ڪتاب جو نالو: سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر
مصنف: پروفيسر سروپچندر شاد
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 16 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 1630 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 347 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپںا
  • سنڌ سلامت پاران
  • فهرست
  • مهاڳ :سنڌي شاعريءَ جا دور
  • قـــــــاضــــــي قـــــــادن(880هه 958هه / 1471ع 1551ع)
  • شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو(944هه 1032هه) - (1534ع 1622ع)
  • شاهه لطف الله قادري(1020هه 1090هه) (1610ع 1679ع)
  • ميون شاهه عنات رضوي(1030 1035هه، 1120 1125هه)
  • مخدوم ابوالحسن(1070هه 1160هه) (1661ع 1750ع)
  • شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه1102 هجري – 1689ع1165هجري – 1752ع
  • ميان سرفراز خان ڪلهوڙو1701ع کان 1783ع
  • سيد ثابت علي شاهه(1154هه 1225هه) (1740ع 1810ع
  • سچل سرمست1152هه – 1243هه1739ع – 1829ع
  • ڀائي چئنراء سامي(وڪرمي سنبت 1800ع – 1907ع 1743ع 1850ع)
  • خليفو گُل محمد گُل(1804 1855ع)
  • شمس الدين ”بُلبُل“(1857ع کان 1919ع)
  • حمل فقير لغاري(1225هه 1296هه، 1809ع 1880ع)
  • مير عبدالحسين ”سانگي“(1851ع 1924ع)
  • ڪشن چند ”بيوس“(1885ع 1947ع)
  • حيدر بخش جتوئي: (1901ع، 1970ع)
  • نارائڻ شيام : (22 جولاءِ 1922ع – 10 جنوري 1989ع)
  • شيخ مبارڪ اياز: ولادت: 2 مارچ 1923ع، وفات: 28 ڊسمبر 1997ع
  • منهنجا لکيل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو : سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر
    موضوع : تحيقيقي مضمون
    مصنف : پروفيسرسَرُوپچندر ’شاد‘
    ڇاپو پهريون : اپريل 2017ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ : ساحل پبليڪيشن _ حيدرآباد
    ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز حيدرآباد. 03332634650


    پروفيسر سَرُوپچندر ’شاد‘
    بي.اي. آنرس انگريزي ادب 1960ع
    ايم.اي. انگريزي ادب 1962ع
    فلئٽ نمبر 9، منزل 3 فهد پلازا، نزديڪ عبرت پريس گاڏي کاتو، حيدرآباد (سنڌ)
    0300-3030288

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپںا

    ارپڻ ڪيان ٿو

    ڪروڙين قُربن سان نياز همايوني
    جي نانءُ

    نياز همايوني سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو اديب ۽ لاڏلو شاعر ۽
    بيمثال ترجمو ڪندڙ سنڌ جو سپوت هو. هن شاهه لطيف ڀٽائي جي سنڌي شاعري سُرن کي پارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پاڻ کي خوب ملهايو. هن قاضي قادن جي ڪلام کي اُردو ۾ ترجمو ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.

    پروفيسر سَرُوپچندر ’شاد‘


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    ”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“
    هي ڪتاب ساحل پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ ساحل پبليڪيشن جي سرواڻ مور ساگر جوڻيجي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    فهرست

    • سنڌي شاعريءَ جا دور (مهاڳ) پروفيسر سروپچندر ’شاد‘ 07

    1. قـــــــاضــــــي قـــــــادن 29
    2. شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو 60
    3. شاهه لطف الله قادري 87
    4. ميون شاهه عنات رضوي 113
    5. مخدوم ابوالحسن 144
    6. شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه 162
    7. ميان سرفراز خان ڪلهوڙو 203
    8. سيد ثابت علي شاهه 212
    9. سچل سرمست 235
    10. ڀائي چئنراء سامي 272
    11. خليفو گُل محمد گُل 308
    12. شمس الدين ”بُلبُل“ 331
    13. حمل فقير لغاري 363
    14. مير عبدالحسين ”سانگي“ 396
    15. ڪشن چند ”بيوس“ 430
    16. حيدر بخش جتوئي 460
    17. نارائڻ شيام 489
    18. شيخ مبارڪ اياز 522


    مهاڳ :سنڌي شاعريءَ جا دور

    غلام محمد گرامي هڪ وڏو سنڌي شاعر، نثر نگار ۽ لاجواب نقاد ۽ محقق هو. هن ڪيترن ئي ڪتابن تي مقدمه لکيا آهن، جيڪي هن جي لاجواب نقاد ۽ محقق هجڻ جو پڪو ثبوت آهن. هن جو هڪ ڊگهو تحقيقي مضمون ”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ سنڌي ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل آهي. هي هڪ لاجواب تحقيقي مضمون آهي. اهڙو ڪنهن به سنڌي نقاد تحقيقي مضمون نه لکيو آهي ۽ نه ئي وري لکي سگهندو.
    ”ديوان – بلبل“ ۾ غلام محمد گرامي، قاضي قادن ۽ شمس الدين بلبل واري زماني تائين لکيل شاعري کي ستن دورن ۾ ورهايو آهي.
    (1) پهرين دور ۾ قاضي قادن جي هندي ڏوهيڙن واري شاعري شروع ٿي جا شاهه ڪريم تي تڪميل تي پهتي.
    (2) ٻئي دور ۾ ابوالحسن جي سنڌي ۾ ”الف“ واري قافيه ۾ ٿي. اُن ۾ ٺٽي جي مخدومن جا ديني ۽ فقهي ڪتاب سنڌي ۾ شايع ٿيا.
    (3) ٽيون لطيف جو دور آهي ۽ موضوع ۾ جدت ۽ ندرت ڪلام ۾ رنگيني ۽ شيريني پيدا ٿي. عارفانه ۽ عاشقانه رنگ پيدا ٿيو. سنڌي زبان جو ادبي سرمايو استعارن ۽ ڪناين سان وڌيو.
    (4) چوٿين دور ۾ سماع جو ساز شروع ٿيو. مولود، مداحون، مرثيا، مناقبا لکيا ويا.
    (5) پنجون سچل جو دور هو جنهن ۾ لطيف جي اعتدال پسندي ۽ رمزيت کي رندانه انداز ۾ پيش ڪيو ويو.
    (6) ڇهون دور آخوند گل کان شروع ٿيو غزل چيا ويا. غزل جو عبوري ۽ تجريدي وارو ڌور هو.
    (7) ستين دور جي ابتدا بلبل کان ٿي. بلبل هر پهلو تي لکيو آهي. قومي، عاشقانه، ناصحانه، اخلاقي، طنزيه ۽ ظريفانه نظم، غزل ۽ مثنويون وغيره. سندس قصيدا، نقتا، رنگين ۽ دلنشين بلاغت ۽ معانيءَ سان معمور آهن.
    مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن ۽ شيخ اياز جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.

    سنڌي شاعري جا دور
    (1) قاضي قادن 1471ع 1551ع
    (2) شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو 1534ع 1622ع.
    (3) شاهه لطف الله قادري 1610ع 1679ع.
    (4) مخدوم عنات رضوي 1535 1535هه 1125 1125هه.
    (5) مخدوم ابوالحسن 1661ع 1751ع.
    (6) شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1689ع 1752ع.
    (7) ميان سرفراز ڪلهوڙو 1956ع 1979ع.
    (8) سيد ثابت علي شاهه 1745ع 1810ع.
    (9) سچل سرمست 1743ع 1839ع.
    (10) ڀائي چئن راءِ سامي 1743ع 1850ع.
    (11) خليفو گل محمد ”گُل“ 1854ع 1855ع.
    (12) شمس الدين بلبل 1857ع 1910ع.
    (13) حمل فقير لغاري 1859ع 1880ع.
    (14) مير عبدالحسين ”سانگي“ 1851ع 1924ع.
    (15) ڪشنچند بيوس 1880ع 1947ع.
    (16) حيدر بخش جتوئي 1958ع 1972ع.
    (17) نارائڻ ”شيام“ 1922ع 1979ع.
    (18) شيخ ”اياز“ 1933ع 1997ع.

    پهريون دور
    سنڌي شاعري جو پهريون دور قاضي قادن جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. هو سنڌ جو برک عالم، وڏو بزرگ ۽ سرجڻهار شاعر هو. هن جا وڏا سيوستان (سيوهڻ) جا رهندڙ هئا، جتان لڏي بکر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. قاضي قادن جي ولادت اندازاً 880هه مطابق 1471ع ۾ بکر ۾ ٿي. هو ديني ۽ دنيوي علمن جو وڏو ماهر هو. هو تصوف ۽ ويدانيتي علمن جو سهڻو ۽ سريلو سنگم هو.
    قاضي قادن سنڌ جي تحريري شاعري رچيندڙ هڪ وڏو شاعر هو. هو تحريري شاعري نه ڪري ها ته سنڌي شاعري ترقي ڪيئن ڪري ها. هن جي تحريري شاعري سنڌي ادب، علم ۽ شاعري جو انمول سرمايو آهي.
    قاضي قادن سير ۽ سفر جو وڏو شوقين هو. هن ڀر وارن ڳوٺن جا گهڻا دورا ڪيا. هن پنجابي تاريخي ڳوٺن جا به دورا ڪيا. تنهن ڪري هن جي شاعري واري زبان اُتر جي ۽ سري جي آهي جنهن ۾ پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين جو به اثر قائم آهي.
    قاضي قادن جي شاعري دوهن، سورٺن ۽ دوها، سورٺا ميل واري شاعري آهي. هن جي شاعري ۾ ٻه سٽون هونديون آهن. نقادن ٽن ۽ چئن مصراعن وار شعر به ڳولي لڌا آهن.
    مهدوي تحريڪ جو اڳواڻ سيد ميران دهلوي جڏهن جيسلمير جي رستي کان ٿي بکر پهتو ته قاضي قادن هن سان مليو تڏهن هن روماني سجاڳي حاصل ڪئي.
    ”جوڳي جاڳايوس، ستل هوس ننڊ ۾،
    تيهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“

    انهي کان پوءِ هو هڪ صاف دل صوفي ۽ وڏو بزرگ بنجي ويو. قاضي قادن جي شاعري شاهه لطيف ۽ ساميءَ جي شاعري جو بنياد آهي. سنڌ جا شاعر قاضي قادن جي ڪلام کان متاثر هئا. جديد سنڌي شاعر به هن جي ڪلام جا عاشق آهن. سنڌ کان ٻاهر وارا سنت به هن جي ڪلام ۽ فڪر کان ڏاڍو متاثر آهن.
    قاضي قادن مديني ۾ 958هه مطابق 1551ع ۾ وفات ڪري ويو.

    ٻيو دور
    سنڌي شاعري جو ٻيو دور شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. هو پنهنجي دور جو وڏو بزرگ ۽ شاعر هو. سچ پچ ته هو سنڌي شاعري جو وهائو تارو هو. مٽياري جي شهر ۾ سنه 944هه مطابق 1534هه ۾ ڄائو.
    شاهه عبدالڪريم پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجن بزرگن کان حاصل ڪئي. پوءِ مخدوم نوح هالن واري جي صحبت ۾ گذاري، بعد ۾ سيد ابراهيم شاهه بخاري کي پنهنجو روحاني رهبر ڪيائين. جنهن کان گهڻو ئي روحاني فيض حاصل ڪيائين پوءِ هو اچي بلڙي ۾ رهيو.
    شاهه عبدالڪريم جواني کان پيري تائين تمام گهڻو سير ۽ سفر ڪيائين. لاڙ، وچولو ۽ سري جو به سفر ڪيائين. هن دهلي، دکن ۽ گجرات جو به سير ڪيو. گهڻو وقت هن بلڙي شهر ۾ گذاريو. ۽ اُتي عبادتون ۽ رياضتون ڪري سڄي شهر ۾ مشهور ٿيو. هو ملڻ وارو، خدمتون ڪرڻ وارو ۽ صحيح راهون ڏسڻ وارو هڪ نيڪ، نماڻو ۽ هر دل عزيز شخص هو. هو سچو ماڻهو هو ۽ سندس سچائي جي هاڪ هر طرف هئي. هو 88 سالن جي وڏي ڄمار ۾ سنه 1032هه مطابق 1622ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    شاهه عبدالڪريم جي مريد محمد رضا شاهه ڪريم جي وفات کان 6 سال پوءِ هن پنهنجي ملفوظات بيان العارفين کي سهيڙي فارسي نثر ۾ مڪمل ڪيو. شاهه ڪريم جا ڪل 94 بيت آهن. اُهي دوها، سورٺا، ميل ۾ لکيل آهن. هن جي شاعري جو مضمون آهي عام انساني جذبا ۽ انساني ڏک. هن سنڌي شاعري اهڃاڻن جو آغاز ڪيو آهي. هي هڪ صاف دل صوفي آهي. هن جو دماغ صاف ۽ دل سچي آهي. جنهن به شيءِ کي هو نيڪ ۽ سچي دل سان ڏسي ٿو، هن کي سچ نظر اچي ٿو.
    مورک مور نه ڏسڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    ڪٽر جنين اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.
    شاهه ڪريم جو خيال آهي ته جيڪي ماڻهو ڪٽر آهن ۽ ڪٽر پڻي سان ڀريل آهن اُهي ڪڏهن به منزل حاصل ڪري نه سگهندا.

    ٽيون دور
    سنڌي شاعري جو ٽيون دور شاهه لطف الله قادري جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. شاهه لطف الله قادري هڪ وڏو اساسي سنڌي شاعر ۽ اهل علم عارف آهي. هن بيت جي وصف کي وڏو اوج ڏياريو. شاهه لطف الله قادري سنڌ جي مشهور ڳوٺ اگهم ڪوٽ جو رهاڪو هو، جنهن جا آثار ماتلي تعقلي ۾ موجود آهن. هن جي ولادت سنه 1020هه مطابق 1610ع ڌاري ٿي. سندس ولادت اگهم ڪوٽ شهر ۾ ٿي.
    اگهم ڪوٽ اُن وقت پڙهائي جو وڏو مرڪز هو. لطف الله قادري اگهم ڪوٽ جي مرڪز مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي ۽ ذاتي ڪوششن سان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري وڏو پڙهيل لکيل نوجوان بڻجي ويو. هو هڪ وڏو شاعر ۽ عالم هو. هو مذهبي اصول سکيل هو. هر سوال جو سٺو جواب ڏيئي پڙهندڙ کي خوش ڪري ڇڏيندو هو. هن سنڌي شاعري ۾ نوان نوان مضمون آڻيا.
    شاهه لطف الله قادري اندازاً سنه1090هه مطابق 1679ع ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ اگهم ڪوٽ ۾ وفات ڪئي. لطف الله قادري جون ٽي تصنيفون آهن. ٻه فارسي ۾ ۽ ٽئين سندس سنڌي رسالو. هن جون بيشمار ادبي خدمتون آهن. هن سنڌي شاعرن کي حوالن جي استعمال کان آگاهه ڪيو، هن وراڻ جي رسم کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪري، سوين رنگ رچيا. هن بيتن کي ڊگهو ڪري، اُن کي ڪاريگري ۽ هوشياري سان استعمال ڪري شاعري ۾ بيتن جي بهار آڻي پاڻ ملهايو. هو تفصيلن جو خوب ذڪر ڪري ٿو. هن جي شاعري م وراڻ يا تڪرار جو لاجواب استعمال من کي ٺاريو وجهي.
    جيس جيس جو ڀٽيون ڀتيدن روءِ،
    جـــاري عــاشـــق ٿـــيـــا هــــوءِ،
    پــــاســــي ڀـــــر پـــريــــن جــــو.

    چوٿون دور
    سنڌي شاعري جو چوٿون دور شاهه عنات رضوي جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. هو هڪ عظيم الشان شاعر هو. هن جا وڏا پهرين بکر ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ خيرپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. شاهه عنات رضوي جي ولادت اندازاً 1030 1035هه ڌاري ٿي. هن هڪ مقامي مدرسي مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. هن ٿوري فارسي ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي.
    والد جي وفات کان پوءِ شاهه عنات وڏي ڀاءُ احمد شاهه وٽ پرورش ۾ رهيو. شاهه عنات ننڍي هوندي کان خود خيال ۽ رسمي پابندين کان آزاد هو. هو راڳ جو شوقين هو ۽ آزادي سان عام ڪچهرين ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو. هن جو راڳيندڙن سان اُٿڻ ويهڻ عام هو. هن جواني ۾ شاديون ڪيون ۽ هن جا مشغلا جوان جهڙا هئا. هو ڀلن گهوڙن جو شوقين هو. جواني کان پوءِ هو درويشي طرف متوجه ٿيو. هن ملتان جو سير و سفر به ڪيو ۽ وڏن بزرگن ۽ درويشن سان ملاقاتون پڻ ڪيائين. شاهه عنات آزاد خيال ۽ سٺو شاعر هو. هن جو سينو محبت کان ٽمٽار هو. هو سنڌ جي هر فقير جو احترام ڪندو هو. جوڳين ۽ سامين سان محبت هئي. هو نيون روايتون جوڙيندڙ شاعر هو. هن مجازي عشق بابت گهڻو لکيو. هن سنڌي شاعري جي سهڻي ۽ سريلي صنف وائي کي ايجاد ڪري وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو. شاهه هن کان متاثر ٿي انمول وايون لکي سڄي جڳ کي رجائي ويو. نرم ۽ نازڪ لفظ، نئون ۽ نرالو خيال ۽ موسيقي کي وائي چئبو آهي. شاهه عنات اندازاً 1120هه 1125هه ۾ وفات ڪري ويو.
    شاهه عنات رضوي سنڌ جو رنگين مجاز ۽ لاجواب شاعر هو. هن جي شاعري جا موضوع گهڻا آهن. هن جي ٻولي سادي ۽ سلوڻي آهي. هن جي شاعري ۾ گهرائي آهي. هن جي شاعري ۾ رنگ ئي رنگ آهن. هن وائي جي صنف کي سرجي سنڌي ۾ سونهن، سرهاڻ ۽ سنگيت کي خوب ترقي ڏني آهي. هن بيت کي خوب وسعت بخشي آهي.
    پلر پيتم جن سين، سي مارو مون ميڙ،
    پرهينويا پٽن تي مٿي ويهان ويڙ،
    تن مهانگين سان جهيڙ جن جا ٿاڪ ٿرن ۾.

    پنجون دور
    سنڌي شاعري جو پنجون دور مخدوم ابوالحسن جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. مخدوم ابوالحسن سنڌ جي ادبي تاريخ جي مرتب، محمد صديق ميمڻ جي لفظن ۾ ”هو سنڌي علم ادب جو پايو وجهندڙ هو.“ مخدوم ابوالحسن جو جنم ٺٽي ۾ سنه 1661ع ۾ ٿيو. هو پاڻ فارسي ۽ عربي جو وڏو ماهر هو. هن کي خيال آيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پهرين سنڌي سيکارجي.
    مخدوم فارسي ۽ عربي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن پر سنڌي ۾ صرف هڪڙو ڪتاب ”مقدمه الصلوات“ لکيو آهي جنهن کي ”ابوالحسن جي سنڌي“ چئبو آهي. مخدوم ابوالحسن پنهنجو ڪتاب، سال 1700ع ۾ لکيو. هن کي سنڌي صورتخطي ٺاهڻ ۾ وڏي دقت پيش آئي سا خاص طرح نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙن حرفن جي هاڻوڪي مقرر ٿيل صورت هي آهي.
    ٻ، ڀ، ت، ٽ، ٺ، ڦ، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ڙ، ک، ڳ، گهه، ڃ ۽ ڙ مخدوم صاحب مٿي نج حرف لاءِ هيٺيون صورتون مقرر ڪيون هيون.
    ٻ= هاڻوڪي صورت ٻ، ڀ = هه، ٿ = ٽ = ت هه، ڦ = ف، ڪٿي ڪٿي وري ڻ يا تر، ٺ = تهه، پ =، ڄ ۽ جهه = ج، ڃ = نج جيم جي اڳيان ن غنا، ڇ = چيهه، ڏ = دهه، ڪٿي ڪٿي وري د، ڏ = ڻا، د = در، ڍ = ڊ، ڙ = ر، ٽ = گهه، ڳ ۽ گهه = گ، گ = نک، گ اڳينا ن غنا، ڻ = ن.

    مخدوم ابوالحسن جي وفات 90 سالن جي وڏي عمر ۾ ٿي. مخدوم ابوالحسن جي شاعري هن جي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيل آهي. هن جي شاعري مادري اصولن موجب لکيل آهي. هن جي شاعري ڊگهن دوهن واري شاعري آهي. هن بيتن جو به استعمال ڪيو آهي. هن ڪيترن ئي ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني آهي: وترو = تکو، مهيلي = زال، جها = جهڙا، مُلا = وٺان، ٻجهن = ٻدجن، جيڻو = ساڄو، جيرو جهڙو، هوءِ = هجي وغيره. هن جي شاعري جي اثر هيٺ غير مسلم مسلمان ٿيا ۽ ديني ۽ فقھ جي مسئلن کي سمجهي سگهيا.

    ڇهون دور
    تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.
    سنڌي شاعري جو ڇهون دور سنڌ جي ڏات ڌڻي ۽ نامياري شاعر شاهه عبداللطيف جي شاعري سان شروع ٿئي ٿو. شاهه لطيف جي پيدائش سنه 1101هه مطابق1989-1690ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي تعلقي هالا جي ڳوٽ هالا حويلي ۾ ٿي. شاهه صاحب جي والد جو نالو شاهه حبيب هو.
    شاهه لطيف جي تعليم جي باري ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ لکيو آهي :
    ”ته شاهه جو رسالو پڙهي اهِو معلوم ٿئي ٿو ته هن درسي تعليم ضرور حاصل ڪئي هوندي .هو عربي فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن جي پنهنجي مادري ٻولي سنڌي تي پورو ظابطو ھو بلوچي، سرائيڪي ،هندي، پنجابي وغيرهه چڱي طرح ڄاڻيندو هو.“
    شاهه حبيب هالا حويلي مان لڏي اچي ڪوٽڙي ۾ رهيو .اُتي مرزا مغل بيگ به رهندو هو، جنهن جا شاهه حبيب سان پيري مريدي جا لاڳاپا ھئا.ھو شاھه کي دعا پڙهڻ لاءِ پنهنجي حويلي ۾ به گهرائيندو هو. هڪ دفعي جڏهن شاهه حبيب بيمار هو تڏهين مغل بيگ جي وڏي ڌيءَ بيمار ٿي پيئيءَ ته شاهه لطيف هن کي دعا ڪرڻ لاءِ مرزا جي حويلي ۾ آيو. شاهه لطيف ڇوڪري جي آنگر کي پنهنجن هٿن ۾ جهلندي چيوته ” جنهن جي آنگر شاهه هٿ ۾، تنهن کي لهر نڪي لوڏو.“ مرزا وارن کي هي ڳالهه نه وڻي ۽ جڏهين شاهه حبيب شاهه لطيف جي لاءِ ڇوڪري جو سنڱ گهريو ته اُنهن انڪار ڪري ڇڏيو.
    اِها شاهه لطيف جي لاءِ عشق جي پهرين چوٽ هئي. شاهه لطيف گهر گهاٽ ڇڏي جهنگ طرف هليو ويو. واٽ تي هن کي سنياسن جو ٽولو مليو شاهه انهن سان گڏ ڪافي رليو. ڪافي هنڌ گهمڻ کان پوءِ لاهوت به ويو . اُتان هنگلاج به ويو .گهڻن هنڌن تان گهمي هو وطن موٽي آيو مغل بيگ وارن سنڱ نه ڏنو . گهر جي عورتن هن کي شاهه حبيب جو پاراتو سمجهي شاهه لطيف کي سنڱ ڏنو شاهه لطيف پنهنجن مريدن سان گڏ ڀٽ شاهه کي آباد ڪيو. هوڏينهن جو ڪم ڪار ڪندا هئا. ۽ رات جون سماع جون محفلون مچنديون هيون. اُن کان پوءِ شاهه لطيف سير ۽ سفر مان سنڌ ۽ انهن جي ماڻهن بابت حاصل ڪيل ڄاڻ کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳائي ٻڌائيندا هئا ۽ ماڻهن کي جهومائيندا هئا. شاهه لطيف چوڏهين صفر مطابق 1752ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ وفات ڪئي. سندس شاندار روضو ڀٽ شاهه ۾ آهي.

    ستون دور
    سنڌي شاعري جو ستون دور ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي شاعري سان ٿئي ٿو. هو هڪ مڻيادار مرد هو. هو شڪل ۽ صورت ۾ اُڀ ۾ چمڪندڙ تارو هو. هن سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ لاجواب ۽ لازوال مدح خلقي نه صرف پاڻ کي هڪ وڏو مدح نگار شاعر ثابت ڪيو، پر سر زمين سنڌ کي چمڪائي، اُن جو مان وڌائي ويو.
    ميان سرفراز ڪلهوڙو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو وڏو فرزند هو. هن جي پيدائش سنه 1701ع ۾ ٿي. پيءَ جي انتقال کان پوءِ هي سنه 1772ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو. ۽ ٽي ورهيه حڪومت هلائي سنه 1781ع ۾ قتل ٿي ويو. ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو ٽالپرن جي پرئي مڙس مير بهرام خان کي پنهنجي وزير راج ليکي جي چورڻ تي لڳي وچ درٻار ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. ٽالپرن ۽ بلوچن جي وچ ۾ ڏاڍو شور پيدا ٿي ويو. آخر سنه 1775ع ۾ ميان محمد سرفراز کي تخت تان لاهي، هن کي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. قلعي ۾ هن جون اکيون ڪڍي هن کي انڌو بنايو ويو. هاڻي هن کي پنهنجي ظلم جو احساس ٿيو. هو پڇتاءُ جي حالت ۾ سڄو ڏينهن رئندو ۽ رڙندو رهندو هو. روئڻ هن جي دل کي ڌوئي ڇڏيو. هو روئڻ سان گڏ ڪجهه پڙهندو رهندو هو جيڪو پوءِ هن جي مدح جو متن بڻيو. پوءِ قلعي ۾ هن کي ۽ هن جي ٽن عزيزن کي قتل ڪري هڪ ئي مقبري ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو.
    ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي کي پارسي شاعري سان عشق هو. هو ۽ سيد ثابت علي شاهه هڪڙي اُستاد ميان غلام علي جي رهنمائي سان موزون شاعري ڪندا هئا. ميان سرفراز ڪلهوڙي جو ڪو به ڪلام ملي نه سگهيو آهي. هن جي صرف هڪڙي مدح سنڌي ۾ ملي آهي، جيڪا مشهور آهي. اُها ٽيهن بندن واري مدح بحر مڪفوف،محزوب تي ٺهيل آهي، جنهن جا ارڪان آهن مفائيل مفائيل مفاعيل فعول. هي مدح پُر تاثير، روان ۽ سحر انگيز آهي.

    اٺون دور
    سنڌي شاعري جو اٺون دور سيد ثابت علي شاهه جي شاعري سان شروع ٿئي ٿو. سيد ثابت علي شاهه هڪ قابل ۽ مقبول شاعر ٿي گذريو آهي. هو سيوهڻ ۾ سن 1181هه برابر 1745ع ۾ پيدا ٿيو.
    سيد ثابت علي شاهه جڏهن پڙهڻ جي عمر تي پهتو تڏهن پهريائين آخوند عبدالرحمان وٽ ۽ پوءِ آخوند محمد الياس وٽ قران شريف پڙهي پورو ڪيائين. اُن کان پوءِ سيد چراغ شاهه وٽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. هن مخدوم احسان حڪيم وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. هن مراد واعظي کان علم تفسير، علم حديث ۽ علم فقھ جي تعليم پرائي. هن مخدوم چراغ شاهه کان متاثر ٿي ڪيترائي فارسي ڪتاب ۽ فارسي ۽ هندي (اردو) مرثيا پڙهيا۽ هن کي مرثيا ٺاهڻ جو شوق جاڳيو. شاعري سکڻ لاءِ نورالحق سيوهاڻي جو شاگرد ٿيو. اهڙي نموني هو مرثيا نگاري سکي وڏو مرثيا نگار شاعر بڻجي ويو.
    ٿوري عرصي کان پوءِ جڏهن مير ڪرم علي خان سنڌ جو حاڪم ٿيو. تڏهن سيد ثابت علي کان متاثر ٿي هن کي گهڻا انعام اڪرام ڏئي هن کي نوازيائين. مير فتح علي ۽ مير مراد علي خان ساراهه ڪري هن کي خوب همٿايو. سيد ثابت علي شاهه سيوهڻ ۾ سنه 1225هه برابر 1810ع ۾ وفات ڪئي.
    سيد ثابت علي شاهه فارسي، هندي (اردو) ۽ سنڌي ۾ تمام گهڻو لکيو آهي جنهن کي گڏي ڪليات يا گنج چئبو آهي. هن جا مرثيا ڏاڍا موثر ۽ مشهور آهن. هن جي واقعات نگاري، جذبات نگاري ۽ پوري مرثيا نگاري خوب آهي، هن جي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن جي جذبات نگاري ڏاڍي حسين ۽ رنگين آهي. هن جو مڪالماتي انداز بيان ڏاڍو اثر انگيز آهي. هن جا سلام، نوحا ڏاڍا سهڻا آهن. هن عربي ۽ فارسي لفظن کي باڪمال نموني پيش ڪري ڪمال ڪيو آهي.
    هئي هئي قاسم تنهنجو ڪاڄ،
    گهوٽ ڪٺائون رڻ ۾ راج.
    هئي هئي حسرت واويلا.

    نائون دور
    سنڌي شاعري جو نائون دور سچل سرمست جي صوفي ۽ انساني حوصلي جي صاف سُٿري ۽ کلي شاعري سان شروع ٿئي ٿو. سچل جي ولادت سنه 1152هه مطابق 1739ع ۾ درازن ۾ ٿي. هن جي تعليم ۽ تربيت سندس ڏاڏي ميان صاحبڏني ۽ چاچي، سهري ۽ مرشد ميان عبدالخالق جي نگراني ۾ ٿي. شاهه عبداللطيف جڏهن هن سان ملڻ لاءِ درازن ۾ آيو ته سچل کي ڏسي ائين چيو: ”اسان جيڪا ديڳ چاڙهي آهي، اُن جو ڍڪ هي لاهيندو.“ ٿيو به ائين.
    سچل سرمست روحاني فيض پنهنجي چاچي ميان عبدالحق کان پرايو. شروع کان هو شرع جي پابندي ڪندو هو. پوءِ حالتن جي تبديلي کان پوءِ ان ۾ نرمي اچي ويئي. هو سچو هو ۽ سچائي جو طلبگار به هو. هن فارسي، سنڌي اردو، سرائڪي ۽ پنجابي ۾ به شاعري ڪئي. هو سچ کي ڇڏي، ڪچ ڏي نه مڙيو. هو صاف دل صوفي ۽ وسيع دماغ وارو شاعر هو. هو 14 رمضان 1242هه برابر 1869ع ۾ درازن ۾ رحلت ڪري ويو. هر سال انهي تاريخ تي درازن ۾ ميلو لڳندو آهي.
    سچل سرمست تمام گهڻو ڪلام تحرير ڪيو آهي. هن جون 5 تصنيفون (1) آشڪار، (2) راز نامه، (3) رهبر نامه، (4) گداز نامه ۽ (5) تار نامه فارسي ۾ آهن. (6) رسالو سچل فقير جلد 1، جنهن ۾ سنڌي ڪافيون ۽ عزل آهن. ۽ 7 رسالو سچل فقير جلد ٻيو. هن سنڌي ۽ پنجابي ڏوهيڙا. ڪافيون، ريخته غزل، بيت ۽ ڏوهيڙا تمام گهڻا لکيا آهن. هن ڪيترائي بيت تحرير ڪيا آهن، جيڪي سنڌ جي قصن ۽ ڪهاڻين کي بيان ڪن ٿا.
    سچل سرمست هڪ وڏو صوفي ۽ انقلابي شاعر هو. هن ڪوڙ ۽ ڪوڙن کي ڏاڍو ننديو آهي. هو هڪ وڏو سرجڻهار شاعر ۽ فني ماملن جو وڏو ماهر هو. هو سنڌي ڪافي جو امام هو. هن جون ڪافيون ٻيڻيون اڍائڻيون ۽ چوڻيون ڪافيون آهن.
    ”ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀل، تون ته آدم نه آهين،
    لڪيو ٿو لانبون ڪرين جئن، باغ اندر بلبل.“
    سچل گهڻو ڪري سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. بيت، مسلسل بيت، ڪافي، ريختو، غزل، جهولڻو، گهڙولي وغيره. انهن صنفن ۾ ڪافي صنفون سچل جون خود گهڙيل آهن. انهن ۾ رس آهي، رچاءُ آهي، فڪر آهي ۽ نصيحت جا انمول نڪتا پڻ آهن. سچل جي ڪلام ۾ شاعري ۽ ستليت جو سريلو سنگم به آهي.

    ڏهون دور
    سنڌي شاعري جو ڏهون دور ڀائي چئنراءِ سامي جي نرمل ۽ اتساهه وڌائيندڙ شاعري سان شروع ٿئي تو. هو هڪ وڏو سرجڻهار شاعر هو. هن جو جنم شڪارپور شهر ۾ وڪرمي سنبت 1800 برابر 1742ع ۾ ٿيو.
    انهن ڏينهن ۾ شڪارپور شهر ۾ هڪ ودوان (عالم) پنهنجي مڙهي ۾ رهندو هو. هو نوجوانن کي ڌرمي علم پڙهائيندو هو ۽ شاعري به سيکاريندو هو. ڀائي چئنراءِ پاڙي جي جوانن سان گڏ سوامي مينگهراج جي مڙهي ۾ پڙهڻ ويندو هو. ڌرمي معلومات سان گڏ شاعري به سکندو هو. ڀائي چئنراءِ سوامي مينگهراج کان ڏاڍو متاثر ٿيو. اُن کي مان ڏيئڻ جي لاءِ هن سامي جو تخلص اختيار ڪيو. ڪٿي ڪٿي هن مينگهو ۽ ٻانڀڻ جو تخلص به استعمال ڪيو آهي.
    غريبي گلزار موچاري مينگهو چوي.
    وڏو ٿيئڻ کان پوءِ چئنراءِ سامي پنهنجو اباڻڪو ڌنڌو شروع ڪيو. هو ماٺو ۽ ايماندار هو گرهاڪن کي عزت ڏيندو هو ۽ هو هن جي نيڪي ۽ نماڻائي جي واکاڻ ڪندا هئا. سڄو ڏينهن دُڪان تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ هو گهر ايندو هو. ٿوري آرام کان پوءِ هو وهنجي سهنجي وري سواميءَ جي مڙهي ويندو هو، اُتي ڌرمي علم حاصل ڪري پوءِ شاعري جي محفل ۾ حصو وٺندو هو. سامي پنهنجا شعر پني جي چٽڪين تي لکي پوءِ مٽن ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هن جي شعاري پختي ٿيندي رهي.
    شادي ڪرڻ کان پوءِ 45 سالن جي عمر ۾ هو ڌنڌي ڪرڻ لاءِ امرتسر ويو. هو سڄو ڏينهن ڌنڌو ڪندو هو ۽ شام جو ڌرمي محفلن ۾ ويندو ۽ شاعري به ڪندو هو. اُتي هن کي 60 65 سالن جي عمر ۾ پٽ ڄائو جنهن جو نالو گهنشيامداس رکيو ويو.
    ڀائي چئنراءِ سامي وڪرمي سنبت 1907ع برابر 1743ع ۾ شڪارپور شهر ۾ گذاري ويو. هن جي وفات کان پوءِ گهنشيامداس مٽڪا کولي هن جي ڪلام کي گڏ ڪيو، ديوان ڪوڙيمل 2100 سلوڪن کي مرتب ڪري اُن کي ٽن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن سنڌي شاعري ۾ سلوڪن جي صنف کي رائج ڪيو آهي.
    ڀائي چئنراءِ سامي مڻيادار مرد ۽ سرجڻهار شاعر هو. هو سنڌ ۾ ڄائو هو. سنڌ سان ۽ سنڌين سان پيار ڪندو هو. هو سنڌ جي واين کان واقف هو. هو مرد کي جهونجهار ۽ عورت کي سهاڳڻ چوندو هو. هو انسانيت جو سچو علمبردار هو.

    يارهون دور
    سنڌي شاعري جو يارهون دور خليفي گل محمد ”گل“ جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. گل محمد گل سنه 1226هه مطابق 1808ع ۾ هالن پراڻن ۾ پيدا ٿيو، پنهنجي اباڻي مڪتب مان پارسي ۽ عربي ۾ تعليم جو چڱي طرح اڀياس ڪيو. گل جي والد جي وفات کان پوءِ خلافت جي پڳ گل محمد گل جي مٿي تي آئي. پير صاحب پاڳارو خليفي گل محمد گل کي گهڻو چاهيندو هو ڇاڪاڻ ته هو فرمانبردار ۽ زميندار هو. هو پير پاڳاري جا سمورا ڪم باقائدگي سان ڪندو هو. هو ماڻهن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو ۽ ماڻهو هن کي ڏاڍو چاهيندا هئا ۽ هن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا.
    خليفو گل ستيتاليهه ورهين جي ڄمار ۾ حج ڪرڻ ويو. ڪجهه وقت لاءِ بمبئي ۾ رهي پيو. هن پنهنجي سموري ڪلام کي ليٿو ۾ پايو ۽ اُن جون ڪاپيون سنڌ ڏي روانو ڪيائنس. بمبئي مان جيئن عربستان پهتو ته مڪھ معظمھ ۾ سنه 1271هه مطابق سنه 1855ع ۾ گذاري ويو.
    خليفي گل محمد ”گل“ جو ڪلام وزندار ۽ رنگدار آهي. صوفيانه رنگ هن جي ڪلام ۾ گهڻو آهي. عاشقانه رنگ جي چمڪ هن جي ڪلام ۾ جام آهي. جيڪو هن جي ڪلام جي خاص خوبي آهي. هن جي ڪلام ۾ فطرت نگاري اعليٰ آهي. جيڪا هن جي ڪلام کي مقصد ۽ خوبصورتي بخشي ٿي. هن جي ڪلام ۾ گهڻو ڪري مجازي عشق جو رنگ موجود آهي. اخلاقي رنگ به هن جي ڪلام کي قرباعتو بنائي ٿو.
    جنهن جي سخن کي ناهه سچ، واعدا ڪري هو ڳچ،
    ٿو لهين وفا ڪوڙن ڪنان، آهي عبث، آهي عبث.
    خليفو گل اُهو پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن پنهنجو ”ديوان“ پيش ڪري نالو ڪمايو آهي. علم عروض جي ارڪانن ۽ بحرن ۾ ايراني رنگ ملائي هن پنهنجي ڪلام ۾ سهڻو رنگ پيدا ڪيو آهي. هن جا قافيا پڪا ۽ پختا آهن. هن سنڌي عوام کي موزون ڪلام جي سوکڙي ڏني آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا ڏيئي نواڻ پيدا ڪئي آهي. هن جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي چڪون آهن پر هن جو ڪلام اخلاقي طور اعليٰ ۽ عمدو آهي.

    ٻارهون دور
    سنڌي شاعري جو ٻارهون دور شمس الدين بلبل جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو شمس الدين ”بلبل“ جي پيدائش سنه 1857ع ۾ ميهڙ ۾ ٿي. هن اُتي جي مڪتبن ۾ سنڌي، فاريسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. هو 1898ع ۾ ميهڙ ڇڏي ڪراچي ويو. هو حسن علي آفندي سان لهه وچڙ ۾ آيو. هو سياسي، سماجي ۽ تنظيمي تهريڪن ۾ شامل ٿي ويو. هو هڪدم سٺو ۽ پيارو صحافي بڻجي ويو. هن سنڌي صحافت کي ڏاڍي ترقي ڏياري. ڪرچاي ۾ رهندي بلبل مجازي عشق جي چوٽ کاڌي.
    اچي نه اچي ڪين بلبلان ڪين ٿئي اي گل گلان،
    روز چمن ۾ چهچٽو، تازه تازه نوبنو.
    بلبل ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. هو سياسي ۽ ادبي اڳواڻ هو. هن جي دل قوم ۽ دين جي درد سان ٽمٽار هئي. بلبل جي شخصيت نرالي هئي اُها يڪ سوئي، يڪ خيالي ۽ يڪ وجودي تي قائم هئي.
    بلبل جي ڪلام ۾ ڪيترائي موضوع آهن. هو طنز جو وڏو شاعر آهي. هن جي طنز ۾ چوٽون آهن، چڱيون ڀليون ٽوڪون آهن ۽ کل جا ڦوهارا آهن پر هو ڪنهن کي ماري خوار نٿو ڪري بلبل کلي دل ۽ کلي دماغ جو مالڪ آهي. هو ٺاهڻ ڄاڻي پر ڊاهڻ هن جو ڪم ناهي.
    شمس الدين بلبل 1919ع ۾ گذاري ويو. اهو سنڌي شاعري جو وڏو نقصان هو. هن جا ٻه ڪتاب ديوان بلبل ۽ ڪلام بلبل ڇپيل آهن ۽ خوب مشهور آهن.
    شمس الدين بلبل طنز جي صنف کي سنڌ ۾ رائج ڪري ڪيترن ئي ٺڳن ۽ غلط ڪم ڪندڙ کي سماج ۾ اُگهاڙو ڪيو. هن سنڌي شاعري ۾ غزل جي صنف کي ڏاڍو مقبول بنايو. هن وائتي انداز ۾ به عمديون غزلون لکيون آهن. هن جا مزاحيه غزل به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هن جي ”ڪريما“ هڪ مثالي لاجواب نظم آهي. هن جي نظم نئون زمانو هڪ شاهڪار شاعري آهي. هن جي قصيدا لاجواب آهي. تجنيس نگاري ۾ بلبل ڪمال ڪيو آهي. ادبي خدمتن جي ذريعي هن سنڌي شاعري کي خوب سينگاريو آهي.

    تيرهون دور
    سنڌي شاعري جو تيرهون دور حمل فقير لغاري جي سان تعلق رکي ٿو. حمل فقير هڪ سريلو سگهڙ ۽ مقبول عوامي شاعر آهي. هن جي ولادت خيرپور رياست ۾ پنهنجي اصلي ڳوٺ مير خان لغاري ۾ 1225هه مطابق 1809ع ۾ ٿي نواب ميان سعيد خان حمل کي ننڍپڻ کان وٺي پاڻ وٽ رهايو. ممڪن آهي ته هن حمل جي پڙهائي جو بندوبست ڪيو هجي. وقت جي رواج موجب حمل پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ پارسي تعليم حاصل ڪئي. فطري ذهانت ۽ سنجيدگي جي ڪري حمل پارسي جو اُستاد بنيو. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ۾ هن پنهنجو مڪتب کوليو ۽ مشهور استاد بنجي ويو.
    خوش طبعي جي ڪري حمل فقير هر طرف قابل ۽ احترام لائق اُستاد جي طور ڏاڍو مشهور ٿي ويو. هن جا تعلقات وڌي ويا ۽ هن جي شاگردن جو تعداد به وڌي ويو. هن پنهنجي علائقي ۾ تعليم ۾ وڏي ترقي ڏياري. هو سڀني ماڻهن جو يار ۽ دوست هو. جيڪو هن سان ملندو هو، خوش ٿي موٽندو هو. هو ننڍن ۽ وڏن سان عزت ۽ احترام سان ملندو هو. هو سڀ ڪنهن جي عزت ڪندو هو. حمل فقير لغاري 71 سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 2 صفر 1225هه مطابق 1880ع ۾ وفات ڪئي.
    حمل فقير لغاري سنڌي شاعري جو نالي وارو شاعر هو. هن جي شاعري نياري، نرالي ۽ جادوئي هئي. هن هر موضوع تي لکيو. هن جي عبارت ڏاڍي سهڻي هئي. هن سنڌي شاعري کي گهڻو ڪجهه ڏنو.ھن جي شاعري ڏاڍي سهڻي هئي. هن جي شاعري ڪلاسيڪيت ۽ رومانويت جو سهڻو سنگم آهي. اها ڪڏهن کلائي ٿي ته ڪڏهن وري گهڙيپ کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿي. حمل فقير وڌو استاد ۽ وڏو شاعر آهي. هن جي شاعري ۾ سنڌ جا سڀ رنگ شامل آهن. عشق، لوڪ شاعري ۽ مزاج حمل فقير لڳ ڀڳ 222 صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. هن گهڻن ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. هن جي شاعري ۾ رنگ، روپ ۽ ڍنگ پيارا ۽ دل ٺار آهن.
    هس گيا، دل ڦس گيا، بي وس ميري دل هوئي،
    حمل هون محبوب بنان ٻيا ڪو نه ڪري دلجوئي.

    چوڏهون دور
    سنڌي شاعري جو چوڏهون دور مير عبدالحسين سانگي جي شاعري سان واسطو رکي ٿو. مير عبدالحسين سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير فقير جان جو پوٽو ۽ مير محمد حسن علي جان جو سڳو ڀائٽيو هو. سانگي سنه 1298هه مطابق 1851ع ۾ يورپين ماءُ جي پيٽان ڪلڪتي ۾ ڄائو هو. هو حاڪم خاندان مان هو، پر پنهنجي عام طبيعت ۽ سوڀاري زندگي جي ڪري هن سانگي جو تخلص اختيار ڪيو يعني عام محنت ڪندڙ ماڻهو هو. پنهنجي چاچي مير حسن علي خان سان سنه 1864ع ۾ پنهنجي ڏاڏاڻي ملڪ سنڌ پهتو ۽ مير سانگي آخر ڊاڪٽر جي ڌيءَ مس رائيٽ سان شادي ڪئي. هن کي سڀ سور وسري ويا ۽ مير سانگي سٺي نموني زندگي گذارڻ لڳو. سانگي ننڍي کان وٺي فقيري خيالن جو ماڻهو هو. هو فقيرن واري زندگي گذاريندو هو.
    مير سانگي ڪائنسل مجسٽريٽ طور نيڪي سان ڪم ڪيو. هو سڄو ڏينهن ڪورٽن ۾ ڪم ڪندو هو ۽ شام جو ادبي ڪمن ۾ حصو وٺندو هو ۽ مشاعرن کي خوب مچائيندو هو. شاعر هن کي ڏاڍو ساراهيندا هئا ۽ هو وري انهي جي خوب خدمت ڪندو هو. انهن کي وظيفا ڏيئي، اُنهن کي خوش به ڪندو هو. هن جي شاعري ڪوڙ کان آجي هئي. هن جي شاعري سچ جو سرمايو هئي. سنڌي شاعري جي سونهن هئي. هن جون تشبيهون جام آهن. دل مان نڪتل آهه کي هيري مارٽن جي بندوق سان بيمثال ڀيٽ ڪيئي اٿس.
    ”عاشق جي ته آهه لاءِ آ رقيب،
    هينسري مارٽن جي آهه تفنگ.“
    سانگي جي ڪلام ۾ حسن پرستي ۽ عشق باري جو کُليو کُلايو ۽ گهڻو مواد موجود آهي. هن جي شعاري ۾ انگريزي جا گهڻا لفظ ڏنل آهن. جهڙوڪ رجسٽر، ليمپ، گلاس، آفيس وغيره هن جام، ساقي، گل، بلبل جهڙا لفظ به استعمال ڪري خوب مزو ڏنو آهي.
    سانگي جهڙو عشق ورهائيندڙ شاعر سنه 1924ع ۾ گذاري ويو.

    پنڌرهون دور
    سنڌي شاعري جو پندرهون دور ڪشنچند بيوس جي شاعري سان تعلق رکي ٿو. ڪشنچند بيوس هڪ وڏو اديب، وڏو شاعر ۽ وڏو تعليمي ماهر هو. هو لاڙڪاڻي شهر ۾ 35 فيبروري 1880ع ۾ پيدا ٿيو. بيوس ننڍپڻ کان وٺي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو. هو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدراباد مان سنڌي فائنل پاس ڪري، پوءِ سنڌي ماستر طور نوڪري ۾ گهڙيو. گهڻو وقت هن لاڙڪاڻي ۾ گذاريو. پوءِ شاهه محمود اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر ٿيو جتان 1945ع ۾ رٽائر ڪيائينس.
    ڪشنچند بيوس هڪ ڪامياب ماستر ٿي لاڙڪاڻي ۾ تعليم جي نظام کي سڌاريو ۽ ٻارن ۾ پڙهڻ جو چاهه وڌايو. شهر ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ شاگرد خوشيءَ سان اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ تعليمي طرح لاڙڪاڻو پڙهائي جو وڏو مرڪز بڻجي ويو. ماڻهن ڪشنچند بيوس جي ادبي ڪوششن کي ڏاڍو ساراهيو. هن جي عزت تمام گهڻو وڌي ويئي ۽ هو شهر جو وڏو عزت وارو شخص ٿي ويو.
    بيوس پنهنجي شاعري جي شروعات نوڪري واري وقت کان ئي شروع ڪري ڏني هئي. هن لکيو ۽ دليري سان لکيو. هن جي شاعري اعليٰ هئي. هن جي سادي ۽ سلوڻي ٻولي، اعليٰ خيالن، استعارن، محاورن، تشبيهن ۽ تجنيس حرفي هن کي سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر بنائي ڇڏيو. هو 1947ع ۾ گذاري ويو.
    ڪشنچند بيوس جديد سنڌي ادب ۽ شاعري جو سنڌ ۾ آغاز ڪرائي وڏي ڪاميابي ماڻي. هن سنڌي شاعري ۾ گيت جي صنف کي تخليق ڪري وڏو ڪم ڪيو. ”سڀ ڪن تنهنجي ساراهه قدرت وارا.“ هن ٻارن جي لاءِ لاجواب گيت به لکيا جيڪي وڏي عمر وارن ماڻهن کي اڃان به ياد آهن. هن جا غزل ڏاڍا وڻندڙ آهن. هن ادب ۽ شاعري جي موضعن تي بيمثال مضمون لکي سنڌي ادب ۽ شاعري کي وڏي ترقي ڏياري آهي.

    سورهون دور
    سنڌي شاعري جو سورهون دور حيدر بخش جتوئي جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. حيدر بخش جتوئي سنڌ جي ادبي شاعري جو ناميارو شاعر ۽ بيباڪ اديب هو. سادگي، سنڌ سان محبت، اصولن سان عشق، حق لاءِ هوڪو هڻي ميدان ۾ اچي وڃڻ ۽ انصاف پسندي هن جي زندگي جا سونهري اصول هئا.
    حيدر بخش جتوئي 10 آڪٽوبر 1901ع ۾ لکي ديري تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ محنتي ۽ ذهين شاگرد هو 1919ع ۾ سنڌي سرڪيولر فائنل امتحان ۾ لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين ۽ لاڙڪاڻي ۽ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. هن مئٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي طرفان ڪرايل امتحان لاڙڪاڻي سينٽر مان ڏيئي پهريون نمبر حاصل ڪيو. 1927ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي مان بي.اي. پاس ڪيائين.
    1927ع ۾ روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. 1931ع ۾ مختيارڪار 1941ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ 1945ع ۾ سرڪاري نوڪري مان رٽائر ٿي، ملڪي ۽ قومي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. هن شاعري جي ذريعي ملڪ ۾ تعليمي سُڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هو هڪ دلير ۽ ايماندار آفيسر هو. هن مٿي ڦريل ۽ بي ايمان زميندارن سان مقابلو ڪيو جيڪي رشوتون ڏيئي ججن کان ڪوڙا ڪم ڪرائيندا هئا. هن ماڻهن کي ڏاڍو ننديو ۽ اُنهن جي غلط حرڪتن کي پنهنجي شاعري ۾ خوب ڌڪاريو پر اصولن تان نه هٽيو. هو نه رشوتون وٺندو هو ۽ نه وري ڪنهن کي وٺڻ جي اجازت ڏيندو هو. هن ڏوهي زميندار، ڪوڙن ملن مولوين جي ڪريل حرڪتن کان مجبور ٿي نوڪري کان رٽائر ٿي، ميدان عمل ۾ اچي سنڌ جي سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هاري ڪاميٽي، شاگردن ۽ عوامي نمائندن کان جلسا ۽ جلوس ڪري ون يونٽ کي ٽوڙائڻ جي لاءِ سرگرم عمل ۾ رهيو. ون يونٽ ٽٽي ويو ۽ سنڌين کي حق ملڻ شروع ٿي ويا. هن هاري گيت لکيا ۽ نون نمونن جون نظمون لکي سنڌي شاعري کي انقلابي شاعري بنائي ڇڏيو. هن سنه 1976ع ۾ وفات ڪئي. هن زندگي ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هن جون هي صنفون مشهور آهن. آزادي راهه، هاري گيت، وغيره.

    سترهون دور
    سنڌي شاعري جو سترهون دور نارائڻ شيام جي بيباڪ ترقي پسندانه ۽ دليرانه شاعري سان تعلق رکي ٿو. نارائڻ شيام جي پيدائش نواب شاهه ضلعي جي نوشهروفيروز تعلقي جي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ 22 جولاءِ سنه 1922ع ۾ ٿي. هن پنهنجي تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هن کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ماستري جي نوڪري ملي. هو فارسي پڙهائيندو هو. هن وٽ سنڌي ۽ فارسي جي لفظن جو وڏو ذخيرو موجود هو.
    نارائڻ شيام وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڪراچي جي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي هن کي ميٺارام هاسٽل ۾ رهڻ جي جڳهه به ملي هن وقت ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي ادبي تحريڪون جهڙوڪ جديد تحريڪ، ترقي پسند تحريڪ، ڪميونسٽ تحريڪ ۽ اردو نقادن جون تحريڪون هلي رهيون هيون. نارائڻ شيام انهن تحريڪن ۾ حصو وٺي ڏاڍو پرايو. هو سنڌ جو دلير ۽ ترقي پسند شاعر بڻجي ويو. انهي وقت لڏ پلاڻ جي تحريڪ شروع ٿي ويئي ۽ هو سنڌ مان ڪٽنب سميت لڏي دهلي ويو .
    نارائڻ شيام کي دهلي ۾ پوسٽ ۽ تارکاتي ۾ اڪائونٽس برانچ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي. هو ايماندار ۽ محنتي هو. هو نوڪري ڪري گهر ڀاتين جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو. هو باقائدگي سان شاعري ڪري، ڏاڍو مقبول بڻجي ويو. نارائڻ شيام قدرت جو وڏو عاشق هو. قدرتي نظارا هن جي ضمير کي جاڳائي هن کان بيمثال شعر لکارائي هن جي عظمت کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا.
    نارائڻ شيام هيڊ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ سنه 1980ع ۾ رٽائر ٿي ويو. اُن کان پوءِ ساهتيه اڪيڊمي ۾ عمدو ڪم ڪري وڏو رتبو حاصل ڪيو. هو سنه 1989ع ۾ دهلي ۾ گذاري ويو. سنه 1970ع ۾ هن ساهتيه اڪيڊمي جو انعام حاصل ڪيو. هن جون ڪجهه تصنيفون هي آهن. ماڪ ڦڙا، پنکڙيون، رنگ رتي لهر، ماڪ بنان رابيل، مهڪي ويل صبح وغيره. هن جون وايون، غزل، هائيڪا بيمثال آهن.

    ارڙهون دور
    سنڌي شاعري جو ارڙهون دور جديد سنڌي شاعري جي باني شيخ اياز جي قومي ۽ بين القومي شاعري سان آهن شيخ اياز جو جنم 28 سيپٽمبر 1923ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي.
    بي.اي کان پوءِ اياز کي وڪالت جو شوق جاڳيو هو. وڪالت جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي رهائش جي لاءِ ميٺارام هاسٽل ۾ جڳهه ملي ويئي. هن ڪراچي ۾ وڪالت جي تعليم تي خاص زور رکيو. اُن وقت ڪراچي نون خيالن ۽ تحريڪن جو مرڪز هو. هن انهن تحريڪن جهڙوڪ جديد ادب جي تحريڪ رشين ادب جي تحريڪ، ترقي پسندي جي تحريڪ، اردو نقادن جي تحريڪ ۾ خاص حصو ورتو ۽ انهن تحريڪن مان ڪافي پرايو.
    وڪالت جي ڊگري وٺي هو شڪارپور آيو ۽ وڪالت شروع ڪري ڏنائين. هن سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ انهن تحريڪن جي اثر کي شامل ڪري جديد ادب ۽ شاعري جي سنڌي ادب ۾ شروعات ڪئي. انهن تحريڪن سنڌي ادب ۽ شاعري تي وڏو اثر ڪيو. سنڌي ادب ۽ شاعري نئون روپ وٺي وڏي ترقي ڪئي. رسالن تي رسالا، ڪتابن تي ڪتاب ۽ ترجمن تي ترجما شايع ٿيڻ لڳا. سنڌي ٻولي ترقي ڪري، اردو ادب ۽ شاعري سان مقابلو ڪرڻ واري بڻجي ويئي.
    وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي هن کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي بنايو. اُتي هن جو نئون رنگ نظر آيو. هن سنڌي جيالن کي جن هن جي شاعري کي مشهور ڪيو، انهن جي خلاف ٿي بيٺو. هن جيالن کي سزائون ڏنيون ۽ يونيورسٽي مان خارج ڪري ڇڏيو. هن تي الزام لڳڻ شروع ٿي ويا. ڪٽرپڻي جا الزام، غير مسلم جا الزام، کائو جا الزام ۽ فتني بازي جا الزام آخر هن کي نوڪري ڇڏڻي پئي. مايوسي جي انهي حالت ۾ هن هڪ ڪتاب الوداعي گيت لکيو ان کان پوءِ هن جي شاعري لٽجڻ لڳي.

    اياز 50 کن ڪتاب لکيا آهن جن مان 30 کن شعري مجموعا آهن. اياز سنڌ جو وڏو علامتي شاعر آهي. هن شاه جي رسالي کي علامتي رنگ ۾ رنگي، وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
    جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي.
    مرن پيون ماريون، قابو اندر ڪوٽ.
    اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
    مون سنڌي شاعري جا دور لکڻ لاءِ مولانا محمد گرامي جي ديوان بلبل جي مقدمي کان مدد حاصل ڪئي آهي. انهي ڪم جي لاءِ آئون مانواري ميڊم آمنه خميساڻي، پروفيسر شامداس جوشي، پروفيسر ارجن لال جهاماڻي، شمشير الحيدري، نياز همايوني، پروفيسر نارائڻ پي شرما، مسٽر نند لعل نند وغيره جو شڪرگذار آهيان جن مونکي مواد هٿ ڪري ڏيئڻ ۽ اُن کي مرتب ڪري ڏيڻ ۾ وڏو سهڪار ڪيو آهي.

    پروفيسر سروپچندر ’شاد‘
    گاڏي کاتو
    حيدرآباد، سنڌ


    قـــــــاضــــــي قـــــــادن(880هه 958هه / 1471ع 1551ع)

    اديبن ۽ نقادن جي راءِ
    ”قاضي قادن جو ڪلام بلاغت ۽ وضاحت جو سهڻو مثال آهي. هن جو انداز بيان ۽ لفظن جي چونڊ توڙي موسيقيت اهڙي آهي جنهن ۾ جت اچي مڪمل معنوي ۽ صوتي حيثيت ظاهر ٿئي ٿي.“
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    ”قاضي قادن سنڌي زبان جو جيئن ته اوائلي شاعر آهي، سندس ڪلام ڪو ايترو گهڻو ڪونهي. صرف ست سنڌي بيت اسان کي مليا آهن، جيڪي شاه ڪريم جي ملفوظات ”بيان العارفين“ ۾ درج ٿيل آهن. ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان سندس بيت هندي ڇند وديا جي اصولن پٽاندر آهن. سندس بيتن ۾ هڪ بيت دوها ڇند تي، ٻيو وري سورٺا ڇند تي آهي. ڪن بيتن ۾ هڪ نئون نمونو دوها، سورٺا ميل جو ڏيکاريل نظر اچي ٿو.“
    ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    ”سنڌي شاعري جو بنيادي تحريري شعر قاضي قاضن کان شروع ٿو ٿئي. هن جا رڳو 7 بيت شاهه ڪريم جي رسالي ۾ موجود آهن جي شاهه ڪريم پنهنجي مجلسن ۾ مُريدن کي ٻڌائيندو هو. اهي ست سنڌي بيت شاهه ڪريم، شاهه عبداللطيف ۽ سامي جي شعر جا بنيادي پتر آهن. انهن شاعرن قاضي قاضن جي شعر مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي.“
    محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ. (ڀاڱو پهريون)

    ”قاضي قاضن جي شخصيت سنڌي ادب ۾ بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿي. هي پهريون سنڌي شاعر آهي. جنهن جا ست شعر نهايت ئي صاف سُٿرا ۽ بامقصد وڻندڙ ٻولي ۾ مليا آهن. بيان جو انداز به دل کي وڻندڙ آهي ۽ سندس ئي رکيل بنياد هئا. جن تي اڳتي هلي سنڌي شعر پنهنجي عمارت کڙي ڪئي.“
    سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب

    ”قاضي قادن جي شعاري ۾ ڪيترا موضوع آهن جن جي روايت هن وٽان ئي شروع ٿي آهي ۽ اُهي موضوع اڳتي هلي سنڌي شاعري جا پسنديده موضوع ٿي پيا. شاهه لطيف اُنهن موضوعن تي سچا سُر لکيا.“
    تنوير عباسي. قاضي قادن جو ڪلام، تي راءِ زني

    ”ان ۾ ڪک جيترو شڪ ناهي. قاضي قادن سنڌي شاعري جو بنياد وجهندڙ هو جنهن لاءِ سنڌ وارا کيس قدر جي نگاهه سان ٿا ڏسن، نه رڳو ايترو پر اهو قاضي قادن ئي هو، جيڪو درٻاري ۽ نيم تاريخي واقعن جي ڌٻڻ مان نڪري شاعري کي ڀٽن، چارڻن ۽ ڀانن جي قصه گوئي شاعري مان ڪڍي، ادبي معيار ڏانهن وٺي آيو.“
    تاجل بيوس. قاضي قادن جو ڪلام، جو پيش لفظ

    ”قاضي قادن سنڌ ۽ هنڌ جي اعليٰ پايي جي صوفي شعارن مان آهي، جنهن جي عرفان ۽ اعليٰ اخلاقي شاعري جو اثر سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر هندوستان جي صوفي عارفن توڙي هندو سنتن ۽ ساڌن تي پيو. قاضي قادن ادبي سنڌي ٻولي جو پهريون وڏو شاعر آهي ۽ هو سنڌي اساسي شاعري جو ابو آهي."
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. قاضي قادن جو رسالو


    حياتيءَ جو احوال
    قاضي قادن سمن جي دور (سنه 1350ع...1520ع) جي آخر واري وقت جو ناميارو ۽ بيمثال سنڌي شاعر آهي. هي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون تحريري شاعر آهي. هن کي سنڌي اساسي (Classical) شاعري جو پايو وجهندڙ چيو ويندو آهي.
    قاضي قادن جا وڏا سيوستان (سيوهڻ) ۾ رهندا هئا. پوءِ اُتان لڏي بکر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. قاضي قادن جي ولادت اندازاً سنه 880هه بمطابق سنه 1471ع ۾ بکر ۾ ٿي. سندس والد جو نالو قاضي ابو سعيد، ڏاڍي جو نالو قاضي زين الدين ۽ پڙ ڏاڏي جو نالو قاضي قاضن هو.
    قاضي قادن جي ابتدائي تعليم بکر ۾ ٿي. اُن کانپوءِ اعليٰ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. هو قران مجيد جو حافظ هو. قرائت ۽ تجديد جو ڄاڻو هو. علم حديث، علم تفصير اصول، فقعه، تصوف ۽ آلي علمن (صرف ۽ نحو) به خوب ڄاڻندو هو. انشا پردازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. علم آلات ۾ به اڪابر هو. حساب ۽ رياضي به چڱي طرح ڄاڻندو هو. قاضي قادن اعليٰ تعليم سنڌ ۾ گهڻو ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ حاصل ڪئي. سنڌ کان ٻاهر گجرات جي شهر نهروالا (پٽڻ) يا احمد آباد ۾ حاصل ڪئي.

    نالي بابت وضاحت
    قاضي قادن جي نالي بابت ڪيترائي مونجهارا پيدا ٿيا. پهرين دورن جي تحريرن ۾ هن جو نالو قاضي قاضن لکيو ويو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ هن جو نالو قاضي قادن ۽ قاضن لکيو آهي. هندستان مان مليل ڪتابن ۾ جيڪي جهوني ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل آهن، تن سڀني ۾ سندس نالو ”ڪاجي ڪادن“ لکيل آهي، جئپورگرنٿ ۾ قاضي قادن واري باب جو عنوان آهي.
    ”ڪاجي ڪاجن جي ڪي ساکي سنڌي،
    اور ڀي ساڌان ڪي ساکي اڪٺي.“
    يعني قاضي قادن جو سنڌي ڪلام ۽ ٻين ساڌن جو ڪلام هڪ جاءِ گڏ ٿيل.
    ”ورهدُ سڪل ويدانت و چار سار مت“ ۾ قاضي قادن واري باب جو عنوان آهي.
    ”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي“
    يعني قاضي قادن جي جو ڪلام.
    قاضي قادن جي بيتن جي خاتمي کان پوءِ هيئن ڄاڻايل آهي ته:
    ”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي سمپورڻ سماپتھ“
    يعني ”قاضي قادن جي جو ڪلام مڪمل طور تي پورو ٿيو.“ هنن ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ قاضي قادن جي نالي جي تصديق ٿئي ٿي.

    جواني ۽ شادي
    شاهه بيگ ارغون سنه 924هه ۾ ٺٽي تي قبضو ڪيو. اُن کان ڪجهه سال اڳ قاضي قادن شادي ڪئي. هو عيالدار هو قادن کي هڪ ڌيءَ به هئي جنهن جو نالو بي بي فاطمه هو. هو پنهنجي وقت جي رابع هئي.
    تاريخي ڪتابن ۾ هن جي پٽ جو ذڪر آيل آهي جنهن جو نالو قاضي عيسيٰ هو. سنه 950هه يعني سنه 1543ع ۾ جڏهن ملتان جي حاڪم بخشو لانگاهه بکر جي قلعي تي حملو ڪيو تڏهن ارغون ترخان اڳواڻن سان گڏ قاضي قادن جي پُٽ قاضي عيسيٰ خوب مقابلو ڪيو.

    سير و سياحت
    قاضي قادن سير ۽ سياحت جو وڏو شوقن هو. هو سنڌ واري بدنظمي واري ماحول کان نڪري گجرات ويو. اُتي هن خوب سير و سفر ڪيو. هو گجرات جي شهر مهر والا يعني پٽڻ ۾ ڪجهه وقت رهيو. جتي هن هڪ خانقاهه تعمير ڪرائي. هن سنڌ ۾ سيوهڻ، ٺٽي، ٽلٽي ۽ بکر وارن هنڌن جو به خوب سير ڪيو. هن سير و سفر جي ذريعي ملڪي معاملن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ڄاڻ کي استعمال ڪري هڪ وڏو عالم، ملڪي معاملن جو ماهر ۽ جبر و سياستدان ٿي اُڀريو.

    سنڌ جو قاضي القضات
    اندازاً سنه 927هه جي آخر ڌاري شاهه بيگ بکر ۾ آيو جتي قاضي قادن ڀائرن ۽ شهرين کي ساڻ ڪري اچي هن سان مليو. شاهه بيگ هڪ سال بکر ۾ رهيو ۽ بکر جي آسپاس جي ايراضين ۾ انتظام قائم ڪيائين. انهي عرصي ۾ قاضي قادن سندس ڀروسي وارو مشير رهيو ۽ 927هه ۾ بکر شهر جو وڏو قاضي القضات ٿي رهيو. هن اندازاً 947هه ڌاري قاضي القضات جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي پوءِ حج تي ويو.

    مهدوي تحريڪ ۾ شموليت
    سنه 906هه ۾ جڏهن سيد ميران مهدوي جيسلمير مان بکر آيو تڏهن قاضي قادن سندس مريد ٿيو اُتي ٻيا به گهڻائي نالي وارا معتبرين سندس دائري ۾ داخل ٿيا ۽ بکر مهدوي طريقي جو هڪ دائرو بنجي ويو. شايد قاضي قادن سيد ميران محمد سان گڏ ٺٽي ۾ ويو هجي ۽ جيستائين سيد ميران محمد مهدي ٺٽي ۾ رهيو هو. تيسين تائين هو به ٺٽي ۾ رهيو هجي ٺٽي شهر جي ڪن عالمن هن کي ڪافر سڏيو ۽ هن جي خوب نندا ڪئي.

    روحاني سُڄاڳي
    قاضي قادن دنيوي علمن ۾ وڏو عالم هو. هن جون اندر جون اکيون بند ڪو نه هيون. هڪ دفعي درٻيلي جي ماڻهن کيس ٻڌايو ته هڪ مست شخص مسجد ۾ ڪعبي طرف منهن ڪري سُتو پيو آهي. قاضي قادن دُرو کڻي اُٿيو ۽ اچي پيرن ۾ دُرو هڻڻ لاءِ اولاريائين ته اُتي هن شخص جو مٿو نظر آيس. هو حيران ٿي ويو. اُن درويش کيس چيو ته پير وڻي هيڏانهن رک پر دل دوست ڏي رک. ”انهي واقعي کيس ڏاڍو مايل ڪيو هن جون اندر جون اکيون کلي ويون ۽ هن کي حقيقت طرف مايل ڪيو.
    ”جاڳي جاڳايوس، سُتو هوس پنڊ ۾،
    تنهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“
    هو معرفت جي رازن ۽ روحاني ريافتن سان وڏي روحاني منزل تي رسيو ۽ پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي، خدا کي به سڃاڻي ورتائين.
    ”نه سو لاهه، نر سَري، نه اوزار نه پار،
    موڙهو وتين جنهن کي، سو من منجه نهار.“
    شاهه لطيف هن ساڳئي خيال کي هن نموني بيان ڪيو آهي.
    ”لڪو ڪو نه لطيف چئي، ٻارچو ٻئي پار،
    نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.“

    شخصيت
    مير معصوم پنهنجي تصنيف مير معصومي ۾ قاضي قادن جي شخصيت کي هن طرح بيان ڪيو آهي. قاضي قادن طرح طرح جي فضيلتن سان سينگاريل هو.“ قاضي قادن وڏو عالم، فاضل ۽ قاضي القضا هو. قرئت ۽ تجويد جو علم ڄاڻندو هو. قرآن مجيد ياد هوندو هئس. ابجد جي علم کان واقف هو ۽ انشا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.
    قاضي قادن دنيوي علمن جو ماهر عالم هو. هن جون اندر جون اکيون کليل هيون، هو گهڻ رخي (Versatile) شخصيت جو مالڪ هو. هن دنيوي علم ۽ روحاني ريافتن سان هي حقيقت سڃاتي ته دنيوي علم حاصل ڪرڻ گهرجن پر اصل ڪائنات جو مالڪ انسان جي اندر ۾ موجود آهي. هو ڏاهپ جو ڌڻي ۽ خدا تي ڀروسو رکڻ وارو شخص هو. هن پنهنجي عهدي جا فرض احتياط ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏنا.

    سياسي ڪردار
    قاضي قادن جو سياسي ڪردار (Controvertial) تڪراري آهي. سنڌ جي محققين هن جي سياسي ڪردار کي ننديو آهي. ڌاريجن وڏيرن جي معاملي ۾ هن جو ڪردار مشڪوڪ رهيو آهي. تاريخ معصومي ۾ هن شاهه بيگ کي ڌاريجن جي باري ۾ ٻُڌايو ته ”ملڪ جي هن ڀاڱي جي زمين سيلابي آهي، جنهن ۾ ڪانديرا گهڻا ٿا ٿين ڪانديرن ڪڍڻ وارو گهيرو هميشھ هٿ ۾ هجي.“ شاهه بيگ ڪاوڙجي ستيتاليهه ڌاريجن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ڊاڪتر تنوير عباسي هيري ٺڪر جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام “سنڌ ۾ اُن جو اڀياس سيد حيدر سنائي کي سندس مرشد جي قتل جي فتويٰ ڏني. غلام محمد لاکي سيد حسام الدين راشدي جي ڪتابچي ”سنڌي ادب“ جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته ”قاضي قادن پنهنجي سياسي ڪردار ۽ سنڌ دشمن حرڪتن ڪري گهڻو بدنام آهي.“

    وفات
    قاضي قادن مديني وڃڻ کان پوءِ اُتي رهي پيو ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن اُتي ئي گذاريائين. مير معصوم جي لکڻ موجب قاضي قادن 80 ورهين جي وڏي ڄمار ۾ سنه 958هه مطابق 1551ع ۾ مديني ۾ وفات ڪئي.

    تصنيفون
    قاضي قادن جو فارسي ۾ تحرير ڪيل ديوان به آهي. قاضي قادن سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن جو گهڻو ڪلام تحريري صورت ۾ هٿ آيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي ماخذن ۽ دادو ديال جي روايتن مان ڇنڊڇاڻ ڪري ”قاضي قادن جو رسالو“ مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ 135 بيت آهن، جن مان! بيت هڪ مصرع وارو، 1 بيت ٽن مصراعن وارو ۽ ٻه بيت چئن مصرعن وارا آهن.

    قاضي قادن جي ڪلام جون نمايان خصوصيتون
    ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ”ٽه ماهي مهراڻ“ جي 1977ع جي پرچي نمبر 1 ۽ ٻه ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي شاعري جي شروعات ڪيتري به پراڻي هجي پر اُن تي مفيد مواد سورهين صدي عيسوي کان پوءِ ئي دستياب ٿي سگهيو آهي. اُهو ئي سبب آهي جو انهي دور جي شاعرن کي سنڌي شاعري جو بانيڪار (Pioneer) سڏيو وڃي ٿو. انهن بانيڪار شاعرن ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه ڪريم بلڙي وارو وڏي اهميت رکن ٿا. ”سنڌي بانيڪار شاعرن جو اڳواڻ قاضي قادن آهي.“
    قاضي قادن جي شاعري سنڌ جي بنيادي شاعري آهي، جنهن تي مسلسل ڪم ڪري، پوين اساسي سنڌي شاعرن پالي، نپائي، سگهارو بنائي، خوب عروج تي پهچايو. قاضي قادن جي شاعري ۾ دوهي کان وٺي بيت تائين جي مرحلن جي جهلڪ نظر اچي ٿي.
    قاضي قادن هڪ وڏو شاعر، تخليقي صلاحيتن جو مالڪ ۽ برک تجربيڪار فنڪار هو. هن دوهي جي سخت پابندين کي دور ڪري دوها سورٽا چند جوڙي سنڌي بيت کي اُسرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. سنڌي بيت جي شاعري جو هوءِ بانيڪار ۽ پايو وجهندڙ آهي.
    قاضي قادن سنڌ جي ريتن رسمن، ادبي روايتن جهڙوڪ اصطلاح، محاورا، تشبيهون، تمثيلون، تجنيس حرفي وغيره کي پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪري سنڌي اساسي شاعري جي بنياد رکڻ ۾ مدد ڪئي. هن سنڌي قصن ۽ داستانن کي پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪيو. هن هنجهه ۽ ٻاٻيهي جهڙن پکين جا گيت ڳاتا. هن پنهنجي ڪلام ۾ مختلف موضوع جهڙوڪ واڍوڙيل ۽ ويج، سورهيه ۽ رُڪ رهندي راند، ترهو ۽ تار، ٻيڙ ۽ سمنڊ سونهان ۽ معلم، بٺ ۽ باهه، لڱو مڱڻو، سخا، سسئي جو پنهونءَ لاءِ پنڌ، ليلا جي چنيسر کي منت، گهاتو ڀائرن کي سندس پيءَ جي نصيحت انهن مڙني جي تمثيلن ۽ تلميحن کي بيتن ۾ ڪم آندو ۽ اهڙن اهڃاڻن لاءِ موزون الفاظ ۽ اصطلاح استعمال ڪيا. اُهي موزون اصلاح سنڌي اساسي شاعريءَ جا مکيه موضوع بنيا.
    قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جو جهجهو ڪلام هٿ آيو آهي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ماخذن ۽ دادو ديال جي روايتن کي گڏ ڪري، هن جي 135 بيتن کي پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”قاضي قادن جو رسالو“ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
    قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي، جيڪو سنڌ ۽ هنڌ ۾ مشهور آهي. هن جو ڪلام سنڌي ماخذن ۽ هنڌ ۾ جمع ڪيل گرنٿن مان ملڻ اِهو ثابت ڪري ٿو ته قاضي قادن هڪ عالم، بزرگ ۽ شاعر جي حيثيت ۾ نه صرف سنڌ ۾ پر هنڌ جي ڪن علائقن ۾ ڏاڍو نامر شاعر ۽ فنڪار ٿي گذريو آهي.
    قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن پنهنجي ڪلام ۾ ”جوڳي“ جي لفظ کي ڪم آندو آهي. اُن کان پوءِ جي شاعرن جهڙوڪ شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ۽ ٻين شاعري ۾ جوڳي جي لفظ کي استعمال ڪري ڪيترائي رنگ رچايا آهن ۽ منڊ مچايا آهن. جيڪڏهن اسين قاضي قادن کي سنڌي شاعريءَ ۾ اهڃاڻڪاريءَ جو باني چئون ته اِهو نامناسب نه ٿيندو.

    قاضي قادن جي شاعري
    محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ ڀاڱو پهريون ۾ لکي ٿو ته سنڌ جو بنيادي تحريري شعر قاضي قاضن کان شروع ٿئي ٿو. هو ڪڏهن ڪڏهن بيت به چوندو هو. انهن بيتن مان رڳو 7 بيت شاهه ڪريم جي رسالي ۾ موجود آهن جي شاهه ڪريم بلڙي وارو پنهنجي مجلسن ۾ مريدن کي ٻڌائيندو هو. اُهي ست سنڌي بيت شاهه ڪريم، شاهه عبداللطيف ۽ ساميءَ جي شعر جا بنيادي پٿر آهن.“
    قاضي قادن پنهنجي شاعري جو آغاز دوهن ذريعي ڪيو. هن ڪيترائي ارتقائي مرحلا طئي ڪري بيت جي صنف جوڙي سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو انقلاب برپا ڪيو. هن کان پوءِ وارن شاعرن جهڙوڪ شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف بيت کي خوب ترقي ڏيئي بيت کي سنڌي شاعري جي نمائنده صنف بنائي ڇڏيو.
    قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن دوها، سورٺا، دوها سورٺا ميل ۽ بيت جوڙيا ۽ سنڌي شاعري کي عوام ۾ مقبول بنايو.

    (1) دوهو:
    دوهي ۾ ٻه مصراعون ٿينديون آهن ۽ قافيو ٻنهي مصراعن جي پٺيان ايندو آهي. دوهي جي هر هڪ مصرع جا ٻه ڀاڱا ٿيندا آهن. پهرين اڌ ۾ 13 ماترائون ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ 11 ماترائون هونديون آهن. دوهي ۾ ڪل 48 ماترائون هونديون آهن.
    ڪاغذ ڪاري اکرين مُتا مون سيڻين،
    گهورين گهڻين وڃايا، اُن مندين نيڻين.

    (2) سورٺو:
    سورٺو وري دوهي جي اُلٽ هوندو آهي، هر هڪ مصرع جي پهرين حصي ۾ 11 ۽ ٻئي حصي ۾ 13 ماترائون هونديون آهن. قافيو ٻنهي مصرائن جي وچ ۾ ايندو آهي.
    سر هيڪڙي وسن، جر ۾ نينهن نه گڏيو،
    سار نه سالُورن، مٿي ڪنوَل ڦلاريا.“

    (3) دوها سورٺا ميل:
    دوها، سورٺا ميل ۾ به ٻه مصراعون هونديون آهن پهرين مصرع سورٺي جي مصرع هوندي آهي. جنهن ۾ پهرين اڌ ۾ 11 ماترائون ۽ ٻئي اڌ ۾ 13 ماترائون هونديون آهن. قافيو پهرين اڌ جي پٺيان ايندو آهي. ٻئي مصرع وري دوهي جي مصرع جهڙي هوندي آهي، جنهن جي پهرين اڌ ۾ 13 ۽ ٻئي اڌ ۾ 11 ماترائون هونديون آهن. قافيو مصرع جي ٻئي اڌ پٺيان ايندو آهي.
    ”ڪُن ڪُلاچيءَ پار سڏ نه سُڄي ساٽئين،
    گهاتوئين سندا مَڪُرا ڪنهن ٻئي پار نهار.“

    (4) بيت:
    بيت ۾ ٻه يا ٻن کان مٿي مصراعون هونديون آهن پهرين مصرع ۾ قافيو ڪڏهن مصرع جي پهرين اڌ پُٺيان يا وري مصرع جي ٻئي اڌ پٺيان ايندو آهي. ٻئي مصرع جو قافيو وچ ۾ ايندو آهي.
    ”رب سڃاڻن سُٿرو، پاڻ سُڃاڻن ڏکُ،
    تان تان ڪج مَ سُک، جان جان پسين نه پاڻ کي.“
    قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن اڻٿڪ محنت ڪري، دوهي کي قافين جي پابندين کان آجو ڪري دوهي جي صنف ۾ وسعت پيدا ڪئي ۽ سنڌي شاعري ۾ تبديليون آڻي بيت جي صنف کي اُسرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو موقعو ڏنو.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي روايت وارن ماخذن جهڙوڪ تذڪره قطبيھ، گُلزار ابرار، بيان العارفين، شاهه جو رسالو، حڪايات الصالحين، ملفوظات خزانھ المعرفت ۽ دادو ديال جي ماخذن جئپور گرنت 6، سنتون ڪي واڻي ۽ ورهد سَڪل ويدانت وچار سار مت جو باريڪي سان مطالعو ڪري قاضي قادن جو رسالو مرتب ڪيو آهي.
    قاضي قادن جي ڪلام کي رسالو سڏڻ مناسب نٿو لڳي. هن وقت تائين رسالي جو تصور به نه اُڀريو هو. سنڌي شاعري ۾ رسالو جوڙڻ وارو پهريون شاعر ميون شاهه عنات رضوي آهي. قاضي قادن جي رسالي ۾ 135 بيت آهن. اُنهن مان 1 بيت هڪ مصرع وارو، 1 بيت ٽن مصراعن وارو ۽ 1 بيت چئن مصراعن وارو آهي. باقي بچيل 132 دوها سورٺا ميل ۽ 8 بيت آهن.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ورهد سڪل ويدانت ويچار سارمت ۾ ڏنل ”ڪاجي ڪاجن جي ڪي ساکي“ وانگي قاضي قادن جي ڪلام کي جُدا جُدا عنوانن ۾ ورهائي وڏي آساني پيدا ڪئي آهي.

    قاضي قادن جي شاعري جا رنگ ۽ روايتون
    موجوده ڄاڻ مطابق سنڌي شاعري جي شروعات ڳاهه، دوهي، يا ڪنهن ٻئي ديسي صنف ذريعي ٿي. ”دودو چنيسر“ سنڌي شاعري جي آڳاٽي وير ڪٿا (Epic) چيو وڃي ٿو. هن وير ڪٿا ۾ ڏنل واقعا تاريخي طور تي سگهارا نٿا لڳن، هن ڪهاڻي ۾ دوهن سان گڏ ٽن چئن سٽن وارا ڪافي بيت به آهن جيڪي پڙهندڙن کي منجهائن ٿا.

    قديم سنڌي شاعري جا موضوع
    آڳاٽي سنڌي شاعري ٽڙيل پکڙيل آهي. اُها زباني روايتن مان ڳولي ڪڍي ويئي آهي. اُها شاعري دعائيه فقرن، تعريفي جملن، جنگي نعرن، واقعاتي بيتن، ڳاهن، روحاني اشارن، رومانوي رازن، اڳڪٿين، تعليمي نڪتن وغيره تي مشتمل آهي. اچو ته چند قديم سنڌي شاعرن کي پڙهون ۽ سنڌي شاعري جو حال معلوم ڪريون.
    (1) سومرن جي دور جو مشهور شاعر حسن الدين جيڪو ”پير پٺي“ جي نالي سان مشهور ٿيو هن جي باري ۾ هي چُوڻي مشهور هئي:
    ”بابرڪت، پير پٺو، هڪ مُئو، ٻيو ڏٺُ.“
    (2) شيخ جيو ٺٽي جو هڪ بزرگ هو جنهن پنهنجي مرشد کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي گهوري ڇڏيو. هڪ تعريفي نعري ۾ هن جو ذڪر ائين آيل آهي:
    ”تبيخ جيو مڪلي جو ڏيئو.“

    (3) مخدوم احمد ڀٽي هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. هو نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ هڪ سماع جي محفل ۾ ويٺو هو ته هڪ سوناري ڇوڪري هي سنڌي بيت پڙهيو، جو ٻڌڻ سان مخدوم وصال ڪري ويو.
    ”سڏڙو سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن،
    ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.“
    روحاني رشتي ۾ ڄڻ سر جو سودو طئي ٿي ويو.
    (4) سنه 1372ع ۾ ڄام جوڻي سردار ڄام تماچي ۽ سندس فرزند کي دهلي ڏانهن قيد ڪرائي موڪليو. اها خبر جڏهن سندس مرشد شيخ حماد کي پيئي تڏهن ڄام جوڻي کي پاراتو هي سنڌي ڳاهه ڏنائون.
    ”جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي راءِ،
    سٻاجهي ٻاجهه پيئي، توسين ٽٺو راءِ.“
    (5) جڏهن ڄام تماچي ۽ سندس پٽ آزاد ٿي موٽي ريها هئا ته واٽ تي درويش نوح هوٿياڻيءَ سان مليا. هن دُعا ڪئي هي نعرو هنيو:
    ”جوڻو وڃي جهوري ماريو،
    ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.“
    (6) هي رومانوي خيالن وارو بيت اسحاق آهنگر جو آهي.
    ”ٿيان مان جرڪ، وهان سڄن جي سپ تي،
    مان ڪرين ڍرڪ، ٻولي ٻاجهاري سين.“
    ڇا سِڪ، ڇا نماڻي ۽ ڇا نوڙتا آهي.
    (7) ماموئي فقيرن جا چيل بيت منجهائيندڙ آهن. انهن بيتن مان ڪي بيت، ڪي سورٺا ۽ ڪي دوها آهن. هڪ ٽه سٽو به آهي. هي بيت پيشنگوئي جي صورت ۾ آهن. هي هڪ پيشنگوئي وارو بيت آهي:
    ”هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اوڙ،
    بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندي سوکڙي.“
    قاضي قادن کان اڳ واري سنڌي شاعري ٽڙيل پکڙيل هئي، ٿوري هئي، اڻپوري هئي. اُها فني لوازمن کان وانجهيل هئي. اُن ۾ ربط، ترتيب، تسلسل، فڪر، مقصد وغيره جي کوٽ هئي.

    قاضي قادن جون خدمتون
    قاضي قادن آڳاٽي شاعري جي خامين کي سامهون رکي شاعري ڪئي. هن سنڌي شاعري کي غير سنجيده حالتن مان ڪڍي سنجيده ماحول طرف آندو. هن شاعري کي درٻاري ۽ نيم تاريخي واقعن جي ڌٻڻ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. هن سنڌي شاعري کي جيارڻ، ڀٽن، ڀانن جي قصه گوئي ۽ وندر ورونهه، انعام اڪرام ۽ خوشامند جي لاءِ ڪيل غير معياري شاعري کان آجو ڪرائي، اُن کي ادبي درجو ڏيارڻ جي جاکوڙ ڪئي. هن فڪر کي ريتن، رسمن ۽ حالتن جي اجاين ورن وڪڙن مان آجو ڪرائي، اُن کي آزاد فضا طرف متوجهه ڪيو.
    (1) قاضي قادن پنهنجي ڪلام ۾ سسئي پنهون، سهڻي ميهار، مومل راڻو ۽ ليلان چنيسر واري ڪهاڻين جا حوالا ڏنا ۽ انهن کي تمثيلن طور ڪم آندو. هن جون تشبيهون معنيٰ جا موتي آهن، جيڪي مقامي ماحول ۽ آس پاس جي پس منظر مان کنيل آهن. تلاءُ، هنجهه، پکين ۽ ڪنول گل واريون تشبيهون، ٻاٻيهي جو تڙڦي ڦرڻ، ٻيڙين تارڻ واريون تشبيهون توڙي ويڄن ۽ واڍوڙن واريون تشبيهون، اهي سڀ اسان جي ڌرتي ۽ زندگي مان ورتل آهن.
    (2) قاضي قادن پنهنجي ڪلام ۾ جوڳين، ڪاپڙين آديسين جو ذڪر ڪري آئنده جي شاعرن لاءِ هڪ نئين روايت قائم ڪئي. جنهن تي هلي انهن ڪمال ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن.
    (3) قاضي قادن جي ڪلام ۾ ”وراڻ“ يا ”تڪرار“ واري فني سٽاءَ نظر اچي ٿي جيڪا سنڌي شاعري جي سونهن ۽ شناخت آهي.
    (4) قاضي قادن جي ڪلام ۾ ٻن مصراعن کان مٿي مصراعن وارا ڪجهه شعر ملن ٿا. هن جي ڪلام ۾ ٻن ٽن سٽن وارا ۽ چئن سٽن وارو شعر به موجود آهي.
    (5) قاضي قادن سنڌ جي عوامي ڳالهين ۽ داستانن جي روايت کي عارفانه فڪر جي عنوانن سان ملائي ڇڏيو. قاضي قادن عام قصن ۾ ۽ زندگي جي عام مشغلن جي قالب ۾ اعليٰ فڪر ۽ معنيٰ جا ماڻ ڀري، خاصن جي خاص فڪر کي عوام جي عام ذوق سان ملائي سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين روايت کي پڪو پختو بنائي، سنڌي شاعري ۾ هڪ نئون لاڙو پيدا ڪيو.
    (6) قاضي قادن سنڌ جي ترجماني ڪندڙ موضوعن جهڙوڪ واڍوڙا ۽ ويڄ، سورهيه ۽ رڪ رهندي راند، ترهو ۽ تار، ٻيڙا ۽ سمنڊ، سونهان ۽ معلم، سخي جي سخا وغيره جي تمثيلن ۽ تلميحن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندو ۽ ان کي نفاست، لطاف، اعليٰ اخلاقيت، فراخدلي ۽ شفتگي سان بيان ڪري سنڌ ۾ اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري جو بنياد وڌو. انهي لحاظ کان پروفيسر رام پنجواڻي قاضي قادن کي سنڌي اساسي شاعري جو ”بابو“ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن کي سنڌي اساسي شاعري جو ”ابو“ سڏي ٿو.

    قاضي قادن جي شاعري جو مضمون
    تصوف يا رب پاڪ جي رازن ۽ رمزن جو انسان ۽ انساني زندگيءَ تي معنيٰ خيز اثر جهڙا نڪتا قاضي قادن جي ڪلام جو مضمون آهن. قاضي قادن هڪ وڏو صوفي ۽ باڪمال شاعر هو. هن تصوف جي فلسفي کي صوفيانه بزرگي ۽ تخليقي صلاحيتن جي ذريعي ڪمال ڪاريگري سان پيش ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.

    تصوف
    ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي مولف هيري ٺڪر جي ان راءِ ۾ وزن نظر اچي ٿو ته ”قاضي قادن جي شاعري تصوف ۽ ويدانت جي شاعري آهي.“ قاضي قادن جي شاعري تي تصوف جو چٽو ۽ گهرو اثر نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ديش جو رهاڪو هو جنهن ننڍي کنڊ جي لاءِ تصوف جو دروازو کوليو هو.
    تصوف يا صوفي مت موجب خدا ڪا دور جي شيءِ ناهي. صوفي خدا سان هڪ شخصي گهرائي جو تجربو ڪن ٿا. صوفين جو مقصد آهي ڪائنات جي خالق کي سڃاڻڻ ۽ انهي جي زير اثر پاڻ کي سڃاڻڻ جو آخرڪار ذريعو بنجي وڃي ٿو. قاضي قادن جي ڪلام ۾ سڄو زور پاڻ سڃاڻڻ تي آهي.

    ”ليهان لک ڪيام، پسڻ کي پاڻان پرين،
    سوجهي سيڻ لڌام، من منجهين ئي سُپرين.“
    *-*-*
    ”پهرين پاڻي پرک، پرين پرکڻ سوکڙا،
    در پي سوئي رک، جتان ڏکائون لهين.“
    قاضي قادن ”وحدت الوجود“ واري نظريئي جو قائل هو وحدت الوجود جو مطلب آهي ”هم اوست“ يا سڀ ڪجهه اُهو ئي آهي. قاضي قادن جي ڪلام ۾ اِهو خيال ڇانيو پيو آهي.
    ”پاني وانگي رنگ ۾، پاڻو واڻ رتاس،
    رگيندڙ آ پاڻ ڌڻي، سڀي رنگ سنداس.“
    انهيءَ خيال کان متاثر ٿي شاهه لطيف هي بيت لکيو:
    ”پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
    پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.

    ويدانت
    قاضي قادن جي شعر تي ٻيو چٽو اثر آهي ويدانت جو. ويدانتي فلسفي جو نچوڙ آهي ته برهم، تت يا سڄي ڪائنات جو وجود هڪ ئي آهي، ٻيو جو ڪجهه آهي سو مايا يا طلسم آهي. مخلوق اگيان جي ڀولي ۾ ڀلجي هن ناپائدار سنسار کي سچ سمجهي ويٺو آهي. اصل چيز برهم يا خالق کي وساري ويٺو آهي. قاضي قادن ويدانت جي ان فلسفي کي هن نموني ۾ بيان ڪيو آهي:
    ”پرين وساري رت روئن، ڪٻڌي ري ڪارڻ،
    ڪنچن راس رچاءِ ڪي ٻُڪئين ڊور وجهن.“
    هن خيال کي قاضي قادن ڪمل ۽ ڏيڏير واري تمثيل ذريعي هن طرح بيان ڪيو آهي. سنسار روپي تلاءِ ۾ انسان روپي ڏيڏر جنهن کي اها خبر ئي ناهي سو تلاءَ جي تري ۾ ليڙيون پائي مٽي ويٺو کائي.

    ”جي سالورو سُڌ لهي، ڪملان سندي ڪاءِ،
    ته پيو پاتال ۾، هوند نه مٽي کاءِ.“
    تصوف ۽ ويدانت قاضي قادن جي ڪلام ۾ تاڃي پيٽي جيان لڳا پيا آهن.

    سنڌ جون حالتون
    قاضي قادن سنڌ جو هوشمند ۽ جرتمند ترجمان هو. هن سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ انهن جي خيالن، سوچ، ثقافت، ادب ۽ ترقي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. هن سنڌ جي ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ موضوعن کي پنهنجي شاعري ۾ ڳايو ۽ خوب ناموس پاتي. هن سنڌ جي سورهين ۽ اُنهن جي رڪ وهندي راند، سُونهن ۽ معلمن، ٻيڙين ۽ سمنڊ، ترهن ۽ تارُن، سنجيد جي سخا لوڪ قصن لوڪ داستانن ۽ تلميحن طور استعمال ڪري نه صرف سنڌ کي ساراهيو پر پنهنجي فڪر کي فروغ به ڏنو سنڌ ۽ سنڌين جي شان ۽ شوڪت، جوش ۽ جرئت، همت ۽ جاکوڙ، سورهيائي ۽ خوداعتمادي، ماڻهن جي آدرشن ۽ اُنهن جي طلب قاضي قادن جي ڪلام جا اهم مضمون آهن. هن جي ڪردار ۾ ڀل ڪي اوڻايون هجن پر هو جرتمند آهي، سورهيه آهي ۽ خود اعتمادي هن جي ڪردار جو وڏو گڻ آهي.
    ”رڪ رهندي سامهون، سروهيه سي جاون.“

    قاضي قادن جي شاعري جو اثر
    ادب جي تاريخ جي مصنف محمد صديق ميمڻ جي اِها راءِ وزندار آهي ته قاضي قادن جا ست بيت شاهه ڪريم شاهه عبداللطيف ۽ سامي جي شعر جا بنيادي پٿر آهن. سنڌ جا سڀيئي اساسي شاعر قاضي قادن جي ڪلام کان ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ هن جي ڪلام جي اثر هيٺ وڏا شاعري ڪارناما سرانجام ڏيئي سنڌي شاعري جي خوب خدمت ڪئي.

    شاهه ڪريم تي اثر
    شاهه ڪريم جي ڪلام تي قاضي قادن جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. شاهه ڪريم قاضي قادن جي ڪلام کان ايڏو متاثر ٿيو جو هو سندس بيتن کي ياد ڪري پنهنجي سماع جي مجلسن ۾ مريدن کي ٻڌائيندو هو. اُنهن بيتن مان ست بيت محفوظ رهجي ويا جيڪي بياض العارفين ۾ درج ٿي مقبول ٿيا. قاضي قادن جي بيتن جي مضمون ۽ معنيٰ کان متاثر ٿي شاهه ڪريم پاڻ پنهنجا بيت چيا. شاهه ڪريم جي بيتن تي قاضي قادن جي ڪلام جو اثر هن مثال مان ظاهر ٿئي ٿو.

    قاضي قادن جو بيت:
    ”پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي پاڻ وڃائي سو لهي،
    من اندر مهه پاءِ، توئي اندر سپرين.“

    شاهه ڪريم جو بيت:
    ”پيرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هو لھ،
    تهان ڌار نه سپرين، مھ منجهئين پاءِ،.“

    شاهه لطيف تي اثر
    شاهه لطيف جي شاعري تي قاضي قادن جي ڪلام جا واضح اثر ڏسي سگهجن ٿا، شاهه جي رسالي ۾ قاضي قادن جا ڪافي بيت شامل آهن پر شاهه لطيف جا پنهنجا به گهڻائي بيت آهن جن ۾ قاضي قادن جي بيتن ۾ سمايل فڪر ۽ معنيٰ جي جهلڪ نظر اچي ٿي.

    قاضي قادن جو بيت:
    ”الف ٻيا وسار، الف اڳهون ئي ياد ڪر،
    سو تون ڏيئو ٻار، سو نه اجهاميه ڪڏهن.“

    شاهه لطيف جو بيت:
    اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
    اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.“

    قاضي قادن جو بيت:
    ”لائي لام الف سان، ڪاتب لکن جيئن،
    مون هينئڙو پريان سين لڳو آهي تيئن.“

    شاهه لطيف جو بيت:
    ”ڪاتب لکين جيئن، لائي لام الف سان،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.“

    شاهه لطيف قاضي قادن جي ڪن عنوانن ۽ مضمونن کي پنهنجي رسالي جي سُرن جا عنوان بنايا. قاضي قادن جي بيتن جي ڪن سٽن کي پنهنجي سٽن ۾ آندو ۽ انهن ۾ سمايل معنيٰ ۽ مفهوم کي وڌيڪ چٽو ڪيو ۽ قادن جي فڪر جي ڪن رُخن کي چٽو ڪيو. مثلاً قاضي قادن اِهو اشارو ڏنو.
    ”جيئن ڦڦڙ ماهه ۾ ائين روزا عيد نماز.“
    شاهه لطيف انهي بيت ۾ سمايل معنيٰ کي وڌيڪ کولي اُن کي وڏي منزل تي پهچايو.
    ”روضـــا ۽ نـــمــازون، اي پـــڻ چـــڱــو ڪم،
    اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.“
    قاضي قادن جي ڪلام جو اثر شاهه لطف الله قادري ۽ ميين شاهه عنات رضوي جي ڪلام ۾ به صاف صاف ڏ سڄي ٿو ڪيترن ئي سنڌي شاعرن جي فڪر، محاوري ۽ عبارت تي به هن جو زوردار اثر چٽائي سان نظر اچي ٿو.

    قاضي قادن جو سنڌ کان ٻاهر اثر
    قاضي قادن جي ڪلام جو اثر سنڌ جي صوفين، سالڪن ۽ اساسي شاعرن تي خوب پيو. سنڌ کان ٻاهر وارن سنتن ۽ ساڌن کي پڻ هن جي شاعري ۽ فڪر ڏاڍو متاثر ڪيو. سيوهڻ ۽ پاٽ جا قابل ۽ ڪشادهه دل ۽ ڪشادهه دماغ وارا عالم سنڌ مان لڏي هندستان ويا. اُتي ڪيترائي سنت ۽ ساڌو قاضي قادن جي ڪلام ۽ عارفانه فڪر کان متاثر ٿيا. هنن قاضي قادن جي بيتن جي ذخيري کي سانڍيو ۽ برهانپور تائين پهچايو. سنڌ اندر قاضي قادن جا بيت هر هنڌ مشهور ٿيا ڇاڪاڻ ته قاضي قادن نه رڳو وڏي حال ۽ قال وارو مفڪر هو پر هڪ وڏو عالم ۽ ناميارو شاعر به هو. عالمن جي محفلن ۾ درسگاهن ۾ سندس بيتن جو ذڪر لازمي هو. اُن جو ثبوت اُن وقت جي درسي ۽ تعليمي مواد مان ملي ٿو جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب سنڌي ٻولي جو آڳاٽو منظوم ذخيرو ۾ محفوظ ڪيل آهي.

    قاضي قادن جو دادو ديال تي اثر
    گجرات راجسٿان جو شاعر دادو ديال جيڪو قاضي قادن جي وفات وقت ننڍو هو سو به قاضي قادن جي بيتن ۽ انهن ۾ سمايل فڪر کان ڏاڍو متاثر هو. هن به ڪيترائي سنڌي ۾ بيت ۽ دوها لکيا. هو قاضي قادن کي گُر پير سمجهندو هو. اِن جو ثبوت هن بيت ۾ آهي جيڪو دادو ديال جي روايتي ماخذ ”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي“ ۾ موجود آهي.
    ”تون ويرون ئي وير، جوڳي سو جو جڳ ۾،
    تون اسان جو پير، سُڌي ڏئين سرير ۾.“
    دادو ديال جي سنڌي بيتن ۾ سمايل خيالن تي قاضي قادن جو اثر صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

    قاضي قادن جو يبت:
    ”جي تو لاتي رچمچ، ته لڪڻ ڇپن ناه،
    زهر هلال هٿ ڪر، ڪارڻ پريان کاءِ.“

    دادو ديال جو بيت:
    سَتمگر هَم دَم مين، ڪٺَن سنجم رهيا نه جاءِ،
    زهر هلاهل هٿ ڪر ڪارڻ پريان کاءِ.“

    قاضي قادن جي ڪلام جو سنڌ ۽ هنڌ ۾ وڏو اثر آهي. سنڌ ۽ هند جا اديب ۽ نقاد ڪوششون ڪري رهيا آهن. اِهو امڪان موجود آهي ته سنڌ ۾ به ڪن درگاهن تاريخي هنڌن ۽ قديم شاهي ڪُتبخانن ۽ هندستان جي ڪن ٻين مٺن ۾ ڪي ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل قاضي قادن ۽ ٻين سنڌي شاعرن جا ذخيرا موجود هُجن انهن کي ڳولي لهجي، جيئن ته سنڌي شاعري جي وڌيڪ گم ٿيل ذخيرن کي هٿ ڪري سنڌي جي اڻپوري شاعري کي ڪنهن حد تائين پورو ڪرڻ لاءِ جتن ڪري سگهجن.

    قاضي قادن جي شاعري جون خوبيون
    قاضي قادن ڪمال جو شاعر هو. هن سنڌ، ملتان، گجرا ت۽ راجسٿان ۽ ڪن علائقن ۾ اُتي جي وڏن وڏن شاعرن سان ادبي ڪچهريون ڪيون هجن، اُنهن کان ڪجهه سکيو هجي ۽ ڪجهه اُنهن کي سيکاريو هجي شاعري تي عبور حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن سنڌ ۾ شاعري جي بازار گرم ڪئي، ماڻهن کي موهيو ۽ متاثر ڪيو، سڀ هن جي شاعري جي حسين، رنگين ۽ مٺڙين ۽ من موهيندڙ خوبين جا متوالا ٿي ويا.

    تصوف ۽ ويدانت جو ميل
    قاضي قادن جي شاعري جي پهرين خوبي آهي تصوف ۽ ويدانت جو مٺڙو ميل انهي ڪري هن جو ڪلام سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر مارواڙ، ملتان، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي ٻين ايراضين ۾ ڏاڍو مقبول رهيو. انهن علائقن جا راڳي قاضي قادن جي ڪلام کي پنهنجن مجلسن ۾ ڳائي دل وندرائيندا رهيا. اُنهن جي ڪوشش سان سندس ڪلام مقبول ٿيو ۽ پراڻن ڪتابن ۾ محفوظ رهيو.

    سنڌي لوڪ قصن ۽ داستانن جو اثر
    قاضي قادن جي ڪلام جي ٻئي خوبي آهي ته هن سنڌ جي لوڪ قصن ۽ ڪهاڻين تمثيلي طور پيش ڪري پنهنجي ڪلام کي نئون ڏنو آهي ۽ ان ۾ معنيٰ جا موتي ڀري دلين کي گرمايو آهي. هن کان پوءِ وارن شاعرن جهڙوڪ شاهه ڪريم شاهه لطف الله قادري، شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ۽ ٻين پنهنجي ڪلام ۾ انهن تمثيلن کي ڪمال فنڪاري سان پيش ڪري خوب رنگ رچايا آهن.

    وڻندڙ انداز بيان
    قاضي قادن جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي مٺڙي ٻولي ۽ وڻندڙ اسلوب بيان سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ لکيو آهي ته ”هي (قاضي قادن) پهريون شاعر آهي جنهن جا شعر نهايت ئي صاف سُٿرا، بامقصد ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ مليا آهن. بيان جو انداز به دل کي وڻندڙ آهي.“
    ”جنهن محبت من ۾، سي ميرائي سونهن،
    تن ۾ برن مشعلان، سنديان سُپرين.“
    *-*-*
    ”ڪڏهن ٻيرين ٻوُر، ڪڏهن ڦل نه هڪڙو،
    ڪڏهن پريان پور، ڪڏهن سڪان سَڏ کي.“
    *-*-*
    ”اُڀرندي سِجان، پرين جي نه پسنديون،
    ڪڍي کي ڪانگان، نوالا نيڻ ڏيان.“

    موسيقيت
    قاضي قادن جي ڪلام جي چوٿين خوبي آهي موسيقيت. قاضي قادن سنڌ، ملتان، مارواڙ (راجسٿان) ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي موسيقيءَ جي روايتن کان چڱي طرح واقف هو. هن پنهنجي ڪلام ۾ انهن علائقن جي موسيقيءَ جو رنگ ڀري پنهنجي ڪلام ۾ ميٺاج، خوبصورتي ۽ جادوئي اثر ڀري اُن کي ڏاڍو مقبول بنايو. مٺڙن لفظن جي چونڊ، انهن جي مٺڙي ترتيب ۽ انهي ترتيب مان ڦٽي نڪتل موسيقي بيمثال آهي. سندس ڪلام جي مٺڙي موسيقيت جا هي چند مثال آهن.
    جي تو لائي رچمچ، ڇنڀڻ لڪڻ ناهه،
    زهر هلال هٿ ڪر، ڪارڻ پريان کاءِ.

    اونهان اندر ماه، ٻاهر ڌڪ نه پڌرا،
    ويڄ ڪريندو دانهن، پسڻ سان واڍوڙيا.
    *-*-*
    سوڻيريان سنهڙو، جھ تن ڪيوءِ نه تيئن،
    توکي اکڙين ۾، پرين پائيندا ڪيئن.

    قاضي قادن جون ادبي خدمتون
    قاضي قادن هڪ وڏو عالم، ناميارو شاعر ۽ اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو. هن پنهنجي شاعراڻه ڏات، تجربي ۽ مشاهدي جو استعمال ڪري سنڌي شاعري کي سرجي هڪ وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو.

    اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ
    قاضي قادن کان اڳ ۾ سنڌي شاعري موجود ڪو نه هئي. قاضي قادن ئي پهريون تحريري سنڌي شاعر آهي. هن کان اڳ ۾ زباني طور تي سنڌي شاعري بابت ڪي روايتون ملن ٿيون. اُها زباني شاعري ٽڙيل پکڙيل آهي. جنهن جا موضوع آهن. حڪمرانن جي ساراهه، ويرن ۽ سورمن جي واکاڻ، سنجين ۽ سردارن جي تعريف، کل ڀوڳ، گلاخوري ۽ اجائي ٽان ٽون وغيره. سنڌي شاعري فڪر ۽ مقصديت کان وانجهيل هئي. سنڌي تحريري شاعري جو باني قاضي قادن آهي. هن جي شاعري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ شاعري آهي.

    سڌي اساسي شاعري جي جوڙجڪ
    قاضي قادن سنڌ جي سر زمين، اُن جي ماڻهن، انهن جي مقامي، مذهبي، تاريخي، ثقافتي ۽ اقتصادي معاملن، لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ داستانن، سندن ذاتي ڪاوشن، سندن خوابن ۽ سندن جنگين وغيره، سندن ڪاميابين ۽ ڪامرانين مان عنوان چونڊي ۽ انهن کي خود اعتمادي، بلند اخلاقي ۽ دل فريبانه انداز ۾ بيان ڪري سنڌي اساسي شاعري جو بنياد رکيو. قاضي قادن جي اساسي شاعري جو مطالعو ڪريو ۽ سرور حاصل ڪريو.
    چئه سڀڪوءِ، محبتي مان ٿيان،
    اندر اگهيو سوئي جو سيباڻو سڄڻان،
    *-*-*
    روز محثر ڏينهڙي، ستر سج تپن.
    سڀوئي جهُڙ ڀانيان، جي مون پرين مڙن
    *-*-*
    حقيقي مون سيڻ، وسن شهر حقيق ۾
    ڳالهيان چون حقيقيان، چون حقيقي ويڻ.

    وڌيڪ مصراعن وارا شعر
    قاضي قادن ٻن مصراعن کان مٿي وارا شعر به سرجيا هڪ ٽن سٽن وارو ۽ 1 چئن سٽن وارو بيت ٻنهي بيتن ۾ قافيا ٽن يا چئن سٽن جي پٺيان آهن. هي هڪ چئن سٽن وارو بيت آهي.
    ”جي مون ڏيئين لک ڌڙ، ڌڙ ڌڙ لک سران،
    سِر سِر لک مُهان ٿيئن، مُهه مُهه لک ڄڀان،

    سڀي ڄڀان تکيان، تڪڙيان لوان،
    صفت تنهنجي راجيا توهئون ڪيئن ڪران.“

    اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ
    قاضي قادن هڪ عظيم تخليقڪار ۽ اعليٰ صلاحيتن وارو شاعر هو. هن نه صرف سنڌي شاعري کي سرجيو پر اُن جي بامقصد اظاهر جي لاءِ هڪ سريلو اسلوب به ايجاد ڪيو. انهي جي ڪري سنڌ جي قديم ۽ جديد شاعري کي اظاهر بيان جو مضبوط طريقيڪار مليو.

    ڪائومنهن ڏيئي، پيٺا جي درياءِ ۾،
    پسندا سيئي، ماڻڪ اکين سين.
    *-*-*
    ڀڳو سڄو نه ٿئي، من هوتا هلُ ڳچُ،
    ڪنين سڻيو نه منيئي، اکين ڏِٺو سچ.

    دوها سورٺا ميل جي جوڙجڪ
    قاضي قادن دوهي سورٺي ميل جو استعمال ڪري دوهي جي صنف کي قافين جي پابندين کان آجو ڪرايو ۽ دوهي ۾ وسعت پيدا ڪئي. هن قافين جون جايون بدلائي، مصراعن ۾ واڌارو آڻي، بيت جي صنف سرجي،جي بيت جي صنف نه هجي ها ته سنڌي شاعري به ڪا نه هجي ها. هي دوها سورٺا ميل جا ڪجهه بيت آهن:
    لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين،
    سوئي پڙهيو، سو پڙهان، سوئي سو حرف
    *-*-*
    ”ڪڍي ڪاجو راءِ، جني ٻج نه پوکيو،
    راهون روح رچنديون، تِني کي ڪياءِ.“
    قاضي قادن ڪمال جو شاعر هو هن پنهنجي شاعرانه ڏات، تجربي مشاهدي ۽ تخليقي ڪاريگري جي رستي سنڌي شاعري کي سرجيو، اُن جي اظهار لاءِ اسلوب بيان جوڙيو ۽ نوان نوان فني لوازمات تيار ڪري سنڌي شاعري کي خوب ترقي ڏياري.

    قاضي قادن جي عبارت
    قاضي قادن جي ڪلام جي اها هڪڙي بيمثال خوبي آهي، جو هن نه صرف سنڌي ڪلام جوڙيو پر اُن جي لاءِ عبارت به گهڙي. قاضي قادن جي عبارت هن جي فڪر، سوچ ۽ آواز کي دلفريب نموني ۾ ظاهر ڪرڻ جو هڪ فطري ذريعو آهي. اعليٰ فڪر کي ظهار ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عبارت جوڙي قاضي قادن وڏو ادبي ڪم ڪيو آهي. قاضي قادن جي عبارت سادي، سلوڻي، عام فهم ۽ مٺڙي ۽ من موهيندڙ آهي.

    قاضي قادن جي ٻولي
    قاضي قادن جي ڪلام جي ٻولي سنڌ جي اُتر ۽ سري واري سنڌي ٻولي آهي. اُن تي سرائيڪي ۽ ملتاني جو به اثر آهي. قاضي قادن جي ڪلام ۾ بکر علائقي واري سرائيڪي ٻوليءَ ۾ چيل بيت به شامل آهن. هن جي سنڌي توڙي سرائيڪي ۾ چيل بيتن تي راجسٿاني لهجن ۽ محاورن جو اثر پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو قاضي قادن احمد آباد ۾ رهيو ۽ پڙهيو راجسٿان طرف سير ۽ سفر ڪيائين جنهن ڪري ڪي لفظ جهڙوڪ سالور = ڏيڏر، کڙ = گاهه وغيره انهن ڀاڱن جا پڻ پنهنجن بيتن ۾ آندا آهن. قاضي قادن جي بيتن ۾ سنڌ ۽ سرائيڪي جي آميزش جا اهڃاڻ موجود آهن:

    سان نه اسان جيتريءَ، اوهان کي نه اسان جيتري،
    سڀيئي ڄڀان تکيان، سڀ زبانون تکيون،
    سڄڻ ڏجڻ ديک ڪي سڄڻ کي ظاهراً دشمن رنگ ۾ ڏسڻ.

    ”آئون“ بدران ”مان“ جو استعمال قاضي قادن جي ٻولي ۾ ٿيل آهي جيئن اڃان تائين اترئين ڀاڱي جي سنڌي ۾ آهي.
    مان کي سڄڻ گڏيو، مونکي سڄن گڏيو،
    جتي هوئن مان پرين، جتي منهنجا پرين هجن.
    هيٺئين سنڌ جي لفظ کي جمع بنائڻ لاءِ لفظ جي پٺيان ”ئون“ لڳائبو آهي جيئن ڄڀ، ڄڀون، دانهن دانهون، وير ويرون، لهر، لهرون وغيره پر قاضي قادن جي ڪلام ۾ اتر سنڌ جيان ”آن“ لڳائبو آهي. جيئن زبر زبران، زير زيران، آئت آئتان وغيره.
    ”زبران، زبران، آيتان، اکر انت نه پار“
    ٻانهون = ٻانهان، سر سران، ڄڀ ڄڀان، دانهن = دانهان، ليهه، ليهان وغيره.
    قاضي قادن جو اسلوب ڳرو ۽ گهرو آهي. لفظن جي جوڙ ۽ سٽاءِ ۾ انوکائي آهي. سندس اسلوب بيان جي اِها عجيب خوبي آهي جو بيت جي پهرين سٽ ۾ سمايل معنيٰ ۽ خيال جي تصديق ٻئي سٽ ۾ ٿيل آهي. ٻئي سٽ ڄڻ پهرين سٽ جو جواز ۽ جواب آهي. مثلاً
    تان تان سورهيه سڀڪو، جان جان مھ نه مڙن،
    رڪ وهندي سامهون، سورهيه سي جاون.“
    *-*-*
    ”ڍڪ پاڻي منجهه ٻاٻيها ٻُڏي مئا.
    جي تو پوي سمجهه، تان تو ڳيرو نه ٿيوين.“
    قاضي قادن جي سنڌي ٻولي تي پنجابي جو اثر به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هن ”ن“ جي بدران ”ڻ“ کي استعمال ڪيو آهي.
    (1) ”پڙهندو پئي ويو، ڪوڙين لک قراڻ، (قرآن).
    (2) ”اک اندر سريو، جاڳي پيس جواڻ. (جوان).
    قاضي قادن قرآن جو حافظ هو ۽ عربي شاعري به ڄاڻندو هوندو تنهن هوندي به سندس ٻولي تي انهن ٻولين جو تمام گهٽ اثر نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾ سنسڪرت لفظ چڱي تعداد ۾ ملن ٿا جهڙوڪ سرپ، راس، ڪنچن، سالور وغيره ان جا ڪجهه مثال آهن.

    فني لوازمن جو استعمال
    شاعر گهڻو ڪري پنهنجي ڪلام کي دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪن فني لوازمن جهڙوڪ چونڊ لفط، تشبيهن، چوڻين، تجنيس حرفي، موسيقي وغيره جو استعمال ڪندو آهي. قاضي قادن به اهڙا فني لوازمات ڪم آڻي پنهنجي عبارت کي دلڪش ۽ ڪارآمد بنايو آهي.

    چونڊ لفظ:
    ”وڄ، بادل ۽ واءُ، ڊڄ نه لهرين لڳيو،
    سڌر سونهان چاءُ، ٻيڙي ٻُڏڻ ناهه ڪو.“
    *-*-*
    ”چوي سڀڪوءِ، محبتي مان ٿيان،
    اندر اگهيو سوءِ، جون سيباڻو سڄڻان.“

    تشبيهون
    ”اکيون آڪا سانھ، فوجون ڪري الٽيون،
    سوڙهي گلي منجهه نھ، لوچي پرين لهنديون.“
    *-*-*
    ”ڪاغذ ڪاري اکرين، مون واچيندو الڌو،
    سڄڻ اچي اکرين، مون لوڙيندو لڌو.“

    چوڻيون:
    ”جيئن ڦڦر ماه ۾، تيئن روزا، عيد نماز.“
    ”خين محبت من ۾، سي ميرائي سُونهن.“
    *-*-*
    ”علت وڃيس ئي نا، عادت ڪڏهن نه جاءِ،
    اُٽ ڪڻڪين ڇڏيو، چُڻ جواسا کاءِ.“

    تجنيس حرفي:
    ”ڪهي ڪيا شهيد، تو جي اکڙين سان،
    تن تنهنجي تاتڙي، نه ڪو عيش نه عيد.“
    *-*-*
    ”جان جان سو نه پسن، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا،
    تان تان سناسين، ورهه وهامي راتڙي.“

    موسيقي:
    ”پاڙي ۾ وڻ هيڪڙو، سر مون گهڻو سُهاءِ،
    ٺار وهاري سڄڻان، ڇڙي به وڻراهه.“
    *-*-*
    ”اسين سڪون جن کي، تان سي اسين پاڻ.“
    قاضي قادن هڪ سُريلو سرجڻهار هو. هن مختلف ادبي ۽ فني لوازما استعمال ڪري پنهنجي عبارت ۾ سڀيئي رنگ ڀري ڇڏيا آهن. قديم سنڌي شاعري ۾ هن جي عبارت بيمثال آهي. اڄوڪي دور ۾ به هن جي عبارت پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

    قاضي قادن جي ڪلام جي اهميت
    قاضي قادن کُلي دل ۽ کُلي دماغ وارو سنڌ جو صوفي بزرگ ۽ شعور جاڳائڻ وارو منفرد ۽ نرالو شاعر هو. هو ديني توڙي دنيوي معاملن جو وڏو ماهر هو. هن سنڌ جي ماڻهن جي ٻنهي ميدانن ۾ وڏي مدد ڪئي.

    ديني تعليم
    قاضي قادن ديني تعليم کي فروغ ڏيئي سنڌ واسين جي اندر کي اُجاريو ۽ انهن کي حق جي راهه طرف متوجه ڪندي عمل جو ڪو ڏيو بنايو. هن انهن کي پاڻ پرکڻ ۽ اُن جي ذريعي رب کي پرکڻ جو درس ڏنو. هن انهن جي لاءِ نيڪي جون راهون روشن ڪري انهن کي بلند اخلاقي، نيڪ عمل ۽ خلق جي خدمت جو نئون ۽ نرالو پيغام پهچايو. چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    جان ئي پاران پڌرو، ٻڌائون سو سَڏ،
    مون هينئڙو تائين ٿيو، سپيريان سان گڏ.
    *-*-*
    جني سرسندو نور، جيلاه سو سونهون ٿئي،
    تيلاهه لڀن سپرين، ڳالهه ھجي مور.
    *-*-*
    جنھين محبت من ۾، سي ميرائي سونهن“

    دنيوي تعليم
    قاضي قادن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي جذبن ، ويچارن ۽ آدرشن جو سريلو اظھار آھي. ھن جي شاعري سنڌين جي دلين جو آواز ۽ روح جو راڳ آھي. ھن جي شاعري جا ٻول احمد ملاح پنهنجو تمثيلون تلميحون ، اھڃاڻ وپهنجن حرخي جا نوان نرالا رنگ ۽ طرح طرح جون ترڪيون ھن کي سنڏ جو قابل ۽ سگهارو فرزند ثابت ڪن ٿيون جو ميرو ھوندي به ھنج جيان سڄي سنڌ ۾ سونهي ٿو.
    قاضي قادن جو ڪلام سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ثقافت جي ترجماني ڪري ٿو. سنڌ جي قصن ۽ داستانن کي تمثيلن ۽ تلميحن ذريعي بيان ڪري سنڌ جي سپوٽن جي زندگي گهارڻ جي روپن کي عالم آشڪار ڪري ٿو. سنڌ جا ماڻهو ڌرتي سان محبت ڪرڻ وارا ۽ اون جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪرڻ وارا آھن. جاکوڙ انهن جي جيون جو مول مقصد آھي. ھو ڪاميابي ۽ ڪامراني جي منزل تي پهچڻ لاءِ راھو سيکارن ٿا ته سچو سورھيه اُھو جو رڪ وھندي راند ۾ تارين سامهون وڃي ۽ وڏن پهلوانن جي منهن مقابل ٿئي.
    ” تان تان سورھيه سڀڪو ، جان جان م لا نه مڙن،
    رڪ وھندي سامهون، سورھيه سي جاون“
    *-*-*
    ”ڏر نه چئو مُ ايئن، نپجيئي اُڀ ڪارڙا،
    جت ڀڙو مڙندا ڀينئن، تن لڀندي مڙساندڪر.“

    قاضي قادن جي شاعري جو اثر
    قاضي قادن سنڌ جو وڏو سرجڻهار شاعر هو. هو ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي ٻولين جي وڏن شاعرن جو همعصر هو. سنڌ جي ڀروارن علائقن جهڙوڪ پنجاب، راجسٿان ۽ گجرات ۾ وڏا وڏا شاعر ٿي گذريا آهن. پنجاب ۾ شاهه فريد 1440ع 1575ع راجسٿان ۾ ميران ٻائي (1506ع 1566ع) ۽ گجرات ۾ نرسي مهتا (1413ع 1479ع) جي شاعري جو وڏو چرچو هو. قاضي قادن سير ۽ سفر جي دوران انهن علائقن ۾ ويو. هن انهن علائقن ۾ انهن ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ٻُڌو هوندو ۽ انهن کان متاثر به ٿيو هوندو. هن پنهنجو ڪلام به اُتي ٻڌايو هوندو ۽ اُتي جي شاعرن کي به متاثر ڪيو هوندائين.
    راجسٿان گجرات جو شاعر دادو ديال جيڪو قاضي قادن جي وفات وقت ننڍو هو، قاضي قادن جي ڪلام جو عاشق هو ۽ قاضي قادن کي پنهنجو گُر پير سمجهندو هو. هو قاضي قادن کان ڏاڍو متاثر هو. دادو ديال قاضي قادن جي زير اثر سنڌي ۾ ڪيترائي دوها ۽ بيت به جوڙيا.
    شاهه عبداللطيف لاءِ مشهور آهي ته هن جيڪو ڪُنو چاڙهيو اُن جو ڍڪڻ سچل لاٿو، پر شاهه لطيف جنهن ڪني جو ڍڪڻ لاٿو، اُهو ڪُنو قاضي قادن چاڙهيو هو. قاضي قادن سنڌ جو پهريون تحريري شاعر آهي. سڄي سنڌي اساسي شاعري هن جي زير اثر اُسري، اُڀري ۽ عروج حاصل ڪيو. قاضي قادن پنهنجن فن، فڪر، عبارت، لفظن، اصطلاحن، موضوعن، اهڃاڻن، لوڪ قصن ۽ داستانن ۽ انهن جي تمثيلن ۽ تلميحن کي پنهنجي شاعري ۾ جاءِ ڏيئي اُن کي خوب ترقي ڏياري. اُن شاعري جو اثر شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ۽ ٻين اساسي شاعرن تي صاف ۽ گهرو نظر اچي رهيو اهي. سنڌ جا اساسي توڙي جديد شاعر به قاضي قادن جي ڪلام کان متاثر آهن.

    قاضي قادن جو جديد شاعرن تي اثر
    قاضي قادن جي ڪلام جو سڌي يا اڻسڌي طرح جديد سنڌي شاعرن تي به اثر نطر اچي رهيو آهي. قاضي قادن جي ڪلام جي موضوعن ۽ عنوانن جهڙوڪ رت وهندي راند، ترهو ۽ تار، ٻيڙا ۽ سمنڊ، سنڌي لوڪ قصن ۽ داستانن جي ڪردارن، سخين، سردارن، گهاتوئن جو اثر جديد سنڌي شاعرن شيخ اياز، نياز همايوني، اُستاد بخاري، تنوير عباسي، سروپچندر شاد، تاج جويي ۽ ٻين شاعرن تي گهرو نظر اچي رهيو آهي. انهن شاعرن سنڌ جي سورمن، سرويچن ۽ وطن پرست اڳواڻن ۽ جانسار سپوٽن جي شان ۾ ڪيڏارا لکي نه صرف سنڌي کي سنواريو ۽ سينگاريو آهي پر اُنهن کي نئين نموني ۾ ڳائي، انهن کي نئين معنيٰ بخشي، سنڌ جي سوچ کي انقلابي راهه ڏيکاري آهي. قاضي قادن جو ڪلام اهم آهي. انهي جي اهميت هميشھ قائم ۽ دائم رهڻ واري آهي. هن سنڌي شاعري کي باقائدي جنم ڏنو، اُن کي پاليو ۽ نپايو ۽ اُن کي وڏي اوج تي پهچايو. جي قاضي قادن شاعري نه ڪري ها ته سنڌي شاعري به نه هجي ها يا اڌوري ۽ اڻپوري هجي ها. قاضي قادن بيشڪ سنڌي شاعري جو باني مباني آهي.

    مددي ڪتاب
    (1) رام پنجواڻي. قاضي قادن جو ڪلام (دعائون ۽ مبارڪون)
    (2) ڊاڪٽر دائود پوٽو. شاهه ڪريم جو ڪلام.
    (3) ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (4) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (5) تاجل بيوس. قاضي قادن جو ڪلام (پيش لفظ)
    (6) هيرو ٺڪر. قاضي قادن جو ڪلام. (ديباچو)
    (7) تنوير عباسي. قاضي قادن جو ڪلام (ادبي خط).
    (8) غلام محمد لاکو. س.ج. راشد جي ڪتاب ”سنڌي بيت“ جو مقدمو.
    (9) سيد حسام الدين. سيد حسام الدين راشدي جو ڪتاب ’سنڌي ادب‘
    (10) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. قاضي قادن جو رسالو. (مهاڳ)
    (11) محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ.


    شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو(944هه 1032هه) - (1534ع 1622ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا:

    شاهه ڪريم جو شعر نه فقط قدامت جي لحاظ کان اعليٰ آهي پر زبان ۽ بيان جي خوبين جي خيال کان مٿاهون آهي. مضمون کي موثر بنائڻ لاءِ تشبيهن ۽ تمثيلن کان ڪم ورتو اٿس.
    ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس

    شاهه ڪريم ڪو لفظن جي کيڏ جو شاعر نه آهي. هن جو مقصد انسان جي روحاني ترقي آهي. ان ڪري هر ڳالهه مثال، تشبيهه ۽ دليل سان ظهار ڪري ٿو. ان مان سندس شاعرانه قابليت ظاهر ٿئي ٿي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    ڊاڪٽر دائود پوٽي جو اهو چوڻ ته شاعر هو آهي، جنهن جي دل ۾ جذبو آهي ۽ جو جذبي جي اظاهر جي لاءِ لفظن جو موزون ۽ موثر لباس فراهم ڪري سگهي. شاهه ڪريم ۾ هي وصف اعليٰ درجي ۾ موجود آهي. هو شعور ۽ جذبي وارو انسان هو.
    ڊاڪٽر نجم الاسلام. ابيات شاهه ڪريم جو مقدمو

    شاهه عبدالڪريم ارغوني دور ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سمورو ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو آهي. کيس سنڌي شاعري جو وهائو تارو سڏيو ويندو آهي. سندس سمورو ڪلام بيتن ۽ دوهن جي صورت ۾ ملي ٿو جن جو تعداد 94 چيو وڃي ٿو جيڪو هندي دوهن جي طرز ۾ لکيل آهي.
    ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    شاهه ڪريم جا لفظ سنڌي ٻوليءَ جا آهن. صرف 29 لفظ ۽ هڪ استعارو عربي ٻولي جو 8 لفظ فارسي ٻوليءَ جا آهن. جڏهن انهن جي اهڃاڻڪاري ۽ معنيٰ انگيزي جو مفهوم ڄاڻڻ وقت شاهه ڪريم جي شاعري خود مختيار ٿي لفظن کان آزاد ٿي وڃي ٿي. تڏهن پڙهندڙ به لفظن کان مٿاهون ٿي ويندو آهي.
    موتي لال جوتواڻي. انگريزي ڪتابچي ”شاهه ڪريم سنڌ جو صوفي شاعر“ جي تمهيد

    سنڌي ادب جو چاسر:
    ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي پنهنجي مرتب ڪيل ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ جي مهاڳ ۾ شاهه ڪريم کي سنڌي ادب جو چاسر (Chaucer) ٿو سڏي. جيڪڏهن انهي جو مطلب شروعات ڪرائڻ وارو آهي ته ٺيڪ آهي. حقيقت ۾ چاسر ۽ شاهه ڪريم جي شاعري ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. جنهن جي ڀيٽ ڪري سگهجي.
    شاهه ڪريم کي سنڌي شاعري جو وهائو تارو سڏڻ سؤ في صدي درست آهي. وهائو تارو اونده گم ٿيئڻ جو اعلان ڪري ٿو، جوت جي پکڙجڻ جي هام ڀري ٿو ۽ نئين صبح جي آمد جي اڳڪٿي ڪري ٿو. ساڳئي نموني شاهه ڪريم جي شاعري آڳاٽي ڇڙوڇڙ ڪلام کي ڇڏي، نئين شاعري جي آمد جو اعلان ڪندي نظر اچي ٿي. شاهه ڪريم جي شاعري پرهه جو پيغام آهي. نئين صبح جو نئون ترانو آهي ۽ جدت ۽ انفراديت جو نئون نغمو آهي.

    وڏن جو احوال:
    شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جا وڏا هرات جا رهاڪو هئا. هن خاندان جو هڪ بزرگ مير حيدر هرات مان لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ هالا ڪنڊي (موجوده هالا پراڻا) ۾ اچي رهيو. هالا جي حاڪم هالا جي شهرين تي 525 روپيه ڏنڊ وڌو. هالا واسي ڏنڊ ڀرڻ جهڙا نه هئا. سيد حيدر اهو ڏنڊ ڀري ڏنو ۽ شهرين جي پريشاني دور ٿي.
    مير حيدر جو پاڙيسري شاهه محمد هالو هو. مير حيدر جي نيڪي ۽ بزرگي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن کي پنهنجي نياڻي جي سنگ ڏيئڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. شادي ڪرڻ کان پوءِ هو هالا ڪنڊي ۾ سڪونت اختيار ڪري ويٺو. ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجي پيءَ جي انتقال جو ٻڌي هو هرات هليو ويو. هرات ۾ اڳين گهر واري مان ٻه پٽ سيد محمد ۽ سيد حسن پيدا ٿيا. هن جي هرات وڃڻ کان پوءِ هالي گهراڻي واري ڇوڪري مان به هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو مير علي رکيو ويو.
    مير علي سنڌ ۾ ٻه شاديون ڪيون. هڪ هالي ذات وارن مان ٻي ترڪ قوم مان. هن کي هالي ذات واريءَ مان هڪ پٽ شرف الدين ۽ ترڪ قوم واريءَ مان سيد احمد ڄائو ڪجهه عرصي کان پوءِ هو هالاڪنڊيءَ کي ڇڏي مٽيارين ۾ اچي ريها. مٽيارين ۾ رهڻ کان پوءِ سندس خاندان چئن قبيلن جهڙوڪ جرار پوٽا، باقيل پوٽا، موسيٰ پوٽا ۽ ميعين پوٽا قبيلن ۾ ورهائجي ويو. شاهه عبدالڪريم جو تعلق جرار پوٽا قبيلي سان آهي.

    ولادت:
    سرزمين سنڌ جو باضمير، بلند اخلاق ۽ بيمثال صوفي ۽ سنڌي شاعري جو ”وهائو تارو“ شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو مٽيارين جي شهر ۾ سن 844هه مطابق 1534ع ۾ پيدا ٿيو. هن جي والد جو نالو سيد لعل محمد شاهه عرف سيد الله شاهه هو جيڪو پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي.

    سياسي حالتون:
    شاهه عبدالڪريم سمن جي دور (1331ع 1551ع) کان 17 سال پوءِ ڄائو. اُن وقت سمن جي خاندان جو آخري حاڪم ڄام فيروز هو. ڄام فيروز هڪ بد دماغ، ڪاهل، ٻين جي صلاحن تي هلڻ وارو ۽ شڪي مزاج شخص هو. هن پنهنجي سنڀاليندڙ ۽ محسن درياء خان تي شڪ ڪيو، جنهن تي ڪاوڙجي درياء خان هن کي ڇڏي هليو ويو. درياء خان جي وڃڻ کان پوءِ ڪڇ مان صلاح الدين سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ڄام فيروز کان حڪومت کسي ورتي. ڄام فيروز ۽ ماڻهن جي منتن کي ٻُڌي درياء خان موٽي آيو ۽ بکر ۽ سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري صلاح الدين تي چڙهائي ڪئي ۽ ڄام فيروز کي حڪومت واپس وٺرائي ڏني.
    شاهه بيگ ارغن انهيءَ وقت ۾ قنڌار جو حاڪم هو، بابر جي فوجين جو قندار طرف زور ڏسي هو سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ سنڌ آيو. ڄام فيروز غافل ۽ پرمتڙيو هو. هن پنهنجي حڪومت جي انتظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو هو. شاهه بيگ ارغون 1521ع ۾ ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. هن لڙائي ۾ بهادري سان وڙهندي سنڌ جو دولهه درياء خان شهيد ٿي ويو. شاهه بيگ جي جيت ٿي ۽ ارغون جي سنڌ ۾ حڪومت قائم ٿي. شاهه بيگ جي موت کان پوءِ سندس پٽ مرزا حسن سنڌ جو حاڪم ٿيو. ڄام فيروز گجرات مان لشڪر وٺي سنڌتي حملو ڪيو ۽ هارائي وري گجرات طرف ڀڄي ويو.
    مرزا شاهه حسن 34 سال حڪومت ڪئي ۽ اڌ رنگ جي بيماري ۾ بنان اولاد مري ويو. انهيءَ کان پوءِ مرزا عيسيٰ خان مرزا شاهه حسن جي زال ماهه بانو سان شادي ڪري ٺٽيءَ جو حاڪم ٿيو. هن کان پوءِ سندس پٽ مرزا محمد باقي گادي تي ويٺو. هي وڏو حاڪم حڪام هو. هن پنهنجي زال ماهه بيگم کي بُکن ۽ اُڃن ۾ مارائي ڇڏيو. باقي جي موت کان پوءِ اميرن سندس پوٽي مرزا جاني بيگ کي تخت تي ويهاريو. هو ظالم هو. هن ڪيترائي خون ڪرايا شهنشاهه اڪبر هن کي سزا ڏيارڻ لاءِ نواب محمد صادق کي چاڙهي موڪليو جنهن سيوهڻ تي حملو ڪيو جتان هو هارائي موٽيو. شهنشاهه اڪبر ڪاوڙجي مرزا خان عبدالرحيم خان کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو جنهن سخت لڙائي کان پوءِ سيوهڻ تي قبضو ڪري فتح حاصل ڪئي.
    مرزا جاني بيگ ٺٽي کي باهين ۾ ساڙائي برباد ڪري ڇڏيو. هن جي وفات کان پوءِ هن جي پٽ خسرو چرڪس کي ٺٽي جو نواب بنايو ويو. هو قنڌار ۾ رهندو هو اُتي هو چريو ٿي ويو ۽ گذاري ويو. اهڙي طرح ارغونن جي حڪومت ختم ٿي ويئي.
    شاهه ڪريم جي وقت ۾ سنڌ جي حالت ڏاڍي خراب هئي. مرزا عيسيٰ بيگ ۽ محمود بکري جي خانه جنگي، گووا جي پورچوگيزن جي ڦرن ۽ باهين، مرزا باقي بيگ جي چڙهاين ۽ ڏاڍ، مرزا جاني بيگ جي ظلمن ۽ مرزا صادق جي چڙهاين ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيو. مجبور ۽ بيوس ماڻهن تصوف جي راهه اختيار ڪئي ۽ صوفي بزرگن پنهنجي نهٺائي ۽ سَهپ واري تعليم جي ذريعي ماڻهن کي سهارو ڏنو ۽ سڪون پهچايو. شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ نهٺائي، سهپ، صبر ۽ تحمل جي ذريعي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جو رد عمل ۽ هوشمندي وارو انوکو اهڃاڻ صاف صاف نظر اچي ٿو.

    تعليم ۽ تربيت:
    شاهه عبدالڪريم جو والد سيد لعل محمد شاهه هن جي ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. انهيءَ ڪري هن جي والده ۽ وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه هن جي پرورش ڪئي. شاهه ڪريم ظاهري علمن کي پسند نه ڪندو هو. ساهه ڪريم کي پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ مڪتب ۾ داخل ڪرايو ويو. ننڍي هوندي کان سندس روح رب سان لڳل هو. هن مڪتب ۾ فقط ٻه سيپارا پڙهيا. هن کي ظاهري تعليم سان شوق ڪو نه هو. هو ذڪر ۽ فڪر کي ظاهري علم کان وڌ سمجهندو هو. ننڍپڻ کان شاهه ڪريم کي سماع سان وڏو لڳاءُ هو.
    هڪ دفعي سندس وڏي ڀاءُ شاهه ڪريم کي ٿڦ هڻي ڪڍي ۽ سماع مان اُٿاري ماءُ وٽ وٺي آيو. والده جلال شاهه کي ڇينڀيو ۽ چيو: ”متان هن کي ڪجهه چيو اٿئي توکي هن جي مرتبي جي ڪل ڪونهي.“ پنهنجي وڏي ڀاءُ جلال شاهه جي انتقال کان پوءِ گهر جو سمورو بار هن جي ڪلهن تي اچي ويو. گهر جي گُذاري لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ لڳو. مزورن سان گڏ ڪم تي ويندو هو. جهنگ ڪپي زمين صاف ڪندو هو. مزوري ڪندي هو مٺڙي، آواز ۾ سنڌي بيت پڙهندو هو. مزور مست ٿي ويندا هئا ۽ هن جي رهيل ڪم کي پورو ڪندي، هن کي بيت آلاپڻ لاءِ منتون ڪندا هئا.
    شاهه ڪريم مڪتب مان تعليم حاصل نه ڪئي پر درويشن ۽ عالمن جي صحبت هن جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ هن کي هر قسم جي ذهني توڙي روحاني علم سان مالا مال ڪيو. ننڍي وهي کان وٺي بندگي جو سخت پابند هو، فقيرن جي صحبت وڻندي هئس، هو سماع ۽ راڳ کي خوب پسند ڪندو هو. هو هڪ خُدار سيده بزرگ هو. هن جي ڪلام ۽ مجلسي تقريبن جي مطالعي مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته هو قرآن شريف، حديث، تفسير ۽ تصوف جو وڏو ماهر هو. هو عربي ۽ فارسي ٻولي خوب ڄاڻندو هو. محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي پهرين حصي ۾ وضاحت سان چوي ٿو ته ”شاهه ڪريم تي مولانا رومي جي مثنوي شريف جو خاص اثر آهي. ڪٿي ڪٿي مثنوي جي ٻن مصرعن واري مضمون کي شاهه ڪريم هو به هو پنهنجي سليس ۽ سهڻي سنڌي جي ٻن مصرعن ۾ سمائيندو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي ڪو تفاوت رکيو اٿس ته جو مضمون مثنوي شريف جي ٽن چئن لاڳيتين سٽن ۾ سمايل آهي. سو سارو مضمون شاهه ڪريم نهايت عمدگي ۽ نزاڪت سان فقط ٻن مصراعن ۾ جَڙي ڇڏيو آهي.“ شاهه ڪريم جو ڪافي ڪلام مولانا رومي جي مثنوي جي رنگ ۾ رنگيل آهي.

    شادي:
    شاهه عبدالڪريم شادي جي خلاف هو. پنهنجن مريدن ۽ معتقدن کي شادي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندو هو. سندس خيال هو ته عام شخص لاءِ شادي جو شرعي حڪم چڱو آهي پر سلوڪ جي راهه جي طالبن کي شادي ڪرڻ جڳائي نٿي ڇاڪاڻ ته اها سندس راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. اهڙا خيال رکندي به شاهه ڪريم شادي ڪئي ۽ کيس ٻارهن ٻار اٺ ڇوڪرا ۽ ٽي نياڻيون پيدا ٿيون. ٽي ڇوڪرا هن جي حياتي ۾ گذاري ويا. هن پنهنجن ٻارن جو پورو پورو حق ادا ڪيو.
    شاهه ڪريم جي مالي حالت ڪمزور هئي. پورهيو ڪرڻ کان پوءِ به مسڪين رهيو. مسڪيني جي حالت ۾ ”بيان العارفين“ موجب ”انهي مسڪيني واري حالت ۾ به پنهنجن پٽن سان گڏجي ٻنيءَ ۾ کر چونڊيندو هو. انهي حالت ۾ به فقيرن جي خدمت ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ضرورتمندن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ماڻهن کان گهُرندو به هو.

    سماع سان لڳاءُ:
    شاهه ڪريم سماع جو متوالو هو. سندس آواز اهڙو ته سريلو ۽ مٺڙو هوندو هو جو ماڻهو ٻڌڻ لاءِ تڙپندا رهندا هئا. هو سماع جي مجلسن کي خدا جي عبادت ۽ بندگي جو بهترين طريقو سمجهندو هو. هن جو قول آهي ته ”سماع پڻ علمن مان هڪ علم آهي، جنهن مان ڪو به خطرو ناهي.“ سماع جي وقت ۾ هو اهڙو ته وجد ۾ اچي ويندو هو جو کيس پنهنجي خبر به نه هوندي هئي. هو پاڻ چوندو هو: ”ڪن علم پڙهيو، ڪن هنر سکيو پر مون رڳو سماع سکيو.“ سماع کي صوفي ۽ درويشن خدا جي ياد ۽ تزڪيه نفس جو هڪ تربيتي نمونو سمجهيو هو. هو سماع جي مجلس کان ڪڏهن به غير حاضر نه رهندو هو.

    عبادت ۽ رياضت:
    شاهه عبدالڪريم سڄي عمر عبادت ۽ رياضت جو ڪوڏيو هو. شريعت جو اتباع ڪندي ڪندي هو باقائدگي سان نماز پڙهندو هو. محبت ۽ محنت سان پنهنجي اولاد جا حق پورا ڪندو هو ۽ مسڪيني جي حالت ۾ به فقيرن جي خدمت ڪندو هو. هو سمجهندو هو ته ”شريعت خدا جي رهاه جو دروازو آهي. جيڪو هي دروازو ڇڏيندو گمراهه ٿي ويندو.“ هو پاڻ چوندو هو ته خدا جي راهه ۾ هٿن، پيرن ۽ زبان سان نه پر دل جي حضور سان هلجي. هن جو چوڻ هو ته ”شريعت ۾ حقيقت ائين سمايل آهي جيئن کير ۾ مکڻ سمايل هوندو آهي.“
    شاهه ڪريم شريعت جي پابندي ڪندي باقائدگي سان نماز پڙهندو هو نه صرف فرضي نماز ادا ڪندو هو، پر نفلي نمازون به باقائدگي سان ادا ڪندو هو. هو تهجد جي نماز به پڙهندو هو. نماز پڙهندي مٿس بيهوشي طاري ٿي ويندي هئي. هو عجب کائيندو هو ته ماڻهو تهجد جي نماز ڪيئن ٿا پڙهن. شاهه ڪريم عبادت ۽ رياضت کي گڏوگڏ هلايو. هن سڀن جي حقن کي پوري طرح نڀايو ۽ الله جي رضا ماڻي.

    سير و سفر:
    شاهه عبدالڪريم سير و سفر جو ڏاڍو شوقين هو. جواني کان پيري تائين هن گهڻو سير و سفر ڪيو. هن لاڙ، وچولي ۽ ٿر جو خوب سير ڪيو. سنڌ کان ٻاهر ڪڇ، گجرات ۽ هندوستان جي گهڻن ڀاڱن جو سير ڪيو. هن جو احمد آباد جو سير قابل ذڪر آهي. احمد آباد واري سير ۾ هن هڪ درويش ڏٺو. هن کانئس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر درويش ماٺ رهيو. آخر ٿوري وقت کان پوءِ انهي درويش هن کي هندي جو هڪ دوهو ٻُڌايو.
    ”هيڪو جو اکر ونگڙو جو گر تُسي ڏي،
    انڌاري گهر ديولا، ڦر ڦر جوت ڪري.“
    انهي دوهي شاهه ڪريم کي ڏاڍو متاثر ڪيو. شاهه ڪريم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي چڱي طرح گهُمي ڏٺو. انهي سير و سفر مان حاصل ڪيل معلومات هن جي شاعري جو مواد آهي.

    شخصيت:
    شاهه عبدالڪريم سني مذهب جي صوفي طريقي جو بزرگ هو. هو پاڻ کي سيد جي بدران فقير سڏائيندو هو. هو بُردبار هو. سندس آواز تمام مٺو ۽ بلند هوندو هو. شاهه ڪريم ننڍي هوندي کان ڏاڍو نيڪ ۽ خُدا ترس هو. هو گهڻو وقت زهد ۽ عبادت ۾ گُزاريندو هو. هو هڪ پل لاءِ به ڌڻي جي عبادت کان غافل نه رهندو هو. هو صبر ۽ تحمل جو مُجسمو هو. سندس دل جيتري نرم هئي اوترو ئي رحم سان ڀريل هئي. شاهه ڪريم هڪ درويش صفت ۽ انسان دوست شخص هو. محبت، سهڻ شڪني ۽ رب جي رضا تي راضي رهڻ هن جي شخصيت جا بنيادي گُڻ هئا. هو فقيرن کي ڏاڍو ڀانئيندو هو. اُنهن کي کارائڻ کان پوءِ پاڻ کائيندو هو ۽ خوش ٿيندو هو. هو دل جو ڪشادو ۽ سخي هو. صبر، شڪر ۽ بردباري هن جي سونهاري شخصيت جا زيور هئا.

    وفات:
    شاهه عبدالڪريم زندگي جا آخري ڏينهن حجري ۾ گذاريا. حجري ۾ اڌ رات جو اُٿي سنڌي بيت جهونگاريندو هو ۽ روح کي راحت پهچائيندو هو. شاهه ڪريم محنت ۽ مشقت واري زندگي گُذاري، سنڌ ڌرتي کي فيض سان ملا مال ڪري 88 سالن جي وڏي ڄمار ۾ تاريخ 7 ذوالقد سن 1032هه مطابق 1622ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس مقبرو بلڙي ڪريم ۾ (جيڪو سندس پڙ پوٽي شاهه عبداللطيف) ملتان مان ڪاشيءِ جون سرون آڻي ٺهرايو. سندس مقبري تي هر سال 7 ذوالقد جو ساليانو ميلو لڳندو آهي. جتي بيشمار ماڻهو هن وڏي بزرگ ۽ سنڌي شاعري جي بنيادي شاعر جي زيارت لاءِ ايندا آهن.

    بيان العارفين:
    شاهه عبدالڪريم جي مريد محمد رضا شاهه ڪريم جي وفات کان 6 سال پوءِ هن جي ملفوضات بيان العارفين کي سهيڙي فارسي نثر ۾ مڪمل ڪيو. عبدالرحمان، ڪاٺ ٻانڀڻ، جيڪو ڪڇ جو رهاڪو هو، بيان العارفين کي الف اسجاع واري طرز ۾ سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو. بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم جي زندگي جو احوال، سندس قول ۽ مثال ۽ سنڌي بيت شامل آهن جن جي مطالعي کانسواءِ شاهه ڪريم کي سمجهڻ ممڪن ڪونهي.

    شاعري جا اهم ڳڻ:
    سچ پچ شاهه عبدالڪريم سنڌي شاعري جو ”وهائو تارو“ آهي هن جي شاعري دوهن، سورٺن، دوها سورٺا ميل وارن ٻن سٽن ۽ سنڌي بيتن تي مشتمل آهي. شاهه ڪريم پنهنجي ڏات، قابليت ۽ بحرين ذريعي سنڌي شاعري کي سُڌاري، سواري ۽ چمڪائي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ نمايان حيثيت ڏياري آهي.
    (1) شاهه ڪريم دوها سورٺا ميل کي استعمال ڪري، اُن کي اڳتي وڌائي، دوهي جي صنف ۾ الٽ پلٽ ڪري، بيت جي صنف کي بقائدگي سان اُجاگر ڪيو آهي.
    (2) شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي، جننهن عام ماڻهن جي جذبن، احساسن ۽ آدرشن جي اپٽار لاءِ هڪ سادي سولي ۽ سلوڻي عبارت جوڙي آهي. اِها عبارت سنڌي شاعري جي پهرين عبارت آهي، جيڪا انساني احساسن ۽ ويچارن کي ظاهر ڪري، عام ماڻهن کي زندگي جي قريب آڻي ٿي.
    (3) شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن تسلسل سان سنڌ جي عام قصن ۽ داستانن کي پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪري معرفت جي باريڪ نڪتن ۽ الاهي اسرارن کي ظاهر ڪرڻ جي باقائدي شروعات ڪئي.
    (4) شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن پنهنجي عبارت کي فنڪاري ۽ ڪمال ڪاريگري سان جوڙيو آهي. هن پنهنجي عبارت جي ذريعي سنڌي شاعري ۾ وسعت آندي آهي ۽ نوَن موضوعن ۽ عنوانن کي ظاهر ڪرڻ جي عمده روايت گهڙي آهي.
    (5) شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعري ۾ باقائده اهڃاڻ ڪاري جو آغاز ڪيو آهي. مورڙو هن لاءِ جرئت مند انسان جو اهڃاڻ آهي ۽ مانگر مڇ تباهي ۽ بربادي جو اهڃاڻ آهن. هو هنجهه کي نيڪي جو اهڃاڻ سمجهي ٿو جيڪو اونهائي ۾ وڃي موتي ميڙي ٿو. هو ڪانيري کي بي اصول ۽ غافل جو اهڃاڻ تصور ڪري ٿو جيڪو ڳڀ چڪ ۾ زندگي گذاري خوار ٿيئ ٿو. ماروي هن لاءِ وطن دوست جو اهڃاڻ آهي. هو پنهنجن روايتن تي هلندي مخصوص رهي ٿي ۽ اندروني سڪون ماڻي ٿي.

    شاهه ڪريم جي شاعري:
    شاهه عبدالڪريم ارغوني دور جو هڪ وڏو سنڌي شاعر هو هن پنهنجي ڏات، قابليت ۽ صاف ۽ سلوڻي پيش ڪش جي ذريعي سنڌي شاعري کي اوج ڏياريو ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ مقبول ۽ ناميارو شاعر بنايو. هن جا ڪل 92 بيت مليا آهن جن مان ٻه ٽن مصرعن وارا بيت ۽ ٻه هڪ مصرع وارا بيت آهن. باقي 88 بيت ٻن مصراعن وارا آهن. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌي ۾ شاعري ڪئي ويندي هئي. ”دودي چنيسر واري قصي“ بابت ڪافي جنگي ڳاهون مليون آهن. هڪڙي ڳاهه هي آهي:
    ”ويهه پڄاڻان پيءَ جي، آءُ چنيسر آءُ،
    ڀاڳ سڻائو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ.“

    هن دور ۾ ڪيئي مشهور سنڌي شاعر پيدا ٿيا.
    (1) شيخ حماد جمالي: هي هڪ وڏو بزرگ هو. هو سچ جو ساٿ ڏيئڻ وارو شاعر هو. هن ڄام تماچي ۽ صلاح الدين، جيڪي دهلي ۾ قيد هئا، تن جي لاءِ دعائيه بيت جوڙيا ۽ ڄام جوڻي بابت طزنيه بيت جوڙيا:
    ”جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي آءِ،
    سٻاجهي ٻاجهه ڪئي، تو سين ٺٽو راءِ.“
    (2) شيخ اسحاق آهنگر: هي هڪ سٻاجهو ۽ ٻاجهارو شاعر هو هن جو هي بيت پڙهو ۽ داد ڏيو.
    ”ٿيان مان جهرڪ، ويهان پرين جي سپ تي،
    مان ڪرن ڊِرڪ، ٻولي ٻاجهاري مون سين.“
    (3) ماموئي فقير: هي فقير ٺٽي جي ڀرسان ماموئي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. هنن ستن فقيرن هڪ هڪ بيت چيو. هي بيت سنڌي جي معاشرتي خوشحاليءَ جي باري ۾ آهي.
    ”هاڪ وهندي هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
    بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.“
    هي بيت ڏڪار وارين حالتن جي باري ۾ آهي.
    ”وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو،
    ڏڪر ٻارو ڄائو ٻار، پنجين درمي وڪبو.“
    (4) مخدوم احمد ڀٽي: هي هڪ وڏو درويش شاعر هو. سماع جي هڪ محفل ۾ هي بيت ٻُڌي لاڏاڻو ڪري ويو.

    ”سڏ سڻي پرين جو، وانگي جي نه ورن،
    ڪهڙي دعويٰ دوست جي، ڪجاڙي کي ڪن.“
    سومرن جي دور ۾ اسماعيلي مبلغن شمس سبز واري، صدرالدين ۽ تاج الدين مذهبي پرچار لاءِ گنان جوڙيا ۽ ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو. انهن گنانن سنڌي وائي ۽ ڪافي جي عروج ۾ مدد ڪئي.
    (5) قاضي قادن. هي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن جا ست بيت ”بيان العارفين“ مان مليا آهن. تازو هيري ٺڪر انڊيا مان قاضي قادن جا 110 بيت سهيڙي ڇپرايا آهن. اُهي بيت قاضي قادن جي شاعري جي عظمت جا پڪا ثبوت آهن.
    مخدوم پير محمد لکوي، مخدوم نوح، جيڪو شاهه ڪريم جو مرشد هو، ۽ سيد علي ثاني ٺٽوي ٻيا شاعر آهن جن جا بيت دستياب آهن. سيد علي ثاني ٺٽوي جو هي چئن مصراعن وارو بيت پڙهو:
    سرتين سانگ سُکن جو، مون کي وريو رهائين،
    آئون ٿي هلان هوت ڏي، هوٿيون واريو وِهارين،

    وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
    کهندا ٿيون کارين، ڪا نه هلندي هوت ڏي.
    ارغونن جي دور ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هئي. ڪن سنڌي شاعرن فارسي ۾ به شاعري ڪئي. سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ ڪيترائي ڪتاب فارسي ۾ لکيا ويا. ڪن ڪتابن مان اِها خبر پوي ٿي ته سنڌي شاعر به سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري رهيا هئا. هن زماني ۾ شاهه ڪريم جي شاعري جو عام چرچو هو. هن بيت چيا، دوها جوڙيا ۽ سورٺا سرجيا. هن سنڌي شاعري کي خوبصورت بنائڻ لاءِ چوڻين ۽ پهاڪن جو عمدو استعمال ڪيو. هن سنڌي قصن ۽ داستانن کي ڪم آڻي ڪيئي باريڪ نڪتا ۽ روحاني اسرار پڌرا ڪيا. هن اهڃڪاري جي ذريعي سنڌي شاعري کي خوب چمڪايو. هن سنڌي شاعري کي سُڌاري ۽ سنواري اُن کي مٿاهون مقام ڏياريو.

    شاعري جو وزن:
    شاهه عبدالڪريم جي شاعرن جو دارومدار هندي عروض يا ڇند وديا تي رکيل آهي. سنڌي ۽ اردو جي ممتاز، شاعر، اديب ۽ نقاد الياس عشقي پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌي بيت جو بڻ بنياد“ جيڪو سنڌي جي ٽه ماهي رسالي مهراڻ ۾ ڇپيو. اُن ۾ هن دوها ۽ سورٺا جي باري ۾ ڪافي معلومات فراهم ڪئي آهي.
    دوها ڇند: دوهي ۾ ٻه مصرائون هونديون آهن ۽ قافيو ٻنهي مصراعن جي پڇاڙي ۾ ايندو آهي. دوهي جي هر مصرع کي ”دل“ چئبو آهي. هر دل ۾ ٻه چرڻ (حصا) هوندا آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ وسرام (وقفو) هوندو آهي. پهرين چرڻ (حصي) ۾ 11 ماترائون ۽ ٻئي چرڻ (حصي) ۾ 13 ماترائون هونديون آهن. دوهي جي هڪ مصرع ۾ 24 ماترائون ۽ دوهي ۾ 48 ماترائون هونديون آهن. مثال طور مارواڙي ٻولي جي ممتاز شاعره ميران ٻائي جو هڪ دوهو پيش ڪجي ٿو.
    جو مين ايسا جانتي، پريت ڪيئي دک هوءِ،
    نگر ڍنڍورا ڦيرتي، پريت نه ڪريو ڪوءِ.
    هن دوهي ۾ 11 + 13 ۽ 11+13=48 ماترائون آهن.
    سورٺا ڇند: هي ڇند دوها ڇند جي الٽ پلٽ هوندو آهي.
    ”دوها الٽا جاڻ، اوربات دوجي نهين،
    پنگل ڪرت بکان، ڇند سورٺا هوت هئين.“
    سورٺا ڇند ۾ به ٻه مصرعون هونديون آهن. هر هڪ مصرع ۾ ٻه چرڻ هوندا آهن ۽ قافيو ٻنهي جي وچ ۾ ايندو آهي. پهرين ۽ ٽئين چرڻ ۾ 13 13 ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ 11 11 ماترائون اينديون آهن. سورٺا ڇند ۾ به 48 ماترائون هونديون آهن. مثال طور ميران ٻائي جي دوها ڇند کي الٽو ڪري سورٺا ڇند بنايو ويو آهي.
    ”پريت ڪيئي دک هوءِ، جو مين ايسا جانتي،
    پريت ڪيئي دک هوءِ، نگر ڍنڍورا ڦيرتي.“

    دوها سورٺا ميل: هن کي ارڌ دوهو ۽ ارڌ سورٺو يا اڌ دوهو ۽ اڌ سورٺو چيو ويندو اهي. هن ۾ به ٻه مصرائون هونديون آهن. پهرين مصرع دوها ڇند ۾ ۽ ٻئي مصرع سورٺا ڇند ۾ هوندي آهي. قافيو پهرين مصرع جي پهرين حصي کان پوءِ ۽ ٻئي مصرع جي ٻئي ڀاڱي جي پٺيان ايندو آهي. هن ۾ به ڪل 24+24 =48 ماترائون هونديون آهن.
    (1) دوهو:
    هينيون ڏجي، حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ،
    کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ.
    (2) سورٺو
    جي مو سڏ سڏ ڪئا، ڀنڀوران ٻاهر ٿي،
    جي سي پرين مُئا، ته هوند نه وئا نڪري.
    (3) دوها سورٺا ميل
    پاڻياريون ڪي ڪَن، عمر اڇا ڪپڙا،
    جني جا ٿرن ۾، ور ٿا ويڻ سهن.
    (4) بيت:
    سڏ نه سلامي ٿيا، وهي نه وريا جي،
    هاڻي تنين کي، ناههِ ماڳ ملير ۾.
    مير محمد نظاماڻي ”رسالو شاهه عبدالڪريم“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه ڪريم جو ڪلام ڇند جي وزن تي بلڪل پورو آهي“ پر ائين نه اهي. دوهن ۾ ماترائون گهٽ يا وڌ ٿي سگهن ٿيون ۽ ٿينديون رهنديون آهن. شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ 31 دوها، 17 سورٺا، 25 دوها سورٺا ميل ۽ 17 بيت آهن.

    شاهه ڪريم هڪ صوفي شاعر:
    ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه ڪريم سنڌي زبان ۾ صوفيانه ڪلام جو باني مباني آهي.“ اها ڳالهه غلط ناهي، هن جي ڪلام ۾ تصوف جي ڀرپور اپٽار نظر اچي ٿي. ٻيا صوفي شاعر سماع کي ناپسند ڪندا هئا پر شاهه ڪريم جي لاءِ سماع پيغام ۽ تربيت جو موثر طريقو آهي. شاهه ڪريم پاڻ چوي ٿو ڪجهه ماڻهو ڪتابن پڙهڻ ۾ مصروف رهن ٿا ۽ ٻيا سماع کي پسند ڪن ٿا. سماع کي اختيار ڪيو.“ مان سمجهان ٿو ته سماع ۽ ذڪر ۾ ڪو فرق ناهي ”ڪن علم پڙهيو، ڪن هنر سکيو مون رڳو سماع سکيو.“ شاهه ڪريم سماع کي ذڪر ۽ عبادت ڪري سمجهندو هو. بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم جو هڪ قول درج ٿيل آهي ته ”سماع علمن مان هڪ علم آهي جنهن ۾ ڪو به خطرو ناهي.“
    شاهه ڪريم وحدت الوجود جو قائل آهي. هو ذهن نشين ڪرائي ٿو ته ڪائنات جو مالڪ هڪ خدا آهي، جيڪو هڪ آهي ۽ هن جو ڪو شريڪ ڪونهي هر شئيءَ مان ان جي ذات جو جلوو عيان آهي.
    ”وائي ٻي م ڀُل، مروئان، موران، پکڻان،
    بلا سندو سڄڻين، هو هلاچو هُل.“
    شاهه ڪريم چوي ٿو ته تصوف جي ميدان کي پار ڪرڻ لاءِ ذهن ۽ تنؤس، شعور ۽ فهم ڪم نه ايندو آهي. اُن کي سِڪ ۽ محبت جي ذريعي پار ڪبو آهي. معرفت جي منزل ماڻڻ لاءِ دُنيا جا لاڳاپا لاهي عشق جي راهه کي پنهنجو ڪرڻو پوي ٿو. ائين ڪرڻ سان هر اوکي راهه به سوکي ٿي پوندي آهي.
    ”متيون ميڙي کانءِ، واچا کجي وچ پؤ،
    جو تو سائر ڀانيو، سو هُرٻو ئي ناهه.“
    طالب کي گهرجي ته هو دنيا جو ڪاروبار به ڪندو رهي ۽ مالڪ حقيقي سان به تعلق هميشھ قائم رهي.
    ”هنيون ڏِجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ،
    کڙيون ۽ کروتون، هي پڻ سڳر ٿوڪ.“
    موتي لال جوتواڻي پنهنجي انگريزي ڪتابچي ”شاهه ڪريم هڪ صوفي شاعر“ ۾ تصوف جي نظريئي جي چڱي اپٽار ڪئي آهي. صوفي شاعر شاهه ڪريم ماڻهو کي ماڻهن، انهن جي رسمن، انهن جي ڌنڌن ڌاڙن ۽ ماحول کي سمجهڻ جي ذريعي پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ۽ پوءِ رب کي سڃاتو رب جو نور هر هنڌ پڌرو آهي.
    ”سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي من وَسي،
    تنهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.“

    سنڌي قصن ۽ داستانن جو استعمال:
    شاهه عبدالڪريم پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي قصن ۽ داستانن جو ڪمال ڪريگري سان استعمال ڪيو آهي. شاعر ڪا ڪهاڻي بيان نٿو ڪري پر انهن قصن ۾ داستانن جي اهم نڪتن جي ذريعي ڪيئي روحاني راز ۽ رمزون پڌريون ڪري ٿو. هن پنهنجي ڪلام ۾ سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئي، مومل راڻو، ليلا چنيسر، مورڙو مانگر مڇ ۽ هنج ۽ ڪانيري جي قصن ۽ داستانن کي پيش ڪيو ۽ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي. پنهنجي ڪلام ۾ سسئي پنهون جا 7 بيت، سهڻي ميهار جو 2 بيت، عمر مارئي جا 4 بيت، مومل راڻي جو 1 بيت، ليلا چنيسر جو 1 بيت، مورڙي ۽ مانگر مڇ جا 6 بيت ۽ هنج ۽ ڪانيري جا 2 بيت جوڙي واهه جو جلوو پکيڙبڌيو آهي (اهڙن بيتن جو ڪل تعداد 23 آهي)
    جي مون سڏ ڪيا، ڀنڀوران ٻاهر ٿي،
    جي سچي سِري سُئا، ته هوند نه وئا نڪري.
    (سسئي پنهون)
    گوري ٻي نه تات، مهار ئي من ۾،
    جو پيئي رات، هو سائر، سوءَ سُهڻي.
    (سهڻي ميهار)
    صورت ليکي هت، معنيٰ ليکي ماروئين،
    عمر من جي چت، اوطاقون ٿرن ۾.
    (عمر مارئي)
    جوري اُتي جن، داغ تنهنجو داسڙا،
    تن ڪنءَ مٿا تن، چنيسر چت کڻين؟
    (ليلا چينسر)
    خاڪ وڻن ساڻ، اوٺين نه اوڳري،
    جي گُڻ هون گهڻا، ته به راڻا توءِ رئندا ويا.
    (مومل راڻو)
    ڪن ڪولاچي پار، سڏ نه سجي ساٽئين،
    گهاتوئين سندا مڪڙا، ڪهي ٿر ٻي نهار.
    (مورڙو مانگر مڇ)
    هنج تنهين هوءِ، اوني ۾ اوڙاهه جو،
    اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرو ڪري.
    (هنج ۽ ڪانير)
    شاهه ڪريم کان اڳ ۾ ٿورن سنڌي شاعرن سنڌ جي قصن ۽ داستانن کي استعمال ڪيو آهي. شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن هنن قصن ۽ داستانن کي ڪم آڻي ڪيترائي باريڪ نڪتا ۽ روحاني اسرار پڌرا ڪري، ڪمال ڪيو آهي.

    شاعري جون خوبيون:
    انگلينڊ جي مشهور شاعر ۽ نقاد وليم ورڊسورٿ جي شاعري جي ڏنل وصف موجب ”شاعر هڪ انسان آهي جيڪو ٻين انسان سان ڳالهائي ٿو.“ شاهه ڪريم هڪ سچو سريلو ۽ منفرد شاعر آهي. هو هڪ عام فهم تخليقڪار، پاڪ انسان ۽ درويش آهي. هو عام ماڻهن سان عام فهم، سولي ۽ سلوڻي ٻولي ۾ ڳالهه ڪري اُنهن کي ريجهائي ٿو، سنئين واٽ تي پهچائي ۽ اُنهن جي شعور کي جاڳائي ٿو. سيد حسام الدين جي راءِ ۾ شاهه ڪريم جي شاعري جو انداز بيان وڻندڙ اٿس. جنهن جي ذريعي هو نه رڳو ماڻهن جي شعور کي بيدار ڪري ٿو پر اُنهن جي روحن کي راحت به بخشي ٿو.
    (1) شاهه ڪريم جي شاعري جي پهرين خوبي آهي ته هو عام فهم ٻولي کي ڪمال ڪاريگري سان پيس ڪري عام ماڻهن جي احساسن ۽ آدرشن کي ڪاميابي سان اجاگر ڪري، اُنهن کي انسانذات جي دائري ۾ آڻي بيهاري ٿو. عام فهم ٻولين جي ذريعي شاهه ڪريم فراخدلي ۽ همدردي سان اُنهن جي جذبن، احساسن ۽ ويچارن کي هڪ انوکو اسلوب ڏيئي انهن جي ترجماني ڪري ٿو.

    (2) شاهه ڪريم جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي عام محاورن مثالن ۽ تشبيهن جو استعمال ڪري پنهنجي ڳالهه کي سهڻو بنائي، دلچسپي ۽ دلڪشي پيدا ڪرڻ. اُهي تشبيهون ۽ مثال زندگي جي تجربن مان حاصل ڪيل معنيٰ جا موتي آهن. نصيحت جا باريڪ نڪتا آهن. شاهه ڪريم جي اهڙين تشبيهن ۽ مثالن ۾ تازگي، توانائي جو وڏو اثر آهي. شاهه ڪريم جون تشبيهون ۽ مثال پنهنجي ڌرتي جي رسمن، رواجن، ڌنڌن ڌاڙين ۽ عام شين مان کنيل آهن. پاڻياري جي مٿي تي گهڙو ۽ پاڻي مٿي پکي ڏسي، شاعر کي پنهنجو سڄڻ ياد اچي ٿو. هن انهن مثالن جي ذريعي هڪ خوبصورت نڪتي جو نرالو اظهار ڪيو آهي.
    پاڻياري سر ٻهڙو، جر تي پکي جنءَ،
    اسان سڄن تنءَ، رهيو آهي روح ۾.
    شاهه ڪريم جي خبر ۽ غير حاضر رهندڙ ماڻهن کي خالي ۽ بيڪار شين سان ڀيٽي ڪهڙو نه معنيٰ خيز بيت جوڙيو آهي.
    هنيو نه حاضر جن، پري نه اکڙين ۾،
    ٺلها، ڍنڍا، سکڻا، هيئين جاڙ جيئن.

    (3) شاهه ڪريم جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي زندگي جي تجربن ۽ درويشن جي صحبت مان حاصل ڪيل معلومات کي مفيد ۽ موثر نموني استعمال ڪري جيئڻ ۽ جيارڻ جا طور طريقا سکڻ، ماڻهو انهي معلومات کي قدم قدم تي استعمال ڪري پنهنجي اندر جا حال اورين ٿا ۽ ضرورت جي وقت اهڙا قدم کڻن ٿا جيڪي اُنهن کي گمراهين کان بچائي، صحيح راهه تي هلڻ لاءِ آماده ڪن ٿا. اچو ته شاهه ڪريم جي معلومات مان حاصل ڪيل چوڻين ۽ پهاڪن کي پڙهي اُنهن ۾ سمايل معنيٰ کي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي عادت پيدا ڪريون.

    مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جهه اُپٽي ته واءُ،
    جا پڌر وڌي ڳالهڙي ته ڇڏي وڃي ساءُ.
    *-*-*
    نيهه نياپي نه ٿئي، سَڌين سيڻ نه هون.
    *-*-*
    جي پُڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير.
    *-*-*
    پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.
    مورک مور نه ٻُجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    ڪٽر جن اکين ۾ سي ڪيئن پرينءَ پسن.

    (4) شاهه ڪريم جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي اهڃاڻ ڪاري (Symbolism). هو هنج کي سچي طالب ۽ ڪانيري کي دنيوي طالب جو اهڃاڻ سمجهي ٿو. هن ڪهڙو نه نصيحت ارو نڪتو نروار ڪيو آهي.
    هنج تتئين هوءِ، اوني ۾ اوڙاهه جو،
    اي ڪانيرو ڪوءِ، ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.
    شاهه ڪريم مورڙي کي جرتمند انسان جو اهڃاڻ سمجهي ٿو ۽ مانگر مڇ کي تباهي ۽ بربادي جو اهڃاڻ سمجهي ٿو. هو بيڪار انسانن ۽ ڇاڇر ڇگيرن کي بددل ۽ ڪمزور ماڻهو جو اهڃاڻ سمجهي هي نڪتو ظاهر ڪري ٿو.
    ڇاڇر ڇڳيرن، گهور نه اچي گهاتوئين،
    اکيون اُني سنديون، ڪڏا ڪرون پُڇن.
    هُن ملير کي سنڌ ڌرتي ۽ ماروئڙن کي وطن دوست ماڻهن جو اهڃاڻ سمجهي وطن ۽ وطن وارن جي اهميت کي خوب اجاگر ڪيو آهي.

    ادبي ايجادون:
    (1) شاهه عبدالڪريم پنهنجن جزبن، احساسن ۽ ويچارن جي اثرائتي اظهار جي لاءِ عبارت گهڙي جيڪا من موهيندڙ ۽ روح کي ريجهائڻ واري ۽ شعور کي جاڳائڻ واري آهي. اِها هن جي وڏي ادبي ايجاد آهي. شاهه ڪريم انتهائي ڪوششن سان پنهنجي عبارت جوڙي سنڌي شاعري کي وڏي هٿي ڏني آهي.
    (2) شاهه ڪريم سنڌي قصن ۽ داستانن کي پهرين ڀيري استعمال ڪري هڪ نئين روايت جوڙي آهي. ائين هن شاعري کي رنگيني، لطافت ۽ وسعت بخشي آهي ۽ ڪيئي نصيحت جا نڪتا ۽ روحاني اسرار جوڙيا آهن. سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئي ۽ مورڙي مانگر مڇ جي قصن ۽ داستانن کي نئين ۽ نرالي انداز ۾ استعمال ڪري وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
    ”ڏورا پسي ڏور، جي وئين وهرو ڪري،
    ماڪرياڙي مڇرا، هند نه وتين هور.“
    (مورڙو مانگر مڇ)
    اسين تتان آئيون، جت کونبو ناهه،
    جي وڃون وياهه، ته پڻ مٿئون لويون.“
    (عمر مارئي)
    (3) شاهه ڪريم دوها سورٺا ميل جو استعمال ڪري دوهي جي صنف کي ٽوڙي اُن جي بدران بيت جي صنف کي جوڙي سنڌي شاعري کي خوب سينگاريو آهي. اِها هن جي وڏي ادبي خدمت آهي. پهرين هن دوهي کي دوها سورٺا ميل ۾ تبديل ڪيو.
    ”پاڻ ئي سلطان، پاڻ ئي ڏي سنيهڙا،
    پاڻ ڪر، پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.“
    *-*-*
    ”جيڪي گهران م وڃ، جيڪي موٽ م سهڻي،
    هيڪڙائي هٿ ڪر، ٻيون ڀوري ڀڃ.“
    شاهه ڪريم قافين جي جڳهين کي بدلائي بيت جي صنف کي جوڙڻ لاءِ ڪيترائي جتن ڪيا.
    ”جي لياڪا لوڪ ڏون، جان جان سي نه لتاءِ،
    تان تان ٿئي نه ماءِ، پورو پسڻ پرينءَ سين.“
    *-*-*
    ”وهاڻيءَ ئي وڃ، تو نه سرندي تن ري،
    تان سا وڃي ڀڃ، پيئي جا ڪاڻ پرين سين.“

    شاهه ڪريم جي عبارت:
    سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ شاهه عبدالڪريم جي عبارت جي باري ۾ چوي ٿو ته ”هن پنهنجن شعرن ۾ جهوني سنڌي جا ڪيئي لفظ ڪم آندا آهن، جيڪي وڌيڪ چٽا آهن. اُنهي کان سواءِ عربي جا 29 لفظ ۽ فارسي جا 8 لفظ سندس ڪلام ۾ مليا آهن. انداز بيان بيحد مٺڙو اٿس.“
    ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ شاهه ڪريم جو ڪلام جي مقدمي ۾ لاڙي ٻولي جي آوازن ۽ اهن جي ردو بدل جي باري ۾ سُٺو تحقيقي بحث ڪيو آهي. علم لسان موجب آواز ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. حرف علت Vowels ۽ هرف صحيح (Consonents) لاڙي لهجي ۾ گهڻي قدر وسرڳ آواز جي بدران اوسرڳ آواز اُچاريا ويندا آهن. جيئن گهه بدران گ، لهه بدران ل نهه جي بدران ن ۽ ڻهه جي بدران ڻ يا ڙ اچاريو ويندو آهي.
    هن مصرع ۾ پنهون بدران پنون آيو آهي. لاڙي لهجي ۾ اهه ا جو آواز ئي ترڪ ڪيل هوندو آهي. شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ منهنجي بدران موجي آيو آهي.
    ”مت موجي ڪن ڪري، نھ کي جاب م ڌي.“
    پهرين بدران پيرين آيو آهي:
    ”پيرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لَھ.“
    شاهه ڪريم پنهنجي عبارت کي هسين ۽ رنگين بنائڻ جي لاءِ تشبيهن جو استعمال ڪري خوب رنگ رچايو آهي. لوهه کي سنداڻ تي ڌڪن لڳڻ کي محبوب جي بار بار ايندڙ ياد سان ڀيٽي ڪهڙو نه نئون نڪتو نروار ڪيو آهي.
    ”ڌڪين ڌات پيو، هينئڙو لھ سندان جنءَ،
    سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه ويو.“
    بيخبر ۽ غائب دل وارن ماڻهن کي خالي برتنن سان ڀيٽي اُنهن جي بي قدري ڪئي ويئي آهي. واهه جي تشبيهه آهي.

    ”هينئون نه حاضر جن، پري نه اکڙين ۾،
    ٺلها ڍانڍا سکڻا، هيئن جاڙ جيئن.“
    شاهه ڪريم جون چوڻيون ۽ پهاڪا هن جي عبارت کي خوب چمڪائن ٿا ۽ سنوارن ٿا.
    ”جر عجر جن اکين ۾، سي ڪنءَ پري پسن.“
    *-*-*
    ”پڇڻا نه مُنجهڻا، جي پڇن سي وير.“
    *-*-*
    ”جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي.“
    *-*-*
    ”مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جهه اُپٽي ته واءُ.“
    شاهه ڪريم اهڃاڻڪاري جو استعمال ڪري پنهنجي عبارت کي نوان رنگ ۽ نيون معنائون ڏنيون آهن. هو هنج کي نيڪ طالب جو اهڃاڻ ڪري سمجهي ٿو. هنج اونهي پاڻي ۾ رهي موتي ميڙي ٿو.
    ”هنج تتهين هوءِ، اوني ۾ اوڙاهه جو.“
    شاهه ڪريم جي عبارت سادي ۽ سلوڻي آهي. اُن ۾ لطافت به آهي، تازگي به آهي ۽ توانائي به آهي. انهيءَ جي ذريعي شاهه ڪريم پنهنجن احساسن، تجربن ۽ آدرشن جو اظهار ڪري دلين کي موهي ڇڏي ٿو.

    شاهه ڪريم جي شاعري جي اهميت:
    شاهه عبدالڪريم سنڌ جو هڪ ناميارو شاعر آهي. هن جي شاعري سنڌي قوم جي لاءِ هڪ بيمثال ادبي ۽ انساني تحفو آهي هو خدا داد ڏات ۽ ڏانءُ جي بيمثال ڪارنامن جي ذريعي سنڌين جي دلين ۾ زنده آهي ۽ زنده رهندو. هو پنهنجي خداداد ڏات ۽ من موهيندڙ اسلوب جي ڪارڻ سنڌي قوم جي مٿي جو موڙ بنجي، اُنهن جي دلين تي راڄ ڪندو رهندو.
    شاهه ڪريم هڪ بيمثال ۽ بردبار شاعر آهي. هن جي شاعري ۾ نوان موضوع، نئون اسلوب ۽ بيشمار ادبي خوبيون آهن. ڊاڪٽر نجم الاسلام پنهنجي اردو ڪتاب ”ابيات شاهه ڪريم“ جي مقدمي ۾ خوب لکيو آهي: ”شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ادبي خوبيون ڪمال درجي تي پهتل نظر اچن ٿيون. هن جي ڪلام ۾ جدت ۽ انفراديت آهي. جيڪڏهن هن کي سنڌ جو پهريون جديد سنڌي شاعر چئجي ته بجا ٿيندو. هن سماج ۽ ماحول جي ترجماني ۾ جدت پيدا ڪئي آهي.“
    انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شاهه ڪريم سنڌ جي زندگي جو سَچو تجزيڪار آهي. هو سنڌ ۽ اُن جي رسمن، رواجن ۽ روايتن جو گهرو مشاهدو ڪري، ان جي اثرات ۽ نتيجن کي پنهنجي شاعري جو سينگار بنايو آهي. شاهه ڪريم ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪري سنڌي شاعري کي سگهارو بنايو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ نيون نيون راهون روشن ڪيون آهن.
    شاهه ڪريم اڪيلي سر پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ جو ڪمال ڪاريگري سان استعمال ڪري انوکو ۽ اثرائتو اسلوب جوڙيو آهي. جيڪو نه صرف اسان جي ادبي سڃاڻپ آهي پر هن جي جستجو ۽ جاکوڙ جو اڻمٽ ثبوت آهي. هن جي عبارت هڪ وڏو ادبي ڪارنامو آهي. جيڪو وسارڻ جوڳو ناهي. هن سنڌ جي سڀني معامرن جي سچائي ۽ ايمانداري سان ترجماني ڪري، جدت جو رنگ اختيار ڪري پنهنجي عظمت کي مڃارايو آهي. عبارت محبت ڀريو هٿيار آهي. جنهن جي ذريعي هو بدي کي ڪاٽي نيڪي کي نروار ڪري ٿو. پنهنجي عمده (Sublime) عبارت جي ذريعي هو ماڻهو کي ماڻهو سان ملائي، اُن کي رب جي قريب آڻڻ جا جتن ڪري ٿو.
    اسين سڪون جن کي، سي تا اسين پاڻ،
    هاڻي وڃ گُمان، صحيح سڃاتا سپرين.
    شاهه ڪريم جي اسلوب جي لطافت، تازگي ۽ روح ريجهائيندڙ راهت جو آند ماڻيو.
    ”پاڻياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڌري،
    ڪوئي سندي سجڻي، ڪا پورهئي ڪان ڀري.“
    شاهه ڪريم پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي قصن ۽ داستانن جو فنڪارا نه استعمال ڪيو آهي ۽ اُنهن جي خاص حصن کي ڪمال ڪاريگري سان ڪم آڻي اُنهن مان نصيحت جا باريڪ نڪتا ۽ روحاني راز ۽ رمزون نروار ڪيون آهن. هن سنڌ جي مشهور قصن ۽ داستانن جي ڪن حصن مان معنيٰ جا موتي ميڙي وڏو چمتڪار ڪيو آهي. هي بيت پڙهيو ۽ ان ۾ سمايل اسرار کي پروڙي روح کي راحت پهچايو.
    ”امڙ کوءِ گهروءِ، منجهان سائڙ وڃي نگيو،
    هنيرو ڏيئي وٽ جنءَ، مون جنءَ تان نه ٻروءِ.“
    شاهه ڪريم پنهنجن تجربن ۽ درويشن جي صحبت مان حاصل ڪيل معلومات کي چوڻين ۽ پهاڪن ۾ ظاهر ڪري پنهنجي شاعري کي خوب دلڪش ۽ دل نشين بنايو آهي. اهي چوڻيون ۽ پهاڪا اهڙا ته معنيٰ خيز آهن جيڪي ماڻهن کي صحيح واٽ ڏيکارن ٿا، اُنهن جي مُنجهه مٽائن ٿا ۽ اُنهن کي مصيبتن کي کِلي پار ڪرڻ جو درس ڏين ٿا.
    ”مورک مور نه ٻُجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    ڪٽر جن اکين ۾ ڪي ڪنءَ پريءَ پسن.“
    *-*-*
    ”پُڇڻا نه منجهڻا، جي پُڇن سي وير.“
    *-*-*
    ”ري پاجي کٽئي، سپر ٻري نه باهه.“
    شاهه ڪريم اهڃاڻڪاري جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ آئنده جي شاعرن لاءِ هڪ نئين راهه جوڙي آهي. هن ماڻهن جي خوبين ۽ خامين جو مطالعو ڪري، اُنهن کي اهڃاڻن جي ذريعي پيش ڪري انهن مان نيون معنائون هٿ ڪيون آهن. هو ڪلاچي جي ڪن کي تباهي ۽ بربادي جو اهڃاڻ سمجهي ٿو، جنهن ۾ هر شيءِ غرق ٿيو وڃي ٿي.
    ”ڪلاچي ڪنان، موٽي ڪو نه آئيو،
    ڪنين رڇ وڃايا، ڪنين توبھ تاءُ.“
    شاهه ڪريم تجنيس حرفي ۽ خوبصورت تشبيهن جو استعمال ڪري پنهنجي شاعري کي خوب چمڪايو آهي. هن جون تشبيهون سوني جي زيورن کان وڌيڪ چلڪڻيون آهن ۽ چاندي جي زيورن کان وڌ چوکيون آهن.
    شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ روايتن ۽ انفراديت جو ڪهڙو نه افرادي ۽ نقطه نظر جو ڪهڙو نه سريلو سنگم آهن. انهيءَ اثرائتي سنگم جو جادو سندس ڪلام ۾ هر هنڌ جرڪندو نظر اچي ٿو. ڪيترن ئي شاعرن هن جي اثر هيٺ ڪلام جوڙي پاڻ ملهايو آهي. شاهه عبداللطيف جي شاعري تي شاهه ڪريم جي شاعري جو چٽو اٿر نطر اچي ٿو. شاهه لطيف شاهه ڪريم جي ڪلام کان ڏاڍو متاثر هو. شاهه ڪريم جو ڪلام هر وقت هن سان گڏ هوندو هو. شاهه لطيف ڪجهه بيت شاهه ڪريم جي بيتن ڀرسان لکيا آهن، ڪجهه بيت هن جي تتبع ۾ لکيا آهن. ۽ ڪجهه بيت چئي شاهه ڪريم جي بيتن جي وضاحت ڪئي آهي.
    (1) ڪريم جو ڪلام:
    هينون نه حاضر جن، پريءَ نه اکڙين ۾،
    ٺلها ڍانڍا سکڻا، هيئين جاڙ جيئن.
    لطيف جو بيت:
    پرين نه اکڙين ۾، هينئون نه حاضر جن،
    سي هينئهين جاڙ جين، ٺلها ٺا ٺا سکڻا.
    (2) ڪريم جو بيت:
    وائي ٻي م ڀُل، مِران، موران پکڻا،
    بلا، سندو سڄڻين، هو هلاچو هُل.
    لطيف جو بيت:
    وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀُل،
    هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
    هن بيت ۾ شاهه لطيف شاهه ڪريم جي بيت جي ........... ڪئي آهي.
    (3) شاهه ڪريم جو بيت:
    مورک مور م ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    ڪٽر جن اکين ۾، ڪي سي پرينءَ پسن.
    شاهه لطيف جو بيت:
    مورک مور م ٻُجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾.
    هي بيت شاهه لطيف شاهه ڪريم جي ڀر سان لکيو آهي.
    (4) شاهه ڪريم جو يبت:
    جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي،
    من پريان نيهي ٻگهيو پاڻ ڳري.
    لطيف جو بيت:
    تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن،
    تندون جي طلب جون وحدت سر وڄن،
    وحده لاشريڪ له اهو رڳ رڳن
    سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت اُن جي.
    شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اهڙيون هڪ جهڙايون ڏسي ائين چوڻ درست پيو لڳي ته شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف هڪ ئي ڪلام جا ٻه پاسا آهن.
    شاهه عبدالڪريم هڪ منفرد شاعر آهي. هن جي جدت ۽ انفراديت هن کي ٻين شاعرن کان مٿاهون درجو ڏياريو آهي. هن جو شعور هن جي دل جون دريون کولي هن کي سڀ ڪجهه پسائي ٿو، هن کي ماڻهن سان محبت ڪرڻ جو ڦل پهچائي ٿو ۽ هن جي زندگي ۾ روحاني جلوو نروار ڪري ماڻهو ۽ مالڪ کي هڪ ٻئي جي قريب آڻي ٿو.


    مددي ڪتاب
    (1) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (2) ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (3) محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ ڀاڱو پهريون.
    (4) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.
    (5) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. لطيفي لات.
    (6) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
    (7) ڊاڪٽر انجم الاسلام. ابيات شاهه ڪريم جو مقدمو.
    (8) موتي لال جوتواڻي. انگريزي ڪتابچي ”شاهه ڪريم هڪ سنڌي صوفي شاعر جي تمهيد.
    (9) پروفيسر اڪرم انصاري. موتي لال جوتواڻي جي انگريزي ڪتابچي ”شاهه ڪريم هڪ سنڌي صوفي شاعر جو مقدمو“.


    شاهه لطف الله قادري(1020هه 1090هه) (1610ع 1679ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    ”مرحوم شاهه لطف الله قادري هڪ عارف، ڪامل ۽ عالم باعمل بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ ظاهري خواه باطني علمن ۾ ڪماليت جي درجي تي پهتل هو. رفتي رفتي سندس علمي ماهيت جي سڄي سنڌڙي ۾ ناموس ٿي ويئي.“
    ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    ”هن دور جو هڪ ٻيو شاعر لطف الله قادري آهي. قاضي قادن تائين دوهو (بيت) ٻن مصراعن جو هو پر جيئن ته هن دور ۾ مضمون طويل ٿيڻ لڳو، اُن ڪري دوهي کي (هن دور ۾ سنڌي شاعري ڪافي ترقي ڪئي) کي به ٻن مصراعن جي پابندي مان ڪڍي 3 4 ۽ پوءِ 6 7 مصرائن تائين وسيع ڪيو ويو.“
    سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب

    ”شاهه لطف الله جي ڪلام ۾ مسئلي جي اُپٽار نهايت دقيق انداز ۾ ملي ٿي. هن جي سمجهاڻي ايتري عام فهم ناهي جيتري شاهه ڀٽائي جي ڪلام ۾ آهي. زبان اُن جو پهريون سبب آهي.“
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    شاهه لطف الله قادري ئي اُهو وڏو ۽ بنيادي شاعر آهي جنهن جي ڪلام تي ئي سنڌي ترقي يافته ۽ سڌريل شاعري جي ديوار کنيل آهي.“
    قاسم ٻُگهيو. ڇهه ماهي سنڌي ادب ۾ ڇپيل هڪ مضمون

    ”شاهه لطف الله قادري پنهنجي بيتن ۾ ڪا ڳالهه نٿو کڻي ڪو قصو نٿو ٻڌائي پر محض سالڪ جي مقصد ۽ حقيت کي بيان ڪري ٿو. انهي لحاظ کان هو سنڌي بيتن ۾ ڪنهن قصي يا ڳالهه جي بدران معنيٰ ۽ خيل جي اظهار جو باني مباني آهي.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. سنڌي رسالو ۽ سندس ڪتاب منهاالج المعرفت جو مقدمو.

    شاهه لطف الله قادري هڪ تمام وڏو اساسي سنڌي شاعر ۽ اهل علم عارف آهي. هن جو اهو ادبي ڪارنامو هميشه زندهه رهندو ته هن بيت جي صنف کي عروج تي پهچائڻ جي لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ سنڌي شاعري جي موضوئاتي ۽ فني حيثيت کي مستحڪم بنايو. هن جي ڪلام جي اهميت کي سمجهڻ کانسواءِ سنڌي شاعري جو مطالعو اڻ پورو ۽ اڌورو رهندو. لطف الله قادري پنهنجي خُداداد ڏات، قابليت ۽ موزون ۽ مناسب اسلوب جي ذريعي نوان نوان تجربا ڪري سنڌي شاعري جي اوسر ۾ نمايان اضافا ڪيا.

    زندگيءَ جو احوال:
    شاهه لطف الله قادري جي زندگي بابت هن وقت تائين ڪا تفصيلي معلومات ملي نه سگهي آهي. هو ڪٿي جو رهاڪو هو؟ هن جي ولادت ۽ وفات جون ڪهڙيون تاريخون آهن؟ هن جي ولادت ۽ وفات ڪٿي ٿي؟ هن ڪٿي تعليم حاصل ڪئي؟ انهي بابت ڪا ڄاڻ نٿي ملي. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ”شاهه لطف الله قادري جن خيرپور ميرس جي ڀر سان پريالي جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکڻ موجب ”منهاج المعرفت سان لاڳيتو شامل شاهه ڪريم جي رسالي (بيان العارفين) جي قلمي نسخي تي لکندڙ ٽن جدا جدا حاشين تي ”منهاج المعرفت“ مان عبارتون نقل ڪيون آهن ۽ هر جاءِ تي مصنف جو نالو شيخ لطف الله تتوي يعني ٺٽوي ڪري لکيو آهي.“ انهن عبارتن مان اهو گمان پيدا ٿئي ٿو ته هو شايد ٺٽي جي ڀرواري ڳوٺ اگهم جو رهاڪو هو، پر اهو صحيح نٿو لڳي. جيڪڏهن هو ٺٽي جي ڀرواري ڳوٺ اگهم جو رهاڪو هجي ها ته مير علي شير طانع جي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ هن جو ذڪر ضروري ڪري ها.
    غالباً شاهه لطف الله قادري سنڌ جي مشهور تاريخي شهر اگهم ڪوٽ جو رهاڪو هو، جنهن جا آثار ماتلي تعلقي ۾ موجود آهن. سندس تصنيفن جي مطالعي مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته سندس ولادت 1020هه مطابق 1611ع ڌاري ٿي هجي ۽ وفات 1020هه مطابق 1679ع ۾ ڌاري ٿي هجي. اندازو لڳايو ويو آهي ته سندس ولادت اگهم ڪوٽ جي شهر ۾ ٿي ۽ سندس وفات به انهي شهر ۾ ٿي.
    اگهم ڪوٽ ڏهين صدي هجري ۾ علمي ۽ روحاني تعليم جو وڏو مرڪز هو. اُتي گهڻائي مدرسا قائم ٿيا، جن ۾ مشهور عالم پڙهائيندا هئا. هتي جون درسگاهون ۽ بزرگن جون درگاهون ٻارهين صدي هجري تائين وڏي اوج تي رهيون. شاهه لطف الله قادري جي تعليم ۽ تربيت به اگهم ڪوٽ جي اهڙن اعليٰ درسگاهن ۽ مشهور اُستادن جي زير اثر ٿي.
    اگهم ڪوٽ شهر وردي توڙي قادري طريقي جي بزرگن جي فيض ۽ برڪت جو پڻ مشهور مرڪز هو. حضرت عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان شيخ جمال الدين عبدالله جي مريدن مان شيخ اسحاق اگهم ڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي قادري طريقي جي فيض جا سرچشما جاري هئا. شاهه لطف الله قادري انهن مان سيراب ٿي قادري مشرب اختيار ڪيو ۽ قادري نسبت سان مشهور ٿيو.
    پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ شاهه لطف الله قادري راهه طريقت ڏانهن مائل ٿيو. قادري طريقي سان وابسته ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي علمي لياقتن ۽ ذاتي ڪوششن سان هو تصوف قادري طريقي جو مُرشد ٿيو ۽ شيخ واري منزل کي حاصل ڪيائين. عام ماڻهن کي سلوڪ ۽ معرفت سمجهائڻ خاطر هن پهريون ڪتاب ”تحفتھ السالڪين“ تحرير ڪيو. پوءِ ”منهاج المعرفت“ لکيو جيڪو ورهين جي لڳاتار وسيع مطالعي ۽ راهه سلوڪ جي گهري ڄاڻ جو ثمر آهي. سنڌي خواندن جي سهوليت خاطر هن ڪتاب ”سنڌي رسالو“ لکيو سندس رشد ۽ هدايت جي ڪري کيس شيخ المشائخ تسليم ڪيو ويو.

    شخصيت:
    شاهه لطف الله قادري سنڌي شاعري جو وڏو سرجڻهار ۽ علمبردار ٿي گذريو آهي. هو هڪ عارف، ڪامل ۽ عالم بااصول بزرگ هو، پاڻ هڪ وڏو ۽ حق گو مجاهد هو. جيتوڻيڪ سندس طبع ۾ عجز ۽ نياز هو پر جابر کان جابر ۽ ظالم کان ظالم امير کي به مذهبي اصولن مطابق حق چوڻ کان گريز نه ڪندو هو. هن پنهنجي ڪلام ۾ ڪوڙن صوفين کي خوب ننديو آهي. هو وڏو بيباڪ بزرگ هو ۽ هن جو روح رب جي طلب ۾ مسرور هو.
    ”هو جي رمي گڏيا رحمان کي، سي سامي بيباڪ“
    سندس وفات جي ڪا به خبر نٿي پوي ۽ نه وري سندس آخري آرام گاهه جو ڪو پتو پوي ٿو.

    وفات:
    شاهه لطف الله قادري اندازاً 1169صدي هجري مطابق 1679ع ۾ تقريباً 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ غالباً اگهم ڪوٽ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه بات ڪا به معلومات نٿي ملي.

    تصنيفون:
    شاهه لطف الله قادري جون ٽي تصنيفون آهن.
    (1) ”تحفتھ السالڪين“
    اهو ڪتاب علم سلوڪ ۽ راهه طريقت جي باري ۾ لکيل آهي هي ڪتاب في الحال دستياب نه ٿي سگهيو آهي.
    (2) ”منهاج المعرفت“
    هي ڪتاب سلوڪ ۽ طريقت جي باري ۾ فارسي ٻولي ۾ لکيل آهي. هڪ ڪتاب ڄڻ معرفت الاهي جو دستور آهي ”تصوف جي سلسلي جو هڪ معياري ڪتاب آهي. هي هڪ خالص علمي ڪتاب آهي لطف الله قادري کي اهو احساس ٿيو ته سلوڪ جي انهن نڪتن کي سنڌيءَ ۾ پڻ سمجهايو وڃي ته هوند فيض ۾ وڌيڪ عام ٿئي. انهي احساس ۽ جذبي هيٺ گهڻو ڪري ڪتاب جي هر هڪ باب ۾ هڪ يا ٻه سنڌي بيت شامل ڪيا ويا. هن سڄي ڪتاب ۾ ويهه يا وڌيڪ بيت ڏنل آهن.
    (3) ”سنڌي رسالو.“
    ”منهاج المعرفت“ جوڙڻ کان پوءِ سگهو ئي شاهه لطف الله قادري وڏي چاهه ۽ ڪوڏ سان سنڌي بيتن ۾ ”سنڌي رسالو“ تحرير ڪيو جيئن ته عام سنڌي ماڻهو به پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ سولائي سان سمجهي سگهن ۽ مستفيض ٿين.

    شاعري جا نمايان پهلو:
    موجوده ڄاڻ مطابق شاهه لطف الله قادري جو ”سنڌي رسالو“ پهريون وڏو ڪتاب آهي جيڪو سڄو سنڌي بيتن تي مشتمل آهي.
    شاهه لطف الله پهريون عارف ۽ سنڌي شاعر آهي جنهن مادري ٻوليءَ جي اهميت کي محسوس ڪيو ۽ سنڌ جي عوام لاءِ سنڌي بيتن ۾ شاعري ڪئي جيئن ته هو سولائي سان ۽ وڏي ذوق سان پڙهن ۽ سمجهن.
    ”ته هوءِ سنڌي وائي، سَهلو ٻُجهڻ اٻوجهن.“
    شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن جي ڪلام ۾ ڊگهن بيتن جوڙڻ جا ثبوت ملن ٿا ”سنڌي رسالي“ جي مُنڍ ۾ ٻه ڊگها بيت شامل آهن، جن جي هڪ بيت ۾ ڇهه مصراعون ۽ ٻئي بيت ۾ يارهان مصرائون آهن.
    شاهه لطف الله قادري بيتن جي سٽاءَ ۾ وراڻ يا تڪرار قائم ڪرڻ واري روايت جو پهريون سنڌي شاعر آهي. وراڻ واري روايت شاعري ۾ تسلسل قائم ڪري موضوع کي مناسب ۽ موزون اختطام تي پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. شاهه لطف الله قادري جي بيتن ۾ شروع واري سٽ جي وراڻ ۽ آخري سٽ جي وراڻ جا ٻئي نمونا موجود آهن پهرين سٽ واري وراڻ ”حسن جيبن جي“ جا 31 بيت ۽ آخري سٽ جي وراڻ ”آئون گهوريون مٿان تن“ 9 بيتن ۾ موجود آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش جي راءِ ۾ ”شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن قصن جي اُپٽار يا ڳالهه جي پچار بدران عارفانه فڪر ۽ معنوي پس منظر واري راهه کي پهريون ڀيرو سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو آهي.
    شاهه لطف الله قادري سنڌي اساسي شاعري ۾ پهريون ڀيرو سامونڊين ۽ ناکئن ۽ جوڳين ۽ آديسين وارا تمثيلي مضمون شامل ڪيا ۽ جيڪي پوين شاعرن جهڙوڪ شاهه عنات، شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن لاءِ مثال بنيا.
    شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن رسالي ۾ بيتن جوڙن واري مقصد کي بيان ڪرڻ واري روايت (Innovation) جو بنياد وڌو ۽ هو ئي هن روايت جو باني مباني بنيو.
    ”ڪوڏان ڪيم رسالو اي فقير جوڙي بيتن،
    ته هوءِ سنڌي وائي سَهلو ٻُجهڻ اٻوجهن،
    پانهنجي ٻولي ڪري، سگهائين اي سکن،
    لطف الله چئي، لئه پيو، وَر سکن ۽ پڙهن.“
    شاهه لطف الله قادري پنهنجن بيتن ۾ آيل معرفت جي نڪتن کي مناسب ۽ موزون نموني ۾ سمجهائڻ لاءِ پهريون ڀيرو دليلن وارا عربي ۽ فارسي حوالا ڏيئي هڪ نئين روايت قائم ڪئي. جنهن کي شاهه عنات، شاهه عبداللطيف، سچل سرمست، خليفي نبي بخش لغاري ۽ ٻين شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪري وڏو فني ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

    شاهه لطف الله قادري جي شاعري
    ڊاڪٽر قاسم ٻُگهئي پنهنجي ڪتاب ”ٻوليءَ“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطف الله قادري سنڌي شاعري جي دنيا جو وڏو ۽ اهم نالو آهي جنهن جي ڪلام جي ذڪر کان سواءِ سنڌي اساسي (Classical) شاعري جو ذڪر ۽ مطالعو اڻپورو ٿيندو.“

    شاهه لطف الله قادري هڪ منفرد ۽ ناميارو اساسي سنڌي شاعر آهي، هو قاضي قادن ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي وچ واري مضبوط ڪڙي آهي. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جي مطالعي کان سواءِ اساسي شاعري جي فني ۽ فڪري ارتقاء ۽ عروج کي سمجهڻ ممڪن ئي ناهي.
    غالباً سنڌي شاعري جي شروعات ”دوهي“ يا ”ڏوهيڙي“ جي صنف سان ٿي. دوهي يا ڏوهيڙي جي صنف مان ڳاهه ڳيچ، مدح، سِٺ ۽ بيت واريون صنفون اُسريون. سومرن جي دور وارو ”دودي چنيسر جو قصو“ هڪ وير ڪٿا (Epic) آهي. جيڪو سنڌي دوهن ۾ رچيل آهي.
    ”ويهه پڄاڻان پيءَ جي، آءُ چنيسر آءُ،
    ڀاڳ سٻاجهو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ.“
    دودي چينسر وارو قصو. سنڌي ادب جو انمول سرمايو آهي. قاضي قادن کان اڳ ۾ شيخ حماد جمالي، شيخ اسحاق آهنگر، ماموئي فقيرن، مخدوم احمد ڀٽي، مخدوم پير محمد لکوي، مخدوم نوح، سيد علي ثاني ۽ ٻيا شاعر ٿي گذريا آهن جن جا بيت ٻن مصراعن وارا آهن، سيد علي ثاني جو هڪ چئن مصراعن وارو شعر به مليو آهي.
    سرتين سانگ سکڻ جو، مون کي وريو رهائين،
    آءُ ٿي هلان هوت ڏي، هوٿيون واريو وهارين،
    وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
    کهندا ٿيون کارين، ڪا نه هلندي هوت ڏي.“
    ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي مطابق قاضي قادن جي سموري ڪلام ۾ صرف ٻه بيت ٽن سٽن کان وڌيڪ جا ملن ٿا. قاضي قادن جي ڪلام ۾ دوهي کان وٺي سورٺي، دوها سورٺا ميل ۽ بيت جي ارتقاءَ واريون سڀ صورتون موجود آهن.“
    شاهه عبدالڪريم جي ڪلام ۾ آيل 92 بيتن مان صرف ٻه بيت ٽن سٽن وارا آهن ۽ باقي بيت ٻن سٽن وارا آهن. انهن 90 بيتن ۾ 31 دوها، 17 سورٺا، 25 دوها سورٺا ميل ۽ 17 بيت آهن.
    شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ بيت جي ارتقاءَ واريون سموريون صورتون صاف ۽ واضح طور جرڪندي نظر اچن ٿيون. هن جي ”سنڌي رسالي“ ۾ ڪل 360 بيت موجود آهن، جن مان ٻه بيت اڻپورا آهن. باقي رهيل 358 بيتن مان 91 بيت ٻن سٽن وارا، 46 بيت ٽن سٽن وارا، 186 بيت چئن سٽن وارا، 30 بيت پنجن سٽن وارا، 6 بيت ڇهن سٽن وارا ۽ 2 بيت ستن سٽن وارا آهن. شاهه لطف الله قادري جا گهڻا بيت ڇهن ۽ يارهن سٽن وارا آهن. هن جي ڪلام ۾ ٻه ”دوها“ به آهن.
    سڪ تنهنجي سپرين، من ۾ ٻارئي مچ،
    اوءِ کامي تنهن ڄمار ۾، عاشق ٿيا سچ.
    *-*-*
    جو انانگهه، تنهن ۾ ڪيائون تڪيا،
    اوءِ نه ڪنهن پير نه پُڄري، اندر وه ويا.
    ”منهاج المعرفت“ مان هٿ آيل بيتن جو تعداد 20 يا ان کان وڌيڪ آهي، جن مان 1 بيت ٻن سٽن وارو، 10 بيت چئن سٽن وارا، 7 بيت پنجن سٽن وارا، 1 بيت ڇهن سٽن وارو ۽ 1 بيت ستن سٽن وارو آهي.
    جيئن جيئن شعر ترقي ڪندو رهيو، اُن ۾ اضافا ڪرڻ جي ضرورت وڌندي رهي آهي.
    (1) شاهه لطف الله قادري قصي جي اپٽار يا ڳالهه جي پچار بدران معنيٰ ۽ خيال کي نروار ڪرڻ جي روايت جوڙي.
    (2) شاهه لطف الله قادري معرفت جي نڪتن کي چٽائي ۽ وضاحت سان بيان ڪرڻ جي لاءِ سنڌي شاعري ۾ پهريون ڀيرو عربي ۽ فارسي حوالن کي استعمال ڪيو.
    (3) بيت جي فني سٽاءَ کي وسعت بخشڻ جي لاءِ شاهه لطف الله قادري بيت جي مصراعن ۾ اضافو ڪيو. هن گهڻن مصراعن وارا بيت سرجيا جن کي ”سنڌي“ يا ”ڪبت“ چئبو آهي. هن جي ڪلام جي منڍ ۾ گهڻن مصراعن وارا ٻه بيت ڏنل آهن، جن مان هڪ بيت ڇهن مصراعن وارو ۽ ٻيو بيت يارهن مصراعن وارو آهي.
    (4) شاهه لطف الله قادري بيت جي سٽاءَ کي وڌيڪ موثر، دلچسپ توجه طلب بنائڻ لاءِ وراڻ يا تڪرار جي روايت کي رائج ڪيو، شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ وراڻ جي جهلڪ نظر اچي ٿي پر اُهو شاهه لطف الله قادري آهي، جنهن وراڻ جي روايت کي سنڌي شاعري ۾ پختگي بخشي. وراڻ جي تسلسل جي ذريعي هن ڪيترن ئي بيتن ۾ پنهنجي خيال کي واضح ۽ چٽو بنايو آهي.
    شاهه لطف الله قادري برجستو تخليقڪار ۽ بيمثال شاعر آهي. هن پنهنجي ڏات، ڏانءُ ۽ قابليت جا سمورا طور طريقا استعمال ڪري سنڌي شاعري کي موضوعاتي ۽ فني نموني ۾ ترقي جي مٿاهين منزل تي پهچايو آهي. هن سنڌي شاعري جي مستقل واڌاري لاءِ تجربا ڪري صحيح ۽ قابل عمل واٽون گهڙيون آهن.

    ڪلام جا مضمون:
    شاهه لطف الله قادري ”سنڌي رسالي“ کي ستن قسمن يا بابن ۾ ورهايو آهي، پهرين قسم جو مضمون آهي وحدت، ٻئي قسم جو مضمون آهي سلوڪ ۽ سالڪن بابت، ٽئي قسم جو مضمون آهي. صفت ۽ ڪلمن بابت چوٿين قسم جو مضمون آهي وحدت ۽ موحدن بابت، پنجين قسم جو مضمون آهي، عشق ۽ عاشقن بابت ڇهين قسم جو مضمون آهي فڪر ۽ فقيرن بابت ۽ ستين قسم جو مضمون آهي پير، مرشد ۽ جوڳين بابت ٻيا مضمون.
    سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جي مضمونن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”زياده تر ترڪ دُنيا، توڪل، بي ثباتي ۽ فنا جا مضمون بيان ڪيا آهن.“

    زندگي ۽ موت:
    شاهه لطف الله قادري پنهنجي شاعري ۾ زندگي ۽ موت ۽ دُنيا جي فنا وارن مضمونن کي پنهنجي خداداد ڏات ۽ قابليت سان شاعرانه ڪاريگري سان بيان ڪري پنهنجي اندروني لياقتن جو پڪو ثبوت پيش ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته زندگي جو سفر ڏاڍو اڻاگو آهي. جيڪي رب تي ڀروسو ڪندا، سي ئي منزل ماڻي سگهندا.
    ”جنهن پنڌ نهايت ناهه ڪا، نڪو انت نه ڇيهه،
    سو ڪروڙين ڏسي ڪَنبيا، ڏوران ڏاڍو ڏيهه،
    اُٿ هلڻ حيرت ۾ ڏيئو، چيتان تون چيلهه،
    اوري ڪرمَ آسرو، ورچي تون مَ ويهه،
    ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيهه،
    ته سوئي پيس ڏيهه، جنهن کي سِڪي سڀڪو.“

    سلوڪ ۽ طريقت جي وضاحت:
    شاهه لطف الله قادري پنهنجي خاص مضمون سلوڪ ۽ طريقت جي خوب وضاحت ڪئي آهي. هن حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ طالبن ۽ سالڪن جي جدوجهد کي تمثيلي طور سامونڊي ناکئن جو منزل ڏانهن هلڻ ۽ جوڳين ۽ آديسين جو سندن ياترائن خاطر ڪشالا ڪڍڻ سان ڀيٽي تفصيلي سمجهاڻي ڏني آهي.
    مئي متي مهراڻ ۾، جي وڃي پاڻ وجهن،
    نه سي اوري نه پري، اوءِ اندر وه وڃن،
    تن منجهان منجهه تڪيا، اوءِ منجهان منجهه رهن،
    سي پيٺا تِت وڃن، ناهه نهايت ڇيهه جي.

    پير ۽ مرشد:
    شاهه لطف الله قادري قسم ٽئي هيٺ پيرن، مرشد ۽ سندن منزل کي تمثيل طور جوڳين، فقيرن ۽ سندن تڪين ۽ تيرٿن سان ڀيٽي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
    ”ڪِني مَٿي ڇَٽ منڊيا، ڪي مور ڇل وارين،
    ڪي پايو دونهون اُتر سامهيون، ويٺا پاڻ پچائين،
    ڪني پاتا ڪُنر ڪاپڙين، ڪي بَسِمي لائين،
    ڪي پهوگفُائين گوسايا، پاڻ تَهين ساڙين،
    آديسي اوءِ آهين، جن پيهي سُبحان پروڙيو.“

    توحيد:
    شاهه لطف الله توحيد جي مضمون کي سمجهائيندي چوي ٿو ته حقيقي وجود صرف ذات مطلق جو آهي، هر هنڌ ذات مطلق جو جلوو روان ۽ دوان آهي. ڪائنات جا سمورا روپ هن ذات مطلق جا پرتوَ آهن. حق جو سچو طالب اُهو آهي جيڪو هن حقيقت کي سمجهي پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي ٿو.
    ”حقائين حق ٿيا، حقان ٿين حق،
    عقل وِياچ مَ اُن سين، جِني ذات مطلق،
    لا وجود شئي، غير الله، اي ساري پڙهيائون سبق،
    سي واري وحدت ورق، او نسوروئي ناههِ ٿيا.“

    وحدت ۽ ڪثرت:
    شاهه لطف الله قادري سمنڊ ۽ لهرن جي ذريعي وحدت ۽ ڪثرت کي ڪمال ڪاريگري سان سمجهايو آهي. جهڙي طرح سمنڊ ۾ موج اچي ٿي ته لهرون اُڀري نروار ٿين ٿيون ۽ پوءِ وري ٿوري دير کان پوءِ موٽي سمنڊ ۾ ملي وڃن ٿيون. اهڙي طرح وحدت مان ڪثرت پيدا ٿيندي آهي. جيئن لهرن کي پنهنجو ڪو حقيقي وجود ڪو نه آهي تيئن ڪثرت به ڪو حقيقي وجود نٿي رکي.
    سمنڊ کيون ساهه، ڪوڙين موج اُڀريا،
    ڪي اُجهامي اُٿيا، اُن آهي پر اِها،
    سڀئي ڪون مڪان، سي پَسئي، سي ٿيا،
    الا انھ بڪل، شئيءِ محيط مڙوئي درياءَ.
    حق جو طالب وحدت ۽ ڪثرت کي سمجهي ٿو ته هن جو عقل حيران ٿيو وڃي ٿو.
    ذات ۽ صفات جو مسئلو صوفي بزرگن لاءِ بحث جو موضوع رهيو آهي. اُنهن جي نظر ۾ مختلف مظهر ذات مطلق جون ته صفتون آهن. انهيءَ ڪري هو سوچن ٿا ته صفتون ذات مان آهن، پر اُنهن صفتن مان ذات کي سُڃاڻي سگهجي ٿو. انهي خيال کي شاهه لطف الله قادري هن نموني سمجهايو آهي.
    صفت ذاتيان نڱئي، ۽ پڻ صفتان ذات،
    چئي ذات صفت کي، جم وراهين وات،
    اِي گُجهي آهي ڳالهڙي، پردي اندر پهات،
    سائي مسلماني ذات، سائي ڪافري هيڪڙو.“
    صفت کي ذات چوڻ جي بدران صفت مان ذات کي ڳولهي لهڻو آهي.انهي ڪري سالڪ لاءِ ضروري آهي ته هو ذات مطلق جي معرفت حاصل ڪري، خودي کي ماري ۽ پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي. اها اونهي حقيقت تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن عشق جي اڳواڻي قبول ڪري، وجود کي وساري ڇڏيو وڃي.

    شاعري ۾وراڻ جو سلسلو
    شاهه لطف الله قادري بيتن جي سٽاءَ ۾ ”وراڻ“ يا ”تڪرار“ کي شامل ڪري وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. وراڻ يا تڪرار جي ڪري سندس ڪلام ۾ دلچسپي ۽ رنگا رنگي پيدا ٿي ويئي آهي. ۽ عام فهم ماڻهو به سندس ڪلام طرف متوجه ٿي ويا آهن.
    وراڻ يا تڪرار جي سٽاءَ هڪ فني معاملو آهي. انهي موجب شاعر هڪ کان وڌيڪ بيتن ۾ ساڳئي مضمون کي ڪمال ڪاريگري ۽ دانشمندي سان ورجائڻ واسطي ڪي ساڳيا لفظ، اصطلاح يا فقرا ورائي ورائي ڪم آڻيندو آهي. هو خيال يا معنيٰ خيز نڪتن کي چٽائي سان پيش ڪندو آهي جيئن ته اُنهن جي تصديق يا توثيق ٿي سگهي. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ وراڻ جو سلسلو تسلسل ۽ تفصيل سان نظر اچي ٿو. شاهه قادري جي پيشروُ شاهه عبدالڪريم جي ڪلام ۾ وراڻ جي جهلڪ موجود آهي. شاهه ڪريم وحدت ۽ خودي جي ماهيت کي ائين بيان ڪيو آهي:
    پاڻ ئي سلطان، پاڻ ئي ڏي سنيهڙا،
    پاڻ ڪر، پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.
    *-*-*
    سوئي سلطان، شاهه سو، سوئي پيڙهي راءِ،
    سوئي حڪم هلائي عالم ۾، سوئي ڏيکاريندڙ راهه.
    شاهه ڪريم انهن ٻنهي بيتن ۾ پاڻ ۽ سوئي لفظن کي ورجائي وراڻ واري ڪيفيت پيدا ڪئي آهي.
    شاهه لطف الله قادري باقائدگيءَ سان پنهنجي ڪلام ۾ وران جو استعمال ڪري رنگ رچايا آهن، منڊ مچايا آهن. جيڪڏهن شاهه لطف الله قادري کي ”وراڻ“ جو خالق سڏجي ته اُن ۾ ڪو مبالثو ڪو نه آهي. وراڻ يا تڪرار جون ٻه صورتون هونديون آهن. بيت جي پهرين سٽ جي پهرين اڌ کي وراڻ طور استعمال ڪبو آهي ۽ آخري سٽ جي پهرين اڌ کي وراڻ طور استعمال ڪبو آهي. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ وراڻ جون هي ٻئي صورتون موجود آهن. شروعات واري وراڻ جا 12 مثال ملن ٿا. مثال طور پهرين وراڻ ”عقل اُت او ڇوڻ ٿيو جا ٽي بيت، ”مئي مٿي مهراڻ ۾“ جا ٻه، بيت ”واجهائيندي وجهلي“ جا 2 بيت، ”سڪ تنهنجي سپرين“ جا 17 بيت، ”آءُ اکڙين ۾“ جا 2 بيت، ”نانگا سؤرا ٿيا“ جا 7. بيت، ”نه گدا نه گبري“ جا 8 بيت، ”نه ڪين هيٺ نه هيٺ ڪين.“ جا 5 بيت، ”هٿ جنين جا ٽامڙا“ جا 5 بيت ”جيجل جوڳيئڙن جو“ 3 بيت آهن، آخري سٽ جي وراڻ ”آءُ گهوريو مٿان تن“ جا 9 بيت آهن.
    شاهه لطف الله قادري جي وراڻ ”حسن حبيبن جي“ جي سلسلي جا سچا سارا 31 بيت آهن. وراڻ جي سلسلي جا ايترا بيت ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر ڪو نه سرجيا آهن. انهيءَ جو شرف شاهه لطف الله قادري کي آهي. لوڪ شاعرن ۽ شرف سگهڙن وراڻ جي سلسلي جا ان کان وڌيڪ بيت گهڙيا هوندا. اُنهن کي داد ڏيڻ لازمي آهي.
    شاهه لطف الله قادري ”حسن حبيبن جي“ جي وراڻ جا 31 بيت سرجيا آهن. اچو ته ڪن بيتن جو مطالعو ڪريون ۽ وراڻ جي خوبين کي سمجهون:
    حسن حبيبن جو، پسن جي پيهي،
    توکي سڀيئي، ٻيون وڃن وسري.
    *-*-*
    حسن حبيبن جي پيئي جن تنوار، پرين ري،
    تن ويا وسري يار، سي پسن ڪين.
    *-*-*
    حسن حبيبن جو، جني ڏٺو ماءُ،
    تنين منجهان ڪاءِ، سُک نه سُتي ڪڏهن.
    *-*-*
    حسن حبيبن جي، ناهه اونهائي تَر،
    تنين عاشقن سَر، وڍي ڏنا پنهنجا.
    حبيبن جو حسن برق آهي، اصل شيءِ آهي، هر شيءِ کي وساري پرين طرف راغب ڪري ٿو. اُهو مسلسل بيقراري آهي ۽ ڏاڍو عميق آهي جيڪو سر وڍي عاشقن کي رب جي حضور ۾ حاضر ڪري ٿو.

    شاعريءَ جون خويبون
    شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي پهرين خوبي آهي مناسب ۽ موزون اسلوب جو استعمال. هو مضمون جي مطابق زبان استعمال ڪري پڙهندڙن جي شعور کي جاڳائي ٿو ۽ انهن جي روحن کي راحت پهچائي ٿو. جي مضمون سهل ۽ سولو آهي ته اُن جي لاءِ هو عام فهم ۽ سلوڻي ٻولي جو استعمال ڪري ٿو. هو دقيق ۽ پيچيده مضمون کي دقيق ۽ ڏکئي انداز ۾ بيان ڪري ڪمال ڪاريگري ڏيکاري ٿو.
    شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي ٻي خوبي آهي ته هو معنيٰ خيز نڪتن ۽ خيال کي بيان ڪرڻ لاءِ اُستادانه ۽ بزرگانه طرز تحرير جوڳوڙهو ۽ ڳنڀير استعمال ڪري ٿو. هو پنهنجن پيتروئن قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي قصن ۽ داستانن بدران نج فڪر ۽ خيال کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو تزڪيه نفس ۽ اخلاقي تربيت خاطر خالق جي سڃاڻ ۽ مخلوق سان محبت جو درس ڏکئي ٻولي ۾ ڏئي ٿو.
    راهه شريعت هليا، تفڪر طريق ٿئون،
    حال حقيقت رسيا، حرڪت حرص وئون،
    لئه لاهوت لڱيا، وحدت وضالون،
    پسي پيٺا حق باغ ۾، فنا فرق پئون،
    پسو پنڌ سندون، اوءِ وجودان وهي ويا.
    شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي ٽئي خوبي آهي. تمثيلن جو فنڪارانه استعمال. لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعري ۾ سامونڊين ۽ ناکئن ۽ جوڳين جو استعمال ڪيو آهي. هن سامونڊين ۽ ناکئن جي پيڙا ۽ مشڪلاتن کي طالبن ۽ سالڪن جي جدوجهد سان ڀيٽي خوب ڪمال ڪيو آهي. هن جوڳين ۽ آديسين جي ياترائن لاءِ ڪڍيل ڪشالن کي معرفت جي منزل حاصل ڪرڻ وارن سالڪن جي جدوجهد سان ڀيٽي پنهنجي ڏات ۽ قابليت جو وڏو ثبوت پيش ڪيو آهي.
    شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي وراڻ يا تڪرار جو اعليٰ ۽ عمده استعمال. هن پنهنجي ڪلام ۾ وراڻ جا مختلف نمونا پيش ڪري پنهنجي ڪلام کي دلچسپ ۽ دل پسند بنايو آهي. هن ”حسن حبيبن جي “جي وراڻ کي 31 بيتن ۾ استعمال ڪري وڏو ڪمال ڪيو آهي.
    حسن حبيبن جو ڀتون ڀتين روءِ،
    جاري عاشق ٿيا هوءِ، پسي پر پرين جي.
    *-*-*
    حسن حبيبن جي، گرهڻ ڪانھ ڳت،
    ڪا ڪا آهي تِت، سا اندر ڪُهيو اڌ ڪري.
    *-*-*
    حسن حبيبن جي، پئو جنين پڙاءُ،
    سي ويا پاڻ ڳراءُ، پسن ڪين پري ري.
    شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي پنجين خوبي آهي نون ۽ نرالين تشبيهن ۽ چوڻين جو نئون ۽ نرالو استعمال.
    الله سندي راڄ ۾، جو کٽي سوکاءِ.
    *-*-*
    فنا فاني جي ٿيا، من تِنين سين ميڙ.
    ڪمتر سي ڏسجن، جنين آهه اوڙاهه جي.

    شاهه لطف الله قادري جون ادبي ايجادون:
    شاهه لطف الله قادري وڏو ڏات ڌڻيءَ هو. هن پنهنجي شاعرانه ذهانت ۽ قابليت استعمال ڪري ڪيتريون ئي ايجادون قائم ڪيون ۽ سنڌي شاعري کي سگهارو بنايو.
    شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن شاعري جي مقصد کي بيان ڪرڻ جي روايت جو آغاز ڪيو. هوئي هن نئين روايت (Innovation) جو باني مباني آهي. هن جي زير اثر شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين شاعرن پنهنجي شاعري جي مقصد کي کُلي طرح بيان ڪيو آهي.
    شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن خيالن جي طوالت خاطر سنڌي بيت کي ٻن سٽن جي پابندي کان آزاد ڪري گهڻن مصراعن جا ڊگها بيت تحرير ڪيا جن کي سنڌي يا ڪبت چيو ويندو آهي. ٺٽي جي سنڌي شاعرن مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضيالدين، مخدوم محمد هاشم، مخدوم عبدالله ۽ ٻين شاعرن لطف الله قادري جي ڊگهن بيتن کي ڪاريگري سان استعمال ڪري ڊگهن بيتن جي شاعري کي عروج تي پهچايو.
    شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن ”وراڻ“ يا ”تڪرار“ جي روايت جو بنياد رکيو. هن وراڻ جي روايت سان پنهنجي شاعري ۾ رس رچاءَ، لطافت ۽ رنگا رنگي کي ڀرپور نموني ۾ اُجاگر ڪيو آهي. هن جي واٽ تي هلندي شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ڀٽائي، سامي، خليفي نبي بخش لغاري ۽ ٻين سنڌي شاعرن وراڻ جي روايت کي بلندين تائين پهچايو آهي.
    شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن جي ڪلام ۾ بيت جي ارطقا واريون سڀئي صورتون ملن ٿيون. هن بيت کي ٻن سٽن جي بدران ٽن چئن، پنجن ڇهن ۽ ستن سٽن جي بلندي تي پهچايو.
    شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن پنهنجن معرفت جي نڪتن جي صداقت، توثيق ۽ تصديق جي لاءِ عربي ۽ فارسي حوالن جو استعمال ڪيو آهي. پوءِ جي شاعرن جهڙوڪ شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ڀٽائي، خليفي نبي بخش لغاري ۽ ٻين شاعرن جا حوالا استعمال ڪري پنهنجي ڪلام کي خوب چمڪايو آهي.

    شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
    شاهه لطف الله قادري اندازاً سن 1090هه مطابق 1679ع ڌاري وفات ڪئي. شاهه عبداللطيف هن جي وفات کان ٻارهان سال پوءِ 1101هه مطابق 1668ع ۾ پيدا ٿيو. اهو ممڪن ئي ناهه ته شاهه لطيف هن جي عارفانه بيتن کان واقف نه هجي شاهه لطيف جي شاعري جو مطالعو ڪندي اِهو محسوس ٿيئ ٿو ته نه صرف هو شاهه لطف الله قادري جي ڪلام کان واقف هو پر متاثر به هو. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ بيان جي وسعت ۽ موضوع جي وضاحت واري نوعيت جو شاهه لطيف جي اسلوب بيان تي چڱو چوکو اثر نظر اچي ٿو.
    شاهه لطيف جي بيتن ۾ شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جو چٽو اثر پسجي ٿو. اچو ته ٻنهي اساسي شاعرن جي ڪلام کي ڀيٽي ڏسون:
    (1) شاهه لطف الله قادري:
    اُت آهي عجز سڀ ڪنهن کي، نه ڪري غيرت نه گاءِ.
    شاهه لطيف:
    مهاڻيءَ جي من ۾، نه غيرت نه گاءِ. (ڪاموڏ)
    (2) شاهه لطف الله قادري:
    ساهه ۾ سارين سُپرين، پساهه ۾ پسن.
    شاهه لطيف:
    ساهه سين سڃاڻان، پساهه سين، پسان پرين. (آسا)

    (3) شاهه لطف الله قادري:
    ”جتي ڪون“ نه ”مڪان“ ڪو نڪو ڏينهن ۽ رات.
    شاهه لطيف:
    اچي پيئي ڪنن ۾، جتي ڏينهن نه رات. (سهڻي)
    (4) شاهه لطف الله قادري:
    مڙوئي محو ٿيو، نڪا بات خاص نه عام.
    شاهه لطيف ڀٽائي:
    نڪو عام نه خاص جي ويا سي وڍيا. (مومل راڻو)
    (5) شاهه لطف الله قادري:
    نڪو عرش نه ڪرسي، نڪو ڏينهن نه رات.
    شاهه لطيف ڀٽائي:
    جتي عرش نه اُڀ ڪو، ذرو ناهي زمين. (رامڪلي)
    (6) شاهه لطف الله قادري:
    جيجان جوڳيئڙن جون، مڙهيون مون مارين.
    شاهه لطيف ڀٽائي:
    آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين. (رامڪلي)
    (7) شاهه لطف الله قادري:
    اوءِ هيجان هلن حق ڏونھ، ٻيون ڏيئي ٻَن.
    شاهه لطيف ڀٽائي:
    ”هير هلندي هوت ڏي، ٻيون وجهي ٻن. (رپ)
    شاهه لطف الله قادري:
    سو سيڪڙو، سا سڪ، ڳالهه مڙوئي هيڪڙي.
    شاهه لطيف ڀٽائي:
    سو اوزار سو پراڙ، ڳالهه مڙوئي هيڪڙي. (سهڻي)

    (9) شاهه لطف الله قادري:
    جنھ ڪارڻ جوڳي ٿيا، جان جان سو نه پسن،
    ورهه وهاڻي راتڙي، تان تان سنباسين.
    شاهه لطيف ڀٽائي:
    جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا، جان جان سو نه پسن،
    تنا تان سناسين، ورهه وهاڻي راتڙي.
    (رامڪلي)
    (10) شاهه لطف الله قادري:
    ُٻجهي ٿين اٻوجهه، پاڻ وڃائي پاهنجو،
    هوئين جي سٻوجهه، ته ٻُجهه مَ ٻُڙي جيترو.
    شاهه لطيف ڀٽائي:
    پريتڻي پرينءَ سين، سڪڻ ڪي سٻوجهه،
    هئي گهڻو اٻوجهه، سورن سنهائي سسئي.
    (سسئي)
    مٿين مثالن جي ڀيٽ مان معلوم ٿيئي ٿو ته شاهه لطيف پنهنجي پيشروءَ شاهه لطف الله قادري جي بيتن کان نه رڳو واقف هو، پر متاثر به هو. شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه لطيف جي لفظن، فقرن ۽ اهڃاڻڻ ۾ ڪافي مناسبت آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”شاهه لطف الله قادري جون ڪي ساڳيون مصرائون شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ضم ٿيل آهن، ان کان سواءِ لفظن توڙي معنيٰ جي لحاظ سان پڻ شاهه صاحب پنهنجا ڪي بيت شاهه لطف الله قادري جي بيتن کان متاثر ٿي چيا.

    شاهه لطف الله قادري جي عبارت:
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ مسئلي جي اُپٽار نهايت دقيق انداز ۾ ملي ٿي ۽ هن جي سمجهاڻي ايتري عام فهم ناهي جيتري شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آهي. زبان ان جو پهريون سبب آهي. اهو اڌ سچ آهي. سنڌي شاعري جو ڏات ڌڻي شاهه لطف الله قادري نه صرف بيباڪ شاعر هو پر هڪ وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ هو. هن جي ذهانت ۽ قابليت قابل قدر آهي. هو سوچڻ، سمجهڻ ۽ غور ڪري لکڻ جو عادي آهي. هن جو اسلوب بيان مضمون جي مطابق هوندو آهي. جي مضمون عام فهم ۽ آسان آهي ته هن جي طرز تحرير به عام فهم ۽ آسان هوندي آهي. جي هن جو مضمون پيچيده ۽ ڏکيو آهي ته هو ڏکئي ۽ دقيق ٻولي استعمال ڪندو آهي. هن جي عبارت مضمون جي مطابق موزون ۽ مناسب هوندي آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ موجب ”هو (شاهه لطف الله قادري) سنڌي بيتن ۾ محض ڪنهن قصي يا ڳالهه جي بدران معنيٰ ۽ خيال جي اپٽار جو باني مباني آهي. هن عمداً ۽ ارادتاً علم سلوڪ ۽ معرفت جي ڳوڙهن نڪتن کي سنڌي بيتن ۾ ورجايو.“ شاهه لطف الله قادري جي عبارت عين مضمون جي مطابق آهي. هن جو مضمون سلوڪ ۽ طريقت جي اپٽار آهي. ان جي اپٽار عام فهم ۽ سلولي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. انهي ڪري هن پيچيده مضمون جي اپٽار لاءِ پيچيده ۽ ڏکئي زبان جو استعمال ڪيو آهي. هن رب جي وحدت جو ذڪر مشڪل لهجي ۾ ڪيو آهي.
    ”سوئي رزاق رب سو سوئي سو جليل،
    سو ئي عالم، علام سو، سوئي سو خليل،
    سوئي هادي، هدايت سا، سوئي سو دليل،
    جي ڪثير، جي قليل، سو سوئي سپرين.“
    شاهه لطف الله قادري عام فهم مضمون جي لاءِ عام فهم، سولي ۽ سلوڻي ٻوليءَ جو استعمال ڪري پنهنجي ڪلام ۾ رنگيني دلنشيني ۽ لطافت ڀري ڇڏي آهي.
    ”سڪ تنهنجي سپرين، ڪيئن لهندي مون،
    هينئڙي اندر تون، جي جاڳان، جي سمهان.“
    *-*-*
    ”سڪ تنهنجي سپرين چريو ڪيئن چت،
    اور اُڀا سپرين سِمث، ٻي ڏونھ پسڻ ناه ڪين.“

    حسن حبيبن جو، پسين جي هيڪار،
    ته توکي سڀ ڄمار وڃي اُڃ ورهين جي.“
    *-*-*
    حسن حبيبن جو، ڏٺو جيئن برق،
    سي پايو لوڪ فرق سدا پوڻن سڪيا.
    *-*-*
    ”نه گدا نه گبري، نڪي لاڳاپو سين لوڪ،
    ساميڙا ڇڏي ٿوڪ، نانگا نسورا ٿيا.“
    *-*-*
    جيجان جوڳيئڙن جو، مون جو ڏٺو حال،
    ائن ماءِ تن جو مال، نه ڦيرو اُن کي.
    شاهه لطف الله قادري پنهنجي عبارت کي حسين، رنگين ۽ دلنشين بنائڻ جي لاءِ تشيهن، محاورن ۽ تجنيس حرفي جو ڪمال ڪاريگري ۽ فني مهارت سان استعمال ڪري وڏا منڊ مچايا آهن. مضمون جي پيچيدگي جي باوجود شاهه لطف الله قادري عام فهم تشبيهن جي ذريعي ڳوڙهن مسئلن جو سولو ۽ سلوڻو اظهار ڪيو آهي.
    سمنڊ کنيو پساهه، ڪوڙين سج اُڀريا.
    *-*-*
    سڀئي وهيا واهڙا، اڌ مئو مهراڻ.
    *-*-*
    سوئي پاڻ کوهين، سوئي سمنڊين هوءِ.
    *-*-*
    هيڪڙو سالڪ، ڳالهه مڙيو ئي هيڪڙي.
    شاهه لطف الله قادري جا محاورا ۽ تشبيهون پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
    ڳُجهي پريان ڳالهڙي، اوکي پروڙن هوءِ.
    *-*-*
    آديسي اوءِ آهن، جن پنهنجو سُبحان پروڙيو.
    *-*-*
    سپيريان جي ڳالهڙي، لکين دليلي.
    *-*-*
    سو پيچرو، سا سِڪ، ڳالهه مڙوئي هيڪڙي.
    *-*-*
    آئون گهوريو مٿان تن، جن الله اوڙکيو ڪاپڙين.
    تجنيس حرفي سنڌي شاعري جي سونهن آهي، سينگار آهي ۽ سڃاڻپ آهي. شاهه لطف الله قادري ڏکئي مضمون جي باوجود تجنيس حرفي جو عمدو ۽ عاليشان استعمال ڪري ٿو.
    نڪو اوري نه پري، نڪي وچ نه پاند،
    پري پانهين پاڻ سين، هئن ۽ هيڪاند،
    نڪو وچ نه وساند، مڙوئي مطلق سو.
    *-*-*
    واجهائيندي وجهلي، ويئڙ ورهه وَهي،
    هائي سگهان ڪين سهي، ڪئن مڙيو سڄڻين.
    شاهه لطف الله قادري جي عبارت شعور کي جاڳائڻ واري ۽ روح کي ريجهائڻ واري آهي. سندس عبارت جو لهجو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. عام فهم ۽ سلوڻي سنڌي ۾ هن سلوڪ ۽ طريقت ڳوڙهن نڪتن کي سولي نموني سمجهائي روحن کي روشن ڪيو آهي ۽ پنهنجي ذهانت ۽ قابليت جو حيران ڪن نموني ۾ اظهار ڪيو آهي.

    شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جي اهميت:
    ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي پنهنجي ڪتاب ”ٻولي“ ۾ لکيو آهي ته ”لطف الله قادري ئي اُهو وڏو ۽ بنيادي سنڌي شاعر آهي، جنهن جي ڪلام تي ئي سنڌي ترقي يافته ۽ سُڌريل شاعري جي ديوار کنيل آهي.“

    شاهه لطف الله قادري جون ٽي تصنيفون آهن، جن مان ”منهاج المعرفت“ ۽ ”سنڌي رسالو“ موجد آهن ”تحفة السالڪين“ ۽ ”منهاج المعرفت“ ٻئي فارسي ٻولي ۾ لکيل آهن. انهن ڪتابن ۾ سلوڪ ۽ معرفت جي مختلف مرحلن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. شاهه لطف الله قادري هڪ قابل قدر تعليمي ماهر هو. پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ خود قادري طريقي جي مرشد ۽ شيخ واري منزل حاصل ڪئي. هن ٻين کي سمجهائڻ خاطر ”تحفة السالڪين“ ۽ ”منهاج المعرفت“ فارسي ٻولي ۾ تحرير ۽ ٽيون ڪتاب سنڌي رسالو“ سنڌ جي خواندان جي سهوليت خاطر جوڙيو. هن کي اهو احساس هو ته سلوڪ جي انهن معنيٰ خير نڪتن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ به سمجهايو وڃي. انهي ڪري هن منهاج المعرفت جي هر باب ۾ هڪ يا ٻه سنڌي بيت شامل ڪيا. هن جي تصوف واري يادگار ڪتاب ۾ ويهه يا اُن کان وڌيڪ سنڌي بيت شامل آهن.
    سنڌي رسالي جوڙڻ وقت لطف الله قادري کي اهو احساس هو ته سنڌي ۾ سلوڪ جي نڪتن کي سمجهائجي. هن وڏي چاهه ۽ شوق وچان مادري ٻوليءَ سنڌي ۾ ”سنڌي رسالو“ جوڙيو. هن رسالي ۾ ست قسم جا باب آهن ۽ ڪل 379 بيت آهن. رسالي جوڙڻ وقت شاهه لطف الله قادري جو مقصد شاعري نه مگر تعليم هو. سندس نظريئي مطابق مادري ٻولي ۾ ماڻهو سولائي سان چاهه منجهان سمجهي سگهن ٿا.
    غالباً سنڌي شاعري جي شروعات ٻن سٽن واري صنف ”دوهي“ يا ”ڏوهيڙي“ سان ٿي. سومرن جي دور وارو ”دودي چينسر جو قصو“ دوهن ۾ رچيل آهي. اُن کان پوءِ وارن شاعرن شيخ حماد جمالي، اسحاق آهنگر، ماموئي فقيرن، مخدوم احمد ڀٽي، مخدوم نوح، پير محمد لگوي، شير علي شيرارن ۽ ٻين بيت کي ٻن سٽن تائين محدود رکيو. حيرت انگيز طور تي شير علي شيرازي جو هڪ بيت چئن سٽن وارو به ملي ٿو.
    قاضي قادن جو ڪلام به ٻن سٽن بيتن تي مشتمل آهي. سندس ڪلام ۾ بيت جي ارتقاءَ واريون سموريون صورتون ملن ٿيون.

    شاهه ڪريم جي 92 بيتن مان ٻه بيت ٽن سٽن وارا آهن باقي 90 بيت ٻن سٽن وارا آهن.
    شاهه لطف الله قادري پهريون اساسي سنڌي شاعر آهي، جنهن پنهنجي نئين ۽ نرالي ڏات ۽ ڏانءُ جي ذريعي بيت کي ٻن سٽن جي پابندي کان آزاد ڪري اُن کي ٽن چئن، پنجن ڇهن ۽ ستن سٽن تائين فروغ ڏنو ۽ بيت جي آئيندي جي ترقي ۾ وڏو اضافو ڪيو.
    شاهه لطف الله قادري جي ٽن سٽن واري بيت کي پڙهي ڏسو.
    هئا جرجي ذات، جر منجهان ٿي لگيا،
    عقل وياچ مَ ان سين، هي جي منجهه منجهائين ويا،
    هو عينو ئي عين ٿيا، نڪو اسم نه جسم ڪو.
    شاهه لطف الله قادري چئن سٽن وارا گهڻائي بيت جوڙيا. هن چئن سٽن واري بيت کي پڙهو ۽ سرور حاصل ڪريو.
    مئي متي مهراڻ ۾، هي جي پاڻ وجهن،
    نه سي اوري، نه پري اوءِ اندر وه وجهن،
    من منجهان منجهه تڪيا، اوءِ منجهان منجهه رهن،
    سي پيٺا تت وڃن، ناهه نهايت تنھ جي.
    شاهه لطف الله قادري جي پنجن سٽن وارو بيت ڏسو:
    ڄِڀون جني ادا ڪرين، ڪلمو وحدت پڙهن،
    هوندا سي هميشھ سينءَ، پاسي پاڻ پرين،
    سو ته سليو عام کي، جيڪين ڪارڻ تن،
    جتي ’ڪون‘ نه ’مڪان‘ ڪو، اوءِ پيٺا تت وڃن،
    وادي منجهه رهن، جتي ڏينهن نه رات ڪا.
    شاهه لطف الله قادري ڇهن سٽن وارا بيت به جوڙيا هي هڪ ڇهن سٽن وارو بيت ڏسو:
    گر اڳيان گوڏو هڻي، ڪي جو ٻُڌائون،
    تنھ اوسيئڙي اُٿيا، رهه پر رُنائون،
    پاتائون موڳ تهين، مرڪي مُدائون،
    اوءِ ڇڏي هليا سُپرين، کهه ۾ کندائون،
    گنگا، گورک، هٽڙي، مڙئي ڏٺائون،
    ماءُ اسي مندائون، اوءِ نه پنيون جوڳئين.
    شاهه لطف الله قادري ستن سٽن وارا ٻه بيت جوڙي وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو ۽ بيت جي آئيندي کي روشن ڪيو. هن جي واٽ تي هلندي شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست، خليفي نبي بخش لغاري ۽ ٻين شاعرن بيت جي صنف کي عروج تي پهچايو. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ ٻه بيت ستن سٽن وارا آهن. هڪڙو ستن سٽن وارو بيت پڙهي لطف حاصل ڪريو:
    تان ڪو ڏهو پهيڙا، سنبهڙو سندون،
    ڪئن پانڌيڙا پنڌ ۾، ڪنھ پر اهڃاڻون،
    ڪنھ پر هلن حق ڏونهه، ڪنھ پر وصالون،
    ڪئن فنا ٿيا في الله ۾، ڪنھ پر مشاهدون,
    ڪهڙو حال حقيقت ان جي، ڪهون پنڌ پرون،
    ”لليهم تاويلھ اِلا الله“ اونهون اَنت سندون،
    ڪو نه ڄاڻي منجهون، اوءِ ٻُجهڻان ٻهار ٿيا.
    شاهه لطف الله قادري ستن سٽن وارا بيت جوڙي بيت جي دائري ۾ وسعت پيدا ڪئي ۽ ان کي هر قسم جي فڪر ۽ خيال جي اپٽار جوڳو بنايو.
    شاهه لطف الله قادري تجربا ڪري بيت جي سٽاءَ ۾ ڪيئي تبديليون آنديون. هن ڊگها بيت جوڙي بيت کي يارهن مصراعن تائين پهچايو.
    شاهه لطف الله قادري جو ڪلام گهڻن ئي موضوعاتي ۽ فني خوبين تي مشتمل آهي. هن جي ڪلام ۾ سنڌي بيت جي ارتقاءَ جون سموريون صورتون باقائدگي سان نظر اچن ٿيون. سنڌي شاعري جي ترقي ۾ هن ڪيئي ۽ اضافا ڪيا. هن جي سڌارن ۽ واڌارن کان سواءِ سنڌي شاعري اڌوري ۽ اڻپوريءَ آهي.


    مددي ڪتاب
    (1) ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاري.
    (2) قاسم ٻُگهيو. ڇهه ماهي سنڌي ادب. انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ۾ شايع ٿيل مضمون.
    (3) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (4) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. لطيفي لات.
    (5) ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو. سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيل مضمون.
    (6) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيد اڀياس.
    (7) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
    (8) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. سنڌي رسالو ۽ منهاج المعرفت جو مقدمو.


    ميون شاهه عنات رضوي(1030 1035هه، 1120 1125هه)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    (1) ”شاهه عنات جي بيتن جي مضمون رنگارنگي ۽ تنوع آهي ۽ تصوف ۽ اخلاقيات جا مضمون ملن ٿا ته حسن ۽ عشق توڙي هجر ۽ وصال جو بيان به نظر اچي ٿو. سنڌ جي ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻي جي تصوير به ملي ٿي ته معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو احوال به ملي ٿو. نه فقط ايترو پر رومانوي داستانن جي تمثيلن ۽ علامتن ذريعي هر نڪتي کي چٽائي سان بيان ڪيو ويو آهي.“
    ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس

    (2) ”شاهه عنات ۽ شاهه لطيف شعر ۾ هڪ ئي رستي تي هليا آهن اُهائي ٻولي، اهائي بلندي ۽ خيالن جي هڪجهڙائي توڙي دلڪشي. شاهه لطيف وانگر هن دوهن (بيتن) کي به مختلف سُرن ۾ تقسيم ڪيو آهي ۽ سنڌ جي عشقيه داستانن کي شعر ۾ استعمال ڪيو آهي.“
    سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب

    (3) ”هو (شاهه عنات) هڪ اعليٰ درجي جو شاعر هو. هو جوش ۽ جزبي جي حالت ۾ ٺهه پهه شعر چئي ڏيندو هو. سندس شعر تمام گهڻو هوندو پر ملي ٿورو ٿو. سندس شعر تصوف ۽ اخلاقيات جو بحر آهي ۽ منجهس نازڪ نڪتا سمايل آهن.“
    ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    (4) ”شاهه عنات هڪ وڏو شاعر آهي جنهن وٽ فڪر ۽ فن جا خزانا آهن. شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي دور جي وچ جي ڳنڍيندڙ ڪڙي آهي. عنات شاعراڻي ڏات ۽ بلند خيالات سبب هڪ اهم شاعر آهي.“
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    (5) ”ميون شاهه عنات پنهنجي طبعي ذوق سببان شاعر ٿي ساماڻو ۽ شاعري مان ڀرپور حظ حاصل ڪيائين. ميون شاهه عنات هڪ صوفي درويش جي حيثيت ۾ شاعري ڪا نه ڪئي. بلڪه شاعري جي ڏات سندس واسطي درويشي جو باعث بڻي.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ميين شاهه عنات جو رسالو جو مهاڳ

    زندگي جو احوال:

    رضوي سعادتن جي هجرت:
    ميون شاهه عنات رضوي ڪلهوڙن جي آخري دور جو عظيم الشان شاعر آهي. هو نصرپور ۾ رهندڙ رضوي سعادتن جي هڪ برک ۽ بزرگ قبيلي جو فرد هو. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ مير علي شير قانع جي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جو حوالو ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته ”شاهه عنات رضوي سيد نصيرالدين رضوي جو فرزند ارجمند دلبند هو. هن جا وڏا مڪي شريف مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا. پهريائين بکر ۾ اچي رهيا ۽ ان کان پوءِ نصرپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي.“

    ولادت، تعليم تربيت:
    ميين شاهه عنات جي ولادت اندازاً 1030 1035هه ڌاري ٿي. هن جي والد جو نالو شاهه نصيرالدين ۽ والده جو نالو بيبي حنيفه آهي. هن جي تعليم ۽ تربيت بابت ڪو به مواد موجود ڪونهي. شايد هن پنهنجي مقامي مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي. هن مدرسي مان اعليٰ تعليم حصل ڪو نه ڪئي. رضوي خاندان ۾ فارسي تعليم جو رواج هو. هن ٿوري فارسي ۾ تعليم حاصل ڪئي هجي. سندس والد نصيرالدين جي وفات کان پوءِ شاهه عنات جي تعليم تي اثر پيو هجي.
    والد جي وفات کان پوءِ شاهه عنات جي پرورش وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه ڪئي. خانداني روايتن مطابق شاهه عانت ننڍي هوندي خود خيال ۽ رسمي پابندي کان آزاد هو، هو راڳ ٻڌڻ جو شوقين هو ۽ آزادي سان عام ڪچهرين ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو. هن جو راڳيندڙن سان اُٿڻ ويهڻ عام هو جيڪو هن جي وڏي ڀاءُ ۽ خانداني ڀاتين کي نه وڻندو هو. هڪ موقعي تي شاهوڪن ۽ ڇڇرن جيڪي نصرالدين جا ساهرا ۽ سندس وڏي ڀاءُ جا ناناڻا هئا، شاهه عانت کي ٽوڪيو. شاهه عنات شاهه نصيرالدين جي پوکيل نم جي سامهون هي بيت چيو:
    نم ڪجئين نياءَ، اسان جو عنات چئي،
    جنهنءَ توکي پوکيو، آهيان اُن جو وياءُ،
    شاهوڪائي باهه، وسمي ورهين کي.
    چون ٿا ته شاهه عنات جي پاراتي سبباً ڇڇر توڙي شاهوڪ بدحال تي ويا.

    جواني، شاديون ۽ شغل:
    سترهن سالن جي وهي ۾ شاهه عنات ڇوڪراڻي وهي مان نڪري جواني واري دور ۾ داخل ٿيو. هو ننڍي هوندي کان خود خيال هو ۽ رسمي پابندين کان آزاد هو. هو عام ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. راڳ سان کيس دلچسپي هئي ۽ بيت به چوندو هو. هو پنهنجي وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه جي ضابطي جو محتاج نه هو. انهي ڪري هن جواني واري دور ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجا تعلقات وڌايا ۽ مريد خادمي جو سلسلو جدا طور قائم ڪيو.
    شاهه عنات ٽي شاديون ڪيون. هن کي ڀلن وهٽن جو شوق هو. هن ڀلا گهوڙا ۽ گهوڙيون ڌاريون. شاهه عنات ڀلن گهوڙن بابت هي بيت سرجيو:
    رنگ روجهو رهوار، قد پورو، ڪاسو چري،
    منهن ميٺو، نه آگري، سنئون تيز سچار،
    هينئڙي ٿئي قرار، اهڙي اسب عنات چئي.
    ڀلي گهوڙي جي وصف ۾ چيل هي بيت بيمثال آهي. گهوڙن ۽ گهوڙن کانسواءِ شاهه عنات وٽ ٻيو مال به جهجهو هو. مينهون ۽ اُٺيون گهڻيون هيون. ارڙهن کان چاليهن سالن تائين اِهو دور هو. انهي دور ۾ سنڌ تي مغلن جي حڪومت زوال پذير ٿي رهي هئي ۽ ڪلهوڙن ميان نصيرالدين جي اڳواڻي ۾ اُسرڻ شروع ڪيو.

    درويشي ڏانهن لاڙو:
    جواني جي موٽ کان پوءِ شاهه عنات درويشن ۽ بُزرگن طرف متوجه ٿيو. هن عرصي ۾ هو گهڻو وقت درگاهن ۽ درويشن جي زيارتن، مريدن سان محبت ۽ سير و سفر ۾ گذاريندو هو. هن دور ۾ شاهه عنات درويشن جي شان ۾ بيت جوڙيا. هن دور ۾ سندس شاعري جي شروعات ٿي.
    هن دور ۾ هن ملتان ۾ شاهه خيرالدين جي درگاهه ۽ ملتان ۾ بهاؤالدين ذڪريا ۽ رڪن الدين جي روضن جون زيارتون ڪيون. هن دور ۾ هن ملتان جي گادي وارن ۽ ٻين بزرگن خاص ڪري ڀاون شاهه، محمد غوث ضياالدين، محمد باقر سان پاڻ مليو ۽ مقيدتمندي سان سندن گيت ڳايائين. هن پنهنجي سرجيل سرود ڌنا سري ۾ انهن درويشن کي خوب ساراهيو آهي.
    ”غوثان ختم بهاؤالدين نبيان ختم رسول.“
    *-*-*
    ”روضو رڪن شاهه جو، گوهر مٿس گُل،
    شعاع جا، سيد چئي، هاتڪ ڪرين هُل.“
    *-*-*
    غازي محمد غوث کي، اکڙين لال مڻان.
    تنهنجي ڀاون شاهه ڀلائي، سجي سڀيئي ديس ۾.

    سياسي شعور رکندڙ شاعر:
    60 70 سال واري دور ۾ شاهه عنات سياسي شعور جو مظاهرو ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ معلن جي حڪومت زوال پذير هئي. ڪلهوڙن ميان نصيرالدين جي اڳواڻي ۾ پنهنجي طاقت کي گڏ ڪيو. آزادي پسند عوام هن جو ساٿ ڏنو. هن ڪاڇي تي قبضو ڪيو ۽ چانڊڪا (لاڙڪاڻو) تائين پنهنجي طاقت جو دائروڌايو. سندس شهرت سڄي سنڌ ۾ عام ٿي ويئي. شاهه عنات پنهنجي دور جو وڏو شاعر ۽ مشهور بزرگ هو جنهن حب الوطني جي جزبي تحت ميان نصير محمد جي پٺڀرائي ڪئي ۽ هيٺيون بيت دعا طور چيو:
    نسرئو نصير، چانڊڪي ۾ چند ٿي،
    ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير،
    دمامي جي دؤنس سان، ڦري ٿيو صمير،
    آهي هي عنات چئي، سندو سنڌ همير،
    سي وئا هلي ڍاڍري، کڻي ڪروٿئون کير،
    تن کي گڏيو ڪين گس تي، بد نه بدگير،
    تن کي گيو ڪين گس تي، بد نه بدگير،
    خاصي خداآباد منجهه، عطر ۽ عنبير،
    جان جان ندي نير، تان تان طيل تنهنجي تجلو.
    هي دعائيه بيت ٻڌائي ٿو ته شاهه عنات کي پنهنجن وطن ۽ آزادي پسند ماڻهن سان ڪيڏي نه همدردي هئي. بيشڪ هو هڪ محب وطن شاعر، بزرگ انسان هو.

    مٺا مريد، پيارا دوست:
    ميون شاهه عنات فطرتاً نيڪ ۽ صالح شخص هو. هو ڀيد ڀاءُ کان گهڻو مٿاهون هو. هن جي محبت سڀني ماڻهن جي لاءِ هئي ۽ سڀيئي ماڻهو به هن سان عقيدت ڀري محبت ڪندا هئا. درگاهن تي زيارتن جي سببان هن جا معتقد وڌيا. مريدن جي دعوتن تي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ سير و سفر جو سلسلو اختيار ڪيو. هن کي رمضان ۽ پيرو کٽيءَ سان خاص محبت هئي.
    پيرو کٽيءَ سان شاهه عنات کي خاص محبت هئي پيرو کٽيءَ هڪ سٺو سگهڙ هو. لوڪ ادب جي سلسلي ۾ شاهه عنات ۽ پيرو کٽيءَ جون ڪچهريون مشهور هيون. هو هڪ ٻئي کي سوکڙيون به موڪليندا هئا. پيرو کٽي جي موڪليل پيروئن جي سوکڙين کي شاهه عنات ڏاڍو ساراهيندو هو.
    پيرو پيرون موڪليا، موتين جان موچار،
    تن ۾ اڇا، ڳاڙها، ڪارا پيار رنگ دار،
    اي کٽي خبردار، هوندين شال حضور ۾.
    معاشي بدحالي جي دور ۾ شاهه عنات هن جي لاءِ هي دعائيه بيت پڙهيو ۽ هن جي بدحالي دور ٿي ويئي.
    کٽي کيت م کير، توڙي سونا ئي سڳڙا،
    هيج منجهارئون هٿڙا مٿي ڀينڊيءَ پير،
    پيءَ ڏاڏي جي پير، سکيو هوندين، سيد چئي.

    شخصيت:
    ميون شاهه عنات هڪ خود خيال ۽ آزاد طبع شخص هو. هن جو سينو محبت سان ٽمٽار هو. هو پنهنجن مريدن ۽ معتقدن سان بنان تڪلف جي دوستن وانگر ملندو هو. پنهنجي مرشد خيرالدين سان سندس دلي محبت هئي. پنهنجن وڏن جي مرشدن لاءِ عزت هئي ۽ ٻين درويشن سان کيس محبت هئي. هو سنڌ جي هر فقير جو احترام ڪندو هو. جوڳين، سامين ۽ آديسسين سان محبتون ڪيائين. هو توحيد جو طالب هو ۽ توحيد ئي سندس مول مقصد هو.
    ”توکان مڱان تون آهين، ٻيو در ڪو نه سڃاڻان.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي اها راءِ وزندار آهي ته ”ميين شاه عنات صوفي درويش جي حيثيت ۾ شاعري ڪا نه ڪئي، بلڪ شاعري جي ڏات سندس واسطي درويشي جو باعث بڻي.“

    وفات:
    جانداني روايتن مطابق ميون شاهه عنات هجري سن 1120 1125هه ۾ 90 سالن جي وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. شاهه عانت جو روضو سندس پيءَ نصيرالدين شاهه جي روضي سان گڏ شيخ موسيٰ جي قبرستان (ٽنڊي الهيار کان 5 ميل اُتر طرف ڳوٺ ڀورل شاهه) لڳ آهي، جتي ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن.

    نيون روايتون سرجيندڙ شاعر:
    عام سنڌي قصن ۽ داستانن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل سروار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل سنڌي شاعريءَ جو لنواريندڙ ۽ سينگاريندڙ ميون شاهه عنات رضوي هو. هن کان پوءِ شاهه عبداللطيف سنڌي شاعري کي اوج تي پهچايو.
    (1) ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن مڪمل سنڌي رسالو جوڙيو. هو رسالي جوڙڻ جي روايت جو باني آهي. رسالي جوڙڻ جي لاءِ پهرين عوامي قصن ۽ داستانن کي سرودن / سُرن ۾ ورهائبو آهي. اُن کان پوءِ هر سرود / سُر کي فصلن ۾ ورهائبو آهي. هر فصل ۾ پهرين بيت هوندا آهن ۽ انهن جي پويان وائي / وايون هونديون آهن. شاهه عنات جي رسالي ۾ 22 سرود آهن. سرود ڪليان، سرود جمن، سرود کنڀات، سرود سريراڳ، سرود رامڪلي، سرود مارئي، سر پرڀات، سرود ڌناسري، سرود جيسري، سرود پورب، سرود ليلا، سرود آسا، سرود ڪاپائتي، سرود ڏهر، سرود مومل راڻو، سرود بلاول، سرود سسئي، سرود سورٺ، سرود سارنگ، سرود توڏي، سرود ڪاموڏ ۽ سرود ڪارائڙو.
    (2) ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن مجازي حسن ۽ عشق جي موضوئن تي شاعري ڪري، سنڌي شاعريءَ ۾ رنگيني، لطافت ۽ سحر انگيزي جو اضافو ڪيو.
    (3) ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن تصوف ۽ اخلاقيات سان گڏوگڏ سنڌ جي سورمن ۽ سورمين کي پنهنجي ڪلام ۾ جڳهه ڏيئي سنڌي شاعري ۾ نوان مضمون ۽ عنوان قائم ڪيا.
    (4) ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن بيتن ۾ وسعت پيدا ڪري، ان جي دائري کي وڌايو آهي.
    (5) شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي سورمن ۽ سورمين جي باري ۾ گهڻا بيت چئي انهن جي قصن ۽ داستانن کي مڪمل ڪيو.
    (6) شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن وائي جي صنف کي سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ڪيو هو وائي جي صنف جو باني مباني آهي هن ڪل 42 وايون سرجيون.
    (7) شاهه عنات رضوي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ٻاهرين توڙي ديسي بزرگن ۽ درويشن کي ساراهڻ لاءِ ”سرود ڌناسري“ لکي مدح جي صنف کي چمڪائڻ جو وڏو ڪم ڪيو
    .
    ميين شاهه عنات جي شاعري:
    ميون شاهه عنات ڪلهوڙن جي اوائلي دور جو عظيم شاعر ۽ تخليقي سرجڻهار آهي. هن عام سڌي قصن ۽ داستانن کي سروار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سموهي سنڌي شاعري کي خوب سنواريو آهي ۽ سينگاريو آهي. هن قصن ۽ داستانن جي سورمن ۽ سورمين کي نيون شڪليون ۽ صورتون بخشي لاجواب ڪردارن جي قطار ۾ بيهاريو آهي.
    ميون شاهه عنات هڪ وڏو تخليقي شاعر آهي. هن وٽ فڪر ۽ فن جا خزانا آهن. هو شاعراڻي ڏات ۽ بلند خيالي جي ڪري هڪ نامور ۽ قابل قدر شاعر آهي. هن پنهنجي شاعري کي سرودن ۾ ترتيب ڏيئي، سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي.
    ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن رسالي جوڙڻ جي روايت جو بنياد رکيو آهي. اِهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. اسان جا جديد سنڌي شاعر نوَن موضوعن ۽ نون عنوانن تي سُر سرجي رهيا آهن. اُهي شاهه عنات جي قائم ڪيل راهن تي هلندي ڄڻ هن کي خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن.
    ميين شاهه عنات سنڌي شاعري ۾ نوان موضوع ۽ عنوان قائم ڪري شاعرن جي لاءِ نيون راهون روشن ڪري ڇڏيون آهن. هن مجازي حسن جي ساراهه ۽ اُن جو کليو، سريلو ۽ موثر اظهار هن جي شاعري جو نئون ۽ نرالو عنوان آهي.
    ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ”سرود ڌناسري“ جوڙي اُن ۾ ٻاهرين توڙي ديسي ولين ۽ درويشن کي عقيدت سان ساراهي، سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي.
    ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن وائي جي صنف کي سنڌي ٻولي ۾ رئاج ڪيو. هو وائي جي صنف جو موجد آهي. هن جون ڪل 42 وايون مليون آهن. اُهي فني ۽ موضوعاتي لحاظ کان سريليون آهن، رسيليون آهن ۽ اعليٰ معيار جون آهن.
    شاهه عنات وطن جي ماڻهن کي خوب ساراهيو آهي. ”سرود سارنگ“ ۾ هن ٿر جي ماڻهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هي ماڻهو ڌرتي ڄاوا آهن. محنت ڪش آهن ۽ اُدم (پورهيو) انهن جو سرمايو آهي. ”سرود مارئي“ ۾ شاهه عنات ٿر ۾ رهندڙ ماڻهن جو خوب ذڪر ڪيو آهي. ڪکائن جهوپڙين ۾ رهندڙ ٿري ماڻهو جهوپڙين کي محلن سان مٽائن کي عيب سمجهن ٿا، روزگار انهن جو وڏو مسئلو آهي. اُهي مالدار آهن. انهن جو جيئڻ مرڻ برساتن تي منحصر آهي. شاهه عنات ٿر جي ڳاهن، ولين ۽ ٻوٽن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
    کهه، ڪوڙي، ڊهه مکڻي، جت ڳاڱيون ڳم ڳندير،
    ڀيريو، ڀُرٽ، ڀچٽي، ميڙين منجهه ملير،
    هُلرو، لُلرو، لنب لاڻي، هنجن واڇوٽو وير،
    ڍيٻي، ڍامن، ڍڪڻي، ڪانُو، ڪرٽو ڪرير،
    سڻ، سيارڇ، ساڏوهيون، ساريان منجهه سرير،
    تن کي واحد مينهن وسايا، ٿا هرئا ٿر ڍير،
    سيد چئي ساڻيهه جي گهر کٿيرين کير،
    ثابت رکي سير، پرچي اوءَ پنهوار سين.
    ٿر جا ماڻهو گاهن، ولين ۽ ٻوٽن کي مال کي کارائيندا آهن، ڏٿ طور هو پاڻ به کائيندا آهن ۽ انهن مان ضرورت جوشيون به ٺاهيندا آهن. ٿر جا ماڻهو غريب آهن، لاچار آهن پر وڪائو هال ناهن هنن کي پنهنجن ريتن، رسمن ۽ روايتن جو وڏو قدر آهي.
    شاهه عنات پنهنجي شاعري ۾ نج اصلوڪا سنڌي لفظ ڪم آڻي اِهو ڏيکاريو آهي ته نج سنڌي لفظ اسان جا پنهنجا آهن، اسان جي سڃاڻ آهن. اُهي اسان جي جذبن کي سهڻائي ۽ چٽائي سان ظهار ڪري سگهن ٿا. اُهي اظهار بيان جا مُوثر ذريعا آهن.
    شاهه عنات پهريون سنڌي شعار آهي، جنهن ”سرود توڏي“ ۾ سهڻي کي ايترو گهڻو ڳايو آهي. سهڻي جي ٻڏڻ بعد سندس ٻيڙن جي خوشبوءَ ۽ ٻهڪاءُ سان سڄي سائر جي سرهي ٿيئڻ واري نازڪ نڪتي جو بيان ڪيو آهي.
    پُڇو پاڻي وارين ته هي زر جبات ڪئا،
    لهرين لوڏي جو مُڪو، ٻيڙو مُنڌ مُلا،
    اولن منجهه، عنات چئي، کٿوري ٻهڪا،
    سائر سوهڻئا، سپوئي سرهو ٿيو.
    شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جوڳين، ڪاپڙين ۽ سنياسين کي تفصيل سان ڳائي سنڌي شاعري کي نئون موضوع فراهم ڪيو آهي. ”سرود رامڪلي“ ۾ شاهه عنات اُنهن جي تيرٿن ۽ تڪين جو ذڪر ڪيو آهي. هن ماه جوڳين گرو گناٿ ۽ ويرناٿ کي نالا کڻي ڳايو آهي.
    شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن هنجهن کي ڳائي سنڌي شاعري کي نئون عنوان عطا ڪيو آهي. هنج جيڪي اوچي ذات ۽ مٺڙي لات وارا آهن، جن جو اصلي وطن روهه آهي. اُنهن ۽ انهن جي هارين ۽ شڪارين جا تفصيلي اهڃاڻ ”سرود ڪارائڙو“ ۾ بيان ڪيا آهن.
    قرب جي قاصد ڪانگ کي شاهه عنات پهريون ڀيرو پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي ”سرود پورب“ ۾ شاهه عنات ڪانگل کي ساراهيندي خوب چوي ٿو:
    چڙهبو منهن چوُنهن، ڪانگل جي ڪُنڊ لَئين،
    ميان مون من موهيو، جتي سندي سونهن،
    اُني جو عنات چئي، وييهي ڪر ورهون،
    اوڏو ٿي، چئو اُنئن، سنيها سيڻن جا.
    شاهه عنات ”سرود بلاول“ ۾ سخي ابڙي کي خوب ساراهيو آهي، جنهن سر ڏنو، پر سامون نه ڏنيون.
    سمن سهجن ۾، جکري جهو نه هوءِ،
    سيد چئي، سوالين کي عاقل ائين هي چوءِ،
    جنينءَ گهرجي جن کي، تن کي ڏيان توءِ،
    سام سمي جي هوءِ، جيڪي ٿئي جهان ۾.
    شاهه عنات سنڌي شاعري ۾ نوان نڪتا ڀري، اُن کي عوام ۾ مقبول بنايو آهي. هن عوام جي جذبن جي اظهار لاءِ نوان مثال، نيون ترڪيبون ۽ نوان محاورا گهڙيا آهن جيڪي سنڌي شاعري کي سينگارن ٿا ۽ اُن ۾ نوان آڻي اُن کي مقبوليت جي مٿاهين درجي تي پهچائن ٿا.
    ميين شاهه عنات سنڌي شاعري کي مقبول بنائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو آهي. هن رسالو جوڙيو آهي، سرود سرجيا آهن، بيت لکيا آهن، وايون گهڙيون آهن ۽ ڪيئي نيون روائتون گهڙي سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو آهي. اسان جا شاعر هن جي ادبي ڪارنامن کي ڪم آڻي، شاعري ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا.

    بيتن ۾ وسعت پيدا ڪرڻ:
    شاهه عنات جو ڪلام سندس زندگي ۾ شايع نه ٿي سگهيو. سن 1182هجري ۾ مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ لکي پورو ڪيو. جنهن ۾ هن شاهه عنات رضوي جي باري ۾ لکيو ته ”هو سنڌي زبان جو ڪامل شاعر ٿي گذريو آهي ۽ سندس بيت معرفت جي صاحبن جي زبان جو ورد آهن ۽ يقين جي حقيقتن کان واقف ڪندڙ آهن.

    عوامي قصن کي عنوان ۾ سموهڻ:
    شاهه عنات کان اڳ ۾ ڪن سنڌي شاعرن توحيد ۽ طريقت جي تبليغ لاءِ عوامي قصن جو استعمال ڪيو. معين علي شيرازي، شاهه ڪريم ۽ ٻين جي بيتن ۾ عوامي قصن ۽ داستانن جهڙوڪ مورڙو ۽ مڇ، سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلان چنيسر، مومل راڻي، سهڻي ميهار، کاهوڙين ۽ سپڙ ڄام جا اهڃاڻ ملن ٿا. ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن انهن قصن سان گڏ سنڌ جي ٻين مشهور داستانن سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي، کاري کِرائن، سامين ۽ پوربين، آتڻ ۽ ڪاپائتين، لاکي ۽ رٻارين، ابڙي، سامن ۽ جکري ۽ ڪرن جهڙن سخي مردن کي دل کولي ڳايو. شاهه عنات سنڌي شاعري کي انهن عنوانن ۾ سموهي نه فقط هڪ نئون ۽ وسيع ميدان هموار ڪيو بلڪ انهي رسم ۽ راهه کي آئنده لاءِ شاهه راهه بڻائي ڇڏيو.

    بيان جي ڳوڙهائي:
    شاهه عنات بيت، مولود ۽ وايون جوڙي، انهن ۾ بيان جي ڳوڙهائي، رواني ۽ رنگيني ڀري عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هي مثال بيان جي ڳوڙئي، رواني ۽ رنگيني جا اهڃاڻ آهن.
    ڪٺ ڪهونم، نيٽ تڙ، جت ورک وسيهر ويڙ،
    اونهان ڪن، عنات چئي، ڀون ڀورائين ڀيڙ،
    سا منڌ ميين سين ميڙ، جا واقف نه وڻڪار جي
    (سرود ديسي)

    نوکنڊ ناڏ ٿئا، ڪئا وڄن ونڪا وسين،
    پلٽيا پارون ڪري، مٿي نوڻن نيس،
    اهڙو اوطاقن ۾، ماري ويٺا ميس،
    سڄڻ ديسان ديس، پکا رکن پاڻ ۾.
    (سرود سارنگ)

    سائر لهرون، ريج وڻ، جيئن سي پکين پک،
    وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳنيندو ڪک،
    اونهون ڏيهه عظيم جو، پيم تان نه پرک،
    تهان مٿي لک، ڀال ڀلي جا ڀانيان.
    (سرود ڪلياڻ)

    بيان ڪرڻ جو فن:
    ميين شاهه عنات پنهنجي مضمون کي نڀائڻ لاءِ لفظن ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪري، سنڌي شاعري ۾ وڏي وسعت آڻي بيان ڪرن جي فن کي موثر ۽ سگهارو بنائي وڏو ادبي ڪم سرانجام ڏنو آهي. انهن سهڻن مثالن جو مزو ماڻيو:
    چرخو ائين چور، جيئن ڀُون ڀڻڪو نه سُڻي.
    *-*-*
    ڪانگ تنهنجي چانگ، منهنجو جڏو جيءَ جياريو.
    *-*-*
    هن سر آئي ڪو، آب اڃيو ئي نه رهي.
    *-*-*
    وليون ٿيون ويهين، اُٺا مينهن، عنات چئي.
    *-*-*
    تارا اوتارا، ونيون وڇاڻو پرين جو.

    وائي جي شاعري:
    موجوده ڄاڻ مطابق وائي جي صنف جو باني مباني ميون شاهه عنات آهي. هن ڪل 42 وايو لکيون جيڪي سندس رسالي ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ ۾ شامل آهن.

    وائي هڪ عوامي صنف:
    ميين شاهه عنات وائي جو قالب گهڙيو. اُن کي سنڌي ثقافت جو ويس پارايو. لفظن جي لئي کي وائي جي لئي سان هم آهنگ ڪيو. اُن تي سنڌ جي سماجي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي جڙت ڪئي. اُن کي مجازي حسن ۽ عشق جي رنگن ۾ رنگيو ۽ عام ماڻهن جي سادي سلوڻي ٻوليءَ جي ذريعي عام ماڻهن جي جذبن، احساسن، فڪر ۽ نظرين جي اظهار جو هڪ موثر ۽ بي بها ذريعو بنايو.

    وائي جا رنگ:
    ميون شاهه عنات هڪ صاف دل شخص ۽ کليل دل وارو انسان دوست شاعر آهي. هن مولود، بيت ۽ وائي جي صنفن کي خوب ترقي ڏياري. هن سوچي سمجهي وائي جي سٽاءَ جوڙي ۽ ان ۾ تجربا ڪري وائي کي مقبول صنف سُخن بنايو. هن جون وايون، فني توڙي موضوعاتي طريقي سان اهم آهن. هن جون وايون حمديا آهن، نعتيه آهن، نصيحت واريون آهن ۽ غنائي آهن. سنڌ جي عوامي قصن جهڙوڪ سورٺ راءِ ڏياچ، ليلا چنيسر، عمر مارئي، سسئي پنهون، نوري ڄام تماچي وغيره تي رچيل آهن. جيڪي مجازي حسن ۽ عشق جي رازن ۽ رمزن کي اجاگر ڪن ٿيون.

    هيئت ۾ تجربا:
    شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ۾ وائي جي هيئت، فن ۽ موضوعاتي حيثيت کي اوج تي پهچايو. هن جي واين ۾ 1 کان وٺي 16 مصرائون هونديون آهن.

    وائي جي سٽاءَ:
    وائي جي سٽاءَ سادي، سولي ۽ سلوڻي آهي، هن جي وائي جي پهرين اڌ کان پوءِ قافيو ايندو آهي ۽ پويون اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي.
    (1) منهنجي سيد سار لهندو مونکي آهي اُميد الله ۾،
    (2) ساريان ملڪ ملير پيرون، کيرون، جيڏيون.
    ڪن واين ۾ ٿلهه جي پوئين اڌ کان پوءِ قافيو ايندو آهي جيڪو وراڻي طور ڪم ايندو آهي.
    (1) چانگي چرو چکيو، ڪي جو ڪاڪ تڙاءَ.
    (2) جو سر سرهو، نجهه اُتي ئي هون.
    شاهه عنات ٿلهه جي وچ ۾ قافيا آڻن سان گڏوگڏ قافين جي ڪمال ڪاريگريءَ سان مٽ سٽ ڪري وائي جي لئي ۾ نوان رنگ ڀري وائي کي وڌيڪ دلچسپ ۽ دلپذير بنايو آهي.
    (1) چونديس حال پنهوار،
    جي ٿر وڃان، ڀائر وڃان، آءُ اڃان.
    *-*-*
    (2) ٿي من موهيو ڄام،
    جو سونهن سڀن ۾ وِتري گنڌري
    ٿي من موهيو ڄام.

    وائي ۾ موسيقيت:
    شاهه عنات راڳ جو ڄاڻو هو. هن وائي جي لفظن کي وائي جي لئي سان هم آهنگ ڪري وائي ۾ دلفريبي ۽ سحر انگيزي آندي هن وائي کي ڳيچ جي لئي ۾ سرجي وڏو ۽ ڪارائتو تجربو ڪيو آهي ۽ وائي ۾ رس ۽ رچاءَ پيدا ڪيو آهي. شاهه عنات وائي جي لفظن ۽ وائي جي لئي کي هم آهنگ ڪرڻ واري روايت جو پهريون شاعر آهي.

    مشهور وايون:
    شاهه عنات جون وايون اڄ به ذوق سان پڙهيون وڃن ٿيون. جديد سنڌي شاعرن تي انهن جو اثر چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اچو ته هن جي ڪن واين کي پڙهون ۽ حظ حاصل ڪريون:
    (1) ڪاجا ڳالهه ڪيائون، يا الله، مون من تهين موهيو.
    (2) اي ميان، اَسونهن ڏيکار، پريان سندو پيچرو.
    (3) جو سر سرهو سوجهرو، هنج اُتيئي هون.
    (4) مٿو م کينڪار، يار، اڃان دان ڏيندو سين، مڱڻا.
    (5) پرين گهر پيهي چنيسر، هار هٿان مون ڇڏيو.
    ميون شاهه عنات وائي جي صنف جو روح روان آهي. هن راڳ جي ڄاڻ ۽ ميوسيقيت سان محبت جي ذريعي وائي کي سرجيو، سنواريو ۽ اُن کي سينگاري ڪلاسيڪل شاعري جي هڪ مقبول صنف بنايو آهي.

    راڳ جي ڄاڻ:
    ميون شاهه عنات راڳ جي ڄاڻ رکندڙ شاعر آهي. هو راڳ جي محفلن ۾ اُٿندو ويهندو هو. اُنهن ڪچهرين جي ڪري هن راڳ ۾ ڪافي ڄاڻ ۽ پروڙ حاصل ڪئي. هن پهريون ڀيرو بيتن ۽ واين کي سرودن ۾ سموهيو جن مان ڪلياڻ،، کنڀات، رامڪلي، پرڀاتي، ڌناسري، پورب، آشا، سورٺ، سارنگ ۽ ڪاموڏ تسليم شده راڳ ۽ راڳڻيون آهن. سندس راڳ ۽ سُرن جي ڄاڻ انهي ۾ ان مان ظاهر آهي جو بيتن ۾ ”وهاڳ“ جو نالو استعمال ڪيو آهي:
    جيائين جان چارڻ، يان ويلالهه وهاڳ جي،
    جاجڪ آهي ذات ته ويلا لهه وهاڳ جي.
    جيستري جو نالو پهريون ڀيرو شاهه عنات استعمال ڪيو. جيستري پوربي ٺاٺ مان هڪ راڳڻي آهي. سرود ڌناسري ۾ ڳيچ جي لئي ۾ رچيل وائي هن جي راڳ ۽ سرن جي ڄاڻ جو چٽو ثبوت آهي.
    مينڌي لال لائينديون، سهيليون،
    هت گل هار گلاب بني تي،
    سيد شهباز لال قلندر، در دولهه تي اينديون.
    ميندي لال لائينديون.
    شاهه عنات سڀني رنگن ۾ رنگجي شاعري ڪئي آهي. هن پنهنجي شاعري ۾ توحيد ۽ اخلاقيات، سلوڪ ۽ نصيحت جا نڪتا به استعمال ڪيا آهن ۽ عوامي قصن ۽ داستانن کي به خوب ڳايو آهي ۽ سنڌي شاعري جي عنوانن کي وسعت بخشي آهي. بيتن ۾ مجازي رنگ جي شاعري ڪري انهن کي خوب چمڪايو آهي.
    شاهه عنات واين جي سٽاءَ ۾ ڳائڻ جي لئي ڀري آهي. هن جا پيشرو شاعر قاضي قادن، شاهه ڪريم اصولي طرح صوفي ۽ درويش هئا، جن سلوڪ ۽ طريقت جي نڪتن کي بيان ڪرڻ خاطر بيت چيا. سندن واسطي شاعري مقصد نه پر ذريعو هئي. شاهه عنات لاءِ شاعري ذريعو نه پر هڪ واضح مقصد آهي، جنهن جي ذريعي هو انسانن جي جذبن، احساسن ۽ ويچارن کي ظاهر ڪري انهن کي انسانن جي قطار ۾ بيهاري، اُنهن جي عظمت کي اُجاگر ڪرڻ آهي.

    مجازي رنگ واري شاعري:
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چوڻ مطابق ”مجازي حسن جي اُپٽار ۽ مجازي حسن جي واکاڻ شاهه عنات رضوي ڪئي.“ هن سر کنڀات ۾ چانگي تي چڙهي محبوبن سان ملاقات جو مانڊاڻ منڊيو. شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن مجازي حسن جي تعريف ڪرڻ ۽ اُن جو کليو اظهار ڪرڻ جي نئين روايت جو سنڌي شاعري ۾ بنياد وڌو. انهي کان اڳ ۾ سنڌي شاعري جا موضوع هئا تصوف ۽ اخلاقيات شاهه عنات بيتن جي موضوئن ۾ نواڻ ڪم آڻي سنڌ جي سورمن ۽ سورمين جي سونهن ۽ سينگار کي خوب ساراهيو آهي.

    مجازي سونهن ۽ سينگار جي ساراهه:
    شاهه عنات مجازي حسن کي ساراهي بيتن جي عنوانن ۾ وڏي وسعت آندي آهي. سرود کنڀات مجازي حسن جي واکاڻ جو شاهڪار آهي.
    چنڊ چوڏس اُڀري، سهسين ڪري سينگار،
    پلڪ پريان جي نه پُڄي، جي حيلا ڪري هزار،
    جهڙو سڀ ڄمار، تهڙو دم دوس جو.

    مارئي جي مجازي سونهن جي ساراهه:
    شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سرود مارئي ۾ مارئي جي مجازي سونهنءَ جو اُپٽار ڪيو آهي.
    ”کوڻي ٻانهون ڏي، لوڪان ليکي وڄڙي.“
    *-*-*
    ”جڏ مارئي مٿو ڌوءِ، تڏ سورج سونهنءَ جهڪي ٿئي.“
    *-*-*
    اُڀي جوهي جهوپڙين، سڻ ڏيئي سڻ جهَل،
    پدمڻ جو پڌرو ٿيو، تنهين مُنهن مَهل،
    وڄون وسڻ آيون، اِن اباڻي اهل،
    ڪامل ٿئي ڪهل، سورج جي شرماڻ جي.

    مومل ۽ سهيلين جي سونهن جي ساراهه:
    شاهه عنات ”سرود مومل راڻو“ ۾ مجازي سونهن کي خوب ساراهيو آهي.
    راڻو ريجهايو جيڏيين، سڻ پٺن سندا پار،
    ڪن سينگار سيد چئي، وجهن هزاري هار،
    وارو سيهر اَڳرا، مٿي ڪيس ڪپار،
    هئا سائو سُوار، پر مومل ماڻي مينڌري.
    شاهه عنات مومل ۽ هن جي سهيلين جي سونهنءَ ۾ سينگار کي خوب ساراهيو آهي.
    گلبدن جون گُجريون، ارم اوڍيائون،
    چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون،
    مُشڪ محبت پاڻ ۾ لڱين لايائون،
    ڪوڏان پوتائون ڪچئان، سيلا سنڌيائون،
    اهڙي پر، عنات چئي، راڻو رانيائون،
    سو موٽي ڪين ۽ پاهون، جو وڃي ڪاڪ قراريو.
    شاهه عنات جي شاعري ۾ مجازي رنگ نمايان طور نظر اچي رهيو آهي. انهيءَ ڪري سندس ڪلام ۾ رنگيني آهي، لطافت آهي ۽ تازگي آهي جيڪا هن کي موهيو ڇڏي ۽ روح کي ريجهايو ڇڏي.

    ولين ۽ درويشن لاءِ عقيدتمندي:
    ميين شاهه عنات صوفي طريقي جي مڙني ولين ۽ دروشين سان دلي محبت ظاهر ڪرڻ جي هڪ نئين روايت جي سنڌي شاعري ۾ ابتده ڪئي. هن سرود ڌناسري لکي اُن ۾ نهايت ئي تفصيل سان ٻاهرين ولين ۽ درويشن ۽ سڌ جي درويشن کي عقيدتمنديءَ سان ساراهيو آهي.

    بغدادي بادشاهه:
    شاهه عنات شيخ عبدالقادر جيلاني جي ساراهه ۾ هي بيت جوڙي هن سان دلي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي:
    تون بغدادي بادشاه، اسين سنڌ فقير،
    جانڪيتان جيلان ڏونھ، آه عنات اُڪير،
    جو سؤنڪو منجهه سرير، سو غم گيلاني ڪٽئين.

    شيخ بهاؤالدين ذڪريا:
    شاهه عنات شيخ بهاؤ الدين ذڪريا، سندس فرزند شيخ صدرالدين ۽ پوٽي شيخ رڪن الدين جي فضيلت ۽ فيض کي خوب ساراهيو آهي. هن بهاءُالدين ذڪريا کي منفرد انداز ۾ ساراهيو آهي.
    غوثان ختم بهاءُالدين، نبيان ختم رسول،
    حاضر حضرت پير، جو موليٰ در مقبول،
    قادر ڪج قبول، اگلايون، عنات چئي.
    شاهه عنات بهاءُ الدين ذڪريا جي پوٽي شيخ رڪن الدين جي خوب ساراهه ڪئي آهي:
    روضو شاهه رڪن جو، پري جي پسن،
    اُن تان اُهک، عنات چوي لحظي منجهه لهن،
    سَڳر سي سڏجن، جن بهاءُالدين ڀيٽيو.

    قلندر لال شهباز:
    شاهه عنات رضوي قلندر لال شهباز جي عقيدت سان خوب ساراهه ڪئي آهي.
    نوکند ناماچار، اي پير تنهنجو پڌرو،
    ملوندي موچار ڏئو ٿئو ڏِسين ۾.

    سنڌي درويش جي ساراهه:
    شاهه عنات، سنڌ جي انهن درويشن جهڙوڪ شيخ موسيٰ اهيداڻي (ڪوريجو پير) درويش شيخ هوٿي، مخدوم لنجار، هوٿي ٻن لاکو، عالي شيرازي، شيخ احمد، شيخ محمد جو سرود ڌناسري ۾ عقيدت ۽ احترام سان ذڪر ڪيو آهي.باهيداڻي پير جي ساراهه ڪندي شاهه عنات چوي ٿو:
    اهيداڻي پير کي، ڪج صبح جو سلام،
    هلي اُت حاضر ٿي ڪهج ايءَ ڪلام،
    گولا ۽ غلام، اسين آنهجا آهيون.

    ميين شاهه عنات ۽ شاهه عبداللطيف جي ملاقات:
    شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي ملاقات هڪ ادبي اهميت وارو واقعو اهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، معمور يوسفاڻي ۽ ٻين پنهنجن مضمونن ۾ انهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. انهي ملاقات وقت شاهه عنات جي عمر 80 سال کن هئي ۽ شاهه لطيف جي عمر 18 23 سال هئي. شاهه عنات نصرپور ۾ مقيم هو ۽ شاهه لطيف جي رهائش حبيب حولي ۾ هئي. ٻئي هڪڙي ئي تر ۾ رهندا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ 15 ميلن جو فاصلو هو. اُن وقت شاهه عنات جي شاعري ۽ بزرگي جو ذڪر هر جاءِ مشهور هو. انهي ڳالهه شاهه لطيف جو ڌيان ڇڪايو. شاهه لطيف شاهه عنات وٽ رس رهاڻ لاءِ ايندو ويندو هو. شاهه عنات شاهه لطيف کي گهڻو ڀائيندو هو ۽ شاهه لطيف شاهه عانت جي گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو هو. ٻنهي جي وچ ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي ڪلام ٻڌائيندا هئا.

    سوال جواب وارا بيت:
    ڪن روايتن موجب شاهه عنات ۽ شاهه لطيف سوال جواب ۾ بيت چيا.
    (1) شاهه عنات هي بيت چيو:
    زرخريد جتن جي، هي گولي بندي آهه،
    آ جيڻ عنات چئي، هٿ آرياڻي آهه،
    سو مون سڏ سهاءِ جينءَ ٻانهي ڪوٺين ٻاجهه سين.
    شاهه لطيف جواب ۾ هي بيت چيو:
    ڪنيز ڪيچن جي، ٻانهي ٻانهوتي،
    پئي ٻروچ هٿ ۾، چڳن سين چوٽي،
    مٺيءَ کي موٽي پاڻهي پُڇندو پٻ ۾.
    (2) شاهه عنات جو هي بيت آهي:
    پرت پڃارا جن جا، ڪوري موچي پير،
    اهکي منجهه عنات چئي، سي ڪيئن لگهندا سير،
    شاهه لطيف جواب ۾ هي بيت چيو.
    ذات نه آهي ڏات، جو وهي سو لهي،
    آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي،
    جو وٽن رات رهي، سو مان لهندو مڱڻو.
    (3) هڪ دفعي شاهه عنات هي بيت چيو:
    هوء جي رنڱ رڱئين، سي کٽي کنڀ کڻي ويا،
    اتائون آڻين، ماڻهو ميرا ڪپڙا.
    شاهه لطيف جواب ۾ هي بيت چيو:
    اڃا ئي آهين، ڪلجڳ اندر ڪاپڙي،
    لالائي، لطيف چئي، لاڳ چڱي لائين،
    ٿا نيت مطابق نين، ماڻهو ميرا ڪپڙا.

    بيتن ۾ هڪجهڙايون:
    شاهه لطيف جي بيتن ۾ ڪٿي ڪٿي شاهه عنات وارو رنگ نظر اچي ٿو. ڪن بيتن ۾ شاهه عنات جي فڪر ۽ مضمون به مضمون به ڪم آندو اهي. هن جي بيتن ۾ ڪم آندل لفظ، ترڪيبون ۽ اصطلاح به ڪم آندا آهن.
    (1) هي سٽ شاهه عنات جي بيت جي آهي:
    اوگڻ پائي پاند، پرين آيس تو مڻي.
    هي شاهه لطيف جي بيت جي سٽ آهي.
    ”اوگڻ ڪري اپار، تو در آيس داسڙا.“
    (2) شاهه عانت ائين چيو آهي:
    ”سڄڻ سوڀارا، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آيا.“
    شاهه لطيف وري هيئن چيو آهي:
    ”سڄڻ سوڀارو، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آيئو.“
    (3) هي شاهه عنات جو بيت آهي:
    ”آن گنڌري غريب، وهان ڪينجهر ڪنڌئين،
    تو سين ڄام قريب، ڏن ڏيندو ڏيج ۾.“
    شاهه لطيف وري ائين چوي ٿو:
    ”تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون گنڌري غريب،
    توسين ڄام قريب، ڪي ڏن ڇڏائي ڏيج جو.“
    بنان ڪنهن شڪ شبهي جي شاهه لطيف شاهه عنات کان ڪافي ڪجهه پرايو. شاهه عنات جو ڪم بنيادي آهي، جيڪو اوليت جو شرف رکي ٿو. اُن کي وسارڻ ممڪن ئي ناهي. شاهه عنات پنهنجي ڏات، ڏاهپ ۽ فنڪارانه پيش ڪش جي ذريعي ڪيتريون ئي نيون راهون گهڙيون ۽ نيون روايتون قائم ڪيون جن تي هلي سنڌي شاعرن سنڌي شاعري کي ترقي ڏياري ۽ ڏياري رهيا آهن.

    شاعريءَ جون خوبيون:
    ميين شاهه عنات جي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي، سندس شاعري جي ٻولي سادي، سلوڻي ۽ عام فهم آهي، جنهن کي ڪمال ڪاريگري سان پيش ڪيو ويو آهي. انهي ۾ مجازي حسن کي سُريلي ۽ رسيلي انداز ۾ ساراهيو ويو آهي. انهيءَ ۾ استعمال ڪيل لغت جي ڳوڙهائي حوصله مندي ۽ حيران ڪن آهي ۽ انهيءَ ۾ اعليٰ درجي جي رنگيني ۽ رواني ڀريل آهي.

    (1) عام فهم ٻوليءَ جو استعمال:
    ميين شاهه عنات جي شاعري جي پهرين خوبي آهي عام ماڻهن جي جزبن، احساس ۽ ويچارن کي ظهار ڪرڻ لاءِ عام فهم ٻوليءَ جو استعمال. شاهه عنات کليل دماغ وارو شاعر آهي، جيڪو عام ماڻهن سان محبت ڪري ٿو. هن جو واسطو عام ماڻهن سان آهي، جن سان هوءَ عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي فخر محسوس ڪري ٿو. ”سرود مارئي“ ۾ شاهه عنات تفصيل سان ٿر جي ماڻهن، انهن جي رهڻي ڪرڻي، انهن جي کاڌي پيتي جي شين، انهن جي پوشاڪ کي انهن جي ٻوليءَ ۾ ڳائي ٿر ڄاون جي زندگيءَ جي چِٽي تصوير چٽي آهي.
    هٿ ڪهاڙيون، چارن ڇاڙهيون، ويڙهن واهن واڪ،
    آڻين پڪا، ڏؤرن ڏڪا، هِنڌ انهي هيراڪ،
    سُڪي سوڪڙ، ڪانبي ڪوڪڙ، منهن ۾ مڃر ماڪ،
    ستيون سيلن وتيون، مٿن کٿيون، حق وهيڻيون هاڪ،
    اُني جي اوطاق، پسان شال، سيد چئي.

    (2) مجازي حسن جي ساراهه:
    ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جي ٻئي خوبي آهي مجازي حسن جي ساراهه لاءِ سريلي ۽ رسيلي اسلوب جو استعمال شاهه عنات تصوف ۽ اخلاقيات سان گڏوگڏ مجازي حسن ۽ عشق جا مانڊاڻ مچائي، رنگ رچايا آهن. سنڌ جي سورمن ۽ سورمين جي سونهن کي نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ سان ساراهي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. سرود ڪاموڏ ۾ نوري، جيڪا ڄام تماچي جي راڻي آهي، جي سونهنءَ کي ساراهي حد ڪري ڇڏي آهي.
    جهڙي سونهن سندياس، تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو،
    طول تنهنجي سين، راڻيون اچن نه راس،
    مور ڇل پاڻ مٿاس، اُڀو تماچي هڻي.

    لُغت جي ڳوڙهائي:
    ميين شاهه عنات جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي لغت جي ڳوڙهائي. شاهه عنات سرود مارئي، سرود مومل راڻو، سرود ديسي ۽ سرود رامڪليءَ ۾ اُتي جي ماڻهن جو عام فهم ٻوليءَ ۾ ذڪر ڪندي انيڪ لفظن ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو پيش ڪيو آهي. سرود رامڪليءَ ۾ سامين جي سامان، انهن جي ڪپڙن وغيره جو ذڪر ڪندي نون لفظن ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو پيش ڪيو آهي.
    تڪين سين توڙا، ڪاپڙين ڪين وڻي،
    ڄراٽي ڄيري سين، ڪارا ڪئائون ڪوڙا،
    اُن نه کنيا پاڻ سين، جامن جا جوڙا،
    اوڇڻ اڇوڙا، سجوڙا کي سڄڻين.

    رنگينيءَ ۽ رواني:
    ميين شاهه عانت جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي رنگيني ۽ رواني. شاهه عنات جي شاعري رنگيني ۽ رواني سان ٽمٽار آهي. سندس طرز تحرير ۾ رنگيني آهي، دلڪشي آهي ۽ دلفريبي آهي جيڪا موهيو ڇڏي ٿي / گهايو ڇڏي ٿي.
    چنڊ تنهنجي بات، مون کي آهي من ۾،
    الله لڳ، عنات چئي، تون اڇو منجهه رات،
    تن جنهين جي تات، سي ڏسي تون ڏيکار مون.
    شاهه عنات جي شاعري ۾ جيڪا رواني آهي اُها ڪارونجهر جبل جي برساتي ندي ڀٽياڻيءَ کان سرس آهي.
    ڪڄاڙئان ڪاهي، شُتر ان سينگارئا،
    ٽليون، ٽؤنر، هلريون، پلاڻيون پائي،
    اُٺ پُٺ، عنات چئي، ڪرهل ڪُڏائي،
    ٻانڀڻ کي ٻروچ جو، آسرو آهي،
    واڳون ورائي، ڦيرين مان فقير ٿي.
    (سرود ديسي)
    ادبي ڪارناما (Literary Contributions)
    ميون شاهه عنات هڪ لاجواب شاعر آهي، هن پنهنجي ڏات، ذهانت ۽ قابليت سان سنڌي شاعري ۾ ڪيئي ادبي اضافا ڪري وڏو مقام حاصل ڪيو آهي.

    (1) رسالي جو جوڙڻ:
    ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ رسالو جوڙيو. هو رسالي جوڙڻ جي روايت جو بانيءَ آهي. رسالي جوڙڻ لاءِ هن سنڌي قصن ۽ داستانن کي سرودن ۾ سموهيو. هن سُرن کي سرودن جو نالو ڏنو. هن جي رسالي ۾ 22 سرود آهن.

    (2) وائي جو اجراءَ:
    ميون شاهه عنات وائي جي صنف جو باني مباني آهي. هن وايون سرجي سنڌي شاعريءَ ۾ نون موضوعن ۽ عنوانن جو اضافو ڪيو. هن ڪل 42 وايون لکيون. هن جون وايون فني توڙي موضوعاتي طرح لاجواب آهن.

    (3) درويش جي ساراهه:
    ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ ۾ ولين ۽ نيڪ دل درويشن جي ساراهه ڪئي آهي. هن ”سرود ڌناسري“ ۾ ٻاهرين توڙي ديسي درويشن ولين توڙي درويشن جي فيض ۽ فضيلت کي ساراهيو آهي. انهيءَ ڪري هن مدح جي صنف کي سُڌاري، سنواري، خوب چمڪايو آهي.

    مجازي حُسن جي واکاڻ:
    ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن تصوف ۽ اخلاقيات سان گڏوگڏ مجازي حسن ۽ عشق جي عنوانن کي سنڌي شاعريءَ ۾ رائج ڪيو. هن سنڌي قصن ۽ داستانن جي سورمن ۽ سورمين کي کلي طرح ساراهي سنڌي شاعري ۾ رنگيني ۽ سحر انگيزي جو واڌارو ڪيو.
    چيو تاري جو ڪري، آ چنڊ چڙهي،
    بيٺو اُت اڙي، پسي پيشاني پرينءَ جي.
    (سرود کنڀات)

    نَوَن موضوعن ۽ عنوانن جو استعمال:
    ميين شاهه عنات شاعري ۾ نوان موضوع ۽ عنوان آڻي اُن ۾ وسعت پيدا ڪئي. هن سنڌي قصن ۽ داستانن کي تفصيل سان بيان ڪري، اُنهن کي مڪمل ڪيو ۽ سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين روايت جو اضافو ڪيو. ”سرود بلاول“ ۾ شاهه عنات سنڌ جي سخي ۽ سروهيه سردار کي ڳايو آهي. سمي ڏاتار جکري جي تعريف خوب ڪئي آهي.
    سمون سنڌ سمن ۾، جکري جهو نه ڪوءِ،
    اَٺي پهر، عنات چئي، اُڀو ائين هي چوءِ،
    اَلا! اچي ڪوءِ، ڏڏ وڏو ڏان گهُري.

    عبارت:
    ميون شاهه عنات هڪ منفرد ۽ سگهارو سنڌي شاعر آهي. جنهن سنڌي شاعري کي هڪ نئون موڙ ڏنو. هن سنڌي رسالو سرجيو، بيت تحرير ڪيا، وايون جوڙيون، مدح جي صنف کي چمڪايو، مجازي شاعري جو بنياد رکيو ۽ سنڌي شاعري کي نوان موضوع ۽ عنوان ڏنا. هن پنهنجن جذبن، ويچارن ۽ آدرشن جي اظهار لاءِ موثر ۽ ڪارآمد عبارت جوڙي آئنده جي سنڌي شاعرن لاءِ هڪ مثبت ۽ مستقل راهه گهڙي آهي.
    ميين شاهه عنات جي عبارت حسين آهي، رنگين آهي ۽ سگهاري آهي. نج سنڌي لفظ، نيون ترڪيبون، نوان محاورا، نيون تشبيهون، تجنيس حرفي ۽ رنگيني ۽ رواني هن جي عبارت جا اهم جُزا آهن.

    (1) نج سنڌي لفظن جو استعمال:
    ميين شاهه عنات جي سرود مارئي، سرود مومل راڻو، سرود ديسي، سرود بلاول، سرود رامڪلي ۽ سرود ڪارائڙو ۾ سنڌ جي مختلف حصن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولين ۽ لهجن جي نج سنڌي لفظن جو وڏو ذخيرو مهيا ڪري ڏنو آهي. هن نج سنڌي لفظ استعمال ڪري پنهنجي شاعري کي خوب مالا مال ڪيو آهي.
    سرود مارئي ۾ شاهه عنات سادي، سلوڻي ۽ عام فهم ٻوليءَ جي ذريعي ٿر جي شناخت ۽ ثقافت کي عمدگيءَ سان اُجاگر ڪيو آهي.
    پُسي پيڪيان پاند ۾، سا مون گهڻو سُهاءِ،
    هِت ڪيئن کيڻ کائي خوش ٿئان، ويٺي واٽ وهاءِ،
    ڍاٽي ڍول اکين ۾، رهندو ئي رهاءِ،
    سوٺا ڪيم سهاءِ، مون کي سدا ماڙيين.
    سرود رامڪلي ۾ شاهه عنات آديسين جي خوبين جو ذڪر ڪيو آهي. هن جي عبارت ۾ سنجيدگي ۽ ڳوڙهائي نطر اچي ٿي.
    اوجاڳي کي آڪرا، هو سمهڻ ڀانئين سورُ،
    اي پر آديسين جي گهر ڏانهن ڪن نه گهور،
    ڪنهن پريان جي پور، او وڍي ويراڳي ڪيا.
    سرود بلاول ۾ شاهه عنات عام فهم ٻوليءَ ۾ جکري سمي جي سخاوت کي ساراهي ڪمال ڪيو آهي.
    سمون ساوڻ مينهن جيئن، رات ڏسي نه ڏينهن،
    جيئن گهر جي جن کي، تن ڏياري تيئن،

    (2) محاورن جو استعمال:
    شاهه عنات رضوي نوان محاورا جوڙي پنهنجي عبارت ۾ نواڻ آندي آهي.
    (1) ٿڌي ڪوسي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.
    (2) اڻ چوندن ڪيم چوءَ، چوندن چيو وسار.
    (3) سکر سائي سِڪ، جا نه آڇجي عام کي.
    (4) سڏي پاڻ سڄو ڪري، عشق نه ڪري اڌ.
    (5) رکي جن الاهه، وار نه ونگو تن جو.
    (6) لاتون سي لهن، جنين سودو سچ جو.
    (7) نظر ڪري نهار، جن کمئو، تن کٽيون.
    اِهي محاورا شاهه عنات جي مشاهدي ۽ ڏاهپ جي ساک ڀرين ٿا.

    (3) تشبيهن جو فنڪارانه استعمال:
    تشبيهون دراصل تخليقي عمل مان ڦٽي نڪرنديون آهن ۽ اسلوب کي سنوارينديون ۽ سينگارينديون آهن. شاهه عنات جون تشبيهون، فڪري ۽ فطري آهن جيڪي هن جي عبارت ۽ شخصيت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي.
    شاهه عنات سرود جمن ۾ متارن کي پتنگن سان ڀيٽي هڪ نرالي نڪتي کي اجاگر ڪيو آهي.
    کامي کوري وچ ۾، پتنگ ويا پچي،
    اُني وٽ آتش جي، سڀڪا سُڌ سچي،
    موٽيو ڪو نه بچي، کامي سڀ خاڪ ٿيا.
    شاهه عنات سرود مارئي ۾ ماروئڙن جي محنت ڪش وَنين کي سيل ونين سَتين سان ڀيٽي اُنهن جي ڪردار کي اوچاين تائين پهچايو آهي.
    ستيون سيلن وتيون، مٿن کٿيون، حق وهيڻيون هاڪ،
    اُني جي اوطاق، پسان شال، عنات چئي.
    شاهه عنات سرود مارئي ۾ ٿر ڄاول عورتن جي لال لويُن کي سج سان ڀيٽي هڪ نور ڀري تصوير چِٽي آهي.
    سج سڀاڻي جا ڪري، تهڙي لويُن وڻڪ لال،
    جن جي ڪال برابر سال، تن بنديئڙن بدا ڏئين.
    سرود ڪارائڙو ۾ شاهه عنات هنجهن کي نيڪ انسانن سان ڀيٽي چئي ٿو ته هنج چڪ، چلڙ ۽ گند کان پري رهن ۽ اڇي پاڻي ۾ وڃي موتي ميڙن.
    چُڻج ڪيم چاڪ ۾، اَڏو آءَ م اِٺ،
    وانءُ اُڏامي اڇ ۾، جت موتين ناه مِت،
    هونگارج هنجهن سين، چڱي لاهي چت،
    پڪي رک پرت، ٿي طالبو تار جو.
    سرود بلاول ۾ شاهه عنات سخي سردار جکري سمي کي ساوڻ جي منيهن سان ڀيٽي هي نڪتو اجاگر ڪيو آهي ته جهڙي نموني مينهن جو ڪم آهي. لڳاتار وسڻ، تهڙي نموني هڪ سخيءَ جو ڪم آهي، سخاوت ڪندو رهڻ.
    سمون سنڌ سمن ۾، جکري جهو نه ڪوءِ،
    اَٺي پهر، عنات چئي، اُڀو ائين هي چوءِ،
    الا‘ اچي ڪوءِ، ڏڏ وڏو ڏانءُ گهري.

    (4) تجنيس حرفي جو استعمال:
    تجنيس حرفي سنڌي شاعري جي سونهنءَ آهي، سوڀيا آهي ۽ سڃاڻپ آهي. شاهه عنات ڪمال ڪاريگريءَ سان تجنيس حرفي جو استعمال ڪري پنهنجي عبارت کي خوب سنواريو ۽ سينگاريو آهي.
    کائي نه کٽڻهار، چندن جا چوپا ڪري،
    اڳر اوڏئي نه وڃي، سر کنڊ لهي سار،
    لائي جي لڳار، ميو متارو ڪيو.
    (سرود کنڀات)
    پلر پيتم جن سين، سي مارو مون ميڙ،
    پهري ويا پٽن تي مٿي ونهيان ويڙ،
    تن جهانگين سان م جهيڙ، جن جا ٿاڪ ٿرن ۾.
    (سرود مارئي)
    باغ، باغيچا بنگلا، راڻيون جت رَمن،
    اوئِس اُڀرئو عنبرين، ڪر گهڻيون ٿيون کِوَن،
    اُتان ئي عبير جا، ڇُٽا ٿا ڇُلن،
    عاقل ڪي اَچن، ڪاهي اُنهي ڪاڪتي.
    (سرود مومل راڻو)
    جي مُنهن ڏئين تون، هنيون ڏئين هوت،
    ته چُني چارئي پوت، اوسهه وٺي اُڪرين.
    (سرود آسا)

    ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جي اهميت:
    ميون شاهه عنات سنڌي ٻولي جو لاجواب ۽ بيمثال شاعر آهي. هن جي شاعري سنڌي شاعريءَ جو بنيادي پٿر آهي. شاهه عنات پنهنجي ڏات، ڏانءُ ۽ قابليت جي ذريعي ڪيترائي ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. جيڪڏهن هوءَ ائين نه ڪري ها ته سنڌي شاعري جي ڪهڙي حالت هجي ها.
    ميين شاهه عنات جي سامهون قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ لطف علي قادري وغيره جا ٿورا بيت هئا. اُنهن بيتن ۾ نه ڪي نوان موضوع هئا ۽ نه وري ڪي نوان عنوان. اُهي بيت تصوف ۽ اخلاقيات جي قدرن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. سنڌي شاعريءَ جو دائرو محدود هو. شاهه عنات پنهنجي دور جي ادبي حالتن جو جائزو وٺي، انهن کي سُڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آيو. هن بيت لکيا ۽ انهن ۾ نوان موضوع ۽ عنوان استعمال ڪري، بيتن جي دائري ۾ وسعت آندي. هن وايون لکي سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين ادبي صنف جو اضافو ڪيو. هن سنڌي رسالو جوڙيو ۽ رسالي لکڻ جي روايت جو باني مباني بنيو. هن ٻاهرين توڙي ديسي ولين ۽ درويشن جي فيض ۽ فضيلت کي ڳائي مدح جي صنف کي خوب چمڪايو. هن مجازي شاعري جي ذريعي سنڌي شاعري ۾ نئين تحريڪ جو بنياد رکيو. هن پنهنجي عبارت ۾ رنگينيءَ، رواني ۽ تازگي ڀري اُن کي مقبول بنايو.
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ ۾ ”شاهه عنات جو ڪلام اعليٰ شاعريءَ جا سڀ لوازمات پورا ڪري ٿو.“ هن جي شاعري ۾ تصوف ۽ اخلاقيات جا موضوع آهن. مجازي حسن ۽ عشق جي رازن ۽ رمزن جي چاشني آهي. اُن ۾ سنڌ جي ثقافتي، سماجي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو عڪس آهي. اُن ۾ رومانوي رنگ به ملي ٿو. جيڪو هن جي شاعرانه صلاحيت ۽ تخليق ڪاريءَ جو عمدو اهڃاڻ آهي.
    شاهه عنات جو سنڌي شاعريءَ لاءِ ڪيل ڪم وڏي اهيمت جو حامل آهي. اُهو بنهه بنيادي ڪم آهي. اُهو وسارڻ جوڳو نه پر ياد رکڻ جوڳو آهي. شاهه عنات جي ڪلام جي اهميت قائم آهي ۽ قائم رهندي هن ڪلام کي پڙهيو ۽ اُن تي غور ڪيو ته اسان کي صاف نظر ايندو ته سنڌي شاعري هن جي کنيل جَتننن ۽ هن جي ڪيل ادبي ڪارنامن تي ٽِڪيل نظر ايندي.
    ميون شاهه عنات پنهنجي ”سرود بلاول“ جي سورمي جکري سمي جهڙوآهي، جنهن ساوڻ جي مينهنءَ وانگي سخاوتون ڪيون ۽ ناموري ماڻي. شاهه عنات به پنهنجي ڏات، ذهانت ۽ قابليت جي ذريعي جيڪي ڪجهه حاصل ڪيون، اُن کي هڪ سونهاري سخيءَ جيان سنڌي شاعرن ۾ ورهائي وڏو مرتبو حاصل ڪيو. هاڻي اسان جي شاعرن، اديبن، نقادن ۽ دانشورن جو هي قومي فرض آهي ته هو ميين شاهه عنات جي ڪيل بيمثال ادبي ڪارنامن جو جائزو وٺن، اُنهن تي تحقيقات ڪري، مقالا ۽ مضمون لکي، هن جي اهميت کي اجاگر ڪن.


    مددي ڪتاب
    (1) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
    (2) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ميين شاهه عنات جو ڪلام جو مهاڳ.
    (3) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (4) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو.
    (5) ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (6) معمور يوسفاڻي. ڍوليو ڍٽ ڌڻي.
    (7) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.
    (8) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. لطيفي.


    مخدوم ابوالحسن(1070هه 1160هه) (1661ع 1750ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    ”مولوي ابوالحسن صاحب عربي ۽ فارسي ۾ اڪيچار ڪتاب لکيا آهن مگر سنڌي زبان ۾ سندس پهريون ڪتاب مقدمتھ الصلواتھ اسان کي مليو آهي جنهن جون مڪمل نظمون نماز ۽ وضوءَ جي مسئلن سان هم ڪنار آهن.“
    ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    ”(مخدوم ابوالحسن) ٺٽي جو وڏو عالم ٿي گُذريو آهي 1661ع ۾سندس ولادت ٿي ۽ 1700ع کان پوءِ وفات ڪيائون. مخدوم ابوالحسن عربي رسم الخط ۾ واڌارو آڻي سنڌي رسم الخط تيار ڪئي ۽ انهي رسم الخط ۾ الف الف اشجاع جي قافيي تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب مقدمتھ الصلوات لکيو، جنهن ۾ نماز جا مسئلا سلجهايل آهن. انهي ڪري کيس سنڌي ادب جو پايو وجهندڙ چيو ويو آهي.“
    ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    مخدوم ابوالحسن صاحب جي زندگي جو تفصيلي احوال ڪو نه ٿو ملي. پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو ٺٽي ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۽ تصنيف ۽ تاليف ۾ گُذاريائين. 1700ع ۾ مقدمھ الصلواتھ لکيائين. اُن جو مقصد بيان ڪندي چوي ٿو:
    ڪارڻ طالب طالبن رسالو لکيوم،
    مقدمھ الصلواتھ سنڌي نالو تنهن جو رکيوم.
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    مولوي (مخدوم ابوالحسن) عربي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن پر سنڌي ۾ رڳو هڪ مقدمة الصلوات يا ابوالحسن جي سنڌي آهي. ڪتاب جو مضمون نماز ۽ وضوءَ جي مسئلن تي آهي. مخدوم صاحب جي سنڌي هڪ خاص نظم ۾ آهي. جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏين ٿا. اها ابوالحسن جي سنڌي مولوي ابوالحسن تائين محدود نه رهي پر سنڌ جي مشهور عالمن ۽ فقيهن پنهنجي تصنيفات ڪلهوڙن ۽ ميرن جي حڪومت تائين سنڌي ۾ ڪئي.“
    محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ ڀاڱو پهريون

    ”(مخدوم ابوالحسن) ٺٽي جو لاثاني عالم ۽ باڪمال اديب هو. مذهبي علمن جو سبق ڏيندو هو. انهن ضرورتن هيٺ پاڻ اسلامي عقيدن متعلق هڪ ڪتاب ”مقدمھ الصلوات“ نالي لکيائون. هي سڀ کان پهريون ڪتاب آهي جو سنڌي ٻولي ۾ لکيو ويو.“
    سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب

    مخدوم ابوالحسن جي زندگيءَ جو احوال:
    سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ لکيو آهي ته: ”مخدوم ابوالحسن ٺٽي جو لاثاني عالم ۽ باڪمال اديب هو.“ هو مذهبي علمن جو وڏو ماهر هو. هو هڪ ئي وقت وڏو عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر هو. هو هڪ گهڻن رُخن وارو مڻيادار شخص ۽ مقبول عام بزرگ به هو.
    مخدوم ابوالحسن جي زندگي جي ڪا تفصيلي معلومات نٿي ملي. سنڌي علم ۽ ادب جو بنياد وجهڻ وارو مخدوم ابوالحسن سن 1070هه مطابق 1661ع ڌاري ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍي هوندي کان ئي وڏو قابل شخص هو. هن ٺٽي جي مدرسن مان قابل ترين بزرگن ۽ دانشورن جي اثر هيٺ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجو مدرسو قائم ڪيو. جتي هو مذهبي علمن بابت درس ڏيندو هو. ٿوريئي وقت کان پوءِ هو ٺٽي جو وڏو عالم بنجي ويو. ٺٽي کان سواءِ آس پاسي جي علائقن جا طالب علم هن جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. هو عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. هر هنڌ هن جي قابليت جو وڏو چرچو هو.
    1650ع کان پوءِ نواب حفظ الله جي حڪومت جي دور ۾ ٺٽي ۾ هڪ وڏي مذهبي تحريڪ شروع ٿي. سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان شيخ يوسف الدين بغدادي ٺٽي ۾ آيو جنهن جي وعظ ۽ نصيحتن جي ذريعي ٺٽي جي غير مسلم عوام کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ هو هزارن جي تعداد ۾ مسلمان ٿي ويا. اهڙن نَوَن مسلمانن کي اسلامي قائدن ۽ قانونن سان واقف ڪرڻ جي لاءِ زباني وعظ ۽ نصيحتون ڪافي ڪو نه هيون. ٺٽي جو هڪ وڏو مذهبي عالم مخدوم ابوالحسن ميدان عمل ۾ آيو. هن محسوس ڪيو ته اهڙن ماڻهن کي عربي ۽ فارسي ٻوليون سيکاري فقھ جي مسئلن کان واقف ڪرڻ قريب قريب ناممڪن هو. تنهن ڪري هن اهڙن ماڻهن کي اسلامي معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ انهن جي مادري ٻولي سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن عربي ۽ فارسي ٻولين جي حرفن جي ڀڃ ڊاهه ڪري سنڌي الف ب ٺاهي، جيڪو هن جو هڪ وڏو ادبي ڪارنامو آهي.
    مخدوم ابوالحسن جا عربي ۾ لکيل گهڻا ئي ڪتاب آهن پر سنڌي ۾ رڳو هڪ ڪتاب ”مقدمھ الصلوات“ يا ”ابوالحسن جي سنڌي“ آهي. هي ڪتاب نماز ۽ وضوءَ جي مسئلن تي لکيل آهي. مخدوم ابوالحسن جو هي ڪتاب ڏاڍو مشهور ٿيو. هن ڪتاب کي هو پنهنجي مدرسي ۾ پاڻ پڙهائيندو هو ۽ طالب علم وڏي چاهه سان پڙهي اسلامي عقيدن بابت مفيد ۽ مستند ڄاڻ حاصل ڪندا هئا. انگريزن جي شروعاتي دور تائين سنڌ جا مسلمان هن جي ڪتاب کي ڏاڍي چاهه سان پڙهندا هئا. ”مقدمھ الصلوات ليٿو ۾ ڇپيل آهي. جنهن کي ڏاڍي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. هن ڪتاب کي ننڍا ننڍا ٻار مدرسن ۾ پڙهندا هئا ۽ زالون گهرن ۾ ان جو مطالعو ڪنديون هيون.
    سن 1715ع ۾ مخدوم ابوالحسن حج جي ارادي سان مڪه معظم ڏانهن روانو ٿيو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هن جي ڪم کي جاري رکيو. مخدوم محمد هاشم کي مقدمھ الصلوات“ ۾ فقهي مسئلن ۾ اوڻايون نظر آيون. هن مقدمھ الصلوات کي بند ڪري پنهنجو ڪتاب ”فرائض اسلام“ پڙهائڻ جو ارادو ڪيو. مخدوم ابوالحسن جي شاگردن اُن تي وڏا اعتراض ڪيا ۽ مخدوم محمد هاشم کي مجبورن مقدمھ الصلوات پڙهائڻو پيو.
    مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ”تحفتھ الڪرام“ ۾ مخدوم ابوالحسن جي باري ۾ لکيو آهي ته ”هو وڏو عالم هو ۽ ٺٽي ۾ پڙهائي جو ڪم ڪندو هو. هن جو سنڌي نظم سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي.“ وڏي عمر جي ڪري هو نماز پڙهائي نه سگهندو هو. هن جي بدران هن جي ڀاڻيجي مخدوم عبدالله نماز پڙهائڻ جو ڪم شورع ڪيو.

    شخصيت:
    مخدوم ابوالحسن ڪامل اُستاد، وڏو عالم ۽ هڪ رحمدل بزرگ هو. هو روزي نماز جو پابند هو. هو وائيدي جو پڪو هو ۽ دين جو خدمتگار هو. هن جا شاگرد هن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. هن جي ساري شهر ۾ ڏاڍي عزت هئي. مسلمان ۽ هندو هن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. هو سڀني جي مسئلن کي حل ڪري ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو هو. هن جي هڪڙي معتقد نواب شهاب جي هڪڙي نوڪر جي باري ۾ شڪايت ڪئي ته هو بنان اجازت هن جي گهر ۾ اچي هن کي پريشان ڪري ٿو ۽ ڏاڍايون ڪري ٿو. مخدوم ابوالحسن پنهنجي ڀاڻيجي مخدوم عبدالله کي سڏي چيو ته ”ابا موريا پير پٺي اوليا وٽ وڃي منهنجا سلام ڏي ۽ چوينس ته مهرباني ڪري انهي ظالم کي ٽاريو جنهن ڪيترن کي رنجايو آهي.“ مخدوم عبدالله پرهه ڦٽي کان اڳ پير پٺي وٽ ويو ۽ موٽي آيو. نواب جو نوڪر جيئن انهي معتقد جي گهر ڏانهن پئي ويو تيئن واٽ تي اهڙو ٿاٻڙيو ۽ هڪ ڪِلي تي پيٽ ڀر ڪريو ۽ آنڊا ٻاهر نڪري آيا ۽ اُتي جو اُتي مري ويو. مخدوم ابوالحسن ڏاڍو رحمدل هو ۽ ستايل ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر رهندو هو. هو سڀني ماڻهن کي چاهيندو هو ۽ سڀيئي ماڻهو هن جو ڏاڍو احترام ڪندا هئا.

    وفات:
    مخدوم ابوالحسن 90 سالن جي وڏي عمر ۾ 1160هه مطابق 1750ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو ڪٿي آهي؟ انهي بابت ڪا به ڄاڻ موجود ناهي.

    تصنيفون:
    مخدوم ابوالحسن عربي ۾ بيشمار ڪتاب تحرير ڪيا. سندس سنڌي ۾ لکيل هڪ ئي ڪتاب موجود آهي. جنهن جو نالو ”مقدمھ الصلوات“ آهي. هن ڪتاب ۾ نماز روزي توڙي غسل بابت سمجهاڻيون ڏنل آهن. اهو ڪتاب سنڌي شاعري ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان جي اچڻ کان پوءِ ”سنڌي“ جي شاعري سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ خوب ترقي ڪئي.

    شاعريءَ جون نمايان خصوصيتون:
    مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر آهي. جنهن سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين قسم يا صنف جو بنياد رکيو. هن قسم جي شاعري جا آثار سيد لطف الله قادري جي شاعري ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. لطف الله قادري پنهنجي ڪتاب ”سنڌي رسالو“ جي مُنڍ ۾ ٻه ڊگها بند جوڙيا آهن. جن ۾ پهرين بند ۾ چهه مصراعون ۽ ٻئي بند ۾ يارهان مصراعون آهن. سنڌي ڊگهن بندن واري شاعري آهي،جنهن کي ڪيت چئبو آھي،
    مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعري جي لاءِ نئين الف ب جوڙي وڏو داد حاصل ڪيو. هن جي جوڙيل الف ب انگريزن جي حڪومت جي شروعاتي دور تائين مروج هئي ۽ پوءِ هاڻوڪي الف ب کي باقائدگي سان اختيار ڪيو ويو.
    مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر جنهن ”مقدمھ الصلوات“ ڪتاب تخليق ڪيو جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ جوڙيل پهريون ڪتاب آهي.
    مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيئڻ جي شروعات ڪئي ۽ غير مسلمانن جي معلومات لاءِ مقدمھ الصلوات جوڙيو.
    مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن شاعري جي مددگار لوازمن جهڙوڪ تشبيهون، استعارا، محاورا، تجنيس حرفي وغيره جي بدران مقصد اُجاگر ڪرڻ تي ڌيان مرڪوز ڪيو. شاعري جا مددگار لوازما شاعري نه آهي. شاعري مقصد کي ڪمال ڪاريگري ۽ هوشمندي سان بيان ڪرڻ جو نالو آهي.

    سندس شاعري
    مخدوم ابوالحسن هڪ وڏو عالم، اديب ۽ شاعر هو. هن جي شاعري پياري ۽ نياري آهي. هن شاعري جي مددگار لوازمن جي بدران شاعري جي مقصد کي ڪمال ڪاريگري ۽ ڏاهپ سان اُجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته سندس (مخدوم ابوالحسن) جو توَ جؤ شعر جي حسن ۽ نزاڪت ڏي گهٽ ۽ مقصديت ڏي وڌيڪ آهي.“
    شاعري جا مددگار لوازما شاعري ڪو نه آهن. شاعري مقصديت کي ڪمال ڪاريگري ۽ هوشمندي سان بيان ڪرڻ جو نالو آهي. ٺٽي جي شاعرن وقت جي حالتن مطابق نون ٿيل مسلمانن کي مذهبي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ شاعري ڪئي ۽ خوب ڪئي. اُنهن جي شاعري جو هڪ چِٽو ۽ واضح مقصد هو. هو مقصديت تي سچائي ۽ ايمانداري سان ڪاربند رهيا ۽ ڪلام جوڙي جَس حاصل ڪيو.
    مخدوم ابوالحسن جي شاعري کي ”سنڌي“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌي ڊگهن بندن وارو ڪلام آهي. سنڌي ڇند وديا جي اصولن مطابق لکي ويندي آهي. سنڌي ۾ اظهار بيان جي لاءِ دوهو (دوهيرو / ڏوهيڙو) ڊگهن بندن وارو ڪلام، الف اشجاع ۽ بيت جو استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌي ماترڪ ڇندن مطابق لکبي آهي. ڪڏهن دوها ڇند جي ماترائن مطابق ته ڪڏهن سورٺا ڇند جي ماترائن مطابق لکبي آهي. مخدوم ابوالحسن جي شاعري گهڻو ڪري ماترڪ ڇندن تي قريب قريب پوري هوندي آهي. جڏهن قرآن جون آيتون استعمال ڪيون وينديون آهن ته لازمي طور تي ماترائون وڌيڪ ٿي وينديون آهن. ماترڪ ڇندن مطابق وزن کي پورو رکڻ وڏو ڏکيرو ڪم آهي. وڏن وڏن شاعرن جي ڪلام ۾ به ڪٿي ڪٿي وزن ۾ گهٽ وڌائي نظر ضرور ايندي آهي.
    مخدوم ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ دوهي، ڊگهن بندن ۽ بيت جو استعمال ڪيو آهي.

    دوهو:
    دوهي يا دوهري ۾ ٻه هم وزن ۽ هم قافيا مصراعون هونديون آهن. ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ گهڻي قدر دوهي يا دوهري جو استعمال ڪيو آهي. نماز جي ضرورت بابت لکندي هن دوهي يا دوهري جو خوب استعمال ڪيو آهي.
    (1) هاڻي سُڻ سڄاڻ تون هنئين جن ڪنن،
    نه صحي پڇيو سڀڪو ڪارڻ پاڻ ڪمن.

    (2) پر پڇ پهرين قيام ڏينهن وحدت ڌڻيان پوءِ،
    ٿيندي صحي سلوات جي شڪ مڀائج ڪوءِ.

    (3) تانت ترسي تنهنجا شرط سڀيئي سک،
    ڪنان ڄيري ڄڀئين پاڻ پر اهرڻ رک.

    ڊگهن بندن جو استعمال:
    مخدوم ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ ڊگهن بندن کي ڪمال سان استعمال ڪري دانشمندي جو ثبوت ڏنو آهي. نماز جي رڪوع بابت سمجهائيندي هو چوي ٿو:
    مٿي مومن هٿڙا نيئي نرتان ڏيج،
    ڪري ڪشاديون آڱريون محڪم پر پڄيج،
    پر آڱريون عورتن کي نئن ۾ اپٽائج.
    رکن مر لڳ ڪري ساري سيکاريج،
    ٻانهون ساري ٻئي سي مؤنا ۾ موڙيج،
    پورو مٿو پٺ سين جوڙا جوڙ ڪريج،
    مهه اوچو جهليج اُٺ جيئن مرد جيئن لاڙيج،
    جيئن رکيو پاڻي نه رڙهي انپر پُٺ جهليج،
    پر پٺيون عوراتن کي ائن م اڏائيج،
    مرنائين ٿورڙو ساري سمجهائيج،
    ٽي ڀيرا تسبيح کي ڳجهوئي ڳڻيج،
    پنجون پٺيون پيرن جون نظر نهاريج،
    نانپي ڳريا تن جا ريڙهي ٻئي لائيج،
    اي پڻ آهي اڳري سنت سا ڄاڻيج،
    پر صحيح قول ڪتاب ۾ هن پر پروڙيج،
    جيئن لائن ڳريا پاڻ ۾ ڪراهت سمجهيج،
    سي ٻئي حال رڪوع ۾ موران م جوڙيج،
    چئين آڱرين جو فاصلو ٻنهي وچ رکيج،
    قيام ۽ سجدي ۾ پڻ ايءَ ئي پر پاريج،
    ڇهون اکيون پڌريون ستون قدم ڪريج،
    پر قد مان ٿي سجود ڏانهن نئين پُٺي منيج،
    جيڪي ذڪر جتهين سو تتهين پڄائيج،
    هڪڙي جو هند ٻئي نيئي م رسائيج.
    هن نظم ۾ 23 مصرائون آهن جن ۾ تجنيس حرفي جو رنگ ڀريل نظر اچي ٿو. محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ڀاڱو پهريون ۾ لکي ٿو ته ”اهو نظم جو نمونو مولوي صاحب (مخدوم ابوالحسن) سڄي ڪتاب ۾ فقط ٻن ٽن هنڌن تي ڪم آندو آهي.

    بيت:
    مخدوم ابوالحسن پنهنجي نڪتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ بيت جو به استعمال ڪيو آهي. بيت دوهي جو سڌريل نمونو آهي. هن ۾ ٻه يا وڌيڪ سٽون پاڻ ۾ هم قافيا هونديون آهن. پهرين سٽ جو قافيو بعضي بعضي وچ ۾ اچي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن وري ٻئي حصي جي پٺيان ڪم اچي ٿو پر پوئين سٽ جو قافيو هميشه وچ ۾ ايندو آهي. مخدوم ابوالحسن بيمار جي صفائي بابت ڪلام ۾ بيتن جو سُٺو استعمال ڪيو آهي.
    مڙس محرم مڙس ٿئي جوءِ محرم جوءِ،
    توڻي ماءُ ڀيڻ سڳي، توڙي گوليس هوءِ،
    هاڻي هنيان پوءِ، سک صورت نهه لهرائن جي.
    *-*-*
    پير جيڻي جي چيت ڪنان، ننهن کي لاهي،
    ڏائي پير جي چيت اتي نيئي پڄائي،
    شرح ۾ مشڪواة جي ائين فرمائي،
    مبارڪ متبرڪ کهي صورت ايءَ آهي،
    هاڻي هنئين لائي پڙهه موٽي مسائل غسل جا.
    ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ واضح ۽ سهائيندڙ قافيا ڪم آندا آهن. ڪٿي ڪٿي هن جي ڪلام ۾ ڪافي اڻسهائيندڙ قافيا به استعمال ڪيل آهن.
    آهي اسلام حق ايءَ ۾ ڪفر، ڪافر، ڪوڙ،
    سائين ثابت رکو اسلام اُتي مڃون سون رسول.
    *-*-*
    هڪڙو ڏيئن هٿ ٻئي پيو پائي ماڳ،
    ٽيون لڱي پليتي لڳ کان دوئي ڪريج پاڪ.

    الف-ب جي جوڙ جڪ:
    مخدوم ابوالحسن جي شاعري جو هڪ واضح مقصد هو نوَن مسلمانن کي اسلام جي ڄاڻ مهيا ڪرڻ جيئن نه هو. بنان تڪليف جي اسلامي اصولن کي سمجهي ۽ اُنهن تي عمل ڪري سگهن. انهي لاءِ مخدوم ابوالحسن کي ڪافي تڪليفون پيش آيون. نج سنڌي حرفن جون مقرر صورتون موجود ڪو نه هيون. ٻ، ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڦ، ج جهه، ڏ، ڊ، ڍ، ڙ، ک، ڳ، ڱ، گهه ۽ ڻ جون صورتون جوڙڻ لاءِ هن عربي ۽ فارسي جي حرفن جي ڀڃ ڊاهه ڪري اُنهن مان نج سنڌي حرفن لاءِ هي صورتون جوڙيون انهن صورتن جو تفصيلي ذڪر محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ، ڀاڱو پهريون“ ۾ هن طرح ڪيو آهي.
    ٻ = ب
    ڀ = بهه
    ٿ = تهه
    ڦ = ف (ڪٿي ڪٿي وري) ڻ يا تر
    ٽ = تهه، پهه
    ڄ ۽ جهه= ج
    ڃ = نج جيم جي اڳيان نون غنه
    ڇ = چيهه
    ڌ = دهه ڪٿي ڪٿي وري د
    ڍ = د
    ڙ = ر
    ک = کهه
    ڳ، گهه= گهه
    ڳ، گ= نگ (گ اڳيان نون غنه)
    ڻ = ن
    مخدوم ابوالحسن ڪيترائي حرف و سرڳ آوازن جي ضرورت خاطر جوڙيا. مثال طور ب ۽ هه مان ڀ، ت ۽ هه مان ٿ، پ ۽ هه مان ڦ، د ۽ ر مان ڍ ۽ چ ۽ هه مان ڇ.

    ڪلام جو مضمون:
    مخدوم ابوالحسن هڪ باڪمال استاد، کلي دل وارو بزرگ ۽ هڏ ڏوکي عالم هو. اسلام بابت ضروري ڄاڻ مهيا ڪرڻ جي لاءِ هن پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو درس ,تدريس, تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاريو. هن نون مسلمانن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ جدا الف ب جوڙي اُنهن کي مذهبي معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ هن ”مقدمة الصلوات“ تحرير ڪيو. ڪتاب لکڻ جو مقصد بيان ڪندي هو لکي ٿو ته:
    ”اٻوجهن جون اٻوجهيون سڄاڻ سنيون ڪن،
    ڍلا، پُٺ ڀلن جي رڙهي راهه پون.“
    مخدوم ابوالحسن نون مسلمانن کي مذهبي تعليم ڏيئڻ جي ڪم کي پنهنجي زندگي جو مقصد بنائي ڇڏيو. هن ڊگهن بندن تي مشتمل نطم لکي نوَن مسلمانن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو. مخدوم ابوالحسن جي ڪلام ۾ تمام زور مقصديت تي ڏنل آهي. انهي ڪري هن شعر جي ٻين مددگار لوازمن جهڙوڪ تشبيهن، استعارن، محاورن، تجنيس حرفي وغيره تي گهٽ توجهه ڏنو آهي.
    مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جو مضمون نماز، وضوءَ ۽ غسل وغيره جي مسئلن تي ٻڌل آهي. هن پنهنجي ڪلام کي ڄاڻي واڻي پابندي ۾ رکيو آهي نه ته هن جهڙو عالم فاضل، اديب ۽ شاعر پنهنجي ڪلام کي شاعري جي سموري خوبين سان ضرور سينگاري ها. عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌيون“ ۾ هن جي مضمون جا سمورا تفصيل هن ريت بيان ڪيا آهن. ”نماز جي ضرورت، وضوءَ جا فرض، وضوءَ جون سنتون، وضوءَ جا مستحب، غسل جو بيان، ميت جو غسل، نماز جو وقت، فرض، واجب ۽ سنتون، نماز جا ڀڃيندڙ وغيره.“ مخدوم ابوالحسن چاهيو ٿي ته مذهبي اصولن کي سمجهي اڻ ڄاڻ سڄاڻ ٿي ويندا ۽ ڍلا ڪوششون ڪري ڀلا بنجي ويندا ۽ الله جي خوشنودي حاصل ڪندا.
    ”موليٰ مرهي تن کي ڪلمو جي چون.“

    ڪلام جون خوبيون
    مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي پهرين خوبي آهي مقصديت جو سچو ۽ چٽو اظهار بيان. هن پنهنجي ڪلام ۾ مقصديت تي خاص ڌيان ڏنو ۽ ڪلام جي مددگار لوازمن جهڙوڪ تشبيهون، استعارا، محاورا، تجنيس حرفي وغيره کي پٺيان ڇڏي ڏنو. 1700ع ۾ هن ”مقدمة الصلوات“ جوڙي راس ڪيو. هن پنهنجي ڪلام لکڻ جو مقصد بيان ڪندي چوي ٿو:
    ”ڪارن طالبن طالبين رسالو لکيوم،
    مقدمة الصلوات سنڌي نالو تنهن رکيوم.
    مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي ٻي خوبي آهي ته هو موضوع/ مضمون سان موافقت رکندڙ ڪلام چئي پنهنجي مقصد کي هر صورت ۾ مٿاهون رکي ٿو. اهڙو ڪلام چوڻ ڪو سولو ڪم ناهي. انهيءَ جي لاءِ مقصد کي مٿاهون رکڻ لاءِ ڪلام جي ڪيترن ئي لوازمن کان پاسو ڪرڻو پوي ٿو.
    مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي ٽئين خوبي آهي. مقصد کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ سادي، چٽي ۽ مقامي ٻوليءَ جو استعمال هن جي ڪلام ۾ هر مرحلي تي مقصديت ۽ عبارت ۾ هن آهنگي ۽ مناسبت آهي.
    مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي چوٿين خوبي آهي ته هن پنهنجن جذبن، ويچارن ۽ آدرشن تي ضابطو رکي پنهنجي مقصد کي هر حالت ۾ اُجاگر ڪري عام ماڻهن جي مذهبي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ صاف، واضح ۽ مستند عبارت ذريعي پيش ڪئي آهي ۽ خوب ڪاميابي ماڻي آهي.

    مخدوم ابوالحسن جون ادبي خدمتون:
    مخدوم ابوالحسن ڊگهن بندن تي مشتمل نظم لکڻ جي شروعات ڪئي. هو ئي ڊگهن بندن تي جوڙيل نظم جو خالق آهي. هن جي اهڙي نموني جي جوڙيل نظم کي ”سنڌي“ يا ”ڪبت“ چئبو آهي. دانشمندي ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان جوڙيل اهڙي نظم تقريباً سوا سؤ سالن تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجندي رهي آهي.
    مخدوم ابوالحسن ”سنڌي“ تحرير ڪري سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين ڌارا جو اضافو ڪيو آهي. انهي نئين ڌارا سنڌي شاعرن کي خوب متاثر ڪيو ۽ اُنهن هن نئين ڌارا ۾ ڪلام جوڙي اُن کي خوب عروج ڏياريو ”سنڌي“ جي نئين روايت لوڪ شاعرن ۽ سگهڙ شاعرن لاءِ وسيع ميدان فراهم ڪيو ۽ اُنهن بيمثال ڪارناما سرانجام ڏيئي سنڌ جي ادبي ۽ لوڪ شاعري کي اوچي مقام تي پهچايو.
    مخدوم ابوالحسن سنڌي آوازن ۽ حرفن کي عربي ۽ فارسي حرفن جي ڀڃ ڊاهه ڪري هڪ نئين الف ب جوڙي هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هن جي الف ب جي جوڙيل پٽيءَ کي 1853ع واري ڪاميٽي غور ڪري اُهي حرف جيئن جو تيئن منظور ڪيا. اُها هن جي هڪ وڏي ادبي خدمت آهي، جنهن کي وساري نٿو سگهجي.
    مخدوم ابوالحسن جي وقت ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي سنڌ جي عالمن ۽ اديبن عربي ۽ فارسي ٻولين بدران سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا. مخدوم ابوالحسن نوَن مسلمانن جي مذهبي ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ ڪلام چوڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو بيمثال ڪتاب ”مقدمة الصلوات“ لکي پورو ڪيو. اِها هن جي وڏي ادبي خدمت آهي. جنهن کي هر ڪو سنڌي اديب ۽ شاعر عزت جي نظر سان ڏسي ٿو.
    مخدوم ابوالحسن جي اها وڏي ادبي خدمت آهي، جو هن پنهنجي ادبي صلاحيتن کي هڪ طرف رکي مقصديت کي مٿاهون مقام ڏنو. اِها هن جي خامي ناهي، ادبي ڪمزوري ناهي پر هن جي قابليت ۽ ذهانت جو پڪو ثبوت آهي.

    هن جي عبارت:
    مخدوم ابوالحسن جي عبادت پياري ۽ نياري (نرالي) آهي. اُها هن جي ڪلام ۾ مقصديت سان مناسبت تي ٻڌل آهي ۽ اُن سان هم آهنگي مطابق آهي. هو نڪو مقصديت کان هٽي ٿو ۽ نه ئي وري هو غير ضروري صنعتن، حرفتن ۽ شعري لوازمن کي توجو مرڪز بنائي ٿو. هن جي عبارت سادي آهي ۽ انداز بيان سادو ۽ عام فهم آهي. هن جي عبارت سولي، واضح ۽ عام فهم آهي. اُن ۾ سنجيدگي آهي، خلوص آهي ۽ سنئون سڌو اثر آهي.
    هن ميت جي ڪنن جي صفائي کي صاف ۽ سولي نموني سان هيئن بيان ڪيو آهي:
    ”ڪو ڏان مکيا ڪن ٻئي ته توکي سائين شال،
    سڻائي سچو ڌڻي سڏي ٻانگ بلال.“
    ڪفن وجهڻ کي عام فهم ۽ سادي نموني ۾ هينئن بيان ڪيو آهي:
    ”ٻه ڳرا ٽيون ٻنهي پارين، مٺيا تن ڪجن،
    موڪرائي ۾ ميت کي ويڙهي جيئن وجن،
    پر مٺيا پهرين چادر ۾ چيائون گهر جن،
    منجهينءَ ۾ ناهه ڪو احتياج سندو تن،
    امداد الفتاح ۽ متانت ۾ اُنپر ٿا لکن.“
    مخدوم ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ وقت جي مروج ٻولي ڪم آندي آهي جيڪا هر قسم جي تصنع ۽ تڪلف کان آجي آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ مشڪل ۽ ثقيل عربي ۽ فارسي لفظ استعمال نه ڪيا آهن، پر نج ۽ نڪور لاڙي محاوري وارن سادن ۽ سولن لفظن کي ڪم آندو آهي. سندس ڪلام ۾ لاڙي لفظ تمام گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا جيڪي هن وقت تائين استعمال ۾ ڪم نٿا اچن. عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌيون“ ۾ اهڙن ڪن لفظن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي:
    وترو = تِکو
    مهيلي = زال
    جها = جهڙا
    مُلا = وٽان
    ٻُجهن = ٻڌجن
    جيڻو = ساڄو
    رساڻي = رسائي
    مرهڻ = صاف ڪرڻ
    اُبهن = بيهن

    مخدوم ابوالحسن پنبهنجي ڪلام ۾ لاڙي محاوري جا اهڙا لفظ ڪم آندا آهن جيڪي اڄ ڏينهن تائين اُنهن اچارن ۽ معنيٰ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن.

    پُيو = پهتو
    ماڙهو = ماڻهو
    جيرو = جهڙو
    هيڙو = هڙو
    پانجو = پنهنجو
    هوءِ = هُجي
    توجو = تنهنجو
    ڪريج = ڪج
    ڪڄاڙو = ڇا.
    مخدوم ابوالحسن جي عبارت ۾ شعري صنعتن ۽ نزاڪتن جو استعمال ٿيل آهي ۽ خوب ٿيل آهي. هن تشبيهن جو عمدو استعمال به ڪيو آهي. هن نماز جو ذڪر ڪهڙي نه ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪيو آهي.
    ”پتو پهريون باب اي جو وضوءَ جو،
    هاڻي پڙهه نماز جو ٻهگڻ باب ٻيو،
    ته ٿئي نور نماز جي سين اندر سهائو،
    سهائي راهه لهين پسين پريان سندي لوءِ،
    جنهن نينهن نماز سين هنيان هيج ٿيو،
    منهن تنهن جو مولو ڪندو چوڏهين چنڊ جهو،
    ڪريو نينهن نماز سين ڪاهل ڪيم ٿيو،
    قلب ۾ توفيق سين اُڀائي آهيو،
    پوري ڪندو پاتشاهه آسون مَ لاهيو.“
    نماز جو ذڪر ڪندي مخدوم ابوالحسن سهڻين تشبيهن جو سهڻو استعمال ڪيو آهي. هو نماز کي نور سان ڀيٽي چوي ٿو ته نماز اندر ۾ روشني پيدا ڪري ٿي، سئين راهه ڏيکاري ٿي ۽ چهرن کي چوڏهين جو چنڊ بنائي ٿي. هن جي ڪلام ۾ اهڙيون تشبيهون هر هنڌ تڙيل پکڙيل نظر اچن ٿيون. هن اهڙين شاعرانه خوبين کي مقصديت جي ڪري کُلم کلان استعمال ڪرڻ کان ڄاڻي واڻي پاسو ڪيو آهي.
    مخدوم ابوالحسن جي عبارت نئين ۽ نرالي آهي هڪ وڏي عالم، اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ هو سهڻي شاعري جي سڀني لوازمن کان واقف هو ۽ جي چاهي ها ته اُنهن جو اظهار ڪري خوب رنگ رچائي ها. هن وقت جي سياسي ۽ مذهبي ضرورتن جو خيال رکي مقصديت کي مٿاهون مان ڏنو ۽ خوب داد حاصل ڪيو.

    مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي اهميت:
    مخدوم ابوالحسن هڪ وڏو عالم ۽ تخليقڪاريءَ جو ڏات ڌڻي هو. سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙ محمد صديق ميمڻ جي لفظن ۾ هو ”سنڌي علم ادب جو بنياد وجهندڙ هو.“ هن جي ڪارنامن کي وساري ئي نٿو سگهجي.
    اسان جي شاعرن، اديبن، نقادن ۽ دانشورن، جيڪي قابل آهن، ذهين آهي ۽ وڏا تجربيڪار آهن، پنهنجي ذهانت، قابليت ۽ تجربي جو استعمال ڪري ڪيترن ئي بيمثال ۽ قابل شاعرن جي ڪلام جو تنقيدي اڀياس ڪري اُنهن جي ادبي ڪارنامن کي عوام جي اڳيان ڪاميابي سان پيش ڪري نه سگهيا آهن. آئون ان کي اخلاقي ڪوتاهي تصور ٿو ڪريان. هڪ اڌ مضمون لکڻ يا هڪ اڌ ڪتاب لکڻ ڪو وڏو ڪم ناهي. اُنهن پنهنجي پسند جي شاعرن بابت ٻه چار لفظ لکي پنهنجين صلاحيتن سان انصاف نه ڪيو آهي.
    مخدوم ابوالحسن هڪ وڏو عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر آهي. هن جي ڪلام بابت تمام ٿوري ڇنڊ ڇاڻ ٿي آهي. انهي ڪري هن جي قدرداني نه ٿي سگهي آهي. اسان جا ڪي ڪي نقاد هن جي ڪلام کي آزاد شاعري سمجهن ٿا ۽ ٻيا نقاد هن جي ڪلام کي شاعري جي دائري ۾ شامل ڪرڻ کان انڪاري آهن. اُهي پنهنجي ادب ۽ شاعري کي ڪاپاري ڌڪ هڻي رهيا آهن.
    مخدوم ابوالحسن سنڌي ادب ۽ شاعري جو ناميارو سرجڻهار ۽ تخليقار مرد مجاهد آهي. هن جا ڪيترائي ڪارناما ۽ ادبي خدمتون آهن جن کي تنقيدي طور ظاهر نه ڪيو ويو آهي. ڪو به شاعر يا اديب پنهنجي معاشري ۾ مروج ريتن رسمن، ادبي لاڙن، اخلاقي قدرن ۽ سياسي ۽ مذهبي حالتن کي سامهون رکي پنهنجن احساسن، ويچارن ۽ آدرشن جو اظهار ڪندو آهي. اُنهن کي سمجهڻ کان سواءِ هن جي ادبي ڪارنامن جي سمجهڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. مخدوم ابوالحسن جي دور ۾ ٺٽي ۾ ادبي، سياسي ۽ مذهبي تبديليون رونما ٿيون. غير مسلمانن اسلام قبول ڪيو. نوَن مسلمانن جي مذهبي تعليم ۽ تربيت هڪ وڏو مسئلو ٿي سامهون آيو. ٺٽي جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن انهي مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ عربي ۽ فارسي جي بدران سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. مخدوم ابوالحسن پنهنجي صلاحيتن کي ڪم ۾ آڻي وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو. هن پنهنجي شاعري جي ذريعي اٻوجهن کي سڄاڻ بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. نوَن مسلمانن جي مذهبي ڄاڻ لاءِ هن هڪ ڪتاب ”مقدمة الصلوات“ لکيو جنهن کي ابوالحسن جي ”سنڌي“ چئبو آهي، هن پنهنجن جذبن ۽ ويچارن کي پاسيرو رکي مقصديت جو وڏو پرستار بنيو.
    مخدوم ابوالحسن سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين ڌارا (Trend) ”سنڌي“ جو بنياد رکيو. هو ئي ”سنڌي“ جي صنف جو باني مباني آهي. ”سنڌي“ سنڌي شاعري جي نج نڪور صنف آهي. جيڪا ڌرتيءَ جي سياسي، مذهبي ۽ ادبي اثرن هيٺ اُڀري، اُسري ۽ ترقي ڪري سنڌي شاعري کي خوب عروج ڏياريو.
    مخدوم ابوالحسن جي ”سنڌي“ سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. هن ”سنڌي“ کي پاڻ تائين محدود نه رکيو. هن ٺٽي جي ٻين شاعرن کي هن نئين قسم جي شاعريءَ ڏانهن متوجه ڪيو جن ”سنڌي“ ۾ طبع آزمائي ڪري ”سنڌي“ کي وڏو اوج ڏياريو. ابوالحسن جي ”سنڌي“ کان سواءِ مخدوم ضياالدين جي سنڌي، مخدوم محمد هاشم جي سنڌي، مخدوم عبدالله جي سنڌي، مخدوم غلام محمد بگائي جي سنڌي، محمد صالح جي سنڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي سنڌين ادبي دنيا ۾ موج مچائي ڇڏي.
    ”سنڌي“ جي شاعرن سنڌي جي مضمون ۾ وسعت آندي، مقصديت سان گڏوگڏ انهن شاعرن شاعري جي ٻين ضروري لوازمن کي سنڌين ۾ شامل ڪري سنڌين کي وڌيڪ دلڪش، دلچسپ ۽ مقبول عام بنائي ڇڏيو. انهن ”سنڌي“ جي موضوعن ۾ اضافو آندو ۽ سنڌين ۾ رسول اڪرم جي اخلاق، اعمال، اقوال ۽ احوال، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت، بناوٽ، نزاڪت، زماني بابت واقع نگاري، فصاحت، سلاست ۽ بلاغت جهڙن موضوعن کي سنڌين ۾ عشقيه ۽ مزاحيه موضوع به ملن ٿا جن جي هڪ پنهنجي اهميت آهي.
    مخدوم ابوالحسن جي ايجاد ڪيل نئين ڌارا ”سنڌي“ سنڌي شاعري ۾ هڪ نئون، نرالو ۽ توجه طلب باب آهي. انهي کان سواءِ سموري سنڌي شاعري اڻپوري ۽ بيمعنيٰ آهي.


    مددي ڪتاب:
    (1) ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ڀاڱو پهريون.
    (2) عبدالجبار جوڻيجو. ”سنڌيون“.
    (3) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (4) محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ ڀاڱو پهريون.
    (5) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.


    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه1102 هجري – 1689ع1165هجري – 1752ع

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    (1) ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پاڪستان جي چئن صوبن جي شاعرن مان هڪ مشهور ۽ نامور شاعر آهي. شاهه جو رسالو اُن جي خصوصيتن ۽ عوام سان محبت جو کُليو اظاهر آهي.“
    ڪرتار سنگهه عرش. شاهه ڀٽائي دا رسالا (پنجابي ڪار)

    (2) ”شاهه هڪ اعليٰ درجي جو وطن دوست هو. سندس زندگي توڙي ڪلام ۾ سندس حب الوطني جو ثبوت ملي ٿو. شاهه جي دل ۾ سنڌ لاءِ بي حد محبت هئي، جا رسالي ۾ پاريون ڪري پلٽي آهي. ٻولي، نظم ۽ خيالات جي لحاظ کان شاهه جو رسالو حب الوطني جو هڪ بي نظير گرنٿ آهي.“
    ڪلياڻ آڏواڻي. شاهه سچل سامي

    (3) ”لطيف جو رسالو فقط چند سُرن جو مجموعو نه آهي پر سندس رسالو هڪ دور جي تاريخ ۽ برصغير جي وڏي حصي جي جاگرافي آهي، هڪ زماني جي سلسليوار لغت (Cronochological Dictionary) آهي، لطيف جو ڪلام گذريل ٻن سؤ سالن جو پراڻو پيغام نه آهي، پر سندس ڪلام هر دور ۾ نئون نياپو ٿو ڏي.“
    ڊاڪٽر غلام علي الانا. لطيفي لات

    (4) ”لطيف سراپا جدوجهد آهي. هن جو ڪلام سڪ، محنت، سچائي، بردباري ۽ يقين آهي، هو پنهنجي مقصد کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. اُن کي ماڻن لاءِ هر هر قرباني ڏيڻ جو سبق ڏئي ٿو. هن پنهنجي وطن جي مٽي سان محبت ڪئي آهي.
    ڊاڪٽر سليمان شيخ. لطيفي لات

    (5) شاهه جو صوفياڻو ڪلام حال آهي. ۽ نه قال، جيڪو ذڪر ڪري ٿو، سو سندس اُنهي حالت جو گويا هڪ آئينو آهي. پنهنجو ئي آزمودو ۽ تجربو بيان ڪيو اٿس. (نه فقط ٻين کان ٻُڌل ڳالهيون ۽ نڪي ڪي فيلسوفن وانگي منطقي حجتون ۽ دليل پيش ٿو ڪري.“)
    ڊاڪٽر گربخشاڻي. مقدمھ لطيفي

    (6) ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو اُهو سدا حيات شاعر آهي، جيڪو ڪڏهن به مري مات ٿيڻو ئي ناهي، هن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جيئري ئي جهڙوڪ پنهنجي لاءِ ئي پنهنجي هڪ بيت ۾ چئي ڇڏيو آهي.“
    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.
    ڊاڪٽر سحر امداد. شاهه لطيف: هڪ تحريڪ هڪ جدوجهد

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سوانح عمري:
    (1) شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، سنڌ جو وڏو ڏات ڌڻي ۽ ناميارو شاعر ۽ تخليق ڪار آهي، هن جي ڪلا۾ سنڌ جيئي پئي ۽ ترقي جون سڀئي منزلون طعي ڪري پئي. شاهه سنڌ آهي. شاهه جي شاعري سنڌ جي ماڻهن جو آواز آهي ۽ سنڌ جي ريتن رسمن جي سچي تصوير آهي.

    پيدائش:
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1102هجري مطابق 1689ع 1690ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾ هالا حويلي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو شاهه حبيب آهي. هن جي ڏاڏي جو نالو سيد عبدالقدوس شاهه هو ۽ هن جي پڙ ڏاڏاي جو نالو سيد جمال شاهه هو. سنڌ جو وڏو صوفي ۽ شاعر عبدالڪريم بلڙي وارو هن جو تڙ ڏاڏو هو. شاهه عبداللطيف جو پيءُ ٿوري وقت کان پوءِ اچي ڪوٽڙي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهيو جيڪو ڀٽ کان ٻه ڪوه کن پري آهي.

    تعليم:
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پڙهيل هو يا اڻ پڙهيل ۽ جي پڙهيل هو ته هو ڪٿي پڙهيو ۽ ڪيترو پڙهيو اُنهي جي باري ۾ ڪا به مفيد معلوامت موجود نه آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه اڻ پڙهيل ڪو نه هو، ڊاڪٽر ٽرمپ جي لکڻ مطابق شاهه جو رسالو پڙهي اُهو معلوم ٿئي ٿو ته هو اُمي يا اڻ پڙهيل نه هو. هن جي رسالي ۾ آيل عربي ۽ فارسي ٻولي جي لفظن کي پڙهي اُهو معلوم ٿئي ٿو ته هن درسي تعليم ضرور حاصل ڪئي هوندي. هو عربي ۽ فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن کي پنهنجي مادري ٻولي تي مڪمل ضابطو هو. هو بلوچي، سرائڪي، هندي، پنجابي وغيره به چڱي طرح ڄاڻندو هو. اُن کانسواءِ هن جو تاريخي علم به وسيع هو. اُهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اڄ جو وڏو عالم به شاهه جي رسالي جهڙو ڪتاب لکي نه سگهندو.

    عشق جي چوٽ:
    شاهه حبيب هالا حويلي مان لڏي اچي ڪوٽڙي ۾ رهيو. اُتي مرزا مغل بيگ نالي هڪ وڏو ماڻهو رهندو هو. جيڪو ارغون گهراڻي مان هو. مرزا مغل بيگ ۽ سندس خاندان جو شاهه حبيب سان مريدي جو رشتو هو ۽ منجهس گهڻو اعتقاد هو. جڏهن ڪو بيمار پوندو هو يا ٻيءَ ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو هو ته شاهه حبيب کي دعا ڦيڻي لاءِ وٺي ويندا هئا. هڪ دفعي مرزا مغل بيگ جي نهايت خوبصورت نياڻي بيمار ٿي پئي. شاهه حبيب کي ماڻهو موڪليائون جيئن ته هو ٺيڪ نه هو، اُن ڪري هن پنهنجي فرزند شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي وڃڻ لاءِ چيو. ڇوڪري ويڙهجي سيڙهجي کٽولي تي پيئي هئي، ڇاڪاڻ ته هو وڏو پردو ڪندا هئا، صرف سيدن کي گهرائي دعا ڪرائيندا هئا. شاهه لطيف اُن نينگر کي ڏسي مٿس موهت ٿي ويو. نينگر جي چيچ کي هٿ ۾ جهلي چيائين ته ”جنهن جي سيد جي هٿ ۾، تنهن کي لهر نه لوڏو“ اُهي لفظ ٻڌي مرزا مغل بيگ ۽ سندس رشتيدار تپي باهه ٿي ويا، شاهه عبداللطيف کي اُن وقت ڪجهه به نه چيائون، مگر پوءِ ته اچي ساڻس اُبتا پير کڻڻ لڳا. شاهه حبيب کي به اڳي جيڪو مان ڏيندا هئا، سو هاڻ نه ڏيڻ لڳا، مطلب ته اُنهن سيدن کي ڏاڍو آزاريو. اُن ڪري سيدن کي ڪوٽڙي ڇڏڻي پئي ۽ ڳوٺ کان پري رهڻو پيو. شاهه عبداللطيف جي عمر اُن وقت ويهه ورهيه هئي، عشق جي چوٽ هن کي ذهني طرح ڏاڍو پريشان ڪيو، معشوق جي روين منجهس هڪ نئين قسم جو روح ڦوڪيو، اهو شڪ نه آهي ته عشق جي تاثير هيٺ هن جي شاعري ڀڙڪو کاهي ٻاهر اچي نڪتي، ڪڏهن ڪڏهن هو جهنگ منهن ڪري هليو ويندو هو. پر هاڻي ڏينهن جا ڏينهن مستن وانگي گذارڻ لڳو. هو محبوب جي فراق ۾ بيت چوندو وتندو هو، هڪ دفعي برپٽ ۾ هڪ واري جي دڙي تي عشق مٿس اهڙو ته غلبو ڪيو ۽ غشي ۾ اچي ويو، پنهنجي جسم ۽ جان، دنيا ۽ ماسوا جو ڪو سماءُ نه رهيو، ٽي ڏينهن برابر اهڙي حالت ۾ رهيو، جهولن ۽ جهوٽن کان واري جا تھ مٿانس وري ويا، شاهه حبيب گهڻي ئي ڳولا ڪئي پر پتو نه پيو، نيٺ هو پنهوار شاهه حبيب کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي باري ۾ ٻڌايو ۽ پوءِ شاهه حبيب لطيف کي هوش ۾ آڻي گهر وٺي آيو. شاهه جي شادي لاءِ مرزا مغل بيگ کان سڱ ڇڪڻ جي هر وجهه ڪوشش ڪئي هوندي.

    سير ۽ سفر:
    هڪ ڏينهن شاهه لطيف اوچتو ئي اوچتو جهنگ منهن ڏيئي اٿي هليو. واٽ تي شايد هڪ هندو سنياسين ۽ جوڳين جي ٽولي ملي ويئي، جن سان گڏجي پنهنجي محبوب جي وڇوڙي ۾ اُنهن جهڙي ڪفني پائي رلندو رهندو هو. بس، اُنهن جي صحبت ۾ گهڻيئي ملڪ ڦريو ۽ ڪيتريون ئي سندن تيرٿن جون جايون ۽ تڪيا ڀيٽيائين. لکپت ۽ گرنار تائين به ويو جتان موٽندي جيسلمير ۽ ٿر ۾ به سفر ڪيائين. اُنهي کان پوءِ گنجي ٽڪر ۽ لس ٻيلي جي سرحد وارن جبلن ۾ گشت ڪندي، لاهوت لا مڪان، هنگلاج ۽ سپر سخي جون زيارتون ڪيائين ۽ شڪ نه آهي ته اُتان ٿي قابل ۽ ڪنڌار ڏي ويو، جتان موٽڻ بعد وري ٻيو دفعو هنگلاج ۾ آيو، اُتي ڪن سببن جي ڪري جوڳي ۽ سنياسي هن کان پري پري رهڻ لڳا. تنهن ڪري اُنهن کان ڌار ٿي، ڪيچ مڪران لتاڙي ننگر ٺٽي ڏي رخ ڪيائين، رستي ۾ هلندي هلندي هڪڙي هنڌان هڪ دردناڪ آواز جو پڙلاءُ ڪن تي پيس، اڳڀرو ڏي ڇا ڏسي ته غار ۾ هڪ شخص هي مصرع هر هر پيو چوي:
    هيڪليائي هيڪ، پورينديس، پنهون ڏي.
    شاهه لطيف، اُن ماڻهو جي ويجهو وڃي، سلام ڪري پڇيو ته ”اي شخص تون ڪير آهين، هت ڇا ٿو ڪرين ۽ هي ڇا پيو چوين؟ هن وارڻي ڏني ته مان هڪ جت آهيان مان ۽ منهنجا ٻيا ٻه سنگتي، اُٺن تي شاهوڪاري مال لڏيو پئي وياسين، اوچتو هالن جي ڳوٺ وٽان لانگهائو ٿياسين، جتي ڪن فقيرن راڳ پئي ڳايو، انهي راڳ جي هڪڙي تڪ منهنجي دل ۾ اهڙي ڀي ويئي، جو اُنهي ڏينهن کان وٺي مان پنهنجو مال ملڪيت سڀ ڦٽو ڪري، رڳو اهائي تڪ ڳائيندو اچي هت نڪتو آهيان“ شاهه کي معلوم ٿيو ته هو ويچارو ڪو دردن جو ماريل آهي ۽ کيس چيائين ته ”جي تنهنجي مرضي هجي ته بيت جون ٻيون مصراعون به چئي ٻڌايان، جت اُنهي تي ڏاڍي خوشي ڏيکاري ۽ شاهه ٻي مصرع چئي ٻڌايس.
    ”آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل.“
    جت هي مصرع ٻڌي ويتر وجد ۾ اچي ويو ۽ شاهه کي بيت پوري ڪرڻ لاءِ منٿ ڪيائين جنهن تي شاهه پٽن مصرع به چئي ٻڌايس:
    ”ته ڪر ٻيلي آهر ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.“
    شاهه جو بيت پورو ڪرڻ ۽ جت جو مورڇا ٿي ڪرڻ، شاهه کي نهايت عجب لڳو ۽ ڏاڍو ارمان ٿيس. هٿ لائي ڏسيس ته حياتي ٺهيئي ڪا نه، پوءِ اُن کي اُتي دفن ڪيائين ۽ سندس قبر اڃا تائين واٽهڙن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
    نيٺ شاهه ٺٽي ۾ پهتو، ۽ شهر جي عالمن ۽ فاضلن سان ملاقات ڪيائين، مخدوم معين، جنهن کي مخدوم ٺارو به ڪري سڏيندا هئا، تنهن سندس گهڻي خاطري ڪئي، ٻنهي جي ايتري قدر ته پريت ٿي ويئي، جو شاهه جي ڀٽ وسائڻ بعد به هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا هئا.
    اهڙي طرح شاهه لطيف، اٽڪل ٽي سال سفر ۽ سياحت ۾ صرف ڪيا ۽ دنيا جو گهڻو تجربو حاصل ڪيائين، اُن کان پوءِ سندس دل ۾ اُڪير جاڳي ته هو هيڏي هوڏي رلڻ جي بدران هو پنهنجي وطن وڃي. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو اچي گهر نڪتو، پيءُ پٽ، هڪ ٻئي کي وڏي حب سان مليا، شادمانا ٿي ويا ۽ ورهين جا وڇوڙا لهجي منجهه لهي ويا.

    سير ۽ سفر جي حاصلات:
    اُنهن ٽن ورهن جي دوران شاهه لطيف دنيا ۽ دنيا جي ماڻهن جو چڱو آزمودو پرايو، گهڻائي ڏکڙا ڏٺائين، جهنگل جهاڳيائين ۽ ڏونگر ڏوريائين، ساڌن فقيرن سان صحبت ڪيائين ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميلاپ ڪيائين اُنهي جو اهو نتيجو نڪتو جو سندس قلب مان تعصب ۽ دوئي جي ڪٽ ڪورجي پئي، ۽ انسان ذات لاءِ همدردي زياده ٿي. انساني طبيعت جو هن ڳوڙهو اڀياس ڪيو، جنهن جو ڪافي ثبوت سندس رسالي ۾ ملي ٿو.

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شادي:
    ٿوري وقت کان پوءِ دل ذات جا ڪي شاهينگ، وجهه وٺي، اچي مرزا بيگ جي گهر تي ڪڙڪيا، پاڻ ۽ سندس ساٿي دَلن جي هٿان مارجي ويا. هو حادثو سن 1124هه مطابق سنه 1713ع ۾ ٿيو. هيڏانهن اچي مغلن جي زالن جي دل ۾ اچي وسو سو پيدا ٿيو ته سندن مردن جو موت سيدن جي رنج کان ئي ٿيڻو آهي. سي ڏاڍو پشيمان ٿيون ۽ اچي سيدن جي پيش پيون آخر ٻنهي طرفن جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿيو ۽ مرزا مغل بيگ جي نياڻي جو سڱ، شاهه عبداللطيف کي ڏنو ويو. هي اها ئي ساڳي بيبي هئي جنهن جي چيچ شاهه پنهنجي هٿ ۾ ورتي هئي. سندس نالو سيده بيگم هو، پر پوءِ مريد ادب وچان کيس ”تاج الملخدارت“ ڪري ڪوٺيندا هئا. بيبي سيده بيگم، هڪ نهايت پاڪ دامن، خليق ۽ علم واري زال هئي. صبح سانجهي قرآن شريف جي تلاوت ڪندي هئي، هو گهر جو سمورو ڪم ڪار پنهنجن ڪومل هٿن سان ڪندي هئي. شاهه لطيف کي ڪو اولاد نه ٿيو.

    فطرت سان محبت:
    شاهه لطيف پنهنجو ڪجهه وقت شعر گوئي ۾ صرف ڪندو هو، ته ڪجهه وقت رياضت ۽ عبادت ۾، ڪڏهن ڪڏهن ته اسلوڪي عادت موجب جهنگ منهن ڏئي هليو ويندو هو، جبلن، ماٿرين ۽ کليل ميدانن ۾ گهمڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. برسات جي موسم ۾ باغ ۽ راڳ جو چهچٽو ۽ لقاءُ ۽ فطرت جو جمال ۽ ڪمال کيس ڪشش ڪري، گهر کان ٻاهر ڪڍندا هئا، اُتي هن جي دل قدرت جي دل سان يڪسان ٿي ويئي ۽ جيڪي خيال من ۾ پرگهٽ ٿيا، سي قدرت جي پوري ترجماني ڪري رهيا هئا. قدرت جي موهيندڙ نظارن، سندس روح کي راحت ٿي ڏني ۽ سندس قلب کي قوت بي اختيار سندس وات مان شعر جا سندر موتي ريلا ڏيئي نڪتا، ڪڏهن ڪڏهن الاهي جي باريڪ نڪتن تي فڪر ڪندو هو ۽ هميشه سندس من ۾ اُها اڻ تڻ هوندي هئي ته اسين ڪٿان آيا آهيون؟ ڪيڏانهن وڃڻو اٿئون؟ هي سڀ ٽڪاٽ ڇا جي آهي؟ ۽ اسان جو اصلي مقصد ڇا آهي؟ سندس روح جون رڳون، قدرت جي رتي جيتري رهاڻ سان به طنبور جي تارن جيئن، واڄي ۾ اچي وينديون هيون،
    ”جڏهن“ رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪهم“
    شاهه عبداللطيف جي مقبوليت وڌندي ويئي، ته ڪي پير شاهه لطيف سان نه ٺهيا جهڙوڪ پير مخدوم نوح جو اولاد، جن مان پير پنج ڀاڳ، مٽيارن وارا آجناڻي سيد ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو جيڪو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلهوڙن جو مهندار هو، مٿين ٽنهي ڌرين، شاهه لطيف کي نهايت ستايو، اُنهن ڪيترائي دفعا ڪوش ڪئي ته شاهه کي ماري کپائي ڇڏيون.
    شاهه خدا ئي توڪل رکي، هنن سان ڏکيو سکيو وقت ڪاٽيو ويتر اهڙي روشن روَش مليو، جو ماڻهن جو منجهس يقين پاڻ ويو وڌندو ۽ مڃڻ لڳا ته بيشڪ وڏو ولي آهي. ٿوري وقت کان پوءِ شاهه عبداللطيف بلڙي ۾ اچي شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو قبو اڏرايو.

    شاهه جو ڀٽ کي وسائڻ:
    شاهه لطيف جهڙي ايڪانت پسند شخص کي ڪوٽڙي ۾ به آرام نه آيو ۽ هن ڀٽ وسائڻ جو خيال ڪيو، هو بيابان جهڙو علائقو هو اُتي هڪ ڍنڍ هئي جنهن جو نالو ڪراڙ ڍنڍ آهي، جيڪا اڃا تائين موجود آهي. هن ۽ اُن جي مريدن ڀٽ کي وسايو ۽ اُتي آرام سان زندگي گذارڻ لڳا. ڀٽ تي شاهه لطيف جي زندگي ايڪانت واري هئي. هن ڀٽ جا ڪي پَٽ مريدن ۾ ورهائي ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ رهائش جو بندوبست به ڪيائين. هن آخري وقت ۾ ڪربلا وڃڻ جو خيال ڪيو. اُن جي هڪڙي مريد شاهه صاحب کي ائين ڪرڻ کان منع ڪئي. پوءِ ڀٽ تي رهي پيو ۽ ڪارو ويس ڍڪي ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ماتم ۾ سُر ڪيڏارو چيائين.

    شاهه عبداللطيف جي شخصيت:
    شاهه صاحب بلڪل قداور نه هو، پر البت وچولي قد کان ڊگهيرو هو، سندس چمڙي ڪڻڪ رنگ هئي، سندس اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هيون، جي مشعلن وانگر پيون ٻرنديون هيون. سندس منهن مڻيادار هو ۽ پيري ۾ ته آقي باقي منجهائنس هڪ نوراني جمال پيو بکندو هو. هو نهايت خليق ۽ حليم هو، ، هو رحمدل ۽ ٻاجهارو هو، انسان ذات لاءِ هن کي نهايت قرب ۽ همدردي هئي.

    شاهه عبداللطيف جو مذهب:
    روايت آهي ته شاهه عبداللطيف پنهنجن ابن، ڏاڏن وانگر سُني مذهب جو هو، مگر ڪن ڳالهين ۾ سندس روش شيعن جهڙي به هئي. آل رسول هن لاءِ گهڻي محبت ۽ قرب هو. هن پنهنجي ڪلام ۾ حضرت علي ۽ امامن ڏانهن خاص اشارا ڪيا اٿس. سر ڪيڏارو ته سڄو امامن جي شهادت سان ڀريو پيو آهي، شاهه لطيف شعريت جو پورو پابند هو. تنهن هوندي به مذهبي ڳالهين ۾ نهايت آزاد خيال هو. شاهه جو عقيدو هو ته جي ماڻهو پنهنجي دين يا ڌرم تي قائم رهيو ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو رکيائين ته ضرور سندس قلب ۾ هڪ نئين قسم جو روحاني جذبو اُنڀڻ ٿيندو.

    شاهه عبداللطيف جي وفات:
    ڪجهه وقت شاهه لطيف اڪيلائي ۾ رهي ٻاهر آيو ۽ پوءِ مريدن کي سماع جو اشارو ڪيائين. اُهو سماءُ ۽ سرود جو لقاءَ ٽي ڏينهن رهيو، آخر جڏهن راڳ بند ٿيو ته شاهه صاحب جو روح سندس جسم کي ڇڏي وڃي عالم ارواح ۾ پهتو، سنه 1165هجري مطابق سنه 1752ع جي صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي، جڏهن هن ڀلاري ڌڻي جهان مان رحلت ڪئي.

    ورسي جو ملهائڻ:
    هر سال ڀٽ شاهه تي چوڏهين صفر مهيني ۾ شاهه جي ورسي ملهائي ويندي آهي. جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جا اديب، شاعر ۽ مريد اچي حصو وٺندا آهن، اُنهي موقعي تي راڳ جون محفلون مچنديون آهن ۽ ادبي ڪانفرنسون منقعد ٿينديون آهن. جتي گهڻا اديب ۽ نقاد شاهه لطيف جي شاعري جي لڪل معاوضوئن تي مڪالما پڙهندا آهن ۽ شاهه لطيف جي باري ۾ نيون ڳالهيون ٻڌائيندا آهن.

    شاهه عبداللطيف جون تصنيفون:
    شاهه لطيف هڪڙي ئي تصنيف ڇڏي آهي. جنهن جو نالو آهي ”شاهه جو رسالو“ هن رسالي ۾ اوڻهٽيهه (29) سُر آهن. سر ڪلياڻ، سر ايمن، سُر کنڀات، سر سري راڳ، سُر سامونڊي، سر بروو سنڌي، سُر آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سُر حسيني، سُر ليلا چنيسر، سُر مومل راڻو، سُر مارئي، سُر ڪاموڊ، سُر گهاتو، سُر سورٺ، سُر ڪيڏارو، سُر روپ، سُر سارنگ، سُر آسا، سُر ڪاپائتي، سُر پورب، سُر ڪارايل، سر پرڀاتي، سُر ڏهر، سُر بلاول، سُر رامڪلي، سُر سهڻي، سُر سسئي آبري.
    شاهه جي رسالي ۾ 192 وايون موجود آهن.

    شاهه عبداللطيف جي شاعري:
    شاهه لطيف سنڌ جو سرتاج شاعر هو، هن جي شاعري سنڌ جي شاعري آهي، سنڌي ماڻهن جي اندر جي آواز آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي ريتن رسمن جي واضح ۽ ڇٽي تصوير آهي، جيڪا هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندي رهي ٿي.
    شاهه لطيف هڪ سچو انسان هو، هن جي شاعري سچ جي شاعري آهي، حق جي شاعري آهي، اُها ٻڌل، ڪوڙن ۽ فضول ڳالهين تي ٻڌل ناهي. شاهه صاحب جيڪو ڪجهه ڏٺو جيڪي ڪجهه مشاهدن، تجربن جي ذريعي حاصل ڪيو، ۽ جيڪا ڄاڻ فطرت جي اڀياس مان حاصل ڪئي، ۽ جيڪا معلومات وقت جي حالتن ۽ اُنهن جي وسيلي حاصل ڪئي، اُهي سڀ شيون هن جي شاعري جا اٽوٽ انگ آهن. هن پنهنجي شاعري کي حسين ۽ دلنشين بنائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪلام ۾ مختلف رنگ ڀريا آهن ۽ عجيب موجون مچايون آهن.

    ڊاڪٽر گربخشاڻي جي راءِ:
    ڊاڪٽر گربخشاڻي جي چوڻ مطابق: ”شاهه لطيف جهڙو هر وجهه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر سنڌ ۾ اڃا تائين ڪو نه پيدا ٿيو.” اهڙو ڪو سنڌي خوا نه مشڪل سان لڀندو، جنهن کي سندس ڪلام جي سڪ نه هوندي ۽ اهڙو ڪو هنڌ خالي نه هوندو جتي سندس شعر جو پڙاڏو نه پوندو. هن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي سيافتون موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هي آهي ته جيئن جيئن اسين سندس شعر تي اونهو غور ڪنداسين تيئن تيئن اسان ۾ حيرت اُتپڻ ٿيندي.

    شاهه لطيف جي شاعري تي اثرات:
    شاهه لطيف جي شاعري تي فارسي ۽ هندوپاڪ جي شاعرن جا واضح اثرات موجود آهن، جن جي اٿر هيٺ هن پنهنجي شاعري کي سنواريو ۽ سينگاريو ۽ وڏي اوج تي پهچايو. شاهه لطيف تي فارسي جي شاعرن سان ڪافي اثر آهن، هن جي شاعري مولانا رومي جي شاعري جي زير اثر رهي وڏي ترقي ڪئي. مولانا رومي شاهه لطيف جو وڏو رهبر آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ رومي کي خوب ساراهيو آهي. شاهه لطيف تي هندو پاڪ جي ٻين ٻولين جي شاعر جو به اثر آهي. شاهه عبداللطيف ڪبير، والمڪ ۽ ميران ٻائي جي شاعري کان به متاثر ٿيو. مولانا غلام محمد گرامي جي چوڻ مطابق شاهه لطيف هندو پاڪ جي صوفين ۽ ويدانيتي شاعرن کان به خوب متاثر ٿيو. هن جي شاعري تي راجسٿان جي شاعره ميران ٻائي جو خوب اثر ٿيو. ميران ٻائي جي ڪانگن ۽ اُنهن جي ذريعي نياپا موڪلڻ واري موضوع تي اثر ظاهر طور نظر اچي ٿو.

    شاهه لطيف جا بيت ۽ وايون:
    شاهه لطيف جي شاعري بيتن ۽ واين تي مشتمل آهي، بيت ۽ وايون علم عروض جي بدران ڇند وديا جي اصولن مطابق لکيل آهن، پنهنجي بيت جي هر هڪ مصرع ۾ 24 ماترائون هونديون آهن. شاهه جون ماترائون پڪيون ۽ پوريون هونديون آهن، ڪن عربي حوالن جي اچڻ ڪري ماترائون وڌي وينديون آهن، بيت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه مصراعون ۽ وڌ ۾ وڌ ڪيتريون ئي مصراعون ٿي سگهن ٿيون.

    شاهه لطيف جي شاعري جا رنگ:
    شاهه لطيف پنهنجي ڪلام کي دلپسند ۽ دلفريب بنائڻ جي لاءِ اُن ۾ ڪيترائي رنگ ڀريا آهن جن مان ڪي هي آهن:

    صوفيانا رنگ:
    شاهه جي ڪلام ۾ صوفيانا رنگ نمايان طور تي نظر اچي ٿو. صوفياڻي مضمون جو تعلق خاص طور ”روح“ ۽ ”رب“ سان آهي. روح ۽ رب جي وچ ۾ قرب ۽ همت جو ازلي لاڳاپو آهي.
    سو هيءُ سو هو، سو پرين، سو پاڻ،
    سو اجل سو الله سو ويري، سو واهرو،
    *-*-*
    ساهڙ سان سهڻي سائر پڻ سوئي،
    آهي نجوئي، ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهڙي.
    *-*-*

    ڪرڙين ڪايائون تنهنجيون لکن لک هزار،
    جيءَ سڀ ڪنهن جي سين درسن ڌارو ڌار،
    پريتم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

    اخلاقي رنگ:
    شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي اخلاقي نصيحتون ڏاڍي اثرائتي عبارت ۾ ڪندو ويو آهي.
    جاڳڻ منجهان جس، اَهي الله جن کي،
    لاهي ٿو لطيف چئي، مٿان قلب ڪر،
    ورنھ ڪجان ور صبح ساڻ سيد چئي.
    *-*-*
    مان پڇني سپرين، چت ۾ چئياريج،
    ڪڍي ڪائي، ڪڇ کي ڪوڙ ۾ ڪمائج،
    وئج وهائيج، سڀ سوداگر سج جا.
    شاهه لطيف هر نموني جون اخلاقي نصيحتون پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آنديون آهن. زال ذات پنهنجي ڀتار سان وفادار رهڻ ۽ پرپٺ اُن جي خير خواهي ڪرڻ (سُر سامونڊي)، زال ذات جي سچي شرافت ۽ وطن جي حب (سر مارئي)، پنهنجي ڇڪ قبول ڪري پڇتائڻ (سر ليلان چنيسر) مرداني سچي عزيت (سر مومل راڻو)، ڀائرن جو قرب (سرگهاتو) وغيره وغيره.

    عاشقاڻو رنگ:
    هن ڳالهه ۾ ڪو وڏاءُ ڪونهي ته شاعري جو نور آهي عشق، عشق بنان شاعري معذور آهي، پوءِ اهو عشق پنهنجي مالڪ سان هجي، قوم ۽ ديس سان هجي يا انساني حسن سان هجي، عاشقاڻي مضمون ۾ معشوق جي حسن جي تعريف، معشوق جي جفا ۽ بيپرواهي، حاسدن ۽ رقيبن جون فتنه انگيزيون ۽ اٽڪاءُ، آخر سچائي ۽ وفاداري جي سوڀ، اُهي ڳالهيون اچيو وڃن ٿيون.
    پيشاني ۾ پرين جي، ڀلائي جا ڀير،
    اڱڻ اُڪندين جي، ڏئي پاٻوهيو پير،
    قمد پاڙي ڪير؟ شمس سپرين سين.
    *-*-*
    چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرين سين،
    پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلن ڪرين هزار،
    جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم، دوستن جو.
    *-*-*
    کڻي نيڻ خمار مان، ناز ڪيائون نظر،
    سورج شاخون جهڪيون ڪو ماڻو قمبر،
    جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سان.

    فطرت نگاري جو رنگ:
    شاهه عبداللطيف فطرت جو عاشق هو. فطرت پنهنجو حسن پسائي هن کي جاڳائيندي هئي ۽ هن جي شاعري ۾ نوان رنگ ڀري پاڻ ملائيندي هئي.
    اڄ پڻ اُتر پار ڏي ڪڪر ڪئي چوٽي،
    مندائتي مينهن جي کنوڻ نه کوٽي،
    آلالڻ موٽي گوريان رُسڻ ڏينهڙا.

    مدحيه رنگ:
    شاعرن جو اصل کان وٺي دستور رهيو آهي، پنهنجي شعر ۾ ڪن بزرگن ۽ گهڻائتن انسانن جي تعريف ڪندا آهن، اهڙي قسم جي شعر کي مدحيه يعني ساراهه جي مضمون وارو شعر چوندا آهن.

    مزاحيه رنگ:
    شاهه لطيف پنهنجي ڪلام کي دلچسپ ۽ وڻندڙ بنائڻ لاءِ اُن ۾ مزاحيه رنگ به ڀريو آهي. وڳند فقير شاهه صاحب جو پڪو مريد هو جنهن سان شاهه صاحب چرچو وغيره به ڪندو هو. ۽ ٻيا مريد خوش ٿي ويندا هئا.
    وڳند وري آئيو، پينار نئون پوءِ،
    محڪم لڳس موچڙا، ذرو نه ڏس جوءِ،
    ويٺو ائين جوءِ، ته پيران پاسي نه ٿيان.
    *-*-*
    وڳند وري آيو ڪنو ئي ڪوجهو،
    ڇڏي نه موزو، لڳس آر عطارسين.
    *-*-*
    وڳند وري آئيو، بدو بي نماز،
    جيئن تتر مٿي باز، وڳند تيئن سُرهاڻ ٿي.
    شاهه لطيف جي شاعري بي مثال ۽ لازوال آهي. اُن ۾ ڀريل سڀئي رنگ هيرن ۽ موتين کان وڌيڪ قيمتي آهن جيڪي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي موهن ٿا ۽ اُنهن کي حق جا سبق پڙاهين ٿا.

    شاهه لطيف کي خراج عقيدت:
    سنه 1978ع ۾ منهنجو راجسٿان جي مشهور شهر اجمير وڃڻ ٿيو. اُتي سنڌ مان لاڏاڻو ڪري ويل شاعرن لطيف ڏينهن ملهايو ۽ مشاعرو به ڪرايو. مون شاهه لطيف جي شاعرانه عظمت، هن جي ادبي خدمتن ۽ هن جي بين الاقوامي اهيمت کي ساراهڻ لاءِ هڪ شعر پڙهيو جيڪو هت پيش ڪجي ٿو.

    لطيف جي حضور ۾:
    تون بيشڪ آن ڳاڙهو گهوٽ،
    سرويچن جي ڌرتي جو!
    جيڪو توکي،
    مونن ۾ منهن پائڻ وارو صوفي سمجهي،
    مست الست ملنگ چوي،
    تنهنجي در جي خاڪ مئي تي لائي،
    تنهنجي قبر تي باسون باسي، پڙ چاڙهي،
    توکي صرف درويش سڏي،
    هو جاهل آ،
    تنهنجي نياپي کان اڻ واقف.
    تنهنجا آهن ڪيئي روپ،
    تون شاعر،
    انسانيت جي اعليٰ قدرن جو شاعر،
    رات کُٽئي جو تو شاعر،
    باک ڦٽي جو تون شاعر،
    پنهنجي جُڳ جو،
    تون سقراط!
    تون عيسيٰ!
    تون گوتم!
    تون منصور!
    تون سرمد!
    تون باغي!
    تنهنجي سوچ ۾ لوچ نرالي آهي،
    تو تقليدي واٽ ڇڏي،
    پنهنجي لئه نئين واٽ گهڙي،
    ۽ گولن جي ٻولي بدران،
    پنهنجي لوليءَ جهڙي ٻوليءَ ۾ تو بيت چيا.
    هاري هٿ ۾ ڏاٽن جا،
    اُوچن ڳائن جا،
    سيني سيني لاٽن جا،
    تو دلين مان نفرت دور ڪري،
    جڳ کي پريت جي ريت سيکاري،
    تنهنجي صورت،
    جڳ جي آس ڀريل اکڙين ۾،
    اڄ به چنڊ بڻي چمڪي ٿي،
    تنهنجي سر تي انسانيت تاج آهي،
    تنهنجي من ۾،
    آزادي جو سورج روشن،
    ۽ اکين ۾،
    انسانن جي خوشحالي جا خواب هزارين،
    تنهنجي چپ تي،
    ڏاڍ کي ڏاريندڙ للڪار،
    تنهنجي هٿ ۾ آهي رسالو،
    جيڪو عشق جو آ انجيل،
    نئين فڪر جي نئين گيتا،
    نئين ماڻهو لئه نئون نياپو،
    تون بيشڪ آن،
    ڳاڙهو گهوٽ،
    سرويچن جي ڌرتيءَ جو.

    شاهه لطيف وائي جو خالق:
    وائي سنڌ جي شاعري جي قديم صنف آهي، هي سنڌ جي سڇاڻپ آهي، سنڌين جي سڃاڻپ آهي ۽ سنڌي ثقافت جي مختلف رنگن ۽ روپن جي ترجماني آهي.

    آغا سليم جي راءِ:
    آغا سليم پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي (منظوم اُردو ترجمه) جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته، ”وائي سنڌي شاعري جي قديم صنف آهي. وائي سنڌي لوڪ گيت ”سهري“ (شادي جي گيتن) مان پيدا ٿي آهي ۽ ارتقا جون منزلون پار ڪرڻ کان پوءِ هڪ الڳ صورت اختيار ڪري رهي آهي.
    وائي جي معنيٰ ڳالهه آهي، سنڌي ۾ چوندا آهن ته اهڙي وائي منهن مان نه ڪڍ، سنڌي ۾ واه واه ڪرڻ جو مطلب آهي چيکڻ يا پڪارڻ، ڪي چوندا آهن ته وائي جو فرياد گاني جي فرياد جهڙو هوندو آهي، اُنهي ڪري اُن کي وائي چئجي ٿو، ٻيا چون ٿا ته، وائي هندي جي لفظ داني يا وائي جو اُچار آهي.

    شيخ اياز جي راءِ:
    شيخ اياز ”رساله شاهه عبداللطيف“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته ”وائي پنهنجي مزاج جي اعتبار کان لوڪ گيت جو نعم البدل آهي. هن جي هيئت غزل سان ملندي آهي، جيئن ته غزل جي مطلع ۾ ٻئي مصراعون هم ڪافيا هونديون آهن، تيئن شاهه جي وايون به نظراينديون آهن. غزل ۾ عام طرح رديف جو استعمال ٿيندو آهي ۽ بغير رديف جي صرف قافيي جي اهتمام ۾ به غزلون چئبيون آهن. وائي ۾ رديف جو استعمال شاهه لطيف به تمام گهٽ ڪيو آهي، نه ته عام طرح ته صرف قوافي جي صورت هم آهنگي آهي.“

    وائي جي وصف:
    وائي سنڌي شاعري جو بي بها سرمايو آهي. وائي سنڌي شاعري جي قديم ۽ نج نڪور صنف آهي، وائي شاعري ۽ سنگيت جو مڌر ۽ سُريلو سنگم آهي، وائي پاڻي جي وهندڙ ڌار جيان آهي، جيڪا اڳتي وڌائي، نوان نينهن، نوان نظارا ۽ نيون راهون ڏيکاري ٿي، وائي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ رس، رچاءُ، رواني، موسيقي ۽ بي ساختگي رچيل هوندي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي اُنهي راءِ ۾ وزن آهي. ته ”غالباً“ ڳيچ ۾ ڪنهن خوشي يا غم جي موقعي تي اُڀري ايندڙ لفظن جي ذريعي ظاهر ڪيو ويندو آهي، ڳيچن جي سٽاءُ نهايت سادي آهي، ڳيچن جي شروعات ٿلهه سان ٿئي ٿي. پوءِ مصراعون ۽ ڪليون ٿينديون آهن، معنيٰ جي لحاظ سان ٿلهه سڀ ڪجهه هوندو آهي، ڳيچن جو قالب ڪشادو ۽ لچڪدار هوندو آهي، ڳيچن جي اُنهي سادي ۽ لچڪدار سٽاءُ مان ارتقائي منزلون طئي ڪرڻ کان پوءِ وائي ڦٽي نڪتي آهي. وائي ۾ ڳيچن واري سادي سٽاءُ پنهنجائپ ۽ موزونيت هوندي آهي، وائي ۾ انساني جذبن ۽ احساسن جو اظهار، سادن، سلوڻن لفظن جي ذريعي ڪيو ويندو آهي.

    وائي ۽ ڪافي:
    ڪن نقادن جو خيال اهي ته وائي ۽ ڪافي موضوع ۽ مواد جي حيثيت سان هڪ شيءِ جا ٻه نالا آهن. اهڙي ڪلام کي لاڙ ۾ وائي ۽ اُتر ۾ ڪافي چيو ويندو آهي، پر اُنهن جي فني حيثيت ۽ فارم ۾ فرق آهي.
    (1) وائي جو ٿلهه ٻه اڌ ٿئي ٿو. پهرين اڌ ۾ قافيو هوندو آهي ۽ ٻيو اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي. ڪافي ۾ ائين نه هوندو آهي.
    (2) وائي هڪ رڪن ۽ وراڻي تائين محدود هوندي آهي. ڪافي ۾ وسعت هوندي آهي.
    (3) وائي جو وراڻو هر حالت ۾ ساڳيو رهي ٿو، پر ڪافي ۾ بدلجي ٿو.
    (4) وائي ۽ ڪافي جي ڳائڻ جا طريقا جُدا جُدا آهن.

    وائي جي حيثيت:
    وائي هڪ پُر اثر ۽ دلچسپ صنف آهي. وائي ڳيچ جي هڪ سڌريل صنف مان ڦٽي نڪتي آهي. وائي ڇند وديا جي ماترڪ اصولن مطابق لکي ويندي آهي، وائي جو تعلق سنگيت سان آهي، اُنهي ڪري وائي ڪنهن نه ڪنهن راڳ ۾ لکي ويندي آهي.
    وائي جي ٻول ملها (Diction) سادي ۽ سلوڻي هوندي آهي، سادا ۽ سلوڻا لفظ وائي جي دلچسپي ۽ لطف ۾ اضافو ڪندا آهن. وائي جو مواد عام ماڻهن جي زندگي سان تعلق رکندڙ هوندو آهي، صوفي خيال ۽ رمزون، سچا ۽ خالص انساني جذبا ۽ احساس قدرتي نظارا، سوچ ۽ لوچ، دعائون ۽ تمنائون، خوشي ۽ غم، ميلاپ ۽ وڇوڙو، جاکوڙ ۽ پورهيو، هار ۽ جيت،.. اُهي وائي جا دلچسپ ۽ دل فريب موضوع آهن. وائي ۾ ترنم ۽ نغمگي جو هجڻ لازمي آهي. وائي ۾ تجنيس حرفي جو استعمال ڪري رس ۽ رچاءُ ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي. وائي ۾ ڀراءُ وارا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن. ڀراءُ وارا لفظ هي آهن. ”الوميان“، ”ڀلو مارو“، ”ڀلو مير“، ”وو سائين“، ”الا جيڏيون“، ”ڀينر“، وغيره، اُنهن لفظن ۾ ٺلهو ڀراءِ ناهي، اُنهن جي اُچارڻ ۽ آلاپڻ سان هڪ قسم جو رس ۽ معنيٰ مطلب ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ وائي جي رمزيت کن پل لاءِ سامهون اچي ويندي آهي.

    وائي جي سٽاءُ:
    وائي جي سٽاءُ سادي ۽ سلوڻي هوندي آهي، وائي هڪ سٽ (ٿلهه) تي مشتمل هوندي آهي، وائي جو ٿلهه ٻه اڌ ٿئي ٿو، پهرين اڌ ۾ قافيو هوندو آهي ۽ ٻيو اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي.
    (1) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جي پهرين حصي ۾ قافيو هوندو آهي، جيڪو وراڻي طور استعمال ٿيندو آهي. ٻيو اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي.
    (2) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جي پهرين حصي ۾ قافيو ڪو نه هوندو آهي، پر ٻئي اڌ ۾ قافيو هوندو آهي، اُنهي اڌ کي وراڻي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
    (3) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه ۾ هڪ رڪن هوندو آهي، اُن کي ورجائي، پوءِ وراڻي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
    (4) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جو پهريون ۽ پويون اڌ پاڻ ۾ هم ڪافيا هوندا آهن.
    (5) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جو پهريون حصو قافيي وارو هوندو آهي، جنهن کي وراڻي طور دهرائبو آهي. ٻئي حصي ۾ ايندڙ رڪن هم قافيا هوندا آهن.

    وراڻي جي اهميت:
    وائي ۾ وراڻي جي گهڻي اهميت آهي، وراڻي جي ڪري مرڪزي خيال قائم رهي ٿو، ۽ اُن کي سمجهڻ جا نوان نوان طور طريقا سامهون اچن ٿا.

    لفظ وائي جو خالق:
    لفظ اسان جي اديبن، ٻولي جي ماهرن ۽ محققن پنهنجي علميت، مطالعي ۽ مشاهدي مطابق اُنهن سوالن کي سُلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر منجهارو اڃان تائين قائم آهي. ڪن محققن جو خيال آهي ته وائي جو مطلب آهي حالات، گفتگو، ماجرا وغيره، ڪي محقق وري سمجهن ٿا ته وائي سنسڪرت لفظ ”وارتا“ جنهن جو مطلب ڳالهه ٻولهه آهي، اُنهي مان ڦٽي نڪتي آهي. ڪي محقق سمجهن ٿا ته وائي عربي لفظ ”واءِ“ مان نڪتل آهي جيڪو افسوس جو ڪلمو آهي. اُهي ڪوششيون ساراهه جوڳيون آهن. پر اسان جي منجهاري کي سلجهائڻ لاءِ ڪارائتيون ناهن، وري ڪي ٻيا محقق سمجهن ٿا ته وائي هڪ راجسٿاني لفظ واني مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻول، سخن.

    شاهه لطيف وائي جو خالق:
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي واين جي شاعري جو خالق آهي، سنڌي وائي ۾ انيڪ فني ۽ موضوعاتي تجربا ڪري نه صرف وائي کي زنده جاويد بنايو آهي، پر پاڻ به زنده جاويد ٿي ويو آهي.
    شاهه لطيف وايون جوڙي، اُن ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو جائزو ورتو آهي، هن سنڌ جي تاريخ، سياست ۽ سنڌ جي ماڻهن، اُنهن جي خوابن کي عملي جامو پارائڻ جي هڪ امر تصوير چٽي آهي.
    شاهه لطيف هر قسم جا فني ۽ موضوعاتي تجربا ڪري وائي کي هڪ وڏي وسعت ۽ بلندي بخشي آهي ۽ وائي کي اظهار جو سريلو ۽ سگهارو نمونو بنائي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻولي تي وڏو احسان ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف جي واين جو گهاڙيٽو ۽ اُنهن جي سٽاءُ سادي ۽ نرالي آهي.
    (1) شاهه عبداللطيف جي واين ۾ ٿلهه جي پهرين حصي کان پوءِ قافيو ايندو آهي، پويون حصو بنان قافيي جي هوندو آهي.
    (2) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جي پهرين حصي جي بدران پوئين حصي کان پوءِ قافيا ايندو آهي.
    ڏاهن ڏيرن ساڻ، ڪر هن ڪيچن ڪاڻ،
    مستان ڪا نينهن لائي.

    (3) ڪڏهن ٿلهه ۾ هڪ رُڪن هوندو آهي، اُن کي ورجائي ورائي طور ڪم آڻبو آهي.
    جان ڏٺائون پير، جان ڏٺائون پير.
    (4) ڪڏهن ٿلهه جا ٻئي حصا هم قافيا هوندا آهن ۽ اُنهن سان نئون هم قافيا رڪن جوڙي وراڻي طور ورجايو ويندو آهي.
    ڏونگر ٿي ڏوري وندر ٿي ووڙي،
    جن ڪاڻ جيڏيون، ڏونگر ٿي ڏوري.
    (5) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جي پوئين حصي کان پوءِ ٻٽا ٻٽا قافيا ڏيئي، اثر کي گهرُ ڪرڻ جي ڪوش ڪئي ويندي آهي.
    (6) سُر ڪيڏاري جي وائي ۾ ٿلهه ڏيئي اُن کان پوءِ هڪ جدا وراڻي جي سُٽ ڏيئي ويندي آهي، اُن وائي ۾ ٻن سٽن وارا بند ڏيئي ڪافي رچڻ جي راهه هموار ڪئي ٿي ڏسجي.
    واويلا، واويلا ملڪن ڪيو رڻ ماتام،
    هئي! هئي! شاهه حسين سڌاريو!
    ڪربلا جي پڙ ۾ خيما گوڙيايون.
    جيڪا رضا رب جي، لکيو لوڙيائون،
    هئي هئي! شاهه حسين سڌاريو.
    شاهه جون وايون مثالي آهن. اُن ۾ فني تجربا ڪري وائي کي هڪ سُريلي ۽ منفرد صنف بنائي ڇڏيو آهي. اڄ جي دور جا ڪيترائي شاعر وايون لکي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي سرور آڇائين ٿا ۽ اُنهن جي بيداري جو ڪارڻ بڻجن ٿا.

    شاهه لطيف جي سنڌي:

    ڀيرو مل آڏواڻي جي راءِ:
    ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي هڪ مضمون لکيو آهي. جنهن جو عنوان آهي ”شاهه جي سنڌي“ هن جو چوڻ آهي ته ”شاهه جي سنڌي هاڻوڪي سنڌي کان البت ٻئي ڊؤل جي آهي. اهو سبب آهي جو ماڻهن کي شاهه جي شعر پڙهڻ ۽ اُن جي معنيٰ سمجهڻ ۾ قدري مشڪلات ٿيئي ٿي. هڪڙو ته شاهه جا لفظ ۽ محاولا نج سنڌي آهن، ٻيو ته ڪيترا لفظ ۽ نحوي بنا تون اهڙيون آهن جو هاڻوڪي سنڌي ۾ رواجي طور استعمال ۾ نه ٿيون اچن، ٽيون ته ڪي اهڙا لفظ ڪتب آيل آهن جن جون معنائون يا ته متروڪ ٿي ويون آهن، يا وري ته منجهن گهڻي تبديلي ٿي وئي آهي ۽ چوٿون ته شاهه جي تلفظ ۽ هاڻوڪي تلفظ ۾ البت تفاوت آهي.“
    شاهه لطيف جي سنڌي اڄوڪي پڙهندڙن لاءِ مشڪل آهي. لفظ مشڪل آهن ۽ اُنهن جون معنائون مشڪل آهن. ٻولي جي ماهرن ڏاڍيون ڪوششون ڪري شاهه جي سنڌي کي اڄوڪي نموني جو بنائي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ هينئر شاهه جو رسالو هرڪو پڙهي لطف حاصل ڪري ٿو.

    ڊاڪٽر گربخشاڻي جي راءِ:
    ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ ”شاهه لطيف جي سنڌي“ جي باري ۾ لکيو آهي ته ”شاهه جي سنڌي جو عربي ۽ فارسي سان بنيادي واسطو نه آهي، عربي صورت خطي جي خاصي علم لغات جي اڻ واقفيت، لغت نويسيءَ جون چُڪون. مثال سنسڪرت جا ٽي درجا، سنسڪرت مان ڦٽل ٻوليون پالي، پراڪرت، اپڀرنش، ٻولي جي بگڙجڻ جا سبب تلفظ جي تڪليف، تواريخي تبديليون، قومن جي لڙه چڙ، اصلوڪي لفظ جا ٻه چار قسم جهونن لفظن جو متروڪ ٿيڻ، نون لفظن جو استعمال، ٻولي جو بگاڙو اُن جو سڌارو آهي.
    شاهه لطيف جي ٻولي جو ڊؤل اڄوڪي سنڌي کان نرالو آهي، انهي ڪري ماڻهن کي شاهه جو شعر پڙهڻ ۽ اُن کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿئي ٿو. ان جا لفظ ۽ محاورا اڄوڪي سنڌي ۾ استعمال نه ٿا ٿين، ڪي ڪي لفظ متروڪ ٿي چُڪا آهن ۽ انهن جو استعمال نٿو ٿئي. شاهه جي اچارن ۽ اڄوڪي سنڌي جي اچارن ۾ وڏو فرق آهي.

    محمد صديق ميمڻ جي راءِ:
    محمد صيق ميمڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ شاهه جي سنڌي جو سٺو تجزيو ڪيو آهي، هن جي چوڻ مطابق: ”شاهه لطيف جي سنڌي ساڳي آهي جا مخدوم ابوالحسن ۽ هن جي همصرن ڪم آندي آهي، نحوي ترڪيبون ۽ صورتخطي جا قاعدا به ساڳيا آهن. شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا سنڌي ٻولي ڪم آندي آهي. تنهن کي نج سنڌي ٻولي چوڻ درست آهي. ڇاڪاڻ ته اُن ۾ سنڌ جي طبعي (پراڪرت) ٻولي جا لفظ به موجود آهن. مڪمل سڌريل (سنسڪرت) ٻولي جا لفظ به موجود آهن ۽ عربي ۽ پارسي لفظ به قائم آهن، پر اهي سڀ اهڙا عام فهم آهن جن سنڌي جو هرڪو هندو جوان، مسلمان آساني سان سمجهي سگهي ٿو.
    شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ نه ڪي اهڙا ڳرا سنسڪرت ٻولي جا لفظ ڪم آندا آهن جهڙا سامي صاحب سولجن شلوڪن ۾ ڪتب آندا آهن ۽ نه ڪي اهڙا ڳوڙها عربي ۽ پارسي لفظ ۽ محاورا ڪم آندا اٿن. جهڙا اڄ ڪلهه جا مسلمان شاعر پنهنجن ڪلامن ۾ ڪم آڻيندا آهن جتي جتي قرآن شريف جون آيتون ۽ حديث شريف جا حوالا ڏنل آهن، تن ۾ هنڌن کانسواءِ باقي ڪلام ۾ شاهه عبداللطيف اهڙي سنڌي ٻولي ڪم آندي آهي، جا سنڌ جي هندوئن خواه مسلمان لاءِ هڪ جهڙي مروج آهي.
    اکر ڇٽي هيڪڙي، ٻهون جي نه ٻجهن،
    ڪوهه ڪيو کي تن، سچي سڻائي ڳالهڙي،

    پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
    پاڻان ڏوهه چڙين، جيئن ورق ورائن وترا.
    اُهو دستور آهي ته وقت جي بدلجڻ سان ٻوليءَ ۾ به تبديلي ايندي آهي ۽ لفظن جون معاتائون به بدلجي وينديون آهن. شاهه جي ڪلام ۾ به اهڙيون تبديليون نظر اچن ٿيون. شاهه لطيف جي گذرئي هينئر ٻه صديون ٿي ويون آهن، تنهنڪري سندس ڪلام ۾ ڪم آيل ڪيترائي پراڪرت لفظ هينئر ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڪم ڪو نه ٿا اچن ۽ ڪيترن ئي سنسڪرت ۽ عربي خواه پارسي لفظن جون صورتون اهڙيون مٽجي ويون آهن، جن جو بنياد صحيح ڪرڻ مشڪل ڪم آهي.
    (1) اڄ پڻ امارو چوڏهين مان چنڊ جو.
    (2) من ۾ ٻاري مچ، جم وڃني اوهري.
    (3) ڪر هو نڪي ڪان، پيرن آءُ نه پڄئي.
    (4) سڳر سوٺائون، ٿيا رحمان سين.
    (5) اسان اڌارا آڻي، اونگه چاڙهيا.
    مٿين مثالن ۾ (1) ”اماريو“، ”ترواري، پڌرائي (2) ”جم“ = متان (3) ”اور هرڻ“ = کسڪي وڃڻ، تڳي وڃڻ، اُهي اهڙن جهونن پراڪرت لفظن جا مثال آهن، جي اڄ ڪلهه جي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ۾ نٿا اچن.
    ”ڪان“ اصل سنسڪرت لفظ آهي ”ڪانڍ“ = گهوڙو پر سندس صورت اهڙي مٽجي ويئي آهي جو اُن جو بنياد لهڻ آسان نه آهي، اهڙي طرح ”سڳر“ = (دستور اصل ۾ عربي ٻولي جو لفظ آهي). ”شغر“. ”آونگ“ = (برتن يا ٿان) اصل ۾ پارسي ٻولي جو لفظ آهي ”آوند“.
    ڪيترائي سنسڪرت، عربي ۽ پارسي ٻولين جا بگڙيل لفظ جي شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن، سي سندس زماني ۾ ئي اهڙين بگڙيل صورتن ۾ ڪم پيا ايندا هئا ۽ اُنهن مان ڪيترائي لفظ اڄ تائين به ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڪم پيا اچن ۽ صاف سنڌي پيا ڀانئجن.
    شاهه لطيف جي عربي، فارسي، ۽ پراڪرت وارا لفظ اڄ جي سنڌي ٻولي جي ماهرن بدلائي ڇڏيا آهن ۽ شاهه جي شاعري کي آسان بنائي وڏو وڙ ڪيو آهي.

    شاهه لطيف جو سُر ڪيڏارو:
    شاهه لطيف سُر ڪيڏارو لکي سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين صنف جو اضافو ڪيو آهي. سُر ڪيڏارو ڪربلا جي قصي جو ذڪر ڪري نه صرف مذهبي خدمت سرانجام ڏني آهي، پر سنڌي شاعري کي هڪ نئين صنف (ڪيڏارو) جو عطا ڪئي آهي.
    ڪيڏاري جي معنيٰ آهي جنگ، شاهه لطيف سُر ڪيڏارو ۾ حضرت امام حسين ۽ اُن جي وفادار ساٿين جي همٿ حوصلي ۽ بهادري جو ذڪر ڪري اُنهن کي لازوال بڻائي ڇڏيو آهي. امام حسين ۽ ان جا ساٿي ٿورا هئا ۽ اُنهن يزيد جي وڏي لشڪر کان وڙهي پنهنجون جانيون قربان ڪيائون. پر اُهي نڪو دنيا ۽ نڪو ظالمن جي آڏو جهُڪيا ڇاڪاڻ ته هو سچا هئا ۽ اُنهن جي منزل سچ جي منزل هئي.

    الله جو عاشق:
    امام حسين الله جو عاشق هو. هُن الله جي ماڻهن کي سچ ته قائم رهڻ جو سبق سيکاريو ڄڻ هڪ غير معمولي جنگ وڙهي، هارائڻ کان پوءِ به جيت حاصل ڪئي. دنيا ۾ اڄ به ڪو يزيد جو نالو نٿو وٺي جنهن جنگ کٽي، پر هرڪو امام حسين کي ساراهي سچ جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ٿو. جنگ ۾ تڪليفون سهڻيون پون ٿيون، ڏک ڏسڻا پون ٿا ۽ جان به قربان ڪرڻي پوي ٿي، شهيدن جو شان ۽ مان نرالو آهي، جنهن جي ساراهه شاهه لطيف اُنهن لفظن ۾ ڪئي آهي.
    ”سختي شهادت جي، نسورو ئي ناز.“

    جنگ جون سختيون:
    شاهه لطيف همٿ ۽ حوصلي کي قائم رکندي ڪيڏاري ۾ جنگ جا ڪئي نظارا پيش ڪيا آهن.
    ڪلياڻ آڏواڻي جي چوڻ مطابق: ”هن سُر ڪيڏاري ۾ جنگ جو جوش ۽ خروش، بهادرن جي همٿ ۽ شهادت، جهونجهارن جي دل دهلائيندڙ، رڪ وهندي راند، شيرن جي ڪنڌن جو رڻ ۾ نچڻ، ونڪن جي وهن جي جان ڏڪائيندڙ واويلا، ڪائنات جو عاشق جي شهادت تي ماتم وغيره جو احوال ڪهڙي نه بهادرانا نموني ۾ ڪيو آهي.
    بهادر گڏئا بهادرين کڙک کلول ڪن،
    وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين، هڻن،
    ڪرن، ڪنڌ نچن، رڻ کنجؤ راڙو ٿئو.
    جنگ جي شهيدن جي نظاري کي شاهه، اهڙي ته چٽي نموني ۾ پيش ڪيو آهي جو ائين ٿو لڳي ڄڻ اسين ڪا زنده تصوير ڏسي رهيا آهيون.
    جنگ ۾ وڙهندڙ بهادر هٿيار کڻي ائين نچندا، ڪڏندا وڙهڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ وڃن ٿا. تيسين پنهنجا هٿيار هلائي، دشمن کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، جيسين اُنهن جا سر سلامت آهن.
    آيا، اُجارين، تنڪ، تراريون، تئرا،
    سانگيون سائن هٿ ۾، ڪنئون نه لاهين،
    اُڀا ئي آهين، مهاڻي مرڻ تي.“
    شاهه لطيف هر هڪ شيءِ يا ماڻهو جي ساراهه بلڪل نئي ۽ نرالي نموني ۾ ڪئي آهي، شاهه لطيف چوي ٿو ته سورهه اهو آهي جو سچ جي لاءِ وڙهي قربانيون ڏئي پر ڊڄي ظالمن جي اڳيان نه جهڪي، سورهه جو فرض آهي ته هو وڙهي جنگ ڪندو رهي ۽ جيسين سر سلامت آهي. تيسين ميدان جنگ ڇڏي ڀڄي نه وڃي. هن جي فرض جي اڳيان هن جي جان جي ڪا به قيمت نه آهي.
    مڪلي وير ڪٽڪ ۾، ڀاڪر جو پائي،
    اڃا اُن کي جيئڻ جو، آسانگو آهي،
    سورهه سو چائي، جو رڳو ئي رڻ گهڙي.

    بهادرن جو قدر:
    بهادر سچ جي خاطر پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ آتا رهندا آهن. هو چاهيندا آهن ته جن جي لاءِ هو هر وقت تيار هجن ۽ ظالمن کي شڪست ڏيڻ لاءِ همٿ ۽ حوصلي سان وڙهن.
    ڪو نر ڪلي جا ڪوڏيا! جا نڪي تائين جي،
    مٿاءُ اَڙن اُسري، رڪ پيالو پئي،
    ڳاهه ڳجهن جو ئي، ويٺي جن ورهه ٿيئا.
    هو سمجهن ٿا ته هو پيدا ئي اُنهي ڪري ٿيا آهن. جيئن ته قربانيون ڏئي سچ جو مان وڌاين ۽ ڪوڙن کي هاراين.

    شهيدن جي زالن جو ذڪر:
    جنگ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ شهيدن جون زالون مٿي تي خاڪ دارينديون ۽ ور لاپ ۽ واويلا ڪنديون جنگ جي ميدان ۾ گهڙن ٿيون، اُنهن جا ورلاپ اهڙا ته ڏکارا آهن جو اُنهن کي برداشت ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي، اُنهن جون زالون اُنهي ڪري نه ٿيون رئن ڇاڪاڻ ته سندن مڙس گذر ڪري ويا اٿن ۽ مڙس جو فرض آهي سچ لاءِ سر ڏئي سراهه ٿيڻ.

    جهُونجهار جي زال جو شان:
    جهڙا جهونجهار عزت مان وارا ۽ سچ لاءِ جان ڏيڻ وارا هوندا آهن، تهڙيون اُنهن جون زالون به هونديون آهن، جهونجهارن جي زالن جو اهو عقيدو آهي ته اُنهن جا مڙس سچ جي لاءِ وڙهن ۽ حق جي لاءِ قرباني ڏئي شهيد ٿي وڃن، اُنهي ۾ نه رڳو جهونجهارن جو شان آهي پر اُنهن جي زالن جو به مان ۽ ايمان آهي.
    مرن مرين آئون رئئن، موٽي آءُ م ڪاند،
    ڪجن وڏا پاند، جيئڻ ٿو اڌ مينهڙا.

    سنڌي زالن جو ذڪر:
    شاهه لطيف هڪ وطن پرست شاعر آهي، پنهنجي شاعري ۾ وطن جي ريتن، رسمن جو ذڪر ڪرڻ هن جي لاءِ عبادت کان مٿي آهي، هن مذهبي جذبي هيٺ ڪربلا جي جهونجهارن کي ساراهيو آهي ۽ اُنهن جي عقيدت ۽ سچ لاءِ محبت جي جذبي کي وڏي عقيدت سان ساراهيو آهي پر هن سنڌ جي بهادرن ۽ اُنهن جي زالن جي ريتن رسمن جو ذڪر ڪري ڪربلا واري واقعي ۾ نئون رنگ آندو آهي. هن اهو ڏيکاريو آهي ته سنڌ جي جهونجهارن جون زالون جڏهن اُهو ٻڌنديون آهن ته اُنهن سچ جي لاءِ پاڻ کي قربان ڪيو آهي، ڇاتي تي ڌڪ سٺا آهن ۽ جنگ جي ميدان کان ڀڄي ڪو نه نڪتا آهن ته ڏاڍيون خوش ٿينديون آهن ۽ نچنديون ۽ ڪڏنديون آهن.

    شاهه لطيف اُنهي مذهبي واقعي کي وطن پرستي جي حوالي سان وڌيڪ نمايان بڻايو آهي.
    شاهه لطيف سنڌ جي زالن جا پنهنجن شهيد ٿيندڙ مڙسن لاءِ اهڙا خيال پيش ڪيا آهن:
    ”ڀڳو“ آئون نه چئان“ ”ماريو“ ته وسها،
    ڪانڌ منھ ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سنها،
    ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.
    *-*-*
    ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄائي مون، سيڻ،
    ويٺيون وجهن ويڻ، منھ مٿاها جن جا.

    ڪيڏاري جي صنف جي اهميت:
    شاهه لطيف ڪيڏارو ٺاهي سنڌي شاعري ۾ وڏو انقلاب آندو ۽ سنڌ جي شاعرن لاءِ نئون در کوليو ته هو ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف لکن ۽ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪن. هن شاعرن کي همٿايو ته هو ڪوڙ کي ننڍين، ڏاڍ کي ننگو ڪن ۽ ظالمن جي ظلمن جي خلاف کُلي طرح لکن. اڄوڪي دور جا سنڌي شاعر ڪيڏاري جي صنف ۾ خوب لکن پيا، اسان جي جديد سنڌي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز، امداد حسيني، ڊاڪٽر تنوير عباسي، استاد بخاري ۽ ٻين هن صنف تحت ڪافي ڪجهه لکيو آهي، اُنهن سنڌ جي بهادر حاڪمن، فوجي اڳواڻن ۽ جهونجهارن لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، اُنهن شاعرن ون يونٽ جي خلاف جُرئت سان لکي ون يونٽ کي ختم ڪرايو. اسان جا اُهي شاعر، مجاهدن، شاگرد ليڊرن، سچن، عاشقن ۽ سنڌ جي اتحاد لاءِ گهڻو گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ لکندا رهن ٿا.

    شاهه لطيف جي سدا حيات سورمي:
    دنيا جي وڏن شاعرن وانگر شاهه لطيف به سورمين جو شاعر آهي. هن سورمين جي ذريعي عورتن جي ڪردار کي ساراهيو آهي. ۽ اُنهن جي عزت جا گيت ڳايا آهن، سورمين جي ڪردار نگاري ڪندي شاهه پنهنجن ادبي، فني ۽ سماجي صلاحيتن کي بي مثال ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.

    شاهه لطيف جون سورميون:
    شاهه لطيف جون سورميون سهڻيون، وفادار، محنتي، همٿ ۽ حوصلي واريون ۽ وطن سان محبت ڪرڻ واريون آهن، هو تن، من ۽ ڌن قربان ڪري پنهنجو فرض ادا ڪنديون آهن ۽ سماج ۾ نالو پيدا ڪنديون آهن. شاهه لطيف جون خاص سورميون هي آهن: مارئي، سهڻي، سورٺ، ليلا، مومل ۽ نوري. اُهي سڀئي سورميون پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

    (1) سهڻي:
    سهڻي سونهن جي شائق آهي ۽ ميهار تي موهت آهي، هنجي محبت ميهار کي ڏاڍو متاثر ڪيو. سهڻي جي ڪردار جي خاص خوبي آهي، هن جي دليري، هو اڻ جيت ۽ پنهنجي دلبر کي ماڻڻ لاءِ سڀ مشڪلاتون خوشي سان قبول ڪري ٿي، سهڻي جي بي ڊپائي بي نظير آهي. سهڻي کي نه رڳو هر ڪنهن رات درياهه تري ميهار وٽ وڃڻو پوندو هو، پر گهر ۾ ڏم جا ڏوراپا پڻ سهڻا پوندا هئا.
    ڏم ڏيهاڻي ڏي، سندا ميهر مهڻا،
    جهليم ٿي جهولي ۾، پلئه پائيو سي،
    مر جان ڇا لئه جي، سڱا سپرين جي.
    سهڻي مهڻن جي پرواءَ نه ڪندي ميهار سان ملي ٿي. سُهڻي ميهار جي محبت جي ماريل هئي. هن کي نه ڏم جي ڪاوڙ جي پرواهه هئي نه درياءَ جي ڇولين جي نه وري ڪو واڳن جو ڊپ، هن کي صرف ميهار جي پرواهه هئي.
    ”شال ۾ ڇڄي نينهن، گهڙان گهوڙئو جندڙو.“
    ”شال ۾ ڇڄي نينهن، گهڙان گهوڙئو جندڙو.“
    سهڻي ۽ ميهار قربان ٿي ويا ۽ محبت کي لازوال ڪري ويا.

    سسئي:
    سسئي جدوجهد جي علامت آهي. هن کي پنهون سان گهري پريت آهي، هو پنهون کي سارائيندي چوي ٿي ته:
    ”ڪيچان آيو قافلو، ڄامن سندو ڄام،
    سنده پنهوءَ کي، اَکن ڪئو آرام،
    ناتر ڇايان نام، جي مون نهو پاڻ سين.“
    پنهون جي وڇڙڻ کان پوءِ محبت جي مارئي سسئي هن کي ڳولڻ لاءِ اڪيلي پهاڙي علائقن ۾ وڃي ٿي ۽ سوين مصيبتون برداشت ڪري ٿي.
    ”ڏونگر! مون ڏکوءِ، آن اڳ ڏکوئي آهيان،
    ساريان ڪون سکو ۽ سور گهڻي ئي نڀران.“
    سسئي پنهون کي گهڻو ئي ڳولي ٿي پر هو نٿو ملي ۽ هو پاڻ کي قربان ڪريو ڇڏي.
    ليلا: (حسدن ۽ چنچلتا جي هڪ مرڪندڙ تصوير)
    وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
    دهلين، دمامين، نقرين، ٿي پلپل پچياس.
    ليلا شوق ۽ سينگار جي شوقين هئي ۽ اُنهي کي حاصل ڪرڻ لاءِ چنيسر جي به پرواهه نه ڪيائين.
    ليلا هڪ هار جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو. هڪ ناز ۽ نخري واري عورت اهڙي نموني پنهنجي ڀتار کي ڌوڪو ڏئي سور سهئي ٿي.
    اَچئو اچئو، اڳلي، ٻئي ليلا کي لوڪ،
    اندر اوڇالن سين، ساڙي ڪيانس سوڪ،
    ٻالا پڻ جو ٻوڪ، وئو ويچاري وسري.

    مومل:
    مومل شهزادي هئي، سهڻي هئي ۽ مردن کي ڦاسائڻ وارا سڀ طور طريقا ايندا هئا.
    مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس،
    نڪي عام نه خاص، جي ويا سي وڍيا.
    مينڌري جهڙو جوان اٽڪلون، سٽڪلون ڏيکاري وڃي مومل کي هٿ ڪري ٿو. مومل چنچل هئي، جڏهن هو مينڌري کي ناراض ڪري ٿي ته هو هن کي ڇڏي هليو وڃي ٿو.
    مومل راڻي کي پرچائڻ لاءِ عمر ڪوٽ وڃي ٿي ۽ هن کي راضي ڪرڻ لاءِ سڀ هيلا وسيلا هلائي ٿي پر راڻو نٿو مڃي.
    ميان مينڌرا! موٽ! بخش ڪر بڇائيون،
    تون گهڻن جو گهوٽ، مون ور هيڪڙو تونهين.
    مومل جي دل ٽُٽي پوي ٿي ۽ پاڻ کي باهه ۾ اُڇلائي پاڻ کي ماري ٿي. راڻي جڏهن اهڙو نظارو ڏٺو ته هن جي محبت جاڳي اُٿي ۽ هن به پنهنجو پاڻ کي باهه جي حوالي ڪري ڇڏيو.

    نوري:
    نوري نوڙت ۽ نماڻائي جي بي بها تصوير هئي. هن اُنهن خوبين سان ڄام تماچي کي موهي وڌو جنهن هن کي پنهنجي پٽ راڻي بڻائي.
    نوري جي نياز جو، عجب اجهل هوءِ،
    سيون، سر سڀن ۾ سي مورڇئو سوءِ،
    اچڻو اُڀين پوءِ، محبت ڀڳي راڻين.
    هن ڪهاڻي ۾ شاهه لطيف اُهو ڏيکاريو آهي ته جيڪو پاڻ کي نيچ ٿو سمجهي، سو ئي سڀن کان اوچو آهي. نوري هئي ته هڪ پر راڻين کان به اوچي هئي جنهن چنيسر کي پنهنجو ڪيو.

    سورٺ:
    سورٺ راءِ ڏياچ جي پياري زال هئي ۽ راءِ ڏياچ کي تمام گهڻو چاهيندي هئي، هو ڀروسي واري عورت هئي ۽ پنهنجي مڙس جي واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ هن کي اجازت ڏنائين ته هو ٻيجل کي پنهنجو سر ڏيئي سرهو ٿئي.

    مارئي:
    مارئي هڪ بي مثال ڪردار هئي. هن ۾ شاهه جي ٻين سورمين واريون سڀ خوبيون موجود آهن. پر آءُ مارئي کي پسند ڪريان ٿو ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪي اهڙيون خوبيون به آهن، جيڪي ٻين ۾ نه آهن. سچ پچ هو سڀني انساني خوبين جي راڻي آهي.
    ڇا هن جي سيرت آهي، ڇا هن جي صورت آهي، ڇا هن جي غيرت آهي، ڇا همت آهي ڇا هن جو حوصلو آهي ڇا هن جي وطن پرستي آهي.
    عمر ڪوٽ جي حاڪم عمر مارئي کي اغوا ڪري عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قابو ڪيو. هن کيس ڪئي لالچون، ڪئي هيرا جوائر آڇيا ته هو هن سان شادي ڪري ۽ عمرڪوٽ جي راڻي بڻجي وڃي.
    مارئي هن کي جواب ڏنو ته غريب مارو غيرت مند آهن ۽ پنهنجي لوئي جي رکوالي ڪري سگهن ٿيون.
    اي نه ماريون ريت جو سيڻ مٽاين سون تي،
    اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت،
    پکن جي پريت مارين سي نه مٽيا.
    مارو غيرتمند آهن ۽ ڪنهن به حالات ۾ پنهنجي غيرت جو سودو نه ڪندا. هو وطن پرست آهن. اُنهن کي وطن جي واري ۽ واري جو هر داڻو پيارو آهي، اُتي جا ماڻهو غيرت خاطر مري مٽڻ لاءِ تيار آهن، اُهي اجائي خوشحالي کي حاصل ڪرڻ جي بدران پنهنجي ڏکيي سکئي حالتن کي پسند ڪن ٿا.
    وطن ۾ رهڻ اُنهن جي لاءِ جنت آهي ۽ وطن کان دوري دوزخ. مارئي همت ۽ حوصلي واري هئي هن عمر بادشاهه جي ڌڙڪن ۽ ڌاٻن جي ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي عزت ۽ عزمت بچائڻ لاءِ طرح طرح جا سور سٺا ۽ مصيبتون برداشت ڪيون.
    جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري جسم،
    مون ڪُر اڳي نه ڪئو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
    جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوارسين.
    بادشاهه عمر مارئي جي حوصلي، همت ۽ وطن پرستي کي ڏسي اچي شڌر ٿيو. هن کي اها به خبر پئي ته هن بچپن ۾ مارئي جي ماءُ جو کير پيتو آهي. اُنهي ڳالهه جي ثابتي لاءِ اُن اصلي دائي کي به حاضر ڪيو ويو جنهن اُنهي ڳالهه جي پڪي ثابتي ڏني.
    ڪي ڪي نقاد مارئي کي مهاراڻي سيتا سان ڀيٽن ٿا. جنهن کي لنڪا جو راجا راوڻ اغوا ڪري ويو، هن مارئي وانگر سيتا کي به گهڻيون تڪليفون پهچايون پر سيتا پنهنجي رام سان سچي رهي. رام راجا هو ۽ هن جي مدد سان هو موٽي ايوڌيا پهتي پو مارئي هڪ ڪمزور ڳوٺاڻي عورت هئي پر هن همٿ ۽ حوصلو ڏيکاري پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائي سڄي دنيا جي عورتن جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
    1960ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽمينٽ جي طرفان هڪ سماجي وندر لاءِ مشائرو ڪوٺايو ويو. مون اُن مشائري ۾ هي شعر پڙهيو جنهن ۾ هڪ ٿاريلي نار کي مارئي جي صورت ۾ ڏٺو اهو شعر پيش ڪجي ٿو:
    مان ٿاريلي نار.
    نوري آهيان نروار،
    مان ٿا ريلي نار،
    پوهرئي سان آهه منهنجو پيار.
    ڌرتي جي مان ڄائي آهيان،
    سينن منجهه سمائي آهيان،
    سون کان وڌ سوائي آهيان،
    ويڙهيچن جي وائي آهيان،
    لهان سڀن جو سار،
    مان ٿاريلي نار.
    پورهئي سان آهه منهنجو پيار.
    پيڙائن جي پالي آهيان،
    مان هڪ نار نرالي آهيان،
    مست آهيان متوالي آهيان،
    هيڻن جي رکوالي آهيان.
    سڀ سان آهه پيار،
    مان ٿاريلي نار،
    پورهئي سان آهه منهنجو پيار.
    ڪم سان آهي پيار، الا،
    هر دم آهيان تيار، الا،
    سهڻو ناهه ڏهڪار، الا،
    تکي آهيان تلوار، الا،
    آهيان مان للڪار.
    مان ٿاريلي نار.
    پورهئي سان آهه منهنجو پيار.
    جيئڻو آهه يا مرڻو آهي،
    وار ويري تي ڪرڻو آهي،
    ڏاڍي کي ڏنڍ ڀرڻو آهي،
    ڀاڳ اسان جو ورڻو آهي.
    لکيو آ ڪلتار.
    مان ٿاريلي نار.
    پورهئي سان آهي منهنجو پيار.

    شاهه لطيف جي شاعري ۾ عام ماڻهن جي زندگي:
    (1) شاهه سنڌ آهي، سنڌ شاهه آهي:
    شاهه لطيف سنڌ آهي، هن جي شاعري سنڌ جي شاعري آهي، هن جي شاعري عام سنڌي ماڻهن جي شاعري آهي. هن عام سنڌي لاءِ لکيو، اُنهن کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي اُنهن کي جڳ ۾ مقبول بنايو. اُنهن جي شاعري ۾ شاهه لطيف خود سوچي پيو، سرجي پيو ۽ اُنهن جي عزت، احترام ۽ ناموس کي ڦهلائي اُنهن کي ڌرتي جا فرمانبردار پٽ بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

    (2) شاهه لطيف جي شاعري ۽ عام ماڻهو:
    سنڌ جي هڪ مشهور شاعر، اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ ۾ هڪ مضمون لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي، ”ڀٽائي جي شاعري ۾ عام ماڻهو جي زندگي“. اهڙا مضمون اسان جي اديبن گهٽ لکيا آهن.
    شاهه لطيف عوامي شاعر هو. هن جي شاعري عام ماڻهن جي شاعري آهي جنهن ۾ هن عام ماڻهن کي ڏاڍو ساراهيو آهي. جيڪي محنت ۽ پورهيو ڪري سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آڻڻ جو سبب بڻجن ٿا.
    شاهه جي شاعري سنڌ ۾ ڏاڍي مشهور آهي. جنهن کي پڙهي هر هڪ ماڻهو مزو ماڻي پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪري سگهي ٿو. سنڌ جا محنت ڪش پورهيت سنڌ جا خدمت گذار ۽ ساٿي آهن، اُهي پنهنجن ماڻهن لاءِ پنهنجو رت وهائي اُنهن جي خدمت ڪندي فخر محسوس ڪندا آهن. اُنهن کانسواءِ ملڪ جا معاملات حل نٿا ٿي سگهن.
    شاهه لطيف جي شاعري ۾ سنڌ جي عام ماڻهن جو ذڪر جا بجاءِ ملي ٿو، شاهه صاحب سنڌ جي هنرمندن ۽ محنت ڪش پورهيتن کي ڏاڍو ساراهيو آهي.

    (3) بگڙيل لفظن جي صورت:
    وقت تبديليون آڻي ٿو. جنهن ڪري لفظ بدلجي وڃن ٿا. اُنهن جا اُچار به بدلجي وڃن ٿا. شاهه لطيف پنهنجي عام ماڻهن جي شاعري ۾ اهڙا لفظ ڪم آندا آهن، اهڙا بگڙيل لفظ وڏي عمر وارا مرد ۽ عورتون اڃا به ٻهراڙين ۾ ڳالهائيندا نظر اچن ٿا. فارسي لفظ ”بغير“ کي ”بگير“ طور استعمال ٿيندو رهي ٿو. فارسي لفظ ”دوست“ کي ”دوش“ ڪري اچاربو آهي. ”رواجي“ لفظ کي روازي طور پڙهيو آهي. ”جهاز“ کي ”جهاج“ طور پڙهبو آهي. اهڙا ڪيترائي بگڙيل لفظ شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن جيڪي سنڌي ٻولي جي اصلي سونهن جا اهڃاڻ آهن.

    (4) سنڌ جا هنرمند ماڻهو:
    لوهر:
    شاهه لطيف لوهر جي تمثيل سان ڪهڙا نه سهڻا نڪتا بيان ڪيا آهن. لوهر عام ماڻهن جو وڏو خدمتگار آهي.
    ڪٽ ڪڙهي، لوهه ڀڙي، ڏوڏا چت ڌڳن،
    مترڪن منهن ڪڍيا، سانڌاڻيون سهڪن،
    اڄ پڻ اڳڙين ميڙو آهي مچ تي.
    *-*-*
    سهي جيئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا،
    وهه وڃائي پاڻ، ڏني ڏيائون ڏنگڙين مترڪا.
    لوهار جي اهڙي محنت کي ماڻهو پسند ڪندا آهن ۽ ساراهيندا آهن.

    واڍو
    شاهه لطيف جو واڍي جي باري ۾ چيل هي بيت پڙهيو ۽ ڏسو ته ڪهڙي نه فنڪاري سان واڍي جي احوال ڏيئي پنهنجن جي دل جا حال اوريا اٿائين.
    ڏونگر تون ڏاڍو، ٿو ڏاڍايون ڪرين،
    مون تن اندر تيئن وهين جيئن وڻ وڍي واڍو،
    ڪرم جو ڪاڍو نه ته پٿر ڪير پنڌ ڪري.

    ٺاٺارو:
    ڪُٽ جا ٿانوَ ۽ ٺاٺارو اُهي به ڳوٺاڻي زندگي جا حصا آهن.
    ڀلي ڪري آئيو ٺاٺارو ڏيهاءُ،
    ڀڳي ڪٽ سڄي ٿي لٿي جاڪ ڳڙاءِ.

    ڪنڀر:
    ڪنڀر جي باري ۾ شاهه لطيف جو هي بيت پڙهو:
    نهائين کان نينهن سک منهنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
    *-*-*
    نينهن نهائين کان، ڍڪيو ڪو نه ڍڪئين،
    ڄر ڄيري ڇڏيي، ڪيئن پچندا ٿانءُ،
    سنڌي ڪنڀارن، ڪن ڪريجا ڳالهڙي.

    مڱڻهار:
    مڱڻهار جو ذڪر پڙهي ڏسو:
    مان پڇنئي سپرين چتا چرم لاهه،
    اڳيان پريئين پا، پلئه مڱڻهار جئين.

    ساٽي:
    شاهه لطيف سر گهاتو ۾ ٿو ته:
    کلي جان کنڪاريان تان ساٽي سنڱ نه ڪن،
    واريو رهڻ وڃن، ڪين سڀاڳن سامهان.

    مهاڻا:
    مهاڻن جي باري ۾ شاهه لطيف ڪمال جي فنڪاري سان شعر چيو آهي. ”سور ڪاموڏ“ ۾ اهڙيون ڳالهيون بيان ڪيون اٿائين جو سڄو نقشو پنهنجي ککيءَ ڌپ سان آڏو اچيو وڃي.
    گند جنين گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
    اُنهن جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.
    *-*-*
    ڄاريون کراريون ڇڄ ڇپرو، جل جي محبت مڇي سان،
    رهن وهن سر پاندئين، سڀئي بدبو هاڻ،
    لڌڙن جيئن لطيف چئي، پائي وڏيون پاڻ.
    *-*-*
    مون سي ڏٺاءُ، جني ڏٺو پرين کي،
    تني سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
    عام ماڻهن جي زندگي:
    شاهه لطيف جا عام ماڻهو سادا، غريب ۽ سٻاجها آهن. اُهي محل، ماڙين جي بدران پنهنجن ڪکائين گهرن ۾ خوشي سان زندگي گذارين ٿا ۽ اُنهن جي زندگي، رهڻي ڪرڻي ۽ دک درد جي ايمانداري ۽ حقيقت پسندي سان عڪاسي ڪئي، اُهي آهن اسان جي ملڪ جا ماڻهو ۽ اُها آهي سندن حياتي.
    جهياسي تيها، مون مارو مڃيا،
    مون جيڏيون ملير ۾، چونڊن موڪ ميها،
    اٿم آس اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
    شاهه لطيف جا ماڻهو دولت کي اهميت نه ٿا ڏين، هنن لاءِ سون سوءِ آهي، هنن کي پنهنجي غريب جيڏين سان گڏ بک مرڻ ۾ به فرهت محسوس ٿئي ٿي. هن جي خودداري ته ڏسو. آرام عيش جي زندگي کان هنن لاءِ عزت جي بک بهتر آهي.
    هن مد مارو سنرا، ڍنگر ڍار رهن،
    هن کي لوهه لطيف چئي، هو کائر منجهه کلن،
    کائو بنا کاڄن، مينهن وسندا موٽ تون.

    ٿر جا عام ماڻهو:
    شاهه لطيف جي شاعري جي اُها خاص ڳالهه آهي ته هن، ”سر مارئي“ ۾ مارئي جي محبوب کيت کي گهٽ، پر مارن کي وڌيڪ ڳايو آهي. هن جو موضوع هڪ فرد نه پر سڄو وطن آهي، اُن جي مٽي ۽ اُن جا ماڻهو آهن، هن ٿر جي ٿڌي واري، واس وليون ۽ ٿر جو سڄو ماحول بيان ڪيو آهي. شاهه لطيف ڀٽائي سنڌ جي عام ماڻهن جي نه فقط ٻولي استعمال ڪئي، پر ان جو لهجو پڻ ڪم آندو. اُهو سڀ ڪجهه هو ان ڪري ئي ڪري سگهيو آهي جو هن خود عام ماڻهو جي زندگي سر ڪئي ۽ سندس ماحول ۾ سمائجي ويو.

    شاهه جي شاعر[b]ي جي اهميت:
    [/b]شاهه ۽ سنڌ:
    شاهه لطيف سنڌ آهي ۽ سنڌ شاهه لطيف. اهو ڪنهن ڏاهي جو قول سچو ٿو ڏسجي شاهه ۽ سنڌ هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ منظوم آهن. سنڌ شاهه کي پيدا ڪيو ۽ شاهه سنڌ جي مذهبي، سماجي، معاشي، معاشراتي ۽ ثقافتي، ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پاڻ کي خوب پتوڙيو. شاهه سنڌ جي لوڪ قصن ۽ داستانن کي پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪري نه صرف سنڌ جي شان جو ذڪر ڪيو آهي، پر پنهنجي شاعري ذريعي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وندر ۽ ورهون، اخلاق ۽ نصيحت، عشق ۽ حسن جو وڏو خزانو پيش ڪيو آهي.
    سنڌ جا ماڻهو شاهه جي ڪلام مان خوب پرائن ٿا، اُن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ هر وقت اُنه کي ڳائي مسرور زندگي گذارين ٿا.

    شاهه جو اخلاق:
    شاهه وڏي اخلاق وارو شاعر هو. هو سڀني ماڻهن جو ڀلو چاهيندڙ هو. هو پيارو هو ۽ سڀني ماڻهن سان پيار ڪندو هو. هو ڪنهن سان به نفرت نه ڪندو هو. هو حسد کان پري هو. هو هر حال ۾ خوش رهڻ وارو هو. هن سوين سختيون سٺيون، سور پرايا ۽ مصيبتن سان مقابلا ڪيا، پر هن ڪڏهن به صبر نه ڇڏيو نه ڪنهن کي پٽيائين ۽ نه ڪنهن کي پارات ڏنائين. هن جي شاعري پيار جي شاعري آهي، همدردي جي شاعري ۽ ڀائي چاري جي شاعري آهي، هن پنهنجي شاعري جي ذريعي عام ماڻهن کي موهي ڇڏيو. هو هن جي ڪلام پڙهي خوش ٿيندا هئا، ڪجهه سکندا هئا ۽ اُنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا.

    شاهه جي خاص خوبي:
    شاهه جي خاص خوبي هئي نيڪ نيتي. هو هڪ ڀلوڙ انسان هو ۽ هر ڪنهن سان ڀلو ڪري خوش ٿيندو هو. هو هيئن، ڏکين ۽ بکين جي وقت واهر ڪندو هو، هن جو سڄو ڪلام نيڪ نيتي ۽ همدردي سان ڀريل آهي، هن جي ڪلام کي پڙهڻ کان پوءِ هر هڪ ماڻهو چاهيندو آهي ته ڪاش! هو اُهي خوبيون پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪري سٺو ماڻهو بڻجي وڃي.

    هڪ جرئت مند انسان:
    شاهه لطيف هڪ حليم ۽ نماڻو انسان هو. پر ڪانئر نه هو. هو سچ جي لاءِ ميدان عمل ۾ اچڻ وارو هو، هو ڪٿي ڪا غلط ڪم ٿيندي ڏسندو هو، ته نه صرف اُن کي ننديندو هو پر اون سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو، هو هڪ بهادر شخص هو. هن ڪلهوڙن جي دور جون ڪيتريون ئي مصيبتون سٺيون، تڪيلفون ڏٺيون ۽ مارائڻ جا ڌڙڪا به ٻڌائين پر هو مڙيو ڪو نه. جهڪيو ڪو نه آخر ڪلهوڙن کي مڃڻو پيو ته شاهه لطيف ڪنهن جو برو نٿو چاهي. آخر ڪلهوڙن هن سان صلح ڪيو ۽ چون ٿا ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي پيدائش هن جي دعائن سان ٿي، شاهه جي شاعري ماڻهن کي اُهو سيکاري ٿي ته خير جو ڪم ڪجي، تڪليف ۾ آيل ماڻهن جي مدد ڪجي ته الله انسان جي رکوالي ڪندو، انهن سان رضامند رهندو.

    شاهه وائي جو شاعر:
    شاهه لطيف وائي جو موجد هو، هن جون وايون سهڻيون، سريليون، ۽ رسيليون هيون. اُهي ٻڌي ماڻهو ڏاڍا مطمئن ٿي ويندا هئا. شاهه جي شاعري عام ماڻهن لاءِ پڻ ڇڪتان کي گهٽ ڪرڻ جو ڪو ازغيبي طريقو هو. هڪڙو مثال آهي ته سنڌ جا ٻه نوجوان ڪن ڳالهين جي ڪري هڪ ٻئي کان ناراض ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. پري کان ڪنهن راڳيندر شاهه جي وائي پي ڳائي، جڏهن اُنهن شاهه جي وائي ٻڌي، تڏهن اُنهن جون دليون تبديل ٿي ويون، اُنهن جي ناراضگي ختم ٿي ۽ هو هڪ ٻئي سان بغل گير ٿي ويا. هي آهي شاهه جي شاعري جو عام ماڻهن تي اثر، شاهه جي شاعري، همدردي جو پيغام ڏي ٿي ۽ هو ڪاوڙ حسد ۽ ناراضگي وساري، پيار ۽ چاهه سان رهڻ لڳندا آهن ۽ هر هنڌ امن ۽ سڪون قائم ڪرڻ جي ڪوشس ڪندا آهن.

    زماني جي حالت:
    اڄڪلهه ائين پيو ڏسجي ڄڻ سموري انسان ذات حيران ۽ پريشان آهي. ڏک ۽ بُک عام ڄام آهن، ماڻهن ۾ هر قسم جا جهيڙا ۽ جهڳڙا موجود آهن. انهن ۾ ڪا همدردي نه آهي، ڪو پيار نه آهي ۽ نه وري، ڪو اشفاق سڄي ماحول ۾ نفرت ڀريل آهي. هرڪو ٻئي جي خلاف آهي، دشمني هر هڪ کي ستائي رهي آهي. عام ماڻهو ڏکيا ۽ بُکيا آهن. هو ڏکن ۽ سورن واري زندگي گذاري رهيا آهن. هو الله کي پڪاري رهيا آهن ته هو ڌرتي تان ڏک، سور مٽائي، انسانن ۾ همدردي جو جذبو پيدا ڪري ۽ محنت ۽ مزدوري کي عام ڄام ڪري، اهڙن حالتن ۾ شاهه جو ڪلام ڏاڍو اهم ٿي وڃي ٿو. شاهه جي شاعري ۾ محبت، خدمت، همدردي، محنت ۽ مشقت ۽ گڏجي رهڻ وارا سبق ياد اچيو وڃن ٿا. هو انهن تي عمل ڪري پنهنجي علائقي کي خوشحال ۽ سڪون وارو بنائڻ لاءِ هر قسم جي جهدوجهد لاءِ ميدان عمل ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. شاهه لطيف پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو آهي ته:
    ”تتي ٿڌي ڪاهه، ڪونهي ويل ويهڻ جي،
    پرين مٿان ٿئي اونداهه، پير نه لهين جو.“
    اهڙن حالتن ۾ شاهه جي اهميت وڌي وڃي ٿي ۽ وڌندي رهندي، جي ماڻهو امن ۽ سڪون ۾ رهندا، محبت ۽ مشقت ڪندا ۽ پاڻ کي خوشحال ۽ امن پسند بنائيندا.


    مددي ڪتاب:
    (1) ڪرتار سنگهه عرش. شاهه جي شاعري (پنجابي)
    (2) آغا سليم. شاهه شاعري (اردو)
    (3) شيخ اياز. شاهه، سچل، سامي.
    (4) محمد ابراهيم جويو. شاهه، سچل، سامي.
    (5) ايل.ايڇ. اجواڻي. هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي)
    (6) شمشيرالحيدري. چر تر تک تنوار.
    (7) تنوير عباسي. شاهه لطيف جي شاعري.
    (8) ڀيرو مل مهر چند اڏواڻي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
    (9) ايڇ.ٽي. سورلي. سرتاج شاعر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
    (10) محمد ابراهيم جويو. شاهه، سچل، سامي.
    (11) اي.جي. اُتم. شاهه، سچل، سامي.
    (12) مرتب: تاج جويو. شاهه تي لکيل مضمون.
    (13) تولارام هنس. ٽي. وڏا شاعر.


    ميان سرفراز خان ڪلهوڙو1701ع کان 1783ع

    نقادن جا رايا

    ميان سرفراز کي مير بهرام جي فرمانبردار ۽ وفاداري تي وڏو ناز هو پر لڳي ٿو ته راجا ليکي جي ڳالهين ۾ اچي مير بهرام جي باري ۾ بدظن ٿي ويٺو.
    اعجاز الحق قدوسي. سنڌ جي تاريخ

    مخدوم عبدالرؤف ڀٽي برزگ جنهن هجري 1165هه برابر 1751ع ۾ رضا ڪئي، تنهن اول سنڌي زبان ۾ ڪلام (مولود) ٺاهيا هئا. مگر اُن کان پوءِ سنڌي زبان ۾ موزون ڪلام چوڻ وارا ٻه شاعر ٿيا. هڪڙو سيد ثابت علي شاهه مرثيه گو، ۽ ٻيو ميان سرفراز خان ڪلهوڙو.
    محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ

    ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙو پنهنجي والد ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات بعد سنڌ جي تخت تي ويٺو. فارسي زبان جو وڏو ”صاحب ديوان“ شاعر هو. هي مداح شريف، قيد جي حالت ۾ 1774ع انتهائي سوز ۽ رقت سان چيائين سنڌي ادب ۾ مدح جي شروعات ميان صاحب جي هن مداح سان ٿي. سندس مدح جو غير فاني وراڻو ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون سنڌ ۾ هر هنڌ مشهور آهي.
    مداحون ۽ مناجاتون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

    سنڌ جو هي بدنصيب ۽ ناعاقت انديش شهزادو، ڪلهوڙي بادشاهه ميان محمد غلام شاهه خان جو پٽ هو. 1772ع ۾ سنڌ جي تخت تي ويٺو. پنهنجي تخت کي محفوظ بنائڻ جي خبط ۾ پنهنجي وفادارن جي رت سان هٿ رڱيائين. قضا جي قهري ڪان سندس تخت کي اونڌو ۽ سخت کي اونداهو ڪري ڇڏيو. کيس پنهنجن قيد ڪري ڇڏيو. نه رڳو ايترو پر قيد ۾ سندس نور جو ڏئين کي وسائي ڇڏيائون ان بيوسي کيس پڇتاءُ جي وادين جو سير ڪرايو ۽ اندر مان آواز ڪڍيائين سندس اها مناجات سندس واحد سنڌي ڪلام آهي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيججو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    حياتي جو احوال:
    ڪلهوڙا غير سنڌي هئا. ڪلهوڙن جا وڏا ڌار ڌار ٽوليون ٺاهي مقامي ماڻهن ۽ سنڌ جي ماڻهن سان تالف ۾ آيا ۽ جهيڙن، جهٽن بي قضائين، سازشن ۽ آخر ۾ عام سنڌي ماڻهن جو ساٿ ڏئي پاڻ کي سنڌ ۾ ڏاڍو مضبوط ڪيو ۽ سندس پنهنجي بادشاهي قائم ڪيائون.
    ڪلهوڙن مان ميان غلام شاهه ڪلهوڙو مضبوط ٿي حڪمراني ڪرڻ شروع ڪئي. هن جي موت کان پوءِ سندس پٽ سرفراز ڪلهوڙو 1772ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو. سرفراز شڪل، صورت ۽ سيرت جي ڪري ماڻهن کي وڻيو. ماڻهن هن جي اطاعت ڪري هن کي خوش ڪيو. ماڻهن جي وفادارين ۽ مدد جي ڪري سرفراز ڏاڍو مشهور ٿيو. هن عام ماڻهن جي لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا ۽ انهن جي زندگي کي خوشحال بڻايو. سرفراز ڪلهوڙو نيڪ نيت، رحمدل ۽ سوچ سمجهه وارو انسان هو. هن ٽي سال حڪومت ڪئي. هن جي يارن، دوستن ۽ ڪن مٽن مائٽن هن کي غلط راهه ڏيکاري. هن جي زندگي کي ڏاڍو ڏکيو بڻايو.
    سرفراز جي هڪڙي ايلچي ۽ دغاباز وزير راجا ليکي جي چوڻ تي ٽالپرن جي پرئي مڙس سيد بهرام خان کي لڳي وچ دربار ۾ مارايو.
    انهي ڪري ٽالپرن ۽ بلوچن ۾ ڏاڍي ڇڪتاڻ پيدا ٿي. سن 1775ع ۾ اُنهن ميان محمد سرفراز کي تخت تان لاهي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد رکيائون، قلعي ۾ اُنهن سرفراز تي ڏاڍيون سختيون ڪيون. ۽ ان کي انڌو ڪري ڇڏيو. قلعي ۾ ميان عبدالنبي اُن کي، سندس ڀاءُ محمود خان ۽ پٽن مير محمد خان کي ۽ چاچس عطر خان کي بيگناهه قتل ڪرائي ڇڏيو. انهن چئن ئي شهيدن جون تربتون هڪڙي ئي قبي ۾ آهن.

    سرفراز ڪلهوڙي جي شاعري:
    سرفراز ڪلهوڙو شاعري جو وڏو شوقين هو. ننڍي هوندي کان ئي شعر چئي ماڻهن کي وندرائيندو هو. خاص ڪري وڏن گهرن جا نوجوان هن جي شعرن کي پسند ڪندا هئا. اُن ڪري هن پنهنجي گهر جي ڀر سان شوقين ماڻهن سان ملي مشاعرا رچائڻ شروع ڪري ڏنا.
    سيد ثابت علي شاهه انهن مشاعرن ۾ حصو وٺندو هو. هتي غزل جي شاعري تي محفلون لڳنديون هيون. اُتي مشاعرن ۾ سنڌ جو وڏو شاعر گدا اُنهن جي تربيت ڪندو هو. اُن جي اثر هيٺ سرفراز ڪلهوڙو تمام سٺا غزل چوڻ شروع ڪيا. هو عمر ۾ جيتوڻيڪ ننڍو هو، پر پنهنجي ساٿي شاعر ثابت علي شاهه سان غزل چوڻ ۾ مقابلو ڪندو هو. سيد ثابت علي شاهه همٿائيندو هو ته اسان سڀني ننڍن سنڌي شاعرن کي سنڌي ۾ به غزل چوڻ گهرجن. غزلن کان سواءِ هن ضرور ٻين ڪن صنف ۾ شاعري ڪئي هوندي پر اهي ملي نه سگهيون آهن. هن جو مداحن جو هڪ مجموعو موجود آهي. جيڪو اعليٰ سنڌي روايتي شاعري جو شاهڪار آهي. هو فارسي زبان جو وڏو شاعر هو. هي مدح شريف، قيد جي حالت (1774ع) ۾ انتهائي سوز ۾ رقت سان چيائين. سنڌي ادب ۾ مدح جي شروعات هن مدح سان ٿي. سندس مدح جو غير فاني وراڻو ”ڀلا ڄام، هن غلام، سند سوال سڻج تون سنڌ ۾ هر هنڌ مشهور آهي.

    شاعري جون خصوصيتون
    (1) سرفراز ڪلهوڙو هڪ نئون ۽ نرالو شاعر هو. هن گهڻي شاعري ته نه ڪئي پر جيڪا ڪيائين سا لاجواب ۽ بي مثال آهي.
    (2) هن جي شاعري ٺڳي ۽ مڪاري، نفرت ۽ بداخلاقي کان بلڪل آجي هئي. ان کي ٻڌي سڀ ماڻهو ڏاڍا سرها ٿيندا هئا ۽ انهن جي چهرن تي سچي خوشي نمايان طور تي چمڪڻ لڳندي هئي. اُن جي مداحن کي خوب ساراهيو ويندو هو. ۽ ماڻهو خوش ٿي رب تعاليٰ جا نعرا هڻندا هئا ۽ نچندا هئا.
    (3) هڪ هي سُريلو ۽ جادوگر شاعر هو. اُن جي شاعري جو مواد، خدا پرستي، سٺائي ۽ سچائي سان رچيل آهي. هي ڄڻ هڪڙو اصلاح پسند ۽ ضميرن کي جاڳاڻ وارو نيڪ نماڻو ۽ اصول پرست شاعر هو.
    (4) هن جي شاعري پاڪ آهي، اها ڪرود، ڪاوڙ ۽ لالچ کان آجي آهي. اُن کي پڙهي ۽ ٻڌي ڪري برايون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ نيڪن جي آمد شروع ٿئي ٿي. ماڻهو سچ پچ ماڻهو بڻجي وڃي ٿو. معاشري ۾ ظاهر ٿي. ماڻهن کي آزادي، قرب ۽ سچي نصيحت حاصل ٿئي ٿي. هو هيڻائي ڇڏي همٿ وارا ٿي وڃن ٿا.
    (5) هو ڪا به ڳالهه لڪائن نٿا. پنهنجي طرفان ڪيل براين تي پريشان ٿي، نبين ۽ ولين کي پڪاري پنهنجن براين کي عوام اڳيان قبول ڪري دلي سڪون حاصل ڪن ٿا. اها کين جُرئت مند بنائي ٿي. هو پنهنجي طرفان ڪيل غلطين تي سچ پچ پشيمان ٿين ٿا. انهن جون دليون صاف ۽ پاڪ ٿي وڃن ٿيون. هو پاڻ کي نفرت، ڪدورت ۽ ڪٽر پڻي کان بچائي معاشري جا سُٺا ۽ سُريلا ماڻهو بڻجي وڃن ٿا.
    (6) هن پنهنجي پاڻ کي حسد ۽ تعصب کان بچائي وڏي روحاني منزل حاصل ڪئي. سنڌ جي هڪ جهوني شاعر شاهه عبدالڪريم جو چوڻ هڪ وڏو سچ آهي ته:
    ڪٽر جني اکين ۾،
    سي ڪيئن پرين پسن.
    سرفراز ڪلهوڙي هر قسم جو ڪٽر پڻو ڇڏي ڪري ماڻهن کي نيڪ بنايو ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙو روحاني علاج موهيا ڪيو. جيڪو هر قسم جي روحاني بيماري کي ختم ڪري اُن کي نيڪ، سچو، سٺو ۽ صحتمند انسان بنائي ٿو.
    (7) ڪلهوڙو اهڙو شاعر آهي. جنهن وٽ مواد ۽ فن جون سڀئي خوبيون موجود آهن. هن جي ٻولي صاف ۽ سٿري عام ماڻهن جي ٻولي آهي. جنهن کي هرڪو پڙهي سمجهي انسانيت جي وڏي منزل حاصل ڪري ٿو.
    مداح معنيٰ، وصف، مقصد:
    سڀ کان اول ”مداح“ ۽ مناجات لفظن جي معنيٰ سمجهڻ ضروري آهي. لفظ مداح عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي. ساراهه يا تعريف ڪرڻ. ”مداح“ سنڌي نظم جي خاص صنف آهي. عربي لفظ ”مدح“ جي معنيٰ ”تعريف“ پوءِ ڀل اها ڪنهن بادشاهه امير، حاڪم، دوست وغيره جي به هجي. سنڌي ۾ ”مداح“ مفهوم خاص آهي. يعني ته اها منظوم ساراهه يا تعريف، جا نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ اصحابن سڳورن يا ڪنهن ولي يا درويش جي شان ۾ ڪيل هجي. مداح ثنا ۽ نعت جي برابر آهي. ”مداح“ چوندڙ شاعر کي عربي لفظ ”مادح“ يا ”مداح“ جي بجاءِ سنڌي ۾ مداحي چئبو. تاريخي طور ”مداح“ جو سلسلو ڄڻ عرب شاعر ڪعب بن زهير کان شروع ٿيو. انهي واقعي جي ڪري ”مداح“ جي روايت معاشري ۾ مشهور ٿي. مدح جو سنڌ جي شاعري تي به اثر پيو ۽ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن مداحون لکي ماڻهن کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
    مقامي طور سنڌ جي چارڻن، ڀانن ۽ ڀٽن آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ جي سورهيه ۽ سخي سردارن کي پئي ڳاتو آهي.
    ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي شاعرن جي فارسي جي اثر هيٺ ”مداح“ کي بحر وزن جي غلطين ۽ چُڪن تي رابطو رکي اُن کي باقاعدگي ڏني. جمن چارڻ ۽ صدرالدينن جي اثر هيٺ ”مداح“ سٺي ترقي ڪئي.
    سنڌ جي مداح نگارن مدح نبي، مدح بادشاهه پير،مدح محي الدين جيلاني رضه، مدح غوث اعظم جيلاني رضه، مدرح يار چار، مدح شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مدح نبي صلي الله عليھ و آلھ وسلم جنهن تي اڃا تائين به ڪي مدح نگار انسان ضمير کي جاڳائي رهيا آهن.

    سرفراز ڪلهوڙي جا قافيا:
    قافين تي پورو ضابطو آهي. ڪلهوڙي کي فن جي قافيي تي پورو ضابطو آهي. هو هڪ ماهر قافيا دان آهي. هن جا قافيا سادا، عام فهم ۽ ٺهڪي ايندڙ آهن. هو مداح جي ٻن مصراعن ۾ قافين جي تعداد ۾ تبديليون آڻي اظهار راءِ پاڻ کي بچائي فطري آزادي کي ماڻي ڪلام ۾ بهتري ۽ بلندي پنهنجا بهتر کان بهتر گُڻ ڪري پاڻ کي بلند کان بلند تر شاعر شاعر بنائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪندو نظر اچي ٿو. هن جي مداحن ۾ ڪٿي 3+2=5 قافيا هوندا آهن. انهي ڪري ڪلام ۾ نواڻ، اچرج ۽ رواني اُڀري مٿي اچي ويندي آهي ۽ ڪلام ۾ رنگ ۽ رونق جو اضافو ٿي ويندو آهي.

    سرفراز جون مداحون:
    هي مداحون سرفراز ساري مداح بحز هزج مڪفوف محدوف تي ٺهيل آهي. جنهن جا ارڪان آهن؛ مفاعيل، مفاعيل، مفاعيل، فعولن. اها مداح يڪ بيتو ترجيح بند آهي. هن مداح ۾ ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون وريو وريو اچي ٿو.
    هن مداح ۾ هر هڪ مصرا ۾ گهڻو ڪري ٽي ٽي ڪافيا آهن. هن مداح ۾ ٽيهه مصراعون آهن. جن مان تيرهان مصراعون ٻن ڪافين واريون ۽ سترانهه مصراعون ٽن ڪافين واريون آهن. مثال طور ٻن ڪافين واري هن مصره کي پڙهي لطف حاصل ڪريو.
    صغير ۽ ڪبير، ڪَيُم ڪرتَ، ڪچايون،
    محمد مير، من حقير، سَنديون ميٽ مَٺايون،
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.
    هائي ٽن ڪافين واري هڪڙي مصرا جي،مٺاس ماڻيو ۽ دل کي سڪون پهچايو.
    روز قيامت شفاعت، ڪندين اُمت اُتي تون،
    تنهن وير، ڀري پير، سگهو شير رسين مون،
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.
    هن جي هڪڙي مصرا ۾ ٻه ٻه ڪافيا ۽ ڪن مصران ۾ ٽي ٽي ڪافيا آهن.
    هن جي وراڻي سڄي مدح کي سُنهن، سچائي ۽ نصيهت جو انمول نمونو بنائي ڇڏيو آهي. هن مداح کي پڙهندي دل مان کوٽ نڪريو وڃي ٿي ۽ سڪ وڌايو وڃي ٿي. هيڻائي، غائب ٿي و ڃي ٿي ۽ همٿ نڪري نروار ٿئي ٿي. ڪهڙو به ميڻو شڪي ۽ لالچي ۽ تعصب پرست ماڻهو سچو سٺو ۽ مخلص بڻجيو وڃي ٿو. اُهي مداح پيار، محبت وڏائي شهڪار دل کي موتين کان وڌيڪ منور ڪري ٿي.
    سنڌي شاعري ۾ هي مدح شاهڪار آهي. هي دل کي مضبوط ڪري ٿي ۽ مجبور ڪري ٿي ته هو پنهنجن ڪچائين، برائن ۽ غلط ڪمن کي ظاهيرن ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري سچو بڻجي پاڻ کي سڌاري ۽ پڙهندڙن کي آمداه ڪري ته هو پنهنجن برن ڪمن تي پشيمان ٿي پاڻ کي الله جي نظرن ۾ پيارو ۽ مقبول بڻائن. هن جي مداحون فارسي وزن تي قائم آهن. هن مداحن کي صاف، سولي، آسان ٻولي ۾ چيو آهي. هن جا ڪافيا سُٺا، سهڻا ۽ اثر انگيز آهن، جيڪي ماڻهن کي جهومائي ڇڏين ٿا.

    ڪلهوڙي جي شاعري جي اهميت:
    سرفراز ڪلهوڙو هڪ بلند اخلاق ۽ اعليٰ شاعر هو. هن پنهنجي ڪيل يا ڪرايل گناهه تي خوب سختيون سٺيون هن کي تخت تان لاٿو ويو ۽ حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. قلعي ۾ هن جون اکيون ڪڍي اُن کي انڌو بڻايو ويو. قلعي ۾ رهندي هو روئندو ۽ رهڙندو نه هو. هو پنهنجو پاڻ ته قابو پائي ويٺو رهندو هو. پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ لاءِ هن مداحون چوڻ شروع ڪيون، جن ۾ پنهنجي ڪيل ڏوهه تي پڇتاءُ ڪري نبين، ولين ۽ درويشن جي ذريعي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ هن ”ٽيهه“ مداحون لکيون. هن روحاني سُڪون پاتو. هن جي هدايتن کي پڙهي۽ ٻڌي عام ماڻهن، پنهنجو پاڻ کي ڏوهن کان بچائڻ لاءِ مداحون لکيون. مداح هڪ موجزانه شعري صنف آهي. جنهن ۾ نبين، ولين، درويشن کي ساراهيو ويندو آهي. ۽ اُنهن کي پنهنجي گناهن کي معاف ڪرڻ لاءِ فرياد ڪيو ويندو آهي. مداح جي ذريعي ماڻهن کي صبر سُڪون ۽ امن ملي ويندو آهي ۽ انهن جي زندگي نيڪين جي راهن ڏانهن ورندي نظر ايندي آهي. اسان وٽ معاشري ۾ ڏاڍيون برايون وڌيل آهن. ماڻهو حاسد ٿي ويل آهن، ڪاوڙ ۽ ڪرود عام جام آهي، ۽ ماڻهو بدحالي ۾ گرفتار آهن. انهن ڪري انهن ڏکيائين کان بچڻ جي لاءِ غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڪيل اثر انگيز شاعري جي ضرورت آهي. شاعر اهڙي شاعري ڪري سماج ۾ قرب، سُک ۽ امن جي حاصلات ذريعي هر طرح سان خوشحال رهندا ۽ خوشيون پکڙندا.

    سرفراز خان ڪلهوڙي جون ڪي اثر انگيز مداحون:
    (1) شريعت، طريقت، ڪرين نصيب، اسان ڪون،
    هقيقت، معرفت، سنڌو نظر، ڪرين تون،
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

    (2) سر زمين، ڪيمُ ڪين، آهيان ناقص نمائون،
    مٿي دين، تون امين، اُڀيا ريج اسان ڪون،
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

    (3) جمال، ۽ ڪمال، تنهنجي لاءِ، واجهائون،
    ٿيون شال، منجهه وصال، وڃي هو تن هائون،
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

    (4) بسم الله، لڳ الله، محمد شاهه، ڪر پناهه پرين تون،
    منجهه درگاهه، ڪيم آهه، مٿي راهه، سين تون،
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

    (5) چار ئي طرف، تنهنجي شرم، ڪيون روشن اُڀ،
    زمينون، منجهان نور، ٿيو معمور، مڪو ملڪ مدينو،
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

    (6) هي مداح، تنهنجي شاهه، چيم صف، واکائون،
    سئي پاڻ، ڪنن ساڻ، ڏيئن ڏاڻ، ڏڏائون،
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.



    مددي ڪتاب
    (1) اعجاز الحق قدوسي. سنڌ جي تاريخ.
    (2) محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ.
    (3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. مداحون ۽ مناجاتون.
    (4) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌ ادب جي مختصر تاريخ.
    (5) سنڌي اخبارون، رسالا ۽ انهن جا خاص نمبر


    سيد ثابت علي شاهه(1154هه 1225هه) (1740ع 1810ع

    اديبن ۽ تقادن جارايا

    ”سيوهڻ جو هي شاعر (سيد ثابت علي شاهه) شهزادي سرفراز ڪلهوڙي سان گڏ غلام علي مداح کان فارسي ڪلام تي اصلاح وٺندو هو. پهريائين مجلس ۾ ڪي پراڻا اُردو ۽ پنجابي مرثيا پڙهڻ لڳو. پوءِ پنهنجي طبع جي جولانيءَ سان سنڌيءَ ۾ مرثيا چوڻ لڳو، جن ۾ زبان ۽ بيان جا خوب جوهر ڏيکاريائين.“
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    ”سيد ثابت علي شاهه مرثئي جو تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هي پهريون شاعر آهي، جنهن مرثيي جي شاعري کي باقاعده رواج ۾ آندو ۽ اُن کي مقبول بنايو.“
    ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس

    ”ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي زماني جو هي (سيد ثابت علي شاهه) شاعر مرثيي جو باني ۽ موجد آهي، زياده تر تصنيفون مذهبي رنگ ۾ رنگيل آهن، ليڪن ادبي اعتبار کان کيس اِهو فخر آهي ته سنڌي شاعري جي ميدان کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي نيون صنفون ايجاد ڪيائين.“
    سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب

    ”سيد ثابت علي شاهه مرحوم پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن موزون شعر ۾ مرثيا ٺاهيا آهن.“
    محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ
    ”سيد ثابت علي شاهه مرثيه نگاري جو بادشاهه آهي. سيد ثابت علي شاهه جي مرثيي جي شاعري اسان کي فن جي ڪمال تي نظر اچي ٿي.اُن ۾ مضمون آفريني، زبان جي صحت، رواني ۽ سلاست موجود آهي. شاهه کان اڳ سنڌ ۾ هن فن کي منزلت نه ملي جا کيس شاهه صاحب ڏني. انهيءَ ڪري کيس سنڌ ۾ ان فن جو باني سمجهڻ گهرجي.“
    غلام محمد گرامي. ”مضمون“ ثابت علي شاهه ۽ مرثيي جو فن. ٽه ماهي مهراڻ1972ع

    حياتيءَ جو احوال
    سيد ثابت علي شاهه ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جو هڪ قابل ۽ مقبول عام شاعر ٿي گذريو آهي. هن موزون شاعري کي اختيار ڪري اُن ۾ بيشمار ڪلام لکيو. هن ڪيتروين نيون صنفون جوڙي سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو ۽ اُن کي مقبوليت ڏياري.

    وڏن جو احوال
    سيد ثابت علي شاهه جا وڏا ملتان جا رهاڪو هئا. سندس ڏاڏو سيد نور محمد شاهه جنهن کي سيد ثابت علي شاهه به چوندا هئا سنه 1128هه ۾ سنڌ آيو ۽ سيوهڻ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪري ويهي رهيو.

    ولادت ۽ تعليم
    سيد ثابت علي شاهه جي ولادت سيوهڻ ۾ سنه 1151هه برابر سنه 1740ع ۾ ٿي. هن جي والد جو نالو سيد مراد علي شاهه ۽ ڏاڏي جو نالو سيد نور محمد شاهه هو. جڏهن پڙهڻ جي عمر تي پهتو تڏهن پهريائين آخوند عبدالرحمان وٽ ۽ پوءِ آخوند محمد الياس وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين. اُن کان پوءِ سيد چراغ شاهه وٽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. هن مخدوم محمد حسان حڪيم وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. هن مخدوم مراد واعظي کان علم تفسير، علم حديث ۽ فقھ جي تعليم ورتي. هن مخدوم چراغ شاهه کان متاثر ٿي ڪيترائي فارسي ڪتاب ۽ فارسي ۽ هندي (اردو) مرثيا پڙهيئاين ۽ شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو. هو شاعري سکڻ لاءِ نورالحق مشتاقي سيوهاڻي جو شاگرد ٿيو.

    هڪ استاد ٻه شاگرد
    ان کان پوءِ سيد ثابت علي شاهه ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ عالم مولوي حسين جي فرزند مولوي مداح جي شاگردي ۾ آيو. جيڪو شهزادي سرفراز ڪلهوڙي جو استاد هو. مولوي مداح وٽ سيد ثابت علي شاهه جي شهزادي سرفراز ڪلهوڙي سان ڏاڍي ڏيٺ ويٺ ٿي جيڪا پوءِ گهاٽي دوستي ۾ بدلجي ويئي. هو ٻئي قابل هئا ۽ شاعري جا وڏا شوقين هئا. ٻنهي جي وچ ۾ قصيدن ۽ غزلن ٺاهڻ جون چٽاڀيٽيون ٿينديون هيون. سندن اُستاد مولوي مداح ٻنهي جي غزلن ۽ قصيدن ۾ اصلاحون ڪري ڏيندو هو ۽ انهن کي خوب همٿائيندو هو. سيد ثابت علي شاهه شهزادي سرفراز ڪلهوڙي جي باري ۾ قصيدا جوڙي انعام حاصل ڪيا ۽ هر طرف وڏي مشهوري حاصل ڪئي. شهزادو سرفراز ڪلهوڙو فارسي ۾ شعر چوندو هو ۽ سيد ثابت علي شاهه پهريائين فارسي زبان ۾ شعر چوندو هو.

    درباري شاعر
    جڏهن مير فتح علي خان ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي تڏهن ٻين شعارن سا گڏ سيد ثابت علي شاهه کي به پنهنجو درباري شاعر مقرر ڪيائين. سيد ثابت علي شاهه قصيدا ۽ مرثيا لکي اچي درٻار ۾ ٻڌائيندو هو. هن جي مرثين کان مير ڪرم علي خان ڏاڍو متاثر ٿيو. مير ڪرم علي خان جڏهن پان سنڌ جو حاڪم بڻيو تڏهن سيد ثابت علي شاهه کي تمام گهڻو نوازيو. مرثيا چوڻ تي سيد ثابت علي شاهه جي مشهوري وڌندي رهي. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هن جي زندگي امن ۽ آسودگي ۾ گذري ٽالپرن جي ڏينهن ۾ قصيدا لکي ٽالپرن کي ڏاڍو خوش ڪيو. ”فتح نامه“ ۽ ”ظفرنامه“ جيڪي هن جون تحريرون هيون. ميرن کي ڏاڍيون وڻيون ۽ سيد ثابت علي شاهه جي مقبوليت کي چار چنڊ لڳي ويا.
    ڪربلا جون زيارتون
    سيد ثابت علي شاهه سنه 1205هه ۾ مير ڪرم علي خان جي اجازت سان ڪربلا جي زيارتن لاءِ روانو ٿيو. مير ڪرم علي خان مسقط جي حاڪم لاءِ سفارشي خط ڏنس. انهي ڪري مسقط ۾ کيس ڏاڍو مان مليو. ڪربلا جي عالم به سندس سُٺو آڌر ڀاءُ ڪيو. هو زيارتون ڪري سنه 1209هه ۾ موٽي آيو سنه 1219هه ۾ مير صاحب جي مدد سان مشهد مقدس ويو ۽ امام رضا عليھ السلام جي روضي جي زيارت ڪري ساڳئي سال موٽي آيو.
    مير فتح علي خان ۽ مير مراد علي خان ۽ ٻيا سيد ثابت علي شاهه کي انعام اڪرام ڏيندا رهندا هئا ۽ ٻيا نذرانا گهر ويٺي ملندا هئا. هن جي زندگي عزت ۽ احترام سان گذرندي هئي.

    شخصيت
    سيد ثابت علي شاهه قابل ۽ بلند اخلاق شخص هو. هو پرهيزگار ۽ صوم و صلواة جو پابند هو. هو شيھ عقيدو رکندو هو ۽ مجلسن ۽ ماتم ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ درد ۽ سوز سان مرثيا به پڙهندو هو. هو دين ۽ دنيا جي علمن جو وڏو ڄاڻو هو ۽ پنهنجي قابليت ۽ اثر انگيز ڳالهه ٻول جي ذريعي ڏاڍو مقبول هو.

    سيوهڻ جي ساراهه
    سيد ثابت علي شاهه سيوهڻ کي پنهنجو وطن ڪري سمجهندو هو. هو سيوهڻ کي دل و جان کان وڌيڪ ڀانئيندو هو. جنهن جي واکاڻ هن پنهنجي ڪتاب ”زيارت نامه“ ۾ خوب ڪئي آهي. سيوهڻ جي ساراهه ڪندي هن فارسي تشبيهن جو واهه جو استعمال ڪيو آهي.
    ”شهر سيوهڻ جاءِ امن و شاهه عالم جي پناهه،
    شهر سيوهڻ ڪشتي نوح و قلندر يا خدا.“
    سيوهن ڌرتي تي ڄڻ جنت جو نمونو هو جنهن ۾ لال شهباز قلندر جو نغارو وڄي دلين کي گرمائيندو هو.
    وفات
    سيد ثابت علي شاهه زندگيءَ جا پويان ڏينهن سيوهڻ شريف ۾ سڪون سان گذاريا. سيد ثابت علي شاهه 72 ورهين جي وڏي ڄمار ۾ سنه 1225هه برابر سنه 1810ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار سيوهڻ جي پراڻي قبرستان ۾ آهي، جتي محرم جي مهيني ۾ هزارين ماڻهو سندس مقبري تي گلن جي ورکا ڪندي نظر ايندا آهن.

    تصنيفون
    سيد ثابت علي شاهه فارسي هندوي ۽ سنڌي ۾ تمام گهڻو تحرير ڪيو آهي. جنهن کي گڏي ڪليات يا ”گنج“ چئبو آهي. هن وڏي ادبي ذخيري کي محمد صديق ميمڻ پنهنجي ”ڪتاب“ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. مرثيا 22، منقبت 117، جنگنامه 8، فارسي ۾ هجونامه 3، مذهبي مباحثن جا منظوم ڪتاب، هڪ زيارت نامو، جنهن ۾ پنهنجي اصل نسل جو بيان ۽ زيارتن جو احوال ڏنل آهي. هڪڙو سنڌي هجويه ڪلام جنهن کي ”چڻنگ“ ڪري سڏيندا آهن، جنهن ۾ سيوهڻ جي پڙهيلن جي ادب کان ڪريل نموني ۾ هجو ڪئي اٿس.

    شاعريءَ جون نمايان خصوصيتون
    سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن کي سنڌي مرثيي جو باني ۽ موجد سمجهيو وڃي ٿو. سيد ثابت علي شاهه مرثيي جو حقيقي موجد آهي. هن کان اڳ ۾ سنڌ ۾ صحيح مرثيو موجود ئي نه هو.
    "مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪو نه اصلي سنڌ ۾“
    جتي سيد ثابت علي شاهه کي سنڌي ادب ۾ پهريون مرثيه نگار هجڻ جو شرف حاصل آهي اُتي هن کي اهو به اعجاز حاصل آهي ته هو ”سلام جي صنف جو موجد آهي هي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن غزل جي طرز تي سنڌي زبان ۾ سلام تحرير ڪيا ۽ خوب شهرت ماڻي.
    سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن پهريون ڀيرو ”نوحا“ تحرير ڪري سنڌي مرثين جي شاعري کي مالا مال ڪيو ۽ سنڌي مرثيا نگاري ۾ درد ۽ الم جي دلسوز ۽ دردناڪ تصوير پيش ڪري، بيمثال ڪارنامو سرانجام ڏنو.
    سيد ثابت علي شاهه مرثيي جو خاص شاعر آهي. هن ئي مرثيي جي صنف تي باقاعده نموني ۾ طبع آزمائي ڪئي ۽ اُن کي مقبول بنايو. انهيءَ ڪري هن کي جديد مرثيه نگاري جو باني چيو وڃي ٿو.
    سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن باقاعدگيءَ سان عروضي شاعري کي سنڌي ادب ۾ رائج ڪري اُن ۾ تمام گهڻو لکي اُن کي سنڌي شاعري جو هڪ دلچسپ ۽ سگهارو باب بنايو. هن عروضي شاعري ۾ تمام گهڻا مرثيا لکي نه صرف مرثين کي مقبوليت بخشي پر عروضي شاعري کي به عروج تي پهچايو.
    سيد ثابت علي شاهه عروضي شاعري ۾ وسعت آڻڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي صنفون جوڙي، اظهار جا نوان نوان طريقا جوڙي، سنڌي شاعري کي زبردست ترقي ڏياري.
    سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي ڪلاسيڪي شاعر آهي. جنهن سنڌي شاعري جي قديم صنفن جهڙوڪ، ڳاهه، دوهو، بيت، وائي ۽ ڪافي وغيره تي ڪجهه به نه لکيو آهي. هن عروضي شاعري ۽ اُن جي مختلف صنفن تي لکي وڏو ڪمال ڪيو آهي.
    سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن کي مرثيي ۽ اُن سان وابسته فني ۽ ادبي روايتن جو باني تسليم ڪيو ويندو آهي.

    مرثيه نگاري جو فن
    مرثيه نگاري شاعري جي هڪ قديم صنف آهي. مرثيه نگاري کي انگريزي ۾ Elegy چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي دردناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويندو آهي. هي صنف يونان ۽ روم ۾ تمام قديم زماني کان رائج رهي آهي. عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ به هي صنف قديم زماني کان رائج آهي. هي صنف اردو ۽ سنڌي ٻولي ۾ به مشهور رهي آهي.
    مرثيو اصل ۾ عربي لفظ آهي جيڪو ”رثيٰ“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي روئي ڪنهن جون نيڪيون ۽ گُڻ بيان ڪرڻ ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جي مصنف محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مرثيه لفظ جي معنيٰ آهي اُهو شعر جنهن ۾ ڪنهن به دردناڪ حادثي جو ڏک ڀريل لفظن ۾ بيان ٿيل هجي.“ هي عام مرثيي جي وصف آهي. مگر عالمگير اصطلاح موجب مرثيي جي معنيٰ آهي اُهو رزميه ڪلام جنهن ۾ خاص طرح ڪربلا جي دردناڪ ۽ دلسوز واقعي بابت ڪجهه بيان ڪيل هجي.“ هي مرثيي جي خاص وصف آهي.
    حقيقت ۾ مرثيو رزميه شاعري جي اُها انمول صنف آهي، جنهن ۾ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي بيمثال شهادت جو زڪر درد انگيز نموني ۾ ڪيو ويندو آهي. ڏک ۽ غم جي اظهار سان گڏ لڙائي جي حيرت انگيز منظرن کي بيان ڪيو ويندو آهي. امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي ساٿين، سرويچن ۽ جان نثارن جي بهادري ۽ سورهيائي جو بيمثال ذڪر به ڪيو ويندو آهي.
    سنڌي ٻولي جي نامياري اديب ۽ نقاد غلام محمد گرامي هڪ تحقيقي مضمون ”ثابت علي شاهه ۽ مرثيي جو فن“ لکيو جيڪو ٽه ماهي ”مهراڻ“ رسالي جي 1972ع پرچي ۾ شايع ٿيو. انهي مضمون ۾ گرامي صاحب لکيو آهي ته مرثيي جي تعريف ڪندي علامه شبلي لکيو آهي ته: ”اهڙو حزنيه ڪلام جو ڪنهن موصوف جي وفات تي چيو وڃي اُن ۾ فوتيءَ جا اوصاف بيان ڪبا آهن، پر جي زنده جي تعريف ڪجي ته پوءِ اُن کي قصيدو ڪوٺجي ۽ مرده جي تعريف کي مرثيو چئجي.“
    گرامي صاحب علامه شبلي جي مرثيي جي هن تعريف سان قطعاً متعفق نظر نٿو اچي. گرامي صاحب جو خيال آهي ته مرثيو فقط مهندار ڪربلا مطعلق حزنيه نظم ۽ ڪلام جو نالو آهي. جنهن ۾ هڪ مخصوص هئت ۽ مخصوص پيش ڪش آهي.ا ُن جو مضمون به خاص آهي ۽ مواد به خاص آهي. انداز بيان به خاص آهي، محاڪات به خاص آهي، اُن جو اسلوب به خاص آهي ته منظر نگاري جو ميدان به خاص آهي. مرثيو مڙني صنفن کان منفرد ۽ ممتاز آهي.“
    مرثيو رزميه شاعري جي هڪ مخصوص صنف آهي جنهن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڏک ڀري انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي، جيئن ته ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ انهن جي نيڪين ۽گڻڻ مان واقف ٿي زندگي گذارڻ جو نئون ۽ نرالو طريقو سکي سگهن.

    مرثيه نگاري جا لازمي جُزا
    مرثيه نگاري هڪ مخصوص فن آهي، ڏکيرو به آهي ۽ اڻاگو به... هن فن جا ڪي مخصوص جزا هوندا آهن. انهن مان خاص هي آهن: (1) ممدوح جي عظمت ۽ شان جو بيمثال ذڪر ڪيو وڃي جيئن ته ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ انهي مان سبق پرئاي سگهن ۽ پنهنجي زندگيءَ کي مثالي بنائي سگهن، (2) ممدوح جي واکاڻ ڪئي وڃي ۽ شهيدن جي شهادت تي ڏک ۽ غم جو درد انگيز ذڪر هجي، (3) مرثيي ۾ جذبات نگاري هجي، (4) مرثيي ۾ واقعات نگاري هجي، (5) مرثيي ۾ رزميه انداز ۾ ڪربلا ۾ جان نثار ڪندڙ سورمن ۽ شهيدن جو زڪر هجي ۽، (6) مرثيي ۾ گهوڙن ۽ لڙائي جي هٿيارن جو ذڪر ڪرڻ به لازمي هوندو آهي.

    ممدوح جي عظمت جو ذڪر
    جديد مرثيه نگار شاهه نصيرالدين جي هن سلام ۾ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنھ جي عظمت جو ذڪر ڪهڙي نه بيمثال نموني ۾ ڪيو ويو آهي.
    ٿيو رب پاڪ پرور ثناگر حسين جو،
    جبريل خاص خادم چاڪر حسين جو،
    ارض و سما ڪرسي عرش برين مٿي،
    ٿيو غلبو شهادت شاڪر حسين جو.

    جذبات نگاري
    مشهور مرثيا نگار مرزا ٻُڍل بيگ پنهنجن مرثين ۾ جذبات نگاري کي موضوع بنائي وڏو ڪمال ڪيو آهي. بي بي سڪينه پاڻي نه ملڻ سبب اڃ جي اُساٽ کان بيهوش ٿي ويئي هئي. ان پُردرد ۽ جذبات خيز واقعي جي دلسوز تصوير مرزا ٻڍل بيگ هن طرح چٽي آهي:
    اُن وقت ٿيو شاهه دين جي خيمي ۾ حشر عام،
    شاهه چيو ڏسو خيمي ۾ هي آ ڪهڙو ڪهرام،
    آيو گهڙي خيمي ۾ اُن وقت او ضرگام،
    ۽ پڇڻ لڳو ڇا کان ٿيو روڄ ۽ ماتام،
    چئون طفل سڪينه ڪري بيهوش تي اڃ کان،
    معصوم مري ٿي، ڏيو پاڻي اوهين هت آن.

    واقعات نگاري
    سچل سرمست واقعا نگاري ۾ ڪمال ڪيو آهي. جڏهن حضرت امام حسين گهوڙي تي سوار ٿي ميدان جنگ ۾ وڃي ٿو، اُن نظاري کي جن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو سو خوبصورت به آهي ۽ بي مثال به:
    شاهه جو گهوڙو پيو ڪاهي گهڻي گهمسان ۾،
    هي ترارن تارڪيو هي جنگ جي جولان ۾،
    اسپ جون کاڙيون هيون هن نر جي نيشان ۾،
    آسمان ڌرتي برابر ڌنڌڪاري يا حسين.

    گهوڙي جو ذڪر
    شاهه لطيف جي ڪيڏاري ۾ گهوڙي جو ذڪر ڪهڙي نه شاندار نموني ۾ ٿيل آهي:
    گهوڙو گهوٽ پلاڻيو، مٿس زين ڌري،
    علي شير پٽن کي، اُڀو سڏ ڪري،
    قضا ڪيئن ٽري، اَمر الاهي آيو.

    هٿيارن جو ذڪر
    مرزا ٻڍل بيگ پنهنجن مرثين ۾ هٿيارن ۽ گهوڙي جي خوب تعريف ڪئي آهي. تلوار جي تعريف انهي نموني ۾ ڪئي آهي:
    بجلي جي هئي روش ان تيغ آبدار ۾،
    ٽانڊا وسڻ لڳا پوءِ صف علرزار ۾،
    آفت بپا هئي قوم ضلالت شعار ۾،
    گيتيءَ تي زلزلو هو تلاطم بهار ۾،
    *-*-*
    اعدا جي سر ڪپڻ ۾ نه مطلق ڪو باڪ هو،
    سر تي ڪري جي ڪنهن جي ته سينو به چاڪ هو.
    مرثيي جي انهن لازمي جزن کي خوبصورتي سان عمل بيان ڪري قابل ۽ باڪمال مرثيه نگار مرثيي کي فني ڪماليت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيندا آهن.

    سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاري
    محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ”سيد ثابت علي شاهه کي هندي ڪلام ۽ انيس ۽ دبير جا مرثيا پڙهندي پڙهندي پنهنجي شعر ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿي پيو.“ اها راءِ منجهائيندڙ آهي. اُن کي سُلجهائڻ جي لاءِ سنڌ جي ماياناز اديب ۽ نقاد غلام محمد گرامي هڪ تحقيق مضمون، ”ثابت علي شاهه ۽ مرثيي جو فن لکيو جيڪو ٽه ماهي ”مهراڻ“ رسالي جي 1972ع جي پهرين پرچي ۾ ڇپيو هن جو چوڻ آهي ته ”مير انيس 1801ع ۾ ڄائو ۽ 1872ع ۾ وفات ڪيائين. مرزا دبير 1803ع ۾ ڄائو ۽ 1875ع ۾ وفات ڪيائين. ثابت علي شاهه جي وفات تي مير انيس اٺن سالن جو هو ۽ مرزا دبير ستن سالن جو هو. اهڙن محققن تي حيرت ٿي ٿئي جن لکيو آهي ته ثابت علي شاهه انيس ۽ دبير کان متاثر ٿيو هو.“
    سيد ثابت علي شاهه شاعرانه ڏات جو ڌڻي ۽ تخليقي صلاحيتن جو مالڪ هو. هن پنهنجي تخليقي خوبين ۽ تجربي کي استعمال ڪري پنهنجو ڪلام تحرير ڪيو ۽ سنڌي شاعري ۾ نوان ۽ نرالا رنگ ڀري اُن کي مقبوليت بخشي سيد ثابت علي شاهه کي ننڍي هوندي مداحن ۽ منقبت ياد ڪرڻ جو شوق هو. فارسي کان واقفيت ٿيڻ کان پوءِ فارسي ۽ هندوي شاعرن جي مرثين کي پڙهندي سندس شوق وڌيڪ وڌيو ۽ مرثين جي تتبع تي شعر جوڙڻ شروع ڪيائين.
    سيد ثابت علي شاهه عالمن جي مجلس مان گهڻو پرايو. پير اسدالله شاهه سجاده نشين جي مجلسن، روضه الشهداء ۽ سنڌي مرثين کي پڙهندي سيد ثابت علي شاهه کي سنڌي مرثيا ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيو. پير اسدالله شاهه انهي شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ گهڻو همٿايو. سيد ثابت علي شاهه پان هڪڙي هنڌ چوي ٿو:
    ”مرثيو سنڌي اڳهين ڪو نه هو اصلي سنڌ ۾،
    جي ڪو هوتا پڻ نه هو مشهور هن پر يڪجا،
    مون چئين ثابت علي هي شعر سنڌي دردناڪ،
    تون به سنڌي شعر ۾ ڪي چئج ماتم مرثيا.“
    سيد ثابت علي شاهه جيڪو پهريون مرثيو چيو جنهن جي شروعات هي آهي:
    ”اي خدا جا لاڏلا سردار سرور يا حسين،
    چيو پهريون مرثيو سو ٿيو قبول ڪبريا،
    تنهن جا تون، بيحد مرثيا مسڪين و فضل ترجما،
    ٿي چيم جيئن موقعن سڀ ڪنهن لکي دفتر ڪيا.“
    سيد ثابت علي شاهه ڪل 66 مرثيا لکيا جن مان ڪي غزل جي صورت ۾ آهن، ڪي مربع جي صورت ۾ ۽ ڪي مسدس جي صورت ۾ آهن. سندس مرثيا پڪا، پختا ۽ فن جو اعليٰ نمونو آهن.

    مرثين جون خصوصيتون
    سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن کي دلچسپ ۽ مقبول بنائڻ لاءِ هن انهن لازمن جزن جي جڙت ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪئي آهي. (1) اهلبيت جي ساراهه، (2) جذبات نگاري، (3) واقعات نگاري، (4) رزم نگاري، (5) منظر نگاري ۽ (6) سرويچن جي سورهيائي جو بيمثال ذڪر.
    حضرت امام حسين ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ساراهه
    سيد ثابت علي شاهه پنهنجن مرثين ۾ امام حسين عليھ السلام جي ثنا هن نموني ڪئي آهي:
    ”هي خدا جو نور، شاه انبياء جو نورعين،
    فاطمھ جو نور، شاه اولياءَ جو نور عين،
    هن جي منهن ۾ ته ڏس، سڀ نور الاهي جلوه گر،
    هن کون روشن عرش و ڪرسي حق جو هي شمس و قمر.“
    ڪربلا جي شهيدن جي خوبين کي خوب ساراهيو آهي. هي انهن جي بهادري، جرئت، صبر استقلال جو ذڪر ڪري ٿو، انهن جي شهادت تي غم جو ماتم ڪري ٿو ۽ جنگ جا منظر ۽ واقعا بيان ڪري ٿو.
    حضرت علي اڪبر جي سورهيائي ۽ دشمن سان ويڙه جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
    مصطفيٰ جهڙي مهانڊي مرتضيٰ جهڙي جوان،
    شاهه دين شير جو فرزند علي اڪبر پهلوان،
    ڪي ئي ڪٽئين ڪوفي ڪُتا، اُن سير حق سورهه جوان،
    ڪي ئي به شامي شوم ڪيا في النار ان رضوان مڪان،
    جيئن گجي بادل هر گردون جو گنبذ پر صدا،
    تيئن علي اڪبر تي الله اڪبر ڪئي نِدا.

    جذبات نگاري
    جذبات نگاري مرثيي جو هڪ لازمي جزو آهي. سيد ثابت علي شاهه جزبات نگاري کي پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪري رنگ رچائي ڇڏيا آهن. حضرت علي اڪبر جڏهن ميدان جنگ ۾ وڃڻ جي لاءِ پنهنجي والد امام حسين عليھ السلام کان موڪلائي ٿو اُن جو ذڪر نهايت درد آميز انداز ۾ هن طرح ڪيو اٿس:
    ساهه گهوڙي تان لهي ڀاڪر وڌو فرزند کي،
    ڳل ڳراٽي پائي دلبر دادلي دلبند کي،
    رت هنجون روئي چمي منهن جگر پيوند کي،
    ڌيئين ابا ڇا عذر جي اهڙي مڻي خاوند کي،
    آهي اڪبر تنهنجو منهن ساڳيو محمد جو جمال،
    هل محمد کي هلي ڏيکار منهن لهوءَ سين لال.
    هي جذبات نگاري جو اصلي ۽ فطري منظر آهي، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي خوب متاثر ڪري ٿو.

    واقعا نگاري
    سيد ثابت علي شاهه جي واقعات نگاري بي مثال آهي. جڏهن امام حسين عليھ السلام جا سڀيئي ساٿي شهيد ٿي وڃن ٿا تڏهن حضرت امام حسين اڪيلو ئي اڪيلو ميدان ڪربلا ۾ ڪوفين سان وڙهڻ جي لاءِ سنڀري نڪري ٿو ۽ پنهنجي اهل و عيال کان موڪلائڻ بعد بيمار فرزند حضرت عابد کي جا وصيت ڪري ٿو اُن جو بيان اهڙو ته دلسوز نموني ۾ ڪيل آهي جو ٻڌندڙ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پون ٿا:
    شاهه گهوڙي تان لهي خيمي ۾ آيو اشڪبار،
    طرف سيرانديءَ جي ويهي چيائين منهنجا من قرار،
    آئون هليس عابد مرڻ، تون پٽ اکيون ٿي هتيار،
    هي نبي ناموس پرتئي توتي مڙني جو مدار،
    دل کي ڌيرج ڏي مِٺا ۽ هيانوَ کي هوشيار ڪر،
    پنهنجي بابي جو اَبا اُٿ آخري ديدار ڪر.

    رزم نگاري
    رزم نگاري سيد ثابت علي شاهه جي مرثين جو خاص گُڻ آهي، جنهن جي ذريعي هو جنگ جي ميدان ۾ شجاعت ۽ بهادري جو ذڪر ڪري ٿو:
    ٿي اڃان هي گفتگو ڪئي ان ناڪار،
    تا علي اڪبر اچي هن من مبارز ڪئي پڪار،
    شير ڪئي شمشير هٿ ۾ چيو قضا ان ڪار زار،
    لافتيٰ الا علي لا سيف الا ذوالفقار،
    ها ملڪ مدهوش و ڪر و بي به ٿي قربان ٿيا،
    صاحب دلدل جي پٽ رڻ ۾ جڏهن جولان ڪيا.

    مڪالماتي انداز بيان
    سنڌي ٻولي جي نامور نقاد غلام محمد گرامي پنهنجي تحقيقي مقالي ”ثابت علي شاهه جي مرثين ۾ مڪالماتي انداز بيان ڳولي لڌو آهي. جيڪا ثابت علي شاهه جي وڏي خوبي آهي. انهي تي وڌيڪ تحقيقي ڪم جي ضرورت آهي.
    مير حسن علي خان سنڌ جي ٽالپر خاندان جي روشن چراغ جي سيد ثابت علي شاهه جي مرثين بابت ڏنل راءِ انمول آهي.
    ”چئي جيڪو ثابت علي شاهه ويو،
    ٻئي سنڌ ۾ شعر اهڙو نه چيو.“
    غلام محمد گرامي جي چوڻ مطابق ”مرثيا نگار اُن کي چئي سگهجي ٿو، جنهن انهي صنف کي ارادتاً اختيار ڪيو هجي ۽ اُن ۾ گهڻو ڪلام چيو هجي.“ ان حيثيت سان سيد ثابت علي شاهه کي اُن فن جو بادشاهه سمجهڻ گهرجي.

    سيد ثابت علي شاهه جا ”سلام“
    سلام شاعري جي اها صنف آهي، جيڪا غزل جي طرز ۾ تحرير ڪئي ويندي آهي. سلامن ۾ بحر ۽ وزن اُهو ئي استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو غزل ۾ هوندو آهي. غزل وانگر سلام جو هر شعر مضمون جي لحاظ کان الڳ بيٺل هوندو آهي. شعر جي مضمون ۾ صفائي ۽ سادگي موجود هوندي آهي، جيڪا سلام جي جان هوندي آهي.
    سيد ثابت علي شاهه سنڌي سلامن جو موجد آهي. هن جي سلامن ۾ صفائي ۽ سادگي اعليٰ درجي جون آهن. اُنهن ۾ سمايل درد ۽ تاثير گهڻو سحر انگيز هوندو آهي. سلام جو هي هڪ مثال آهي. شاعر حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنھ کي سلام پيش ڪندي چي ٿو:
    ”شاهه شهيدان حسين توتي صلوات و سلام،
    دنيا ۽ ايمان حسين، توتي صلوات و سلام،
    نازڪ دنيا ڌڻي، توتي صلوات و سلام،
    دين ۽ دُنيا ڌڻي، توتي صلوات و سلام.“

    بيمثال مثال ته ڏسو:
    اي صبا تون مصطفيٰ کي چئج صلواة و سلام،
    اُن جي خدمت مرتضيٰ کي چئج صلواة و سلام،
    سرگذشت ڪربلا ڪج عرض تفصيلوار،
    حضرت النساءِ کي چئج صلواة و سلام،
    ڪج خبر حضرت حسن کي ڀاءُ تنهنجو ٿيو شهيد،
    اُن جي قاسم ڪد خدا کي چئج صلواة و سلام،
    مصطفيٰ جو لاڏلو ڏس رڻ ۾ پيو آهي شهيد،
    اُن شهيد ڪربلا کي چئج صلواة وسلام.

    سيد ثابت علي شاهه جي هڪ رقت انگيز سلام ۾ سندس فن معراج ڪمال تي نظر اچي ٿو. جديد عربي ۽ فارسي انداز ۾ چيل چند شعر هن طرح آهن:

    سڪينه سر پٽي چئي السلام، اي بابا!
    شهيد و صابر و شاڪر امام، اي بابا!
    هي تنهنجو لاش مبارڪ بخاڪ خون آلود،
    ۽ بي دفن رهيو رڻ بي نظام، اي بابا،
    سندءِ هي حلق هو نت بوسه گاه پيغمبر،
    جدا ڪيو ڪافر ڪاذب ظلام، اي بابا!

    انهيءَ سلام ٺيٺ سنڌي انداز بيان هن طرح آهي، جيڪو سيد ثابت علي شاهه جي فن کي وڌيڪ اثرائتو ۽ رقت انگيز بنائي ٿو.
    نه کير پاڻي مليو، هاءِ ڪاڪي اصغر کي،
    تڇائي خلق ۾ ويو لاڪلام، اي بابا!
    اسان جو عابد بيمار و ناتوان آهي،
    جنهن ۾ تابِ نه طاقت تمام، اي بابا!
    نه سيج ماڻي وَنو رڻ ويو هاءِ قاسم گهوٽ،
    ۽ ڄاڃي ماڃي سندس قتلعام، اي بابا!

    سيد ثابت علي شاهه جا نوحا:
    لفظ ”نوح“ جي معنيٰ آهي زاري، هي اُهو مرثيو آهي، جو گهڻو ڪري ويهي پڙهيو ويندو آهي. هڪ يا ٻه ڄڻا مصرع کڻندا آهن ۽ ٻيا سڀ ورندي وارا لفظ گڏجي چوندا آهن. نوح يا زاري جي پڙهندي ماتم ۽ سينه زني گهڻي ٿيندي آهي.
    سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام ۾ نوحا به موجود آهن، جي درد ۽ الم جي دلسوز تصوير آهن هي نوحي جو هڪ مثال آهي.
    نبيءَ جو نور العين، جنهن جو نالو امام حسين،
    رڻ ۾ پيو هو ساري رين، هئي هئي حسرت واويلا.
    واويلا صد واويلا هئي هئي حسرت واويلا.
    هئي هئي اڪبر جي جواني، جو هو نبيءَ جي نشاني،
    قاسم گڏ ٿيو قرباني، هئي هئي حسرت واويلا.
    واويلا صد واويلا، هئي هئي حسرت واويلا.
    هن ”نوحي“ جي ترتيب ٽن هم قافيه بندن جو بي بها استعمال ۽ آخر ۾ ”هئي هئي حسرت واويلا“ جي وراڻي هن نوحي کي لاجواب بنائي ڇڏي ٿي. اهڙو درد، اهڙو سوز ٻئي ڪنهن ڪلام ۾ ملڻ مشڪل نظر ايندو.

    شاعريءَ جون خوبيون
    (1) سيد ٿابت علي شاهه جي شاعري جي پهرين خوبي آهي، مڪالماتي انداز بيان. جڏهن امام حسين رضي الله تعاليٰ عنھ دشمن سان وڙهڻ جي لاءِ روانو ٿيو. تڏهن خيمي ۾ اچي حضرت امام زين العابدين رضي الله تعاليٰ عنھ جي سيراندي کان ويهي کيس مخاطب ٿي چيائين.
    آءُ هليس عابد مرڻ تون پٽ اکيون اي منهنجا يار،
    هي نبيءَ ناموس ۾ ٿيءَ تون ئي مڙني جو مدار،
    دل کي ڌيرج ڏي مڍا ۽ هانوَ کي هوشيار ڪر،
    پنهنجي بابي جو اَبا اُٿ آخرين ديدار ڪر.
    اهو مڪالماتي انداز بيان اثر انگيز آهي ۽ دل جي تارن کي لوڏيو ڇڏي ٿو.
    (2) سيد ثابت علي شاهه جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي اهلبيت جي ثنا ۽ سرفروش سرويچن جي ساراهه. حضرت اڪبر رضي الله تعاليٰ عنھ جي پهلواني جو ذڪر لاجواب آهي.
    ”جيئن ڪه ڏاڏس مرتضيٰ بدر ۽ احد ۾ ڪافر ڪُٺا،
    تيئن تي اڪبر ڪربلا ۾ شام جا لشڪر ڪٺا.“
    (3) سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي ٽئين خوبي آهي ته هڪ طرف اُهو فصاحت ۽ بلاغت سان ٽمٽار نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف انهن ۾ لفطي ۽ معنوي صنعتون تشبيهون اشتعارا ۽ اصطلاح گهڻي تعداد ۾ ڪم آندل آهن. جيڪي هن جي ڪلام کي سحر انگيز بنائن ٿا. حضرت امام حسين عليھ السلام جي شهادت بعد لٽيل قافلي جي واسين جو چونڊ ۽ موثر لفظن ۾ بيان ڏنو اٿس سو فصاحت ۽ بلاغت جو هڪ شاهڪار آهي.
    شام غريبان مثل هو صبح يتيمان حسين،
    صبح محشر مثل هو شام غريبان حسين،
    صبح ۽ شام ان پر ٿي ڪئي فرياد طفلان حسين،
    اي خدا آهيون اسين ناموس نالان حسين.
    (4) سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي چوٿين خوبي آهي اهلبيت جي فردن جي سچي ۽ اُچي ڪردار نگاري. هڪڙي سلام ۾ سيد ثابت علي شاهه اهڙن فردن جي ڪردار نگاري کي انهن جي عملن جي روشني ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
    هاءِ علي اصغر کي ماريو ڪان ڪوفين خلق ۾،
    اُن اصغر جي خطا کي چئج صلواة و سلام،
    هائي اڄ بازو ڪپائي ماريو عباس علي،
    پهلوان شيرخدا کي چئج صلواة وسلام.
    (5) سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي پنجين خوبي آهي ته هن عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن کي نج سنڌي ٻولي ۽ سنڌي روايتن سان ملائي ڪهڙو نه جزباتي منڊ مچايو آهي.
    هئي هئي قاسم تنهنجو ڪاج،
    ميندي سهرن سانهن ساج،
    گهوٽ ڪٺائون رڻ ۾ راج،
    هئي هئي هسرت واويلا،
    واويلا صد واويلا، هئي هئي حسرت واويلا.

    ادبي خدمتون
    سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن واين، بيتن ۽ ڪافين جي بدران سنڌي شاعري ۾ موزون شاعري کي باقاعده اظهار خيال جو ذريعو بنايو. هي سنڌي عروضي شاعري جو پايو وجهندر بلند مقام شاعر آهي. سنڌي عروضي شاعري ۾ هن جي حيثيت اُها آهي، جهڙي قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جي ڇند وديا جي آڌار تي لکيل قديم سنڌي شاعرن جي آهي.
    سيد ثابت علي شاهه نه صرف عروضي شاعري کي سنڌ ۾ رائج ڪيو پر اُن ۾ تمام گهڻو شعر چئي اُن کي مقبول به بنايو. هن سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو. هو هڪ وڏو تخليقڪار شاعر هو. هن سنڌي شاعري ۾ انيڪ صنفن جو اضافو ڪري ان کي اظهار خيال جو صاف، سُٿرو ۽ سگهارو ذريعو بنائي سنڌي شاعري کي خوب ترقي ڏياري، هن مرثيا، قصيده، سلام، نوحا، فرد، مربع، مخمس، مسدس، غزل لکي سنڌي شاعري کي اظهار خيال جا ڪيترائي ذريعا مهيا ڪري اُن جي هر جذبي، هر احساس ۽ هر روش کي ڪاميابي سان ظاهر ڪرڻ جي قابل بنايو.
    سيد ثابت علي شاهه عروضي شاعري ۾ مداحون ۽ منقبت تحرير ڪري سنڌي شاعري کي خوب عروج تي پهچايو.

    سيد ثابت علي شاهه سنڌي شاعري ۾ مناظره ۽ هجوگوئي جو بنياد وجهي سنڌي شاعري کي نوان موضوع ڏنا ۽ نيون صنفون فراهم ڪري ڏنيون.
    سيد ثابت علي شاهه جي عروضي شاعري ۾ نه لکي ها ته سنڌي شاعري اڌوري ۽ اڻپوري رهجي وڃي ها. سچ پچ سيد ثابت علي شاهه سنڌي شاعري جو هڪ مضبوط ٿنڀو آهي.

    سيد ثابت علي شاهه جي عبارت
    اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سيد ثابت علي شاهه جي عبارت عام فهم ناهي، سادي ۽ سلوني ناهي، اُها ڏکي ۽ پريشان ڪندڙ آهي. انهيءَ جا ٻه سبب نظر اچن ٿا. سيد ثابت علي شاهه جو واسطو گهڻو ڪري حاڪمن، انهن جي تمدن، مذهبي ماڻهن، وڏن اُستادن ۽ ماتمي مجلسن سان تعلق رکڻ وارن ترجمانن ۽ شاعرن سان هو. عام ماڻهن سان اُٿڻ ويهڻ گهٽ هو. انهيءَ ڪري سندس ڪلام جي ٻولي عام فهم، لَسي ۽ سادي ناهي.
    شاهه ثابت علي عروضي شاعري جو پايو وجهندڙن مان هڪ هو. عروضي شاعري عربي ۽ فارسي ٻولين جي زير اثر هجڻ ڪري عام سنڌي ماڻهن جي معيار کان گهڻو مٿي هئي. سيد ثابت علي شاهه مرثيه نگاري کي اختيار ڪري وقت جي حالات مطابق عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين وارن مرثيانگارن وانگر اُن کي عام ماڻهن جي پهچ کان مٿاهون رکيو. اُن جو اثر سندس عبارت ۾ صاف نظر اچي ٿو. هن جي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جي بدران عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين جو گاڏر ساڏرسنڌي ٻولي آهي.

    غلام محمد لاکي جي راءِ
    غلام محمد لاکي سيد حسام الدين راشدي جي اردو ڪتاب ”سنڌي ادب“ ترجمو ڪري اُن تي هڪ مقدمو لکيو آهي. اُن ۾ هو چوي ٿو ته ”سيد ثابت علي شاهه مرثيو چئي سنڌي ٻولي ۾ فارسي جي بيجاءِ استعمال کي رائج ڪيو.“ اها راءِ لڳ ڀڳ پنجاهه سيڪڙو درست آهي. سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي ٻولي عربي ۽ فارسي لفظن ۽ محاورن جي آميزش سان ڀريل آهي. مرثين ۾ ڪم آندل عبارت فصاحت ۽ بلاغت جو اعليٰ نمونو آهي. هن جي عبارت ۾ لفظي صنعتون تشبيهون، استعارا، ڪنايا ۽ اصطلاح تمام گهڻا ڪم آندل آهن، پر انهن ۾ فارسي جو رنگ گهڻو چڙهيل آهي،
    ميدان ڪربلا ۾ حضرت امام قاسم رضي الله عنھ جي جرئت ۽ سورهيائي جو ذڪر ڪندي سيد ثابت علي شاهه خوب چوي ٿو:
    ”هن کي ڇا افراسياب، هن کي ڇا اسفند يار،
    ڇا هي بزن، ڇا هي بر روءَ؟ ڇا فراموز الفراز،
    گيو هت گوشو ڪري، نرمي نريمان جو شعار،
    طوس جو ڇا طلب هت؟ گو دور و گر گين گيرودار،
    هي مڃي رب جي رضا سر ڏئي ته ڏي ور نه مجال،
    ناهي ملڪ الموت کي تنهنجي تقابل جي محال.“
    عبارت جي رواني ۽ برجستگيءَ جو هي انمول مثال آهي. انهيءَ مثال ۾ صنعت تلمبع ۽ صنعت مبالغ کي پختگي سان استعمال ڪيو ويو آهي.

    تشبيهن جو استعمال
    سيد ثابت علي شاهه جون تشبيهون نيون ۽ بيمثال آهن. اُهي سنڌ جي ماحول بدران عربي ۽ فارسي ماحول مان کنيل آهن. هڪڙو بيمثال مثال هي آهي:
    ”ڪربلا جي قتل جي ڪر ڪا خبر، اي آسمان،
    ڪيئن ڏٺيه نيزن چڙهيا شاهن جا سر، اي آسمان،
    هي ندا جا قطب تارا، عرش ڪرسي جا جڙاءَ،
    هي رسول الله جا شمس و قمر، اي آسمان.
    اهلبيت جي شهيدن جي سرن کي قطب تاري، سج ۽ چنڊ سان ڀيٽي ڪمال ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

    تجنيس حرفي جو استعمال
    سيد ثابت علي شاهه پنهنجي ڪلام ۾ تجنيس حرفي جو فني پختگي سان استعمال ڪري خوب رنگ رچايا آهن. هي مثال پڙهي شاعر جي فني عظمت کي سلام ڪريو.
    ”هي هنجون هڪ هڪ اٿئي، ماڻڪ ۽ متوي منهنجا يار،
    تن جي قدر قيمت چاڻي ڪو نه ڪو ري ڪردگار.“

    مرزا قليج بيگ جي راءِ
    سيد ثابت علي جي عبارت جي باري ۾ مرزا قليچ بيگ چوي ٿو ته ”سيد ثابت علي شاهه اصل کنئون نئون طريقو استعمال ڪيو. طرز ۽ وزن فارسي بيهاريو سنڌي سان گڏ فارسي ۽ عربي لفظ ۽ اصطلاح اهڙا ملايا جو هن جو شعر پڙهندي ڏاڍي لذت پيئي اچي.“

    سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي اهميت
    (1) ان کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته سيد ثابت علي شاهه جو ڪلام اهم آهي ڇاڪاڻ ته اُن ۾ سنجيدگي آهي، شائستگي آهي، پختگي آهي ۽ اثر انگيز برجستگي آهي. اُن ۾ وزن آهي، رواني آهي ۽ اثرانگيز اثر به آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن مرثيا لکيا آهن. پر سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا بيمثال ۽ لاجواب آهن. هن جي عبارت عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن سان ڀرپور آهي، پر انهيءَ ۾ پنهنجائپ آهي ۽ وطن جي مٽيءَ جي خوشبوءَ محصوص ڪري سگهجي ٿي.
    (2) سيد ثابت علي شاهه موزون شاعري کي سنڌ ۾ رائج ڪري اُن جي راهن کي روشن ڪري ڇڏيو. هن سنڌي شاعري ۾ قانون جي پابندي کي متعارف ڪري سنڌي شاعري کي سپنن جي ننڊ مان بيدار ڪري، حقيقتن کي منهن ڏيئڻ جي قابل بنايو. هن پنهنجو سمورو ڪلام موزون شاعري ۾ تحرير ڪيو. هن هڪ عظمي تخليقڪار جي حيثيت ۾ بيشمار صنفون ايجاد ڪري شاعرن جي لاءِ گهڻا ئي اظاهر جا طريقا مهيا ڪري ڏنا. هن جو ڪلام سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين باب جو آغاز آهي. جنهن تي هلي موزون سنڌي شاعري وڏي ترقي ڪئي آهي.
    (3) سيد ثابت علي شاهه مرثيي جي شاعري ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. هن مرثيه نگاري ۾ مڪالماتي رنگ ڀري ڪردارن جي ڪردار کي مٿاهين مقام تي پهچايو آهي. هن مرثيه نگاري ۾ وير ڪٿا (Epic) جو رنگ پيش ڪري سورهين، سرويچن ۽ شهيد جي ڪردار کي جرئت ۽ بهادري سان اهڙي نموني پيش ڪيو آهي جو اُهي مثالي بنجي ويا آهن.
    (4) سيد ثابت علي شاهه عربي ۽ فارسي جو وڏو عالم هو. هن سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي فن ۽ جذبات جي ترجماني لاءِ چونڊي سنڌي شاعري ۽ سنڌ تي وڏو ٿورو ڪيو آهي. هن جي دور ۾ سرڪاري توڙي درٻاري ٻولي فارسي ئي هئي. انهي هوندي به هن سنڌي ٻوليءَ جي اهيمت جو احساس رکي، اُن ۾ شاعري ڪئي ۽ اُنکي وڏو عروج ڏياريو ۽ اُن کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، ان وقت عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن جي سهاري جي ضرورت هئي. هن سنڌي ٻوليءَ کي عربي ۽ فارسي ٻولي جي لفظن ۽ اصطلاحن سان ملائي پنهنجي لاءِ موثر اظهار خيال جو ذريعو بنايو. جيڪڏهن سيد ثابت علي شاهه شاعري نه ڪري ها ته سنڌي شاعري هڪ رنگي هڪ رُخي ۽ اڌوري رهجي وڃي ها.
    (5) سيد ثابت علي شاهه جي شاعري جي وڏي اهميت آهي جو هن اظهار بيان جا نوان طريقا ڳولي لڌا. هن تمام گهڻيون شاعري جو صنفون ايجاد ڪري سنڌي شاعري جي دائري کي وسعت بخشي ۽ سنڌي شاعرن ۾ زندگيءَ کي نوَن نمونن سان ڏسڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي.
    (6) غلام محمد گرامي جي لفظن ۾ ”سيد ثابت علي شاهه جو فن اسان جي سنڌي ادب لاءِ متاع گران بي بها آهي. سيد ثابت علي شاهه سنڌي شاعري کي لفظن، بندشن ۽ ترڪيبن جو وڏو ذخيرو ڏنو آهي جو ٻيا ايندڙ مرثيا گو شاعر اُن کي استعمال ڪري مرثيي جي فن کي اوج تي پهچائي سگهن ٿا. سيد ثابت علي شاهه مرثيي جي فن جو شاهه آهي، بادشاهه آهي. سندس فن جو مقام سنڌي ادب ۾ بلند آهي. هن جي قادر الڪلامي ۽ سنڌي ٻولي سان عشق جي ڄاڻ پوي ٿي. سنڌي ٻولي سندس علمي ذخيري تي اڄ به ناز ڪري ٿي ۽ ڪندي رهندي.“
    سيد ثابت علي شاهه جي بي پناه ڄاڻ، مشاهدي جي قوتِ، تجربيڪاري ۽ تخليقي صلاحيت نه صرف سندس فن جي ساک ڀرن ٿيون پر سنڌي ادب لاءِ ڪيل سندس خدمتن جو پڪو ۽ پختو ثبوت آهن.


    مددي ڪتاب
    (1) غلام رسول بلوچ. سنڌي مرثيه نگاري.
    (2) محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ.
    (3) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (4) غلام محمد لاکو. سيد هسام الدين راشدي جي اردو تصنيف ”سنڌي ادب“ جي ترجمي جو مقدمو.
    (5) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.
    (6) غلام محمد گرامي. ”ثابت علي شاهه ۽ مرثيي جو فن“ ٽه ماهي مهراڻ 1972ع.


    سچل سرمست1152هه – 1243هه1739ع – 1829ع

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    ”سچل اعليٰ درجي جو عارف ۽ حيرت انگيز شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ منصوري خمار آهي، خوش، جذبي جي موج مستيءَ ۾ هو صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي.“
    ڪلياڻ آڏواڻي. سچل

    ”حضرت سچل سرمست سنڌ جو باڪمال شاعر آهي. سندس شعر انسانن جي لاءِ سنيهو آهي، اُهو سنيهو جيڪو انسانن کي صحيح معنيٰ ۾ انسانيت جو سبق سيکاري ٿو.“
    ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سچل جون وايون. ٻه اکر

    ”سچل سائين صاحب ڪمال قادر الڪلام صوفي ۽ تنهائي پسند سالڪ هو، جنهن سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ دل جي احساس ۽ درد کي في البديهه انداز ۾ پيش ڪيو ۽ ان جي رد عمل ۽ انجام جي ڪا به پرواهه ڪا نه ڪئي.“
    ڊاڪٽر اين ميري شمل. سنڌي ادب جو ارتقا (ترجمو)

    ”سچل وڏي بي ڊپائي ۽ جرئت ڏيکاري آهي. هن پنهنجي جيءَ سان جنگ جوٽي ۽ جڳ جي براين خلاف صدا بلند ڪئي. سندس وقت ۾ مذهبن جو بول بالا هو ۽ شايد هن انهيءَ قهري ذهنيت خلاف پڪاربو.“
    تيرٿ و سنت. اي جي.ايم جي مرتب ڪيل ڪتاب ”شاهه، سچل، سامي“ مان ڪجهه سِٽون.

    سچل جو سنڌي ڪلام سنڌين جي نس نس ۾ ويٺل آهي. البت ڪيترن ئي ڪافين ۾ ڪاتين جا قهر ۽ ڪلور ۽ ٻولي ۽ وزن جا ظلم جاري آهن. سچل جون گهڻيئي ڪافيون وائي ۽ ويچار توڙي وزن جي لحاظ کان اعليٰ درجي جون آهن.
    پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻي. اي.جي.ايم جي مرتب ڪيل ڪتاب ”شاهه سچل ۽ سامي ۾ ڇپيل هڪ مضمون. سچل ۽ سنڌيت تان ورتل.

    ”سچل سرمست مذهبي ڪلفت ۽ ڪٽپڻي جي جنسي جڙ ويهي ڪاٽي آهي، جڏهن هو چوي ٿو.
    ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.“
    اي . جي . اُتم. ”شاهه، سچل ۽ سامي.“
    ”سچل سرمست کي خداوند ڪريم سنڌ جي صاحب ڪمال شاعرن ۾ هڪ نهايت ئي بلند مقام عطا ڪيو هو. سندس هر هڪ بيت، نظم ۽ ڪافي مان تخيل جي پاڪيزگي ۽ بيان جي سونهنءَ پئي ٿي چمڪي.“
    عثمان علي انصاري. ”رسالو سچل سرمست“ جو مقدمو

    سچل جي سوانح عمري
    درازن جو درويش ۽ دورانديش شاعر سچل سرمست دُنيا جي سڀني شاعرن کان نرالو آهي. هن جي سوچ نرالي آهي، لفظ نظر نرالو آهي ۽ پيش ڪش به نرالي آهي. هن کي وسارڻ جي معنيٰ انسان کي وسارڻ ۽ انسانذات کي وسارڻ آهي.

    وڏن جو احوال
    سچل جو هڪ وڏو ڏاڏو شهاب الدين اول سن 95 هجري مطابق 711ع ۾ محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ سنڌ ۾ آيو. سنڌ جي فتح کان پوءِ هو سيوهڻ جو حاڪم ٿيو.سندس خاندان ڇهن پيڙهين تائين، سيوهڻ تي حڪمراني ڪئي. پوءِ زماني جي گردش سبب ان مسڪيني جي حالت ۾ پهچي لاچار سيوهڻ کي ڇڏي اچي خداباد ۾ ويٺا. پوءِ اُتان کان ٿي خيرپور رياست واري وارياسي علائقي ۾ اچي رهيا. اُنهي خاندان جي هڪ بزرگ احمد فاروقي اچي مير سهراب خان وٽ نوڪري ڪئي. مير صاحب هن جي خدمتن کان خوش ٿي خيرپور ۽ گمبٽ جي وچ ۾ هڪ جاگير عطا ڪئي. هن وري اها زمين پنهنجن ٻن نوڪرن دراز ونڊير ۽ ڪالجن ونڊير کي سنڀالڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ ڏني اُنهن پنهنجا ڳوٺ آباد ڪيا. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪالجن وارو ڳوٺ ڦٽي ويو ۽ درازا کي فاروقي خاندان جي طفيل وڏي عزت ملي. اڄڪلهه درازا سچل سرمست جي فيض سببان وڏين ادبي سرگرمين جو وڏو مرڪز بنجي ويو آهي.

    سچل جي پيدائش
    سچل سرمست خيرپور رياست جي هڪ ڳوٺ درازا ۾ هجري سنه 1152 مطابق عيسوي سنه 1739 ۾ جنم ورتو. هن جي والد جو نالو ميان صلاح الحق فقير ۽ ڏاڏي جو نالو ميان صاحبڏنو فقير هو. هن جي مائٽن سندس نالو عبدالوهاب رکيو. هن جي سچائي ۽ حق گوئي جي ڪري سڀيئي هن کي سچو، سچل ۽ سچيڏنو چئي خوش ٿينداهئا. سچل سرمست پنهنجي سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ڪلام ۾ ”سچو“ ، ”سچل“ ۽ ”سچيڏنو“ کي تخلص طور ڪم آندو آهي:
    اچي اکڙوين کڻي “سچوء“ کي سرچاءِ.

    آهي وائي اور، ڪو سمجهي ”سچيڏنو“ چوي.

    سچل ٻانهو ناچيو ”سچل“ تون سردار.
    سچل سرمست 6 سالن جو مس ٿيو ته سندس والد ميان صلاح الحق فقير وفات ڪري ويو.

    تعليم ۽ تربيت
    ننڍڙي عمر ۾ والد جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سچل جي تعليم ۽ تربيت جي سندس ڏاڏي ميان صاحبڏني ۽ چاچي خواجه عبدالحق جي زير نگراني ٿي. سچل سرمست شروعاتي تعليم حافظ عبدالله قريشي کان حاصل ڪئي ٿوريئي عرصي ۾ سچل قرآن شريف جو حافظ بنجي ويو. هن عربي ۽ فارسي جي تعليم ڪاميابي سان حاصل ڪئي ۽ انهن ٻولين جو ماهر ٿي ويو. سندس فارسي ڪلام جي پورو مجموعو ”ديوان آشڪارا“ کي مير مراد علي خان ٽالپر ڇپائي پڌرو ڪيو. سچل عربي به خوب ڄاڻندو هو. هن پنهنجي چاچي ۽ سهري خواجه عبدالحق کان ديني ۽ دنيوي مضمونن ۾ مفيد ۽ مڪمل تعليم حاصل ڪئي.

    شادي
    سچل سرمست پنهنجي چاچي ميان عبدالحق فقير کي پنهنجو مرشد بنايو هن پنهنجي چاچي ۽ مرشد جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. شادي ڪرڻ کان پوءِ هو 2 سال زنده رهي ۽ رحلت ڪري ويئي. انهيءَ مان سچل کي ڪو به اولاد پيدا نه ٿيو. سچل ٻئي شادي ڪو نه ڪئي ۽ پنهنجي زندگي کي هيڪڙائي ۽ حق لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

    شاهه لطيف سان ملاقات
    شاهه لطيف سچل جي ڏاڏي ميان صاحبڏني سان ملڻ لاءِ درازن ۾ ايندو رهندو هو. هڪ ڀيري جڏهن ڪن جي چوڻ مطابق سچل 5 ورهين جو هو ۽ ٻين جي چوڻ موجب 13 سالن جو هو، شاهه لطيف درازن ۾ آيو ۽ سچل کي ڏٺائين ته سندس وات مان ازخود نڪري ويو: ”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، اُن جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو.“ هن جو مطلب هو ته وڏو ٿي هي عارف اسرار الاهي کولي ظاهر ڪندو. سچل الاهي اسرارن کي اهڙي بي باڪي سان کولي ظاهر ڪيو جو ڪوڙا ملان ۽ مولوي هن جي خلاف ٿي ويا. هو پاڻ به پريشان ٿيا ۽ سچل کي ڏاڍي تڪليف پهچائي.

    سير سفر
    شاهه لطيف وانگر سچل سرمست سير ۽ سفر جو شوقين ڪو نه هو. هو ڪڏهن ڪڏهن روهڙي، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي منزلون ڪندو هو. جتي به ويندو هو ته ماڻهن جا ميڙا لڳي ويندا هئا. ماڻهن جون محفلون جاري ٿي وينديون هيون. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته سچل تنهائي پسند هو. لوڙهي اندر ئي رهندو هو ۽ دروازن کان ٻاهر نه نڪرندو هو. فطرت جي سونهنءَ هن کي راحت بخشيندي هئي. ماڻهن جي انبوه کان پري رهندو هو:
    ”جتي ماڻهن ميڙ آ، آئون تتي ناهيان.“
    سچل پنهنجي ڳوٺ درازن کي ڏاڍو ڀائيندو هو.

    شريعت جي پابندي
    سچل سرمست شروعاتي زندگي کان شريعت جو پابند هو. باجماعت نمازون باقائدگي سان پڙهندو هو. روزا به رکندو هو. مگر چشتيه طريقي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ مٿس موج ۽ مستي ڇانئجي ويئي. سندس سيني ۾ محبت جو مچ ٻري اُٿيو. دل پچرڻ لڳي، ساري هستي پڄرڻ لڳي ۽ هو استبراق حالت ۾ رهندو هو. طبلي، سارنگي يا ڪنهن ٻئي ساز تي هٿ لڳڻ سان بي خود ٿي ويندو هو. مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئا. ۽ اکڙين مان لڙڪن جون ڌارائون وهي هلنديون هيون ۽ وات مان ٻول جاري ٿي ويندا هئا.
    ”سچل آئون تان ناهيان،
    پوءِ ساري سُڌ پيام،
    ٿو پاڻ ٻاروچو ٻولي.“
    سچل جو شاعري سرجڻ جو هي طريقو حيران ڪن آهي.

    سرمستي
    سچل کي راڳ ۽ سماع ۾ ڏاڍو شوق هو جنهن اڳتي هلي هن کي الاهي مستيءَ طرف راغب ڪيو. جڏهن ساز وغيره وڄندو هو ته هو استفراق جي حالت ۾ اچي ويندو ۽ الاهي مستيءَ جي عالم ۾ هن جي شاعري سرجڻ واري صلاحيت اُڌما کائي ٻاهر نڪرندي هئي ۽ شعر سندس وات مان ازخود ائين نڪري نروار ٿيندا هئا. ڄڻ ڪا ڳڙن واري بارش وسندي هجي. هو شاعري کي سرجڻ واري ڪيفيت سچل کي پنهنجو پاڻ کان مٿي کڻي اُٿ جو سير ڪرائيندي آهي ۽ هن کي اُهي جلوا نظر ايندا آهن جيڪي هن کي پريشان ڪندا آهن، همٿائيندا آهن ته هو انهن جو اظاهر ڪري. سچل جو تخليقي طريقيڪار حيران ڪن آهي ۽ اُنکي دليلن سان سمجهائڻ جي ضرورت آهي ۽ رهندي. اسان جي اديبن، نقادن ۽ دانشورن کي گهرجي ته هو اُنهي حيران ڪن مسئلي تي سوچن، پاڻ پتوڙن ۽ اُن جو ڪو حل ڳولهي لهن.

    سچل جو مذهب
    الاهي عشق سچل سرمست جو مذهب آهي. الاهي مستيءَ ۾ سڀ مذهبي اختلاف گم ٿي ويندا آهن. سچل پنهنجي الاهي عشق واري مضمون کي هن نموني ۾ بيان ڪيو آهي:
    بزڳ، شيخ، مشائخ يارو، نا مخدوم ٿياسي،
    نڪي قاضي، نڪي ملا، معلم پير بڻياسي،
    نڪ ٺاهه ٺڳي جا ٺاهي، رنگ رساءِ رکياسي.
    سچل جو مذهب، تسبيح ۽ اطاعت، مسجد ۽ مندر وارو نه هو. هو سموري انسانيت جو نئون ۽ نرالو مذهب هو.
    نڪي مسجد مندر ويڙس، نه ڪيڙم تقويٰ طاعت،
    سچل جو ٿيو بخت سوايو، جو ڪيڙي عشق عنايت.
    سچل عشق الاهي کي پنهنجو مذهب مڃي ٿو جيڪو دوئي دور ڪري پيار جو سبق پڙهائي، دلين کي جوڙي انسان جي سڀني معاملن کي سلجهائي انسان کي اعليٰ منزل تي پهچائي ٿو.
    ”ڪفر زلف اسان جو ميان، منهن سندم اسلام.“
    عشق جو مذهب انسان جي اندر ۾ سمايل آهي ۽ هن جي جسم جو هر عضوو اُن جو گواهه آهي.

    سچل جي شخصيت
    قاضي علي اڪبر درازي پنهنجي ڪتاب ”دولهه درازي“ ۾ سچل سرمست جي صورت ۽ سيرت جو نقش هن طرح چٽيو آهي. ”سرمست سائين جوچهرو نوراني، صاف ۽ سفيد رنگ جو هو. خط و خال الڪش، چشم آهو مثل، ليڪن پر ڪيف ۽ گيسوُ دراز هئا. قد درميانو هو. هميشه سفيد ڪپڙن پائيندو هو. اڇي کٿي يا چادر ڍڪيندو هو ۽ سر تي سبز رنگ جو فقيراڻو ڪلاه پهريندو هو. اوائل ۾ وهٽ تي چڙهندو هو ۽ پوءِ ڪنهن به وهٽ تي نه چڙهيو. سندس خوراڪ بلڪل سادي هئي. هو ڪاٺ جي صندلي يا ڌرتي آرام ڪندو هو. هو رات ساري الله جي تات ۾ گُذاريندو هو. هو هميشه فڪر ۽ اسفراق ۾ هوندو هو.“
    سنڌ جي هڪ ڏاهي تيرٿ و سنت سچل سرمست جي شخصيت کي انهن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. ”سچل حق پرست، اعليٰ دماغ، فراخدل، همدرد انسان هو. هن جهڙو انسان اقتدار جو مخالف، ڪوڙ ۽ فريب جو دشمن، آزاد خيال ۽ بي ڊپو شخص واجهه وجهندي به ڪو ڳوليو لڀي.“
    ”هنئين عاشق ته برسن، مينهن محبت جو وساءِ،
    ساهه جو سانگو ڪرين، ته پير هن پڙ ۾ نه پاءِ.“

    وفات
    سچل سرمست 90 سالن جي وڏي ڄمار ۾ سنڌ جي سر زمين تي نور ۽ سرهاڻ پکيڙي هجري سنه 1242 مطابق عيسوي سنه 1829ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. انهي تاريخ تي هر سال درازن جي درگاهه تي ميلو لڳندو آهي. هر قسم جا پانڌيئڙا سڪ جو سلام ڀرڻ لاءِ حاضر ٿي روحاني خوشي ماڻيندا آهن.

    خراج تحسين
    سنڌ جي باڪمال صوفي شاعر غلام قادر بخش ”بيدل“ پنهنجي هڪ غزل ۾ سچل سرمست کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
    ”عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار هو،
    مست سالڪ من سچو عارف اُتي اظهار هو،
    وحد وحدت جو سدا خاصوتنهين ممار هو،
    مرد سو مفهوم وانگر عشق جو اوتار هو.

    تصنيفون
    سچل سرمست جون هي تصنيفون موجود آهن
    (1) آشڪارا (فارسي)
    (2) رازنامه (فارسي)
    (3) رهبر نامه (فارسي)
    (4) گداز نامه (فارسي)
    (5) تارنامه (فارسي)
    (6) رسالو سچل فقير جلد پهريون
    (7)رسالو سچل فقير جلد ٻيو.
    محمد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ رسالن ۾ آيل مواد جو تفصيلي احوال هن طرح ڏنو آهي: ”جلد پهرين ۾ سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولي جون ڪافيون، غزل، جهولڻا، ريخته،آهن جن جو ڪل تعداد 134 آهي. جلد ٻئي ۾ 10 سه حرفيون (پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين ۾) 195 پنجابي ڏوهيڙا، مرغ نامه جنهن ۾ 25 کن سنڌي ڏوهيڙا آهن، وحدت نامه، جنهن ۾ 180 مصراعن وارو يڪو سنڌي ڏوهيڙو، سسئيءَ جا بيت ۽ اڍائي سو کن سنڌي ڏوهيڙا آهن، مارئي جا بيت، پوڻا ٻه سؤ کن سنڌي ڏوهيڙا، مومل جا بيت، 25 کن سنڌي ڏوهيڙا، نوريءَ ۽ ڄام تماچي جا بيت، 75 کن ڏوهيڙا، روجهه بابت 17 سنڌي بيت پورب جا بيت، 28 ڏوهيڙا وحدت جا بيت، 35 ڏوهيڙا، حقيقت بابت بيت، 25 ڏوهيڙا، جهولڻو سسئي ۽ پنهون بابت، ٻئي جلد ۾ سه حرفين سميت ڪل ٻارهن سؤ کن ڏوهيڙا آهن. انهي کان سواءِ سندس ڪلام ۾ 602 ڪافين جو وڏو ذخيرو به آهي. سندس سنڌي رسالي ۾ 833 سنڌي بيت به موجود آهن. سندس ڪلام ۾ شامل 8 سنڌي دوها سچل جي شاعرانه ڏات جي سونهن آهن.

    سچل جي شاعري جون نمايان خصوصيتون
    (1) سچل سرمست نه رڳو سنڌ جو پر سموري دُنيا جون پهريون شاعر آهي. جنهن جي سوچ نرالي آهي، نقطه نظر نرالو آهي ۽ پيش ڪش به نرالي آهي ۽ سگهاري آهي. هن جهڙو نرالو، سگهارو ۽ انقلابي شاعر ۾ ڪو ڪٿي هجي.
    (2) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن رندي ڪلام کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪري وڏا رنگ رچايا آهن. سچل جا طالب هن کي ”حافظ درازي“ ڪري سڏيندا آهن.
    (3) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ڪيترن ئي ٻولين ۾ شاعري ڪئي ۽ خوب ڪئي. هن عربي، فارسي، سنڌي سرائڪي، پنجابي ۽ اردو ۾ شاعري ڪئي.
    (4) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن گهڻن ئي صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. هن بيت به لکيا آهن. سروار بيتن ۾ به شاعري ڪئي آهي. هن ڪافيون لکيون ۽ ڪافي جي صنف کي عروج تي پهچايو. هن ڪيئي نيون صنفون جوڙي سنڌي شاعري کي ترقي ڏياري. هن جهولڻو، گهڙولي مسلسل بيت، مسلسل دوها، ڏوهيڙا، ٽيڏاکڙي، وغيره تحرير ڪري سنڌي شاعري کي فني ميدان ۾ خوب مالا مال ڪيو آهي.
    (5) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن هڪ نئين صنف جهولي کي گهڙي سنڌي شاعري ۾ نوان رنگ ڀري اُن کي رنگين ۽ دلچسپ بنائي ڇڏيو آهي. هن گهڙولي جي صنف کي گهڙي اُن کي ڏاڍي مقبوليت ڏياري ۽ سنڌي شاعري ۾ سونهن ۽ خدمت گذاري جي جذبن کي اُجاگر ڪري وڏو ڪمال ڪيو آهي.
    (6) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن روجهن بابت دلچسپ شعر جوڙي، سنڌي شاعري کي وسعت، بخشي آهي. هن کان متاثر ٿي ڪري ڪيترن ئي جديد سنڌي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ نوان موضوع استعمال ڪيا آهن.
    (7) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ڪافي جي صنف گهري، سنڌي شاعري ۾ نوان رنگ پکيڙيا آهي ۽ سرور جان نوان طريقا ايجاد ڪيا آهن. سندس سنڌي ڪلام ۾ 602 ڪافيون موجود آهن جيڪي بيمثال آهن ۽ لاجواب آهن ۽ سچل جي شاعري جو حسين ۽ رنگين سرمايو آهن.
    (8) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي ۾ انقلابي شعر جوڙي سنڌي شاعري ۾ نواڻ آندي آهي. هن جي انقلابي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سنڌ جي ٻئي ڪنهن شاعر اهڙي انقلابي شاعري نه سر جي آهي. هن جو انقلاب جو نظريو منفرد آهي، بي مثال آهي.
    (9) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جرئتمندي ۽ بي ڊپائي سان ڪوڙن ۽ منافقن ملن، مولوين، پنڊتن ۽ جوڳين جي احمقانه حرڪتن کي بي نقاب ڪري هڪ وڏي سماج سڌارڪ وانگر سماجي ڀلائي جو وڏو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي.
    (10) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعرآهي، جنهن 156 مصراعن واري ڪبت جوڙي، اوچي اُڏام ڀري آهي ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي.
    (11) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري کي بيپناهه وسعت عطا ڪئي آهي سنڌي شاعري ۾ انيڪ تبديليون آنديون آهن فڪر ۽ اسلوب کي سڀني پابندين کان نجات ڏياري آهي. سچل جو اسلوب سچ پچ نئون، نرالو، آزاد ۽ انقلابي آهي. جديد سنڌي شاعري سچل سرمست جي ڪلام منجهائون ڦٽي نڪتي آهي.
    (12) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن رسالي ۾ واين جي بدران ڪافين جو استعمال ڪري رسالي جوڙڻ جي روايتن ۾ وڏي تبديلي آندي آهي.

    سچل سرمست جي شاعري
    سچل سرمست دنيا جي سڀني شاعرن ۾ هڪ نيارو ۽ پيارو شاعر آهي. هو سچو آهي، سچ ڳالهائڻ هن جي فطرت آهي ۽ هو سچائي جو سريلو اوتار آهي. هن جي هر شيءِ نئين ۽ نرالي آهي. هن جي سوچ نياري آهي. هن جو شين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو معيار نئون ۽ نرالو آهي ۽ هن جي پيش ڪش به الڳ ۽ ڪشاده آهي. هو رسمي شاعر ناهي پر هڪ وڏو انقلابي شاعر آهي. هو منهنجو شاعر ناهي، تنهنجو شاعر ناهي پر سموري سجاڳ انسانذات جو شاعر آهي. وري دنيا ۾ مشڪل سان هن جهڙو ڪو ٻيو شاعر پيدا ٿئي جو سڄڻ ۽ ڪشاده دل انسانن جي لاءِ صداقت همٿ ربيد پائي ۽ انقلابي انداز ۾ اهڙي فڪرمند ۽ سجاڳيءَ پيدا ڪندڙ شاعري ڪري سگهي.

    پروفيسر ڊاڪٽر شمل جي راءِ
    جرمني جي جڳ مشهور مصنفه ۽ تعليمي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر ايني مري شمل پنهنجي ننڍڙي ڪتاب ”سنڌي ادب جو ارتقاءَ“ ۾ لکي ٿي ته ”سچل سائين صاحب ڪمال ۽ قادر الڪلام صوفي ۽ تنهائي پسند سالڪ هو. هو پنهنجي سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ۾ دل جي احساس ۽ درد جي في الديهه انداز ۾ پيش ڪيو ۽ اُن جي رد عمل ۽ انجام جي ڪا به پرواهه نه ڪئي.“ هو پنهنجو پاڻ کي کلي طرح ظاهر ڪري پنهنجي شخصيت ۽ عظمت کي اجاگر ڪيو آهي. هن جي شاعري ۾ حقيقت نگاري جو رنگ نمايان طور تي نظر اچي ٿو.

    سچل سرمست هڪ انقلابي شاعر
    سچل سرمست نه صرف سنڌ جو پر پوري دنيا جو هڪ نيارو، بي ڊپو، بلند آواز انقلابي شاعر آهي. هن جي سوچ نرالي آهي، نقطه نظر نرالو آهي ۽ پيشڪش به نئين، نرالي ۽ سگهاري آهي. هو هڪ صاف دل صوفي ۽ ڪشاده دل شاعر آهي. هن جي شاعري هن جي صحتمند ۽ آزاد سوچ ۽ ڪشاده دل جي سريلي ۽ شانائتي سرگذشت آهي. هو رسمي ۽ روايتي شاعر ناهي. هن جي شاعري انسانن جي شاعري آهي ۽ هو سڄي انسانذات جو عظيم ۽ سريلو شاعر آهي. هن جي شاعري ۾ انسانن جا سمورا انگ رنگ ۽ ڍنگ کلي طرح نظر اچن ٿا.
    ”ڪو مومن چوي، ڪو ڪافر چوي،
    ڪو جاهل نالو ظاهر ڪري،
    ڪو شاعر چوي، ڪو ساحر چوي.
    آئون جوئي آهيان، سوئي آهيان.
    ڪو ملا چوي، ڪو قاضي چوي،
    ڪو مفتي چوي، ڪو غازي چوي،
    ڪو روزيدار نمازي چوي.
    آئون جو ئي آهيان، سوئي آهيان.
    ڪو رد چوي، ڪو بد چوي،
    ڪو بيديني بيحد چوي،
    ڪو مشرڪ، به ملحد چوي.
    آئون جو ئي آهيان، سوئي آهيان.

    سچل سرمست جي اهڙي ڪلام ۾ حقيقت پسندي جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو.

    سچل جو اردو ڪلام
    (1) مولانا حڪيم محمد صادق جي مرتب ڪيل سرائڪي ڪلام جي آواز ۾ سچل سرمست جا ڪافي اردو غزل مليا آهن، جيڪي مرزا علي قلي بيگ واري رسالي ۾ سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام سان گڏ ڏنا ويا آهن. جن وچ اردو غزلن ۾ تقاضائن جو خيال رکيو ويو آهي ۽ انهن ۾ ڪافي جو رنگ غالب آهي. غزلن جو مضمون صوفيانو آهي. غزلن ۾ حسن، عشق، هجر ۽ وصال جو ذڪر برتر انداز ۾ آندو ويو آهي. جمال جي جلوي کي هن طرح بيان ڪيو ويو آهي.
    ”ديکن سپنڳ فهم و عقل هوش اُڙ گيا،
    وه زلف وپيچ پيچ ميڻ مستانه هو رها هوڻ،
    معشوق آج سرير، چهرا بناڪڳ آيا،
    ميڻ اس حسن، شمع پر پروانه هو رها هوڻ.“
    2. سچل انسان جي اصليت کي هن طرح بيان ڪيو آهي.
    ”صورت، سريت ۾ هون، ظاهر گداگر،
    هي رهون. باطن پچاني ڪو ميرا، سلطان،
    هون سلطان هون، سچو مارا نام هي،
    نام هي همارا پاڪ هي.
    معشوق سروپاءِ هون هم گوي هم جوگا هون.
    سچل منصور تي مفتون هو جنهن اناالحق جو نعرو لڳائي پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو، منصور کي ساراهيندي سچل چوي ٿو.
    ”اسي خواجه ڪي خدمت ۾،
    همارا سؤ سلامان هي،
    سچو اس شاهه سچل،
    غلامان ڪي غلامان هي.“

    سچل جو فارسي ڪلام
    سچل سرمست گهڻو ئي فارسي ڪلام لکيو هو. ديوان آشڪارا جو تخلص استعمال ڪيو آهي. هن جو فارسي ڪلام مثنوين جي صورت ۾ به آهي. جنهن ۾ خدائي تخلص ڪم آند آهي. سچل پنهنجي ڪلام ۾ ايراني شاعرن وانگر ظهار ڪيو آهي ته هن جيءَ هُن رب جي وچ ۾ ڪو فرق ناهي.
    اگر خود را خدا، داني خدائي،
    وگر خود را گدا، داني گدائي.
    جي پاڻ کي خدا چائين ته خدا آهين ۽ جي پاڻ کي گڏ ڄاڻين ته گدا آهين، سچل فارسي ڪلام ۾گهڻين هنڌن تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
    کيتم من کيتم، من کيتم،
    درني ير مانده ام من کيتم.

    (ڪير آهيان مان ڪير آهيان،
    وچ حيرت پيو آهيان ته آهيان ڪير.)

    سچل پنهنجي ڪلام ۾ حقيقي شراب جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ چوي ٿو ته اي ساقي مون کي انگوري شراب نه گهرجي، وحدت وارو شراب ايري آهي اُهو پياريم ته واق کان آجو آجو آهيان. سچل جي فارسي ڪلام ۾ مشرقي عاشق، عارفن جو به ذڪر موجود آهي.
    سچل جي فارسي ڪلام ستور به آهي ۽ درد به آهي جنهن ۾ رندانه مستي به آهي.
    سچل سرمست گهڻو ئي فارسي ڪلام تحرير ڪيو آهي. نخاني قصر سچل سرمست جي مهاڳ ۾ سچل جي فارسي ڪلام جي باري ۾ لکيو آهي ته فارسي ڪلام جو هڪ خاص ديوان جذبو اٿس جنهن ۾ پاڻ کي آشڪار جي تخلص سان ظاهر ڪيو اٿس تار نامه، راز نامه، گذار نامه، قتل نامه، عشق نامه ۽ رهبر نامه به سندس تصنيفن مان ڪي مثنوي جي مورت ۾ موجود آهن. هن خدائي تخلص رکيو اٿس، رهبر نامه سندس ڪلام آهن جو نوي سالن جي ڄمار ۾ سيقي حق ٿيڻ کان ٿوروئي وقت اڳ سالن جي رهبري واسطي لکيو اٿس.
    سچل سرمست فارسي زبان جو بلند شاعر آهي. سندس فارسي شعر پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هم اوست جو نظريو ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. ڪيترين ئي جائين تي مستي، بيخودي ۽ اشهراق واري حالت صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

    سرائڪي ڪلام
    سچل سرائڪي زبان جو باڪمال شاعر آهي. سچل جو سرائڪي ڪلام ڏاڍو مشهور آهي. سرائڪي ڪلام ۾ عاشق ۽ معشوق جي ۽ رمزن ۽ نازن ۽ نخرن جي باري ۾ ڪيترن ئي جاين تي دلسوز احوال درج ڪيل آهي. سچل جو سرائڪي ڪلام عجت وحدان پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. هڪ سرائڪي ڪلفي جون مصراعون پڙهو جن ۾ هڪ عاشق پنهنجي محبوب کي عمري جي نوازش لاءِ التجائون ڪري ٿو.

    سائين کول حجابتون پردي،
    آهن ڏون ئي ڏينهن گذردي،
    گڏ جاسين تون بال اسا ڏي،
    ڏينهن لنگهي او سردي،
    ٻيا ڳالهيان سڀ ڀوڙ ڏساسين،
    مين عاشق هڪ نظر دي.
    سچل زور ڏئي چوي ٿو ته عشق ۾ صرف نياز ۽ عرض جي لوڙهندي آهي، وڏا نعرا اجايا آهن.
    سرائڪي زبان جو مشهور شاعر خواجه زيد سچل جي ڪلام کان متاثر آهي، سندس ڪيتريون ئي ڪافين ۾ سچل سرمست جي تشبيح ڪيل نظر اچي ٿي زبان ۽ محاوري جي لحاظ کان سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام قابل قدر آهي. جو ان ۾ سرائڪي لفظ ۽ محاورا نهايت دلوبيني سان ڪم آندل آهن. سچل کي سنڌ ۽ ملتان جي شاعرن جو شباح الميرا ڪوٺيو وڃي ٿو.
    سچل جي سرائڪي ڪلام جو بنيادي مضمون وحدت الوحد آهي. چوي ٿو ته مون ۾ ذات الاهي جو جلو موجود آهي.
    ميڏڙي دل وچ پيار ڀت ڌيان سنگهان پايان و،
    اُچي جهوٽي آپ ڇوڏاوي ڏيندا لوڏي لک هزار.

    رشيد لاشاري درس لکيو آهي:
    سچل سرمست جو سرائڪي ۽ پنجابي تي ايترو رتبو حاصل هو جو زبان ۽ محاورا ۽ جذبات به اهڙي رنگ سان پيش ڪري ٿو جو خود اُتان جا رهاڪو به ڏيندين آڱريون وهي رهجي وڃن ٿا.

    شاهه ۽ سچل
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست سنڌي ثقافت جا سرواڻ ۽ سنڌي شاعري جا امام آهن، هو نه صرف سنڌ ۾ پر سموري دنيا ۾ مشهور آهن، ٻنهي جي سوچ نرالي آهي، فقط نظر نرالو آهي ۽ پيش ڪش به نرالي آهي، پر ٻنهي جو مقصد هڪ ئي آهي، سنڌي شاعري جي ترقي ۽ سنڌي سماج جي فڪري پنهنجي ۽ سماجي ڀلائي ۽ روزمره جي سهپ وارو پرامن ۽ خوشحال ماڳ ۾ هئڻ جي اهيمت جو ذڪر هن طرح آهي، اچو ته ٻنهي شاعرن جي شعرن کي چاهيون ۽ انهن جي شعرانه روايتن کي سمجهون ۽ اُن جي ذات، سيرت ۽ ساڃاهه کي ساراهيون ٻنهي جو مقصد لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. پر انهن جو اسلوب الڳ الڳ آهي، سرمت سي جي داستان انهن ۾ ماڳ ۾ مرڻ کي هن نوني ۾ سمجهايو آهي.
    ماڳ جي سئين سان هيئن هوٿائين هنج ۾،
    وڃي ڪيچ سئينءَ نان ويچاري وس ڪيو.
    شاهه لطيف جي سرڪاموڏ ۾ نوري پنهنجو پاڻ کي هن نموني ۾ متعارف ڪرائي ٿي.
    تون تماچي ٿر ڌڻي، آئون مجهائي جي.
    مون ڏهاڳ ۾ ڏي، آئون جي نالي سئين
    سچل سرمست انهي مضمون کي نئين انداز ۾ هن نموني بيان ڪيو آهي.
    تون سچو سائين، آئون مئي مهاڻي آهيان،
    مون لڄ رهائين، جو چي لڳس تانجي.
    شاھه لطيف ڪينجهر جي هئڻ جو مٽ انهي نموني ۾ چيو آهي.
    جاريون تاريون ڇڄ چٻريون جن جي محبت مڇي ماڻ،
    رهن، وهن سر پاندين سسئي ڀرپور هانءُ،
    نيندن جن جيئن لطيف رسائي وجهن ساڻ،
    تن ملاحن جو ماڻ سهي سرڪڻو پاهنجي.
    سچل سائين ڪينجهر جي هائين جي ٿري حالت کي الڳ نموني بيان ڪيو آهي.
    و هجر وهل لڀون، تي پٽ يا رب تن پانهنجا،
    ڏنيون ڏڀ جون ٿي جهپيرن پهنجون،
    ککي خاطر ڏٻريون، ڏند منجهه ڏنيون.
    شاهه لطيف سر مارئي ۾ ملير جو ذڪر ڏاڍي سريلي ۽ متاثر ڪندڙ طرز ۾ بيان ڪيو آهي.
    اٺ گهڻا ٿيا موڪ ملير ۾،
    اکيون آب پرئو انهن کون کڻائي،
    مارن شال متران، ڪوئيون ڇڏي ڪڏهن.
    سچل به مرثي ۾ اهڙي خيال جو ۾ هن طرح ذڪر ڪيو آهي.
    هي خبر هاڻي آهي ريگستان راڄ ڏانهن،
    ته اُت منهنجي ملير ۾ ٻوٽن ۾ پاڻي،
    ۽ ڦل ڦل گلزاريون ٿيا، وڻ سڀ رمجائي،
    تون به صاحب سڄائي موڪل ڏنم مڙي مران.

    سچل سرمست ڪافي جو امام
    (1) اسان اديبن ۽ نقادن ڪافي جا بيت پنهنجي خيالن جو اظهار جدا جدا نمونن م ڪيو آهي. پروفيسر جهمٽ مل ٻاوناڻي اي بي ايم جي مرتب ڪيل ڪتاب شاهه سچل، سامي جي ڇپيل مضمون ”سچل ۽ سنڌ سڀ“ ۾ لکيو آهي ته ڪافي لفظ ڪاويد (شقر) بگڙيل روپ تي لکي ٿو. ٻئي طرف ڏک ڏکڻي ڪٽارا سنگيت وديا ۾ ڪافي هڪ ٺاٺ مول راڳ آهي.
    (2) پروفيسر سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب سنڌ جي فارسي شعر ۾ لکيو آهي ته عام طرح چوڻ ۾ ايندو آهي ته هي ڳالهه ڪافي پنهنجي قناعب ٿيندو آهي. اوائل ۾ ممڪن آهي ته قناعت جي مد نظر ڪافي لفظ استعمال ٿيو هجي.
    (3) غلام محمد گرامي چوي ٿو ته منهنجي ذاتي خيال ۾ ڪافي راڳ جي نسبت سان اول ڳائڻ ۾ آئي. اڳتي هلي سڀني سُرن ۾ به ڳائجي وئي ۽ غلط الفاظ صحيح موجب هر سُر ۾ ڳايل سُر کي ڪافي سڏيو ويو.
    (4) مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجي ماهي مهراڻ رسالي ۾ 1994ع ۾ شاعي ٿيل مضمون ڪافي ۽ اُن ڪوفين ۾ لکي ٿو ته ڪافي آهي ئي ڳائڻ لاءِ ۽ نه لکڻ رکڻ لاءِ ڪافي موسيقي ٻئي شيون لازم ۽ ملزوم آهن.
    (5) محترم الياس عشق هڪ وڏو اديب ۽ محقق آهي. مخدوم الياس عشقي جوچوڻ آهي ته ڪافي اصل ملتان ۽ پنجاب جي سوکڙي آهي. جيڪا سرائڻي شاعرن جي ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿي هن جو چوڻ آهي ته جيئن ته ڪافي گهڻو ڪري ڪلام جيڪا راڳن ۾ ڳائي ويندي آهي. ان ۾ راڳن جو دمدن ۽ شاعري جو به ان سڪن صنف کي ايندا آهن. موسيقي جو ذوق لاءِ ڪافي سمجهيو ويدو هو. انهي خيال ۾ ان جو نالو ڪافي پيو.
    ڪافي شاعري ۽ موسيقي جو سريلو ميلاپ آهي، ڪافي ۾ موسيقي جو لطف ۽ شاعري جو عجيب انداز بيان موجود آهن.
    ڪافي ۾ گذريل واقعا ۽ وارداتن کي لطيف ۽ مڌر انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ڪافي ۾ درد جو هجڻ لازمي آهي. ڪافي ۾ سوز ۽ سوز ان جي اثر کي من موهيندڙ بڻائيندو آهي. ڪافي ۾ روزمره جي ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ اُن کي پرتاثر بنايو آهي.
    (6) سچل سرمست سچ پچ ڪافي جي شاعري جو امام آهي. هن ڪافي جي صنف ۾ نوان تجربا ڪري اُن جا ڪيترائي قسم تيار ڪيا آهن. منفي لحاظ کان ٿيل ڪافي ۾ وسعيت آهي. لطف آهي ۽ ايترو وڌڻ لاءِ ڪيتريون ۽ راهون کيس نظر اينديون. هن ڇندوديا جي اصولن مطابق ڪافيون گهڙيون آهن ۽ علم ۽ عروض جي اصولن مطابق ڪافيون تحرير ڪري فڪر ۽ فن جي لحاظ کان ڪافي کي وڌيڪ موذون بنايو. جن ڪافي جي مضمون ۾ نوان انوارديت ۽ جدت جا رنگ سمايل ڪري اُن کي سنڌي تيار ڪري ان جو سينگار ٻڌائي ڇڏيو آهي. سچل سرمست ڪافي جا نوان نمونا تحرير ڪري ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي جذبي ۽ احساسن ۽ نون نڪتن کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ سريلو رسيلو اظاهر بيان جو نئون، نرالو ۽ من موهيندڙ نموني بنائي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي.

    I( 1) ڪافي هيڪوڻي
    سچل سرمست ڪافي جا ڪيترائي نوان قسم ايجاد ڪيا آهن، هن جي ڪلام ۾ ڪافي جا قديم نمونا به ملن ٿا وائي جي سُر ۾ لکيل آهي. هيڪوئي ڪافي جا ڪيترائي قسم آهن. ڪافي جي هڪڙي قسم کي بيان ڪجي ٿو ته جنهن ۾ ٿل ٻن سٽن جو ٿئي جنهن ۾ بند هوندا آهن. هڪ مثال هتي ڏجي ٿو.
    شاهه ٿيو سلائي نه ڄاڻ ڪنهن ڳالهه کان.
    ڪافي جو هي جدا قسم آهي جنهن ۾ هن قسن جي ڪافي ۾ هر هڪ بند آهي ۽ ٿل به گهڻو ڪري ڏيڍ سٽو هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن ۽ بند ڏيڍ سٽو ٿئي ٿو.
    قل پاڻهي چاريو چار،
    قاصه مرن ڏي آيو.
    اچڻ سنڌي اُن جي اُٿي ويا آباد،
    تورو ڪيتيون لايو.
    (8) سچل سرمست ڪافي جو بلند پايه شاعر آهي. هن ڪل 601 سنڌي تخليقون ڏنيون آهن. ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر سچل سرمست کان وڌيڪ ڪافيون نه ڏنيون آهن.

    ڪافي بياني:
    تنهن قسم جي ڪافي ۾ ٻه مصرعون ٿين. ته ڪڏهن ٻن سٽن جو، هڪ پٽ وارو پڪو يا ٻن ٻن وارو ٿئي، هن جا مختلف قسم آهي. هڪ قسم هو غزل ۽ ٻيو ٿل توڙي بندوين بدن جا ٿين. ٿل جي پنهنجي سٽن ۾ مسافيون ٿئي ۽ بدن جي سٽن ۾ قافيو ٿئي.
    انهن اڳين کي نهاسو نهار تنهنجو،
    ويٺو وٺي مان آهيان ڪامل قرار تنهنجو،
    هن کي اوهان ڀي يا ڀئون آهي نه ماڙڪائي،
    جي تان غريب آهي، اميدوار تنهنجو.
    سچل جي سرمست هڪ ڪافي جي ٿل ۾ چار بند هوندا آهن ته هر هڪ پڊ ۾ به چار بند هوندا آهن. ٿل جي چئين بندن ۾ هڪ جهڙو قافيو هوندو آهي. بند چار پر پاڻ ۾ هم قافيه هوندا آهن. بند ٿل سان هم قافيه هوندو آهي.
    تنهنجي حسن ماريا، سوري سنڀاريا،
    انهي ڳالهه ڳاريا، هزارين هزار،
    اُهي پار آيا، بندن جي لواريا،
    ٻئي سر سلايا تنهن ترن اگهار.

    (10) جهوڻو ڪافي:
    سچل سرمست جي هڪ نئين ايجاد جهوڻو ڪافي ڪافين جو مضمون رس ۽ رچاءُ ۾ جهوڻي بهتر هوندو آهي. جهوڻو ڪافي جو هر بند ٻن ماتن سٽن جو هوندو آهي ۽ قافيو هر سٽ جي پويان اچي ٿو.
    تنهنجي اچڻ سان هت، پوتيون ٿي پايان،
    تنهنجي صبح سرتيون، ٿي پانڌي پچايان،
    ڏاها تن تنهنجا ڏي ٿي ڪانگ اُڏايان.

    سچل هڪ انقلابي شاعر:
    سچل مذهب جي خلاف ناهي پر رسمي ۽ روايتي ڳالهين کان منهن موڙيو هن ملا ۽ مولوي سهپ ۽ مذهب جي هر سوده، مدي خارج ۽ مطلبي تشريحن ۽ سمجهاڻين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن مذهب جي سچي روح پيغام کي عالم آشڪار ڪيو آهي. هو سمجهي ٿو ته انساني جسم صرف لباس آهي. جسم دوست جو ديرو آهي ۽
    سچل سرمست تنگ نظري ۽ دڪيانوسي خالين جي خلاف آهي، هرنن جي نگري کان ڪوهين دور آهي. صوفي وٽ سچ ۽ سچ آهي، عشق ئي عشق آهي، هر صورت ۾ مالڪ ساڳيو ئي مالڪ آهي.
    صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو نماڻو.
    ڪافيون پڙهي چوڻيون، ڪائي ٿين پڙي نوان.
    ڪائين پڙهي وزير ٿيو، ڪائين ٿيو دربان،
    ڪائين احمد بلا ميمي هو ۽ حيرت،
    سڄو پنو صبر ۾ هو ۽ حيرت ۾ حيران.

    سچل جي انقلابي شاعري
    لالسنگهه اجوائي پنهنجي انگريزي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ سچل سرمست کي انقلابي شاعر سڏي ٿو. دلير دودو درازي سچل سرمست سچ جو شاعر آهي ۽ حق گوئي هن جي سڃاڻپ آهي. زماني جي هالتن مطابق ڪوڙن ماڻهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ماڻهن کي مذهبي ۽ ڌرمي ۾ پنهنجي طرفان ڪوڙيون تشريحون ڪري انهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته شاعر سچل سرمست ميدان ۾ نڪري آيو ۽ اُنهن جي خلاف انقلابي آواز اُٿاريو. هن سختيون سٺيون، عداوتن کي منهن ڏنو ۽ دل جو سڪون وڃايو پر حق جي رستي تان نه هٽيو. اسان جا سنڌي شاعر دٻاءُ ۾ اچي حق جي واٽ تان هٽيو وڃن ٿا. سچل سرمست يا ڪنهن جي دٻاءُ ۽ جرئت سان هر مصيبت جو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي انقلابي آواز کي جاري رکيو.
    جي مڃين ٿا آدمي، سي نه مڃان مان،
    سچو آهيان آءُ، جي ٻانهو ٻئي جو نه ٿيان.

    وقت جون حالتون:
    سچل سرمست جي دور ۾ سنڌ ڏاڍيون تباهيون ڏٺيون. بادشاهه دهلي ۽ سنڌ تي چڙهايون ڪيون ۽ عام ماڻهن جو قتل عام ڪرايو. اُن کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ۽ اتان جي بادشاهه تيمور شاهه جي حملن سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو حڪمران به ملن مولوين پادرين ۽ پنهنجن جي زير اچي ويا. اهڙي طرح مذهبي ۽ ڌرمي ڄاڻ وڌي وئي. مُلن ۽ پنڊتن من گهڙت قانون جوڙي ماڻهن کي ماڻهن کان ڌار ڪري ڇڏيو. اوچ، نيچ، ڀيد ڀاءُ، غفلت مذهبي ڪٽرپڻي امن کي برباد ڪري ڇڏيو. سچل سرمست سنڌ ۾ رائج مذهبي، سماجي ۽ انتظامي براين جي خلاف انقلابي آواز اُٿاريو.
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
    تيخي، ڀريءَ بزرگي بيحد ڀلايا،
    ڪن همارون ترهي، توڙي ممبر وسايا،
    اُوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.
    سچل جي ڪلام، ماڻهن ڏاڍا ڪوڙ مچايا، سچل کي برو ڀلو چيو ويو. محفلون مچائي، سچل جي مذمت ڪئي ويئي. سچل ڪوڙن مذهبي ملن، مولوين ۽ منافق مشائخن کي انهن جي اشفانه حرڪتن جو جواب هن نموني ڏنو.
    ڪلمي مون کي ڪين ڪيو، مورئون مسلمان،
    نڪي احمد موڪليو، عرب کئون ايمان،
    سچو سو سبحان عالم ليکي آدمي.
    *-*-*
    نا مين مسجد نا مين حجرا، اندر پير نه پايان،
    نا مين ڪعبه، نان مين قلبه مڪي مور نه جاوان،
    نا مين نانڪ، نا مين لڇمڻ گنگا مول نه جاوان،
    پار ته ميرا درس درازي سچل نام سڏايان.
    *-*-*
    ڪلمو پڙهان ته ڪافر ٿيا، قرآن نه انهي گهيڙ،
    جادي راهه رسول جي، نيندي پايان نه پير.
    سچل سرمست هندن ۽ مسلمانن کي مذهب جي ڪٽرپڻي جي مخالفت ڪندي آگهاه ڪري چوي ٿو ته هو ساز ۽ سلوڪ ۾ رهيا ته پوءِ پڇتائڻو پوندو.
    وقت اها ئي ويل، دو ئي دور ڪرڻ جي،
    ڪندي من مذهب مان سامهو ساڻ نٿو سيل،
    هوندو مومن سان ملي، محبت جو ڪر ميل،
    مٿان ٿئي اول سچو اولهه صبح نه لهي.
    سچل سچي مذهب جي اٿار ڪندي چوي ٿو ته مذهب دليون جوڙي ٿو ۽ نه ئي دليون ٽوڙي ٿو. مذهب محبت کي وڌائي ٿو ۽ نفرت کان پاسو ڪري ٿو. مذهب سک ۽ سڪون آڻي ٿو ۽ بد امني کان بچائي ٿو.
    سچل سرمست قافين ۾ ملان ۽ پنڊتن کي مذهبي ڪٽرپڻي ڇڏي ڏيڻ جي ڏانهن ڪري ٿو. پر هو ڄاڻي ٿو ته انهن جو ڪردار ڪهڙو آهي.

    ملان ته ڪارڻ ماني جي ختما پڙهن ٿا خاصا،
    هي اچن ٿا ڪنن تي، هٿ ۾ ڪيون عصا،
    چڙي وڃن ٿا مانين تي پکيون پرن ٿا پاسا،
    ملان چون ٿا ڪين کائون ٿا کائي وڃن ٿا ڪاسا،
    سچو سچ چوي ٿو ظاهر، نيون کمتن ٿا باسا.
    سچل جي چوڻ مطابق ملا حقائي حسن ۽ عشق کان بنهه بي بخر آهن. صرف وظيفا پڙهڻ ۽ ورق وڌائڻ سان حق جو ديدار حاصل نه ٿيندو. هڪ دفعي هي حق جي حسن جو ديدار ٿي وڃي ته مارون کائيندي سختيون سهندي هو وجد ۾ اچي، روح جي راحت ماڻي سگهي ٿو. سچل کي اهو احسان ٿئي ته ڌڻي پاڻ اهو ملو آهي. پاڻ ئي قاضي آهي پاڻ ئي پنڊت پاڻ ئي هر جاءِ حاضر آهي.
    ”پرڪنهن ويڙهي تون سين، تو ري آهي ڪو نه ٻيو.“
    سچل سرمست هڪ اهڙو انقلابي شاعر آهي، تباهي نٿو چاهي نه هي بربادي چاهي ٿو، پر پيار ۽ محبت جو حامل آهي. هو نفرت ڪري ئي نٿو سگهي. هو ملن، پنڊتن ۽ ٻانڀڻن جي ڪاري ڪرتوتن کي ڌڪاري ٿو، پر لائق ملن، قاضي ۽ پنڊتن ۽ ٻانڀڻ کي چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن کان سواءِ سُکي، پر امن ۽ سهپ واري زندگي گذارڻ ممڪن ئي ڪو نه آهي.
    (نوٽ: مون هي مضمون مسٽر ٻلديو مٽلاڻي جي ڪتاب ”سچل جون وايون“
    جو مطالعو ڪري اُن کان متاثر ٿي لکيو آهي.)

    سچل جي شاعري جو مضمون
    سچل سرمست جي شاعري جو مضمون بنيادي طرح وحدت الوجود، وحدانيت، حسن و عشق، نفرت پاڻ سڃاڻڻ، سرمستي، فتنا، ۽ بقا جي مسئلن تي مشتمل آهي. سچل سرمست قرآن، حديث ۽ وڏن مذهبي رهنمائن جي حوالن جي روشني ۾ مثالن ۽ دليلن سان سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.

    وحدت الوجود
    وحدت الوجود صوفين جو هڪ اصلاح آهي، جنهن ۾ حق تعاليٰ جي توحيد تي بحث ڪيو ويندو آهي. انهي بحث موجب حقيقي وجود هڪ آهي. فقط هڪ آهي ۽ اهو آهي الله تعاليٰ جو آهي. الله تعاليٰ جو وجود هڪ آهي، يعني فقط خدا ئي موجود آهي. ۽ ٻيو ڪجهه به ناهي. هر شيءِ انهي مان آهي ۽ انهي ۾ آهي جهڙي طرح سمنڊ ۾ لهرون ۽ موجود موجن جو وجود حقيقي ناهي پر مسافي لهرون ۽ موجون مٽجي وينديون پر سمنڊ قائم ۽ دائم رهندو آهي.
    سچل سرمست وحدت الوجود جو وڏو شاعر آهي، وحدت الوجود تي تمام گهڻو زور ڏيئي ٿو ۽ اُن کي مختلف طريقن سان سمجهائي ٿو.ھو ٻڌائي ٿو ته حقيقي وجود فقط هڪ ذات آهي ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن ٻئي خدا حقيقتون هجن ته حيات انهي مرحلي تي ئي ختم ٿي وڃن. هو هميشه کان آهي ۽ رهندو. هو واحد ۽ لامحدود آهي. ڪائنات جي هر شيءِ هن جي ذات جو حقيقي منظر آهي. سموريون موجود ذات انهي ذات کان جدا وجود ٿيون رکن.
    شاهه آپي گدا، آپي امير اُمراء
    آڳي ڏي، آپي پي، آپي پٽ، آپي ماءُ.
    آڇي ڪپءِ. آڇي، ڙس آڇي ڀيڻ ڀاءُ،
    آپي موچ، اُتي اهر، سچل آپي دم دم درياءَ.
    هر شيءِ دنيا ۾ حقيقي ذات پات جي لهر آهي.
    جي اوهين ڄاڻو اي جڏهن، آهر الله لوڪ سارو،
    ڪافي آهي ڇپ ڇپائيءَ ۽، ڪاٿي سوماري نعرو،
    ڪاٿي بيڪسي ۾ گذاري ڪاٿي سود ڪمن وارو،
    ڪاٿي شرع ۾ شور مچائي، ڪاٿي ڪچيءَ ۾ ڳارو.
    جاڏي ڏسو ٿا خاري آهي، آهي سندس نينهن نظارو،
    حقيقت بي حال تون سچو ٿئي نه رسييارو.
    هو سڀ ڪجهه آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. انساني روح خدائي روح جو جزو آهي. اُهي جزا وڃي روح ڪل ۾ گڏ ٿيا.
    ورت سڀ انسان جي اُتي عشق اصل،
    حلق آدم اعليٰ مورنده بروجهڙا ڪل،
    آلاسان سري واناسره سچ سچا سومل،
    ڀول نه ٿئي تون ڀل، هتي هتي هڪ اتي.
    سچل چوي ٿو ته هٿ نور ۽ نور آهي، سڀ صورتون حياتي آهن. هر هند ھو ئي موجود آھي.
    جي تو ڄاڻو پاڻ، آئون ٻيو ڪو آهيان،
    ڪندو غرق گمان ڳلا انهي ڳالهه جي.
    سچل سرمست موج ۽ مستي تان تير ۽ شاعري ذريعي پاڻ سڃاڻ ۽ اخلاق الاهي پيدا ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿو.
    آهيان آئون اسدار جيڏيون مون کي ڪير پيانون ڏنيون،
    جيتري بادشاهي تنهنجي، ڪيتر ۾ هٿ سڪار،
    نوري ناري ناهيان، آهيان رب ميار،
    مرشد ٻانهو نه چيو تون سمجهو آهين سردار.

    حسن و عشق
    حسن ۽ عشق جا جذبا ازلي آهن، جيڪي انسان جي فن ۽ فڪر تي اثر وجهن ٿا. سڀئي لطيفي فن جماليت جي هنج ۾ مبتلا آهن ۽ انهن جي فطري جذبي کي جسماني طرح پيش ڪندا آهن. شاعري جو بنياد شوق ۽ ذوق تي آهي. جڏهن حسن ۽ عشق دل ۾ تڙپ ٿيندا آهن. تڏهن شاعري وجود ۾ ايندي آهي.
    سچل سرمست ديوان خدائي ۾ هن محبوب جلوو ڏيکاري منهنجي دل کي کسي ورتي ۽ محبت جي ميدان ۾ عجيب انداز سان مون کي شڪار ڪيو. هن جي هاڪ، جي ورلاپيون ۽ دانهون ۽ وسل جون وايون سچل جو ڪلام ۾ نمايان طور تي نظر اچن ٿيون. سچل چوي ٿو ته حسن جي هر جلوي ۾ محبوب جي صورت نظر اچي ٿي.
    سچل سرمست حسن ۽ عشق ۽ اظهار ڪري ٿو ته جيئن ته انسان ڏس جي فڪرن مان آزاد آهي، حق ۽ سچ جي ڪا مقدار ٿئي ۽ ماڻهن اخلاص ۽ محبت جاڳ اٿئي.
    عشق محبت ٻاجهون ڄاڻين سڀ راهه خلاقي،
    بزرگ ڪارڻ دنيا جي ڪن طلسم سڀ طلافي،
    سچا بزرگ جي نه ٿيندا سچا صوفي متافي،
    سچل جي شاعري ۾ محبوب جي حسن ۽ جمال جي جنون سان گڏ مشهور ۽ سرمد وارو حلال به موجود آهي. جن ازل کي سر جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، پر عشق جو برڪتون انهن جي لاءِ مخصوص آهن، حسن جي دنيا جو دستور به نرلاو آهي. ڪڏهن جدائي سچل جي سيني ۾ باه ٻاري ڏني آهي.
    جي اچين ته اچ نه ته پرون پڇاڙيون،
    محبت ٻاريون مچ سڀني منجهه سچو ٿي.
    عشق جو سودو ڏاڍو ڏکيو آهي ان ۾ سر ۽ ساهه کي قربان ڪرڻو پوي ٿو.
    سچل چوي ٿو ته عشق کانسواءِ زندگي جو وجود بي سود آهي. عشق جي اڱڻ ۾ هستي کي مٽائڻ ضروري آهي. اُن کان پوءِ جدائي جي ديوار ٽٽي پوندي آهي ۽ وائي سان وصال مڪن ٿي سگهندو آهي.
    عشق جي اڳيان علم عقل، شرم ۽ حيا سڀ ماٺ آهن، راهن تي سرڪار عابي جو اچڻ عاشق مرڻ کان اڳ ئي پاڻ کي ماريو ڇڏن ٿا. جي دلين ۾ دلبر جو درد رهندو آهي. سي هن فاني جڳ سان رشتا ٽوڙي پاڻ ۾ آڳ ٿي وڃن ٿا. عاشق جي اندر ۾ عشق جو مشاهدو ڀرپور ٿيندو آهي. عاشق دوئي کان دور رهندا آهن ۽ سچن جي راهن ۾ حاضر رهندا آهن. پنهنجي ڪيل قولن کي پوري ڪرڻ لاءِ قربان ڪري ڇڏيندا آهن جن پريم جو پيلاو پيتو آهي، تن کي موت ڪيئن ماري سگهندو.
    عاشق مرندا ڪيئن ڪي فدا ڪين مڪان ۾،
    ديواني دريا جو پيتون پيالو پُر ڪري،
    اجر منجهه امير ٿيا گڏيا ڪن جهان ۾،
    عشق ۾ جي غرق ٿيا تن گهاگرون ۾ گها.
    ٻولي ٻولن ٿا ٻي نه ڪا، اُهي رهن الامان ۾.
    الاهي عشق هڪ ازلي ذات آهي، جيڪا سڌون ڪرڻ ۽ خواهشون ڪرڻ سان نه ملندي آهي. انهي جي لاءِ سر ۽ جان جو صدقو ڏيڻو پوندو آهي. عشق حق جو ٻيو نالو آهي، جنهن کانسواءِ هر شيءِ ڪوڙ آهي. عشق الله جو اهڙو دستور آهي، جنهن کي سمجهائڻ لاءِ منصور حيات سوليءَ چڙهڻو ٿو پوي.
    محبت جي مٽي ماريو ري مون کي.
    ڪاڪين ڪنهن مان ورهه ورهيان،

    عقل علم سڀ ڇوڙ ڏنو سي عشق ڏنو اوترو،
    اسيان کرل ته ظاهر ڏيکين، سِر سڃڻ جو سارو،
    سڀنر سڃندا جوڙ سانباها ورهه ڪيو جان وارو.

    فنا
    پنهنجي خودي کي توڙي ذات مطابق اندر سمجهائي وحدانيت جي تڪميل ڪرڻ کي فنا چئبو آهي. فنا ٿيڻ کان سواءِ منزل ملڻي ناهي. سچل سرمست چوي ٿو ته سچو عاشق آهو هي آهي، جو جسمي ۽ جيءَ کي گهوري ۽ واپس نه اچي خواهش ۽ تمنائن کي مارڻ کان پوءِ ئي دلبر جي ديدار جون راهون کلن ٿيون.
    اول کان عوطو هي ڪم، پچي امر شاهي دادم،
    اچڻ انهي ٿر ۾ ڪجن ڪونهي ڪم،
    شادي ڪي ڪام ڪي عازن ناهي ڪم،
    چئو منصور اُن ۾ شامل سان دم دم.
    سچل چوي ٿو ته انهن، ترن قابورن قدم پنهنجي ذاتي خواهشن ۽ جسم جي خيرخواهي ڇڏڻ وارا ئي معراج جي منزل حاصل ڪن ٿا. ۽ روحاني جلون جو ديدار ڪن ٿا.
    جي فڪر کون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور،
    هوندا سي حضور، آئون ته ڳرهيون ڳالهڙيون،

    جسم ۽ جان خالي آهن. اُنهن کي ڇڏي اڳتي وڌي حق جي رهاه ۾هلڻ۽ حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.
    اڳيان وجهه نگاهه ڳالهه نه ڪو ناهي سهي،
    ختم ڇڏي هل اُڏهين تي رهبر مٿي،
    راهه سڃو ساءُ سڃ تين هوئين هل هر ڳالهه.
    ڪوڙ ڏسي ڀلجي نه وڃن گهرجي ڪوڙ ته وڃڻو آهي، رهڻو ناهي، مايا چار مان آزاد ٿيڻ مصلحت کان بچڻ ۽ سوريءَ جو سينگار ٿيڻ سان ئي هقيقت ۽ هق جي پروڙ پوي ٿي.
    وحدت جي وادي ۾ وصل ڪرڻ لاءِ جمع ۽ جان، ساهه ۽ سر کي گهري شهادت حاصل ڪرڻ اشرد لازمي آهي.
    عاشق شهادت ڪر قبول رک فنا دا خيال ڀي،
    هين جسم دا ڪرو سار، مار انالحق دا نعرا.
    هڪ ڏينهن دنيا ڇڏي هلڻو آهي ته پوءِ هو ڇو نه پرين جي راهه ۾ هلي.
    عاشق نام سڏاوڻ سوکا، اوکا اُس پر رهڻا هئه
    انهن پردي کي هٽائڻ ۽ پاڻ وڃائڻ کان سواءِ يار جي جلوي جو نور نظر اچڻ ناممڪن آهي. پنهنجي خواهشن ۽ تمنائن ۾ قابو ۾ رکڻ ۽ منور مان گهري مرڻ کان اڳ مرڻ وارن کي موت به ماري ٿي سگهي پوءِ ڇو نه هو ذات حق سان ڪري لازوال هجي.

    بقا
    سچل سرمست مثنوي گذرنامه ۾ وحدت الوجود کي سمجهائڻ لاءِ پاڻي ۽ برف جو مثال ڏنو آهي. انسان برف مثال آهي، اُها صبح ڏانهن منهن ڪري ڳري پاڻي ٿيو وڃي. اصل اُهو پاڻي هو. جنهن مان برف ٺهي. سچل جو چوڻ آهي ته انسان ڪجهه به ناهي پر انهي ڪل جو جزو آهي، انهي ڪري هن کي پنهنجي وجود کي وساري ذات متعلق ۾ هڪ ٿي وڃڻ گهرجي.
    ٻانهون پاڻ ۾ پاڻ، توهين مالڪ ملڪ جو،
    لا خبري عبدي اهو ئي اهڃاڻ،
    پاڻ پنهنجو پاڻهين صورت پنهنجي سڃاڻ،
    الله الله پهريون پاڻ ئي الله پاڻ،
    سچو سائين سيڪڙو باقي سڪ گُمان.
    ذات متعلق پنهنجي حسن جي تجلي ڏيکارڻ لاءِ هي منجهان تخليق ڪيو ۽ پاڻ ئي آدم ٿي پنهنجي ئي عبادت ڪرڻ ۽ جاودان ۽ ظاهر ٻي معنيٰ ناهي،. پر دلبر جي ديدار آهن.
    آدم ٿي ڪر آيا، ڄاوڻ دي سنڌ تائين،
    ظاهر ستوئي باطن سوئي مرشد ابوسين سمجهايا،
    سچو صفات هي ڪر سارا سر ڇپايا.
    هن مطابق الڳ الڳ سونهن جون تخليقون ڏسڻ واري هر هنڌ تي نروار نظر اچي ٿو.
    حسن تنهنجو تو اچي طرهون طرح ڏيکار ۾،
    هڪ هئين آئين وري ڪنهن شوق مون ۾،
    خمار ۾ آهي سچو ئي نام جي ناهي ٻيو نروار ۾.
    شرير ته هڪ لباس آهي، جنهن ۾ دلبر جو ديرو آهي. محبوب ته هر هنڌ هڪ ئي آهي. جبل جهاڳڻ ۽ شڪر ڏاڪڻ اجايو آهي. ڇاڪاڻ ته نهل ته پاڻ وٽ ئي وسي رهيو آهي. اهو ئي هڪ وڏو سچ ته رب پاڪ کان سواءِ پتو ڪجهه به جاتي ناهي. حق صرف هڪ آهي جيڪڏهن جو جلوو هر شيءِ ۾ نظر اچي ٿو. اُنهن کي ماڻڻ لاءِ پاڻ کي وڃائڻو آهي،

    مصرفت پاڻ مڃاڻڻ:
    (1)سنڌ جي سمورن صوفي شاعرن خودي وڃائڻ ۽ پاڻ وسارڻ ۽مصرفت ذريعي پاڻ سڃاڻڻ تي زور ڏنو آهي. جيئن مالڪ پاڻ ماري، پاڻ سڃاڻي فنا ٿيئي الله ٿئي ٿو.تڏهن ازخود سندس اندر ۾ انالحق جو نعرو وٺڻ لڳي ٿو.انهي طاقت ۾ ساري ڪائنات منجهس سمجهائي وڃي ٿي.
    پاڻ پنهنجو پاڻ ويهي پاڻ ئي الله ڄاڻ.
    الله الله ڇو ويهي چوان پاڻ ئي الله تعاليٰ
    تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏيندڙ ساهه آهه قرآن
    ناهي شڪ گمان، تون ئي سچو سائين هيڪڙو.
    پاڻ سڃائڻ جو مطلب آهي ته انسان پنهنجو پاڻ ۾ ڇا آهي ۽ هو ڪٿي بيٺو آهي.اُن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ترقي جي بلندين تي پهچي ٿو.
    (2) سچل سرمت ٻڌائي ٿو ته ظاهر ۽ باطل سڀ خدا آهي اسان کي پنهنجي وجود ۾ هجڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ مڪمل ڪرڻو آهي بي عملي ۽ جهالت کي هٽائڻ ضروري آهي ان کي پوءِ من ۾ معرفت بي مثال ٿيندي. جو ڪچو آئينو ٽٽي پوندو. پاڻ سڃائڻ سان ئي پنهنجو پاڻ کي ڳولي سگهبو . اُنهي کان پوءَ ئي مصرفت لاهي حاصل ٿيندي.
    پاڻ نه آهيان پاڪ، پرڪي ڏينهن هت گذاريان ٿو.
    ساڳوئي سورانهو آهيان ظاهر ليکي پاڪ،
    آهيان آئون معشوق مرن جوم موتي بس مشطاق،
    کائين زهر پيالو ظاهر، کائين پيان ترياق.
    مصرفت ۽ علم اُها روشني آهي جيڪا بي عملي ۽ جهالت جي اوندهه کي گهٽائي ٿي.
    (3) سچل سرمست مصلفي انداز ۾ پنهنجو ۽ مصرفت جو حقيقي تجريو ڪري ٿو. ۽ ٻڌائي ٿو ته ذات حقيقي جو جلوو انسان جي اندر ۾ ئي جاري ۽ ساري آهي. اهڙي صورت ۾ پنهنجو وجود وڃائڻ سان مصرفت ذات حقيقي قائم ۽ دائم رهندي آهي.انهي کان پوءِ جڏهن هو رهندو ئي ڪونه تڏهن سچل واقع انالحق جو هو ڪو ڏسڻ لڳندو.
    پاڻ پنهون آئون آهيان، اڙي ڀينر ڀلي آهيان،
    ڪيچ ڀيور پي وسان انتان بهي، ڪهڙي طرف آءُ آهيان
    هت هت آهي صورت منهنجي ناهه ڪو ٻيو ناهيان،
    پنهنجو پاڻ ئي سان پيار سچوري نينهن اهو ئي لايان.
    ٻيائي جو ڪٽ ڪوري ڪڍڻ سان اندر صاف ۽ اجرو آئينو ٿي وڃي ٿو ۽ اُن ۾ پرين جو جلوو پسي ٿو. محب پري ڪونهي، پر پاڻ ۾ ئي موجود آهي.
    پاڻ منجهون ڪل پيئي سڀئي دوست جي وو ميان مون کي،
    ولحن و هن انقرب ويجهو وڃي ٿو، ڏس هادي جي هيئي،
    ڪڏهن زاري ڪڏهن زوري، ٻوليون سندس اهي سڀيئي،
    ٻار رنگيو هڪ رنگ ناهي، ڪوڙين سندس رنگ ڪيئي،
    سچو جو اندر ٻاهر سوئي، وچون ٻيا ئي ويئي.
    معرفت ۽ علم سان جڏهن پاڻ سجائي ٿو ته عاشق، معشوق ۽ عشق هڪ ٿا نظر اچن.
    ڪائنات ۾ جيڪي تخليفون آهن اُ الله جي ڪاريگري ۽ اسمن جا مظهر آهن، انسان جي وجود طاقت ۾ وحدت جي وائي آهي، ته سندس مزاج ۽ فطرت جا ڪيرائي رنگ ۽ روپ به آهن.
    احد احمد صورت ساڳئي، سر ٻنهي جو سوئي،
    الله بر بڪر قالو بليٰ پنهنجو پاڻ آهيو ئي،
    سچا خاصر هو هادي، سمجهن سر سوئي،
    غائب سمجهي غر نه ڄاڻي حق الهق اهو ئي.
    پاڻ سڃاڻڻ جو بنياد لڳاتار ڳولا جو مسلسل عمل آهي. سچل مثال ڏيئي سمجهائي ٿو ته جيئن سمنڊ شمار قطرن جو ميڙ آهي ۽ ان سر ساڳئي قدري کي الڳ نٿو ڪري سگهجي تين خدا ۽ خدائي به ساڳئي ڳالهه آهي.
    صحيح سڃاڻج ساري خود آهين وي خدائي،
    ليڪن تارا اڳ ۾ ٿيا، روز ڪئي رونائي،
    سچو سچي ڳالهڙي، پاڻ پرين پر سهائي.
    سچ سرمست نظرئي جو حامي آهي. هو دوئي جون ديوارون ٽورڻ ۽ هڪ ئي وڃڻ جي تلقين ڪري ٿو. وجود حقيقي صرف هڪ ئي آهي ۽ اُهو رب پاڪ جو وجود آهي. هر شيءِ ان ۾ آهي ته معرفت ۽ علم جي روشني م ڏسبو ته هڪ محبوب جو ديدار نظر ايندو ڪثرت وحدت ۾ سمجهائي ويندي.

    سچل جي شاعري جون خوبيون
    (1)سچل جي شاعري جي پهرين خوبي آهي ته هو جڏهن ڪا نئين شئي پيش ڪري ٿو ته اها فطري پس منظر ۾ پيش ڪري ٿو. اُنهي ڪري سندس شاعري سچي، سريلي ۽ متاثر ڪن لڳي ٿي. هي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن عنوان تي بيت گهڙي، سنڌي شاعري ۾ نئين ۽ روشن روايت قائم ڪئي. اسان جا جديد سنڌي شاعر انهيءَ روايت تي عمل ڪري، عمده ڪلام سرجي رهيا آهن. سچل روحن بابت فطري پس منظر ۾ بيت سرجي وڏي ادبي خدمت ڪئي آهي. روحن بابت هي بيت سچل جي ادبي صلاحيت کي داد ڏيڻو پوندو.
    هيئڙو وجدي هت، هٿ، ٿيون روانيون روجهون،
    ڏکيا اوسر ڏينهڙا، ڀيو گذارن هت،
    اُنئي بهر چپ، وطن تن نه وسري.
    (2)سچل جي شاعري جي ٻئي خوبي اها آهي ته نرالو ۽ جاندار اسلوب بيان ڪيو اٿس اهڙي اسلوب بيان جي ذريعي ڳجهين ۽ لڪل حامين کي ظاهر ڪري، ترهنڌڙن کي ڪرايو ڇڏي ٿو ۽ انهن جي سور کي جاڳائي نرالا نظارا سجائي ٿو. هنن بيت ۾ سچل سرمست محبوب جي منهن کي بيان ڪري وڏو فني ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
    ڪيا ڪپ محراب، منهن تي محبوبن جي،
    سُون سيارن جو، پر هن ٽيون ثراب،
    برهه سدا باب، سچل سڀ ختم ڪيا.
    اهڙو سريلو، رسيلو ۽ معنيٰ خيز اسلوب نصرف سچل جو ئي ٿي سگهي ٿو.
    (3) سچل جي ٽئين خوبي آهي دل جي گهراين مان نڪتل جذبن جو سچو ۽ من موهيندڙ ۽ روح ريجهائيندڙ اظهار بيان ڪرڻ جي صلاحيت. سچل پنهنجي لاثاني دعائيه گيت ۾ پنهنجي سچن جذبن جو سچائي سان اظهار ڪري ڏيکاريو آهي، احساس ڏيکاري لاجواب ڪم ڪيو آهي.
    پار سچل تون، لاهين ڪشالي،
    گهونگهٽ کولڻا، پهرين ٻولڻا.
    لنگرا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا.
    (4) سچل جي ڪلام جي ڇوٿين خوبي آهي ته هو شان جا نوان طريقا استعمال ڪري منڊ مچائي ٿو. ڪافي جي صنفن کي ثناء جي نون ۽ نران طريقن ورهائي عالم کي رجهايو آهي. سچل ڪافي جي صنف کي سهيڙيو آهي ۽ اُن ۾ سونهن، سچ ۽ خوشبو ڀري انهي صنف کي سونهن جي راڻي بنائي ڇڏيو آهي. ڪانين جا ڪجهه مثال پڙهي روح کي راحت ڪيو.
    تنهنجي سوماريا، سوري سنڀاريا،
    انهي ڳالهه ڳاريا، هزارين مزار،
    اُهي چار آيا، نيرن جي نواياءُ،
    سئي سر سلايا، تنهن ترا گهار.
    *-*-*
    آهن انهن اکين کي، نهاهو نانهو تنهنجو،
    ويٺو وٺي مان آهيان ڪامل قرار تنهنجو،
    هن کي اوهان جي ٻاجهئون، آيو نه مار ڪائي،
    هي تان غريب آهي زميوار تنهنجو.
    سچل جي شاعري جي تحيس ۽ بناء سمئال خوبي آهي هن جي بيبائي ۽ پيرواهه. هن کي جيڪي چوڻو آهي، بنان ڊپ ڊاءُ جي چئي ڏئي ٿو. ان ڪري هن جي ڪلام ۾ ڪٿي به کوٽ ناهي. هن ڪلام جي جيڪا حق گوئي سچل جي ڪلام ۾ آهي، اُها بي ملهه آهي ۽ ٿورن ئي شاعرن جي ڪلام ۾ ملندي.
    يا موڪليو، يا موڪلبو، هي جي سب بهانا،
    نانڪ نيٺ ڪجي واري مرد گهمن متانا،
    سچل سنگر آئين اکيو حق هن مستانا.

    سچل جون ادبي خدمتون
    سچل سرمست شاعرانه ذات جو ڌڻي، تخليقي صلاحيتن جو مالڪ سچي اسلوب استعمال ڪرڻ وارو هڪ بي ڊپو ۽ فرهند شاعر هو. هن پنهنجي انهن خوبين جو استعمال ڪري سنڌي شاعري لاءِ انيڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سنڌي شاعري کي مٿائين مقام تي پهچايو. سچل جي انهن ادبي خدمتن کان سواءِ سنڌي شاعري سڌريل نه هجي ها، سڱاري نه هجي ها.
    (1) سچل هڪ وڏو تجربيڪار شاعر هو. هن پنهنجي اعليٰ تجربيڪار جو باعمل استعمال ڪري سنڌي شاعري ۾ بيشمار صنفون جوڙيون ۽ شاعري کي مالا مال ڪيو. هن مسلسل دوها، مسلسل بيت، ڪلام، جهوڻيون ۽ گهرو ئي، جهڙيون صنفون جوڙي سنڌي شاعرن کي وڏي سگهه ۽ وسعت بخشي. هن سنڌي شاعرن لاءِ اظهار جا نوان نرالا ۽ سگهارا طريقا ميسر ڪري ڏنا جن کي سنڌي شاعر ۽ خاص ڪري جديد سنڌي شاعر استعمال ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي ادبي صلاحيتن کي ظاهر ڪري داد حاصل ڪري رهيا آهن. اسان جي جديد شاعري جهڙوڪ شيخ اياز، استاد بخاري، منشي ابراهيم ۽ ٻين جو ڪلام انهن ڳالهه جو ثبوت آهي.
    (2)سچل رومانوي سنڌي داستانن بابت شعر لکيا آهن پر هن جو اهاوڏي خدمت آهي. جو هن عنوانن بابت بحث ڪري سنڌي شاعري کي هڪ نئون ۽ نرلاو تخليق جي طريقي ڪار متعارف ڪري. سنڌي شاعري کي وڏي ۽ نگهاري وسعت ڏني آهي. اُن کي زندگي سان ڀرپور پس منظر ۾ لکي هڪ انوکي ۽ انمول باب جو اضافو ڪيو آهي هن جا لکيل 34 بيت سهڻا آهن، من مهڻا آهن، ۽ اسان جي روح جي صدا آهن، هن جا وحدت بابت لکيل 35 بيت حقيقت بابت لکيل 28 بيت پنهنجو مٽ پاڻ آھن،
    (3) سچل جي ڪلام سنڌي شاعري ۾ سگهه ڀري آهي ۽ زندگي جي هر ديني، مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي جي مسئلن کي مثالن ۽ دليلن ذريعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهي جاکوڙ سنڌي شاعرن کي جديد دور ۾ شاعري ڪري لاءِ سگهه، سمجهه ۽ نئون انقلابي شعور ڏنو آهي. اسان جديد سنڌي شاعري سچل کي سنڌ جي سگهاري شاعري جو رهبر تسليم ڪيون ٿا.
    (4) سچل سرمست گهڙولي جي صنف کي رائج ڪري هڪ شاعري ۽ ادبي شاعري کي ملائي وڏا رنگ ڇايا آهن. گهڙولي ۾ عورت جي خدمت جي جذبن کي اجاگر ڪري، عورت کي عظمت کي ساراهيو آهي. گهڙولي سنڌ ۾ ڏاڍي مشھور آهي. جڏهن اها ڳائي ويندي آهي ته شعور جاڳي اُٿندو آهي ۽ روح سجاڳ ٿيڻ لڳندو آهي. گهڙولي جي صنف سچل جي تخليقي عمل جو شاهڪار ڪارنامو آهي.
    (5) سچل سرمست پنهنجي زماني جو انقلابي شاعر آهي. هن انسانن جي نيڪين کي ساراهيو آهي ۽ انهن کي براين کي بينقاب ڪري اُن تي وار ڪيا آهن، هڪ حق پرست ۽ انساني شرف ۽ شان جي قائل شاعر کان سواءِ مذهبي ڀيد ڀاءُ، دوئي، غفلت ۽ ڪٽرپڻي خلاف لکڻ ڪو آسان ڪم ناهي. پر انسانيت جي شاعر سچل سرسمت پنهنجي زندگي جي پرواهه نه ڪندي پاڻ کي انساني جي ڀلائي لاءِ وصف ڪري ڇڏيو آهي، سچل جي هڪ بي بها ادبي خدمت آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو.

    عبارت
    سچل سرمست جي عبارت سنڌ جي سڀني شاعرن کان انوکي ۽ نرالي آهي. نرالي، انوکي ۽ اعليٰ سوچ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هن وٽ ڪيئي طور طريقا آهن، ڪٿي ڪٿي هو مثالن جو اظاهر ڪري پنهنجي عبارت کي سنجيده بنائي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو نرالا ۽ انوکا لفظ چوندي پنهنجي فڪر کي بيان ڪري موڪرانه عبارت جي ذريعي پاڻ کي وڏو عالم ثابت ڪري ٿو ته وري ڪٿي ڪٿي انساني جذبن ۽ احساسن کي عام انسانن واري ڍنگ ۾ بيان ڪري پاڻ کي ان انسانن جي شاعر بڻائي پيش ڪري ٿو، مذهبي ڌرم وغيره فرقن کي مٽائي سڄي انسان ذات جو شاعر بنائي پاڻ کي سمارئي ٿو. سنڌ جي وڏي اديب ۽ نقاد پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي ”ڪتاب“ سچل ۾ سچل سرمست جي ٻولي هڪ نئين نڪتو ڳولي لڌو آهي. هو لکي ٿو ته سچل عاشق ٻولي ۾ به هندڪي مسلمانڪي جو پير نه رکيو آهي ”سچل جي ٻولي اهڙي آهي جو ائين پيو سمجهي ته هن ڪڏهن هندو سنت جي وائي آهي. هندڪي وائي جو هڪ اثر انگيز مثال هي آهي:
    ديوي رکي دل ۾ جنهن من ڪيو مندر،
    اندر ئي اندر، سچو پرچاري سوير ٿيو.
    *-*-*
    مندر ڪري من کي، يودگاري پوجاءِ،
    يار نه ٻيو پچاءَ سچو پوڄاريا پربندر جا.
    سچل هندن جي وڏي اوتار مهاديو جو بيان به نج هندو پوڄاري وانگي سچائي سان ڪري سڀني کي حيران ڪيو آهي.
    مهايو جي من ۾، پوڄارين جي پرک،
    اُتيئي لهر اند ۾ لکن لک الک،
    رکي ويا راز تي ڪالري سي ڪک،
    جهلن مهاري جنگ هو پوڄا ۾ پر ٿيا.
    سچل سرمست جي ٻولي صاف ۽ سچن ماڻهن جي ٻولي آهي، هو صاف ۽ سچو شاعر آهي ۽ هن جي ٻولي، صاف ۽ سچن ماڻهن جي ٻولي آهي. ڀيد ڀاءُ کان آجي عام انسانن جي متري، سرپستي ۽ انتر راشريه ٻولي آهي.
    سچل سرمست جي ٻولي ۾ پل آهي، اُڇل آهي، دار آهي للڪار آهي ۽ لازوال اثر ۽ گهُه گهانه ڳالهه آهي.

    سچل سرمست جي ڪلام جي اهميت
    سچل سرمست سنڌي ٻوليءَ جو هڪ تمام وڏو شاعر آهي هن جي سوچ نرالي آهي، نقط نظر پيارو آهي ۽ پيشڪش به پياري آهي. هو پنهنجي دور جو به هڪ بلند پائي جو شاعر آهي. ۽ بين الاقوامي سگهارو شاعر به آهي، هو هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن حال ۾ رهندي به مستقبل جي مسئلن بابت شاعري ڪري خوب ڪمال ڪيو آهي.
    سچل سرمست هڪ صاف ۽ سٿري انسان ۽ ڪشاده دل تجربيڪار جي حيثيت ۾ شاعري ڪري، پاڻ کي پنهنجي دور کان مٿانهون کڻي بين القوامي شاعر بنايو هن جي ڪلام جون قافي خوبيون آهن، صاف ڪشاده دلي، بي ڊپائي، آزاد خيالي ۽ انقلابي رنگ.
    سچل سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر آهي. هو سچو آهي ۽ سچن انسانن کي پسند ڪري ٿو. هو ڪوڙن جي خلاف آهي. هو منافقن جي خلاف آهي. هو اُنهن جي غلط ڳالهين کي للڪاري ٿو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ اُنهن جي خلاف ڪافي ڪجهه لکيو آهي ۽ اُنهن کي خوب ننديو اهي. هو صادق آهي ۽ ڪوڙن جي سخت خلاف آهي. جتي سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ مقابلي جا امڪان پيدا ٿيندا ۽ ڏاڍاين ڳالهه نڪرندي اُتي عام انسان سچي شاعر سچل کي ياد ڪندا ۽ ميدان عمل ۾ اچي ڪوڙ فتني ۽ ڏاڍاين کي ختم ڪري سچ جو جهنڊو بلند ڪندا.
    سچل سچو آهي هن جي شاعري سچي آهي ۽ پوري انسانذات لاءِ هڪ سچو تحفو آهي.


    مددي ڪتاب
    (1) ڪلياڻ آڏواڻي سچل
    (2) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سچل جو وايون به
    (3) ڊاڪٽر ابن مبري شمل سنڌي ادب جو ارتقا (ترجمو)
    (4)اي جي انم شاهه سچل سامي
    (5)عثمان علي انصاري رسالو سچل سرمت جو مقدمو
    (6) غلام محمد گرامي. ”سامي کي سلام“ 1964ع ۾ شايع ٿيل مضمون (مهراڻ) ۾.
    (7) هسٽري آف سنڌي لٽريچر. ايل.ايڇ اجواڻي. سهاتيه اڪيڊمي (نيودهلي)


    ڀائي چئنراء سامي(وڪرمي سنبت 1800ع – 1907ع 1743ع 1850ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    ”انهن ٽنهي شاعرن شاهه، سچل، ساميءَ کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. انهن جو فڪر ساڳيو آهي. انهن جو نظرياتي ۽ تاريخي پس منظر ساڳيو آهي. انهن جي زبان ساڳئي آهي. هنن جا نظريا ساڳيا هئا ۽ انهن جو پيغام ساڳيو هو. سنڌ سامي کان سواءِ اڻپوري آهي. سنڌ جو ڪلچر ساميءَ کان سواءِ اڻپورو آهي.“
    تنوير عباسي. ٽه ماهي ”مهراڻ“ 1988ع

    ”سامي الفاظ ۽ معنيٰ جو خالق آهي. وٽس سنڌي زبان جي محاورات جو وڏو خزانو آهي. هو جادوگر ۽ سحر نگار آهي. لفظن ۾ بلا جو زور اٿس.“
    قريشي حامد علي خانواڻي. نئين زندگي اپريل 1965ع

    ”سامي ۽ هن جي ڪوتا (شاعري) بابت هيلتائين جيڪا اوک ڊوک ڪئي ويئي آهي سا گهڻو آتمڪ اُنتي، روحاني راز تائين محدود رهي آهي، جيڪا هن سان ۽ هن جي ڪوتا سان بي انصافي آهي. اڄ جڏهن انسان عقل، علم ۽ وگيان (سائنس) سان خدا تائين پهچي ڪيترن ايشور ۽ آتمڪ (روحاني) ۽ خدائي ۽ روحاني ڳجهن کي کوليو آهي تڏهن ته پاڻ اِهو ضروري آهي ته اسين پنهنجي ڪوي ساميءَ کي مادي نقطه نگاهه سان ڏسي معنيٰ جا نوان موتي ڳوليون.
    اي.جي.اُتم. ساهتيه ۽ ساهئتڪار تنقيدي مضمون مان ورتل

    لطيف ۽ سچل وانگر سامي به پنهنجي دور جو باغي شاعر آهي. هن تصوف ۽ ويدانيت جي اوٽ ۾ مذهب ۽ ڌرم پنڊتن ۽ ٻاون وغيره تي چوٽون (وار) ڪيون آهن. مايا کي منهن ڪاري، ڏندري، ڏيوالي ۽ ڏائڻ سڏي سرمائيدار طبقي خلاف پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو آهي بهرحال سامي جو ڪلام تصوف ۽ ويدانت جو مها چار آهي.
    غلام محمد گرامي. ٽه ماهي مهراڻ 1964ع

    ”سنڌ ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جا ٽي شاعر آهن. شاهه، سچل ۽ سامي. سنڌ جا هي سونهارا ۽ سدا حيات شاعر سنڌي سماج جي سموري چڱائي، سموري سونهن ۽ سموري سچ جا ڄاڻو، امين ۽ ترجمان آهن.“
    محمد ابراهيم جويو. ”شاهه، سچل ۽ سامي“

    سامي جي جيون – ڪهاڻي
    سامي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ پيارو، نيارو ۽ ناميارو شاعر آهي، هو پنهنجي ڏات، ڏاهپ، مشاهدي جي قوت ۽ تخليقي صلاحيتن جي ڪري سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جو هڪ اهم شاعر آهي. هن جو درجو شاهه ۽ سچل جي برابر آهي.

    افسوس جو اظهار
    افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌي ۽ گهڻو ڪري هندو شاعرن، اديبن، عالمن، نقادن، محققن ۽ دانشورن ڀائي چئنراءِ سامي سان انصاف نه ڪيو آهي. سامي تمام گهڻا سلوڪ سرجيا پر انهن هن جي سموري ڪلام کي گڏ ڪري، اُن کي ڇاپرائڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي آهي. گنگارام روهڙي واري جي گرمکي ۾ ڇاپايل ڪتاب ۾ سامي جا 5300 سلوڪ آهن، اهو سامي جي سلوڪن جو وڏي ۾ وڏو ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي سنڌي عربي صورتخطيءَ ۾ ڇو نه ڇپايو ويو؟ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي سامي جي گهڻن سلوڪن کان ڇو محروم رکيو ويو؟
    ڀائي چئنراءِ سامي سنڌ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مشهور شاعر آهي. ڇو نه هن جي سوانح عمري بابت ڪو مستند ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. جيئن ته هن جي زندگي جي باري ۾ مفيد معلومات هٿ ڪري هن جي باري ۾ من گهڙت واقعن جي ڇنڊ ڇان ڪري، انهن کي اصل حال ۾ آڻي سگهجي. سنڌ جي هن وڏي شاعر جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڇپيون ناهن. هو ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟ هن جو ديهانت ڪيڏي عمر ۾ ۽ ڪٿي ٿيو؟ هن ڪٿي تعليم حاصل ڪئي؟ هو ڪهڙي عمر ۾ ڌنڌي تي لڳو؟ هن ڪڏهن کان شاعري شروع ڪئي؟ هن جي ڪلام ۾ هٿ آيل سنڌي هندو شاعرن جو ڪلام ڪيئن هن جي ڪلام ۾ شامل ٿيو؟ هن جي شادي ڪهڙي عمر ۾ ۽ ڪهڙي خاندان مان ٿي؟ هو شڪارپور ڇڏي ڪڏهن امرتسر ويو؟ هو واقعي فقيراڻي لباس ۾ امرتسر ويو؟ هو امرتسر ۾ ڌنڌو ڪندو هو يا ساڌ سنگت سان گڏ وقت گذاريندو هو؟ هن کي ڪيترا پٽ هئا؟ هن کي پهريون پٽ ڪهڙي عمر ۾ ڄائو؟ ڇا هو امرتسر کان موٽي سنڌ ۾ آيو؟ ڇا هن جي وفات امرتسر ۾ ٿي؟ ۽ ڪهڙي عمر ۾ ٿي؟ انهن سوالن جا جواب ملڻ گهرجن جيئن ته سامي جي حياتي بابت مفيد معلومات هٿ ڪري اهو اندازو لڳائي سگهجي ته هن شاعري جا ڪهڙا ڪهڙا دور هئا، هن جي گم ٿيل ڪلام کي هٿ ڪري سامي جي شاعري بابت ڪا مفيد راءِ قائم ڪري سگهجي ۽ سنڌي شاعري ۾ سامي جي اهيمت جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي.

    وڏن جو احوال
    ڀائي چئنراءِ جي پيءَ جو نالو بچو مل، آڪهه ڏاتارائي ۽ نک لُنڊ هئي. هو ڏاڍو شاهوڪار ماڻهو هو. هن جي سڄي شڪارپور ۾ عزت ۽ مڃتا هئي. هو وڏو سخي هو ۽ گهرجائو ماڻهن جي مدد به ڪندو هو. هن شڪارپور شهر جي واڌاري ۽ سُڌاري لاءِ ڪافي رقم خرچ ڪئي. هن کي شڪارپوري ”شڪارپور جو ابو“ سڏي ساراهيندا هئا.

    پيدائش
    ڀائي چئنراءِ جي پيدائش وڪرمي سنبت 1800 برابر سنه 1743ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ٿي. هي مائٽن جو لاڏلو پٽ هو. هن جو پيءَ بچو مل وڏو شاهوڪار واپاري هو. ڀائي چئنراءِ جي شروعاتي زندگي ڏاڍي ٺاٺ سان گذري. هن جي سهڻي شڪل ۽ سٺين عادتن جي ڪري ننڍا وڏا سڀ هن کي چاهيندا هئا. هو سڄي پاڙي وارن جي اک جو تارو هو.

    تعليم
    اِهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته ڀائي چئنراءِ ڪٿان کان ۽ ڪهڙن مڪتبن مان تعليم پرائي، هو اڻ پڙهيل نه هو. هو گر مکي چڱي طرح ڄاڻيندو هو. ذاتي شوق جي ڪري هن شڪارپور جي عربي جي اُستادن کان ڪيترائي عربي جا لفظ سکيا جن کي هن پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو آهي. سماي راولپنڊي جي هڪ صوفي دل پٺان سيٺ کان، جو ڪپڙي جو وڏو واپاري هو، فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. هو ويدن، اپنشدن ۽ سوترن وغيره جو چڱي طرح واقف هو. سندس سلوڪ انهي ڳالهه جي واضح گواهي ڏين ٿا.

    ڪاروبار
    ڀائي چئنراءِ اٽڪل ويهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي خانداني ڌنڌي ڪپڙي جي ڪاروبار کي اختيار ڪيو. هو خوش اخلاق ۽ خوش مزاج جوان هو. هو پنهنجن گراهڪن جو خاص خيال رکندو هو. گراهڪ ۽ پاڙي وارا دڪاندار به هن کان خوش ئا. هن جي شرافت، ايمانداري ۽ سچائي جي ساراهه ڪندا هئا. هو ذات پات ۽ ڀيد ڀاءُ جي تعصب کان بلڪل آجو هو.

    هڏ ڏوکي ۽ همدرد انسان
    ڀائي چئنراءِ هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان هو. هڪ دفعي جڏهن هو پنهنجي دڪان ۾ ويٺو هو ته هن ڏٺو هڪ گهٽ ذات واري عورت پنهنجي ٻار کي هنج ۾ کڻي جيئن بازار مان گذري رهي هئي ته هڪ سامهون ايندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي ڪري پيئي ۽ بيهوش ٿي ويئي. سندس معصوم ٻار به چوٽ کائي رڙيون ڪرڻ لڳو گهڻيئي دڪان کليل هئا انهن ۾ دڪاندار ويٺل هئا پر ڪو به دڪاندار هن عورت ۽سندس ٻار جي مدد لاءِ هيٺ لهي ڪو نه آيو. ڇاڪاڻ ته هو گهٽ ذات واري عورت هئي. ڀائي چئنراءِ هي ڏک ڀريو نظارو ڏسي يڪدم پنهنجي دڪان تان هيٺ لهي اچي عورت جي تيمارداري ڪئي ۽ هن کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلائي، هن کي هوش ۾ آڻي، هن کي پاڻي پياري، هن جي پٽ کي سندس ڪڇ ۾ ڏيئي پوءِ پنهنجي دڪان ۾ موٽي آيو. ڀائي چئنراءِ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته سٺا ويس وڳا پائڻ وارا انسان ڪيڏا نه تعصبي ۽ بيپرواهه آهن. هن پنهنجي هن شعر ۾ ماڻهن جي اڍنگي روش جي خوب شڪايت ڪئي آهي:
    نينهن نٿا ڄاڻن، ويد پڙهي وادي ٿيا،
    ٻانڀڻ ڪن ٻيائي سان، جپ، تپ ۽ اشنان،
    پنهنجي نارائڻ ري، جي سُڌ رکن ڪه نه،
    رهن منجهه جهان، نرد ڪش نيارا نڀ جا.
    ڀائي چئنراءِ وڏو همدرد ۽ خدمت گزار هو. خدمت هن جي لاءِ پاٺ پوڄا کان وڌيڪ هئي.

    سوامي مينگهراج مهراج سان عقيدت
    ڀائي چئنراء کي سوامي مينگهراج مهراج سان ڏاڍي عقيدت هئي. سوامي مينگهراج بهاولپور جي علائقي احمد پور شهر جو ويٺل هو. هو شڪارپور ۾ هاٿي در وٽ هيمنداس جي مڙهي ۾ رهندو هو. هو وڏو ودوان (عالم) هو. هو شاعري به ڪندو هو ۽ نوجوانن کي شاعري سيکاريندو به هو. ڀائي چئنراءِ سوامي مينگهراج مهراج سان پنهنجي پهرين ملاقات ۾ ايترو ته متاثر ٿيو جو هن کي پنهنجو گُرو بنائي ڇڏيائين.
    ڀائي چئنراءِ سوامي مينگهراج مهراج سان 8 يا ڏهه سال گُذاريا، هن سوامي مينگهراج مهراج کان ڌرمي شاسترن جو گهرو علم پرايو. هو سوامي مهراج کان شاعري جا بنيادي اصول به سکيا ۽ هن جي رهنمائي ۾ شاعري ڪرڻ به شروع ڪئي.

    تخلص
    ڀائي چئنراءِ پنهنجي گرو سوامي مينگهراج مهراج کي مان ڏيئڻ جي لاءِ ”سامي“ جو تخلص اختيار ڪبو. ڪٿي ڪٿي ”مينگهو“ ۽ ”ٻانڀڻ“ جي تخلص کي به استعمال ۾ آندو آهي.
    سي ڪيئن رنگ رچن، سامي سپرين سان.
    *-*-*
    غريبي گلزار، موچاري مينگهو چوي.
    *-*-*
    ڇڏائن ٻانڀڻ چوي تنهن کي سهج سرود.
    سامي جي هر سلوڪ ۾ هن جو تخلص ضرور استعمال ٿيل هوندو آهي. ڪڏهن پهرين مصرع ۾ ڪڏهن ٻئي مصرع ۾، ڪڏهن ٽئي مصرع ۾ ۽ ڪڏهن چوٿين مصرع ۾ تخلص ڪتب آندل هوندو آهي. تخلص هن جي سلوڪن جي سونهن وڌائيندو رهندو آهي.

    شاعري جي شروعات
    ڀائي چئنراءِ سامي پنهنجي شاعري جي شروعات 25 30 سالن جي عمر ۾ ڪئي هوندي. هو شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارن نوجوانن سان گڏ سوامي مينگهراج مهراج وٽ مڙهي وڃي شعري اصولن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئا. اُتي ڪي نوجوان هندو شاعرن جهڙوڪ موهن فقير، ساجن ڀيو، آسوُ، ڌنون، بادل ۽ ٻين شاعرن جا شعر به اچي پڙهندا هئا ۽ جن جي ڪلام کي ياد ڪري ڀائي چئنرام ساٿين کي ٻڌائيندو هو. اهڙي طرح هن سلوڪ چوڻ شروع ڪيا. هو پنهنجن سلوڪن کي ڪاغذ جي چٽڪين تي گرمکي ۾ لکي مٽ ۾ وجهندو ويندو هو. هو هندو شاعرن جي ڪلام کي گرمکي ۾ ڪاغذ جي چٽڪين تي لکي مٽ ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هو سوامي مينگهراج مهراج جي رهنمائي ۾ سلوڪ لکندي لکندي هڪ وڏو شاعر بڻجي ويو.
    ڀائي چئنراءِ سڄو ڏينهن دڪان تي ڌنڌو ڪندو هو ۽ شام جو سوامي مينگهراج مهراج جي مڙهي ۾ وڃي گُرو جي صحبت ۾ صرف ڪندو هو. هن جو ڌنڌو وڌندو رهندو هو ۽ هو سچي خوشي محسوس ڪندو هو.

    امر تسر ڏانهن روانگي
    ڀائي چئنراءِ سامي 35 40 سالن جي عمر ۾ پنهنجي خانداني ڌنڌي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ پنهنجي پتني سان گڏ امرتسر ويو. هن ڪڏهن شادي ڪئي ۽ ڪهڙي خاندان مان ڪئي انهن جي باري ۾ ڪا به معلومات ميسر ناهي. هو سٺي صورت وارو ۽ بلند اخلاق نوجوان هو. هو صاف ۽ سُٿرا ڪپڙا پائيندو هو. سڄو ڏينهن دڪان تي ويهي ڌنڌو ڪندو هو ۽ شام جو دڪان بند ڪري گهر وڃي گهر وارن سان وقت گذاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ساد سنگ ۾ وڃي وقت گهاريندو هو ۽ خوش رهندو هو. هن جو امرتسر ۽ شڪارپور جو سفر هلندو رهندو هو. هو امرتسر ۾ به وقفي وقفي سان شاعري ڪندو رهندو هو

    پٽ جي پيدائش
    ڀائي چئنراءِ سامي کي 50 60 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو گهنشامداس رکيو ويو. امرتسر ۾ به ڀائي چئنراءِ جي گهڻي واقفيت هئي. شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارا ماڻهو ڌنڌي ڪارڻ امرتسر ايندا رهندا هئا. انهن جي سنگت ۾ وقت سٺو گذاريندو هو. انهن يارن ۽ دوستن هن جي ساڌو بنجڻ جي باري ۾ ڪٿي به اشارو نه ڪيو آهي.
    ڀائي چئنراءِ سامي 60 65 سالن جي ڄمار ۾ امرتسر ڇڏي شڪارپور موتي آيو هِو شاعري به ڪندو هو ۽ ساٿ سنگت ۾ حصو به وٺندو هو. هن جي شاعري جو چرچو هر هنڌ هو ۽ پري پري جي علائقن مان شاعر اچي هن سان ملندا هئا، رهاڻيون ڪندا هئا ۽ شاعري ۾ مفيد مشورا حاصل ڪري پنهنجي ڪلام کي زور وٺرائيندا هئا. سامي انهي وقت هڪ بيمثال ۽ باڪمال شاعر جي حيثيت حاصل ڪري چُڪو هو.

    ديهانت (وفات)
    سامي 107 سالن جي وڏي ڄمار ۾ شڪارپور شهر ۾ وڪرمي سنبت 1907 برابر 1850ع ۾ وفات ڪئي. شڪارپور شهر جي پنچائت دستوري رسمن سان هن جو ڪريا ڪرم ڪرايو. اِهو ثابت ڪري ٿو ته سامي نڪو ساڌو هو ۽ نه ئي وري ڪو سنياسي هو. هو شڪارپور شهر جو هڪ وڏو مان وارو بزرگ ۽ هڪ وڏو شاعر هو.

    خراج تحسين
    شڪارپور جي هڪ صوفي شاعر فقير غلام علي مسرور سامي کي هن نموني ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي:
    ”ست سنت ساڌو پرش سامي مرد مڻيادار هو،
    قربن وارو فرد هو، ڪانگي ڪلنگيدار هو،
    سچ صوفين جي مسلڪ ۾ صوفي سپھ سالار هو،
    سنه عيسويءِ ارڙهن صدي پنجاهه جو پرچار هو،
    سؤ ست ورهيه جيوت پڄاڻان يار هن هسوار هو.“

    سلوڪن جا ڇاپا
    سامي جي پٽ اٽڪل 22 سالن جي عمر ۾ مٽن مان سلوڪ ٻاهر ڪڍي، انهن کي ترتيب سان ٺاهي رکيو. هن پنهنجي پيءُ کي ڪلام ڇاپرائڻ جو عرض ڪيو. اُنهي تي سامي وراڻيو ته ”ڪو سنڌ جو سپوت اچي انهن کي ڇاپرائيندو.“
    ديوان ڪوڙيمل کلناڻي هن جي 2100 سلوڪن کي گرمکي مان سنڌي عربي صورتخطي ۾ اُتارائي اُنکي سنه 1885ع ۾ تعليم کاتي طرفان ٽن جلدن ۾ ڇپارائي پڌرو ڪيو. روهڙي جي گنگارام سامي جي 3500 سلوڪن کي گرمکي ۾ ڇپارايو. اهڙي طرح 2100 سلوڪن وارا ڇاپا ڇپندا رهيا. پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي سامي جي ٽن ڀاڱن ۾ ڇپيل سلوڪن کي هڪ ئي ڪتاب جي صورت ۾ گڏ ڪيو جنهن کي سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 2675 سلوڪ شامل آهن.

    شاعري جون نمايان خصوصيتون
    سامي سنڌ جو پهريون شاعر آهي جنهن سنڌ ۾ رائج بيتن جي شاعري کي ڇڏي، قديم هندو شاسترن جي مقبول صنف ”شلوڪ“ کي ”سلوڪ“ جو روپ ڏيئي، سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين روايت جو بنياد رکيو. سلوڪ ڇند وديا جي اصولن تي لکيل هڪ نئين صنف آهي پر اُن جي ماترائن جو سلسلو بيت/ ڏوهيڙي جي صنف جهڙو آهي.
    (2) سامي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن ويدن جي ويچارن کي صفائي ۽ سولائي سان سنڌي ٻولي ۾ سڻائي سنڌي شاعري ۾ وسعت آندي ۽ سنڌي شاعري کي اڳتي وڌڻ لاءِ راهه هموار ڪري ڏني.
    (3) سامي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻولي ۾ لفظن جي ذخيري کي وڌائي اُن کي مالا مال ڪيو آهي. سامي جي شاعري ۾ عربي ۽ فارسي لفظ به آهن، پر اُنهن جو تعداد ٿورو آهي. هن هندي ۽ سنڌي لفظن کي ملائي سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار بنايو آهي.
    (4) سامي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن 18 مصراعن وارو سلوڪ سرجي سنڌي شاعري ۾ وڏي وسعت آندي آهي. قديم سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جهڙوڪ شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف 4 5 ۽ 10 مصراعن وارا شاعر رچيا پر سامي ٻنهي کان گوءِ گهڻي ويو. سامي جي 18 مصراعن واري شعر جو مطالعو ڪري اُن جي شعري خوبين جو اندازو لڳائڻ لازمي آهي.
    ”پنڊت تنهن کي پاڻ، جنهن کي سُڌ سروپ جي،
    اٺئي پهر سروپ سان، جڙي سو جوڳي ڄاڻ،
    سنياسي نسي بنان، سڀ ۾ ڄاڻي پاڻ،
    اُتم جل ۾ آ پريتي، ڌوتي من سڄاڻ،
    اُداسي اُداس ٿي ڄاڻي جڳ مهمان،
    سو او ڌوتي انڀئي، ڪٿي ويد پرماڻ،
    ويساڳي پنهنجي پاڻ کي، ڏسڻ لاءِ حيران،
    نانگو ٿيو نرٻاڻ سو، پاڻ ڪڍيو جنهن پاڻ،
    ملان من مسيت ۾، ڪري دور قرآن،
    مومن ڄاڻي من ۾، آهي سڀ جاءِ ساڻ،
    داتا ديا وند سو ، جو ڪري پاڻ قربان
    راڳي گاوي ديپ راڳ، ڏيئو ٻري تنهن ساڻ
    سلطاني صاحب سو، جونياءَ ڪري نرٻاڻ،
    سچو ليکو جو لکي، شاهه انهي کي ڄاڻ،
    سورو سچو ڄاڻ سو، جو جيئي پنجيئي پاڻ،
    گرهي گيان گرو رهي ماڻ نماڻ،
    سَتي رهي پتورت ۾، اُهو ڄاڻي ڄاڻ،
    اُهي ڳالهيون پرماڻ، سامي پائي ڪو سچو.
    لفظن جي جوڙ، انهن جي ترتيب ۽ تجنيس حرفي بيمثال آهي.

    سامي جي شاعري
    سامي سنڌي ٻولي جو هڪ لاکيڻو شاعر آهي. هو ساڃهه ۽ سُرت جي ديوي جو لاڏلو هو. هن پنهنجي شاعرانه ڏات، مشاهدي، تجربي ۽ تخليقي صلاحيتن جي ذريعي بيمثال ڪلام جوڙي سنڌ جي سڀني ماڻهن کي موهي ڇڏيو.
    سامي جي شاعري سلوڪن تي مشتمل آهي. لفظ سلوڪ هندستان جي قديم شاسترن جي مقبول صنف ”شلوڪ“ تان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”چئن مصراعن وارو اخلاقي شعر.“ سامي سلوڪ کي اسٽپ ڇند جي گورک ڌنڌي کان آزاد ڪرائي، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي مقبول صنف بيت / ڏوهيڙي مطابق تحرير ڪيو هن دوها ڇند، سورٺا ڇند ۽ دوها سورٺا ميل جي ذريعي ڪمال ڪاريگري ۽ فني ڪماليت سان پنهنجي ڪلام کي سرجي وڏو ڪمال ڪيو ۽ سنڌي شاعري کي ڪمال درجي تائين پهچايو.
    سامي جا سلوڪ گهڻو ڪري چئن مصراعن وارا آهن. دوها ڇند مطابق لکيل سلوڪن جي هر مصرع ۾ 13+11 ماترائون هونديون آهن ۽ سورٺا ڇند مطابق لکيل سلوڪن ۾ هر مصرع ۾ 11+13 ماترائون هونديون آهن. دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند مطابق لکيل سلوڪن جي هر مصرع ۾ 13+11=24 ۽ 11+13=24 ماترائون هونديون آهن ۽ سڄي سلوڪ ۾ ماترائن جو تعداد 24+24+24+24=96 هوندو آهي.
    گهڻو ڪري سامي جي سلوڪن ۾ 4 مصراعون هونديون آهن. اُنهن جي ماتراعن جو تعداد مقرر هوندو آهي، اُهو گهٽ يا وڌ نه هوندو آهي. شاهه لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي بيتن ۾ ماتراعن جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندو آهي. قرآن، حديث ۽ ٻين مذهبي حوالن جي ڪري ماترائن جو تعداد وڌي ويندو آهي. سامي هڪ وڏو ودوان (عالم) هو. هن جي سلوڪن ۾ ماترائن جو تعداد مقرر رهندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو حوالا استعمال ئي نه ڪندو هو.
    سامي تمام گهڻا سلوڪ لکيا جيڪي گرمکي ۽ سنڌي عربي صورتخطي ۾ ڇپجي چڪا آهن. گنگارام روهڙي واري جي گرمکي ڇاپي ۾ 5300 سلوڪ درج ٿيل آهن. اُنهن کي اڄ ڏينهن تائين سنڌي –عربي صورتخطي ۾ نه ڇپرايو ويو آهي. وقت جي ضرورت آهي ته انهن کي هڪدم سنڌي عربي صورتخطي ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي جيئن ته نقاد ۽ محقق انهن جو مطالعو ڪري سامي بابت ڪا صحيح ۽ مثبت راءِ قائم ڪري سامي جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهن.
    پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي سامي جي سلوڪن جي ٽن حصن کي هڪ جلد ۾ گڏ ڪيو جنهن کي سنڌي اديبن جي سهاڪري سنگت حيدرآباد 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جلد ۾ سامي جي سلوڪن جو ڪل تعداد 2675 آهي. انهن سلوڪن مان 2 مصراعن وارو 1 سلوڪ، 5 مصراعن وارا 3 سلوڪ، 8 مصراعن وارا 5 سلوڪ، 10 مصراعن وارو 1 سلوڪ ۽ 18 مصراعن وارو ڊگهو 1 سلوڪ شامل آهي. 3 مصراعن وارا 488 سلوڪ ۽ باقي 4 مصراعن وارا 2187 سلوڪ آهن.
    ڪن نقادن جورايو آهي ته سامي سلوڪن کان سواءِ وايون ۽ شبد به لکيا جيڪي ملي نه سگهيا آهن. سنڌ جي هڪ سڄاڻ شاعر تاجل بيوس مشهور راڳين کان ملاقاتون ڪري ڪافي معلومات هٿ ڪري هڪ ڪتاب ”سامي سودو سچ جو“ ڇپايو آهي، جنهن ۾ سامي جي سلوڪن کي نئين ترتيب ڏيئي واين ۽ ڏوهيڙن جي صورت ۾ آندو آهي. هي هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته وائي سُر، لئه ۽ سنگيت جي پيداوار آهي. اِها هڪ نئين طرز جي کوجنا آهي ۽ اهڙيون کوجنائون انهي ڳالهه جي ثابتي ڏيئي سگهن ٿيون ته سامن سلوڪن سان گڏ وايون ۽ شبد به سرجيا هوندا.
    شاهه، سچل، سامي
    شاعر ثقافت جا سرواڻ هوندا آهن. هو انساني قدرن جا علمبردار هوندا آهن. هو سماج جا خدمت گُذار هوندا آهن. هو امن جا اوتار هوندا آهن ۽ هو بيمثال تخليقڪار هوندا آهن. محمد ابراهيم شاعرن کي تاريخ جا فرشتا سڏي ٿو.
    شاهه، سچل ۽ سامي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري جي سدا حيات ”ٽمورتي“ آهن. انهن جي شاعري سنڌواسين جو مان آهي، شان آهي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. شاهه، سچل ۽ سامي سچ پچ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي شاعري جا بيباڪ، بيڊپا ۽ سچا ترجما آهن.

    شاهه
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه صرف سنڌ جو پر سڄي دنيا جو عظيم شاعر آهي. هو صاف دل صوفي ۽ کليل دل ۽ دماغ وارو انسان آهي. هن جي شاعري هن جي شخصيت جو اندروني آواز آهي. هو تعصب ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جو مخالف آهي.
    نڪي ڪم ڪفارسين، نڪا مسلماني من،
    نڪا دل دوزخ ڏي، نڪي بهشت گهرن،
    اُڀا ائينءَ چون، ته پرين ڪجو پانهنجو.
    شاهه اوچ نيچ ۽ ڀيد ڀاءُ کي ڌڪاريندي کليو کُلايو چوي ٿو:
    ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي، سو لهي،“
    شاهه لطيف ڪوڙن ملن تي هر طرح سان وار ڪيو آهي:
    ”ملن مٺو ماءُ، پتو ڦٿو پيٽ ۾،
    سڃاڻي الله، ڏٻي ڏنائون ڌوڙ ۾.“
    شاهه ٻيائي ۽ ڪٽر ڌاريندڙ ماڻهن کي هن طرح ڌڪاري ٿو:
    ”مورک مور نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾.“
    *-*-*
    ”اندر ڪوڙو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي،
    اهڙو ٺلهو ٿان، ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪرين.“
    شاهه لطيف ڪوڙن ڪانوَن ۽ ڪٽر ملن ۽ قاضين سان گڏوگڏ فريبي جوڳين ۽ ڪوڙن سنياسين تي به گهري چوٽ هنئي آهي:
    جنهن سنياسي سانڍيو گلي ۾ گراهه،
    انهي کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.“
    *-*-*
    ”ڳولا جي گراهه جا، جونا سي جوڳي،
    ڦٽل او ڦوڳي، جنين سڪم سانڍيا.“
    شاهه لطيف مذهبي ڀيد ڀاءُ ۽ ڪٽر پڻي کي ڌڪاري، صاف دل صوفي هجڻ جو ثبوت فراهم ڪيو آهي.

    سچل
    سچل سرمست بلند آواز وارو باغي شاعر هو. هن مذهبي ڪُلفت ۽ ڪٽرپڻي کي جڙ کان ڪاٽي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، هو اعلانيه چوي ٿو ته:
    ”مذهب ملڪ منجهايا.“
    *-*-*
    ”هندو مومن ناهيان.“
    *-*-*
    نامين مسجد، نامين حُجرا اندر پير نه پايان،
    نامين ڪعبه، نامين قبله، مڪي مول نه جاوان،
    نامين نانڪ، نامين بهمن، گنگا مول نه جاوان،
    يار ته ميڏا درس درازي، سچل ناوَ سڏايان،
    سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ تفرڪيبازي جي خلاف بغاوت جو اظاهر ڪندي چوي ٿو:
    ڪلمي مون کي ڪين ڪيو، مورون مسلمان،
    نڪو احمد موڪليو، عرب کون ايمان،
    سچو سو سبحان، عالم ليکي آدمي.“
    سچل سرمست مذهبي ڪٽرپڻي جي خوب مخالفت ڪئي آهي. هن هندو ۽ مسلمان کي آگاهه ڪيو ته هو سار سلوڪت ۾ نه هليا ته پوءِ پڇتائڻو پوندو.
    ”وقت اُهائي ويل، دوئي دور ڪرڻ جي،
    ڪڍ مذهب من مان، ساجهر ساڻ سويل،
    هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل،
    متان ٿئي اويل، سُچو اولهه سج نه لهي.“
    سچل سرمست ذات پات، ڀيد ڀاءُ، مذهبي ڪٽرپڻي، ڪلفت ۽ دوئي کي در ڪرڻ جي لاءِ باغيانه راهه اختيار ڪئي آهي.

    سامي
    ڏکڻ هندستان جي صوفين ۽ سنت شاعرن سوامي راما نج جي زير اثر مذهبي ڀيد ڀاءُ ۽ انساني نابرابري جي خلاف زوردار تحريڪ هلائي. اُها تحريڪ 15 صدي کان شروع ٿي ۽ 19 صدي تائين جاري رهي. اُها تحريڪ سنڌ ۾ سامي جي دور (1743ع 1850ع) ۾ وارد ٿي. سنڌ جو سنت شاعر ڀائي چئنراءِ سامي هن تحريڪ جو پهريون نمائنده سنڌي شاعر آهي.
    سامي ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جو شروعاتي دور ڏٺو، انهن دورن ۾ نادر شاهه دهلي ۽ سنڌ تي ڪاهون ڪيون ۽ عام ماڻهن جو قتل عام ڪرايو. اُن کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ۽ افغانستان جي بادشاهه تيمور شاهه جي ڪاهن سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو. مذهب ۽ ڌرم جو زور ايڏو ته وڌي ويو جو حڪمران به ملن مولوين، ٻانبڻن ۽ پنڊتن جي زير اثر اچي ويا. ملن ۽ پنڊتن من گهڙت ۽ خيالي قائدن تحت ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائي ڇڏيو. سامي پنهنجي ڪلام ۾ اوچ نيچ، ڀيد ڀاءُ، تعصب، مذهبي ڪٽرپڻي، ڪلفت ۽ ٻيائي جي خلاف ڪيترائي شعر تحرير ڪيا.
    سنڌ جي دانشور غلام محمد گرامي پنهنجي ٽه ماهي مهراڻ 1964ع ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون سامي جو ڪلام ۾ لکي ٿو ته ”لطيف ۽ سچل وانگر سامي به پنهنجي دور جو هڪ باغي شاعر آهي. هن تصوف ۽ ويدانت جي اوٽ وٺي مذهبي ۽ ڌرمي فرقي بندي ۽ بي روح رسمي عبادات ۽ تپسيا، ذات پات، رنگ نسل جي ڀيد ڀاءُ جي رد عمل ۾ ڪيترائي شعر لکيا.“
    پٿر پوڄاڪن، ديو نه ڏسن ديهه ۾.
    *-*-*
    ميخاني مسجد ۾، ڄاڻي ڪو نه فرق.
    *-*-*
    توکي ڪل ڪيهي، قاضي ڪتابن جي.
    سامي ڍونگين ۽ ڏيکاءُ پسندن جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا آهن جيڪي منهن تي رام رام ۽ اندر ۾ ڇريون سانڍي ڦرندا رهن.
    ”لکين لٻاڙي، ڳالهيون ڪن ائم جون،
    سامي ڪوڙائي ساڌ ٿيا، مٿو ۽ ڏاڙهي،
    ڪلڪائين ڪپت جي، ڪاتي، ڪهاڙي،
    ڀار کائي ڀاڙي، رمتا وڃن رهه ۾.“
    سامي پنهنجي زماني جي حاڪمن، ميرن حاجين، مکين ۽ چوڌرين جا هن طرح پول پڌرا ڪيا آهن.
    ”ڪلجڳ جا ڪوڙا، مير متعدي، چوڌري،
    راتيون ڏينهان لوڀ جا گهر ٻنڌن ٻوڙا،
    ويساهي ويساهه سان، ڊوهن وسوڙا.“
    شاهه، سچل ۽ سامي تعصب، مذهبي ڪٽرپڻي، ڪلپت ٻيائي، فرقي بازي ۽ نفرت جي براين کي ظاهر ڪري انسانن کي خبردار ڪيو آهي ته هو انهن براين کان بچن ۽ سهپ،قربت، برابر، ميل ميلاپ ۽ همدردي جي ذريعي براين کان بچي برابري، ڀائيچاري ۽ محبت وارو معاشرو ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.

    سامي جي شاعري ۾ ويدن جي واڻي
    سامي ويدانتي ويچارن جو وڏو ماهر هو. پنهنجي شاعري جو مقصد بيان ڪندي سامي پان چوي ٿو:
    ”ويدن جي واڻي ٿو، سنڌي ۾ سمجهايان،“
    ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي مضمون ”سامي“ جيڪو ”نئين زندگي“ 1998ع واري فيبروري جي پرچي ۾ شايع ٿيو، اُن ۾ چوي ٿو ته ”سامي جي شاعري جو روح“ ويدانت آهي جنهن کي اسلامي تصوف ۾ ”وحدت الوجود“ ۽ انگريزي ۾ (Panlheism) چئبو آهي. ويدانتي ويچارن موجب ”اهم برهم اسمي“ يعني ”مان برهم آهيان“ چيو ويندو آهي.

    ويدانتي ويچارن جي سمجهاڻي
    سامي ڏاهپ، عقلمندي ۽ علميت ذريعي ويدانت جي ويچارن جو دلچسپ ۽ دلفريب انداز ۾ اظاهر ڪري سڀني کي موهي ڇڏيو آهي. سامي مختلف صوفين ۽ سنتن وانگر انهن عنوانن جهڙوڪ ”ايشور“ يا ”الله“ اوتار، خالق ۽ خلق جي وچ ۾ تعلقات ”وڻ“ پنجن ڀوتن ۽ براين جي ماءُ ”اوديا“ يا بي علمي ۽ سچي ستگرُو يا مرشد جي ذريعي ويدانت جي مشڪل ڳالهين کي سادگي ۽ سولائي سان سمجهايو آهي.

    ايشور (الله)
    سامي ويدانتي اصولن مطابق پنهنجي شاعري جي شروعات ايشور جي ساراهه سان ڪئي آهي.
    ”ايشور پرتک، سامي سورج جان رهي،
    انڌا ڏسن ڪينڪي، پتي پنهنجي اک،
    ڪوهه ڪرين جک جک، درد در ديوانن جان.“
    ايشور سموري سرشتي (ڪائنات) جو خلقڻهار آهي. اُن جو نور ڪائنات جي ذري ذري ۾ موجود آهي. اُن کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ڏسڻ وارين اکين جي ضرورت آهي.

    اوتار (Incarnation) جو تصور
    ويدانتي فلسفي موجب ”اوتار“ جو تصور اهم آهي. جڏهن جڏهن ڌرم کي ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، تڏهن تڏهن ايشور جاندار شيءِ يا انسان جو روپ ڌاري ڌرتي تي ظاهر ٿيندو آهي ۽ ظالمن جو ناس ڪري، ڌرم کي بچائيندو آهي. سامي ”اوتار“ جي تصور کي هن نموني ۾ سمجهايو آهي.
    ”بيک ڪري آيو، خاوند پاڻ خلق ۾،
    جاهه ورائي چت سان، نانا رنگ لايو،
    ڳڻتي ليکي کون پري، اچرج مچايو،
    سامي سمجهايو، نيارو رهي نڀ جان.“

    خالق ۽ خلق ۾ تعلق
    ويدانتي اصولن مطابق ايشور (الله) ڪائنات جو سرجڻهار آهي. سڄي انسانذات هڪ آهي ته اُن جي اصليت به هڪ آهي. انسان الله کان الڳ ناهي ۽ نه وري الله انسان کان جدا آهي. سامي جو هي سلوڪ معنيٰ خيز آهي.
    ”خالق منجهه خلق خلق سڀ خالق ۾،
    سمجهي ڪو سامي چوي، ورلو جَن هڪ،
    مهر ڪري مالڪ، جنهن کي پرچي پاڻهي.“
    هن ساڳئي اصول کي هن طرح به بيان ڪيو ويو آهي.
    ”سامي سڀ جنسار، اٿئي عجيبن جو،
    ڏسي ٻُڌي پاڻ ٿو، ڄاڻي ڄاڻڻهار،
    نرا ڪار آڪار، ڌاري آيوجڳ ۾.“

    ”جوڻ“ (Transmigration of soul)
    جوڻ ويدانتي فلسفي موجب هڪ اهم ترين نُڪتو آهي. اُنکي ”مهاڄار“ به سڏيو ويندو آهي. آتما جو پرماتما سان ملڻ انسان جي ڪرمن (عملن) مطابق ٿيندو آهي. جيڪڏهن عمل سُٺا نه هوندا ته آتما کي بار بار جنم ۽ مرڻ جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا. آتما جو ڇوٽڪارو تڏهن ٿيندو آهي. جڏهن سٺا عمل هن جي پاپن کي ڌوئي ڇڏيندا ۽ آتما جوڻ جي مها ڄار کان آزاد ٿي، نرواڻ (نجات) ماڻيندي. سامي چوي ٿو.
    ”مايا ڀلائي، وڌو جيءَ ڀر ۾،
    پاڻ پنهنجو پاڻ ۾، ويٺو وڃائي،
    سيني ۾ سماي چوي، ڪوٽ جنم پائي،
    اوديا پٽ لاهي، جاڳي ڏسي ڪينڪي.“
    مانگ ديهه (انساني جنم)
    ويدانتي اصولن موجب انساني جنم اهم آهي جنهن کي سامي هيرن جو هار ۽ انمول سمجهي ٿو انساني جنم اسان کي پهرين مذهبي، تهذيبي سماجي ۽ انساني قدرن جي طريقا ٻُڌائي، سِڪ، سچائي بيڊپائي ۽ اورچائي سان زندگي گذارڻ جي لائق بنائي هن کي سماجي سورمو ٺاهي،ِايشور جي قريب آڻي، هن کي نرواڻ ماڻڻ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

    پنج ڀوت
    سامي ويدانتي ويچارن موجب پنجن براين جهڙوڪ ڪام، ڪروڌ، موهه، لوڀ ۽ اهنڪار جن کي ”پنج ڀوت“ يا ٻلوان دشمن“ به چيوويندو آهي کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. عام انسان کي جسني بيمارين طرف ڇڪي ٿو. ڪروڌ (ڪاوڙ) هن کي خونخوار جانور بنايو ڇڏي. موهه هن کي دنيوي شين ۾ ڦاسايو ڇڏي، اوپ هن کي گمراهه ڪريو ڇڏي ۽ اهنڪار (هٺ ۽ غرور) هن کي اوچ نيچ ۽ ڀيد ڀاءُ جو شڪار بنايو ڇڏي.
    ”ٻانڀڻ ٻَڌ مَ ٺاٺ، ڪوڙا مايا موهه جا،
    کڻي هڻندو ڌوڙ ۾، اها ڏائڻ ڏاٺ،
    ڇڏي پوٿيون پاٺ، جاڳي ڏس جڳديش کي.“

    اوديا (بي علمي)
    اوديا (بي علمي، اڻڄاڻائي) پنجن ڀوتن جي ماءُ آهي. بي علمي سڄي دنيا جا جيءَ منجهائي ٿي ۽ سڀني کي لاچار ۽ عاجز بنائي ٿي. اکين جو نور کسي، راهن ۾ اوندهه ڦهلائي ٿي اُها ماڻهن کي اکين هوندي انڌو، ڪنن هوندي ٻوڙو، دماغ هوندي معزور ۽ روح هوندي بيجان بنائي اُنهن کي ڀٽڪائيندي رهي ٿي.
    ”ڏاڍي ڏيوالي، اوديا ڏائڻ ڏندري،
    جنهن ڦري سڀ فقير ڪيا، کلکل سان خالي.“

    اسان کي انهن جسماني، سماجي ۽ روحاني براين کان بچائڻ وارو صرف ستگرو (مرشد) آهي.

    ستگرُو (مرشد)
    ويدانيتي ويچارن موجب ستگروُ (مرشد) جو وڏو مقام آهي. سنت شاعر ڪبير اُن کي هن نموني ۾ بيان ڪيو آهي.
    ”گرُو گووند دونون کڙي، ڪس ڪي لاگون پاءِ،
    ٻلهاري گرو آپ ڪي، گووند ديو دِکاءِ.“
    گرُو (مرشد) ايشور جو لاڏلو هوندو آهي. هو هر وقت ڀليل ۽ ڀٽڪيل انسانن کي صحيح راهه ڏيکاري، اُنهن جي رهنمائي ڪندو آهي. هو انساني معاشري مان براين جو خاتمو ڪري روحاني خوشي محسوس ڪندو آهي.
    ڪامل ڪرم ڪيو، تڏهن اکيون کلي آيون،
    ڏسي پنهنجي پاڻ کي، سيتل من ٿيو،
    نسو آتم جيءَ جو، چئون سڀ ويو،
    ڀاسي ڪين ٻيو، سامي چئي سروپ ري.
    گرُو ايشور جو ديدار ڪندو آهي ۽ ٻين کي به ان جو ديدار ڪرائيندو آهي.

    سامي جي شاعري ۾ سنڌ جي روايتن جي ترجماني
    سامي جي ڪلام ۾ ويدن جي واڻي جاويچار شامل آهن. انهن سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سيدين جي روايتن جون ڳالهيون به شامل آهن جيڪي هن جي ڪلام جي اهميت ۾ اضافو ڪن ٿيون.
    (1) سامي پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ، سنڌ جي ماڻهن، سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي ادبي روايتن جو ذڪر ڪري، اُنهن کي بيمثال نموني ۾ ساراهي اِهو ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ جو سچو ۽ سلڇڻو سپوٽ آهي.
    (2) سامي جي ڪلام ۾ سنڌ جي آزاد فضا، کليل آسمان، سج، چنڊ ۽ تارن، پهاڙن، جهنگلن، ٻيلن، ندين ۽ جانورن جهڙوڪ شيرن، هاٿين، گهوڙن، باندرن، هرڻن، ڪوريئڙن، پروانن، نانگن، سپن، سنڌ جي گلن ڦلن جهڙوڪ ڪنولن، گلاب جي ڳاڙهن گلن وغيره جو ذڪر ڪري سنڌ جي هر شيءِ کي ياد ڪري ۽ ساراهي هن سنڌ سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪبو آهي. هن انهن شين مان حيرت انگيز تشبيهون جوڙي، سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو آهي.
    (4) سامي سنڌ جي ماڻهن جي بنيادي خوبين جهڙوڪ پورهئي، اورچائي، بيڊپائي ۽ حوصلي کي خوب ساراهيو آهي.
    ”وِرڇي منڌ م ويهه، ڪاهه ته ڪيچين کي ملين.“
    *-*-*
    ”جيئڻ ۽ مرڻ جو، سامي سوچ نه ڪن.“
    (5) سامي سنڌ جي عوامي قصن ۽ داستانن کي پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏيئي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. ”سسئي پنهون“ جي داستان جو هي شعر ڪيڏو نه معنيٰ خيز آهي ۽ سنڌين جي ڪاميابي جو اهم راز آهي:
    ”ويهي منڌ مَ ويهه، ڪاهه ته ڪيچين کي ملين،
    ساجهر ئي سامي چوي، ڇلي ڇپرين پيهه،
    درويش جو ڏيهه ويٺن کي واري وري.“
    سامي جو هي ”سهڻي ميهار“ وارو بيت حوصلو وڌائي ٿو.
    پاڻ وڃائي پانهنجي، اُٿي محبت مَ مھ،
    اچي پاڻ الله، عاشق ٿئي عرش کون،
    (6) سامي سنڌ جي سورمن ۽ جان نسارن کي ساراهي اِهو ظاهر ڪيو آهي ته سنڌ جا سورما پنهنجي جان کي گهوري سنڌ بچائڻ لاءِ هر دم تيار آهن.
    ”سدا اليلن جا، رتا نيڻ رهن،
    ڪاڻ نه ڪڍن ڪنهنجي، سوري پڻ چڙهن.“
    ”عاشق سي چئجن، جي سوري سهن سرتي“
    اهڙا ڪيترائي مثال سامي جي ڪلام ۾ موجود آهن.
    (7) سامي پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي هارين ۽ نارين کي ساراهي سنڌ جي خوشحالي جا گيت ڳاتا آهن. سامي اُنهن کي خبردار ڪري ٿو ته اُهي اناج کي نقصان پهچائڻ وارن پکين کان بچائين ۽ اناج جا اکٽ ڀنڊار پيدا ڪن.
    ”پنهنجي پوک سنڀار، پراني پيهي تي چڙهي،
    کميا کانڀاڻي سان، ڪڍي ڪلپت جهار،
    ڏيئي واڙ ويساهه جي، تون سامي ڀرم نوار،
    تان کڻي بيحد بار، انيئي اکٽ اناج جو.“
    ڪير چوندو ته سامي سنڌ ۽ سنڌ جي روايتن کي وساري ڇڏيو آهي.

    سامي جي سورمي
    ڪنهن به قصي يا داستان جي مرڪزي زناني ڪردار کي سورمي چئبو آهي. مارئي، مومل، سورٺ، سسئي، سهڻي، نوري اهي شاهه لطيف جون سورميون آهن. سامي جي سورمي ”سهاڳڻ“ آهي، جيڪا پنهنجو مٽ پان آهي. هو سڀني سورمين جو شان آهي، مان آهي ۽ سڃاڻپ آهي. هو راڻي آهي، مهراڻي آهي هو عورت جي عظمت جو اوچو نانءُ آهي.

    سُهاڳڻ هڪ مهاراڻي
    سامي ڪمال ڪاريگري ۽ فني ڪماليت سان سهاڳڻ جي ڪردار کي تخليق ڪيو آهي ۽ هن کي سنڌي سماج جي راڻي ۽ مهاراڻي ڪري پيش ڪيو آهي. جنهن سماج ۾ سهاڳڻ جهڙيون سورميون موجود هونديون آهن اُن کي ڪير نقصان پهچائي سگهندو!

    سهاڳڻ جون خوبيون
    (1) سهاڳڻ پنهنجي ڀتار کي ريجهائي پيڪن ۽ ساهرن جو مان وڌائي ٿي.
    (2) هو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڀتار کي ارپي سج چند جيان جرڪندي نظر ايندي آهي. هو سهاڳ جو سک ماڻي، کلندي ۽ ٽلندي رهي ٿي.
    ”نسو مٽائي، جهولي جهروڪن ۾“
    (3) هو ادب ۽ احترام جي مورت هوندي آهي ۽ خاوند کي خوش ڪري، خوش ٿيندي آهي.
    (4) هو هميشه ورجي صحبت ۾ مسرور رهندي آهي.
    (5) هو پنهنجي ورسان هيع ۽ هرس ۾ وقت گذارنيدي آهي
    (6) هن جي انمول خوبي هن جو”سنت“ آهي.سُهاڳڻ پتي ورٿا (Husband devoted)عورت آهي. هو سڀني جو مان رکندي آهي ۽ سڀ هن کي عزت جي نگاهن سان ڏسندا آهن.
    (7) هو سادگي پسند آهي. هٺ ۽ غرور هن کان ڪوهين دور رهند آهن.
    ”سهاڳڻ سچي، پاسي ٿئي نه پيءَ کون،
    سُميهي سُکيت سيج تي، ڇڏي ڪلپ ڪچي،
    سيد سامي چئي، رهي رنگ رچي،
    جيئنءِ گُل پچي، سڳند سوادي سو ٿو ٿئي.“

    سهاڳن جا سينگار
    سهاڳن هڪ نياري ناري آهي ته هن جاسينگار به نيارا ۽ پيارا آهن. سادڱي هن جي سونهن آهي پتي سان پيار هن جو چندن هار آهي. هوتن
    ”سمک ڏسي سپرين.“

    سهاڳڻ هڪ بيمثال سورمي
    سامي جي سورمي بيمثال آهي، لاجواب آهي. سچ پچ هو ستي ساوتري آهي جيڪا پنهنجي پتي ديوَ مهاراجا ستيوان جي روح کي موت جي ديوتا جي چنبي کان آزاد ڪرائي اچي ٿي. هو ستي سيتا آهي جيڪا پنهنجي پتي شري رام جي حڪم تي ڌرتي ۾ داخل ٿي امر بنجي وڃي ٿي.
    سامي سچ چيو آهي
    ”سهاڳڻ سائي، ماڻي سُک سهاڳ جو،
    مينڌي جنهن محبت جي، لڱن تي لائي،
    ڪري نه ڪتر جيتري، ڏاهي وڏائي،
    سامي سدائي، سيتل رهي سپاءَ ۾.“
    سامي جو سنديش (پيغام)
    سامي پنهنجي ڏات، مشاهدي جي قوت، تجربي ۽ تخليقي صلاحيتن جي ڪري هر هنڌ مشهور ۽ معروف رهيو آهي. هن جو ڪلام شعريت، علميت ۽ هدايت جو هڪ اکٽ ڀنڊار آهي. هن جو هر سلوڪ معنيٰ جي موتين سان ڀرپور آهي. اُن ۾ ماڻهن لاءِ انيڪ سنديش موجود آهن، جيڪي اُنهن کي ديني ۽ دنيوي معامرن ۾ مدد ڪن ٿا. سامي هڪ نيڪ ۽ خوش اخلاق انسان هو. هن جو هي سنديش اهم ۽ لاڀدائڪ آهي ته:
    ”چڱا سي چئجن، چڱو جنين جي جڳ ۾،
    برائي ڪنهن جيوَ جي سامي ڪين ڏسن،
    سداسم رهن، اسٿت آتم پد ۾.“
    سامي سچو آهي ۽ سچ جو پوڄاري آهي. هو ڪوڙ ۽ ڪلفت جي خلاف آهي. هو ڪوڙن ساڌن جي ڪوڙن ڪرتوتن کي ڌڪاري ٿو. اُنهن کي سچ جي طرف راغب ڪندي چوي ٿو:
    ”ويد، پراڻ پڙهي ڪري، ٿو لوڪ ريجهائين،
    سپيريان جي سڪ ۾، جهاتي نه پائين،
    چاهه نه چڪائين، تون پسندين ڪئين پرين کي.“
    پريم نه رڳو هڪ سماجي گُڻ آهي، پر اُهو هڪ روحاني گُڻ به آهي. پريم دلين کي جوڙي ٿو. ڪلفت ۽ ٻيائي جا بُت ٽوڙي ٿو. پريم هڪ اهڙي قوت آهي جيڪا هر قسم جي بُرائي کي ختم ڪري، ڀلائي جون راهون روشن ڪري ٿو. سامي جو هي سنديش بيشڪ ملهائتو آهي:
    ”آءُ ته پياريان، ڀري پيالو پريم جو،
    سامي هن اوسر ۾، تن من سڀ ٺاريان.“
    سامي هڏ ڏوکي ۽ همدرد انسان هو. شيوا (خدمت) هن جي لاءِ پوڄا هئي. شاهه لطيف سچ چيو آهي: ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي، سو لهي.“ انگريزي ادب جي ممتاز اديب ۽ نقاد ڪار لائل جو چوڻ آهي ته ”رحمتي اُهي آهن جن پنهنجو ڪم ڳولي لڌو آهي.“ اُنهن کي ٻئي ڪنهن به رحمت ڳولڻ جي ضرورت ناهي.“ سامي جو هيءَ سنديش اهم آهي ته ڪم جي ذريعي ئي وڏو مقام حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    ”ڍيڍ، چمار، جو لاها، پيچارا، نائي،
    جنين لنوَ لائي، سي سڀيئي سُڌريا.“
    سامي اوديا (بي علمي، اڻڄاڻائي ۽ جهالت) کي قديم ڪوڙن ۽ خود غرض پادرين جيان نعمت نٿو سمجهي ۽ علم جي راهه ۾ ڪي رڪاوٽون نٿو پکيڙي. هو بي علمي کي خطرناڪ ڏائڻ سمجهي ٿو جيڪا جيءَ جان جلائي ٿي، اونده پکيڙي ٿي ۽ انسانن کي ڀٽ ڪائي، دربدر ڪري ٿي. سامي جو هي سنديش سموري انسانذات لاءِ لاڀدائڪ آهي ته وديا (علم) حاصل ڪجي ۽ پنهنجي زندگي کي سنواري معاشري کي رهڻ لائق بنائجي. بي علمي جي باهه کي علم جي پاڻي سان ٻُجهائڻ ضروري آهي.
    ”باهه اوديا آ، ساڙي سڀ سنسار کي،
    تنهن کي وديا جل سان وارم وار ُٻجهاءِ،
    صاف ڪري سامي چوي، من ممٽ مٽاءِ.“
    سامي جي ڌرم پتني جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ميسر ناهي لڳي ٿو ڄڻ سامي سهاڳڻ جي صورت ۾ پنهنجي ڌرم پتني جو چٽ چٽيو آهي. عورت قدرت جي هڪ انمول هستي آهي. هو شادي ڪري ساهرن ۾ اچي ٿي، ڀتار کي ريجهائي ٿي، ٻار ٻچا پيدا ڪري ٿي، انهن کي پالي نپائي ٿي ۽ اُنهن جي مستقبل کي سُڌارڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿي. عورت گهر جي سونهن آهي ۽ معاشري جو ڀلو چاهيندڙ آهي. هو ستي ساوتري ستي سيتا جيان پنهنجي ڀتار کي ارپي، خدمت ڪري عورت جو مان مٿاهون ڪري ٿي.
    ”سامي سائي ڄاڻ، سهاڳڻ سڄڻ جي،
    جنهن پر چايو پرينءَ کي، ارپي پنهنجو پاڻ،
    سنسي ري شيوا ڪري، سڪ صبوري ساڻ،
    ڀوري تنهن جو ڀاڻ، خاوند خالي نه ڪري.“

    سامي جي شاعري جون خوبيون
    (1) سامي جي شاعري جي پهرين خوبي آهي الفاظ جو اکٽ ذخيرو حامد علي جاناڻي تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سامي تي نئين نظر“ ۾ ڇيپل مضمون ”سامي جا سلوڪ“ ۾ چوي ٿو ته سامي الفاظ ۽ معنيٰ جو خالق آهي. سندس لفظن ۾ خاص زور اٿس. هو جادوگر ۽ سحرنگار آهي.“ هن سنڌي ٻولي جي ذخيري (Vocabulary) کي خوب مالا مال ڪيو آهي. هي هن جو اهم ۽ بي مثال ڪم آهي.
    (2) سامي جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي، من موهيندڙ پيش ڪش (Presentation). هو لفظ ۽ معنيٰ کي گڏي اهڙي نموني ۾ بيان ڪري ٿو جو منڊل مچيو وڃن ٿا. هو پنهنجن خيالن کي الڳ الڳ نمونن ۾ رنگي اهڙي ته مهارت سان پيش ڪري ٿو جو سموري زندگي مسڪرائيندي ۽ جرڪندي نظر اچي ويندي آهي.
    ”آهي اوکيرو، جيئندي مرڻ جڳ ۾،
    سمجهي ڪو سامي چوي، پر جي چڪيرو،
    ڪيو جنهن ڪلپت جو نپٽ نپيرو،
    دوست ري ديرو، خالي ڏسي ڪو نه ڪو.“
    (3) سامي جي ڪلام جي ٽئين خوبي آهي ته هو پنهنجن ويچارن کي اشارن، ڪناين ۽ تمثيلن ۾ لڪائي بيان نٿو ڪري پر ککئي نموني ۾ بيان ڪري ٿو. جيئن پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ سندس راز کي بنان مونجهاري جي سمجهي وڃن. هن ڪوڙي قاضي جي حرڪتن کي هن نموني بيان ڪيو آهي:
    پڙهي قرآن ڪتاب، قاضي ڪوهه قضا ڪرين،
    ملي وٺ محبوب سان، ڇڏي زور ثواب،
    مٿان اچي اوچتي، ڪريئي ڪال ڪباب،
    ٿيندين پوءِ خراب، سج لٿي سامي چوي.
    (4) سامي جي شاعري جي چوٿين ۽ نمايان خوبي آهي ڪردار نگاري. سامي هڪ سڄاڻ شاعر آهي. هو انسانن جي خوبين ۽ خامين کي سمجهي ٿو. اها هن جي وڏي قابليت آهي. هو مختلف ماڻهن جي گروهن کي مختلف نالا ڏيئي، انهن کي جيئرا جاڳندا ڪردار بنائي، انهن جي خوب ڪردار ڪشي ڪئي آهي.

    گرمک: مرشد
    ”سدائين گُلزار، گرمک رهن گيات ۾.“
    ساڌو:
    ”سدائين نرمل، ساڌو جن سنسار ۾،
    ليپ نه لڳي تن کي، جيئن جل رهن ڪنول.“
    دردمند:
    ”ڪهڙو حال چوان، دردوندن جي دل جو،
    کليا گل گُلاب، جان رهن نت نوان.“
    فقير:
    ”ڪري فقر فقير، فارغ ٿيا فڪر کان.“
    سهاڳڻ:
    جنهن ريجهايو ڪنت، آئون سهاڳڻ سا چوان.
    عاشق:
    ”عاشق نت اُداس، روئن رت اکين مون.“
    سنياسي:
    ”سنياسي سيئي، پاڻ، ڪڍيو جن پاڻ مون.“
    سورهيه:
    ”سامي چئي ڪو سورمو، رهسي رنگ رَچي،
    جيئن پتگ مچي، سما ڏسي سوجهرو.“

    سامي جون ادبي خدمتون
    سامي سنڌي شاعري کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪيئي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن قديم هندو شاسترن (ڪتابن) جي مقبول صنف ”شلوڪ“ کي ”سلوڪ“ جو نالو ڏيئي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪري، اُن کي مقبوليت ڏياري. ”سامي جا سلڪ“ سنڌي شاعري جي جان آهن. سامي سلوڪن جي ذريعي پنهنجي ڌرتي، اُن ماڻهن ۽ اُنهن جي ثقافت کي پڌرو ڪري نه صرف پنهنجو مان وڌايو آهي پر سرزمين سنڌ جي مان کي اجاگر ڪري وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
    سامي جا سلوڪ ڇند وديا جي اصولن مطابق لکيل آهن. اُنهن سلوڪن ۾ ماتراعن جو تعداد مقرر آهي. ڪٿي به گهٽ يا وڌ نٿو ٿئي. سندس سلوڪن جا قافيا پڪا ۽ پختا آهن. جي ڪٿي سندس قافين ۾ ڪا گڙٻڙ نظر اچي ٿي ته اها سامي جي گهٽتائي ناهي پر هن اُتي اهڙا قافيا استعمال ڪيا آهن يا لفظ استعمال ڪيا آهن جيڪي ٻهراڙين ۾ عام ماڻهو ڳالهائيندا هئا ۽ ڳالهائين ٿا. سامي عام ماڻهن جي ٻولي کي اُنهن تي اُچارڻ ۾ ڪم آڻي عام ماڻهن جو مان وڌايو آهي.
    سنڌي جي ڪلاسيڪي شاعرن جهڙوڪ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ بيت جي مصراعن کي 4 5 ۽ 10 تائين محدود رکيو آهي، اُتي سامي پنهنجن سلوڪن ۾ مصراعن جو تعداد 18 ڪري وڏو فني ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هن قديم سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۾ ڊگهي ۾ ڊگهو سلوڪ چئي سنڌي شاعري ۾ وڏي وسعت آندي آهي ۽ سنڌي شاعري لاءِ نيون راهون کوليون آهن.
    سامي هڪ آدرشوادي سنڌي عورت جي عضمت کي ”سهاڳڻ“ جي صورت ۾ ساراهي هڪ بيمثال ڪم ڪيو آهي هي سنڌي شاعري ۾ سامي جي هڪ بيمثال خدمت آهي ۽ اُن کي قدر جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. سامي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي عورت جي عظمت جا گيت ڳائي، اُن جي حيثيت کي زنده جاويد بنائي ڇڏيو آهي.

    سامي جي عبارت
    سامي جي عبارت جا خاص گڻ آهن، سجيدگي، شائتسگي، پختگي ۽ عمدگي، عام طور سندس عبارت سادي، سولي ۽ سلوڻي ناهي. سنجيده فڪر ۽ فن جي ڪري عبارت عام فهم به ناهي. ان کان انڪار ڪرڻ جائز ڪونهي. هن جي عبارت فصاحت توڙي سلاست جي لحاظ کان پڪي، پختي ۽ سهڻي آهي. هو پنهنجن ٻولن ۽ قولن کي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي سامهون ڪمال ڪريگري ۽ فني علميت سان پيش ڪري انهن جو اندر ٺاريو ڇڏي ٿو.
    ”پير پرچي پاءِ، محبت جي ميدان ۾،
    ڪٺا پيا ٿي ڪيترا، جاني لڳ تنهن جاءِ،
    سي ڏهڪين ڪين ڪي، سامي سِڪ وڌاءِ،
    پهرين پاڻ جلاءِ، ڏسڻ ٿئي ئي پر جو.
    سامي جي عبارت هڪ ودوان (عالم) جي عبارت آهي، هڪ شاعر جي آهي ۽ هڪ عام انسان جي آهي، جنهن ۾ فڪر سمايل آهي، فن سمايل آهي، پيار سمايل آهي ۽ وڏو اثر سمايل آهي. هن جي عبارت پڙهڻ کان پوءِ سامي هڪ عالم، هڪ شاعر، هڪ درد وند عاشق ۽ هڪ سماج سڌارڻ واري انسان جي روپ ۾ اسان جي اڳيان ظاهر ٿي آشرواد ڏيندو نظر اچي ٿو.
    سامي جي عبارت ۾ شعري صنعت، شعري خوبي ۽ فني لوازما موجود آهن اسان جي اديبن، شاعرن ۽ نقادن بنان تنقيدي اڀياس جي انهن شعري صنعتن کي سندس ڪلام مان خارج ڪري قهر ڪيو آهي.

    سامي جي ٻولي
    سامي جي ٻولي شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳالهائڻ واري سريلي ٻولي آهي. پروفيسر ڀيرومل مهرچند پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ۾ خوب لکيو آهي ”ٻولي ته شڪار پور جي جهڙي آهي سپ ۽ سوادي تهڙي آهي مٺي ۽ رسيلي واهه جو منجهس ميٺاج آهي.“
    شڪارپور جي ماڻهن پنهنجي ٻولي کي وڌيڪ مٺو بنائڻ لاءِ ڪي مخصوص طور طريقا ڪم آندا آهن.
    هو کان ۽ مان جي بدران کون ۽ مون آڻيندا آهن مثال.
    (1) محبتي مشتاق، پاسي ٿين نه پيءَ کون،
    (2) محبتي ماڻڪ لڌو، دل درياه مون.
    (3) هو واحد مان جمع بنائڻ جي لاءِ ”اون“ جي بدران ”آن“ استعمال ڪندا آهن.
    مثال:
    رآهون بدران رآهان، دانهون دبران دانهان، ٻاهون بدران، ٻانهان، لتون بدران لتان، موجون بدران موجان ڪم آڻيندا آهن.
    (4) هو ٻولي کي مٺڙو ۽ دلچسپ بنائڻ جي لاءِ اڪثر ڪري ”ڙا“ ۽ ”ڙو“ کي لفظ پٺيان استعمال ڪندا آهن.
    مثال:
    ”ويو“ بدران ”وئڙو“، ”رات“ بدران ”راتڙي“ ، ”ڀائر“ بدران ”ڀائڙا“، ”مٺو“ بدران ”مٺڙا“ ”سنهو“ بدران ”سنهڙو“ چئي خوسي مخصوص ڪندا آهن.
    سامي شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳالهائڻ واري ٻولي ۽ انهن مخصوص اچارن کي پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪري انهن علائقن وارن ماڻهن جو مان مٿي ڪيو آهي.
    (1)سامي غ جي بدران گ ڪم آندو آهي.
    مثال طور نغارو بدران نگارو، غيب بدران گيب، غريبي بدران گريبي، غوطا بدران گوتا وغيره.
    (2)سامي خ بدران ک ڪم آندو آهي.
    مثال طور، خط بدران کت، خيال بدران کيا، خودي بدران کدي وغيره.
    (3)سامي ز بدران ج ڪم آندو آهي:
    مثال طور سزا بدران سجا، مزا بدران مجا، رضا بدران رجا پرهيز بدران پرهج وغيره استعمال ڪيو آهي.
    اهو چڻ صحيح ڪونهي ته سامي ٻولي کي خراب ڪيو آهي. سچ اهو آهي ته هن ٻولي کي استعمال ڪندڙن جي ٻولي سمجهي اُن کي سنواريو آهي.

    لفظن جو اکُٽ ذخيرو
    سامي جي ڪلام ۾ لفظن جو اکُٽ خزانو آهي. هن جي ڪلام ۾ عربي، فارسي، سنسڪرت، هندي ۽ سنڌي لفظ ڪم آندل آهن.

    (1) عربي ۽ فارسي لفظ:
    درخت، صبر، شڪر، عشق، احمق، عروض، فراق، حيرت، عبرت، محب، عجب، هنگامو، حضور، خاوند، محبوب، مئخانو، دلبر، پروانو، ديدار، وحدت، واصل، خام خاموسي، غوتا، نغارو، رضا، عاجزي، خراب، مرغوب وغيره.
    (2) سنسڪرت لفظ:
    آتما، ايڪتا، پراڻ، پراڻي، پورب، پشچم، ورن، لوڪ، پرلوڪ، ڪايا، ڪنچن، نرگڻ، سرگڻ، انوپ، ڪنچر، مرگهه، ترشنا، نرادار، ڪيول وغيره شڪام پرماڻ وغيره.
    (3) هندي لفظ:
    ڍاهه، چنتا، گيان، اگيان، وديا، اوديا، اونگهه، کوج، سار، مَڌُر، ڌيرج، نائي، مُرلي، پاجي، دهائي، جهل مِل، نڀ، ڀار، درس، درشن، ڪنت، کميا وغيره.
    (4) سنڌي لفظ:
    سنڌي لفظ سامي جي ٻولي جي سونهن آهن. اُهي اڳوڻي تهذيب جون سندر نشانيون آهن.
    ٽوپي، سوٽي، ماڙي، ڪنو، کٽولو، ٻوڙو، ڏيل، موڪرو، جهيڙو، سيج، ريجهاڻ، ريج، درياه، ويساهه، توڪل، سور، ساجهر، پاڙو، لاڙو، ڌاڙو، واڙو، ساڙو، گهيڙ، روگ، موڳو، سِڪ، ساراهه، لوئي، سرت، چاڻي، ڀورڙو، دڳ، پڙلاءُ، واڳ، راڳ انهي جهڙا نايڪ لفظ سامي جي سلوڪن ۾ وجود آهي.
    (5) ٻٽا لفظ:
    سامي ڪي ٻٽا لفظ به گهڙيا آهن. سامي کان متاثر ٿي جديد سنڌي شاعري جي سرواڻ ڪشنچند بيوس به ٻٽا لفظ گهڙي پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪيا. سامي جا ڪجهه ٻٽا لفظ هي آهن: جل ڦرو، رام ن، آتم رنگ، موهه ممتا، رند راءِ، گرڀ گُماني، مايا جل، وديا هٿ، چاهه چڪي، پريم رس، نرمل راهه، لالچ لب، دک درد، سُڄو سکڻو وغيره.

    عبارت کي سينگارڻ وارا طور طريقا
    سامي پنهنجي عبارت کي دلچسپ بنائڻ لاءِ سينگار جا هي فني طور طريقا وڏي مهارت سان پيش ڪيا آهن.

    (1) اصطلاح:
    سامي پنهنجي ڪلام ۾ نج سنڌي اصطلاح جوڙي پنهنجي سمجهه ۽ ڄان جو ڌاڪو ڄمايو آهي ۽ پنهنجي شاعري جي سونهنءَ کي اُجار ڪيو آهي. ڪجهه اصطلاح هيٺ درج ڪيا وڃن ٿا. رولو وجهڻ، هئي هئي ڪرڻ، رنگ چڙهڻ، ڪوڙو دم هڻن، جُٺ ڪرڻ، ساک ڏيئڻ، وڇوڙو وجهڻ، سار لهڻ، هٿ کڻڻ، منهن موڙڻ، گهاٽ گهڙن، ڳنڍ کولڻ، موج ماڻڻ، رَت رُئڻ، پُٺ ڏيئڻ، نيڻ ٺرن، اڻ گهڙيا گهاٽ لهڙڻ وغيره.

    استعارا:
    سامي جا استعارا هن جي ٻولي جي مهارت ۽ مشاهدي جي قوت جي ساک ڀرين ٿا، ڪجهه استعارا هيٺ ڏجن ٿا:
    (1) مورک سو آهي، جو سچ سڃاڻي ڪينڪي،
    (2) عاشق سي چئجن، سِڪ جنين کي سچ جي.
    (3) آهي مهانگو، سامي سودو سچ جو.
    (4) سِڪ ري صفائي، اچي ڪين اندر ۾.
    (5) نڪري ڪيئن ڏهي ري، منجهون کير مکڻ.
    (6) پريت بنان پريم ڪنهن پاتو ڪينڪي.
    (7) سامي سو سچيار، جو ڪڍي ڪوڙ قلوب مون.
    (8) ڀلو ڀلائي، برو برائي کي لهي.
    (9) جنين هٿ هاريو، تنين جيتيو جڳ کي.
    (10) ورلو واپاري، سودو ڪري سچ جو.

    تشبيهون:
    سامي جون تشبيهون هن جي مشاهدي ۽ تجربي جي ترجماني ڪن ٿيون. اُهي چٽيون ۽ دلچسپ آهن. اُهي سنڌ جي کليل فضا ۽ روايتن مان ڦٽي نڪتل آهن، سامي جون ڪجهه تشبيهون هيٺ پيش ڪجن ٿيون.

    (1) ”جيئن ٻيڙي ٻوڙ، تيئن لوڪ ڪٽنبين جا.“
    (2) ”محبتي مري، درشن ڪاڻ دوست جي،
    جيئن مڇلي نير کون، پلڪ نه رهي پري.“
    (3) ”جيئن نيڻن ۾ نور، تيئن ساکي وسي سڀ ۾.“
    (4) ”پاڻي منجهه پنو، جيئن کلوڻو کنڊ جو.“
    (5) ”سامي سدائين، رهن پاڻي ۾ پيا،
    جيئن هاٿي مڪنا، جهولن مڌ مستي ۾.“
    (6) ”ڪُٺا ڪڇن ڪينڪي، پتنگ جيئن پچن.“
    (7) ”سدا پرين جي لنوَ ۾، رهن ائين لين،
    جيئن جل کون مين، پلڪ پرانهون نه ٿئي.“
    (8) ”محبت جي ميدان ۾، عاشق رنگ رچن،
    پون پروانن جان، اڳيون عجيبن.“
    (9) ”عشق جاڳايو، سامي سمجهي جيءَ کي،
    جيئن چقمق لوهه کي، چت ري جلايو.“
    (10) ”جيئن وڃڻيءَ ۾ واءُ، تيئن ساکي وسي سڀ ۾.“

    تجنيس حرفي:
    سامي ٻين سنڌي ڪالسيڪي شاعرن وانگر پنهنجي ڪلام ۾ تجنيس حرفي جوواهه جو استعمال ڪيو آهي. تجنيس حرفي سامي جي شاعري جي سونهن آهي. هي مثال پڙهي سامي جي فني خوبين جو مزو ماڻيو:
    (1) ”دوست جو ديدار، ڪامل آهي ڪهڙو.“
    (2) ”مورک ڪوهه مرين، رهين مايا موهه ۾.“
    (3) ”جنين لنوَ لائي، سي سڀ لال گلال ٿيا.“
    (4) ”نڪو آر نه پار، سپيريان جي سڪ جو.“
    (5) ”عاشق اربيلا، ڪاڻ نه ڪڍن ڪنهن جي.“
    (6) ”چڱا سي چئجي، چڱو جن جي چت ۾.“
    (7) ”ڏاڍي ديوالي، مايا ڏائڻ ڏندري.“

    کينئلداس ”فاني“ جي راءِ
    سنڌ جي سريلي ۽ البيلي شاعر کينئلداس فاني پنهنجي مضمون ”سامي صاحب جي ٻولي ۽ شاعري“ جيڪو تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سامي تي هڪ نظر“ ۾ چيو آهي تنهن ۾ لکيو آهي ته ”سامي پنهنجي عبارت کي رسيلو ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ ڪيئي نج سنڌي اصطلاح سلوڻي سنڌيءَ ۾ جهنجهي ڇڏيا آهن.“ سامي جون تشبيهون لاجواب آهن. هن جي تجنيس حرفي پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

    سامي جي ڪلام جي اهميت
    اسان جي اديبن، شاعرن، نقادن ۽ عالمن بنان سوچڻ ۽ سمجهڻ جي سامي بابت گمراهه ڪن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪي ته سامي کي شاعر به تسليم نٿا ڪن، ڪي هن جي ٻولي تي اعتراض ٿا ڪن. ڪي هن جي خيالن سان متفق ناهن، ڪي هن جي شاعري جي چال ۽ رفتار کي ڍري سمجهن ٿا، ڪي وري هن جي ڪلام کي شاهه ۽ سچل جي ڪلام سان ڀيٽي، اُن ۾ اوڻايون ظاهر ڪن ٿا. ڪي وري هن جي ڪلام کي سنڌ جي سماجي، تهذيبي ۽ ادبي روايتن کان وانجهيل سمجهن ٿا. هي سامي جو قصور ناهي. پر هي سنڌ جي تنگدل ڏاهن جي پنهنجي خامي آهي. سامي جو ڪلام روحانيت جي اوٽ ۾ لکيل آهي. جي انهن اوٽ کي پري هٽائي ڏسبو ته پوءِ هر شيءِ سج جيان صاف ۽ چٽي نظر ايندي.
    سامي اڳتي ڏسڻ وارو (Anticipator) شاعر آهي. هن ايندڙ وقت کي محسوس ڪري شاعري ڪئي آهي. هن اڄوڪي وقت جي حالتن جي تصوير چٽي حيران ڪن ڪم ڪيو آهي. هو ڏسي ٿو ته علم بنان هر هنڌ اونده آهي. ماڻهو سچ ۽ ڪوڙي وچ ۾ فرق نٿو ڪري سگهي. هو ڪوڙ ۽ فريب جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. ڪام (جنسي چاهه) ڪروڌ (ڪاوڙ) موهه (لڳاءُ) لوڀ (لالچ) ۽ اهنڪار (غرور) اُنهن کي ماڻهن جي دائري مان ڌڪي مزاڪن پيا ۽ سچا رئندري زندگي سرڪن پيا. زندگي مقصد وڃائي ويٺي آهي. هر هنڌ ظلم ۽ ڏاڍائي جو راڄ آهي. هر طرف مارا ماري آهي، لاقانونيت آهي، دهشتگردي آهي، اغوا خوري آهي، جنسي ڏاڍايون آهن. علم جو وجود ناهي يا اُن جو استعمال غلط نموني ۾ ٿو ٿئي، ڪٿي به سلامتي ناهي، سڪون ناهي، هر پاسي ڦڏا، فساد، چوريون، ڌاڙا عام جام آهن. تعصب، ڀيد ڀاءُ، تفرڪيبازي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي باهه ٻري رهي آهي.
    سامي مڃي ٿو ته انهن براين ۽ ڏاڍاين جو هڪ ئي سبب آهي، اوديا (بي علمي، اڻڄاڻائي، جهالت). هن جو ايمان آهي، ته وديا (علم) ئي انهن سڀني براين جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. علم اسان کي شعور ڏيندو، بند اکيون کولي ڪائنات جي هر شيءِ کي اسان جي اڳيان ظاهر ڪندو. سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ فرق ٻُڌائيندو ۽ ذهن کي سگهارو بنائي اسان جي سوچ سمجهه ۽ عمل کي صحيح راهه تي آڻي انقلاب جون راهون روشن ڪندو.
    سامي جا بي علمي (اوديا) ۽ علم (وديا) بابت لکيل سلوڪ انهن روحاني ۽ سماجي براين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا ۽ اسان جي اڳيان سگهاري، پر امن ۽ خوشحال زندگي جو تصور پيش رڪي هن گُم ٿيل جنت (Paradise Lost) مان ڇوٽڪارو ڏياري حاصل ڪيل جنت (Paradise regained) ڏانهن وٺي ويندو.
    سامي چوي ٿو ته اوديا (بي علمي) سڀني بيمارين جي جڙ آهي. اوديا ڏندي ڏائڻ آهي.
    ”سامي ڪيئن اڙين، تون اوديا جي اڀمان ۾،
    سُکي ڏٺو ڪو نه ڪو، تنهن کي تپ چڙهي،
    راتيون ڏينهن سڙي، سو بنان باهه اندر ۾.“
    *-*-*
    ”سارو جڳ نچي، اوديا جي اهنڪار ۾،
    جيئن باندر بازيگر جي، هٿ ۾ نٽ نچي.“

    اهڙين حالتن ۾ ستگرو، مرشد يا استاد ئي ڪم اچي سگهي ٿو. هو علم جي ذريعي بي علمي کي هٽائي اندر کي ٺاري انساني صلاحيتن کي اجاگر ڪري، ڀلائي جي ڪمن ۾ لڳائي ڇڏي ٿو.
    ”ڪيو جنهن سهي، گرمک گُر ويساهه سان،
    سنسو تنهن جو سير ۾، وئڙو سڀ وهي،
    باقي سا سروپ جي، سامي ليک رَهي،
    آتم لال لهي، داخل ٿيا مهراڻ ۾.“
    مرشد منجهيل من کي جاڳائي، منور ڪري ميدان عمل ۾ موٽائي آڻي ٿو ۽ سچي راهه ڏيکاري ٿو.
    سامي مڃي ٿو ته ڪام، ڪروڌ، موهه، لوڀ ۽ اهنڪار وڏيون روحاني ۽ سماجي برايون آهن اُنهن مان اهنڪار (وڏائي، غرور، تڪبر) وڏو طاقتور دشمن آهي، هن کي ذير ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. سامي جو اهو چوڻ سچ آهي.
    ”جنين هٺ هارايو تنين جيتيو جڳ کي.“
    اهنڪار يا هٺ کي هارائڻ لاءِ اديبن، شاعرن، نقادن ۽ دانشورن کي هڪ هنڌ گڏ ٿي، سوچي سمجهي ڪو منصوبو جوڙي، اُن تي عمل ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ اچڻو ضروري آهي. پهرين اُنهن کي ”محبتي مشطاقن“ جيان وايو منڊل کي موافق بنائڻو آهي:
    ”محبتي مشتاق، لڪن ڇُپن ڪينڪي،
    وسائي ويٺا پريم سان، اکن منجهه اوطاق،
    سدا سپيرين سان، پرچيا رهن پاڪ،
    ٻانڀڻ ٻولن واڪ، درد ڀريا ديدار جا.“
    انهن کي اندر صاف ۽ پاڪ ڪري، پرچاءُ ڪرڻو آهي، جيئن ته دليون دلين سان ملي سگهن.
    ان کان پوءِ ”دردوند“ وانگر دلين جا دک مٽائڻ لاءِ ڪوشان رهڻو آهي:
    ”دردوند داناءَ دويت نه رکن دل ۾،
    ڏٺو جن عدالتي، سڄڻ سان ويساهه،
    هلن هٺ، سوڌي سندر راهه،
    سداليپ اچاهه، سامي رهن سڀاءُ ۾.“
    ائين ڪرڻ سان شڪ شبها دور ٿيندا، هٺ ۽ هيبت کان پري رهي سڀاءُ ۾ تبديلي آڻڻي هي.
    آخر ۾ ”البيلن عاشقن“ جيان ميدان عمل ۾ ڪاهي، سختيون سهي جيت حاصل ڪرڻي آهي.
    ”عاشق ڪيئن هٽن، سوري جان سنگرام کان،
    اکيون اکن ۾ رهي، سنمک چوٽ چٽي،
    سامي کُٽ کُٽي، رمزن سان سُک سار جي.“
    رازن، رمزن ۽ موافق مُدمن سان طاقتور دُشمن کي زير ڪري سماج ۾ سهپ، محبت، برابري ۽ هم آهنگي کي قائم ڪري هن ڌرتي جي ٽڪڙي کي جنت بنائي سگهجي ٿو.
    سامي جو ڪلام مفيد آهي ۽ اهم آهي. اُن ۾ سماج کي سُڌارڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سماج ۾ رائج براين طرف اشارا ڪيل آهن ۽ انهن جي خاتمي لاءِ قابل عمل اُپاءُ به ٻڌايا ويا آهن. سامي کي سماج ۾ سُڌارا آڻڻ وارو شاعر نه تسليم ڪرڻ اُنهن جي بي علمي آهي، بي عقلي آهي، اهنڪار آهي.


    مددي ڪتاب
    (1) تنوير عباسي. تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سامي تي هڪ نئين نظر“ ۾ ڇپيل مضمون ”سنڌي شاعري ۾ سامي جي اهميت.“
    (2) کينئلداس ”فاني“. سامي تي هڪ نئين نظر ۾ شايع ٿيل مضمون ”سامي جي ٻولي ۽ شاعري.
    (3) غلام محمد گرامي. سامي جو ڪلام. ٽه ماهي مهراڻ 1964ع.
    (4) محمد ابراهيم جويو. سامي تي هڪ نئين نظر ۾ شايع ٿيل مضمون تاريخ جو فرشتو سامي.
    (5) محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ.
    (6) تاجل بيوس. سامي سودو سچ جو.
    (7) ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ. سامي تي هڪ نئين نظر ۾ شايع ٿيل مضمون سامي.
    (8) حامد علي خاناڻي. سامي تي هڪ نئين نظر ۾ شايع ٿيل مضمون سامي جا سلوڪ.


    خليفو گُل محمد گُل(1804 1855ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    (1)”خليفو گل محمد پهريون شخيص آهي جنهن سنڌي ۾ الف ب وار حروفن جي لحاظ کان ”ديوان“ مڪمل ڪيو ۽ شايع ڪرايو.“
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“

    (2)”خليفو گل عروضي شاعري جو پهريون شاعر نه آهي، پر پهريون صاحب ديوان شاعر ضرور آهي.“
    ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ”سنڌي ادب جو تنقيدي جائزو“

    (3)”قدما ۾ خليفو گل پنهنجي رمز ۾ يگانو هو. هن پنهنجي محنت سان نج سنڌي غزل جو مجسمو تيار ڪيو ۽ اُن ۾ ساهه وڌو، مگر اُهو غزل اڃان ٻارڙو هو ۽ ڄڻ لباس جي زيب و زينت کان محروم هو.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ”ڪُليات سانگي“

    غزل جو پهريون سنڌي شاعر:
    يقين سان چئي سگهجي ٿو ته خليفو گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻولي ۾ غزل کي سرجي، سُڌاري ۽ سنواري اُن کي قابل قبول صنف، سُخن بنائي، سنڌي شاعري ۾ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
    خليفو گل سنڌي ادب جو هڪ نئون اهل قلم ۽ سرجڻهار شاعر آهي. ”سنڌي غزل جو تجزيو“ جو ليکڪ شيخ عبدالرزاق راز جي راءِ مطابق ”گل اسان جي ٻولي ۾ غزل جو خالق آهي. جيئن ته هو فارسي ٻولي جو عالم هو، کيس غزل جي روايت ۽ روح جي چڱي طرح ڄاڻ هئي، تنهن هوندي به هن سنڌي غزل جي مزاج کي سنڌ جي حالتن مطابق بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“ خليفو گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻولي ۾ غزل جو بنياد رکيو. گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ غزلن جو ديوان مرتب ڪيو گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن تغزل کي، جنهن کي غزل جي جان سمجهيو وڃي ٿو. ثانوي حيثيت ڏني ڇاڪاڻ ته اهو سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي روايتن سان ٺهڪندڙ نه هو.گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن غزل ۾ فارسي روايتن جي بدران سنڌي روايتن کي رائج ڪيو .گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن غزل ۾ تصوف کي ملائي هڪ نئين هم آهنگي جو بنياد رکيو.گل پهريون سنڌي شاعر آهي.جنهن فطرت نگاري کي غزل جو خاص جُزو بنايو گل پهريون سنڌي شاعر آهي. جنهن فارسيت جي بدران سنڌيت، پرائپ بدران پنهنجايت جو بنياد رکيو. گل پهريون سنڌي شاعرآهي جنهن غزل جي ٻولي ۾ نج سنڌي لفظ،محاوا ۽ تشبيهون ڪم آڻي اُن کي سنڌي شاعري جي هڪ ڪامياب صنف بڻايو . گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن اوپرن قدرن جي بدران خالص سنڌي قدرن جي ترجماني ڪري خوب داد حاصل ڪيو. گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن غزل جي موضوئن ۾ وسعت پيدا ڪري، سنڌ جي مسقبل جي شاعرن لاءِ هڪ پڪو ۽ پختو رستو گهڙيو. خليفي گل جي دور کي جديد سنڌي شاعري جي شروعات سڏجي ته مناسب آهي
    آخوند گل محمد گل سنڌي غزل جو پهريون سرجڻهار شاعر هو. هو هڪ صاف دل صوفي ۽ عاشقانا مزاح جو اڪمل انسان هو. هو هڪ وڏو بزرگ ۽ درويش صفت انسان هو هو هڪ وڏو عالم ۽ باڪمال شاعر هو. هو تصوف جو حقيقي پير وڪار ۽ عشق ۽ حسن جو سچو پرستار هو. ھو هڪ متقي ۽ پيرهيزگار مومن هو. هو سڀني جو ،خيرخواهه، همدرد، يار وفادار، سچار ۽ ديندار انسان هو. هن جا پنهنجا ڪيترائي مريد هئا. هو پنهنجي علم کي فياضي سان ورهائيندو هو. ڪافي طالب علم هن کان درس حاصل ڪندا هئا ۽ هن کي اعليٰ اُستاد سمجهي کيس ڀائيندا هئا.
    جنم تعليم ۽ نوڪري:
    آخوند گل محمد جو تعلق هالا پراڻا جي سانوڻي آخوندن سان هو. هو علم، فضيلت ۽ فڪر ۽ فهم جي ڪري قديم زماني کان وٺي ڏاڍو مشهور هو. سندن علم سان محبت جي ڪري هالا پراڻن ۾ سانوڻي آخوندن کي ”اُستاد گهر“ سڏيو ويندو هو. سيد حسام الدين جي لفظن ۾ ”هي گهراڻو پنهنجي دور ۾ ديني علم جو مرڪز رهيو آهي.“
    آخوند گل محمد جي پيدائش سنه 1806ع ۾ ٿي هن پنهنجي اباڻي مڪتب ۾ فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. هن کي اردو ۽ هندي ٻولين جي چڱي ڄاڻ هئي. هو پڙهائيءَ ۾ ڏاڍو تيز هوندو هو.
    آخوند گل محمد جا وڏا روهڙي واري پير پاڳاري جا خاص مريد ۽ خليفا هوندا هئا. آخوند گل محمد جي والد جي وفات کان پوءِ خلافت جي پڳ آخوند گل محمد کي ملي ۽ هو خليو گل محمد جي نالي سان مشهور ٿيو. خليفي گل محمد جي پير پاڳاري جي سڀني مريدن ۾ خاص عزت هوندي هئي. هو گهڻو وقت مريدن ۽ خادمن وٽ گُذاريندو هو ۽ باقائدگي سان پير پاڳاري جا فرض نڀائيندي سيڪڙ حاصل ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. پير پاڳارو هن جي فرمانبرداري ۽ ايمانداري ڪري خليفي گل مان ڏاڍو خوش هوندو هو ۽ هن جا خادم ۽ مريد خليفي گل محمد کي چاهيندا هئا.
    خليفي گل محمد جو گهڻو وقت هالا تعلقي جي کيبرن ڳوٺ ۾ گذرندو هو. اِتي هن کي مجازي عشق جي چوٽ لڳي.
    ”اندر ۾ عشق جنهن جي جاءِ پنهنجي ٿو رهي جوڙي،
    وس برسات جيئن دائم تنين جا نيڻ ٿيا آلا.“
    هن اوچتي عشق سندس زندگي بدلائي ڇڏي. سڄڻ جي ديدار جي سڪ کيس مجازي عاشق بنائي هر هنڌ مشهور ڪري ڇڏيو. هن جيدل ۾ رونق، رعنائي ۽ تازگي ڀري، هن کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪيو. سڄڻ جي جُدائي کيس جهوري وڌو. هن جي زندگي ڄڻ برباد ٿي ويئي. غم سهندي، سورن سان لڙندي، هن جو روح مرندي مرندي وري زنده ٿي جاڳي اُٿيو. هن کي دُنيا بدليل بدليل ڏسڻ ۾ آئي هن جون اکيون کلي ويسون. سرسٽي هن کي پنهنجي طرف مايل ڪيو. هن کي هر شيءِ ۾ عشق ۽ حسن جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو. مٽيءَ جي خوشبوءِ هن کي سنڌ جو سپوت پُٽ بنائي ڇڏيو.

    شريعت جو شاعر
    خليفو گل محمد شريعت جو ماهر هو ۽ طريقت ۽ معرفت کان خوب واقف هو. هو هڪ بلند اخلاق شخص هو. هو راڻو ملڻو، همدرد ۽ سچار شخص هو. هو مريدن ۽ خادمن سان هر وقت ملندو رهندو هو. کيبرن جي ڳوٺ ۾ هن وٽ وڏا ميڙاڪا ٿيندا هئا. ڪي ڪي مريد هن وٽ سوال کڻي ايندا هُئا. هو انهن کي جواب ڏيئي. اُنهن کي خوش ڪندو هو. هو هارين، لوهارن، واڍن، درزين، ڪورين، مهاڻن، مير بحرن، شڪارين، صرافن وغيره سان ڪچهريون ڪندو هو. اُنهن جي ٻولي جي نج لفظن، ترڪيبن، محاورن ۽ تشبيهن وغيره کي ذهن ۾ سانڍي رکندو هو ۽ اُنهن مان معنيٰ جو موتي حاصل ڪري پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي محبت ۽ حقيقت جو درس ڏيندو هو. اُنهن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آڻي، ترقي جون راهون طئي ڪندو هو. هن نج سنڌي لفظ، محاورا ۽ تشبيهون ڳولي پنهنجي ڪلام کي خوب مقبول بنايو.
    کيبرن جي ڳوٺ ۾ ادبي ميڙاڪا به ٿيندا هوندا. آسي پاسي جا مقامي شاعر ۽ لوڪ شاعر اُنهن ميڙاڪن ۾ حصو وٺندا هوندا. خليفي گل جو دوست ۽ عزيز آخوند محمد قاسم (1812_1889ع) ۽ ٻيا انهن ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿي ادبي محفلون مچائيندا هوندا. خليفو گل اهڙي ميڙاڪن ۾ حصو وٺي هڪ سٺو تبصري نگار بڻجي ويو هوندو. هن جو دوست ۽ عزيز آخوند قاسم شروع شروع ۾ فارسي ۾ شاعري ڪندو هو. خليفي گل هن کي صلاح ڏني ته هو سنڌي ۾ شاعري ڪري. آخوند قاسم هن جي صلاح تي غور نه ڪيو پر پوءِ سيد محمد فاضل شاهه جي چوڻ تي سنڌي ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي.
    خليفو گل ۽ آخوند قاسم ڪڏهن ڪڏهن گڏ ٿي شاعري ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي جي ڪلام جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري هڪ ٻئي تي تنقيد به ڪندا هئا. آخوند قاسم غزل سان گڏ ٻين صنفن جهڙوڪ ڪافي، مولود، قصيدا، قطعا، مثنويون وغيره لکيون. خليفي گل جا صرف 175 غزل ۽ هڪ قطعو موجود آهي. خليفي گل پنهنجي دوست ۽ عزيز آخوند قاسم جيان ڪي ڪافيون به لکيون هونديون، ڪي مولود به لکيا هوندا، ڪي قطعا به لکيا هوندا، ڪي قصيدا به لکيا هوندا ۽ ڪي مثنويون به لکيون هونديون، پر اُنهن جو ڪٿي به ذڪر موجود ناهي.

    ديوان گل جو سرجڻ:
    خليفو گل ستيتاليهن ورهين جي عمر ۾ حج ڪرڻ ويو، حج تي ويندي ڪجهه وقت بمبئي ۾ ترسي پيو ۽ پنهنجو ڪلام ليٿو ۾ ڇپرايو ۽ اُنهن جون ڪاپيون سنڌ ڏي روانيون ڪيون. بمبئي مان جيئن عربستان پهتو تيئن مڪھ معظمھ ۾ عيسوي سن 1855ع ۾ انتقال ڪري ويو. خليفو گل محمد هڪ وڏو شاعر ۽ قابل قدر شخص هو. هن سنڌي شاعري ۾ ڪيترائي اضافا ڪيا. انهيءَ ڪري موزون ڪلام چوندڙ شاعرن ۾ هن جو درجو بلند ۽ بالا آهي.
    خليفي گل محمد ”گل“ جي هڪ ئي تصنيف ڇپيل آهي، جنهن کي ”ديوان گل“ چيو وڃي ٿو. ديوان گل ۾ 175 غزل ۽ ڪجهه قطعا آهن. ديوان گل جي اصلوڪي ڪاپي بمبئي ۾ ليٿو ۾ ڇپي هئي. اُها اصلوڪي ڪاپي ڪٿي به نٿي ملي.
    ديوان گل جا هيٺيان ڇاپا ڇپيل آهن.
    (1) 1915ع ۾ هريسنگهه ڪتب فروض طرفان ليٿو ۾ ڇپايل ڇاپو.
    (2) 1919ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي طرفان ڇپايل ديوان گل جو ڇاپو.
    (3) مرزا قليچ بيگ طرفان شايع ڪرايل ڇاپو.
    (4) ۽ مسلم ادبي سوسائٽي طرفان ڇپايل ديوان گل جو ڇاپو.
    خليفي گل محمد گل ڪافي ڪجهه لکيو هوندو. سنڌ جي دانشورن، نقادن ۽ محققن کي گهرجي ته هو جاکوڙ ڪري خليفي گل جو سمورو ڪلام هٿ ڪن ۽ هڪ مڪمل ۽ مستند ڇاپو ڇپرائي پڌرو ڪن جيئن ته سنڌي شاعري ۾ ڪا واڌ اچي ۽ خليفي گل جي سنڌي شاعري ۾ اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي.
    هن غزل کي سنڌي ۾ رائج ڪيو:
    خليفو گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌيءَ ٻولي ۾ غزل جي صنف کي سرجي، سُڌاري ۽ سنواري مستقبل جي سنڌي غزل گو شاعرن جي لاءِ هڪ انمول ادبي تحفو پيش ڪيو آهي. خليفو گل سنڌي غزل جو موجد آهي. گل ئي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي غزلن جو مڪمل ديوان جوڙي، اُن کي ڇپائي اهل وطن ۽ اهل قلم جي اڳيان پيش ڪيو.
    خليفو گل فارسي ۽ عربي ٻولين جو ماهر هو، هن جي وقت ۾ عروضي شاعري جي لکجڻ جي باري ۾ ڪجهه ثبوت ملي رهيا آهن. سنڌي شاعر عروضي شاعري جي مختلف صنفن جهڙوڪ غزل، مرثيو، مثنوي، رباعي، قصيدي ۽ مسدس وغيره ۾ خوب لکي رهيا هئا. خليفو گل هڪ عاشق مزاح انسان هو. حسن جو سچو پيروڪار هو.انهيءَ ڪري غزل هن جو ڌيان ڇڪايو. هن غزل جي لوازمن تي غور ويچار ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ۾ غزل لکڻ شروع ڪيا شروع شروع ۾ هن فارسي اصولن، روايتن ۽ ترڪيبن مطابق سنڌي ٻولي ۾غزل لکيا جيڪي مقبول عام بڻجي نه سگهيا.
    انهي وقت فارسي صنفن کانسواءِ سنڌي صنفون جهڙوڪ ڪافي، مولود، مدح وغيره زور شور سان رائج هيون. سنڌ جا ڳوٺاڻا شاعر انهن ديسي صنفن ۾شاعري ڪري، شاعري جي معيار کي وڏي اوج تي آڻي چڪا هئا. خليفي گل ديسي صنفن کي نظر ۾ رکيو. هن غزل کي عام ماڻهن ۾ مقبول بنائڻ لاءِ ڪيئي نيون تبديليون آنديون هن غزل کي سنڌ جي حالتن ۽ روايتن ۽ سنڌي ماڻهن جي مزاج مطابق لکڻ شروع ڪيو. نج سنڌي لفظ، نج سنڌي قافيا، سنڌي ترڪيبون سنڌي محاورا، سنڌي استعارا، سنڌي مثال ۽ سنڌي تشبيهون ڪم آڻي غزل کي هڪ مقبول ۽ دلفريب صنف بنائي ورتو. هن غزل جي موضوئن ۾ فراواني آڻي، غزل کي وڏي وسعت بخشي. هن غزل ۾ انساني قدرن جهڙوڪ سونهن، محبت ۽ صداقت کي کولي نروار ڪيو. هن سنڌ جي پنهنجن خصوصي قدرن جهڙوڪ حب الوطني، پيار، پورهئي، انسان دوستي، همدردي ۽ هڪ ٻئي سان همراهي کي غزل ۾ شامل ڪري نه صرف غزل ۾ رعنائي، تازگي ۽ دلچسپي ڀري پر غزل کي به مقبول عام بنايو. خليفي گل سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن کي غزل جو جُزو بنائي وڏو داد حاصل ڪيو هو. غزل جي اندروني پهلوئن کي خارجي رازن ۽ رمزن سان هم آهنگ ڪري غزل جي صنف کي مقبول بنايو.
    آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ تصوف جو چرچو رهيو آهي. سنڌ جي اهل قلم دانشورن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن پنهنجين تاريخي ثقافتي ۽ رومانوي ڪهاڻين جي ذريعي تصوف جو اظهار ڪري سنڌين تي هڪ نفسياتي اثر وڌو ۽ اُنهن جي سوچڻ، سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي صلاحيتن کي هڪ الڳ رنگ ۾ رڱي اُنهن جي مزاج جو لافاني حصو بنائي ڇڏيو. سنڌين جو مزاج تصوف جي روايتن ۽ ثقافتي ۽ رومانوي تحريڪن جي اڻمٽ ٻنڌڻ ۾ ٻڌل هڪ پر اثر احساس آهي، عمل آهي ۽ هڪ آزاد اثر انگيز حڪمت عملي آهي. سنڌ جي ڌرتي تي ڪيئي تبديليون آيون، ڪيئي انقلاب برپا ٿيا ۽ ڪيئي تحريڪون نمودار ٿيون پر سنڌ واسين جي مزاج ۾ ڪڏهن به ڦيرو نه آيو. اُنهن جو مزاج جيئن جو تيئن، قائم ۽ دائم آهي.

    فارسي ٻولي جو ماهر:
    خليفو گل فارسي ٻولي جو وڏو ماهر هو. هو غزل جي مزاج ۽ روايتن کان چڱي طرح واقف هو. تنهن هوندي به هن سنڌي غزل کي سنڌ جي حالتن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي مزاج مطابق تبديل ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ اُنهي ۾ هو ڪامياب ٿيو. هن غزل ۾ نوان نوان موضوع شامل ڪري اُن کي وسعت بخشي هن فارسي غزل کي سنڌي ويس پارائي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
    شيخ اياز جي خيال ۾ ”عروضي شاعري جي خالق خليفي گل محمد غزل مان تغزل کي اوپرو سمجهي ڇڏي ڏنو هو ڇاڪاڻ ته اُهو سنڌي شاعري سان ٽهڪندڙ نه هو.“ خليفي گل تغزل کي ڇڏي نه ڏنو هو پر تغزل کي ثانوي حيثيت طور استعمال ڪيو. گل غزل ۾ نوان نوان موضوع ڀري اُن کي دلچسپ ۽ دلپسند بنايو. هن سنڌ جي ريتن، رسمن ۽ روايتن ۽ سنڌي ماڻهن جي مزاج، جيڪو اُنهن جي خمير مان ڦٽي نڪتو آهي، مطابق غزل لکي هڪ انقلابي قدم کنيو. هن فارسيت بدران اصليت جي راهه اختيار ڪئي. هن فارسي ٻولي جي بدران سنڌي ٻولي کي استعمال ڪيو. هن نج سنڌي لفظ، قافيا، ترڪيبون، محاورا، استعارا تشبيهون وغيره استعمال ڪري غزل کي سنڌي صنف سُخن بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن غزل ۾ نوان نوان موضوع ڪم آڻي غزل جي دامن کي ڪشاده بنايو ۽ سنڌي شاعر نيئن صنف ۾ واڌارو آڻي ان جون راهون روشن ڪيون.
    غزل هڪ چت چور حسينا جيان آهي. غزل شاعر جي اندر جو آواز آهي، هن جي روح جي صدا آهي. غزل شاعر جي پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني آهي. غزل شاعر جي داخلي ڪيفيتن جو اُپٽار ڪندو آهي. غزل هن جي پورن ۽ سورن جي آتم ڪهاڻي هوندي آهي. گل هڪ دُنيادار شخص هو. هو معاشي، معاشرتي، اخلاقي، ثقافتي ۽ سياسي قدرن جو ڄاڻو هو. انهي ڪري هن غزل جي داخلي انداز کي صرف داخليت تائين محدود نه رکيو. هن خارجي پهلوئن کي غزل ۾ شامل ڪري، غزل کي جڳ جي ڪهاڻي به بنايو. هن غزل جي دالي رازن ۽ رمزن کي خارجي پهلوئن سان ملائي غزل کي مڪمل صنف بنايو آهي. انهيءَ ڪري گل جي غزل ۾ سونهن آهي، سچائي آهي، سهامڻو سوز آهي ۽ مٺو مٺو گذار به نظر اچي ٿو.
    خليفو گل سچو عاشق ۽ حسن جو سچو پوڄاري هو. هن عشق کي پنهنجي ڪلام ۾ فيلصوفانه رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. هن جي نظر ۾ سچو عشق پهرين سختيون ڏيئي ماري ٿو ۽ پوءِ نئين سر جياري هميشه جي لاءِ سر خرو بنائي ٿو. گل جي ڪلام ۾ عشق جو نئون ۽ نرالو وجود روان دوان آهي. عشق جي تپش پهرين سيني کي ساڙي ٿي. محبوب جي سڪ انهيءَ ۾ باهه جي چڻنگ لڳائي ٿي ۽ دلبر جي ديدار جي تڙپ اُن باهه کي تبر ڪري، هن کي خاڪستر بنائي ڇڏي ٿي سچا عاشق مري مات نه ٿيندا آهن. اُهي نئين زندگي حاصل ڪري لافاني بڻجي ويندا آهن. گل هن شعر ۾ عشق جي تپش جو خوب ذڪر ڪيو آهي.
    ”دل ٿي پچي پرت ۾ تو لئه پرين پيارا،
    آءُ ڪين اڱڻ منهنجي، محبوب جيءَ جيارا.“
    خليفي گل غزل ۾ ڪيترائي نوان موضوع ڪم آندا جيڪي عام طرح غزل سان واسطو رکندڙ نه هوندا آهن. گل توحيد کي غزل جو موضوع بنائي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هن غزل جي ٻن سٽن ۾ باريڪبيني ۽ ڪمال ڪاريگري سان توحيد جي نظريئي کي کولي ظاهر ڪيو آهي.
    ”خاڪ منجهه فڪرات هجڄي ويئي ماٺ ٿي تنهن کي نصيب،
    واءُ منجهه وڻڪار ٻولي تونهين تون، تونهين تون، تونهين تون.“
    گل رسالت جي اقرار کي غزل ۾ اشارن ۽ ڪنايعي جي رستي بيان ڪري غزل کي دلچسپ بنايو آهي.
    ”آهه هادي تنهن سندو همراهه جنهن مڃيو محمد رسول الله،
    آهه سو شاهه شاهه شهنشاهه جنهن مڃيو محمد رسول الله.“
    خليفي گل جي دور ۾ فرنگين سنڌ ۾ پير پاتو ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏي اُٿل پٿل آئي. سنڌي معاشري ۾ وڏيون تبديليون آيون. انهن ٻاهرين سوداگرن اچي سنڌ ۾ ڪوڙ ۽ ڪچ جو سودو ڪيو.سنڌين جي زرخيز زمين اُپت وڃائي ويٺي.
    ”اچي سوداگر راتو ڏيهان ملهه وٺن وڪڻي خراب،
    ڪوڙ دُنيا جا ڪٿي اي دل ڪيئي آيا ويا؟“
    گل کلي طرح چئي ڏنو:
    ”دنيا جي عيش عشرت کي پري هڻ تون کڻي ڀالا.“
    گُل سنڀالي سنڀالي معاشي ۽ معاشرتي مسئلن کي غزل جا موضوع بنائي غزل جي عام ماڻهن جي قريب ۽ زندگيءَ جي ويجهو آندو.
    غزل ۾ فطرت نگاري جي حيثيت ثانوي هوندي آهي، پر خليفو گل اُن کي غزل جو خاص جُزو بنايو آهي. گل سمجهي ٿو ته قدرت ۽ اُن جا نظارا رب جا آئينا آهن جن ۾ الله تعاليٰ جي ذات جرڪندي، ٻهڪندي ۽ڳجها اشارا ڪندي نظر اچي ٿي. گل فطرت نگاري جو وڏو شاعر آهي. هو فطرت جي روح پرور نظارن کي اکيون کولي ڏسي ٿو، روح کي ريجهائي ٿو ۽ سَوَن اسرارن کي کولڻ جو جتن ڪري ٿو.
    خليفو گل پاڻي، واءُ، سڪل ٺوٺ زمين جي ڪُک مان اُن، گاهه، گلزاريون، سرهاڻيون ظاهر ڪري ٿو جيڪي ڌرتي کي خوشحالي جي سر زمين بنائي ڇڏينديون.
    ”هڪ طرف گجيون ۽ گوڙون، ٻئي طرف کوڻيون کنوَن،
    مينهن ٽا ٽا ڪيو ٽمن، باهيون ٻرن چوڏس هزار.“
    ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ خليفي گل کي ”جهونو عوامي شاعر“ سمجهي ٿو. اِهو صحيح ڪو نه آهي. گل جي شاعري عوامي رنگ ۾ رتل ضرور آهي. گل ڳوٺاڻي ٻولي جا لفظ، قافيا، محاورا، تشبيهون وغيره استعمال ڪري غزل ۾ عوامي رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي ۽ ڪامياب به ويو آهي. هن محنت ڪش جي ڌنڌن ۾ ڪم ايندڙ خاص خاص لفظن کي ڪاريگري سان استعمال ڪري واهه جي رونق رچائي آهي، ڳئون ۽ گابي جي مثال ڏيئي هن هجر جي ماريل ماڻهن جي دل ڏکوئيندڙ نقشو چٽي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
    ”ديد تنهنجي لاءِ دلبر دل ڦاٽيو دانهون ڪري،
    جئن گابو ڳئون لاءِ ڦر ڪري ٿو راڙ رنڀ.“
    سپ ۽ موتي جو مثال ڏيئي گل ڪهڙو نه انوکو درس ڏنو آهي.
    ”درد منجهه دل دوست تئن درس ٿئي،
    جئن ڦڙو موتي ٿئي منجهه پيٽ سڀ.“
    گل سپاهين جي اعليٰ بازين ۽ ڏکوئيندڙ ڪارنامن جو نج سنڌي قافين ذريعي ذڪر ڪري عوامي رنگ جي پلٽ پلٽان ڪري ڇڏي آهي.
    ”باهه جي بازي بنايو روح سان ٿا راند ڪن،
    جئن جئن سڙن تئن تئن لڙن ڪڍيو اندر مان ٻهر کوٽ.“
    خليفي گل جي عبارت ۽ ٻولي سادي، سوادي ۽ عام فهم آهي. هن غزل ۾ سادي فارسي ٻوليءَ جو به استعمال ڪيو آهي.
    ”اُن جون اکيون حوض ڪوثر، آب زم زم آب خضر،
    رت رحيق، روح راحت جان جو ٿيو جئن گل آب.“
    گهڻو ڪري هن جي ٻولي ۾ سادن فارسي لفظن جي بدران سادا ۽ سلوڻا ڳوٺاڻا سنڌي لفظ آندا آهن.
    ”مليو محبوب متوالو ويو ڏک ڏرت هڪ نالو،
    ڀڳي دلدار دل ريهي ويا ڏکڙا، وريا سُکڙا.“
    هن جي غزلن ۾ ڪم آندل محاورا ۽ تشبيهون نج سنڌي آهن، هن جي غزلن جو مزاج عام طرح مقامي نظر اچي ٿو جيڪو پڙهندڙ کي لطافت بخشي ٿو.
    ايامن کان وٺي سنڌ جي سر زمين تصوف جي نظريئي ۽ ان جي اظاهر لاءِ موزون ۽ مددگار رهندي آئي آهي. جهونن سنڌي دانشورن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن اُنهي کي استعمال ڪري سنڌ جي ماڻهن۽ انهن جي مزاج کي گهڙي، انهيءَ کي سنڌ جي سڃاڻپ بنائي وڏو ڪم ڪيو آهي.

    شاعري ۾ تصوف:
    خليفي گل پنهنجي شاعري ۾ تصوف ۽ عشق کي ملائي غزل کي سنڌي ماڻهن جي مزاج جي قريب آڻي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. گل جي غزليه شاعري جا موضوع عارفانه ۽ صوفيانه آهن جن ۾ روحانيت ۽ اخلاقيات جا نڪتا هر هنڌ پکڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن جي شاعري ۾ الله جي عظمت، رسول جي عالمگير اهميت، ديني، دنيوي، معاشي، معاشرتي قدرن جي اپٽار هر هنڌ نظر اچي ٿي.
    خليفي گل پنهنجن غزلن ۾ الله تعاليٰ جي هيڪڙائي جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي.
    ”ڪڍي ڇڏ ڀول سو دل کان آهي هت هت هو الحق حق،
    هو الله احد جو دل سان آهي هت هت هو الحق حق.“
    گل نبي ڪريم جي محبت جو عقيدتمندانه اظهار خوب ڪيو آهي.
    ”ٿي سڪي ساري سڌا دل منهنجي تو لئه سيدا،
    ڏک ۾ راتيون ڏينهن سڄا دل منهنجي تو لئه سيدا.“
    گل جي ڪلام ۾ حضرت نبي سڳوري صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ چئن يارن سڳورن جي ساراهه به خوب ڪيل آهي. حضرت نبي سڳوري جي ساراهه هن ريت ڪئي ويئي آهي.
    ”ٿي نه هرگز ڪنهن طرح گمراهه،
    جنهن مڃيو محمد رسول الله.“
    ڪن هنڌن تي گل مرشد جي ساراهه به ڪئي آهي، پر حاڪمن ۽ اميرن جي ساراهه سندس ڪلام ۾ ڪونهي.

    پاڻ سڃاڻن جيڪو الله کي سڃاڻڻ جو پهريون ڏاڪو آهي. جي نظريي واري اصول جو اظاهر گل انهيءَ طرح ڪري ٿو:
    ”باغ بيرنگيءَ جو ٻوٽو تون وجودي واهه گُل،
    واس تنهنجي واسيو گل عرش، ڪرسي ڀونءَ اڀ.“
    گل چڱي هلت چلت ۽ ڪار وهنوار جو ڪو پرچار ڪندي چوي ٿو:
    ”رک سنگت محبت نسون سان، ٿيءَ م ڏنگن سان ڏنگو،
    ڪوڙ تي شاهد ٿيءَ کڻ ڏي مٿي سچ سنڌ ساک.“
    گل ادب، احترام ۽ چڱي فضيلت سان هلڻ لاءِ ائين چوي ٿو:
    ”تون مٿي هل ادب سين پير ڀري،
    دل سندي ڌيان سان م ڪر دڙ دڙ.“
    گل حق هلال کائڻ لاءِ تلقين ڪندي چوي ٿو:
    ”کلي کاءُ رهندو رزق رب جو، روڳ،
    آ رهندو انڌا ڪيم وجهه پيٽ روڳ.“
    گل اسان کي سُک ۽ سڪون سان زندگي گذارڻ لاءِ ڪيترائي روحاني ۽ اخلاقي مشورا ڏنا آهن جيڪي هر زماني ۾ مفيد ۽ ڪار آمد رهڻا آهن.

    حسن ۽ عشق جو سچو پيروڪار:
    خليفو گل هڪ پاڪدامن عاشق ۽ حسن جو سچو پيروڪار هو. گل کيبرن جي ڳوٺ ۾ گهڻو وقت گذاريو. اُتي ئي کيس مزاجي عشق جي چوٽ لڳي. گل جي غزل جو هي شعر انهي محبوبا جي حسن جي تعريف ۾ لکيل نظر اچي پيو.
    ”خوب خلقي تنهنجي صورت پاڪ خوش خاصي خُدا،
    منهن ملاحت، سونهن سلابت سڀ ڪنان سهڻي سدا.“
    انهي محبوبا جي حسن کي گل انهن لفظن ۾ ساراهيو آهي.
    ”ڏسڻ سان تنهنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٿي گُل،
    تنهنجو مُک گل، زلف سنبل منهنجي دل جئن گل لالا.“

    انهن عشق ڏسڻ وارين اکين ۾ دنياداري جو نقشو چٽجي ويو.هن کي ڳوٺاڻن جي محبت، محنت ۽ خوشحالي جي خيال وري هڪ نئين زندگي بخشي ڇڏي. هن جي اکين اڳيان ڌرتي تي جنت جو نظارو جهل مل ڪري جرڪڻ لڳو.
    ”پنهون پٽ ۾ ڊور ڊٽ ۾، روح ۾ روجهون هرڻ“
    انهي سهڻي صورت واري محبوبا گل کي سوين سرور ڏنا، سوين پور ڏنا. انهي جي وڇوڙي هن کي ساڙي فنا ڪري ڇڏيو. گل انهيءَ فنا واري ڪيفيت مان نقا حاصل ڪري هڪ وفادار، خوددار ۽ سرجڻهار شاعر جو روپ ڌاري ماڻهن جي سامهون نمودار ٿيو.
    ”تات تنهنجي ۾ ڪئي گل ترڪ سڀڪا تانگهه تات،
    تون ئي منهنجو شهنشاهه آئون تنهنجو پينو گدا.“
    انهي پاڪ، ڳنڀير ۽ دلپذير عشق گل کي اصلي عشق جو ديدار ڪرايو، هن جي روح کي عشق سان ڀري ڇڏيو ۽ انهي اصلي ۽ ازلي عشق هن کي سچو عاشق بنائي ڇڏيو. ازلي عشق هن جون تمنائون پوريون ڪري هن کي گد گد ڪري ڇڏيو.
    خليفي گل جي عاشقانه شاعري پاڪ آهي، پر خلوص آهي ۽ اُها تعصب ۽ تنگ نظري کان آجي آهي. عشق گل کي قيد ڪري ويهاري نٿو. هو انهيءَ کي تنگ نظري کان بچائي ٿو، بي خبري کان خبردار ڪري ٿو ۽ هڪ دلبر جي بدران هن کي نيڪ روپ ڏيکاري، هن جي منزل کي مٿاهون بنائي ٿو.

    غزل ۾ فطرت نگاري جو استعمال:
    غزل ۾ فطرت نگاري جو استعمال گهڻو نه ڪيو ويندو آهي. خليفي گل فطرت نگاري کي بنيادي حيثيت ڏيئي غزل جو اهم جزو بنائي ڇڏيو آهي. ڪائنات جون هي شيون جهڙوڪ وڄ، گجگوڙ، هوا، برسات، نديون، پلر جي پالوٽ، ڍنڍون، ڍورا، پٽ، ساوڪ، سُرهاڻ وغيره روح کي خوبصورتي، تازگي، رعنائي ۽ راحت آڇن ٿيون.
    خليفي گل پنهنجي فطرتنگاري کي ڪمال فنڪاري سان چٽي سونهن کي وڌيڪ سونهن بخشي پنهنجي غزل جو زوردار ۽ دلچسپ حصو بنائي ٿو. گل فطرتنگاري ذريعي ڪيئي وڻندڙ تصويرون چٽيون آهن جي دلچسپ آهن، جاذب نظر آهن ۽ جيڪي هردم اکين کي اشارن سان وندرائينديون رهنديون آهن. گل سانوڻ جي نظارن، برساتين، کنوڻين ۽ گجگوڙن جي باريڪبيني سان عڪاسي ڪري هر هنڌ سرور پکيڙي ڇڏيو آهي.
    ”آتي رت سانوڻ سندي، مينهن وسي ڪئڙا ملار،
    ڍٽ وسايو پٽ وسايو، سرها ٿيا سانگي سنگهار.“
    هر طرف پاڻي جي پلٽ آهي. هاري ٻنيون کيڙي خوش نظر اچي رهيا آهن. هر سو ساوڪ ۽ ساوڪ آهي.
    ”هڪ طرف گجيون ۽ گوڙيون، ٻئي طرف کنوڻيون کنون،
    مينهن ٽا ٽا ڪيو ٽمن باهيون ٻرن چوڏس هزار.“
    گل ڪمال ڪاريگريءَ سان فطرت جا رسيلا ۽ رنگيلا چِٽ چٽي، جذبن کي بيدار ڪري ڇڏيو آهي. سانگيئڙا ميدانن ۾ مچ ٻاري نچي ٽپي رهيا آهن. ماڻهو، نينهن نظارا ۽ فطرت ڄڻ هڪ ٿي رس، رنڱ ۽ راحت جو خوب لقاءُ ڏيکاري، سرور ۽ خوشيون ورهائي رهيا آهن. اُهي فطرتي نظارا گل جي غزل کي خوب سينگارن ۽ سنوارن ٿا. اهڙن نظارن جو اهڙو اظاهر ڪرڻ آسان ناهي. گل پنهنجي مٺڙن مٺڙن ٻولن کي ڪم آڻي واهه جا نظارا پيش ڪيا آهن.
    ”خوش ٿيون سرهيون سنگهاريون پٽ ڦرن سينگار ڪيو،
    لويون لاکيون، لال سرتي ڳچي پويو پايو هار.“
    برساتين زمين تي موج مچائي نه صرف سنگهارن ۽ سنگهارين کي خوشيون ڏنيون آهن، پر زندگي کي قدرت جي قريب آڻي سرشتي جي سموري سونهن کي کولي نروار ڪيو آهي.

    خليفو گل ڪلام جون خوبيون:
    خليفو گل با ڪمال انسان ۽ بيمثال سنڌي شاعر آهي هن پنهنجي ڪلام ۾ ڪيتريون خويبون ڀري، سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو آهي.

    شاعري جون خوبيون
    (1) خليفي گل جي شاعري جي پهرين خوبي آهي تصوف ۽ سنڌ جي حالتن ۽ سنڌي ماڻهن جي مزاج جو عمدو ۽ عاليشان امتزاج. سنڌ جي سرزمين ايامن کان وٺي تصوف جي نظريئي لاءِ زرخيز رهي آهي. قديم صوفي شاعرن تصوف جي نظريئي کي ڪمال ڪاريگري سان پيش ڪري اخلاقي شاعري کي اوچي پائي تي پهچايو آهي. گل پنهنجي غزل ۾ تصوف ۽ سنڌي مزاج کي ملائي اعليٰ اخلاقي نڪتا بيان ڪيا آهن ۽ روحانيت جا راز قدم قدم تي پڌرا ڪري زندگي ۾ آنند، اتساهه ۽ پاڪيزگي ڀري ڇڏي آهي. گل جو هي اخلاقي شعر پڙهو ۽ لطف حاصل ڪريو.
    ”جنهن جي سخن ۾ ناهه سچ، واعده ڪري جي قول گچ،
    ڦولڻ وفا ڪوڙن ڪنان آهي عبث آهي عبث.“
    سچ پچ هي هڪ نصيحت جو لاکڻيو نڪتو آهي.
    (2) خليفي گل جي شاعري جي ٻي خوبي آهي غزل ۾ موضوئن جي گهڻائي غزل جو موضوع محدود آهي. گل غزل جي موضوئن ۾ وسعت آڻي غزل کي عشق جي شاعري سان گڏوگڏ زندگي جي ترجماني ڪندڙ شاعري جي صورت به عطا ڪئي آهي. هن عشق سان گڏوگڏ اخلاقي پهلو، فطرت نگاري، سياسي معاشي ۽ معاشرتي حالات ۽ عوامي رنگ شامل ڪري، غزل جي موضوعن ۾ ڪشادگي آڻي اُن کي اظهار جو اعليٰ ذريعو بنائي ڇڏيو آهي. هن تصوف، اخلاقيات، منطرنگاري، معاشي ۽ معاشرتي ۽ روزمره جي ڪمن ڪارين کي غزل جو موضوع بنائي، اُن ۾ وسعت اڻي غزل کي زندگي جي ترجماني ڪندڙ صنف سجن جو درجو ڏياريو آهي.
    (3) خليفي گل جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي، عوامي رنگ کي شامل ڪري. غزل کي دلچسپ ۽ دلفريب بنائڻ گل غزل کي سنڌي مزاج مطابق لکڻ لاءِ عام فهم لفظ ڪم آندا. سادا ۽ سلوڻا قافيا استعمال ڪيا. سنڌي مثال، سنڌي ترڪيبون، سنڌي محاورا ۽ سنڌي تشبيهون استعارا استعمال ڪري، غزل کي سنڌي ماڻهن ۾ مقبول بنايو. گل ايراني ماحول جي نه پر ٺيٺ سنڌي ماحول جي ترجماني ڪئي آهي. گل پنهنجي غزل ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ شين، ڌنڌن، وهوارن، پوک جي طور طريقن جو چٽائي ۽ ڪمال باريڪبيني سان ذڪر ڪيو آهي. ڪتي ۽ چيٽ جي پوکن جو ذڪر انهيءَ نموني سان ڪيو آهي.
    ”اپاڙي چاڙهه عاشق عشق جو ايٽ،
    ڪتي پوکي وڌائي ڪر مٿس چيٽ.“
    عام ماڻهن جي عام شين جهڙوڪ نير ۽ ڪپڙي جي رنگن جي تشيهه ڏيندي ڪهڙو نه حڪمت ڀريو نڪتو پيش ڪيو آهي. جهڙي نموني جهڳن ۽ جهڦن کان پوءِ نير وڌيڪ رنگ ڪڍندو آهي. تهڙي نموني عاشق طعنن ۽ تنڪن سهڻ کانپوءِ عشق ۾ وڌيڪ لطافت محسوس ڪري سرخرو بڻجي ويندو آهي.
    ”نير رنگ واڌو ڪڍي منجهه جهڳ جهٻ،
    عشق وارو وڌ وڌي منجهه لُوس لٻ.“
    گل جي شاعري ۾ عوامي رنگ جي ملاوٽ هن کي عام ماڻهن ۾ مقبول بنائي ڇڏي ٿي.
    (4) خليفي گل جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي تجنيس حرفي گل عروضي شاعري ۾ سنڌي شاعري جي بنيادي خوبي تجنيس حرفي کي استعمال ڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. انهي خوبي جي ڪري سندس ڪلام ۾ رواني آهي، مٺاس آهي ۽ تغمگي آهي. اڇو ته هيٺ ڏنل مثالن جو مطالعو ڪري انهي مان سرور حاصل ڪريون.
    ”صبا صبح جا سلام منهنجا اڳيان نبي جي رساڻ نيئي
    هزار آزيون، لکين نيازيون ڪري سگهين جي سي ڪج سڀيئي.“
    *-*-*
    ”اچ دوست ڀري پريت پيرا،
    ٿي وير وندر ورونهن ويارا.“
    *-*-*
    ”ساريو ساريو ٿي سڙي دل دوست جي ديدار لئي،
    درد کان دانهون ڪريو هئي هئي آهون اٻاٻ.“
    خليفو گل سنڌي غزل جو موجد آهي. گل ئي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن غزلن جو ديوان جوڙي، اُن کي ڇپارائي اهل وطن ۽ اهل قلم جي اڳيان پيش ڪيو. گل کان اڳ ۾ موزون شاعري جي لکجڻ جون چڱيون چوکيون روايتون ملن ٿيون. پر ديوان جي صورت ۾ پهريائين گل جو ڪلام ئي ڇپجي پڌرو ٿيو،. جيڪو ديوان گل جي نالي سان مشهور آهي.

    علم عروض جو استعمال
    خليفو گل محمد گل ئي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن علم عروض جي جدا جدا ارڪان ۽ بحرن ۾ ايراني شاعري جي روايتن مطابق جدا جدا مضمونن کي سنڌي شاعري ۾ جوڙي رائج ڪيو. محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته سنڌي ادب جي پهرين دور ۾ ڪن بزرگن موزون ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي، پر اُهو موزون ڪلام اڪتسابي (ڪوشش سان وزن تي، بيهاريل) نه چئبو پر اتفاقي موزون ڪلام چئبو“ محمد صديق ميمڻ جي لفظن ۾ خليفي اڪتسابي موزون ڪلام جو پهريون شاعري ڪندڙ ليکيو وڃي ٿو.“
    خليفو گل محمد پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن نوان ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ عام فهم قافيا استعمال ڪري غزل کي سنڌي ماڻهن جي مزاج مطابق لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جي ڪلام ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ ۽ قافيا موجود آهن. جيڪي شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نظر نٿا اچن. خليفي گل پنهنجي ديوان گل جي حاشيه تي اهڙن نج پراڻن لفظن جون معنائون فارسي ٻولي ۾ لکي ڇڏيون هيون. پر انهي ڇاپي واري ڪاپي جو ملڻ ناممڪن نه ته ڏاڍو مشڪل ڪم آهي.
    خليفي گل جو اهو وڏو ادبي ڪارنامو آهن جنهن قافيي جي پورائي لاءِ ڪيترائي لفظ ڳولهي ڪڍيا ۽ گهڙيا آهن ۽ سنڌي جي لفظن جي ذخيري کي مالا مال ڪيو آهي ”ملار“ سان قافيي جي پورائي لاءِ درست لفظ ڌڻ ڌار، مهار، پنوهار وغيره استعمال ڪري ڪلاسيڪي شاعرن جي سڪ لاٿي آهي، هن سادا، سلوڻا ۽ لفظ استعمال ڪري ڪمال ڪاريگري سان قافيي جي پورائي لاءِ وڏي دانشمندي جو مظاهرو ڪيو آهي. محمد صديق ميمڻ هن جي ڪن قافيي جي پورائي لاءِ ڪم آندل لفظن ۾ ڪن خامين جو ذڪر ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي هن لفظن ۾ هٿرادو ڦير ڦار ڪئي آهي. ڪن لفظن جي اُچارڻ ۾ تبديليون آڻي ڪچو ڪم ڪبو آهي.

    انگريزي لفظن جو استعمال:
    خليفي گل پنهنجي ڪلام ۾ انگريزي لفظ ڪم آڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا انگريزي لفظ جهڙوڪ Pistol پستول، Judge جج، Barracks بيراڪون گل پهريون دفعو سنڌي شاعري ۾ ڪم آندا آهن.
    ”سڀ ڇڏي بنگلا براڪون،
    ماڙيون محلات هر هنڌ.“
    *-*-*
    ”عشق جو علم عرف عين بيان،
    ڪين سمجهي تنهن کي قاضي ججهه (جج).“
    *-*-*
    ”پستول پريت تنهنجي پائي،
    منجهه جان جگر ڇلايا ڇيرا.“
    پنهنجي ڪلام ۾ گل اهڙا اخلاقي سبق ۽ ناصحانا نڪتا پيدا ڪيا آهن، جيڪي انسانن جي رهنمائي ڪن ٿا ۽ کين سڌي واٽ ڏيکاري دلي ۽ روحاني طور مسرور ڪن ٿا.

    پهريون مڪمل ديوان سرجڻ وارو شاعر
    ڊاڪٽر عبدالمجيد پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”خليفي“ گل محمد هالائي سڀ کان پهريان مڪمل ديوان پيش ڪيو. جيتوڻيڪ عروض کي قبول ڪيو اٿس تڏهن به هن جي شعر ۾ قديم شعر جي روايتن جو اثر نظر اچي ٿو.“

    هن جي عبارت
    خليفي گل جي عبارت صاف سُٿري، عام فهم ۽ پڪي پختي آهي. سندس ٻولي صاف، سلوڻي، سيڪ جو اثر نظر اچي ٿو.“
    خليفي گل جي عبارت صاف سُٿري، عام فهم ۽ پڪي پختي آهي. سندس ٻولي صاف، سلوڻي، سيڪ ۽ عام فهم آهي. گل فارسي ۽ عربي ٻولين جو وڏو ماهر هو تنهن هوندي به هن جو ڪلام صاف ۽ سريلي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ عام فهم لفظ ڪم آندا آهن، جيڪي عام ڳوٺاڻا ڳالهائيندا آهن. اڪثر ڪن عربي آميز لفظن کانسواءِ ”ديوان گل“ صاف ۽ سليس سنڌي ۾ لکيل آهي. هو معلم کي نصيحت ڪري ٿو.
    ”ملان ميٺ سان ننڍڙي ڳڀرو کي پاڙهه،
    ڪرينس تاب تو ڪري جي روح راڙهه!
    دنيا دار سان ڪرم دوري غريب.
    جي هو هونس وارو ته مسڪين چاڙهه
    گل جي عبارت عام فهم آهي ۽ اُن ۾ تجنيس حرفيءَ جي شموليت عبارت کي سريلو ۽ رسيلو بنائي ٿي.
    خليفي گل جي عبارت ۾ محمد صديق ميمڻ جي لفظن ۾ ”فصاحت ۽ بلاغت جي ڪم نه ٿي ڏسجي.“ گل ڪٿي ڪٿي فارسي شاعرن جي تقليد به ڪئي آهي. گهڻو ڪري هن نج سنڌي لفظ، تشبيهون ۽ محاورا ڪم آندا آهن.
    خليفي گل عبارت کي عوامي رنگ ۾ رنڱڻ لاءِ عام ماڻهن جي ٻولي استعمال ڪري، اُنهن جي ڌنڌن منجهان نصيحت جا نڪتا نروار ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي. هن صاف ۽ سادي ٻوليءَ ۾ ڪيئي راز ۽ رمزون ظاهر ڪري سنڌي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي قريب آندو آهي.
    خليفي گل جي غزل جي عبارت روائتي ۽ اثرائتي آهي. انهيءَ ڪري هن جي غزلن ۾ خوبصورتي ۽ نواڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. شروع شروع ۾ هن سنڌي غزل ۾ فارسي لفظ ۽ تشبيهون ڪمال ڪاريگريءَ پيش ڪيون آهن. پوءِ فارسي لفظن جي جاءِ تي سيڪ سنڌي لفظ محاورا، استعارا، ترڪيبون ۽ تشبيهون پيش ڪري، غزل کي سنڌي روپ ڏنو آهي.
    ”ڏکئن جا ڏاج ڪهڙا، رلئن جا ڪهڙا روپ،
    بکئن جا ڪهڙا ڀانڊا، ولهن ڪهڙا ويارا؟“
    عام سنڌي روايتن جو عام سنڌي لفظن جي ذريعي اظهار گل جي عبارت جي نمايان خوبي آهي. هن جي عبارت ۾ مقامي رنگ ۽ عوامي انداز ڏاڍو ڀلو لڳي ٿو.
    خليفي گل عام سنڌي ٻولي، محاورا، ۽ استعارا استعمال ڪري پنهنجي عبارت کي عام ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ طرز تحرير بنائي سنڌي ٻولي کي عروضي دور وارين پابندين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي پهرين ۽ سنجيده ڪوشش ڪئي آهي. گل سنڌي ماحول مان ٺهڪي ايندڙ تشبيهون ۽ چوڻيون ڪم آڻي پنهنجي عبارت ۾ اصلي سنڌي رنگ ڀري ڪمال ڪاريگريءَ جو ثبوت ڏنو آهي. هن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ۾ هلندڙ ڌنڌن، ونهوارن، ڪاروبارن ۽ پوک جي طور طريقن جو چٽائي سان ذڪر ڪيو آهي.
    ”پاڻي پيٽ تاڃيءَ ۾ پيرين پڌار،
    ٿيا ڳنڍ جي ”گل“ مڙيئي ڳوڀ ڳوت.
    گل ڪورڪي هنر جي وهنوارن ذريعي روحاني سبق حاصل جو جتن ڪري ٿو. گل سنڌ جي محنت ڪشن ماڻهن جي ڌنڌن سان لاڳاپو رکندڙ تشبيهون ڪم آڻي پنهنجي عبارت کي خوب چمڪايو آهي.
    خليفي گل پوک جي طريقن ”کرڙا“ ۽ ”روت“ سان تشبيهه، ڏيندي زندگي ۽ موت جي منزلن جو ڪهڙو نه موزون ذڪر ڪيو آهي.
    ”لڏئو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ پيءَ،
    هڻن جيئن ٿا هاري کرڙا ۽ روت.“
    گل الله جي واٽ ۾ وک وڌائڻ کي ڪورين جي ڪپڙي اُڻن سان ڀيٽي نهايت ئي جاذب نظر موزون ۽ اعليٰ تشبيهه اخذ ڪئي آهي.
    ”پائي پيچ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌر،
    ٿيا ڳنڍجي ”گل“ مڙيئي گوپ گوت.“

    نفس تي ضابطي رکڻ واري خيال کي شڪاري واري رسي ۽ مهاڻي جي ڇت سان ڀيٽي گل ڪمال ڪيو آهي. جهڙي طرح شڪاري ڦاهي واري رسي ۾ ڌيان رکي ويهندو آهي ۽ مهاڻو مڇي مارڻ لاءِ مٽ تي چڙهي ويهندو آهي ۽ ڇت کي وڌيڪ قبضي ۾ ڪري ويهندو آهي تهڙي طرح تون به پنهنجي نفس کي مڪمل ضابطي ۾ رک.
    ”ٿو ڦاهي شڪاري منجهه رَسيءَ کي رکيو ڌيان،
    ٿو چڙهي مٽ تي ماڻهو هٿ رکي ٿو چاڙهه چٽ.“
    اهڙيون تشبيهون گل جي ڪلام ۾ گهڻي تعداد ۾ موجود نظر اچن ٿيون جيڪي سندس عبارت کي عام فهم ماڻهن جي عام فهم عبارت بنائن ٿيون. گل فطرت جو ۽ پنهنجي ماحول جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو هو. هن جي عبارت ۾ فطرت ۽ سنڌ جي ماڻهن، اُنهن جي ڌنڌن، وهنوارن، ڪاروبارن کي جانچي ڏٺو ۽ نفاست سان پنهنجي ڪلام ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان بيان ڪري روح کي راحت بخشي آهي. گل باڪمال صوفي عشق مجاز انسان ۽ بيمثال شاعر هو. هن جي عبارت ۽ ٻوليءَ اهڙي ئي جاذب نظر ۽ متاثر ڪُن آهي.
    گل جي شاعري جي سنڌي ادب ۾ وڏي اهيمت آهي. هو عروضي شاعري جو هڪ ممتاز شاعر هو ۽ جديد سنڌي ادب ۽ شاعري جي شروعاتي دور جو سرموڙ شاعر طور ڏاڍو مشهور آهي. هن جو دور وڏين سياسي ۽ ادبي تبديلين جو دور هو. انگريز سنڌ ٿي ڇانئجي چڪا هئا سنڌي سماج ڪيترن ئي گروهن ۾ ورهائجي چڪو هو. ادبي ميدان ۾ عروضي شاعري نمايان مقام حاصل ڪري چڪي هئي. عروضي شاعرن فطرت کان منهن موڙي ڇڏيو هو. سنڌي ثقافت ۽ روايتن کان پاسيرو ٿي ويا هئا. آزاد ۽ کلي ماحول کي ڇڏي هو هڪ مصنوعي ماحول جا قيدي بنجي ويا هئا. اُنهن سنڌي ٻولي، اُن جي نج لفظن، محاورن، ترڪيبن ۽ تشبيهن کي وساري فارسي شاعري جي لفظن، ترڪيبن، محاورن، تشبيهن ۽ مثالن کي پنهنجو بنائي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. شروع شروع ۾ خليفي گل به اهو انداز اختيار ڪيو. هن جي غزلن ۾ به فارسي ٻولي جا لفظ، مثال، ترڪيبون، محاورا، تشبيهون عام جام نطر اچن ٿيون.
    ”پيالو مئي سندو ڏي پر ڪري محبوب متوالا،
    ته مستيءَ ۾ محبت جي ڪيون هن هوش کي حالا.“
    *-*-*
    ”محو ٿيا ذات ۾ ذاتي صفتن کان ٿي فاني،
    ويا لنگهي برپپ رڻ لڌائون باغ لقا.“
    *-*-*
    ”بلبليون عاشق گلن تي، تو تي ”گُل“
    گل اچي گلزار ۾ گل سان هيج.“
    گل پوءِ محسوس ڪيو ته پسگردائي جي ماڻهن ۾ سندس ڪلام مقبول عام ٿي نه سگهيو آهي. هن ٻهراڙي جي نج صنفن ۾ لکيل ڪلام کي ٻُڌو ۽ اُنهيءَ ڪلام هن کي قائل ڪيو ته هو عروضي شاعري کان هٽي ۽ پنهنجي ديسي ۽ ڳوٺاڻي شاعري ۾ دلچسپي وٺي. هن ديسي روايتن مطابق شاعري لکڻ شروع ڪئي. هن پنهنجي ڪلام ۾ عام ماڻهن ۾ رائج صاف، سادي ۽ سلوڻي ٻولي جو استعمال ڪري وڏي مقبوليت ماڻي ورتي.
    خليفي گل سنڌي شاعري ۾ نوان نوان تجربا ڪري هُن ۾ ڪيئي اضافا آندا آهن. هن غزل جي موضوعن کي عشق کان اڳتي وڌائي زندگي جي جدا جدا رخن ۽ روپن تائين ڦهلائي، انهن ۾ وڏي وسعت پيدا ڪئي ۽ نظم جي صنف لاءِ اٻواٽ تي تياري جو آغاز ڪري ڇڏيو.
    ”سنڌي غزل جو تجزيو“ جي ليکڪ شيخ عبدالرزاق راز جي راءِ آهي ته ”گل اسان جي ٻولي ۾ غزل جو خالق آهي“ گل بيشڪ غزل جي صنف کي سنڌي ٻولي ۾ سرجڻ وارو پهريون سرجڻهار شاعر آهي. هن غزل جي صنف ۾ بي بها اضافا ڪري سنڌي شاعري کي اڳتي وڌايو آهي. هن جي ڪلام ۾ ڪي لفظ اهڙا اچن ٿا جيڪي هن جي جديديت (Modernism) طرف اشارو ڪن ٿا. ڪٿي ڪٿي جديديت (Modernism) جا اهڃاڻ به نطر اچن ٿا.
    ”سرکيا سورهه سپاهي سينگ ساهل سخت سوٽ،
    چال ۽ چالاڪ چهرا چست ڇاڙهيو ڏيئن چوٽ.“
    *-*-*
    ”رنگ هڪ ۾ روپ ڪيئي آهن بجليون سو هزار،
    منجهه ڪڪر لڙهه، واج آهي مينهن آهي گاج وڄ.“


    مددي ڪتاب
    (1) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (2) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.
    (3) حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
    (4) محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ ٻئي ڀاڱا.
    (5) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. مهاڳ: ڪليات سانگي.
    (6) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (7) شيخ عبدالرزاق راز. سنڌي غزل جو تجزيو.


    شمس الدين ”بُلبُل“(1857ع کان 1919ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني، سابق اعزازي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، ”ڪلام بلبل“ ۾ ”ناثر طرفان ٻه اکر“ ۾ بلبل کي خوب داد ڏنو آهي. هو چوي ٿو ته ”بلبل پنهنجي فن جو امام آهي. سندس پائي جو انهيءَ مخصوص فن ۾ اڃان تائين ڪو شاعر پيدا نه ٿيو آهي.“
    ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني،”ڪلام بلبل“

    ”ڪلام –بلبل“ جي ديباچي ۾ ضيالدين ضياء بلبل جي فن جي باري ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي هڪ نظم جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر خليل بلبل جي شاعرانه عظمت جي خوب واکاڻ ڪئي آهي.
    ”سنڌ اهڙو نه ڪيو هو ڪو سخنور پيدا،
    نه بلاغت ۽ فصاحت ۾ ڪو همعصر پيدا.“
    ضيالدين ضياء ڪلام – ”بلبل“

    بلبل جهڙي شوخ، بيباڪ ۽ اثر انگيز شاعري ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪو ڪري سگهندو.

    شخصيت
    شمس الدين بلبل سنڌي ٻولي جو نرالو ۽ ناميارو شاعر آهي. هن پنهنجي ڏات، ڏاهپ، مشاهدي جي تيزي، جدت ۽ شوخ ۽ بيباڪ عبارت ذريعي سنڌي شاعري کي هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگ ڏنو آهي. هن سنڌي شاعري جي خوب خدمت ڪئي هن شاعري جي هر صنف ۾ لکيو ۽ خوب لکيو.
    بلبل جي شاعري گهڻو ڪري طنز ۽ مزاح جي رنگ ۾ رتل آهي. هن جي حمديه شاعري اعليٰ ۽ عاليشان آهي. هن جي نعتيه شاعري هن جي روح جو آواز آهي. بلبل هڪ ديانتدار، ديندار ۽ مخلص انسان هو. بلبل جي نعتيه شاعري اُن جو پڪو ثبوت آهي. هن ا خلاقي ۽ اصلاحي شعاري به ڪئي آهي. هن سنڌي، سرائڪي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ خوبصورت قصيدا لکي پڙهندڙن کان خوب داد حاصل ڪئي. هن جي تضمين واري شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. بلبل جي مزاحيه غزل نگاري لاجواب آهي. اُن ۾ شامل طنزيه ۽ مزاحيه رنگ سندس شاعري کي خوب دلفريب ۽ پرڪشش بنايو آهي.
    شمس الدين بلبل هڪ باوقار، ديانتدار ۽ رعب دار شخصيت جو مالڪ هو هو هڪ بلند آواز، بلند اخلاق ۽ بيباڪ شاعر به آهي.

    پيدائش:
    شمس الدين بلبل جي پيدائش سن 1857ع ۾ ميهڙ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ٿي. هو اُتي ئي پليو ۽ وڏو ٿيو. هن ميهڙ جي ننڍن ننڍن مڪتبن ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪئي. ٿوري وقت کان پوءِ هو ميهڙ واري محدود زندگي کان بيزر ٿي ويو. هن ميهڙ کي ڇڏي ڏنو ۽ سن 1889ع ۾ ڪراچي پهتو جتي هو حسن علي آفندي جي زير اثر رهيو ۽ سياسي، سماجي ۽ تنظيمي تحريڪن جو حصو بنيو. هو معاون اخبار جو ايڊيٽر بڻيو. هن جي پر زور ۽ اثر انگيز مضمونن جي ڪري نه صرف هن جي شخصيت نکري پئي، پر معاون اخبار به مقبول ٿي ويئي. هن علم جي ميدان ۾ ڀرپور حصو ورتو. تعليم کي زور وٺرائڻ لاءِ هن عمدا ۽ دلنشين مقالا لکيا. هن طنزيه ۽ مزاحيه مقالا لکي خوب شهرت حاصل ڪئي.

    حسن علي آفندي سان تعلق:
    بلبل پنهنجي مذاق ۽ ظرافت سان حسن علي آفندي جي لاءِ ميدان عمل تيار ڪيو. هن حسن علي آفندي سان علمي ۽ قلمي سهڪار ڪيو. جڏهن حسن علي آفندي دکن ايگريڪلچر فنڊ جي ائڪٽ کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو تڏهن بلبل هن جو خاص مشير ۽ رفيق ڪار بڻيو. جڏهن پوني جي ڪميشن آفندي کي گهرايو. تڏهن بلبل هن جي هر قسم جي مدد ڪئي. سڀ قاوني طور طريقا استعمال ڪري. گهربل ڪاغذات هٿ ڪري، ڪميشن اڳيان آفندي کي سرخرو ڪيو. اها بلبل جي هڪ وڏي خدمت هئي.
    هن کان پوءِ بلبل صحافت جي ميدان ۾ آيو. هو محنت ڪري، مضمون، مقالا ۽ مزاحيه شاعري جي ذريعي هڪ وڏو صحافي بڻجي ويو. هن سنڌي ادب ۾ صحافت جي شعبي کي نمايان ترقي ڏياري ۽ صحافت جي فن کي زنده رکيو. ”ڪراچي گزيٽ“، ”خير خواهه“ لاڙڪاڻو ”مسافر“، حيدرآباد ۽ ”آفتاب، سکر ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. هن پنهنجي مضمون نگاري، بيباڪ صحافت ۽ طنزيه عبارت جي ذريعي خوب مشهوري حاصل ڪئي.

    مجازي عشق جي چوٽ:
    ڪراچي ۾ رهندي بلبل مجازي عشق جي چوٽ کاڌي ۽ هڪ پارسياڻي محبوبه جو اسير ٿي ويو. آخرڪار پارسي محبوبا کي ڪراچي مان کڻي ميهڙ پهتو. قانوني مشڪلاتون طئي ڪري اُن حسينا سان شادي ڪئي. هن ڪراچي کي هميشه جي لاءِ ڇڏي ڏنو.

    محمد صديق ميمڻ جي راءِ:
    محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ بلبل جي رنگين معاشقي جو ذڪر ڪيو آهي.
    ”اچي نه اچي ڪين بلبلان ڪين ٿئي ٿو گُلگلان،
    روز چمن ۾ چهچٽو، تازه به تازه نوبنو.“
    (گلان بلبل جي محبوبا جو نالو هو.)
    بلبل ڪراچي ۾ رهندڙ حسينائن جو به خوب ذڪر ڪيو آهي.
    ”فوج سهڻن جي دل ڦري تي جهٽ پٽ،
    هي به هڪ دلبرن جو ڌاڙو آهه.“

    مطالعي جو شوق:
    بلبل کي مطالعي جو ڏاڍو شوق هو. هن وٽ وڏي ڪتابن جي لئبرري هئي، جنهن ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو. لئبرري ۾ تفسير، حديث، فقھ، تاريخ، تصوف، سيرت، سوانح، فلسفو، عروض، نعت ۽ منطق تي ”مستند ڪتاب موجود هئا جي سندس مطالعي ۾ رهندا هئا.
    بلبل هنڌ ۽ سنڌ ۾ هڪ اديب، عالم ۽ شاعر طور ڏاڍو مقبول هو. هو هڪ اخبار نويس، اهل علم، محفلن ۽ ڪچهرين جو مور هو. سياسي ۽ تعليمي اڳواڻ هو. هن جي دل قوم ۽ دين جي درد سان معمور هئي. اِها بلبل جي نمايان خوبي هئي.
    بلبل راڳ جي رهاڻين کي ڏاڍو پسند ڪندو هو. راڳ سان دلچسپي جي اها حالت هئي جو جڏهن زخم کي ٽڪي ڏيئڻ لاءِ حجام کي آندائون ته هن راڳيندڙن جي ٽولي کي گهرائي اُنهن کي چيو ”راڻو سُر ڳايو.“ راڳيندڙ ڳائيندا رهيا ۽ ٽڪو لڳي ويو پر بلبل راڳ جي اثر ۽ ڪيفيت ۾ مستغرق رهيو. بلبل چوندو هو ته راڳ روح جي لاءِ آهي. اُن ۾ بدن جو ڪو به حصو ناهي.“

    پُر وقار انسان:
    بلبل هڪ بااخلاق ۽ پروقار انسان هو. بلبل باوجود ادبي ۽ سياسي مشغولين جي هڪ ديندار ۽ ديانتدار شخص هو. هو صوم و صلوات جو پابند، شرعي مسئلن جو ماهر ۽ دکين جو يار هو. هن جو لباس پر وقار هوندو هو. شرعي سونهاري، ٻٽوان وار ۽ مٿي تي دستار ٻڌندو هو.

    هن جون خوبيون
    شمس الدين بلبل جدا جدا خوبين ۽ خصلتن جو هڪ حسين ۽ رنگين گلدستو هو. هو تقرير جو باڪمال ماهر هجڻ سان گڏ مذهب پرست به هو، موسيقي ۽ فني وابستگين سان گڏ نماز جي امامت به ڪندو هو. ظرافت انگيز ٽوٽڪن ۽ لطيف اخلاقي نقطن سان گڏ، اسلامي ڪتابن جي تاليف ڪندڙ به هو، مهماننوازي ۽ سخاوت سان گڏ، حساب ڪتاب رکڻ وارو ماهر به هو، جليل ۽ رعبدار هجڻ سان گڏ عاجزي ۽ انڪساري رکندڙ شخص به هو. قومي ليڊر ۽ تعليمي ماهر هجڻ سان گڏ زميندارن سان گڏ اٿڻ ويهڻ وارو پيارو شخص به هو. هو سهڻي صورت سان گڏ، سهڻي صورت جو قدردان به هو بيشڪ بلبل باڪمال ۽ جامع شخصيت جو مالڪ هو. ضياء الدين ضيا جي راءِ موجب ”بلبل جي شخصيت يڪ سوئي، يڪ خيالي ۽ يڪ وجودي تي قائم هئي.“
    انهي دور ۾ بلبل پنهنجو ڪتاب ”جام جم“ لکيو جنهن ۾ هنڌ جي پس منظر، هندن جي انگريز پرستي، ۽ مسلمانن جي ڪاهلي ۽ نااهلي تي مفيد معلومات پيش ڪري، مسلمانن کي خبردار ڪيو ته هو پنهنجي ديس ۾ پنهنجي حقن لاءِ جدا جدا تنظيمون جوڙن، پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪن ”پر جدا ۽ نه گڏ“ بلبل جو هي آواز پاڪستان جي ٺهراءُ کان ٻاويهه سلا اڳ جو آهي، جنهن ۾ جداگانه قوميت جو روح موجود آهي. بلبل جي وفات وقت سندس زبان مان هي لفظ نڪتا:
    ”هندن جا بُجڪا ڌار ڪريو، مسلمانن جا بُجڪا ڌار ڪريو.“ شمس الدين بلبل چوهٺ سالن جي عمر ۾ 13 سيپٽمبر 1919ع ۾ وفات ڪئي.
    شمس الدين بلبل سنڌ جو هڪ لائق فرزند، طنزيه ۽ مزاحيه شاعري جو سروان شاعر ۽ سنڌي ادب ۾ انقلاب آڻن واري باوقار ۽ دلچسپ هستي هُئي. ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل هن جي ٽه رُخي شخصيت تي تبصرو ڪندي خوب لکيو آهي: ”بلبل واقعي قومي روح، زبان جي سادگي ۽ عام فهم عبارت استعمال ڪرڻ جي لحاط کان سنڌ جو حالي هو، ظريفانه ڪلام ۽ اصلاحي شاعري جي خيال کان اڪبر الله آبادي ۽ اخلاقي ۽ مذهبي لحاظ کان سعدي ثاني هو.“

    (نوٽ: مون بلبل جي شخصيت جي باري ۾ ٿورن سان گڏ ضيالدين ضيا جي ”ديوان بلبل“ جي لکيل مقدمي تان معلوامت حاصل ڪئي آهي.)

    شمس الدين بلبل سنڌي نثر توڙي شاعري ۾ تمام گهڻو لکيو پر سندس ڪافي ادبي ذخيرو ٽڙيل پکڙيل آهي. شاعري ۾ سندس ٻه ڪتاب ”ديوان بلبل“ ۽ ”ڪلام بلبل“ شايع ٿيل آهن. بلبل جي ٻنهي ڪتابن کي غلام محمد گرامي مرتب ڪيو آهي.

    وڏو طنز نگار شاعر بلبل جي طنزيه شاعري:
    طنز شاعري جي هڪ قديم صنف آهي. بنيادي طرح طنز جو ڪم آهي. هلان ڪرڻ، سماج ۽ ماڻهن جي اوڻائين کي پڌرو ڪري، اُنهن تي چٿرون ڪري، ماڻهن کي سُڌارڻ. رچرڊ گارنيٽ (Richard Garnett) جي چوڻ مطابق ”طنز ادبي لحاظ کان مناسب لفظن ۾ راين کي ظاهر ڪري اُنهن کي سُڌارڻ جو هڪ فن آهي. طنز نگار انساني اوڻاين ۽ ڪمزورين کي اهڙي طرح ظاهر ڪندو آهي جو هر طرف کل ڀوڳ، مسخري ۽ مذاق جو ماحول پيدا ٿي ويندو آهي. هو ڪمزور انسانن کي نفرت جو شڪار ڪو نه بڻائيندو آهي پر انهن ۾ جي لاءِ همدردي جا جذبا پيدا ڪندو آهي.
    اها هڪ حقيقت آهي. ادبي شڪل ۽ صورت کان سواءِ طنز صرف کل ڀوڳ ۽ مسخري هوندي آهي. طنز جو بنيادي مقصد آهي. بُرن ۽ بيوقوف انسانن جي اڍنگي برتاءُ کي ٽوڪڻ ۽ چند اشارن ذريعي انهن لاءِ همدردي جو ماحول پيدا ڪرڻ. طنز نگار سڀاءُ ۾ هڪ شريف انسان هوندو آهي ۽ هڪ نقاد جيان ڪنهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي.
    هڪ طنز نگار اصلاح پسند انسان هوندو آهي. جان ڊرائيڊن (John Dryden) جي چوڻ مطابق ”طنز نگاري جو ڪم آهي“ اوڻاين کي درست ڪري، براين کي سُڌارڻ“ طنز عام هوندي آهي. ذاتي نه هوندي آهي. طنز نگار پنهنجي اصلاح جي ڪم کي حاصل ڪرڻ لاءِ هميشھ محتاط رهندو آهي. هو ڪمزور انسانن کي بي نقاب ڪري انهن کي اگهاڙو نه ڪندو آهي. هو انهن کي همدردي جو لباس پارائي انهن کي صرف ڇرڪائيندو آهي ۽ شرمسار ڪري انهن کي سُڌارڻ جو درس ڏيندو آهي.

    هڪ طنز نگار وٽ ڇهه هٿيار هوندا آهن جن کي ڪاريگري سان پيش ڪري هو پنهنجي ڪم کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اُهي ڇهه هٿيار هي آهن:

    (1) مذاق (Ridcicule)
    (2) حاضر جوابي (Wit)
    (3) بد ڪلامي (Banter)
    (4) مزاح (Humour)
    (5) گارگند (Invective)
    (6) دروغ گوئي (Irony)

    انهن هٿيارن کي اُهو ئي طنزنگار مناسب نموني ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو جنهن وٽ سمجهه آهي، انساني طبيعت جي فلاسافانه ڄاڻ موجود آهي ۽ مشاهدي جي ذريعي انساني اوڻاين کي اجاگر ڪرڻ جو ماهر آهي.
    حسام الدين راشدي جو چوڻ آهي ته ”بلبل جي ظريفانه نثر ۽ نظم تي سنڌي ادب کي فخر حاصل آهي. بلبل نه صرف ظرافت آميز ڪلام جو موجد آهي پر سنڌي شعر جي تاريخ جي نئين دور جو باني سڏيو وڃي ٿو.“
    شمس الدين بلبل جو دور (1857ع 1919ع) سنڌ جي ماڻهن ۽ انهن جي ثقافت ۽ علم ادب لاءِ ڏاڍو ڏکيو وقت هو. سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا هئا، ڪمائي کائڻ وارا هئا ۽ خوشحال زندگي گذارڻ وارا ماڻهو هئا. انگريزن چالاڪي سان سنڌ تي ڌاڪو ڄمايو ۽ پنهنجي مڪاري وارين حرڪتن ۽ فرنگي ثقافت جي بقول بلبل، ”دلبرن جي ڌاڙي ذريعي سنڌ جي عام خواهه خاص ماڻهن کي ڦريو، ڦاسايو ۽ اُنهن کي دين، ڌرم، ثقافت ۽ تعميري سوچ کان پري ڪيو. سنڌي ماڻهو پاڻ کي وساري، اغيار انگريزن جي دهلن تي باندرن وانگي نچي، ٽپي سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا. اُنهن جي آزادي ۽ آزاد سوچ کي وڏو ڌڪ لڳو. اُنهن جي مان، اڀيمان (غرور) ۽ عظمت موڪلائي ويئي ۽ هو زرخريد غلام بنجي ويا.
    انگريزن تُرت نوان قانون ٺاهي، بنان عوام جي منظوري جي سنڌ ۾ رائج ڪيا. انهن جي تعليمي، قانوني، روينيو ۽ زمين جي ماپ تور وارن قانونن کي بدلائي سنڌ کي ڪافي نقصان پهچايو. سنڌ جا صدين کان هلندڙ مدرسا بيهي رهيا. زميندار ۽ وڏيرا ڏچي ۾ اچي ويا. نين نين شڪن ماڻهن تي وڏو بار وڌو. عيسايت جي تبليغ شروع ٿي ويئي. انگريزي ٻولي کي تعليم جو ذريعو بنائي، هتي جي تعليمي نظام کي تباهه ڪيو و يو. سرڪاري نوڪرين ۾ ماڻهن کي ڀرتي ڪري، انهن کي پٽيوالا، چوڪيدار، داروغا، ڪلارڪ، هيڊ منشي ۽ سنڌي ماستر بنائي، اُنهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيو ويو. اُنهن جي صلاحيتن کي تباهه ڪيو ويو ۽ سنڌي ماڻهن ۾ ورڇا وڌائي اُنهن کي ذهني طور ڪمزور بڻايو ويو.
    انگريزن لالچون ڏيئي سنڌ جي ماڻهن کي خريد ڪرڻ شروع ڪيو. اُنهن کي وڏا وڏا عهدا، لقب، خلقتون ۽ جاگيرون عطا ڪري، اُنهن کي خان بهادر ۽ راءِ بهادر جا خطاب ڏيئي، پنهنجي طرف ڪيو. اهڙي طرح ساده لوح سنڌي ملڪ، ثقافت، ٻولي، ادب ڇڏي انگريزن جا غلام ۽ قدردان بڻجي ويا. اُنهن سنڌيدان کي بلبل پنهنجي طنزيه شاعري ۾ خوب ننديو آهي. سنڌيدان کي انهن جي ڪريل حرڪتن تي مبارڪون ڏيندي خوب شرمسار ڪيو آهي.
    ”پروانا، انعام، عطايون، لونگيون پوتيون شال مبارڪ،
    خاطن جي خوشخبري خاصي، عمدا حال احوال مبارڪ،“
    انگريزن سنڌيدانن کي زمينون، جاگيرون عطا ڪري، اُنهن کي لقب، عهدا، خلعتون بخشي مڪمل طور تي پنهنجو ڪري ورتو.
    ٻئي طرف فرنگي ثقافت هڪ اهڙ ۽ مغرور حسينه جو روپ بدلائي، گهٽين ۾ پاڙن، پارڪن ۾ درسگاهن ۾، جلسن ۽ جلوسن ۾ ۽ ثقافتي مرڪزن ۾ سنڌ جي نوجوانن تي حملو ڪري، انهن کي پنهنجو گرويده بنائي، اُنهن جا هوش ۽ حواص کسي، کين پنهنجي آپي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. بلبل پنهنجي غزل جي هڪ شعر ۾ حسين دلبرن جي ڌاڙن جو خوب ذڪر ڪيو آهي.
    ”فوج حسينن جي دل ڦري جهٽ پَٽ،
    هي به هڪ دلبرن جو ڌاڙو آھه “
    انهن فرنگي حسينائن اُنهي کي شربا آڇي، مئي جا پيالا پياري، اُنهن کي سنڌي ثقافت جي دلفريب نظارن تان هٽائي، اُنهن کي سرمستي، توانائي ۽ خودداري کان دور ڪري کين باندرن جيان خوب نچايو.
    بلبل جيڪو هڪ وطن پرست، غيرتمند ۽ خوددار انسان هو، اهڙين حالتن کي ڏسي تڙڦي اُٿيو. ديس واسين جي ڪمزورين ۽ احمقانا حرڪتن هن کي مجبور ڪيو ته هو ميدان. عمل ۾ اچي ۽ ديس واسين کي مڪارن ۽ عيارن جي اڍنگين ۽ بيهودا يلغار کان بچائي ۽ ڪجهه مناسب ۽ ڪارائتا قدم کڻي. بلبل جيڪو هڪ وڏو نقاد هو، سماجي ۽ معاشرتي مسئلن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ وارو بيباڪ ۽ غيرتمند شخص هو. هن پهرين پهرين طئي ڪيو ته ستايل سنڌي عوام جي لاءِ واعظ، تقريرون ۽ اخلاقي هدايتون بيڪار ۽ بي اثر آهن. بلبل سوچي سمجهي اُهو طئي ڪيو ته انهن راين سان لڙڻ جي لاءِ قلم سان جهاد ڪري ته فائديمند ٿيندو. هن طنز جو نشتر هٿ ۾ کنيو ۽ وڏي واڪي ميدان عمل ۾ اچي جهاد جو اعلان ڪيو. بلبل سوچيو ته پهرين انهن مظلومن کي آئينو ڏيکاري. انهن جي اکي تان ڪمزورين جون پٽيون لاهي، انهن کي شرمسار ڪري، انهن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو جاڳائجي. انهن جي مايوسين کي دور ڪجي، انهن ۾ همت ۽ حوصلو پيدا ڪري، نئون روح ڦوڪجي. انهن ۾ خود آگاهي، جرئتمندي، خودداري جاڳائي سين راهه تي آڻجي، مرده دلين کي وري زنده ڪجي.
    طنز جي باري ۾ بلبل جي وصف واضح آهي. هن جي چوڻ مطابق طنز هڪ بيضرر پر ڪارآمد طريقيڪار آهي. جنهن جي ذريعي انساني اوڻاين کي دور ڪري. انساني ڪردار کي وري گهڙي، سُڌاري ۽ سنواري پيش ڪجي.

    بلبل جو چوڻ آهي ته:
    ”پنهنجا عيب هرڪو ڏسي ٿو سگهي،
    ڏسي نه ته هي اعمالنامو پڙهي،
    اگر آهي لائق ته عبرت وٺي،
    ڏسي عيب پنهنجي نصيحت وٺي.“
    غلام محمد گرامي جي راءِ :
    غلام محمد گرامي سنڌي ادب ۽ شاعري جو هڪ بيمثال نقاد آهي. هن پنهنجي مضمون ”سنڌي ادب ۽ مزاح نگاري“ ۾ بلبل جي طنز ۽ طنزيه شاعري جو ڀرپور جائزو وٺي، هن جي طنزيه طور طريقن کي پڌرو ڪري هڪ لاجواب ڪم ڪيو آهي. جيڪو نه صرف پڙهندڙن لاءِ پر پڙهائيندڙن لاءِ به ڪارگر آهي. گرامي جي چوڻ مطابق بلبل جي اثبات ۾ نفي آهي ۽ امر ۾ نهي آهي. جتي هو جديد تهذيب ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اثبات ۾ ڳالهائي ٿو. اُتي دراصل سندس مطمع نظر نفي آهي. جتي سنڌين جي درماندگي ۽ سادگي کي هدف ملامت ٿو بڻائي، اتي دراصل سندس مطمع نگاهه اثبات ۾ آهي.“ بلبل انگريزن جي جديد علم جي غلط ڪارين کي نندي ٿو، اُتي هو سنڌ جي سادن ۽ سٻاجهن انسانن کي پنهنجن اوڻاين کي دور ڪرڻ جو درس ڏيئي، پنهنجي گمشده تهذيبي عظمت کي وري حاصل ڪرڻ جي لاءِ همٿائي ٿو.
    بلبل سنڌ جو هڪ باوقار، باضمير، بيباڪ ۽ رعبدار شخص هو. هو اڏول هو، ڪرڙو هو ۽ ڪونڌر هو. هو ذاتي فائدن جي لاءِ ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ وارو ڪين هو. انگريزن مڪاري ۽ عياري سان هن کي خريد ڪرڻ جون گهڻيئي ڪوششون ڪيون، پر هو ڪامياب ٿي نه سگهيا. سندن لالچون، انعام، لقب، خلعتون ۽ عهدا هن کي ڦاسائي نه سگهيا. هو هڪ بلند اخلاق، بلند ڪردار ۽ غير جانبدار شخص هو. هن جي سامهون هڪ مقصد هو. سادن ۽ شريف سنڌين کي غفلت جي ننڊ مان جاڳائڻ، پورهيو ڪري کائڻ ۽ کارائڻ جي اصول تي ڪاربند رهڻ ۽ سنڌ کي خوشحال بنائڻ لاءِ جتن ڪرڻ.

    کلي دل ۽ دماغ وارو انسان:
    بلبل کلي دل ۽ دماغ وارو انسان هو. هن کي دين سان گهڻي محبت هئي. هو سڀني کي پيار ڪرڻ وارو شخص هو ۽ سڀيئي هن سان پيار ڪندا هئا. هو ڪنهن جي به خلاف ڪو نه هو. هو تعليم ۽ ٻولي سان هر دم محبت ڪندو هو. هو انگريزن جي مڪارين، عيارين ۽ غلط طور طريقن جي خلاف هو. هو انگريزن کي انهن جي غلط پاليسين جي لاءِ ننديندو رهيو، هو ڪنهن به ڊپ ڊاءُ اڳيان نه جهڪيو هن کي انگريزي جي وڏن شاعرن ۽ تخليق ڪارن جهڙوڪ اليگزينڊر پوپ (Alexander Pope) جو ناٿن سوئيفٽ (Jonathan Swift) ۽ جان ڊرائيڊن (John Dryden) سان ڀيٽي، هن جي عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پوپ جي طنز کُلي ۽ کاري آهي، سوئيفٽ جي طنز ڀڃ ڊاهه واري آهي ۽ ڊرائيڊن جي طنز مزاح سان ڀريل آهي، پر انهي ۾ ذاتي حملا به شامل آهن. انهن جي مقابلي ۾ بلبل تعميري آهي. انهي ۾ تعصب، حسد، عناد ۽ ذاتيات جو ڪو به عمل دخل ناهي. هن جي طنز ۾ سنجيدگي شائستگي، خير خواهي ۽ خلوص ڀريل آهي.
    بلبل سماجي ۽ معاشرتي حالتن جو ماهر هو. هن پنهنجي تحقيقي اک سان سماجي ۽ معاشرتي براين جو مشاهدو ڪيو ۽ اُنهن جي علاج ڪرڻ جو عهد ڪيو. بلبل انهيءَ جي لاءِ طنز جو نشتر کڻي ميدان عمل ۾ آيو. بلبل جي طنز تلاور کان به وڌ تکي آهي. هن پهرين برن ماڻهن جي براين جو باريڪبينني سان مشاهدو ڪيو ۽ انهن جي علاج لاءِ سوچي ٿو. ننڍڙي برائي کي کِلي کِلائي دور ڪري ٿو. انهن کان وڏين براين کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ٽڪو لڳائي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن دوا ۾ زهر ملائي اُنهن کي پياري ٿو، جيڪو ترياق بڻجي اُنهن جي اُناين کي دور ڪري ٿو. ڪڏهن هڪ قابل سرجن وانگر زخمن کي چيري فاسد مواد کي ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو. هو اِهو اهڙي ته ڪاريگري سان زخمن جو علاج ڪري ٿو جو نه مريض کي ڪا خبر پوي ٿي ۽ نه وري تيماندار کي، هڪ طنزنگار لاءِ اهو ضروري آهي ته هو دورانديشي، احتياط ۽ ڪاريگري جي دائري ۾ رهندي انساني اوڻاين جو علاج اهڙي نموني ۾ ڪري جيئن نه ڪو چڙي ۽ نه ڪو ناراض ٿئي.
    بلبل جي طنزيه نظم ”نئون زمانو“ سنڌي ٻولي ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. انهي نظم ۾ بلبل ڪشادهه دل سنڌين ۽ اُنهن کي نچائيندڙ فرنگي محبوبائن تي وڏي تنقيد ڪئي آهي. بلبل اُنهن جي اُٿڻ ويهڻ، لٽڪن جهٽڪن، اوزارن ۽ هٿيارن، ڊريسن، سواري جي ذريعن، کائڻ پيئڻ جي سامانن، وندر ورونهن جي ڪمن، راندين روندين جي مقابلن، کائڻ پيئڻ جي سامانن ۽ اُنهن جي احمقانا حرڪتن جو کليو اظاهر ڪري، اُنهن جي کوکلي ۽ مصنوئي زندگين تي خوب چوٽ ڪئي آهي.
    ”سيٽي ۽ سگريٽ سدائي، گٽ مٽ، گٽ مٽ وات ۾ وائي،
    کيل خوشيءَ ۾ بردم خوردم، ميل جول ۾ وحشي بيدم،
    جنٽلمين مِسن جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر نورا سوڙا،
    نچ وي باندر نچ وي باندر، تاڪ ڌنا ڌن، تاڪ ڌِنا.“
    بلبل جي هن نظم ۾ جيڪا رفتار آهي، نغمگي آهي ۽ سچ پچ جيڪا لڪل بيهودگي آهي، اِها اکيون کولڻ واري آهي ۽ اوڻائين کي دور ڪرڻ جو هڪ درس آهي.
    بلبل فيشن پرستن تي ڏاڍا ڇوهه ڇنديا آهن:
    ”ڪارن جي ٻڌ ڪار گذاري، هپ هپ هري، هپ هپ هري،
    جنٽلميني جلسا جاري، هپ هپ هري، هپ هپ هُري،
    ڪوٽ سبائن ڪارو ڪارو، ڊانس بوٽ ولايت وارو،
    ٽوپي ڪاري، سرتي کاري، هپ هپ هُري، هپ هپ هُري.
    ڏاڙهي ساڻ ڏهاڙي جهڙو، مُڇون گانگٽ، وڇون ويڙهو،
    سيٽي لڪڙي، چرخشماري، هپ هپ هري هپ هپ هري.
    ڪاڻ وداع سليوٽ سلامي، ٽوپي هٿ ۾ ٽامي ٽامي،
    آءِ ايم ويري ساري پياري، هپ هپ هري، هپ هپ هري.“
    بلبل سنڌيدانن کي انهن لفظن ۾ ننديو آهي.
    ”سنڌي دان سياهه زور ۽ سخت، جاهل باخرد حفعه بدعت،
    سنڌيدان ايڊيت، سنڌيوان فول، رڳا جانور جهنگي ۽ جهول،
    سنڌيدان ڪم ظرف ڪچر و حقير، پري ڀڄ انهن کان جئن تيز تير.“

    بلبل انگريزدانن جو به خوب مذاق اُڏايو.
    ”جي عزت جهان ۾ رکو ٽنڊٽش،
    پڙهو انگلش، انگلش، انگلش،
    اهو علم دولت جو آهي دليل،
    زياهه ته ميٽو پڙهي ٿيو وڪيل،
    اِهو علم بخشي فضيلت ڪمال،
    حڪومت، مزا، عيش، اقبال ومال،
    بنائي اِهو علم حاڪم شريف،
    رسائي اهو علم لنڊن شريف.“
    بلبل اڻسڌي طرح سٻاجهن سنڌين کي تاقيد ٿو، ڪري ته هو پنهنجي ثقافت، عظمت ۽ اهليت ڇڏي ٽڙندا رهندا، ٿاٻڙندا رهندا پر ڪڏهن به منزل حاصل ڪري نه سگهندا.
    بلبل ڪاري ۽ گوري جي گفتگو ۾ خوب طنز جا تير اُڇلايا آهن. اُنهن ۾ روئن، رڙن ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ جو درس ڏنل آهي. ڪاري جي آرزو ٻڌو:
    ”گرچ ڪارو منهن اٿم ته به ڪاڻ ناهه،
    ٽوپلو پائي حماقت ٿو گهُران،
    لائي چشمو، چست ڇاڙهي، سوٽ، بوٽ،
    متل صاحب لوڪ صورت ٿو گهران.“

    گوري جو جواب به ٻڌو:
    ”گرچ آهي تنهنجو مون کان سينو صاف،
    ڪاري ماڻهو کان ڪدورت ٿو گهران،
    آ لقب لائق ٿيو تنهنجو ڊيم فول،
    مان ڏيئڻ توکي نه عزت ٿو گهران.“

    سچ پچ گفالي۽ تقليد جي ذريعي حاصل ڪيل عزت ذلت کان وڌ خراب هوندي آهي. انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته طنزيه شاعري جو بلبل شاهه آهي، شهنشاهه آهي.
    بلبل جي طنزيه شاعري مان ڪجهه مثال ڏجن ٿا جيئن ته پڙهندڙ طنزيه نُقطن مان ڪجهه پرئان، مزو وٺن ۽ آپي کان ٻاهر نه نڪرن:
    ”زر ساڻ ڪوجهو ڪاڻو، اڳ ۾ اُهو اگهاڻو،
    چريو به ٿئي سياڻو، زر آ ته عشق ٺهه پهه.“
    *-*-*
    ”باجو وڄائي ناچ جو ڪن ٿيون نشاط ۾،
    صاحب کي ڏس بغل ۾ باندر بنايو آهي.“
    *-*-*
    ”مرد ٿيا مڪار چئو ڪهڙي چيم،
    ڪي رنون ٿيون خوار، چئو ڪهڙي چيم.“
    *-*-*
    ”حيا لڄ کان هر دم ڪيو پنهنجو پاسو،
    ڦري مال، بئنڪن ۾ پئسا بچايو.“
    *-*-*
    ”تڪبير ۾ وڃي ٿي مرغ ۽ تتر جي لذت،
    گردن مروڙي تن جي، پيو جوش ۾ جلائج.“
    *-*-*
    ”آهي انگلش ۾ سندن اهل سان رغبت، الفت،
    مٽ مائٽ جي ۽ گهر ٻار جي اهڙي تهڙي.“
    شمس الدين بلبل جي طنزيه شاعري بيمثال آهي. هن جي سنجيده شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. بلبل جو اخلاقي ڪلام به اعليٰ درجي جو آهي.
    بلبل جي حمديه شاعري اثر انگيز ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي. بلبل جي حمديه ڪلام ۾ ”خلوه قدرت“، ”ذات الاهي“، ”تون آن“ ۽ ”ياد الله ڪر دم به دم“ ڏاڍيون مشهور آهن. بلبل هڪ ديندار ۽ سچو مسلمان هو. هو الله تعاليٰ جي حضور ۾ عاجزي ۽ انڪساري سان عقيدت جا گُل نڇاور ڪندي چوي ٿو:
    ”عالم الغيب، اي خدا تون آن،
    خالق الا عرض و السما تون آن،
    داغ تون، درد تون، دوا تون آن،
    زهيت تون، مرگ تون، فضا تون آن.
    الله تعاليٰ جو وجود هر شيءِ ۾، هر دم موجود آهي. بلبل انهي اڻمٽ حقيقت جو اظاهر ڪهڙي نه منفرد انداز ۾ ڪيو آهي:
    ”تون ۽ مان جي وار نه وائي،
    سڀ ۾ آهي ذات سچائي،
    ايڪو ايڪ، نه ٻول ٻيائي،
    هرڪو آهي حق سان هم،
    ياد الله ڪر، دم بر دم.“
    الله تعاليٰ هر هنڌ حاضر ۽ ناظر آهي. بلبل پنهنجي حمد ”جلوه قدرت“ ۾ الله تعاليٰ جي انهي خصوصيت جو عاجزي ۽ عقيدت سان اظاهر ڪندي ڪهڙو نه دلفريب منظر پيش ڪيو آهي:
    ”هر بر ۾، هر بازر ۾ هر بحر ۾ هر بن ۾،
    هر جهنگ ۾ هر رنگ ۾ جبلن ۾ گلشن ۾،
    ڇا لاله ولونگن ۾، ڇا سنبل و سوسن ۾،
    ڇا نرگس و نسرين ۾، سبزن ۽ نخلن ۾،
    ڇا غنچو ته ڇا گُل آ، ڇا رنگ ته ڇا بُو آهه،
    جلوو تنهنجي قدرت جو، اي قادرا هرسُو آهه.“
    بلبل نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم سان والهانه محبت ڪندو هو. بلبل سندن شان ۾ ڪيتريون ئي نعتون سرجيون آهن، جن مان ”عشق محمد“، ”نعت سرور ڪائنات“، ”رسول الله“، ”جلوه مصطفائي“، ”شاهه رسالت“ ۽ ”حضرت نبي ڪريم“ ڏاڍيون مشهرو ۽ مقبول آهن. بلبل جي نعت ”حضرت نبي ڪريم“ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. بلبل جو اظاهر بيان بيمثال آهي.
    محمد اسان جو شفيع و شفيق،
    خدا خلق اعظم سان خلقيو خليق.

    محمد اسان لاءِ پست و پناهه،
    محمد ٿيو دين جو دستگاهه.

    محمد کي مولا ڏني سروري،
    محمد کي بخشي خُد برتري.
    بلبل هڪ نعت ”شاهه رسالت“ ۾ الله تعاليٰ ۽ رسول اڪرم جي تعلقات بابت هڪ شعر ۾ واهه جو اظاهر ڪري ٻنهي کي خوب ساراهيو آهي.
    ”مٿي محبوب مدني جو پسي هي رُتبو عاليٰ،
    خدا مطلوب مڙني جو هو مطلوب-خُدا آهي.“
    انهي ساڳئي خيال کي بلبل نعت سرور ڪائنات ۾ اهڙي نموني ۾ پيش ڪيو آهي.
    ”ذات تنهنجي ۾ ظهور آ سچو نور خُدا،
    ڪيئي حيران هجي ويا ته هئي حڪمت ڇا؟
    ڪن ڄاتو آ، اوهان کي ۽ خُدا کي نه جُدا.“
    بلبل سنڌي شاعري جي قديم صنف ”مولود شريف“ ۾ رسول ڪريم جي خوب ساراهه ڪئي آهي.
    معراج هليو، سرتاج نبي، ڪري ويس وڳا وهه واهه بَنو،
    جبريل ٿو صدقي صدقي چئي اڄ صلي عليٰ وهه واهه بَنو.
    بيٺا ملڪ فلڪ جا قطار ڪري،
    تو بن دُرج گهر جا نثار ڪري،
    هڪٻئي کي چون جيءَ جان فِدا،
    اي نور خُدا، وهه واهه بَنو.
    بلبل ”جنت خاتون“ جي فضائل ۽ محاسن تي سرائڪي ۾ هڪ نظم لکيو آهي، جنهن ۾ رس آهي، رچاءُ آهي، نغمگي آهي ۽ سنجيدگي آهي. اهڙو اعليٰ نظم شايد ئي ٻئي ڪنهن شاعر لکيو هجي. هن عظيم نظم جو هڪ بند ملاحظه ڪريو ۽ سچو سرور حاصل ڪريو.
    جنت، نعمت، طوبيٰ، ڪوثر، ثمر تُساڏي حُب دا،
    چاهون جنهن ڪون، پل وچ بخشو، راز تُسان سڀ رب دا،
    تو سرڪار نبي وعليٰ دي، او شافع امت سب دا،
    حوا، مريم فخر ڪر بنديان، تيڏي نام نسب دا،
    بنت رسول، بتول، تُساڏي عزت پاڪ وڌائي،
    گهِن خيران، بردي در دي ديان حسن حسين دي مائي.“
    بلبل جي قومي ۽ اصلاحي شاعري اعليٰ ۽ افضل آهي بقول غلام محمد گرامي ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، حسام الدين راشدي، حاجي حامد خادم ۽ ڊاڪٽر جليل پارا عالم ۽ اديب چئي چڪا آهن ته ”قومي خدمات جي ترجماني سڀ کان اول بلبل ڪئي آهي.“
    بلبل جي دور رس نگهائن اهو معلوم ڪري ورتو ته سنڌين جي اضطراب جو ڪارڻ نفاق آهي. بلبل سنڌي ڀائرن کي متحد ٿيئڻ جي تلقين ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته اتحاد هڪ وڏي قوت آهي. جيڪا سڀني کي جوڙيو رکي ٿي ۽ مقابلي لاءِ همٿائي ٿي. بلبل پنهنجي نظم ”جماعت بندي“ ۾ ٻڌي جي باري ۾ ٻُڌائيندي چوي ٿو:
    ”پرائي ٿو انسان اعزاز ان کان،
    کلي ٿو حقيقت جو سب راز ان کان.“
    بلبل ٻُڌائي ٿو ته اسين سکيا ستابا آهيون. اسان جي زمين زُرخير آهي. محنت سان اسين خوشحالي حاصل ڪري سگهون ٿا. بلبل پنهنجي نظم ”تجارت“ ۾ اسان جي پيدا واري وسيلن بابت ٻڌائي ٿو.
    ”اُپت پيدا واري ۾ اسان جو ملڪ افضل آ،
    زراعت ۾ زياده زور اول کان سو اول آهي.“
    اسان جي لاءِ تعليم ضروري آهي. تعليم اسان جي جسماني ذهني ۽ روحاني صلاحيتن کي سُڌاري، اسان جي ترقي جون راهون کولي ڇڏيندي. بلبل چوي ٿو:
    ”ڪندؤ ڪا قوم جي ملڪ جي، ملت جي ڪا حاجت جي،
    ڪسب جي، ڪار جي، تعليم جي ۽ صنعت جي.“
    ائين ڪرڻ سان خوشحالي ۽ ترقي جي منزل آسان ٿي ويندي آهي.
    بلبل ديس واسين کي همٿائي ٿو:
    ”بنايو ڪارخانا ۽ وڌايو فن و حرفت کي،
    وڃايو ملڪ جو افلاس ۽ پنهنجي مصيبت کي.“
    بلبل انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي، نصيحت ڪري ٿو:
    ”کپايو ديس جي واپار ۾، ڌن، مال، دولت کي،
    ٻيائي ٻن وجهي، ايڪو ڪريون، هاريون نه همت کي.“
    بلبل زور ڏيئي چوي ٿو ته اسين ٽڙيل پکڙيل آهيون ۽ خوب پريشان آهيون. اسان کي گهرجي ته ٻيائي کي ڇڏي ايڪو پئدا ڪريون، تعليم حاصل ڪريون ۽ پنهنجن ميسر وسيلن کي تجارت، حرفت، زراعت ۽ صنعت جي ذريعي استعمال ڪري، پيداوار وڌايون، ترقي ڪريون ۽ خوشحال بڻجي ملڪ جو مان وڌايون.

    غزل ۾ نوان موضوع:
    شمس الدين بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن غزل جي صنف کي نئون ۽ نرالو روپ ڏيئي، اُن کي معاشي ۽ معاشرتي زندگي جي قريب آندو آهي. سنڌ جي مشهور شاعر ۽ نقاد عبدالرزاق راز پنهنجي ڪتاب ”سنڌي غزل جو تجزيو“ ۾ بلبل جي غزليه شاعري تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”بلبل جي غزل ۾ داخليت جو اثر گهٽ آهي ۽ خارجيت جو پهلو نمايان آهي.“
    بلبل هڪ طنزيه غزل گو شاعر آهي. هن پنهنجن حالتن جو گهرو مطالعو ڪري مناسب سمجهيو ته معاشرتي بُرن اثرن کان معاشري کي بچائڻ لاءِ غزل جي هيئيت ۾ تبديليون آڻڻ ضروري آهي. هن غزل جي مواد ۽ موضوئن کي بدلائي وڏو انقلابي قدم کنيو. هن تغزل کي پٺيان ڇڏي معاشرتي براين ۽ مسئلن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. هن وقت جي حالات مطابق غزل جي روائتي مضمونن جهڙوڪ حسن، عشق، تصوف، نصيحتي حڪايتن ۽ اخلاقي قدرن جي اُپٽار کي ڇڏي، سنڌ جي معاشرتي حالتن ۽ اُن جي نتيجن کي پنهنجي غزل جو موضوع بڻائي، غزل کي هڪ نئون موڙ ڏنو.
    وقت جي معاشرتي حالتن بلبل تي گهرو اثر وڌو ۽ هن کي چڙ چڙو بنائي هن جي دل ۾ نفرت جو جذبو پيدا ڪيو. هن من موجي مجنوئن کي پنهنجي غزليه شاعري ۾ خود آگاهي جو درس ڏيندي، انهن جي غل سوچ، غلط طور طريقن ۽ احمقانه حرڪتن کي خوب ننديو آهي، بلبل کلي به ٿو ۽ روئي به ٿو:
    ”سک ناچ راڳ تن جو ۽ بئنڊ باجو تن جو،
    پوءِ خود بنائي بابو پيو بئنڊ سُر وڄائج.“
    اچو ته بلبل جي طنزيه غزل نگاري جا ڪجهه شعر پڙهون ۽ اُنهن مان درس حاصل ڪريون:
    ”پڙهو انگريزي ڪيو اوج اعليٰ،
    وٺي خوب عهدا، حڪومت هلايو.“
    *-*-*
    ”جي اوهان ڄاڻو ٿا يار، مان سنڌي آهيان،
    خاص لنڊن سان آ ناتو ٿيو فيشن منهنجو.“
    *-*-*
    ”هٿ رُڳي رکڻ سان تنهنجي ڪمر ڏکي ٿي،
    هئه هئه ملوڪ سائين، سل هي ته سور ڇا هو.“
    *-*-*
    ”ڇا هي اُن ۾ آهه معشوقن جو معمولي عمل،
    عاشق سان ڪار ڪجهه، نيزا ڪجهه ۽ پيار ڪجهه.“
    *-*-*
    ”منهنجا عزيز اقارب بيگانا ڄاڻ احمق،
    سرمست سرخرو ٿي صاحب سدا سڏائج.“
    ”عاقل وڃي ولايت، لنئون ليدي سان لائج،
    سؤ قرب سان ڪرستان وڃي چرچ ۾ چوائج.“
    *-*-*
    ”گهر، زمين ۽ مال ضبط، ڇڏ نه راڳ رنگ ربط،
    شوق تون رک شراب جو تازه تازه نو به نو.“
    بلبل روائتي انداز ۾ به عمديون غزلون لکيون آهن. اُنهن غزلن ۾ سڀني لواضمات جو پورو پورو خيال رکيو ويو آهي.
    ”الف مسلسل هڪ طرف، ريحان ۽ سُنبل ٻئي طرف،
    ڪُنڍڙا ڪاڪل هڪ طرف، ابرو سندو غل ٻئي طرف.“
    *-*-*
    ”تنهنجو نياپو صبا آندو، کڻي ناياب اڄ،
    منهن بهار جئن آهي، پرهه کوليو باب اڄ.“
    بلبل جو مزاحيه غزل الڳ نموني جو آهي. اُن م تغزل بدران طنز جو رنگ آهي، نصيحتن بدران چٿرون آهن، محبوب کي خطاب ڪرڻ بدران معاشرتي بُراين جو ذڪر آهي، شعريت جي بدران معاشرتي رنگ موجود آهي ۽ اندروني ڪيفيتن بدران بيروني ڪيفيتن جو اُپٽار آهي.
    شمس الدين بلبل جديد سنڌي، شاعري ۾ هڪ وڏو ”نظم“ لکندڙ شاعر آهي. هن جا نظم موضوع، پيش ڪش ۽ عبارت جي لحاظ کان لاجواب آهن. بلبل ”نظم“ کي نئين سر ترتيب ڏيئي، اُن ۾ نوان ۽ نرالا موضوع آڻي، اُن ۾ اصلاحي ۽ انقلابي رنگ پري، اُنکي رنگين، دلنشين شوخ ۽ بيباڪ عبارت ذريعي پيش ڪري وڏو ڪمال ڪيو آهي. بلبل جا نظم تخليقڪاري جو هڪ نادر نمونو آهي.
    بلبل ڪيترائي خوبصورت ۽ دلفريب نظم لکيا آهن. هن جي نظم جي موضوعن ۾ وسعت آهي، توانائي آهي ۽ بيساختگي آهي. هن وڏا وڏا طنزيه نظم جهڙوڪ رحيما ۽ پليگي ڪريما ۽ نئون زمانو لکي خوب داد حاصل ڪيو آهي. هن جا سنجيده نظم جهڙوڪ احساس. ملڪت، فنا، تجارت ۽ آفتاب ظلمات به وڏا ڪامياب نظم آهن.
    بُلبُل جو ”ڪريما“ هڪ شاهڪار طنزيه نظم آهي، هي تمام ڊگهو نظم آهي. هن ۾ ٻن مصراعن وارا 168 بندآهن ۽ آخر ۾ ٻن هم قافيا مصراعن وارو بند آهي. هن نظم جي ترتيب لاجواب آهي. ان جي موسيقي، رفتار ۽ رواني حيران ڪن آهي.
    ڪريما هڪ مثالي ۽ لاجواب نظم آهي، هن نظم ۾ بلبل ڏيکاريو آهي ته سنڌي مسلمان پنهنجي عظمت ڇڏي براين ۾ ڦاسجي چڪو آهي. انهن جي هر عمل ۽ هر حرڪت ۾ نقالي، ڏيکاءُ ۽ اجايو غرور شامل آهي اُنهن جي لباس جو طنزيه انداز ۾ اظاهر ڪري سڀني کي شرمسار ڪري ڇڏيو آهي.
    ”گلاب بند، ڪالر، لڪڙ هاف بوٽ،
    گهري ڪوٽ پتلون چشما چروٽ،
    قميصون ڪفن دار، جاڪيٽ، جوراب،
    سليپر، سپاٽا، سبائڻ ثواب.“
    بلبل اُنهن جي حرڪتن جو اظاهر انهي انداز ۾ ڪيو آهي:
    هتي به اُهي ئي چٽا جي ڪُٺا،
    مگر هاءِ ماڻهو، ٻنهي هنڌ مُٺا،
    شريعت جو شيوو ڏنوسين ڇڏي،
    وڌو سون گناهن ۾ غفلت گڏي.
    بلبل جو ”نئون زمانو“ هڪ مثالي ۽ لاجواب نظم آهي. هي نظم طنزيه شاعري جو شاهڪار آهي. هن نظم ڄڻ ته بلبل جي طنزيه شاعريءَ جو تت آهي. هن نظم ۾ فن آهي طنز آهي ۽ زندگي آهي. مزاحيه طور تي هي هڪ حسين، رنگين ۽ نمڪين نظم آهي. هن نظم ۾ لفظن جي چونڊ، جڙت، ۽ اُنهن جي ترتيب لاجواب آهي. منجهس جيڪا نغمگي آهي، رواني آهي، تسلسل آهي ۽ بيساختگي آهي. سا بيمثال آهي ”تاڪ ڌنا دن، تاڪ ڌنا“ جي لئي هن نظم ۾ جيڪا ڪڙي مٺاس ڀري آهي، رنگيني نروار ڪئي آهي ۽ تاثر کي توانائي بخشي آهي اها بلبل جي ڏات جو هڪ لازوال ثبوت آهي اچو ته هن نظم جو هڪ بند پڙهي پاڻ کي ڄاڻو سڃاڻون ۽ ٻُڏي مرون:

    ”گينڊي، صابڻ، برش طرافي، بوس و ڪنار، ڪتن سان باري،
    فوٽو، فونو، پيالو پڪچر، تاڪ ڌنا ڌن، تاڪ ڌنا.“
    بلبل جو نظم ”فنا“ هڪ بيمثال نظم آهي. هن نظم ۾ چئن چئن مصراعن وارا نو بند آهن. هي نظم پُختگي، نغمگي ۽ تخليقي طور هڪ لازوال نظم آهي. هن نظم ۾ نوان نوان ناصحانا نقطا پيش ڪري بلبل ٻُڌايو آهي ته هي دُنيا فاني آهي. هن ۾ رهندڙ هر انسان، هرشئي هر نظارو، کي فنا ٿيئڻو آهي. هي ڌن، دولت، محل، ماڙيون منارا عارضي آهن. اِنهن کي فنا ٿينڻو آهي. بقا صرف الله کي حاصل آهي.
    ”هڪ رهندو پاڻ خُدا، بابا،
    اي جاني هي جڳ فاني ٿؤ،
    ڪن سائين لوڪ صدا بابا.
    هي عرم روان ته رواني ٿؤ،
    آخر ته فنا هي فنا، بابا.“
    بلبل جون نظمون بلند معيار ۽ باوقار آهن.
    بلبل قصيدا نگاري به ڪئي آهي. هن جي قصيدن جو معيار بلند آهي. هن حسن علي آفندي، سيد الهندو شاهه، سردار محمد يعقوب، سردار محمد ابراهيم، ۽ سر آغا خان جي باري ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ قصيدا لکي خوب داد حاصل ڪيو آهي. انهن قصيدن ۾ نيڪ انسانن جي واکاڻ ڪري، قوم کي انهن جي ڪارنامن کان آگاهه ڪري قوم جي دلين ۾ عقيدت ۽ احترام جو جذبو جاڳايو آهي.
    حسن علي آفندي جي واکاڻ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:
    ”قوم جي زخم واسطي بيشڪ،
    مثل مرهم حسن علي آهي.“
    سردار محمد يعقوب، وزير خيرپور ميرس، جي شان ۾ لکيل اردو قصيدي جو هڪ بند پڙهو:
    ”کيا نام پيارا هي محمد مع يعقوب،
    کيا خوب هي، مرغوب هي، محبوب هي مطلوب.“
    غلام محمد گرامي جي لفظن ۾ ”تضمين جي فن ۾ بلبل پنهنجو مٽ پاڻ آهي.“ هن فن ۾ ٻيو ڪو به شاعر هن جو مقابلو نٿو ڪري سگهي.“ بلبل جا هي مزاحيه شعر پڙهي تازه توانا ٿيو:
    ”وڃي هڪ شاپ ۾ ويهي برانڊيءَ کي ڪيون هاها،
    الايا ايها السفاتي ادر ڪاسا و ناولها،
    آهن ڪوڙا رڳو قاضي وٺن ٿا برهمن بتليا،
    ڪجا دالند حال ما سبڪساران سا جلها،
    وجهي وارن ۾ وَنگوڙا هلي ٿي مس جڏهن بلبل،
    تاب حمد مشڪيش چه خون افتاد در دلها.“
    بلبل خواجه حافظ ۽ امير خسرو جي غزلن جي به تضمين ڪئي آهي. خواجه حافظ جي غزل جي تضمين جو هڪ شعر پڙهو ۽ تراوٽ حاصل ڪريو:
    ”جياپو مون ته گهڻو پنهنجي دل ۾ راز و نياز،
    هي بار درد هجر ساڻ سور سوز و گداز،
    بهار حسن اوهان جي جي بوءِ ناز انداز.
    ترا صبا وسرا آب ديده شد غماز،
    و گر نه عشق و معشوق راز دار آنند.“
    شمس الدين بلبل هڪ پروقار، رعبدار ۽ بيباڪ شخصيت جو مالڪ هو. هن جي موزون، مناسب، شوخ ۽ بيباڪ عبارت هن جي ذهانت، قابليت ۽ بيباڪ شخصيت مان ڦٽي نڪتي آهي. هن جي عبارت ۾ سمايل عام فهم لفظ، فصاحت، بلاغت ۽ مطلب جي ادائگي پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

    عبارت:
    بلبل جي عبارت حسين، دلنشين ۽ نمڪين آهي. جيڪا پڙهندڙن کي پاڻ طرف ڇڪيو وٺي ٿي. بلبل پنهنجي طنزيه نظم ”نئون زمانو“ ۾ فيشن پرست نوجوانن ۽ حسينائن جي هلت چلت جو ڪهڙو نه چٽو نقشو چٽيو آهي.
    ”ڪرڪٽ بال ۽ مرد زنانه، ڊوڙن ڊُڪن، تال ترانا،
    هري هري، هاها، هر هر تاڪ ڌنا ڌنا دن، تاڪ ڌنا.“
    بلبل جي عبارت ۾ ڄڻ ڪا زندگي ڀريل آهي، جيڪا ڳالهائي ٻولائي ٿي، جلوا جاڳائي ٿي ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ ملائي، هڪ ٻئي جي قريب آڻي قربتون وڌائي ٿي.
    ”صبح سويلو اربيلو،
    سهڻو سُهڻو سهج سويلو،
    جاڳي گاجر، گاگن، گيلو،
    ٻانڀڻ، ملا، چاڪر چيلو.“
    اهڙي سهڻي، سهج ۽ سريلي ٻولي بلبل کانسواءِ ٻيو ڪير لکي سگهي ٿو؟
    بلبل پنهنجي لازوال نظم ”فنا“ ۾ اشارن ئي اشارن ۾ زندگي ۽ موت جي باري ۾ حيران ڪندڙ حقيقتون بيان ڪري اصليت جو احساس ڏياريو آهي. بلبل جي عبارت زندگي ۽ موت جي رازن ۽ رمزن کي ڪهڙي نه ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آهي:
    ”گياني نه رهيا، ڌياني نه رهيا،
    ڪيئي جوٽس لاٿاني نه رهيا،
    ٿيا آخر سڀ فاني، نه رهيا،
    فاني نه آهه بقا، بابا.“
    تجنيس حرفي بلبل جي عبارت جي سونهنءَ آهي، سُڃاڻ آهي. بلبل پنهنجي ڊگهي نظم ”رحيما“ ۾ جيڪا تجنيس حرفي جو شاهڪار آهي، تجنيس حرفي جو استعمال وڏي فنڪاري سان ڪيو آهي.
    ”اسان کان اچي عار ايمان کي،
    تسرا رت ۾ ٿيو شرم شيطان کي.“
    *-*-*
    ”ڪمائي اسان جي سڄي ڪوڙ ڪچ،
    نه خالي ريا کان صافي نه سچ.“
    بلبل پنهنجي نظم ”توحيد“ ۾ خلوص ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي ڪهڙا نه سريلا ۽ رنگيلا لفظ ڪم آڻي، الله جي حاڪميت کي حڪمت ڀري نموني ۾ استعمال ڪري، دلين ۾ سرور پيدا ڪيو آهي.
    ”خدا جي آهي سلطنت جاوداني،
    هلي حاڪمن تي سندس حُڪمراني،
    سندس ذات آ پاڪ حادث نه فاني،
    نڪو ڪو جوڙ تنهنجو نه صافي نه ثاني.“
    بلبل پنهنجي نظم ”جلوه مصطفائي“ ۾ صاف صاف، سادا سادا لفط استعمال ڪري، پنهنجي عبارت کي اوج تي پهچايو.
    ”جڏهن عشق تنهنجي ڪبو اثر،
    نه رهي آ غير جي ڪا خبر،
    نڪو جذب هو، نڪو وجد هو،
    نڪو تال هو نه ڌمال هو،
    هي ڪمال اُن جو ڪمال هو.“
    بلبل جي عبارت ۾ مٺاس آهي، عمدگي آهي، سنجيدگي آهي ۽ نغمگي آهي. بلبل پنهنجن غزلن ۾ قافيي ۽ رديف جو باقائدگي سان استعمال ڪيو آهي. انهي ڪري هن جي غزلن ۾ نواڻ آهي، تسلسل آهي ۽ من کي موهيندڙ ميٺاج آهي.
    ٿي زر جي زور باري، زر آ ته عشق ٺهه پهه،
    هر موج روز جاري، زر آ ته عشق ٺَهه پَهه،
    عشق جي، عشق جي آزار جي اهڙي تهڙي،
    درد جي، دل جي، دلدار جي اهڙي تهڙي،
    فلڪ کي فخر آهي، چند نوراني مٿي اهڙو،
    اسان جي ماهرو جو منهن سڄو انوار، مهه، مهه، مهه.
    نون نون تشبيهن بلبل جي عبارت ۾ تازگي ۽ توانائي آڻي، اُن کي دلڪش ۽ دلفريب بنائي ڇڏيو آهي.
    پل پل تو لڪائين ائين بازن کان پکي دل،
    هڪڙو نه ٻيو نيند ئي خونخوار پس و پيش.

    ڪڍي سينڌ زلفن ۾ آهي سڄڻ،
    دلين جي وڃڻ لاءِ ٺاهيو آ دڳ.

    جيئن ڪاغذي گُلن ۾ نه بُو، باس ٿي رهي،
    بلبل نه گُلرخن کي تيئن باوفا ڏٺم،
    بلبل پنهنجي عبارت ۾ مرڪب لفظ ڪم آڻي خوب رنگ رچايو آهي. هي مرڪب لفظ هن جي طنزيه نظم ”نئون زمانو“ مان ورتا ويا آهن. آڪڙ شاڪڙ، ڪوٽ ڪالر، کيل خوشي، ميل جول، مرد زنانا، تال ترانا، برش طرازي، بردم خوردم، ٽوڙا سوڙا وغيره جهڙن رڪب لفظن بلبل جي عبارت ۾ نئون رنگ، نئون جلوو ۽ نئين معنيٰ ڀري ڇڏي آهي.
    ”ڏسج نئون تهذيب نمونو، ”بلبل“ باطل، فيشن جهونو،
    بابو، بابو، ميم، مڪسچر، تاڪ ڌنا، ڌن، تاڪ ڌِنا.“
    بلبل جي عبارت لاءَ جواب آهي. اُن جو پڙاڏو جديد سنڌي ادب، شاعري ۽ صحافت ۾ گونجندو نظر اچي ٿو. بلبل اڳوڻين تشبيهن، استعارن ۽ استارن ۾ نوان رنگ ڀري، اُنهن کي نئين خوبصورتي بخشي آهي. هن انهن ۾ ڪي ٻيا مرڪبات ملائي، نيون ترڪيبون جوڙيون آهن ۽ نوان نوان قافيا ۽ رديف گهڙيا آهن. بلبل پنهنجي تعميري ۽ اصلاحي سُڌارن کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ پنهنجي عبارت کي گهڙيوآهي، سُڌاريو آهي ۽ سنواريو آهي. اوهان کي بلبل جو ديدار ڪرڻو هجي ته انهي جي لاءِ سندس عبارت ڪافي آهي. سچ پچ بلبل جي عبارت سندس شخصيت جو اظهار آهي، آئينيدار آهي.
    بلبل جي طنزيه توڙي سنجيده شاعري خويبن جي کاڻ آهي. اچو ته هن جي ڪجهه خوبين جو اپٽار ڪريون ۽ پڙهندڙن کي همٿايون ته اُهي بلبل جي شاعري کي پڙهن، سمجهن ۽ اُنهي مان سرور ۽ سبق حاصل ڪن.

    شاعري جون خوبيون
    (1) بلبل جي شاعري جي پهرين خوبي آهي مقصديت بلبل جي شاعري لفظن جو اجايو اظاهر ناهي، عمل کي ڇڏي ڀڄڻ جو کيل ناهي، بيمقصد ناهي. بلبل جي شاعري جو هڪ واضح مقصد آهي ته معاشي ۽ معاشرتي مشڪلاتن وچ ۾ ڪيئن همت سان رهجي ۽ پورهيو ڪري پاڻ کي ۽ قوم کي خوشحال بنائجي.
    ”بنايون ڪارخانه ۽ وڌايون فن و حرفت کي،
    وڃايون ملڪ جو افلاس ۽ پنهنجي مصيبت کي.“
    (2) بلبل جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي هن جي طنز نگاري. بلبل پنهنجي طنز نگاري کي ڪاريگريءَ سان استعمال ڪري اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جو هرڪو حيران آهي. طنز نگاريءَ جي ذريعي بلبل ديسواسين جون اکيون کولي، اُنهن جي اوڻاين کي دور ڪري، انهن ۾ پاڻ سڃاڻن جي صلاحيت کي اُجاگر ڪيو آهي. انهن ۾ خود آگاهي، خودداري، جرتمندي ۽ ويساهه ڀري اُنهي کي تيار ڪيو آهي ته مصيبتن کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ سرخرو ٿجي.
    ”ادا اڄ وقت ويهڻ جو نه آ، آرام راحت جو،
    مگر آهي زمانو هي، هنر، حرفت ۽ صنعت جو.“
    (3) بلبل جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي مشاهدي جي قوت کي احتياط سان استعمال ڪرڻ، مشاهدو بلبل جو هڪ ڪارگر هٿيار آهي. بلبل هر شيءِ، هر صورتحال ۽ هر مشڪل جو مشاهدو ڪري، اُن تي سوچي ٿو، لوچي ٿو ۽ صحيح اندازو لڳائي پوءِ اُنهي تي لکي ٿو. مشاهدي ڪرڻ جي لاءِ ذهانت ۽ قابليت ضروري آهي. بلبل ”جلوه قدرت“ نظم ۾ هر شيءِ، هر پهلو، هر خوبي کي مشاهدي مان حاصل ڪيل معلومات کي استعمال ڪري، قدرت جي جلوي کي باريڪبيني سان پيش ڪري ٿو.
    ”هستيءَ ۾، مستيءَ ۾ ڇا وحدت و ڪثرت ۾،
    يا ذلت و عزت ۾، ڇا عيش ۽ عشرت ۾،
    دولت ۾ ”نڪبت ۾، سيرت ۾ عسرت ۾،
    عبرت ۾ فطرت ۾، عير ۾، حيرت ۾،
    ڇا مومن، ڇا هندو، ڇا برهمن و بابو،
    جلوو تنهنجي قدرت جو، اي قادرا هرسُو آهه.“
    (4) بلبل جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي تجنيس حرفي جو فنڪارانه استعمال. تجنيس حرفي بلبل جي طنزيه توڙي سنجيده شاعري جي سونهن آهي. بلبل پنهنجي مڙني صنفن جهڙوڪ قومي شاعري، اصلاحي شاعري، حمد، نعت، نظم، غزل ۽ قصيدا گوئي ۾ استعمال ڪري پنهنجي شاعريءَ کي خوب سينگاريو آهي ۽ انهن جي پنهنجي اندر جو آواز بنايو آهي.
    بلبل پنهنجي طنزيه نظم ”ڪارن جي ڪارگذاري“ ۾ تجنيس حرفي جو عمدو مثال پيش ڪيو آهي.
    ”باجو، بينڊ، بگل ۽ تڙگم،
    وايولن جي رين رين رقم رقم،
    نچڪو، ٽپڪو، واري واري،
    هپ هپ هُري، هپ هپ هُري.“
    بلبل ”آفتاب مهتاب“ نظم ۾ تجنيس حرفي جو ڪاريگريءَ سان استعمال ڪري، روح کي راحت بخشي آهي.
    ”تو سان هي جڳ آهي جاري،
    بادل باري، باغ بهاري،
    سبزي ساوڪ، گُل، گُلزاري،
    تنهنجي منهنجي آهي ياري.“
    تجنيس حرفي جي ذريعي شاعري ۾ سونهن، نغمگي، رواني، تسلسل ۽ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي جيڪي پڙهندڙن کي آنند ۽ اتساهه ميسر ڪري ٿي.
    (5) بلبل جي شاعريءَ جي پنجين خوبي آهي سندس عبارت عبارت شاعر جي دل جو آئينو هوندي آهي. جنهن ۾ شاعر جي شخصيت، قابليت، ذهانت جوش ۽ جزبو هڪ سُريلي صورت ڌاري نظر ايندو آهي. اُها عبارت ئي آهي جيڪا شاعر جي روح کي کولي پڌرو ڪندي آهي. بلبل پنهنجي اُتم (Sublime) عبارت ذريعي جديد سنڌي شاعري ۾ وڏو انقلاب پيدا ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعرن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل بنايو.
    بلبل جي عبارت سادي، سهج ۽ دلچسپ آهي. بلبل پنهنجي ڊگهي نظم ”رحيما“ ۾ مالڪ ۽ بندي جي وچ ۾ قائم ۽ دئام تعلقات جو ڪهڙو نه دلفريب ۽ حيرت انگيز اظاهر ڪيو آهي.

    ”تون مالڪ اسان جو، تون داور ڌڻي،
    خطائون سڀيئي عفو ڪر ڌڻي،
    تون معبود منهنجو ڀڄان يا ٽهان،
    تون مقصود منهنجو ته ڪاڏي وڃان؟“
    اُهي ۽ ان جهڙيون ٻيون خوبيون بلبل جي شاعري جي سونهن آهن، سڃاڻ آهن.
    شمس الدين بلبل سنڌي شاعري جو تمام وڏو شاعر آهي. هن جديد سنڌي شاعري جي واڌاري ۽ سُڌاري لاءِ بي بها ادبي ڪارناما (Contributions) سرانجام ڏنا.
    بلبل سنڌي ٻولي ۾ طنزيه شاعري جو پهريون موجد آهي. هن محنت ڪري سنڌي شاعري ۾ طنزنگاري جو باقائدگي سان ٻوٽو پوکيو، اُن جي سار سنڀال لڌي ۽ ان کي هڪ طاقتور وڻ جي شڪل عطا ڪئي. بلبل جي وقت ۾ سنڌي وڏيرا ۽ زميندار ۽ ڇڙواڳ سنڌي جوان فرنگي ثقافت جي ڄار ۾ ڦاسجي چڪا هئا. بلبل محسوس ڪيو ته ملن جا واعظ، تقريرون يا ڌرويشن جا نصيحتي نقطا اُنهن کي انهي ڄار مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪافي ناهن. بلبل اُنهن جي ڇوٽڪاري لاءِ طنزنگاري جي راهه اختيار ڪئي. بلبل اُنهن جو مذاق اُڏايو، انهن کي شرمنده ڪيو ۽ اُنهن تي چٿرون ڪري اُنهن کي جاڳايو، ڇرڪايو ۽ شرمسار ڪيو. بلبل اهڙن سنڌيدانن جو نقشو ائين چٽيو آهي.
    ڏاڙهي ساڻ ڏهاڙي جهيڙو،
    مڇون گانگٽ، وڇون ويڙهو،
    سيٽي، لڪڙي، چرخ شماري،
    هپ هپ هُري، هپ هپ هُري.“
    بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن شاعري جي موضوعن ۾ وڏي وسعت آندي ،آئنده جي سنڌي شاعريءَ لاءِ نئين واٽ گهڙي ۽ اُنهيءَ کي محدوديت کان بچائي وريو بلبل پنهنجي شاعري ۾ نوان نوان موضوع آڻي، اُنهن تي خوب لکيو. ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر ائين نه ڪيو ۽ نه ئي وري ڪو ڪري سگهندو. هن جي شاعري جا هي موضوع نوان ۽ نرالا آهن. تڪبر، علم، جهل، عادل، قناعت، فنا، گردش، فلڪ، اهل جهان، آفتاب عالمتاب، تجارت، جماعت بندي گرمي وغيره. ائين ڪري بلبل نه صرف پنهنجي قابليت ۽ ذهانت جو ثبوت ڏنو پر سنڌي شاعري ۾ نوان نوان موضوع ڪم آڻي، سنڌي شاعري جي ترقيءَ لاءِ ڪيئي نوان قدم کنيا.

    نظم کي سائنسي بنيادن تي گهڙڻ وارو شاعر:
    بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ”نظم“ جي صنف کي سائنسي بنيادن تي گهڙي، اُن کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو. بلبل ڪيترائي فني ۽ موضوعاتي نظم لکي سنڌي شاعري ۾ انقلاب آندو آهي. هن جا لکيل نظم جلوه قدرت، ذات الاهي، تون آن، احساس ملت، آفتاب عالمتاب، رات، احساس ملت، فنا، تجارت وغيره مقصد ۽ معنيٰ جي لحاظ کان مڪمل نظم آهن. بلبل جا طنزيه نظم جهڙو ”نئون زمانو“ ۽ ڊگهو نظم رحيما شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.

    هن قصيده گوئي کي رائج ڪيو:
    بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري ۾ قصيدا گوئي کي رائج ڪيو. هن سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ قصيدا لکي، شاعري جي هن قديم صنف کي ڪافي ترقي ڏياري. بلبل حسن علي آفندي، سيد الله ڏنو شاهه، سردار محمد يعقوب، سردار محمد ابراهيم ۽ سر آغا خان تي قصيدا لکي خوب داد حاصل ڪيو. بلبل پنهنجن قصيدن ۾ ٿامس ڪارلائل (Thomas Carlyle) جي ”هيرو ورشپ“ جي نظريعي ۾ نواڻ آڻي وڏي ادبي خدمت ڪئي آهي.
    بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن تضمين جي فن کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو. هن فن تحت بلبل جون نظمون ۽ غزل ساراهڻ جوڳا آهن. اهڙي فن جو مطالعو ڪندي، بلبل جي خداداد لياقت، مطالعي ۽ مشاهدي جي خبر پوي ٿي.
    بلبل جو اهو ادبي ڪارنامو وسارڻ جوڳو ناهي ته ڪيئن نه هن پنهنجي حسين، دلنشين ۽ نمڪين عبارت جي ذريعي سنڌي ادب، شاعري، صحافت ۽ مضمون نگاري جي فن ۾ بي ملهه اضافو ڪيو آهي. موزون ۽ مناسب خيالن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ موزون ۽ مناسب لفظ اختيار ڪري بلبل پنهنجي عبارت کي سريلو ۽ سگهارو روپ عطا ڪيو آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ جديد سنڌي عبارت بلبل جي عبارت مان ڦٽي نڪتي آهي. بلبل جي عبارت جو مزو ماڻڻ لاءِ هن جي نظم ”آفتاب عالمتاب“ جو هي بند پڙهڻ جهڙو آهي.
    ”تون انڌاري دور ڪرين ٿو،
    ڪارنهن ڪل ڪافور ڪرين ٿو،
    سارو عالم نور ڪرين ٿو،
    ماڻهن کي مسرور ڪرين ٿو.“

    ادبي خدمتون:
    شمس الدين بلبل هڪ باوقار شخص ۽ مقبول عام شاعر هو. هن جي شاعري ۾ جيڪا رنگيني آهي، شوخي آهي ۽ اظهار بيان جي دلفريب ڇڪ آهي. تنهن بلبل کي ٿوري ئي وقت ۾ سڄي سنڌ ۾ مقبول بنائي ڇڏيو. جيڪا ڪاميابي بلبل کي ٿوري وقت ۾ حاصل ٿي، اُها ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر کي نه ملي. بلبل جي ڪاميابي جو راز سندس الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل قابليت، ظرافت ۽ ملنسار طبيعت ۾ پوشيده آهي.
    غلام محمد گرامي پنهنجي تحقيقي مضمون ”سنڌي ادب ۽ مزاح نگاري“ ۾ بلبل جي شاعري کي ساراهيندي چيو آهي ته ”بلبل سنڌي شاعري ۾ اهڙي نئين طرز جو موجد بلڪ خاتم آهي، جنهن جي تخليق جو شرف کيس حاصل آهي. سندس تخليقي رنگ اهڙو ته منفرد ۽ مثالي آهي جو نڪو اڄ تائين ٻئي ڪنهن شخص اُن جو تتبع ڪيو آهي ۽ نڪو ڪو نڀاهي سگهيو آهي.“

    بلبل جي شاعري جو جيترو وڌيڪ مطالعو ڪبو ته ڪيترائي نقطا نڪري نروار ٿيندا. بلبل جي شاعري سنڌ واسين جي اندر ۾ سمايل آهي. انهي ڪري ضروري آهي ته هن جي سموري شاعري، صحافتي تحريرن ۽ مضمونن کي گڏ ڪري ڇپايو وڃي ۽ هن جي لکيل ڪتابن، ادبي مضمون ۽ تنقيدي تحريرن کي گڏ ڪري شايع ڪرايو وڃي. جيئن ته نئين معلومات حاصل ٿي سگهي اهو معلوم ٿي سگهي ته سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ سندس ڪهڙو مقام آهي.


    مددي ڪتاب
    (1) حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
    (2) محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ.
    (3) شيخ عدبالرزاق راز. سنڌي غزل جو تجزيو.
    (4) غلام محمد گرامي. سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري هڪ تحقيقي مقالو.
    (5) ڊاڪٽر الله الله شاهه حسيني. ڪلام بلبل
    (6) ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل. ڪلام بلبل.
    (7) غلام محمد گرامي. ڪلام بلبل جو مقدمو.
    (8) ضيالء الدين ضياء. ديوان بلبل جو مقدمو.


    حمل فقير لغاري(1225هه 1296هه، 1809ع 1880ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    ”حمل خان لغاري ميرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي اولائي دور جو سنڌي ۽ سرائڪي زبان جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه لطيف، سچل ۽ روحل کان پوءِ جيڪڏهن ڪو شاعر ديس واسين سان سلوڻي ۽ سوادي ٻولي ۾ مخطاب ٿيو آهي ته اُهو حمل فقير لغاري آهي.“
    عبدالرحمان منگيو. يادگار حمل فقير ۾ ڇپيل مضمون
    ”حمل فقير ۽ سندس ڪلام“


    ”درويش حمل فقير جو ڪلام سچ جو سنيهو، پاڻ ڄاڻڻ ۽ انساني جدوجهد جو آدرش ۽ عالمي امن جو پيغام آهي. هن جي شاعري ۾ بوريت نه آهي. سڄي شاعري بامقصد آهي، خودداري، آزادي، غيرت ۽ ديس جي محبت، سڄڻ جي ساراهه غيرن سان ڌڪار سندس شاعري جا موضوع آهن.“
    محمد شاهه ڦرڙو. يادگار حمل فقير ۾ شايع ٿيل مضمون. ”اي گت غوصن جا.“

    ”سندس (حمل فقير جو) سنڌي ڪلام توڙي سرائڪي ڪلام اُن جي شخصيت کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن موجب هن ۾ في البديهه شعر جوڙڻ ۾ گهڻي قابليت هئي. سچ پچ حمل جو شعر محبت ۽ مجاز سان گڏوگڏ ڏنگي دنيا تي ڀرپور تنقيد آهي.“
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ

    ”حمل جا بيت سري توڙي ڪاڇي، لاڙ توڙي کاري توڙي لس ٻيلي طرف معلوم ۽ مروج آهن. ”سندس تمنا به اِهائي هئي ”حمل دي هر بيت همه جا ملڪين وچ مشهور ٿيون.“ ۽ ٿيو به ائينءَ سندس عام فهم، رنگين ۽ دلچسپ ۽ پُر اثر عاشقانا بيت سگهو ئي جهرجهنگ مان ڪڏند،ا ٽپندا، اُڏامندا، واهڻ وسيون ڊوڙندا ملڪ ۾ مشهور ٿي ويا.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. حمل فقير جو ڪلام جو مقدمو

    حمل لغاري سنڌ جو تمام مقبول عوامي شاعر آهي ۽ شاهه صاحب (شاهه لطيف) کان پوءِ کيس ئي عوام ۾ مقبول هجڻ جو شرف حاصل آهي. سرائيڪي ۽ سنڌي ۾ لاثاني شاعري ڪئي اٿس.“
    سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب

    سُريلو سُگهڙ ۽ مقبول عوامي شاعر:
    حمل فقير هڪ سريلو سُگهڙ ۽ مقبول عوامي شاعر آهي. هن سُگهڙ پائي جي فن کي شاعري جي فن سان ملائي شاعري جي دائري کي وسيع ڪيو. هن شاعري ۾ تازگي، توانائي ۽ دلچسپي پيدا ڪئي. هن عوامي قصن کي ڳاتو. هن بيت جوڙي قصن کي ٻيهر زنده ڪيو ۽ اُنهن ۾ نوان رنگ ۽ نوان پيغام ڀري خوب مقبوليت حاصل ڪئي.

    زندگي جو احوال

    وڏن جو ذڪر:
    حمل فقير لعاري جا وڏا ميرن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ ڊيري غازي خان لڏي خيرپور رياست ۾ اچي رهيا. اُتي انهن پنهنجو ڳوٺ مير خان لغاري ٻڌو، انهي وقت ميان سعيد خان ميرن پاران سبزل ڪوٽ جو نواب هو. مير رستم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي گهرو لڙاين سبب حمل جي مائٽن کي خيرپور رياست جي علائقن کي ڇڏڻو پيو. حمل جا نواب سعيد خان جي پٽ سان لاڳاپا هئا. انهيءَ ڪري حمل جا مائٽ سڪرنڊ تعلقي ۾ ڳوٺ مير خان لغاري جي ڳوٺ لڳ ڳوٺ محمد خان ۾ اچي ويٺا.

    ولادت، تعليم ۽ مشغول:
    حمل فقير جي ولادت خيرپور رياست ۾ پنهنجي اصلي ڳوٺ مير خان لغاري ۾ 1225هه مطابق 1809ع ۾ ٿي. هن جي والد جو نالو رحيم خان هو. حمل وارا پاڻ ۾ پنج ڀائر هئا ۽ حمل سڀني کان ننڍو هو.
    نواب ميان سعيد خان حمل کي ننڍپڻ کان وٺي پاڻ وٽ سبزل ڪوٽ ۾ رهايو. ممڪن آهي ته حمل جي تعليم نواب سعيد خان جي زير اثر ٿي هجي. وقت جي رواج موجب حمل پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ پارسي تعليم حاصل ڪئي. فطري ذهانت ۽ پختدگي جي ڪري حمل پارسي جو اُستاد بنيو. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ۾ هن پنهنجو مڪتب کوليو، رئيس مير خان جي پٽ ميان بختيار خان حمل جي ڏاڍي قدرداني ڪئي ۽ هن کي همٿائيندو رهيو ته هو اُستاد ٿي پارسي پڙهائيندو رهي حمل ميان بخيتار جي پٽن پنهنجي پٽ محمدرحيم کي دل وجان سان پارسي تعليم ڏني حمل هڪ هوشيار ايماندار ۽ هُنر مند استاد هو. هن جي پٽ محمد رحيم جي اعليٰ تعليم ۽ قابليت سندس ڏنل تعليم جو نتيجو هئي. ٿورن سالن کان پوءِ حمل مڪتب جي پڙهائي جو ڪم ڇڏي ڏنو. هن جي پڙهائي اعليٰ درجي جي هئي ۽ هن جي صاف صاف اُچارن ۽ مٺڙي آواز جي ڪري، پڙهندڙن کي ڏاڍو پسند ايندي هئي. بختيار خان حمل جو وڏو قدردان هو.

    حڪمرانن ۽ وڏن خاندانن سان تعلقات:
    حمل فقير پنهنجي خوش طبعي، قابليت ۽ شاعري جي ڪري هر هنڌ ڏاڍو مقبول هو. هو مخلص ۽ ڪچهري جو مور هو. انهي ڪري سندس واقفيت تيزي سان وڌڻ لڳي. هو سنڌ جي گهڻن ئي خاندانن وٽ ايندو ويندو هو. اُهي هن کي چاهيندا هئا ۽ هن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا.
    خيرپور رياست ۾ رهڻ ڪري حمل فقير ۽ بختيار خان وارن جي مير علي مراد خان سان چڱي خاصي سُڃاڻ هئي. جڏهن به ٻئي ڄڻا سلام لاءِ ويندا هئا ته شاهي مهمان ٿي وڃي رهندا هئا مير علي مراد خان سندس ذهانت ۽ سٺي اخلاق جي ڪري حمل فقير لاءِ مقرر ڇهه ماهي پينشن مقرر ڪري ڇڏي هئي جيڪا هن کي گهر ويٺي ملي ويندي هئي.
    خيرپور ۾ حمل فقير مير علي مراد خان جي پٽ مير شاهنواز خان سان ملندو رهندو هو. اُتي هن جي ڏاڍي عزت ٿيندي هئي. ٻنهي جا يارانه تعلقات هئا. مير شاهنواز خان حامل فقير جي پٽ محمد رحيم کي پاڻ وٽ نوڪري ڏني، جتي هو ڏاڍي شان ۽ مان سان رهندو هو.
    حمل فقير جي خاندان جو پير سائين پاڳاري جي درگاهه سان وڏو واسطو هو. حمل فقير جو ڀائٽيو، جيڪو علم ۽ قابليت وارو هو، سو درگاهه جو مريد ٿيو ۽ پير صاحب حذبالله کيس پنهنجو صلاح ڪار مقرر ڪيو. اهڙي قرب ۽ اعزاز سبب حمل فقير جو تعلق پير سائين علي گوهر شاهه اول سان ٿيو جيڪو هڪ وڏو عالم، عارف ۽ شاعر هو. جڏهن حمل فقير پنهنجي پهرين ٽيهه اکري پير سائين علي گوهر شاهه کي ٻُڌائي، جيڪا پير سائين کي گهڻو وڻي، پير صاحبن وٽ حمل فقير ڏاڍو مقبول هو.
    حمل فقير جو لکي جي سيدن سان وڏو واسطو هو. اُهي لنواري وارن پيرن جا مريد هئا. هو حمل فقير جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا ۽ هن جي خوش گوئي ۽ خوش طبعي جا وڏا قدردان هئا. حمل فقير جي سنڌ ۾ ڏاڍي ڄاڻ سڃاڻ هئي. هو مجلسن کي پسند ڪندو هو ۽ ڪڏهن به لِڪي نه ويهندو هو. ٻُڌندڙن کي کلائي، خوش ڪري ڏاڍو مقبول بڻجي ويو.

    شادي:
    حمل فقير ٻه شاديون ڪيون. ٻئي زالون صورت ۽ سيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون. ٻئي سدوريون ۽ سُلڇڻيون عورتون هيون. پهرين زال مان حمل فقير کي هڪ پُٽ ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿي. ٻئي زال مان ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو رحيم خان رکيو ويو. محمد رحيم خان کي هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو حمل خان رکيو ويو. سندس هي پٽ ننڍي وهي ۾ گُذاري ويو. ميان محمد رحيم کي ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ”انهيءَ ڪري فرينه اولاد حمل خان جي پڌري ڪا نه ٿي.

    مريدي جو سلسلو:
    هڪ مريد جي حيثيت ۾ حمل فقير پنهنجي ارادت ۽ عقيدت لنواري وارن بزرگن سان رکي ائين لڳي پيو ته حمل فقير 1247هه ۾ 22 سالن جي عمر ۾ خواجه محمد حسين مدني جي هٿ تي بيعت ڪري سندس مريد ٿيو حمل فقير خواجه محمد حسن جي شان ۾ ٽي مدفون جوڙيون مرشد حمل فقير جو ڏاڍو قدر ڪندو هو. حمل فقير جي پڻ پنهنجي مرشد سان ڏاڍي عقيدت هئي. پهرين جهنڊي چارڻ جي رسم تي حمل فقير لنواري ويو، هن جون هي مصرائون انهي ڳالهه جو ثبوت آهن.
    ”حمل حمد پڙهه تون، لکين ليل نهار،
    اچي اکين ساڻ ڏٺو تو، درشن ۽ ديدار.
    ”بخت ڀلو ٿيو، دست ڏنائون، ڪرم ڪيو ڪلتار.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”جيترو پنهنجي مرشد خواجه محمد حسن جي يادگيري ۽ ساڻس عقيدت ۽ محبت هئي. اوترو ئي خواجه صاحب کي به حمل جي سچائي ۽ صداقت، علم ۽ فضل، خاص طور تصوف ۽ طريقت جي پاڻ جو به قدر ڪندو هو.“ مرشد ۽ مريد ٻئي هڪ ٻئي کي چاهيندا هئا ۽ قدرداني به ڪندا هئا. حمل فقير لنواري وارن جو مريد هو، پر پي سائين پاڳارن لاءِ هن کي ڏاڍي حب ۽ عقيدت هئي.حمل فقير ۽ سندس ڪٽنب جو پير سائين پاڳاري جي درگاهه سان گهاٽي وابستگي هئي.

    سير ۽ سفر
    حمل فقير سير ۽ سفر جو ڏاڍو شوقين هو. هن خيرپور، حيدرآباد ۽ نوابشاهه جا وڏا سفر ڪيا. هن ننڍن ننڍن ڳوٺن، وستين ۽ واهڻن جو خوب سفر ڪيو. ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ مشاعرا ٿيندا هئا. اُتي وڃي هو مشاعرن ۾ حصو وٺندو هو ۽ خوب داد حاصل ڪندو هو. هو سوالن جا جواب ڏيئي خوب کلندو هو ۽ کلائيندو هو. هو ڪمال ڪاريگري سان ٽوڪون هڻندڙن ۽ چٿرون ڪندڙن کي منهن ڏيندو هو. سير ۽ سفر جي دوران هن جي شاعري اڀري ۽ خوب ترقي ڪئي.

    شخصيت:
    حمل فقير هڪ خوش طبع ۽ خوش گو شاعر هو. هو هڪ قابل، صلح پسند ۽ بيباڪ انسان هو. هو رلڻو ملڻو ماڻهو هو. هو هميشه عام ماڻهن سان محبت ڪندو هو. هو مجلسن جو مور ۽ ڪچهرين جو ڪانگي هو. هن جي خوش طبعي، حاضر جوابي ۽ خوش گوئي ۽ نڪته سجي. (Wit) سندس يارانه شخصيت جا نمايان پهلو هئا. هن سنڌ ۾ ڏاڍا سير ۽ سفر ڪيا، هو وڏو سخي ۽ يارن جو يار ۽ دلين جو دلدار هو، ڪانگل وٽان سڄي سنڌ کي سلام موڪلڻ وارو پياور ۽ بيمثال شاعر هو. هو سدورو ۽ سڀاڳو مرد مٿير هو. هو مينڌي ڪندو هو ۽ ڪپڙا گهڻو ڪري سادا ۽ صاف پائيندو هو. مٿي تي اڪثر ڪيمخابي ميرائي ٽوپي پائيندو هو. اها هن جي سڇاڻپ هوندي هئي. جي شاهه لطيف سج هو، سچل سرمست چنڊ هو ته حمل فقير هڪ چمڪندڙ تارو هو.

    وفات:
    حمل فقير 71 سالن جي وڏي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ محمود لغاري ۾ تاريخ 2 صفر سن 1225هه مطابق 1880ع ۾ وفات ڪئي. هن جو مقبرو ڳوٺ محمود خان لغاري جي ڀرسان آهي. هرسال 2 صفر تي عقيدتمند، ڳوٺاڻا، اديب ۽ شاعر هن جي مزار تي اچي هن کي محبت ۽ عقيدت جو سلام پيش ڪندا آهن.

    شاعري جا اهم نڪتا
    (1) حمل فقير سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سُگهڙ پائي جي فن کي شاعري جي فن سان ملايو آهي ۽ شاعري جي دائري ۾ وسعت آندي آهي. هن شاعري ۾ تازگي، توانائي ۽ دلڪشي ڀري شاعري ۾ نواڻ آڻي، اُن کي مقبول بنايو آهي.
    (2) حمل فقير پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن فصاحت جي ذريعي ڊگها شعر جوڙيا آهن. هن هر شيءِ کي تفصيل سان بيان ڪري اُنهن ۾ تشبيهون، استعارا، محاورا ۽ صنعت تجنيس جو ڀرپور استعمال ڪري رنگ رچايا آهن، منڊل مچايا آهن.
    (3) حمل فقير روايتي اهڃاڻن جو استعمال ڪري شاهه ۽ سچل جي اهڃاڻن کي کولي بيان ڪيو آهي. هن پاڻ به ڪي هلڪا هلڪا اهڃاڻ گهڙيا آهن. ائين ڪري هن اهڃاڻڪاريءَ جي روايت کي ٻيهر زنده ڪيو آهي.
    (4) حمل فقير پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن ڳوٺاڻن موضوئن کي ڳوٺاڻي سادي، سلوڻي، ماکيءَ کان مٺي ۽ من موهيندڙ اسلوب ۾ بيان ڪيو آهي. هن جا ٻول عين ڳوٺاڻي ماحول منجهان کنيل آهن، جي نه صرف ماڻهن کي متاثر ڪن ٿا پر هر جاءِ رواني، ترنم ۽ موسيقيت به پکيڙن ٿا.
    (5) مزاح جو مطلب ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ ناهي، اُن کي خوار ڪرڻ ناهي. مزاح هڪ ناڪاري جذبو ناهي، پر مزاح سچ پچ هڪ هاڪاري جذبو آهي. حمل فقير پنهنجي ڪلام ۾ فني ڪاري گري جي ذريعي کلائي، انساني اوڻايون دور ڪري، وري انسان کي چڱو ڀلو بنائي ڇڏي ٿو. حمل فقير مزاح جي صنف ۾ پيار ۽ همدردي جا رنگ ڀري، اُن کي مقبول بنائي ڇڏيو آهي. حمل فقير جهڙا مزاحيه شاعر ورلي نظر ايندا آهن.

    حمل فقير ٻه اُستاد شاعر
    حمل فقير ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ سروع ڪئي. هن جي والد رحيم خان، جيڪو پاڻ به هڪ شاعر هو، حمل کي همٿايو ۽ هن کي شاعري ڏانهن گهڻو متوجه ڪيو. حمل وڏو خوش نصيب هو جو هن کي وقت جا ٻه نامور شاعر مليا جن هن جي تربيت ڪئي ۽ هن کي قابل قدر شاعر بنجڻ ۾ هن جي رهنمائي ڪئي. اُهي ٻه نامور شاعر هئا. (1) مولوي لطف علي ۽ (2) خليفو نبي بخش لغاري.
    مولوي لطف علي بهاولپور رياست جو رهاڪو هو. هو حمل جو وڏو همعصر هو. لطف علي ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ جو قصو سرائڪي ٻولي ۾ لکيو. جنهن حمل کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هن سيف الملوڪ جي قصي جي ڀران هڪ ننڍي مثنوي ”قصه سري جمجمه سيلطان، معجزه عيسيٰ عليھ السلام“ جوڙي.
    حمل پنهنجي بياض ۾ لطف علي جا ڇهه چونڊ يبت لکيا ۽ اُن جي ڀران پنهنجا رچيل بيت لکيا. لطف علي محبوب جي مجازي تعريف لاءِ هي بيت چيو:
    نين سياه سريجن دي هن، سهجئون مست مدام ڏؤهين،
    مينت، مرگهٽ ڇوڙ بحر بر، چمن تيڏي اقدام ڏوهين،
    داراتين سلطان سڪندر، دردي خاص غلام ڏُوهين،
    يا رب لطف علي ڪون شوقؤن، مل شتاب امام ڏوُهين.
    هن بيت جي ڀران حمل هي بيت چيو:
    ”ناز ڀر هي دي نين سدائين، مي بِن هِن مستان ڏؤهين،
    جادو، جلويدار جنگار، سرڪش هن سلطان ڏؤهين،
    خون ڪيتي نِتِ کيوي ڦردي، پرور دي پهلوان ڏؤهين،
    ڪر ڪر آون درد مندان تي، جنگ آتين جولان ڏؤهين.
    ٻنهي بيتن کي ڀيٽڻ سان خبر پوي ٿي لطف علي گهڻو بليغ آهي ۽ حمل زياده فصيح، حمل جو هي بيت لطف علي جي بيت جو تتبع آهي.
    لطف علي هن بيت ۾ نئين صنعت ڪم آڻي مجازي محبوب جي تعريف هيئن ڪئي آهي:
    ميرا دلدار، موهن منٺار، يگانه يار، ذهين بيمار،
    سدا سيمار ڪري ياد شهييان،
    آنکين پُر رنگ، دروني دنگ، ڪُهن اڙٻنگ،
    ڪرن نِت جنگ، سدا سر سنگ لهتن سرواهيان.
    هن بيت جي تبع ۾ حمل هي بيت چيو:
    ”ميرا دلدار، مٺا منٺار، اوي غمخوار،
    سٽان ڪم ڪار، ويکان مُک يار دا.
    وِکالي ڇم، جڏان جنهن دم، وڃن سڀ غم،
    جي ڪوي جم، زلف دي تار دا.“
    ٻنهي بيتن ۾ چار چار قافيا جرڪندي ۽ منڊ مچائيندي خوب نطر اچن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش جو چوڻ آهي، ”ته انهي خيال کان مولوي لطف علي سرائڪي شاعري ۾ ڄڻ حمل جو حقيقي اُستاد آهي.“
    حمل فقير جو ٻيو اُستاد شاعر سندس عزيز خليفو نبي بخش لغاري هو. جيڪو سنڌي ٻولي جو هڪ ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. خليفي نبي بخش حمل فقير جي خوب رهنمائي ڪئي ۽ هن کي سنڌ جو بهترين عوامي شاعر بنائي ڇڏيو.
    خليفي نبي بخش ”سسئي پنهون“ جو منظوم داستان جوڙي سڄي سنڌ ۾ هل چل مچائي ڇڏي، جنهن جي جواب ۾ حمل فقير ”هير رانجهي“ جا ست بيت سرجيا. اهو ظاهر ڪري ٿو ته حمل فقير خليفي نبي بخش جي شاعرانه خوبين جو قائل هو. خليفي نبي بخش مجازي محبوب کي ساراهيندي هي بيت جوڙيو.
    ”محبوب ڏٺو سي خوب، دلين تي دام گهتي دُر دانا، يار يگانه،
    چٽڪيا شوق شڪار شتابي، ڇا ترڪش، نير ڪمانا، ڪر بهانا.“
    حمل فقير به هڪڙو بيت جوڙي خليفي نبي بخش کي خوب خوش ڪيو. اهڙي بيت مان خليفي نبي بخش جي شاعري جي سُڳنڌ محسوس پيئي ٿئي.
    ٻنهي اُستاد شاعرن حمل فقير جي شاعري کي سينگارڻ ۾ هن جي خوب رهنمائي ڪئي ۽ هن کي سنڌي شاعري جو هڪ منفرد ۽ جدت پسند شاعر بنائي ڇڏيو.

    حمل فقير جي شاعري:
    يادگار حمل فقير ۾ لکيل پنهنجي مضمون ”حمل فقير ۽ سندس ڪلام“ ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي عبدالرحمان منگي لکي ٿو ته ”حمل خان لغاري ميرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي اولائي دور جو سنڌي ۽ سرائڪي زبان جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه ڀٽائي، سچل ۽ روحل کان پوءِ جيڪڏهن ڪو شاعر ديس واسين سان سلوڻي ۽ سوادي ٻولي ۾ مخاطب ٿيو آهي ته اُهو حمل فقير لغاري آهي.“
    حمل فقير جو هٿ آيل ڪلام سندس ڪليات ۾ موجود آهي. انهيءَ جو اڌ ڪلام سنڌي ۽ اڌ ڪلام سرائڪي زبان ۾ چيل آهي. ڪجهه شعر هندي ريخته ۾ چيل آهن. سنڌي ۽ سرائڪي زبانن ۾ چيل ڪلام ۾ مدحون، معزا، مناقب، مثنوي، سه حرفيون، بيت، ڪافيون، غزل، هنر، ڏهسناما ۽ معما وغيره شامل آهن.
    حمل فقير جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام گهڻو مقبول آهي. عوام انهيءَ کي دلين ۾ سانڍي رکيو آهي. سندس ڪلام کي ڳوڙهائي سان پڙهنداسين تڏهن سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام جون خصوصيتون معلوم ٿي سگهنديون. حمل جي سنڌي ڪلام ۾ ڪلاسيڪيت جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. اُنهيءَ ۾ معلومات جا ذخيرا موجود آهن. اُنهن ۾ سنجيدگي آهي. جيڪا اعليٰ درجي جي آهي. سرائڪي ڪلام گهڻو ڪري عوامي رنگ ۾ رنگيل آهي. ان ۾ مزاحيه رنگ به آهي ۽ مجازي حسن ۽ عشق جون مهميرون روان دوان آهن. انهيءَ ۾ چٽسالي، حرفت ۽ چالاڪيءَ جا رنگ چٽا نظر اچن ٿا.

    شاعري جا موضوع
    حمل فقير هڪ وڏو عوامي شاعر آهي. هن جي شاعري جا موضوع به عوامي آهن. هن جي شاعري جا نمايان موضوع هي آهن. (1) مرشدن جي ساراهه، (2) وڏن واقعن جي ترجماني، (3) سنڌي قصا ۽ داستان، (4) مزاح نگاري، (5) مجازي حسن ۽ عشق جو آواز، (6) يار ۽ ياراڻي، (7) وطن جي محبت، (8) اورچائي، (9) همت ۽ حوصلو (10) جاکوڙ ۽ (11) خود اعتمادي هن جي شاعري هڪ کليل دل ۽ تيز دماغ واري محب وطن شاعر جي اندر جو آواز آهي.

    حمل فقير جي شاعري جا رنگ:
    حمل فقير جي شاعري سنڌ جي سمورن رنگن ۾ رنگيل نظر اچي ٿي جيڪي اکين کي ڀرمائي ۽ روح کي ريجهائي ڇڏن ٿا.
    (1) حمل جي شاعري جو عوامي رنگ هن کي پنهنجي عوام ۾ مقبول بنايو بيٺو آهي.
    ڪانگل چئج قريب کي، ساري سنيهو،
    ڏيان نياپا نياز سان، ڪانگل ٻيو ڪيهو،
    ڏيئي حال حمل جو جانب ري جيهو،
    به پيئي نيهو، ڏج سنيهو سڄڻين.
    (2) حمل جي ڪلام ۾ مزاح جو رنگ به خوب آهي.
    زلف ڏنگا، ابرو ڏنگا، گُفتار ڏنگي، رفتار ڏنگي،
    جنهن جاءِ هوندا هي چار ڏنگا،ا لاچار هوندي هر ڪار ڏنگي،
    جت يار ڏنگو، اغيار ڏنگو، هدار ڏنگو، بازار ڏنگي،
    جت سوار ڏنگو، ڪمدار ڏنگو، مختيار ڏنگو، سرڪار ڏنگي،
    ڪير ڪنهن جو فرياد سڻي، ڪير ڪنهن جو ڪو داد ڪري.
    حمل زميندارن، ڪمدارن ۽ سرڪاري عهديدارن تي ڪهڙيون نه گهريون چوٽون ڪيون آهن.
    (3) مجازي حسن جي رنگ جون رمزون به ڏسو:
    اکيان هِن تلوارين تيريان ڪجل تيرا ڪامڻ،
    ڪجلـــے نال ڪلور ڪيتوئـــے، اکيان ڪون دے آمڻ،
    ديدان دا دستور اهو جو، دام وڏا گهت دامڻ،
    حمل هزار اکين هن ڪـیـــے راجا جيهي رامڻ

    (4) اهڃاڻ ڪاري جو اليبلا رنگ ڏسو ۽ حمل جي شعور کي جاڳندي، جلهون ڪندي ڏسي کيس سلام ڪريو
    پائيندڙ کي پاءِ، يڪون ڏهاڙي ڀر سان،
    ڇوڙ ٻڌين ڪينڪي، نينهن جو ڌوءِ، ڌڪاءِ،
    توکي ننڊن نهوڙيو، غفلت، گيرب گاءِ،
    حمل هن درياءِ، لکن کي لوڙهي ليو.
    (5) حمل جي ڪلام ۾ عڪس جو رنگ به نور پکيڙي ٿو ۽ يادگيرين کي وري جيئرو ڪري ٿو. حمل فقير پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته انوکي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو جو اُهي سهڻي صورت ڌاري هن جي اکين اڳيان جهل مل ظاهر ٿين ٿا ڄڻ ته اُهي تجربا ۽ مشاهدا هينئر ئي ڏٺا ويا آهن.
    حمل فقير سرمارئي ۾ ٿر جي جهنگي ڦلن ڦُولن جو ذڪر ڪري هڪ جيئرو جاڳندو فطري عڪس پيش ڪيو آهي. سڀ شيون هن جي اکين اڳيان ظاهر ٿي پاڻ پسائي رهيون آهن ۽ روح ريجهائي رهيون آهن.
    ڏٺم ڏاڏاڻي ڏيهه تي، جاپندي ڄاريون،
    ماکيون مٺيون ڀائيان، کٻڙيون کاريون،
    تنين کي ساريون جهڄي هانءُ حمل چئي.
    حمل جي ڪلام جا هي رنگ وڌيڪ رنگين، وڌيڪ حسين ۽ وڌيڪ دل نشين ٿي ويندا آهن. جڏهن اسلوب جي ڇَل ڇَل اُڇل ۽ هلچل اُنهن ۾ رواني، ڀري رفتار ۽ ترنم ڀري ڪو جادوئي اثر جاري ڪنديون آهن.

    گهڻن صنفن ۾ شاعري:
    حمل فقير جي پيشرو (Predecessor) خليفي نبي بخش لڳ ڀڳ 22 صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. حمل فقير لڳ ڀڳ 15 صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. جهڙوڪ مدح، مناجات، معجزو، مناقب، مثنوي، سه جرفي، ڏهسنامو، معرفت نامو، نصيحت نامو، بيت، چار تڪا بيت، ڪافي، غزل، معمو ۽ منظوم صحيفو وغيره. اچو ته حمل فقير جي چند صنفن ۾ ڪيل شاعريءَ جو جائزو وٺون:

    (1) بيت:
    حمل فقير ڪلاسيڪل صنف بيت ۾ بهترين شاعري ڪئي آهي. هن ست سر سرجيا آهن. سر سسئي، سر مارئي، سر سهڻي، سر مومل، سر سارنگ، سر ڪانگل ۽ سر بروو سنڌي. اُنهن ستن سُرن ۾ ڪل 165 بيت ۽ 7 ڪافيون آهن. سندس ستن سُرن ۾ ٽن سٽن وارا 12 بيت، چئن سٽن وارا 36 بيت پنجن سٽن وارا 15 بيت، ڇهن سٽن وارا 6 بيت، ستن سٽن وارا 5 بيت ۽ 11 سٽن وارو هڪ بيت آهي. سندس بيتن ۾ ٻن سٽن وارو ڪو به بيت ناهي.
    حمل فقير جي بيتن واري شاعري سنجيدگي ۽ مقصد سان ڀريل آهي، هن جون تشبيهون ۽ محاورا دلفريب آهن. عڪس ۽ اهڃاڻ چٽا آهن، پر روايتي آهن.هن جو سرڪانگل عوامي شاعري جو هڪ بيمثال مثال آهي. نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”انهن ۾ رچيل سلاست ۽ رواني حمل فقير جي زبان جي ساک ڀرين ٿا.“

    (2) مدح:
    مدح هڪ قديم عوامي صنف آهي. حمل جي ڪلام ۾ 4 مدحون آهن جن مان 3 سنڌي ۾ ۽ 1 سرائڪي ۾ آهن. حمل فقير پنهنجي اُستاد خليفي نبي بخش لغاري وانگر ڊگهيون ڊگهيون مداحون به سرجيون آهن. خليفي نبي بخش پنهنجي وقت ۾ هڪ ڊگهي مدح ”داد ڪر بغداد وارا“ رچي. هن مدح ۾ 34 بند آهن ۽ هر هڪ بند ۾ پنج پنج مصراعون آهن. حمل فقير جي جوڙيل مدح ”ڪر مهر مون تي مصطفيٰ“ تمام ڊگهي آهي. هن ۾ 81 بند آهن ۽ هر هڪ بند ۾ 3 هم قافيا مصرائون ۽ هڪ وراڻي واري مصرع آهي.
    ”هي لڙهه لغاري لام تو،
    سيد سچا ٻيو سام تو،
    دل ٺار نيڻن نام تو.
    ڪر مهر مون تي مصطفيٰ.

    (3) ڪافي:
    ڪافي سنڌ جي جهوني صنف آهي. سنڌي شاعرن وايون ۽ ڪافيون جوڙي سنڌي شاعري ۾ خوب ڪمال ڪيو آهي. حمل فقير جي ڪلام ۾ 6 سنڌي ۽ 1 سرائڪي ڪافي آهي. ڪافين جي سٽاءِ، موضوع ۽ پيش ڪرڻ جو طريقو ڏاڍو نيارو ۽ پيارو آهي. هي سرائيڪي ڪافي بهترين آهي.
    سانون شوق مچايا شور، شور وے لوڪو،
    سانون شوق مچايا شور.
    رانجهــے جيها اور نه ڪوئـــے، هي محبوبان دا مور،
    سانون عشق مچايا شور.
    سنڌي ڪافيون سريليون ۽ رسيليون آهن. حمل فقير جي هي ڪافي برهه جي بار سان ڀريل آهي.
    موٽ مڍا منٺار، يار، تو لئه ساهه سِڪي ٿو،
    ساجن توڙي سپرين، برهه آيا سربار،
    حمل هر دم ٿو گهري، تنهنجو دوست ديدار.
    سر مارئي واري هي ڪافي ڪلاسڪي رنگ ۾ رتل آهي وطن کان وڇڙيل مارئي جي اندر جو آلاپ آهي.
    ”آهه اندر منجهه اُڪير، عمر مون کي ماروئڙن جي.“
    حمل فقير جي ڪافين ۾ رنگ آهي، ترنگ آهي، لئي آهي ۽ موسيقي به آهي.

    (4) غزل:
    حمل جي ڪلام ۾ 3 غزل شامل آهن. 1 غزل سنڌيءَ ۾ ۽ 2 غزل هندوي ۾ آهن. اُهي مٺن ٻولن وارا غزل آهن. اُنهن ۾ گهرائي ۽ سنجيدگي ناهي. اُنهن ۾ هلڪو هلڪو ترنم ضرور موجود آهي. سنڌي غزل جي هن شعر ۾ مجازي حسن جي خوب ساراهه ڪيل آهي.
    لعل لب لالن سندا، لک لعل تنهن مؤن لعل ٿيا،
    سادي لالي لبن قربان ڪئين مرجان جان.
    هي هڪڙي هنڌي غزل جو شعر پڙهو:
    دين دنيا، عيش عشرت، اس ڪــے دل سون اُترے،
    جس سخي ساقي ڪا هاٿون پر پيا ہے جام دِل.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”سنڌي خواهه ريخته هندي ۾ نسبتاً جديد رنگ جا غزل موجود آهن.

    (5) چار تڪا بيت:
    مولوي لطف علي نئين قسم جا بيت جوڙيا جن کي ”دوهرے دهڙے “ يا ٻٽا ڏوهيڙا چئبو آهي. ٻن ڏوهيڙن کي جوڙي هڪ چئن هم قافيا سٽن وارو بيت ٺاهيو ويو. اُنهي بيت ۾ ترنم دلپزيري ۽ موسيقي جو جادو سر چڙهي ڳالهائي ٿو. حمل فقير به چئن هم قافيا سٽن وارا بيت جوڙيا آهن. انهن ۾ حقيقيت ۽ هدايت وارا يبت خوب آهن.
    خودي خدا نون مول نه ڀاندي، خودي خدا تون پلي،
    خودي ڪيتي، خراب ڪيتي، گئي بخت الريٰ دي تلي،
    خودي جيهي خطا نه ڪائي، مارخودي لون کُلي،
    حمل حب حقاني هووي، ڇوڙ خودي خود ملي.
    هي چئن هم قافيه سٽن وارو بيت صنعت تجنيس جو بيمثال مثال آهي.

    حمل فقير جي سرائڪي شاعري:
    حمل فقيري جي سنڌي شاعري بيمثال آهي ته سندس سرائڪي شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. حمل جو سرائڪي ڪلام هڪ کلي دل ۽ تيز دماغ واري شاعر جي اندر جو آواز آهي، روح جو راڳ آهي. هن جو سرائڪي ڪلام هر رنگ ۾ رنگيل آهي. اُن ۾ پيار بيشمار آهي. ترنم جي رم جهم بوند بهار آهي، اُن جي رفتار ڄڻ ڪا سنڌو جي ڌارا آهي ۽ موسيقي موهن جي مُرلي جي گونجار آهي.
    حمل فقير جي سرائڪي شاعري فطري آهي. اُها مصنوئي ناهي اُها انساني جذبن ۽ احساسن جي بي معنيٰ راند ناهي. سچ پچ اُها انساني جذبن، تجربن ۽ آدرشن جو کليو ۽ فطري اظهار آهي. جيڪو پڙهندڙن کي ڀرمائي ٿو ۽ گرمائي ٿو. حمل جي سرائڪي شاعري جا موضوع نوان ۽ نرالا آهن. مرشدن جي عقيدن سان ساراهه، نصيحت ناما، ٽيهه اکريون، هير ۽ سندس ماءُ جا سوال جواب التجا به حضور محبوب، قادر جي قدرت، هير ۽ سندس مجاز، عشق، دلبر جو حسن، سڄڻ جا ماڻا، مجازي عشق جون مهميزون، مزاح وغيره. حمل جي لعل لنواري جي مدح کي پڙهو ۽ سرور حاصل ڪريو.
    واه محبوب مڪمل مرشد، حامل لطف رباني،
    لائق لعل لنواري دا شهه نقشبندي نوراني،
    نصيحت نامي جي نڪتن مان ڪجهه پرايو.
    ڪر ڪجهه ياد خدا ڪُون بندا، ڇوڙ دنيا دا ڪوڙا ڌنڌا،
    حرص، هوس دا تاڙ نه ڌنڌا، ڪر گهن ڪجهه تون نيڪ عمل،
    اها عمر نه آسي وَل.
    ”در بيان خطاب والتجا بحضور محبوب“ دکي دل جو درد ڀريو ترانو آهي.
    الف آءُ سهڻا جاني، يار ميرا،
    گل لڳ ڪرون مٺيان ڳالهيان جي،
    اسان ٻاجهه آرام حرام هيا،
    تڏهين تون ڏي، تون آ يار.

    هير ۽ سندس مجاز جو روپ ڏسو:
    رانجهو راضي، تان رب راضي، ميڏي پيش رانجهن لُڪ آزي،
    روز الستي عشق اسا دا، ماهي نال مجازي،
    کيڙا خوني خللي، ميڏا ماهي نيڪ نمازي،
    حمل هميشه حيات رانجهو رب، ڏيوس عمر درازي.
    دلبر جي ديدار جون برڪتون ڏسو:
    ”دلبر دا ديدار ڏٺي، ڪل درد الم، غم دور ٿيون،
    حوران، پريان ديک حسن، سڀ چٽپٽ سي چڪچور ٿيون.“
    ”سه حرفي دربيان خطاب والتجا بحضور محبت“ ۾ عشق ۽ عمل جي لڙائي کي ڪهڙي نه سهڻي نموني نڀايو ويو آهي.
    جنهن جي سڪ سانون، سوئـــے آءُ مليا،
    هڻ ڀڄ، پَٽي پَٽـــے سڀـــے سڀي ڀولڙ ــے ڀي،
    حمل، اسان وصال بحال ٿيا،
    ڳـــے وچ والـــے رنج رولڙے ڀـــے.
    مجازي دلبر جي حسن جي تعريف لاجواب آهي. ڇا تشبيهون آهن، ڇا محاورا آهن.
    منهه مسجد، محربا ڀرون، وچ نين ديوي ڏون ٻلدي،
    سهي ڪيتو سي سجدا انهين وچ اصلون روز ازل دي،
    محبت، ڏينهن ميثاق لڳي هيئون عاشق اڄ ڪلهه دي،
    حمل هر اک دم جو ساڏا، قاصد هِن پل پل دي.
    غير زميوار نوجوان جي اعمالن کي مزاحيه رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
    ڏنگي ٽور تين پٽڪا ڏنگا، هٿين پنج ڇهه ڇلي،
    ڪڍ ڪڍ پٽوين تين وٽ ڏيندے اُبتـــے پيچ اوَلـــے،
    آڪڙ شاڪڙ نال شهر وچ ٽوٽ ٽُرن ڪر ٽلي،
    طرے ڇوڙ ٽڙان تـــے کڙدے گانڊو ڪر ڪر گلـــے.
    حمل جي سرائڪي شاعري ۾ سڀ رنگ موجود آهن، ساراهه جو رنگ، پيار جو رنگ، انتظار جو رنگ، ديدار جو رنگ، کل خوشيءَ جو رنگ. حمل جي سرائڪي شاعري ڄڻ زندگي جا گيت ڳائيندي نظر اچي ٿي.
    حمل جو اسلوب بيمثال آهي. اُهو سريلن ٻولن، سريلين تشبيهن ۽ پيارن محاورن سان سينگاريل آهي ۽ سڌو دل تي اثر ڪري ٿو. حمل جو اسلوب نه رڳو هن جي شاعري جو تاج آهي، پر سنڌي شاعريءَ جو هار سينگار به آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”حمل جي شاعرانه اسلوب ۾ وڏي لچڪ آهي.“ اُن ۾ اُڇل به آهي جيڪا سوين سير ڪرائي من کي موهيو ڇڏي.
    حمل فقير جي سرائڪي شاعري دل کي ڇهڻ واري آهي. خوبصورت لفظ، اُنهن جي خوبصورت پيش ڪش ۽ قافين جي فنڪارانه ادل بدل روح کي ريجهائي ٿي. ڪٿي خوشيءَ جا خزانا آهن، ڪٿي جدائي جو درد آهي. ڪٿي ملڻ لاءِ آزيون نيزاريون آهن، ته ڪٿي وصل جي وائي آهي. سندس ڪلام ۾ زندگيءَ جا سڀ رنگ سمايل آهن. هن جي سرائڪي شاعري لاجواب آهي، لازوال آهي.

    حمل جي عوامي شاعري:
    عوامي شاعري ڌرتي ڄاول ماڻهن جي شاعري آهي اُها انساني جذبن ۽ احساسن، سوڇ ۽ لوچ، جدوجهد ۽ جاکوڙ، آرزوئن ۽ آدرشن، هار ۽ جيت ۽ اڻ ڪهيل ارمانن جي اصلي ۽ فطري شاعري آهي. عوامي شاعري عام ماڻهن جي جزبن ۽ احساسن جي سولي، سليس ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪرڻ جو نالو آهي. عوامي شاعري جا موضوع سادا ۽ سچا هوندا آهن، اُنهن جو اظهار اُنهن جي لاءِ زندگي کي سمجهڻ، اُن تي عمل ڪرڻ ۽ زندگي جي ترجماني ڪرڻ آهي.
    حمل فقير هڪ مستند عوامي شاعر آهي. هن جا موضوع عوامي آهن ۽ هن جي ٻولي به عوامي آهي. عوامي شاعري جو واسطو عام ماڻهن سان آهي. عام ماڻهو هلن ٿا، ڪرن ٿا، وري اُٿن ٿا ۽ رڙهندا، جهرندا، سور سهندا، مصيبتن جو مقابلو ڪندا اڳتي وڌن ٿا. فتح يا هار انهن جي لاءِ بي معنيٰ آهي. جدوجهد اُنهن جي لاءِ سڀ ڪجهه آهي. ”سرسسئي“ ۾ سسئي هڪ نرٻل ۽ نازڪ نار هوندي به پنهون کي ڳولڻ لاءِ سوين سور سهي ٿي هزارين مصيبتن جو مقابلو ڪري ٿي پر واپس نٿي موٽي.
    سرتيون سڀيئي، وچون واٽ وري ويون،
    حمل هلي هيڪلي، سسئي سر ڏيئي،
    کڻي پير پنهل جو پٺي تن پيئي،
    وڃڻ کي ويئي، موٽي موٽي ڪينڪي.
    حمل فقير سادن ۽ سولن لفظن جي ذريعي سنڌ ڄائي سسئي جي بيمثال جرئت جو ڪهڙو نه چٽو نقشو ڇڏيو آهي. سنڌ جا عام ماڻهو جيءَ کي جوکي ۾ وجهي اڳتي هلندا رهندا آهن. هي عوامي شاعري جو انمول انگ آهي.
    سنڌي ماڻهو وطن ڄايا آهن ۽ وطن انهن جي لاءِ سڀ ڪجهه آهي. هو وطن کان دور ٿي سور سهندا آهن، پر وطن کي وسارڻ اُنهن جي لاءِ موت برابر آهي ٿر ڄائي مارئي جو به اهو ئي حال آهي. عمر ڪوٽ ۾ قيد هوندي به هن کي وطن ۽ وطن جي هر شيءِ هر وقت ياد آهي.
    حمل حُب وطن جي، اندر روح رهي،
    ساکي رب صحي، دليون ويڙ نه وسري.
    مارئي ٿر جي ماڻهن، اُتي جي جانورن، وڻن ٽڻن، گاهه ولين، ڦلن ڦولن ۽ ويس وڳن کي ساريو چئي پيئي.
    عمر اباڻي پار ڏي، لاک رتيون لويون،
    ستي ويٺي ساريان، لاکيون جي لويون،
    سڀئي پيارن پاڻ ۾، لوڻ لسي لويون،
    لويون، هاڻي هت حمل چئي.
    ماري جي وطن جي حُب کي سادن ۽ سلوڻن لفظن ۾ بيان ڪري حمل عوامي شاعري جي ساک ڀري ٿو. عوامي شاعر جو جيترو ملڪو ٻولي ۽ اُن جي اظهار تي هوندو، اُن جي شاعري به اوتروئي اثر ڇڏيندي.
    ڪانگل سنڌ جو عام پکي آهي. حمل اُن کي سادن ۽ سولن لفظن جو جامو پارائي، اُن کي قرب جو قاصد بنائي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. ”سر ڪانگل“ حمل جي عوامي شاعري جو سينگار آهي.
    ڪانگل چئج قريب کي، نيئي نياپا،
    چئجان چڱيان ڪري، ڏيئي ڏوراپا،
    سٽيم تو ساجن لئي، سڱ ۽ سياپا.
    جيءَ جا، جياپا، هيڪر آءُ حمل چئي
    پنهنجي ارمانن کي سادن ۽ سولن ٻولن جي ذريعي ظاهر ڪرڻ عوامي شاعري، جي خاص خصوصيت آهي.
    ٽڪر ساڻ ٽڪر هڻي ۽ هلان ڪري،
    واڪا ڪيون ورائي وڃي ڊرڪي منجهه ڊڪر،
    حمل هاڙهي حب جي پٽين پير پٿر،
    وهايائين وکر، ڪو سورن سندو ساٿ مون.
    سادن ۽ سولن لفظن ۾ سسئي جي ارڏن جزبن جو اظهار ڪري عوامي شاعري جي عوامي رنگ کي پڌرو ڪيو ويو آهي.
    حمل فقير ملڪ جي بدليل حالتن جو ڪهڙو نه چٽو نقشو چٽيو آهي.
    هئي هئي هئي هئي هاءِ جو محبت ويئي ملڪ مون،
    جتي قرب ڪمال هو، تتي لاءِ نه ساءِ،
    حمل چئي هن ڳالهه جو، ڪونهي سُڌ سماءِ،
    حمل فقير هڪ ”معمي“ ۾ هي خيال پڌرا ڪيا آهن: سادا خيال، سادي ٻولي پر عمده عوامي شاعري.
    عجب ڏٺوسي آدمي، دل جو ڌيان ڌري،
    ته رزق خاطر راتيان ڏينهان ٿو پيرين پنڌ ڪري،
    توڙي هلي تڪڙو، توڙي هلي هري،
    تان حمل چئي نه چُري، رهي نيٺو هن هنڌ تي.
    حمل فقير عام ماڻهن جي عام جذبن ۽ احساسن کي عام فهم سولي ۽ سلوڻي ٻولي ۾ بيان ڪري عوامي شاعري کي فني پُختگي عطا ڪئي ۽ عوامي شاعري جا ڪيترائي جُزا ٻڌائي عوامي شاعري کي وڌڻ ويجهڻ جا آسان ۽ عمدا راز ٻُڌايا آهن.

    حمل جي مجازي شاعري:
    سنڌ ۾ مجازي شاعري جو خالق ميون شاهه عنات رضوي آهي. هن کان پوءِ سنڌ جي ٻئي قادرالڪلام شاعر خليفي نبي بخش لغاري مجازي شاعري کي وڏي مقام تي پهچايو. هن جي مجازي شاعري لاجواب آهي، بيمثال آهي. ڇا هن جو مواد آهي، ڇا هن جي عمده تجنيس هرفي آهي ۽ ڇا اُن جو کليو کلايو اظاهر بيان آهي. هن جي مجازي شاعري سحر انگيز آهي.
    حمل فقير جي مجازي شاعري من موهيندڙ ۽ چت چورائيندڙ آهي. هن جي صاف گوئي ۽ خوش طبعي هن جي مجازي شاعريءَ کي چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪائي ڇڏيو. حمل مجازي محبوب جي حسن کي خوب ساراهي ٿو.
    سهڻي صورت سيرت تيڏي، مٺـــے لب مٺايان،
    ڪيا سارهيان!
    حوران پريان ديک حسن ســـے شرم ڪنون شرمايان،
    ول نه آيان!
    سُهڻيان صفتان سڀ تُسان وچ رب رحيم رهايان،
    واهه وڏايان!
    تيڏي بيت برهه دے بيشڪ، حمل هن هوايان،
    عشق اُڏايان!
    حمل جو مجازي محبوب حسن جو نادر نمونو آهي. دنيا جي هر شيءِ هن جي ٻانهي آهي، هن جي سلامي آهي. حمل فقير محبوب جي جسماني عضون جو ڪهڙو نه دلفريب چٽ چٽيو آهي.
    ڪنڊا نڪ، نين ڪنڊے ڪامل، ڀرون جيهاندے جاڙے،
    صورت صاف، سرو قد قامت، نين ڳوڙهـــے، گل ڳاڙهـــے،
    چشمان چائين نين چالائين اپني عشق اُماڙے،
    ڀالڻ نال ڀلاڙ ے.
    حمل محبوب جي ٽور کي به خوب ساراهي ٿو.
    عجب جيهي هي ٽور سڄن دي، عجب جيهي هي چال،
    عجب نرالي.
    محبوب جو حسن زوراور آهي:
    دم دم دوست سڄڻ دا، حسن ڪريندا هلان،
    ڪيڪر هلان.
    محبوب جو حسن ماري ٿو ۽ وري جياري ٿو ۽ دل جون راهون روشن ڪري ٿو. سڄڻ جا ماڻا ۽ ادائون چت چورائي عاشق کي ڪنگال بنائي ڇڏن ٿيون.
    ”هس ڳيا، دل کس ڳيا، بيوس ميري دل هوئي،
    حمل هُڻ محبوب بنان، ٻيا ڪو نه ڪري دلجوئي.“
    مجازي عشق به ڪو گهٽ ڪونهي، اُهو رلائي ٿو ڦاسائي ٿو ۽ بنان موت جي ماري ٿو.
    ”مار مجازي موگاڪيتا، نيڻان نيند نه آؤندے،
    رات ڏينهان آرم نهين، دل غم وچ غوطــے کوندے،
    گل گلاب اَنون منهن تيڏے ڀنوَر وانگو پئي ڀوندے،
    حمل هُڻ سِڪ سانڀان ڪِٿان نهين اندر وچ مؤندے.“
    حمل فقير هڪ عجب انسان آهي، مجازي عشق جي عام احساسن، تجربن ۽ جذبن جي ڪهڙي نه کلي اپٽار ڪري، هر دل کي هيران ۽ پريشان ڪري ڇڏي ٿو. مجازي عشق کي کولي بيان ڪرڻ ۾ حمل ڪا هٻڪ مخوصص نٿو ڪري.
    ”ستـــے لوڪ سڄڻ گهر آيا، نال ٻُڪل دي ٻُڪ ڪر، لوڪون لُڪ ڪر،
    ڇُيد ڇُٻد، ٻيهندا آيا، ساهه سمورا سُڪ ڪر، لوڪون لُڪ ڪر،
    ٻاجهه ڪنون آ ٻيٺا ميڏي جهولي دي وچ جهڪ ڪر، لوڪون لُڪ ڪر.“
    حمل فقير مجازي عشق جو راڻو آهي. ڪانا تر هن کي دوکو نٿي ڏيئي سگهي. ڪي طلسمي شينهن هن کي ڊيڄاري نٿا سگهن. هو همت ۽ حوصلي سان هلندي مومل ماڻي ٿو. حمل فقير وسيع النظر شاعر جي حيثيت ۾ مجازي عشق جي حد مقرر ڪري ڇڏي آهي.
    حمل چئي جو ويهي ڪيم سوچ ويچار،
    ته دل لڳي دوستي جو، ڇا ملهه آهي مقدار؟
    تان اندر مان عقل چيو، نڪتو هي نروار،
    جي لڳي ته لک هزار، ٽٽي ته ٽڪو ئي نه لهي.
    سچ پچ حمل جي مجزي شاعري ان جي قابليت جو سهڻو ثمر آهي.

    حمل فقير جي مزاحيه شاعري:
    مزاح نِگار هڪ ڏاڍو ڏکيو ۽ اڙنگو فن آهي مزاح نگاري، اُهوئي ڪري سگهي ٿو جنهن جو دل ڪشادو هجي، جيڪو خوش طبح هجي، جيڪو خوش گُو هجي، جيڪو بيباڪ ۽ حاضر دماغ هجي، جيڪو عام ماڻهن جي ڪچهرين ۾ شرڪت ڪندو هجي، جيڪو ڪڏهن پاڻ کلندو هجي ۽ جيڪو ڪڏهن ٻين کي پاڻ تي کلڻ جو موقعو ڏيندو هجي. کل ڀوڳ، سچ پچ، هڪ صحت بخش خوراڪ آهي. اُها دل ۾ سانڍيل ڪاوڙ، نفرت ۽ ڪدورت کي کِل ڀوڳ رستي خارج ڪري، هن کي نفسياتي طرح صحتمند رکي. مزاح ناڪاري شيءِ ناهي، اُها حقيقتاً هاڪاري شيءِ آهي، جيڪا انساني دل کي نقصان ڏياريندڙ اثرن کان آجو رکي ٿي ۽ هن کي عام ماڻهن جي ڪچهرين ۾ وهڻ لائق بنائي ٿي.
    مزاح انساني اوڻاين کي پڌرو ڪري، اُنهن کي کل ڀوڳ جي ذريعي سُڌارڻ جو نالو آهي. مزاح اهڙو موثر فن آهي جو انساني ڪمزورين جو نفسياتي علاج ڪري اُن کي صحتمند بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. صحيح مزاح نگار اُهو آهي، جيڪو خوش طبع ۽ خوش گو هجي. جيڪو همدرد ۽ رحمدل هجي، جيڪو برداشت جو مادو رکڻ وارو هجي ۽ جنهن جي دل حسد، نفرت ۽ ڪدورت کان آجي هجي.
    شمس الدين بلبل جو دور مزاح نگاري جو دور هو. هن دور ۾ ڪيترائي مزاح نگار شاعر پيدا ٿيا ۽ اُنهن پنهنجي فن کي چمڪايو. يڪدم پوءِ اسان جي مزاح نگار شاعرن شرافت جون حدون لتاڙي ڇڏيون. محمد هاشم مخلص ۽ هن جي ساٿي شاعرن هڪ ٻئي تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، هڪٻئي کي گاريون ڏيئڻ جو بازار گرم ڪري ڇڏيو. ساٿين جي ذاتي خامين کي ظاهر ڪري هڪ ٻئي جي ڪردار ڪوشي ڪئي. اهڙن شاعرن مزاح نگاري ۾ گار گند، ڪردارڪشي، عرياني ۽ بيهودگي ڀري، وڏو اخلاقي ممڻ مچائي ڇڏيو.
    حمل فقير کي مزاحيه شاعري ڪرڻ جي لاءِ ڏاڍو ڏکيو وقت مليو. ائين لڳي ٿو ڄن قدرت حمل کي اهڙين حالتن ۾ مزاح نگاري ڪرڻ جي لاءِ خاص خلقيو. حمل رلڻو ملڻو انسان هو. هو حاضر جواب ۽ بيباڪ هو. هو خوش مزاح ۽ خوش طبع انسان هو. هن وٽ برداشت جو وڏو مادو هو. هو هڪ کلمک ماڻهو هو. هو هر وقت ذاتيات کان مٿاهون رهڻ وارو هو. حسد، نفرت ۽ ڪدورت خا قطعي آجو هو. اِهي حمل جا پيدائشي گُڻ هيا جن هن کي هڪ تعميري ۽ صحتمند مزاح نگار بنايو.
    حمل فقير جي مزاح نگاري جو شڪار ڪو خاص ماڻهو نه هوندو هو. هو انساني خرابين ۽ براين کي خاص فني انداز ۾ عيان ڪندو هو، جو ڪنهن کي به بُرو نه لڳندو هو. حمل البلن ۽ اڙٻنگ انسانن تي کلندي خوب چوي ٿو:
    ”البيلا اڙٻنگ، خيال وڏي سان خان هئا.“
    جوڀن بيدل عاشقن کي خوب سنائي ٿو ۽ انهن جو مذاق اُڏائي ٿو
    ”هئـــے وے جوڀن جاڙ ڪيتوئـــے، ڇوڙ ڪر تنين ڇوڙ ڳيون،
    ڄاتمِ چلين توڙ ٺوڻـــے، هر پار ٻاراڻـــے ٽوڙ ڳيُون،

    لوهه ڪنون لڱ ڏاڍے ســـے ڪر هيڻـــے هڏ اکوڙ ڳيُون،
    همت، هشمت، حال حسن ڳئي، ماس هڏان تون روڙ ڳيون.“
    بي عقل عاشق جوڀن ۾ ڄاڙون سهن ٿا ۽ هر شيءِ وڃائي روئندا رهن ٿا. طنز تکي آهي پر انداز بيان اُنکي برداشت ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو.
    حمل فقير غير ذميوار نوجوانن جو خوب مذاق اُڏايو آهي. هو ڪجهه به نٿا ڪن، نڪو ڪمائن ٿا ۽ نه وري گهروارن جي ڪا مدد ڪن ٿا. هو ڏنگي چال چلن ٿا، مٿي تي ڏنگا پٽڪا پائين ٿا ۽ آڱرين ۾ ڇَلا پائي رُلن ٿا، خوار ٿين ٿا.
    ”زالا اڳون زور ســـے ڏاڙهي، گُوند مرينديان کلـــے،
    منتان ڪر ڪر ماءُ، ڇڙيندے اگهه اگهه اکيان ملـــے،
    گهر وچ کلا، بُجا، ٻاهر شير بهادر بلـــے،
    حمل جنهن گهر حال اِهو سو اک ڪيهين گهر هلـــے.“
    مزاح جو اهڙو انداز بيان حمل کان سواءِ ٻيو ڪو به شاعر اختيار نٿو ڪري سگهي.
    غير ذميوار عورتن جو ڪهڙو نه چٽو ۽ طنز آميز نقشو ڇٽيو ويو آهي.
    ”ڪچي ڪامڻ، خوب خوشالي، چٽي چٽي بال کلي،
    چولا پائلـــے، پيٽ وکالـــے، اڳٺ دکـــے ول ڍلـــے،
    هر ڪهين نون ”ادا“ سڏيندي، ڀاڪر پا پا ملـــے،
    حمل نهين زالون گڏ ڀلي جا ٻڌي نال نه ڪلـــے.“

    حمل ”سلکڻي (سلڇڻي) ۽ ڪُلکڻي (ڪُلڇڻي) زال جو ڪهڙو نه مزاحيه نقش چٽيو آهي.
    ”ڪائي ڪائي نار سُهاڳڻ، وَرَ دے ڳارے ٻڌي،
    ڪتتتي ويندي، ڀرت ڀريندي، خبر دار هُنر دي،
    جي وِتَ وارث، ور جهيڙيندا، ڪندو نه ڇڙنيدے گهر دے،
    حمل نماڻي ڪيا ڪرے، جو هي گهرانـــے گهر دے.“
    *-*-*
    ”ڪائي ڪائي زال ڪُلکڻي، طبع جنهن جي کٽي،
    اوڙي پاڙي، جهيڙا جهٽا، چئون طرفون سي حٽي،
    ٽوڻي، ڦوڻي، گهر ڳنهندي منهن ڪون ٻيٽي وَٽي،
    حمل جي پرتي، نه رٺلن جيهي، جي رُٺي ته ڀونڊڻ مِٽي.“
    حمل هڪ خير خواهه ۽ همدرد مزاح نگار آهي. هن جي مزاح نگاري حسد، ڪدورت ۽ ڪميڻپائي کان سوين قدم دور آهي. هو کِلي، کلائي انساني اوڻايون دور ڪري ٿو ۽ صحتمند معاشري بنائڻ لاءِ وڏي مدد ڪري ٿو.

    حمل فقير جي شاعري جون خوبيون:
    حمل فقير فني طرح هڪ ڪامياب شاعر آهي. هن جون فني خوبيون سندس اسلوب، اهڃاڻ ڪاري، صنعت تخنيس ۽ موسيقي جي ميدان ۾ نمايان طور نظر اچن ٿيون.
    (1) حمل فقير جي شاعري جي پهرين خوبي آهي سندس من موهيندڙ ۽ پُر اثر اسلوب، هن جي اسلوب کي جيڪي شيون سينگاري بيٺيون آهن سي آهن سادي سلوڻي ٻول مالها (Poetic Diction) نين ۽ نرالين تشبيهن ۽ محاورن جو فنڪارانه استعمال، لفظن ۽ لئي جي بيمثال جڙت ۽ کُلي دل سان لفظن جو اظهار ڪرڻ. ”سر بروو سنڌي“ جو هي بيت سندس اسلوب جي ساک ڀري ٿو.
    ”سرتيون، منجهه صبوح ٿي، دعا گهريم جنهن دوست لئيه،
    اجهو آيو مون پرين، رڳن ڀيڙو روح،
    وري ٿيم وروهه حمل هوت حسين سان.“
    (2) حمل فقير جي شاعري جي ٻي خوبي آهي موسيقي. حمل پنهنجي چونڊ (لفظن کي لئي سان ملائي، سُهڻين تشبيهن سان سينگاري، رفتار ۽ رواني ڏيئي اهڙي ته فنڪارانه ترتيب ڏئي ٿو جو لفظ ڳالهائڻ لڳن ٿا ۽ سُر ٻُري ٻاهر نڪرن ٿا. شاعر پنهنجي شاعرانه ترتيب سان موسيقي پکيڙي، روح کي ريجهائڻ جو ذريعو بنائن ٿا، داستان ستون جي فصل 6 جوهر سريلو شعر ۽ اُن جو هر لفظ موسيقي جا آلاپ آلاپي ٿو ۽ روح کي خوش ڪري ٿو.
    سهڻا يار سلوڻا، ڪجهه تان مهر ڪيون مُڙ ڀالو ڀي،
    گهونگهٽ کول غريبان ڪو ڪجهه مُکڙا عجب وِکالو ٻي،
    ڪر ڪر واعدي ورهيه ڳئي، ڪو سخن پيا تان ڀالو ڀي،
    دردمندن ڏُنھ چشمان پا ڪجهه ديکه دک ٽالو ٻي،
    لاهه حجاب حمل سون ٻهه ڏُون چار گهڙيان گڏ پالو ڀي.
    (3) حمل فقير جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي بيباڪي، حمل کي جيڪا به ڳالهه ڪرڻي هوندي آهي، اُها بنان ڊپ، ڊاءُ ۽ حجاب جي کُلي دل سان چئي ڏيندو آهي. هن بيت ۾ حمل مجازي محبوب سان ڳجهي ملاقت جو ذڪر ڪري، ڪمال ڪاريگري سان هي عمدو عڪس نروار ڪيو آهي.
    ”سوتـــے لوڪ، سڄڻ لنگهه آيا، نال ٻوڪل دے لُڪ ڪر،
    لوڪون لُڪ ڪر.
    ڇيدا ڇهندا، ٻهندا آيا، ساهه سمورا سُڪ ڪر،
    لوڪون لُڪ ڪر.
    ٻاجهه ڪَنُون آ ٻيٺا ميڏے جهولـــے دي وچ جهڪ ڪر،
    لوڪون لُڪ ڪر.
    حمل ڪُون ڳل لاءِ، ڳر هٽيان پاءِ ول ڄُڪ ڪر،
    لوڪون لُڪ ڪر.
    (4) حمل فيقير جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي صنعت تجنيس جو لاجواب استعمال، سُر سارنگ جو هي بيت صنعت تجنيس جو سچو ۽ سُريلو ثبوت آهي.
    ”هُند ٿي منڊل وڄيا، آڙنگ ڪيو اَسمان،
    وري ويس وسڻ جا، سارنگ ڪيا سامان،
    آيو اُتر پار ڏونھ، ڳوڙ ڪري گهمسن،
    هو جي ورهين جا ويران، سي مولا ملڪ وسايا.“
    تاج جويي پنهنجي ڪتاب ”باهيون بيراڳين جون“ ۾ چوي ٿو ته حمل فقير جي شاعري جي فني خوبي آهي اُهڃاڻن جو استعمال. حمل فقير روايتي آهڃاڻن کي ورجائي سنڌي شاعري ۾ نواڻ آندي آهي. ائين لڳي ٿو ڄڻ حمل جي اُنهن اهڃاڻن جديد سنڌي شاعرن کي اهڃاڻڪاريءَ طرف متوجه ڪيو آهي.

    حمل فقير جا ادبي ڪارناما
    حمل فقير سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جو وڏو شاعر آهي. هو لوڪ شاعر به آهي، سُگهڙ شاعر به آهي ۽ علمي شاعر به آهي. هن جي شاعري جا هي ٽي رنگ لاجواب آهن، جيڪي هن کي سنڌي شاعري ۾ اوچو مقام ڏيارڻ جي قابل بنائي سگهن ٿا. هن ڪيترائي ”تجربا ڪيا، ۽ ڪيتريون ئي ادبي ايجادون برپا ڪري سنڌي شاعري کي خوب سنواريو ۽ سينگاريو آهي.
    حمل فقير جو هي وڏو ادبي ڪارنامو آهي، جو هن سگهڙ پائي جي فن ۽ شاعري جي فن کي پاڻ ۾ ملائي سنڌي شاعري ۾ وسعت پيدا ڪئي آهي ۽ پوين سنڌي شاعرن لاءِ نيون راهون روشن ڪري ڇڏيون آهن.
    حمل فقير سُر وار بيت سر جي بيت جي صنف کي ٻيهر جياريو آهي. هن سسئي، مارئي، سهڻي، مومل، سارنگ، ڪانگل ۽ بروو سنڌي جي قصن ۽ داستانن کي دهرائي سنڌي شاعري ۾ ڪلاسيڪي رنگ ڀريو آهي ۽ پوين شاعرن لاءِ وسيع ميدان تيار ڪيو آهي.
    حمل فقير سرائڪي شاعري جي هڪ صنف ”دوهرے دوهڙے“ (ٻٽا ڏوهيڙا) کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو آهي. ٻٽن ڏوهيڙن مان حمل چئن هم قافيا مصراعن وارو بيت سرجي وڏي ادبي خدمت ڪئي آهي. چار سٽا بيت اسان جا اڄوڪا شاعر به لکي رهيا آهن ۽ داد حاصل ڪري رهيا آهن، پر انهن جون چارئي مصراعون هم قافيا ناهن. حمل چئن هم قافيا مصراعن واري بيت جو سرائڪي شاعري ۾ خوب استعمال ڪيو آهي.
    حمل فقير جون تشبيهون ۽ محاورا لاجواب آهن. حمل جو مشاهدو ڏاڍو تيز آهي. هو هڪجهڙين شين جو غور سان مشاهدو ڪري اُنهن مان نيون تشبيهون جوڙي، پنهنجي شاعري کي ايئن سينگاري ٿو، جيئن ڪا سُهاڳڻ نو لکو هار پائي پنهنجي سهاڳ کي سنواريندي آهي. حمل جي شاعري ۾ هزارين تشبيون ۽ محاورا موجود آهن. جيڪي اصلي آهن، فطري آهن. اُهي تشبيهون ۽ محاورا شاعر جي فني خوبين کي ظاهر ڪن ٿا ۽ هن جي ذات ۽ ڏانءُ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
    حمل گهڻن شعري صنفن جو استعمال ڪري ڌوم مچائي ڇڏي آهي. هن مدح جي صنف کي اوچي مقام تي پهچايو آهي. هن جي هڪ ڊگهي مدح ”ڪر مهر تون ئي مصطفيٰ“ لکي ڪمال ڪيو آهي. هن مدح ۾ چئن مصراعن وارا 81 بند چيا آهن. اهڙي ڊگهي مدح ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر نه رچي آهي.

    حمل فقير جو اسلوب:
    ڪو به اديب يا شاعر پنهنجن جذبن، احساسن، ويچارن ۽ تجربن کي مفيد ۽ ڪارآمد بنائڻ جي لاءِ ڪي اديب ۽ فني طور طريقا استعمال ڪندو آهي، انهن کي اسلوب چيو ويندو آهي. عام طور اسلوب کي اندر جو آواز سڏيو ويندو آهي. اهو سؤ في صد سچ ڪو نه آهي. ڪو اديب يا شاعر پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ يا ته صرف مروج ادبي ۽ فني طور طريقا استعمال ڪندو آهي يا وري نوان طور طريقا گهڙي پنهنجي انفراديت کي قائم رکندو آهي. اهڙي نموني اسلوب هن جي سڃاڻپ بنجي ويندو آهي. حمل فقير جو اسلوب هن جي ڏات، ڄاڻ ۽ ڏانءُ جو بيمثال اظاهر بيان آهي. هن جا موضوع پيارا، هن جا عنوان اکيون ٺارڻ وارا ۽ هن جو البيلو اسلوب هن جي شعور جو اوچو آواز آهي. حمل ۽ هن جو اسلوب بيان ٻئي هڪ آهن. انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي.
    حمل جي سنڌي شاعري ”سنڌي صاف زبان“ ۾ رچيل آهي. هن جي اها دعويٰ آهي ته:
    ”اول صفت الله سندي ٿو ساراهيان سبحان،
    بعد تنهين تاريخ چوان ٿو سنڌي صاف زبان.“
    بيشڪ حمل جي شاعري جي سنڌي زبان صاف آهي، سولي ۽ سلوڻي آهي ۽ ماءُ جي ٿڃ جيان پاڪ ۽ مٺي آهي. حمل جون تشبيهون، هن جا محاورا ۽ اُنهن جو فنڪارنا اظهار سندس ٻولي جو سينگار آهن. هن جو اسلوب بيان فطرت ۽ زندگيءَ جو آواز بي اختيار (Spontaneous) آهي.
    ”دلبر دا ديدار سدا، دل رات ڏينهان پئي منگـــے،
    رب ڪنون ٻيا مول نه مگـــے.“
    حمل جو اسلوب هڪ اِلاهي نعمت آهي، جيڪا دل، دلبر ۽ رب جي مرضي مطابق هلي ٿو. ڳالهيون ڪري ٿو ۽ قلب کي قرار ڏيئي اُن کي مسرور ۽ مخمور بنايو ڇڏي ٿو.
    حمل جي اسلوب جي خاص خوبي آهي، بيشمار تشبيهون ۽ محاورن جو استعمال. هن جون تشبهون سهڻيون آهن، من مهڻيون آهن. اُنهي ۾ سمايل معنيٰ جا موتي بي بها آهن. محبوب جي منهن کي عام فهم شين سان ڀيٽي ڪهڙو نه جلوو ڏيکاريو ويو آهي.
    ”منھ مسجد، محراب ڀِرون، وچ نين ڏيوے ڏُون ٻلدے،
    صحيح ڪيتو ســـے سجدا اُنهين وچ اصلئون روز ازل ادے،
    محبت ڏينهن ميثاق لڳي هيون عاشق نه اڄ ڪلهه دے،
    حمل هر هڪ دم جو ساڏا، قاصد هن پل پل دے.“
    حمل جي اسلوب جي ٻئي خوبي آهي ترنم، حمل کي لفظن کي استعمال ڪرڻ جي وڏي مهارت حاصل آهي. هڪ جاءِ تي خود پاڻ چوي ٿو.
    ”مدح مبارڪ جوڙيم، پوتم داڻـــے در عدن دے.“
    ڪڏهن ڪڏهن هم آواز لفظ استعمال ڪري حمل هر مضراع ۾ اندروني ترنم پيدا ڪري ٿو.
    ”غم، وهم، الحم، اسان ڏا لڳ ڀڳ سڀ اُلوڙ گيون،
    ڪنون آس، اُداس پياس پيا رت ماس هڏان تون ڀي روڙ ڳنون.“
    حمل جي عبارت جي ٽئين خوبي آهي، صنعت تجنيس جو عمدو استعمال. هو لفظي پوچ ۽ جڙاءُجو وڏو ماهر آهي. اُنهي ڪري هڪ هڪ لفظ مان انيڪ معنائون نروار ڪري، خوب رنگ رچائي ٿو.
    گليان تڪ تڪ، گليان دلبر، ڪڏان آئوسين اِس ڳليان،
    ڦيرے ڪر ڪر ٽوڙيم ڳليان.“
    ڳليان لفظ جون الڳ الڳ معنائون ڏيئي خوب ڪمال ڪيو آهي. حمل صنعت تجنيس کي استعمال ڪري ڪهڙو نه رنگ رچايو آهي.
    ”مان سام آهيان، مان سام آهيان جا ڪام ڪري ڪم خان ميان،
    مان طعام، اهي ماتام کايان، ما تام ڀانيان هي طعام، ميان،
    آ جام ڪريون، آ جام ڪرين، هي ڄام ڪهڙا، آ ڄام، ميان.“
    هڪڙي هڪڙي مصراع ۾ گهڻا گهڻا قافيا استعمال ڪري صنعت تجنيس جو سهڻو مثال پيش ڪيو آهي.
    حمل موضوع جي مطابق زبان استعمال ڪري ٿو. عام موضوع جي لاءِ عام ۽ سادي ٻولي ۽ گهري موضوع جي لاءِ تشبيهن ۽ محاورن سان ڀرپور ٻولي جو استعمال ڪري اسلوب کي موافق ۽ موزون بنائي ٿو حمل فقير جي شاعري”سولي سنڌي سوکڙي“ ۾ ڪيل آهي.
    جوڙ حمل تو هيڪڙو، صحبفو محبحا،
    جوڙ تون سادي سنڌي واءِ،
    سولي سنڌي سوکڙي سمجهڻ سڀني لاءِ.
    حمل جي ٻولي سنڌين جي لاءِ هڪ سوکڙي آهي، هڪ اظاهر جو سادو ۽ سلوڻو نمونو آهي، جيڪو اُنهن جي اندر جو احوال معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

    حمل فقير جي شاعريءَ جي اهميت:
    حمل فقير هڪ وڏو سگهڙ شاعر ۽ وڏو علمي شاعر آهي. هن پنهنجي رنگين ۽ حسين عبارت جي ذريعي سڀني کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. اُهي هن جهڙي موزون ۽ موافق ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ کي ترجيح ڏيئڻ چاهن ٿا. حمل فقير پنهنجن استاد شاعر مولوي لطف علي ۽ خليفي نبي بخش لغاري کان گهڻو ڪجهه سکيو. هن اُهو سڀ ڪجهه فراخدلي سان پوين شاعرن کي موٽائي ڏنو آهي. هي حمل جو وڏو ادبي ڪارنامو آهي.
    حمل فقير جو ڪلام پنهنجي فني جوبن جي ڪري پوين شاعرن جي لاءِ بهترين نمونو بنجي ويو. حمل مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو. هن کي هر وقت ڪا مصرع طرح پيش ڪئي ويندي هئي. هو في البديهه شعر پڙهي حاضرين کي محظوظ ڪندو هو. اُنهن مان ڪي شاعر حمل جي راهه تي هلي شعر به چوندا هئا. حمل فقير جو اُنهن تي وڏو اثر هو. اُهي حمل جي نقش قدم تي هلي خوب شاعري ڪندا هئا.
    محبوب جي ڪارن وارن کي گهڻن ئي شاعرن ساراهيو آهي، پر حمل محبوب جي وارن جي ساراهه نرالي انداز ۾ ڪئي آهي.
    زُلف دراز ميڏے دلبر دے، نانگ سياه هن سُتـــے،
    کاوڻ ڪيتـــے، پئـــے ڇهه ماري، پيچ گهتـــے منهن اُتـــے.
    حمل جو اهو پنهنجو بيت سنڌ ۾ سرائڪي زبان جي قابل شاعرن جي لاءِ هڪ نمونو بنيو. حمل فقير جي ڪيترن ئي همعصرن جهڙوڪ عرضي فقير ماري، شاهه محمد ديدڙ، نو رمحمد ۽ جان محمد ۽ ٻين حمل جي ڪلام کي سامهون رکي شاعري ڪئي آهي. پير حسن بخش، ميان لال بخش حمل جي سرائڪي شاعري جي سهڻي ۽ سُريلي طرز ڪيترن ئي سُگهڙن کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪيو. سندس سهڻيون طرزون ايترو ته من موهيندڙ هيون جو سنڌ جي شاعرن کان علاوه کاري ۽ لس ٻيلي تائين جي شاعرن حمل جي طرزن جو تتبعو ڪيو. لس ٻيلي جي شاعر نم فقير جو چيل هي بيت حمل جي اعليٰ شاعري جي ساک ڀري ٿو.

    دس اساڏا، دلبر دِل دا، جنهن ڏانهن سڪ سچائي،
    عجب اهائي.

    هار سينگار، اتاهين سرخي، جوڙ چڱي جوڙا ئي،
    عجب اهائي.

    سونهن، سگهه سرسي ساجن، سا رازق پاڻ رکائي،
    عجب اهائي.

    جهڙس ڪونهي جڳ ۾ ٻيو ڪو، خاوند قسم خُدائي،
    عجب اهائي.

    نم فقير پنهنجي دلبر جي ساراهه ڪندي اڻ سڌي طرح پنهنجي دلبر شاعر حمل کي ساراهيو آهي.
    حمل فقير جي اهيمت جو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو يٿو ته هو هڪ ئي وقت ۾ لوڪ شاعر، سگهڙ شاعر ۽ مقبول علمي شاعر آهي هو هر ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، هن جي ڏات ۽ ڏانءُ انهي جي ساک ڀرين ٿا. حمل جي شاعرانه خوبين ۽ شعور کي سندس مجازي شاعري جي رازن ۽ رمزن جاڳائي پڌرو ڪيو. حمل خوش قسمت شاعر هو جنهن کي اُستاد شاعرن جي رهنمائي حاصل ٿي. هن پنهنجين شاعرانه خوبين کي چمڪائي پاڻ کي مقبوليت جي بلند مقام تي پهچايو.
    سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ صحيح چيو آهي. ”حمل لغاري سنڌ جو تمام مقبول عوامي شاعر آهي ۽ شاهه صاحب کان پوءِ کيس ئي مقبول بنجڻ جو شرف حاصل آهي. سرائڪي ۽ سنڌي ۾ لاثاني شاعري ڪئي اٿس.“


    مددي ڪتاب
    (1) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (2) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ”حمل فقير جو ڪلام“ جو مقدمو.
    (3) تاج جويو. باهيون بيراڳين جون.
    (4) عبدالرحمان منگيو. يادگار حمل فقير. هڪ مضمون.
    (5) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
    (6) محمد شاهه ڦرڙو. يادگار حمل فقير هڪ مضمون.


    مير عبدالحسين ”سانگي“(1851ع 1924ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    ”سانگي محض ذهني عشق خاطر شعر ڪيو نه چيو. سندس شاعري قدري اُن سياسي سماجي ۽ ادبي ماحول جو عڪس آهي. جنهن ۾ سانگي صغير ساٿي ساماڻو، پر اُن کان وڌيڪ سندس شاعري سندس جذبن، تجربن، احساسن ۽ اخلاقي قدرن جو آئينو آهي.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ”ڪليات سانگي“

    ”مير عبدالحسين سانگيءَ جي اچڻ سان غزل جي افق تي نئين روشني اچي ويئي. سانگي سنڌي غزل کي خشڪ اخلاقيات کان آجو ڪري، عشق و محبت جي پهلوئن تي خاص زور ڏنو آهي. جتي به هن اخلاقي موضوع آندو آهي، اُتي به شعريت جي صنف آشڪار آهي.“
    پروفيسر ارجن شاد مضمون ”سنڌي غزل ۽ سانگي“

    ”هن (سانگي) غزل جي روايتي انداز کي قائم رکندي، اُن ۾ نئون رنگ ڀريو سنڌي غزل جو انفرادي مزاج ۽ مقام متعين ڪيو. هن غزل ۾ پنهنجو ماحول پيدا ڪيو ۽ شيراز جي باغن جي بجاءِ سنڌوءَ جي ڪناري کي پنهنجي شاعري جو محور ۽ مرڪز بنايو.“
    ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“

    ”مير عبدالحسين سنڌي غزل ۾ نئون آواز آهي. هن غزل جي صنف ۾ ڪيتريون نازڪ ۽ نفيس چيزون جوڙي جديد سنڌي غزل جي راهه هموار ڪئي.“
    شيخ عبدالرزاق راز”سنڌي غزل جوتجزيو“

    ”سانگي هڪ نرالو شاعر هو. هن کي پنهنجا ويچار، پنهنجي ٻولي ۽ کلڻ جو نرالو ڍنگ هو.“
    هري دلگير ڪتاب ”ڪشن چند بيوس“

    ”سانگي سنڌ جي حڪمران ٽالپور گهراڻي جي اکين جو تارو هو. سنڌي فارسي ۽ اردو ۾ شاعري ڪيائين، سنڌي غزل ۾ هن کان وڌيڪ ڪو به شاعر نه ٿيو آهي.“
    سيد حسام الدين راشدي ڪتاب ”سنڌي ادب“

    هڪ عظيم شاعر:
    مير عبدالحسين سانگي سنڌ جو عظيم سخنور ۽ ناميارو شاعر آهي. هو هڪ ڪامل شاعر آهي. هن پنهنجي ذات، ڏانءُ ۽ ڏاهپ جي ذريعي سنڌي شاعري کي خوب چمڪايو ۽ خوب مقبوليت حاصل ڪئي. هن ڪمال ڪاريگريءَ سان فارسي شاعري جي مزاح ۽ فارسي لفظن، روايتن، مثالن، ترڪيبن، محاورن، استعارن، تشبيهن وغيره کي سنڌي شاعري جي مزاح ۽ سنڌي روايتن، ترڪيبن، لفظن، مثالن، محاورن، استعارن، تشبيهن وغيره سان جوڙي نئين سنڌي غزل کي تخليق ڪيو. اُهو غزل جو نون روپ اسان جي سنڌي شاعري جي سڃاڻپ ۽ اسان جي ڏاهپ جو ثبوت آهي.
    مير عبدالحسين سانگيءَ شاعري جي مشهور صنفن جهڙوڪ ڪافي، غزل، قصيده گوئي، مرثيه نگاري، سلام ۾ شاعري ڪري خوب داد حاصل ڪيو، هن لوڪ ادب جي صنف منظوم خط لکي ان کي ادب جو درجو ڏياريو. هن سنڌي، فارسي، اردو ۽ سرائڪي ٻولين ۾ شاعري ڪئي. سانگي عاشقانه شاعري جو بي ڊپو ۽ پر خلوص شاعر آهي. هو سنڌي غزل جو باني آهي ۽ جديد سنڌي غزل گو شاعرن جو رهنما آهي. هن جي فطرت جي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن جي شاعري زندگي جي ترجمان آهي. هن جي شاعري رومانوي رنگن ۾ رتل آهي. هن جي شاعري ۾ انفراديت روان دوان آهي. هن جي ڪلام ۾ جديديت جو رنگ صاف صاف نظر اچي رهيو آهي. جهڙي هن جي شخصيت سريلي ۽ دلفريب آهي سندس ڪلام، جيڪو سندس شخصيت جو عڪس آهي، اهڙوئي پُر اثر آهي.

    زندگي جو احوال:
    سنڌي ٻولي جو شهزادو شاعر مير عبدالحسين خان سنڌ جي ٽالپور حڪمرانن جي اکين جو تارو هو. هو سنڌ جي حڪومت جي آخرين حڪمران مير محمد نصير خان جو پوٽو ۽ مير عباس علي خان جو فرند هو. انگريزن سنه 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري ميرن کي قيد ڪيو ۽ انهن کي هندوستان جي مکيه شهرن ۾ رکيائون. مير محمد نصير خان کي ٻن پٽن مير محمد حسن علي خان ۽ مير محمد نصير خان کي ڪلڪتي جي ڳوٺ هزاري باغ ۾ قيد ڪيائون. مير محمد عباس علي خان سندر بن ۾ اڪيلي سر پنهنجي تلوار سان شير جو مقابلو ڪيو ۽ شير کي ماري ڇڏيو. هن جي جُرئتمندي جو چئني پاسي چرچو ٿي ويو. هڪ انگريز خاتون هن جي بهادري کان متاثر ٿي هن سان شادي ڪئي. انهي عورت جي بطن مان سنه 1851ع ۾ مير عبدالحسين خان جي پيدائش ٿي. ڇهن ڏينهن کانپوءِ هن جي ماءُ گذاري ويئي ۽ مير عبدالحسين ”ڇٺي جو ڇورو“ بنجي ويو.
    مير عبدالحسين جي ماءُ جي انتقال کان پوءِ مير عباس علي خان ڪلڪتي جي معزز شيعن جي خاندان مان ٻئي شادي ڪئي جنهن مير عبدالحسين کي پاليو ۽ گهر جي سار سنڀال لڌي. جڏهن مير عبدالحسين پنجن سالن جو ٿيو ته هن جي والد مير عباس علي خان وفات ڪري ويو. تنهن کان پوءِ هن جي چاچي مير محمد حسن علي خان کيس پاليو ۽ هن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو. هن مرزا احسن علي عرف مرزا بزرگ ”وفا“ کي قرآن شريف ۽ فارسي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. سنه 1859ع ۾ انگريزن ميرن تان قيد جي پابندي هٽائي، کين آزاد ڪيو. جنهن ڪري هو ڏاڏاڻي ڏيهه سنڌ ۾ موٽي آيا.
    مير عبدالحسين حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف ۾ پنهنجي ڏاڏي بي بي مهربانو جي حويلي ۾ اچي رهيو. مهربانو سندس پرورش ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو. هو به سنه 1862ع ۾ گذاري ويئي. اُن کان پوءِ مير عبدالحسين پنهنجي چاچي مير محمد حسن علي خان جي تربيت ۾ آيو جنهن سندس تعليم جو سٺو انتظام ڪيو ۽ هالا پراڻا جي هڪ عربي ۽ فارسي جي عالم، اديب ۽ شاعر آخوند احمد کي سندس استاد مقرر ڪيو. آخوند وٽ علم حاصل ڪرڻ جي دوران مير عبدالحسين کي نه فقط فارسي زبان ۽ ادب ۾ چڱو خاصو عبور حاصل ٿيو. بلڪ آخوند صاحب جي شاعرانه ذوق جو به مٿس گهڻو اثر پيو ۽ طبيعت شاعري ڏانهن مائل ٿي.
    جڏهن مير عبدالحسين ارڙهن ورهين جو ٿيو تڏهن سندس چاچي مير محمد حسن علي، انگريزن کان گرانٽ منظور ڪرائي ۽ هن کي حيدرآباد جي ڀر سان هڪ بنگلو ٺهرائي ڏنو. انهي سال انگريزن کيس والد جي وارث جي حيثيت ۾ هزهائينس جو خطاب ڏنو ۽ ماهوار اٺ سؤ روپيه پينشن به مقرر ڪئي. هڪ سلا کانپوءِ اُها پينشن ماهاور ٻارهان سؤ روپيه مقرر ٿي ويئي.

    مجازي عشق جي چوٽ
    ڦوهه جواني ۾ مهراڻ جي ڪيٽي ۾ هرڻ جو شڪار ڪندي مير عبدالحسين هڪ مير بحر الهڙ حسينه جنهن جو نالو حاجران هو، جي اکين جو شڪار ٿي ويو هو خود چوي ٿو:
    ”پاڻ آهيان شڪار ٿيو هاڻي،
    سانگي ڪهڙو وڃي شڪار ڪيان.“
    هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هن جي دل جو قرار کسجي ويو. هو هيڏانهن هوڏانهن رلندو وتندو هو. پاڻ جود چوي ٿو:
    ”واچوڙي وانگي ڦرندو وڃان شب و روز،
    آهيان ڪڏهن زمين تي ڪڏهن آسمان ٿي.“
    ائين ڪندي هن جي دماغي حالت دگردون ٿي ويئي. مير محمد حسن علي خان پنهنجي ڀائيٽي جي پريشاني تي تمام گهڻو فڪرمند ٿي ويو. هن مير عبدالحسين جي محبت جو مان رکيو ۽ هن جي شادي حاجران سان ڪرائي ڇڏي.
    مير عبدالحسين انهي شادي تي ڏاڍو خوش ٿيو. هن جي زندگي ۾ خوشي واپس اچي ويئي. هو حاجران سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. هر جمع رات ٻئي ڄڻا گهوڙن تي سفر ڪري ڀٽائي جي روضي جو ڀيرو ڪندا هئا. مير عبدالحسين حاجران جي سونهنءَ جو ذڪر انهن لفظن ۾ ڪيو آهي:
    ”منٺار مٺي يار کي صورت ڏني موليٰ،
    مون کي انهي مهه ور جي محبت ڏني موليٰ،
    الله آهن منهنجيون ڪيون پوريون،
    منٺار مليو روح کي راحت ڏني موليٰ.“
    سندن شادي کي اڃان چار سال ئي ڪو نه گذريا هئا جو حاجران وفات ڪري ويئي. مير عبدالحسين کي رڻ ۾ رولي ويئي ۽ هن کي فقير بنائي ڇڏيو. ايتري قدر جو هو چرين واري زندگي گذارڻ لڳو ايتري قدر جو هو حيدرآباد ۽ شاهه جي ڀٽ وچ ۾ پيرين اگهاڙو ايندو ويندو هو ۽ راتين جون راتيون گنجي ٽڪر تي پير پٿون ڪندو هو. هن پنهنجي پريشان حال زندگي جو نقشو انهن لفظن ۾ چيو آهي:
    ”جنهن مون کي ٿي ڏٺو، ٿي چيو تنهن چريو چريو،
    پنهنجي پرينءَ ڏي مون جو ڏٺو وريو ورِيو،
    فرقت ۾ پنهنجي حال تي مون پاڻ ٿي رُنو،
    سڀ ڪنهن چيو ٿي عشق جو ڏونگر ڏريو ڏريو.“
    پنهنجي غم جي اظهار لاءِ هن ڪافيون چوڻ شروع ڪيون. انهي عرصي دوران هن جي شاعري جي شروعات ٿي. هڪ امير زادو هئڻ جي باوجود هن سانگي (جنهنجو مطلب آهي وقتي طور رهي هليو وڃڻ وارو) جو تخلص اختيار ڪيو.
    ”سانگ دنيا ته آهه، اي سانگي،
    سمجهيو ساڻيهه جنهن سو نادان ٿيو.“
    مير محمد حسن علي خان پنهنجي ڀائٽي مير عبدالحسين سانگي جي پريشاني ڏسي ڏاڍو فڪرمند ٿي ويو. هن يورپي عملدارن جي مدد سان به ٽي مڊمون هن جي خدمت ۾ رکيون جن هن جو من موهي ڇڏيو. هن جا اڳيان سور وسارائي ڇڏيا. مير محمد حسن علي خان مِس رائيٽ کي مسلمان بنائي اُن جي شادي مير عبدالحسين سناگي سان 1877ع ۾ ڪرائي ڇڏي. مس رائيٽ هاڻي بيگم بلقيس بنجي ويئي.
    بيگم بلقيس ڏاڍي باوقار ۽ وفادار عورت هئي. هو مير عبدالحسين سانگي سان ڏاڍي محبت ڪندي هئي ۽ سانگيءَ به هن کي دل و جان سان چاهيندو هو. هو هر ڪم ڪار ۾ سانگيءَ سان گڏ هئي. سانگي جي معاشي حالت ٺيڪ نه هئي. ماهوار ٻارهن سؤ روپيه پينشن مان سڄي گهر جو ڪم هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. پر بيگم بلقيس دانائي ۽ هوشمندي سان محدود آمدني ۾ گهر جو انتظام سنڀاليندي هئي. سانگي کي بيگم بلقيس سان ڏاڍو پيار هوندو هو. سانگي هن کي اُٺ تي چاڙهي ڪڏهن گنجي ٽڪر، ڪڏهن ڀٽ شاهه تي ڪڏهن مهراڻ جي ڪيٽي ڏانهن گهمائڻ جي لاءِ وٺي ويندو هو.

    علم ۽ ادب جو پرستار
    مير عبدالحسين سانگي علم ۽ ادب جو پرستار هو. هن کي شاعري سان عشق هو. هن وٽ هڪ وڏو ڪتب خانو موجود هو جنهن ۾ فارسي، عربي، اردو، هندي، انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن جي ڪتب خاني جا هزارين ڪتاب محفوظ رهي نه سگهيا ۽ ڪيترن ئي ڪتبان کي درياءُ ۾ لوڙيو ويو.
    سانگي هڪ وڏو ڪاتب به هو. هو پنهنجن ڪتابن جي ڪڏهن ڪتابت به پاڻ ڪندو هو سانگي ڪيترن تي مشهور ڪتبان جي خود ڪتابت ڪري اُنهن کي پنهنجي ڪتبخاني ۾ محفوظ ڪيو. انهيءَ طرح هن جي ڪتب خاني ۾ ڪتابن جو ذخيرو وڌندو رهيو.
    مير عبدالحسين سانگي کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جي ڪلام سان ڏاڍي محبت ۽ عقيدت هوندي هئي. هو هميشه شاهه لطيف کي مرشد ڪري مڃيندو هو. پنهنجي غزل جي هڪ شعر ۾ سانگيءَ شاهه لطيف کي انهن لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪري ٿو:
    ”هاديءَ راهه صدا آهه ڀٽ ڌڻي سو ڀر جهلو،
    ياد ٿو هر دم ڪريان تنهن مرشد و موليٰ کي آئون.“
    سانگي اڪثر سندس روضي تي حاضري ڀرڻ لاءِ ايندو ويندو رهندو هو. اُتي شاهه لطيف جي پيرن ۽ خليفن سان ملاقاتون ڪندو رهندو هو ۽ انهن کان مفيد معلومات حاصل ڪري شاهه لطيف جي زندگي ۽ ڪلام تي فارسي نثر ۾ هڪ ڪتاب ”لطائف لطيفي“ جوڙيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انهيءَ ڪري مير عبدالحسين سانگيءَ کي ”حضرت شاهه عبدالطيف جي سوانح ۽ ڪلام جي کوجنا ۽ تحقيق جو باني مباني“ سڏي ٿو.
    مير عبدالحسين سانگيءَ کي موسيقي سان خاص محبت هئي. هن وٽ هڪ پيانو موجود هو جنهن تي هن جي زال بيگم بلقيس ڌنون وڄائيندي هئي. سانگيءَ کي شاهه لطيف جي راڳ ۽ سنڌي ڪافين جي لئي سان ڪافي رغبت هئي. هو پاڻ خود ڪافيون جهونگاريندو هو. هن وٽ يڪتاري تي ڪافين ڳائڻ جون محفلون متل رهنديون هيون. هو خود پاڻ چوي ٿو:
    ”سانگي سچ ٿو چوان روح ٿو ريجهي راڳن تي.“
    مير عبدالحسين سانگيءَ شڪار جو وڏو شوقين هو. هر سال سانوڻ ۽ سياري ۾ مهراڻ جي ڪيٽي، کير ٿر جبل ۽ ڪڏهن ٿر ۾ شڪار تي ويندو هو ڪڏهن بيگم بلقيس به سان گڏ ويندي هئي. هو گهڻو ڪري تترن، تلورن، هرڻن، سرهن، ڦاڙهن وغيره جو شڪار ڪندو هو. شڪار جو شغل 1904ع تائين جاري رهيو. شڪار سانگيءَ جو محبوب مشغلو هو.
    سن 1877ع ۾ ڊاڪٽر رائيٽ جي ڌيءَ مس رائيٽ (پوءِ بيگم بلقيس) سان شادي ڪرڻ کانپوءِ مير عبدالحسين سانگيءَ کي سيڪنڊ ڪلاس هانرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. هڪ سال کان پوءِ 1878ع ۾ کيس فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار مليا. سانگي ڪيس پنهنجي بنگلي ۾ هلائيندو هو. هن ايمانداري ۽ سلقي سان مئجسٽريٽي هلائي. هن ڪنهن کي به سزا نه ڏني. هو اولائي چارج بدران سڌو سمن يا وارنٽ ڪڍندو هو يا آرڊر جاري ڪندو هو. آرڊر گهڻو ڪري شاعري ۾ ڪندو هو. هو هڪ انصاف پسند ۽ رحمدل مئجسٽريٽ هو. سانگي 45 سالن تائين مئجسٽريٽي هلائي ۽ سنه 1922ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي.
    سنڌي مشاعرن جي شروع ڪرڻ جو سهرو مير عبدالحسين سانگيءَ جي سرتي آهي. سانگي بلند رُتبي تي هوندي فقير طبع هو. هو شاعرن جو وڏو قدردان هو هو. انهن جي سرپرستي ڪندو هو ۽ انهن جي مالي مدد به ڪندو هو. هن جي اوطاق تي هر آچر تي مشاعرا ٿيندا هئا. مير مشاعرا هو پاڻ ئي ٿيندو هو. هن جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ وارن ڪجهه شاعرن جا نالا هي آهن: غلام محمد شاهه گدا، مير محمد فاضل شاهه فاضل، سيد حيدر شاهه حيدر، محمد ابراهيم خليل، آخوند محمد قاسم، آخوند لطف الله لطف، مرزا قليچ بيگ، مرزا دوست محمد دوست، سيد مرتضيٰ شاهه مرتضائي، محمد صديق مسافر وغيره. انهن شاعرن کي شاعري ۾ دعوت ناما ڏبا هئا ۽ اُهي به شاعري ۾ جواب ڏيندا هئا. سانگي کي جن شاعرن سان محبت هئي انهن جا نالا هي آهن. غلام محمد شاهه گدا، ميان وڏل حيدري، ميان تقي محمد شاهه، ميان علي محمد شاهه، ميان صاحبڏنو شاهه، حافظ حامد ٽکڙائي، مرزا قليچ بيگ، سيد ابوالحسن شافي.
    مير عبدالحسين سانگيءَ هڪ پروقار شخصيت جو مالڪ هو. سندس اٿڻ ويهڻ شاهاڻو ۽ طبيعت فقيراڻي هئي. گهڻو ڪري ٿورو ڳالهائيندو هو ۽ آهستي آهستي ڳالهائيندو هو. هن جي گفتگوءَ سنجيده ۽ پر معنيٰ هوندي هئي. هو نه بحث ڪندو هو ۽ نه ئي ڪنهن تي ناراض ٿيندو هو. هو ڪنهن کي به پٽ پاراتو نه ڏيندو هو. هو انگريزن کي پاڻ جهڙو ڀانئيندو هو ۽ انهن سان هميشه برابري وارو سلوڪ ڪندو هو. سانگي مذهبي طور پنهنجن وڏن جيان اثناعسري شيعو هو. هو تعصب ۽ مذهبي ڀيد ڀاءُ کان بالاتر هو. هن جي ڪلام ۾ ڪٿي به ٻئي مذهب يا عقيدي جي ملامت، نفرت ۽ بغض نظر نٿو اچي. هو پاڻ کي شيعو يا سُني نه پر ”صوفي“ سڏائيندو هو. هو هڪ صوفي ماڻهو هو ”صلع ڪل“ هن جو عقيدو هوندو هو.
    مير عبدالحسين سانگيءَ وڏي اخلاق وارو ۽ نهايت ئي ملنسار ماڻهو هو. هن جي دل انساني قرب ۽ همدردي سان ڀريل هئي. هو امير ۽ غريب جي وچ ۾ ويڇو نه رکندو هو. هو هڪ ٽالپور شهزادو هو پر اُن جي نمائش ڪڏهن به نه ڪندو هو. بقول ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”خودداري، تصوف، خودشناسي، وضعداري، انساني همدردي ۽ انڪساري سانگيءَ جي شخصيت جا مرڪزي اوصاف هئا.“

    وفات
    سنڌ جو شهزادو شاعر، نثر نگار افسانه نگار، محقق، راڳ رهاڻ جو شوقين، شاهه لطيف جو شيدائي ۽ جديد سنڌي غزل جو بادشاهه سنه 1924ع ۾ چوهتر سالن جي ڄمار ۾ ڪنهن رواجي بيماري جي ڪري وفات ڪري ويو.
    ”چٽڪو هي چلپلي جو ٿيو چالو جهان ۾،
    سانگي سندءِ سخن آ يارن ۾ يادگار.“
    سندس وصعيت موجب سانگيءَ کي شاهه لطيف جي روضي جي ڇانوَ ۾ دفن ڪيو ويو.

    عظيم شاعر:
    مير عبدالحسين سانگيءَ ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ ۾ هڪ ”عالم شاعر آهي، هڪ عاشق شاعر آهي.“ هڪ عظيم سخنور آهي. هو فرنگين جي زير اثر زندگي گُذارڻ وارو هڪ باوقار شاعر آهي. هو ٿر ڄائي سورمي مارئي جي احساسن جو ترجمان شاعر آهي. هو مارئي وانگر چوي ٿو:
    ”نمڻي نار آهيان، پر وڏن جا وڻ وڄائنيدس.“
    سانگي مارئي جيان قيد آهي. هو ڌارين جي حڪمن تحت هلڻ وارو هڪ مجبور شخص آهي، پر هن جو روح مارئي جيان آزاد آهي. مارئي لاءِ وطن سڀڪجهه آهي. هن جي لاءِ وطن جي واري هيرن ۽ جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهي. وطن جون آزاد فضائون، صاف شفاف پاڻي، مٺڙا مٺڙا ماڻهو، اُنهن جو پورهيو، انهن جي اورچائي، روح کي راحت بختن تي مارئي قيد آهي، پر هو ماٺ ناهي. هن جا ارمان، هن جا ڏوراپا، هن جون صدائون ڏاڍن کي ڏارينديون ۽ انهن کي شرمسار ڪنديون.
    مارئي جو اهو عزم، اها حُب الوطني سانگي جي شاعري جو بڻ بنياد آهي. سانگي جي شاعري وهندڙ سنڌوءَ جي ڌارا آهي. جيڪا زور سان وهندي، اڳتي وڌندي رهندي، آهي جنهن کي ڪوئي به روڪي نه سگهيو آهي ۽ نه وري ڪو روڪي سگهندو. سانگي جي شاعري قوميت جي جزبي سان سرشار آهي ۽ اُها سنڌ واسين جي لاءِ توانائي ۽ رهنمائي جو هڪ روشن باب آهي. سانگي جي شاهڪار ويچارن جو ساءُ وٺو.
    ”عمر آيا اجهي آهن، ڀڄي بادل بهارن جا،
    پون ٿا ياد پلپل ۾ پکا پنهنجن پِنوهارن جا.“
    مير عبدالحسين سانگي جديد سنڌي شاعري جو سرپرست اعليٰ آهي هو جديد سنڌي شاعري جو بنياد رکڻ وارو هڪ باوقار، خوددار ۽ بيباڪ شاعر آهي. سانگي ڪلاسيڪل شاعرن جيان هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. هن جي شاعري، سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ آهي. اچو ته هن جي ڪلام مان لطافت ۽ توانائي حاصل ڪريون.

    سنڌي ڪلام:
    ”حيوان صفت جي ٿيو، انسان ته ڇا ٿيو؟
    جي ماڻهپو ناهي ته پوءِ آدم ٿي ڪبو ڇا؟
    بي قدر زمانو آهي، بي شائبه تنهن ۾،
    انصاف نه آهي اُتي رستم ٿي ڪبو ڇا؟“

    سرائڪي ڪلام:
    ”منٺار مٺا ميڏا هسڻا هي، دلدار سڄڻ دل کسڻا هي،
    هي من موهن ميڏا مهرو، جنهن جي لعل ڳلان تي لسڻا هي،
    دل ياد محب منٺار دي وچ، هر ويل اکيان نون وسڻا هي.
    اي سانگي، ڪيا آخر ٿيسين، وچ پرت پيادل پسڻا هي.“

    اڙدو ڪلام
    ”بلبلون سي کهوکهان هي بهار،
    بيوفا ليکهه بي زمانه هي،
    سن کي مير اغزل کهينگي لوگ،
    يه عجب طرح ڪانه ترانه هي،
    اب هي عبدالحسين وقت نشاط،
    ڪوئي جانا مين آج جانا هي.“

    مير عبدالحسين سانگيءَ قوميت جي ساراهه ۾ سُريلا، رسيلا ۽ سگهارا گيت آلاپڻ وارو هڪ منفرد شاعر آهي. هن ڌرتي جي خمير مان جنم ورتو آهي. ڌرتي هن جي ماءُ آهي. ڌرتي هن جو جيءَ. جياپو آهي. ڌرتي جون سڀئي شيون بي ملهه آهن. اُهي روح کي گرمائن ٿيون. خوشين کي جاڳائن ٿيون ۽ اُتساهه کي اُڀارين ٿيون. اهڙين مٺڙين شين تان سروارڻ روا آهي. اچو ته ڌرتي جي سونهن جي نظارن مان آنند ماڻيون.
    ”ڀٽن جي ڀرن تي، ڀري پنهنجا پاند،
    چڀڙ چونڊي آڻين سرتيون سدا.“
    *-*-*
    ”پنوهارن جي آهي پسيءَ سان پريت،
    سڱر جيڪي کائن سانگي سدا.“
    *-*-*
    ”بلبل آئون آهيان، عشق مون کي آهي گلن جو،
    الله نگهبان رهي منهنجي وطن جو.“
    فرنگين جي حڪومت سنڌين کان سڀ ڪجهه کسي ورتو. ٽالپورن کي غلام بنائي سنڌين جي آزادي تي قابض ٿي ويا. سانگيءَ جهڙي قوميت جو احساس رکندڙ انسان لاءِ اهو وڏو ڌڪ هو. هن جي دماغ ۾ انگريزن جي لاءِ نفرت جو جزبو ڀڙڪي اُٿيو. هن بنان ڊپ ڊاءُ، جرئت ۽ بيباڪي سان انگريزن جي خلاف لکيو ۽ خوب لکيو.
    ”سرو، سمن وسوسن صد برگ سڪن ٿا،
    سانگي ويو سمورو آهي سينگار وطن جو.“
    *-*-*
    ”بيگانا ٿا ڏسجن جي يگانا هئا وطن جا،
    پنهنجا ٿي ويا غير غريب الوطني ۾.“
    بيشڪ مير عبدالحسين خان سانگيءَ سنڌ جو پروقار ۽ بيباڪ شاعر آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ انگريزن جي غلط ڪارين ۽ ڏاڍاين جي خلاف خوب لکيو آهي ۽ انهن کي کلم کُلا ننديو آهي. هو وطنيت جي جذبي سان سرشار آهي. جنهن فرنگين جي خلاف مسلسل جهاد ڪري، اهو ثابت ڪيو آهي ته هو هڪ شوخ،، بيباڪ ۽ سورهيه شهزادو شاعر آهي.
    عشق ۽ حسن مير عبدالحسين جي شاعري جا محور آهن. اُهي هن لاءِ زندگي آهن، سهارو آهن ۽ رهنما آهن، هن جي زندگي عشق ۽ حسن جي گود ۾ گذري آهي، اُتي وڌي ۽ ويجهي آهي. انهن جي رازن، رمزن ۽ يادگرين ۾ پوري ٿي. سانگي جيڪو باوقار، خودمختار ۽ سچو انسان هو، تنهن زندگي جي شين، روين ۽ رخن کي ڪو نه وساريو. سانگي عشق ۽ حسن جي دائري ۾ رهندي، انهن کي وڏي اهميت ڏني آهي، انهن سان انصاف ڪيو آهي ۽ انهن کي به زندگيءَ جو محور بنايو آهي ۽ خانداني، سماجي، معاشي ۽ ملڪي مسئلن کي موافق ۽ مناسب نموني حل ڪرڻ جي لاءِ هر وقت ڪوشان رهيو آهي.
    مير عبدالحسين سانگي جي زندگيءَ جا ٻه پاسا آهن. عشق ۽ محبت ۽ زندگيءَ جي ترجماني. انهيءَ ڪري هن غزل کي داخلي ڪيفيتن جو قيدي نه بنايو آهي. هن غزل ۾ خارجي پهلوئن ۽ ڪيفيتن جي جڙت ڪري، زندگي جي قريب آندو آهي. هن غزل ۾ نوان موضوع شامل ڪري، اُن کي وسعت ڏيئي، اُن کي اهڙي مفيد ۽ منفرد صنف جو درجو ڏيئي، اُنکي زندگيءَ جي ترجماني ڪندڙ صنف سخن بنائي پيش ڪيو آهي. سانگي جي شاعري جتي عشق ۽ حسن جي سڇاڻپ آهي، اُتي ئي زندگي گذارڻ وارن طور طريقن کي قوت بخشڻ لاءِ مددگار به آهي.
    مير عبدالحسين جي شاعري زندگي جي ترجماني ڪندڙ شاعري آهي. سانگي پنهنجن ذاتي جذبن، خيالن ۽ تجربن کي پنهنجي شاعري جا موضوع بنائي، پنهنجي ذاتي مشاهدن ۽ تجربن مان حاصل ڪيل سماجي، معاشي، معاشرتي ۽ ثقافتي معلومات کي پنهنجي شاعري ۾ جاءِ ڏيئي، زندگي جي حالتن ۽ حقيقتن کي نروار ڪيو آهي.
    ”تڏهين ترڪ وطن ڪيوسون جڏهين اهل وطن بڳڙيا،
    جي ڀڳڙن جا نه ها اهڙا به ياران ڀڳڙيا،
    اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو مونکي آ ٿيو يقين آهي.
    زماني جي ڀڳڙن کان به مردن جا سخن ڀڳڙيا.“
    سانگي جهڙي طرح دنيا ۾ رهي پنهنجي زندگي گُذاري، انهيءَ جو چٽو عڪس هن جي شاعري ۾ جرڪي رهيو آهي. هن هزهائينس جو لقب حاصل ڪيو. هو آنرري ميجسٽريٽ بنيو. هن عشق جي ميدان ۾ عشق ۽ حسن جي وچ ۾ توازن رکي پنهنجي زندگيءَ کي چمڪايو. هن شاعرن جي سرپرستي ڪئي ۽ انهن کي مٿي جو موڙ بنائي، ادب جي ميدان کي مچائي پنهنجي ڇاپ ڇڏي.
    فرنگين ٽالپورن جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ اُنهن کي قيد و بند ۾ جڪڙي رکيو. سنڌ جي ثقافت جو رنگ بدلجي ويو. معاشري ۾ تبديليون آيون. سچا ۽ اصلي انسان ناپيد ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي فرنگين جا پاليل وڌيرا ۽ جاگيردار ميدان عمل ۾ آيا ۽ انگريزن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ نااصافي واريون ڪارروايون ڪري ڌرتي ماءُ جي اولاد کي ڏاڍن جو شڪار بناوي ۽ سنڌ کي زنيجرن ۾ جڪڙي رکيو.

    حقيقت پسند انسان
    سانگيءَ حقيقت پسند انسان هو. هن سوچي ويچاري انهن ڏاڍاين ۽ برن اثرن کي زائل ڪرڻ جي لاءِ اخلاقي قدرن کي ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سنڌ واسين ۾ خود اعتمادي، خودداري ۽ همٿ کي جاڳايو ته اُهي برين حالتن کي سمجهن ۽ انهن کان بچي نڪرڻ لاءِ ڪي ڪارگر طريقا استعمال ڪن.
    ”سو مرد آهي جو نه چوي، پر ڪري انصاف،
    همٿ نه آهي جي رڳو وات آهي ته ڇا ٿيو.“
    *-*-*
    ”لانڌي هجي لوڙهي ۾ رهن لاءِ ڪکن جي،
    ڏيکارجي دشمن کي مگر اوڏ لکن جي.“
    صداقت پسند سانگي نفاست ۽ سچائي سان سنڌواسين کي سندن ڪمزورين ۽ حاڪمن جي ڏاڍاين ۽ پابندين کان اگاهه ڪيو، انهن کي جاڳايو ۽ قائل ڪيو ته هو اٿن ۽ پنهنجين حالتن کي سُڌارڻ ۽ انسانن جيان زندگي گذارڻ لاءِ مناسب ۽ مفيد طور طريقا استعمال ڪن.
    مير خادم حسين خان پنهنجي مضمون ”سانگي جي فارسي شاعري ۾ زماني جي شڪايت ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڄاڻايو آهي ته ”اهڙو دور اچي ويو آهي، جنهن ۾ نه علم، نه حلم، نه فضيلت، نه ايمانداري، نه خوش اخلاقي، نه شجاعت آهي. وطن ويران آهي، هم وطن بيڪس آهن. ايمانداري بدران رياڪاري ۽ مڪاري رائج آهي. ماڻهو ناشڪرا ۽ ڪوڙا آهن.
    ”هوا اهڙي لڳي آهي جو پنهنجي پنهنجي مذهب کان،
    مسلمان و ڪرستان ويهود و برهمڻ بگڙيا.“
    هي سانگي جي مشاهدي جو سچو ۽ پڪو ثبوت آهي.
    سانگيءَ جي شاعري سجاڳيءَ جو سڏ آهي. سانگي زندگيءَ جي راهه تي هلندي، زندگيءَ جي ڏاڍاين ۽ سورن کي پڌرو ڪري، ڌرتي جي ڄاون کي جاڳائي رستو ڏيکاريو آهي، ته هو زندگيءَ کان فرار نه ٿيندا پر جيئندا همٿ سان، جرئت سان ۽ مستقل مزاجي سان:
    ”اي غريبو نه غير ڏي ڏسجي،
    حال عربت ۾ ڀي غيور آهيان.“

    شاعري جا موضوع
    مير عبدالحسين سانگي جي شاعري جا مضمون / موضوع محدود ناهن، اُهي وسيع آهن، جيڪي زندگي جي انيڪ رُخن ۽ روپن جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا. انيڪ موضوعن جو موجود هجڻ اهو ڏيکاري ٿو ته سانگي پنهنجي زندگي مان حاصل ڪيل تجربن جي آڌار تي ڪافي پرايو ۽ ايمانداري سان پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو آهي. هن جي شاعري جا نمايان موضوع آهن. غزل گوئي، عشقيه شاعري، فطرتنگاري/ منظر نگاري، مرثيه گوئي، سلام، واقع نگاري، سيرت نگاري، قصيدا گوئي وغيره.
    سانگي صداقت سان جن شين، واقعن ۽ صورت حال جو مشاهدو ڪري ٿو، تن کي صفائي ۽ چٽائي سان چٽي، تخليق جا اهم ڪارناما سرانجام ڏئي ٿو. هن جا جزبا، احساس ۽ ذاتي تجربا نقلي ناهن، اصلي آهن، خيالي ناهن، حقيقي آهن، مثالي (Ideal) ناهن، عام فهم آهن. سانگي جي شاعري هڪ سچي انسان جي سچن جزبن، تجربن ۽ مشاهدن جو سچو تخليقي اظهار آهي. سانگي جي شاعري سانگي جي سچي آتم ڪٿا آهي. اهڙي سچي آتم ڪٿا دُنيا جي ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي.
    مير عبدالحسين سانگي سنڌي غزل جو خالق آهي، سانگيءَ جي غزل ۾ تنوع ۽ ندرت روان دوان نظر اچي ٿي. سندس غزل ۾ فارسي غزل جا سڀ لوازمات پنهنجي اصلي رنگ ۾ نظر اچن ٿا. اُهوئي سبب آهي جو ”سندس غزل“ پروفيسر احسان بدوي جي لفظن ۾ ”غزل جو نمائندو آهي ۽ اُن معيار جو آهي، جو غزل جو حقيقي معيار آهي.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چوي ٿو ته سانگي پنهنجي علمي وسعت ۽ پيدائشي ڄاڻ سان سنڌي غزل جي لاءِ پنهنجو ماحول پيدا ڪيو ۽ پنهنجي زبان ڪم آڻي، فارسي رنگ واري روايتي غزل کي خالص سهڻي سنڌي غزل ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو. سانگي فارسي غزل جي روايتن، مزاج ۽ ان جي منظرن جو چڱي طرح مطالعو ڪيو ۽ مناسب نموني ۾ غزل ۾ تبديليون آنديون.
    جو مهراڻ جي ڪيٽي ۾ ڪنارو آهي گهاري جو،
    سو سمورو سير حاصل غيرت ئي ڪشمير ٿيو آهي.“
    سانگي جي عظمت جو اِهو لازوال ثبوت آهي جو هن سنڌي غزل کي سنڌي ماحول، سنڌي ترڪيبون، سنڌي محاورا، استعارا، تشبيهون، اهڃاڻ مهيا ڪري سنڌي شاعري ۾ منفرد مقام ڏياريو.
    مير عبدالحسين سانگيءَ عشقيه شاعري جو امام آهي. عشق هن جي وجود جو لازوال انگ آهي، عشق هن جي شخصيت جي صدا آهي ۽ عشق هن جي ڪلام جو ڪوهينور هيرو آهي. رومانوي دور جا هي نوجوان انگريز شاعر پي بي شيلي (P.B. Shelly) جان ڪيٽس (John Keats) ۽ لارڊ بائرن (Lord Byron) پنهنجو مٽ پاڻ آهن. شيلي جي عشقيه شاعري مثالي آهي، ڪيٽس جي عشقيه شاعري چوڏهين رات جي چانڊاڻ آهي ۽ بائرن جي عشقيه شاعري دکندڙ چنگ آهي. سانگيءَ جي عشقيه شاعري ٽنهي کان الڳ ٿلڳ آهي. سانگيءَ جي عشقيه شاعري هن جي روح جي رڙ آهي. هن جي دل جي صداقت ڀري صدا آهي ۽ هن جي شخصيت جو بي ملهه اظهار آهي.
    سانگيءَ هڪ سچو عاشق آهي، ڪو سڌڙيو عاشق ناهي، هن عشق جو لڪي لڪي نه، پر کلم کُلا اظهار ڪيو آهي. سانگي عشق کي رب جو تحفو سمجهي قبول ڪيو آهي. هن مهراڻ جي ڪيٽي جي هڪ الهڙ دوشيزاه حاجران کي پنهنجي قسمت جو هار بنائي حويلي ۾ وٺي آيو ۽ هن سان بيمثال نينهن نڀاهيو.
    ”اسان عشق کي آهي مشهور ڪيو،
    اسان کان لڌو عشق بازي رواج.“
    سانگي عشق کي مٿي جو موڙ بنايو ۽ عشق جي تجلي سان سڄي ڪائنات کي منور ڪري ڇڏيو. سانگي جو عشق هڪ طرفو نه پر ٻه طرفو آهي. سانگي پنهنجي عشق کي حاجران جي عشق سان سينگاري، عشق کي سرخرو ڪري ڇڏيو.

    سانگي جي شاعري جا رنگ
    (1) مير عبدالحسين سانگي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن فطرت نگاري / منظرنگاري کي غزل جو لازمي حصو بنائڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا. سانگي قدرت کي چٽڻ جي بدران قدرتي نظارن کي خوبصورتي، نفاست ۽ دلچسپ نموني بيان ڪري ڪمال ڪيو آهي. سانگيءَ کير ٿر جبل، ڀٽ شاهه، گنجي ٽڪر ۽ ٿر جي قدرتي نظارن کي بيان ڪري. اُتي رهندڙ ماڻهن جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو دلچسپ نظارو پيش ڪيو آهي. ڪي نظارا سانگيءَ جي لاءِ اهم آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي دلچسپ آهن، ڪي نظارا هن جي پورن ۽ سورن جا يادگار مثال آهن ۽ ڪي نظارا ملڪ جي خوشحاليءَ جا ضامن آهن.
    ”اُٺا مينهن مارن تي بي انتها،
    ڦٽا ڦوڳ ساوا ٿيا سر جا بجاءَ.“
    *-*-*
    ”لعل کان ٿيو لعل آهي گُل انار،
    موتين کان صاف آهن موتيا.“
    *-*-*
    ”ڏسڻ ۾ اچن اڄ ٿا ڪارا ڪڪر،
    اُڀرندي ڏي آهن وڄن ور وِڌا.“
    سانگيءَ جي مننطر نگاري اصلي آهي، اکين ڏٺي آهي ۽ دل تي سِڌو اثر ڪري ٿي.
    (2) مرثيه گوئي مير عبدالحسين سانگي جي شاعري جو عجب ۽ نرالو تخليقي ڪارنامو آهي. سانگي پنهنجي آخري عمر ۾ مرثيه جوڙيا جن جو تعداد ڇهه آهي ۽ اُنهن ۾ جملي 460 بيت آهن. سانگي پنهنجي مرثئي جي هڪ بند ۾ پنهنجن رنجيده جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
    ”اڪبر جو ڏسي لاش ڀلا سر نه پٽيان ڇا؟
    قاسم جو ڏسي سرکي جدا سر نه پٽيان ڇا؟
    عباس جا ٻئي دست ڪپيا سر نه پٽيان ڇا؟
    ڀاڻيج منهنجا مقتول ٿيا سر نه پٽيان ڇا؟
    سڀ يار ۽ ياور منهنجا دُنيا کي ڇڏي ويا،
    ماڙيون ڏسي جنت جون هتان صاف لڏي ويا.“
    (3) شاعري ۾ سلام کي غزل جو قائم مقام سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ تسلسل نه هوندو آهي. سانگيءَ رڳو به سلام سرجيا، هن جي سلام جا ٻه شعر پيش ڪجن ٿا.
    ”نه آيو امام تعزيو آيو امام جو،
    آقا امام پنهنجي عليھ السلام جو،
    هي سيج آ قاسم نوشه جي جلوه گر،
    گهوڙو هي آهي اڪبر عالي مقام جو.“
    (4) واقع نگاري ۾ ڪنهن واقع يا حالت جي تصوير چٽي ويندي آهي. واقع نگاري ۾ واقعو انفرادي حيثيت رکي ٿو. سانگي جي واقع نگاري جي عاليشان مثال جو مطالعو ڪريو جيڪو حضرت قاسم جي قتل ٿيئڻ جي باري ۾ آهي.
    ”منهنجي شادي جنهن سان ٿي سو گهوٽ ماريو هائي هائي،
    رات پرڻيو صبح جو رڻ ڏي سڌاريو، هائي هائي،
    نير هن ڪپڙن تي منهنجي نير هاريو، هائي هائي،
    مونکي ماري سيج سوڌو مونکي ساڙيو، هائي هائي.“
    (5) مير عبدالحسين سانگي سيرت نگاري جي فن جو وڏو ماهر آهي. ٻيو ڪو به سنڌي شاعر هن فن ۾ سانگي جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. سانگي ڪربلا جي ڪونڌرن، انهن جي سرفروش اولادن ۽ خاص ڪري مجاهد عورتن جي جيڪا سيرت نگاري ڪئي آهي اُها بيمثال آهي. سانگي ٿر ڄائي پروقار ۽ خوددار عورت مارئي جي سيرت نگاري ڪري نه صرف مارئي کي امر ڪري ڇڏيو آهي. پر سيرت نگاري جي صنف کي امر پد تي پهچايو آهي. مارئي هڪ سچي وطن پرست آهي ۽ هن کي وطن جي هر شيءِ سان محبت آهي.
    جڏهن آئون ويڙهه ۾ وينديس پنوهارن جي وراڪن ۾،
    ڇڪاري ڇيلڙا ڇانگون ڪيو ويڙهين ۾ وارينديس.
    هو عمر جي قيمتي ڪپڙن کي ٿوڪاري ٿي ۽ لال پوتيءَ جي واکاڻ ڪري ٿي.
    رکي لڄ لال لوئي جي وري وينديس ويڙهيچن ڏي،
    پياري پرت پنهوارن ساڻ پائر پاس پارينديس.
    مارئي هڪ اڏول انساني جذبو آهي. هن هارائڻ نه سکيو آهي. بيشڪ هو هڪ نماڻي عورت آهي پر هن جي حب الوطني وڪامڻ واري شيءِ ناهي. مارئي هڪ للڪار آهي، جابرن لاءِ کُلي تلوار آهي.
    ”نماڻي نار آهيان پر وڏن جا وڻ وڄائينديس.“
    مارئي اعلان ڪري چوي ٿي ته هو ڏاڍن کي ڏارڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي سر ”عمر مارئي“ ۾ مارئي جي سيرت نگاريءَ کي اهڙي انداز ۾ پيش نه ڪيو آهي.
    (6) قصيدا گوئي شاعري جي اهڙي صنف آهي جنهن ۾ مذهبي اڳواڻن، مرشدن، پيرن، دانشورن، بهادرن ۽ وطن پرستن جي واکاڻ ڪئي ويندي آهي، جيئن ته پڙهندڙ به اهڙا گڻ حاصل ڪري سگهن. سانگي داد رسي جي نئين صنف گهڙي، پنهنجن همعصر شاعرن کي ساراهي وڏو داد حاصل ڪيو آهي. سانگي پنهنجي هڪ ئي غزل ۾ چئن همعصر شاعرن جهڙوڪ غلام محمد شاهه گدا، مرزا قليچ بيگ، ميان وڏل حيدري ۽ حافظ حاجي حامد کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
    هي غزل پهرين گدا جهري سخنور ڇا چئي،
    بي مثل جو آهي اقليم سخن شهوار.
    *-*-*
    شاعر عالي دماغ آهي، اهو مرزا قليچ،
    سر زمين شهر ۾ جنهن کي ٿيو ڪلي اختيار.
    *-*-*
    حيدري جي نظم کي پوءِ چئو با آواز بلند،
    شاعر نازڪ خيال ۽ آهه جو يارن جو يار
    *-*-*
    تنهن کان پوءِ چئجن وري حامد سندا اشعار خاص،
    جي آهن تسبيح جئن پوتل چئو دُر شاهوار.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ درست چيو آهي ته ”سانگيءَ عالم شاعر هو ۽ سانگيءَ عاشق شاعر هو.“ عشق سانگيءَ جي شاعري جو محرڪ جذبو آهي. سانگي سڌڙيو عاشق نه پر سچو عاشق آهي. عشق جڏهن هن جي زندگيءَ ۾ شدت سان نمودار ٿيو ته هن هڪ عام انسان جيان مهراڻ جي ڪيٽي جي هڪ الهڙ دوشيزه حاجران کي دل ڏيئي ويٺو هن جو عشق ڏيکاءُ وارو نه، پر فطري هو. هن محبوب سان لڪي لڪي ملاقاتون نه ڪيون پر حاجران کي حويلي ۾ آڻي، اُن جو کلم کلا اعلان ڪيو.
    ”حاصل ٿيو رقيبن کي جدائي جو جهنم،
    سانگي کي ته جيئري آهي جنت ڏني مولا.“
    سانگي هڪ عاشق آهي ۽ عشق ئي سندس ڪل ڪائنات آهي. هن جو عشق مجازي آهي، پر پاڪيزه آهي. هن جو عشق هڪ طرفو نه، پر ٻه طرفو آهي، اڌورو ناهي، پر پورو آهي. هو محبوب جي ڪاڪل وارن، البيلين اکڙين ۽ جسم جي جلويدار عضون تان فدا آهي ته سندس محبوبا سندس ذات ۾ گم آهي. سانگيءَ لاءِ عشق چانڊوڪي رات آهي، جهرمر بوند بهار آهي ۽ هستيءَ جو سينگار آهي. سانگي عاشق آهي ۽ حسن جو سرپرست آهي. هو حسن کي پوڄي ٿو هن عشق ۽ حسن کي ملائي حُسن جي حڪمراني قائم ڪئي آهي ۽ عشق کي سرخرو بنايو آهي.
    اداڙي، اسين آهيون عاشق مزاج،
    آهي سر اسان جي تي وارن جو تاج.
    سانگي جو عشق سچو آهي، ڪچو ناهي. سندس محبوب حقيقي آهي، فرقي ناهي عشق هن جي زندگيءَ جو محور آهي. هن جا احساس ۽ خيال عشق جي جذبي سان رڱجي ظاهر ٿين ٿا. سانگي جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو، انهيءَ جو ديدار ٻين کي به ڪرائي ٿو.
    دل گهرئي دلدار جا زُلف ڌوتا،
    ڏس ته ڪيئن اٽڪن ۽ لٽڪن لاڏ مان.
    سانگي جي عشق هن جي ڪلام ۾ حيرت انگيز واڌارا ڪري اُنکي بيمثال بنايو آهي. اُن ۾ غنائي رنگ، نغمه سرائي، نزاڪت، رنگيني، رعنائي، توانائي، لطافت، رواني، بيساختگي ۽ حڪمت ڀري، اُن کي زنده جاويد تخليقي ڪارنامو بنائي ڇڏيو آهي.
    طالب سو آهيان تنهنجي محبت جي مرض ۾،
    اي من موهن مٺا آءُ جيان ٿو مريو مريو.
    سچ تنهن سڀ کان منهنجو ٿو شيرين ڪلام ٿئي،
    جي چاهه مان چکيون مون چپن جون جي چاشنيون.
    سانگيءَ جو عشق اُتم (Sublime) آهي جو زندگي کي اتم بنائي، سڀني رشتن ۾ هم آهنگي آڻي، اُنهن کي دلپسند بنائي ٿو.

    غزل جو باني
    مير عبدالحسين سانگي سنڌي غزل جو باني آهي. بقول ”شيخ عبدالرزاق راز ”مير عبدالحسين سانگي سنڌي غزل ۾ نئون آواز آهي. هن غزل جي صنف ۾ ڪيتريون نازڪ ۽ نفيس چيزون پيداد ڪري، سنڌي جديد غزل جي راهه هموار ڪئي.“
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خيال موجب ”سانگي جي شاعري جي جاڳندي عشق کيس فرقي تخليقات بجاءِ غزل ۾ حقيقت نگاري، صداقت شاعري جو علم بردار بنايو.“
    ڊاڪٽر اياز قادري موجب ”سانگي بنيادي طرح حسن و جمال جو شاعر آهي. هن جي قلم غزل کي جادو ۽ بلندي بخشي. هن غزل جي گلستان ۾ ايتري سخن سرائي ڪئي آهي. جنهن جيتري سنڌ جي ٻئي شاعر کان نه ٿي سگهي آهي.“
    مير عبدالحسين سانگي جديد سنڌي غزل جو خالق آهي. هن فارسي غزل جي لوازمن کي سمجهيو، اُنهن تي عمل ڪيو، پوءِ غزل ۾ سنڌي روايتن، ترڪيبن ۽ فني لوازمن مطابق ”ڦير ڦار ڪري، نئين سنڌي طرز تهرير ٺاهي، اُن کي الڳ حيثيت ڏياري، جديد سنڌي غزل جي راهه روشن ڪئي. هن جديد سنڌي غزل کي سرجيو، سُڌاريو ۽ سنواريو سانگي غزلن ۾ زير اضافت جي ڪثرت سان استعمال کي روڪيو. هنج سنڌي اسلوب کي استعمال ڪري، پنهنجي سادي، سلوڻي، سنڌي لب و لهجي واري ”دارجا“ يا روز مرهه واري ٻولي استعمال ڪئي ۽ سنڌي غزل ۾ سلاست ۽ سُونهنءَ پيدا ڪئي.
    تڏهن پرين سان تو پرت ڪئي سانگي،
    محبت دل منهن جي ٿي پهڻ کان وڌيڪ.
    سانگي غزل ۾ فارسي جي ترڪيبن ۽ اصطلاحن کي شامل ڪري، پنهنجي ٻوليءَ ۽ روايتن کي ڪو نه وساريو. هن تڪلف ۽ تصنع کي ڇڏي، سنڌي ٻوليءَ جو چست بندشون ۽ شوخ اصطلاح ۽ محاورا ڪم آڻي، پنهنجي ڪلام جي رونق، زينت ۽ جازبيت ۾ اضافو ڪيو.
    بنيادي طرح غزل عشق ۽ حسن جي جذبن جو ترجمان آهي. سانگي پنهنجن غزلن ۾ عشق ۽ حسن کي اتاهه بلندين تائين پهچايو. نه صرف پاڻ سرخرو ٿيو پر غزل جي صنف کي به سرخرو ڪري ڇڏيو.
    جي تون ڀانئين ته روح ٿئي راضي،
    ماهه روئن جي مدح توائي ڪر.
    سانگي غزل کي مجاز جو آئيندار بنايو ۽ نوان بجر باڪري غزل ۾ معنيٰ ڀريا موتي پکيڙي، سياسي، سماجي، اخلاقي، تصوف ۽ مزاج جي موضوئن کي اوچو درجو ڏياريو.

    سانگي سنڌي غزل ۾ قديم سنڌي شاعري جو لب و لهجو ۽ اهڙيون ڪيئي روايتون قائم ڪري خوب رنگ ڄمايو آهي ۽ سنڌي غزل کي قديم ڪلاسيڪل شاعر جي اسلوب جي قريب آندو آهي.
    جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا،
    چپ چاشني دار چکائي ويا، سي سورن کي ته جاڳائي ويا،
    اڃان هاڻ هتي ها يار پرين دلبند سڄڻ دلدار پرين،
    غمخوار مٺا، منٺار پرين، جي پيچ پيارل پائي ويا.
    پروفيسر ارجن شاد جي چوڻ مطابق ”سانگيءَ نج ڪافين جي رنگ ۾ غزل چيا آهن. پنهنجن غزلن ۾ سنڌي لوڪ ڪٿائن، اُن جي سورمين کي مثال طور ڪم آندو آهي.
    نڪري ڀنڀور مان چيو سسئيءَ ٿي سوز مان،
    ڪوهيا تنهنجي قرب وڌس ڪهسار ۾.
    *-*-*
    عمر ماڙين ۽ مالن تي پکا ڪي ڪر لڄائينديس،
    ويڙهيچن کي وساري هت ويهي ڇا ور وڃائينديس؟
    سانگي غزل ۾ ڪلاسيڪي موسيقي، اندر ٺاريندڙ اسلوب ۽ سنڌي روايتن کي ملائي، غزل جو هڪ نئون جهان جوڙيو آهي. سانگي جديد غزل جو شاهه نه پر شهنشاهه آهي. تغزل سناگي جي شاعري جي جان آهي. سوز و گداز ان جو سينگار آهي. تخيل، نازڪ ڪلامي ۽ دلچسپ طرز تحرير اُن جا لازمي جُز آهن. جمالپرستي جو جمال سانگي جي غزلن کي نمايان بنائي ٿو، چمڪائي ٿو ۽ انڊلٺ جي رنگن وارن ڌيان ڇڪائي ٿو.
    مير عبدالحسين سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ رومانويت جا رنگ صاف صاف نظر اچن ٿا. رومانويت هڪ ابدي تحريڪ آهي جيڪا انگلينڊ ۾ رائج 18 صدي جي جُڙتو ڪلاسيڪي (Neo Classical) شاعري جي پابندين جي خلاف هڪ انقلاب جي صورت ۾ اُڀري، رومانويت جا نمايان پهلو آهن. قدرت ڏانهن واپسي عوامي تحرير طرز ، تخيل جو استعمال، قديم ثقافت سان وابستدگي، انقلابي رنگ، ماڻهو ۽ هن جي عظمت جو اعلان وغيره.
    سانگي سفر ۽ شڪار لاءِ ڀٽ شاهه، مهراڻ جي ڪيٽي، گنجي ٽڪر، کير ٿر جبل ۽ ٿر جي قدرتي نظارن جو دل کولي ديدار ڪيو ۽ اُنهن کي چٽائي، صفائي، ۽ نفاست سان چٽي نه صرف پاڻ سرور حاصل ڪيو پر پڙهدنڙن جي لاءِ لطافت ۽ چاهه جا در کولي اُنهن کي به مسرور ڪيو. اهي بظاهر هن جي يادگيرين ۽ تجربن جا اولڙا آهن، هن جو جيون -سرمايو آهن.
    شاهد گل ٿيو آهي رونق فزا،
    چار سو بلبل جا آهن چهچٽا،
    صحن چمن ۾ پيون آهن اشرفيون،
    آهي سخاوت ڪئي باغ سخا.
    سانگي فطرت جا حسين ۽ دلفريب نظارا چٽي، ماڻهو ۽ قدرت کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي، زندگيءَ کي سينگاريو آهي ۽ انساني اُمنگن کي سنواريو آهي.
    مير عبدالحسين سناگي ڌرتيءَ جو شاعر آهي. هن ڌرتي ڄاون هارين نارين، پنوهارن، سنگهارن جي عظمت کي خوب ساراهيو آهي. هن اُنهن جي پورهئي جا گيت ڳائي، اُنهن کي سلام پيش ڪيو آهي.
    سدا منهنجا مارو مٺا منجهه ملير،
    پپن ۽ گولاڙن مان ماڻن مرا،
    للر لس مريڙو آهي ملڪ ۾،
    منگها موڪ، مينهن آهن پٽ ڀريا،
    سانگيءَ سادن سادن خيالن کي راز ۽ مرز سان پيش ڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
    حسن جي ٿي فوج تي چڙهائي،
    ويا خاڪ ٿي خاندان ڪهڙا ڪهڙا،
    ادا حضرت عشق جي نوڪري ۾،
    ڏنا سون ڏکيا امتحان ڪهڙا ڪهڙا.
    سانگي جي عبارت عام فهم ۽ عوامي آهي، جنهن ۾ بيساختگي رواني ۽ سنگيت ڀريل آهي.
    هتي دردن جا ته دڪان هئا،
    هت سورن جا ته سامان هئا،
    وڏا شوخن جا هت شان هئا،
    سي هاڻي ماڳ مٽائي ويا.

    سانگي جي شاعري جا اهم نقطا
    (1) سانگي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ڌارين جي غلامي خلاف آواز اُٿاريو ۽ انهن جي ڏاڍاين کي کلي طرح ننديو ۽ انهن جي غلط ڪمن جي خلاف لکندو رهيو. ڌارين جي زيادتين جي ڪري وطن جو امن برباد ٿي ويو ۽ معاشرت تباهه ٿي ويئي. پنهنجا پراوا ٿي ويا ۽ يگانا بيگانا ٿي ويا
    پراڻا خاندان جي هئا سي ٿي پيا پورا،
    زماني ڏس آهن نون خانن جا خانا ڪيا،
    اڳي جي ناتوان هئا، سي زماني ڪيا توانا پر،
    توانا جي، اصل هئا، سي زماني ناتوانا ڪيا.
    (2) مير عبدالحسين سانگي کي پنهنجي ثقافت سان بي انتها پيار آهي. هن ثقافتي رنگن ۽ ثقافتي ڪهاڻين جي ذريعي ثقافتي رنگن ۽ رواين کي بيان ڪري، قديم سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪيو آهي. هن مارئي، سسي ۽ مومل جي ڪردارن جي ذريعي سنڌي ثقافت کي پيش ڪري، ماضيءَ سان ناتو نڀايو آهي.
    هتي جي کاڄ کان تنهنجا ته مر کامي مران تنهن کان،
    وڃي ٿر ٿاڪ تورن جي کٽا ۽ کير کائينديس.
    *-*-*
    مومل کي راڻي ٿي چيو ملنداسون ڪنهن مهل،
    قسمت جو مهري جي وري آيو مُهار ۾.
    (3) سانگي شاعري ۾ تخيل ۽ نازڪ خياليءَ کي پيش ڪري شاعريءَ کي اعليٰ اوج تي پهچايو آهي.
    واچوڙي وانگر ڦرندو رهان روز شب،
    آهيان ڪڏهن زمين تي، ڪڏهن آسمان تي.
    *-*-*
    جي ڪريان واهه، نڪري آهه اچي،
    قلب ۾ منهنجي ڪو ٻيو ڪري ڪٽ.
    *-*-*
    تنهنجي ڪاڪل تان ڪريان قربان کٿوري جا کَرا،
    عين آهي جو، اي جاني، تنهنجي نيڻن تان نثار.
    (4) مير عبدالحسين سانگيءَ جي شاعري ۾ رومانويت جو هر عنصر موجود آهي جيڪو هن کي سنڌي شاعري جو سونهارو سرجڻهار بنائي ٿو.
    مير عبدالحسين سانگيءَ جي ڪلام ۾ جديديت (Modernism) جا آثار نظر اچن ٿا، جيڪي ڌيان ڇڪائي رهيا آهن. جديديت فن، فن تعميرات ۽ ادب جي هڪ اثرائتي تحريڪ آهي، جيڪا 1887ع ۾ پئرس ۽ جرمنَي ۾ نموندار ٿي. هي تحريڪ جديد خيالن، جديد طور طريقو ۽ جديد طرز تحرير تي خاص زور ڏئي ٿي. هي تحريڪ روائتي خيالن ۽ روائتي طور طريقن بجاءِ جديد خيالن ۽ جديد طور طريقن تي وڌيڪ ڏيان ڏيئي ٿي. هن تحريڪ جا نمايان پهلو آهن. (1)نوان خيال، نوان طور طريقا ۽ نئون اسلوب، (2) ثقاتي رستن سان وفاداري، (3) پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ۽ عقيدت، (4) عام ماڻهن سان بي انتها پيار، (5) انهن جي مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ جتن ڪرڻ ۽ (6) سچ جي هر حالت ۾ ترجماني ڪرڻ.

    سانگي :ھڪ اعليٰ شخصيت
    مير عبدالحسين سانگي هڪ پروقار ۽ بيباڪ شخص هو. هن کي سچ سان عقيدت هئي ۽ سچ کي شوخي ۽ بيباڪي سان ظاهر ڪرڻ جو ڏانءُ به هو. هو شهزادو شاعر هو. هو انگريزن جي زير اثر رهيو، پر هو نڪو ڪو ڊنو ۽ نه وري ڇرڪيو. هو بنان ڊپ ڊاءُ جي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندو هو. هو انگريزن جي غلط ڪمن کي ننديندو به هو. اُنهن کي شرمندو به ڪندو هو ۽ خوار به ڪندو هو.
    ڪڏهن ڪين ڪنهن جي پرواهه ڪري سو،
    ڪيا رنگ ٿي آسمان ڪهڙا ڪهڙا.
    سانگي سنڌ واسين کي جاڳائي چوي ٿو ته هو سنڌ جو اولاد آهن. سنڌ جا آزاد شهري آهن. انهي جي زندگي انهن جي پنهنجي آهي. اُنهن کي ڌرتي سان نينهن نڀائڻو آهي. انهن کي پنهنجي لوليءَ جهڙي مٺڙي، سادي، سلوڻي ۽ عام فهم ٻوليءَ جي ذريعي هڪ ٻئي جي قريب آڻي، خودداري ۽ خود اعتماديءَ سان جڳ کي جيتڻو آهي.
    ڪڙن سان ڪجن مر ڪڙائي جون ڳالهيون،
    مٺن سان ڪجن پر مٺائي جون ڳالهيون،
    مناسب نه آهي متان جي ڪندين تون،
    وفادار سان بي وفائي جون ڳالهيون.
    هي خيال خديديت جي نظريئي مطابق پيو لڳي. خديديت منفرد انداز جي هڪ انفرادي تحريڪ آهي. انسان پنهنجي وطن، يارن، مال، پيداوار وغيره کي ياد ڪري پاڻ کي خوشنصيب پيو سمجهندو آهي.
    ٿيون اڄ ڳنڍيرن ۾ آهن ڳنڍيون،
    سُڪا جي ها وڻ سي به ساوا ٿيا،
    آهي ڏٿ ڏوٿين جي پاسي پڪو،
    ٿيو سائو، سيارج ۽ مکڻي صفا.
    سانگي هڪ انفراديت پسند شاعر آهي. هن مختلف صنفن کي پاڻ ۾ ملائي، نوان رس ۽ رنگ ڀري خوب موج مچائي آهي. هن بيت، ڪافي ۽ غزل کي پاڻ ۾ جوڙي نظم جو وايو منڊل پيدا ڪيو آهي. اِها ادبي رمز ظاهر ڪري ٿي ته هو اعليٰ درجي جو تخليقار انسان آهي. هن جي شاعري جي ٻولي عام فهم آهي. انهي ۾ نه ڪا ڏکيائي آهي، نه ڪا ڳجهارت آهي ۽ نه وري مونجهه ۽ مونجهارو آهي. هن جي ٻولي عام فهم آهي جيڪا قرب پيدا ڪري ٿي ۽ ويڇا ختم ڪري ٿي.
    نه دشمن دشمنن جا ۽ نه ٿياسين خار يارن جا،
    آهيون بيواسطه ٿيا ٻار پنهنجن ۾ پراون ۾.
    سانگي کليل دل ۽ کليل دماغ وارو البيلو انسان آهي هو پيار جو نو لکو هار سانگي جي شاعري جون خوبيون آهي.
    دل گرفتار ڪرڻ لاءِ اسان جي آهي،
    سانگي سينگار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.
    سانگي مخاطب ٿيئڻ وارن غير مناسب، غير مانوس ۽ مدي خارج طور طريقن کي تبديل ڪري، ماڻهن کي قدرت جي هنج ۾ آندو، محبوب کي مڍا، مٺڙا، منٺار، پرين، يار، دلدار، سهڻا، سڄڻ، وغيره جي مٺڙن ۽ من موهيندڙ لفظن سان پڪاري، سڄي ماحول کي پنهنجو بنائي، پنهنجائپ جو راڄ قائم ڪيو.
    هن پنهنجائپ سان پُر ماحول ۾ يارن جي ڏندن، چپن ۽ وارن کي ساراهي، سانگي نئين طرز تحرير کي رائج ڪري جدت ۽ جاذبيت جو خوب مظاهرو ڪيو آهي.
    تنهنجا سهڻا آهن ڏند پرين، سي ڏند آهن دلبند پرين،
    تنهنجا لب شيرين از قند، سندء، ڪارا وار ڪمند پرين،
    جن سان عاشق ٿيا پيوند پرين، انهي ننڊ ۾ سي خرمند پرين،
    وڌا فڪر ۾ تنهنجي ڦبد پرين، تنهنجا عاشق آرزو مند پرين.
    انهن بندن ۾ هڪ رس، لوڪ ادب، نون لفطن جي جڙت، تجنيس هرفي، موسيقي، رواني، اعليٰ عبارت ۽ سنڌ جي سونهن جو هر رنگ، هر روپ جرڪندي نظر پيو اچي.
    اسان جي جديد سنڌي شاعرن ۽ اديبن جديديت ۾ سچ، سونهن، سرهاڻ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي ريتن ۽ روايتن، سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين، لوڪ موسيقي، قدرتي نظارن، سنڌين جي اورچائي، پورهئي سان پريت، سنڌي ماڻهن جي احساسن ۽ ويچارن، انهن جي جاکوڙ، انقلابي سوچ، ۽ مٺڙن ماڻهن جي مٺڙي ٻولي، اصطلاحن، محاورن ۽ استعارن سان سينگاري هڪ نئين سنڌي تحريڪ ”سنڌيت“ کي جنم ڏنو آهي. اها تهريڪ روان ۽ دوان آهي.

    مير عبدالحسين سانگي جي شاعري جون خوبيون:
    (1). هن جي شاعري جي پهرين خوبي آهي. حسن پرستي ۽ عشق بازي جو کليو کلايو اظهار. بيان ”سنڌي ادب تاريخ“ جو ليکڪ محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته ”آخوند قاسم پنهنجي ڪلام ۾ پاڻ کي ڳڀرو برست ثابت ڪيو آهي ۽ سانگي پاڻ کي زنانه حسن جو ثنا خوان ثابت ڪيو آهي.“ سانگي پاڻ کي عاشق مزاج سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته اسان عشق کي مشهور ڪيو آهي ۽ جڳ ۾ عشق بازي جو رواج قائم ڪيو آهي.
    سانگي پيدائشي طور هڪ عاشق آهي ۽ حسن جو پوڄاري آهي. هن جو عشق مجازي آهي، پر صاف ۽ پاڪ آهي هن جو عشق هڪ تخليقڪار جيان نوان جهان جوڙي ٿو ۽ نوان جلوا پکيڙي ٿو. سانگي عاشق ۽ معشوق کي ملائي هڪ ڪري ڇڏي ٿو. زندگيءَ کي گلزار بنائي ڇڏي ٿو. اهڙو عشق زندگيءَ جي لاءِ آهي، ماڻهن جي لاءِ آهي، انهن جي خوشحاليءَ جي لاءِ آهي.
    اسان جو عشق عالمگير هاڻي پير ٿيو آهي،
    ڏسي مون کي سو سهڻو صورت تصوير ٿيو آهي.
    اهڙي عشق کي وسارڻ ممڪن ڪونهي.
    اسان جي عشق جون ڳالهيون ادا ڳوٺن ۾ ڳائيندا.
    (2) سانگيءَ جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي فطرت نگاري ۽ قدرت جي حسين نظارن جي منظر ڪشي. سانگي قدرتي نظارن جو عاشق هو. هو سچائي سان انهن جو ديدار ڪندو هو. اکين کي ٺاريندو هو، روح کي ريجهائيندو هو ۽ انهن ۾ انساني يادگرين جا حسين لمحا ڀري، انهن کي خوبصورتي سان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري، آنند ورهائيندو هو. هن ٿر جي نظارن جو ذڪر ائين ڪيو آهي، جيئن ٿر ڄائي مارئي جي ترجماني ڪندو هجي.
    ڏسڻ ۾ اچن اڄ ٿا ڪارا ڪڪر،
    اُڀرندي ڏي آهن وڄن ور وڌا،
    سڪارن ٿي سدا ٿر جي ٿڌڪار کي،
    ڀٽي تي لڳي ڇا ٿي باد صبا.
    سانگي جا قدرتي منظر سون روپا آهن جيڪي من کي لڀائن ٿا، گرمائن ٿا، ڀرمائن ٿا.
    (3) سانگي جي ڪلام جي ٽئين خوبي آهي شاهه لطف وانگر ديس جي ريتن، روايتن ۽ ڪارگُذارين کي سانڍي رکڻ جي صلاحت ۽ انهن جو اظاهر ڪري پڙهندڙن کي مسرور ڪرڻ سانگي به سنڌ جي روايتن کي پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪري، خوشيون ورهائي خوش ٿئي ٿو:
    سلف کان در خلف عمدا ٽڙيا گل باغ هستي ۾،
    پراڻن کان نوان آباد اي گل هاڻ ٿيا هالا.

    لاڙ جاڙي چاشني کان چڱا،
    ٿيا پچائي چانورن جا چلا.

    ادبي ڪارناما:
    مير عبدالحسين سانگي ڪيترائي ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن.
    (1) سانگي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن جديد سنڌي غزل کي سرجيو ۽ اُن جي لاءِ نج سنڌي طرز تحرير جوڙي. سانگي وڏا وڏا تجربا ڪري فارسي غزل جي لوازمن منجهان نوان سنڌي لوازما گهڙي، جديد سنڌ غزل جي راهه هموار ڪئي.
    گُلبدن يار مون وٽ آيو آهي،
    دل کي باغ و بهار ڇو نه ڪجي.
    (2) سانگي پنهنجي ڪلام ۾ گهڻا انگريزي لفظ استعمال ڪري، سنڌي شاعري جي ٻول مالها (Poetic Diction) ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. سانگي پنهنجي ڪلام ۾ هي انگرزي لفظ ڪم آندا آهن: سمن، ڪميشن، مئجسٽرٽ، ڪورٽ، گورنر، ڪمشنر، ڪليڪٽر، چيمبر، آفيسر، رجسٽرار، گلاس، گئس، آفيس وغيره.
    مٺن ماڻهن جي ابروءَ جو اشارو،
    سو سانگيءَ لاءِ سرڪاري سمن آهه.
    مئجسٽريٽ عشق جي ڪورٽ ۾ حڪم ڪيو،
    اغيار باوقار رهي يار بي وقار.
    (3) مير عبدالحسين قصيدا گوئي جو ماهر شاعر آهي، هن گهڻائي قصيده تحرير ڪيا، جيڪي ٽڙيل پکڙيل آهن. سانگي ساراهه ڪرڻ جي فن جو وڏو ماهر هو. هن پنهنجن همعصر شاعرن کي يڪجاءِ ياد ڪري انهن کي داد سخن پيش ڪرڻ جي لاءِ نئون ”داد سخن“ جو طريقڪار ايجاد ڪيو.
    (4) سنڌي لوڪ شاعرن ڪيترائي ۽ ڪيترن ئي قسمن جا منظوم خط جوڙيا جيڪي عوام ۾ ڏاڍا مشهور آهن. سانگيءَ به فارسي ۽ سنڌي ۾ منظوم خط تحرير ڪري، اُنهن کي ادبي درجو ڏياريو. سانگي جي هڪ منظوم سنڌي خط جو نمونو پيش ڪجي ٿو.
    (خط بطرف مير محمد مراد خان خيرپور)
    نامور مير محمد خان امير نامدار،
    تنهنجو حامي ۽ حمايت هوءِ سدا پروردگار،
    موڪليل مڪتوب نظمي جي ڏسڻ سان شاد ٿيس،
    بلڪ جنهن تنهن ٿي ڏٺو سو ٿي پيو باغ و بهار.

    سانگي جي عبارت
    عبارت ڪنهن شاعر يا اديب جي شخصيت جي آئنيدار هوندي آهي. سانگي هڪ پرورقار، بيباڪ، همدرد ۽ يارن جو يار هو، انهي ڪري هن جي عبارت ۾ خودمختاري، بيباڪي، همدردي ۽ دوستيءَ جا عناصر جهلڪندي نظر اچن ٿا. هن جي عبارت ۾ سادگي آهي، نفاست آهي، دوستانه خلوص آهي ۽ سڀ کان اول بيباڪ پڻ آهي.
    سانگي سنڌي ٻولي کي نج ادبي درجو ڏيارڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا. سنڌي صورتخطي ٺهڻ کان پوءِ هن ڏاڍي جاکوڙ ڪئي. بقول ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”سانگي سنڌي غزل کي خالص سنڌي ماحول ۾ چمڪائڻ، خالص سنڌي لفظن ۽ خالص سنڌي محاورن ۽ عام فهم ٻولي سان سينگارڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ جي راهه روشن ڪئي.
    سانگي سير ۽ شڪار جي لاءِ مختلف علائقن جهڙوڪ گنجي ٽڪر، ڀٽ شاهه، کير ٿر جبل ۽ ٿر جي ماحول کي پرکيو، اُتي جي ماڻهن، اُتي جي ٻولين، لفظن، محاورن تشبيهن جي استعمال جو مطالعو ڪري، اُنهن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڪتب آڻي، خالص طرز سنڌي جو بنياد وڌو.
    سانگي طرز سنڌي جي آبياري جي لاءِ نج سنڌي لفظن، اصطلاحن، محاورن، مثالن ۽ اسلوب بيان کي طرز سُڌي جو لازمي جزو قرار ڏنو. سانگءَ جو وڏو ڪارنامو هي آهي ته هن فارسي اصطلاحن ۽ ترڪيبن کي سنڌي ماحول ۽ سنڌي اصطلاحن، محاورن ۾ هم آهنگي پيدا ڪري هن نئين طرز تحرير جو نمونو تيار ڪيو.
    سانگي فارسي زبان جي بدران روز مرهه واري ”دار جا“ (عوام جي لب ولهجي واري عام رائج ٻولي) کي اختيار ڪيو ۽ اُن کي پنهنجي شاعري جو ذريعو بنايو نه فقط سانگيءَ انهي روز مرهه جي گفتگوءَ واري سنڌي زبان کي ۽ اُن جي مٺڙن، سلوڻن ۽ پيارن محاورن، چست ترڪيبن کي پنهنجي شعر جو ذريعو بنايو. هن پڙهيلن واري فارسي زبان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن فارسي لوازمن کي پڻ دارجا سنڌي جي اثر هيٺ آندو.
    انگريزي حڪومت جي قائم ڪيل کاتن ۾ انگريزي ٻولي جو استعمال عام جام هو. اڌ پڙهيل ماڻهو به اڪثر ڳالهائڻ ۾ انگريزي لفظ استعمال ڪري خوش ٿيندا هئا. سانگيءَ به پنهنجي شاعري ۾ انگريزي لفظ ڪم آڻي، انگريزن ۽ انگريزي ٻوليءَ جو مذاق اُڏايو آهي.
    عاشق جي ته آهه لاءِ رقيب،
    هينري مارٽن جي ته تفنگ.
    *-*-*
    بيغ زبان سان ٿو وٺان صليم نظم جو،
    لفٽيننٽ آءُ، ميجر ۽ آءُ ڪمانڊر.
    سانگيءَ جي طرز ادا دلڪش، لذيذ ۽ شيرين آهي. هن فارسي محاورن ۽ لفظن کي اهڙي ته نزاڪت سان سنڌي لفظن ۽ محاورن سان ملايو آهي جو هڪ جدا طرز بيان بنجي ويئي آهي.
    کڻي بازي زمين ويئي، آسمان کان حسن بازي ۾،
    نه مٽ تنهنجو مٺاڪو ٿيو ۽ ڪروڙين جي قمر نڪتا.
    *-*-*
    نه خلقيو خدا حسن جهڙوڪو ٻيو ڪو نه آهي،
    اُهي آهي سانگيءَ صداقت جو بحث.
    تشبيهون ۽ محاورا ڪلام جي رونق ۽ جاذبيت کي وڌائن ٿا، لطافت کي ورهائن ٿا ۽ آنند کي ميسر ڪري ڏين ٿا. تشبيهون ۽ محاورا نوان اشارن ۽ نون معنائن سان طرز تحرير کي خوبصورتي، توانائي ۽ رعنائي بخشن ٿا. سانگيءَ جون تشبيهون عام آهن، پر حقيقت ۾ اُهي بي بها موتي آهن جيڪي پڙهندڙن کي لڀائن ٿا.
    زلف ڇوڙي چيو سڄڻ سهڻي،
    نانگ آهن هي ته وارن جا.
    *-*-*
    سانگي ميون کان ۽ مٺاين کان،
    لب شبرين شوح بار لذيذ.
    *-*-*
    سينڌ تي تيئن جبل جي آهه گاهه،
    جيئن سهڻن جي آهن سينڌ تي وار.
    ميرعبدالحسين سانگيءِ جو ڪلام جديد سنڌي شاعرن جي ۽ تيئن سج جو نئون ترو رو آهي، جيڪو سنڌي شاعري ۽ ادب کي روشن ڪندو. بيشڪ سانگيءَ جي شاعري سنڌ واسين جي لاءِ هڪ انمول تحفو آهي.
    مير عبدالحسين سانگي سنڌي ادب، جي تاريخ ۾ نمايان اهميت راکڻ وارو هڪ شاعر ، هڪ نثر نگار ۽ هڪ محقق آهي. هن سنڌي شاعري نثر کي خوب چمڪايو. سنڌي ادب ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ بنيو. هن جو تنقيدي ڪتاب لطيفي تنقيد جي ميدان ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
    سانگيءَ جي شاعري هن جي شخصيت ڄاڻ ، مطالعي ۽ مشاهدي جو نادر نمونو آهي، انمول آئينو آهي، هن جي شاعري ۾ سنڌي ڪلاسيڪل موضوع، تصوف، پيار سنڌي روايتن ، وطن جي محبت ، ثقافتي روايتن سان عشق نظر اچي ٿو. هن جي شاعري ۾ قديم صفن جهڙوڪ بيت، ڪافي ،حمد، نعت، مدح مناجات جا سڀ رنگ موج مچايو ۽ رنگ ڄمايو نظر اچن ٿا. هن جي شاعري ۾ ڪلاسيڪل رنگن جي وڏي اهميت آهي، جن هن جي شاعري ۾ نوان رنگ ڀري، نوان نياپا سرجي ، نوان تاثر نروار ڪيا آهن .

    سانگي هڪ وڏو تجربا ڪندڙ (Experimentalist) شاعر هو، شروع ۾ ملڪ ۾ رائج فارسي شاعري جي لوازمن لفظن، اصطلاحن، محاورن ۽ ترڪيبن مطابق شاعري ڪئي. پوءِ سنڌي ماڻهن جي مزاج مطابق اُن ۾ تبديليون آڻي نج سنڌي لفظ، استعارا، محاورا ۽ ترڪيبون ڪم آڻي غزل کي نج سنڌي غزل بنايو ۽ اُن جي استعمال لاءِ سنڌي عبارت جوڙي راس ڪئي.
    سانگي تمام گهڻن موضوعن تي شاعري ڪئي ۽ هن جي شاعري ۾ گهڻ قديم ۽ جديد تحريڪن جا آثار نظر اچي رهيا آهن. اِهي اثرات مستقبل طرف اشارو ڪري رهيا آهن. سانگي سنڌي شاعري ۽ نثر جو شهزادو.تخليقڪار ۽ وڏو محقق آهي. سيد حسام الدين جي راءِ وزندار آهي ته ”سنڌي غزل ۾ هن کان (سانگي کان) وڌيڪ ڪو به شاعر نه ٿيو.“
    سانگي جي شاعري سندس شخصيت جو چٽو چٽو عڪس آهي. انهيءَ ۾ عشق، سونهن، سچائي، جدت، نواڻ ۽ جديد سنڌ شاعرن لاءِ رهنمائي جو عنصر به موجود آهي. ننڍو توڙي وڏو، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل هن جي شاعري طرف انهيءَ ڪري ڇڪجي ٿو ڇاڪاڻ ته اُها معلومات سان ڀريل آهي. ڪٿي کير ٿر جبل، ڪٿي ٿر، ڪٿي مهراڻ جي ڪيٽي ڪٿي گنجي ٽڪر، ڪٿي برسات جا نظارا، ڪٿي جهنگلي جانورن، ڪٿي ماڻهن جا حال احوال نمايان نموني ۾ موجود آهن، اُهي اکڙين کي ٺارن ٿا ۽ روح کي ريجهائن ٿا ۽ ذهن کي جاڳائن ٿا. آس پاس جي مسئلن بابت آگاهي ڏيارن ٿا. اها آگاهي صلاحيت ۾ واڌارو ڪري ٿي ۽ مسئلن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ جي سگهه کي سگهارو ڪري ٿي.
    سانگي نه رڳو جديد سنڌي غزل جو خالق آهي پر طرز سنڌي جو به خالق آهي. اسان جي جديد سنڌي شاعري ۽ ادب هن جي خلقيل طرز سنڌي مان ڦٽي نڪتو آهي. جديد سنڌي شاعر ۽ اديب انهي طرز سنڌي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو اهو تنقيدي رويو داد لهي جڏهن هو چوي ٿو: ”سانگي جي شاعري علمي ۽ ذهني ڪارنامي جي بدران سندس جذبن ۽ محبت جو ثمر آهي.“ جيئن عشق ۽ جذبو قائم رهڻ وارا آهن، سانگيءَ جو ڪلام به قائم ۽ دائم رهندو.
    مير عبدالحسين سانگي وڏي قدبُت وارو شاعر، نثر نگار ۽ نقاد آهي. هن سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. هن جي ڪلام ۾ انيڪ موضوع آهن. هن شاعري جي بيشمار، ڪلاسيڪل، عروضي، لوڪ ادب جي صنفن ۾ شاعري ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. شاعري، نثر نگاري ۽ تنقيد جي ميدان ۾ سانگيءَ سان برابري ڪرڻ وارو ڪو ٻيو ڪو نه ٿو سُجهي.


    مددي ڪتاب
    (1) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ڪليات سانگي جو مقدمو.
    (2) پروفيسر احسان بدوي. مير عبدالحسين سانگي.
    (3) ڊاڪٽر اياز قادري. سنڌي غزل جي اوسر.
    (4) محمد صديق ميمڻ. مير عبدالحسين خان سانگي. مضمون
    (5) پروفيسر ارجن شاد. سنڌي غزل ۽ سانگي. مضمون
    (6) شيخ عبدالرزاق راز. سنڌي غزل جو تجزيو.
    (7) ڪريم بخش خالد. سانگي عظيم سخنور. مضمون
    (8) مرزا فتح علي بيگ. سانگي جا اڻڇپيل منظوم خط. مضمون
    (9) وقار راشدي. سانگي جي اُردو شاعري. مضمون
    (10) مير خادم حسين خان. سانگي جي فارسي ڪلام ۾ زماني جي شڪايت (مضمون)
    (11) پير حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
    (12) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
    (13) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.


    ڪشن چند ”بيوس“(1885ع 1947ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ ڪاڪي لاچند جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو آهي ته ”هلندڙ زماني ۾ بيوس“ هاڻوڪين خيالن ۽ ريتن کي سنڌي شعر جو جامو پهرائي ڏيکاري ٿو ته سنڌ جو اُٿيل روح پرواز ڪرڻ لاءِ تيار آهي.“
    ڊاڪٽر عبدالجبار”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“

    اعليٰ انسان اعليٰ شاعر:
    ڪشنچند بيوس هڪ مثالي اُستاد، برک شاعر ۽ هر دل عزيز انسان آهي. بيوس گهڻن روپن وارو (Versatile) شاعر آهي. هو هڪ محب وطن شاعر آهي. هو هڪ سرگسي شاعر آهي. هو هڪ بياني شاعر آهي. هو هڪ فطرت جو شاعر آهي. هو آشا وادي شاعر آهي ۽ هو هڪ سماجوادي شاعر آهي. بيوس جي هر ورپ ۾ سونهاري سنڌ سماپل آهي. موجن ڀريو مهراڻ موجزن آهي. سنڌو سڀيتا جو اڻمٽ نقشو چٽيل آھي، ۽ سنڌي جيون جون لازوال يادگريون اُڪريل آهن.
    ڪشن چند ’بيوس‘ گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آهي. هو هڪ آدرشي اُستاد، قابل حڪيم، اعليٰ شاعر، ماهر تعليم، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، سماجي ڪارڪن ۽ ٻارن سان پيار ڪندڙ انسان آهي. هو هڪ نهٺو، نماڻو ۽ فرشتن جهڙو آهي. معصوم انسان آهي. هو رلڻو ملڻو، همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان آهي، هو ٻارن سان ڏاڍو پيار ڪندو هو ۽ ٻار به هن کي خوب چاهيندا هئا ۽ هن کي ”سائين“ سڏي بيحد خوش ٿيندا هئا.
    بيوس مذهبي ڀيد ڀاءُ کان آجو هو. هو سمجهندو هو ته هڪڙي ئي رب ڪائنات خلقي آهي. سڀ انسان مسلم، هندو، سک، عيسائي برابر آهن. انهن جون مسجدون، مندر، گرُدوارا ۽ گرجا گهر قابل احترام آهن. بيوس پنهنجي نظم ”رام ۽ رحمان“ ۾ سوال ڪري ٿو:
    هي مسجد گهر مولا جو ترسول ٽڪاڻو ڪنهن جو آهه؟
    ڇا ڪعبي ڇا ڪاشي اندر هي ٺام ٺڪاڻو ڪنهن جو آهه؟
    خود دل يا هردي ۾ هي چانڊاڻ چٽاڻو ڪنهن جو آهه؟
    هن سُندر سنسار اندر هي ساز سٽاڻو ڪنهن جو آهه؟
    بيوس مالي طور ڪمزور هو. گهر جي ڀاتين جي سار سنڀال لهڻ ۽ اُنهن جو پالڻ پوشڻ هن جي لاءِ هڪ وڏو مسئلو هو. هو روڄ راڙي بدران معاشي مسئلن کي سهپ ۽ همٿ سان حل ڪري وٺندو هو. هن جي لاءِ مسئلن کي مُرڪي منهن ڏيئڻ عبادت کان گهٽ نه هو.

    شاهه ۽ سامي سان عقيدت:
    بيوس کي شاهه لطيف ۽ سامي لاءِ ڏاڍي عقيدت هئي. پر هو صوفي مت ۽ ويدانت جو پوئلڳ نه بڻيو هن ايڪتا ۽ انساني برابري جي راهه اختيار ڪئي. هو ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي بين الاقوامي اصول تي هلندو هو ۽ چاهيندو هو ته ٻيا به هن اصول جي پيروي ڪن ڇاڪاڻ ته هن جادوئي اصول سان ئي هن جڳ ۾ سُک ۽ سلامتي قائم رهي سگهي ٿي. هو امن پسند هو ۽ عدم تشدد جو حامي هو. هو ڦڏن فسادن ۽ جهڳڙن کان پري رهندو هو. هو چوندو هو ته اسان کي هڪ ٻئي جي اوڻاين کي وساري، وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. بيوس پنهنجي نظم ”وڏي دل“ ۾ خوب چيو آهي:
    ”ڪر دُنيا ۾ دل وڏيري، تون به رهه، مان ڀي رهان،
    آڻ من ورتي ۾ ڦيري، تون به رهه، مان ڀي رهان.“
    بيوس کلي دماغ وارو شخص هو. هن جي دل جون دريون کُليل هيون. هو تنگ دلي کي ناپسند ڪندو هو. هو امن جو پوڄاري ۽ عدم تشدد جو حامي هو. هو چوندو هو ته ”اسين سڀ ڀائر آهيون ۽ اسان کي پيار ۽ خلوص سان رهڻ گهرجي.“

    هڪ مخلص انسان:
    بيوس هڪ مخلص انسان هو. هو ڏيکاءُ کي پسند نه ڪندو هو. دنيا جي وڏن وڏن شاعرن پاڻ کي ولي يا اوتاري سڏايو. ڪن وري پاڻ کي الله جو ترجمان هئڻ جي دعويٰ به ڪئي. بيوس فطري طرح نماڻائي جو مجسم هو. هن نه پاڻ کي مالڪ سڏايو ۽ نه وري سالڪ. هن پنهنجي لاءِ ”بيوس“ تخلص پسند ڪيو.
    بيوس هڪ اعليٰ اخلاق ۽ کُلي دماغ وارو انسان هو. بيوس محنتي، اورچ ۽ اڏول شخص هو. هو ملنسار، قربدار دل وارن جو دلدار ۽ دلبر انسان هو.

    جنم، تعليم ۽ نوڪري:
    ڪشن چند بيوس 15 فيبروري 1885ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. بيوس ننڍپڻ کان سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ماستر ٿي نوڪري ۾ گهڙيو. هن گهڻو وقت لاڙڪاڻي ۾ گذاريو. پوءِ شاهه محمود اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر ٿيو، جتان 1940ع ۾ رٽائر ڪيائين.
    بيوس پنهنجي محنت سان انگريزي، فارسي ۽ هندي ٻولي جي تعليم حاصل ڪئي. ماستري جي ڌنڌي ۾ بيوس هڪ مثالي اُستاد طور مشهور ٿيو. هو ٻارن کي چاهيندو ۽ ٻار به هن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. هو شاگردن جي رهبري ڪندو هو ۽ کين ميدان عمل ۾ آڻڻ جي جاکوڙ ڪندو هو. رحمدل ۽ حليم طبيعت وارو انسان هو. هو محنتي اُستاد هو. هن ڪترائي فرمانبردار شاگرد جهڙوڪ پروفيسر رام پنجوائي، ڊاڪٽر اجواڻي، هري دلگير ۽ هوندراج دکايل وغيره پيدا ڪيا.
    رٽائر ٿيڻ کان پوءِ بيوس حڪمت جو ڌنڌو شروع ڪيو ۽ هن جي زندگي سُٺي نموني گذرڻ لڳي. هو لاڙڪاڻي شهر ۽ اوري پري جي ايراضين ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو. سڀ ماڻهو کيس بيوس سائين“ ڪري سڏيندا هئا. آخر ۾ هڪ مثالي اُستاد، قابل حڪيم، ماهر تعلمدان، ناٽڪ نگار، مضمون نگار، سماجي ڪارڪن ۽ جدد سنڌي ادب جو باني ڪشن چند بيوس 62 سالن جي ڄمار ۾ 22 سيپٽمبر 1947ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سنڌي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن هن جي دکرائڪ لاڏاڻي تي هن کي شرڌ انجليون (Homages) پيش ڪري، هن جي شاعري جي اهميت، هن جي اصلي عبارت، هن جي مٺرن مٺڙن لفظن جي جڙت ۽ هن جي لازوال قابليت جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر شاهه محمود بخاري انهن شرڌانجلين جو ذڪر عقيدت سان پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڪليات بيوس“ ۾ ڪيو آهي.
    ”سنڌڙي جي روح جو بيوس ڪوي آواز هو،
    سنڌ کي هستي سندس تي هڪڙو اعليٰ ناز هو.“
    قيمت ڪنول.
    ”شاهه سامي سچل جان تو ڏنو سندتيش پڻ،
    تنهنجي هر هڪ بيت ۾ آڪاش واڻي ٿي وسي.“
    برسرام روهڙا.
    ”سنڌ زنده آهي جيسين تنهنجو زنده نام آ،
    تنهنجن ڪوتائن ۾ رهندو تنهنجو نالو پائدار.“
    کيئلداس فاني
    شعر ماکي کان مٺو، پيدا ڪري ويندو رهيو،
    اي فيا هر هڪ سُخن ۾ رس ڀري ويندو رهيو.“
    پرسرام فيا
    ”جاني جديد يگ جو، رهبر تون شاعري جو،
    سنديس تو سڻايو، يڪسان دلبري جو.“
    ارجن سڪايل
    ”آفتاب آهين ادب جو شاعري جو شاهه تون،
    سنڌڙي جي شعر جي محفل جو آهين ساهه تون.
    هري دلگير.
    اهُي شرڌانجلين وارا شعر ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري جي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڪليات بيوس“ مان ورتا ويا آهن.
    سنڌ جي عروضي شاعرن سنڌي شاعري ۾ گهڻا واڌارا ڪو نه آندا. انهن ڪيئي مونجهارا پيدا ڪري، سنڌي شاعري جي رفتار کي روڪي ڇڏيو. انهن سنڌ جي اساسي شاعري (Classical poetry) ۽ اُن جي روايتن کي ڇڏي، ايراني شاعري جي روايتن کي پنهنجو ڪيو. اُنهن فطرت کان منهن موڙي ڇڏيو. اُنهن سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ اُن جي روايتن کي ڇڏي ڏنو. اُنهن زندگي کان منهن موڙي ڇڏيو اُنهن پنهنجي لاءِ هڪ معنوئي ماحول پيدا ڪري، پاڻ کي اُنهي ۾ قيد ڪري ڇڏيو. اُنهن جي زندگي محدود ٿي ويئي ۽ انهن جا موضوع به محدود ٿي ويا. اُنهن ايراني هيئيت ۽ مواد کي پنهنجو بنايو. اُنهن ايراني قيفن جهڙوڪ قصيدو، غزل، ربائي، مثنوي وغيره. اختيار ڪيون. انهن ايراني اهڃاڻن کي سنڌي شاعري ۾ داخل ڪيو. اُنهن سنڌي شاعري ۾ گُل، بُلبل، نسيم، مرغزار، آب روان، گلشن، چهن، جوانان، چهن، مرغان، چمن ۽ هزارين لفظ سنڌي شاعري ۾ آندا. حسن يوسف، چشم آهو، آب ۽ تاب، ناز ۽ نياز، بهار ۽ شراب جون تشبيهون ۽ استعارا ڪم آڻي دنگ ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي شاعري کي اصلي مان تقليدي بنائي ڇڏيو. غلام محمد گدا جي شعر ۾ اِهي سڀ اهڃاڻ موجود آهن.
    ”تو آتيشن مزار جي رشڪ ۾ سوز و غم،
    ماند شمع پنهنجي دل ۾ جان گري گري.“
    سنڌ جي عروضي شاعرن غزل جي صنف ۾ خوب لکيو. اُنهن مجازي عشق ۽ اُن جي چوٽن کي غزل ۾ خوب ڳايو. اُنهن غزل ۾ حسين عورتن ۽ ڳڀرو جوانڙن جي نازڪ ۽ نرمل جسماني عضون جهڙوڪ نڪ، چپ، گل، وار ۽ حال چال جي رسمي ساراهه ڪري، مدهوش ٿي ويا ۽ هوش مان نڪري ويا.
    هي ڏاڍو ڏکيو وقت هو. مخالفت زورن تي هُئي، هڪ غريب سنڌي ماستر ڪشن چند بيوس همٿ ڪري ميدان. عمل ۾ آيو. هن فطرت طرف موٽ کاڌي، انسانن ۽ اُنهن جي سوني چاندي جهڙين ادبي روايتن کي وري اختيار ڪيو. سنڌ جي نج ۽ نڪور لفظن کي ٻول مالها جو حصو بنايو. هن انگلينڊ جي مشهور شاعر ۽ نقاد وليم ورڊسورٿ (William Wordsworth) جي لفظن ”شاعر هڪ انسان آهي ۽ هو انسانن سان ڳالهائيندو آهي“ تي عمل ڪندي، سنڌي شاعري کي انسانن سان ۽ فطري ماحول سان هم آهنگ ڪري، شاعري ۾ نوان رنگ، نوان موضوع، نوان ۽ نڪور سنڌي لفظ جوڙي، شاعري جي ڪن صنفن کي وري جياري، نيون صنفون ايجاد ڪري، وري سنڌي شاعري کي فطري دڳ تي آندو. ڏات ۽ ڏانءُ، مشاهدي ۽ مطالعي جي ذريعي سنڌي شاعري کي خوب ترقي ڏياري. بيوس، بيشڪ باغي نه هو، پر هن اهڙا ته انقلابي قدم کنيا جو هرڪو حيران آهي هري دلگير پنهنجي ڪتاب ”ڪشن چند بيوس“ ۾ سُڳن آهوجا جي راءِ کي دهرائيندي لکيو آهي ته بيوس پنهنجي تخليقي ڪارنامن سان وقت جي ڌارا کي موڙي کيس نئين زمين تان هلائي تازگي، توانائي ۽ رواني بخشي آهي.
    مشهور سنڌي ڪهاڻيڪار آسانند ماموتر ”بيوس هڪ اڀياس“ ۾ لکيو آهي ته ”بيوس جي شاعري سان سنڌي نظم جي نئين پرڀات ڦٽي آهي ۽ بيوس سائين انهيءَ پرڀات جو وهائو تارو آهي.“ بيوس جي شاعري ته وڏن وڏن شاعرن، اديبن، نقادن ۽ دانشور جهڙوڪ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر منشاراماڻي، ارجن حاسد، سُڳن آهوجا ۽ ٻين پنهنجي راءِ ڏيندي بيوس جي شاعري کي ساراهيو آهي. اهي رايا بيوس جي شخصت، شاعراڻه عضمت، ان جي جديد سنڌي ادب ۾ اهميت کي نروار ڪن ٿا.
    نصير مرزا پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ ۾ مرزا بيگ طرفان بيوس لاءِ ڏنل راءِ جو ذڪر ڪيو آهي. قليچ بيگ چوي ٿو ته ”بيوس جي شعر جي طاقت قوي ۽ فطري آهي. سندس ڪلام نهايت رقت آميز ۽ دلڪش آهي.“
    ”سُرها گل جي مهاڳ“ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي لکيو آهي ته ”مان بيوس کي سنجيده ۽ فهميده شاعر ڪري ليکيان ٿو.“
    ڊاڪٽر گربخشاڻي ”شيرين شعر“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته بيوس جي شاعري ۽ عبارت اصلي آهي ۽ نه نقلي.“
    سڳن آهوجا، هري دلگير جي لکڻ موجب، پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ”مان بيوس سائين کي ئي سنڌي ٻولي جو پهريون شاعر سمجهان ٿو، جنهن جديد سنڌي شاعري جو بنياد وڌو آهي.“
    ڊاڪٽر ارجن حاسد پنهنجي ڪتاب ”بيوس ۽ نئون دور“ ۾ لکيو آهي: ”ٻولي جي سلاست ڪمال جي اٿس. اُهو بيوس جو ڪمال هو جو هن جي پيچرن کي اسين پنهنجو نٿا سمجهون، ڪا اهيمت نه ڏيندا آهيون، تن کي پنهنجي تخيل جي ڪيميا سان هو بي بها بنائي ويو.“
    پروفيسر ڊي ڪي، منشاراماڻي ”بيوس هڪ اڀياس“ ۾ لکيو آهي. جيڪڏهن بيوس کي سنڌي شعر جي سجاڳي واري دور جو باني ۽ باغي شاعر سڏجي ٿو ته روا آهي.“

    بخاري جي راءِ:
    ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ڪليات بيوس ۾ چيو آهي: ”بيوس جو ڪلام سنڌي ساهتيه جو سينگار آهي.“
    ڪشن چند بيوس سنڌ جي ڪيترن ئي رُخن ۽ موضوئن تي شاعري ڪئي آهي. انهي ڪري جدا جدا عنوان ڏيئي اُن جي شاعري جو اڀياس ڪريون ٿا.

    ديس سان محبت ڪرڻ وارو:
    بيوس ديس سان پيار ڪرڻ وارو هڪ وڏو جديد سنڌي شاعر هو. هو ميدان عمل ۾ اچڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو هو. ڪهڙي به هلچل هجي. ڪهڙي به تحريڪ هجي، ڪهڙو به ميڙاڪو هجي بيوس اُن ۾ حصو ضرور وٺندو هو ۽ صحيح راءِ ڏيندو هو. بيوس وديسي مال جي بهشڪار ۽ ديسي مال کي واپرائڻ لاءِ ڪيئي گيت لکيا.
    ”وٺو ديسي، سکو ديسي، پڇو ديسي، رهو ديسي،
    اهي ڳالهيون سچو ديسي هينئن اندر هنڊائي ٿو.“
    بيوس چاهيو ٿي ته آزادي کان اڳ آزاد سوچ، سجاڳي ۽ عقيدت پيدا ٿيڻ ضروري آهي. مٽي سان محبت ڪرڻ ۽ مٽيءَ جي چاهت انسان کي بيدار ڪندي آهي ۽ وطن تان سروارڻ جي آرزو جاڳائيندي آهي.
    اُهي مائر ڀلي مرڪن، ٻاروتڻ ۾ لولي ڏين،
    ته صدقي ديس تان من ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت.“
    بيوس هميشه سنڌ سونھاري ڀونءَ ڀلاري جو عاشق هوندو هو. هن عقيدت سان چيو آهي.
    ”مون کي محبت آ، بيحد پنهنجي سونهاري ديس سان.“
    بيوس سنڌ جي ساراهه ڪندي ڪيئن نه گد گد ٿئي ٿو.
    خاص کٿوري ڀانيان، وطن جي واري،
    مٽي منهنجي ملڪ جي مُشڪان موچاري،
    منهنجي دلبر ديس جي، پڻي پڻ پياري،
    گاهه ۽ گلزاري، بٺ باغيچو ڀانيان.“
    بيوس هڪ دلبر انسان هو ۽ وطن جو شاعر عاليشان هو ۽ ديس جو وڏو قدردان هو. بيوس سچو انسان۽ شاعر هو. سنڌ هن جو ساهه هئي، ويساهه هُئي، اتساهه هئي. سنڌ جي هن سچي سپوت سنڌ ڌرتي جاڳڻ ڳائي نه صرف سنڌ ڌرتي کي امر بنايو، پر پاڻ به اَمر ٿي ويو.

    سرگسي شاعر:
    ڊاڪٽر اجواڻي جي راءِ ۾ بيوس هڪ لاڏلو سرگسي شاعر هو. هن ڪيترائي سرگسي گيت لکيا، جن کي ڏاڍو پسند ڪيو ويندو هو. هو هلندي هلندي بي اختياري وچان گيت سرجيندو هو. اُهي گيت، رس، سنگيت ۽ رواني جا حاصل هئا. اهڙي گيتن وڏن وڏن ڌرمي ڏهاڙن الوداعي تقريبن، ميلاپ جي موقعن پرڀات ڦيري جي وقت ڳايو ويندو هو. اهي گيت ماڻهن کي خوش رکندا هئا ۽ روح کي راحت ڏيندا آهن. هندن جي ڌرمي ڪتابن ”مهاڀارت“ ۽ ”رامائڻ“ ۾ سرگسي گيتن جو وڏو ڀنڊار موجود آهي. بيوس جي هڪڙي سواگتي گيت مان رس حاصل ڪريو:
    ”گهر گهر ۾ واڌائي آهي،
    ڪرشن جنم جي وائي آهي،
    وريو واهه جو وارو،
    آيو موهن مرلي وارو.
    (هي سرگسي گيت ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري جي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڪليات بيوس“ مان ورتو ويو آهي.

    هڪ وڏو بياني شاعر:
    بيوس هڪ وڏو بياني شاعر آهي. بياني شاعري ۾ ڪنهن نه ڪنهن روحاني شخص، قومي سورمي / سورمي ۽ اعليٰ اخلاق واري انسان جي ڪارنامن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. اُها بياني شاعري جيڪا اهم ڪردارن کي دلچسپ ۽ دلفريب انداز ۾ ڪري، اُها اعليٰ ۽ عمده هوندي آهي.
    بيوس هڪ وڏو بياني شاعر هو. هن جي اعليٰ بياني رچنائن ۾ گرو نانڪ جي آتم ڪٿا رشي آشرم، سروڻ ڪمار وغيره ڏاڍيون مشهور آهن. ”گرو نانڪ جي آتم ڪٿا“ اٺن سٽن واري بندن ۾ لکيل آهي، هري دلگير جي چوڻ مطابق هن ۾ 136 بند آهن. بيوس سڪ ۽ شرڌا سان گرو نانڪ جي زندگي ۽ هن جي بي مثال ڪارنامن کي بيان ڪري نه صرف گرونانڪ جي اعليٰ ڪردار کي نئين سر تخليق ڪيو آهي، پر پنهنجو پاڻ کي هڪ وڏو بياني بنائي شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ ڪامياب به ويو آهي.
    رنگا رنگ ٻيو ڪو نه گهر جي لباس،
    کپي لال ٿو پريم رنگي مٺاس،
    اڇو رنگ اوجل اندر جو اُداس،
    کپي سرسو دل جو سدورو نعاش،
    برهه بيرنگي جو بکي رنگ سان،
    اسان جو گرو جن سندس ننگ سان،
    سندس ايڪتا ۾ کجي پيو ساهه،
    گرو ديوَ نانڪ، سچو بادشاهه.
    بيوس هڪ ٻئي بياني نظم ”سروڻ ڪمار“ ۾ ماتا پتا جي شيوا ڪندڙ پٽ سروڻ ڪمار جي دکدائڪ موت جو اهڙي ته دل ڏاريندڙ نموني ۾ بيان ڪيو آهي جو پڙهندڙن جا هانءُ ڦاٽي پيون ٿا.
    ڦٿڪيو ڪري ڦهه ڪري، ٻلي ٻاڻ جهلي،
    پاڻ کڻي پيءَ، ماءُ ڏانهن هاءِ ڪيئن هلي،
    جيڪس جن جي جان ٿي بنان جل جلي،
    سائين ڪير سلي، حقيقت هن حال جي.
    ”شڪونتلا“ نظم ۾ ”رشي آشرم“ ۾ ڪيل بيوس جي بياني شاعري بيمثال آهي.
    جتي سونهن سوڀيا جو ناهي ڪو يار،
    جتي موهه جوڀن ۾ هردم بهار،
    جتي خاص جهنگل ۾ منگل اپار،
    جتي سير سائي وطن جي قطار.
    ”پريم پتر“ ۾ شڪونتلا جي دلي حالت کي ڪهڙي نه درد ڀري نموني ۾ چٽيو ويو آهي. هو دل کي دلاسو ڏيندي چوي ٿي:
    ”انڌاري پٺيان مَن سهائي اچي،
    وڇوڙي پٺيان وصل وائي اچي.“
    يقين سان چئي سگهجي ٿو ته بيوس جي شاعري ڏاڍي دلفريب آهي.

    هڪ سوادي انسان:
    بيوس هڪ انتشا وادي انسان ۽ شاعر هو. هو نااُميدي کان ڀڄڻ وارن مان ڪو نه هو. هن کي فراريت پسند چوڻ هڪ وڏي غلطي آهي. هو مضبوط ارادن جو مالڪ هو ۽ سچ تان سر گهورڻ وارو شخص هو. هو اونده کان دور ڀڄڻ وارن مان نه هو. هو گهڻو وقت تنگ دستي جو شڪار رهيو پر اُڦ به نه ڪيائين هو ڄاڻندو هوته ڏک سُکن جي سونهن آهن. گهور انڌيري مان نڪري روشني ضرور نروار ٿيندي. اُماوس کان پوءِ چوڏهين رات ضرور ايندي رات کان پوءِ ڏينهن ضرور اُڀري ايندو.
    ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ري واري چوڻي تي بيوس کي پورو يقين هو. هو هر سختي ماٺ ميٺ ۾ سهندو هو. هو روئڻ ۽ راڙو ڪرڻ جي خلاف هو. هو چوندو هو ته دُنيا برڪت ڀريو ڀنڊار آهي. جيڪو جاکوڙ ڪندو سو بي ملهه موتي، ماڻڪ هيرا ضرور حاصل ڪندو.
    ”وقت خالي کاڻ آ، کوٽ ۽ لهه لال کي.“
    هو چوندو هوته دُنيا سُک جي آنند نگري آهي. فقط روشن نظر ۽ اٽل ارادي جي ضرورت آهي.
    ”سائو ٿي رهه سرءُ ۾ خندان ٿي خزان ۾،
    بي لطف حياتي کي شمشاد ڪنداسين.“
    هو اعلان ڪندي چوندو هو:
    همٿ سندي هٿوڙ سان، ڏونگر کي ڏارجي،
    جي مارجي ته مڙس ٿي ميدان مارجي،
    اڳتي قدم هليو هلي، پوئتي نه وارجي.
    بيوس ميدان ڇڏي ڀڄڻ وارن مان ڪو نه هو. هن جو ڪاهلي ۽ بزدلي ۾ يقين ڪو نه هو. بيوس جي شاعري آشا جي جلوي ۽ جان سان ڀرپور آهي. قدم قدم تي آس جو سورج چمڪي رهيو آهي. آسمان تي اُڏامندي، ڌرتي تي نظر رکڻ ضروري آهي. بيوس پنهنجي نظم ”آس“ ۾ خوب لکيو آهي.
    ”جيئن رهي محڪم ارادو ۽ اڇا شڪتي اڏول،
    تيئن تي نڪري آس نراشا جي پردن مان ڇڻي.“
    بيوس جي شخصيت ۽ شاعري جي نمايان خوبي آهي ته مشڪلاتن کي مُرڪي منهن ڏيئڻ عين عبادت آهي:
    درد جي دل تي ڌڄا پنهنجي ڌري،
    تون ٽهڪ ڏي.
    روڄ راڙي جي مٿان ٻيڻي ٻري،
    تون ٽهڪ ڏي.

    فطرت جو پرستار
    ڪشن چند بيوس فطرت جو وڏو پرستار هو. فطرت جيئرو جاڳندو وجود (Entity) آهي. قدرت هڪ مهربان ماءُ جيان زندگي کي سهارو ڏيئي رهي آهي. تارن ڀريو آسمان، ڌرتي، بادل، جبل، نديون، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، گُل ڦل، پکي پکڻ جانور، جيت، هوائون وغيره جهڙا قدرت جا نظارا اسان کي موهي رهيا آهن، اسان جي دل جون دريون کولي شعور کي جاڳائي، سُرت ۽ ساڃاهه جو سبق سيکاري. آئيندي جي آگاهي ڏيي، زنده رهڻ لاءِ رهنمائي ڪري رهيا آهن. برساتن، ٻوڏن، طوفانن ۽ زلزلن جون تباهه ڪاريون ڏيکاري، انسانن ۾ جرئت، همٿ ۽ حوصلو ڀري مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ جي قابل بنائي رهيا آهن.
    بيوس فطرت نگاري ۽ مشاهدي جي ذريعي لڪل اسرارن کي کولڻ، روح ريجهائيندڙ نظارن جي ذريعي انسانن کي راحت، خوشي ۽ آنند ڏيئڻ جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. بيوس انساني جذبن کي سُهڻي، سريلي ۽ سگهاري نموني ۾ پيار، سَهپ ۽ قرباني ڏيئڻ لاءِ استعمال ڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
    بيوس ”باغ بهار“ ۾ مختلف قسمن جي گُلن ڦُلن جو ذڪر ڪري وايومنڊل کي معطر بنايو آهي ۽ انساني جذبن کي خوب سُرور ڏنو آهي.
    ”ڦلوار ڦوهه مان ڦري، ڦولن ۾ ڌوم ڌام،
    ڇا لام لام تي ٽڙيا، گُل لال عام جام،
    گيندو گلاب ديد کي ڏي اشرفيون انعام،
    تبسم وسائي شوق مان موتين مٺيون مدام.“
    ”رشي آشرم“ جو منظر ڪيڏو نه دلفريب ۽ من موهيندڙ آهي.
    جتي آهي آڪاش اوجل سدا،
    هلي ٿي هوا صاف سيتل سدا،
    وهي جل ٿو چشمن ۾ نرمل سدا،
    مچي موج لهرن جي پلپل سدا.
    برسات جا ڪي لقاءَ ڀريا منظر ڏسو ۽ آنند ماڻيو.
    مڙي بادل، کڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب،
    پڻ چڙي، ٺاري ٿري، گهر ۾ گهڙي مڌڪار ۾.
    هي هڪ قدرت جي نظاري جو دلفريب ۽ لازوال ڏيک آهي.
    ”عجب بنايا بجليون بادل،
    بوندون برس برس ڪن ٿادل،
    واڄٽ ڪن وسڪارا، قدرت وارا.“
    ”سهائي راتڙي“ ۾ ڪهڙو نه دلفريب قدرتي منظر چٽيو ويو آهي.
    ”آهه چانڊوڪي رتل ڪڪرن اندر ڪيڏو لقاءُ،
    برف جا بادل بنائي ٿي سهائي راتڙي.“
    بيوس هڪ سماجوادي شاعر به آهي. بيوس تي روس جي انقلاب جو اتر صاف صاف نظر اچي ٿو. دين جا نظم ”هاءِ هاري“، ”مزدورڻ“ ۽ ”شاهوڪار“ انهيءَ جو چٽو ثبوت آهن.
    بيوس پنهنجي نظم ”شاهوڪار“ ۾ شاهوڪارن ۽ سرمائيدارن کي خوب ننديو آهي. هو شاهوڪار کي چور سان ڀيٽي هن کي ظالم خون چوسيندڙ ۽ انساني حقن کي غضب ڪرڻ ارو شيطان سڏيو آهي.
    ”ڪيئن نه رت چوسي ڄور کي لوڪ پيو سائين سڏي،
    خون کينچي جو ڪري، دردي دليون خالي ڇڏي.“
    ”مزدورڻ“ هڪ مثالي عورت آهي. هو جوت، جلوي ۽ جمال جي مورت آهي. هن کي دُنيا نيچ ۽ قابل نفرت ٿي سمجهي جيڪا پورهيو ڪري ٿي، پهڻ ڍوئي ٿي، ٽڪر ٽانڪي ٿي. هن جي زندگي وڏي ڪشٽ ۾ گذري ٿي.
    هاري جيڪو کيت کيڙي ٿو، رت ولوڙي ٿو ۽ ان اُپائي ٿو، اُهو لاچار آهي، قرضدار آهي ۽ مصيبتن جو ماريل آهي.
    ”تنهنجي تصوير منجهان قوم جو ڪنياءَ بکي،
    تنهنجي فرياد مان بيداد جو برتاءُ بکي.“

    سرمائيداري جو دشمن:
    ڪشن چند بيوس شايد پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سرمائيداري سرشتي کي پنهنجي نظم ”شاهوڪار“ ۾ ننديو آهي. هن شاهوڪار کي زار سان ڀيٽيو آهي ۽ جيڪو ظالم آهي، آزاريندڙ آهي، خون چوسڻ وارو آهي، حق غضب ڪرڻ وارو شيطان آهي.
    جيئن وڌيو من، مان، رتبو شاهوڪار جو،
    تيئن وڌيو باعث زار جي آزار جو.
    سنڌ جي هڪ برک دانشور ۽ نقاد جي اُتم پنهنجي ڪتاب ”لينن ڀارت جو دوست“ ۾ پروفيسر رام پنجواڻي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”شاهوڪار شاهي تي هلان ڪندڙ بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي. بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن زار جو ذڪر ڪيو آهي.“

    بيوس جي ٻاراڻي شاعري:
    ٻاراڻي شاعري ڪنهن به قوم جو انمول سرمايو هوندي آهي. سنڌي ٻولي ۾ ٻاراڻي شاعري جو بنياد رکڻ لاءِ ڪاڪي ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ، محمد صديق مسافر، ڪشن چند بيوس ۽ ٻين شاعرن شروعات ڪئي پر مقبوليت صرف بيوس کي ملي.
    بيوس ننڍي کنڊ جي ٻن مشهور شاعرن رابندر ناٿ ٽئگور ۽ علامه اقبال کان ڏاڍو متاثر هو. شروع ۾ بيوس ٽئگور ۽ اقبال جي ٻاراڻن گيتن جا ترجما ڪيا ”پکي جي پڪار“ ”۽ کڙ کٻيتو“ اقبال جي گيتن جا ترجما آهن. پر عبارت بيوس جي پنهنجي آهي. بيوس ٽئگور ۽ اقبال جي گيتن مان ٻاراڻي شاعري جا لازمي جزا جهڙوڪ آنند ۽ اُڇل، رنگ ۽ روشني حاصل ڪري پنهنجي ٻاراڻي شاعري کي شروع ڪري اُن کي اوج تي پهچايو.
    ٻاراڻي شاعري لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ٻاراڻي شاري لکندڙ شاعر لاءِ ضروري آهي ته هن جي مشاهدي جي قوت ليز هجي. هن کي انساني طبيعت جي ڄاڻ هجي، هو سندن پسند ۽ ناپسند کان واقف هجي، هو ٻارن سان باقائدگي سان ملندو جلندو هجي، هو ٻارن جي مٺڙي ٻولي ۾ سمايل نفسيات جو علم رکندو هجي ۽ هو ٻارن جي من پسند موضوعن تي سادي ۽ سلوڻ ٻولي ۾ گيت لکي نه صرف ٻارن کي خوش ڪري، پر پاڻ به آنند حاصل ڪري بيوس ٻارن جي اندر جو حال ڄاڻڻ لاءِ خود به ٻار بڻجي ويندو هو. هو ٻارن سان رِلندو ملندو هو، هو انهن سان گڏ کيڏندو هو، هو انهن سان چرچا به ڪندو هو. هو انهن کي کلائيندو به هو ۽ پاڻ به کلندو هو.
    بيوس ٻارن سان گڏ کيڏندي کيڏندي انهن جي اندروني ڪيفيتن کي ڄاڻن جي ڪوشش به ڪندو هو. هو اهو ڄاڻڻ جي کوج به ڪندو هو ته ٻارن کي ڇا وڻي ٿو ۽ انهن جي پسند جا ڪهڙا جانور، پکي ۽ جيت آهن. هو انهن سان ڳالهائيندي انهن جي ٻولي ڄاڻڻ جو جتن به ڪندو هو. بيوس جا ٻاراڻا گيت پڙهي، احساس جاڳي ٿو ته هي گيت نه صرف ٻارن جا گيت آهن پر شاعر جي اُجري اُجري آتما جون رنگ رتل رچنائون آهن.
    انهي ڪري ٻاراڻا گيت لکڻ مهل ٻاراڻي شخصيت کي سڃاڻي انهن جي فطرت مطابق گيت سرجن جيڪي نه صرف دل جون تارون ڇيڙي سگهن، پر اندر جي اک کولي آڪاش واڻي ثابت ٿي سگهن. ٻاراڻن گيتن ۾ رواني ۽ موسيقي هوندي آهي، رنگن جي بهار هوندي آهي، روح کي راحت ڏيئڻ لاءِ سُريلا مثال، رنگين استعارا ۽ روح ريجهائيندڙ تشبيهون به هونديون آهن. اُنهن جي ٻول مالها (Poetic Diction) ڪرشن جي بنسري جهڙي مٺي هوندي آهي، سپڪ، سادي ۽ سلوڻي هوندي آهي.
    ڪشن چند بيوس ٻارن جو شاعر آهي. ٻار ايشور جا اوتار آهن، رب جو روح ريجهائيندڙ روپ آهن، جڳ جي اکين جا تارا آهن، جڳ کي جاڳائڻ واريون رچنائون آهن ۽ آئندي جا اَبا آهن. ڪشن چند بيوس جا ٻاراڻا گيت هر موسم ۾ تازا ۽ توانا آهن ۽ پڙهندڙن جي دلين کي تازگي ۽ توانائي بخشن ٿا.
    ڪشن چند بيوس کان اڳ ۾ يا هن کان پوءِ ڪنهن به سنڌي شاعر ايترا ٻاراڻاگيت نه لکيا آهن. جيترا بيوس لکيا آهن. بيوس بيشمار ٻاراڻا گيت لکيا آهن. هن جاگهڻا ٻاراڻا گيت نرسري جي شاگردن لاءِ ڪجهه چئن سالن کان وٺي سورهن سالن جي ٻارن لاءِ ۽ باقي وڏڙن ٻارن لاءِ آهن. بيوس جي ٻاراڻن گيتن مان هي گيت ڏاڍا مشهور آهن. جهڙوڪ: گُل ڦل، مٺڙو گهوڙو، ڀنڀوري، ڪاغذ جي ٻيڙي، پينگهه، ڦوڪڻو ملوڪڻو، ڪڪڙون ڪون، ريل، سارنگ، برسات جي راتڙي، پکي جي پڪار ۽ کڙ کٻيتو.
    بيوس جا ٻاراڻا گت سريلا آهن، رسيلا آهن ۽ رنگيلا آهن. اُنهن جي جوڙ جڪ، جڙت ۽ منظر نگاري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته انهن نظارن ۾ هڪ پر اسرار حرڪت نظر ايندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته انهن نظارن ۾ ڪنهن به وقت چُرپُر ٿيندي ۽ هو اسان جي اکين اڳيان نمودار ٿي اسان کي جاڳائيندا، ڇرڪائيندا ۽ ڀرمائيندا.
    ”سهائي راتڙي“ هڪ سهڻو ٻاراڻو گيت آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن سهائي راتڙي هر شيءِ کي برف جان اڇو بڻائي، تن من کي جرڪائي دلين ۾ نور چمڪو پيدا ڪري ٿي.
    ”چهچٽو ڇا ڇا مچائي ٿي سهائي راتڙي،
    رنگ طرحين جا رچائي ٿي سهائي راتڙي.“
    ”چنڊ“ هڪ مشهور ٻاراڻو گيت آهي جنهنکي ڳائي ٻار به چمڪي اٿندا آهن ۽ هر پاسي چنڊ جان چٽائي پکيڙي راهون روشن ڪندي نظر ايندا آهن
    ”سيتل تنهنجي آهي سُهائي،
    رات ٿڌيري، صاف صفائي،
    نيڻ نهارڻ ساڻ نهال،
    چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال.“
    ”کڙ کٻيتو“ هڪ مٺڙو ۽ من موهيندڙ گيت آهي. کڙ کٻيتو روشني پکيڙي ٿو. راهون روشن ڪري ٿو ۽ ڀٽڪيل مسافرن جي رهنمائي ڪري، کين منزل تي پهچائي ٿو.
    ”ڇا کڙ کٻيتي کي آهه کنوڻ کنڀن ۾،
    بجلي بتي ڦري ٿي گويا گُلن ۾ ڦلن ۾.“
    ”برسات“ گيت ۾ مٺڙن نظارن جو ذڪر ڪري روح کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هن گيت ۾ واهه جي مستي آهي، واهه جو مزو آهي.
    ”رعد رڙڪا، گورگڙڪا، خوب ڪڙڪا ٿو ڪري،
    پڻ تنبورا، ساز سُرندا، سارنگين جي تار ۾.“
    ”ڪڪڙون ڪون“ سجاڳ جو سڏ آهي جيڪو سُتلن کي جاڳائي کين نئين صبح جي سواگت ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ٿو.
    ”جاڳين ۽ جاڳائين تون،
    ڪڪڙوڪون، ڪڪڙو ڪون.“
    ”ريل“ واهه جو گيت آهي. اُن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته لفظن سان جوڙيل ريل ڪيئن نه اوچتو ئي اوچتو اصلي شڪل ڌاري ٿي، سگنل هيٺ ڪري ٿو، انجڻ چالو ٿئي ٿو ۽ ريل دونهان ڪڍندي ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ جو اُچار اُچاريندي، پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان ڊوڙندي نظر اچي ٿي.
    ”ريل اسان جي سهڻي ڏاڍي،
    آهي من کي محڻي ڏاڍي،
    جنهن سان گڏجي راند رچايون،
    ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.“
    ”ڀنڀوري“ ٻارن جو مشهور ترين گيت آهي. ڀنڀوري رنگ برنگي ويس پائي هڪ ڪنوار بڻجي، ڪيئن نه ڏسندڙن کي ڀرمائي رهي آهي، ناچ نچائي رهي آهي ۽ دل وندرائي رهي آهي. هو ڪنهن کي به ڏک ڏيئڻ واري ناهي.
    ”ڏينڀو جهڙو سونو رنگ،
    پر نه هڻين ٿي ڪنهن کي ڏنگ،
    تنهن لئه تو سان آهي پيار،
    هل ڀنڀوري ڀڻون بازار.“
    ”ڌڻي در وينتي“ هڪ جادو ڀريو گيت آهي. 1945ع ۾ جڏهن مون پهريون درجو سنڌي پڙهڻ جي لاءِ پرائمري اسڪول مٺي شهر ۾ داخلا ورتي، تڏهن ٿر جي سڀني ڇوڪرن جي پرائمري اسڪولن ۾ هي گيت تراني طور ڳايو ويندو هو. اسان جو لاڏلو اُستاد سائين امولکداس براهمڻ اسيمبلي لاءِ گڏ ٿيل ٻارن اڳيان پهرين هي گيت ڳائيندو هو ۽ پٺيان سڀ ٻار اُن کي دهرائيندا هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. تراني ختم ٿيڻ کان پوءِ هو ڊوڙندا، نچندا پنهنجن ڪلاسن ۾ ويندا هئا.
    اُن وقت مٺي جي پرائمري ڇوڪرين جي اسڪول ۾ هي ترانو ڳايو ويندو هو.
    ”ڀارت کي پريم آڌار هو تُم،
    سري ڪرشن تمهاري جئه هووي.“
    ڪشن چند بيوس جي ٻارن لاءِ لکيل گيتن ۾ رس به آهي ۽ رچاءُ به، اُڇل به آهي ۽ آنند به، رنگ به آهي ۽ روشني به، وندر به آهي ۽ سکيا جو سامان به بيوس جي ٻاراڻن گيتن جي ٻول مالها مصري جهڙي مٺي آهي. موسيقي مور جي ٽهوڪي جهڙي آهي، رواني ڪنهن سنڌو جي ڌيمي ڌارا جهڙي آهي، رنگا رنگي اهڙي ڄڻ سوين انڊلٺون کڙيل آهن، عبارت فطري ۽ بي ساخته ۽ موضوع سُهڻا ۽ من مهڻا آهن، بيوس جا ٻاراڻا گيت سنڌي شاعري جو سينگار آهن ۽ پڙهندڙن لاءِ نو لکو هار آهن.

    شاعري جون خوبيون:
    (1) ڊاڪٽر گربخشاڻي ”شيرين سعر“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”بيوس جي ڪلام جي خاص خوبي آهي موضوع ۽ عبارت ٻئي اصلي آهن، نقلي ناهن.“ بيوس جي شاعري جو تعلق عام شين ۽ عام قدرتي نظارن سان آهي. هن جو نظم غريبن جي جهوپڙي عام ماڻهن جي رهائش گاهه/ گهر آهي. هو انهي جي سلامتي لاءِ دعا گهري ٿو
    ”قدرت سندي ڪمال، صحت لاءِ سوکڙي،
    الله، جهري م شال غريبن جي جهوپڙي.“
    (2) بيوس جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي موضوعن جي فراواني. عروضي شاعرن پنهنجو پاڻ کي فطرت، ڳوٺاڻي زندگي ۽ عام ماڻهن کان الڳ ڪري، سنڌي شاعري جا موضوع محدود ڪري ڇڏيا ڪشن چند بيوس عروضي شاعري جي پابندين کي ٽوڙي، سنڌي شاعري کي بيشمار موضوع ڏئي مالا مال ڪري ڇڏيو. بيوس جي شاعري جا انيڪ موضوع آهن، هماليه آسمان، غربين جي جهوپڙي، برسات جو نظارو ندي، محنت، رام رحمان، شاعر، جاتي جهڳڙو، استري، هاءِ هاري، مزدورڻ، شاهوڪار، پورهيت، قوميت، غلامي، موت، انسان، همدردي، وڏي دل وغيره ميسر ڪري ڏنا ۽ سنڌي شاعري کي روان دوان رکيو.
    (3) بيوس جي شاعري جي ٽين خوبي آهي تجيس حرفي جوڪمال استعمال. تجنيس حرفي سنڌي شاعري جو سينگار آهي. اسان جي اساسي شاعرن تجنيس حرفي جو استعمال ڪري، سنڌي شاعري کي اوج تي پهچايو. بيوس تجنيس حرفي جو استعمال ڪري، پنهنجي شاعري کي خوب سينگاريو آهي. نظم ”غريبن جي جهوپڙي“ ۾ تجنيس حرفي جو دلفريب اظهار ڪيو آهي.
    ”سج چنڊ واجهه ٿو وجهي، جنهن جي وٿين منجهان،
    ترڪو اچن ٿا ترورا، تارن ڪتين منجهان.“
    قدرت وارا گيت جو هي بند پڙهو ۽ تن ۽ من جي تازگي ۽ توانائي ماڻيو.
    ”جڏهن وڻن تي واءُ اچي ٿو،
    پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو،
    ڇم ڇم جا ڇمڪارا، قدرت وارا.“
    (4) بيوس جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي. اهڃاڻڪاري بيوس جي شاعري جا اهڃاڻ روحاني رازن کان بي تعلق آهن. هن جا اهڃاڻ روزمره جي شين ۽ حالتن سان واسطو رکن ٿا.
    ”نرمکو“ وياج خور سرمائيدار جو اهڃاڻ آهي،
    ”ڪنهن ڪوي ٿي نرمکي کي مفت کائو مالدار؟
    آهي سا غافل غريبي شرم شامت جو شڪار.“
    ڄور به خون چوسيندڙ شاهواڪر جو اهڃاڻ آهي.
    ”ڪيئن نه رت چوسي ڄور کي لوڪ پيو سائين سڏي،
    خون ڪئچي سان ڪري، دردي دليون خالي ڇڏي.“
    ”سروڻ ڪمار“ فرمانبرداري جو اهڃاڻ آهي. ”هماليه“ عصمت جو اهڃاڻ آهي. ”کڙکٻيتو“ رهنمائي جو اهڃاڻ آهي. ”جهوپڙي“ رهائش گاهه جو اهڃاڻ آهي. ”شاهوڪار“ ظالم جو اهڃاڻ آهي. انهن اهڃاڻن جي ذريعي عام شين کي اهميت ۽ معنيٰ ملي ٿي.
    (5) بيوس جي شاعري جي پنجين خوبي آهي ڪمال ڪاريگري سان نج نڪور قافين جو استعمال بيوس قافين کي ادل بدل ڪري، ٻيڻا ٻيڻا ۽ ٽيڻا ٽيڻا قافيا استعمال ڪري پنهنجي ٻول مالها ۽ شاعري کي دلچسپ ۽ دلفريب بنائي ٿو.
    ٻٽن ٻٽن قافين جو جادو ڏسو.
    ”مينهن جي مانڊاڻ کان سارا چمن چٽاڻ ٿيا،
    ڦوهه ۾ گل ڦل ڦٽي پيئر کلي هر ٽار ۾.“
    هڪڙي هڪڙي مصرع ۾ ٽن قافين جي مثال جو ڪمال ڏسو.
    ”اڄ مُڙي، بادل کڙي، آيا کڙي ٽانگر ۾ خوب،
    ڄڻ چڙي، ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي انڌڪار ۾.“
    (6) بيوس جي شاعري جي ڇهين خوبي آهي، موزون ۽ مناسب تشبيهن جو فنڪارانه استعمال. ٻاراڻن گيتن ۾ تشبيهون وڏو ڪم ڪن ٿيون. اُهي عبارت کي نواڻ بخشين ٿيون ۽ مضمون کي دلچسپ بنائن ٿيون. ”آسمان“ نظم ۾ بيوس صبح کي سون جي ڏنگي ۽ شام کي رنگبرنگي لعل سان ڀيٽي خوب رنگ ڄمايو آهي.
    ”ڇا صبح سون ڏنگي،
    ڇا شام لعل رنگي.“
    سج ۽ چنڊ کي ٻن نيڻن سان ڀيٽي عجيب منظر پيش ڪيو ويو آهي.
    ”تنهنجا ٻه نيڻ پيارا،
    سج چند نانوَ وارا.“
    اهڙيون اُتم ۽ اثرائتيون تشبيهون ٻيو ڪو به شاعر پيش نٿو ڪري سگهي.
    بيوس جي شاعري جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي موسيقي. هو تجنيس حرفي جي ذريعي، سازن، باجن جانالا کڻي، لفظن جي ترتيب ذريعي پنهنجي شاعري ۾ سنگيت جي جهنڪار پيدا ڪري، روح کي ريجهائي ٿو.
    (8) بيوس جي شاعري جي ستين ۽ آخري خوبي آهي مرڪب لفظن جو استعمال بيوس کان سواءِ ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر ايترن مرڪب لفظن جو استعمال شايد ئي ڪيو هجي. بيوس جا جوڙيل ڪي مرڪب لفظ هي آهن: ڪوتا پتي (شاعري جو خاوند)، پرجا پتي (عام ماڻهن جو حڪم) گهوٽ گهر، گل پوش، تاج محل، آڪاش گنگا“ چنڊ تلڪ، هوا هٿ، روپ مندر، جڳ پتي، شهر تيسوا وغيره. بيوس اهڙا مرڪب لفظ جوڙي پڙهندڙن کي حرت ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

    اديي خدمتون:
    ڪشن چند بيوس سنڌي ٻولي جو هڪ ممتاز اديب ۽ برک شاعر آهي. هن شاعري سان گڏ ناٽڪ ۽ مضمون به لکيا، جيڪي گهڻا مشهور آهن. اڄ اسين بيوس جي شاعري جي ميدان ۾ ڪيل ادبي خدمتن جو جائزو وٺون ٿا.

    گيت نگار:
    (1) بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن گيت جي صنف کي سنڌ ۾ رائج ڪيو. هن گجراتي، ڪاٺياواڙي، ۽ هندي جي ڪن قديم صنفن جو مطالعو ڪري سنڌي گيت جوڙيو. بيوس سنڌي گيت جو شاهه آهي، بادشاهه آهي. هن جي گيتن ۾ پيار آهي، سونهن ۽ سينگار آهي، سُر سگنيت جي جهنڪار آهي، رنگن جي بهار آهي، رواني بيشمار آهي ۽ عبارت عمده ۽ عاليشان آهي.
    بيوس جي گيتن ۾ قدرت وارا، محنت، سنڌ سونهاري، تارن ڀري رات، مکڙي جي بيتائي وغيره لازوال گيت آهن. قدرت وارا هڪ بيمثال گيت آهي جيڪو ٻارن ۾ وڏن ۾ مقبول آهي.

    ”سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا،
    نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا.
    ڪوٽان ڪوٽ بنايئي ڌرتيون،
    سهسين سج، چنڊ، تارا ڪتيون،
    جن جو انت نه پارا قدرت وارا!
    گُلن اندر سرهاڻ ڀرين ٿو،
    موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،
    موتي لعل هزارا قدرت وارا.
    محنت به هڪ بيمثال گيت آهي، جنهن ۾ بيوس محنت جي ساراهه ڪندي ڏيکاريو آهي ته محنت موتين جو مهراڻ آهي، سون روپي جي کاڻ آهي، محنت انسان جو ڪارآمد هٿيار آهي، جنهن جي ذريعي هر ڪم ڪاميابي سان پورو ٿيندو آهي. محنت هڪ قوت آهي، هڪ نعمت آهي.
    بُک سگهي ڪيئن تنهن کي گهيري،
    ڪم بختي ڪيئن تنهن کي ڪيري،
    ستي جو چستي سان ڦيري،
    محنت تي جو پاڻ کي هيري.
    محنت ڪامل ڪيميا ڪار،
    محنت ڪر محنت هر وار.“

    نظم نگار:
    (2) ڪشن چند بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن نظم جي صنف جو بنياد وڌو. نظم هڪ مقبول عام صنف سُخن آهي. نظم ۾ ڪنهن خيال يا اُن جي ڪنهن حصي کي منصوبابندي جي ذريعي، سڀني فني لوازمات سان گڏ عمده عبارت ۾ ظاهر ڪيو ويندوآهي. بيوس تمام سُٺا نظم لکيا آهن جن مان هماليه، آسمان غريبن جي جهوپڙي، شاهوڪار، مزدورڻ وغيره عمده ۽ عاليشان آهن.
    ”هماليه“ بيوس جو هڪ شاهڪار نظم آهي، جيڪو اُڀ کان به اوچو آهي. هن نظم ۾ 11 بند آهن ۽ هر هڪ بند ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون ڇهه ڇهه مصرائون آهن. هن نظم ۾ بيوس هماليه جي عصمت کي ساراهيو آهي. هن اوچائي اڏولتا، اوچين اوچين چوٽين ۽ پراڻن لنگهن وغيره جو اظهار ڪري هماليه کي شاعري جو اعليٰ مثال ڪري پيش ڪيو آهي.
    اي هند جا سهِاَرا، پکراج تاج وارا،
    ناموس ۾ نيارا، منهنجا هماليه پيارا،
    *-*-*
    ڌرتي مٿان وسين ٿو،
    آڪاش سان گسين ٿو.
    بيوس هن نظم کي ڪهڙي نه ڪمال ڪاريگري سان رچيو آهي. نه صرف پڙهندڙ حيران آهن، شاعر پاڻ به حيران پيو نظر اچي.
    ”آسمان“ به هڪ لازوال نظم آهي، هي نظم هڪ سُريلي ۽ سگهاري ڳجهارت آهي. هي هستي جو حيران ڪندڙ منظر آهي.
    ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو،
    مون کي نه ڪجهه سلين ٿو، پاڻان پري جهلين ٿو.
    *-*-*
    اي آسمان نيلا،
    تارن سندا وسيلا.
    ”غريبن جي جهوپڙي“ هڪ بهترين نظم آهي. بيوس جهوپڙي جي بناوٽ، اُن جي جدا جدا حصن ۽ اُن جي جاءِ جي باري ۾ تفصيلات بيان ڪري، ان کي شاهڪار نظم بنايو آهي. جهوپڙي هڪ رهائش گاهه آهي، جنهن ۾ هوا، روشني قدرتي ماحول جو خاص خيال رکيو ويو آهي. سچ پچ جهوپڙي صحت جي هڪ سوکڙي بڻجي ويئي آهي.
    ”سج، چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي وٿين منجهان،
    ترڪيو اچن ٿا ترورا، تارن ڪتين منجهان،
    ڀڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجهان،
    ڇڻڪار ڪري مينهن ٿو ڇٽڪي ڇتين منجهان،
    قدرت سندي ڪمال صحت لاءِ سوکڙي،
    الله جهُري م شال غريبن جي جهوپڙي.“
    بيوس جي منصوبابندي حيران ڪن آهي. تجنس حرفي هن نظم جي سونهن کي خوب چمڪايو آهي. ڪن مورک ترقي پسند نقادن هن نطم کي خوب ننديو آهي ۽ اِن کي غير ترقي پسند نظم قرار ڏنو آهي. اُهي مورک اِهو ڇووساري ويٺا ته جهوپڙي هڪ رهائش/ گهر آهي ۽ جنهن جي سلامتي لاءِ شاعر دعا گهري رهيو آهي.

    پنج سٽي جو باني:
    (3) بيوس پنج سٽي جو باني آهي. پنج سٽي جون پنجئيي سٽون هم قافيا هونديون آهن. شيخ اياز پنج سٽي ۾ فني ۽ موضوعاتي تجربا ڪري، هن کي ڪامياب بنايو آهي.
    (4) ڇهه سٽي جو بنياد وجهندڙ بيوس آهي. ڇهه سٽي جو پهريون چار سٽون هم قافيا هونديون آهن ۽ آخري ٻه سٽون هم قافيا هونديون آهن. بيوس جا ڇهه سٽا ڏاڍا مشهور آهن.
    (5) بيوس جو اٺ سٽو هڪ اهم صنف آهي. اٺ سٽي ۾ اٺ سٽون هونديون آهن. پهريون چار سٽون هم قافيا هونديون آهن، پويون ٻه سٽو هم قافيا ۽ آخري ٻه سٽون هم قافيا هونديون آهن. اٺ سٽي جي آخري سٽ کي وراڻي طور استعمال ڪيو آهي. بيوس جو ”گرو نانڪ جيون ڪٿا“ اٺ سٽي جي صنف ۾ لکيل آهي. هن جو وراڻو: ”گرو ديو نانڪ سچو بادشاهه وراڻو بيوس جي نظم جي اهم ترين خوبي آهي، اِها نظم ۾ تسلسل قائم رکي ٿي ۽ اُن جي تاثر کي وڌائي ٿي.
    اسان جي هڪ انقلابي شاعر حيدربخش جتوئي جو زوردار ۽ شاهڪار نظم ”ڀلي ائين، جي آئين درياءَ شاهه“ به اٺ سٽي جي صنف ۾ لکيل آهي.
    (6) بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن بيت جي صنف کي وري جياري، صاف سٿرو بنائي، اُن کي اوج ڏياريو. هن مختلف موضوعن تي گيت لکيا ۽ بيتن جي صنف ۾ ڪي نظم جهڙوڪ غلامي، وطن وغيره ۽ ڪي بياني ڪوتائون جهڙوڪ سروڻ ڪمار وغيره لکيون.
    ”جيسين بيوس بند ۾، هوندو هڪ غلام،
    هڻي سگهندو هام، ڪو به نه آزادي سندي.“
    *-*-*
    ”جتي جيجل ٿي ڏني، جهوليءَ ۾ لولي،
    ٽڙي ٻنڌڻ ۾ ٻُڌي طوطيلي ٻولي،
    مٺڙي ٿي مون تان وئي گهڙي ۾ کولي،
    ڇلڪي سان ڇولي، بيوس وهي وطن ري.“
    بيوس جي گهڙيل واٽ تان هلي جديد سنڌي شاعرن بيت جي صنف کي خوب ترقي ڏياري، سنواري ۽ سينگاري اوج تي پهچايو آهي.
    ڪو به اديب يا شاعر جنهن طريقي سان پاڻ کي يا پنهنجن ويچارن کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اُن کي طرز تحرير، اسلوب يا عبارت چئبو آهي. عبارت منجهان هن جي انفراديت ۽ هن جي ذهن جو شوق ۽ ذوق جو اظهار ٿئي ٿو. ٻول مالها، جملن جي جوڙجڪ، رنگارنگي، عڪس بندي، موزونيت، ربط، وزن ۽ خيالن جي ترتيب اهي سڀ عبارت جا لازمي جزا آهن. تمثيلون، محاورا، استعارا، ادبي اشارا، زبان جي سلاست، تجنيس حرفي جو استعمال، قافيا بندي وغيره عبارت کي مناسب ۽ سگهارو بنائن ٿيون.

    بيوس جي قابليت:
    بيوس جي هي وڏي قابليت آهي ته لکڻ کان اڳ ۾ هو موضوع تي پهرين سوچي ٿو، تور تڪ ڪري ٿو ۽ اُن مان حاصل ڪيل مواد جي جڙت ڪري اُن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ موزون ۽ مناسب عبارت اختيار ڪري ٿو. هو مناسب عبارت ذريعي پنهنجن ويچارن کي ظاهر ڪري آنند ماڻي ٿو.

    بيوس جي عبارت:
    بيوس جي عبارت جا ڪيترائي رنگ آهن. موضوع موافقت ۽ مناسبت سان هن جي عبارت نوان نرالا نمونا اختيار ڪري ٿي. هن جي عبارت سادي آهي، سوادي آهي، رنگين آهي، سنگين آهي، سگهاري آهي. بيوس پنهنجي عبارت کي خوب گهڙيو آهي، جڙيو آهي ۽ اُن کي قائم ۽ دائم رکيو آهي. هن جي عبارت پڪي آهي، ڪچي ناهي، کري آهي، کوٽي ناهي.
    پروفيسر لالسنگ اجواڻي ”شعر بيوس“ جي مهاڳ ۾ خوب لکيو آهي: ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر اصلوڪي گيان ۽ وگيان جي ڳالهين کي شعر جو لباس اهڙو پورو نه پارايو آهي جهڙو اونهي حوض واري بيوس.“ بيوس پنهنجي عبارت جو خود ڪهڙو نه ڪمال نموني سان برهه جي بازار ۾ اُپٽار ڪيو آهي.
    ”گنج خانا، گيت غيبي، خاص کولڻ واسطي،
    آهه قدرت کان مليل، ڪامل ڪوي سر کي ڪليد.“
    ائين لڳي ٿو ڄڻ قدرت جا راز کولڻ لاءِ عبارت هن کي قدرت طرفان تحفي ۾ ملي آهي. هن عبارت جي ذريعي هو ڪڏهن آب کي موتي بنائي ٿو، ڪڏهن عورت کي رب جو پرجهال روپ بنائي ٿو ۽ ڪڏهن آنند کي الله طرفان ڏنل سوکڙي بنائي ٿو.
    بيوس جي عبارت اُتم (Sublime) آهي. هو هڪ تخليقڪار جان سادا، سُريلا ۽ کياني لفظ ڪم آڻي، ڪيڏو نه سندر خيال ظاهر ڪري ٿو.
    ”سونهن جي سوني مڻئي ۾ رم جو موتي جڙيو،
    ڪم نذاڪتدار ٿي ويو. وصل جي وينجهار جو.“
    بيوس پنهنجي غزل ”محبتي مشتاق“ جي هڪ ئي شعر ۾ ايترا مرڪب لفظ ڪم آڻي واهه جو لقاءُ ڏيکاريو آهي.
    ”چت مڻي، چنتن مڻي، چتون مڻي، چيتن مڻي،
    ٿا چون چئو پنچ مڻي، چمڪي چڱي چالاڪ لاءِ.“
    بيوس جي ”اُلٽي آس“ هڪ ئي شعر ۾ ڇهن قافين جو استعمال ڪري ڪهڙو نه ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
    رک آهه، سندي باهه، جي پرواهه نه ڪوئي،
    سک راهه ڏي بي آهه ادا واهه نه ڪوئي.
    بيوس ”عشق جي اوگهڙ“ ۾ تجنيس حرفي جا ڪهڙا نه جلويدار جلوا ڏيکاريا آهن.
    ”دهل دل دڪ دڪ ڪري خون ناڙين ۾ نچي،
    سانس ۾ سُرندا وڄن ٿا ۽ رڳن اندر رباب.“
    بيوس جادو نگري ڪوهه ڪاف ۽ اُن جي جادوئي عڪسن کي طلسمي لفظن ذريعي پڌرو ڪيو آهي ته اُهي جاکوڙي جيڪي وڙهندا اڳتي وڌندا اُهي ئي منزل تي پهچندا ۽ پريم جي پري ماڻيندا.
    جي ڪشالا ڪشٽ کائي، ڪونڌ پهتا ڪوهه ڪاف،
    ديو دک وٽ، سوڀ سُک جي تن پري پيڪر ڏٺي.“
    بيوس هڪ لاجواب تشبيهه جو استعمال ڪري پنهنجي عبارت کي لاجواب بنايو آهي.
    ”ڇا سندس تشبيهه بيوس ماهه تابان سان ڪجي،
    روءِ خوبان عاشق لئه خود خدا آباد آ.“
    بيوس جي پنهنجي نظم ”پورهيت“ ۾ چٽي ۽ چنڀدڙ عبارت ذريعي ڪيل سوال کي پڙهو ۽ غور ڪريو.
    ”مالڪاڻي چيچڙي ۾ پيڙجڻ ڪين روا؟
    پنهنجي دل جي پيڙا اندر پيڙجڻ ڪين روا؟“
    بيوس پنهنجي عبارت کي پنهنجن گهڙيل محاورن ذريعي خوب سنواريو آهي، سينگاريو آهي.
    ”محنت جو دم خود مختيار“، ”محنت“
    *-*-*
    ”سچو بيوس رڳو رهبو، ٻا گُڻ ڊوڙندا ايندا.“
    *-*-*
    ”دُنيا ۾ خلق خدمت کان نه ٻي بيوس بند کي بهتر.“
    ڪشن چند بيوس جي عبارت اعليٰ آهي، اُتم آهي. اُها دل ۽ دماغ تي اثر ڪري ٿي. اها شعور کي بيدار ڪري، سُرت ۽ ساڃاهه کي جاڳائي ٿي ۽ روح کي راحت بخشي ٿي.
    ڪشن چند بيوس هڪ پيدائشي شاعر هو. هو ٻاراڻي وهي کان ئي ڪجهه لکندو رهندو هو، ڪڏهن مضمون، ڪڏهن ننڍڙا ناٽڪ ۽ ڪڏهن ڪچا ڦِڪا شعر، هو پنهنجي ڪلاسي شاگردن کي اُهي لکڻيون پڙهي ٻُڌائيندو هو. ڪڏهن هو واکاڻيندا هئا ۽ ڪڏهن ٽيڪا ٽپڻيون به ڪندا هئا. جڏهن هن جي پيءَ حڪيم تيرٿداس کتري کي اها خبر پيئي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. هن ننڍڙي بيوس ۾ هڪ وڏي اديب ۽ شاعر ٿيئڻ جا آثار ڏِٺا. هو بيوس کي همٿائيندو هو ۽ انعام به ڏيندو هو ۽ بيوس پنهنجيون لکڻيون پيءَ ۽ چاچن کي ٻُڌائيندو هو. سڀ ڏاڍو خوش ٿينداهئا ۽ هن کي دعائون ڪندا هئا.
    بيوس سنڌي ماستر جي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ 19 سالن جي عمر ۾ پڙهڻ ويو. اُتي هن پهريون شعر لکيو. جڏهن ڪاليج جي سپرنٽينڊنٽ کي اها خبر پيئي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. شعر کي پرهي هن اڳڪٿي ڪئي ته ”بيوس هڪ وڏو شاعر ٿيندو“ اچو ته بيوس جي پهرين لکيل شعر ”برسات“ جو واس وٺون ۽ تازه دم ٿيون:
    ”پي پپيهو خوب پاڻي ڍؤ منجهان ڍاپيو گهُمي،
    بلبليون، چيها، چتون آهن لڳا للڪار ۾.“
    *-*-*
    ”روح کي راحت رسي، اڄ تازگي چؤ ڏس ڏسي،
    هير دل کي هر گهڙي، خوش ڪري خنڪار ۾.“
    بيوس ننڍي عمر کان شاعري ڪئي ۽ آخرت تائين لکندو رهيو. بيوس هڪ وڏو تجربا پرست (Experimentalist) انسان هو. هن طرحين طرحين جا تجرباڪري، پراڻي سنڌي صنف کي سُڌاريو، سنواريو ۽ وري رائج ڪيو. هن نيون نيون صنفون جوڙي جديد سنڌي ادب ۽ شاعري لاءِ نيون راهون گهڙيون ۽ جديد سنڌي شاعري جو باني بڻجي ويو. جيڪڏهن بيوس نه لکي ها، تجربا نه ڪري ها، ايڏا جتن نه ڪري ها ته شايد جديد سنڌي شاعري ايڏو اوج نه ماڻي ها.
    بيوس شروع ۾ عروضي شاعري کي اختيار ڪيو. هن عروضي شاعرن ۽ دوستن سان گڏ لکڻ شروع ڪيو. هو باقائدي عروضي ۾ شاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ مشاعرن جي صدارت به ڪندو هو. هن جي ڏاڍي واهه واهه ٿيندي هئي. هنجي شروع جي لکيل غزلن ۽ نظمن ۾ عروضي شاعري جا نمايان اثرات نظر اچن ٿا. اُهي فارسي لفظ، اُهي فارسي استعارا ۽ اُهي فارسي تشبيهون صاف نظر اچن ٿيون.
    ”ڏسندي جمال جاني، حورن لڳي حيراني،
    ماهه بدر فلڪ تي ٿي دربدر اچي ٿو.“
    *-*-*
    ”ڇا سندس تشبيهه بيوس ماهه رتابان سان ڪجي،
    روءَ خوبان عاشقن لئه خود خُدا آباد آهه.“
    اويرا فاسي لفظ جهڙوڪ ماهه تابان، روءِ خوبان چشم روشن دلربا، شمشاد، شفق، آفاق، صياد، فلڪ فرياد، اُهي ۽ انهن جهڙا ڪيترائي اوپرا لفظ بيوس جي ٻول مالها (Diction) ۾ موجود آهن. ڪٿي ڪٿي سخت سنسڪرت لفظ جهڙوڪ اسٿت، ساڌنا، کيان، وگيان، ڀڳتي، ڀاونا، سمادي، مهان وغيره به بيوس جي ٻول مالها جو حصو آهي. اهڙن لفظن سان ڀريل هڪ شعر جو مطالعو ڪريو:
    ”چرڻ ڪومل، نيچ هرپل نئڙندو وڃ ناٿ ڏي،
    سر نه پيرن تي پڄائڻ آهه داخل دوش ۾.“
    آهستي آهستي بيوس فارسي ۽ سنسڪرت اثرات کان آجو ٿي ويو. هن نج سنڌي لفظن، استعارن، تشبيهن، محاورن، مثالن وغيره جو استعمال ڪري سنڌي ٻولي کي هر خيال ۽ هر ويچار جي اظهار جو ذريعو بنائي داد حاصل ڪئي.
    بيوس ڪيئي مضمون ۽ ڪيئي ناٽڪ به لکيا. هن تمام گهڻي شاعري به ڪئي. هن جو مڪمل مواد اڄ تائين به ملي نه سگهيو آهي. هن جي شاعري جي ڇپيل ڪتابن جي لسٽ هيٺ ڏجي ٿي.

    بيوس جون تصنيفون:
    بيوس جي ڇپيل سنڌي شاعري جي ڪتابن جي لسٽ.
    (1) شيرين شعر (1929ع)
    (2) ساموندي سِپون (1929ع)
    (3) موجي گيت، هري دلير سان گڏ (1932ع)
    (4) ڦولداني محمد صديق مسافر سان گڏ (1939ع)
    (5) شعر بيوس (1951ع
    (6) بيوس گيتانجلي (1969ع)
    (7) ڪليات بيوس (1991ع)
    ڪشن چند بيوس جديد سنڌي شاعري جو وڏو ڏات ڌڻي آهي. هن نپنهنجي ڏات، ڏانءُ، ڏاهپ ۽ تجربن جو جرتمندانه استعمال ڪري سنڌي شاعري کي عروضي پابندين کان آجو ڪرائي جديد سنڌي شاعري جو بنياد رکيو. جهڙي طرح انگلينڊ جي بهترين شاعر ۽ نقاد وليم ورڊسورت جڙتو ڪلاسيڪل (Aeo Classical) شاعري کي ٽوڙي رومانوي شاعري جو بنياد رکيو. ساڳئي طرح هڪ سنڌي ماستر ڪشن چند بيوس سنڌي شاعري کي عروضي روايتن کان آجو ڪري جديد سنڌي شاعري جي شروعات ڪئي. بيوس باغي ڪو نه هو پر هن انقلابي قدم کڻي جديد سنڌي شاعري جي روايتن کي سگهارو بنايو. شيخ اياز 1945ع ۾ سچل سرمست اڪيڊمي خيرپور طرفان ادبي ڪانفرنسن ۾ مشاعري جي صدارت ڪندي چيو ”سنڌي ادب ۾ اهو انقلاب بيوس جي شاعري ۽ قليچ جي نثر وڌو.“
    بيوس جديد سنڌي شاعري جو باني ۽ سرموڙ شاعر آهي. هن جي ڪارنامن تي اڃان تائين ڪا به خاص تحقيق نه ڪرائي ويئي آهي ۽ سنڌي ادب ۽ شاعري جي ڪن اهم حصن تي چڙهيل لٽ کي صاف ڪرائي، ان جي چمڪ ۽ عصمت کي نروار نه ڪرايو ويو آهي. اها ڪوتاهي ناهي، پر وڏي زيادتي آهي، وڏو ظلم آهي.
    اسان جڏهن جديد سنڌي شاعرن ڏانهن نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي هر طرف ڪشن چند بيوس جو اثر بکندي نظر اچي ٿو. کيئلداس فاني، شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، نياز همايوني، تنوير عباسي، بردي سنڌي، سروپچندر شاد، قمر شهباز، تاجل بيوس، تاج جويي ۽ ٻين بيوس جي واٽ تي هلندي، جديد سنڌي شاعري ۾ وڏا اضافا ڪري، نه صرف بيوس جو پر سڄي جديد سنڌي شاعري جو مان مٿاهون ڪيو آهي.
    هري دلگير پنهنجي ڪتاب ”ڪشن چند بيوس“ ۾ صحيح لکيو آهي: ”بيوس سنڌي شاعري جو عظيم شاعر آهي. هن جو اثر سنڌي شعر تي گهڻو وڌيڪ هلندو.“ ”شعر بيوس جو مهاڳ لکندي مانواري فتح چند واسواڻي خوب لکيو آهي: ”بيوس جي ڪوتا (شاعري) ته دلي امنگن ۽ آنند سان گڏ زندگي جي راهه روشن ڪندي رهندي جيسين سنڌي آهن ۽ سنڌين ۾ ڪوتا (شاعري) جو قدر آهي.“


    مددي ڪتاب
    (1) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سندي ادب جي مختصر تاريخ.
    (2) ڊاڪٽر گربخشاڻي. ”شيرين شعر“ جو مهاڳ.
    (3) ڊاڪٽر دائود پوٽو. ”سُرها گل“ جو مهاڳ.
    (4) هري دلگير. ڪشن چند بيوس.
    (5) پروفيسر ارجن حاسد. بيوس ۽ نئون دور.
    (6) ڊاڪٽر لالسنگ اجواڻي. ”شعر بيوس“ جو مهاڳ.
    (7) فتح چندواسواڻي. شعر بيوس جو مهاڳ.
    (8) پروفيسر رام پنجواڻي. بيوس هڪ اڀياس.
    (9) پروفيسر ڊ.ڪي. منشاراماڻي. بيوس هڪ اڀياس.
    (10) ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري. ڪليات بيوس.
    (11) شيخ اياز. خط، انٽرويو، تقريرون.
    (12) نصير مرزا. ڇهه ڇهه پئسا، به ٻه پايون.


    حيدر بخش جتوئي: (1901ع، 1970ع)

    اديبن ۽ نقادن جا رايا

    1954ع کان 1969ع جي ٻڪڙ ٻوساٽ واري ماحول ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان وٺي ان جي خاتمي تائين حيدر بخش جتوئي سنڌ جي هاري ليڊر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جو قومي اڳواڻ، سنڌ جي قومي اتحاد ۽ عوامي تحريڪن جي اتحاد جو علمبردار رهبر ٿي انهن پندرهن سالن ۾ حيدر بخش جتوئي ايوب شاهي ۽ ڊڪٽيٽرشپ ۽ پنجاب جي جاگيرداري نوڪر، شاهي سازش کي بي نقاب ڪندو رهيو.
    ٻه اکر. سوڀو گيانچنداڻي. جيئي سنڌ جيئي سنڌ

    هي غريب گهر جو ماڻهو هو سندس نوڪري جي زماني ۾ ايماندار رهڻ ڪري پئسو گڏ ڪري نه سگهيو. هو نوڪري کان ٻاهر نڪرڻ بعد، جي مشڪلاتن سامهون اچڻ واريون هيون، اُنهن جي پرواهه نه ڪيائين، بقول شاعر:
    جنهن کي تار لڳي يار جي،
    سا ڪيئن ڪندي گهر ٻار جي.
    جي.ايم. سيد باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي.

    هاري انقلاب جي مشن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ڦهلائڻ سان گڏ، حيدربخش جتوئي جو وڏو ڪارنامو هي هيو جو هن، هارين جا سچا هڏڏوکي ورڪر پيدا ڪيائين. هي سندس خوشنصيبي پڻ هئي جو کين پاڻ جهڙا جوشيلا، سرڦريا ۽ سرويچ ساٿي همرا ٿيا. جن آخري دم تائين تحريڪ سان توڙ نڀائي اُنهي هٿ ۾ مرحوم مولوي نذير حسين جتوئي، قاضي فيض محمد، عبدالجبار، ۽ غلام محمد لغاري جا نالا قابل ذڪر آهن.
    علي احمد بروهي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي

    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سنڌ ڌرتي جو هڪ عظيم انسان هو، اهڙا انسان ورلي جنم وٺندا آهن. هونئين سنڌ ڌرتي ڪيئي جوڌا جوان پيدا ڪيا آهن پر هن دؤر ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙو جوش، اثر انگيز جذبو پنهنجي ڪاز سان ايمانداري، وطن سان محبت ۽ مظلوم عوام سان همدردي رکندڙ، ٻيو ڪو به شخص نظر نٿو اچي.
    نور محمد شيخ. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

    اسان جو هم صفت معصف حيدر بخش سنڌ جي آزادي لاءِ اڪيلو ئي لڙندو رهيو. وڏي واڪي چوندو رهيو:
    ”وڪي جنهن سنڌ پياري، تنهن تي لعنت،
    ڪيو جنهن ڪم ڪجارو، تنهن تي لعنت،
    وجهي ٿو جڳ سارو، تنهن تي لعنت!
    ٿيون قربان تو تان، سنڌ پياري.
    غلام محمد لغاري. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي

    حيدربخش جتوئي جي زندگي جو احوال:
    حيدربخش جتوئي آڪٽوبر 1901ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بکو ديري ۾ غريب هاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو الهداد جتوئي هو. الهداد غريب هو، پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ جي لاءِ ڪو به پئسو وغيره نه هو. هن پنهنجي پُٽ حيدر بخش جتوئي کي اُتي جي عام اسڪولن ۾ پڙهايو هو ڏاڍو ذهين ۽ محنتي هو پرائمري کان وٺي ميٽرڪ تائين اُن سُٺي پڙهائي ڪئي. غريبي جي ڪري هن کي في وغيره معاف ڪئي. هو پنهنجي هوشياري سان هر سال پهريون نمبر کڙندو هو. استاد به هن کي چاهيندا هئا. ۽ هن جي همت افضائي ڪنداهئا. شاگرد به هن جي هوشياري جي ڪري هن کي ڏاڍو چاهيندا هئا. ڪنهن شيءِ جي کوٽ ٿي ويندي هئي ته هو اُن کي تحفي ط