ڪتاب جو نالو: دل جي دنيا
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1998
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 23 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 2359 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 876 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
دل جي دنيا امر جليل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ڪيئي دفعا ڇپيو آهي. هن ڪتاب جو ڏهون ڇاپو 1998ع ۾ روشني پبلشرز پاران ڇپايو ويو. امر جليل مهاڳ ۾ لکي ٿو:
مان ڪير آھيان؟ ’دل جي دنيا‘ وارو شامو آھيان! ’پڙلاءَ‘ وارو ساجن آھيان! ’بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو‘ آھيان! ’منھنجو ڏس آسمان کان پڇو‘ واريءَ ڪھاڻيءَ جو گوتم آھيان! ’اروڙ جو مست‘ ۾ عبدالرحمان ڌاڙيل آھيان! ’تاريخ جو ڪفن‘ ڪھاڻيءَ ۾ اياز مڪراني آھيان! ’جڏھن مان نھ ھوندس‘ ۾ ڦاھيءَ کان اڳ آخري ڪھاڻي لکڻ وارو قومپرست آھيان! مان ڪير آھيان؟ مان ڪنھن بھ نتيجي تي پھچي نھ سگھيو آھيان. اصل ۾، مان ڪنھن بھ نتيجي تي پھچڻ جو خواھشمند نھ آھيان.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • نھ مھاڳ، نھ امھاڳ ؛ امر جليل
  • • مھاڳ
  • 1. سوجھرو
  • 2. اروڙ جو مست
  • 3. عشق ۽ انٽرويو
  • 4. ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا
  • 5. سياڻن ۾ ھڪ ڀوڪ
  • 6. ھن ڄار ۾
  • 7. دل جي دنيا
  • 8. چرٻٽ ۽ ھڪ نرس
  • 9. رڃ
  • 10. سج اڀرڻ کان اڳ
  • 11. بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو

  • • نھ مھاڳ، نھ امھاڳ ؛ امر جليل

    ڪجھھ لکڻ کان اڳ ضروري سمجھان ٿو تھ اوھان کي چتاءُ ڏيئي ڇڏيان، اوھان کي خبردار ڪري ڇڏيان. پوءِ، متان چئو تھ اسان سان دوکو ٿيو آھي. اسان سان فريب ٿيو آھي. اسان سان ويساگھاتي ٿي آھي، تنھن ڪري وضاحت ضروري سمجھان ٿو.
    مان ڏاڍو فيئر قسم جو ماڻھو آھيان. ان فيئر ڪم بھ فيئر نموني ڪندو آھيان. سڄي ڄمار ڏاڍيءَ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڪوڙ ڳالھايو اٿم. جيڪي بھ قانوني خلاف ورزيون ڪيون اٿم، سي قانون جي دائري ۾ رھندي ڪيون اٿم. تنھنڪري، اوھان کي خبردار ڪري ڇڏڻ ضروري سمجھان ٿو، بلڪ لازمي سمجھان ٿو.
    ھن وقت مھاڳ جي نالي ۾ اوھين جيڪي ڪجھھ پڙھي رھيا آھيو، سو مھاڳ ناھي، سو امھاڳ بھ ناھي. سو ڪجھھ بھ نھ آھي. درحقيقت، ھن وقت اوھين ڪجھھ بھ نھ پڙھي رھيا آھيو. پنھنجو وقت برباد ڪري رھيا آھيو. اوھين ھن وقت جيڪي ڪجھھ پڙھي رھيا آھيو، تنھن جو ڪو وجود، ڪو ڀرم ڪونھي. ھن وقت اوھين جيڪي ڪجھھ پڙھي رھيا آھيو، سو عدم آھي، سو غائب آھي، سو غير حاضر آھي، سو خلا آھي، خالي خالي آھي. ڪجھھ بھ نھ آھي. اوھين ڪجھھ بھ نھ پڙھي رھيا آھيو. دراصل زندگي بذاتِ خود ڪجھھ بھ نھ آھي، ڏاڍي بي مقصد آھي. ڏاڍي بي معنيٰ آھي.
    ھن وقت اوھين جيڪڏھن سگريٽ ڇڪي رھيا آھيو، تھ پوءِ مھرباني ڪري سگريٽ وسائي ڇڏيو. جيڪڏھن جوان آھيو تھ جوانيءَ تي ۽ جيڪڏھن پوڙھا آھيو تھ پنھنجي ٻڍاپي تي رحم ڪريو. سگريٽ ھڪدم وسائي ڇڏيو، دير نھ ڪريو. مون کي خبر آھي تھ سمورا سگريٽ ڇڪڻ وارا ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي نھ مرندا آھن. سگريٽ نھ ڇڪڻ وارن کي بھ ڪينسر ٿي پوندي آھي. مرڻ لاءِ ڪينسر جو ٿي پوڻ ضروري ناھي. اڪثر ماڻھو بنا سبب جي مري ويندا آھن. ماڻھو فقط بک ۾ پاھھ ٿي نھ مرندا آھنب. ڍو تي بھ ماڻھو مري ويندا آھن. بلڪ وڏي تعداد ۾ مري ويندا آھن. فرق فقط ايترو آھي جو بک ۾ پاھھ ٿي مرڻ وارا پنھنجي مٿان مقبرا اڏائي نھ سگھندا آھن. مون کي خبر آھي تھ سگريٽ نھ ڇڪڻ جي باوجود اسين مري ويندا آھيون. مون اوھان کي سگريٽ في الحال اِن ڪري وسائي ڇڏڻ جو مشورو ڏنو آھي، جو ڪتابن کي باھھ لڳڻ، ۽ لڳائڻ جو امڪان وڌي ويو آھي. ھلاڪن دنيا تي قبضو ڪري ورتو آھي. اڳ تلوارون ۽ تير ھلندا ھئا، ۽ ڪتاب سڙندا ھئا. ھينئر ھيڊروجن بم ۽ ايٽم بم ھلندا، ۽ ڪتاب ۽ ڪتبخانا سڙندا.
    اوھين ھن وقت جيڪڏھن موٽر سائيڪل ھلائي رھيا آھيو، ۽ ڪتاب بھ پڙھي رھيا آھيو تھ پوءِ ھڪدم ٻنھي ڪمن مان ھڪ ڪم ڇڏي ڏيو. ڪتاب پڙھو، يا موٽر سائيڪل ھلايو. اوھين جيڪڏھن ارادي جا پڪا، ۽ ضدي آھيو، ۽ ٻئي ڪم ھڪ مھل ڪرڻ چاھيو ٿا، تھ پوءِ مٿي تي ھيلميٽ پائي ڇڏيو. ڏسجو، متان ھيلميٽ بدران مٿي تي شيڪسپيئر جو ھيمليٽ پائي ڇڏيو. مٿي تي ھيمليٽ بدران ھيمليٽ پائي ڇڏڻ ۾ ھونءَ تھ ڪا خرابي ڪونھي، پر ڳالھھ ڇاھي جو پيءُ جي دشمن، ۽ ماءُ جي عاشق ھيمليٽ کي ديوانو ڪري ڇڏيو ھو. ھڪ ديواني کي مٿي تي ويھارڻ ٺيڪ ڪم ڪونھي. اوھين مٿي تي ھيلميٽ پائي ڇڏجو، ۽ موٽر سائيڪل ھلائجو.
    منھنجو ھڪ دوست ڏاڍيءَ پابنديءَ سان مٿي تي ھيلميٽ پائي موٽر سائيڪل ھلائيندو ھو. ھڪ دفعي ٽرڪ سان حادثي ۾ سڄو چچرجي ويو. ھڏ گڏ ڀڄي پيس. پر ھيلميٽ ۾ محفوظ مٿو بچي ويس. بچي ويل مٿو اسان جي دوست کي ڪم نھ آيو. ھو مري ويو. اسان کيس صحيح سلامت مٿي سميت قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيو.
    مئل ماڻھوءَ جو صحيح سلامت مٿو جيئرن جي ڪم نھ ايندو آھي. مئل ماڻھوءَ جو صحيح سلامت مٿو خود مئل ماڻھوءَ جي ڪم بھ نھ ايندو آھي. بلڪ ڪنھن جي بھ ڪم نھ ايندو آھي. اِن قسم جو بيڪار مٿو تاريخ جو منحرف ٿي پوندو آھي. مون زندگيءَ ۾ انيڪ مئل ماڻھن جي ڪنڌ تي صحيح سلامت مٿا لڳل ڏٺا آھن. ھيلميٽ اسان جي بيڪار مٿي کي محفوظ رکي سگھندو آھي، پر اسان جي ٽنگ ۽ ٻانھن کي ڀڄڻ کان بچائي نھ سگندو آھي.
    مون اھڙا جيئرا جاڳندا ماڻھو بھ ڏٺا آھن، جن جي ڪنڌ تي نامعقول قسم جو مٿو لڳل ھوندو آھي. اھڙي ناقص مٿي ۾ ميڄالي بدران جھرڪيءَ جو اجڙيل آکيرو پيل ھوندو آھي. منھنجي مٿي ۾ بھ آکيرو آھي، جنھن ۾ آنو لاھي جھرڪي اڏامي ويئي آھي. مون جھڙا ماڻھو جن جي ڪنڌ تي نامعقول مٿو لڳل ھوندو آھي. سي کائڻ ۾ ٻڪر جو برين مصالحھ پسند ڪندا آھن.
    اسين دال کائڻ کان پوءِ، تيليءَ سان ڏند ۾ ڦاٿل ٻوٽي ڪڍي وٺندا آھيون. ڦٿل ناسپاتيءَ کي صوف سمجھي کائي ويندا آھيون، ۽ ڌڻيءَ در دعاگو ٿيندا آھيون.
    زيب سنڌيءَ، ۽ علي نواز گھانگھري جڏھن ’روشني پبليڪيشن‘ پاران ڪتاب ”دل جي دنيا“ جو نئون ايڊيشن آڻڻ جي ڳالھھ ڪئي ھئي، تڏھن ڪجھھ دير لاءِ مون کي تعجب ٿيو ھو. تعجب ان ڪري ٿيو ھو جو مون ڀانيو ھو، تھ چيني ۽ چرٻٽ جا سنگتي ۽ ساٿي کين ڇڏي ھليا ويا آھن. چينو ۽ چرٻٽ اڪيلا رھجي ويا آھن. ڏاڍا اٻاڻڪا ٿي پيا آھن. نھ ڪو کين ٻڌڻ وارو آھي، ۽ نھ ئي ڪو سندن ڳالھھ سمجھڻ وارو وڃي بچيو آھي. پر، مون کانئن ڪجھھ نھ پڇيو. فقط ايترو چيو، نئين ڇاپي لاءِ مھاڳ لکندس، جيڪو درحقيقت مھاڳ نھ ھوندو.
    ھينئر مھاڳ جي نالي ۾ جيڪي ڪجھھ لکي رھيو آھيان، مھاڳ ناھي. امھاڳ بھ نھ آھي. ڀانيان ٿو بي مھاڳي آھي. ڳالھھ نھ مون کي سمجھھ ۾ آئي آھي، ۽ خدا چاھيو، بلڪ الله چاھيو تھ ڪنھن کي بھ سمجھھ ۾ نھ ايندي. ھونءَ بھ اڄڪلھھ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ ۾ ڇا رکيو آھي! سموري حڪمت ناسمجھيءَ ۾ آھي. ڄاڻ، آگاھي، ۽ سمجھھ انسان کي معاشري ۾ ھيکلو ڪري ڇڏيندي آھي – اڪيلو ڪري ڇڏيندي آھي. ھو سولائيءَ سان خدا کي خير آباد ڪري الله حافظ چئي نھ سگھندو آھي. ھو جواز تان ھٿ کڻي نھ سگھندو آھي.
    مون کي اِن ڳالھھ جو فڪر ڪونھي تھ اسان خدا جو ۽ خدا اسان جو ڪيتري عرصي تائين ساٿ ڏنو. اسان خدا تان ھٿ کنيو، ۽ خدا جي نالي ۾ کنيل وفائن جي قسمن کي ٽوڙيو. خدا حافظ بدران الله حافظ چوڻ سان معاشري تي ڪو اثر ڪونھ پوندو. اڳ خريد ڪيل ڪوڙا شاھد ڪورٽن ۾ خدا جو قسم کڻي ڪوڙيون شاھديون ڏيندا ھئا، ۽ بيگناھن کي عمر قيد، ۽ ڦاھيءَ جون سزائون ڏياري ڇڏيندا ھئا. ھينئر ھو ساڳيو ڪم الله جي نالي ۾ قسم کڻي ڪندا. جن کي بيگناھھ مرڻو آھي، سي مرندا. جن کي اختلاف راءِ جي سزا ڀوڳڻي آھي، سي ڀوڳيندا. خدا حافظ بدران الله حافظ چوڻ سان ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ خبرون سچيون ثابت نھ ٿينديون.
    اصل ۾ مون کي فڪر آھي، ھڪ شخص خدا ڏني جو. موجوده روش ۽ رواج موجب مائٽن جيڪڏھن سندس نالو خدا ڏني مان مٽائي الله ڏنو رکي ڇڏيو تھ وڏو ممڻ مچي پوندو. خدا ڏني جي ھڪ ڀاءُ جو نالو الله ڏنو آھي. مائٽ خدا ڏني جو نالو مٽائي رب ڏنو بھ رکي نھ سگھندا. خدا ڏني جي ٻئي ڀاءُ جو نالو رب ڏنو آھي. مسئلو اِھو ناھي تھ ھڪ مياڻ ۾ ٻھ تلوارون وجھي سگھجن ٿيون يا نھ. اصل ۾ معاملو فوجداري آھي. ھڪ گھر ۾ ساڳي نالي سان ٻھ ماڻھو پاڪستان ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن لاءِ پريشانيءَ جو سبب ٿي پوندا.
    سرجڻھار ھڪ، سندس نالا انيڪ آھن. سرجڻھار تي ھڪ – ھٽي، ۽ اجاره داري قائم ڪرڻ لاءِ قومن ھڪ ٻئي کي ڏاڍو ڪٺو آھي.
    اسان کي آخر علامھ اقبال جي خوديءَ جي باري ۾ بھ تھ سوچڻو آھي! قومي شاعر آھي؛ بلڪ امت جو حڪيم آھي. ڳالھھ لنوائي تھ نھ سگھبي! سندس خوديءَ جو آخر ڇا ٿيندو! خوديءَ کي بلند ڪرڻ کان پوءِ خا کي ئي بندي کان پڇڻو ھو تھ، اي بنده، ٻڌاءِ تھ تنھنجي رضا ڪھڙي آھي. خدا حافظ کي اسان الله حافظ سان ريپليس ڪري ڇڏيو آھي. موجوده حالتن ۾ خوديءَ کي جيڪڏھن بلند ڪيوسين، تھ پوءِ اسان کان ڪير پڇندو تھ، اي بنده ٻڌاءِ تھ تنھنجي رضا ڪھڙي آھي! اسان خدا کان منھن موڙيو. خدا اسان کان منھن موڙي ڇڏيو آھي. الله سائين بندي کان سندس رضا جي باري ۾ پڇندو يا نھ پڇندو، ان باري ۾ مون کي ڪا خبر ڪونھي.
    مون کي فقط ايتري خبر آھي تھ خوديءَ جي ڪابھ بلندي انسان جي ڪم نھ ايندي آھي. انسان کي ڪم ايندو مونن ۾ منھن وجھڻ. کيس ڪم ايندو فڪر جي فرھي ھٿ ۾ کڻڻ، ۽ ماٺ ۾ مطالعو ڪرڻ. تڏھن مونا طور سينا ٿي پوندا آھن. اڳ جيڪي سمجھھ ۾ نھ ايندو ھو، سو سمجھھ ۾ اچڻ لڳندو آھي. اڳ جيڪو آواز ٻڌڻ ۾ نھ ايندو ھو، سو ٻڌڻ ۾ ايندو آھي. سو ازل کان آھي. قديم آھي. آڳاٽو آھي. ھر صورت ۾، ھر رنگ ۾، ھر روپ ۾ قائم آھي، دائم آھي. ڪل ڪائنات جي سرجڻھار تي ھڪ قوم جي اجاره داري امڪان کان ٻاھر آھي. ’جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن سڄڻ سامھون.‘
    ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چويم
    آئون جوئي آھيان، سوئي آھيان.
    ۽ ھيءَ ڳالھھ بھ سچل سرمست واري عقيدي جي آھي:
    جيڏانھن پورب پنڌ، تيڏانھن آئون نھ وڃڻو،
    ھيءُ ھنن جو ھنڌ، منھنجو ھنڌ ھنگلاج ۾.
    ۽، اھا ڳالھھ ان دور جي آھي جڏھن مون اڃان پھرين ڪھاڻي ’انداز‘ نھ لکي ھئي، ۽ ڪتاب ”دل جي دنيا“ شايع نھ ٿيو ھو. امان روزانو رات جو سمھڻ کان اڳ اڌ رات تائين ”سچل سرمست جو رسالو“ پڙھندي ھئي، ۽ روئندي ھئي. اسر ويل اوچتو آسمانن ڏانھن اسھڻ کان اڳ، ھن اڌ رات تائين ”سچل سرمست جو رسالو“ پڙھيو ھو، ۽ رني ھئي. منھنجي لاءِ پنھنجي اختيار ڪيل راھھ جو تعين ڪري ويئي ھئي. ان راھھ جو حوالو منھنجي ھر ڪھاڻيءَ ۾ آيو آھي، ھر ڪالم ۾ آيو آھي، ھر ڊرامي ۾ آيو آھي، ۽ موجوده تحرير ۾ آيو آھي، جنھن کي اوھين ھن وقت مھاڳ جي نالي ۾ پڙھي رھيا آھيو.
    ”دل جي دنيا“ منھنجين ڪھاڻين جو پھريون ڪتاب آھي، ۽ پھرئين پيار، ۽ پھرين ٻار وانگر مون کي وڻندو آھي. پر سچ پڇو تھ ھن ڪتاب ۾ مون کي ڪابھ اھڙي غير معمولي ڳالھھ ڏسڻ ۾ نھ آئي آھي، جو ھيءُ ڪتاب گذريل ٽيھن سالن کان وقفي وقفي سان لاڳيتو ڇپجي رھيو آھي. چئن پنجن پبلشرن ھن ڪتاب کي ورائي ورائي شايع ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ منھنجي اوائلي دور جون ڪھاڻيون آھن، ۽ منھنجين عام ڪھاڻين وانگر عام رواجي قسم جون ڪھاڻيون آھن، ۽ عام رواجي ماڻھن جون ڪھاڻيون آھن. رستن، گھيڙن، ۽ گھٽين ۾ ڌڪا کائڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن. ھي ڪھاڻيون تعبير لاءِ خواب ڏسڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن. گدلي تلاءَ ۾ چنڊ جي پاڇولي سان پيار ڪرڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن. گھاو خاطر جلاد جي تلاش ۾ گھمڻ وارن ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن. ڪنھن بھ ڪھاڻيءَ جي نھ ابتدا آھي، ۽ نھ ئي ڪا انتھا آھي. نھ ڪا شروعات آھي، ۽ نھ ئي ڪا پڄاڻي آھي. منھنجين سمورين ڪھاڻين وانگر ھن ڪتاب ۾ پڻ سڄن جي دنيا ۾ چرين ۽ مجذوبن جون ڪھاڻيون آھن. تصديق لاءِ تحقيق، ۽ تحقيق لاءِ تصديق ڪرڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن. آئيني ۾ پنھنجو عڪس ڏسي آئينو ٽوڙي ڇڏڻ وارن جون ڪھاڻيون آھن.
    مان ايٽم بم ٺاھڻ وارن جون ڪھاڻيون لکي نھ سگھندو آھيان. جن مٿان ايٽم بم اڇلايو ويندو آھي، مان انھن جون ڪھاڻيون لکندو آھيان. مان معمولي قسم جو مولائي ماڻھو آھيان، تنھنڪري پاڻ جھڙن مولائين جون ڪھاڻيون لکندو آھيان، بي مقصد، بي معنيٰ بلڪل ھن تحرير وانگر بي معنيٰ جنھن کي اوھان مھاڳ جي نالي ۾ پڙھيو آھي، پر مھاڳ نھ آھي، امھاڳ بھ نھ آھي. ڪجھھ بھ نھ آھي. خلا آھي. عدم جو احساس آھي.

    امر جليل
    1311, Gali 12, Sector, I – 10/2 Islamabad.
    20ع جون 1998


    • مھاڳ

    ’دل جي دنيا‘ جي ٻئي ۽ ٽئين ڇاپي جي وچ ڏھن سالن جي وڇوٽي آھي. اھي ڏھھ سال منھنجي زندگيءَ جا طويل ۽ ٿڪائيندڙ سال آھن. اھي ڏھھ سال بيوفا بھارن ۽ مستقل خزائن جا سال آھن. اھي ڏھھ سال گلن کان خوشبوءِ جي رسي وڃڻ جا سال آھن. انھن ڏھن سالن ۾ مون کي مختلف ڪردارن ۾ ڳوليو ويو آھي. انھن ڏھن سالن ۾ منھنجي خلاف منھنجين ڪھاڻين جي ڪردارن کي مدنظر رکي الزامن جي فھرست تيار ڪئي وئي آھي. انھن ڏھن سالن ۾ مون پڻ پاڻ کي پنھنجين ڪھاڻين ۾ ڳولڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
    مان ڪير آھيان؟ ’دل جي دنيا‘ وارو شامو آھيان! ’پڙلاءَ‘ وارو ساجن آھيان! ’بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو‘ آھيان! ’منھنجو ڏس آسمان کان پڇو‘ واريءَ ڪھاڻيءَ جو گوتم آھيان! ’اروڙ جو مست‘ ۾ عبدالرحمان ڌاڙيل آھيان! ’تاريخ جو ڪفن‘ ڪھاڻيءَ ۾ اياز مڪراني آھيان! ’جڏھن مان نھ ھوندس‘ ۾ ڦاھيءَ کان اڳ آخري ڪھاڻي لکڻ وارو قومپرست آھيان! مان ڪير آھيان؟ مان ڪنھن بھ نتيجي تي پھچي نھ سگھيو آھيان. اصل ۾، مان ڪنھن بھ نتيجي تي پھچڻ جو خواھشمند نھ آھيان. ائين برابر آھي تھ ڪوبھ ليکڪ پاڻ کي مڪمل طرح پنھنجين تحريرن کان جدا ڪري نھ سگھندو آھي؛ پر، ليکڪ کي سندس ڪھاڻين جي انيڪ ڪردارن مان ڪنھن بھ ھڪ ڪردار ۾ ڳولڻ، يا ان ڪردار سان وابستھ ڪرڻ ممڪن نھ آھي. بي معنيٰ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ڏيڻ لاءِ مان لکي رھيو آھيان. لکڻ منھنجي لاءِ اظھار، ۽ ھئڻ جي احساس جو ذريعو آھي. ويھھ – ٻاويھھ سال لاڳيتو ڪھاڻيون ۽ ڊراما لکڻ جي باوجود مان پاڻ کي پنھنجي ڪنھن بھ ھڪ ڪردار ۾ ڏسي نھ سگھيو آھيان. مان سچل سرمست جو معتقد آھيان –
    ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي،
    آئون جوئي آھيان، سوئي آھيان.
    مان اڪثر ان ھيڪلي شخص جي باري ۾ سوچيندو آھيان، جيڪو آزمائش جي اسٽيڊيم ۾ بيٺو آھي، ۽ خونخوار چيتي جو انتظار ڪري رھيو آھي. اسٽيڊيم جي ڪنھن بھ ھڪ در مان چيتو ظاھر ٿيندو، ۽ ھيڪلي شخص تي حملو ڪندو. آدمخور چيتي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ھيڪلي شخص جي ھٿ ۾ تلوار نھ آھي. آسماني ڪتابن واري سيمسن وانگر ھو طاقتور بھ نھ آھي. ھو ٿڪل ٿڪل، نٻل ۽ ويڳاڻو آھي. ھو ٽئين دنيا جو ليکڪ آھي. ھن جي ھٿ ۾ قلم آھي. ھو اسٽيڊيم ۾ ’موجود خاموش تماشائين جي وچ ۾ پنھنجي موت جو منتظر آھي. ٽئين دنيا جي ڏتڙيل ليکڪ محسوس ڪري ورتو آھي تھ، قديم چواڻيءَ جي ابتڙ، قلم ڪنھن بھ صورت ۾ تلوار کان وڌيڪ طاقتور نھ آھي. ان ڄاڻ جي باوجود ٽئين دنيا جو ليکڪ لکي رھيو آھي، ۽ ادب جي بارگاھھ ۾ پنھنجي وجود جو نذرانو ڏيئي رھيو آھي.‘

    امر جليل
    شعبو – ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي
    علامھ اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد


    25 فيبروري 1984ع


    1. سوجھرو

    ھيءَ انھن ڏنھن جي ڳالھھ آھي، جڏھن مفلسيءَ اسان کي بي آب مڇين وانگر پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو ھو ۽ اسان تي مصيبتن ۽ آفتن جا ولر وري آيا ھئا. نوڪري وڃڻ جو فڪر اڃا جيءَ کي چھٽيو پيو ھو، جو مٿان، مشڪلن ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ جنيد کي مدي جو تپ ٿي پيو. پنھنجي ننڍڙي معصوم ڀاءُ جي حالت اکين سان ڏسي رھيو ھوس، پر مجبور ھوس. منھنجيون ڀينرون زيبو ۽ ڪمو، جنيد جا اڀا ساھھ ۽ ڳاڙھيون اکيون ڏسي، روئڻ ھارڪيون ٿي پيون ھيون.
    ”ڏسين نھ ٿو، ڏسين نھ ٿو،“ ڪموءَ مون کي ڪلھن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ڪجھ تھ ڪر، جنيد لاءِ ڪجھھ تھ ڪر.“
    مون ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
    گھر جو ذري گھٽ سمورو سامان منھنجي بيروزگاريءَ جي نظر ٿي چڪو ھو، ۽ فقط ھڪ پراڻو گھڙيال وڃي باقي بچيو ھو، جيڪو ڀت سان چنبڙي، انسان جي دل وانگر ڌڙڪي رھيو ھو. مون سوچيو، انسان جي دل وانگر اِن گھڙيال جو آواز – ٽڪ ٽڪ، بند ٿي ويندو، موت وانگر خاموش ٿي ويندو. پر، ھن گھڙيال جي موت ۽ انسان جي موت ۾ ڪيڏو نھ فرق آھي! انسان جي تخليق – گھڙيال ۾ بند ٿيڻ کان پوءِ چاٻيءَ سان ٻيھر زندگي پيدا ڪري سگھجي ٿي، پر انسان جي ٿڌي جسم ۾ ٻيھر ڪير روح ڦوڪي، زندگي پيدا ڪري سگھندو؟
    مون منھن ورائي جنيد ڏانھن ڏٺو.
    ۽ پوءِ، پراڻو گھڙيال، ڪندن مل پساريءَ وٽ ڏھين رپئي ۾ گروي ڪري آيس، جيتوڻيڪ ڏھھ رپيا ڊاڪٽر جي في ۽ ڪلورو مائسٽن جي ڪيپسولن لاءِ ٿورا ھئا. ڏھين رپئي جو نوٽ مٺ ۾ قابو ڪري، فڪرن ۾ ٻڏندو، ترندو گھر موٽي آيس.
    انھن ڪارن ڏينھن ۾، پاڙي مان ڪنھن کان پيسا اڌارا وٺڻ جو سوال ئي نھ ٿي پيدا ٿيو. جڏھن کان ھڪ انگريزي انجنيئر جي پگھار پوري ڪرڻ لاءِ ڪارخاني مان اسان چاليھھ مزورن کي ڪڍيو ويو ھو، تڏھن کان پاڙي جي سڀني گھرن جي حالت ھڪ ٻئي کان بدتر ٿي ويئي ھئي. مزورن جي گھرن جو سامان ڪٻاڙين وٽ وڪامي ويو، ۽ جن کي گھرن ۾ وڌيڪ بکيا پيٽ ھئا، انھن جي عزت ۽ عصمت شھر جي ھوٽلن ۽ بنگلن تي وڪامڻ لڳي.
    اوچتو ذھن جي اوندھھ ۾ اميد جو کڙکٻيتو چمڪي اٿيو. ياد آيم تھ ھڪ دفعي ربوءَ مون کان ٻارھن رپيا اڌارا ورتا ھئا. ھونءَ کانئس پيسا ھرگز نھ گھران ھا، پر ربوءَ جي حالت اسان جھڙي نھ ھئي. ھو نوڪري وڃائڻ کانپوءِ بھ آرام جي زندگي بسر ڪري رھيو ھو. ڏسڻ وارن کي پڪ ھئي تھ ربوءَ کي ھندن جي ڇڏيل ملڪيت ھٿ چڙھي ويئي آھي، يا وري نوٽن ڇاپڻ جي مشين ايجاد ڪئي اٿائين. سندس ٻارن جي اکين ھيٺان بک جا ڪارا ليڪا ڪين اڀريا ھئا، ۽ نھ ئي پاڻ ڪنتريءَ کان ڪنارا ڪش ٿيو ھو.
    مان زيبوءَ ۽ ڪموءَ کي دلاسا ڏيئي، ربوءَ کان پيسا اوڳاڙڻ لاءِ گھر کان ٻاھر آيس.
    گھٽيءَ ۾ پاڙي جا سڪل ۽ سنھڙا، اڌ اگھاڙا ٻار، اِٽي ڏڪر راند ڪري رھيا ھئا. کين ڏسي، مون کي پنھنجو ننڍڙو جنيد ياد آيو، جيڪو جھڳيءَ ۾، ڇڳل واڻ جي کٽ تي، موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾، ڪنھن ڊاڪٽر جو انتظار ڪري رھيو ھو. پر ڪٿي ھئا، اھي لٻاڙي ڊاڪٽر، جن جي دعويٰ آھي تھ ھو قوم ۽ انسانيت جا خادم آھن! ان ڏينھن اھي ڊاڪٽر ڪٿي ھئا، جڏھن انسانيت جو ننڍڙو روح مفلسيءَ ۾ سھڪي رھيو ھو! اھي دردمند حڪيم ۽ طبيب ڪٿي ھئا، جڏھن ھڪ انسان جي ھستي ڏھن رپين لاءِ ميسارجي رھي ھئي! تڏھن خيالن جي اپسرائن ڀڻڪو ڪيو، تھ انسان ازل کان دولت جو غلام آھي، ۽ دولت ديوتائن کان وڌيڪ طاقتور آھي.
    مان تڪڙا قدم کڻندو، گھٽيءَ جي مھاڙيءَ وٽ پھتس. ربوءَ جو گھر پاسي واري گھٽيءَ ۾ ھو. جتي ٻئي گھٽيون ملنديون ھيون، اتي انھن ڏينھن ۾ ھڪ ڌڌڙيل درويش اچي ديرو ڄمايو ھو. سندس اکيون ٽانڊن وانگر ٻرنديون رھنديون ھيون. چارئي پھر بدن کي ڀڀوت ڪيو، دونھي دکائي، پنھنجي جھوپڙيءَ آڏو ويٺو ھوندو ھو. پاڙي جون عورتون کانئس من جون مرادون گھرنديون ھيون ۽ مرد کانئس سٽي جا نمبر پڇندا ھا، جڏھن کان اسان جي پاڙي ۾ بيروزگاريءَ پير ڄمايا ھئا، تڏھن کان درويش جي ڄڻ عيد شروع ٿي ھئي. سندس سگھارو بدن، ڏينھون ڏينھن سگھارو ٿيندو ويو. پيٽ جي گولائيءَ تان گھنج گم ٿي ويس، ۽ دن جو ٽنگ گھٽ ٿي ويس. گھرن ۾ لنگھڻ ڪڍيا ويندا ھئا، پر درويش کي سيرا، مالپڙا ۽ قورما کارايا ويندا ھئا.
    جڏھن مان گھٽيءَ جي مھڙ وٽ پھتس، تڏھن درويش دونھي دکايو، بدن کي ڀڀوت ڪيو، پنھنجي جھوپڙيءَ آڏو ويٺو ھو. ويڻين ۾ ڪڙا ھئس ۽ کاٻي ھٿ ۾ وڏو چمٽو ھوس، جنھن کي ساڄي ھٿ سان وڄائي رھيو ھو. مون کي ڳاڙھين اکين سان گھوريندي چيائين، ”گھر، جيڪي گھرجيئي.“ پوءِ آڱر سان آسمان ڏانھن اشارو ڪندي رڙ ڪيائين، ”اڄ اسان آسمان تان تاران بھ لاھي اينداسين،“ ان وقت شام جو وقت ھو ۽ آسمان تي تارا نھ ھئا.
    جھڪي، ادب سان کيس سلام ڪيم. سڄي پاڙي اھا ڳالھھ مشھور ٿي ويئي ھئي، تھ درويش کي ناراض ڪرڻ، ٻئي جھان وڃائڻ برابر آھي. مون نوڙت سان وراڻيو، ”درويش تنھنجون دعائون گھرجن.“
    ”وڃ، ٻيڙو پار اٿئي.“ درويش پنھنجون ڳاڙھيون اکيون منھنجين اکين ۾ وجھي ڇڏيون.
    ٽٽل اميدن کي ڄڻ آسرو مليو.
    مان ربوءَ جي ڏيڍيءَ تي اچي بيٺس. دل پي چيو، ربو نھ رڳو ٻارھن روپيا موٽائيندو، پر ڪجھھ رپيا قرض بھ ڏيندو.
    مون در جو ڪڙو اڃا مس کڙڪايو ھو، جو ربوءَ جي جواڻ جماڻ ڌيءَ، جنان، ريشمي ڪپڙن ۾، ۽ خوشبوءِ ڇڏيندي، موڙا ڏيندي، ھڪ طرف ھلي ويئي. مون ٻيھر ڪڙو کڙڪايو. ٿوري دير کانپوءِ ربو ٻاھر آيو. کيس اڇا اجرا ڪپڙا اوڍيل ھئا ۽ ڏاڙھي پڻ تازي ڪوڙيل ھئس. پڇيائين، ”چئھ، ڪيئن آيو آھين.“
    مون کيس سڄي ماجرا ٻڌائي. منھنجي ڳالھھ ٻڌڻ کان پوءِ چيائين، ”ھينئر، ھن وقت تھ مون وٽ ڪجھھ بھ ڪونھي.“
    ”ڪجھھ تھ ڏي ربو،“ کيس ايلاز ڪيم، ”ڪجھھ تھ ڏي ربو. منھنجو جنيد –“ آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.
    ”ھيئن ڪر،“ ربوءَ ڪجھھ سوچيندي چيو، ”سڀاڻي صبح جو مون کان سؤ، سوا سؤ کن وٺي وڃجانءِ.“
    ”سڀاڻي مان روپين کي ڇا ڪندس ربو،“ منھنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ”سوال تھ اڄوڪي رات جو آھي. ھيءَ ھڪ رات منھنجي جنيد لاءِ ڳوري آھي.“
    ”مان مجبور آھيان،“ ربوءَ چيو، ”صبح کان اڳ مان توکي پائي بھ ڏيئي نھ سگھندس.“
    ”ربو،“ مون ربوءَ کي ڏوري کان وٺندي چيو، ”ھينئر تھ تو وٽ ڪجھھ بھ ڪونھي نھ، ربو؟“
    ”نھ،“ ھن حيرت وچان مون ڏانھن ڏسندي وراڻيو.
    ”تھ ڇا، صبح تائين تنھنجي ڪڪڙ سونا آنا لاھيندي.“ مان تلخ لھجي ۾ ڳالھايو.
    ربو سٽ ساڻ ٻانھن ڇڏائي، ڏيڍي ٽپي، اندر ھليو ويو. ان وقت پنھنجي پوئتان ھڪ مڪار ٽھڪ ٻڌم. ڄڻ ڪو مون تي چٿرون ڪري رھيو ھو. منھن ورائي ڏٺم. بنڊل دادا منھنجي ويجھو بيٺو ھو. ڳاڙھو رومال ڪنڌ تي ويڙھيل ھوس ۽ واڇ ۾ اڌ سڙيل ٻيڙي. بنڊل دادا اسان جي علائقي جو پيداگير ھوندو ھو. ھن ٽھڪ ڏيندي چيو، ”ربوءَ وٽ سونا آنا ڏيندڙ ھڪ ڪڪڙ آھي.“
    ”منھنجي ڪھڙي ڪم جي،“ مون ٻڏندڙ دل سان وراڻيو.
    ”توکي پئسن جي ضرورت آھي نھ؟“
    ”ھا، فقط ويھن روپين جي.“
    ھن ٽھڪ ڏنو، ”بيوقوف، تو وٽ بھ تھ ٻھ ڪڪڙيون آھن، جيڪي سونا آنا ڏيئي سگھن ٿيون.“
    مون گھور ڪري سندس چنجھين اکين ۾ نھاريو.
    ”چاھين تھ مان چوٿين پتيءَ تي ٻنھيءَ جو بندوبست ڪريان.“
    ”تون چوڻ ڇا ٿو چاھين.“
    “ھيءُ دولت ۽ جوانيءَ جو دور آھي.“
    ”سڌيءَ طرح ڇو نٿو ڳالھائين.“
    ”ٻڌي سگھندين.“
    ”مان جنيد لاءِ سڀ ڪجھھ ٻڌندس. سڀ ڪجھھ.“
    ”تھ ٻڌ،“ بنڊل دادا چيلھھ تي ھٿ رکندي چيو، ”ڪمو ۽ زيبو ھڪ رات لاءِ -“
    ”بدمعاش،“ مون کيس جملو پورو ڪرڻ نھ ڏنو. مٿس الر ڪري ويس، پر ورندو پاڻ گند جي ڊھھ تي وڃي ڪريس.
    بنڊل دادا ٽھڪ ڏيندو ھليو ويو. ويندي ويندي چئي ويو، ”بُک مري ويندين، غريب جا ٻچا.“
    مان اٿي بيٺس. ھزارين طوفان جاڳي اٿيا. مون فيصلو ڪيو تھ ڀل جنيد مري وڃي. ڀل تھ منھنجيون حسرتون ۽ اميدون خاڪ ۾ ملي وڃن. ان خاڪ مان نوان جيند پيدا ٿيندا. مضبوط ارادن ۽ عزم وارا جنيد پيدا ٿيندا. ھزارين، لکين ۽ ڪروڙين جنيد ان خاڪ مان جنم وٺندا. جنھن خاڪ ۾ منھنجو جنيد ماڪ وانگر گم ٿي ويندو. ڀل تھ جنيد مري وڃي. ڀل تھ منھجو جنيد قربان ٿي وڃي.
    ڀانت ڀانت جا خيال، سمنڊ جي لھرن وانگر منھنجي ذھن ۾ چڙھندا ۽ لھندا رھيا. سوچيم، منھنجي جنيد جي قرباني، دنيا جي سڀ کان وڏي قرباني ھوندي. منھنجي جنيد جي قربانيءَ جا تاريخن ۾ حوالا ڏنا ويندا. جڏھن بھ عظيم قربانين جو ذڪر ڪيو ويندو، تڏھن جنيد جو نالو پٿر جي ليڪ وانگر اڀري ايندو.
    مان خيالن جي ڪاري جھنگ ۾ ڀٽڪندو، دل ئي دل ۾ ھنجون ھاريندو، جڏھن گھٽيءَ جي مھڙ وٽ پھتس، تڏھن جمن پخاليءَ جي زال درويش جي جھوپڙيءَ مان نڪري گھٽيءَ جي ھڪ ڪچي گھر ۾ گم ٿي ويئي. ٿوري دير ۾ درويش چمٽو وڄائيندو ٻاھر آيو. مون تي نظر پيس تھ ھڪدم چيائين، ”گھر، جيڪي گھرجيئي.“
    دل جھلي چيم، ”ويھھ رپيا ڏيندين.“
    ”نادان، مايا ڇا ڪندين.“ ھن چمٽو وڄائيندي چيو، ”وڃ تنھنجي ٻئي جھان جوڙي ڇڏياسين.“
    دل چاھيو تھ چوانس، جڏھن ھڪ جھان جو ھيءُ حال آھي، تھ اڻڏٺي جھان جو الاءِ ڪھڙو برو حال ھوندو.
    مان ٿڪل قدمن سان پنھنجيءَ گھٽيءَ ۾ موٽي آيس. مجروح روح ڏکي رھيو ھو ۽ دل جا زخم سمي رھيا ھئا. رکي رکي عذاب جھڙو ھڪ خيال روح ۾ بڙڇيءَ وانگر چڀي ٿي ويو، تھ اڄوڪي شام، منھنجي جنيد جي آخري شام، ۽ اڄوڪي رات، منھنجي جنيد جي آخري رات آھي. سڀاڻي، جڏھن نئون صبح ايندو، سج اڀرندو، تڏھن جنيد نھ ھوندو، جنيد جي فقط ياد رھجي ويندي.
    ”ڪھڙن پورن ۾ پئجي ويو آھين؟“
    ھلندي ھلندي بيھي رھيس. ڏٺم تھ چاچا واحد ھو. چاچا واحد ڪارخاني ۾ سڀني کان جھونو ھو، ۽ جڏھن بيروزگاريءَ جو منحوس پاڇو مزورن تي اچي پيو ھو، تڏھن سڀني کان اول چاچا واحد کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ھو. ھو عمر ۾ اسان سڀني کان وڏو ھو، تنھن ڪري کيس چاچا ڪري سڏيندا ھئاسين.
    ”وڃ، جلد وڃ،“ مون کي ڌونڌاڙيندي چيائين، ”زيبوءَ کي اجھو ھينئر ويھھ رپيا ڏيئي آيو آھيان.“
    ”ويھھ رپيا.“
    ”ھا، جلدي ڪر. ڊاڪٽر کي وٺي وڃ.“
    ”چاچا!“
    ”ھينئر ڳالھائڻ جو وقت ڪونھي.“
    ”چاچا،“ مون ڏانھنس شڪي نگاھن سان ڏسندي پڇيو، ”تو پيسا ڪٿان آندا، چاچا.“
    ”توکي پيسن جي گھرج آھي، يا –“
    ”ھا، پر –“
    چاچا، مون ڏانھن غور سان نھاريو. چيائين، ”پٽ کان سڪايل آھيان تھ ڇا ٿيو! جوان ڌيءَ تھ اٿم نھ.“
    ”چاچا!“
    ”ڪڏھن ڪڏھن جوان ڌيءَ بھ ٻڍاپي ۾ وڏو سھارو ٿي پوندي آھي،“ چاچي آسمان ڏانھن ڏسندي چيو.
    منھنجي اکين ۾ رت لھي آيو. مون چاچا کي ھميشه عزت جي نگاھھ سان ڏٺو ھو. منھنجي گمان ۾ بھ نھ ھو، تھ جيڪا وير غم جا ڪنارا لٽيندي ٿي ويئي، تنھن ۾ چاچو واحد بھ پسي ويو ھوندو.
    ھن چيو، ”پر منھنجي گھر واري بھ پنھنجيءَ ڌيءَ کان ڪنھن حالت ۾ پٺتي ناھي.“
    دل چاھيو تھ ڪراڙي، بدڪردار، خبيس جو مٿو مترڪن سان چٿي چور ڪري ڇڏيان. جھڙي نموني ڳالھايائين پئي، ڀانءِ تھ بنڊل دادا جو مقابلو ڪري رھيو ھو.
    ”پر تون وڃ. ڊاڪٽر کي وٺي جلد گھر پھچ.“
    مان نفرت ۽ حقارت سان ڏانھنس نھارڻ لڳس.
    منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، ”سڀاڻي کان تون بھ ڪموءَ ۽ زيبوءَ کي ڪم سان لڳائجانءِ.“
    ڪراھت وچان منھنجيون مٺيون ڀيڪوڙجي ويون.
    ”منھنجي ڌيءَ ۽ گھر واري زيبوءَ ۽ ڪموءَ جي مدد ڪنديون. ھڪ ٻن ڏينھن جي تڪليف ٿيندن، ۽ پوءِ ھفتي کن ۾ ٺھي وينديون.
    مون دل ئي دل ۾ ان اگھاڙري پوڙھي کي گھٽو ڏيئي ماري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. جنھن وقت منھنجين ٻانھن جون مشڪون وٽجي سٽجي، ڪشيل نوڙ وانگر ٿي ويون ۽ جنھن گھڙيءَ منھنجا ھٿ آھستي آھستي چاچا جي ڳچيءَ ڏانھن اٿڻ لڳا، تنھن وقت چاچا چيو، ”ھڪ ڏينھن ۾ ٻن رون تي پني لڳائي وٺنديون آھن ۽ چئن سلوارن جا پاچا ڀري وٺنديون آھن.“
    رڳن ۾ ٽھڪندڙ رت ڄڻ اوچتو ئي اوچتو ڄمي برف ٿي ويو. سنڌ سنڌ ۾ ڪنبڻيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو.
    چاچا چيو، ”مڙيئي گذر سفر جيترو پيسو روز ڪمائي وٺنديون آھن. ھيءُ سڄو سنسار ماني ڳڀي لاءِ حيران سرگردان آھي نھ! سو مانيءَ ڳڀو عزت سان ملي ويندو.“
    مان چاچا واحد جي پيرن وٽ ويھي رھيس.
    ”اڙي! ھي ڇا، چاچي مون کي ٻانھن کان وٺي اٿاريندي چيو، ”جلد ڪر، ڊاڪٽر کي وٺي گھر وڃ. پوءِ اجايو اوندھھ ٿي ويندي. ڏس، اڃا بھ سوجھرو آھي. اڃا بھ سوجھرو آھي.“
    مان اسپتال ڏانھن ڊوڙندو ويس. ڊوڙندي آسمان ڏانھن ڏٺم، جتي پري، مٿڀرو، افق وٽ اڃا بھ سوجھرو ھو.


    2. اروڙ جو مست

    الله بخش مست جي زيارت ڪرڻ لاءِ اروڙ کان اچي نڪتو ھوس.
    زبون مسجد وٽ گھوڙي تان لٿس. روھڙيءَ کان اروڙ تائين يڪ ساھي سواري ڪئي ھيم. مفاصلو گھڻو نھ ھو، پر ڪپتان کي ھوا ۾ اڏائيندي آيو ھوس. گھوڙو سھڪي رھيو ھو. سنب پگھر ۽ مٽيءَ ۾ اٽجي ويا ھئس. کيس ٻٻر سان ٻڌي، ٿڦڪي ڏنم. منھنجو پراڻو ساٿي آھي. بيحد ڀائيندو آھيانس. مصيبت ۽ مشڪلات ۾ وفادار رھيو آھي. سڏيانس ڪپتان.
    منھنجو پيرن فقيرن ۾ اعتقاد ڪونھي. مان رھزن آھيان، خوني آھيان، مون کي پنھنجي رائيفل ۽ يوناني خنجر تي اعتبار آھي. پنھنجي قوت ۾ اعتماد اٿم. جنھن کي وڻيم، جڏھن وڻيم قتل ڪندو آھيان. جان فقط انھن جي بخشيندو آھيان، جيڪي قرآن کڻي امان گھرڻ ايندا آھن. اھڙن کي فقط لٽيندو ڦريندو آھيان. ايتري قدر جو لڱن جا لٽا بھ لاھرائي وٺندو آھيان. پر منھنجو جگري يار عارب ماڇي قرآن مان بھ نھ مڙندو ھو. ڪنھن کي بھ ٻاڏائيندو ڏسي، بنا دير ختم ڪري ڇڏيندو ھو. پر ھڪ رات عارب ماڇي گم ٿي ويو.
    الله بخش مست جي معجزن جا قصا ٻڌي، فيصلو ڪري نڪتو ھوس، تھ جيڪڏھن مست کان عارب ماڇيءَ جو ڏس نھ مليو، تھ رائيفل جون سڀئي گوليون مست جي سيني ۾ داخل ڪندس.
    ٻٽ کولي پگھر اگيھم. نھاريم. پري پري تائين آدم ذات ڏسڻ ۾ نھ آئي. رائيفل پختي ڪيم. پوءِ ڀڳل ڀتين، ڦٽل بنيادن ۽ ٽڙيل پکڙيل ڳاڙھين سرن کي لتاڙيندو، اروڙ جي کنڊرن ۾ وڃي پھتس. پويان قديم قبرستان جون قبرون ھيون ۽ اڳيان جبلن جون خوفناڪ لاھيون. اوچتو، خاموشيءَ ۾، پنھنجي پوئتان ڪنھن جي قدمن جو آواز ٻڌم. ڪجھھ پٿر جبل جي لاھھ تان ٿڙندا، قلابازيون کائيندا، ھيٺ وڃي ڪريا. ور ۾ لڪايل خنجر جي ھٿئي تي ھٿ رکي، وڄ وانگر ڦيرو کائي، پوئتي ڏٺم.
    ”ڪير آھين؟“
    ھو پوئتي ھٽي ويو. ڏٻرو ۽ ڪمزور ھو. ڪاري چادر ۽ اجرڪ جي ٻٽ ڏسي، ھٻڪندي ھٻڪندي پڇيائين، ”تون ڪير آھين؟“
    ”مسافر آھيان.“
    ”ڀلي آئين ادا،“ ھن پنھنجو ڪمزور ھٿ وڌايو. ساڻس ھٿ ملايم.
    کيس ٻڌايم، ”مان الله بخش مست جي زيارت تي آيو آھيان.“
    ”جيءُ آئين ادا.“
    ”ڏس ڏيندين؟“
    ”مان پاڻ سائينءَ جو سلام ڀرڻ نڪتو آھيان. گڏجي ٿا ھلئون.“
    ”واھھ جي ڳالھھ ڪئي اٿئي.“
    ھو ۽ مان گڏجي روانا ٿياسين. ھلندي ھلندي پڇيومانس، ”اصل اروڙ جو آھين ڇا؟“
    ”ھا. ڄايو نپيو ھت آھيان.“
    ھن جا قدم کنڊرن ۾ پختا ھئا ۽ ٻرانگھون ڪٿيل ھئس. وک مون کان اڳڀرو ھلي رھيو ھو. ھلندي پڇيائين، پاڻ ڪير آھين؟“
    ”جي!“ مان ھٻڪيس.
    ھن منھن ورائي پڇيو، ”پاڻ ڪير آھين؟“
    ”مان ميربحر آھيان،“ ڪوڙ ڳالھايم.
    ”اسان جي اکين تي ادا، ڀلي آئين.“
    وڏيون وڏيون ٻرانگھون کڻندو، وڌندو رھيو. پڇيائين، ”پھريون ڀيرو آيو آھين؟“
    ”ھا.“
    ”مجاھد جي مسجد وٽ تنھنجو گھوڙو ٻڌل آھي.“
    ”مجاھد ڪھڙو مجاھد؟“
    ”محمد بن قاسم.“
    ”ھا، منھنجو گھوڙو آھي.“
    ڳاڙھيون سرون لتاڙيندا، قلعي جي کنڊرن مان ٿيندا، ھڪ سالم مسجد وٽ پھتاسين.
    ٻڌايائين، ”ھيءَ مسجد بھ مجاھد جي اڏايل آھي.“
    ”ھيءَ بھتر حالت ۾ آھي.“
    ”الله جي رحمت اٿس.“
    ”۽ ھن ڊٺل مسجد تي؟“ منھنجي سوال تي ھن مون ڏانھن ڏٺو.
    کھري آواز ۾ چيائين، ”مسلمان آھين؟“
    ”پڪو.“
    مسجد جي پوئتان پھاڙي پيچرو لھندي چيائين، ”ھن زمين تان مجاھد ڪفر جو خاتمو ڪيو.“
    مان ھلندي ھلندي بيھي رھيس. نظر ڦيرائي چئني طرف ڏٺم. ھر طرف کنڊر ھئا. ويراني ھئي. چيم، ”ھينئر ھن زمين تي ڪجھھ بھ باقي نھ بچيو آھي.“
    منھنجي ڳالھھ تي بڇان لڳس. باقي پيچرو ڊوڙندو لھي ويو.
    جبل جي ترائيءَ ۾ پھچي، سٿڻ ڇنڊي، مون ڏانھن ڏسڻ لڳو. منھن تي مرڪ ھئس. ڄڻ ٺٽولي پي ڪيائين. مان جبل جي خوفناڪ پيچري تان ترڪندو، ٿاٻا کائيندو، وک وک تي بيھندو، ھيٺ لھي آيس. چنجھين اکين ۾ شرارت ھئس. ڪجھھ وکون کڻي، پنھنجيون سڪل ٻانھون سنھڙي چيلھھ تي رکي، ھڪ ھنڌ بيھي رھيو.
    چيائين، ”ھن ميدان ۾ سلائج جي پٽ چچ دوکو ڏيئي راڻي مھيرت کي قتل ڪيو ھو.“
    چچ ۽ مھيرت جي نالن کان متاثر نھ ٿيس. ٻئي منھنجي لاءِ اوپرا ھئا؛ پر ٻنھي جي وچ ۾ بيٺل دوکي جي ديوار ڏسي ورتم. صدين کان ھلندڙ ھوائون بھ فريب کي لٽي نھ سگھيون ھيون.
    مون چولي ھيٺان خنجر تي ھٿ رکندي پڇيو، ”ھيءَ زمين دوکي ۽ فريب کي جنم ڏيندي رھي آھي ڇا؟“
    چولي ھيٺان، ور ۾ وڌل خنجر ھو ڏسي نھ سگھيو، باقي منھنجي جملي جي ٺٺولي سمجھي ويو. اکين ۾ نفرت تري آيس. مون کان ڪمزور ۽ ڊڄندو نھ ھجي ھا، تھ ضرور چماٽ وھائي ڪڍيم ھا.
    ”گاريون سھندين؟“ عجيب سوال ڪيائين.
    ”مان سنڌي آھيان.“
    ”مست جون گاريون.“
    ”اوھھ! ھا. پنھنجي مراد پائڻ لاءِ مست جون گاريون سھندس.“
    الله بخش مست جي باري ۾ گھڻو ڪجھھ ٻڌي ٻاھر نڪتو ھوس. ٻڌو ھوم، تھ سوالين کي اگھاڙيون گاريون ڏيندو آھي. مٿن گند، ڪچرو، ۽ ڪرفتي اڇلائيندو آھي. پر گڏوگڏ سندس ڪرامتن جا قصا بھ ٻڌا ھئم. جوان عورتن جا جن، ڪڍندو آھي. بي اولاد اولاد ۽ نامراد مرادون ماڻيندا آھن. سندس فيض مان فراقيل وصال، ۽ اڃايل آب حاصل ڪندا آھن. مون کي بھ پنھنجي وڇڙيل دوست جي تلاش ھئي. عارب ماڇي منھنجو جگري يار ھو. چرچي چرچي ۾ کيس وڃائي ويٺس. ھڪ رات ڀنگ ۾ چريو ڌاتورو ملائي پيئاريو ھومانس. ان رات ھو پنھنجي قميص جو گريبان چاڪ ڪري، اوندھھ ۾ گم ٿي ويو ھو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کيس ڳوليم، پر وريو ڪي ڪين. جڏھن ھر طرف کان مايوس ٿي چڪو ھوس، تڏھن، ڪنھن نيڪ بندي کان الله بخش مست جي ڪرامتن ۽ معجزن جا قصا ٻڌي؛ مراد پائڻ لاءِ، اروڙ کان اچي نڪتو ھوس.
    ”اروڙ مدرسه عارفيءَ کان مشھور آھي. طالب مفت مذھبي تعليم حاصل ڪندا آھن.“ اجنبيءَ اروڙ جي کنڊرن ۾ ٻڌايو.
    کيس جواب نھ ڏنم. مون کي خاموش ڏسي چيائين، ھن جبل جي پويان درگاھھ عارفي آھي، درگاھھ جي سامھون مائي ڪالڪان جي غار ۽ مندر آھي.“
    خاموش رھيس. ڪابھ دلچسپي نھ ڏيکاريم. منھنجو سمورو خيال مست طرف منتقل ٿيل ھو.
    چيائين، ”ڪالڪان جي مورتي ۽ مندر جا بت مدرسه عارفيءَ جي طالبن ڀڃي ڇڏيا آھن.“
    مان الله بخش مست جي باري ۾ سوچي رھيو ھوس ۽ اجنبي جي ڳالھين ۾ دلچسپي نھ پئي ورتم. ھن ٽوپي لاھي، وارن تي ھٿ گھمايو.
    پڇيومانس، ”پاڻ ڪير آھين؟“
    ”عارفي.“
    ”ڪم ڪھڙو ڪرين؟“
    ”اروڙ ۾ سنڌي ماستر آھيان.“
    ”چئبو عالم آھين.“
    چنجھين اکين ۾ چمڪو اڀري آيس. گد گد ٿيو. چيائين، ڪھڙيون ٿو ڳالھيون پڇين ادا. ھن زماني ۾ عالم جو تھ قدر ئي ڪونھي.
    ”سچ ٿو چوين، سائين.“
    اڇي قبي ڏانھن پنھنجي ساڄي ھٿ سان اشارو ڪندي چيائين، ”شاھھ شڪر گنج جو قبو ڏسين ٿو؟“
    ”ھا.“
    ”۽ زمين جو ھيءُ حصو بھ شاھھ شڪر گنج جو آھي.“
    کانئس پڇيم، ”الله بخش مست جي درگاھھ اڃا پري آھي ڇا؟“
    ”ڇو ٿڪجي پيو آھين؟“
    ”نھ.“
    ”سامھون مارو ڏسين ٿو نھ. ان جي پويان الله بخش مست جي درگاھھ آھي.“
    ٻڌايائين تھ ماري تي چڙھي راجا ڏاھر جا سپاھي پھرو ڏيندا ھئا.
    جتان لنگھي رھيا ھئاسين، سا زمين ٽاڪرو ھئي. ڪنھن وقت ۾ پاڻيءَ جي مسلسل وھڪري سبب پٿر لسو ٿي ويو ھو. ٿوھرن جي پاسي ۾ ڏاڙھن جا وڻ ھئا. پڪ ڪرڻ خاطر کانئس پڇيم، ”ڏاڙھن جا وڻ آھن نھ؟“
    ”ھا. اھي ڏاڙھن جا وڻ آھن،“ ٻانھن ڊگھيريندي چيائيم، ”۽ سامھون کير جو کوھھ آھي.“
    ”کير جو کوھھ!“
    ”ھا. اچ تھ ڏيکاريانءِ.“
    کوھھ وٽ اچي بيٺاسين. ھيٺ نھاريم. سڪل ھو. تري ۾ پٿر پيا ھئا.
    ھن چيو، ”ھيءُ کير جو کوھھ ۽ ڏاڙھن جا وڻ شاھھ شڪر گنج جا آھن.“
    ”ھن ۾ تھ پٿر آھن، سائين.“
    ”ھا. پر پراڻي زماني ۾ ھن کوھھ ۾ کير ھوندو ھو، ۽ وڻ ڏاڙھون ڏيندا ھئا.“
    کوھھ وٽان ھٽندي، ھن پنھنجي ڳالھھ جاري رکي، ”شاھھ جي وفات کان پوءِ، سندس لالچي مجاورن کير ۽ ڏاڙھون وڪڻڻ شروع ڪيا. ھڪڙي ڏينھن کوھھ سڪي ويو، ۽ وڻن ڦل ڇڏي ڏنو. ھينئر وڻن ۾ گل ٿين، پر ڏاڙھون نھ.“
    وڻ ڳاڙھن گلن سان ڳتيل ھئا. مون قبي ڏانھن ڏٺو. ھو ڳالھائيندو رھيو. شاھھ شڪر گنج جي مقبري ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”مقبري جي پويان اڇي ڀتر جا لسا ميدان آھن. چوڏھينءَ رات اتي زبردست جوئا ھلندي آھي. سکر، روھڙي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا وڏا وڏا سيٺيون، زميندار ۽ ڪامورا جوئا ڪرڻ ايندا آھن.“
    ”ھن چوڏھينءَ تي مان پنھنجي دوستن سميت ايندس، ۽ جوئارين جي سموري دولت لٽي ويندس،“ کيس ٻڌايم.
    ”ڪھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين ادا! ھتي گڙنگ جوئاري ايندا آھن. لکن جي جوئا ھلندي آھي. اسان مسڪينن جو ڪم ڪونھي.“
    رائيفل ساڄي ڪلھي مان لاھي، کاٻي سان قابو ڪندي چيم، ”جنھن رات مان ايندس، تنھن رات ھتان جا ھڙئي جوئاري پنھنجيون جھوليون منھنجي آڏو خالي ڪري ڇڏيندا.“
    ڏٻري ماستر کي منھنجي ڳالھھ تي کل آئي. پڇيومانس، ”پوليس بھ ايندي آھي؟“
    ”ھا. ھڪ ٻھ صوبيدار ۽ ڪجھھ سپاھي ايندا آھن، پر ڪنھن کي بھ جھل پل نھ ڪندا آھن.
    ”جنھن رات مان ايندس، تنھن رات اروڙ ۾ سنڌين ۽ عربن جا روح واڪا ڪندا.“
    ڪھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين! اروڙ ڪرامتن جو شھر آھي.“
    ”شھر، يا کنڊر؟“
    مٺيان لڳس. ڪاوڙ ڇنڊيندي چيائين، ”ڪرامتن ۾ اعتبار نھ اٿئي، تھ پوءِ مست جي زيارت تي ڇو آيو آھين؟“
    جواب ڏنو مانس، ”مان سنڌي آھيان، سنڌين جو ٻچو ٻچو ڪاني ڪرامتن جي صاحبن، پيرن ۽ مرشدن آڏو ڪنڌ جھڪائيندو آھي.“
    ماري کي ويجھو اچي پھتا ھئاسين. ماري جي ٻئي پاسي الله بخش مست جي درگاھھ ھئي. درگاھھ جي سامھون سوڙھو لڪ ھو، جتي ماڻھن جي بي پناھھ پيھھ ھئي. مان غلط رستي کان آيو ھوس. لڪ سان لڳو لڳ پڪو رستو بھ ھو، جيڪو گھوٽڪيءَ کان وڃي ٿي نڪتو.
    مسافر چيو، ”ھتي ڪنھن جي ڪين ھلي، جيڪو ڏاڍو، سو گابو.“
    ماستر مون سان ھٿ ملائي پيھھ ۾ گم ٿي ويو. ھجوم ۾ مرد گھٽ ۽ عورتون لاتعداد ھيون. ڳوٺاڻيون – اٻوجھھ ۽ ڀورڙيون شھري عورتون بھ ھيون – چالاڪ، چست ۽ ڦڙت.
    پيھھ مان ڌوڪيندو، ڪرندو، جھرندو، مست جي ڪوٺيءَ وٽ پھتس. ان وقت ھو ڪوٺيءَ ۾ ڪنھن عورت جو جن ڪڍي رھيو ھو. اندران کجڪن جا آواز ٻڌي، سوالي چئي رھيا ھئا، ”مائيءَ جو جن مست سان جھيڙو ٿو ڪري.“
    ڪوٺيءَ جو در کليو. ھڪ جوانڙي، وار سنواريندي ٻاھر نڪتي. ڪجھھ دير کان پوءِ الله بخش مست ٻاھر آيو. ھڪڙي ڪڇي کان سواءِ باقي سمورا لڱ اگھاڙا ھئس. ڀڀوت بدن، وار وٽيل، ڏاڙھيءَ ۽ مڇن جا وار کنڊريل ۽ اکيون ڳاڙھيون ھئس. پلٿي ماري ويھي رھيو. وڌي وڃي سامھون بيٺومانس. ڇوٽ ۾ ٻھ چار گاريون ڏنائين. سھي ويس.
    الله بخش مست گھور ڪري منھنجين اکين ۾ ڏٺو. ڪجھھ دير تائين ڏسندو رھيو. اکيون ڳاڙھيون، جنسي رت، ھٿ وڌائي سٽ ڏيئي منھنجي چادر لاھي ڇڏيائين. ڪجھھ نھ ڪڇيم. ٻٽ ۾ ھٿ وڌائين، تھ چيومانس، ”منھنجي عزت رکجانءِ، مست.“
    ھٿ ھٽائي ڇڏيائين. اٿي بيٺو. چيائين، ”ھليو آءُ.“
    مان ساڻس ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيس. در بند ڪري منھنجي سامھون اچي بيٺو. پڇيائين، ڇو آيو آھين؟“
    پنھنجي دوست جي ڳولا ۾ آيو آھيان.“ ادب سان وراڻيم، کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليو اٿم، پر ناڪام رھيو آھيان.“
    پنھنجي ڳاڙھين اکين سان چتائي ڏٺائين. نگاھون نگاھن ۾ وجھندي چيائين، ”تون عبدالرحمان ڌاڙيل آھين.“
    ڇرڪ ڀري، ھڪ قدم کانئس پري ٿي بيٺس. سندس ڪرامت جو معجزو ڏسي، اعتقاد سا دل ٽمٽار ٿي ويئي.
    چيائين، ”۽ تون پنھنجي دوست عارب ماڇيءَ جي ڳولا ۾ آھين.“
    الله بخش مست جي باري ۾ جيڪي ڪجھھ ٻڌو ھوم، اکين ساڻ ڏٺم. سڄي سنڌ پيرن فقيرن سان ڀريل آھي، پر سائين الله بخش مست جھڙو پھتل ڪو ورلي لڀندو، جيڪي چئي رھيو ھو، تنھن جي اکر اکر ۾ سچ ھو.
    ”تون سکر واري پراڻي درگاھھ جي گادي نشين، ميان سڪل پاٿاريدار جو ويھاريل آھين.“
    ”بس سائين، بس.“ سندس پيرن وٽ ويھي رھيس. چيم، ”ھاڻي ڏس ڏي تھ عارب ماڇي ڪٿي آھي؟“
    سائين الله بخش مست مون کي ڪلھي کان وٺي اٿاري بيھاريو. پٽڪي کان وٺي پيرن تائين جاچي ڏٺائين. اڳيان ڦري، پويان اچي بيٺو. اوچتو رڙ ڪيائين، ”عارب ماڇي مري ويو. تون بھ سج لھڻ کان اڳ اروڙ مان نڪري وڃ.“
    ھن ڪوٺيءَ جو در کوليو، ۽ مون کي ڌڪو ڏيئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين. ڪنڌ جھڪائي پاڻيءَ جي دلي وٽ وڃي ويٺس.
    مان سنڌ جو بدنام ڌاڙيل عبدالرحمان آھيان. مان، عارب ماڇي، ۽ ٻيا سرڪش ڌاڙيل سکر واري پراڻي درگاھھ جي گادي نشين، ميان سڪل جي ڇانو ۾ رھندا آھيون. ميان سڪل سنڌ جو نامي گرامي پاٿاريدار آھي. وڏا وڏا خوني ۽ نالي چڙھيا ڌاڙيل وٽس سک ۽ سلامتيءَ جي زندگي گذاريندا آھن. رھائيءَ وارو مڙس آھي. ڪنھن کي مجال ڪونھي، جو اک کڻي سندس ٻالڪن ڏانھن ڏسي سگھي. وٽس اھڙا تھ ناميارا ڌاڙيل آھن، جن جو نالو ٻڌي، اوسي پاسي وارا ڳوٺ ۽ شھر ڪنبي ويندا آھن. عارب ماڇيءَ جھڙي رھزن ڌاڙيل جي گم ٿيڻ جي خبر ٻڌي، ماڻھن خوشيون ڪيون، ۽ مان ڪجھھ عرصي کان پوءِ، عارب ماڇيءَ جي ڳولا ۾ نڪري آيس.
    ”ڪيئن، مراد مليئھ.“
    ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺم. سامھون ساڳيو ماستر بيٺو ھو.
    ”نھ.“
    ”ائين وري ڪيئن! اڙي ميان، ھن مست پٿر مان پاڻي ڪڍيو آھي.“
    ”توھان لاءِ ڪڍيو ھوندائين.“
    ”تنھنجو تھ ڪرامتن ۽ معجزن ۾ اعتبار ئي ڪونھي نھ.“
    ”ٺلھو اعتبار ڪيئن ڪريان.“
    ”توکي چيائين ڇا؟“
    ”چيائين منھنجو دوست مري ويو آھي.“
    ”مري ويو ھوندو.“
    ”ڪيئن مري ويو ھوندو، ”چيم، ”منھنجي دل ٿي ٻڌائي تھ منھنجو يار جيئرو آھي.“
    ”غلطيءَ تي آھين، جوان. مست جي ڳالھھ پٿر تي ليڪ سمجھھ.“
    کامندي چيم، ”مان توھان کي ۽ توھان جي مست کي گولين سان اڏائي ڇڏيندس.“
    ”ڪفر ٿو بڪين. تنھنجي بندوق کي مست ھڪ ڦوڪ سان خاڪ ڪري ڇڏيندو.“
    ”مان رت سان شب قدر ملھائيندو آھيان.“
    ”مٿو ڦر ويو اٿئي.“
    ”اڄ توھان جي ڀرم، ۽ منھنجي تلاش جي آخري شام آھي.“
    رائيفل ھٿ ۾ ڪيم، تھ سنھڙو ماستر منھنجي سامھون اچي بيٺو. چيائين، ”ڪھڙو نھ طاقتور ۽ ٺاھوڪو جوان آھين. اڙي، پنھنجيءَ جوانيءَ تي رحم ڪر، موٽي وڃ.“
    ھڪ کن لاءِ ماستر ڏانھن ڏٺم. کانئس پڇيم، ”ڀلا مست ٻڌائي سگھندو تھ منھنجو دوست ڪٿي پوريل آھي.“
    ”ڇو نھ،“ ھن فخر سان وراڻيو، ”اڙي! پھتل اٿئي. کيس ستر ھزار فرشتا اروڙ ۾ لاھي ويا ھئا.“
    ”ھا،“ ماستر ٻڌايو، ”ڪجھھ سال ٿيندا، تھ الله بخش مست ھن ماري جي ٻاھران پيو ھو. کيس ڪاري قميص پئي ھئي ۽ قميص جو آڳو ڦاٽل ھوس. سيني تي اونھي گھاءَ جو نشان ھوس.“
    ”ڪاري قميص. اونھو گھاءُ.“ ٽپ ڏيئي اٿي بيٺس.
    ماستر کي ڌڪو ڏيئي، پري ڪري، پيھھ ۾ ڪاھي پيس.
    سڌو اچي الله بخش مست جي ڪوٺيءَ وٽ بيٺس. ان وقت ھو نذرانو وٺڻ لاءِ ٻن نوجوان عورتن سميت ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿي رھيو ھو. ھڪدم سندس سامھون وڃي بيٺس. عورتون ڊپ وچان ھڪ طرف ھٽي ويون. مست گارين جو ڀرپور وسڪارو ڪيو. مست کي ٻانھن کان ورتم. سڄو ھجوم ۽ سوالين جي خلق اٿي کڙي ٿي. ڪن سنڍا کنيا، ڪن باٺا، ڪن ڏنڊا ۽ ڪن ڪھاڙيون اڀيون ڪيون. الله بخش مست کي ڪوٺيءَ ۾ اندر ڌڪو ڏيئي، ھجوم جي سامھون رائيفل سڌي ڪري وڃي بيٺس.
    کين ٻڌايم، ”مان عبدالرحمان ڌاڙيل آھيان.“
    خلق تي برف ڪري پيئي. جيڪي الر ڪري اڳتي وڌي آيا ھئا، سي ھڪ وک پوئتي ھٽي ويا. ڪنھن چيو، ”ڇڏيو. مست پاڻھي ئي پورو ڪندس.“
    اندر وڃي ڪوٺيءَ جو در بند ڪرري ڇڏيم. مست جي اکين مان ڄڻ الا نڪري رھيا ھئا. مون کي ڏسي، گارين جي ڌم لائي ڏنائين. ور مان خنجر ڪڍي سندس سيني تي رکيم.
    ”تون ڪوڙو آھين. مڪريل آھين.“
    جواب ۾ گاريون ڏنائين.
    کيس ڪنڌ کان وٺندي چيم، ”تون عارب ماڇي ڌاڙيل آھين.“
    اکين جي باھھ ڍري ٿي ويس. چپن تي مرڪ تري آيس. منھنجي ٻانھن پري ڪندي چيائين، ”پھرين نظر ۾ تھ نھ سڃاڻي سگھين.“
    ڳراٽڙي پائي ملياسين. چيم، ”وڏو ٻھروپيو ٿي پيون آھين.“
    ”ٿيڻو پيو آھي.“
    ”موٽندين نھ؟“
    ”ويھھ تھ سھي.“ ٻئي تڏي تي ويھي رھياسين. اھو عرصو جيڪو جدا گذاريو ھئوسين، تنھن عرصي جون ڳالھيون ڪيوسيون.
    ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ چيم، ”عاربو، توکان سواءِ ڪھاڙيءَ تي ڪٽ چڙھي ويئي آھي.“
    ”منھنجو مجاور ٿيندين؟“ کلندي پڇيائين.
    ”ڇو ٿو پنھنجي کل لاھرائين،“ ٻئي ڄڻا ٽھڪ ڏيئي کلي پياسين. چيم، ”اڳ جو چوندو ھئين، ڌاڙن کان سواءِ مري ويندين، سو اڄ ڪيئن جيئرو آھين؟“
    چپن تي معنيٰ خيز مرڪ ڦھلجي ويس. چيائين، ”بيوقوف سنڌين کي ڪھاڙين ۽ بندوقن کان سواءِ بھ ڦري سگھجي ٿو.“
    تڏي جي ڪنڊ مٿي ڪري، کڏ ۾ زيورن ۽ پئسن جو انبار ڏيکاريائين. چيائين، ”ڪنھن ڏينھن اچي سڀ کڻي وڃجانءِ.“
    حيرت مان ڏانھنس ڏٺم، ”ڏاڍي ملڪيت ميڙي اٿيئي!“
    وراڻيائين، ”سنڌ ۾ ڪاني ڪرامتن جو پير ٿجي، يا رھزن ڌاڙيل. ٻئي ڌنڌا ھڪجھڙا آھن. ٻنھي ۾ ھڪ جيتري ڪمائي آھي.“
    ”ڪفر ٿو بڪين ڀوڪ.“
    ”مان پير آھيان. ياد رک.“ کلندي چيائين، ”ڌاڙيل لاءِ قانون آھي، پر ڪاني ڪرامتن جي پيرن لاءِ ناھي.“
    ”توسان پڄڻ، شيطان سان پڄڻ برابر آھي.“
    ”ان جملي لاءِ ڪن سڪي ويا ھئا رحمان. پراڻا ڏينھن ياد ڏياري ڇڏيئھ.“
    ”ھلندين نھ.“
    ”نھ.“ جواب ڏنائين، ”اڃا ملڪيت ھٿ ڪرڻي اٿم.“
    ”پڪڙجي نھ پوين.“
    ”ماھر ٿي چڪو آھيان. ھن ڌاڙي ۾ ڊپ آھي نھ ڊاءُ. اٻوجھھ پنھنجو گھر ٻڌي نذرانو ڏيڻ ايندا آھن.“
    ٻاھر خلق ۾ بيچيني وڌندي ٿي ويئي. سندن آواز اندر اچي رھيا ھئا. ھلچل زور ٿي ويئي ھئي. مان اٿي بيٺس. کانئس پڇيم، ”ھتي رھڻ جو فيصلو ڪيو اٿئي ڇا؟“
    ”ھا. جيستائين راز، راز رھندو، پير رھندس. نھ تھ توسان اچي ملندس.“
    ”مان تنھنجو انتظار ڪندس، سائين الله بخش مست.“
    ھن ٽھڪ ڏنو، ”سنڌ ۾ چرين کي پير، ۽ ديوانن کي پھتل سڏيندا آھن.“
    ”چڱو عاربو، مان وڃان ٿو. خوش آھيان، جو توکي ڳولي لڌو اٿم.“
    ”ترس،“ منھنجي سامھون اچي بيٺو. چيائين، ”منھنجو ڪم خراب ڪيو اٿئي. مان ٻاھر ھلي ٿو بيھان. تون سڀني جي سامھون، منھنجي پيرن تي ھٿ رکي، ھڪ طرف ھليو وڃجانءِ.“
    ڳراٽڙي پائي موڪلايوسين. چيومانس، ”ڏنڊو ٿي پيو آھين.“
    وراڻيائين، ”سچي گيھھ ۽ جوانڙين جي مھرباني آھي.“
    عارب ماڇي ڪوٺيءَ جو در کولي ٻاھي اچي بيٺو. ماڻھن جي زبان تارونءَ سان لڳي ويئي. ٻاھر آيس. عارب جي قدمن ۾ ويھي، سندس پيرن تي ٻئي ھٿ رکيم. خلق جو اعتقاد پختو ٿي ويو. آواز آيو، ”واھھ واھھ، الله بخش مست، تو عبدالرحمان جھڙي ڌاڙيل کي جھڪائي ڇڏيو.“
    اٿي بيٺس. ڪنڌ جھڪائي اڳتي نڪرري ويس.
    ڪنھن چيو، ”سائين جي ڪرامت تھ ڪو ڪوٺيءَ ۾ ڏسي.“
    ماري کان ڦري اروڙ جي ڦٽل قلعي جو رخ ڪيم. سج لھي ويو ھو. کنڊرن ۽جبلن تي اونده ڪاري چادر وڇائجي ويئي ھئي.


    3. عشق ۽ انٽرويو

    مان بروزگار ھوس (اڃان بھ آھيان) ۽ محبت بھ ڪندو ھوس (ھينئر جيڪي محبت ڪندا آھن، انھن جو ڪم خراب ڪندو آھيان.) مان پنھنجي ملڪ کي بدنام ڪرڻ نٿو چاھيان. ملڻ لاءِ نوڪريون تھ جام آھن، جھڙوڪ ڪنڊيڪٽري، ڪلارڪي، پٽيوالي، اردلي، ڀنگي، چھڙو وغيره، پر مان ڪنھن خاص قسم جي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آھيان، جيئن تھ ڪسٽم ۾ پروينٽو آفيسر، پوليس ۾ صوبيدار، آبپاشيءَ ۾ آبدار ۽ ڪنھن آباد علائقي جو مختيارڪار يا تپيدار. ان چڪر ۾ اڃا تائين بيڪار آھيان.
    مان، رمل ۽ ڌنو سولجر بازار ۾ ڀنگين جي پاڙي ڀرسان ھڪ کڏيءَ ۾ رھندا آھيون. پيڊرو ڊسوزا روڊ تي کڏين جي قطار آھي، جتي گھڻو ڪري ڪلارڪ، ڪنوارا ۽ بيروزگار رھندا آھن. اسان جي کڏي اولھھ طرف پڇاڙيءَ ۾ آھي، جتان ڊسوزا روڊ جي ٻئي پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آھي. ان کڏيءَ ۾ مان، رمل ۽ ڌنو گذريل ٽن سالن کان رھيل آھيون. زندگي اسان وٽ ر ھيل آھي. اڃا جيئرا آھيون.
    رمل ميجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو آھي ۽ ھڪ ڏينھن سي. ايس. پي جو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جا خواب ڏسندو آھي. ھر آچر تي رمل پنھنجي انڌي ضعيف ماءُ کي خط لکندو آھي تھ پوڙھي تون خيال نھ ڪر، خوش رھھ، ايندڙ آچر تي مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيندس ۽ تنھنجا ڏک سور لاھيندس.
    منھنجو پيءُ روھڙيءَ ۾ درگي حلوائيءَ جي دڪان تي جليبيون تريندو آھي. مان کيس خط نھ لکندو آھيان. ھو منھنجا خط پڙھڻ کان اڳ ڦاڙي ڇڏيندو آھي. مون کيس ھڪ ئي نموني جا ايترا خط لکيا آھن، جو ھو خط کولڻ کان اڳ خط جو مضمون سمجھي ويندو آھي.
    اسان جو يار ڌنو فقط ڌنو آھي. مٿو ماڻھن جيترو اٿس، پر، ماڻھو چوندا آھن تھ ڌني جي مٿي ۾ اٺ آھي. اسان جو بھ اھوئي خيال آھي تھ ڌني جي مٿي ۾ نھ فقط اٺ آھي، پر ھڪ ڏاند بھ ويٺل آھي. ڌنو درگاھي مجاور آھي ۽ خيرات جي پئسن مان ڪاليج ۾ پڙھندو آھي. گذريل ٽن سالن کان بي. اي جي آخري سال ۾ آھي. ھو پنھنجي ڪورس جا سبق ياد ڪرڻ بدران، محبت جا ڊائلاگ يا ڪندو آھي.
    آچر ڏينھن رمل ’آف‘ ھوندو آھي، ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿي ڇا ڪندو، ان موضوع تي صبح کان رات تائين ڳالھائيندو رھندو آھي. اڪثر ٻڌائيندو آھي، تھ پاڻ ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ کانپوءِ کڏين جي مسواڙ گھٽ ڪرائيندو، کڏين جي چرسي مالڪن کي مجبور ڪري کڏين ۾ رنگ روغن ۽ بجلي ھڻائيندو – سئنيما جي بڪنگ ڪلارڪن جون پگھارون وڌرائيندو – فقط مارا ماريءَ جي فلمن جي حمايت ڪندو، ڇو جو لڙائيءَ سان ڀرپور فلمون ڏسڻ کانپوءِ قوم ۾ وڙھڻ جو جذبو ۽ جوش وڌي ويندو آھي، وغيره.
    جنھن آچر جي ھيءَ ڳالھھ آھي، ان آچر تي رمل پنھنجو پروگرام ٻڌائيندي ٻڌائيندي اوچتو خاموش ٿي ويو. ڪجھھ دير تائين سوچيندو رھيو. اک نانگ ۾ اٽڪائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ کاٻي ھٿ جو آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تي رکي، اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اکيون بند ڪري پيران پير دستگير ۽ ٻن چئن مقامي پيرن کي ياد ڪيائين، جيڪي پنھنجي علائقي جا نامي گرامي پير آھن، پر کين بين الاقوامي شھرت حاصل نھ ٿي آھي. (فقط خواجھ غريب نواز بين الاقوامي پير آھي.) مونکي رمل جي اھا حرڪت پسند نھ آھي. ھٿ وڌائي سندس آڱوٺي تي ٺونگو ھنيم. رمل نانگ جي ڦڻ تان ھٿ کڻي ورتو، ۽ ڪرڙيون اکيون ڪندي چيائين، ”وڏو ڪو واھيات آھين، ڪاريگر. مزي سان مرڻ بھ نھ ٿو ڏئين.“
    ٻيھر سنڀالي سنڀالي نانگ جي ڦڻ تي آڱوٺو رکي ڇڏيائين.
    ڪڪ ٿيم، تھ چيومانس، ”يار بيزار نھ ڪر رمل. جلد ڪر.“
    ”مرڻ ۾ جلد بازي فقط عاشق ۽ بيروزگار ڪندا آھن.“ رمل وراڻيو، ”مان مئجسٽڪ سئنيما جو بڪنگ ڪلارڪ آھيان، عاشقن جو دشمن آھيان.“
    ”اجائي جک نھ مار.“
    ”مان جلدي مرڻ نٿو چاھيان. مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ چاھيان ٿو.“
    ”وڃي ڇائي پاءِ.“ مان اٿي کڙو ٿيس.
    رمل مون کي ٽنگ کان وٺي سٽ ڏيئي ويھاري ڇڏيو. چيائين، ”ڪيڏايھن ٿو وڃين ڪاريگر. اڄ آچر آھي. اڄ ھر ڪا شيءِ سست آھي. زندگي، ٽريفڪ، موت ۽ محبت سڀ سست آھن.“
    ”تون پنھنجي بڪواس بند ڪر. سخت بور ڪيو اٿئي.“
    آچر ڏينھن ھر ڪا شيءِ بور ۽ بيٺل ھوندي آھي. رڳو ريس ڪورس جا گھوڙا ڊوڙندا رھندا آھن.“
    وراڻيم، ”تون ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ وارو آھين، تنھنڪري تقرير ڪرڻ کان رھي نھ سگھندين.“
    ”اڙي نھ نھ. ترس ظالم، ترس.“ رمل مون کي ٻانھن کان ڇڪيندي چيو، ”مون ٻن سالن کان بوٽ نھ پاتو آھي. مون کي ڀلا بوٽ وٺي ڏيندين.“
    ”اڄڪلھھ رشوت وانگر بوٽن جو ملھھ بھ وڌي ويو آھي. ايندڙ ڏھن سالن تائين تون ۽ مان بوٽ پائي نھ سگھنداسين.“
    ”ڀلا سليپر وٺي ڏيندين؟“
    ”سليپر جي قميت ھن کڏيءَ جي مسواڙ، ۽ راڌا ڀنگياڻيءَ جي ريٽ جيتري آھي.“
    ”ڀلا چمپل.“ رمل منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وجھي چيو، ”ڏس ڪاريگر، منھنجو چمپل تنھنجي دل وانگر ڇڳل ۽ کٿل آھي.“
    ”ڏاڍو ڪو واھيات آھين رمل.“
    ”سچ ٿو چوان ڪاريگر، مون کي ھڪ چمپل جي سخت ضرورت آھي.“
    ”ڪنھن مسيت مان وڃي چوراءِ.“
    ”ائين بھ جيڪر ڪيان، پر خدا کان وڌيڪ پوليس واري جو خوف ٿو ٿيم،“ رمل ٻيھر منھنجي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيو، ”وٺي ڏيندين ڪاريگر؟“
    ”مان بيروزگار آھيان.“
    ”تون بيروزگار آھين، پر قسمت جو ڌڻي آھين.“
    ”نھ يار. ھوءَ سڀاڻي صبح جو ھلي ويندي.“
    ”ڪجھھ ڏيئي بھ تھ ويندءِ.“
    ھن چيو ۽ مان خاموش رھيس. دل جون ڪنگريون ڪري پيون. رمل ڏانھن ڏٺم. ھو مون ڏانھن ڏسي رھيو ھو.
    چيائين، ”خدا تھ ڄاڻي ٿو، پر تون بھ ڄاڻين ٿو تھ مونکي ھڪ چمپل جي سخت ضرورت آھي.“
    ”وٺجانءِ.“
    ”جيئي تنھنجي محبت ۽ محبوبھ.“ رمل خوش ٿي نعرو ھنيو. آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تان کڻي ورتائين. ڇڪو ڪاٺ جي گلاسڙيءَ ۾ وجھي زور زور سان لوڏڻ لڳو. ٻھ اچنس تھ نانگ، چار تھ پار. گلاسڙي لوڏيندي، ٻن چئن مقامي ۽ بين الاقوامي پيرن مرشدن کي ياد ڪري ڇڪو قلابازيون کائيندو، ٿڙندو، رڙھندو نانگن ۽ ڏاڪڻين جي وچ ۾ بيھي رھيو.
    رمل جي منھن جو پنو لھي ويو. پنھنجي ڳوٽ اٺانوي تان لاھي ستاويھين خاني ۾ آڻي بيھاريائين. ھڪ اونھو ساھھ کڻندي چيائين، ”يار ڇڪي جو ھڪ پاسو خالي بھ ھجي ھا، بلڪل خالي، اسان جي زندگيءَ جھڙو خالي.
    ”۽ نوڪريون جيڪڏھن Jack بدران ڇڪي تي ملن ھا، تھ پوءِ ھميشه ڇڪي جو خالي پاسو اسان جي حصي ۾ اچي ھا.“
    رمل راند تان اٿي ويو. پاٺو کڻي کٽ تي اڇلايائين.
    پڇيائين، ”سڀاڻي تنھنجو انٽرويو آھي نھ، ٻارن روڪائڻ واري مھم ۾ ڪنھن پوسٽ لاءِ؟“
    ”ھا.“
    ”تياري ڪئي اٿئي؟“
    ”ھا. ٻارن جا سڀئي رسالا پڙھي دل سان ھنڊايا اٿم.“
    رمل ھڪ پير کٽ جي پاٽيءَ تي رکندي چيو، ”مان تنھنجو ڪچو انٽرويو ٿو وٺان. سمجھھ تھ مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر آھيان.“
    انٽرويو بورڊ جا ميمبر ٿلھا، بندرا ۽ ٺوڙھا ھوندا آھن. تون ھينڊسم آھين.“
    ”Take if for granted“ رمل چيو، ”سمجھھ کڻي تھ مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر آھيان، ۽ توکان سوال ٿو پڇان.“
    ”Yes Sir“
    ”تون ٻار گھٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪھڙا اپاءَ تجويز ڪرين ٿو؟ رمل کھري ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالھايو.
    مان منجھي پيس، ھڪ ٻن ڪنٽراسيپوٽز جا نالا ٻڌايامانس، پر کيس جواب پسند نھ آيو.
    ”Rejected، بلڪل عام ۽ واھيات جواب ڏنو اٿئي،“ رمل ڪنھن سخت ميمبر جو نقل ڪندي چيو، ”معقول ۽ عمل ۾ ايندڙ تجويز ٻڌاءِ.“
    ڪجھھ دير سوچڻ کان پوءِ چيم، ”Sir، ملڪ ۾ عورتن بدران کدڙن کي ترجيح ڏني وڃي. جيڪڏھن خواجھ سرائن سان شادي جائز قرار ڏني وڃي، تھ جيڪر ٻار پيدا ٿيڻ ئي بند ٿي وڃن.“
    ”Silly“ رمل کل روڪيندي ڳالھايو، ”پٽ ڪاريگر، جيڪڏھن اھو جواب انٽرويو بورڊ کي ڏنو اٿئي تھ پوءِ بورڊ وارا توسان بھ اھائي جٺ ڪندا، جيڪا ھٽلر يھودين سان ڪرائي ھئي.“
    ”Sir، مون کي صحيح جواب کان آگاھھ ڪيو وڃي.“
    ”O.K،“ رمل آفيسرن جي انداز ۾ ڳالھائيندي، ڀڳل ريڊيو جھڙو آواز ڪڍيو، چيائين، ”ان سوال جو جواب آھي، تھ مردن کي عورتن خلاف ۽ عورتن کي مردن خلاف ھر پليٽ فارم تي ڀڙڪايو وڃي، جھڙوڪ، سياسي پليٽ فارم، سماجي پليٽ فارم، ازدواجي پليٽ فارم، ريلوي پليٽ فارم وغيره. ٻنھي گروھن ۾ ھڪ ٻئي لاءِ نفرت پيدا ڪئي وڃي. جڏھن مرد ۽ عورتون گڏ سمھندا ئي نھ، تھ پوءِ ٻار پيدا ٿيڻ جو سوال ئي نٿو اٿي.“
    ”واھھ رمل، واھھ“ رمل جي پٺي ٺپيندي چيم، ”واھھ جو جواب ڏنو ٿئي. بدبخت تون بھ اپلاءِ ڪرين ھا نھ.“
    ”مان ٿيندس تھ ڊپٽي ڪمشنر، نھ تھ مئجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو رھندس،“ پوءِ رڌڻي ڏانھن ويندي چيائين، ”مون کي چڪن بريانيءَ جو بھ خيال رکڻو آھي. مان وڃانءِ ٿو.“
    رمل رڌڻي ڏانھن ھليو ويو. کڏيءَ ۾ مان رھجي ويس ۽ منھنجي اڪيلائي. کڏيءَ ٻاھران ڪٽھڙي وٽ محبت جو ڊائلاتگ ياد ڪري رھيو ھو. مون ڌني کي ڊسٽرپ ڪرڻ نھ چاھيو، ۽ کيس محبت جو ڊائلاگ ياد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنم. رڌڻي مان ڪفگير ۽ ديڳڙيءَ جي جلترنگ سان گڏ رمل جي ڳائڻ جو آواز اچي رھيو ھو، جنھن ۾ ھو ڪڪڙ جي تعريف ڪري رھيو ھو.
    انٽرويو جي پڪي تياري ڪئي ھيم، پر تڏھن بھ دور ڪرڻ لاءِ شيلف تان ٻارن جا رسالا لاھي، فرش تي تڏو وڇائي ويھي رھيس.
    بي انت نوڪرين لاءِ (خاص قسم جون) بي انت انٽرويو ڏيندي ڏيندي سمجھي ويو آھيان، تھ عام معلومات General knowledge جا ڪتاب جھڙوڪ: Pear’s Encyclopedia ۽ Encyclopedia Britannica ڊوگر جو جنرل ناليج، ٽائيمس مئگزين وغيره بيڪار ۽ بيسود ڪتاب آھن، ۽ ڪم جا ڪتاب آھن بچون ڪي دنيا، کلونا، گل ڦل (جيڪو ناياب ۽ قلمي ڪتابن وانگر ڪڏھن ڪڏھن نظر ايندو ھو، ۽ اڄڪلھھ ’اِنالله و اِنا اليه راجعون‘ ٿي ويو آھي) ۽ ھالا سنڌ مان نڪرندڙ ٻارن جا رسالا. نوڪرين لاءِ انٽرويو ۾ جيڪي بھ سوال پڇيا ويندا آھن. انٽرويو ۾ ھن قسم جا سوال پڇيا ويندا آھن: گنجن کي مٿي تي وار ڇو ٿيندا آھن. گڏھھ ڳالھائي ڇو نھ سگھندا آھن. عاشق، محبت ۾ برباد ٿيڻ کانپوءِ فلمي گانا ڇو ڳائيندا آھن. يا، موھن جي دڙي جو پھريون چيف انجنيئر ڪير ھو ۽ ھن رشوت جي پيسن مان ڇا ڇا اڏايو ھو ۽ ورتو ھو. راوڻ جو قد ڪيترو ھو. انسان ۽ سوئر ۾ بنيادي مشابھت ڪھڙي آھي، وغيره.
    پر ڪڏھن ڪڏھن انٽرويو ۾ اھڙا تھ خوفناڪ سوال پڇندا آھن، جن جا جواب شايد انٽرويو بورڊ جي ميمبرن کي بھ نھ ايندا ھوندا.
    ھڪ دفعي ڪلارڪيءَ (خاص کاتي جي) واري انٽرويو ۾ ھڪ ميمبر، ڪنھن سنڌي سياستدان وانگر واڇ چٻي ڪندي پڇيو ھو، ”شاھھ ايٿوپيا، شھنشاھھ ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ڇا آھي؟“
    مان منجھي پيو ھوس. سڄو جنرل ناليج ڪنن ۾ سيٽيون وڄائيندو نڪري ويو ھو. سنڌي سياستدان جھڙو ميمبر کلڻ لڳو ھو.
    الاءِ ڇو ۽ الاءِ ڪيئن وراڻيو ھئم تھ، ”اجھو ڪجھھ مھينا اڳ، ھيل سلاسيءَ جي باڊي گارڊ ڇويھھ ميلن جي ڊوڙ ۾ دنيا جون نئون رڪارڊ قائم ڪري، ڪارن جو ڪنڌ اوچو ۽ اڇن جو نيچو ڪري ڇڏيو آھي.“
    ”اسان توکان ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو پڇيو آھي.“
    ٿڌو ساھھ کڻي وراڻيو ھئم، ”سائين شھنشاھھ ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ھيل سالي سلاسي آھي.“
    منھنجو جواب ٻڌي، انٽرويو بورڊ جا ميمبر پنھنجين پنھنجين ڪرسين تان ائين کڄي ويا، ڄڻ تھ ڪرسين جي ڪشن جا اسپرنگ ڇڏائجي، سندن ويھڪن ۾ وڃي لڳا ھئا. سڀئي حيرت مان ھڪ ٻئي جو منھن تڪڻ لڳا ھئا. منجھائن جيڪو وڌيڪ بندرو، گنجو ۽ مشڪرن جھڙو ھو، تنھن پڇيو، ”توکي ڙي ڪيئن خبر پئي تھ ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ھيل سالي سلاسي آھي؟“
    ادب سان وراڻيو ھيم، ”سائين، مان ھيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو غلام آھيان.“
    ان جواب تي مون کي جواب ملي ويو ھو ۽ نوڪري نھ ملي ھئي.
    پر ھڪ دفعي ذري گھٽ نوڪري (خاص کاتي ۾) ملندي ملندي رھجي ھئي ھئي. ان دفعي مون انٽرويو ۾ ڏاڍا ٺاھوڪا ۽ ٺھڪندڙ جواب ڏنا ھئا. ٻارن جي رسالي مان جيڪي ڪجھھ ياد ھئم، مغز مان ڪڍي ميمبرن آڏو رکيم. ميمبرن بھ مون کي منجھائڻ ۾ ڪسر نھ ڇڏي، پر مون بھ تياري تيارين جھڙي ڪئي ھئي. ڪٿان ٿو ور چڙھان! مون کين آمريڪا جي مرحوم و مغفور صدر حضرت جان ايف ڪينيڊيءَ جي بيگم محترمھ جيڪولين ڪينيڊيءَ جي جسماني خدوخال کان وٺي صدر ناصر جي خار، پوليس جي مار ۽ جمعو ڪينياتا جي بلڊ پريشر تائين ٺھڪندڙ جواب ڏنا. پوءِ منجھائن جيڪو چيئرمين ھو ۽ دفتريءَ مان ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيو ھو، تنھن چروٽ وات ۾ وجھي، مونکي سوال سان منجھائي ڇڏيو ھو. پڇيو ھئائين، ”انگريزي فلمن ۾ سيڪريٽ ايجنٽ کي گولي ڇو نھ لڳندي آھي ۽ طاقتور بدمعاش کيس ڇو نھ پڄي سگھندا آھن؟“ ڪجھھ دير سوچڻ کان پوءِ وراڻيو ھئم، ”ان جا ٻھ سبب آھن Sir. ھڪ تھ فلمي بندوقون خالي ۽ ڪوڙيون ھونديون آھن ۽ فقط ڦٽاڪن جھڙا آواز ڪنديون آھن. ٻيو تھ سرزمين تي شوٽنگ مھل پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڪئمرا مين، وغيره موجود ھوندا آھن ۽ ھيرو صاحب کي مار کائڻ نھ ڏيندا آھن.“
    منھنجو جواب ٻڌي ھڪ ميمبر حيرت مان پڇيو ھو، ”ڀائنجي ٿو تون سيڪريٽ ايجنٽ آھين.“
    ”No Sir“ عرض ڪيم، ”مان بيروزگار آھيان ۽ نوڪريءَ لاءِ ڪينڊيڊنٽ آھيان.“
    ساڳئي ميمبر پڇيو ھو، ”تجربو اٿئي؟“
    ”ڇا جو. مارا ماريءَ جو.“
    ”نوڪريءَ جو.“
    ”نوڪري ملڻ کان اڳ تجربو ڪٿان ايندو!“
    ميمبرن کي ڪجھھ ڪجھھ ڪاوڙ لڳي. ھڪ پڇيو، ”سڄو ڏينھن ڇا ڪندو آھين.“
    ”نوڪرين ۽ ٽپال کاتي جا اشتھار پڙھندو آھيان، پنجابي فلمن جا گانا ڳائيندو آھيان، ۽ رات جو ڪنھن خاص کاتي ۾ نوڪريءَ جا خواب ڏسندو رھندو آھيان.“
    ”You are dangerous“
    ”No Sri, I am harmless“
    (مٿيان ٻئي جملا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي نٿا سگھن.)
    ”پيٽ ڪيئن پاليندو آھين.“
    ”منھنجو ھڪ دوست سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو آھي ۽ ٻيو مجاور آھي. مان ٻنھي جي رحم و ڪرم تي آھيان.“
    ”چئبو تھ تون بلڪل نڪمو آھين.“
    ”نھ سائين. مان بنگالي ٻولي سکندو آھيان، جيئن تھ ’تومي اماڪي گھيرينا ڪارو بولائي، امي تو ماڪي ڀالو ڀاشي.‘ ڪيئن پسند آيو جملو.“
    ”ڀلا اردو ٻولي بھ ڄاڻين؟“ (انٽرويو انگريزيءَ ۾ ھلي رھيو ھو.)
    ”ھا. فلمن جا ذري گھٽ سڀئي ڊائلاگ سمجھي ويندو آھيان.“
    پوءِ ميمبرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ھئي. (اميدوارن کي ٿڏي تي جواب پئي ڏنائون) جڏھن چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رھيا ھئا، تڏھن ھنن مان جيڪو وڌيڪ ٿلھو ھو، تنھن چيو، ”ھن نوڪريءَ ۾ توکي سڄو ڪم اردو ۾ ڪرڻو پوندو. جيئن تھ توکي اردو چڱيءَ طرح نٿي اچي، تنھن ڪري اسان توکي نوڪريءَ ۾ نھ کڻنداسين.“
    منھنجا ڇھھ ڇڄي پيا. دل آھھ ڪئي. چپ ٿڙڪي اٿيا، ۽ وراڻيو ھئم، ”سائين منھنجي پيءُ کي انگريز مائي باپ ان ڪري نوڪريءَ ۾ نھ کنيو ھو، جو منھنجو پيءُ انگريزي نھ ڄاڻندو ھو. توھان مون کي نوڪريءَ ۾ ان لاءِ نٿا کڻو، جو مان اردو نٿو ڄاڻان. ڪٿي ائين تھ ناھي، انگريز سوٽ لاھي، شيرواني پائي موٽي آيا آھن.“
    ميمبرن کي سخت بڇان لڳي. ساڳئي ٿلھي ميمبر چيو ھو، ”تون بلڊي فول آھين. سمجھھ کان ڏيوالو آھين ۽ تنھنجو General Knowledge بھ ڪمزور آھي.
    ”ڪيئن ڪمزور آھي!“ ھڪدم وراڻو ھئم، ”مان عورت جي چالاڪي ۽ مرد جي بيوفائيءَ کان وٺي مذھب جي مام ۽ سياست جي زھر تائين ھر ھڪ موضوع تي ڳالھائي سگھان ٿو.“
    ٿلھي ميمبر منھنجين اکين ۾ گھور ڪندي پڇيو ھو، ”ڀلا ٻڌاءِ، ھاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ ھڪڙا ۽ کائڻ لاءِ ٻيا ڇو ھوندا آھن؟“
    ڪھڙو جواب ڏيانس ھا! وراڻيو ھئم، ”سائين، مان پنھنجي گذريل جنم ۾ ڏاند ھوس. منھنجي ماضيءَ جا آثار موھن جي دڙي مان بھ مليا آھن. مان توھان جي سوال جو جواب ڏيئي نٿو سگھان.“
    ٿلھي ميمبر ڪرسيءَ تان اٿي مون کي ٻانھن کان اچي ورتو ھو. سٽ ڏيئي در تائين وٺي ويو ھو، ۽ ٻاھر ڌڪو ڏيندي چيو ھئائين، ”تون بلڊي فول آھين، ۽ ايندڙ ھڪ ھزار سالن تائين نوڪري ڳولي نھ سگھندين.“
    ان ڳالھھ جو مون کي ڏک ٿيو ھو ۽ مون ان ڏينھن کان زور شور سان ٻارن جا رسالا پڙھڻ ۽ پڙھي دل سان ھنڊائڻ شروع ڪيا آھن. (اڳ فقط سرسري پڙھندو ھوس.)
    ٻارن روڪائڻ واري مھم ۾ نوڪري ھٿ ڪرڻ لاءِ ٻارن جي ھڪ رسالي مان ھاٿيءَ تي مضمون حفظ يعني ياد ڪري رھيو ھوس، جو ڪنھن منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکيو. منھن ورائي ڏٺم، مائيڪل بيٺو ھو ۽ چئينگم (سنڌيءَ ۾ چيغم) چٻاڙي رھيو ھو.
    مائيڪل سولجر بازار جي ڪرستان ٻارن جو داداگير آھي، ۽ سڄو ڏينھن گھٽين ۾ سائيڪل ھلائيندو آھي.
    چيائين، ”That lousy woman wants to see you“ (ھوءَ ڇسي عورت توسان ملڻ چاھي ٿي.)“
    ”Don’t be Silly (واھيات نھ ٿي.)“
    ”I am sorry, chum (مون کي افسوس آھي، يار.)“
    زرينھ جو نياپو کڻي آيو ھو. دل عشق ۽ انٽرويو جي وچ ۾ گھڙيال جي لڏڪڻي وانگر لڏڻ لڳي. ٻارن جا رسالا شيلف تي رکي ڇڏيم.
    مائيڪل پڇيو، ”Why don’t you are read comics?“
    ٻڌايومانس تھ مون انٽرويو جي تياري پئي ڪئي، نھ ڪي لطيفا پئي پڙھيم.
    مائيڪل کي منھنجي ڳالھھ سمجھھ ۾ نھ آئي. ان جو اظھار انگريز ايڪٽرن وانگر ڪلھا لوڏي ڪيائين.
    مائيڪل ھليو ويو.
    مون کڏيءَ جي پوئين دريءَ مان ٻاھر نھاريو، جتان پيڊرو ڊسوزا روڊ جي پوئين پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آھي. اسان جي کڏيءَ جي سامھون جيڪب آباد جي ھڪ ڪراڙي زميندار جو بنگلو آھي. پاڻ سال ۾ فقط آگسٽ جو مھينو گذارڻ ايندو آھي. باقي يارھن مھينا بنگلي ۾ سندس دوست، سرڪاري آفيسر ۽ پوليس وارا شراب پيئندا، جوئا ڪندا، ۽ پيشو ڪرائيندڙ عورتون آڻيندا آھن.
    زميندار سٺ سالن جو آھي ۽ وارن، مڇن ۽ ڏاڙھيءَ کي ’جوڪر ڇاپ‘ خضاب لڳائي، قدرت کي شھھ ڏيندو آھي. سندس زال، زرينھ، سورھن سالن جي آھي ۽ سانوري ۽ سھڻي آھي.
    سنڌي زميندار صاحب جڏھن حڪيمن جا نسخا ۽ ڪشتا آزمائڻ لاءِ سوسائٽيءَ جي اڏن ۽ ڪراچيءَ جي مھذب ۽ فيشن ايبل ھوٽل ڏانھن ھليو ويندو آھي، تڏھن زرينھ بنگلي جي پوئين پڌر ۾ اچي بيھندي آھي. ڏسي وٺانس تھ دريءَ مان اولڙا ھڻانس، نھ تھ ھوءَ پاڻ ئي مائيڪل ھٿان نياپو ڪندي آھي، مائيڪل کي سولجر بازار جي سڀني عاشقن جي خبر آھي، ايتري قدر جو کيس پنھنجن ٽن ڀينرن جي پندرھن عاشقن جي بھ خبر آھي. تنھن ڪري، مائيڪل ھٿان نياپو موڪلڻ ۾ زرينھ حجاب نھ ڪندي آھي.
    مائيڪل نياپو ڏيئي، سائيڪل تي چڙھي ھليو ويو. مان کڏيءَ مان نڪري، ڪٽھڙي وٽ آيس. ڌنو، اسان جو يار، محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رھيو ھو.
    ڌني کي ڳالھائڻ ۾ ھٻڪ آھي. لفظ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو آھي. ھڪ دفعي ڌنو ھڪ ٽائيپسٽ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو ھو. رمل کيس چيو ھو تھ جڏھن ڇوڪري وٽانئس اچي لنگھي، تڏھن ھو جذباتي لھجي ۾ چئي وڃي تھ، ’مان توسان محبت ڪيان ٿو‘ ۽ ان لاءِ آگاھھ ڪيو ھئائينس، جيئن تھ اڄڪلھھ سينڊلن ۾ لوھي چنھنبائي کڙيون ھونديون آھن، تنھن ڪري ڊائلاگ چوڻ وقت ڌني کي مٿي تي پراڻو فولادي ٽوپلو، تئو يا ديڳڙو ھئڻ گھرجي. ڌني جي ڀرسان لنگھي ھئي، تڏھن ڌني چوڻ شروع ڪيو ھو، ڌني کي، رمل جي پھرين ڳالھھ سمجھھ ۾ آئي ھئي ۽ ٻي نھ. پوءِ جڏھن ڇوڪري مممان تنتو سسان مححبت ڪڪڪيان ٿٿو. جيستائين ڌني ڊائلاگ پورو ڪيو تيستائين ڇوڪري کانئس اڌ ميل کن پري ھلي وئي ھئي. ان ڏينھن ڌني کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھو ۽ ھن رات جي ماني نھ کاڌي ھئي (ٻئي ڏينھن صبح جو ڊبل نيرن ڪئي ھئائين.)
    ان ڏينھن کان ڌنو واندڪائيءَ جي وقت ڪو نھ ڪو محبت جو ڊائلاگ ياد ڪندو رھندو آھي. مان جڏھن ڪٽھڙي وٽان لنگھيس تڏھن ڌنو ياد ڪري رھو ھو، ”مممان مممحبت –“
    ”نھ يار نھ،“ سندس ڪلھي تي ھٿ رکندي چيم، ”چئھ تھ، مان، منھنجي آرزو، مان توسان محبت ڪيان ٿو، تون منھنجو روح، منھنجي زندگي، منھنجي ڪائنات آھين.“
    ڌني منھن ورائي منھنجني اکين ۾ نھاريو. ڪجھھ چوڻ چاھيائين پر چئي نھ سگھيو. تڏھن اوچتو سندس چپ ڪنبڻ لڳا ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس.
    ڏوري کي جھليندي، دلداري ڏيندي چيومانس، ”دل نھ لاھھ ڌنا، مان توکي محبت جا اھڙا اھڙا تھ گر ڏسيندس جو چالاڪ کان چالاڪ عورت بھ تنھنجي دام ۾ ڦاسي پوندي.“
    رڌڻي جي جاري مان رمل پڇيو، ”ڪيڏانھن ٿو وڃين ڪاريگر؟“
    ”سرحد پار.“
    ”چڪن برياني تھ ٺري ويندي.“
    ”اجھو ٿو موٽان.“
    ”ڏھھ منٽ؟“
    ”ھا، ڏھھ منٽ.“
    کڏيءَ مان نڪري پيڊرو ڊسوزا روڊ تي اچي بيٺس. روڊ مان ڦٽندڙ گھٽين ۾ مائيڪل پنھنجن ساٿين سميت سائيڪل ھلائي رھيو ھو. پريان ئي ھٿ لوڏيائين. رستو پار ڪندي ھٿ لوڏي کيس جواب ڏنم.
    زرينھ پوئين در جي وٿيءَ مان آھستي چيو، ”الا ڪيڏو نھ سڪايو ٿئي.“
    ”سچ!“
    ”توھان ڪراچيءَ وارا ڏاڍا سنگدل آھيو.“
    ”ڪراچيءَ وارا! ٻيو ڪوبھ آھي ڇا؟“
    ”ڏاڍو ڀورڙو ٿو ٿئين! شيطان.“
    ”شيطان سڏيو اٿئي، تنھنڪري پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجھان.“
    وٿي وڌائيندي چيائين، ”اندر اچ تھ ڪو ڏسي نھ وٺي.“
    اندر ويس. ھن در بند ڪري ڪڙو چاڙھي ڇڏيو. منھن ورائي مون کي ڳراٽڙي پاتائين.
    چيائين، ”منھنجي قرب لاءِ تو وٽ تر جيترو بھ قرب ڪونھي.“
    ”آھي، ڇو نھ آھي!“
    ”ڪوڙا.“
    ھوءَ مون کي ٻانھن کان ڇڪيندي ڪمري ۾ وٺي وئي. مون کي پلنگ تي ليٽائي، پاڻ پاسي واري ڪمري ڏانھن ھلي وئي.
    پلنگ جي پاسي ۾ سائيڊ بورڊ رکيل ھو، جنھن تي ڪنھن ڪراڙي جي فريم ۾ جڙيل تصوير رکي ھئي. ھڪ نظر ۾ ڀانيم تھ منھنجي ڏاڏي جي تصوير ھئي. پاسو ورائي غور سان تصوير ڏانھن ڏٺم. نھ. تصوير منھنجي ڏاڏي جي نھ، پر زرينھ جي زميندار مڙس جي ھئي. تصوير جي پاسي ۾ ميڪ اپ جو سامان ۽ مردانھ طاقت وڌائڻ، پيدا ڪرڻ ۽ ديرپا جٽاءَ لاءِ دوائن جون ٻھ چار شيشون رکيون ھيون. ’بيمثال‘ ڪيپسولن جي شيشي کڻي استعمال ۽ ترڪيب جو اشتھار پڙھڻ لڳس. سوچيم، سڀاڻي انٽرويو آھي، متان ڪو مت جو ماريل ٺوڙھو ميمبر انھن ڪيپسولن جي باري ۾ سوال پڇي ويھي! ھڪدم ھٿ وڌائي ’سلاجيت‘ گورين جي شيشي کڻي گورين جا حيرت انگيز ڪارناما پڙھڻ لڳس. زرينھ ڪمري ۾ موٽي آئي. ان وقت مان ’نائيٽ پلز‘ جي تعريف پڙھيو رھو ھوس، جنھن تي آدمخور چيتي جي تصوير ٺھيل ھئي. زرينھ کان پڇيم، ”ھي دوائن کائڻ کان پوءِ، ماڻھو انسان مان ڦري جانور ٿي پوندو آھي ڇا؟“
    جھٽ ڏيئي شيشي منھنجي ھٿ مان ڦري ورتائين. چيائين، ”توکي وري ھنن ڪنين گورين جي ڪھڙي گھرج!“
    جواب ڏيڻ لاءِ وات کوليم تھ ھن ھڪ گلاب ڄمون منھنجي وات ۾ وجھي ڇڏيو ۽ ڀرسان ئي پلٿي ماري، پلنگ تي چڙھي ويٺي.
    گلاب ڄمون اڳري، اوڳرائي ڏيئي، نڙي صفا ڪندي چيم، ”تنھنجو مڙس منھنجي ڏاڏي جيڏو آھي.“
    زرينھ ھڪ ٻيو لڏون منھنجي وات ۾ وجھندي وراڻيو، ”منھنجي گھر واري کي ٽين زال مان جيڪا ڌيءَ آھي، سا مون کان وڏي آھي.“
    لڏون کائي رھيو ھيس تھ ھن حبشي حلوي جوٽڪر مون ڏانھن وڌايو. کيس منع ڪيم، ”نھ نھ ترس. اڄ اسان چڪن برياني رڌي آھي. مان ھيءَ مٺائي پنھنجي کڏيءَ ۾ کڻي ويندس ۽ وڃي دوستن سان کائيندس.“
    ھن حبشي حلوي جو ٽڪر مٺائيءَ جي پيتيءَ ۾ رکندي پڇيو، ”چڪن برياني ڇاھي؟“
    ”ڪڪڙ جو پلاءُ.“
    ”ڪنھن رڌو آھي؟ تو؟“
    ”رمل.“
    ”اھو رمل ڪير آھي؟“
    ”رمل منھنجو سنگتي آھي ۽ ايندڙ آچر تي ڊپٽي ڪمشنر ٿيندو؟“
    ”تپيدار نھ ٿيندو؟“
    ”نھ. کيس ھڪ رات ۾ تاج محل ٺھرائڻ جي تمنا ناھي.“
    ھوءَ منھنجي ڀر ۾ ليٽي پيئي ۽ آڱرين سان منھنجن وارن ۾ ڦڻي ڪرڻ لڳي.
    مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. کن رکي چيم، ”ھن ڪمري ۾ ڇھھ دريون، اٺ روشندان، ۽ ٻھ در آھن. آھن نھ؟“
    ”ڇو؟ ڀڄي ويندين ڇا؟“
    ”چري، سڀاڻي مون کي انٽرويو ڏيڻو آھي.“ وراڻيم، ”پنھنجي Observation يعني مشاھدي جو امتحان پئي ورتم.“
    ”اھو انٽريٽ ڇا آھي؟“
    ”ڪجھھ ٺوڙھا، پوڙھا، ۽ سياڻا ماڻھو، بيروزگار، بيوقوف ۽ ڀوڪن کي نوڪريءَ ۾ رکڻ کان اڳ کانئن حساب ڪتاب وٺندا آھن. ان سموريءَ جٺ کي انگريزيءَ ۾ انٽرويو چئبو آھي.“
    ”آئي مان مٺيس! الاءِ ڇا چئي وئين!“
    ”نھ سمجھيئھ؟“
    ”نھ.“
    ”چڱو جو نھ سمجھيئھ،“ وراڻيم، ”اھا اسان جي ئي سمجھڻ جي ڳالھھ آھي.“
    زرينھ خاموش رھي. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ھوءَ منھنجن وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رھي.
    پڇيومانس، تنھنجو ڏاڏي جيڏو مڙس ڪيڏانھن ويو؟“
    خفي ٿيندي وراڻيائين، ”مون کي گنھگار تھ نھ ڪر.“
    ”۽ ھي جو مان توسان گڏ سمھيو پيو آھيان سو ڄڻ –“
    ھن مون کي جملو پورو ڪرڻ نھ ڏنو ۽ منھنجي وات تي ھٿ رکي ڇڏيائين.
    ڪجھھ دير رکي، گھٽيل آواز ۾ چيائين، ”اسان سڀاڻي صبح جو جيڪب آباد موٽي وينداسين.“
    ”سڀاڻي صبح جو مون کي انٽرويو ڏيڻو آھي.“
    ڪو وقت ٻئي خاموش رھياسين. پوءِ جھيڻي آواز ۾ ڳالھايائين، ”اسان ايندڙ اونھاري موٽي اينداسين. تون مون کي ڏاڍو ياد ايندين.“
    ھوءَ اڳتي سري آئي ۽ پنھنجو منھن منھنجي ڪلھي تي رکي ڇڏيائين.
    کانئس پڇيم، ”جيڪب آباد ۾سڀ کان وڌيڪ گرمي ڪھڙي ڏينھن پئي ھئي ۽ ان ڏينھن ٽمپريچر ڪيترو ھو؟“
    ”ڏاڍي گرمي تھ پوئين ٻڪر واري عيد ڏھاڙي پئي ھئي،“ ھن وراڻيو، ”ان ڏينھن اسان جا ٻھ ڪتا ۽ ھڪ ڪڙمي ڪاٺيون ڪندي مري ويا ھئا. پر اھو مو ٽمپريچر ڇاھي؟“
    ”ٽيمپريچر معنيٰ بخار.“
    ”ان ڏينھن ڪنھن کي بھ بخار نھ ٿيو ھو.“
    پوءِ ھن ڪيتريءَ دير تائين مون کي پنھنجين ٻانھن مان نھ ڪڍيو. چيائين، ”تون گذريل سال کان ڏٻرو ٿي ويو آھين.“
    وراڻيم، ”ڏٻرا ڍور ٿيندا آھن. مان ماڻھو آھيان، ڳري ويو آھيان.“
    ”تون روز مکڻ ۽ بسري ڀوري کائيندو ڪر.“
    ”حاضر، ٻيو ڪو حڪم.“
    ”ڪڪڙ، تتر ۽ ڦاڙھي جو گوشت جام کائيندو ڪر.“
    ”ٻيو ڪجھھ؟“
    چوندي رھي، ”توھان شھري ماڻھو ڊالڊو گيھھ کائيندا آھيو. تون نھ کائيندو ڪر. تون سنڌ جو سچو گيھھ کائيندو ڪر.
    ”حاضر.“
    اوچتو پڇيائين، ”مون کي وساري تھ نھ ڇڏيندين؟“
    ”نوڪري ملي ويئي تھ پوءِ نھ وساريندومانءِ.“
    ٻاھرين در تي کڙڪو ٿيو.
    ھوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي. چيائين، ”ڀايان ٿي ھو اچي ويا آھن. تون وڃ.“
    ”مٺائيءَ جو دٻو کڻي وڃان؟“
    ”ھا.“ سائيڊ بورڊ جي خاني مان نوٽن جي مٺ ڀري منھنجي کيسي ۾ وجھندي چيائين، ”جيئرا رھياسين تھ ايندڙ سال ملنداسين.“
    ”مان جيئرو ھوندس. ان جي مونکي پڪ آھي. تون پنھنجو خيال ڪر،“ وراڻيم، ”مصيبتون مون کي مرڻ نھ ڏينديون.“
    ھوءَ مون کي پڌر جي پوئين در تائين ڇڏڻ آئي. اکين ۾ آب ھئس. چيائين، ”شل صوبيدار ٿئين.“
    ”واھھ. پوءِ تھ مان تنھنجي مڙس جو سنگتي ٿي پوندس.“
    چيائين، ”اچ تھ موڪلايون.“
    موڪلايوسين. مون کيس پنھنجين ٻانھن ۾ کڻڻ چاھيو، پر کڻي نھ سگھيس. پڇيم، ”تنھنجو وزن اڍائي سؤ پائونڊ کن تھ ٿيندو؟“
    ”الاءِ، پر ٽن مڻن کان مٿي نھ ٿينديس.“ ھن مون کي پنھنجين ٻانھن ۾ ڀيڪوڙيندي چيو.
    چيم، “زور نھ ڏجانءِ، مون کي سڀاڻي انٽرويو ڏيڻو آھي.“
    زرينھ مونکي پنھنجي ڀاڪر مان آزاد ڪيو. مان ڊوڙ پائي، بلٽ کولي، پيڊرو ڊسوزا روڊ تي وڃي بيٺس.
    کڏيءَ جي ڪٽھڙي وٽ ڌنو بيٺو ھو، ۽ محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رھيو ھو. سندس کليل وات ۾ ھڪ ڄمو وجھي ڇڏيم. ھو ڄمو چٻاڙڻ لڳو ۽ محبت جو ڊائلاگ چوڻ ڇڏي ڏنائين. کيس ٻانھن کان ڇڪيندو کڏيءَ ۾ وٺي آيس.
    کڏيءَ جي وچ ۾ فرش تي رمل تڏو وڇائي ويٺو ھو. اڳيان چڪن بريانيءَ جو ديڳڙو ۽ خالي ٿالھھ ھئس.
    بک ۾ پاھھ پئي ٿيس. چيم، ”يار رمل، سخت بک لڳي آھي.“
    وراڻيائين، ”اول ٽي رپيا پنجانوي پيسا ڪڍ، پوءِ مرغ بريانيءَ جو گرھھ ملندءِ.“
    ”ڇو؟ ڇا جا پئسا؟“
    ”واھھ پٽ ڪاريگر! ڇا جا پئسا!“ رمل نج شڪارپوري لھجي ۾ چيو، ”چمپل جا، ٻيو وري ڇا جا، ڀيٽو.“
    ”وٺ بابا وٺ، مرين ڇو ٿو،“ رمل کي ٽي رپيا پنجانوي پيسا ڏنم.
    رمل پيسا کيسي ۾ وجھي، ديڳڙي جو ڍڪ لاھي ڇڏيو. بکايل ھئاسين. پوءِ جڏھن دال – چانور ديڳڙيءَ مان ڪڍي ٿالھھ ۾ وڌائين، تڏھن ڪجھھ جھڪياسين ۽ گرھھ مٿان گرھھ کڻندا وياسين.


    4. ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا

    جنھن ڏينھن سندس عزت لٽي ھئائين، تنھن ڏينھن خواب خيال ۾ بھ نھ ھئس، تھ فقط ڪجھھ مھينن کان پوءِ ھوءَ سندس جان جنجال ۾ وجھي ڇڏيندي، ۽ جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيندي.
    ڳوٺ موٽيو تھ سيراج ٻڌايس، ”شاھو، باليءَ جي پيٽ ۾ تنھنجو ٻار آھي!“
    مسلسل خيالن جا سلسلا شاھوءَ جي دماغ کي وڪوڙي ويا. ھڪ غريب، مسڪين ۽ مفلس ڀيلياڻي ھن لاءِ مسئلو ٿي پيئي. ھڪ آزاد، بي پرواھھ شخص جي پيرن ۾ ڄڻ زنجير پئجي وئي.
    ھڪ ان ڏينھن کي ملامت ڪرڻ لڳو، جنھن ڏينھن ڀيلن جي ٽوليءَ روھڙي اسٽيشن ٻاھران گھانگھوٽي ميدان ۾ پنھنجا پکا ۽ جھڳيون اڏيون ھيون. منجھن بالي بھ ھئي، ميري، گدلي، جوئن واري بالي.
    انھن ڏينھن ۾ شاھو وئڪيشن گذارڻ لاءِ ڳوٺ آيو ھو.
    جوانيءَ جي روانيءَ کي نھ ذات پات روڪي، نھ دين ڌرم ڌيرج ڏئيس. باليءَ جي ڇلڪندڙ جواني جھٽ روھڙي شھر جي نگاھن جو مرڪز ٿي پيئي. سندس بدمست جوڀن چتين لڳل ڪپڙن مان جھاتيون ٿي پاتيون. آواره تھ بدنام ھوندا آھن. سندس عيش اکين جي الڪي ۽ ٻن چئن لذيذ لفظن تائين محدود ھوندو آھي، پر جن شريفن کي عطر ۽ سينٽ سان ھٻڪاريل جسم ميسر ھوندا آھن، سي بھ پنھنجون چمڪندڙ موٽرون ۽ ٽانگا ترسائي، باليءَ کي ڀنڀلائڻ لڳندا ھئا، پر ھوءَ جھنگلي گل ھئي. جنھن بھ ھٿ وڌايو، زخمي ٿي موٽ کاڌي. ھوءَ آدم کان حوا جو انتقام ھئي. سندس ڪم ھو صبح کان شام تائين کارا ٺاھڻ. شام جو جڏھن ٻھ چار کارا کڻي وڪڻڻ لاءِ نڪرندي ھئي، تڏھن سڄي ڏينھن جو ٿڪ لاھڻ لاءِ ھوءَ پنھنجي جسم کي ڪاريھر جھڙا ڪر ڏيندي ھئي. ڀلا ڪير نھ ڏنگجي!
    ھوءَ ھئي بھ بيحد سلوڻي. پھرين ڏينھن باليءَ کي ڏسڻ شرط سراج شاھوءَ کي ڪن ۾ چيو، ”ڇوري نمڪين آھي.“
    ”قھر ڪندي بابل،“ شاھوءَ چپن تي زبان ڦيريندي چيو، ”روھڙيءَ کي اروڙ ڪري ڇڏيندي.“
    ”رڳن ۾ ڪنھن نيڪ خاندان جو خون اٿس.“
    شاھوءَ ٽيڏيءَ اک سان سراج ڏانھن ڏٺو. ٽوڪ سھي ويو. چيائين، ”ڀيلن، مينگھواڙن ۽ اڇوتن جي جسم ۾ وڏن وڏن شريف خاندانن جو خون ھوندو آھي.“
    بالي بھترين پيوند جو گل ھئي.
    شاھو باليءَ لاءِ واجھائڻ لڳو.
    شاھوءَ کان سواءِ سڀئي جوان پنھنجي پنھنجي قسمت آزمائي چڪا ھئا، پر ھر ڪنھن جو منھن وڃي ڀت سان لڳو. اميدوار جوانن مان فقط شاھو ئي بچيل ھو، جنھن سان باليءَ جي ڏي وٺ نھ ٿي ھئي. شاھو پراڻو پاپي ھو. عورتن جي معاملي ۾ خبردار رھندو ھو. اٽڪلن کان واقف ھو. ڪاليج کان وٺي پاڙي جي جوان عورتن تائين، ڪابھ سندس ڄار مان نڪري نھ سگھندي ھئي. عورت کي ڦاسائڻ ۽ راضي ڪرڻ جا ھن کي پنھنجا طريقا ھئا. آزمايل نسخا ھئس. راھون سڃاتل ھيس.
    اول ھن باليءَ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. ڏانھنس اک کڻي بھ نھ نھاريندو ھو. مٿس پنھنجي شرافت جو رعب ويھارڻ لاءِ مٿي تي ٽوپي رکي، سندس آڏو لنگھي مسجد ۾ ويندو ھو. مسجد جي در وٽ ترسي، اک ٽيٽ ڪري کيس ڏسندو ھو. باليءَ جون نگاھون اڪثر سندس تعاقب ۾ مسجد جي در تائين ھليون اينديون ھيون. ھو نماز پڙھڻ بنا، مسجد جي پوئين در مان نڪري جندل ڪاسائيءَ جي جوئا جي ٽڪريءَ تي وڃي پھچندو ھو.
    سراج، شاھوءَ جي ڳجھين، اٽڪلن ۽ حرفتن کان واقف ھو. پر جيڪا چال ھن باليءَ سان چلڻ شروع ڪئي ھئي، تنھن سراج کي بھ اچرج ۾ وجھي ڇڏيو. ھڪ ڏينھن سراج شاھوءَ کي ڏوري ۾ چھنڊڙي پائيندي چيو، ”شھر جا چڪن تڪا کائي ايڏو تھ ڍءُ ڪيو اٿئي، جو جھنگلي تتر کي ڪٿ ۾ ئي نٿو آڻين!“
    شاھوءَ کنگھي نڙي صاف ڪئي. چيائين، ”ابابيلن جو شڪار تير ڪمان سان نھ ڪبو آھي.“
    ھڪڙي ڏينھن شاھوءَ باليءَ کان کارو خريد ڪيو. باليءَ سامھون رکيل کارو شاھوءَ ڏانھن وڌايو.
    ”نھ نھ، اھو نھ. ھو، جيڪو پريان رکيو آھي.“ شاھوءَ ھڪ کاري ڏانھن اشارو ڪيو.
    ھوءَ پنھنجي جاءِ تان اٿي. آرس موڙيائين. کارو کڻي آئي. شاھوءَ کارو جاچي ڏٺو. چيائين، ”ھن ۾ وڏيون وٿيون آھن.“
    ”شاجي لاءِ ٿو وٺين؟“
    شاھوءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. پاڻ سنڀالي باليءَ جي اکين ۾ نھاريائين. باليءَ جي چپن تي دل لڀائڻ جھڙي مرڪ ھئي. ٻيھر پڇيائين، ”شاجي لاءِ ٿو وٺين؟ انبن لاءِ، يا خارڪن لاءِ؟“
    شاھوءَ پنھنجو ساھھ آجو ٿيندو محسوس ڪيو. وراڻيائين، ”کارڪن لاءِ.“
    ”ترس. خارڪن لاءِ خارو مان ٿي ڳولي ڏيانءِ.“ ھوءَ کارا ھيٺ مٿي ڪرڻ لڳي. ھڪ کارو ڳولي کڻي آئي. ”ھي خارو اٿئي خارڪن لاءِ.“
    کارو وٺندي شاھوءَ سندس اکين ۾ جھاتي پاتي. ڀانيائين، سندس اکين جي اونھي ساگر ۾ ٻڏي ويندو.
    ويندي ويندي چيائين، ”ھڪ سٺو کارو ٺاھي رکجانءِ. سڀاڻي کڻڻ ايندس.“ باليءَ ڏانھن پيسا وڌايائين.
    ”خارو کنرر ايندين، تھ پيسا بھ سڀارين ڏجانءِ.“ ھن ڪنڌ کي خم ڏنو.
    شاھوءَ جي دل وڃي ڪوڙڪيءَ ۾ اٽڪي.
    ٻئي ڏينھن کارو وٺڻ ويو تھ باليءَ چيس، ”ھي خارو تولاءِ ٺاھيو اٿم.“
    ”منھنجي لاءِ؟“
    ”ھائو.“ ھوءَ کارو کڻي آئي. کارو شاھوءَ ڏانھن وڌائيندي چيائين، ”کيال سان ٺاھيو اٿم.“
    ”سچ؟“
    ”ھائو.“
    ”ڇو؟“
    بالي منجھي پيئي. جواب نھ پئي سجھيس. نيٺ ڳيت ڏيندي چيائين، تون نماجي آھين نھ، ان ڪري.“
    شاھوءَ ٽھڪ ڏنو. کيس جواب نھ ڏنائين.
    باليءَ چيو، ”ھن خاري جا ٻھ رپيا وٺندي مانءِ.“
    ”ڇو؟“
    ”کيال سان جو ٺاھيو ٿم.“ باليءَ ڪنڌ کي خم ڏنو ۽ شاھوءَ ڏانھن چتائي ڏٺائين.
    شاھوءَ ساڻس اک ملائي نھ سگھيو. کانئس پڇيائين، ”ڏينھن ۾ گھڻا کارا ٺاھي وٺندي آھين؟“
    ”ڪڏھن ٽي، ڪڏھن چار.“
    ”تڏھن تھ ڪافي ڪمائي وٺندي ھوندينءَ!“
    ”سڀئي تھ نھ وڪامندا آھن. ڪڏھن ٻھ، ڪڏھن ٽي.“
    ”پوءِ بھ تولاءِ کوڙ آھن.“
    ”مان ھيکلي تھ نھ آھيان. منھنجي ڪراري ماءُ آھي. انڌو پيءُ آھي.“ باليءَ عام رواجي نموني چيو.
    ”تنھنجو پيءُ انڌو آھي؟“ شاھوءَ جي چپن تي ٺٺولي ڪندڙ مرڪ ڦھلجي ويئي.
    ”ھا.“
    ”ڪيئن ٿي چوين.“ شاھوءَ جي منھن تي بدستور مرڪ مھڪندي رھي.
    باليءَ حيرت مان ڏانھنس نھاريو. ھوءَ سندس سوالن جي تھھ تائين پھچي نھ سگھي. تڏھن بھ چيائين، ”منھنجو پيءُ انڌو آھي. مان کيس پارين ڀرين ڏيندي آھيان. ھو ڏسي بھ نھ سگھندو آھي.“
    ”سمجھيم، تھ اھو انڌو شخص تنھنجو پيءُ آھي.“ شاھوءَ جي منھن تان مرڪ گم ٿي ويئي. چپن ۾ ڀڻڪيو، ”ويچارو.“
    باليءَ جي حيرت دور نھ ٿي. سندس ھٿ اڌ ٺيھل کاري وٽ بيھي رھيا. شاھوءَ ھڪ ئي سوال سان ماٺي پاڻيءَ جي اونھائي پرکي ورتي ھئي.
    ڳالھھ جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ چيائين، ”پاڻ ۾ گھڻا ڀاءُ ڀيڻ آھيو؟“
    ”ھڪ ڀاءُ ۽ ٻھ ڀينرون.“
    ”ھو بھ کارا ٺاھيندا آھن؟“
    ”اون ھون،“ ھن کارو ٺاھيندي جواب ڏنو، ”منھنجو ڀاءُ گڏھن تي مٽي ڍوئيندو آھي.“
    ”۽ ڀينرون؟“
    ھن ڪنڌ کڻي شاھوءَ ڏانھن ڏٺو. گھڙي کن شاھوءَ ڏانھن ڏسڻ کان پوءِ ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين. وراڻيائين، ”ٻئي ڌنڌو ڪنديون ھيون.“
    ”ڇا!“ شاھوءَ کان حيرت مان دانھن نڪري ويئي.
    ”ھلنديون ھيون،“ باليءَ جي چپن تي زھر آلود مرڪ تري آئي. ڄڻ ٻنھي تي ٺٺولي پئي ڪيائين.
    ”پوءِ؟“
    ”وڏي ھڪ پنجابي بدمعاش سان سادي ڪري ڀڄي وئي،،“ ھن کارو ڪشيندي چيو، ”۽ ھن وڃي بجار ۾ ويھاريس.“
    ننڍي ڀيڻ جي باري ۾ شاھوءَ کانئس ڪجھھ نھ پڇيو، پر ھن پاڻ ئي کيس ٻڌايو، ”ننڍي ھڪ ٻروچ سان شڪارپور ڀڄي ويئي.“
    ھوءَ اوچتو اداس ٿي ويئي. آواز ڀرجي آيس. اکين جي چمڪ اجھامي ويس. گھٽيل آواز سان چيائين، ”ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ منھنجي ڀير جو اگھارو لاس سنڌوءَ جي ڪپ تي پيو ھو.“
    اکيون آليون ٿي ويس.
    شاھوءَ جھيڻي آواز ۾ چيو، ”مرد بيحد ظالم ھوندو آھي، بالي“
    ”تون بھ تھ مرد آھين.“
    ”مان باغي آھيان، بالي.“
    ھن جواب نھ ڏنو، خاموش رھي. نھ وري شاھوءَ ئي ڪجھھ ڳالھايو. ھن کارو کنيو ۽ ڪنڌ جھڪائي اڳتي نڪري ويو.
    شاھو سامونڊي ڌاڙيل وانگر ھوا جي رخ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    ھڪ ڏينھن مسجد ڏانھن ويندي، باليءَ وٽ کن لاءِ ترسندي چيائين، ”بالي، تو جھڙي محنتي ڇوڪري مون عمر ۾ نھ ڏٺي آھي.“
    ھن منھن مٿي ڪري، ڪارن ڪارن نيڻن سان شاھوءَ ڏانھن نھاريو. شاھوءَ سندس ذھن کي سوچڻ جي فرصت نھ ڏني. چيائين، ”محنت عيب آھي نھ پاپ. محنت عورت جو شان آھي، بالي.“
    ۽ جڏھن شاھو مسجد ڏانھن وڌي ويو، تھ الاءِ ڪيتريءَ دير تائين ھوءَ پنھنجي رڏ مغز سان ڌڙڪندڙ دل کي سمجھائيندي رھي.
    تتل منجھند کان پوءِ جيڪا ٻوسٽ واري شام آئي ھئي، تنھن ۾ ھوءَ شاھوءَ جي ڪمري جي دريءَ وٽان لنگھي ھئي. سانورو رنگ اس ۾ ٽامڻي ھڻي ويو ھئس. سھڪي رھي ھئي. شاھوءَ کيس سڏ ڪري بيھاريو. ھوءَ دڪيءَ تي کارا رکي، ھڪ ھٿ چيلھھ کي ڏيئي بيھي رھي. ٻي ھٿ جي آڱرين سان نرڙ تان پگھر اگھيائين. شاھوءَ در کولي کيس اندر سڏ ڪيو، ”اندر اچ بالي. ٻاھر اس آھي.“
    ”نھ نھ. ٻاھر ٺيڪ آھيان.“
    ”مون کان ڊپ ٿو ٿيئي ڇا؟“
    باليءَ جي منھن تي مرڪ اچي ويئي. جواب نھ ڏنائين. کارا کڻي اندر ھلي ويئي. کارا فرش تي رکي اليڪٽرڪ پکي ھيٺان ٿي بيٺي. ٻانھون مٿي ڪري وار سلجھايائين تھ ٺوٺين مان پگھر جا ڦڙا ٽمڻ لڳس. شاھو ريفريجريٽر مان پاڻيءَ جي بوتل ڪڍي گلاس ڀري ڏنس. يخ جھڙو گلاس ھٿ ۾ جھلي ھوءَ گلاس جو پاڻي جاچڻ لڳي.
    ”ٻيو ڪجھھ تھ ناھي.“
    ”مون تي بھ شڪ اٿئي بالي!“
    ساڳي مرڪ باليءَ جي چپن تي تري آئي. جواب نھ ڏنائين. ڳيت ڏيئي، يڪ ساھي سمورو گلاس پي ويئي. شاھوءَ ٻيو گلاس ڀري ڏنس. ٻھ چار ڍڪ ڀري، ٿڌو ساھھ کڻي، ھوءَ غاليچي تي ويھي رھي. ساھھ جائيتو ٿيس تھ پڇيائين، ”تون ھت رھندو آھين، نماجي؟“
    ”منھنجو نالو نمازي ناھي،“ ھو کلي پيو، ”منھنجو نالو شاھھ محمد آھي. مونکي شاھو سڏيندي ڪر.“
    ”ھت رھندو آھين؟“
    ”ھا، مان ھتي رھندو آھيان.“
    ھن ڪمري ۾ چئني طرف پنھنجون نگاھون ڦيرايون.
    نظرون پردن تان ترڪنديون شوڪيس تي وڃي کتس. اڳتي وڌي شوڪيس جي سامھون وڃي بيٺي. گوڏن تي ھٿ رکي جھڪي بيٺي.
    ”رانديڪا شو رکيا ٿئي؟“ ھن شاھوءَ ڏانھن ڏسندي پڇيو، ”ٻار اٿئي شا؟“
    ”اڃا شادي نھ ڪئي اٿم.“
    ”تھ پوءِ رانديڪا شو رکيا ٿئي؟“
    ”اھو فيشن آھي، بالي.“
    باليءَ کي شاھوءَ جو جواب سمجھھ ۾ نھ آيو. رانديڪا ڏسندي پڇيائين، ”ھي شاھي؟“
    ”رڇ.“
    ”رش تھ ڪارو ٿيندو آھي.“
    ”ڪي رڇ اڇا بھ ٿيندا آھن.“
    ”۽ ھي ڀولڙو بھ رکيو ٿئي!“
    ”ھا ڀولڙن ۾ ھڪ خوبي ٿيندي آھي.“
    ”ڪھڙي؟“
    ”ڀولڙا بھترين نقل ڪري سگھندا آھن.“
    ھوءَ ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي. پڇيائين، ”ھي سڀ رانديڪا ڪيتري جا ھوندا؟“
    ”فقط ھن اڇي رڇ جي قيمت ساڍا ٻارھن رپيا آھي.“
    ھوءَ ڏندن ۾ آڱر ڏيئي ھڪدم شوڪيس وٽان ھٽي ويئي. وڃي ڪتابن جي ڪٻٽ وٽ بيٺي. ڪتابن جو ڪٻٽ قد ۾ کانئس ڊگھو ھو.
    ”ھي سڀ تو پرھيا آھن؟“
    ”ھا،“ شاھوءَ جو ڪنڌ آڪڙ ۾ سيٽجي ويو.
    باليءَ تي شاھوءَ جي جواب ۾ ڪوبھ اثر نھ ٿيو. ھوءَ موٽي وڃي رانديڪن جي شوڪيس وٽ بيٺي. ڪجھھ دير رانديڪا ڏسي، کارن وٽ اچي بيٺي، پڇيائين، ”خارو وٺندين؟“
    ”وڏا آندا اٿئي.“
    ”وڏو ئي کرين وٺ.“
    ”نھ. وٺندس تھ ننڍو. اڄ نھ، تھ سڀاڻي.“
    ”تھ پوءِ سڀارين تنھنجي لاءِ ٺاھي کرين اينديس.“ ھوءَ کارا کڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي.
    ”پر اچجانءِ جلد.“
    ”ھن مالھھ نھ؟“
    ”نھ، ھن مھل مان نماز تي ويندو آھيان.“
    ”منجھند ڌاري اچان؟“
    ”ھا.“
    ھوءَ دڪي لھي ويئي.
    شاھو ايندڙ منجھند جي تات ۾ لڳي ويو. سندس ڪمري کان پوءِ اوطاق ھئي، ۽ اوطاق کان پوءِ ھئي حويلي. شاھوءَ کي اھا بھ ڄاڻ ھئي تھ سنڌ جي اونھاري جي منجھند، سياري جي اڌ رات جھڙي ويران ھوندي آھي.
    ٻئي ڏينھن جي منجھند روز کان وڌيڪ گرم ھئي. گھرن جون ڀتيون تپي لوھھ ٿي ويون ھيون. ڏامر جا رستا نرم ٿي ويا ھئا. اليڪٽرڪ پکن مان اوٻر پئي نڪتو. شاھو منجھند جي ماني کائي پنھنجي ڪمري ۾ اچي ويٺو. جڏھن پاسي واري سنڌي اسڪول کي موڪل ملي ۽ ٻارڙا ٺينگ ٽپا ڏيندا، گھٽيءَ مان لنگھي ويا، تڏھن شاھوءَ ريفريجريٽر مان لنڊن بيئر جي بوتل ڪڍي ۽ پکي ھيٺان آرام ڪرسي وجھي ويھي رھيو. دريءَ وٽان سنڌي اسڪول جا ٻھ ڪراڙا ماستر اچي لنگھيا، اس کان بچڻ لاءِ مٿي تي ٽوال وڌا ھئائون. شاھوءَ جي ڪمري جي کليل دري ڏسي کيس کيڪاريائون، ”ننڍا شاھھ خوش تھ آھين؟“
    ”توھان جون دعائون گھرجن،“ شاھوءَ رکائيءَ سان وراڻين.
    ”ڇو ٿو اسان امتي گنھگارن کي لڄارو ڪرين شاھھ،“ ھڪ ماستر ذري گھٽ ٻاڏائيندي چيو، ”اسان جو ٻنھي جھانن ۾ آسرو توھان ئي تھ آھيو.“
    شاھوءَ سندس جواب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. منھن ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين. ماستر اڳتي ھليا ويا. ھن بيئر گلاس ۾ پيٽيو. کن ۾ گلاس تي ٻاھران موتين جھڙا قطرا نمودار ٿيا.
    ان وقت بالي، پگھر ۾ آلي، سھڪندي، کارا کڻي دڪيءَ تي اچي بيٺي. شاھوءَ جھٽ اٿي سندس لاءِ در کوليو. ھوءَ اندر گھڙڻ شرط کارا اڇلائي پکي جي ھوا ۾ ٿي بيٺي. گھڙي کن بيھي، ويھي رھي. شاھوءَ ٻئي گلاس ۾ بيئر وجھي ڏانھنس وڌايو. ٿڪل ھئي، اڃايل ھئي، ٻھ چار ڍڪ لاڳيتا پي ويئي. ڪسارو لڳس تھ پڇيائين، ”شاھي؟“
    ”نم جو شربت،“ شاھوءَ ٺھھ پھھ وراڻيو.
    ”گھرون ٿڌو آھي.“
    ”ھا.“
    ”ٻھ ٽي ڍڪ ڀري چيائين، ”نم جي شانو بھ ٿڌي ھوندي آھي.“
    ”ھي شربت بھ ٿڌو آھي.“
    ”ھا،“ باليءَ لاپرواھيءَ سان وراڻيو، ”پر اسان گريب آھيون، فقط نموريون چوسيندا آھيون.“
    شاھو خاموش رھيو.
    ھن گھگھري سان منھن اگھندي چيو، ”ڏاڌو ٿڌو آھي.“
    ”ھڪ گلاس سان سڄي رگھھ ختم، تراوت محسوس ڪندينءَ.“
    ھن گلاس چپن سان لڳايو ۽ سپ سپ ڪري پيئڻ لڳي. شاھوءَ کان اڳ گلاس خالي ڪري ڇڏيائين. شاھوءَ لوڻيل باداميون ۽ کاڄا اڳيان آڻي رکيس ۽ گلاس ٻيھر ڀري ڇڏيائينس. ھن ٻھ چار بادامن جا داڻا وات ۾ وجھي، بيئر جو ڍڪ ڀريو.
    پڇيائين، ”ھي سربت تون روج پيئندو آھين، نماجي.“
    ”ڏس بالي،“ شاھوءَ سندس ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيو، ”مون کي نمازي نھ سڏيندي ڪر.“
    ”شو؟“ باليءَ لاڏ مان پڇيو.
    ”بس ائين ئي،“ شاھوءَ سندس ٻانھن ڇڏي ڏني.
    ”سڄي روھڙيءَ ۾ ھڪ تون ئي اسراف آھين.“ ھن ڍڪ ڀريو، ”ٻيا تھ ڄرن– ڄرن-“ ھن جملو پورو نھ ڪيو. ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي.
    شاھوءَ رستي ڏانھن کلندڙ دري بند ڪري ڇڏي.
    ”تون نماجي آھين.“ ھن کلندي کلندي بيئر جو ٻيو گلاس بھ خالي ڪري ڇڏيو. شاھوءَ سندس گلاس ٽمٽار ڪيو ۽ ڀر ۾ ويھي رھيس. باليءَ ٻھ ڍڪ ڀريا ۽ ٻانھون ڪنڌ ھيٺان ڏيئي ليٽي پيئي.
    شاھوءَ صبر جو دامن نھ ڇڏيو. کيس خبر ھئي تھ عورت کي الجھائڻ جو بھترين طريقو آھي سندس تعريف! ڀل تھ عورت کڻي پڙھيل ھجي يا جاھل، سادي ھجي يا چالاڪ، گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتل ھجي يا پياسي؛ تعريف ۽ ساراھھ جا ٻھ ٻول سندس پيرن ۾ نيئر وجھي ڇڏيندا آھن.
    ”بالي تون ڪنھن ملڪ جي راڻي ھجين ھا.“
    ”شو ڀلا؟“ ھن البيلائيءَ سان پڇيو.
    ”بڌايانءِ؟“ شاھوءَ ٺونٺ غاليچي تي رکي ۽ ڏانھنس سري ويو.
    ”ھا نماجي، ٻڌاءِ،“ آواز وچڙيس. بيئر سندس اکين ۾ سرخي آڻي بيھاري ھئي.
    ”تون محنتي آھين، ايماندار آھين.“
    ”تون بھ تھ ايماندار ۽ نماجي آھين،“ لفظ لھجي ۾ ڇڄندا رھيس.
    ”تو وٽ ھي ڪارا ڪارا نيڻ بھ تھ آھن.“ شاھوءَ سندس ڳالھھ اڻٻڌي ڪندي چيو.
    ”منھنجي ماءُ چوندي آھي- ملا کوڦناڪ ٿيندا آھن.“ لفظ ٽٽل مالھا جي موتين وانگر منتشر ٿيندا رھيا.
    ”۽ مان؟“ شاھوءَ سندس ڳل تي ھلڪي ٿڦڪي ڏني، ”مان تھ خوفناڪ ناھيان نھ؟“
    ”اون ھون.“
    ”تون اسان جي ملڪ جي راڻي ھجين ھا.“
    ”مان سچ پچ اھري آھيان؟“ باليءَ شاھوءَ جي اکين ۾ ڏٺو.
    ”ھا چري،“ شاھو سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو، ”سوچيان ٿو، منھنجي زال تو جھڙي ھجي.“
    باليءَ ڪرڙيءَ وانگر شاھوءَ جي ٻانھن ۾ پاسو مٽايو. خماريل اکين سان شاھوءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيائين، ”۽ ڪارا ڪارا نير بھ ھجنس؟“
    ”ھا، بالي ھا،“ شاھوءَ واءُ جو رخ پرکي ورتو. ڪن جي پاپڙين تان آڱريون ترڪائيندو ڪنڌ تائين کڻي آيو. باليءَ جي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو.
    ”اوھھ، نماجي،“ باليءَ پنھنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    شاھوءَ پنھنجو منھن باليءَ جي منھن ۾ ايترو تھ ويجھو ڪيو، جو ٻنھي جا ساھھ وچڙڻ لڳا. ھن سندس ڪن ۾ سرگوشي ڪئي، ”بالي.“
    ”ھون.“
    ”جيڪڏھن تون کارا ٺاھڻ ڇڏي ڏين، تھ مان جيڪر توسان شادي ڪيان.“
    ”اوئي الا!“ باليءَ بند اکيون کولي شاھوءَ جي اکين ۾ چتائي ڏٺو.
    ”مان پنجابي بدمعاش نھ آھيان، جنھن تنھنجي ڀيڻ کي وڃي بازار ۾ ويھاريو آھي.“
    ھوءَ پٿر وانگر خاموش رھي.
    شاھوءَ ڳالھايو، ”مان ٻروچ نھ آھيان، جنھن تنھنجيءَ ٻيءَ ڀيڻ جو لاش سنڌوءَ جي ڪپ تي اڇلائي ڇڏيو ھو.“
    باليءَ جي اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو.
    شاھوءَ سندس ذھن کي سوچڻ جي مھلت نھ ڏني. چيائين، ”سڀ مرد ھڪجھڙا نھ ٿيندا آھن.“
    باليءَ جو رڏ مغز لاجواب ٿي ويو. فقط ايترو چئي سگھي، ”چرچا تھ نٿو ڪرين، نماجي.“
    ”نھ بالي، نھ،“ شاھوءَ ھڪدم وراڻيو. ”مان مڪار ۽ دغاباز نھ آھيان بالي، جو مٺڙيون مٺڙيون ڳالھيون ڪري توکي لٽي ڇڏيان.“
    بالي ھيڪلائيءَ جي دائرن ۾ غرق ٿيندي ويئي. اکر نٿي اڪليس. بيئير سندس ذھن ۾ پولار پيدا ڪري ڇڏيو.
    شاھوءَ پنھنجي گرفت مضبوط ڪندي چيو، ”ڀلا ھڪ غريب ڇوڪريءَ جي عزت لٽڻ مان مون کي ڇا ملندو.“
    ھڪ لمحي لاءِ باليءَ جي خماريل اکين ۾ روشنيءَ جا قنديل روشن ٿي، اجھامي ويا. نڙي خشڪ ٿي ويس. دل ۾ ھٻس محسوس ڪيائين. لفظ سندس ذھن ۾ وچڙيا پي. نيٺ چيائين، ”مان مشلمين بھ تھ نھ آھيان.“
    ”مان سيد آھيان، جنت جو حقدار آھيان،“ شاھوءَ کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيندي چيو، ”اسلام ۾ سڀ کان وڏو ثواب ڪنھن غير مسلم کي مسلمان ڪرڻ آھي. مان توکي مسلمان ڪندس.“
    ھوءَ خيالن ۾ لڙھي ويئي.
    ”چئھ تھ تون کارا ٺاھڻ ڇڏي ڏيندينءَ.“ شاھوءَ جذباتي آواز ۾ چيو، ”مان توسان شادي ڪندس. توکي پڙھائيندس. چڱي خاندان ۾ اٿڻ ويھڻ سيکاريندس.“
    شاھو ڪجھھ دير باليءَ جي جواب جو انتظار ڪندو رھيو. باليءَ آھستي آھستي پنھنجو منھن شاھوءَ جي ڇاتيءَ تي رکندي چيو، ”مان کارا ٺاھر شڏي ڏينديس.“
    پوءِ بنا دير جي شاھوءَ باليءَ تي ائين لامارو ڏنو، جيئن باز جھرڪيءَ تي ڏيندو آھي. باليءَ کي ائين سوگھو ڪيائين، جيئن بگھڙ ڊنل ڇيليءَ کي سوگھو ڪندو آھي. جھنگلي گل کي ڪنڊن سميت چيڀاٽي ڇڏيائين. معصوميت جي مکڙي مھٽي ڇڏيائين. گھائل پنڇي پرڙا ھڻي ساڻو ٿي ڪري پيو.
    تتل منجھند کان پوءِ جڏھن اداس ۽ ويران شام جا پاڇا پيا، تڏھن باليءَ پنھنجو پاڻ سنڀاليو. وکريل وار سنواريائين. اٿي بيٺي تھ قدم ٿاٻڙيس. پاڻ سنڀالي وک وڌايائين. ھڪ ھٿ آرام ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي رکي بيھي رھي. ڪنڌ مٿي ڪري ٿڌو ساھھ کنيائين. گينڊيءَ وٽ وڃي، منھن تي ٻھ چار ٻڪ پاڻيءَ جا ھڻي، منھن گنديءَ سان اگھي ڇڏيائين. سانورو رنگ ڳاڙھاڻ مائل ٿي ويو ھئس. شاھوءَ کان نظرون پي بچايائين. شاھو بھ ساڻس اک ملائي نھ سگھيو. ڳالھائڻ لاءِ وٽس ڪجھھ بھ نھ ھو. باليءَ جي موجودگيءَ ۾ ککو پي ٿيو. مرڪڻ جي ڪوشش ڪيائين، تھ لڳو ڄڻ روئي پوندو. شڪاريءَ جو ترڪش خالي ٿي چڪو ھو. ھن زندگيءَ ۾ ڪنھن بھ عورت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏي محنت نھ ڪئي ھئي. ايترا سانگ اڳ ڪڏھن بھ نھ رچايا ھئائين. ھن پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪيو.
    باليءَ جو ڪنڌ جھڪيل ھو. منھن مان پريشاني پي بکيس. ھوءَ کارا کڻي در طرف وڌي ويئي. در جو بلٽ لاھي، طاق کولي، چائنٺ وٽ وک روڪي، منھن ورائي شاھوءَ ڏانھن ڏٺائين. ھوءَ وياڪل ھئي. ڄڻ تھ ڪنھن مساڻ جي ويراڳڻ ھئي.
    ڪجھھ چوڻ لاءِ سندس چپ چريا، ”مان خارا ٺاھر شڏي ڏينديس.“
    شاھوءَ کيس جواب نھ ڏنو ۽ نھ ئي ھن جواب جو انتظار ڪيو.
    ھوءَ ٿڙندي ٿاٻڙندي دڪي لھي ويئي. شاھوءَ دريءَ جي شيخن مان ڏانھنس نھاريو. نانگڻ جا ڪر ڪمزور ٿي چڪا ھئا ۽ ھوءَ زخمي ڊمڻ وانگر چري رھي ھئي. شاھوءَ جون نگاھون سندس تعاقب ڪنديون رھيون، ۽ پوءِ جڏھن گھٽيءَ جي ڪنڊ وٽان ھوءَ بندر ڏانھن ڦري ويئي، تڏھن ھڪ فتح جو ٽھڪ، ڪامرانيءَ جو ٽھڪ شاھوءَ جي اندر مان ڦاٽ کائي نڪتو.
    اھڙا لاتعداد ٽھڪ ھن موٽي وڃي ڪراچيءَ جي ھوٽلن ۽ ڪلبن ۾ ڏنا. ڪراچي بين الاقوامي شھر آھي، جتي لبنان، ايران ۽ يورپ جون حسين ساحرائون پاڪستاني پيسن ۾ وڪامنديون آھن. الاءِ ڪيترا رنگين لمحا، الاءِ ڪيتريون حسين راتيون شاھوءَ ديسي ۽ ولائتي عورتن جي آغوش ۾ ڪاٽي ڇڏيون.
    ڪھنھ مشق شڪار جو تعداد ياد نھ رکندو آھي. شاھوءَ باليءَ کي وساري ڇڏيو.
    پر ڪجھھ مھينن کان پوءِ شاھو جڏھن ڳوٺ آيو تھ، سراج کيس ٻڌايو، ”بالي جي پيٽ ۾ تنھنجو ٻار آھي.“
    شاھوءَ سراج جي ڳالھھ چرچي ۾ ٽارڻ چاھي، پر سراج کيس ٻانھن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ”ھوءَ تنھنجي ٻار جي ماءُ ٿيڻ واري آھي، شاھو.“
    شاھوءَ پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڇڏي ڏنو. مٺيون ڀڪوڙي سڄيءَ قوت سان ڪرسيءَ جي ٻانھن تي وھائي ڪڍيائين.
    ”اڪيلي سر مال ھضم ڪرڻ چرچو ناھي، شاھھ سائين، ”سراج مٿس کلندي چيو، ”يارن سان دغا ڪئي اٿئي.“
    شاھوءَ ڏانھنس ڌيان نھ ڏنو. سراج شاھوءَ ڏانھن چتائي ڏٺو. کيس گنڀير ڏٺائين تھ پاڻ بھ گنڀير ٿي ويو. کيس اھا پڪ نھ ھئي، تھ شاھوءَ جھڙو آزاد مرد اھڙي معمولي مسئلي کي ايڏي اھميت ڏيندو، پر سندس ھڪ ئي جملي شاھوءَ جي پيرن ھيٺان ڌرتي ڪڍي ڇڏي. ھڪ ئي جملي دماغ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ باھھ لڳائي ڇڏيس. اٽڪلن جي جنھن جبل کي ڍال سمجھيو ھئائين، سو آتش فشان نڪتس. دل جنڊ جي پڙن ۾ چچرجڻ لڳس. ميري، گدلي، جوئن واري ڀيلياڻي منھنجي ٻار جي ماءُ! نھ نھ. ھوءَ منھنجي ٻار جي ماءُ ٿيڻ لائق ڪونھي. لفظ سندس روح جي ويرانين ۾ پڙاڏا ڪندا رھيا. باليءَ جي پيٽ ۾ گناھھ! پگھر جا ريلا نرڙ ۽ لوندڙين تان ڪندا، سندس منھن آلو ڪندا رھيا. سندس ڀڪوڙيل مٺيون ڍريون ٿيڻ لڳيون. اندر ۾ اٿيل طوفانس سندس جسم کي نستو ڪري ڇڏيو.
    سراج سندس حالت ڏسندي چيو، ”سخت گيدي آھين شاھو.“
    شاھو خاموش رھيو.
    ”الائي ڪيترن خاندانن جا ناجائز ٻار ڀيلن وٽ پلجي ڀيل ٿي ويندا آھن.“ سراج کيس دلداري ڏيڻ لاءِ چيو، ”تون ڇو ٿو پرواھھ ڪرين.“
    ”مان سيد آھيان سراج.“ شاھوءَ تلخ لھجي ۾ وراڻيو.
    ھو ڪرسيءَ تان اٿي ڀت ڏانھن منھن ڪري بيھي رھيو. ڪجھھ دير ڪمري ۾ ماٺ ڇانيل رھي.
    ”دل ڇو لاٿي اٿئي؟“ سراج شاھوءَ جي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو، ”تون انڪار ڪري ڇڏجانءِ، تھ ٻار تنھنجو ناھي.“
    ٻار جو نالو ٻڌنديئي شاھوءَ جي تن بدن ۾ ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿيا. آٺريل من تي ميرو پاڻي پئجي ويس.
    ”کيس بدناميءَ جو ڀؤ ڪونھي؟“
    ”بدناميءَ جو ڀؤ ٿيندو آھي عزت وارن کي. ٽڪي جي گمنام ڀيلياڻيءَ جي ڪھڙي عزت!“
    ”پر ھوءَ گناھھ ڇو پالي رھي آھي.“ شاھوءَ بيچين ٿي پڇيو.
    ”ڇوري ڏاڍي چالاڪ آھي.“ سراج سگريٽ دکائيندي وراڻيو، ”تو کان پيسا ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آھي.“
    ”مان پيسا ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“
    ”توتي کل ٿي اچي يار،“ سراج کلندي چيو.
    ”مان چرچي لاءِ تيار ناھيان.“
    ”تھ وڃي چوانس گناھھ ختم ڪري ڇڏي؟“
    ”ھا، ھڪدم. پر سڄو ڪم ماٺ ۾ ٿيڻ گھرجي.“
    ”دلجاءِ ڪر. فرشتن کي بھ خبر نھ پوندي.“
    سراج ٻاھر وڃڻ لاءِ در ڏانھن وڌيو. شاھوءَ کيس روڪيو. ھو در وٽ بيھي رھو، ”ڇو؟“
    شاھوءَ ڳوري آواز ۾ چيو، ”ڪنھن اسپتال ۾ ھلڻ لاءِ راضي ٿئي تھ چڱو ٿيندو. ڪجھھ ڊاڪٽرياڻيون ۽ دايون منھنجون سڃاتل آھن. ھو ڪم ئي اھو ڪن.“
    ”يار تون تھ صفا احمق آھين،“ سراج بيزار ٿيندي چيو، ”تون انڪار ڪري ڇڏ تھ ٻار تنھنجو ناھي. ٽڪي جي رن، ڪھڙي وڃي جھانگيري انصاف جو گھنڊ لوڏيندي؟“
    شاھو خاموش رھيو. خيال ڀٽڪڻ لڳس، ڇولين ۾ ڇلڻ لڳس.
    سراج چيو، ”ڪھڙو ثبوت ڏيئي سگھندي تھ ٻار تنھنجو آھي، چئھ آھي ڪو ثبوت.“
    شاھوءَ کيس جواب نھ ڏنو. سراج سامھون اچي بيٺس. سراج کيس سمجھائيندي چيو، ”ڪنھن جي بھ نرڙ تي لکيل ناھي تھ ھو ڪير آھي، ڪنھن جو اولاد آھي ۽ جيڪڏھن ائين ھجي ھا، تھ دنيا جي آدمشماريءَ ۾ اڌو اڌ ماڻھو حرامي سڏائين ھا. تون انڪار ڪري ڇڏ.“
    ”ڪيئن انڪار ڪيان! مان ڪيئن انڪار ڪيان. توکي خبر ناھي، ڇا مون کي خبر ناھي تھ باليءَ جي پيٽ ۾ منھنجو ٻار آھي؟“
    ”ان مان ڇا ورندو؟“
    “ڪجھھ بھ نھ،“ شاھوءَ گھٽيل آواز ۾ وراڻيو، ”پر مان پنھنجي ٻار کي ڀيلن جي ٽوليءَ ۾ ڀٽڪندو ڪيئن ڏسي سگھندس.“
    ”ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ بالي ٻار سميت ھتان ڌڪا کائي ھلي ويندي.“
    ”۽ مان ڀيلن جي ھر ٽوليءَ ۾ ھڪ ھڪ ٻار کي پنھنجو ٻار سمجھي سيني تي بڙڇيون کائيندو رھندس.“
    ”ٻار سان تنھنجو ڇا! ڀل پيو ڌڪا ٿاٻا کائي.“
    ”بيوقوف تھ ناھين سراج،“ شاھوءَ خارن مان چيو، ”سيدن جو ٻار ڀيلن ۾ ڀٽڪندو رھي، اھا تنھنجي لاءِ ڪابھ ڳالھھ ڪونھي؟“
    ”ان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھجي؟“ سراج لاپراوھيءَ سان وراڻيو.
    ”باليءَ جي ٻار کي زنده جنم نھ وٺڻ گھرجي. ڪنھن بھ حالت ۾،“ شاھوءَ فيصلو ڪري ڇڏيو.
    سراج در ڦھڪائي ھليو ويو.
    سراج جي وڃڻ کان پوءِ ڪمري جي خاموشي شاھوءَ کي ڏنگڻ آئي. در ۽ دريون ڄڻ تھ ڏند ڪڍي مٿس کلڻ لڳا. ھو ٺٺولين جو تاب سھي نھ سگھيو ۽ اونڌي منھن پلنگ تي ليٽي پيو. پاڻ کي ملامت ڪندي اک لڳي ويس. ذھن بيحد پريشان ھئس، تنھن ڪري ڀوائتا خواب پئي ڏٺائين. ڪڏھن وڇون ڏنگ ھڻي سيني تي ھلندا ڏٺائين، تھ ڪڏھن ڪاريھرن جا ھار پئي پاتائين. باليءَ کي ڏٺائين. ھٿ ۾ ڀالو ھئس. ھوءَ سندس ئي تلاش ۾ ھئي. ھڪ بدصورت جلاد سندس سر لاھڻ لاءِ تلوار کنيو ٿي آيو. ڪڏھن ڀانيائين تھ ڄڻ پلنگ کي باھھ جا ڀنڀٽ وڪوڙي ويا. اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. باليءَ تي چڙ پئي آيس، جنھن سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ھو. سامھون ھجيس ھا تھ جيڪر ريوالور جي گولين سان سينو پرڻ ڪري ڇڏيس ھا.
    ان وقت در کڙڪيو. شاھوءَ پلنگ تي اٿي در کوليو. در ٻاھران بالي بيٺي ھئي. منھن تي تڪليف جا آثار ۽ چپن تي عجيب مرڪ ھئس. اکين ۾ اميد ڀري شاھوءَ ڏانھن ڏٺائين. شاھوءَ جي ٽنگن جون مشڪون سيٽجي ويون. قدم چانئٺ کي چنبڙي پيس.
    باليءَ جا سڪل چپ ڪجھھ چوڻ لاءِ ڦڙڪيا، پر ھوءَ ڪجھھ چئي نھ سگھي. شاھوءَ جي منھن ۾ ڏٺائين تھ چپن تان مرڪ مري ويس. دل سيني ۾ سسي ويس. ھمت ڪري چيائين، ”ٻڌايائون تھ تون آيو آھين.“
    شاھوءَ پرس ڪڍندي چيو، ”گھڻن پيسن جي ضرورت اٿئي.“
    ”پيشا!“
    ”ھا پيسا.“ شاھوءَ کھري آواز ۾ چيو.
    باليءَ کي ڪنبڻي وٺي ويئي. چيائين، ”مون خارا ٺاھر شڏي ڏنا آھن.“
    ”بڪواس بند ڪر،“ شاھوءَ دٻيل آواز ۾ رڙ ڪئي، ”ھن گناھھ جي قيمت وٺڻ آئي آھين نھ.“
    ”گناھھ!“ باليءَ تي ڄڻ ٽھڪندڙ تيل پئجي ويو. اٻاڻڪي ٿي ويئي.
    ”ھا، گناھھ،“ شاھوءَ پرس مان نوٽ ڪڍي، باليءَ جي منھن تي ھنيا.
    ھوءَ ھيسيل ھرڻيءَ وانگر شاھوءَ ڏانھن ڏسڻ لڳي.
    ”ڏسين ڇا ٿي؟ کڻ ڪاغذ جا ٽڪر ۽ ھتان ھميشه لاءِ گم ٿي وڃ.“
    باليءَ ان ننڍڙي ٻار وانگر شاھوءَ ڏانھن ڏٺو، جنھن جو رانديڪو ڀڄي پيو ھجي. ڏسنديئي ڏسندي ٻنھي ھٿن ۾ منھن لڪائي روئي پيئي.
    سڏڪن ۾ چيائين، ”مون خارا ٺاھر شڏي ڏنا آھن.“
    ”تھ مان ڇا ڪريان.“
    ”ٽوليءَ وارا بھ مون کي ڇڏي ھليا ويا آھن.“
    ”تون بھ ھي پيسا کڻ ۾ منھنجي جند ڇڏي ڏي.“
    ھوءَ خاموش رھي. لڙڪ پي ويئي.
    شاھوءَ سندس پيٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيو، ”ھن دوزخ ۾ پلجندڙ گناھھ کي بھ ختم ڪري ڇڏ.“
    ”ھيءُ گناھھ ناھي،“ باليءَ ڪنڌ مٿي ڪندي چيو.
    ”ھيءُ گناھھ آھي،“ شاھوءَ سخت لھجي ۾ وراڻيو.
    ”مان ايماندار آھيان،“ باليءَ پھريون دفعو پختي لھجي ۾ ڳالھايو، ”مان تنھنجي امانت ۾ کيانت نھ ڪنديس. ھي گناھھ ناھي.“
    ”مان توکي ريوالور جون ڇھھ گوليون ھڻندس.“ شاھو لوھھ جي ڀت وانگر سامھون وڃي بيٺس. ”مان ھن گناھھ کي زنده جنم وٺڻ نھ ڏيندس.“
    ”ھي گناھھ ناھي، تنھنجو ٻار آھي.“
    ”ڪميڻي، ڪم ذات، تون ٽڪي جي ڀيلياڻي آھين،“ شاھوءَ کيس چوٽيءَ کان وٺي سٽ ڏيندي چيو، ”۽ خبر اٿئي، مان سيد آھيان، سيد.“
    شاھوءَ جي اکين ۾ رت لھي آيو. ڀر ڪري باليءَ جي ڀريل پيٽ ۾ گوڏو ھنيائين. باليءَ جي وات مان فقط ھڪ ھلڪڙي آھھ نڪتي. ڪرڻ تي ھئي، جو شاھوءَ کيس در وٽان ڌڪو ڏيئي، در بند ڪري ڇڏيو. چپ چٻاڙيندي چيائين، ”اسان جي امتين تي ئي اک نھ ٿي ٻڏي ۽ ھيءَ ڪافر ڀيلياڻي آئي آ سيد سان پرڻجڻ.“
    غريبن کي خوب دل ڀري گاريون ڏنائين. تکا تکا قدم کڻندو، ڀتين کي مڪون ھڻندو، اوطاق مان ٿيندو، حويليءَ ڏانھن ھليو ويو. ٻھ ڀائٽيون ۽ ھڪ ڀائٽيو ڊوڙندا اچي سندس ٽنگن سان چنبڙيا، ”چاچا راند ڪيون.“
    پريشان ھو. بيچيني دور ڪرڻ لاءِ چيائين، ”اچو تھ اک- ٻوٽ راند ڪيون.“
    ”ھا، ھا،“ ٻارڙن پتڪڙن ھٿن سان تاڙيون وڄايون، ”اچو تھ اک- ٻوٽ راند ڪيون.“
    دل کي پرچائڻ لاءِ شاھو ٻارن سان راند ڪرڻ لڳو. لڪڻ جون وارو آيس تھ وڃي اسٽور- روم ۾ لڪيو. ڪوٺيءَ ۾ ھر طرف گگھھ اوندھھ ھئي. ڪجھھ بھ ڏسڻ ۾ نھ پئي آيس. ساھھ منجھندو محسوس ڪيائين. ڀانيائين تھ ھٻس ۾ گھٽجي مري ويندو. وک وڌايائين تھ ڀڳل ٽٽل ڪرسين، ميزن ۽ خالي کوکن سان وچڙندو، ٿڙندو ٿاٻڙندو پراڻي پينگھي سان وڃي لڳو. پينگھو چيڪاٽ ڪري لڏڻ لڳو. کڙڪي تي جارن ۾ ويٺل ڪبوتر ڦڙ ڦڙ ڪندا اڏامي ويا. ھڪ چمڙو لامارو ڏيئي، سندس وارن سان لڳندو شھتير جي ٻيڪڙ ۾ گم ٿي ويو. دل ڄڻ تھ پنھنجي جاءِ تان پٽجي، سيني جي قيدخاني ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳس. اکين آڏو ننڍڙا ننڍڙا دائرا جھرمر ڪرڻ لڳس. ڪرڻ تي ھو، جو وڃي ڀت سان لڳو. ڪوٺيءَ ۾ ماٺ مسلط ٿي ويئي. فقط پينگھي لڏڻ جو چيڪاٽ خاموشيءَ کي چيري رھيو ھو. ذھن جو گھمسان واچوڙن وانگر خيالن کي ورائي ويس. ويچارن جا ھزارين سلسلا ٺھيا ۽ ٽٽل تاري وانگر روشنيءَ جي ليڪ ٺاھي گم ٿي ويا. موھن جو دڙو کن ۾ ٺھي، ڊھي ويو. روح جي کنڊرن ۾ پڙلاءَ واڪا ڪرڻ لڳس. آخر ڪيئن ھڪ ڀيلياڻيءَ کي ايڏي ھمت ٿي! ڪيئن سيد جي ٻار کي پنھنجي غليظ، گنھگار پيٽ ۾ پالڻ جي ھمت ڪيائين! مان کيس ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي ختم ڪري ڇڏيندس. ھڪ دفعو ٻيھر ڪوٺيءَ ۾ ھر طرف خاموشي ڇانئجي ويئي. وحشتناڪ اوندھھ ۽ ماٺ ۾ کيس پنھنجي دل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. تڏھن اوچتو، ڪنھن ٻھ ھٿ سندس سيني تي ھنيا ۽ ھن کان دانھن نڪري ويئي. ننڍڙا، معصوم ٽھڪڙا ڪوٺيءَ ۾ ڪل ڪل ڪرڻ لڳا، ”چاچا ڏڪي ويو، چاچا ڏڪي ويو.“
    شاھوءَ پنھنجي ڀائٽي کي ھنج ۾ کڻي سيني سان ڀڪوڙيندي چيو، ”ھا، مان ڏڪي ويو ھوس. مان ڏڪي ويو ھوس.“
    ھن ڀائٽي کي اتي ئي ھنج مان لاھي ڇڏيو ۽ ذري گھٽ ڊوڙندو، پنھنجي ڪمري ۾ پھچي، اونڌي منھن ليٽي پيو.
    سانجھيءَ جي ميرانجھڙي روشنيءَ کي ڪارن ڪڪرن اونداھو ڪري ڇڏيو ھو. ماحول ۾ ھٻس ھئي. درياءَ مان ڄڻ اوٻر پي اٿيو. جڏھن بھ روھڙيءَ جي شام ۾ گھھ ۽ ٻوسٽ انتھا کي پھتي آھي، تڏھن، ڪٿان نھ ڪٿان، واءَ جا واچوڙا ۽ مٽي ڀريل آنڌي اچي نڪرندي آھي.
    شاھوءَ کي اندر ۾ آنڌ مانڌ ھئي. وھاڻي ۾ منھن لڪائي ڇڏيائين.
    سراج در کڙڪائي سڏ ڪيو.
    شاھوءَ کيس در کوليو. ھو سھڪندو سھڪندو اندر آيو. سڄو جسم پگھر ۾ ڀت ٿي ويو ھئس. لڳو ٿي ڄڻ ميلن جا ميل ڊوڙندو آيو ھو. پاڻ کي موڙي تي ڇڏي ڏنائين. قميص جي ٻانھن سان پگھر اگھندي چيائين، ”ڪمبخت ٻار ڄڻي وڌو.“
    ”اف،“ شاھوءَ ٻئي مٺيون وارن ۾ وڌيون ۽ پاڻ کي پلنگ تي ڇڏي ڏنائين. ڪيتريءَ دير تائين ٻئي دوست خاموش رھيا. پنھنجن پنھنجن خيالن ۽ ويچارن سان وچڙندا رھيا.
    ”ڪٿي آھي؟“ شاھوءَ خاموشي ختم ڪندي پڇيو.
    ”ھيرانند جي پراڻيءَ جاءِ ۾ وڃي ڪارو منھن ڪيائين.“ سراج وراڻيو.
    ڪجھھ پڇڻ لاءِ لفظ شاھوءَ جي نڙيءَ مان نڪري، چپن تائين پھچي، پٺتي موٽي ٿي ويا. جيڪي ڪجھھ پڇڻ چاھيائين، تنھن لاءِ پاڻ ۾ ھمت نھ ڀانيائين. جواب جي تصور کان ڪنبڻيءَ ٿي ورتس.
    نيٺ سموري سگھھ سھيڙي پڇيائين، ”ٻار، ڇوڪرو آھي، يا-“
    ”ڇوڪري.“
    ”ڇوڪري!“ شاھوءَ جي وات مان رڙ نڪري ويئي.
    ڀانيائين، ڄڻ تھ ڪنھن کيس زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ابتو لٽڪائي ڇڏيو ھو. دنيا کي بولاٽيون کائيندي ڏٺائين. ڪائنات کي ڪيڪون ڪندي ٻڌائين.
    ”مون کي اڪيلائي گھرجي،“ شاھوءَ زخمي لھجي ۾ چيو، ”تون ھليو وڃ سراج.“
    سراج شاھوءَ جي دل جي ڪيفيت پرکي ورتي ھئي. کيس جواب نھ ڏنائين. پنھنجي جاءِ تان اٿي شاھوءَ وٽ اچي بيٺو. سندس ڪلھي تي ھٿ رکيائين ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ڪمري مان نڪري ويو.
    سراج جي وڃڻ کان پوءِ ھيبتناڪ اوندھھ، اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ ۾ شاھوءَ جو ھنييون جھرڻ لڳو. ٻن متضاد جذبن جا گھوڙا سندس سيني جي زمين پٽيندا رھيا. پاڻ کي جنھن پھاڙ جي چوٽيءَ تي بيٺل سمجھيائين، سو ڌٻڻ جو دڙو ٿي پيو، پگھر جا ريلا ڪنن جي وٿين ۽ ڪنڌ تي جوئن وانگر چرندي محسوس ڪيائين.
    اکيون مھٽي بيچينيءَ مان پاسو ورايائين. تصور خزان جي سڪل پن وانگر وھمن جي واچوڙن ۾ ڀٽڪڻ لڳس. اھا گھڙي ياد آيس، جڏھن باليءَ جي عزت لٽي ھئائين. اھا ساعت ياد آيس، جڏھن باليءَ در وٽان ويندي ويندي، منھن ورائي چيو ھو، ’مان کارا ٺاھڻ شڏي ڏينديس.‘ باليءَ جون اھي دردناڪ نگاھون ياد آيس، جن ۾ ھن پويون دفعو ڏانھنس نھاريو ھو، ۽ اھي راتيون ياد آيس، جن ۾ ھن باليءَ کي ھميشه لاءِ وساري ڇڏيو ھو. اوچتو اکين آڏو ’ايڪسيلشر‘ جي يوناني رقاصھ اچي بيٺس، جنھن اڌ رات جو سندس ڪپڙا دريءَ کان ٻاھر ڦٽا ڪري، کيس ڌڪو ڏيئي ڪمري مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ھو. ان شرمناڪ لمحي ۾ ھن پاڻ کي ھوٽل جي ورانڊي ۾ اگھاڙو بيٺل ڏٺو ھو. اوچتو، ڀيلن جي ٽوليءَ ۾ پنھنجي ڌيءَ کي ڀٽڪندي محسوس ڪيائين. کيس خيرات لاءِ ھٿ ٽنگيندي ڏٺائين. کيس جوان ٿيندي ڏٺائين. ڏٺائينس تھ ڄڻ کارا ٺاھي رھي ھئي. آخر ۾ ڪنھن عيار ۽ مڪار مرد جي وعدن تي پنھنجي ڌيءَ کي عصمت جو انمول زيور ٻليدان ڪندي ڏٺائين.
    ھو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. اوندھھ ۾ اکيون ڦاڙي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺائين. ڪجھھ بھ ڏسڻ ۾ نھ آيس. دل سيني ۾ کامي رھي ھئس. خيال ڪنھن ڀٽڪيل قافلي جيان مختلف رخن ڏانھن مڙندا رھيس. سرت جا ليڪا ڪنھن ابھم ٻار جي ٺاھيل نقش وانگر منجھيل محسوس ڪيائين.
    پر اوچتو، ھڪ ليڪ، ھڪ واٽ کيس نظر آئي.
    ھو ٽپ ڏيئي پلنگ تان اٿيو، بتي نھ ٻاريائين. اوندھھ ۾ ڪٻٽ جي خاني مان ريوالور ٻاھر ڪڍيائين. ريوالور ۾ گوليون ڀري، ڪٻٽ کي پٺي ڏيئي بيھي رھيو. اڳ جھڙي خاموشي نھ ھئي. ڪمري جا در ۽ دريون ھوا ۾ کڙڪڻ لڳا. ھن پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو.
    ٻھ چار ڊگھيون ٻرانگھون کڻندو دڪيءَ تي اچي بيٺو. ريوالور تي رومال ويڙھي پتلون جي کيسي ۾ وجھي ڇڏيائين. ريوالور جو ڳن ٻاھر رھجي ويو، جنھن ۾ ھن پنھنجي مٺ قابو ڪري ڇڏي. ڪمري جو در بند ڪري ھيرانند جي پراڻي جاءِ ڏانھن روانو ٿي ويو.
    سڄي ڏينھن جي جلائيندڙ گرمي ۽ شام جي ٻوسٽ کان پوءِ واچوڙا لھي آيا ھئا. شاھو اکيون مھٽيندو، سوڙھين گھٽين مان ذري گھٽ ڊوڙندو ھيرانند جي پراڻيءَ جاءِ ۾ اچي بيٺو. اونداھين ڪوٺين ۾ ھوا گھوگھاٽ ڪري رھي ھئي.
    ھو ورانڊي ۾ وڃي بيٺو. تاريڪيءَ ۾ کيس ڪجھھ بھ ڏسڻ ۾ نھ آيو. ھن کيسي مان باڪس ڪڍي تيلي ٻاري. گندرف جو شعار لاٽ ٿيڻ کان اڳ اجھامي ويو. ھو جو زور ويو ٿي وڌندو. ھن اڳتي وک وڌائي. پاسي واري ڪوٺيءَ مان کيس ٻار جي روئڻ جو آواز ڪن تي پيو. سندس دل ڪنبي وئي. بنا آواز ڪرڻ جي ھو ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيو. قدم ڪنھن نرم شيءِ سان لڳس ۽ گڏوگڏ ٻارڙيءَ جي روئڻ جو آواز وڌي ويو. ھن ھڪدم پنھنجو پير پوئتي ڪري ڇڏيو، ڄڻ تھ ڪنھن بلا سان وڃي ٽڪريو ھو. ٻيھر تيلي ڪڍي ٻاريائين. ھڪ لمحي لاءِ لاٽ جاڳي ۽ وري گم ٿي ويئي. ان لمحي ۾ ھن باليءَ کي در وٽ بيسڌ ستل ڏٺو. ھو ڪجھھ دير تائين پنھنجي ھمت ۽ قوت ڪٺي ڪندو رھو.
    نيٺ شاھو ھيٺ ٿيو ۽ ٻارڙيءَ کي ھنج ۾ کڻي ورتائين. ٻارڙيءَ کي ھڪ ٻانھن ۾ جھلي، ساڄي ھٿ سان ريوالور ڪڍي ٻارڙيءَ جي مٿان جھلي بيٺو. ٻارڙيءَ جو منھن کانئس ايترو پري بھ نھ ھو، جو کيس ڏسڻ ۾ ئي نھ اچي ھا. ھن چتائي ڏٺو ۽ پوءِ ريوالور جي نالي روئيندڙ ٻارڙيءَ جي وات ۾ داخل ڪيائين. اوچتو ٻارڙيءَ جي روئڻ جو آواز بند ٿي ويو. ھوءَ ٻچڪارون ڏيئي ريوالور جي سرد لوھھ کي چوسڻ لڳي. شاھوءَ جي آڱر ٽريگر تي ڄمي ويئي.
    واچوڙا زمين تان مٽيءَ جا بادل کڻي آسمان ڏانھن اڏامڻ لڳا. بڙ ۽ پپر جا سڪل پن پراڻي جاءِ جي ورانڊي ۾ ڦٿڪڻ لڳا.
    شاھوءَ جي دل ۾ ڊپ جا ٻھ جذبا جاڳي اٿيا- گناھھ، ۽ ڏوھھ جا جذبا. اول ھن خدا جي باري ۾ سوچيو ۽ پوءِ پوليس جي باري ۾. سوچيائين تھ پوليس کي راضي ڪرڻ سندس ڏائي ھٿ جو ڪم ھو. دولت ھئس. پٺِ ھئس. اھڙن جو پوليس وار بھ ونگو ڪري نھ سگھندي آھي. پتڪڙي ٻارڙي تھ ڇا، ڏينھن ڏٺي، ڀريل بازار ۾ جانٺو جوان بھ ماري وجھي ھا، تھ بھ پوليس ڏانھنس اک کڻي نھ ڏسي ھا. ائين ٿيندو رھيو ھو. اھو ئي دستور ھو، کيس ڄاڻ ھئي. باقي رھيو خدا! سو خدا کان ايترو ڊپ محسوس نھ ڪيائين. پاڻ کي پرچايائين، تھ اھو ڪم خدا جي راھھ ۾ ڪري رھيو ھو. ساداتن جي ٻارڙيءَ کي ڀيلن ۾ ڀٽڪڻ کان بچائڻ لاءِ ڪري رھيو ھو. آخرت ۾ الله اجورو ڏيندس. سوچيائين، تھ جيڪڏھن ائين نھ ٿيندو، ۽ الله ناراض ٿي ويو، تھ پوءِ خدا کي راضي ڪرڻ لاءِ وٽس زبردست خانداني شجرو ھو. لوھھ ٿيل دماغ ۾ خيال آيس، تھ جن سندس شجري جي ارتقا ڪئي ھئي، سي سڀئي جنت ۾ ھوندا. الله سائينءَ کي راضي ڪرڻ ۾ دير نھ ڪندا.
    سندس خيالن جو سلسلو ڪچي ڌاڳي وانگر ڇڄي پيو. وھمن ۽ سنڪن جا موتي منتشر ٿي ويا. ڪرڻ تي ھو جو ڀت سان وڃي لڳو. باليءَ پنھنجون ٻانھون سندس ٽنگن ۾ قابو ڪري ڇڏيون ھيون. شاھوءَ کان ھمت موڪلائي ويئي. دل جو پکي پرڙا ھڻڻ لڳس.
    ”ڪير آھين؟“ باليءَ ڪمزور آواز ۾ ڳالھايو.
    شاھو خاموش رھيو.
    ”ڪھرو آھين؟ منھنجي ڌيءَ کي توئي کنريو آھي.“
    شاھو خاموش رھيو.
    ”ٻڌائين شو نٿو؟ ڪھرو آھين؟“ باليءَ ليلايو، ”ڪير آھين تون.“
    شاھو خاموش رھيو.
    ھوءَ روئي پئي. ”تون منھنجي ڌيءَ کي ماررن آيو آھين،“ ھن جھيڻي آواز ۾ چيو، تھ مون کي مار، ھن کي نھ مار.“
    شاھو خاموش رھيو. ھن سندس ٽنگون ڇڏي ڏنيون. ھوءَ دانھن ڪري اٿي بيٺي. اوندھھ ۾ شاھوءَ کي سڃاڻي نھ سگھي.
    اوندھھ ۾ ٻئي ڪجھھ دير تائين اجنبين وانگر ھڪ ٻئي جي سامھون بيٺا رھيا. لوھھ جي نالي ٻارڙيءَ کي ممتا نھ ڏيئي سگھي. ھوءَ روئڻ لڳي. باليءَ کان رھيو نھ ٿيو. زخمي عقاب جيان جھٽ ڏيئي، پنھنجي ڌيءَ شاھوءَ جي ٻانھن مان کسي ورتائين. شاھوءَ ٻارڙي موٽائي وٺڻ جي ڪوشش نھ ڪئي. جنھن ھٿ ۾ ريوالور ھئس، سا ٻانھن ھيٺ ڪري ڇڏيائين.
    باليءَ ٻارڙيءَ کي پنھنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ ڊنل ڊنل نگاھن سان شاھوءَ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر ھوءَ شاھوءَ کي سڃاڻي نھ سگھي.
    ھوءَ آھستي آھستي سخت فرش تي ويھي رھي. ٻارڙيءَ کي ٿڃ ڏيندي، شاھوءَ کي چيائين، ”کبر ٿئي ھي ڪھجي ڌيءَ آھي؟“
    شاھوءَ جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. ھن جواب نھ ڏنو. خاموش رھيو.
    ٻارڙيءَ کي ٻانھن ۾ ڀڪوڙيندي باليءَ ٻيھر چيو، ”ماررن آيو ھئينس نھ! کبَر بھ ٿئي ھيءَ ڪھجي ڌيءَ آھي؟“
    شاھوءَ جون مٺيون ڀڪوڙجي ويون. لوندڙيءَ جون رڳون سيٽجي ويس ۽ دماغ ڌنوڻ لڳيس.
    باليءَ جي ممتا اٿلي پئي. ٻارڙيءَ کي پيار منجھان چمڻ لڳي، پشم جھڙا وار، ڪپھھ جھڙا ڳل ۽ پتڪڙا پتڪڙا، نازڪ نازڪ ھٿ ور ور ڪري چمڻ لڳس. ايتريون تھ مٺيون ڏنائينس جو ٻارڙي روئي پئي.
    ”نھ منھنجي جيجان توکي ڪيل مالي،“ ھوءَ ٻارڙيءَ کي سرچائڻ لڳي. اوچتو ڪو خيال اينديئي، منھن مٿي ڪري، اوندھھ ۾ بيٺل شاھوءَ ڏانھن ڏسندي چيائين، ”کبر ٿئي ھيءَ ڪنھنجي ڌيءَ آھي؟“
    شاھوءَ جواب نھ ڏنس. کيس خاموش ڏسي باليءَ پاڻ ئي وراڻيو، ”ھن جو ڪوبھ پيءُ ڪونھي. ھن جو ڪوبھ پيءُ ڪونھي.“
    بالي اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي.
    شاھو ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاھر ورانڊي ۾ اچي بيٺو. ڪجھھ سڪل پن سندس قدمن ۾ چيچلائي خاموش ٿي ويا. ھوا جو زور وڌي ويو ھو. پراڻي جاءِ جا بنياد ڪنبي رھيا ھئا. ماحول کي تاريڪي وڪوڙي وئي ھئي. گھگھھ اوندھھ ۾ بالي شاھوءَ کي سڃاڻي نھ سگھي.


    5. سياڻن ۾ ھڪ ڀوڪ

    منھنجا مائٽ ھميشه منھنجي شڪايت ڪندا رھندا آھن. مان آھيان بھ اڻ گھڙيل ڪاٺ، ڇيتن سان ڀريل. خاص ڪري جڏھن کان بي. اي جي ڊگري ورتي اٿم، تڏھن کان اسان جي گھر ۾ ٻائيتال متل آھي ۽ مون سان ويل.
    مان عادتن ۽ افعالن ۾ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کان بلڪل مختلف آھيان. ان حقيقت جي شڪايت منھنجي ماءُ اڪثر پنھنجين ساھيڙين ۽ پاڙيسري عورتن سان بھ ڪندي رھندي آھي، ”الاءِ ڪنھن تي ويو آھي، منھنجن چئني ٻارن کان بدليل آھي. عزيز گزيٽيڊ آفيسر آھي. ڪريم تھ ڏسنديئي ڏسندي دوائن جي ڪاروبار ۾ ڀڙ ٿي ويو آھي. بلقيس ڊاڪٽرياڻي ۽ نجمھ انگريزيءَ جي ليڪچرار آھي، پر ھي آجو! چئي ٿو مان اڳتي پڙھندس ئي نھ.“
    الاءِ، ڪيئن، ڪڪ ٿيندي، ساھھ منجھائي، بي. اي جو امتحان ڏنم. منھنجو والد صاحب وڏي اثر رسوخ وارو آھي. سفارشون ھلائي سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪرايائين. بي. اي ڪيم تھ سڀني زور رکيو تھ علم سياست ۾ ايم. اي ڪيان، پر مون رکائيءَ سان انڪار ڪري ڇڏيو اٿن.
    منھنجي انڪار تي ادا طنز ڀريل مرڪ سان چيو ھو، ”ڀوڪ.“
    منھنجو وڏو ڀاءُ عزيز، سماجي ڀلائيءَ ۽ بھبوديءَ واري کاتي ۾ وڏو آفيسر آھي. قدآور، ٺاھوڪو، ذھين ۽ کل مک جوان آھي. جيستائين شادي نھ ڪئي ھئائين، تيستائين ڪلبن جو روح روان ھوندو ھو. ڪلبن جون ڇوڪريون بھ مٿس جان ڏينديون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن موقعو ملندو ھئس تھ بابا جي ڪار ۾ ڪنھن ڇوڪريءَ کي ساڻ ڪري، ھاڪس بي تي رات گذاري ايندو ھو. ھينئر شادي ڪئي اٿائين ۽ پنھنجين چنچل سالين جي اردليءَ ۾ آھي. سندس سھرو ھڪ ڪارخاني جو جنرل مئنيجر آھي.
    ادا جون ساليون سينٽ جوزف ڪاليج ۾ پڙھنديون آھن. مان تھ کين وڻان ئي ڪين. ھڪڙي ڏينھن بنگلي جي لان تي کين ڳالھيون ڪندي ٻڌو ھئم.
    ”آجو! اف ڀوڪ.“
    ”بلڪل گدلو آھي.“
    ”عزيز ۽ ڪريم ڪھڙا نھ Handsome آھن.“
    ”۽ نجمھ تھ ھن سڄي گھر ۾ بيحد ذھين آھي.“
    ”ڪھاڻيون بھ تھ ڏاڍيون سھڻيون لکندي آھي!“
    منھنجي ڀيڻ نجمھ، جنھن انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪئي آھي، سا ڪھاڻيون بھ لکندي آھي. سندس افسانا سنڌي ۽ اڙدو رسالن ۾ شايع ٿيندا آھن. افسانن سان گڏ پنھنجو فوٽو بھ ڏيندي آھي. ڪھاڻي ڇپجڻ کان پوءِ کيس پنج اٺ عاشقاڻا خط ملندا آھن. اھڙا خط پڙھندي، مون اڪثر سندس منھن تي خوشيءَ جي لھر ڊوڙندي ڏٺي آھي، پر مصنوعي غصو ظاھر ڪرڻ لاءِ چوندي آھي، ”Silly“. بابا کي جڏھن اھڙا خط ڏيکاريندي آھي، تھ بابا وراڻيندو آھي، ”اسان کي يورپ ۾ رھڻ گھربو ھو. ھتان جا ماڻھو جاھل آھن.“ اھڙين ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ بابا اڪثر پائيپ جو لمبو ڪش ھڻي، پنھنجي قديم آرام ڪرسيءَ تي ليٽي پوندو آھي، ”ڇا تھ ڏينھن ھوندا ھئا!“ بابا جو مخصوص جملو آھي.
    بابا انگريزن جي ڏاڍي خدمت ڪئي آھي. جڏھن ھر طرف انگريزن کي ملڪ مان لوڌي ڪڍڻ جون تحريڪون جاري ھيون، ۽ جڏھن ملڪ ۾ آزاديءَ جي ھلچل متل ھئي، تڏھن بابا لڪ چوريءَ تحريڪ جي بانين جا نالا انگريزن کي پھچائيندو ھو. آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ رضاڪارن سان شامل ٿي، سندن راز معلوم ڪري انگريزن کي ٻڌائيندو ھو. انگريز سندس وفاداري ۽ اڻٿڪ ڪوششن مان خوش ٿيا. کيس خانبھادر جو لقب عطا ڪيائيون ۽ سنڌ جي ھڪ زرخيز علائقي ۾ ٽي سؤ ايڪڙ زمين بھ بخشش ڪيائون. سندس خانبھادريءَ جي سند اسان جي ڊرائينگ روم ۾ لڳل آھي.
    مون جڏھن بي. اي جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ اڳتي پڙھڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تڏھن بابا مون کي پاڻ وٽ گھرايو. اول دڙڪا ڏنائين، ڌمڪايائين، پر جڏھن ڪاوڙ مان کڙ تيل نھ نڪتو، تڏھن ھڪدم لھجو بدليندي چيائين، ”ڀلا سي. ايس. پي لاءِ تياري ڪر. ڪجھھ ميمبر منھنجا واقف آھن، ڪم ٺھي پوندو.“
    مون وراڻيو، ”مان ڪتابن مان ڪڪ ٿي پيو آھيان.“
    ”What?“ بابا ذري گھٽ رڙ ڪئي، ”آخر تون ڪرڻ ڇا ٿو چاھين؟“
    ”مون کي سوچڻ جي مھلت ڏيو،“ جواب ڏنم.
    ”ھي رفتار ۽ ترقيءَ جو دور آھي. دنيا تيزيءَ سان وڌي رھي آھي ۽ تون سوچڻ لاءِ مھلت ٿو گھرين!“ بابا ڪاوڙ مان اٿي بيٺو.
    ”راڪيٽ، ميزائيل، نيوڪليئر بم سڀ تيز رفتار آھن،“ مون وراڻيو، ”دنيا ترقي ڪري رھي آھي، پر مونکي سوچڻ جي مھلت ڏيو.“ مان ٻئي ھٿ پتلون جي کيسن ۾ وجھي، بابا جي ڪمري مان نڪري آيس. پٺيان سندس رڙ ٻڌم، ”نجمھ! آجو ڀوڪ کي سمجھاءِ.“
    نجمھ مون کان سخت نفرت ڪندي آھي. مان کانئس ننڍو آھيان، ان ڪري ڇڙٻ بھ ٻڌڻي پوندي اٿم. منھنجا ميرا ڪپڙا، اڻڀا وار ۽ وڌيل ڏاڙھي ڏسي چوندي آھي، ”تون اسان جي خاندان تي بدنما داغ آھين.“ مان کيس جواب نھ ڏيندو آھيان. خانداني برتريءَ جو وڏو احساس اٿس. روزانو ڪڏھن ساڙھي، ڪڏھن غرارو ۽ ڪڏھن سلوار قميص پائي ڪاليج پڙھائڻ ويندي آھي. پر شام جو ڪلب وڃڻ وقت اھو معمول اٿس، تھ ٻانھن بنا بلائوز پائيندي ۽ شوخ رنگ جي ساڙھي ويڙھيندي آھي. کيس پينسل ھيل جا سينڊل پسند آھن. فخر سان ٻڌائيندي آھي، تھ مشھور آمريڪي نچڻو ايڪٽر ايلوس پريسلي سندس قلمي دوست آھي. کيس اسان جي خاندان ۾ سڀ کان ذھين، نفيس ۽ مھذب سمجھيو ويندو آھي.
    بابا جي آواز تي مون کي سمجھائڻ آئي، ”آخر تون ڪرڻ ڇا ٿو چاھين؟“
    ”ڪجھھ بھ نھ.“
    ”ڪجھھ بھ نھ!“ نجمھ غصو دٻائيندي چيو، ”سوچ تھ سھي آجو، تھ تون ڪيڏي نھ وڏي خاندان جو فرد آھين! عزيز ڀائيجان ۽ ڪريم ڀائيجان ڏانھن ڏس، ڪيئن نھ پنھنجي لاءِ مٿاھون مقام حاصل ڪيو اٿائون. بلقيس آپا ڊاڪٽرياڻي آھي ۽ مان-“
    نجمھ پنھنجي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڪيٻايو ۽ مون سندس جملو پورو ڪيو. ”۽ تون انگريزيءَ جي ليڪچرار، ايلوس پريسليءَ جي دوست ۽ مشھور افسانھ نگار آھين.“
    نجمھ کي اتي ئي ڇڏي مان ٻاھر نڪري آيس. (جڏھن انگريز آقا ھئا ۽ اسان غلام تڏھن اسان جي گھر ۾ بابا کي ڊيڊي ۽ امان کي ممي سڏيو ويندوھو. اسين ٻار ھئاسي، تنھن ڪري اسان کي ڪڊيز سڏيو ويندو ھو. الله ڪيو، انگريز ويو. ھينئر اسان جي گھر ۾ بابا کي ابو، امان کي امي، ادا کي ڀائيجان ۽ اديءَ کي آپا سڏيو ويندو آھي.)
    منھنجي وڏي ڀيڻ بلقيس ڊاڪٽرياڻي آھي. اسپتال وڪٽوريا روڊ تي اٿس. اڃا تائين شادي ڪانھ ٿي اٿس. امان شاديءَ لاءِ چيو ھئس تھ وراڻيو ھئائين، ”مان انسانن جي خدمت ڪرڻ چاھيان ٿي. في الحال شاديءَ جو ارادو ڪونھيم.“
    ھوءَ سچ پچ انسانن جي خذمت ڪندي آھي. ڪارخانيدارن، زميندارن ۽ ڪامورن جون زالون وٽس اينديون آھن. صلاح مشوري جي في فقط سٺ رپيا وٺندي آھي. ھڪ دفعو سندس ڪراڙي ۽ ضعيف ماسترياڻيءَ (جنھن کيس اسڪول ۾ پڙھايو ھو) کيس گھرايو، پر ادي بلقيس انڪار ڪري ڇڏيو. امان سمجھايس تھ وراڻيو ھئائين، ”ھيٺئين طبقي جي ماڻھن وٽ وڃڻ سان اھميت ۽ قدر گھٽجي ويندو آھي.“
    ان اصول تي ھلندي ادي بلقيس بيحد مشھور ٿي ويئي آھي. لاھور، راولپنڊي ۽ ڍاڪا کان وڏن وڏن سيٺين جون عورتون علاج ڪرائڻ لاءِ وٽس اينديون آھن. اھڙين عورتن کي فقط ٽي بيماريون ٿينديون آھن: ٿولھھ، ٿڪ ۽ مٿي جي ڦيري.
    ادي بلقيس بھ مون کي سمجھايو، ”آجو! آخر ڪجھھ تھ ڪرڻو اٿئي.“
    ”ڪجھھ بھ نھ.“
    ”پنھنجن ڀائرن ڏانھن تھ ڏس! عزيز ڪاليج جو بھترين ڊبيٽر ھو.“
    ”پر انعام ڪڏھن بھ نھ مليس،“ مون رکائيءَ سان وراڻيو.
    ادي بلقيس سياڻي سياستدان وانگر منھنجو جملو نظر انداز ڪندي چوندي رھي، ”ڪريم ڪاليج جو ڪرڪيٽ ڪيپٽن ھو.“
    ”پر ڪڏھن ڏھھ رنس بھ ڪري نھ سگھيو.“
    مان خاموش طبع آھيان. جيستائين بيحد خفي نھ ٿيان، جواب نھ ڏيندو آھيان. منھنجي جواب تي ادي بلقيس باھھ ٿي ويئي.
    مان دري ٽپي، باغ مان مالٽو پٽي، چوسيندو ٻاھر ھليو ويس.
    بنگلي جي در وٽ ڪريم مليو. پنھنجي ڪنور ٽيبل موٽر مان لٿو ھو. گڏ ھڪ سينگاريل ڇوڪري بھ ھئس. مون تي نظر پيس تھ ڇوڪريءَ کي آھستگيءَ سان ڪجھھ چيائين. ڇوڪريءَ اول مون ڏانھن حقارت مان ڏٺو ۽ پوءِ ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي. ڪريم اڳتي ايندي چيو، ”يار، سستي ڇڏ، اڳتي پڙھھ، يا بزنس ۾ لھھ.“
    ”ٻئي ڪم مون کان نھ ٿيندا.“
    ”ڇو؟“
    ”الاءِ.“
    ”۽ جي ابو تنھنجو خرچ بند ڪري ڇڏي تھ؟“
    ھن جي سوال ۾ ٺٺولي ھئي. کيس جواب نھ ڏنم، نم جي سڪل پنن کي لتاڙيندو ٻاھر ھليو ويس.
    ڪريم، عزيز کان ننڍو آھي. ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي بابا بي. اِي ڪرايس. انجنيئر ٿيو. ٻھ ٽي سال نوڪري ڪيائين، ۽ ان عرصي ۾ سيمنٽ جون ڳوڻيون ۽ لوھھ وڪڻي، ۽ ٺيڪيدارن سان ٺھي خوب دولت ھٿ ڪري ورتائين ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين. بابا درآمدي واپار جو ليسن وٺي ڏنس. جنھن تي انگريزي دوائون گھرائي وڪڻندو آھي. سچ پچ تھ ڌنڌي جو ڏاڍو ڏانءُ اٿس. ضرورت ۾ دوائون لڪائي ڇڏيندو آھي ۽ بليڪ ۾ وڪڻندو آھي. اڄ لکين رپيا بينڪ ۾ اٿس.
    مون کي پڻ سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ بي. اي کان پوءِ ڇا ڪيان؟ پڙھڻ منھنجي وس کان ٻاھر آھي. بلڪل جڏو آھيان. جيڪڏھن حالتون سازگار نھ ھجن ھا، تھ ھوند ميٽرڪ بھ نھ ڪري سگھان ھا. ڪاليج سان ڪابھ دلچسپي نھ اٿم. ۽ نھ آھيان رانديگر ۽ نھ ئي بحث مباحثن ۾ ڳالھائي ڄاڻان. خاص ڪري ڪلبن سان تھ ازلي وير اٿم. ماڻھو الاءِ ڪيئن افسانا ۽ ڪھاڻيون لکندا آھن. مون کان تھ ڪارڊ تي ٽي سٽون بھ نھ لکجنديون آھن. ڏسندو ھئس تھ منھنجا ڪاليجي اديب، ڪلاس بدران ڪينٽين ۾ ويٺا ھوندا ھئا. ڪتابن جي ڀري بغل ۾، وار وکريل، اکيون مصنوعي اداس، ڏاڙھي وڌيل، ۽ ڪن ۾ سڙيل سگريٽن جا ٽوٽا رکي پنھنجي اديب ھئڻ جي ڇاپ ھڻندا وتندا ھئا. چڱي خاصي ٽريجڊيءَ جي ايڪٽنگ ڪري ڄاڻن. سندن صورتون ڏسي مون ڪينٽين ۾ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو ھو. ڪاليج جي تلخ ۽ ٻسي تجربي کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ قدم رکڻ تي دل نھ ٿي تئيم.
    شام جو گھر موٽيس تھ امان وڏي واڪي پاڙيسري عورتن سان پئي ڳالھايو. جيڪي خوشي ۽ غميءَ ۾ امان کي اڳڀرو ڪنديون آھن. جيستائين بابا کي خانبھادريءَ جو لقب نھ مليو ھو ۽ نھ ئي انگريز سرڪار طرفان کيس جاگير عطا ٿي ھئي، تيستائين امان کي اھڙي اھميت نھ ملندي ھئي. اڄڪلھھ پاڙي جا جھيڙا جھٽا، ڏيتي ليتي، شاديون، مڱڻا امان جي صلاح سان ٿيندا آھن. خاص امان لاءِ ٻھ سنڌي اخبارون اسان جي گھر ۾ اينديون آھن. ڏسندي ئي ڏسندي، سياست ۾ اھڙي تھ ماھر ٿي ويئي آھي، جو گھر ۾ بھ ملڪي مسئلن تي ڳالھائيندي رھندي آھي.
    عورتن کان جند ڇڏائي امان مون وٽ آئي. چيائين، ”ابا، مان تنھنجي ماءُ آھيان. مون کي نھ ٻڌائيندين تھ تون ڪرڻ ڇا ٿو چاھين؟“
    ”ڪجھھ بھ نھ.“
    ”ائين ڪيئن ٿيندو! چئھ تھ اعليٰ تعليم لاءِ توکي ٻاھر موڪليون.“
    ”مان ٻاھر نھ ويندس.“
    ”تھ آخر ڇا ڪندين؟“
    ”خدارا منھنجي جند ڇڏيو. مان ڪجھھ نھ ڪندس.“
    ”پيءُ جي عزت جو بھ خيال ڪونھي ئي!“
    ان وقت مون امان کي جواب نھ ڏنو. خاموش رھيس. رات جي مانيءَ تي سڀ قھر آلود نگاھن سان مون کي گھوري رھيا ھئا. بابا ٽماٽن جي سوپ مان چمچو ڀريندي چيو، ”آجو، تون ٻار ناھين، وڏي پيءُ جو پٽ آھين. توکي وڏو ماڻھو ٿيڻو آھي.“
    منھنجو ڪنڌ جھڪيل رھيو ۽ بابا ڳالھائيندو رھيو.
    ”بزنس ڪرين تھ اڄ ئي پرڏيھي واپار جو ليسن وٺي ڏيانءِ، لکين روپيا ڪمائيندين.“
    امان پڻ وچ ۾ ڳالھايو، ”يا، جي چوين تھ ڏھھ ٻارھن ريس جا گھوڙا وٺي ڏيونءِ. ريس ڪورس تي وڏن ماڻھن سان ملندو بھ رھندين ۽ ڪمائيندين بھ خوب!“
    مون آھستي آھستي ڪنڌ مٿي ڪيو، سڀني جا چھرا ڏٺم. اکين مان ڄڻ شعلا پئي نڪتن. جواب کان جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي پيئي.
    وراڻيم، ”مون کي زمين وٺي ڏيو.“
    ”خوب! واھھ جي ڳالھھ ڪئي اٿئي! مان سڀاڻي ئي براج جي زرخيز حصي ۾ توکي پنج سئو ايڪڙ الاٽ ڪرائي ٿو ڏيان. ڦٽيون چاندي اٿئي ۽ ڪڻڪ سون. ۽ ان ايراضيءَ ۾ ھاري بھ سستا ملندءِ.“
    ڪريم چيو، ”اھڙي بھترين رٿ تھ توکي اڳ ئي ٻڌائڻ گھربي ھئي.“
    مون آھستگيءَ سان وراڻيو، ”مان زمينداري نھ ڪندس.“
    ”اڙي ھينئر جو چيئھ تھ توکي زمين خريدي ڏيئون؟“ عزيز ڪاوڙ منجھان چيو.
    ”مون زمين لاءِ چيو ھو، پنج سئو ايڪڙن لاءِ نھ،“ جواب ڏنم، ”مون کي پنج ايڪڙ زمين وٺي ڏيو، مان پاڻ ھر ھلائيندس، مان ھاري ٿيندس.“
    ”ڀوڪ،“ نجمھ چيو، ۽ چمچو سوپ جي پليٽ ۾ اڇلائي ھلي ويئي. بلقيس چيو، ”آجو دماغي مريض آھي.“
    ڪريم رڙ ڪندي چيو، ”لعنت آھي اھڙي ڀاءُ تي جيڪو خانداني ترقيءَ ۾ ھٿ نھ ونڊائي.“
    ”ڇا تھ ڏينھن ھئا!“ بابا پنھنجي سند ڏانھن ڏسندي چيو.
    سڀ آھستي آھستي ڪرسين تان اٿندا ويا ۽ ٿوري دير کانپوءِ سڄي ڪمري ۾ مان اڪيلو رھجي ويس.


    6. ھن ڄار ۾

    کير جھڙي انگريزياڻي ٽپ ڏيئي جيپ جي اڳين سيٽ تي عليءَ جي ڀرسان چڙھي ويٺي. عليءَ منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺو. اکين ۾ شرارت ھئس. چاٻي ڦيرائي جيپ جي مشين مان زوڪاٽ ڪڍيائين. گير وجھي، اوچتو کاٻو پير ڪلچ تان کنيائين تھ جيپ سٽ ڏيئي حرڪت ۾ آئي. علي مھارت سان اسٽيشن جي ٽانگن کان جيپ بچائيندو، روھڙي شھر ڏانھن ڦري ويو. اسٽيشن روڊ جي لاھي لھندي پڇيائين، ڪيئن ٿو ڀائين شيخ.“
    ”اڄ جھڙي رات جنت ۾ بھ نھ گذاريندين.“
    مون انگريزياڻيءَ ڏانھن ڏسندي ٽھڪ ڏنو. ھن منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺو. سمجھائين ڪجھھ بھ نھ، پر تڏھن بھ منھن تي مرڪ مڙي آيس. عليءَ انگريزيءَ ۾ ڪجھھ چيس، جنھن تي ھن بھ ٽھڪ ڏنو. ان ڏينھن زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ديسي ۽ ولايتي ٽھڪ ۾ فرق محسوس ڪيم. علي ساڻس ڳالھائيندو بھ رھيو ۽ ھوشياريءَ سان روھڙيءَ جي سوڙھين سڙڪن تان جيپ بھ ھلائيندو رھيو.
    علي بھ واھھ جو جوان مڙس آھي! سنڌي ھجن تھ اھڙا! حيدرآباد کان موٽندي روھڙي اسٽيشن تي انگريزياڻيءَ کي ڏسڻ شرط چيو ھئائين، ”شيخ، جي ھن کي ھٿ نھ ڪيوسين، تھ پوءِ ير حيف آ اسان جي مڙسيءَ تي.“
    ”وارو ڪر علي. ھي شڪار ماريئھ تھ ڄڻ ٻئي جھان کٽيئھ.“
    ”تون اتي ئي ترس، مان اجھو ٿو ڪوڙڪي ۾ آڻيانس.“
    ”تڪڙ نھ ڪجانءِ علي، پليٽ فارم تي سپاھي ٿا گھمن.“
    ”سپاھي پنھنجا سنگتي آھن، تون فڪر نھ ڪر شيخ.“
    سنڌي زميندارن وانگر فل سوٽ پائيندو آھيان، پر انگريزيءَ جو اکر بھ نھ ڄاڻان، مان اتي ئي ترسيس. عليءَ انگريزياڻيءَ ڏانھن وڌي ويو.
    ھوءَ ڏاڪڻ وٽ سامان رکي ايندڙ ويندڙ سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. پر سنڌي سٻاجھڙا ڀلا انگريزيءَ مان ڇا ڄاڻن! لڳس گھورڻ. کيس الفيءَ جھڙو ويڪرو، بنا ٻانھن چولو پيو ھو. وارن کي جائيتو رکڻ لاءِ آسماني رنگ جو سنھڙو رومال ٻڌو ھئائين. پيرن ۾ چھنبائي کڙيءَ سان چمپل ھئس. نيريءَ چوليءَ مان، جنھن جو نالو عليءَ سئڪ ٻڌايو ھو، سندس ڀريل پنيون اس ۾ جرڪي رھيون ھيون. لسيون لسيون بلوري ٻانھون چيلھھ تي رکي بيٺي ھئي. کانئس وڌيڪ ڀرپور ۽ سنگ مرمر جھڙي عورت مون اڳ ڪڏھن بھ نھ ڏٺي ھئي.
    سنڌ آھي انبن، کارڪن ۽ ڦٽين جو ملڪ، ھتي ست مھينا ھلن جھولا، لڪ لھسائي ۽ بڊو باھھ لڳائي. اسان جي عورتن مان اچي پگھر جي بوءِ ۽ ڇيڻن جي ڌپ. پوءِ ڀلا ڪيئن اسان جي پنھنجين سنڌي عورتن ۾ اک ٻڏي!
    مان انگريز عورت جون ٽنگون گھوريندو رھيس ۽ مڇ مروڙيندو ريس. مان سنڌ جو وڏو زميندار آھيان. وڏي رھائيءَ وارو آھيان، ان ڪري مڇ بھ وڏي رکندو آھيان. ٻھ سنڌي انگريزياڻيءَ کي گھوريندا، منھنجي ڀرسان اچي لنگھيا. ھڪ
    چيو، ”بلي بلي، زائڦان آھي، ڪي انگريزي فلمن جي ھيرائن!“
    ھوءَ ھئي بھ اھڙي؛ ناريل جي ڳر جھڙي. خدا کيس جبلن جي برف جھڙو حسن ۽ رنگ روپ ڏنو ھو. کيس ڄڻ تھ ملائي مکڻ سان ٺاھيو ھئائين. سندس ڏورا ڏسي نصرپور جا پيڙا ياد آيم. علي مڙسي نھ ڪري ھا، تھ جيڪر سڄي عمر پڇتائيندو رھان ھا.
    علي آھي دلير جوان. ان سرڪاري کاتي ۾ نوڪري ڪندو آھي، جنھن جو ٻيو نالو ھـذا من فضل ربي آھي. شوقين مڙس آھي. مرن ۽ عورتن جي شڪار جو ماھر آھي. مرن کي سڌو سنئون گولين سان ماريندو آھي، ۽ عورتن کي اٽڪلن جي بندوق ۾ دولت جا ڪارتوس ڀري ماريندو آھي. دنيا جي ڪنھن بھ ملڪ ۽ ذات پات جي عورت نھ ڇڏي اٿائين. ان ڳالھھ تي فخر اٿس. اڪثر چوندو آھي، ’اسان سنڌي دنيا جي عورتن کي آزمائڻ لاءِ پيدا ٿيا آھيون.‘
    علي ڪجھھ دير عورت سان ڳالھائيندو رھيو ۽ پوءِ ھٿ جي اشاري سان مون کي سڏ ڪيائين. وک وڌايم. رن جي چمڙيءَ جو چلڪو ڏسي، دل جي چرٻي سيني ۾ رجندي محسوس ڪيم. ويجھو وڃي پڇيومانس، ”گٿو آھين ڇا؟“
    ”اھڙي بددعا تھ نھ ڪر يار.“ عليءَ وراڻيو، ”چئي ٿي، انگليڊ کان آئي آھي.“
    ”سنڌ گھمڻ؟“ حيرت مان پڇيم.
    ”ھا، موھن جي دڙي جي تاريخ لکڻ آئي آھي.“
    ”چري تھ ناھي؟ ڀلا موھن جي دڙي ۾ ڇا رکيو آھي! ڊٺل شھر، ڀينگ، پڪ مغز خراب اٿس.“
    ”چئي ٿي، تھ موھن جو دڙو دنيا جي قديم تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھيو آھي، ان ڪري کيس موھن جي دڙي سان انس آھي.“
    ”رن کي پڪ سنڌ جي گرمي لڳي آھي.“
    ”نھ يار، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان خاص ان ڪم لاءِ اسڪالر ملي اٿس.“
    ”انگريز ڀوڪ ھميشه کان چريا، پيا ڀتر ٺڪر ميڙيندا.“
    عليءَ جواب نھ ڏنو. عورت سان ڳالھائيندو رھيو.
    روھڙيءَ جي اسٽيشن سنڌ جي سڀني اسٽيشنن کان وڏي آھي. بيشمار مسافر لھن ۽ چڙھن. جيڪي لٿا، اسان جي چؤگرد گڏ ٿيندا ويا. واڇ گودو ھڻي وين. غريب غربا ھئا. عليءَ کين ڇڙٻ ڏني: اڙي ٽرو، پري ٿيو، عمر ۾ عورت بھ نھ ڏٺي اٿو، وڃو وڃي سکر ۾ انگريزي فلم جو شو ڏسي سڪ لاھيو. پوءِ ٻن چئن پوليس وارن کي گھرائي، سنڌين کي پڳن وارا ڏنڊا کارايائين. تڏھن وڃي ڪا پيھھ پري ٿي.
    جڏھن خلق ٽڙي پکڙي ويئي، تڏھن عليءَ چيو، ”شيخ، روڊ سان موھن جي دڙي تائين وڃڻ ٿي چاھي.“
    ”تھ پوءِ ھٻڪين ڇو ٿو؟ تنھنجي جيپ تيار آھي نھ. نوڪرن ضرور آندي ھوندي.“
    ”ھا، ڏسين نٿو سامھون ڊرائيور بيٺو آھي.“
    ”تھ پوءِ چئينس تھ اسان کيس ويران شھر ۾ پھچائينداسين.“
    عليءَ انگريزيءَ ۾ ڪجھھ چيس. ھوءَ ڪجھھ گھڙيون سوچيندي رھي. مان سندس ياقوتي چپ ڏسي، جي- بي منگھارام جا کٽمٺڙا ياد ڪرڻ لڳس. ٻھ چار گھڙيون خاموش رھي، انگريزيءَ ۾ ڪجھھ چيائين، تھ عليءَ جي منھن تي رونق ڦھلجي ويئي. چيائين، ”شيخ ھلڻ لاءِ تيار آھي. اسان جا ٿورا مڃيا اٿائين.“
    مون مولى جا لک شڪرانا بجا آندا، جو مرشد جي مھر سان مکڻ ملائيءَ جھڙي انگريزياڻي اسان کي مال غنيمت ۾ ڏنائين. مرشد سائين اھڙن ڪمن ۾ ھميشه منھنجي مدد ڪئي آھي. دل مان دعا نڪتي. شل سدائين جيئن سنڌ جا مرشد سڳورا.
    انگريزياڻيءَ وٽ ڪپڙن لٽن جي پيٽين کان وڌيڪ ڪتاب ۽ نقشا ھئا. عليءَ پنھنجن نوڪرن کي سامان کڻڻ لاءِ چيو. نوڪر سامان مٿي تي رکي، اسان کان اڳڀرو ھلڻ لڳا. پليٽ فارم جي مٿان پل تان لنگھندي انگريزياڻيءَ عليءَ کان ڪجھھ پڇيو. جواب ۾ عليءَ پنھنجو نالو، ۽ سنڌ جو نالو کنيو. ان مان سمجھيم تھ ھن پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي ھئي. عورت سندس نالو دھرائيندي علي ۽ محمد جا نالا کڻي ڪجھھ دير تائين ڳالھائيندي رھي. جواب ۾ علي بھ چڱي دير ڳالھائيندو رھيو. مون کان رھيو نھ ٿيو. عليءَ کان ٺونٺ ھڻندي پڇيم، ”ھيءَ ڪافرياڻي الله ۽ رسول جا نالا ٿي کڻي، اھو ڪم ٺھي ٿو؟“
    عليءَ وراڻيو، ”پڇيائين پئي تھ حضرت علي حضرت ' جن جو سوٽ ھو تھ پوءِ سندن وفات بعد ھو خليفو ڇو نھ ٿيو؟
    ”مار! ڪافرياڻيءَ کي اسلام جي واھھ جي ڄاڻ آھي.“
    ”مون وراڻيس تھ اسلام جمھوريت جو حامي آھي.“
    ”واھھ جو جواب ڏنئيس.“
    ”پر شيخ، رن بھ آڙيڪاپ آھي. پڇيائين، تھ پوءِ حضرت علي ۽ امير معاويھ خلافت لاءِ ٻھ خونخوار جنگيون ڇو لڙيا ھئا؟“
    ”يار ھيءَ تھ بلا آھي. شيطان جي زال آھي،“ مون حيران ٿيندي چيو، ”تو ڪھڙو جواب ڏنس.“
    ”ٻڌايومانس تھ مسلمان مختلف حصن ۾ ورھايل آھن، جن مان ھڪڙا آھن سني ۽ ٻيا شيعا. مان ان موضوع تي نھ ڳالھائيندس.“
    ”شاباس!“
    ھڪدم پڇيائين، ”اسلام جيڪڏھن ايڪائي ٿو سيکاري تھ پوءِ توھان مسلمان ٻاھتر فرقن ۾ ڇو ورھايل آھيو؟“
    ”تو ڇا وراڻيس؟“
    ”جواب ڏنومانس، اسان وٽ ان سوال جو جواب ڪونھي.“
    مان عليءَ سان ڳالھائي رھيو ھوس تھ ھن مون ڏانھن اشارو ڪندي عليءَ کان ڪجھھ پڇيو. عليءَ کيس جواب ڏيئي، مون سان مخاطب ٿيو، ”تنھنجي باري ۾ پڇيائين تھ ڪير آھي؟ ٻڌايومانس تھ سنڌ جو مشھور زميندار آھين.“
    ”ٻي بھ ڪا ساراھھ ٻاراھھ ڪرينس ھا.“
    ”چيومانس تھ تون بيحد مھمان نواز آھين.“
    ”ٻيو ڪجھھ؟“
    ”ھن رن کي اسان کان وڌيڪ سنڌ جي ڄاڻ آھي.“
    ”ڪيئن؟“
    يورپ ۾ تاريخ جي شاگردن کي اھو ئي ٻڌايو ويو آھي، تھ سنڌي مھمان نواز، رحمدل، سٻاجھا ۽ امن پسند آھن.“
    ”ڀلا پنھنجو نالو ٻڌايائين؟“
    ”ھا، نالو اٿس مارگريٽ.“
    ڳالھيون ڪندا، ڏاڪڻ لھي، جيپ وٽ پھتاسين. نوڪرن سامان جيپ ۾ رکيو ۽ پري ٿي بيٺا. عليءَ نوڪرن ۽ ڊرائيور کي ريل رستي سکر اچڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ جيپ ھلائڻ لاءِ اڳين سيٽ تي ويٺو. مان پٺيان ويٺس ۽ مارگريٽ ٽپ ڏيئي عليءَ جي ڀرسان ويھي رھي. اسان جنھن وقت روھڙي شھر ۾ داخل ٿياسين، تنھن وقت سج آخري تجلو ڏيئي لينڊس ڊائونپل جي پويان ٽٻي ھڻي ويو. علي مارگريٽ سان ڳالھائيندو بھ رھيو ۽ ھوشياريءَ سان روھڙيءَ جي سوڙھين گھٽين مان جيپ بھ ھلائيندو رھيو.
    ھن پڇيو ٿي، ۽ عليءَ يا تھ وراڻيو ٿي، يا انڪار ۾ ڪلھا لوڏيائين پئي. منھنجي پڇڻ تي عليءَ وراڻيو، ”پڇي ٿي تھ ساڳيو شھر آھي نھ، جتان نوجوان عربي جنرل لنگھيو ھو.“
    ”عربي جنرل! ھتان تھ جرمن- جپان واري جنگ جي ڏينھن ۾ انگريز سپاھي لنگھندا ھئا.“
    سوچيم، ڇوري ضرورت کان وڌيڪ پڙھيل آھي، تنھنڪري وڦلي ٿي. ماٺ ميٺ ۾ چوسول ٽپي منسپل جي زبون عمارت وٽان ٿيندا، بندر روڊ تي پھتاسين. روھڙيءَ جو بندر روڊ سنڌوءَ جي ڪناري تي آھي ۽ سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري تي آھي سکر. جڏھن حاجنا شاھھ پير وٽ جيپ پھتي، تھ ھن عليءَ کي جيپ بيھارڻ لاءِ چيو. عليءَ ھڪدم جيپ بيھاري ڇڏي. مارگريٽ پنھنجن نقشن مان ھڪ نقشو ڪڍيو ۽ بايونٽ تي وڇائي غور سان جاچڻ لڳي. نقشي تي ھڪ ھنڌ ڳاڙھي پينسل سان منڌيئڙو ھڻندي، اورنگزيب ۽ دارا جا نالا کڻندي ڪجھھ چئي ويئي. عليءَ کان پڇيم، تھ ھن وراڻيو، ”بکر جي قلعي نالي چئي ٿي، تھ ھي اھو قلعو آھي، جنھن ۾ اورنگزيب پنھنجي وڏي ڀاءُ دارا کي سوگھو ڪري، سندس کاڌي پيتي جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا ھئا.“
    ”رن چري آھي.“
    ”يا اسان کي چريو ڪندي.“
    ”اھڙو واقعو اسان جي سامھون تھ نھ ٿيو ھو، باقي بکر جي قلعي ۾ شاھھ صدرالدين جي قبر آھي، جتي لاھور ۽ ڪراچيءَ جون فسٽ ڪلاس ڪڃريون نچڻ ۽ ڳائڻ اينديون آھن.“
    علي ۽ مان ايندڙ رات جي تات ۾ ھئاسين. ھوءَ پنھنجي ڪم ۾ رڌل ھئي. ڪڏھن نقشي تي ڳاڙھا نشان ھنيائين پئي، ۽ ڪڏھن پنھنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ لکيائين ٿي. چڱي دير لکڻ کانپوءِ، جڏھن سانجھيءَ جا پاڇا ھر طرف ڦھلجڻ لڳا، تڏھن ھن نقشا ويڙھيا، ڊائري بند ڪئي ۽ موٽي اچي جيپ ۾ چڙھي ويٺي.
    اسان اڳتي وڌياسين.
    عليءَ جيپ جو رخ پل واري سڙڪ ڏانھن نھ ڦيرايو ۽ سڌو بندر روڊ ورتائين. ناڪي کان ٿيندا، سيشن وٽان لنگھي، ستين جي آستان وٽ پھتاسين. عليءَ مارگريٽ کي انگريزيءَ ۾ ڪجھھ ٻڌايو. جيڪي ڪجھھ عليءَ ٻڌايس، ٻڌي اکين ۾ حيرت تري آيس. پنھنجي ڪئميرا ۾ بلب اٽڪائي، ستين جي آستان جا ٻھ چار فوٽا ڪڍيائين. عليءَ کان پڇيم تھ ڇا ٻڌائيسين؟ ھن وراڻيو، ”ٻڌايومانس تھ ھي آستان انھن پاڪ دامن بيبين جو آخري آرام گاھھ آھي، جن ھڪ بدنيت ڪافر جي ھٿ چراند کان بچڻ لاءِ خدا کان پنھنجي عزت ۽ عصمت جي حفاظت لاءِ دعا گھري ھئي. خدا سندن عرض اگھايو. جبل ڏري پيو ۽ نيڪ بيبيون اتي ئي دفن ٿي ويون.“
    ”بيشڪ، بيبين جي عزت الله کي پياري آھي. سبحان الله.“
    مارگريٽ فوٽو ڪڍي چڪي تھ علي اڳتي ھليو. ستين جي آستان کان وٺي سکر بيراج تائين سڙڪ جي ھڪ پاسي انبن ۽ کارڪن جا باغ آھن ۽ ٻئي پاسي سنڌو. سنڌوءَ جي پرئين پاسي سکر آھي. ستين جي آستان وٽان ڦري، بيراج جو رخ ڪيوسين. ھر طرف ذري گھٽ اونداھھ ڦھلجي چڪي ھئي. سامھون سکر جي بندر ۽ گھرن جون بتيون روشن ٿي چڪيون ھيون. روشنيءَ جا ڪرڻا رنگا رنگي قطارن ۾ سنڌوءَ جي لھرن تان موٽ کائي رھيا ھئا. عليءَ کي چيم، ”انگريزياڻيءَ کي سامھون وارو نظارو ڏيکار. ڀل ڏسي تھ اسان جي سنڌ ڪھڙي نھ سھڻي آھي. اجايو موھن جي دڙي ۾ ڌڪا کائڻ مان ڇا ورندس!“
    علي مارگريٽ کي ڪجھھ چيو. ھن منھن ورائي مون ڏانھن ڏٺو. ٿورو مرڪيائين. سکر ڏانھن ڏسي عليءَ کي ڪجھھ چيائين. عليءَ ترجمو ڪندي چيو، ”چئي ٿي جھڙي سونھن سنڌ جي ٻڌي ھيم، تھڙي ڏٺم.“
    ”ٻيو ڪجھھ بھ چيائين ڇا؟“
    ”چيائين تھ توھان سنڌي ڏاڍا رحمدل ۽ مھمان نواز آھيو.“
    مون ايندڙ ٽھڪ کي نڙيءَ ۾ ئي روڪي ڇڏيو.
    مارگريٽ سکر بيراج ڏانھن اشارو ڪندي عليءَ کان ڪجھھ پڇيو. علي سندس سوالن جا جواب ڏيندو رھيو. جڏھن بيراج جي اڌ وٽ پھتاسين تھ ھن عليءَ کي جيپ بيھارڻ لاءِ چيو. عليءَ جيپ بيھاري ڇڏي. ھوءَ ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿي ۽ بيراج جي ٻني تي ٻانھون رکي مھراڻ جي مستي ڏسڻ لڳي. پاڻي لوھي درن سان وڙھندو جھڙندو، لڙڪندو اڳتي ڌوڪيندي پئي ويو. علي وڃي سندس ڀر ۾ بيٺو. مان جيپ ۾ ئي ويٺو رھيس. ٻئي ڄڻا ڳالھائيندا رھيا. ڪجھھ دير کان پوءِ جڏھن جيپ ۾ اچي ويٺا، تڏھن عليءَ کي چيم، ”اڙي ڀاڙي، متان دغا ڪئي اٿئي.“
    ”دلجاءِ ڪر شيخ.“ عليءَ وراڻيو، ”ونڊي ورھائي کائينداسين.“
    ”ڏاڍو سياڻو آھين، علي.“
    جيپ جڏھن بيراج کان نڪري سکر شھر جو رخ ڪيو، تڏھن عليءَ کان پڇيم، ”ڪھڙيون ڳالھيون پئي ڪيئھ ھن سان.“
    ”ڇوريءَ جو مغز خراب آھي يار. چيائين پئي تھ سنڌو نديءَ ۾ ھماليھ جي برف جو رجيل پاڻي آھي. جيئن ھماليھ بلند آھي، تيئن سنڌين جا اخلاق بھ بلند آھن.“
    اسان ٻنھي ھڪ ٻئي ڏانھن مرڪي نھاريو.
    عليءَ پڇيو، ”تنھنجي اوطاق تھ واندي ھوندي نھ؟“
    ”ھا، واندي ھوندي.“
    ”ڪو ڪامورو ترسيل تھ نھ ھوندو؟“
    ”نھ بابا نھ، سڀ ٻاھر ويل آھن.“
    عليءَ چڱيءَ دير ھن سان ڳالھائڻ کانپوءِ مون کي چيو، ”تڪڙ چڱي نھ ھئي. زوريءَ رات رھايونس ھا تھ گوڙ ڪري ھا.“
    ”پوءِ ڪيئن رات رھڻ تي راضي ڪئيسين؟“
    ”چيومانس تھ موھن جي دڙي ڏانھن ويندڙ سڙڪ تي رات جو ڦر ٿيندي آھي. چاھين تھ اسان ھلڻ لاءِ تيار آھيون. ورنھ شيخ جي اوطاق رات گذارڻ لاءِ حاضر آھي.“
    ”واھھ جو اٽڪلي آھين، علي، ير توکي تھ ڪو وڏو عملدار ھئڻ گھربو ھو.“
    ”ھاڻي ڪنھن کان گھٽ آھيون ڇا؟“
    علي شھر ۾ اندر نھ ھليو، بيراج ڪالونيءَ مان ڦري شڪارپور روڊ ورتائين.
    ڀرڪڻ کان اورتي منھنجي زمين ۽ اوطاق آھي. تر جا وڏا وڏا عملدار منھنجي اوطاق تي رات ملھائيندا آھن. تنھن ڪري صوبيدار سپاھي سڀ اسان سان ٺھيل آھن. اوطاق ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڊپ ڊاءُ ڪونھي.
    عليءَ جيپ آڻي اوطاق جي در ٻاھران بيھاري. نوڪر چاڪر ڊوڙندا آيا. مون سليمان کي ان ئي وقت ڪباب ۽ چاپون آڻڻ لاءِ سکر روانو ڪيو. مٺي شيديءَ کي ڀنگ گھوٽڻ لاءِ چيم. ڀنگ ڇوريءَ کي بھ پيئارڻي ھئي، تنھن ڪري ڀنگ ۾ ڦوٽا، خس خس باداميون ۽ مصري بھ وجھرايم. علي جيپ مان سامان لاھرائي رھيو ھو. مان اوطاق ۾ گھڙي ويس. پويون ڪمرو، جيڪو خاص اھڙن موقعن لاءِ ٺھرايل آھي، تنھن ۾ صفائي ڪرائي، پيٽروميڪس بتي ٻارائي ٻاھر آيس. علي ۽ ڇوريءَ کي ساڻ وٺي اندر ويس. ڪمري ۾ سنڌي سامان ڏسي، مارگريٽ جي دلچسپي وڌي ويئي. پلنگ ڪشمور جي ماھر واڍي ٺاھيو آھي. جنڊيءَ جون ڪرسيون ۽ ڊريسنگ ٽيبل ڏسي، ھن عليءَ کي انگريزيءَ ۾ ڪجھھ چيو. عليءَ مون کان پڇيو، ”ھن جنڊيءَ جي ڪرسيءَ جي قيمت ٿي پڇي.“
    ”پنجويھين جي آھي.“
    عليءَ کيس قيمت ٻڌائي. حيرت مان ڄڻ ڇرڪ ڀريائين. ڪجھھ چيائين، عليءَ ٻڌايو، ”چئي ٿي تھ توھان وٽ آرٽ جو قدر ڪونھي.“
    ”ٻڌائينس تھ اسان وٽ آرٽسٽ ئي ڪونھن. ھجن ھا تھ قبرستان جي خاڪ اڏائن ھا.“
    اتي ئي بيٺا ھئاسين تھ مٺو شيدي ڀنگ جو جڳ ۽ ٽي گلاس کڻي آيو. پھريون گلاس ڀري مارگريٽ کي ڏنوسين. مٺاڻ ۽ ٿڌاڻ ڪري پيئندي ويئي. اڌ گلاس پي، عليءَ کان ڪجھھ پڇيائين.
    ”پڇي ٿي تھ ھي لذيذ شربت ڇاجو ٺھيل آھي.“
    ”ٻڌائينس تھ ھيءَ درويشن جي ٻوٽي آھي.“
    عليءَ کيس ٻڌايو.
    ھن کي ڀنگ پيئاري اسان ٻاھر آياسين. ھوءَ ٻاھر نھ آئي. ٿوري دير کان پوءِ سليمان ڪباب ۽ چاپون کڻي آيو. کائڻ جو مال ۽ ڀنگ جو ٻيو جڳ ڀرائي وري اندر وياسين. ھوءَ پنھنجي ڊائريءَ ۾ ڪجھھ لکي رھي ھئي. سامان ٽيبل تي رکائي، کيس سڏ ڪيوسين. ھوءَ آئي ۽ ڪرسي سوري ميز جي پاسي کلي ٿي ويٺي. عليءَ ڪبابن جي ٿالھي ڏانھنس وڌائي. ھن ڪباب جو ٽڪر وات ۾ وجھي، ڀنگ جو ڍڪ ڀريو. اکيون ڳاڙھيون ھئس. پھرئين گلاس جو اثر ظاھر ٿي رھيو ھو. عليءَ کي ڪجھھ چيائين.
    علي مون سان مخاطب ٿيو، ”ڀنگ لڳي اٿس. سمجھي ٿي سفر
    جي ٿڪ ڪري مٿي ۾ ڦيري محسوس ٿي رھي آھيس.“
    ”ايتري ۾ ڍيري ٿيڻ نھ ڏجانس، ڳالھائيندو رھينس.“
    علي ساڻس ڳالھائڻ لڳو ۽ گفتگو جو ترجمو مون کي ٻڌائيندو ويو. چيائين، ”مڱيل آھي، سندس مڱيندو ٺونشيباز آھي.“
    ”ٺونشيباز!“
    ”ھا، Boxer آھي. ھڪٻئي کي ڏاڍو چاھيندا آھن.“
    ”ٺونشيباز سان عشق ڪندي آھي؟“
    ”ھا، سندس مڱيندي جو سينو ٻائيتاليھھ انچ ويڪرو، قد ساڍا ڇھھ فوٽ ۽ ٻانھن جو ڏورو سورھن انچ آھي.“
    ”ماڻھو آھي يا راڪاس.“
    ”راڪاس ٿو ڀانئجي.“
    ”اِجھو ھت اچي تھ نھ نڪرندو؟“
    عليءَ کان ٽھڪ نڪرير ويو. ”راڪاس انگلينڊ ۾ ٺونشيبازي ڪندو ھوندو، سندس پري اسان وٽ آھي.“
    ”ٻيو ڇا چيائين؟“
    ”سندس مڱيندي کيس آفريڪا وڃڻ جي اجازت نھ ڏني ھئي، ڇو جو اتي جھنگلي ۽ وحشي رھندا آھن ۽ سنڌ لاءِ کيس خوشيءَ سان موڪل ڏنائين.“
    ايترو ڪجھھ ٻڌڻ کان پوءِ نھ عليءَ ڳالھايو، نھ مون. ھوءَ ڪباب بھ کائيندي رھي ۽ ڀنگ جا ڍڪ بھ ڀريندي رھي. ڪباب لذيذ ھئا. مرچ بھ منجھن سرس ھئا، تنھن ڪري زبان ۽ وات کي ٺارڻ لاءِ ھو ڀنگ جا ٻھ گلاس پي ويئي. خالي گلاس ميز تي رکي، ھوءَ پنھنجي پلنگ تي وڃي ليٽي. پرس مان ھڪ گوري ڪڍي ڦڪيائين. عليءَ کانئس گوريءَ جي باري ۾ پڇيو. ھوءَ جواب ڏيئي، ڀت ڏانھن منھن ڪري ليٽي پئي. عليءَ چيو، ”چئي ٿي تھ ٿڪ سبب مٿي ۾ ڦيري محسوس ڪري رھي آھيان.“
    اسان ٻنھي مرڪيو.
    اتان اٿياسين. چيم، ”ڀنگ گھڻن جي ڀينگ ڪئي آھي، پر آھي درويشن جي ٻوٽي.“
    ورانڊي ۾ پھتاسين تھ عليءَ چيو، ”شيخ ڀلا ڪر بسم الله.“
    ”اھڙي ڪا ٻي ڳالھھ.“
    اسان ٻنھي ڪپڙا لاھي ڪليءَ تي ٽنگيا. ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺوسين. پڌر واري دري بند ڪرڻ لاءِ وڌيم. لالٽين جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾ ڏٺم تھ دريءَ ٻاھران ھڪ بکايل ڪتو منھنجي چوزي کي چٻاڙي رھيو ھو. منھنجين اکين ۾ رت لھي آيو. اتان ئي مٺي شيدي کي رڙ ڪيم. ”اڙي شيدي، بدبخت. ڪتي جي ايڏي مجال جو منھنجي چوزي کي ماري! اڙي ھڻينس بندوق ۽ اڦٽ ماري وجھينس.“
    شيديءَ بندوق کڻڻ لاءِ ڊوڙ پاتي.
    اسان ٻئي رن جي ڪوٺيءَ ڏانھن وڌياسين. در وٽ پھتاسين تھ عليءَ چيو، ”شيخ، وارو ڪر. وڌي وڃي ٻک وجھينس.“
    مان در جي وچ وڃي بيٺس. علي اوٽ ٿي بيٺو. مون وک اڃا مس وڌائي جو خاموش فضا ۾ ڪارتوس ڇٽڻ جا ٻھ آواز ٿيا. ھوءَ ڇرڪ ماري اٿي ويٺي. اکيون مھٽيندي در ڏانھن ڏٺائين. مون تي نظر پيس، تھ ذري گھٽ کانئس رڙ نڪري ويئي. ھوءَ پلنگ تي ڀت ڏانھن سرڪندي ويئي. ڪاوڙيل لھجي ۾ ڪجھھ چوڻ لڳي. ڪجھھ بھ سمجھي نھ سگھيس. پر محسوس ڪيم تھ ھوءَ سنڌ تي ڇوھھ ڇنڊي رھي ھئي. عليءَ کي سڏ ڪيم علي بھ منھنجي پاسي ۾ اچي بيٺو. عليءَ کي بھ ساڳئي حال ۾ ڏسي رن کان دانھن نڪري ويئي. عليءَ کان پڇيم، ”اسان سنڌي آھيون، گاريون برداشت نھ ڪندا آھيون. رن گاريون ٿي ڏئي ڇا؟“
    علي وراڻيو، ”پنھنجن پروفيسرن ۽ ڪتابن کي گاريون ٿي ڏئي.“
    رن ڏانھن وڌندي چيم، ”ٻڌائينس ڇو نھ ٿو علي، تھ ھيءَ سنڌ، موھن جو دڙو ناھي.“
    ھوءَ ھيسيل ھرڻيءَ وانگر ڪنبڻ لڳي. ڊنل ڊنل نگاھن سان مون ڏانھن ڏسڻ لڳي. اوچتو، ڇلانگ ماري وڃي سوگھو ڪيومانس.


    7. دل جي دنيا

    ڏاند اول ڀت تي ٽنگيل پراڻي گھڙال ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ٺونٺ ھڻندي راجا کان پڇيو، ”مجنون بھ ڪنھن آفيس ۾ ڪلارڪ ھو ڇا؟“
    ”انھن ڏينھن ۾ آفيسون نھ، گھوڙن جا تنبيلا ھوندا ھئا.“ راجا مون ڏانھن ڏسندي وراڻيو.
    ”مجنونءَ زندگيءَ ۾ فقط ھڪ گھوڙو ڏٺو ۽ تنھن کي بھ ھاٿي سمجھي ڏڪي ويو ھو،“ ڏاند ڳالھائيندو رھيو، ”۽ پوءِ ڪيترين راتين تائين مجنونءَ کي خواب ۾ ليليٰ بدران گھوڙ نظر ايندو ھو.“
    ”ٺيڪ ٿو چوين ڏاند،“ راجا جواب ڏنس، ”مجنون ذات جو جت ھو ۽ اٺن اڳيان اگربتيون ٻاريندو ھو.“
    مون فائيلن جي چٻن ڦڏن لفظن تان نظرون ھٽائي ڏاند ۽ راجا ڏانھن ڏٺو.
    ”تنھنجي ڳالھھ ناھي،“ ڏاند چيو، ”تون جديد آھين، اسين قديم مجنونءَ جي باري ۾ ڳالھائي رھيا آھيون.“
    ”واھيات آھيو،“ جڪ کائيندي چيم.
    ”شٽ – اپ،“ ڏاند گھٽيل آواز ۾ دڙڪو ڏنو ۽ کيسي مان ڦڻي ڪڍي وار منھن ۾ وجھي ڇڏيائين.
    ھيڊ ڪلارڪ اسان ٽنھي ڏانھن گھور ڪري نھاريو ۽ کنگھي نڙي صاف ڪيائين. اسان ٽنھي نظرون فائيلن تي کپائي ڇڏيون.
    مون پراڻي گھڙيال ڏانھن ڏٺو. پنجن ۾ ٽيويھھ منٽ باقي ھئا. اسان کي پنجين لڳي آفيس مان موڪل ملندي ھئي. جنھن ڏينھن منھنجو تمنا سان پروگرام ھوندو ھو، تنھن ڏينھن شام جا پنج مون کان پنج ڪوھھ پري ٿي ويندا ھئا. اِھي پويان ڪجھھ منٽ ڪلاڪ ٿي پوندا ھئا. ڪلاڪ ڏينھن ۾، ڏينھن ھفتن ۾، ھفتا مھينن ۾ ۽ مھينا سالن ۾ بدلجي ويندا ھئا.
    منھنجون نظرون گھڙيال جي پينڊيولم تي کتل ھيون. ڪانٽا ھڪ ھنڌ بيٺل ڀانيم. دل چاھيو تھ سڀني کان اک بچائي ننڍو ڪانٽو پنجن تي وڏو ڪانٽو ٻارھن تي بيھاري ڇڏيان. پنھنجي ان احمقاڻي خيال تي دل ئي دل ۾ کلي ويٺس. شايد ھڪ اداس ۽ ڦڪي مرڪ منھنجي منھن تي کن لاءِ کيڏي، موٽي ويئي ھئي.
    ”گڊ- لڪ،“ ڏاند منھنجو خيال پاڻ ڏانھن ڇڪايو. مان ساڻس اک ملائي نھ سگھيس.
    راجا چيو، ”ڇڏينس ڏاند، ويچارو شرمائي ٿو.“
    ”نيور مائينڊ،“ ڏاند وراڻيو، ”اڃان نئون آھي. ٺھي ويندو.“
    مون کين جواب نھ ڏنو ۽ خاموش رھيس. بيحد پريشان ھوس. ڏاند ۽ راجا جا چرچا زھر پئي لڳم.
    ڏاند ۽ راجا مون سان بناسپتي گيھھ جي ڪارخاني ۾ ڪلارڪ ھئا. ڏاند بندرو ۽ ٿلھو ھو. ان ڪري پاڻ کي مشڪرو سمجھندو ھو. ھر ڪو کيس ڏاند سڏيندو ھو. سندس اصلي نالي جي گھڻن کي خبر نھ ھئي. راجا جي اصلي نالي جي سڌ، سواءِ ڏاند ۽ مون کان، ٻين ٿورن کي ھئي، ھو روسي ڪتاب پڙھندو ۽ آمريڪي اداڪارن جا فوٽا گڏ ڪندو ھو. اسان ٽنھي کي ھڪ وڏي ٽيبل مليل ھئي، جنھن جو ھڪ پاسو ڀت سان لڳل ھو ۽ باقي ٽن پاسن کان اسان ٽيئي ويھندا ھئاسين. ھيڊ ڪلارڪ جي نظر بچائي، سڄو سڄو ڏينھن ھڪ ٻئي سان چرچا ۽ ھڪ ٻئي تي ٺٺوليون ڪندا ھئاسين.
    پر ان ڏينھن، مون ڏاند ۽ راجا جي ٺٺولين جو جواب نھ ڏنو. خاموش رھيس. صبح کان پريشان ھوس.
    صبح جو اخبار ۾ ڪراس ورڊ معمي جو حل ڏسي منھنجي دل ڊڄي پئي ھئي. اميدون نااميديءَ جي غمناڪ اوندھھ ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳيون ھيون. حسرتون واريءَ جي دڙي ھيٺان دفن ٿي ويون.
    ھڪ ڏينھن اڳ، شام جو، جڏھن ڪراس ورڊ معمي جو حل ڀري، اسپينسر جي دٻي ۾ وجھي، ھوٽل فاروق جي فيملي ورم ۾ اچي ويٺا ھئاسين، تڏھن تمنا پڇيو ھو، ’شامو، جيڪڏھن ھن دفعي صحيح حل تي اسان کي ھڪ لک رپيا ملن تھ ڇا ڪنداسين؟“
    جواب ڏيڻ کان اڳ مون تمنا جي اکين ۾ نھاريو ھو. کن لاءِ اسان جون نگاھون ملي، ڌار ٿي ويون ھيون. مون تھ سندس نرم، نازڪ ۽ سھڻين آڱرين تي پنھنجو ھٿ رکي ڇڏيو ھو. ھن ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو ھو ۽ ٻئي ھٿ جون آڱريون ساسر جي ڪنيءَ تي ڦيرائڻ لڳي ھئي.
    آھستي، جھيڻي آواز سان، مون دل جي گھراين مان ڳالھايو ھو تھ، ’سڀ کان اول اسان شادي ڪنداسين، تمنا.‘
    ھوءَ شرمائجي ويئي ھئي ۽ پنھنجون آڱريون منھنجي ھٿ ھيٺان کسڪائي ويئي ھئي.
    ’مون سان شادي ڪندينءَ نھ، تمنا.‘ مون بيوقوفن وانگر تمنا جي بيحد حسين منھن ۾ نھاريندي پڇيو ھو.
    جواب ۾ ھن ڊگھيون پنبڻيون مٿي ڪري پنھنجون نگاھون منھنجن نگاھن سان ملائي ڇڏيون ھيون. مون پنھنجي دل کي ٽائيپ جي ربن وانگر گول دائري ۾ چڪر کائيندي محسوس ڪيو ھو.
    ”چئھ تمنا،“ مون ٻئي ٻانھون ٽيبل تي رکندي کانئس پڇيو ھو، ’ھن دفعي صحيح حل نڪتو تھ مون سان شادي ڪندينءَ نھ؟“
    تمنا جا ڳل ڳاڙھا ٿي ويا ھئا. حياءَ کان ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو ھئائين.
    ”سچ تمنا؟“
    ”ھون.“
    ”اوھھ تمنا،“ مون تمنا جو نازڪ ھٿ پنھنجي ٻنھي ھٿن ۾ لڪائي ڇڏيو ھو. چيو ھوم، ’پوءِ اسان جو پنھنجو گھر ھوندو تمنا. تنھنجون ۽ منھنجون ڀينرون ۽ منھنجا ڀائر خيراتي اسڪولن بدران پرائيويٽ ۽ پبلڪ اسڪولن ۾ پڙھندا. منھنجي ماءُ ميونسپالٽيءَ جي مفتي شفاخاني جي ڳاڙھي دوا بدران ڪنھن مشھور ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندي.‘
    ”۽ شامو،“ تمنا منھنجي ڳالھھ اڌ ۾ ڪپيندي چيو ھو، ’اسان ٻئي ھيءَ واھيات نوڪري ڇڏي ڏينداسين.‘
    ”ھا تمنا. نھ مون کي ڊپٽيءَ جي ڇڙٻ سھڻي پوندي، نھ توکي ئي ڪو مشڪوڪ نگاھن سان ڏسي سگھندو.“
    ”پر ائين تھ لک رپيا ھڪ سال ۾ کپي ويندا.“
    ”اسان بزنس بھ تھ ڪنداسين.“
    ”ڪھڙو؟“
    مان سوچ ۾ پئجي ويو ھوس. ڪپھھ ۽ ڪڻڪ جي واپار کان وٺي سون جي سمگلنگ تائين ھڪ ھڪ ڌنڌو منھنجي ذھن ۾ اچي، موٽي ويو.
    ”مان ٻڌايانءِ؟“ تمنا پڇيو ھو.
    ”ٻڌاءِ.“
    ”اسان ھڪ ڊاٽسن ڪار وٺنداسين.“
    ”ڊاٽسن ڇو؟“ مون ھڪدم وراڻيو ھو. ”اسين شيورليٽ، امپالا يا مرسڊيز بينز وٺنداسين.“
    ”پنھنجي لاءِ وٺنداسين نھ؟“
    ”ھا.“
    ”ڊاٽسن ڪار ٽئڪسي ڪري ھلائينداسين.“
    ”واھھ! گڊ آئيڊيا.“
    ”سٺي آمدني آھي اڄڪلھھ ٽئڪسيءَ مان،“ تمنا چيو ھو، ”پوءِ مان نائيٽ ڪاليج بدران سينٽ جوزف ڪاليج ۾ داخلا وٺندس.“
    ”ايڪسيلنٽ.“
    ”۽ تون انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺجانءِ.“
    ”ونڊرفل،“ وراڻيو ھئم، ”اسان روز روز دال کائڻ بھ ڇڏي ڏينداسين.“
    ڪجھھ دير تائين نھ تمنا ڳالھايو ھو ۽ نھ مون. اسان ٻئي پنھنجن پنھنجن خيالن سان وچڙندا، اميدن جا تاج محل ٺاھيندا ۽ ڊاھيندا رھياسين. تصور جي دنيا اکين آڏو اچي بيٺي ھئي. پاڻ کي ڪاري جبي ۾ ايم. اي جي ڊگري وٺندي ڏٺم- ايئرڪنڊيشنڊ آفيس ۾ پاڻ کي فوم رٻڙ جي ڪونئري ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺم. ڊاٽسن ٽيڪس کي ڪراچيءَ جي رستن تي ڊوڙندي ڏٺم. اوچتو تمنا تصور جي دنيا کي ذھن جي پردن تان ھٽائي ڇڏيو ھو. پڇيو ھئائين، ”ھن دفعي تھ پنھنجو حل صحيح نڪرندو نھ، شامو؟“
    ”ڇو نھ صحيح نڪرندو،“ مون کيس ۽ پاڻ کي دلاسو ڏنو ھو، ”محمد پان واري ۽ غفور حجم جا ڌڪن سان ڀريل حل صحيح ٿي سگھن ٿا، تھ ڇا اسان پڙھيل ڳڙھيلن جو حل ڪڏھن بھ صحيح نھ نڪرندو!“
    تمنا جي چپن تي ھڪ بيحد حسين ۽ وڻندڙ مرڪ تري آئي ھئي. اھا مرڪ، سدائين، سوداءَ وانگر منھنجي ساھھ سان سمايل ھوندي آھي.
    پر ان ڏينھن صبح جو اخبار ۾ ڪراس ورڊ معمي جو نتيجو ڏسي، تمنا جي چپن تان لازوال مرڪ ھماليھ جي برف وانگر رجندي محسوس ڪئي ھئم. کيس اداس ۽ مايوس محسوس ڪيو ھيم. تڏھن، پنھنجين حسرتن جي رک اڏائي، تمنا جي ٽٽل اميدن کي پنھنجي جھول ۾ جھپي ورتو ھيم. سوچيو ھيم، تمنا وياڪل ھوندي، اٻاڻڪي ھوندي- اڄ ڪئپيٽل سئنيما ۾ فلم The Killers جو پھريون شو ڏسنداسين- ڪجھھ دير لاءِ خواھشن ۽ آرزوئن جو ڊٺل ڀنڀور وساري ڇڏينداسين.
    ڊريس سرڪل جي اي قطار ۾ پويون ٻھ سيٽون بڪ ڪرائي، ايڊوانس بڪنگ جو ڪوپن کيسي ۾ وجھي آفيس آيو ھوس.
    تمنا ورانڊي جي پوئين ٿنڀي وٽ بيحد اداس ۽ بيچين بيٺي ھئي. مون تي نظر پيس تھ مون کي ڏسندي ئي رھي ھئي. وٽس ويم تھ چيو ھئائين، ”ھن دفعي بھ اسان جو حل غلط نڪتو، شامو. اسان جي قسمت ڪڏھن بھ نھ بدلبي.“
    ”نااميد نھ ٿيءُ تمنا،“ کيس دلاسو ڏنو ھوم، ”ايندڙ مھيني اسان جو حل صحيح نڪرندو ۽ پرائيز بانڊ جو لڪي نمبر بھ پنھنجو ئي نڪرندو.“
    ”ڪيستائين. ڪيستائين شامو اھڙي نموني پاڻ کي فريب ڏيندا رھنداسين؟“
    ”چري،“ مون ويران مرڪ سان چيو ھو، ”ٻڌو نھ اٿئي، تھ ڏکن پٺيان سک-“
    ”ھا. پاڻ کي پرچائڻ جو بھترين طريقو آھي.“
    “انتظار ڪر تمنا. ھڪڙي ڏينھن اسان جي روح جا زخم ڀرجي ويندا، دل جو درد گھٽجي ويندو،“ ٿڌو ساھھ کڻي وراڻيو ھيم، ”ھڪڙي ڏينھن اسان جي صحرا جھڙيءَ سڃيءَ زندگيءَ ۾ خوشين جا رابيل وڇائجي ويندا.“
    ”۽ ان وقت جي انتظار ۾ شايد نھ تون رھين، نھ مان رھان.“
    ”ائين نھ چئھ تمنا، ائين نھ چئھ،“ مون لڇندي وراڻيو ھو، ”مونکي مايوس نھ ڪر. منھنجي دل نھ ٽوڙ تمنا.“
    تمنا جواب نھ ڏنو ھو. اکيون بند ڪري مٿو ٿنڀي سان لڳائي ڇڏيو ھئائين. سندس خشڪ چپن تي چنبڙيل لپ اسٽڪ جا ڇوڏا ڦڙڪڻ لڳا ھئا. سندس ڊگھيون پنبڻيون ٿڙڪڻ لڳيون ھيون. قسمت کان کاڌل شڪست جي احساس ۾ سندس وجود ويراڳ جي آگ ۾ جلڻ لڳو ھو.
    ”تمنا.“
    ”جي.“
    ”اڄ منجھند جي ماني گڏ کائينداسين.“ مون چيو ھو.
    ”چڱو،“ ھن وراڻيو ھو، ”ھينئر وڃ. ڊپٽيءَ مون وٽ ڏسي ورتئھ تھ اجايو گوڙ ڪندو.“
    تمنا پنھنجي ڪمري ڏانھن ھلي ويئي ھئي. پنھنجي ڪمري ڏانھن ويندي ڊپٽيءَ جي ڪمري ۾ در جي شيشي مان جھاتي پاتي ھيم. ڊپٽي نھ آيو ھو.
    اسان جو ڊپٽي قداور، ٿلھو ۽ ڇسو ھوندو ھو. اکيون ڀوريون ۽ ٽِڪڻ جا وار کٿل ھوندا ھئس. اسان کيس افلاطون سڏيندا ھئاسين. آفيس جو پراڻو نائڪ چوند ھو تھ عقل جا دروازا ڊپٽي صاحب تي اچي بند ٿي ويا ھئا.
    مون سان تھ بنھھ نھ پوندي ھئس. ھڪ دفعو اڳ بھ مون کي تمنا سان ڳالھائيندو ڏسي پنھنجي آفيس ۾ گھرايو ھئائين. سگريٽ جو ڪش ھڻندي پڇيو ھئائين، ”ماڻھو اسان جي فيڪٽريءَ جو بناسپتي گيھھ ڇو نٿا کائين.“
    ”ماڻھن کي اسان جي فئڪٽريءَ جو گيھھ پسند ناھي سائين.“
    ”ڇو پسند ناھي،“ ڊپٽيءَ خارن مان چيو ھو، ”توھان ڪلارڪ ڪھڙي مرض جي دوا آھيو؟ توھان کي فقط ڪلارڪي ڪرڻي ناھي. ماڻھن کي اسان جو بناسپتي گيھھ کائڻ تي آماده بھ ڪرڻو آھي.“
    ”ھا سائين.“
    ”ماڻھن کي ٻڌاءِ تھ اسان جو گيھھ صحت جي اصولن تي تيار ٿيل آھي ۽ منجھس سڀئي وٽامن آھن،“ چيو ھئائين، ”بناسپتي گھھ اسان جي عوام لاءِ مفيد آھي ۽ سندن ضرورتن مطابق آھي.“
    ”ھا سائين.“
    ”۽ اسان جو بناسپتي گھھ، ديسي خالص گھھ کان وڌيڪ بھتر آھي.“ ڊپٽي صاحب ڪڙڪ آواز ۾ چيو ھو، ”خالص گھھ کائڻ وارا سست ۽ بناسپتي گھھ کائڻ وارا چست ھوندا آھن.“
    مون ان انڪشاف تي ڊپٽي صاحب ڏانھن حيرت مان ڏٺو ھو. ڊپٽي صاحب پاڻ بناسپتي گھھ نھ کائيندو ھو. پاڻ خالص گھھ ٺٽي کان گھرائيندو ھو.
    ”سمجھيھءِ؟“
    ”ھا سائين.“
    ”تون ڌوڙ سمجھندين. پنھنجو ڪم سڌار نھ تھ نوٽيس ملندءِ،“ ڊپٽيءَ سگريٽ جو دونھون ڇڏيندي چيو ھو، ”۽ ڪن کولي ٻڌ، تمنا سان ڳالھائڻ ڇڏي ڏي.“
    ”يس سر.“
    پر ان ڏينھن ڊپٽي موڪل تي ھو. در جي شيشي مان سندس ڪمري ۾ جھاتي پائي، پنھنجي ڪمري ۾ ھليو ويو ھوس.
    مون منھن ورائي گھڙيال ڏانھن ڏٺو. پنجن ۾ ٻارھن منٽ باقي ھئا.“
    ”ڀلا ليليٰ بھ ڪنھن آفيس ۾ ٽائيپسٽ ھئي ڇا؟“ ڏاند راجا کان پڇيو.
    ”ليليٰ رڍن جي پشم لاھيندي ھئي،“ راجا وراڻيو.
    مون ڪاوڙ مان ٻنھي ڏانھن ڏٺو. ڏاند ڏند ڪڍندي چيو، ”ڳالھھ تنھنجي ليليٰ جي ناھي. تنھنجي جديد آھي، اسان قديم ليليٰ جي باري ۾ ڳالھائي رھيا آھيون.“
    ”بدتميز آھيو.“
    ”ٿئنڪ يو،“ راجا چيو.
    ھيڊ ڪلارڪ کنگھي نڙي صاف ڪئي ۽ اسان ڏانھن قھري نگاھن سان ڏٺو. ڏاند ۽ راجا ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ اجايو سجايو فائيل اٿلائڻ لڳا.
    ”ھيڊ ڪلارڪ آھي يا ھيڊ ماستر.“
    ”ڪمبخت، چوڪيدار آھي،“ ڏاند چيو.
    مون پتلون جي پوئين کيسي مان پرس ڪڍي گوڏي تي رکيو. گوڏو ٽيبل ھيٺان ڪري ڇڏيم. پرس کولي تمنا جي تصوير ڏٺم. ڏاند ھيٺ مٿي ٿيو، پر منھنجي گوڏي تي پرس ڏسي نھ سگھيو.
    ”لڏڻ ڇڏي ڏي. ڪرسي نھ ڀڃين وجھين،“ راجا ڏاند کي چيو.
    ”تون پنھنجي بڪواس بند ڪر،“ ڏاند راجا کي ڇڙٻ ڏني ۽ ٻيھر منھنجي گوڏي تي پرس ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏھن پرس ڏسڻ جي ھر ڪا ڪوشش ناڪام ٿي ويس، تڏھن خار مان چيائين، ”آفيس جي ٽيبل آھي، يا مڙدن چيرڻ جي ميز. اسان ڪلارڪ نھ، ڄڻ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آھيون.“
    راجا کيس ٽيبل ھيٺان لت وھائي ڪڍي. ڏاند لت جو سور پچائي ويو. ڪجھھ پرڀرو کسڪندي چيائين، ”ردي. منھنجي بوٽ جي پالش خراب ڪري ڇڏين ھا.“
    راجا اک جي اشاري سان ڏاند جو ڌيان ھيڊ ڪلارڪ ڏانھن ڇڪايو. ڏاند ڀت ڏانھن سرڪي ويو ۽ منھنجي سامھون اچي بيٺو.
    ”ڇا ٿو ڏسين مجنون،“ ڏاند آھستي پڇيو.
    ”ڪجھھ بھ نھ،“ مون آھستي وراڻيو.
    ڀڻ ڀڻ تي ھيڊ ڪلارڪ اسان ٽنھي ڏانھن ڏٺو. ھن پنھنجي سنھڙي ھڏائين آڱر گھنٽيءَ تي ٻھ چار دفعا اھڙي نموني ھنئين، جيئن ڪڪڙ داڻو چڳڻ لاءِ مٽيءَ ۾ ٺونگا ھڻندو آھي. ڏاند ۽ راجا پنھنجو وات بند ڪري ڇڏيو.
    مون پراڻي گھڙيال ڏانھن ڏٺو. پنجن ۾ ڏھھ منٽ ھئا. رھيل ڏھھ منٽ ڏھھ صديون ٿي پيا. سڀ عاشق ائين ئي محسوس ڪندا ھوندا، مون سوچيو.
    ڏاند ۽ راجا فائيلن جا ورق اٿلائڻ لڳا. مون پنھنجون نظرون تمنا جي تصوير تي کپائي ڇڏيون. ٻھ ٽي ڪلاڪ اڳ، تمنا ۽ مون گڏ منجھند جي ماني کاڌي ھئي. ھوءَ مون کان اڳ پنھنجي ڪمري مان نڪري منھنجي ڪمري جي سامھون، پوئين ٿنڀي وٽ اچي بيٺي ھئي. جيئن ئي ھڪ لڳو، مون ميز جي خاني مان رومال ۾ ويڙھيل ماني ڪڍي ۽ سڌو تمنا جي سامھون وڃي پھتو ھيس. پٺيان راجا جو آواز ٻڌو ھيم، ”گڊلڪ مجنون.“
    تمنا وٽ پھتو ھيس، تھ تمنا چيو ھو، ”بزنس گارڊن ۾ ماني کائينداسين.“
    ”او – ڪي.“
    اسان ٻئي ٻين ڪلارڪن جي قھري نظرن ۾ چڀندڙ نگاھن مان لنگھندا، آفيس جي حد ٽپي ٻاھر نڪري وياسين. برنس گارڊن ۾ ناريل جي وڻن وٽ سائي ڇٻر تي ويھندي، تمنا پڇيو ھو، ”اڄ ڇا آندو اٿئي؟“
    ”ٻھ مانيون ۽ تريل پٽاٽا.“
    تمنا کان ٽھڪ نڪري ويو ھو. پنھنجي مانيءَ جي ننڍي پيٽي کوليندي چيو ھئائين، ”مون بھ مانيون ۽ تريل پٽاٽا آندا آھن.“
    ”ملباريءَ کان دال وٺي اچان؟“
    ”نھ. اڄ پٽاٽا ئي کائينداسين.“
    تمنا مانيون رومال تي رکي، ٽين جي پيٽيءَ ۾ پٽاٽا ملائي ڇڏيا. مون پيار منجھان تمنا ڏانھن ڏٺو ھو. تمنا ڪنڌ کڻي مون ڏانھن ڏٺو ۽ اسان جون نگاھون کن لاءِ ملي ڌار ٿي ويون ھيون. ھڪ گرھھ کائي، تمنا مونکان عجيب سوال ڪيوھو، ”مون کي چاھين ٿو، شامو؟“
    مون عجيب نموني ڪنڌ لوڏي ”ھا“ ڪئي ھئي ۽ پاڻ کي احمق محسوس ڪيو ھئم.
    تمنا ٽڪ ٻڌي مون ڏانھن ڏٺو ھو. پوءِ آھستي چيو ھئائين، ”مان بدنام آھيان، شامو، تڏھن بھ مونکي چاھين ٿو؟“
    مون سندس سوال جو جواب نھ ڏنو ۽ ورائي پڇيومانس، ”مونسان شادي ڇو نٿي ڪرين، تمنا؟“
    تمنا جي چپن تي اداس مرڪ جا پاڇا آيا، ھليا ويا. ھن جواب نھ ڏنو ۽ ڪنڌ جھڪائي ماني کائيندي رھي ھئي.
    ”مان نٿو وڻانءِ ڇا؟“ عجيب سوال ڪيو ھيم. سوال ڪري پڇتايو ھيم. ڀانيم تھ تمنا مون کي بيوقوف سمجھي، منھنجي اڻ ميي پيار تي کلي پوندي، پر تمنا جي چپن مان ڪجھھ نھ نڪتو. اکين ۾ اداسيءَ جا پاڇا پرڙا ھڻندا رھيس.
    ”مان چريو آھيان، تمنا،“ مون گھٽيل آواز ۾ ڳالھايو ھو، ”مان چريو آھيان. مون کي محبت ڪرڻ بھ نٿي اچي.“
    تڏھن بھ ھن جواب نھ ڏنو ھو. پنھنجي ھٿ جو گرھھ منھنجي اڳيان رکي، منھنجي ھٿ جو گرھھ پنھنجي وات ۾ وڌو ھئائين.
    کيس خاموش ڏسي ٻيھر پڇيو ھيم، ”مون سان شادي ڇو نٿي ڪرين، تمنا؟“
    ”شامو،“ ھوءَ اڳتي سري آئي ھئي، ”مان بدنام آھيان، شامو.“
    ”اھو منھنجي سوال جو جواب ناھي، تمنا.“
    ”منھنجي بدنامي مون تائين محدود آھي،“ تمنا ڪنبندي آواز ۾ چيو ھو، ”توسان شادي ڪري، توکي، تنھنجين ڀينرن، ڀائرن ۽ ماءُ کي بدنام ڪرڻ نٿي چاھيان.“
    ”مان ڊپٽي نھ آھيان، جو بدناميءَ کان ڏڪي وڃان،“ مون وراڻيو ھو، ”مان معمولي ڪلارڪ آھيان.“ تمنا ڏاند ۽ راجا منھنجا دوست آھن.“
    ”اڪيلي سر ٻن گھرن جو بار کڻي سگھندين؟“
    ”ڇو نھ کڻي سگھندس. ھينئر بھ تھ پارٽ ٽائيم ماستري ڪندو آھيان. شاديءَ کانپوءِ ڪنھن پريس ۾ بھ ڪم ڪندس.“
    تمنا ڪنھن اونھيءَ سوچ ۾ گم ٿي وئي ھئي. مان سندس جواب جو انتظار ڪندو رھيس.
    ھن ڳالھايو. موضوع بدلائڻ لاءِ چيو ھئائين، ”سڄو ڏينھن ھت نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ٿڪبو ناھين، جو ڇھين کان رات جي ڏھين تائين اسڪول ۾ بھ پڙھائيندو آھي؟“
    ”نائيٽ اسڪولن ۾ لاٽ صاحبن جا پٽ نھ پڙھندا آھن. مان ٿڪل ھوندو آھيان تھ شاگرد بھ ڏينھن جي محنت مزدوريءَ کان پوءِ ٿڪل ھوندا آھن:“ مون وراڻيو ھو، ”پر تنھن ھوندي بھ مان رات جي ٻارھين کان صبح جي چئين لڳي تائين ڪنھن پريس ۾ پروف ريڊر ٿيندس.“
    ھوءَ خيالن جي ڪن ۾ لھي وئي. ھٿ جو گرھھ ھٿ ۾ رھجي ويو ھئس. نگاھون ھڪ ھنڌ اٽڪي پيون ھئس. مان کيس متجسس نگاھن سان ڏسندو رھيس. تڏھن، ڪجھھ دير جي خاموشيءَ کانپوءِ مون پنھنجو ھٿ تمنا جي ھٿ تي رکيو ھو. ھن منھنجين اکين ۾ نھاريو ھو.
    ”ھا ڪر تمنا.“ آھستي چيو ھئم، ”چئھ تھ مون سان شادي ڪندينءَ، تمنا، ھا ڪر. ھا ڪر، تمنا.“
    ھڪ اونھو، ڊگھو ۽ درد کي ھلڪو ڪندڙ ٿڌو ساھھ کڻندي ھن وراڻيو ھو، ”شامو، مان نٿي چاھيان تھ تون منھنجي لاءِ مشين وانگر ڪم ڪندو رھين. مان توکان زنده رھڻ جو حق ڦرڻ نٿي چاھيان.“
    ”اھي اجايا بھانا آھن، تمنا.“ مون الاءِ ڪيئن چيو ھو، ”چئھ تھ مونسان شادي ڪرڻ نٿي چاھين.“
    ”شامو!“
    ”ھا تمنا. تون منھنجي لاءِ سڄي زندگي تمنا ئي رھندينءَ. مان دل جي دنيا لٽائڻ کان پوءِ بھ تنھنجي دل ۾ تر جيتري جاءِ بھ حاصل ڪري نھ سگھيو آھيان. تون منھنجي لاءِ چنڊ وانگر دور آھين، تمنا خواب وانگر مبھم آھين.“
    ھن منھنجي وات تي ھٿ رکي ڇڏيو ھو. ”اڳتي ڪجھھ نھ چئھ، ڪجھھ نھ چئھ شامو. مان پريشان آھيان. مون کي وڌيڪ پريشان نھ ڪر.“
    مون ٿرماس جي ڍڪ ۾ پاڻي پيٽي، ٻھ چار ڍڪ ڀري، ڍڪ ڇٻر تي رکي ڇڏيو ھو. ھن ٿرماس جو ڍڪ کڻي چپن سان لڳايو ھو ۽ بچيل پاڻي يڪ ساھي پي وئي ھئي.
    چيو ھئائين، ”ايندڙ مھيني ڪراس ورڊ معمي جو حل صحيح نڪرندو، مون کي پڪ آھي شامو. پوءِ اسان شادي ڪنداسين.“
    ”انھن معمن اسان جي زندگيءَ کي بھ حل نھ ٿيندڙ معمو ڪري ڇڏيو آھي.“
    ”صبح جو چيو ھيئھ، تھ، ڏکن پٺيان سک.“
    ”ھا، تنھنجي دل رکڻ لاءِ چيو ھيم.“
    ”نھ شامو. ھن دفعي اسان جو حل ضرور صحيح نڪرندو.“ تمنا منھنجي دل کي آٿت ڏيڻ خاطر چيو ھو، ”اسان جو پنھنجو گھر ھوندو- منھنجون ۽ تنھنجون ڀينرون، تنھنجا ڀائر پبلڪ اسڪول ۾ پڙھندا- امان جو علاج ڪنھن ايم. آر. سي. پي ڊاڪٽر کان ڪرائينداسين- ۽ شامو مان سينٽ جوزف ڪاليج ۾، ۽ تون يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي لاءِ داخلا وٺندين- ۽ شامو، اسان شورليٽ، امپالا يا مرسڊيز بينز بھ وٺنداسين.-“
    ”۽ سڄي عمر ان انتظار ۾ ختم ٿي ويندي.“
    ”نھ شامو.“
    ”اجايو پاڻ کي فريب ۾ نھ ڏي. تمنا.“
    ”اسان جي زندگي فريب آھي، شامو.“ تمنا بيحد ڏک وچان چيو ھو ۽ رومال ڇنڊي، ويڙھي مون کي ڏنو ھئائين.
    موٽندي، آفيس جي حدن تائين، نھ تمنا ڳالھايو ھو ۽ نھ مون. آفيس جي ڏاڪڻ چڙھندي کيس چيو ھيم، ’اڄ فرسٽ شو ۾ The Killers ڏسنداسين.“
    ”ڪالھھ تھ تو وٽ فقط ٻھ رپيا ھئا.“
    ”قميص لاءِ اٺ رپيا بچائي رکيا ھئم نھ، انھن مان بڪنگ ڪرائي آيو آھيان.“
    ”تون ائين نھ ڪندو ڪر، شامو.“
    ”ھلندينءَ نھ.“
    ”ھا ھلنداسين.“
    ان وقت کان مان موڪل جو انتظار ڪري رھيو ھوس. پرس بند ڪري پوئين کيسي ۾ وجھي ڇڏيم. منھن ورائي گھڙيال ڏانھن ڏٺم. پنجن ۾ چار منٽ باقي ھئا. ڪنھن چيو ھو وقت ھوا جي پرن تي اڏامندو ويندو آھي! ڪنھن چيو ھو تھ اک ڇنڀ ۾ صديون گذري وينديون آھن! سچ ھونديون اھي چوڻيون! پر انتظار جي ھڪ ساعت کان ٻي ساعت تائين، ھڪ لمحي کان ٻئي لمحي تائين ورھين جي وٿي ھوندي آھي.
    ”راجا، ٻڌ تھ سھي،“ ڏاند جي آواز تي خيالن جا سلسلا ٽٽي پيا، مجنونءَ کي گھر ۾ ھڪ بيمار ماءُ، ٻھ معذور ڪراڙيون پڦيون، چار ڀائر ۽ ٽي ڀينرون ھونديون ھيون ڇا؟“
    ”ڏس ڏاند،“ مون سخت ڪاوڙ مان چيو، ”تنھنجي ڀيڻ فلمن ۾ ھيروئن ٿيڻ لاءِ گھر کان ڀڄي ويئي ھئي تھ مون توکان ڪجھھ پڇيو ھو؟ مھرباني ڪري منھنجي گھرو معاملن ۾ دخل نھ ڏيندو ڪر.“
    ڏاند ککو وکو ٿي ويو. منھن تي ھيڊ ھارجي ويس. راجا ڳالھھ رکڻ لاءِ چيو، ”تون ناراض ڇو ٿو ٿئين، بابا. تون جديد آھين. اسان قديم مجنونءَ جي باري ۾ ڳالھائي رھيا آھيون.“
    مون ڏاند ڏانھن ڏٺو. ھو آڱوٺي جي ننھن سان ميز جي مر لاھي رھيو ھو. ڪنڌ جھڪيل ھيس. نرڙ تي پگھر جا قطرا چمڪي رھيا ھيس. ھو مون کي بيحد مسڪين نظر آيو. سندس ھٿ کي آھستي زور ڏيندي چيم، ”مون کي معاف ڪر، دوست.“
    ھن منھنجي ھٿ کي ٿڦڪي ڏني.
    ”ڳالھائڻ بند ڪريو،“ ڳجھھ ڇاپ ھيڊ ڪلارڪ رڙ ڪئي. اسان ٽنھي کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ڏاند ۽ راجا ھميشه وانگر فائيل اٿلائڻ لڳا ۽ مون پنھنجون نگاھون گھڙيال جي ڪانٽن تي کپائي ڇڏيون. وقت کي اينگھھ اچي وئي ھئي.
    پتلون جي کيسي مان ايڊوانس بڪنگ جو ڪوپن ڪڍي، کولي پڙھيم. تاريخ، ٺيڪ. فرسٽ شو. ڊريس سرڪل جي اي قطار ۾ پويون ٻھ سيٽون. سوچيم، تمنا کي ڀت واري پاسي ويھاريندس ۽ پاڻ ٻئي پاسي ويھندس. جڏھن ھال ۾ اوندھھ ٿيندي ۽ فلم شروع ٿيندي، تڏھن پنھنجو ھٿ تمنا جي ھٿ تي رکندس- ھوءَ مون ڏانھن کسڪي ايندي ۽ پنھنجو منھن منھنجي ڪلھي تي رکندي- مان پاڻ کي ۽ تمنا کي پرچائڻ لاءِ چوندس، ”تمنا، ھڪ نھ ھڪ ڏينھن انعامي بانڊ جو لڪي نمبر اسان جو ئي نڪرندو- تڏھن اسان جا ٻارڙا پبلڪ اسڪولن ۾ پڙھندا- ڪو مشھور ڊاڪٽر اسان جو علاج ڪندو- پڦين کي عينڪون ۽ وڏي آواز جا اوزار وٺي ڏينداسين- شورليٽ امپالا يا مرسڊيز بينز وٺنداسين- ۽- ۽.“ سوچيم، جڏھن مستقبل جي سپنن کي ٺاھي، سينگاري، سجائي، دل جي دنيا کي وندرائي وٺنداسين، ۽ جڏھن حسرتون خوشفھميءَ جي ڌٻڻ ۾ لھي وينديون، تڏھن، مان سرگوشيءَ ۾ تمنا کي چوندس، ”تمنا، ھيءَ دنيا جيڪر سئنيما ھال جيتري محمدود ٿي وڃي ۽ ھيءَ زندگي ھن فلم جيتري مخصر- اسان ٻئي ڪلھو ڪلھي سان ملائي سرگوشين ۾ ڳالھائيندا رھون- حسرتن ۽ خواھشن جي رڃ کان دور- محبت جون ڳالھيون ۽ ڳالھين جا اکٽ، مسلسل سلسلا- اسان جي غمن وانگر طويل ۽ زخمن جيان بي انداز.“
    ”پورا پنج ٿيا آھن مسٽر مجنون،“ راجا منھنجي خيالن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.
    مان اٿي کڙو ٿيس. ھيڊ ڪلارڪ گھور ڪري، اول مون ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ پنھنجي ٻانھن ۾ ٻڌل ناس جي دٻليءَ جھڙي واچ ۾ ڏسندي پڇيائين، ڪيڏانھن ٿو وڃين مسٽر.“
    ”سائين پنج ٿيا آھن.“
    ”منھنجي واچ ۾ ٽي ٿيا آھن.“
    ”پر آفيس جي گھڙيال ۾ پنج ٿيا آھن.“
    ھيڊ ڪلارڪ پنھنجو سنھڙو ڪنڌ شتر مرغ وانگر ڦيرائي ڀت تي ٽنگيل گھڙيال ڏانھن ڏٺو.
    مان ذري گھٽ ڊوڙندي ڪمري مان نڪري ويس. ھيٺان ڏاند جو آواز ٻڌم، ”گڊ لڪ، مجنون.“
    جيئن اسڪولي ٻار موڪل ملڻ تي ڪلاسن مان نڪرندا آھن، تيئن آفيس جي ڪمرن مان ڪلارڪ، ٽائيپسٽ، دفتري ۽ چپڙاسي نڪرندا، ھڪ ٻئي کي ٿيلھا ڏيندا، ڏاڪڻ لھندا ويا.
    جڏھن ورانڊو واندو ٿيو، تڏھن سامھون ڊپٽيءَ جي ڊرائيور کي تمنا سان ڳالھائيندي ڏٺم. تمنا جي نگاھھ مون تي پئي تھ مون ڏانھن ھلي آئي. سندس ڇوڏن لڳل چپ وڌيڪ خشڪ ٿي ويا ھئا. لپ اسٽڪ ڪيترن ھنڌن تان ڦٽي پئي ھيس. ھوءَ وياڪل ھئي. اکين ۾ الڪو ھيس. خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيائين، ”مون کي ڊپٽي سڏايو آھي شامو.“
    منھنجي رڳ رڳ مان ٿوھر ڦٽي نڪتو. گھڙي ساعت لاءِ تمنا کي زندگيءَ جي پاتار ۾ غرق ٿيندو ڏٺم. چوڻ چاھيم، تمنا، محتاجي، مفلسي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي لعنت آھي. پر جيڪي ڪجھھ چوڻ چاھيم، چئي نھ سگھيس. لفظ سيني جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويا.
    تمنا ڊائيور کي موٽر وٽ ترسڻ لاءِ چيو.
    اسان ٻئي ڪنڌ جھڪائي ڏاڪڻ لھڻ لڳاسين. نھ ھن ڳالھايو ۽ نھ مون، پر تنھن ھوندي بھ اسان ٻنھي ھڪ ٻئي جي گھائل روح ۾ جھاتي پائي ورتي.
    مون آھستي چيو، ”ھڪ نھ ھڪ ڏينھن اسان ھيءَ واھيات نوڪري ڇڏي ڏينداسين.“
    ھن جواب نھ ڏنو، سندس ڪنڌ وڌيڪ جھڪي ويو.
    منھنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ ھئي. ازلي جنگ سيني جي
    ڌرتي پٽيندي رھي. محبت ۽ گھر وارن جي بک بيماريءَ جا تصور، متضاد قوتن وانگر پاڻ وڙھندا رھيا.
    مون پنھنجين ڪنبندڙ آڱرين سان تمنا جي سنگ مر مر جھڙي ٻانھن کي ڇھيو، ”تمنا.“
    ”تمنا،“ مون ڳيت ڏيئي ڳالھايو، ”ڊپٽيءَ جي ڪھڙي ڪار آھي؟“
    ”اوپل.“
    ”اسان شورليٽ امپالا، يا مرسڊيز بينز وٺنداسين. ھا نھ تمنا؟“ مون گھٽيل آواز ۾ ڳالھايو.
    تمنا جواب نھ ڏنو. پنھنجون آڱريون منھنجين آڱرين ۾ جڪڙي ڇڏيائين. لفظ گھائل روح جي ڪنھن ڪنڊ مان لڇندا پڇندا تڙڦندا، درد جي ٻٻر سان وچڙندا، ٻاھر ايندا رھيا، ”اسان جو پنھنجو گھر ھوندو، تمنا اسان جي بيمار ماءُ ڪنھن مشھور ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندي- اسان روز روز دال نھ کائينداسين- مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪندس ۽ تون سينٽ جوزف ڪاليج-“
    پوئين ڏاڪي وٽ تمنا پنھنجون آڱريون منھنجي آڱرين مان ڇڏائي، ڊوڙندي موٽر جي پوئين سيٽ تي وڃي ويٺي. رئي جي ڪنڊ وات ۾ وجھي، چپ ڀڪوڙي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ڪار ھڪ سٽ سان، اک ڇنڀ ۾ دز اڏائيندي، آفيس جي حدن مان نڪري وئي.
    پريان ڏاند رڙ ڪندي چيو، ”بئڊ لڪ مجنون.“
    منھنجي منھن تي ويران مرڪ تري آئي ۽ ٽٽل تاري وانگر روشنيءَ جي ليڪ ٺاھي، مايوسيءَ جي ٻاٽ اونداھين ۾ گم ٿي ويئي.


    8. چرٻٽ ۽ ھڪ نرس

    اسڪول کان موٽندي دير ٿي وئي.
    پويون پيرڊ ڊرل جو ھو، ڊرل ماستر کي عرض بھ ڪيم: سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آھيان، ڊينڊو آھيان، پريڊ ڪندي ڪندي اجايو گسي ويندس، مونکي وڃڻ ڏيو. پر ڊرل ماستر نھ مڙيو. چيائين: اصل نھ ڇڏيندومانءِ چرٻٽ. ھٿ ٻڌي ليلايومانس: سائين، اڄ فٽ بال ميچ بھ کيڏڻي آھي، مونکي وڃڻ ڏيو. ڊرل ماستر- بندوق جھڙو سخت، نرم نھ ٿيو. چيائين: اسانکي جنگ لاءِ تيار رھڻو آھي، چرٻٽ. اول جنگ، پوءِ فٽ بال ميچ.
    اسان کي موڪل نھ ملي. سڄي اسڪول کي موڪل ملي ويئي. ڇوڪرا ڪلاسن مان نڪرندا، ڊوڙندا، مٽي اڏائيندا ھليا ويا. ڊرل ماستر اسان جي ڪلاس کي موڪل نھ ڏني، ۽ ڪاٺ جون ڪوڙيون بندوقون ڪلھي تي رکائي، اسان کي اسڪول جي ميدان ۾ پريڊ ڪرائيندو رھيو.
    پريڊ ڪندي مون ڦندڻ کي چيو: يار موڪل کان وڌيڪ سٺي شيءِ دنيا ۾ ٻي ڪابھ ڪونھي. پڇيائين: ۽ قلفي؟. قلفي بھ سٺي آھي، پر موڪل سڀني کان سٺي آھي، مون وراڻيو. ان وقت اسان مارچ ٽائيم ڪري رھيا ھئاسين. مارچ ٽائيم ۾ ھيئن ٿيندو آھي، جو ماڻھو ھڪ ئي جاءِ تي بيٺو ھوندو آھي ۽ زور زور سان ڌرتيءَ تي لتون ھڻندو آھي. اسان زور سان ڌرتيءَ کي لتون ھڻي رھيا ھئاسين ۽ مارچ ٽائيم ڪري رھيا ھئاسين. ڦندڻ چيو: يار چرٻٽ، منھنجي بوٽ جو ترو ڇڳل آھي، مون کي تھ وري ٻيو بوٽ بھ ڪونھي ني، منھنجي ماءُ گريب آھي. مارچ ٽائيم ڪندي وراڻيم. پرواھھ نھ ڪري ڦندڻ، اسان کي جنگ لاءِ تيار رھڻو آھي؛ اول جنگ، پوءِ بوٽ جو ڇڳل ترو.
    ان ڏينھن ڊرل ماستر ڏاڍي جوش ۾ ھو. سانجھيءَ تائين اسان کي پريڊ ڪرائيندو رھيو. پوءِ جڏھن پاڻ ٿڪجي پيو، تڏھن چيائين: ٻارو ھاڻي توھان ٿڪجي پيا ھوندا، تنھن ڪري توھان کي موڪل ڏجي ٿي. اسان سڀني کي ڏاڍي خوشي ٿي. بندوقون ڀت سان رکي، ڌرتيءَ تان ڪتاب کڻي، ڇنڊي، ڪڇ ۾ ڪياسين. ڦندڻ چيو: يار چرٻٽ، تون تھ بندوق کان بھ بندرو آھين.
    مونکي ان جو افسوس آھي، ڦندڻ، کيس جواب ڏنم. ۽ پوءِ سڌو وڃي ڊرل ماستر جي سامھون بيٺس. جيڪو سھڪي رھيو ھو، ۽ رومال سان پنھنجي ڪاري ٿلھي ڪنڌ تان پگھر اگھي رھيو ھو. چيومانس: سائين، مان قد ۾ بندوق کان بندرو آھيان، مھرباني ڪري مون کي پستول سان پريڊ ڪرائيندا ڪريو. سائينءَ وراڻيو: تون نھ فقط بندرو آھين چرٻٽ، پر ڪجھھ ڪجھھ بيوقوف بھ آھين، ھاڻي گھر وڃ ۽ منھنجو مٿو نھ کاءُ.
    مون ماستر صاحب جو مٿو نھ کاڌو ۽ ٻاھر نڪري، آنڪ جا ڇولا کاڌم. ڇولا کائي، ڦندڻ سان ھٿ ملائي گھر آيس. ٿڪل ھوس، سوچيم تھ ڪنھن سان بھ نھ ڳالھائيندس. سمھي پوندس.
    انور سڏ ڪيو، ”چرٻٽ.“
    ”نھ يار! اڄ مان ٿڪل آھيان.“
    ”ھڪڙي ڳالھھ تھ ٻڌ.“
    ”نھ ادا نھ. اڄ مان تنھنجي تقرير نھ ٻڌندس. الا، ڏاڍو ٿڪجي پيو آھيان.“
    منھنجو ڀاءُ انور اسٽوڊنٽ ليڊر آھي. ڪڏھن بک ھڙتال ڪندو آھي ۽ ڪڏھن تقرير. پر جڏھن کان سندس ڪاليج کي وئڪيشن ملي آھي، تڏھن کان روز مون کي تقرير ٻڌائيندو آھي. تقرير ٻڌڻ جي عيوض مان کانئس قلفي کائڻ لاءِ ٻھ آنا وٺندو آھيان. ٻھ آنا منھنجي تريءَ تي رکي انور ھڪدم تقرير شروع ڪندو آھي. ھڪڙو ڪو ملڪ آھي ويٽنام. اتي جنگ لڳي آھي. بس، پنھنجي تقرير ۾ ويٽنام ويٽنام ڪندو آھي ۽ آمريڪا کي گاريون ڏيندو آھي. ھڪ ڏينھن پڇيو ھيومانس: يار ھو ويٽنام وري ڪٿي آھي؟ انور ساھھ منجھائي، تقرير روڪي، اڌ ۾ ڳالھايو ھو: ويٽنام اتر ڏکڻ ايشيا ۽ جنوب مشرق آفريڪا جي وچ ۾ آھي، پر ياد رک چرٻٽ، وري وچ ۾ ڳالھائيندين تھ ٻھ آنا نھ ڏيندومانءِ. چريا، تقريرون ٻڌبيون آھن، تقريرن جي وچ ۾ ڳالھائبو ناھي. پوءِ انور ڏاڍي جوش ۾ تقرير ڪئي. آمريڪا کي گاريون بھ ڏيندو رھيو ۽ ھوا ۾ مڪون ۽ ٺونشا بھ ڦيرائيندو رھو. اوچتو ھڪ مڪ مون کي بھ ٺڪاءُ ڪري ڏنائين. مون کي سخت ڪاوڙ آئي؛ چيومانس: اڙي مان آمريڪا ٿوروئي آھيان، جو مون کي مڪ ٿو ھڻين. ساري چرٻٽ انور منھنجي ٽڪڻ تي ھٿ گھمائيندي چيو ھو. مون بھ ضد ٻڌو: ٻھ آنا تقرير ٻڌڻ جا ۽ ٻھ آنا ٺونشو کائڻ لاءِبھ ڏي. ان ڏينھن انور مون کي چار آنا ڏنا ھئا ۽ مون اسپيشل قلفي کاڌي ھئي.
    اسڪول کان موٽيو ھوس دير سان. ٿڪل ھوس انور کي انڪار ڪري ڇڏيم.
    انور ڏاڍي رازداريءَ ۾ چيو، ”تقرير ناھي چرٻٽ، ٻيو ڪم آھي.“
    ”رڌڻي مان ماني چورائڻي تھ ناھي؟“
    ”نھ نھ. ٻيو ڪم آھي.“
    ”ڪھڙو؟“
    ”پرائيويٽ ڪم آھي.“
    مون انور کي جاچي ڏٺو. پڇيومانس، ”ڇا کارائيندين؟“
    ”قلفي.“
    ”خوش رھھ، ڪڍ ٻھ آنا.“
    انور مون کي ٻھ آنا ڏنا. پوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي، پتلون جي کيسي مان گلابي لفافو ڪڍي مون کي ڏنائين. چيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ جيڪا ڪرستان نرس آھي نھ-“
    ”ھا ھا، ڪاري بيني.“
    ”اڙي اھا نھ.“
    ”تھ پوءِ ڪھڙي؟“
    ”جنھن تنھنجي ڪن ۾ دوا وڌي ھئي، سوزي، سوزي.“
    ”بس بس. سمجھي ويس.“
    ”شاباس، ھي خط سوزيءَ کي ڏيئي اچ.“
    مون خط وٺي کيسي ۾ وڌو. وڃڻ کان اڳ انور کان پڇيم، ”پنھنجي ڪاليج جي مئگزين بھ پڙھڻ لاءِ ڏيندين نھ؟“
    ”تون اڃا ٻار آھين. تون ڪاليج مئگزين ڪيئن پڙھي سگھندين!“
    ”مان مئگزين جو سنڌي حصو پڙھندس.“
    ”نھ چرٻٽ نھ، ڪاليج مئگزين ۾ ٻارن لاءِ ڪابھ شيءِ نھ ھوندي آھي.“
    ”يار ھڪ دفعو پڙھڻ لاءِ ڏجانءِ نھ.“
    ”ادا احمد کان مار کارائيندين ڇا.“
    ”مان لڪي لڪي پڙھندس. ڪاڪوس ۾ وڃي پڙھندس.“
    ”نھ چرٻٽ، نھ.“
    ”تھ پوءِ مان بھ تنھنجو خط نٿو کڻي وڃان.“
    ”ائين تھ نھ ڪر.“
    ”تون منھنجي ڳالھھ ڇو نٿو مڃين.“
    ”چڱو چڱو، پڙھجانءِ. ھاڻي وڃ ۽ سوزي کي خط ڏيئي جلدي موٽي اچ.“
    مون ٻھ آنا کيسي ۾ وڌا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو، ليڊي ڊفرن اسپتال پھتس. سوزي ھڪ مريض کي سئي ھڻي رھي ھئي. مون کيس ’شي شي‘ ڪري سڏ ڪيو ۽ اچڻ جو اشارو ڏنو. ھوءَ سئي ھڻي، ورانڊي مان ٻاھر ھلي آئي. مون کيس انور وارو گلابي لفافو ڏنو. ھوءَ اتي ئي لفافي مان خط ڪڍي پڙھڻ لڳي. مان پاسيرو ٿي اک ٽيٽ ڪري کيس ڏسڻ لڳس. ھوءَ مون کي ڏاڍي وڻندي ھئي. ھڪ دفعي، گھڻو اڳ، جڏھن منھنجي ڪن ۾ مونگھڻ گھڙي ويو ھو ۽ مون کي ڪن ۾ ھوائي جھاز ھلڻ جا آواز ايندا ھئا، مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجھرائڻ لاءِ ليڊي ڊفرن اسپتال ايندو ويندو ھوس. سوچيندو ھوس، منھنجي ڪن ۾ سدائين ھوائي جھاز ھلندا رھن ۽ مان روز سوزيءَ کان ڪن ۾ دوا وجھائڻ لاءِ اسپتال ويندو رھان. پر افسوس ھڪڙي ڏينھن منھنجي ڪن مان مئل مونگھڻ نڪري آيو. ھوائي جھاز ھلڻ بند ٿي ويا. تڏھن کان مون کي سوزي ڏاڍي وڻندي ھئي.
    سوزي جڏھن خط پڙھي چڪي، تڏھن منھنجي پٺي ٺپيندي پڇيائين، ”تم انور کا دوست ڻـڍ؟“
    ”اڙي نو نو، ھم تو وڙي ٽارزن اور قلفي والڍ کا دوست ڻڍ،“
    ھن پنھنجو نرم نرم، اڇو اڇو لسو لسو ھٿ اڳتي ڪري، پنھنجين ڪونئرين، ڊگھين آڱرين سان منھنجي ڳٽي تي پيار منجھان ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”ٽم بھوت اڇا لارڪا ڻڍ.“
    ”تم ڀي وڙي بوت اڇا ڻڍ،“ مون گد گد ٿيندي چيو، ”ھم تم ڪو قلفي کلائينگا.“
    ھوءَ کلڻ لڳي. مان کيس ڏسڻ لڳس. ھوءَ مون کي ڏاڍي وڻي. دل چاھيو تھ سندس اگھاڙين پنين تي چھنڊڙي پائي ڀڄي وڃان. پر ائين نھ ڪيم. اجايو ناراض ٿي وڃي ھا ۽ منھنجي قلفي بھ نھ کائي ھا.
    مون کيس سلام ڪيو ۽ ٻھ قدم پوئتي ٿي وري کيس سلام ڪيم. ٻھ قدم وري بھ پوئتي ھٽيس ۽ پوئتي ٿيندو، ڪاريءَ ٿلھيءَ، بينيءَ نرس وٽ وڃي بيٺس. پوءِ مون خوشيءَ مان ٽارزن جھڙي رڙ ڪئي. بيني نرس کان ڇرڪ نڪري ويو. ڪرندي ڪرندي پاڻ سنڀالي ورتائين.
    اسپتال مان ٻاھر آيس. ڏاڍي خوشي ۽ بدن ۾ ڪتڪڪتائي پئي محسوس ڪيم. دل چاھيو تھ سڄي واٽ ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو وڃان. پر خيال آيو تھ اجايو ڪتا ۽ شريف ماڻھو ناراض ٿيندا. پوءِ سوچيم تھ کلان، کلي کلي اونڌو ٿي ڪري پوان. اوچتو خيال آيو تھ ماڻھو چريو سمجھي پٿر ھڻندا. مان وڏو ٿوروئي آھيان، جو ماڻھو مون کي مست سمجھن.
    نيٺ ڳائڻ جو فيصلو ڪيم. وات تي ھٿ رکي، گوين وانگر واڇ چٻي ڪري ڳائڻ شروع ڪيم: ’اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان.‘ گانو ڳائيندي، جھومندو وڻن جا پن پٽيندو، سڌو قلفيءَ واري وٽ اچي بيٺس.
    ”اڄ تھ ڪا اسپيشل قلفي کاراءِ يار.“ مون چيو ۽ ڳائڻ لڳس، ”اڃا تھ قلفيءَ وارا مان ننڍڙو آھيان، اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان- نيٺ وڏو بھ ٿيندس، نيٺ ٽارزن بھ تھ ٿيندس.“
    ”ڇو! اڄ ڏاڍو خوش ٿو ڏسجين؟“
    ”ڳالھھ نھ پڇ يار.“
    ”اسڪول جي ڪا ڇوڪري تھ نھ وڻي ويئي اٿئي؟“
    ”ڪھڙيون ٿو ڳالھيون ڪرين مولائي،“ مون وراڻيو ۽ قلفيءَ واري کي حيران پريشان ڇڏي، قلفي چوسيندو اڳتي ھليو ويس. قلفيءَ وارو بھ عجيب انسان آھي. ڀلا اسڪول جون ڇوڪريون بھ ڪي وڻڻ جھڙيون ھونديون آھن! مون کي پاڻ جيتريون ننڍڙيون اسڪولي ڇوڪريون اصل ڪونھ وڻن. ڪنيون جڏھن ڏسون نڪ ۾ آڱريون پيون گھمائينديون، اکين مان چپيون پيون ڪڍنديون، رئي جي ڪنڊ جي وٽ ٺاھي، ڪن مان مر پيون ڪڍنديون، گدليون ھٿ مس ۾ نيرا. اجايو سجايو ھڪ ٻئي سان کج کج ڪنديون. منٽ ۾ رسنديون، منٽ ۾ پرچنديون سڄو ڏينھن چٽڻي ۽ گدامڙي کائينديون رھنديون آھن. اھي ننڍڙيون بندريون، متيرن جيتريون ڇوڪريون مون کي بنھھ ڪونھ وڻن. چٻيون، جھڙيون جنڙيون.
    مون کي تھ بس سوزي نرس وڻندي آھي، ۽ ان ڏينھن مون کي ڪجھھ ڪجھھ ڏک بھ ٿيو ھو تھ مان سوزيءَ کان ڪيترو نھ ننڍڙو ھوس، بندرو. مشڪل سان سوزيءَ جي ٽنگ جيترو مس ھوس. پر تڏھن بھ مان خوش ھوس، بيحد، گھڻو، ڏاڍو.
    پرنسيس اسٽريٽ کان رام سواميءَ تائين ماڻھن کي ڌڪيندو، پري ڪندو، ڳائيندو ويس تھ: ’اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃان تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان- نيٺ وڏو بھ تھ ٿيندس.‘ بوھرا پير وٽ منھنجي پوئتان ڪنھن ٿلھي آواز ۾ ڪنو ٽھڪ ڏنو. بلڪل اھڙو ٽھڪ، جھڙو پاڪستاني فلمن ۾ بدمعاش ھيرو کي ٺونشو ھڻڻ کان اڳ ڏيندو آھي. ڪاوڙ مان منھن ورائي پوئتي ڏٺم. ھڪ گوڏر پنھنجين واھيات، جھينگن جھڙين مڇن تي ھٿ ڦيرائي کلي رھيو ھو.
    پڇيومانس، ”ڇو ٿو ڙي کلين؟“
    مڇوءَ جواب نھ ڏنو. کلندو رھيو.
    ”اڙي وري کلين ٿو!“ مون خارن مان چيو، ”خبر اٿئي، مان ليڊي ڊفرن اسپتال مان پيو اچان.“
    گھگي آواز ۾ چيائين، ”ڀيٽو وري الله وٽان تھ نھ آيو آن ني.“
    ”الله وٽان بھ آيو آھيان. امان چوندي آھي، تھ مان الله وٽان آيو آھيان.“
    ”جي ماڻھين چوندي آھي تھ پوءِ ٺيڪ آھي. پر جي پڻھين کان اھا خبر ٻڌي اٿئي تھ پوءِ ڀيٽو غلط اٿئي.“
    ”منھنجو پيءُ مري ويو آھي.“
    ”تھ پٽ، پوءِ تون بھ وڏو ٿي ڦاڙھا ماريندين.“
    ”ڦاڙھا تھ منھنجو دوست ٽارزن ماريندو آھي،“ ٽارزن جي ڳالھھ ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ”ٽارزن شينھن، چيتي ۽ واڳوءَ کي بھ ماريندو آھي.“
    ھو ٽھھ ٽھھ ڪري کلڻ لڳو. چيائين، ”چئھ، اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙي آھيان. ننڍڙي، ننڍڙو نھ.“
    ”ٽارزن تو جھڙي درياھي گھوڙي کي بھ ماريندو آھي،“ مون کانئس پري ٿيندي چيو، ”خچر، مڇو، جھينگا.“
    مون مڇوءَ کي آڱوٺو ۽ ڄڀ ڏيکاري، ۽ ڊوڙندو ڀڄي ويس. اجايو ور چڙھي وڃانس ھا تھ ماستر صاحب وانگر ماري ماري لاھھ ڪڍي ڇڏي ھا.
    رستو ٽپندي ڳائڻ شروع ڪيم. اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان، اڃا تھ ايٽ مان ننڍڙو آھيان. نيٺ وڏو-. الاءِ ڪٿان اوچتو ئي اوچتو، موٽر رڪشا منھنجي سر تي اچي ڪڙڪي. ڊرائيور زور سان بريڪ ڏنو ۽ رڪشا ڏامر جي رستي تي ليڪا ڪڍندي منھنجي ڀرسان اچي بيھي رھي.
    پٺاڻ ڊرائيور خارن مان ڳاڙھو ٿي ويو. ان وقت مون کي آلو بخارا ياد آيا. ھو رڪشا مان لھي آيو. مان ٽپ ڏيئي فٽ پاٿ تي چڙھي بيٺس. لال پٺاڻ، ٻانھن وڌائي، ڀر ڪري مون کي ٿڦڙ وھائي ڪڍي ۽ چيائين، ”خوچھ خنزير ڪا بچھ.“
    ٿڦڙ کائڻ کان اڳئي مان فٽ پاٿ تي ويھي رھيس. ڊرائيور جو وار گسي ويو ۽ چماٽ منھنجي پويان ايندڙ ٻئي ماڻھوءَ کي ٻوٿ ۾ وڃي لڳي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ٻکجي ويا. مان اتان ڀڄي ويس.
    ڀلا ھي ڪراچي بھ ڪو شھر آھي! رستن تي ھر وقت موٽريون، لاريون، ٽرامون، رڪشا ڊوڙندا رھندا آھن. ٻيو ڪو ڪم ڪونھين، چرين وانگر ڊوڙندا رھندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن بس يا لاري کي خار ايندا آھن تھ رستو ڇڏي، فٽ پاٿ تي چڙھي ڪنھن دڪان يا گھر ۾ گھڙي ويندي. ڪڏھن ڪڏھن بسون پاڻ ۾ وڙھي پونديون آھن. پر سڀني کان خوفناڪ آھن رڪشا، جن جا ڊرائيور بھ خوفناڪ ھوندا آھن.
    مون سوچيو آھي تھ وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس، گھر بدران وڻن تي رھندس. بسون ۽ لاريون گھرن ۾ گھڙي اينديون آھن، پر اڄ تائين ڪابھ بس يا موٽر لاري وڻ تي چڙھي نھ سگھي آھي. مان وڻ تي رھندس ۽ دوستي پکين سان رکندس، (افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ ٽارزن جي ملڪ وانگر جانور وڻن تي نٿا رھن.) مان وڻ تان ھيٺ لھي ڪنھن بھ جانور سان دوستي نھ رکندس.
    سيٽيون وڄائيندو، ڀتين تان پوسٽر ڦاڙيندو، راڳ ڳائيندو گھر آيس.
    انور منھنجي انتظار ۾ ڏاڪڻ وٽ بيٺو ھو ۽ ڪو غمگين فلمي گانو ڳائي رھيو ھو. مون کي ڏسنديئي گانو ڳائڻ بند ڪري ڇڏيائين.
    مون کي ٻانھن کان ڇڪيندي پڇيائين، ”ڪيئن چرٻٽ، ڪم تھ ٺيڪ ٿي ويو نھ؟“
    مون اول کيس ڪاري بيني نرس واري ڳالھھ ٻڌائي.
    چيائين، ”پراين عورتن سان مستي نھ ڪندو ڪر. اھڙيون حرڪتون شريف ٻار نھ ڪندا آھن ۽ ڀلا-“
    مون کيس ڳالھائڻ نھ ڏنو ۽ مڇوءَ جي ڳالھھ ٻڌائيمانس.
    چيائين، ”پاڻ وڏن سان ادب سان ڳالھائبو آھي. توکي عقل الاءِ ڪڏھن ايندو چرٻٽ، ۽ ڀلا-“
    مون سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪپي ڇڏي ۽ کيس رڪشا ڊرائيور جي ڳالھھ ٻڌايم.
    چيائين، ”رستي تي وائڙن وانگر نھ ھلندو ڪر. اول ساڄي، پوءِ کاٻي پاسي ڏسي رستو پار ڪندو ڪر، ۽ ڀلا ھو خط سوزيءَ کي ڏنئھ؟“
    ”اول پنھنجي ڪاليج مئگزين ڏي، تھ پوءِ ٻڌائيندومانءِ.“
    ”مئگزين نھ ملنديءِ.“
    ”تھ پوءِ مان ڳالھھ بھ نھ ٻڌائيندومانءِ.“
    ”مار کائيندين چرٻٽ.“
    ”ماري تھ ڏيکار! ھون،“ مون چيو، ”مان سڀ ڪجھھ امان کي ٻڌائي ڇڏيندس تھ تو ھڪ نرس کي-“
    ”ٺھيو بابا، ٺھيو،“ انور منھنجي وات تي ھٿ رکي ڇڏيو. ڊوڙندو ويو ۽ پنھنجي ڪمري مان ڪاليج مئگزين کڻي آيو.
    مئگزين ڏيندي چيائين، ”ھاڻي تھ کڻي ٻڌاءِ، چريا چرٻٽ ڪجھھ چيائين.“
    ”ھا، چيائين تھ ٽم بوت اڇا لارڪا ڻڍ.“
    ”ٻيو ڪجھھ؟“
    ”ڪجھھ بھ نھ.“
    انور خيالن ۾ گم ٿي ويو. پنھنجي ساءِ مرڪڻ لڳو.
    پڇيومانس، ”کيل تي ويندؤ ڇا؟“
    ”ھا.“
    ”ڪھڙي تي؟“
    ”بدنام حسينھ عرف بي رحم گھوڙي سوار.“
    ”ھون! اھا بھ ڪا فلم آھي! ٽارزن ۽ خوفناڪ چيتو وڃي ڏسو نھ.“
    ”اھا فلم ٻارن لاءِ آھي، چرٻٽ.“
    ”اڙي نھ نھ،“ مون خوش ٿيندي چيو، ”ان فلم ۾ ٽارزن ھڪ ڇوڪريءَ کي لو (Love) ھڻي ٿو.“
    ”بيشرم، بداخلاق،“ انور ڪاوڙجي ويو، ”وڏي ڀاءُ سان اھڙيون واھيات ڳالھيون ڪندي شرم نٿو اچيئي.“
    ”اچي ٿو.“
    ”تھ پوءِ ھتان ڀڄي وڃ.“ انور چيو، ”مئگزين بھ لڪائي پڙھجانءِ.“
    ”تون خيال نھ ڪر.“
    ”۽ سوزيءَ واري ڳالھھ بھ ڪنھن سان نھ ڪجانءِ.“
    ”قلفي کارائيندين؟“
    ”ھا.“
    ”تھ پوءِ ڪنھن کي بھ نھ ٻڌائيندس.“
    انور ڪپڙا مٽي عذرا جي ڪمري ۾ ويو. عذرا منھنجي ڀيڻ آھي. نڪ پڪوڙي جھڙو، ڏند مترڪي جھڙا ۽ اکيون ڦٿل انگورن جھڙيون اٿس. مونکي ھر ھفتي ھڪ دفعو مار ڏيندي يا کارائيندي آھي.
    انور پٻن تي ھلندو عذرا جي ڪمري ۾ گھڙي ويو. ان وقت عذرا ھڪ اردو ناول پڙھي رھي ھئي ۽ زور زور سان ٽنگون لوڏي رھي ھئي. ھوءَ بالڪونيءَ ۾ ويٺي ھئي.
    انور عذرا کان اک بچائي، ڊريسنگ ٽيبل مان سينٽ جي شيشي ڪڍي پنھنجن ڪپڙن تي ھاري ڇڏي. مان کيس در جي وٿيءَ مان جاچي رھيو ھوس. مون تي نظر پيس تھ مون کي اک ھنيائين، جنھن مان سمجھيم تھ خاموش رھان. انور پير پير پائي، ڪمري مان نڪري ويو.
    مان ٻاھرين در تائين انور جي ڪڍ آيس. ٻاھرين در وٽ ترسي، ھٿ جي اشاري سان پڇيائين تھ ڇاھي. مون پريان ئي کيس ساڄي ھٿ جون ٻھ آڱريون ڏيکاريون ۽ کاٻي ھٿ جو آڱوٺو وات ۾ وجھي ڇڏيم. جنھن مان منھنجو مطلب ھو تھ مون کي ٻھ آنا ڏي تھ مان ھڪ قلفي کاوان. انور پنھنجي واچ ڏانھن اشارو ڪيو ۽ ڪنڌ لوڏي ھليو ويو. مون بھ کيس وڃڻ ڏنو. رات جا نو ٿي رھيا ھئا. اجايو دير ٿي وڃيس ھا ۽سوزيءَ کي بھ تڪليف ٿئي ھئا.
    سوزي! ھا سوزي! اوھھ مان جيڪر وڏو ھجان. انور جيڏو ھجان ھا ۽ انور مان جيترو ننڍڙو ۽ بندرو ھجي ھا. مان خط لکان ھا ۽ انور سوزيءَ کي ڏيئي اچي ھا. ۽ پوءِ سوزي ۽ مان فلم تي وڃون ھا. پر مان تھ جيڪر سوزيءَ کي ٽارزن جي فلم ڏيکاريان ھا. اردو فلمن ۾ ھيروئن ۽ مايون ايڏو تھ روئينديون آھن، جو منھنجي دل بھ ٻاگھا ڦاڙي روئڻ چاھيندي آھي.
    ھڪ دفعي مان، امان، عذرا ۽ پاڙي جي عورتن سان گڏ ھڪ فلم جو زنانو شو ڏسڻ ويو ھوس (مان ننڍڙو آھيان ۽ بيحد بندرو آھيان، تنھنڪري مون تي زناني شو ۾ عورتن سان ويھڻ جي جھل پل ڪونھي.) ان فلم ۾ ويچاري ھيروئن کي سندس مڙس مار ڏيئي، گھر مان ڪڍي ٿو ڇڏي. ساڳيو مڙس ھڪ ٻيءَ فلم ۾ ساڳي ھيروئن جو پيءُ ٿيو ھو. اھو ڏسي مون کي سخت اچرج ٿيو ۽ جڏھن عذرا کان پڇيو ھيم تھ اھو ساڳيو ٿلھو بدمعاش ھڪ فلم ۾ ساڳي ھيروئن جو پيءُ ٿيو ھو ۽ ھن فلم ۾ وري مڙس ڪيئن ٿي پيس! تھ عذرا مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ھو: موئا چپ ڪر، چريا چرٻٽ. مون ماٺ نھ ڪئي ۽ اڻ تڻ لڳي پئي ھئي، سو چپ ڪيئن رھان ھا! پنھنجو وات عذرا جي ڪن وٽ آڻيندي چيو ھيم: ٽارزن جي فلمن ۾ تھ ائين نھ ٿيندو آھي، جانور ھر فلم ۾ جانور رھندا آھن، ماڻھو ڪونھ ٿي پوندا آھن. عذرا پنھنجو سڪل، ڪارو ھڏائون ھٿ منھنجي وات تي رکي ڇڏيو ھو ۽ عجيب آواز ۾ چيو ھئائين: ”بس ڪر، موئا مرين.“ ۽ پوءِ رئي جي ڪنڊ وات ۾ وجھي روئڻ لڳي ھئي. مون سندس ھٿ تي ھٿ رکندي چيو ھو: ”مونکي معاف ڪر منھنجي ڀيڻ“ (نياڻي ست قرآن ھوندي آھي، ڪيئن ناراض ڪيانس ھا!) اوچتو امان ۽ پاڙي جي عورتن بھ روئڻ شروع ڪيو. مون اڳتي پوئتي منھن ورائي ڏٺو. منھنجي حيرت جي حد نھ رھي ھئي، جڏھن ڏٺو ھيم تھ سڄي سئنيما ھال جون عورتون روئي رھيون ھيون. اکيون ڦاڙي پردي ڏانھن ڏٺو ھيم، ۽ سڀني جي روئڻ جو سبب منھنجي سمجھھ ۾ اچي ويو ھو. پردي تي ھيروئن جا حال بڇڙا ھئا. ھوءَ ريل جي پٽن جي وچ ۾ ڊوڙي رھي ھئي. ڪجھھ نانگ، بلائون، وڇون وغيره ھيروئن ڏانھن وڌي رھيا ھئا. پريان ريل گاڏي اچي رھي ھئي ۽ ھيروئن ويچاري ٻئي ٻانھون مٿي ڪري، ٻاگھا ڦاڙي ھڪ گانو ڳائڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. مون سوچيو، يار چرٻٽ سڀ روئن ٿا- امان روئي ٿي، ھيروئن روئي ٿي، توکي بھ روئڻ گھرجي. پوءِ مون بھ منھن بڇڙو ڪري، واڇ چٻي ڪري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ شروع ڪيو ھو. ان دفعي مان ڏاڍو رنو ھوس. ڀلا اھڙي فلم ۾ سوزيءَ کي ڪيئن وٺي وڃي روئاڙي اچان ھا؟“
    منھنجي ننڍڙي ميڄالي ۾ وڏا وڏا خيال اڀرڻ لڳا.
    مون ڪاليج مئگزين، جاگرافيءَ جي جرنل ۾ لڪائي ڇڏي. پنھنجي ڪتابن جي ميز وٽ ڪرسي وجھي ويھي رھيس ۽ سڀني کان اک بچائي ڪاليج مئگزين جو سنڌي حصو سڄو پڙھي ويس. عجيب عجيب ڳالھيون ۽ آکاڻيون لکيل ھيون مئگزين ۾.
    ھر ھڪ آکاڻيءَ ۾ سماج نالي ڪنھن شيءِ جو ھزارين دفعا ذڪر ڪيل ھو. ھر ھڪ آکاڻيءَ ۾ سماج ڪا نھ ڪا ڳڙٻڙ ڪئي ھئي. مون کي سماج تي ڏاڍا خار آيا. پوءِ مون مئگزين بند ڪري، سماج جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. وڏو ڪو بدمعاش آھي سماج! اھا پڪ ھيم تھ سماج ڪنھن جانور جو نالو ڪونھي، ڇو جو ٽارزن اڄ تائين چيتي، رڇ، بگھڙ، واڳون ۽ درياھي گھوڙي وغيره سان وڙھيو آھي، پر اڃا تائين سماج سان مقابلو نھ ڪيو اٿائين. گھڻو سوچڻ کانپوءِ بھ سماج منھنجي سمجھھ ۾ نھ آيو ۽ مون سماج جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏنو.
    ڇائي پائي سماج. پوءِ مون مئگزين ۾ لکيل ڳالھين جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. ان ڏينھن زندگيءَ ۾ پھريون دفعو مون کي خبر پئي تھ ماڻھو وڏو ٿي ڪيئن ڳالھائيندو آھي- ڪيئن محبت ڪندو آھي. فيصلو ڪيم تھ مان بھ وڏو ٿي ائين ڪندس، ائين ئي ڳالھائيندس. اوچتو منھنجي ذھن ۾ ٻيھر سماج بدمعاش جو خيال اڀري آيو- وڏو شودو آھي سماج- ڪڏھن ھيروئن جو پيءُ تھ ڪڏھن مڙس!
    مان سماج، محبت ۽ سوزيءَ جي باري ۾ سوچيندي سمھي پيس.
    امان الاءِ ڪھڙي مھل مون کي ننڊ مان جاڳائي چيو: ڀاڻين نان ڪباب آندا آھن، اٿي کاءُ،“
    مان ھن وقت بدمعاش سماج جي باري ۾ سوچي رھيو آھيان،“ وراڻيم ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيم.
    سوزي سرڪاري باغيچي ۾ شتر مرغ جي پڃري وٽ ھڪ بئنچ تي ويٺي ھئي، ۽ وڻ جي ٽاريءَ تي الو ويٺو ھو. سوزيءَ کي ڪپڙا پرين جھڙا پاتل ھئا ۽ سندس ٽنگون بھ اگھاڙيون نھ ھيون. کيس پرين جھڙا اڇا اڇا، سھڻا سھڻا کنڀ بھ ھئا. ان وقت مان ۽ منھنجو جگري دوست ڦندڻ ڏيڏرن کي پٿر ھڻڻ لاءِ باغيچي ۾ ويا ھئاسين. مون ڦندڻ کي چيو: يار ڦندڻ، تون ھن تلاءَ وٽ ويھي نڪ مان گينگھا بھ ڪڍ ۽ ڏيڏر بھ ڏس، مان منٽ ۾ سوزيءَ سان ملاقات ڪري موٽي ٿو اچان ۽ اچي ڏيڏرن کي پٿر ٿو ھڻان. ڦندڻ تلاءَ جي ڪپ تي ويھي رھيو ۽ چيائين: ايندي ايندي گدامڙي پٽي اچجانءِ.
    تلاءِ جي سامھون ٻوٽا ھئا، ۽ ٻوسٽ جي ٻئي پاسي، سائي ڇٻر جي پرئين ڪنڊ وٽ، ھڪ اڪيلي بئنچ تي سوزي اداس ويٺي ھئي.
    ھڪ ڇال سان ٻوٽا اڪري ويس. پوءِ سوچيم تھ ٽارزن وانگر ڪوڪڙاٽ ڪندو، وڻن جي ٽارين تي لٽڪندو، سوزيءَ جي ڪن ۾ وڃي ’ھو‘ ڪيان. پر خيال آيو تھ ٻيلي، ڪاليج مئگزين ۾ ائين لکيل ڪونھ ھو. مون کي ائين ڪرڻ گھرجي. جيئن مئگزين ۾ لکيو ھو.
    مون قميص جا ٻھ بٽڻ کولي ڇڏيا. وار منھن ۾ وجھي کاٻو چپ لٽڪائي ڇڏيم. ائين ڪرڻ سان ڪجھھ دير لاءِ پاڻ کي اٺ محسوس ڪيم. پوءِ جيئن ئي سوزيءَ ڏانھن وک وڌايم، تھ اھو ڏسي منھنجي حيرت جي حد نھ رھي تھ مان ھڪدم انور جيڏو وڏو ۽ قداور ٿي ويو ھوس. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.
    مان تڪڙو تڪڙو سوزيءَ ڏانھن وڌي ويس. ھن مون کي ڏٺو ۽ اچرج نھ کاڌائين.
    چيائين، ”مان تنھنجو ئي انتظار ڪري رھي ھيس، بالم.“
    ”بالم! ڪٿي آ بالم.“
    ”تون منھنجو بالم آھين.“
    ”اوه! سمجھيم.“
    ”مان صدين کان تنھنجو انتظار ڪري رھي آھيان.“
    ”صدين کان! نھ نھ. چرچا تھ نھ ڪر. تون ڏاڏيءَ حوا جيڏي تھ ناھين.“
    ”تون نٿو سمجھين منھنجا محبوب.“
    ”محبوب! ڪھڙو محبوب؟ فلم ڊائريڪٽر محبوب.“
    ھوءَ وڌيڪ اداس ٿي ويئي، چيائين، ”منھنجي ڀرسان اچي ويھھ، منھنجا پريتم.“
    ”مان پريتم نھ آھيان. پريتم داس اسان جي ڪلاس جو مانيٽر آھي. اسان جي ماستر جو چمچو آھي.“
    ھن مون کي ٻانھن کان وٺي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي چيو، ”منھنجي ڀرسان ويھي رھھ منھنجا ساجن.“
    ”ساجن!“ مون سندس ڀر ۾ ويھندي چيو، ”تو مون کي شايد سڃاتو ناھي سوزي، اڙي مان چرٻٽ آھيانءِ.“
    ”دنيا لاءِ ڀل تون ڪجھھ بھ ھجين، پر منھنجي لاءِ ديوتا آھين.“
    ”ديوتا!“ مون کي ڪجھھ ڪجھھ ڪاوڙ لڳي، ”ھي دئوس ديوتا وري ڪير آھي! مان توسان محبت ڪيان ٿو سوزي. تون پنھنجيءَ دل مان دئوس ديوتا، ساجن، پريتم، بالم وغيره جو خيال ڪڍي ڇڏ.“
    سوزيءَ ٿڌي آھھ ڀريندي چيو، ”تون ڏاڍو معصوم آھين.“
    معصوم چيائين تھ مون کي ڏاڍو شرم آيو. مان اڳ جيترو بندرو ۽ ننڍڙو نھ ھوس، وڏو ٿي ويو ھوس ۽ ماڻھو وڏي ٿي معصوم ٿورو ئي رھندو آھي!
    چيم، ”مان معصوم ٿوروئي آھيان. مان تھ جوان آھيان، تو جيترو آھيان ۽ سوزي- ۽ سوزي مان توسان محبت ڪندو آھيان.“
    ”مان بھ توکي دل جي گھراين سان چاھيندي آھيان، توسان محبت ڪندي آھيان.“
    ”سچ!“
    ”ھا،“ ھن اداس لھجي ۾ ڳالھايو، ”پر تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ سماج جي ديوار آھي.“
    ”ڪٿي آ سماج ۽ سماج جي ديوار،“ مان خوفناڪ رڙ ڪري بئنچ تي چڙھي بيٺس.
    الو وڻ جي ٽاريءَ تان اڏامي ويو.
    ”ڪٿي آھي سماج، سوزي. مان غنڊي سماج جا ڏند ڀڃي ڇڏيندس.“
    مون کي سماج تي ڏاڍي ڪاوڙ آھي. مون ڏند ڪرٽيندي، مٺيون ڀڪوڙي چئني طرف نھاريو. پري پري تائين مون کي سماج ڏسڻ ۾ نھ آيو.
    مون رڙ ڪئي، ”بدبخت سماج، ويجھو آءُ. تو ڪاليج مئگزين جي محبت ڪرڻ وارن کي ستائي ڏٺو آھي. اچ، اچي مون سان وڙھھ، داداگير سماج اڄ مان تنھنجو ٽِٽ ڪڍي ڇڏيندس.“
    اوچتو وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ٻاڪرڪٽو مچي ويو. مان سماج سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سينو ڦوڪي تيار ٿي بيٺس.
    باغ جو مالھي ڏنڊو کڻي ڊوڙندو آيو.
    پريان ئي رڙ ڪندي چيائين، ”باگيچي ۾ بوبڙي ڪري لاءِ ٿو مارين.“
    مون کان اڳ سوزي بئنچ ڇڏي ڀڄي ويئي. مالھيءَ مون کي ڊوڙائڻ شروع ڪيو. مان ڇٻر لنگھي، ٻوٽا ٽپي، ڦندڻ ڏانھن ڊوڙندو رھيس.
    مالھي رڙيون ڪندو، گاھھ پٽيندو، منھنجي ڪڍ ڌوڪيندو آيو.
    مان ڏيڏرن جي تلاءَ وٽ پھتس. ڦندڻ غائب ٿي ويو ھو. مان حيران پريشان بيٺو ھوس، جو مٿان اچي مالھي نڪتو. مون کي جھلڻ لاءِ ٻئي ٻانھون اڳتي ڪري جھٽ ڏنائين. مان پري ٿي ويس ۽ مالھي سڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪريو. شپڪو ٿيو. ڏيڏرن ٽپ ڏنا ۽ پاڻيءَ جا ڇنڊا منھنجي منھن تي اچي پيا. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪجھھ وڌيڪ ڇنڊا پيا تھ مون ٻوٽيل اکيون اول مھٽيون ۽ پوءِ کولي ڇڏيون. ڪيڏانھن وئي سوزي ۽ ڪيڏانھن ويو باغ جو مالھي!
    مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺس. صبح ٿي ويو ھو. منھنجي مٿان انور بيٺو ھو. غسلخاني مان وھنجي نڪتو ھو ۽ سندس وارن مان پاڻي منھنجي منھن تي ٽمي رھيو ھو.
    انور منھنجي ڀرسان ھنڌ تي ويھي رھيو. آھستي پڇيائين، ”لفافي ۽ سوزيءَ جي ڳالھھ دل ۾ رکي اٿئي نھ؟
    ”ھا،“ مون وراڻيو، ”پر جي قلفيءَ لاءِ ٻھ آنا نھ ڏيندين تھ سڀني کي ٻڌائي ڇڏيندس.“
    ”صبح صبح جو قلفي! ھون چريا چرٻٽ،۾ انور کلڻ لڳو. چيائين، ”ڀل وڃي ٻڌاءِ. ھاڻي تنھنجي ڳالھھ تي ڪير اعتبار ڪندو؟“
    ”دوکو!“
    انور کلندو، ٽوال سان وار اگھندو بالڪونيءَ ڏانھن ھليو ويو.


    9. رڃ

    اڄ آچر رات آھي. ھو ٽيئي ھڪ ولائيتي طرز جي گتي ۾ ويٺا آھن. سندن آڏو ٽيبل تي وسڪيءَ جا سونھري گلاس ۽ تريل گوشت، ڪبابن ۽ سيڪيل پٽاٽن جون پليٽون رکيون آھن. پٽاٽن جي پليٽ ڀڳوانداس لاءِ آھي. ھو ويشنو آھي. گوشت جي منع اٿس،. تريل گوشت ۽ ڪبابن جون پليٽون مظفر ۽ ڪريم لاءِ آھن. ھو ٻئي وسڪيءَ جون سرڪيون ڀري گوشت جون ٻوٽيون چٻاڙي رھيا آھن. ڀڳوانداس پٽاٽا کائي رھيو آھي.
    ٽيئي پاڻ ۾ گھرا دوست آھن.
    ٽيئي ڄڻا ھڪ ئي اسڪول ۾ ماستر آھن.
    ڀڳوانداس حسابن جو ماستر آھي. زندگيءَ جي ھر ھڪ وھنوار ۾ حساب استعمال ڪندو آھي. پيسن ڳڻڻ کان وٺي ساھ کڻڻ تائين حساب ڪتب آڻيندو آھي. پگھار ٻين ماسترن جيتري اٿس، پر وٽس ٽيوشنون جام آھن. ويھھ پنجويھھ کن شاگرد کانئس ٽيوشن وٺندا آھن. سندس ماھوار آمدني ٻارھن سئو رپيا کن آھي. خوش آھي. آسودو آھي. قميصن جا ڪالر ۽ پتلونن جا پائنچا کٿل ھوندا آھنس. ڦلڪا ڳڻي کائيندو آھي. بئنڪ ۾ رکيل موڙي وڌندي رھندي اٿس. سندس دولت مان بئنڪ وارا واپار ڪندا آھن ۽ نفعي مان پنھنجي عملي کي بونس ڏيندا آھن. بئنڪ جو مئنيجر ٿلھو متارو آھي. سٺا ڪپڙا پائيندو ۽ سٺو کائيندو آھي. ڀڳوانداس دولت ميڙيندو رھندو آھي. سندس پتلون جا پائنچا ۽ قميص جو ڪالر کٿل ھوندو آھي ۽ بوٽ جو ترو گٺل ۽ ٽنگر ھوندو اٿس. فقط آچر رات لڪشميءَ جا بند خلاص ڪري، حاتم کي رئارڻ لاءِ پنھنجن ٻن دوستن سان گڏ رات ملھائيندو آھي.
    مظفر ڊرائينگ ماستر آھي. ساڻس ملندا تھ توھان سان وان گو، ليونارڊ ڊاونسي ۽ پڪاسو جي فن تي نڪتھ چيني ڪندو. کيس چغتائي، صادقين ۽ گل جيءَ جون تصويرون پسند ناھن. مظفر ولائتي فلمون ڏسندو ۽ ڊرائينگ لاءِ ولائتي برش ڪم آڻيندو آھي. ٻيو ڀل نھ ڪري، پر پنھنجي تعريف پاڻ ضرور ڪندو. ڳالھائڻ مھل آواز نڙيءَ ۾ وڪوڙي سڪوڙي، گھمائي ڦيرائي ٻاھر ڪڍندو آھي، ڪنھن ڪنھن وقت تھ ائين محسوس ٿيندو آھي، ڄڻ تاڙيون وڄائي ڳائيندو:
    ’آئڍ موسم رنگيلڍ سوھانڍ تو چھٽي لڍ کڍ آ جا بالما.‘
    ڪريم حديث ۽ تاريخ جو استاد آھي. ڇوڪرن کي موت جي ڀو، قبر جي عذاب ۽ قيامت جي سختيءَ جون ڳالھيون ٻڌائي، نماز پڙھڻ جي تاڪيد ڪندو آھي. الله سائين جي قھار ھئڻ جون حديثون بيان ڪري، ٻارن جي دل ۾ مذھب جو احترام پيدا ڪندو آھي. تاريخ ۾ پنھنجي ساءِ ھو اورنگزيب، چنگيز ۽ ھٽلر کي ساڳي قطار ۾ بيھاريندو آھي. پر ڪلاس ۾ ھو اورنگزيب جي تعريف، ۽ چنگيز لاءِ ٻارن جي دل ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. ان لاءِ کيس ماھوار سرڪاري پگھار ملندي آھي.
    ڪريم، مظفر ۽ ڀڳوانداس پاڻ ۾ گھاٽا يار آھن. ڪريم ڪنوارو آھي ۽ ڀڳوانداس جي زال ھندستان ۾ آھي. مائٽن سان ملڻ دھليءَ ويئي ھئي. اتي غير ملڪي جاسوس سمجھي گرفتار ڪيو اٿائونس. مظفر کي پنھنجي زال آھي. گرومندر وٽ ھڪ ڪوارٽر ۾ رھندا آھن.
    اڄ آچر رات آھي. خبر اٿن تھ صبح جو کين موڳن ڇورن سان مٿو مارڻو ناھي. اڄ رات جو ھو دير تائين ولائتي گتي جي ڪنڊ ۾ ويٺا رھندا. شراب جي ڍڪ سان گوشت جون تريل ٻوٽيون ۽ ڪباب چٻاڙيندا رھندا. ڀڳوانداس ويشنو آھي، تنھن ڪرري شراب سان گڏ سيڪيل پٽاٽا کائيندو رھندو. پوءِ جڏھن رات جو پھريون پھر وھامي ويندو، تڏھن ھو ٿڙندڙ ٻرانگھن سان لڏندا لمندا، جھومندا، بار مان نڪري رستي تي اچي بيھندا ۽ ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳندا. انتظار ڪندي ڪندي ھميشه وانگر ڳائيندا:
    مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
    ھر حال ۾ رانول رھبر ٿيندي.“
    ۽ پوءِ جڏھن ٽيڪسي ايندي، تڏھن ھو پنھنجن پنھنجن گھرن ڏانھن روانا ٿي ويندا.
    پر مھيني جي پھرين آچر رات سلسلو اتي ختم نھ ٿيندو آھي. گذريل آچر رات مھيني جي پھرين رات ھئي. ان رات ائين نھ ٿيو ھو. ان رات ھو دستور موجب اڌ رات تائين گوشت جون ٻوٽيون چٻاڙيندا ۽ وسڪيءَ جا گلاس خالي ڪندا رھيا ھئا. مھيني جي پھرين آچر رات ھئي. کيسا گرم ھئن، تنھن ڪري دل بھ گرم ھئن.
    ڪريم گوشت چٻاڙيندي چيو، ”ڪي پيدائشي ماستر ھوندا آھن، ۽ ڪن تي ماستري مڙھي ويندي آھي.“
    ۽ پوءِ ڪريم دل کولي ماستري ڌنڌي کي خوب گاريون ڏنيون. ڪباب وات ۾ وجھندي چيائين، ”ماستري ڪرڻ کان بھتر آھي تھ ماڻھو ڪباب وڪڻي.“
    ڀڳوانداس سندس ڳالھھ اڌ ۾ ڪپيندي چيو، ”اسڪول ماستر کان ٽيلر ماستر کي وڌيڪ عزت ملندي آھي.“
    ”شٽ اپ،“ مظفر وچ ۾ ڳالھايو، ”مان سڀاڻي کان سپر سئنيما جا پوسٽر ٺاھيندس ۽ آرٽسٽ سڏائيندس.“
    ”گڊلڪ گنجا،“ ڪريم سندس پٺي ٺپيندي چيو.
    ”اڙي آھستي، متان پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڃين وجھين.“
    ”پرواھھ ناھي. ڀڳل ڪنڊي بدران مڇيءَ جو ڪنڊو استعمال ڪجانءِ.“
    ”ڪھڙيءَ مڇيءَ جو ڪنڊو.“ مظفر پڇيو، ”پلو يا پاپليٽ؟“
    ”پاپليٽ.“
    ”واھھ، انگريزي مڇي!“
    ”پاپليٽ انگريزي مڇي آھي؟“ ڀڳوان داس پڇيو.
    ”ھا.“
    ”۽ پلو؟“
    ”پلو بلڊي فول سنڌي ھوندو آھي.“
    ”ڀلا مڇين جو ڪھڙو مذھب ھوندو آھي؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
    ”مڇين جا مختلف مذھب ھوندا آھن،“ ڪريم ٻوٽي چٻاڙيندي وراڻيو.
    ”ڪيئن؟“
    ”جيڪا مڇي ليورپول وٽ پيدا ٿئي، تنھن جو عيسائي مذھب ھوندو آھي.“
    ”ڪرسچن؟“
    ”ھا،“ ڪريم چوندو رھيو، ”جيڪا مڇي روس جي ڪنارن تان ملي، سا مڇي ڪميونسٽ ھوندي آھي.“
    ”واھھ!“
    ”جيڪا مڇي عربستان ۾ ٿئي، سا مڇي مسلمان ھوندي آھي.“
    ”جيڪا مڇي ھندستان ۾ ٿئي؟“ مظفر پڇيو.
    ”جيڪا مڇي ھندستان مان ملي، سا مڇي ھندو ھوندي آھي.“
    ”نھ، نھ،“ ڀڳوانداس وچ ۾ چيو، ”ھندستاني مڇين جو ڪوبھ مذھب نھ ھوندو آھي. اھي فقط مڇيون ھونديون آھن.“
    ”تنھنجو مطلب آھي تھ ھندستاني مڇيون اٿئيسٽ يعني ملحد ھونديون آھن؟“
    ”ھا.“
    ”بيوقوف! ملحد مڇي حرام ھوندي آھي.“
    ”مڇين جو اڪبر بادشاھھ ھجي ھا، تھ جيڪر دين الاھي ٺاھي ھا.“
    مظفر پڇيو، ”ڀلا وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي ڇو کائي ڇڏيندي آھي.“
    ”الاءِ.“ ڪريم وراڻيو، ”پر اھا حرامپائي ماڻھن مڇين جي مٿي ۾ وڌي آھي.“
    ”چئبو تھ انسان وڏو پلستر آھي.“
    ”ھا. تڏھن تھ پاڻ کي اشرف المخلوقات ٿو سڏائي.“
    مظفر ڪجھھ سوچيندي چيو، ”مان ھڪ اھڙي مڇيءَ جي تصوير ٺاھيندس، جنھن جو منھن ماڻھوءَ جھڙو ۽ بدن سوئر جھڙو ھوندو.“
    ”تھ پوءِ سرڪار توکي جيل ۾ وجھائيندي.“
    ”بيرا، برف!“
    ”بيروشيشي جي پيالي ۾ برف کڻي آيو. برف ٽيبل تي رکي، ڪبابن ۽ پٽاٽن جو آرڊر وٺي ھليو ويو.
    ڪريم چيو، ”ارودءَ ۾ بيرو ٻوڙي کي چوندا آھن.“
    ”۽ سنڌيءَ ۾ ڳيرو پکي ھوندو آھي.“ ڀڳوانداس چيو.
    ”اري ڳيرو نھ، بيرو.۾
    ”ڳيرو امن جو پکي آھي.“
    ”ٻيا پکي جنگ ڪندا آھن ڇا؟“
    ”الاءِ، پر ڳيرو امن جو پکي آھي.“
    ”پر جھرڪي ڳيري کان وڌيڪ شريف آھي،“ مظفر چيو.
    ”۽ سڀ کان وڌيڪ بدمعاش پکي آھي ڪانءُ.“
    ”ڪانءُ نھ چٻرو.“
    ”چٻرو ڇا؟“
    ”الو.“
    ”الوءَ وٽ ٻھ راڪيٽ ھوندا آھن ڇا؟“
    ”الوءَ وٽ ٻھ چمڪندڙ اکيون ھونديون آھن،“ ڪريم چيو، ”۽ اسڪول جا ڇورا بھ الو آھن.“
    ”ڪيئن؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
    ”پڇيومان بيت الله ڪٿي آھي، چيائون: موھن جي دڙي ۾.“ ٽنھي ٽھڪ ڏنو.
    ”پڇيومان تھ ھندستان ۾ مغلن ايترا قلعا ۽ عمارتون ڇو اڏايون، تھ ٺھھ پھھ وراڻيائون: سائين سڀئي مغل ڊکڻ ھئا.“
    ”ڇورا نوبل آھن.“
    ”ڇورن کي نوبل پرائيز ملڻ گھرجي.“
    ”ھا، ڪاپين ۾ حسابن بدران فلمي گانا لکندا آھن،“ ڀڳوانداس چيو.
    ”۽ ڪتابن ۾ اگھاڙين عورتن جا فوٽا رکندا آھن.“
    ان ڳالھھ تان ٽنھي کي کل آئي. کلي کلي ڪرسين تان ڪري پيا. اٿيا. ڪرسين تي ويٺا مس، تھ ڪريم وري ڪري پيو. ڀڳوانداس ۽ مظفر پيٽ کي زور ڏيئي کلي کلي ساڻا ٿي پيا.
    ڪريم چيو، ”اڙي چپ ڪريو، کلي کلي چريا نھ ٿي پئون.“
    ”ڀل چريا ٿي پئون. سنڌي پير ڪري پوڄيندا.“
    ”تون ڪافر آھين ماستر.“
    ”مان ٽڪي جو ماستر آھيان.“
    ”تڏھن تھ ماسترن فيملي پلاننگ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي.“
    ”بيشڪ وارن جي ڪسر ٿا پوري ڪن.“
    ”تھ پوءِ ملڪ جو مستقبل ڊارڪ آھي.“
    ”ڊارڪ، يعني ڪارو؟“
    ”ھا.“
    ”آمريڪا جا نينکرو بھ ڪارا آھن،“ مظفر چيو.
    ”آمريڪي اندر جا ڪارا آھن.“
    ”تون اشتراڪي آھين، تڏھن ٿو بڪواس ڪرين.“
    ”پنھنجي ھئنڊسم پريزيڊنٽ کي ماري وڌائون.“
    ”راڪ ھڊسن بھ گھٽ ٺاھوڪو ناھي. ھن کي ئي کڻي صدر ڪن.“
    ”پر راڪ ھڊسن مارلين برانڊو جھڙو زبردست ايڪٽر ناھي.“
    ”ھون!“ مظفر چيو، ”شيدي ايڪٽر سڊني پائٽر دنيا جو سڀ کان وڏو ايڪٽر آھي.“
    ”بڪواس.“
    ”زبان سنڀالي ڳالھاءِ، بيھوش.“
    ”مان ھوش ۾ آھيان.“
    ”تون آئوٽ آھين.“
    ڪريم ۽ مظفر ذري گھٽ وڙھڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. ڀڳوانداس وچ ۾ پئي، سندن ٺاھھ ڪرايو. چيائين، ”توھان ٻئي آئوٽ آھيو. نسلي امتياز اسان جو مسئلو ناھي.“
    ”آھي.“
    ”ناھي، اڙي گنجا. اسان جو مسئلو مذھب آھي.“
    ”مذھب دوکو آھي.“
    ”دوزخ ۾ ويندين، بيوقوف. اسان کان ڌار ٿيڻ ٿو چاھين.“
    ”پرواھھ ناھي. سچل چيو ھو، دوزخ دڙڪو، بھشت دلاسو، ڊاھھ ويا سڀ ڊھي ڊھي.“
    ”سچل جي ڳالھھ نھ ڪر،“ ڪريم چيو، ”سچل ڪميونسٽ ھو.“
    ”گڏھھ بي عقل، ڇسا زبان سنڀالي ڳالھاءِ. سچل سنڌ جو سڀ کان وڏو شاعر ھو.“
    ”شاھھ کان بھ؟“
    ”ھا.“
    ”سچل تي مارڪس جو اثر ٿو ڏسجي. پاڻ ۾ سنگتي تھ نھ ھئا؟“
    ”سچل مارڪس جي پيءَ جو دوست ھو،“ ڀڳوانداس چيو.
    ”تھ چئبو تھ مارڪس تي سچل جو اثر آھي!“
    ”ھا، مارڪس جي مذھب خلاف ٿيئري سچل جي ھڪ بيت کان متاثر ٿيل آھي.“
    ”ڪھڙو؟“
    سچل چيو ھو:
    ”مذھبن ملڪ ۾ ماڻھو منجھايا،
    شيخن پيرن پنڊتن بيحد ڀلايا،
    ڪي نمازون نوڙي پڙھن، ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.“
    ”سچل اڄ جيئرو ھجي ھا تھ تھ کيس جيل ۾ وجھي، مٿس ڪيس ھلائين ھا.“
    بيرو تريل گوشت، ڪبابن ۽ پٽاٽن جون پليٽون کڻي آيو. ڀڳوانداس سکڻين نگاھن سان تريل گوشت جي پليٽ ڏسڻ لڳو. ڪريم گوشت جي پليٽ ڏانھنس وڌائيندي چيو. ”کاءُ.“
    ”نھ، مان ويشنو آھيان.“
    ”بدبخت واڻيا.“
    ”مئا مسلا،“ ڀڳوانداس کيس ٽوڪ ھئين، ”تون سوئر جو گوشت کائيندين؟“
    ”مسلمان لاءِ سوئر جو گوشت حرام آھي.“
    ”مان تھ جيڪر کائي وڃان.“ مظفر چيو.
    ”او گاڊ!“
    ”ڪھڙو گاڊ؟ ھندن جو يا مسلمانن جو،“ مظفر جي وات مان نڪري ويو.
    ٽنھي ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو.
    ”ڀلا ھيءَ ڌرتي ھندن جي خدا پيدا ڪئي يا مسلمانن جي؟“ ڪريم پڇيو، ڪائنات، سمنڊ، چنڊ تارا ڪنھن پيدا ڪيا؟“
    ”مون،“ مظفر زور سان پنھنجي سيني تي ھٿ ھنيو.
    ”شٽ اپ، ڪافر،“ ڪريم رڙ ڪئي.
    ”مان ڪافر آھيان! تھ ٻڌاءِ ڀلا ھندوستان ڪنھن پيدا ڪيو؟“
    ”ڪھڙو ھندوستان؟ ھاڻوڪو يا اصلوڪو؟“
    ”اڙي ڀوڪ، اڳوڻو ھندوستان، جنھن لاءِ اقبال چيو ھو:
    سارڍ جھان سڍ اچھا ھندستان ڻمارا،
    ھندي ھيڻ ھم وطن ڻڍ سارا جھان ڻمارا.“
    ”اھو ھندستان دنيا پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي موجود ھو.“
    ”تون ڪميونسٽ آھين.“
    ”نھ. مان مولائي آھيان،“ مظفر وراڻيو ۽ ٽھھ ٽھھ ڪري کلڻ لڳو.
    ”منھنجو دوست سشيل بھ مولائي ھو،“ ڪريم اداس ٿي ويو.
    ”ڪٿي آھي؟“
    ”ھينئر بمبئي ۾ آھي. چوپاٽيءَ تي پڪوڙا وڪڻندو آھي.“
    ”۽ ھتي؟“
    ”مونسان اسڪول ۾ پڙھندو ھو،“ ڪريم چيو، ”ڪرڪيٽ جو زبردست رانديگر ھو.“
    ڀڳوانداس جي منھن مان نفرت بکڻ لڳي، ”ورھاڱي کان پوءِ چور مور ٿي پيا آھن ۽ مور ڍور ٿي پيا آھن.“
    ”بس ڪر تھ ڪو سي. آءِ. ڊيءَ وارو نھ ٻڌي وٺي.“ مظفر ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي چيو.
    ”تنھنجي دوست جي مرڻ کان پوءِ مان سندس ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽرافي رکندس.“ مظفر چيو.
    ڪريم خاموش رھيو.
    ڀڳوانداس چيو، ”ڪھڙي ٽرافي؟ رانجي ٽرافيءَ جھڙي؟“
    ”ھا ھوبھو رانجي ٽرافيءَ جھڙي.“
    ”رنجيت سنگھھ رانجي مھاراجا ھو ۽ تون ماستر آھين،“ ڀڳوانداس کيس ٽوڪ ھئين.
    ”ھاءِ ڙي بخت!“
    ”بخت بيوفا ھوندو آھي.“
    ”عورت بھ بيوفا ھوندي آھي.“ مظفر چيو.
    ”غلط،“ ڪريم چيو.
    ”خاموش،“ ڀڳوانداس کيس روڪيو، ”تون ڪنواريو آھين.“
    ”ھا، تون بالغ آھين.“
    ”شادي ھڪ سان ڪندين، سمھندين ٻيءَ سان.“
    ”۽ عشق وري ٽينءَ سان ڪندين.“
    ”شيڪسپيئر چيو ھو، عورت تنھنجو ٻيو نالو بيوفائي آھي.“
    ”عورت فقط عشق ڪرڻ لاءِ آھي.“ مظفر چيو.
    ”۽ سنڌ جا ڪي ماستر ڇورن سان عشق ڪندا آھن.“
    ”جيڪو عشق ڇوڪريءَ بدران ڇوري سان ڪيو وڃي، تنھن کي مجازي عشق چئبو آھي.“ ڪريم مجازي
    عشق جي وضاحت ڪندي، پري وڃي نڪتو.
    ”عورت، عورت آھي.“
    ”عورت جو ٻيو نالو بيوفائي آھي.“
    ”عورت جو ٽيون نالو نانختائي آھي.“
    ”عورت پيڙو آھي.“
    ”عورت گجر آھي.“
    ”بڪواس بند،“ ڪريم ٽيبل تي مڪ وھائي ڪڍي.
    ”ھلو، ھلو. اڌ رات ٿي وئي آھي. اڳتي بھ ھلڻو آھي،“ ڀڳوانداس کين ياد ڏياريو.
    ”ھا، ھا،“ مظفر چيو، ”ٺوڪر گلي.“
    ”جاپاني روڊ.“
    ”نيپيئر روڊ،“ سڀني نعرو ھنيو، ”نيپيئر روڊ- زنده باد.“
    ”بيرا بل لاؤ،“ مظفر رڙ ڪري بيري کي سڏ ڪيو.
    بل ڏيئي، ھڪ ٻئي کي ڪنڌ ۾ ٻانھون وجھي، ٽيئي ڄڻا لڏندا لمندا، جھومندا، بار مان نڪري پريڊي اسٽريٽ تي اچي بيٺا. ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪندي ڳائڻ لڳا.
    ”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
    ھر حال ۾ رانول رھبري ٿيندين.“
    ”ٽيڪسي!“ ڪريم ھڪ ٽيڪسي بيھاري.
    ٽيڪسي چيڪاٽ ڪري سندسن آڏو اچي بيٺي. ٽيئي ڄڻا پوئين سيٽ تي ويٺا.
    ”نيپيئر روڊ ڪو چلو بابا،“ مظفر چيو.
    ٽيڪسي نيپئر روڊ ڏانھن ڊوڙڻ لڳي.
    ڀڳوانداس چيو، ”ڪوٽ جو ڪالر مٿي ڪيون.“
    ”ڇو؟“
    ”ڪو ڏسي نھ وٺي.“
    ”ڀل ڏسي وٺي. اسان اک ڪڍائي ڇڏينداسينس.“
    ”اسان استاد آھيون.“
    ”زبان سنڀالي ڳالھاءِ، گنجا. استاد ڀڙوي کي چئبو آھي.“
    ”تون حرامي آھين.“
    ”اسان ٽڪي جا ماستر آھيون.“
    ٽيئي ڪجھھ دير خاموش رھيا. ٽيڪسي خالي رستن تان ڊوڙندي رھي. مظفر ٽيڪسيءَ جي ننڍڙي آئيني ۾ پنھنجو منھن ڏسي، گنجي ٽڪڻ تي ھٿ گھمايو. چيائين، ”وار ھجنم ھا تھ دليپ ڪمار جھڙو ڏسجان ھا.“
    ”شٽ اپ“ ڀڳوانداس مٿس ٺٺولي ڪندي چيو، ”تون واھيات انب جي چوسيل ککڙي آھين.“
    ان ڳالھھ تان مظفر کي ڏاڍا خار لڳا. چيائين، ”اڄ تائين چار ڊزن ڇوڪريون مون سان عشق ڪري چڪيون آھن.“
    ”ويچاريون بدبخت. انڌيون ھونديون يا ٻيو ڪو جانور نھ مليو ھوندن.“
    مظفر ڀڳوانداس کي سٿر تي ھڪ مڪ وھائي ڪڍي.
    ڪريم جھيڙو ٽارڻ لاءِ چيو، ”برابر گنجا. تون دنيا جو عظيم عاشق آھين.“
    ”۽ مان دليپ ڪمار بھ آھيان.“
    ”تون گنجو دليپ ڪمار آھين.“
    ”بڪواس بند ڪر، ڀڳوانداس،“ مظفر مڪ اولاريندي ڀڳوانداس کي چيو، ”ھڪ ٺونشي سان ھندوستان موڪلي
    ڇڏيندومانءِ، سمجھيئھ.“
    ”اڄ نھ. پاسپورٽ ڪڍائي وٺان، پوءِ ٺونشو ھڻجانءِ.“
    ”ھيءُ ڀڳوانداس بدبخت نشي ۾ آئوٽ آھي.“
    ”پوءِ تون ئي کڻي چئھ، مان آھيان نھ دليپ ڪمار جھڙو.“
    ”ھا،“ ڪريم مظفر کي جواب ڏنو، ”تون آھين تھ دليپ ڪمار جھڙو، پر تنھنجو آواز گلشن کدڙي جھڙو آھي.“
    ان ڳالھھ تان ڪريم ۽ ڀڳوانداس کلي کلي کيرا ٿي پيا.
    موٽر سٽ ڏيئي بيھي رھي. ٽنھي ٽيڪسيءَ مان ڳاٺ ڪڍي نيپئر روڊ تي ھڪ نگاھھ وڌي ۽ پوءِ ٽيڪسيءَ واري کي ڀاڙو ڏيئي، ٽيڪسيءَ مان لھي، ٺوڪر گليءَ ڏانھن ڦري ويا.
    گھٽيءَ جي رونق گھٽجي ويئي ھئي. پيٽروميڪس بتين جا مينٽل ۽ ميونسپل جي بتين جا بلب جھڪا ٿي ويا ھئا. ڪوٺين جي ميرانجھڙي روشني چکن مان ليئا پائي رھي ھئي. گراھڪ موٽي رھيا ھئا.
    ڪريم چيو، ”ٺوڪر گلي انارڪلي آھي ۽ مان شھزادو سليم آھيان.“
    ”۽ اسان تنھنجا غلام آھيون،“ مظفر وراڻيو.
    ”تنھنجي انصاف جو گھنڊ ڪٿي آھي، شھزادا؟“
    ڪريم ڀڳوانداس کي خوفناڪ گار ڏني. کيس مارڻ لاءِ الر ڪيائين تھ سڌو وڃي اليڪٽرڪ پول سان لڳو. پول تي خار آيس. پول کي بھ گاريون ڏنائين.
    ”بداخلاق،“ مظفر چيس، ”عورتن جي موجودگيءَ ۾ بدڪلامي ٿو ڪرين، بي لغام.“
    ”ڪٿي آھن عورتون؟“
    ”ھي بھ تھ تنھنجون ڀينرون آھن.“
    ”زبان سنڀالي ڳالھائي، گنجا،“ ڪريم مظفر ڏانھن اکيون ڦاڙي ڏٺو، ”ھي سڀ رنڊيون آھن.“
    ”عورتون ناھن.“
    ”نھ،“ ڪريم وراڻيو، ”دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون آھن.“
    ”۽ ماڻھين؟“ ڀڳوانداس پڇيو.
    ”مان تنھنجو خون ڪندس واڻيا،“ ڪريم رڙ ڪندي چيو، ”خبر اٿئي مان پڪو مسلمان آھيان.“
    ”ٽري وڃ، ڪريم ڪنگلا،“ مظفر وچ ۾ چيو، ”دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون ناھن.“
    ”برابر منھنجا برادر. دنيا جون سڀئي عورتون رنڊيون ناھن.“
    ”دنيا جون عورتون بيوفا، دغاباز، چالاڪ، مڪار، ڪوڙيون ۽- ۽- گنجا ٻڌائي ٻيو ڇا؟“
    ”فريبي آھن.“
    ”برابر منھنجا برادر.“
    ”ھاڻي ھلو ھڪ بيوفا عورت ڏانھن،“ ڀڳوانداس اعلان ڪيو. ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻا ھڪ ٻئي کي ڪنڌ ۾ ٻانھون وجھي ڳائڻ لڳا،
    ”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
    ھر حال ۾ رانول رھبري ٿيندين.“
    چکن سان لڳل جسمن ۾ چرپر ٿي، چوڙين جا جلترنگ جاڳي اٿيا. نگاھن جا ٻجھيل ٻاڻ ھليا. خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي ۽ ڪجھھ اشارا ٿيا. ٽيئي دوست ٽي چکون مٿي ڪري ٽن ڪوٺين ۾ لنگھي ويا. ٻاھر، ھڪ پھلوان وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ ھڪ انگريزي خلاصيءَ کي سمجھائي رھيو ھو، ”دس، فسٽ نمبر.“
    ”انڊين؟“ انگريز خلاصيءَ پڇيو.
    ”نو،“ پھلوان وراڻيو، ”انڊين نو گڊ.“
    ”گڊ.“
    ”نو نو،“ پھلوان چندو رھيو، ”پاڪستاني مال ويري گڊ.“
    ”شوئر؟“
    ”صاحب، نو گڊ، نو مني،“ پھلوان انگريز خلاصيءَ کي گاڏيءَ مان لاھيندي چيو، ”پاڪستان مال ويري گڊ، گڊ انجاءِ.“
    ”بڪواس!“ مظفر ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڪوٺيءَ مان نڪري پول وٽ اچي بيٺو. خلاصيءَ ۽ پھلوان ڏانھنس منھن ورائي ڏٺو.
    مظفر انگريز خلاصيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو، ”نو گڊ سر، آل فراڊ.“
    پھلوان مظفر کي ڪالر کان وڃي ورتو، سٽ ڏيندي چيائين، ”اوئڍ بس کر وڍ دلڍ دا پترا.“
    مظفر ڪالر ڇڏائي گند جي ڊھھ وٽ وڃي بيٺو. انگريز ۽ پھلوان کيس گھوريندا، ڪاٺ جي ھڪ سوڙھي ڏاڪڻ چڙھي ويا.
    مظفر ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو. عورتن کي گاريون ڏيڻ لڳو، ”حرامزاديءَ پنج رپيا حرام ڪري ڇڏيا.“
    ٿوري دير کان پوءِ ڀڳوانداس چک ھٽائي، ٻوٿ ڀيلو ڪري ٻاھر آيو، ڄڻ تھ ڪنھن الوءَ ڀونڊو ڏنو ھوس. مظفر جي پاسي ۾ اچي بيٺو. چيائين، ”پنج رپيا تيل ٿي ويا.“
    مظفر کيس جواب نھ ڏنو. ھو بھ خاموش رھيو. ڪجھھ دير کانپوءِ ڪريم ٻاھر آيو. منھن تي مرڪ ھيس. ٻنھي وٽ اچي چيائين، ”خوب انجاءِ ڪيم.“
    ”تون ڪنوارو آھين. بکايل آھين. بڪواس نھ ڪر.“ مظفر کھري آواز ۾ چيو.
    ڪريم دل کولي ٽھڪ ڏنو ۽ پوءِ ڀڳوانداس ۽ مظفر جي ڪنڌ ۾ ٻانھون وجھي ڳائڻ لڳو:
    ”مالڪ تون درد ڪٽيندين ڪين ڇڏيندين،
    ھر حال ۾ رانول رھبر ٿيندي.“
    ٽيئي دوست لڏندا لمندا، ٺوڪر گليءَ مان نڪري نيپئر روڊ تي اچي بيٺا. سامھون ھڪ ٽيڪسي بيٺي ھئي. پٺاڻ ڊرائيور ٽيڪسيءَ جي دريءَ تي منھن رکي کونگھرا ھڻي رھيو ھو. ڪريم ڊرائيور جي ڪن وٽ وات آڻيندي رڙ ڪئي، ”چلينگا؟“
    ڊرائيور ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. اکيون مھٽيندي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺائين. ھو ٽيئي در کولي ٽيڪسيءَ ۾ چڙھي ويٺا. ڊرائيور نسوار جي دٻلي کولي ۽ نسوار جي ھڪ ڀرپور چپٽي ھيٺئين چپ ۽ مھار جي وچ ۾ وجھندي پڇيائين، ”خوچي ڪيڌر جائينگا؟“
    ڪريم کيس ٻڌايو. ٽيڪسي خالي رستن تي ڊوڙڻ لڳي ۽ ڊينسو ھال لنگھي گاڏي کاتي وٽ پھتي. ڀڳوانداس اتي لٿو. گاڏي کاتي کان ٽيڪسي سولجر بازار ڏانھن ڊوڙڻ لڳي.
    مظفر ڀڻڪيو، ”عورت دوکيبازي آھي.“
    ”ذليل آھي.“
    مظفر چيو، ”مان عورت جي اھڙي تصوير ٺاھيندس، جنھن ۾ سندس منھن دانگيءَ جي تري جھڙو ۽ وار ڪاريھر جھڙا ھوندا.“
    ”۽ بدن ٻٻر جي ٽاريءَ جھڙو،“ ڪريم چيو.
    ٻئي ڄڻا ٻيھر خاموش ٿي ويا. سولجر بازار وٽ ڪريم لھي ويو.
    مظفر اڪيلو رھجي ويو. ٽيڪسي ٽيوب لائيٽ ۾ جرڪندڙ خالي رستن تان گرومندر ڏانھن ڊوڙڻ لڳي. اھڙيءَ ئي تيزيءَ سان مظفر ذھن ۾ عورت جا ڀيانڪ روپ ٺھندا ۽ ڊھندا رھياو. سندس تصور عورت جو سڀ کان خوفناڪ روپ تلاش ڪندو رھيو. آخر اھو ئي فيصلو ڪيائين، تھ ھو عورت جي اھڙي تصوير ٺاھيندو، جنھن ۾ سندس منھن دانگيءَ جھڙو، وار ڪاريھر جھڙا ۽ بدن ٻٻر جي ٽاريءَ جھڙو ھوندو. ان کان وڌيڪ، عورت جي ڀوائتي شڪل سندس ذھن ۾ جنم وٺي نھ سگھي.
    سندس خيالن جو سلسلو ڊرائيور جي ڳالھائڻ سان ٽٽي پيو، ”خوچي ڪيڌر اترينگا؟“
    ”ھا!“ مظفر ڇرڪ ڀريو، ”سامنڍ جھاڙ کڍ پاس.“
    مظفر واچ تي نظر وڌي. رات جا ٽي ٿيا ھئا. ڊرائيور ٽيڪسي وڻ وٽ آڻي بيھاري. ھن ڊرائيور کي ڀاڙو ڏنو ۽ ٽيڪسيءَ مان لھي بيٺو. ٽيڪسي زوڪاٽ ڪري اڳتي وڌي ويئي. مظفر چيو، ”عورت تون ٽيڪسي آھين. دانگيءَ جو ترو، ڪاريھر ۽ ٻٻر جي ٽاري.“
    وڻ جي پويان سندس ڪوارٽر ھو. ڪوارٽر جي بتي ٻري رھي ھئي. بلب جا ڪرڻا دريءَ جي شيخن مان لنگھندا، فٽ پاٿ تي پئجي رھيا ھئا. دريءَ وٽ سندس زال منتظر نگاھن سان سندس انتظار ڪري رھي ھئي. چپ خشڪ ۽ اکين ۾ لڙڪن جي جھالر ھيس. ھن اٿي مڙس لاءِ در کوليو. ھو اندر ايندي در جي چائنٺ سان وچڙيو. ٿاٻو کاڌائين. زالھنس کيس سھارو ڏنو ۽ آڻي کٽ تي ليٽائي ڇڏيائينس. ھن ھڪ نگاھھ پنھنجي زال تي وڌي ۽ منھن ڦيرائي سمھي پيو.
    ھوءَ لڙڪ پي ويئي. پاسي کان اٿي کٽ جي پيرانديءَ کان اچي ويٺي ۽مڙس جي بوٽ جون ڪھيون کولڻ لڳي.


    10. سج اڀرڻ کان اڳ

    مون کي ڏسي سدائين ڀڄي ويندو ھو. ان ڏينھن بھ مون تي نظر پيس تھ وٺي ڀڳو. وک تھ اڳ وانگر تکي وڌائي ھئائين، پر تڏھن بھ وڃي سوگھو ڪيومانس.
    پڇيومانس، ”ڪيئن، سڃاڻين ٿو؟“
    چيائين، ”نھ.“
    سندس منھن تڪيندي چيم، ”واھھ، مونکي نٿو سڃاڻين.“
    ”نھ.“
    ”ٻالو ڀولو نھ ٿيءُ.“
    ”يقين ڪر تھ مان توکي سڃاڻان ئي نھ.“
    نفرت جي جذبي منھنجي آواز کي سخت ڪري ڇڏيو. چيم، ”اڳ بھ مڪار ھئين، اڄ بھ مڪار آھين.“
    ھن جواب نھ ڏنو، فقط پنھنجين جادوگر نگاھن سان مون ڏانھن ڏسندو رھيو. اکين ۾ اھڙي تھ مقناطيسي ڪشش ھوندي اٿس، جو ھڪ ئي نگاھھ سان اڳئين کي خاموش ڪري ڇڏيندو آھي، پر ان ڏينھن مان بيحد ڪاوڙ ۾ ھوس. ڀڻڪيم، ”تون دوکيباز ۽ فريبي آھين.“
    آھستگيءَ سان وراڻيائين: ”انڪري تھ پنھنجي دوستي ختم ٿي ويئي.“
    ”ڏس، اچي وئين نھ راھھ تي!“ مٿس ٺٺولي ڪندي چيم، ”ڏاڍو ڀورڙو پي ٿئين، چي، ’مان توکي تھ سڃاڻان ئي نٿو.‘!“
    ”جيڪي ھئين، تنھن کي سڃاڻيندو ھوس،“ نگاھن ۾
    ساگر جھڙي گھرائي پيدا ڪندي چيائين، ”۽ ھينئر جيڪي ڪجھھ آھين، تنھن کي ڪونھ سڃاڻان.“
    ”ڏاڍو چالاڪ آھين،“ سندس نگاھن کان پنھنجيون نظرون بچائيندي چيم، ”ساڳيءَ معنيٰ جا ٻھ مختلف مطلب ڪڍيا اٿئي.“
    ”مطلب ساڳيو آھي، پر تنھنجي سمجھھ ۾ ڦيرو اچي ويو آھي.“
    ”واھھ. ڪڏھن چوين سڃاڻان، ڪڏھن چوين نھ سڃاڻان. سمجھھ تھ تنھنجي ڦري ويئي آھي.“
    ھڪدم جواب ڏنائين، ”جڏھن رتن تلاءَ اسڪول جي پٺيان ھڪ جھڳيءَ ۾ رھندو ھئين، تڏھن مان تنھنجو دوست ھوس.“
    ”۽ اڄ؟“
    ”اڄ تون اھو رھيو ئي ناھين، تھ ڀلا اسان جي دوستي ڪيئن رھندي! چيائين، ”مون تھ توکي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو ھو، تھ مان فقط انھن جو دوست آھيان، جن وٽ-“
    ”بند ڪر بڪواس.“ کيس ڳچيءَ کان وڃي ورتم، ”سڄيءَ دنيا کي بيوقوف بڻايو اٿئي.“
    ھو خاموش رھيو.
    مون ڳالھايو، ”انھن منجھيل ڳالھين سان دنيا کي منجھايو اٿئي.“
    جواب ڏنائين، ”جڏھن ظلم ۽ انڌير جا پڙدا انسان جي عقل تي پئجي ويندا آھن، تڏھن انسان انسانيت کي وساري ويھندو آھي، بلڪل تو وانگر.“
    ”فريبي، انسانيت جو ڪوڙو ڍونگ رچايو اٿئي،“ مون کيس ڀت جي پاڇي ۾ ڌڪي ڇڏيو، ”انھن ڳالھين سان دنيا کي ٺڳيو اٿئي.“
    بنا چرپر جي جواب ڏنائين، ”منھنجين ڳالھين کان بيزار ھئين، تڏھن تھ تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنم.“
    ”مون کي بھ تنھنجي دوستيءَ جي ضرورت ناھي،“ سندس ڳچيءَ تي گرفت مضبوط ڪندي چيو.
    ”تھ پوءِ روڪيو ڇو اٿئي؟“
    ”اھو ٻڌائڻ لاءِ تھ، مون تنھنجي تلقين ٿڏي ڇڏي آھي.“
    ”ڄاڻان ٿو.“
    ”۽ وڌيڪ ٻڌ، اڳ تنھنجي دوستيءَ ۾ مان گريجوئيٽ ھوندي بھ بيروزگار ھوندو ھوس، بک مرندو ھوس،“ کيس ساڳي نوءَ ۾ ٻڌايم، ”ھينئر مون ڊگري سرٽيفڪيٽ کي بيڪار ڪاغذ وانگر ڦاڙي ڇڏيو آھي. اڄڪلھھ اسان وٽ بک ڪونھي. سکيا ۽ آسودا آھيون.“
    ”ان ڪري تھ تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو اٿم.“
    ”ائين چئھ تھ رڳو بکين ۽ بيروزگارن جي در تي ڌڪا کائيندو آھين.“
    منھنجو جملو کيس بڙڇي ٿي لڳو. اکيون چمڪڻ لڳس. چيائين، ”جيئن سمجھين. پر چور سان پلئھ نھ اٽڪائيندس.“
    پنھنجين تکين اکين سان منھنجو اندر ڦٽي وڌائين. سندس لفظ ڇيت وانگر دل ۾ چڀڻ لڳم. مون کيس ڇڏي ڏنو. ھو جيئن اوچتو ئي اوچتو پيدا ٿي پوندو ھو، تيئن ئي گم بھ ٿي ويندو ھو. ان ڏينھن بھ پاسي واري اونداھي گھٽيءَ ۾ غائب ٿي ويو.
    مان حيران ٿي رھيو ھوس، تھ کيس ڪيئن خبر پيئي تھ مان چور ھوس! جنھن راز کان منھنجي ماءُ ۽ ڀيڻ بيخبر ھيون، جنھن راز کان پاڙي وارا اڻڄاڻ ھئا، جنھن راز کان پوليس اڻواقف ھئي، تنھن مخفي راز جي ھن کي ڪيئن پروڙ پئجي ويئي! ان وقت محسوس ڪيم تھ دنيا ۾ فقط ھو ئي منھنجي ڏوھھ کان واقف ھو، يا مان خود ھوس. مون کيس ختم ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو. اھڙي خطرناڪ شاھد جو زندھھ رھڻ منھنجي لاءِ موت برابر ھو. ھو منھنجين خوشين جو دشمن ھو. سوچيم، مان کيس جيئرو نھ ڇڏيندس.
    مون رومال ڪڍي ھٿ تي ويڙھيو، ۽ پوءِ چاقو کولي، مٺ ۾ قابو ڪري، ھٿ اوورڪوٽ جي اونھي کيسي ۾ وجھي ڇڏيم. رات جو پويون پھر ھو. ھو جنھن اونداھي گھٽيءَ ۾ گم ٿي ويو ھو، مان ان گھٽيءَ ۾ ڪاھي پيس. ھو مون کان سڏ پنڌ تي وڃي رھيو ھو. مون سندس پيڇو ڪيو. وڻن جي اوٽ ۾ ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ لڪندو ڇپندو، مان ھن جي پٺيان ھلندو رھيس، فيصلو ڪيم، تھ کيس سج اڀرڻ کان اڳ قتل ڪري ڇڏيندس.
    چاقوءَ تي منھنجي گرفت مضبوط ٿيندي ويئي، ۽ مان ڪنھن اھڙي ھنڌ لاءِ واجھائڻ لڳس، جتي ھن جي آخري ھڏڪي ويرانين ۾ دفن ٿي وڃي. ھو بيخبر ھلندو رھيو، ۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو ڪندو رھيس. رکي رکي افسوس بھ پئي ٿيم، تھ اجايو سندس موت منھنجي ھٿان ٿي رھيو ھو. افسوس ان ڪري پئي ڪيم، جو ھڪ دفعي، مون کي خودڪشيءَ کان روڪي، زندگيءَ جو مفھوم سمجھايو ھئائين. انھن ڏينھن ۾ مان بيحد مشڪلاتن ۾ مبتلا ھوس. رلندو رھيو ھوس. ڀٽڪندو رھيو ھوس. نيٺ اھا منحوس گھڙي بھ اچي پھتي، جڏھن بک ۽ بيروزگاريءَ اسان کان سڀ ڪجھھ ڦري ورتو. ڏونگر جھڙا اھي ڏينھن مون کي سدائين ياد رھندا، ۽ اھو ڏينھن بھ ھرگز وساري نھ سگھندس، جڏھن ٻن ڏينھن جي بک اسان کي اڌ چريو ڪري ڇڏيو ھو. مرڻ جا جيڪي بھ طريقا آھن، انھن سڀني مان، سڀ کان ڀوائتو نمونو آھي بک ۾ پاھھ ٿي مرڻ جو. مان بک جي عذاب ۾ سڀ ڪجھھ وساري ويٺو ھوس، سڀ ڪجھھ.
    جڏھن امان ھيڻي آواز ۾ پڇيو ھو، ”ابا، ھاڻي ڇا ٿيندو؟“ تڏھن انتھائي مايوسيءَ ۽ بيزاريءَ وچان کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو ھوم، ”ڇا وري ڇا- تون زرينھ کي ھار سينگار ڪري ويھار، مان گراھڪ ٿو وٺي اچان.“
    ”بيغيرت، بيحيا،“ امان مئل آواز ۾ رڙ ڪئي ھئي.
    ”ھا امان،“ وراڻيو ھوم، ”جوان عورت ڌنڌو ڪرائي پيٽ پالي سگھي ٿي، مرد ڪيڏانھن وڃي! ٻڌائي مرد ڪيڏانھن وڃي؟“
    زرينھ ۽ امان، حيرت مان مون ڏانھن تڪي رھيون ھيون. سندن خالي ۽ پريشان ذھن لاءِ منھنجو جملو برداشت کان ٻاھر ھو. زرينھ تھ پنھنجيون اڌ وساميل اکيون، منھنجين اکين مان ڪڍيون ئي نھ ٿي، ڀانئھ تھ نگاھن سان منھنجو روح ڇيھي ڇڏيندي. مون کي اچي ٻانھن کان ورتو ھئائين. مون کيس گھائل ڪندي چيو ھو، ”توکي وئشيا ٿيڻو پوندو زرينھ، ھن جڳ ۾ جيئرو رھڻ لاءِ توکي اھو قرض چڪائڻو پوندو. مون جھڙي بي غيرت ڀاءُ لاءِ تون اھو قرض صدين کان چڪائيندي رھي آھين.“
    ”شرم نٿو اچيئي، بي غيرت،“ امان دڙڪو ڏنو ھو.
    ”بک جو ڀوت غيرت کي اڳري ڇڏيندو آھي، امان.“
    ”تنھنجو دماغ خراب ٿي ويو آھي.“
    ”ٻڌو نھ اٿئي امان،“ مان روئي پيو ھوس، بُک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.“
    امان جي ۽ منھنجين اکين مان لڙڪ وھي نڪتا ھئا. الاءِ ڪٿان ايترو پاڻي اسان جي اکين ۾ اچي گڏ ٿيو ھو. زرينھ وائڙين اکين سان مون کي گھوري رھي ھئي. اوچتو، ڪراھت وچان منھنجي منھن تي ٿڪ اڇلائي ھئائين، ۽ پوءِ منھنجي سڄي قميص ليڙون ليڙون ڪري ڇڏي ھئائين. منھنجي منھن تي رھنڊون ھڻي، ٻئي مٺيون منھنجن وارن ۾ وجھي، اوڇنگارن ۾ اچي ڇٽي ھئي. ھوءَ ساڳي زرينھ ھئي، منھنجي ننڍي ڀيڻ، جنھن کي ڪلھي تي ويھاري گھمائڻ ويندو ھوس. جنھن کي پنھنجيءَ خرچيءَ مان بوڙينڊا وٺي ڏيندو ھوس، ۽ جنھن جي ھڪ ھڪ لڙڪ تي پاڻ بھ بيچين ٿي اٿندو ھوس. ان ڏينھن منھنجي ساڳيءَ زرينھ جا ھٿ منھنجن وارن ۾ ھئا ۽ ھوءَ سڏڪا ڀري رھي ھئي، ھنجون ھاري رھي ھئي. مون کيس پاڻ کان ڌار ڪيو، ۽ اسڪائوٽ جي ڏينھن وارو چاقو کڻي، ٻاھر نڪري ويو ھوس.
    مون کي اونداھھ جي تلاش ھئي. مون کي ويرانين جي ڳولا ھئي، جتي سولائيءَ سان چاقوءَ جي تکي چھنب، ڦر سوڌي سيني ۾ لاھي سگھان ھا. زرينھ جا سڏڪا ۽ امان جون آھون منھنجو پيڇو ڪنديون آيون، پري پري تائين ھڪ ھنڌ مون کي اوندھھ ۽ ويرانيءَ وارو مقام ملي ويو ھو، ۽ مون چاقو کولي سيني تي رکيو ھو. چاقوءَ کي دل ۾ لاھڻ تي ھوس، جو ھو بھ اچي اتان نڪتو ھو. منھنجي ويڻي جھليندي پڇيو ھئائين، ”ھن چاقوءَ جي باري ۾ ڪجھھ ڄاڻين ٿو؟“
    مون حيرت مان ڏانھنس نھاريو ھو. جيتوڻيڪ اجنبي ھو، پر تڏھن بھ لڳم پئي، ڄڻ منھنجو ڄاتل سڃاتل ھو. ”ھا،“ وراڻيو ھوم، ”تمام تکو آھي جلد موت آڻيندو.“
    ”پر جنھن ڪاريگر ھيءُ چاقو ٺاھيو ھو،“ ھن پنھنجي مقناطيسي نگاھن سان منھنجي اکين ۾ ڏسندي چيو، ”تنھن ڪايگر جي تصور ۾ موت نھ، پر زندگي ھئي.“
    مان اچرج وچان ھن جون ساگر جھڙيون گھريون ۽ پراسرار اکيون ڏسندو رھيس.
    پڇيو ھئائين، ”نوجوان آھين، محنت، مزوري ڇو نٿو ڪرين؟“
    وراڻيو ھوم، ”مان گريجوئيٽ آھيان.“
    ”تعليم کي پيٽ پالڻ جو ذريعو ٿو سمجھين؟ پيٽ تھ ڪتا بھ پاليندا آھن.“ ھن باوقار لھجي ۾ چيو ھو، ”علم اٿئي روشني، ۽ ھٿ جو پورھيو دنيا جو عظيم ڌنڌو.“
    سندس آواز وڏو ۽ چٽو ھو، ۽ گھڻيءَ دير تائين منھنجي ذھن ۾ پڙاڏو ڪندو رھيو. مون کي ماٺ ۾ غلطان ڏسي چيو ھئائين، ”اھا زندگي ئي ڪھڙي، جنھن ۾ جدوجھد نھ ھجي. دوست جدوجھد زندگيءَ جي علامت آھي. حقيقت ۾ اڄ فقط اھي ئي انسان زنده آھن، جن ڪڏھن جدوجھد ڪئي ھئي.“
    مون وٽ سندس ڳالھين جو جواب نھ ھو.
    تڏھن چيو ھئائين، ”ڪھڙا نھ مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي! انھن کان ڪم وٺ، منھنجا دوست.“
    ۽ پوءِ ھو مون کي حيران ۽ پريشان ڇڏي ھليو ويو ھو.
    کليل چاقو مٺ ۾ رھجي ويو ھو. جيتوڻيڪ منھنجيءَ دل مان مرڻ جي خواھش ھن جي ڳالھين سان تڙجي ويئي ھئي، پر تنھن ھوندي بھ بک جي باھھ اندر ۾ ڀڙڪندي رھي. ھن جي آخري جملي جو پڙاڏو مون کي بيچين ڪندو رھيو تھ: ڪھڙا نھ مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي، انھن کان ڪم وٺ، منھنجا دوست.
    ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري، ھڪدم پئڊل تي پير رکي، سائيڪل ڪاھيندو، تير وانگر اتان گم ٿي ويو ھوس. ڪنھن بھ مون کي سائيڪل کڻندي نھ ڏٺو ھو ۽ اِھا منھنجي زندگيءَ جي پھرين چوري ھئي. سائيڪل ھڪ ڪٻاڙيءَ واري کي پنجاھھ رپين ۾ وڪڻي، ھوٽل تان نان ڪباب، ڪورما ۽ برياني وٺي، جڏھن گھر جي در وٽ پھتو ھوس، تڏھن ھن کي در جي ڀرسان بيٺل ڏسي حيران ٿيو ھوم. ڪجھھ دير اڳ، مون کي زندگيءَ جو سبق ڏيندي جيڪا جوت سندس اکين ۾ جلي اٿي ھئي، اھا اجھاميل ھئي.
    کيس ائين بيٺل ڏسي چيو ھوم، ”تنھنجي چوڻ موجب مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان ڪم ورتو اٿم.“
    ”مون کي خبر آھي، منھنجا دوست،“ ھن آھستي وراڻيو ھو ۽ سندس اکين مان رنجش بکڻ لڳي ھئي، ۽ پوءِ ھوريان ھوريان، ڪنڌ جھڪائي ڪيڏانھن ھليو ويو ھو.
    مان ھڪدم گھر اندر داخل ٿيو ھوس. ڏيئي جو تيل ختم ٿيڻ تي ھو. نان- ڪباب جا پڙا جڏھن کٽ تي رکيم، تڏھن امان ۽ زرينھ، وائڙن وانگر، ڪڏھن مون کي ۽ ڪڏھن پڙن کي ڏسڻ لڳيون. پڙا سڻڀا ھئا ۽ ڪبابن ۽ ڪورمي جي خوشبوءَ بک کي باھھ لڳائي ڇڏي. پوءِ اچتو امان ھڪ قدم اڳتي وڌي آئي، ۽ ھن پنھنجي ڪمزور ھٿ سان منھنجي منھن تي چماٽ وھائي ڪڍي، ”بيحيا پنھنجي ڀيڻ جو سودو ڪري، ھيءُ حرام آندو اٿئي.“
    ”نھ نھ،“ وراڻيو ھوم، ”مان تھ مرڻ ويو ھوس، پر رستي ۾ نوڪري ملي ويئي.“
    ”نوڪري!“
    ”ھا، نوڪري.“
    پوءِ اسان پڙن تي ڪري پيا ھئاسين. کائيندي کائيندي، امان نوڪريءَ جي باري ۾ پڇيو ھو، ۽ مون کيس ٻڌايو ھو، ”ھڪ اخبار جو نمائندو ٿيو آھيان.“
    ”اخبار جو؟“
    ”ڪھڙيءَ اخبار جو نمائنيدو ٿيو آھين؟“
    ”بس، آھي ھڪڙي اخبار،“ کيس چيو ھوم، ”تون ٻيو ڪو فڪر نھ ڪر، ۽ ماٺ ڪري ويھي ماني کاءُ.“
    ان کانپوءِ مون ٻيون ڪيتريون سائڪلون چورايون، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مان شھر جي چورايل سائيڪلن جو سڀ کان وڏو ”ڊيلر“ ٿي پيس. منھنجو ڪاروبار جيئن جيئن زور ٿيندو ويو. تيئن تيئن ھو مون کان دور ٿيندو ويو. پر، ان سموري عرصي ۾، مون ڪڏھن بھ نھ سوچيو ھو، تھ مون کان سواءِ ڪو ٻيو بھ منھنجي ڏوھھ کان واقف ھو، ۽ مون تي نظر رکي رھيو ھو. پوءِ ھو جڏھن ائين چئي ھليو ويو تھ، ”چور سان پلئھ نھ اٽڪائيندس.“ تڏھن مون کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس پيڇو ڪيم.
    رات جو پويون پھر ختم ٿيڻ تي ھو، ۽ منھنجي بيچيني وڌندي ٿي ويئي. مون کيس سج اڀرڻ کان اڳ ختم ڪرڻ ٿي چاھيو. ھو ھلندو رھيو ۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو ڪندو رھيو.
    نيٺ ھو ھڪ غليظ گھٽيءَ ڏانھن ڦري ويو. مون موقعو غنيمت ڄاتو. چاقوءَ تي مٺ ڀڪوڙي ڇڏيم. ھو ھلندي ھلندي ھڪ ڪچي گھر ٻاھران بيھي رھيو. در کڙڪايائين. مان وڻ جي اوٽ ۾ ٿي بيٺس. سوچيم، جڏھن موٽندو، تڏھن پٺيءَ ۾ چاقو ھڻندومانس. مان اوٽ مان ڏانھنس ڏسندو رھيس. پڪ ھيم تھ ڪنھن مفلس جي گھر ٻاھران اچي بيٺو ھوندو، ڇو جو ھو فقط مصيبت زده انسانن جي در تي ويندو آھي. ڪجھھ دير کان پوءِ در کليو، ۽ ھڪ نوجوان ٻاھر آيو. نوجوان کي ڪپڙا سادا، پر اڇا اجرا اوڍيل ھئا. حيرت فقط اھو ڏسي ٿيم، جو نوجوان جي ھٿ ۾ لڪڻ ھو. در بند ڪرڻ لاءِ ھڪ پوڙھي عورت آئي، ۽ نوجوان کي چيائين، ”پٽ، ڀاءُ لاءِ ڪتاب ۽ ھڪ ميز- بتي آڻجانءِ.“
    ”ھا امان،“ نوجوان شانائتي آواز ۾ جواب ڏنو.
    مون کي سندس آواز ٻڌي حيرت ٿي، ڇو جو نوجوان جو آواز ھن جھڙو ھو، ۽ خود اعتماديءَ سان ڀريل ھو.
    سوچيم، اڄ ڪمبخت وڏي آسامي ھٿ ڪئي آھي.
    ھو نوجوان سميت واپس موٽڻ لڳو. مان مٿس حملي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺس. ٻئي ڄڻا جڏھن منھنجي ويجھو پھتا، تڏھن، جو چتائي ڏٺم، تھ نوجوان انڌو ھو. ھو انڌي نوجوان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلي رھيو ھو. الاءِ ڇو، کيس بروقت قتل ڪرڻ جو ارادو لاھي، ٻنھي جي پٺ ورتم.
    رات جو پويون پھر بھ گذري ويو، ۽ اوڀر کان روشنيءَ جا ترورا اڀرندا آيا ۽ اوندھھ گھٽ ٿيندي ويئي. ھو ٻئي فرنيچر جي ھڪ دڪان ٻاھران اچي بيٺا. نوجوان کن ترسي، دڪان ۾ ھليو ويو. ھو در وٽان نوجوان کي دڪان ۾ داخل ٿيندو ڏسي رھيو ھو ۽ سندس پيشانيءَ مان ڄڻ نور جا ترورا نڪري رھيا ھئا. سوچيم، ھيءُ ضرور ڪو جادوگر آھي.
    مان ڀت جي اوٽ ۾ لڪل ھوس. منھنجي پاسي مان لنگھندي چيائين، ”جيڪو چاقو کيسي ۾ پيو اٿئي، سو لوھار خوان خرابي لاءِ نھ ٺاھيو ھو.“
    مان سچ پچ تھ ڪنبي ويس.
    منھنجي سامھون اچي بيٺو. چيائين، ”ھو نوجوان انڌو آھي، پر تڏھن بھ ڪرسيون واڻي، پنھنجو، پنھنجي ماءُ جو ۽ پنھنجي ڀاءُ جو عزت سان پيٽ پاليندو آھي.“
    مان خاموش، لاجواب بيٺو رھيس.
    چائين، ”محنت ۽ ھٿ جو پورھيو، دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي.“
    جڏھن ڪو جواب نھ آئڙيو، تڏھن بيشرمائيءَ سان وراڻيم، ”مان بھ محنت ڪندو آھيان.“
    ”اھو ڌنڌو ئي ذليل آھي، جنھن ۾ خوف، ڊپ ۽ حراس پلئھ پوي،“ ھن جون ساگر جھڙيون نيريون نگاھون منھنجي اندر ۾ لھي ويون.
    چوندو رھيو، ”ھن نوجوان کي اکيون ڪينھن، پر اندر ۾ روشني اٿس. عزت سان ڪمائي ٿو، ۽ فخر سان زندگي بسر ڪري ٿو.“
    منھنجو ڪنڌ جھڪي ويو. جھڪيل نگاھن سان دڪان ڏانھن ڏٺم، جتي انڌو نوجوان بيد سان ڪرسيون واڻي رھيو ھو.
    سندس آواز تي، منھنجو ڌيان ڏانھنس ڇڪجي ويو. چيائين، ”مان ھن نوجوان جو ۽ دنيا جي ھر محنتي انسان جو دوست آھيان،“ ۽ پوءِ ھو اوچتو ئي اوچتو منھنجين نگاھن کان اوجھل ٿي ويو.
    ان ڏينھن کان پوءِ، مون خوف ۽ حراس، ڏوھھ ۽ ڏھڪاءَ جي زندگيءَ کان منھن موڙي ڇڏيو، ۽ شھر ۾ سائيڪلن جي ھڪ مشھور ڪارخاني ۾ ’فٽر‘ ٿي روزگار ڪمائڻ لڳس.
    ھڪڙي ڏينھن، جڏھن گريس سان ٿڦيل ڪپڙن ۽ ٿڪ سان چور جسم سان ڪارخاني مان ڪم ڪري ٻاھر نڪتس، تڏھن ھن کي پنھنجي ڀرسان بيٺل ڏٺم. منھن مان نور پئي بکيس. بيحد خش پئي نظر آيو.
    چيائين، ”اڄ مان بيحد خوش آھيان.“
    کانئس پڇيم، ”پر تون ڪير آھين؟ ڪٿان ايندو آھين ۽ ڪيڏانھن گم ٿي ويندو آھين.“
    ھن ٻانھن ڊگھيري منھنجي ھانءَ تي ھٿ رکيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، اکين کان اوجھل ٿي ويو. مون سندس وجود کي محسوس ڪري ورتو، ۽ محسوس ڪندو رھيو آھيان.


    11. بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو

    سعيد منزل جي سامھون، بندر روڊ جي ٻئي پاسي، اي. وي ريسٽورنٽ جي اولھينءَ دريءَ وٽ ٻھ شخص ويٺا ھئا.
    جنھن کي بوسڪيءَ جي قميص، ڪلف لڳل سلوار ۽ زريءَ جو سليپر پير ۾ ھو، تنھن ڪراڪولي ٽوپي ٽنڊ تي رکندي، سامھون ويٺل شخص کي چيو، ”مان ھن مردود کي جيئرو نھ ڇڏيندس، گھانچي.“
    ”اڙي تون پروا نا ڪر، سائين گولام حسين.“ گھانچيءَ کي نيرن ۽ ڳاڙھن پٽن واري گنجي، خاڪي پتلون ۽ پيرن ۾ پراڻو لانگ بوٽ ھو. سندس وار گھنڊيدار ھئا. رنگ سانورو ھوس. جسم جو جيتوڻيڪ طاقتور نھ ھو، پر منھن پڪو ھوس. گھانچيءَ، پاڪستاني فلم جي ڪنھن بدمعاش وانگر سگريٽ واڇ ۾ وجھي، ھڪ اک چنجھي ڪندي چيو، ”جانو مڪراني ھن ھيرو جي ٻچي کي کلاس ڪري ڇڏيندو.“
    ”پر ڪڏھن ايندو تنھنجو جانو مڪراني.“
    ”ھير ايندو. بس ھير ايندو.“
    ”ھيءُ سوئر جو پٽ ھتان ھليو نھ وڃي،“ غلام حسين ھوٽل کان ٻاھر ڏسندي چيو، ”اھڙي ڪم ۾ اسان دير نھ وجھندا آھيون. اسان جي ھڪ اشاري تي ھن جھڙن حرامين جا ڪنڌ لاھڻ وارا جوان سنڌ ۾ جام آھن.“
    ”ھيءَ ڪراچي آھي، گولام حسين.“ گھانچيءَ چيو، ”ھتي تونجا ڌاڙيل ماڙيل نا ھلدا.“
    ”اھو ئي تھ افسوس آھي، گھانچي. جيڪڏھن سنڌ ھجي ھا، تھ ھن سوئر جي ڦر کي منٽن ۾ مارايان ھا.“
    ”اڦسوس نا ڪر. جانو مڪراني کي ڊسندين تھ ولا کش ٿي ويندين.“
    غلام حسين ڏند ڪرٽي خاموش ٿي ويو. ھن اکيون ڪرڙيون ڪري، ھوٽل کان ٻاھر، سعيد منزل ڏانھن نھاريو.
    بندر روڊ جي ٻئي پاسي، سعيد منزل جي ڪنڊ وٽ، ھڪ قداور نوجوان ٻئي ٻانھون لوھي ريلنگ تي رکي اسٽار بڪ اسٽال تي رکيل ڪتاب ۽ رسالا ڏسي رھيو ھو. سندس ڏاڙھيءَ جا وار وڌيل، ۽ اکيون ڪارن دائرن ۾ ورتل ھئس. کيس اڇي قميص، اڇي زين جي پتلون ۽ پيرن ۾ باٽا جو چمپل ھو. اڻڀا وار نرڙ تي پيا ھئس. ھن ڪتابن ۽ رسالن تان نظرون ھٽائي، بس اسٽاپ ڏانھن ڏٺو.
    اين. جي. وي ھاءِ اسڪول ٻاھران، سعيد منزل جي بس اسٽاپ تي 17 نمبر بس مان ٻھ ڇوڪريون ھيٺ لٿيون. ٻنھي کي منھن تي ڳوڙھو ميڪ اپ، سوسيءَ جون سوڙھيون سلوارون، گج لڳل بنا ٻانھن وارا اسڪرٽ ۽ پيرن ۾ پينسل ھيل وارا چنھبائي سينڊل ھئا. مفلر جيترا روا؛ ٻٻر ۾ ٻڌل جناتي اِڳڙين وانگر ٻنھي جي ڪنڌ ۾ ڦڙڪي رھيا ھئا.
    ٻئي ڇوڪريون جڏھن بس اسٽاپ وٽ بوٽ پالش ڪندڙ پٺاڻن وٽان لنگھيون، تڏھن انھن مان ھڪ ڄڻي، گراھڪ جي بوٽ کي ٿڪ سان چمڪائيندي چيو، ”خوچي بابو ساب، تمارا بوٽ ڪو آم اِس ڇوڪري لوڪ ڪڍ مون ڪا مافڪ چمڪائينگا.“
    گراھڪ خوش ٿي، ٻھ ڳنڍيريون وات ۾ وجھي، وات بند ڪري ڇڏيو.
    ٻنھي ڇوڪرين ڪاوڙ مان پٺاڻ ڏانھن ڏٺو، پر ٺلھي ڪاوڙ برقرار رکي نھ سگھيون ۽ ٽھھ ٽھھ ڪري کلي پيون. ھڪ ٻئي نوجوان جي ڪن ۾ سڙٻاٽ ڪنديون، کنجنديون، ھڪ ٻئي کي ٿيلھا ھڻنديون، اسٽار بڪ اسٽال وٽ اچي بيٺيون. ٻنھي مان ھڪڙيءَ ڄڻيءَ ھڪ فلمي رسالو کڻي ورتو ۽ ٻئي ڄڻيون رسالي جا پنا اٿلائڻ لڳيون.
    اسٽال جو مالڪ سنھڙو ۽ بندرو ھو ۽ ٻئي پير اسٽول تي چاڙھي ويٺو ھو ۽ ٻيڙيءَ جو سوٽو ھڻي رھيو ھو. ڇوڪرين کي ڏسي ھو ٺھي ويٺو. پائجامي جا گوڏن تائين کنجيل پاڇا ڇڪي ھيٺ ڪيائين. پن جي ٻيڙير اڇلائي، ٿري ڪيسل جي پاڪيٽ مان ڪي. ٽو جو سگريٽ ڪڍي، دکائي، وڏو سوٽو ھنيائين. دونھين مان ھن ٻنھي ڇوڪرين ڏانھن نھاريو.
    ٻنھي ڇوڪرين مان ھڪڙيءَ ڇوڪريءَ جو نڪ طوطي جي چھنب جھڙو ھو. ھن بيقرار ٿيندي، آھستي دانھن ڪئي، ”او. آ. اي کتيجا، وئيد مڙاڊ کي تھ ڏس، ڪيترو ھينڊسم آئي.“
    ”ھن سوٽر ۾ ڏاڍو کاشو پيو لڳي،“ خديجھ پنھنجي نڪ ۾ آڱر ڦيرائي، ڊگھي نھن سان ڀڳڙي جيڏو گينگو ڪڍي، ھڪ تصوير تي چنبڙائيندي چيو، ”مو ٿلو، شنتوش ڪومار.“
    ٻنھي ڇوڪرين ٻيھر سرٻاٽ ڪيا، ۽ چيلھھ چٻي ڪري کلڻ لڳيون. ٻئي ڄڻيون رسالي جا صفحا اٿلائينديون رھيون.
    ”ھي جيبا آئي ني، ڪرو کتيجا؟“
    ”اي لئي، جيبائي تھ آئي نڍ.“
    ”نڍ اشڪرٽ تي گج ٻوت سارو لڳي تو.“
    ٻنھي ڇوڪرين غور سان زيبا جا ڪپڙا جاچي ڏٺا. پوءِ جڏھن سڄو رسالو ڏسي ورتائون، تڏھن منھن ڦيرائي اسٽال جي سنھڙي مالڪ ڏانھن ڏٺائون، جنھن جو نالو افلاطون ھو. افلاطون سگريٽ جي ٽوٽي کي چپٽيءَ ۾ جھلي، آخري سوٽا ھڻي رھيو ھو. نڪ جي ناسن مان دونھون ڪڍندي، ھو پيسا وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. سگريٽ جي ٽوٽي کي پير سان لتاڙي ڇڏيائين.
    ڇوڪرين رسالو بند ڪري ٻين رسالن سان اڇلايو، ۽ ٻيھر سرٻاٽ ڪري کلڻ لڳيون. کلندي کلندي، ڪرنديون جھرنديون، ھڪ ٻئي کي ڌڪا ڏينديون، بارنيس اسٽريٽ ڏانھن ھليون ويون.
    افلاطون ھڪ ڊگھو ۽ اونھو ساھھ کڻندي چيو، ”خبردار ٿيءُ مارئي، تنھنجي لوئي لھڻ تي آھي.“
    قداور نوجوان جنھن جو نالو قاسم ھو، ۽ جيڪو ٻئي ٻانھون لوھي ريلنگ تي رکي بيٺو ھو، تنھن منھن ڦيرائي، پٺي ريلنگ سان ٺھڪائيندي افلاطون کان پڇيو، ”ڇاھي افلاطون.“
    ”اجھو ھينئر، اجھو ھينئر، ڪوھياري ۽ ٽئسٽ-“
    ”اڄ شايد تنھنجي اسٽال تان ھڪ بھ اخبار نھ وڪامي آھي، تڏھن پيو وڦلين.“
    ”اخبار تھ ڇا، ھڪڙي ڏينھن مان پاڻ وڪامجي ويندس،“ افلاطون وراڻيو. ”جڏھن سائيڪلن جا پنچر ڳنڍيندو ھوس، تڏھن پنھنجي دل پنچر نھ ٿيندي ھئي، پر جڏھن کان اخبارون ۽ رسالا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم، تڏھن کان روزانو ٻھ ٽي دفعا دل جي سائيڪل پنچر ٿي پوندي آھي.“
    ”پنھنجي اسٽال تي فلمي اخبارون ۽ رسالا رکڻ ڇڏي ڏي. خالص ادبي رسالا وڪڻڻ شروع ڪر.“
    ”مون کي بک مرڻو ناھي، پيارا.“
    ”تھ پوءِ دل جي شڪايت نھ ڪر.“
    ”پر قاسم، مان وڪامڻ چاھيان ٿو. چاھيان ٿو، ڪو مون کي خريد ڪري.“
    ”توکي ڪير خريد ڪندو!“
    ”ڇو؟ مان اھڙو ويل آھيان.“
    ”اِھا ڳالھھ ناھي افلاطون،“ قاسم بڪ اسٽال ڏانھن وڌي آيو.
    افلاطون کانئس پڇيو، ”تھ پوءِ ڪھڙي ڳالھھ آھي.“
    ”توکي خريد ڪرڻ بدران بھتر آھي تھ سرڪاري باغيچي مان ھڪ سپھڙ خريد ڪجي.“
    افلاطون ٻئي ھٿ پنھنجن وڏن ڪنن تي رکي ڇڏيا. چيائين، ”يارن سان چرچا ٿو ڪرين قاسم.“
    ”تنھنجا ڪن وڏا آھن ۽ يوناني افلاطون جو نڪ وڏو ھو.“
    افلاطون کلڻ لڳو. چيائين، ”اڄ ڏاڍو رومانٽڪ ٿو لڳين. تنھنجي رومانس جو ڪھڙو حال آھي؟“
    ”نوڪري خطري ۾ پئجي ويئي آھي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”اڄ صبح جو سيٺ صاحب پنھنجي آفيس ۾ گھرائي چيو، تون بلڊي سيلز مين آھين ۽ توکي لکپتي گراھڪن جي ڇوڪرين کي گھورڻ جي اجازت ناھي.“
    ”تو ڇا چيس؟“
    ”چيومانس، سيٺ، توھان جا گراھڪ مون منجھان خوش آھن.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ سيٺ صاحب چيو، تون اسان جو بزنس خراب ٿو ڪرين.“ قاسم پنھنجي سيٺ جي آواز ۾ نقل ڪندي چيو، ”ادب سان ٻڌايومانس، تھ مان سڀني سيلز مينن کان وڌيڪ ڪپڙو وڪڻندو آھيان.“
    ”سيٺ خوش ٿيو؟“
    ”نھ. سيٺ چيو، روھڙيءَ جي لکپتي زميندار رئيس غلام حسين کي توکان سخت شڪايت آھي.“
    ”غلام حسين! ڪھڙو غلام حسين؟“ افلاطون پڇيو.
    ”زينب جو ڀاءُ.“
    ”اوھھ، اوھان جو سالو صاحب.“
    قاسم جواب نھ ڏنو. موٽي وڃي ريلنگ وٽ بيٺو. سندس چھري تي مايوسيءَ جا پاڇا تري آيا. ٻئي ٻانھون ريلنگ تي رکي، پاڻ کي ٽٽل ٽاريءَ وانگر لوھھ تي ڇڏي ڏنائين.
    افلاطون اسٽول تان اٿي، قاسم جي ڀرسان وڃي بيٺو. کيس پٺيءَ تي ھٿ رکيائين، ”ڇاھي قاسم؟“
    قاسم منھن ورائي، اداس اکين سان افلاطون ڏانھن ڏٺو.
    ”توکي نوڪريءَ مان ڪڍي تھ نھ ڇڏيو اٿائون؟“
    ”نھ. پر ڀانيان ٿو جلد ڪڍي ڇڏيندا.“
    ”اھڙا آثار آھن ڇا؟“
    ”ھا.“ قاسم لوھي ريلنگ کي پٺي ڏيندي چيو، ”سيٺ صاحب چيو، مسٽر چال سڌار، اسان کي بزنيس خراب ڪرڻو ناھي. ٻيھر تنھنجي شڪايت اچڻ نھ گھرجي.“
    ”پراوھھ نھ ڪر، قاسم،“ افلاطون قاسم جي پٺي ٺپيندي چيو، ”تون عشق جاري رک.“
    ”۽ نوڪري جاري نھ رکان؟“
    ”نوڪري بھ جاري رک.“
    ”عشق ۽ نوڪري گڏ ڪرڻ جي اجازت ناھي.“
    ”تھ پوءِ عشق ڪر.“
    ”۽ نوڪري؟“
    ”نوڪري ڇوڪريءَ تان قربان ڪري ڇڏ.“
    ”۽ ماني؟“
    ”ماني مولى ڏيندءِ.“
    ”ويھين صديءَ جا افلاطون،“ قاسم افلاطون کي ڪلھي تي ٿڦڪي ڏيندي چيو، ”اڄوڪي زماني ۾ ماني مولى جي ھٿ وس ناھي. بلڪ سيٺ صاحبن جي ھٿ ۾ آھي.“
    ”پرواھھ نھ ڪر دوست،“ افلاطون چيو، ”پنھنجو اسٽار بوڪ اسٽال حاضر آھي. منھنجي سائيڪل تي چڙھي، جيڪڏھن سؤ سؤ اخبارون روزانو وڪڻين ايندين، تھ خوشيءَ سان چار پنج روپيا روز ڪمائي سگھندين.“
    ”تھ پوءِ عشق جاري رکان ۽ ڇوڪريءَ لاءِ نوڪري ڇڏي ڏيان؟“
    ”ھا.“
    ”پر افلاطون، ڇوڪريءَ جو ڀاءُ دڙڪو بھ تھ ڏيئي ويو آھي.“
    ”دڙڪو!“ افلاطون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ھا. چوائي موڪليو اٿائين تھ جيڪڏھن اک کڻي بھ زينب ڏانھن نھاريندس، تھ اڦٽ مارائي وجھندو.“
    افلاطون جا ڪن خوف کان ڪنبڻ لڳا. چيائين، ”اڙي ڪمبخت، تڏھن بھ وري آيو آھين.“
    ”مون محبت ڪئي آھي، افلاطون، رسالا ڪونھ وڪيا اٿم.“
    ”۽ ھينئر عاشق عزازيل، جيڪڏھن تنھنجو سالو صاحب توکي ھتي بيٺل ڏسي وٺي تھ؟“
    ”ھن مون کي ڏٺو آھي.“
    ”ڏٺو آھي؟“
    ”ھا.“
    ”ڪٿي آھي؟“ افلاطون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي پڇيو، ”ڪٿي آھي راوڻ.“
    قاسم اک جي اشاري سان چيو، ”سامھون اي- ون ريسٽورنٽ ۾ ويٺو آھي.“
    افلاطون ڏڪندي ڏڪندي اي- ون ريسٽورنٽ ڏانھن ڏٺو.
    اي - ون ريسٽورنٽ مان ڪجھھ گراھڪ اٿي ويا ھئا.
    غلام حسين واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، ”ڇھھ ٿيا آھن، گھانچي. ڪڏھن ايندو تنھنجو جانو مڪراني.“
    ”ايندو. ھير ايندو.“
    غلام حسين ڪجھھ دير خاموش رھڻ کانپوءِ پڇيو، ”جانو مڪراني ڪھڙي گريڊ جو دادا آھي.“
    گھانچيءَ جي ڪنڌ جون رڳون سيٽجي ويون. فخر سان ڳاٽ اوچو ڪند وراڻيائين، ”ٽاپ گريڊ جو دادا آھي، جانو مڪراني. شيرو ۽ دادا جيڙا جوان جانو کان پناھھ گھرندا آھن. ڪانپوري مدماش بادشا کي ڄاڻين ٿو.“
    ”ڪھڙو بادشاھھ؟“
    ”اڙي يار، ڪانپوري مدماش آھي. ھير سالو اسٽوڊٽ ليڊر آئي.“
    ”بادشا کي وچ صدر ۾ جانون چاقو ماريو ھو. بادشا جا انتڙا ولا ڦوٽ پات تي اچي ڪريا.“
    ”ڀلا پھچ اٿس.“
    ”اڙي واھھ گولام حسين، وا،“ گھانچيءَ وراڻيو، ”پوچ وارو نا ھجي تھ ولا جانو پنجا دفا ڦانسي کاوي ھا.“
    ”چئبو ڏاڍيءَ رھائيءَ وارو آھي.“
    ”صبيدار، سپاھي ۽ وڊا آفيسر جانو جا يار آئن،“ گھانچيءَ فخر سان چيو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري سگريٽ جا سوٽا ھڻڻ لڳو.“
    غلام حسين ٽيبل تي گلاس وڄائي، بيري کي ٻھ ڪوپ چانھھ جا آڻڻ لاءِ چيو، ۽ پوءِ جيستائين بيرو چانھھ کڻي اچي، غلام حسين گلاس کي آڱرين ۾ ڦيرائڻ لڳو. گھانچي ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان ڪنڌ لڳائي، سگريٽ جي دونھي جا دائرا ٺاھڻ لڳو. دائرا ٺاھيندي سندس نگاھھ ڀت تي ٽنگيل آئيني تي وڃي پيئي. ھن پنھنجا گھنڊيدار وار آڱرين سان سلجھائيندي، نرڙ ۾ گھنج وجھي، ھڪ اونھو سوٽو ھنيو ۽ ناسن مان دونھون ڪڍڻ لڳو.
    ”مان صبر ڪري نٿو سگھان، گھانچي،“ غلام حسين گلاس ٽيبل تي رکي، کاڏيءَ ھيٺان ھٿ ڏيئي، چپ چٻاڙڻ لڳو.
    ”تون صبور ڪر، گولام حسين، چاءِ پي صبور ڪر.“
    بيرو چانھھ جا ٻھ ڪوپ کڻي آيو. ٻنھي پنھنجو پنھنجو ڪوپ کنيو ۽ سپ سپ ڪري چانھھ پيئڻ لڳا.
    چانھھ پيئندي غلام حسين پنھنجي ساءِ چوندو رھيو، ”ھن بدبخت ڪراچيءَ ۾ اچي مجبور ٿي پيا آھيون. سنڌ ھجي ھا تھ جيڪر ايترا سانگ ئي نھ رچائڻا پون ھا. اک جي اشاري سان ھن سوئر جو سر لاھرائي ڇڏيان ھا.“
    گھانچي خاموش رھيو ۽ چانھھ پيئندو رھيو.
    تڏھھن اوچتو، چانھھ جو خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي، غلام حسين ڪرسي سوري اٿي بيٺو. چيائين، ”مان ھن حراميءَ کي نھ ڇڏيندس.“
    گھانچي وائڙن وانگر غلام حسين ڏانھن ڏسڻ لڳو. غلام حسين تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگھون کڻندو، ريسٽورنٽ مان نڪري ويو. گھانچيءَ بھ ھن پوئتان ڊوڙ پاتي. ڪائونٽر تي ويٺل ٺوڙھي، ٿلھي ايراني سيٺ رڙ ڪئي، ”پيسا.“
    گھانچيءَ ويندي ويندي وراڻيو، ”اڙي بومبڙي ڪيون مارتا ڻڍ. پيسا دينگاني، دلا.“
    ريسٽورنٽ مان نڪري، غلام حسين سعيد منزل ڏانھن ذري گھٽ ڊوڙ پاتي. ٽرام پٽي وٽ ھڪ ٽيڪسيءَ ھيٺان ايندي ايندي بچي ويو. ٽيڪسيءَ جا ڦيٿا چيڪاٽ ڪري، ڏامر تي رڙھندا، غلام حسين جي تنبوءَ جيڏيءَ سلوار کي ڇھندا بيھي رھيا.
    ڏٻري ٽيڪسي ڊرائيور دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي، غلام حسين کي ماءُ تي اگھاڙي گار ڏني. غلام حسين گار ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري، بندر روڊ لنگھي ويو. سعيد منزل وٽ فٽ پاٿ تي چڙھي ھن منھن ورائي ٽيڪسي ڊرائيور ڏانھن ڏٺو. ٽيڪسي ڊرائيور دريءَ مان ٻانھن ٻاھر ڪڍي، غلام حسين کي ڀونڊو ڏنو. غلام حسين ڀونڊي کي ڪا خاص اھميت نھ ڏني.
    قاسم جون ٻئي ٻانھون لوھي ريلنگ تي ھيون. ھو غلام حسين کي ڏسي پٿر وانگر پنھنجيءَ جاءِ تي ڄمي ويو. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنس. نگاھون غلام حسين تي کپائي ڇڏيائين.
    غلام حسين ڀر ڪري قاسم کي منھن تي چماٽ وھائي ڪڍي. ھو پنھنجي جاءِ تان نھ چريو. غلام حسين ٻي چماٽ وھائي ڪڍيس. ھن اک نھ ڇنڀي. غلام حسين باھھ ٿي ويو. جڪ کائيندي، اول قاسم تي چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنائين ۽ پوءِ پيٽ ۾ ٻھ چار مڪون وھائي ڪڍيائينس.
    قاسم پنھنجون ٻانھون ريلنگ تان لاھي ڇڏيون. ھڪ اونھو ساھھ کڻي، ٻئي ھٿ چيلھھ تي رکي، اکين ۾ گھنڊ وجھي غلام حسين ڏانھن ڏسڻ لڳو.
    غلام حسين ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو. چاڙھو نھ ڏسي، قاسم کي کاٻي ٽنگ جي نريءَ تي کپائي لت ھنيائين. تڪليف کان قاسم جون اکيون بند ٿي ويون. ٻانھن جا ڏورا سيٽجي، ۽ چپ ۽ مٺيون ڀڪوڙجي ويس.
    غلام حسين پنھنجا ھٿ قاسم جي ڳچيءَ ڏانھن وڌايا. اوچتو گھانچيءَ غلام حسين ۽ قاسم جي وچ ۾ ٿي بيٺو. غلام حسين جا وڌندڙ ھٿ بيھي رھيا.
    ”پري ٿي گھانچي.“
    ”اڙي چريو نا ٿي، گولام حسين.“
    ”مان ھن حراميءَ کي اڦٽ ماريندس.“
    گھانچي غلام حسين کي ٻانھن کان ڇڪيندو، ھجوم کان ٻاھر وٺي ويو. اي- ون ريسٽورنٽ ڏانھن ويندي گھانچيءَ چيو، ”وڊا ماڻھو ايڙو ڪم پاڻ ڪرندا، تھ جانو مڪراني جيڙا بک مردا.“ ھو ٻئي بندر روڊ پار ڪري، موٽي وڃي ريسٽورنٽ ۾ ويٺا.
    سعيد منزل وٽ گڏ ٿيل ھجوم ڇڙوڇڙ ٿي ويو. افلاطون ڏڪندو ڏڪندو قاسم وٽ آيو. ڪلھي وٽ ترسي، قاسم جيو پٿر جھڙو سخت چھرو ڏٺائين. قاسم جو سڄو بدن بيعزتيءَ جي احساس ۾ ڪنبي رھيو ھو. چپ چنبڙيل ۽ مٺيون ڀڪوڙيل ھئس.
    ”قاسم،“ افلاطون ڄڻ پاتار مان وراڻيو.
    ”قاسم- قاسم تون،“ افلاطون ڳالھائي نھ سگھيو. پوءِ ريلنگ کي پٺي ڏيئي، قاسم جي سامھون اچي بيٺو. چيائين، ”قاسم تون، چپ ڪري ڇو بيٺو ھئين؟“
    ”ڀڄي وڃان ھا؟“
    ”نھ، نھ.“
    ”تھ پوءِ؟“
    ”تون بھ ھڪ ٻھ ٺونشا وھائي ڪڍينس ھا.“
    ”ڪنھن کي؟“
    ”واھھ پٽ عاشق!“ افلاطون ٻئي ھٿ چيلھھ تي رکندي چيو، ”اڙي اٺ، تون باڪسر آھين، فلمي ھيرو ناھين.“
    قاسم جي چپن جي سختي ڍري ٿي ويئي. سندس واڇ جي ھڪ ڪنڊ مان مرڪ ليئو پائي ورتو. ھو خاموش رھيو.
    ”ڏس قاسم، مون کي پوز نھ ھڻ. مان ڪئميرا مين نھ آھيان. مان تنھنجو يار افلاطون آھيان،“ افلاطون قاسم جي اکين ۾ اکيون وجھندي چيو، ”منھنجي ڳالھھ نھ ٽار. مون کي جواب ڏي.“
    ”ڇا جو جواب؟“
    ”تو غلام حسين کي ٺونشا ڇو نھ ھينا.“
    ”قاسم جواب ڏيئي نھ سگھيو. خاموش رھيو. افلاطون ٻيھر کانئس پڇيو، مون کي جواب ڏي قاسم، تو ھڪ ٽڪي جي زميندار کي ٺونشا ڇو نھ ھنيا.“
    تڏھن کيس ٽارڻ خاطر قاسم وراڻيو، ”مون محبت ڪئي آھي افلاطون، تو وانگر رسالا نھ وڪيا اٿم.“
    افلاطون ککو وکو ٿي ويو. ڪياڙي کنھندي وراڻيائين، ”ھڪڙي ڏينھن تون ڏسندين قاسم، مان توکي زبردست پرنٽر ۽ پبلشر ٿي ڏيکاريندس.“
    ”ان ڏينھن مان خودڪشي ڪندس.“
    ”ڇو؟“
    ”سھڙ بھ ڪڏھن پرنٽر ۽ پبلشر ٿيا آھن.“
    افلاطون ٻئي ھٿ پنھنجن ڪنن تي رکي ڇڏيا. سندس منھن لھي ويو. قاسم وٽان پري ٿي، پنھنجي اسٽال ڏانھن وڃڻ لڳو. قاسم کيس ٻانھن کان ڇڪي، پاڻ وٽ روڪي ورتو.
    ”ناراض آھين، افلاطون.“
    ”ڇڏ يار.“
    ”ڏس. ناراض ٿي وئين نھ.“
    ”نھ يار. تون عاشق آھين. پنھنجو يار ناھين.“
    ”پاڻ ٻئي ھڪ ٻئي جا يار آھيون، افلاطون.“
    افلاطون منھن مٿي ڪري قاسم ڏانھن ڏٺو، ”سچ؟“
    ”ھا سچ.“
    ”تھ پوءِ تو سالي صاحب کي ٺونشا ڇو نھ ھنيا؟“
    ”ڪيئن ھڻانس ھا!“ قاسم اونھو ساھھ کڻي وراڻيو.
    افلاطون سندس مطلب سمجھي نھ سگھيو.
    ”ھيئن ھڻينس ھا،“ افلاطون قاسم کي پيٽ ۽ سيني تي ٻھ چار ٺونشا ھڻي ڪڍيا.
    قاسم کلڻ لڳو.
    ”اڙي تون کلين ٿو!“ افلاطون خارن مان چيو، ”تڏھن باڪسر ڌوڙ جو ٿيو آھين.“
    قاسم گنڀير لھجي ۾ وراڻيو، ”مون ڪنھن سان واعدو ڪيو ھو، افلاطون، تھ ائين نھ ڪندس.“
    ”وري فلمي ڊائلاگ.“
    ”سچ ٿو چوانءِ، افلاطون.“
    ”تھ اڄ اوھان جي ملاقات ٿي ھئي؟“
    ”ھا.“
    ”ڪيئن؟“
    ”ڪالھھ زينب ڪپڙو وٺڻ آئي ھئي. ڪپڙو ڏسندي آھستي چيو ھئائين، منھنجي ڀاءُ کي اسان جي پيار جي خبر پئجي ويئي آھي.“
    ”ٻيو ڇا چيائين؟“
    قاسم وراڻيو، ”چيائين، منھنجو ڀاءُ اسان ٻنھي کي اڦٽ ماري وجھندو.“
    افلاطون فڪرمند نظر اچڻ لڳو. پڇيائين، ”پوءِ تو ڇا چيس، قاسم.“
    چيومانس، ”مان تنھنجي ڀاءُ کي ھن ڪپڙي وانگر چيري ڦاڙي ڇڏيندس.“
    ان ڳالھھ تي افلاطون ڏاڍو خوش ٿيو.
    قاسم چيو، ”تڏھن زينب التجا ڪئي، ائين نھ ڪجانءِ، ائين ڪندين تھ پوءِ منھنجا مائٽ قيامت تائين منھنجو سڱ توکي نھ ڏيندا.“
    افلاطون جا چپ ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنس. وات ڦاڙي، ٽڪ ٻڌي قاسم جي منھن ۾ ڏسندو رھيو. پوءِ پڇيائين، ”تھ تون سچ پچ زينب سان شادي ڪندين.؟“
    ”ھا.“
    ”تھ تنھنجو عشق فلمي نھ، بلڪ سچو، يعني True Love آھي.“
    ”ھا افلاطون. مان زينب سان شادي ڪندس.“
    افلاطون کيس سمجھائيندي چيو، ”نانگ جي ٻر ۾ ھٿ نھ وجھھ قاسم.“
    ”اسان نانگن جا ھار پاتا آھن، افلاطون،“ قاسم وراڻيو، ”اسان ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي آھيون.“
    ڪجھھ دير خيالن ۾ غلطان رھڻ کانپوءِ، افلاطون چيو، ”ڪالھھ بلڊنگ جي چوڪيدار ٻڌايو پئي، تھ تنھنجو سالو صاحب سنڌ جو آفت زميندار آھي. وٽس اھڙا تھ خطرناڪ ڌاڙيل آھن، جو اک ڇنڀ ۾ ماڻھو ماريندي دير نھ ڪندا آھن.“
    قاسم ھلڪو ٽھڪ ڏنو.
    ”اڙي! تون کلين ٿو، گڏھھ.“
    ”ٻيو نھ تھ روئان!“
    ”چرچي چرچي ۾ سر نھ وڃائي ويھين.“
    ”افلاطون،“ قاسم سندس ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو، ”ھيءُ ڪراچيءَ جو شھر آھي. ھتي چور کي ڳنڍيڇوڙ ۽ سير کي سوا سير ملندو رھندو آھي.“
    ”توکي ڌاڙيل کان ڊپ نٿو ٿئي، قاسم؟“ افلاطون جو وات حيرت مان کلي ويو.
    ”سنڌ جا ڌاڙيل جيڪڏھن ڪراچيءَ تائين ايندا، تھ کين ڪي ڪين ورندو. ڪلفٽن تي سمنڊ ۽ سرڪاري باغيچي جا ڀولڙا ڏسي موٽي ويندا.“
    ”تون ھوش ۾ ناھين، قاسم“ افلاطون اسٽال ڏانھن وڃڻ لڳو.
    قاسم کيس ٻانھن کان ڇڪي، پنھنجي ويجھو آندو. آھستي ٻڌايائينس، ”ڪورٽن جا در کليل آھن. مان زينب سان سول مئريج ڪندس.“
    ”پر تون تھ نوڪر آھين، معمولي سيلزمين آھين. زينب سان ڪيئن شادي ڪندين؟“
    افلاطون چوڻ خاطر چئي ويو، پر جڏھن قاسم جي منھن تي نظر پيس، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي. ڪجھھ دير اڳ جنھن شوخيءَ سان ڳالھائي رھيو ھو، سا شوخي کانئس موڪلائي ويئي. دل جو درد منھن تي تري آيس.
    افلاطون قاسم جو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ کڻندي چيو، ”قاسم، آئي ايم ساري، قاسم.“
    ”افلاطون.“ قاسم ٿڌو، اونھو ساھ کڻندي چيو، ”اھو ڪو ڏوھھ تھ ڪونھي، جو مان ھڪ معمولي سيلز مين آھيان، نوڪر آھيان. مان ايم. اي فائينل جو شاگرد بھ تھ آھيان. يونيورسٽيءَ جو مڊل ويٽ باڪسنگ چئمپين بھ تھ آھيان.“
    افلاطون خاموش رھيو. کيس ڏسندو رھيو. قاسم جي وجود تي غم ۽ الم جا پاڇا پئجي ويا. ھن پولار ۾ نھاريندي چيو، ”مان ھڪ نھ ھڪ ڏينھن پڙھي پوندس. گريجوئيٽ ٿيندس. ايم. اي جي ڊگري وٺندس. ان وچ ۾ پاڪستان جو مڊل ويٽ چئمپين بھ ٿي ويندس. منھنجو اھو ڏوھھ ڪونھي جو مان سيلز مين آھيان.“
    افلاطون سھي نھ سگھيو. ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين، ”مون کي معاف ڪر، قاسم.“
    قاسم چيو، ”منھنجو سڀ کان وڏو ڏوھھ اھو آھي، جو مان غريب آھيان. پاڪستان جو چئمپين ٿيڻ کان پوءِ ۽ ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ بھ غريب رھندس. مان مل جو مالڪ ٿي نھ سگھندس. ٻاھران مال گھرائڻ جي پرمٽ وٺي نھ سگھندس. مان غريب آھيان، افلاطون. مان غريب رھندس. غربت اسان جي بدنصيبي آھي.“
    افلاطون دل ئي دل ۾ پڇتائڻ لڳو. ٻئي ٻانھون لوھي ريلنگ تي رکي، منھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيائين. قاسم افلاطون جي ڀرسان وڃي ويٺو. ڏانھنس پاسيرو ڏسندي چيائين، ”تون بھ غريب آھين، افلاطون، ۽ ھميشه غريب رھندين. تون فٽ پاٿ تي رسالا ۽ اخبارون رکي، ھڪ ڏينھن وڏو پرنٽر ۽ پبلشر ٿيڻ جا خواب ڏسندو رھندين. نھ افلاطون نھ. اسان غريب آھيون. اسان جي زندگيءَ جا پير گوڏن تائين مفلسيءَ جي ڌٻڻ ۾ لھي ويا آھن.“
    افلاطون اوچتو منھن ڦيرائي، قاسم ڏانھن ڏسڻ بنا، پنھنجي اسٽول تي وڃي ويٺو. ھڪ پير اسٽول تي رکي، کاڏي گوڏي تي رکي ڇڏيائين. کيسي مان پن جي ٻيڙي ڪڍي، دکائي، اونھو سوٽو ھڻي، قاسم ڏانھن ڏٺائين. قاسم جي منھن ۾ گھنج ھئا. سندس اکين جي ٻاھرين ڪاراڻ چٽي ٿي ويئي ھئي. ھن پنھنجو سمورو بار لوھي ريلنگ تي ڇڏي ڏنو ھو. افلاطون دونھون ڇڏيندي، اي- ون ريسٽورنٽ ڏانھن ڏٺو.
    اي – ون ريسٽورنٽ ۾ گھانچي ۽ غلام حسين ساڳين ڪرسين تي ويٺا ھئا. غلام حسين جي منھن جو نقشو بدليل ھو. ڀرون ڳتيل، ۽ اکيون ڪرڙيون ٿي ويون ھئس. گھانچي آنند سان سگريٽ مان دونھان ڪڍي رھيو ھو. غلام حسين بوسڪيءَ جي قميص جو ڪف مٿي ڪري پنھنجي قيمتي واچ ۾ وقت ڏٺو. چيائين، ”ھن ساڍي پنجين جو وقت ڏنو ھو. ھينئر ساڍا ڇھھ ٿيا آھن. ڪڏھين ايندو جانو مڪراني؟“
    ”بس ھير ايندو.“
    ”اھا ھير الاءِ ڪڏھن ختم ٿيندي،“ غلام حسين چيو، ”ڪٿي تنھنجو جانو مڪراني پڪڙجي تھ نھ پيو.“
    ”واھھ ڙي گولام حسين،“ گھانچيءَ ٽھڪ ڏنو، ”جانو باشا کي ڪير پڪڙيندو. جانو پوليس جو دوست آئي. ڪراچي جا ٽاپ وڪيل جانون جو ڪيس ڦڙي ھلائيندا آئن.“
    غلام حسين خاموش رھيو. سامھو، ڀت وٽ ويٺل ھڪ پارسي گراھڪ جي ڪوپ ساسر مان جلترنگ پيدا ٿيو. غلام حسين ان گراھڪ ڏانھن ڏٺو. گراھڪ ھوٽل جي در ڏانھن حيرت مان ڏسي رھيو ھو. غلام حسين منھن ڦيرائي ھوٽل جي در ڏانھن ڏٺو.
    در جي وچ ۾ ھڪ راڪاس جيڏو ڪارو ڪوپو شخص بيٺو ھو.
    ”آگيا استاد جانو باشا،“ گھانچيءَ وڏي واڪ چيو ۽ ڪرسي پري ڪري اٿي بيٺو. ھوٽل جي گراھڪن منھن ورائي در ڏانھن ڏٺو. جانوءَ جا ٻئي ھٿ چيلھھ تي رکيا ھئا. سندس ٻرانگھھ کليل ھئي ۽ بشرٽ جو ڪالر کڙو ڪيل ھوس.
    ھوٽل جي ھڪ ڪنڊ ۾ ھڪ پوليس وارو ھڪڙي ڦاٽل پراڻن ڪپڙن واري شڪار جي کل لاھي رھيو ھو. پوليس جي نگاھھ جڏھن جانو مڪرانيءَ تي پيئي، تڏھن ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو. جانوءَ سان ھٿ ملائي، کانئس حال احوال وٺي، موٽي وڃي شڪار جي ڍونڍ تي ڪريو.
    گھانچيءَ ھوٽل جي در وٽ جانو مڪرانيءَ سان زوردار ھٿ ملايو، ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ھڪ ٻئي جي منھن ۾ ڏسي کلڻ لڳا.
    جانوءَ ھڪ اڏامندڙ نگاھھ ھوٽل ۾ ويٺل گراھڪن تي وڌي، ۽ پوءِ گھانچيءَ سان گڏ غلام حسين جي سامھون اچي بيٺو. غلام حسن ھڪ نگاھھ ۾ جانو مڪرانيءَ جو فولاد جھڙو جسم جاچي ورتو. سندس منھن تي مرڪ تري آئي.
    جانو مڪرانيءَ جو ڦٿل نڪ شرناءِ جھڙو، ٿلھا چپ اٺ جي چپن جھڙا، چنجھيون اکيون چراغ جھڙيون، وار ڊڀ جھڙا ۽ رنگ دانگيءَ جي تري جھڙو ھو. لاڳيتو پان چٻاڙڻ سبب وات ڳاڙھو ھوس.
    ”جانو باشا، ھيءُ آئي سائين گولام حسين، سنڌ جو آفت وڊيرو،“ گھانچيءَ ٻنھي جي سڃاڻپ ڪرائيندي چيو، ”گولام حسين ۽ آءٌ اين جياءِ (N.J.V) اشڪول ۾ پڙندا ھئاسي.“
    ”اڙي تون پڙيلو آئين، گھانچي، کانا کراب؟“ جانو حيرت مان گھانچيءَ ڏانھن ڏٺو.
    ھانا. ماسٽر کانا کراب اشڪول کان راشٽيڪيٽ نا ڪري تھ ولا آءٌ ماٽرڪ ڪران ھا.“
    جانوءَ پنھنجو دونھاٽيل فولاد جھڙو ھٿ غلام حسين ڏانھن وڌايو. غلام حسين پنھنجو ھٿ جانوءَ جي رڪ جھڙي ھٿ ۾ ڇڏي ڏنو. جانوءَ پنھنجو چنبو بند ڪري ڇڏيو. غلام حسين جو ھٿ جانوءَ جي مٺ ۾ گم ٿي ويو.
    ”۽ ھي پنھنجو جانو باشا آئي، ڪراچي جو بليڪ ڪنگ. آڌو ڊجن ماڻن کي چاقوءَ سان بلڪل کلاس، شڪ شڪ شڪ کلاس ڪريو آئي.“
    غلام حسين جي ٻانھن کي ٻھ چار لوڏا ڏيئي، جانوءَ پنھنجي مٺ کولي ڇڏي. غلام حسين ھڪدم پنھنجو ھٿ ڇڪي ورتو. جانو ڪرسي سوري ويھي رھيو. قميص جي کيسي مان ولائتي سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي، ھڪ سگريٽ پنھنجي واڱڻ جھڙن چپن ۾ جھلي ماچس ڳولڻ لڳو. غلام حسين پنھنجي لائيٽر سان سندس سگريٽ دکايو. ھن ھڪ اونھو سوٽو ھڻي، منھن مٿي ڪري، دونھون پکي جي ھوا ۾ ڇڏي ڏنو. دونھون ھوا ۾ ملي جلي ويو.
    ”ڇا پيئندين، جانو بادشاھھ،“ غلام حسين کانئس پڇيو، ”ٿڌو يا گرم؟“
    جانوءَ جواب نھ ڏنو. جواب ۾ گھانچيءَ ڏانھن ڏٺائين. ٻنھي جي منھن تي معنيٰ خيز مرڪ تري آئي. جانوءَ جون اکيون وڌيڪ چنجھيون ٿي ويون. غلام حسين سندس مرڪ جي معنيٰ سمجھي ويو. جانوءَ جي ھٿ کي ٿڦڪي ڏيندي چيائين، ”تون خيال نھ ڪر جانو بادشاھھ. تنھنجي اھا اڃ اسان سائي سائڻ سان لاھينداسين.“
    ”ڇا!“ جانوءَ جو ھيٺيون چپ اچرج ۾ لٽڪي پيو.
    غلام حسين چيو، ”جانو بادشاھھ، سنڌ ۾ ڀنگ کي سائي سائڻ بھ سڏيندا آھن.“
    ”ولا!“
    ”ھا.“
    ”کش رھھ واجا. تو پانجو دل کش ڪري ڇڊيو،“ جانوءَ غلام حسين جو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ کڻندي چيو، ”او دلو ديوس ڪٿي آئي، ولا، ھڪ ٽڪر ۾ حرامي کي کلاس ڪندوس.“
    ”سامھون بارنيس اسٽريٽ جي ڪنڊ وٽ بيٺو آھي، مردود،“ غلام حسين چيو، ”ڪڏھن ڪڏھن تھ ڪراچيءَ ايندا آھيون. گذريل ٻن سالن ۾ جڏھن بھ آيا آھيون، ھن مردود نڪ ۾ دم ڪيو آھي. اسان جي گھر ھيٺان اچي بيھندو آھي.“
    ”دادا آئي؟“
    ”نھ. جمالدين اينڊ سنز جي دڪان تي سيلز مين آھي. ڪپڙو وڪڻندو آھي.“
    ”دڪان کي آگ لگايان؟“
    ”نھ نھ. دڪان جو مالڪ منھنجو دوست آھي.“
    ”ڪيڙو گال ٿو ڪرين واجا. مالڪ دوست اور نوڪر جو ايڊو مجال!“
    ”ھن حراميءَ کي نوڪريءَ جي ضرورت ناھي. نوڪريءَ مان ڪڍائيندومانس، تڏھن بھ ھت ايندو.“
    ”ھون،“ جانوءَ منھن ۾ گھنڊ وجھي پڇيو، ”ديوس کي بلڪل کلاس ڪرانس؟“
    ”ھا. بلڪل خلاص،“ غلام حسين چيو، ”پر خيال سان. جيئن منھنجو نالو وچ ۾ نھ اچي. عزت وارا آھيون.“
    ”ھو ھو ھا.“ جانوءَ جي نڙيءَ مان ٽھڪ ائين نڪتو، ڄڻ خراب لائوڊ اسپيڪر مان آوز نڪري رھيو ھو، ”اڙي تون ڦڪر نا ڪر.“
    جانو اٿي بيٺو. غلام حسين چيو، ”ترس. اول مان ھوٽل کان ھليو وڃان. مان توکي گھر جي بالڪونيءَ مان اشارو ڪندس، پوءِ تون ھن سوئر کي چيري ڇڏجانءِ.“
    غلام حسين گھانچيءَ ۽ جانو مڪرانيءَ کي ھوٽل ٻاھران بيھاري، پاڻ سعيد منزل جي سامھون، بارنيس اسٽريٽ جي پرئين پاسي کان تڪڙو تڪڙو ھليو ويو. ٻھ ٽي بلڊنگون ڇڏي، ڊنشا بلڊنگ ۾ ھليو ويو. ٻھ ٻھ ڏاڪا چڙھندو، فليٽ نمبر ٻارھين جي در وٽ وڃي بيٺو. ساھھ چڙھي آيو ھوس. ساھھ قابو ڪري، زور سان در کڙڪايائين. سندس پڦيءَ در کوليو. ھو اندر ھليو ويو. ورانڊي ۾ ٻئي ھٿ چيلھھ تي رکي بيھي رھيو. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ کانپوءِ، پڦيءَ کان پڇيائين، ”ڪٿي آھي زينب؟“
    ”ابا ھڻي ٺھيو. رات کان ويچاريءَ جي جان کائي ويو آھين.“
    ”جان کائي ويو آھيانس!“ غلام حسين رڙ ڪئي، ”منھنجي ننڍڙي ڀيڻ نھ ھجي ھا تھ جيڪر اڦٽ ماري وجھانس ھا.”
    ”ٻار آھي. غلطي ڪري ويٺي آھي. ھاڻي ڇڏينس.“
    ”ڇڏيانس! ھر سال ڪپڙا، زيور وٺڻ جو بھانو ڪري، بابا کي ڀنڀلائي ڪراچيءَ ايندي آھي. ڇاجي لاءِ ڇاجي لاءِ؟“
    ”سياڻو ٿيءُ ابا. ھوش ڪر.“
    ”روھڙيءَ ۾ تھ جھرڪ کان بھ پڙدو ڪندي آھين. وڏي شھر ۾ اگھاڙيون عورتون ڏسي تنھنجي مت مارجي ويئي آھي.“
    ”مٺا، غلام حسين، ابا ٺھيو.“
    ”ھڪ ٽڪي جي نوڪر جي ايڏي مجال جو اسان جي گھر ٻاھران اچي بيھي،“ ”غلام حسين ڪاوڙ منجھان ڪنبندي چيو، ”روھڙيءَ ۾ ائين ٿئي ھا! چئھ پڦي. جواب ڏي. روھڙيءَ ۾ جيڪڏھن ڪو اک کڻي بھ اسان جي حويليءَ ڏانھن ڏسي ھا، تھ جيڪر اک ڪڍائي ڇڏيانس ھا. ڪٿي آھي، بيغيرت زينب.“
    زينب ڪمري مان نڪري، ورانڊي ۾ اچي بيٺي. اکيون روئڻ سبب ڳاڙھيون ھئس. وار اڻڀا ۽ منھن تي ھيڊ ھاريل ھئس.
    ”لخ لعنت ٿئي ڇوري،“ غلام حسين زينب کي منھن ۾ گھروڙي بجو ڏنو.
    زينب کانئس ٻھ چار قدم پوئتي ھٽي ويئي، ”ادا.“
    ”خبردار جو پنھنجي بدزبان سان مون کي ادا چيو اٿئي،“ غلام حسين قدم وڌائي زينب جي سامھون وڃي بيٺو. رڙ ڪندي چيائين، ”پاڇي کان پڙدو ڪندڙ ڇوڪري، تو ايڏي ھمت ڪيئن ڪئي!“
    غلام حسين زينب جي منھن تي چماٽ وھائي ڪڍي. ھوءَ ٿڙندي، ٿاٻڙندي ڀت سان وڃي لڳي. پاڻ مس سنڀاليائين، جو غلام حسين ٻي چماٽ ھڻي ڪڍيس. ھوءَ ڦيري کائي در جي طاق سان وڃي لڳي. طاق جون مٿيون شيشو چور چور ٿي ويو.
    پڦي وڌي اچي غلام حسين کي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو. غلام حسين سٽ ڏيئي ٻانھن ڇڏائي ورتي.
    پڦيءَ کي سامھون ٿيندي چيائين، ”پڦي، جيڪڏھن ڪنوارين ڇوڪرين کي خاندان جي عزت ۽ عظمت جو اشتھار سمجھو ٿا، تھ پوءِ ڪوٽن جا ڪڙا چاڙھي ڇڏيو. حويليءَ جون ڀتيون آسمان تائين کڻائي ڇڏيو، جيئن ھي ڇوڪريون اسان جي ٽوپيءَ سان ھٿ چراند نھ ڪري سگھن.“
    ”ادا،“ زينب پاڻ سنڀالي، لڙڪ اگھي، ڀريل آواز ۾ ڳالھايو، ”مون محبت ڪئي آھي. گناھھ نھ ڪيو اٿم.“
    ”زينب!“ غلام حسين ھيبتناڪ رڙ ڪئي، جنھن ۾ پڦيءَ ۽ زينب سان گڏ پاڻ بھ ڪنبي ويو. اکين مان ڄڻ باھھ جا جنسي شعلا نڪرڻ لڳس. ٻنھي ھٿن جون مٺيون ڀڪوڙي ڇڏيائين.
    زينب چيو، ”ھو غريب آھي تھ ڇا ٿيو، ھڪ شريف انسان بھ تھ آھي.“
    ”خاموش، بدزبان ڇوڪري، خاموش،“ غلام حسين لاڳيتيون ٻھ چار چماٽون زينب کي وھائي ڪڍيون، ”اردو ناولن ۽ فلمن جا ڊائلاگ مون کي نھ ٻڌاءِ.“
    پڦي غلام حسين جي سامھون آئي، پر ھنکيس ڌڪو ڏيئي پري ڪندي چيو، ”تون پري ٿيءُ، پڦي، اڄ مان ھن ڇوريءَ کان پڇندس. ھن جي ايڏي مجال ڪيئن ٿي.“
    زينب جو ھيٺيون چپ ڦاٽي پيو ھو. سندس کاڏيءَ ۽ قميص جو آڳو رت ۾ آلو ٿي ويو ھو. ھن وھندڙ رت نھ اگھيو. جڏھن غلام حسين سندس اکين ۾ ڏٺو، تڏھن ھن ٻانھن سان رت اگھي، نفرت وچان ڀاءُ ڏانھن نھاريو.
    ”ڳالھائي. خاموش ڇو آھين، ڇوري.“
    زينب آلين اکين سان غلام حسين جي جلندڙ اکين ۾ گھوريندي چيو، ”ياد اٿئي، مان جڏھن ننڍڙي ھوندي ھيس، تڏھن تون مون کي چٺيون ۽ سوکڙيون ڏيئي جادل ڪاسائڻ ڏانھن موڪليندو ھئين. پنھنجا ڪرتوت وساري ڇڏيا اٿئي. ڪھڙو غيرتمند ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ کان ڌوتين جو ڪم وٺندو ھوندو.“
    ”خاموش، بڪواس بند ڪر.“
    زينب ڪنبندي رھي، ۽ ڳالھائيندي رھي، ”اوطاق ۾ ۽ ٻاھر جيڪي ڪجھھ منھن ڪارو ڪندو رھيو آھين، تنھنجو ڄڻ ڪنھن کي خبر ڪونھي. اڄ وڏو غيرتمند ٿي پيو آھين.“
    مان مرد آھيان. جيئن وڻندو، تيئن ڪندس.“ غلام حسين زينب کي چوٽيءَ کان ڌونڌاڙيندي چيو، ”پنھنجين اکين سان ھلي ھن حراميءَ جو رت ۾ رنڱيل لاش ڏس.“
    غلام حسين زينب کي چوٽيءَ کان ڇڪيندو پھرين ڪمري جي بالڪونيءَ تائين وٺي آيو. پڙدو ڪيرائي، زينب کي در جي وٿيءَ وٽ بيھاري سندس چوٽيءَ مان ھٿ ڪڍڻ بنا، پاڻ بالڪونيءَ ۾ نڪري بيٺو.
    جانو مڪراني ۽ گھانچي اي- ون ريسٽورنٽ جي ٻاھران بيٺا ھئا. غلام حسين ھٿ لوڏي ٻنھي کي اشارو ڏنو. پوءِ پڙدو ھٽائي، اوٽ ۾ بيٺل زينب کي چيائين، ”ڏسجانءِ. پنجن منٽن ۾ ھن حراميءَ جو لاش بندر روڊ ۽ بارنيس اسٽريٽ جي چوڪ وٽ پيو ھوندو.“
    زينب جون اکيون وحشت ۾ پٿر جون پتليون ٿي ويون. ھن در جي وٿيءَ مان راڪاس جيڏي جانو مڪرانيءَ ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ سعيد منزل وٽ بيٺل قاسم تي نظرون ڄمائي ڇڏيائين.
    بالڪوني جي ھيٺان، ڪجھھ پرڀرو، سعيد منزل جي لوھي ريلنگ وٽ افلاطون ۽ قاسم بيٺا ھئا. قاسم لوھي ريلنگ کي پٺي ڏيئي بيٺو ھو ۽ سامھون افلاطون بيٺو ھوس. افلاطون کيس سمجھائي رھيو ھو، ”تون ھليو وڃ. ڏس، جانو مڪراني توڏانھن اچي رھيو آھي. چاقو ھڻندي دير نھ ڪندو. خدا جي واسطي ھليو وڃ.“
    ”ھليو وڃان؟“
    ”ھا.“
    ”ڪيڏانھن؟“
    ”جيڏانھن وڻيئي، تيڏانھن ھليو وڃ، في الحال ھتان ھليو وڃ.“
    ”زينب کي ڇڏي ڀڄي وڃان؟“
    ”ھا.“
    قاسم افلاطون جي اکين ۾ نھاريندي چيو، ”مان ڪيئن زينب کي ڇڏي ڀڄي وڃان، افلاطون.“
    ”ڏس قاسم،“ افلاطون تڪڙو تڪڙو چوندو ويو، ”زينب توکي نھ ملندي. تون پنھنجي جان بچائي ھتان ھليو وڃ.“
    ”منھنجي دل نھ ٽوڙ افلاطون.“
    ”پاڻ کي اجايا دلاسا نھ ڏي، زينب توکي نھ ملندي.“
    ”ڇو نھ ملندي؟ ان لاءِ تھ مان غريب آھيان. مسڪين آھيان. سيلز مين آھيان.“
    ”ڳالھين ڪرڻ جو وقت ناھي قاسم،“ افلاطون بندر روڊ ڏانھن ڏسندي چيو، ”ڏس، ھو ٻئي ٽرام پٽو ٽپي آيا آھن. وقت ويو ڪونھي. تون ڀڄي وڃ قاسم.“
    ”انصاف انڌو ناھي. قانون جا ڪن ٻوڙا ناھن. قانون جي دائرن ۾ ڪوبھ مون کي زينب کان جدا ڪري نھ سگھندو.“
    ”انصاف اسان لاءِ انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو آھي قاسم،“ افلاطون تڪڙ ۾ چيو، ”پر ھيءُ بحث ڪرڻ جو وقت ناھي. تون خدا جي واسطي ڀڄي وڃ.“
    قاسم افلاطون کي ھٿ سان پنھنجي سامھون پري ڪري، منھن ورائي، ڊنشا بلڊنگ جي ان بالڪونيءَ ڏانھن ڏٺو، جتي غلام حسين بيٺو ھو.
    غلام حسين جو ھڪ ھٿ اجرڪ جي پڙدي پٺيان لڪل ھو، جنھن سان زينب کي چوٽيءَ کان ڇڪي، در جي وٿيءَ وٽ بيھاريو ھئائين.
    زينب در جي وٿيءَ مان جانو مڪرانيءَ کي قاسم ڏانھن وڌندي ڏٺو. ھڪ دردناڪ آھھ زينب جي اندر مان ڦاٽ کائي نڪتي، ۽ سندس چپن کي ڦڙڪائيندي ھلي ويئي.
    جانو مڪرانيءَ قاسم کي ويجھو وڃي، پاڻ کي ھوا ۾ اڇل ڏني. اک ڇنڀ ۾ پنھنجو رڪ جھڙو مٿو قاسم جي منھن تي ھڻڻ لاءِ قاسم تي بل ڏنائين. قاسم وڄ وانگر جانوءَ جي سنوت کان ھٽي، سندس وار گسائي ڇڏيو. جانوءَ جي لوندڙي لوھھ جي ريلنگ سان وڃي لڳي. ھڪ آواز ٿيو، ڄڻ لوھھ جو مارتول ڀيم سان وڃي لڳو. جانو ڦھڪو ڪري فٽ پاٿ تي ڪري پيو. اکين جا تارا پٿر وانگر ھڪ ھنڌ ڄمي ويس.
    غلام حسين جو ھٿ زينب جي چوٽيءَ مان ڇڏائجي ويو. ھو ٻئي ٻانھون بالڪونيءَ جي ڪناري تي رکي خارن مان قاسم ڏانھن ڏسڻ لڳو.
    قاسم لوھي ريلنگ کي ٽيڪ ڏيئي، اڳ وانگر ٿي بيٺو ھو. سندس منھن جون مشڪون ڇڪيل ھيون، ۽ نگاھون جانوءَ تي کتل.
    جانوءَ ڪنڌ لوڏي پاڻ کي سامت ۾ آندو. ھٿ جي تريءَ جو زور ڏيئي پاڻ کي فٽ پاٿ تان مٿي ڪيائين. اٿي بيٺو. اٿنديئي، ٻئي ٺونشا ٺاھي، قاسم تي اڇل ڏنائي. قاسم سندس وار گسائي، کيس منھن تي لاڳيتا ٻھ چار ٺونشا وھائي ڪڍيا. لوندڙيءَ واري مڪ کائي، راڪاس جيڏو جانو، بولاٽيون ڏيندو، پپر جي وڻ سان وڃي لڳو، ۽ ڏسنديئي ڏسندي اونڌي منھن پپر جي پاڙ ۾ وڃي پيو.
    افلاطون پيھھ کي پري ڪري، سڀني کان اڳتي اچي بيٺو ۽ حيرت مان قاسم ڏانھن ڏسڻ لڳو.
    اي- ون ريسٽورنٽ جا گراھڪ ڪرسيون ڇڏي، ڊوڙندا آيا ۽ پيھھ ۾ شامل ٿي ويا. ريسٽورنٽ ۾ جنھن پوليس واري جانوءَ کي کيڪاريو ھو، سو ماڻھن کي پري ڪري وڻ وٽ اچي بيٺو. وڻ وٽ جانوءَ کي اونڌي منھن ڪريل ڏسي کانئس ڇرڪ نڪري ويو.
    جانوءَ وڏيءَ ڪوشس سان پاڻ کي سڌو ڪيو. ٻئي ھٿ وڻ جي ٿڙ ۾ کپائي، پاڻ کي ڇڪي مٿي ڪيائين، ۽ پوءِ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيو. سندس کاٻي اک ۽ نڪ مان رت ٺينڊيون ڪري وھي رھيو ھو. ھن ڦڪائيءَ مان ڪنڌ مٿي ڪري، ڊنشا بلڊنگ ڏانھن ڏٺو.
    غلام حسين ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو ھو. مٺيون ڀڪوڙجي ويون ھئس. چپن ۾ پنھنجي ساءِ ڀڻ ڀڻ ڪيائين، ”ھن ڀاڙيءَ جي تعريف ۾ گھانچيءَ ڌرتي آسمان ھڪ ڪري ڇڏيو ھو. ھن وائڙي ڀوڪ اڌ ڊزن خون ڪيا آھن! ھاءِ ڙي ڪرم علي کوسا، ھاءِ ڙي علڻ چانڊيا، ھاءِ ڙي انب شيدي- ڪھاڙيءَ جي ھڪ ڌڪ سان ھن خسيس ڇوري جو ڪم لاھي ڇڏين ھا. ھاءِ ڙي سنڌ! ڪراچي ويئي سنڌين کان.“
    اوچتو غلام حسين ڀڻ ڀڻ بند ڪري ڇڏي. واڇون ٽڙي پيس. پنھنجي ساءِ وات مان نڪتس، ”شاباس. وارو ڪر جانو.“
    جانو وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ھو. ھٿ ۾ چلڪندڙ خنجر ھوس.
    ماڻھن جون اکيون دھشت کان ڦاٽنديون ويون. افلاطون جا گوڏا ڪنبڻ لڳا.
    قاسم پنھنجي جاءِ تان نھ چريو ۽ جانوءَ ڏانھن ڏسندو رھيو. جانوءَ ڏانھنس وک وڌائي. نفرت سبب سندس چھرو خوفناڪ ٿي ويو ھو. ھو وڌندو آيو ۽ پوءِ جڏھن قاسم کان وک کن پري رھجي ويو، تڏھن مٿانئس وار ڪيائين.
    قاسم تير وانگر خنجر جي وار کان پاڻ ڪڍائي ويو. خنجر لوھي ريلنگ سان وڃي ٽڪريو جانوءَ ھيبتناڪ ٽھڪ ڏنو.
    قاسم ريلنگ وٽان پري ٿي ويو ھو. جانو ريلنگ کي پٺي ڏيئي، خنجر اڳتي ڪري، قاسم ڏانھن وڌڻ لڳو. قاسم پوئتي ھٽڻ لڳو. ھٽندي ھٽندي پپر جي ٿڙ سان وڃي لڳو. جانوءَ ھڪدم مٿس وار ڪيو. قاسم ڪنڌ پري ڪري ڇڏيو ۽ خنجر جو اڌ ڦرو پپر جي ٿڙ ۾ لنگھي ويو.
    قاسم سموري قوت سان جانوءَ جي منھن تي کاٻي ھٿ جي مٺ سان ٺونشو ھڻي ڪڍيو. جانوءَ جو ھٿ وڻ ۾ کتل خنجر مان ڇڏائجي ويو. اڃا پاڻ مس سنڀاليو ھئائين، جو قاسم ساڄي ھٿ جي ھڪ مڪ وھائي ڪڍيس. جانو اڇل کائي ريلنگ سان وڃي لڳو. ھوش گم ٿي ويس. ھوا ۾ ٿاڦوڙا ھڻڻ لڳو. قاسم وڌي اچي پيٽ ۾ گوڏو ھنيس. ھو سور کان ٻٽو ٿي ويو. قاسم ٻنھي ھٿن جون آڱريون ھڪٻئي ۾ جڪڙي، سڄيءَ طاقت سان جانوءَ کي کاڏيءَ ھيٺان ڌڪ وھائي ڪڍيو. ڌڪ کائي، جانو ڏور ٽٽل ڪمان وانگر ڇڪ کائي سڌو ٿي ويو. قاسم اول کاٻي ۽ پوءِ ساڄي ٺونشي سان جانوءَ جو نڪ ۽ چپ ڦاڙي ڇڏيا. جانوءَ جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. ھن ٻئي ھٿ ريلنگ ۾ کپائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھٿ لوھھ جي نلڪن مان ڇڏائجي ويس ۽ ھو ريلنگ مان گھرڪندو، بارنيس اسٽريٽ جي سڙڪ تي، گٽر وٽ وڃي ڪريو.
    خلق کي ڄڻ نانگ سنگھي ويو. ماڻھن جا پير فٽ پاٿ کي چنبڙي ويا.
    غلام حسين جڪ کائيندي بالڪوني کي لتون ھڻي ڪڍيون. زينب اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڄڻ عذاب کان ڇوٽڪارو مليو ھوس.
    افلاطون فخر سان قاسم ڏانھن ڏسڻ لڳو. قميص جي ٻانھن سان پگھر اگھي، قاسم ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
    ان وقت ساڳيو پوليس وارو، جيڪو ريسٽورنٽ ۾ ويٺو ھو، اڳتي وڌي آيو، ۽ قاسم کي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيائين، ”تم غنڊا ڻڍ.“
    قاسم حيرت مان پوليس واري ڏانھن ڏٺو ۽ ڪجھھ نھ ڪڇيو. سپاھيءَ سيٽي وات ۾ وجھي، سڄيءَ قوت سان وڄائي.
    ٻھ سپاھي اين. جي. وي ھاءِ اسڪول جي بس اسٽاپ وٽ ڳنڍيريءَ واري جي گاڏي مان ڳنڍيريون کڻي کائي رھيا ھئا. سيٽيءَ جو آواز ڪن تي پين، تھ ڳنڍيرين سان کيسا ڀري، ڊوڙندا آيا ۽ پيھھ ۾ ڪاھي پيا.
    ھڪ سپاھي جنھن جو منھن سڪل ڇوھاري جھڙو ھو، تنھن اچڻ شرط پڇيو، ”کيا ڻڍ، امان؟“
    ”سالا غنڊا ڻئڍ. اپنڍ جانو بادشاھھ کو مارا ڻئڍ (ماءُ تي گار، ڀيڻ، زال تي گار.)
    ”لڍ چلو (ماءُ تي گار، ڀيڻ تي گار، زال تي گار) سالڍ کو تھانڍ پر.“
    ڇوھاري جھڙو سپاھي قاسم کي موٽر رڪشا ۾ ويھاري ٿاڻي ڏانھن وٺي ويو.
    ٻن سپاھين ۽ گھانچيءَ ڏاڍءَ مشڪل کان پوءِ جانو مڪرانيءَ کي گٽر وٽان اٿاري، فٽ پاٿ تي آڻي بيھاريو. گھانچيءَ رومال ڪڍي جانوءَ جو ڦاٽل نڪ، چپ ۽ کاٻي اک اگھي. اکين تان رت جو تھھ پري ٿيس، تھ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي پڇيائين، ”ڪيڊان ويو ڙي دلو؟“ آءٌ ھن کي کلاس ڪندس.“
    ”ڀڄي ويو، جانو باشا،“ گھانچيءَ وراڻيو، ”توسان لڙڻ وارو آئي ڪو مائي جو لال.“
    اِن جواب تي جانو مڪراني ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين، ”دلو، ديوس، بزدل.“
    جانوءَ فٽ پاٿ تي ٿڪ اڇلائي. سندس وات مان رت جي گرڙي اوڪاري وانگر نڪري آئي.
    گھانچيءَ ڏڪندي ڏڪندي بالڪونيءَ ڏانھن ڏٺو. بالڪوني خالي ھئي ۽ اجرڪ جو پڙدو ھوا ۾ لڏي رھيو ھو.
    جڏھن ماڻھن جي پيھھ ڇڙوڇڙ ٿي ويئي ۽ ھر ڪو سرگوشين ۾ ڳالھائيندو ھليو ويو، تڏھن افلاطون پنھنجي اسٽول تي پير رکي ويھي رھيو. ٿري ڪيسل جي پاڪيٽ مان ڪي. ٽو جو سگريٽ ڪڍي، دکائي ڊگھو سوٽو ھنيائين. منھن گوڏي تي رکي ڇڏيائين. ڪجھھ دير لاڳيتو بارنيس اسٽريٽ ڏانھن ڏسندو رھيو. ڏسندي ئي ڏسندي، افلاطون جون اکيون آليون ٿي ويون ۽ سندس نگاھن آڏو بارنيس اسٽريٽ جي ٽريفڪ، موٽر پارٽس جا دڪان ۽ اسپتالون ڪنھن ڪوھيڙي ۾ گم ٿيندا ويا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259670
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386668
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ