالچ ۽ لوڀ ڇڏي سونهن سان ننڊ ۾ سُتا

    دنيا جي لالچ ۽ لوڀ ڇڏي سونهن سان ننڊ ۾ سُتا،
    پکي جهڙا هـــــــــــي پيار منهنجا اڏامي چنڊ ۾ سُتا،

    هُن کي اٽو پيهندي ٿڌي هوا ۾ ستارا نظر ڪونه آيا،
    جيڪي جگنوئن تي چـــڙهي اچي اڀ جنڊ ۾ سُتا،

    چون ٿا پر سال کان وٺي هُن چانهه پيئڻ ڇڏي ڏني آ،
    منهنجا ماڻا ۽ ناز اجايو ڪـــــــوپ جي ڏنڊ ۾ سُتا،

    مَن منهنجي شاعري کي تون ٻوڙ ۾ وجهي کائي وڃين،
    تڏهن ته سمورا خيال تنهنجي وٽي جي ڪُنڊ ۾ سُتا،

    دل کاراڻ کائي کائي هــاڻي ڌڙڪي به ٿورو گهٽ پئي،
    شُگر جي مـــــــــــريض جا شوق کلي سڀ کنڊ ۾ ستا،

    مور روهيڙي جي وڻ تي حُسن مـــــان پئي ناز چونڊيا،
    باقي پکي ٿــــــــــر سان ڳالهائي ڳالهه جي ڳنڊ ۾ سُتا،

    پوڙهو پيءُ ويو آهي، جهنگ ۾ ٻڪــــــــــريون چارڻ،
    ڇورا جـــــــــــن جا ڏينهن ڏِٺي جو پيا هِن ٽنڊ ۾ سُتا.
    


    وري نئين شخص ڪئي شِرڪت آهي

    وري نئين شخص ڪئي شِرڪت آهي،
    چنڊ پيار ۾ ڪـــــــــيڏي برڪت آهي،

    چانڊوڪي چهنڊڙيون ڇــــــو ٿي هڻي،
    اِها سڄي شـــاعري جي حرڪت آهي،

    چنيسر جي قبر تي رات هــــــــــرڻ سُتو،
    قُـــــــــــبي ۾ بند دودي جي تُربت آهي،

    چنڊ ڀلي وڃــــي پنهنجي گهر ۾ ويهي،
    تو منهن تي ڇا ته ڪـــئي مرمت آهي،

    مهڪ جو عشق ڪــــاڪ سان آهي،
    جنهن کي پياري سنڌ جي غــربت آهي،

    ٻيو گلاس آئون ڪيئن ڪونه پيئندس،
    تو هٿ ســـــــــان ٺاهي اڄ شربت آهي،

    ڪڏهن ڪڏهن سِڪ مان ساريو ٿا،
    اِها اوهان جي پرينءَ جي قـــــربت آهي.
    


    گل غيرن تي نه ڇٽيو ايترا

    گل غيرن تي نه ڇٽيو ايترا،
    روح ولين جا نه ڦٽيو ايترا،

    اڄ موسم بارش جي آهي،
    پر پکين جا نه پٽيو ايترا،

    بيقدرا ڪجهه احساس ڪيو،
    خزانا سنڌ جا نه لٽيو ايترا،

    ڪجهه تارن تي احسان ڪريو،
    چهٻڪ چنڊ تي نه چٽيو ايترا،

    ڪجهه عقل به استمعال ڪريو،
    دشمن دل ۾ نه رٽيو ايترا،

    گهڙي نديءَ ۾ اڄ گيت پڙهو،
    سُر حُسن تي نه سٽيو ايترا.

    ڇڏيو سونهن سان آءُ پنڌ هلان،
    رستا منهنجا نه گهُٽيو ايترا.
    


    سنئوڻ خاطــــر سمنڊ ۾ تون پير پنهنجا ٻوڙ پرين

    سنئوڻ خاطــــر سمنڊ ۾ تون پير پنهنجا ٻوڙ پرين،
    بادل اُٿن سمنڊ مان بارشــــــــــــــون پون کوڙ پرين،

    سسئي سان گڏ عشق جبلن ۾ پيو ڊوڙون پائي،
    پنهون ته به پيار وٺي، ٿــــورو پهاڙن ۾ ڊوڙ پرين،

    تنهنجي وارن کي وڻن مان سڀ پکي گهوري ڏسن پيا،
    بارش به اچــــڻ واري آهي، اڄ ته ذلفن کي ڇوڙ پرين،

    مان به ٿورو سونهن جي شاورن مان وهنجي ڏسان،
    تون حُـــــسن اڄــــوڪو اچي ســــڀ نپوڙ پرين،

    اڄ توکي ڀاڪرن ۾ گهڻو وقت کڻي نه سگهندس،
    اڄ تنهنجو پيار سمورو لڳي ٿو گلن مان نوڙ پرين،

    اڄ لاڙ انهي ڳالهه تي ضـــــد ڪــــيو ويٺو آهي،
    چوي پيو ته هُن کي چئو وڇوڙا چڪ سان ٽوڙ پرين،

    هاڻي گهوٽن ڀي گهوڙن تي چڙهڻ سنڌ ۾ڇڏي ڏنوآهي،
    هاڻي ڪاڪ مِٽي جا ذرڙا چمندا ڪئين موڙ پرين.
    


    ڀنل ماڪ سان گل نچي اڄ هوا ۾

    ڀنل ماڪ سان گل نچي اڄ هوا ۾،
    پيا نيٺ پاڳل ڇڻي اڄ هوا ۾،

    ڪٺُو رات ڪو مور جوڀن وري آ،
    ڪري ڊيل ماتم رني اڄ هوا ۾،

    حُسن سان سمورو لُٽي ڄامشورو،
    اچانڪ اُڏاڻي پريءَ اڄ هوا ۾،

    نمن ٻور ڇاڻي پرينءَکي سڏيو هو،
    پڳو ڪونه پر ڪو پکيءَ اڄ هوا ۾،

    بقايا جـــــواني رتوڇاڻ لڳي ٿي،
    نٿي ڪــا اُڏامي چُنيءَ اڄ هوا ۾،

    اسان چنڊ اڪــيلو ڏِٺو هر وقت آ،
    سمنڊ کي چيو پي مڇيءَ اڄ هوا ۾،

    پرينءَ کي وطن جو پتو ڪونه آهي
    رُني ڏور پي دل لڳي اڄ هــوا ۾.
    


    وٺي واٽ ساڳي عُنابي اچن

    وٺي واٽ ساڳي عُنابي اچن،
    پکي شام جو شل اڏامي اچن،

    ٿين سُور سارا گهڙيءَ ۾ ختم،
    پڇڻ جي رڳو چَپ گلابي اچن،

    نماڻو عرض هي اگهي ڇو نٿو؟
    ڪندا نيڻ نوڙت نيازي اچن،

    نه مايوس ٿي پاتڻي تون پتڻ تي،
    اجهو ٿا حُسن جا سلامي اچن،

    اسان جو ارادو اٽل ٿو لڳي،
    ڀلي غير ڪاهي برائي اچن،

    نمن هيٺ انمول جوڙا نوان
    وِساري نه جوڀن جواني اچن.
    


    وڇوڙن ۾ دل ڌڳـــــــــي آهي

    وڇوڙن ۾ دل ڌڳـــــــــي آهي،
    نه مــــستي مون ۾ اڳي آهي،

    حُسن کي ڏسڻ جو شوق لٿو،
    نڪو ياد تنهنجي ســــڳي آهي،

    جڏهن به سونهن ۾ نهاري ڏٺم،
    سنڌ ڪٺل ڪونج سڄي آهي،

    تنهنجي ڳوٺ ۾ ڏٺو ڇـــا اٿس،
    هوا نيرانـــــــــــــــي پڳي آهي،

    ڪجهه آسمان جو خيال ڪر،
    تو چــنڊ کي ڇو اک ڀڳي آهي،

    ٺپ شــــــــــــــاعر ۾ ڏسي نٿو،
    مور کي حُسن جي مڳي آهي.
    


    درد ڏنا اٿئي قِسمين قِسمن جا،
    مختلف نمونا آهن زخمن جا،

    اي چنڊ ڇو اچرج ۾ پئجي وئين،
    آئون گيت لکان پيو صدمن جا،

    ڌرتي تان نشان ڪڏهن نه لهندا،
    آهن نانگ جهڙا چڪ دشمن جا،

    جهرڪي ٽِڪ تي ڇا پئي ڳولهي،
    آواز رڪجي ويا در تي قدمن جا،

    تنهنجون ڳالهيون نه سمجهي سگهندا،
    گلُ غلام آهن هوا جي حڪمن جا،

    ٻاهر جي ماڻهن ڪرسيون سنڀاليون،
    خزانه کٽي ويا ڇا هِت علمن جا،

    انڊلٺ کي وٺي رنگ ڀــرڻ ايندا آهن،
    تنهنجا ڊِگها وار منهنجي نظمن جا.
    


    سمنڊ جڏهن سوچيو سنڌ ۾،
    ٻن پکين ڄڻ ٻوليو سنڌ ۾،

    چنڊ مٽيءَ هاڻ هتان ويو آ،
    گلاب موتيا گهوريو سنڌ ۾،

    اڃان به موسم آهي هٿن ۾،
    حسين پيار پوکيو سنڌ ۾،

    وڻ پکين جا بڻيا پينگها،
    لامن جن کي لوڏيو سنڌ ۾،

    اجها بارش اچڻ واري آ،
    اجرڪون ڀلي اوڍيو سنڌ ۾،

    اچو ته وهنجي پيار پسايون،
    مينهن پهريون موٽيو سنڌ ۾،

    هوا ۾ شامل هڳاءُ آهي،
    جوڀن ڪو آ جهوميو سنڌ ۾.
    


    ڳــوٺ جـــي چانڊوڪـــي بحال ڪر،
    چنڊ ڪنهن شاعر جو خيال ڪر،

    ڦــــــــــلڙي ســـان ايڏي مــحبت اٿئي،
    ته مينهن اچـــــــي ٿر خوشحال ڪر،

    پگهار ۾ باقــــي ڏينهن ڇـــا هـــــــن ،
    تيسين ڀاڪـــرن جي رکال ڪـــر،

    وڻن کي اکيون ڪـــون آهن پرينءَ،
    منهن ويڙهـــــي نه پيار حــــلال ڪر،

    اي بارش سنڌ ســـان ڪـــــــاوڙجي،
    پنهنجا دوست نه اڄ ڪــــنگال ڪر،

    پاڻ ٻنهي جــــي ٻــــــوليءَ ســــاڳي آ،
    تون مون تي آگ نه استعمال ڪر،

    شـــاعري روح جي غــــــــــــذا آهي،
    تون شاعــرن جــي ســـــنڀال ڪــــــر.
    


    عجيب تو ۾ ڪا ادا آهي،
    وسري نٿي ياد سدا آهي،

    تولاءِ مرڳو ساهه وڃي ٿو،
    دل توتي ڏاڍي فدا آهي،

    ڪلهه ڀاڪـــرن ۾ هيو،
    اڄ سو ڪـيترو جدا آهي،

    خاموشي وڻيس ڪان ٿي،
    هوءُ ٽهڪ ڏيندي ٻَڌا آهي،

    جتان گهمين تون موٽي آئين،
    ميڪون پيار اتان لڌا آهي،

    توکي ڪيترو مون چاهيو هو،
    ان جو شـاهد اڄ خدا آهي،

    توکان وڇڙي چانڊوڪين ۾،
    ڪو شاعر بڻيو گدا آهي.
    


    وري بهار آئي وري گـل وڪــــيا آهن،
    خوشبو خريدي وري هٿ ڏڪيا آهن،

    رات لهرن کان سمنڊ ڪاوڙجي پڇيو،
    مڇين جا نيڻ ڇو هوائن ڌڪيا آهن،

    رنگين چوڙين جا سڀ حسين ٽڪرا،
    پکين ان سمجهي پرهه جو ڦڪيا آهن،

    چمين جو معراج ماڻي ڪون سگهيا،
    چنڊ وٿين تي چپ اچانڪ رُڪيا آهن،

    ڄمندي عشق اٿن سنڌو جي پاڻي سان،
    پراڻ تي هي نيڻ لهرن لاءِ سڪيا آهن،

    چنڊ کي اڪيلو ڇڏي عربي سمنڊ ۾،
    ستارا اچي سنڌو نديءَ ۾ ٽڪيا آهن،

    هاڻ گلن ڏي اک کڻي ڪون ڏسندس،
    اهڙا ڪن منهنجا پوپٽن ڇڪيا آهن.
    


    ڪيئن وساريان وطن تنهنجو پرينءَ پهرئين شوال جهڙو،
    دل تي رکيو ويٺو آهيان، ڳوٺ تنهنجو ٽوال جهڙو،

    ڦلڙي ۾ نهاري مون پڇيو نڪ تنهنجو ڪنهن ٽوپيو هو،
    چيائين اڃان چنڊ جهليو پيو آ، هينئر نه پچ سوال اهڙو،

    ڪجهه سونهن پنهنجي، منهنجي حوالي ڪرين ٿي؟
    آئون سنڀالو سٺو ڪندس، گلابن جي رکوال جهڙو،

    اڄ هڪڙو ماڻهو منهنجي اکين ۾ زوري گهڙي آيو هو،
    جنهن جو اجڙيل چهرو لڳو ٿي ڀنڀور جي زوال جهڙو،

    اڄ توکي الائي ته ڪهڙي رنگ جا ڪپڙا پاتل هوندا،
    فون کولين ته خبر پئي مـــاڻهو به ٿي احوال جهڙو،

    ڪجهه شاعري منهنجي چنڊ ۾ شموليت ڪئي آهي،
    تڏهن ته لفظ لفظ حسين آهي نئين ڳاتل قوال جهڙو.
    


    توکي ســـــاري سميا ڳوڙها،
    اکڙين مــــان ٿي ٽميا ڳوڙها،

    ماڪ ڦڙن جو مطلب ڇاهي،
    گهايل مون ۾ گهميا ڳوڙها،

    مـــــومل راڻو رات رُنا هئا،
    ڪاڪ مٽي ۾ نميا ڳوڙها،

    وڻن هوا ۾ ڇاتيون رکيون،
    ميندي سان گڏ جهوميا ڳوڙها،

    روپ برف جو ڌاري جاني،
    ڪون ڳلن تي ڄميا ڳوڙها،

    مور وطن جو سڄڻ پکي آ،
    ڊيل ڀٽن تي چميا ڳـوڙها،
    


    هي خوف ڇاهي هي ڊپ ڇاهي،
    دل اڇليان ٿو تون جهپ ڇاهي،

    چنڊ ويچاري کي خبر ڪهڙي،
    هي چميءَ ڇاهي هي چپ ڇاهي؟

    ڌنارن کي سڀ پتو آهي ڪيئن،
    ڀاڪــــرن جي ٿيندي نِپ ڇاهي،

    راڻي کيت کي ڪا خبر ڪونهي،
    مئل مور جي ٿيندي ڌپ ڇاهي،

    پکين ڪنهن مسيحا کان پڇيو،
    ٿيندو وڇـــوڙن جو تپ ڇاهي،

    تو ڇــــــــو اڙدو ۾ لکيو آهي،
    غيرن کي تنهنجي سڃاڻپ ڇاهي،

    ڇا ڀٽائي ليلان مجنون ڪون ٻڌا،
    پر خبر هيس پنهنجائپ ڇاهي.
    


    روح کي ايڏا فـــــــراق نه ڏي،
    اي دل چنڊ کي طلاق نه ڏي،

    خوشبو بس هڪ احساس آ،
    مٺ ۾ ويڙهي مذاق نه ڏي،

    پردو عورت جي سونهن اٿئي،
    وڪڻي اڄ تون اخلاق نه ڏي،

    حُسن جهوپڙي ۾ ويڙهي رک،
    ايذاءُ اڀ کي مشتاق نه ڏي،

    پيار ۾ بس ناراض نه ٿــي،
    ڀل من جي من اوطاق نه ڏي،

    هٿن سان تو مونکي شاعر ٺاهيو،
    زخمن کي رنگ اتفاق نه ڏي.
    


    وڇــــوڙن جي وباءُ ۾ رهي،
    سدائين دل دٻاءُ ۾ رهي،

    ڪيئن نه رڙيون روح ڪري،
    عمر سڙندي گهاءُ ۾ رهي،

    سڄي چالاڪي چنڊ جي آهي،
    سَڳي ڪنهن نئين تاءُ ۾ رهي،

    هوا جو دوکو چئي سگهجي ٿو،
    چُني ته هن جي حياءُ ۾ رهي،

    ڪــٿي پيدا ٿو پيار ٿئي،
    صبح شام نياءُ ۾ رهي،

    منهنجي ٿي نه سگهي هو آخر،
    رڳو ها_ هئي ها ۾ رهي.
    


    نديءَ ۾ نرالو عشق نچي ٿو،
    جون ۾ جُهڙالو عشق نچي ٿو،

    پُسيل پٽن کي پير چُمن ٿا،
    اکين ۾ آلو عشق نچي ٿو،

    سانجهي صبح سونهن جو،
    ڪندي سنڀالو عشق نچي ٿو،

    ڪيئن هٿ ڀلا هُن جو واري،
    پي پُر پيالو عشق نچي ٿو،

    ڀڳت پٽن تي چئي ٿو ڀڳتي،
    ٻاري مشعالو عشق نچي ٿو،

    منظر لاڙ جا ڏاڍا ملوڪ،
    دڳن تي دادلو عشق نچي ٿو.
    


    نيريءَ اُڀ تي نهارون ڇا،
    چنڊ ۽ تارا ساريون ڇا،

    اڳ ئي حالت نازڪ آهي،
    ڏور پرينءَ کان گهاريون ڇا،

    بيوس اُٺن بار ڇڏيا هن،
    قول ۽ قرار پاريون ڇا،

    ڏندڻ بنجي وڪجي ويون،
    بچيون لاڙ ۾ ڄاريون ڇا،

    سنڌ اسان کي جام وڻي ٿي،
    مورن کي پوءِ ماريون ڇا،

    دل پيار جو تحفو ٿي وئي،
    نيڻ پرين جا واريون ڇا.
    


    ڏس حُسن وارا اداس،
    سج، چنڊ، تارا اداس،

    ڇو سڪل پراڻ ايڏي،
    ڇو رنگ سارا اداس،

    ڀل سڳي اندر سڏڪن،
    هي وار ڪارا اداس،

    اڄ نيڻ ڇو ٿا روئن؟
    سڀ سڄڻ چارا اداس،

    ڇا ڪندا سامي، جوڳي،
    جي رُنا ڍارا اداس،

    جي عشق گلن ۾ نه هجي،
    ڇو لڳن خارا اداس.
    


    ڪير ٿو چئي ڪانه ٿي ڏي،
    هُو ته مون تي جان ٿي ڏي،

    چانڊوڪي کي ٻکن ۾ ويڙهي،
    چنڊ کي وڏو مان ٿي ڏي،

    لفظن کي اوجاڳو آهي،
    شاعـــــــــــــــري بيان ٿي ڏي،

    چنڊ ستارا توکي وڻن ٿا،
    تحفي ۾ آسمان ٿي ڏي،

    تون لاڙ جو آهين ڇا؟
    هٿ ۾ مُرڪي پان ٿي ڏي.
    


    اسان آسمان ۾ اکيون اٽڪائيندا ڇو آهيون،
    ستارن ۾ نهاري روح ڦٿڪائيندا ڇو آهيون.

    پکين کي مٽيءَ کائڻ ڪنهن سيکاريو آهي،
    وڻن ۾ وجود پنهنجا لٽڪائيندا ڇو آهيون،

    رڻ جي يادگيري ڏکڻ ڇو ٿو ڏياري بارش ۾،
    حُسن ساري نيڻن کي ڦڙڪائيندا ڇو آهيون،

    تنهائي موهن جي دڙي تو ٿڏي ڇو ڪڍي،
    ڌرتي تي هلندي اسان منڊڪائيندا ڇو آهيون،

    چنڊ مون کي ته بيوفا يار ڪونه ٿو لڳي،
    اسان سونهن خلاف آواز ڀڙڪائيندا ڇو آهيون،

    وقت وري تنهنجي شهر ۾ وٺي آيو آهي،
    اجايو پيار کان پرينءَ گهٻرائيندا ڇو آهيون

    ٻاهر پاڻي ۾ پيا اُٺن جا وڳ ٻڏن،
    اسان ڪپڙن تي مٽيءَ ترسائيندا ڇو آهيون.
    


    ڏنم توکي پنهنجين چمين جو قسم،
    پوءِ به هليو وئين ڇو اکين جو قسم،

    سچ پيار ۾ خوشبو رنگين هئي،
    سڳداسي سارين جي سنگن جو قسم،

    عجيب خيال جو تون ماڻهو آهين،
    سنڌو نديءَ جي لهرن جو قسم،

    ظاهري ته خامي ڪابه نظر نٿي اچي،
    سهڻو انسان آهي گلڙن جو قسم،

    لوچ پوڇ دردن جي لڳي پئي آهي،
    منهنجي لُٽيل دل جي ڌڙڪن جو قسم،

    ڪاڪ جو پاڻي اڄ به اٿئي ڳاڙهو،
    لاڙ جي کامن کڏن ۽ ٻنين جو قسم،

    مُسڪراهٽون ويون لُٽجي جوڀن ۾،
    سنڌ جي تازن زخمن جو قسم.
    


    ڪنهن کي چنڊ جي چانڊاڻ وڻي ٿي، ڪنهن کي ماکي جي مٺاڻ وڻندي آهي،
    توکي ته الائي ڇا ڇا پرينءَ وڻندو آ، مونکي سنڌ جي ساواڻ وڻندي آهي،

    پکين جون دليون به درد رکن ٿيون، پکين جون اکيون به سپنا ڏسن ٿيون،
    پکين کي پرهه جي هير وڻندي آ، پکين کي شام جي لالاڻ وڻندي آهي،

    نڪن ۾ نظر نٿي اچي ڦلڙيءَ ڪا، نڪي چپن تي آ مُرڪ ڪا مٺڙي،
    آ وڏي ويچار ۾ هي دلڙي جنهن کي سڳين جي سرهاڻ وڻندي آهي

    وري جي هت ٿين پيدا گهر ۾ روپلا وڌي وڃن وري اسان جا يار حوصلا،
    ڪڪرن جي ٻکن ۾ ڪن وڄون تجلا، مارن کي ڀٽن جي آلاڻ وڻندي آهي،

    ڪڏهن لاڙ ۾ وڏو مزو هوندو هو، ڌنار ڀٽائيءَ جا بيت پيا چوندا هئا،
    مير محمد* جو نڙ پيو وڄندو هو، ساروڻين جي سا پراڻ وڻندي آهي،

    آهي اکين ۾ آس ڪــــــا جاڳي، وري سنڌ سُکي ٿئي ساڳي،
    ڀٽ جو ڀٽائيءَ ڳائي ڀاڳي* دل جي اميدن کي مهراڻ وڻندي آ.
    


    * مير محمد لنڊ ڏانهن اشارو
    * مائي ڀاڳي ڏانهن اشارو


    چيچ _نيڻ پير درد

    چيچ _نيڻ پير درد،
    ڇلو ڪجل ڇير درد،

    دل ۾ وڏو ڍڳ آهي،
    پر ميڙي ڪير درد،

    من ڄڻ جهنگ سُڃو،
    گهمن پيا شير درد،

    جتي سُوڌا ٿلهي تي،
    اهڙا تون نه هير درد،

    پاڻي سنڌ ۾ ناهي،
    انب، ڄمون ٻير درد،

    تون وٺين ته ڏيان توکي
    مون وٽ آهن ڍير درد.


    نظم

    “پاڻي جو موت”

    ڪلهه شام جو
    سڄي ٻني سوڳ ۾ هئي،
    وڻن جا چهرا
    انجڻ مان نڪتل آئل جهڙا هئا،
    جن تي گذريل جمعي کان
    ڪوبه پکي اچي نه ويٺو هو،
    سڪل گاهه تي
    ماڪوڙا ڊوڙي رهيا هئا،
    ڪانڊيرن ۾ رکيل ڪوڏر
    آواندي کي ڏسي رهي هئي،
    ۽ پاڻي جي موت تي
    ساريون ماتم ڪري رهيون هيون،
    جن جا ڳوڙها اگهندي
    هاري جي ڦاٽل قميص
    جهموريت تي سوچي رهي هئي.
    


    “مدي خارج هوا”

    رات مون گلاب جي
    ٻوٽي کي چيو،
    منهنجي دل ٿي چوي
    توکي چنڊ تي کڻي هلان،
    گلاب جي ٻوٽي
    خوش ٿي چيو،
    ڇا اُتي اهڙي هوا هوندي؟
    مون چيو
    هوا هتان پاڻ کڻي هلنداسين،
    گلاب جي ٻوٽي هٻڪندي چيو
    مصنوعي هوا ۾
    منهنجي طبيعت خراب ٿي ويندي.
    


    “ڪوڪي جو ڪمال”

    هڪ خوبصورت صبح جو
    سارين جي ٻني گهمندي،
    مون هاري کان پڇيو
    پنهنجي سڄي ٻني مان
    هي سارين جو ٻارو
    وڌيڪ ڇو ڀلو آهي؟
    هاري مرڪي چيو
    مجيري
    هن ٻاري ۾ ويهر ڪندي
    منهنجي گهرواري جو
    ڪوڪو ڪري پيو هو.
    


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 731
    ڪتابن جو مشاهدو: 1088333
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 356650
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ