ڪتاب جو نالو: ڳليان پريم نگر ديان
مصنف: ڪوثر ٻرڙو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 06 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 631 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 193 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ڳليان پريم نگر ديان“ سنڌ جي سدا حيات صوفي ۽ لوڪ راڳي سهراب فقير جي فن ۽ شخصيت تي لکيل مضمونن، انٽرويوز ۽ رپورٽن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب ڪوثر ٻرڙو صاحب آهي.سهراب فقير جو سنڌ جي انهن صوفي فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جن جي ڳائڻ جو هڪ الڳ Style آهي، هن جي طبيعت، هن جي لباس، هُنَ جي آواز، هُنَ جي انداز ۽ هن جي فني پختگيءَ کيس پنهنجي ٻين هم عمر ۽ هم عصر فنڪارن کان سدائين منفرد ۽ ممتاز رکيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڳليان پريم نگر ديان
  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مرتب پاران
  • مضمون

  • رُسي ويل سرن جو راڳي : ادل سومرو
  • ڳليان پريم نگر ديان! : ڊاڪٽر محمود مغل
  • سهراب فقير : ڪوثر ٻرڙو
  • سهراب فقير، ڪُجهه يادون : قربان منگي
  • گيڙو رنگ کان وانجھيل سنڌي راڳ : اسحاق انصاري
  • يادن جي هندوري ۾ لڏندڙ شخص ـــــ سهراب فقير : ڊاڪٽر مشتاق ڦل
  • امن ۽ آشتيءَ جو اهڃاڻ، لوڪ صوفي راڳي سهراب فقير : نثار کوکر
  • اي سنڌ! توکي الوداع.... ابراهيم کرل
  • ڳليان پريم نگر ديان.... امر اقبال
  • سهراب فقير ۽ سندس راڳ جو سفر : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
  • اڄ نه جوڳي جُوءِ ۾: ڪرم ٽالپر
  • سهراب فقير جو وڇوڙو : صوفياڻي ڳائڪيءَ جي هڪ دؤرَ جي پڄاڻي ؛ شوڪت نوناري
  • گيڙو ويس پائيندڙ سهراب فقير جي موڪلاڻي : الهه بخش راٺوڙ
  • سهراب فقير ــــــ منهنجو ڳوٺائي : اختر ٽالپر
  • سنڌي راڳ جو امر ڪردار سهراب فقير : مرتضى جوڻيجو
  • اڄ سهراب فقير کي ياد ڪنديون ”ڳليان پريم نگر ديان“ : مصطفيٰ ملاح
  • سهراب فقير جو وڇوڙو ۽ رهجي ويل يادون : مير نادر علي ابڙو
  • ميڏا روح منگدا محبوب آوي : واحد پارس هيسباڻي
  • ”ڳليان پريم نگر ديان“ جو گائڪ سهراب فقير : ناصر قاضي
  • صوفياڻو راڳُ ۽ سهراب فقير : ساگر صفي الله شر
  • صوفي ازم جي بادشاهه سهراب فقير جو وڇوڙو : غلام مرتضيٰ مڱريو
  • الوداع الوداع سهراب فقير : مظهر خاصخيلي
  • منهنجو بابا.... : فقير سلامت سهراب
  • منهنجي نانو، مُنهنجي نظر ۾ : لياقت علي مڱڻهار
  • سهراب فقيرُ ــــــ هڪ باڪمال فنڪار : ادل سومرو
  • Sohrab Fakir : Fahimeh Fifi Haroon
  • انٽرويو

  • عشقَ اسان کي آهي اُڏاريو....
  • سهراب فقيرَ جهڙو ڀاڳُ ۽ اندازُ شايد ئي ڪنهن کي ملي
  • سهراب فقيرَ جهڙو ڀاڳُ ۽ اندازُ شايد ئي ڪنهن کي ملي
  • تاثرَ /تعزيت نامه

  • سهراب فقيرَ جي فَنَ ۽ زندگيءَ متعلق مختلف شخصيتن جا رايا
  • سهراب فقيرَ جي تڏي تي موجود تعزيتي نوٽ بوڪ
  • رپورٽ

  • سهراب فقير گيلريءَ جي افتتاحي تقريبَ
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڳليان پريم نگر ديان

    ڳليان پريم نگر ديان حضرت عشق گهمايم
    جوڳي رمزان لايم........

    موهيا ميم دي ماڻي، نازڪ ناز نماڻي،
    دلدا دلبر ڄاڻي، متيان برهه ڀُلايم،
    جوڳي رمزان لايم........

    چلدا چاڪان دي چالي، ڦردا مست خيالي
    للڪار ونجلي والي، صبر و آرام وڃايم،
    جوڳي رمزان لايم........

    رانجھا رنگپور راهي، ڪرڳيا تخت تباهي
    من دا محرم ماهي، سهڻل سانگ بنايم،
    جوڳي رمزان لايم........

    پسني بيک بنا ڪي، آيا ويس مٽاڪي
    ڏونهين نين لڙاڪي، ”غمدل“ نام ڌرايم،
    جوڳي رمزان لايم........

    غمدل فقير


    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO. 61
    ڳليان پريم نگر ديان
    (سهراب فقير: فَنُ ۽ شخصيت)
    مرتب: ڪوثر ٻرڙو
    ڇاپو پهريون: 2014ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 200/- روپيه



    GALIYAN PREM NAGAR DIAN
    (Suhrab Faqeer Life & Work)
    Compiled by: Kousar Buriro
    First Edition: 2014
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Composing & Lay’out: Asif Nizamani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 200/-


    ارپنا

    پنهنجي مهربان اُستادن
    سائين امان ڀٽي،
    سائين ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊئي،
    استاد غلام رسول ٻرڙي،
    ۽
    مرحوم ڀاءُ صوفي محڪم الدين ٻرڙي
    جي نالي، جن قلمي پورهئي ۾ منهنجي هر وقت
    رهنمائي ۽ همت افزائي ڪئي آهي.

    ــــ ڪوثر ٻرڙو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڳليان پريم نگر ديان“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سنڌ جي سدا حيات صوفي ۽ لوڪ راڳي سهراب فقير جي فن ۽ شخصيت تي لکيل مضمونن، انٽرويوز ۽ رپورٽن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب ڪوثر ٻرڙو صاحب آهي.

    سهراب فقير جو سنڌ جي انهن صوفي فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جن جي ڳائڻ جو هڪ الڳ Style آهي، هن جي طبيعت، هن جي لباس، هُنَ جي آواز، هُنَ جي انداز ۽ هن جي فني پختگيءَ کيس پنهنجي ٻين هم عمر ۽ هم عصر فنڪارن کان سدائين منفرد ۽ ممتاز رکيو

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    نامياري شاعِرَ ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي پنهنجي تخليقي ڪَمَ سان گڏوگڏ ڪيترائي تحقيقي نوعيتَ جا ڪِتابَ مُرتب پڻ ڪيا آهن ـــ مواد جي چونڊَ ۽ سهيڙَ جي سهڻي اندازَ سَبب اُهي ڪِتابَ به تمام گهڻو مقبول ٿيا آهن. سنڌ جي البيلي صوفي راڳي سهراب فقير جي زندگي ۽ فن جي حوالي سان ترتيب ڏنل هي ڪِتاب ”ڳليان پريم نگر ديان“ پڻ انهيءَ ئي سلسلي جي هِڪَ اهم ڪڙي آهي.
    ”پوپٽ“ پاران هِنَ کان اڳ ۾ ڪوثر ٻرڙي جا ڪِتابَ ”اڏاڻا احساسَ“، ”استاد منظور علي خان: فن ۽ شخصيت“، ”سرجڻهار“ ۽ ”پيشڪار“ شايع ٿي پڙهندرن ۾ پذيرائي حاصل ڪري چُڪا آهن. اميد آهي ته اوهان جي هٿن ۾ موجود هيءُ ڪِتاب پڻ مانُ ۽ مقبوليت حاصل ڪندو.
    ”پوپٽ“ اوهان پڙهندڙن جي ساٿَ۾، سنڌي ادب کي معياري ڪِتابَ ارپڻ وارو هي سلسلو ائين ئي پروقار اندازَ ۾ جاري رکندو ايندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مرتب پاران

    ماڻهوءَ جو موسيقيءَ سان ايترو ئي گهرو تعلق آهي جيترو فنڪار جو فن سان ــ موسيقي هر ڪنهن کي وڻي ٿي، سُر ۽ سازَ ڪنهن کي پسند نه ايندا هوندا! اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن کي ڪلاسيڪل ڳائڻ وڻي ٿو ته ڪنهن کي ڊسڪو ۽ جديد، تيز سازن تي وڄندڙ موسيقي پسند آهي. ڪو عارفاڻه ٻول پسند ڪري ته ڪو لوڪ موسيقي ـــ مطلب ته موسيقيءَ جو هڪ تمام وڏو جهان آهي جنهن ۾ پسند هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي آهي پر اها ڳالهه مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته ٻڌندڙن جي اڪثريت عارفاڻه ۽ صوفياڻه ٻول پسند ڪري ٿي ـــ پوءِ اهي ٻول ڪو فنڪار اڪيلي طور ڳائي يا سُنگَ جي صورت ۾.
    جڏهن به صوفياڻه ٻولن جو ذڪر نڪرندو ته فقراء ڳائڻن جي هڪ تمام وڏي لسٽ سامهون ايندي، جن مان ڪيترائي الله کي پيارا ٿي ويا آهن ته ڪيترائي فن جي خدمت ۾ مصروف عمل آهن، انهن فنڪاسرن جي پذيرائيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن جو نهايت اهم ڪردار رهيو آهي خاص ڪري حيدرآباد ۽ خيرپور ريڊيو اسٽيشنون. هي ڪِتاب جيڪو هينئر اوهان پڙهي رهيا آهيو اهو جنهن فنڪار جي شخصيت ۽ فن بابت آهي ان جي فني پذيرائيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جو نهايت اهم ڪردار رهيو آهي.
    سهراب فقير سنڌ جي انهن صوفي فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جن جي ڳائڻ جو هڪ الڳ Style آهي، هن جي طبيعت، هن جي لباس ــ هُنَ جي آواز ــ هُنَ جي انداز ۽ هن جي فني پختگيءَ سهراب فقير کي پنهنجي ٻين هم عمر ۽ هم عصر فنڪارن کان سدائين منفرد ۽ ممتاز رکيو ــ مون سهراب فقير جي حوالي سان هي ڪِتاب ان ڪري ترتيب ناهي ڏنو ته فقير سائينءَ جو تعلق اسان جي ضلعي خيرپور سان هو يا فقير سائين سان منهنجي پنهنجي نياز مندي به تمام گهڻي هُئي پر سچ اهو آهي ته هي ڪِتاب خالص سندس Merit ۽ فني اهميت کي نظر ۾ رکندي ترتيب ڏنو آهي، اهو سهراب فقير جو مون تي حق هو جيڪو مون ادا ڪرڻ جي هڪ نهايت عاجزانه ڪوشش ڪئي آهي، ان کان اڳ استاد منظور علي خان ۽ سرمد سنڌيءَ جي حوالي سان مون ڪِتاب ترتيب ڏنا آهن نه رڳو ايترو پر فنڪارن جي انٽرويوز تي مشتمل ٻه ڪِتاب فن ۽ فنڪار واليوم – I ۽ واليوم – II به مون ترتيب ڏنا آهن جن ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ فنڪارن جا انٽرويوز شامل آهن ۽ اهي ٻئي ڪِتاب حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. سهراب فقير بابت هي ڪِتاب ”ڳليان پريم نگر ديان“ ترتيب ڏئي پڌرو ڪرڻ ۾ مون سان ڀاءُ مرتضيٰ جوڻيجي جو تمام گهڻو سهڪارُ رهيو ڇاڪاڻ ته ان 2010ع ۾ هن عظيم صوفي راڳيءَ کي مڃتا ۽ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سلسليوار ”تخليقڪار“ رسالي جو خصوصي شُمارو جاري ڪيو هو، ان کان علاوه سهراب فقير جي فرزند رجب فقير جو سهڪار به رهيو آهي جنهن فقير جي حوالي سان مونکي مواد فراهم ڪيو. مان پنهنجي دوستَ امر اقبالَ جو تههِ دل سان شڪر گذار آهيان جنهن منهنجي هر ڪِتابَ جيان هِنَ ڪِتابَ جي سهيڙَ ۾ به مون سان ڀرپور سهڪارُ ڪيو، پنهنجي پياري شريف عباسي به هِنَ ڪِتابَ جي ترتيب ڏيڻَ ۾ مون سان ڀرپور سهڪارُ ڪيو.
    مهرباني پياري دوست قربان منگيءَ جي جنهن هِنَ ڪِتابَ کي پنهنجي اداري پاران بهترين نموني شايع ڪري اوهان تائين پهچايو ۽ ٿورا پياري آصف نظاماڻيءَ جي جنهن هِنَ ڪِتابَ کي محنت ۽ محبت سان ڪمپوز ڪيو.
    مان اميد ٿو ڪيان ته هي ڪِتاب ”ڳليان پريم نگر ديان“ سهراب فقير جي پرستارن ۽ صوفياڻي راڳ سان محبت ڪندڙ ماڻهن وٽ مانُ ماڻيندو.

    ڪوثر ٻرڙو
    10 آگسٽ 2014ع
     11/A فيض آباد ڪالوني، خيرپور.
    0343-3783110


    مضمون

    رُسي ويل سرن جو راڳي : ادل سومرو

    موسيقي، سنڌي ثقافت جو هڪ اهم شعبو آهي. سنڌ جي ڌرتي پنهنجي ثقافتي رنگن جي نسبت سان پنهنجي انفراديت رکي ٿي ۽ هتان جا ماڻهو سر جا ايترا مشتاق آهن، جو سونهن ۽ سُر تي سِر ڏيئي ڄاڻن. دنيا ۾ اهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي، جو هڪ راجا (سنڌ جو راءِ ڏياچ) ساز تي پنهنجو سِرُ قربان ڪري ڇڏي!
    راڳ سنڌي ماڻهن جي روح ۾ رچيل آهي. هن ڌرتيءَ جي راڳين ۾ پنهنجي آواز توڙي ڏيک جي نسبت سان انفراديت رکندڙ راڳي سهراب فقير، صوفين جي هن ديس جي سڃاڻپ هو. صوفياڻي راڳ ۾ ڪلاسيڪي رنگ سان، هم آهنگ ٿي، جڏهن به سهراب فقير جون صدائون گونجيون ته ٻڌندڙن تي وجد جي ڪيفيت سان گڏ هڪ سحر ڇانئجي ويندو هو.
    هُنَ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ پنهنجي آواز جي معرفت اُنهن جي فڪر کي جهر جهنگ ڦهلايو. ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ جي ثقافتي سفير طور هُن، پنهنجي ديس جو نالو روشن ڪيو. هو هڪ گھڻائتو فنڪار ۽ يار ويس انسان هو. مزاج ۾ صوفي هو، تنهنڪري هر قسم جي لوڀ لالچ کان پري هو. پنهنجي فن سان سچو هو ۽ آخر تائين پنهنجي فن سان نڀائيندو آيو. ڏات هن کي ڏک به ڏنا، پر هن وٽ شڪايت ڪنهن لاءِ ڪانه هئي. هن سنڌ جي ثقافت کي گھڻو ڪجهه ڏنو، موٽ ۾ سنڌ جي ماڻهن هن کي عزت ۽ محبت ڏني. اهو ئي هن جو سرمايو ۽ پونجي هئي.
    ”ڏات اسان تي ڇانو نه ڪئي پر نانوَ ٿيا مشهور“

    زندگيءَ جي آخري باب ۾ سر هن کان رسي ويا هئا ۽ هو پنهنجي گھٽيل آلاپن سان اُنهن کي سڏيندو رهندو هو ۽ پرچائڻ جا جتن ڪندو هو، پر اهي هن وٽ موٽي نه آيا آخرڪار هو به پهنجن سرن جيان، هن ڌرتيءَ کان رسي هليو ويو. سنڌ جي گيڙو رنگ ثقافتي اتهاس ۾ سهراب فقير جو نالو سدائين امر رهندو.


    ڳليان پريم نگر ديان! : ڊاڪٽر محمود مغل

    ڏيا ڀريا چهرو، سڀني نرمين ساڻ آسوده خاڪ ٿي چڪو آهي. ٽالپر وڏا مان کنيل مٽيءَ جو ”پنوڙو“ 1934ع کان 2009ع تائين جو سفرو پورو ڪري، اتي ئي وڃي ستو آهي. سهراب فقير موڪلائي چڪو آهي. انا الله و اِنا اليه راجِعون. هاڻي هن آواز جي ڪا به گونج ڪنهن درگاهه تي ڪونه گونجندي، ڪنهن اسٽوڊيوز جي ڪا ”بي آواز ديوار“ ان ارتعاش کي ڀاڪر ۾ ميڙي نه سگهندي، جيڪو سهراب فقير جي آواز جو ”خاصو“ هو، گيڙو، وڌيڪَ اُداسيءَ ۾ رڱجي ويو آهي. سرمي ڀريل اکين جي نِگاهه هاڻي پوڻي ناهي، اهي ”ڪيسَ“ هاڻي نظر نه ايندا ”بابو“ چوڻ وارو نهٺو، سدا رنگي، سدا ملوڪ، سدا بهار، عالمي حيثيت جو ”فقير“ هاڻي آواز جي صدا بلند نه ڪندو.... سڀ خاڪ آهي.... خاڪ، خاڪ سان وڃي گڏي آهي. حياتي هڪڙو ڀيرو ئي ملندي آهي، عزيزان من، سچ ته اهو آهي ته هڪ دفعو ئي اک کلي ٿي ۽ هڪ دفعو ئي بند ٿئي ٿي. انهيءَ وچ واري وقفي کي ”حياتي“ سڏجي ٿو. اسين الاءِ ڪهڙا ڪهڙا سانگ رچايون ٿا، فنا جي غلاف ۾ ويڙهيل اسين بقا جي سفر ڏانهن وکون کڻون ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته فنا جي ان چادر ۾ بقا جا ڪجهه گل ٽوپجي وڃن ٿا. اها ڪڙهائي ڪنهن ڪنهن کي ئي نصيب ٿئي ٿي، وقت جي ويرانهن گلن جي گنن کي ”جھيڻو“ به ڪري ٿي، انهن جي سرمستي به وڃائي ٿي، پر جيڪڏهن پورهيو شديد آهي ۽نيتون صاف آهن ته اهي رنگ، جٽاءُ ڪن ٿا. ”درگاهي رنگ“ ۾ سهراب فقير جو پورهيو به ڪجهه اهڙو ئي معاملو آهي.
    ”سُنگ جي آسمان تي ستارن جيان مرڪندا هئا، سندس ساٿي..... ”صبح مهراڻ ۾ جڳ مشهور براڊڪاسٽر، ميزبان، ليکڪ ۽ استاد محترم نصير مرزا ڳالهائي ٿو ”۽ بلاشڪ ته انهن ستارن ۾ سڀ کان روشن ستارو اهو پنهنجو سهراب فقير هيو..... آواز جي سڀ کان وڏي گونج ۽ خاص طور تي آخري حد تائين، آواز جي هڪجهڙائي ننڍي کنڊ ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿي آهي ۽ فقير سائين انهن مان هڪ هيو، سندس نالو به ڪمال هيو..... ”سهراب“ جنهن نالي ۾ خود وڏي طاقت آهي. مان کيس سدائين چوندو هئس ته توهان جي نالي ۾ جيڪي دم آهي سو ئي توهان ۾ به آهي.... ”عالمي شهرت جو حامل فنڪار هيو سهراب سائين... ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ پرڏيهي دوست جڏهن پاڪستان آيو ۽ مون سان ملڻ لاءِ ڄامشوري ڪهي آيو ته حيرت جي ڳالهه اها هئي ته هن پيرس مان مون لاءِ جيڪو تحفو آندو هو، سا ”سهراب فقير جي سي ڊي“ هئي. فرانس جي ڪنهن آواز جي سرموڙ اداري کيس رڪارڊ ڪيو هو ۽ منهنجي مهمان کي ان کان وڌيڪَ ڪو تحفو سمجهه ۾ نه آيو هو... ”حيرت انگيز آهي هن جو آواز..... سهراب.... حيرت آهي.... اهڙو آواز ڪٿي نه ٿو ملي.... توهان جي آوازن جي دنيا ڪيڏي نه امير آهي جو اهڙو آواز منجھس موجود آهي....“ ۽ خالي اهو منهنجو پرڏيهي مهمان ئي نه هئو، جنهن جي اها سوچ هئي، سهراب فقير جي لاڏاڻي تي سائين حميد آخوند ڪي ٽي اين تي چيو پئي ”جرمنيءَ ۾ سندس پرفارمنس حيرت انگيز هئي، اتي هڪ خاتون جيڪا ”الرچ“ ۾ عالمي ميلو منعقد ڪرائيندي آهي. سندس آواز لاءِ چيو ته سهراب جو آواز اوهان کي جنت جو دروازو کولي ڏئي ٿو.“ اها ڳالهه مڃڻ جي آهي ۽ فيڪٽ آهي ته سهراب فقير، ننڍي کنڊ جو ۽ عالمي حيثيت جو هڪ وڏو ڳائڻو هو.... سڄي دنيا ۾ سندس فني حيثيت تسليم ڪئي ويندي هئي. مان نٿو ڄاڻان ته سهراب فقير، پنهنجي حياتيءَ جي ڪهڙي ورهيه ۾ لطيف سائين رحمة الله جي درگاهه تي پهريون سلام ڪيو هوندو.... سندس شعور جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي ۽ سندس اندر ۾ درد جو درياءُ ڪيتري موج ۾ هوندو، پر جمعي ڏهاڙي پنهنجي حاضريءَ کي هن يقينن آخري حاضري سمجھيو هوندو. الاءِ ڇو دل چوي ٿي ته لکجي ته کيس اهي ”سنئوڻ“ پئجي ويا هئا ته هاڻي هن جاءِ تي وري نه اچبو.... هاڻي هي در و ديودار ڌنڌ جي پار هليا ويندا. مستقل هفتي کان جو هن پنهنجي ڳوٺ موٽڻ لاءِ ”ٻاراڻو ضد“ پئي ڪيو سو اجايو نه هيو... موڪلائڻ جي مامَ سمجهه ۾ نه ايندي آهي، جيڪڏهن اچي وڃي ته الاءِ ڪيترا دروازا کلي ويندا آهن. ”پريم نگر جون ڳليون“ ڪڏهن ڪڏهن سامهون نظر اينديون آهن.... نظر اينديون آهن تڏهن ته سهراب سائين زور لاتو هو ته بس گهر موٽي هلو. هڪ وڏي سفر کانپوءِ فقيري رنگ جو هي نماڻو سرموڙ آرام لاءِ موٽيو آهي، سندس گهر، سندس لانڍي سندس اوطاق، سڀني جو ڪنڌ جھڪيل آهي.
    ”ڪمال ماڻهو هو سائين سهراب فقير.... عجيب.... عجيب و غريب.“ پاڪستان ٽيليويزن جي هڪ ڪئمرامين ٻڌايو اسين هڪ واري سندس رڪارڊنگ ڪرڻ لاءِ هن جي ڳوٺ وياسين.... سائين... مهمان نوازيءَ جي ته هن حد ڪري ڇڏي.... اهو سڀ ته ٺهيو. پاڻ پنهنجي هٿن سان هڪ هڪ ماڻهوءَ کي مانيءَ جا گرهه ٺاهي پيو کارائي.... اسين چئونس پيا توهان به کائو نه.... چئي نه.... اوهين سڀ پهرين.... آئون سڀ کان آخر ۾....“ ۽ اهو ئي ذڪر عرفانه ملاح سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ هن بار بار پئي ڪيو.... فالج جي ڪري ڳالهه واضح نه پئي ٿئي ته سندس فرزند رجب فقير جملا چٽا ڪري پيو ڏئي.... ”اسان کي مرشد کارائي... هڪ هڪ کي.... پهرين اسين، آخر ۾ پاڻ.... بابوَ..... واهه.... ڀلا ڀلا.... پهرين ٻيا پوءِ پاڻ.... اهو ئي سکيوسين.... اهو ئي سيکاريوسين....“ پنجهتر سالن جي هن پير مرد تقريباً اٺهٺ سال هن فن کي ارپيا، اهو به عجيب سلسلو ٿيو جو شهرتن جي ديوي حياتيءَ جي ڏاڪي ۾ مٿس ان وقت مهربان ٿي هئي، جڏهن هو تقريباً اڌ صدي پرفارم ڪري چڪو هو، پوءِ به ارڙهن سالن جي هن سفر ۾ هن سچل ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، تمغهءِ حسنِ ڪارڪردگي يعني صدارتي ايوارڊ ۽ عالمي ميوزڪ ايوارڊ حاصل ڪيا هئا. نه صرف حاصل ڪيا هئا، بلڪه حاصلات جي دنيا کي انيڪ دفعا ورجايو به هو. عالمي حيثيت جي قد ڪاٺ سان هن سورنهن ملڪن ۾ ڀرپور پرفارمنس ڏني هئي. برلن، بون، الرچ، پيرس ۽ ٻيا ڪيترائي شهر سندس آواز جي ”سونهن ــ ڌاڳي“ ۾ اهڙا جڪڙيا جو ڄڻ اتي سهراب فقير جو ڄار اڻجي ويو هو.
    اداس مک وارو اداس فقير، هاڻي جوڳ وٺي چڪو آهي. جناح اسپتال جي ايوانن ۾ سندس گهمندڙ اسٽيچر الاءِ ڪيترا چڪر ڪاٽيا هوندا، الآءِ ڪنهن ڪنهن لاءِ هن نهاريو هوندو ۽ الاءِ ڪيترا ڀيرا سندس دل کانئس سوين سوال ڪيا هوندا، جن جا جواب، سندس ڀرپور مرڪ، ڀرپور اداسيءَ سان ڏنا هوندا. رڳو راڳي نه هو سهراب فقير مرحوم.... هو هڪرو زيرڪ وجود به هيو، جنهن کي زماني جي لاهن چاڙهن جي ڄاڻ به هئي، کيس ڀليءَڀت اها پروڙ هئي ته ڏکن لمحن ۾ دوست کي لڄي نه ڪبو آهي، فقير ته ڀرم رکڻ ڄاڻندا آهن.... کيس ڄاڻ هئي ته هي جهان ستت ڇڏڻو آهي ۽ کيس اها به خبر هئي ته اها خبر، هر ڪنهن کي پئجي چڪي آهي ته ”اڄڪلهه “ جي مهماني باقي بچي آهي جو ڪنهن وفا ڪئي ته سندس لک ٿورا..... ۽ جيڪڏهن هن جي پاران بي وفائي پلئه پئي ته به فقير دعا ڏئي رخصت ٿيندو...... ايڏي وڏي ماڻهوءَ جي مک تي شڪايت ڪا سونهين ٿي؟ سهراب فقير ماٺ ميٺ ۾ رخصت ٿيو آهي، پر جناح اسپتال جي ڀتين جي شڪايت کٽي ئي ڪانه ٿي.... هو ڪاريڊورز ۾، وارڊ ۾، دروازي وٽ هڪٻئي سان سرٻاٽ ڪنديون رهن ٿيون. اهو هو سهراب فقير.... ايڏو وڏو فنڪار.... ايڏو وڏو نالو.... جنهن سان اهڙي حالت ٿي هئي!! مٿان وري واپس آيل ايمبولينس، جنهن ڪالهه کيس سندس گهر تائين پهچايو هو، ڀتين تي نِگاهه وجھندي چئي ٿي ”پريم نگر جي ڳلين جو پريمي، اهو وڻجارو هِتان وڃڻ مهل ڏاڍو نا آسوده هيو، پر جيئن ئي پنهنجي گهر تي هن جي نظر پئي هئي ۽ کيس لطيف سرڪار جي در تان رخصتيءَ واري نِگاهه ياد آئي ته سندس نيڻن جا ڏيئا شدتن سان ٻري پيا هئا. بي مهر جهان مان پريم نگر ڏي، هو ڏاڍو پريم سان ويو آهي....“


    سهراب فقير : ڪوثر ٻرڙو

    ايازگل جو شعر آهي ته:
    هي سڄو سنسار جيئرو آ پرين!
    جيسيتائين پيارُ جيئرو آ پرين!

    زندگيءَ جي جيتَ آ هر حالَ ۾
    جيسين ڪو فنڪار جيئرو آ پرين

    هڪ فنڪار جو موت پوري سنسار جو موت آهي ۽ وري اهو فنڪار به سهراب فقير جهڙو يگانو، درويش صفت ۽ منفرد فنڪار هجي، جنهن جو آواز به مٺو ته انداز به لاجواب ـــ سهراب فقير ولد حمل فقير ولد سهراب فقير، سندس وڏا اصل جيسلمير راجستان ۾، جيسلمير شهر کان 50 ڪلوميٽر ٻاهر تعلقي کڏار جا رهواسي هئا ۽ اتي ڀيا ۽ مهر قبيلن جا راڄوڻي فقير هوندا هئا. سهراب فقير جي خاندان جو دارو مدار سڪار ۽ ڏڪار جي حالتن مٿان هوندو هو، جڏهن راجستان ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي هئي ته هو سنڌ طرف هليا ايندا هئا ۽ اگر سنڌ ۾ مزو نه ايندو هئن ته راجستان هليا ويندا هئا. آخرڪار اڄ کان ڏيڍ سؤ سال کن اڳ سندس خاندان راڻيپور ڀرسان ڀيلارن جي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ سندس مٽ مائٽ ٽالپر وڏا، تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ رهندا هئا ان ڪري سهراب فقير جا وڏا ڪڏهن ڀيلارن ۾ ته ڪڏهن ٽالپر وڏا ۾ رهندا هئا ۽ راڄن جون شاديون ۽ خوشيون ڳائيندا وڄائيندا هئا، سندس هم عصر ماڻهن جو ته اهو به چوڻ آهي ته سهراب فقير جو جنم به ڀيلارن ۾ ئي ٿيو هو پر فقير پاڻ ٻڌائيندو هو ته هو ٽالپر وڏا ۾ 1937ع ڌاران ڄائو هو. سهراب فقير جو والد حمل فقير ۽ سندس چاچا اهي سڀ قبلا طالب الموليٰ جن جا مريد هوندا هئا. پر پاڻ سهراب فقير تعلقي فيض گنج ضلعي خيرپور جي هڪ درويش خوش خير محمد فقير جي فرزند دُر محمد فقير هيسباڻيءَ جو نه رُڳو مريد ٿيوپر خاص طالب بڻجي ويو. دُر محمد فقير جو صوفياڻي راڳ سان ننڍپڻ کان ئي شوق هوندو هو ان ڪري هو جوانيءَ ۾ ئي صوفي علي محمد فقير جي درگاهه تي ايندا ويندا هئا ڇو ته اتان جا قاضي ـــ ٽالپر ۽ ڦل ۽ ٻيون ڪجهه ذاتيون سندن مريد هوندا هئا، ان وقت صوفي علي محمد فقير جي والد جلال فقير جي درگاهه ايتري آباد ڪونه هوندي هئي ۽ چوڌاري رُڳو جھنگ هوندو هو، ٽالپر وڏا ۾ هڪ مشهور شخصيت هوندي هئي جنهن جو نالو هوندو هو عرض محمد سُهاڳ، ان کي ميرن هڪ جاگير عطا ڪئي هئي پر اها سڄي فقيرن ۽ لنگر نياز جي بلي هوندي هئي، پري پري کان صوفي راڳي ۽ وڄتا اتي اچي جمع ٿيندا هئا، صوفياڻي راڳ، جون محفلون مچنديون هيون، ڪنڊياري ۽ محرابپور جو مشهور صوفي فنڪار عنايت علي فقير به ان درگاهه جو پانڌيئڙو هوندو هو ۽ ان جو وصال به اتي ئي ٿيو هو، خود علي محمد فقير بهترين شاعر سان گڏ راڳ ويراڳ سان عشق رکندڙ ۽ سُرن سان پيار ڪندڙ هوندو هو ان وصال وقت هڪ ڪافي لکي ۽ سهراب فقير کي ٻڌايائين اها ڪافي هئي.

    موٽ پرديسي يار پکيئڙا
    وطن ڪين وسار

    سهراب فقير کيس چيو ته هُو پڙهيل ئي ڪونهي پوءِ علي محمد فقير کيس اها ڪافي ياد ڪرائي وصيت ڪئي ته اها ڪافي ضرور ڳائجان. ياد رهي ته سهراب فقير پڙهيل بلڪل به ڪونه هو. والد صاحب کيس اسڪول ته موڪليو پر سهراب فقير چيو ته ”اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار“ شروع ۾ پنهنجي صحيح ڪري به ڪونه سگهندو هو. آهسته آهسته سندس پٽن کيس پنهنجو نالو ڏنگن ڦڏن اکرن ۾ لکڻ سيکاريو، هُو صرف ”سهراب“، لکي سگهندو هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته سهراب فقير پاڻ ضرور اهو چاهيندو هو ته ٻين جا ٻارڙا پڙهن، هن ڪوشش ڪئي ته ٽالپر وڏا ۾ سندس پاڙي ۾ اسڪول قائم ٿئي، پرائمري اسڪول قائم ڪرايائين ان اسڪول جو نالو ئي سهراب فقير پرائمري اسڪول آهي.
    ساز ۽ سُر سهراب فقير کي ورثي ۾ مليا سندس پيءُ حمل فقير ــ سندس چاچا محرم فقير ۽ زوار پير بخش فقير ڳائيندا به هئا ۽ مختلف ساز به وڄائيندا هئا. حمل فقير طبلو باجو ۽ سارنگي وڄائڻ جو ماهر هوندو هو ۽ ان وقت جي مشهور ڳائڻن سان سنگت ڪندو هو. سهراب فقير پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي اهي ساز وڄائڻ لڳو. حالانڪه سندس آواز ڏاڍو سريلو هوندو هو پر پوءِ به هن ساز وڄائڻ سان شوق رکيو. سندس ئي خاندان جا ٻه ڀلا ڳائڻا کيتو خان، استاد عاشق علي خان جو شاگرد هوندو هو ۽ ان جو ڀاءُ پيارو خان ٻئي مڱڻهار هوندا هئا ۽ ڪربلا روڊ روهڙيءَ ۾ جِتي غلام علي سنديلي جو گهر آهي ان جي ڀرسان رهندا هئا. پيارو خان نوجوان راڳي حب علي جو والد ۽ کيتو خان سندس چاچو هو انهن کان سهراب خان طبلي تي مهارت حاصل ڪئي ۽ ٿورا ٿڪا ڳائڻ جا گُر به سکيا پر هو عنايت علي فقير سان طبلو وڄائيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو به هو ته وري تراب علي شاهه ساڻس طبلي تي سنگت ڪندو هو ـــ سهراب فقير هڪ ڳائڻي جي حيثيت ۾ جيڪا پهرين انٽري ڏني اهو به هڪ عجيب واقعو آهي ـــ ڪوٽڙي ۾ هڪ درگاهه آهي جنهن جو نالو آهي سخي الهيار جيڪو غوث محمد گوهر جي وڏڙن مان آهي ۽ باڪمال شآعر به ٿي گذريو آهي ۽ سندس هڪ مشهور ڪافي استاد منظور علي خان به ڳائي جنهن جا ٻولَ آهن ـــ ”ڏسو انصاف اکڙين جا.“ ان درگاهه تي خورشيد علي خان به هو ۽ استاد منظور علي خان به عنايت علي فقير به هو ته گلزار علي خان کان علاوه ڪيترائي ٻيا صوفي فنڪار به موجود هئا ــ استاد منظور علي خان ۽ خورشيد علي خان اهو طئهءِ ڪيو ته اڄوڪي ڏينهن جي سڄي محفل اهڙن فنڪارن کان ڳارائجي جيڪي باقاعده ڳائڻا ته ڪونهن پر ڪونه ڪو سازُ به وڄائن ٿا ۽ ڳائين به ٿا ـــ خورشيد علي خان، استاد منظور علي خان کي مُخاطب ٿيندي چيو ته منظور! تون ۽ ٻيا فنڪار ته الائي ڪهڙا طبله پليئر وٺي آيا آهيو منهنجو طبله پليئر سهراب فقير ڏاڍو سريلو آهي. سهراب فقير محفل ڳائي ته چئني طرفن کان وهوا ٿي وئي ۽ ان ڏينهن عنايت علي فقير سهراب فقير کان باقاعده وعدو ورتو ته هو هاڻي ڳائيندو رهندو، پوءِ سهراب فقير، باجو ڪلهي تي جِتي به ڪو ميلو مچي سهراب فقير حاضر ٿيندو رهي، ان وقت ايتريون سواريون ڪونه هونديون هيون پوءِ ڀرپاسي جي محفلن ۾ ڪڏهن گهوڙو ته ڪڏهن گڏهه جي سواري. جڏهن عنايت علي فقير وفات ڪئي ته پوءِ سهراب فقير اڪيلي طور ڳائڻ بند ڪري هڪ سنگ جي صورت ۾ ڳائڻ لڳو. شروع ۾ جيڪي فنڪار سهراب فقير سان سنگ ۾ گڏ ڳائيندا هئا ته تن ۾ غلام مصطفيٰ مڱڻهار ۽ سندس ٻه ڀاڻيجا غلام عباس ۽ غلام حسين به شامل هوندا هئا بعد ۾ قلندر بخش خاصخيلي به سندس شاگرد بڻيو ۽ سندس سنگ ۾ شامل ٿي ويو، اڳتي هلي سهراب فقير ٻيا به ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا جن ۾ گلبهار جويو، جمال الدين فقير، اياز ملاح ۽ سيد باقر شاهه تمام گهڻو مشهور ٿيا. هيڪر ٽالپر وڏا ۾ علي محمد فقير جو ميلو هو ان محفل ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ـــ خيرپور ريڊئي جو ان وقت جو اسٽيشن ڊائريڪٽر الله بخش شاهه بُخاري ۽ ميوزڪ پروڊيوسر نصير سومرو به موجود هئا ــ اتي ڏٺائون ته هڪ ڏٻرو جسم خوبصورت چهرو ـــ وڏا وار ۽ پرڪشش شخصيت جو مالڪ ماڻهو، فقراءَ کي پاڻي پيئاري رهيو هو ۽ جھونگاريندو به رهيو ـــ جڏهن ريڊيو ٽيم رات دير سان ڪافي فنڪارن کي ٻڌي اٿڻ لڳي ته کين ماڻهن چيو ته هن فقير کي به ٻڌو پوءِ وڃو ــ هڪ ڪلام لاءِ سهراب فقير کي دعوت ڏنائون پر هن ڇا ڪلام ڳايو ڄڻ ماڻهن کي منڊي ڇڏيائين. بُخاري صاحب جيڪو پيدائشي طور ئي عارفاڻه ۽ صوفياڻه ٻولن جو عاشق هوندو هيو ان پوءِ سهراب فقير کان ٻيا به ڪلام ٻڌا ۽ وڃڻ مهل کيس ريڊيو خيرپور تي اچڻ جي دعوت ڏنائين. پر سهراب فقير ريڊيو کان ڪاوڙيل هو اهو ان لاءِ جو هيڪر گلزار علي خان کيس ريڊيو تي آڊيشن ۾ نا پاس ڪري ڇڏيو هو پر بخاري صاحب چيس ”تون پاس آهين ڀلي هليو آءُ“ سندس رسمي آڊيشن ٿي ــ سهراب فقير ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام ”سهڻي ڌرتي“ ۾ سڀ کان پهريون جيڪو ڪلام ڳايو اها غمدل فقير جي سرائڪي ڪافي هئي ”گليان پريم نگر ديان“ ائين ريڊيو تي متعارف ٿيل هن نئين آواز کي بيحد پسند ڪيو ويو ۽ ٻڌندڙن جا بيشمار خط به اچڻ لڳا ۽ ريڊيو خيرپور سهراب فقير کي بار بار گهرائڻ ۽ سندس ڪلام ريڪارڊ ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو ــ اهو ته ريڊيو جو سفر هو پر سهراب فقير ٽي وي تي سڀ کان پهريان ڪچهري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڀ کان پهرين ڪافي ڳايائين ان جا ٻولَ هئا ”ڌاري ڇڏي ڌار اوهين پنهنجي وطن وڃو ٿا“ ۽ ٻيو ڪلام ڳايائين ”رخ رانجھن ماهه منير هويا.“ سهراب فقير طبيعتاً ڏاڍو سادو ۽ نياز مند انسان هوندو هو. ”محبوب سائين“ سندس تڪيه ڪلام هوندو هو. هن بين الاقوامي شهرت حاصل ڪرڻ جي باوجود ڪڏهن به فخر ۽ وڏائي نه ڪئي. ننڍي وڏي ماڻهوءَ اڳيان ٻانهون ٻڌي بيٺو هوندو هو. ابتدا ۾ جڏهن خيرپور ريڊيو تان سالگرهه جي حوالي سان موسيقيءَ جا پروگرام ۽ فنڪشن ٿيندا هئا ته سهراب فقير اتي به مهمانن کي پاڻي پيئاريندي نطر ايندو هو. هو هڪ بهترين راڳي ــ بهترين انسان پر بهترين پيءُ به هوندو هو. کيس پهرينءَ گهر واريءَ مان ٻه پٽ رجب فقير ۽ نياز فقير ۽ ٽي نياڻيون هيون جڏهن ته ٻيءَ گهر واريءَ مان جيڪا هن پهرينءَ جي فوت ٿي وڃڻ سبب ڪئي ٽي پٽ حميد علي ــ اعجاز علي ۽ سلامت علي ۽ ٽي نياڻيون اولاد ٿيس ـــ سهراب فقير ٻڌائيندو هو ته پهرينءَ گهر واريءَ سان سندس ڏاڍي دل هوندي هئي، هوءَ جڏهن وفات ڪري وئي ته ڄڻ سندس سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو، سهراب فقير هر وقت اُداسيءَ ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ زندگي گهارڻ لڳو سندس ٻيءَ شاديءَ جو ڪو ارادو ڪونه هو. هو صرف راڳ ۽ ويراڳ جو ٿي ويو پر جڏهن سندس مرشد کيس ٻيءَ شاديءَ جو حڪم ڏنو ته هو ڪنڌ ڪڍائي نه سگهيو، هن ٻي شادي پهرين گهر واريءَ جي فوت ٿيڻ کان 20-15 سال پوءِ ڪئي. سهراب فقير جي ڳائڻ جي اها خوبي هوندي هئي، جو هو جڏهن به ڳائيندو هو سندس تاثرات مرڪندڙ ۽ مهڪندڙ هوندا هئا ايتري قدر جو حاضرين چوندا هئا ته سهراب فقير کي ڳائڻ وقت ٻڌجي يا رُڳو ويٺو ڏسجي ـــ هُو جڏهن آلاپ ڪندو هو ته ائين لڳندو هو ته سندس آلاپ ۽ سُر ٻڌندڙ جي اندر کي چيري رهيا آهن هُو پاڻ ته ڳائڻ ۾ گم ٿي ويندو هو پر ٻين جي وجود کي به وڃائي ڇڏيندو هو، هن مڃتا ۽ ناماچار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڏاڪڻ جو سهارو نه ورتو پر سندس سڀاءُ ۽ فن ئي سندس سفارش ۽ ڏاڪڻ هو اهو ئي سبب آهي جو هن فقيراڻي راڳي ڪيترائي اعزاز ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا ۽ پنهنجو نالو نه رُڳو سنڌ نه رُڳو پاڪستان پر سَڄيءَ دُنيا ۾ روشن ڪين نه رُڳو پنهنجو نالو روشن ڪيائين پر سنڌ جي ثقافت ۽ راڳن کي به دنيا ۾ متعارف ۽ مقبول ڪيائين. هن کي صدر رفيق تارڙ جي هٿان صدارتي ايوارڊ به مليو ان کان علاوه سچل سرمست ايوارڊ به ٻه دفعا ــ لطيف ايوارڊ به ٻه دفعا، قلندر شهباز ايوارڊ کان علاوه ريڊيو، ٽي وي ۽ ٻين ادارن طرفان کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا. هن حڪومتي ۽ ثقافتي ادارن پاران ڪيترن ئي ملڪن جا دؤرا ڪيا جن ۾ هالينڊ، فرانس، اٽلي، جرمني، برطانيه، ناروي، بيلجم، ڊئنمارڪ، سوئٽزرلينڊ، دبئي، ايران، هندوستان ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن،ايترو دؤرن ۽ مڃتا به سهراب فقير ۾ غرور پيدا نه ڪيو پر هو سادگيءَ جي علامت بڻيل رهيو. ائين جيئن.

    زرمانگو تو بي زر هين
    سر مانگو تو حاضر هين

    فقير جهڙو سُرن جو سخي تهڙو هٿ جو کليل سندس گهر ڪچو ۽ لوڙها ـــ ڇپر ۽ ڇنا ــ مون هيڪر کانئس جڏهن يادگار محفل بابت پڇيو هو ته هن ٻڌايو هو ته 1991-92ع جي ڳالهه آهي، خانڳڙهه ۾ غلام محمد خان مهر جن وٽ محفل متل هئي جنهن ۾ عابده پروين به موجود هئي ان ۾ سهراب فقير جي محفل ايتري ته لڳي جو پنجاهه ۽ سَوَ جي نوٽن کان گهٽ گھور نه پَئِي پَئَي، سندس چوڻ موجب ان محفل ۾ کيس لڳ ڀڳ پوڻا ٻه لک روپيه گهور پئي، هن اهي سڀ پئسه سازندن ۽ فقرائن ۾ ورهائي پنهنجو حصو کنيو ـــ سهراب سُنگ جو شهنشاهه، ۽ بي تاج بادشاهه گويو هو، صوفي راڳين ۾ سندس حيثيت هڪ سرموڙ ۽ نمائنده فنڪار جهڙي هئي. هر فنڪار هڪ دفعو ئي مرندو آهي پر سهراب فقير جو موت ٻه دفعا ٿيو ــ هڪ جڏهن 1997-98 ۾ کانئس سُرَ رُسي ويا هئا ۽ مٿس فالج جو اثر ٿيو هو ۽ ٻيهر جڏهن سندس طبعي موت واقعي ٿيو. دراصل سهراب فقير جي بيماريءَ جي ڪهاڻي 1990ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿي هو جڏهن درازا ۾ سچل سائينءَ جي ميلي تي پهريون ڀيرو سچل ايوارڊ وٺي رهيو هو ته کيس دل جو دؤرو پيو هو، سندس ابتدائي علاج ڊاڪٽر خدا بخش ڀيلار ڪيو ۽ بعد ۾ ڪلچر کاتي پاران کيس لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرايو ويو، هو کائڻ پيئڻ کان عاجز ۽ هلڻ ڦرڻ کان قاصر ٿي ويو هو، سندس اها ڪيفيت ٻه ٽي مهينا رهي پر پوءِ فقير صحتياب ٿي آهسته آهسته وري ڳائڻ لڳو پر ڳائڻ وقت سندس زبان ترڪندي ضرور هئي ــ وري 1997ع ۾ سندس مٿان فالج جو حملو ٿيو جڏهن هو اسلام آباد ۾ لوڪ ورثي وارن جو پروگرام ڪري واپس سنڌ اچي رهيو هو . ان بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ سهراب فقير ٽالپر وڏا ڇڏي ڀٽ شاهه ۾ پنهنجي گهر وارن سميت رهڻ لڳو اهو گهر سابق وزير اعظم محترمه بينظير ڀُٽو پاران ٺهرايل فنڪارن جي ڪالونيءَ ۾ کيس ڏنو ويو هو. هو پاڻ سادو هوندو هو پر کاڌو به ساڌو کائيندو هو. هو وَڌ ۾ وڌ اڌ ماني کائيندو هو، گوشت سان سندس اصل نه پوندي هئي. ڀينڊيون، ڏارو ۽ مڱن جي دال سندس پسنديده کاڌو هندو هو. ڳائڻ ۾ محمد جمن کي وڌيڪَ پسند ڪندو هو ۽ سندس ڪيترين ئي ڌنن کي سلام پيش ڪندو هو. ارودءَ ۾ افشان کي شوق سان ٻڌندو هو ــ سهراب فقير هڪ گلوڪاره سان پيار به ڪيو. ماڻهو کيس چوندا هئا ته فقير پنهنجي محبوبه هندو آ ــ تون مسلمان آهين اِهو عشق ڀلا ٺهي ٿو ڇا؟ هو چوندو هو مونکي سندس سُرن سان عشق آهي. کيس سُر سهڻيءَ سان دلي عشق هوندو هو، سورٺ ۽ راڻي کي به پسند ڪندو هو. ڀيرويءَ لاءِ چوندو هو ته اها سدا سهاڳڻ راڳي آهي. هونئن ته سهراب فقير سان ڪيتريون ئي شامون ۽ رهاڻيون رچايون ويون هيون پر ساڻس زندگيءَ جي آخري رهاڻ لوڪ ورثه جي ڊئريڪٽر مظهر الاسلام پاران سکر ۾ ملهائي وئي هئي جنهن ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه پاران کيس 3 لک ۽ مظهر الاسلام پاران 2 لک روپيه روڪَ ڏنا ويا هئا. ريڊيو پاڪستان طرفان به کيس 25 هزار روڪ رقم امداد طور ڏني وئي هئي نه رُڳو ايترو پر ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ هن عظيم صوفي راڳيءَ جي نالي سان هڪ شاندار گيلري به قائم ڪئي وئي جيڪا اڄ تائين قائم آهي.
    سهراب فقير مٿان 2009ع ۾ بيماريءَ جو وري حملو ٿيو. پهريان سندس علاج ڊاڪٽر پرڀومل ــ پوءِ فضل صديقي ۽ ڊاڪٽر الطاف شيخ سکر ۽خيرپور جي اسپتالن ۾ ڪيو بعد ۾ ڪلچر کاتي وارن کيس جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو جِتي معلوم ٿيو ته فقير سائينءَ کي ڦڦڙن ۾ ڪينسر آهي هو پنهنجي پٽ رجب فقير ۽ ٻين کي مسلسل چوندو رهيو ته ”بابا هاڻي چاڙهو ڪونه ٿيندو مونکي گهر وٺي هلو ”رجب فقير جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ساڻس گڏ هو اهو ٻڌائي ٿو ته ”سهراب فقير آخري ڏهاڙي صبح سان چيو ته مون وٽ مرشد آيا آهن مونکي اشارو ٿيو آهي منهنجا ڏينهن پورا ٿي ويا اهن. اسپتال مان مايوس ٿي سهراب فقير کي واپس ڳوٺ آندو پئي ويو ته حيدرآباد ۾ راجپوتانا اسپتال جي سامهون رکيل پلن مٿال سهراب فقير جي نظر پئجي وئي. رجب فقير کي چيائين ته هڪ وڏو پلو وٺ ته گهر هلي کائون. واپسيءَ تي ڀٽ شاهه وٽان گذرڻ مهل لطيف سرڪار جي زيارت جي خواهش ڪيائين، زيارت ڪيائين. ٽالپر وڏا ۾ پلو پچرايائين. سڀني گهر ڀاتين کي سڏي کارايائين. سهراب فقير زندگيءَ جا آخري لفظ پنهنجي پٽن کي وصيت طور جيڪي چيا اهي هي هئا ”پاڻ ۾ گڏ رهجو دنيا ۾ ڪو به ڪنهن ٻئي جو ڪونهي ڪو. ماءُ اٿو پنج ڀائر آهيو (۽ ائين مٿي اشارو ڪندي چيائين) اهو الله اَٿو. ان وقت رات جا ساڍا اٺ ٿيا هئا. سندس زندگيءَ جو آغاز 1934ع ڌاران ٿيو ۽ سندس بي بقا زندگيءَ جو خاتمو 23 آڪٽوبر جمعي ڏينهن 2009ع ۾ ٿيو. انا الله و اِنا اِليه راجِعون.
    چون ٿا ته سهراب فقير 3 سال اڳ وصيت ڪئي هئي ته کيس مرڻ کان پوءِ عرض محمد سهاڳ جي ڀرسان دفن ڪيو وڃي جنهن سان سندس پراڻي نياز مندي هوندي هئي پر سهراب فقير جي وڏي نياڻي جيڪا ڍولڪ پليئر قلندر بخش جي گهر واري آهي ان جي خواهش تي کيس گهر ۽ اوطاق جي ڀرسان ئي دفن ڪيو ويو ٻئي ڏينهن 11 وڳي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ صوفياڻي راڳ جي آلاپن جي گونج ۽ سُڏڪن ۽ اوڇنگارن جي سُنگَ ۾ کيس مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو. سندس تدفين ۾ هر طبقي سان تعلق رکندڙ م اڻهن جي هِڪَ وڏي انگَ شرڪت ڪئي جنهن ۾ راقم الحروف به شامل هو.
    سهراب فقير جي پٽن مان رجب فقير اعجاز علي ۽ سلامت علي راڳ سان دلچسپي رکن ٿا. جيستائين ڪائنات ۾ سُر سلامت آهن ۽ صوفياڻو راڳ زندهه آهي هن عظيم صوفي راڳيءَ جو نالو زندهه رهندو.


    سهراب فقير، ڪُجهه يادون : قربان منگي

    سنڌ جي صوفي منش ۽ فقير صفت راڳي سهراب فقيرَ پنهنجي منفرد ڳائڪيءَ جي اندازَ سبب سموري دنيا ۾ نالو ڪمايو ـــ سچ اهو آهي ته ڏاتِ جي رستا روڪَ ڪوئي به ناهي ڪري سگهندو.
    اڄ کان 24 سالَ اڳ 1988ع ۾ اسان ”پوپٽ“ ٽالپر وڏا شاخَ پاران، ٽالپر وڏا ۾ ”سنڌ ٻالڪ ميلو“ منعقد ڪرايو. انهيءَ ميلي منعقد ڪرڻ ۾ منهنجي دوستن مير سڪندر ٽالپر، مير مظفر ٽالپر، خادم جلالي ۽ مير ڪرم ٽالپر (ناميارو شاعِرُ جنهن جو تازو 23 آگسٽ 2014ع تي لاڏاڻو ٿيو آهي) منهنجي ڀرپور مدد ڪئي. انهيءَ ميلي ۾ دوستن خيال ڏيکاريو ته موسيقيءَ جي نشست به رکجي، جنهن لاءِ دوستن سهراب فقير کي دعوت ڏني ـــ اُهو سهراب فقير جو اهو دؤر هو جڏهن هُو درگاهن تي پنهنجي فَنَ جو مظاهرو ڪندو هو، اڃان ريڊيو خيرپور جو آغاز به ڪونه ٿيو هو. سهراب فقير اسان جي ٻالڪ ميلي ۾ ڀرپور نموني ڳايو. مون کي ان ميلي ۾ پينٽ شرٽ پهريل هُئي، سهراب فقير ”هو جمالو“ ڳائڻ مهلَ مون کي به جھمر هڻڻ لاءِ چيو ۽ منهنجي لاءِ: ”جيڪي سُهڻا ماڻهو ”سُوٽَ“ سان“ جو جملو ڳايو. سهراب فقير سان ان زماني کان وَٺي، محبت جو رشتو قائم ٿيو، جيڪو سندس زندگيءَ ۾ قائم رهيو ۽ هاڻي سندس پُٽن رجب سهراب ۽ سلامت سهراب تائين قائم آهي.
    1983ع ۾ منهنجي مَهربان، خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر غلام محمد ميمڻ صاحب مون کي حڪم ڪيو ته: ”خيرپور ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي آهي ۽ ان جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪتر مُنير سومرو، هاءِ پاور ٽرانسميٽر واري عمارتي حصي ۾ رهائش پذير آهي، ان سان مِلُ ۽ کيس خيرپور جي قلمڪارن ۽ ڪلاڪارن مُتعلق ٻُڌاءِ“ ـــ جيئن ته منير سومرو صاحب خيرپور ۾ بلڪل نئون هو، مون کيس خيرپور جي اديبن، شاعرن، ڪمپيئرن، صداڪارن، راڳين ۽ موسيقارن جي جيڪا لسٽ ٺاهي ڏني، انهن ۾ سهراب فقير جو نالو سر فهرست هيو ــ ريڊيو خيرپور تي سهراب فقير جو آواز ڇا گونجيو، سندس آواز جو پکيئڙو پري پري تائين اڏامڻ لڳو. ”ميرا روح منگدا محبوب آوي“، ”رُخ رانجھن ماهه منير هويا“، ”گليان پريم نگر ديان“، ”گهنڊ کول ديدار وکائو“ ۽ ٻين انيڪ ڪلامن ۽ ڪافين ذريعي سهراب فقير جي شهرت جو دائرو وسيع کان وسيع تر ٿيندو ويو.
    1991ع ۾ سهراب فقير بيمار ٿي پيو هو، ان وقت خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر منظور اعواڻ صاحب هُيو ـــ منهنجي ساڻس ذاتي حجت هوندي هُئي، انهيءَ بنيادَ تي ئي مان ساڻس مليس کيس سهراب فقير جي بيماريءَ جو ٻُڌايم اعواڻ صاحب ذاتي دلچسپي ڏيکاريندي نه صرف ضلعي انتظاميه پاران پَرَ اُنَ وقت سنڌ جي ثقافت واري کاتي سان لهه وچڙ ڪري سهراب فقير جي علاج لاءِ 50 هزار روپيه منظور ڪرايا.
    سهراب فقير، نهايت سادو ۽ محبت ڪندڙ راڳي هو، هيڏڌي ساري عزت ۽ شهرت ماڻڻ کانپوءِ به هُنَ ڪڏهن وڏائي نه ڪئي، سچل سائينءَ جي سالياني عُرس مُبارڪ جي موقعي تي سچل سرمست يادگار ڪاميٽيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ مون کي ساڍا ٽي ڏهاڪا گذّري ويا آهن. سچل سائينءَ جي عُرس جو افتتاحي اجلاس هُجي يا رات واري محفل موسيقي، سهراب فقير جڏهن به ملندو هو ته انتهائي پيارَ سان ڀاڪر ۾ ڀريندو هو. 1993ع ۾ سچل سووينئر (جنهن جو مان شروع کان وٺي ايڊيٽر آهيان) شايع ڪرڻ جي تياري ڪئي ته مون ان جي ٽائيٽل لاءِ پنهنجي ڀاڻيجي، نامياري مُصور مجيد منگيءَ کان سهراب فقير جو پورٽريٽ ٺهرايو. سووينئر شايع ٿيو ۽ سهراب فقير ڏٺو ته ڏاڍو خوش ٿيو. سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران سهراب فقير کي 1992ع ۾ ”سچل ايوارڊ“ پڻ مليو جيڪو پهريون ”سچل ايوارڊ“ هيو.
    استاد مولا بخش لاڙڪ، لعل بخش منگي، مون ۽ امر اقبال جي گڏيل ڊُڪَ ڊوڙَ ۽ محنتن کان پوءِ سچل سرمست يادگار ڪاميٽيءَ جي شاندار آڦيس قائم ٿي ته اسان ان ۾ سهراب فقير جو هڪ يادگار فوٽو آويزان ڪرائي ڇڏيو.
    سهراب فقير جي وفات جي خبر اسان سڀني لاءِ ڏک واري لهر کڻي آئي هُئي ـــ اسان فقير جي پُٽن سان دعا گهرڻ لاءِ سندس تڏي تي حاضر ٿياسين، مون سان منهنجو دوست امر اقبال به گڏ هيو. ان کان پوءِ هر سال رجب فقير پنهنجي فقيراڻي حالَ پنهنجي نامور ۽ سداحيات پيءُ ۽ سنڌ جي محبوب صوفي راڳي سهراب فقير جي ٽالپر وڏاس ۾ جيڪا به ورسي ڪرائي آهي ته مون سان صلاح مصلحت ضرور ڪئي آهي. (تازو ئي خيرپور جي ساڃاهه وند ۽ سهراب فقير سان پيار ڪندڙ دوستن گڏجي سهراب فقير يادگار ڪاميٽي ٺاهي آهي، جنهن جو صدر گڏيل صلاح سان رجب سهراب فقير کي چونڊيو ويو آهي).
    اوهان جي هٿن ۾ هي جيڪو ڪِتاب موجود آهي ان ڪِتاب کي مرتب ڪرڻ جي ڳالهه جڏهن اسان جي دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مانائتي شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي ڪئي ته، ڄڻ هُنَ منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي ۽ مون لاءِ هِنَ ڪِتابَ جو ”پوپٽ“ پاران شايع ٿيڻ به مون لاءِ خوشيءَ جو سبب آهي.
    منهنجي خواهش آهي ته سهراب فقير جي آخري آرامگاهه جي ڀرسان هڪ شاندار آڊيٽوريم ٺهڻ گهرجي، جِتي ٻارهوئي صوفي راڳ ويراڳ ٿئي، سهراب فقير جي يادگار تصويرن کي اتي محفوظ ڪيو وڃي، سهراب فقير جي زندگي ۽ فني سفر تي ڊاڪيومينٽري ٺهڻ گهرجي، سندس ڳايل ڪلامن جي سي ڊيز جي سيريز رليز ٿيڻ گهرجي، هر سال سندس ورسيءَ جي موقعي تي شاندار سووينئر شايع ٿيڻ گهرجي، هِهڙا ڪيترائي ڪِتاب شايع ٿيڻ گهرجن ــ اُهي سڀ خوابَ آهن جيڪي ضرور پورا ٿيندا پر وَسَ واران ثقافتي ادارن کي انهيءَ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.


    گيڙو رنگ کان وانجھيل سنڌي راڳ : اسحاق انصاري

    ڳائڻ جي هڪ مڪتبهِ فڪر، هڪ دور جي پڄاڻي ٿي جڏهن سهراب فقير جي مڙهه کي هُڻَ جي سُنگ جي فقيرن، فقيري راڳ جي ٻولن، يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سُرن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. منهنجو هڪڙو پيارو دوست شوڪت خاصخيلي اتي موجود هو ۽ هُنَ ٻڌايو ته اهو عجيب منظر هو جڏهن سهراب فقير جا ڪجهه پُٽ فقيرن سان گڏ ڳائي پنهنجي پيءُ کي زمين حوالي ڪري رهيا هيا ته ڪي پُٽ وري زار و زار روئي رهيا هيا. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيفيت ٻنهي جي ساڳي هئي باقي اظهار جو انداز مختلف هو.
    ريڊيو خيرپور ۽ لطيف ڪيمپس (پوءِ يونيورسٽي) جي اها خوشنصيبي هُئي جي انهن کي فقير طبع ماڻهو، راڳداري ۽ آرٽ جو ڄاڻو تنوير عباسي دوست جي صورت ۾ مليو. تنوير عباسيءَ، لطيف ڪيمپس کان وٺي شاهه لطيف يونيورسٽيءَ تائين ان کي وڌائڻ ويجھائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هو شروع کان وٺي يونيورسٽي سينيٽ ۽ گهڻن سالن تائين سينڊيڪيٽ جو ميمبر رهيو. هِتي اهو ذڪر ڪ رڻ به بي وقتائتو نه ٿيندو ته مون کي جڏهن 1999ع ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ نوڪري ملي، ۽ مون کي يونيورسٽي (جِتي مان ايسوسيئيٽ پروفيسر هيس) مان رِليو ٿي اسٽيٽ بينڪ جوائن ڪرڻي هئي ته اتان مون کي رِليو ڪرائڻ ۾ به تنوير عباسيءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان وقت لطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر آر.اي شاهه هو ۽ اهو فيصلو سينڊيڪيٽ ۾ رکيو ويو. مان پاڻ به سينڊيڪيٽ جو اليڪٽيڊ ميمبر هيس (ان وقت جسٽس ڏوگر به ميمبر هو) جڏهن ايجنڊا تي منهنجو آئيٽم آيو ته مون کي ڀرسان وائيس چانسلر جي آفيس ۾ وڃڻ جو چيو ويو. پر ٿوري ئي دير ۾ مون کي واپس اچڻ جو چيو ويو ۽ يڪراءِ طور تي مون کي اتان ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ان فيصلي ڪرائڻ پويان تنوير عباسي جي هڪ منطق سڀني کي قائل ڪري ڇڏيو. سائينءَ چيو ته: ”اسحاق انصاريءَ اها جڳهه پنهنجي ٽيلينٽ سان حاصل ڪئي آهي ۽ اسان جا ماڻهو اهڙن ادارن ۾ تمام گهٽ آهن. جيڪڏهن اسان اسحاق کي نه ڇڏينداسين ته هو ڪنهن ٻي کي رکي ڇڏيندا پر اهو اسان جو ماڻهو نه هوندو. جڏهن ته هِتي جيڪا جڳهه خالي ٿيندي اها اسان جي وس ۾ آهي ته ڪنهن پنهنجي کي ڏيون.“
    بهرحال، تنوير عباسيءَ جي ڪري سچل چيئر، ايستائين جو ان جي فنڊنگ ۽ ان جو آرڪيٽيڪچر به تنوير عباسي جي پسند ۽ محنتن سان ٿيو. اهري ريت تنوير عباسيءَ ريڊيو خيرپور لاءِ به گهڻو ڪم ڪيو.
    هو جيئنءَ ته پاڻ صوفي هو ۽ صوفي راڳ سان سندس گهڻي چاهت هوندي هئي ۽ هُنَ صوفي راڳ کي پروموٽ ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. فقير غلام حسين ۽ فقير موٽڻ شاهه ته اڳ ئي پنهنجي حيثيت رکندا هيا پر تنوير عباسي پوءِ اهو يونيورسٽي جو پروگرام هجي يا ريڊيو يا ڪو ٻيو پروگرام کين ڳائڻ جو موقعو ضرور وٺي ڏيندو. هنن جو ڳايل سچل سائينءَ جو ڪلام ”مان جوئي آهيان سوئي آهيان“ ڳليءَ ڳليءَ ۾ ٻڌجڻ لڳو.
    اهو شايد 1985ع جو ئي زمانو هيو جڏهن ريڊيو خيرپور جي ان وقت جي پروگرام مينيجر سائين الله بخش بخاري (جيڪو پاڻ هڪ فقير طبع ماڻهو هو) کي تنوير عباسيءَ ٻڌايو ته ٽالپر وڏا جو هڪ فقير ڏاڍو سٺو ٿو ڳائي ان کي ٻڌڻ ۽ رڪارڊ ڪرڻ کپي. هنن ٻنهي پاڻ ۾ طئه ڪيو ۽ ٻئي گڏجي سائين علي محمد فقير جي درگاهه تي پهتا ۽ فقير کي ٻڌائون. ٻئي سرن جي هڪ واديءَ ۾ گم ٿي ويا ۽ اتان واپس تڏهن وريا جڏهن هنن پنهنجن پيرن تي سهراب فقير جي هٿن جي ڇُهاءَ کي محسوس ڪيو. هنن، ان وقت ئي سهراب فقير کي ايپروو ڪيو ۽ کيس سڀاڻي ريڊيو تي اچڻ جي دعوت ڏنائون. جِتي نصير سومري سندس پهرين ڪلام جي رڪارڊنگ ڪئي ۽ مشهور زمانه راڳ ”ڳليان پريم نگر ديان....“ جي رڪارڊنگ به نصير سومري ڪئي.
    مان جڏهن 1985ع ۾ ليچڪرار ٿي لطيف ڪيمپس خيرپور پهتو هيس ته شوڪت خاصخيلي ۽ مختيار ملڪ جي ڪري ريڊيو خيرپور به پنهنجو ٿي پيو هيو. شوڪت خاصخيلي ان زماني ۾ ريڊيو تي روز شامَ جو ڳوٺاڻن لاءِ پروگرام ڪندو هو. جنهن ۾ هفتي ۾ هڪ دفعو ڪو نه ڪو فنڪار لائيو ڳائيندو هو. لطيف يونيورسٽيءَ جي سامي هاسٽل ۾ منهنجي طرفان منعقد ٿيندڙ مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا ٿيندڙ پروگرام لاءِ راڳي شوڪت خاصخيلي مهيا ڪندو هو جيڪي گهڻو ڪري ان پروگرام جي رڪارڊنگ لاءِ ايندا هيا، اهڙيءَ ريت سندن رهائش جو بندوبست به ٿي پوندو هو ته پاڻ سان گڏ ٻه پيسا به کڻي ويندا هيا. اهڙين محفلن ۾ سهراب فقير، شمن فقير کان وٺي استاد صادق علي تائين ڳايو هو. سهراب فقير جڏهن به اهڙين محفلن ۾ ايندو هيو ۽ اسان جيڪو ڪجهه کيس ڏيندا هياسين هو خوشيِءَ سان قبول ڪندو هو. سندس طبيعت فقيراڻي هوندي هئي ٻين ڳائڻن جيان لالچي نه هوندو هو. ڪڏهن به ڪا ڊمانڊ نه ڪندو هو.
    اهو سهراب فقير جو شروعاتي دور هو پوءِ وري حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا جي پارس هٿن هُنَ کي لطيف جي درگاهه کان وٺي ناروي، جرمني ۽ ٻين ملڪن جي اسٽيجن تائين پهچايو.
    سهراب فقير جي آواز ۾ پنهنجو هڪ سوز ۽ گداز هوندو هو. هن کي ٻين فقيرن کان جيڪا ڳالهه منفرد ٿي ڪري اها آهي راڳ جي ڄاڻَ. گهڻو ڪري فقيري رنگ ۾ ڳائڻ وارا رڳو عشقَ سان ڳائيندا آهن ۽ انهن مان گهڻن کي راڳداريءَ جي پر پيچ ۽ انگي حسابن جهڙن انگن جي خبر نه هوندي آهي. پر سهراب فقير جيئن ته بنيادي طور تي طبلي نواز هو، هُنَ گهڻا سال ممتا زبيگم سان طبلو وڄايو ۽ ان کان پوءِ هُن استاد خورشيد علي خان ۽ استاد منظور علي خان هڙن راڳين سان طبلي تي سنگت ڪئي ـــ استاد خورشيد علي خان کيس ڪڏهن ڪڏهن آلاپن لاءِ چوندو هو ۽ هو طبلي وڄائڻ سان گڏ آلاپ به ڏيندو هو جيڪي ماڻهن کي موهي وجھندا هيا. هڪ ڀيري خوش خير محمد فقير هيسباڻي جي ميلي تي هيسباڻين زور ڀريو ته جيستائين فقير سهراب ڳائيندو نه ايستائين راڳ جي محفل شروع نه ٿيندي. اهڙي ريت ان وقت کان وٺي فقير آهستي آهستي طبلي کان پري ٿيندو ويو ۽ ڳائڻ جي ويجھو ٿيندو ويو. ان ڪري فقير جي راڳ ۾ لئي تمام گهڻي هئي ۽ هو راڳداريءَ جي ڄاڻ به رکندو هو. سندس آواز تمام مٿي هوندو هو ۽ سندس آلاپن جا لهرا هڪ جادو ئي اثر رکندا هيا. هُنَ جي ڪلامن ۾ ”ڳليان پريم نگر ديان“ گهڻو مشهور ٿيو پر غلام حسين ۽ موٽڻ شاهه جي ڳايل ڪلام ”مين آيا مُک ويکڻ“ کي به هن نئين زندگي ڏني. هن جي وڇوڙي تي گهڻو ڪري ليکڪن لکيو آهي ان سلسلي ۾ خالد ٻانڀڻ سهراب فقير جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”هو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائيندڙ سچل، خوش خير محمد فقير هيباڻي، غمدل فقير ۽ در محمد فقير جو عاشق هيو جنهن جي اواز جي صدا تي ڪائنات جا سمورا ڪاروبار رڪجي ويندا هئا سندس وجداني آواز ۾ قدرت اهڙي ته ڪلا ڀري هئس جو جيڪو هن صوفي صفت آواز کي ٻڌندو هو پنڊ پهڻ ٿي ويندو هو. تڏهن ته جرمني جي اها گوري مٿس موهت ٿي پئي هئي جنهن جون ڳالهيون سهراب فقير جيئري ڏاڍي چاهه سان ڪندو هو. ان جو ذڪر ڪندي هن جي اکين ۾ عجب چمڪ اچي ويندي هئي جنهن جا ڀاڪرن ۾ ڀريل فوٽو سهراب فقير جي آخري سفر تائين گڏ هئا تڏهن ته سچل چيو هو ته: ”سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هئس ڏاڙهي“
    ڏٺو وڃي ته سهراب فقير جي راڳ جي زندگي مختصر آهي، مجموعي طور تي 1985ع کان وٺي 1996ع تائين (فالج ٿيڻ تائين) هُنَ ڳايو. پر ان مختصر عرصي ۾ هُنَ گهڻن ملڪن جا دورا ڪيا ۽ ملڪ جي هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ ڳايو ۽ هڪ نئون رنگ پيدا ڪيو.
    اهو به دؤر هو جڏهن صوفي راڳ جا وڏا وڏا نالا هوندا هيا جن ۾ فقير خادم حسين، فقير يار علي، فقير عبدالغفور، علڻ فقير، فقير غلام حسين، موٽڻ شاهه ۽ ٻيا هوندا هيا پر سهراب فقير جي لاڏاڻي سان ڄڻ ته سانجو راڳ گيڙو رنگ کان خالي ٿيندو پيو وڃي پر وري به سندس سُنگ جي فقير جمال الدين، فقير قلندر بخش ۽ فقير رجب مان اميد رکجي ٿي ته هُو سهرابي رنگ کي اسان جي راڳ جي افق تان گم ٿيڻ نه ڏيندا.


    يادن جي هندوري ۾ لڏندڙ شخص ـــــ سهراب فقير : ڊاڪٽر مشتاق ڦل

    توڙي جو مان لاباري ۾ سمورن ڀائرن ۾ جڏو هيم پر غربت سبب مينهون چارڻ ،گاه ڪرڻ ،لاباري تي ماني پهچائڻ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ ۾ به بابا ۽ ڀائرن جو هٿ ونڊرائيندو هيم ۽ پوءِ ڪيترائي ڀيرا ڏاٽي سان هٿ ڪپجي پوڻ ڪري اڳڙيون ڳولي هٿ ٻڌل سان گھر پهچندو هيم ته امان مونتي ناراض ٿيندي هئي ته توکي ڪهڙو لاچار پيو آ جو تون وڃي ٿو اهڙي ڪم ۾ هٿ وجھين!
    ڪيڏو نه پيارو وقت هيو ڪم ڪري اوطاق ڀرسان لڳل ٽاري يا انب هيٺان ويهي ٿڪ به ڀڃبو هيو ۽ ڪچهريون به ڪبيون هيون.مونکي پوري طرح ياد آ ته ميراثي فقيرن ۽ فقيرياڻن جا به ٽولا اچي لاباري جي مند ۾ پهچندا هيا پنهنجو ونڊ وٺڻ لاءِ ڪنهن جي هٿ ۾ سرندو ته ڪنهنجي ڪلهي ۾ ڍولڪ ،ڪنهن وٽ باجو ته ڪنهن وٽ يڪتارو چپڙي .سهراب فقير به اڪثر ڪري ان مند سان گڏ ٻين موقعن تي به اچي اسان جي اوطاق(جيڪا اسان ۽ ماما جن جي گڏيل ليکي ويندي هئي) تي اسهندو هيو.اسان ته ننڍڙا هياسين پر منهنجو مامو لياقت علي جيڪو تڏهن به ڪڪڙن ڌارڻ ۽ ويڙهائڻ ۾ سڀني کان اڳڀرو هيو ۽ هاڻي به سڀڪجھ قربان ڪرڻ کانپوءِ به ان عشق سان ناتو ڳنڍيون پيو اچي سهراب جي آواز جو مداح هيو .هو سهراب کي پاڻ به ٻڌندو هيو ته ان جي صدقي اسان به کيس ٻڌي وٺندا هياسين.پاڻ کي راڳ جي ڪا ڄاڻ ته ڪا نه هوندي هئي پر آواز جي لذت اندر ۾ اوتجي ڪيفيتن جو هڪ نئون جهان ضرور جوڙيندي هئي ۽ ڍولڪ نه هجڻ باوجود ٿالهه کي وڄائي به سهراب جي سريلي آواز سان روح کي تازو ڪندا هياسين ،هي ان دور جي ڳالهه آهي جڏهن سهراب فقير شايد سوچيو به نه هجي ته ڪو هن جي ڳلي مان نڪتل آواز دنيا جي ڪنڊ ڪڙڃ تائين پهچندو ۽ هو ٽالپر وڏا کان دنيا جي ٻين ملڪن تائين گيڙو ويس پائي .. گليان پريم نگر ديان حضرت عشق گھمايم .. واري ٻولن جيان ڳلي ڳلي گونجندو ۽ گھمندو رهندو.پنهنجي ذات جيان هو اندر ۾ به معصوم ٻارجيا ن صاف سٿرو ،پيار ڪندڙ ۽ نهٺائي سان ٽمٽار شخص مڪمل طور لالچ ۽ طمع کان پري رهندڙ فقير ماڻهو هيو ،هن غربت به ڏٺي ته سندس خوبصورت آواز ۽ سهڻي شخصيت مٿان پئسن جي بارش به وسندي ڏٺي ! پر هڪ هٿ ۾ آيا ۽ ٻئي هٿ مان ويا واري ڳالهه تي عمل ڪندڙ هن دوست سان منهنجون ڪيتريون ئي جھڙپون به ٿيون ته فقير وقت تي متان ڪو ساٿ نه ڏيئي ڪجھه بچائي رک پر هن ان تي عمل نه ڪري نه ڪيو ! اسان شايد زماني داري وارا ماڻهو آهيون ۽ هو شايد مايا سان محبت ڪرڻ بجاءِ آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاري سومرا واري رمز جو مسافر هيو. ساڻس پيار ڪندڙ ۽ ٽالپر وڏا جا سڀ ماڻهو ان جي شاهدي ڏيندا ته ميراثي فقيرن جا وارا نيارا ٿي ويا جڏهن سهراب شهرت جي بلندين کي ڇهڻ لڳو فقيرياڻيون توڙي فقير خير خيرات گھرڻ بجاءِ پنهنجي روزگار سان لڳي ويا ،ڪيترائي فقيرن جا گھر فقير جي محبتن سان هلڻ لڳا۽هاڻ وري سهراب ناهي ته ڪيترائي ئي گھر پهنجي پراڻي ڪرت يعني سير سفر تي گذران ڪري رهيا آهن!
    مان خوش نصيب آهيان جو نه صرف سهراب فقيرجي شروعاتي دور کي ڏٺم ۽ کيس ٻڌم پر سندس گائڪي جي رنگن مان سوين ڀيرا لطف به ماڻيم ته لڙڪ به لاڙيم! هن جا ڳايل ڪيترائي ڪلام مونکي وڻندا هيا پر کيس خبر هئي ته مان هن کان اڪثر ڪري جيڪو ڪلام ٻڌڻ چاهيندو هيم اهو محفل ۾ ضرور ڳائيندو هيو .. سهڻا اله آڻئي تون آ ،ٻهون تيڪون سنڀليندين آن! هن جي ڳلي مان جيئن ئي هي ڪلام منهنجن سماعتن کي ڇهندو هيو منهنجا لڙڪ چاهيندي به رڪجي نه سگھندا هيا! هاءِ حسين هو جيڏو وڏو ماڻهو هيو مونسان ته اوتروئي پيار ڪندو هيو،بس هن کي به ارمان هيو ۽ مونکي به اڄ تائين ٿيندو آهي ته هن جي خواهش باوجود مون کيس ڪو ڪلام نه ڏنو ته جيئن هو ڳائي ها ۽ مان فخر مان ڳاله ڪيان ها ته سهڻي سهراب مونکي به ڳايو! ها پر مونکي اهو اعزاز ضرور نصيب ٿيو ته چاچا رمز علي فقير باجي تي هوندو هيو ۽ سهراب جو سنگ ٻين سازن تي ۽ مان درمحمد فقير هيسباڻي۽ هن جي سامهون پنهنجي وڏي ڀاءُ ادا شهيد فيض محمد ڦل جي خواهش تي ڪيترائي ڀيرا ڳايو ۽ سهراب فقير اتساهيو،دريا دل وارو هي شخص اتساه جو ذريعو هيو ،هن کي گھر ڀاتين تي ڪڏهن ڪڏهن چڙ ضرور ايندي هئي پر دوستن سان هن ڪڏهن به ڪڙو نه ڳالهايو ،توڙي جوآخري وقت ۾ فقير مان اهي ماڻهو به هٿ ڪڍي ويا جن جي ڪري هنن وڏو نالو۽ ناڻو ڪمايو!پوءِ به هن کي انهن سان ڪا شڪايت نه هئي ! هو شڪايت ڪري به ڪنهن سان هن جو نه اهو وڙ هيو نه هن کي ڏانءِ ايندي هئي شڪايت ڪرڻ! فقير پنهنجي مرشد ، استادن ۽ دوستن جو تمام گھڻو ادب ڪندڙ شخص هيو هن ڪڏهن به انهن سان عزت ۽ احترام وارو دامن آخري دم تائين نه ڇڏيو،هن جنهن، جنهن کان جيترو حاصل ڪيو ان تي کيس فخر هيو ۽ هن ان جو اعتراف به ڪيو. عنايت فقير جيڪو درمحمد فقير جو طالب هيو ان سان ڍولڪ به وڄايائين ته گڏجي ڳايائين به ۽ ان جي ئي صحبت ۾ فقير جو طالب به ٿيو .وڌ ۾ وڌ سلامت علي ۽ نذاڪت علي کي ٻڌندڙ سهراب فقير افشان جنهن استاد غلام علي سان گڏ به ڳايو هيو ۽ ٻيو مائي هنجو جي آواز سان تمام گھڻو پيار ڪندو هيو.حميد آخوند ، جهانگير قريشي ، اختر ٽالپرجا ڳڻ ڳائيندڙ هي فقير بينظيرڀٽو جو عاشق ۽ منظور حسين وساڻ جو پڪو ووٽر۽ مداح هيو(سندس بقول سمورن سياسي ماڻهن کيس تمام گھڻي عزت ڏني پر منظور وساڻ کيس نوڪرن ڏيڻ سان گڏ بلڊنگ سميت پرائمري اسڪول به ڏنوجنهن ۾ فقيرن توڙي پاڙيوارن جا ٻار پڙهي رهيا آهن). سموري ڪائنات کي پنهنجي ملڪيت سمجھندڙ سهراب فقير هڪڙو ڀيرو نامياري ليکڪه شبنم گل کي انٽرويو۾ ملڪيت بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي ڪيڏو نه شاندار جواب ڏنو ته صبح جو نڪران ته شام تائين زمين کٽندي ئي ناهي!
    سهراب فقير جون ڪيتريون ئي يادون ۽ قصا منهنجي ذهن جي اسڪرين تي ايندا پيا وڃن پر انهن مان ڪي ذاتي نوعيت جا آهن ته ڪي اجتماعي . منهنجي ڀاءُ جي شهادت جي ڪري منهنجي شادي ۾ دير ٿي پر فقير سدائين تنگ ڪندو رهي ته جلد شادي ڪيان ته جيئن هو منهنجي شاديءَ ۾ ڳائي ،مون کيس گھڻئي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاءُ جي شهادت جي ڪري مونکي گھر جو ماحول اجازت نٿو ڏئي ته راڳ رنگ جي محفل ڪجي پر فقير منهنجي اجازت کانسواءِ ئي پنهنجي سنگ سميت ڳائي وڻ وڄائي ڇڏيا ! ڇا خبر ته فقير جو ان ئي هفتي ۾ پنڌ اسلام آباد هيو ۽ اتان موٽڻ کانپوءِ سندس آواز ساٿ ڇڏڻ شروع ڪيو جنهن جي موٽڻ جي انتطار ۾ هن زندگيءَ جون باقي بهارون لڙڪ لاڙيندي گذاريون.
    هڪ ڀيرو سندس ڳلي ۾ پاتل ڪنٺو ۽ ٻانهن ۾ پاتل خوبصورت ڪڙو جيڪي اصلي پٿرن سان پويل هيا مونکي ڏاڍا وڻيا مون سندس ڳچيءَ ۽ ٻانهن مان لاهي پاتا ،سندس سامهون ٿي بيٺس ته پڇيائين پائيندي ڇا؟ چيم ها !پر فقير ڏيندين ڪٿي ؟ پاڻ ڀاڪر پائي چمي ڏئي شرطيه طور ڏنائين ته اڄ پورو ڏينهن پائي مريض ڏسندين ته تنهنجو ٿيو ۽ ها ساڻس ڪيل واعدي مطابق پورو ڏينهن پاتل هيا ڪي ڪي مريض ته عجيب نظرن سان ڏسي رهيا هيا پر ڪڇي نه پي سگھيا ،ڪن وري چئي ڏنو !خير ته آهي ڊاڪتر صاحب! شام جو جڏهن کيس پڪ ٿي ته مون سندس ڏنل تحفي جو مان رکندي لاٿو ئي ناهي ته فقير جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي ! اڄ هو اسان سان گڏ ناهي پر سندس آواز،سندس يادون ايئن گڏ آهن جيئن مون ان ڏينهن سندس ڏنل ڪنٺي ۽ ڪڙي کي هٿ ڪرائي ۽ ڳچيءَجو هارسمجھي پاتو هيو.
    خاص نوٽ (تحقيق طلب):
    ڪجھه ماڻهن سهراب فقيرجي مرتئي کانپوءِ کيس هيسباڻي ته ڪجھه ليکڪن کيس خاصخيلي لکيو آهي جڏهن ته مون هوش سنڀاليو آهي ته سندن خاندان کي ميراثي فقير طور ٻڌندو آيو آهيان جڏهن ته سهراب فقير پاڻ چوندو هيو ته اسان مڱڻهار آهيون.


    امن ۽ آشتيءَ جو اهڃاڻ، لوڪ صوفي راڳي سهراب فقير : نثار کوکر

    سنڌ جي مٽيءَ ۾ هڪ اهڙي خوشبو رچيل آهي. جنهن جو بظاهر ڪوبه نانءُ نه آهي پر جڏهن به اها مهڪندي آهي ته دنيا لاءِ امن ۽ محبت جو پيغام هوا جي زور تي کڻي پري پري تائين ڦهلجي ويندي آهي. هوا جنهن جي ڪابه حد ۽ سرحد نه هوندي آهي. سرزمين سنڌ جي ان امن ۽ محبتن واري مهڪندڙ مٽي ۾ هميشه صوفي شاعرن جا آواز گونجندا رهيا آهن جنهن ڪري هن ڌرتيءَ کي امن، محبتن جو درس ڏيندڙ صوفياءِ ڪرام جي ڌرتي به سڏيو ويندو آهي. انهن صوفي بزرگن جي شاعري ۾ سمايل پيغام کي صوفيت جي پرچار ڪندڙ پنهنجي سريلي آواز جو سهارو ڏئي ڳايو آهي ته اهڙا ڳائيندڙ به مقبوليت جي انتها درجن تائين رسيا آهن. جن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه جي ماڻهن دادِ تحسين سان نوازيو آهي.
    سنڌ ۾ صوفي بزرگن جو ڪلام صديون اڳ قديم زماني کان روايتي سازن سان گڏ ڳائڻ ۽ ٻڌائڻ جو عمل جاري ساري آهي. اها روايت ڪا نئين نه آهي پر جڏهن لوڪ صوفي ڳائيڪي ۾ سهراب فقير جو آواز گونجيو ته تصوف جي رمزن ۾ رنگيل صوفي راڳ کي نت نيون راهون، نوان ٻڌندڙ، پسنديدگي جو الڳ ئي انداز ۽ عوامي مقبوليت جون انتها واريون بلنديون پڻ مليون.
    سهراب فقير جا ڳايل صوفي ڪلام ايترا ته مشهور ۽ مقبول ٿيا جو اهي سنڌ جي لوڪ صوفي ثقافت جو هڪ اڻ ٽٽندڙ حصو بڻجي رهجي ويا. امن ۽ آشتي جي اهڃاڻ سنڌ سان وابسته سهراب فقير جي ڳايل ڪلام ”مين آيا مک ويکڻ“ ڳائڻ بغير اڄ به ڪنهن صوفي بزرگ جي درگاهه تي عرس جي ٿيندڙ تقريبن جي شروعات نه ٿي ڪئي وڃي. اهو سهراب فقير جي ڳائڻ جو اثر آهي، جو ڪنهن به صوفي بزرگ جي درگاهه تي ان جا ڳايل صوفي ڪلام ڳايا ۽ ٻڌايا وڃن ٿا.
    سهراب فقير جي پيدائش 1937ع ڌاران ضلع خيرپور ميرس جي ڳوٺ ٽالپر وڏا جي هڪ فنڪار گھراڻي ۾ ٿي. سهراب فقير جو والد حمل فقير ميراثي، سارنگي ۽ طبلي وڄائڻ جو بهترين استاد هو. حمل فقير هندو ڀڳتين سان گڏ سنگت ڪندو هو. انهن ۾ برصغير جو مشهور مقبول ڀڳت ڪنور به شامل آهي.
    حمل فقير جي گهر ۾ پيدا ٿيڻ ڪري سهراب فقير جي سازن ۽ سرن سان واقفيت ننڍپڻ کان ئي ٿي هئي. سهراب فقير کي سندس والد طبلو وڄائڻ سيکاريو هو پر سهراب فقير جي آواز ۽ سر ۾ هڪ عجيب ڪشش کي محسوس ڪندي ۽ ڪنهن دوست جي مشوري ڏيڻ بعد سندس والد حمل فقير سهراب کي روهڙي جي مشهور استاد کيتو خان جي شاگردي ۾ ڏيئي ڇڏيو ته جيئن سهراب فقير راڳداري جي سرن ۽ رمزن کان چڱي طرح واقف ٿي سگھي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته استاد کيتو خان مشهور استاد عاشق علي خان جو شاگرد هو، جنهن سهراب فقير جي راڳ جي حوالي سان نهايت ئي بهترين تربيت ڪئي.
    سهراب فقير جو والد حمل فقير صوفي فقير خوش خير محمد جو مريد هو. هو پنهنجي پٽ کي ننڍي عمر ۾ پنهنجي مرشد جي درگاهه تي حاضري ڏيڻ خاطر وٺي ويندو هو. جتي ڳائڻ جي فرمائشن ڪندڙن ننڍي عمر واري سهراب فقير جا صوفي ڪلام ٻڌا ته ٻڌندڙ داد ڏيڻ کان بغير رهي ڪين سگھيا. اتي سهراب فقير کي ايتري ته موٽ ملي جو سهراب فقير ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا وٺڻ کي ڇڏي باقاعده صوفي ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا.
    سهراب فقير پنهنجي پوري جواني صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي درگاهن تي ٿيندڙ محفلن ۾ ڪلام ٻڌائڻ ۾ گذاري ڇڏي. هو طبيعتن پنهنجي عشق ۾ گم رهڻ وارو ماڻهو هو جڏهن ته هو شهرت جي پويان ڊوڙڻ وارن مان نه هو. هن کي صوفي بزرگ غمدل فقير جي ڳايل هڪ ڪلام صوفي ڪلام ڳائيندڙن جي پهرين صف ۾ بيهاري ڇڏيو. سهراب فقير جي آواز ۾ جڏهن ”گليان پريم نگر ديان“ ڪلام ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو مان هوا جي لهرن ذريعي نشر ٿيندو هو ته ٻڌندڙ ان سحر انگيزي گم ٿي عشق جي مستي ۾ اچي ويندا هئا.
    سهراب فقير جي آواز بابت موسيقي جي ڄاڻو ۽ ماهرن جي اها راءِ آهي ته هو هڪ الڳ ۽ منفرد آواز جو مالڪ هو. هن جي آواز ۾ صوفياڻا رواني ۽ سرمستي شامل آهي جيڪا صوفي بزرگ حضرت سچل رحه جي ڪلام جي ضرورت آهي. سهراب فقير ڪيترين ئي ٻولين جي شاعر حضرت سچل سرمست رحه جا سنڌي کان علاوه سرائيڪي ۽ پنجابي ۾ ڇپيل ڪلام به ڳايا آهن. جيڪڏهن سهراب فقير سچل سرمست رحه ڳايو آهي ته هن بابي بلي شاهه جا ڪلام به پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳايا آهن. سهراب فقير شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري ڳائي آهي ته هن وارث شاهه رحه کي به نه وساريو آهي.
    سهراب فقير پنهنجي ڳائڻ واري منفرد انداز ۾ عشق جون وڏيون منزلون پار ڪيون. لوڪ صوفي موسيقي سان سندس عشق ڪيترائي ورهيه پراڻو هو جنهن جي سحر ۾ سهراب فقير قابو هو ۽ پوءِ جڏهن ان سحر انگيز عشق جي ٻولن ۾ قيد عاشق کي دنيا شهرت جي بلندين تائين پهچايو ته عشق ۾ هن جا ڪارا وار مهندي جي ڀنل خوشبو ۾ ويڙهجي ڳاڙها ٿي ويا هئا. بلڪل ائين جيئن سندس جسم تي گيڙو پوشاڪ. ان رنگ کي اوهان ڪجهه به چئو پر سهراب فقير جي نظر ۾ اهو صوفياڻو رنگ آهي.
    سهراب فقير هميشه اهڙا ته ڪلام پنهنجن چاهيندڙن ۽ ٻڌندڙن جي نذر ڪيا جيڪي نه صرف ان وقت پر هر دور جا مشهور مقبول ڪلام بڻجي ويا هن صوفي ڳائيڪي کي عوامي انداز بخشيو، طبلي ۽ سارنگي جي تربيت ته هو اڳ ئي وٺي چڪو هو پر صوفي ڳائيڪي ۾ هن هڪ تار وارو صوفياڻو ساز يڪتارو استعمال ڪيو ان سان گڏ ڪاٺيءَ جي ٽڪرن مان ٺهيل چپڙي به استعمال ڪندو هو ته جيئن چپڙي جي تال تي سرن کي سنگت ملي.
    سهراب فقير ڪيترن ئي مشهور شاعرن سان گڏ شهرت نه رکندڙ اهڙن شاعرن جي ڪلامن کي به ڳائڻ لاءِ چونڊيو جن جي ڪلام ۾ هن کي خيال جي گھرائي نظر ايندي هئي. سندس پٽ رجب فقير جي چوڻ مطابق سهراب فقير جڏهن صوفي شاعر علي محمد فقير جو ڪلام ”مين صوفي هون سرمسته ميڏاڪون پهچاني رسته“ اهڙي ته رنگ ۾ ڳايو جو شهرت يافته فنڪاره عابده پروين جڏهن اهو ڪلام ٻڌو ته اها به اهيو ساڳيو ڪلام پنهنجي آواز ۾ ڳائڻ کانسواءِ نه رهي سگھي.
    ٻين خوبين سان گڏ سهراب فقير جي اها به هڪ خوبي آهي ته هن روايتي تعليم حاصل نه ڪرڻ جي باوجود پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به غير معياري شاعري کي پئسن يا شهرت جي لالچ ۾ پنهنجي آواز جو سهارو نه ڏنو . هن صرف اهي ئي ڪلام ڳايا جيڪي سندس دل جي تارن کي ڇيڙيندا هئا.
    سهراب فقير جي ڳائڻ تي اختلاف به ٿيا پر هن اهڙن معاملن کي به پاڻ ئي حل ڪيو هن جو هڪ مشهور ڪلام ”فقير جي محبت الله جي محبت، فقير راضي الله راضي“ تي ڪجهه مذهبي حلقن تنقيد ڪئي. جڏهن سهراب فقير کي وضاحت لاءِ سڏايو ويو ته هن اهڙي ڪلام جي دل سان وضاحت ڪئي جنهن سان اعتراض ڪندڙ دنگ رهجي ويا. حالانڪ ان تنقيدي ۽ اختلافي معاملي تي ڪلام جي شاعر طارق نجفي کان به وضاحت ڏيڻ لاءِ گڏجي هلڻ جي مدد به نه ورتي.
    سهراب فقير جا صوفي ڪلام جڏهن مشهور ٿيڻ لڳا ته حڪومت جي به ان تي نظر پئي پوءِ وقت به وقت ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويندڙ وفدن ۾ کيس شامل ڪندا رهيا. سهراب فقير جرمني، هالينڊ، برطانيه، آمريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا ثقافتي دورا ڪيا ۽ اتي پنهنجو فن پيش ڪيو. هن جي ٻولي بظاهر ته اتان جا ماڻهو نه سمجهندا هئا پر محبت ۽ موسيقي ٻولين جي قيد و بند کان آزاد هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان کان ٻاهر به سهراب فقير جي مداحن جو گهڻو تعداد موجود آهي.
    سهراب فقير کي صدارتي اعزاز حسن ڪارڪردگي سان نوازيوويو جڏهن لوڪ صوفي موسيقي جي حوالي سان سنڌ جا تمام اعليٰ اعزاز به هن کي ملي چڪا هئا. سهراب فقير کي شاهه عبداللطيف رحه (2) ايوارڊ، سچل سرمست رحه (2) ايوارڊ، بيدل (2) ايوارڊ سميت سمورا اعزاز مليا جيڪي ان جي فن جي قدر جو مظهر آهن.
    سهراب پنهنجي والد کي ٽن نياڻين سان گڏ اڪيلو پٽ هو. سهراب فقير ٻه شايديون ڪيون جن مان کيس پنج پٽن ۽ ڇهه نياڻين جو اولاد ٿيو. هاڻي سهراب فقير پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ مدفن آهي.
    سهراب فقير جو وڏو پٽ رجب فقير چوندو آهي ته بابا زندگي ۾ سرن سان گڏ گڏ دل جو به سخي هو ڏيهي توڙي پرڏيهي محفلن مان جيڪي نقد انعام ملندا هئس اهي هو پنهنجي ضرورت مند مائٽن ۽ ساٿين کي ورهائي ڏيندو هو. هو صوفي رنگ جو سچو پيروڪار هو جيڪو ڪجهه به ملندو هئس گڏجي ورهائي کائيندو هو.


    اي سنڌ! توکي الوداع.... ابراهيم کرل

    ڀنڀي ڏاڙهي، وار وڏا، مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل، گيڙو ويس پهريل جو عڪس اڃان ڀي اکين جي ماڻڪين ۾ موجود آهي. سندس سر جون صدائون موهن جي دڙي جي ڀڳل ڀريل ديوارن جي گسن مان ٿينديون ڪنگ پريسٽ جي بدن کي ڇهنديون نرتڪيءَ کي اڄ ڀي هڪ ٽنگ تي نچائي ڇڏين ٿيون. هي شخص سنڌ جي تهذيب جو پڙاڏو ۽ شايد موهن جي دڙي جون گھٽيون گھمندڙ رهيو هجي تڏهن ئي ته شاعر جا لفظ سندس من کي ڇهي ويا هئا، سنڌ جي خمير مان جڙيل ۽ ٿر ڪوهستان جهڙن ڀاڱن ۾ رهندڙ ماڻهن جهڙو آواز رکندڙ سهراب فقير عشق جي گھٽين ۾ گھميو ۽ چيائين ته ”گليان پريم ننگر ديان، حضرت عشق گھمايم“ پاڻ اهڙو جوڳي هو جنهن کي عشق جاڳايو ۽ گھمايو، چلا ڪٽرايا ۽ پوءِ گيڙو ويس پارايو. عشق جو رنگ جڏهن سفيد وارن تي چڙهيو ته ”ڀوروناسي رنگ“ سوچ فڪر جي علامت، غم جي ويجهو تڏهن ئي ته غمدل جي ڪلام کي ڳائيندي سهراب فقير سراپجي ويندو هو ۽ الله هو الله هو ڪندو هو ته هزارين دليون ننڊ جي خمارن ۾ هليون ويندون هيون ۽ دنيا جي ڌنڌن کان ڪٽجي الوپ ٿي وينديون هيون. سهراب فقير جو حوق (حق) چوڻ ڄڻ شيطان کي هڪل هوندي هئي جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ فتنو ۽ فساد وجهڻ لاءِ اچي ڪنڊ ۾ ويهندو هو. سنڌ جو هي سنياسي هزارين ماڻهن جي نبض تي هٿ رکي جڏهن دوهيڙو چوندو هو ته ڪيئي ستل سور جاڳي پوندا هئا، رت ۾ گرم جوشي پيدا ٿي پوندي هئي ۽ دليون لئه ۽ راڳ تي رقصان ٿي پونديون هيون. اڱڻ ڪنهن جو به هجي، خوش خير محمد هيسباڻي، سچل سرمست، بيدل فقير يا ڀٽائي گھوٽ، ماڻهو ڦيراٽيون ڏئي سندس هو نگر ۽ هون ۽ سندس نعري ۾ سدا موجود جو جواب ضرور ڏيندا هئا. چوڌاري دنبورا ۽ يڪتارا ۽ چپڙيون سندس تال ۽ گھنگھرن جو آواز ماڻهن کي موهي ڊوئي وڃي عشق جي آوي ۾ وجهي ڇڏيندو هو. ان ئي گھڙيءَ شايد سنڌ جي ٻيجل سرندي تي سر ڏنو هوندو.... سنڌي راڳ ۾ سنگ جو جيڪو اکر سهراب فقير وٽ هيو انهيءَ اکر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مٺاج وارا ۽ سروارا سمورا اکر موجود هئا. سهراب جي وکر ۾ ڪوڙ ۽ ڪچ ڪٿي هو، جي هجي ها ته سهراب سکيو ستابو نه ٿي وڃي ها جيئن اڄ جا فنڪار ڪچ ۽ گچ ڳائي پاڻ ڀي اهڙا ٿي ويا آهن جهڙا سندن پيٽ! هو ته الستي آواز هو جيڪو شايد ڏينهن محشر جي گونجي ته ماڻهو نچندا ڪڏندا اچي پنهنجو سر پاڻ ڏين.
    اڄ ڀي ماڻهن جي ذهنن جي ڪنڊ مان سهراب جي رڙ گونجي اٿي ٿي ته ماڻهو ٿڌو ساهه ڀري چون ٿا هاءِ ڙي سهراب تنهنجا سُرَ..... جيڪي سنڌ جي فضائن ۾ اڃا ڀي موجود آهن. هوائون ٿڌيون هجن يا ڪوسيون پر انهن ۾ سهراب جا سر سرگوشيون ڪري نئين امنگ پيدا ڪن ٿا.
    راڳ ۽ ساز سان عشق ڪندڙ دليون اڄ سينه زن آهن ته هنن کان الستي آواز ڪيڏو ڏور هليو ويو آهي. منارن کي ڇهندڙ آواز، غفائن مان ايندڙ آواز، ڏکڻ جي ٿڌڙي هير جهڙو آواز، روح جي راحت، دل جو سڪون، ڪٿي وڃائجي ويو. سهراب جو ساهه ڇا ويو ڄڻ تنبوري جي تار ٽٽي پئي، عشق جو موت ٿيو، سندس محبوبه وارن ۾ واري وجهي ڇتا ڇوڙي تار جي ٽٽڻ تي، ٽامي جهڙي ٿي وئي آهي. سهراب فقير جي محبوبه جيڪا ڪراچيءَ جهڙي بلڊنگن واري شهر ۾ ٽڪ جي رلي وڇائي، کٽولي تي سمهاري سندس پيرانديءَ کان ويٺي هوندي هئي ان وقت به سندس وار کليل هئا! پر اڄ جهڙا نه هئا. هونئن ته هوءَ ڀٽائي جي بيت وانگيان چوٽا تيل ڦليل سان واسي ائين ويهندي هئي جو سهراب فقير جي نينهن کي نيش اچي ويندا هئا. پر افسوس نه راڻو رهيو ۽ نه ڪاڪ، مومل ويچاري مٿي ۾ واري وجهي وڇوڙي جا گيت ڳائي رهي آهي. جنهن سهراب جي واتان صرف هڪڙو ڪلام هميشه ٻڌڻ جي آس رکي هئي ”عمر دراز تيڏي الله نگھبان هو وئي“.
    سهراب فقير جي دعا اگھامي وئي، هن پنهنجي محبوب جي عمر درازي ته گھري پر پاڻ عمر جي چکياتي چڙهي هٿ لوڏي محبوبه کي الوداع ڪيو. ”اي صنم توکي الوداع اي سنڌ توکي الوداع“.


    ڳليان پريم نگر ديان.... امر اقبال

    سُهراب فقير جي مرتئي کان هڪ ڏينهن پوءِ، ٽالپر وڏا ۾ سندس تڏي تي، سندس پُٽ رجب فقير سان دُعا جا هٿ کڻڻ ۽ سهراب فقير جي آخري آرامگاهه تي محبت جا گل رکڻ کانپوءِ، مان جڏهن قربان منگي صاحب سان گڏ واپس وري رهيو هئس، تڏهن مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ پريم نگر جون سڀئي ڳليون ويران ٿي چُڪيون هُجن.
    ڪجهه هفتا اڳ ئي ته هُو سچل سائينءَ جي صحن ۾ پنهنجي الستي آواز ۾ ”حق موجود، سدا موجود“ جون صدائون بلند ڪري رَهيو هو. گيڙو ويس ۽ مينديءَ رَتي ڏاڙهيءَ وارو سهرابُ، فقير جڏهن ”آيا مُک ويکڻ“ چئي رهيو هو، تڏهن مون سميت اُتي ويٺل سڀني کي سَچَل جو صحن مُرڪندي نظر اچي رهيو هو.
    سهراب فقير سنڌ کان ڇا وڇڙيو، ڄڻ ته سنڌ جي صوفي راڳ جا سڀئي سُرَ سوڳوار ٿي ويا. هُو، جنهن ڪيترن ئي مُلڪن تائين سنڌ جي صوفي راڳ کي پهچايو، هڪ منفرد اندازَ سان ماڻهن جي دلين ۾ اُها جاءِ جوڙي، جيڪا جاءِ، ڪِن ٿورن ئي ڪلاڪارن کي نصيب ٿيندي آهي.
    ڪجهه سالَ اڳ سهراب فقير کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس ئي نالي سان، ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ڪاريڊور ۾ قائم ڪيل ”تصوير گئلري“ جي افتتاحي تقريبَ لاءِ اسٽيج سيڪريٽريءَ جي فرضن جي ادائگي جڏهن منهنجي حصي ۾ آئي، تڏهن مون محسوس پئي ڪيو ڄڻ فقير اسان سان گڏ انهيءَ محفل ۾ موجود هُجي. اِهائي ته ريڊيو خيرپور جي عمارت آهي جتان سڀ کان پهريان سهراب فقير جو آواز ”آن ايئر“ وَيو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي انهيءَ آواز شهرتن جا آسمانَ ڪراس ڪيا.
    الائي ڇو اَڄُ به اها ڳالهه ڪنهن ڪنڊي جيان دِل ۾ چُڀي رهي آهي ته، اسان جو سهراب فقير جنهن ليول ۽ جنهن ڪئليبر جو ڪلاڪارُ هُيو، اُهو ڪنهن ٻئي سَماجَ يا پنهنجي ئي سماجَ جي ڪنهن خاص طبقي سان تعلق رکندڙ هُجي ها ته سندس لائيف اسٽائيل ڪجهه اؤر هُجي ها. هِنَ فقير ڪي بنگلا ۽ ماڙيون ته نه ٺاهيون، مهانگين گاڏين تي چڙهي گهمڻ به سندس نصيبَ ۾ نه هُيو، پر آخري ڏهاڙن ۾ سخت بيماريءَ جي حالت ۾ سرڪاري اسپتال جي دربدري به سندس نصيب ۾ لکي وئي. شيخ اياز جو شعر بلڪل هِنَ ئي وقت ياد اچي سگهي ٿو ته:

    خدا ڄاڻي ته ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاواسي
    ٽڙياسي دامنِ صحرا ۾، خوشبو ئي اجائي وئي

    سهراب فقير کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي اک ڳولي لڌو هو ۽ کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور تائين پهچايو هو. ريڊيو تي ڳايل ڪيترن ئي ڪافين مان کيس ”ميڏا روح منگدا، محبوب آ وي“ وڌيڪ وڻندي هُئي........ شايد سهراب فقير موت جو به محبوب جيان ئي انتظار پئي ڪَيو (هڪ موت ته هوُ انَ وقت به ڏسي چڪو هو جڏهن فالج جي حملي سبب سندس ڳلي آلاپڻ کان ۽ سندس آڱرين هارمونيم تي رقص ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو)........ ۽ سنڌ جي سُنگَ ۾ ڳائجندڙ صوفي راڳ کي هڪ نئون رنگ ارپيندڙ سهراب فقيرَ، پَڪَ سان ”موت“ جهڙي محبوب سان جناح اسپتال جي لاوارث فضا ۾ نه پر ”ٽالپر وڏا“ جي مهڪندڙ هوا ۾ ملڻ پئي گهريو. سهراب فقير پنهنجي آخري ساههَ پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجن ٻچڙن جي سامهون کنيا ۽ سموري سنڌ کي سوڳوار ڪري هليو ويو ۽ پٺيان رهجي ويو اِهو پڙاڏو ته: ”ميڏا رُوح منگدا، محبوب آوي“.


    سهراب فقير ۽ سندس راڳ جو سفر : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

    سهراب فقير به انهن راڳين منجھان هو جن کي راڳ جي ستي ڄمڻ سان ئي ملي، يعني ڳائڻ وڄائڻ واري ڪٽنب سان واسطي هجڻ ڪري راڳ جون لوليون ٻڌائين، انهن لولين جي تربيت ۾ رچي ريٽو ٿيو ۽ سڄي جڳ ۾ مشهور ٿيو، سهراب فقير جي پيءُ جو نالو حمل فقير هو، پاڻ ڳوٺ ٽالپر وڏا تعلقي ڪوٽڏيجيءَ ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. اٺن ڏهن سالن جي ڄمار کان ڳائڻ شروع ڪيائين. ابتدا صوفي شاعر خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جي درگاهه تي ڳائڻ سان ڪيائين. پوءِ مختلف درگاهن تي صوفي راڳ ڳائڻ لڳو. سندس مشهوريءَ جو سبب به صوفي شاعرن جو ڪافي ڪلام ڳائڻ هو، پرائمريءَ جا ڪجهه درجا ماستر لعل بخش ٽالپر وٽ پڙهيو، هن راڳ جي وڌيڪَ سکيا روهڙيءَ ۾ خانصاحب کيتي خان کان ورتي. جيڪو پٽيالي گهراڻي سان واسطو رکي ٿو. شروع ۾ هو پنهنجي استاد سان گڏ طبلو وڄائيندو هو. تنهن کانسواءِ پنهنجي پيءُ ۽ چاچن پير بخش، محرم ۽ علي بخش سان گڏ ڳائيندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجو الڳ ٽولو ٺاهيائين ۽ ميلن ملاکڙن تي ڳائيندو رهندو هو. ڳائڻ سان گڏ نچندو به هو.
    1984-85ع ڌاري خيرپور ۽ سکر جي وچ ۾ درگاهه شاهه لڌاڻيءَ جي ٿيندڙ ميلي تي کيس ريڊيي پروڊيوسر نصير احمد سومري ٻڌو، جنهن ساڻس گڏ وڄائيندڙ طبلي نواز ڌڻي بخس مڱڻهار جي چوڻ تي اتي ئي درگاهه جي ڀر ۾ واهه جي ڪڙ تي ٻيهر ٻڌو، پوءِ هو سهراب فقير مان ايترو متاثر ٿيو جو واهه جي ڪڙ تي سهراب جيڪو ڳايو سو به رڪارڊ ڪيائين ۽ کيس ريڊئي تي اچڻ جي دعوت ڏنائين. ياد رهي ته ڌڻي بخش ۽ نصير سومري جو تعلق شڪارپور شهر سان آهي، جنهن ڪري هڪ ٻئي کي ڀائيندا هئا. ريڊئي تي نصير سومري سهراب فقير جي آواز ۾ پهريون ڪلام خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جو ”پرين الله آڻئي تون آءُ“ رڪارڊ ڪيو، ان کان پوءِ غمدل فقير جو ڪلام ”ڳليان پريم نگر ديان، حضرت عشق گهمايم“، رڪارڊ ڪيو، جيڪو ايڏو ته مقبول ويو جو سهراب فقير جي سڃاڻپ بڻجي ويو، تنهن کانپوءِ پروڊيوسر جهانگير قريشيءَ سهراب فقير جا ڪيترائي ڪلامَ رڪارڊ ڪيا.
    اهڙيءَ ريت سهراب فقير جي مقبوليت ۾ واڌارو ايندو ويو، سچل سائينءَ جي سالياني عرس تي ڳائڻ لڳو، ممتاز مرزا صاحب ۽ حميد آخوند صاحب جي پارس نظر کيس ڏسي ورتو. هنن ته سهراب کي سنڌ مان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏيو. هن جي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو انهن ۾ برطانيا، ناروي، بيلجيم، جرمني، هالينڊ، فرانس، اٽلي، ڊينمارڪ، سئٽزرلينڊ، سعودي عرب، دبئي، ايران ۽ هندستان شامل آهن. سهراب فقير ٽيليويزن تي خبرن واري شعبي سان لاڳاپيل پروڊيوسر اخر ٽالپر جي وسيلي پهتو اختر سندس ڳوٺائي به آهي، ٽي ويءَ تي سندس پهريون ڪلام سچل سرمست جو ”گهنڊ کول ديدار ويکا“ پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ رڪارڊ ڪيو.
    فقير صاحب شاهه، سچل، قلندر شهباز، بيدل، نواب ولي محمد لغاري، مصري شاهه وغيره جي درگاهن تي ڳائي چڪو آهي. سنڌ کان سواءِ پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۽ صوفي بزرگن جي درگاهن تي ڳائي چڪو آهي.
    سهراب فقير کي شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ 1991ع ۽ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
    کيس پنج پٽ رجب علي ، نياز علي، حميد علي، اعجاز علي ۽ سلامت علي آهن. انهن مان رجب عليءَ کي راڳ سان گهڻو چاهه آهي، سهراب فقير واريون سڪون لاهي ٿو، ٻين شاگردن ۾ علي گل فقير، غلام مصطفيٰ مڱڻهار، منصور چانگ، قلندر بخش خاصخيلي، گل بهار جويو، مرحوم نذر حسين ميراڻي، محمد قاسم ميراڻي، سيد باقر علي شاهه ۽ غلام عباس فقير شامل آهن.
    در محمد ڪمال، سهراب فقير لاءِ لکي ٿو ته: سهراب فقير ٻڌايو ته محترم عبدالحميد آخوند ڏاڍو قدر ڪيو ۽ چيائين ته اسان جو ثقافتي قافلو ٻاهرين ملڪن جي دوري تي ويندو ۽ توهان به گڏ هلو، مون چيو ته بابا سائين اسان پنهنجي ديس ۾ ئي سٺا آهيون، ڌارين جي نه ٻولي اچي ۽ نه لباس وڻي.
    انهيءَ کان پوءِ اسان ثقافتي وفدن سان ٻاهرين ملڪن لنڊن، ناروي، بيلجيم، جرمني، هالينڊ، پئرس، ڊينمارڪ، سئٽزرلينڊ، سعودي عرب، دبئي، ايران ۽ جيسلمير تائين وياسين. جيڪو سفر مون نه ڪيو منهنجي راڳ سفر ڪيو، فقير چيو ته جڏهن مان ٻاهرين ملڪن ۾ ويس ۽ اتي اسان جي راڳ جي مڃتا ڏٺم تڏهن مون کي منهنجي استاد کيتي خان جا اهي لفظ سچا ثابت ٿيندي نظر آيا جيڪي استادي ڏيڻ وقت چيا هئا ته تنهنجو نالو ديس ۽ پرديس ۾ مشهور هوندو، فقير صاحب راڳ ڄاڻڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو هو ته مون ڪافي گوين کي ڏٺو، خورشيد علي خان سان گڏ طبلو وڄايم، رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻيءَ جي آڏو ڳايم ۽ وڄايم به پر مون پنهنجي ڄمار ۾ ممتاز مرزا جهڙو هوشيار ڄاڻو ڪو نه ڏٺو هو هن چيو ته اسلام آباد ۾ 23 مارچ جي تيارين لاءِ راڻي جي ريهرسل پئي هلي. ان وقت 47 يڪتارا وچي رهيا هئا. تڏهن ممتاز مرزا صاحب ساز روڪرائي چيو ته هڪڙي يڪتاري جي تند ٿوري لٿل آهي ـــ پهريان ته سڀني چيو ته سائين ائين ڪونهي پر هن هڪ هڪ يڪتارو الڳ وڄرايو ته واقعي هڪ يڪتاري جي تار لٿل هُئي. ممتاز مرزا جي انهيءَ پرک بيحد متاثر ڪيو، هن چيو ته رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ به ڪمال جو ڄاڻو هو، رڳو ڄاڻو نه پر خود به ڳائي وڃائي ويندو هو ۽ راڳ ۾ ڪنهن به فنڪار کي غلطي ڪرڻ نه ڏيندو هو. راڳ جي ڄاڻ رکندڙن ۾ نواب نواز علي خان ٽالپر نازڻ سائين پير غلام حيدر شاهه، سيد جڙيل شاهه ڊٺڙي وارو ـــ پير زمان شاهه مخدوم طالب الموليٰ ـــ فقير علي احمد مسڻ جو نالو سڀ کان اڳ ورتو ويندو.
    فقير صاحب زندگيءَ جي اهم محفلن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته منٺار فقير راڄڙ جي ميلي ۾ هو، پهرين رات شمن فقير ڳايو پوءِ مون کي ڳائڻ لاءِ چيائون، ٻي رات خانصاحب پلي، سرفراز راڄڙ ۽ ٻين شوقينن شمن فقير کي چيو ته فقير کان پوءِ ڳائج، پنجاب ۾ شڪر پڙيان اسلام آباد محفل کي سنڌ ۽ پنجاب جو مقابلو پيا چون پر اسان ان کي محفل ئي ڄاتو پر موجود ماڻهن آخر زور ڀريو ته صرف سهراب فقير ئي ڳائي ـــ هڪ سوال ته اوهان کي ڪنهن به وڏيءَ محفل ۾ وڌ ۾ وڌ گهڻو پيسو ڪٿي مليو، جواب ۾ چيائين ته سردار غلام محمد مهر جي ڳوٺ ان محفل ۾ ميڊم عابده پروين به هُئي.
    هن محفل ۾ 1,36000 هڪ لک ڇٽيهه هزار رپيا مليا پر منهنجي خيال ۾ ته اهو انعام به مولا پاڪ ئي ڏنو پر ڪن جي هٿان ملندو آهي ايئن چئي فقير صاحب چيو ته بابا اهي سوال نه پڇو ها ته چڱو.


    اڄ نه جوڳي جُوءِ ۾: ڪرم ٽالپر

    شاهه سائين فرمايو آهي ته:
    جوڳيئڙا جهان ۾، نُوري ۽ ناري
    ٻَرِي جن ٻاري، آنءُ نه جيئندي اُنَ ري

    چوندا آهن ته اُها قوم مهان هوندي آهي جنهن ۾، ڏاها، شاعر، ليکڪ، چترڪار، سگهڙ، فنڪار پهلوان، سورهيه ۽ سَخي گهڻا هوندا آهن. ان لحاظ کان اسان سنڌي گهڻا ڀاڳ وارا آهيون. خاص طرح، اسان ڳوٺ ٽالپر وڏا جا رهواسي ته گهڻا شاهوڪار آهيون. هڪ ڳڻپ پٽاندر، هن ڳوٺ ۾، پنجويهه شاعر، ست ليکڪ، ست سُگھڙ، ٻه چترڪار ۽ چوڏنهن فنڪار آهن. انهن سڀني ڳائڻن وڄائڻن ۾، سڀني جو استاد، مهندار، مٺي آواز جو مالڪ، فقير سِيرت، ملوڪ صورت، راڳ جو برک ڄاڻو ست پيڙهيو ڳائڻو، سهراب فقير به هڪ هو، شاهه سائين فرمايو آهي ته:

    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بُوءِ بهارَ جي

    سهراب فقير، پنهنجي همت، حوصلي، پورهئي، سوچ ۽ لوچ سان نه رُڳو پاڻ وڏو نالو ڪمايو پر ڳوٺ، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي، ملڪ ۽ دنيا ۾ وڏو مشهور ڪيو. سندس آواز سان گڏ، هن جي هلت، چلت، قرب محبت سهڻي، سڀاءَ، سٻاجھي سلوڪ ۽ سهڻي صورت ڪيترا مُلڪي ۽ غير مُلڪي ماڻهو مٿس موهت ڪري وڌا جنهنجا ڪيترائي شاهد آهن، جن مان هڪڙو مان به آهيان. سهراب فقير گهڻن ڳڻن وارو ۽ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. سندس سڀني ڳڻن جي ڳالهه ته مان به نٿو ڪري سگهان پر ڪجهه ڳالهيون اوهانکي ٻڌايان ٿو.

    جنم: سهراب فقير 1937ع ۾، ڳوٺ ٽالپر وڏا ضلع خيرپور جي سنڌ جي هڪ فنڪار گهراڻي ۾ جنم ورتو، جيترو ڳوٺ ٽالپر وڏا ساڍا ٽي سؤ سال پُراڻو آهي ايترو، تصوف، طب ۽ تعليم به پُراڻا آهن. سهراب فقير جي وڏڙن جو ڳوٺ ۾ لڏي اچي رهڻ کانپوءِ گائڪي جو فن به تقريبن ايترو ئي پُراڻو آهي.

    تعليم: جيئن ته اُنَ زماني ۾ مسجد اسڪول هُيا، جِتي ديني تعليم سان گڏ، دنيوي تعيلم به ٻن ٽن درجن تائين پڙهائي ويندي هئي. اهي اسڪول ڳوٺ وارن جي سرپرستيءَ ۾ هلندا هيا جِتي ٻار اکر شناس ته ضرور ٿيندا هُيا پر ڪنهن وڏي سرٽيفڪيٽ يا ڊگريءَ جو تصور ڪونه هوندو هو ان ڪري گُهرج آهر ڪُجهه ٻارن کي ڳوٺ ۾ پڙهايو ويندو هو. وڌيڪَ تعليم لاءِ شاهوڪار ۽ بااثر ماڻهو، خاص طرح سان ڳوٺ جا هندو پنهنجن ٻارن کي وڏن شهرن ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليندا هئا. اهڙي ماحول ۾، سهراب فقير جي خاندان ۾ واجبي تعليم آئي ۽ سهراب فقير پاڻ به اکر شناس هجڻ کان مٿي ڪونه پڙهيو.

    تربيت: جيئن ته سهراب فقير گائڪيءَ واري گهراڻي ۾ اک کولي جِتي سندس ڪنن تا راڳ ئي لوليءَ جي صورت ۾ پهتو ۽ سندس سُڃاڻ به انهن سازن سان ٿي جن راءِ ڏياچ راجا کي، سر قربان ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سهراب فقير راڳ جي شروعاتي سکيا پنهنجي والد حمل فقير کان ورتي جيڪو راڳ جو سُٺو ڄاڻو ۽ بهترين سارنگي نواز پڻ هو. سهراب فقير ڳائڻ سان گڏ وڄائڻ جي تربيت به ورتي ۽ تقريبن هر سازو وڄائڻ ڄاڻندو هو. وڌيڪَ تعليم هن کيتو خان کان ورتي جيڪو ان وقت مشهور گائڪ هو. راڳ ۾ سهراب فقير سان وڌيڪَ مدد صوفي فقير علي محمد ٽالپر سجاده نشين درگاهه صوفي جلال الدين فقير ٽالپر ڪئي ۽ فقير جو تلفظ به درست ڪيو ڇو ته سهراب فقير وارن جي ٻولي ڍاٽڪي آهي. سهراب فقير کي رنگ به مذڪوره درگاهه تان لڳو جِتي هن فقير صوفي علي محمد سائين ٽالپر جي ورسيءَ جي موقعي تي ڳايو پئي، اتي مانَواري ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم سان گڏ ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان خيرپور مانَوارو الله بخش شاهه بُخاري صاحب به آيل هو جيڪو سهراب فقير کي ريڊيو تي وٺي ويو. هيءَ 1984ع جي ڳالهه آهي. ان کانپوءِ سهراب فقير کي PTV تي متعارف اختر اختر حسين ٽالپر ڪرايو جيڪو اڄڪلهه PTV نيوز آفيسر آهي. ان کانپوءِ ثقافت کاتي وارن سهراب فقير کي چونڊيو، سهراب فقير پهرئين ڪيسٽ لوڪ ورثه اسلام آباد وارن وٽ ڪئي. اهڙيءَ طرح سندس سُر جو سفر جاري رهيو.

    دست بيعت: سهراب فقير باقاعده دم اسم وارو فقير هو، پهريان ئي ته کيس جيڪو ڳائڻو به صلاحيندو هو ته فقير اُنَ سان گڏجي پوندو هو پر پوءِ فقير عنايت علي نوناري ۽ فقير صوفي علي محمد ٽالپر جي صلاح سان ٻين سان وڃڻ ڇڏيائين. اُنَ وقت درگاهه خوش خير محمد سائين هيسباڻيءَ جي سجاده نشين فقير دُر محمد سائين هيسباڻي جو باقاعده دست بيعت ٿيو ۽ صوفين سان واڳجي ويو. ڪنٺا، ڪولابا، گيڙو پڳ ۽ الفي سندس لِباس بڻجي ويئي. جيڪو کيس سونهندو به ڏاڍو هو.

    قومپرست: عربي چوڻي آهي ته ”حُب الوطن من الايمان“ يعين وطن جي محبت ايمان جو حصو آهي. پنهنجي ٻوليءَ ۾ چوندا آهن ته ”جنهنجو کائجي تنهنجو ڳائجي.“ سهراب فقير ان چوڻيءَ مطابق سنڌ جو نالو دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ روشن ڪيو، بي ڌڙڪ سنڌي سڏايائين. جن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي بي حساب قتل پئي ڪيو ويو ۽ تقريباً سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ سنڌين جا لاشا آيارتن ڏينهن ۾ اڪثر سنڌي، ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪار سانگي وڃڻ وقت سنڌي ٽوپي لاهي کيسي ۾ وجھندا هُئا. سهراب فقير پنهنجي سنڌي لِباس ۾، ٽوپي يا پٽڪي سان PTV جا ٻيا قومي پروگرام بنا ڌڙڪ جي ڪيا. لوڪ ورثو اسلام آباد ۾ سنڌي ڪيسٽ ڪرڻ کانپوءِ جنهن مقبوليت جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. لوڪ ورثي وارن سهراب فقير کي چيو ته تون اردو ۽ پنجابي ڳاءِ، اسان توکي مرڪز جو فنڪار ثابت ڪرڻ گهرون ٿا پر سهراب فقير هر مفاد کان درگذر ڪندي، چيو ته هُو پهريان سنڌي آهي ۽ پوءِ مرڪز جو هن سنڌيءَ کان سواءِ ٻي ٻولي ۾ ڳائڻ ۽ مرڪز جو سڏائڻ قبول نه ڪيو. جرمنيءَ ۾ سهراب فقير جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويئي بي انتها پيار ڏنو ويو ۽ کيس اُتي رهي ميوزڪ اسڪول ۾ گائيڪي جي سکيا ڏيڻ لاءِ پُرڪشش معاوضي جي پڻ باس ڪئي ويئي پر فقير گهڻو وقت سنڌ کان پري رهڻ قبول نه ڪيو ۽ بي حساب ڊالرن جي فائدي کي ٿُڏي ڇڏيو جرمنيءَ وارن سهراب فقير جي نشاني طور هڪ C.D رڪارڊ ڪئي جيڪا پوءِ کيس موڪلي ويئي. جرمنيءَ جا ڪيترا ماڻهو رُڳو فقير سان ملڻ لاءِ، پاسپورٽ ۽ ويزا جا بندوبست ڪري ڏاکڙا سهي، خرچ ڪري ٽالپر وڏا ۾ آيا!
    هڪ ڀيري جڏهن ايم ڪيو ايم ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ وارن پاڻ ۾ اتحاد ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ ثقافتي پروگرام رکيو سهراب فقير کي به گهرايو ويو. سهراب فقير جڏهن ٻُڌايل جڳهه تي پهتو ته هال ۾ ٻي پارٽيءَ جي ليڊرن جا فوٽو ڏٺا ته بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي ساٿين سميت نڪري آيو ته هِت مان نه ڳائيندس ڇو ته ڪنهن سنڌي قومي اڳواڻ جو فوٽو ناهي. روڊ تان جسقم جي نمائندن مس مس کيس منٿون ڪري واپس آندو ته پروگرام اسانجو آهي.
    شاهه سائين فرمايو آهي ته:
    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري
    حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
    (شاهه)
    سهراب فقير، سن ۾، سائين جي ايم سيد جي ڪيترن پروگرامن ۾ شامل ٿيو. ڪيترا ڀيرا سائين سيد جي حڪم مُطابق کيس گهرايو ويو. سائين جي ايم سيد سان ڪيترين ڪچهرين جو به کيس شرف حاصل هو.

    فقير: سهراب فقير ٻين سڀني گڻن کان اڳ ۾ ته فقير هو. فقير جي چئني حرفن جي معنيٰ مٿس ٺهڪي اچي ٿي. ”ف“ معنيٰ فقر فاقو، ”ق“ معنيٰ قناعت، ”ي“ معنيٰ يقين، ”ر“ معني رضا تي راضي. جيئن ته مان فقير سهراب کي گهڻو ويجھو هيس تنهنڪري سندس حال جو گهڻو ڄاڻو آهيان. سهراب فقير لاءِ شاهه سائين جي بيت جي هڪڙي سِٽَ گهڻو ٺهڪي اچي ٿي ته: ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿ ڏِهاڙي سومرا“ مُلڪي ۽ غير ملڪي ايوارڊ ماڻڻ واري سهراب فقير جي جُهڳي اڃا به سِيءَ جھلڻ جهڙي ڪانهي. فقير جيڪي ڪمايو سو ونڊي ورهائي ڇڏيو. گهڻين محفلن ۾ منهنجو سهراب فقير سان ساٿُ رهيو. پنجن ستن هزارن کان ويهه پنجويهه هزار ٿيا ڇو ته فقير مقرر پئسا نه وٺندو هو. رُڳو ڪِرائي جا پئسا وٺندو هو باقي جيڪي گهور ۾ مليا. اٺ ڏهه ساٿي جن ۾ ورڇ کان پوءِ کيس هزار ٻه مس مليا. جيڪي ساٿي محفل ۾ شريڪ نه ٿيا انهن کي، انهن جو حصو گهر ويٺي آڻي پهچايو جيتوڻيڪ سندس ڪن ساٿين ونڊ ورڇ تي اعتراض به ڪيا. پنهنجي مرشد فقير در محمد سائين طرفان ميلي ۾ جاني، مالي ۽ اخلاقي مدد وس کان وڌيڪَ ڪندو هو، فقير سائين طرفان مقرر ڪيل چوڏهين رجب المرجب جي تاريخ به پاڻ وٽ نهايت کليءَ دل سان ملهائيندو ويو. سهراب فقير جڳ مشهور فنڪار جي حيثيت سان ڪڏهن به پاڻَ کي وڏي ماڻهو ڪونه سمجھيو. هڪ ڀيري ريڊيو پاڪستان خيرپور جي سالگرهه جي موقعي تي جڳ گلاس کڻي، ماڻهن کي پاڻي پياريندي مون ڏٺو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ فالج جي حملي سبب معذور ۽ مجبور ٿي پيو. محمد قاسم ماڪا طرفان چوري ڇپايل سندس ٻن ڪيسٽن تي، دٻاءَ سبب جڏهن ماڪا ۽ سندس گهر واري ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ معافي گهرڻ آيا ته سهراب فقير سنڌ جي روايت مطابق کانئن ڪجهه گهرڻ ۽ وٺڻ بدران مائيءَ جي مٿي تي پوتي وجھي، پنهنجي هڙان خرچي ڏيئي معاف ڪري ڇڏيو.

    سماجي ورڪر: سهراب فقير ڳوٺ جي سمورن مامرن ۽ مسئلن ۾ اسان سان گڏ رهيو. مسئلن جي مونجھارن جي حل لاءِ، وفد جي صورت ۾ اسان سان گڏ هليو. مقرر ڪيل چندو به ڏنو. ڪمن ڪارين لاءِ مقرر ڪيل ڪميٽين ۾ ميمبر به رهيو. سهراب فقير پنهنجي همت ۽ محنت سان سندس محلي ۾ بجلي جيڪا ڪجهه ٿنڀن جي ڪري رهيل هئي سا ورتي. گئس به ورتي ۽ پنهنجي نالي سان پنهنجي محلي ۾ هڪ پرائمري اسڪول به قائم ڪرايو.

    چڱو مڙس: سهراب فقير ڳوٺ جي مامرن مسئلن ۾ چڱي مڙس جي حيٿيت سان شامل ٿي فيصلا ڪرايا پنهنجي ذات وارن ۾، ٽالپر وڏا، بوزدار وڏا، راڻيپور ۽ ٻيءَ ۾ ڪيترا برادريءَ جا منجھيل مسئلا حل ڪيا. ڪيترين رُٺل ڌرين کي پاڻَ ۾ پرچايو، ملڪ جا وڏا ماڻهو شهيد بينظير ڀُٽو ملڪي سربراهه جي حيثيت ۾ هُجڻ باوجود، سهراب فقير جي هڪ ڀيرو ناچاقائي سبب ڪمشنر لاڙڪاڻو جي معرفت هڪ گلدستي سان گڏ سندس خير عافيت پڇائي موڪلي. وڏا ڊنگ سياستدان ووٽن لاءِ سندس در جا چڪر ڪاٽيندا هيا پر سهراب فقير ڪنهن مخالف کي نه ٻڌايو يا ڇوڙايو. سندس روّيو سڀني سان پيار ڀريو رهيو. ساڻس ملڻ لاءِ ڪيترا وڏا ماڻهو ۽ ساٿي فنڪار به آيا جن ۾ موهن ڀڳت، علڻ فقير ۽ مُلڪ جي مهان فنڪاره عابده پروين پنهنجي ور مرحوم غلام حسين، مرحوم سائين ڊاڪٽر تنوير عباسي مختيار ملڪ سان گڏ فقير سائين جي خير عافيت پڇڻ لاءِ آيا. مون سندن مان ۾ آجياڻو ڏنو، اجرڪ پارايا. عابده پروين ماڻهن جي زور ڀرڻ تي درگاهه صوفي جلال الدين فقير ٽالپر تي ڳايو به. اهڙا فوٽو سهراب فقير جي پوين وٽ اڃان تائين موجود آهن.

    دوست: سهراب فقير ايترو ڪجهه هجڻ جي باوجود هڪ سٺو دوست پڻ هُيو. خاص طرح سان مان پنهنجي ڳالهه ڪيان ته مون سان تمام گهڻي ڪس کاڌائين. هڪ ڀيري مون ساڻس واچ مٽائڻ جي ڳالهه ڪئي، يڪدم پنهنجي واچ لاهي مونکي ڏئي ڇڏيائين. منهنجي واچ سادي هئي جيڪا خراب ٿي ويئي پر سندس واچ مون وٽ اڃا سوڌو موجود آهي. هڪ ڀيرو مون ساڻس ڪستو وٺڻ جي ڳالهه ڪئي. ٻن ٽن ڏينهن اندر مونکي ڪستو وٺي ڏنائين پر گهڻي چوڻ باوجود به پئسا نه ورتائين. ڪيترا ڀيرا پنهنجا قيمتي ڪنٺا، ڪولابا ۽ منڊيون دوستن کي ڏنائين. ڪيئي ڀيرا پنهنجي خرچ تي دوستن کي ميڙا گهمايائين. ماڻهن کي منهنجي ۽ سهراب فقير جي محبت جي ڄاڻ هئي تنهن ڪري ڪيترا ماڻهو سهراب فقير کان پروگرام لاءِ ٽائيم وٺڻ لاءِ، مون وٽ ايندا هئا. ڪيتري به مصروفيت هوندي فقير سهراب سدائين منهنجي ڳالهه کي او‌‌‌‌‌ليت‌‌ڏني. ‌

    فنڪار : جيڪڏهن ايئن کڻي چئجي ته فنڪار ته سهراب فقير ڄائي ڄم کان هيو، ڳائڻ وڄائڻ سندس وڏڙن کان وٺي سندن پيشو رهيو آهي پر سهراب فقير ٻين سڀني ۾، پنهنجي رسيلي آواز، رياض، محنت ۽ ڄاڻ سبب گهڻو مشهور رهيو. سڄي سنڌ، پورو ملڪ ۽ اڌ دنيا سندس فن جي مڃتا ڪئي. هندي ٻولي ۾ هڪ چواڻي آهي ته: ”راڳ، رسوئي پاڳڙي ڪڀي ڪڀي بن جات“ يعني راڳ، طعام ۽ پٽڪو ڪڏهن ڪڏهن ٺهندو آهي پر سهراب فقير جي هر محفل لڳي ۽ هن ماڻهن کي جھومايو. سهراب فقير جي محفل مان ماڻهو ڪڏهن ڪونه ڍاپيا. سندس آلاپ تي مون، ماڻهن کي رئندو ڏٺو. عام خاص سندس آواز جا عاشق هيا. هڪ ڀيري هڪ فقير جي ورسيءَ جي موقعي تي اسان هڪ ڳوٺ مان سُنگ جي صورت ۾ وڃي رهيا هياسين ته هڪ سفيد پوش ماڻهو آيو ۽ منٿ ڪري چيائين ته پاڙي جا ٻار سهراب فقير کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ، اسانجي گهر گڏ ٿيا آهن اوهان پنج منٽ ترسو ته اُهي سهراب فقير کي ڏسي وٺن. اهڙيءَ طرح وڏا گهراڻا پرده دار ٻار کيس ڏسڻ ٻڌڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا. سهراب فقير جا مون تي به ڪيترائي ٿورا آهن. منهنجا ڪلام ڳائي مونکي به گهڻو مشهور ڪيائين. فقير غمدل سائين وڳڻن واري جي هڪ ڪافي سندس آواز ۾ گهڻي مشهور ٿي ”ڳليان پريم نگر ديان حضرت عشق گهمايم“ ان کان پوءِ غمدل سائين دايو جا طالب ته فقير سهراب جا بي حد ٿورائتا بنجي پيا. جرمني ۾ مصر جي هڪ فنڪاره سان سندس مقابلو ڪرايو ويو. فنڪاره جيڪي سُر ڳايا سهراب فقير اُهي سُڃاتا ۽ ڳائي ويو پر سهراب فقير ٺيٺ سنڌي راڳ جيئن راڻو، ڪوهياري ۽ سورٺ ڳايا جيڪي اُها فنڪاره نه ڳائي سگهي ۽ سهراب فقير کي اُستاد مڃيائين. سهراب فقير پنهنجي فن ۽ آواز جي وسيلي سان اڌ دنيا گهمي آيو.

    خدا خوفي: ان سلسلي ۾ مان هڪڙو ئي مثال پيش ڪندس. سهراب فقير جي هڪ عاشق R.O صاحب کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي زماني ۾ زميني ورهاست ۾ 16 ايڪڙ زمين ڏيڻي ڪئي ان سلسلي ۾ رُڳو سهراب فقير کي قسم کڻي چوڻو هو ته مان هر هاري آهيان پر فقير قسم کڻڻ ۽ زمين وٺڻ کان صاف انڪار ڪيو.
    شاگرد: سهراب فقير جا شاگرد هونئن ته بنهه گهڻا آهن پر ڪجهه شاگرد جيڪي گهڻا مشهور ٿيا ۽ ريڊيو، ٽي وي تي پهچڻ سان گڏ ساڻس گڏ دنيا به گهمي آيا اهي آهن مرحوم قلندر بخش فقير خاصخيلي جنهن جا ريڊيو تي سهراب فقير سان گڏ ۽ الڳ ڪيترا نغما ريڪارڊ آهن. سندس ڪيتريون ڪيسٽون پڻ آهن. گل بهار جويو جيڪو سدا بهار آواز جو مالڪ آهي سندس ڪافي نغما ريڪارڊ ۽ ڪيسٽن جي صورت ۾ آهن. جمالدين فقير جيڪو سهراب فقير جو عزيز پڻ آهي. سندس بي شمار ڪيسٽون ۽ ريڊيو ريڪارڊنگ موجود آهي. سندس پٽ ۽ ڀاڻيجا، جلال فقير ۽ قلندر بخش فقير بهترين وڄتا ۽ سيد باقر شاهه، سُنگ ۽ ساٿين جي صورت ۾ موجود آهن.

    ايوارڊ: هونءَ ته فنڪار لاءِ، واهه واهه يا تاڙي به ايوارڊ ئي هوندي آهي جنهن سان سندس حوصلو وڌندو آهي پر سهراب فقير بنهه گهڻا ايوارڊ ماڻيا جن ۾ تمغا، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ شامل آهن. اُنهن جي اُپٽار هن ريت آهي. شاهه لطيف ايوارڊ ٻه ڀيرا، سچل ايوارڊ ٻه ڀيرا، قلندر شهباز ايوارڊ ٻه ڀيرا، اجرڪ ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان خيرپور طرفان بيسٽ ايفيشنسي ايوارڊ، سڀ کان وڏو ايوارڊ حُسنِ ڪارڪردگي، صدارتي ايوارڊ کيس 23 مارچ 2000ع ۾ مليو. ڪيترا ايوارڊ سندس پوين وٽ موجود آهن ۽ ڪجهه وڃائجي به ويا آهن بهرحال ايوارڊ به هڪ سٺي نشاني آهي. ماڻهن کي ڏيکارڻ ۽ يادگيري لاءِ پر بهترين ايوارڊ آهي، ڳُڻ، ڳالهيون ۽ محبت جيڪا سهراب فقير لاءِ هر دل ۾ موجود آهي ۽ زندگيءَ جو سرمايو آهي.
    ميران چيو آهي ته:

    نیڑا تو نیناں بسے، ڈور تو ہینئڑے مانھ
    سجن بچھڑیا جو کہے ، پریت بھی جانت نانھ

    يعني سڄڻ ويجھو آ ته اکين ۾ آهي يعني کيس ڏِسون ٿا پرجي پري آهي ته دل ۾ آهي سندس تصور، تصوير ڳڻ ۽ ڳالهيون دل ۾ آهن، جيڪو ماڻهو سڄڻ کي وڇڙيل چوي ٿو اُهو پريت نٿو ڄاڻي.
    سهراب فقير وڏي وڳر ولر وارو ماڻهو هو، اٽڪل ڇويهه ستاويهه ڀاتي سندس گهر ۾ موجود آهن. سندس گڏيل خاندان ۽ ڪٽنب آهي. سڀني جو سنڀاليندڙ پاڻ هو. سندس وڏي پُٽ کي يعني رجب عليءَ کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ لوئر گريڊ ۾ نوڪري آهي. سندس ٻيو نمبر پٽ نياز علي کي سيده نفيسه شاهه صاحبه، سائين قائم علي شاهه صاحب طرفان ڪو آپريٽو سوسائٽي ٽنڊو الهه يار ۾ لوئر گريڊ ۾ نوڪري ڏني آهي. باقي ٽي ڀائر مزدوري ڪن ٿا. سهراب فقير جي بيماري وقت يعني فالج جي حملي وقت ڄاڻ پئي ته ڪيترائي يتيم ٻار، بيواهه عورتون ۽ بي سهارا عمر رسيده مرد خاص طور سندس ذات برادريءَ ۾ سندس زيرِ ڪِفالت هيا جن کي وس آهر مقرر وظيفو ڏيندو هو سندس وصال کانپوءِ اهي سڀ يتيم ۽ بي سهارا ٿي ويا آهن. ڀڳت ڪبير صاحب چيو آهي ته:

    کبیر سُکھی یہ سنسار ہے کاءِ اور سوءِ
    دکھی داس کبیر ہے جاگے اور روءِ

    يعني ڪبير صاحب چوي ٿو ته هي سنسار سک ۾ آهي جيڪو کائي پي ۽ ننڊون ٿو ڪري پر ڏکيو مان آهيان جو جاڳان به ٿو ۽ رُئان به ٿو.


    سهراب فقير جو وڇوڙو : صوفياڻي ڳائڪيءَ جي هڪ دؤرَ جي پڄاڻي ؛ شوڪت نوناري

    سنڌ ۾ صوفياڻي راڳ کي سرمستي ارپيندڙ عظيم فنڪار سهراب فقير گهٽجي گهٽجي مري ويو. پوري دنيا ۾ صوفي گائيڪي جي ڪلا وسيلي سنڌ کي مانُ، شان، عزت ۽ عظمت بخشيندڙ هي سَرموڙ فنڪار معاشري جي بد قدري، سرڪاري ادارن جي ڪن لاٽار ۽ بي ڌيانيءَ سبب بي وسيءَ جي موت مَري ويو. هڪ فنڪار جي حياتي تڏهن ختم نه ٿي ٿئي جڏهن هو پنهنجي طبعي موت مَري ٿو پر هڪ ڪلاڪار انهيءَ ڏينهن ئي ختم ٿي وڃي ٿو جنهن ڏينهن سندس آواز کسجي وڃي ٿو. صوفياڻن سُرن جي سرتاج سهراب فقير تي 1997ع ۾ فالج جي حملي سبب سندس جسم جي هڪ پاسي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. اڌ رنگي سبب سندس آواز رُسي ويو ۽ انهيءَ ڏينهن کان اڻپورو ۽ اڌورو ڀاسجڻ لڳو.
    خيرپور جي ننڍڙي ڳوٺ نما شهر ٽالپور وڏا ۾ جنم وٺندڙ يوناني ديومالائي ڪردار جهڙو نظر ايندڙ سهراب جنهن اڳتي هلي پوري دُنيا ۾ نالو ڪمايو سو گذريل ڏهن سالن کان ڳوٺ جي گهر ۾ بيماريءَ جي بستري تي پيل هو، جنهن کي ثقافت کاتي سميت پاڪستان جي حڪمرانن توڙي سندس آواز کي پسند ڪندڙن وساري ڇڏيو. عظيم ۽ اتهاسڪ ڪلاڪار ناقدريءَ جو شڪار ٿي بي وسيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو. سهراب فقير آخري وقت صرف اشارن سان ڳالهائي سگهندو هو. فالج ۽ اڌرنگ جو شڪار ٿيڻ سبب سندس آواز به ساٿ ڇڏي ويو. راڳ جي حوالي سان هو صرف ائين هو جو آلاپ ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه به نه اُچاري سگهندو هو. سرڪاري محفلن ۾ هو پنهنجي پٽ رجب علي ۽ ڪجهه ويجھن صوفي فنڪارن سان گڏ آلاپ آلاپي ڳائڻ جي آسيس پوري ڪندو هو. سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ صوفياڻي راڳ کي نئون انداز ڏيندڙ هن الهامي فنڪار کي ماهوار وظيفو جيڪو پهريان هڪ هزار ڏنو ويندو هو، جنهن کي بعد ۾ وڌائي 5 هزار روپيا ڪيو ويو. جيڪي پئسا به کيس مهيني سر ملڻ بجاءِ 12 مهينن بعد 60 هزار جي صورت ۾ مليا. انهن 12 مهينن ثقافت کاتي، بي حسي ۽ ڪن لاٽار سبب پنهنجي گهر جو چرخو هلائڻ ته پري رهيو علاج ڪرائڻ کان به هلاڪ ٿي رهيو هو. هو صرف گهر جي اڱڻ تي پٽن ۽ پوٽن جي سهاري سان لٺ تي گهمندو هو. سنڌ جي ايڏي وڏي مهان فنڪار کي ضعيفي لاچاري ۽ بي وسيءَ واري حالت ۾ ڏسي هن وٽان راڳ جي دُنيا ۾ نالو ڪمائيندڙ شاگرد توڙي ويجھن دوستن به سندس سارَ لهڻ، پڇڻ توڙي اچڻ ڇڏي ڏنو. احساسِ محرومي جو شڪار ٿيندڙ فنڪار مهان فنڪار جي الهامي آلاپن کي ٻڌندي بي حسيءَ واري حالت ڏسي عام ماڻهن جي اکين ۾ به لُڙڪَ اچي ويندا ها.
    سنڌ جي هن ٻهڳڻي فنڪار جو جنم پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه سال اڳ 1937ع ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ ٿيو. هن ٻه شاديون ڪيون. ٻنهين گهر وارين مان کيس 5 پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد هيو. جڏهن ته سندس وڏو پٽ رجب علي فقير لطيف يونيورسٽي ۾ پٽيوالو آهي. سندس باقي پٽ حامد علي، اعجاز علي ۽ سلامت علي بيروزگار آهن. سهراب فقير 17 سالن جي ڄمار ۾ راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. هن راڳداريءَ جي فن جي سکيا پنهنجي والد حمل فقير ۽ پوءِ محرابپورجي رهواسي عنايت علي فقير نوناريءَ کان ورتي. سهراب فقير در محمد فقير هيسباڻي جو طالب هيو. گيڙو رنگ ۾ رنڱيل صوفي فنڪار جي شاگردن ۾ نالو ڪمائيندڙ شاگردن ۾ هن وقت جمال الدين فقير ۽ ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي ويل قلندر بخش فقير کان سواءِ غلام علي منڱڻهار، اياز ملاح، گل بهار جويو، فقير امتياز علي، غلام حسين فقير، سيد باقر شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
    سهراب فقير درگاهه خوش خير محمد فقير هيسباڻي جو معتقد هجڻ سان گڏوگڏ حضرت سچل سرمست، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت قلندر شهباز جو پڻ طالب هيو. سهراب فقير انهن درگاهن جي ساليانن ميلن ۾ وڃي حاضري ڀريندو هو. ميلن جا سمورا ڏينهن انهن درگاهن جي چؤگانن تي گذاريندو هيو. سهراب فقير راڳ جي دنيا ۾ 70 کان وڌيڪَ ايوارڊ ماڻي چُڪو هو. جن ۾ (3) سچل ايوارڊ (2) لطيف ايوارڊ (2) قلندر لال شهباز ايوارڊ سرڪار طرفان سندس مڃتا جو اهڃاڻ بڻيا. ٽالپر وڏا واري سندس گهر ۾ اهي سمورا ايوارڊ سندس بستري جي سامهون سجائي رکيل هيا، جن کي ڏسي هو آسيس ماڻيندو ۽ ٿڌيون آهون ڀريندو پنهنجي بي وسيءَ تي لڙڪ لاڙيندو رهندو هو. هن وٽ ملڪي توڙي غير ملڪي محفلن جون سوين تصويرون پڻ موجود هيون. جيڪي پڻ سندس ڦٽن ۽ زخمن تي مرهم رکڻ جو ڪم ڪنديون هيون. اداسيءَ جي عالم ۾ زماني، سماج، پنهنجن پراون توڙي سرڪار جي بي رخيءَ کي ساري اهي تصويرون ڏسي هي مهان صوفي گائڪ پنهنجي حياتيءَ جا بچيل چار ڏهاڙا ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    سهراب فقير پنهنجي زندگيءَ جا چار مختلف دور گذاريا جنهن ۾ 17 سالن جي ڄمار ۾ ڪلاڪار جِتي به ميلو يا راڳ جي محفل ٻڌندو هيو ته باجو ڪُلهي تي کڻي اتي اچي پهچي ويندو هو. ٻئي دور ۾ هن مختلف فنڪارن جي سازندي جو ڪردار ادا ڪندي پس منطر ۾ طبلو پڻ وڄايو. هن صوفياڻي سرمستي رکندڙ اتهاسڪ ڪلاڪار جڏهن مشهور فنڪار استاد خورشيد علي خان سان طبلو وڄايو ته اُتي استاد خورشيد علي خان کيس ڳائڻ لاءِ چيو. پنهنجي الهامي آواز وسيلي جڏهن سهراب فقير سُر وکيريا ته استاد خورشيد علي خان حيران ٿي ويو ۽ ان وقت ئي کانئس طبلو ڇڏرائي ڇڏيائينس کيس چيائين ته تون وڃي ڳاءِ، پوري دنيا ۾ تنهنجو آواز پهچندو. ٽئين دور ۾ هن طبلو ڇڏي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سموري دُنيا ۾ صوفياڻي فنڪار طور شهرت ماڻي. گيڙو ويس اوڍيل ميندي وسيلي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار هميشه ڳاڙها رکندڙ سهراب فقير پنهنجي مخصوص ديو مالائي انداز سان پاڪستان کان سواءِ لنڊن، جرمني، اٽلي، پيئرس، ڊينمارڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ محفلون ڪري صوفين جي عالمگير ٻولي وسيلي لکين ماڻهو پنهنجا مداح بڻايا. ٻاهرين ملڪن ۾ سندس شيدائي ۽ چاهيندڙ اڄ به موجود آهن. سهراب فقير جرمنيءَ ۾ جڏهن صوفياڻي سرمستيءَ ۽ وجد ۾ بي خود ٿي محفل ڪئي ته هن جي مٿان هڪ جرمن عورت فقير سان شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري پر فقير اڳ ئي 2 گهر واريون هجڻ سبب کيس انڪار ڪيو.
    سهراب فقير راڳداريءَ جي جهان کان سواءِ سماجي فلاحي ۽ خدمتي ڪمن جي حوالي کان به پنهنجي تر ۾ مشهور هو. ٽالپر وڏا جي ڪچي گهر ۾ ميراثي برادريءَ جي وچ ۾ گذارڻ دوران پنهنجي ذات وارن مٽن مائٽن جي ٻارن کي پڙهائڻ جو شوق جاڳڻ تي سرڪاري ڪامورن کان وڏي ڪوششن کانپوءِ ميراثي محلي ۾ پرائمري اسڪول کولرايو. جِتي اڄ به ميراثين، منڱڻهارن، چنن ۽ ٽالپرن کانسواءِ ٻين ذاتين جا 200 جي لڳ ڀڳ ٻارَ تعليم پرائي رهيا آهن، انهيءَ اسڪول جو نالو به سهراب فقير پرائمري اسڪول رکيو ويو آهي، جِتي اٺ استاد علم جي جوت جڳائي رهيا آهن. ڪو وقت هو جڏهن هي صوفياڻو بادشاهه گائڪ محفلن کان موٽندو هو ته پئسن جا جھول ڀريل هوندا هئا ۽ فقير غريب، فقرائن ۾ ٿڏي تي ورهائيندو هو. سهراب فقير جي آواز جو موت نه صرف سندس فن ۽ ڪلا جو قاتل ثابت ٿيو پر تر جي ڪيترين بيواهه عورتن ۽ بيمار ٻڍڙين جي ساهه جو سهارو پڻ کسجي ويو. پئسي جي اڻ هوند جِتي سهراب فقير کي محتاج بڻائي ڇڏيو اتي ئي سوين جڳهن هلندڙ چلهو پڻ اجھامي ويو.
    سهراب فقير جي شهرت کي چار چنڊ ريڊيو پاڪستان خيرپور تان نشر ٿيندڙ سندس ڪلامن لڳايا، جِتان هو جھر جھنگ وستي واهڻ مقبول ٿيو. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي کيس سنڌ جو مشهور اديب ۽ محقق مرحوم تنوير عباسي وٺي ويو. جنهن جا ٿورا هو دل ۽ جان سان ڳائيندو رهندو هو.
    افسوس جو مقام اهو آهي ته سموري ڄمار فن ۽ ڪلا کي ارپيندڙ هي دريا دل ۽ سخي فنڪار مايوسين، محرومين ۽ مجبورين جي ڌٻڻ ۾ ڏينهون ڏينهن غرق ٿي گذاري، بيماري ۽ بدحالي ۽ بي وسي کيس جيئري ئي ماري ڇڏيو هو. سندس آواز کسجي چڪو هو. پئسي ڏوڪڙ وسيلن ۽ سرڪاري سهڪار نه هجڻ سبب هي عظيم فنڪار هوريان هوريان مايوسين جي اونداهين ۾ پوندو رهيو. هڪ عظيم مهان ۽ اتهاسڪ ڪلاڪار ختم ٿي ويو. اڄ جڏهن مڻين مٽيءَ هيٺان دٻجي ويو پر سندس آواز، الهامي آلاپ، سندس سُر، سوز ۽ گيڙو رتا گيت هوائن ۽ فضائن ۾ هميشه گونجندا رهندا. سندس نقش سنڌ جي چهري تان ڪڏهن به مٽجي نه سگهندا.


    گيڙو ويس پائيندڙ سهراب فقير جي موڪلاڻي : الهه بخش راٺوڙ

    يڪتاري ۽ چپڙي تي سُر آلاپيندڙ ۽ گڏوگڏ ڦيرا پائيندڙ سهراب فقير مڱڻهار توڙي جو هينئر هن دنيا ۾ نه رهيو آهي ۽ هو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي پر هن جي سُر جي تار ۽ آلاپ اسان جي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. هو غمدل فقير جو اهو ”عشق دا حال، جنهن نال مجال“ وارو ڪلام ڳائي رهيو آهي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ فقير وڇڙيو ئي ناهي. هو ڪيترن ئي ڏينهن کان ڦڦڙن جي ڪينسر سبب ڪراچي جي هڪ وڏي اسپتال ۾ اڪيلو تڙپندو رهيو ۽ پوءِ سندس پٽ کيس واپس پنهنجي اباڻي ڪکن ڏانهن کڻي ويو. سهراب فقير جو پٽ پنهنجي والد جي حالت کان پهريان ئي واقف ٿي هيو هو ان ڪري ئي ته هن پنهنجي زندهه پيءُ مٿان پار ڪڍيا هئا ۽ چيو پئي ته بابا جو صحيح علاج نه ٿيو ته وصال ڪري ويندو ۽ هن جو خدشو درست ثابت ٿيو.
    گيڙو رتا ڪپڙا پائيندڙ سهراب فقير جيڪو سچل ايوارڊ ته حاصل ڪَري ويو ۽ پنهنجي راڳ سان سڄي دنيا کي جھومائي ويو پر هو ڪينسر جهڙي بيماري کي منهن ڏئي نه سگهيو، هن 1934ع ڌاري حمل فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. ٽالپر وڏا جو اهو جھونو جوڳي نه صرف پنهنجي مرشد خوش خير محمد فقير جي درگاهه تي گيت آلاپيندو رهيو ۽ سُرن ورکا ڪندو رهيو پر هن جو ٻيو مڙهه ۽ مقام درازا جي دل سچل جي مزار هئي. هو اتي ئي سچل جا بي خودي وارا ڪلام ڳائيندو ۽ پنهنجي اندر جي انسان کي ريجھائيندو رهيو. هو ڀِٽائي جو به پارکو هو ۽ ڀِٽائيءَ جا ڪيترائي سُر ڳائي وڄائي دنيا وارن کان مڃتا حاصل ڪئي. هي ساڳو ئي فقير هو جيڪو جرمني ويو ته اتي وڃي ڀٽائي جو سر مومل راڻو ڳاتائين ۽ ان تي ٻڌل سي ڊي جيڪا 17 منٽن تي ٻڌل آهي ان ۾ ايڏو ته سُر ۽ دل سان گائڪي کي نِڀائيائين جو جيڪو ان کي ٻڌي پيو اهو جھومڻ تي مجبور ٿيو پئي. جرمن واسي جيڪي سنڌين جي موسيقي واري روح کان گهڻا واقف آهن ۽ اهي ئي خبر ناهي ڇو اسان جي درد کي سمجھن ٿا اتي هن تڏهن سر مومل راڻو ڳاتو ته ڪيترن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. نه صرف سنڌ واسي پر اهي گورا ۽ برائون صاحب جن جي ٻولي ڪڏهن به سنڌي نه رهي آهي، اهي به سر جي درد کي چڱي ريت سمجھي ويا ۽ هو پنهنجي ڪنڌ کي لوڏڻ لڳا ۽ جسم ۾ ڄڻ ته جنبش اچي وئي ۽ هو رقص ڪرڻ لڳا.
    راڳ ۽ رنگ جي محفل ماڻهو کي اصل ماڻهپو سيکاري ٿي، ۽ اهو سر ئي آهي جنهن جي آلاپ تي ماڻهو وڌيڪَ زندهه رهڻ گهري ٿو. زندگي سر جو ٻيو نالو آهي ۽ ان جي بقا جو ذريعو سُرن جو آلاپ آهي. سهراب فقير انهن سُرن جي سمورن پيچرن کان چڱي ريت واقف هو. هن پنهنجي دل ۽ روح کي فقيرن جي راڳ سان ريج ڏنو ۽ هن جي اندر ۾ سُر ايڏا ته رچيل هئا جو آخري دم تائين جھونگاريندو رهيو، توڙي جو هن جي زبان سندس ساٿُ نه ڏنو، فالج جي حملي سهراب فقير جو سر کسي ورتو پر ڀٽائي، سچل فقير، خوش خير محمد ۽ غمدل فقير جا ڪلامَ هن جي اندر ۾ رقص ڪندا رهيا ۽ کيس مجبور ڪندا رهيا ته هو انهن کي ڳائي ۽ زندگي جا وڌيڪَ ڏينهن وٺي.
    سهراب فقير روهڙي جي هڪ خان صاحب کان راڳ جي تربيت ورتي هئي ۽ هن پهريون ڀيرو پنهنجي مرشد جي مزار تي ڳايو هو. خوش خير محمد فقير جنهن جي مزار سان هن جو عشق هو ۽ هو ئي سندس روح جو ريجھاءُ هو، اتان ئي هن پهريون سُر آلاپيو ۽ پوءِ ئي پنهنجي career جي شروعات ريڊيو پاڪستان خيرپور کان ڪيائين. ٽالپر وڏا جو اهو جھونو جوڳي گيڙو ڪپڙا پائي دنيا جا جھر جنگ جهاڳيندو رهيو ۽ وڃي ڪوهين ڏور پهتو. ديس ۽ پرديس ۾ هن سُر جي ورکا ڪئي. هن لنڊن، ناروي، بيلجيم، جرمني، هالينڊ، فرانس، اٽلي، ڊينمارڪ سوئٽزرلينڊ، دبئي، ايران، انڊيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پنهنجي سُر جو جادو جاڳايو. هي فقير دنيا کي امن ۽ آشتي، پيار ۽ محبت ۽ انسانيت جو درس ڏيندو رهيو. اهو درس جيڪو قديم ڪِتابن ۾ آهي، اهو درس جيڪو قديم زماني کان گيتن جي صورت ۾ ورثي ۾ مليو. اهي گيت حضرت سليمان جي گيتن کان به پراڻا لڳن ٿا، جيڪي هينئر به اسان وٽ موجود آهن ۽ انهن کي ڳاتو ويو آهي. اهي گيت ننڍي کنڊ جا آهن ۽ انهن مان ئي سهراب فقير جي سُرن جو سلسلو نڪري ٿو. هي فقير پنهنجو علاج ڪرائڻ لاءِ ۽ وڌيڪَ سُر ورکا ڪرڻ لاءِ سرندي وارن کي ميڙون ۽ منٿون ڪندو رهيو ۽ وري وري هنن کي ياد ڏياريندو رهيو پر اڪثر ماڻهن هن جي زندگي جي اهميت کي نه سمجھو ۽ آخرڪار زندگي کان ناراض ٿي پنهنجي اباڻي ڳوٺ هليو ويو ۽ پوءِ هميشه لاءِ هن دنيا ڏانهن نرڙ ۾ هلڪو گهنج وجھي ۽ مک تي مسڪراهٽ آڻي موڪلائي ويو، اهو هو سهراب فقير.


    سهراب فقير ــــــ منهنجو ڳوٺائي : اختر ٽالپر

    هونئن ته سڄي سنڌ صوفي سڳنڌ ۾ واسيل ۽ گيڙو رنگ ۾ رتل آهي پر ضلعي خيرپور ۾ ان جا رنگ اڃا به گهرا نظر ايندا آهن. لڳندو آهي ڄڻ پيار ۽ پريم سنڌين جو دين ۽ ڌرم هجي ــ اهڙن ماڻهن جو ڳوٺ ڳوٺ ۾ واسو پڻ آهي، ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي جو ڳوٺ ٽالپر وڏا پڻ اهڙين وسندين مان هڪ آهي ــ هن ڳوٺ ۾ هونئن ته کوڙ فقير فقراء ۽ درگاهون پڻ آهن پر جلال فقير ٽالپر ۽ علي محمد فقير ٽالپر جي درگاهه به ڄڻ دين ڌرم جي متڀيدن کان مٿانهين ماڻهن جو آستانو آهي. مان ننڍپڻ کان ئي هن درگاهه تي ڳليان پريم نگر ديان ۽ مين صوفي هون سرمستا ميرا ڪون پڇاڻي رستا جهڙا آلاپ ٻڌي وڏو ٿيس.
    انهيءَ وقت ۾ اڌڙوٽ عمر جو سهراب فقير گهڻي ڀاڱي هن ئي درگاهه تي رات جي ڊيوٽي (راڳ ويراڳ) ڪندو هو ــ سهراب فقير ڳوٺ ٽالپر وڏا جو ئي رهواسي هو ــ اصل ۽ خانداني طور تي ڳائڻ ۽ وڄائڻ تي سندس ڪرت هئي. سهراب فقير سڀني ميراثي فقيرن مان سريلي آوازن وارو هيو.
    جڏهن مان پاڪستان ٽيليويزن ۾ آيس ۽ ڪجهه ڪلا ڪرت جي به شڌ ٻڌ ٿي ته ڄڻ سهراب سائين کي سمجھڻ ۾ اڃان به آساني ٿي پئي. سهراب فقير کي عام ماڻهو جي نظر وانگر ڏسجي ته قدرت واري کيس سهڻي آواز ۽دل ڇهندڙ آلاپ جي اندازَ سان نوازيو هو. باقي راڳ ويراڳ جي استاد گهراڻن واري تڪ تور مڙئي گهٽ هئس.
    سهراب فقير ڄڻ ته درگاهه جلال فقير جو ئي هو سو مونکي اهو محسوس ٿيو ته کيس T.V تي آڻجي. سو کيس هڪ دفعي PTV ڪراچي مرڪز تي وٺي آيس ۽ فقير پنهنجو پروگرام رڪارڊ ڪرايو. انهي وقت ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو واحد ذريعو پاڪستان ٽيليويزن هئي PTV جا پروگرام ڏيهه توڙي پرڏيهه انتهائي مقبول ٿيا ۽ اهڙي طرح جڏهن سهراب فقير جو پهريون پروگرام On Air ويو ته ڄڻ سهراب فقير سڄي سنڌ ۾ متعارف ٿي ويو.
    ڪجهه هفتن کانپوءِ ٻيهر PTV جي واسطيدار پرروڊيوسر چيو ته يار سهراب فقير کي ٻيهر گهرائڻو آهي. ۽ اهڙي طرح سهراب فقير ٻه پروگرام ڪيا ۽ ان کانپوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ سچل سرمست جي عرس ۾ به کيس گهرايو ويو. سهراب فقير پنهنجي سر جي سفر جي شروعات ۾ ئي ڄڻ ته عمودي اڏام ورتي ــ هر ڏينهن سندس سُر کيس اونچو ڪندا ويا ــ انهي وقت پرائيويٽ چئنل ته ڪونه هيا باقي ڪيسٽن جو ڪاروبار به ڄڻ چمڪي اٿيو، ڏسندي ڏسندي سهراب فقير سرڪاري ادارن ۽ عملدارن جي محفلن ۾ ستارو بڻجي چمڪڻ لڳو . بدقسمتي سان ننڍڙي ڳوٺ ٽالپر وڏا جي مٽي ۽ ڌڌڙ واريون گهٽيون پڻ ڌنڌلائجڻ شروع ٿيون. کيس ڪلچر کاتي وارن سنگ سميت ٻاهرين ملڪن ۾ وٺي وڃڻ ۽ پرفارم ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ وقت گذرندي گذرندي پرائيويٽ سنڌي چئنل پڻ ميدان ۾ لٿا ۽ ڄڻ ته سهراب فقير سنڌ جو هيرو بڻجي ويو. سهراب فقير جي شهرت جي بلندين تي پهچڻ ۽ هڪدم هيٺ لهڻ ڄڻ ته قدرت جو ئي ڪو ڪرشمو لڳي ٿو.
    سهراب فقير اڌرنگي جي سَٽَ ۾ نه صرف پنهنجن سُرن کان محروم ٿيو پر آواز کان به مڪمل طور تي محروم ٿي ويو. مونکي ائين لڳندو هو ڄڻ سهراب فقير جي سُرن کي نظر لڳي ويئي.
    سهراب فقير جي تيز رفتار انتهائي اونچي شهرت کيس اوتري تيزي سان ئي زمين تي وٺي آڻي ڪيرايو، سهراب جي زبان بند ڇا ٿي، چمڪ دمڪ شهرت پڻ ڌنڌلائي ۽ ائين دنيا به کانئس منهن موڙيندي ويئي قدرت جي انهي غربت واري قصي ۾ مونکي ائين لڳو ڄڻ ساوڻ جو تيز وسڪارو آيو. تيزي سان آيو اوتري تيزي سان هليو ويو.
    مان ڪيترائي ڀيرا سهراب فقير کي ڳوٺ جي گهٽين ۾ ايندي ويندي مليس ته هو مونکي ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ کيس اکين ۾ لڙڪ لڙي ايندا هيا.
    هو منهنجي ڪافي عزت ۽ پيار ڪندو هو. هميشه پيار ۾ اختر سائين چوندو هو. سندس اصل ۽ گهرو ٻولي ته ڍاٽڪي هئي پر صاف ۽ سنڌي سرائڪي پڻ ڳالهائيندو هو. سهراب فقير، علي محمد فقير ٽالپر جو دادلو فقير هو. سهراب کي آخري ڏينهن ۾ جناح اسپتال ڪراچي ۾ پڇڻ ويس ته سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا شايد اها سندس موڪلاڻي هُئي. ٻئي ڏينهن تي ڊاڪٽرن جي مشوري تي کيس ڳوٺ نيو ويو ۽ هن ڦڦڙن جي ڪينسر سبب دم پنهنجي ڌڻي حوالي ڪيو.
    سهراب آواز جو شهنشاهه ۽ آلاپن جو بادشاهه هو ــ مون سميت اڪثر دوست درگاهه جلال فقير تي کانئس رات جي محفل ۾ راڻو ڳائڻ لاءِ چوندا هياسين. سندس هٿ ٻڌي سهڻي صورت سان محبوب سائين اختر سائين سنڌ سلامت ۽ پريم سلامت جهڙا لفظ چوندو هو اهي ته شايد ٻڌندڙن وٽ رهجي ويا هجن باقي سندس آواز سنڌي موسيقي جو هڪ حصو بڻجي چڪو آهي جيڪو هر وقت هر نسل جي من کي موهيندو رهندو.


    سنڌي راڳ جو امر ڪردار سهراب فقير : مرتضى جوڻيجو

    احساس جي ڪيفيت انسان جي من اندر موتين جيان ڪيترائي انڊلٺي رنگ ڀري کيس زندهه جاويد بڻائيندي آهي ان جي برعڪس احساس جي ڪيفيتن جو ڇهاءُ نه رکندڙ فردن کي مرده تصور ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن انسان جي اندر جا احساس اڌما کائيندي ايترا ته چٽا ۽ مضبوط ٿي اڀري پوندا آهن جو اهي ڏات بڻجي پوري عالم کي پنهنجي پُر سڪوني واري ڪيفيت ۾ امن، محبت جو پيغام پهچائڻ ۾ محو بڻجي رقص ڪرڻ لڳندا آهن احساس جي ڏات جا ڏيئا جڏهن ٻري پوندا آهن ته اهي بغير ڪنهن فرق جي پوري عالم جي خدمت ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ آواز بڻجي ڪنن جي پردن جون ديوارن اُڪري انسان جي شعور جي تندن تائين پهچي کيس لاشعور جي وٽين کي ٻاري روشن ڪري ڇڏيندا آهن،. جهڙي طرح مڪمل انسان هئڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو وٽ احساس هجڻ، ساڳي طرح سٺي، سهڻي ۽ من موهيندڙ آواز ۾ امن ۽ محبت جو پيغام ڦهلائڻ لاءِ سُهڻي، سداملوڪ آواز جي ڏات به هئڻ ضروري آهي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڏات ۽ آواز خُدا جي نعمت آهن پر جيڪڏهن انسان پنهنجي پوري ڌيان سان پنهنجي اندر جو اڌيان ڪري ته اهي سموريون خاصيتون ان ۾ اڳ ئي فطري طور سمايل هونديون آهن صرف انهن کي نِکاري ظاهر ۽ نروار ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ يقيناً اهو ڪم پڻ انتهائي محنت ۽ ڪشالا ڪاٽڻ جهڙن ڏکين مرحلن مان گذرڻ بعد عطا ٿيندو آهي. الائي ڇو منهنجي شعور جي سماعتن تائين جڏهن به لوڪ صوفي راڳي سهراب فقير جي مڌر، مدهوش آلاپن ٻولڻ جو مٺڙو، من موهيندڙ آواز پهچندو آهي ته مون پنهنجي پاڻ کي لاشعوري جي ڪيفيت ۾ ويڙهجندي ايئن محسوس ڪيو آهي ڄڻ هن خودپرستي، خود غرضي، پاڻ پڏائڻ ۽ مفاد پرستي واري جهان کان الڳ ٿي ڪوهين ڏور مستي واري عالم ۾ پهچي ويو هان ۽ سهراب فقير جي آواز ۾ رچيل سنڌ جي صوفي شاعرن جي ٻهڳڻي ٻولي ۾ چيل مٺڙن ٻولن، سهڻي ۽ مڌر لئه تي خوبصورت آواز جو سحر طاري ٿيڻ بعد محبت، امن عاشقي ۽ مستي ۾ گم ٿي محو رقص آهيان. بس جڏهن لوڪ صوفي راڳي سهراب فقير جي ڳايل صوفي شاعرن لطيف سائين، سچل سائين، دُر محمد فقير، علي محمد فقير، خوش خير محمد فقير، غمدل فقير، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪرم ٽالپر جي ٻهڳڻن، سداحيات ڪافين ۽ڪلامن جي رڪارد جون ٻئي سائيڊس پوريون ٿينديون آهن ته اندر ۾ ويٺل مٺڙن ٻولن، مڌر آلاپن ۽ خوبصورت آواز جو عاشق هٿ ۾ قلم کڻائي حقيقتن جا عڪس چٽرائي ويهندو آهي. سهراب فقير ڪير هو؟ ڪٿي ڄائو؟ سندس وڏڙا اصل ڪٿان جا هُئا؟ ان بابت ڪِتابَ ۾ لکندڙ ادبي محققن ڪارائِتي ڄاڻ ڏني آهي پر مون صرف سهراب فقير جو من جي آگر تي اڪريل خاڪو ئي قلم سان سرجيو آهي.
    سهراب فقير جا ڳايل صوفي ڪلام سندس امر ڪردار جيان ڳائجندا رهن ٿا ۽ اهي سندس ڳايل مڌر، سريلا ۽ مٺڙا ٻول هميشه گونجندا رهندا. جيئن ته سهراب فقير لوڪ صوفي راڳي هو ۽ هن انهن ئي شاعرن کي گهڻو ڳايو آهي جن پنهنجي ساري حياتي تصوف جي پرچار ۽ واڌ ويجهه ۾ وقف ڪري ڇڏي ۽ کين جيترو به قلم کڻڻ لاءِ وقت مليو انهن پنهنجي شعرن ۾ به پوري عالم کي محبت ۽ امن جو پيغام تصوف جي واٽ تي هلندي ڏنو آهي. صوفي شاعرن جي چيل ڪلام کي ڏاها، ڄاڻو اديب تصوف يا صوفي شاعري سڏين ٿا، آخر تصوف جون رمزون يا گهرجون ڪهڙيون آهن جيڪڏهن ان سوال جو جائزو وٺجي ته تصوف ڇا آهي؟ جنهن ۾ سرجيل شاعري کي سهراب فقير يا ڪنهن ٻئي نامور ڳائڪ ڳايو آهي ته هو به الهامي عشق جي انتها واري منزل تي پهتا آهن جهڙي طرح مجاز ۽ عشق ۾ وِٿي آهي ساڳئي طرح ٿيندڙ عام رواجي شاعري ۽ تصوف جي رنگ ۾ رنڱجي چيل شاعري ۾ پڻ وٿي آهي جهڙوڪ تصوف ۾ مطلب جي اهميت، طلب جا قسم، محبت جو مفهوم، تصوف جي تاريخي پهلوئن تي نظر، صوفي شاعرن جي شاعري جي مثالن جا نتيجا حاصل ڪري انهن رخن، پهلوئن تي روشني وجھڻ ۽ تصوف جي ڪائناتي تصور کي اُجاگر ڪري موجوده افراتفري واري هنگامه خيز دور ۾ سڀني لاءِ امن، ڀائيچاري، اخلاق، صبر ۽ محبت واري نقطي تي واضح چٽي طرح زور رهيو آهي.
    تصوف اهڙو فڪر آهي جنهن ۾ مقصد ۽ طالب بغير ڪنهن ٻئي غير جي شآمل ٿيڻ سان ذهن ۾ ويٺل هجي ۽ منافقي، لٻاڙ ۽ ٻٽا معيار توڙي ٻيو ڪو غير نڪتل هجي. تصوف جي بنيادي نقطو مطلوب آهي. طلب تعليم جو بنياد فراهم ڪندي آهي اها طلب تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ان جي ضرورت طالب کي هوندي آهي. جهڙي طرح انسان ضرورت کانسواءِ ڪنهن به شيءِ جي طلب نه ڪندو آهي.
    اها علم جي گهرائي آهي يا مطالعي جي وسعت حافظي جو ڪمال آهي يا تعليم جو اسلوب، طبعي شرافت آهي يا مزاج جي سادگي انهن ۾ ڪهڙو فرق ٿي سگهي ٿو. بيشڪ اهڙين خاصيتن جي ڪردار ۾ ويڙهيل درويشن ۽ فقير لوڪ ماڻهن کي انسان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي جهڙي طرح پنهنجن وڏڙن، بزرگن کي ياد ڪرڻ اسان تي لازم آهي ساڳي طرح سهراب فقير جهڙين هستين کي ياد ڪرڻ ۽ سندن خوبين کي بيان ڪرڻ به هڪ فريضو آهي ڇو ته منهنجي راءِ مُطابق ڪو به ڪم معمولي ڪم نه آهي. فقير عنايت علي، استاد خورشيد علي خان، استاد منظور علي خان، کيتو خان ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي نالا آهن جن جي زندگي جا احوال توڙي سندن ڪيل خدمتن جو ذڪر سهراب فقير جي فني سفر بيان ڪرڻ سان اسان تائين پهتو. سهراب فقير جي فن مان استفادو حاصل ڪرڻ وارن توڙي سندن صحبت ۾ شريڪ ٿيڻ وارن کي اها ڄاڻ هوندي ته هو پنهنجي پر ۾ هر طرح ٻين کان مختلف ۽ منفرد نظر ايندو هو ڇو ته راڳ ۽ فن جي اجھاڳ سمنڊ جو سهراب فقير ڪنڌيءَ کان بيهي ڪمال نه ڏٺو پر ان ۾ اندر لهي ان جي هڪ هڪ ڇوليءَ کي جاچي ان جو جائزو وٺي سپون سوچي انهن منجھان اهڙا املهه موتي ۽ مڻيا ميڙيا هئا جن جي قيمت ڪٿڻ وارن جو اڄ به قحط ۽ ڪال نظر اچي ٿو. بهرحال ان جي بي انت دولت سندس طبيعت ۾ جيڪو سڪون، صبر، سنجيدگي ۽ سرور پيدا ڪيو هو ان جو اثر سندس شخصيت تي نمايان نظر ايندو هو ۽ اهڙو اثر ڄاڻ، واقفيت ۽ علم کانسواءِ دنيا جي ٻي ڪنهن به دولت ملڪيت ۾ نٿو ملي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو سهراب فقير پاڻ پنهنجي صوفي رنگ ڍنگ توڙي طور طريقي ۾ ٻئي کي مُتاثر ڪرڻ جي قوت رکندو هو.
    سهراب فقير جي اٿ ويهه ۽ حلم، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سنجيدگي ۽ فصاحت، لهجي ۾ نرمي طبيعت ۾ نماڻائي ۽ نوڙت رويي ۾ توازن ميل ميلاپ ۾ پنهنجائپ ۽ محبت، انتها پسندي ۽ جارحيت کان ڪوهه پري حسد ۽ نفرت کان صفا ناواقف نظر ايندو هو جيڪو پنهنجي فني سرمائي کي سيني سان لائي پيو هلندو هو ۽ سهراب فقير ان کان زندگي جو پل به پري نه رهيو. تڏهن ته سهراب فقير جي ذات هر وقت شفقت، سخا، ڪرم ۽ عطا لاءِ مائل ۽ سائل جي تلاش ۾ رهندي هئي اهو ئي ته هڪ اصلي ۽ سچي سپوت جو روپ هوندو آهي جنهن سان ساٿي توڙي شاگرد اندر جو احوال اوري سگهن ۽ اهو ڪجهه بي حجاب ٿي ان کان گهري سگهن جنهن جي کين ضرورت هجي ۽ سندن دل کي اِهو اطمينان ئي نه پر يقين به هجي ته هن هستي کان جيڪو به گهري رهيا آهن اهو کين سولائي سان ملي ويندو ۽ هن در تان کين مايوس ٿي نه موٽڻو پوندو. سهراب فقير پنهنجي فني وسعت ۽ طبعي شفقت سبب پاڻ ماضي جي انهن عظيم ترين استادن جو تسلسل هو جن کي شاگردن جي برادري ۾ فقط استادن نه پر هڪ هستي وارو مقام مليل هوندو آهي ۽ ان در تي پهچي طالب جي نه صرف فني ۽ علمي طلب پوري ٿيندي هئي پر سندس قلب کي به قرار ملي ويندو هو اهڙي اڏول امر ڪردارن جي مالڪ استادن، درويشن ۽ فقيرن جي ذڪر سان تاريخ جا ڪيترائي بابَ پُر لڳا پيا آهن.


    اڄ سهراب فقير کي ياد ڪنديون ”ڳليان پريم نگر ديان“ : مصطفيٰ ملاح

    سهراب فقير غمدل فقير جي شاعري ”گليان پريم نگر ديان“ کي جڏهن ڳايو هو ته هيءُ ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو هو، فقيراڻي طبيعت جو مالڪ سهراب فقير ڪڏهن به ڳائڻ جو معاوضو ڪو نه وٺندو هو، هن کي جيڪو به ملندو هو، نذراني طور وٺندو هو. هو اڪثر درگاهن تي ڳائي سڪون ماڻيندو هو. هميشه گيڙو ڪپڙا پهريندڙ ۽ مٿي ۽ ڏاڙهي جي وارن کي ميندي لڳائيندڙ فقيراڻي طبيعت جو مالڪ سهراب فقير، صوفي ڪلامن ذريعي پنهنجي سڃاڻپ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڪرائي.
    سهراب فقير جا وڏا اصل ۾ کاڏڙا (جيسلمير) جي علائقي جا رهاڪو هئا. سهراب فقير 1934ع ۾ ڪوٽڏيجي جي ننڍڙي ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ اک کولي. هن کي فن ورثي ۾ مليو هو، جڏهن ته سندس والد حمل فقير پنهنجي دور جو بهترين ڍولڪ نواز هو. سهراب فقير ننڍپڻ ۾ ڪجهه درجا پڙهيو، پر ڳائڻ جي عشق ۾ هن تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني ــ ۽ 12 سالن جي عمر ۾ يڪتارو چپڙي کڻي ڳائڻ شروع ڪيائين. سهراب فقير کي ڪو ڀاءُ نه هيو، پر ٻه ڀينر هيون. سهراب فقير پنهنجي پهرين زال جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ٻي شادي ڪئي هئي. کيس پهرين گهر واريءَ مان 2 پٽ ۽ 3 نياڻيون پوئين گهر واريءَ ۾ 3 پٽ ۽ 3 نياڻيون ٿيون هيون.
    هن وقت سندس پٽ رجب فقير سندس سڪون لاهي رهيو آهي.
    سهراب فقير 1985ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي خوش خير محمد ۽ پوءِ غمدل فقير جو ڪلام ڳايو. جن سندس لاءِ شهرت جا دروازا کولي ڇڏيا. سهراب فقير ر اڳ جي سکيا استاد کيتو خان کان ورتي. پي ٽي وي جي اختر ٽالپر کيس متعارف ڪرايو. هن پهريون ڪلام سچل سرمست جو ”گهنڊ کول ديدار ويکائو“ ڳايو هو. سهراب فقير جي شهرت جڏهن صوفياڻين ڪلامن ذريعي عروج تي پهتي، ان دوران 1997ع ۾ اسلام آباد جي هڪ تقريب ۾ کيس اڌرنگو ٿي پيو، جنهن سبب آخر تائين سندس طبيعت مڪمل طور تي بهتر نه ٿي سگهي. اڌ رنگي جي حملي هن کان ڳائڻ به ڦري ورتو هو. تنهن هوندي به هيءُ پنهنجي راڳي ٽولي سان گڏجي ويهندو هو ۽ اُتي لڙڪ به لاڙيندو رهندو هو.
    هيءُ جيتوڻيڪ سمجھندو ۽ ٻڌندو هيو، پر ڳالهائڻ صرف اشارن تائين محدود ٿي ويو هيس. پنهنجي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ هيءُ جڏهن 19 ڏينهن ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاجَ هيٺ رهيو ته ان دوران سنڌ ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري حميد آخوند جڏهن سندس طبيعت پڇڻ آيو ته هن روئي کيس اشارن ۾ چيو ته، ”مون کي هِتان وٺي هلو، مان هِتي مري ويندس.“ ۽ ٿيو به ايئن 19هين ڏينهن سندس پُٽ رجب فقير سندس علاج اڌ ۾ ڇڏي کيس ڳوٺ کڻي ويو. جِتي هن اسان کان موڪلايو.
    مرحوم کي شاهه لطيف ايوارڊ، ڪي ٽي اين ايوارڊ، سچل ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي ايوارڊ ۽ صدارتي ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ مليا. هيءُ آخري ڏهاڙن ۾ سخت مايوس ٿي ويو هيو. تڏهن ئي چوندو هو ته، ”سنڌي فنڪارن جي ڪِرڻ کانپوءِ ڪير به سندن سار لهڻ وارو ناهي هوندو.“
    شهيد بينظير ڀُٽو سهراب فقير کي سرڪاري خرچ تي حج به ڪرايو هو. هِنَ آخري ڀيرو اسلام آباد ۽ پئرس ۾ سُرن جي ورکا ڪئي هئي. هن پاڪستان جي چئني صوبن کان سواءِ ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ: جرمني، هالينڊ، ناروي، ڊينمارڪ، لنڊن، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ موسيقي جون محفلون مچايون هيون.
    سهراب فقير جي پٽ فقير رجب فقير خميس ڏينهن 19 آڪٽوبر تي ڪاوش دنيا سان ڳالهائيندي چيو ته، ”بابا پنهنجي راڳ ذريعي سنڌ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، تنهن ڪري اسان جو سرڪار کان رڳو اِهو مطالبو آهي ته، سندس آخري آرامگاهه تي مقبرو تعمير ڪرايو وڃي. ان سان گڏ هڪ اوتارو پڻ ٺهرائي ڏنو وڃي، ڇو ته هر سال ورسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پوري سنڌ مان سندس شاگرد، پرستار ۽ مداح سندس آخري آرامگاهه تي پهچن ٿا، جِتي اِنهن جي ويهڻ لاءِ ڪا مناسب جاءِ ناهي.“
    هن ٻڌايو ته، ”جڏهن سچل سرمست جو ميلو لڳندو آهي ته، ڪيترائي ماڻهو سهراب فقير جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ ايندا آهن، جنهن تي مون کي خوشي ٿيندي آهي ۽ حيرت به ٿيندي آهي، بابو ته صوفي راڳي هو. ڪو ولي نه هو تنهن هوندي به ڪيترائي ماڻهو سندس قبر تي باسون باسي ويندا آهن.“
    هن چيو ته، ”بابا جي اولاد مان. آئون ۽ ڀاءُ سلامت، ڏوهٽو امتياز ۽ ڀاڻيجو غلام حسين ڳائيندا آهيون.“


    سهراب فقير جو وڇوڙو ۽ رهجي ويل يادون : مير نادر علي ابڙو

    سنڌي ڌرتي جو نامور صوفي فنڪار سهراب فقير هن سال هزارين روڳ ڏئي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو سنڌ جي سٻاجھڙي ڌرتي وري هڪ صوفي راڳي کان محروم ٿي وئي ۽ روئي تڙپي لڇي رهي آهي، صوفي راڳ ۾ هڪ خال پئجي ويو آهي جيڪو صدين تائين نه ڀرجي سگهندو سهراب فقير جي وڇوڙي تي ڏات ڏکاري ٿي ماتم پئي ڪري سنڌ جي سينڌ اُجڙي وئي تنبوري جي تارغم ۾ پئي تڙپي، هاڻي اسان کي صوفي راڳ جا اڻ ڳڻيا سُرَ ڪيرُ ٻڌائيندو؟ ڪير اسان کي ”ميڏا روح منگدا محبوب آوي“ جهڙا راڳ ٻڌائيندو، سهراب فقير هڪ ڏک نه هزارين ڏک کڻي وڃي هميشه لاءِ هڪ اهڙي گهري ننڊ ۾ سمهي رهيو آهي، اڄ تائين انهي ابدي ننڊ مان ڪو به جاڳي نه سگهيو، موت وڏو بيرحم آهي هو ڪنهن به انسان جي بيوسي تي ڪوئي رحم نه ڪندو آهي.
    سنڌ جو ناليواري هي صوفي راڳي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ ڪئي انيڪ يادون ڇڏي اسان کان دور هليو ويو هو، ڪراچي جناح اسپتال مان مايوسين جون جھوليون ڀري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا پهتو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، جناح اسپتال ۾ داخل هجڻ دوران سندس اکيون آخر تائين موسيقي سان محبت جون دعوائون ڪندڙن جي آمد جي آس ۾ کليل رهيون پر ڪو به لڙي ڪو نه آيو، ۽ هو مايوس ٿي پنهنجي پٽ ساڻ ڳوٺ موٽيو هو، سهراب فقير 1934ع ۾ ٽالپر وڏا ۾ تڏهوڪي مشهور طبلي نواز حمل فقير جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس چاچو مرحوم فقير زوار پير بخش سنگ جا فقير هئا، سهراب فقير 10 کان ٻارنهن سالن جي ڄمار ۾ يڪتارو کڻي باجو وڄائي پنهنجي روح کي هن دور ۾ ريجھائڻ شروع ڪيو هو. سڀ کان پهرين ڪلاسيڪل راڳي عاشق علي کانپوءِ کيتو خان کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ فقير عنايت علي سان به ڪي پل گهاريا، سهراب فقير شروعات ۾ ٽالپر وڏا جي درگاهه دُر محمد فقير جو طالب بڻيو ۽ اڳتي هلي محرابپور ۾ محفلون مچائڻ لڳو جِتي سندن ملاقات مشهور ڪلاسيڪل راڳي خورشيد علي خان سان ٿي. جنهن جي ساٿ ۾ هن ڇهن سالن تائين طبلو وڄايو ۽ پاڻ منظور علي خان سان به ڪيئي سال گڏ ڪم ڪيو، سهراب فقير کي درگاهه در محمد فقير تي ڳائيندي ڏسي سنڌ جي سرموڙ شاعر تنوير عباسي، ريڊيو پاڪستان خيرپور جي تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر الله بخش بُخاري سال 1985ع ۾ ملايو ۽ پهريون ڀيرو پروڊيوسر نصير سومري سندس آواز ۾ خوش خير محمد فقير جو ڪلام پرين الله آڻي رڪارڊ ڪرائي نشر ڪيو.
    تنهن بعد ريڊيو اسٽيسن خيرپور تي غمدل فقير جو ڪلام ”ڳليان پريم نگر ديان“ ڳائي شهرت ماڻي، ”گهنڊ کول ديدار ويکائو مين آيا مک ويکڻ“ ڳايل ڪلام پڻ شهرت ماڻي، سهراب فقير سچل سائين جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ راڳ رهاڻ ۾ پهريون ڀيرو ڳائي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ان برطانيه، ڪيناڊا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ محفلون سجائي سُر وکيريا، سهراب فقير کي پنهنجو ڳايل ڪلامن ”ميڏا روح منگدا محبوب آوي“ گهڻو پسند هو جڏهن ته غمدل فقير جو ڪلام گليان پريم نگر ديان سندس سڃاڻپ بڻجي ويو پاڻ 50 کان مٿي صوفياڻا ڪلام ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ڪيسٽن ۾ ڳايا، جن ۾ سچل سائين جا ڪلام ”جنهن دل پيتا عشق دا جام“، ”گهنڊ کول ويکائو“ ۽ تنوير عباسي جو ”توسان عشق الستي“ يار ڪرم ٽالپر جو عشق اڄ آيو اڱڻ تمام گهڻا مشهور ٿيا، سندن کي ننڍي کنڊ جو ڀلوڙ راڳي جو اعزاز حاصل هو، ملڪي سطح اڻ ڳڻيا ايوارڊ پڻ مليا ۽ ٻه ڀيرا شاهه عبداللطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارڊ، پاڪستان ايڪسيلنس ايوارڊ کانسواءِ صدارتي ايوارڊ جڏهن ته ٻيا ڪيترائي کي ايوارڊ مليا ۽ هڪ جرمن عورت سهراب فقير جي صوفياڻي ڪلامن تي موهجي وئي ۽ کيس شادي جي آفر ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ گڏ رهڻ جي آڇَ ڪئي پر سهراب فقير کيس چيو ته هو سنڌ کان ڪٿي ٿو ڌار رهي سگهي. سهراب فقير ٻه شاديون ڪيون جن مان پهرين گهر واري سندس حياتي دوران ئي فوت ٿي جڏهن ته ٻي گهر واري اڃان حيات آهي. جڏهن سهراب فقير سچل سائين جي 188 هين ورسي تي آخري ڀيرو سنڌُ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي موجودگي ۾ سنگ پيش ڪيو ان موقعي تي وڏي وزير کيس ڪيش ۽ ايوارڊ پڻ ڏنو ۽ سندن کان خصوصي رهاڻ جيڪا آخري هئي سا لوڪ ورثا پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر مظهر الاسلام پاران خصوصي طور مڃتا ڏيڻ لاءِ سکر ۾ شانائِتي نموني سان رچائي وئي جِتي مهمانِ خاص جي حيثيت ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ٽي لک ۽ لوڪ ورثا پاڪستان پاران 2 لک روپين جي امداد جو پڻ اعلان ڪيو.
    سهراب فقير جي وڇوڙي بعد صوفياڻي راڳ کي بچائڻ لاءِ سهراب فقير جهڙي راڳي جي ڪلامن کي زندهه رکڻ لاءِ هن سلسلي ۾ فوري ادارا قائم ڪرڻ کپن ۽ صوفياڻو ڪلام ڳائيندڙ جي حوصله افزائي لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا اُپاءَ وٺڻ گهرجن.


    ميڏا روح منگدا محبوب آوي : واحد پارس هيسباڻي

    حضرت عشق جي آڱر پڪڙي پريم نگر جون ڳليهون گهمندڙ سهراب فقير درد جو ڊگهو سفر ڪري نيٺ ٽالپر وڏا جي مٽيءَ ۾ سمهي رهيو. ٽالپر وڏا جِتي هن 1934ع ۾ حمل فقير جي گهر ۾ اک کولي، اتي هاڻي سندس خاموش تربت باقي رهجي وئي آهي. ان ميخاني ۾ هن جي سنگت ان آلاپ کي هاڻي تصور ۾ ئي ٻڌي سگهندي. جيڪو اتي روز جو معمول بڻيل هيو. سچ اهو آهي ته سهراب فقير جي مرڻ جي شروعات ان وقت ٿي هئي، جڏهن فالج سبب ساز ۽ آواز جو ساٿُ ٽُٽو هو. ڳائڻ هن لاءِ ساهه کڻڻ جيان ضروري هو، سندس ساهه جو سَڳو ان ڏينهن کان ٽٽڻ شروع ٿيو هو، جنهن ڏينهن کان هي ڳائڻ کان محروم ٿي ويو هو. سهراب فقير رڳو هڪ فنڪار جو نالو ناهي پر هڪ روايت جو نالو آهي. درگاهن تي سُنگ جي صورت ۾ ڳائڻ جو رواج هن وڌو. سچل سائين ۽ خوش خير محمد سائين کي جيڪڏهن ڪنهن روح سان ڳايو ته اهو سهراب فقير ئي هو. ساڳئي نموني ڀٽائي جي راڻي کي جيئن هن ڳايو آهي ائين ڪنهن به نه ڳايو آهي. شاعرن جنهن رنگ ۾ ڪلام چيو، سهراب ان ئي رنگ ۾ ڳايو. هن جو فن ڪماليت جي انتها تي پهتل هو، صوفي راڳ ڪيئن ڳائجي؟ ان جو وٽس پورو پورو ڏانءُ هو. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن ڳائيندو هو ته ٻڌندڙ مٿان عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. جيتوڻيڪ هن کي ڳائڻ سان لئون 8 سالن جي ڄمار ۾ ئي لڳي ۽ روهڙي جي خانصاحب کيتي خان کان هن موسيقيءَ جي سکيا حاصل ڪئي پر هو باقاعدي نروار ٿي 1985ع ۾ ان وقت آيو جڏهن ريڊيو پاڪستان خيرپور تان سندس ڳايل ڪلام ”ڳليان پريم نگر ديان حضرت عشق گهمايم“ ٻڌندڙ جي سماعتن تائين پهتو. ان کان پوءِ سندس ڪيترائي ڪلام مقبول ٿيا، جن ۾ ”ميڏا روح منگدا، محبوب آوي، عشق اڄ آيو اڱڻ، توسان عشق الستي يار، ”جنهن دل پيتا عشق دا جام“ وغيره شامل آهن. سهراب فقير جي ڳايل ڪلامن جو تعداد بي حساب آهي. سهراب فقير جي ڳلي ۾ قدرت اهڙو ته مٺاس رکيو هو جو ڪنهن محفل ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳائڻ جي باوجود ٻڌندڙن جي تاس ختم نه ٿيندي هئي ۽ هو کيس اڃان وڌيڪَ ڳائڻَ لاءِ زور ڀريندا هئا ۽ هي فنڪار ڳائيندو ويندو هو، رات وهامي ويندي هئي پر ساز ۽ آواز جو ساٿُ نه ٽٽندو هو.
    ثقافت کاتي وارن کي ڀلي ان ڳالهه تي وڏو ”فخر“ هجي ته هو سرڪاري خزاني مان سهراب فقير کي ماهوار ڪجهه علاجَ لاءِ ڏيندا هئا ۽ جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن طرفان هن فقير کي لا علاج ڪرڻ کانپوءِ کيس ڳوٺ پهچائڻ لاءِ ايمبولنس فراهم ڪرڻ واري ڳالهه کي به هو ڀلي ”قدر“ جو هڪ وڏو مثال سمجھندا هجن پر حقيقت اها آهي ته سهراب فقير جي فن ۽ شخصيت اڳيان اهي سموريون شيون ٽڪي جون آهن. جيڪڏهن هن کاتي کي هن فنڪار جي فن ۽ شخصيت جو واقعي به قدر هجي ها ته هو ڊاڪٽرن جي صلاح مطابق هن جو علاج ملڪ کان ٻاهر ضرور ڪرائين ها. زندگي ۽ موت مالڪ جي هٿ ۾ آهي، ڪنهن عظيم فنڪار کي بچائڻ جي انتهائي ڪوشش ڪرڻ بدران ان کي سرڪاري ”شآن ۽ مان“ سان پنهنجي ڳوٺ مرڻ لاءِ موڪلي ڏيڻ ڪيڏي نه الميي واري ڳالهه آهي. ثقافت کاتي جو ترجمان ڪيڏي نه نڪ جي پڪائيءَ سان چئي رهيو آهي ته سهراب فقير پاڻ علاج ڪرائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو ۽ هن ڳوٺ وڃڻ چاهيو پئي. هن ڳالهه جو ٻيو مقصد اهو آهي ته سهراب فقير کي مرڻ جو وڏو شوق هو، هن کي زندگيءَ سان ڪا به محبت نه رهي هئي، جڏهن ته حقيقت ائين ناهي. سهراب فقير جي خيرپور اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان وٺي ڪراچي جي جناح اسپتال مان لا علاج ٿي نڪرڻ تائين جون اخبارون کڻي ڏسي وٺو، سهراب فقير ته جيئڻ پئي چاهيو ۽ اهاجيئڻ جي آس ئي کيس خيرپور مان ڪراچي وٺي آئي. هن پاڻ ٻاهرين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جو مطالبو پئي ڪيو.
    سهراب فقير سنڌ جو اهو البيلو فنڪار هو، جنهن صوفياڻي راڳ کي بلڪل ئي نئون رنگ ڏنو. هن نچي جھومي ڳايو به ۽ ٻڌندڙن کي جھومايو به دنيا جي سورنهن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ هي فنڪار جِتي به ويو، اتي ماڻهن جون دليون موهي آيو. سنڌ جي هن فقير فنڪار ڀٽائي، سچل ۽ قلندر ايوارڊ ماڻيا. جيتوڻيڪ صدارتي ايوارڊ به سندس حصي ۾ آيو پر حقيقت اها آهي ته هي فنڪار ايوارڊن کان ڪافي مٿانهان هوندا آهن، هنن لاءِ ايوارڊ پنهنجي پرستارن جون اهي محبتون هونديون آهن، جيڪي کين نئون اتساهه بخشينديون آهن، سهراب فقير جي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو حادثو آواز کان محروم ٿي وڃڻ هو ۽ ان حادثي کيس هر وقت روئاريو. خوش خير محمد فقير جي درگاهه جو طالب هي فنڪار دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صوفياڻي پيغام کي پهچائيندو رهيو. هي محبت جو پيامبر هو. جِتي به ويو اتي محبت جي گلن جا جھول ڀري ويو. سهراب فقير پنهنجي نانوَ جيان سڄي زندگي فقيري رنگَ ۾ گذاري. هن جو ڳائڻ سان عشق هو ۽ جِتان به فقيراڻي محفل جو کيس سڏ ٿيو، هو پنهنجي سُنگ سميت اتي وڃي پهتو.
    هن فنڪار ڪڏهن به پئسا ڪمائڻ لاءِ نه ڳايو پر هن راڳ کي عِبادت سمجھي ڳايو. هن فنڪار جي سموري ميڙي پونجي اهي ساز آهن، جيڪي اڄ سندس وڇوڙي تي سوڳوار بڻيل آهن. هن جي وڏي ۾ وڏي خواهش اها هئي ته هو وري ڳائي سگهي ۽ هن ان سلسلي ۾ ڪافي ڀيرا ڪوشش به ڪئي پر جڏهن ساز ۽ آواز جو ساٿُ نه جڙندو هو ته هي روئي ويهندو هو. سهراب فقير جي وڇوي تي رُڳو سنڌُ جون اکيون ئي آليون ناهن پر جنهن جنهن ديسَ هن جو آواز ٻڌو، اهو روئي رهيو آهي. فنڪار محبتن جا سفيرَ هوندا آهن. هن فنڪار به پنهنجي اها ڊيوٽي وڏي سچائيءَ سان نِڀائي. ”سهراب فقير جون خدمتون هميشه ياد رهنديون“ هن فنڪار کي رڳو ان روايتي جملي جي ڀيٽا ڏيڻ ڪافي ناهي، هن جيڪو به پورهيو ڪيو ان کي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آهي.
    سهراب فقير جو وڇوڙو صوفياڻي راڳ جي دنيا جو وڏو نقصان آهي، صوفياڻي راڳ جي شوقينن لاءِ هي دل جھوريندڙ خبر آهي. سندس پرستار کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندا ۽ راڳ جي دنيا ۾ سندس کوٽ سدائين محسوس ٿيندي رهندي. هن فنڪار جيڪي سُر آلاپيا انهن جي گونجَ صدين تائين قائم رهندي.


    ”ڳليان پريم نگر ديان“ جو گائڪ سهراب فقير : ناصر قاضي

    ضلعو خيرپور ميرس کجين جي حوالي سان ملڪان ملڪ مشهور آهي. خيرپور جون کجيون پنهنجي اوچن ڳاٽن سان اها ساکَ ڏين ٿيون ته هيءَ سرزمين سرموڙ ماڻهن جي سرزمين آهي، هِتان جي کجين جي ميٺاج توڙي هِتان جي ماڻهن جو مٺڙو سڀاءُ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته هيءَ سرزمين، هي خطو پنهنجي چس ۾ ميٺاج رکي ٿو، ائين ئي گمبٽ شهر جو مٺڙو مائو، جيڪو پنهنجي اڇي ۽ اجري رنگ ۾ اها گواهي ڏئي ٿو ته خيرپور جا ماڻهو جهڙا مٺڙا ۽ اجرا آهن، تهڙائي محبتي ۽ امن پسند آهن. شايد اهو ئي سبب هو جو قدرت واري ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جهڙي مٺڙي ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾ آڻڻ لاءِ ضلعي خيرپور جي سرزمين جو انتخاب ڪيو. اهو ئي مٺڙو ماڻهو حامي صاحب، جنهن پاڻ جهڙن ماڻهن جي لاءِ ئي چيو ته:

    مٺن ماڻهن اڳيان حامي مٺو ڳالهائڻو پوندو
    زبان کولڻ کان اڳ ۾ حرف سارا تورڻا پوندا

    انهن مٺڙي خطي جو ٻيو برجستو مثال ان ئي سرزمين مان جنم وٺندڙ نامياري صوفي راڳي سهراب فقير جو مٺڙو، سريلو ۽ درويشاڻو آواز آهي. جنهن پنهنجي سحر سان سموري سنڌُ ته ڇا پر پوريءَ دنيا کي مست ۽ مدهوش ڪري ڇڏيو. هي سريلو صوفي راڳي طبيعت ۾ به مٺڙو، درويش صفت، هر دلعزيز ۽ مهمان نواز شخصيت جو مالڪ هو، سندس شمار به سنڌ جي انهن راڳين ۾ هو، جن کي راڳ جي ستي ڄمڻ سان ئي ملي، يعني ڳائڻ وڄائڻ واري ڪٽنب سان واسطو هُجڻ ڪري راڳ جون لوليون ٻڌائين. انهن لولين جي تربيت ۾ رچي ريٽو ٿيو ۽ سڄي جڳ ۾ مشهور ٿيو.
    سهراب فقير 1934ع ڌاري ڳوٺ ٽالپر وڏا، تعلقي ڪوٽڏجي. ضلعي خيرپور ميرس ۾ حمل فقير جي گهر ۾ جنم ورتو، جيئن ته موسيقيءَ جو فن کيس ورثي ۾ مليو، جو سندس والد حمل فقير ۽ سندس چاچا محرم فقير ۽ زوار پير بخش پڻ ڳائيندا وڄائيندا هئا. سهراب فقير ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي وڏن سان راڳ جي محفلن ۾ ويندو هو، جنهنڪري سندس راڳ ۾ شروعاتي رهنمائي سندس والد ڪئي، جنهن کانپوءِ هو استاد کيتي خان جو شاگرد ٿيو. سهراب فقير ننڍپڻ ۾ ئي درگاهه خوش خير محمد فقير تي وڃي سندس فرزند فقير در محمد هيسباڻيءَ جو طالب ٿيو هو. جنهن ڪري هو شروع کان ئي تصوف توڙي صوفياڻي راڳ سان سلهاڙجي ويو. هو اڳتي هلي هڪ ٻئي صوفي راڳي عنايت فقير سان هارمونيم تي سنگت ڪرڻ لڳو، پر وري عنايت فقير جي بي وقتائتي موت سهراب فقير کي به جھوري وڌو ۽ هو سندس جدائيءَ جي غم ۾ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي، عنايت فقير جي ڳوٺ محرابپور، سندس مزار تي رهڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ هڪ ڀيري محرابپور ۾ هڪ شاديءَ جي محفل ۾ خانصاحب خورشيد علي خان جو اچڻ ٿيو، جنهن سان سهراب فقير وڃي ملاقات ڪئي، خانصاحب خورشيد علي خان ان موقعي تي سندس فن مان بيحد متاثر ٿيو ۽ سهراب فقير کي طبلي تي سنگت ڪرڻ جي آڇ ڪيائين. جيڪا آڇ هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. ان کانپوءِ هو استاد خورشيد علي خان سان ڪافي وقت طبلي تي سنگت ڪندو رهيو. هڪ ڀيري 1975ع ۾ هڪ محفل ۾ استاد منظور علي خان کيس طبلو وڄائيندي ڏٺو ۽ چيائينس ته: ”طبلو وڄائڻ شينهن جي ڪنن ۾ هٿ وجھڻ برابر آهي. تون ڳائڻ شروع ڪر، اسان تنهنجو ساٿُ ڏينداسين.“ جنهن کانپوءِ هن ڳائڻ جو باقاعده آغاز ڪيو.
    سهراب فقير ميڊيا جي حوالي سان سڀ کان پهريان ريڊيو تي متعارف ٿيو. ريڊيو تي کيس پروڊيوسر الله بخش بخاريءَ متعارف ڪرايو، جيڪو تنهن وقت ريڊيو پاڪستان خيرپور جو اسٽيسن ڊائريڪٽر هو. ريڊيو جي دنيا ۾ سهراب فقير جا سڀ کان وڌيڪَ ريڊيو پاڪستان خيرپور تان صوفياڻا ڪلامَ رڪارڊ ۽ نشر ٿيا، جڏهن ته سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنز کانسواءِ ريڊيو پاڪستان بهاولپور تي به سندس 5 ڪلام ريڪارڊ ٿيا. جنهن کانپوءِ سندس آواز ۾ ريڪارڊ ٿيل ڪلام پوري پاڪستان جي ريڊيو اسٽيشنز سان گڏوگڏ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان به نشر ٿيندا رهيا. هونئن ته سندس آواز ۾ ڳايل کوڙ سارا ڪلام مقبول ٿيا. پر سڀ کان وڌيڪَ سندس ڳايل غمدل فقير جي سرائڪي ڪلام ”ڳليان پريم نگر ديان“ مقبول ٿيو.جنهن ڪلام سبب سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر به سندس ناماچاري ٿيڻ لڳي، اهڙيءَ ريت سهراب فقير جي مقبوليت ۾ واڌارو ايندو رهيو. کيس لطيف سائين ۽ سچل سائين جي سالياني عُرس جي موقعن تي دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. ٽيليويزن جي دنيا طرف کيس هڪ ڳوٺائي هجڻ جي حوالي سان پروڊيوسر اختر ٽالپر وٺي آيو، جِتي هن پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ جي پروگرام ۾ پهريون ڀيرو پرفارمنس ڏني.
    سهراب فقير جي اهڙين سرگرمين دوران کيس ۽ سندس جوڙ کي (جنهن کي فقراهي ٻولي ۾ سنگ چيو ويندو آهي) ممتاز مرزا ۽ عبدالحميد آخوند جهڙن املهه پارکن ٻڌي ورتو، جن کيس ضلعي خيرپور جي ننڍڙي ڳوٺڙي مان ڪڍي، اول ته پوري ملڪ پوءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا سير ڪرايا. هن جي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو انهن ۾ برطانيه، ناروي، بيلجيم، جرمني، هالينڊ، فرانس اٽلي، ڊئنمارڪ، سوئٽزرلينڊ، سعودي عرب، دبئي، ايران ۽ هندوستان شامل آهن.
    سهراب فقير جي فن ۾ هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اُها پڻ ڏٺي وئي ته پاڻ تدريسي حوالي سان هڪ درجو به ڪونه پڙهيل هو، پر پوءِ به ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ جِتي ڪٿي ڪلام هميشه ياد ڳائيندو هو. کيس بي انت شآعري برزبان ياد هوندي هئي، توڙي جو اهي ٻول ڪيترا به دقيق يا مشڪل ڇو نه هجن. سهراب فقير پنهنجي ڏاهپ جي آڌار تي انهن جو اُچار بلڪل درست ۽ ياد اُچاريندو هو. سندس آواز ۾ ڳايل ڪافي ڪلام مقبول ٿيا، جن ۾: ”ڳليان پريم نگر ديان“، ”رخ رانجھن مان منير هويا“، ”ميڏا روح م نگدا محبوب آوي“، ”ڏاڍو عشق لڳو اربيلن کي“، ”ڪوجو ڪان لڳو مون“، ”ديد ۾ ڏس تون ديد رلائي“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام شامل آهن. سندس فن جي مڃتا ۾ کيس صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي. شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، لعل شهباز قلندر ايوارڊ، ريڊيو پاڪتان خيرپور ايوارڊ سميت ٻيا به ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ پڻ مليا. هن پنهنجو فـَنُ پنهنجي پٽ رجب علي سميت ٻين ڪيترن ئي شاگردن علي گل فقير، فقير قلندر بخش خاصخيلي، گلبهار جويو، جمال فقير، سيد باقر علي شاهه ۽ ٻين تائين منتقل ڪيو. کيس راڳ سان انتها درجي جو عشق هو، ايتريقدر جو عُمر جي آخري حصي ۾ فالج ۽ ٻين ڪيترن ئي بيمارين جي حملي سبب، ڳائڻ جي سگهه نه هجڻ باوجود به درگاهن تي حاضري ڀري، پنهنجي شاگردن سان سنگ ۾ شامل ٿي، آواز توڙي آلاپ سان ويراڳ جو ورد ورجائيندو رهندو ۽ ڏٺو اهو ويو ته سندس اهو عمل سندس ئي اکين کي آلو ڪري ڇڏيندو هو.
    سهراب فقير سچ پچ هڪ درويش ۽ الله لوڪ ماڻهو هو، ان جو مثال منهنجي اکين ڏٺو هي واقعو به آهي. جيڪو 16 اپريل 1997ع جو آهي، جڏهن شڪارپور جي هڪ ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ۾ نامياري صوفي شاعر غمدل فقير جي سالياني عُرس جي موقعي تي محفل سماع منعقد ٿي. محفل جي شروعات ۾ حسبِ دستور نون ۽ جونيئر فنڪارن کي اسٽيج تي گهرائڻ جو سلسلو هلندڙ هيو، جنهن کانپوءِ سينيئر راڳين ۽ ٻاهران آيل فقيرن جو وارو هو، پر سڀني مهمانن، فنڪارن توڙي راڳين پاران اسرار ڪيو ويو ته سهراب فقير کي هاڻي اسٽيج تي گهرايو وڃي، توڙي جو منتظمين پاران سهراب فقير کي ڪافي دير سان گهرائڻ جو ارادو هو. پر سڀني آيل مهمانن جي اسرار تي کيس ۽ سندس سُنگَ کي وچ ۾ ڳائڻ لاءِ گهرايو ويو، هن ان محفل ۾ پنج ڪلام ڳائي اسٽيج تان اُٿڻ پئي چاهيو ته ماڻهن هڪ وڌيڪَ ڪلام ڳائڻ جو اسرار ڪيو، سهراب فقير هڪ وڌيڪَ ڪلام ڳائي بس ڪئي ته اچي برسات ڪڙڪي ۽ اهڙو وسڪارو ڏنائين، جو بقايا پروگرام برخاست ڪرڻو پيو ۽ باقي ڳائڻن کي ڳائڻ جو وارو ئي نه مليو.
    سنڌ جو هي سريلو ۽ سدا بهار راڳي 75 سالن جي عُمر ۾ 23 آڪٽوبر 2009ع تي هن فاني جهانَ مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه سندس ڳوٺ ٽالپر وڏا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي.


    صوفياڻو راڳُ ۽ سهراب فقير : ساگر صفي الله شر

    سنڌ ڌرتي هونءَ ته ڪيترن ئي اوليائن، بزرگن، شاعرن، اديبن، سگهڙن ۽ فنڪارن کي جنم ڏنو آهي ۽ انهن مان هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان الڳ سلڳ اندازَ ۾ مڃتا ماڻي آهي. جڏهن به هن ڪلامَ جو ذڪر ڪٿي ٿيندو آهي ”گليان پريم نگر ديان“ ته منهنجو خيال فوري طور سهراب فقير ڏي هليو ويندو آهي هن سنڌ جي البيلي صوفي فنڪار سهراب فقير 1934ع ڌاري ٺري ميرواهه جي ويجھو بلڪل اولهه طرف ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ ان وقت جي طبلي نواز حمل فقير جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ حمل فقير جي ڀاڳن خوشيءَ مان جھومڻ شروع ڪيو.
    سهراب فقير جو ننڍپڻ معمول جيان گذريو جڏهن هو ٿورو جوان ٿيو ته دل وندرائڻ لاءِ هن يڪتارو کڻي ڳائڻ شروع ڪيو سهراب فقير فن جي، شروعات ۾ استاد کيتو خان ۽ عاشق علي خان کان راڳ جي ڪجهه تربيت ورتي ۽ هن جي دل ۾ ته اڳ ئي فنڪار موجود هيو جنهن ۾ هن ٽالپر وڏا ڀرسان درگاهه در محمد فقير جو طالب بڻيو، جنهن بعد سهراب فقير جھر جھنگ روڊ رستن تي آلاپڻ شروع ڪيو ۽ درگاهه دُر محمد فقير تي ٿيندڙ محفلن ۾ هن ڳائڻ شروع ڪيو جِتي کيس سنڌ جي مهان شاعر تنوير عباسي ڳائيندي ڏٺو ته کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور تي متعارف ڪرايو.
    سهراب فقير جا جڏهن ڪلام ريڊيو پاڪستان خيرپور تي هلڻ شرع ٿيا ته سهراب فقير جي شهرت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ويو ۽ سهراب فقير ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ صوفي راڳ کي ملڪان ملڪ مشهور ڪيو ۽ مڃتا ماڻي.
    سهراب فقير جي مشهور ڪلامن ”گليان پريم نگر ديان“، ”گهنڊ کول ديدار“، ”جنهن دل پيتا عشق جا دام“، ”توسان عشق الستي“ ۽ ٻين سوين ڪلامن جھر جھنگ مشهوري ماڻي ورتي ۽ سهراب فقير جا ڪلام واهڻ وستي مشهور ٿيا.
    سهراب فقير صدارتي ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، قلندر شهباز ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان خيرپور پاران ريڊيو ايڪسيلنس ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا ۽ سهراب فقير کي ننڍي کنڊ جو ڀلوڙ راڳيءَ جو اعزاز حاصل هيو.
    مان جڏهن پريس ڪلب ٺري ميرواهه پاران سنڌ جي ناليواري اديب، ڪمپيئر ۽ موجوده ڊي سي ڪشمور منور علي مهيسر سان هڪ ادبي رهاڻ جو پروگرام رٿيو، جنهن جي صدارت ڪوثر ٻرڙو صاحب ڪئي هئي ۽ انهن جو بيحد اسرار هيو ته سهراب فقير کي گهرائي ان کان ڪجهه ڪلام ٻڌجن پر سهراب فقير جي طبيعت خراب هجڻ جي ڪري نه اچي سگهيو.
    سهراب فقير جي ڳائيندو هيو ۽ آلاپ ڏيندو هيو ته سوين ٻڌندڙ داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندا هيا ۽هو جھومڻ ۽ نچڻ شروع ڪندا هيا ۽ سهراب فقير کي ڀرپور دادُ ملندو هُيو. سهراب فقير زندگي جي آخري حصي ۾ ڪينسر جهڙي موزي مرضَ ۾ مُبتلا ٿي ويو ۽ زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ هو ڳائي نه سگهندو هو ۽ پنهنجي سنگ ۾ موجود هوندو هيو ۽ زارو قطار اکين مان نير وهندا هيس.
    سهراب فقير پنهنجي زندگي ۾ ٻه شاديون ڪيون جن مان 6 نياڻيون ۽ پنج پٽن جي اولاد ٿيس.
    سهراب فقير جي خاندان مان سندس فرزند رجب فقير سندس والد جي روايت کي برقرار رکندي ڳائيندو اچي پيو ۽ هن جي به آواز ۾ نهايت مٺاڻ ۽ محبت آهي.
    سهراب فقير جي زندگي جو سڳو ڪينسر جي مرضَ ۾ 23 آڪٽوبر جمع ڏينهن 2009ع ۾ ٽُٽي پيو ۽ هو هميشه لاءِ وري پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو الله پاڪ کان دُعا آهي ته شالَ کيس مغفرت ڪري جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي ۽ اسانکي گهرجي ته صوفياڻي راڳ کي بچائڻ لاءِ ادارو قائم ڪريون ته جيئن صوفياڻو راڳُ زندهه رهي سگهي، ان ۾ ثقافت کاتي کي ننڊ مان جاڳڻ کپي.


    صوفي ازم جي بادشاهه سهراب فقير جو وڇوڙو : غلام مرتضيٰ مڱريو

    حياتي قدرت طرفان انسان کي مليل امانت آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ان جي هڪ ڏينهن پڄاڻي به ضرور ٿيندي اهو هڪ فطري عمل ۽ پالڻهار طرفان هڪ قانون آهي ته جيڪو به هن جهان ۾ آيو آهي اهو هڪ ڏينهن ضرور مرندو به ان لاءِ حڪم فرمايل آهي ته بيشڪ موت جو ذائقو هر هڪ کي چکڻو آهي، بلڪل جيڪو به دنيا ۾ آيو آهي اهو ضرور مرندو آهي. ايئن هِتان هر ڪو ويو آهي، پر هُتان ڪير به نه آئيو آهي، جيڪو به موت جي منهن ۾ ويو ان کي مماتي آهي، اهو قيامت تائين وري ڪڏهن به نه موٽندو، پر حياتي ۾ جيڪو ڪجهه انسان ڪندو آهي، اهو ان جو حياتيءَ جو پورهيو ان کي دنيا ۾ ياد رکندو آهي، ان ڪيل دنيا جي ڪم عيوض دنيا وارا ان کي ياد رکندا آهن. پر افسوس سنڌ جي ماڻهن جي ڪنهن به پورهئي جي حياتيءَ ۾ قدر نه رهيو. سنڌ جنهن مهان انسان کي جنم ڏنو جن کي دنيا ليول تي وڏي مڃتا ملي، پر افسوس اسان جي پنهنجي رياستي اختيارين انهن جي ڪڏهن خالي عيادت به نه ڪئي، جيڪو درد هو دل ۾ سمائي ابدي آرامي ٿي ويو.
    اهڙن ئي سنڌ جي مهان ۽ هميشه لاءِ وڇڙندڙن جي لسٽ ۾ اڄ سهراب فقير به شامل ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن کان ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي فنڪار جي بيماري جي بستري جي خبر ميڊيا تان ٻڌندا ۽ پڙهندا رهياسين، پر اڄ سندس اذيتناڪ موت جون خبرون ٻڌي ۽ پڙهي رهيا آهيون، سهراب فقير جنهن صوفي ازم جي راڳ کي پوري دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ کوڙ سارا اعزاز ماڻيا کيس دنيا ۾ فن جي حوالي سان پنهنجي پراڻي روايت کي برقرار رکندي کيس بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو جنهن جو اظهار هن پاڻ به ڪراچي جي نيشنل اسپتال مان مايوس ٿي واپس موٽندي ڪيو ۽ هن سان جڏهن اڳوڻو ثقافت کاتي جو سيڪريٽري عيادت لاءِ آيو ته سهراب فقير زارو قطار روئيندي اها ئي ميار ڏني ته جيڪڏهن ڪو پنجاب جو فنڪار ائين بيمار هجي ها ته ان جي عيادت ۽ علاج معالجي جي سهائِتا لاءِ حڪومتي هر عملدار اچي ها، پر هن عظيم تصوف جي ڌرتي جي عظيم ڪردارن جي سکڻي دلاسي لاءِ ته حڪومتي اختيارين وٽ ٽائيم نه آهي. ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ ته اسين واقع به مرده پرست قوم آهيون، جو اسان جا سنڌي فنڪار، اديب ائين سسڪي مَري وڃن ٿا مگر انهن جي واهر ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي.!!
    سهراب فقير جنهن پنهنجي پوري زندگي فن کي ارپي ڇڏي ۽ دنيا جي 16 ملڪن ۾ سر وکيريا ۽ 3 ڀيرا ورلڊ ميوزڪ ايوارڊ حاصل ڪيا، جيڪو سنڌي قوم لاءِ هڪ فخر جو مقام آهي، جو ورلڊ ليول تي هن سنڌ ۽ سنڌي موسيقي کي متعارف ڪرائيندي ايوارڊ به حاصل ڪيا. ٽالپر وڏا ۾ صوفياڻي موسيقار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ سهراب فقير 1980ع ۾ 10 سالن جي مختصر وقت ۾ جھرجهنگ ڏينهان ڏيهه مشهور ٿي ويو، محترمه شهيد راڻي کيس حج ڪرايو. قلندر شهباز، ڀِٽائي، سچل سرمست جا ايوارڊ حاصل ڪيا ۽ صدارتي ايوارڊ به حاصل ڪيائين ۽ ان کانسواءِ ڪيترائي اسٽيج ۽ سماجي تنظيمن ۽ فلاحي ادارن کان ايوارڊ حاصل ڪيا.
    ائين اڄ اهو عظيم ڪردار جنهن کي قدرت طرفان سهراب فقير جو ليبل ڏنو اهو اڄ اسان وٽ نه رهيو. صرف ان جو ڪيل فني پورهيو ۽ يادگيريون ئي آهن جيڪي سنڌ جا ماڻهو صدين تائين ياد رکندا، ڇو ته مرندا ته صرف جسم ئي آهن باقي دنيا ۾ ڪيل ڪم ان کي هميشه ياد رکرائيندا جن جي گواهي مرشد لطيف به ڏئي ويو آهي.
    جي مرڻا اڳي مئا، سي مري ٿيا نه ماتِ
    بلڪل ائين سهراب فقير جو ڪردار به مري نٿو سگهي. هو ته صدين تائين زندهه رهڻ لاءِ ئي هن دنيا کان الوداع ٿيو آهي، پر افسوس صرف اهو رهيو آهي ته سنڌ جو ثقافت کاتو يورپ جي فنڪارن لاءِ پروگرام ڪري ٿو پر پنهنجن عظيم ورثن کي بلڪل وساريو ويٺو آهي، جيڪو هِڪَ جيءُ جھوريندڙ عمل آهي، حياتي موت ته الله جي وس ۾ آهي پر ائين بي يارو مددگار ٿي ڪنهن عظيم ڪردار مرڻ به اسان کان سؤ سوال ڪري ٿو ۽ اهو سوال هن رياستي اختياري کان به هن سنڌ جو عوام ڪري ٿو.
    اهڙي طرح سهراب فقير جي وڇوڙي جو خال صوفي راڳ جي لاءِ هڪڙو اڻ ڀرجڻ جهڙو خالُ آهي ۽ سنڌُ سهراب فقير کي هميشه ياد ڪندي، هن جو موت ڄڻ سنڌي صوفي راڳ کي يتيم ڪري ويو آهي، ان جو قدر هاڻي ان جي وڃڻ کانپوءِ ٿيندو ڇو ته حياتي ۾ ڪنهن جو قدر ناهي هوندو پر ان جي موت کان پوءِ ئي ان جو قدر پوندو آهي. سهراب فقير کي ته حڪومتي اختيارين وساري ڇڏيو ۽ هاڻي جڏهن هو اهي سڀ پنهنجا ڏک سيني ۾ سمائي هميشه جي ننڊ ۾ ستل آهي تڏهن حڪومتي اختيارين جي اک ضرور کلندي پر هاڻي صرف سکڻن بيانن کانسواءِ ڪجهه به نه رهيو آهي.


    الوداع الوداع سهراب فقير : مظهر خاصخيلي

    صوفين جي سرواڻ شهيد شاهه عنايت چيو آهي ته آئون صوفي آهيان منهنجي مذهب ۾ نفرت حرام آهي هن سر زمين تي آئون نفرت نه پر محبت جو علمبردار آهيان ۽ ان شهيد شاهه عنايت جي ان قافلي جو هڪ اهڙو سپاهي جنهن هر هنڌ پنهنجي ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز سان پيار محبت جو پيغام پهچايو جنهن سدائين پنهنجي جسم تي گيڙو ويس پائي نه رڳي انهن دنيا جي پنهنجو پاڻ کي امير چورائيندڙ ملڪن جي رهواسين کي حيران ڪيو پر اتي انهن جي مٿان اهڙو جادو ڪيو جو جڏهن به اهي گيڙو رتا ڪپڙا پائي اسٽيج تي مٿي چڙهي، پنهنجو ان گيڙو ويس جيان ڳاڙهي ڏاڙهي ۾ هٿ ڦيرائي، اول ساڄي ۽ پوءِ کاٻي پاسي ڏسي جڏهن سچل جو اهو ڪلام چوندي ايترو مست ٿي ويندو هو ڄڻ سچل سائين جو روح ان صوفي فنڪار ۾ داخل ٿي ان کان اِهي ٻول چورائيندو هجي ته:
    جنهن دل پيتا عشق دا جام
    سادل مستو مست مدام
    اَلا حق موجود سدا موجود
    ۽ اهو سهراب فقير جنهن پوري دنيا اندر جِتي سنڌ جو مان، مٿانهون ڪيو اتي انهن ملڪن جي آڏو مثال بڻجي انهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته پاڪستان اندر رُڳو انتها پسند ۽ دهشتگرد نٿا رهن اتي محبتن جا امين به رهن ٿا ۽ اڄ اسان کان اهو سهراب فقير جسماني طور تي وڇڙي ويو آهي ان جي وڇوڙي تي ڪيترو به اکين مان پاڻي وهائجي اهو گهٽ آهي پر ڏک ۽ تڪليف جي صرف اها ڳالهه آهي ته اسان جو صوفياڻو آواز رکندڙ اهو صوفي فنڪار جنهن صرف پنهنجو نالو نه ڪمايو پر دنيا جي ڪافي ملڪن اندر هن پاڪستان جي فنڪارن جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ سان گڏ انهن ملڪن جي ماڻهن جي دلين ۾ محبت ٺاهي پر پنهنجا، جن جي ڪري هن اهي زندگي جون سموريون عياشون ٺڪرائي ڇڏيون. اها جرمني جي عورت جنهن ان صوفي فنڪار کي شادي جي آڇَ ڪئي ۽ اتي رهائش وٺي ڏيڻ جي حامي ڀري، ۽ هن صوفي فنڪار ان جرمني جي ان عورت کي اهو چئي جواب ڏنو ته هو پنهنجي اها سنڌ نٿو ڇڏي سگهي جيڪا هن جي روح ۾ سمايل آهي ۽ هن ان امڙ ئي جي ان روح جي لڄ رکي جنهن جي لاءِ لطيف سرڪار چئي ويو آهي ته:

    ايءَ نه مارن ريت جو سيڻ مٽائن سون تي
    اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت
    پَکَن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان

    ۽ هن ان جرمني جي ان عورت کي ان جي ڪري جواب ڏنو هو، هن کي پنهنجي سنڌ سان سچو پيار هو پر ڇا ان سنڌ جي ان حڪمرانن جن کي سنڌي ماڻهن پنهنجو سمجھي ووٽ ڏنا هئا ۽ انهن مان اها اميد رکي هئي ته هو پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪندا پر افسوس ان وقت ٿيو جڏهن ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو صاحبه ان صوفياڻي آواز رکندڙ سهراب فقير جي وڇوڙي کان پوءِ پنهنجو بيان ٿي ڏئي ته هوءَ سهراب فقير کان ان جي ڪري پڇڻ نه وئي جو هن جي امڙ جي طبيعت خراب هئي ان ڪري هوءَ 19 ڏينهن تائين جناح اسپتال ۾ رهندڙ ان فنڪار کان پڇڻ نه وڃي سگهي ڪيتري نه آسان ۽ صفا تڪڙي ڳالهه اسان جي اها ثقافتي کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو چئي وئي ڇا اسان سنڌ جا ماڻهو صفا پنهنجن انهن وزيرن ۽ ايم پي اي جي آڏو ايترا چريا آهيون جو اسان روز واريون اخبارون ناهيون پڙهندا جن ۾ صوبائي اسيمبلي جي اجلاس دوران ان اسان جي ثقافت جي وزير صاحبَه جا ڦوٽو لڳل هوندا آهن، ڪڏهن ڪنهن وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ته ڪڏهن صوبائي اسيمبلي اندر ڳالهائيندي. منهنجي هن سٽن لکڻ جو ڪڏهن به اهو مقصد نه ڪڍيو وڃي ته مان ڪو ان ڳالهه جو مخالف آهيان ته سسئي پليجو صوبائي اسيمبلي ۾ ڇو ٿي ڳالهائي يا وري ڇا ٿي ڪري، مان ته پنهنجي سورن جي ڳالهه ڪندس جيڪي اسان جي اندر ۾ اڄ ٻري رهيا آهن جڏهن سهراب فقير اسان وٽ جسماني طور تي موجود ناهي ڇا جيڪڏهن اسان جي اها سسئي پليجو پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي ان عظيم فنڪار کان پڇڻ وڃي ها ته ان عظيم راڳي کي به ٿوري دل جاءِ ٿي پئي ها. ڇا ان صوفي فنڪار کي ان ڏينهن خبر پئجي وئي هئي جڏهن اهو حميد آخوند ان وٽ هلي آيو ۽ هن جي خيريت معلوم ڪئي هئي ته ان جو اکيون وسي پيون هيون ۽ کيس ڀاڪر پائي چيائين ته مون کي هِتان ڪڍ ۽ جڏهن هو ڪالهه ڳوٺ پهتو ته ان جو دور هلي ويو. شايد ان جو ساهه ان گهڙي جو مهمان هو جو هن کان اڏامي ويو ۽ آخري گهڙي مهل ٻئي هٿ لوڏي موڪلائيندڙ سهراب فقير جي موڪلاڻي مان ايئن محسوس ٿي رهيو هجي ته هو اسان کي ميارون ڏيندو هجي ۽ ڪنهن شاعر جون اهي سٽون چوندو هجي ته:
    مري وينداسين ياد نه ڪنهن کي اينداسين
    ڪجهه ڏينهن هر هڪ کي لڙڪ ڏئي وينداسين

    ۽ اهو ڪافي سارا ايوارڊ ماڻيندڙ سنڌ جو سريلو فنڪار جِتي ثقافت کاتي کان مايوس هو اتي انهن ڪجهه پنهنجي چاهيندڙن کان به مايوس هو ڇو ته ڪنهن سياڻي جو قول آهي ته ماڻهو جو قدر ان جي وڃڻ کانپوءِ ٿيندو آهي ۽ اسان کي هاڻي خبر پوندي ته سهراب فقير جو راڳ ڇا هو ۽ هن جي جيڪا الله هو، الله هو واري وائي هوندي هئي ان ۾ ڪيترو سرور هوندو هو. اڄ ان پنهنجي صوفي فنڪار ۽ پيار جي امين، راهه جي راهي جي لاءِ، سنڌ روئي رهي آهي ۽ مون وٽ لفظ ناهن جن کي لکي انهن سنڌ جي سوين ماڻهن جي ڏک جو اظهار ڪري سگهان.
    ۽ ان گيڙو رتا ڪپڙا پائي سڄي عمر پوري دنيا کي پيار جو پيغام ٻڌائيندڙ هن ڌرتيءَ جا بهادر اڄ اسان سمورا سنڌ جا ماڻهو تنهنجي پونئيرن سان ڏک ۾ شريڪ آهيون دنيا جي لاءِ ڀلي اهو مائيڪل جيڪسن وڏو فنڪار هجي جنهن جي ڪردار مٿان پوري دنيا آڱريون کيون پر اسان لاءِ تون وڏو عظيم فنڪار آهين. اڄ سڄي سنڌ توکي الوداع، الوداع سهراب فقير الوداع چئي رهي آهي ۽ تنهنجي وڇوڙي تي لطيف سرڪار پنهنجي تنبوري سان گڏ تنهنجو جنت ۾ ضرور استقبال ڪندي اهي لفظ چوندو:
    جو دم جيارج هادي رکج حفظ ۾
    محتاجي مخلوق جي قادرم ڪاريج
    عربي عبداللطيف کي ويل ۾ وساريج
    پرڪش پياريج ڀري جام جنت جو


    منهنجو بابا.... : فقير سلامت سهراب

    ڏيا ڀريل چهرو، سڀني نرمين سان آسودو خاڪ ٿي چڪو آهي. ٽالپر وڏا مان کنيل مٽيءَ جو پنوڙو 1937ع کان 2009ع تائين جو سفر پورو ڪري اتي ئي وڃي سُتو آهي جِتان سهراب فقير جهڙو انمول تحفو هڪ حَسين زندگي گذارڻ لاءِ پروان چڙهيو هو. سهراب فقير اڄ اسان اولاد کان، دوستن، چاهيندڙن کان سنڌ جي ثقافت کان، سنڌين کان ۽ سنڌ کان موڪلائي چڪو آهي. سهراب فقير جهڙو پيار جو پکي وري ڪڏهن پنهنجي چهنب ۾ نصيحت جا داڻا کڻي اسان اولاد کي کارائيندو؟ اسان اولاد لاءِ ته ان سال کان وڏي غم، ڏک، درد ۽ تڪليفون شروع ٿيون هيون جنهن سال بابا جو مٺڙو آواز ڪنهن درگاهه تي گونجڻ کان بند ٿي ويو هو ــ اهي جايون، رستا، ميخانا ــ ڪچهريون وري ڪير آباد ڪندو؟
    بابا سائين هميشه اولاد کي به اها ئي نصيحت ڪندو هو ته سنڌي لوڪ ادب اسان جو قومي ورثو آهي، ان ورثي جي حفاظت اسان سڀني سنڌين کي ڪرڻي آهي ــ ان جو ثبوت هي به آهي ته بابا جي مٺڙي آواز تي جڏهن هڪ ناريءَ شاديءَ جي خواهش ظاهر ڪئي ته بابا سائين اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي صرف سنڌ ۽ سنڌين جي لاءِ. هن چيو آءٌ سنڌي آهيان غير سنڌيءَ سان ڪيئن ٿو شادي ڪري سگهان. بابا جهڙو سچو سنڌي هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيڻو ئي ناهي.
    بابا سهراب فقير جا آلاپ شاهه لطيف جي تنبوري جي تارن کان پڇو ــ مهراڻ جي ڇولين کان پڇو، ڄامشوري جي هوائن کان پڇو، پريم نگر جي گلين کان پڇو ته اهي آلاپ ڪيڏانهن ويا جن جي ٻڌڻ سان دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي بابا سائين جڏهن آلاپيندو هو ته ان جي اندر ۾ هڪ عجيب روح پيدا ٿيندو هو ۽ ۽ بابا ان روح ۾ مدهوش ٿي پنهنجي زندگي ۾ رنگجي ويندو هو ــ اڄ آلاپ ته کوڙ ئي اسان جي آس پاس گونجندا پر سهراب فقير اسان جي وچ ۾ نه هوندو. افسوس صد افسوس ــ اسان پنهنجي فقير بابا سائينءَ لاءِ دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جگهه عطا ڪري ۽ اسان کي پنهنجي سنڌي لوڪ ادب جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ـــ آمين.


    منهنجي نانو، مُنهنجي نظر ۾ : لياقت علي مڱڻهار

    حقيقت هيءَ آهي ته سهراب فقير منهنجو نانو هو ۽ ان مان مونکي پنهنجي لاءِ شفقت ۽ وفاداريءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي. هو مونکي پنهنجي پٽن وانگي ۽ آءٌ ان کي پنهنجي پيءُ جيان سمجھندو هُيس. ان ڪري هو سدائين منهنجو همدرد ۽ هڏ ڏوکي رهيو.
    (1) خانداني حيثيت: سهراب فقير گائڪ ٿيڻ کان اڳ به پنهنجي قبيلي جو وڏو ۽ پڳدار هوندو هو. چڱو مڙس هئڻ ڪري سندس سامهون ڪو به بحث نه ڪندو هو، چاهي سندس چاچا ڇو نه هجن.
    (2) مذهبي حيثيت: سهراب فقير حسيني صوفي هو ۽ سائين دُر لال سرڪار جو سچو طالب هو، جِتان هُنَ کي محبت، امن ڀائيچاري ۽ همدرديءَ جو سبق مليو هو هن آخر تائين پنهنجي مرشدن کان مليل پيغام نه ڀُلايو ۽ دنيا تائين اهو ئي پيغام پهچايو.
    (3) قومي نظريو: سهراب فقير سِنڌ امڙ جو سچو ۽ پڪو سنڌي هو ان ڪري ئي هُنَ سنڌ حڪومت جي مليل پروگرامن ۾ ته ڀرپور شرڪت ڪئي پر ٻين سرڪاري پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪندو هو.
    فقير سائين جيئن ته پنهنجي ويجھن رشتيدارن ۽ عزيزن قريبن ۾ سڀ کان وڏو هوندو هو ان ڪري هر ننڍي وڏي جي مٿي تي سندس شفقت وارو هٿ هوندو هو.
    (4) غريب پرور: سهراب فقير ڳوٺ ۾ رهندڙ هر غريب ۽ مسڪين پاڙيوارن جي بنا فرق جي مدد ڪندو هو. ايتري قدر جو ڳائڻ مان کيس جيڪو پيسو ملندو هو ان مان به ڪجهه غريبن کي حصو پتي ڏيندو هو.
    (5) وعدي جو پڪو: سهراب فقير جي هڪ اها خوبي به هوندي هئي جو هو جيڪڏهن ڪنهن سان محفل ۾ اچڻ يا ڪنهن ٻئي دنيا داريءَ جي معاملي ۾ وعدو ڪندو هو ته هو اُنَ کي هر صورت ۾ پاڙيندو هو چاهي ان لاءِ کيس ڪيتري به قرباني ڏيڻي پوي.
    مطلب ته منهنجو پيارو نانو سهراب فقير هڪ حق پرست ۽ انصاف پسند، رحمدل ۽ بيشمار ڳڻن جو مالڪ درويش گائڪ هو. هو ڪڏهن به ظلم ۽ ناحق ڪندڙ جو ساٿُ نه ڏيندو هو.


    سهراب فقيرُ ــــــ هڪ باڪمال فنڪار : ادل سومرو

    سنگيت جي ساڻيهه جو هڪ نرالو رنگ آهي، جِتي سُر، سُرهاڻ جيئن ڦهلجي، پنهنجي ڌار ڌار سُڃاڻپ ڪرائين ٿا.
    جيڪي فنڪار پنهنجي فن سان سچو ساٿُ نباهيندي، رياضت واري راهه تي هلندي، ڏات سان پنهنجي ذات کي جوڙي ڇڏين ٿا، انهن جو نانءُ، پوءِ وستي واهڻ ۽ جھَر جھنگ ۾ جھونگارجي ٿو. ڪي فنڪار بيحد صلاحيتن جي باوجود به گمناميءَ جي گهٽين ۾ رهن ٿا. انهن جو فَنُ مَحَدُودُ ماڻهن تائين، دائري ۾ بند رهي ٿو ڇاڪاڻ جو انهن کي پنهنجي صلاحيتن اُجاگر ڪرڻ جا موقعا گهٽ ملن ٿا.
    پر جڏهن به اهڙن گمنام فنڪارن کي پنهنجي صلاحيتن مڃائڻ جو موقعو مليو آهي ته هو تمام اڳتي وڌي آيا آهن. اهڙن فنڪارن مان هڪ باصلاحيت فنڪار سهراب فقير به آهي. جنهن کي جڏهن، پنهنجي ماحول مان اڳتي وڌي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پنهنجي آواز جي صلاحيتن پيش ڪرڻ جو موقعو مليو ته هن جي مقبوليت ۾ اضافو اچي ويو. جڏهن ريڊيو تان غمدل فقير جو هي ڪلام ٻُرندو آهي ته هڪدم سُهراب فقير جو نالو ذهن تي تري ايندو آهي.
    ڳليان پريم نگر ديان
    حضرت عشق گهمايم
    سُهراب فقير ٽالپر وڏا ضلعو خيرپور جي هڪ فنڪار گهراڻي ۾ ڄائو، سندس والد حمل فقير پنهنجي وقت جو هڪ ناميارو فنڪار هو ۽ سُهراب فقير کي راڳ جو رنگ به پنهنجي والد جي اثر سبب لڳو ۽ هو ننڍپڻ ۾ ئي سُرَ ۽ سنگيتَ جي محبت ۾ اچي ويو.
    اهڙي ريت ننڍپڻ ۾ ئي سُهراب فقير پنهنجي والد حمل فقير سان مختلف ميڙن، مجلسن ۽ شاديءَ جي موقعن تي ڳائڻ لڳو ۽ ائين ئي سندس فَنَ جو سفر جاري رهيو.
    اڳتي هلي سُهراب فقير باقاعدي راڳ جي تربيت حاصل ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ هُنَ مرحوم کيتو خان سکر واري کي اُستاد بڻائي سکيا ورتي.
    سُهراب فقير سڀ کان گهڻو پنهنجي مرشد صوفي دُر محمد فقير هيسباڻي جي حاضري ۽ درگاهه خوش خير محمد فقير تي ڳايو آهي ۽ اڃان به ڳائيندو رهي ٿو. سندس آواز ۾ ڳايل خوش خير محمد فقير جي هيءَ ڪافي به گهڻي مقبول آهي.
    پرين الله آڻئي، تون آءٌ
    سهراب فقير جي راڳ جو انداز عوامي آهي. هُو جڏهن به يڪتاري ۽ چپڙي تي مستيءَ وري ڪيفيت ۾ ڳائي ٿو ته محفل ۾ ويٺل ماڻهو جھومڻ لڳن ٿا. ڪيترن ئي ميڙن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ هن فنڪار شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ قلندر لعل شهباز جي درگاهن تي به پنهنجي فن جا جوهر پيش ڪيا آهن.
    سُهراب فقير عوامي حلقن ۾ اڳ به مقبول هو، پر جڏهن ريڊيو تي آيو ته هن جي مقبوليت ۾ اڃان به اضافو آيو.
    هيل تائين سُهراب فقير ريڊيو پاڪستان خيرپور تي 8 کن ڪلام رڪارڊ ڪرايا آهن، جيڪي تقريباً سڀئي ٻڌندڙن ۾ مقبول آهن.
    ٽيليويزن جي پروگرام ڪچهري ۾ پهريون ڀيرو جڏهن سُهراب فقير منفرد انداز ۾
    ڌاري ڇڏي ڌار، اوهين پنهنجي وطن وڃو ٿا
    ڪافي ڳائي ته ان کي به تمام ساراهيو ويو.
    سهراب فقير موجوده دؤر جي فنڪارن مان محمد جمن، محمد يوسف ۽ عابده پروين جي آواز کي پسند ڪري ٿو ۽ هو انهن جي ڳائڻ واري انداز کان متاثر آهي.
    سهراب فقير بنا ڪنهن انعام اڪرام جي لالچ جي، پنهنجي فن جو سفر جاري رکيون پيو اچي، جيتوڻيڪ هو پنهنجي عمر جو ڪافي وقت ان وقت سفر ۾ گهاري چڪو آهي پر اڃا ٿڪو ناهي سندس آواز ۾ سوز ۽ سگهه اڃا قائم آهي. سندس آواز ۾ ڳايل سيد صالح شاهه جي هيءَ ڪافي ٻڌندڙن جي دلين کي گهڻو متاثر ڪري ٿي.
    سِگهو موٽ سانول!
    وري آءٌ وطن تي

    (جناب ادل سومري هي ليک ڀڳ 20-25 سال اڳ ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ لکيو هو ـــ مرتب)


    Sohrab Fakir : Fahimeh Fifi Haroon

    Regulars at the Sufi shrines in the interior of Sindh are always mesmerized by Sohrab Fakir’s silky, full-throated voice, as he sings the verses from the mystic poets of Sindh & lower Punjab. As emotions rise, the words take on a more poignant tone, the oft-repeated tales suddenly seeming freshly touching. And when it comes to performance, Sohrab Fakir could give a lot of people a run for their money. For one, his presence is as arresting and outlandish as any heavy metal singer’s. His shoulder-length hair and beard is a bright hennaed orange. Around his neck, he wears several chunky chains of agate and multicolored stones. And his fingers are ringed with silver and turquoise. Couple that with a deep desert tan and flashing green eyes and you have what fusion music promoters might call a very salable image.
    A Manghalhaar Fakir, Sohrab started singing with his father Hamal Fakir at Dargah (Shrine) of Sufi Khair Mohammad Hisbani when he was about ten years old. Subsequently, he left the dargah to study under the tutelage of Ustad Kheta Khan of the Patiala gharana (school). Sohrab’s career began when he joined a Nachu group of singers who perform in drag. In time, he moved on to the music of the shrines, and is today the foremost exponent of the Soung or choral style in Sindh.
    For Sohrab, music has a much deeper mystical significance which is why the Soung tradition suited him ideally. The Soung (literally meaning togetherness) is a form of choral singing which has emerged from the Sufi tradition of Sindh. Clad in vibrant saffron robes, they sing and dance to the frenzied rhythm of a mysticism drenched in the soulful lyricism of the great sufi poets of the Indian subcontinent, creating an experience that you are unlikely to forget. Clutching is one hand the Yaktaro, a one-string instrument that has become their hallmark, they whirl around vigorously, singing of the joys and sorrows of love, which in the Sufi tradition can mean a union with the beloved literally, or on a more transcendental leve, denote God.
    Though Sohrab Fakir is known to have had many liaisons in his younger days. His one grand passion today is music. “Now, which I fall in love, I fall in love with sur (tunefulness). I have become totally besotted with the voice of a much older women these days. It is her sur that has attracted me to her. Because you can discover God in sur. Allah speaks in sur.” Whether you consider music a religious experience or not, Sohrab Fakir’s soulful voice will surely take you closer to the margin of Mustic rapture.


    انٽرويو

    عشقَ اسان کي آهي اُڏاريو....

     ڳالهه ٻولهه: ڪوثر ٻرڙو

    (سهراب فقير جو يادگار ريڊيو انٽرويو )


    سوال: توهان پنهنجي فني سفر بابت تفصيل سان ٻُڌايو؟
    سهراب فقير: سائين موسيقيءَ جو فن، اسان جي گهر جي ميراث آهي. منهنجو والد صاحب ۽ منهنجا چاچا ڳائيندا هئا. پيءُ جو نالو حمل فقير، وڏي چاچي جو نالو محرم فقير ۽ ٻيو زوار پير بخش فقير، اهي ڳائيندا به هئا ۽ ساز به وڄائيندا هئا. اهي به اسان وانگر سُنگ جي صورت ۾ ڳائيندا هئا. سندن جو زمانو هوندو هو، ٽوليون ڪري ڳائڻ جو رواج هوندو هو، ڀڳت انداز ۾. بابو طبلي نواز هو استاد ماڻهو هوندو هو، اڳتي هلي هلي عشق جي ميدان ۾ لٿاسون تڏهن وڃي مرشدن جي پاسي پياسي. مرشد سائين خوش خير محمد فقير جو فرزند در محمد هيسباڻي سائين، ان سان روح جي ڪشش تڏهن کان ٿي وئي جڏهن ڏهه ٻارنهن سال عمر هُئي. ڇو ته هنن وٽ طالب تمام گهڻا ايندا هئا، فقير اچي ڪٺا ٿين، راتين جون راتيون ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو هلندو هو. فقير ڳائين اسان ڪڏهن ڪنهن سان باجو وڄايو، ڪنهن سان ڍولڪ، پاڻ يڪتارو کڻي ڳائڻ لڳاسي. شروع ۾ مون عاشق علي خان جي شاگرد کيتو خان کان سکڻ شروع ڪيو، اهو روهڙيءَ ۾ رهندو هو. استاد عاشق علي خان به روهڙيءَ ۾ تمام گهڻو رهندو هو. اسان ان وقت ننڍا هوندا هئاسي، باقي استان کي ڏٺوسي ضرور، ڳائي ته ڪونه سگهندا هئاسين، پر باجو ۽ چار سُر سکي ورتاسي. ڪُجهه نه ڪجهه حاصل ڪيوسي. گهڻي ڊيوٽي فقيرن سان ڏني. هونئن راڄ جا فقير مڱڻهار به رهيا آهيون. انهن جون شاديون، ڳائڻ وڄائڻ ڌنڌو رهيو آهي. اڳتي هلي اسان سان فقير عنايت علي جنهن مرشد پاڪ جي ڪافي ”رخ رانجھن ماه منير هويا“ ڳائي ان سان جوڙ ٺهيو. مون به اهو ريڪارڊ ڪرايو، پوءِ گهڻن فنڪارن ڳايو. اسان هڪ درگاهه تي رهندا هئاسي، ان سان پڪو جوڙ ٿي ويو ۽ گڏ ڳائڻ لڳاسي، هو مون کان سينيئر هو. مون کي هارمونيم، فقير کي يڪتارو ان ڪري ائين سٺو وقت گذرڻ لڳو. فقير سائين اوچتو فوت ٿي ويو. مون لاءِ اُداسيون ۽ پريشانيون وڌي ويون، ڪُجهه وقت مان مرشدن جي درگاهه ڇڏي فقير سائين جي مزار تي وڃي رهيس، اها محرابپور ۾ آهي. فقير تي ڏهاڙي ڳائڻ شروع ٿيو. هونئن اصل ڳوٺ ٽالپر وڏا آهي. ڪجهه وقت اُتي رهيس ته هيڪر خورشيد علي خان اچي محرابپور نڪتو، مونکي ملي چيائين يار! مون کي تو جهڙي ماڻهو جي ضرورت آهي، پنجابيءَ ۾ چيائين، ڇو ته منهنجو فن ڏٺائين پر ائين وڄائڻ به پسند آيس. اسان هن کي پسند اچي وياسي، اسان کي هو پسند اچي ويو. ڏاڍو پيارو ۽ مٺو گَويو، پنج ڇهه سال سنگت خورشيد علي خان سان رهي، اُنَ سان طبلو وڄائيندو هوس. ان وچ ۾ مونکي مجبوري اها ٿي پئي ته منهنجي گهر واري فوت ٿي وئي، منهنجي عمر جي ساٿياڻي هئي. ٻچڙا ننڍا هئا، وري اُداس رهڻ لڳس. خان صاحب مون وٽ هر چڪر ۾ اچي دلداريون ڏيندو هو، ٻچن کي دلداريون ڏئي، پوءِ مون پنهنجي مئخاني ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. فقير علي محمد فقير جي درگاهه ٽالپر وڏا ۾ آهي، اهي فقير جيئرا هوندا هئا ته مون سان ننڍي لاڪون ڏاڍو پيار ڪندا هئا. اداسي ڏٺائون ته مونکي سيني سان لاتئون، چيائون عنايت فقير جو ڏک، زال مرڻ جو فڪر، ٿي سگهي ته فقير چريو ٿي وڃي ان ڪري سهارو ڏيڻ لڳا، ڏاڍي همدردي ڪيائين. هُو صوفي فقير هو مونکي اڪيلو ڳائڻ جو شوق به ان فقير ڏياريو. ڪجهه دؤر اڪيلو به ڳايم، محفلون، شاديون، ميلا سڀ ڳايم، آهسته سُنگ به تيار ڪيم. علي محمد فقير جو ميلو هو، پهرين ورسي هئي ته اتي الله بخش شاهه بُخاري آيو، ان وقت پُراڻي بلڊنگ ۾ خيرپور ريڊيو اسٽيشن هوندي هُئي.

    سوال: معاف ڪجو اوهان جي ڳالهه ٿو ڪٽيان ته استاد منظور علي خان سان به ساٿ رهيو اوهان جو؟
    سهراب فقير: واهه جو ڳالهه ياد ڏياري اوهان! مان خان صاحب خورشيد علي خان سان هوس ته هڪ دفعي استاد منظور علي خان سان ملاقات ٿي. هُو جڳ مشهور استاد فنڪار هو، مونکي چيائين طبلو ظالم ساز آهي تون شينهن جي ڪن ۾ هٿ وجھيو ويٺو آهين اهو ڇڏ، تون ڳاءِ، اسان تنهنجو ساٿُ ڏينداسين. حوصله افزائي زبردست انداز ۾ ڪيائين. پوءِ محفلن، شادين مرادين ميلن ۾ مونکي منظور علي خان ڏسي ته پاڻ سڏ ڪري ته اچو صوفي فقير اسان سان سنگت ڪيو، ڇو ته هو سچو استاد هوندو هو. اهو ئي سبب آ ته هُنَ جا شاگرد جيڪي ڳائين ٿا ته لڳي ٿو اُستاد پاڻ ٿو ڳائي. شاگردن سان به سچو هوندو هو.

    سوال: ته اوهان بُخاري صاحب جي ڳالهه پئي ڪئي؟
    سهراب فقير: ها بُخاري صاحب ان ميلي ۾ آيو اسان جي به ڊيوٽي هئي. پيرين اگهاڙو، جڳ پاڻيءَ جو کنيو سڀني کي پاڻي پيئاريندو وتان. فقراءَ پئي ڳايو، شاهه صاحب اٿڻ وارو هو، ان کي خبر هئي ته مان به ڳائيندو آهيان. مونکي چيائين اسان کي به ٻول ٻڌاءِ، مون ڳائڻ شروع ڪيو. صبح جا پنج ٿي ويا، ٻڌندو رهيو. اسان کي به خريدار سٺو مليو، ويتر جو ريڊئي جي حوالي سان تعارف ڪرايائين ته اسان تي به مستي چڙهي، سائين راضي ٿي ويو. ضلعي ڪائونسل هال ۾ گلزار علي خان ڪمپوزر هوندو هو. مونکي بُخاري صاحب گهرايو هو ۽ ان مونکي موقعو ڏنو.

    سوال: ريڊيو تي پهرين لائيو پروگرام مِليو يا ريڪارڊنگ ٿي؟
    سهراب فقير: پهريان لائيو پروگرام ٿيو، ڳوٺاڻي پروگرام ۾ سڀ کان پهريان ”ڳليان پريم نگر ديان“، ڳايم جيڪو بعد ۾ ريڪارڊ به ڪيائون، پوءِ جيڪي به دوست پروڊيوسر آيا انهن پيار ڪيو ۽ محنت ڪئي مون تي. اوهان جا لک احسان جو انٽرويو لاءِ گهرايو.

    سوال: ريڊيو تي ڪيترا ڪلام ريڪارڊ ٿيا هوندا؟
    سهراب فقير: بهاولپور تي به پنج ڇهه ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن، خيرپور تي به تمام گهڻا ريڪارڊ ٿيا.

    سوال: پهريان اوهان جو آواز لا محدود ٿي ويو، اوهان تمام گهڻو مشهور ٿيا پوءِ ڪلچر کاتي وارن اوهان جي همت افزائي ڪئي ۽ ٻاهر وڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو؟
    سهراب فقير: ڏاڍا ملڪ گهمي آيا آهيون ”عشق اسان کي آهي اڏاريو، پل پل پيا پرواز ڪيون“ اهو سڄو رنگ عشق جو آهي، عشق معصوم آهي. عشق پاڪ آهي ان جو مرڻ جيئڻ سان ڪو به واسطو ڪونهي، هو تا حيات آهي سڀ کان پهريان جرمنيءَ ويس سرڪاري طور، وري هالينڊ وياسي، جرمنيءَ ۾ عبرت ڀري ڳالهه اها نظر آئي ته لطيف جي ٻوليءَ جا اسان کان وڌيڪَ پوڄارا ۽ پريمي هئا. اسان جي دل بهار ٿي وئي ته سنڌي ته پري، انگريز به لطيف کي مڃن پيا. لطيف اسان جي سڃاڻپ آهي، اينمري شمل به هئي ان وڏو ڪم ڪيو آهي، ان سنڌ ۾ مونکي جڏهن ٻڌو هو ته مون سان واعدو ڪيو هئائين ته توهان کي جرمني گهرائينديس ۽ هن ائين ڪيو، پوءِ هالينڊ وارن ٻيهر به گهرايو، کين ڏاڍو پسند آياسي.

    سوال: هنن کي توهان جو لباس، ڳائڻ جو انداز، آواز يا مرڪون، مينڍون، ساز، ڪهڙيءَ شيءِ وڌيڪَ مُتاثر ڪيو؟
    سهراب فقير: قبلا سائين! پهريون ته هنن کي لباس تمام گهڻو پسند آيو، ٻيو اسان جي رڌم بلڪل منفرد لڳي. ساز اتي به گهڻا آهن پر اسان وارا ساز هنن کي عبرت ڀريا ٿا لڳن. چپڙي هڪ هٿ ۾ ٻئي هٿ ۾ يڪتارو، انهن جي لئه کي گڏ ملائڻ هنن کي ڏاڍو مُتاثر ڪري ٿو. يڪتاري جي تنبن ۾ سوراخ آهن، انهن سوراخن کي کولي ڏسن، ته اُنَ ۾ ڇاهي؟ چپڙين جو کڙڪو الڳ، ڍولڪ تي سنڌ جون ڌنون، مٿان وري ٻولن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي هُنن کي ملي پيو ته ڏاڍو انجواءِ پيا ڪن. هالينڊ کانپوءِ لندن ٽي دفعا وڃي چڪو آهيان، اتي پاڪستانين ۽ سنڌين تمام وڏي پيار ۽ خوشيءَ سان ٻڌو. مون ڌاري ملڪ ۾ لطيف، سچل، خوش خير محمد فقير کي جڏهن ڳايو پئي عجيب احساس هُئا ۽ خوشي ٿي رهي هئي. چيزل کي ڳايم، بيدل کي ڳايم، ڏاڍي عزت ڏنائون. لنڊن ۾ سنڌي جام هن، تازو ناروي ۾ ويس ، اتي برف پئي اڏري ۽ ڄڻ ڪپهه پئي اڏري، اسان ٽالپر وڏا جا، صبح جو اٿياسي، رڳي ڪپهه پئي اڏامي سوچيو سي شايد ڪپهه جا ڪارخانا آهن، پوءِ خبر پئي برف آهي، گهمياسي، ڏاڍو خوبصورت ملڪ آهي.

    سوال: فقير سائين ملڪ نوان ٻولي ڌاري، ماحول نئون، پرڏيهه ۾ ڪو واقعو پيش آيو؟
    سهراب فقير: هالينڊ ۾ هڪ ڳائڻي اسان سان مقابلي لاءِ تيار ٿي، اتان جي هئي شايد، مائيءَ جو نالو ڪونه ٿو اچي تمام قداور، اسان جي چڙهائي ٻي هنن جي ٻي، اسان جي ڳلي جي شيريني ٻي هنن جي ٻي. دوبدو ويٺاسي هن اسان کي ڀيروي ٻڌائي، غلام حيدر صديقي صاحب اسان جو اڳواڻ هو، آلاپ ڀيرويءَ جو ڪيائين ٻولي انگريزي هئي. مونکان پڇيائون ڇا ٿي ڳائي مون جواب ڏنو ڀيروي. وري لوڙائوءَ جو آلاپ ڪيائين، مان ٻڌايو، مانجهه، جوڳ ڳايائين، مون سڃاتو ۽ سُر سمجھيا، چار آئٽم ڪيائين واري مونکي حڪم ٿيو ته شروع ڪر ته مائي سمجھي. مون چيو ڳالهه اهڙي سروع ڪر جو انگريزياڻيءَ جي مٿي کي چڪر اچي وڃن. مون پهريان ڪوهياري شروع ڪئي، آلاپ جيئن مٿي وڃي ته هوءَ مٿي نهارڻ لڳي، مٿي ڏسي وري هيٺ ڏسي، مائي پريشان، چوي، ”نو“ ”نو“ اسان به سمجهي وياسي، ماڻهن تاڙيون وڄايون ته سنڌي فنڪار کٽي ويو. وري راڻو، سورٺ، هُنَ کي ڪجهه سمجھهه ۾ ڪونه آيو، پوءِ هت لاهوت ويس ٽي دفعا لاهوت ڪيم. اڳ موري واري پل ڪونه هئي سکر ۽ لاڙڪاڻي کان بس تي وياسي، بس ڪلٽي ٿي وئي، ٽي ڪلٽيون کاڌائين ماڻهو مئا، زخمي ٿيا، اسان جو نعرو هو مولا تون بچاءِ. اسان جي غيبي مدد ٿي، اسانکي ڪجهه ڪونه ٿيو، خير! پوءِ هروڀرو ٻين زخمين سان اسان کي به اسپتال ۾ وڌائون وري ٻئي ڏينهن سيوهڻ لاءِ تيار ٿي وياسون وري لاهوت وياسي هليا.

    سوال: ڳائڻ جي مڃتا ۾ ايوارڊ به ملي چڪا هوندا؟
    سهراب فقير: الحمد الله تمام گهڻا ايوارڊ مليا آهن. سونهاري سنڌ مان. سچل ايوارڊ ٻه دفعا، قلندر ايوارڊ، لطيف ايوارڊ، ريڊيو خيرپور تان ٻه دفعا ايوارڊ به مليا.

    سوال: اسڪول جي تعليم ڪيتري آهي؟
    سهراب فقير: ڪجهه به نه، ”الف“ اسان نون يار پڙهايا، ”ب“ دي غرض نهين.

    سوال: ”ب“ دي غرض نهين ته پوءِ اِهي ايترا ڪلامَ ڪيئن ٿا ياد ڪيو؟

    سهراب فقير: هن وقت تائين ان جو جواب مونکي به ملي نه سگهيو آهي ته اِهو سڀ ڪجهه ڪيئن پيو ٿئي! ڪير آ ٻولڻ وارو ڪير آ ٻولائڻ وارو، حالانڪه هر وقت بيمار به رهان ٿو، ٻه دفعا هارٽ اٽيڪ به ٿيو اٿم، پر ڪم هلي پيو. سُنگ ۾ مون سان پٽ به آهي رجب علي، غلام عباس به آهي، سيد باقر شاهه، قلندر بخش خاصخيلي ۽ گلبهار جويو ۽ ٻيا به آهن.

    سوال: اڄ ڪلهه نوجوان راڳي پيا ڳائين، اوهان سينيئر فنڪار آهيو، موسيقي، ڄاڻ ۽ هنن جي انداز جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟

    سهراب فقير: مان توهان کي اڄ کليل لفظن ۾ ٻڌايان ته جيڪڏهن هنن جو سنڌ وطن ۽ ڌرتيءَ سان پيار آهي ته ائين نه ڳائين، جيئن هن وقت ڳائين ٿا. شاعرن کي به کپي ۽ ڳائڻ وارن کي به کپي ته هو سوچين ته اسان جي ثقافت ڪهڙي آ. اسان جو ايندڙ نسل به ائين ئي ڳائيندو ته پوءِ اسان جي ثقافت پوئِتي رهجي ويندي.

    سوال: هزارين ڪلامن مان، اهو ڪهڙو ڪلام آهي جنهن جا ٻولَ بي اختيار اوهان جي زبان تي ايندا رهندا هُجن؟
    سهراب فقير: ”ميڏا روح منگدا محبوب آ وي“

    سوال: پرستارن لاءِ پيغام؟
    سهراب فقير: انهن کي رب پاڪ آباد، شاد رکي. اهي محبوبـبڙا عشق جي ٻولي ٻڌندا رهن. ڳائيندڙن کي، فنڪارن کي ۽ شاعرن کي به اها نصيحت ۽ عرض ته ٻول فنڪارن کي اهي ڏيو جن ۾ وطن جي به ڀلائي هجي، قوم جي به ثقافت ۾ به واڌارو اچي، فنڪار فوڪ ضرور ڳايو، وطن کي نه وساريو.


    سهراب فقيرَ جهڙو ڀاڳُ ۽ اندازُ شايد ئي ڪنهن کي ملي

    ڳالهه ٻولهه: مرتضيٰ جوڻيجو

    (سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي استاد عبدالغفور سومري
    کان سهراب فقيرَ جي فَنَ ۽ زندگيءَ متعلق ورتل انٽرويو)


    سوال: استاد منظور علي خان اڪيڊمي سهراب فقير لاءِ ڇا ڪيو؟

    عبدالغفور سومرو: استاد منظور علي خان اڪيڊمي ۽ آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن سهراب فقير جي بيماري دوران اخلاقي ادبي ۽ سماجي حوالي سان موثر ڪردار نڀائيندي رهي. بيماري دوران مختلف وقتن تي عيادت ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو. جڏهن ته همدردن ۽ مهربانن وٽان سهائِتا پڻ ڪرائي وئي. باقي حڪومت کي اپيلون ان ڪري نه ڪيون سين ۽ نه ئي ڪريون پيا جو حڪومت ۽ ثقافت کاتي جي ڪارڪردگي سمورين سڄاڻ ڌرين کي خبر آهي. ان کان علاوه سهراب فقير جر مرتئي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ استاد منظور علي خان اڪيڊمي طرفان تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جڏهن ته سهراب فقير کي دعائون ڏيون پيا ٻيو انسان ڇا ٿو ڪري سگهي.


    سوال: راڳ جي حوالي سان سهراب فقير جي خدمتن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

    عبدالغفور سومرو: ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سهراب فقير خوبصورت راڳي هو سندس آواز ۾ ڀرپور لئه ۽ طاقت هئي جيڪا ڪنهن وٽ به ناهي جنهن ۾ سُر به هو، ٻولي جي مٺاس به هئي گڏوگڏ ان سان هڪ خوبصورت انداز به هو.

    سوال: سهراب فقير جي ذات جي حوالي سان متضاد ذاتين جو ذڪر ڇپجي چڪو آهي اوهان ڇا چوندا؟
    عبدالغفور سومرو: مون کي جيڪا هن پاڻ ڄاڻ ڏني هئي ته اسان مڱڻهار آهيون جڏهن ته مان پاڻ استاد خورشيد علي خان سان طبلو وڄائيندو هوس. بهرحال فن جي دنيا ۾ ذات پات جو تعلق ئي نه ليکيو ويندو آهي ۽ نه ئي هوندو آهي فن ته اسان جي اندر جو آواز هوندو آهي جيڪو عام انسان کي ڪلا بخشي سندس ڪردار کي امر بڻائي ڇڏيندو آهي.

    سوال: سهراب فقير جي وفات کانپوءِ اوهان ڪهڙو خال محسوس ڪيو ٿا؟

    عبدالغفور سومرو: سهراب فقير جي وفات کانپوءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پليٽ فارم کان اهي ڳالهيون سامهون اچي چڪيون آهن ته لوڪ موسيقي فوت ٿي وئي. ۽ ان کان اڳ به جڏهن ڪو ناليوارو ۽ مهان ڪلاڪار هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته انهن جي حوالي سان به ساڳيون ڳالهيون چيون وينديون رهيون آهن جيئن استاد منظور علي خان، محمد جمن، محمد يوسف ۽ علڻ فقير ۽ ٻيا ڪيترائي نامور ڪلاڪار آهن، دراصل ائين نه آهي. سهراب فقير ٻيو ڪونه ٿو ٿي سگهي جڏهن ته سهراب فقير جهڙو ڀاڳ ۽ انداز به شايد ئي ڪنهن کي ملي سگهي. جڏهن ته سهراب فقير تلفظ جي ادائگي جي حوالي سان تمام پختو ۽ سٺو هو، ان وانگر چٽو ۽ سُرَ ۾ ڳائڻ مشڪل آهي.

    سوال: سهراب فقير جي ساٿين ۽ سندس شاگردن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
    عبدالغفور سومرو: سهراب فقير جي ساٿين ۽ شاگردن مان هونئن ته تمام ساٿي ۽ شاگرد سُٺا آهن پر جمال الدين فقير ۾ سهراب فقير جو عڪس نظر اچي ٿو. هونئن به استاد کانپوءِ سندس شاگردن مان اميد رکي ويندي آهي.

    سوال: ثقافت کاتي طرفان فنڪارن سان پيش ايندڙ نامناسب رويي کي ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو؟

    عبدالغفور سومرو: ثقافت کاتي طرفان فنڪارن سان نامناسب رويي کي نظر ۾ رکندي ۽ ڪجهه فنڪارن جي هڪ هٽيءَ جي ڪري فنڪارن کي کي هڪ گڏيل آسا جي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم آهيون. فنڪارن ۾ ٻڌي، ايڪو ۽ اتحاد نه هجڻ ڪري ثقافت کاتي طرفان فنڪارن سان وقت به وقت ناانصافيون ٿينديون رهن ٿيون. ثقافت کاتي کي گهرجي ته ٿيڻ ايئن گهرجي جو ٽيلنٽ کي سامهون رکي فوڪ، ڪلاسيڪل ۽ نئين انداز سان ڳائيندڙ فنڪارن جون الڳ الڳ ڪيٽيگريز ٺاهيون وڃن ته جيئن هڪ هٽيءَ وارو رواج ختم ٿي سگهي. اڪثر طور ائين ٿيندو رهيو آهي ته هڪ اڌ نامور ۽ باقاعده راڳ جي ڄاڻ رکندڙ فنڪارن کان علاوه باقي سفارش ۽ پرچي ڪلچر تحت راڳ جي الف ــ ب کان اڻڄاڻ فنڪارن کي عالمي سطح جي دورن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. ثقافت کاتي جي اهڙي روش خلاف جڏهن اسان آواز اٿاريو ته ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان کي ثقافت کاتي طرفان ٿيندڙ پروگرامن کان پري رکيو ويو. حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها به آهي ته ثقافت کاتو عالمي سطح تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ راڳ سان وابسته فنڪارن کي شامل ڪرڻ لاءِ هتان وٺي ته ويندا آهن پر جڏهن اهي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي پرفارمنس پوري ڪري ڏيهه پهچندا آهن ته انهن وٽ ايئرپورٽ کانپوءِ پنهنجي شهر، ڳوٺ يا گهر اچڻ لاءِ ڀاڙي جا پئسا به نه هوندا آهن يعني ٻاهرين ملڪن مان قدردانن طرفان يا حڪومتن طرفان فنڪارن کي ملندڙ رقم به ثقافت کاتي وارا نه ڏيندا آهن. ان حوالي سان فنڪارن کي پاڻ سڃاڻڻ کپي. جڏهن ته ثقافت کاتي وارن وٽ پڻ راڳ جي ڄاڻ رکندڙ فنڪارن بابت لسٽ هئڻ گهرجي ڇو ته ٻاهرين ملڪن جي دوري تي ويندڙ فنڪار سٺي پرفارمنس تڏهن ئي ڏئي سگهندا جڏهن انهن کي راڳ جي سُرَن راڳڻين ۽ ٻين اسمن بابت چڱي طرح ڄاڻ هجي.


    سوال: نجي ٽي وي ادارن جي ڪردار بابت ڇا چوڻ چاهيندا؟
    عبدالغفور سومرو: نجي ٽي وي، توڙي ريڊيو ادارن ۾ به راڳ سان ويڌن ئي رهي آهي انهن ادارن ۾ به فن جو قدر نه ٿي رهيو آهي ائين کڻي چئجي ته ميڊيا جي ادارن به راڳ کان واقفيت رکندڙ فنڪارن کي خوار ڪيو آهي. ڏينهون ڏينهن ميڊيا جي ادارن اندر ادبي ۽ ڪلاسيڪل راڳ ۽ راڳيءَ جو موت ٿي رهيو آهي. نون اڀرندڙ فنڪارن ۽ پراڻن فنڪارن جي وچ ۾ فن جو قدر ڪرڻ وارو وڏو تفاوت آهي. جنهن سبب سنڌي موسيقي تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي. ان حوالي سان سخت مايوس آهيون. تازو ئي سهراب فقير جي مرتئي تي ميڊيا جي ادارن صرف سياستدانن ۽ ڪامورن کان ته سندس شخصيت بابت ڳالهرايو پر ڪنهن راڳي يا فنڪار کان ڪمنٽس نه ورتا ويا. ميڊيا جي اهڙي رويي کي ڇا چئجي؟

    سوال: راڳداري بابت ڇا چوندا ۽ سهراب فقير کي راڳداري جي ڪيتري ڄاڻَ آهي؟

    عبدالعفور سومرو: موسيقي ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن هڪ سر ٻيو لئه جڏهن ته انهن ۾ وري ٻولن جو ڪردار نهايت ئي اهم هوندو آهي. جڏهن ته سهراب فقير کي انهن سمورين شين جي سٺي واقفيت هئي ها البته هن کي ڪلاسيڪل راڳ جو علم گهٽ هو.

    سوال: سنگ ڇا کي چوندا آهن ۽ ان جو رواج ڪڏهن کان پيو؟

    عبدالغفور سومرو: سنگ هڪ قسم جو صوفياڻي قوالي آهي. هِتي اسان وٽ گڏ ڳائڻ جي روايت گهٽ رهي آهي جڏهن ته سنگ ۾ ڳائيندر راڳين کي سر ۽ لئه جي انداز سان گڏ ڳائڻ گهرجي. سنڌ ۾ سنگ جي صورت ۾ ڳائڻ جو رواج ڪافي پُراڻو آهي. اڪثر ڪري سنڌ ۾ قائم صوفي درويش جي درگاهن تي راڳ ويراڳ سان چاهه رکندڙ فقير ميلن يا اسلامي چنڊ جي پهرين تاريخن يا جمعي جي راتين تي سنگ جي صورت ۾ ڳائيندا هئا، پر سنگ جي صورت ۾ ڳائڻ جي حوالي سان سهراب فقير عالمي سطح تي مڃتا ماڻي ان کان علاوه شمن فقير شڪارپور وارو به بهتر ڳائيندو هو. اهي فقير خاص طور تي صوفي درويشن جي درگاهن تي لڳندڙ ميلن دوران شهرن ۽ ڳوٺن جي چونڪن ۽ چوراهن تي سنگ جي صورت ۾ سندن چيل عارفاڻا ڪلامَ ڳائيندا هئا.


    سهراب فقيرَ جهڙو ڀاڳُ ۽ اندازُ شايد ئي ڪنهن کي ملي

    ڳالهه ٻولهه: مرتضيٰ جوڻيجو

    (سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي استاد عبدالغفور سومري
    کان سهراب فقيرَ جي فَنَ ۽ زندگيءَ متعلق ورتل انٽرويو)


    سوال: استاد منظور علي خان اڪيڊمي سهراب فقير لاءِ ڇا ڪيو؟

    عبدالغفور سومرو: استاد منظور علي خان اڪيڊمي ۽ آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن سهراب فقير جي بيماري دوران اخلاقي ادبي ۽ سماجي حوالي سان موثر ڪردار نڀائيندي رهي. بيماري دوران مختلف وقتن تي عيادت ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو. جڏهن ته همدردن ۽ مهربانن وٽان سهائِتا پڻ ڪرائي وئي. باقي حڪومت کي اپيلون ان ڪري نه ڪيون سين ۽ نه ئي ڪريون پيا جو حڪومت ۽ ثقافت کاتي جي ڪارڪردگي سمورين سڄاڻ ڌرين کي خبر آهي. ان کان علاوه سهراب فقير جر مرتئي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ استاد منظور علي خان اڪيڊمي طرفان تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جڏهن ته سهراب فقير کي دعائون ڏيون پيا ٻيو انسان ڇا ٿو ڪري سگهي.


    سوال: راڳ جي حوالي سان سهراب فقير جي خدمتن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

    عبدالغفور سومرو: ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سهراب فقير خوبصورت راڳي هو سندس آواز ۾ ڀرپور لئه ۽ طاقت هئي جيڪا ڪنهن وٽ به ناهي جنهن ۾ سُر به هو، ٻولي جي مٺاس به هئي گڏوگڏ ان سان هڪ خوبصورت انداز به هو.

    سوال: سهراب فقير جي ذات جي حوالي سان متضاد ذاتين جو ذڪر ڇپجي چڪو آهي اوهان ڇا چوندا؟
    عبدالغفور سومرو: مون کي جيڪا هن پاڻ ڄاڻ ڏني هئي ته اسان مڱڻهار آهيون جڏهن ته مان پاڻ استاد خورشيد علي خان سان طبلو وڄائيندو هوس. بهرحال فن جي دنيا ۾ ذات پات جو تعلق ئي نه ليکيو ويندو آهي ۽ نه ئي هوندو آهي فن ته اسان جي اندر جو آواز هوندو آهي جيڪو عام انسان کي ڪلا بخشي سندس ڪردار کي امر بڻائي ڇڏيندو آهي.

    سوال: سهراب فقير جي وفات کانپوءِ اوهان ڪهڙو خال محسوس ڪيو ٿا؟

    عبدالغفور سومرو: سهراب فقير جي وفات کانپوءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پليٽ فارم کان اهي ڳالهيون سامهون اچي چڪيون آهن ته لوڪ موسيقي فوت ٿي وئي. ۽ ان کان اڳ به جڏهن ڪو ناليوارو ۽ مهان ڪلاڪار هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته انهن جي حوالي سان به ساڳيون ڳالهيون چيون وينديون رهيون آهن جيئن استاد منظور علي خان، محمد جمن، محمد يوسف ۽ علڻ فقير ۽ ٻيا ڪيترائي نامور ڪلاڪار آهن، دراصل ائين نه آهي. سهراب فقير ٻيو ڪونه ٿو ٿي سگهي جڏهن ته سهراب فقير جهڙو ڀاڳ ۽ انداز به شايد ئي ڪنهن کي ملي سگهي. جڏهن ته سهراب فقير تلفظ جي ادائگي جي حوالي سان تمام پختو ۽ سٺو هو، ان وانگر چٽو ۽ سُرَ ۾ ڳائڻ مشڪل آهي.

    سوال: سهراب فقير جي ساٿين ۽ سندس شاگردن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
    عبدالغفور سومرو: سهراب فقير جي ساٿين ۽ شاگردن مان هونئن ته تمام ساٿي ۽ شاگرد سُٺا آهن پر جمال الدين فقير ۾ سهراب فقير جو عڪس نظر اچي ٿو. هونئن به استاد کانپوءِ سندس شاگردن مان اميد رکي ويندي آهي.

    سوال: ثقافت کاتي طرفان فنڪارن سان پيش ايندڙ نامناسب رويي کي ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو؟

    عبدالغفور سومرو: ثقافت کاتي طرفان فنڪارن سان نامناسب رويي کي نظر ۾ رکندي ۽ ڪجهه فنڪارن جي هڪ هٽيءَ جي ڪري فنڪارن کي کي هڪ گڏيل آسا جي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم آهيون. فنڪارن ۾ ٻڌي، ايڪو ۽ اتحاد نه هجڻ ڪري ثقافت کاتي طرفان فنڪارن سان وقت به وقت ناانصافيون ٿينديون رهن ٿيون. ثقافت کاتي کي گهرجي ته ٿيڻ ايئن گهرجي جو ٽيلنٽ کي سامهون رکي فوڪ، ڪلاسيڪل ۽ نئين انداز سان ڳائيندڙ فنڪارن جون الڳ الڳ ڪيٽيگريز ٺاهيون وڃن ته جيئن هڪ هٽيءَ وارو رواج ختم ٿي سگهي. اڪثر طور ائين ٿيندو رهيو آهي ته هڪ اڌ نامور ۽ باقاعده راڳ جي ڄاڻ رکندڙ فنڪارن کان علاوه باقي سفارش ۽ پرچي ڪلچر تحت راڳ جي الف ــ ب کان اڻڄاڻ فنڪارن کي عالمي سطح جي دورن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. ثقافت کاتي جي اهڙي روش خلاف جڏهن اسان آواز اٿاريو ته ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان کي ثقافت کاتي طرفان ٿيندڙ پروگرامن کان پري رکيو ويو. حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها به آهي ته ثقافت کاتو عالمي سطح تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ راڳ سان وابسته فنڪارن کي شامل ڪرڻ لاءِ هتان وٺي ته ويندا آهن پر جڏهن اهي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي پرفارمنس پوري ڪري ڏيهه پهچندا آهن ته انهن وٽ ايئرپورٽ کانپوءِ پنهنجي شهر، ڳوٺ يا گهر اچڻ لاءِ ڀاڙي جا پئسا به نه هوندا آهن يعني ٻاهرين ملڪن مان قدردانن طرفان يا حڪومتن طرفان فنڪارن کي ملندڙ رقم به ثقافت کاتي وارا نه ڏيندا آهن. ان حوالي سان فنڪارن کي پاڻ سڃاڻڻ کپي. جڏهن ته ثقافت کاتي وارن وٽ پڻ راڳ جي ڄاڻ رکندڙ فنڪارن بابت لسٽ هئڻ گهرجي ڇو ته ٻاهرين ملڪن جي دوري تي ويندڙ فنڪار سٺي پرفارمنس تڏهن ئي ڏئي سگهندا جڏهن انهن کي راڳ جي سُرَن راڳڻين ۽ ٻين اسمن بابت چڱي طرح ڄاڻ هجي.


    سوال: نجي ٽي وي ادارن جي ڪردار بابت ڇا چوڻ چاهيندا؟
    عبدالغفور سومرو: نجي ٽي وي، توڙي ريڊيو ادارن ۾ به راڳ سان ويڌن ئي رهي آهي انهن ادارن ۾ به فن جو قدر نه ٿي رهيو آهي ائين کڻي چئجي ته ميڊيا جي ادارن به راڳ کان واقفيت رکندڙ فنڪارن کي خوار ڪيو آهي. ڏينهون ڏينهن ميڊيا جي ادارن اندر ادبي ۽ ڪلاسيڪل راڳ ۽ راڳيءَ جو موت ٿي رهيو آهي. نون اڀرندڙ فنڪارن ۽ پراڻن فنڪارن جي وچ ۾ فن جو قدر ڪرڻ وارو وڏو تفاوت آهي. جنهن سبب سنڌي موسيقي تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي. ان حوالي سان سخت مايوس آهيون. تازو ئي سهراب فقير جي مرتئي تي ميڊيا جي ادارن صرف سياستدانن ۽ ڪامورن کان ته سندس شخصيت بابت ڳالهرايو پر ڪنهن راڳي يا فنڪار کان ڪمنٽس نه ورتا ويا. ميڊيا جي اهڙي رويي کي ڇا چئجي؟

    سوال: راڳداري بابت ڇا چوندا ۽ سهراب فقير کي راڳداري جي ڪيتري ڄاڻَ آهي؟

    عبدالعفور سومرو: موسيقي ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن هڪ سر ٻيو لئه جڏهن ته انهن ۾ وري ٻولن جو ڪردار نهايت ئي اهم هوندو آهي. جڏهن ته سهراب فقير کي انهن سمورين شين جي سٺي واقفيت هئي ها البته هن کي ڪلاسيڪل راڳ جو علم گهٽ هو.

    سوال: سنگ ڇا کي چوندا آهن ۽ ان جو رواج ڪڏهن کان پيو؟

    عبدالغفور سومرو: سنگ هڪ قسم جو صوفياڻي قوالي آهي. هِتي اسان وٽ گڏ ڳائڻ جي روايت گهٽ رهي آهي جڏهن ته سنگ ۾ ڳائيندر راڳين کي سر ۽ لئه جي انداز سان گڏ ڳائڻ گهرجي. سنڌ ۾ سنگ جي صورت ۾ ڳائڻ جو رواج ڪافي پُراڻو آهي. اڪثر ڪري سنڌ ۾ قائم صوفي درويش جي درگاهن تي راڳ ويراڳ سان چاهه رکندڙ فقير ميلن يا اسلامي چنڊ جي پهرين تاريخن يا جمعي جي راتين تي سنگ جي صورت ۾ ڳائيندا هئا، پر سنگ جي صورت ۾ ڳائڻ جي حوالي سان سهراب فقير عالمي سطح تي مڃتا ماڻي ان کان علاوه شمن فقير شڪارپور وارو به بهتر ڳائيندو هو. اهي فقير خاص طور تي صوفي درويشن جي درگاهن تي لڳندڙ ميلن دوران شهرن ۽ ڳوٺن جي چونڪن ۽ چوراهن تي سنگ جي صورت ۾ سندن چيل عارفاڻا ڪلامَ ڳائيندا هئا.


    تاثرَ /تعزيت نامه

    سهراب فقيرَ جي فَنَ ۽ زندگيءَ متعلق مختلف شخصيتن جا رايا

    سهراب فقير سنڌ جي صوفي روايت واري راڳ جو هڪ وڏو ڳائڪ هو. هن سچل سرمست جي راڳ واري وجداني ۽ مستي واري رمز کي عروج تي پهچايو. راڳ جو هي سلسلو هڪ تاريخي پسمنظر رکي ٿو، ڇو ته جڏهن غلامي ۽ سماج ۾ گهٽ ٻوسٽ هجي ته ان وقت وجد، رقص ۽ مستي واري راڳ ذريعي ماڻهن جي جذبن کي اُڀار ڏيڻ وقت جي ضرورت هوندي آهي. سهراب فقير جنهن رنگ ۾ ڳاتو ان رنگ سنڌ جي ثقافتي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
    تاج جويو

    راڳ ۽ سُر، سونهن ۽ زندگيءَ جي علامت آهي. سنڌ ڌرتي جي اهڙي خوبصورت علامتن مان هڪ علامت سهراب فقير به هو. سهراب فقير سنڌ جو اهو خوبصورت آواز هو، جنهن ڪيترن ئي سالن کان انهيءَ علامت جي سونهن کي برقرار رکيو. سنڌ وڌيڪَ هڪ زندگيءَ جي علامت کان محروم ٿي وئي.
    عبداللطيف انصاري

    سهراب فقير جو وڇوڙو سنڌ کي سُر ۽ سنگيت جي مد ۾ نهوڙي ويو آهي، هي عظيم فنڪار هو، جنهن جي ڳلي ۾ قدرت سوز ۽ گداز جي انتها پلٽي هئي. مان عابده پروين کان پوءِ سهراب فقير سان انتهائي عقيدت رکندو هوس. سهراب فقير سان هڪ لڳاءُ ان ڪري به هو جو هن اسان جي پنو عاقل جي ڪلاسيڪل صوفي شاعر غمدل فقير کي سندس ڪلام گليان پريم نگر ديان حضرت عشق گهمايم ڳائي امرتا بخشي هئي. سچ ته سهراب فقير جي وڇوڙي جي خبر تي منهنجو ته پورو ڪٽنب ٽي ڏينهن سوڳوار رهيو.
    پروفيسر سرور سيف

    سُهراب فقير سنڌ جو اهڙو اڪيلو راڳي هيو جنهن سنڌي راڳ کي نئون رُخ ۽ رواج بخشيو. سُهراب فقير جي فن جي جنهن شهر مان شروعات ٿي منهنجو جنم به ان شهر سان آهي. ”روهڙي“ ئي اهو شهر آهي جِتاب سهراب فقير پهريان هڪ ”طبلي نواز“ جي حيثيت ۾ ۽ پوءِ هڪ راڳيءَ جي حيثيت ۾ نروار ٿيو. سهراب فقير سالن جا سالَ روهڙي شهر جي ڪلاسيڪل راڳي استاد خورشيد علي خان ۽ کيتي خان جي صحبت ۾ رهي ”سُر“ ۽ ”لئه“ جي سفر جو مسافر بڻيو ۽ جلد ئي هن پنهنجي منزل به ماڻي. سهراب فقير هونءَ ته سنڌ جي صوفياڻي راڳ کي سڄي دنيا ۾ روشناس ڪرايو پر هن ان ۾ خوبصورت تجربا به ڪيا. سهراب فقير صوفياڻي راڳ ۾ سنڌي لوڪ راڳ ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي خوبصورتين کي شامل ڪري پنهنجي نرالي حيثيت مڃرائي.
    اختر درگاهي

    سنڌ فن موسيقيءَ ۾ ظاهري طرح ته ڪي پنڊت ۽ نائڪ پيدا نه ڪري سگهي پر ڪيترائي راڳيندڙ هن ڌرتيءَ کي انهيءَ درجي جا ضرور مليا آهن جن پنهنجو نانءُ پيدا ڪيو ۽ راڳ ۽ موسيقي ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ والاري. سهراب فقير به انهن راڳيندڙن جي قطار ۾ هڪ نالو آهي جنهن ماڻهن جون دليون راڳ زريعي کٽي ورتيون هيون. سهراب فقير جو وڇوڙو سنڌي راڳ جي هڪ دور جي پڄاڻي آهي.
    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو

    سنڌ جي مهان صوفي راڳي سهراب فقير جو فن لازوال آهي جنهن کي سنڌ واسي/هندواسي هميشه ياد رکندا. ان جو خال ڪڏهن به ڪير پورو نٿو ڪري سگهي. الله سائين سندس روح کي هميشه سک ۽ سانت ۾ رکي آمين. حق موجود، سدا موجود.
    پروفيسر امان ڀَٽي

    سهراب فقير سنڌ جي صوفي راڳ جو يگانو آواز، جنهن پنهنجي مست الست آواز نرالي انداز سان سنڌ جي گهڻن صوفي شاعرن جي ڪلام کي بين الاقوامي سطح تائين پهچايو. صوفي راڳ کي سُنگ واي منفرد انداز ۾ ڳائڻ سبب سهراب فقير ڏيهان ڏيهه شهرت حاصل ڪئي. سهراب فقير جو نالو سنڌ جي صوفي راڳ جي سفر ۾ هميشه مٿاهين مقام تي رهندو.
    امر اقبال

    سهراب فقير اهو صوفي راڳي هيو، جنهن کي صوفياڻي راڳ جو بادشاهه چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، تمام وڏي راڳي هوندي هن ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪرايو، هميشه نماڻي انداز ۾ سڀني کي مانُ ڏيڻ واري هستي اڄ اسان ۾ موجود نه آهي پر هن جو فن هر پل اسان سان گڏ آهي، هن جو وڇوڙو صوفي راڳ جو تمام وڏو نقصان آهي. ۽ گڏوگڏ ذاتي طور تي مان به پنهنجي هڪ محسن بزرگ ۽ دوست کان محروم ٿي ويو آهيان.
    قربان منگي

    سهراب فقير سنڌ جو هڪ جرڪندڙ موتي يا جرڪندڙ تارو هو. هن جي سر تان مهراڻ ڄڻ جھومي اٿندو هو. مون کي انتهائي افسوس آهي ته اهڙو سريلو مڌر ۽ سنڌ جي تهذيب جي صدين جو آواز لاچاري واري ڪيفيت ۾ هميشه لاءِ گم ٿي وڃي ٿو. جنهن کي سنڌ ڌرتي محسوس ڪندي احتجاج ڪندي نظر اچي ٿي. اهڙا ڪردار قيامت تائين خوشبوءِ جيان پارکو کي کيڪاريندا رهندا.
    ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو

    راڳ ان ڏينهن وجود ۾ آيو جڏهن دنيا وُجود ۾ آئي، دنيا جو وجود آواز سان ٿيو. ڌڻي پاڪ چيو ”ڪُن“ ٿي ته هي جهان ٿي پيو ۽ اڄ تائين ماڻهو آواز جي حسن تي موهجي پئي ٿو ۽ جڏهن هي دنيا ختم ٿيندي ته اها به آواز سان ختم ٿيندي جڏهن هڪ مَلَڪُ صور ڦوڪيندو ۽ آواز ڪڍندو ته آواز جي ڏات به الله جي نعمت آهي، اهڙي نعمت الله پاڪ سنڌ ڌرتيءَ جي صوفي راڳي سهراب فقير کي عطا ڪئي هئي. هو سنڌ جو اهو راڳي هو جنهنجي آلاپ سان مرده دليون مست ٿي وينديون هيون ۽ جھومڻ لڳنديون هيون. هو جڏهن
    ڳليان پريم نگر ديان
    حضرت عشق گهمايم
    ڳائيندو هو ته سچ پچ هو سڀني کي جھومائي ڇڏيندو هو. هينئر ان جو وڇوڙو سنڌ واسين لاءِ ڪنهن وڏي الميي کان گهٽ ناهي.
    ٻيو سهراب فقير جو وڇوڙو اسان کي ڏکوئيندو رهندو ۽ سهراب فقير هڪ ايران وارو مشهور آهي، ٻيو سهراب فقير سنڌ جو جيڪو سنڌ جو سفير پڻ هيو ۽ تقريباً ڪافي دنيا گهميو ۽ نيٺ سنڌ جي مٽيءَ ۾ سمهيو.
    سجاد ميراڻي

    سهراب فقير جو ڳايل ڪلام ”ڳليان پريم نگر ديان“ سڀ کان پهرين مون ڪراچي ريڊيو تي نصير سومري صاحب جي معرفت ٻُڌو. مون کي اهو ڪلام وڻيو مون ڪيسيٽ تي ڀري ۽ ڏينهن ۾ ٻه چار ڀيرا ضرور ٻُڌندو هُيس. منهنجي هر پروگرام ۾ سهراب فقير جو مٺڙو آواز ضرور شآمل هوندو هو. دوست چوندا هئا ته تنهنجي پروگرام جي سڃاڻپ صرف ۽ صرف سهراب جو آواز آهي ۽ اِهو سچ به آهي ته جنهن پروگرام ۾ سهراب فقير ۽ ساٿين جي آواز هجن اُهو ڪامياب ته اَوس ٿيندو. افسوس جو هُنَ سان روبرو ملڻ جو موقعو نه مليو پر هُنَ جو آواز ۽ انداز اهڙو هو جو جڏهن به ٻُڌبو ته ائين لڳندو آهي ته هو توهان سان ملاقات ڪري رهيو آهي.
    ممتاز علي شيخ
    ريڊيو پاڪستان ڪراچي


    سهراب فقير سنڌ جي انهن صوفي راڳين منجھان هو جيڪي ڏيئي نه پچارن هن جي سُرَن جي صدا صوفي ٻولن ۾ گهريل وجد کي تهائين وڌيڪَ جوش اڀاريندي هُئي. ته سماج کي انارڪين مان ڪڍڻ لاءِ تصوف ئي هڪ واحد جُز آهي تڏهن صوفي شاعرن ۽ فنڪارن جي اهميت جو احساس وڌيڪَ محسوس ٿيڻ لڳو آهي. سائنسي سماجَ جي ٺڳين، هيرا ڦيرين کان بدظن ماڻهو صوفين جي راهه تي آخري پناهه گاهه محسوس ڪري ٿو. اهڙي ٻڏتر واري صورتحال کان پوءِ صوفي شاعرن ۽ فنڪارن جو قدر تڏهن وڌيڪَ محسوس ٿئي ٿو جڏهن اهي جسماني طور اسان وٽ موجود نٿا هجن. سهراب فقير منهنجي نظر ۾ منڌل، مايوس ۽ ذهني بيمار ماڻهن جو معالج فنڪار هو. افسوس جو سنڌ جي ٻين ليجنڊس جيان هن جو به قدر نه ڪري سگهياسين.
    شاهن سمنگ

    صوفي راڳي سهراب فقير جا آلاپ، من کي موهيندڙ هُئا. هُو جڏهن به آلاپ ڏيندو هو ته دل جي هڪ صدا اڀري پوندي هئي. دليون جھومڻ لڳنديون هيون. پاڻ به مست ٿي ڳائيندو هو ۽ سندس ٻڌندڙ به اُنَ مهويت ۾ گم ٿي ويندا هئا. سهراب فقير، سنڌ جي صوفياڻي شاعريءَ کي ئي ڳايو ۽ پنهنجو نالو روشن ڪيو. هن سنڌ جي صوفياڻي شاعري کي ڏيهان ڏيهه پهچايو. سهراب فقير نه صرف سنڌ جي صوفياڻي شاعري ڳائي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي لباس ۽ من کي به صوفياڻو بڻائي ڇڏيو. سهراب فقير، شاهه لطيف، سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي، فقير نانڪ يوسف، بيدل سائين ۽ ٻين صوفي شاعرن کي دل جي حضور سان ڳايو.
    سهراب فقير، صوفي راڳين ۾ هڪ منفرد نانءُ هو. جنهن جو سڀاءُ به الڳ هو ته سُر به الڳ هو. سنڌ جي صوفياڻي مزاج جي عڪاسي ڪندڙ راڳي هو. سهراب فقير ڀرپور ڳايو، ڀرپور داد حاصل ڪيو ۽ قدرت کيس وڏي مڃتا عطا ڪئي. سهراب فقير پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي، هن جو آواز به نرالو هو ته انداز به منفرد هو. سهراب فقير کي سنڌ جي راڳيءَ جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو.
    مهر خادم

    سهراب فقير هِڪُ مهان صوفي راڳي هُيو جنهن سنڌُ جي صُوفي شاعرن جي ڪلامَ کي دُنيا جي هَر ڪُنڊَ ڪُڙڇَ ۾ پهچايو، سندس فرزندَ رجب سهراب فقير ۽ سلامت سهراب فقير انهيءَ سُچيت سفرَ کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.
    سهراب فقيرَ جي شخصيتَ ۽ غير معمولي ڪَمَ کي پوري عالمَ تائين پهچائڻَ لاءِ اسان جي ثقافتي ادارن کي منظم اندازَ ۾ جوڳا اُپاءَ وٺڻ گهرجن.
    آصف نظاماڻي

    اسان جي مٺڙي امڙ سنڌُ جي ڌرتي، صوفين ۽ سالڪن جي ڌرتي آهي، انهن صوفين جي ڪلامَ ۽ پيغامَ کي عام ڪرڻَ ۾ صوفي راڳين ۽ درگاهن جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
    سهراب فقير اهڙن ئي صوفي راڳين جي سَٿَ جو هِڪُ پنهنجي ئي اندازَ وارو ۽ پنهنجي ئي رنگَ وارو صوفي راڳي آهي جنهنجي منفرد ڏاتِ کيس ڏيههَ پرڏيههَ ۾ شهرتن جي بُلندين تائين پهچايو.
    مقصود مهيسر

    اُنَ وقت جڏهن اڃان سهراب فقيرَ جو الستي آوازُ سموري دنيا ۾ عامُ نه ٿيو هو، تڏهن اسان اجرڪ آرٽ اينڊ ڪلچرل يوٿ آرگنائيزيشن پاران هِنَ مٺڙي راڳيءَ کي مڃتا ايوارڊ ڏئي ساڻس محبتَ جو اظهارُ ڪيو هُيو. اڳتي هلي سهراب فقير صوفي راڳَ جي حوالي سان هر دل ۾ جاءِ ٺاهي. سندس آواز صدين تائين گونجندو رهندو.
    ضمير لاشاري

    سهراب فقير صوفي راڳين جي سَٿَ ۾ اُنَ ڪري به مٿڀرو آهي جو هُنَ کي راڳَ جي مڙني رنگن ۽ انگن جي ڄاڻَ هوندي هُئي. ههڙا فنڪارَ صدين کان پوءِ ڄمندا آهن ۽ صدين تائين ياد رکيا ويندا آهن.
    آزاد انصاري

    خيرپور فَنَ جي دنيا ۾ تمام وڏا نالا پيدا ڪيا آهن ۽ جڏهن ذڪر صوفي راڳَ ۽ ويراڳَ جو نڪرندو ته سهراب فقيرَ جو آوازُ سموري دنيا ۾ خيرپور جي سڃاڻپَ بڻجي سامهون ايندو. سهراب فقيرَ جو مست ۽ الست آوازُ سموري عالمَ ۾ گونجي رهيو آهي. اِها هِڪَ حوالي سان اسان خيرپور واسين لاءِ به فخر جوڳي ڳالهه آهي.
    هاشم ڀٽي


    سهراب فقيرَ جي تڏي تي موجود تعزيتي نوٽ بوڪ

    جيتوڻيڪ فقير سائينءَ جن اسان کان جدا ٿي ويا آهن پر اسان جي دلين ۾، اسان جي دماغن ۾ سندس فن هميشه لاءِ زندهه رهندو. فقير سائينءَ جو فن اسان سنڌ واسين لاءِ ئي نه پر پوري پاڪستان لاءِ فخر جو باعث آهي.
    شوڪت علي ميمڻ (معصوم مختيار)

    ڇاچوان، ڇا لکان نه لکي ٿو سگهان ۽ نه ڪڇي ٿو سگهان، فقير سهراب لاءِ هڪ ئي سٽ لکان ٿو ته: محبت جي ميدان ۾، نسنگ ٿيا نروار
    الستي فقير

    سهراب فقير جو وڇوڙو ڪو عام وڇوڙو ڪونهي. هو هڪ عظيم فنڪار هو، جنهن جي وڇوڙي جو خال صدين تائين نه ڀرجي سگهندو. مون مٿان ته هو تمام گهڻو مهربان هوندو هو. نهايت شفقت سان پيش ايندو هو.
    شريف عباسي

    فقير سهراب مرشد ڀائي ۽ روحانيت جو ڀاءُ هو. هو مون کان عمر ۾ ننڍو هو. اسان گڏ رهياسي. راڳ ويراڳ جون محفلون گڏ ڪيون. سهراب فقير، قلندر بخش ۽ منهنجو گڏ سُنگ هوندو هو اسان مرشد پاڪ جون ڊيوٽيون گڏ ڏيندا هئاسي. هن وقت فقير اسان کان جُدائي ڪري ويو، مونکي دلي صدمو پهتو آهي.
    رمز علي فقير

    اسان کي نهايت افسوس آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي سُڃاڻ ۽ آواز جي دنيا جو لاڏلو هر دلعزيز انسان ۽ خيرپور ضلعي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ مهان فنڪار سهراب فقير اسان کان سدائين لاءِ جُدا ٿي ويو آهي. هر سج اڀرندو ئي لهڻ جي ڪري آهي. اسين نهايت ڏکارا آهيون.
    سگھڙ حسين بخش رڏ

    سهراب فقير ظاهري توڙي باطني رنگ ۾ ريٽو ٿيل سالڪ، انسان دوست، فڪر و فن، محبت ۽ رياضت جو قائل هو. حق موجود ـــ سدا موجود جون صدائون آلاپيندڙ ازلي آواز، مالڪ مرشد ڪامل جي ذڪر ۽ فڪر تي ثابت قدميءَ سان عمل ڪندڙ باعمل ــ خوش لباس ـــ خوش گلو ۽ اهلِ دل فقير هو ـــ سندس شفقت ۽ پيار جو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهجي هن امر راڳيءَ جون امر تخليقون رهندي دنيا تائين قائم ۽ دائم رهنديون.
    شفيع فقير

    سهراب فقير ڪلاسيڪل لوڪ فنڪار هو ــ سندس ڳائڻ ۾ انهن ٻنهي ڳڻن ۽ خوشبوءِ ايندي هئي هن جي آواز جي سَحر ۾ موسيقيءَ جا چاهيندڙ صدين تائين مسحور رهندا.
    عبدالغفور سومرو

    دل روئي ٿي ۽ اکيون واجھائين ٿيون ته هن ڌرتيءَ جو عظيم فنڪار، مٺو آواز ڪيڏانهن ويو. ايترو خال ٿي ويو، جو شايد سؤ سالن ۾ پورو نه ٿي سگهندو. اڄ صوفي ازم جي هڪ وڏي سفر ڪندڙ فقير، سهراب فقير جو زمين تي هلندي هلندي سفر پورو ٿي ويو.
    غلام علي سنديلو

    فقير سائين، سهراب فقير جي وڇوڙي سان اسان سنڌ واسين ۽ خود سنڌ کي تمام گهڻو ڏک رسيو آهي ــ هو اسان فنڪارن لاءِ ڇپر ڇانوَ هو.
    اياز ملاح

    سهراب فقير هڪ ناميارو صوفي راڳي هئڻ سان گڏ اسان جي قوم جو انمول سرمايو هو، هُو غريبن جو همدرد به هوندو هو. مون ساڻس ڪافي محفلن ۾ ڳايو به هو ۽ ٻاهرين دنيا ۾ به گڏ ڳايو مانس. فقير سائينءَ کان 2001ع ۾ مون ڳانو ٻڌرايو ۽ سندس شاگرد بڻيس. سهراب فقير جي وڇوڙي جو خال صدين تائين مشڪل سان ڀرجي سگهندو.
    جمال الدين فقير

    سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ ڪجهه نالا جيڪي خاص ڌرتيءَ تي جنم وٺي پنهنجو پاڻ ملهايو استاد الهڏنو نوناري، گلزار علي خان، محمد جمن، محمد يوسف ۽ ٻيا، سهراب فقير به ان مالها جو هڪ موتي هو. عارفاڻي ڪلام ڳائڻ ۾ سهراب فقير جو ڪو به ثاني مونکي ڪونه ٿو سجھي.
    حميد راڄپر

    سهراب فقير اسان جو اَمُلهه موتي هو، هو هڪ ماڻڪ هو، جنهن جي وڃڻ سان سنڌي موسيقيءَ جي دنيا ۾ هڪ وڏو خالُ پيدا ٿي پيو آهي. فقير جي صورت منهنجي مرشد در محمد سائينءَ سان ملندي هئي. الله پاڪ کيس جنت ۾ جڳهه عطا ڪَري آمين.
    سيد شير شاهه

    سهراب فقير جي دم سان ٽالپر وڏا ۾ جيڪا رونق هوندي هئي، اها اڄ ختم ٿي وئي. منهنجا سهراب فقير سان واسطا، ناتا ٽن حوالن سان هئا. هڪ ته هو منهنجو ڳوٺائي هو، ٻيو مان شآعر هو فنڪار هو ۽ ٽيون ته مان به صوفي آهيان هو به صوفي هو.. سهراب فقير هڪ مڪمل انسان هو. محبت سندس مذهب هو. هُو گهر پاڙو ـــ برادر ـــ ڳوٺ ئي نه پر اڄ سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪَري وَيو آهي.
    ڪرم ٽالپر

    اڄ سهراب فقير اسان وٽ نه رهيو آهي پر سندس آواز آلاپ ـــ اسان جي آس پاس هوائن ۾ گونجندا رهندا. سندس صورت جيڪا سچي صوفيءَ جو ڏيکُ ڏيندي هئي، اها اسان جي اکين جي البم ۾ هميشه لاءِ محفوظ رهندي. اسان سڀ سندس چاهيندڙ پريم نگر جي ڳلين ۾ گهمندا رهنداسين.
    ڊاڪٽر ضمير ڦل

    سهراب فقير منهنجو پسنديده راڳي هوندو هو ــ مان جڏهن به ريڊيو تي پروگرام ڪندو آهيان، فقير جو ڳايل ڪلام ضرور نشر ڪندو آهيان. مونکي سهراب فقير جي وڇوڙي جھوري ڇڏيو آهي. رب پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ عطا ڪَري.
    اياز ميمڻ
    انائونسر ريڊيو پاڪستان خيرپور


    سهراب فقير پنهنجي قدرتي ڪلا جي ذريعي صوفي راڳ کي جيڪو جيون ڏنو اهي، اُنَ لاءِ اسان صوفي فڪر سان لاڳاپيل ماڻهو سندس وڏا وڙ ٿا مڃون، جيڪي ماڻهو پنهنجو ورثو ڇڏي ويندا آهن اهي ڪڏهن به مرندا ناهن. سهراب فقير زندهه آهي ۽ زندهه رهندو. شالَ اسان سهراب فقير جي ڇڏيل ورثي کي سنڀالي رکون.
    آصف لاکائي

    سهراب فقير هڪ اهڙو فنڪار هو، جنهن جي آواز ۾ اهڙو ميٺاج هو، جو ڪو فنڪار ڪيترو به چاهي اهو سندس آواز ۾ پيدا نه ٿو ٿي سگهي. هو طبيعت جو نرم ۽ مٺڙي لهجي جو مالڪ هو ـــ فقير جو وڇوڙو راجستاني راڳ جو وڇوڙو آهي.
    رياض ميمڻ

    فقير جي زندگي هت موت ۾ گذري ٿي، ان کانپوءِ هُنَ جي حياتي شروع ٿئي ٿي. سهراب فقير جي ظاهري وڇوڙي سنڌ واسين کي جھوري وڌو آهي پر فقير پنهنجي فن ۽ فڪر جي ڪري امر آهي ۽ هميشه سنڌين جي دلين ۾ رهندو .
    صوفي منظور اڄڻ

    ريڊيو پاڪستان خيرپور تان جڏهن پهريون ڀيرو سهراب فقير جو آواز گونجيو هو ته ٻڌندڙ هڪ ڪنا ٿي اُهو مڌر آواز ۽ آلاپ ٻڌڻ لاءِ مجبور ٿي پيا هئا. سندس آواز ۽ آلاپ جڏهن به ٻڌندو آهيان ته جان مان سيسراٽيون نڪري وينديون آهن.
    ذاڪر سولنگي

    سهراب فقير سڀني سان محبت ڪندڙ فنڪار هوندو هو. اڄ ان کي مرحوم لکندي منهنجا هٿ ڏڪي رهيا اهن. سهراب فقير صوفي راڳ ۽ صوفي ازم جي پرچار دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪئي .
    احسن رانا

    سهراب فقير صوفياڻي راڳ جو بادشاهه هو. منهنجيون ساڻس ڪيتريون ئي رهاڻيون ٿيل هيون. هُو سائين جي ايم سيد سان وڏي محبت ڪندو هو. سچل سائينءَ کي جهڙيءَ ريت سهراب فقير ڳايو ـــ اهڙو ٻئي ڪنهن نه ڳايو ــ مولا سائين کيس پنهنجي پيارن جي پاڙي ۾ جاءِ ڏئي.
    عبدالواحد آريسر

    چاچا سهراب فقير جي تڏي تي دعا گهرون پيا ۽ اڄ وري چئون ٿا ته چاچا سهراب فقير سنڌ جو فخر ۽ سونهن هو ۽ رهندو به ـــ سهراب فقير سنڌ جي ثقافت جي علامت رهيو آهي ــ اسان کي خوشي آهي ته اسان به انهيءَ سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهيون جيڪا چاچا سهراب فقير جي جنم ڀومي آهي ــ فنڪار ۽ شاعر ڪڏهن به مرندا ناهن، سندن فن ۽ ڏات سدائين امر رهندا، جيئي چاچا سهراب فقير ۽ جيئي ان جي سهڻي ڏات.
    سسئي پليجو
    صوبائي وزير ثقافت حڪومتِ سنڌ


    مرحوم فقير سهراب علي (صوفيءَ) کي مرحوم لکندي قلم کي اعتبار نه آيو. امر راڳي صوفي، باصفا سهرا ب سنڌ جي ثقافت جو سفير هو. هن سنڌ کان ٻاهر شاهه، سچل ۽ ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام کي متعارف ڪرايو. سندس ڪردار اِنَ ڏس ۾ ساراهه جوڳو رهيو ــ سهراب فقير سان منهنجو قرب جو رستو جوانيءَ جي زماني کان هڪ فن شناس ۽ قدردان جي حيثيت سان رهيو . هن مونکي هميشه عزت ۽ محبت ڏني.
    الطاف اثيم

    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجههُ اچي بوءِ بَهار جي
    شاهه سائينءَ جي هن سهڻي بيت مُطابق مرحوم سهراب فقير جي فن ۽ شخصيت تي بيان لاءِ لفط نه ٿا ملن جو سندن تعريف ۾ بيان ڪجن. الله رب العزت کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عَطا ڪَري ۽ پونيئرن کي اهو ڌڪ برداشت ڪرڻ جي همت عَطا ڪَري.
    جهانگير قُريشي

    سهراب فقير تمام عظيم شخص هو، هُنَ جون سنڌ لاءِ تمام وڏيون خدمتون ۽ قربانيون آهن. هُنَ سنڌ جي ثقافت کي اُجاڳر ڪيو. الله پاڪ سهراب فقير جي اولاد کي ان جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فَرمائي.
    نواب خان وساڻ
    ميمبر قومي اسيمبلي


    ٽالپر وڏا هونئن ته مختلف حوالن سان پنهنجي هڪ الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ رکي ٿو پر سهراب فقير جي شخصيت ۽ آواز ٽالپر وڏا جهڙي ننڍڙي شهر جي تاريخ کي هڪ نئون رنگ ڏنو. سهراب فقير جي وفات صوفي سُنگ جي هڪ باب جي بند ٿيڻ واري حيثيت سان اسان دوستن لاءِ هڪ دل ڏکوئيندڙ لمحو آهي. اڄ نه صرف اسين اداس آهيون پر خير محمد فقير هيسباڻي ــ سچل سائين جي درگاهه به هن ماٺيڻي ماڻهوءَ جي مٺڙن سُرن ٻڌڻ لاءِ اُداس ۽ آتا آهن.
    ڊاڪٽر مشتاق ڦل
    سيڪريٽري جنرل ـــ سنڌي ادبي سنگت


    موت هڪ حقيقت آهي جنهن کان انڪار ناهي پر فنڪار پنهنجي ڏات وسيلي پنهنجي فن کي ابديت جي سرحد تائين پهچائي ”هونداسي حيات“ وارو درجو حاصل ڪري ٿو. منفرد صوفي راڳي سهراب فقير به اهائي منزل ماڻي آهي، پنهنجي طبعي حياتي پوري ڪري ، هو اسان کان ڌار ضرور ٿي ويو آهي پر هُنَ جون صَدائون، سنڌ جي جھر جھنگ ۾ گونجنديون رهنديون، اُهائي فنڪار جي مهانتا آهي.
    راڳي ته هليو ويو راهه وٺي
    آواز فِضا ۾ گونجي ٿو
    ادل سومرو

    سهراب فقير پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ جو يگانو صوفي راڳي هو. جنهن تصوف جي فڪر ۽ ان فڪر سان لاڳاپيل شاعرن جي ڪلامَ کي، ڏيهان ڏيهه پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي راڳ ۽ خاص طور تي صوفي راڳ لاءِ سندس خدمتون سدائين ياد رهنديون ۽ راڳ جي تاريخ جو اهم باب بڻيل رهنديون. سهراب فقير جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي ۽ آءٌ سموريءَ سنڌ سان سندس ڏک ۾ شريڪ آهيان.
    ايازگل

    سهراب فقير جي وفات سنڌي صوفياڻي راڳ جو وڏو نقصان آهي. سهراب فقير سنڌ جي صوفياڻي شاعريءَ کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪيو. قدرت کيس من موهيندڙ آواز ڏنو هو، سندس وفات نه صرف صوفي راڳ جو نقصان آهي پر ان سان گڏوگڏ صوفي فڪر جو پڻ نقصان آهي.
    مهرخادم

    سهراب فقير جي وڇوڙي سان سنڌ ۾ صوفي راڳ جو اهم باب پورو ٿي ويو. سهراب فقير بلا شڪ ڏات ڌڻي ۽ پنهنجي فن ۾ يڪتا هو. هُنَ صوفي راڳ کي سنگ جي شڪل ڏئي ان کي درگاهن کان ٻاهر ميلن ۽ مختلف اسٽيجن تي آندو. گذريل پنجويهن سالن دوران هن پنهنجي ڏات ذريعي صوفي راڳ کي نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقبول بنايو پر ان کي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو سهراب فقير جي وفات يقيناًصوفي راڳ ۽ موسيقيءَ لاءِ هاڃيڪار آهي.
    شمس جعفراڻي
    اڳوڻو سيڪريٽري ڪلچر ـــ حڪومت سنڌ


    سهراب فقير سنڌ ڄائو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي گود ۾ سُتو، سندس وڇوڙو سنڌ ۽ سنڌي ثقافت لاءِ وڏو الميو آهي. هو هميشه محبت، مان ۽ پيار جو پيامبر هو ــ هو نهايت خوش خلق هو ـــ سهراب فقير جي وفات تي سڄي سنڌ رو
    ئي ٿي.
    شاهه محمد ياسر بوزدار

    سهراب فقير جو آواز ماکيءَ کان به مٺو هو ـــ هو نهايت ڀلوڙ راڳي هو. هُنَ خيرپور کان ٻاهر سڄيءَ دنيا ۾ سچل ۽ ٻين صوفين جي پيغام کي عام ڪيو.
    پهلوان محرم علي مجيداڻو

    اڄ اسان جنهن عظيم صوفي راڳي سهراب فقير جي تڏي تي ويٺا آهيون، جنهن اسان جي هن ننڍي ڳوٺ بوزدار وڏا ۽ ٽالپر وڏا جي شهرت ۽ ۽ عزت ۽ سڃاڻپ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪرائي ۽ صوفي رنگ واري ٻولي عام ۽ خاص تائين پهچائي ڇڏي. اهو سندس ڪارنامو هميشه ياد رکيو ويندو.
    علي گل بوزدار

    فقير سهراب سائين صوفياڻي ڪلام جو ماهر ڳائڻو هو جيئن استاد منظور علي خان شهنشاهه ڳائڻو هو، تيئن سهراب فقير به پنهنجي دنيا جو هڪ عظيم ڳائڻو هو. ٻنهي جي جڳهه ڀرجڻ نهايت مشڪل آهي.
    مير منور حسين ٽالپر
    چيئرمين سول سوسائِٽي ــ خيرپور.


    صوفي سهراب فقير سنڌ لاءِ رب طرفان هڪ عظيم تحفو هو. هن صوفي راڳ جي جيڪا خدمت ڪئي اها صدين تائين ياد رکي ويندي. اهڙو سنڌ پرست ۽ محب وطن فنڪار صدين کانپوءِ پيدا ٿيندو آهي.
    شبير جمالي

    صوفي سهراب فقير سنڌ جي مشهور راڳي فنڪارن ۾ منفرد شخصيت جو مالڪ هوندو هو. فقير سائين انسانيت دوست فنڪار هو. هو درويش صفت انسان هو. ان جو خال ڀرڻ نهايت مشڪل آهي.
    ايڊووڪيٽ علي شير مڪول

    اڄ کان ٽيهارو سال اڳ 1979ع ۾ جڏهن اسان پوپٽ پبلشنگ طرفان ٽالپر وڏا هاءِ اسڪول ۾ ٻارڙن جو ميلو منعقد ڪيو هو. سهراب فقير سان منهنجي پهرين ملاقات اتي ٿي ۽ سندس مرڻ تائين اهو پيار وارو سلسلو جاري رهيو. سهراب فقير جي آواز ۾ جيڪو جادو هو اهو شايد ڪنهن ٻئي فنڪار جي آواز ۾ ڪونهي هو هڪ پيار ڪندڙ فنڪار هو ان جي پيار ۽ پنهنجائپ واري انداز کي اسان ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون.
    قربان منگي

    سهراب فقير سنڌ جو اهو الستي آواز جنهن پنهنجي منفرد ۽ انوکي انداز سان سچل ۽ سنڌ جي ٻين صوفي شاعرن جي پيغام کي بين الاقوامي سطح تائين پهچايو ـــ سهراب فقير جهڙا ڏاتيار صدين کانپوءِ جنم وٺندا آهن ۽ پنهنجي مٽيءَ جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن.
    امر اقبال

    سهراب فقير سنڌ جو سداحيات صوفي شاعر ۽ راڳي هو جنهن جوانيءَ کان وٺي آخري دمن تائين سڄي دنيا اندر صوفي سُرن ۽ اندر جي اڌمن کي وکيريو. اسان سڀئي سنڌ واسي کيس سلام پيش ڪيون ٿا.
    نظر محمد ڳاهو
    پوليٽيڪل سيڪريٽري ـــ وزير اعليٰ سنڌ


    مرحوم سهراب فقير جڳ مشهور فنڪار هو. سندس لاڏاڻو سنڌ جي فن ۽ ٻوليءَ جو وڏو نقصان آهي سندس خدمتن تي خيرپور واسين کي وڏو فخر آهي. اسان سندن پونيئرن سان ڀرپور همدردي ڪيون ٿا.
    سيد جاويد علي شاهه جيلاني
    اڳوڻو ميمبر قومي اسيمبلي


    تصوف جي جان، سڃاڻپ ۽ صورت فقير سهراب فقير جو جيتوڻيڪ آخري ديدار ته نصيب نه ٿيو پر هو زندهه آهي ۽ زندهه رهندو ـــ سهراب فقير جو آواز ۽ آلاپ هر دل جو آواز ۽ آلاپ آهي ـــ سهراب فقير دلين جو مالڪ ۽ روح کي ريجھائيندڙ هستي هو ۽ آهي جيڪو سدائين اسان وٽ رهندو.
    پروفيسر ڊاڪٽر قاصد ملاح
    چيئرمين آرڪيالاجي شعبو ـــ لطيف يونيورسٽي خيرپور


    سهراب فقير هڪ عوامي ملڪيت هو ۽ رهندو، جنهن لاءِ اڄ به هر ننڍي ۽ وڏي جي دعويٰ آهي ته هُو منهنجو آهي ۽ هُو واقعي سڀني جو آهي . سهراب فقير منهنجو بزرگ هو، عزيز هو ۽ دوست هو ۽ استاد هو. هن زندگي ۾ دنيوي مال ۽ اسباب ميڙڻ بجاءِ سُرن جي سوغات عيوض ماڻهن جي محبت جي مايا ميڙي جيڪا سندس اولاد جي کائڻ ۽ کپائڻ جي ناهي. سهراب فقير پنهنجن سُرن فن فڪر ۽ شاگردن جي شڪل ۾ زندگي ڀر زندهه رهندو.
    راز علي گل ڀٽو

    سهراب فقير جي ڳائڻ ۾ عشقَ جي جھلڪ موجود آهي. هو صوفياڻي فڪر سان سچو رهيو. سهراب فقير جي سُنگ ڏيهه پرڏيهه ۾ مقبوليت ماڻي. هن ڀٽائي سچل ۽ غمدل فقير، خوش خير محمد فقير جي ڪلامن کي منفرد اندازَ ۾ ڳايو. ”گليان پريم نگر ديان“ ڪافي سهراب فقير ڳائي صوفياڻي راڳ ۾ هڪ نئون انداز ڏنو، جيڪا ڪافي سندس سڃاڻپ بڻجي وئي.
    منصور ميراڻي

    سنڌ جي سُريلي صوفي راڳي سهراب فقير جي وڇوي سان سنڌ هڪ اهم شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. سهراب فقير جا سُر ۽ سنگيت جي دنيا سان ازلي ناتا هئا. سهراب جي سُر ۾ جيڪا اوچائي ملي ٿي، سا ڪنهن ٻئي صوفي راڳي ۾ شايد هجي. هن سنڌ جي صوفياڻي راڳ جي روايتن ۾ هڪ الڳ روايت جوڙي. سهراب فقير مڱڻهار فقيرن ۾ ڪمال جو هيرو هو،جنهن ڳائڪيءَ تي تحقيق ۽ اڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    مختيار ملڪ

    سهراب فقير نه فقط خيرپور، نه فقط سنڌ بلڪه پوري پاڪستان جو مايه ناز صوفي فنڪار هو جنهن پنهنجي سريلي آواز ۽ منفرد انداز سبب سنڌ جي فن ۽ ثقافت کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ متعارف ڪرايو. فقير جي وفات کانپوءِ سنڌ ۽ موسيقيءَ ۾ هڪ خالُ پيدا ٿيو آهي.
    ڪوثر ٻرڙو
    سهراب فقير جي وڇوڙي سان صوفياڻي راڳ جي هڪ دؤر جي پڄاڻي ٿي. اڄ ائين ٿو لڳي ڄڻ سُرن آوازن ۽ آلاپن جو هڪ جهان ختم ٿي ويو.
    شوڪت نوناري

    عظيم صوفي راڳي سهراب فقير جي وڇوڙي تي اسان جي فقط سنڌ نه بلڪه پوري ملڪ جا ماڻهو سوڳ وار آهن مون وٽ اهڙا لفظ ئي ڪونهن جن ذريعي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيان. جيستائين فقير سائين جا شاگرد هن دنيا ۾ موجود آهن تيستائين سندس نالو موجود رهندو.
    احمد علي قريشي
    EDO روينيو خيرپور


    سهراب فقير هڪ ڀلوڙ صوفي راڳي هو. سهراب فقير جو وڇوڙو پوري ايشيا کنڊ جو نقصان آهي اسان جي فقير لاءِ اُها دُعا آهي ته رب سائين کيس جنت ۾ جاءِ عطا ڪري.
    سيد ڪامل شاهه
    اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ـــ سچل اڪيڊمي خيرپور


    هر نفس کي موت جو ذائقو ضرور چکڻو آهي پر سهراب فقير جو موت هڪ تمام وڏو الميو ۽ سانحو آهي .
    خالق ڏنو نوناري
    ڊپٽي ڊائريڪٽر ـــ سچل اڪيڊمي


    گهڻو وقت اڳ پروگرام سهڻي ڌرتيءَ ۾ سهراب فقير کان فقير علي محمد جي ڪافي ”مين صوفي هان سرمستان“ نشر ڪرائي ته فقير سائين ٻاهر نڪري چيو ته ”ريڊيو تي هي ٻول
    چئي معراج ڪرائي ڇڏيو“ سچ ته اڄ سهراب فقير جڏهن سنگ سان پنهنجي سفر تي روانو ٿيو ته مونکي ان معراج جو مفهوم سمجھه ۾ آيو.
    شوڪت خاصخيلي
    اسٽيشن ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو


    فقير مرحوم سهراب علي فقير، سُنگ جي سونهن ۽ ورهه وارن جي ورونهن هو، ه
    و پاڻ ته جسماني طرح اسان کان اوٽ ئي ويو آهي مگر روحاني طرح هو اسان سان هر مهل، هر پروگرام ۽ هر سنگ ۾ شامل آهي ۽ رهندو.
    فقير عطا فولادي

    فقير سهراب علي هر معاملي ۾ صوفي لڳندو هو. ڳائڻ ۾ ڳالهائڻ ۾ ۽ لِباس ۾ به صوفي لڳندو هو. اسان جي دُعا آهي ته سندس پونئير به سندس پيروي ڪن ۽ سندس ورثي کي سنڀالين.
    منور علي وساڻ
    تعلقه ناظم ـــ ڪوٽڏيجي

    موسيقي ۽ راڳَ سان محبتَ انسانَ جي فطرتَ ۾ شامل آهي. اهڙن ئي انسانن جي دلين ۾ سهراب فقير هميشه زندهه رهندو. سهراب فقيرَ جي وڇوڙي سان سنڌُ جي صوفي راڳَ جو هِڪُ بابُ پورو ٿيو آهي. شالَ سندس پونئير سندس ڇڏيلَ سفرَ کي اڳتي وڌائيندا رهن.
    صلاح شيخ


    رپورٽ

    سهراب فقير گيلريءَ جي افتتاحي تقريبَ

    رپورٽ: اياز ميمڻ
    اڃان سهراب فقير (مرحوم) زندهه ئي هو يعني 2008ع جي ڳالهه آهي ته ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي صاحب، ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيوز واري گيلري ۾ هڪ اهڙي ڪارنر قائم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو جنهن ۾ سنڌُ جي سمورن ناميارن گلوڪارن ۽ اهڙن شاعرن جون تصويرون شامل هجن جن جو ڪلام جھجھي تعدادَ ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ رڪارڊ ٿيل آهي ـــ ظاهر آهي اها هڪ اهڙي آئيڊيا هئي جنهن تي جيترو سوچڻ سولو هو اوترو ئي عمل ڪرڻ نهايت مشڪل ـــ بهرحال جيئن چوندا آهن ته ”نيت صاف ته منزل آسان“. سو خير سان تصويرون گڏ ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻي شروع ڪيو ويو ــ ان ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم ڪم جو ڪريڊٽ ڪوثر ٻرڙو صاحب اڪيلي سر نه کڻندو پر جيڪو دوست ڪنهن فنڪار يا فنڪارن جون تصويرون ٺهرائي ڏيندو ان جو ان تصوير جي هيٺان نالو ضرور ڏنو ويندو ــ ان آئيڊيا کي ريڊيو پاڪستان خيرپور جي سمورن دوستن ۽ فنڪارن ڏاڍو ساراهيو ۽ پنهنجو پنهنجو حصو شامل ڪرڻ شروع ڪيو ـــ ائين ڏسندي ئي ڏسندي ريڊيو خيرپور جي اسٽوڊيوز جون خالي خالي، ٻُسيون ٻُسيون ۽ بي رونق ڀتيون ڳالهائڻ لڳيون ۽ پُر رونق ٿينديون ويون ــ اهو ڪم خيرپور جي نامياري علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي شخصيت جناب قربان منگي ڏٺو ته ان پنهنجو ڀرپور سهڪارُ ڪيو ۽ ڪيترن ئي فنڪارن جون تصويرون پنهنجي خرچَ تي ٺهرائي ڏنيون ـــ جڏهن اسٽوڊيوز وارو ڪاريڊور مڪمل ٿي ويو ته ان گيلريءَ کي آفيسن جي ڪاريڊور تائين ڦهلايو ويو. ان گيلريءَ ۾ سنڌ جي وڏن وڏن فنڪارن جن جو تعلق سڄيءَ سنڌُ کان علاوه قومي سطح تي به آهي لڳ ڀڳ 100 پورٽريٽ لڳايا ويا. جڏهن سهراب فقير 2009ع ۾ وفات ڪئي ته ان گيلريءَ کي ان عظيم صوفي فنڪار جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ ان خوبصورت ۽ يادگار گيلريءَ جي افتتاحي تقريبَ جو پروگرام رٿيو ويو.
    افتتاحي تقريبَ جيڪا ريڊيو پاڪستان خيرپور جي باغيچي ۾ منعقد ڪئي وئي ان جي صدارت سنڌ جي نامياري اديب شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر جناب نصير مرزا ڪئي جڏهن ته خاص مهمانن ۾ روزاني ڪاوش جو نيوز ايڊيٽر جناب نياز پنهور، روزاني شام جو ايڊيٽر ۽ ناميارو صحافي ناز سهتو ۽ ناميارو فلمي اداڪار جناب مشتاق چنگيزي هئا ـــ آجياڻي واري تقرير ڪندي ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر چيو ته اها مون لاءِ نهايت فخر جي ڳالهه آهي ته منهنجي ذاتي ڪوششن سان عظيم فنڪار سهراب فقير جي ياد ۾ يادگار گيلري قائم ڪئي وئي آهي ــ اسان اهو سهراب فقير تي ڪو احسان ناهي ڪيو پر اِهو سندس حق هو جيڪو اسان ادا ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته سهراب فقير پنهنجي فن جو آغاز ريڊيو پاڪستان خيرپور کان ئي ڪيو هو.
    جناب مشتاق چنگيزي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اگر ڪنهن قوم کي ختم ڪرڻو هجي ته ان جي ادب ۽ فن کي تباهه ڪيو وڃي. ان جي ڪلچر ۽ تهذيب کي برباد ڪيو وڃي. زندهه قومون پنهنجي قومي ورثي کي سنڀالي رکنديون آهن. مان ريڊيو پاڪسيتان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ سموري عملي کي شاباس ٿو ڏيان جن سنڌ جي هن عظيم راڳيءَ جي نالي هڪ شاندار گيلري قائم ڪري فن جي حفاظت ڪئي آهي.
    محترم ناز سهتي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ فن سان مالا مال خطو آهي جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ صوفي فنڪار پنهنجي آواز ۽ انداز سان فن جي خدمت ۾ مصروف آهن ـــ انهن فنڪارن ۾ سهراب فقير جو نالو هڪ معتبر نالو آهي، جنهن جيتريون به ڪافيون ڪلامَ ڳايا آهن اهي سڀ مشهور ۽ مقبول ٿيا آهن هن چيو ته هيءَ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي هڪ بهترين ڪوشش آهي هُنَ چيو ته هر ريڊيو اسٽيشن تي اهڙو ڪم ٿيڻ گهرجي.
    هڪ ٻئي مهمان خاص ۽ نامياري صحافي جناب نياز پنهور پنهنجي تقرير ۾ چيو ته واديءَ مهراڻ جي تهذيب ۽ ثقافت نهايت شاهوڪار آهي ۽ فن ۽ ادب سان مالا مال آهي ـــ اڄ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي نهايت شاندار گيلري ڏسي منهنجي دل ڏاڍي خوش ٿي آهي ــ سهراب فقير نه رڳو خيرپور نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان جو هڪ عظيم ورثو آهي جنهن دنيا ۾ سنڌ جي صوفي راڳ کي متعارف ڪرايو.
    محفل جي صدر ۽ نامياري اديب ۽ شاعر جناب نصير مرزا پنهنجي صدارتي تقرير ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙي ۽ سندس ٽيم کي زبردست لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو جن اهڙو شاندار ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ ان شاندار گيلريءَ کي شاندار فنڪار سهراب فقير جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. هن چيو ته ان گيلريءَ جي هڪ خصوصيت اها به آهي ته ان ۾ سموري سنڌ جي سڀني علائقن جي نمائندگي ٿيل آهي ـــ ان ۾ ٿري فنڪار به آهن ته لاڙ جا به ـــ وچولي جا به اتر سنڌ جا به ـــ مطلب ته سهراب فقير گيلري هڪ خوبصورت گلدستو آهي جنهن هر گل جو پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي خوشبوءِ آهي ــ نصير مرزا چيو ته سنڌ جو صوفي راڳ ۽ ان جو انداز پوري دنيا ۾ نهايت دلچسپيءَ سان ٻڌو ۽ ساراهيو وڃي ٿو ــ هن چيو سهراب فقير هر لحاظ کان هڪ منفرد صوفي فنڪار هو، شڪل جو اعتبار کان، آواز جي اعتبار کان ۽ پنهنجي نرالي انداز جي اعتبار کان.
    افتتاحي تقريبَ جي پڄاڻيءَ تي هڪ شاندار محفل موسيقي به منعقد ٿي. ان تقريبَ ۾ ماڻهن جي تمام وڏي انگَ شرڪتَ ڪئي. هن تقريبَ جي ڪارروائي نامياري شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي سينيئر ڪمپيئر جناب امر اقبالَ هلائي.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 728
    ڪتابن جو مشاهدو: 1066626
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 353975
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ