ڪتاب جو نالو: ميرو ڌاڙيل
مصنف: طارق اشرف
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 17 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 412 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 139 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ناول بابت طارق اشرف لکي ٿو:
”جيڪڏهن مان اهو چوان ته ميرو ڌاڙيل سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، ته شايد انهيءَ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ڪنهن به جيئري ڌاڙيل تي ناول لکيو نه ويو آهي. (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر مان نه گذريو) ٻي ڳالهه اها ته اهو ناول هڪ سچي حقيقت آهي، ٽئين ڳالهه اها ته اهو ناول ميري جي زندگيءَ ۾ ئي ڇپيو آهي. (مِيري سان منهنجي ملاقات جيل ۾ ٿي هئي، جڏهن مان ڊي.پي.آر تحت گرفتار ٿيو هوس!)
پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ”ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيو. طارق اشرف جو پهريون ڪتاب پڙهيو اٿم. ختم ڪرڻ بعد ارمان ٿيو ته اسان جا رهبر جيڪڏهن ميرو ڌاڙيل جي ڪردار ۽ اصولن جا هجن ها ته هن حال تي اسان نه پهچون ها. اصول، ڪردار، وفا، پناهه ۽ ساڃاهه جا مثالي نمونا هن ڪتاب ۾ موجود آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • ٻه اکر
  • ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيو
  • پنهنجي طرفان
  • ناول

  • بدمعاشيءَ جو سبب
  • ڪاروڪاري
  • شروعات
  • کوسن سان جهيڙو
  • عجيب ڇوڪري
  • ڪوڙو الزام
  • علحيدگي
  • موت
  • پوليس جي ڀاڄ
  • احمد خان ڏيپر جو ڌاڙو
  • جيل ۾ جهيڙو
  • جيل بدلي
  • ڀُٽي صاحب جي ڪمدار سان جهيڙو
  • ٻانهن تان جهيڙو
  • جرڳي جو فيصلو
  • موڪلاڻي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ميرو ڌاڙيل“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ناول نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ طارق اشرف جو لکيل آهي. ناول بابت طارق اشرف لکي ٿو:
    ”جيڪڏهن مان اهو چوان ته ميرو ڌاڙيل سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، ته شايد انهيءَ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ڪنهن به جيئري ڌاڙيل تي ناول لکيو نه ويو آهي. (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر مان نه گذريو) ٻي ڳالهه اها ته اهو ناول هڪ سچي حقيقت آهي، ٽئين ڳالهه اها ته اهو ناول ميري جي زندگيءَ ۾ ئي ڇپيو آهي. (مِيري سان منهنجي ملاقات جيل ۾ ٿي هئي، جڏهن مان ڊي.پي.آر تحت گرفتار ٿيو هوس!)
    پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ”ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيو. طارق اشرف جو پهريون ڪتاب پڙهيو اٿم. ختم ڪرڻ بعد ارمان ٿيو ته اسان جا رهبر جيڪڏهن ميرو ڌاڙيل جي ڪردار ۽ اصولن جا هجن ها ته هن حال تي اسان نه پهچون ها. اصول، ڪردار، وفا، پناهه ۽ ساڃاهه جا مثالي نمونا هن ڪتاب ۾ موجود آهن.“

    هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست عبدالحڪيم راڄڙ جا جنهن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري ڏنو.

    اوهان جو پنهنجو

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پنهنجي پٽ
    دانيال شاهه
    جي نالي


    ٻه اکر

    مرحوم طارق اشرف، سنڌي زبان جو اهو نامور ليکڪ هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي، سنڌي ادب کي ارپي ۽ زندگيءَ جي آخري هڏڪيءَ تائين، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. هن جو رسالو سهڻي لاڳيتو سنڌين سان ٿيندڙ ظلمن خلاف لڳاتار آواز بنيو رهيو ۽ ان ڪري طارق اشرف، پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪافي ڏک ۽ ڏوجهرا ڏٺا، عتاب هيٺ رهيو، جيلن ۾ ويو. ٻاهر نڪتو ته وري به هو ٿَڪو يا هيڻو نه ٿيو پر پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيو. افسوس هي آهي ته اهو طارق اشرف، جنهن سنڌي جي ڪيترن ئي قلمڪارن لاءِ ادبي محاذ تيار ڪيو ۽ پاڻ تڪليفون سهندي به ان محاذ تان وڙهندو رهيو، اهو طارق اشرف اڄ ڪنهن کي به ياد ڪونهي. هو اسان جو دوست هو، ان جا سهڻي ۾ ڇپيل يادگار انٽرويو، سنڌي ساهت گهر پنهنجي ابتدائي ڏهاڙن ۾ طارق جي زندگي ۾ انٽرويو نالي سان ڪتاب ڇاپيو هو. ان جا ٻيهر ڇاپڻ جو ارادو ڪيو آهي، جيئن اسان جو هاڻوڪو نسل، طارق اشرف کي پڙهي سگهي ۽ ان جي ادا ڪيل ڪردار کان واقفيت حاصل ڪري سگهي.


    ناز سنائي
    3946518 0300
    حيدرآباد سنڌ 8 آگسٽ 2016


    ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيو

    ميرو ڌاڙيل پڙهي ڇڏيو. طارق اشرف جو پهريون ڪتاب پڙهيو اٿم. ختم ڪرڻ بعد ارمان ٿيو ته اسان جا رهبر جيڪڏهن ميرو ڌاڙيل جي ڪردار ۽ اصولن جا هجن ها ته هن حال تي اسان نه پهچون ها.
    اصول، ڪردار، وفا، پناهه ۽ ساڃاهه جا مثالي نمونا هن ڪتاب ۾ موجود آهن. طارق اشرف وڏي خدمت ڪئي آهي اهو ڪتاب ڇپي.
    آءُ سنڌي لکندڙ مان نااميد نه آهيان، ذهني ڦيرو جنهن جا اسين متلاشي ۽ آرزومند هياسين، سو اچي ويو آهي، اهو زندهه رهڻ جو نشان آهي.

    حسام الدين راشدي
    2-4-1981ع


    پنهنجي طرفان

    جيڪڏهن مان اهو چوان ته ميرو ڌاڙيل سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، ته شايد انهيءَ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ڪنهن به جيئري ڌاڙيل تي ناول لکيو نه ويو آهي. (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر مان نه گذريو) ٻي ڳالهه اها ته اهو ناول هڪ سچي حقيقت آهي، ٽئين ڳالهه اها ته اهو ناول ميري جي زندگيءَ ۾ ئي ڇپيو آهي. (مِيري سان منهنجي ملاقات جيل ۾ ٿي هئي، جڏهن مان ڊي.پي.آر تحت گرفتار ٿيو هوس!)
    اهو ناول هڪ آتم ڪهاڻي آهي، جيڪا ٻڌائي ميري ۽ لکي مون آهي. اڳ ۾ مختصر طور سندس ڪهاڻي تخليق پبلڪيشن جي چئن ڪتابن ۾ڏني هئي. پر اها مختصر هئي. ائين کڻي چوان ته ميري جي زندگيءَ تي جيڪو ناول پوءِ لکيو، انهيءَ جو ٽريلر هو خوش قسمتيءَ سان اهو ٽريلر پڙهندڙن تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ پوءِ مون ميري جي سڄي زندگيءَ تي لکڻ جو سوچيو.
    مون ميري کان سندس زندگيءَ جي پوري ڪهاڻي اڳ ۾ ٻڌي، پوءِ سڄي ڪهاڻي ميري جي زباني ٽيپ ڪيم. جيڪا اٽڪل ساڍن پنجن ڪلاڪن جي هئي.
    هن ناول کي لکڻ ۾ مونکي پوڻا چار سال لڳي ويا. ميري پنهنجي زندگيءَ ۾ ننڍي ۾ ننڍو واقعو به مونکي پنهنجي زبان ۾ ٽيپ ڪرائي ڇڏيو هو، ميري کي ٻڌائڻ ۾ ته ڪا تڪليف نه ٿي، پر مونکي لکڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي ۽ سخت محنت ڪرڻي پئي. ڇو ته ميري ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪ کان وڌيڪ دفعي ٻڌايون ڪٿي ڳالهه وسري ٿي ويس ۽ ڪڏهن اڳيان هلندي اوچتو پوئين وسريل ڳالهه ياد ٿي پئي ته اتي ئي وچ ۾ ٿي ٻڌايائين. منهنجي لاءِ پهريون ڏکيو مسئلو ته ٽيپ تان اتارڻ هو ٽيپ رڪارڊر کي گهڙي ريوائينڊ ۽ فارورڊ فاسٽ ڪري ٽيپ جا بٽڻ ئي ڍرا ٿي ويا.
    منهنجي جاکوڙ کانپوءِ ميري جي زباني ٻڌايل ڪهاڻي ٽيپ تان پنن تي لاٿم انهيءَ کانپوءِ سڄي ڪهاڻي کي پڙهيم. ميري جيئن ته Eytempore ڪهاڻي ٻڌائي هئي. تنهنڪري ڪهاڻيءَ ۾ ربط ڪونه هو، تنهنڪري ٽيپ تان اتاريل ڪهاڻيءَ کي مون وري لکيو ته جيئن سڀئي ڪڙيون ڪڙين سان ملي بيهن جڏهن محسوس ڪيم ته هاڻي ڪهاڻيءَ ۾ تسلسل آهي ته پوءِ وري سڄي ڪهاڻيءَ کي فيئر ڪيم ۽ پڙهندڙن جي سهولت خاطر مختلف بابن ۾ ورهايم. ڪي باب ٽي ٽي، چار چار ڀيرا لکڻا پيا، ڇاڪاڻ ته مان مطمئن نه پي ٿيس.
    اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته سڄي ڪهاڻي اهائي آهي، جيڪا ميري مونکي ٻڌائي آهي ۽ مون ڪوشش ڪري زبان ۾ لهجو به اهوئي رکيو آهي، جيڪو ميري ڪهاڻي ٻڌائڻ وقت ڪم آندو. البت تسلسل قائم رکڻ لاءِ، ڪٿي ڪٿي مون ڪهاڻيءَ کي گهٽايو يا وڌايو آهي.
    ميري کي نڪو مان سنڌ جو جوڌو سپوت ٿو مڃان، نه ئي سندس ڪمن کي ساراهيان ٿو يا پٺڀرائي ڪريان ٿو. ميري جي ڪهاڻي مونکي دلچسپ محسوس ٿي ۽ سمجهيم ته پڙهندڙ به دلچسپي محسوس ڪندا تنهنڪري لکيم.
    پر هڪ ڳالهه ضروري آهي ته ميرو ۽ ميري جهڙا ٻيا ڌاڙيل (اڪثر) پاڻ مرادو ڌاڙيل نه بڻيا آهن حالتون کين انهيءَ رستي ڏانهن وٺيو وڃن جيڪڏهن ميري کي بنا ڏوهه جي پوليس گرفتار نه ڪري ها. ميري جي ڀاڄائي غلط ڪم نه ڪري ها يا هڪ ڪمدار کيس ڪوڙَ ۾ نه ڦاسائي ها، ته شايد ميرو ڌاڙيل جي بدران فقط هڪڙو محنتي هاري هجي ها.
    ميري جي ڪهاڻي ايئن آهي، جيئن ڪنهن به ڌاڙيل جي هوندي آهي. مونکي جنهن ڳالهه متاثر ڪيو اها هئي ميري جي سچائي ۽ جيل ۾ بهادري. ميري اها ثابت ڪيو آهي ته ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي. بهادريءَ سان هر ڏاڍ کي جهڪائي سگهجي ٿو.
    مون جيل ۾ وڏن وڏن ليڊرن کي به ڀاڙيو ٿيندي ڏٺو آهي. جن کي اي ڪلاس ايئرڪنڊيشنڊ ۽ هر سهولت مليل هئي پر سي ڪلاس ۾ ڪرمنل قيدي، ايڏي بهادري ۽ شانَ مانَ سان رهي ..... اهڙي بهادري گهٽ ماڻهن ۾ هوندي.


    - طارق اشرف


    ناول

    بدمعاشيءَ جو سبب

    سيپٽمبر 1975ع جي ڳالهه آهي، مونکي ڊفينس آف پاڪستان رولز (DPR) تحت ڪراچيءَ مان گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل اماڻيو ويو هو. اهو جيل منهنجي لاءِ نئون ڪونه هو. 74ع پڻ ساڳي آرڊيننس تحت انهيءَ جيل ۾ رهي ويو هوس. پوئين دفعي اپريل 74ع ۾ گرفتار ٿيو هوس ۽ هاڻ سيپٽمبر 75ع ۾ اهو عرصو وڏو ڪونه هو، تنهن ڪري جيل اسٽاف به گهڻي ڀاڱي ساڳيو هو ساڳيو سپرنٽينڊنٽ نور الاهي شيخ، ميڊيڪل آفيسر نور محمد ميمڻ، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محبوب ۽ جيلر راجا وغيره ڪجهه اسٽاف بدلي به ٿي ويو هو.
    گذريل دفعي مون سان گڏ شاهنواز شاه، ڪنهيو لال، سردار علي شاهه، يوسف جکراڻي ۽ اسرار سرڪي وغيره هئا. انهن مان ڪي منهنجي هوندي ۽ ڪي مونکان پوءِ آزاد ٿي چڪا هئا. پر هن دفعي نه فقط ساٿي ٻيا هئا پر اڳيون بي ڪلاس به ڪونه هو انهيءَ بي ڪلاس ۾ سردار خير بخش مري ۽ مير غوث بخش بزنجو رهيل هئا. تنهن ڪري مونکي اسپيشل وارڊ ۾ رکيائون. اهو وارڊ اڳ ۾ ليڊي وارڊ هو. هاڻ هن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي جا ڪجهه شاگرد حڪيم ٻٻر، لعل بخس نائچ، راجا رحيم کهاوڙ، سريش ۽ ٻيا رهيل هئا. مونکي وارڊ جي انهيءَ حصي ۾ رهايائون جنهن ۾ ڪنهن وقت پير پاڳاري (پير صبغت الله) کي انگريزن قيد ڪري رکيو هو.
    مان اتي اڪيلو رهندو هوس. منهنجو وقت يا ته ڪتاب پڙهڻ ۾ گذرندو هو، يا سمجهڻ ۽ برداشتين (برداشتي: جيل ۾ اي ڪلاس ۽ بي ڪلاس جي قيدين کي سي ڪلاس جا قيدي ڪم لاءِ ڏيندا آهن) سان حال احوال وٺڻ ۾.
    مان صبح ۽ شام جو، پنهنجي کوليءَ اڳيان ورانڊي ۾، ڪرسي رکي ويهندو هوس برداشتي به واندا ٿي اچي مون وٽ ويهندا هئا. مان هڪڙي قيديءَ کي ڏسندو هوس جيڪو اڪثر ڀتي (جيل جي ماني) ملڻ کانپوءِ ٻوڙ کي تڙڪو لڳائڻ لاءِ اسان جي بورچي خاني ۾ ايندو هو. پنجونجاهه، ڇاونجاهه جي پيٽي ۾ هو. جسم ڳرو، قد جو ڪجهه ننڍو، ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن کي ميندي لڳل، پر اڪثر اڌ وار اڇا ۽ اڌ ميندي هاڻا ڳاڙها هوندا هئا. اکيون سدائين ڳاڙهيون، اهڙيون جهڙو رت ٿو ٽمي. سندس اکين ۾ اهڙي دهشت هوندي هئي جو مان ڪڏهن به ساڻس نظرون نه ملائي سگهندو هوس.
    ڪڏهن ڪڏهن عجيب حليئي ۾ به ايندو هو. خالي سٿڻ پيل، باقي جسم اگهاڙو، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ تي ميندي مکيل، ڏاڙهي ۽ مٿي تي ڪيلي جا پن ٻڌل، اهڙو حليو ڏسي جيڪر کِل اچي، پر سندس اکين ۾ اهڙي دهشت هوندي هئي جو ساڻس اکيون ملائي ڳالهائڻ مشڪل لڳندو هو.
    هن جو نالو ميرو لانگهو هو.
    ميرو لانگهو مون واري وارڊ جي پويان، ڏکڻ وار پاسي، هڪ کوليءَ ۾ رهندو هو. جيل وارن جي اصطلاح ۾ ميرو ڊانڊرس (Dangerous) هو، ڇاڪاڻ ته ميرو خطرناڪ ڌاڙيل هو.
    مون ۾ شروع کان ئي اها عادت آهي ته نئين ماڻهوءَ سان ملندي بي تڪلف نه ٿيندو آهيان. سو ميري سان به ڳچ وقت کانپوءِ ڪجهه بي تڪلف ٿيس سو به اهڙيءَ طرح جو اڳ ۾ فقط سلام ٿيندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ خير عافيت، پوءِ خبرو چارون ۽ تنهن کانپوءِ ڳالهه حال احوال ڏيڻ وٺڻ تي پهتي ۽ انهيءَ منزل تي پهچڻ ۾ به ٻه مهينا لڳي ويا.
    ۽ پوءِ ميري سان منهنجيون طويل ڪچهريون ٿيڻ لڳيون، ميري جي ڪهاڻي ڪنهن دلچسپ ۽ مار ڌاڙ سان لبريز ناول يا پنجابي فلم کان گهٽ ڪونه هئي ۽ خود ميرو به ڪنهن دلير هيرو کان گهٽ ڪونه هو. اها دليري هن فقط جيل کان ٻاهر نه ڏيکاري هئي. بلڪه جيل ۾ به چڱا ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. تنهن ڪري ئي ڊانڊرس جو لقب مليو هوس ۽ سي ڪلاس جو پڪو قيدي هجڻ جي باوجود به کانئس ڪو ڪم نه وٺندا هئا. کيس الڳ ٿلڳ کولي مليل هئي ۽ روز سي ڪلاس جا ڪچا قيدي سندس کولي صاف ڪري ويندا هئا. کيس ڊبل ڀتو (ماني) ملندو هو. يعني ٻين کي هڪ وقت تي ٻه مانيون ۽ هن کي چار، انهيءَ کان علاوه سي ڪلاس جي عام قيدين وانگر هن کي وڏي بورچي (جتي سڀني جي ڪلاس جي قيدين جي ماني رڌبي آهي) جي بدران جيل جي اسپتال جي بورچيخاني مان به ٻوڙ ملندو هو، جيڪو ناغي جي ڏينهن مڇي ۽ باقي ڏينهن ۾ گوشت هوند هو، ٻيا قيدي چوندا هئا ته؛ ”ميري جي خوراڪ تمام گهڻي آهي.“ پر ميرو چوندو هو ”مان وڌيڪ ڀتو ڪچي قيدين لاءِ وٺندو آهيان. ڇاڪاڻ ته انهن کي ماني گهٽ ٿي ملي ۽ ڪم گهڻو ٿا ڪن، جيڪي ڪچا قيدي مون وٽ ڪم لاءِ ايندا آهن، انهن کي ماني ڏيندو آهيان.“
    هڪ ڏينهن روز وانگر ورانڊي ۾ ويٺي ڪتاب پڙهيم ته ميرو آيو. نياز منجهان هٿ جوڙ ڪري اچي ڀرسان پٽ تي ويهي رهيو مون ڪتاب بند ڪيو ته پڇيائين سائين، منهنجي ڪري حرج ته ڪونه ٿيو؟
    مرڪي چيومانس، ”ڪوبه هرج نه ٿيو، هتي سڄو ڏينهن پڙهڻ ۽ سمهڻ کانسواءِ ٻيو ڪم ئي ڪهڙو آهي.“ ٿوري دير خاموشي رهي، پوءِ پڇيومانس، ”ڪڏهن ٿا آزاد ٿيو؟“ جواب ڏنائين ”سائين سيلاب واري معافي اچي ته اڄ ئي ڇٽي ويندس.“
    ميري کان پڇيم، اوهان کي سزا گهڻي لڳي آهي؟ چيائين ارڙهن سال.
    ارڙهن سال مون حيرت منجهان چيو، وڏي سزا آهي ”ٻڌائين، 1963ع جي ٻئي مهيني جي ارڙهين تاريخ تي جهليو هوس، چار سال ڪچو هوس (ڪيس هلي رهيو هو) 1967ع سزا لڳي ٿام. معافي ملائڻ سان وقت اچي پورو ٿيو آهي. اڌ سزا معاف ٿيو وڃي. سيلاب واري معافي حڪومت کان منظور ٿي اچي ته اوهان جي دعا سان ڇٽي ويندس.“
    هر قيديءَ وانگر ميري کي به پنهنجي جهلجڻ، ڪچي رهڻ، سزا لڳڻ ۽ سيلاب تي وڃڻ جي هر هڪ تاريخ، ڏينهن ۽ سال ياد بيٺو هو.
    مون ميري کان پڇيو، ”اوهين ڪيترا ڀيرا جيل آيا آهيو“؟ ”ٻڌائين، سائين ڪئين دفعه آيو آن پر وڏي سزا ۾ پهريو ڀيرو تيرهن سال جيل ۾ رهيس. هڪ دفعو نون مهينن جي سزا لڳي. پر شيشن مان جلد ضامن ٿي ويو ۽ هن دفعي چوڏهن سال گذاريا اٿم پهريون ۽ پويون دفعو جرگي سزا ڏني.“
    پڇيم ”ٻاهر نڪري وري ساڳيا ڦڏا ڪندا؟“
    ڪجهه دير سوچي ”چيائين، سائين هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهيان سو شايد هاڻ نه ڪريان.“
    چيومانس، ”ميرا هاڻ ڦڏا ڇڏيو، اوهان پنهنجي زندگيءَ جو بهترين حصو ته جيل ۾ گذاري ڇڏيو آهي. باقي جيڪا زندگي بچي اٿؤ. انهيءَ کي ته سجايو ڪريو.“
    ميري مرڪي ڏنو، ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿيون. پوءِ مون کانئس پڇيو ته ميرو ٻڌائڻ لڳو: ”سائين، منهنجو اصلي نالو مير محمد آ، پر عام طرح مونکي سڏيندا ميري جي نالي سان آهن. پيءُ جو نالو مصري خان آ، اصل ڳوٺ، جتي مان ڄائو ۽ نپنو آهيان. اهو آ زور ڳڙهه، ڳڙهي خيرو تعلقو ۽ ضلعو جيڪماباد (جيڪب آباد) آ. اسانجا وڏا اصل اتي جا ئي آهن ۽ انهن جا وڏا بلوچستان کان آيا هئا. اسان جي وڏن جو ڪم پوک ڪرڻ هيو. پنهنجي زمين ڪونه هئي. ڀُٽن جي زمين پوکيندا هئاسين. ذولفقار علي ڀٽي ۽ نبي بخش ڀٽي وارن جون گڏيل زمينون آهن زور گهڙ ڳوٺ آ واحد بخس ڀُٽي ۽ دودو خان ڀُٽي جو، واحد بخش ڀٽو ممتاز ڀٽي جو چاچو هيو.“
    ”مان ڪهڙي سال ۾ ڄائو آن، انهيءَ جو پتو نه اٿم، پر اهو يادگيرو اٿم ته جڏهن سکر واري بئرج ٺهي هئي، تڏهن مان ڏهن سالن جو هوس، اهو به ياد گيرو اٿم ته تڏهن منهنجو طهر ٿيو هو، ۽ بابا مونکي جيڪماباد (جيڪب آباد) وٺي هليو هيو، بوٽ وٺي ڏيڻ.“
    ”اسين ٽي ڀائر آهيون، ٽئي جيئرا آهيون وچون مان آهيان، وڏي جو نالو پيرل آ ۽ غلام حيدر ننڍو آ، چار ڀينرون هيون. انهن مان ٽي فوت ٿي ويون. هڪ جيئري آ، مان پڙهيس ڪونه، قرآن شريف به اتي جنت (جبل) ۾ پڙهيو آن. وڏو ٿيس ته مان به پوک جو ڪم سنڀاليو.“
    مون ميري کان پڇيو ته ”ميرا اوهان جي ڏوهن جي شروعات ڪٿان کان ۽ ڪيئن ٿي“؟ ميري مرڪي چيو، ”سائين شروعات ته اتان ٿي، جڏهن مون ڪو ڏوهه ڪيو ئي ڪونه هو، اوهان کي ٻڌايو اٿم ته مان پوکيرائي ڪندو هوس تعلقي ڳڙهي خيرو، ضلعي جيڪماباد ۾ اتي جي دوداپور ٿاڻي جو جمعدار غلام محمد هڪ دفعي گهوڙيءَ تي چڙهي اسان جي ڳوٺ آيو، اهو ڳوٺ ڀٽن جو هو. ذولفقار علي ڀٽي جن جو، جمعدار ماکي چيو توکي صوبيدار صاحب گهرايو آ، ڪو ڪم اٿس، تون هل“. مان پنهنجي گهوڙي سنجائي، غلام محمد جمعدار سان رلجي، دودا پور ٿاڻي ويس، صوبيدار مان سان هٿ ملايو ۽ چيائين ”مان توکي سنڌ فرنٽيئر ۾ چالان ڪريان ٿو“. منهنجا تاڪ لڳي ويا. ڪجهه دير ته حواس ئي جاءِ نه رهيا پر پوءِ حوصلو جهلي چيم، ”جيئن ته منهنجو رڪاٽ (رڪارڊ) صاف آ، مان نه اڄ ڏينهن تائين چوري ڪئي آ، نه ڪا ٻي بدمعاشي ڪئي اٿم، مان بيگناهه آهيان، تون ڇو ٿو ماکي ذليل ڪرين“. پر صوبيدار منهنجي نه ٻڌي. ماکي لاڪپ ۾ وجهي ڇڏيائين.
    اٺ ڏينهن لاڪپ ۾ رکي، پوءِ جيڪماباد جي ڪليڪٽر وٽ منهنجو ڪيس پيش ڪيائين. اهو ڪليڪٽر پٺاڻ هو. مون ڪليڪٽر کي چيو؛ ”سئين منهنجو رڪاٽ گهرائي ڏس. مان هڪڙو غريب هاري آهيان. سر شاهنواز ڀٽي (جناب ذولفقار علي ڀٽي جو والد) جو ماڻهو آ تون مون سان ظلم نه ڪر.“
    ”پر هن منهنجي ٻڌي ڪونه، ۽ ٽي سال سنڌ فرنٽيئر جي سزا ڏئي ڇڏي ۽ ماکي سکر سينٽر جيل اماڻي ڇڏيائون.“
    (اهو انگريزن جو دور هو) پوءِ منهنجو پيءُ ۽ ماءُ ڪراچي، وڃي سر شاهنواز ڀٽي سان مليا. ذولفقار علي ڀٽو انهن ڏينهن ۾ ننڍو هيو. سر شاهنواز هڪڙو ليٽر لکي منهنجي پيءُ کي ڏنو ته اهو وڃي جيڪماباد جي ڪليڪٽر کي ڏي. اهو ميري جو ضامن کڻندو.
    بابي جڏهن اهو ليٽر ڪليڪٽر کي ڏنو. ته ڪليڪٽر ڪاوڙ منجهان اهو ليٽر ڦاڙي کڻي اڇليو، چيائين؛ ”مان ضامن نه کڻدم“. منهنجو پيءُ ۽ ماءُ وري ڪراچي شاهنواز خان ڀٽي وٽ ويا. اتي ذولفقار علي ڀٽو به هيو. اهو پنهنجي پيءُ سان تکو پئجي ويو ته؛ ”اسان جي هاري، جنهن ڪڏهن به ڏوهه نه ڪيو آ، ڪليڪٽر ڇو انهيءَ جو ضامن نٿو کڻي. بابا ماکي ڇڏيو ته مان ڪليڪٽر سان ڳالهايان.“ پر سندس والد کيس جهليو ۽ چيائين ته مان وري ٿو کيس ليٽر لکان. هاڻ ضرور اسان جي هاريءَ جو ضامن کڻندو. ڪليڪٽر اهو ليٽر به اڇلي ڇڏيو، پر بابا کي چيائين؛ ”وڃي ضامن وٺي آ، تو ته باهه ٻاري ڏني آ، بابا پوءِ ضامن وٺي آيو. ڪليڪٽر ضامن کنيو ۽ ليٽر ڪڍيائين ڏهن پندرهن ڏينهن کانپوءِ اهو ليٽر جيل تي پهتو ۽ ماکي آزاد ڪيائون.“
    ”سائين، مان هروڀرو سزا ڪاٽي، منهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونہ هيو، مان به انسان آهيان، انهيءَ واقعي منهنجو دماغ خراب ڪري ڇڏيو. ماکي حقيقت ۾ حڪومت پاڻ بدمعاش ڪيو. مان آزاد ٿيس ته انهيءَ جمعدار غلام محمد کي اچي ڊپ لڳو ته متان هيءَ مان سان وڙهي. سو انهيءَ ضلعي مان بدلي ڪرائي ويو. وري سندس پتو ئي نه پيو. مانکي مٿس ڪاوڙ به ڏاڍي هئي. پر هن جو پتو ئي نه پيو، ته ويو ڪاڏي.“


    ڪاروڪاري

    ”سائين جن کي ٻڌايم اٿم ته اصل زور ڳڙهه جا آهيون، پر پوءِ پنهنجي قوم سان پوک تي ناراضگي ٿي پئي، تنهن ڪري سڄو گهر، مامو، سندس اولاد، سؤٽ سڀئي زور ڳڙهه مان لڏي وڃي رُجهان جمالي ۾ رهياسين، جيڪو جهٽ پٽ تعلقي ۾، ۽ ضلعي نصير آباد ۾ آ، اهو ڳوٺ جعفر خان جماليءَ جو هيو، جڏهن رُجهان ۾ لڏي وڃي رهيا هئاسين، تنهن وقت منهنجي عمر پنجويهه ڇويهه سال هئي“.
    ميرو ڪجهه دير لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ مٿي تان اڇي ڪپڙي جي ٽوپلي لاهي، مٿي تي هٿي ڦيريائين، ۽ وري پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو:
    ”وڏي ڀاءُ پيرل ۽ منهنجي شادي زور ڳڙهه ۾ پنهنجي ئي قوم مان ٿيل هئي. پر پيرل جي زال شاديءَ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ گذاري وئي، تنهن ڪري پيرل جي ٻي شادي رجهان ۾ ڪرائي سي. اها مائي اسان ٽڪن تي ورتي هئي. سوني ڪنڀر جي ڌيءَ هئي. ست سؤ رپيا ڏنا هئا سي، انهن ڏينهن ۾ ست سؤ رپيا سائين وڏي ڳالهه هئي.“
    ”ڪجهه وقت کانپوءِ اها مائي يعني منهنجي ڀاءُ جي زال، ٻئي مڙد سان کري پئي، هڪ رات زائفان منهنجي ڀاءُ سان ستل هئي. آڌيءَ رات جو هوءَ چپڙي ڪري اٿي ۽ جهنگ ڏانهن وڃڻ لڳي، منهنجي ڀاءُ کي شڪ پيو ته هيءَ هيڏيءَ مهل ڪاڏي ٿي وڃي. هيءُ به پوئتون ويس، ڪافي اڳيان ويو ته هن کي ٻه ماڻهو ستل نظر آيا. هڪ زائفان ۽ هڪ مڙد چنڊ جي هلڪي هلڪي روشني هئي. هن مڙد کي سڃاڻي ورتو. اهو اسان جو ماروٽ خير محمد هيو. منهنجي ڀاءُ جي دل ۾ غيرت جي باهه ڀڙڪو کاڌو پر هو انهيءَ وقت غصو پي ويو. صبر کان ڪم ورتائين. ٻئي پاسي انهن کڙڪو ٻڌو ته شڪ پئجي وين ته ڪو آ. تنهن ڪري زائفان هيڏي هلي آئي ۽ مڙد پرتي هليو ويو. منهنجو ڀاءُ تڪڙو تڪڙو هلي. زائفان جي پهچڻ کان اڳ، گهر پهچي، ماٺ ڪري، دُتُ هڻي سمجهي رهيو. زالس آئي ته کيس شڪ ئي نه پيو ته مڙس ماکي ڪو خراب حالت ۾ ڏٺو آ.“
    ”صبح جو ڀاءُ مان سان اها ڳالهه ڪئي، هوڏانهن اهو ڪارو (ههڙي مڙد کي اسان ڏانهن ڪارو چوندا آهن) انهيءَ رات ڪيڏانهن هليو ويو، پنڌرنهن ڏيهاڙا هو ڪونه آيو، اسان به کڻي چپ ڪئي سي، زائفان کي اڃان به وڌيڪ پيار ڏنوسي ته جيئن شڪ نه پويس. اسان اها لکائي نه ڏني سي ته اسان کي ڪنهن ڳالهه جي خبر آ، جيڪو اسان کي ڪرڻو هيو، اهو ته مان ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ اڳ ۾ سوچي ڇڏيو هيو.“
    ”اهو ڪارو خير محمد پندرنهن ويهن ڏينهن کانپوءِ آيو هڪ ڏينهن مان هن کي ڌوتاڙي، دلاسو ڏيئي ته؛ فلاڻي هنڌ منهنجو دوست آيو آ.. هل ته هلي انهيءَ سان ملون. هو مان سان هليو، سارين جي ڪٽائيءَ جي مند هئي. ڀرسان جهنگل هيو مان کيس اتي وٺي ويس جهنگل ۾ ڪافي پنڌ هلڻ کانپوءِ هن پڇيو، ميرا، ڪٿي آ تنهنجو دوست؟ مان يڪدم ڪهاڙي اُڀي ڪئي ۽ چيومانس چپ ڪر ويهي رهه، تنهنجي ته ڀيڻ کي ..... تو ڪارو آن تو سمجهين ٿو اسان غافل آهيون.“
    ”هو ڏڪندو ويهي رهيو، هن جي اکين ۾ خوف هيو مان ڪهاڙي اُڀي ڪيو مٿان بيٺو هوس ايتري ۾ منهنجو ڀاءُ زائفان کي به گهليندي اُتي پهچي ويو. هنن گهڻو ئي ليلايو، پر هڪ هڪ ڌڪ سان انهن جا ڪنڌ وڃي پري پيا.“
    ”اسين ڪارو ماري، انهن جي لاشن کي کڻي اُتي رکيوسي، جتي منهنجي ڀاءُ انهن کي ڏٺو هيو. جعفر خان جماليءَ کي خبر پئي ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته اوهان ٻئي هنڌ خون ڪري جاءِ وارادات رُجهان ڇو ڏيکاري تنهن ڪري جماليءَ اسان سڀني کي ٻئي ڏينهن تي ٻڌرائي ڇڏيو. ٽن ڀائرن ۽ پيءُ کي. اُتي جي ڪيترن ماڻهن پنهنجي وسان گهٽايو ڪونه. ته انهن حق ڪيو آ، غيرت جو ڪم ڪيو آ انهن آزاد ڪرائڻ جي گهڻي ڪوشش ورتي پر جمالي ڪنهن جي به نه ٻڌي.
    ”پوليس اسان کي ٻڌي رجهان کان ڇهه ميل پري جهٽ پٽ جو شهر آ، اتي وٺي وئي. اُتي ڪچو جيل آ اتي وڃي اسان کي رکيائون. اتي اسان کي پوليس تڪليف ڪا به نه ڏني.“
    ”جيل جي ٻاهرين پاسي هڪڙو لوهي شيخن جو جهنگلو هيو، صبح انهيءَ ۾ وڃي ويهاريندا هئا. اتان رستو صاف نظر ايندو هيو. اسين هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسي سگهندا هئاسين.“
    ”انهيءَ ڪچي جيل ۾ اسان کي اڍائي مهينا ٿي ويا، نه ڪيس هلي، نه ڪا ٻي ڳالهه، اوهي نه واهي، نڌڻڪا ٿيو ويٺا هئاسين.“
    ”هاڻ اها ڳالهه تون اتي دل ۾ رکجان، پهرين ٻي ڳالهه ٿو ٻڌايان، انهيءَ ڳالهه سان واسطو ٿي رکي، اسين رجهان ۾ رهندا هئاسين، رجهان کان ميل سوا ميل پري تاج پور جو شهر آ، اتي هڪڙو همراه، ڪاٿون ٻاهران لڏي، گهر ٻار سان اچي رهيو هيو هن پنهنجو نالو علي محمد ۽ ذات مهر ٻڌائي، پنجاهه سٺ ماڻهن جو اٽالو هيو هنن جو. انهيءَ سان اسان جي ڄاڻ سڃاڻ پوري ساري هئي، پر خبر هئي ته ماڻهو سٺو آ.“
    ”هڪڙي ڏينهن اسان سوچيوسي ته علي محمد مهر کي ماڻهو موڪلي سڏايون ته اسان جي ڪا مدد ڪري. اسين اڃان انهيءَ سوچ ۾ هئاسي ته اسان جهنگلي مان ڏٺو ته علي محمد مهر گهوڙي تي سوار شهر ڏانهن پي ويو، اسان وٽ انهيءَ وقت ڪو ماڻهو نه هيو جو علي محمد کي سڏي اچي. اسان کي ڏاڍي بيقرار ٿي ته متان علي محمد هليو نه وڃي. انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ويٺا هئاسي، جو ڪيڏيءَ مهل ڏٺوسي تہ علي محمد اسان ڏانهن آيو پئي“.
    هو اسان لاءِ جهٽ پٽ شهر مان ميوا، ڪپڙا، صابڻ، ۽ ٻيون شيون وٺڻ ويو هو، هن اسان کي ٻڌايو؛ ”مان مير جعفر خان جماليءَ وٽ ويو هوس“. جعفر خان کي چيم؛ ”مان ٻڌو آ ته اوهان چيو آ: مان ميري وارن کي چوڏهن سال ٽيپ ڏياريندم.“ انهيءَ کان اڳ جو مير جعفر خان ڪجهه چوي، مان وري چيو؛ ”مان هتي جو ناهيان، ٻاهر جو آهيان مان پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اوهانجي زمين تي اچي رهيو آن. پر اوهان وٽ انصاف ڪونهي. اڄ اوهان ميري وارن کي ناحق جهلايو آ، سڀاڻي ماکي به لڏائيندا. جنهن حق ڪيو آ. ميري پنهنجي ڀاءُ جو ساٿ ڏنو آ. ڪاروڪاريءَ کي مارڻ حق آ. پر اوهان ناحق ڪيو آ. تنهن ڪري مان اوهان جو ڳوٺ ڇڏي ٿو وڃان. مان وڃي سڀني کي ٻڌائيندم ته ميري جعفر خان جيڪو جمالي قوم جو سردار آ، انهيءَ وٽ انصاف ڪونهي. انهيءَ وٽ حق ڪونهي هو ناحق جو پاسو ٿو کڻي.“
    اها ڳالهه ٻڌي جعفر خان جمالي ڪاوڙيو ڪونه، اهو ڪونه چيائين ته لڏي وڃ منهنجي زمين تان (ڇاڪاڻ ته اهو سردار جو وڙُ ڪونهي ته هو انصاف نه ڪري ۽ ماڻهو انهيءَ ڪارڻ سندس ملڪ (زمين) مان لڏي وڃن). هن چيو ”نوجوان ڪاوڙ ڍري ڪر. ميري وارن سان ضرور انصاف ٿيندو. ڪيس جرڳي ۾ هلندو.“
    ”اها ڳالهه ٻڌي اسان سندس ٿورا مڃيا ۽ ٻڌايوسين ته اسان تو ڏانهن ماڻهو موڪلڻ وارا هئاسين.“
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جرڳو ويٺو، پوليس اسان کي جرڳي وٽ وٺي هلي. جرڳي ۾ جعفر خان جمالي اسان جو ساٿ ڏنو. چيائين: ”هنن ڪو ڏوهه نه ڪيو آ، ڪارو ڪاري ڪيو اٿن سو به هنن ٽن ڪونه ڪيو آ“، وري منهنجي ڀاءُ کان پڇيائين ”بابا ڪاروڪاري تو ڪيو آ؟“ ڀاءُ جواب ڏنو ”ها سائين مان ڪيو آ“. پڇيائين ”تنهنجي ڀائرن يا پيءُ مدد ڪرائي ٿئي؟“ هن چيو: ”نہ“.
    پوءِ جرڳي رڳو وڏي ڀاءُ کي ڏوهاري ڪيو ۽ اسان سڀني کي آزاد ڪيائيون. جرڳي جي ڏوهاري ٺهرائڻ کانپوءِ. سزا جو اختيار وري ڊپٽي ڪمشنر کي ڏنائون جعفر خان جمالي ڊپٽي ڪمشنر کي به سفارش ڪئي هئي. سو هن ڀاءُ کي چيو ”بابا توتي سؤ رپيا ڏنڊ آ، جيڪڏهن جرم (پئسا) ڀري ڏين ته توکي آزاد ڪريان، نه ته ڇهه مهينا ٽيپ ڪاٽڻي پوندي.“
    منهنجي ڀاءُ پنهنجي سوٽ محمد بخش کي سڏرايو. جيڪو ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ٻاهران بيٺو هن ڏنڊ جا پئسا ڀري ڏنا ۽ منهنجو ڀاءُ آزاد ٿي ويو.
    علي محمد مهر کي مان سڃاڻندو هوس، پر هن سان اڳ ۾ تعلقات بلڪل ڪونه هئا. پر هن اسان سان وڙ ڪيو. وڏو احسان ڪيو هو. هو بهادر ماڻهو هو، تنهن ڪري هن وٽ بهادرن جو قدر هو. هن مون ۾ ڪا مڻيا ڏٺي هئي. خير، جڏهن اسين آزاد ٿي ڳوٺ پهتاسين ته علي محمد پنهنجي سؤٽ حاجي عبدالرحمان سان گڏ اسان کي مبارڪ ڏيڻ آيو ۽ پوءَ اسان جو پاڻ ۾ رستو ٿي پيو.


    شروعات

    جنهن ڏينهن علي محمد اسان جي ڳوٺ مبارڪ ڏيڻ آيو هو. انهيءَ جي ويهن پنجويهن ڏينهن کانپوءِ علي محمد گهوڙي تي چڙهي اسان جي ڳوٺ مان سان ملڻ آيو. پر خبر پيس ته جيڪماباد (جيڪب آباد) ويو آهيان سو هيءَ به انهيءَ گهوڙي تي جيڪماباد آيو جيڪماباد اُتان پنج ڪوهه تي آ.
    هيءُ پڇائون ڪندي ڪندي اچي مان سان بازار ۾ مليو. مان گهر جون ڪجهه شيون ورتيون هيون ۽ هاڻ موٽڻ وارو هوس جو علي محمد اچي پهتو.
    علي محمد ماکي چيو ته: ”اڄ نه موٽ، اڄ هتي ئي ٿا رهون.“
    مان کيس چيو: ”مان وٽ فقط ٻه رپيا اهن، سو ڪئين رهبو؟“
    هن چيو: ”پئسن جي پرواهه نه ڪري، مان وٽ آهن. فلم ڏسنداسين گهمندا ڦرنداسين، سڀاڻي واپس هلنداسين. جيڪماباد ۾ منهنجو هڪڙو پوليس جو جمعدار رسول بخش ذات جو چانڊيو، دوست هيو، مان هن وٽ رهيل هوم، مان علي محمد کي به وڃي اتي رهايو سڄو ڏينهن گهمندا ڦرندا رهياسين. فلم به ڏٺي سي. رات جو سمهڻ وقت علي محمد ماکي چيو؛ ”منهنجو تو ۾ هڪڙو ڪم آ، پر ڊپ اٿم ته تو انڪار ڪندين.“ دل ۾ چيم: هنجو هيترو احسان آ مون تي مان ڪيئن جواب ڏيندم، ڀلي ڪهڙو به ڪم هجي ڪرڻو ته آ احسان ته لاهڻو آ. چيم: ”تون چؤو مان ڪم ضرور ڪندم. پر هن مانکي ڪم ڪونه ٻڌايو چپ ٿي ويو مان به وڌيڪ ڪونه پڇيو، سوچيم ته شايد هينئر نٿو ٻڌائڻ گهري.“
    اها رات اسين اتي رهياسين ٻئي ڏينهن به، سڄو ڏينهن اسين گهمندا ڦرندا رهياسين. جڏهن شام ٿي تڏهن هن چيو: ”اڄ ڪونه ٿا هلون هتي ٿا رهون مان انڪار نه ڪيو.“ هن وري به ساڳي ڳالهه ڪئي ته منهنجو تو ۾ ڪم آ، پر ڊپ ٿو لڳيم ته تون انڪار ڪندين. مان چيو: ”مان انڪار نه ڪندم، تون خالي ڪم ٻڌاءِ.“ مان دل ۾ سوچيم ته: هيءُ ٻئي ڳوٺ جو آ، شايد ان ڏانهن ڪنهن کي پلاند وٺڻو هوندو. سو چيومانس: ”تون حڪم ڪر، بندوقون رائفلون، همراهه سڀئي ملي ويندا. پر هن ڪم نه ٻڌايو سوچ ۾ پئجي ويو.“
    ٽئين ڏينهن به اسين اتي رهياسين. هن وري به ساڳي ڳالهه ڪئي. مان کڻي سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ چيومانس: ”تون مانکي ٻار ٿو سمجهين ڇا؟ مان جوان آن، پنجويهه سال منهنجي عمر آ، تون حڪم ڪر، تون وقت تي اسان کي ڪم آيو آن، اسان تي احسان ڪيو ٿئي، مان پنهنجو سر به توتان قربان ڪري سگهان ٿو، تون ڇو چوين ٿو ته مان ڪم ڪونه ڪندم، تون ڇڙو ڪم چؤ.“ علي محمد چيو: ”هڪ هنڌ هلڻو آ.“ چيم: ”هلبو“، علي محمد يڪدم چيو: ”نه مڃئي نه ڳالهه.“ حيران ٿي پڇيومانس: ”پر مان ته چيو هلنداسين.“ علي محمد چيو ”هلنداسين نه بس هينئر ئي هلڻو آ.“ مان يڪدم چيو ”هل، هينئر ئي هل.“ علي محمد چيو ته : ”گهوڙا تو واري دوست جمعدار کي ڏي ته ڳوٺ پهچائي ڇڏي، ۽ گهر وارن کي چئجان ته فڪر نه ڪن. مان ڪنهن ڪم سان ٻاهر پيو وڃان، جلدي موٽي ايندس“. مانکي اهو به خيال هو، ته گهر وارن کي اهو فڪر هوندو ته جنکي ڪارو ڪاري ڪري ماريو اٿئون متان انهن جا مائٽ پلاند نه وٺن.
    خير سائين، اسين رات جو ڏهين وڳي ڪوئيٽا ميل ۾ چڙهياسي ۽ اچي شڪارپور ۾ لٿاسين. اتي هوٽل ۾ مسواڙي ڪمرو ورتوسين. اها رات اسين اتي رهياسين، ٻئي ڏينهن علي محمد ماکي بازار وٺي هليو. چئن پنجن ڏينهن ۾ منهنجا ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئا علي محمد منهنجي لاءِ نوان ڪپڙا وٺي انهيءَ وقت سبرايا. شلوار خميس، پٽڪو، هڪڙو رومال ۽ ڏهه رپيا منهنجي کيس ۾ وڌائين. جيڪماباد ۾ به هن مڙس ڏاڍو خرچ ڪيو هيو. روز سؤو ڏيڍ سؤ رپيا ٿي خرچ ڪيائين. انهيءَ وقت جا سؤ ڏيڍ اڄ جي هزار کان مٿي هيا.
    ڪپڙا ملي ويا ته اهي پائي، اسين اچي ريل ۾ چڙهياسين، رُڪ ڇڏي، لاڙڪاڻو ڇڏي، دادو ڇڏي، او اچي لٿاسين بوبڪن ۾ (ضلعو دادو)، پوءِ پنڌ پتڻ ڏانهن وياسين پتڻ ٽلٽيءَ کان ڏيڍ کن ميل پري هيو.
    پتڻ تان ٻيڙي ڪئسين ۽ ٻئي ڀر اچي لٿاسين، اهو نوابشاهه ضلعو هيو، وچ ۾ ٻيلو هيو. انهيءَ کانپوءَ دولتپور جو شهر هيو، ٻيلي مان لنگهياسين پئي ته دولت پور واري پاسي کان چار پنج زائفون آيون پئي. انهن زائفن کي ڏسي علي محمد ڪجهه گهٻرائجي ويو، ۽ يڪدم ريلي (پيشاب) جو بهانو ڪري ويهي رهيو ۽ جڏهن هو اڳتي وڌي ويون ته اٿي بيٺو. هن ريلو ڪيو يا نه، سو خبر ڪانه اٿم پر اها پڪ اٿم ته هن ريلي جو بهانو ضرور ڪيو هو. ماکي شڪ پيو ته ضرور ڪا ڳالهه آ، هن ائين، ڇو ڪيو مان کائنس پڇيو: ”تو ريلي جو بهانو ڇو ڪيو.“ هو پهرين ته ڪجهه ڇرڪيو پر پوءِ کلي ڏنائين. چيائين: ”انهيءَ ڳالهه کي تون ڇڏ“، مان چيو، ”نه اها ڳالهه ماکي ٻڌاءِ تون يڪدم ڇو ويهي رهئين“. علي محمد ڪجهه دير منهنجي منهن ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ چيائين: ”تو جهڙو بيوقوف ۽ ناسمجهه ماڙهو، مان سان ڪڏهن نه مليو آ.“ مان پڇيو ته: ”مان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ، ڪهڙي غلطي ڪئي آ جو تون ماکي بيوقوف ٿو چئين“، چيائين: ”تون بيوقوف ناهين، تون اچانڪ منهنجو واقف ٿيو آن. نصيرآباد ضلع ڇڏيوسين، جيڪماباد ضلع ڇڏيوسين، سکر ضلعو ڇڏيوسين، لاڙڪاڻو ضلع ڇڏيوسين، دادو ضلع ڇڏيوسين، هينئر درياهه ٽپي نوابشاه ضلعي مان هلون ٿا پيا، تو مانکان اهو پڇيو آ، ته تون ڪير آن، مانکي ڪاڏي ٿو وٺيو هلين، ڪهڙو ڪم اٿئي.“ مان هن کي جواب ڏنو ادا، ڳالهه ٻڌ، اسان خون ڪيا، اسان کان پلاند وٺڻ لاِ دشمن تيار آهن. پر انهيءَ هوندي به تو اسان جي مدد ڪئي. اسانکي آزاد ڪرائي، ڀلا جي انهن دشمنن توکي دنيا (پئسا) ڏني آ، ۽ تون مانکي مارڻ لاءِ ٿو هلين ته به واه واه. جيڪڏهن ڪاڏي گهمڻ ٿو وٺيو هلين ته به واه واه. جيڪڏهن تنهنجو ڪو ٻيو ڪم آ. انهيءَ لاءِ ٿو وٺيو هلين، ته به واه واه، توسان رلندي ٿو هلان. توکان پڇان ڇو؟“ هن منهنجي ڪلهي تي هٿ هڻي چيو: ”جوان توکي آفرين آ.. تون برابر صحيح آن. مان غلط هوس مان غلط ڳالهايو.“ پوءِ هن ماکي ٻڌايو ته ”منهنجو اصلي نالو غلام حسين آ، ۽ ذات جو واڍو آن منهنجو ڇرڪ نڪري ويو. هان هيءُ غلام حسين واڍو آ! سنڌ جو مشهور ڌاڙيل. هيءُ ڪيترن ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. سندس ڌاڙن جون ڪيتريون خبرون اخبارن ۾ ڇپيون هيون ۽ اڪثر ڪچهرين ۾ سندس قصا هلندا هئا اهو غلام حسين واڍو ڌاڙيل مان سان گڏ پيو هلي. منهنجو ڪنڌ فخر منجهان پاڻمرادو مٿي کڄي ويو ته غلام حسين مان سان گڏ پيو هلي. غلام حسين زبردست سهڻو جوان هيو. ماکان ڪجهه وڏو هيو، منهنجي عمر انهيءَ وقت پنجويهن کن سالن جي هئي ۽ هو ٽيهن پنجٽيهن سالن جو هيو. هو ڪڏهن ڏاڙهي رکائيندو هو. ڪڏهن ڪوڙائيندو هو. غلام حسين ماکي ٻڌايو ته: ”خونن جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ وارنٽ نڪتل آهن ۽ کوسا قوم سان جهيڙو به ٿيل آ، تنهن ڪري مان هتان ڀڳل آهيان. رجهان جي پاسي منهنجو نالو علي محمد هو. پر هتي غلام حسين واڍو آ، هتي تون علي محمد نالو ڀلجي به نه کڻجانءِ منهنجا مٽ مائٽ هتي آهن. توکان هرڪو پڇندو ته غلام حسين ڪٿي رهندو آ، پر تو اصل نه ٻڌائجان.“
    انهيءَ وقت سج لهي چڪو هيو! اسين ٻئي ڄڻا آهستي آهستي هلندا پي وياسين هنجو ڳوٺ بند جي وٽِ ۾ هيو. هن وقت ڳوٺ جي نالي جو يادگيرو ڪونهي. پر دولتپور تعلقي ۾ هيو. اسين اتي پهتاسين ته سڀئي ڏاڍي قرب منجهان مليا. اسين هتي چار ڏينهن رهياسين. جڏهن اتي رهيل هئاسين ته هن همراهه موڪلي، ڪنهن ڀر واري ڳوٺ مان ٻه ماڻهو گهرايا جيڪي هن جا ساٿي هئا ۽ هڪ ماڻهوءَ کي اٺ تي ڪنهن پاسي موڪليائين ته فلاڻي هنڌ منهنجا هٿيار پيا آهن اتان کڻي آ. شام ڌاري اهو ماڻهو هٿيار کڻي آيو. هن ماکي چيو: ”توکي جيڪا رائفل وڻي سان کڻ.“ مان چونڊي هڪ رائفل کنئين. هڪ پاڻ کنيائين ۽ باقي ٻه بندوقون انهن ٻن همراهن کي ڏنائين. ماکي ٻڌايائين ته: سج لهڻ کان اڳ ڌاڙو هڻڻ هلبو. مان انهيءَ کان اڳ ڪڏهن ڌاڙو ڪونه هنيو هيو. ماکي ڌاڙا هڻڻ ڪونه وڻندو هيو. اسين هاري ماڻهو ٻنيون ڪندا هئاسين پر هن جوان ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو هو. مان کيس چئي چڪو هوس ته سر گهربو ته اهو به ڏبو. تنهن ڪري انڪار ڪرڻ جو هاڻي سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. مان چيو: ”ضرور هلبو“ ۽ ماکي اها به سڌ ٿي ته ڏسان ته هيءُ ڪيئن ٿو ڌاڙا هڻي. هنجو وڏو نالو هيو. هن سان گڏ جي هلڻ به فخر جي ڳالهه هئي.
    ٽپهريءَ جي مهل هئي، جو اسان ڌاڙي هڻڻ خاطر غلام حسين جي ڳوٺان نڪتاسين، هو ته ٽپهريءَ جو وقت پر سيءُ هيو. جنوريءَ جو مهينو هو اهو.
    اسان وٽ ٻه گهوڙا هئا، هڪ تي مان هوس، هڪ تي غلام حسين واڍو، باقي ٻه همراهه پيادل پي هليا. اسان کي جنهن ڳوٺ ۾ ڌاڙو هڻڻو هو انهيءَ جو نالو سوري هو. دولت پور کان ٽي ميل پري، اوڀر ڏي هيو اتي هڪ واڻيي کي ڌاڙو هڻڻ هو.
    جنهن وقت اسين سوري پهتاسين ته سج لهڻ وارو هو اسين دڪان تي پهتاسين. انهيءَ دڪان ۾ هڪ ٻه ماڻهو ٻيا به هيا. اسان بندوقون اڀيون ڪيون سي ۽ چيوسي ته : ”ماٺ ڪري ويهي رهو. چريا پريا ته گولي هڻي ڇڏينداسين.“ واڻيئي ڏاڍو ايلاز ڪيا. پر اسان ڇڏيوسين ڪونه، دڪان ۾ جيڪا ملڪيت هئي. اها سڀئي ميڙي کنئين سين، هنجو گهر به دڪان سان گڏ هو. اسان گهوڙن سوڌو اندر ڪاهي پياسين. عورتن دانهون ڪيون ڌوڙ ڌڪا ٿي ويا. جاڏي ڪاڏي ڌاڙي جو هل پئجي ويو. ڌارو ڙي ڌاڙو، غلام حسين بندوق کڻي ٻاهر در تي ٿي بيٺو اسين ڪمرن ۾ گهڙي پياسين. ڪٻٽن مان مال ڪڍيوسين، پيتيون ٻاهر اڱڻ ۾ کڻي آياسين ۽ بندوقن جي ڪنداڪن سان انهن جا تالا ٽوڙي، سون، زيور، پئسو جيڪو ڪجهه هو اهو سڀ ميڙي ورتوسين پر عورتن کي جيڪي شيون پيل هيون اها ڪا به نه لهرائي سين.“
    موٽندي وقت اسان واڻيئي جا ٻه گهوڙا به ساڻ ڪيا گهٽين ۽ رستن تي ماڻهو ڪٺا ٿي ويا هئا. اسان هوائي فائر ڪيا. هڪلون ڪندا گهوڙا ڊوڙائيندا خبردار ڪوئي به اسان جي ويجهو نه اچي نه ته اڦٽ مارينداسين. ساهه جي ڊپ کان ڪوئي به ويجهو نه آيو. سڀئي ڀڄي ويا. اسين قلندر جا نعرا هڻندا شهر کان ٻاهر نڪري آياسين. شهر کان ميل کن ٻاهر نڪري، هڪڙي هنڌ ويهي اسان مال ورهايوسين سون پئسا ڪپڙا ٻه گهوڙا مطلب ته سڀني مان ٻين همراهن کي حصو ڏنوسين ۽ پوءَ چيوسين ته واٽر ڪورس وٺي پاڻيءَ مان هلي، پري نڪرجو ته جئين پيرن جا نشان نه ملن. اڳيان نڪري جاڏي وڻي تاڏي هليا وڃجو.
    هو ويا ته اسان به گهوڙن تي چڙهياسين. انهيءَ وقت رات جا ڏهه يارنهن ٿيا هئا، چانڊوڪي ڪونه هئي. باقي سيءُ زور هو، اسان به واٽر ۾ گهڙياسين. ميل کن واٽر ۾ هلي پوءِ ڪچو ورتو سين. ڪچي ۾ پير ڪونه ٿيندا آهن. پڪي زمين هوندي آ ته اها، تنهنڪري اتي پير ٿئي ڪونه. چار پنج ڪوهه ڪچي ۾ هلياسين. پوءِ گهوڙن کي ٻيلي ۾ ٻڌي سامان کڻي غلام حسين جي ڳوٺ آياسين.
    اسين ٽي چار ڏينهن اتي وري به رهياسين. غلام حسين جو وڏي عرصي کانپوءِ ڳوٺ آيو هو سو سندس ڪيترن مائٽن ۽ دوستن اسان جو دعوتون جهليون.
    ٽي چار ڏينهن کانپوءِ ڌاڙي لاءِ نڪتاسين جيڪي ڳوٺ ويجها ويجها هئا. انهن ۾ غلام حسين ڌاڙو هنيو ٿي. هڪ ته سورنهن کن سالن کانپوءِ غلام حسين آيو هو. انهيءَ ڪري گهڻن هن کي سڃاتو ڪونه ٿي، ٻيو غلام حسين رڳو واڻين کي ڌاڙا هڻندو هو، واڻيا ماڻهو ڊڄڻا ۽ پويان ته پوندائي ڪونه هئا.
    اسين اتي ڏيڍ مهينو کن رهياسين انهيءَ عرصي ۾ مختلف هنڌن تي ڌاڙا هنياسين. هڪ ڌاڙو قاضي احمد جي پاسي احمد خان جهونجهاڻ ڳوٺ ۾ هنيوسين. اهو ڳوٺ بند جي ڀرسان آ اتي به واڻيئي جو ڌاڙو ڪيوسين. ٻه اسين هئاسين، پنج ماڻهو غلام حسين اوسي پاسي کان گهرايا. اهي چور هئا. ننڍيون ننڍيون چوريون ڪندا هئا. انهن کي گهرائڻ جو مقصد فقط اهو هو ته ڳڻتي (ڳڻپ) ۾ وڌيڪ هجون. ماڻهن تي اثر پوي ته ست ڌاڙيل آيا آهن. هٿيار اسان وٽ چار هئا. ٻه اسان وٽ هئا، ٻه انهن آندا هئا. باقين جي هٿن ۾ ڏنڊا هئا. اهو ڳوٺ گهڻو پري ڪونه هو تنهنڪري گهوڙن تي ڪونه وياسين پيادا وياسين.
    اهو ڌاڙو سج بيٺي هنيوسين. سياري جا ڏينهن هئا. اهو به واڻيو هو. اسين سندس گهر ۾ گهڙي پيا هئاسين. جيڪا به مال ملڪيت هٿ چڙهي. اها کنئي سين. ڌاڙو هڻي ٻيلي ۾ موٽي آياسين واٽ تي ملڪيت ورهائيسين. گذريل دفعي هر هڪ جي حصي ۾ ڇهه ڇهه هزار رپيا آيا هئا. سون تنهن کانسواءِ، ڪپڙو جنهن کي جيترو وڻيو، اوترو هن کنيو ٿي.
    هن دفعي هر ڪنهن کي پنج پنج هزار رپيا حصي ۾ آيا. سون ۽ ڪپڙا الڳ هر ڪنهن کي هڪ جيترو حصو ملندو هو. ڪنهن کي هڪ ٽيڊي پائي گهٽ نه ڏبي هئي. حالانڪه غلام حسين اڳواڻ هو. پر اهو به ايترو کڻندو هو. جيترو ٻين کي حصي ۾ ايندو هو. ڪو بيڪار ماڻهو هوندو هو جنهن کي اسان ڇڙو ٽپڙ کڻائي واسطي وٺي ويندا هئاسين انهيءَ کي به ايترو ئي حصو ملندو هو، جيترو ٻئي کي ڏبو هو.
    انهيءَ کانپوءِ ڪجهه ڏيهاڙا غلام حسين جي ڳوٺ رهياسين ۽ ڪجهه ڏيهاڙا غلام حسين جي دوستن وٽ. ٻين ڳوٺن ۾ غلام حسين جا اڪثر دوست مال چاريندڙ هئا. اهي غلام حسين تي اصل عاشق هئا، ڏاڍي عزت ڪندا هئا. غلام حسين کي ڇڏيندا ئي ڪونه هئا.
    اسين ڌاڙو هڻڻ کانپوءِ ڪجهه ڏيهاڙا آرام ڪندا هئاسين. ته جيئن جيڪا جانچ جونچ ٿيڻي هجي. سا ٿي وڃي. جيستائين جانچ جونچ ٿيندي هئي اسين ڪچي ۾ يا ٻيلي ۾ رهندا هئاسين. پوليس ڪچي ۾ يا ٻيلي ۾ جانچ لاءِ ايندي ڪونه هئي، ڇاڪاڻ ته کين خبر هئي ته ڪچو ۽ ٻيلو ڌاڙيلن جو علائقو هوندو آهي.
    جهونجهاڻ واري ڌاڙي جي ڏهن پندرنهن ڏينهن کانپوءِ اسان کي خبر پئي ته هڪڙي واڻئي وٽ ٻه تمام سٺا گهوڙا آهن. غلام حسين ماکي چيو واڻئي جو گهوڙن سان ڪهڙو ڪم. هل ته ڪاهي اچون.
    انهيءَ واڻئي جو نالو نارُو هو. سندس ڳوٺ جهونجهاڻ کان ٻه ميل پري ڏکڻ ۾ هو. اسين سندس ڳوٺ وياسين وڃي گهوڙا ڏٺاسين. گهوڙا واقعي دلبر هئا. اسان وڃي گهوڙا کوليا. واڻئي کي به گهوڙا ڏاڍا پيا هئا. هن گهڻيون ئي منٿيون ڪيون ته مونکان دولت وٺو پر گهوڙا نه ڪاهي وڃي. پر اسان مال ملڪيت کي هٿ به نه لاٿوسين ڇڙا گهوڙا کولياسين. هئاسين به اسين ٻئي. ٽيون ماڻهو اسان سان ڪونه هو. گهوڙا ساڻ ڪري اسان غلام حسين جي ڳوٺ موٽي آياسين.
    اسين غلام حسين جي ڳوٺ ۾ ڏهه پندرنهن ڏينهن ٻيا ٽڪي، دوستن جون دعوتون کائي، گهمي ڦري، ٿڪ پٽي پوءِ ڳوٺ وارن کان موڪلايو.
    سيارو ختم ٿي چڪو هو بهار جي موسم هئي هڪ ٻن پهرن جو اسان انهن گهوڙن تي چڙهياسين سيوهڻ کان دريا پار ڪري دادوءَ کان ٿيندا، منزلون ڪندا، ماني ٻاني کائيندا، ڇپر ۾ هلندا، اهڙيءَ ريت پي هلياسين جو ڪنهن کي شڪ نه پوي ته ڪي اهي ڏوهاري آهن. ڪڏهن ماني هوٽلن تي کائيندا هئاسين. ڪڏهن ڪنهن جي اوطاق ۾ رهي پوندا هئاسين ۽ هر هنڌ مختلف نالا ٻڌائيندا هئاسين.
    اسين گهوڙن تي وڃي رهيا هئاسين. نصير آباد جو شهر اچڻ وارو هو. سج لهي چڪو هو پر اڃان اونداهه ڪونه ڦهلي هئي. سامهون ڏٺوسين ته پوليس جا چار سپاهي ۽ هڪ جمعدار آيا پي اسان کي بنا ليسڻ جي هٿيار هئا. پهرين ته پريشان ٿياسين. پر حوصلو ڪيوسين اسان هنن جي ڀرسان کان لنگهياسين ته هڪڙي سپاهي اسان کي روڪيو هن اسان کان پڇيو: ”توهان وٽ ليسڻ آهن. اسان هن کي هڪل ڏئي گار ڏني سين ۽ ٽوڪ طور چيوسين: ”تنهنجي پگهار آ ڇهه آنا ۽ تون اسان کان ليسڻ ٿو پڇين؟ اسين توکي چور ٿا لڳون.“ اسان کي فس ڪلاس پٽڪا هجن ۽ ڪپڙا به ٺاهوڪا. گهوڙا به عاليشان اسان جي ڌمڪي ڪارگر وئي. جمعدار دانهن ڪندي چيو: ”ادا وڏيرا خانصاحب، مهرباني ڪري معاف ڪريو. هن کي غلطي ٿي. سائين اوهين وڃو“. اسين اڳتي وڌياسين ۽ وڃي نصير آباد ۾ هوٽل تي ماني کاڌيسين. پوءِ قنبر علي کان ٿيندا شهداد ڪوٽ مٽي وڃي ڳوٺ پهتاسين. گهر وارن مانکان پڇيو ته ”ايترا ڏينهن ڪاٿي هئين؟“ مان ٻڌايو ته ”دوستن وٽ ويو هوس. اهي ڇڏين نه پيا تنهن ڪري ايترا ڏيهاڙا لڳي ويا.“


    کوسن سان جهيڙو

    غلام حسين وري علي محمد مهر ٿي ويو هو. هو پنهنجي ڳوٺ هليو ويو، ڇهه مهينا اسين ڪيڏانهن به ڪونه وياسين، البت ٻئي ٽئين ڏينهن ملندا هئاسين. ڪڏهن هو منهنجي ڳوٺ ايندو هو ڪڏهن مان سندس ڳوٺ ويندو هوم.
    هڪ ڏينهن غلام حسين مون وٽ آيو ته مان کائنس پڇيو: ”اهو کوسن سان ڪيئن جهيڙو ٿيو هو“، هن ٻڌايو؛ ”قاضي احمد جي ڀرسان کوسا رهندا هئا، انهن کوسن ۾ ٻه ڄڻا هئا، مرزو کوسو ۽ شيرل کوسو، غلام حسين جا اهي دوست هئا. اهي ٽئي اڪثر گڏ ڌاڙا هڻندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن ڌار به ڌاڙا هڻڻ ويندا هئا. هڪ دفعي اهي کوسا ڌاڙو هڻڻ ويا، غلام حسين گڏ ڪونه هون. اتفاق سان اهي کوسا جهلجي پيا. انهن کي ٻارنهن مهينن جي سزا ملي پٺيان سندن پوڙهو پيءُ ڀائي خان هو ۽ ٻيا ننڍڙا ٻار هئا.“
    غلام حسين سندن لڏو وٺي وڃي پاڻ وٽ رهايو. پورو سال ڪپڙا لٽا، کاڌ خوراڪ مطلب ته سڀڪجهه غلام حسين پاڻ تي کنيو. سڄو سال جيستائين کوسا ڇٽي اچن، سندن لڏي کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تڪليف نه ٿيڻ ڏنائين. جڏهن کوسا آزاد ٿي آيا ۽ پنهنجو لڏو واپس وٺي وڃڻ لڳا ته غلام حسين سڀني مائين کي مٿي تي روا ڍڪايا ۽ انهن ماين جا کير ڏهاءِ غلام حسين پيتا ۽ مرزي ۽ شيرل کي چيائين ”ادا هي منهنجون ڀيڻون آهن، نياڻيون آهن. ٻارنهن مهينا اهي مون وٽ رهيون آهن، اوهين ٻروچ آهيو. متان توهان کي ڪو مهڻو ڏي. تنهنڪري مون انهن جو کير پيتو آ، جيئن سڀني کي تسلي ٿئي“. انهن چيو ”ادا تنهنجا اسان تي احسان آهن. اسين تنهنجي متعلق غلط سوچي ئي ڪونه ٿا سگهون“ ۽ پوءِ هو پنهنجو لڏو وٺي ويا.
    انهيءَ ڳالهه کي گذرئي سال يا ٻه سال ٿيا هوندا، غلام حسين جي مٿان هڪڙو ڪيس پيو، غلام حسين جهلجي پيو ٻه مهينا ڪيس هليو ۽ غلام حسين کي سال سزا اچي وئي. هيءُ پڪو قيدي ٿي وڃي حيدرآباد سينٽرل (جيل) ۾ رهيو.
    غلام حسين سان مرزي وارن جا تعلقات گهرا هئا، هڪ ٻئي جي گهرن ۾ ايندا ويندا هئا. غلام حسين جا کوسن تي ايڏا احسان هئا پر مرزو ۽ شيرل اچي بي حيا ٿا، سو غلام حسين جي ڀيڻ کي سندس گهر مان زوري کڻي ويا. اها مائي غلام حسين جي سؤٽ احمد سان پرڻيل هئي ڏاڍي ملوڪ مائي هئي. مان به اها ئي مائي ڏٺي هئي.
    کوسا هئا زبردست ماڻهو، ڪوبه سندن اڳ نه جهلي سگهيو. هنن مائيءَ کي پندرنهن ڏيهاڙا پاڻ وٽ رکيو ۽ هن سان زوري زنا ڪيائون.
    غلام حسين ذات جو لاکو هو ۽ انهيءَ پاسي لاکا قوم گهڻي آ، هنن زور رکيو اتي جي سيدن ۽ ڪن راڄ جي ماڻهن به کوسن کي چيو ته مائي موٽايو نه ته توهان سان وڙهنداسين. نيٺ کوسن مائي موٽائي غلام حسين کي جيل ۾ سڄي حقيقت معلوم ٿي. پر هو مجبور هو لاچار هو. ڪجهه نٿي ڪري سگهيو. ٻارنهن مهينن کانپوءِ جڏهن سزا پوري ٿي ته غلام حسين ڳوٺ موٽي آيو. گهر وارن وري کيس سڄي حقيقت ٻڌائي.
    غلام حسين ارادو ڪيو ته اڳ ۾ پنهنجو لڏو اتان کڻي خيرپور ڇڏي اچان. پوءِ اچي کوسن سان وڙهان. ٻئي پاسي کوسن کي خبر هئي ته غلام حسين ضرور وڙهندو. ڇڏيندو اصل ڪونه، انهيءَ ڪري جيستائين غلام حسين حملو ڪري، اڳي ئي هن تي حملو ڪري ماري ڇڏجي. نه ته هو اسان کي ماريندو. اهو سوچي هنن ست اٺ همراهه پاڻ سان ورتا ۽ اوچتو غلام حسين جي ڳوٺ تي حملو ڪري آيا. غلام حسين پنهنجي گهر ۾ هو. کوسا نعرا هڻندا سندس گهر ۾ ڪاهي پيا . غلام حسين دروازي جي آڙ وٺي بيٺو ۽ کوسن تي فائر ڪيائين. کوسن به فائر ڪيا. انهن جي فائرن سان غلام حسين جو پيءُ اتي ئي مارجي ويو. غلام حسين جو هڪڙو سؤٽ به مارجي ويو، غلام حسين سان پهچي ڪونه سگهندا. حالانڪه اهي جهجها هئا ۽ غلام حسين اڪيلو هو. نيٺ کوسا وجهه وٺي پوئتان نڪري ويا. غلام حسين هنن جي ڪڍ لڳو، ٿورو اڳتي جڏهن ويو ته کوسن جو هڪڙو فائر غلام حسين جي ٽنگ ۾ لڳو جنهن ۾ هيءُ ٿورو زخمي ٿي پيو. هو پوئتي هٽيو هن سوچيو: ”جيڪڏهن مان مارجي ويس ته پوءِ پلاند ڪير وٺندو“. هو موٽي آيو کوسا ڀڄي ويا. غلام حسين پنهنجو لڏو کڻي اچي خيرپور رياست ۾ رهيو.
    جڏهن غلام حسين جي ٽنگ ٺيڪ ٿي ته هن ڪجهه همراهه ساٿ ڪيا. انهن مان هڪ همراهه جو نالو ڌڻي بخش هو، ذات جو ٻگهيو هو. ٻئي جو نالو بلو لاشاري هو. غلام حسين ساٿ ساڻ ڪري دولت پور جي حد ۾ آيو. کوسن کي اڳ ۾ ئي ڊپ هو ته غلام حسين ضرور بدلو وٺندو. تنهن ڪري هو هڪ هنڌ نٿي ٽڪيا. ڪڏهن هڪ هنڌ ته ڪڏهن ٻئي هنڌ. غلام حسين سندن ڪڍ هو. نيٺ کوسن جي پڇا ڪندو. غلام حسين جاگير واري ٻيلي ۾ گهڙيو. جيڪو دولت پور ڏانهن آ. پندرانهن ڏينهن ٿي ويا. غلام حسين کي جاگير واري ٻيلي ۾ کوسن کي ڳوليندي، پر هنن جو پتو ئي نه پوي. ڀلا هو ڪنهن هنڌ ٽڪن ته پتو به پوي، نيٺ هڪ ڏينهن غلام حسين کي ٻيلي ۾ ڌنار ڇوڪرا ملي ويا. جن مال پي چاريو. غلام حسين هنن کان پڇيو: ”بابا ههڙي آري پاري ماڻهو آهن، ساڻن رڍون اٿن. هن ٻيلي ۾ ڏسائين ٿا. منهنجا دوست آهن، ماکي هنن سان ملڻو آ. توهان ماکي هنن جو ڏس ڏيئي سگهندا؟“ ڌنار ڇوڪرن چيو ”هائو، ههڙي آري پاري ماڻهو اسان ڏٺا آهن. انهن جي گڏهن کي وڏا چڙا ٻڌل آهن. رڍون به برابر اٿن. هتان ڀرسان ئي لڏو لٿل اٿن. هنن شيرل ۽ مرزي جا پار به ڏنا“. غلام حسين سمجهي ويو ته اهي کوسا ئي آهن. گڏهن کي انهيءَ ڪري چڙا ٻڌا اٿن ته جيئن رات جو مان چڙن جو آواز ٻڌي سمجهان ته هي مال جو ڀاڻ آ، مينهون آهن.
    انهيءَ وقت ٽپهريءَ جو سج هو. غلام حسين اتي ئي ويهي رهيو. دل ۾ سوچيائين ته: ”کوسن وٽ پهچندي پهچندي سج لهي ويندو. کوسا به جوان آهن. ڏينهڙو ٿئي ته وڙهجي، پر سندس ساٿي ناراض ٿيڻ لڳا. بالي چيو: ”کوسن جا پاڻي اسان جا ڏٺل آهن. تون اسان کي وٺي آيو آهين. هاڻ تون ڇو پيو ڊڄين، هل ته هينئر ئي هلي هنن سان وڙهون.“ غلام حسين کين چيو: ”دل ته منهنجي به ٿئي ٿي ته هينئر ئي وڃي ساڻن وڙهان. پر پهچندي پهچندي اونداهه ڦهلجي ويندي. مان نٿو چاهيان ته اونداهه ۾ هنن مان ڪو ڀڄي وڃي. تنهن ڪري صبح جو جڏهن سوجهرو ڦهلبو، تڏهن وڙهبو يا ته هو اسان کي مارين يا اسين کين ماريون. هنن مان ڪو بچي نه. جي اوهين منهنجو ساٿ ڏيو ته چڱو، جي ساٿ نه ڏيڻو اٿوَ ته اوهان ڀلي هليا وڃو، مان صبح جو وڙهندس. اوهان جي مرضي.“ سندس ساٿين دلين تي هٿ هنيا ۽ چيائون ”اسان جا سر به توتان قربان آهن. اسين توسان آيا آهيون، تون جيئن چوندين تيئن ڪنداسين“.
    رات سڄي هنن ويهي گذاري. پوءِ جڏهن ڪڪڙن ٻانگ ڏني، ٿوري روشنائي نظر آئي تڏهن غلام حسين ساٿين کي چيو: ”توهين هتي ويهو. بالي کي مان پاڻ سان وٺيو ٿو وڃان، اسين وڃي ڏسي ٿا اچون ته ڪهڙي پاسي لڏو آ. مڙس ماڻهو ڪهڙي پاسي آهن. ننڍا ٻار ڪهڙي پاسي آهن. متان ننڍڙن ٻارن جو نقصان ٿي پوي. اسين پوري جانچ وٺي پوءِ موٽيو ٿا اچون پوءِ هلي حملو ڪنداسين“.
    پوءِ اهي ٻئي ڇپندا، ٻيلي ۾ آهستي آهستي وڌڻ لڳا. نيٺ هنن ڏٺو لڏو برابر لٿل هو. رڍون به نظر آيون، گڏهه به بيٺا هئا، جن کي چڙا ٻڌل هئا. ماڻهو به نظر آيا، جيڪي انهيءَ وقت ننڊ مان اُٿيا هئا. کنگهڪر پيا ڪن، جنهن پاسي غلام حسين هو، انهيءَ پاسي مرزو هو، اهو انهيءَ مهل ننڊ مان اٿيو ۽ اُٻاسي ڪري جڏهن ڪر ڀڳائين، مٿي ٿيو ته غلام حسين جي نظر مٿس پئي. غلام حسين هڪل ڪري چيو ”خبردار جوان ٿجان. تنهنجو دشمن اچي مٿان بيٺو آ.“ مرزي به يڪدم بندوق کنئين پر تنهن کان اڳ غلام حسين فائر ڪيا. سندس ٻئي فائر وڃي مرزي کي سامهون لڳا. پر هو به جوان هو، ڌڪ سهي. فائر ڪيائين پر غلام حسين ٿورو جهڪي ويو ۽ فائر غلام حسين جي مٿي تان لنگهي ويا. هن وري يڪدم بندوق ڀري ڇوڙي. ايتري ۾ هنجو ڀاءُ شيرل به هڪل ڏئي غلام حسين ڏانهن ڀڳو. اتي سوجهرو ٿي ويو هو. غلام حسين جي ساٿيءَ به هن تي فائر ڪيو. انهيءَ وچ ۾ شيرل غلام حسين تي ٻه فائر ڪيا. پر غلام حسين وري به جهڪي فائر گسايا. جڏهن شيرل غلام حسين جي سامهون آيو ته غلام حسين فائر ڪيو. گوليون سڌو هن جي سيني ۾ لڳيون. هو هيٺ ويهي رهيو پر هڪل ڏنائين ”گٿو آن.“ اهو ٻڌي غلام حسين وري ٻيو فائر ڪيو اي سي ڪارتوس هئا. اهي به وڃي هنکي لڳا. هو ڪري پيو غلام حسين وري رائفل ڀري اڀي ڪئي. ايتري ۾ شيرل جي ماءُ ڀڄندي آئي ۽ اچي پٽ جي مٿان ڪري. غلام حسين هٿ روڪي ورتو ته متان ڪراڙي مري نه پوي. ڪجهه دير غلام حسين انتظار ڪيو پوءِ وڃي انهن جي مٿان بيٺو ڏٺائين ته ٻئي ختم ٿي چڪا هئا.
    غلام حسين جا ٻيا ساٿي به فائرنگ جي آواز تي پهچي ويا. غلام حسين ڏٺو ٻيون زالون هيون، ٻار هئا ۽ شيرل وارن جو پوڙهو پيءُ ڀائي خان هو.
    غلام حسين جا جيڪي ساٿي هئا سي اچي بي ايمان ٿا. هنن غلام حسين کي چيو: ”کوسن توسان برائي ڪئي آ، اسين هنن جو ٻانهون کڻنداسين.“ غلام حسين جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هن چيو ”برابر کوسن مون سان برائي ڪئي پر هن ماين کي مان ڀيڻ ڪوٺيو آ، ماءُ سڏيو آ، مان هنن جو کير پيتو آ. زالون ڪنهن کي نه چونديون آهن ته فلاڻي جون زالون کڻو يا هنن سان برو ڪريو. کوسن ۾ غيرت ڪونه هئي، پر مون ۾ ته غيرت آ. جيڪي منهنجون ڀينرون ۽ مائرون آهن مان هنن جي بيعزتي ڪيئن ڪريان؟ اوهين منهنجا ساٿي آهيو. دوست آهيو، اوهان مونسان همدردي ڪئي آ. مان اوهان کي ڪجهه چئي نٿو سگهان. اوهان اڳ ۾ ماکي ماري ڇڏيو. مان توهان سان مقابلو نه ڪندم. پوءِ ڀلي ٻانهون کڻي وڃو“.
    غلام حسين جا ساٿي خاموش ٿي ويا چيائون: ”ادا اسين ٻانهو نه کڻنداسين. اهي تنهنجون ڀينرون آهن ته اسان جون به ڀينرون آهن“.
    غلام حسين شيرل وارن جي پي ڀائي خان وٽ آيو. چيائين: ”ماکي خبر آ، تو پاڻ جهيڙو وڌايو آ. تو پنهنجي پٽن جي غلط ڪمن جي پٺڀرائي پئي ڪئي آ. مان توکي ماريان ڪونه ٿو. هاڻ تون پِٽيندو رهه، جوان تنهنجا مري ويا. مان حق تي هوس. تنهنجا پٽ ناحق تي هئا“.
    پوءِ غلام حسين خيرپور موٽي آيو ۽ پنهنجو لڏو اتئون کان کڻي رجهان وٽ تاج پور ۾ اچي رهيو.


    عجيب ڇوڪري

    هڪ ڏينهن غلام حسين مان وٽ آيو ڳالهين ڳالهين ۾ چيائين ”ميرا هاڻ وري هلڻ گهرجي. جيڪا رقم هئي سا پوري ٿيڻ واري آ“.
    غلام حسين جو ڪٽنب ڪافي وڏو هو کيس ٽي زالون ۽ ٽي پُٽ هئا. مان کيس چيو ”جيڪا تنهنجي مرضي. جڏهن به چئين مان هلڻ لاءِ تيار آهيان. ڇڙو گهر وارن کي ٻڌائڻو آ“.
    هڪ ڏينهن اسين صبح جو ساجهر ساڳي ملڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ نڪتاسين. مان گهر وارن کي ٻڌايو ته دوستن وٽ گهمڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون. ڪجهه مهينا لڳي ويندا.
    هن دفعي اسين ٽي هئاسين. ٽيون غلام حسين جو سؤٽ عبدالرحمان هيو. اسين پهرين غلام حسين جي ڳوٺ وياسين. ست اٺ ڏيهاڙا اتي رهياسين. غلام حسين چار ٻين همراهن کي گهرايو. اسان ٽنهين وٽ رائفلون هنيون. جيڪي ٽي همراهه آيا هئا انهن مان به ٻن وٽ بندوقون هيون. گهوڙا ستن وٽ ئي هئا.
    اسان کي پتو پيو هو ته دولت پور تعلقي جي ڳوٺ منگي جي واڻين وٽ ڌن گهڻو آ اسان کي اها به خبر پئي هئي ته ڳوٺ وڏو آ ۽ واڻين جي گهرن کي وڏو پڪ سرو ڪوٽ ٻڌل آ.
    اسان الله جو نالو وٺي منگي جو رخ ڪيو. سج اڃان ڪافي بيٺو هو، گرميون ختم ٿي چڪيون هيون. پر سيارو اڃان شروع ڪونه ٿيو هيو. هوا ٿڌي هئي. اسان منگي کان ڪجهه اوري جهنگ ۾ ترسي پياسين. ته ڀلي سج ڪجهه لڙي جهنگل کان ٻاهر ٻڪريون چري رهيو هيون. اوچتو ٻڪرين ۾ ٽاهه پيو ڪجهه ٻڪريون جهنگل ۾ ڀڄي آيون ٻڪرين جي پٺيان انهن جو ڌنار به جهنگل ۾ گهڙي آيو ۽ اوچتو اچي اسان جي اڳيان بيٺو. اسان کي ڏسي هو ڏڪي ويو. اسان جهٽ ڏئي هنکي قابو ڪري ورتو. سوچيوسين ته: ”هن کي ڇڏيوسين ته وڃي ڳوٺ ۾ ڄاڻ ڪندو. تنهن ڪري کيس چيوسين پٽ ويهي رهه“. نوجوان ڇوڪرو هو، ماٺڙي ڪري ويهي رهيو. اسان انتظار پئي ڪيوسين، ته سج هيٺ ٿئي ته منگي تي چڙهائي ڪريون. ڇوڪرو اسان سان ائين رلي ملي ويو. ڄڻ اسان جي ٽوليءَ جو آهي. هن چيو ”ماکي سمجهه ۾ اچي ٿو ته اوهين ڌاڙيل آهيو ڪنهن ڌاڙي تي وڃو ٿا. جيڪڏهن اوهان کي ڌاڙي جو شوق آ ته هڪڙو ڏاڍو سٺو ڌاڙو آ مان انهيءَ ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهان ٿو“.
    اسان کيس اهو انت ڪونه ڏنو هو ته اسين ڪو واقعي ڌاڙو هڻڻ وڃون ٿا. اسان کيس چيو ”اسان ته اڳتي پي وياسين، پر واقعي اهڙو ڌاڙو آ ته اسان کي ٻڌاءِ“. ڇوڪري منگي جي ساڳين واڻين جي باري ۾ ٻڌايو. اسان صفا اڻ ڄاڻائي ڏيکاري ۽ پوءِ چيوسين ته : ”تون اسان سان رلجي هل. هن ڪجهه دير سوچيو ۽ پوءِ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هن ٻُٽ ٻڌي. ڇاڪاڻ ته ائين هلي ته ڳوٺ وارا کيس سڃاڻي وٺن ها“.
    اهو ڇوڪرو اسان کي منگي ۾ سڌو واڻين جي ڪوٽ آڏو وٺي آيو. ڪوٽ کي وڏو ۽ مضبوط در هيو. در کليل هو ۽ پڌر ۾ واڻيا ويٺا هئا. اسان در وٽ پهچي چئني طرفن فائر ڪيا ۽ هڪلون ڪيونسي ته: ”جو جتي آ اتي چپ چاپ ويهي رهي. اگر ڪو به ڪڇندو ته مارجي ويندو“. اسان جي هڪلن ۽ هوائي فائرن تي هو ڊڄي ويا ۽ جو جت هيو اتي ڄمي ويو. ٿورو پريان پنج اُٺ ويٺا هئا ۽ ڀرسان واڻين جون بندوقون پيل هيون. پر انهن ۾ ايتري جرئت ڪونه هئي. جو هٿيار کڻي سگهن. اسان يڪدم انهن جي هٿيارن تي قبضو ڪري ورتو.
    اسان سڄي ڪوٽ تي قبضو ڪري ورتو سين، پر اهو ڳوٺ هو وڏو. سڄي ڳوٺ جي خلق اچي ڪٺي ٿي. زبردست جهيڙو ٿي پيو. هنن اسان تي بندوقون ڇوڙيون اسان به فائر ڪيا. اسان مان ڇهه اندر هئا ۽ هڪ در تي بيٺو هو، جهيڙو وڌيو ته اسان مان ٻه ٻيا به در تي ويا ۽ اسان به زبردست فائرنگ ڪئي. نيٺ وڏي ويڙهه کانپوءِ اسان انهن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ گهٽي خالي ٿي وئي. اهي سڀئي مسلمان هئا ۽ ڳوٺ جي واڻين کي بچائڻ لاءِ آيا هئا.
    اسان جڏهن مال ملڪيت ڪٺي ڪرڻ لڳاسين ته: اسان جي ڀر ۾ هڪ مهتي اچي بيهي رهي. نوجوان ڇوڪري هئي پر شهزادي هئي. اهڙي سونهن مان ته اڳ ڪڏهن ڏٺي، نه وري ڄمار ۾ ڏٺم. پهرين ته هوءَ اسان کان ڊني پي، پر اسان کيس چيو، ”مائي پٽ ٻچا تون ڊڄ نه. اسين توکي هٿ نه لائينداسين. اسين ملڪيت جا گهور (گهڙندڙ) آهيون. تون فڪر نه ڪر.“ ڇوڪري ڪجهه دير ته چپ ڪيو بيٺي رهي، پوءِ اسان کي پاڻ سان وٺي هلي، ۽ هر اها ڪوٺي هر اها جاءِ ڏيکاري جتي ملڪيت هئي.
    هنن وٽ سون پئسا ۽ ڪپڙو بي انداز هو. اسان ست ئي گهوڙا سامان سان ڀريا. ڪپڙي جون هڙون ٻڌي چِلهيون ڪندا هئاسين ۽ پوءِ چلهيون کڻي گهوڙن جي مٿان رکندا هئاسين. اسان اڃان وڃڻ جي پيا ڪريون ته ڳوٺ وارا ڦري آيا ۽ اسان تي حملو ڪري ڏنائون. انهيءَ وقت در تي اسان جو فقط هڪڙو ماڻهو هو. ڳوٺ وارن سڄو زور در تي لڳايو ۽ همٿ ڪري در بند ڪري ٻاهرائون تالو ڏيئي ڇڏيائون. در ڏاڍو مضبوط هو. ڀڄڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو. ڪوٽ سان لڳ ڪاءِ به نه هئي جنهن جي مٿي ٽپي ڀڄي سگهون.
    اسان کي اهو فڪر ورائي ويو ته هاڻ نڪرنداسين ڪيئن. اسين در جي ڀر ۾ اچي بيٺاسين. اسان جي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هاڻ ڇا ڪريون. ايتري ۾ اها شهزادي وري اسان وٽ آئي ۽ چيائين ادا اچو مان اوهان کي ڏاڪڻ ڏيکاريان. اها ڇوڪري تکي تکي هڪ پاسي وڃڻ لڳي. اسان کي خيال ٿيو ته متان ڪٿي اها ڇوڪري اسان کي ڦاسائي نه وجهي. اسان پنهنجا ٻه همراهه هنجي ڪڍ ڪياسين. ٿوري دير ۾ اسان ڏٺو ته ڪوٽ جي ٻاهران ايتري خلق جمع ٿي وئي هئي. جنهن جو شمار ڪونه هو. اسان هڪلون ڪري وٺي فائر ڪياسين. رڙ ڪري چيوسين: ”خبردار اسان واڻين جو ڌاڙو ٿا ڪريون، اوهين مسلمان ناحق مري ويندا. اوهين هنن ڪاڻ ڇو ٿا پنهنجي جان ڏيو“. هڪڙي نوجوان هڪل ڪري چيو ”اهي واڻيا ڪونه آهن. اسان جا ڀائر آهن. هنن جو زالون اسان جو مائر ۽ ڀينر آهن. اسان جو ابو امان هڪ آهي. توهين چور آهيو.“ اسان وري فائر ڪيا، پر انهن مان ڪو به ڀڳو ڪونه. پوءِ اسان انهن جي پيرن ۾ فائر ڪيا. هرو ڀرو ماڻهو مارڻا به ته ڪونه هئا. پوءِ چار ماڻهو جن ۾ اهو نوجوان به شامل هو. اچي در جي هيٺيان بيهي رهيا. باقي خلقت ڀڄي وئي.
    اسان کي انهن چئن ماڻهن جي سڌ ڪونه پئي ته ڪي اهي در جي هيٺيان لڪل بيٺا آهن. اسان سمجهيو ته سڀئي ڀڄي ويا آهن. اسان ڏاڪڻ اندران کڻي ٻاهرئين پاسي رکي ۽ غلام حسين ان تان لهڻ لڳو. اوچتو اهي چارئي اچي ڏاڪڻ جي سامهون بيهي رهيا. هاڻ اسين ڇا ڪريون. غلام حسين ڪجهه ڏاڪا لهي چڪو هيو. انهن اسان کي هڪلون ڏنيون ۽ گاريون ڏيڻ لڳا: ”جوءِ جا .... هاڻ لهو ته توهان جي خبر وٺون“. مان انهن جي پير وٽ فائر ڪيا ۽ چيم : ”بابا اوهين مسلمان آهيو. اسان جو جهيڙو اوهان سان ڪونهي. اوهين ڀڄي وڃو“. پر هن نوجوان هڪل ڏيئي چيو ”گيدي چور، اسان کي ٿو ڀڄڻ جي صلاح ڏين. ماءُ جا... اسين توهان جو اڄ انت آڻينداسين“. مون کي هن نوجوان جو قدر هيو ۽ مان ڪنهن مسلمان کي مارڻ نٿي گهريو. پر جڏهن هن بندوق اڀي ڪري غلام حسين جو نشانو ورتو ته مان يڪدم فائر ڪيو. گولي سڌي وڃي انهيءَ نوجوان جي مٿي ۾ لڳي. هن ٿيڙ کاڌو پر حوصلو جهلي در ڏانهن ڀڳو. ٻيا ٽي همراهه به هن جي پٺيان ڀت جي آڙ ۾ ٿي ويا. هن نوجوان رڙ ڪري چيو ”گٿو آهين جوءِ جا“ ... ماکي به ڪاوڙ اچي وئي. مون رڙ ڪندي چيو: ”ماءُ جا .... گولي ماڻهين جي .... ۾ لڳي اٿئي ڇا. اجهو ٿو لاشو ڪري“. وري رڙ ڪري چيم ”چاچو توهان جو مري ويو. هاڻ توهين ڀڄو نه ته سڀني جا لاشا اتي ڪرندا“. ايتري ۾ انهيءَ نوجوان جو لاش ٿيڙ کائي اچي سامهون ڪريو. ٿوري دير کانپوءِ هنن اسان کي چيو ”اسين اوهان تي حملو نٿا ڪريون. اسان کي مهلت ڏيو ته اسين پنهنجو هيءُ ماڻهو کڻي وڃون“. اسان کين مهلت ڏني. هو پنهنجي ماڻهوءَ جو لاش کڻي ويا. اسين انهيءَ ڏاڪڻ تان لهي هيٺ آياسين. اسين پاڻ سا رمبا کڻندا هئاسين ته متان ڪٿي ڀتين کي کاٽ هڻڻو پوي. اسان اهي رمبا وجهي. تالا ڀڳاسين. هنن ٽي چار تالا لڳائي ڇڏيا هئا. مس مس ڪري تالا ٽٽا. پوءِ اسان دروازا کولي اندر وياسين. سامهون اها شهزادي ڇوڪري بيٺي هئي. اسان تي نظر پئي ته مرڪي ڏنائين.
    اسان جي ڳوٺ وارن سان ويڙهه چڱو وقت هلي هئي ۽ هاڻ چڱي اونداهه ڦهلجي وئي هئي. انهيءَ ويڙهه مان فائدو کڻي واڻين گهڻي ملڪيت گهوڙن تان لاهي لڪائي ڇڏي هئي. اسان سوچيو هاڻ وقت گهڻو ٿي ويو آ. متان ڪو پوليس کي خبر ڪرڻ ويو هجي. هاڻ اسان جو نصيب جيڪو آ سو ئي ٺيڪ آ. هوءَ شهزادي وڌي اسان وٽ آئي ۽ چيائين ”هلو ته مان ڏسيان ته ڪٿي ڪٿي ملڪيت لڪائي اٿن.“ پر اسان چيو ”نه مائي هاڻي بس اسان لاءِ اهو ڪافي آ. هن ڇوڪريءَ جو منهن لهي ويو. ماکي ته ائين پئي لڳو ته اسان جي وڃڻ جو کيس ڏک پيو ٿئي“.
    اسين گهوڙن تي چڙهي ٻاهر نڪتاسين. ٻاهر وري خلقت جمع ٿي وئي. ائين پئي لڳو ته ڌاڙي جو ٻڌي آسپاس جي ڳوٺن جا ماڻهو به اچي ويا هئا. هڪ دفعو وري ويڙهه ٿي. پر اسان وارا همراهه ڏاڍا بهادر هئا. اهڙا فائر ڪيائون ۽ اهڙيون هڪلون ڏنائون جو هنن کي ڀڄڻو پيو.
    اسان کي انهيءَ ڌاڙي ۾ ٽي ڪلاڪ لڳي ويا نه ته عام طور تي ڌاڙي ۾ اڌ ڪلاڪ يا ڪلاڪ لڳندو هو.
    اڄ به جڏهن هن شهزادي ڇوڪريءَ جي بابت سوچيندو آهيان ته ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آ ته هن اسان جي ايتري مدد ڇو ڪئي. اهي سندس مائٽ نه هئا. زوري هتي رهيل هئي يا ڪنهن ٻئي کي پسند ڪندي ۽ سندس مائٽن انهيءَ سان شادي نٿي ڪرڻ ڏني. يا ڪا ٻي ڳالهه هئي، پر ايڏو وقت ڪونه هيو جو هن کان انهيءَ جو ڪارڻ پڇي سگهان ها. بهرحال ڳالهه اڄ به سمجهه ۾ نٿي اچي. اسين ڳوٺ کان ٻه ميل پري جهنگ ۾ اچي ويٺاسين ته جيئن مال ملڪيت ورهائجي. سڀني سڀڪجهه ڪڍي ٻاهر رکيو اسان ستن وٽ مال گهٽ نڪتو، سير کن سون هو. اسين جهيڙي ۾ رڌل هئاسين ۽ جيڪو مال گڏ ڪيو هيو سي واڻيا وري کڻي ويا هئا. پر اهو ڌنار جيڪو اسان سان رلجي آيو هو، هو پورو وقت مال ملڪيت گڏ ڪندو رهيو. هن وٽ جهجهو مال هو. اٽڪل ساڍا چار سير کن سون هوس، دهريون هئس، هار، چوڙيون، ايرنگ گهڻو ڪجهه هوس.
    اسان فيصلو ڪيو ته اسان جو مال واڻيا کڻي ويا، پر هنجو بچي ويو، اهو هنجو نصيب هو. تنهن ڪري اها سموري ملڪيت انهيءَ کي ڏجي. انهيءَ کان ڪا به شيءَ نه وٺجي. اسان سندس گڏ ڪيل سمورو مال کيس ڏئي ڇڏيوسين ته: ”اهو حق تنهنجو آ“. پر اسان کيس سمجهايو ته ”بابا تون آن ڌنار ملڪيت ظاهر ڪئي ته پڪڙجي پوندين. هڪڙو ڪم ڪر هيءُ سمورو مال ڪنهن ٿانو ۾ وجهي، پوري ڇڏجانءِ. اصل ظاهر نه ڪجان. جيڪڏهن ظاهر ڪئي ته اسان ڇهين مهيني يا سال کانپوءِ موٽي اينداسين ۽ توسان وڙهنداسين. جڏهن ڳالهه صفا ٺري پوي، تڏهن اهو ٿانو ڪڍجانءِ“.
    اسان جڏهن ڇهين يا اٺين مهيني موٽياسين ته انهيءَ ڌنار ڇوڪري کي گهرايوسين. هن ٻڌايو ته : ”اوهان جي چوڻ تي اهو مال پوري ڇڏيو هو. اهو مال اڃان ڪڍيو ڪونه اٿم. نه ئي پيءُ يا ڀاءُ کي ڪا سڌ ڏني اٿم“.
    اسان کيس شابس ڏني ۽ سندس پيءُ کي گهرايوسين. هو ذات جو زرداري هو. سندس پيءُ کي اسان ٻڌايو ته : ”تنهنجي پٽ اسان سان جوڙ ڪيو هو. تنهن ڪري همدرديءَ ۾ اسان کيس ملڪيت ڏني هئي. اها ملڪيت گهڻي آ، تمام گهڻي آ، انهيءَ کي يڪدم ظاهر ڪندا ته ڦاسي پوندا. اوهان وٽ جيڪي ٻڪريون اٺ ۽ ڏاند آهن انهن سڀني کي وڪڻي، زمين ٽڪر وٺو ۽ پوءَ هن ملڪيت کي آهستي آهستي وڪڻي زمين وڌائيندا وڃو“.
    هن اسان جي ڳالهه تي عمل ڪيو مال ڌال وڪڻي وڃي زمين ورتائون ۽ پوءِ اها ملڪيت ملائي زمين وڌايائون ۽ آهستي آهستي ڏاڍا سُکيا ٿي ويا. اسين جڏهن به وٽن ويندا هئاسين، ته ڏاڍي عزت ڏيندا هئا. جنهن به شيءَ جي ضرورت پئي انهيءَ وقت حاضري ڪري ڏيندا هئا.
    منگي واري ڌاڙي کانپوءِ اسين اٺ ڏينهن ٻيلي ۾ رهياسين. پوءِ اسان کي خبر پئي ته قاضي احمد جي ڀرسان هڪڙو ڳوٺ آ، هينئر ڳوٺ جو نالو ياد نٿو پوي، اتي جي واڻين وٽ به ملڪيت جهجهي آ. اسان جا جاچوس (جاسوس) هوندا هئا، جيڪي اچي اسان کي خبر گيرو ڪندا هئا ته ڪنهن ڪنهن وٽ ملڪيت آ. اها خبر به اسان جي جاچوس ٻڌائي هئي.
    اسين ٽي هئاسين، ٻه همراهه اسان ٻيا کنيا گهوڙن تي چڙهي انهيءَ ڳوٺ ۾ وياسين. ڏينهن اڃان ٿڌا هئا سج لهي چڪو هيو. ائين اڪثر اسين سياري ۾ ڌاڙا هڻندا هئاسين پر اها اونهاري جي موسم هئي. اسين اڪثر سوجهري ۾ ڌاڙا هڻندا هئاسين ته خبر پوي ته سامهون ڪيترا ماڻهو آهن ۽ پريان ايندڙ به نظر اچي سگهن.
    جنهن واڻيئي جو اسان ڌاڙو هنيوسين جيتري قدر مانکي يادگيرو پوي ٿو، انهيءَ جو نالو ساڌو هيو. وڏو سکيو آسودو واڻيو هو. وڏو زميندار هو، پنهنجا دڪان به هئس.
    اسين سندس گهر ۾ گهڙي پياسين. مان ۽ غلام حسين در جي پاسي تي بيٺاسين. باقي ٽن همراهن کي موڪليوسين ته وڃي ڪوٺين مان مال ملڪيت کڻي اچن. انهن کي جو ڪجهه هٿ آيو ٿي سو آڻي ٻاهر پي رکيائون. اسان جي همراهن کي سختيءَ سان منع ٿيل هئي ته ڪنهن به زائفان کي هٿ نه لائجو. جڏهن سمورو سامان اڱڻ ۾ پهچي ويو ته اسان ٻن همراهن کي اتي بيهاريو ۽ مان جانچ لاءِ ڪوٺين ۾ اندر لنگهي ويس. ٻن ٽن ڪوٺين ۾ ته اتان سمورو سامان اسان وارا همراهه کڻي آيا هئا. هڪڙي ڪمري ۾ ويس ته ڏٺم. هڪڙي مائي، منهن تي هٿ ڏيو بيٺي روئي، مان هن مائي جي ويجهو ويس ۽ کانئس پڇيم: ”مائي تون ڇو ٿي روئين“؟ مائيءَ ڇرڪ ڀريو ۽ ڊڄي پٺتي هٽي وئي. مان اڳيان ڪونه وڌيس. اتان ئي بيٺي چيم ”امان نه رو. ماکان ڊڄ نه. اسين زائفن تي هٿ نه کڻندا آهيون“. مائيءَ ۾ ڪجهه حوصلو پيدا ٿيو. هن آهستڙي چيو ”ادا هي منهنجو پيڪو آ، منهنجي شادي نوابشاهه جي اوري بڇيريءَ ۾ ٿي آ. مان مائٽن سان ملڻ آئي آهيان. اوهان منهنجي پيتي به کڻي ويا آهيو. انهيءَ ۾ منهنجا ڳهه ڳٺا آهن. هاڻ جڏهن مان ساهري ويندس ته اهي ماکي مهڻا ڏيندا ته: پيڪن وئي ته پنهنجو سڀ ڪجهه ڦرائي آئي. سڄي ڄمار مان سان تعديون ڪندا“.
    مانکي ڏاڍو خيال ٿي پيو. واقعي ساهرا ته کيس طعنن ۾ ئي ڇني ڇڏيندا. واڻين ۾ ڏيتي ليتي جي لعنت گهڻي آ. وري جو هيءَ پيڪن ۾ سڀ ڪجهه ڦرائي وڃي ته هنجي حياتي جنجال بڻجي ويندي. تنهن ڪري مان چيومانس ”مائي بابا تون رو نه. مان سان گڏ هل هلي پنهنجي پيتي سڃاڻ. مان توکي اها موٽائي ڏيندم“.
    پر هوءَ اڳتي اچڻ جي بدران ڪجهه قدم پوئتي هٽي وئي. مانکي هن تي ڏاڍو قياس آيو هوءَ ويچاري مهتي، هنکي ڊپ لڳو ته نه ڄاڻ مان ساڻس ڇا ڪريان. سو ٻاهر اچڻ جي نه پئي ڪري. مان چيومانس ”پٽ تو ڊپ نه ڪر. تنهنجو ڪو به نالو نه وٺندو. تون خالي پنهنجي پيتي ڏس. ماکي ڪهڙي خبر ته تنهنجي پيتي ڪهڙي آ. تون خالي پنهنجي پيتي هلي سڃاڻ.“ پر مائي هلڻ لاءِ تيار نه هئي. اسان وٽ وقت گهٽ هيو، وڌيڪ دير مان اتي بيهي نٿي سگهيس، تنهن ڪري مائيءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ ڇڪيندو ٻاهر وٺي آيس.
    مان هن کي ڇڪيندو ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتيس ته پريان غلام حسين جي نظر مان تي پئي. هو ڳاڙهو ٿي ويو. مان تي رائفل اڀي ڪري رڙ ڪري چيائين: ”هي ڇا ٿو ڪرين ڪڍ زائفان مان هٿ.“ هن سمجهيو هو ته مان زائفان جي عزت ٿو لٽيان. مان چيو ”رائفل هيٺ، ڀليو آن، مان جوان آن، ڪو ڀاڙيو نه آن. تو غلط شڪ ڪيو آ. هنکي وٺي آيو آن ته پنهنجي پيتي سڃاڻي.“ پوءِ مون پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي مانس.
    مائي پنهنجي پيتي سڃاتي. اسان کيس پيتي ڏني ۽ چيوسين ته: ”پيتي کولي ڏس ته سڀ شيون پوريون آهن يا ڪا گهٽ آ.“ مائي چاٻي هڻي ڪلف کوليو ۽ ڏٺائين سڀ زيور ۽ ڪپڙا پيل هئا. مائي چيو ”ادا منهنجو سڀ ڪجهه آ“.
    جڏهن اسان موٽياسين ته جهيڙو ٿي پيو. ڳوٺ وارن اسان تي حملو ڪري ڏنو. هنن اسان تي فائر ڪيا. اسان به انهن تي فائر ڪيا ۽ فائرن جي وچ مان پاڻ بچائي نڪري آياسين. اسان جيڪي فائر ڪيا انهن مان هڪ گولي نم جي وڻ مان پار ٿي وئي.
    ٻئي ڏينهن اسان کي ڪن ماڻهن اچي ٻڌايو ته ڌاڙي جي جانچ وٺڻ لاءِ ايس پي پاڻ آيو هو. هن جو نم جو اهم وڻ ڏٺو ته حيران ٿي ويو. چيائين ”خبر ناهي هٿيار ڪهڙي قسم جو آ؟ جنهنجي گولي وڻ کي چيري وئي آ. هنن جي پوئتان ڪونه هلنداسين. اهي شايد جيل جا ماڻهو هئا. انهن جو پيڇو نه ڪبو موٽي هلبو“.
    اسين ڏهه ٻارنهن ڏينهن ڪنداهه ۾ رهياسين ملڪيت اسان اڳ ۾ ئي ورهائي ڇڏي هئي. پنهنجي ملڪيت کڻي گهوڙن تي چڙهي موٽي آياسين. اسان سان جيڪي ٻيا همراهه هلندا هئا. انهن کي ڪڏهن انت نه ڏنوسين ته ڪاٿي رهندڙ آهيون. غلام حسين کي اهي سڃاڻندا هئا، پر ماکي ڪونه سڃاڻندا هئا. مان ات گونس بخش (غوث بخش) سڏائيندو هوس.
    پوءِ اسين ٽئي همراهه اڳي وانگر سفر ڪندا، منزلون هڻندا، پنهنجي ملڪ رُجهان اچي پهتاسين. غلام حسين وري علي محمد مهر ٿي ويو ۽ مان گونس بخش مان ڦري ميرو ٿيس.
    بس پوءِ اهڙيءَ ريت رجهان ۾ سال ڇهه مهينا رهي وري شونق شڪار تي نڪرندا هئاسين. مان غلام حسين سان پندرنهن سورنهن سال ساڻ رهيس. ايتري عرصي ۾ اٽڪل ويهه پنجويهه دفعا ويو هوس. گهڻي ڀاڱي نوابشاهه ضلعي ۾ ڌاڙا هنياسين. ڇاڪاڻ ته غلام حسين کي اتان جي پوري خبر هوندي هئي. ٻين ضلعن ۾ تڏهن ويندا هئاسين، جڏهن جاچوسي سٺي ٿيل هوندي هئي. سکر ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ به ڌاڙا هنياسين. ڪيترا دفعا ڌاڙي وقت وڏا جهيڙا ٿي پيا. ڪڏهن ماڻهو به مارجي ويا.
    مختلف هنڌن تي ڌاڙا هڻندا هئاسين، پر جتي رهيل هئاسين يعني رُجهان ۾ يا آس پاس ڪڏهن به ڌاڙا نه هنياسين.


    ڪوڙو الزام

    غلام حسين تاجپور ۾ رهندو هو اتي هنجي قائم خان سان دوستي هئي. قائم خان جعفر خان جماليءَ جو سڳو مامو هو. غلام حسين قائم خان جي گهر ايندو ويندو هو. قدرت خدا جي قائم خان جي گهر واري کي خدا بڇڙو ڪيو. هن غلام حسين ۾ اکيون وڌيون. مائي غلام حسين تي اصل ڇتي ٿي پئي ۽ چاهي پئي ته غلام حسين به کيس پيار ڪري. مائي گهڻا اشارا ڪيا. پر ڏٺائين ته غلام حسين (اتي علي محمد) ته سونت ئي نٿو ڏئي نيٺ منهن پڪو ڪري دل جي ڳالهه غلام حسين سان ڪيائين. غلام حسين ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو چيائين ”مان جوان آهيان، تون مونکي بيعزت سمجهيو آ ڇا، جو مان دوست جي غيرت ۾ اکيون وجهندس“. پوءِ غلام حسين قائم خان جي گهر وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو.
    هڪ ڏينهن غلام حسين وٽ تاجپور ويل هوس جمعي جو ڏينهن هو. اسين نماز پڙهي، مسيت مان نڪتاسين ته سامهون کان قائم خان آيو پي. مون سان هٿ ملائي غلام حسين کي ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين ته:
    ”ادا، هل منهنجي گهر هل“. غلام حسين نٽايو ته هلڻ لاءِ گهليائين. جڏهن غلام حسين ڏٺو ته هي مڙي ڪونه ٿو ته چيائين ”ادا ٻڌ. دوستي تنهنجي ۽ منهنجي آ. تنهنجي گهر وارن سان نه. تنهنجي گهر نه هلنديس.“ قائم حيران ٿي پڇيو ”پر منهنجي گهر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ جو تون نه هلندين“. غلام حسين ڪجهه دير ته ماٺ رهيو پوءِ شرم منجهان ڪنڌ جهڪائي چيائين ”ادا دل ۾ نه ڪجان. تنهنجا ٻار مون سان ڀوڳ ڪندا آهن. مان اهڙو جوان نه آهيان، جو انهن جو مسخريون سهان.“ غلام حسين ان سڌيءَ طرح ڳالهه ڪئي. قائم خان به ڳالهه سمجهي ويو ۽ هلڻ لاءِ وڌيڪ زور نه ڀريائين.
    انهيءَ ڳالهه کي پندرهن ويهه ڏهاڙا گذري ويا هئا. غلام حسين ماکي سموري ڳالهه ٻڌائي هئي ته انهيءَ ڳالهه ڪري مان قائم خان جي گهر ڪونه ويندو آهيان جو سندس گهر واريءَ جي نيت خراب آ، مان کيس صلاح ڏني ته تون قائم خان جي گهر نه وڃجان. هڪ ڏينهن اوچتو قائم خان جو پٽ غلام حسين کي گهران سڏڻ آيو، چيائين بابا کي ضروري ڪم آ، توکي سڏيو اٿس. غلام حسين جي دل تان اوڏيءَ مهل ڳالهه لهي وئي ۽ هيءُ قائم خان جي گهر هليو ويو. جڏهن هو قائم جي گهر پهتو ته ڏٺائين ته قائم خان جي ڀيڻ ۽ گهر واري بيٺيون هيون. قائم خان جي ڀيڻ اچي غلام حسين جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ چيائين ادا هل هلي اندر ويهه. غلام حسين پڇيو ”قائم خان ڪاٿي آ“ چيائون ڪم سان ويو آ، ٿوري دير ۾ اچي ٿو. جڏهن هيءُ ڪمري ۾ ويو ته ٻئي مايون کيس چنبڙي ويون. قائم جي ڀيڻ چيو ادا علي محمد منهنجي ڀاڄائي توکي ڀانئين ٿي، تون به کيس قرب ڏي. غلام حسين تپي باهه ٿي ويو. ٻنهي کي ڪاوڙ ۾ ڌڪ هڻي ڪڍيائين ۽ يڪدم گهران ٻاهر نڪري آيو، غلام حسين کي ايڏي ڪاوڙ هئي جو پنهنجي گهر به ڪونه ويو، ڪٽوهڙن جي شهر هليو ويو.
    هوڏانهن مائين کي اچي ڊپ لڳو ته متان علي محمد (غلام حسين) قائم کي نه ٻڌاءِ، سو قائم خال جي زال ڇا ڪيو جو، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ويهي رهي. جڏهن قائم آيو ته روئي دانهن ڏنائي ته: ”تنهنجو دوست علي محمد آيو هو. هن مون ۾ هٿ وڌا ۽ منهنجا ڪپڙا به ڦاڙي ڇڏيائين“. قائم جي ڀيڻ به سُر وٺرايو. قائم کي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو انهيءَ وقت گهوڙي تي چڙهي رجهان مير جعفر خان جماليءَ وٽ دانهن کڻي آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته: ”علي محمد مهر منهنجي گهر گهڙي منهنجي زال سان اهڙي حالت ڪئي آ“.
    جعفر خان جمالي کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. ٻيو ڪنهن سان اهڙي حالت ٿئي ته به ڪاوڙجي ها، هيءُ ته سندس سڳو مامو هو. جعفر خان جمالي يڪدم پندرهن سورنهن مڙس سڏرايا ۽ انهن کي حڪم ڏنائين ته : ”يڪدم وڃو ۽ علي محمد مهر جتي به هجي هنجي سسي لاهي کڻي اچو. ماکي ٻي ڳالهه اصل نه ٻڌائجو“.
    انهن مڙسن ۾ قلندر بخش رند نالي همراهه به هيو. جيڪو منهنجو دوست هو هن کي منهنجي ۽ غلام حسين (علي محمد) جي دوستيءَ جي خبر هئي، هو يڪدم گهوڙي تي چڙهي منهنجي ڳوٺ آيو ۽ ماکي اچي ٻڌايائين ته تنهنجو دوست علي محمد مهر پرديسي جوان آ، هن هيءَ حرڪت ڪئي آ. ڳالهه ڪيتري سچ آ، ڪيتري ڪوڙ، مير جعفر خان ڪاوڙيل آ، هن حڪم ڏنو آ ته علي محمد جي سسي وڍي اچو. هاڻ تون يڪدم وڃي کيس اطلاع ڪر ته جيڏانهن اچي ڀڄي وڃي نه ته مارجي ويندو. مير جعفر خان جماليءَ جا ماڻهو غلام حسين جي ڳوٺ تاج پور پهتا ۽ غلام حسين ته هتي هيو ڪونه سندس ڀاءُ کي چئي ويا ته علي محمد کي مير جعفر خان جمالي سڏايو آ، ڪيئن به ڪري پئدا ڪر. مونکي پتو پئجي ويو ته غلام حسين ڪٽوهڙن جي ڳوٺ ويو آ، مون اوڏانهن ماڻهو موڪلي کيس چورائي موڪليو ته ”پنهنجي ڳوٺ متان اچين، ڀرسان سومرن جو ڳوٺ آ، تون اتي پهچ. مان هتي اچان ٿو توسان هڪ حقيقت ڪرڻي آ“.
    ماڻهوءَ کي ڪٽوهرن موڪلي، مان سومرن جي ڳوٺ ويس. ڪجهه دير کانپوءِ غلام حسين به ات پهچي ويو. مون کيس سڄي حقيقت ٻڌائي. ڳالهه ٻڌي هو حيران ٿي ويو ۽ پوءِ غلام حسين مانکي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي. مان چيو مانس ”تون سچو آن، مان تنهنجو سچو دوست آن، ماکي تنهنجو سر عزيز آ، في الحال تون پاسيرو ٿي وڃ. مان توکي ٻئي هنڌ وٺي ٿو هلان. في الحال تون اتي هلي رهه. تنهنجو تاج پور وڃڻ مناسب ڪونهي. ماڻهو اتي پهچي ويا آهن. انهن وٽ هٿيار آهن“. مان کيس جيڪماباد وٺي آيس. اتان پوءِ آباد جي شهر پهتاسين. اتي محمد خان جت نالي مهنجو دوست هيو. مان اچي هن کي اتي رهايو. مان محمد خان کي چيو: ”ائين ڪري سمجهه ته هيءُ منهنجو مرشد آ، تون جيڪڏهن منهنجو سچو دوست آن ته هن جو پوريءَ طر ح خيال رکج، ماکي پوئتون ڪو ڪم آ، مان اُهو لاهي وريو ٿو اچان“.
    ٻئي ڏينهن مان ڳوٺ آيس ته گهر ۾ اصل ماتم هجي. گهر وارن ماکي چيو: ”تو ظلم ڪيو، توتي جعفر خان جمالي سخت ڪاوڙيو ويٺو آ. هنجو چوڻ آ ته تو علي محمد مهر جي ڀڄائڻ ۾ مدد ڪئي آ، توکي ماريو وڃي، ڇاڪاڻ جو تو ڪاري جي مدد ڪئي آ“.
    مان سڌو مير جعفر خان جماليءَ وٽ ويس، انهيءَ کان اڳ جو مير ماکي چوي، مان چيومانس: ”ٻڌو اٿم ته تون مان تي ناراض آن. مان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ“. مير چيو: ”علي محمد مهر ڪارو آ. تو ڪاري جي مدد ڪئي آ، هن سان همدردي ڪئي ٿئي. اڃا پڇين ٿو ته ڇا ڪيو آ. تو ڏوهه جو ڪم ڪيو آ. توکي به اهڙي ئي سزا ڏجي جهڙي ڪاري کي ڏبي آ“. مان چيم ”تنهنجو حڪم اکين تي پر مان ڪو به ڏوهه نه ڪيو آ. مانکي ڪا به خبر ڪا نه هئي ته علي محمد ڪو ڏوهه ڪيو آ يا نه. پر جي تون حڪم ڪرين ته مان سندس سري ڪپي آڻي تهنجي آڏو رکان. انهيءَ ڳالهه تي مير خوش ٿيو ۽ هن جي مون تان ڪاوڙ ڍري ٿي“.
    مير جعفر خان جمالي ماکي چيو: ”هي پنج سؤ رپيا اٿئي، هي کڻ. اهي خرچ پکي لاءِ ٿئي. يا ته مان وٽ علي محمد کي حاضر ڪر، يا سندس لاش منهنجي آڏو آڻ. تون پنهنجو فڪر نه ڪر مان ويٺو آن“.
    مان پنج سو رپيا کنيا ۽ جڪماباد کان ٿيندو سڌو آباد پهتس. مان پنج سو آڻي غلام حسين جي آڏو رکيا. غلام حسين حيران ٿي مان کان پڇيو ”هي ڇا آ“. مان چيومانس ”تنهنجي سر جي قيمت“. حيران ٿي پڇيائين ”سو وري ڪيئن!“ چيم ”مير جعفر خان جماليءَ چيو آ ته علي محمد مهر کي يا ته جيئرو پڪڙي اچ يا سندس سر لاهي اچ“. غلام حسين چيو ”ادا تون منهنجو دوست آن، منهنجو همدرد آن، مان پنهنجو پاڻ تنهنجي حوالي ڪيان ٿو. توکي اختيار آ. جيئن وڻئي تيئن ڪر.“ مان چيومانس ”مان ڀاڙيو نه آهيان. مان مڙس آن. مان تنهنجو دوست آن. مان پنهنجو سر ته وڍائي سگهان ٿو پر پنهنجي جيئري توکي هٿ لائڻ به ڪنهن کي نه ڏيندس“.
    مان انهيءَ وقت جيڪماباد ويس ۽ وڃي اتان ڪار ڀاڙي ڪيم ۽ آباد اچي غلام حسين کي ساڻ ڪيم ۽ اسين سکر پهتاسين. ماکي ڊپ هيو ته متان غلام حسين کي ڪو ڏسي نه وٺي. سکر مان اسان ريل ۾ چڙهياسين ۽ اچي محرابپور ۾ لٿاسين. اتان ٻي ريل ۾ دولتپور اچي لٿاسين. اتان غلام حسين جي ڳوٺ وياسين. اتي مان هن سان پندرنهن ويهه ڏينهن رهيس. پوءِ ماکي غلام حسين چيو: ”تون پوئتي موٽي وڃ. جانچ جونچ وٺ ته پوئتي ڇا ٿيو“.
    مان رجهان ڏانهن موٽيس، واٽ تي سوچيندو آيس ته مير جعفر خان جماليءَ کي ڪهڙو جواب ڏيندم. جڏهن مان گهر پهتس ته پيءَ ۽ ڀائرن ٻاڏايو ته جمالي منهنجي ڏاڍي پڇا ڪئي آ. گهڙيءَ گهڙيءَ پڇيو اٿس ته: ”آخر ويو ڪاڏي. اڃان تائين واپس ڇو ڪونه وريو آ، جيئن ئي اچي مون ڏانهن موڪليو.“
    مان مير جعفر خان جماليءَ وٽ ويس. اڳ ئي سوچي ڇڏيو هوم ته ڇا ڳالهائڻو اٿم. مير ماکي ڏٺو ته پڇيائين: ”ميرا ڪاٿي هئين ايترا ڏينهن؟ علي محمد کي ڇو حاضر نه ڪئي؟“ چيو مانس: ”سائين آباد ۾ وڃي جهليومانس. پر اتي وڙهڻ جو موقعو ڪونه مليو. پٺيان پيومانس ڪڏهن ڪاٿي ته ڪڏهن ڪاٿي. نيٺ منهجو خرچ کٽي پيو ۽ ماکي موٽڻو پيو.“ مير منهنجي ڳالهه تي پنهنجي ننڍي پٽ شاهنواز کي چيو: ”پٽ ميري کي پنج هزار رپيا ڏي. هي پئسا کڻي وڃي. هي انشاالله اسان جو ڪم ڪري ايندو“. مير ماکي پنهنجي گهر به وڃڻ نه ڏنو. ڪار ۾ چاڙهي جهٽ پٽ موڪليائين. اتان مان گاڏي ۾ ويٺس ۽ دولتپور پهتس. دولتپور جي ڀرسان ئي واڍن جو ڳوٺ آ، غلام حسين اتي رهيل هو. هن کي منهنجو انتظار هو. مون کيس چيو ”ادا مير جعفر خان جو ڏاڍو زور آ. هو چوي ٿو هر حالت ۾ تنهنجو سر گهرجي. هاڻي جيڪڏهن مان ٿو ساڻس همدردي ڪريان ته تنهنجو سر ٿو وڃي ۽ ٻئي پاسي تون بي ڏوهي آهين ۽ ٻيءَ حالت ۾ جعفر خان ماکي تپائي ڏنو آ، مان ته ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پيو آن. هاڻ تون صلاح ڏي ته ڇا ڪجي“.
    غلام حسين جوش ۾ اچي ويو . هو پڙهيل ڳڙهيل هو ماکي مير جعفر خان جماليءَ لاءِ خط لکي ڏنائين خط ۾ لکائين.
    ”تون مير جعفر خان جمالي آن. مان غلام حسين واڍو آن. ڪن مجبورين جي ڪري مان غلام حسين واڍي مان نالو مٽائي تنهنجي ڪکن ۾ اچي مٿي ڇانو ڪري ڪجهه وقت لاءِ ويٺو هوس. مان تو وٽ ڏوهه ڪرڻ لاءِ نه آيو هوس. ڏوهه ڪرڻ لاءِ ٻيو سڄو جهان پيو آ. مان جيڪي پنج ڇهه سال تو وٽ گذاريا آهن امن امان ۾ گذاريا اٿم. اهو الزام جيڪو مان تي هنيو ويو آ، سراسر ڪوڙو آ. مان غلام حسين واڍو آن، جوان آن، ڪو ڀاڙيو ڪونه آن، جو وتان لڪندو، جيڪڏهن تون مان سان جهيڙو ڪرڻ گهرين ٿو، ته مان جهيڙي لاءِ تيار آن. جيڪڏهن انصاف ڪرڻ چاهين ٿو ته مان انصاف جو فيصلو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آن. جيڪڏهن مان ڏوهاري ثابت ٿيان، ته علي بخش منهنجو ڀاءُ تو وٽ ويٺو آ. انهيءَ جون ٻه نياڻيون ويٺيون آهن. ڏوهاري ٿيڻ جي صورت ۾ ٻئي سڱ توکي آيا يا ڏوهاري ثابت ٿيان ته جيڪا دولت چئين سا مان ڏيڻ لاءِ تيار آن. پر جي تون انصاف نٿو ڪرين ۽ جهيڙو ڪرڻ گهرين ٿو، ته مان جهيڙي لاءِ به تيار آهيان. منهنجا ٻار تو وٽ آهن، ڀلي تنهنجي مرضي پوي ته هنن کي هٿ لائي ڏس، پر مان توکي يقين ٿو ڏياريان، مان ڏوهاري ڪونه آهيان. تون جيڪو به انصاف ڪرين، تنهن ۾ مان ٻڌل آهيان. باقي ميرو منهنجو دوست آ، ڀاءُ آ، پر جيڪڏهن هاڻ تون انهيءَ ڪم لاءِ هنکي مان ڏانهن اماڻيو ته مان هن کي به ماري گم ڪري ڇڏيندس. توکي جيڪو وڻي سو ڪجان. هيءُ خط توڏانهن اماڻيان ٿو، هاڻ انصاف جو فيصلو تو تي آ، ميري کي سڄي حقيقت جي زبر آ، تون هن کان پڇا ڪر؟“.
    مان سندس خط کڻي رجهان ويس ۽ وڃي مير جعفر خان جماليءَ کي ڏنم. جماليءَ پنهنجي پٽ شاهنواز کي چيو ته : ”قيصر خان کي سڏي اچ.“ قيصر خان مير جو ڀاءُ هيو. هو آيو ته مير جعفر خان، غلام حسين وارو خط کيس پڙهڻ لاءِ ڏنو. قيصر خان خط پڙهي حيران ٿي ويو ۽ ماکان پڇيائين: ”هيءُ غلام حسين واڍو آ؟“ مون وراڻيو: ”ها، هيءُ غلام حسين واڍو آ.“ مير جعفر خان ماکان سڄي حقيقت پڇي. مان ساڻس سموري حقيقت ڪئي ته غلام حسين جو ڏوهه ڪونهي. خود قائم خان جي گهرواريءَ جي نيت بُري هئي. غلام حسين ته اڳواٽ ئي قائم خان کي چيو هيو ته مان تنهنجي گهر نه ويندس. تنهنجا ٻار مونسان چرچا ڪن ٿا. اها ڳالهه هن مان جي سامهون ڪئي هئي. جيڪڏهن غلام حسين جي نيت خراب هجي ها ته هو قائم خان کي ڇو چوي ها. تون قائم خان کي سڏي پڇينس. پوءِ به جيڪڏهن غلام حسين ڏوهاري آ، ته مان وعدو ٿو ڪيان ته مان سندس سر وڍي، تنهنجي پيرن ۾ آڻي وجهندس.“
    مير جعفر خان جمالي انهيءَ وقت تاجپور ماڻهو موڪلي قائم خان کي سڏايو. قائم خان آيو. انهيءَ وقت ماکان علاوه قائم خان، قيصر خان، شاهنواز خان ۽ مير جعفر خان موجود هيا. مير جعفر خان، قائم خان کان پڇيو: ”بابا، علي محمد ۽ ميرو جمعي جي ڏينهن مسيت مان نماز پڙهي ٻاهر نڪتا هئا ته اوهان مسيت جي ٻاهران علي محمد جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي، کيس چيو هو ته تون منهنجي گهر ڇو نٿو اچين. اڳ ۾ ته روز ايندين هئين، هاڻ هل.“ قائم خان ٿوري دير ماٺ رهيو، پوءِ چيائين : ”ها“. ميري وري پڇيو: ”پوءِ علي محمد توکي ڇا چيو؟“ قائم خان وري به ٿوري دير ماٺ ۾ رهيو. پوءِ چيائين: ”علي محمد چيو هو: دوستي تو ساڻ آ، تنهنجي گهر سان ڪانهي. مان تنهنجي گهر نه هلندس. تنهنجا گهروارا مان سان ڀوڳ ڪندا آهن.“ مير جعفر خان چيس: ”جيڪڏهن علي محمد جي نيت بُري هجي ها ته هو توکي اڳواٽ ڇو ٻُڌائي ها.“ قائم خان چيو: ”اهو واقعو ڏهن پندرنهن ڏينهن کانپوءِ ٿيو هو، مان زمين تي ويو هوس، گهر ۾ آيس، اڃان گهوڙي تان لٿو ئي ڪونه هوس جو زال اها حقيقت ٻڌائي. مان جوش ۾ اچي اوهانکي اها ڳالهه ٻڌائي.“ مير جعفر خان، قيصر ۽ شاهنواز پاڻ ۾ آهستي آهستي ڪجهه ڳالهايو، پوءِ انهن چيو : ”تنهنجي زال ڪوڙي آ، جيڪڏهن علي محمد جي نيت ۾ برائي هجي ها ته هو توکي هرگز نه ٻڌائي ها، علي محمد ڏوهاري ڪونهي، ڪارو ڪونهي.“
    پوءِ ماکي مير جعفر خان چيو : ”ميرا توکي آفرين آ، تو چڱو ڪيو جو اسان سان حقيقت ڪئي. علي محمد بلڪل بي ڏوهي آ. جيڪڏهن هو اسان وٽ اچي رهي ته اسان جي اکين تي. پوک ڪرڻ گهري ته منهنجيون ٻنيون حاضر آهن، اسان جو هاڻي هن سان ڪوبه جهيڙو ڪونهي.“
    مون مير کي ٻڌايو ته ”مان توکان پئسا ورتا، پر ماکي حقيقت جي خبر هئي، ڀلا مان پنهنجي بيڏوهي دوست کي ڪيئن ماريان هان؟ مان ته پاڻ هن کي بچايو پي ته متان تنهنجي هٿ نه چڙهي وڃي.“ مير ماکي چيو: ”توکي آفرين هجي، تو چڱو ڪيو، هڪ بهادر جوان کي بچايو آ. مان توکي پڳ ٿو ٻڌايان.“ پوءِ هن ماکي پڳ ٻڌائي ۽ پنج سئو رپيا ماکي ڏنائين ۽ چيائين ته : ”تون وڃي غلام حسين کي سڄو احوال ڏي.“
    مان تاجپور ويس غلام حسين جي ڀاءُ سان سموري ڳالهه ڪئي. هو مان سان رلجي مير جعفر خان وٽ آيو، هن مير کي چيو: ”سائين، هاڻي تاجپور ۾ رهي نه سگهبو، اسانکي ٻي جاءِ ڏيو ته اوڏانهن وڃي رهون.“ مير جعفر خان کيس چيو ته: ”منهنجي سموري زمين پئي آ، جاڏي وڻي وڃي رهو، منهنجي طرفان اوهان کي اجازت آ.“
    پوءِ مان دولتپور ويس ۽ غلام حسين سان سڄي حقيقت وڃي ڪيم. چيومانس: ”ادا هاڻي سڀ خير آ، توکي هلڻو هجي ته هل، جيڪڏهن هلڻ نه چاهين ته مرضيءَ جو مالڪ آن. باقي جهيڙو ختم ٿي ويو آ. جمالي توکي اچڻ لاءِ چيو آ. تنهنجو ڀاءُ به جعفر خان جماليءَ وٽ هليو هو.“ غلام حسين چيو: ”منهنجو توتي اعتبار آ. تو جهڙي دوست تان سر قربان. تو مان سان جيڪو وڙ ڪيو آ، سو مان ڪڏهن نه وساريندس.“
    پوءِ اسين سڌو رجهان وياسين، وڃي مير جعفر خان جماليءَ سان ملياسين. شاهنواز خان ۽ قيصر خان به اتي هيا. اهي غلام حسين سان ڀاڪر پائي مليا. چيائون: ”تون اسان جو ڀاءُ آهين، جي هتي رهين ته مرضيءَ جو مالڪ آن. ٻئي هنڌ رهڻ چاهين ته به بلاشڪ رهه. تون بيڏوهي آن.“ غلام حسين مير جعفر خان کي چيو: ”سائين هاڻي مان هتي نه رهندس، ٻي جنهن هنڌ چئين مان اُتي وڇي رهندس. تنهنجو هارپو ڪندس.“
    پوءِ غلام حسين اتان لڏو کڻي وڃي هيڊ باغ رهيو.


    علحيدگي

    سائين هاڻي مان توکي اهو واقعو ٻڌايان ٿو جنهن جي ڪري مان ۽ غلام حسين ڌار ٿي وياسين. اسان جي دوستي ٽٽي وئي. ختم ٿي وئي.
    سيوهڻ جي لڳ ڪٽوهرن جو ڳوٺ آ، ڪرمپور جي ڀرسان اميد علي ڪٽوهر جو ڳوٺ سڏبو آ. اتي بچل رهندو هيو. اتي انهيءَ سان هڪ مائي کريل هئي. بچل سندس ذات وارو ڪونه هو. مائي رات جو هن سان ملڻ ايندي هئي. هڪ رات جيئن مائي بچل سان ملڻ آئي، بچل مائيءَ کي ڀڄائي ويو. مائي انهيءَ ارادي سان نه آئي هئي پر بچل مڙد ماڻهو هو زوريءَ ڀڄائي ويو. اڄ هتي سڀان هتي. ٻئي پاسي ڪٽوهرن جو زور لڳو پيو هو ته مائي موٽائجي. تنهن ڪري هي مائيءَ کي کڻي اچي هيڊ باغ پهتو ۽ سڄي حقيقت غلام حسين سان ڪيائين. غلام حسين جي ڪٽوهرن سان دوستي هئي. هن ڳالهه ٻڌي بچل کي چيو تو اهو چڱو ڪم نه ڪيو. ڪٽوهرن کي مان سڃاڻان اهي جوان اٿئي. اهو تو برو ڪم ڪيو آ. بچل غلام حسين وٽ ٻانهن ڇڏي پاڻ ڪنهن ٻئي پاسي هليو ويو.
    انهيءَ واقعي جي ٽن چئن مهينن کانپوءِ غلام حسين، مان ۽ عبدالرحمان ٽلٽي ضلعي دادو وياسين. بچل ٽلٽيءَ ۾ ڪونه هو. اسان ڪنداهه ۾ هليا وياسين. اتي غلام حسين جو دوست هو عبدالحڪيم اوٺو. انهيءَ وٽ اڃا ٽي ڏينهن رهياسين ته ڪٽوهرن کي اسان جي خبر پئجي وئي. ڪٽوهر پنهنجا ڏهه پندرنهن مڙد، ڏهه پندرنهن زالون ۽ ٻه ٽي قرآن کڻي اسان ڏانهن آيا. انهيءَ مائيءَ جو ڀاءُ محمد علي به انهن ۾ هو. انهيءِ وقت اسان ست ماڻهو هئاسين. اهي ماڻهو منهنجا اڳ ڏٺل ڪونه هئا پر غلام حسين چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. مان رائفل کڻي پريان ويهي رهيس. هو مان وٽ آيا ته مان چيو: ”مان سان نه ڳالهايو، غلام حسين وٽ وڃو.“ اهي غلام حسين وٽ ويا ۽ نياڻين سوڌو وڃي سندس پيرن تي ڪري پيا. انهن غلام حسين کي چيو؛ ”بچل اسان سان ناجائزي ڪئي آ، تون اسان تي مهرباني ڪري اسان جي ٻانهن واپس ڪرائي ڏي. ڪيئن به ڪري اسان جي عزت رک.“
    غلام حسين انهن سان ٻانهن واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو. پوءِ مائيءَ جا ڀائر محمد علي ۽ منو ۽ چاچا مون وٽ آيا ۽ چيائون: ”اهو ميڙ اٿئي تون اسان تي مهرباني ڪر.“ مان چيو: ”اوهان غلام حسين سان ڳالهايو آ. هن توهان سان واعدو ڪيو آ. ماکي چوڻ جو ڪهڙو فائدو.“ پر هو منهنجي پيرن تي ڪري پيا ۽ ماکي قسم وڌائون ته ”تون اسان سان همدردي ڪر، تون نه ڄاڻ ڪير آن. اسين توکي ڪونه سڃاڻون پر توکي به عرض ڪريون ٿا.“ مان کين چيو: ”دلجاءِ رکو مان ڪوشش ڪندس.“ مان غلام حسين وٽ ويس ۽ کيس چيم: ”ادا جي واعدو ڪرين ته سچو ڪجانءِ، نه ته کولي ٻڌاءِ. مان واعدو ڪيو آ. مان پوئتي نه ويندم. اهو منهنجو انجام آ.“ غلام حسين چيو : ”ادا اهي منهنجا دوست آهن. ٻانهن ضرور موٽائبي“. مان ڪٽوهرن کي يقين ڏياريو ته ٻانهن ضرور موٽائي ڏيندس توهان فڪر نه ڪريو.
    پوءِ هو موٽي ويا. اسين ويهه پنجويهه ڏينهن رهياسين ۽ ٻه ٽي ڌاڙا هنياسين، دادو ۽ نوابشاهه جي پاسي. پوءِ اسان ٽي گهوڙا هٿ ڪري موٽي آياسين. مان پنهنجي ڳوٺ موٽي آيس. غلام حسين ۽ عبدالرحمان پنهنجي ڳوٺ هيڊ باغ هليا ويا.
    ڏهن ڏينهن کانپوءِ غلام حسين جو ماڻهو ماکي سڏڻ آيو. مان هيڊ باغ ويس. غلام حسين ٻڌايو ته ”مان بچل تي زور رکيو آ ته ٻانهن موٽائي ڏي. پر بچل چوڻ ڪونه ٿو مڃي. هاڻ جيڪا تنهنجي صلاح.“ مان بچل کي سڏايو ۽ کيس چيم: ”تون ٻانهن کڻي چڱي ڳالهه نه ڪئي آ ۽ هو اٿئي به ٻروچ، گهگهيرا جوان اٿئي. اسان هنن سان واعدو ڪيو آ ته ٻانهن موٽائي ڏينداسين. هاڻ جيڪڏهن تون ٻانهن نه ڏيندين ته اسين تو سان وڙهنداسين. هيءُ اسان جو ملڪ آ. هتي تون اسان کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهين. تون انهيءَ ڳالهه تي سوچي وٺ“. مون غلام حسين کي به چيو ته ”تون منهنجو دوست آن، پر جي ٻانهن تو ڪٽوهرن نه موٽائي ته منهنجو توسان به جهيڙو آ.“
    غلام حسين مانکي چيو ”ٻانهن مون وٽ آ. مان بچل کي ٻانهن ڪونه ڏيندس“. بچل جيڪو پنهنجي ڀاءُ الهڏني سان گڏ ٻانهن وٺڻ آيو هو. هن کي ٻانهن نه ملي. هن ڪاوڙجي چيو مان توهان کي ڏسي وٺندس. اسان چيو توکي اختيار آ. جيڪو وڻئي سو ڪجانءِ“ ۽ پوءِ هو ٻئي هليا ويا.
    اسان ٻانهن زبردستي جهلي ورتي هئي. پندرنهن ويهه ڏينهن گذريا ته غلام حسين ۽ عبدالرحمان مون وٽ آيا ۽ چيائون ته : ”ڳالهه ٻڌ ٻانهن في الحال اوڏانهن نٿا وٺي هلون. رستي تي جيڪڏهن ٻانهن دانهن ڪوڪ ڪئي ته اسان ڦاسي پونداسين. هاڻي هئين ٿا ڪريون جو ڪٽوهرن جي ڳوٺ ٿا هلون. اتان هنجو ڀاءُ يا چاچو وٺي اينداسين ته جئين اهي ٻانهن وٺي وڃن. پوءِ ڇڏينس يا ڪاري ڪري مارنس. هاڻ اسان جي صلاح اها اٿئي. وڌيڪ جيڪا تنهنجي مرضي.“ مان ڪجهه سوچيو پوءِ چيم: ”بلاشڪ اها سهڻي صلاح آ“.
    انهيءَ مائيءَ کي جو خبر پئي ته کيس واپس ٿا ڪن ته هوءَ اچي ڊني. کيس خبر هئي ته جيڪڏهن مائٽن وٽ وئي ته اهي کيس ڪاري ڪري مار ڇڏيندا. هڪ رات غلام حسين گهر ۾ گهڙيو ته مائي اڳ ۾ ئي سندس گس جهليو بيٺي هئي. غلام حسين کي ڏسندي ئي کيس چنبڙي پئي. چيائين ”ماکي مائٽن جي حوالي نه ڪر. تون پنهنجي هٿن سان ڀلي ماري ڇڏ. مان تنهنجي آن. تنهنجي هٿان مرڻ چاهيان ٿي. ٻئي ڪنهن کي نه ڏي. بچل کي به نه. مان هن سان پاڻ ڪونه نڪتي هيس. هو ماکي زوري وٺي نڪتو هيو“. غلام حسين جي دل ۾ شيطاني اچي وئي. هن مائيءَ کي موٽائڻ جو خيال مٽائي ڇڏيو. پر ماکي انهيءَ ڳالهه جي دير سان خبر پئي. انهيءَ ڳالهه کي اٽڪل ڇهه مهينا کن گذريا هوندا ته غلام حسين هڪ ڏينهن ڳوٺ آيو ۽ ماکي اچي چيائين ”ميرا تيار ٿي وٺ سڀاڻي هلنداسين. ٻئي ڏينهن غلام حسين، مان ۽ عبدالرحمان نڪتاسين، نوابشاهه ضلعي ۾ دولتپور کان اولهه طرف جاگير ٻيلي ۾ آياسين. اتي اسان سان هڪ ٻيو ساٿ به اچي شريڪ ٿيو. هن جو نالو حليم هيو. ذات جو مير بحر هيو. اصل شڪار پور جو ويٺل هو. منهنجو دوست هو. اسين سڀئي هڪ ڌاڙو هڻي آياسون. انهيءَ ڌاڙي ۾ اسان کي ملڪيت ڏاڍي ملي، ايتري جو چار همراهه هئاسين ته به کڻي نه پيا سگهون.
    اتي غلام حسين جي دل بي ايمان ٿي هن سوچيو واپسيءَ تي ميرو چوندو ته ڪٽوهر ۾ هلو. ڇو ته هن ڪٽوهرن سان واعدو ڪيو آ ته ٻانهن موٽائي. هو ڳالهه جو به پڪو آ ۽ ماکي به چيو اٿس ته جيڪڏهن تو ٻانهن نه موٽائي ته توسان جهيڙو ڪبو. اهو سوچي هن اتي رات جو عبدالرحمان سان اها ڳالهه ڪئي. مان پري ستل هوس. البت حليم انهن جي ويجهو ستل هو. غلام حسين عبدالرحمان کي چيو: ”منهنجو خيال آ هاڻ هن کي ماريون. دير نه ڪرڻ گهرجي. ماري گم ڪري ڇڏينداسين. ڪنهن کي پتو ئي نه پوندو“. عبدالرحمان چيو هينئر جو هن کي مارينداسين ته سامان ڪيئن کڻي سگهبو. اڳ ئي نه پيا کڻي سگهون. حليم جو اهو ٻڌو ته هن سوچيو ميرو ته هنن جو دوست آ ٽئي گڏ آيا آهن. اهي پڪ ماکي مارڻ جي پيا ڪن.
    حليم ٽپ ڏئي اٿيو ۽ رائفل اڀي ڪري چيائين ”مان اوهانجون ڳالهيون ٻڌيون آهن. انهيءَ کان اڳ جو اوهان ماکي ماري پورو ڪيو، مان اوهانکي به ختم ڪري ڇڏيان“. عبدالرحمان کيس چيو: ”تون ڀليو آن. ڳالهه اها ڪانهي. هيڏانهن اچ ته توکي اصل ڳالهه ٻڌايون.“ پهرين ته حليم وٽن ڪونه ٿي ويو، پر پوءِ هنن جي يقين ڏيارڻ تي ويو. هنن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ اهو به چيو ته: ”ميري جو سمورو مال ۽ رائفل توکي ڏينداسين.“ حليم ڪجهه دير سوچيو پوءِ چيائين: ”مان اوهان سان برابر شامل آهيان، پر ٿورو اڳ پوءِ به سوچيو: هن جا پوئتان ڀائر به آهن. پٽ به آهن. اوهان هليا هئا ته هنن کي خبر هئي ته ميرو توهان سان گڏ ويو آ. جيڪڏهن هتي ماريو ته هن جا پويان وڙهندا. مان اوهان سان قسم ٿو کڻان ته مان اوهان سان گڏ آهيان. پر کيس هينئر نه ماريو. هينئر ڀلي ڳوٺ وڃو. پوءِ مان کيس ماڻهو موڪلي گهرائيندس. مان پاڻهي هن کي ماري گم ڪندس“. غلام حسين ۽ عبدالرحمان ڪجهه دير سوچيو پوءِ حليم جي ڳالهه مڃيائون.
    اسان کي هڪڙو ڌاڙو ٻيو به هڻڻو هيو. پر غلام حسين ۽ عبدالرحمان جي نيت ۾ جا کوٽ اچي وئي هئي تنهن ڪري هو ماکان به ڇرڪڻ لڳا. حالانڪه ماکي ڳالهه جو پتو ئي نه هجي. پر هنن ڌاڙي هڻڻ جو خيال مٽائي ڇڏيو. ماکي چيائون ته: ”پاڻ وٽ ملڪيت ڪافي آ. هينئر ڌاڙو ڪون ٿا هڻون. ٻئي دفعي اينداسين“. تنهن ڪري اسين موٽي آياسين. ڪٽوهرن وٽ به نه هليا. چيائون ”هينئر ساڻ سامان گهڻو آ، ٻئي دفعي هلنداسين“.
    موٽي اچڻ جي ٻارنهن تيرهن ڏينهن کانپوءِ حليم ماڻهو موڪلي ماکي سڏايو. مان سندس ڳوٺ پهتس. منهنجو حليم سان تمام گهڻو رستو هو ۽ مان سندس ٻارن ٻچن ۾ ايندو ويندو هوم. مان سندس زال کي ڀيڻ ڪيو هيو. مٿين سموري ڳالهه حليم پنهنجي زال سان ڪئي هئي ۽ کيس چيو هئائين ته تون ميري سان سڄي ڳالهه ڪر. ممڪن آ منهنجي ڳالهه تي کيس اعتبار نه اچي. مان جنهن وقت حليم جي گهر ويس ته حليم جي زال جيڪا منهنجي ڀيڻ ٿيل هئي، سا ماسان ڀاڪر پائي ملي ته اچي روئڻ ۾ پئي. مائي ايترو ته رني جو ڪاٿو نه آ. مان سندس مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پڇيو مانس : ”ادي ڳالهه ڪهڙي آ؟ مان سان ته ڪر. حليم وڙهيو آ ڇا؟ جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آ ته ماکي ٻڌاءِ مان کيس سڌو ٿو ڪريان. هو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟“ هن چيو ”نه ادا حليم مان سان ڇو وڙهندو“. پوءِ مان مائيءَ کي مس مس پرچائي ماٺ ڪرايو. پڇيو مانس ”آخر ڇو ٿي روئين“؟ پر هن ڳالهه نه ٻڌائي. چيائين: ”بس هڪ ڳالهه جو ڏک اٿم“. پوءِ منهنجي ڀيڻ ماني تيار ڪري آئي. مانيءَ تي حليم، سندس پٽ شاهنواز ، مان ۽ منهنجي ڀيڻ ويٺي. مان ڀيڻ کي چيو: ”تون منهنجي ڀيڻ آن توکي ڳالهه ٻڌائڻي پوندي. جيڪڏهن تو ڳالهه نه ٻڌائي ته مان ماني نه کائيندس. مان تي ماني حرام آ“. ماکي جوش اچي ويو. ماکي شڪ هو ته حليم هن سان وڙهيو آ.
    نيٺ مائي ماکي غلام حسين وارن جي سموري ڳالهه ٻڌائي. ٻڌي مان ته حيران ٿي ويس. غلام حسين اهو ماڻهو جنهن مان سان ايڏو وڏو وڙ ڪيو، خون جي ڪيس مان ماکي ڇڏايو، اڄ پاڻ منهنجو خون ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آ. هڪڙي خسيس مائيءَ لاءِ. مان انهيءَ سوچ ۾ هيس ته حليم چيو ”ميرا سڄي ڳالهه هاڻ تو ٻڌي، منهنجو ته تون دوست آن، منهنجو جگر آن. مان توکي ڪيئن ماريندم. البت تنهنجي جان بچائڻ خاطر غلام حسين سان ڪوڙو واعدو ڪرڻو پيو“.
    ماکي مٿي کان پيرن تائين جوش اچي ويو ته هڪ ٽڪي جي رن ڪارڻ غلام حسين ماکي ٿو مارائي. خبر هئيم ته حليم مان سان ڪوڙ نه ڳالهائيندو پر دل نه پئي مڃيم.
    نيٺ ٻئي ڏينهن حليم وارن کان موڪلائي هيڊ باغ پهتس. غلام حسين جي گهر ڀرسان پهتس ته غلام حسين جي زال پٺاڻيءَ جي نظر مان تي پئي. هيءَ به منهنجي ڀيڻ ٿيل هئي. ماکي جو ڏٺائين ته حيران ٿي وئي. ڊوڙي اچي ماکي ڀاڪر پائي ملي ۽ پوءِ ماکي ٻڌايائين ته غلام حسين کيس ٻڌايو ته ميرو فلاڻي هنڌ مقابلو ڪندي مارجي پيو. سندس گهوڙي ۽ رائفل مان کڻي آيو آهيان. پوءِ مائي پٺاڻيءَ منهنجي هڪ رائفل هڪ پڇٽيءَ تان لاهي ماکي ڏيکاري ۽ اها گهوڙي به ڏيکاري هاڻ ته ماکي پڪ ٿي وئي ته حليم سچو هو. غلام حسين ماکي مارائڻ ٿي گهريو.
    غلام حسين انهيءَ وقت ڳوٺ ڪونه هو. مائي پٺاڻي منهنجي لاءِ ماني تيار ڪرڻ لڳي. مان کيس چيو ته مان دوستن وٽان ٿي موٽي ٿو اچان. منهنجي ويندي ئي غلام حسين اچي ويو. زال کي ڪڪڙ رڌيندي جو ڏٺائين ته پڇيائين. زالس ٻڌايو ته ادا ميرو آيو هو هن جي لاءِ ماني تيار ڪري رهي آهيان. مان کيس سندس رائفل ۽ گهوڙي به ڏياري آ. خدا جو شڪر آ ته هو جيئرو آ. دوستن وٽ ويو آ. ٿوري دير ۾ موٽي ايندو. پر مان موٽي ڪونه آيس. سڌو پنهنجي ڳوٺ هليو ويس. غلام حسين سمجهي ويو ته ميري کي سڄي ڳالهه جو پتو پئجي ويو آ. هو پنهنجا ماڻهو وٺي منهنجي ڪڍ پيو پر مان سندس ور نه چڙهيس.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ غلام حسين جو ڀاءُ علي بخش ٻه ٻيا ماڻهو ساڻ ڪري منهنجي ڳوٺ پهتو. مان سان مليو. چيائين ”اسان کان غلطي ٿي. اسين صلح ڪريون ٿا. پر جيڪڏهن توکان غلطي ٿي هجي ته به صلح ڪريون ٿا. هيءُ تنهنجو ملڪ آهي، هتي اسين تنهنجي آسري ويٺا آهيون. جيڪڏهن تون اسان جو دشمن ٿي ويندين ته اسان جو بچڻ مشڪل آ. تون اسان کي معاف ڪر.“ مان چيومانس: ”هتي ڪونه ٿا ڳالهايون. ڳڙهي خيرو کان پريون گولائي تي منهنجا دوست آهن. انهن جي چڱي مڙس جو نالو گل حسن آ. اتي سڀاڻي نه پرهينءَ اچجو. اتي ڳالهائبو. جيڪڏهن ڏوهه مان ڏانهن ٿيو ته مان ڀريندس. جيڪڏهن ڏوهه اوهان جو ثابت ٿيو ته اوهان ڀرجو“.
    هو اچڻ جو واعدو ڪري ويا. ٽئين ڏينهن مان به ست اٺ ماڻهو وٺي. هٿيار کڻي ٽپهريءَ جو وڃي گل حسن وٽ پهتس. مان گل حسن ۽ سندس ڀائرن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. گل حسن چيو: ”هنن کي اچڻ ڏي، هنن سان ڳالهائينداسين. جي هو دشمن آهن ته اسان جا به سمجهه، باقي ناحق ڪنهن کي نه ماربو.“ مان چيو ته: ”مان ڏوهاري ٿيس ته جيڪو ڏنڊ مان تي رکبو مان ڀري ڏيندس“. پوءِ مان هنن سان پڪو پروگرام ٺاهيو. ڏهين ڌاري غلام حسين ۽ عبدالرحمان گهوڙي تي آيا. مان نڪري هنن کان هٿيار ورتم ۽ آڻي اندر رکيم. گهر ڌڻين انهن جا گهوڙا ٻڌا. پوءِ هو اندر آيا ۽ اچي سلام ورائي کڙهه وٺي ويهي رهيا. مان هنن کي چيو ته ”ڳالهايو، جيڪي ڳالهائڻو اٿو.“ غلام حسين جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هن چيو: ادل ”تون منهنجو دوست آن، سچو ساٿي آن، تون منهنجو ساٿ ڏنو آ. مان هڪ ٽڪي جي رن ڪارڻ غدار بڻجي پيس. حقيقت اها آهي ته مان پنهنجي پر ۾ توکي ماري چڪو آهيان. خدا شاهد آ اڳ مان ڪنهن سان به غداري نه ڪئي آ. مان به ست جڳ جيئرو نه رهندس. منهنجيون اکيون تنهنجي اڳيان شرمسار آهن. مان تنهنجو ڏوهاري آن. هاڻ پنهنجو پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪريان ٿو. جيڪڏهن تنهنجو دوست حليم وچ ۾ نه اچي ها ته تون ڪڏهن ڪو مري چڪو هجين ها. هاڻ منهنجو ڪنڌ حاضر آ“. غلام حسين منهنجي آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
    منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. دل ۾ سوچيم: ”هن کي ماريان. جنهن جي زال کي ڀيڻ ڪيو اٿم. جن سان گڏ کٽن تي ماني کاڌي اٿم، انهيءَ کي ماريان. ميرا توکي خدا بچايو آ. سدائين جيئرو تون به نه رهندين. توکي هن جي مارڻ مان حاصل ڇا ٿيندو. غلام حسين جو دنيا ۾ نالو آ. مون دوست جي هٿان مارجي ويو ته ماڻهو چوندا پڪ ملڪيت تي جوان ماري وڌائين“. اهو سوچي مان سندس رائفل کڻي کيس ڏني ۽ چيم: ”ادا توکي سر دان ڏنو. اڄ کان پنهنجي دوستي ڪانهي. نه گڏ اٿنداسين نه ويهنداسين. هر ڪو پنهنجي مرضيءَ سان گهمي ڦري باقي ٻانهن توکي موٽائڻي پوندي.“
    غلام حسين ٻانهن موٽائڻ قبول ڪئي ۽ پوءِ اسان کان موڪلائي هيڊ باغ هليو ويو. اسين به پنهنجي ڳوٺ موٽي آياسين.
    ٻئي ڏينهن ڇا ٿيو جو غلام حسين ڏاند گاڏيءَ ۾ ٻارن ٻچن سميت قرآن کڻي منهنجي گهر تي آيو. سندس زال پٺاڻي جيڪا منهنجي ڀيڻ ٿيل هئي سا به گڏ هئي. غلام حسين چيو ته ”مان قرآن پاڪ کڻي آيو آن. نياڻيون به وٺي آيو آن. تون خدا جي واسطي پنهنجي دل مان اها ڳالهه ڪڍ. تون مان سان دوستي نه ڇڏ. اسان کان پري نه ٿي. منهنجي خطا معاف ڪر. پٺاڻيءَ به روئي ڏنو“. مان غلام حسين کي ڀاڪر پاتو چيم: ”منهنجي دل هاڻ صاف آ، تون منهنجو ڀاءُ آهين“.
    پر پوءِ اسين وري پهرين جيئن گڏ ڌاڙا هڻڻ نه وياسين. پوءِ مان ٻِن همراهن سان گڏ ڌاڙا هڻڻ ويندو هوم.


    موت

    منهنجي ڌاڙا هڻڻ جي ڳالهه هاڻ مشهور ٿي چڪي هئي. پوليس وٽ ڪو پڪو ثبوت ڪونه هيو. پر پتو ضرور هون. تنهن ڪري دوداپور جي صوبيدار شاهنواز ماکي پاڻ وٽ گهرايو. ماکي چيائين: ”تون ڏوهاري آن. ڏوهه ڪندو آن. مان توکي سنڌ فرنٽيئر ۾ چالان ٿو ڪريان“. هن ماکي چالان ڪري جڪماباد جي ڊي ايم وٽ موڪليو، جنهن ماکي اسپيشل (ڊسٽرڪٽ جيل) جيل سکر اماڻيو.
    انهيءَ جيل ۾ ماکي مهينو يا ٻه مهينا ٿيا هوندا. منهنجو ڪيس هليو پي. اُتي مان ٻڌو ته غلام حسين جو لڏو جهلجي پيو آ. ٿيو هيئن جو غلام حسين وٽ هيڊ باغ ۾ سندس هڪ مائٽ الهڏنو ۽ سندس زال رهيل هئا. ڪجهه وقت اُهي هيڊ باغ ۾ رهي. موٽيو پي ويا ته شهداد ڪوٽ ۾ پوليس هنن کي شڪ جي حالت ۾ پڪڙي وڌو. پوليس جو هنن تي سختي ڪئي ته هنن سچي ڪري وڌي ته ”اهي واڍا آهن ۽ غلام حسين واڍي جا مائٽ آهن“. هنن پوليس کي غلام حسين جي لڏي جو ڏس پتو به ڏئي ڇڏيو.
    پوءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي جي پوليس وڏي اٽالي سان هيڊ باغ تي ڇاپو هنيو. غلام حسين ۽ عبدالرحمان اُتي ڪونه هئا. باق سڄو لڏو پڪڙجي پيو. پر لڏي تي پوليس آسانيءَ سان قبضو نه ڪري سگهي. پوليس سان چڱي ويڙهه ٿي. مٺي نالي هڪ جت لڏي کي بچائڻ خاطر پوليس تي فائرنگ ڪئي. پر پاڻ پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويو. لڏي کي پڪڙي سکر جي لاڪپ ۾ ويهاريو ويو.
    غلام حسين کي لڏي جي پڪڙجڻ جي خبر پئي ته پاڻ ۽ عبدالرحمان سيوهڻ جي پاسي وڃي ڪنداهه ۾ رهيا.
    مان سان اها سڄي ڳالهه علي محمد سرهندي جيلر ڪئي هئي. مان جيلر کي چيو ته مهرباني ڪري اها پڇا ڪري ڏي ته هنن ۾ پٺاڻي نالي ڪا مائي آهي. جيلر منهنجي سامهون سڌي لاڪپ تي فون ڪئي ۽ مانکي ٻڌايائين ته: ”پٺاڻي آهي“، هاڻ ماکي پڪ ٿي ته واقعي غلام حسين جو لڏو جهلجي پيو آهي. ڏهن پندرهن ڏيهاڙن کانپوءِ جعفر خان جمالي پنهنجي زور (اثر رسوخ) تي لڏي کي ڇڏرائي اچي رُجهان ۾ رهايو. اتي اهو لڏو ٻه چار مهينا رهيو پيو هو ۽ غلام حسين سيوهڻ جي پاسي روپوش هو.
    ڪجهه وقت کانپوءِ منهنجو به ضامن ٿيو ۽ مان آزاد ٿي ڳوٺ پهتس.
    ماکي ڳوٺ ٻه ٽي ڏينهن ٿيا ها جو اوچتو ٻڌم ته غلام حسين مارجي ويو، ماکي يقين ئي نه اچي. پر هڪڙي دوست اچي اخبار ڏيکاري. انهيءَ ۾ غلام حسين، سندس ڀاءُ علي بخش، سندس سؤٽ عبدالرحمان جي لاشن جون تصويرون هيون. ماکي ڏاڍو ڏک ٿيو. نيٺ به ته دوست هيو ۽ جوان هو. سندس موت جو ماکي ڏاڍو ڏک ٿيو. غلام حسين ايڏو آسانيءَ سان نه مري ها. پر ٿيو ڇا جو دولتپور کان سيوهڻ وڃڻ لاءِ ٻيڙي جا جيڪي پئسا ٿيندا هئا. انهن جا چار حصا ڪري مير بحر پاڻ ۾ ورهائي وٺندا هئا. انهن ئي ميربحرن جو هڪڙو مائٽ هو گلاب، اک کان ڪاڻو هو. ٻين ميربحرن جي هن سان ڪانه پوندي هئي. تنهن ڪري هن کي ڪجهه به نه ڏيندا هئا. گلاب اچي غلام حسين کي واسطا وڌا ته: ”مان غريب آهيان تون هنن کي سمجهائي ته ماکي حصو ڏين“.
    غلام حسين مير بحرن وٽ ويو. انهن کي چيائين: ”هيءُ غريب آ، توهان جو ڀاءُ آ، توهان منهنجا دوست آهيو. هيءُ به منهنجو دوست آ! هن کي به حصو ڏيو.“ پر هنن غلام حسين کي جواب ڏنو ته: ”اسين گلاب کي حصو نه ڏينداسين.“ غلام حسين انهن کي چيو : ”ائين نه ڪريو. ڀلا جيڪڏهن هن کي چار آنا نٿا ڏيو ته ٻه آنا ڏيو. هيءُ به اوهان جو پنهنجو آ، غريب آ،“ پر هنن غلام حسين جي نه مڃي ۽ ٺپ جواب ڏئي ڇڏيائون ته: ”اسين کيس ڪجهه به نه ڏينداسين“. هنن جي جواب ڏيڻ جو اهو به سبب هو جو هنن کي اها تسلي هئي ته: ”غلام حسين اسان جو دوست آ. سدائين اسان وٽ رهندو آ، گلاب جهڙي بيڪار ماڻهوءَ ڪاڻ اسان سان وڙهندو ڪونه“. پر سندس انهيءَ ٺپ جواب تي غلام حسين کي ڪاوڙ چڙهي وئي. هن چيو ”گلاب ٻڌو، توهان منهنجا دوست آهيو، پر مان حق جي ڳالهه ڪئي آ، جيڪڏهن اوهان هن کي چار آنا حصو نه ڏنو ته ٽئين ڏينهن اچي مان توهان کي ماريندم. مان توهان کي ٻڌايو پيو وڃان“.
    غلام حسين جو هڪڙو دوست هو. نالو هوس غلام. ذات جو اوٺو هو. هيءُ غلام حسين جو سچو دوست هو. انهيءَ غلام جو پٽ هو عاقل. اهو وري انهن ميربحرن جي هڪ مائيءَ سان کريل هو، جن کي غلام حسين ڌمڪي ڏئي ويو هو. اهو عاقل جڏهن رات جو هن رن وٽ ويو ته ان ڪاوڙجي چيو : ”وڃ مان وٽ نه اچ، تنهنجي پيءُ جو دوست غلام حسين واڍو هڪڙي خسيس ماڻهوءَ جي ڪري اسان کي دڙڪو ڏئي ويو آهي ته: جيڪڏهن اسان گلاب کي حصو نه ڏنو، ته اسان کي ماريندو. هاڻ جيڪڏهن تو غلام حسين سان جهيڙو نه ڪيو. هن کي نه ماريو ته مان سان اڄ کان وٺي تنهنجو ڪو ناتو ڪونهي“. عاقل کي عشق کنيو بيٺو هو. سو رن جي آڏو صفا محتاج ٿي پيو، ڀاڙي ٿي پيو. سو هن رن کي چيو: ”تون ماکان ناراض نه ٿي، مان پاڻ غلام حسين کي ماري نٿو سگهان پر مان توکي مارائي ٿو ڏيان“.
    عاقل غلام حسين جي اصل گهر جو مالڪ هو. غلام حسين کي کيس پٽ وانگر ڀائيندو هو. هو غلام حسين وٽ ويو ۽ کيس مانيءَ جي دعوت ڏئي وٺي آيو ۽ اچي هڪ اڙل وٽ ويهاريائين. غلام حسين سان گڏ سندس ڀاءُ علي بخش، سؤٽ عبدالرحمان ۽ هڪ ٻيو ماڻهو مٺو هو. جڏهن غلام حسين وارا اتي اچي ويٺا ته عاقل غلام حسين کي چيو: ”اوهين هتي ويهو، مان ماني تيار ڪرائي اچان ٿو“. غلام حسين کي ته عاقل ۾ ڪو شڪ ئي ڪونه هو. سو بيفڪرو ٿي ويهي رهيو. هيءُ هنن کي اتي ويهاري پاڻ ويو پوليس وٽ. پوليس کي ٻڌايائين ته: ”مان غلام حسين کي فلاڻي هنڌ ويهاري آيو آهيان. اوهان خانگي ڊريس ۾ مٿان ڦري، ڪرمپور کان ٻيڙيءَ ۾ اچو، پوءِ اتان ڀرسان کان لنگهو، جي توهانکي وجهه لڳي، ته اتان وڙهوس.جي اتان وجهه نه لڳي ته اڳيان در آ، پريان کون، جهنگل مان ڦري پٺيان وڃي وڙهوس. مان هن کي اتي قابو ڪري ويهاريو آ. مان هنن لاءِ ماني ٺهرايان ٿو. هو مانيءَ جي انتطار ۾ آهن. اوهان انهيءَ حساب سان اتي پهچو“.
    اهو پروگرام انهن سان ٺاهي پاڻ موٽي ويو. پوليس جا ڪيترائي سپاهي يڪدم خانگي ڊريس ڪري ٻيڙِيءَ ۾ چڙهي انهيءَ پاسي روانا ٿا. اها ٻيڙي واهڙ ۾ اچي غلام حسين وارن جي ڀرسان لنگهي. انهيءَ وقت هڪ حجم غلام حسين جي سنوارت ڪري رهيو هو. عبدالرحمان ۽ علي بخش غلام حسين جي ڀرسان ويٺا هئا. مٺو ڪجهه اڳ ڀرو جهنگل ڏانهن چوڪيءَ تي ويٺو هو. جڏهن ٻيڙي سامهون کان لنگهي ته غلام حسين ٻيڙيءَ جي مير بحرن کان پڇيو: ”ادا هي ماڻهو ڪاڏي ٿو وٺيو وڃين“؟ پوليس ميربحر کي اڳ ۾ سيکاري ڇڏيو هو، پوليس جي ڊپ کان سچ ڪيئن ٿي ڳالهائي سگهيو. تنهن چيو: ”سائي هي مزور آهن. اندر ڏاڪ ڪپيندا، ڪنداهه ۾ وڃي ڇڏينديس.“ ٻيڙي سامهون کان ڦيري، پريان ور ڪري، هن جي پٺيان اچي جهنگل ۾ ٻيلي ۽ پوليس جا سپاهي، جيڪي خانگي ڊريس ۾ هئا. اهي ٻيڙيءَ مان هٿيار لاهڻ لڳا. مٺو جيڪو جهنگل ڏانهن منهن ڪيو چوڪيءَ تي ويٺل هو. هن ٻيڙي مان هٿيار کڄندي ڏٺا ته سمجهي ويو ته اها پوليس آ. پر ايڏي پوليس کي جو ڏٺائين ته ڀاڙيو ٿي پيو. نه دانهن ڪيائين نه غلام حسين وارن کي ٻڌايائين. ماٺ ميٺ ۾ ڀڄي ويو.
    پوليس غلام حسين وارن جي پويان کان ٿي. سامهون جهنگل مان غلام حسين وارن تي فائرنگ ڪئي. عبدالرحمان ۽ علي بخش ته بروقت ئي ٿڏي تي ئي مارجي پيا. غلام حسين کي اوڏيءَ مهل ڪو ڌڪ ڪونه لڳو. هو ٽپ ڏئي اڏ ۾ ٿي ويو. جهٽ ڏئي علي بخش ۽ عبدالرحمان جو رائفلون به کڻي ورتائين. غلام حسين اهڙي هنڌ هو. جو چاهي ها ته آساني سان ڀڄي ٿي سگهيو. پر هن کي ايڏو جوش هو، جوان ته هو، هن اُٿي فائر ڪيا. هڪ رائفل خالي پئي ٿئي ته ٻي ٿي کنيائين. ٽئي رائفلون خالي ٿي ويس ته يڪدم هڪ کي ڀريائين. فائر تي فائر پي ڪيائين. پر قسمت سندس ساٿ ڇڏيو بيٺي هئي. سندس هڪ رائفل ڦاٽي پئي. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ٻي رائفل به ڦاٽي پيس. پر هن همت نه هاري. اڃان هڪ رائفل هن وٽ هئي. صبح جو ڏهين وڳي اهو جهيڙو شروع ٿيو هو. هاڻ شام جا اچي چار وڳا هئا. غلام حسين پوليس کي وٺ ئي نه پيو ڏي ۽ اوچتو غلام حسين جي ٽئين رائفل به ڦاٽي پئي. پر پوليس کي اها طاقت نه پئي ٿئي جو اڳيان وڌي. هڪ پوليس واري ڇا ڪيو جو اها اڙل ٽپي واهڙ جي پريائون ڪرمپور جي پاسي کان ڦري. پٺ ڏاهون ويو. غلام حسين جو ڌيان سامهون واري پاسي هو. پٺ جي کيس خبر ڪانه هئا. هن پوليس واري پٺ کان فائر ڪيا. اهي فائر وڃي غلام حسين جي پٺيان لڳا. هو ڌڪجي پيو. پهرين ته ڪري پيو. پر وري اٿيو ۽ گوڏو کوڙي ويهي رهيو. انهيءَ ڳالهه کي به ڪلاڪ ٿي ويا. پوليس کي همت نه پئي ٿئي جو اڳي وڌي. نيٺ پوليس ڪن ماڻهن کي زوري موڪليو ته وڃي ڏسي اچو. انهن اچي ٻڌايو ته: ”بابا هو ته ڪڏهن کان ختم ٿي ويو آ. مارجي ويو آ. اوهين ڊپ ۾ وڃو ڪونه ٿا“. پوءِ پوليس وئي آ، اڙل ٽپي لاش سيوهڻ کڻي وئي.
    اهڙيءَ طرح غلام حسين جهڙو جوان دوکي ۽ فريب سان مارجي ويو. ۽ ٻئي پاسي اهو غدار عاقل جنهن دوکي سان غلام حسين کي مارايو، انهيءَ کي اچي ڊپ لڳو ته متان غلام حسين جا دوست ماکان نه بدلو وٺن، انهيءَ جو سورنهن سترنهن ڏينهن کانپوءِ هاٽ (هارٽ) فيل ٿي پيو دل ٽٽي پيس مري ويو.


    پوليس جي ڀاڄ

    غلام حسين جي جيئري ئي اسين الڳ ٿي ويا هئاسين. هاڻ مان الڳ ڌاڙا هڻڻ ويندو هوس. پاڪستان بڻئي ڪجهه مهينا ٿيا هئا. ماکي هڪ دوست اچي ٻڌايو ته ”سيوهڻ کان ڏکڻ ڏي لڪيءَ (ضلع دادو) جو شهر آ، جتي پاڻيءَ جا چشما آهن. اتي واڻيا رهن ٿا. سڄي لڪيءَ جي شهر تي انهن واڻين جو قبضو آ. اوهين غازي جوان گهمندا ٿا وتو. شهر تي واڻيا ڪنٽرول ڪيو ويٺا آهن. اوهين هنن کي هتان ڀڄايو يا ماريو. هي هندو، هنن جو ڪهڙو حق آ جو اڃا اسان جي ملڪ ۾ ويٺا آهن“. مان کيس چيو: ”تون ٺيڪ ٿو چوين. اسين هنن کي هتان ڪڍنداسين“. اسان نوابشاهه جي جاگير ٻيلي ۾ آياسين، مان سان گڏ ڇهه همراهه هئا. رائفلون ۽ بندوقون به ساڻ هيون. پوءِ درياهه تي آياسين ڀڳو ٽوڙو چئبو آ انهيءَ جاءِ کي. انهيءَ ڀڳي ٽوڙي کئون ٻنپهرن جو ٻيڙِيءَ ۾چڙهي. ٽپهريءَ جو اسين پيرين ڀر، لڪيءَ جي پاسي پهتاسين. ات لهي، جبل جو ڪنارو وٺي، سڌو اولهين ڀاڱي ڏانهن وڃي اسان هنن جو گهٽ جهليو.
    واڻين جا اتي گهر هئا، مڙهيو هئيون. مڙهين ۾ بت هئا. ات واڻين جو وڏو بندوبست هو. اسان اوچتو نعرا هڻي حملو ڪيوسين ۽ هڪل ڪري چيوسين، ”جيڪي مسلمان هتي آهن اهي پٺتي وڃن. اسين هنن کي ڪجهه نه چونداسين. اسان کي واڻين کي لٽڻو آ، واڻين جو هاڻ هتي ڇا آهي. جو هتي اڃان ويٺا آهن“. مسلمان سڀئي هٽي پري ٿيا. اسين مڙهين ۾ گهڙي پياسين. اهي هندو ڀئيا هئا، جلدي اسان هنن تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو.
    مڙهين ۾ ڪيتريون تصويرون ۽ بت هئا. اسان جي نظر هڪ عورت تي پئي، جيڪا بلڪل اگهاڙي هئي. اسان هڪ ڀئيي کان پڇيو ته : ”هيءَ ڪنهن جي تصوير آ“، هن هٿ ٻڌي چيو ته: ”هيءَ تصوير ڏاڏي حوا جي آ“. اسان جي هڪ همراهه وٽ لٺ هئي. هن اها لٺ انهيءَ ڀئي جي مٿي ۾ زور سان هڻي ڪڍي ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين بي غيرتو اوهان ڏاڏي حوال کي ننگو ڪري ويهاريو آ. اسان هنن واڻين کي خوب مار ڏني ۽ ڏاڏي حوا جي اها تصوير ڀڃي ڇڏي سي. هنن جون عورتون ڊوڙي آيون، اسان عورتن تي هٿ نه کنيو. کين چيو: ”مايون ڳالهه ٻڌو، ،هاڻ اوهان جو ڪو حق ڪونهي هتي رهڻ جو هاڻ هيءُ پاڪستان آ. توهان وڃو پنهنجي هندستان. جيڪڏهن اوهين نه ويا ته اسين اوهان کي مارينداسين“. انهيءَ وقت اسان کي مسلماني جو جوش کنيو بيٺو هجي. اسين چاهيون پيا ته واڻيا وڃن ۽ اسان جا مسلمان ڀائر هتي اچي رهن پر هاڻ هندوئن کي پيا ياد ڪريون.
    هتي مڙهين ۾ جيڪي بت هئا اسان ڀئين کي چيو ته اهي پنهنجي هٿن سان ڀڃو. هو نه پيا ڀڃن. اسان بندوقون اڀيون ڪيون ۽ هڪلون ڏنيونسين ته: ”ڀڃو سڀئي بت.“ نيٺ هنن پنهنجي هٿن سان سڀئي بت ڀڳا. اسان کين چيو: ”اهي اوهان خدا بڻائي رکيا هئا. هنن کي اوهان پوڄيندا هئا. هنن کان دعائون گهرندا هئا. پر هنن ۾ ايتري طاقت ڪانهي جو پاڻ کي اوهان کان بچائي سگهن. اهي ڪوڙا خدا آهن خدا اهو آ جنهن سڄي دنيا خلقي آ. جنهن اسان کي ۽ اوهان کي خلقيو آ“.
    بت ڀڃرائڻ کانپوءِ اسان هنن جي ٽپڙن تي قبضو ڪيو ۽ هنن کي حڪم ڏنوسين ته: ”جيڪڏهن توهان سڀاڻ هتي رهيا ته سڀاڻي اسين اچي سڀني کي مارينداسين. هڪڙو به زنده نه ڇڏينداسين. هاڻي جو هاڻي اوهين جاڏي جو تاڏي هليا وڃو.“ اسان هتي پورا ٻه ڪلاڪ تقرير ڪئي ۽ هنن جي هر شيءَ اتان کڻي نڪتاسين. اسان کي اتي چار ڪلاڪ لڳا.
    هڪڙو ڀئيو اتان لڪي جبلن تي هليو ويو هو ۽ لڪندو ڇپندو وڃي لڪي پوليس اسٽيشن تي پهتو. هن پوليس ۾ رپورٽ ڪئي ته ڌاڙيل ڌاڙو پيا هڻن. توهان ڪا همت ڪريو. هنن هر شيءَ لٽي ورتي آ، ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو به ماري ڇڏيا هجن. هنجي رپورٽ تي پوليس سنبري هلي.
    اسين اتان موٽياسون پي ته سامهون کان ايندڙ ماڻهن اسان کي ٻڌايو ته: ”سامهون کان پوليس پئي اچي.“ پوليس جو ٻڌي اسان ڀڳاسين ڪونه مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺاسين. پوليس سامهون کان آئي ته اسان دوبدو مقابلو ڪيوسين. اسين ست ماڻهو هئاسين. سخت مقابلو ٿيو. پوليس اسان تي فائر ڪيا. اسان آڏو وٺي بيٺا هئاسين. پوءِ اسان به پوليس تي فائر ڪيا.
    پوليس اسان سان مقابلو ڪري نه سگهي. يڪدم سامهون کان هٽي وئي. اسان ڪنارو ڏئي جبل ڏي اتر طرف کان ڀڄي ٺوڙي آياسين. لڪيءَ وٽ جنهن پوليس اسان سان مقابلو ڪيوهو، هن دادو ۽ سيوهڻ جي پوليس کي اسان جو اطلاع ڏئي ڇڏيو هو. دادو ۽ سيوهڻ جي پوليس ڀڳي ٺوڙي جي اسٽيشن وٽ اسان جو اڳ وٺي بيهي رهي. اسان کي اها خبر ئي نه هجي. اسين انهيءَ پاسي وڃي رهيا هئاسين. هڪڙو ماڻهو اوڏانهن کئون پي آيو. اتي سج اچي لٿو. اسان وٽ گهوڙا ڪونه هئا. پيادا پي وياسين. هن اسان کي ٻڌايو ته پوليس ات بيٺي اٿؤ، جنهن جو اٿو مٿو ڪونهي. اسان کانئس پڇيو ته: ”ڪاٿي ويٺي آ؟ هن ٻڌايو ته ٽيشن جي پاسي ۾ ويٺي آ“.
    اسان اهو طرف ورتو جنهن پاسي پوليس اڳ وٺيو بيٺي هئي. اسان پوليس جي ڀرسان پهچي نعرا هنيا ۽ هڪلون ڏنيون. ”هٽي وڃو اسان جي گس مان. خبردار جو ڪو سامهون آيو آ. اسين ميدان ڪيو پيا اچون. اسان جي سامهون جيڪو ايندو اسان ان کي ڀڳڙن وانگر ڀڃي ڇڏينداسين“. ۽ پوءَ اسان زبردست فائرنگ ڪئي. پوليس به اسان تي فائر ڪيا، پر پوليس اسان سان مقابلو نه ڪري سگهي. هنن کي جان جو ڊپ هو. اسين ته سر جو سانگو لاهي ويندا هئاسين. پر هو فقط پگهار جي ڪري پنهنجو سر ڏين، سو اهي پنهنجي سر جو بچاءُ ڪري پوئتي ڀڄي ويا.
    اسان جو رستو صاف ٿي ويو. اسان اڳتي وڃي درياهه جي پاسي لڙي پياسين. پوءِ درياهه پار ڪري ٻيلي ۾ ڪنداهه ۾ گهڙي پياسن. اهو ٻيلو اٽڪل ٻه ٽي هزار ايڪٽر ۾ آ. اتي تمام وڏا ۽ گهاٽا وڻ آهن. ڪٿي ڪٿي ته ڏينهن جو به سج جي روشني پٽ تي نه پوندي آ. اتي ڀاڻ به آهن. اسين اتي وڃي رهندا هئاسين. ڀاڻ چوندا آهن ڀاڳين کي، جن وٽ پنهنجون مينهون ڍڳيون هونديون آهن. مانيءَ ٽڪيءَ جي جنهن وقت اسان کي ضرور هئي. اهي تيار ڪري ڏيندا هئا. ڪيترن ڀاڳين سان منهنجي دوست هئي. اسين ڪنداهه ۾ ٽي ڏينهن رهياسين. پوءِ دولت پور کان روڊ ٽپيوسين ته هڪ ماڻهوءَ اسان کي ٻڌايو ته هتي پوليس جو ڏس پيو آ. پوليس جي ٽرڪ قاضي احمد ڏانهن وئي آ، پوءِ اتان موٽندي. اسان روڊن جي پاسي ۾ ويهي رهياسين ته ڀلي پوليس اچي ته هن سان مقابلو ڪيون.
    اسانکي ويٺي ڪجهه وقت ٿيو ته: اسان ڏٺوسي ته سامهون کان هڪ لاري اچي پئي. اسان اوچتو فيصلو ڪيوسين ته لاري کي ڦريون ٿا. ڀلي ته پوليس کي پتو پوي ۽ مقابلي لاءِ اچي. نه ته ٿي سگهي ٿو ته نه به اچي. اسان جو هڪڙو همراهه ڪجهه اڳ ڀرو وڃي بيٺو ۽ لاريءَ کي هٿ ڏنائين. لاري جڏهن بيٺي ته اسين به ڊوڙ پائي لاريءَ ۾ چڙهڻ لڳاسين. ڊرائيور اسان کي ڏسي ورتو ۽ هن لاري تيزيءَ سان هلائي ڇڏي. اسين لاريءَ ۾ چڙهي نه سگهياسين. پر اسان وارو همراهه لاري ۾ چڙهي ويو ۽ هن رائفل اڀي ڪري ڊرائيور کي چيو ته : ”لاري روڪ.“ پر ڊرائيور لاري نه روڪي. هن ڊرائيور کي ٻانهن ۾ گولي هڻي ڪڍي. لاري ڊرائيور جي قابو کان ٻاهر نڪري وئي ۽ کامي ۾ وڃي گهڙات ڪري بيهي رهي. اسان ڊوڙي وڃي اتي پهتاسين ۽ سڀني مسافرن جي تلاشي ورتي. جنهن وٽ جيڪو ڪجهه هو اهو سڀڪجهه ڪڍرائي ورتوسين. البت عورتن کي هٿ ڪونه لاتوسين. ڦر کانپوءِ ماڻهو ٽڙي پکڙي ويا ۽ ڪلاڪ کانپوءِ ڪي ماڻهو پوليس وٽ پهچي ويا ۽ اطلاع ڪيائون ته لاري کي ڌاڙو لڳو آ.
    ڪلاڪ کن کانپوءِ پوليس پهچي وئي. اسان پوليس سان ڀرپور مقابلو ڪيوسين. نيٺ پوليس ٽرڪ سوڌي قاضي احمد ڏانهن موٽي وئي.
    اسين ٻيلي ۾ موٽي آياسين اسين هڪ ٻه ڏينهن ٻيلي ۾ رهيل هئاسين. اسان کي خبر پئي ته پوليس اسانجا پير کڻي پئي. پر پوليس رڳو بند تي هيڏي هوڏي ڦيرا اپائيندي رهي. هيٺ ٻيلي ۾ نه لٿي. پوءِ اسين اتي ٽي ڏينهن رهي، چوٿين ڏينهن موٽي آياسين.


    احمد خان ڏيپر جو ڌاڙو

    پاڪستان هندستان اڃان مس ٺهيا هئا. تڏهن جي ڳالهه آ. جناب ذولفقار علي ڀٽي صاحب جو والد شاهنواز ڀٽو ڪراچيءَ ۾ رهندو هو. خبر نه ڪهڙيءَ ڳالهه ڪري کيس حفاظت جي ضرورت پئي. هن نئون ديرو تار ڪئي ته ميري کي چئو ته مان وٽ اچي پهرو ڏي. انهن ڏينهن ۾ اسين اچي اميرآباد ۾ رهيا هئاسين. ڀٽي صاحب جو ڪمدار مان وٽ آيو. مان انڪار ڪيو ته ”نوڪري مان کان ڪانه ٿيندي. نوڪري آهي ٽوڪري. خبر نه موڪل ڏين يا نه. اسين آزاد ماڻهو سو مان کان ڪانه ٿي نوڪري پڄي“. پر بابا ۽ ٻين مائٽن زور ڀريو ته: ”تون ضرور وڃ. ڀٽي صاحب سڏايو آ. اسين اصل ماڻهو به ته ڀٽي صاحب جا آهيون“.
    سڀني جي زور ڀرڻ تي نيٺ مان سنبريس. ڪپڙا کنيم. چمڙي ۾ هنڌ ٻڌم. ڀٽي صاحب جو وزير جيڪو زمينو وغيره سنڀاليندو هو. هن ماکي خرچ پکي لاءِ ٽي سؤ رپيا ڏنا هئا. مان اڃا سنبري تيار ٿيس ته هڪڙو ماڻهو ماکي سڏڻ آيو ته: ”فلاڻا ماڻهو فلاڻي هنڌ ويٺا آهن. اهي توکي سڏين پيا ته تون اچي ملي وڃ!“ پهرين سوچيم ته نه وڃان پر پوءِ سوچيم: ”ٺيڪ آ، انهن سان ملي ٿو اچان اڍائي ڪوهن تي ته آهن. ڏسان ڇا ٿا چون. انهن سان ملي ڪراچي هليو ويندم“.
    مان ويس. اتي الهڏنو ۽ ست ڄڻا ٻيا هئا. الهڏنو منهنجو پڪو دوست هو. ذات جو بوزدار هو ۽ وڏو ڌاڙيل هو. مان خيروعافيت ڪئي ۽ ڪم پڇيو. ڇاڪاڻ ته مانکي ڪراچي وڃڻ جي تڪڙ هئي. الهڏني ماکي چيو: ”لاڙڪاڻي جي پاسي هڪڙو ڌاڙو هڻڻو آ. خبر پئي اٿئون ته ڏاڍي ملڪيت آ، تون اسان سان هل. مان کيس جواب ڏنو ته : ”مان ڪم سان پيو وڃان. مان نه هلي سگهندم. اوهين وڃي ٿي اچو.“ پر الهڏنو ضد ڪري بيٺو چئي ”نه ڪر ميرا. مان تنهنجي دوستيءَ جي آسري تي هنن دوستن کي وٺي آيو آن. هاڻ اسان کي مايوس نه ڪر. جيڪڏهن تون نه هلندين ته اسين به نه وينداسين. توکي هلڻو پوندو. اسان سي آءِ ڊي ڪرڻ لاءِ هڪڙو همراهه موڪليو آ، بس اُهو به اچڻ وارو هوندو“.
    ۽ اوڏيءَ مهل ئي اهو ماڻهو به اچي پهتو. هن سر بستو احوال ڏنو ۽ ٻڌايائين ته ”اها ملڪيت گهڻي آ“. مان سندس ڳالهين مان مطمئن نه ٿي ٿيم. سوچيم هيءَ ماڻهو ڪو ڄاڻو نٿو ڏسجي. ماڳهين نه مصيبت ۾ وجهرائي. سو انهن کان معافي ورتم ۽ کانئن موڪلائي موٽيم. پر اڃان ڏيڍ کن ميل ئي آيو هوندم ته هڪڙو همراهه گهوڙو ڊوڙائيندو آيو ۽ اچي چيائين ته : ”توکي سڏايو اٿن. تون فقط هلي هنن جي ڳالهه ٻڌ.“ مان گهوڙي کي پٺتي ورايو ۽ اچي هنن وٽ پهتس. اتي پهتس ته الهڏني پنهنجي ٽڪڙن جي ٽوپي لاهي منهنجي پيرن تي رکي ۽ چيائين ”توکي هلڻو پوندو. هاڻ ته مان لاچار ٿي پيس“. ڀٽي صاحب وٽ وڃڻ جو ارادو ڇڏي. هنن سان هليس.
    انهن منهنجي لاءِ هڪ رائفل اڳ ۾ ئي گهرائي رکي هئي. مان پنهنجو گهوڙو هڪ هنڌ ڇڏيو. اسان هڪ موٽر ڀاڙي تي ڪري لاڙڪاڻي وياسي ۽ نصير آباد ٽپي اسان اڳتي وڌياسين. اسان کي احمد خان ڏيپر کي ڌاڙو هڻڻو هو. اسان سوچيو هو ته شام جو ڌاڙو هڻون. پر ٿيو ائين جو اوچتو اسان جي موٽر ڦٽي پئي. ڊرائيور گهڻو ئي ٺاهيو پر موٽر نه ٺهي. اسان ڊرائيور کي چيو ته تون موٽر ڪهرائي لاڙڪاڻي وڃ ۽ وڃي فلاڻي هنڌ ترس. اسين اتي پهچنداسين. اسين پنڌ هلڻ لڳاسين. رات اچي ٿي. اسان وري سي آءِ ڊيءَ کي چيو ”هاڻ رات اچي ٿي آ ڌاڙو سڀاڻي هڻنداسين. اڄ رات هلي ڪٿي ٽڪاءِ.“ هن چيو ته ڀرسان هڪڙو ڳوٺ آ، جتي سڃاڻو رهن ٿا. اتي ٿا هلون. پر هن کان رستو ويو وسري، سو سڄي رات خوار ڪيائين. سيءُ به هجي ڏاڍو پر اسان کي سڄي رات هلڻو پيو. نيٺ جنهن مهل ڪڪڙن فجر جو دس هنيا، اوڏيءَ مهل اچي هڪ ڳوٺ کي ويجها پياسين. اسان هڪڙي همراهه کي ڏسي سڏ ڪيو ۽ انهيءَ کان پڇيوسين، ”ابا هيءُ ڪهڙو ڳوٺ آ“، هن ٻڌايو ته: ”هيءُ لاشارين جو ڳوٺ آ“. تنهن تي اسان واري همراهه کي ياد پيو ته جنهن ڳوٺ هو اسان کي وٺي وڃي رهيو هو. جتي سندس ڄاڻ سڃاڻ هئي اهو ڳوٺ به ڀرسان هو. هن جو نالو هيو بشراتي جو ڳوٺ.
    نيٺ وڃي اسين بشراتيءَ جي ڳوٺ پهتاسين. اسان واري سي آءِ ڊي جي رهائي رسائي صفا ڪانه هئي. سو ماني ٽڪر به ڪونه مليو. تنهن هوندي به اسان کي ٻيپهرن تائين اتي ترسڻو پيو. پوءِ اسين احمد خان جي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لاءِ نڪتاسين. پر هن همراهه کي ڳوٺ هٿ اچي ئي نه. مٿان اچي سانجهيءَ جو ٽائيم ٿيو. اسان ٿڪجي هڪ واٽر جي ڀرسان ويهي رهياسين. مان الهڏني کي چيو: ”الهڏنا، منهنجو چوڻ مڃ. اتان ئي موٽ. جيڪو ماڻهو ماني به نه کارائي سگهيو آ، تنهن تي ڀروسو ڪرڻ اجايو آ“. الهڏنو ڪاوڙجي پيو. اٿي ٽپ ڏئي واٽر ڪورس پاسي ڪيائين ۽ ماکي چيائين ”تون اچي ٿيو آن ڀاڙي، توکي ناهي هلڻو ته ڀلي نه هل. اسين هلون ٿا“. هو اڳتي هلڻ لڳو. سندس پويان ٻيا همراهه به اٿي هلڻ لڳا. مان هاڻ موٽي ته ڪونه ٿي سگهيس. ڇو ته اڪيلو موٽان ها ته ڀاڙيو سمجهيو وڃان ها. چپڙي ڪري هن جي پٺيان هلڻ لڳس.
    نيٺ اهو ڳوٺ نظر آيو، احمد خان ڏيپر جو ڳوٺ رات اچي ٿي هئي. اسان واري همراهه کي زميندار جو گهر نظر ئي نه اچي. سو زميندار جي بدران وڃي هڪ ٻي پڪي جاءِ وٽ بيهاريائين. اسان اندر گهڙي پياسين. اتي جي زال ۽ ٻارن اچي اسان کي هٿ ٻڌا ۽ چيائون: ”اسين غريب ماڻهو آهيون. اسان وٽ ڪجهه به ڪونهي. پڪي جاءِ تي نه ڀلجو اها ته وڏن جي ٺهرايل آ. اسين صفا غريب آهيون. وڏيرن جي جاءِ پريان سامهون اٿئون.“ اسان ڏٺو، واقعي اهي غريب پئي نظر آيا. اسين هنن جي گهر مان نڪتاسين. پر انهيءَ وچ ۾ وڏيرن کي خبر پئجي وئي ته ڌاڙيل آيا آهن. هنن يڪدم پنهنجا ماڻهو ڪوٽ تي چاڙهي بيهاريا ۽ انهيءَ کان اڳ جو اسين حملو ڪريون. هنن فائر شروع ڪري ڏنا. بدقسمتي سان پهرين ئي گولي الهڏني کي لڳي. هو ڌڪجي پيو ۽ اتي ئي ڪري پيو. اسان وارن همراهن جو حوصلو ٽٽي پيو. احمد خان جا ماڻهو زور ٿي ويا. اسان وارو سي آءِ ڊي ائين وٺي ڀڳو، جو وري ڪڏهن شڪل نه ڏٺيسين. الهڏنو ڌڪجي پيو. جيڪو وٺي آيو سو ڀڄي ويو. اسان چڱائي انهيءَ ۾ سمجهي ته پنهنجون جانيون بچائي ڀڄي اچون“.
    احمد خان جي ماڻهن جي فائرنگ سبب الهڏني کي کڻي به نه سگهياسين. پوليس پوءِ هن کي اسپتال کڻي وئي. هو بي هوش هو ۽ ٻئي ڏينهن بي هوشيءَ ۾ ئي اسپتال ۾ گذاري ويو.
    اسين سڀئي موٽي آياسين. مان اچي امير آباد پهتس. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پوليس اچي ماکي ڌاڙي جي الزام ۾ پڪڙيو. ڪيس هليو پر ثابتي نه ملڻ ڪري مان ڇٽي ويس.
    اها ڳالهه ڪنهن وڃي لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر سان ڪئي. هن ماکي وري گرفتار ڪيو ۽ هن دفعي ڪيس جرڳي جي حوالي ڪيائون. جرڳي ۾ به ڏوهه مان تي بيهي ئي نه. خود احمد خان ڏيپر اهو چيو: ”مان اهو نٿو چئي سگهان ته چورن ۾ اهو به هو يا نه.“ نيٺ جرڳي ماکي کڻي قرآن ڏنو ته: ”هاڻ سچي ڪر ته احمد خان کي ڌاڙي هڻڻ ۾ تون هئين يا نه“؟ هاڻ مان ٻڌجي ويس. قرآن تي ڪوڙو قسم ته نه کڻبو. نيٺ قبولدار ٿيڻو پيو.
    ماکي ست سالن جي ٽيپ لڳي. اڳ ۾ ماکي سينٽر جيل سکر وٺي ويا. پوءِ سينٽر جيل حيدرآباد اُماڻيو ۽ پوءِ ناري جيل (حيدرآباد) موڪليائون.


    جيل ۾ جهيڙو

    ناري جيل ۾ شهباز خان سورهياڻي سپرنٽينڊنٽ هو. ڊپٽي سپرينٽينڊنٽ دراني هو. صوبيدار کي ڳاڙهو ڪري چوندا هئا، نالو جمعو هوس.
    سپرنٽينڊٽ ماکي ٻاهر کان سڃاڻندو هو. هن صوبيدار کي چئي ڇڏيو هو ته ”هيءُ ماڻهو ڏنگو آ، هن کي تنگ نه ڪجو، جي ڪندؤ ته پوءِ منهنجو واسطو نه اٿؤ“. آهستي آهستي سزا جا ڏينهن گذري رهيا هئا. پنج مهينا ڏاڍي آرام سان گذريا ويا. ان جيل ۾ ڪو ڪم نه ڪندو هو. جيل به ٿڌو هو. ٿورو گهڻو پئسو ڏوڪڙ پاڻ وٽ رکي سگهبو هو. هڪ ڏينهن مان ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس واري کي ڏهه رپيا ڏنا ۽ ڪا شيءَ گهرائيم. مان کيس خرچي ڏيان ها، پر هن بدبخت ڇا ڪيو جو ماکي ٻارهين آني جي شيءَ آڻي ڏني ۽ باقي هڙيئي پئسا کائي ويو. ماکي انهيءَ ڳالهه تان بخيلي وٺي وئي. مان کيس چيو: ”بابا مان قيدي آ، تون منهنجي هڪ رپئي جي شيءَ به نه آندي ۽ ڏهه رپيا کائي وئين. منهنجا پئسا موٽائي ڏي“. هو ماکي گاريون ڏيڻ لڳو: ”جائو مان ڪا.... نهين هين تمهاري پئسي، ڪيا ڪري گا .... ڪاٽي گا“. هو هليو ويو ته مان جمعدار کي چيو: ”هن کي جهلي ڇڏ ته منهنجي سامهون نه اچي. نه ته جهيڙو ٿي پوندو“.
    هن ڪمبخت جمعدار نه ڄاڻ هن کي چيو يا نه. هڪ ڏينهن ٻنپهرن جو ريسٽ جي ٽائيم تي (انهن ڏينهن ۾ ڪم جي وچ ۾ ريسٽ ٽائم به ملندو هو ۽ جيل کان ٻاهر ڪم ڪبو هو) ٻاهر جهڙو جهنگ هو سو ريسٽ ٽائم هجي. گرمي ڏاڍي هئي. مان هڪ وڻ جي هيٺان ڇانو ۾ ليٽيو پيو هوم. اهو پوليس وارو جيڪو منهنجا پئسا کائي ويو هو. هن جي رائفل سان اتي ڊيوٽي هئي. هن جي ڊيوٽي ته پري هئي پر هن کي به کٽي کنئين جو پنهنجي پهري واري جاءِ ڇڏي. جتي مان هوم اتي ڀرسان اچي بوٽن جا ٺڪاءُ ڪيائين. مان ليٽي ئي ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو ۽ ڪاوڙ ۾ چيومانس: ”هتي ڇو آيو آن. ٽري وڃ هتان“. هن ماکي گار ڏئي چيو: ”تون قيدي ٿي ڪري مان تي ٿو حڪم هلائين. چپ ڪري ويهه، نه ته هيءَ سنگين تنهنجي.... ۾ وجهي وات مان ڪڍندس“. تنهنجي ته ماءُ کي....اسين سنڌي ماڻهو، گار ڪاٿي ٿي برادشت ٿئي. هن اڳ ۾ ماکي گار ڏني هئي. ماکي بخيلي وٺي وئي. هوش جاءِ نه رهيا ٽپ ڏئي وڃي مٿانس بيٺس. هو حيران ٿي ويو. مان چيم: ”مري وئي ڀيڻ جا .... مري وئين“.
    جيستائين هو ڪجهه ڪري مان جهٽ هڻي کانئس رائفل ڦري ورتي ۽ ٺڪاءُ ڪرايو مانس قنداڪ. هو وڃي ڦهڪو ڪري ڪريو. رائفل لوڊ ٿيل ڪونه هئي ٻاويهه رائونڊ گوليون هنجي کيسي ۾ پيل هيون. اهي مان ڪڍي ورتيون. جمعدار حاجاڻو، منهنجي ڪڍ لڳو ته مان هن کي ٽنگ ۾ گولي هنئي ۽ ڊوڙندو وڃي ڦليليءَ جو ڪنارو ورتوم. ٽي چار ميل پري تائين ڊوڙندو ويم. جيل جي سموري پوليس منهنجي ڪڍ هئي. ٻاهران به پوليس گهرائي وئي هئي. هن مان تي فئر ڪيا. جواب ۾ مان به فائر ڪيا. نيٺ هنن فوج گهرائي. جيڪا ٽنڊي يوسف کان ڦري منهنجو اڳ وٺيو بيٺي هئي. مان ٻنين مان ڀڄندو پي ويم. اتي مانکي ٻه هاري مليا. هنن ماکي چيو: ”جوان تون ته رائفل کنيو ڀڄندو ٿو وڃين پر اڳيان ملٽريءَ جا ماڻهو اٿئي، جيئن مٿي جا وار“.
    اڳيان دڙا هئا. مان ان تان چڙهي ڏٺو. پريان برابر مليٽري ۽ پوليس جا سپاهي بي انتها هئا. اهي گوڏا کوڙي رائفلون اڀيون ڪيو ويٺا هئا. پوءِ مان کٻڙن ۾ ڍڍري ڪري، آڏ ڪري ويهي رهيس. جيئن سپاهي ويجها ٿيا. مان انهن تي فائرنگ ڪئي. رائفل جو استعمال ماکي ايندو هو. مان ڏاڍي طريقي ۽ احتياط سان گوليون هلايون ٿي.
    ڇهه ڪلاڪ اها ويڙهه هلي. پر هو ماکي گرفتار نه ڪري سگهيا. نيٺ هنن قيدين جون ٽوليون مان ڏانهن موڪليون. چار چار ٿي آيا پي جڏهن اهي منهنجي سامهون آيا ته مان هڪل ڏني ”خبردار اڳيان نه وڌجو.“ قيدين مان هڪڙي چيو ”ادا، مارڻو ٿئي ته ڀلي مار. اسان کي حڪم ٿيو آ ته هلندا هلو. اسان جي پٺيان پوليس رائفلون کنيو پئي اچي“. منهنجي سامهون قيدي هئا. منهنجا ڀائر. هنن سان ته منهنجو ڪوبه جهيڙو ڪونه هيو. هو ته مظلوم هئا. مان هنن تي ڪيئن گولي هلايان. جيڪڏهن گولي هلايم ٿي ته هو ٿي مئا ۽ هنن کي ماري نٿي سگهيس. سوچيم ته ”منهنجي ته قدرت پڄائي آ، منهنجي ته اچي پڳي آ. پوءِ جي مري ويس ته ماشالله، پر اهو لعنتاڻو ته نه کڻان جو دنيا چوي: قيدي به ماري ويو.“ مان بيوس ٿي پيس. مان رائفل کڻي اڇلي. هنن مان کي جهلي ورتو. پوءِ جو پوليس وارا آيا ته ڌڪن سان بيهجي ويا. لتون هنيون، ٿڏا هنيائون، هڪ بندوق جي قنداڪ منهنجي مٿي ۾ لڳي، مٿو ڦاٽي پيو سنگينون ٽنبيائون.
    ۽ پوءِ جيل جو صوبيدار جمعو خان پريان کان هڪلون ڏيندو ڀڄندو آيو: ”خبردار مت مارو ، بهن ڪي... مت مارو، پهلي جاتي نهين ٿي، جب قيديون ني پڪڙا هي تو مارت هو“.
    پوءِ مان بيهوش ٿي ويم. ماکي سول اسپتال کڻائي ويا. ماکي ڪنهن وقت هوش آيو ٿي ڪڏهن بيهوش ٿي ويم پي. جڏهن اسپتال پهتس ته ڪافي رات ٿي وئي هئي. منهنجي جسم تي زخم ڌوئي پٽيون ٻڌيون ويون هيون. ماکي هوش آيو ته ڏٺم ته انگريز بيٺو هو. پوءِ پتو پيم ته اهو فوج جو وڏو آفيسر هو. هن کي ٿوري ٿوري اڙدو ايندي هئي. ماکان اڙدو ۾ پڇيائين. ”تنهنجي طبيعت ڪيئن آ؟“ مان چيم ”هاڻ منهنجي طبيعت ٺيڪ آ“. هن مرڪي چيو: ”قيدي آهين نه ته ههڙيءَ بهادريءَ تي توکي انعام ڏيان ها. جهڙي بهادريءَ سان تو مقابلو ڪيو آ.“ مان دل ۾ سوچيم: ”شايد ٽوڪ ٿو هڻيم. پڪ اهو ڦاسي ڏياريندو“.
    هن سان گڏ سول (سرجن) به بيٺو هو. هيءُ هنن سان ڳالهائڻ لڳو پوءِ مان سان هٿ ملائي ويو. سندس وڃڻ کانپوءِ ننڍن ڊاڪٽرن ماکي ٻڌايو ته ”ڪرنل سول (سرجن) کي چيو آ ته: هن تي ڪيترو به خرچ اچي هن کي تندرست ڪريو. هن اڪيلي سر ڇهه ڪلاڪ پوليس ۽ ايس پي آر سان مقابلو ڪيو آ. اسان جي ماڻهن کي جرئت نه ٿي جوهن گرفتار ڪري سگهن. اسان قيدي گهرائي هن کي گرفتار ڪيو آ“. تڏهن منهنجي دل تي پاڻي پيو ۽ مان دل ۾ چيو ته: ”هيءُ منهنجو همدرد آ. هيءُ شايد ماکي فائدو رسائي“.
    سول ۾ مان اڍائي کن مهينا هوم، ٻه پوليس وارا سدائين مان تي پهرو ڏيندا هئا. انگريز آفيسر مان سان ٻه ٽي دفعا ملڻ آيو. ماکي هن چيو: ”مان جيل مان جانچ ڪرائي آ. تون بيگناهه آهين. تون فڪر نه ڪر. مان توکي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪندم“. هن سول جي وڏي ڊاڪٽر کي به منهنجي پارت ڪئي هئي. تنهن ڪري اسپتال وارا به منهنجو ڏاڍو خيال رکندا هئا. جيترا ڏينهن مان سول ۾ هوم منهنجو ڪيس ڪونه هليو. ڇاڪاڻ ته مان هلڻ جهڙو ڪونه هوم.
    جڏهن مان ٺيڪ ٿي ويم ته هڪڙي ڏينهن لاءِ ماکي ناري جيل وٺي ويا. ڇاڪاڻ ته مان انهيءَ جيل مان آيو هوم. پوءِ منهنجي هتي انٽري ڪري، ٻئي ڏينهن جيل بدليءَ جا ڪاغذ ٺاهي، ماکي سينٽرل جيل حيدرآباد اماڻي ڇڏيائون.
    سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ انهيءَ وقت هادي بخش شيخ سپرينٽينڊنٽ هو، هو تمام ظالم سپرنٽيڊنٽ هو. قيدن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو.
    ناري وارو ڪيس مان تي ٻه سال هيو. اهي ٻه ڪيس هئا. هڪڙو پوليس ۽ ايس پي آر سان جهيڙي جو ۽ ٻيو جيڪو سپاهي مئو هو. اهو سپاهيءَ وارو ڪيس سيڪنڊ سب جج گهلو صاحب جي ڪورٽ ۾ هلندو هو ۽ ايس پي آر سان جهيڙي وارو سٽي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾. پنجين ڇهين ڏينهن هڪڙو ڪورٽ ۾ ۽ انهيءَ جي پنجين ڇهين ڏينهن ٻي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو هو. ڏنڊا ٻيڙي رات ڏينهن لڳل هوندي هئي. سمهندو به ڏنڊا ٻيڙِيءَ سان هوم. شروع ۾ پهرين نمبر بند وارڊ ۾ رکيو هئائون اٺن نون مهينن کان پوءِ ڪاري چڪر ۾ ڊبل ۾ رکيائون (ڊبل: ڪن جيلن ۾ ماڙيون آهن. جن کي جيل وارا ڊبل چوندا آهن. هر جيل ۾ ٻه چڪر ٿيندا آهن، اڇو چڪر ۽ ڪارو چڪر. اڇي چڪر ۾ ننڍي سزا وارا ۽ ڪچا قيدي رکبا آهن. ڪاري چڪر ۾ وڏي سزا وارا ۽ خطرناڪ قيدي رکبا آهن).
    ڏيڍ سال ڪيس الڳ الڳ ڪورٽن ۾ هلندا رهيا پوءِ ٻئي ڪمبند ٿي سيشن (ڪورٽ) ۾ويا، جڏهن ٻئي مسلون سيشن ۾ ويون ته، سيشن ٻئي ڪيسن گڏي هلايا. جن شاهدن هيٺين ڪورٽن ۾ شاهديون ڏنيون هيون. سيشن ۾ انهن شاهدن جون شاهديون وري هليون.
    منهنجي ڀاءُ غلام حيدر ٻه هزار رپيا ڏئي وڪيل ڪيو هو. سيد هو، ڊگهو نوجوان هو، ماکي سندس نالو وسري ويو آ. هن منهنجو ڏاڍو بچاءُ ڪيو. ڏاڍو سٺو ڪيس وڙهيو. شاهدن منهنجي خلاف جيڪو آين سو چئي ويا. پر منهنجي وڪيل شاهدن کي ڪوڙو ڪري ڏيکاريو. البت سپرينٽينڊنٽ ۽ ڊپٽي (سپرنٽينڊٽ) جيڪي بيان ڏنا، اهي منهنجي فائدي ۾ ويا. منهنجي وڪيل انهن جي شاهديءَ کانپوءِ ڪورٽ کي چيو ته: ”هنن جي شاهديءَ مان ثابت آ ته ڏوهه سپاهيءَ جو هو. قيديءَ جو ڪو ڏوهه ڪونه هو“.
    آخر ۾ اهو انگريز آفيسر شاهدي ڏيڻ آيو. ماکي اها خبر ڪانهي ته اهو ايترو عرصو حيدرآباد ۾ ئي رهيل هو يا ڪاٿون ٻاهران آيو هو. هن منهنجي فائدي ۾ بيان ڏنو ۽ ماکي بي ڏوهي ٺهريائين.
    مان به پنهنجي بيان ۾ ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ ته منهنجو ضمير صاف هو. مان ڏوهه ڪيو ئي ڪونه هو. ڏوهه سراسر هن پوليس واري جو پنهنجو هو. منهنجي بيان کانپوءِ سيشن (جج) ماکي چيو: ”چوٿين ڏينهن تنهنجي ڪيس جي فتوا آ“.
    مان جيل موٽي آيم. چوٿين ڏينهن مانکي وري ڪورٽ وٺي ويا. سيشن جج ماکي چيو ته ”توتي ڏوهه ثابت ٿي نه سگهيو آ. هن ٻنهي ڪيسن مان توکي آزاد ڪريان ٿو“.
    مان جيل موٽي آيم. ڏنڊا ٻيڙي تي لڳل هوندي هئي. انهيءَ کان علاوه ٻانهن ۾ ريوٽ به لڳل هوندي هئي. جڏهن حاضريءَ تي ڪورٽ ويندو هوم، ته جيل جي ماڙيءَ وٽ اها ريوٽ لاهيندا هئا ۽ ٻاهرين پوليس هٿڪڙيون لاهيندي هئي ۽ جيل وارا ريوٽ لڳائيندا هئا. انهيءَ ريوٽ لهرائڻ لاءِ مان پنهنجي وڪيل کي به چيو هو پر هن چيو ”اهو جيل جو قانون آ. انهيءَ لاءِ مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان“.
    اها ريوٽ وڏي مصيبت هئي. وڏو آزار هو. اها ريوٽ لوهه جي هڪ ٻانهيءَ وانگر هوندي آ. ٻانهين ته هڪ هٿ ۾ پائبي آ، پر هيءَ ٻنهي هٿن کي ملائي ڪرائين کان ڪجهه مٿي تائين چڙهيل هوندي آ. انهيءَ جي لڳڻ سان ٻئي ٻانهون پاڻ ۾ ڳنڍجيون وڃن ۽ ٻانهون سخت تڪليف سان چوري پوري سگهبيون آهن. هٿ ڪڙيون ته انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪا شيءَ ڪانهي. سال کن کان اها ريوٽ لڳل هئي ۽ اهو هڪ سال ڏاڍو عذاب ۾ گذريو. حاجت وقت ڏاڍي تڪيلف ٿيندي هئي. ماني به عذابن سان کائي سگهندو هوم، نماز به سڌي نموني نه پڙهي سگهندو هوم.
    ريوٽ ڪري ڪرائين تي ڦٽ ٿي پيا. جن جا نشان اڃان بيٺا آهن. جيلرن کي سپرنٽينڊنٽ کي گهڻو ئي چيم، پر ڪو به ريوٽ لاهڻ لاءِ تيار نه هو. نيٺ هڪ ڏينهن جيلن جو آءِ جي آيو. هن جو نالو زيڊ زيڊ احمد هو. پهرين کولي منهنجي هئي. جڏهن هو منهنجي کوليءَ جي سامهون آيو ته مان چيو: ”هڪ عرض ڪرڻو آهي.“ هن چيو ”چئو“. مان چيومانس ”هي ريوٽ کولائي، ماکي ڏاڍي تڪليف آ. مان نماز به نٿو پڙهي سگهان“.
    انهن ڏينهن ۾ ٿيندو ائين هو ته جيڪو بند وارڊ ۾ هوندو هو يا خطرناڪ قيدي هوندو هو. انهيءَ جا سمورا اعمال ۽ حرڪتون لکيل صورت ۾ کوليءَ جي ٻاهران ڀت تي ٽنگيل هوندا هئا. آءِ جيءَ منهنجا سمورا اعمال پڙهيا ۽ پوءِ چيائين ”نه نه، مان تنهنجي ريوٽ لهريان، مان ائين نٿو ڪري سگهان. ماکي ايتري طاقت ڪانهي مان اها ريوٽ کولڻ جو آرڊر نٿو ڏئي سگهان“.
    ۽ پوءِ اڳيان وڌي ويو. ماکي باهه وٺي وئي. منهنجي رڳ ٿڙي وئي. مان وٺي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. او تنهنجي جوءِ کي.... او تنهنجي ڌيءَ کي .... تنهنجي ته ما کي.... گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنم. سپرنٽينڊٽ، ڊپٽي جيلر، صوبيدار، پوليس وارا سڀئي هجن. ڪن ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيا. ڪي آهستي مرڪڻ لڳا. ڪي ماٺ ڪيو بيٺا هئا. منهنجي گار جي رَئي پي پئي. نيٺ آءِ جي رڙ ڪري چيو ”هن کي چئو بڪ بند ڪري. مان اچان ٿو. هن جي ڳالهه ٻڌان ٿو“. صوبيدار ڊوڙندو آيو چيائين: ”ميرا ميرا ماٺ ڪر، صاحب اچي ٿو. هو تنهنجي ڳالهه ٻڌندو. تون خالي ماٺ ڪر“.
    مان ماٺ ڪئي. آءِ جي سڀني کولين جو چڪر ڏئي، مان وٽ آيو. چيائين: ”هاڻي چئو، ڇا ٿو چئين“. مان ڏاڍي ڍرائي ورتي. مسڪين صورت بڻائي چيم ”سائين مان اوهان کي عرض ڪيو هو. پر اوهان منهنجو عرض نه مڃيو، ريوٽ جي ڪري ماکي ڏاڍي تڪليف آ. مان نماز به ڏاڍي مشڪل سان پڙهي ٿو سگهان. ڀلا ٻڌايو ته مان ڪنهن کي دانهن ڏيان. اوهين ابا آهيو، ته سائين به آهيو. مان اوهان جو ٻچو آهيان. ڀلا ڪنهن کي دانهن ڏيان. ڀلا اوهان ئي انڪار ڪيو ته پوءِ ڀلا ڪير منهنجي ڳالهه ٻڌندو.“ آءِ جي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ سپرنٽينڊنٽ کي چيائين: ”ڏسو هنجي چال چلت ٺيڪ هجي ته هن جي ريوٽ کولي ڇڏيو“.
    آءِ جي ويو هليو. اهو سومر جو ڏينهن هجي. هفتي کانپوءِ ٻئي سومر تي سپرنٽينڊٽ آيو. ماکان اچي پڇيائين. ”ميرا ڪو ڪم ڪار، ڪا تڪليف اٿئي“؟ ماکي خار ته ڏاڍا لڳا ڇاڪاڻ ته کيس سڄي ڄاڻ هئي. پر چيومانس : ”نه صاحب ڪو به ڪم ڪار ڪونهي. نه ئي ڪا تڪليف اٿم. سپرنٽينڊٽ ٿوري دير ترسيو ۽ پوءِ هليو ويو. پوري هفتي کانپوءِ وري آيو ۽ اچي پڇيائين: ”ميرا ڪو ڪم ڪار، ڪا تڪليف اٿم“. مان کيس ڏٺو ”صاحب ڪو ڪم ڪار ڪونهي. نه ئي ڪا تڪليف اٿم.“ سپرنٽينڊنٽ ڪجهه در ترسي ماکي چيو: ”تو آءِ جيءَ کي ريوٽ لهرائڻ لاءِ چيو هو. هاڻ چئين ٿو ڪو ڪم ڪونهي، ڪا تڪليف ڪانهي“. چيومانس: ”مان آءِ جي صاحب کي عرض ڪيو هو. هن اوهان کي چيو، پر اوهين نٿا لاهيو. هاڻ مان منٿ نه ڪندس“. سپرنٽينڊٽ کليو ۽ چيائين: ”وڏو بدمعاش آن“. پوءِ ڊپٽي (سپرنٽينڊٽ) کي چيائين: ”هن جي ريوٽ لاهي ڇڏيو“.
    پوءِ ماکي لوهر وٽ وٺي ويا. جنهن ريوٽ جي ڪلي ڪڍي ۽ انهيءَ عذاب مان منهنجي جند ڇٽي. مان ڪاري چڪر واري ڊبل جي کوليءَ ۾ رهيل هوم. کوليءَ کي سڄو ڏينهن تالو لڳل هوندو هو ۽ ورانڊي واري در کي به. هڪڙي منٽ لاءِ به ماکي کوليءَ کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏيندا هئا. صبح جو جڏهن ڀنگي ايندو هو ته به اڳ ۾ ماکي هڪ ٻانهن ۾ هٿڪڙي هڻندا هئا ۽ هٿڪڙيءَ جو ٻيو سرو لوهي در جي سيخ ۾ هڻي. پوءِ ڀنگيءَ لاءِ در کوليندا هئا. مان سڄو ڏينهن کوليءَ ۾ بند پيو هوندو هوم. کوليءَ مان آسمان به مس ڏسڻ ۾ ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ هتي هڪ جمعدار (جيل پوليس جو) جي ڊيوٽي هوندي هئي. هنجو نالو سعدو هو. اهو ڀيڻسان رهزن هو. مان تي نظر پوندي هئي ته رت ٽمندو هوس. جڏهن به ماکي ليٽيل ڏسندو هو ته در ٻاهران ٻيهي چوندو هو: ”هماري ساٿي ڪو مار ڊالا، اب حرامزادا ڪئسي آرام سي سويا پڙا هي“. مان کيس ڪيترا دفعا جهليو مانس ته: ”گار نه ڏي“، پر هو نه مڙيو. هن کي پنهنجي ساٿي پوليس واري (ناري جيل وارو پوليس وارو) جي مرڻ تي ڏاڍا خار هئا. ٻئي پاسي ماکي به هن تي خار بيٺا هئا. ڇاڪاڻ ته جنهن وقت ماکي ستل ڏسندو هو. لوهي سيخن تي ڏنڊو هڻي چوندو هو. ”اٺ سالي هماري ساٿي ڪو مارڪر خود آرام ڪي نيند سوتا هي“.
    انهيءَ ڏينهن ۾ ڊبل تي جنهن سپاهيءَ جي ڊيوٽي هئي. مان هڪ ڏينهن هن کي چيو: ”سعدي جمعدار ماکي ڏاڍو بيزار ڪيو آ، جنهن وقت اچي ٿو ماکي گاريون ٿو ڏي. مان موت جي سزا کان يا ويهه سال جي سزا کان ڪونه ٿو ڊڄان. پر هنن ڪمبخت جي گارين کان بيزار آهيان. ناري جيل ۾ جهڳڙو به گارين تان ٿيو هو. مان ڪنڌ ته ڪپائي سگهان ٿو پر مان کان گار برداشت نه ٿيندي“.
    پوليس واري ماکي چيو: ”تون سچ ٿو چئين هن کان سڀئي بيزار آهن. هيءُ وڏو حرامي آ، پر مان ڇا ڪريان. مان لاچار آهيان.“ مان کيس چيو ”ٺيڪ آ، تون منهنجي مدد نٿو ڪري ته نه ڪر. مان اڳ ئي مئو پيو آن. پر ياد رک جڏهن به ماکي وجهه لڳو، مان تنهنجو به سر غرق ڪندم“. هن کي اچي پنهنجي سر جو ڊپ لڳو. هن ماکي چيو : ”تون ترس جڏهن به ماکي وجهه لڳو مان تنهنجي مدد ڪندم.“
    هڪ ڏينهن هن پوليس واري ماکي چيو: ”اڄ مان تالو ڪنڍي ۾ ڪونه هڻندم. ڪڙو مٿان هوندو. ٻاهر واري کي يڪدم خبر نه پوندي. پوءِ چئي ڇڏيندس ته نه ڄاڻ ڪنهن کان ڀل ٿي. ڇاڪاڻ ته چاٻيون جمعدار وٽ رهنديون آهن“. ڀنگي آيو ۽ صفائي ڪري هليو ويو. جوابدار ڪڙي کي ڇڏي فقط ڪنڍي ۾ تالو لڳائي هليو ويو. سعدو جمعدار مٿي رائونڊ ڪرڻ آيو. مان هنجو ڳالهاءُ ٻڌو ته مٿي چڙهي پيو. دروازو ته اڳ ۾ ئي بند هو. مان ليٽي پيس. دل ۾ چيم: ”اڄ توسان ٻه پاڻي آهن“. سعدو اندر آيو. ٻين کولين وٽان لنگهي، جڏهن منهنجي کوليءَ جي سامهون آيو ته در تي پير رکي گار ڏنائين ”مان ڪا.... ڦدي ڪ، ادهر قتل ڪرڪي آيا هي، جهڳڙا ڪرڪي آيا هي، اب سويا پڙا هي“. مان ڪنڌ مٿي ڪري کيس چيومانس جمعدار ”آپ هم ڪو ڪيون گالي ديتي هو؟ هم ني آپڪا ڪيا گناهه ڪيا هي“. هن ماکي چيو ”چپ ڪر، هم تمهاري... نه ڦاڙي“. مان دل ۾ سوچيم: ”اڄ توسان ملاکڙو آ، پر تون ٿورو اڳتي وڃ ته توکي منهنجي خبر پوي ٿي“.
    پوءِ سعدو جعمدار اتان مٽي اڳتي ويو، چار کوليون جڏهن اڳتي مٽي ويو، انهيءَ لائين ۾ ٽيهه کوليون آهن. يعني هيٺ مٿي سٺ کولين جو آ. جڏهن سعدو چار کوليون مٽي ويو ته مان اٿيم. ڏنڊا ٻيڙي ماکي لڳل هئي. مان اها ڇڪي قابو ڪئي ۽ آهستي سان دروازو کولي ٻاهر نڪتم. کڙڪي تي سعدي مڙي پوئتي ڏٺو، سعدي جي جڏهن مان تي نظر پئي ته وات ڦاٽي پيس. چيائين؛ ”هان يه ڪيا هئا“. ۽ مان هڪل ڪئي مانس. ”يهي رهه تنهنجي ماءُ کي.... گهڻا ڏينهن تو گاريون ڏنيون آهن“. هڪل جو ڏنم ته هو ويچارو پنهنجي ليکي ڪري پيو. هن جي هٿ ۾ جيڪو ڏنڊو هو. سو ڇڏائي ويس. مان وڃي اهو ڏنڊو کنيو. روز هو ماکي گاريون ڏيندو هو. مان سندس ئي ڏنڊي سان بيهجي ويو مانس. مٿي جي ڪيپري ڀڃي ڇڏيمانس. جڏهن مک (ميڄالو) نڪري پيس. پوءِ ڇڏيو مانس. هن جي رڙين تي سڀني کي خبر پئجي وئي. ماڙِيءَ تي الارم ٿيو. جيل سڄو بند ٿي ويو. مان سڀئي مٽ ۽ ڪونڊا ڏاڪڻ جي در وٽ رکي، ڏنڊو هٿ ۾ جهلي بيهي رهيم چيم: ”خبردار جو ڪو مٿي اچي. ماکي اڄ موت کنيو بيٺو آ“.
    سپرنٽينڊٽ هادي بخش، جيلر عثمان خان سورهياڻي اچي ويا، مقدم ۽ پوليس وارا ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳا ته مان هڪل ڪري چيم: ”چڙهو مٿي ته اوهان کي خبر پوي.“ اهي ڊپ ۾ هيٺ ڀڄي ويا. هن مانکي چيو: ”بابا قرآن مان کڻي ٿو اچان. تون وڃي بند ٿي. اسين توسان وڙهنداسين ڪونه (جيل وارا ڪونه ماريندا)، قانوني ڪاروائي ٿيندي تون دلجاءِ رک“.
    پوءِ جڏهن مانکي قرآن شريف ڏيکاريائون ته مان دل ۾ چيو ته: ”هاڻي منهنجو سر وڃي ته ڀلي وڃي.“ پوءِ مان چپ ڪري، انهيءَ ساڳي کوليءَ ۾اندر وڃي ويهي رهيم. جيل وارن کوليءَ کي ٻاهران تالو ڏئي ڇڏيو. سعدي جمعدار کي کڻائي ويا. پوءِ ٻڌڻ ۾ اهو آيو ته هن جو دماغ خراب ٿي ويو هو. کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. منهنجي دل ٺري پئي، منهنجو بدلو ٿي ويو.
    عثمان علي سورهياڻي جيلر ماکي چيو هيو ته جيل وارا توسان نه وڙهندا. قانوني ڪاروائي ٿيندي. سو ائين ئي ٿيو. جيل وارا مان سان ڪونه وڙهيا. نه ته شل نه جيل ۾ ڪو قيدي اهڙي حرڪت ڪري. جيل وارا هنجون ٽنگون ٻانهون ماري ماري اصل ڀڃي ڇڏيندا هئا. پر مان سان نه وڙهيا. البت جيل جي قانوني ڪاروائي ڪيائيون.
    واحد بخش شيخ رهزن سپرنٽينڊٽ هو، کيس ڊپ لڳو ته متان ڪيس ڪورٽ ۾ موڪلڻ سان هو پاڻ نه ڦاسي پوي ته تنهنجي جيل ۾ غفلت سان ڪم ورتو ويو آ، تنهنجي ڪري هن ماکي جيل جي قانوني سزا ڏني. جيڪڏهن مانکي نٿو ڏي ته قيدين تي خراب اثر پوندو. ٻيا قيدي اهو سمجهندا ته شايد سپرنٽينڊنٽ هڪ قيديءَ کان ڊڄي ويو.
    انهيءَ واقعي جي ٻئي ٽئي ڏهاڙي سپرنٽينڊنٽ رائونڊ تي آيو. جڏهن مان وٽ پهتو ته منهنجو ڪتاب (جيل ۾ هر قيديءَ جو هڪ ننڍڙو رجسٽر هوندو آهي، جنهن ۾ هنجي سزا، سزا جي نوعيت، گرفتاري جي تاريخ، معافي، ڇٽڻ جي تاريخ لکيل هوندي آهي.) گهرايائين ۽ لکيائين ته هن کي پندرنهن ڦٽڪا هنيا وڃن پر جنهن وقت هو لکي پيو. مان ڏسان پيو ته سندس هٿ ڏڪيو پي، ڇاڪاڻ ته ماکان ڊنو پي، هن کي ڊپ هو ته متان مان وري گوڙ نه ڪيان.
    جڏهن هن مانکي ٻڌايو ته: ”مان توکي پندرنهن ڦٽڪن جي سزا ڏني آ“ ته ماکي جوش اچي ويو. ڪاوڙ چڙهي وئي مان چيم: ”بس ايتري سزا“، اها حقيقت آ، ماکي واقعي ڪاوڙ لڳي ته هن ماکي سزا گهٽ ڇو ڏني. جوانيءَ جو جوش هجي. سوچيان پيو ته ماڻهو چوندا ته فقط پندرنهن ڦٽڪا کاڌائين. بهادر ته اهي جيڪي ٽيهه ٽيهه ڦٽڪا کائيندا آهن
    سپرنٽينڊنٽ حيران ٿي ماکي ڏسڻ لڳو. هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي. هو سمجهي پيو ته مان انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙيل آن ته ماکي سزا ڇو ڏني اٿس. مان کيس چيو: ”مان ڀاڙيو نه آن جو تو ماکي گهٽ سزا ڏني آ. گهٽ سزا ڪمزور يا بيمار کي ڏبي آ. مان جوان آن. تنهنجي هٿ ۾ جيڪا وڌ ۾ وڌ سزا آ. سا ماکي ڏي. مان اها خوشيءَ سان منظور ٿو ڪيان.“ سپرنٽنڊنٽ منهنجي ڊپ ۾ پندرنهن ڦٽڪا لکيا هئا. پر مان جو پڻ چيومانس ته هن وڌ ۾ وڌ سزا ڏني. جيڪا هن جي هٿ ۾ هئي. يعني ٽيهه ڦٽڪا.
    ماکي ٽيهه ڦٽڪا لڳا. سڀني جي سامهون. پر مجال آ جو منهنجي واتان اُف نڪتي. ڦٽڪا کائي پهرين کان به وڌيڪ کڙائيءَ سان اٿي بيٺس. هيڏانهن هوڏانهن سڀني تي نظر وڌم ۽ وڏي فخر سان ڪنڌ مٿي ڪري وڏا وڏا قدم کڻندو پنهنجي کوليءَ ۾ موٽي آيم. پٺا چچرجي پيا هئا. ميڊيڪل (ميڊيڪل آفيسر) گهڻو ئي چيو ته اسپتال هل پر اسپتال نه ويم. اسپتال وڃڻ پنهنجي بيعزتي سمجهيم.
    انهيءَ واقعي کانپوءِ ڪافي وقت تائين ماکي کوليءَ ۾ بند رکندا هئا. پر سختي گهٽائي وئي. کوليءَ مان ڪجهه وقت لاءِ نڪرڻ به ڏيندا هئا ۽ جيئن جيئن جيل وارن کي اهو يقين ٿيندو ويو ته مان هاڻ تنگ نه ڪندم ته هنن به مان سان نرمي ڪرڻ شروع ڪئي. جيئن جيئن جيل وارن مان سان نرمي شروع ڪئي. تيئن تيئن مان ڍرائي اختيار ڪئي.
    هادي بخش شيخ سپرنٽينڊنٽ شڪارپور جو هو. انهيءَ لاءِ ٻڌايو اٿم ته رهزن سپرنٽينڊنٽ هو. هرڀرو به قيدين سان وڙهندو هو. هڪ دفعي پنجاب کان هڪ قيدي آيو. سپرنٽينڊينٽ بي گناهه هن کي ڪٽايو. سپرنٽينڊنٽ جڏهن مان ڏانهن آيو ته مان کيس ڏاڍي نرميءَ سان چيو : ”صاحب تو هن پنجابيءَ سان ناجائزي ڪئي آ. هنجو ڪو به ڏوهه ڪونه هو“. سپرينٽينڊنٽ تپي باهه ٿي ويو. ماکي چيائين ”تون ڪير ٿيندو آن ماکي چوڻ وارو“. مان به ڪاوڙ ۾ چيم: ”تون ناجائزي ڪندين ته مان ضرور چوندم“.
    سپرنٽينڊنٽ مان کان لهرائندو هو. پر انهيءَ وقت سخت ڪاوڙ ۾ هو. ماکي گار ڏئي ڪڍيائين. گار تي اڳ ئي جهيڙا ٿي چڪا هئا. مان کيس چيم: ”ماءُ جا ... ماکي گار ٿو ڏين“. هن جيل عملي کي حڪم ڏنو ته: ”ٻڌو هن کي.“ جيل وارن يڪدم کڻي ماکي ٻڌو. هادي بخش سپرنٽيٽينڊنٽ منهنجي ڪتاب ۾ ٽيهن ڦٽڪن جي سزا لکي ۽ انهيءَ وقت ماکي ٽيهه ڦٽڪا هڻي اسپيشل وارڊ ۾ بند ڪري ڇڏيائون.
    اسپيشل وارڊ هڪ وڏو وارڊ آ، هن جا ٽي حصا آهن. هڪ حصي ۾ هڪ باريڪ (بئرڪ) آ، ٻئي حصي ۾هڪ وڏي کولي آ، ۽ ٽئين حصي ۾ ٻه ننڍيون کوليون آهن. اهو حصو باقي جيل کان صفا ڪٽيل آ. ماکي انهن مان هڪ کوليءَ ۾ بند ڪيائون.
    ٻئي ڏهاڙي جيلن جو وزير ڄام غلام قادر، لسٻيلي وارو، جيل جي رائونڊ تي آيو. قيدين جو معائنو پي ڪيائين ته ٻن پنجاب مان آيل قيدين قاسم شاه ۽ سندس هنڊي وال (هنڊي وال : جيل ۾ جيڪي روز ماني گڏ کائيندا آهن) همٿ ڪري ڄام غلام قادر وٽ فرياد ڪئي ته ”هادي بخش سپرنٽينڊنٽ پنجاب مان آيل هڪ قيديءَ کي بي گناهه ڪٽايو آ. جڏهن ميري نالي قيديءَ انهيءَ تي احتجاج ڪيو ته هن سپرنٽينڊنٽ کيس به ٽيهه ڦٽڪا هنيا. هاڻ خبر ناهي هو غريب ڪٿي زخمي حالت ۾ پيو آ .يا هن کي ماري سندس لاش گم ڪري ڇڏيو اٿن. اوهان داد ڪريو“.
    غلام قادر، سپرنٽنڊنٽ کان پڇيو. سپرنٽينڊنٽ صفا الي ويو چيائين: ”اهڙي ڪا ڳالهه ٿي ئي ڪانهي، نڪو ميري نالي قيدي هن جيل ۾ آ.“ ڄام رائونڊ ڪري واپس وري ويو. قيدي ڏاڍا مايوس ٿيا ته ڄام هنن جي فرياد تي داد نه ڪيو. پر حقيقت اها هئي ته ڄام کي سپرنٽينڊنٽ جي ڳالهه تي اعتبار ڪو نه آيو هو.
    ڄام جي ويندي ئي سپرنٽينڊنٽ جيل ۾ موٽي آيو ۽ هنن ٻنهين قيدين کي جن ڄام وٽ فرياد ڪيو هو. ٽيهه ٽيهه ڦٽڪا هڻايا.
    ڄام ڪراچي هليو ويو. پر ٻئي ڏينهن اوچتو موٽي آيو. اڃان سج به نه نڪتو هو. هڪڙي جيلر کانسواءِ جيل جو ڪو آفيسر به جيل تي ڪونه پهتو هو جو ڄام غلام قادر جيل تي پهچي ويو ۽ سنڌو جيل ۾ اندر هليو آيو ۽ اچي وڏي بورچي (بورچي خاني) وٽ پهتو. بورچيءَ ۾ هڪ پنجابي بورچي ڪم ڪندو هو. امداد نالو هوس. هن ڄام کي چيو: ”ڪلهه اوهان وٽ ٻن قيدين فرياد ڪيو پر اوهان هنن جو داد نه ڪيو. سپرنٽينڊنٽ ميري کي ته ڪٽايو. پر ڪلهه هنن ٻن کي به ٽيهه ٽيهه ڦٽڪا هڻايا آهن. اوهان وزير ٿي ڪري به فرياد نٿا ٻڌو، پوءِ اسين ڪنهن وٽ فرياد ڪريون“. ڄام چيس: ”فرياد نه ٻڌڻي هجين ها، داد نه ڪرڻو هجيم ها ته اڄ وري ڇو اچان ها. هاڻ تون ماکي ٻڌاءِ ته ميرو آهي ڪاٿي“. هن قيديءَ ٻڌايس ته: ”ڪلهه جڏهن اوهين آيا هئا ته ميري کي اسپيشل وارڊ جي هڪ کوليءَ ۾ رکيو هئائون. پر هو زخمي آ ڪافي، ميڊيڪل کيس کڻائي ويو آ، هن وقت ميرو اسپتال جي ڊبل ماڙيءَ تي آ“. ڄام غلام قادر کيس چيو: ”هل هلي ماکي ڏيکار ته ميرو ڪاٿي آ“. هن قيديءَ ڄام کي سڌو آڻي منهنجي سامهون بيهاريو، ڄام ماکان پڇيو. ”مان کيس سڄي حقيقيت ٻڌائي ۽ جيل ۾ ڇا پيو وهي واپري اهو به ٻڌايو مانس“.
    ڄام غلام قادر ڇا ڪيو جو يڪدم تيرهن نمبر (جيل وارن جي ڪا شڪايت هوندي آهي يا سزا ڏيڻي هوندي آهي ته اها جيل جي قانون 13 ۾ لکبي آهي) ۾ نوٽ هنيو ته سپرنٽينڊنٽ ڦٽڪن جي سزا لکي. آءِ جي جيل کي موڪلي. پوءِ آءِ جي جانچ ڪرائي. آءِ جي جيڪڏهن ڦٽڪن هڻڻ جي اجازت ڏي ته ڦٽڪا لڳايا وڃن، نه ته سپرنٽينڊنٽ کي اهو اختيار نه هوندو جو هو پنهنجي مرضيءَ سان ڦٽڪا هڻي. ڄام غلام قادر، هادي بخش کي نوڪريءَ مان پيو ڪڍي. پر مير رسول بخش ٽالپور وچ ۾ پئجي هادي بخش کي بچايو، پر ڄام هادي بخش جي جيل تان يڪدم بدلي ڪري ڇڏي.
    ماکي سٺ ڦٽڪا ته رڳو هادي بخش شيخ هڻائي ڇڏيا. وري الاهي بخش شيخ سپرنٽينڊنٽ ٿي آيو. انهن ڏينهن ۾ رحيم هنڱورو (سنڌ جو هڪ ناميارو ڌاڙيل هو) به حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ هو. هن تي ڏاڍي سختي هئي. ڦاسي گهاٽ ۾ هو. مان هن سان لڪي ڇپي ٻه ٽي دفعا مليو هوم. جڏهن رحيم هنڱوري جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. (ڪامياب ڪونه ٿيو) ته جيل ۾ سختي ڪيائون. جيڪي به ڏنگا قيدي هئا. هنن سڀني کي بند وارڊ ۾ موڪليائون. ماکي بند ڪرڻ لڳا ته مان الاهي بخش شيخ کي چيو ”ماکي بند نه ڪر. مان نه ڪا حرڪت ڪئي آ نه ڪندم“. الاهي بخش شيخ ماکي چيو ”سڀ قيدي ماءُ جا... آهن. تون وري ڪهڙو چڱو آن“. ماکي چوچڙي وٺي وئي. وڃي ڪنڌ ۾ هٿ وڌومانس. جيل عملي ماکي جهلي ورتو ۽ ماکي ٽيهه ڦٽڪا هنيائون. هڪ دفعي وري ڪنهن سپرنٽينڊنٽ ماکي گار ڏني هئي ۽ مان به کيس اٿلائي گار ڏني، ڳالهه ته خبر نه ڪهڙي ٿي هئي، هينئر يادگيرو نه اٿم. بهرحال هن به ماکي ٽيهه ڦٽڪن جي سزا ڏني. اڄ به جيل ۾ منهنجي ڪتاب تي ڏسندا ته هڪ سئو ويهه ڦٽڪا لکيل نظر ايندا. گهٽ قيدي اهڙي هوندا جن هڪ سو ويهه ڦٽڪا کاڌا هوندا.
    آهستي آهستي مان تان وري سختي گهٽايائون ۽ مان به نرمي اختيار ڪئي. منهنجو وقت هاڻ چڱو گذرڻ لڳو. ماکان ڪو ڪم نه وٺندا هئا ۽ ماکي اجازت هئي ته جيل ۾ جاڏي وڻي مان وڃي ٿي سگهيس. هڪڙي ڏيهاڙي مان اڇي چڪر ويس. اوڏهون ڦري اچي ڦڪٽر (فئڪٽري) ۾ ويس. اتي جو انچارج هڪ پٺاڻ سپاهي هو. اڇي ڦيڪٽري ۾ درزي به آ. مان انهيءَ وٽ پئي ويم. مان جڏهن اتي ويم ته پٺاڻ سپاهيءَ ڪاوڙ ۾ ماکي چيو: ”تون هتي ڇو آيو آن. تنهنجو هتي ڪهڙو ڪم آ. هتان وڃ، نه ته سڌو ڪندوسائين“. مان هن کي چيو: ”بابا، ماکي ڪوئي نٿو جهلي. تون ڇوٿو جهلين.“ هن ماکي چيو ”جائو ورنا تمهاري..... ڦاڙ دونگا“. ماڻهو جاڏئون ڪاڏئون ٻڌن پيا. ماکي ڪاوڙ چڙهي وئي. اتي ڦڪيٽريءَ ۾ رول هلائنيدا آهن. جيڪي ڪپڙن جو تاڃو ڪڍندا آهن. انهيءَ جو هڪڙو ڏنڊو پيو هو. اهو سٽ ڏئي مان وڃي کنيو. کڻندي ئي ٺڪاءُ ڪرايومانس ڪنڌ ۾. هو وڃي ڦهڪو ڪري پٽ تي ڪريو. ٺڪاءُ ڪرايومانس ٻيو ڏنڊو ڄنگهه ۾، ڄنگهه ٽڪرا ٿي پيس. هو اتي ئي غش ٿي ويو.
    جيل وارن سيٽيون هنيون. گوڙ مچي ويو. شور پئجي ويو. پريان جمعدا بيٺو هو. هڪل ڏنم جمعدار کي ”خبردار ڏسين ٿو تنهنجي سپاهي مان سان ناجائز حرڪت ڪئي آ. منهنجي بيعزتي ڪئي ٿئين. سپرنٽينڊنٽ به منهنجي بيعزتي نه ڪندو آ. هن ٽڪي جي پوليس واري ماکي گاريون ڏنيون آهن.“ جمعدار ماکي ڏٺو پي. ٻڌو پي. پر نه ويجهو آيو نه ڪجهه ڪڇيو. ٻيا پوليس وارا به پهچي ويا. پر منهنجي ويجهو ڪو به نه پيو اچي. منهنجي هٿ ۾ ڏنڊو هو. سڀئي پريان پريان بيٺا هجن. اڇي ڦڪيٽريءَ ۾ جيڪي قيدي هئا سي به اچي مڙيا. هنن ماکي سمجهائي منهنجي ڪاوڙ ڍري ڪئي. پوءِ وڃي ماکي بند ڪيائون. سپاهيءَ کي سول (اسپتال) کڻائي ويا. مهيني کانپوءِ ٺيڪ ٿي آيو، ڄنگهه ٺهي ته وئي، پر منڊڪائي هلندو هو، ڄڻ ردي ٿي ويو.
    سپرنٽينڊنٽ مان تي جيل ۾ ڪا سختي نه ڪئي. هن ماکان به پڇيو. ٻين کان به پڇائين. سڀني ٻڌايو ته ڏوهه پوليس واري جو هو. تنهن تي سپرنٽينڊنٽ منهنجو ڪيس ڪورٽ ۾ اماڻي ڇڏيو. ڪيس ساڳي ڪورٽ، يعني گهلو صاحب جي ڪورٽ ۾ هليو. جنهن ڪورٽ ۾ اڳ ۾ ناري جي سپاهيءَ وارو ڪيس هليو هيو. انهيءَ ڪيس ۾ ماکي نوَ مهينا سزا لڳي، منهنجي جيل جي سموري معافي به ڪاٽي سُڪي سزا ڪري ڇڏيائون.


    جيل بدلي

    جيل وارا اچي، مان مان ڦاٿا هئا. مان تي سختي بلڪل نه پي ڪري سگهيا. ٿوري ٿي سختيءَ ڪيائون ته مان ٿي مڇرجي پيس. نه ٿي ڪيائون ته ٻين قيدين تي خراب اثر ٿي پيو. نيٺ جڏهن منهنجو اهو ڪيس هلي پورو ٿيو ۽ ماکي نو مهينا سزا لڳي ته جيل وارن منهنجي بدلي ديرا اسماعيل خان جي جيل ۾ ڪري ڇڏي.
    جڏهن ديري اسماعيل خان وٺي پي ويا ته ماکي هٿن ۾ هٿڪڙيون، ٽنگن ۾ ڏنڊا ٻيڙي لڳل هئي. مان سان گڏ هڪ صوبيدار، ٻه جمعدار ۽ چار سپاهي هئا. مان سان هميشه ايترو گهاٽ (گارڊ) هوندو هو، جڏهن به منهنجي بدلي هڪ جيل کان ٻئي جيل ۾ ٿيندي هئي.
    ديرا اسماعيل خان ريل ۾ وٺي پي ويا. هٿڪڙي ڏنڊا ٻيڙي ۽ ايتري پوليس. سڀ ڪو پيو ماکي ڏسي. سمجهن پيا ته خطرناڪ قيدي آ. تنهنڪري ئي ايڏي حفاظت سان وٺيو پيا وڃن. ڪي مسافر ته اچيو مان واري گهاٽ کان پڇيو به پئي ويا. منهنجو ڪنڌ فخر ۾ مٿي کڄيل هو. ايڏو گهاٽ ته ڪنهن وزير سان به نه هوندو آ.
    ديرا اسماعيل خان جي جيل پهتم. هتي جي جيل ۾ ۽ هُتي جي جيل ۾ رات ڏينهن جو فرق هو. ماکي هتي جو جيل دوزخ پئي لڳو ۽ ديرا اسماعيل خان وارو جيل هتي جي جيل جي ڀيٽ ۾ جنت هو. وڏو فرق هو هتي جي جيل ۽ هتي جي جيل ۾، رات ڏينهن جو فرق هو. اتي جي جيل جي آفيسرن منهنجي ايتري عزت ڪئي هئي جو مان تعريف نٿو ڪري سگهان. ڪم ته مان کان ڪو به ڪونه وٺندا هئا. ڇاڪاڻ ته منهنجو رڪاٽ (رڪارڊ) خراب هو. هو ڇڙو اهو چوندا هئا ته خدا ڪري هن سان گڏ وقت خير سان گذري. اتي مان کليل هوم. بلڪل آزاد هوم. اتي ماکي کوليءَ ۾ بند به نه ڪندا هئا.
    جڏن اسين ديرا اسماعيل خان جي جيل تي پهتاسين ته اهو شام جو ٽائم هو انهي وقت جيل جي ماڙيءَ (جيل جي آفيس. جيڪا جيل جي ڦاٽڪ وٽ هوندي آهي. ڪنهن جيل ۾ جيڪڏهن ماڙي نه به هجي، ته به جيل اصطلاح ۾ چوندا ماڙي آهن) تي ڊپٽي (سپرنٽينڊنٽ) هو. اتي ڊپٽيءَ کي داروغو چون. انهيءَ ڊپٽي جو نالو حميد الله هو. ماکي ۽ مان سان گڏ آيل گهاٽ کي ڏسي ڊپٽي ٽوڪ منجهه چيو ”يه ڪون سي ڦدو حڪومت هي، ڪي ايڪ قيدي کي ساٿ پوري گهاٽ آئي هي. اتني گهاٽ تو گورنر يا صدر ڪي ساٿ هوتي هي.“ مان سان آيل صوبيدار چيس ”داروغا صاحب، حڪومت ڦدو نهين هي. يه قيدي ايسا هي. اگر يه قيدي آپڪي جيل ۾ بگڙ گيا تو يه جيل الٽا هوگا. حڪومت ني اپني گانڊڪا.
    اپني گانڊ ڪا پورا زور لگايا هي. مگر يه قيدي اسڪي قبضي ۾ نه آيا. يه ايڪ زبردست قيدي هي عام قيدي نهين هي“.
    اهو ٻڌي انهيءَ ڊپٽي يعني داروغي صوبيدار کان منهنجا ڪاغذ ورتا. انهن ڪاغذن ۾ سموري لکپڙهه هوندي آ ته: ”هي قيدي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ٿيو آ. جيل ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڏوهه ڪيا. جيل جي ڏوهن ۾ ڪهڙيون سزائون آيس. معافي ڇو ڪٽجي وئي“. جڏهن ڊپٽي منهنجا ڪاغذ پڙهيا ته اصل مان کان ڏهه قدم پوئتي هٽي ويو. مان کان ڀئو ٿيڻ لڳس. مان واري صوبيدار چيس: ”اب ڪرو اس سي بات.“ ڊپٽي چيو: ”مجهي ضروري ڪام سي جانا هي.“ پر گيٽ جمعدار کي چيائين: ”اس سنڌي ڪي اڇي طرح تلاشي لو اور اندر بهيجو“.
    گيٽ جمعدار پٺاڻ هو. ماکي چيائين: ”جوان سنڌي ... ڪيا هي آپ ڪي پاس؟“ مان هن سان ڪوڙ نه هنيو سچ ٻڌايو مانس. چيم: ”هماري پاس سڀ ڪجهه هي.“ چيائين ”بدمعاشي ڀي هي؟“ چيم: ”بدمعاشي ڀي (يعني پٽ (بليڊ) جيل ۾ پٽ رکڻ ڏوهه آهي)“. پڇيائين: ”پئسي ڀي هين.“ جواب ڏنم: ”هان پئسي ڀي هئين. هر چيز هي ميري پاس.“ گيٽ جمعدار به جوان هو. ماکي چيائين ”جوان جو ڀي تمهاري پاس هي لي جائو. هم تمهاري ڪو هاٿ ڀي نهي لگائي گا. اپني ڊبي (دٻا جيل ۾ سي ڪلاس جا قيدي پنهنجو سامان ٽين جي دٻن ۾ رکن) اٺا ڪر اندر چلي جائو“.
    جڏهن جيل ۾ اندر ويم ۽ جيل ڏٺم. ته ماکي حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڀيٽ ۾ اهو جيل هڪ ڦدو جيل لڳو. پر يڪدم محسوس ڪري ورتم ته جيل ٿڌو آ. يعني قيدين تي سختي ڪانهي. اتي منهنجا ڪيترائي سڃاتا قيدي هئا. هي قيدي اهي هئا جيڪي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رهي ويا هئا. هنن ڪو اڳ ۾ سڄي جيل ۾ منهنجي تعريف ڪئي هئي ته: ”حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ فقط اهو ئي هڪ جوان هو“. هنن قيدين منهنجي ايڏي خدمت ڪئي جو مان ٻڌاءِ نٿو سگهان. مانيون، گوشت، حلوا اصل ڍير اچي منهنجي اڳيان رکيائون.
    اتي جي قيدين ماکي ٻڌايو ته هتي جو سپرنٽينڊنٽ پٺاڻ آ ۽ نالو اٿس نصير خان. زبردست ماڻهو آ ۽ ڏنگو به ڏاڍو آ. وڏي ڏاڙهي اٿس مولوي آ.
    جنهن ڏينهن مان جيل پهتو هوم انهيءَ جي ٻئي ڏينهن سپرنٽينڊنت وٽ منهنجو ملاحضو (جڏهن به جيل ۾ ڪو نئون قيدي ايندو آهي يا ٻئي جيل مان بدلي ٿي ايندو آهي ته هن کي سپرينٽينڊنٽ جي اڳيان پيش ڪيو ويندو آهي. انهيءَ کي ملاحضو چئبو آهي) ٿيو. ماکي سڀني قيدين اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته سپرنٽينڊنٽ ڏاڍو ڏنگو آ، پر مان دل ۾ اڳ ئي فيصلو ڪري ورتو هوم ته جيڪڏهن مان سان ٽر مڙ ڪيائين ته مان اتي ئي ليٽائيندومانس. مان هن جي آڏو نوڙت سان پيش ايندم، يا هيٺيائين وٺندم، هرگز نه. اهو مان کان ڪونه ٿيندو.
    مان پاڻ کي صحيح معنيٰ ۾ وڙهڻ لاءِ بلڪل تيار ڪري ورتو. ماکان اڳ اتئون جا چار قيدي پيش ٿيا. پنجون نمبر منهنجو آيو. سپرنٽينڊنٽ منهنجو ڪتاب هٿ ۾ کنيو ۽ پورو ڪتاب ور ور ڏيئي پڙهيائين. ڪلاڪ لڳي ويس منهنجو ڪتاب پڙهڻ ۾. ڪڏهن هڪڙو پنو پيو ورائي، ڪڏهن ٻيو. نيٺ ڪتاب رکي ڪنڌ مٿي ڪيائين. ڪيتري دير ماکي غور سان ڏسندو رهيو. پوءِ ماکان پڇيائين ”آپ ني يه ڪام ڪيئي هين؟
    مان چيم ”هان مين ني ڪئيي هين.“ سپرنٽينڊنٽ پنج منٽ کن چپ رهيو. پوءِ چيائين ”اب ڪيار اراده هي؟“ جواب ڏنومانس ”وه ميري بس مين نهين. وه آپ ڪي بس مين هي.“ پڇيائين: ”وه ڪيسي؟“ مان چيم ”اگر آپ چاهتي هو ڪي مين آرام ڪرون، تو مين آرام ڪرون گا. اگر آپ ني هماري ساٿ ڇيڙ ڇاڙ ڪي تو هم ڀي تيار هي“.
    منهنجي ڀرسان شير زمان جيلر بيٺو هو، مان جو سپرنٽينڊنٽ کي اهو جواب ڏنو ته هن مانکي اچي ڀاڪر پاتو ۽ سپرنٽينڊنٽ کي چيائين ”صاحب بهادر، اس سنڌي ڪا ضامن مين هون. مين جانون يا يه سنڌي. آپ بلڪل فڪر نه ڪرو. آپ اسڪي جوالان (ڏنڊا ٻيڙي) اترادو.“ سپرنٽينڊنٽ چيو ”ٺيڪ هي“ ۽ پوءِ هي آرڊر ڏنو ته ”هن جي ڏنڊا ٻيڙي ڪڍو“.
    شير زمان جيلر انهيءَ وقت ئي منهنجي ڏنڊا ٻيڙي لهرائي ۽ ماکي ٻانهن کان وٺي آيو. ٻه قيدي ماکي آڻي ڏنائين ۽ (اڙدو ۾) چيائين ”هي تنهنجو هر ڪم ڪندا. بورچيءَ مان ماني آڻڻ، اسپتال کان کير مکڻ بيدا آڻڻ، ڪپڙا ڌوئڻ. مطلب ته تون هتي آرام سان ويٺو هج. هي توکي سڀ ڪجهه هتي آڻي پهچائيندا. تنهنجو هر ڪم ڪندا. هي تنهنجا خدمت گار آهن. هيءُ سڄو جيل جاڏي به توکي وڻي تون وڃ. هڪ زنانو گهاٽ ۽ ٻيو ڦاسي گهاٽ، انهيءَ پاسي نه وڃجان. باقي جنهن پاسي وڻي وڃجان. توکي ڪو به نه روڪيندو. نه ئي توکان پڇندو“.
    انهيءَ جيل ۾ مان اڍائي سال رهيم. جيترا سال جيلن ۾ رهيو آن اهي اڍائي سال سڀ کان چڱا گذريا. انهيءَ جيل ۾ ماکي ڪنهن به تنگ نه ڪيو ۽ نه ئي مان ڪا شرارت ڪئي. جيل وارن جو ماسان تمام سٺو ورتاءُ رهيو. اڃا به هڪ دفعي مان شرارت ڪئي ماکي به کائي کائي اچي چرٻي چڙهي. ٿيو ائين جو هر سومر تي اتي ڪٽ پريڊ (هر قيدي پنهنجو هنڌ ۽ ٽين جو دٻو ڪڍي ٻاهر رکندو آهي ۽ انهيءَ جي سامهون سڀئي قيدي لائين ۾ بيهندا آهن. ۽ هرهڪ جي هٿ ۾ سندن ڪتاب (جيل جا ڪاغذ) هوندو آهي.) لڳندي هئي اتي قائدي ۾ بيهڻو پوندو هو اصل ٽينشن (اٽينشن). ڪنڌ به لوڏڻ جي اجازت نه هئي. ڪلاڪ ڏيڍ اتي بيهڻو پوندو هو. ماکي ائين بيهڻ ڏکيو لڳندو هو. مان سوچيو: مان هنن جي تابعداري ڪريان ٿو. اها تابعداري ڇو ڪريان. مان نه ڪندم اها تابعداري. منهنجي ڦرڪي ڦري وئي.
    سپرنٽينڊنٽ پريڊ جو معانو ڪرڻ آيو هو. هر هڪ قيديءَ کي ڏسندو سندس ڪتاب پڙهندو جڏهن ماکان چئن ماڻهن جيترو پري هيو ته مان ڪنڌ ٽيڙهو ڪري پاسو ڏئي بيهي رهيم. اتي صاحب ماکي هڪل ڪئي ”او سنڌي سيڌا کڙا هو تم ٽيڙها هو.“ مان جواب ڏنو ”مين ٽيڙها نهين هون، سيڌا هون.“ سپرنٽينڊنٽ صاحب کي غصو اچي ويو پريڊ اڌ ۾ ڇڏي سڌو ماڙيءَ تي هليو ويو.
    اتي هڪڙا قيدي هوندا هئا. هنن کي شين پوش ڪري چوندا هئا. جيل ۾ اهڙا پنجاهه سٺ هئا. هنن وٽ ڏهن پندرنهن فوٽن جون لٺيون هونديون هيون. هنن جو اهو ڪم هو ته جيل ۾ ڪو جهڳڙو ڪندو هو ته اهي هن کي ماريندا هئا. جڏهن مان سپرنٽينڊنٽ کي ابا سبتا جواب ڏنا هئا انهيءَ وقت اهي شين پوش بيٺا هئا. پر اهي مان سان وڙهيا ڪونه. ڇاڪاڻ ته هنن کي ڪنهن وڙهڻ جو آرڊر ڪونه ڏنو هو. مان دل ۾ سوچيو هو ته ڀلي هي مان سان وڙهن، ڏيندم مان منهن. پوءِ جيڪو ٿيندو اهو ڏٺو ويندو. پر اهي مان سان وڙهيائي ڪونه.
    پوءِ ماکي عام قيدين ۽ مقدمن چيو سنڌي اڄ تنهنجو پتو پوندو. مان چيو ٺيڪ آ مان تيار آهيان.
    ڪجهه دير کانپوءِ سپرنٽينڊنٽ صاحب مان وٽ صوبيدار ۽ چار شين پوش موڪليا ته سنڌيءَ کي وٺي اچو. ماکي ڪاوڙ هئي جوش هجي ڏاڍو. سپرنٽينڊنٽ جي آفيس جي ٻاهران ماکي بيهاريائون. پندرهن کن منٽ اتي بيهڻو پيو. جڏهن ماکي اندر وٺي ويا، صاحب لکپڙهه پي ڪئي. منهنجي اندر اچڻ تي صاحب ڪنڌ کڻي ماکي ڏٺو. ماکي منهن ۾ شور هو مان وڙهڻ لاءِ اصل تيار بيٺو هوم. هو ماکي ڏسي سمجهي ويو. ماکي چيائين ”بابا يه بينچ پڙي هي تم اس پر بيٺو. سنڌي سائين تم اس پر بيٺو“.
    انهيءَ وقت ماکي ايڏو شرم آيو جو زمين ماکي جاءِ ڏي ته مان زمين ۾ گهڙي وڃان. مان هن جي ڪيڏي بيعزتي ڪئي ۽ هن مان سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو.
    جڏهن مان ٿڌو ٿيس ته سپرنٽينڊنٽ ماکي چيو ”سنڌي سائين آپ ني دو هزار قيديون ڪي سامني هماري بيعزتي ڪي هي.“ مان هن کي چيو ”سائين آپ ني پهلي ميري ڪو ڊانٽا ٿا“. صاحب ماکي چيو ”اڇا ڇوڙو اس بات ڪو. رهني دو. آپ پريڊ ۾ کڙي ڪيون هوئي؟“ مان چيم ”سائين صوبيدار ني هم ڪو آرڊر ديا ٿا.“ صاحب انهيءَ وقت گهنٽي هڻي صوبيدار کي سڏايو. صوبيدار آيو تنهن کي چيائين ”بهن ڪا ... تم سنڌي کي پريڊ ڪيون لگاتا هي.“ صوبيدار ويچارو ٿڙڪي پيو. هن کي آرڊر هوندو هو. پر پوءِ زور جي اڳيان زاري آ. صوبيدار ماٺ ۾ رهيو. ڇا چوي. ٻه ٽي گاريون ٻيون به کاڌائين. پوءِ مان چيم: ”سائين يه صوبيدار هي. اگر اس سي غلطي هوگئي هي تو اس ڪو معاف ڪرو“. صاحب چيو: ”اڇا سائين مين اسي معاف ڪرتا هون“. پوءِ صوبيدار کي معافي ڏنائين. مان ته سڀ ڪجهه سمجهيو پي ته صوبيدار جي ڪهڙي حيثيت آ جو هو پنهنجي مرضي ڪم آڻي. پوءِ صاحب صوبيدار کي چيو: ”اس ڪي ڪوئي پريڊ مت لگائو“ ۽ ماکي چيائين: ”آپ ڪو ڪوئي تڪليف هو، ڪوئي ڪام هو، آپ سيڌي ميري پاس چلي آئو. داروغا ڪي پاس جائو. شير زمان ڪي پاس جائو. جهان جانا چاهتي هو جائو. ڦانسي گهاٽ جانا چاهتي هو تو ادر ڀي جائو. ڪوئي آپ ڪو نهين روڪي گا. سنڌي سائين آپ آرام ڪرو.“ مان اتي هٿ ٻڌامانس ۽ چيم: ”سائين ميري سي غلطي هو گئي هي. وه معاف ڪرو.“ کلي چيائين ”معاف هي. معاف هي. معاف هي“.
    مان اتائون هليو آيس. پر محسوس ڪيم ته غلطي مهنجي هئي.
    سزا جا پويان اڍائي سال انهيءَ جيل ۾ پورا ڪري، انهيءَ جيل مان آزاد ٿي گهر پهتم.


    ڀُٽي صاحب جي ڪمدار سان جهيڙو

    اسين وري امير آباد ۾ اچي رهيا هئاسين. اسان جي پاسي جناب ذولفقار علي ڀٽي جن جون زمينون آهن. ذولفقار ڀٽي صاحب جو انهن زمينن تي قادر بخش ڪمدار هو. قادر بخش جي مان سان نه پوندي هئي ۽ اسان ٻنهي ۾ تڪرار پيو هلندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڀٽو صاحب، صدر ايوب خان جو (پرڏيهي) وزير هو. اسين سندس تر جا ماڻهو هئاسين. سو چڱيءَ ريت سڃاڻندو هو. هڪ دفعي ذولفقار علي ڀٽي صاحب جيڪماباد آيو. سرڪٽ هائوس ۾ کليل ڪچهري پئي ڪيائين. ڪچهريءَ ۾ آفيسر ۽ عملدار به هئا ۽ عام ماڻهو به. منهنجو مامو به هتي هو. ڀٽي صاحب جي نظر هن تي پئي ته اتان ئي سڏ ڪيائين: ”نهال هيڏي آ.“ مامو ويجهو ويو ته، ڀٽي صاحب چيو: ”نهال ميري وري ڪارو منهن ڪيو“. مامي حيران ٿي پڇيو: ”سائين ڇا ڪيائين“. ڀٽي صاحب چيو: ”چار خون ڪري روپوش ٿي ويو آهي“. منهنجي مامي چيو: ”سائين اها ڳالهه بنهه ڪوڙ آهي. ميرو ته پنهجي ڳوٺ آ. هن خون ڪونه ڪيو آ. نه ئي ڪو اهڙو فرياد داخل ٿيو آ. ايس پي ۽ پوليس جو ٻيو عملو هتي موجود آ. اوهين هنن کان پڇي سگهو ٿا؟“ ڀٽي صاحب چيو: ”پر مان وٽ اهڙي درخواست پهتي آ.“ مامي چيو : ”سائين اهو نسورو ڪوڙ آ“. ڀٽوصاحب ڪجهه دير تائين سوچ ۾ ٻڏي ويو، پوءِ چيائين: ”چڱو مان ڏسان ٿو“.
    منهنجي مامي انهيءَ مهل پنهنجي پٽ کي مان وٽ موڪليو ته جلدي هتي پهچ. منهنجو ماروٽ سانجهيءَ جو مان وٽ پهتو ۽ ساري حقيقت حال ماکي ٻڌايائين. ڳالهه ٻڌي منهنجا تاڪ لڳي ويا. مان فجر جو اٿيم ۽ سج نڪرڻ کان اڳ مامي وٽ جيڪماباد پهچي ويم. پوءِ ٻئي گڏجي ڀٽي صاحب وٽ سرڪٽ هائوس وياسين. ڀٽو صاحب مليو. مان کيس چيو: ”سائين مان تي اها تهمت آ. مان ڪوبه خون نه ڪيو آ.“ ڀٽي صاحب وري ساڳي ڳالهه ڪئي ته: ”مان وٽ درخواست پهتي آ“. مان ڀٽي صاحب کان پڇيو ته: ”سائين اها درخواست ڪنهن ڪئي آ.“ ڀٽي صاحب نالو ٻڌايو ته مان سمجهي ويم. مان ڀٽي صاحب کي چيو: ”سائين اها اوهان جي ڪمدار قادر بخش جا ڪم آهن. هن جي مان سان نه پوندي آ. اها درخواست ڪوڙي آ“. ڀٽي صاحب ماکي چيو: ”درخواست ڪوڙي آ ته تون فڪر نه ڪر.“ مان چيم: ”سائين درخواست ته ڪوڙي آ، پر مان هاڻ اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته جهيڙو هاڻ ضرور ٿيندو.“ ڀٽي صاحب ماکي چيو: ”ڳالهه هتي ئي ختم ڪر“.
    مان اتان موٽي آيم. ڀٽو صاحب به موٽي ويو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ انهن ساڳين همراهن مان تي وري هڪڙو ڪوڙو ڪيس ڪيو. ٽائر چورائڻ جو. صوبيدار مان وٽ آيو چيائين: ”توتي فرياد داخل ڪيو اٿن. جيتوڻيڪ ماکي خبر آ ته اهو ڪوڙو فرياد آ. مان انسپيڪٽر کي به چوندس ته فرياد ڪوڙو آ. پر تون انسپيڪٽر وٽ هل. مان انسپيڪٽر کي به چوندس ته فرياد برابر ڪوڙو آ پر مان مجبور آهيان فرياد بهرحال لکرايو اٿن ۽اهو به ڀٽي صاحب جي ڪمدار لکرايو آ. تون راولپنڊي وڃ ۽ وڃي ڀٽي صاحب سان مل“.
    مان راولپنڊي ويم پر ڀٽو صاحب عيد ڪرڻ ڳوٺ هليو ويو هو. سندن همشيره تنهن وقت حيات هئي. ساڻس مليم. کين سڄي حقيقت ٻڌايم. هن ماکي چٺي ڏني ۽ خرچ پکي لاءِ سئو رپيا به ڏنا ۽ چيائين: ”ادا ڳوٺ ويل آ. تون وڃي هن سان ڳوٺ مل“.
    مان سڌو جيڪماباد پهتم ۽ پنهنجي ڳوٺ وڃڻ جي بدران هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ عيد نماز پڙهي ڀٽي صاحب جي ڳوٺ پهتم، ڀٽي صاحب جي گهر ٻاهران ٻيا به ماڻهو ويٺا هئا. مان به وڃي ويهي رهيم. ڪجهه دير کانپوءِ ڀٽو صاحب نڪتو ۽ سڌي مان تي نظر پيس. ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. چيائين: ”اڙي هن دفعي ڪارو منهن ڪري ماڳهين منهنجي چوري ڪئي ٿئي“. مان جواب ڏنو: ”سائين مان تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو آ. مان اڳ ۾ ئي اوهان کي ٻڌايو هو ته اهي منهنجا دشمن آهن. هنن اڳ ۾ به اوهان وٽ منهنجي خلاف ڪوڙي درخواست ڪئي هئي. منهنجو اهو وڙ ئي ڪونهي جو مان ٽائر چوري ڪريان. سي به اوهان جا“. ڀٽي صاحب ماکي چيو: ”چڱو تون جيڪماباد پهچ ات اچي مان سان ملجان“.
    مان جيڪماباد پهتم، جڏهن ڀٽو صاحب آيو ته مان سرڪٽ هائوس ويم. هتي پوليس آفيسر، ٻيا اعلي عملدار امير ڪبير ويٺا هئا. مير جعفر خان جمالي به ويٺو هو. جن همراهن مان تي ڪوڙو فرياد ڪيو هو سي آيا هئا. ڀٽي صاحب هنن کان چوريءَ جي بابت پڇيو. اهي هڪ ته اڳئي منهنجا دشمن هئا. ٻيو منهنجي خلاف فرياد به لکرايو هئائون. هنن قرآن تي هٿ رکي ڪوڙ ڳالهايو ته ”ميري ٽائر چورايا آهن“. جعفر خان جماليءَ ڀٽي صاحب کي چيو: ”سائين ميرو ٽائر نه چورائيندو. انهيءَ جي ساک مان به ڏيان ٿو. مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان“. پر مخالف ڌر ڪم پڪو ڪيو هو. اهي پاڻ سان ڪوڙا شاهد به وٺي آيا هئا. هنن قسم کڻي ڀٽي صاحب کي چيو: ”اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو هو ته ميرو ٽائر ڪڍي بيل گاڏيءَ ۾ رکائي کڻي پي ويو. پر اسين ڊپ ۾ ڪڇي ڪونه سگهياسون“. ڀٽي صاحب مانکي چيو: ”هاڻي چوري کڻي مڃ.“ مان چيو ”ڪوڙ ڪيئن مڃان. مان نه مڃيندم“. ڀٽو صاحب ڪاوڙجي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ ماکي گهٽ وڌ ڳالهايائين. مان به پنهنجي زبان روڪي ڪونه سگهيم. ٻه ٽي ابتا سبتا جواب منهنجي واتان نڪري ويا. جعفر خان جماليءَ اٿي منهنجي وات تي هٿ ڏنو. ڀٽي صاحب ڪاوڙ ۾ ايس پي کي چيو ”اڙي ٻڌوس هنکي“.
    ماکي ٻڌي جيڪماباد جي لاڪ اپ ۾ هيائون. ڪيس هليو ۽ ماکي انهيءَ ڪوڙي ڪيس ۾ نون مهينن جي سزا لڳي. ماکي سينٽرل جيل سکر اماڻيائون. پٺيان منهنجي ڀائرن سيشن ۾ ڪيس ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سيشن ماکي ضمانت تي آزاد ڪيو. آزاد ٿي آيم ته مائٽن کي چيم: ”هاڻ جهيڙو ٿيندو. مان سکر مان ٽي لوڊنگون ڪيون ۽ سڌو ڳوٺ پهتم، گهر جو سامان کڻي اچي ٿرپارڪر ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڦورڙي ۾ وڃي رهيم. اهو ڳوٺ ٿرپاڪر ضلعي جي ڇيڙي تي آهي. اڳيان خيرپور ضلي جي حد شروع ٿئي ٿي.
    مان فيصلو ڪري ورتو هو ته ڀٽي صاحب جي ڪمدار قادر بخش ۽ سندس ساٿي بهادر کان بدلو ضرور وٺبو. هنن منهنجي بيعزتي ڪئي آ ۽ ڀٽي صاحب سان ويڙهائيو آ. ماکي ڀٽي صاحب جي ڪاوڙجي پوڻ جو ڏاڍو ڏک هو. مان پنهنجي دوستن يارن کي ڪٺو ڪيو. ڪل يارنهن همراهه هئا. مان هنن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي صلاح ورتي. سڀني ماکي چيو ته : ”بدلو بلڪل وٺبو.“ مان ڪمدار کي هڪ خط لکيو:
    ”اوهانکي پنهنجو جيڪو بندوبست ڪرڻو هجي.
    سو ڪريو، مان ٽين ڏيهاڙي توهان جو مهمان
    آهيان. پوءِ اهو نه چئجو ته ميري اسان کي اڳواٽ
    اطلاع نه ڏنو.“
    منهنجو هڪڙو دوست اها چٺي هنن تائين پهچائي موٽي آيو. چٺي پهچڻ جي ٽين ڏيهاڙي جنهن ڏينهن مان کين لکيو هيو ته اينداسين. اسين رات جي پوئين پهر اميرآباد جي اوڀارين پاسي ميل ڏيڍ اوري تائين پهچي وياسين. اتي پهچي ترسي پياسين. فجر جو وقت ٿيو ته مان تلاءِ مان وضو ڪيو ۽ نماز پڙهڻ لڳس. نماز پڙهي دعا پي گهريم ته اسان جي قوم جو ڇوڪرو عثمان جيڪو امير آباد ۾ رهندو هو اهو اچي اتان لنگهيو. ماکي ڏٺائين ته سڃاتائين. هن ماکان پڇيو ”چاچا هنن همراهن کي وٺي ڪاڏي پيو وڃين؟“ مان هن کي ٻڌايو: ”مان هي ماڻهو قادر بخش ۽ بهادر تي حملو ڪرڻ واسطي وٺي آيو آن. هنن منهنجي بيعزتي ڪئي آ ۽ ماکي هتان لڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو اٿن“. ڇوڪري ماکي چيو ”چاچا ڪلهه شام جو پوليس جي ٽرڪ ڀرجي آئي آ. سموري پوليس ڪوٽ جي اندر موجود آ. تون به پنهنجا همراهه وٺي آيو آن. اهو ته وڏو جهيڙو ٿيندو“. مان اڃان دعا پي گهري ۽ ڇوڪري جي ڳالهه پي ٻڌم. منهنجي ساٿين جو پوليس جي ڳالهه ٻڌي ته جوش ۾ نعرو هنيائون. قادر قلندر مست ۽ وٺي امير آباد ڏانهن ڀڳا ته پوليس سان مقابلو ڪريون. مان به دعا اتي ئي پوري ڪري هنن جي ڪڍ وٺي ڀڳس. جڏهن ڳوٺ جي نزديڪ پهتاسين ته ڏينهن ٿي ويو هو. سڄي ڳوٺ ۾ لڙ پئجي ويو. ميرو اچي ويو ساٿين سان.
    جنهن ڪوٽ جي ڇوڪري ڳالهه ڪئي هئي، اهو ڪوٽ ذولفقار علي ڀٽي صاحب جو هو. پوليس انهيءَ جي اندر ويٺي هئي. اسان ڇا ڪيو جو ڪوٽ جو دروازو جهلي ورتوسين ۽ هوائي فائر ڪياسين. پوليس دل جهلي نه سگهي ۽ وٺي ڀڳي. پر دروازا ته اسين جهلي بيٺا هئاسين. تنهن ڪري هنن ڇا ڪيو جو ڀتين تي ڪاٺيون رکي ڀڄڻ شروع ڪيو. منهنجي همراهن مان هڪڙي هڪ پوليس واري کي ڪاٺيءَ تان چڙهندي ڏسي ورتو ۽ بندوق اڀي ڪري فائر ٿي ڪيائين ته مان ڏسي ورتو. ڊوڙي وڃي سندس بندوق ۾ هٿ وڌم ۽ کيس فائر ڪرڻ کان روڪيم. اهو پوليس وارو منهنجو دوست هو.
    ڪوٽ ڀٽي صاحب جو هيو ۽ اسان ڀٽي صاحب جي ڪنهن شيءَ کي هٿ ڪونه لاتو. ڇاڪاڻ ته مان ڀٽي جو نمڪ کاڌو هو. باقي ڪمدار جو جيڪو ڪجهه اسان کي نظر آيو اهو کنيو. بنا ليسڻ (لائيسنس) جي بندوقون هيون سي اهي به کنيوسين. مطلب ته هنن جي ڪا شيءِ ڪونه ڇڏيسين. موچڙا به ڏاڍا هنياسين. اگهاڙو ڪري هنن کي گيسيون ڪرايونسي ۽ پوءِ مان قادر بخش کي چيو: ”جيڪڏهن سڀاڻي هيءُ ڳوٺ ڇڏي نه وئين، هتي هوندي ته، مان ٻئي ڏهاڙي توکي اچي اُڦٽ ماري ويندم. تون جيڪا شرارت ڪئي اها توکي ڦٻندي ڪونه. يڪدم اهو ڳوٺ ڇڏي هليو وڃ.“
    اسين هنن کان بدلو وٺي اچي لاريءَ ۾ چڙهياسين، لاريءَ ۾ اها پوليس ۽ صوبيدار به چڙهيل هو. جيڪي اسان سان مقابلي لاءِ آيا هئا. مان کين ڌمڪي ڏئي چيومانس: ”وڃي انسپيڪٽر کي چئي ڇڏ. جيڪڏهن اسان تي فرياد لکيائين ته ٻئي ڏينهن اسين سندس ٿاڻي تي هونداسين“. صوبيدار وڃي انسپيڪٽرکي ٻڌايو. انسپيڪٽر اسان جي خلاف فرياد ئي داخل نه ڪئي.
    ٻئي پاسي قادر بخش ڪمدار ٻئي ڏينهن ڳوٺ ڇڏي سڌو نئين ديري هليو ويو ۽ اتان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتو. جتي ذولفقار علي ڀٽي جو وڏو ڀاءُ سڪندر علي ڀٽو رهندو هو. هن کي وڃي چيائين: ”سائين ڪالهه رات ميري يارنهن ماڻهن سان اچي مان تي حملو ڪيوٿس. اسان جي تمام گهڻي بيعزتي ڪئي اٿس ۽ چيوٿس ته؛ جيڪي اوهانجا بابا آهن وڃي انهن کي دانهن ڏيو. هنن کي جيڪي ڪرڻو اٿن ڀلي ڪن. حالانڪه حقيقت اها آهي ته مان ائين چيو ئي ڪونه هو. نه ئي مان ڀٽي صاحب وارن جي خلاف هڪ اکر به ڳالهايو هو. مان اهڙو نالائق ڪيئن ٿي سگهيس ٿي ته جنهن جو نمڪ پيٽ ۾ هجي. ان جي خلاف ڳالهايان“.
    قادر بخش سڪندر علي ڀٽي کي اهو به چيو ته: ”ميري اهو به چيو آ ته، ذولفقار علي تو (خارجا) وزير آن ته، مان به بادشاهه آهيان. مان توکي نوڪريءَ مان ڪڍان ٿو. وڃي پنهنجي بابن کي سلام ڏي. جيڪڏهن سڀاڻي تون هتي رهندين ته مان فقط هڪڙو ڪارتوس خرچ ڪندم. تنهنجو لاش رت ۾ ڳاڙهو ٿيو پيو هوندو. سو مان ڊپ کان ڀڄي آيو آن. هاڻ تون جيڪو حڪم ڪرين“.
    سڪندر علي ڀٽي هن کي چيو: ”ڀيڻ جا .... ملڪ منهنجو آ. زمينون اسان جون آهن. ميري جون ڪونه آهن. تون ميري جي چوڻ تي زمين ڇڏي ٽپڙ کڻي اچي مان وٽ پهتو آن. تون اتان ڀڄي آيو آن. تون بزدل آن. تون انهيءَ قابل نه آهين جو توکي رکجي. تون جاڏي وڻئي تاڏي وڃ. تنهنجي نوڪري مان وٽ ڪانهي“.
    قادر بخش ۽ بهادر منهنجا دشمن هئا. مان تي ڪوڙا الزام هڻي ماکي ذولفقار علي ڀٽي صاحب جي نگاهن ۾ ڪيراين. ناحق جيل ۾ اماڻيائون. مان هنن کان بدلو ورتو. سڪندر علي ڀٽي کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو. منهنجي دل جو مطلب پورو ٿيو.


    ٻانهن تان جهيڙو

    ذولفقار علي ڀٽي صاحب جي ڪمدار قادر بخش کان بدلو وٺي. اسين موٽي آياسين. مان وارا همراهه پنهنجي پنهنجي ڳوٺ هليا ويا. مان پنهنجي نئين ڳوٺ ڦورڙي موٽي آيم. اتي مان پنهنجو نالو مير محمد مان مٽائي، گونث بخش (غوث بخش) ڪيو هيو ۽ ذات به بهڻ سڏائڻ لڳس.
    لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تعلقي شهدادڪوٽ ۾ٽي ڀائر هئا. نالا هئن پوپٽ، پرين ۽ ٽين جو نالو رانجهو. اهي ذات جا سيال هئا. انهن جي پيءُ جو نالو هو پيرو. اسان جا هنن سان پراڻا تعلقات هئا. پر پوءِ هنن اسان جي لانگاهه قوم سان هڪڙي ناجائزي ڪئي. پرين اسان جي قوم وارن جي هڪ ٻانهن کڻي ويو. ان تي اسان جي قوم جا چڱا مڙس مان وٽ آيا. هنن ماکي اچي ستايو: ”سيالن اسان سان ناجائزي ڪئي آ. تون اسان جو پلاند ڪر. هنن کان اسان جو بدلو وٺ. هي عزت جي ڳالهه آ. هو لانگاهه قوم جي ڇوڪري کڻي ويا آهن. سيال اسان جو نڪ وڍي ويا آهن. تون پاڻ به انهيءَ قوم جو آهين اسان جي مدد ڪر“.
    ماکي احساس ٿيو. قوم جو به لحاظ ٿيو. پر مان سوچيو ته اڳ ۾ سيالن سان ڳالهائجي. جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ۾ ئي اچي ٻانهن موٽائي ڏين ته جهيڙو ڇو ڪجي. اهو سوچي مان سيالن وٽ هلي ويم ۽ پرينءَ جي پيءُ پيروءَ سان ملي کيس چيم: ”تنهنجي پٽ پرينءَ اسان جي قوم سان ناجائزي ڪئي آ. اسان جي ٻانهن کڻي آيو آ. تون هن کي سمجهائي ۽ اها ٻانهن واپس ڪرائي ڏي. نه ته اهو جهيڙو وڌندو ۽ وڏو نقصان ٿيندو“.
    سيال قوم جي شهدادڪوٽ ۾ وڏي حيثيت هئي ۽ اهي وڏا طاقتور هئا. انهيءَ پاسي کوسا، چانڊيا ۽ مستوئي به زبردست قومون هيون. پر انهن سڀني کان سيالن جي طاقت وڌيڪ هئي. انهيءَ غرور ڪري پيرو ماکي جواب ڏنو ته: ”منهنجي پٽ اهو ڏوهه ڪيو ئي ڪونهي. تون اسان تي ڏوهه ناجائز ٿو مڙهين“. مان کيس گهڻو ئي سمجهايو پر هن ۽ پرينءَ ڏوهه باسيو ئي ڪونه. ماکي ڪاوڙ اچي وئي. مان کين چيم: ”ٺيڪ آ، اوهان کي جيڪو وڻي ڀلي ڪريو. پر ياد رکجو مان چوٿين يا پنجين ڏينهن توهان تي حملو ڪري ايندم. جو ڪجهه ماکي ڪرڻو پيو. مان ڪندم. توهان هوشيار ٿجو. متان پوءِ اوهان کي حسرت نه رهجي وڃي ته اوهان کي اڳ ۾ ڄاڻ نه هئي“.
    مان ڳوٺ موٽي آيم ۽ پنهنجي قوم وارن کي ٻڌايم ته: ”هيءَ ڳالهه آ. مان هنن کي اها ڌمڪي ڏئي آيو آن ته چئن پنجن ڏينهن ۾ مان توهان تي حملو ڪندم“. قوم وارن منهنجي انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪيو. پوءِ مان ست ماڻهو کنيا، اٺون مان پاڻ هوم. اسان اٺ رائفلون کنيوسين ۽ نڪري پياسين. ٺيڪ پنجين ڏينهن وڃي سيالن تي ڪڙڪاسين. مان هنن کي چيو: ”خبردار هاڻي مڙس ٿجو متان پوءِ ارمان ٿئي. مان اڳئي ئي اوهان کي اطلاع ڪري ويو آن“.
    جنهن وقت اسين هنن جي ڳوٺ پهتاسين. انهيءَ وقت شام جو سج اڃا بيٺو هو. اڌ ڪلاڪ کن سج لهڻ ۾ هو. سخت سيارو هو. جنهن کي اسين سياري جو چاليهو چوندا آهيون. اهي ڏينهن هجن. اسان نعرا هنيا ۽ هوائي فائر ڪيا ته ڀلي هو چڱيءَ طرح هوشيار ٿين. اتي هنن سيالن جا پنج اٺ گهر هئا. اسان جي هڪلن ۽ فائرنگ تي اهي هوشيار ٿيا. پر اسان تيزيءَ سان حملو ڪري، هنن تي ڪنٽرول ڪري ورتو. اسان انهيءَ مائيءَ کي ڳوليو جيڪا سيال کڻي ويا هئا. پر اها اتي ڪونه هئي. اسان کي پتو پيو ته سيالن هن مائيءَ کي ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ رکيو آ. اسان سيالن جي مردن کي ڏاڍي مار ڪڍي ۽ هنن کي نچايو. نچائڻ جو مقصد کين بيعزت ڪرڻ هو.
    اسان کي خبر هئي ته پرينءَ جي ڀاءُ رانجهو جي زال تمام سهڻي آ، تنهن ڪري اسان رانجهوءَ کي چيوسي ته: ”تون پنهنجي زال آڻي اسان کي ڏي. توهان اسان جي ٻانهن کڻي ويا آهيو، اها انهيءَ جي عيوضي ۾ اسين کڻي وينداسين“. رانجهوءَ اسان جي ڳالهه ٻڌي پر چُريو ئي ڪونه. مان رائفل جي نالي رانجهوءَ ڏانهن ڪندي چيو: ”رانجهو جيڪڏهن تو سڌيءَ طرح پنهنجي زال اسان جي حوالي نه ڪئي ته ماکي گولي هلائڻي پوندي.“ لاچار هو ويو ۽ پنهنجي زال آڻي اسان جي اڳيان بيهاري.
    رانجهوءَ جي زال شهزادي هئي. اسان سيالن کي چيو ”اسين هن وقت توهان سان جهڙي به حالت ڪرڻ چاهيون ڪري سگهون ٿا. پر مانکي شرم ٿو اچي ته مان اوهان جي ٻانهن کنيو پيو وڃان. پر مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته مان هن نينگريءَ کي اهڙي حفاظت سان رکندم. جهڙي منهنجي نياڻي.“ هنن جي منهن تي مان هن ڇوڪريءَ جو مٿو چميو ۽ چيم: ”توهان بي غيرت ٿيا. مان نه ٿيندم. ڳالهه فقط ايتري آ ته اوهان پنجين ڏينهن اسان جي ٻانهن واپس ڪري ڇڏيو ته مان اوهان جي ٻانهن واپس ڪري ڏيندم“.
    سيالن ماکي ڏاڍا ايلاز ڪيا. زاريون ڪيون. ماکي ڏاڍو ستايو ته ”ٻانهن ڇڏي وڃ. اسين اوهانجي ٻانهن واپس ڪنداسين.“ پر مان سندن ڳالهه نه مڃيم. چيم: ”نه ٻانهن ڇڏي نه ويندم. کڻي ضرور ويندم“.
    اسان هنن جي گاڏي وٺي انهيءَ ۾ ڏاند جوٽرائي مائيءَ کي انهيءَ ۾ ويهاري روانا ٿي وياسين. چويهه ميل پري منهنجو هڪڙو دوست هيو اسان هن وٽ پهتاسين ۽ رات اتي رهياسين. سياري جي موسم هئي سخت سيءَ هجي. اسين اٺ ماڻهو هئاسين. نائين ٻانهن هئي. هو غريب هو. هن وٽ ايترا ٽپڙ نه هئا جو هو هر هڪ کي الڳ ڏي. تنهن ڪري ٻه ٻه ماڻهو ٿي ستا. هن زائفان لاءِ به الڳ هنڌ نه ملي سگهيو. نيٺ ماکي پاڻ سان گڏ اها زائفان سمهارڻي پئي. هڪڙي کٽ هئي، هڪڙي سوڙ ٻنهي جي مٿان هئي. پر مان اهڙي ريت زائفان سان ستم جو سڄي رات منهنجي جان جسم هن سان نه لڳي، نه ئي هن جي جان مان سان لڳي.
    مان اصل کان نمازي آهيان. صبح جو جڏهن مان وضو ڪري نماز پڙهڻ لاءِ اٿي بيٺم. منهنجا ٻيا ساٿي به اتي ستل هئا. اهي ماکي عجب ۾ ڏسڻ لڳا. پوءِ هنن مان هڪ ماکي چيو: ”هي ڇا؟ تو ڌاڙي ۾ ٻانهن کنئين آ. هيءَ ٻانهن اسان جي ٻانهن جي عيوض ۾ آ. هي آڍرا (اڙهن) سالن جي نوجوان شهزادي آ. تون سڄي رات هن سان گڏ ستو آهين ۽ هن مهل وضو ڪري نماز ٿو پڙهين. انهيءَ جو ڇا مطلب؟“
    مان پنهنجي ساٿين کي چيو: ”ڏسو زالون ته ڪنهن کي نه چونديون آهن ته اوهين ڪنهن سان وڙهو يا برو ڪيو. هن زائفان جو به ڏوهه ڪونهي جيڪو به ڏوهه آهي سو هن جي ڏيرن يا هن جي مڙس جو آ. هيءَ بيگناهه آ. هيءَ منهنجي نياڻي آ. جنهن نظر سان مان هن کي ڏسان ٿو اوهان کي به انهيءَ نظر سان هن کي ڏسڻو پوندو“.
    اهو سارو ڏينهن اتي ڀڃي (گذاري) پوءِ ٻئي ڏهاڙي تي اتئون منزل ڪري وري چوويهن ڪوهن تي ٻئي هنڌ ترسياسين. اهي منهنجا دوست هئا اتي به مان زائفان کي ساڳي حفاظت سان رکيو. مان اها زائفان هنن دوستن وٽ امانت رکي ۽ هنن کي چيو ته ”هيءَ ٻانهن اوهين پاڻ وٽ رکو. جڏهن سيال اسان جي ٻانهن موٽائين ته اوهان به هيءَ ٻانهن کين موٽائجو“.
    پوءِ مان هنن دوستن کان موڪلايو. جن وٽ زائفان کي ڇڏيم هوم ۽ جيڪي همراهه مان سان ساڻ هليا هئا. هنن کي به چيم ته پاڻ هتائون ڌار ٿا ٿيون. ماکي ٿرپارڪر وڃڻو آ. مان هنن کان موڪلائي سکر آيم. اتي هڪ دوست وٽ رهيم. رات هن وٽ رهي صبح جو ڇهين وڳي جيڪا ريل سکر جي ٽيشڻ تان هلندي آ، انهيءَ جي ٽڪيٽ وٺي انٽر ڪلاس ۾ چڙهيم ۽ مٿي واري سيٽ تي ليٽي پيم. مان وٽ غلابي (گلابي) رنگ جي لوئي هئي. اها مان مٿان وجهي ڇڏي.
    اتي ٽيشڻ تي منهنجو دشمن بيٺو هو. اهو دشمن پرين هو. جنهن اسان جي ٻانهن کنئين هئي ۽ بدلي ۾ اسان سندس ڀاڄائي کنئين هئي. هن ماکي ريل ۾ چڙهندي ڏسي ورتو هو. پر مان کيس ڪونه ڏٺو هو. هن وڃي يڪدم پوليس کي خبر ڏني ته ”ميرو ڌاڙيل جنهن ڪيترائي ڌاڙا هنيا آهن. خود اسان جو ڌاڙو به هنيو اٿس ۽ اسان جي ٻانهن کڻي ويو آ. لاڙڪاڻي جيڪماباد جي پوليس کي ڪيترن ئي ڌاڙن ۾ گهربل آ. خطرناڪ ماڻهو آ. مان کيس ريل ۾ چڙهندي ڏٺو آ. هو گاڏيءَ ۾ چڙهي سمهي رهيو آ. توهان هلي هن کي يڪدم گرفتار ڪيو“.
    جڏهن گاڏي سکر کان روهڙي جي ٽيشڻ تي پهتي ته پوليس هن جي ڏس تي پنهنجو عملو وٺي انهيءَ گاڏي ۾ چڙهي جنهن ۾ مان ستل هوم. ماکي خبر ئي نه هجي مان لوئي مٿان ڪيو ننڊ ۾ بي خبر ستو پيو هوم.
    اوچتو ڏهه ٻارنهن سپاهي منهنجي مٿان چڙهي ويا. مان اک کولي ڏٺو. پوليس وارا ماکي قابو ڪيو بيٺا هئا. هنن ماکي ڇڪي هيٺ لاٿو. هيٺ لهندي ئي منهنجي نظر هن دشمن پرينءَ تي پئي. ماکي گاڏي مان هيٺ لاٿو ويو. ٽيشڻ تي ماڻهن جا هشام اچي مڙيا. پرينءَ ماکي نفرت سان ڏٺو ۽ ماکي گار ڏئي انسپيڪٽر کي چيائين: ”انسپڪٽر صاحب اهو ئي آ ميرو“.
    انسپيڪٽر کي پرينءَ جي ڳالهه تي ڪاوڙ اچي وئي. هن چيو: ”ڀيڻ جا ..... بي غيرت جڏهن اسان توکي چيو ته گاڏي ۾ چڙهي ميري جي سڃاڻپ ڪرائي ته چئي ته اڳيان ڪونه ويندم. ميرو ماکي ماري ڇڏيندو ۽ هاڻ جڏهن هيءُ قابو آ ته تون گاريون ٿو ڏين. نڪر هتان منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ.“ پوءِ انسپيڪٽر هن کي گاريون ڏئي هتان ڀڄائي ڪڍيو.
    انسپيڪٽر ماکي گرفتار ڪري سکر جي چاوڙي ٿاڻي تي وٺي آيو ۽ لاڙڪاڻي فون ڪيائين ميري نالي، ههڙي آري پاري هڪ ماڻهوءَ کي اسان روهڙيءَ جي ٽيشڻ تان گرفتار ڪيو آ. هڪ ماڻهو پرين هيءَ حقيقت ڪري ٿو ته هيءُ ڏوهاري آ، ۽ حڪومت کي هن جي ڳولها آ. ڇا اوهانکي اهو ماڻهو گهربل آ.؟“ لاڙڪاڻي مان جواب آيو: ”واقعي ميرو اسان کي ڌاڙن جي ڪيسز ۾ گهربل آ. اسان کيس وٺڻ لاءِ اچون ٿا“. آخر انهيءَ ڏينهن شام جي وقت لاڙڪاڻي جي پوليس سکر پهچي وئي پوءِ لاڙڪاڻي جي پوليس ماکي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ ماکي لاڙڪاڻي وٺي وئي ۽ لاڙڪاڻي چاوڙي ٿاڻي جي لاڪپ ۾ وڃي بند ڪيائون. هڪ رات ماکي اتي رهائي ٻئي ڏهاڙي پوليس جنهن ۾ هڪ انسپيڪٽر جنهن جو نالو رحمت الله جهلڻ هو، ٻه صوبيدار، ٻه عملدار ۽ اٺن ڏهن سپاهين سان گڏ لاڙڪاڻي مان وٺي جيڪماباد پهتي.
    منهنجو اصلي ضلعو ته جيڪماباد هيو، سو هنن جو خيال هيو ته اتي به منهنجا ڏوهه ڪيل هوندا. پرين به کين اهو چيو هو سو جيڪماباد ۾ آڻي اهي ماکي جيڪماباد جي ايس پي جي اڳيان وٺي ويا. ايس پي پڇا ڳاڇا ڪري منهنجي پوليس کي چيو ”بابا هن ماڻهو اسان جي ضلعي ۾ ڪو ڏوهه نه ڪيو آ. اسان کي هيءُ ڪنهن به ڏوهه ۾ گهربل ڪونهي. باقي جيڪڏهن اوهان جي ضلعي ۾ ڏوهه ڪيو اٿس ته اوڏانهن وٺي وڃو ۽ وڃي پاڻ سمجهو“.
    ايس پي جو اهو جواب ٻڌي هنن ماکي آڻي جيڪماباد جي لاڪپ ۾ وڌو. اتي ماکي ٻن ڪلاڪن لاءِ رکيائون. ڇاڪاڻ ته ريل جي اچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ هئا. اتي لاڪپ ۾ هڪ درويش قسم جو ماڻهو هو پٺاڻ هو، صفا ملنگ هو. هن ماکي پاڻ ڏانهن سڏيو. مان وڃي هن جي ڀرسان ويٺس. هو ماکي ڪجهه دير ڏسندو رهيو. پوءِ چيائين جوان ”تون ٻه ڏيهاڙا جيل ۾ رهندين يا ٽي. انهيءَ کانپوءِ تون ٻاهر هليو ويندين. تون آزاد آن. بلڪل آزاد.“ مان کيس جواب ڏنو ”بابا تون ڳالهه ڪرين ٿو اندازي تي، پر اها ڳالهه صحيح نه بيهندي. هي ڏس انسپيڪٽر آ، ٻه صوبيدار، ٻه عملدار ۽ اٺ ڏوهه سپاهي. اهو سڄو عملو مان لاءِ آ. ماکي چار ڏينهن ٿيا آهن گرفتار ٿئي. اڄ پنجون ڏينهن آ. جيڪماباد منهنجو ضلعو آ. هتي جي ايس پي ماکي ڇڏي ڏنو آ. ڇاڪاڻ ته هن ضلعي ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي. هاڻ هي ماکي لاڙڪاڻي وٺيو ٿا وڃن. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ منهنجا ڪيترا ڏوهه ڪيل آهن. ڪيترا ڪيس آهن مان تي. ڪجهه ڪيس ٻين ضلعن جا به آهن. اٺن ڏهن مهينن ۾ ته منهنجا ڪيس به هلي پورا نه ٿيندا. تون درويش ڪيئن ٿو چئين ته مان ٻئي ڏيهاڙي يا ٽئي ڏهاڙي آزاد ٿي ويندم“. انهيءَ پٺاڻ ملنگ ماکي وري چيو ”انشاءَلله تون ٽن ڏينهن ۾ جيل مان نڪري ويندين.“ مان هن جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته پتو هوم ته هاڻ جلد ڇٽڻ ممڪن ئي ڪونهي.
    ٻن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن گاڏيءَ جو ٽائيم ٿيو ته پوليس ماکي لاڪپ مان ڪڍي جيڪماباد ٽيشڻ تي وٺي آئي ۽ جڏهن گاڏي آئي ته ماکي انهيءَ ۾ چاڙهي لاڙڪاڻي وٺي آيا ۽ آڻي لاڪپ ۾ بند ڪيائون.
    انهيءَ لاڪپ جي کوليءَ ۾ ماکان علاوه ٻه ٻيا ڄڻا به هئا. هڪ بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هو. ٻيو چانڊيو ذات جو هو. اهو خون جي ڪيس ۾ جهليل هو. مان ٿوري دير انهن سان ڳالهايو پر ماکي سخت بيچيني هئي ۽ پاڻ تي سخت ڪاوڙ هئم. منهنجي لاءِ اها وڏي بيعزتيءَ جي ڳالهه هئي جو مان بنا مقابلي جي جهلجي پيو هوم. نه ڪنهن سان لڙائي ٿي، نه ڪنهن کي ماريم ماٺ ماٺ ۾ جهلجي پيم. منهنجي لڏي ۾ ڇويهه ستاويهه ماڻهو آهن. اهي ڇا سوچيندا. منهنجي قوم وارا ڇا سوچيندا ته ميرو بزدلن وانگر گرفتار ٿي ويو.
    ماکي جوش اچي ويو دماغ کي چڪر اچي ويو دل ۾ خيال آيم ته يا ته مان مران يا ڪنهن کي ماريان يا ڀڄي وڃان. باقي ائين بزدلن وانگر جهلجڻ ته منهنجي لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آ.
    مان تي ٻن ٻن سپاهين پهرا پي ڏنا. هڪ کوليءَ جي اڳيان بيٺو هيو ۽ ٻيو انهيءَ جي پويان وڻ جي هيٺان بيٺو هو.
    جيڪو سپاهي ڀرسان بيٺو هو، مان هن کي سڏ ڪيو جڏهن ڀرسان آيو ته مان هن کان پڇيو: ”ادا تون پاڻ ڪير آن“. هن جواب ڏنو ته ”مان کوسو آن.“ مان کيس چيو: ”ادا مان پئسان ڏيان ٿو. ماکي شهر کئون کير گهرائي ڏي“. هن سپاهي ماکي چيو: ”شام جو کير وارو هتي کير کڻي ايندو مون (مان) کير وٺي ڏيندم“. مان کيس ڏهه رپيا ڪڍي ڏنا ۽ چيم: ”هي ڏهه رپيا اٿئي. سير کير ماکي وٺي ڏي. ٻه سير تون پنهنجي لاءِ وٺ“. سپاهي خوش ٿي ويو ۽ جڏهن شام جو کير وارو آيو ته سير کير منهنجي لاءِ ورتائين ۽ ٻه سير پنهنجي لاءِ ورتائين. منهنجو کير آڻي دروازي جي اڳيان رکيائين.
    اتي درصل ٻه کوليون هيون. هڪ کولي سامهون جي پاسي هئي. هن کي ڇت ڪانه هئي ۽ انهيءَ کوليءَ مان لنگهي ٻي کوليءَ ۾ وڃبو هو. انهيءَ کوليءَ کي ڇت هئي. مان ڇت واري کوليءَ ۾ دريءَ تي چڙهيو ويٺو هوم. اتان ٻاهران لنگهندو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا پي ظاهر ۾ ته مان هي ماڻهو پي ڏٺا. پر منهنجي دماغ ۾ خيال هو.
    مان هن کوسي سپاهي کي ڏٺو. اهو دروازي جي اڳيان چڪر لڳائي رهيو هو. انهيءَ جي پويان وارو سپاهي نم جي وڻ هيٺان چپ ڪيو بيٺو هو. سامهون مسيت هئي، سانجهيءَ جي ٻانگ اڃان ڪونه آئي هئي. اتي سٺ ستر ماڻهو هئا.
    مان دل ۾ سڄو پروگرام ٺاهي ورتو پر مان سان جيڪي قيدي ٻيا هئا مان هنن کي دل جو راز نه ڏنو. مان دريءَ تان هيٺ لٿم ۽ انهيءَ کوليءَ مان نڪري سامهون واري کوليءَ ۾ آيم ۽ کوسي سپاهيءَ کي چيم: ”ادا مهرباني ڪري ماکي منهنجو کير دروازي جي اندر ٽپائي ڏي. ماني ايندي ته مان انهيءَ سان کائيندم. ٻاهر متان ڪا مک يا ڪو جيت ڪري پوي“. هن ماکي چيو: ”ٿورو ترس مان توکي کير اندر رکي ڏيندم. مان هن کي پنج رپيا خرچي ٻي به ڏئي ڇڏي“.
    مان وري اندر کوليءَ ۾ دريءَ تي چڙهي وڃي ويهي رهيم. ڪجهه دير کانپوءِ سپاهي دروازي کي ٻاهر ڏنل ڏنڊو هٽايو. مان هوشيار ٿي ويم. سوچيم اڄ هن سپاهيءَ سان مقابلو آ. يا ته هي ماکي ماري وڃي يا مان هن کي پورو ڪريان. باقي بنا مقابلي جي گرفتار ٿيڻ منهنجي لاءِ ٻڏي مرڻ آ.
    هن جيئن ڏنڊو لاهي در کوليو ۽ کير جو لوٽو کڻي اندر ٿي رکيائين، مان وٺي ٽپ ڏنو ۽ ڊوڙ پائي وڃي سندس مٿي تي بيٺم ۽ جوش ۾ هڪل ڪئي مانس ”خبردار تون مري وئين.“ هن منهنجي هڪل ٻڌي ۽ ماکي جو پنهنجي اڳيان ڏٺائين ته سندس ساهه سڪي ويو. هن جي واتان دانهن نڪتي ”هاءِ ۽ هو ڪري پيو.“ مان کيس ٽنگ مان ورتو ۽ گهلي کيس اندر ڪيو. دروازو کولي ٻاهر نڪتم. دروازو بند ڪري ڏنڊو ڏيئي ڇڏيم. ۽ ٻاهران ڪڙو چاڙهي ڇڏيم.
    ٻاهر جيڪو پوليس وارو بيٺو هو هن جون عجب ۾ اکيون ڦاٽي پيون عجب منجهان هن کي چپ لڳي وئي. هو ڪجهه به ڪڇي نه سگهيو. بس ڦاٽل اکين سان ماکي ڏسندو رهيو. سامهون هڪ اسپتال هئي. اتي پنجاهه سٺ ماڻهو بيٺا هئا. هنن جو ڏٺو ته مان سپاهيءَ کي لاڪپ ۾ اندر بند ڪري پاڻ ڀڄي نڪتو آهيان، مان هنن جي ويجهو ويم ته هن هڪل ڪئي: ”بيهه رهه، نه ويندين.“ مان هڪل ڪري چيو ”خبردار، ڪو به منهنجي ويجهو نه اچي. نه ته مان وٽ اهڙو اوزار آ جيڪو توهان جا ڦڦڙ ڪڍي وٺندو. سڀئي هٽي پري ٿيا. ڪوبه منهنجي ويجهو نه آيو“.
    مان اتئون ڀڳم. لاڪپ جي پٺ ورتم. سامهون سردار نبي بخش ڀٽي جو بنگلو هو. هنجي ٻاهرين ڀت مڙس جي قد جيڏي هئي. مان انهيءَ ڀت کان ٽپي اندر ٿيم ۽ وچ بنگلي مان ڀڄندو، بنگلي جي ٻئي پاسي شاهي روڊ تي پهتم. اڳيان لاهوري محلو آ. انهي لاهوري محلي جي گهٽين مان ٿيندو. شهر کان ٻاهر نڪري ويم. اتر طرف رائيس ڪئنال آ، انهيءَ جي بند تي وڃي چڙهيم. انهيءَ وقت ڪئنال ۾ پاڻ گوڏي جيترو هو يا لاچار سٿر جيترو هو. مان سٿڻ مٿي چاڙهي پاڻي ۾ گهڙي پيم. ڪجهه اڳيان وڌيم ته پير وڃي هڪ کڏ ۾ پيو. ذري گھٽ ٻڏس ٿي.
    نيٺ ڪئنال مان لنگهي پار ٿيم. جڏهن پيرين ڀر ٿيم ته رات ٿي چڪي هئي.
    هاڻ مان لاڪپ کان ڏيڍ کن ميل پري پهچي چڪو هوم. پوءِ مان شهداد ڪوٽ ۽ قبي سعيد خان ڏانهن رخ رکيم. مان سڄي رات هلندو رهيم. ڪنهن رستي يا گهٽ ڏانهن ڪونه ويم. ڇاڪاڻ ته ماکي خبر هئي ته پوليس منهنجي تلاش ۾ گهٽ ۽ ناڪا وٺيو بيٺي هوندي. سڄي رات جهنگل ۾، ٻنين ۾ هلندو رهيم. جڏهن سج اڀرڻ وارو هو، آسمان تي هلڪي هلڪي روشني ڦهلجڻ لڳي. تنهن وقت مان شهدادڪوٽ جي ڀرسان ٽانوري شاخ تي پهتم. پوءِ اتان ڦري دانداني ويم. اتي منهنجو هڪ دوست هو جبل خان، ذات جو جمالي هو. مان اهو ڏينهن، رات ۽ ٻيو ڏينهن به اتي رهيم. جڏهن ٿڪ لٿو ته هن کان موڪلائي اڳيان وڌيم. ڪجهه اڳيان منهنججو ٻيو دوست سائينداد رهندو هو. اهو ذات جو راهوجو هو. مان هن وٽ ويم ۽ هن پوري حقيت ڪيم. هن ماکي چيو: ”تون هتي آرام ڪر. مان لاڙڪاڻي وڃي سڄي خبر وٺيو ٿو اچان“.
    هو ماکي اتي رهائي پاڻ لاڙڪاڻي ويو ۽ لاڙڪاڻي مان واپس اچي سڄو احوال ماکي ڏنو ته: ”پوليس توکي سختيءَ سان تلاش ڪري رهي آ. سکر، جيڪماباد، ميهڙ، دادو انهن سڀني گهٽن تي پوليس ويٺي آ ۽ هر ايندڙ ويندڙ جي جانچ ڪري رهي آ. مان سڄي جانچ چڱيءَ طرح ڪري آيو آن. اتفاق سان پوليس هن پاسي ڪانهي. چڱو ٿيو جو تون هن پاسي نه وئين، نه ته ڪنهن نه ڪنهن گهٽ تي جهلجي پوين ها“.
    منهنجي دوست ماکي هڪ ٻي ڳالهه به ٻڌائي، جنهن تي ماکي ڏاڍي حيراني ٿي ۽ خوشي به ٿي. پيرو سيال جو ذڪر اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان. پيرو رانجهوءَ جو پيءَ هو جنهن جي زال اسان پنهنجي ٻانهن جي عيوض کڻي آيا هئاسين. پيروءَ جو هڪ صوبيدار دوست هو. نالو هو عبدالوهاب. پيروءَ کي هڪ سپاهي هٿان چورائي موڪليو: ”ميرو پوليس سان مقابلو ڪري، زوري زبردستي لاڪپ مان ڀڄي ويو آ. توهان هوشيار ٿجو. متان رات ئي توهان وٽ پهچي وڃي. جيڪڏهن توهان وٽ آيو ته سڄي ڳوٺ کي تنگ ڪندو“.
    سپاهي رات جو اٽڪل يارهين وڳي پيروءَ کي ٻڌايو. اهو ٻڌي دانهن ڪئي. اڙي يا حسين ميرو اسان کي ماري ڇڏيندو. ايترو چئي مٿان کان ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. سڄي رات هوش ڪونه آيس صبح جو مري ويو.
    مان اتي چار ڏينهن رهيس. پوءِ وچئون رستو وٺي منزلون ڪري اڳ ۾ شڪارپور پهتم ۽ پوءِ سکر کان ٿيندو، لڪندي ڇپندي وڃي ٿرپارڪر پنهنجي گهر پهتم.
    گهر پهتم ته گهر وارن ماکي هڪ پريشانيءَ واري خبر ٻڌائي، سيالن جي جيڪا ٻانهن اسان کنئي هئي، سا پنهنجي مائٽن وٽ پهچي وئي.
    پتوئي نه پئجي سگهيو ته مان وارو اهو دوست پوليس کان ڊنو هو يا کيس سيالن دنيا (دولت) ڏني هئي. تنهن ڪري پاڻ ڇڏي ڏني. پر هنن چيو ته: ”ٻانهن کي هڪ رات وجهه لڳو. هوءَ گهران نڪري وئي. لڪندي ڇپندي وڃي چاچڙ اسٽيشن پهتي. صبح ۾ جيڪماباد کان جيڪا ريل شهدادڪوٽ ويندي آ، انهيءَ ۾ چڙهي پئي ۽ وڃي شهدادڪوٽ پنهنجي گهر پهتي.“


    جرڳي جو فيصلو

    منهنجا اڳ ۾ وارنٽ نڪتل هئا، وري لاڪپ مان ڀڄي آيو هوم. انهيءَ ڪري ڪافي وقت ماٺ ڪري ڳوٺ ويهي رهيم. اسان جا ڪي مائٽ شهدادڪوٽ تعلقي ۾ به رهيل هئا. اتي اسان جي مائٽن ۾ ٽي ڀائر هئا. پنهل، هوت ۽ در محمد. پنهل پنهنجي ڌيءُ هوت جي پٽ هدايت کي ڏني هئي ۽ هوت جي ڌيءُ پنهنجي پٽ کي ڪرائي هئين. پر جلدي هنن ۾ جهيڙا ٿي پيا. ڳالهه وڌندي ايتري تائين پهتي جو پنهل بندوق سان پنهنجي ڀاءُ هوت کي ماري وڌو. پر فرياد ۾ لکرايائين ته ڪي همراهه هوت کي ماري گهوڙن تي ڀڄي ويا. اسان رڳو هن جي پٺ ڏسي سگهياسين. پر جڏهن پوليس کيس مار ڪڍي ته هن سچي ڪري ڏني. پر صوبيدار کي تمام گهڻا پئسا کارائي، پاڻ ڇڏائي ويو. صوبيدار کيس چيو ”ميري جو ڪو اتو پتو ڪونهي. خبر ناهي جيئرو به آهي يا مري ويو.“ تون لکرائي ڇڏ ته: ”مون هڪ کي سڃاتو. اهو ميرو هو“. هن بدبخت کڻي منهنجو نالو لکرايو.
    ڪجهه وقت کانپوءِ اها خبر ماکي پئي. منهنجا تاڪ لڳي ويا. مان ماٺ ڪيو پنهنجو ملڪ ئي ڇڏي وڃي ٻئي هنڌ ويٺو هوس. هن ناحق مان تي الزام هنيو. مان اتان ئي گهوڙي تي چڙهي امير آباد آيم. پنهل ماکي ڏسي ڏڪي ويو. مان کيس چيو ”اڙي بدبخت مان تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو تون منهنجو نالو لکرايو،. هن هٿ ٻڌي ماکي چيو ”ماکي بخش ڪر. ماکان ڏوهه ٿيو. هاڻ جيئن چوندي تيئن ڪندم“. مان سندس ڳالهه تي يقين ڪيم ۽ پنهنجي ڳوٺ موٽي آيم.
    صوبيدار کي خبر پئجي وئي ته ميرو نه فقط جيئرو آ بلڪه شهدادڪوٽ ۾ پنهل سان ملي به آيو آ. هن يڪدم پنهنجا ماڻهو ماکي ڳولهڻ لاءِ موڪليا. اهي ٻروچ هئا. اهي منهنجي ڀاڻيجي رستم سان مليا ۽ کيس چيائون ته ”اسين ميري جا دوست آهيون. ساڻس ملڻ ٿا چاهيون.“ هنن هن کي دم دلاسا به ڏنا. اهو منهنجو سونهون هو. هن بي خبر کي اها خبر ئي نه پئي ته هي ڪير آهن. هن بيوقوف هنن کي منهنجا پار پتا ٻڌائي ڇڏيا.
    هڪ ڏينهن اهي همراهه اچي مان وٽ پهتا. مان حيران هيم. ته اهي هتي ڪيئن پهتا. هنن مان سان اها ڳالهه ڪونه ڪئي ته هنن کي منهنجو ڏس پتو ڪنهن ڏنو آ. خير مان هنن کي پاڻ وٽ ترسايو، ماني ٽڪي کارائي مان. اهي ٻه ٽي ڏينهن رهيا، پوءِ موٽي ويا. هنن وڃي صوبيدار کي ٻڌايو ته ميرو فلاڻي هنڌ رهي ٿو. فلاڻي نالي سان.
    صوبيدار پنهنجي بالا آفيسر کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس ماکي گرفتار ڪرڻ لاءِ نڪتي. پوليس اڳ ۾ پڪا چانگ آئي. پوءِ اتان ٿرپارڪر جي حد ۾ گهڙي، ڦورڙيءَ جي شهر ۾ آئي. پوليس جو وڏو اٽالو هو. چار ٽرڪون سپاهين سان ڀريل هيون. هنن ٽرڪون ڦورڙيءَ ۾ ڇڏيون ۽ پيادل رستي سان منهنجي ڳوٺ ۾ آيا. مان ڦورڙيءَ کان اڍائي ميل پري پنهنجي لڏي سان رهندو هوم. منهنجي لڏي ۾ پنجاهه سٺ ماڻهو هئا. پوليس اَسر وڏي جي ٽيم تي منهنجي ڳوٺ پهچي وئي ۽ سڄي ڳوٺ کي گهيرو ڪري ويهي رهي.
    جڏهن صبح ٿيو ۽ روشني پکڙي ته اسان ڏٺو، چئني طرف پوليس گهيرو ڪيو بيٺي آ. پوليس وارن چئني طرفن کان زور زور سان چيو : ”اسين چار ٽرڪون ڀري آيا آهيون ۽ اوهين چئني طرفن کان اسان جي گهيري ۾ آهيوڱ مقابلو ڪندا ته کٽي ڪونه سگهندا“. انهيءَ پوليس سان رحمت الله جهلڻ صوبيدار به آيو هو. جيڪو ماکي جيڪماباد وٺي ويو هو. هن ماکي هڪل ڪري چيو. ”ميرا تون جوان آ، پر اسان تمام گهڻي پوليس وٺي آيا آهيون. مقابلو ڪندين ته شايد تنهنجا ٻار ٻچا به مارجي وڃن. تنهن ڪري بهتر آ ته پيش پؤ“.
    مان سوچيو ته هاڻ مان ڇا ڪريان. مقابلو ڪريان يا هٿيار ڦٽا ڪريان. پوءِ سوچيم مان اڪيلو نه آهيان. لڏي ۾ ڪيترائي ننڍڙا ٻار به آهن. ماءُ پيءُ به آهن. جيڪڏهن مان مقابلو ڪيو ته پوليس فائرنگ ڪندي. پوليس تمام گهڻي آ. ظاهر آ لڏي مان گهڻين جانين جو نقصان ٿيندو. لڏي کي بچائڻ لاءِ ضروري آ ته مان جهيڙو نه ڪريان ۽ پاڻ کي پيش ڪريان.
    اهو سوچي مان رحمت الله جهلڻ کي هڪل ڪئي:
    ”رحمت الله مان هٿيار ڦٽا ٿو ڪريان. پوليس سان مقابلو ڪونه ٿو ڪريان. پوليس کي هٽاءِ. اسان جي گهرن جي نزديڪ نه اچي“.
    رحمت الله سڄي پوليس پوئتي هٽائي ڇڏي. مان هڪل ڪري چيو: ”رحمت الله تون هليو آ. بي فلڪ. ڪو به فلڪ نه ڪر. پوليس سان ڊي ايس پي به هو. هن رحمت الله کي چيو: ”رحمت الله تو چيو هيو ته هيءُ رهزن ڌاڙيل آ. تنهن ڪري تون اڪيلو هن ڏانهن نه وڃ. متان نقصان پهچي“. رحمت الله هن کي جواب ڏنو: ”ميرو جوان آ، ڀاڙيو ڪونهي، پاڻ وٽ سڏائي ڪوبه نقصان نه رسائيندو. هن زبان ڏني آ. هو پنهنجي زبان تي قائم رهندو. مان ويندم. توهان ڪوبه خيال نه ڪريو“.
    رحمت الله مان وٽ بنا ڊپ ڊاءُ جي هليو آيو. مان هن سان هٿ ملايو ۽ هن سان رلجي پنهنجي اوطاق ۾ آڻي ويهاريومانس. ڊي ايس پي ۽ پوليس به اچي اوطاق ۾ ويٺي. مان سموري پوليس کي چانهن پياري. مان محسوس ڪيو ته ڊي ايس پي ۽ ٻيو جيڪو عملو هو اهو خوش ٿيو. هنن ماکي چيو تون واقعي جوان آن.
    منهنجي علاوه منهنجي پٽ نياز حسن ۽ منهنجي ڀاڻيجي غلام فريد جي مٿان به دشمنن ڪوڙا ڪيس ڪيا هئا. تنهن ڪري اسان ٽنهن جا وارنٽ نڪتل هئا. پوءِ پوليس اسان ٽنهي کي گرفتار ڪري لاڙڪاڻي وٺي وئي. اسان کي هٿڪڙيون ڪونه هيون.
    اسين لاڙڪاڻي رات جو پهتاسين. پوليس ماکي انهيءَ وقت لاڙڪاڻي جي ايس پي وٽ وٺي وئي. انهيءَ وقت رات جا يارنهن لڳا هئا. صوبيدار رحمت الله ماکي چيو ”ميرا تون جيڪو چاوڙي لاڪپ مان زبردستي ڀڄي ويو هئين. سپاهيءَ کي لاڪپ ۾ بند ڪري، انهيءَ تي ايس پي صاحب ڏاڍو ناراض آ. اسان توکي ڏاڍي عزت ڏني آ، شان ۽ مان سان وٺي آيا آهيون. تون جوان آهين ماکي تنهنجو قدر آ، پر هو اسان جي مٿان آفيسر آ متان هو اسان کي تنهنجي بيعزتيءَ لاءِ حڪم ڪري، انهيءَ ڪري تون ايس پي صاحب سان اهڙي نوڙت ۽ عزت سان ڳالهائجان جو هو ناراض نه ٿئي. توسان ملي خوش ٿئي“. مان چيومانس: ”ڏٺو ويندو، الله چڱي ڪندو“.
    مان دل ۾ سوچيو بزدليءَ مان ڪجهه نه ورندو. مان تي هن وقت مصيبت آئي آ پر مان جهڪي نماڻو ٿي ڇو هنجي اڳيان پيش ٿيان. نه مان پنهنجي دليري ۽ بهادري ڇو ڇڏيان. مان شان سان پيش ٿيندس. مان طئه ڪري ورتو ته جهڪندم ڪونه. ايس پيءَ کي ڄاڻ ٿي. هو اندران نڪري ٻاهر ورانڊي ۾ آيو. جڏهن ايس پي منهنجي سامهون ٿيو ته مان ڏاڍي جوش ۽ زور واري آواز ۾ جنهن ۾ کڙائي هئي کيس سلام ڪيم. ايس پي مان ڏي ڏٺو ۽ هن جي چپن تي مرڪ اچي وئي.
    ايس پي کي ڏسڻ سان مان سڃاڻي ويم ته هو جوان آ ۽ هن کي جوان جو قدر آ. ايس پي ماکي چيو: ”ميرا تون واقعي جوان آن“. رحمت الله خان هن کي اندر وٺي آ. مان هن سان ڳالهائڻ ٿو گهران. ميري سان اڄ ڪچهري ٿي وڃي. ماکي اندر وٺي ويا ۽ ڪرسي ويهڻ لاءِ ڏنائون. اتي فقط اسين ٽي هئاسين. ايس پي، رحمت الله خان ۽ مان.
    ايس پي ماکي چيو; ”ميرا ماکي توتي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. تون لاڪپ مان ههڙيءَ ريت ڀڄي وئين جو لاڙڪاڻي پوليس جو نڪ ڪپجي ويو. انهيءَ لاڪپ کي ٽي چوڪيون آهن ۽ لاڪپ شهر ۾ آ! ايڏي پوليس هوندي تون وچ شهر مان ڀڳو آن. اسان کي تنهنجي مٿان الزام ٺاهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. تون سج لهڻ کان اڳ ڀڳو هئين، رپورٽ رات جو ٻين وڳي ٺاهي وئي آ. توتي ڪيس ئي نه پي هليو. ڇاڪاڻ ته تون بند لاڪپ کولي ڀڳو آن، پر مڃان ٿو تون جوان آن. ماکي تنهنجو قدر آ، توتي جيڪي لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪيس آهن، مان انهن ۾ تنهنجي پوري مدد ڪندم. تون جوان آن، تو جهڙو جوان ڀلي آزاد هجي“.
    مان ايس پي کي چيو ”مان هڪ ڏوهاري آن ۽ تون بالا آفيسر. پر تون مانسان سٺي نموني پيش آيو آن. اها الله جي مهرباني آ، شڪر الله جو“.
    ايس پي وٽ اسين ڏهه پندرنهن منٽ ويٺاسين. پوءِ ايس پي چيو: ”رحمت الله خان ميري کي ڪابه تڪليف نه ڏجان. هاڻ وڃي هن کي لاڪپ ڪر“.
    ماکي آڻي ساڳي لاڪپ ۾ بند ڪيائون جنهن مان ڀڳو هوم. پهريان پوليس وارا جن کان مان ڀڄي نڪتو هوم. انهن کي ڊس مس ڪري ڇڏيو هين. پهري تي ٽي ٽي پوليس وارا هئا.
    پوءِ اتي منهنجيون سڃاڻپون ٿيون. هوت جي خون واري ڪيس کان علاوه سيالن جي ٻانهن کڻڻ وارو ڪيس هو. ڀٽي صاحب جي ڪمدار قادر بخش جي ڌاڙي جو ڪيس هو. انهيءَ کان علاوه به ڪجهه ٻيا ڪيس هئا. ڪورٽ ۾ سڀئي ڪيس هلندا رهيا پر ڪيس ۾ ڪوبه ماڻهو منهنجي خلاف شاهدي نه پيو ڏي. خبر نه هنن کي ماکان ڊپ ٿي لڳو يا خدا جي طرف کان ڀلائي هئي.
    انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر چنو هو. پاٽ جي پاسي جو هو. هن کي رپورٽ پهتي ته ميري جي خلاف ڪو شاهدي نه پيو ڏي. ڪليڪٽر وٽ منهنجي خلاف ڪافي دانهون پهتيون هيون. هن سوچيو ته : ”جيڪڏهن ميري جي خلاف ڪنهن به شاهدي نه ڏني ته هيءُ ڇٽي ويندو“. تنهنڪري هن منهنجا ڪيس جرڳي ۾ موڪلي ڇڏيا. انهن ڏينهن ۾ لوڪلي جرڳا هوندا هئا. جرڳي جو قلم ابتو آ. انهيءَ مان ڪوبه ڇٽي نٿو سگهي. جيڪو ويو هن کي سزا لڳي. تنهن ڪري ڪليڪٽر منهنجا ڪيس ڪورٽن مان ڪڍائي جرڳي ۾ موڪلي ڇڏيا.
    جرڳي ۾ سيالن جي ٻانهن کڻڻ وارو ڪيس هليو. جيڪا عورت اسان کنئي هئي اها عورت جرڳي ۾ آئي هن منهنجي سامهون اهو بيان ڏنو ته ”هن ماڻهوءَ کي مان ڪونه سڃاڻان. جنهن وقت ماکي کنيو ويو هو، هي شخص انهيءَ وقت هو ئي ڪونه. نه ئي هيءَ ماڻهو ماکي کڻي ويو هو. اهي ٻيا ماڻهو هئا. ههڙي آري پاري مان هنن کي سڃاڻان ٿي“.
    شام جو ايس پي لاڪپ ۾ آيو ۽ ماکي چيائين: ”ميرا مان زائفان کان اڪيلائيءَ ۾ پڇيو آ“. هن چيو آ ته ”ميري جهڙو جوان ٻيو ڪو ڪونهي. ماکي هن ڏاڍي حفاظت سان رکيو هو. ڪجهه به ٿي پوي مان هن جي خلاف بيان نه ڏيندم. ماکي ماري وجهن ته ڀلي ماري وجهن.“ مان کيس چيو آ ته: ”جيڪڏهن تنهنجي دل نٿي چوي ته تون ڀلي ميري جي مٿان بيان نه ڏي“.
    جرڳي ۾ منهنجي مٿان اهو ڪيس بيهي ئي نه پيو. منهنجي وڪيل جرڳي کي چيو: ”جيڪا زائفان کڄي وئي آ، اها ئي چوي ٿي ته ميري ماکي ڪونه کنيو آ. تنهن ڪري ميرو ڏوهاري ڪونهي. پر جرڳي ۾ وڪيل جي نه هلندي آ. جرڳي کي مٿان حڪم هو ته ميري کي سزا ڏيڻي اٿؤ“.
    نيٺ جرڳي ماکي انهيءَ ڪيس ۾ چار سال سخت پورهئي سان سزا ڏني.
    سيالن جي ڪيس کانپوءِ هوت جي خون جو ڪيس هليو. هڪ شخص محمد بخش ڪوريءَ مان تي ڪوڙو الزام هنيو ته ”ميرو مان وٽ آيو هو ۽ زوري ماکان منهنجي بندوق ڦري ورتائين. جنهن سان هن هوت جو خون ڪيو.“ مان جرڳي کي هڪڙي درخواست ڏني ته ”قرآن تي فيصلو ڪيو وڃي ۽ مان پنهل کي قرآن تي آڏي پڇا ڪندم“.
    جرڳي منهنجي ڳالهه مڃي، پر جڏهن ٻئي ڏينهن ڪيس هليو ته جرڳي چيو ”قرآن نه کڻائبو.“ مان تپي باهه ٿي ويم. مان ڪرسيون کڻي ورتيون ۽ اهي اڇلائي درن ۽ درين جا شيشا ڀڃي ڇڏيم. ڪيتريون ڪرسيون به ڀڃي ڇڏيم. جرڳي جا هڙائي ميمبر ڀڄي ويا. پوليس در تي بيٺي هئي، پر اندر ڪو به نه آيو. ايتري ۾ ڪليڪٽر آيو. هن پڇيو تون وڙهه نه. ائين ئي ٿيندو جيئن تون چئين ٿو. فيصلو قرآن تي ٿيندو. هينئر تون ڀلي وڃ. فيصلو سڀاڻي ٿيندو.
    مان ڪليڪٽر جي ڳالهه مڃي جيل پهتم. اتي ٻئي ڏينهن جيل تي جرڳي جو آرڊر پهتو ”ماکي جرڳي چوڏهن سال سزا ڏني هئي. منهنجا تاڪ لڳي ويا. بنا ڪيس هلڻ جي هيڏي وڏي سزا“.
    مانکي سينٽرل جيل سکر اماڻيو ويو. جتان مان ڪمشنر کي اپيل ڪئي. ڪمشنر دربار علي شاهه هو. انهن ڏينهن ۾ ڪمشنر جي آفيس خيرپور ۾ هوندي هئي. منهنجي ڀائرن ٻن هزارن ۾ وڪيل ڪيو. ماکي دربار علي شاهه آڏو پيش ڪيائون. دربار علي شاهه منهنجا ڪاغذ پڙهيا ۽ وڪيل سان ڳالهائيائين ۽ پوءِ ڪجهه لکڻ لڳو. وڪيل ماکي آهستي سان چيو ڪيس خراب ٿيل آ، بچڻ جي اميد ڪانهي. مان چيومانس جيڪو خدا کي منظور هوندو اهو ٿيندو. نيٺ ڪمشنر ماکي چيو ”ڏوهه ثابت آ، سزا برقرار رهندي“. مان کيس چيو ”سائين ڪجهه منهنجي به ٻڌو.“ هن چيو ”چؤ“.
    مان کيس سربستو احوال ٻڌائڻ شروع ڪيو. هو منهنجيون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو. ڪمشنر جي سرشتيدار ماکي اڌ ۾ روڪي چيو: ”ايڏي ڊگهي ڳالهه ڪري ڪمشنر صاحب جو وقت کوٽ نه ڪر“.
    دربار علي شاهه سرشتيدار کي چيو: ”نه هن کي ڳالهائڻ ڏيو. هيءُ ڏکويل آ.“ مان کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. جنهن کي ٻڌائڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويا. مان اهو به چيومانس: ”سائين مان درخواست ڏني هئي ته فيصلو قرآن پاڪ تي ڪيو وڃي. اڳ ۾ جرڳي منهنجي ڳالهه مڃي پر پوءِ جرڳو ڦري ويو. اها درخواست به منهنجي فائيل ۾ هوندي.“ ڪمشنر سرشتيدار کي چيو: ”اها درخواست ڪڍ.“ منهنجي ٿلهي فائيل ۾ اها درخواست به لڳل هئي. ڪمشنر اها درخواست پڙهي ماکي چيو: ”توسان انصاف نه ٿيو آ، تنهنجو ڪيس وري هلندو.“ مان کيس چيو: ”منهنجو ڪيس ڪنهن ٻئي ضلعي ۾ موڪليو. لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر منهنجو دشمن آ.“ چيائين: ”تون فڪر نه ڪر، هاڻ توسان انصاف ٿيندو“.
    مانکي ڪچو ڪري (سزا ختم ڪري) وري لاڙڪاڻي موڪليو ويو. ماکي وري جرڳي ۾ پيش ڪيو ويو. هاڻ جرڳو ساڳو ڪونه هو. هن جرڳي ۾ شهدادڪوت جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ٻيا ماڻهو هئا. ڪيس ٻيهر هليو. سڄو ڪيس منهنجي فائدي ۾ بيٺو. مان جرڳي کي چيو ته پنهل کي چئو ته پنهل جي سوٽ فيض محمد کي سڏائي، قران پاڪ ڏيو، مان کانئس آڏي، پڇا ڪرڻ ٿو گهران“.
    ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ جرڳي جي ٻين ميمبرن ماکي جهليو ته قرآن نه ڏي ڪيس تنهنجي فائدي ۾ آ. قرآن تي جيڪڏهن هن تنهنجي خلاف ڳالهايو ته توکي نقصان رسندو پر مان نه مڙيس مان چيو: ”هن کي قرآن کڻايو، پوءِ جيڪو ٿيندو ماکي قبول آ“.
    نيٺ فيض محمد کي سڏايو ويو. کيس مٿي تي قرآن کڻايو ويو. مان کانئس پڇيو ”فيض محمد تنهنجي مٿي تي قرآن آ. تون ٻڌاءِ ته جيڏيءَ مهل هوت جو قتل ٿيو تون ۽ پنهل ڪاٿي هئا؟“ هن چيو ”مان قرآن کڻي ڪوڙ نه ڳالهائيندم. انهيءَ وقت اسين پنهنجي گهر ۾ هئاسين“. ”پوءِ ڇا ٿيو“؟ مان سوال ڪيو. چيائين ”پوءِ مان ۽ پنهل هوت جي گهر آياسين. هوت جي گهر هوت جي کٽ وٽ زالن رنو ويٺي“. مان پڇيو: ”انهيءَ وقت محمد بخش ڪوري هو.“ چيائين: ”نه. هو پنهنجي ڳوٺ هو. پوءِ جڏهن خبر پيس ته ٻين سان گڏ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ آيو.“ مان پڇيومانس: ”ڀلا اوهان ڪنهن کي ڀڄندي ڏٺو“؟ چيائين ”نه“. پڇيم؟ ”پنهل به توسان گڏ هيو“؟ هن چيو ”ها“.
    انهيءَ وقت ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ جرڳي جي ٻين ميمبرن ماکي چيو ته ”ميرا تون ڪيس کٽي وئين.“ ڊپٽي ماکي بي ڏوهي ٺهرائي ڪيس ڪليڪٽر کي لاڙڪاڻي موڪلي ڇڏيو.
    هوڏانهن پنهل کي اچي سر سان لڳي ته ميرو نڪتو ته ماکي جيئرو ڪونه ڇڏيندو. هو پهنجي ٻارن ٻچن کي وٺي ڀرسان وارن ٻين زميندارن ٻانهون خان ۽ تنيو ۽ پيرل جت وٽ ويو ۽ روئي کين عرض ڪيائين ته ”جيڪڏهن ميرو نڪتو ته ماکي ۽ منهنجي ٻارن ٻچن کي جيئرو نه ڇڏيندو. ڪوشش ڪري هن کي نڪرڻ نه ڏيو“.
    اهي ٻئي زميندار ڪليڪٽر وٽ ويا ۽ هن کي چيائون ”ميروئي ڏوهي آ، هن کي نه ڇڏيو.“ ڪليڪٽر چيو: ”پر شاهديون ڪير ڏيندو ته ميرو ئي ڏوهي آ.“ هنن چيو ”اسين ڏينداسين“.
    ٻئي پاسي پنهل جيئن ٻڌو اٿم ته ڪليڪٽر کي ڏهه هزار رپيا رشوت ڏني. ڪليڪٽر وري منهنجو ڪيس ڊپٽي ڪليڪٽر کي موڪليو ۽ اهو به چيائين ته: ”ٻيا به ٻه شاهد هلندا. خون ميري ڪيو آ. کيس سزا ضرور ايندي“.
    جرڳي جا ساڳيا ميمبر هئا. ساڳيو ڪليڪٽر هو. ٻانهو خان ۽ پيرل جت شاهدي ڏيڻ پهتا. پيرل پنهنجي شاهديءَ ۾ چيو مرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ هوت اسان وٽ آيو هو. هن ماکي چيو هو ”ميري ماکي چيو آ ته مان توکي ماريندم. سو ميرو ماکي ماريندو. ماکي بچايو“. انهيءَ جي ٻئي ٽئين ڏينهن شهدادڪوٽ ۾ ميرو ماکي مليو. مان کيس چيو: ”هوت مان وٽ دانهين ٿي آيو هو. تون ڇو ٿو هن کي تنگ ڪرين.“ ته هن ماکي چيو ”مان هوت کي ضرور ماريندم ۽ انهيءَ جي ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته هوت مارجي ويو“.
    ڊپٽي ڪليڪٽر ماکي چيو .تون هن کان ڪجهه پڇڻ چاهين ٿو.“ مان چيو ”ها“. مان پيرل کان پڇيو: ”هوت جو توکي چيو ته ميرو ماکي مارندو ته تو ڪنهن زميندار کي چيو ته هنن جو فيصلو ڪرائي“؟ هن جواب ڏنو: ”نه“ مان پڇيم: ”ڀلا تونکي جي خبر هئي ته مان هوت کي مارڻ ٿو گهران ته تو پوليس ۾ رپورٽ لکرائي“؟ هن جواب ڏنو ”نه“. مان وري پڇيم ”ڀلا ايترو وقت اهو ڪيس هلندو رهيو آ. تون ڪنهن سان اها ڳالهه ڪئي؟ “ چيائين ”نه“. مان ڊپٽي ڪليڪٽر کي چيو: ”بس ماکي وڌيڪ ڪجهه پڇڻو ناهي“.
    ٻانهي خان پنهنجي بيان ۾ چيو: واردات کانپوءِ ميري جا پٽ ڀائر ۽ مامو مان وٽ آيا ۽ اچي چيائون ”ڏوهه برابر ميري اڪيلي ڪيو آ. پر اوهين وچ ۾ پئجي فيصلو ڪرايو.“ مان ٻيءَ ڌر کي سڏايو. هنن ميري وارن کان سڱ گهريو پر هنن سڱ نه ڏنو. پئسن ڏيڻ جي آڇ ڪئي. جيڪا ٻي ڌر نه مڃي.
    ڊپٽي ڪليڪٽر ماکي چيو: ”توکي هن کان ڪجهه پڇڻو آ.“ ٻانهي خان تنئي اهو سراسر ڪوڙ ڳالهايو هو، هاڻ مان هن کان ڇا پڇان، مان چيو نه مان نٿو پڇڻ چاهيان.
    ڊپٽي ڪليڪٽر ماکي اڪيلائي ۾ چيو: ”ميرا اهو ثابت ٿي چڪو آ ته تون ڏوهي ناهين. پر مانکي مٿان حڪم مليو آ ته توکي سزا ڏني وڃي. تنهن ڪري مان مجبور آهيان توکي سزا ملندي“.
    نيٺ جرڳي ماکي چوڏهن سال سزا ڏئي ڇڏي. ماکي سينٽر جيل سکر آندو ويو. مان ڪمشنر وٽ وري اپيل ڪئي، پر هاڻ دربار علي شاهه جي بدلي ٿي وئي هئي. نئين ڪمشنر منهنجي سزا برقرار رکي.
    ڪجهه وقت ماکي سکر سينٽرل جيل ۾ رکي، حيدرآباد سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيائون. اهو ون يونٽ جو دؤر هو. هر قيديءَ جي نه فقط مختلف جيلن ۾ بدلي ٿيندي هئي پر جيئن ته صوبن کي ختم ڪيو ويو هو تنهن ڪري ڪڏهن پنجاب جي جيلن ۾ قيدين کي موڪليندا هئا، ڪڏهن بلوچستان جي جيلن ۾، ڪڏهن سرحد جي جيلن ۾ ۽ اتان جا قيدي وري سنڌ جي جيلن ۾ موڪليا ويندا هئا.
    ماکي به ڪڏهن بهاولپور جيل ته ڪڏهن (بلوچستان) جي جيل ۾ موڪليو ويو. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ اماڻيائون. پوئين دفعي مان ست سال جيل ۾ رهي ويو هوم. جيلن ۾ مان ڦڏا به ڪيا جهيڙا به ڪيا، ماکي جيل جي سخت ۾ سخت سزائون ڏنائون. هڪ سئو ويهه ڦٽڪا به کاڌم، ابتو ٽنگي ڪٽيائون. برف تي سمهاريائون. پر مان مڙيس اصل ڪونه. جيئن ٿي ماريائون، تئين ٿي گار ڏنم. تنهن ڪري گذريل سزا ۾ پويون عرصو ماکي تنگ ڪرڻ ڇڏي ڏنائون ۽ مان به جيل وارن کي تنگ نه ڪيو.
    اڳئين دفعي جو منهنجو (رڪارڊ) خراب رهيو هو، تنهن ڪري هن دفعي ماکي جيل ۾ بلڪل تنگ نه ڪيائون ۽ مان به ڪنهن کي ڪونه ستايو. حالانڪه هن دفعي وڏي سزا لڳي هئي، ارڙهن سال. ٽي سال ڪچو رهيم. ڪيس پي هليو پر پورو وقت سٺو گذريو. بس هاڻ ڇٽڻ وارو آهيان. چاهيان ٿو ته هاڻ وقت خير سان گذري وڃيم.


    موڪلاڻي

    مون ميري کان پڇيو: ”ميرا آزاد ڪڏهن ٿيندا؟“
    ميري جواب ڏنو ”سائين جيڪڏهن سيلاب جي معافي (ٻوڏ جي ڏينهن ۾ قيدين کي حڪومت درياهه جي بندن تي موڪليندي آهي ۽ هر ڏينهن پٺيان ڪجهه ڏينهن معافي ملندي آهي. يعني سزا گهٽبي آهي.) اچي وڃي ته اڄ ئي ڇٽي وڃان. هاڻ دعا گهر ته هن بند مان آزاد ٿيان“.
    مون چيو: ”ميرا انشالله توهان جلد آزاد ٿيندا.“ ڪجهه دير خاموش رهي پوءِ مون ميري کي چيو: ”ميرا اسان جي کوليءَ جي مرمت ٿي رهي آهي ۽ اڄ ڪلهه بئرڪ ۾ رهندو آهيان. اتي ٻيا به رهندا آهن. اهي سڄي رات گوڙ ڪندا آهن. مان ته نڪو سمهي ٿو سگهان، نه ڪجهه لکي پڙهي ٿو سگهان“. ميري ڪجهه دير سوچيو پوءِ چيائين: ”سائين منهنجي ڀرسان هڪ کولي خالي آ. انهيءَ پاسي ماکان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو رهي. تون جيڪڏهن ڊپٽيءَ کي چئي هن پاسي هليو اچين ته ڏاڍي آرام سان رهندين“.
    مون ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي چيو: ”مان ميري جي ڀرسان واري کوليءَ ۾ رهڻ ٿو چاهيان.“ ڊپٽيءَ مون کي اجازت ڏئي ڇڏي، ۽ مان پنهنجو سامان کڻائي ميري جي ڀرسان واري کولي ۾ وڃي رهيس.
    ٻئي ڏينهن سپرنٽينڊنٽ رائونڊ تي آيو ته ميري کي ڏسي چيائين ”تون به اتي رهيل آهي ڇا؟“
    ميري چيو ”ها سائين“.
    سپرنٽينڊنٽ چيو: ”نه نه. تون پنهنجا ٽپڙ هينئر ئي هتان کڻ. هتي فقط طارق اشرف رهندو. تون ٻئي وارڊ ۾ وڃ“.
    ميري سپرنٽينڊنٽ جي سامهون ئي پنهنجا ٽپڙ کنيا ۽ وڃڻ لڳو. وڃڻ وقت مون سان مليو ۽ چيائين: ”سائين تو ته اچڻ سان ماکي کوليءَ مان ئي ڪڍرائي ڇڏيو“. ميري کي پنهنجي کولي ڇڏڻ تي ڏاڍو ڏک هو.
    مون ميري کي چيو: ”تون هن کوليءَ مان نڪتو آهين ته انشالله جيل مان به جلد نڪرندين“.
    ميري چيو ”سيد آهين. خدا تنهنجي دعا قبول ڪندو“.
    ميرو صبح جو ڏهين وڳي کن ويو هو. مان پنهنجو سامان ٺاهي ٻن پهرن جو ماني کائي ستو پيو هوس ته اوچتو پيرن تي ڪنهن جا هٿ محسوس ڪيم. اک کلي ته جيڪو ماڻهو منهنجي سامهون بيٺو هو، ان کي پهرين نظر ۾ سڃاڻي نه سگهيس. پر جڏهن چتائي ڏٺم ته سڃاڻي ويس اهو ميرو هو. کيس جيل جا ڪپڙا ڪونه هئا. مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو ۽ ڪپڙا به خانگي پيل هئس.
    مونکي ڏسي پيرين پيو ۽ پوءِ هٿ ٻڌي چيائين: ”سائين اوهان صبح چيو هو هن کوليءَ مان نڪتو آهين ته جيل مان به جلد نڪرندين. واقعي مان هن کوليءَ مان نڪتم ته جيل مان به نڪران پيو. ماکي آزاد ڪن پيا. اوهان کان موڪلائڻ آيو آهيان“.
    مان ٽپ ڏئي اٿيس ۽ ميري سان ڀاڪر پائي مليس. کيس ڀاڪر پائيندي منهنجي اکين مان ڳوڙها نڪتا. مونکي ميري جي آزاديءَ جي خوشي به هئي ۽ کانئس جدا ٿيڻ جو ڏک به هو.
    مان اڳ ۾ هڪ مهينو ارڙهن ڏينهن جيل ۾ رهي ويو هوس. انهيءَ کانپوءِ ٻاويهه مهينا جيل ۾ هوس، پر پنهنجي اڳيان ڪوبه اهڙو قيدي آزاد نه ٿيو، جيڪو سترهن سال جيل ۾ يڪو رهي آزاد ٿيو هجي. ميرو پهريون خوش قسمت قيدي هو جيڪو ايڏي وڏي سزا ڪاٽي نڪتو هو.
    ميرو ويو هليو. مونکي جوابدار اچي ٻڌايو ته ميري جيل کان ٻاهر نڪري جيل جي ڦاٽڪ وٽ ٻه رڪعت نفل پڙهيا ۽ پوءِ هليو ويو.
    ميري جي وڃڻ بعد مان سوچڻ لڳس: ”ميرو سترهن سال جيل ۾ گھُٽ ۽ ٻوسٽ واري فضا ۾ رهي هاڻ آزاد فضا ۾ وڃي رهيو آهي. سترهن سالن جي دنيا ڪيڏي ترقي ڪئي آهي. جڏهن ميرو سترهن سال اڳ گرفتار ٿيو هو انهيءَ وقت ۾ ۽ هاڻي جي وقت ۾ تمام گهڻو فرق آهي. هن ملڪ ۾ ٽي دفعا حڪومتون بدليون آهن. ڇا ميري کي آزاد فضا جو ماحول اجنبي نه لڳندو؟“.
    پر پوءِ سوچيم: ”نه. آزاد فضا جو ماحول هن کي اجنبي نه لڳندو. آزاد فضا ۾ ڪٿي. قيد ۾ سترهن سال رهي به ماڻهو پاڻ کي اجنبي سمجهندو آهي، پر آزاديءَ جي هڪ گهڙيءَ ۾ به پنهجائپ محسوس ٿيندي آهي“.
    ميري کي به آزاديءَ ۾ اجنبيت محسوس نه ٿيندي. هر انسان آزاد رهڻ چاهي ٿو. اڄ ميرو آزاد ٿيو آهي، سڀاڻي اسين به آزاد ٿينداسين. اسين آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا آهيون. آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين. انسان کان هميشه لاءِ ڪوبه آزادي کسي نٿو سگهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 646
    ڪتابن جو مشاهدو: 816594
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 281126
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ