ڪتاب جو نالو: پرھ جي پار ڏي هلجي
مصنف: عرفان لنڊُ
ڇپائيندڙ: صوفي اڪيڊمي ميرپور ماٿيلو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 20 فيبروري 2018 ع
پڙهيو ويو: 1619 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 312 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عرفان بنيادي طرح سان انسانيت جي خوبي جو حامي ۽ عاشق آهي. اِنڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي هو سخت ڪاوڙ ۽ غم جو اظهار ڪري ٿو. هو سماج پاران پيدا ڪيل ڪنهن به متڀيد کي نه ٿو مڃي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  •   سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران:مون وٽ پنهنجو ڪجھ به ناهي!
  • مُهاڳ : ڪوڙهيل سماج جي ڊائري
  • نظم

  • اڄ جڏهن.....
  • لکيو
  • اِهو ڪوڙ آهي
  • تون مونکي وساري ڇڏ
  • ڇا ڳوليندي رهندي آهيان!؟
  • بَس اوهان وڙهندا رهو!
  • ناڪام ڪوشش
  • مُردا ناهيون؟
  • پابنديون
  • منهنجا نظم
  • سبب
  •   سڀ تنهنجي حوالي
  •   خاموشي کي گناھ سمجهان ٿو
  • وعدو
  • سُهڻي
  • ڪافر
  • آڌر ڀاءُ
  •   زندگي ۽ آزادي
  •   تخليق ۽ تخقليڪار
  • ديوار
  • عقيدا ۽ نظريا
  • پوڙها پوڄاري!
  • ڪيشيئر
  • عقيدن جي حڪومت
  • F.I.R
  •   انڌن ذهنن جي بازار
  • شاندار موت
  • زندگي جو رقص
  • ترقي ٿي رهي آهي
  • Project Proposal
  •   احتسابِ انقلاب
  •   روزگار
  • آخري چُمي
  •   زندگي کي چُمي
  •   سڌريل زندگي جو ڏيک
  •   کوٽ
  • انتظار
  • بيرخي جي اُس
  •   اوپرائپ
  • محرم جي چنڊ جو انتظار
  • محبت جا ماپا
  •   مالڪ سان ملاقات
  •   مقصد ۽ منزل
  •   نا اُميدي
  •   منهنجو رت وهندو رهندو
  • ڪاش!
  • ڪهڙو فرق ٿو پوي؟
  • آئون خواب ڏسي رهيو آهيان
  • خزانو
  • ميجڪ شو جي اسٽيج
  • توسان گذاريل لمحن جون يادون
  • احساسن جي مالڪي
  • ڊڄ!!!
  •   انسان
  • ڪاروبار
  •   غلامي واري زندگي
  • مان ڇا سمجهان؟
  •   ناقابل برداشت
  • محبت: ٻاراڻوکيل
  • مون ۾ جيڪو جنون جاڳي ٿو
  •   وڃائجي ويل شاعري
  • تڪڙي ترقي
  • جيون جون رونقون
  • سوالن جا جواب
  •     خاموش خودڪشي
  •   ڪهڙو فرق ٿو پوي
  • مسئلو
  • ڪنوارو خيال
  • موهن دڙي جي مِٽي
  • انتظار نٿو ڪري سگهان
  •   ڪهڙو فرق آهي؟
  •   پهريون ۽ آخري وِکون
  • سوال
  •   سنڌ جي گوريلا جا چيل آخري لفظ
  •   زندگي جي جنگ ۾ حياتي هارائڻ
  • محبتون
  • خوشفهمي
  •   اسان جي مسلماني
  • حُجت
  • رحمت، درد، دوا
  •   نئين لُغت
  • ڇو پراڻا رواج چاهيو ٿا
  • بيت، چئوسٽا، ٽيڙو

  • بيت
  • چئوسٽا
  • ٽيڙو
  • غزل

  • توسان گڏجي رهڻ لڳا آهيون
  • سوچُن ۾ سمنڊ اُڪاريون ٿا
  • هن ويساھ پاڻ وڃايو هو
  • روز ٺاهيانس ٿو، روز ٿو کري پوي،
  • پرين! چنڊ منهنجو تماشو بڻايو
  • اهڙي سماج کان آ بيزاري
  • ٿي پيو آهي اُداس هيءُ مَن وري
  • زندگي ڪنهن خوبصورت خيال وانگي
  • جيون ڄڻ ڪا پيار ڪهاڻي
  • هن زندگي ۾ ڪوئي وڇوڙو نه هجي ها
  • وائي

  • انتساب

    شهيد صاحب گهوٽو
    سان گڏ
    ان جي نالي
    جيڪا
    منهنجي هوندي
    بہ منهنجي ناهي


      سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پرھ جي پار ڏي هلجي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت شاعر عرفان لُنڊ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    سماجي ناانصافي خلاف چِٽي ۽ واضح مزاحمت آهي، جنهن کي هڪ حساس ۽ نازڪ دل رکندڙ شخص ڊائري جي صورت ۾ رقم لکيو آهي. عرفان بنيادي طرح سان انسانيت جي خوبي جو حامي ۽ عاشق آهي. اِنڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي هو سخت ڪاوڙ ۽ غم جو اظهار ڪري ٿو. هو سماج پاران پيدا ڪيل ڪنهن به متڀيد کي نه ٿو مڃي.
    هي ڪتاب صوفي اڪيڊمي، ميرپور ماٿيلو پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم محمد علي عاجز جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    صُوفي اڪيڊمي جو بنياد، دوستن جي محبتن ڀرين مشورن سان جڳ مشهور جرمن اديب، ”سڌارٿ“ ناول جي ليکڪ ۽ ادب جي وبل اِنعام سان نوازيل ”هَر من هيسي“ سان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هڪجهڙائي رکندڙ ۽ پنهنجي نثري نظمن مان هر نظم ۾ هڪ پورو ناول لکندڙ، عرفان لُنڊ جي ڪتاب ”پرھ جي پار ڏي هلجي“ جي ڇپائيءَ ذريعي وجهي رهيا آهيون.
    اَڪيڊمي جو نالو، وڏي غور ۽ ويچار کان پوءِ ”صوفي اَڪيڊمي“ اِن ڪري رکيوسين ته جهڙي ريت ”صوفيت“ جو نظريو، گمانگير، سڀ جو موقف ٻڌندڙ، سينواريل سماج کان بغاوت ڪندڙ، انساني احساسن جو احترام ڪندڙ ۽ ”عالم سڀ آباد ڪرين“ جهڙن اَملھ آدرشن تي آڌاريل آهي، اهڙي ريت هي اڪيڊمي به اُن عالمگير نظريي جي پدرچارڪ طور ڀٽائيءَ جي هن بيت:
    سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.

    کي پنهنجي محنت جو مَتن بڻائي، سنسار کي سورڳ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ۽ خلق جي خدمت جو دَم ڀريندي رهندي.

    دوست سومرو
    صوفي اڪيڊمي ــــــ ميرپور ماٿيلو
    5521476ـــ0302


    پنهنجي پاران:مون وٽ پنهنجو ڪجھ به ناهي!

    مون کي چٽي طرح ياد آهي ته مون پهريون ادبي ڪتاب ”گوندر ويندا گذري،“ نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران پڙهيو هو. جيڪو مون کي پنهنجي پياري دوست ۽ ڪلاس فيلو، علي عاجز ان وقت پڙهڻ لاءِ ڏنو هو.
    آئون پنهنجي ذاتي زندگي ۾ هن مهل تائين، اڪثر لاپرواھ ۽ غير ذميوار رهيون آهيان، اوهان تائين پهتل هي ڪتاب ”پره جي پار ڏي هلجي“ به دوست سومرو جي محنت جو ثمر آهي، جنهن منهنجون ڊائريون ٺاهي، منهنجي نظمن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. نه ته اڪثر نظم موبائيل جي اِن باڪس، ڊرافٽس ۽ سينٽ آئٽمس جي خاني مان ئي ميسارجي ويندا هئا. منهنجا نظم عمل جو ردِعمل آهن. منهنجي لاپرواهي ۽ غيرذميواري جي ڪري انهن ۾ کوڙساريون فني غلطيون به هونديون، ڇو ته هڪ دفعو لکڻ کانپوءِ چاهيندي به وري انهن تي نظر نه ڦرائي سگهيو آهيان
    ڪتاب جو نالو ”پره جي پار ڏي هلجي!“ پنهنجي فڪري استاد ۽ محسن درگاهي گبول جي نظم ”ڏئي اونده کي تيلي“ مان سندس اِجازت سان کنيو اَٿم. هيءُ پورو پورهيو به کائينس مليل اُتساه جو مادي وجود آهي.
    آخر ۾ ٿورائتو آهيان، محترمه عطيه دائود جو جن ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو، گڏوگڏ احسانمند آهيان، پنهنجي پيارن دوستن ۽ محسنن درگاهي گبول، مشتاق گبول، دوست سومرو، معشوق قاضي ۽ علي عاجز جن جو، جن جي محنتن ۽ مدد سان هيءُ ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ کي نذرانو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس.


    عرفان لُنڊ
    جروار ــــ ضلح گهوٽڪي


    مُهاڳ : ڪوڙهيل سماج جي ڊائري

    عرفان لُنڊ جو تعلق جنهن مِٽيءَ سان آهي اتي مذهبي انتها پسندي لاءِ ڌڪار هميشه کان رهي آهي شاھ ڀٽائي ۽ سچل سرمست کي اسان سنڌي ان وقت پنهنجي اندر اوتجندي محسوس ڪندا آهيون، جڏهن اسان جي اکين اڃا لفظ پڙهڻ به سکيا ناهن هوندا. پر عالمي حالتن جي سبب صوفين جي سرزمين تي به هاڻ مذهبي انتها پرستي پنهنجو ڄار وڇائي چڪي آهي.
    عرفان جي پيدائش کان چوٿائي صدي اڳ، مون پنهنجي ڳوٺ ۾ ملن جي پاڙي ۾ جهڙي طرح پنهنجو ننڍڙپڻ گذريو، عرفان جو تجربو ان کان بنھ مختلف ۽ اذيتناڪ رهيو آهي مون ڳوٺ ۾ عورتن توڙي مردن کي وتائي فقير جي سيڪيولر لطيفن تي کلندي، ڀٽائي ۽ سچل جي شاعري تي جهومندي، ورهاگي ۾ لڏي ويل هندن جي ياد ۾ روئندي ڏٺو ۽ محرم مهيني ۾ شربت جون بالٽيون شيعن جي جلوسن کي پيارڻ وارن سُني ٻارن کي ۽ مردن کي ڏٺو. ته پوءِ ڇا اسان جو سماج اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ڌڪجندو ويو آهي؟! اهو سوال مون کان ڳوٺ توڻي شهر ۾ نوجواني واري دور ۾ ڪنهن به نه ڪيو ته مون روزو ڇو رکيو آهي؟ پر منهنجي ڌيءَ سونهن، جيڪا لنڊن جي هڪ دڪان تي ڪجھ وقت لاءِ نوڪري ڪري رهي هئي، ان کان پاڪستان مسلمان تنبيھ واري انداز ۾ اَچي، اهو سوال ڪيو ته ”تو روزو ڇو نه رکيو آهي“.
    سويت يونين ٽثڻ، افغان، مهاجرن جي لوڌ پاڪستان ۾ اَچڻ ۽ پاڪستان ۾ طويل مارشل لا جي دور، خاص طور ضياءُالحق جي دور ۾ مذهبي انتها پرستي زور وٺڻ ۽ آمريڪا ۾ يارهن سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ دنيا ۾ مسلمانن لاءِ ڌڪار ۽ موٽ ۾ مسلمانن جي انتها پرستي اڃا وڌيڪ وڌڻ ۽ ويجھڻ سبب، صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم ديني مدرسن، نوجوانن کي دولا جا ڪوئا بڻائي ڇڏيو آهي. عرفان معصوم دل ننڍپڻ ۾ ئي مذهب جي ان هٿ ٺوڪي فريم کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڏوھ ۾ کيس ماستر مارون به مليون، پر جسم تي وسندڙ ڪابه لَٺِ هن جي اندر ۾ پلجندڙ مزاحمت کي مارڻ ۽ چپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. سندس چوڌاري وارين حالتن
    کيس ويتر ڪاوڙائي وڌو.
    عرفان جنهن علائقي سان تعلق رکي ٿو، اتي مذهبي جنونيت جون پاڙون گهاٽيون آهن. ڪنور ڀڳت جهڙي سريلي ۽ نيڪ دل انسان کي انهي علائقي ۾ شهيد ڪيو ويو. رينڪل ڪماري کي زوري مسلمان بڻائڻ جو واقعو به ان علائقي ۾ پيش آيو. عورتن کي ڪاري ڪري. بنا غسل ۽ ڪفن جي ويران علائقي جي بنجر زمين ۾ پورڻ. جن کي هاڻ اسين مذاهمتي عورتن جي آخري آرام گاھ چئون ٿا. اهڙا قبرستان به ان علائقي ۾ آهن. عرفان جي شهر ڀرسان. جتان سنڌو درياھ گذري ٿو ته اهو اهڙين ڪارين (مزاحمتي) عورتن جي رت سان ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو
    ان جاءِ تي مزاحمتي عورتن جا لاش ترندا نظر اچن ٿا عرفان اهو سڀ ڪجھ ننڍپڻ کان ڏسندو، ٻڌندو ۽ پڙهندو رهيو. هڪ احساس انسان آخر ڪيستائين چپ رهي سگهي ٿو؟ هو چپ رهي نه سڳهيو. هن انهي ڏاڍ، ڏمر ۽ جنونيت کي نيٺ اوڳاڇڻ شروع ڪيو ۽ اهي لفظ سندن نظم بڻجي ويا.
    خيرالنساءِ جعفري هڪ هنڌ لکي ٿي ته ”جڏهن ڌرتي خزان ڇانيل هوندي آهي ته ادب تي بهار ايندي آهي“ سو اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادب هر دور ۾ سگهارو رهيو آهي. هر دور جي تاريخ، ادب جو حصو بڻجندي رهي آهي. اديب پنهنجي آس پاس جي حالتن کان شتر مرغ وانگر نظرون نه ڦرائي سگهيو آهي. اسان جي ڌرتي تي جيڪي به سانحا ٿيا آهن، انهن جو اولڙو به ادب ۾ نظر اچي ٿو. ملڪ جو ويرهاگو. ون يونٽ خلاف مزاحمت، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي کي درجو ڏيڻ لاءِ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ٿيڻ ۽ ان جو رد ٿيڻ، ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو، هر دور ۾ لکيل مزاحمتي ادب جي اهميت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ليڪن ان ۾ ٺهلي نعري بازي به رهي آهي ته شاهڪار ادب به تخليق ٿيندو رهيو آهي. وقت جي ڇاڻي ۾ ڇڻجندي، صرف اهي لکڻيون تاريخ جي پنن ۾ حياتي ماڻي سگهنديون آهن، جن ۾
    گهرائي ۽ آرٽ موجود هوندو آهي.
    ڪميونسٽ تحريڪ به اسان جي خوابن جو حصو رهي آهي. مذهب جي ڄار مان نڪرڻ، طبقاتي اڻ برابري کي ختم ڪري، روشن خيالي جي واٽ اختيار ڪرڻ زندگي جو مقصد رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو قيام به ترقي پسند ماڻهن جي هٿان ٿيو. اَسي واري ڏاهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت تي اهو رنگ نهايت چٽو هو. ايستائين جو ان ۾ به ڪٽرپڻي جا ڇنڊا ڪِرندي محسوس ٿيڻ لڳا هئا. اهڙن لکڻين کي مڃتا وڌيڪ ملي رهي هئي. جيڪي خاص نظريي جي پيروي ڪندڙ هجن. ايستائين جو نوجوانن جي لکڻين ۾ رومانس آهي محبت جي جزبي کي به دٻيل لفظن ۾ پاسيرو ڪيو ٿي ويو. عورتن جي جدوجهد، جيڪا جنسي اڻبرابي خلاف مزاحمت آهي، ان کي به اهو چئي پاسيرو ڪيو ويو ٿي ته جڏهن اسان سماج ۾ انقلاب ايندو، طبقاتي نظام ختم ٿيندو ته عورتن کي آزادي خودبخود ملي ويندي ۽ رومانس جو ادب تخليق ڪرڻ جو سازگار وقت به اهو ئي هوندو. لينن ۽ ڪارل مارڪس جا سڀ ڪتاب نوجوانن کي رٽيل هئا. بس ائين لڳندو هو ته انقلاب آيو ڪي آيو. پر پوءِ سويت يونين جي ٽُتي پوڻ، ان خواب کي به ايئن ٽوڙي ڇڏيو، ڄڻ ٽٽل آئينو هجي. جنهن جي ذرن کي ٻيهر جوڙڻڻ نه ممڪن هجي. اهو دور ڇا ختم ٿيو، ڄڻ ته اهو اسان جو خواب ئي نه رهيو هجي. ان سان ڪو تعلق ئي نه رهيو هجي. اسان جي نوجوانن جو آئيڊيل ڪامريڊن، ڏاڙهيون رکي، پاڻ کي صوفي چوائڻ شروع ڪيو ۽ وقت جي باغي شاعرن اقوالِ زرين لکڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ مذهب تي ڳالهائڻ، ان تي سوال ڪرڻ، بحث ڪرڻ به هر ڪنهن ڇڏي ڏنو جهڙوڪر مذهب کي چئيلينج ڪرڻ هڪ فيشن هو، جيڪو هاڻي آوٽ آف ڊيٽ يا مدي خارج ٿي چڪو هجي. پنجويهن سالن کانپوءِ منهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ به مختلف فرقن جون الڳ الڳ مسجدون ٺهي ويون. ڀتين تي ديني مدرسن ۾ مفت تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اشتهار لڳا پيا هئا.
    عرفان لنڊ جي شاعري دراصل اسان جي اڄ جي سماج جي ڊائري آهي. هاڻي جڏهن اهو موضوع فيشن ۾ به نه رهيو آهي ته عرفان ان کي پنهنجو موضوع بڻايو آهي. سندس شاعري ۾ توڻي جو تخليقي صلاحيتن جي ردم جي ڪٿي ڪٿي کوٽ محسوس به ٿئي ٿي پر سندس لفظن ۾جيڪو جوش جذبو، ڪاوڙ ۽ ڀرپور مذاحمت آهي، ان کي نظر انداز ڪرڻ ممڪن ڪونهي. هو مذهبي جنونيت کي ايترن صاف لفظن ۾ نندي ٿو، جو هو آساني سان چمڙن جي ڄار ۾ ڦاسي سگهي ٿو. پر هن کي ته اهو سڀ ڪجھ چوڻو ئي هو، سو هن چئي ڏنو آهي. کوھ جا اهي ڏيڏر، جن جي ڪائنات سندن کوھ آهي، انهن جي زندگي تي رحم کائيندي، کين صلاح ڏئي ٿو ته:

    پنهنجي حُجري ٻاهران،
    نئي آزاد دنيا جي گيت ڳائيندڙ
    معصوم ٻارن سان رلي ملي
    پنهنجن پراڻن هڏن، خيالن ۽ جسم کي
    ڪلر ۾ ڳارڻ بجائي
    ري سائيڪل ٿيئڻ لاءِ ڇڏي ڏي
    (نظم ”پوڙها پوڄاري“)

    عرفان وري وري اُن ٻوسٽ واري ڪيفيت کي ورجايو آهي هر انسان پيدا ٿيندي ئي بنا مرضي جي، خاندان جي ان فريم ۾ قيد ڪيو ويندو آهي. پر عرفان پنهنجي ان فريم کي ٽوڙي، ٻاهر نڪري چڪو آهي. هن کي جيڪي چوڻو آهي ۽ لکڻو آهي، سو ته هو ڪندو. اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون/ مرد جن کي سازش جي ڄار ۾ ويڙهي يا سندن مجبورين جو سودو ڪري، مسلمان بڻايو ويو آهي. هو چئي ٿو ته:
    تون ڪنهن کي ڪلمو پڙهائي،
    مسلمان ته ڪري سگهين ٿو،
    پر ڇا تون پاڻ،
    مسلمان ۽ انسان آهين؟
    (نظم ”ڪافر“)

    نظم ”آڌر ڀاءُ“ ۾ چئي ٿو ته:

    تنهنجي مهانگي مسجد کان ته
    اهو ميخانو چڳو،
    جنهن ۾ هر ڪنهن جو آڌر ڀاءُ ٿئي ٿو.
    پنهنجي فرقي وارن کانسواءِ
    ٻئي ڪنهن کي اَچڻ به نه ٿو ڏئين

    مذهبي ٺيڪيدار هميشه کان آرٽ جا دشمن رهيا آهن، انهن لاءِ چئي ٿو ته:

    مونکي کِل اَچي ٿي ته
    تون فطر تي سونهن جي تعريف کي شرڪ سڏين ٿو.
    عرفان جي سوشلسٽ سوچ سندس شاعري ۾ جهلڪي ٿي.
    ڏک، قسمت نه پر
    غلامي جو مليل تحفو آهن
    پنهنجي بيوسي
    ۽ مظلوميت جي صدا بلند ڪري
    ڪيتري تائين پنهنجي زندگي پِنندو رهان؟

    ڪيڏو نه ڪڙو سچ آهي!؟ عرفان جي انهن سِٽن ۾.....
    جي اسان پنهنجي زندگي کي انگي حساب جي حساب وانگر ونڊ ڪري ڏسون ته خوشيون، سڪون، امن، محبت، خواهشون سڀ ڪاٽا ٿيندي ٿيندي، پاڇي ۾ فقط غربت بچي ٿي. اها غربت اسانکي ورثي ۾ ملي آهي جو اسان معاشي غلام ملڪ جا رهواسي آهيون. نظم. ”اسان جي مسلماني“ ۾ چئي ٿو ته:

    ماڻهو ذبع ڪرڻ لاءِ
    بِسم الله، الله اڪبر جي پابندي به نه آهي
    بيوسن مٿان فتويٰ جاري ڪرڻ لاءِ
    ڪنز قدوري، قافيه جا پنا اٿلائڻ ضروري نه آهن......

    هڪڙي ٻئي نظم ۾ هو چئي ٿو ته:

    ........ اسان وٽ گونگو ٿي جيئڻ،
    پرهيز گاري جي اعليٰ منزل سڏبي آهي..........

    عرفان پنهنجي نظم ”انڌن ذهنن جي بازار“ ۾ خوبصورت تشبيهن سان مضبوط خيال جو اظهار هيئن ڪري ٿو ته:

    گناهن ۾ اها لذت نه رهي آهي
    ۽ ثواب به هاڻي
    مدي خارج دوائن وانگي
    صرف به خبر مريض کي وڪرو ڪري سگهجن ٿا.

    اڳتي ان ساڳئي نظم ۾ چئي ٿو ته:

    زندگي کي خوف ۾ ويڙهي،
    هدايت جا هوڪا ڏيندڙو!
    انڌن ذهنن جي بازار ۾
    اسان جو عقل ۽ شعور
    وڪري لاءِ دستياب نه آهي.

    عرفان خدا جي هئڻ يا هن هئڻ بابت فلسفي کي نهايت سادگي سان بيان ڪيو آهي.

    خدا آهي، خدا نه آهي،
    ڇو آهي؟ ڇو نه آهي؟
    ڇا اهي موضوع اڃا به بحث طلب آهن؟
    جتي جبلتون انسان لاءِ وڏو مسئلو هجن،
    اُتي خدا جي هجڻ
    يا نه هجڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟

    انهن موضوع تي عرفان جا اڃا به اهڙا ڪيترائي نظم آهن، جيڪي مون نشان لڳائي رکيا هئا ۽ انهن تي ڳالهائڻ هو، پر مضمون طويل ٿيڻ جي خوف کان انهن کي اتي ڇڏي، سندس شاعري ۾ آيل ٻين موضوعن کي بحث ۾ آڻجي ٿو.
    عرفان بنيادي طرح سان انسانيت جي خوبي جو حامي ۽ عاشق آهي. اِنڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي هو سخت ڪاوڙ ۽ غم جو اظهار ڪري ٿو.
    هو سماج پاران پيدا ڪيل ڪنهن به متڀيد کي نه ٿو مڃي، سندس شاعري ۾ نسلي، طبقاتي ۽ جنسي متڀيد خلاف مزاحمت آهي، پر ڪٿي ڪٿي اهو آواز پروپيگنڊا جي دائري ۾ داخل ٿيندي به محسوس ٿئي ٿو، جنهن سبب شاعري جي حساس صنف تي واڌو بار به محسوس ٿئي ٿو. ”آءُ ٿڪيان ٿو“ جهڙا لفظ هضم ڪرڻ مشڪل ٿا لڳن، پر اهو شديد رد عمل آهي. اسان جي نوجوان نسل جو.
    عرفان جنسي متڀيد خلاف عورتن جي تڪليفن ۽ عذابن بابت به اهڙي ئي شديد ردِعمل جو اظهار ڪيو آهي. قوم جي خدمت لاءِ هو رات ميدان تي کُنڀين وانگر ڦٽندڙ اين جي اوز جي ميڪنيڪل ۽ بي حسي واري انداز بابت عرفان سچائي کي نهايت تلخي سان بيان ڪيو آهي خاص طرح تازو آيل برساتي ٻوڏ جي هاڃيڪار صورتحال ۽ ان ۾ اين جي اوز جو ڌنڌو هلي پوڻ بابت اصلي صورتحال هن نظم ۾ بيان ڪري ٿو:

    خدا جي رحمت،
    ماڻهن کي مصروف ڪري ڇڏيو آهي
    برسات ۾ لڙهي ويل ڪچن گهرن جا فوٽو
    وارن لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويا آهنNGOs
    غريبن پنهنجي درد جي ڳوٿرين جا منهن
    نام نهاد سوشل ورڪرن آڏو
    خيرات جي آسري،
    بي ڌڙڪ کولي ڇڏيا آهن،
    درد وندن جي ديس ۾
    هاڻي مجبوريون ۽ عذاب به ڪيش ڪرائي سگهجن ٿا.

    ان موضوع تي عرفان جو هڪ ٻيو نظم ” پروجيڪٽ پروپوزل“ به ڀرپور نظم آهي. هڪ ٻئي نظم ”رحمت، درد ۽ دوا“ ۾ بوڏ جي هاڃيڪار صورتحال ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين، بي آسرا ماڻهن جي خدا کي ٻاڏائڻ تي تڙپ محسوس ڪندي، عرفان چئي ٿو ته:

    مليريا کان جان
    خدا جي رحمت نه پر
    ڪوئينين جي گوري
    ۽ درد
    پنسٽان جي گوري ختم ڪندي آهي.
    ڪوبه حساس دل رکندڙ ۽ انصاف پسند انسان اهڙو ڪونهي جيڪو عورت جي درد کي محسوس نه ڪري سگهي. عرفان عورت جي درد کي جنسي متڀيد کي ۽ انجي ٿيندڙ تذليل کي دل سان محسوس ڪيو آهي پنهنجي مخصوص لهجي ۾ شدت سان غم ۽ غصي جو اظهار به ڪيو آهي :

    آءُ ست قرآن بڻجڻ نٿي چاهيان،
    تون رڳو مونکي انسان سمجهندو ڪر.

    ان موضوع تي هن ”تخليق ۽ تخليقڪار“، ”ديوارون“، ”سهڻي“ ۽ ”انسان“ نظم لکيا آهن، جن ۾ عورتن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي اٿس.
    محبت عرفان توڻي جو گهڻو نه لکيو آهي، پر ان بابت سندس خيال ۽ تشبيهون نواڻ سان ڀرپور آهن.
    منهنجي جيون جو رونقون،
    تنهنجا رستا ڏسي رهيون آهن
    پر تنهنجو اَچڻ
    سنڌ ۾ خوشحالي جي خواب وانگر لڳي رهيو آهي
    هڪ ٻئي نظم چئي ٿو ته:
    آئون، آئون ناهيان رهيو،
    گهڻو اڳ،
    مونکي پنهنجو سڀ ڪجھ
    هن جي اکين وٽ گروي رکڻو پيو هو.

    عرفان جي هيٺ ڏنل نظم جي تشبھ منهنجي دل کي ڇُهي وئي:

    مون ڪنهن غريب جيان
    ڏکڻ جي هير جي آسري
    زندگي جو اونهارو گذاري ڇڏيو.

    هن نظم کي نئون نسل محسوس ڪري سگهندو يا نه، پر مونکي ننڍپڻ ياد اچي ويو. جڏهن ڳوٺن ۾ بجلي نه هوندي هئي. گرمين ۾ رات جو اگڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن شديد گُهٽ ۽ ٻوسٽ ٿيندو هو. وڻن جا پن پنڊ پهڻ ٿيل هوندا هئا. مَجال آهي جو انهن جو هڪ پن به چُري، تڏهن گرمي ۾ لُڇندي، روئندڙ ٻارن مٿان مائرن جا هٿ، وِڃڻو هڻندي هڻندي ساڻا ٿي پوندا هئا ته ٻارن جي تڪليف تي تڙپي پوندڙ مائرن جي چپن مان بي ساخته دعا نڪرندي هئي ”الله سائين! ڏکڻ جي هير کول“ سو غريبن جي اونهاري گذارڻ کي اهي سمجهي سگهندا، جن اهڙين مائرن جون آسائتيون اکيون ڏٺيون آهن.
    عرفان هن نظم ۾ ٻالڪن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي جو ڏک بيان ڪري ٿو:

    ٻالڪپڻي ۾ تو
    منهنجي تن جا ڪپڙا
    زوري ڦاڙي ڇڏيا هئا
    ان ڪري منهنجا سمورا نظم
    اڃا تائين اُگهاڙا آهن.

    عرفان جي شاعري تي تنقيد جي گنجائش ضرور موجود آهي. ڪٿي ڪٿي هن سڌا سنوان لفظ استعمال ڪيا آهن، جنهن سان تخليقي قوت ڪمزور ٿئي ٿي. مثال طور: نظم ”ديوار“ ۽ غلامي واري زندگي“ پر مجموعي طور تي سندس شاعري جو تاثر اهو پوي ٿو ته هي شاعري اسان جي سماج جو اُگهاڙو سچ آهي، جنهن کان نظرون ڦيرڻ ممڪن ناهن.
    سماجي ناانصافي خلاف چِٽي ۽ واضح مزاحمت آهي، جنهن کي هڪ حساس ۽ نازڪ دل رکندڙ شخص ڊائري جي صورت ۾ رقم لکيو آهي.


    عطيه دائود ــــ ڪراچي
    12 مئي 2014ع


    نظم

    اڄ جڏهن.....

    جڏهن مون،
    توکي پهريون ڀيرو ڏٺو هو،
    هڪ آس جاڳي هئي اندر ۾
    ڪاش!
    هزارين سال زندگي هُجي،
    ۽ آئون توکي ڏسندو رهان.
    پر اڄ
    اَڄ جڏهن سالن کان
    اکيون توکي نه ڏسي سگهيون آهن،
    ته نه موت ٿو لَڀي
    ۽ نه ئي زندگي پنهنجو ٿي ڪري.


    لکيو

    زندگي کي لوڙيون ٿا،
    چون ٿا ”لکيو“ ائين آهي.
    اهو ”لکيو“ ائين آهي،
    جئين:
    ڪنهن جي
    ڪنهن سان هڪ ملاقات به نه هُجي،
    ۽ اُهو هن جي پيرائتي جيون ڪٿا لکي.
      


    اِهو ڪوڙ آهي

    اهو ڪوڙ آهي ته:
    “غم کو سہنے میں بھی قدرت نے مزا رکہا ہے”
    غم ۽ ڏک آهن ئي ڪوڙ،
    سچ ته ننڍڙي ٻار جي ان مرڪ جيان آهي،
    جيڪا
    هر سماجي ۽ معاشري تي خوف کان پاڪ هوندي آهي.


    تون مونکي وساري ڇڏ

    تنهنجي زبان مان نڪتل
    محبت ڀريا لفظ پاروٿا بڻجي پيا آهن.
    پيار
    پنهنجو جوهر وڃائي ويٺو آهي،
    آءُ
    بي معني زندگي جي بدبودار تلاءُ ۾
    ڪيستائين غوطا کانوان؟
    پنهنجي اڌورن خوابن جي ساڀيائن لاءِ
    آءُ هڪ ڊگهي سفر تي وڃي رهيو آهيان،
    اِنتظار ۽ خودڪشي ۾ فرق نه آهي،
    بهتر ٿيندو ته
    تون مونکي وساري ڇڏ.


    ڇا ڳوليندي رهندي آهيان!؟

    شايد
    آئون ڪو پالتو جانور هيس،
    جڏهن ٻِڙند ٿيس،
    ته ڪجھ واپاري مونکي ڏسڻ آيا،
    منهنجو سودو طئي ڪيو ويو،
    مونکي گونگو بڻجي وڃڻ جو ڪلمو پڙهايو ويو،
    ۽ هڪ ڏينهن
    منهنجي شادي ڪرائي وئي،
    ڏاج ۾،
    روزاني استعمال جي شين کان
    سون تائين هر شيءَ مونکي ڏني وئي،
    پوءِ به آئون سامان ۾ ڪجھ ڳوليندي رهندي آهيان،
    آءُ ڇا ڳوليندي رهندي آهيان!؟
    ها!!!!
    آئون پنهنجو پاڻ کي ڳوليندي رهندي آهيان.


    بَس اوهان وڙهندا رهو!

    منهنجي ديس جا سپاهيو!
    هِنن ڪارين راتين ۾ گُلهندڙ هوائون،
    پنن جي صورت ۾
    جيڪي سُڪون جو گهڙيون ونڊي رهيون آهن،
    سي
    اوهان جي محبوبائن جون،
    اوهان ڏانهن موڪليل چُميون آهن
    جن اوهان جي جسمن کي ڇهي منزل ماڻي آهي،
    اوهان جي محبوبائن
    ٽمڪندڙ ستارن ذريعي
    اهو پيغام پڻ موڪليو آهي ته
    ”اوهان ديس جي آزادي لاءِ وڙهندا رهو،
    اسان هوائن هٿان،
    اوهان ڏانهن چُميون اُماڻينديون رهنديونسين،
    هاڻي ته
    اوهان جي عظمت جا گيت ڳائڻ
    اسان جي عبادت بڻجي وئي آهي،
    ۽ اوهان سان ڪيل وفا جا وعدا نڀائڻ زندگي،
    بس!
    اوهان وڙهندا رهو،
    اوچي ڳاٽ سان
    سال ته ڇا
    صدين جو انتظار به اسان کي قبول آهي
    بس اوهان وڙهندا رهو،
    منزل تي پهچڻ لاءِ“


    ناڪام ڪوشش

    آءُ ڪيڏي نه چري آهيان،
    پنهنجي ڪوڙي تعريف ٻڌي،
    پنهنجا ڪپڙا لاهڻ ۾ دير نه ڪندي آهيان،
    پنهنجا سڀ احساس،
    اکين مان وهندڙ لڙڪن ۾ لوڙهڻ جي ناڪام ڪوشش،
    مون اڃا تائين نه ڇڏي آهي.


    مُردا ناهيون؟

    خوشيون ۽ غم
    ٻئي چيڙائيندڙ ٿي پيا آهن،
    خاموشين جا پهريدار
    جديد هٿيارن سان
    اسان جي نگهباني ڪري رهيا آهن
    ڇا
    اسين سڀ
    احساس محرومين جي قبرستان ۾
    ڳري ويل مُردا ناهيون؟


    پابنديون

    تو مان چڱائي جي تمنا وارين
    اسان جي اميدن جا وار
    هاڻي اَڇا ٿي ويا آهن،
    روز نون تجربن جي باھ
    اسان جو رت ساڙي رهي آهي،
    سڀني ڌرمن جا نظريا
    انسانيت جي ڳچيءَ ۾
    ڦندو لڳي رهيا آهن،
    ها!
    قدرت جي اِظهار تي
    لڳايل تنهنجون پابنديون
    توکي به تباھ ڪري ڇڏينديون.


    منهنجا نظم

    ها!
    ٻالڪپڻي ۾
    تو منهنجي تن جا ڪپڙا
    زوري ڦاڙي ڇڏيا هئا.
    ان ڪري
    منهنجا سمورا نظم
    اڃا تائين اُگهاڙا آهن.


    سبب

    مون وٽ مرڻ لاءِ به
    هزارين سبب آهن.
    ۽ تو وٽ
    زندھ رهڻ لاءِ به
    ڪو سبب نه آهي.


      سڀ تنهنجي حوالي

    دنيا جون تمام خوشيون ۽ سک،
    هي ڏينهن، رات ۽ خوشگوار شامون
    سڀ تنهنجي حوالي.
    ها!
    اي منهنجي محبوبا!
    صرف توسان پيار ڪرڻ جو حق
    مون پاڻ وٽ رکيو آهي.


      خاموشي کي گناھ سمجهان ٿو

    عذابن جي خوف کان خاموش رهڻ سبب،
    اسان جي ذهنن جا تالا
    هاڻي چاٻين سان کلڻ کان به
    کتو جواب ڏيئي رهيا آهن.
    هلندو رهڻ ڪيڏو نه بهتر آهي،
    ويهي رهڻ کان!
    ها!
    آئون خاموشي کي گناھ سمجهان ٿو.


    وعدو

    ڪير آهيون؟
    ڪٿان آيا آهيون؟
    اهڙا ٻيا اَنيڪ سوال پڇڻ تي،
    ڪنهن نازل ٿيل ڪتاب جا لفظ
    رَٽو هڻي ٻڌايا ويندا آهن
    ۽ هڪ اهڙو ڪيل وعدو
    ياد ڏيارو ويندو آهي،
    جيڪو منهنجي پيدا ٿيڻ کان
    ڪروڙين سال اڳ جو آهي.
    آئون ياد ڪرڻ لاءِ ذهن تي زور ڏيندو آهيان
    پر مونکي پنهنجو ٻالڪپڻو به ياد نٿو اچي.


    سُهڻي

    تون ڪو تماچي ڪونه آهين،
    جو آءُ تو لاءِ نوريءَ ٿيان،
    منهنجي مٿي تي بندوق رکي،
    ان کي لُڏائي،
    منهن تي ڪپڙو ٻڌي،
    تنهنجي حوالي ڪيو ويو.
    پر مان ڪنهن ميهار سان نڪاح ڪري چڪي آهيان
    ان ڪري آءُ سهڻي ٿيڻ چاهيان ٿي،
    تنهنجي قيد مان،
    منهنجي کٽ نڪرڻ کان،
    ڪنهن ڪچي گهڙي تي تري،
    ميهار ڏانهن ويندي،
    سنڌو ۾ لُڙهي مرڻ کي
    هزار دفعا بهتر سمجهان ٿي.


    ڪافر

    اي مُلان!
    تنهنجو اهو ڪٽر پڻو ۽ انسان دشمني،
    تنهنجي ڪوڙي اَنا کي ظاهر ڪري رهيا آهن.
    تون ڪنهن کي ڪلمو پڙهائي،
    مسلمان ته ڪري سگهين ٿو
    پر ڇا تون پاڻ مسلمان ۽ انسان آهين؟
    شايد ڪنهن پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي ته
    ”انسان ئي مسلمان ٿي سگهن ٿا“
    تون مونکان ڀي وڏو ڪافر آهين،
    ڇو ته آءُ انسان ٿيڻ لاءِ
    گهٽ ۾ گهٽ
    انسانيت جي مضمون جو ننڍڙو شاگرد ته آهيان.


    آڌر ڀاءُ

    تنهنجي لکين رپيا خرچ ڪري،
    ٺاهيل مسجد،
    جنهن ۾ تون پنهنجي،
    مخصوص فرقي وارن ماڻهن کي اَچڻ ڏئين ٿو
    اُن کان هو جهوپڙي وارو ميخانو
    ڪيڏو نه عظمت وارو آهي،
    جنهن ۾ سڀني داخل ٿيندڙ انسانن جو
    کُلي دل سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو آهي.


      زندگي ۽ آزادي

    تون ۽ تنهنجو اهو عقيدو،
    ايڏا پوڙها ٿي چُڪا آهيو
    جو زندھ رهي به
    زندگي ۽ آزادي جو مفهوم
    چاهيندي به نه ٿا سمجهي سگهو،
    ڇو ته تُنهجي سوچ
    مخصوص فر سوده ماضي جي
    ڪال ڪوٺڙي ۾ قيد ٿيل آهي.
    مونکي کِل اَچي ٿي
    جڏهن تون
    فطرتي سونهن جي تعريف ڪرڻ کي
    شرڪ سڏين ٿو.


      تخليق ۽ تخقليڪار

    لاپتا
    ۽ اڻ ڏِٺي ڀڳوان آڏو مٿو ٽيڪيندي،
    ٿڪجين ئي نٿو.
    ۽ منهنجي پنج فٽ جي هلندڙ ڦِرندڙ
    ۽ احساساتي وجود جو منڪر آهين
    مان ئي تنهنجي تخليقڪار آهيان،
    ۽ مونکي گهٽ وڌ ڳالهائيندي،
    تنهنجي زبان هَٻڪي ئي نٿي،
    زماني جا قدر
    مَٽجڻ لڳا آهن.
    ڏسون!
    ته تو واري غيرت
    جيڪا جاهليت ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي،
    توسان ڪيستائين ٿي هلي
    مان به هاڻي زهر پي،
    مرڻ وارو رستو ڇڏي ڏنو آهي.،
    ڊڄ ان ڏينهن کان!
    جڏهن اهو زهر
    مون لاءِ آبِ حيات بڻجي ويندو،


    ديوار

    ٻه ويلا ماني ڏيڻ جو بدلو
    تون مون کان خوب اُڳاڙي رهيو آهين،
    روز تشدد،
    ڪپڙا لاهي،
    مون مٿان سهڪندي،
    گاريون ڏيڻ،
    ۽ هر تذليل ڪرڻ
    پنهنجو بنيادي حق سمجهين ٿو.
    ۽ پنهنجي بي ڊولي
    ۽ متاري وجود جي هڻيائي کي
    مذهبي دليل ڏئي لِڪائين ٿو.
    آئون.
    تنهنجي گهنج پيل چهري ۾ ڪارنهن ملي،
    لڪايل اَڇن وارن جي
    تعريف نٿي ڪري سگهان.
    تنهنجي مذهبي ۽ سماجي رسمن جي ديوار
    آئون هڪ ڏينهن ضرور اورانگهينديس.


    عقيدا ۽ نظريا

    اي بنياد پرستو!
    توهان جا فرسوده عقيدا
    ڌَپَ ڪري چڪا آهن.
    اها ڌَپَ
    مهذب دنيا ۽ انسانيت لاءِ
    ائٽم بم جي تابڪاري اثرن کان
    ڪيئي دفعا وڌيڪ نقصان ڪار آهي.
    اي دنيا جا علمبردارو!
    ۽ مهذب پڻي جا سرٽيفڪيٽ رکندڙو!
    اچو ته انسان دشمن مذهبن ۽ نظرين جي
    موتمار ۽ بدبودار وجود کي هميشه لاءِ دفنائي
    انسانيت کي ان وبا کان آجو ڪريون!


    پوڙها پوڄاري!

    اي پوڙها پوڄاري!
    توسان گڏ
    تنهنجو ڌرم به پوڙهو ٿي چڪو آهي،
    هر نئي ايجاد،
    پراڻي ايجاد کي رد ڪري ٿي،
    پراڻي الماري ۾ پيل،
    اڏوهي کاڌل ڪتاب جي بنياد تي
    تون انسان کي غلام ۽ جاهل نٿو ڪري سگهين
    منهنجي ڳالھ مڃ!
    پوڙهائپ واري ضد ڇڏي،
    پنهنجي هُجري ٻاهران،
    نئين آزاد دنيا جي گيت ڳائيندڙ
    معصوم ٻارن سان رلي ملي،
    پنهنجي پراڻن هڏن. خيالن ۽ جسم کي
    ڪلر ۾ ڳرڻ بجاءِ ريسائيڪل ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏي،
    تنهنجو اهو ٻيو جنم
    توکي، ازل کان ابد تائين،
    امرتا بخشي ڇڏيندو.


    ڪيشيئر

    خدا جي رحمت،
    ماڻهن کي مصروف ڪري ڇڏيو آ،
    برسات ۾ لڙهي ويل
    ڪچن گهرن جا فوٽو
    وران لاءِ NGOs
    ڪمائي جو ذريعو بڻجي پيا آهن.
    غريبن،
    پنهنجي دردن جي ڳوٿرين جا منهن
    نام نهاد سوشل ورڪرن آڏو،
    خيرات جي آسري،
    بي ڌڙڪ کولي ڇڏيا آهن،
    درد وندن جي ديس ۾
    هاڻي مجبوريون
    ۽ عذاب به ڪيش ڪرائي سگهجن ٿا.


    عقيدن جي حڪومت

    بک.
    ڪپڙا مٽائڻ سان ختم نه ٿيندي آهي،
    اڻ هوندگي مسئلن جي ماءُ آهي،
    ۽ خوشيون
    وياج ڀرڻ سان به نه ملنديون آهن.
    دنيا،
    هر روئندڙ ٻار تي کلندي آهي،
    مغرور محبوب
    ۽ سامراج ۾
    فرق بيان ڪرڻ سولو ڪم نه آهي.
    سچ ڳالهائڻ،
    اڄوڪي انسانن جي صحت لاءِ
    تمام گهڻو نقصانڪار آهي،
    ويجهڙائيءَ،
    دُوري جو سبب بڻجندي آهي،
    روشنين واري هن دور ۾
    انڌو بڻجي،
    خوش رهڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي،
    جذبن جي نيلامي،
    جا ڪي به ٽيندر نه ٿيندا آهن
    مايوسين جي ملڪ ۾
    اميد جي اڀرندڙ سج جي روشني
    ڌنڌلي ٿيندي آهي
    بهتري لاءِ
    اُٿندڙ هٿ
    ۽ وڌندڙ وِک کي
    زخمي ڪري،
    سچائي کي
    اَپا هج بڻايو ويندو آهي،
    هر وڏي مڇي
    ننڍي مڇي کي کائيندي آهي،
    ها!
    اسان جي ديس ۾ عقيدا اڄ به
    ماڻهن جي شعور تي حڪومت ڪندا آهن.


    F.I.R

    خدائي رحمت جي بادلن کي
    گهارو لڳو آ،
    ڪچا گهر رکندڙ ماڻهو
    ان خاص عنايت تي
    شايد
    ان ڪري خاموش آهن
    جو آسماني نظام جي
    موسميات کاتي وارن فرشتن تي
    نه ٿيندي آهي. F.I.R دنيا ۾ڪٿي


      انڌن ذهنن جي بازار

    گناهن ۾
    اها لذت نه رهي آ،
    ۽ ثواب به هاڻي
    مُدي خارج دوائن وانگر
    صرف بي خبر مريضن کي وڪرو ڪري سگهجن ٿا،
    ڇا جنت جي آسري،
    سموري زندگي،
    جهنم ۾ گذارڻ صحيح آهي؟
    آئون،
    سموري حياتي روئي،
    ڪُراڙپ ۾ انڌو بڻجي،
    ٽهڪ ڏيڻ نٿو چاهيان،
    اهي ثواب ۽ عذاب
    پاڻ وٽ سنڀالي رکو!
    زندگي کي خوف ۾ ويڙهي،
    هدايت جا هوڪا ڏيندڙوء!
    انڌن ذهنن جي بازار ۾
    اسان جو عقل ۽ شعور
    وڪري لاءِ دستياب نه آهي.


    شاندار موت

    ها!
    آئون مرڻ چاهيان ٿو،
    خوف ۾ ڏڪي ڏڪي،
    ڌَپ ڪري وڃڻ کان اڳ،
    آئون ڏيئو بڻجي ٻرڻ چاهيان ٿو،
    اماس راتين ۾
    صدين جي تاريڪي ٽوڙڻ
    حياتي جي هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ
    زندگي،
    آزادي،
    انسانيت،
    امن ۽ ڀائيچاري جو گيت
    بغاوت جي ڌُن تي وڏي آواز ۾ ڳائڻ چاهيان ٿو.
    ڪنهن مظلوم جي اک جو لڙڪ ٿيڻ کان سُٺو آ ته
    ظالم کي روئارجي،
    ڏاڍ کي ڳڀا ڳڀا ڪجي،
    ها!
    آئون بهتر زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪندي،
    شاندار موت مرڻ چاهيان ٿو،
    اَپاهج زندگي جيئڻ کان،
    پيرن تي بيهي مرڻ
    ڪيڏو نه خوبصورت عمل آهي.


    زندگي جو رقص

    زندگي جو رقص،
    پنهنجي بالغپڻي ڏانهن
    تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي
    تعبير ڊوڙي،
    خوابن جي آجيان ڪري رهي آهي،
    ڪالھ جا ڪيترائي سچ،
    اڄ تحقيق ۽ کوجنا ڪوڙا ثابت ڪيا آهن،
    ۽ انيڪ ڪوڙ، سچ بڻجي سامهون آيا آهن،
    دنيا،
    بهتر کان بهترين طرف
    تيزي سان عمل پيرا آهي،
    سائنس،
    سور کي سرور ۾ بدلائي رهي آهي،
    ۽ اَسان اَڃا تائين،
    بيوفا محبوب جي مليل غمن تي روئندي،
    اکين جو نور وڃائي رهيا آهيون.


    ترقي ٿي رهي آهي

    دنيا ترقي ڪري رهي آهي،
    پاڻي ۾ لڙهندڙ
    ماڻهن جا لاش،
    هاڻي سولائي سان ڳولي سگهجن ٿا،
    اڳي ماڻهو مان
    ماڻهپي جي خوشبوءِ ايندي هئي،
    هاڻي پرفيوم جي.


    Project Proposal

    بي وسي جي زندگي جيئندي،
    درد،
    مکيون
    ۽ بيماريون
    گهر جي ڀاتين وانگر اڱڻ تي موجود آهن،
    ۽ اڻ هوند به صبح جي پهر ۾
    سج جي روشني وانگر
    بغير عينڪ جي
    سموري گهر ۾ ڏسي سگهجي ٿي،
    هُن
    مايوسي مان
    گهر ڌڻي هجڻ جي ناتي،
    صبر جي زهر جي سڄي بوتل پي ڇڏي آ ڄڻ،
    ان سڄي وارتا کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ
    ڦورو N.G.O
    بغير آواز ڏيڻ جي
    وچ اڱڻ تي پُهچي ٿو،
    سڀ کان پهرين،
    هو آسري ۽ آٿت جا لفظ پنهنجي واتان ڪڍڻ بدران
    ۾ جان وجهڻ لاءِ،(Project Proposal) پروجيڪٽ پرپوزل
    بهترين لوڪيشن ملڻ جو خوشيءَ ۾
    ٿيلهي مان ڊجيٽل ڪئميرا ڪڍي،
    ڪري، (Capture) دردن کي
    هميشه لاءِ محفوظ ڪري ٿو ڇڏي.


      احتسابِ انقلاب

    اسان وڏا اِنقلابي سڏائيندي،
    فخر محسوس ڪيون ٿا،
    احتجاج ڪرڻ ڪري،
    اسان جي چهري تي
    ڄميل روڊن جي ڌوڙ لاهڻ لاءِ
    اڃا تائين ڪو صابڻ ناهي ٺهيو،
    اسان ٻئي ڪم ڪار جا ته آهيون ڪونه
    اِنقلابي جو ٿياسين،
    حڪمتِ عمليون جوڙيندي،
    اوجاڳن جي ڪري،
    صبح جو رک ــــ وَٽي ۾ سگريٽن جا ٽوٽا
    ڳڻپ کان ٻاهر هجڻ باوجود
    افسوس!
    اسان جون جدوجهدون
    بي وضو ڪيل مذهبي عبادتن وانگر
    قبوليت جو درجو نه ٿيون ماڻي سگهن،
    ڪو ته سبب آهي نه!
    يا الفابيٽ غلط ٿي سگهي ٿي
    يا اسان جا اُچار
    يا نصاب ئي غلط سمجهون،
    يا اُستاد اڻپڙهيل آهن،
    ڪٿي ايئن ته ناهي
    جو سڀ غلطيون
    اسان شاگردن ۾ ئي آهن.


      روزگار

    زندگي جي رقص ۾
    ماتم
    ٿر جي واريءَ وانگر موجود آهي،
    هاڻي ڪربلائون
    روزانو برپا ٿينديون آهن،
    سڄو ڏينهن
    وڏي محنت ڪرڻ سان
    ننڍو پيٽ نٿو ڀري سگهجي،
    وسيلن جي کوٽ سبب
    وڏي جهان جون
    ننڍڙيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ
    خدا،
    انسان،
    زندگي،
    عشق،
    محنت،
    صحت،
    بيماري،
    احساس،
    موت،
    ڏک،
    ۽ خوشي جا
    الڳ الڳ دُڪان کولي،
    ماڻهو کي
    بيروزگار ٿيڻ کان بچايو پيو وڃي.


    آخري چُمي

    ها!
    وڇوڙن کان اڳ
    خوشين جي جواني ۾
    تنهنجي ڪوھِ نور جهڙي چهري تي
    منهنجون ڏنل سموريون چُميون،
    پوڙهيون ٿي چڪيون آهن.
    سگريٽ جو دونهون،
    منهنجي چپن جي رنگ کي
    تيزي سان بدلائيندو ٿو وڃي
    باھ لڳل دنيا جا ٻرندڙ رستا
    مونکي ڏنڀي وجهن،
    رياستي رسم و رواج
    مونکي رُوپوش ٿيڻ تي مجبور ڪن،
    ان کان اڳ
    مون کان پوري زندگي
    گڏجي گذارڻ جا وعدا وٺڻ کان بهتر آهي ته
    تون مون کي آخري چُمي ڏيئي وَڃ،
    جدا ٿيڻ کان اڳ جا وڇوڙا
    متان پنهنجي آئيندي جي
    بهتريءَ جو ڪو سامان کڻي اَچن.


      زندگي کي چُمي

    زندگي انمول آهي،
    ۽ اسان کان مسلسل جدوجهد جي تقاضا ڪري ٿي،
    اسان موٽ ۾
    اَشرف المخلوقات هوندي به
    پاڻ ۽ جانورن ۾
    واضح فرق بيان نٿا ڪري سگهون،
    ڪروڙين سالن جي ارتقائي علم جي تسلسل باوجود
    زندگي جبلتن جي پورائي لاءِ پتوڙيندي
    ختم ٿيو وڃي
    مذهبن جو جُلاب
    اڄ به اسان جي خالي آنڊن ۾ وڪڙ وجهي ٿو،
    اوتار
    اسان کي ماني ڏيڻ کان قاصر آهن،
    پيٽ جي بُک
    ۽ آسماني قانونن جي سختين جي بار
    اسان جون چهيليون چٻيون ڪري ڇڏيون آهن،
    دنيا جي مهذب پڻي جون همدرديون
    ننڊ جون گوريون بڻجي
    اسان جي دردن کي پَل لاءِ به
    هلڪو نه ٿيون ڪري سگهن،
    اسان جا جوان چهرا
    قبرن جي ڪتبن جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن
    ۽ اسان شعور ۽ عقل جا پساھ کڻڻ باوجود
    مايوسين جي ڪفن کي ڦاڙي
    زندگي کي چُمي نه ٿا ڏيئي سگهون.


      سڌريل زندگي جو ڏيک

    بيوسي جي بازار ۾
    اسان جا احساس
    ٽڪي ٽوڪري وڪامجن ٿا.
    موسيقي
    درد ٻيڻا ڪري ٿي ڇڏي،
    محبوب جُملا
    دل جو بار هلڪو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي رهيا آهن
    زندگي جو گيت
    پنهنجو رڌم وڃائي ويٺو آهي
    جيون جي زنگينين کي
    مسئلن ڦِڪو ڪري ڇڏيو آهي،
    گهمندي، ڦرندي
    هر ڪنهن جي چهري تي
    بي سُري مُرڪ جو اِسٽيڪر چنبڙايل آهي،
    سُڪي ويل چپن کي
    برسات جو پاڻي به آلو نه ڪري سگهيو آهي،
    آرام ۽ سڪون جو ڏڪار
    ٿر ۾ سوڪهڙي وانگر
    هر دل خشڪ بنائيندو ٿو وڃي،
    جذبا اُڃ وگهي،
    سهڪندي سهڪندي مري رهيا آهن.
    هي ايڪيهين صدي ۾
    اسان جي سڌريل زندگي جو ڏيک آهي.


      کوٽ

    اشرف المخلوقات ۾ وحشي پڻي جو سبب
    ڇا تخليقڪار جي فني صلاحيتن ۾ کوٽ ناهي؟
    هونئن به
    سچي سون کي لڳل ڪَٽَ
    وسوسن ۽ شڪ کي جنم ڏيندي آهي.


    انتظار

    صبح جي روشني آڻيندڙ سِجُ
    ستل سڌائتن جي اُٿڻ جو
    انتظار ناهي ڪندو.


    بيرخي جي اُس

    جڏهن
    وقت ۽ حالات جي سج جو پاڇو
    وڏي کان ننڍو ٿيندو ويو ته
    تنهنجي پيار جي ڇانوَ مان
    بيرُخي جي اُس جي گرمي لڳڻ سبب
    منهنجا احساس
    پگهر ۾ شل ٿي سهڪڻ لڳا،
    ۽ مون
    ڪنهن غريب جيان
    ڏکڻ جي هِير جي آسري تي
    زندگي جو اونهارو گذاري ڇڏيو.


      اوپرائپ

    تنهنجي اوپرائپ اڳيان
    منهنجون حُجتون هوش وڃائي ويٺيون آهن،
    پر
    ڇا ڪجي
    هيڻن ماڻهن وانگر
    منهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ
    اميدون به بي تڪيون ٿي پيون آهن
    آسرن جا ميرا لٽا
    منهنجي وجود کي ڏاڍو بيچين ڪري رهيا آهن،
    آئون ڄاڻان ٿو ته
    محبت جي مظلومن سان بيرُخي جا ڪاريهر
    ڏاڍو برو حشر ڪندا آهن،
    پوءِ به منهنجو من
    سنڌي قوم وانگر
    بغاوت کي گناھ سمجهندي
    توکي وسارڻ جو مھا پاپ ڪرڻ کان اِنڪاري آهي.


    محرم جي چنڊ جو انتظار

    تنهنجي وڇوڙي سبب
    خوشين جا ٽهڪ
    يتيم بڻجي پيا آهن
    ۽ هاڻي اکيون روئڻ لاءِ
    محرم جي چنڊ جو اِنتظار ناهن ڪنديون.


    محبت جا ماپا

    جتي قيد کي
    پيار سڏيو ويندو هُجي،
    ان سماج جي محبت جا ماپا
    جذبن جي خون ۾ ٻڏل هوندا آهن.


      مالڪ سان ملاقات

    نڌِڻڪي خلق ڏسي،
    لڳي ٿو ته
    پالڻهار گُل ٿي ويو آهي
    يا انور چواڻي
    ”ہم نہ کسی کا جایا رے”
    ايئن به ٿي سگهي ٿو ته
    سندس تخليق
    توقع کان وڌيڪ ڏاهي ٿي،
    کانئس گوءِ کڻي وئي هُجي
    ۽ هُن،
    نوجوان پٽ جي پوڙهي پيءُ جيان
    خاموشيءَ اختيار ڪري ڇڏي هجي
    بهرحال
    هزارين سوالن منهنجي سيني ۾ سانڍيجي نٿا سگهن،
    آءُ خدا جي مڙني خليفن
    کان سندس ڏَس پتو پُڇي (Personal assistants) ۽ پَرسنل اسيسٽنس
    ساڻس ملاقات ڪري
    انسان سان لاڳاپيل گهڻا ئي
    خارجي ۽ داخلي مسئلا سُلجهائڻ گهران ٿو.

    _____________________________
    سيد انور علي شاھ (درگاھ جهانپور شريف، ضلع گهوٽڪي)


      مقصد ۽ منزل

    تنهنجون اهي گاريون
    تشدد
    ۽ بندوق جون اُلرون،
    مونکي مقصد تان هٽائي نٿيون سگهن،
    مونکي گولي هڻڻ لاءِ
    تنهنجا اٿيل هٿ،
    ڏڪي ڇو رهيا آهن؟
    ڏس!
    مان زخمي ٿيل،
    پنهنجي رتورت وجود سان،
    موت جي آجيان لاءِ اُٿي بيٺو آهيان،
    مونکي پڪ آهي،
    تنهنجي پستول مان نڪتل گولي
    مونکي اَمر
    ۽ منهنجي مقصد کي
    عظيم ڪري،
    منزل تائين رسائي لاءِ
    گڏ سفر ڪندي.


      نا اُميدي

    نا اُميدي،
    اسان جي معاشري ۾
    آڪسيجن سان گڏجي وئي آهي،
    جيڪا ماڻهن جي ڦڦڙن
    ۽ دل تائين پهچي،
    انهن کي جلد ئي ڪانئر ڪريو ڇڏي،
    ۽ اُهي بهتري جي هر نڪتي تي
    عمل ڪرڻ بجاءِ
    غلامي کي زندگي،
    ۽ آزادي کي موت سمجهن ٿا.
    پر اُهي نٿا ڄاڻن ته
    آزاد ڌرتي جي آزاد فضا ۾
    ڦهليل آڪسيجن
    ايتري طاقتور هوندي آهي
    جو ان جي هڪڙي پساھ سان
    مردھ دليون به
    گلاب وانگر ٻهڪي پونديون آهن.


      منهنجو رت وهندو رهندو

    اي سچ!
    مون توکي آواز ڏنو ته
    منهنجي زبان ڪپي وئي
    ۽ ڪُفر سميت ڪروڙين فتوائن جو بار کڻايو ويو،
    سچ چوندا آهن ته
    سچائي لڪي ناهي سگهندي،
    آئون به توکي پاڻ ۾ سانڍي،
    لِڪائي نه سگهيس،
    ۽ هر دور ۾
    بدليل روپ سان
    منصوري پرمپرا پنهنجي زخمي وجود سان
    اَڃا تائين نڀائيندو پيو اَچان،
    مونکي فخر آهي ته
    آءُ تنهنجو ساٿي آهيان
    ۽ اهو ساٿ
    جيستائين
    سمورا انسان نڀائڻ سکي وٺن
    تيستائين
    منهنجو رَتُ وهندو رهندو.


    ڪاش!

    جيون ۾ خوشيون
    اَٽي ۾ لوڻ برابر به هجن ها ته
    ذائقو جبلتن کي چُپ ڪرائي وڃي ها،
    هر روز
    ٿورائتي ۽ ڦِڪي ماني کائيندي،
    گراھ نِڙي ۾ اٽڪيو پون
    ڪاش!
    احساسن جي الٽي ڪري
    هانءُ تان
    احساسِ محرومين جو بار هلڪو ڪري سگهجي ها.


    ڪهڙو فرق ٿو پوي؟

    خدا آهي،
    خدا نه آهي،
    ڇو آهي؟
    ڇو نه آهي؟
    ڇا
    اهي موضوع
    اڃا به بحث طلب آهن؟
    جِتي جبلتون انسان لاءِ وڏو مسئلو هُجن،
    اُتي خدا جي هجڻ
    يا نه هجڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي!؟


    آئون خواب ڏسي رهيو آهيان

    جتي
    زندگي محورِ رقص هُجي،
    غم ۽ خوشيون پيرن هيٺان نه لتاڙجن،
    امن جو سج ڪڏهن به نه لهي،
    جتي
    محبتون معذور نه ٿينديون هجن،
    انسان هر وِکَ شعور جي رستي تي کڻندو هجي،
    جتي
    حياتيون ڇوريون ڇنيون نه ٿينديون هجن،
    جتي
    دماغ جو استعمال گناھ نه هجي
    ها!
    آئون اهڙي ديس جا خواب ڏسي رهيو آهيان،
    اهڙي ديس جا خواب،
    جنهن کي ڏسي،
    فرشتا رڪجي وڃن
    جتي
    انسان، خدائي جنتن جي آسري،
    سموري ڄمار لاءِ انڌو ٿيڻ نه قبوليندا هجن،
    جتي آزادي جي اُجالن جي نور کي
    ڪوبه مات نه ڏئي سگهندو هُجي،
    ها!
    آئون اهڙي ديس جا خواب ڏسي رهيو آهيان.


    خزانو

    ها!
    توکانپوءِ
    مون وٽ تنهنجي يادن جو ناياب خزانو آهي،
    جڏهن لڙڪن جو پاڻي،
    نيڻن جي ڪپرن جا بند ٽوڙيندو آهي ته
    مونکي پنهنجي اُميدن جون
    جُھڳيون ٻُڏندي محسوس ٿينديون آهن،
    ان وقت
    تنهنجون يادون
    ٻيڙيون بڻجي
    مونکي خطرن کان محفوظ
    ڪنهن خِطي ڏانهن وَٺي وينديون آهن.


    ميجڪ شو جي اسٽيج

    فطرت
    جڏهن اسان جو تماشو ڏسڻ جي مُوڊ ۾ هوندي آهي ته
    رات جو ڪارو پردو ڦھلائي ڇڏيندي آهي،
    ۽ ڪاري رات ۾
    ڪارا ڪردار رکندڙ
    اسين انسان
    سماجي مسئلن جي ميجڪ شو اسٽيج تي
    ننگا نچيندا آهيون
    بغير ”واھ واھ“ جي لالچ جي.


    توسان گذاريل لمحن جون يادون

    جڏهن
    رات کوڙ ٿي ويندي آهي،
    ۽ آئون،
    تنهنجي دوري جي دردن کي سمهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳندو آهيان
    ته
    توسان گذاريل لمحن جون يادون
    ننڊاکن وڇوڙن جي دردن کي ڇرڪ ڀرائي
    تنهنجي،
    مونسان نه هجڻ جي احساس کي جاڳائي وجهنديون آهن.


    احساسن جي مالڪي

    آئون،
    آوارھ سپنن جي رولاڪ وانگر
    پنهنجي احساسن جي مالڪي نٿو ڪري سگهان
    مسئلن جون مصيبتون
    مونکي مسڪرائڻ جي اجازت نه ٿيون ڏين
    ڇو ته
    آئون اَڃان تائين
    زر خريد غلامن وانگر
    پنهنجي آقائن جي فرمانبرداري
    ايمانداري سان ڪندو آهيان.


    ڊڄ!!!

    ها!
    مان سڀ ڄاڻان ٿو،
    توکي صدين کان سڃاڻان ٿو،
    تون
    ماڻهن کي بُکيو
    ۽ ننگو ڪري کلندو آهين
    ۽ آئون
    ماڻهن کي بکيو ڏسي روئندو آهيان،
    ڊڄ!!!
    ان ڏينهن کان
    جڏهن ماڻهو
    پيٽ ڀري توتي ٽهڪ ڏيندا.


      انسان

    آئون ست قرآن بڻجڻ نٿي چاهيان،
    تون رڳو
    مونکي انسان سمجهندو ڪر.


    ڪاروبار

    تنهنجي ذهبن جي لالٽين جا شيشا
    تمام ڌنڌلا ٿي چڪا آهن،
    ها!
    اڄ انساني عقل جي اُڏام
    آسمان سان ڳالهيون ڪري رَهي آهي
    تون
    ڪيستائين
    روشن دنيا ۾
    گاسليٽ وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندو رهندين؟


      غلامي واري زندگي

    جيئن
    سڙيل کاڌو
    کائڻ جي لائق نه هوندو آهي
    ايئن
    غلامي واري زندگي
    جيئڻ جي لائق نه هوندي آهي.


    مان ڇا سمجهان؟

    ايڏي خاموشي!!!
    مان ڇا سمجهان؟
    خدا بڻجي ويو آهين ڇا؟


      ناقابل برداشت

    آءُ سوچيان ٿو ته
    تنهنجي مهذب پڻي کي ڪچيون گاريون ڏيان،
    رڳو ئي منافعه بخش ڪاروبار بنائي ڇڏي ٿئي زندگي
    تازي ڄاول ٻار کان
    لاش تائين،
    زندگي وڪرو ٿئي پئي،
    آءُ ٿڪيان ٿو
    تنهنجي تهذيبي اصولن تي
    ها!
    آئون تنهنجي انسان دشمن سڀني قانونن کي
    پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙيان ٿو،
    فطرت جي واتان
    رت جون الٽيون
    مون لاءِ ناقابل برداشت آهن.


    محبت: ٻاراڻوکيل

    پاڻ
    ٻنهي جي وچ ۾
    جيڪو ڪجھ وهيو واپريو،
    ها!
    تون اها سڀ ڪجھ وسارڻ جو
    پورو پورو حق رکين ٿي
    هونئن به
    پنهنجي ناڪام محبت جا قصا
    ڪي ايڏا دلچسپ به نه آهن
    جو ساروڻين جي آسري،
    رسمي زندگي جي سفر کي اڳتي هلائي سگهجي
    اُها تانگھ به هاڻي ڪهڙي معنيٰ رکندي هوندي،
    جيڪا رڳو هڪ ٻئي کي ڏسڻ لاءِ
    سال تائين دل ۾ پلجندي هئي
    ۽ هڪ ٻئي کي ڏسي
    ڄڻ زندھ ٿي پوندا هئاسين
    اُهي دريون
    جِتان ليئا پائيندي هُئينءَ،
    سي چٽسالي جو اعليٰ نمونو ته ڪونه هيون
    جو تون انهن کي ياد رکين،
    اُهي سهانا پَلَ
    سرنهن جا پيلا گل،
    هڪ ٻئي جي جسمن تي پاتل
    ننڍڙيون
    نابالغ چُميون
    محبتن سان ڀريل
    ڪچيون
    ڦِڪيون ڳالهيون،
    سڀ تون وساري سگهين ٿي،
    ڇاڪاڻ ته
    هاڻي تون وڏي ٿي وئي آهين،
    ها وڏي!
    زندگي کي سنجيدگي سان گذارڻ
    توتي فرض آهي
    بقول تنهنجي ته
    محبت ٻاراڻو کيل آهي،
    آئون هاڻي وڏي ٿي وئي آهيان.


    مون ۾ جيڪو جنون جاڳي ٿو

    تنهجا ثواب رت هاڻا ٿي پيا آهن،
    عقيدن جي چادر
    جبلتن جي اوگهڙ کي لڪائي نٿي سگهي،
    تنهنجا ڌرمي ڪاروبار
    مونکي مسلسل گهاٽو ڏئي رهيا آهن،
    پاڻ
    ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي بقا
    مون لاءِ اهميت جوڳي آهي
    آخر
    تون ڪيستائين
    ماڻهن کي ڊِبڪي تي
    ڀولڙي جيان نچائيندين
    مون ۾
    جيڪو جنون جاڳي ٿو
    اهو تنهنجي وڇايل مذهبي لوڙهن کي
    اُگهاڙن پيرن سان اورانگهڻ لاءِ آتو آهي.


      وڃائجي ويل شاعري

    نه آئون شاھ جهان هئس
    نه تون ممتاز هُئينءَ،
    جو
    ڪو تاج محل وجود ۾ اَچي سگهي ها،
    اي منهنجي محڪوم قوم سان واسطو رکندڙ محبوبا!
    پاڻ ته
    هڪ ٻئي لاءِ ماڻهن ميڙ ۾ اَڻ ڏٺل رهياسين،
    پنهنجي محبت به
    ڪنهن گمنام
    ۽ رولاڪ شاعر جي وڃائجي ويل شاعري ئي هئي
    جنهن جا پنا
    نه ڪوئي پڙهي سگهندو
    نه ئي واھ واھ ڪندو


    تڪڙي ترقي

    رات کي جاڳڻ جي بيماري ٿي پئي آ
    ۽ ڏينهن بيهوش ٿي وڃن ٿا
    فطرت کي انڌو بڻجي دٻايو ٿو وڃي
    ايڏي تڪڙي ترقي
    ڇا اَسانکي سهڪائي نه وڌو آهي.


    جيون جون رونقون

    منهنجو تن
    تنهنجي ڪارن،
    ڊگهن زلفن جي لڳڻ سان ٿيندڙ ڪِتڪائين لاءِ اُٻاڻڪو آهي
    راتيون بي رونق
    ۽ ڦٽل شهر وانگر خاموش آهن،
    منهنجي جينون جون رونقون
    تنهنجا رستا ڏسي رهيون آهن،
    پر تنهنجو اچڻ،
    سنڌ ۾ خوشحالي جي خواب وانگر لڳي رهيو آهي.


    سوالن جا جواب

    سج اُڀرڻ کان اڳ
    سُوَرڳ سمان وايو منڊل ۾
    وساميل چُلهن سان گڏ،
    وساميل چهرن جي خاموشي،
    مون کان هزارين سوال پڇندي آهي،
    مون وٽ انهن سوالن جا ڪي جواب ناهن
    ان ڪري،
    مون صبح جو سوير اٿڻ ڇڏي ڏنو آهي.


        خاموش خودڪشي

    اسان
    هٿ،
    پير،
    ڪن،
    ۽ زبانون رکندي به
    لُولو،
    لنگڙو،
    انڌو،
    ٻوڙو
    ۽ گونگو نسل آهيون،
    ڌرمن
    ۽ رسمن جي رِيلُن جو آواز ٻاڙو ٿي چڪو آهي
    پوءِ به
    اسان
    بيوسي جي بي سرن گيتن تي جُهومڻ اڃا نه ڇڏيو آهي
    انڪار جي عظمت ڄاڻندڙ
    آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن،
    اسان جو معاشرو سَنڍ بڻجي چڪو آهي
    جيڪو مايوسي جي گود ۾
    اُميدن جا نڪور گُل نٿو پالي سگهي،
    هر ماڻهو وٽ اهو سوال نه پر
    جواب آهي ته
    آخر ڇا ڪجي،
    ڇا اهو جواب،
    اسان جي خاموش خودڪشي نه آهي؟


      ڪهڙو فرق ٿو پوي

    مون
    پيار ڪيو هو يا
    خودڪشي
    ڪهڙو فرق ٿو پوي
    توکانپوءِ!؟


    مسئلو

    زندگي سان مسئلو
    ٺيڪ آ،
    پر
    جي زندگي مسئلو هُجي ته......؟


    ڪنوارو خيال

    اي منهنجي محبوبا!
    تون شاعرن جو اُهو ڪنوارو خيال آهين،
    جيڪو
    جڏهن به،
    جتي به،
    ڪنهن پني تي اُتاريو ويندو،
    ان مهل خود تخليقڪار به اَچرج ۾ پئجي ويندا


    موهن دڙي جي مِٽي

    کلندي پڇيائين:
    تنهنجا سڀ نظم غير مسلم ڇو آهن؟
    چيومانس:
    موهن دڙي جي مِٽي اڃا ڪلمو نه پڙهيو آهي.


    انتظار نٿو ڪري سگهان

    تنهنجي جسم تي ڏنل
    منهنجي چُمين جا نشان
    ڦٿڪي رهيا هوندا،
    انهن ۾ نئون ساھ ڀرڻ لاءِ
    آئون ٻئي جنم جي اِنتظار نٿو ڪري سگهان.


      ڪهڙو فرق آهي؟

    گناھ بي گهر ئي آهن
    هرڪو
    ثوابن جي سنهي ڪرڻ ۾ پورو آهي
    اخلاقيات ايڏي داداگيري ڇو آهي؟
    مونکي ڄاڻ ناهي،
    رات جي اونداھ ۾
    بي ھمتي جا پير کنيم ته
    مسجدن،
    مندرن
    ۽ ڪليسائن جي درن کي ٻاهران تالا لڳل هئا،
    آئون ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته
    لاشعوريت
    ۽ سُڪ تي ڪپڙا لاهڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟


      پهريون ۽ آخري وِکون

    ليڊرن
    مراعتن جون گوريون کاڌيون ته
    جدوجهدون سنڍ بڻجي ويون،
    سندن تقريرون
    خواجه سرائن جي مذاق وانگر
    بي هوده لڳي رهيون آهن،
    ماضي ڀونڊا ڏئي رهيو آهي،
    ۽ مستقبل جو اونو
    ڪاري رات جيان ڏنگي رهيو آهي،
    مڪروھ چهرن تي منافقتون
    اُگهاڙيون ٿي نچي رهيون آهن
    پر سِنڌ،
    چوواٽي تي وڏي واڪي پُڪاري رهي آهي،
    پهريون ۽ آخري وکون
    وڏي تڪليف ڏينديون آهن.


    سوال

    پيدا ڪيل حالات اڳيان،
    مجبوريون
    پنهنجا ڪپڙا لاهڻ لڳيون آهن
    عزت نفس
    پنهنجو دم ٽوڙي چڪي آهي،
    هن عاليشان جهان ۾
    خدائي خلق،
    خدا جي مخلوق سان
    زوري زنا ڪندي رهي ٿي،
    مان سوچيان ٿو،
    ڇا سڀ انسان برابر آهن؟


      سنڌ جي گوريلا جا چيل آخري لفظ

    اسان سان ملي ڪري
    موت ناز ڪندو
    ته مون زندگي حاصل ڪئي آهي
    ۽ زندگي اسان کان وڇڙي
    پنهنجي اڪيلائي تي ماتمي نوحا ضرور چوندي
    اسان جا ايندڙ نسل،
    اسان جي قربانين جا گيت ڳائي،
    ڌرتي کي چُمندي،
    وصال جون واڌايُون وَصول ڪندا رهندا،
    اي زندگي!
    ۽ موت!
    اسانکي فخر آهي
    ته اسان توهانجا قرض ۽ فرض ٻئي ادا ڪيا آهن.


      زندگي جي جنگ ۾ حياتي هارائڻ

    ڏک، قسمت نه
    پر غلامي جو مليل تحفو آهن،
    پنهنجي بيوسي
    ۽ مظلوميت جي صدا بلند ڪري،
    ڪيتري تائين پنهنجي زندگي پنندا رهون
    اَچ ته
    گڏجي زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ
    ڪنڌ ڪپائڻ واري راند کيڏون،
    جي فتح ٿي ته
    وصال جون واڌايون،
    حياتي ٻيڻي ڪري ڇڏينديون
    جيڪڏهن،
    زندگي جي جنگ ۾ حياتي هارائي ويٺاسين
    ته اسان جا ايندڙ نسل،
    اسان جي قبرن تي
    پيشاب ڪرڻ بجاءِ گل هاري
    ساڳي راند، نون گُرن سان کيڏي،
    پنهنجي وڏن جي سُنت زندھ رکي،
    منزل ڏانهن سفر جاري رکندا.


    محبتون

    محبتون زندھ رهڻ لاءِ اُتساهينديون آهن،
    پر ڪڏهن ڪڏهن
    محبتون ڪاريهر بڻجي ڏنگينديون آهن،
    دنيا ۾
    هر شئ وڌندي،
    ويجهندي،
    ڀڄندي،
    ۽ ڀُرندي رهي ٿي
    اُهي انسان
    جيڪي جُون جي اُس ۾
    ڇانورو ڏيندڙ هوندا آهن،
    اُهي ساڳيا اِنسان
    ڊسمبر جي وڻندڙ اس کي به
    ڪڏهن ڏور ڪري ڇڏيندا آهن،


    خوشفهمي

    سموري زندگي
    ثواب ڪمائڻ جي چڪر ۾
    هُو پنهنجي شعور کي چکيا تي
    چاڙهي چُڪو آهي
    پابندي سان پوڄا ڪرڻ کي عادت بڻائي،
    وساميل چهري سان زندگي جيئندي،
    پاڪ ڪتابن جو ورد ڪرڻ باوجود
    آسماني صحيفن جون نوراني لاٽون،
    سندس خوفائتي چهري جي ڪاراڻ لاهڻ کان قاصر اٿس
    پوءِ به
    هو زميني حقيقتن جي سچائي کان
    اِنڪار ڪرڻ کي اِيمان جو جُز سمجهندي،
    بي خبري جا جُبا پائي،
    اوندھ کي ڳراٽڙي پائڻ لاءِ
    باوضو رهڻ کي ترجيح ڏئي،
    پاڻ کي خوشفهمي جي مرض ۾ مبتلا ڪري،
    عقيدت جي مِٺاڻ ۾ تيار ٿيل حلوا کائي،
    وڏي پيٽ سان،
    پڪل سِرُن نُما ڏند ڪڍي،
    شڪسته مرڪ مُرڪي،
    پاڻ مٿان قانونِ فطرت کي کلائي رهيو آهي.


      اسان جي مسلماني

    هتي ماڻهو ذبح ڪرڻ لاءِ
    بسم الله،
    الله اڪبر چوڻ جي پابندي به نه آهي،
    بي وسن مٿان فتويٰ جاري ڪرڻ لاءِ
    ڪنز تدوري، قافيه جا پنا اُٿلائڻ ضروري نه آهن
    شرعي عبادت پُوري ڪرڻ کانپوءِ
    انساني گوشت وڪرو ڪرڻ غير شرعي ناهي،
    ڄمندي ئي عورتن جي زبان ڪٽي،
    اسان برابري جا حق ڏيندڙن مان سڏرايون ٿا،
    اسان مذهب کي انساني فلاح لاءِ استعمال ڪرڻ بدران
    وڏا وڏا پيٽ ڀرڻ جو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي،
    اسان انسانيت جا ليڪا لتاڙي،
    بهترين مسلمان سڏائيندي،
    فخر محسوس ڪندا آهيون.


    حُجت

    برسات کي روڪڻ لاءِ
    پوڄارين جو اُٿيل هٿ،
    ڀڳوان مايوس ماٽائي ڇڏيا آهن،
    الله الصمد جو ورد،
    بادلن کي وسڻ کان روڪي نه سگهيو آهي،
    ڇت مان وَهي آيل،
    الله جي رحمت جي پاڻي،
    تختي تي پيل پاڪ ڪتاب جي غلاف کي ڀڄائي
    آسماني قانونن جي بيحرمتي ڪري ڇڏي آهي،
    پوءِ به برسات جو پاڻي
    سنڌ جي سوُرمن جي زخمي جِسمن مان وهندڙ رَتُ وانگر
    بيهڻ جو نالو ئي نٿو وَٺي.


    رحمت، درد، دوا

    برسات وسڻ شروع ٿي،
    دردن جي گرمي ۾ ڪارا، ٺوٺ ٿيل چهرا مشڪڻ لڳا،
    برسات وڌندي وئي،
    وڌنڌي ئي وئي،
    بادلن، ڄڻ پنهنجو الھ تلھ
    پاڻي سان ڀري آيا هئا،
    آهستي آهستي،
    پر نالن وهڻ شروع ڪيو
    ۽ بيوس خلق،
    خدا،
    ڀڳوان،
    ايشور کي سڏڻ لڳي،
    پر اَڻ هوند جي ڪري،
    ٻاجھ جي خيرات هنن کي نه ملي سگهي،
    پوءِ،
    مجبور ماڻهو جي چتيون لڳل چولي جهڙين
    ڇَتِيُن ٽمڻ شروع ڪيو،
    پوءِ،
    گهرن ڪِرڻ شروع ڪيو،
    خاموش ڳوڙهن جيان
    ڪوبه آواز نه ٿيو،
    شايد
    مجبورن پاڻ ۾ رحمت کي برداشت ڪرڻ جي
    سگھ ڏسڻ پئي چاهي،
    پاڻي جي سطع وڌڻ لڳي،
    پوءِ
    گهر،
    فصل،
    رستا،
    هڪجيترو پاڻي،
    پاڻي ئي پاڻي،
    پوءِ
    مڇر،
    بخار،
    مليريا،
    غُربت،
    آهون،
    سُڏڪا،
    يا خدا!
    رحم ڪر!
    رحم ڪر!
    ٻاجھ ڪر!
    جا آواز،
    پر اُهي ويچارا،
    اهو ڄاڻڻ کان قاصر هُئا ته
    مليريا کان جان،
    خدا جي رحمت نه پر
    ڪوئنين جي گوري آجي ڪرائيندي آهي،
    ۽ درد،
    پونسٽان جي گوري ختم ڪندي آهي.


      نئين لُغت

    انسان کي ٻوڙڻ يا تارڻ ۾
    اسان وٽ رحمتون
    با اختيار ٿينديون آهن،
    پيار ۾ جان وٺڻ کي
    قتل نه چئبو آهي،
    اسان
    هر ظلم کي
    آزمائش چئي،
    پنهنجي ڪانئر تا لڪائڻ جي
    ناڪام ڪوشش ڪندا آهيون،
    مجبور ماڻهن جي وات ۾
    ڳڀي جو گرھ وجهي
    انهن جا ڪپڙا لاهي وٺڻ،
    اسان وٽ گناھ نه پر
    سهارو سڏبو آهي،
    پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلم کي بيان ڪندڙ کي
    مُشرڪ سڏبو آهي،
    اسان وٽ
    گونگو بڻجي جيئڻ،
    پرهيزگاري جي اعليٰ منزل سڏبي آهي،
    اَسان وٽ
    خدا جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ
    بندي جو ڪاسائي هجڻ، لازمي شرط آهي.


    ڇو پراڻا رواج چاهيو ٿا

    ڇو پراڻو رواج چاهيو ٿا؟
    ڇو اَپاهج سماج چاهيو ٿا؟
    ڳاڙيون اَنڌن جيان پيا ڳوڙها،
    ڇو ٿيا هو سوچ ۾ سوڙها؟
    هيئن ماضي ۾ ڪير جيئندو آ؟
    ڪو صدين جي سِنوار پيئندو آ؟
    جي توهان لاءِ نور وانگي هن،
    سي سچي ۾ ناسور وانگي هن،
    ڪجھ ته سوچيو به هاڻ سياڻا ٿيو،
    ايترا ڀي نه ڪئي اَياڻا ٿيو،
    ها!ڇڏيو ڀي کڻي سهارن کي،
    پاڻ ويجها پُڄو ڪنارن کي،
    پريت، جيڪا ازل __ ابد ڀي آ،
    پريت، فطرت سندو فضل ئي آ،
    جا ڀٽائي جو راڳ ڀي آهي،
    سا پلي جو ته ساڳ ڀي آهي،
    ڇو نه پنهنجو علاج چاهيو ٿا؟
    ڇو پراڻا رواج چاهيو ٿا؟


    بيت، چئوسٽا، ٽيڙو

    بيت

    هيءَ جا مونکي آ مِلي، ڪچي ڦڪي ڏات،
    تنهن کي تنهنجي تات، پڪو پختو پئي ڪري


    تڪيو جڏهن تو مٺا! چمڪي پيو چاھ،
    ٿائينڪو ٿيو ساھ، توکي تڪيندي پرين.


    انساني محنت سندو، آهي سڀ ڪمال،
    ڀڳوان جو حال، پڌرو آهي پري کان.


    آئيندي جو او مٺا! اونو ڪرڻ سک،
    جڳن تائين جيئندين، رڳو مرڻ سک،
    ٻاٽون ٻرڻ سک، سدا ڏيندين سوجهرو.


    اسان ڌرتي سان ڪيو، جيڪو آھِ وچن،
    ان جو آھِ متن، سڀڪجھ صدقو سنڌ تان


    اوهان ئي تان آهيو، سنڌڙي جو آواز،
    ڇيڙيو سرندا ساز، آزادي جي گيت لئه.


    اَچو حقن لئه ڪيون، وڏي ڪا ويڙهاند،
    پنهنجن جو ته پلاند، وٺڻو آهي ويري کان


    آزادي جي جنگ ۾ ماريو ويو سرواڻ،
    پاڻ به آهيون هاڻ، سِر سُوڌو تنهن واٽ تي.


    مذمت مان مزاحمت جي ٿي آ شروعات،
    پنهنجي ريٽي رت کي ڪيئن ڪو ڏيندو مات؟
    سڙندي، مرندي سورمن، وائي اها ئي وات،
    ”توڙي ڪسجن ڪات، ته به آھ نه سلن عام سين“


    چئوسٽا

    اتر آهيون، ڪاڇو آهيون،
    هڪ ٻئي جو ڄڻ پاڇو آهيون،
    تون مان آهين، مان، تون آهيان،
    ڪير چوي ٿو، ”ڇا“، ”ڇو“ آهيون؟


    حال نه ڪي احوال،
    اَچڻ سان ئي سوال،
    وھ وا عادت ٿئي سکي،
    پنهنجي ناھِ مجال.


    ويا درد ڄمي دل تي، اچ هيل سياري ۾،
    ”سج“ آهي سڪ پنهنجي، ڍڪ کيس نه کاري ۾،
    رک پرک پرائي ۽ پنهنجي جي مٺا ماڻهو،
    منهن لاڙ ڪجان نه اَچي ڪنهن لوڀيءَ لاري ۾،


    تون ڀي آهين ته مهان،
    تون ٺاھ سندي پهچان،
    ڌرتي ۽ سرتي لاءِ،
    ڪر ويڙھ اُٿي انسان.


    اچ هلون زندگي جي ميلي ۾،
    پيار ريءَ ڪيئن جيئون اڪيلي ۾،
    راھ ۾ راڄ رهزنن جو آ
    رکج ڪي گوليون به ٿيلهي ۾.


    زندگي جو به سال گهٽجي ويو،
    وقت جو ڀي لباس مٽجي ويو،
    اڳ ڊسمبر ڪٽيم اڪيلي ۾،
    جنوري سوبه ڄڻ ته جهٽجي ويو.


    ڪنهن جو هيءُ منهن ڪارو آهي؟
    هر ڳچي ۾ ڳارو آهي،
    وهمين ويڙهيل هرڪو ماڻهو،
    ڪيڏو انڌ، انڌارو آهي.


    اسان جي دردن ڀري ڪهاڻي،
    رهيو سوڪهڙو مليو به پاڻي،
    زخم توانا رهيا سدائين،
    اسان جي هر مُرڪ خون هاڻي.


    ماني ۾ ئي اَٽڪيل آهيون،
    رستي تان جو ڀٽڪيل آهيون،
    زندھ ڪيئن سمجهون خود کي،
    ڦاهي تي جي لَٽڪيل آهيون.


    پڪارجي، پڪارجي ته پيار کي پڪارجي،
    امن جي آس زندگي، امن، امن، اچارجي،
    سلام اڀرندي جو هر طرح چڱو نه آ ادا!
    ضرور وقت ساڻ پنهنجو پاڻ کي به سارجي.


    وڇوڙا اسان جا ته ساٿي رهيا هن،
    اسان ڄڻ ڪويليون، هُو هاٿي رهيا هن،
    اسان کي سيکائن پيا ماڻهپو سي،
    سدائين جي پاڻ آپگھاتي رهيا هن.


    تو ڏهاڙا ڌاريا! ڳڻجي چڪا هن،
    هاڻي هي بازو مٿي، تڻجي چڪا هن،
    تو گهڻو ئي ظلم ڪيو، ها! پر هاڻي بس!
    تنهنجي ڦاهي لئه ڦندا بڻجي چڪا هن.


    تاريخ نئين ٿا جوڙيون پيا،
    ديوارِ غلامي ٽوڙيون پيا،
    هن حالت کي هُونئن ڪرڻو آ،
    ڇو لُولن وانگي لوڙيون پيا.


    رت سان ريت لِکون پيا،
    سچ جا گيت لِکون پيا،
    کلندي، کلندي ٿا مَرون،
    پنهنجي جيت لِکون پيا.


    ٽيڙو

    کائڻ لئه نه ٽڪر
    وِسميل چُلهه سان پيو ڪري
    خدا جو شڪر


    ادا نمازي!
    ايڏي ڇو الله سان
    آزي _ نيازي؟


    ڪيڏي خوبصورت پياري آ،
    خدا جي خبر خدا کي،
    مِٽي جي مورتي پياري آ.


    ڪيڏي سندر آ،
    تنهنجي مُرڪ مِٺي،
    ڪيٽي بندر آ


    ڏنيون تو دُوريون،
    ماڻهن کي مذهب جيئن،
    بخشيون مجبوريون.


    هئه دنياداري،
    ٿي پيو انسان آ،
    وڏو واپاري.


    ساڃهه، سمجهه، شعور،
    هٿ مٿي ٽنگڻ سان،
    ملندا ناهن مور.


    توڙي آ سردي،
    جذبا ڪونه ٺريا اَڃا،
    تنهنجي ڇا مرضي؟


    ٽانڊن تي هِن پير،
    پوءِ به گهرندا ٿا رهن،
    پرين تنهنجو خير.


    پيون مينهن ڪَڻيون،
    غريبن جون جهوپڙيو،
    پوءِ به پئي ٽِميون.


    غزل

    توسان گڏجي رهڻ لڳا آهيون

    توسان گڏجي رهڻ لڳا آهيون،
    سور سڀ جا سهڻ لڳا آهيون.

    ڇو ٿي تڪليف ٿئي زماني کي؟
    پاڻ ۾ جو ٺهڻ لڳا آهيون.

    نيڻ تنهنجا شفق جيان، تن ۾،
    سج بڻجي لهڻ لڳا آهيون.

    کوڙ رستا ڏٺا رُلي آخر،
    هاڻِ صوفي رهڻ لڳا آهيون.

    سِنڌ جو سَنڌ سَنڌ زخمي آ،
    رت بڻجي وهڻ لڳا آهيون.


    سوچُن ۾ سمنڊ اُڪاريون ٿا

    سوچُن ۾ سمنڊ اُڪاريون ٿا،
    عملن کان نابري واريون ٿا.

    اِنسان ئي سڀ ڪجھ آھ جڏهن،
    ٻين کي ڇا لاءِ پڪاريون ٿا؟

    ڌرتي تي سونهن سوا گهاري،
    حورن جي لئه واجهايون ٿا.

    مايوسين ۾ نوحا، ماتم،
    سرهائي، نغما ڳايون ٿا.

    افسوس ڪرڻ آ ڪم پنهنجو،
    ۽ حق جي لئه ليلايون ٿا.


    هن ويساھ پاڻ وڃايو هو

    هن ويساھ پاڻ وڃايو هو،
    شڪ منهنجو ڪونه اَجايو هو.

    تاري نه سگهي هُن کي رحمت،
    هُن ڏاڍو ئي واجهايو هو.

    جي سونهن ڏني سرهائي هئي،
    پوءِ گهور سندس ڀي گهايو هو.

    حيرت ۾ پئجي وئي قدرت،
    هن عشق جو عرش گهمايو هو.

    ڪن ۾ قبرون، ڪن ۾ مندر،
    ڪن ۾ انسان سمايو هو.

    وحشت پئي ڇلڪي هر پاسي،
    ماڻهو جو مانُ وڃايو هو.


    روز ٺاهيانس ٿو، روز ٿو کري پوي،

    روز ٺاهيانس ٿو، روز ٿو کري پوي،
    ساھ ٿو وجهانس پر ٿو وري مري پوي.

    هيءُ جهان ٿو جلي، ڪجھ به ڪونه ٿو بچي،
    شڪ جي شرارو ٿي من ۾ ٿو ٻري پوي.

    ٻوڙجي، نهوڙجي ۽ لوڙهجي پئي يڪو،
    پر وري وري هيءَ سَچ، ناوَ ٿي تري پوي.

    سورهيو! سنوان ٿيو ۽ سچ پاڻ سان کڻو،
    ڏاھ جو ڏنڊو هڻو ته ڏاڍ هيءُ ڏري پوي.


    پرين! چنڊ منهنجو تماشو بڻايو

    پرين! چنڊ منهنجو تماشو بڻايو،
    جڏهن هٿ ۾ تو منهنجي هٿ مان ڇڏايو،

    زمانو ڪري ڪئين ها کيس پنهنجو،
    ڪري پيار هُن پنهنجو ويسھ وڃايو.

    محبت انهي کي ڪيئن راس ايندي؟
    رڳو پيرُ پئسي طرف جنهن وڌايو.

    هجان ها سدا ٻار اي ڪاش! ”عرفان“
    وڏي عمر ويتر وڇوڙو وڌايو.


    اهڙي سماج کان آ بيزاري

    اهڙي سماج کان آ بيزاري،
    روز ٿئي جِت نياڻي ڪاري.

    مُسلم ٿي هئي هُن جي ڪارڻ،
    هاڻِ چويس ٿو آهين ڌاري.

    جلدي ڦاسي ٿي ڦندن ۾،
    ڪيڏي سادي سِنڌي ناري

    عِزت جي لئه غيرت نالي،
    ماري ويئي هوءَ ويچاري.

    انسانيت ايمان اسان لئه
    باقي ڪوڙ ڪهاڻي ساري.


    ٿي پيو آهي اُداس هيءُ مَن وري

    ٿي پيو آهي اُداس هيءُ مَن وري،
    بيقراري ۾ وتل مَن تن وري.

    ديس جي حالت وڃي ٿي پوئتي،
    ياد ٿو هر هر اَچي پيو ”سن“ وري.

    خدمتن سان محبتون ملنديون رهن،
    ڪا طمع ناهي، نه گهرجي ڌن وري.

    مُلڪ گورن کان ڇُٽو هاڻي مٿان،
    ٿا وٺن پاڙيسري پيا ”ڏن“ وري.

    ماٺ کي ناهي مڃيو مڙسن ڪڏهن،
    اڄ هَٿين هٿيار آهن تن وري.


    زندگي ڪنهن خوبصورت خيال وانگي

    زندگي ڪنهن خوبصورت خيال وانگي،
    پر ٿي گذري سوڪهڙي جي سال وانگي.

    ماٺ سونهين ٿي مقامن ۾ پرين! تون،
    زندگي ۾ ڳاءِ وڄاءِ ڌمال وانگي.

    زندگي جي رات ۾ تنهنجو پسارو،
    ٿو لڳي هُن چنڊ جي ڪنهن چال وانگي.

    خدمتون ئي امرتون بخشين ٿيون ۽،
    رياضتن ريءَ، سڀ دعائون خال وانگي.

    ڏاڍ ويو آهي وڪوڙي قوم کي ۽
    قوم جو ردِ عمل ڪنهن ”ٻال“ وانگي.


    جيون ڄڻ ڪا پيار ڪهاڻي

    جيون ڄڻ ڪا پيار ڪهاڻي،
    ٿيئڻي آهي نيٺ پُڄاڻي.

    وقت وڇوڙي جو جذباتي،
    دل ۾ ڌڌڪو، اک ۾ پاڻي.

    سچ ۽ ڪچ کي ڌار ڪري پئي،
    تاريخ لڳي ٿي ڪا ڇاڻي.

    مايوسين کي مَن ۾ پالي،
    ڏَس ڪنهن آهي، منزل ماڻي؟

    ڇورو ٻار سڏايون ڇا لئه؟
    شاھ، سچل جي آهن ساڻي.

    توڙي ڌار رهون ٿا پوءِ ڀي،
    ناهي ”عرفان“ آس اُجهاڻي.


    هن زندگي ۾ ڪوئي وڇوڙو نه هجي ها

    هن زندگي ۾ ڪوئي وڇوڙو نه هجي ها،
    مخلوق اندر جيڪڏهن جوڙو نه هجي ها.

    ڪوئي نه رازدان، باغبان هجي ها،
    گهر، ديس کي حدن جو جي لوڙهو نه هجي ها.

    هيءُ ديس ۽ ديسي هجن آزاد ها اگر،
    ڪوئي به فرد گونگو يا ٻوڙو نه هجي ها.

    پوري دنيا ۾ پيار، اَمن عام ڪيون ها،
    پيرين پيل غلامي جو نوڙو نه هجي ها!

    هِن زندگي ۾ ڪير مِٺي لاءِ پڇي ها،
    جي ڪجھ مٺاڻ ساڻ ڪو ڪوڙو نه هُجي ها.

    سچار يا سَگهي جي پرک ڪيئن ٿئي ها؟
    سچ وارو دڳ ڪنڊائتو، سوڙهو نه هجي ها.


    وائي

    ماءُ جي لاءِ مرڻ،
    ڪير نه چاهيندو!؟

    آئيندي آزاد ٿي،
    سک جو ساھ کڻڻ.
    ڪير نه چاهيندو!؟

    پنهنجون ايندڙ پيڙهيون،
    اڄ آزاد ڪرڻ،
    ڪير نه چاهيندو!؟

    ڪيسين رهندو پنڌ ۾،
    پنهنجي گهر ورڻ،
    ڪير نه چاهيندو!؟

    ههڙي اوندھ، اَنڌ ۾،
    ”نورڻ“ وانگي ٻرڻ،
    ڪير نه چاهيندو!؟



    نورڻ: نورالله تُنيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 754
    ڪتابن جو مشاهدو: 1253963
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385656
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ