ڪتاب جو نالو: سرگوشيون
مصنف: امر اقبال
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 28 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 611 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 198 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”سرگوشيون“ نامياري ليکڪ، شاعر ۽ تخليقڪار امر اقبال جي ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪِتاب ”سرگوشيون“ امر اقبالَ جي لکيل انهن ڪالمن جو مجموعو آهي، جيڪي هُنَ سنڌي ٻوليءَ جي مقبول ۽ هر دل عزيز اخبار روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾ مختلف وقتن تي لکيا. زندگي، سماج، ادب ۽ ٻين گڏيل سڏيل موضوعن تي لکيل هي ڪالمَ پڻ ليکڪ جي لکڻ جي دلچسپ ۽ موهيندڙ اسلوبَ سبب يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپي حاصل ڪندا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • ”سوهو قناصرا“ جي ”امر“ جون ”سرگوشيون“
  • ڪالم

  • باليءَ جي شهرَ جي بي ترتيب ڪهاڻي
  • زندگيءَ جي خوبصورت تصويرَ ۽ خودڪشيءَ جو ڪارو رنگُ!
  • سنڌ جا اَديبَ ۽ سانت جو ڊگهو سفر
  • ڪراچي، بي نانءُ ڀؤ ۽ وسوسن جي ڊگهي زنجير!
  • بُکَ جي بد صورت شڪل ۽ ”موئن جي دڙي جو خزانو“
  • مختيار بي بيءَ کان کسيل مرڪ ۽ ”شانتيءَ“ جو سڙيل جسم
  • ”ديوداس“ واري ”چندر مُکي“ ۽ درد جو ميرانجھڙو رنگُ
  • جمالان: جنهن کي ”انصاف جي غربت“ ماري ڇڏيو!
  • اچو ته خوبصورتيءَ کي تلاش ڪريون!
  • گل ڇِني ٿو سگهين، خوشبو ته اُتي ئي آهي!
  • کجين واري شهرَ جي رَف ڊائري
  • چنڊُ ڳَليءَ ۾ چَمڪي ٿو
  • عيد جون خوشيون ۽ ڊسمبر جو غَم!
  • زخم ڇو سدائين نوان ئي رَهن ٿا!؟
  • هر ڏينهن محبت جو عالمي ڏينهن هُجي!
  • مُحبت
  • ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ وارو سوال ۽ سنڌ جي ساڃاهه
  • سچل ادبي ڪانفرنس: ڪُجهه نيون روايتون
  • موسم تبديل ٿي رَهي آهي......؟!
  • چار راتيون، چار ڪِتابَ.....
  • اڌ ۾ رهجي ويل ڪالم....
  • امر اقبالَ جا ڇپيل ڪِتابَ

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO. 64
    سرگوشيون
    (ڪالمَ )
    ليکڪ: امر اقبال
    ڇاپو پهريون: 2014ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 120/- روپيه
    ……………………
    SARGOOSHIYOON
    (Coloumns)
    Writer: Amar Iqbal
    First Edition: 2014
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Composing & Lay’out: Asif Nizamani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs.120/-


    ارپنا

    پنهنجي پُٽَ
    سانولَ
    جي نانءِ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سرگوشيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ تخليقڪار امر اقبال جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
    هي ڪِتاب ”سرگوشيون“ امر اقبالَ جي لکيل انهن ڪالمن جو مجموعو آهي، جيڪي هُنَ سنڌي ٻوليءَ جي مقبول ۽ هر دل عزيز اخبار روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾ مختلف وقتن تي لکيا. زندگي، سماج، ادب ۽ ٻين گڏيل سڏيل موضوعن تي لکيل هي ڪالمَ پڻ ليکڪ جي لکڻ جي دلچسپ ۽ موهيندڙ اسلوبَ سبب يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپي حاصل ڪندا.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    امر اقبال پنهنجي شاعريءَ وسيلي هِڪَ نمايان حيثيت حاصل ڪئي آهي. نثر ۾ سندس پهريون ڪِتاب ”کنڀَ مورڻين جا“ جڏهن شايع ٿيو ته، انهيءَ کي به گهڻي پذيرائي ملي. اوهان جي هٿن ۾ موجود هي ڪِتاب ”سرگوشيون“ امر اقبالَ جي لکيل انهن ڪالمن جو مجموعو آهي، جيڪي هُنَ سنڌي ٻوليءَ جي مقبول ۽ هر دل عزيز اخبار روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾ مختلف وقتن تي لکيا. زندگي، سماج، ادب ۽ ٻين گڏيل سڏيل موضوعن تي لکيل هي ڪالمَ پڻ ليکڪ جي لکڻ جي دلچسپ ۽ موهيندڙ اسلوبَ سبب يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپي حاصل ڪندا.
    ادارو ”پوپٽ“ اوهان تائين معياري سنڌي ادبُ بهترين انداز ۾ پهچائڻ جي عزمَ جو ورجاءُ ڪري ٿو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس
    خيرپور ـــ سِنڌُ


    پنهنجي پاران

    لکڻ مون لاءِ ايئن آهي، جيئن ساههُ کڻڻ. جيئن مان ساهه
    کڻڻ کانسواءِ، زندهه رهي نه ٿو سگهان ــ ايئن لکڻ کان سواءِ
    به زندهه رهي نه سگهندس.
    (پئبلو نرودا)

    اها سال 2002ع جي بهارَ جي هِڪَ مُرڪندڙ منجھند هُئي، اسين ڪجهه دوستَ معمولَ مُطابق خيرپور جي ”مشهورِ زمانه“ فردوس هوٽل ۾ پنهنجي چؤڪڙي ڄمايون ويٺا هئاسون. چانههَ جا دؤرَ، سگريٽن جا دونهان ۽ اسان جا حوالَ جاري ئي هُيا جو ”ڪاوش“خيرپور جو رپورٽر ۽ سڄي خيرپور جو ” ڀاءُ خان محمد“ اوچتو اچي اسان جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو هو ــ ٻَه گهڙيون ويهي، چانهه جو اڌ ڪوپ اسان سان گڏ پي اٿڻَ مهلَ ڀاءُ خان محمد مون کي چيو هو: ”ڀاءُ! حيدرآباد ”ڪاوش“ آفيس مان فون آئي هُئي، ڪوئي توهان سان ڳالهائڻ ٿو چاهي، شامَ ٻهَ مِنٽَ آفيس اچجو ته مان توهان کي ڳالهرائيندس.....“. مان حيران، پريشان..... ته ”ڪاوش“ هيڊ آفيس وارن جو وري مون ۾ ڪهڙو ڪَمُ؟!! ــ (انهن ڏينهن ۾ موبائيل فون جو رواج اڃان ڪونه پيو هو). بهرحال…. شامَ جو مان ”ڪاوش“ خيرپور آفيس ويس ــ ڀاءُ خان محمد مون کي نمبر ملائي ڏنو ۽ پريان هڪ انتهائي ڌيمو ۽ ڳنڀير آواز منهنجي ڪنن سان ٽڪرايو. اُهو عزيز سولنگي صاحب جو آواز هُيو، جيڪو ان وقت ”ڪاوش“ جي ايڊيٽوريل پئجَ واري سيڪشن ۾ ڪَمُ ڪَندو هو. ان کان اڳ ۾ عزيز سولنگي صاحب سان منهنجو تعارف ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ذريعي ٿيو هو. شاعريءَ جي انهيءَ يادگار ڪِتاب ۾ ”اثر“ جي نالي سان سندس خوبصورت شاعري مان اڳ ۾ ئي پڙهيون ويٺو هئس. عزيز صاحب مون کي ”ڪاوش“ ۾ ڪالم لکڻ لاءِ چيو.... ۽ ايمانداريءَ جي ڳالهه اِها آهي ته، منهنجي حيراني ۽ پريشانيءَ واري ڪيفيت اڃان به وڌي وئي. جيتوڻيڪ مان 1990ع ۾ روزاني ”آفتا ب“ حيدرآباد ۽ 95 ــ 1994ع ۾ روزاني ”جاڳو“ ڪراچيءَ جي هفتيوار ادبي صفحي ”عڪس“ ۾ ڪافي ڪالم لکي چُڪو هُيس (انهن مان ”آفتاب“ ۾ لکيل ڪالم الائي ڪاڏي گم ٿي ويا ۽ ”جاڳو“ ۾ لکيل ڪالم، منهنجي ڪِتاب ”کنڀَ مورڻين جا“ ۾ شامل آهن).... پَرَ عزيز صاحب پاران ڏنل آفر/حُڪمَ، مون کي سوچَ ۾ وجھي ڇڏيو. مون عزيز صاحب کي عرض ڪيو ته: ”سائين! اوهان جو حڪم اکين تي ”ڪاوش“ جهڙي اهم ۽ وڏي اخبار جي ايڊيٽوريل پئج لاءِ مُستقل ڪالم لکڻ، يقيناً منهنجي لاءِ خوشي ۽ اعزاز جو سبب ئي هوندو... پَــرَ جنهن اخبار ۾ سنڌي ادب ۽ صحافت جي دنيا جا تمام وڏا ۽ معتبر نالا، ڪالمَ لکندا هُجن، اتي مون مسڪينَ ۽ ادبَ جي ننڍڙي شاگرد جي دال ڪٿي ڳرندي؟ ..... ۽ مان نه ٿو سمجھان ته مان اِهو ڪَمُ خوش اسلوبيءَ سان ڪري سگهان“. عزيز صاحب چيو: ”اسان کي پنهنجي اخبارَ لاءِ نون رائيٽرز جي ضرورت آهي، مون کي رحمت الله ماڃوٺيءَ اوهان جو نالو ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته امر سُٺو لکي سگهي ٿو.... سو سڀاڻي ئي ڪالم لکي موڪليو، بلڪه ”ڪاوش“ جي خيرپور آفيس جي حوالي ڪريو، هُو پاڻَ ئي ڪمپوز ڪري اسان ڏي ميل ڪري ڇڏيندا...... ۽ بس“ .... پوءِ مون کي سمجهه ۾ آيو ته اِهو سڀ ڪجهه ماڃوٺي صاحب جي ڪري ٿي رهيو آهي.
    ڊڄندي ڊڄندي پهريون ڪالم لکيم.... الائي ڇا لکيم ۽ الائي ڪيئن لکيم.... اخبار ڏانهن ميل ٿيو، ذهن ۾ اها ئي ڳالهه هئي ته رَد ٿي ويندو ۽ آئنده لاءِ اِها بَلا هميشه لاءِ سِرَ تان ٽري ويندي. پَـرَ ايئن نه ٿيو، ڪالم ڇپجي وَيو. وهوا ٿي وئي. شهر ۾ جيڪو مِلي: ”يارَ! واههَ جو ڪالم لکيو ٿئي“، ٽيلي فون تي دوستن جا رايا، وري ”هائيڊ پارڪ“ ۾ اُنَ ڪالمَ متعلق خَطَ. مان حيران ٿي ويس ته ”ڪاوش“ ۾ شايع ٿيل لفظن جي پُهچَ ڪيترو نه وسيع آهي. ان وقت مُرڪندي سوچيو هيم: ”ايترو فيڊ بئڪ ته شايد انهيءَ شاعريءَ تي به نه مليو هُجيم، جيڪا ننڍپڻ کان ڪندو پيو اچان، جيتري موٽ هِڪَ مختصر ڪالم ڇپڻ کان پوءِ پئي مليم.“
    ڪالم لکڻ جو سلسلو هلي پَيو، پَـرَ مان پنهنجي طبيعت جي هٿان مجبور، ڪٿي ٿو ذميداريءَ سان ۽ مستقل مزاجيءَ سان لکي سگهان؟! ۽ پوءِ ايئن ٿيندو رهيو جو ڪالمُ، هفتي جي ڪنهن مخصوص ڏينهن تي لکڻ جي ذميواري ڪوشش جي باوجود به نه نڀائي سگهيس. بَس جڏهن به مَنُ اُڇلَ ڏيندو هو، لکي وٺندو هوس ۽ موڪلي ڇڏيندو هُيس. هن ڪِتابَ کي پڙهندي، اوهان کي ڪالمن ڇپجڻ جي وچ ۾ وقفا ۽ وٿيون نظر اينديون.... اِهي وٿيون، ڪڏهن هفتن، مهينن ۽ ڪڏهن سالن تائين ڦهلجي وينديون هيون. پر شابس ۽ سلام آهي سائين عزيز سولنگيءَ کي، جنهن وٽ، جڏهن به منهنجي لکڻي پھُتي، هُنَ اُنَ کي پيارَ سان پنهنجي پئجَ ۾ جاءِ ڏني.
    روزاني ”ڪاوش“ جي صفحن ۾ هي ٿورڙا ڪالمَ لکي مون ”سنڌي ادبَ ۾ ڪالم نِگاريءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ڪو وڏو تيرُ هرگز به ناهي هلايو، بَس لفظن سان مُحبتَ جو هِڪُ ننڍڙو اظهارُ مون هنن اَڀرن سَڀرن ڪالمن ۾ به ڪيو آهي ۽ اِهي لکڻيون جڏهن هِڪَ ننڍڙي ڪليڪشن جي صورت ۾ محفوظ ٿي اوهان جي هٿن ۾ اچي رهيون آهن ته مون کي خوشي ٿي رهي آهي. هونئن به پنهنجي غَمن ۽ پنهنجي ڪاغذن (لکڻين) کي سهيڙڻ ۾ دل کي آسيسَ ئي ملندي آهي.
    روزاني ”ڪاوش“ ۾ هي ڪالَم جنهن جنهن تاريخَ تي شايع ٿيا، مون اها تاريخَ ڪالَمَن جي آخر ۾ ڏِني آهي ته جيئن پڙهندڙ انهن کي، ان وقت جي معروضي حالتن جي پسمنطر ۾ ئي پڙهي سگهن.
    ”چار راتيون، چار ڪِتابَ“ جي عنوان وارو ڪالم مون گذريل سال ڊسمبر 2013ع ۾ لکيو هو ۽ ”ڪاوش“ ڏانهن اُماڻيو هو، پَرَ ڪجهه ٽيڪنيڪل مجبورين سبب اِهو ڪالم شايع ٿي نه سگهيو هو. جيئن ته ڪالم ”ڪاوش“ لاءِ ئي لکيو ويو هو، ان ڪري مناسب سمجھيم ته ان ڪالمَ کي هنن ”ڪاوش ڪالمن“ جي ڪِتابَ ۾ ئي محفوظ ڪري ڇڏيان. بلڪل ائين ”اڌ ۾ رهجي ويل ڪالم“ جي عُنوان وارو ڪالم مون 2011ع ۾ ان وقت لکيو هو، جڏهن سموري سنڌ برسات ۽ سيلاب جي تباهين جي ور چڙهيل هئي... پر اهو ڪالم مان مڪمل ڪري نه سگهيو هُيس. هينئر پُراڻا ڪاعذ جاچيندي ميرانجھڙي پني تي لکيل اُهو اڌورو ڪالم هَٿ چڙهيو ته مون سوچيو ڇو نه انهيءَ اڌوري ڪالمَ کي به هن ڪِتابَ جو حصو بڻائي ڇڏجي.
    مان پاڻ کي ڏاڍو هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته هي سڀئي ڪالمَ سالن کان وَٺي سانڍيندو پئي آيس ۽ انهن جو هيڏي هوڏي ٿي وڃڻ جو خطرو بهرحال کُٽڪندو ئي رهندو هو.... هينئر انهن جو هِڪَ ڪِتابَ جي صورت ۾ هٿيڪو ٿي وڃڻ، اطمينان جو سبب بڻجي پيو آهي،
    منهنجي هنن ڪالمن ۾ اوهان کي ڪراچيءَ جي اُداس شامن جي خُنڪي به ملندي ته خيرپور جي ساڙيندڙ گرميءَ جو سيڪُ به. مان پنهنجي جذبن جو اظهارُ ڪيترو بهتر انداز ۾ ڪري سگهيو آهيان، اِهو اوهان پڙهندڙ ئي ٻُڌائي سگهو ٿا.
    .....۽ منهنجا ڪالمَ اونداهين سماجَ ۾ ڪا تيز رَڙ نه سهي، ڪنهن هلڪي سرگوشيءَ وانگر به محسوس ڪيا ويا ته مون لَکَ کٽيو.
    عزيز سولنگي صاحب مون کان هي ڪالمَ لکرايا ۽ پيارَ سان ڇاپيا هئا، ان ڪري مون چاهيو پئي ته هِنَ ڪِتابَ ۾ سندس ”ٻَه اکر“ ضرور شامل هُجن، مون کيس جڏهن اِها گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي پيارَ جي نئين سنئين اظهارَ طور هڪ نظم لکي موڪليائين، جيڪو ڪتابَ جي فلئپ تي ڏنل آهي. مان سائين عزيز سولنگيءَ جو دل سان ٿورائتو آهيان. پياري حبيب ساجد به پنهنجي پيارَ جو اظهار هِڪَ نظمَ جي روپَ ۾ ڪيو آهي، جيڪو نظم ڪِتابَ جي ٻئي فلئپَ تي ڏنل آهي. حبيبَ جا لک ٿورا. بئڪ ٽائيٽل لاءِ منهنجي مهربان دوستَ سائين فريد ڀُٽو (جيڪو منهنجي انهن ڪالمن جو پُراڻو پڙهندڙ به رهيو آهي) ڪجهه سِٽون لکيون آهن. سندس وَڏا وَڙَ…… ۽ ڪِتابَ جو مُهاڳ پياري اشفاق لغاريءَ لکي ڏنو (۽ زور ڀريو ته منهنجي انهيءَ لکڻيءَ کي ”مُهاڳ“ هرگز نه لکجانءِ) ....... سو....... پيارا اشفاق! تون جيڪو ڪجهه به لکيو آهي، ڏاڍو سٺو لکيو آهي، تنهنجي به وڏي مهرباني.
    ڀاءُ سعيد منگيءَ جا ٿورا به ٿورا ناهن، جنهن انتهائي مصروف وقتَ مان هڪ دفعو ٻيهر ڪجهه گهڙيون مون لاءِ ڪڍيون ۽ منهنجي گذريل ڪِتابَ جيان، هن ڪِتابَ جو ٽائيٽل به محبت سان ٺاهيو. پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ آصف نظاماڻيءَ جي مهرباني جنهن جي تڪڙين آڱرين، هِنَ ڪِتابَ کي اک ڇنڀَ ۾ ڪمپوز ڪري ورتو ۽ آصف ئي ڪِتابَ جو لي آئوٽ به ٺاهيو.
    پنهنجي مهربان دوستَ ۽ لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ ڪڏهن به ”سُکَ نه سمهڻ“ واري سنڌي ادبَ جي ”کاهوڙي“ سائين قربان منگيءَ جا لک ٿورا جنهن پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران هي ڪِتابُ سهڻي اندازَ ۾ شايع ڪري اوهان تائين پهچايو آهي.
    ساٿُ سلامت ـــ سِنڌُ سلامت

    امر اقبال
     چَنا هائوس ـــ گلشنِ نذير
    خيرپور سنڌ.
    0331-3067097


    ”سوهو قناصرا“ جي ”امر“ جون ”سرگوشيون“

    ”نالو ڇا اٿئي؟“.
    ”امر اقبال“.
    ”اقبال امر ٿيندو آهي ڇا؟!“
    ڪراچيءَ ۾ ڪجهه دوستن سان ملاقات لاءِ ويل امر اقبال کان پنهنجي ڪلا ۽ مشهوريءَ جي مڳي (آرٽسٽڪ انا) جي عظيم دؤر مان گذرندڙ صدين جي صدا، اياز پنهنجي هڪ ڪيفيت دوران پڇيو هو. سيالڪوٽ واري اقبال جي امر ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ وارو سوال ته هن جي ”ٻه قومي“ نظرئي کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ”ڏٺل خوابَ“ ۽ ورتلَ ”سر“ جي خطاب واري جدوجهد سبب پيدا ٿيو هو، جيڪو خواب هاڻي ڀيانڪ خواب ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. بقول محمد حنيف جي: ”ڪاش! علامه صاحب خواب ۾ ڪجهه ٻيو ڏسي يا ڪري ها!“.
    سوهو قناصرا جي اقبال چنا نه ڪو اهڙو خواب ڏٺو آهي، نه ڪنهن ٻه ۽ ٽه قومي نظرئي جي نالي تي نفرت جي ديوار کڙي ڪرڻ واري نظرئي کي عملي جامو پارايو آهي ۽ نه ئي پرنس مير مهدي رضا، ڪنهن جيلاني يا ڪنگري هائوس کان ”سر“ جو خطاب ورتو آهي. هن ته بس اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ سول انجنيئرنگ شعبي ۾ پڙهڻ وارن ڏينهن کان وٺي هيسيتائين، ناانصافين ۾ ڪڙهندڙ پنهنجي ۽ آس پاس وارن جي اندر جا احوال ڪڏهن، شاعريءَ جي صورت ۾، ته ڪڏهن اخباري ڪالمن، ته ڪڏهن وري ريڊيو جي مائيڪ وسيلي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ ٻين سان پئي سليا آهن.
    استاد حاميءَ جو لاڏلو رهندڙ اسان وارو هي اقبال پنهنجي، سلڇڻن ۽ ڪيوٽ ٻارن جهڙي سڀاءُ سبب خيرپور جي فردوس هوٽل،سچل آڊيٽوريم، سنڌ چلڊرين اڪيڊمي، ريڊيو خيرپور، خيرپور آرٽس ڪائونسل، سچل يادگار ڪاميٽي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، بينظير ڀٽو شهيد اوپن ايئر ٿيٽر ۾ ٿيندڙ ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تقريبن ۽ ڪچهرين جو شهزادو هوندو آهي. درازا ۾ جڏهن هو سچل جي اسٽيج تي بيهي پنهنجو نظم ”سچلَ! تنهنجو سچ ڪٿي آ؟!“ پڙهندو آهي ته، ان نظم جي سٽن جي گرمائش ۾ گهڻن ئي ڪوڙن ۽ فريبين جي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن، پر هو پنهنجو نظم پڙهندو ويندو آهي، جيستائين وڃي ميان عبدالحق جي اڱڻ تي مختلف نالن ۽ حوالن سان قابض ٿي ويٺلن جا سڄا ڪن ڳاڙها نه ٿين. هو بلا جو اظهاري آهي، ڪَڙي ڳالهه به ائين ڪري ويندو ڄڻ ماکي پيو چکائي، پر جڏهن سمجهو ڪي سمجهن. انهن تائين امر جي ڳالهه پڄندي ته هنن جي شعور جي زبان امر پاران پنهنجي نثر ۽ نظم ۾ اوتيل زهر جو ذائقو ضرور محسوس ڪري وٺندي آهي.
    جتي ٻارهو ئي ”ادي، ادي“ جو ورد هلندو هجي، ان شهر ۾ رهندي هن مشرفي آمريت وارن ڏينهن ۾ پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو: ”ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل ڪامورن کي آڪسفورڊين انگلش ۾ ڇنڊ پٽيندڙ ۽ پڙهيل ڳڙهيل حلقن ۾ انٽيليڪچوئل ڪم پاليٽيشن طور سڃاڻپ رکندڙ هتان جي ضلعي ناظمه جي سياست ڏانهن ائپروچ ڀلي ته روايتي نه هجي، هن الائي ڇاڇا ڪري ڇڏڻ جا خواب به ڏٺا هجن، پر خواب ته خواب ئي هوندا آهن. ۽ سياست وري نئين لغت ۾ ڪوئلن جو ڪاروبار آهي، جنهن ۾ نه چاهيندي به هٿ ڪارا ٿي وڃن ٿا“.
    امر پنهنجي مذڪوره ڪالم ۾ جنهن ميوزڪ اڪيڊميءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، امر سان معذرت سان اها نفيسه شاهه ضرور ٺهرائي هئي، پر پوءِ خيرپور ۾ حياءَ ۽ حجاب جي پاڻمرادن محافظن گڏيل گورک ڌنڌي سان اها ميوزڪ اڪيڊمي بند ڪرائي. هاڻي اُهي مُحافظ همراهه ۽ انهن جو همدرد صحافي ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته ميوزڪ اڪيڊميءَ جي بند ٿيڻ سان حياءَ ۽ حجاب پراڻي صورت ۾ قائم آهن يا نه. پردي کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي ڪنهن شعبي مان ته خطرو ناهي، نه ته ان کي به بند ڪرائڻ لاءِ، سياست ۽ صحافت ۾ ڪئين بابري مسجدون ۽ مندر ويران ڪرائڻ جو وسيع تجربو رکندڙ قد آور مڙسن جون خدمتون بنا معاوضي حاضر هونديون.
    امر اقبال جي ”سرگوشين“ ۾ مختياران بي بي جو ڪيس به آهي ته، باليءَ جي شهر جي اجڙڻ جو نوحو به آهي. هن پنهنجي ڪالمن ۾ ڳاڙهي موريءَ واري سياستدان جي پٽ جي خودڪشي تي به دل ۾ لهي ويندڙ سٽون لکيون آهن ته، هندوستان جي مشهور ليکڪه ارون ڌتي راءِ جي هڪ جملي تي شاندار ڪالم به لکيو آهي. اهڙو ڪالم لکڻ جي پسمنظر ۾امر اقبال کي نصيب ٿيل ڪراچي ادبي سنگت جي گڏجاڻين جو به حصو آهي .
    پاڻ وٽ ادب ۽ صحافت ۾ خيالن جي چوري ته ڪا ايڏي وڏي چوري نه ٿي سمجهي وڃي، پر سڄي جا سڄا ڪالم، غزل ۽ نظم چورائڻ وارا داداگير به موجود آهن، ته اتي وري غربت وگهي پنهنجو ادبي ۽ صحافتي پورهيو ٻين کي وڪرو ڪري ڏيندڙ گمنام ڪردارن جون ڪٿائون به امر جي ڪالمن جو موضوع آهن، جيڪي جيڪڏهن هوم ورڪ ڪري لکيا وڃن ها ته، ضرور ڪنهن تحقيقي مقالي جهڙي جاءِ والارين ها، پر ان باوجود به امرَ پاڻ ملهايو آهي.
    وري وري ڏسڻ جهڙي فلم ”ديوداس“ جي يگاني ڪردار چندر مکيءَ کي حوالو بنائي امر پاران لاڙڪاڻي جي سدا سهاڳڻين جي پوليس خلاف ڪيل احتجاج تي لکيل ڪالم پڙهندڙ جون اکيون آليون ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. هي اهو ڪالم آهي جنهن ۾ چندر مکيءَ جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڌوري ڊڪشٽ جي ناچ دوارن ٽٽل ڇير جي ڪڙين جي ٽٽڻ جي آواز کان وٺي هن ڏانهن وڌيل هٿ جو به درد آهي ته ان جملي جو به جيڪو امر پنهنجي ڪالم ۾ به ڪوٽ ڪيو آهي. عورت جڏهن ان جاءِ تي پهچندي آهي ته پوءِ شورش ڪاشميريءَ جهڙا به ان جاءِ کي ”اس بازار مين“ جو نالو ڏيندا آهن، مطلب ته اها بازار جنهن جو هن ڪوجهي سماج ۾ ڪو نالو ئي ناهي. فوزيه سعيد تڏهن ته لاهور جي بازار تي لکيل پنهنجي شاهڪار ٿيسز جو نالو به “Taboo” رکيو هو. امر ان درد جي پنهنجي ڪالم ۾ تصوير ٺاهي آهي،جيڪا منهنجي پسنديده تصوير آهي.
    ادب، سياست، ثقافت ۽ خاص طور خيرپور جي ماحول تي لکيل هي امر اقبالَ جي ڪالمن جو نه پر قلم جي اک سان ڪڍيل تصويرن جو البم آهي، جيڪو پڙهڻ جي عادي ڏوهارين کي ضرور نظر مان ڪڍڻ گهرجي.

    اشفاق لغاري
    حيدرآباد


    ڪالم

    باليءَ جي شهرَ جي بي ترتيب ڪهاڻي

    هي اهو شهر آهي جنهن جي هوائن ۾ مير علي نواز ناز جا ”عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان ــ جان جو جانان نه رهيو“ جهڙا ڪنهن ڳجهه جهڙي ڳالهه ۾ ڳهريل لفظَ اڏاڻا هئا. ”نازڻ“ ته نه رهيو ۽ نه ئي ”پاءُ گلن ۾ تُرندڙ“ اها اقبال بيگم المعروف ”بالي“ رهي، پر هن شهر ۾ اڄ به هر نئين ڏينهن عجيب عشقن جون ڪهاڻيون جنم وٺنديون ٿيون رهن. ”باليءَ جي بنگلي“ کان وٺي ”فيضل محلَ“ تائين جون سموريون جھونيون ديوارون ته اڄ به ڪنهن بيواهه جي ٻُسين ٻانهن وانگر ئي آهن، پر انهن خوابن جو الائي ڇا ٿيو، جيڪي ڳچ مهينا اڳ ٽالپر گهراڻي جي آخري شهزادي جي اکين ۾ جاڳي اٿيا هئا.
    سنڌ ۽ ڪنهن حد تائين ملڪي سياست ۾ پنهنجو حصو پتي رکندڙ شهر خيرپور جي ماڻهن تي به هيل ڊي پوليٽيسائيزڊ ٿي وڃڻ واري ڳالهه گهڻي گهڻي پوري لهي ٿي. ڇاڪاڻ جو هو هينئر به پنهنجين ڪچهرين ۾ ٿل ڪئنال جي تعمير کان وٺي ريفرنڊم تائين وارين مڙني ڳالهين کي ڇڏي، ريڊيو خيرپور پاران شروع ڪيل اسپيشل ٽرانسميشن ۾ نشر ٿيندڙ موسيقيءَ تي بحث ڪن ٿا. ”مان بنيادي طور تي ادب جو ماڻهو آهيان. وقت الائي ڪيئن مون کي سياست ڏانهن ڌڪي ڇڏيو“. ڪجهه هفتا اڳ سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ ۽ سحر انگيز نثر لکندڙ سڄاڻ ليکڪ جا لڳ ڀڳ ايئن ئي چيل لفظ الائي ڇو مون کي هر هر ياد اچي رهيا آهن!.
    ريڊيو خيرپور کان وٺي لطيف يونيورسٽيءَ تائين ته تمام گهڻيون اهڙيون ڪهاڻيون پيون آهن، جن کي هن شهر جي بي تربيت ڪهاڻيءَ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. پر بهتر ائين آهي ته انهن کي الڳ ڪالمن لاءِ بچائي رکجي. هِتي انهن خوابن جو ذڪر به ڪري ڇڏجي. جيڪي مختلف ”خيرپورين“ جي اکين ۾ ٻَري، اجھامي ۽ اجھامي ٻري رهيا آهن.
    ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل ڪامورن کي آڪسفورڊين انگلش ۾ ڇنڊَ پٽيندڙ ۽ پڙهيل ڳڙهيل حلقن ۾ ”انٽيليڪچوئل ڪم پاليٽيشن“ طور سڃاڻپ رکندڙ هِتان جي ضلعي ناظمه جي سياست ڏانهن ائپروچ ڀلي ته روايتي نه هجي ۽ هن الائي ڇا ڇا ڪري ڇڏڻ جا خواب به ڏٺا هجن. پر خواب ته خواب ئي هوندا آهن؛ ۽ سياست وري نئين لغت ۾ ”ڪوئلن جو ڪاروبار“ آهي، جنهن ۾ نه چاهيندي به هٿ ڪارا ٿي وڃن ٿا. خواب ته هِتان جو انتهائي باصلاحيت ۽ نوجوان ڪلاسيڪل راڳي هڪ ميوزڪ اڪيڊمي جو بنياد رکڻ جا به ڏسي ٿو ۽ ان خواب جو ذڪر هو ضلعي ناظمن کان وٺي هِتان جي اديبن توڻي فنڪارن سان ڪندو رهي ٿو. پر آئون ڪجهه گهڙين لاءِ ان خواب تي سوچيان ٿو، جيڪو ان ملنگ صفت مزاحيه شاعر ۽ اسٽيج آرٽسٽ جي اکين ۾ سالن کان سانڍيل آهي ۽ اهو خواب آهي سندس شاعريءَ جي ڪِتاب جي ڇپجڻ جو. اهو ڪِتاب جنهن جو مسودو سالن کان اعلانن جي اونداهه ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ هڪ ٻي اوندهه جيڪا سندس آس جي ڏيئي ڏانهن وڌي ٿي، اها اڃان به گهري ٿيندي ٿي وڃي.
    کجين جي شهر خيرپور ۾ فائيلن ۾ بند اين جي اوز جو تعداد ته وڌندو ئي رهي ٿو پر جي گهٽجي ٿو ته انتظاميه جو ڌيان ڦول باغ ۽ دلشاد پارڪ جهڙن عوامي تفريحي ماڳن تان. جِتان جي ويراني ڪنهن کي به پاڻ ڏانهن ڪو نه ٿي سڏي. خيرپور ڪراچي ته نه آهي، جِتي هزارين رپين جي عيوض مختلف ڪلبس جوائن ڪري خلق انوکيون تفريحون ماڻي وٺي. هِتي ته جيم خاني جي ميمبر شپ ماڻڻ به جهڙي تهڙي جي وس ۾ نه آهي. خيرپور جو مشهور پنج گولو به ته هاڻي اهو پنج گولو ناهي رهيو، جنهن جي مختلف منظرن تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ”پنج گولي جا هائيڪو“ لکيا. پوءِ به پنج گولي تي موجود سچل ٽاور جي بيهجي ويل گهڙيال جا خاموش ڪانٽا هفتي جي هڪ شام انهن شاعرن کي ضرور ڏسن ٿا، جيڪي سامهون ئي ريسٽورنٽ جي اوپن ايئر ڇت تي گڏ ٿين ٿا ۽ چانهه جي پياليءَ سان گڏ هڪٻئي کي ڊگها بحث به پيارين ٿا. ادبي سنگت خيرپور جي گڏجاڻين جي ڀيٽ توڻي جو رمپا پلازه ۾ فقير محمد لاشاريءَ واري دؤر ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين سان نه ٿي ڪري سگهجي. پر پوءِ به امداد حُسينيءَ جي ”ڪجهه نه ڪجهه، ڪجهه نه ڪجهه ڪريون يارو!“ واري سٽ کي هِتان جا دوست چڱيءُ طرح سان هنڊايون ضرور ٿا اچن.
    ناز هاءِ اسڪول جي تاريخي ”ڪرنل شاهه هاسٽل“ ۾ پاڪ ـــ ترڪ جوائنٽ وينچر تحت شروع ڪيل اسڪول کان وٺي، ”سرمد جو گهر“ ۾ لطيف يونيورسٽيءَ پاران هلندڙ وومين چيئر تائين تبديليءَ جو احساس ته ڏيارين ٿا، پر شهر جو اهو اصل حسن ڳوليو ڪم نه ٿو لڀي. هر سال رمضان مهيني جي وچ ڌاري سچل آڊيٽوريم ۾ ٿيندڙ سچل ادبي ڪانفرنس جو مشاعرو هِتان جي ”شرير شاعرن“ جي هوٽنگ جي ڪري بدنام ته آهي ئي آهي، پر استاد عطا محمد حاميءَ جي انهيءَ هوٽنگ کي ڪٿي ڳولجي، جيڪا هو مشاعرن ۾ بندوق بردار باڊي گارڊن جي موجودگيءَ ۾ صدارت ڪندڙ ۽ پاڻ کي ”سنڌ جو غالب“ سڏائيندڙ فيض بخشاپوريءَ تي به ڪري وٺندو هو. ڳولڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن شيخ حفيظ ۽ نسيم کرل جي انهن ٽهڪن کي به گهرجي، جيڪي اتي ئي آس پاس خيرپور جي هوائن ۾ رليا مليا پيا آهن ۽ ڳولڻ ته ان شاعر جي درد کي به گهرجي، جيڪو زندگيءَ کان مليل سمورين تلخين کي پنهنجن قطعن ۾ اوتي ڇڏيندو هو يا وري انهن گارين ۾، جيڪي هو ڳڻي ڳڻي سندس لفظن ۾ ”نام نهاد“ اديبن کي ڏيندو هو ۽ جنهن جي سنڌ جي ڪنهن به شاعر تي اک ئي نه ٻڏندي هُئي.
    سينٽرل جيل خيرپور کان وٺي سول هاسپيٽل جي ٻوساٽيل ڪاريڊورز تائين، ڪنهن آرٽ فلم ۾ ڏيکاري ويندڙ ريلوي اسٽيشن جهڙي هِتان جي ريلوي اسٽيشن کان وٺي هن شهر جي اڌ روشن گهٽين تائين بي انت ۽ بي ترتيب ڪهاڻيون پوءِ به بچي ٿيون پون.

    (16 اپريل 2002ع)


    زندگيءَ جي خوبصورت تصويرَ ۽ خودڪشيءَ جو ڪارو رنگُ!

    ڪراچيءَ جي اڪثر آبادين جي ديوارن کي ”خودڪشي نه ڪريو، اسان سان ملو!“ جي سلوگن سان سينگاري ڇڏيندڙ ان ويلفيئر ٽرسٽ جي ممتاز منزل ڀرسان واقع آفيس ۾ توڻي جو هاڻي خودڪشيءَ جا خطرناڪ خيال کڻي ايندڙ نوجوان نه هئڻ جي برابر ٿا اچن ۽ سنڌ ۾ مختلف فورمن تان ان موضوع تي ٿيندڙ بحث مباحثا به ماٺا ٿي ويا آهن، پر پوءِ به جڏهن ڪا اهڙي خبر رپورٽ ٿئي ٿي ته حساس دليون ڪجهه گهڙين لاءِ ئي سهي، پريشان ضرور ٿي وڃن ٿيون. هن ديس ۾ زندگي ايتري سستي ڇو ٿي وئي آهي، جو ان کي جڏهن به چاهجي، شيشي جي ڪنهن گلاس وانگر فرش تي اڇلائي، انهن ”ڪرچين“ ۾ تبديل ڪري ڇڏجي، جيڪي ڪڏهن به سميٽجي نه سگهن؟ ڇا لنڊن ۾ آرامده ڏينهن ۽ پرسڪون راتيون گذاريندڙ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پنهنجي جواڻ جماڻ پٽ جي خودڪشيءَ جي خبر رسيو ڪرڻ تي ٻوڏارجي وڃڻ کان پوءِ. ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس پي، اکيون ٻوٽي ان سوال تي به سوچيو هوندو؟!
    ريفرنڊم جي رڙين ۾ رهڙجي ويندڙ خودڪشين جون ڪيتريون ئي ٻيون خبرون ڀلي ته پڙهندڙن کان وسري به وڃن، پر ڳاڙهي موريءَ ۾ گلابن جي کيت جي هن طرف هڪ سياستدان پيءُ جي جذباتي پُٽَ جي هيءَ خودڪشي ان مسئلي تي ٻيهر سنجيدگيءَ سان سوچڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي. سوشيالاجي ۽ سائيڪالاجي جا شاگرد خودڪشيءَ کي کڻي ڪيئن به ڊفائن ڪن ۽ ان جي سببن کي ڪيئن به ڪلاسيفاءِ ڪن، پر هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ خودڪشي ان ڪاري رنگ وانگر ٿي پوي ٿي، جنهن جي ڀريل بالٽي، زندگيءَ جي خوبصورت تصويرَ جي مٿان هاري ڇڏجي.
    سکر جي هڪ ڪار پورچ ۾ بيٺل گاڏيءَ اندر پريمي جوڙي جي آپگهات کان وٺي ميڊيڪل جي ان شاگردياڻيءَ جي ڪمهلي موت تائين، جنهن امتحان ۾ فيل ٿيڻ جي اذيت کي گهٽائڻ لاءِ زندگيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيو، ۽ اهڙا ڪيئي ٻيا واقعا، هڪ صحتمند دماغُ ڪڏهن به مرڪندي نه ٿو ياد ڪري. مڃون ٿا ته زندگي هر نئين وک تي هڪ نئين مسئلي جي ڄار ۾ الجھي پوي ٿي ۽ انهيءَ ڳالهه کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ گوتم ٻڌ جي فلاسافيءَ کي به استعمال ڪري سگهجي ٿو. پر شيخ اياز جي عمر جي آخري مهينن ۾ لکيل نظمَ جي اها سِٽَ ڪيڏي نه سهڻي آهي ته:

    سؤ درد ها، سؤ دک ها، پر زندگي پياري هئي
    اڌ رات جو ٻٻرن مٿان، ڇا چاندني پياري هئي!

    اڌ رات جو ٻٻرن مٿان چمڪندڙ چاندنيءَ کي ڏسندي ۽ پنهنجي ساڄي هٿ جي چيچَ ۾ چمڪندڙ مڱڻي جي منڊيءَ کي گهمائيندي، پنهنجي مڱيندي جي محبوب نيڻن جو تصور ڪندي مرڪي پوندڙ ڪنهن نوجوان نينگريءَ جي هڪ لمحي جي ڪيفيت ان ڳالهه جي ثبوت لاءِ ڪافي آهي ته: ”زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي!“ ۽ اتي پهچي فرائيڊ کان وٺي ميننگر (Menninger) تائين جي خودڪشيءَ بابت ڏنل فلسفي تي سوچڻ جي ضرورت به نه ٿي رهي. ڀلي ته شاعر خودڪشيءَ جي عمل کي ڪيڏو به رومينٽيسائيز ڪري ڇڏي. ڀلي ته ڪو ناول نِگار پنهنجي ناول جي هيرو کي ڪنهن ٽرننگ پوائنٽ تي اچي پنهنجو پاڻ کان مارائي ڇڏي، پر پڙهندڙن جون محبتون پوءِ به ان معاملي ۾ لاتعلق رهن ٿيون. سنڌ جي انتهائي معتبر شخصيت علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ورسيءَ وارن ڏهاڙن ۾ مختلف اسٽيجن تان ۽ اخباري ڪالمن ۾ سندس موت کي ”نيچرل“ طور پيش ڪرڻ لاءِ سامهون ايندڙ جسٽيفڪيشنس تي به سوچي سگهجي ٿو!
    ائين به ناهي ته خودڪشي رڳو اڄ جو ۽ اسان جو مسئلو آهي، آڳاٽي يورپ کان وٺي، چين، جپان ۽ يونان تائين جون تاريخون ۽ ڪلاسيڪي ادب اهڙين ڪربناڪ ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي. افلاطون کان وٺي ارسطو تائين سمورا ڏاها هن اذيتناڪ عمل کي رد ڪري چڪا آهن، پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو جديد دنيا جو مهذب، ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي ويهي سڄي گلوب کي پنهنجي ڏسڻي آڱر تي گهمائي ڇڏيندڙ انسان، ننڍڙين پريشانين هٿان نهوڙجي زندگيءَ جي نالي مٿان ڪراس ڏئي ٿو ڇڏي؟!
    بالي ووڊ جي فلمن لاءِ لئريڪل نظم لکندڙ، انڊيا جي آرٽسٽ گهراڻي سان تعلق رکندڙ شاعر جاويد اختر جون سٽون آهن ته:

    خودڪشي مسئلون ڪا حل ڪيا بنتي
    زندگي ڪي ڪئي سو جھميلي ٿي

    خودڪشيءَ جو خيال جنهن رستي تي سفر ڪري ٿو، اهو رستو مسئلي جي حَلَ جي ماڳَ تي هرگز نه ٿو پهچي ۽ مسئلي جي حَلَ لاءِ نڪتل زندگيءَ جو اهو مُسافر، جنهن جي دِماغَ ۾ اهو خطرناڪ خيال ويهي ٿو رهي، ڪنهن معصوم ٻارَ جي مُرڪَ کي يا ڪنهن محبوب جي ڳاڙهي ڳل جي باکَ ۽ ڪاري چڳ جي رات کي سهارو بڻائي زندگيءَ جي ڪڻو ڪڻو ٿيندڙ هار کي پوئي به سگهي ٿو. ڇو ته زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي.
    ......۽ ڪاش اها ڳالهه ڪوئي ڳاڙهي موريءَ ۾ گلابن جي کيتَ جي هُنَ طرف هڪ سياستدان پيءُ جي جذباتي پٽ سميت انهن سڀني کي سمجھائي ها، جن جون بي جان اکيون بعد ۾ اخباري صفحن مان ان درد کي ڏسن ٿيون، جيڪو دردُ سندن پونئيرن جي نصيب ۾ هڪ زماني تائين لکجي وڃي ٿو.

    (21 اپريل 2002ع)


    سنڌ جا اَديبَ ۽ سانت جو ڊگهو سفر

    مرحوم ڪيهر شوڪت جي ورسيءَ جي موقعي تي، آواري ٽاورز جي سرد هال ۾ گرم تقريرن جو ڪلائيميڪس آغا سليم جي صدارتي تقريرَ جي ان جملي تي اچي ٿيو ته: ”مان جڏهن به ڪيهر سان مليس، مون کي ائين لڳو ڄڻ مان ”سنڌ“ سان ملي رهيو هجان“. ٻڌندڙ ان جملي جي سحر ۾ جڪڙجي ويا ۽ تقريبَ کان پوءِ چانهه مان چسڪيون ڀريندي، ويجھڙائيءَ ۾ پريمي جوڙن جي موضوع تي خوبصورت ناول لکندڙ اسان جي جپسي دوست، سنڌ، سنڌي اديبن ۽ ڪمٽمينٽ جي موضوع کي اکيلي ڇڏيو. پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي مسئلن سان هڪ اديب جي ڪميٽيڊ هجڻ وارو سوال ته ڪافي پُراڻو آهي، پر موجوده حالتن ۾ اسان جي لاءِ اهو سوال هڪ دفعو ٻيهر نئون نئون ٿي پيو آهي.
    شيخ ايازچوندو هو ته: ”اديب جو ڪم اتان کان شروع ٿئي ٿو، جِتي سياستدان جو ڪم ختم ٿئي ٿو“. اديب کي سياستن جي سرواڻي ڪرڻ وارو به اياز ئي سڏيو هو. ڇو ته هڪ سچي اديب جي ائپروچ پنهنجي ڌرتيءَ جي مسئلن ڏانهن، ڪڏهن به مصلحتن جي ملبي هيٺان دٻيل نه هوندي آهي. سندس پيرن ۾ ”پارٽي گائيڊ لائين“ جي نالي واري ڪا به زنجير نه هوندي آهي ۽ سندس روين ۾ ڪا به ”پوليٽيڪل پاليوشن“ نه هوندي آهي، پر ڇا اسان وٽ اڄوڪي سنڌُ ۾ اهڙا آئيڊيل اديب آهن به سهي، جن کي پيار سان پئبلو نرودا جي ڀرسان بيهاري سگهجي؟!
    ڪنهن به سائي، ڳاڙهي، نيري، پيلي جھنڊي جي ڇانوَ کان پرڀرو ٿي ۽ ڪنهن به سياسي نظرئي جي نوڪري ڏيڻ کان هَٽي، صرف ۽ صرف ڌرتيءَ جي ڌوڙ ڌوڙ راهُن ۾ زندگيءَ جو پاسو وٺي بيهڻ وارن اديبن جي ڳولا، هڪ نئين رستي جو نِشان بڻجي سگهي ٿي. ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ وارا بحث ته پراڻا به ٿي چُڪا ۽ جڏهن قومن لاءِ جياپي جا رستا ئي سوڙها ڪيا وڃن، ته اهڙي قسم جا بحث محض ”مشڪري“ ئي بڻجي سگهن ٿا.
    سنڌ جي عوام کي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي اعلان کان پوءِ رستن ڏانهن ڌڪي اچڻ ۽ احتجاج جي هڪ ڊگهي تپندڙ اُسَ ۾ ساڙڻ کانپوءِ، ساڻو ۽ بي حال ڪري ڇڏڻ کانپوءِ، ٿل ڪئنال جي تعمير جي رد عمل ۾ ساڳي عوام جي خاموشي ۽ انٽيليڪچوئل سطح تي ڪنهن به وزنائِتي رد عمل جي سامهون نه اچڻ تي ڪيتريون ئي سوال جون نشانيون اڳيان اچي ٿيون وڃن. سنڌ جي حقن جي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جون دعوائون، قسم ۽ ساکون، ۽ پوءِ ساڳي تنظيم پاران وڏي واڪ ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جو اعلان ڪندڙ صدر جي ريفرنڊم ۾ حمايت ۽ وري ان ساڳي تنظيم جي اسٽيجن تي اسان جي اديبن جو بيهي ”پاڻ ملهائڻ“ آخر ڪهڙي بادشاهه جي ڳالهه جو حصو آهن؟. ڳالهيون ڪاغذي گلن جهڙيون، ڳالهيون هوائي فائرنگ جهڙيون ۽ ڳالهيون دٻي ۾ ٺڪرين جهڙيون. ڳالهين جي ڳاهٽ مان پاڻ ڇڏائي، جيڪڏهن هڪ پل شيخ اياز وٽ هلجي ته اُتي هيءَ ڳالهه ڀريل اکين سان ڳراٽڙي پائي ملي ٿي ته:

    روز سياست تي به گهڻو ئي
    تن جي گفت وشنيد ٿئي ٿي
    پوءِ به اهي نابين، انهن جي
    ديد بظاهر ديد ٿئي ٿي!
    ماڻهو ڪيڏو ڳالهائين ٿا!
    پوءِ به ڪنهن آمر جي اڳتان
    سچ چوڻ کان لهرائين ٿا
    ”ڪو آهي، جو سچ چئي ڏي!“
    هڪٻئي ڏي هو واجھائين ٿا
    ماڻهو ڪيڏو ڳالهائين ٿا!

    سکر بئراج وٽ پهچندي پهچندي سڪي ويندڙ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ۽ ان کان پوءِ ترتيب سان مختلف شهرن ۾ صدر جا ٿل ڪئنال ٺاهڻ جا اعلان ته ٿي به چڪا ۽ ريفرنڊم به خيرن سان پورو ٿي چڪو، پر پاڻيءَ وارو سوال پراڻو ٿيڻو ئي نه آهي. پاڻ وٽ ڪي ”ارونڌتيون“ پيدا ٿيڻ کان ته رهيون ۽ هن صورتحال ۾ ادل سومري جا سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪرايل ”خاموش مظاهرا“ ۽ احتجاجي ايڊيٽوريلن سان ڀريل نيوز ليٽر، ٿل ڪئنال جو بگاڙي به ڇا ٿا سگهن؟!
    ”اهل قلم ڪانفرنسن“ جا قصا ته ماضيءَ جي مِٽيءَ ۾ دٻجي به ويا ۽ ”عالمي ادبي ڪانفرنس“ ۾ ڪنهن ڪانگل جي هٿان سنيهو نه ملڻ تي پنهنجي اخباري ڪالمن جا ڪهاڙا تکا ڪري نڪري پوندڙ چوٽيءَ جي اديبن کان ڪير پڇي ته سندن قلم هينئر ڪهڙي ڪنڊ ۾ رکيا آهن؟! هاڻي ته اسان جي اديبن جو ڪم ڇا اهو وڃي بچيو آهي ته هڪ شامَ جو ڪنهن پروگرام (پوءِ کڻي اها ڪڪڙن جي ميل ئي ڇو نه هجي) جي صدارت ڪري، ٻي ڏينهن صبح جو نيراني اخبار ۾ پنهنجي ڪيل صدارتي تقريرَ جي هيڊنگ جي فٽ پٽيءَ سان ڊيگهه ۽ ويڪر ماپجي؟! هِتي شاعر جي ان شعر کي ياد ڪري سگهجي ٿو ته:

    شعر ريڙهيءَ تي هئن ۽ وڏا هوڪا هئا
    جن کي شاعر پئي سڏيئون، سي ته گهورڙيا هئا

    شعر ريڙهيءَ تي رکي گهورڙين وانگر در در تي هوڪا ڏيڻ وارن کي ڪير چئي ته ڌرتيءَ ۽ ان جي مسئلن لاءِ جاکوڙ واسطي جنهن ڪميٽمينٽ جي ضرورت آهي، ان ڪميٽمينٽ جي رستي ۾ نه صرف پيرن لاءِ پر اکين لاءِ پڻ ڪنڊا وڇايل هوندا آهن. لفظن جي لنڊا بازارن ۾ پراڻن جورابن ۽ انڊرويئرز جهڙيون ڳالهيون ۽ سينوارجي ويل ڊبل روٽيءَ جهڙيون دانشوريون ڌرتيءَ جي مسئلن کان ڪٽجي صرف آلودگي ئي ڦلهائي سگهن ٿيون، اهڙي آلودگي، جيڪا روحن جي گهرائين تائين لهي ويندي آهي ۽ پوءِ هڪ اهڙي ناسور کي جنم ڏيندي آهي، جيڪو صدين تائين سمندو ئي رهندو آهي.
    سنڌ جي ننڍي کان ننڍي مسئلي تي سنڌي پريس جو اسٽينڊ وٺي بيهڻ ساهه کي ٽيڪَ ته ڏئي ٿو، پر پريس پوءِ به ان معاملي ۾ اخلاقاً پابند نه آهي ۽ جيڪڏهن پابند آهن ته اهي اديب، جن جو ڪم اياز جي لفظن ۾ اتان کان شروع ٿئي ٿو جِتي سياست جو ڪَمُ ختم ٿئي ٿو، ۽ اهو اديب جنهن جي سر تي سياستن جي سرواڻيءَ جو سهرو سجايل آهي.
    ”سنڌي ادبي بورڊ جا مسئلا ۽ ريڊيو حيدرآباد تان سنڌي ٽرانسميشن جو وقت گهٽائي ڇڏڻ وارا معاملا ته ننڍڙا زخم آهن، انهيءَ ناسور جي اڳيان جيڪو ٿل ڪئنال جي صورت ۾ تيزيءَ سان صرف سنڌ جي جسم ۾ ئي ڦهلجي رهيو آهي.“ فريئر هال جي سامهون لان تي سبز چانهه پيئندي منهنجي هڪ ئي وقت ڊاڪٽر ۽ ڪهاڻيڪار دوست جا جملا ڇا ان ناسور جي علاجَ لاءِ ڪو رستو ڳولي وٺندا؟.

    (16 اپريل 2002ع)


    ڪراچي، بي نانءُ ڀؤ ۽ وسوسن جي ڊگهي زنجير!

    اردوءَ ۾ خوبصورت نثري نظم لکندڙ شاعر ذيشان ساحل جي نظمن جي هِڪَ ڪِتابَ جو نالو آهي: ”ڪراچي اور دوسري نظمين“. هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود ڪراچي، اها ڪراچي آهي جنهن ۾ جھرڪين جو آواز بندوقن جي آواز ۾ دٻجي وڃي ٿو. هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود نظم ڄڻ ته ڪراچيءَ جي جسم جا اهي زخم آهن، جيڪي ڀرجن ٿا ۽ ڀرجي وري اٿلي پون ٿا. ڪاسمو پوليٽن شهر ڪراچيءَ جي جسم تي موجود زخمن جي اُٿلي، ڀرجڻ ۽ ڀرجي اُٿلڻ وارو عمل، سالن کان مختلف ڪيفيتن ۾ جاري آهي ۽ نه ڄاڻ ڪيسيتائين جاري رهندو؟!. هِتان جي روڊن، رستن، گهرن ۽ بازارن جي مقدر ۾ ڪلاشنڪوف جا برسٽ ۽ بمن جا ڌماڪا الائي ڪيستائين لکيل رهندا؟!
    شيريٽن هوٽل جي بلڪل سامهون، وزير اعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس جي ويجھڙائيءَ ۾ ٿيل خودڪش بم ڌماڪو، جِتي پاڪستان نيوي لاءِ آبدوز تيار ڪندڙ ٻارنهن فرانسيسي ماهرن لاءِ موت جو نياپو بڻجي آيو آهي، اتي اسلام آباد ۾ ڪجهه عرصو اڳ ٿيل چرچ تي حملي ۽ ڊينيئل پرل جي قتل کانپوءِ پاڪستان جي عالمي سطح تي بدناميءَ لاءِ هڪ نئون سبب پڻ بڻجي آيو آهي. ڊاڪيا رڊ روڊ واري علائقي ۾ پاڪ نيوي جي سب ميرين تائين ان چمڪندڙ صبح جو نه پهچي سگهندڙ فرانسيسين جي عضون جا ٽڪرا، گاڏين جا ملبا، عالمي ميڊيا تي ”ڀاري مينڊيٽ يافته صدر“ جون پريشان چهري سان وضاحتون ۽ ڪراچيءَ جي شهرين جا هڪ دفعو ٻيهر بي رنگ ٿي ويل چهرا، الائي ڪيترن نون سوالن جي شاهراهه تي اچي بيٺا آهن!
    سياسي تجزيه نِگار ڀلي ته هن حملي کي پاڪستان جي دفاعي سگهه تي ٿيل حملو قرار ڏين، هو ڀلي پاڪستان نيوي جي ماڊر نائيزيشن جي عمل جي رولڙي ۾ پئجي وڃڻ جي خطري جي خيالَ ۾ پريشان هجن، پر فرينچ خوشبوئن جهڙن انهن خوابن جي هميشه هميشه لاءِ رولڙي ۾ پئجي وڃڻ تي ڪير پريشان ٿيندو، جيڪي خواب ان خراب صبح جو هڪ لمحي ۾ پنهنجي مالڪ اکين سميت، غليظ سياستن جي مڪروهه مَفادن جي ملبي هيٺ دٻجي ويا؟. اڄ جيڪڏهن بالزاڪ يا موپاسان موجود هجن ها ته پنهنجي هم وطنن جي انهيءَ المناڪ موت تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ افسانو ضرور لکن ها يا وري بودليئر جي قلم مان هڪ لڙڪن هاڻو نظم ضرور لکجي وڃي ها.
    اڄ مون کي الائي ڇو موناليزا جي لازوال مرڪ، شيريٽن هوٽل جي سامهون گاڏين جي ملبي مان اٿندڙ دونهين ۽ سڙيل لاشن تي هڪ خطرناڪ طنز وانگر محسوس ٿي رهي آهي.
    اهڙي صورتحال ۾ جڏهن شهر جو انتهائي اهم ۽ حساس علائقو، غير معمولي حفاظتي انتظامن جي باوجود لمحي ۾ ڇا مان ڇا بڻجي وڃي، اُتي هڪ عام شهري علائقي جي رهاڪوءَ جي زندگيءَ جي ڪهڙي ضمانت باقي بچي ٿي؟!..... ۽ ڪنهن به امڪاني دهشتگرديءَ کي انٽيليجينس نيٽ ورڪ جي مضبوطيءَ جي آڌار، اڳواٽ ئي روڪي ڇڏڻ وارو صدر جو خيال هتي پهچي محض خام خيال ئي بڻجي وڃي ٿو. ۽ هِتي پهچي ”ڪراچي“ به اها ڪراچي نه ٿي رهي، جيڪا سنڌ جي محبوب شاعر جي آڱر ۾ منڊيءَ وانگر پوري ايندي هئي ۽ جنهن جي ٻهڪندڙ صبحن ۽ مهڪندڙ راتڙين جو ذڪر هو پنهنجي ڊائريءَ ۾ پيار سان ڪري ٿو.
    خُدا ڄاڻي ته هن شهر جون خوشيون ايتريون ناپائيدار ڇو ٿيون بڻجي وڃن؟ لياريءَ جي ٻاڪڙا هوٽلن تي چانهه جي پيالين ۽ ڪچهرين جي سهاري اکين ۾ راتيون ڪاٽي ڇڏيندڙ اڌڙوٽ، سئنيمائن تان ڪنهن لو اسٽوري فلم جو آخري شو ڏسي پنهنجي علائقن ڏانهن موٽندڙ نوجوان ۽ ان کان به اڳ نيرڙين شامن جو ڪي ايف سي ۽ ميڪڊونالڊ تي ”ڊيٽ“ هڻندڙ برگر فيملين جا نوجوان جوڙا، آخر پنهنجي زندگي ان ردم ۾ ڇو نه ٿا گذاري سگهن، جيڪو ردم اوچتو ئي اوچتو ڊانوا ڊول ٿي وڃي ٿو. بس دير هڪ ڌماڪي جي هُجي ٿي ۽ ان ڌماڪي کان پوءِ وارن ايندڙ صُبحن ۾ پنهنجي پنکڙين جهڙن، ٻارن کي هٿ ۾ لنچ باڪس ڏيندي ۽ اسڪول بس ۾ چاڙهيندي، مائرن جي اکين ۾ هڪ عجيب بيچيني ۽ اُلڪو جاڳي پوي ٿو، آفيسن ڏانهن ويندي ۽ مني بسن ۾ لٽڪندي هڪ بي نانءُ ڀؤ ۽ وسوسن جي هڪ ڊگهي زنجيرَ ٺهندي ٿي وڃي. ڪنهن به اوچي عمارت ۾ ڪنهن ڪم سانگي داخل ٿيڻ کان اڳ ساهن جي ترتيب بگڙجي وڃي ٿي. چؤنڪ ۽ چوراها ڇرڪيل ڇرڪيل نظر اچن ٿا. بازارون پنهنجي پنهنجي ڀَوَ جي ڀاونائن ۾ ڀڪوڙجي وڃن ٿيون. پلازائن جا پير ٺڪرين تي بيٺل محسوس ٿين ٿا.
    اهڙي ئي ڪراچيءَ جي ڪربناڪ ڪيفيت کي محسوس ڪندي ڪجهه سال اڳ رولاڪ شاعر هڪ نظم لکيو هو ته:

    هن شهر جا ماڻهو
    پنهنجي ننڊ اسلحي جي جھنگ ۾ وڃائي آيا آهن
    جڏهن گولين جا آواز ۽ انسانن جا ڪن
    هڪٻئي کان مانوس ٿي وڃن
    تڏهن رت جو رنگ يا ڪائي دانهن
    بلڪل به عجيب ناهن لڳندا
    گهرن جا دروازا بند ڪري ڇڏيو
    رستن جا ڏند تمام گهڻو تيز ٿي ويا آهن
    بازار ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي نه آهي
    هوا ۽ روشني گهر ويٺي ئي ملي سگهن ٿا.

    هوا ۽ روشني ته گهر ويٺي ملي به وڃن، پر ”مانيءَ“ جو گهر ويٺي ملي وڃڻ ڏاڍو مشڪل هجي ٿو. ان مانيءَ جي ڳولا ۾ فرانس جي خوشبوئن کي خيرباد چئي سنڌ جي سرزمين تي پهتل مسافرن کي زندگيءَ تان هٿ کڻڻو پيو. پر هِتي آئون ذڪر ان فقيرياڻيءَ جو ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا مانيءَ جي ڳولا ۾ صبح کان شامَ تائين ڪراچيءَ جي پوش علائقن جي مختلف روڊن تي پنڌ ڪندي رهندي هئي ۽ چمڪندڙ سڪن جي عيوض چمڪندڙ زندگيءَ جي ڊيگهه جون، دعائون ورهائيندي هئي. سندس زندگيءَ جي ڊگهي ڏور ته هن بم ڌماڪي سان گڏ ڪٽجي به چڪي، پر هن جو موت آءِ جي سنڌ سميت ڪنهن به انتظامي اهڪار لاءِ پريشانيءَ جو سبب نه بڻجندو ۽ نه ئي سندس زندگي ڪنهن ڪالم نِگارَ جي ڪالمَ جو موضوع بڻجندي. ”هوءَ هتان جي ”وي آءِ پي“ روڊن تي خيرات ضرور گهرندي هئي پر پاڻ ”وي آءِ پي“ هرگز نه هئي. ان ڪري پريشان نه ٿيڻ گهرجي.“ هي طنزيه جملو اڇلائڻ کان پوءِ ريما ۽ ميرا جي سر بخت جو خير گهرندڙ اسان جو هڪ دوست، سندن ”خير و عافيت“ ۽ ”سرن جي سلامتيءَ“ جي خوشيءَ ۾ ”سنگت“ کي مِٺائي ته کارائي ٿو پر پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ رٿيل آخري ٽيسٽ مئچ جو رڻ ۾ رلي وڃڻ ۽ ”ڪيويز“ جو پنهنجي وطن ڏانهن واپس هليو وڃڻ پوءِ به کيس اداس ڪري ٿو ڇڏي.
    ۽ هاڻوڪي ڪراچيءَ مان جڏهن وڏي تعداد ۾ پرڏيهين جي پنهنجي پنهنجي وطن ڏانهن موٽڻ جون خبرون ملن ٿيون، صرف هڪ ڏينهن ۾ ٽي سؤ کان مٿي پرڏيهين جي ڪراچيءَ کي ڇڏڻ جا اطلاع ملن ٿا، وڏين هوٽلن جا ڪمرا ويران ٿي وڃن ٿا، فرانس، جاپان، آمريڪا ۽ چين سميت برطانيه جا شهري پڻ پنهنجا ”بوريا بستر“ دونهاٽيل ڪراچيءَ مان گول ڪري وڃن ٿا، تڏهن اقتصادي ماهرن جي اڳيان، ”هن واقعي جا اسان جي اقتصاديات تي اثر“ وارا سوال اچي بيهن ٿا.
    ايف بي آءِ، فرانسيسي ۽ پاڪستاني ايجنسين تي ٻڌل گڏيل انويسٽيگيشن ٽيم جيستائين هن واقعي جا پيرا ليڪي انهن جي مٿان کارا رکي وٺي، پاڻ اچو ته هڪ پرسڪون ڪراچيءَ لاءِ دُعا گهري وٺون. اهڙي ڪراچي جنهن ۾ جھرڪين جو آواز بندوقن جي آواز ۾ دٻجي نه وڃي، اهڙي ڪراچي جنهن جون شامون اڪيلي سمنڊ جي ساٿَ ۾ محبوبا جي ياد وانگر مڌم رنگن جو اهڃاڻ بڻجي وڃن.
    (12 مئي 2002ع)


    بُکَ جي بد صورت شڪل ۽ ”موئن جي دڙي جو خزانو“

    هڪ بظاهر ننڍڙي خبر، جنهن کي اخبار جي اندرين صفحن ۾، ڪنڊائِتي جاءِ ملي، اها خبر هئي ڪراچيءَ ۾ بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي پيءُ پاران پنهنجي چئن معصوم ٻارن کي ڪُهي ڇڏڻ جي خبر. بيروزگار شخص کان پنهنجي معصوم ٻارن جي بُکَ ڏٺي نه ٿي، هو کانئس ”ماني“ گهري رهيا هئا، ”ماني“ سندس وس ۾ نه هئي، ”موت“ سندس پهچ ۾ هو. هن ڪاتي کنئين ۽ انهن معصوم ڳچين تي ڦيرائي ڇڏي. ٽن ٻارڙن جون حياتيون ته بچايون ويون آهن پر هڪ ٻار ڊگهي ننڊ سمهي رهيو. هاڻي انهيءَ ننڊ مان هو ڪڏهن به نه اٿندو ۽ نه ئي دستگير ڪالونيءَ واري علائقي ۾ رهندڙ بيروزگار پيءُ کان ”مانيءَ“ جي فرمائش ڪندو.
    هن ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جنهن ديسَ ۾ ٻن وقتن جي ماني به عياشيءَ ۾ شمار ٿئي ٿي. جِتي ماني نه ملڻ جي مسئلي هٿان مجبور ٿي پيءُ پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن جي ڳچين کي مروڙي ڇڏي، روزگار جي سڀني وسيلن جي دروازن تي وزني تالا لڳي چڪا هجن، نوجوانن کي فرسٽريشن جي اونداهي جھنگ ۾ رلايو وڃي، اتي ”خوشحال پاڪستان“ جي خواب جي تعبير جي لاءِ ڪجهه چئجي ته ڇا چئجي؟! ننڊي کنڊ جي مٿان جنگي جنون جا خوفناڪ بادل ته اڳ به ڇانئجندا رهيا آهن ۽ ڇانئجي وري هَٽي به ويندا آهن، پر اهي بادل جيڪي بک ۽ بيروزگاريءَ جا بادل هجن ٿا، اهي زمانن کان بس ڇانيل ئي هُجن ٿا. آسمان ڪڏهن به صاف نه ٿو ٿئي، غريب مَري وڃي ٿو، غربت جو ڪوئي ڪجهه به بِگاڙي نه ٿو سگهي. بکايل ختم به ٿي وڃن ٿا، بک جو ڪو ئي ڪجهه به بِگاڙي نه ٿو سگهي. هِتي ته حڪمرانن جون بي رخيون به انتهائن تائين پهچي وڃن ٿيون. دنيا ۾ پلجندڙ هر پاپَ جي پاڙ ”پيٽ“ جي زمين ۾ ئي لٿل هجي ٿي ۽ بکيو پيٽ صرف مانيءَ جي ئي ڳالهه مڃي ٿو. ڳڀي جي ڳولا ۾ نڪتل ساهن کي ”سونهن جي ساڃاهه“ به تڏهن ئي وڃي ٿيندي آهي، جڏهن ڳڀي جي ڳولا پنهنجو ماڳ ماڻي وٺندي آهي. ايازگل جي هنن سٽن ۾ ڪيڏو ته ڪؤڙو سچ اوتيل آهي ته:

    پيٽ بکئي لئه هڪڙي ماني
    سرڳ جيان، ڀڳوانَ جيان آ

    اهي اکيون جن جي پويان بکايل پيٽ هوندو آهي، انهن اکين کي ته چوڏهينءَ رات جو چنڊ به ڪنهن ”نان“ جو ڏيکُ ڏيندو آهي. سڄي عمر سنڌ جي ناسٽلجيا ۾ گذاري ڇڏيندڙ موهن ڪلپنا جڏهن پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو نالو ”بک، ادب ۽ عشق“ چونڊيو هو، تڏهن پڙهندڙن ان آتم ڪهاڻيءَ ۾ ”بک“ جي هڪ انوکي شڪل ڏسي ورتي هئي، اهڙي شڪل جيڪا صرف اهي آڱريون ئي تخليق ڪري پئي سگهيون جن شديد اضطراب جو طويل ساٿُ ماڻيو هُجي. اوهان مان جن به زندگيءَ جي سمورين حسناڪين ۽ زندگيءَ جي سمورين تلخين کي پنهنجي افسانن ۾ اوتي ڇڏيندڙ ڪرشن چندر جي ڪهاڻي ”موئن جي دڙي جو خزانو“ پڙهي هوندي، انهن کي هن ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس ضرور ياد رهجي ويو هوندو. هن ڪهاڻيءَ ۾ انجنيئر ۽ آثار قديمه جا ماهر هڪ طويل ۽ ٿڪائيندڙ کوٽائيءَ کان پوءِ ٻين شين سان گڏ هڪ سون جي پيتي به ڳولي لهن ٿا. گئس لئمپ جي مڌم روشنيءَ ۾ هو ڏسن ٿا ته پيتيءَ تي چٽسالي ٿيل هجي ٿي، ۽ هو سڀ ان پيتيءَ مان ”موئن جي دڙي جي خزاني“ جي لڀجڻ جي اُميدَ رکي ان پيتيءَ کي کولين ٿا، ۽ جڏهن ان پيتيءَ کي کوليو وڃي ٿو ته ان مان جيڪو خزانو ملي ٿو اهو هڪ ”ماني“ هجي ٿو. ڪرشن چندر ”مانيءَ“ کي دنيا جو سڀ کان وڏو خزانو لکي ٿو..... ۽ هِتي اسان جي ديسَ ۾ انهيءَ خزاني جا خواب ڏيکاري، سياستن جا اوچا دڪان به اڏيا ويا آهن. الائي ڪيترين آسروند اکين کي ”روٽيءَ“ جي رڃ جي پويان ڊوڙائي ڊوڙائي آخر ۾ انهن اکين جي مالڪن جي هيڻن جسمن مان ”ووٽن“ جي صورت ۾ رت جا آخري ڦُڙا ڪڍي بيحال ڪري اُڇلايو ويو آهي. هِتي جگجيت جي ڳايل هڪ غزل جي ٻن سٽن ۾ بک جي بدصورتيءَ کي ڪيڏو نه ڪمال سان سمايو ويو آهي ته:

    ڀوڪي بچون ڪي تسلي ڪي ليي
    مان ني ڦر پاني پڪايا دير تڪ

    اڄ جڏهن هڪ طرف، اخبارن ۾، بک ۽ بيروزگاريءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ فردن جو زندگيءَ تان ئي هٿ کڻڻ جون خبرون اچن ٿيون ته ٻي طرف غربت ۽ تنگدستيءَ هٿان مجبور ٿي نوجوانن جو ڏوهن جي دنيا ۾ هليو اچڻ جون ڳالهيون پڻ بحث هيٺ اچن ٿيون، تڏهن يقينن ان ڳالهه ۾ ايمان وڌي وڃي ٿو ته بکئي پيٽ لاءِ هڪڙي ماني سرڳ جيان ۽ ڀڳوانَ جيان ئي هجي ٿي. شيخ اياز اُها سِٽَ الائي ڪهڙي ڪيفيت ۾ لکي هئي ته ”تنهنجو شڪر آهي منهنجا رب! اڄ مون کي اڌ ماني ۽ پورو ڪِتاب نصيب ٿيو آهي“، پر هِتي وسيم سومري جي انهن سٽن کي پيار سان پڙهي سگهجي ٿو ته:

    پيٽ مون کي خريدي رکيو پاڻ وٽ
    مان اگھامي سگهيس ڪين ڪي ڄاڻ وٽ

    بک جيڪڏهن واقعي به بدصورت نه هجي ها ته لاهور جي فٽ پاٿن تي رت جون الٽيون ڪندڙ ان درويش شاعر ساغر صديقيءَ جون سون جهڙيون سٽون دوائن جي هڪ وقت جي وزن ۽ هڪ ويلي جي مانيءَ جي قيمت کان به گهٽ پئسن تي نه وڪامن ها ۽ نه ئي جديد سنڌي غزل جو اهم نانءُ لاڙڪاڻي جو اهو سانورو شاعر ”واجد“ پنهنجا اڻ ڳڻيا غزل، شوقين شاعرن جي حوالي ڪري ڇڏي ها.
    موئن جي دڙي جي ميوزيم مان نوادرات جي چوري جيتوڻيڪ موئن جي دڙي مان لڌل خزاني جي چورِيءَ جي حيثيت رکي ٿي. سنڌ جي علمي ، ادبي، ثقافتي ۽ سڀني شعور وند حلقن جو رات جي پيٽ ۾ ٿيل انهيءَ چوري تي (۽ پڻ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ آرڪيالوجيڪل ورثي جي سنڌ کان منتقليءَ تي) پريشان ٿيڻ فطري ڳالهه آهي، پر ڪرشن چندر جي ڪهاڻيءَ کي ياد ڪندي الائي ڇو اها ڳالهه دل ۾ ڪنهن ڇيت جيان چڀندي ٿي رهي ته اڄ به اسان جي لاءِ موئن جي دڙي مان لڌل وڏي ۾ وڏو خزانو اها ”ماني“ ئي آهي. جنهن کي پنهنجي هٿ وس رکڻ به ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.

    (5 جون 2002ع)


    مختيار بي بيءَ کان کسيل مرڪ ۽ ”شانتيءَ“ جو سڙيل جسم

    پنجاب جي علائقي ميراوالا ۾ مظلوم ۽ معصوم نينگري مختيار بي بيءَ سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، انهيءَ جو ذّڪر ورجائيندي الائي ڇو هٿ ۾ جھليل پين گهٻرائي رهي آهي. بدصورتيءَ کي ڏسندي جيڪڏهن اکيون ساٿ نه ڏين ته سمجھجي ته اهي اکيون اڃان به زندهه آهن ۽ اچو ته هن واقعي جي موڙ وٽ پهچي، پنهنجا چهرا آرسين ۾ ڏسون ۽ اکين کي پوري قوت سان بند ڪري ڇڏيون.
    بدصورتيءَ کي اڃان ڪيترو افورڊ ڪري سگهجي ٿو؟! اهو هڪ سوال آهي اسان سڀني لاءِ ۽ هن ديس جي هر ڌڙڪندڙ دل لاءِ، جنهن جي جواب جي ڳولا اسان سڀني کي ڪرڻي آهي. مان نه ٿو چاهيان ته مختيار بي بيءَ جي مکڙين جهڙن چپن کان هميشه لاءِ کسجي ويل مرڪ تي هڪ ردالي ٽائيپ ڪالم لکي پڙهندڙ کي هروڀرو به اداس ڪري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪريان. پر ڇا ڪجي؟ ڪنهن ڪڙاهيءَ جيان ڪڙهندڙ اندر کي سمورو اوٻر ڪڍڻ لاءِ جيڪڏهن ڪوئي سهارو آهي به ته اهو صرف لکڻ جو ئي سهارو آهي. ڀڳت ڪبير جو هڪ دوهو ڪجهه هن طرح آهي ته:
    ايسا ڪوئي نه ملا جسي رهي لاگ
    سب جگ جلتا ديکا اپني اپني آگ

    جنهن جو مطلب ڪجهه ائين وڃي بيهي ٿو ته: ”مونکي ڪوئي اهڙو ڪو نه مليو، جنهن سان گڏ هميشه رهي سگهان، هِتي مون هر شخص کي پنهنجي پنهنجي باهه ۾ جلندي ڏٺو آهي“.... ۽ پنهنجي حصي جي باهه کي اورانگهي .
    مختيار بي بيءَ جي اجڙي ويل زندگيءَ تي هڪ روئڻهارڪي نهار وجھندي، جيڪڏهن دل جي آڱر کي وٺي ڪجهه ڏهاڙا اڳ واري ماضيءَ جي اوندهه اوندهه گهٽين ۾ هليو وڃجي ته اتي اسان کي هڪ ٻي باهه به دکندي نظر ايندي ۽ اها باهه ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ حاجي محمد اسماعيل ۾ ”شانتيءَ“ جي جسم کي لڳل باهه آهي، ۽ ان باهه سندس جسم سان گڏ سندس روح کي به گهرائين تائين ساڙي ڇڏيو. اخبارن ۾ ڇپيل شانتيءَ جون سڙيل جسم واريون تصويرون ڄڻ ته استاد غالب جي ان شعر جو عڪسُ بڻجي پيون هيون ته:

    جلا هي جسم جهان دل بهي جل گيا هوگا
    ڪريدتي هو جو راک، جستجو ڪيا هي؟

    جيڪڏهن شانتي پڙهيل هجي ها ۽ اتفاق سان هن غالب کي به پڙهيو هجي ها ته پنهنجي سڙيل جسم تي ڪئمرائن جا فليش چمڪائيندڙ ۽ سوالن جا سلسلا جوڙيندڙ صحافين کان اهوئي سوال پڇي ها ته:

    ”ڪريدتي هو جو راک، جستجو ڪيا هي؟“

    مان نه ٿو ڄاڻان ته شانتيءَ جي سڙيل جسم تي حسن درس ڪو نظم لکيو به يا نه، رحمت الله ماڃوٺيءَ ڪا ڪهاڻي لکي يا نه، پر ايترو اندازو ضرور اٿم ته اوريانا فلاسيءَ کي جيڪڏهن اهو ٻڌايو وڃي ته شانتيءَ جي جسم کي لڳل باهه ۾ سندس اهي ڇاتيون به جلي ويون. جنهن کي ايندڙ وقت ۾ سندس معصوم ٻالڪ جي ڪومل چپن کي ٿڃ جي پهرئين ڌار آڇڻي هئي، ته هوءَ صرف ان هڪ نقطي تي ئي هڪ طويل ناول لکي ها.
    پر ناول لکڻ سان به ڇا ٿو ٿئي؟ اجيت ڪور پنهنجي پياري ڌيءَ جي جسم کي لڳل باهه کي پنهنجي آتم ڪهاڻي ”خانه بدوش“ جي صفحن ۾ سانڍي ته ڇڏيو پر اها باهه جيڪا سندس روح کي لڳي چڪي هئي، اها ته پنهنجو ڪم ڪري وئي نه!..... ۽ شانتيءَ جي جسم کي لڳل باهه به اها باهه هئي جنهن پنهنجي نتيجي ۾ کيس نه ڪوئلو بڻائي ڇڏيو ۽ نه رک. ميران ٻائيءَ اهڙي ڳالهه ته ”برهه جي باهه“ جي نتيجي لاءِ لکي هئي ته:

    لڪڙي جل ڪر ڪوئله بني، ڪوئله بهيو راک
    مين برهن ايسي جلي ، نه ڪوئلو بهئي نه راک

    شانتيءَ کي برهه جي باهه ته ڪونه وڪوڙيو هو، کيس لڳايل باهه اها باهه به ڪونه هئي، جنهن ڪجهه سال اڳ زيب النساءِ ۽ حاڪم زاديءَ جي جسمن کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏيو هو. کيس لڳايل باهه ته اها باهه هئي جنهن جي ٻري اٿڻ لاءِ ”بيحيائي“ گاسليٽ جو ڪم ڪري وجھندي آهي. شانتي ڪهڙن حالن ۾ آهي؟ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. ڇو ته اخبارن جي ڪالمن پنهنجو پاڻَ ۾ نين خبرن ۾ ڀڙڪندڙ شعلن کي جاءِ ڏئي ڇڏي آهي. پر پوءِ به مختيار بي بيءَ جي تار تار دامن تي سوچيندي، شانتيءَ جي اشانت سرير کي به محسوس ڪري وٺجي ٿو.
    آخر ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه جي ڳڻتيءَ ۾ ڳرجي؟ آخر ڪهڙي ڪهڙي درد جي ميرانجھڙي رنگ جو حصو بڻجي وڃجي؟ هِتي ته هر ٻئي موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن مختيار بي بيءَ جي زندگيءَ کي رانديڪو سمجھي، راند کيڏي، ڪاوڙجي، ڀڃي اڇلايو وڃي ٿو. هِتي ته هر ٻئي موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن شانتيءَ جي زندگيءَ کي ردي ڪاغذ سمجھي پنهنجي حوس جي ٻرندڙ چلهه ۾ اڇلائي ساڙي رک ڪيو وڃي ٿو.
    ڀلي ته ايڇ آر سي پي کان وٺي عورت فائونڊيشن تائين سموريون تنظيمون احتجاج جا بينر اڀا ڪري ڇڏين پر ڇا اهي سڀ عمل مختيار بي بي، شانتي ۽ انهن جهڙين الائي ڪيترين نينگرين (جيڪي اخبار جي خبر به بڻجي ناهن سگهيون) کي اها ننڊ موٽائي سگهندا، جنهن ننڊ ۾ ڪو به ڊيڄاريندر خواب ناهي هوندو، جيڪا ننڊ پرسڪون هوندي آهي ۽ جنهن ۾ نيرا نيرا خواب نظر ايندا آهن.
    اڄ جڏهن مختيار بي بيءَ جي دل ۾ پاڻ کي ئي مارڻ جا خيالَ اچي رهيا آهن، تڏهن زندگيءَ جي انهن سالن تي به سوچجي، جيڪي کيس ايندڙ وقت ۾ گذارڻا آهن، ان خوفناڪ خواب سان گڏ، جيڪو ڊيڄاريندڙ ۽ مڪروهه چهري وارو خوابُ هو کليل اکين سان ڏسي چڪي آهي. ان جو ڪرب ڪو سندس دل سان ئي محسوس ڪري سگهي ٿو.
    سواليه نشانين جي سامهون ايندڙ شانتيءَ کان جيڪڏهن ڪجهه به پڇيو وڃي ته هوءَ اياز جي لفظن ۾ ائين به چئي سگهي ٿي ته:

    جر جي ڄر ڪنهن ڄاتي ڪانه
    لڙڪ اگهياسين لڪي لڪي

    ۽ جيڪڏهن ساڳئي سوال جي نشاني مختيار بي بيءَ جي اڳيان آڻي بيهارجي ته هوءَ اياز جي ئي لفظءن ۾ ايئن به چئي سگهي ٿي ته:

    چائنٺ تي چانڊوڪي آهي
    ها پر من جي ڇن ۾ ڇا هي؟
    ڪنهن به نه پاتي جھاتي ڪانه
    کل آئي ته به ڦڪي ڦڪي !

    ۽ هِتي هن عجيب ديس ۾ ڄڻ ته ڪوئي به ناهي. جيڪو لڪي لڪي لڙڪ اگهندڙ شانتيءَ جي دل جي جر جي ڄر کي ڄاڻي وٺي ۽ مختيار بي بيءَ جي چپن تي باقي بچي ويل ڦڪي ڦڪي کل ۾ ٿورڙو به رنگ ڀري وٺي.

    (7 جولاءِ 2002ع)


    ”ديوداس“ واري ”چندر مُکي“ ۽ درد جو ميرانجھڙو رنگُ

    سنڌي ٻوليءَ جو اسٽائلش نثر نويس نصير مرزا هڪ انٽرويوءَ ۾ جڏهن ”عورت“ کي ڊفائن ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن کيس زال ”ملڪيت“ ۽ محبوبا ”دولت“ وانگر لڳي ٿي. هِتي ”عورت“ جهڙي گهڻ رخي ۽ تهدار موضوع تي ڳالهائيندي نصير کان اها عورت الائي ڇو وسري وڃي ٿي، جيڪا نه زال جهڙي ملڪيت هجي ٿي ۽ نه محبوبا جهڙي دولت!..... اها عورت بس ”ڪجهه به نه“ هجي ٿي. هر ايندڙ پل هڪ نئون ڏهاڳ ڏسندڙ اهڙي عورت کي اسان جون اخبارون ”سدا سهاڳڻ“ لکن ٿيون، پر هُنَ جي اجاڙ جيون ۾ سهاڳ جا سرها گل ڪڏهن به نه ٿا ٽڙن. هوءَ ته هر پل بس ڪنهن پيلي پن جيان ڇڻندي رهي ٿي ۽ آخر ۾ هوائون ان پن کي الائي ڪيڏانهن اڏاريو ڇڏين.
    ”ڪجهه به نه“ هجڻ وارو احساس ڏاڍو ڪڙو ۽ خطرناڪ حد تائين ايذائيندڙ هجي ٿو ۽ ڪنهن عورت لاءِ اهو احساس اڃان وڌيڪَ شديد ٿي وڃي ٿو ۽ ان احساس کي ٺيڪ ان وقت به محسوس ڪري سگهجي ٿو جڏهن تازو رليز ٿيل انڊين فلم ”ديوداس“ ۾، فلم جو هيرو ”ديو“ جڏهن پنهنجي ”پارو“ کي نه ماڻي سگهڻ واري غم کي غلط ڪرڻ لاءِ شراب جو ساٿُ ڳولي وٺي ٿو ۽ اهو ساٿُ کيس ”چندر مُکي“ وٽ آڻي بيهاري ٿو، جيڪا هڪ ”طوائف“ هجي ٿي. ”چندر مُکي“ پنهنجو هٿ ”ديو“ جي هٿ ڏانهن وڌائي ٿي، پر ”ديو“ اهو چئي ان هٿ کان هٽڻ لڳي ٿو ته، عورت يا ته ماءُ هوندي آهي يا ڀيڻَ، يا وري زال، پر جڏهن اها ”ڪوٺي“ تي پهچندي آهي ته ”ڪجهه به نه“ هوندي آهي.
    ..... ۽ اهو ”ڪجهه به نه“ هجڻ وارو احساس مون کي ان وقت به ڏنگڻ لڳي ٿو، جڏهن ”ڪاوش“ جو لاڙڪاڻي جو رپورٽر ان احتجاج کي رپورٽ ڪري ٿو، جيڪو احتجاج سماج پاران سڏجندڙ ”طوائفون“ ڪن ٿيون. احتجاج ڇا آهي؟! ”بازار حسن“ ۾ رهندڙ انهن ”ڪجهه به نه“ عورتن جو سندن ”روزگار“ جي راهه ۾ پوليس پاران وڌل رڪاوٽن خلاف احتجاج آهي. ”روزگار“ جيڪو اڄوڪي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي. هِتي روز گار ته ڪنهن کي به ڪنهن به وقت ملي سگهي ٿي، پر ”روزگار“ ڪنهن کي به ڪنهن به قيمت تي نه ٿو ملي. ايتري تائين جو ڪجهه به ڪري گذرڻ جو حوصلو رکندڙ انهن ”ڪجهه به نه“ عورتن کي به روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاج جي نٽهڻ اس ۾ نڪرڻو پوي ٿو.
    اخبار جي آرسيءَ ۾ هونئن ته سنڌ ۾ زندگي ئي احتجاج تي نڪتل ڏسجي ٿي. هر طرف احتجاج، مظاهرا، بک هڙتالون، بينر ۽ نعرا..... احتجاجن جي انهيءَ رش ۾ هي احتجاج به ڏسي پڙهي ۽ وساري ڇڏڻ لاءِ ئي ٿي پئي سگهيو، پر منهنجي لاءِ، ايترا ڏينهن گذري وڃڻ کان پوءِ به هي انوکو احتجاج ان درد کي ڪجهه گهڙين لاءِ محسوس ڪرڻ لاءِ بهانو بڻجي پيو آهي، جيڪو درد ”ديو“ جي لفظن ۾ ”ڪجهه به نه“ عورتن جو درد آهي..... اهي عورتون جيڪي نه ڪنهن جي ”ملڪيت“ بڻجي ٿيون سگهن ۽ نه ڪنهن جي ”دولت“.
    انهيءَ درد کي ته ان وقت به محسوس ڪري سگهجي ٿو جڏهن جادوئي حقيقت نِگاريءَ ذريعي سڄي دنيا جي ادب تي پنهنجي قلم جو ڌاڪو ڄمائيندڙ گارشيا مارڪئيز جي ڪهاڻي ”معصوم اريندرا“ پڙهجي ٿي. جنهن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ طوائف جي درد کي ان جي گهرائيءَ کان محسوس ڪرايو ويو آهي. ساحريءَ جهڙي شاعري ڪندڙ ساحر لڌيانوي جي نظمن ۾ به ته انهيءَ ميرانجھڙي درد کي ڏسي سگهجي ٿو. پاڻ وٽ به ته حفيظ شيخ کان وٺي نور الهديٰ شاهه تائين ڪيترائي اهڙا ليکڪ موجود آهن جن پنهنجي زهر ٻڏل قلمن سان ان قهر کي ڪاغذن حوالي ڪيو آهي، جيڪو سستي ميڪ اپ جي تهن ۽ گهنگهروئن جي سُڏڪن جي پويان سرجندو آهي.
    ..... ۽ ڇا هن دکي ديس ۾ ڪنهن درد جي ان سمنڊ لاءِ سوچيو به آهي، جيڪو سمنڊ ڪراچيءَ جي نيپيئر روڊ کان حيدرآباد جي سري گهاٽ تائين ۽ نوابشاهه جي لائين پار کان سکر جي مڇيءَ جي واپاري منڊيءَ واري هنڌ جي بلڪل ڀرسان واري علائقي جي تنگ، اونداهين ۽ بدبودار گهٽين تائين ڇوليون هڻي رهيو آهي؟!
    جڏهن اخبارن جي ڪُرندڙ زخمن جهڙن ڪالمن مان، احتجاجن جي اڻ کٽ خبرن مان، لاڙڪاڻي مان رپورٽ ٿيل هن احتجاج کي ٿورڙو الڳ بيهاري ان جي باري ۾ سوچجي ٿو ته درد جو اهو سمنڊ اسان کي انهن مخصوص تنگ اونداهين ۽ بدبودار گهٽين کي ڪراس ڪري الائي ڪٿي ڪٿي پهتل نظر اچي ٿو.
    ڳالهيون اخباري صفحن تان اُٿي هوٽلن، مانڊڻين، اوطاقن، آفيسن ۽ گيراجن تائين پهچن ٿيون ۽ هٿ ٺوڪين قدرن جي پاڙن هيٺان ٺڪريون نڪرنديون ئي وڃن ٿيون.
    ڄامشوري جي ڇڙواڳ هوائن جهڙو اهو پاڳل شاعر ”مظهر امر“ الائجي ڪهڙي جهان ۾ آهي، جيڪو مشاعرن ۾ جڏهن ”سري گهاٽ تي شام لهي ٿي، جسمن جا شوڪيس کلن ٿا“ وارو نظم پڙهندو هو ته سامهون ويٺلن کان ٿڌا شوڪارا ڇڏائجي ويندا هئا. اهي شوڪارا ان درد کي محسوس ڪندي نڪرندا هئا جيڪو درد انهن ”ڪجهه به نه“ عورتن جي تقديرَ ۾ لکيل هجي ٿو.
    مرزا اسد الله غالب کي پنهنجي شاعريءَ جي پايندگيءَ تي قهر جو اعتماد هو. کيس اهو ”بانور“ ڇو هو؟ شايد ان ڪري به ته کيس اها خبر پئجي وئي هئي ته سندس شاعري دهليءَ جي گهٽين ۾ فقير ۽ بازار حسن ۾ اها طوائف ڳائي رهي آهي، جنهن جي زندگيءَ جي سموري حساب ڪِتاب، ونڊ ضرب ۽ ڪٽ جوڙ کان پوءِ ”پاڇيءَ“ ۾ جيڪڏهن ڪجهه بچڻو آهي ته اهو ”ڪجهه به نه“ ئي آهي.
    حسن جي بازار ۾ ڪنهن هيري جيان چمڪندڙ اهڙين عورتن جي زندگي به عجيب هجي ٿي ۽ اها زندگي جڏهن شامَ وٽ پهچي ٿي ته ان جا پيرا ڪنهن سينيٽوريم جي ٻوساٽيل ڪمري ۾ اچي کٽن ٿا. گلزار هڪ اهڙي احساس کي ايئن چٽيو آهي ته:


    سب په آتي هي سب ڪي باري سي
    موت انصاف ڪي علامت هي

    زندگي سب په ڪيون نهين آتي

    ۽ هي اهي ڪردار آهن، جن وٽ موت ته بار بار اچي ٿو ۽ کين ان جي مرڪندي آجيان به ڪرڻي ٿي پوي پر زندگي وٽن ڪڏهن ڀلجي به نه ٿي اچي.
    اسان جيڪي وڏا ”مهذب ماڻهو“ آهيون، ڇا اسان وٽ ڪوئي اهڙو رستو آهي، جيڪو رستو ان ماڳَ تي هلي پهچي، جِتي اهي ”ڪجهه به نه“ عورتون ڪنهن جي ”ملڪيت“ بڻجي وڃن، ڪنهن جي ”دولت“ بڻجي وڃن. انڊين فلم ”سڙڪ“ جي هيرو جهـڙو ڪردار ادا ڪرڻ جيتوڻيڪ حقيقي زندگيءَ ۾ ڪو خواب ئي ٿي سگهي ٿو، پر پوءِ به الائي ڇو لاڙڪاڻي جي لُوءَ مان پهتل احتجاج جي اها خبر پڙهي دل درد جي ميرانجھڙي رنگ ۾ وڪوڙجي ٿي وڃي، ته ڇا واقعي ”ديوداس“ واري چندر مکي ”ڪجهه به نه“ ئي رهڻي آهي؟!

    (1 آگسٽ 2002ع)


    جمالان: جنهن کي ”انصاف جي غربت“ ماري ڇڏيو!

    حيدرآباد جي ضلعي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مينديءَ رتي ڏاڙهيءَ واري يونين ڪائونسل ناظم پاران جذباتي ٿي پنهنجو پاڻَ کي رتو رت ڪري ڇڏڻ کان وٺي، اُتر سنڌ جي عوامي حلقن ۾ تمام گهڻي مقبوليت رکندڙ مزاحيه فنڪار ڏاڙهون مسخري جي ”خاموش موت“ تائين، سکر جي بازار حُسن ۾ پوليس تشدد وگھي ان ”سدا سُهاڳڻ“ جي ضايع ٿيل ٻار کان وٺي، ٽيڪسلا ۾ عيسائي مشنري اسپتال تي ٿيل بم حملي ۾ مارجي ويل ٽن نرسن تائين، اهڙا موضوع هئا، جن تي الڳ الڳ ڪالم لکڻ سان اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي جي پيٽ جي هڪڙي ڪُنڊَ آسانيءَ سان ڀرجي پئي سگهي، پر الائي ڇو ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي منهنجي ساڄي هٿ جي آڱرين ۽ اُنهن آڱرين ۾ جھليل بال پين جو گڏيل اضطراب ”جمالان“ جي موت تي اچي بيهي رهي ٿو.
    جمالان جنهن کي هن ديس ۾ انصاف نه مليو ۽ هن زهر بڻجي ويل زندگيءَ جو زهر پي خاتمو ڪري ڇڏيو ۽ سندس پونئيرن جي مٽيءَ هاڻين پيشانين تي اخبار جي ٽه ڪالمي خبر جي هيڊنگ ڪنهن زخم وانگر رهجي وڃي ٿي ته: ”غربت جمالان جي وارثن لاءِ به انصاف ڏکيو ڪري ڇڏيو“.
    ”غربت“ ۽ ”جمالان“ هڪ ئي ماڻهوءَ جا ٻه نالا بڻجي ٿا پون، جيڪڏهن جمالان کي انصاف نٿو ملي ته سمجهڻ ايئن گهرجي ته ”غربت“ کي انصاف نٿو ملي.
    ..... ۽ جيڪڏهن انهي سموري منطر کي ٿورڙو ٻي ڪنڊ کان ڏسجي، ته هن ديس ۾ سڀ کان وڏو غريب ”انصاف“ ئي نظر اچي ٿو. ”انصاف جي غربت“ غريب جمالان کي ماري وجھي ٿي ۽ هوءَ عذابن جي سمنڊ مان تري وڃڻ لاءِ، چُپ چاپ مري وڃڻ واري رستي جي چونڊ ڪري ٿي.
    مڌر ٽريسا جي هڪ تقرير مان اهو جملو ڪافي مشهور ٿيو هو ته: ”اسان کي بُک نه، پر مُحبت جو ڏڪر ماري ٿو وجھي“. ۽ هِتي جمالان لاءِ پنج اکر لکندي مان اجازت چاهيندس ته مون کي مڌر ٽريسا جي لفظن ۾ ٿورڙي تبديلي ڪرڻ ڏني وڃي ۽ اها تبديلي ايئن ئي ٿي سگهي ٿي ته: ”جمالان جهڙن ڪردارن کي بُک نه، پر انصاف جي غربت ماري ٿي وجھي“.
    خيرپور جي ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ صادق سوڍڙو ۾ نوجوان نياڻي جمالان سان ڏاڍائي ٿئي ٿي، پر قانون ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. جوابدار آزاد گهمندا رهن ٿا ۽ ايئن ٻين لفظن ۾ ڄڻ ته هُو قانون سان به ڏاڍائي ڪندا ٿا رهن. جمالان کان اهو ڏٺو، سَٺو نٿو ٿئي، تنهن ڪري هوءَ انصاف جي غُربت جو تماشو ڏسڻ بدران پنهنجين پنبڻين کي هميشه لاءِ بند ٿي ڪري ڇڏي. جمالان زهر پي مري وڃي ٿي. قانون پوءِ به جيئرو رهي ٿو، ڇو ته هُو ڏاڍو غريب آهي. جمالان کان به وڌيڪَ غريب. هُو ويچارو جمالان وانگرُ زهريلي دوا جي بوتل به افورڊ نٿو ڪري سگهي.
    ڪوئي ميروالا ۾ پکين جهڙن معصوم ٻارڙن کي قرآن جو سبق پڙهائيندڙ مختاران بي بي کي اهو نياپو پهچائي ته: ”بي بي! هِتي صرف تون اڪيلي نه آهين، هِتي کوڙ ساريون ”جمالائون“ به آهن، جن جي ڏک جي شبيهه بلڪل تنهنجي ڏک جهڙي آهي“.
    جمالان سان ڏاڍائي ڪندڙ ۽ ان کان پوءِ سندس موت جو سبب بڻجندڙ جوابدارن جا پيرا آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڏينهن ۾ لٽجي به وڃن ها، جيڪڏهن ”ڪاوش“ جي ٽيم انهن پيرن مٿان وڃي کارا نه رکي ها. اخبار ۾ ڇپيل تصوير ۾ جمالان جي امڙ جون انصاف لاءِ اُڀيون ٿيل ٻانهون، هن ديس ۾ انصاف جي غُربت تي ماتم ڪندي نظر ٿيون اچن ۽ هڪ خاموش ماتم جو پڙاڏو سندس پوڙهي پيءُ جي جھونين اکين ۾ به پکڙجندو ٿو وڃي.
    خيرپور ۾ جِتي کجيءَ جو فصل پوري رنگ ۽ روپَ سان پچي راس ٿي لهي ٿو. اُتي ئي خيرپور جي ئي تعلقي ٺري ميرواهه جي هن ڳوٺڙي ۾ ڪميڻائپ جو فصل به تيار ٿئي ٿو. جيڪو جمالان جي جھوليءَ ۾ موت جو ميوو ڇڏي وڃي ٿو. پر الائي ڇو قانون جي ادارن کان وٺي انساني حقن جي ڪميشن تائين، عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز کان وٺي ”اليڪشن اليڪشن“ راند ۾ لٿل سياستدانن تائين، ڪوئي به ڪنڌ ورائي جمالان جي قبر ڏانهن ڪو نه ٿو ڏسي، جنهن مان پوسٽ مارٽم جي ڀَوَ کان جوابدار ڌر پاران سندس مرده جسم چوري ڪرڻ جو خطرو به باقي بچي ٿو.
    جمالان جي عزت چورائي، بلڪه کسي وڃي ٿي. سندس زندگي چورائجي وڃي ٿي ۽ آخر ۾ سندس ٿڌي ٿي ويل جسم جي چوري ٿي وڃڻ جو خطرو به پونئيرن کي پريشان ڪري وجھي ٿو. راڄ جا ”چڱا مٺا“ جمالان جي پونئيرن کي خاموش ٿي ويهي رهڻ جي صلاح ڏين ٿا. ڇو ته هُو غريب آهن، واقعي ۾ جوابدار ڄاڻايل جو پيءُ جمالان جي پونئيرن کي سندس عزت ۽ سندس زندگيءَ جي بدلي ۾ ويهه هزار رپيا آڇي ٿو. ڇو ته هو غريب آهن..... تر جا ”ڪاڪا سپاهي“ ۽ هٿ ٺوڪيا صحافي (جن کي صحافي لکڻ صحافت تي طنز بڻجي پوي ٿو) جمالان جي پونئيرن کي ڊيڄارن ۽ ڌمڪائن ٿا، ڇو ته هو غريب آهن ۽ سنڌ جي دردن جو داستان بڻجي ويل پريس جمالان جي درد جي داستان کي فوڪس ڪري ٿي ڇڏي..... ڇاڪاڻ ته جمالان جا پونئير غريب آهن. هُو جيڪي اوندهه جي ڊگهي ۽ گهري جهنگ ۾ ڦاٿل هجن ٿا. اهي پنهنجي اونداهين زندگيءَ ۾ صرف ۽ صرف سنڌي اخبار کي ٽانڊاڻو سمجھن ٿا. اهڙو ٽانڊاڻو، جيڪو جڏهن ٽمڪڻ لڳي ٿو ته کين زندگيءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ سندن اجھاميل اکيون به ٽمڪي اٿن ٿيون.
    نئين ڳالهه نئين ڏينهن جي نئين اخبار ٻڌائي ٿي ته اخباري ڪالم انصاف جي ٻوٽيل اکين کي ٿورڙو ئي سهي، پر کولي وجھڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. اخباري صفحن ۾ ڪٽيل جمالان ڪيس جي ايف آءِ آر، پوءِ به هڻي هنڌ ڪري ٿي وجھي ۽ خيرپور جو ڊي پي او ۽ ڊي سي او پنهنجين ”بي پناهه مصروفيتن“ مان وقت ڪڍي، ڳوٺ صادق سوڍڙو پهچن ٿا ۽ کجين جي ڇڊيرڙي ڇانوَ ۾ جمالان جي زندگيءَ جيان جھُريل جھوپڙيءَ ۾ ويهي ان ڳالهه کي ٻڌي غور ڪن ٿا، جنهن ڳالهه جي چهري تان اخباري ڪالم دز لاهي ٿا وجھن. سماجي تنظيمن جي ليٽر پيڊس تي مذمتي بيان تيار ٿي وڃن ٿا ۽ سُپريم ڪورٽ کان هن واقعي جو پاڻ مُرادو نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جي گُهرَ ڪئي وڃي ٿي.
    انصاف جيڪو ڏاڍو غريب هجي ٿو. جمالان جي ان پوڙهي پيءُ کان به غريب، جيڪو هڪ وقت جي مانيءَ جيترا پئسا ڪمائڻ کان پوءِ ايندڙ ويلي لاءِ پريشان ٿي وڃي ٿو. پر مان هِتي ان خاموشيءَ تي سوچيان ٿو. جيڪا خاموشي خيرپور جي هر اسٽيج تي هِتان جي ادب ۽ ثقافت کي پروموٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙ ضلعي ناظمه سيده نفيسا شاهه جي حصي ۾ اچي ٿي. ”ڪارو ڪاري“ تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ۽ سنڌ ۾ عورتن تي ٿيندڙ ڏاڍاين تي ڳالهائيندي جذباتي ٿي ويندڙ نفيسا شاهه هن واقعي جي موڙ وٽ پهچي الائي ڇا ٿي سوچي؟ مان نه ٿو ڄاڻان! مان ته بس اهو ٿو ڄاڻان ته هن ديس ۾ انصاف ان ”هوت“ وانگر هُجي ٿو، جنهن کي ماڻڻ لاءِ ”سسئين“ کي جبلَ جھاڳڻا پون ٿا. پير پٿون ڪرڻا پون ٿا ۽ آخر زندگيءَ تان ئي هٿ کڻڻو پوي ٿو.
    ...... ۽ هِتي جمالان به اهڙي سسئي بڻجي پوي ٿي، جيڪا انصاف جي هوت پنهل کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ نه ماڻي سگهڻ کان پوءِ لطيف جي اها سٽ ورجائيندي. پنهنجي ”هئڻ“ مٿان ئي منڌيئڙو ڦيرائي ٿي ڇڏي ته:
    ڪهڙي منجهه حِساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ

    (13 آگسٽ 2002ع)


    اچو ته خوبصورتيءَ کي تلاش ڪريون!

    اوڻيهه سؤ ستانوي ۾ بوڪرز پرائيز حاصل ڪندڙ ناول ”گاڊ آف سمال ٿنگس“ جي ليکڪا ارونڌتي راءِ جڏهن ڪراچيءَ ۾ هڪ گڏجاڻيءَ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته: ”اسان کي جنگ لاءِ نه پر ڳائڻَ لاءِ وقت ڪڍڻ گهرجي،“ تڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي وڃي ته اسان کي وري به زندگيءَ جي سڀني بدصورتين کي پاسيرو ڪري ”خوبصورتيءَ“ کي ئي ڳولڻ گهرجي. بدصورتيءَ جي بار هيٺان اچي وڃڻ کان ڪيترو نه بهتر آهي ته ٿورڙو به رستو ٺاهي خوبصورتيءَ جي واديءَ ڏانهن نِڪري وڃجي. جِتي هوا هجي، رنگ هُجن، خوشبوءِ هجي ۽ سازَ هُجن. ”گدلي سينور“ مان ڪنول جي گل جو ٽڙي پوڻ ڪيڏو نه خوبصورت مثال آهي ان خوبصورتيءَ جو، جيڪا بدصورتيءَ کي نظر انداز ڪري نڪري نروار ٿي پوي ٿي. بُکَ، بدحالي، بيروزگاري، سياسي ويڳاڻپ ۽ انهن سڀني جو نتيجو ڏوهه ۽ خودڪشيون، اُهي. بدصورتيون آهن، جن کي ننڍڙيون خوبصورتيون رد ڏئي سگهن ٿيون. فرسٽيشن جي ڦندي ۾ ڦاسي پوڻ کان اهو بهتر نه آهي ته جگجيت جي ڳايل غزل جي سِٽن مان زندگي گذارڻ لاءِ فارمولو ڳولي وٺجي.


    اپنا غم لي ڪر ڪهين اور نه جايا جائي
    گهر مين بکري هوئي چيزون ڪو سجايا جائي

    گهر ۾ وکريل شين کي سجائڻ، ڪِتابن کي ترتيب ڏيڻ، پراڻن خطن کي کولي پڙهڻ، تصويرن جي البمن ۾ رهجي ويل منظرن کي تلاش ڪرڻ، ڪنهن پراڻي دوست ڏانهن خط لکڻ، ڪنهن کي اي ميل ڪري ڇڏڻ ۽ ڪنهن کي ان جي جنم ڏينهن تي سرپرائزنگ ڪال ڪرڻ ڪيڏا نه خوبصورت احساس آهن. شيخ اياز چيو هو ته:
    زندگي تلخ آ، هجي ته هجي
    روح ۾ سَوَ ملاحتون رهنديون

    زندگيءَ پاران آڇيل تلخيون ڪنهن جو ڇا ٿيون بگاڙي سگهن، جيڪڏهن روح ۾ ملاحتون باقي آهن...... ۽ جيڪڏهن ارونڌتي راءِ جي صلاح تي عمل ڪندي ”ڳائڻ“ لاءِ به وقت ڪڍي وٺجي ته روح ۾ ملاحتن جو سلسلو جُڙي سگهي ٿو. اڄ جڏهن ڪراچيءَ جهڙي ڪاسمو پوليٽين شهر ۾ حد درجي جي وٺ پڪڙ ۽ ڀڄ ڀڄان واري مشيني زندگيءَ ۾ به ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٿيندڙ ”لطيف جي راڳ“ جي فقراهي محفل تمام گهڻي رش کڻي ٿي ۽ ماڻهو لطيفي لات جي آڱر پڪڙي اکين ۾ رات ڪاٽي ٿا ڇڏين، تڏهن اهو محسوس ڪري وٺجي ٿو ته ماڻهو پوءِ به خوبصورتيءَ جي ڳولا ۾ مصروف آهن ۽ اها خوبصورتي ئي سندن لاءِ وري به جيئڻ جو سبب بڻجي ٿي پوي.
    اها چانڊوڪي رات ڪيئن وساري سگهجي، جڏهن اسان ڪجهه دوست کجين جي شهر کان لطيف يونيورسٽي کي ڪراس ڪندي نيشنل هاءِ وي جي کاٻي هٿ تي لڙي پيا هئاسين. اسان جي گاڏي مختصر لنڪ روڊ جي سفر کي طئه ڪري ”حُسين آباد“ پهتي هئي. ڳوٺ کان ٻاهر ڀرو، دور کجين جي پراسرار پاڇولن جي ساٿَ ۾ ٻه فانوس ٻَري رَهيا هئا ۽ انهن فانوسن جي مڌم روشنيءَ ۾ ان صوفي فنڪار جو چهرو پڻ ٻَري رَهيو هو، جنهن جي سامهون پَري تائين اُهي مُسافر ويٺل هئا، جيڪي خوبصورتيءَ جي ڳولا جي سفر تي نڪتل هُئا. اسان به ان قافلي ۾ شامل ٿي ويا هئاسين. ڪنهن زماني ۾ ريڊيو خيرپور جي مائيڪ تان هزارين دلين تي پنهنجي آواز ذريعي راڄُ ڪندڙ ۽ هاڻ سالن جا سالَ مائيڪ جي ويجھو به نه ويندڙ ۽ انهيءَ مانڊاڻَ جو ميزبان ريڊيو جو سينيئر پروڊيوسر، قافلي ۾ شامل ٿي ويل مُسافرن کي واري واري سان پاڻي پياري رهيو هو۔ فانوس جي مڌم روشنيءَ ۾ سنڌي ٽوپي هيٺان ظاهر ٿيندڙ سندس سفيد چڳون ۽ ڏاڙهيءَ جا سفيد وار رکي رکي هوا ۾ لهرائي رهيا هئا، پويان کجين جا پاڇولا اڃان به پراسرار ٿي رهيا هئا ۽ سامهون گيڙو پهراڻ پهريل اسان جو راڳي دوست، ڊگهن ڪارن وارن کي جھٽڪو ڏئي سچل کي ڳائي رهيو هو. سندس آڱريون هارمونيم تي رقص ڪَري رهيون هيون:
    توسان منهنجي سهڻل سائين! رهجي اچي شل

    زندگيءَ جي سمورين بدصورتين کان پري اسان ان رات پنهنجي حصي جي خوبصورتي پنهنجي پاند ۾ سهيڙي ورتي هئي ۽ ان رات ئي مون کي شيخ اياز جي ”سَوَ دک ها، سَوَ درد ها، پر زندگي پياري هئي“ واري سِٽَ هڪ دفعو ٻيهر ياد آئي هئي.
    انڊين آرٽ موويز جي وڏي اداڪارا ۽ سماج سڌارڪ شبانه اعظمي جڏهن تازو سنڌُ ۾ اچي ٿي، تڏهن لطيف جي حاضري ڀرڻ کانپوءِ هوءَ قرآن شريف جي ان نسخي جي زيارت ڪري ٿي، جنهن جي معنيٰ لطيف سائينءَ پنهنجي هٿن سان لکي هئي. شبانه کي مولوي احمد ملاح جو قرآن شريف جي منظوم ترجمي وارو نسخو به گفٽ ڪيو وڃي ٿو. ممبئي پهچي ناشتي جي ٽيبل تي گرم چانهه کي سپ ڪندي شبانه پنهنجي شاعر مڙس جاويد اختر سان انهن ننڍڙين خوبصورتين جو ذڪر الائي ڪيئن ڪندي، جيڪي خوبصورتيون، سندس خوبصورت اکين هالا کان ٺٽي تائين جي سفر ۾ حاصل ڪيون؟!
    اسان جي هڪ شاعر دوست هڪ جاءِ تي لکيو ته: ”شاعري جي رستي تان جنرل ناهي گذرندو“. سندس ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به آهي، پر ”ايف ايم ون او ون“ جي افتتاحي تقريبَ کي خطاب ڪندي ”پاڻ واري جنرل“ چيو هو ته: ”مون کي موسيقي وڻندي آهي ۽ مان ”جنون“ وارن جا صوفياڻا ڪلامَ شوقَ سان ٻڌندو آهيان“. هي اهو ساڳيو ئي ”جنون“ آهي، جنهن جي سرواڻ جي ڊگهن وارن کي ڏسي، اڳوڻي ”ڀاري مينڊيٽ يافته“ وزير اعظم جا هٿ ڪينچيءَ طرف وڌي ويندا هئا. بلڪل ايئن، جيئن ”آرٽ“ جو نالو ٻڌي گوئرنگ جو هٿ پستول ڏانهن وڌي ويندو هو.
    سڀئي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر ”راءِ“ جي صلاح پوءِ به ڏاڍي سهڻي آهي ته اسان کي جنگ لاءِ نه پر ڳائڻ لاءِ وقت ڪڍڻ گهرجي.
    ..... ۽ اسان مان هر ڪوئي انهن خوبصورتين جي ئي ڳولا ۾ مصروف رهي ٿو. سنڌيءَ ۾ خوبصورت نثري نظمَ ۽ وايون لکندڙ ۽ ريلويز ۾ نوڪري ڪندڙ نوجوان شاعر کي خوبصورتيءَ جي ڳولا انٽرنيٽ ڏانهن وٺي اچي ٿي ۽ هو سمورين مصروفيتن مان وقت ڪڍي سکر جي ڪنهن انٽرنيٽ ڪيفي تي مختلف شاعرن ۽ فنڪارن جون ويب سائيٽون وزٽ ڪندو رهي ٿو. ”گلزار“ جي ويب سائيٽ سندس پسنديده سائيٽ بڻجي وڃي ٿي. لياريءَ کي ڇڏي ڪلفٽن کي وسائڻ کان پوءِ به لياريءَ جي ٻاڪڙا هوٽلن ۽ سمنڊ کي هڪ جيترو وقت ڏيندڙ اهو نوجوان ناول نِگار، واندڪائيءَ جي وقت ۾ پنهنجي نظمن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو رهي ٿو ۽ ايئن ڪِتابن ۽ ڪاغذن ۾ لڪل خوبصورتي سندس ذات جو حصو بڻجي ٿي وڃي. عشق ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ پنهنجو پاڻَ کي هڪ عرصي تائين ڪاري لِباسَ جي اونداهين ڪوٺيءَ ۾ قيد ڪري ڇڏيندڙ خيرپور سان تعلق رکندڙ ان ڪهاڻيڪار جڏهن هڪ موڙ وٽ پهچي خوبصورتيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن هن پنهنجي پڙهندڙن کي شاعريءَ جو هڪ خوبصورت ڪِتابُ ڏئي ڇڏيو. رڳو ايترو ئي نه پر هن لفظن جي پکيئڙن کي سرچائي هڪ ناول به لکي ورتو. خيرپور جي ئي آس پاس سان تعلق رکندڙ ۽ اکين جي شهر ۾ خوابن جا ننڍڙا گهر اڏيندڙ هوءَ شاعرا هر ڪم کان اڳ ۾ يا ته پنهنجي سڀ کان ويجھي سهيليءَ سان مشورو ڪري ٿي يا وري سندس چواڻي سِتارن جي علم جي روشنيءَ ۾ ”زائچو“ ڪڍرائي ٿي. پر پوءِ به هوءَ جڏهن جڏهن به زندگيءَ ۾ هر قدم تي سامهون ايندڙ بدصورتين کي ڏسي ٿي تڏهن شاعريءَ جو سهارو وٺي ٿي. ڪوئي خوبصورت غزل لکڻ سان ڄڻ ته هوءَ خوبصورتيءَ ڏانهن هڪ ڳڙکي کولي ٿي وٺي.
    .... ۽ ايئن خوبصورتيءَ جي ڳولا جو سفر مختلف هنڌن تي، مختلف ماڻهن وٽ، مختلف شڪلين ۾ جاري رهي ٿو. ڪراچيءَ جي هڪ تڪڙي سفر دوران جڏهن ماضيءَ ۾ نوابشاهه ۾ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪندڙ ۽ هينئر خيرپور ۾ ايجوڪيشن ورڪس ۾ نوڪري ڪندڙ ۽ سياست ۽ ادب ۾ هڪ جيتري دلچسپي رکندڙ اسان جو دوست اردو بازار ۾ مذهبي ڪِتابن جي دوڪان ۾ سجايل ڪِتابن ۾ خوبصورتي تلاش ڪري، ٿو ۽ ساڳئي ئي وقت خيرپور جي اڳوڻي حڪمران گهراڻي سان تعلق رکندڙ دوست بوهري بازار مان پنهنجي ٻارڙن لاءِ رانديڪن جا ڍيرَ خريد ڪري هن ئي سفر ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ مان انهن سڀني ڳالهين تي سوچيندي ان نتيجي تي پهچان ٿو ته ”تلاش“ جو هي سفر ڪيڏو نه سجايو سفر آهي!

    (8 سيپٽمبر 2002ع)


    گل ڇِني ٿو سگهين، خوشبو ته اُتي ئي آهي!

    نوي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ جڏهن سنڌي پريس هڪ نئون رستو وٺي رهي هئي، صحافت ۾ پڙهيل ڳڙهيل نوجوان پروفيشنلزم جي ٿڌي ڇانوري هيٺ داخل ٿي رهيا هئا، تڏهن سالن کان سفر ۾ هلندڙ روايتي صحافتي ڪلچر جي پاڙن هيٺان ٺڪريون کسڪندي محسوس ٿيڻ لڳيون هيون. جڳاڙي ۽ ڀتي خور، اڌ اکري صحافين (جن کي صحافي نه لکجي ته بهتر ٿيندو) جا منهن هيڊا ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. هڪ خبر جون پندرنهن فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڪرائي ”سنگت“ ۾ ورهائڻ وارن کي، جون جي ڪنهن ساڙيندڙ منجھند، يا جنوريءَ جي ڪنهن سرد آڌيءَ رات جو ڪنهن واقعي کي رپورٽ ڪرڻ وارا ”وات ڳاڙها ڇوڪرا“ هڪ اک به نه ڀانئيا هئا ۽ ان کانپوءِ جڳ ڏٺو ته صحافت کي پيشو سمجھي ان ۾ پنهنجي محبت کي ملائي ڇڏيندڙ اهي ئي نوجوان هر انياءَ جا اکين ڏٺا شاهِد بڻجي پنهنجي قلم سان شاهديون ڏيندا رهيا. رياستي ادارن کان وٺي جاگيردارن تائين جي اکين ۾ ڪنهن ٻاٻري ڪنڊي جيان چڀندي، اُهي ”شاهد“ پنهنجي سفر ۾ پوءِ به اڳتي وڌندا رهيا ۽ هڪ ڏينهن اهو به آيو جو ڪنڌ ڪوٽ ۾ لٿل هڪ آڌيءَ رات جو شاهد سومري جي شاهد اکين کي به هميشه لاءِ بند ڪيو ويو. ڄڻ ته فيض جي ٻڌايل ان رسم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته:

    نثار تيري گليون په اي وطن! ڪه جهان
    چلي هي رسم ڪه نه ڪوئي سر اٺاڪي چلي

    سِرُ مٿي کڻي هلندڙن جون ڳچيون ڪڏهن به هيٺ ناهن جھڪنديون ۽ پوءِ اهي يا ته ڪنهن ڦول جيان مروڙجي وينديون آهن يا ڪنهن انب جي ڏارَ جيان ڇانگجي وينديون آهن..... ۽ شاهد سان به ائين ئي ٿيو آهي. جاگيرداري ذهنيت جي بندوقن جون ناليون ڪنهن نه ڪنهن معصوم کي گهائي وجھنديون آهن، انسانيت جون اکيون شرم وچان جھڪي وينديون آهن، پر سندن وٽيل شهپر اڃان به مٿي کڄي ويندا آهن.
    هن سر جي گدلي سينور ۾
    هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ
    ۽ ڪو به چڪور انڌياري ۾
    اڏري ٿو ته دروهي آ!

    شاهد سومري جو ڏوهه ڪهڙو هو، ۽ ان ”ڏوهه“ لاءِ ڪرمنالاجيءَ جا ماهر ڇا ٿا چون؟ اچو ته ان ڳالهه تي سوچڻ ڇڏي ڏيون. ڇو ته اهي ڳالهيون هاڻي سخت ورجاءُ وانگر رهجي وينديون. سردارن جي سردارين جا سوين داستان لکجي به چڪا آهن. ها اچو ته پنهنجن پنهنجن ڪمن ڪارين مان وقت ڪڍي ڪنهن هڪ ٽيبل تي گڏ ٿي شهيد شاهد سومري جي امڙ جي چيل ان جملي تي بحث ڪريون ته: ”جيڪڏهن مون سان انصاف نه ٿيو. ته ايندڙ وقت ۾ ڪا به ماءُ پنهنجي پٽ کي قلم کڻڻ نه ڏيندي!“. ڇا اهو ”بيوس دڙڪو“ هڪ خطرناڪ دڙڪو نه آهي؟ ۽ جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ ڪو به ”شاهد“ پنهنجي قلم سان شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه رهندو ته پاڇيءَ ۾ ڇا وڃي بچندو؟. هڪ ڊگهي اوندهه، جنهن جي ٻئي ڇيڙي جي ڄاڻ ڪنهن وٽ به نه هوندي.
    شاهد جو قافلو روشنيءَ جي لڪير جيان هو جيڪا لڪير اوندهه کي چيريندي ويندي آهي ۽ مڪروهه جاگيرداري سسٽم، روشنيءَ جي لڪير تي پنهنجي بندوقن جا وات کولي ڇڏيا ۽ مونکي وري به اياز جي انهن سِٽُن جو سهارو وٺڻو ٿو پوي ته:

    ٿي وئي آ زنجير، ڇني سگهندين تون؟
    گل ڇني ٿو سگهين، خوشبو ته اتي ئي آهي
    جا سندس وار ڇهي، هير ڇِني سگهندين تون؟
    عشق کان عشقَ جي تصويرَ ڇِني سگهندين تون؟

    مون نه پئي ڄاتو ته شاهد ڪهڙي قسم جو ماڻهو هو، مونکي ته اها خبر به نه آهي ته هو ڪهڙي برانڊ جا سگريٽ پيئندو هو (پيئندو به هو الائي نه) پر اخبار مان گهوريندڙ سندس چمڪندڙ اکيون (جيڪي ايندڙ زمانن ۾ صرف انهيءَ تصويرَ مان ئي گهوري سگهنديون) ٻڌائين ٿيون ته هو ”ڪجهه ٻيو“ ماڻهو هو. هو شاعر به هو. شاعر جيڪي پهريائين پنهنجي غريب دلين کي مارائي وجھندا آهن، پر اها خبر ڪنهن کي هئي ته بعد ۾ ڪو شاعر پاڻ به، هورڙيان هورڙيان ايندڙ سياري جي ڪنهن ٿڌيرڙي رات جو ايئن بي گناهه مارجي به ويندو.
    ايندڙ سياري جي ميرانجھڙين شامن ۾ شهرن جا منظر ڪجهه ٻيو ڏيکُ ته ڏين ٿا. هوائن مان ڪارن، نيرن، ساون، ڳاڙهن ۽ سفيد جھنڊن جي منظر کي هٽئي به ڏينهنَ ٿي ويا، چيٿڙن جهڙا بينر ۽ ڪنهن غريب جي خوابن جهڙا پوسٽر به هڪ هڪ ٿي الائي ڪيڏانهن هوائن ۾ اڏامي ويا ۽ رهجي وئي ته هن ديسَ ۾ صرف اقتداري ايوانن تائين پهچڻ لاءِ جوڙ توڙ ئي رهجي وئي. سادڙن ماڻهن جون نڙيون، مختلف شڪلين ۽ مختلف ذائقن وارن نعرن کي وساري به چڪيون ۽ اهي پنهنجي پنهنجي ٻنين، ڪارخانن ۽ دڪانن جي چڪين ۾ پيسجڻ شروع به ٿي ويا،۽ اهڙي صورتحال ۾ شاهد سومري جون بييباڪ اکيون ڪيترو وقت ڪنهن کي ياد رهي سگهنديون؟
    ”هي جاگيردار جنڊ جا اهي پڙ آهن. جن جي وچ ۾ سموري بيوروڪريسي، سمورا انتظامي ادارا ڪڻڪَ جي داڻن جيان پيسجي وڃن ٿا“. هڪ نوجوان صحافي دوست اداسي ۽ ڪاوڙ جي مليل جليل احساسَ کي سگريٽَ جي دونهين ۾ اڏاريندي چيو. اياز ڪو هروڀرو ته ڪونه چيو هو ته: ”سچ وڏو ڏوهاري آهي!“ ۽ شاهد به ته اهڙي ئي سچ جو ڀاڱو آهي، جنهن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو آهي. خبرن لاءِ خطرن کي کڻي هلندڙ شخص جڏهن پاڻ ”خبر“ بڻجي وڃي ٿو، تڏهن ايئن به ٿئي ٿو. هي هيڏا سارا احتجاج، هي هيڏا سارا مظاهرا، ان محبت جي ثبوت ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا. جيڪا محبت شاهد جي پڙهندڙن، سندس شهر واسين، مٽن مائٽن ۽ دوستن جي دلين ۾ مدفون هئي ۽ جيڪا اوچتو ئي اوچتو احتجاج جي روپَ ۾ ايئن ظاهر ٿي پئي آهي. جيئن ڪنهن آتش فشان جي سيني مان لاوو ظاهر ٿي پوندو آهي. شالَ اِها ”محبت“ پنهنجو ماڳُ ماڻي وَٺي.

    (30 آڪٽوبر 2002ع)


    کجين واري شهرَ جي رَف ڊائري

    اڄ جڏهن پرنٽ ميڊيا کان وٺي سئٽلائيٽ چينلز تائين، مختلف رنگن جي پڳڙين ۽ سونهارين وارا مولوي صاحبان ڇانيل نظر اچي رهيا آهن، تڏهن مون کي اياز جو اهو ٽيڙو ياد اچي رهيو آهي ته: ”آءُ درازا هل، تنهنجا سارا مولوي، منهنجو هِڪُ سَچلُ“. اياز جي انهن سِٽن ياد اچڻ لاءِ سبب ٻيو ڪو هجي نه هجي، پر سچل جو ميلو ضرور آهي، جيڪو رمضان مهيني جي ٺيڪ وچ ڌاري، سنڌ، سنڌ کان ٻاهر ۽ خاص ڪري کجين واري شهر جي ماڻهن جي دلچسپيءَ ۾ شامل ٿي ويندو آهي.
    سچل جي ”هفت زبان شاعر“ هجڻ واري ڳالهه کي پهريون دفعو رد ڏيندڙ، ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ سان انهيءَ معاملي تي علي اڪبر درازيءَ جي جھيڙن کان وٺي، ڪو به تعميري ڪم نه ڪري سگهڻ جي ”خداداد صلاحيت“ رکندڙ ذهنن جي روين کان بيزار ٿي سچل يادگار ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري شپ تان ادل سومري جي ڏنل استعيفيٰ تائين، ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن تي تفصيل سان لکي سگهجي ٿو، پر پاڻ في الحال سچل جي ميلي جي حوالي سان پسمنظر ۾ رهجي ويل ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي خاموش مسڪراهٽ، مرحوم محمد علي حداد جي ماٺيڻي سڀاءَ ۽ هوٽنگ جي ڪري مشهوريون ماڻيندڙ ان مشاعري کي ياد ڪريون ٿا، جنهن جي ميزبانيءَ کي گذريل سال کان ايازگل به اڌ ۾ ڇڏي چڪو آهي. قربان منگيءَ جي اوجاڳن کي ته ڪوئي ڳڻي يا نه ڳڻي پر انهن شاعرن جو ڇا ٿيندو، جن کي تصوف تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ۽ سچل جي درگاهه جي سجاده نشين سخي قبول محمد جي ان فرمائش پريشان ڪري ڇڏيو آهي ته ”سچل ادبي ڪانفرنس“ سچل اڪيڊمي خيرپور بدران درازا ۾ ٿئي؟! (اچو ته گڏجي سچل کي درازن تائين محدود ڪريون ــ هڪ نئون سلوگن).
    رحمت الله ماڃوٺيءَ ڪنهن جاءِ تي سنڌي ادبي سنگت جي ٿورن لفظن ۾ وصف بيان ڪندي چيو ته : ”جِتي سنگت قابل قبول آهي، ادب نه“. سنگت جي مجموعي ڪردار جي حوالي سان رحمت جي ان راءِ سان ڀرپور اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر کجين واري شهر خيرپور ۾ موجود ادبي سنگت جي شاخَ جي هاڻوڪن ڪمن ڪارين کي ڏسي، انهيءَ جي پسمنظر ۾ رحمت جي ڳالهه سترنهن آنا صحيح لڳي ٿي. هيءَ اها شاخَ آهي جنهن کي عمر جي آخري سالن ۾ ڊاڪٽر تنوير ويندي ويندي به ڪائونسلرشپ جو شرف بخشيو..... ۽ کجين جو هي شهر نومبر جي هنن ٿڌڙين شامن ۾ ان تنوير کي اڄ به ساڳي شدت سان ياد ڪري ٿو، جنهن ”پمز“ ۾ پنهنجي آخري علاج دوران ڪنهن خوبصورت ڊاڪٽرياڻيءَ جي طبيعت بابت پڇڻ تي، غالب جو اهو شعر پڙهيو هو ته:

    ان ڪي ديکي سي جو آجاتي هي چهري پي رونق
    وه سمجهتي هين ڪه بيمار ڪا حال اڇا هي

    هي شهر وساري رهيو آهي ڏاڍي بيدرديءَ سان ان شاعر کي، جنهن پنهنجن قطعن ۽ رباعين ۾ هن ئي شهر کي پينٽ ڪري ڇڏيو. هو عمر خيام ته نه هو ۽ نه ئي سندس لاءِ ڪو فٽز جيرالڊ پيدا ٿيڻو آهي، کيس ”اردو ڪا جنازه هي ذرا دهوم سي نڪلي“ جهڙا قطعا لکي ٻوليءَ جي فسادن جي باهه تي لفظن جو گاسليٽ هاري ڇڏيندڙ شاعر جيتري اهميت به ڪانه ملڻي هئي، پر سندس وڇوڙي کي سالُ گذري وڃڻ کان پوءِ به سندس ڪِتابَ جو نه ڇپجڻ ڏکوئيندڙ ضرور آهي. (سخت الزامن هيٺ آيل لطيف يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جي بي حسيءَ جو ذڪر به هِتي ڪجي ته ڇا ڪجي؟ هن ديس جي اجتماعي بي حسي اميد خيرپوريءَ کان وٺي مبين پنائيءَ تائين مسلسل سفر ۾ آهي!)
    کجين واري شهر خيرپور جي تيزاب هاري ساڙيل نياڻي بيلا انصاريءَ جو زخمن سان ڀريل چهرو به هن ڪهاڻيءَ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ لکي ته سگهجي ٿو هڪ الڳ ڪالم انهن ڳوڙهن تي به، جيڪي بيلا جي سڙيل چهري کي ڏسي هِتان جي ضلعي ناظمه نفيسا شاهه جي اکين مان ٽمي پيا، پر شرط اهو آهي ته اهي ڳوڙها ڪنهن ”ناظمه“ جا نه پر ڪنهن هڪ ڀيڻَ جا ٻي ڀيڻَ لاءِ وهايل ڳوڙها هجن. (۽ هاڻ هن شهر جو هڪ تعارف بيلا ۽ جيونتيءَ جا زخمي چهرا به بڻجي چڪو).
    ايم ڪيو ايم جي ماضيءَ واري لساني سياست تي اردوءَ جي شاعرا فهميده رياض جو موقف ڀلي ته تمام متضاد ۽ سنڌين کي ڏکوئيندڙ رهيو هجي. (هاڻي جي خبر نه آهي ته سندس موقف ڇا آهي) پر پوءِ به کجين واري شهر ۾ هڪ اين جي او جي تڪڙي سڏ تي فهميده رياض جي مانَ ۾ ڪرايل مشاعري ۾ چڱا ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا. اياز جي شاعريءَ جو منظوم اردو ترجمو ڪندڙ فهميده رياض پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان مانُ ماڻي ٿي.
    خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي عروج ۽ زوال جو ذڪر ته تفصيل سان ”ڪي ٽي اين“ ڪَري به چُڪي پر پاڻ جيڪڏهن ريڊيو خيرپور تي نظر وجھون ته اتي اسان کي گلاسز جي پويان سوچيندڙ اکين وارو، گهڻو پڙهيل ۽ ٿورو لکيل اسٽيشن ڊائريڪٽر به ملي ٿو. ڀانت ڀانت جون ٻوليون ٻوليندڙن جي گهيري ۾ آيل، زندگين ۾ گهڙي آيل loudness کان الرجڪ، هي شخص به ريڊيو خيرپور کي الائي ڇا ڇا بڻائي ڇڏڻ جا خوابَ پنهنجي اکين ۾ رکي ٿو پر اياز چواڻي: ”خواب هجن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي!“.
    آزاد خوابن جي پٺيان ڊوڙندڙ هن شهر جي ماڻهن جون اکيون ان سج جي اڀرڻ جي انتظار ۾ آهن، جيڪو سج پنج گولي تي واقع ”سچل ٽاور“ جي مٿان پنهنجي پوري روشنيءَ سان چمڪي کين رنگين خواب آڇي، ڪوٽڏجيءَ جي پهاڙين جي پويان الوپ ٿي ويندو.

    (6 نومبر 2002ع)


    چنڊُ ڳَليءَ ۾ چَمڪي ٿو

    مسئلو اهو به ناهي ته سچل کي ياد ڪرڻ لاءِ هر سال ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس خيرپور ۾ ئي ٿئي يا درازا ۾. مسئلو انهن سياستن جو آهي، جيڪي سچل جي نالي تي چمڪي اٿن ٿيون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي دم ٽوڙي ٿيون وجھن. سچل جي فڪر جو فڪر به ساريو پيو آهي. مسئلو انهن شهرتن جو آهي، جيڪي سچل جي سايي ۾ هلن ٿيون ۽ جن کي پاڻ ڏانهن سورڻ جا سانباها ٿين ٿا. ڀلا اِهو ڪٿي لکيل آهي ته سچل صرف درازن ۾ ئي ٿو وسي؟! سچل جو مسڪن اها سچل اڪيڊمي به ڪانه آهي، جيڪا گذريل سترنهن سالن کان اڄوڪي ڏينهنَ تي ٻهڪي پوندي آهي. سچل ان ”چيئر“ ۾ به ڪونه ٿو رهي، جنهن جي ”چيئر“ جي چوڌاري ڦيريون پائيندي ”ميوزيڪل چيئر“ گيم کيڏي وئي. ميرواهه جي ڪناري تي ٽالهيءَ جي گهاٽن وڻن کي گهوريندڙ، شاعري ۽ مڌ سان رلي ملي ويندڙ اهو شاعر ته انهيءَ گيم مان اٿندي ئي پاڻَ هرتو ”ساري“ چئي آئوٽ ٿي ويو ۽ پوئِتي سڀ سچل کي ڳوليندي رهجي ويا هئا. ”سخيءَ“ جون سخاوتون کانئس هڪ الڳ ديڳڙي چاڙهائين ٿيون. (انهيءَ ڪُنيءَ تي ڪوئي سوچي ئي نه ٿو جنهن جو ڍڪ سچل لاٿو هو). ڏيڍ سر جون مسجدون جوڙڻ ڄڻ ته اسان جي فطرتن ۾ سمائجي ويو آهي. پر سچل کي ڪٿي ڳولجي؟!

    مئن تان اِڪ خيال هان، ملسان نال خيال دي!

    ڀلا ان سچل کي سرن ۽ سيمنٽ ۾ قيد ڪجي به ته ڪيئن ڪجي، جيڪو پاڻ عشق جي اتاهين منبر تي بيهي اهو اعلان ٿو ڪري ته:

    بندرا بن مين بيٺڪ ميري
    رمز سچل دي الٽ اريڙي
    گنگا جمنا وچ شنان
    نانڪ لڇمن ميرا نام

    1991ع ۾ سچل اڪيڊميءَ ۾ ئي مرحوم فقير محمد لاشاريءَ سچل ادبي ڪانفرنس ۾ اهو سوال پڇيو هو ته: ”ڪلنگيءَ وارو ڪير؟“. گيڙو رتن فقيرن کي سرڪاري اهلڪارن جي اڳيان ”ڪلنگي والڙا يار، جيوين لک ٿيوين“ ڳائيندي ڏسي، فقير محمد لاشاري هڪ عجيب ڪاوڙ ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ پوءِ ٻڌائي ٿو ته اهي ”ڪلنگيءَ وارا“ معاشري جا بالادست طبقا ۽ رياستي ادارن جا مالڪ بلڪل به نه آهن، ”ڪلنگيءَ وارا“ ته اهي آهن، جيڪي عشق ۽ سرمستيءَ جي ڪيفيتن ۾ سرشار آهن ۽ انهن کي سچل اها دعا ٿو ڪري ته: ”جيوين، لک ٿيوين“...... ۽ اياز جو اهو سوال به ٺيڪ ان وقت ياد اچي ٿو سگهي ته:

    سچل، سچل ٿو ڪرين، سهندين سچل چَٻ؟
    ريٽي تنهنجي رٻ، ٻاٽي جنهن اونڌي ڪئي

    ۽ پوءِ اياز ايئن به چيو هو ته:

    سارو عرش منور آهي
    چنڊ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو
    دور ڀٽائيءَ جي بستيءَ ۾
    سچل پنهنجي سرمستيءَ ۾
    بيٺو مون کي تاڙي ٿو

    عشق، سچل وٽ اچي هڪ عجيب ”فنا مينا“ بڻجي وڃي ٿو. عشق لاءِ سچل جي ڪيل اها ڳالهه ڪيڏي نه مختلف، ڪيڏي نه اڇوتي آهي ته:

    ايمان سلامت هر ڪوئي منگي
    اسان عشق سلامت منگي

    عشق جي سلامتيءَ جي آرزوءَ جي ڪيفيت کي اُهي دليون ئي محسوس ڪَري سگهن ٿيون، جيڪي عشق جي آويءَ مان پَچي راس ٿي نڪيتون هجن. ڇا ”سچو! عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هوويس ڏاڙهي“ واري سِٽ عشقَ جي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيندڙ ڪنهن الهڙ نوجوان کي ”عشق“ جي Defination طور نه ٿي پڙهائي سگهجي؟. ڪنهن نيٽ ڪيفي ۾ ويهي پنهنجي ناراض محبوبا ڏانهن اي ميل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٽين ايج عاشق لاءِ سچل جي ان سِٽَ کان وڌيڪَ ڪهڙو پيغام ٿي سگهي ٿو ته:
    ”توسان منهنجي سهڻل سائين! رهجي اَچي شَلَ!“

    ۽ اڃان به جيڪڏهن محبوب جي ناراضگيءَ جا ڪڪر هيڏانهن هوڏانهن نه ٿين ته آخر ۾ سڀئي هٿيار ڦٽا ڪري کيس اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته:

    ”جوڙ جتيءَ جا ناهيون، عاشق ڪيئن سڏايون؟“

    سچل وٽ فراريت جو رستو به ناهي، هُو ”مرد ٿئين مردانو“ واري صلاح هڻي ٿو. عشق جهڙو انوکو ڪَمُ، سچل نروار ٿي ڪرڻ لاءِ چئي ٿو. سچل وٽ ”پٺئين ڄَڃ مَ ڄُل“ واري سنئين سڌي ۽ کَري ڳالهه آهي. عشق ڪنهن به اٽڪل بازيءَ جو نانءُ نه آهي، هِتي سڌي ڳالهه هُجي ٿي. هِنَ رستي ۾ ڪنهن به ور وڪڙ جو ذڪر نه ٿو ملي. سچل برهه جي ان بات کي غورَ سان ٻڌڻ لاءِ چئي ٿو، جيڪا بات ”عجب جيهي“ هجي ٿي.
    سچل عشق جي پنڌ کي سجايو سڏي ٿو ۽ ٻين سڀني خَفن کي اجايو ٿو سمجھي. اهي سڀ گورک ڌنڌا جن ۾ عشق جي Involvement نه ٿي هجي، بيڪار هُجن ٿا. انهن جو ڪوئي ماڳُ نه ٿو هجي. عشقَ جو پنڌُ ئي اُهو پنڌ هُجي ٿو، جنهن جي پُڄاڻي ڪنهن ماڳَ تي ٿئي ٿي.

    سچل عشق دا پنڌ سجايا، ٻيا سڀ پنڌ اجايا

    عشق اها آرسي بڻجي پوي ٿو، جنهن ۾ هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي دلين جا جرڪندڙ چهرا پَسي سگهي ٿو ۽ انهيءَ آرسيءَ جا سمورا رنگَ ۽ ترنگ ڪجهه اؤر هجن ٿا.
    سچل کي مصلحتن جي ملبي هيٺان دٻائي ڇڏڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. سچل اهو سج آهي، جنهن کي خسيس مَفادن جي کاري هيٺان لڪائي ئي نه ٿو سگهجي. سچل جي پنڌَ کي پنهنجو ڪندڙن کي رسمن ۽ رواجن کي ٽوڙڻو ئي پوندو. عهدا ۽ ڪرسيون ته ان ڌوڙ جهڙا به نه آهن، جيڪا ڌوڙ ڪلنگيءَ وارن جي پنڌَ ۾ سندن پيرن جي پويان اڏامي ٿي. اهي ڪلنگيءَ وارا جن کي سچل سائينءَ اها ٻاجھاري دعا ڪئي آهي ته:
    ”جيوين، لک ٿيوين!“

    (21 نومبر 2002ع)


    عيد جون خوشيون ۽ ڊسمبر جو غَم!

    ڊسمبر جو مهينو ڏاڍو اُداس ڪري ڇڏيندڙ هوندو آهي. سمورو سالُ پنهنجي ڀرپور رنگن جي سفر کي هن مهيني جي ماڳَ وٽ پهچي ختم ڪري وجھندو آهي. موڪلاڻيءَ جي مهل به ماري ڇڏيندڙ هوندي آهي. پوءِ اها مهل ڪنهن ايئرپورٽ تي اچي وڃي يا ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي، ڪنهن دروازي جي چائنٺ وٽ اچي وڃي يا ڪنهن قبرستان جي پراسرار ماحولَ ۾.
    ....... ۽ هي مهينو به جيڪو پنهنجي سفرَ جون شروعاتي وکون کڻي رهيو آهي، ڄڻ ته موڪلاڻيءَ جي مهل جهڙو ئي ماري وجھندڙ مهينو آهي، جيڪو پنهنجي پس منظر ۾ لڙڪن سان ڀريل ڊائريون، يادن جا مروٽيل ٽِشو پيپر ۽ ديوارن تي اجاڙ ڪئليندڙ ئي ڇڏي، الائي ڪاڏي هوائن ۾ تحليل ٿي وڃڻو آهي.
    ڊسمبر شاعرن جو پسنديده مهينو رهندو آيو آهي، شايد ان ڪري به ته شاعِرَ هروڀرو جي غمگينيءَ کي پسند ڪندا آهن، ۽ هن مهيني جون سُرمئي شامون ۽ ٺريل راتيون کين اها غمگيني وافر مقدار ۾ مهيا ڪري ڏينديون آهن. ڊسمبر جي ڪنهن اڪيلي شامَ جو سمنڊ جي ڪناري ڪناري هلندي ڪنهن ٿڌي سگريٽَ سان ڪچهريون ڪرڻ کان وٺي ڪنهن سنسان ڪافي شاپ جي ڪنڊائِتي ٽيبل تي ويهي کير کان بغير ڪافي سپ ڪرڻ تائين، رات جو دير دير تائين ڪنهن خانه بدوش شاعر جي نظمن جي ڪِتاب کي پڙهڻ کان وٺي، صبح جو دير تائين ننڊ جي نيري نديءَ ۾ ٻڏل رهڻ تائين جهڙا مزيدار ڪم، ڀلا ڊسمبر کان وڌيڪَ ٻي ڪهڙي مهيني ۾ ڪَري سگهجن ٿا؟!
    هن ئي مهيني ڊسمبر جهڙي هڪ مهيني جي ڳهريل شامَ جو رولاڪ شاعِر غزل جون ٻَه سِٽون لکيون هيون ته:

    ٺري جون ٻاٽليون اکڙيون سجائي ٿا ڇڏيو جانان!
    ڊسمبر جو مهينو آ سنجھي سان ٿا سڏيو جانان!

    مگر اهڙيون شامون تمام گهٽ ئي اينديون آهن. اڪثر ڊسمبر جون راتيون انتظار جي سرءُ ۾ پن پن تي ڇڻندي ئي گذري وينديون آهن ۽ راتيون برف واگر ڳرندي ئي گذري وينديون آهن. ڊسمبر جا ڏينهن، شامون ۽ راتيون پراڻي ڊائريءَ جا اهي صفحا بڻجي ويندا آهن، جن تي ويندڙ سال خاموشيءَ سان هڪ طويل نوحو لکندو ويندو آهي، اهو نوحو جيڪو نئين سالَ جي شور ۽ هنگامن ۾ سڀني کان وسري ويندو آهي ۽ سڀ پنهنجي چهري تي مسڪراهٽ جو نئون اسٽيڪر چنبڙائي، کلڻ، ٽهڪ ڏيڻ ۽ اڻ ڄاتل ماڳَ ڏانهن ڊوڙڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن. هو کلندا رهندا آهن، ڊوڙندا رهندا آهن ۽ سَڄو سال سهڪندا رهندا آهن ۽ آخر ۾ هڪ نئين ڊسمبر جي پيرن ۾ اَچي منهن ڀر ڪرندا آهن.
    ويندڙ سالَ جو غم ۽ عيدَ جون خوشيون ڪجهه سالن کان هن ديس ۾ گڏجي اچن ٿيون، پر جِتي سڀني ڏينهن جون شڪليون هڪ جهڙيون ٿي وڃن اُتي عيدَ جو ڏينهن به عام ڏينهن وانگر ئي گذري وڃي ٿو.
    ”مونکي اُهو به محسوس ٿيو آهي ته مان روزو به نٿو رکي سگهان، کائڻ پيئڻ ۽ ڳالهائڻ جو روزو مون کان زور آهي، ۽ عيدون، عيدون ته انهن لاءِ اينديون آهن، جيڪي روزا رکندا آهن، پوءِ عيدَ جو اوسيئڙو ڇو ڪجي؟ نوان ڪپڙا ڇو خريد ڪجن؟“ (بي رنگ ڊائريءَ مان کنيل سٽون).
    اها عيد ئي ته آهي، جنهن جي خوشين کي celebrate ڪرڻ جي خواهش کڻي بنگلاديش جي شهر ”گائجاندا“ جا پنجاهه ماڻهو زندگي وڃائي ٿا ويهن، هي اهي ماڻهو هجن ٿا جيڪي ”خوشي“ ۽ ”خَريد“ کيafford نٿا ڪري سگهن. (زندگي ڪنهن ٻي جاءِ تي آهي. ميلان ڪنڊيرا جي هڪ سٽ)
    نئين سال ۽ عيد جي مُبارڪن جا ڪارڊ خريد ڪرڻ ۽ انهن کي دوستن ڏانهن موڪلڻ جو به عجيب مزو ٿئي ٿو، پر الائي ڇو سالن کان انهيءَ روايت کي جاري رکيون ايندڙ ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ ۾ سول انجنيئر جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ اهو نوجوان هن ڊسمبر جي پهرئين ڏينهن تي عيد ۽ نئين سالَ جا خريد ڪيل wishing card اهو چئي ضايع ٿو ڪري ڇڏي ته: ”ڪهڙيون عيدون ۽ ڪهڙا نوان سال يار!؟ ڪو فائدو ناهي“.
    ڪراچيءَ جي هڪ پوش علائقي ۾ رهندڙ نوجوان مختلف شهرن ۾ رهندڙ دوستن کي فون ڪري دعوت ٿو ڏئي ته: ”اچو ته هِتي ايڪٽيهين ڊسمبر جي شامَ جو گڏجي، ويندڙ سال جي غم کي celebrate ڪريون“.
    ايندڙ سال جي خوشيءَ کي ملهائِڻَ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، سال جي آخري شآمَ کان پوءِ گهڙيءَ جي ڪانٽن جي ٻارنهن جي انگن کي ڇهڻ سان، شهر جيڪڏهن ڌماڪن، ٽهڪن ۽ گلاسن جي ٽڪرائڻ ۾ ٻڏي وڃي ٿو ته ڪهڙي نئين ڳالهه ٿي؟! ويندڙ سالَ جي آخري سِجَ کي هڪ پراسرار خاموش اڪيلائيءَ جي ساٿَ ۾ الوداع ڪرڻ جي پريڪٽس جو مزو به بهرحال وٺڻ گهرجي.
    ڊسمبر جي مهيني ۾ نمڪين پستن ۽ سائي چانهه کي تمام گهڻو پسند ڪندڙ نيرين اکين واري ڇوڪريءَ کي ياد ڪري نئين سگريٽ ۽ نئين نظم کي دُکائي ڇڏيندڙ هو نوجوان شاعر چوي ٿو: ”ڊسمبر ايترو به اُداس نه هوندو هيو. ايستائين، جيستائين هن اسان کان اياز نه کسي ورتو“..... ۽ پوءِ هو اياز جي سِٽن ”ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ، توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون“ کي پنهنجي غم ۾ ٻوڙي جھونگارڻ لڳي ٿو ۽ ڪجهه سال اڳ ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي لٿل ان ڊسمبر جي صبح کي ياد ڪرڻ لڳي ٿو. جڏهن ڪئميرائن جي فليشن جي چمڪاٽن ۾ سندس محبوب شاعر مٽيءَ جي حوالي ٿي رهيو هو ۽ هو ڀٽائيءَ جي پيرانديءَ سڏڪي رهيو هو. ”ڊسمبر ڏاڍو ظالم آهي!“ هو اياز جون سٽون جھونگارڻ کان پوءِ هڪ ڊگهو ساهه کڻي پنهنجي ڳالهه کي ڪلائيميڪس تائين پهچائي ٿو. کيس غم ته الائي ڪهڙو به آهي، پر اياز جي وڇوڙي جو بهانو سندس غمناڪ لهجي کي اڃان به ڳورو ڪري ٿو ڇڏي. دوست سندس ڊائريءَ ۾ نارائڻ شيام جون اهي سٽون پڙهي ٿا وٺن ته:

    ڪنهن جي ڌيان ۾ محو هئينءَ ۽ اهڙو ڌيان ۾ محو هئينءَ
    آيو ڪونه نِگاهه ۾ تنهنجي ويهي ڪير اُٿيئه ڀر مان!

    ڊسمبر مهيني جي ڪنهن تاريخ واري صفحي تي اهو شعر پڙهڻ کان پوءِ جڏهن هو ڊسمبر جي ئي هڪ ٻي صفحي تي پهچن ٿا ته کين وري به شيام جو ئي شعر نظر ٿو اچي.

    هزارين دفعا شيام ڪنهن سان ملي
    اڃا تائين آهي نه ٿي ڏيٺ ويٺ!

    ڪراچي يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ ماسٽرس جي ڊگريءَ کي اڌ ۾ ئي ڇڏيندڙ هو لاڙي نوجوان، ان ڊسمبر کي پنهنجي زندگيءَ جو نه وسرندڙ ۽ سڀ کان اهم ڊسمبر چئي ٿو، جنهن ڊسمبر ۾ ايندڙ سياري جي موڪلن کان هڪ ڏينهن اڳ واري ڏينهن تي سندس اردو ڳالهائيندڙ ڪلاس فيلو ڇوڪريءَ کيس پنهنجي هٿن سان اڻيل سئيٽر ۽ شاديءَ جو ڪارڊ ڏئي وئي هئي. ڊسمبر جو اهو ڏينهن ڇوڪريءَ لاءِ يونيورسٽي ۾ آخري ڏينهن ته هيو ئي پر ان کان پوءِ هو به اُتي وڌيڪَ پڙهي نه سگهيو هو.
    عيد جي خوشي ۽ ڊسمبر جي غم کي جيڪڏهن پاڻ ۾ ملائي ڇڏجي ته ڪهڙو نئون ذائقو ٺهندو؟! ان سوال جو جواب اوهان کي هيءُ ڪالم پڙهڻ کان پوءِ ڏيڻو آهي!!

    (ڊسمبر 2002ع)


    زخم ڇو سدائين نوان ئي رَهن ٿا!؟

    هاڻي ته صبح جو سوير چانهه جي ڪوپ سان گڏ اخبار کڻڻ سان به هڪ عجيب ۽ اڻ ڄاتو خوف وڪوڙي وڃي ٿو. اخباري ڪالم هر نئين ڏينهن نوان زخم پنهنجي جسم تي سجائي پڙهندڙن جي هٿن ۾ اچن ٿا. هر نئين ڏينهن نوان مسئلا، نوان احتجاجَ.
    نئون سالُ پنهنجو پاڻ سان ڪا به نئين ڳالهه ڪونه ٿو آڻي. جي آڻي ٿو ته نوان سور ئي آڻي ٿو. شاعر جي انهن سٽن وانگر ته:

    جھونا ٿيا جو جوتا ته ڪنڊ ۾ رکيا هن
    لباس پُراڻو ٿي بدلجي وڃي ٿو

    زخم ڇو سدائين نوان ئي رهن ٿا!؟

    جڏهن سڄو سماج بي حسيءَ جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهجي وڃي، تڏهن سڀئي احتجاج پنهنجي اهميت وڃائي ويهن ٿا. آگاڻيءَ جي رُقيه جون خبرون چارون ڪٿي آهن؟، بلڪل ايئن سنڌُ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي عابده به ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سڀني کان وسري وڃڻي آهي.
    اسان سڀ هڪ اهڙي سماج جا ڀاڱا آهيون، جنهن جي orientation اهڙن ته ذليل بنيادن تي ٿيل آهي، جو انهن جي تصور سان ئي مٿن ٿوڪارڻ تي دل چوندي آهي. جڏهن لاڙڪاڻي جو نوجوان پنهنجي ٻارڙن جي اسڪول جي في نه پياري سگهڻ جي ڪري guilt جي احساس هيٺان دٻجي پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تڏهن ان خبر تي پريشان نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن ئي ديس ۾ پنهنجن ٻارڙن کي هڪ وقت جي ماني نه ڏئي سگهڻ جي ڪري کين ماري ڇڏڻ جا قدم به کڄي چڪا آهن.
    مڃيوسين ته خودڪشي مسئلن جو حل بلڪل به نه آهي، پر هي بي حس سماج هر ٻئي شخص کي خطرناڪ بيپرواهيءَ سان انهيءَ عمل ڏانهن ئي ڌڪي رهيو آهي. مڃون ٿا ته خودڪشيءَ کي احتجاج جو آخري روپ سڏيندڙن جي Justification ڪنهن به طرح صحيح نه آهي، پر انهن احتجاجن جو ڇا ٿيندو، جيڪي احتجاج ”مهذب احتجاج“ هجن ٿا، پر پوءِ به بي حسيءَ جي بارَ هيٺان دٻجي وڃن ٿا.
    روزگار لاءِ احتجاج، پگهارن جي بحاليءَ لاءِ احتجاج، پاڻيءَ لاءِ احتجاج، قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج، جنگي جنون خلاف احتجاج، پوليس ۽ رياستي ادارن جي ظلمن خلاف احتجاج، نياڻين جي عزتن تي حملن خلاف احتجاج ـــ اهي سڀ احتجاج پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي ٿا رهن. (سڻڀين وزارتن کي نه ماڻي سگهڻ کانپوءِ ”چونڊيل نمائندن“ جا احتجاج هڪ الڳ ڪهاڻي آهن)........ ۽ هن ديس جو بيوس عوام سڀني احتجاجن جي بي معنيٰ ٿي وڃڻ کانپوءِ آخر ۾ ٿڪجي هارجي، خار خار رستن تي هلندي، پنهنجي زندگين کي تار تار ڪري وجھڻ کانپوءِ انهيءَ معصوم مطالبي تي اچي بيهي ٿو رهي ته:



    اسان کي ٻيو ڪجهه به نه ٿو گهرجي
    بس ٿورڙو آسمان ڏئي ڇڏيو
    ايترو جيترو اسان جي اکين ۾ سمائجي سگهي
    اسان کي ٿورڙي هوا به گهرجي
    ته جيئن اسان جو ساهه ٻوساٽجي نه وڃي
    اسان کي ٿورڙي زمين به گهرجي
    ته جيئن اسان آسانيءَ سان
    آوارگيءَ جو مزو وٺي سگهون
    سياري ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ
    گرم لباس جو تصور ئي ڪافي آهي
    گهر؛ انسان جو اصل گهر ته قبر آهي
    (انهيءَ جملي ۾ به ڪا نه ڪا حڪمت ضرور هوندي)

    مگر پوءِ به
    آسمان، هوا ۽ زمين جي باري ۾ ڪيل
    اسان جي مطالبي تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي

    اسان جي هڪ شاعر دوست کي ڪجهه ڏينهن کان انهيءَ پريشانيءَ اچي منجھايو آهي ته، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، مون وٽ روپ نه ڪو ٻهروپ الا“ جهڙيون سون جهڙيون سِٽون سرجيندڙ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي شاعر نياز همايونيءَ جي آخري سفر ۾ سنڌ جا ”وڏا اديب“ شريڪ ڇو نه ٿيا؟ اول ته هو ايترا ڏينهن گذري وڃڻ کان پوءِ به مون کي ”وڏي اديبَ“ جي definition ٻڌائي ناهي سگهيو ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن ۾ هو اها ڳالهه واضح ڪري به ويو، ته مان کيس اهو ئي ٻڌائي سگهندس ته؛ ”دامن صحرا“ جهڙي هن سماج جي ”بي حسي“ اڄڪلهه پنهنجي پوري جوانيءَ تي آهي، انهيءَ ڪري هروڀرو جي پريشاني پنهنجي سر تي کڻڻ جي ضرورت ئي نه آهي!!
    گذري ويل سال جي ٽيهين ڏينهن جي شامَ جو جڏهن اسان ڪجهه دوست سکر ۾ ايازگل جي ننڍڙي خوبصورت ڊرائنگ روم ۾ ساڻس گڏ چانهه پي رهيا هئاسين ۽ سندس ئي ڪئميرا جي اک سان محفوظ ڪيل انهن ماڳن جون تصويرون ڏسي رهيا هئاسين، جن کي وقت پنهنجي بي حسيءَ هٿان تباهه ڪري رهيو آهي، تڏهن سکر، خيرپور ۽ ان جي آس پاس واقع تاريخي جاين جي جھرندڙ حالت ڏسي، اسان پريشان ٿي ويا هئاسين. ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي جي ڀرندڙ ديوارن جي دردَ کي تصويرن جي آئيني ۾ ڏسي منهنجو خيال وري به اُتي ئي اچي بيهي رهيو هو ته: ”هن سماج جي بي حسي اڄڪلهه پنهنجي پوري جوانيءَ تي آهي“.
    اڄ جڏهن انعام شيخ سنڌ جي اديب جي فريز ٿي ويل ڪردار تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪري ٿو، تڏهن ”ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم“ کان وٺي پنهنجي ئي ذات جي چوڌاري ليڪيل دائري ۾ ڦيريون پائيندڙ اسان جي اديبن جي ڪردار تي به بحث ٿيڻ گهرجي.
    هن ديس جي آسمان تي پنهنجي پوري توانائيءَ سان تاڻجي ويل اجتماعي بي حسيءَ جي مضبوط ۽ گهاٽي غلاف کي چاڪ ڪرڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي. هن ديس جي مستقبل جي مستقبل تي اثر انداز ٿيندڙ قومي اشوز تي سوچڻ لاءِ به هن کان وڌيڪَ ڪهڙو پرائيم ٽائيم ٿي سگهي ٿو؟!

    ڪيئن نه ”امداد !“ سنڌ جي نالي
    کوٽيون ٿي ويون کريون يارو!

    هن ديس جي سموري ڏاهپ ڪهڙي ڪم جي؟ جيڪڏهن اها درد منديءَ جي هن ديس جي هيڻي حالت ۾ ڪنهن دارونءَ کي ڳولي نه سگهي ۽ جيڪڏهن هي نئون سالُ به پنهنجي دامن ۾ ساڳيا پُراڻا سُورَ ميڙيندي گذري ويو ته پوءِ هر ايندڙ سال ايئن ئي اسان جي حالن کي اڃان به وڌيڪَ بدحال ڪندي ئي گذرندو رهندو.

    (13 جنوري 2003ع)


    هر ڏينهن محبت جو عالمي ڏينهن هُجي!

    ڪالهه چوڏهين فيبروَريءَ جو ڏينهن هو، محبت جو عالمي ڏينهن. پر مان ان ڳالهه جي ڳهريل گهٽيءَ مان ، گذرندي ان موڙ وٽ پهچي، بيهي ٿو رهان ته، ”ڇا محبت کي سال جي هڪ مخصوص ڏينهن جي گذّرندڙ گهڙين جي فريم ۾ قيد به ڪري سگهجي ٿو؟“...... ۽ مون کي جواب ”نه بلڪل نه“ جي هلڪي، مڌم پڙاڏي ۾ گونجندي ملي ٿو. محبت کي مخصوص ڏينهن جي گهڙين ۾ قيد ڪري ئي نه ٿو سگهجي. ان جي ڊيگهه ۽ ويڪر يا ته جنمن تي محيط هجي ٿي يا وَري لمحن ۾، ۽ اهي لمحا هِڪَ نهار جيترا به ٿي سگهن ٿا ته هڪ ٿڌي ساهه جيترا به.
    ڪالهه هر اهو ماڻهو ضرور پريشان رهيو هوندو، جنهن کي اها خبر هوندي ته دنيا اڄ ”محبت جو ڏينهن“ ملهائي رهي آهي. ڪيترن ئي نوجوانن جون آڱريون ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي ڪائي love-mail موڪليندي موڪليندي رهجي ويون هونديون، ڪيترن جي آواز ٽيليفون تي ساٿ ڇڏي ڏنو هوندو ۽ ٻئي طرف کان چوڙين جي جهنڪار جهڙو آواز صرف ”هيلو هيلو“ ڪندي ئي رهجي ويو هوندو. سڄي سالَ جي انتظار کان پوءِ، انهيءَ ڏينهن لاءِ ورتل ”ويلنٽائن ڪارڊ“ سڄي ڏينهن جي اضطراب ۽ ڪشمڪش کان پوءِ ڀريل اکين سان ضايع ٿي وَيا هوندا ۽ ٽڙيل جذبن جهڙا ڪيترائي رنگين گلدستا پنهنجي ماڳ نه پهچي سگهڻ کان پوءِ، شامَ جو پتيون پتيون ٿي ڪنهن ڊسٽ بن ۾ اونڌي منهن ڪريا هوندا. انهن سڀني ڪيفيتن تي سوچڻ کان پوءِ مان وري ان خيال جي کليل کڙڪيءَ آڏو بيهي، هڪ ڊگھي ٿڌي ساههَ سان سوچيان ٿو ته: ”ڇا محبت جي احساسَ کي ڪميونيڪيٽ ڪرڻ لاءِ، ڪمپيوٽر، ٽيليفون، ڪارڊ يا گلدستي نالي ڪنهن ميڊيم جي ضرورت هوندي به آهي ڇا؟“ ۽ مون کي هڪ دفعو ٻيهر جواب، ”نه....... بلڪل نه“ جي هلڪي، مڌم پڙاڏي ۾ ئي گونجندي ملي ٿو.
    مون جڏهن پهريون دفعو ”ڪافڪا“ جي اها سٽ پڙهي هئي، جيڪا هن پنهنجي محبوبا ”ملينا“ کي هڪ خط ۾ لکي هئي ته، ”تون مون سان پيار ٿورئي ٿي ڪرين، تنهنجي پيار کي منهنجي پيارَ سان پيار ٿي ويو آهي“، تڏهن مان حيرانيءَ جي نه کٽندڙ جزيري ۾ اچي ويو هئس.
    پيار جي انهيءَ نفيس ڪيفيت کي ڪنهن دل جي هزارين سالن تي پکڙيل اڪيلائي ئي محسوس ڪري سگهي ٿي. پيار، هوا، پاڻي، مٽي ۽ باهه جهڙو ڪوئي مادو به ته نه آهي. جنهن جي لاءِ ڪوئي ڪيميائي فارمولو جوڙي سگهجي. جنهن کي مختلف ائٽمن ۾ ورهائي سگهجي، جنهن لاءِ ڪا وصف متعين ڪئي وڃي...... ۽ اها ڳالهه ”ڪيمسٽريءَ وارن“ کي به سمجھه ۾ ڪونه ايندي!!، پيار جي ڪيمسٽري ئي الڳ هجي ٿي، ۽ نارائڻ شيام جي لفظن ۾، دل جا دليل ئي پنهنجا هوندا آهن، پر پوءِ به اها ڳالهه طئي آهي ته پيار، هوا، پاڻي، مٽي ۽ باهه جيترو ئي اهم هجي ٿو. پيار ۾ ”ملڻ“ ۽ ”نه ملي سگهڻ“ وارو مسئلو الڳ آهي ۽ انهيءَ تي کوڙ سارا بحث به ٿي چڪا آهن (۽ پاڻ وٽ اهڙن بحثن ۾ الجھڻ ۽ اٽڪڻ جي اهليت ۽ صلاحيت آهي به ڪونه) پر پوءِ به الائي ڇو لطيف جي سِٽَ ”من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي“ ساهه کي ويجھڙي ويجھڙي ٿي لڳي. ڪٿي ايئن ته ناهي ته نه ملي سگهڻ واري حالت ۾ پيار جو ٽڙيل گلاب، سدائين ٽڙيل ئي رهي ٿو ۽ ملي پوڻ کان پوءِ اُهو آهستي آهستي پنهنجي جواني ۽ پنهنجو نِکار هر ايندڙ پل سان گڏ وڃائيندو ئي رهي ٿو؟
    چون ٿا ته محبت دنيا مان ناياب ٿيندي پئي وڃي. استاد منظور علي خان جي اها جھونگار ته ڪافي سال اڳ ٿي ڪنن تي پئي هئي ته: ”محبت لڏي وئي ملڪ مان“.... ۽ محبت کي ”مرده گلن جي سمفني“ سڏيندڙ مظهر الاسلام به ته محبت کي بچائي وجھڻ جي جهادَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ اتساهيندو رهي ٿو. محبت، جيڪا هن ديس ۾ پنهنجي کل بچائڻ جي جتن ۾ جنبيل هجي ٿي، محبت جيڪا ڪهاڙين جي پاڇي ۾ پلجي ٿي ۽ محبت جنهن کي اوچتو ۽ بنان ڪنهن اطلاع جي گولين مان ڪڍيو وڃي ٿو.
    اسان جي هڪ دوست هنن ئي صفحن ۾ ڪجهه مهينا اڳ لکيو هو ته، ”محبت بد دعا ناهي!“. مڃون ٿا ته محبت بددعا ناهي پر پوءِ به اُها ماري ضرور ٿي وجھي. پر ايئن به آهي ته اهو ”مرڻ“ وري ”جيئڻ“ جو ٻيو روپ به ٿي سگهي ٿو. حسن درس جون اهي سٽون مان اڪثر ورجائيندو رهندو آهيان ته:

    عشق جي ڪرنفل مان قطرا ٿي
    آدمي ڪيئن ٿو عرق ٿئي ڏسجان!

    يا وري حسن جون ئي اهي سٽون ته:

    لڳي وئي لاڙ سان آ لنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون؟!
    اسان کي عشق سارين جيئن، ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو

    اڄوڪي سنڌ جي صورتحال ۾ جِتي جوانيون هر ٻئي موڙ تي خودڪشيءَ جي خيالن سان ئي وڃي ملن ٿيون، اُتي محبت جي ٿڌي ڇانوَ هيٺان اچي زندگيءَ جي لاءِ ڪائي معنيٰ نه ٿي ڳولي سگهجي!؟ محبت جو اهو روپ نه ٿو ماڻي سگهجي، جيڪو روپ ”ٺاهي ڇڏڻ“ جي طاقت رکندو هُجي. جيڪو روپ دُعا جهڙو روپُ هُجي. ڪبير ڪيڏي نه سهڻي ڳالهه ڪئي هئي ته:


    ڪبيرا پيالا پريم ڪا انتر ايسا لگائي
    روم روم مين رم ريا اور امل ڪيا کائي

    ”ڪبيرا مون ته محبت جو پيالو ئي دل سان لڳائي ڇڏيو آهي. هاڻ لونءَ لونءَ ۾ اهو ئي سمائجي ويو آهي. مان ٻيو ڪوئي نشو ڇو ڪريان؟“
    ڳالهه محبت جي عالمي ڏينهن تان شروع ٿي ۽ جهڙي طرح محبت کي ڪنهن مخصوص ڏينهن جي گذرندڙ گهڙين جي فريم ۾ جڪڙي نه ٿو سگهجي. بلڪل ايئن ان کي عمر جي ڪنهن مخصوص حصي جي فريم ۾ به قيد نه ٿو ڪري سگهجي. ٻه سال اڳ ادل سومري کان هڪ انٽرويو ڪندي مون جڏهن کانئس سندس هڪ شعر، ”مان ٻڍائپ ۾ به توکي چاهيندس“ جي باري ۾ پڇيو هو، تڏهن هن بانو قدسيه جي هڪ ڊرامي جي ڪردار جو ڊائلاگ ٻڌايو هو ته: ”محبت ڪائي سرڪاري نوڪري ناهي، جنهن لاءِ ڪا Age Limit رکي وڃي“. ۽ مون کي سچل جون اهي سٽون ياد اچي ويون هيون ته:

    سچو ! عشق ٻُڍا نه ٿيوي
    توڙي چٽڙي هوويس ڏاڙهي

    هر موسم محبت جي موسم ٿي سگهي ٿي ۽ ڪا به موسم محبت جي موسم نه ٿي ٿي سگهي. محبت چئن مندن جي ظاهري چڪر ۾ ڪڏهن به نه ٿي اچي. اُنَ جون مندون ڪجهه الڳ ٿين ٿيون، محبت جا ماڻ ۽ ماپا به مختلف ٿين ٿا. محبت جي رياضيءَ ۾ ٻن ۽ ٻن جو جوڙ، چار ڪڏهن به ناهي ٿيندو. محبت جي منظرن جو مشاهدو، سڄين اکين سان ممڪن ئي ناهي هوندو. اتي صرف انڌو ٿي پوڻ کان پوءِ ئي اکيون پنهنجو ڪم ڪري وجھنديون آهن.

    انڌو ٿي پسيج مشاهدو محبوب جو

    محبت ۾ ملبوس ٿي ويل ڪنهن شخص کان جيڪڏهن ”محبت“ جي شڪل صورت جي باري ۾ پڇيو وڃي ته شايد ئي هو ڪجهه ٻڌائي سگهي، ايئن به آهي ته هن وٽ ٻڌائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه به نه هجي، سواءِ شاعر جي انهن ٻن سٽن جي ته:

    عشق سي تو نهين هون مين واقف
    دل سي شعله سا ڪڇ لپٽتا هي

    ۽ جڏهن دل عشق جي شعلي جي لپيٽ ۾ اچي وڃي، ته زندگيءَ جون تنگ سوڙهيون ۽ اونداهيون گهٽيون روشن ٿي سگهن ٿيون. محبت ۾ جيڪڏهن اُها انوکي celebration شامل ٿي وڃي ته پوءِ هر مسئلو حل ٿي سگهي ٿو ۽ انسان سارين جيئن ڇنڊجي، ڦوڪجي ۽ ڇڙجي صرف اوڏانهن ئي وڌي سگهي ٿو، جيڏانهن روشني هوندي آهي.
    محبت فرسٽريٽيڊ جوانين کي خودڪشيءَ جهڙين خوفناڪين کان به بچائي سگهي ٿي ۽ انهن لاءِ هر ڏينهن محبت جو عالمي ڏينهن به بڻجي سگهي ٿو.

    (15 فيبروري 2003ع)


    مُحبت

    ممنوع محبتن جي هن دکي ديس ۾ به اڄ هڪ دفعو ٻيهر ”محبت جو عالمي ڏينهن“ هلي آيو آهي. مان سنڌ جي سڀني محبت ڪندڙن کي مُبارڪ باد ٿو چوان. مان گذريل سال هن ئي ڏينهن جي حوالي سان، هنن ئي صفحن ۾ ڪيل پنهنجي اها ڳالهه نه ورجائيندس ته: ”محبت کي هڪ مخصوص ڏينهن جي گهڙين جي فريم ۾ قيد نه ڪريو“، پر ايترو ضرور چوندس ته ”محبت“ ڏاڍي نازڪ ٿئي ٿي، ڪانچ جي چوڙيءَ جهڙي، جيڪا اوچتو هٿ پڪڙڻ سان به ٽٽي پوندي آهي. محبت ڏاڍي نفيس ٿئي ٿي، رابيل جي پنکڙيءَ تي ڪريل ماڪ جي قطري جهڙي، محبت ڏاڍي معصوم ٿئي ٿي ڪنهن ڪبوتر جي اکين جهڙي ۽ محبت ڏاڍي حساس ٿئي ٿي، ڪنهن ڪمري جي اڪيلي ڪنڊ ۾ ٻرندر ميڻ بتيءَ جي ست ــ رنگي شعلي جهڙي، جنهن شُعلي جي حفاظت دل جا هٿ ئي ڪري سگهندا آهن. کُليل دريءَ مان ايندڙ هوا جي جھونڪي جي سامهون جڏهن دل جا هٿ اچي ويندا آهن، تڏهن محبت جو معصوم شُعلو بچي ويندو آهي، محبت جا ست رنگ بچي ويندا آهن ۽ کُليل دريءَ مان ڪاهي ايندڙ هوا جو جھونڪو ڇا هوندو آهي؟ هن زماني جون ڳالهيون هونديون آهن. ڪاغذي گُلن جهڙيون ڳالهيون. هن زماني جا ڪمترين قدر هوندا آهن. اونڌي منهن ڪريل ڪنهن بدبودار ڊسٽ بن جهڙا قدر ـــ ڪمترين قدرن جي پاليوشن ۾ محبت جو ڳاڙهو گلاب ڪومائجي ويندو آهي، پتي پتي ٿي وکري ويندو آهي. محبت جي ڳاڙهي گلاب کي سدا جوان، هميشه ٽڙيل ڪيئن ٿو رکي سگهجي؟ اهو هڪ سوال آهي ۽ انهيءَ سونهري سوال جو جواب هنن سٽن ۾ ڳولي سگهجي ٿو:

    پيار، اندر مان جو ٻاهر نڪري ويو
    گلاب هيو، ڇڻي ۽ وکري ويو

    پيار جي خوشبوءَ کي، جي ها! پيار جي مڌم خوشبوءِ کي هوائن جي بيرحم هٿن جي حوالي ڪري ان کي ڳليءَ ڳليءَ جي ڳالهه، ان کي چونڪ چونڪ جو چوٻول بڻائجي به ته ڇا بڻائجي؟. اهو سوال اڄوڪي ٽين ائج جي عاشقن کان به آهي. ڀٽائيءَ ”نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين!“ واري سهڻي سيبتي صلاح ڪنهن کي هنئين هئي؟. منهنجي خيالَ ۾ لطيف ڪنهن ”عاشق“ سان ئي مُخاطب هو ۽ ”ڳوليان ڳوليان م لهان، شالَ م ملان هوت“ واري صدا به ته ڪنهن عاشق جي ئي دل جي صدا آهي.
    اڄ ”محبت جي عالمي ڏينهن“ جا سڀ رنگ مان شائستا کي ارپڻ ٿو چاهيان ۽ کيس اهو پيغام ٿو ڏيڻ چاهيان ته: ”شائستا! منهنجي ڀيڻ! تون مايوس نه ٿي، تون محبت جي جنهن شاهراهه تي سفر ڪرڻ لاءِ نڪتي هئينءَ، ان جو ماڳ تو وڃايو نه آهي. سڀ ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به تو پاتو آهي. هار جيڪا تُنهنجي حصي ۾ آئي، اها جرڪندڙ ۽ جڳ ۾ جڳمڳائيندڙ جيت آهي. ملڻ ۽ ماڻڻ محبت جو ماڳ ڪٿي آهي!؟ هيلوڪي بهار ۾ جڏهن نوان گل ٽڙڻ شروع ڪن ۽ سرنهن جا پيلا گل ڦولارجڻ شروع ڪن، تڏهن تون مايوس نه ٿجان، بلڪه مرڪندي، سڳنڌي هوائن ۾ ساهه کڻندي، لطيف جي ان سٽ جو نرم پڙاڏو ٻڌندي وڃجانءِ ته:



    ڳوليان ڳوليان م لهان، شالَ م ملان هوت

    اڄ محبت جو عالمي ڏينهن آهي ۽ اڄ، اسان محبت جي مالڪيءَ جي دعويدارن، کي محبت کي محفوظ رکڻ جو وچن ضرور ڪرڻ گهرجي. محبت جيڪا چئني پاسن کان خطري ۾ آهي. محبت جيڪا خاموشيءَ سان مرجھائجي رهي آهي. محبت کي خطري جي رسوائيءَ جي رڻ مان ڪڍي پاڪيزگيءَ جي پناهه ۾ آڻڻو آهي، محبت کي Exploitation جي آڙاهه مان آزاد ڪرائڻو آهي. پيار کي پمفليٽ بڻائي گهٽي گهٽيءَ ۾ نه گهلجي، پيار کي پڙهو بنائي ان جي پڙاڏي جي پيرن ۾ ساڳي ئي پيارَ کي پامال نه ڪجي. پيار ته دل جي خفيه لاڪر ۾ محفوظ رکڻ واري شيءِ آهي، اهڙو لاڪر جنهن جون چاٻيون هڪ اڪيلي شامَ جو، اڪيلي سمنڊ ڏانهن اڇلائي ڇڏبيون آهن. مهدي حسن جون ڳايل اهي سٽون ٿي سگهي ٿو اوهان به ٻڌيون هجن ته:
    سامني آڪي تجهه ڪو پڪارا نهين
    تيري رسوائي مجهه ڪو گوارا نهين

    ۽ اها ڪنهن به حِساب سان هيڻائي ناهي، بزدلي ناهي. پيار ڏانهن اها ائپروچ بلڪل ۾ بيوسي ناهي. ڪير ٿو چئي ته پيار شعلي جو نالو آهي، جيڪو هڪ لمحي ڀڙڪي ٻئي لمحي وسامي ويندو آهي؟ پيار ته آلي ڪاٺي جيان دکڻ ۽ مسلسل دکندو رهڻ جو نالو آهي.
    ....۽ اڄ دنيا ۾ ملهائجندڙ ”محبت جي عالمي ڏينهن“ تي جيڪڏهن ڪنهن محبت ڪندڙ جون آڱريون، ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تي love-mail موڪليندي سندس ساٿ نه ٿيون ڏين، جيڪڏهن ڪنهن محبت ڪندڙ جو آواز ٽيليفون تي ماٺو پئجي ٿو وڃي، جيڪڏهن ڪوئي اڄوڪي ڏينهن تي خريد ڪيل ڪارڊ، ڪائي گفٽ، ڪنهن کي پهچائڻ جي همت نه ٿو ساري ته..... پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. ڪبير جون سٽون جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن تي ئي دل جي ڪنهن اڪيلي خاموش ڪنڊ ۾ ويهي پڙهجن ته ڏاڍيون سٺيون لڳنديون:

    پيتم ڪو پتيان لکون جو کهون هوئي بديس
    تن مين، من مين، نين مين، باکو کهان سنديس

    (مان پنهنجي محبوب کي خط تڏهن لکان، جڏهن اهو ڪنهن ٻي جاءِ تي هجي. جيڪو جسم ۽ دل ۾ ۽ اک ۾ هجي، ان کي ڪهڙو نياپو موڪلجي؟)
    ۽ اڄوڪي ڏينهن تي سچي محبت ڪندڙ دل، دل ئي دل ۾ پنهنجي محبوب ڏانهن اهو نياپو به اماڻي ٿي سگهي:

    اهو اوهان جي زندگيءَ ۾ اچي ٿو اَڻ چيو
    چئو ته پنهنجي پيار کي پاڻ کان ئي پري ڇڏيون

    (14 فيبروري 2004ع)


    ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ وارو سوال ۽ سنڌ جي ساڃاهه

    سالن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري سوال کي جياري، علي قاضيءَ جهڙوڪر سنڌ جي شعور جي سرد جسم ۾ چهنڊڙي وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ موٽ ۾ ڄڻ ته چوڏسائن کان استاد غالب جي غزل جو اهو شعر لهرون لهرون ٿي گونجي پوي ٿو ته:
    جلا هي جسم جهان دل بهي جل گيا هوگا
    کريدتي هو جو راک جستجو ڪيا هي؟

    يا وري سنڌي غزل جي سانوري شاعر سعيد ميمڻ جون اهي سٽون ڪنهن چٽي تصويرَ جيان اڀري ٿيون اچن ته:

    صدين تائين ننڊ پيا ها، ڇرڪ ڀري جو جاڳيا
    پڇيائون: ”تاريخ! اسان ڪاٿي پهتاسون؟!“

    اهو ڪهڙو خدشو کٽڪو آهي، اها ڪهڙي آنڌ مانڌ آهي، اها ڪهڙي بيچيني آهي، جيڪا ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري سوال جي روپ ۾ جاڳي پوي ٿي. سوال جيڪو هڪ بي طرف (Direction less) سنڌي سماج جي سوچ جي سينوارجندڙ تلاءَ ۾ ڪنهن پٿر جيان ڪري ٿو. سوال جيڪو علي قاضيءَ سميت سنڌ جي ان سوچيندڙ ڪلاس جي ذهن ۾ مختلف وقتن تي مختلف ڪيفيتن ۾ جاڳي پوي ٿو. اچو ته دنيا جي هزار خفن ۽ جھنجھٽن مان ٿورڙو پاڻ ڇڏائي، اٽي، گيهه، چانورن ۽ پيٽرول جي قيمتن پاران ارپيل ڳاراڻن مان ٻاهر نڪري، سوچن ۽ خيالن کي هڪ ڪرو ڪري ٿورڙو انهيءَ سوال تي سوچيون.
    ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ وارو بحث، ايترن سالن گذرڻ کان پوءِ به اسان لاءِ نئون سنئون آهي، زخم رسيا ڪٿي آهن؟ چاڪَ ته اڃا به چڪي رهيا آهن، بلڪه انهن جي گهرائي ۽ ڊيگهه ويڪر هڪ نه محسوس ٿيندڙ انداز سان وڌندي ئي پئي وڃي.
    ...... ۽ انهيءَ وچ واري عرصي ۾ هن ويچاري اٻاڻڪي ۽ اڪيلي ”سنڌُ“ سان ڇا ڇا نه ٿيو؟. تاريخ جي ڊگهي، بيرحم ۽ منافقانه جبر جو ڇيهه ستاويهن ڊسمبر 2007ع جي ان شامَ جو ٿيو، جڏهن سنڌ جي سهميل ماڻهن کان سندن اميد جو آخري سهارو به کسيو ويو، هن دکي ديس واسين کان سندن واهر ”بينظير“ کي به ڌار ڪيو ويو ۽ پوءِ سنڌ سان ان تاريخي ڏاڍ جي نتيجي ۾ جنهن تاريخي رد عمل جو اظهار ٿيو، ان سنڌ دشمن قوتن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته سنڌ اڃا فڪري حوالي سان ايتري پيرالائيزڊ به ناهي ٿي، جو اها ڪنهن به راتاهي تي محض حيران ڪن اکين سان ڏسندي ئي رهجي وڃي.
    سنڌ سنڌ ساڻو ٿيل سنڌ، ستاويهين ڊسمبر جي شامَ کان اهو سنيهو دور دور تائين پهچائي ڇڏيو ته هوءَ پنهنجي اجتماعي درد کي سهيڙي، گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي ۽ منهنجي خيال ۾ انهيءَ ئي موقعي تي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري سوال جي چمڪندڙ سڪي کي هڪ دفعو ٻيهر بحث جي ٽيبل تي اڇلائڻ گهرجي ها.
    ٿورڙو اڳتي هلي 18 فيبروري 2008ع جي ڏهاڙي تي هڪ دفعو ٻيهر ڇرڪ ڀري جاڳيل سنڌ پنهنجي ووٽ جي ذريعي پنهنجو سمورو درد، طاقت ۾ تبديل ڪري، پاڪستان پيپلز پارٽي ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. ٻين لفظن ۾ هن وڏي سياسي پارٽيءَ کي تاريخ جي هڪ ٻئي اهم موڙ تي، سڀئي ”حق ۽ واسطا“ ڏئي پنهنجي حقن جي حاصلات واري فيصلي ۾ ”امين“ بنائي ڇڏيو. ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ وارو سوال ان موقعي تي به ضرور اٿڻ گهرجي ها.
    انيڪ مسئلن ۽ مونجھارن ۾ الجھيل/الجھايل پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا پنهنجي اقتدار جا هڪ سؤ پنجويهه ڏينهن گذاري چڪي آهي، سندس قيادت، سنڌ جي اهم بنيادي، ايتري تائين جو سنڌ جي زندگي ۽ موت سان لاڳاپيل مسئلن تي ڪيئن سوچي ٿي، وٽس هڪ سگهاري، پاڻڀري، خوشحال، انصاف ڀرئي ماحول واري پرامن، تعليم يافته، صحتمند حڪمرانيءَ جو مضبوط حق رکندڙ، اٽي، لٽي ۽ اجھي جي فڪر کان آجي ”سنڌُ“ لاءِ ڪهڙو vision آهي؟ ان جي حاصلات لاءِ وٽس ڪهڙيون حڪمت عمليون آهن؟ ان سوال جي جواب لاءِ اسان جي سوچيندڙ ذهنن کي ضرور اڳتي اچڻ گهرجي ۽ اڳتي اچي پنهنجي چونڊيل نمائندن کان نه صرف اهو پڇڻ گهرجي ته اين ايف سي ايوارڊ کان وٺي ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿڪ ڪئنال تائين، انصاف کان امن امان تائين، بيروزگاريءَ کان وٺي مهانگائي تائين، انفرا اسٽرڪچر جي ترقيءَ کان وٺي تعليم ۽ صحت جي بهتر موقعن تائين، سنڌ جي قدرتي وسيلن ۽ سامونڊي ٻيٽن جي مالڪيءَ کان وٺي، ادارن جي ڪار وهنوار تي هٿ رس تائين، سنڌ جي تاريخي جاگرافيائي بيهڪ جي حفاظت کان وٺي ڌارين جي غير قانوني آبادڪاريءَ کي روڪڻ تائين، وٽن ڪهڙا جامع منصوبا موجود آهن؟ نه صرف ايترو پر سنڌُ جي سوچيندڙ ذهنن کي ڪنهن فورم تي گڏ ٿي اهڙن انيڪ مسئلن جي نشاندهي ۽ انهن جي مرحليوار حل لاءِ ڪي رٿائون جوڙي (صرف ۽ صرف سنڌُ جي ڀلي خاطر) پنهنجي چونڊيل نمائندن تائين نه صرف پهچائڻ گهرجن، بلڪه کين انهيءَ ڳالهه تي آماده/مجبور ڪيو وڃي ته کين انهن رٿائن تي عمل ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ ته ”سنڌُ“ کين پنهنجي حقن جي حاصلات واري سفر ۾ هڪ ”امين“ واري جاءِ ڏني آهي.
    ٻين لفظن ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي سوچيندڙ ڪلاس کي انهن سڀني ناسور بڻجي ويل زخمن جهڙن ڳنڀير مسئلن جي مرحليوار حل لاءِ چونڊيل حڪومت جي سامهون رهنمائي وارو ڪردار ادا ڪندي سندس هٿ ونڊائڻ گهرجي. پر انهيءَ لاءِ اهو به ضرور آهي ته اسان جي چونڊيل حڪومت، سوچيندڙ ذهنن مان اڀريل آواز کي نه صرف پاڻ تائين پهچڻ ڏئي، بلڪه ان جي ڀرپور آجيان به ڪَري.
    محترمه بينظير ڀُٽو جي شهادت کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ڳڙهي خدا بخش ۾ ڪنهن سفيد ڪنول جيان ٽڙيل شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري، لڙڪن جي ڀيٽا ڏئي، اسان اديبن جي هڪ قافلي جي صورت ۾ جڏهن نئون ديرو هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ سان تعزيت ڪرڻ پهتا هئاسين، تڏهن دعا کان پوءِ هن هڪ نهايت اهم ڳالهه چئي هئي ته: ”اها ڳالهه آٿت ڏيندڙ آهي ته بي بيءَ جي شهادت کان پوءِ سماج جو سوچيندڙ حلقو (اديب ۽ دانشور) جيڪو ان کان اڳ سياست کان خائف رهندو هو، اهو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ويجھو آيو آهي“. زرداري صاحب جي اها ڳالهه سورنهن آنا صحيح هئي/آهي. پر ڇا انهيءَ ويجھڙائپ کي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري سوال جي جواب ڳولهڻ ۾ استعمال نٿو ڪري سگهجي؟! ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ هڪ اهڙو سوال آهي جيڪو اڄ به پنهنجي ڀرپور شدت سان جواب لاءِ واجھائي ٿو ۽ شل ان سوال جي جواب لاءِ اسان جي اندر ۾ موجود آنڌ مانڌ ۽ بيچيني ڪڏهن به ماٺي نه ٿئي.

    (16 آڪٽوبر 2008ع)


    سچل ادبي ڪانفرنس: ڪُجهه نيون روايتون

    سچل سائينءَ جي اها سٽ ڪيڏي نه خوبصورت ۽ اتساهيندڙ آهي ته:

    ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو

    مروج ريتن، رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ لاءِ وري جنهن همت ۽ حوصلي جي ضرورت هجي ٿي، اها همت ۽ حوصلو اسان جي پوئين پيرين ويندڙ سماج جي ٻين شعبن ۾ هجي نه هجي، اسان جي سونهن ڀرئي ثقافت کاتي ۾ ضرور آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي سونهن کي مختلف حوالن سان اجاگر ڪرڻ ۾ ”مصروف عمل“ آهي ۽ انهيءَ حوالي سان ”دن دوگني ۽ رات چوگني“ ترقي ڪَري رهيو آهي.
    تازو قلندر شهباز جي عرس جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڇپرايل ”عظيم الشان سوويينئر“ جو ذڪر هِتي موضوع کان هَٽي وڃڻ جو سبب بڻجندو، (جنهن ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق کي ڊاڪٽر نوازش علي شوق لکيو ويو آهي) پر پاڻ هِتي ذڪر ڪنداسون ان سچل ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جي محفل جو، جنهن کي سجائڻ جو ڪريڊٽ گذريل سال کان وٺي ثقافت کاتي کي وڃي ٿو ۽ جنهن ۾ ”نوان قدر“ متعارف ڪرائي، سچل سائينءَ جي صلاح ”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون“ تي دل جي گهرائيءَ سان عمل ڪري ”مردانو“ هجڻ جو ثبوت ڏنو ويو آهي.
    سچل يادگار ڪاميٽي اهو تاريخي ادارو آهي. جيڪو گذريل ٽن ڏهاڪن کان به وڌيڪَ عرصي کان سچل سائينءَ جي عرس مُبارڪ جي حوالي سان مختلف تقريبون منعقد ڪندو رهندو آهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه هن ڪاميٽيءَ جي باني ميمبرن مان هڪ آهي. جنهن جي مڃتا طور کيس سچل يادگار ڪاميٽيءَ پاران سچل ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، پر گذريل سال پهريون دفعو درازا شريف ۾ ثقافت کاتي پاران منعقد ڪرايل ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي، هن يادگار ڪاميٽيءَ پاران ڇپرايل تحقيقي جرنل ”سرمست“ جي اوڻٽيهين ۽ ”سچل سووينئر“ جي اوڻيهين ڪڙيءَ جو (بار بار گذارش ڪرڻ جي باوجود) مهورت نه ڪرائي، رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ جو سهڻو مثال پيش ڪيو ويو. نه صرف ايترو پر ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو لاءِ آندل ”يادگار شيلڊ“ پڻ کيس پيش ڪرڻ نه ڏني وئي هئي.
    زندگي مسلسل ارتقا جي عمل مان گذرندي رهي ٿي ۽ اهڙي ارتقا هيل هڪ دفعو ٻيهر سچل ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جي محفل ۾ نظر آئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل اديبن ۽ شاعرن جي رهائش لاءِ شاندار انتظام ٿيل هو، پر الاءِ ڇو ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ وڪوڙيل ثقافت کاتي جي سڏ تي ڪاڇي کان ڪهي آيل ٻڍڙي شاعر احمد خان مدهوش لانڍي نما مسافر خاني ۾ ئي رات جي پڇاڙڪن لمحن ۾ ڪجهه گهڙيون ننڊ ڪرڻ ۾ ئي آساني سمجهي ۽ مروج رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ ۾ پنهنجو حصو پتي ڳنڍيو. (سندس شاعر پٽ کي سڏائي سفري خرچ نه ڏيڻ جو ذڪر هِتي اجايو لڳندو).
    ادبي ڪانفرنس جي پنڊال ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جو آواز، هڪ پاسي کان موت جي کوهن ۾ ڊوڙندڙ گاڏين جي لائيو ڪامنٽري، لاهوتيءَ جي شربت جا هوڪا، ”ڌو ڌڙ والا بچا ديکو“ جا اعلان، دهلن جا واڄٽ، مزار تي ويراڳ ۾ مصروف فقيرن جا ٻول ۽ ڏونگهيءَ واري مٺائي کپائيندڙ دڪاندارن جون رڙيون، هڪ ئي وقت، ثقافتي انڊلٺ جو عڪس پيش ڪَري رهيون هيون. خط لکي مقالو لکڻ جي گذارش ڪري گهرايل مقالا نِگارن کي ڊائس تي قميص ڇڪي ”مختصر پڙهو“ جون غير روايتي هدايتون ڪري ريتن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ جو سعيو ڪيو ويو. اهڙي من موهيندڙ ۽ دلپذير ماحول ۾ آغا سليم پنهنجي صدارتي تقرير الائي ڇو اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو؟ مان سمجهي نه سگهيس.
    پنڊال ۾ موجود ثقافت کاتي پاران لڳايل سفيد ڪپڙي جي ٽڪرن تي سچل سائينءَ جا سنڌي شعر ”اردو رسم الخط“ ۾ لکيل هئا. جيڪا پڻ هڪ جدت نظر آئي ۽ انهن شعرن جي مٿان ”سوا موجود“ جو بنهه نئون، اڻ ٻڌل ۽ نڪور سلوگن پڙهي، سچ ته من سرمستيءَ جي کيپن ۾ ٻڏڻ لڳو. ثقافت کاتي پاران ٽن ڪِتابن جو مهورت ڪرايو ويو. پر اهي ڪِتاب ڪهڙا هئا؟ ان باري ۾ پنڊال ۾ ويٺل آخر تائين هڪٻئي کان پڇندا رهيا. ڪِتابن جون هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻيل ڪاپيون آنديون ويون. جن کي ائين ظاهر ڪيو ويو، جيئن جادوگر رومال مان ڪبوتر ظاهر ڪندو آهي. ڪِتابَ ”نه تو ڏٺا نه مون ڏٺا“ ته ٿي ويا، پر خريد ڪرڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ ڪو وڪري جو اسٽال نه هڻي به هڪ ٻي سهڻي روايت جو ثبوت پيش ڪيو ويو. (جڏهن ته ساڳي ئي وقت سچل يادگار ڪاميٽيءَ پاران ”سرمست“ ۽ ”سچل سووينئر“ سموري پنڊال ۾ ويٺل سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل اديبن جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا).
    ”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون“ واري هدايت تي عمل پيرا ٿيڻ جو ثبوت ان کان وڌيڪَ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته مشاعري جي محفل جو آغاز بغير ڪنهن صدارت ۽ خاص مهمان جي موجودگيءَ ۾ ڪيو ويو. مقصد صرف اهو هو ته جيئن انهن اجاين فارملٽين ۾ پئي، وقت وڃائڻ بجاءِ شاعرن کي ”اُڪلائي“ وٺجي ۽ شاعرن کي ائين سڏيو ويندو رهيو، جيئن ڪنهن نائِڪَ پاران ملزم کي عدالت ۾ سڏبو آهي ته: ”فلاڻو حاضر ٿئي.......“ پر اها به هڪ نئين روايت ئي هئي جو اڳواٽ اعلان ڪري ڇڏڻ باوجود ڊائس جي ڪٽهڙي ۾ ايندڙ ملزم شاعرن کي کيسي مان شعر وارو پنو ڪڍڻ ۽ اکين تي عينڪ لڳائڻ واري مهل ئي منتظمين پاران هڪلون ٿينديون رهيون ته: ”سچل تي پڙهه، شعر سچل تي پڙهه.“ (اهڙي ئي عجيب ماحول ۾ ايازگل جي وائي ”سچل ته ساهه ۾ آ“ کي الائي ڪيترن ڪنن ۽ دلين ٻڌو، مان نٿو ڄاڻان).
    ريتن رسمن کي ٽوڙڻ ۽ ”مرد ٿئين مردانو“ واري سٽ تي عمل ڪرڻ جا رڪارڊ ته ان وقت پئي ٽوڙيا ويا، جڏهن شاعر شعر پڙهي، اسٽيج جي ساڄي هٿ تي موجود ثقافت کاتي جي اڪائونٽس واري شعبي جي همراهن جي ور ٿي چڙهيا، جِتي موجود هڪ ڊگهي قد واري همراهه شاعرن کان ”نالو ڇا اٿئي؟ شعر پڙهيئي؟ سچل تي شعر پڙهيئه؟! شناختي ڪارڊ ڪاٿي اٿئي؟“ جهڙا سوال ائين پڇي رهيو هو، جيئن جاچ دوران صوبيدار ڏوهاريءَ کان پڇندو آهي.
    شاندار روايتن جو اهو سلسلو اتي ڪونه کٽو هو، پر ان ۾ هڪ روايت اها به وڌائي وئي ته اڌ مشاعرو گذرڻ کان پوءِ شمشير الحيدريءَ کي صدارت لاءِ مٿي سڏيو ويو (ايستائين مشاعرو بنان صدارت جي هلي رهيو هو) ۽ ڇا ته ”دل لڀائيندڙ“ منظر هو اهو، جڏهن وچ مشاعري ۾ شمشير کان شعر پڙهائي وري مٿان بشير منگيءَ کي شعر لاءِ سڏيو ويو.
    بهرحال سچل سائينءَ جي سنيهي تي عمل ڪندي، مدي خارج ريتن، رسمن کي ٽوڙڻ جو اهو مشن جيڪو هٿ ۾ کنيو ويو آهي، ان جو سفر رڪڻو نه آهي ۽ اهو سلسلو ”سوا موجود“ جي نڪور سلوگن هيٺ جاري رهندو.

    (19 سيپٽمبر 2009ع)


    موسم تبديل ٿي رَهي آهي......؟!

    موسَمَ جي مٽجڻ جا اَثَرَ ماڻهوءَ جي مزاجَ تي به پوندا آهن. اونهارو جڏهن سياري ۾ پناههَ ڳوليندو آهي، تڏهن وچ ۾ سَرءُ به ايندو آهي ـــ ”سَرءُ جو تَپُ“ وري چڱن ڀلن جو ساههُ سُڪائي ڇڏيندو آهي. اوهان اسان جنهن ديسَ جا واسي آهيون، انهيءَ ديسَ ۾ موسمن جا مَزا ماڻڻ به اسان جي هَٿَ وس نه ٿو هُجي. هِتي ته ٻارهوئي صرف ۽ صرف ”سرءُ“ جو ئي ساٿُ نصيب ٿيندو آهي. بُکَ ۽ بدحاليءَ جي پن ڇڻ، دهشت جا هئڊا رنگَ، ڌاڙيلن جي ڏهڪاءَ جي ڏنگيندڙ هوا.
    سردين جي آمد آمد آهي..... ”هيل جيڪا ٿڌ آهي، سان اڳي کان وڌ آهي“ اِها سِٽَ هوٿي مشائخ ۾ آرامي حَسَنَ، الائي ڪهـڙي ڪيفيت ۾ لکي هُئي، پر ”ڪانڊيري“ جو سيءَ ۽ تَپَ ۾ مريو وڃڻ، اسان وٽ ڪا ڇرڪائيندڙ خبرَ هرگز به ناهي. ڇا ٿيو جي ڀوري ڀيلَ جي لاشَ کي قبر مان کوٽي روڊ تي اڇلايو ويو؟ اَغوا جي انڊسٽري ته پاڻ وٽ زوران زور آهي نه......؟!
    موسَمَ مٽجي رهي آهي. لَکَ مُبارڪون جو پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگرديءَ کي روڪڻ ، سيڪيورٽي ۽ واپاري سهڪارَ سميت پنج اسٽريٽجڪ گروپ جوڙڻ تي ”اتفاق“ ڪري ورتو آهي. هاڻي هر طرف اَمُنَ ۽ خوشحاليءَ جا گيتَ گونجندا ـــ هر مُکَ تي مُرڪَ هوندي.
    موسمَ مٽجي رهي آهي، سياري جي آمد آمد آهي. ڪافي هائوس رات جو دير تائين آباد ٿيندا، ڪِتابن جا ميلا لڳندا، لُنڊا بازارن ۾ گهماگهمي به ٿيندي، اوطاقن ۽ اوتارن تي مَچَ به ٻَرندا، ڏور ڳجهارتون به ٿينديون، قهون ۽ ڪؤڙي پاڻيءَ جا دؤر به هوندا. بس ٿورڙو انتظار. پَر مَنَ جي موسَمَ لڳي ٿو ته ساڳي ئي رَهندي ـــ ڪيئن چئجي ته اُها به تبديل ٿيندي؟

    موت برحق هي سنتي آئي هين
    جسم فاني هي يه روايت هي

    زندگي پَر بهي ڪوئي بات ڪرو!

    ۽ جيسيتائين زندگيءَ جي ڳالهه آهي ته زندگي هر ايندڙ پَل هِڪَ نئين ذِلت جي ڌُٻڻ ۾ لهندي پئي وڃي. مادرِ علمين جا مُنهن لٿا پيا آهن، بيروزگارن جو جو هِندي وڏو سَمنڊُ بي سِمت ڇوليون هڻي رهيو آهي، شهر ۾ دهشت ۽ وحشت جا واڪا آهن، گوليون بنان ائڊريس جي سَفر ڪَن ٿيون ۽ اڻ ڄاتل جسمن ۾ اچي ٺريو وڃن..... ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو رستن تان کنڀجيو وڃن ۽ پوءِ پوليس پاڻ ئي انهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جون صلاحون ڏئي، ته پوءِ هلڪي مُرڪ سان اهوئي چئي سگهجي ٿو: ”ته موسَمَ اڃان به ساڳي آهي.“
    گذريل عيدَ جي ٻئي ڏهاڙي اروڙ جي پهاڙين جي پاڇي ۾ ڪجهه اَديب دوستَ گڏ ٿيا. اسان به سنگت جي سڏ کي ورنائيندي پهتاسون. ”نينهن جبل“ جي ڇانوَ ۾ ويٺي دوستن پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته اسان کي پنهنجي Heritage کي بچائڻ لاءِ ڪا ”منظم“ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. منهنجي ڀرسان ويٺل نثري نظم جي شاعر دوست آهستي چيو: ”ٻيلي! اسان ته پنهنجو سِرُ بَچائڻَ ۾ پُورا آهيون.“
    هي بلڪل اُهي ساڳيون ڳالهيون آهن، جيڪي ڏَههَ سالَ اڳ اسان لکيون، ان کان به ڏهه سالَ اڳُ اسان جي وڏڙن لکيون، يا ان کان به اڳ انهن جي وڏڙن لکيون. پر ڇا ڪجي؟ موسمَ مٽجڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي. اها ئي پن ڇڻ، اُهي ئي هَئڊا چهرا، اُهي ئي ڏنگيندڙ هوائون. ڪجي ته ڇا ڪجي؟ وڃجي ته ڪاڏي وڃجي؟.
    ميرٽ جي لتاڙ پاران اورانگهيل ليڪا، پئٽرول انساني رت کان به مهانگو، بجليءَ جي ميٽرن تي نظر پوندي هانءُ ئي لرزيو وڃي، پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به ”ڪميشن“ جو ڪاهي پوڻ، تعليمي بورڊ ۾ مارڪُن جا مُلههَ، نوڪري پئسا، بدلي پَئسا، سرڪاري دفترن ۾ وڏين چمڪندڙ ميزن پويان سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس ڊراڪولا، اُٿُ پئسا، ويههُ پئسا، قبضا، ڦرلٽ، داداگيريون، بدمعاشيون، پئسن تي زمين جا کاتا مٽجيو وڃن، پلاٽَ هڪڙن جا ٻي جي نالي ٿيو وڃن، چؤنڪن چوراهن تي قبضا، فٽ پاٿن تي قبضا، ماڻهو شهرن ۾ هلڻ کان هلاڪ، سوڙهه، رش، پيهه....... وڃجي ته ڪاڏي وڃجي؟ ۽ چئجي ته ڪنهن کي چئجي؟ موسَمَ ته سچ پچ مٽجي ئي نه ٿي.
    ۽ اهي سَڀُ ته اڃان به ننڍيون ڳالهيون، هتي ته شهرن جا شهرَ کپائي ڇڏڻ جون رٿائون..... ڌڻين کي خبر ئي نه پيرن هيٺان ڌرتي کسڪندي وڃي...... موسم مٽجي ئي نه ٿي. ساڳي سسئي ۽ ساڳيا سُورَ. وقتَ جا پيرَ ڳَرا ٿيندا پيا وَڃَن ـــ قدُر پاڙَ تائين پاليوشن ۾ ورتل ـــ سڄو ديسُ ڄڻ سلهه جي مريضَ جيان سهڪي رهيو آهي، کنگهي رهيو آهي، رَتُ جون اُلٽيون ڪري رهيو آهي. اسان سَڀُ ڪنهن سينيٽوريم ۾ ته نه پيا آخري ساههَ کڻون؟!
    پَرَ پوءِ به موسمَ جي مٽجڻ جي هِڪَ آسَ هِڪَ هلڪي اُميد باقي آهي. ڏيئو هوائن سان وڙهندي لرزي ضرور رهيو آهي پَرَ وساڻو اڃان به ناهي. مونجهه آهي، ٻُوسٽ به آهي، دَرَ دروازا بند ضرور آهن، پَرَ اِها آسَ ته باقي آهي ته مَنَ ڪا دَري اوچتو کُلي پوي ۽ هوا جي لطيف جھونڪي سان مَنَ جي ساري مونجهه ميٽجي وڃي.
    اِها اُميد ۽ اِها آسَ ئي ته آهي جنهن جي پاندَ جي ڪُنڊَ کي پاڻَ سَڀُ جھليون بيٺا آهيون. پاڻ جيڪي ٻوساٽيل ديسَ جا سهميل واسي آهيون. پاڻَ جيڪي موسَمَ جي تبديليءَ جا منتظر آهيون.

    (28 آڪٽوبر 2013ع)


    چار راتيون، چار ڪِتابَ.....

    شيخ ايازَ ڪنهن جاءِ تي لکيو هو ته: ”تنهنجو شُڪر آهي منهنجا رَبَ! جو اڄ مون کي اڌ ماني ۽ پورو ڪِتابُ نَصيب ٿيو آهي“. سُٺي ڪِتابَ جو ملي پوڻ ائين آهي جيئن اوچتو ڪو سُٺو دوست ملي پوي، جنهن سان ڪچهري ڪندي وقتَ جو احساس ئي نه ٿئي. ڪلاڪَ ساعتُن ۾ گذري وَڃن. پاڻ وَٽ خيرن سان پبلشنگ جا ادارا به جام آهن، ڪِتابن جي ڇپائي به ويرئون وڌ آهي. پر اڪثر اهڙا ڪِتابَ ٿا ڇپجن، جيڪي ڪِتابَ جا ليکڪ لکن به پاڻ ته پڙهن به پاڻ ـــ مٿان وري اِها شڪايت ڪبي ته ڪِتابن جا پڙهندڙ آهن ئي ڪونه.
    سُٺن ڪِتابن ڏانهن پڙهندڙ پاڻ ئي ڇڪجي ايندو آهي. ڪٿان نه ڪٿان انهيءَ ڪِتابَ کي هَٿِ ڪري ئي وٺندو آهي.
    مان هِتي ذڪرڪرڻ چاهيندس انهن چئن ڪِتابن جو، جيڪي ڪِتاب مون تائين پُهتا ۽ مون اُنهن کي تمام گهڻي پيارَ سان پڙهيو. انهن چئن ڪِتابن جي ساٿَ ۾ مُنهنجون چار راتيون ڏاڍيون شاندار گُذريون ۽ انهن راتين ۾ اِهو احساسُ چانڊوڪيءَ وانگر ذهن ۾ ڦهلجي ويو ته واقعي هڪ سُٺو ڪِتابُ، اُنَ وقتَ تائين توهان جي پچر نه ٿو ڇڏي سگهي جيسيتائين توهان ان کي پڙهي پورو نه ڪريو. مون سوچيو ڇو نه چئن راتين ۾ پڙهيل سنڌي ٻوليءَ جي انهن چئن ڪِتابن جو ٿورڙو واسُ اوهان مهربانن کي به وٺرايان.
    ڪنهن زماني ۾ جڏهن اسحاق انصاري، ريڊيو خيرپور تان صبح واري پروگرام ”مارُن لاءِ“ ۾ ڪمپيئرنگ ڪندو هيو ۽ ريڊيو خيرپور جو آواز ميڊم ويوز تي الائي ڪيسيتائين ڪيسيتائين وڃي پهچندو هو، تڏهن ريڊيو خيرپور جي ”خواتين لسنرز“ جي اها شديد خواهش هوندي هئي ته هي ڪمپيئر ڳالهائي ڀَلي گَهٽِ، بَس ٽهڪ ڏيندو رهي. ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيندڙ، ريڊيو خيرپور ۽ لطيف يونيورسٽيءَ کي پنهنجي ناسٽيلجيا جو اڻ ٽُٽ ۽ حَسين حصو سمجھندڙ اسحاق انصاري هاڻي اوترا ۽ اوڏا ڀرپور ٽهڪ ڏئي ٿو الائي نه، باقي هُنَ پنهنجي پيرن کي جيڪا رولاڪي، نوجوانيءَ کان بخشي هُئي، اُها رولاڪي اڃان به برقرار آهي ۽ انهيءَ رولاڪيءَ واري عادت ئي ته کانئس نيپال جو سفر ڪرائي وَرتو ۽ موٽي اچي هُنَ ”نڪري پيس نيپالَ ڏانهن“ جهڙو خوبصورت سفرنامو لکي وَرتو ـــ اسحاق انصاريءَ جي ناول ”خالي بينچَ“ جي ٻن ڇاپَن جي ”کڙڪي توڙ“ وِڪري کانپوءِ سندس هي سفرنامو به پڙهندڙ ڳولي ڳولي پڙهي رهيا آهن. بدر ابڙي صاحب، اسحاق انصاريءَ کي ڪِتابَ جي مُهاڳَ ۾ ”پر اسرار نيپال ۾ سنڌي ڀڪشو“ لکيو آهي. ۽ هي سنڌي ڀَڪشو اسان کي لليتپور، سويم ڀونات، کٽمنڊو، نگر ڪوٽ، بختاپور، پوکرا ۽ ٻين ماڳَن جو سيرُ ايئن ڪرائيندي نظر ٿو اچي، ڄڻ اَسين پاڻ نيپال جا نِت نوان رنگَ اکين سان ڏسندا هُجئون. ڪِتابَ ۾ رَنگين تصويرن جو البم به شامل آهي ۽ بئڪ ٽائيٽل تي فيس بوڪ ڪمينٽس جو عڪس ڏنو ويو آهي. اُهي ڪمينٽس جيڪي سفرنامي جي اخبارَ ۾ ڇپجڻ دوران سامهون آيا.
    ”نئون ادب، نيون ڳالهيون“چندر ڪيسواڻيءَ جي مضمونن جو ڪِتاب آهي. نوي واري ڏهاڪي جي مهڙئين سالن، ۾ جڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخَ جا رمپا پلازه ۾ ميلا مچندا هُئا ۽ هي چندر جڏهن ڊائيس تي اَچي ڪنهن ڪهاڻي يا ڪنهن شعر تي ڳالهائڻ بيهندو هو ته چڱن ڀلن جا ٽينَ کڙڪائي ڇڏيندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ سندس لهجي ۾ چڻنگون سمايل هُجن ۽ اهي سڀئي چڻنگون جيڪي پوءِ مختلف وقتن تي مختلف مضمونن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيون، اُهي وساڻيون ڪٿي آهن؟ اهي سَڀئي هِن ڪِتابَ جي صورت ۾ گڏ ٿيون آهن. ڏاهپَ ۽ شعور جي ڏڪار واري سنڌي ادبي سماجَ ۾ چندر جو هيءُ ڪِتاب تازي هوا جي جھونڪي جهڙو ئي ته آهي. اسان ماڻهو ڏهه ڪِتابَ ته لکي ويندا آهيون، ڇپرائي، انهن جون مهورتون به ڪرائي ويندا آهيون، پَرَ پڙهيا ڏهه ڪِتابَ به ڪونه هوندا اٿئون. شايد مظهر لغاريءَ ڪٿي لکيو هو ته: ”اسان گهڻ لکيا ۽ گهٽ پڙهيا اَديب آهيون“. پَرَ شُڪر آهي جو چندر گهڻو پڙهي پوءِ ٿورو لکي ٿو ۽ سُٺو لکي ٿو. هن ڪِتاب ۾ ”نئين سوچَ“ واري حصي ۾ ”سنڌي عورت جو سماجي اڀياس“ کان وَٺي ” سنڌي ادب جو اٻوجھائپ ڪلچر“ تائين جهڙا ڪامپريهينسو مضمون به آهن ته ”شيخ اياز ـــ پڇاڙڪو عڪس“ ۽ ”شيخ اياز ــ رُوح عصر جو پرچارڪ“ جَهڙا مَنَ کي ڇُهندڙ احساساتي مضمونَ پڻ. ”ڏيهي اَدب“ واري ڀاڱي ۾ شاعري ڪهاڻي، سفرنامي ۽ ٻين صنفن وارن مختلف ڪِتابن تي اڀياسي مضمونَ آهن ته، وري ”پرڏيهي ادب“ واري ڀاڱي ۾ جديد پارسي ناول، چونڊ برطانوي ناول نگارن، بُوڪر ليکڪا مارگريٽ ايٽ ووڊ جي فَنَ ۽ ٻين موضوعن تي بهترين مضمونَ شامل آهن. حوالَ ۽ لٻاڙ ڪَلچر مان ڪَنڌُ ڪڍائي، اسان ماڻهو لئبريرين جي خاڪَ نه ڇاڻيون ته ڀَلي نه ڇاڻيون، پَرَ جيڪڏهن اسان پنهنجي ئي ٻولي ۾ لکيل، هڪ اڌ ههڙا ڪِتابَ ئي پڙهي وٺئون ته لک کٽيوسي.
    سنڌي ٻوليءَ جي سِجَ جهڙي شاعِرَ شيخ اياز جي ڪِتابَ مان، ٻاهرئين ادبَ مان ترجمو ٿيل سِٽون ڳولي، ڪنهن دؤر ۾ مشهوري ماڻيندڙ، نثري نظم جي سيبتي شاعر آدرش جي نظمن جو ڪِتابُ ”بارش ۾ وسارڻ جون ڳالهيون“ جيڪڏهن توهان آهستي آهستي ويجھو ايندڙ سياري جي ڪنهن رات جي اڪيلائيءَ ۾ پڙهندؤ ته هي ڪِتابُ توهان کي بلئڪ ڪافيءَ جي گرم ڪَپَ يا اُنَ کان ٿورڙو گهٽ گرم، ڪمبل جو مزو ضرور ڏيندو، ۽ 184 نظمن واري هِنَ ڪِتابَ ۾ اوهان کي 184 کان به الائي ڪيترا دفعا وڌيڪَ مَنظرَ، ڪيفيتون ۽ احساسَ، محسوس ڪرڻ لاءِ ملندا. ڪِتابَ ۾ ڏهه هائيڪا به شامل آهن. هِتي هِڪُ اوهان به پـڙهو:
    ڪنهن جي آهي ڀلَ؟
    هي ڪنهن پوکيا آهن؟
    ٿاڻي اندر گُلَ

    ٽرين جي ڊگهي مُسافريءَ يا ڪنهن ڪافي هائوس جي اَڪيلي ۽ اُداس ڪنڊ واري ٽئبل تي اوهان هي ڪِتابُ پڙهي سگهو ٿا يا اوهان جي ئي تنهائيءَ جهڙي تنها ڪمري ۾، ان رات جنهن رات اوهان کي ننڊَ نه اچي، توهان نظمن جو هي سُهڻو ڪِتابُ پڙهي سگهو ٿا، انهيءَ پَڪَ سان ته هِڪَ هلڪي اوٻاسي ڏئي، ڪِٽابُ ٺپي رکڻ کانپوءِ جڏهن توهان ننڊ جي نيرڙي ڍنڍَ ۾ لهي ويندا، تڏهن اُتي جيڪي خُوابَ اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪندا، اُهي خوابَ راتِ جي راڻيءَ جي خوشبوءَ ۾ ئي رچيل هوندا. بارش ۾ ڪيترين ئي ڳالهين کي وساري سگهجي ٿو. پر آدرش جا نظمَ هڪ دفعو پڙهڻ کانپوءِ جلدي وسري ڪونه سگهندا. اها منهنجي ذاتي راءِ آهي. ”انيتا جو گهر“ ، ”هڪ جپسيءَ جو نظم“، ”محبت بابت نظم“، ”تون جِتان به صوف وڍيندينءَ“، ”اسان عوام آهيون“، ”جهاز جو لاگ بوڪ“ ۽ ٻيا کوڙَ نطمَ اهڙائي ته نظم آهن.
    مان ايوب گل لاءِ ائين ئي چوندس ته هُنَ جڏهن به ڪوئي ڊرامه سيريل لکيو آهي، پنهنجا الائي ڪيترا نثري نظمَ انهن ڊرامن جي ڪردارن جي واتان خرچ ڪرائي ڇڏيا اٿائين. مون کي خوشي ان ڪري به نه ٿي ته ايوب مون ڏانهن پنهنجي نظمن جون نئون ڪِتابُ ”هن مون کي ڇڏي ڏنو“ موڪليو ۽ منهنجي هِڪَ راتِ ڏاڍي رنگين بنجي وئي. پر وڌيڪَ خوشي ايوبَ جي فون تي ٻڌايل انهيءَ جملي تي به ٿي، جنهن ۾ هُنَ چيو ته: ”مون کي رحمت الله ماڃوٺيءَ چيو هو ته پنهنجا نظمَ اَمَر کي ضرور پڙهائجانءِ“. مان جڏهن به ايوب گُلَ جي باري ۾ سوچيندو آهيان، سگريٽَ جي سُفيد دونهين پُٺيان چشمي جي هُنَ پار ٻَه روشن ۽ سوچيندڙ اکيون منهنجي سامهون اچي وينديون آهن. جيڪڏهن اوهان واقعي به شاعري پڙهڻ جو مزو ماڻڻ ڄاڻو ٿا ته، توهان ايوب گُلَ جا نثري نظم پڙهندي غير محسوس طريقي سان پنهنجو پاڻَ کي انهن نظمن جي موسَمَ ۾ لهندي ۽ رلمل ٿيندي محسوس ڪندئو. بلڪل هي اهي ئي ته نثري نظمَ آهن، جيئن نثري نظمَ کي هئڻ گهرجي. باقي آڏن ابتن خيالن جي سِٽُن کي ننڍو، وڏو، ٻيڻو، ڏيڍوڻو ڪري نثري نطمَ جي اوساري ڪرڻ وارا ته کوڙَ آهن پاڻ وٽ ـــ ايوب جا نظمَ ڪنهن پراچين دؤر جي عرب شهزادي جي گهوڙي جي ٽاپوليءَ جهڙا به آهن ته سندس هَٿَ ۾ جھليل چمڪندڙ تلوار جهڙا به، هُنَ جا نظمَ اُنهيءَ شهزادي جي جُستجوءَ جو مرڪز بڻيل ڪنهن شهزاديءَ جي ريشمي لباس جهڙا به آهن ته ڪٿي ڪٿي سندس جسماني بيهڪَ جي هيٺ مٿانهين جهڙا به. مان انهن ڪيفيتن کي هڪ سؤ هڪ پرسينٽ محسوس ڪري سگهان ٿو، جن ڪيفيتن ۾ ايوب گُل رُنو آهي، تڙپيو آهي، دُکيو آهي ۽ جن ڪيفيتن ۾ سندس هي نظم ئي سندس سهارو بڻيا آهن.


    اڌ ۾ رهجي ويل ڪالم....

    اڃان گذريل سال واري مها ٻوڏ جا زخمَ تازا ئي هُئا جو هيلَ مون سون جي بارشن سنڌ جي سَنڌَ سَنڌَ کي ساڻو ڪَريو ڇڏيو. برسات ۽ سيلاب هٿان سوڙهو ٿيل عوام هيل به. بيوس ۽ وائڙو لڳو پيو آهي ۽ ورهائڻ وارن جا وارا هيلَ به نيارا لڳا پيا آهن. پِيسيل ماڻهن جي پيڙا کي ڪيرُ پُڇي؟!.
    سنڌُ حڪومت ڪراچيءَ ۾ قلم هڪ سؤ چئو تاليهه لڳائڻ جي چڪرن ۾، مُلڪي اعليٰ ادارا ۽ سياسي جماعتون آمريڪا بهادر جي دٻڙاٽَ هيٺان دٻيل، مَسيحا جو ڏيکُ ڏيندڙ ذوالفقار مرزا جي ماٺ ۽ گمنامي..... هاءِ ڙي سنڌُ!..... ۽ سنڌ واسي ويچارا.... ”ايڌي“ الائي ڪٿي پيو وسي.... ”ڇيپا“ الائي ڪٿي ڇُپيل؟.... ”ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم“ جي اڳواڻن کي وري ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ واري ڪُرسي ۽ ”ڪاميٽي ميمبري“ جي فڪر اچي ورايو آهي. بورڊ ملازمن کي پنهنجيون باهيون، اديبن کي پنهنجي اُڻ تُڻ.... هوڏانهن سيلاب ۾ لڙهندڙ سنڌ جي پيش منظر ۾ اٽي جي ٿيلهيُن تي بُکايلن جا حملا ۽ مڇرن هٿان روڙجندڙ اڌ اگھاڙا ٻارَ ئي ڏسي سگهجن ٿا.
    ايڪويهين صديءَ جي سِنڌُ ڪاڏي وڃي رهي آهي؟! سنڌي ماڻهو ڇا ٿو سوچي؟ ڪا خبر نه ٿي پَوي!!. هِڪَ عجيب فرسٽريشن جو جھنگل آهي، جنهن ۾ هر ڪوئي بنان ڪنهن سبب ۽ بنان ڪنهن direction جي ڊوڙي رهيو آهي. ساٿُ نڀائيندڙ سنڌي، سِرُ ڏيندڙ سنڌي.... پَرَ افسوس جو انهن جو ساٿُ ڏيڻ ۽ انهن لاءِ سِرُ ڏيڻ وارو ڪو به نه آهي.
    گذريل سال ريڊيو خيرپور تان ٻوڏ هٿان مُٺل ماڻهن لاءِ خاص نشريات ۾ لائيو پروگرام ڪندي جڏهن منهنجي ڪال ٽوڙي بند جي بي واجبيءَ هٿان ٽُٽل ۽ چچريل هڪ جھونڙي سان ڪنيڪٽ ٿي هُئي، تڏهن هُو موبائيل فون تي اوڇنگارون ڏئي روئي پيو هو ۽ اسان کي ريڊيو جي اسٽوڊيو ۾ ويٺي ٻيو ڪُجهه ڪونه سُجھيو هو، بس عابده پروين جي آواز ۾ ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“ پلي ڪري ڇڏيو هو.
    ....هيلَ جيڪا حالت آ، اُها اڳي کان به وڌ آهي ــ دلين جا غورابَ غرق لڳا پَيا آهن. رُوحَ جون ٻيڙيون تختا تختا ٿي چُڪيون آهن.

    جلا هي جسم جَهان دل ڀي جل گيا هوگا
    ڪُريدتي هو جو راک جُستجو ڪيا هي؟

    ....پَرَ چوڻ وارا چون ٿا ته خطرناڪ مايوسيءَ واري ڪيفيت مان اُميدَ ڀڙڪو ڏئي جاڳي پوندي آهي. مايوسيءَ جي ملبي کي هِڪَ اُڇلَ سان هَٽائي جڏهن قومن جو گڏيل شعور جاڳي پوندو آهي، تڏهن تبديليءَ جي تابناڪي اجھاڻل اکين سان دوبدو ٿيندي آهي.
    ڪاش! ايئن ٿي پوي ــ سهميل سنڌُ ڪي صدائون ٿي پوي ۽ انهن صدائن جون ادائون ايندڙ وقت ۾ هڪ نئين سنڌ جي اڏاوت لاءِ راههَ جوڙي وٺن.
    اسان جيڪي هميشه Optimistic رهيا آهيون، اسان کي ته اُها به پَڪَ آهي ته سنڌ هيءُ ڪڙو وقت به ڪاٽي ويندي، هي سُور به سهائي ويندي، پَــرَ هِڪَ عوامي شاعِرَ جي اِها سِٽَ ”وقت ويندو آهه گذري، ويلَ رهندي ياد آ“ الائي ڇو مَنَ ۾ ڪنهن ڇيتَ جيان چُڀي رهي آهي!!.
    وقت برابر گذري ويندو، پر سنڌُ کان هيءَ ويلَ وسرڻي ناهي، ۽ وسرڻ به نه گهرجي....


    امر اقبالَ جا ڇپيل ڪِتابَ

    سمنڊُ اَڪيلو آهي
    (غزلَ)
    2004ع


    اکين مان ٽميلَ نظم
    (نظمَ)
    2004ع


    ڇا رکيو آهي امر اقبالَ ۾؟!
    (شاعري)
    2009ع


    کنڀَ مورڻين جا
    (نثري لکڻيون)
    2013ع


    سرگوشيون
    (ڪالمَ)
    2014ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1257911
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386340
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ