ڪتاب جو نالو: سنڌ هِتي، سنڌ هُتي
مصنف: علي نواز آريسر
ڇپائيندڙ: انڊيا پريس اُلهاسنگر-3
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 02 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 555 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 184 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب هند جي 19 سنڌي ليکڪائن ۽ شاعرائن تي لکيل تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي. اندرا پوناوالا مهاڳ ۾ لکي ٿي:
”ڀاءُ علي نواز آريسر تمام گهڻي محنت ڪري هند جي سنڌي ليکڪائن جو تعارف ڪرايو آهي ۽ سندن لکڻين جو به نمونو پيش ڪيو آهي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري، تفصيل ڪٺا ڪري 19 ليکڪائن تي لکي هڪ سنڌيءَ جو فرض نڀايو آهي، ان پورهيي جو اسين سڀ ليکڪائون ٿورائتيون آهيون، جن هن ڪتاب ۾ شامل آهن به يا نه سي به هن ۾ سمايل آهن جو هو وري به سنڌي ليکڪائن جو ادبي ڪم پڙهي رهيون آهن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • مهاڳ
  • مقدمو
  • سنڌيت جي سفير : آشا چاند
  • ادب ۽ محبت جو سنگم : اندرا شبنم
  • اندرا واسواڻيءَ جي لکڻين ۾ للڪار : اندرا واسواڻي
  • سنڌو ساهه سمايل : ايشوري جوتواڻي
  • لفظن جي پِروهت : تارا ميرچنداڻي
  • سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ : پارو چاولا
  • نَه سي وونئڻ وڻن ۾ : پوپٽي هيراننداڻي
  • مان هڪ سِنڌڻ : رشمي راماڻي
  • قربانيءَ جي ديوي : ڊاڪٽر روما پرڪاش جئسنگهاڻي
  • سنڌوءَ جي ميران : ريٽا شهاڻي
  • ڪاش اسان کي به پنهنجي سنڌ هجي!
  • سنڌي ساهتيه جي محقق : ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
  • ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي : شالني ساگر
  • اَوکا پنڌ پيار جا : ڪلا پرڪاش
  • راجسٿان جو رُوح : ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي
  • هند جي پهرين سنڌي ليکڪا : گُلي سدارنگاڻي
  • سنڌو سڀيتا جي وارث : مايا راهي
  • سِج الاءِ ڪٿي ڪري پيو : وِمي سدارنگاڻي
  • هنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سفير : وينا شرنگي
  • ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

  • ارپنا

    نارائڻ شيام جي نالي
    جنهن چيو هو:

    سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان،
    سنڌ سنڌين ۾ وَسي، سنڌ هِتي، سنڌ هُتي!
    ملڪ بڻجي ٿو مٽيءَ سان نه مگر ماڻهن سان،
    سنڌ کي ڪونه ڇڏائي ڪو سگهي سنڌين کان!

    - علي نواز آريسر


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ هِتي سنڌ هُتي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب هند جي 19 سنڌي ليکڪائن ۽ شاعرائن تي لکيل تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو ليکڪ علي نواز آريسر آهي. اندرا پوناوالا مهاڳ ۾ لکي ٿي:
    ”ڀاءُ علي نواز آريسر تمام گهڻي محنت ڪري هند جي سنڌي ليکڪائن جو تعارف ڪرايو آهي ۽ سندن لکڻين جو به نمونو پيش ڪيو آهي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري، تفصيل ڪٺا ڪري 19 ليکڪائن تي لکي هڪ سنڌيءَ جو فرض نڀايو آهي، ان پورهيي جو اسين سڀ ليکڪائون ٿورائتيون آهيون، جن هن ڪتاب ۾ شامل آهن به يا نه سي به هن ۾ سمايل آهن جو هو وري به سنڌي ليکڪائن جو ادبي ڪم پڙهي رهيون آهن.“
    هي ڪتاب انڊيا پريس، الهاسنگر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست علي نواز آريسر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    مهاڳ
    سرحد پار جون سنڌياڻيون
    علي نواز آريسر جو ڪتاب ’سنڌ هِتي سنڌ هُتي‘ منهنجي هٿن ۾ آهي مهاڳ لکڻ لاءِ، جيڪو سرحد پار جي سنڌياڻين جي علمي،ادبي ڪاوشن تي لکيل آهي. ڪتاب جي ارپنا ڏسڻ سان شرڌا وچان سِر جُهڪي ويو، نارائڻ شيام جي نالي، منهنجي ادبي استاد جي نالي، جنهن منهنجي پهرئين غزل جي ڪتاب ’شبنمي قطرا‘ جي وقت مون کي همٿايو ۽ اصلاح ڪيائين. 1988ع ۾ پوني ۾ ٿيندڙ نيشنل ڪانفرنس ۾ مون کي ڪنوينر بڻايو. آءٌ ننڍيءَ عمر جي، هڪ پاسي گوبند مالهي جي ۽ ٻئي پاسي نارائڻ شيام، جنهن مشاعري ۾ موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي، هري ڪانت ۽ 25 ٻيا ناميارا شاعر هئا.
    خير گُرو ديو نارائڻ شيام کي نمسڪار ۽ علي نواز آريسر ڀاءُ کي به.
    اڳتي وڌي هند جي سنڌي ليکڪائن جي فهرست پڙهي، گهڻو ڪري ڀاءُ سڀني ليکڪائن کي شامل ڪيو آهي ڪتاب ۾. سرحد پار جون سنڌياڻيون، بيحد عمدو ڪم. ليکڪ علي نواز آريسر پنهنجي پاران جو دل ڇُهندڙ صفحو لکيو آهي. ”اڄ جڏهن منهنجو قلم هِند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪائن کي سارڻ ويٺو آهي ته اُنهن ليکڪائن جي لِکڻين ۾ ورهاڱي جو جيڪو درد آهي، اُن ۾ وَهندو پيو وڃي. ورهاڱو ڇا هو؟ ورهاڱي جي پِيڙا ڪهڙي هُئي ۽ انهي پِيڙا ۾ ڪنهن ڪنهن کي ڀوڳڻو پيو، ان جي مون کي ڪابه ڄاڻ ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ان وقت نه آءٌ ڄاول هُئس ۽ نه ئي مون انهيءَ پيڙا بابت ڪنهن کان پُڇيو.“
    اُن ورهاڱي جي پيڙا کي اندرا شبنم ڄاڻي ٿي، پنهنجي امڙ، مامي مٿراداس (ڪراچي)، اما مور ٻائي عرف رڪمڻي ٽيڪچند شهدادپوري (ناني) سڀني چيو ’الاءِ ڪهڙا ڌاريا آيا، فساد ٿيا، چيائون ٿورڙي وقت لاءِ نڪري وڃو، ٿوري ماٺار ٿيندي واپس ورنداسين، ڪُلف وڏو لڳائي لاڙڪاڻي سنڌ مان نڪتا ۽ بس هاڻي جلاوطن آهيون. ’اُتي عيد-هولي گڏ ملهائيندا هياسين.‘
    ننڍي هوندي کان گهر جو ماحول ۽ ديدي پوپٽي هيراننداڻي، سُندري اُتمچنداڻيءَ جا ناول، ڪهاڻيون ورهاڱي تي پڙهندا رهياسين. آريسر ڀاءُ ان درد کي محسوس ڪيو، هڪ درد جو رشتو آهي اسان سنڌين جو، هندو-مسلمان جو ويڇو ڪٿي هو؟ برابر نه هو ڀاءُ! صرف سنڌي ۽ سنڌيت جو رشتو هو.
    ليکڪ هن ڪتاب کان اڳ ۾ ’سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو‘ ڪتاب لکيو هو، جيڪو محترم ڀاءُ ناز سنائي پنهنجي اداري سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران پڌرو ڪيو، جنهن ۾ 140 ليکڪائون هيون، انهن مان هن ڪتاب ’سنڌ هِتي سنڌ هُتي‘ ۾ به ڪجهه ليکڪائون شامل آهن.
    ڀاءُ علي نواز آريسر تمام گهڻي محنت ڪري هند جي سنڌي ليکڪائن جو تعارف ڪرايو آهي ۽ سندن لکڻين جو به نمونو پيش ڪيو آهي ۽ تمام گهڻي محنت ڪري، تفصيل ڪٺا ڪري 19 ليکڪائن تي لکي هڪ سنڌيءَ جو فرض نڀايو آهي، ان پورهيي جو اسين سڀ ليکڪائون ٿورائتيون آهيون، جن هن ڪتاب ۾ شامل آهن به يا نه سي به هن ۾ سمايل آهن جو هو وري به سنڌي ليکڪائن جو ادبي ڪم پڙهي رهيون آهن. جيڪي به سنڌي مانواريون هستيون آهن سڀني جي ٿورائتي آهيان، خاص ڪري علي نواز آريسر جي حُجت جي ته ڪتاب جو مهاڳ توهان لکو. مهرباني، جيڪو به لکيو اٿم، دل سان، جذبات سان ۽ محبت سان لکيو اٿم.
    هي ڪتاب، هڪ ورهاڱي جي درد ۽ سنڌين جي پيڙا کي، ماڻهن تائين پهچائي رهيو آهي، تنهن لاءِ آفرين آهي ڀاءُ کي. خاص ڪري عورت، جا سماج جي ستايل آهي، ظلمن جي شڪار آهي هند سنڌ ۾، سڀني سنڌين ۾، جتي سنڌ ۾ قهر ڪندڙ رسمون ’ڪارو ڪاريءَ‘، ’ظلم‘، اُتي اديب قلم سان قلم ملائي سچ اوڳارين ۽ اديب يعني اُڏام. پکين لاءِ ڪهڙي سرحد؟ اسين اديب قلم جا سپاهي آهيون ۽ ان قلم سان قلم ملائي، ايڪتا جي امن جي کنڀڙين سان اُڏامون ٿا. شل هر پکيئڙو اديب اُڏامي پنهنجين ڪلپنائن ۽ حقيقت سان.آسيسون ۽ نيڪ تمنائون هن ڪتاب لاءِ.
    تاريخ 2017-10-06 محبتي اندرا شبنم
    توهان جي پنهنجي ’اندو‘


    مقدمو

    مقدمو

    اڄ جڏهن منهنجو قلم هِند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪائن کي سارڻ ويٺو آهي ته اُنهن ليکڪائن جي لِکڻين ۾ ورهاڱي جو جيڪو درد آهي، اُن ۾ وَهندو پيو وڃي. ورهاڱو ڇا هو؟ ورهاڱي جي پِيڙا ڪهڙي هُئي ۽ انهي پِيڙا ۾ ڪنهن ڪنهن کي ڀوڳڻو پيو، ان جي مون کي ڪابه ڄاڻ ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ان وقت نه آءٌ ڄاول هُئس ۽ نه ئي مون انهيءَ پيڙا بابت ڪنهن کان پُڇيو، پر هِنن ليکڪائن جي لکڻين مان جيڪو لَهُو ٽپڪي رهيو آهي، اُن ڄڻ ته مون کي به ڏوهاري پئي محسوس ڪرايو. ورهاڱو ڪنهن جو ٿيو هو، ورهاڱو رُڳو ٻن ملڪن جو هُجي ها ته کڻي ان کي قبول به ڪري وٺجي ها، پر ورهاڱو ته سنڌو تهذيب جو هو، ورهاڱو ته سنڌين جي نسلن جو هو، ورهاڱو ته احساسن ۽ جذباتن جو هو، ورهاڱو ته ڀائپي ۽ پيار جي ٻنڌڻن جو هو، ورهاڱو ته هوليءَ جي رنگن ۽ عيد جي خوشين جو هو.
    مون پنهنجي سانڀر ۾ ڪٿي به اهو ناهي پڙهيو ته سنڌي قوم جهڙي محبت ڪندڙ ٻي به ڪا قوم آهي! سنڌي قوم ۾ هندو- مسلم جو ويڇو ڪٿي هو؟ هي ته اُها قوم آهي، جنهن گڏجي هوليءَ جي رنگن ۾ هڪٻئي کي رنڱيو هو، هي اها قوم آهي، جنهن عيد جي ڏينهن تي هڪٻئي جي گهرن ۾ پوتيون اوڍاڻيون ڪيون هُيون، هي اُها قوم آهي، جنهن ۾ هندو ڀيڻ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ٻانهن ۾ راکي ٻڌي تحفظ جو وچن ورتو هو، ته پوءِ انهي قوم کي آسماني ڪتابن جي نالي ۾ ڪيئن ورهايو ويو؟ آءٌ، هنن ليکڪائن جي لِکڻين ۾ اُنهن جي جُهريل جيءُ ۽ ڀِنل اکين جي درد کي محسوس ڪريان پيو، جيڪو درد شايد مون کي پنهنجو لڳو آهي ۽ شايد اهو درد سڀني سنڌين کي هڪجهڙو لڳي.
    مون هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري هند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪائن کي سميٽيو آهي، جيڪي سنڌ جي تاريخ جو حصو آهن. آءٌ چاهيان ٿو ته هڪڙي اهڙي تاريخ کي جنم ڏجي، جنهن کان اسان جي مؤرخن ڪَن لاٽار ڪئي آهي، ڇاڪاڻ جو هن وقت تائين جيڪي به ادبي تاريخون لکيون ويون آهن، انهن ۾ نه رُڳو عورتن جي ادب کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، پر ورهاڱي جي پِيڙا کان به ڪَن لاٽار ڪئي ويئي آهي.
    مون جڏهن سرحد پار جي سنڌياڻين جي علمي ادبي ڪاوشن جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو هو ته مون کي کوڙ سارا مونجهارا پيش آيا، پهرين ته انهن بابت ڪا ڄاڻ نه پئي ملي، ان بعد سندن ڪتاب نه پئي مليا، ته جيئن انهن جي لکڻين کي پڙهي، انهن جي احساسن جي ڪَٿ ڪري سگهجي. پر پوءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ سائين تاج جويي جون لائبريريون هيون، سوشل ميڊيا هئي ۽ منهنجي اندر جو جُنون هو، جن هن ڪم ۾ منهنجي مدد ڪئي. هيءُ ڪتاب لکندي، هند جي ليکڪن جو اڀياس ڪندي هڪڙي ڳالهه منهنجي سامهون آئي آهي ته، سنڌ جي ڀيٽ ۾ هندستان جي عورتن وڌيڪ لکيو آهي، بلڪ تمام گهڻو لکيو آهي ۽ هر صنف ۾ لکيو آهي. سنڌ جي ليکڪائن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. هن تحقيق، ڪهاڻيون، شاعري، سفرنامو ۽ ٻين اهم موضوعن تي لکيو آهي، ۽ ڪجهه ترجما به ڪيا آهن ته اردوءَ ۾ به سندس ڪجهه ڪتاب ڇپيل آهن. ان بعد ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو اردو، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيو آهي، ٻين ليکڪائن ۾ سحر امداد، نورالهديٰ شاهه، شبنم گل، شگفته شاهه، عطيه دائود، انيتا شاهه، امر سنڌو ۽ سدرت المنتهيٰ جيلاني سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکيو آهي. ان کانسواءِ نذير ناز، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ وڌيڪ تعداد ۾ ڪتاب لکيا آهن. البته ان جي ڀيٽ ۾ جڏهن پوپٽي هيراننداڻي، سُندري اتمچنداڻي، ريٽا شهاڻي، ڪملا گوڪلاڻي، تارا ميرچنداڻي، ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي ۽ وينا شرنگيءَ جي ڪتابن جو تعداد ڏسجي ٿو ته حيرت ٿي ٿئي ته انهن ايترو ڪم ڪيئن ڪيو آهي!
    ان جو هڪڙو سبب اهو آهي ته هو سنڌيت جي جذبي سان سرشار آهن، ڇاڪاڻ جو ماءُ جو قدر ته يتيم ٻار ئي ٻڌائي سگهي ٿو، ٻئي کي ڪهڙي خبر ته ماءُ جو وڇوڙو ڇا ٿيندو آهي. ٻيو سبب اهو به آهي ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند جي عورت گهڻي آزاد ۽ خودمختيار آهي. اُتان جو اديب انهن جي همت افزائي ڪري ٿو، اتان جا ادارا انهن جي لکڻين کي مانُ سمان ڏين ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾ همت افزائي ته پري جي ڳالهه آهي، اُلٽو نون لکندڙن کي مايوس ڪيو وڃي ٿو. ادبي ادارن جو رويو اهڙو آهي، جو سنڌي ادب جي ادبي تاريخن ۾ عورتن جو ته ذڪر ئي ناهي، ڄڻ ته اُهي ڪي ٻي مخلوق هجن. ٽه ماهي مهراڻ وارن ’شاعر نمبر‘ ڪڍيو هو، ان ۾ به صرف ٻه شاعرائون شامل ڪيون ويون آهن، اهڙيءَ طرح ٻيون جيڪي ادبي تاريخون سنڌي ادب جي ڪورس ۾ شامل آهن انهن ۾ به ڪي ٻه چار نالا شامل هوندا ۽ بس، توڙي جو اهي ادبي تاريخون وڏن ادارن پاران ڇپيون آهن ۽ انهن اديبن کي وڏي رائلٽي پڻ ڏني وئي آهي پر انهن ادارن به ڪتاب تي نظرثاني ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ۽ جيئن جو تيئن ڇپيون.
    ان کان علاوهه نئين ٽهيءَ کي مڪمل طور پوئتي ڌڪيو وڃي ٿو، ادارن ۾ به رُڳو سند يافته اديبن کي جاءِ ڏني وڃي ٿي، انهن جا ڪتاب ڇپجن ٿا، انهن کي اوارڊ ڏنا وڃن ٿا، پوءِ ڀلي انهن ڪتابن ۾ ڪجهه به نه هجي، نوجوان ڀلي کڻي ان کان وڌيڪ سٺو ڪم ڪن، پر انهن جي هِن گروهه وٽ ڪابه گنجائش ڪونهي، جنهن ڪري نئون لکندڙ مايوسيءَ جي ور چڙهي خاموش ٿي ويهي رهي ٿو. اسان جون ڪيتريون ليکڪائون انهن روين جي ڪري لکڻ کان پاسيريون ٿي ويون. هند جو اديب ان ڏِس ۾ وڌيڪ بُردبار آهي، هو ٻئي کي مانُ ڏيڻ ڄاڻي ٿو. هُنن کي پنهنجي ٻوليءَ سان ۽ پنهنجي سنڌيت سان گهرو لڳاءُ آهي، ان ڪري هو ان جي ترقيءَ جي لاءِ نئين نسل جي رهنمائي ڪن ٿا.
    هتي آءٌ پنهنجو ذاتي تجربو شيئر ڪريان ٿو ته، مانائتي نند ڇڳاڻي، ڏياريءَ تي لکيل منهنجو مضمون ’ڪونج‘ ۾ ڇپيو ۽ ان جي ڪاپي مون کي ڏياري موڪلي، ۽ ٻئي پرچي ۾ ناليواري ليکڪ هري همٿاڻيءَ جو منهنجي انهي مضمون بابت تبصرو ڇپيو هو. مجموعي طور آءٌ سمجهان ٿو، هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ملڻ ۽ اُتي سنڌي ادارا قائم ٿيڻ، اهو سڄو ڪم عشق جو آهي، جيڪو ڌرتيءَ کان ڌار ٿيل سنڌين جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو، جنهن ۾ سِڪ ۽ ڇِڪ آهي، پيار ۽ پريت آهي، حسرت ۽ اُميد آهي. اِها اُميد ئي ته آهي جنهن اسان کي هڪٻئي سان ڳنڍي رکيو آهي.
    سنڌي عورت هر دَور ۾ پاڻڀري ۽ بُردبار رهي آهي، پوءِ اها ادب جي ميدان ۾ هجي يا جنگ جي ميدان ۾، اها هميشه نباهه ڪندڙ رهي آهي. مون هن ڪتاب ۾ ايشوري جوتواڻيءَ کي به شامل ڪيو آهي، جنهن 1942ع ۾ سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل ڪاٽيو هو. آشا چاند به شامل آهي، جنهن سنڌ کي دنيا سان گڏائي رکيو آهي، اهڙيءَ طرح اندرا شبنم ۽ مايا راهي آهن، جيڪي سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون. هيءُ سڀ اسان جا مانائتا ڪردار آهن ۽ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻ مڃايو آهي.
    ممڪن آهي ته مون کان هن ڪتاب ۾ ڪي ليکڪائون رهجي ويون هجن، ان جو سبب به اهو ئي آهي، جو اسان وٽ هِند جي سنڌي اديبن بابت گهٽ لکيو ويو آهي، ان جي باوجود آءٌ اُميد ٿو ڪريان منهنجي هيءَ ننڍڙي ڪاوش پسند ايندي.
    مون ”سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو“ جي عنوان سان ڪتاب لکيو هو، جنهن کي محترم ڀاءُ ناز سنائي پنهنجي اداري سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي 140 ليکڪائن کي شامل ڪيو ويو آهي.
    پهريان مون اهو پئي سوچيو ته منهنجو هي ادبي پورهيو سرحد پار سنڌين تائين پُڄي ڪونه سگهندو، آءٌ نهايت ئي ٿورائتو آهيان ديپڪ اجباڻيءَ جو، جنهن منهنجي هن خواب کي ساڀيان جو رُوپ ڏئي، اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو. هن ڪتاب ۾ شامل ليکڪائن مان ڪجهه ليکڪائون منهنجي اڳئين ڪتاب ۾ شامل آهن، انهن کي گڏائي ڪجهه ٻيا نوان خاڪا لکي، مون هيءُ ڪتاب الڳ سان تيار ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ”سنڌ هِتي سنڌ هُتي“ انهن سنڌي ڀينرن کي ڀيٽا آهي، جن سنڌ کان پري رهندي، سنڌ جي محبت کي پنهنجي اندر ۾ سانڍي رکيو آهي. ان کانسواءِ آءٌ تهه دل سان شڪر گذار آهيان سنڌي ادب جي مهندار اندرا شبنم پونا والا جو، جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو ۽ پڻ ٿورا ڊاڪٽر فهميده حسين جا، جنهن ڪتاب بابت ٻه اکر لکي ڏنا. ان کانسواءِ آءٌ پياري عرفان ميمڻ جي محبتن کي ڪڏهين به وساري نه ٿو سگهان، جنهن ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهي ڏنو. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ سيٽنگ لاءِ آءٌ ٿورائتو آهيان پنهنجن پيارن نظير چانڊيي ۽ راز محمد لغاريءَ جو، جن هن ڪم کي وقت سِر اُڪلائي ڏنو.
    آءٌ هن ڪاوش ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان، ان بابت ڪابه هام ڪونه ٿو هڻان، بس مون پنهنجيءَ دل جي ٻُڌي هن موضوع تي ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي دل جو آواز جي اوهان جي ڪنن ۾ ڪو وِلولو پيدا ڪري ٿو ته پنهنجو هيءُ پورهيو سڦل سمجهندس.

    علي نواز آريسر
    حيدرآباد
    1851018-0334
    alinawazarisar@yahoo.com


    سنڌيت جي سفير : آشا چاند

    ڪي ماڻهو تاريخ جا اڏيندڙ هُوندا آهن، ڪِن ماڻهن لاءِ پنهنجي ٻولي ئي مهانتا هوندي آهي، ٻوليءَ جي خدمت رُڳو اُها ناهي، جيڪا ڪهاڻي يا شاعري جي صورت ۾ لکجي، پر ٻوليءَ جي خدمت اها به آهي ته اُن کي دنيا ۾ ڪيئن متعارف ڪرائجي، اسان جي سنڌي ٻولي، جيڪا هاڻي گوگل تائين پهچي چُڪي آهي، اُنهي ٻوليءَ کي ايتري وُسعت ڏيارڻ ۾ ڪيترن ئي مانائتن ماڻهن جو حصو آهي. ڇاڪاڻ جو اڪيلي سِر ڪوبه ماڻهو، ڪُجهه نه ٿو ڪري سگهي، جنهن کان جيترو پُڄي، اُهو اوترو ڪري تڏهن به نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. اسان جي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻ ۾ ٻين سان گڏ سُندري ۽ اُتم جي نياڻي آشا چاند به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن مختلف فورمن وسيلي سنڌي ٻوليءَ کي پروموٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪندي رهي ٿي. هُوءَ جتي به رهي آهي ته هن اُتي هڪ ’ننڍڙي سنڌ‘ اڏي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجي وسيلي متعارف ڪرايو آهي، مختلف ويب سائيٽون جوڙي، مختلف سي ڊيز تيار ڪري، اُن ۾ سنڌيت جا رنگ ڀري، سنڌي گيتن کي اهڙي ته منفرد انداز ۾ محفوظ ڪيو آهي، جو ڏسندي، ٻُڌندي فخر پيو محسوس ٿئي.
    آشا چاند، 23 مارچ 1951ع تي ممبئيءَ ۾ ڄائي. هن مختلف ادارن مان تعليم پِرائيندي بي. اي (ايڪانامڪس) ۽ ايم. اي (سنڌي ادب)، سان گڏ بزنس مئنيجمينٽ ۾ ڊپلوما ۽ بئنڪنگ جو BIIS جو ڪورس پاس ڪيو. هن جي زندگيءَ جو گهڻو عرصو ممبئي ۽ دبئي ۾ گذريو آهي، هن اُتي رهندي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ وارين رِٿائن تي گهڻي کان گهڻو ڪم ڪيو آهي. هوءَ هڪ ئي وقت پبلشر، ميوزڪ پروڊيوسر، ٽي وي پروڊيوسر ۽ ادبي ثقافتي پروگرامن جي آرگنائيزر آهي. هن سنڌ ۽ هند کان ٻاهر رهندڙ سنڌين کي سنڌي سيکارڻ لاءِ ڪيتريون سيڊيون تيار ڪيون آهن، جن وسيلي هُو آسانيءَ سان سنڌي سِکي سگهن ٿا، جن ۾: ‘Let’s Learn Sindhi’ (اچو ته سنڌي سکون) اهم آهي، جيڪا سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ لاتعداد سنڌين جي هٿن تائين پهچي چُڪي آهي، ۽ ٻارن لاءِ ’پنجتنتر‘ نالي هڪ سي. ڊي تيار ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ دلچسپ ننڍيون ڪهاڻيون، نرسري گيت ۽ رانديون شامل آهن.
    ان کانسواءِ هن ’سنڌي سنگت‘ ويب سائيٽ تي سنڌي اديبن جا سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ لکيل مضمون، مقالا رکيا آهن، جيڪي پوري دنيا جي اسڪالرن لاءِ فائديمند آهن، ۽ سنڌي سنگت وسيلي ’سنڌي فوڪ لور‘ کي به هٿي وٺرائي آهي، جن ۾ سنڌي ٽيلي فلمون، سنڌي ليکڪائن جا پورٽريٽس، ڊراما، ناٽڪ ۽ مختلف موضوعن تي ڊاڪيومنٽريون شامل آهن ۽ هن ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ ۽ ’سنڌي سنگت‘ جي گڏيل تعاون سان ’پهاڪن ۽ اصطلاحن‘ تي هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جيڪو پڻ نهايت ئي لاڀائتو ڪم آهي. سنڌي سنگت جي حوالي سان ذوالفقار هاليپوٽو لکي ٿو ته:
    ”آشا، هڪ فرد جي رُوپ ۾ در اصل هڪ پوري اداري جو نالو آهي. اڄ جڏهن ڪيترائي ماڻهو سنڌين بابت اِهو رايو رکن ٿا ته هُو ادارا نه ٿا ٺاهي سگهن، ته آشا چاند جو پورهيو ۽ ڪم اُن غلط فهمي ۽ غلط بيانيءَ جو جواب آهي. سنڌي سنگت جي هڪ لنڪ ۾ Celebrating Sindhiat ۾ زبردست مواد موجود آهي. هُن جنهن طريقي سان ڀٽائي جي ستن سُورمين بابت انگريزيءَ ۾ دادا موهن گيهاڻيءَ جو ترتيب ڏنل ڪم پيش ڪيو آهي، سو ڪم ننڍو ڪم ناهي. انگريزيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي ستن سُورمين جي پيش ڪش نه رُڳو سنڌي سماج جي عورت دوست هُجڻ واري رويي جي سڃاڻپ آهي، پر گڏو گڏ اسان جي سيڪيولر ۽ عالمگيريت واري خيال جو پڻ اهڃاڻ آهي.“
    (جتي سنڌي اُتي سنڌ، ص: 147/48)
    هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي پچار ڪندي وقف ڪئي آهي، توڙي جو هن جو جنم سنڌ کان گهڻو پري ٿيو آهي، پر هن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي سنڌيت واري وِرثي سان خوب نباهه ڪيو آهي. هن جتي ٻيا کوڙ سارا ڪم ڪيا آهن، اُتي هن پنهنجي والدين جي پورهيي کي به محفوظ ڪيو آهي. سندريءَ جي نظمن ۽ آزاد نظمن جي ’هُڳاءُ‘ جي نالي سان هڪ وڊيو ڪئسٽ تيار ڪيائين، جيڪا هُن پنهنجي امڙ کي سالگره تي تحفي طور ڏني. اُن کانسواءِ هن سندريءَ جي ڪتابن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ۽ پنهنجي والد اي.جي اُتم جي نالي سان ’اُتم ساهت اوارڊ‘ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي ليکڪن کي هُو اهو اوارڊ ڏئي چُڪي آهي.
    آشا چاند مختلف موقعن تي سنڌ به ايندي رهي آهي، جتي هن کي وڏو مانُ پڻ ملندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هُو سنڌي ٻوليءَ جي سفير آهي، سنڌي ادب، سثقافت ۽ سنڌو تهذيب جي پرچارڪ آهي، جنهن جديد ٽيڪنالاجيءَ وسيلي سنڌ کي دنيا سان ڳنڍيو آهي. ان حوالي سان ذوالفقار هاليپوٽو لکي ٿوته:
    ”هُن جنهن طريقي سان سنڌي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ سنڌي ۾ ايپس، ويڊيوز ۽ سنڌي فونٽ متعارف ڪرايو آهي، سو نه رُڳو سنڌي ٻوليءَ کي محفوظ ڪري ٿو، پر گڏو گڏ سنڌي ٻوليءَ کي جديد انداز ۾ پيش ڪري اُن کي ايندڙ نسل لاءِ به Relevant بڻائي ڇڏيو آهي.“
    (جتي سنڌي اُتي سنڌ، ص: 146)
    آشا چاند هر سال دبئي ۾ سنڌين جو ميلو لڳرائيندي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي سنڌي اچي گڏ ٿيندا آهن، جتي هڪ ننڍڙي سنڌ اڏيل نظر ايندي آهي. هن ميلي جو هڪڙو اصول اهو به آهي ته اُتي ڪوبه ماڻهو سنڌيءَ کانسواءِ ٻي ٻولي ناهي ڳالهائيندو، اِها هُن جي سنڌ سان ڪمينٽمنٽ آهي، اِهو هُن جو سنڌ سان عشق آهي. آشا، چاند پنجابي سان شادي ڪئي آهي، (پنجابي، سنڌي هندن جي نُک آهي.) سندس نياڻي مومل پڻ بهترين ڪمپيئر ۽ اداڪاره آهي، جيڪا پنهنجي امڙ سان گڏ سنڌيت جي پرچارڪ آهي.


    ادب ۽ محبت جو سنگم : اندرا شبنم

    ٻولي، ادب ۽ محبت جون ڪي به سرحدون نه هونديون آهن، دنيا ۾ روز جو ڪيترائي ماڻهو جلاوطن ٿيندا رهن ٿا، ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کان ڇڄي به پنهنجي من اندر ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي سڪ، تڙپ برقرار رکيو ايندا آهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان ٻاروتڻ ۾ لڳل لنئون کي هينئين سان هنڊايو ايندا آهن. جيتوڻيڪ اهي املهه انسان پنهنجي ڌرتيءَ کان ڇڄڻ کان پوءِ ڌاريي ڪلچر جو حصو بڻجي ويندا آهن ۽ ڌاري ٻولي انهن جي مٿان مڙهي ويندي آهي، پر پوءِ به اهي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ لاءِ سوچيندا ۽ لوچيندا رهندا آهن. ظاهر ڳالهه آهي، ڪو ماڻهو ڪيترو به پنهنجي وطن کان جلاوطن ٿي وڃي، پر پوءِ به اهو ماڻهو جڏهن به ڪو سُنهري خواب ڏسندو آهي، ته اهو پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي ڏسندو آهي.
    اسان وٽ سنڌ ۾ 1947ع واري ورهاڱي ڪيترن ئي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي وطن کان ڌڪي ڌار ڪيو ۽ هو پنهنجي وشال اکين ۾ ڪيترن ئي لُڙڪن جون لڙيون کڻي، روئندا سرحد پار اُڪري ويا. (ورهاڱي واري لڏ پلاڻ جو اهو سلسلو ڏهن سالن تائين لڳاتار هلندو رهيو) اهڙن ئي اُملهه انسانن ۾ اسان جي سنڌ جي سدا بهار ۽ خوبصورت شاعره اندرا شبنم به هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ کان ڇڄڻ کان پوءِ به پنهنجي ڌرتيءَ سان والهانه محبت کي عشق جي حد تائين زنده رکيو آهي. سندس هر لکڻيءَ مان سنڌ جي مٽيءَ جي مهڪ اچي ٿي، سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ جي هُٻڪار ۽ اُن کان جدائيءَ جي پِيڙا محسوس ٿئي ٿي.
    اندرا شبنم سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ شاعره آهي. هن جو پورو نالو اندرا ٽيڪچند شهدادپوري آهي ۽ سندس ادبي نالا ’اندرا شبنم‘، ’اندرا پونا والا‘ ۽ ’اندو‘آهن. هن 24 نومبر 1956ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد حيدرآباد سنڌ ۾ ۽ سندس والده لاڙڪاڻي ۾ ڄائي هئي، اُن وقت سندس خاندان لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير هو، پر سندس ناناڻا ڪراچيءَ ۾ رهندا هئا، جنهن ڪري سندس جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو. سندس والد سنڌ ورڪي هو، جيڪو هانگ ڪانگ ۾ رهندو هو. هن خاندان ورهاڱي جي ڪجهه عرصي بعد 1957ع ۾ سنڌ کي الوداع ڪيو، ان وقت سندس عمر هڪ سال هئي.
    اندرا شبنم جي تعليم بي.اي، بي. ايڊ، ايم.اي ۽ هنديءَ ۾ ساهت رتن آهي. اندرا 22 سالن تائين پمپري جئه هند هاءِ اسڪول (مهاراشٽر) ۾، ٻه سال سينٽ ميران اسڪول پوني ۾، ۽ هڪ سال تائين پونا ڪاليج ۾ استاد رهي آهي. هن 48 سالن جي ڄمار ۾ وائيس پرنسيپل جي عهدي تان وقت کان اڳ ۾ خُوشيءَ سان رٽائرمنٽ ورتي. هڪ سال تائين يرودا جيل ۾ عورتن جي وارڊن به رهي آهي. اندرا هڪ ئي وقت سنڌي، هندي، اردو، انگريزي، مراٺي ۽ گجراتيءَ ۾ لکندڙ ۽ ڇهن ٻولين تي عبور حاصل آهي.
    هن سنڌي، هندي ۽ اردوءَ ۾ تمام گهڻو لکيو آهي، سندس سنڌي ٻوليءَ جي تخليقن ۾ هڪ قسم جي پيڙا محسوس ٿئي ٿي، جيڪا شايد پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان ڇڄڻ جي پيڙا هجي، ۽ هن اُن پيڙا کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ته مانائتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جو ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هوءَ ڪنهن ٻار کي پرڀائيندي ۽ پرچائيندي هجي. سندس هن شعر ۾ اوتيل درد جي پيڙا ۽ تاثير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    دنيا سان آ پيار منهنجو، اکرين بيان ڪونهي،
    ڌرتيءَ مثال سُندر، ٻيو ڪو جهان ڪونهي.
    ڪو درد آ مُبهم، نَس نَس ۾ سمايل،
    پر درد سَلڻ لاءِ ڪو رازدان ڪونهي.
    سندس غزل جون هي چار سِٽون ان ڳالهه جي گواهي آهن، ته هُوءَ هڪ پل جي لاءِ به پنهنجي ڌرتيءَ کان سواءِ خوش ناهي رهي سگهي، بلڪه هن کي ته پنهنجي اندر ۾ سانڍيل درد سلڻ لاءِ ڪو رازدان به ڪونهي، اهڙيءَ طرح هن جا ٻيا به ڪيترائي غزل ۽ نظم اهڙي پيڙا جي وارتا ٻڌائن ٿا، جيتوڻيڪ هن غزل ۾ پاڻ موکيو آهي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته سندس آزاد نظم ۾ اڃا وڌيڪ پُختگي آهي، نواڻ آهي ۽ ڀرپور احساس سان ڇُهيل درد ڪٿائون آهن، ته نهايت ئي خوبصورت چپن جي مُرڪڻ کي هن نهايت ئي بيباڪيءَ سان پنهنجي آزاد نظم ۾ چٽيو آهي.
    هڪ مُرڪ ورهائڻ ۾،
    ڪهڙو هرج آهي؟
    تو مُسڪرايو،
    سامهون واري جا چپ،
    لاچار ئي مُحبن مُرڪڻ لڳا.
    چانڊوڪي ڦهلجي وئي،
    هن جي چهري تي.
    هڪ ڏيئو ٽمڪڻ لڳو،
    هن جي لبن تي.
    تنهنجي هڪ اڪيلي مُرڪ،
    انيڪ مُسڪراهٽن کي جنم ڏنو.
    واقعي چپن جي مسڪراهٽ کي اهڙي مهانتا اندرا جهڙي شاعره ئي ڏئي سگهي ٿي، جنهن جي من ۾ نه ڪا مونجهه آهي ۽ نه ڪا ميراڻ، هن پنهنجي هر تخليق ۾ سچائيءَ سان اظهار ڪيو آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ شيخ اياز آزاد نظمن ۾ مُرڪ جي اهڙي تاثير پسائي سگهيو آهي، جهڙي اندرا جي شاعريءَ مان پسڻ لاءِ ملي آهي.
    ساڳئي ئي انداز سان اندرا جو هي غزل به ڏاڍو شاندار آهي، جنهن ۾ پيڙا سان گڏ مرڪن ۽ ٽهڪن جون سرگوشيون به آهن ته وقت ۽ حالتن سان مقابلو ڪرڻ جي هڪ سگهه ۽ قُوت به آهي.
    ڀيڙ ۾ تنها رهڻ ايندو اٿم،
    فرش تي ويهي اُڏڻ ايندو اٿم.
    ڪونه ٿو سمجهي سگهي ڪوئي مون کي،
    چُپ، ۽ چُپ تنهن تي رهڻ ايندو اٿم.
    تير طعنن جا ڀلي مون کي ڀلي لڳن،
    ٺار زخمن تي رکڻ ايندو اٿم.
    پيار کي سمجهيو آ ڪنهن نه ڪڏهن،
    ان اکر تي ڀي مرڻ ايندو اٿم.
    ڀل ته شبنم کي ستائيندا رهن،
    پنهنجي حق لئه، پر لڙڻ ايندو اٿم.
    طعنن جا تير سهڻ، زخمن تي ٺار رکڻ جو فن، پيار جي اکر تي مرڻ ۽ پنهنجي حق تي وڙهڻ جهڙن الڳ الڳ موضوعن کي هڪ ئي غزل ۾ اهڙي رومانوي انداز ۾ سمائڻ سچ ته شاعريءَ ۾ هڪ قسم جي نواڻ ته آهي ئي، پر گڏو گڏ سندس هن غزل مان اٽل ارادن جي به پروڙ پئي ٿي. اندرا جي هيءَ شاعري يا اڃا به ڪجهه ٻين تخليقن کي پڙهڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته هوءَ لفظن سان رومانس ڪندڙ شاعره آهي، ۽ شاعري سندس رُوح جي گهراين ۾ لٿل ٿي ڏسجي، هونئن به شاعري آهي ئي رُوح جي رڙ، شاعري ڪنواري دانهن آهي، شاعريءَ سان ئي قومن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي، ادب ئي قومن جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، اندرا جي شاعري توڙي ڪهاڻيون پڙهڻ مان پتو پئي ٿو ته سنڌي قوم جي تعمير ۾ سندس به ادبي ڪردار آهي. هن جهڙي ريت شاعريءَ ۾ اُتساهه ڏنو آهي، اهڙي ريت سندس ڪهاڻين ۾ به نهايت ئي اُجرا احساس سمائيا آهن، ۽ سندس هر احساس سنڌ جي سڪ جو اُهڃاڻ لڳي ٿو، جيتوڻيڪ سنڌ ڇڏڻ وقت سندس اها عمر نه هئي، جو وٽس ڪي ساروڻيون رهجي ويون هجن، پر وري به سندس ذهن ۾ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ سمايل نظر اچي ٿي، ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هر پل سنڌ جي تصور ۾ ئي ڪُجهه نه ڪُجهه لکندي رهي آهي. سندس ڪهاڻيون فني لحاظ کان به پورائو ڪندڙ آهن. اندرا جي هڪ ڪهاڻي ’ٽڙيل پکڙيل‘ تمام گهڻو مشهور ٿي، جيڪا 14 ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي آهي، هي ڪهاڻي سنڌيت جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، هن ڪهاڻيءَ جي فڪري گهرائي کي واضح ڪرڻ لاءِ هڪڙو پئراگراف هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان:
    ”امڙ 39 گهر، پر سڀ ٽڙيل پکڙيل، هڪٻئي جي وجود کان بي خبر، هڪڙا مراٺا ٽائيپ سنڌي، هڪڙا هندي ميڊيم ٽائيپ سنڌي، هڪڙا انگريزي ٽائيپ ساري انگلش ميڊيم ٽائيپ سنڌي، سنڌي ناهي ڄڻ ڪي ميڊيمس آهن ٻولين جا، پاڻ پاڻ کي ڪنهن به رنگ ۾ رڱيندڙ اهڙا سنڌي ايترا ته رنگجي ٿا وڃن، جو سندن اصلوڪو رنگ ڪهڙو، سو به خبر نه پوي.“
    هن ڪهاڻيءَ ۾ اندرا پنهنجي سنڌيت واري جذبي جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي، اهڙيءَ ريت سندس ٻيون ڪهاڻيون به شاهڪار آهن، سندس ڪهاڻين بابت گوبند مالهي لکيو آهي ته:
    ”اندرا جي ڪهاڻين جي خصوصيت اها آهي ته اُهي اندرا جي ڏٺل وائٺل ۽ ڪٿي انڀؤ ڪيل حالتن تي آڌارت آهن. اندرا جون ڪي ڪهاڻيون ذهن ۾ ترسي ٿيون بيهن. اندرا! توکي ڪهاڻيءَ جي موضوع چونڊڻ جي صلاحيت آهي ۽ اُن کي نباهڻ جو ڏانءُ به آهي.“ (عبادت، ص:7)
    اندرا جا 5 ڪتاب سنڌيءَ ۾، 7 ڪتاب هنديءَ ۾، 7 ڪتاب اردوءَ ۾، 5 ڪتاب مرهٽيءَ ۾ ۽ هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپجي چُڪا آهن. 8 ڪتاب: سنڌ جو سفرنامو، هڪ ناول ۽ آٽو بايو گرافي اڻڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهن. آٽو بايو گرافي جون ڪجهه قسطون هن فيس بوڪ تي به لکيون، جن کي پڙهندڙن پاران ساراهيو ويو ۽ هاڻي هوءَ ان کي ڪتابي صورت ڏئي رهي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪيترن ئي ڪتابن تي مڃتا اوارڊ پڻ ملي چُڪا آهن، جن ۾: شبنمي قطرا (سنڌي شاعري، اوارڊ يافته 1991ع)، سلڻ جو سُک (شاعري 2001ع اوارڊ يافته)، عبادت (ڪهاڻيون، سنڌيءَ ۾ 1999ع ۽ هنديءَ ۾ 2000ع اوارڊ يافته)، جاڳيل ضمير (شاعري 2007ع اوارڊ يافته) شبنمي قطرا جو ٻيو ايڊيشن (2011ع)، ضمير پنهنجو پنهنجو (ڪهاڻيون: 1998ع) ۽ عبادت (ڪهاڻيون ٻيو ايڊيشن 2011ع) اچي وڃن ٿا. جڏهن ته تصويرين (هندي آزاد نظم: 2002ع اوارڊ يافته)، سر گوشيان (هندي غزل: 2003ع اوارڊ يافته)، سلسله (هندي شاعري 2003ع اوارڊ يافته) دستڪ (هندي شاعري 2004ع اوارڊ يافته)سرگوشيان (اردو شاعري 2004ع اوارڊ يافته) ميري منتخب نظمين (اردو شاعري: 2008ع) ۽ ضمير اپنا اپنا (اردو شاعري: 2008ع) ۽ حقيقتين (اردو ۽ هنديءَ ۾ الڳ الڳ 2011ع) ۾ به ڇپجي چڪا آهن.
    هن جي سنڌي ڪهاڻين جي ڪتاب ’عبادت‘ جو هنديءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس ڪتابن ’شبنمي قطرا‘ کي سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران (1996ع)، ۽ ’عبادت‘ کي نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج گجرات پاران (2003ع) ۽ ’سرگوشيان‘ کي ڪولها پور (مهارا شٽر) ۾ انعام ملي چڪا آهن. اندرا پوني جي سنڌي، هندي ۽ اردو ادبي جماعتن جي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهندي آهي. سنڌ ۾ چونڊ شاعرن جي ڪتاب ’پير پير جو پنهنجو پنڌ‘ ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيان ۾ سندس تعارف ڇپجي چُڪو آهي. اهڙيءَ طرح پاڻ ڪيترن ئي علمي، ادبي ادارن جي منتظم ۽ ميمبر رهي چڪي آهي. جن ۾ انساني حقن جي تنظيم هيومن رائيٽس جي عورتن واري شعبي جي عهديدار، سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن جي عهديدار، سينٽرل سنڌي اڪيڊميءَ جي ميمبر (2013ع) کان، لائن ڪلب پوني جي پريزيڊنٽ، ڀارتيه سنڌو سڀا جي وائيس پريزيڊنٽ ۽ پونا سنڌي سڀا جي ميمبر ۽ سنڌي ٻولي مهاراشٽر اڪيڊميءَ جي هن وقت تائين ميمبر آهي، ان کان علاوه کيس علمي ادبي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جن ۾ ڀارت رتن اوارڊ، ساهتيه سيوا اوارڊ، سرڀي ساهت سنسڪرتي اڪيڊمي کنڊاوا ايم پي اوارڊ، گلشنِ ادب اوارڊ، شاهه لطيف اوارڊ، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت پرچار سڀا اوارڊ، ادبي مڃتا شيلڊ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. سارنگا حيدرآباد سنڌ پاران سنڌي ۽ سنڌيت پرچار، يادگار شيلڊ شامل آهن.
    اندرا شبنم اڄ به لکڻ سان ناتو نڀايو اچي، ۽ گڏو گڏ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پرچار ۾ به سندس ڪردار اهميت جوڳو آهي، پاڻ سوشل ميڊيا تي به سنڌي ادب جو پرچار ڪندي نظر اچي ٿي. پاڻ هن وقت ماڊل ڪالوني، شوا جي نگر، پوني (ڀارت) ۾ رهائش پذير آهي.


    اندرا واسواڻيءَ جي لکڻين ۾ للڪار : اندرا واسواڻي

    اندرا واسواڻيءَ جي لکڻين ۾ للڪار ...

    سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت سان سڃاپجندڙ اندرا واسواڻي 21 آگسٽ 1936ع تي ميرپور خاص، سنڌ ۾ جنم ورتو. ايم. اي. ايس. ٽي. سي ۽ بي. ايڊ تائين تعليم حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪري پاڻ هڪ استاد جي حيثيت سان ذميواريون انجام ڏنائين، ۽ هڪ آدرشي استاد طور پاڻ مڃايائين، ۽ جي. ايس آدرش ڪنيا مها وديالا گانڌيڌام (ڪڇ) جي پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. اندرا واسواڻيءَ جو خاندان به ورهاڱي سبب سنڌ کان ڌار ٿيو، هند ۾ وڃڻ کانپوءِ کين وڏين مشڪلاتن مان گذرڻو پيو، جتي ڪئمپ ۾ رهڻ جهڙين دُشوارين کي منهن ڏيڻو پيو، ان حوالي سان پاڻ ئي اظهار ڪري ٿي ته:
    ’ورهاڱو خود ۾ ئي اِتهاس جي وڏي للڪار آهي، سنڌي استري جيڪا سنڌ ۾ ايتري پڙهيل ڳڙهيل يا ٻاهر نڪرندڙ ڪونه هئي، اُن هندستان ۾ اچي جيڪي ڪري ڏيکاريو، سو ڪنهن کان لڪل ڪونهي! جيتوڻيڪ جڏهن ورهاڱي تي اتهاس لکجندو ته سنڌي استريءَ جي سونن اکرن ۾ واکاڻ ڪونه ٿيندي، ڪير ڪندو؟ ڪئمپن ۾ گذاريل زندگي، غريبي، پڙهائي ڪندي، نوڪرين لاءِ لوڪل گاڏين، بسن ۾ يا پنڌ هلي ڌڪا کائيندي، گهرن ۾ کيچا، پاپڙ ۽ ڪچريون ٺاهي، در در وڃي وڪڻي ايندي، سنڌي استريءَ جو من جنجهوڙي ڇڏيو ۽ ڪن جي هٿ ۾ قلم اچي ويو، ان سڀ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ.‘
    (ماهوار ’ڪونج‘ جنوري_فيبروري 2011ع، ص: 48)
    اندرا واسواڻي ورهاڱي کانپوءِ لکڻ شروع ڪيو، ورهاڱي بعد هند ۾ رهندي، ڪئمپ ۾ گذاريل زندگيءَ کيس لکڻ لاءِ اُتساهيو. هن پهرين ڪهاڻي ’کيٽو‘ عنوان سان 1958ع ۾ لکي، جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي. ان بعد هن پابنديءَ سان لکڻ شروع ڪيو، هن شروع ۾ ته ڪهاڻيون لکيون، پر پوءِ شاعريءَ به ڪيائين ۽ مضمون به لکيائين. هن سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جدت آڻيندي يورپي طرز تي مختصر ڪهاڻين لکڻ جو بنياد وڌو، سندس مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’نالو‘ جي عنوان سان ڇپيو. سندس ٻيو مجموعو’منجري‘ جي نالي سان، سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر پاران اپريل 1996ع ۾ ٽيون مجموعو ’ٿر‘ جي نالي سان، ڪونج پبليڪيشن ممبئيءَ پاران جنوري 2002ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هنن ٽن مجموعن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، ۽ اندرا واسواڻيءَ جو نالو هند جي صف اول جي سنڌي ليکڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس ڪهاڻين ۾ ’ڪٻٺ، پستا باداميون ۽ ٻين کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن ڪهاڻين ۾ عورت جي جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي، ۽ ورهاڱي جي درد کي هن جيئن ڀوڳيو، جنهن پيڙائن مان گذري، ايئن ئي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو آهي. هوءَ هڪ سچي قلمڪار هئڻ جي حوالي سان سچائيءَ سان سڀني شين کي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ليکڪا آهي. سندس ڪهاڻين ۾ هڪ ته ورهاڱي جو درد ۽ پيڙائون، ٻيو وري سندس ٻولي، سادي سلوڻي، عام فهم هئڻ ڪري عام ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز رهيون آهن. سندس ڪهاڻيون هندستان جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مڃتا ماڻي چڪيون آهن.
    اندرا واسواڻي تعليمي ماهر جي حيثيت سان به سُڃاتي وڃي ٿي، ڀارت سرڪار کيس اعليٰ خدمتن جي مڃتا طور ’اعليٰ اڌياپڪا‘ جو خطاب ڏنو، جنهن جي هوءَ حقدار هئي. جيتوڻيڪ ادبي حلقي ۾ کيس مڃتا نه ملي، جيڪو ڏک سندس زندگيءَ ۾ هميشه جي لاءِ تازو رهيو. هن مشهور ڪوتاڪار، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هريش واسواڻيءَ سان شادي ڪئي، هند جا هي ٻئي عظيم ليکڪ سنڌ ۽ هند جي سرزمين کي سوڳوار ڪري ويا آهن، پر سندن يادون سندن همعصرن توڙي دوستن جي دلين ۾ زنده آهن.


    سنڌو ساهه سمايل : ايشوري جوتواڻي

    سنڌ ۽ هند جي نامور ڪهاڻيڪاره، ناول نگار، مضمون نويس ۽ نامور استاد ايشوري جوتواڻي، 11 نومبر 1930ع تي سيوهڻ، سنڌ ۾ جنم ورتو. سنڌ جي سرزمين ۾ بانبڙا پائي وڏي ٿيندڙ ايشوري جي تحريرن ۾ سنڌ سمايل آهي. هوءَ سنڌ جي اُها مزاحمتڪار عورت آهي، جنهن سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ جيل به ڀوڳيو. انگريزن جي دور ۾ حُر گوريلا جنگ ۾ ڪن عورتن کي لوڙهن ۾ ضرور پوريو ويو هو، پر منهنجي ڄاڻ موجب ايشوري واحد سنڌياڻي آهي، جنهن پهريون ڀيرو جيل ڪاٽيو هو. ڌرتيءَ جي عشق ۾ رَچي ريٽي ٿيل هن سنڌياڻيءَ کي جڏهن ڌرتيءَ تان بيدخل ڪيو پئي ويو، ته سندس اکين ۾ هڪ ڏوراپو، هڪ ميار هئي، ڌرتي ڌڻين ڏانهن، پر وقت جي يزيدي لشڪر اڳيان ڌرتي ڌڻي به بيوس هئا، سنڌ جي هن قوم سان تاريخ جي هر دور ۾ اهڙيون ويڌنون ٿينديون رهيون آهن. ايشوريءَ جي درد ڪٿا به هڪ ٻئي سنڌڙيءَ جي عاشق حشو ڪيولراماڻي جهڙي ئي ته آهي. حشو ۽ ايشوري جو ڏوهه ڪهڙو هو؟ جو هنن کي پنهنجي ماءُ جي هنج کان پري ڪيو ويو؟
    ايشوري جو گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ گذريو، هن ڪجهه تعليم ’انڊين گرلس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ ورتي ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم ايم. اي تائين پوني ۾ حاصل ڪئي. هن ڏهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ، ڪئٽ انڊيا مومينٽ (Quit India) ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ايشوري انهيءَ قيد ۾ رهڻ لاءِ به تيار هئي، پر پنهنجي ماءُ ڌرتيءَ کان پري ٿيڻ لاءِ هرگز تيار نه هُئي، پر ورهاڱي وقت هنن کي سنڌ ڇڏڻي پئي، ۽ سندس خاندان هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي هن سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي استاد طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپرينٽنڊنٽ به رهي چڪي آهي.
    ايشوريءَ جي اندر جي ليکڪا ته تڏهن کان قلم کڻڻ لاءِ اُتساهي رهي هئي، جڏهن هوءَ ٻاروتڻ جي عمر ۾ انگريزن خلاف هلچل ۾ حصو وٺي رهي هئي، هن شروعاتي دور ۾ ڪي ڪهاڻيون لکيون، پر پوءِ هوءَ مسلسل لکندي رهي. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، ناول، مضمون ۽ سفرناما لکيا، جيڪي وقت بوقت ڇپبا رهيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’محبت جو تياڳ‘ (ناول: 1951ع)، ’الفت جي آڳ‘(ناول:1953ع)، ’ڪامل جون ڪهاڻيون‘ (ڪهاڻيون: 1993ع) ۽ ’امنگن جا آبشار‘ (مضمون ۽ سفرنامو: 1993ع)، ’ڇتر پتي شوا جي‘ (جيوني: 1996ع)، ’آکاڻيون پورب ديس جون‘، ’امر چتر ڪٿا‘، ’ڪوتڪ گلدستو‘ ۽ ’ڪرامتي ڪوتڪ‘ وغيره شامل آهن.
    ايشوريءَ جي لکڻين مان سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ ماءُ جي مقدس ٿڃ جي مهڪ جيان محسوس ٿئي ٿي، هن جو هر خيال سنڌ جي پسمنظر ۾ آهي، هن جي لکڻيءَ جو هر موضوع سنڌ جي درد جي دانهن بڻيل آهي، هن جي لکڻيءَ جو هر سُڏڪو سرزمين سنڌ سان ٿيندڙ انياءَ تي آهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيترا ساهه کنيا، سنڌ جي نانءُ سان کنيا. هوءَ پنهنجو من پرڀائڻ لاءِ ڪيترو ئي گهمي، هند کان ٻاهر به وئي، پر هن کي سنڌ جهڙو سُڪون ڪٿي به نه مليو. هوءَ آخري وقت تائين سنڌ کي ساريندي رهي، سنڌ جي دل ڪراچيءَ جون ڳالهيون ڪندي رهي، هن ’رچنا‘ ۾ ’ڪراچي جيئن مون ڏٺي‘ جي عنوان سان پنهنجو يادگيريون لکيون آهن، انهن يادگيرين ۾ هن جي ڪراچيءَ سان محبت ۽ تڙپ کي پرکي سگهجي ٿو:
    ”ڪراچي نهايت صاف سُٿرو شهر هوندو هو، جمشيد سانده تي دفعا ميئر چونڊجي آيو هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ هرڪو ڪراچيءَ جي ساک ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ ڪيترا ئي گهمڻ جا هنڌ هوندا هُئا، جن مان هڪڙو منهنجو favourable پڪنڪ spot هوندو هو ’ڪلفٽن‘، ڪلفٽن جي سمنڊ جون لهرون ڏسندي ۽ ڳڻيندي ٿڪبي ئي ڪانه هُئس.
    هن وقت جڏهن مان هيءُ ليک لکي رهي آهيان ته منهنجي تصور ۾ ڪلفٽن جي وشال ساگر ۾ نچندڙ شاهي لهرون پيون اُٿن ۽ پاڻ کي اُنهن لهرن مٿان اُڏندو پيو ڏسان.
    اسين چانڊوڪين راتين ۾ اُتي ويندا هئاسين، گرميءَ جي موسم ۾ ڪيترا سمنڊ ۾ سنان ڪندا هُئا. مون کي ياد آهي ته ڪلفٽن جي ان سمنڊ ۾ مون به سنان ڪيو هو! سمنڊ جو سنان! واهه! ڪهڙو ذڪر ڪيان؟ شاهي لهرن کي اُڇلندو، تيزيءَ سان پاڻ طرف ايندو ڏسي، ڊپ ۾ رڙيون ڪندي ترندا اڳتي وڌندا ويندا هئاسين ۽ پوءِ؟ سامت جو ساهه کني کلندا هئاسين! مطلب ته چانڊوڪين ۾ ڪلفٽن تي ڄڻ ميلو لڳو پيو هوندو هو.“ (رچنا: جنوري-مارچ 2011ع)
    اها هُئي ايشوري جي ڪراچي، جيڪا اسان نه ڏٺي، اڄ ڪراچيءَ کي ڏسي ته اندر ئي جُهري ٿو پوي، ڪاش ڪراچيءَ جا اصلي سنڌي ڪراچيءَ کي نه ڇڏين ها ته اڄ ڪراچي ورلڊ ليول تي امن جو شهر سڏجي ها.
    کيس سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ ملي چڪو آهي. هُوءَ ’سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي چڪي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن بيباڪ ليکڪا ڇهين فيبروري 2013ع تي هن جهان مان چالاڻو ڪيو.


    لفظن جي پِروهت : تارا ميرچنداڻي

    سنڌ ۽ هند جي نامور ڪهاڻيڪاره ۽ ناول نگار تارا ميرچنداڻي، 6 جولاءِ 1930ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. هن انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي. ورهاڱي بعد جيئن ٻين سنڌي هندن کي ڌرتيءَ کان ڌڪي ڌار ڪيو ويو، تيئن هن خاندان جي حصي ۾ به دربدري آئي. سندس تحريرن ۾ انهيءَ درد ۽ پيڙا جون ڀاونائون محسوس ڪري سگهجن ٿيون. تارا ميرچنداڻي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي مڃتا حاصل ڪري چڪي آهي، سندس ڪهاڻيون ۽ ناول فڪشن توڙي موضوع جي لحاظ کان نهايت ئي شاهڪار آهن، سندس ڪهاڻين ۽ ناولن جا 8 مجموعا ڇپجي چڪا آهن. سندس لکڻين جي ٻولي نهايت ئي سادي سلوڻي آهي، ۽ سندس لکڻين جا موضوع عام آهن، خاص طور تي گهريلو موضوعن کي هن وڌيڪ اهميت ڏني آهي، جن ۾ گهريلو ازدواجي زندگي، زال مڙس جي وچ ۾ هم آهنگي نه هجڻ وغيره اهم آهن. جنهن ڪري هن پڙهندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ناول ’هٺ يوگي‘ هن کي تمام گهڻي مڃتا ڏياري ۽ مختلف ادبي حلقن ۾ بحث جو موضوع به رهيو آهي. هن ناول تي کيس ڪيترائي اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. هيءُ ناول موضوع جي لحاظ کان به ڏاڍو شاندار ۽ رومانوي ناول آهي، پر هن ناول جا ٻئي مُک ڪردار ڏاڍا ذهين پڻ آهن. خاص طور تي ڇوڪريءَ جو ڪردار ذهني لحاظ کان اڃا به اڳڀرو آهي، ساڳئي حوالي سان ڇوڪرو به نهايت ئي ماٺيڻو ۽ ماڻهپي وارو آهي، پر هن جي طبيعت ۾ هٺ گهڻو هئڻ ڪري، ٻنهيءَ کي هڪ ڀيرو زندگيءَ جي موڙ تي جدائيءَ جو زهر به پيئڻو ٿو پوي. هن ناول جو پهريون حصو هتي پُڄاڻي ٿو ڪري، جڏهن پڙهندڙ پهرئين حصي جي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو ته ذهن مان ٺڪاءُ نڪري ٿو وڃي، پر پوءِ جڏهن ٻئي حصي کي پڙهجي ٿو ته پڙهندڙ سامت ۾ اچي ٿو. هن ناول ۾ ڪلائمڪس اهڙو آهي جو وچ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي نه چوندي. ڇاڪاڻ جو ناول جي هر خوبي پڙهڻ لاءِ اُتساهيندڙ آهي. مثال طور: ڊڪشن، ٻولي، اسلوب، رومانس، احترام، خلوص، ۽ محبت، جنهن ۾ نه گناهه جو پرتوو آهي، نه ثواب جي لذت، پر احترام ۽ سونهن جي عبادت ٿيل آهي. تارا ميرچنداڻيءَ پنهنجي لکڻين تي تبصرو ڪندي لکي ٿي ته:
    ”مان ڪن ٻين bold ليکڪائن جيان ڪانه آهيان جو للڪار جو جواب للڪار سان ڏئي سگهان، پر اهڙن وقتن تي مان مُرڳو پنهنجو پاڻ ۾ ئي سميٽجي ويندي آهيان. مون کي شخصي طور هرو ڀرو گهر يا پَر وٽان ڪا خاص بندش ڪانه هئي، پر خود پنهنجي انترمن جون بندشون منهنجي مٿان پهرو ڏينديون رهنديون آهن.“
    پنهنجي لکڻين تي اهڙي سچائيءَ سان راءِ ڏيڻ سچي ساهتڪار جي نشاني آهي. هن جا ٻيا ناول توڙي ڪهاڻيون به فني توڙي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان شاهڪار ادب ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ڪومايل ڪلي (ناول 1949ع) ’اُشا‘ (ناول 1958ع) ’آئينو ۽ عڪس‘ (ڪهاڻيون 1965ع) ’الجهيل تندون ريشم جون‘ (ڪهاڻيون 1986ع) ’لهرن جي گونج‘ (ناول 1992ع) ’وساريان نه وسرن‘ (ڪهاڻيون 1996ع) ’سورج جي پهرين ڪرن‘ (ناول 1998ع) ’هٺ يوگي‘ (ناول پهريون ڇاپو 1990ع ۽ ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ 2013ع جنهن کي تازو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ ڏنو ويو) شامل آهن. سندس ناول ’ڪومايل ڪلي‘ تي تبصرو ڪندي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ لکي ٿي ته:
    ”تارا عورت جي فطرت جي ڪُنڊ ڪنڊ کان واقف آهي. ’ڪومايل ڪلي‘ ۾ هن خاص طور گهرو زندگيءَ جا ڏک سک ۽ عورت جي وفاداريءَ کي اهميت ڏني آهي.“
    (سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو: تحقيقي اڀياس، ص: 144)
    اڻڇپيل، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ٿورن سان)
    کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترا ئي اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جن ۾:
    اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ساهت سڀا پاران ’ادبي خدمتون‘ اوارڊ (1992ع) سهيوگ فائونڊيشن بمبئي پاران ’ادبي خدمتون‘ اوارڊ( 1992ع)، انساني حقن جي وزارت پاران سندس ناول ’هٺ يوگي‘ تي اوارڊ (1993ع) ، ساڳئي ناول تي ٻيو ڀيرو سنڌ مان، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2013(ع) جو خصوصي اوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي لٽريري اينڊ ڪلچر سينٽر پاران ’ادبي خدمتون‘ اوارڊ (1994ع)، سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، نئين دهلي پاران ’ادبي خدمتون‘ اوارڊ 2000ع شامل آهن.


    سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ : پارو چاولا

    ناليواري ليکڪا، شاعره، سماج سڌارڪ ۽ ڳائڻي پارو چاولا 19 جولاءِ 1932ع تي، سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ڏيپچند لالواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائي. سندس والد سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ ريلوي ۾ ملازم هو، ان ڪري پارو جو ننڍپڻ سيوهڻ ۾ گذريو، پر جهڙي ريت ٻين ڪيترن سنڌين کي ماترڀوميءَ ڇڏڻي پئي هئي، تيئن پاروءَ به 15 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان جدا ٿي وڃي ڀارت وسايو، ۽ ٻن سالن کانپوءِ 1949ع ۾ ناليواري اديب ٺاڪر چاولا سان سندس شادي ٿي.
    پارو چاولا مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. هن 15 سالن تائين انڊيا ريلوي ۾ هيڊ ڪلارڪ طور ملازمت ڪئي، ۽ هندي ٻوليءَ جي انسٽرڪٽر پڻ رهي. پارو جو شاعري ۽ راڳ سان گهرو سنٻنڌ رهيو. هن جو پهرين ته شاعريءَ سان لڳاءُ ٿيو ۽ پوءِ راڳ جي دنيا هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ته هوءَ ان ۾ گم ٿي وئي. هن جي شاعريءَ ۾ انتهائي معصوم خيالن جي اُڻت ۽ ورهاڱي جي درد ڪٿا آهي. پارو کي جيئن ته راڳ جي سُٺي ڄاڻ آهي، ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ به موسيقيت آهي. سنڌ جي ناليواري فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي چيو آهي ته: ”شاعري ان کي چئبو آهي، جيڪا ڳائي سگهجي.“ قاضي صاحب جي راءِ جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته پاروءَ جي سڄي شاعري موسيقيت جي رِڌم تي جوڙيل آهي، سندس ڪجهه شعرن جو ڀڳوان اٽلاڻيءَ هنديءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. هن شاعريءَ کان علاوه مضمون به لکيا آهن ۽ ڪجهه صوفي شاعرن جي ڪلام جي اڀياس تي نثري ڪتاب سهيڙيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ساهڙ لَهج سنڀار‘ (1968ع)، ’جيئري لاهه زنجير‘، ’پوءِ پروڙيم پنڌ‘، ’رک جهولڻ تي‘ (1988ع)، ’آءٌ اڪيلي‘، (1992ع)، ’چونڊ سنڌي ڪلام ۽ ڏوهيڙا‘ (1992ع)، ’ستر مڻڪا‘ (2000ع)، ’درشٽانت درشٽانت‘، ’365 ڏينهن‘ ۽ ’ڳالهه ۾ ڳالهه‘ (2008ع) شامل آهن. هي سڀيئي ڪتاب پنهنجي پر ۾ وڏو اتهاس آهن، هنن ۾ ڪيترائي ڳوڙها ويچار سمايل آهن، سندس ڪتاب ’365 ڏينهن‘ جي اهميت بابت ڊاڪٽر گورڌن تنواڻيءَ جي هي راءِ گهڻي اهميت رکي ٿي:
    ”365 ڏينهن‘ يعني درويشن ۽ فقيرن جون رهاڻيون، پاروءَ جي من کي ۽ هن ڪتاب کي جي پڙهبو ته، ظاهر ٿيندو ته هن جي پٺيان ڪيترا اوجاڳا آهن، ڪيتريون راتيون ڦٽل آهن، اوجاڳن ۾ گذاريل آهن، اُهي به پنهنجي امڙ سنڌي ٻوليءَ جي صدقي، ساهت، ڪلا، سنگيت جي صدقي. ڪتاب پڙهندي مون کي لڳو، مان زندگيءَ کي وري کولي ڦولي رهيو آهيان، ٽالسٽاءِ، سارتر، ڊيل ڪارنيگي يا خليل جبران، سڪرات، گيتا، ونوبا، ڪنور رام سڀ جا سڀ منهنجي سامهون آهن، ڳالهائن پيا.“
    ڊاڪٽر گورڌن جي مٿين راءِ نه رُڳو هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي ظاهر ڪري ٿي، پر ان مان ليکڪا جي ڪمينٽمنٽ، سچائي، سنڌي ٻولي ۽ سنگيت سان گهري وابستگيءَ جو به پتو پئي ٿو، مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته هيءُ ڪتاب ننڍن ننڍن مضمونن تي مشتمل آهي، پر هن کي جنهن نموني سميٽيو ويو آهي، ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن ۾ سندس جيون جا ڪيترائي پل محفوظ ٿيل آهن ۽ زندگيءَ گذارڻ جو سليقو به سيکاريو ويو آهي، ڪتاب ۾ ٻولي به سُٺي استعمال ڪئي ويئي آهي، البته هنديءَ جو ڪجهه اثر ضرور آهي، پر ايتري مشڪل به ڪونهي جو مقصد کي سمجهي نه سگهجي. ساڳيءَ طرح سندس ڪتاب ’ڳالهه ۾ ڳالهه‘ به شاهڪار ڪتاب آهي، هن ڪتاب بابت رام لعلچنداڻيءَ لکي ٿو ته:
    ”ٻولي اها هلي، جا عام جي مٿي کي به سمجهه ۾ اچي، ته دل جي آرپار به ٿئي، رس واري به هجي ته سار واري به هجي، ’ڳالهه ۾ ڳالهه‘ هي هڪ دفعو جي پڙهڻ شروع ڪيو ته پورو ڪرڻ کان پهرين نه ڇڏيندا، اهڙي لکڻيءَ جي لکندڙ کي ئي ليکڪا ۽ اديب ليکبو آهي.“
    سندس ڪتاب ’آءٌ اڪيلي‘ تي ’سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ‘ طرفان انعام پڻ ملي چُڪو آهي. هن جي سنگيت سان ايتري دلچسپي آهي، جو هن ممبئيءَ ۾ باقاعدي سنگيت جي سکيا ورتي ۽ سندس گائيڪيءَ جو انداز پڻ وڻندڙ آهي، هوءَ ’سيتا سنڌو ڀون‘ ممبئيءَ ۾ پنهنجي وَر ٺاڪر چاولا سان گڏجي هر پندرهين ڏينهن سنڌي ثقافتي شو ڪرائيندي رهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ دنيا جا ناليوارا فنڪار سنڌي ڪلام ڳائي چُڪا آهن. اهڙيءَ طرح پارو چاولا جا ڪيترا سنڌي ڪلام ڀارت ’ريڊيو‘ ۽ ’دُور درشن‘ ٽي. وي تان نشر ٿيندا رهيا آهن. هن شاهه لطيف، سچل سرمست، بلهي شاهه، سامي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، موتي پرڪاش، پرڀو وفا، تاجل بيوس ۽ ٻين شاعرن کي ڳايو آهي. پارو چاولا فيبروري 2001ع ۾ پنهنجي وَر ٺاڪر چاولا سان گڏ سنڌ پڻ آئي هُئي، جتي هنن ٻنهي زال مڙس ڌرتيءَ کي سجدو ڪيو هو، ۽ ٺاڪر چاولا سنڌ جو سفرنامو ’تون سنڌ ۾ رهي پئو‘ لکيو، جنهن ۾ ٻنهي زال مڙس 15 ڏينهن سنڌ ۾ رهي، جيڪو پيار پاتو هو، ان جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. ٺاڪر چاولا پاران جاري ڪيل ادبي مخزن ’سپون‘ ۾ پارو چاولا به سندس سهڪاري رهي. پارو چاولا کي ’رام پنجواڻي‘ آشرم جي سيوا جي خدمت طور سائين جي.ايم سيد ميموريل ڪميٽيءَ پاران ’جي.ايم سيد‘ اوارڊ پڻ ملي چُڪو آهي. هفتيوار اخبار ’هندواسي‘ جي ايڊيٽر شوڀا لعلچنداڻي سندس نياڻي آهي، جا پڻ سنڌيت جي جذبي سان سرشار آهي. سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪندڙ هي سدا بهار جوڙو هن وقت اسان جي وچ ۾ موجود ناهي رهيو، پر سندن لکڻيون سدائين اسان جي رهنمائي ڪنديون رهنديون.


    نَه سي وونئڻ وڻن ۾ : پوپٽي هيراننداڻي

    سنڌ ۽ هند جي بيباڪ ليکڪا، ڪهاڻيڪاره، ناول نگار، نقاد، اسڪالر، ۽ شاعره پوپٽي هيراننداڻي، 17 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ رامچند هيراننداڻيءَ جي گهر ۾ ڄائي. حيدرآباد ان وقت ادب جو مرڪز هوندو هو. هن جو تعلق حيدرآباد جي عامل خاندان سان هو. سندس والد فاريسٽ ڊپارٽمنٽ ۾ گشتي نوڪري ڪندو هو، جنهن سان گڏ هن ننڍپڻ ۾ سنڌ جا ڳوٺ گهميا هئا، ۽ انهن ڳوٺن جي سادگي، پيار، پنهنجائپ ۽ آئي جي آڌرڀاءُ جا وهنوار هن جي ذهن تي نقش بڻجي چٽجي ويا هئا. هوءَ اڃا ڏهن سالن جي مس هئي ته سندس پيءُ جو سايو مٿان لهي ويو، ان بعد هن پنهنجي جيئڻ جو مقصد پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي شعوري تربيت بڻائي ڇڏيو، انهيءَ مقصد خاطر هن پنهنجي خوشين جو ٻليدان پڻ ڏنو. پوپٽي ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ان ئي اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر ٿي، پر هن جي اندر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي حسرت پوءِ به زنده رهي، ۽ هوءَ صبح جو اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ سان گڏ، شام جو ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳي. فارسي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ هن کي شروع کان ئي دلچسپي هئي. بي. اي جي امتحان ۾ هن انگريزي ۽ سنڌيءَ سان گڏ سنسڪرت ۽ هندي به کنئي. پوپٽي حيدرآباد جي هوائن سان پنهنجو پاڻ کي پرڀائيندي وڏي ٿي هئي، ۽ هوءَ جوانيءَ جا ڏاڪا مس چڙهي ته هند ۽ سنڌ جو ورهاڱو ٿيو. هي اهڙو ورهاڱو هو، جنهن ۾ ڌرتي ڌڻين کان ڌرتي ڇڏائي وئي هئي، سنڌ جي شعور کي زوري سنڌ مان تڙيو ويو هو، انهن سڄاڻ سنڌين ۾ پوپٽيءَ جي خاندان کي به سنڌ ڇڏڻي پئي هئي. پوپٽي جي سنڌ ڇڏڻ جو سمورو احوال سندس آتم ڪٿا جي ڪتاب ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ ۾ درج ٿيل آهي. پوپٽي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ نه رڳو پنهنجي سنڌ ڇڏڻ جو داستان چٽيو آهي، پر سندس هي آتم ڪٿا سنڌ مان تڙجي نڪرندڙ سڀني سنڌين جي درد جو داستان آهي، ۽ سنڌ جي ورهاڱي جو هڪ ڀرپور دستاويز پڻ آهي. ان کانسواءِ هن آتم ڪٿا ۾ هُن ڪيترن ئي اڻ وڻندڙ واقعن جو به ذڪر ڪيو آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
    ”پوپٽي پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ نوڪريءَ جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ جنهن ڳالهه کي اهميت ڏني آهي، سو آهي اڪثر مردن جو بداخلاقيءَ وارو رويو. اديب ساٿين ۾ به ڪي اهڙا ماڻهو مليا جن هلڪڙائپ جو مظاهرو ڪيو، ان تي پوپٽيءَ جو ردعمل سڀاويڪ آهي“.
    (جوڻيجو، عبدالجبار ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جُلد ٽيون، ص: 161
    پوپٽي ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ ممبئيءَ ۾ ماستري شروع ڪئي. 1960ع ۾ نيشنل ڪاليج باندرا ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ مقرر ٿي، ۽ ساڳئي وقت هوءَ ڪامرس ڪاليج چرچ گيٽ ۾ به پارٽ ٽائيم پروفيسر مقرر ٿي، ۽ پروفيسر جي عهدي تان ئي رٽائر ڪيائين.
    پوپٽي هيراننداڻيءَ ننڍپڻ کان ئي بُردبار قسم جي ۽ خوددار عورت هئي، هن جڏهن پيار ۾ سوديبازي ٿيندي ڏٺي ته کُلي عام بغاوت ڪئي، ڇو ته هندستان ۾ اڄ تائين اهو رواج آهي ته ڪنهن به ڇوڪريءَ جي شادي ٿيندي آهي، ته ان ۾ گهوٽيتن طرفان تمام گهڻو ڏاج ورتو ويندو آهي، ان حد تائين جو جيڪڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار چونئري جا ڦيرا کائيندي به جي گهوٽ ڏاج تي اعتراض واريو ته هو چونئري اڌ ۾ ڇڏي هليو ويندو آهي. جڏهن پوپٽيءَ جي شادي لاءِ گهوٽيتن پاران ڏاج جي گهر ڪئي وئي ته، پوپٽي صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته: ’هو مون کي به وٺن ٿا ۽ ڏاج به!‘ اهڙي ريت پوپٽيءَ جو اهو پيار پروان نه چڙهي سگهيو، ۽ پوءِ هن سڄي زندگي شادي نه ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيو. پوپٽي ’ڪونج‘ رسالي کي انٽرويو ڏيندي پيار جي سوال جي جواب ۾ چيو هو ته:
    ”پيار هڪ جذبات جو نالو آهي، ان جذبات لاءِ عمر ۽ فرصت، رڪاوٽ ۽ سهوليت، يا ملڻ ۽ وڇوڙي جو هڪ قسم جو سلسلو اهي ٽي ڳالهيون ضروري آهن.“
    پوپٽي پنهنجي لکڻ جي شروعات جي حوالي سان ساڳئي انٽرويو ۾ جواب ڏيندي چيو ته:
    ”شروعات ۾ مان هنديءَ ۾ ئي لکندي هيس، بعد ۾ هندي ڪهاڻين مان adopt ڪري ڪي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکيون هئم. انهن ڪهاڻين کي ڇپجڻ جو موقعو ملي ويو هو، ان ڪري مان سڃاڻپ ۾ آيس نه ته مان شعر لکي پاڻ ئي پڙهندي هيس. گهر جي ڀاتين مان ڀيڻ کي ڇڏي ٻين کي منهنجين لکڻين جي خبر ئي ڪينهي. صرف خبر اٿن ته مان ڪتاب لکندي آهيان! انهن وٽان اُتساه ملڻ جو ته سوال ئي نٿو اُٿي. مون وٽ ڪو به نظريو ڪينهي، چوطرف ڦهليل زندگيءَ ۾ ڪجهه سهڻو يا نهايت ئي ڪجهه ڪئوڙو محسوس ٿيندو آهي ته قلم کڻندي آهيان.“ ساڳئي انٽرويو ۾ هوءَ هڪ سوال جي جواب ۾ چوي ٿي ته: ”قوم خاطر پنهنجي وت آهر ڪُجهه نه ڪُجهه ڪرڻ پنهنجو ڌرم سمجهان ٿي.“
    (پوپٽي جو هي انٽرويو بعد ۾ سنڌ مان نڪرندڙ عورتن جي رسالي ’سرتيون‘ ۾ جنوري 2006ع ۾ ڇپيو)
    پوپٽي بنا ڪنهن اُتساهه ملڻ جي بنا ڪنهن همت افزائيءَ جي تسلسل سان تمام گهڻو لکيو ۽ سڀني صنفن ۾ هن ڀرپور نباه ڪيو. هن زندگيءَ جي سمورين ڪڙاين توڙي مِٺاين کي پنهنجي لکڻين جي آڌار عام تائين آندو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ کوڙ سارا ملڪ گهمي ڏٺا، کوڙ سارا مشاهدا ماڻيائين، جنهن ڪري سندس لکڻين ۾ رنگيني محسوس ٿئي ٿي. هوءَ اها بيباڪ ليکڪا آهي، جنهن ادب جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. جن ۾ ڪهاڻيون، ناول، مضمون، خاڪا، سفرناما، شاعري، آتم ڪٿا، ادبي تاريخ ۽ لسانيات ۽ تنقيد اچي وڃن ٿا، پر سندس سڃاڻپ ڪهاڻيون ۽ ناول بڻيا، جن ۾ هن اهڙن ته وڻندڙ ڪردارن ۽ موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي، جو پڙهندڙ ان ڪردار جي تهه تائين پهچيو وڃي. هونئن به سندس لکڻي دلچسپ، رومانوي ۽ سادگيءَ سان ڀرپور هئڻ ڪري دلڪش آهي، ۽ هن نثر ۾ ٻوليءَ جو اسلوب نهايت ئي سادو رکيو آهي، اهو هن شعوري طور رکيو آهي، يا لاشعوري طور هن جي لکڻيءَ جو اهڙو سلسلو جڙيو آهي. بهرحال جيئن به آهي، ڏاڍو لطف اندوز آهي. اهڙي ريت هن ڳاڻيٽي کان گهڻا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ وڌا آهن. سندس آخري ڪتاب ’سچ ٿا مرد چون‘ آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جا ڪي اهڙا واقعا نهايت ئي زنده دليءَ سان بيان ڪيا آهن، جيڪي اڄ تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن. اهڙي ريت سندس ٻين ڪتابن ۾ ’سنڌي ڪالهه ۽ اڄ‘، ’ماڻڪ موتي لعل‘، ’شاهه جون سورميون‘، ’زنده سا قوم رهندي‘، ’شاهه: سنڌي تهذيب جو روح‘ سندس اهم ترين ڪتابن ۾ ڳڻيا ويندا آهن. هنن ڪتابن ۾ هن سنڌ، سنڌي قوم، شاه لطيف تي نهايت ئي گهرائيءَ سان روشني وڌي آهي، ۽ ’ماڻڪ موتي لعل‘ ڪتاب ۾ پوپٽيءَ ڪيترين ئي نامور شخصيتن، عالمن، اديبن، بزرگن، درويشن تعليمي ماهرن، سماج سڌارڪن جا خاڪا لکيا آهن، هن خاڪا لکڻ مهل پنهنجي ذهن کان هڪ آرٽسٽ وارو ڪم ورتو آهي، هي خاڪا ايئن محسوس ٿا ٿين، ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ انهن شخصيتن جا چِتر چِٽيا هجن. سندس هنن ڪتابن کي پڙهڻ سان پتو پئي ٿو ته هو واقعي ڪلاڪار هئي، ۽ ڪلا جا سمورا گُڻ ڄاڻندي هئي. پوپٽي هيراننداڻيءَ جي وڇوڙي تي سنڌ جي نامور ليکاري رکيل مورائي لکيو هو ته:
    ”عورتن ليکڪائن جي پهرين ٽمورتي، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي ۽ ريٽا شهاڻي ئي لکي ۽ ليکي ويندي آهي، باقي ليکڪائون پوءِ ٿيون اچن، ڪيتريون محبتون ماڻيائين، ڪيتريون ئي مخالفتون ڀوڳيائين، تنقيدن جا تير سٺائين، هند ۽ سنڌ ۾ هڪ ليکڪا طور گهڻي گهڻي مڃتا ماڻيائين، سترهين ڊسمبر ٻه هزار پنج تي ممبئيءَ جهڙي مهانگريءَ ۾ سنڌ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي دم ڏنائين ۽ بس!“
    پوپٽي پنهنجي لکڻين جي عيوض کوڙ ساريون تنقيدون برداشت ڪيون، پر پوءِ به هن لکڻ کان فراريت ڪونه ورتي ۽ هوءَ مسلسل لکندي رهي ۽ بيباڪيءَ سان قلم جي نوڪ سان انصاف ڪندي رهي ۽ سماجي اوڻاين کي وائکو ڪندي رهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
    ڪهاڻيون:
    (1) رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون (1953ع)، (2) پڪار (1953ع)، (3) ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو (1967ع)، (4) مون تو کي پيار ڪيو (1975ع، 1984ع ۽ 1991ع: ٽي ڇاپا)، (5) شهناز (1973ع )، (6) خزان جو دؤر پورو ٿيو (1976ع)، (7) زندگي نه ڪوتا، نه ڪهاڻي (1985ع)، (8) هُت توهين هِت اسين (1988ع)، (9) زندگيءَ جي ڦوٽڙي (1993ع)، (10) سرهي مشڪ (ننڍيون ڪهاڻيون: 1996ع)، (11) پوپٽي ني شريسٽ ڪهانيان (مراٺيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون: 1983ع)، (12) ڪفن ڊهکي زندگي مين (هندي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون: 1985ع)، (13)Coward (انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون: 1987ع)، (14) چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب: هيري شيوڪاڻيءَ سان گڏ 2001ع).
    ناول:
    (1) منجو(1950ع)، (2) حسرتن جي تربت(1961ع)، (3) جيءَ ۾ جهوري، تن ۾ تات (1966ع)، (4) سيلاب زندگيءَ جو(1981ع 1982ع ۽ 1996ع: ٽي ڇاپا).
    مضمونن جا مجموعا، تحقيقي ڪتاب ۽ آتم ڪٿا:
    (1) هڪ پشپ پندرهن پنکڙيون (1962ع)، (2) ڀارت جي استري (1963ع)، (3) مان ڇا آهيان (ويدانيت جي سمجهاڻي)، (4) چرڻ چڻڪن چت ۾ (مضمون:1971ع)، (5) زنده سا قوم رهندي (سنڌي مضمون: 1976ع)، (6) ٻولي منهنجي ماءُ (1977ع)، (7) روح سندي رڃ، (8) ڀاشا شاستر (1962ع)، (9) سنڌي ساهت جي جهلڪ (1974ع)، (10) عزيز- شخص ۽ عالم (1978ع)، (11) سنڌي مسلمان ڪوين جي هنديءَ ۾ ڪوتا (1981ع)، (12). سنڌي ٻولي 1970ع، (13) شاهه: سنڌي تهذيب جو روح (1983ع)، (14). تنقيدي مضمون (1983ع)، (15) سنڌي ڪالهه ۽ اڄ (1985ع)، (16) ڏهن ڏينهن ۾ سنڌي سکو (1977ع، 1982ع، 1984ع، 1985ع، 1991ع؛ پنج ڇاپا)، (17) سنڌي ريتون رسـمـون ۽ رواج (1998ع)، (18) سـنڌي شـادي، نـرتـيه نـاٽـڪ (1988ع)، (19) سنڌي نرتيه ناٽڪائون ۽ ڀڳت (2001ع)، (20) سنڌوءَ کان گنگا جمنا (خط، شعر، مضمون ۽ انٽرويو: 1991ع)، (21) راڻي پدمڻي (ناٽڪ: 1984ع)، (22) سنڌي هستيون (1980ع)، (23) ماڻڪ موتي لال (شخصيتون: 1993ع)، (24) منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق (آتم ڪٿا: 1981ع، 1982ع، 1992ع، 1993ع، چار ڇاپا)، (25)Sindhi’s- The Scattered Treasure (1980)، (26) ڏاهي مَ ٿيان (مضمون: 2001ع)، (27) History of Sindhi Literature (1984ع)، (28) شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون، (29)
    سچ ٿا مرد چون (1997ع).
    شاعري:
    (1). روح سندي رڃ (شاعري: 1976ع)، (2). مان سنڌڻ (1982ع)، (3). دن هيٺان دٻلي، (4).(I Belong to Island (Poetry).
    ترجما:
    (1) شريمند ڀاڳوت (انگريزيءَ مان ترجمو: 1961ع: پنج ڇاپا)، (2) ڪبير (انگريزيءَ مان ترجمو: 1966ع)، (3) وويڪانند جي جيوني (هنديءَ مان ترجمو: 1963ع) اچي وڃن ٿا. جن ۾ ڪيترائي سنڌ ۾ پڻ ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. خاص ڪري سندس آتم ڪٿا ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.
    پوپٽي سڄي زندگي لکڻ کي عبادت سمجهي لکندي رهي، ۽ گڏو گڏ هن اڌ دنيا به گهمي ڏٺي، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند کان علاوه سينگاپور، هانگ ڪانگ، بئنڪاڪ، جاپان، ملائيشيا، انڊونيشيا، انگلنڊ، فرانس ۽ ڪئنري ٻيٽ وغيره اچي وڃن ٿا. هن سنڌي ٻوليءَ جي پرچار پوري هندستان ۾ ڪئي، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ ۾ شامل رهي. سنگيت سان سندس گهاٽو سنٻنڌ رهيو ۽ هوءَ هڪ بهترين نقاد پڻ هئي، الهاس ننگر ۽ ممبئيءَ جي ادبي ڪلاسن ۾ توڙي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت دوران بيباڪي سان تنقيد ڪندي هئي. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا سان آخر تائين لاڳاپيل رهي. هن کي ادبي مڃتاطور ڪيترائي اعزاز پڻ مليا. پوپٽيءَ جي زندگيءَ تي ڪونج خاص نمبر (1975) ڪڍيو ۽ جگديش لڇاڻيءَ ۽ منوهر بيديءَ سندس شخصيت تي ريڊيو، ٽي. وي اســڪرپٽ ’پوپٽي، پو- ڦٽي‘ (1990ع) شايع ڪيو. ان کانسواءِ کيس ڪيترن ئي اوارڊن سان نوازيو ويو جن ۾ (1) ساهتيه اڪادمي اوارڊ (1982ع) آتم ڪٿا تي، (2) ادبي خدمتن تي ’گرو پرسڪار‘ (1990ع) مهاراشٽر حڪومت پاران، (3) اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا پاران ’هڪ پشپ ۽ پنج پنکڙيون‘ ڪتاب تي اوارڊ (1998ع)، (5) انٽرنيشنل لطيف اوارڊ (1990ع)، سدائين گڏ سنڌي ايسوسيئيشن پاران، (6) سنڌي نو رتن (1993ع) سنڌي ڪلچرل ايسوسيئيشن ممبئيءَ پاران. شامل آهن.
    پوپٽي هيراننداڻيءَ زندگيءَ جو گهڻو عرصو بيمارين سان جهيڙيندي رهي، ۽ آخر 16 ڊسمبر 2005ع تي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺي.
    نَه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪَاتارِيُون،
    پَسِئو بازاريون، هِينئَڙو مُون لُوڻ ٿِئي.


    مان هڪ سِنڌڻ : رشمي راماڻي

    سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ليکڪا، شاعره، مترجم رشمي راماڻي، پهرين اپريل 1960ع تي وِدشا (انڊور) ۾ جنم ورتو. سندس والد ليلا رام ڀاڳچنداڻي (جنم: 1932ع، ٺارو شاهه) ماتا لاڄونتي (جنم: 1939ع، سکر) سنڌ جا رهاڪو هئا. پر 1947ع جي ورهاڱي ۾ پنهنجو ديس ڇڏڻو پيو هو، جنهن ڪري رشمي راماڻيءَ جو جنم هندستان جي سرزمين جي حصي ۾ آيو. هوءَ جيئن ته هندستان ۾ ڄائي وڏي ٿي، تنهن ڪري هن ايم.اي (هندي ادب) ۾ ڪئي. هوءَ هڪ ئي وقت پنجابي، بينگالي، مراٺي، اُڙيا، ڪنڙ، انگريزي ۽ سنڌيءَ ٻولين ۾ لکندڙ ليکڪا آهي، هن جون ڪوِتائون سنڌ ۽ هند جي مشهور مخزنن ۾ ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪيون آهن. هوءَ شروع ۾ هنديءَ ۾ لکندي هئي ۽ سندس ٻن ڪتابن ”ساز چپ هين“ ۽ ”بيتي هوئي دن“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي هئي، پر هن اوچتو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن موڙ کاڌو. ان حوالي سان پاڻ هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته:
    ”هڪ ادبي سيمينار دوران ڪنهن طنز ڪئي ته ’سنڌين جو به ڪوئي لٽريچر آهي ڇا؟‘ ته منهنجي اندر ۾ ڇپيل ’سنڌڻ‘ جاڳي پئي ۽ مون جواب ڏنو: ڇو نه آهي سنڌين جو لٽريچر؟ سنڌي هڪ مهذب قوم آهي، جنهن جي عظمت جا نشان آهن موهن جو دڙو ۽ سنڌوندي! جنهن عظيم سنڌوءَ، نالو ۽ سڃاڻپ بخشي آهي ’انڊيا‘ کي“
    اهڙي ريت سنڌيت جي جذبي هن جو لاڙو سنڌي ٻوليءَ ڏانهن ڪرايو، ۽ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي هن پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو ته وسيع پسمنظر رکندڙ هن ٻوليءَ ۾ هُن کي ڪيتريون ئي تشبيهون ٺهيل ٺُڪيل مليون، جن جي خوبصورتي، هن ڪائنات جيتري وُسعت رکندڙ آهي ۽ پوءِ هن سنڌي ڪوِتا سان اهڙو ته ناتو ڳنڍيو، جنهن جي تڪميل نه هُن پئي چاهي ۽ نه سنڌي ٻوليءَ جي وسيع دامن هُن کي پاڻ کان پري ٿيڻ ڏنو، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ شاعريءَ جا ٽي ڪتاب: ”پڃريو“ (1991ع)، ”ڪڏهن ڪڏهن“ (1991ع) ۽ ”مان هڪ سنڌڻ“ (05-2004ع) وجهي، سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ جُدا حيثيت قائم ڪري ورتي. هن نه رُڳو سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، پر هن هنديءَ ۾ ماهر هئڻ ناتي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪيترن ڪتابن جو هنديءَ ۾ ترجمو پڻ ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي ۽ ٻهڳڻي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر، ڪرشن کٽواڻيءَ جا ٽي ناول ۽ در جنين ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن، وٽس ترجمي جو سهڻو ڏانءُ آهي ۽ ٻنهيءَ ٻولين تي عبور هئڻ ڪري ترجمي جي ٻولي/اسلوب وڻندڙ آهي. رشمي جڏهن اڃا سنڌ کي صرف سپنن ۾ ڏٺو هو، هُن تڏهن ئي سنڌ کي شاعريءَ ۾ سُندرتا بخشي هئي، پر جڏهن هوءَ 2004ع ۾ سنڌ ياترا تي آئي هئي ۽ سنڌ جي مقدس مٽيءَ جو واس وٺي جڏهن هوءَ واپس وري هئي ته هوءَ هندستان جي اُها رشمي ڪٿي رهي هئي، جنهن کي هندي ڪوِتائن جي مڃتا طور ڪيترائي مانُ سمان مليا هئا، پر هوءَ ته سرزمين سنڌ جي اهڙي سٻاجهي ڌيءَ بڻجي واپس وري هئي، جو هُن جي دل جي هر ڌڙڪن سنڌ بڻجي وئي هئي، هُن تنبوري جي تار تي لطيف جون وايون ٻُڌيون هيون ته هُن جي اندر جي حقيقي سنڌڻ جاڳي پئي هئي، جنهن سنڌڻ ڪيترو ئي عرصو سنڌ جا سپنا پنهنجي اندر ۾ سرجيا هئا ۽ پوءِ انهن سپنن کي ساڀيان تڏهن ئي ملي هئي، جڏهن هُن سکر ۽ ساڌ ٻيلي کان گُذري موهن جي دڙي جي مٽيءَ کي سجدو ڪيو هو. هُن اهو سجدو موهن جي دڙي کي ڪيو هو يا سنڌو سڀيتا جي انهيءَ تهذيب کي ڪيو هو، جنهن تهذيب کي امن جي تهذيب سڏيو وڃي ٿو ۽ پوءِ هُن جيڪا شاعري ڪئي، انهيءَ شاعريءَ ۾ ڪيئن سنڌ سمايل آهي، يا هوءَ سنڌ ۾ سمائجي وئي آهي، سندس هيءُ ڪوِتا آءٌ پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊيان ٿو، جنهن ۾ پوري سنڌ رقص ڪندي نظر اچي ٿي.
    توکي ڏسڻ کان پوءِ،
    ڌرتي
    اننت ٿي ويئي آهي منهنجي لاءِ
    بس ڇُهڻ جيتري پري آهين تون،
    ڪينجهر جي چانڊوڪي رات ۾ نوريءُ کي
    ياد ڪندي،
    ملير جا اداس ميدان ڏسندي،
    خاموش ريگستان ۾،
    موري جي ٻنين ۾ سکر جي گهٽين ۾،
    زنده پير جي غيبي آسمان ڏانهن نهاريندي،
    ڀٽ شاهه ۾ وائي ٻڌندي،
    سنڌ جي پيچرن ۾ ڀٽڪي ٿو،
    منهنجو من،
    پنهنجي وطن ۾ واپس اچڻ کان پوءِ،
    سچ پچ
    هاڻي ٿو محسوس ٿئي،
    مان به آهيان،
    هڪ جلاوطن،
    جلاوطن،
    جلاوطن،
    ورهاڱي جو ناسُور.
    مُڪتي
    تاريخ جو هيءُ ڪهڙو مقام آهي؟
    جتي اسان وري مليا آهيون،
    موهن جي دڙي جي هنن کنڊرن ۾،
    دفن آهي اُها مهان سنسڪرتي،
    جنهن جي نمائندگي ڪندي،
    خوشيءَ سان سدائين مرڪندا هئا تنهنجا چپ،
    سنڌوءَ جي ڇولين جي لُڇ هئي،
    تنهنجي بدن ۾،
    ننڊ ۾ ٿڙڪندا هئا تنهنجا پير
    موهن جي دڙي جي گم شده نرتڪي!
    هزارن سالن کان پوءِ
    اڄ تون اوچتو مون سان ملي آهين،
    سسي ويئي آهي سنڌو،
    الائي ڪهڙيءَ اڻتڻ ۾ محو آهي مهراڻ؟
    ميرانجهڙي آڪاس جي اداسي،
    اسٽوپا جي خاموشي،
    سمائجي ويئي آهي هوا ۾
    بيچئن ٿي رهيو آهي منهنجو من،
    سياري جي ٻيهريءَ ۾،
    ويران گهٽين ۾ ڀٽڪندي، ٿاٻڙجندي،
    ٿڪجي پيا آهن، منهنجا پير،
    رتو رت آتما ۽ ٽٽل هِردو،
    هراسجي ويا آهن.
    گذريل ڏينهن جي ڳولا ۾،
    ياد ٿو اچي،
    زندگي جڏهن ٻڏي ويئي هئي موت جي نديءَ
    ۾،
    وڇڙ جي وياسين اسان به،
    شايد هميشه، هميشه لاءِ !
    پر،
    تنهنجيءَ تلاش ۾ مون ورتا ڪيئي جنم،
    سڄي سنسار ۾ ڀٽڪندي رهيس،
    صدين تائين،
    اچ!
    مون سان ڀاڪر پاءِ!
    اڄ مڪت ٿي وڃان مان،
    هر ٻنڌن کان!
    هيءُ شاعريءَ ناهي، هيءُ سنڌ سان لازوال محبت جي اهڙي ڪٿا آهي، جنهن ۾ سمايل آهي، سنڌوءَ جو امرت! سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ شاعر تاج جويو رشميءَ جي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:
    ”رشمي راماڻي پنهنجي شاعريءِ جي سفر ۾ سنجيدگيءَ پختگيءَ ۽ گنڀيرتا سان اڳتي وڌي رهي آهي، هن جي شاعريءَ ۾ خيال جي اصليت، اظهار جي تخليقيت، احساسن جي سچائي ۽ صبح جي ڪرڻن واري تازگي موجود آهي، هن وٽ مٺا مٺا، سهڻا ۽ سرها لفظ گهڻا آهن ۽ وٽس هڪ خاص لفظيات (شبداولي-Vocabuloury ) به آهي، جنهن ۾ خوبصورت خواب/سپنا، گل، شبنم، لڙڪن جي آلاڻ، خاموش سڏڪا، ستارا، چنڊ، رات، اُفق، شفق، سج، سج جا نرم ۽ ملائم ڪرڻا، سرءُ پکي، لاتيون، پيار، مرڪ، انتظار، وڇوڙو، ننڊ، بادل، سمنڊ، سنگيت، ڪروڻا، اڇا، وشواس، روشني، انڌيرو، زندگي، موت خاموشي، برسات، اتهاس، تاريخ، جاگرافي، ورهاڱو، ناسور، اڪيلائي، رستا ۽ ٻيا لفظ شامل آهن، جن جو ورجاءُ ڪٿي ته ڏاڍو وڻندڙ ۽ موهيندڙ لڳي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي اُنهن جو لڳاتار استعمال ۽ تفصيلي اظهار ساڳيائپ جو احساس اُڀاري ٿو، جنهن کان کيس پاسو ڪرڻ گهرجي“.
    اهڙيون ڪيتريون ڪوِتائون سندس ڪتاب ’مان هڪ سنڌڻ‘ ۾ ڇپيل آهن، جنهن ۾ سنڌ سان محبت ۽ عقيدت جو اظهار ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ پهريون ڀيرو هندستان ۾ 2005ع ۾ ڇپيو هو، پر هوءَ جڏهن ڊسمبر 2004ع ۾ سنڌ آئي هئي ته هن ڪتاب جون 20 ڪاپيون تيار ڪرائي کڻي آئي هئي، جنهن جو مهورت 17 ڊسمبر 2004ع تي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سگهاري شاعر ارجن حاسد هٿان ٿيو هو. اهو سنڌ جو سڀاڳ چئجي يا رشمي جو عقيدو، جو هن ڪتاب جو مهورت سنڌ جي حصي ۾ آيو. ان کانسواءِ سندس ڪيتري شاعري ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجي چُڪي آهي. کيس هند ۾ مڃتاطور ڪيترائي اعزاز ۽ اوارڊ ملي چُڪا آهن جن ۾: سنمان: ورڻ مالا، اُڙيسا طرفان اُديه ڀارتي راشٽريه ڪويتا پرسڪار، 1994ع، سنڌُوتن، يُوا سنڌي ليکڪ سنمان، هرومل ريجهواڻي حير، سنڌي ليکڪ سنمان 1998ع، ڪيندريه هندي نديشاليه جو غير هندي ليکڪ جو راشترپتيءَ طرفان سنمان، راشتريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد، ڀارت سرڪار جو اَوارڊ اهم آهن. ان کانسواءِ هوءَ ڪيترن ادارن جي ميمبر پڻ رهي چُڪي آهي، جن ۾: مڌيه پرديش سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ جي ميمبر، ساهتيه اڪيڊمي نئين دهليءَ جي سنڌي ائڊوائيزري بورڊ جي ميمبر شامل آهن.
    هوءَ هن وقت سرورديه نگر، انڊور (مڌيه پرديش) ۾ رهائش پذير آهي.


    قربانيءَ جي ديوي : ڊاڪٽر روما پرڪاش جئسنگهاڻي

    هند جي ناليواري ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ترجمي نگار، شاعره ۽ محقق ڊاڪٽر روما پرڪاش جئسنگهاڻي. هن ايم. اي (سنڌي ادب) ايم.اي (انگريزي ادب)، هنديءَ ۾ ساهتيه رتن ۽ پي.ايڇ ڊي سنڌيءَ ۾ 2016ع ۾ ڪئي. هن ڪيتري شاعري ڪئي آهي ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن، ڪجهه ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا آهن ۽ ڪيترائي پيپر مختلف سيمينارن ۾ پيش ڪري چُڪي آهي، جيڪي موضوع جي لحاظ کان نهايت اهميت جوڳا آهن. روما شاعريءَ جي ڊوڙ ۾گهڻو اڳتي نڪري چُڪي آهي، وٽس خيال جي اُڻت، ٻوليءَ جو حُسن، تشبيهه جي چُونڊ، موضوع جي انفراديت آهي، هن ڪيترائي اهڙا شعر تخليق ڪيا آهن، جن کي پڙهندي دل جُهمريون پائڻ لڳي ٿي ۽ خاص طور هن جيڪي شعر سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي منظرنگاري ڪندي لکيا آهن، اُنهن ۾ ته واقعي ’نئين سنڌ‘ جرڪندي نظر اچي ٿي، سندس ڪيترا شعر مشهور ٿيا آهن جن ۾: ”سنڌي ٻولي زنده باد“، سُهڻي سنڌي مٺڙي سنڌي“، ”آ ٻچڙا آ ته توکي سنڌي مان سيکاريان“، ”واهه خدا تنهنجي خدائي“، ”ماءُ جي ممتا ۽ پيءُ جو پيار“، ”امبا جو وڻ“ شاهڪار آهن. سندس ڪيترا شعر يوٽيوب تي رڪارڊ ٿيل موجود آهن. هونئن ته سندس سڄي شاعريءَ ۾ محبتن جون سنڌو ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو، پر ’ماءُ‘ جي ممتا جي جذبي تي هن جيڪا شاعري ڪئي آهي، ان مان ڪي محبت جون ڪڻيون پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊ ڪريان ٿو:
    پکيئڙا او پکيئڙا، پکيئڙا او پکيئڙا!
    پکيئڙا تون وڃ اُڏامي سرڳ ڌام ڏي.
    اُتي وڃي ڳولهجان منهنجي مٺڙي ماءُ کي.
    پکيئڙا او پکيئڙا!
    سڀ کان پهرين پَر پَساري هٿڙا جوڙجانءِ،
    سِر جُهڪائي مٺي امان جا پير چُمجانءِ.
    پکيئڙا او پکيئڙا!
    منهنجي زندگيءَ جو حال تون ان سان اورجانءِ،
    منهنجي دل جي وڇوڙن جون ڳالهيون، اُن سان تون ڪجانءِ.
    پکيئڙا او پکيئڙا!
    ٻچڙي تنهنجي پل پل روئي ڳوڙها ٿي ڳاڙهي،
    توبِن ڪيئن هُو پنهنجو جيون گذاري.
    پکيئڙا او پکيئڙا!
    تون ته اهڙي ڪٺور نه هُئين او مٺي!
    ڇو ڀلا تون آئين هتي سڀني کان رُسي.
    پکيئڙا او پکيئڙا!
    عرض ڪري امڙ مٺڙيءَ کي تون مڃائجانءِ،
    ضد جي ڪري ته به جيجل مٺڙيءَ کي ريجهائجانءِ.
    پکيئڙا او پکيئڙا!
    قسم توکي خدا جو اڪيلو نه موٽجانءِ،
    پنهنجي ڪومل پرن تي ويهاري تون اچجانءِ.
    پکيئڙا او پکيئڙا!
    ماءُ هڪ جذبو آهي، اهڙو جذبو، جنهن کان ڪير به انڪار نه ڪري سگهي، پر اسان جي روما ان مٺڙي جذبي کي لفظن ۾ جيئن پِرويو آهي، ايئن شايد ڪو ٻيو پِروئي سگهيو هجي. هي ڪهڙو تصور آهي، جنهن کي روما پنهنجي وسيع ذهانت سان چِٽيو آهي، هي ڪهڙو درد آهي، جيڪو هن جي قلم مان پيار جو جام بڻجي نوش ٿيو آهي، هي ڪهڙي محبت جي ڌارا آهي، جيڪا سنڌو بڻجي وَهي آهي. هر تشبيهه ٻيءَ کان سگهاري، هر تشبيهه ۾ اِلتجا، هر تشبيهه ۾ پيار ۽ پريرڻا، هر لفظ ۾ ماٺيڻائپ، سچ ته سندس هيءُ سٽون پڙهي هر ماڻهوءَ جو اکيون آليون ٿي پونديون، ڇاڪاڻ جو ماءُ جي ممتا جي جذبي اڳيان ته پيار جا به سمورا جذبا مات کائي ويندا آهن. ساڳئي پسمنظر ۾ سندس هيءُ شعر ’راب راضي ڪريان‘ به شاهڪار آهي، هن ۾ هُوءَ خدا سان مخاطب ٿيل ٿي ڏسجي:
    واپس ڏي مون کي منهنجي جيجل ماءُ،
    موٽائي ڏي مون کي منهنجي پياري ماءُ،
    او خدا او خدا!
    اَرٿي امڙ جي هُئي، اکڙين ۾ منهنجي هو پاڻي،
    ڪيئن توبِن مان رَهان او جيجل مٺڙي منهنجي نماڻي،
    ڇَلني ٿيو آ سينو منهنجو ۽ دلڙي ٿي آ منهنجي زخمي،
    ڪير اِهي منهنجا زخم ڀريندو؟ او منهنجي مٺڙي ممي،
    واپس ڏي مون کي منهنجي جيجل ماءُ،
    موٽائي ڏي مون کي منهنجي پياري ماءُ،
    او خدا او خدا!
    روما جا ڪي گيت سنڌي فلمن ۾ پڻ آيل آهن. هونئن به چيو ويندو آهي ته تخليقڪار خدا کي ويجهو هوندو آهي ۽ اُهو ان ڪري به خدا سان حُجت ڪندو آهي، جو خدا خود تخليقڪار آهي. هن ۾ به ماءُ جي سِڪ، تڙپ، بيچيني ۽ بيقراريءَ جي منظر نگاري ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح روما جي سڄي شاعري درد ۽ محبت جو گڏيل سنگم آهي، جنهن مان نه محبت جي ڪَٿ ڪري ٿي سگهجي، نه درد کي ماپي ٿو سگهجي. وٽس لفظن جو ڀنڊار ۽ تشبيهن جو نه کُٽندڙ سلسلو آهي. اهڙيءَ ريت سندس شاعريءَ جيان سندس مقالا به اهم آهن، انهن ۾ به هن جا موضوع سنڌ، سنڌيت، ورهاڱو ۽ سنڌي ادب ئي رهيا آهن، ان مان واضح ٿئي ٿو ته هوءَ سنڌيت جي جذبي سان سرشار آهي، هن کي سنڌيت ۽ سنڌو تهذيب سان گهرو لڳاءُ آهي. سندس ڇپيل مقالن مان ڪِن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو.
    1. سنڌي شاگردن ۾ ڪلا لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ 2. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي شخصيت 3. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ورهاڱي جو درد 4. ورهاڱي کان پوءِ لڏپلاڻ جو اثر ۽ اوسر 5. سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ سنڌي عورتن جا احساس 6. عورت جا الڳ الڳ روپ 7. ڊاڪٽر ديال آشا جي شخصيت 8. سنڌي سنسڪرت جي وڪاس ۾ ناريءَ جي ڀوميڪا اهڙيءَ طرح سندس ٽي ڪتاب، ’نوجوانن کي سنڌي سکڻ لاءِ اُتساهڻ‘ (سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو)، ’ادبي سُرهاڻ‘ (عربيءَ مان ديوناگريءَ ۾ ترجمو)، ’ٻوليءَ جو ڦهلاءُ‘ ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن.
    ڊاڪٽر روما پرڪاش هن وقت شريمتي چاندي ٻائي همٿمل منسکاڻي ڪاليج الهاسنگر ۾ پروفيسر طور ذميواريون نڀائي رهي آهي.


    سنڌوءَ جي ميران : ريٽا شهاڻي

    سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، شاعره، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد ريٽا شهاڻي 24 آگسٽ 1934ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ هڪ تعليم يافته خاندان جي فرد عالم چند اُڌارام جي گھر ۾ جنم ورتو، هُوءَ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۽ سندس گهر ويجهو پگٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ پڙهي هئي. ريٽا جو والد عالم چند موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ تمام سٺو ڳائيندو ۽ وڄائيندو هو. جڏهن 1923ع ۾ رابندرناٿ ٽئگور سنڌ آيو هو ته عالمچند ملڪاڻيءَ سندس شعري مجموعي ’باغبان‘ (Gardener) مان هڪ گيت ڳائي ٻڌايو هو، جيڪو ٽئگور کي تمام گهڻو وڻيو هو. ريٽا جي پڦي به شاهه جي ڄاڻو ۽ سٺو ڳائيندڙ هئي. سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو اديب منگهارام ملڪاڻي سندس چاچو هو، جنهن ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ جهڙو مُستند ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو. اهڙي علمي، ادبي گهراڻي ۾ ريٽا جو جنم ٿيڻ ڪري هن به ادب جي انهيءَ ڏياٽيءَ کي روشن رکيو، ۽ ڊزن کن ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌا. ايئن ادب ۽ سنگيت واري سنگم ۾ ريٽا جي جذبن جو جُوالا مکي لکڻين جو لاوو بڻجي نروار ٿيو، ۽ هن تسلسل سان ڀرپور لکيو، جنهن ۾ نه هن ڪڏهن وِٿي ورتي، ۽ نه هن ڪڏهن پنهنجي ذهن تي بار محسوس ڪيو، هوءَ مسلسل لکندي رهي ۽ لکندي لکندي هن الاءِ ڪيترو اڳتي تخليقي سفر ڪري ورتو، جنهن جو شايد پاڻ کي ئي پتو نه پيو. هن تي ڏات جي ديوي مهربان ٿي هئي، يا هن ڏات جي ديويءَ سان لنئو لاتي هئي، جو هن کي پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏنائين. اهڙي تسلسل سان اهڙو معياري لکڻ سچ پچ ته ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي. ان حوالي سان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد پنجين ۾ لکيو ويو آهي ته:
    ”ريٽا شهاڻيءَ جي قلم جي تيزيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن جا 1980ع کان هن وقت تائين 30 کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس تخليقون لڳاتار هند ۽ سنڌ جي ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هن سنڌي ادب جي هر صنف: ڪويتا (شاعري)، ناول، ڪهاڻي، مضمون، تنقيد، سوانح، آتم ڪٿا ۽ سفرنامي تي ڪاميابيءَ سان قلم هلايو آهي. هن جي تخليقن ۾ قديم ۽ جديد تهذيب جو بهترين ميلاپ آهي. ريٽا شهاڻيءَ کي ’ڀنڀرڪيءَ جي ڀُڻ ڀُڻ‘ (ناول)، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا) ۽ ٻين ڪتابن تي انعام ۽ اوارڊ به ملي چڪا آهن.
    ريٽا شهاڻيءَ جو ناول ’ڀنڀرڪي جي ڀُڻ ڀُڻ‘ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ B.A جي پهرئين سال جو ٽيڪسٽ بُڪ ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڪتاب ’گيت رامايڻ‘ پوني يونيورسٽيءَ ۾ B.com جي پهرئين سال لاءِ ٽيڪسٽ بُڪ طور پڙهايو وڃي ٿو.“
    ريٽا جي تقريبن سمورين لکڻين ۾ انساني جذبن جي چڱي نموني اُپٽار ٿيل آهي. جيتوڻيڪ سندس خاص موضوع شوخ رهيا آهن، پر پوءِ به هن اُنهن ۾ نهايت ئي وڻندڙ ٻولي استعمال ڪري انهن کي به دلچسپ بڻايو آهي، هن جيڪي به سوانح لکيون آهن، پوءِ ان ۾ ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ هجي، يا ’سُڄاڻ جون سمرتيون‘ منگها رام ملڪاڻيءَ تي هجي. هن ملڪاڻيءَ تي لکيل سوانح ۾ ڪيترائي خط ملڪاڻيءَ جا شامل ڪيا آهن، جيڪي هُن کيس لکيا هئا. ادبي حلقي جو اهو به خيال آهي ته ريٽا کي ادب ۽ شاعري سندس چاچي منگها رام ملڪاڻيءَ کان ورثي ۾ ملي آهي، ۽ سندس لکڻين تي ملڪاڻيءَ جو اثر آهي. ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ کي هن ناول جي روپ ۾ ڪبير جي زندگي، آدرشن ۽ سندس شاعراڻي فڪر کي نرالي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. دادا جشن واسواڻيءَ تي هجي يا يرودا جيل جون ڪهاڻيون هجن، هن انهن کي نهايت ئي گهرائيءَ سان ۽ پنهنجائپ جو ويس پارايو آهي، ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ انهن جي جيون ۾ جهاتي پائي، انهن جي اندر ۾ ڄمي برف ٿيل خيالن کي عام جي اکين اڳيان آندو آهي. ان کانسواءِ ناول تي ته کيس دسترس آهي، هن جهڙي ريت شاعريءَ ۾ سندس اندر جي اُڌمن کي نروار ڪيو آهي، جيڪي اُڌما ورهاڱي جو وڍ به چئي سگهجن ٿا، اهڙي ريت هن ناول ۾ سماج جا ڏُک، سُور، درد، آهون، ريتن رسمن ۽ سئونڻن ساٺن کي نهايت ئي وڻندڙ اسلوب ۾ لکي سچ ته سنڌي ادب جي جهول کي مالامال ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ادبي مضمون توڙي ڪهاڻيون به سندس من اندر جي سچائيءَ جون ساکي آهن. ساڳئي تسلسل سان هن سفرنامن ۾ به ڀرپور مشاهدن کي اوليت ڏني آهي. سندس سنڌ جو سفرنامو ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ سنڌ جي تاريخ جو دستاويز آهي، هن سفرنامي ۾ ريٽا سنڌ سان والهانه محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي، ۽ سنڌ جي ذري ذري کي ننڍين ڪهاڻين ۾ محفوظ ڪيو آهي. هن وٽ لکڻ جو ڏانءُ آهي، فن آهي، فڪشن آهي، يا وري هن کي لکڻ سان عشق آهي ۽ هوءَ انهيءَ عشق سان پنهنجي پوري حياتي نباه ڪندي آئي.
    سنڌ ڄائي ريٽا شهاڻي پنهنجي ڌرتيءَ تي پندرهن سورنهن سال سک جا کنيا ته مٿان هند ۽ سنڌ جو ورهاڱو ٿيو هو، ۽ هو پنهنجي خاندان سميت سنڌ ڇڏي هند لڏي وئي، ۽ پوءِ سڄي زندگي سنڌ جي سڪ ۾ مرندي جهرندي رهي. ريٽا جو خاندان جڏهن هند ويو هو ته هنن کي به ٻين هندن وانگر ڪئمپ ۾ ئي رهڻو پيو هو، ۽ سندن اهي ڏينهن نهايت ئي مفلسيءَ وارا هئا، وٽس پائڻ لاءِ سُئيٽر به نه هو، گهر ۾ هڪ ئي سُئيٽر هوندو هو، جيڪو سندس ماءُ سندس ننڍي ڀيڻ کي پارائيندي هئي، ۽ ٻئي ڀينرون گڏجي اسڪول وينديون هيون، ريٽا سخت سيءَ ۾ ڪڇن ۾ ٻانهون وجهي اسڪول ويندي هئي، ان وقت سندس ذهن ۾ اهو ئي خيال هوندو هو ته هوءَ شادي ڪنهن امير ماڻهوءَ سان ڪندي، ڇو ته غربت جي گهاڻي هن کي پيڙي ڇڏيو هو، ۽ پوءِ هن واقعي 20 آڪٽوبر 1957ع تي جيوت رام ٺاڪرداس شهاڻيءَ جي پٽ وشنو شهاڻيءَ سان ممبئيءَ ۾ شادي ڪئي، جيڪو خوشحال هئڻ سان گڏ گُڻوان انسان پڻ هو، جنهن سندس پوري زندگي ڀرپور همت افزائي ڪئي، ۽ ڪڏهن به دل کي ڏکوئيو ڪونه. ريٽا جيتوڻيڪ لکڻ تمام گهڻو دير سان شروع ڪيو هو، پر هن ادب جي هر صنف تي تمام گهڻو ۽ مهعياري لکيو، ان جي باوجود به هندستان جي ادبي حلقي هن جو قدر نه ڪيو، ۽ هُوءَ اهو ڏک پنهنجي دل ۾ ڪيتري عرصي تائين رکيو آئي، بعد ۾ جڏهن هو سنڌ جي سفر تي آئي هئي، ته هن کي سنڌ جيڪا موٽ ڏني هئي، اُن جو ذڪر تاج جويي جي مضمون مان هتي نقل ڪجي ٿو.
    ”ريٽا سنڌ ۾ سنڌيت جي سفير هري موٽواڻي سان گڏجي آئي هئي، ۽ ماهتاب محبوب جي گهر ’ارم نما‘ ۾ اچي رهي هئي، ۽ پهرين رات آڌيءَ ويلي هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ هيٺيون سِٽون درج ڪيون هيون.
    مان ڪهڙي جڳهه تي پهتي آهيان؟ هتي، جتي منهنجون جڙون آهن، منهنجن پُرکن (وڏن) جو شهر! پوين چند سالن کان مون پاڻ کي ڪيڏو نه اڪيلو محسوس ڪيو هو، بلڪه تنها هئس مان ۽ جيئن تيئن جي رهي هئس، ڪنهن کي منهنجو قدر ڪونه هو، منهنجي حياتي وئرٿ هئي. مان جيئان يا مران، ڪهڙو فرق پوڻو هو؟ هرڪو پنهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ بيحد مصروف هو، شهري زندگيءَ جي ڀڄ ڀڄان ڪُجهه اهڙي آهي، پر هتي پهچي مون کي پروڙ پئي آهي ته مان اڪيلي ناهيان. منهنجو قدر ڪرڻ وارا، مون کي چاهڻ وارا هن جهان ۾ موجود آهن. منهنجي زندگي اجائي ناهي، منهنجو به ڪو مُلهه آهي، هتي پارکو ويٺا آهن، هو مون کي سُڃاڻي سگهيا آهن، مون کي سمجهي سگهيا آهن. اسان جي wave length لڳ ڀڳ هڪجهڙي آهي. زندگيءَ ۾ نئون اُتساه جاڳيو آهي، مون کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پُختي جڳهه ملي آهي. مان تنها ناهيان، اڪيچار قدردان، منهنجا خيرخواه، منهنجا متر آهن ۽ منهنجي جيون معنيٰ خيز بڻجي پئي آهي.“
    (مدهوش، موهن ‘ريٽا شهاڻي سنڌ هند جي ڪهاڻي‘ ص: 163)
    ريٽا سنڌ ڄائي هئي، ۽ هن ڌرتي ماءُ ئي پنهنجي هن نياڻيءَ جو قدر ڪيو هو، ۽ ريٽا به پنهنجي ماءُ جي جهولي موتين جهڙن لفظن سان ڀري هئي، هُن جو سنڌ سان اهڙو ته سنٻنڌ هو، جو تارا ميرچنداڻي لکيو آهي ته:
    ”هُوءَ جڏهن نئين گهر ۾ منتقل پئي ٿي ته هن وٽ ڪتاب تمام گهڻا هئا، ۽ سندس نئين گهر ۾ ايترا سارا ڪتاب رکڻ جي گُنجائش نه هئي، جنهن ڪري هن انهن ڪتابن مان ڇانٽي ڪري، ڪُجهه ڪتاب لئبريرين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جڏهن هن ڪتاب ڇانٽي ڪري، لئبريرين کي ڏيڻ لاءِ الڳ ڪيا هئا، ته انهن ڪتابن مان سنڌ مان آيل هڪ به ڪتاب نه هو.“
    اهو ئي ريٽا جو سنڌ سان سنٻنڌ هو، عشق هو، محبت هئي، يا هوءَ سنڌ جي ازلي پاڻياري هئي، ۽ هُن سنڌ جي سِڪ جي اُڃ سنڌ مان آيل انهن ڪتابن مان لاهڻ ٿي گُهري.....
    ريٽا شهاڻي، هند جي ڪيترن ئي سنڌي مشاعرن ۾ حصو وٺي، پنهنجي ڪلا جي آڌار ڪيترين ئي دلين کي موهي ڀرپور داد حاصل ڪيو، هن انڊيا جي ٽي. وي چينل ’دُور درشن‘ ۽’آڪاشواڻي‘ ريڊيي تان پنهنجون ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون پيش ڪندي رهي. جنهن کي تام گهڻو پسند ڪيو ويو. ريٽا جي لکڻين تي سنڌ توڙي هند ۾ بحث پڻ ڪيو ويو، ۽ کيس منفرد ليکڪا جو خطاب پڻ مليو. سنڌي ٻوليءَ جو نامور نقاد هيرو ٺڪر لکي ٿو ته:
    ”ريٽا شهاڻي سنڌي ادب ۾ آئي ڀلي دير سان، پر هوءَ پاڻ سان جيڪا نواڻ، نرالپ ۽ انوکوپڻ کڻي آئي، تنهن سان هن پاڻ لاءِ امتيازي درجو حاصل ڪري ورتو. سندس اها نواڻ ۽ نرالپ هُن جي ويچارن، موضوعن، صنفن، ٻولي ۽ ڪردار نگاريءَ وغيره مان نمودار آهي. هن جي رَچنائن کي نواڻ ۽ نرالپ جو مجسم ڪري سڏجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو“.
    (مدهوش، موهن ’ريٽا شهاڻي سنڌ هند جي ڪهاڻي‘ ص: 102)
    هيري ٺڪر جي مٿين راءِ سئو سيڪڙو سچ آهي، ريٽا جي لکڻين جا موضوع واقعي نرالا رهيا آهن، ۽ وٽس لهجو ۽ اسلوب به نج پنهنجو ۽ نرالو رهيو آهي، جيتوڻيڪ هن جي ادبي پالنا منگها رام ملڪاڻي جهڙي اعليٰ پايي جي ليکڪ جي ڇانءُ ۾ ٿي آهي، ۽ مٿس اهو الزام به آهي ته هن جي لکڻين تي ملڪاڻيءَ جو اثر آهي، پر آءُ سمجهان ٿو ته هن جي لکڻين کي پڙهي ڏسجي ته هو ڪٿي به ملڪاڻيءَ جو اُلٿو نٿي لڳي، هُن پنهنجي واٽ پاڻ ٺاهي آهي، ۽ اُنهيءَ واٽ تي هلندي هن تسلسل سان مختلف موضوعن تي 43 ڪتاب لکيا آهن.
    ريٽا شهاڻيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
    (1) ’پنک وڄائين شنک‘ (شاعري: 1983ع)، (2) ’منهنجي حد آڪـاش‘ (شاعري: 1984ع)، (3) ’ڀنڀرڪي جي ڀُـڻ ڀُـڻ‘ (ناول: 1985ع)، (4) ’کٿوريءَ جي کاڻ‘ (سفرنامو: 1986ع)، (5) ’گيت رامايڻ‘ (مرهٽي گيت-رامائڻ جو سنڌي منظوم ترجمو: 1987ع)، (6) ’سوريه ياترا‘ (شاعري: 1987ع)، (7) ’منع ٿيل ميوو‘ (ڪهاڻيون: 1988ع)، (8) ’سج کان چنڊ تائين‘ (ناول: 1989ع)، (9) ’سڄاڻ جون سمرتيون‘ (منگھارام ملڪاڻيءَ جي سوانح: 1990ع)، سنڌ ۾ به ڇپيل. (10) ’پرهه جا پياڪ‘ (ناول: 1991ع)، (11) ’پچڻ کي پچاءِ‘ (ڪهاڻيون: 1992ع)، (12)’رنگريز وا رنگ دي‘ (هندي ناول: 1992ع)، (13) ’گهنڊ ڄاڻ وڳو‘ (آتم ڪٿا: ڀاڱو پهريون: 1993ع)، (14) ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا: (ڀاڱو ٻيو: 1994ع)، (15) ’ڇُهي مُئي‘ (ناول: 1995ع)، (16) ’تبصرو‘ (تنقيد: 1996ع)، (17) ’ارٽ جو آواز‘ (شاعري: 1996ع)، (18)، ’لپ ڀر مهراڻ‘ (ادبي مضمون: 1997ع)، (19) ’ببليءَ جون آکاڻيون‘ (ٻاراڻو ادب: 1997ع)، (20) ’سوال ئي سوال‘ (ڪهاڻيون: 1998ع)، (21) ’سنڌي ساهت ۾ ناري‘ (هندي وياکيان: 1998ع)، (22) ’يرودا جيل جون ڪهاڻيون‘ (سوانح: 2000ع)، (23) ’جيون ۽ ساهت‘ (ادبي مضمون: 2001ع)، (24) گونگي گگن سان گفتگو (ناول: 2001ع)، (25) ’ميران ٻائيءَ سان وارتا لاپ‘ (مڪالماتي گفتگو: 2002ع)، (26) ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘ (سفرنامو: 2003ع)، (27)، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا ٻئي ڀاڱا سنڌ ۾ ڇپيل: 2004ع)، (28) ’ترڪڻا ترورا‘ (ناول: 2004ع)، (29) ’رشتن جو رقص‘ (ڪهاڻيون: 2005ع سنڌ ۾ به ڇپيل)، (30) ’ست سُر، ست رنگ‘ (ناول: 2006ع)، (31) ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘ (سوانح: 2008ع سنڌ ۾ به ڇپيل)، (32) ’سفر در سفر‘ (سفرنامو: 2010ع سنڌ ۾ به ڇپيل)، (33) ’روبرو‘ (سوانح: 2011ع سنڌ ۾ به ڇپيل)، (34) ’جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ‘ (دادا جشن جي سوانح: 2011ع)، (35) ’بي زبان زبان‘ (ناول: 2011ع)، (36) ’آڪاش گنگا‘ (مضمون: 2012ع)، (37) ’اڪٿ ڪهاني ڪبير‘ (اردو ۾ لاهور پاڪستان مان ڇپيل 2013ع) ان کانسواءِ سندس چار هندي ڪتاب، ۽ هڪ انگريزي ڪتاب ’Tales from yarweda jail‘ ڇپيل آهن، ۽ ’سچل سرمست تي جيون سنٻنڌي ڪٿا‘ اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس پونئيرن وٽ موجود آهي.
    کيس ڪيترائي انعام ۽ اوارڊ ملي چڪا آهن: جيڪي ريٽا شهاڻيءَ جي ادبي پورهيي جي مڃتا طور مليا آهن.
    ريٽا شهاڻي، هند سنڌ جي ليکڪائن ۾ وڏو مقام رکي ٿي. هوءَ بنيادي طور هڪ حساس طبيعت جي مالڪ هئي، ۽ هُن پنهنجي جيون ۾ عزت ڏني ۽ عزت ماڻي. هُن ۾ انسانيت ۽ ماڻهپي وارا سمورا گُڻ موجود هئا، سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا کيس سنڌوءَ جي ميران ڪوٺيو آهي، ۽ مون پڻ الانا صاحب جو عنوان نقل ڪري سنڌوءَ جي ميران‘ هن مضمون تي عنوان رکيو آهي. هُوءَ واقعي ميران جي سُرندي جو ساز هُئي، ۽ ان کان وڌيڪ مناسب عنوان ريٽا جي لاءِ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟
    سنڌ ۽ هند جي هن عظيم ليکڪا 79 سالن جي ڄمار ۾ 15 سيپٽمبر 2013ع تي هند ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس ڀيٽا طور ڪويتا پبليڪيشن پاران موهن مدهوش ’ريٽا شهاڻي سنڌ هند جي ڪهاڻي‘ نالي سان ڪتاب مرتب ڪري ڇپرايو آهي، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي عالمن، اديبن جا تاثراتي ۽ سندس فن تي سانڍڻ جهڙا مضمون شامل آهن.


    ڪاش اسان کي به پنهنجي سنڌ هجي!

    ڪاش اسان کي به پنهنجي سنڌ هجي!
    سندري اُتمچنداڻي

    سنڌ ۽ هند جي نامور ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ شاعره سندري اُتمچنداڻي 28 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان اڳ هن شهر ٽن غير معمولي ڪهاڻيڪار عورتن کي جنم ڏنو، پوپٽي هيراننداڻي، سُندري اُتمچنداڻي ۽ ريٽا شهاڻي. جن سنڌ ۽ هند ۾ پنهنجو الڳ مقام قائم ڪيو. هن پرائمري تعليم شوقيرام چانڊومل ميونسپل اسڪول حيدرآباد مان ورتي، 1942ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان تولارام گرلس هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. هُوءَ ننڍپڻ کان ئي ذهين هُئي، بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان انٽر سائنس ۾ پاس ڪيائين، اُن دوران هوءَ هاسٽل ۾ رهندي هئي. جيئن ته سندس شوق ميڊيڪل ۾ پڙهڻ جو هو، پر ڪراچيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا نه ملڻ ڪري، پڙهائي اڌ ۾ ڇڏيائين. ڪجهه مهينن بعد سندس مڱڻو، نامور اديب ۽ دانشور اي. جي. اتم سان ٿيو، جنهن کيس پڙهڻ لاءِ همٿايو، پر انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج نه هو، ان ڪري ساڌو واسواڻيءَ جي ميران ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. ان ريت هن بنارس يونيورسٽيءَ مان
    بي. اي جو امتحان 1949ع ۾ پاس ڪيو، ورهاڱي بعد ڪيترن سالن پڄاڻان ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾
    ايم. اي ڪيائين. اسڪولي جيون ۾ پنهنجي استاد جمنا لکاڻيءَ جو اثر قبوليائين ۽ ماسترياڻي بنجڻ جو شوق جاڳيس. تعليمي اڀياس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لئبريرين طور ۽ ڪجهه وقت ماسترياڻيءَ طور خدمت سرانجام ڏنائين. هن آفيس ۾ ڪلارڪي به ڪئي ۽ بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرر طور رٽائر ڪيائين.
    سُندري گهڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ هُئي، هوءَ هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعره کان علاوه ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج آرٽسٽ ۽ بهترين استاد به رهي آهي. هن هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن سان نباه ڪيو ۽ مڃتا ماڻيائين. سندس لکڻين تي ترقي پسند ادب جو اثر هو ۽ هن جي لکڻين ۾ سماج جي تعميري سوچ جا عڪس پسي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ هوءَ سڀني صنفن تي عبور رکندڙ ليکڪا هئي، پر هن کي به شهرت سندس ناولن جي ڪري مِلي. هن جي ناولن ۾ ڪردارنگاري ۽ منظر نگاري نهايت ئي خوبصورت لفظن ۾ ٿيل آهي ۽ ٻوليءَ جي خوبصورتي سندس ناولن کي اڃا وڌيڪ سونهن بخشي آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
    ”هن برک ليکڪا ڪهاڻيون به لکيون، پر سندس ٻن ناولن ’پريت پراڻي ريت نرالي‘ ۽ ’ڪرندڙ ديوارون‘ کيس هن ميدان ۾ اهميت ڏياري آهي. انساني من ڪيترو گهرو آهي ۽ عورت جي من جو انت ڪنهن نه لڌو.“
    (جوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جلد ٽيون، ص؛ 38)
    سندريءَ کي ننڍپڻ کان ئي ادبي ڪتابن سان گهري دلچسپي هُئي، ۽ هن ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو، شروعاتي دَور ۾ هوءَ ڪراچيءَ ۾ عورتن جي مخزن ’ساٿي‘ جي ڪجهه وقت ايڊيٽر رهي، ان دوران هڪ روسي ڪهاڻي ترجمو ڪري ان مخزن ۾ ڇپايائين. سندس پهرين تخليق ’منهنجي ڌيءَ‘ هُئي، جيڪا 47-1946ع ڌاري ’ساٿي‘ مخزن ۾ شايع ٿي.
    ورهاڱي وقت ٻين هندن وانگر هيءُ خاندان به متاثر ٿيو، ۽ سنڌ جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي وڃي هندستان جا وڻ وسايا، انهيءَ لڏ پلاڻ سبب هنن کي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن هن جي حساس دل ۽ ذهن تي گهرو اثر ڇڏيو، اهڙي محرومي سندس لکڻين مان به محسوس ٿئي ٿي. جڏهن 1949ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) برپا ٿي ته ان جي هفتيوار ڪلاسن ۾ شرڪت ڪيائين. هن ٻاهرئين ادب مان ڪيتريون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ۽ طبعزاد ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيائين. اُتم جي رسالي ’نئين دنيا‘ کان سواءِ هندو واسي، مارئي، سنگيتا، هلچل، الڪا ۽ ٻين رسالن ۾ سندس لکڻيون ۽ ڪهاڻيون ڇپبيون رهيون، ۽ آهستي آهستي مڃتا ملندي رهي. هن لکڻ سان گڏ سنڌ ۽ هند جي ادب کان علاوه يورپي ادب جو به مُطالعو ڪيو، ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريمچند، يشپال، شيڪسپيئر، هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هار ڊي، اوهينري ۽ ٻين ليکڪن جو مٿس گهرو اثر پيو. اهڙيءَ طرح هي ترقي پسند سوچ ڏانهن مائل ٿي ۽ سندس لکڻين ۾ به تعميري سوچ آهستي آهستي داخل ٿيندي وئي، سندس تخليقن جا ڪيترائي مجموعا ڇپجي چُڪا آهن، جن ۾: ڪهاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ، جيوني، سفرناما، ۽ شاعري شامل آهن. سندس هيٺيان ڪتاب سنڌ ۽ هند ۾ ڇپجي چڪا آهن.
    ’اڇا وار ڳاڙها گل‘ (1965ع)، ’تو جنين جي تات‘ (1970ع)، ’ڀوري‘ (1979ع)، ’بنڌن‘ (1982ع)،’وڇوڙو‘ (1985ع)، ’يگانتر‘
    (1989ع)، ’کيڙيل ڌرتي‘ (1992ع)، ’مرڪ تي منع‘ (1992ع)، ’آتم وشواس‘ (1999ع)، ’نخريليون‘ (2001ع). سندس ٻه اهم ناول ’ڪرندڙ ديوارون‘ (1953ع) ۽ ’پريت پراڻي ريت نرالي‘ (1986ع) ۾ ڇپيا، سندس طبعزاد شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’هڳاءُ‘ (جولاءِ 1993ع) ۽ ’ڏات بڻي لات‘ (مارچ: 2004ع) ڇپيا، هن ڪهاڻي ۽ ناول وانگر شاعريءَ ۾ به نهايت ئي وڻندڙ احساس چِٽيا آهن، ۽ سندس سمورين لکڻين وانگر شاعريءَ ۾ به سنڌ کان جدائيءَ جو درد چٽو محسوس ٿئي ٿو، سندس شاعري تشبيهن، استعارن توڙي خيال جي لحاظ کان پابند شاعري آهي. سندس هن غزل ۾ دُک، درد، پيڙا، اُڌما، آهنگ، سوچون، سپنا ۽ دل درپن جا اڌورا احساس سمايل آهن.
    هيءُ دوزخ آ يا ڌرتي آهه؟
    سُک جو ڪين کڻي ڪو ساههُ.
    ڏک آ ٽپڪيو ڪونه خدا کان،
    آدم ٽپڪي ٺاهيو آ ڏاههُ.
    سُک جي سج ۾ تاءُ نه ڪوئي،
    دُک جو چنڊ سڄوئي آ باهه.
    ڪهڙي ڪارڻ ڪُوڪي ٿي ريل،
    هوءَ ته ڌيئڙي آدم جي ناهه!
    سندس مضمونن جو پهريون مجموعو ’ڀارت روس ٻه ٻانهن ٻيلي‘ (1975ع) ۾ ڇپيو، ۽ سندس ناٽڪن جو مجموعو ’سنڌو‘ (2000ع) ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سندس ڪُل ڏهه ناٽڪ آهن، جن ۾ ’املهه ماڻڪن جو واپار‘ ۽ ’ساهيڙي‘ وڏي مڃتا ماڻي. ’نئين سڀيتا جو درشن‘ (روس جو سفرنامو: 1980ع) ۾ ڇپجي چڪو آهي. جنهن کي پڻ پسند ڪيو ويو. سُندريءَ جي ٻن ناولن ’پريت پراڻي ۽ ريت نرالي‘ ۽ ڪرندڙ ديوارون‘ کي هند توڙي سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ’ڪرندڙ ديوارون‘ ناول ورهاڱي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ناول جا سمورا پهلو حقيقت کي ويجهو آهن. هيءَ پورو ناول حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل آهي. هن ناول کي پهريون اوارڊ سنڌ مان مليو ۽ پوءِ هندستان مان به ڪيترائي اوارڊ مليا ۽ هن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيا، جنهن جو ڳاڻيٽو شايد ليکڪا ۽ پبلشرن کي به نه هجي!
    سُندري جي تخليقي پورهيي سان گڏ ترجمي جو ڪم به نهايت ئي معياري ۽ ڪَٿ ڪرڻ جهڙو آهي. هن اصلوڪن ناولن لکڻ سان گڏ ڪجهه ناول ترجمو به ڪيا. جهڙوڪ: ’ٽٽل ساز‘ (مئڪسم گورڪي: 1956ع)، ’پياسي ڌرتي، پياسي دلڙيون‘ (ڪرشن چندر: 1956ع)، ’هڪ سسئي سئو سُور‘ (امرتا پريتم) ۽ ملايالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول: ’ساگر جي سنتان‘ کان علاوه هن منظوم ترجما به ڪيا آهن. 95 روسي شاعرن جي ترجمو ڪيل شاعريءَ جو مجموعو ’امن سڏي پيو‘ جي نالي سان (1965ع) ۾ شايع ٿيو، مارڪسوادي ويچار ڌارا هيٺ روسي ادب مان چونڊ ادب ’شولو خوف جي جهلڪ‘ عنوان سان 1975ع ۾ ڇپيو، ان کان سواءِ ليونڊ بريز نيف جون يادگيريون، ٽن ڪتابڙن جي صورت ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين. ’ملايازيمليا‘ (1978ع)، ’نئون جنم‘ (1978ع) ۽ ’ڪنواري ڌرتي‘ (1979ع)۾ ڇپيا.
    سندريءَ کي ادبي پورهيي جي مڃتا طور ڪيترائي اورڊ مليا، جن ۾ کيس وڌ کان وڌ اوارڊ سندس تخليقن تي ئي مليا آهن، جنهن مان سندس تخليق جي معيار جي پرک پئي ٿي. سندس ڪتابن تي مليل اوارڊن ۾ ڪهاڻيءَ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ 1952ع ۾ ’ممتا‘ ڪهاڻي، 1954ع ۾ ’ڪوشان‘ ڪهاڻي، 1960ع ۾ ’وڇوڙو‘ ڪهاڻي ۽ 1981ع ۾ ’ڀوري‘ ڪهاڻي، ڪتاب تي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي پاران انعام ۽ ’امن سڏي پيو‘ ڪتاب تي 1966ع ۾ سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ ۽ ڏهه هزار رپيا انعام مليو.
    ’وڇوڙو‘ ڪتاب ساهت اڪادمي (ڏهه هزار رپيا انعام 1985ع) ۾ ٻولي ۽ ساهت سڀا اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا- مبمئيءَ پاران (ڏهه هزار رپيا انعام) ، سنڌي پنچائت فيڊريشن پاران انعام 1985ع) ۾ مرڪزي ساهتيه اڪادمي پاران ’گوڙو پراسڪار‘ انعام (هڪ لک رپيا روڪ) مليو. سندس هيءَ ڪتاب سنڌ ۽ هند ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو هندستان ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1988ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو. ’تو جنين تات‘ هن ڪتاب جا ٻه ڇاپا هند ۾ ۽ ٽيون ڇاپو عظمت ادبي اڪيڊميءَ پاران 1983ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو. ’پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون‘ ڪرشن چندر جي ناول جو سنڌي ترجمو، پهريون ڇاپو هند ۾ ۽ ٻيو ڇاپو سنڌ مان 1991ع ۾ سنڌي ساهت گهر پاران ڇپيو.
    ’ڪنواري ڌرتي‘ ڪتاب تي ٻيو ڀيرو سوويت لئنڊ نهرو اوارڊ (1979ع) ۽ گڏوگڏ 14 ڏينهن جو روس جو مهماني دورو پڻ ڪيائين.
    سندري اتمچنداڻيءَ کي سنڌ سان تمام گهڻي اُنسيت رهي، هن پنهنجي اولاد کي به سنڌي ٻوليءَ ڏانهن راغب ڪيو، سندس ڌيءَ آشا چاند پڻ سنڌي ٻوليءَ جي خدمتن جي حوالي سان پاڻ ملهايو آهي. سنڌ جي نامور ليکڪا گُل ٽالپر جڏهن هندستان علاج لاءِ وئي هئي ته: هن هند جي ڪيترن ئي ليکڪن جا انٽرويو ڪيا هئا، جيڪي اُن وقت خان محمد پنهور جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ’پارس‘ ۾ ڇپيا، بعد ۾ هند جي نامور اديب هري موٽواڻي ڪونج پبليڪيشن پاران 2000ع ۾ ’آڪاش طرف اُڏيل هٿ‘ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڇپائي منظر عام تي آندا. گُل ٽالپر ٻين اديبن سان گڏ سُندريءَ کان به انٽرويو ورتو هو، اُن ۾ هن هڪ سوال پڇيو هو، جنهن جو سندريءَ جيڪو جواب ڏنو، اُن جي پيڙا جو پڙلاءُ پڙهندڙن جي ڪن تي وجهڻ ضروري ٿو سمجهان.
    گُل: اوهان جي ڪا اڻپوري خواهش؟
    سُندري: (کلندي ۽ ڄڻ پاڻهي پاڻ کان پُڇندي) ڪهڙي؟ ها، اسان کي پنهنجي سنڌ هجي، پنهنجي ڌرتي هجي، جتي گڏجي ويهي هڪٻئي سان قرب ونڊيون.
    سنڌ ۽ هند جي هن نامور ليکڪا، سندري اتمچنداڻي، 8 جولاءِ 2013ع تي هي جهان ڇڏيو .


    سنڌي ساهتيه جي محقق : ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي

    هند ۾ رهندڙ نامور ليکڪا، شاعره، محقق ۽ نقاد سنڌيا چندر ڪندناڻي، سندس تعليم بي. اي سنڌي ۽ سوشالاجي. ايم. اي (سنڌي ادب)، ايم. ايڊ ۽ پي. ايڇ ڊي آهي، ۽ هنديءَ پرويش ٿيل آهي. هُوءَ هن وقت شريمتي چاندي ٻائي همٿمل منسکاڻي ڪاليج ۾ سنڌي وڀاڳ جي پرمک ۽ هيڊ آف سنڌي ڊپارٽمنٽ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.کيس سنڌي، هندي ۽ انگريزي ٻولين تي سُٺي مهارت حاصل آهي.
    ڊاڪٽر سنڌيا جو ننڍپڻ کان ادب سان لڳاءُ رهيو آهي، سندس پهرين لکڻي ’نياڻين جو جنم هڪ پاراتو آهي‘ جي عنوان سان نظم آهي، جيڪو 1995ع ۾ ’هندواسي‘ اخبار ۽ ’انجلي‘ مخزن ۾ ڇپيو. ان بعد هن جون ڪيتريون ئي لکڻيون الڳ الڳ مئگزين ۽ ڪاليج جي مئگزين ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هن شاهڪار مقالا پڻ لکيا آهن، مضمون ۽ شاعريءَ سان به سندس تعلق گهرو رهيو آهي. هن وٽ لکڻ جو سُٺو ڏانءُ آهي، سندس لکڻين ۾ هند جي مٽيءَ جي خوشبوءِ جو هُڳاءُ آهي، اُن سان گڏ سندس تخليقن ۾ سنڌ جي مٽيءَ جو واس به ازخود شامل ٿي ويو آهي، جيڪو شايد سنڌي ٻوليءَ سان بيپناهه عشق هُئڻ ڪري آهي، هن جي لکڻين ۾ جيتوڻيڪ سادگي آهي، پر سندس تشبيهه جي چُونڊ شاهڪار آهي، سندس لکڻين کي جڏهن پڙهجي ٿو ته ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هن ڪنهن درياهه جي ڪناري تي ويهي منظرنگاري ڪئي آهي، يا هُن وڻجاريءَ بڻجي هند جي گهٽين ۾ رولاڪيون ڪيون آهن، سندس لکڻين مان مطالعي سان گڏ مشاهدي جي به شاهدي ملي ٿي. ان جا ٻيا به سبب ٿي سگهن ٿا، پر هڪڙو اهم سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ استاد آهي ۽ هڪ استاد جي نگاهه سان جڏهن سماج کي ڏسي ٿي ته هن جي انهيءَ نگاهه ۾ فقط تعميري سوچ ئي هُجي ٿي، ۽ هن انهيءَ تعميري سوچ کي کڻي شايد سماج جي واهڻين وستين جا پنڌ به ڪيا آهن. هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي 10 اپريل 1967 تي ٻين ٻولين سان گڏ ’قومي ٻوليءَ‘ طور تسليم ڪيو ويو، ۽ ڀارت جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو ڏينهن اڄ تائين ملهايو ويندو آهي، پر سنڌونگر، ممبئيء ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ هن ڏينهن کي ملهائڻ جو پايو 2006ع ۾ ’سنڌيا‘ وڌو، ۽ اڄ تائين ان ڏهاڙي کي وڏي جوش سان ملهائيندي اچي ٿي، سندس اهڙي جذبي کي ڏسي، ڪجهه سالن کان ڪيترن ئي شهرن جي سنسٿائن به اهو ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو آهي، پر اهو اعزاز فقط سنڌيا کي ئي حاصل آهي، جنهن لاءِ هوءَ جس لهڻي. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق جو اندازو سنڌيا جي هنن جملن مان ئي ڪري سگهجي ٿو:
    ”سڀ کان پهرين جيڪو ضروري، وقتائتو ۽ بنيادي اُپاءُ آهي، ته اسين سنڌي پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪريون ته اسين 5 هزار سال اڳ جي قديم سُڌريل سڀيتا جا وارث آهيون، ۽ اُن ورثي کي، ريتن رسمن کي قائم رکڻ اسان سنڌين جو فرض آهي. جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ کي قائم نٿا رکون ته پوءِ اسين سنڌي ڪيئن سڏباسين، ڇاڪاڻ جو قوم جي سُڃاڻپ ٻولي آهي.“
    (سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ همعصر موضوع، ص:22)
    سندس مٿيون پيراگراف پڙهي حيرت به ٿئي ٿي ته هُن سنڌ کي ڏٺو ئي ناهي، سنڌ جي ڌرتيءَ جو واس ورتو ئي ناهي، پوءِ به هن وٽ سنڌ لاءِ ايتري محبت آهي، ۽ هن جي دل ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ايتري تڙپ آهي! سندس ٻوليءَ سان ايتري ڪمنٽمنٽ مان اهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته هُن ڪنهن نه ڪنهن جنم ۾ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي سُرڪي پيتي ضرور آهي. سنڌيت جي اهڙي جذبي هيٺ هن سنڌي ادب ۾ ڪيترو ئي لکيو آهي، پوءِ اُهي مقالا هجن يا مضمون، شاعري هُجي يا ناٽڪ، پر هن هر صنف ۾ پاڻ موکيو آهي ۽ پاڻ ولوڙيو آهي.آءٌ چاهيان ٿو ته هن جي شاعريءَ مان ڪي گُلاب جا رنگ پنهنجي پڙهندڙن تي به هارجن ته هُو به هوليءَ جي رنگن وانگر انهن ۾ رنگجي وڃن:
    پنهنجا جڏهن خود فيصلا ڪرڻ لڳي آهيان،
    وهنوار زندگيءَ جو سمجهڻ لڳي آهيان.
    ڌُنڌلا لڳڻ لڳا ها عڪس زندگيءَ جا،
    پر هاڻي اکين چٽا مان به ڏسڻ لڳي آهيان.
    سندس غزل جا هي ٻه بند ئي سندس وسيع سوچ جو ادراڪ ڪن ٿا، ماڻهو جڏهن خود فيصلا ڪرڻ لڳندو آهي، تڏهن ئي زندگيءَ جي وهنوار کي سمجهڻ لڳندو آهي، سندس هي ڪيفيت خودداريءَ واري آهي، جنهن ۾ هوءَ ٻئي ڪنهن تي بوجهه بنجڻ نه ٿي چاهي، بلڪه زندگيءَ جو بار پاڻ پنهنجي ڪُلهن تي کڻڻ ٿي چاهي، ۽ هُوءَ اکيون کولي وِکون کڻڻ شروع ٿي ڪري ته ڌُنڌلا عڪس به چِٽا پسڻ لڳي ٿي. سنڌيا جي غزل ۾ پُختگيءَ سان گڏ خوبصورت احساس به شامل آهن. هُوءَ ڪٿي به جذباتي وَهڪري ۾ وَهي نٿي وڃي، جنهن ڪري سندس تخليق اڃا وڌيڪ سگهاري ٿي پئي آهي.
    ساڳيءَ طرح هن جو هڪ ٻيو غزل ’آءٌ ته ڪا سُورمي ناهيان‘ پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊ ڪريان ٿو، جنهن ۾ هوءَ شاهه جي سُورمين کان الڳ ٿلڳ بيٺل ڏسجي ٿي، هُوءَ نه مارئي سان پاڻ کي ڀيٽي ٿي ۽ نه سسئي، سُهڻي، ليلا، مومل، نوري ۽ سورٺ سان، پر هُوءَ سنڌيت جي جذبي سان سرشار آهي، ۽ سندس عشق انفرادي نه پر اجتماعي آهي، جيڪو لطيف جي سنڌڙيءَ جو عشق آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو عشق آهي.


    آءٌ ته ڪا مارئي به نه آهيان،
    بِن ماروئڙن جي مان گهاريان.
    آءٌ ته ڪا ليلا به نه آهيان،
    تو بِن ’هار تي هرک‘ مان هاريان.
    آءٌ ته ڪا سُهڻي به نه آهيان،
    ڪچو مٽڪو تو لاءِ تاريان.
    آءٌ ته ڪا نوري به نه آهيان،
    بڻي نماڻي دل ڪيئن ٺاريان.
    آءٌ ته ڪا مومل به نه آهيان،
    جو توکي سُومل ڏيکاريان.
    آءٌ ته سسئي جهڙي به نه آهيان،
    جو تُنهنجي لئه ڏونگر ڏاريان.
    آءٌ ته ڪا سورٺ به نه آهيان،
    جو تُنهنجي لئه پاڻ کي ماريان.
    آءٌ ته بس سنڌي سيکاريندڙ، ’سنڌيا‘
    سنڌيءَ تان سڀ ڪُجهه واريان.
    هن شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هوءَ هندستان جي پهرين عورت شاعره آهي، جنهن 100 کان مٿي شاهڪار دوها لکيا آهن، جيڪي دوها سنڌي ٻولي، سنڌيت، ليکڪن، قدرتي نظارن، خوشي، غم، ڏڻ وارن، شهيدن، ايڪتا ۽ ڀائيچاري تي هر موضوع تي دوها رچيا آهن، جيڪو ڪم پڻ هن کان اول نه ٿيل آهن. هن ٻارن لاءِ به خوبصورت رچنائون رچيون آهن. اهڙيءَ طرح هن فلئش ڪهاڻين تي پڻ قلم آرائي ڪئي آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته سندس ٻه ٽي دوها اوهان سان ونڊ ڪندو هلان:

    ٻاجهارا مون ٻار کي، ڏي ڪا اهڙي ڏات،
    ’سنڌيا‘ شل سرهي رهي، منهنجي ’سنڌي‘ ذات.
    هر وڏڙي جي وات ۾، هڪ ئي وائي آهه،
    او جوانڙا! تون، سنڌي ٻوليءَ ساڻ نباهه.
    سنڌيا جي هن دوهي ۾ نه رُڳو سنڌين جي سلامتيءَ جي دُعا آهي، پر هُوءَ نئين ٽهيءَ جي لاءِ اونو به رکي ٿي ته شال هُو سنڌي ٻوليءَ سان نباهه ڪن. سنڌيا ٿوري وقت ۾ گهڻو لکيو آهي، جيتوڻيڪ سندس گهڻو ڪم تحقيقي رهيو آهي، پر ان سان گڏ هن تخليق کي به ٽائم ڏنو آهي ته ترجمي لاءِ به وقت ڪڍيو آهي. سندس پهريون ڪتاب 2008ع ۾ ڇپيو، جيڪو سندس شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت سندس ٻين طبعزاد ڪتابن ۾: ’مدن جماڻي جي شخصيت‘ (سنڌي: 2008ع)، ’سنڌي ساهتيه جا محقق‘ (سنڌي ۽ ديوناگري:2009ع)، هيءُ ڪتاب موضوع جي لحاظ کان منفرد آهي، ڇاڪاڻ جو هن ڪتاب ۾ هندستان ۾ رهندڙ جن به سنڌين، سنڌيءَ ۾ پي.ايڇ ڊي ڪئي آهي، ان جو تفصيل ڏنو ويو آهي ۽ انهن اسڪالرن جو مختصر تعارف پڻ شامل ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي، پر هن وقت ٻئي ڀاڱا گڏائي 2017ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب ايتري ته مقبوليت ماڻي آهي، جو هن جو وري نئون ڇاپو پبلش ٿي رهيو آهي. هيءُ ڪم نهايت ئي محنت طلب آهي، ڇاڪاڻ جو هن ۾ سڀني اسڪالرن جي ٿيسز کي هٿ ڪري ان جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي ان کي حتمي شڪل ڏني ويئي آهي. ان قسم جو محنت طلب ڪم اهو ماڻهو ڪري سگهي ٿو، جنهن جي اندر ۾ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ مانُ هوندو آهي.
    ’سنڌي ناٽڪ جي ارتقا‘ (سنڌي ۽ ديوناگري: 2010ع)، ’سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ همعصر موضوع‘ (سنڌي ۽ ديوناگري: 2011ع)، ’گُرديو ٽئگور جي لکڻين جا سنڌي ادب ۾ ترجما‘ (هندي: 2013ع) شامل آهن. اُن کان علاوه هن ڪيترن ڪتابن کي ترجمو پڻ ڪيو آهي، جن جو وچور هن ريت آهي: ’هاشيه گواه‘ (ڀڳوان اٽلاڻي: هنديءَ مان سنڌي ترجمو: 2011ع)، ’سج لهڻ کان پوءِ‘ (ڀڳوان اٽلاڻي: هنديءَ مان سنڌي ترجمو: 2012ع)، ’مُڪتي (ڊراما: سنڌيءَ مان هندي ترجمو:2012ع)، ’سنڌي اڌيڪار ڇا آهن‘ (سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو:2014ع)، ’ايڪ ڀياڀيت ويڪتي‘ (شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ مان هندي ترجمو: 2015ع) شامل آهن. هن ٽي ڪتاب ترتيب پڻ ڏنا آهن، جن ۾ ’سنڌي ساهتيه سيمينار‘ (2011ع)، ’ادبي مقالا‘ (سنڌي قومي سيمينار)، ’کوئي هوئي پرڇائي‘ (2017ع)، ’سنڌ هند جون عظيم شخصيتون‘ (جولاءِ 2017ع) شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٽن سدا بهار عالمن شوڪت حسين شوري، هيري شيوڪاڻيءَ ۽ واسديو موهي بابت اُهي مقالا شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ’اَنتر راشتريه سنڌي سيمينار‘ ۾ پڙهيا ويا هُئا، ڇاڪاڻ جو پروفيسر سنڌيا، سنڌي ٻوليءَ جي هنن ٽنهيءَ عالمن بابت هڪ سيمينار ڪرايو هو، جنهن ۾ هنن جي ادبي خدمتن ۽ شخصيتن تي مقالا پيش ڪيا ويا هُئا. آءٌ سمجهان ٿو ته حياتيءَ ۾ مڃتا ڏيڻ جو بنياد سنڌيا ئي وڌو آهي، ٻئي کي مڃتا اُهو ماڻهو ڏئي سگهي ٿو، جنهن جي اندر ۾ پنهنجي هم قوم لاءِ عزت ۽ مانُ هوندو آهي.
    سندس مٿين ڪتابن مان مون سندس 4 ڪتاب ’سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ همعصر موضوع‘، ’سنڌي ناٽڪ جي ارتقا‘ ’سنڌي ساهتيه جا محقق‘ ۽ ’سنڌ هند جون عظيم شخصيتون‘ پڙهيا آهن، هي ڪتاب موضوع جي لحاظ کان بهترين ڪتاب آهن، چئني ڪتابن ۾ ٻوليءَ جي شائستگي، رواني، سادو اسلوب ۽ تحقيق شامل آهي. سنڌي ليکڪائن واري ڪتاب ۾ عورت بابت هوءَ هن ريت ويچار ونڊي ٿي ته:
    ”انساني سُونهن، اُن ۾ به عورت جو حُسن، خوبصورتيءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي. عورت جي جلويدار من موهڪ خوبصورتيءَ اڳيان رشين- منين به سجدو ڪيو آهي. استري ڪائنات جي پاڪ پويتر رچنا آهي.“
    (سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ همعصر موضوع ، ص:32)
    عورت بابت سندس هي ويچار، عورت جي عظمت کي اُجاڳر ڪن ٿا، ۽ واقعي عورت ڪائنات جي سُندرتا جو هڪ سُنهري روپ آهي، ۽ عورت هر رُوپ ۾ وڻندڙ، پيار ڪندڙ آهي ۽ عورت ئي ڪائنات کي رنگيني بخشي ٿي. سنڌيا جون لکڻيون هر لحاظ کان اهميت رکندڙ آهن ۽ سندس موضوع به منفرد آهن. سندس ادبي پورهيي بابت هند جي خوبصورت ڪهاڻيڪاره مايا راهيءَ جا هي لفظ سندس پورهيي سان انصاف ڪندڙ آهن:
    ”سنڌياجي، جنهن ڳالهه لاءِ کيرون لهڻي سا آهي ناٽڪ جي سفر جي، جا آهي اسڪرپٽ کان شروع ٿي درشڪن جي سامهون اچڻ جي. مطلب ته ناٽڪ سان وابسطه اُن جي هر پهلوءَ، هر رُوپ کي ڳولهي ڦولهي، ڇنڊي ڦوڪي، چمڪائي هن اسان سامهون پيش ڪيو آهي. ناٽڪ جي آد کان وٺي اڄ تائين جو مُڪمل خاڪو اسان سامهون رکيو آهي، ۽ مون کي لڳي ٿو ته سمورو ناٽڪ پنهنجين سمورين خاصيتن سان هتي چمڪي پيو آهي.“ (سنڌي ناٽڪ جي ارتقا، ص: 5)
    اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ جو عالمي پايي جو نقاد هيرو شيوڪاڻي سندس محنت، جفاڪشي، لگن ۽ سنڌيت سان چاهه جي حوالي سان لکي ٿو ته:
    ” هن جو نالو سنڌيا آهي، پر آءٌ پنهنجي زندگيءَ جي سنڌيا جي وقت اهو محسوس ڪيو آهي، ته ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي شريمتي چاندي ٻائي ڪاليج جي سنڌي وڀاڳ جي پرمک، پنهنجي عهدي سان جوابداريون بخوبي نباهيندي، ساهتڪ سرگرمين ۾ ڀاڳ وٺي رهي آهي. اڄ شايد هوءَ سڀ کان اڪيلي، کُلئي من ۽ کُليءَ دل سان سڀني ساهتڪارن کي نينڍ ڏيئي، پنهنجي ڪاليج جي وديارٿين سان ملاقات ڪرائيندي آهي. شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ ساهتيه ۽ سنسڪرتيءَ کان نه فقط روبرو ڪرائيندي آهي، پر انهن ۾ لڳاءُ، اُتساهه ۽ جاڳرتي به وڌائيندي آهي. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي بناوڪار، صاف دل رکندڙ آدرش پروفيسر ڪونه ڏٺي آهي. ڀارت جي پاٺڪن سامهون اسان جي ساهتيه جي سڃاڻپ ڪرائڻ جو ڪم، سنڌيا واقعي ۾ ساراه جوڳو ڪيو آهي. هندستان ۾ پهريون دفعو سنڌ هند جي ٽن حيات شخصيتن تي انتر راشتريه سيمينار جو آيوجن ڪندي، سنڌ هند جي ساهتڪارن جي وچ ۾ پُل جوڙڻ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندي رهي آهي. سنڌيا کي منهنجون دلي شڀ ڪامنائون آهن ته هوءَ هميشه اڳتي وڌندي رهي ۽ شل ڪاميابيءَ سان منزل ماڻي.“
    سنڌ هند جي سرموڙ نقاد پروفيسر هيري شيوڪاڻيءَ جي راءِ کانپوءِ آءٌ نه ٿو سمجهان ته اسان جي هن ليکڪا کي ٻئي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت هُجي. هونئن به ماڻهوءَ جي سُڃاڻپ سندس ڪم ئي هوندو آهي ۽ سنڌيا جي ڪم ئي هن کي بُلنديءَ تي پهچائي ڇڏيو آهي. سنڌيا سنڌي ٻوليءَ کي مڃتا ڏيندي 30 کن تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي سنڌ-هند جي مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجي چُڪا آهن ۽ هن وقت هوءَ انهن کي ڪتابي صورت ۾ به آڻي رهي آهي، يقيناً سندس هيءُ ڪتاب به ٻين ڪتابن جيان مڃتا ماڻيندو. کيس فوٽو گرافي ۽ چترڪاريءَ جو به شوق رهيو آهي ۽ هن ڪيترين ئي علمي ادبي شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ خوبصورت تصويرون ٺاهيون آهن. ان کان علاوه هوءَ شاگردن کي به اُتساهيندي رهي آهي ته ٻيون سرگرميون به ڪندي رهي ٿي. جن ۾: شهيدن جا ڏينهن ملهائڻ، گيسٽ ليڪچرس رکڻ، ٻين ڪاليجن جي چٽاڀيٽين ۾ شاگردن کي اُتساهي وٺي وڃڻ، سنڌي پروفيسرن لاءِ هر سال ڪهاڻي ۽ شاعريءَ جي پروگرامن ۾، خاص پروفيسرن جون رچيل ڪهاڻيون ۽ شاعري انهن جي زباني پيش ڪري، انهن کي انعام ڏيڻ، هر سال ’اَنتر راشتريه سنڌي سيمينار‘ منعقد ڪرائڻ اهم آهن.
    هن کي علمي، ادبي خدمتن جي اعتراف طور ڪيترائي اوارڊ ملي چُڪا آهن، جن ۾: ’هسٽري آف سنڌي ڊراما‘ تي هيومن ريسورسز کاتي جي وزارت طرفان ڪيش اوارڊ 50 هزار رپيا ۽ تعليمي خدمتن عيوض کيس ’راڌا ڪرشن گولڊ ميڊل‘ اهم جاءِ والارين ٿا. ان کانسواءِ هن 45 کان وڌيڪ ڪريڪيوليم پروگرام منعقد ڪرايا آهن، ۽ ڪيترن علمي، ادبي، ثقافتي پروگرامن ۾ انتظامي حيثيت سان حصو وٺي چُڪي آهي. اهڙيءَ طرح هوءَ سنڌي ساهتيه سنگت، اُلهاس نگر ڪاليج جي چيئرپرسن ۽ مهاراشٽر ساهتيه اڪيڊميءَ جي ميمبر پڻ آهي. هُوءَ هن وقت ممبئي ۾ رهائش پذير آهي.


    ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي : شالني ساگر

    سنڌ ۽ هند جي ناليواري شاعره شالني ساگر جو جنم 22 فيبروريءَ تي سنڌ جي تاريخي شهر شهدادڪوٽ، ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪو قنبر شهدادڪوٽ) ۾ مهراج گوپي ڪرشن جي گهر ۾ ٿيو، هوءَ ناليواري تخليقڪار وينا شرنگيءَ جي ننڍي ڀيڻ آهي. هن گرئجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي. هن جو ٻاروتڻ سنڌ جي سرزمين تي گذريو ۽ هن پنهنجي ذهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي سُنهري خواب محفوظ ڪري رکيا هئا، پر ورهاڱي جي وڍ هن کي پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ڪيو. جيتوڻيڪ: هوءَ سنڌ کان ڌار ته ٿي وئي، پر هن جي من اندر ۾ پلجي وڏي ٿيندڙ ڌرتيءَ جي محبت هڪ پل جي لاءِ به هوءَ وساري نه سگهي. سنڌ هن جي تن من ۾ ايئن سمائجي وئي آهي، جو هوءَ اڄ تائين ٻاروتڻ ۾ قيد ٿيل خوابن جو پاند ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. هن جون سموريون ڪوِتائون سنڌ جي هوائن سان سرگوشيون ڪن ٿيون. ان حوالي سان هوءَ پاڻ ئي لکي ٿي ته:
    ”منهنجو جنم آسٿان ڀلي ئي ممبئي آهي، پر مون جتي پنهنجو ٻالپڻ گذاريو، سو آهي شهدادڪوٽ، ضلعو لاڙڪاڻو. سنڌ ڇڏي ڀلي ئي هتي هند ۾ رهي آهيان، تنهن هوندي به دل ۾ اهو درد ضرور محسوس ٿيندو آهي ته پنهنجا اباڻا پکا ڇڏي هتي آباد ٿيا آهيون.سنڌين جي دل ۾ اهو احساس رهي ٿو، هيءَ ڪهڙو دستور جو سنڌ ڇڏڻي پئي، مون کي نارائڻ شيام جو شعر ٿو ياد اچي.

    گنگا جمنا امرت امرت
    ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.“
    (شاعريءَ جي مجموعي ’حوصلو‘ تان ورتل)
    شالني ساگر نه رڳو بهترين شاعره، ڪهاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ آهي، پر هن جي ٻي سڃاڻپ آل ريڊيو تي مشهور براڊ ڪاسٽر به آهي. هوءَ گذريل 34 سالن کان آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نشريات سان واڳيل آهي، کيس سنڌ جي مٽي، ٻولي، ادب، ثقافت سان وڏو چاهه رهيو آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ لاتعداد تحقيقي مقالا، ڪهاڻيون لکيون ۽ نهايت ئي وڻندڙ شاعري به ڪئي آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’تنهائي‘ جي نالي سان ناليواري اديب ڪمليشور سهيڙي ڇپرايو، جنهن کي سنڌي اڪيڊمي، دهليءَ پاران 2012ع ۾ بهترين افساني جو اوارڊ پڻ مليو. هن ڪتاب کي پڙهندڙن پاران تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. سنڌ توڙي هند جي مختلف رسالن ۾ ڪيترائي تبصرا پڻ ڇپيا. ان کانپوءِ سندس ترجمن تي مشتمل ڪتاب ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘جي عنوان سان ڇپيو، جنهن کي پڻ هاڪاري موٽ ملي. 2012ع ۾ سندس نظمن جو مجموعو ’حوصلو‘ جي نالي سان، وينا شرنگي، دهليءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کان علاوه ڪيتري عرصي کان افسانا، ڪالم، ۽ مقالا لکندي رهي آهي. سندس رچنائون؛ مشهور مخزنن؛ سپون، هند واسي، رهاڻ، سنڌو مشعل، ادبي چمن، سنڌي گلشن، سنڌين جو سنسار، ڪونج ۽ سنڌو ڊائجسٽ ۾ ڇپجي چُڪيون آهن. هن ڏيهي توڙي پرڏيهي سيمينارن، ڪانفرنسن ۾ ڪيترائي پيپر پيش ڪيا آهن، خاص طور ’عورتازاد‘ جي موضوع هيٺ سندس لکيل پيپر توڙي شاعريءَ کي پڙهندڙن/ٻڌندڙن پاران تمام گهڻو مان مليو آهي.
    هن جي شاعريءَ ۾ نينهن جو نشو آهي، اڻلکو پيار آهي، جنت جهڙي سرزمين سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي مهڪ آهي، ۽ جڏهن هوءَ انهيءَ مٽيءَ جي مهڪ کي ڪوِتائن جي روپ ۾ اسان جي سامهون ٿي آڻي ته سندس محبتن جي معراج ۾ سِر بسُجود جهڪيو ٿو پوي. شالني سنڌو درياهه کي ڀيٽا ڏيندي چوي ٿي ته:
    هيءُ سنڌو درياهه
    مُقدس آهي
    جنهن ۾ نظر ايندڙ
    هر ڌُنڌُلو پاڇو
    منهنجي مارُن جي
    واقعن جو داستان پيش ڪري ٿو.
    سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي گڙگڙاهٽ
    ڄڻ ته منهنجي بُزرگن جي
    آواز جو پڙاڏو آهي.
    اهڙي ئي هڪ ٻي ڪوِتا آءٌ هتي ڏيان ٿو، جنهن ۾ هن جنم ڏيندڙ ماءُ ۽ ڌرتيءَ ماءُ جو پاڻ ۾ ڪيئن نه ڳانڍاپو ڏيکاريو آهي ۽ ڪيڏي تسلسل سان رچنا کي رچيو آهي:
    ماءُ
    اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته
    خدا هن ڌرتيءَ تي
    پنهنجو ظهور
    ماءُ جي روپ ۾ پيدا ڪيو آهي.
    عورت ۽ ڌرتي ٻئي تخليقڪار آهن.
    عورت ماءُ جي روپ ۾
    جنم ڏيندڙ
    ته ڌرتي اسان لاءِ ان اُپجائي ٿي.
    اها ٻي ڳالهه آ
    جو ڪڏهن ڪڏهن مصرور کي
    پنهنجي ئي شاهڪارن هٿان مرڻو پوي ٿو.
    اهڙيءَ طرح سندس هر ڪوِتا شاهڪار آهي، جيتوڻيڪ هوءَ مصور ناهي، پر هن جي ڪوِتائن کي پڙهجي ٿو ته ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ جي نگاهه انهن سڀني منظرن کي قيد ڪري ڇڏيو هجي. هن جي ڪوتا باغ جا سمورا گُل مقدس آهن، پويتر آهن ۽ انهيءَ پويترتا ۾ سمايل آهي سنڌ جو تقدس!
    ان کان علاوه هن جو ٻيو وڏو ڪم؛ انڌن ٻارڙن لاءِ تربيتي آڊيو ڪيسيٽون تيار ڪرڻ آهي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ اُهي ڪيسيٽون هن ڌيرادون جي ’نيشنل انسٽيٽيوٽ فارويوئلي هينڊيڪيٽ‘ طرفان تيار ڪيون آهن. کيس ڀارت جي راشٽرپتي ڀون ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل سطح جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪرڻ جو اعزاز حاصل رهيو آهي.
    اهڙيءَ طرح هن آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي يونٽ ۾ خاص پروگرام رڪارڊ ڪيا آهن. جن ۾؛ شاهه جون ست سورميون، ساجن توکي خبر ڪهڙي، سنڌ جي اخبارن جون رپورٽون ۽ 70 کان وڌيڪ ميوزيڪل فيچر پڻ شامل آهن. انهيءَ سلسلي هيٺ شالني، هوندراج دکايل، شمشير الحيدري، صادق فقير، جا انٽرويو پڻ رڪارڊ ڪيا آهن. هن دُوردرشن جي پهرين سنڌي ناٽڪ ’اپگره ڪينڊرا‘ ۾ اداڪاري پڻ ڪئي آهي.
    شالني ساگر اڻ ورچ انسان آهي. هوءَ گهڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ، هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ادارن سان سلهاڙيل آهي. هن جو ادبي ڪارج تمام گهڻو آهي. پاڻ هن وقت دهليءَ ۾ رهائش پذير آهي.


    اَوکا پنڌ پيار جا : ڪلا پرڪاش

    سنڌ ۽ هند جي نامور ڪهاڻيڪاره ۽ ناول نگار ڪلا پرڪاش 2 جنوري 1934ع تي، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پارومل چانڊواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم هرديوي گرلس اسڪول ڪراچيءَ ۾ پرائي. تيسين سنڌ ۽ هند جو ورهاڱو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي ٻين هندن سان گڏ هيءَ خاندان به متاثر ٿي پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ٿيو، وڃي هند وسايو. هن بقايا تعليم هند ۾ حاصل ڪئي. هن ميٽرڪ ڪي.جي کلناڻي اسڪول مان ۽ ايم.اي سنڌي ادب ۾ جئه هند ڪاليج بمبئي مان ۽ ڊي. ايڇ. اي جي ڊگري بمبئي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.
    ڪلا، 1954ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي برک اديب موتي پرڪاش سان شادي ڪئي، جنهن مان ’شريڪانت صدف‘ جهڙو شاعر سنڌي ادب جي حصي ۾ آيو.
    هن لکڻ جي شروعات 50ع واري ڏهاڪي کان ڪئي، هن شروعاتي دور ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ادب ۾ پير پاتو، پر پوءِ جلد ئي هن ناول لکڻ شروع ڪيا. سندس ڪهاڻين توڙي ناولن جا موضوع سماجي ئي رهيا، سندس رَچنائن ۾ احساسن جي اُپٽار ڏاڍي سهڻي نموني ٿيل ڏسجي ٿي. هن سماج ۾ وهندڙ واپرندڙ هر مسئلي کي پنهنجي لکڻين جو محور بڻايو ۽ تسلسل سان اهڙن موضوعن تي لکي هن الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. اُن کانسواءِ سندس لکڻين مان سنڌ جي محبت، سڪ ۽ تڙپ محسوس ڪري سگهجي ٿي. ورهاڱي جي وڍ ۾ وڍجي ويل سڀني سنڌي هندن جي درد جا داستان سندس قلم مان وَهي نڪتا آهن. هن اهڙن موضوعن تي قلم کنيو آهي، جيڪي اڻ ڇهيل موضوع آهن، جن تي لکي هن سنڌي ادب جي هڪ سُٺي خدمت ڪئي آهي. سندس هن وقت تائين ڪهاڻيون، ناول، شاعري، سفرناما ۽ مضمونن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن مان ڪيترائي سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن. هيءَ هند توڙي سنڌ ۾ اوتري ئي مقبول آهي، هن پڙهندڙن ۾ الڳ جاءِ والاري آهي، ۽ الڳ ڇاپ ڇڏي آهي. هن توڙي جو سڀني صنفن ۾ لکيو آهي، پر هن کي ناول تي دسترس آهي ۽ هن جي سُڃاڻپ ناول نگار طور وڌيڪ آهي، هن جي ناولن ۾ حقيقت نگاريءَ گهڻي نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪلا جي ناولن بابت لکي ٿو ته: ”ڪلا جا ناول پيار ۽ سماج جي چوگرد پيا ڦرن. هن جي تحرير ۾ جيڪو جوش ۽ جذبو سمايل آهي، تنهن ۾ خوبصورت لفظن ۽ جملن جو گهڻو دخل آهي“
    (جوڻيجو، عبدالجبار ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جلد ٽيون، ص؛ 42)
    ڪلا پرڪاش جو ناول اوکا پنڌ پيار جا‘ جيڪو سنڌ ۾ تازو ڇپيو آهي، هڪ شاهڪار ناول آهي. هن ۾ ڪردارنگاري، حقيقت نگاري ۽ رومانيت گڏ گڏ آهي ۽ هن ۾ جيڪا فني ڪماليت آهي، اُها اِها آهي ته، هن ناول کي جتان کنيو ويو آهي، گُهمائي ڦيرائي اُتي ئي پُڄاڻي ڪئي آهي ۽ هڪ ئي وقت چئن ڪردارن کي گڏ کڻي هلڻ، هر ڪنهن سان هڪ جيترو نباه ڪرڻ، ڄڻ ته ساهميءَ جي ٻن پُڙن ۾ رکي توري تڪي هر ڪنهن کي اوتري ئي پذيرائي ڏني وئي هجي. انهيءَ مان ئي پرک ڪري سگهجي ٿي ته؛ هوءَ ناول نگاريءَ جي فن تي دسترس رکي ٿي.
    سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
    ’ڏوهي بيڏوهي‘ (ڪهاڻيون: 1953ع)، ’هڪ دل هزار ارمان‘ (ناول: 1957ع)، ’ممتا جون لهرون‘ (نثري نظم: 1963ع)، ’شيشي جي دل‘ (ناول: 1970ع)، ’هڪ سپنو سُکن جو‘ (ناول: 1971ع) ’مُرڪ ۽ ممتا‘ (ڪهاڻيون: 1973ع)، ’حياتي هوتن ريءَ‘ (ناول: 1980ع)، ’هينئڙي منجهه هُرن‘ (سفرنامو: سنڌ ۾ ڇپيل 1987ع)، ’وقت وٿيون ۽ وڇوٽيون‘ (ناول: 1988ع)، ’آرسيءَ آڏو‘ (ناول: 1992ع)، ’وارن ۾ گُل‘ (ڪهاڻيون: 1993ع)، ’پيار‘ (1997ع)، ’پکن جي پريت‘ (1998ع)، ’ممتا جون لهرون‘ (حصو ٻيو_نثري نظم: 2006ع)، ’سمنڊ ۽ ڪنارو‘ (ناول: 2006ع)، ’انتظار‘ (ڪهاڻيون: 2007ع)، ’اوکا پنڌ پيار جا‘ (ناول: سنڌ ۾ ڇپيل 2010ع) شامل آهن.
    ڪلا پرڪاش جون سموريون لکڻيون مهانتا جي منزل کي ڇُهندڙ آهن. هن جي لکڻين ۾ ڪردار نگاري، منظر نگاري کان علاوه لفظن جي اُڻت، ٻوليءَ جو اسلوب ۽ ٻوليءَ جي اصلوڪن لفظن جو استعمال عام ملي ٿو، ان حوالي سان چئجي کڻي ته هن ٻوليءَ ۾ به لفظن جو واڌارو ڪيو آهي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ڇو ته سندس سمورا خيال ٻهراڙين مان کنيل آهن، جنهن ڪري سندس ڪردارن جي ٻولي به اُها ٻهراڙين ۾ عام استعمال ٿيندڙ ٻولي آهي. اهو سندس مشاهدي جي ساک ته ڀري ٿو، پر ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هن جي اها شعوري ڪوشش آهي. هن عام ماڻهن جي زندگين ۾ جهاتي پائي، اُنهن جي درد جي تصوير ڇڪي آهي. اهڙي ئي شاهدي نامور ليکڪ پروفيسر عبدالستار بلوچ جي هن پيراگراف مان به وٺي سگهجي ٿي:
    ”ڪلا پرڪاش مهان وطن دوست ليکڪا آهي، جنهن تن، من، ڌن ۽ فن سڄڻ ۽ ساڻيهه کي ارپي، ادبي دُنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي. هوءَ سنڌونديءَ کي پيار ۽ مٺڙي ماءُ جي ٿڃ جيان امرت ڌارا جو درجو ڏئي ٿي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي مٺڙي ماءُ جي لولي ڄاڻي، اُن ۾ آنند، سڪون ۽ آرام محسوس ڪري ٿي. هوءَ ڌرتيءَ ماتا جي مامرن کي پنهنجين ڪهاڻين، ناولن ۽ نظمن جو عنوان بڻائي، غريب، مظلوم، مفلس ۽ نادارديس واسين جي داد رسيءَ جي لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيندي رهندي آهي.“
    (بلوچ، عبدالستار ’سون ورنيون دليون‘ ص: 209)
    هن جتي سنڌ ۽ هند جي درد جي تاريخ لکي محفوظ ڪئي آهي، اُتي هن پنهنجي ٻارن ’شريڪانت صدف ۽ سنڌوءَ‘ کي پنهنجي نثري نظمن ۾ سمايو آهي. ڪتاب ’ممتا جون لهرون‘ ۾ هن واقعي پنهنجي ممتا نڇاور ڪئي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي اندر ۾ سانڍيل سمورين محبتن ۽ سچن جذبن جي آرٽسٽڪ نگاه سان منظر ڪشي ڪئي آهي.
    ڪلا پرڪاش مختلف عهدن تي رهي به عام ماڻهن جي خوب خدمت ڪئي آهي، هوءَ 1954ع کان 1971ع تائين ڀارت سرڪار جي مرڪزي کاتي ۾ آڊيٽر رهي، ان کانپوءِ آر. ڪي تلريجا ڪاليج اُلهاس نگر، مهاراشٽر ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر ۽ 1980ع کان 1983ع تائين دبئي جي هڪ اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس پڻ رهي چُڪي آهي. سنڌي ادب جي هن گهڻي پڙهي ويندڙ ليکڪا جي سڄي زندگي لکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذري آهي.


    راجسٿان جو رُوح : ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي

    هندستان جي پهرين پي.ايڇ.ڊي سنڌي عورت ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، ڪهاڻيڪار ۽ محقق آهي. هن 16 جون 1950ع تي اجمير راجسٿان ۾ نارائڻداس ڌنجاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مقامي طرح حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ايم. اي (هندي 1976ع) راجسٿان يونيورسٽيءَ مان، پي. جي ڊپلوما (جرنلزم 1980ع) راجسٿان يونيورسٽيءَ مان، ايم. اي (سنڌي 1982ع) بامبي يونيورسٽيءَ مان، ايم. ايڊ (1990ع) ايڇ. پي يونيورسٽي، شملا مان ۽ پي. ايڇ. ڊي ( سنڌي ادب 1993ع) ۾ بامبي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊي مقالي جو عنوان ’سنڌي شاعريءَ ۾ قدرت جو چٽ‘ آهي. ڊاڪٽر ڪملا پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هن 1980ع کان پڙهائڻ شروع ڪيو، 1980ع کان 1992ع تائين اسڪول ٽيچر (R.E.S) رهي، 1994ع تائين هيڊ مسٽريس (R.E.S) ۽ 1994ع کان گورنمينٽ ڪاليج اجمير ۾ ليڪچرر طور پڙهايائين، جتان 2010ع ۾ رٽائر ڪري چُڪي آهي.
    هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪئي، جيڪي اُتان جي مقامي رسالن ۾ ڇپيون. اُن بعد هن ادب جي مختلف صنفن ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ مضمون ۽ تحقيقي مقالا اهم جاءِ والارين ٿا. هن جي ڪهاڻين ۾، هند جي ٻين ليکڪن/ليکڪائن جي ڀيٽ ۾ جدت ڏسجي ٿي، ڇاڪاڻ جو هن جو جنم پنهنجي سرزمين تي ٿيو آهي، تنهن ڪري هن جي لکڻين ۾ ورهاڱي جهڙي درد بجاءِ پنهنجي سرزمين جي خوشبوءِ محسوس ٿئي ٿي. هن پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي خطي جي موضوعن کي اوليت ڏني آهي. هوءَ فڪشن ۾ به ڪماليت رکي ٿي ته سندس لکڻيون يورپي طرز جون به آهن. هن يورپ سطح جو مطالعو پڻ ڪيو آهي، ان جي باوجود راجسٿان کي سنڌ جي سرحد ويجهو هئڻ ڪري، سنڌ جي ادبي اثر کي قبولڻ کان پاڻ بچائي نه سگهي آهي. سندس سنڌي ڏاڍي پُختي آهي. تحقيق ۽ تنقيد ۾ به هن پاڻ ملهايو آهي، ۽ کيس مانُ به مليو آهي، ان جو هڪڙو سبب ته سندس تحريرن ۾ استعمال ڪيل شائستگي آهي، ٻيو ته هوءَ راجسٿان جي پهرين سنڌي پي.ايڇ.ڊي آهي.
    ڊاڪٽر ڪملا جا هن وقت تائين 16 ڪتاب طبعزاد ۽ ٻيا ڪيترائي ترجمو ٿيل ڇپجي چُڪا آهن. طبعزاد ۾ گهڻو تعداد سنڌيءَ جو آهي ۽ هن ديوناگريءَ ۾ به لکيو آهي. ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.
    ڇپيل ڪتابن جي فهرست
    حادثي کان پوءِ (ڪهاڻيون؛ 1984ع)، راجسٿان جي سنڌي ساهتيه جو جائزو (تنقيد؛1985ع)، فيصلو ٿيڻ تائين (ڪهاڻيون 1986ع)، هوندا سي حيات (بايوگرافي؛ 1987ع)، نظر ثاني (تنقيد؛ 1989ع)، سنڌي درسي ڪتاب (1991-95ع) ڇهين کان اٺين تائين. مخرت مئون (هندي ڪهاڻيون ؛1992ع)، ڊائريا جو سچ (تنقيد: 1993ع)، نظرثاني (ٻيو ڀاڱو؛ 1995ع)اظهار (ادبي مضمون؛1996ع) ادبي تاثرات (تنقيد؛ 1998ع)، سنڌي ساهتيه ۾ سمپراديڪ سدڀاو (تحقيق؛ هندي؛ 1999ع)، سنڌي ڪوِتا ۾ قدرت جو چِٽ (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز؛2001ع)، ادبي ڪٿ (تنقيد؛ 2002ع)، سائو ٿيل گاهه (ڪهاڻيون؛ 2003ع)، شاهه جو شعر (ادبي تنقيد؛ 2007ع)، ساهتيڪ ڪهاڻيون (درسي ڪتاب؛ 2007ع)، اولهه راجسٿاني ۽ سنڌي (ادبي تنقيد؛ 2010ع)، توم نه اڪيلي (ديوناگري شاعري؛ 2011ع)، سائو ٿيل گاهه (ديوناگري ڪهاڻيون؛ 2012ع)، متان ڪرين ماٺ (ديوناگري ۽ سنڌي ڪهاڻيون؛ 2014ع) اهم جاءِ والارين ٿا.
    ترجمو ٿيل ڪتاب
    اپني اپني وواسٿا (ڪهاڻيون؛ 1987ع) سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو. سنڌي ڪوِتا ۾ ويدانت (تحقيقي مقالا؛ 1993ع) سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو. ڪبير وچناولي (2004ع) هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو. سنڌ ڪهاڻي ڪي. آر ملڪاڻي (تاريخ؛ 2005ع) انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو. سنت ڪبير (2011ع) هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو. شهيد هيمون ڪالاڻي 2012ع) سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو. سماجي، سائنسي ۽ مئٿميٽڪس درسي ڪتاب، سنڌيءَ مان هندي ۽ هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو.
    ان کانسواءِ سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، شاعري، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون سنڌ ۽ هند جي مشهور مخزنن؛ رچنا، ريحان، سنگيتا، ڪونج، ڪينجهر، ڪلاچي، نظرانا، ادبي چمن ۽ ٻين ۾ ڇپجي چُڪا آهن. اهڙيءَ طرح پاڻ ادبي مئگزين رچنا جي ٽي سال ايڊيٽر، ريحان جي ڇهه سال ايڊيٽر، رهي آهي، هي راجسٿان سنڌي اسڪيڊميءَ جو ساليانو جرنل آهي. وردائي هندي ادبي جرنل جي پنج سال ايڊيٽر، جي. ايس. اي مئگزين جي سنڌي سيڪشن کي پنج سال سنڀاليائين ۽ آتم درشن هندي ۽ سنڌيءَ جي 1998ع کان لڳاتار ايڊيٽر آهي. هن پنهنجي بيحد صلاحيتن سان هنن رسالن کي خوبصورت بڻايو ۽ مڃتا ڏياري.
    ڊاڪٽر ڪملا ادبي ۽ تعليمي سرگرمين سان گڏ مختلف ادارن جي ڪميٽين جي ميمبر پڻ آهي، جن مان ڪن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو؛ ميمبر، راجسٿان سنڌي اڪيڊمي، جئپور 2013ع کان. نيشنل پريزيڊنٽ، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه پرچار سڀا 2007ع کان. ميمبر ساهتيه اڪيڊمي، نيو دهلي 1998ع کان 2002ع تائين. ميمبر آف ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ فنانس ڪميٽي نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (منسٽري آف ايڇ. آر. ڊي) گورنمينٽ آف انڊيا 1995ع کان 1998ع تائين. ايگزيڪيوٽو ميمبر ۽ چيئرپرسن ايڊيوڪيشن ونگ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا بامبي، 2003ع کان 2007ع ۽ عورتن جي شعبي جي چيئرمئن 2008ع کان لڳاتار. چيئرپرسن آل انڊيا سنڌي مهيلا سماج Mumal 1994ع. ميمبر، سرسوتي سڀا راجسٿان ساهتيه اڪيڊمي اُڌيپور 1990 کان 1993ع تائين. ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز_سنڌي (B.S.E., Rajasthan) 1992 کان 1993ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو 2009 کان 2012ع تائين. ماهر، نصاب ڪميٽي سنڌي (R.A.S. Exams of R.P.S.C) اجمير، 1994ع کان اُڌيپور، بڙودا، جوڌپور ۽ گجرات يونيورسٽيون. سيڪريٽري، هري سُندر سينيئر سيڪنڊري اسڪول اجمير 2009ع کان لڳاتار. آل انڊيا ريڊيو جي سمورين اسٽيشنن جي باقاعده براڊڪاسٽر ۽ ٻين ڪيترين علمي ادبي اڪيڊمين جي پاڻ ميمبر رهي چڪي آهي ۽ ڪيترن ادارن سان اڃا تائين لاڳاپيل آهي. هوءَ اڻ وِرچ انسان آهي، پنهنجي زندگيءَ جو هر پل سجايو ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهي ٿي. هن هڪ ئي وقت مختلف ادارن سان لاڳاپل هئڻ جي باوجود لکڻ جي عمل کي برقرار رکيو ۽ لاتعداد ڪتاب لکيائين ۽ ترجمو ڪيائين، جيڪي ادبي ميدان ۾ پنهنجي الڳ حيثيت رکن ٿا، هن جي ڪيترن ئي ڪتابن تي اوارڊ پڻ ملي چڪا آهي، اُن کانسواءِ علمي ادبي خدمتن جي اعتراف طور لاتعداد اوارڊ، شيلڊون ۽ انعام مليا آهن، جن مان ڪن جو هتي ذڪر ڪجي ٿو؛
    • بيسٽ رائيٽر آف راجسٿان اوارڊ ٽي ڀيرا راجسٿان گورنمينٽ پاران 1989ع، 1992ع، 1999ع.
    • هرومل سدارنگاڻي نيشنل گولڊ ميڊل ادبي مڃتا طور 1995ع.
    • هندستان جي پهرين سنڌي عورت ڊاڪٽريٽ جي اعتراف طور اين. سي. پي. سي. ايل پاران 50 هزار رپيا قومي اوارڊ چيف منسٽر راجسٿان هٿان
    • آل انڊيا سنڌي جنرلسٽس ايسوسيئيشن انڊور پاران 1995ع جنرلزم اوارڊ
    • گورنمينٽ آف انڊيا پاران ڪهاڻين جي مجموعي ’اظهار‘ تي 15 هزار روڪ انعام 1999ع
    • ڪبير وچناولي شاعري جي سنڌي مان هندي ترجمي تي ساهتيه اڪيڊمي گورمنٽ آف انڊيا پاران بهترين ترجمي جو 20 هزار رپيا روڪ انعام
    • اولهه راجسٿاني ۽ سنڌي ڀاشا ڪتاب تي 24 کان 26 مارچ 2014ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيل عالمي سيمينار تي پيپر پيش ڪيائين.
    • ثقافت کاتي هند پاران سنڌي آتم ڪٿائن جي اڀياس موضوع تي ٻن سالن لاءِ سينيئر فيلوشپ منظور ٿيل آهي.
    ان کانسواءِ ٻيا ڪيترا اوارڊ ۽ انعام ملي چُڪا آهن ۽ پاڻ پاڻ مختلف وقتن تي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ڪنوينر طور ذميواريون نڀائي چڪي آهي. پاڻ هن وقت نهرو نگر، سمالپور روڊ، اجمير ۾ رهائش پذيرآهي.


    هند جي پهرين سنڌي ليکڪا : گُلي سدارنگاڻي

    گُلي سدارنگاڻي، سنڌ جي اُها ليکڪا آهي، جنهن سڀ کان پهرين رابندر ناٿ ٽئگور جي ناول ’گورا‘ جو 1938ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هيءُ هڪ مشهور قومي ناول آهي. هن ۾ انگريز پيءُ ۽ هندستاني ماءُ مان پيدا ٿيل هڪ نوجوان جي جدوجهد جو داستان آهي. گُلي انگريزيءَ ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي هئي، جنهن ڪري کيس انگريزيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ وڻندو هو. هن سڀ کان پهرين 1936ع ۾ ’جواهر لال نهروءَ جا ڌيءَ ڏانهن خط‘ انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، پوءِ ٽئگور جو ’گورا‘ ترجمو ڪيائين ته منجهس وڏي تبديلي آئي ۽ هن کي پنهنجي ماءُ ٻوليءَ جو خيال جاڳيو، ۽ قومي جذبي تحت پوءِ گُلي، پهريون طبعزاد ناول ’اتحاد‘ 1941ع ۾ لکيو. هن کان پهرين ڪنهن به عورت ليکڪا جو ناول منظر تي نه اچي سگهيو هو. ان حوالي سان ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ لکيو آهي ته:
    ”ليکڪائن جي ناولن جي شروعات 1931ع کان پوءِ ٿي آهي، انهيءَ کان اڳ ڪنهن به ليکڪا جو ڪو به ناول نٿو ملي. پهريون ناول ’گورا‘ 1938ع ۾ ٽئگور جي بنگالي ناول تان ’ڪماري ڪرپالاڻي‘ ترجمو ڪيو ۽ پوءِ ساڳي ئي ليکڪا گُلي سدارنگاڻيءَ جي نالي سان 1941ع ۾ طبعزاد ناول ’اتحاد‘ لکيو. کيس هندي، سنڌي، سنسڪرت، بنگالي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هو.“ هن ناول جي اهميت بابت ڊاڪٽر پروين اڳتي لکيو آهي ته:
    ”اتحاد ناول پوري هندستان ۾ وقتائتو موضوع هئڻ باعث گهڻو مشهور ٿيو. برصغير جي هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن هندو ۽ مسلمان هڪٻئي جا ڪٽر دشمن هئا. گُليءَ هڪ هندو ڇوڪريءَ ۽ مسلمان ڇوڪري جي محبت ۽ ميلاپ کي پيش ڪري (شاديءَ جي صورت ۾) ڄڻ ته هندستان جي سياسي ۽ مذهبي وايومنڊل ۾ هڪ طوفان برپا ڪيو. هيءُ هڪ عورت طرفان وڏو همٿ وارو قدم هو. هن ناول لکڻ سان گُلي سدارنگاڻيءَ اهو ثابت ڪيو ته هوءَ هڪ بهادر ۽ آدرشي ليکڪا آهي. هيءُ ناول هندو مسلم فساد کي روڪڻ جو سڏ هو.“
    (ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر ’سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو؛ تحقيقي اڀياس، ص 106-108.) گُليءَ جي هن ناول ان وقت هندستان جي ماحول تي گهرو اثر ڇڏيو هو، ان جي بدلي ۾ گليءَ کي گهڻو ڪُجهه ڀوڳڻو به پيو هو ۽ هن انهيءَ ڀوڳنا مان به پاڻ پچايو ۽ پنهنجي قلم کي اڃا به اڳڀرو وٺي وئي هئي. هن ناول تي تبصرو ڪندي ناليواري محقق منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته:
    ”اهم اصليت وارو ناول ان پهرين سنڌي عورت جو هو، جنهن ساهت جي ميدان ۾ قدم کنيو هو ۽ بلڪل ثابت قدم. اها هئي شريمتي گلي سدارنگاڻي (جنهن اڳي ڪماري ڪرپالاڻي جي حيثيت ۾ ٽئگور جو ’گورا‘ انواد ڪيو هو)1941ع ۾ سندس ’اتحاد‘ نڪرڻ سان ڪٽر پنگتي اڳواڻن ۾ چوٻول مچي ويو، جيئن ’شاعر‘ (آسانند مامتو راءِ جو ناول ’شاعر‘) ۾ سنڌي ڇوڪرو صوبائي ۽ ڌرمي ٻنڌڻ مٽائي ڪشميريءَ مسلمان ڇوڪريءَ سان شادي ٿو ڪري، تيئن هن ناول ۾ هندو ڇوڪريءَ، هڪ لائق مسلمان ڇوڪري سان لانئون ٿي لهي. هن ناول ۾ راڄنيتي آزاديءَ بابت انقلابي خيال پهريون دفعو بردباريءَ سان ظاهر ڪيل هئا ۽ اُن جي عبارت ۾ به هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ ’اتحاد‘ رکيل آهي.“ (ملڪاڻي، منگهارام ’سنڌي نثر جي تاريخ‘، ص: 104)
    جيتوڻيڪ ملڪاڻي صاحب هن ناول بابت لکيو آهي ته منجهس هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ اتحاد آهي، پر ڊاڪٽر پروين موسيٰ ان کي رد ڪندي لکي ٿي ته:
    ”مان ملڪاڻي صاحب جي مٿئين راءِ سان قطعي متفق نه آهيان. ’اتحاد‘ جي اڀياس بعد انهيءَ نتيجي تي پهتل آهيان ته ناول جي ٻولي نج سنڌي ۽ آسان لفظن ۽ جملن سان سينگاريل آهي. مون پورو ناول ڌيان سان پڙهيو آهي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هندي لفظ آهن ۽ فارسي لفظ ته بلڪل نه هئڻ برابر آهن. هن ناول ۾ ڪنهن به ريت فارسي ۽ هندي ٻوليءَ جو اتحاد موجود نه آهي.“
    (ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر ’سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ليکڪائن جو حصو؛ تحقيقي اڀياس، ص: 112.)
    گُلي سدارنگاڻي بعد ۾ ٻه ٻيا ناول ’ساڌنا جو سپنو‘ ۽ ’آخرين انقلاب‘ لکيا، جن کي به تمام گهڻي موٽ ملي ۽ پوءِ هن ڪڏهن به ٻي ٻوليءَ ڏانهن رُخ نه رکيو. هوءَ ماهوار ’گلستان‘ جي ڪيترو عرصو ايڊيٽر به رهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن پهرين ناول نويسڪا سنڌي ادب ۾ ڪيترو ئي لکيو، پر سندس مواد تاريخ ۾ گُم آهي، ايئن کڻي چئجي ته هن ليکڪا تي ادبي دنيا ۾ ايترو ڪم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي هوءَ حقدار آهي. اڄ اسان وٽ سنڌ ۾ هن خوددار ۽ بيباڪ ليکڪا جي باري ۾ مواد نه هئڻ جي برابر آهي.


    سنڌو سڀيتا جي وارث : مايا راهي

    ناليواري ڪهاڻيڪاره مايا راهي 10 آڪٽوبر 1939ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي، هن مختلف جاين تان تعليم حاصل ڪندي ايم.اي ۽ بي.ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيون ۽ پوءِ تعليم جهڙي اعليٰ پيشي سان سلهاڙجي وئي، جنهن سان هن 36 سالن تائين ناتو قائم رکيو ۽ 1996ع ۾ هيڊ آف ڊپارٽمنٽ جي عهدي تان رٽائرمنٽ ورتي.
    هن جو اصل نالو مايا ڪرشن وڇاڻي آهي، پر ڪرشن سان شادي ڪرڻ کانپوءِ هن ادبي نالو ’مايا راهي‘ لکڻ شروع ڪيو، جيڪو سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. مايا راهيءَ کي ڪرشن جي نسبت سان گهر ۾ ادبي ماحول مُيسر ٿو، جنهن ڪري سندس لکڻين ۾ باقاعدي نکار آيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو انتهائي سگهارو شاعر نارائڻ شيام سندس گهر ايندو رهندو هو، ان جي ادبي ڳالهين هن کي اُتساهه بخشيو.
    ٻين سنڌين جيان مايا کي ورهاڱي چُور چُور ڪري ڇڏيو هو، هن جي اندر ۾ سنڌڙيءَ جي سِڪ ڏينهون ڏينهن سَلا ٻڌي مُورجڻ لڳي لڳڻ هُئي، ورهاڱي هن کان سڀ ڪجهه کسڻ سان گڏ معصوم خواهشون ۽ خواب پڻ کسيا هئا. ورهاڱي جي پيڙا بابت هوءَ لکي ٿي ته:
    ”1947ع کانپوءِ جي دردناڪ ورهاڱي سنڌين کان سنڌ ڇڏائي ۽ هند ۾ اچي کين اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ هڻ- پٽ ڪندي، ڪي سال گذري ويا. ’هُو سنڌ ۽ سنڌ جي سُکن کي ياد ڪندا رهيا‘ ۽ گهڻي وقت تائين انهيءَ آس ۾ رهيا ته ’اِجهو ٿا پنهنجي وطن وَرون.‘ سنڌ ڇڏڻ وقت ڪنهن ايئن ڪونه سوچيو هو ته وري واپس ورڻ ڪونه ٿيندو. ڪيترا ته ڀريل تُريل گهرن جون چاٻيون پاسي وارن کي ڏيئي آيا هُئا، اهيءَ اُميد سان ته جلدي واپس وربو.“ (ڪونج: ڊسمبر 2006ع)
    مايا شروعاتي دور کان ڪهاڻيون لکيون، پر سندس ادبي دنيا ۾ باقاعدي سڃاڻپ ڪهاڻين جي مجموعي ’محبت‘ جو مينهن‘ ڇپجڻ کانپوءِ ٿي. اُن بعد هن تسلسل سان لاتعداد ڪهاڻيون لکيون، جن کي پڙهندڙن پاران ڀرپور موٽ ملي، هن وقت تائين سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا ’محبت جو مينهن‘، ’موڪش‘، ’ڍال‘ ۽ ’مهانگي مُرڪ‘ ڇپجي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. سندس ڪهاڻين جي مجموعي ’مهانگي مُرڪ‘ کي 2015ع جو ساهتيه اوارڊ پڻ مليو. واضح رهي ته هن کان پهرين هند جي پنجن سنڌي ليکڪائن پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتمچنداڻي، اندرا واسواڻي، ڪلا پرڪاش ۽ تارا ميرچنداڻيءَ کي به اهو اوارڊ ملي چُڪو آهي، جيڪو سنڌي ليکڪائن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻبو. 1971ع ۾ مايا جي جيون ساٿي ڪرشن راهيءَ کي به ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ مليو هو ۽ هي ٽيون ڀارتي جوڙو آهي، جنهن کي اهو اوراڊ مليو آهي. مايا جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جون عڪاس آهن ۽ هن ڪهاڻين ۾ نواڻ آندي آهي ۽ سندس ڪردار بولڊ ۽ ماڊرن آهن، هن موجوده ٽهيءَ جي خيالن کي سامهون آندو آهي ۽ انهن جي سوچ کي نروار ڪيو آهي، جيڪا ريتن، رسمن ۽ روايتن کان پرڀرو ٿيندي پئي وڃي، ۽ فرسٽريشن جو شڪار آهي. سندس اهڙي هڪ ڪهاڻي ’وقت گذري ويندو‘ ريتن رسمن کان وانجهيل نئين ٽهيءَ جي نندا ڪري ٿي. شادي وغيره جي ٻنڌڻن کان آزاد ڇوڪري، جيڪا فقط ڊيٽ ۽ وقت گذاري لاءِ ڊُڪ ڊوڙ ڪري، هڪ کان ٻئي ۽ پوءِ ٽئين تائين الائي ڪٿي ڪٿي پاڻ لوئائي ٿي. هن ڪهاڻيءَ جا ڪجهه پيراگراف هتي ڏجن ٿا، جيئن ڪهاڻيءَ جي مقصد کان واقف ٿي سگهجي.
    ”ويهه سال اڳ هوءَ سنتوش سان ملي هئي، ويهه سال! ڪيڏا ٿيندا آهن ويهه سال، ۽ پوءِ ٻئي هئا ٻه جسم هڪ جان! سنتوش شاديءَ ڪري سيٽل ٿيڻ ٿي چاهيو، پر ڪرانتيءَ جي نظر هئي آفيس جي ٽاپ چيئر تي!“
    ”ڏينهن آفيس ۾، رات هِن، هُن جي اپارٽمينٽ ۾ گذرندي آهي، شانتيءَ جي سوچ آهي. شاديءَ جو رسيپشن ڏنل ناهي، پيپر تي ٺپو لڳل ناهي، رجسٽريشن ٿيل ناهي ته ڇا؟ هيئن گڏ رهڻ به ته شاديءَ کان گهٽ ناهي!“
    ”هُن مائيڪل کي فون ڪري ٻُڌائي ڇڏيو هو، هُن جا فون اچن پيا، هڪ ٻن ڏينهن ۾ هُن سان ڊيٽ تي وڃڻ جو سوچيان پئي.“
    (ڪونج: نومبر-ڊسمبر 2016ع)
    مايا جون مجموعي طور ڪهاڻيون ان قسم جون آهن، هن جي ڪردارن ۾ به نواڻ هوندي آهي، سندس ڪهاڻين جا پلاٽ به سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهن. سندس ڪهاڻين بابت شوڀا لعلچنداڻيءَ لکي ٿي ته:
    ”مايا جون ڪهاڻيون خاص گهٽنائن بابت آهن، مايا جون ڪهاڻيون ناريءَ جي نئين سُڃاڻپ بابت آهن، اڄ ناريءَ پاڻ سان ٿيندڙ زور، زبردستي، ظلم ۽ اتياچار خلاف سجاڳ آهي. جون جون ڪهاڻيون ٺوس حقيقي گهٽنائن جي بنياد تي لکيل آهن ۽ هر قسم جي ايڪسپلينيشن خلاف آهن، پوءِ اُهو اتياچار بزرگن سان هجي، ٻارن سان يا ناريءَ سان هجي! اڄ ناريءَ رشتيدارن ۽ سماج جي نقطي چينيءَ کان ڪونه ڇُٽل آهي. ڪهاڻين جا موضوع، ماحول ۽ مسئلا اڄ جي سنڌي گهرن سان وابسطه آهن. هن جي آتما جو آواز آهي ”عورت به هڪ انسان آهي“ مايا جون ڪهاڻيون ترتيب ۽ رِٿا سان ٽوٽڪن واري ٻوليءَ ڻ هُئڻ ڪري منورنجن ٿيون ڏين. ڊائلاگ به نوان، تازا ۽ بولڊ آهن. ڪهاڻين ۾ پيار جي نالي ۾ بيوفائي، وشواس گهات ۽ چريتر هيڻتا جون گهٽنائون به آهن.“
    ”جنسياتي ظلم خلاف مايا جي ڪهاڻين مان تڙڦ ۽ فرسٽريشن ٿو ظاهر ٿئي.“
    (هند واسي 19 فيبروري 2012ع)
    مايا راهي ڪهاڻين کان علاوه شاعري به ڪئي آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ به ساڳيون وارتائون آهن ۽ سنڌ کي ساريندي به هن ڪيترا طويل نظم لکيا آهن، جن ۾ جڏهن هو پهريون ڀيرو سنڌ آئي هُئي ته هُن سنڌ کي موهن جو دڙو ڪوٺيو هو ۽ ان پسمنظر ۾ سندس هيءُ نظم آءٌ هتي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان:
    مان سنڌ ويس
    مان سنڌ ويس
    حيدرآباد سکر
    روهڙي ۽ شڪارپور ڏسي
    موئن جو دڙو
    ڏسڻ نه ويس!
    سالن جا سال
    جا سنڌ
    تصور ۾ هئي منهنجي
    سا، حقيقت ۾
    هيئن؟
    هئڙي زبونءَ حالت ۾!
    اُگهاڙيون سِرون،
    ڀُريل ڀِتيون،
    بنا در درين گهر،
    مرندڙ شهر،
    ڏسي،
    لڳم ته موئن جي دڙي ۾
    هن کان وڌ ٻيو ڇا هوندو؟
    جيڪا سنڌ اسان ڇڏي
    سا ڪٿي آ؟
    جا ٻولي، سڀيتا
    پاڻ سان آندي
    سا ڪٿي؟
    اُتي جي ڄاول
    پليل نپيل
    سنڌي
    ٻولي ۽ سڀيتا
    هتي، هند ۾ اچي
    مري رهي آهي
    ۽ دڙا هُتي وڌي رهيا آهن.
    اهڙيءَ ريت هُو جڏهن ٻيو ڀيرو سگا پاران منعقد ڪيل ’شاهه سچل سامي‘ ڪانفرنس ۾ هندستان جي وفد سان گڏ آئي هُئي ۽ 12 ڏينهن سنڌ ۾ رهي، سڄيءَ سنڌ گُهمي جڏهن واپس موٽي هُئي ته هن هڪ طويل نظم لکيو هو، جنهن ۾ هُن سنڌ کي شاداب ۽ سرسبز ڪوٺيو آهي:
    سفر سنڌ جو
    سفر سنڌ جو
    هو سپنو هڪ سُندر
    ڏٺو هو جو مون
    جاڳندي،
    هلندي چلندي.
    گل گلاب جا ها
    پنکڙيون سي ڪومل
    ويو واسجي هو
    تن من اسان جو
    هُڳاءَ ڀريو هو
    سفر سو سنڌ جو.
    -
    چمڪندڙ چهرا
    مُرڪندڙ مُکڙا
    اُتساهي اکيون
    ڏسي،
    وشواس ٿي ويو
    ته سنڌي امر آهي
    ۽ امر آهي
    سنڌوءَ جي سڀيتا
    ۽ هن ڀيري
    مان
    موهن جو دڙو
    ڏسي آيس.
    (ڪونج، جون: 2005ع)
    مايا راهي سنڌي ٻوليءَ جي اها سدابهار قلمڪار آهي، جنهن سڄي زندگي سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، هن جي اندر ۾ سنڌيت جو جذبو جيئن پوءِ تيئن گهرو ٿيندو وڃي، ۽ هن ان موضوع تي مختلف علمي ادبي سيمينارن ۾ ڪيترائي پيپر پيش ڪيا ۽ ڪيترا اوارڊ پڻ ماڻيائين. هوءَ سنڌ ۽ هند کان ٻاهر دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ سنڌيت جي نمائندگي ڪري چُڪي آهي. هن سنڌيءَ کان علاوه هنديءَ ۾ به لکيو آهي. هوءَ هن وقت بمبئي ۾ رهائش پذير آهي، کيس هڪ پُٽ ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد آهي.


    سِج الاءِ ڪٿي ڪري پيو : وِمي سدارنگاڻي

    سنڌ ۽ هند جي ٻاراڻي ادب جي ليکڪا، ڪهاڻيڪاره، شاعره وِمي سدارنگاڻي 15 آگسٽ 1971ع تي اجمير راجسٿان ۾ رامچند سدارنگاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن مختلف اسڪولن مان تعليم پرائيندي، ٽن مضمونن ۾ ايم. اي (ايڪانامڪس)، 1993ع، سنڌيءَ 1995ع، ۽ هنديءَ ۾ 2000ع ۾ ڪيائين. ان بعد پاڻ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري گجرات يونيورسٽيءَ مان 2010ع ۾ حاصل ڪري چڪي آهي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي، هُوءَ آگسٽ 1995ع کان درس تدريس سان لاڳاپيل آهي، هن وقت سنڌي وڀاڳ، تولاڻي آرٽس سائنس ڪاليج، آديپور ۾ درس ڏيئي رهي آهي، ۽ گڏوگڏ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور جي علمي، ادبي، تهذيبي ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رهي ٿي، سنڌالاجي ڄڻ ته سندس ٻيو گهر بڻجي ويو آهي.
    ومي سدارنگاڻي، جيتوڻيڪ جنم هندستان ۾ ورتو آهي، پر هن جي من ۾ سنڌ ئي سنڌ وسي ٿي. هن جا وڏا سنڌ ۾ خداآباد، دادو ضلعي ۾ رهندا هئا، ورهاڱي سبب سنڌ ڇڏي هند ويا، ۽ ومي پنهنجي ڏاڏاڻي توڙي ناناڻي ورثي سنڌ سان اهڙو ته ناتو ڳنڍيو، جو هن جڏهن اڃا سنڌ جي مُقدس مٽيءَ کي ڇُهيو به نه هو ته هن جي اندر مان سنڌ ڌرتيءَ لاءِ اهڙيون ته ڪوِتائون اُسري نڪتيون، جن ۾ سنڌ جو سڄو رُوح سمائجي ويو، يا هُوءَ پاڻ سنڌ جي رُوح ۾ سمائجي وئي. اهڙي ئي هڪڙي ڪوتا، جيڪا هن سنڌ ڏسڻ کان پهرين سرجي هئي، جنهن ۾ هُن سنڌ ڏسڻ، سنڌ جي مُقدس مٽيءَ کي ڇُهڻ ۽ لطيف جي نگريءَ کي پنهنجي نيڻن ۾ سمائڻ جي جيڪا حسرت ڪئي آهي، جنهن ۾ سندس سمورن جذبن جي سچائي، اُمنگ اڻکُٽ ۽ اٿاهه پيار جي جهلڪ پسجي ٿي، ۽ سندس تخيل جي اُڏام جو به اندازو ٿئي ٿو ته هُوءَ واقعي آرٽسٽ شاعره آهي، جيڪا بنا ڏٺي به اهڙي تخليق ڪري، جنهن ۾ تخليق جو سمورو حُسن ڏياريءَ جي ڏيئي وانگر ٽمڪندو نظر اچي.
    تو وٽ اچڻ چاهيان ٿي،
    سنڌڙي!
    مان تو وٽ اچڻ چاهيان ٿي.
    اِهو صحيح آهي ته
    مُون ڪڏهن تُنهنجي گودِ نه ماڻي.
    اهو به صحيح آهي ته
    ساڌ ٻيلي جي ٻانهن ۾ ٻانهون وِجهي،
    ڪڏهن ڳالهيون نه ڪيون اٿم.
    اِهو سَچُ آهي ته،
    ڪَنور جي لولِي مُنهنجي ڪَنن ۾،
    ڪڏهن ڪانه پيئي آهي؛
    ته به تو سان مِلڻ لاءِ بيچين آهيان!
    آخر تو وٽ اهڙو ڇا آهي،
    جو تنهنجي ذڪر تي پٿر جي اکين ۾،
    سنڌو نظر اچي ٿي؟
    توکي مون ڏٺو ڪونهي،
    ايشورَ کي به نه!
    شاهه، سچل، سامي،
    سڀيئي منهنجا ’پين فرينڊ‘ ٿي پيا آهن.
    اَڇا، ٻُڌاءِ، جي مان توکي خط لکان،
    جوابُ ملندو؟
    مِلڻ لاءِ چوندينءَ؟
    مان توسان گڏجڻ ٿي چاهيان،
    منهنجي سنڌڙي!
    وِمي سدارنگاڻي هند جي ليکڪائن ۾ موجوده ٽهيءَ جي نامور ليکڪا آهي. هُوءَ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بيحد اُنسيت رکي ٿي. هن سنڌي ادب جي مختلف صنفن ۾ نهايت ئي معياري لکيو آهي. وٽس لکڻ جو ڏانءُ پُراثر ۽ وڻندڙ آهي، جيتوڻيڪ هن وٽ پنهنجي سرزمين آهي، پنهنجي مٽي آهي، پوءِ به سندس لکڻين مان سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ اچي ٿي. هن ڪهاڻين توڙي ڪوتائن ۾ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ استعمال ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار بُردبار آهن، هن مايوسيءَ کان پنهنجي ڪردارن کي بچائڻ جو پورو جتن ڪيو آهي. هن ڪهاڻين ۾ پلاٽ جي چونڊ اهڙي نموني ڪئي آهي، جو سندس ڪهاڻي ان پلاٽ کان ٻاهر نٿي نڪري، هن جون ٻاراڻيون ڪهاڻيون به ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ نهايت ڪارائتيون آهن، ڇاڪاڻ جو هن ڪهاڻين کي ٻارن جي ذهن موجب هلڻ ڏنو آهي، هوءَ ڪٿي به ٻاراڻين ڪهاڻين ۾ ذهني مونجهارو پيدا نٿي ڪري، ٻار جي ذهني سطح موجب انهن کي سمجهائڻ جو انداز به وڻندڙ رکيو آهي، هونئن به پاڻ هڪ استاد آهي ۽ استاد کي ٻار جي سوچ جو پورو اندازو هوندو آهي، ۽ جي استاد ليکڪ بڻجي ٻار جي رهنمائي ڪري ته آءٌ سمجهان ٿو ٻار لاءِ اهڙو ٻيو مڪتب ٿي نٿو سگهي.
    وِمي پنهنجي ننڍڙيءَ ڄمار ۾ هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب لکي چُڪي آهي، جن ۾: سنڌي پهريون ڪتاب (1994ع)، سنڌي ٻيو ڪتاب (1994ع)، مُکڙيون (ٻارن لاءِ ريڊيو ناٽڪ؛ 1995ع)، سُنهري رنگ جي ڪاراڻ (شاعري: 1996ع)، سنڌي اکر مالا-1 (1997ع)، سنڌي اکر مالا-2 (1997ع)، سنڌي پاٺ مالا- 1 (1997ع)، ٻليءَ جو اسڪول (ٻارن لاءِ شاعري: 1998ع)، سٻاجهي راڻي (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون:1998ع)، ممي ايئن ڇو آهي؟ (مونولاگ: 2000ع سنڌ ۾ ڇپيل)، سج الاءِ ڪٿي ڪري پيو ( شاعري: 2004ع) سوال ڪي تلاش ۾ (هندي شاعري:2011ع) شامل آهن.
    وِمي سدارنگاڻي ءَ جو ٻارن لاءِ ايترو لکڻ، هن جي ٻارن سان پيار جي شاهدي آهي، هن جي من اندر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڪو اُبهم ٻار وسي ٿو، جيڪو هن کي ٻارن لاءِ لکڻ تي اُتساهي ٿو، سنڌ جو ممتاز اديب ۽ شاعر تاج جويو ان حوالي سان لکي ٿو ته:
    ”ٻارن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏُکيو ڪم آهي، ۽ اُهو ڏکيو ڪم وِميءَ ڏاڍيءَ سَهجتا، سچائيءَ، دل جي خلوص ۽ سنيهه سان ڪيو آهي. خُود وِمي سدارنگاڻيءَ جو ٻاراڻي ادب/ ٻال ساهتيه لاءِ رايو آهي ته: ’ٻال ساهتيه جي نالي ۾ ڇپجندڙ گيتن، ڪهاڻين وغيره ۾ گهڻو ڪري ٻارن مٿان مڙهيل وڏن جي دنيا هوندي آهي.‘ پر وِميءَ جا گيت/ نظم، ڪهاڻيون، ناٽڪ توڙي مونولاگ جي صنف ۾ لکيل ٻارن لاءِ ويچار پڙهجن ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته اُنهن ۾ ٻارن جي پنهنجي، نِجي دنيا موجود آهي“.
    وِمي ٻه ڀيرا سنڌ ياترا به ڪري چُڪي آهي، پهريون ڀيرو 2004ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيٽس ۽ سنڌي اڪادمي دهليءَ پاران منعقد ڪيل ’شاهه، سچل، سامي‘ ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ شرڪت ڪري ’سنڌي شاعريءَ ۾ عورت جو بدلجندڙ عڪس‘ جي سِري هيٺ مقالو پيش ڪيائين. ٻيو ڀيرو جنوري 2012ع ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 268هين عرس جي موقعي تي سڏايل انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ ’شاهه جي رسالي جا ڀارت ۾ ٿيل ترجما‘ مقالو پيش ڪيائين.
    هُوءَ سنڌ ۽ هند کان ٻاهر سنڌي سيکارڻ جي سلسلي ۾ ليڪچر به ڏئي چُڪي آهي، جن ۾ پهريون ڀيرو سنگاپور ۾ سنڌي ايسوسيئيشن پاران ’سنڌي ڪورس‘ پروفيسر پريتم ورياماڻيءَ سان گڏ 1995ع ۾، ۽ ٻيو ڀيرو النايه يونيورسٽي (يو. ايس. اي) ۾ هڪ مهيني جو ڪورس پروفيسر جينيفر ڪول سان گڏ 2000ع ۾ اهم آهن.
    ومي سدارنگاڻيءَ کي علمي ادبي مڃتا طور ڪيترن ئي ادارن پاران اوارڊ ۽ انعام پڻ ملي چُڪا آهن، جن ۾:
    • ”مُکڙيون“ (ٻارن لاءِ ناٽڪ) تي گُجرات اڪادميءَ پاران انعام (1995ع)
    • ”ممي ايئن ڇو آهي؟“ (ٻارن لاءِ مونولاگ) تي اين. سي. اي. آر. ٽي پاران ٽيهون ٻال ساهتيه پرسڪار (1998-1999)
    • نارائڻ شيام“ اوارڊ بهترين نوجوان اديب ڪئٽيگري، اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران (2001ع)
    • سنڌي ساهتيه جي کيتر ۾ ’يوگدان‘ لاءِ سنڌي اڪادميءَ پاران اوارڊ (2003-2004ع)
    • ”ممي ايئن ڇو آهي“ (ٻارن لاءِ مونو لاگ) تي گُجرات اڪادميءَ پاران پرسڪار (2004ع)
    • سنڌي تعليم جي کيتر ۾ ’يوگدان‘ لاءِ اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران ڪاليج ايجوڪيشن اوارڊ (2008ع) شامل آهن.
    وميءَ جا ٻارن لاءِ لکيل ٻه ڪتاب ’سٻاجهي راڻي‘ ۽ ‘ممي ايئن ڇو آهي؟‘ سنڌ ۾ هڪ مقبول سماجي تنظيم ’ٿرديپ‘ پاران نوجوان ليکڪ دليپ ڪوٺاري 2005ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا، جن کي ٻارن طرفان ڀرپور موٽ ملي. اهڙيءَ طرح پاڻ سنڌ ۽ هند ۾ گهڻي پڙهي ويندڙ ليکڪا آهي ۽ پاڻ سنڌي ساهت ۾ مسلسل جاکوڙيندي رهي ٿي، پاڻ اڻٿڪ ۽ اڻ وِرچ انسان آهي، هن وقت آديپور (ڪڇ) ۾ رهائش پذير آهي.


    هنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سفير : وينا شرنگي

    آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نشريات کي عمر ارپيندڙ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعره، ڪهاڻيڪاره، ليکڪا، وينا شرنگي، 16 فيبروري 1948ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر شهدادڪوٽ (هاڻوڪو قنبر شهدادڪوٽ) ۾، مهاراج گوپي ڪرشن جي گهر ۾ جنم ورتو. هن جڏهن سنڌ جي سرزمين تي اکيون کوليون هيون، ته هي سنڌ اُها سنڌ نه رهي هئي، جنهن سنڌ کي هن جي ماءُ ڏٺو هو، يا جنهن سنڌ کي هن ماءُ جي ڪُک ۾ پسيو هو، پر هيءَ سنڌ ته ورهاڱي جي وڍ ۾ وڍجي چُڪي هئي. جيتوڻيڪ سنڌ مان اُن وقت ڪيترائي خاندان لڏي هندستان وڃي چُڪا هئا، پر هن خاندان پنهنجي ماتر ڀوميءَ کي ڇڏڻ پسند نه ڪيو، ۽ وينا جو جنم سنڌ جي حصي ۾ آيو. وينا جو والد شهدادڪوٽ جي ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر هوندو هو، ۽ هن خاندان کي شهدادڪوٽ جا هندو توڙي مسلمان عزت جي نگاه سان ڏسندا هئا. هيءَ خاندان نهايت ئي پڙهيل لکيل ۽ خوشحال هو، جنهنڪري وينا جي تعليم توڙي تربيت به شاهاڻي نموني ٿي. هن پنج درجا سنڌي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ مان پاس ڪيا، مئٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان ۽ بي. اي تائين خانگي طور تعليم حاصل ڪئي.
    وينا شرنگي ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو، هن شروعاتي طور ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، اُن بعد هن جو رُخ شاعريءَ ڏانهن ٿيو، ۽ هي مُسلسل لکندي رهي، ايئن لکندي لکندي ادب جي ميدان ۾ هڪ پُختي شاعره ۽ نثر نويس بڻجي وئي، اُن وچ ۾ سندس خاندان 1971ع ۾ ڀارت لڏي ويو، 71ع واري جنگ ۾ بنگلاديش جي حصي ۾ آزادي آئي، ۽ وينا جي حصي ۾ سنڌ بدري آئي، پر سندس هڪ ڀاءُ پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ رهي پيو، جتي هو اڄ به پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي سنڀاليندو اچي پيو، هن پنهنجي گهر ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي غريب ٻار مفت ۾ پڙهن ٿا، پاڻ ۽ سندس گهر واري ان اسڪول جي نگراني ڪن ٿا. هي شهدادڪوٽ جو هڪ بهترين فلاحي ادارو آهي، جنهن ۾ ٻارن کي پڙهائيءَ سان گڏ ڪپڙا به ڏنا وڃن ٿا. وينا جڏهن ڀارت پهتي هئي ته هن پنهنجي لکڻين کي منطر عام تي آندو ۽ اُن ئي دور ۾ آل انڊِيا ريڊيو جي سنڌي نشريات شروع ٿي ته پاڻ اُن سان لاڳاپجي وئي. ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ آل انڊيا ريڊيو کي وينا شرنگيءَ جو ئي انتظار هو، آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نشريات جي پهرين خوشخبري اها هئي، جو اُن تان سڀ کان پهرين هندستان جي عظيم اڳواڻ اندرا گانڌي پاران بنگلاديش کي ملڪ جي حيثيت سان قبول ڪرڻ جي خبر نشر ٿي هئي، اُن وقت شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي سکر جيل ۾ قيد هئا، ۽ جڏهن اياز جي ڪنن اندرا گانڌيءَ جو اهو اعلان ٻڌو هو ته اياز تبصرو ڪندي چيو هو ته: ’اندرا پنهنجي پيءُ کان گوءِ کڻي وئي‘. اهڙيءَ طرح وينا شرنگي ان چينل سان لاڳاپجي وئي، جنهن چينل تان پهرين خبر هڪ ملڪ جي آزاديءَ جي گُونجي هئي. وينا آل انڊيا ريڊيو تان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ ڪيترائي پروگرام نشر ڪيا، جيتوڻيڪ ان دور ۾ هن ملڪ ۾ به سنڌي نشريات ايتري نه هلندي هئي، جيتري آل انڊيا ريڊيو تان هلندي هئي، جنهن ڪري سنڌ جي ٻهراڙين جا ماڻهو خاص طور تي آل انڊيا جي سنڌي نشريات جو ئي انتظار ڪندا هئا، هڪ ته سنڌي ٻول ٻُڌڻ لاءِ ملندا هئا، ٻيو ته وينا جي آواز ۾ به رِڌم هوندو هو، ۽ سندس اندازِ بيان به وڻندڙ هوندو هو. وينا آل انڊيا ريڊيو تي انائونسر، پروڊيوسر، براڊڪاسٽر ۽ ترجمي نگار جي حيثيت سان وڏي عرصي تائين سلهاڙيل رهي، هن ڪيترن ئي عالمي پايي جي اڳواڻن جا انٽرويو پڻ ڪيا، جن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو به خصوصي انٽرويو شامل آهي.
    ريڊيو جي دنيا کان علاوه وينا، ادبي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو آهي، ۽ هن ادب جي دنيا جو باقاعدي آغاز 1984ع کان ڪيو، هن وقت تائين سندس ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جيڪي شاعري، سفرنامن، ڪهاڻين، مقالن ۽ يادگيرين تي مشتمل آهن، هن ادب جي هر صنف سان ڀرپور نباه ڪيو آهي. هُوءَ هڪ ئي وقت شاعره به آهي ته نثرنويس به آهي، سندس نثر به نظماڻو آهي، سندس ٻولي نهايت ئي وڻندڙ ۽ سادي آهي، جهڙي ريت سندس سڀاءُ وڻندڙ آهي، تهڙي ريت سندس لکڻيون به دل کي ڇُهندڙ آهن، ۽ سندس لکڻين جا موضوع به عام آهن، هن ڪهاڻين ۾ جتي عورت کي مهان ڪوٺيو آهي، اُتي هن سماج جي ٻين مسئلن کي به اوتري ئي جاءِ ڏني آهي. هُوءَ ادبي حوالي سان نه عورت آهي، نه مرد آهي، هوءَ هڪ تخليقڪار آهي ۽ تخليق سان هوءَ نباه ڪرڻ به ڄاڻي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڪن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو. سندس پهريون ڪتاب ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘ 1984ع ۾ ڇپيو، جيڪو سندس يادگيرين تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ وينا پنهنجي زندگيءَ سان لاڳاپيل اهڙيون ساروڻيون ساريون آهن، جيڪي پڙهندڙ کي معلومات ڏيڻ سان گڏ، لُطف اندوز به ڪن ٿيون. ٻيو ڪتاب ’منهنجي پيشي جا گُل و خار‘ 1986ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن ريڊيو واري نوڪريءَ جي يادگيرين کي قلمبند ڪيو آهي، ۽ نوڪريءَ دوران ٿيندڙ تجربن، پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ روين کي نهايت ئي بيباڪيءَ سان چٽيو آهي. ’پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا‘ (سفرنامو 1987ع، ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ 2014ع) هي سنڌ جو سفرنامو آهي، جنهن ۾ هُن نه صرف سنڌ جون ساروڻيون سَليون آهن، پر هن اهڙا ته اُجرا احساس چِٽيا آهن، جن ۾ سنڌ جي حقيقي منظر نگاري ٿيل ڏسجي ٿي، ۽ سنڌ مان مليل پيار کي هن جنهن پويترتا سان سمايو آهي، تنهن جو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگهجي. وينا جي سنڌ پرستيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته؛ جڏهن هوءَ ٽوڙهيءَ ڦاٽڪ وٽان گذري ٿي ۽ جڏهن هوءَ ٽوڙهيءَ تي بيگناه مارجي ويل ڪونڌرن جا احساس چٽي ٿي ته؛ هوءَ پاڻ ته رُني هوندي، پر آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته؛ هر پڙهندڙ جون اکيون اڻ مندائتي مينهن جيان وسي پيون هونديون. ڪٿي ڪٿي ته هوءَ صفا ٻار بڻجي ٿي پئي، اُن وقت ايئن محسوس ٿو ٿئي، ڄڻ ڪنهن اُبهم ٻار کي پنهنجي ماءُ جي ڇاتيءَ کان ڌار ڪيو ويو هجي، ۽ ورهين کان پوءِ اُهو ٻار جڏهن پنهنجي اُن ماءُ جي ڀاڪُرن ۾ ڀرجي ٿو ته اُن جي اندر ۾ سمايل سمورو درد سنڌوءَ جي پالوٽ جيان پلٽجي پيو هجي. پاڻ ئي هڪ جاءِ تي لکي ٿي ته:
    ”آسي زميني مليو، جنهن چيو ته اوهان جي ترتيب ڏنل پروگرام جون، مون هڪ سال جون ڪئسيٽس رڪارڊ ڪري رکيون آهن. منهنجو ته حيرت وچان وات ئي ڦاٽي پيو. مون اڄ تائين پنهنجي آواز جي هڪ ڪئسٽ به ڪانه ڀري آهي، جڏهنڪه هن سڄي سال جون ڪئسيٽون محفوط ڪيون آهن. آسي فرمائش ڪئي ته هن کي تصوير ڪڍڻي آهي، مون کي انڪار ڪرڻ جي جُرئت ڪانه ٿي. آسي چيو؛ ادي مان اوهان جي تصوير سنڌ جي نقشي جي وچ ۾ ڪڍڻ ٿو چاهيان، اوهين ڀلي پنهنجو سفر مڪمل ڪري ڀارت هليا وڃو، پر مان اوهان کي سنڌ جي دل ۾ وِهارڻ چاهيان ٿو. هُن جي جذبن کي ڏسي، منهنجي زبان کي تالا لڳي ويا. مان نقشي اڳيان خاموشيءَ سان امڙ سنڌ جي سيني ۾ سمائجي ويس، اُن وقت اندر مان آواز اُڀريو. ’منهنجي زندگيءَ جو حسين حادثو‘ آسيءَ جي ڪئمرا اُن حسين حادثي کي محفوظ ڪري ورتو. بعد ۾ اُن تصوير تي زميني لکي ڏنو ’سنڌ جي هنج ۾ ڀيڻ وينا.“
    سنڌ جي سيني ۾ سمائجڻ جي حسرت، ۽ اُن حسرت جي پورائي کي زندگيءَ جو حسين حادثو سمجهندڙ وينا، جنهن جي اندر ۾ سنڌ ئي سنڌ سمايل آهي. هُن سنڌ جي انچ انچ سان ڪيئن محبت ڪئي آهي، اُن جو اندازو هن سفرنامي مان لڳائي سگهجي ٿو، هي سفرنامو نه پر سنڌ جي عشق جو ازلي داستان آهي، جيڪو وينا جي قلم مان وهنجي نڪتو آهي. ساڳئي سفرنامي ۾ پنهنجي پاران ۾ هو لکي ٿي ته:
    ”جڏهن سنڌ جي سفر تان موٽي ريڊيو جي ڊيوٽي جائن ڪئي، ۽ پگهار وٺڻ ويس ته مئي مهيني ۾ جيڪا انڪريمنٽ ملڻ واري هُئي، اُها جون واري پگهار ۾ شامل نه هُئي. پُڇا ڪرڻ تي ڪيشيئر چيو؛ موڪل دوران انڪريمنٽ نه ملندي آهي، توکي هن سال نه، ٻئي سال ملندي! منهنجي واتان دانهن نڪري وئي الله ڙي انڪريمنٽ نه ملي! ڪيشيئر چهري طرف نهارڻ لڳو. دل ۾ چيم: جيجل سنڌ تنهنجو اڃا به قرض ادا ڪرڻو آهي ڇا؟ ٻي ساعت لبن تي مُسڪراهٽ اچي وئي ۽ دل مان آواز اُڀريو ’ڀلا امڙ جو به ڪو قرض ادا ڪري سگهندو؟“
    وينا جي سنڌ سان محبت يا ڪمينٽمنٽ جو اندازو انهيءَ سِٽ مان لڳائي سگهجي ٿو، ’ڀلا امڙ جو به ڪو قرض ادا ڪري سگهندو؟‘
    ’زندگي هڪ ناٽڪ‘ (ڪهاڻيون 1988ع) ’منهنجا معصوم سڄڻ‘ (ناول 1989ع) سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ’واسنا جو واسينگ‘ 1996ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ڪُل ڏهه ڪهاڻيون آهن، جيڪي سماج جي سڀني چڱاين کي نروار ڪن ٿيون، ته سڀني براين تان پردو کڻن ٿيون. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’اجنتا جي مورت‘ 1997ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي مُهاڳ ۾ پاڻ پنهنجي شاعريءَ جي حوالي سان لکي ٿي ته:
    ”1989ع ۾ شمشيرالحيدري اديب، ’مارئي‘ تنظيم جي لطيف ڪانفرنس دوران ٿيل مشاعري ۾ سندس ڪوِتائون ٻڌي صلاح ڏني ته خيال سٺو اٿئي، بحر وزن تي شاعري ڪر. وينا شرنگيءَ جو مونجهارو اهو ئي.
    وقت ۽ حالتن طرفان رنڊڪ پوندي رهي،
    زندگي ڀاڱا ڀاڱا، ڇا ڪريان ڇا نه ڪريان....؟“
    ساڳئي سال هڪ ٻيو شاندار ڪتاب’گيسٽ ايڊيٽر‘ ڇپيو، جيڪو سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، دهليءَ پاران مشهور ناٽڪ نويس ۽ سنڌي ادب جي ناليواري اديب منگهارام ملڪاڻي ۽ سنڌ ۽ هند جي مڃيل شاعر ليکراج عزيز جي سئو ساله جشن جي موقعي تي پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي. ٻين ڪتابن ۾ ’ريکا جي ريکا‘ (ڪهاڻيون)’ڪڇان تان ڪافر‘، ’اڌ کُليون اکيون‘ (ڪهاڻيون) ’پاڻ سُڃاڻج سپرين‘ (مقالا) ’غيرت بي غيرت‘ (ڪهاڻيون) ’بختاور‘ (ڪهاڻيون) ’بدلو‘ (ڪهاڻيون) پُٽ سوچڻو پيو‘ (ڪهاڻيون) ’پڇتاءُ‘ (ڪهاڻيون) ’ڏاهيون ڏُک ڏسن‘ (ڪهاڻيون) ’وارث لا وارث‘ (ڪهاڻيون) آهه غريبان قهر خدائي‘ (ڪهاڻيون) ’رن ذاتيون‘ (ڪهاڻيون) ’بهشت جي بهار‘ (ڪهاڻيون) ’مهاتما گانڌيءَ جي جيون جون ڪهاڻيون‘ ’بابو جي جيون مان‘ (آکاڻي ترجمو ڪيل) ’سنڌو جوت‘ ايڊٽ ڪيل شامل آهن. سندس هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. اهڙيءَ طرح سندس هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو شاه لطيف متعلق دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، سو آهي، ’ڪيچان آيو قافلو‘ هيءُ هند ۾ عورتن جي تنظيم ’مارئي‘ پاران شاه لطيف تي منعقد ٿيل چئن بين الاقوامي سيمينارن، 1987ع، 1989ع، 1991ع، 2001ع ۾ پڙهيل مقالن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جي عالمن، اديبن جا شاه سائين جي شاعري، فڪر، فلسفي، ۽ حُب الوطنيءَ متعلق ڪُل 25 مقالا شامل آهن، جن ۾ 22 سنڌي، هڪ اُردو ۽ ٻه انگريزيءَ ۾ آهن. هي ڪتاب ’مارئي‘ پبلڪيشن پاران 2005ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ به هُن سنڌ ۽ لطيف جي نگريءَ سان سندس اُنسيت جا احساس نهايت سُهڻي نموني چِٽيا آهن، جنهن جو هڪ پيراگراف هتي ڏجي ٿو:
    ”مان پاڻ کي خوش قسمت ڀانئيان ٿي، جو مان شاهه لطيف جي درگاهه تي ٻه ڀيرا سجدو ڪري آئي آهيان. هڪ ڀيرو ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري جو منظر ماڻي آئي آهيان. هر ڀيري سيني ۾ وري ورڻ جي تمنا جاڳندي آهي. رات جي پهر ڀٽ شاهه تي فقيرن ۽ ڳائڻن طرفان شروع ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفل ۾ هر پهر جي ڪلام جو لُطف ماڻيو آهي.“
    شاهه لطيف سڀني سنڌين جو رُوحاني رهبر آهي، لطيف جو فڪر جيتوڻيڪ عالمِ انسانيت جو فڪر آهي، پر اسين سنڌي، پوءِ سنڌ جي ڪهڙي به ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ رهندا هجن، انهن جي ته دلين ۾ لطيف مينهن جي ڪَڻين جيان وَسندو ئي رهي ٿو. وينا لطيف جا هي جيڪي احساس چِٽيا آهن، انهن ۾ نه رُڳو لطيف، پر پوري سنڌ جي محبت سمائي پئي آهي.
    وينا جو شاعري، نثر ۽ تحقيق جو سفر نه کُٽڻو آهي، پر اُنهيءَ سفر ۾ هن ٻارن کي به وساريو نه آهي، هن ٻارن لاءِ به خوبصورت ڪهاڻيون لکيون آهن. ’مٺڙي مُرڪ‘ (ٻال ڪهاڻيون) سندس هي ڪتاب 2011ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪُل اٺ ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ٻاراڻي ادب تي پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ نامور محقق ۽ نقاد هوندراج بلواڻي لکيو آهي. هي بنيادي ڪهاڻيون آهن، جيڪي ٻارن جي اوسٿا لاءِ رهنمائي پيدا ڪنديون. وينا شرنگيءَ کي سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ خدمتن جي اعتراف طور ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن، جن ۾:
    ايشوري ٻائي بخشاڻي اوارڊ 1994ع، وومين آف دي ايئر اوارڊ 1994ع، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي گولڊ ميڊل 1995ع، آل انڊياسنڌي ڪلچر سوسائٽي، جئپور ۽ پروفيسر رام پنجواڻي ڪلچر سينٽر بمبئي پاران گولڊ ميڊل، سندس ڪتاب ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘کي تعليم کاتي انڊيا پاران بهترين ڪتاب جو اوارڊ، سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ، منسٽري آف H.R.D گورنمينٽ آف انڊيا پاران اوارڊ، نئين دنيا پبليڪيشن بمبئي پاران اوارڊ اهم آهن. اُن کان علاوه پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ سماجي ادارن جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي. جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري واري قومي ڪائونسل جي ميمبر، دهلي سنڌي اڪيڊميءَ جي ايگزيڪيوٽو ميمبر، عورتن جي سماجي تنظيم ’مارئي‘ جي جنرل سيڪريٽري نمايان آهن. پاڻ هن وقت ’سينٽر ساهتيه اڪيڊمي، سنڌي ايڊوائيزري بورڊ جي مرڪزي ڪائونسل جي ميمبر آهي. هيءَ تمام وڏي تنظيم آهي. هن ۾ ڪُل 50 ٻولين جي نمائندگي هوندي آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي.
    وينا شرنگيءَ جو نالو سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان سگهارو آهي، هن سنڌي ادب جي ترقيءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي پروگرامن، ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪري سنڌي قوم جي نمائندگي پڻ ڪئي آهي. هوءَ بين الاقوامي سنڌي ڪانگريس جي سيمينارن لنڊن ۽ آمريڪا ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. پاڪستان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪري، هن سنڌ ۽ سنڌيت جو پيغام پهچايو آهي.
    هن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو آل انڊيا ريڊيو، نئين دهليءَ تي سنڌي پروگرامن کي ڏنو آهي، جتي وينا جو آواز سنڌ جو آواز بڻجي گُونجندو رهيو آهي، ۽ سندس سنڌ سان بي لوث محبت جو ڪاٿو ته هرگز نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جو پاڻ هند ۽ سنڌ جي سرحد جي وچ ۾، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. اُن کان علاوه هوءَ هڪ سٺي سماج سڌارڪ به آهي ته صحافت ۾ به سندس خدمتون نمايان آهن. پاڻ هن وقت اندراپوري نئين دهليءَ ۾ رهائش پذير آهي.


    ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

    ڇپيل ڪتاب
    • زندگي آزادي ۽ محبت (ترتيب:2009ع)
    • مانجهي مڻيادار (سوانح: 2011ع)
    • جي مون سانڍيا ساهه ۾ (خاڪا: 2014ع)
    • قومي تحريڪ جا شهيد (سياسي جائزو: 2014ع)
    • بهار آندا پُٽن جا لاشا (ترتيب: 2014ع)
    • چڱو ڀٽائي آءٌ هلان ٿو (ترتيب: 2015ع)
    • سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو (ادبي تاريخ: 2016ع)
    • عشق ۽ محبت جو سفير (ترتيب: 2016ع)

    اڻڇپيل ڪتاب:
    • سون ورني سنڌڙي (ناول)
    • نئين شعور جو اُتساهه (تاج جويي بابت ائنٿالاجي)
    • سنڌي ٻولي ۽ لاڙي لهجو (ترتيب)
    • ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ درست استعمال (ترتيب)
    • سنڌ جي ملهه پهلوان جي تاريخ (تحقيق)
    • نيڻ ننڊاکا ۽ دلڙي گهايل (ڪالم ڪهاڻيون ۽ ڪتابن جا اڀياس)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 696
    ڪتابن جو مشاهدو: 951262
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 321825
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ