ڪتاب جو نالو: گوندر ويندا گذري
مصنف: ابراهيم منشي
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1985
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 01 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 1314 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 839 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”گوندر ويندا گذري“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو :
”ھن مجموعي ۾، ھِن ڏوٿيءَ، ھن عطائيءَ، ھن درياءَ دل راڳي شاعر، پنھنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين ۽ بيتن سان اسان جون جھوليون ڀريون آھن، جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاھيون آھن، بشرطيڪ ھُن جي اھا ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنھنجيون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آھي، پنھنجي ماروئن ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ قربانيءَ ۽ ڪم جي صدا، اُھا ٻُڌون . . . جيئن ڪا صدا ٻُڌبي آھي ۽ جيئن ڪا ورندي فرض بڻبي آھي، اُن ورندي ڏيڻ لاءِ پاڻ ڌونڌاڙيون ۽ پنھنجا سُتل مَن جاڳايون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • ڪمپوزر پاران
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پاڻ سُڃاڻ
  • مھاڳ
  • نظم

  • ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين
  • تُنبينِ تي تارِ پيچاري
  • نياڻيون ٻئي مھراڻ جون
  • ٿر جي ڏڪار تي
  • ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾
  • دنيا جو دستور
  • ڀٽائي سان مخاطب
  • سڙي سورن ۾ ٿي ساڻي
  • گونگي ٻوڙي
  • توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان
  • ڪاراين ۾ ڪَڙيون جڙيون
  • سورھن ايڪڙ چنڊ تي
  • ڪڻڇي ڪُوڪارون
  • جانب سندي جُدائي
  • وڏيرن جو وريو وارو
  • مون پڪ سُڃاتا
  • بلوچن جون باھيون
  • مان غدار آھيان
  • اي سنڌ امان، اي سنڌ امان
  • تون ۽ آئون
  • ڦٽن تي ھڻ ڦري ڦٽڪا
  • دوکي جي ڌپ
  • سھي سٽ ڪر سانگين جي
  • ڪڙيءَ ۾ زندگي ڪڙھندي
  • سج اچي ويو نيزي پاند
  • پورب وارا
  • جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو
  • آھي پت پارڻ ڏکي
  • قلم
  • مُنھن موڙي ھليا ويا
  • ڪُونج ورني ڪامڻي
  • ٻُڏي ٻانھن پيئي
  • نئين ڳالھه ناھي
  • پليت پير ڪر پري
  • دودي ڏاھر جو اولاد
  • ڪي ڪي ماڻھو
  • ڊي. پي. آر
  • چؤواٽي تي
  • جھنڊا کڻو
  • باغي آھيان
  • لکان ڪجھه لھوءَ سان
  • موت کي ڏي تون مات
  • ھتي ھزارين ھمير سوڍا
  • سوريون جتي سينگاريون
  • سي چارڻ نه چئجن
  • ڀاڳياڻي
  • خواب
  • خواب
  • مان ھوندس نه ھوندس
  • مارُن مھانڊا ياد پيا
  • اُميد
  • ڪتيون ڪئين قيد ۾ گُذريون
  • آزادي
  • انسان ازل کان آجو آ
  • منھنجي ڏات ڏوھاري
  • قَسم نامون
  • سِڪ جي آھي سرنھن ڦُلاري، چاھت جا ٿيا چيٽ چٽا
  • بيت ۽ چؤسٽا

  • ڪانڌ جنين جا قيد ۾
  • شھيد عبدالرزاق سومرو جي عقيدت ۾
  • کاھوڙي
  • انڪساري
  • جواب
  • سُر مارئي
  • سُر سسئي
  • موکي
  • سُر گھاتو
  • چؤسِٽا
  • وايون

  • راڻا ڏيئي رات، ٿورو لاھيو ٿڃ جو،
  • دم نه دم ۾ دم،
  • کائي سُمھان ڪيئن کير اَلا،
  • مون ته مَلِي رکيو ميٽ،
  • ڀري چندن چوٽي، واٽن تولئه وار وڇايم.
  • ساري سنڌ جا سُور اَلا، سَر تي سودي ساڻ کنيائون.
  • چُريا چُکيا چنگ الا، اچي اُھا ھِتِ، چڙھڻ جا چاھي.
  • ڪُوپ ڪُسڻ جو ڪاڪ اَلا، ڪڍيا ڪات ڪنوارين.
  • وڃ نه وسامي ويھه اَلا، پنڌ پراھون آھي پانڌيئڙا.
  • ڇوڙي ڇتا نه تون ڇيڙ اَلا، چُرا چار ئي ڏسيون چڪيندا.
  • تن ۾ تاڻو تان اَلا،
  • چت نه چنگ سان چير الا،
  • ساھ تي ڇا ويساھ ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.
  • ھوءَ جي ھئڙم ھاڻ، جن سان روح رھاڻ،
  • ڏاڍو ڏينھن تَتو،
  • ھاري وٺندئي حساب، وقت اچي ويو آھي وڏيرا.
  • ڏاڍو آھي ڏاوڙ، رول ڪُتا ڪي راڄ ۾ آيا.
  • جيئڻ جيڏا جل، اَلا، سُور سڀن جو ساڳيو.
  • سنڌو سوڍن سام، صدين کان، سنڌو سوڍن سام.
  • وانجھي ونجھه وراءُ، سنڌوءَ ٻيڙي سِير تي.
  • تکي تانِ ڪري، سر گھري پيو سنڌ لئه
  • ڪڙين منجھه ڪڙَي، سوگھِي ڪيائون سنڌ سِنگھر ۾.
  • جھيڙي جي جھُونجھار، وو يار، پرکا آھي پِڙ ۾.
  • چورڻ ڪارڻ چپ، ساري قوم جا سبيا.
  • سچ ته آھي سچ، سِر ڪر پنھنجو سچ تان صدقي.
  • پنھنجي ريت پريت، پنھنجو مذھب ماڻھوءَ محبت.
  • سھڻي کائي پيئي سور، ورو وانجھيو،
  • ڳھڻن جھڙيون ڳالھڙيون، نرالڙيون،
  • ڪيڏي رات انڌاري آ،
  • ڇوري وڄاءِ نه تون ڇير، ڇَمڪي تي ڇورا ڇرڪن.
  • گھايس تنھنجي گھاءُ، آيل ماءُ،
  • ويا گنجي گھندا، او ماءُ،
  • رڻ رائو ۽ روھ،
  • ڌُڻيا مون ڌڻي،ڌُڻي نه ڌُڻي.
  • آھيان ھتي ڏينھن ٻه ٽي، قيد ڪٽي،
  • وڃي ويڙھ ونڊي،
  • پيتم پِڪ پيھي،
  • ڪوھ ٿيون ڏيو مون کي ڏوھ،
  • ھِرکي ھندرون تي جھولا جھُوليان،
  • لسيءَ ۾ لپڙي،
  • ڏاڍو ڏينھن تتو،
  • ھو ته مٽي ويا ھاڙو ڙي،
  • موکي مٽڪا کول،
  • ڪھڙي آندئي ڪُل،
  • نِت نِت آھي نئين ، اَلا،
  • تاڙا ڪر نه تنوار،
  • ڏيڍ کن جو ڏينھن، اَلا،
  • مرڪايو نه مياڻ ، اَلا،
  • ڏاڍا لڳن ٿا ڏنگ اَلا،
  • کاھوڙي ٿي کڻ ، وک واڪج،
  • ڪافي

  • ارپنا

    امڙ
    سنڌ جي نالي
    جنھن جا گھاوَ
    لفظ ڀري نه سگھندا


    ڪمپوزر پاران

    ”انسان غلطين جو گھر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿي ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو.


    شاھنواز ٽالپر
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    sntalpur@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گوندر ويندا گذري“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو :
    ”ھن مجموعي ۾، ھِن ڏوٿيءَ، ھن عطائيءَ، ھن درياءَ دل راڳي شاعر، پنھنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين ۽ بيتن سان اسان جون جھوليون ڀريون آھن، جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاھيون آھن، بشرطيڪ ھُن جي اھا ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنھنجيون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آھي، پنھنجي ماروئن ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ قربانيءَ ۽ ڪم جي صدا، اُھا ٻُڌون . . . جيئن ڪا صدا ٻُڌبي آھي ۽ جيئن ڪا ورندي فرض بڻبي آھي، اُن ورندي ڏيڻ لاءِ پاڻ ڌونڌاڙيون ۽ پنھنجا سُتل مَن جاڳايون.
    منشيءَ کي مون ”عطائي“ سڏيو آھي، ”راڳي“ سڏيو آھي. ھائو، ھو عطائي آھي، راڳي آھي. اسان جي قديم معاشري ۽ تاريخ ۾ عطائين ۽ راڳين جي موجود روايت جي عين مطابق ۽ سلسلي وارو ھي عطائي ۽ راڳي: ٻيجل جي علامت آھي ، جيئن حضرت شاھ عبدالطيف اُھا علامت ڳائي وڄائي اسان کي عطا ڪئي آھي.“
    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1985ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. هي ڇاپو 2015ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو آهي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ پاران ڪتاب کي ڪمپوز ڪري نئين سر آنلائين اپلوڊ ڪري رهيا آهيون. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پاڻ سُڃاڻ

    نالو: مُنشي محمد ابراھيم
    پيءُ جو نالو: محمد اسحاق
    ذات : سومرو
    جنم جي تاريخ: 15 جنوري 1934ع
    ڳوٺ: جنھاڻ سومرو، تعلقو ٽنڊو محمد خان، ضلعو حيدرآباد سنڌ
    تعليم: پنج درجا سنڌي
    شعر و شاعري جي شروعات: 1949ع

    ھونئن ته ھر ماڻھو کي ڪونه ڪو ڌنڌو ورثي ۾ ملندو آھي، پر منھنجو والد صاحب پنھنجي وقت جو ”صفت“ جو سٺو شاعر به ليکيو ويندو ھو. پاڻ بذات خود مولوي به ھو ۽ سندس آواز ڏاڍو مٺو ھوندو ھو. ساڳئي وقت ھو ڪڙمي به ھو، ۽ مختلف قسم جا واپار ڌنڌا به ڪندو ھو مسڪين کي وڏي اُڪه پالڻ لاءِ مختلف جتن ڪرڻا ٿي پيا. ننڍپڻ کان جواني تائين پرورش سکئي نموني ٿيل ھئس. پارسيءَ ۽ عربيءَ جو سٺو ڄاڻو ھو. اکر تمام سھڻا ھوندا ھئس، ڪنھن ڪاتب جا ئي اھڙا سُٺا اکر ٿي سگھيا ٿي!
    اسان جو ڏاڏو مرحوم ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو ھو ۽ گذر سفر سٺو ھوندو ھو. ۽ ائين ئي بابا مرحوم لاڏ ڪوڏ سان ننڍپڻ کان جواني تائين پليو.
    ھاڻي واري پَڊ کان ھڪ ميل پري، پُراڻ نالي ھڪ پڊ تي ڪنھن مجبوري سبب ٺھيل ٺُڪيل گھر ڇڏي. نوان گھرڙا ٺاھي، نئين پَڊ تي اچي رھڻ لڳا ۽ مرحوم اتي وفات ڪري ويو.
    انھي نئين پَڊ تي جيڪا به مائٽاڻي پوُنجي ۽ ٽپڙ ٽاڙي گڏ ٿيل ھئا، سي گھر کي اوچتي باھ لڳڻ سبب سڙي رک ٿي ويا. ڪا به شيءِ باقي نه بچي.
    ٽي چار سال اتي رھڻ کان پوءِ ساڳي اڳوڻي پڊ تي واپس اچي رھڻ لڳاسون. بابا سائين ھاڻي محنت مزدوري پوري سوري ڪري سگھندو ھو. ٻنيءَ جا اڍائي ايڪڙ پوءِ به آباد ڪندو ھو. ھر سال ٻُھي سميت ٻارھن ڪاسا ٻاجھري اُن مان ٿيندي ھئي. ھميشه پاڻي لاءِ ”اٽڪ“ ۽ ”ڪوٽڙي“ پيا پڇندا ھئا. ميرن جي کوٽيل واھن جي پُڇڙين جو ٻَنيون مڙيئي اَنڌيون منڊيون آباد ٿينديون ھيون، پر چوندا ھئا: ”ابا، سڀري ڀاءُ کان اُڀري ٻني ڀلي.“
    بابا مرحوم کي آخري وقت ۾ سلھَه جي بيماري ٿي پئي، پوءِ ته حڪيم شمس الدين وٽ حيدرآباد ايندي ويندي پنجن سالن ۾ انھيءَ موذي مرض نيٺ تاريخ 15 مارچ 1945ع تي سندس جان ورتي.
    ان وقت منھنجي عمر فقط يارھن سال ھئي ۽ مون چوٿون درجو مُلا اسڪول ۾ پاس ڪيو ھو. پنجون درجو ته مُلن مون کي امتحان واري ڏينھن گرانٽ حاصل ڪرڻ لاءِ امتحان ۾ ويھاري مڙيئي پاس ڪرائي ڇڏيو.
    پر مون کي پڙھڻ جو بي انتھا شوق ھو ٻاراڻي درجي کان چوٿي درجي تائين ھميشه تعلقي ۾ پھريون ۽ ٻيو نمبر ايندو ھئس، بابا جي مرڻ کان پوءِ اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو ۽ مون پڙھڻ ڇڏي ڏنو. ٻارھن سالن جي عمر ۾ ھڪ گڏھ وٺي، ان تي واپار ڪرڻ شروع ڪيم. ٻَني جي مياڻ کان پَلا کڻي ڳوٺن ۾ کپائڻ ۽ سياري جي مند ۾ ڪَپُور تان خوجن جا ڳُڙ سودي گھر گھر کپائڻ ۽ مختلف قسمن جا سامان گجر بصر وغيره وڪڻڻ ۽ گذر سفر ڪرڻ شروع ڪيم ۽ ساڳئي بابا واري ٻني به آباد ڪندو رھيس ۽ اھي ساڳيا ٻُھيءَ سميت ٻارنھا ڪاسا ھليا آيا. ربيع ته ٿيندي ڪانه ھئي، ڪَتي جا ٽي مھينا بُگو ھڻندا ھُئاسين. پاڻي ته اڍائي ٽي مھينا مشڪل سان ھلندو ھو.
    بھرحال، اھڙي رواجي ماحول ۾ آءُ رومانٽڪ نموني جي شاعري ، ڪافيون، ڪلام به ٺاھڻ لڳس. پاڻ مرادو ڳائڻ، مولودين سان مولود پڙھن، غزل پڙھڻ اھو به پنھنجو شغل ھوندو ھو.
    اسان ٺٺي ۽ حيدرآباد جي ضلعن جي وچ جي سرحدي ۽ ٻيلي جي ڪنڌيءَ جا رھواسي مارو ماڻھو آھيون، مال جي ڪري اسان جي اُٿي ويٺي ٻيلي سان گھڻي پئي رھي آھي. ھينئر ته مولچند ٻيلو وڍجي تقريبا ختم ٿي ويو آھي، پر ڪو وقت مولچند ٻيلو، ڪچو توڙي پڪو مست ٻيلو ھو. پنج مڙس ڪُھي، ويڙھ ۾ ورائي ڇڏي ته سؤ سال سماءُ ئي نه پوي.
    بابا جي وقت ۾ اسان وٽ ٻه ٽي ڳئون ھونديون ھيون ۽ اُھي به بابا سان گڏ مري کپي ويون ۽ ڪجھه چوريون ٿي ويون ۽ ھميشه اسان ڳوٺ مان لسي وٺي مڙيئي گذر سفر پيا ڪندا ھئاسون.
    مون سِڪي پِني سترھن ارڙھن سالن جي عمر ۾ ھڪ مِينھن ورتي ۽ اُھا مينھن ڏھن پندرنھن ڏينھن کان پوءِ چوري ٿي ويئي.
    اسان وٽ ٻيلي ۾ مال جي چوري عام ھوندي ھئي. اسان جي چوري اڪثر پاسي ۾ ويٺل پليجا راڄ ڪندا ھئا. ڇورا اسان جيڏا ڪاٽڪُو، جيڪي مال ۾ ڌراڙ به ھوندا ھئا. مال سڀني راڄن جو ٻيلي ۾ گڏ چرندو ھو ۽ ھو مال سان مينھون گڏي، ڪاھي ويندا ھئا. يا ڇِني، ٻيلي ۾ ٻَڌي، ٿَم ڏياري، رات جو ڪڍي ويندا ھئا ۽ سومرا ڀنگ ڀري مال واپس وٺندا ھئا. اھو سلسلو اسان سمجھه ڀريا ٿي ڏسندا ايندا ھئاسين. مون واريءَ مينھن جو نه پيرُ نه کُر، نه گھورو نه گھورپ ڪرڻ وارو، ٻيو مڙيئي ٿيو خير. مينھن ويئي ھلي، ھُئي ته پڪ پليجن وٽ، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونه ھو. مينھن جو ننڍڙو ڦر جڏھن رات جو دانھون ڪندو ھو ته منھنجي ننڊ خراب ٿي پوندي ھئي ۽ ٻه ٽي راتيون ننڊ نه آئي. آخر مون پاڻ مرادو فيصلو ڪيو ته آءُ چوري ڪندس ۽ پليجن جو مال ڪاھيندس.
    صبح جو مون گڏھ وڪڻي، پيري ڪاريئي کان ڪھاڙي ٺھرائي، ھڪڙو پاڻ جيڏو ڇورو وٺي ٻيلي مان پليجن جون ٽي مينھون ملوڪ ڏسي ڪاھي اچي گھر ٻڌي ڇڏيون! پليجا پير کڻي، ميڙ ڪري آيا. مون مينھون قبول ڪيون، پر ڏيڻ کان انڪار ڪيم، ڳوٺ جي ماڻھن ساٿ ڏنو. پليجن اسان تي ڪيس وغيره به ڪيا، آخر فيصلو ٿيو، مون کي مينھن جي ڀرجي ملي، مون مينھون واپس ڪيون.
    پر پليجا چوريءَ کان نه مُڙيا ۽ اسان جو ڦڏو شروع ٿيو ۽ ائين ھڪ ٻئي جي چورين ڪندي، آءُ به ھڪڙو ڪاٽڪو ٿي پيس ۽ پنج سال برابر چوري ڪندو رھيس، ائين ڪونه ھو ته منھنجو ڪو روزگار چوريءَ تي ھو. ڌنڌو ته ٻيو پيا ڪندا ھئاسين. ٺيڪدارن وٽ مُنشي گيري ۽ ٻيا به ٿورا ٿورا ڪم پيا ڪندا ھئاسين، پر ڪاٽڪوئن سان لين دين ھلندي رھندي ھئي، پوءِ ته سائين ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس. ڏاڍو مڙس، اڇي ڪھاڙي، بوسڪي جو پٽڪو، مڙس ڪاٽڪو، ڪڏھن ڪٿي ڪڏھن ڪٿي اوڻويھه سال عمر، ڦوھ جواني، انھي وچ ۾ عشق به پئي ڪياسين. سوپاريون، سنيھا، انجام، راتيون، ڪھاڙي، ڊپ، پنڌ ٻيون ڪھڙيون ڪھڙيون عجيب ڪيفيتون ياريون باشيون، دوستيون دشمنيون، اھا ھل ھلان پنج سال ھلي ۽ پوءِ ھڪ احساس منھنجي وجود کي ايترو جھنجھوڙيو، جو آءٌ ڪڏھن ڪنھن جي ڪَکُ تي ويجھو نه ٿيس.
    جيئن جيئن شعور وڌنڌو ويو، تيئن تيئن سوچ عجيب پاسا بدلايا. خدا جي خدائي، مذھب، الله جي حڪم احڪام، انسانن جون حالتون، طبقاتي ڪشمڪش، ڏاڍ ۽ اڻ برابري، ظلم ۽ تشدد، ھاري زمينداري، حساب ڪتاب، لُچايون، بدماشيون ٺڳيون. سوچيندو ھئس ته اھي ڇو آھن! اھي سڀ سوچ جو پيڙائون، سڄي رات سيرانديءَ کان ويھي پنھنجا مضبوط چنبا دل ۽ دماغ تي ھڻي، ننڊ حرام ڪري ڇڏينديون ھيون ۽ دل کي ٺارڻ لاءِ ھڪ عجيب غريب حَسين جميل، سگھي جسم سان سُھڻي صورت کڻي، مون وٽ ڪا ڏات نالي پدمڻي پکي ۾ پير رکندي ھئي ۽ چوندي ھئي : ”سڀ پيڙائون مون ۾ سموئي ڇڏ“ ۽ پوءِ پني تي پين سان اُڪير ڇڏيندو ھئس ۽ جسم ھلڪو محسوس ڪري سمھي ننڊ ڪندو ھئس.
    منھنجي ذاتي مشاھدي ۾ ڌرتي تي پلجندڙ ھر شيءِ قريب نظر مان گذرندي ھئي. مختلف رنگ، سُھاڻيون، چمڪندڙ چيٽ، سونن جھڙا سنگ، ڍنڍون ڍورا، ٻنيون ٻيلا، برساتن جا روپ، پوٺا جبل، وڻ ٽڻ، صبح جي ماڪ، سج جا ڪرڻا، ڍنڍجي ڪناري جي ڇٻر، چانڊوڪيون راتيون، رس رھاڻيون، سُڳنڌ ساز ۽ سرندڙا، پري پري کان فراق ماريل ٻانھيارين جا ٻول ۽ جھونگارون، ڳجھا بيت، ڳجھارتون، نشانيون، سڀ منھنجي مشاھدي مان گذريل آھن. واھري تي ورڻ مھل ھارين جون ھونگارون، ڪانگن جي ڪان ڪان، مال جي ڦرن ڏي موٽ، چنگ چڙا، للڪارون، تنوارون ۽ ٻيون انيڪ شيون. مون دل جي گھرائيءَ سان ھر ھڪ کي پنھنجي ڄاڻ آھر پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڳئي وقت زندگيءَ ۾بکون ، پنڌ، تڪليفون، اوجاڳا، رولڙا، مطلب ته سڀ احساس ذاتي زندگيءَ جي مشاھدي ۾ آيل آھن.
    پوءِ ”روح رھاڻ“ رسالي سنڌ جي نئين ٽھيءَ ۾ 1962ع ۽ 1963ع کان نئين جاڳرتا پئدا ڪئي. 1965 1966 ۾ مون کي به انھيءَ جي خوشبوءَ اگھور ستل ننڊ مان جھنجھوڙي، اُٿاري، ڪا تعجب جھڙي ڳالھه ٻُڌائي ۽ منھنجي ذات مون وٽ نئين روپ ۾ اچڻ لڳي، جنھن مون کي قومي احساس ڏياري، 1967ع کان مونکي مجبور ڪيو ته قومي فرض جو رھيل قرض توکي لاھڻو آھي. منھنجي نس نس ۾ اڳي ئي طبقاتي گھٽ وڌائي ٻارڻ ٻاريو بيٺي ھئي ۽ ويتر قومي فرض شامل ٿيڻ سان نئين واٽ کُلي پئي.
    ان وقت اسان جي سٻاجھڙي سنڌ جي ڪجھه شاعرن جيڪا سين سڱين مان ساھي ڪڍي، سا پولار ۾ پکڙجي، ڪن ڪن ماڻھن جي ڪنن تائين پھتي، ان ۾ ڪجھه ڳاڻ ڳڻيا شاعر ھئا. آءُ نالن کڻڻ کان معذرت ڪندس، جو متان مون کان ڪو نالو رھجي وڃي، پر آءُ شيخ اياز جي نالي کڻڻ کان سواءِ رھي ڪونه ٿو سگھان، جنھن ٻئي ھٿ ڪنن ۾ وجھي، اھڙي ٻانگ ڏني، جنھن جي پڙلاءُ جو واسو ڪارونجھر جبل کان ڦري، مڪليءَ ۽ رني ڪوٽ کان ٿي، موھن جي دڙي ۾ رھندڙ روحن کي به آٿٿ پھچائي. اياز شاعريءَ ۾ لفظن کي سٽن پاڻين سان ڌوئي استعمال ڪري ٿو. فقط ڪمي ھي آھي جو اُترئين علائقي ۾ رھڻ سبب وٽ ٻوليءَ جي گھٽتائي آھي. ٻوليءَ جو خزانو لاڙ ۾ بي انت آھي، ان جي باوجود جڳ ۾ جھڙس شاعر ڪونھي، اياز اڻ مرڻو شاعر آھي.

    منھنجي شاعري
    ھڪڙي ڳالھه ته آءُ خود پاڻ مان ۾ مطمئن نه آھيان، ڇو ته گھڻ ڪمون ماڻھو، طبيعت ۾ ٽڪاءُ گھٽ ، لااُبالي ۽ غير ذميوار، جھڙو شعر، جتي لکيم، اھو اتي بس ڇُٽو، ان کي ڏسي، اصلاح ڪري، سليقي سان ڪاڳر تي اٽڪائي ڇڏڻ به منھنجي وس جي ڳالھه نه آھي.
    مون شاعري جو ڳچ حصو جيل ۾ لکيو. جيل ۾ ايڪيتاليھه مھينا عرصو چڱو کاشو حياتيءَ جو حصو آھي. ان مون کي وڌيڪ شاعري لکڻ کپندي ھئي پر آءُ لکي نه سگھيس، بلڪه آءُ سمجھان ٿو جيل ئي شاعري ڪرڻ لاءِ موزون جڳھه آھي.
    منھنجي شاعريءَ ۾ ڪيتري ڪمي پيشي آھي. سا ڳالھه آءُ سنڌ جي انيڪ ڄاڻو ماڻھن تي ڇڏيان ٿو، جيڪي پنھنجا رايا ۽ تبصرا لکي منھنجي رھنمائي ڪندا. باقي مون ته ھڪ وقت جي پُڪار جو پڙاڏو بنجي، پنھنجي ناقص ۽ ادنى علم ۽ سوچ سان رَنڊا روڙيا آھي، جيڪي سڌا سنوان مختلف روپن ۾ سنڌ واسين لاءِ پيغامڙا آھن.
    منھنجي دل جي ھيءَ آس ھميشه پئي رھي آھي ته ڪچا ڦڪا قول قوم تائين پھچڻ لاءِ ڇپائي ھيٺ اچن، ويچاريندي ورھيه لنگھي ويا.
    ان وچ ۾ منھنجو سڄو بياض چوري ٿي ويو ۽ مون آسرو لاھي ڇڏيو. ور منھنجي ڀاڻيجي، غلام محمد ”آزاد“ سخت محنت ڪري ڪيسٽن تان ھِتان ھُتان، ڪوشش ڪري، ٻه حصا کن شاعري ھٿ ڪري ورتي، ۽ بعد ۾ وري اُميد ٿي پئي ته ڪڏھن نه ڪڏھن ڇپجي پوندو ۽ اُھو ڏينھن به آيو ته ھڪ پڙھيل ڪَڙھيل سنڌ جي سچيءَ مٽي جي ماڻھوءَ ان شاعري ۾ ڪجھه خوبيون ڏسي، يا ڪنھن ٻئي خيال سان سندس خاص دائري ۾ رھندڙ دوستن کي گڏ ڪيو ۽ ”پريم نگر پبليڪشن“ طرفان فيصلو ڪيو ويو ته اھو ڪتاب ڇپجي، انھن دوستن جا نالا فھرست طور مختلف احوال جي بجاءِ انھن دوستن جو ذڪر آءُ تفصيل سان مناسب موقعي تي ضرور ڇپائيندس. جيڪو مسودو به مون وٽ تيار آھي.

    معافي
    جيئن ته ھي ڪتاب مون ڏکين حالتن ۾ ڇپايو آھي، ۽ تجربي نه ھئڻ ڪري ھن ۾ ڪافي غلطيون به ٿيون آھن، جھڙوڪ: ترتيب ڏيڻ ۾، ۽ ٻيون ڪافي چُڪون رھجي ويون آھن، خدا گھُريو ۽ پڙھندڙن جي چاھت رھي ته ان جو ايندڙ ايڊيشن صاف سُٿري نموني سان ڇپرائي پڌرو ڪندس.


    مُنشي محمد ابراھيم
    4 مئي 1985ع


    مھاڳ

    ويھين صدي جو پويون اَڌُ اُن جي چوٿي ڏھاڪي جي آخري سالن کان وٺي، اُن جو پنجون ڏھاڪو، اُن جو ڇھون ڏھاڪو، اُن جو ستون ڏھاڪو ۽ اُن جو اڄوڪو اٺون ڏھاڪو . . . اسان لاءِ زنجيرن ۾ ٻڌل جبل جي وڏي ڇِپَ وانگر گھِسڪندو ۽ گھِلجندو ئي رھيو ۽ اسين ان جي اڳ ۾ ڌڪبا ۽ ٿيلھبا، رتورت ٿيندا ۽ چيچلائبا رھياسين. سماج ۾ بيٺل پاڻيءَ جي دُٻي وانگر ڪنو ۽ ماضي جي ڀُوتُ اسان جي ڪنڌ تي سُوار، اڙيون ھنيون، مڳ بڻيو، ويٺو رھيو. انگريز ناول نويس چارلس ڊڪنس (1812 70ع) پنھنجين ڪن اھڙن ئي ڏکين ڏينھن کي “ڏکيا ڏينھن ” سڏيو ھو ۽ ان نالي سان پورو نالو لکي، پنھنجي ديس واسين لاءِ اُنھن جو نقشو چِٽيو ھو. اسين ويھين صديءَ جي پنھنجي ھن پوئين اڌ کي پاڻ لاءِ ڇا سڏيون! پر ھن تان اونداھي مان اُھاءَ جو دؤر اسان کي به اسان جي اديبن ۽ اسان جي شاعرن ئي ڏيکاريو ۽ ڇو نه ائين ھجي؟ سچن شاعرن ۽ اديبن جي ئي دلين ۾ پنھنجي وقت جا پڙاڏا گونجندا آھن ۽ اھي ئي پھرئين، وقت جي زخمن جو رت رسندي ڏسندا ۽ انھن کي چيٺڻ ڏانھن به اُنھن جو ئي ڌيان رھندو آھي، بلڪه اُن کي ھي پنھنجي مخصوص ذميداري سمجھندا آھن.
    پنجاھ سٺ ۽ ستر جي ڏھاڪن واري عرصي ۾ وطن دوست ۽ قوم شناس ادب جي جيڪا نئين لھر اسان وٽ آئي، اُ ۾ اسان جي شاعرن ۽ نثر نويس ڇيھه ڪري ڇڏيا. ڇا ڇا نه ھُنن اسان کي ڏنو، ڇا ڇا نه ھُنن ان لاءِ سَٺو! اُن تي ويچار ته ٻي ڳالھه ٿي.
    وطن پاڪ سنڌ جي لاڙ جي سرزمين، جتان جي لھجي ۽ لغت کي اسان جي سدا جيئري لطيف سائينءَ پنھنجي پيغام سماويءَ جي خاص ذريعي جو شرف ڏنو، اُتان جي استاد محمد خان مجيديءَ، سرويچ سجاولي ۽ منشي ابراھيم ۽ ٻين اسان جي درديلن شاعرن اسان جي “ڏکين ڏينھن” جون ڇا ڇا نه اسان کي ڳالھيون ٻڌايون!
    جيڪڏھن پنھنجي تخليقي لياقتن جو اظھار ۽ ترقي قوم جو پھريون فرض آھي. ڇو ته قوم جي وجود جو دارومدار ۽ اُن جي سڄي مان ۽ مريادا جو اصل راز اھو آھي، ۽ جيڪڏھن اديبن ۽ عالمن جو ئي ڪم آھي، ته پوءِ قوم جي آڏو جيئڻ جو زوردار اُمنگ سدا تازو ۽ اُن جو مقصد سدا روشن رکن، ته ڪيڏي نه ھيءَ وڏي ڳالھه آھي، ته ھيءُ سڄو پھاڙ جھڙو اڻانگو ۽ ڳرو دور جڏھن اسين محروميءَ ۽ مظلوميءَ ۽ مجبوريءَ جو شڪار رھياسين. (غلاميءَ کي ٻيا سڱ ڪونه ٿيندا آھن) ، تڏھن اسان جي فقيراڻي اديبن سُگھڙن ئي قوم پاران اُھو پھريون فرض به ادا ڪيو، علم ۽ ادب، سڀيتا ۽ ساڃاھ جي خاص سُرھي سَٿَ طور، سندن پنھنجي ذمي جيڪو ڪم ھو، اُھو به پنھنجي وَسَ پڄُندي ھنن پورو ڪيو. ائين به نه ھو ته طاقتَ (power), طمع (purse) ۽ طالعَ (Patronage) جي جَوفِي جزُن، جيئن اڄ اسان جي آڏو اچي اسان مان ڪن جي صبر، حوصلي، ھمت ۽ غيرت کي آزمائش ۾ وڌو آھي ۽ ڪن ته بنھه جھل ئي نه ڏني، ڄڻ ترسيا ئي اُن چچڪار لاءِ ويٺا ھئا، تيئن اھڙي ڪا صورت اڳي اسان وٽ ڪونه ھئي ، پر اديب عالم ۽ شاعر جو پنھنجو ھڪ ڪردار، ھڪ رُتبو ٿئي ٿو، اديبن، عالمن ۽ شاعرن ھميشه اصولن سان وفا ڪئي آھي، نظريي سان نباھيو آھي، ھو ھميشه پنھنجي زبان، پنھنجي ادب ۽ تاريخ سان سچا رھيا آھن، سندن سڄو ڪم ھڪ ئي احساس سان واسيل ھوندو آھي، پنھنجي ماڻھن جي محبت سان ، انھيءَ سچائي ۽ انصاف ۾ پُختي يقين سان ته ظلم جو موجود چڪر ختم ٿيڻ تي آھي ۽ سندن ڌرتيءَ جو انسانُ ھڪ نئين انقلابي رھت چاھي ٿو، انھيءَ پڪي ۽ سرگرم اداري سان ته ھو پنھنجي تخليق ڪاريءَ وسيلي پنھنجي ڏُتڙيل، محڪوم سماج جي اُن مقصد جي تڪميل ڪندا. ۽ اسان جي قوم کي تاريخ جنھن صورتحال سان دوچار ڪيو ھو، اُن ۾ مُنڍ کان ئي سنڌي عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سُگھڙن ۾ انھيءَ اُميد رکڻ جو ھڪ ئي سبب ھو، ته ھو پنھنجي قومي مشاورت جي دل، اُن جو روح، بنجي ڪم ڪندا . اُھو روح جيڪو پنھنجي جنم ڀوميءَ، پنھنجي ابن ڏاڏن جي جنم ڀوميءَ ڪاڻ لافاني پيار سان سرشار ھجي ، پنھنجن اُنھن ابن ڏاڏن تي فخر سان ٽمٽار ھجي، جن سندن سامھون واقعي اڳتي وڌڻ لاءِ کُليل رستا ۽ اُنھن تي پنھنجي سُڄاڻ پيرن جا نشانا ڇڏيا آھن، ھڪ ئي ٻھڪندڙ خواھش سان روشن ھجي ته سندن وطن جي پاڪ ڌرتي نه فقط پنھنجي پر بني نوع انسان جي آدرش جي تڪميل ڏسي سگھي. اُھا سندن ”پنھنجي ڌرتي“ جيڪا شاعر جي ٻولي ۾ ”جيئن ڏسان ٿو ته به چمان ٿو، پر جيئن اُھا اُميد پوري ٿيندي ته ٽي ڀيرا جُھڪي آءُ چمندس!“

    پنوھارن پاٻوھيو، ڪي واھوندن وَس،
    عمر، اُنھي ڏيھه جا ڏوٿين ڏنم ڏَس،
    وَليون وڻ ڦُلاريا، لُلر نڱيا لَس،
    آڻيو وجھي آھُرين سدا ٽوھن ٽَس،
    ميو مَڃُر، ماکيون سڀڪا چَکن چَسَ،
    ماڙيءَ آھين مَسَ، ملير ويندينءَ مارئي!
    (شاھ)

    ھي ھيرن جھڙي املھه ۽ موتين جھڙي ملوڪ ۽ اُوجل شاعري جيڪا ھن مجموعي ”گُوندر ويندا گُذري“ ۾ اسان تي عطا ٿي رھي آھي، اُھا اھڙن اسان جن عوام دوست، قوم شناس، سونھارن شاعرن جي صفِ اول جي ھڪ فقير تن شاعر، ابراھيم منشي جي تخليق آھي. ھو پنھنجي پَرِ جو ھڪ کاھوڙي، ھڪ لاھوتي آھي ۽ پنھنجي ڌرتيءَ پنھنجي ديس واسين لاءِ ڏونگر ڏوريندو رھيو آھي. ”خبر کاھوڙين ، آھي لَکَ لاھوت جي“ : اُھا ”گُوندر ويندا گُذري“ جي خوش خبر، پاڻ اسان کي ھِتي ڏيڻ گھري اٿن، پنھنجي ديس جي ڌرتي سان ۽ اُن جي حال سان سڃاڻپ جي خبر، اُٿي اُن جي ڪلياڻ لاءِ جاکوڙڻ جي خبر ۽ اُن لاءِ جي ڪو خواب من ۾ کنيو، ھو سڀ پنھنجا ڏينھن، سڄيءَ سنڌ واڪيندو ۽ واچيندو رھيو آھي ان خواب جي خبر.
    اسين جيڪي ”گُوندر ويندا گُذري“ جي اھا خوش خبر پڙھنداسين، شاعر جي اُن خوش خبر جي ڪھڙي موٽ ٿا ڏيون، اُن جون سڀ واڌايون اسان لاءِ ۽ سڀ ميارون اسان تي آھن:

    ھلو ته ھلون ڏُٿ کي، اُٿو اُٿو ڪن،
    پاڻي پوتڙين ۾، ڪَندُر! سِرُ ڪُلھن،
    ڏؤنرا ڏور سجھن، وئي وھامي راتڙي!
    (شاھ)

    ھن مجموعي ۾، ھِن ڏوٿيءَ، ھن عطائيءَ ، ھن درياءَ دل راڳي شاعر، پنھنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين ۽ بيتن سان اسان جون جھوليون ڀريون آھن، جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاھيون آھن، بشرطيڪ ھُن جي اھا ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنھنجيون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آھي، پنھنجي ماروئن ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ قربانيءَ ۽ ڪم جي صدا، اُھا ٻُڌون . . . جيئن ڪا صدا ٻُڌبي آھي ۽ جيئن ڪا ورندي فرض بڻبي آھي، اُن ورندي ڏيڻ لاءِ پاڻ ڌونڌاڙيون ۽ پنھنجا سُتل مَن جاڳايون.
    منشيءَ کي مون ”عطائي“ سڏيو آھي ، ”راڳي“ سڏيو آھي. ھائو، ھو عطائي آھي، راڳي آھي. اسان جي قديم معاشري ۽ تاريخ ۾ عطائين ۽ راڳين جي موجود روايت جي عين مطابق ۽ سلسلي وارو ھي عطائي ۽ راڳي: ٻيجل جي علامت آھي ، جيئن حضرت شاھ عبدالطيف اُھا علامت ڳائي وڄائي اسان کي عطا ڪئي آھي . مقصد جي تند تنواريندڙ، اُن لاءِ ”سک ۽ سُواد“ کان پاڻ پَلي، سر دان جي ثواب جي موقعي ٻڌائيندڙ ۽ رستي پنڌ، کيٽ کري، گھر گھر ۽ اوطاقن آڏو بيھي ھوڪي ڏيندڙ، جن منشي کي، ھن ”درويش“ شاعر کي ھيٺ ھن ڌرتي جي ماڻھن جي ”درن“ تي، پنھنجي ملڪ جي ماڻھن لاءِ ۽ پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جي ”درن“ تي عام ۽ خاص معرڪن، گڏجاڻين ۽ جلسن ۾ ھي صدا ھڻندي ۽ اوچي گلي سان دانھيندي ۽ ڳائيندي ٻُڌو آھي، اُھي شاعري ڏيندا ۽ چئي سگھندا ته منشي اُھو عطائي آھي يا ٻيو ڪو ، جو چوي ٿو، سرد دليون گرمائي ٿو ۽ وڏي آواز ڳائي ٿو:

    ڪاورنجھر کان ڪينجھر تائين، ڪيٽي بندر کان ڪشمور،
    موتين کاڻ ھي ملڪ سڄو آ، مارُن جو، ۽ مارُو مور!

    عجب ڏٺوسين اچي ادا ڙي، دنيا جو دستور ھتي،
    راھ رھڻ جي ڪائي ڪانھي، مسڪين لئه مور ھتي.

    ڪيڏي رات انڌاري آ، ڪيڏي رات انڌاري آ!
    بڙڇي بم بندوق سان بيٺو، تڙ تڙ تي تاتاري آ
    ڪيڏي رات انڌاري آ!

    ”مُنشي“ مُور نه ٻئي ڪنھن ماريو، ماريو ماروئڙن جي ماٺ،
    ڏيھَه سڄي ۾ ڏوٿين کي ڏس، ڪيئن نه ڏاري ڏاڍ جي ڏاٺ!
    تن جي ڪارڻ جوڳي بنجي ڳايان، جڳ جاڳايان!
    توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان، توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان!

    مون پڪ سُڃاتا پنھنجا ھئا، ڪي ڌاڙين سان گڏ ڌاڙي ۾،
    تي واٽ ڏسيائون ويرين کي، ويھي وانگيئڙن جي واڙي ۾.

    مون رات گنجي ۾ گُجندي، ڪيڏا سنڌو جا سرواڻ ڏٺا،
    تي ٻَھڪيا مُنھن ۽ ٻانُھن ٻَر، مون ٻلواڻن ھٿ ٻاڻ ڏنا
    جھيڙي جي جھونجھار وو يار، پرکا آھي پِڙَ ۾!

    نيئر نوڙي نڪري ويندي، ٿاريلي تو ٿاڻي مان،
    دوکي جي اڄ ڌپ اچي ٿي، تنھنجي داڻي داڻي مان.

    نه ھونديون حويليون نه ھوندا ھي ٿاڻان
    مان ھوندس نه ھوندس، سو پاڻان نه ڄاڻان.

    اجھا رات کُٽي ۽ باک ڦُٽي، انسان ازل کان آجو آ،
    ڪي غلام ڇُٽا، ڪي ويندا ڇُٽي، انسان ازل کان آجو آ!

    ۽ انھيءَ اسان جي آجائيءَ، قومن جي آجائيءَ، انسان جي آجائي جي ازلي حقيقت جي ياد ھڪ ڀيرو ٻيھر ، ھتي ”گُوندر ويندا گُذري“ ۽ شاعر اسان کي ڏئي ٿو، ۽ سر دان جي عيوض اُن جي حاصلات جي ”خوش خبر“ ھو اسان کي ٻڌائي ٿو ۽ اھوئي سندس ٿورو اسان تي ايڏو وڏو ٿورو آھي، جو سچ ته اسان جي لاھڻ جو نه آھي ۽ انسانن جي آجائي پنھنجي سِر پاڻ ته واقعي سِردان گھري ٿي جنھن لاءِ سيدنا حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه “راءِ ڏياج” جي واتان چوايو آھي:
    مٿي اُتي منھنجي، جي ڪوڙين ھون ڪپارَ،
    ته واريو واريو وڍيان، سسيءَ کي سؤ وارَ،
    ته پِڻ تندُ تنوارَ، تنھنجي مٿاھين مڱڻا!


    محمد ابراھيم جويو
    حيدرآباد سنڌ
    12 آگسٽ 1985ع


    نظم

    ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين

    ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين

    ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين، ڪيٽي بندر کان ڪشمور،
    موتين کاڻِ ھي ملڪ سڄو آ، مارُن جو ۽ مارُو مور.

    ھن ۾ ھاري اَنَ اُپائن، جن جا سون جھڙا سَنگ،
    ھن جا ماڻھو محبت ڀريا، ناز منجھان ته نڀائن نَنگ،
    ھن ۾ جھوپا جھانگيئڙن جا، ھُن ۾ جھونگارون جھر جَھنگ،
    ڪافي، وائي، بيت، جمالو ۽ ٻيا ٻُڌين چُرندي چَنگ،
    “خلد” برابر ھن ۾ خوبيون، ۽ ٻيا روپ رسيلا رَنگ،
    دنيا ساريءَ ۾ اي دلبر، ديس منھنجي جو ناھي دَنگ،
    سنڌ سڄي جي سِينڌ سنڌو آ، جنھن ۾ گھاتو ڪن ٿا گھورَ!

    مِٺڙن مِٺڙن ٻولن وارن، مال وندن جا ھن ۾ ماڳ،
    ڀاڳ ڀليرين ڀاڳياڻين جا، ڀائو ھن ۾ ڀاڳ ئي ڀاڳ،
    ھر ھڪ ونڙي پنھنجي ورَ سان، ويٺي لنئون لڳائي لاڳ،
    جنڊ اَسرُ جو جيڏين جوٽيا، ڄڻ ڪنھن راڻو ڳايو راڳ،
    پاڻيءَ ويل پنوھاريون پاڻ ۾، چوڙيليون ڪن چرچا چاڳ،
    ٻوڙ پلاءُ کي ٻَن ڏيئي، سي سادا سانگي آڻين ساڳ،
    سرءُ سياري سانوڻ جو تن، سانگين ناھي ھينئڙي ھور.

    مُشڪ کٿوري کان به مٿيري، ھن جي خوشبوءَ ۾ آ خاڪ،
    باک ڦُٽي جو وڻ ٽِڻ واسي، ھن جي موتين جھڙي ماڪ،
    ھن جي ٿر بر ٿڌڪارون ۽ ھن ۾ ٿاريلين جا ٿاڪ،
    ھن ۾ باغ بھارون بر سر، ھن ۾ بُلبل سڀ بيباڪ،
    ھن ۾ مانجھي مرد مٿير ۽ ھن ۾ ڌوپارن جي ڌاڪ،
    ھن ۾ سانگي ساڌا سُوڌا، ڏاھا، ڀورا، دل جا پاڪ،
    ھن ۾ وارا ويا وڄائي، شينھن جھڙا ڪئين شھزور!

    ھن ۾ سچل سامي، سانوڻ، ھن ۾ شاھ ڀٽائي گھوٽ،
    ھن ۾ دودا، دريا خان ۽ ھن ۾ ارڏا ڪئين اڻموٽ،
    ھن ۾ صوفي، صادق ھن ۾، ھن ۾ عاشق ورتئون اوٽ،
    ھن ۾ مڪلي، موھن دڙو، ۽ ھن ۾ آھي عمرڪوٽ،
    ھن ۾ راڻا، راءِ ڏيارچ ۽ ھن ۾ ڄايا ڪئين ڄاموٽ،
    ھن ۾ سھڻي، ھن ۾ سسئي ، ھن ۾ مشھر مارئي موٽ،
    ھن ۾ عاشق اھڙا ٿي ويا، جھڙو عاشق چنڊ چڪور.

    دنيا ۾ ھي رنگ اٿيئي، ماروئڙا مھمان نواز،
    آيل کي ھو عزت ڏيندا، آڌرڀاءُ سان ڪن آغاز،
    پاڻ نه ھوندي پاڙي پَٽ تي مھمانن جو رکندا راز،
    پنھنجي ريت پراڻيءَ کي ھو، اڄ به نڀائين ڏاڍي ناز،
    رات سڄي ڪن ريجھه رھاڻيون، الغوزن جا اُتِ آواز،
    ڀيڄ ڀنيءَ بوڻيندا ڀُون ڀُون، چنگ چُرن ٻيا سينڍون ساز،
    نيت، ڳُجھارت، ھلي ھمرچو، ۽ ٻيا ڏين ڏاھا ڏور.

    ھِت ته لايون لابارا ۽ چيٽ ڪتيءَ ۾ چونڊا جام،
    کاھڙ سارو کيٽ کَرا ۽ سھڻي ساوڪ صبح شام،
    چونڊي ميڙي چوڙيليون ڪن گگدامن لئه گاھ گدام،
    ٻاجھر، ساريون، جَوَ ۽ جُوئر، ڪڻڪ مَٽر ھِتِ مھر مدام،
    ڪُونجن وانگي ڪري قطارون وچينءَ وريون گوريون گام،
    چال چڱيءَ سان چالون ميڙيو، چونئريون ڀرين البت عام،
    پُٺيون ٺپرين پيار منجھان سي پٺيان تن جي لاھور لور.


    اجرڪ، پَٽڪو، سُٿڻ ۽ صدري، آھي وڙائو وانگين ويس،
    گج ۽ گربيون، لاکيون، لويون، کاھڙ وارن کٿيون کيس،
    ڀرت ڀريو ھت ڀوريون پائن، چولن تي چِٽ لايو ليس،
    قابل ھت ڪرڙاٽ قرب مان، ڏاڍ ڏاڙھين ڪن ٿا ڪيس،
    ھر ھنڌ ٻُڌندين ھاڪ ھنن جي، دنيا ۾ تون ديسان ديس،
    ھن ۾ گھوڙن گھوٽ چڙھيو، ڪن راڻا رِيس منجھان ٿا ريس،
    ھن ۾ ٻيلا، ميلا ھن ۾، منڇر مياڻي ڪاڪ ڀنڀور.

    چنڊ ڏسي آکاڙ جو اُڀ ۾، ھارين ھُرلا چاڙھيا نار،
    ٻَنا ٻڌيو ڪن ٻُروڻيون، ڳاڌين ويٺا ٻُڍڙا ٻار،
    ٻاڙو ڌاڪي ٻوڙ وھن، ڪو ٽانگر مالھه گسي مالھار،
    پارڇ پلٽي، نمندا نيسر، پاڻي اُڇلين پرئين پار،
    جوڳن ۾ اُت جنُگ وھن جي ٿلھا ڏاگھا ٿوھيدار،
    ڇم ڇم ڇيرون ڇڻڪارون ڪن، منھان مارن مزيدار،
    راتو ڏينھان ريج ڪريو سي، ڇَٽيو ڇڏين ڍنڍون ڍور.

    سانوَڻ ۾ ھت دريا دھشت، ٻيلا ٻوڙي ٻوڙي ٻيٽ،
    پاڻي پَسندي ڪنڌيءَ ڪناري، تُم ترايون ڪيٽيون ڪيٽ،
    اَسُو، آيو اُتر سعيو، پاڻي وٺندو دريا ٻيٽ،
    ريج اچي ۽ رنگ مچي اُت، رانيل ساوڪ سارو ريٽ،
    کاھڙ واري کيڙي تنھن ۾ چوڌاري ڪن چڱڙا چيٽ،
    ڇانھيون، گدرا، مڱُ، مڪائي، ڀلو تنھن ۾ ڀينڊو ڀيٽ،
    ڪُونجون ڪڻڪن ڪيٽن تي ۽ جھانگين جھنگل منجھه جھڪور.

    مصري ماکيءَ کان به مٺي آ “منشي” سھڻي ساري سنڌ،
    پوريءَ دنيا منجھه پري روءَ آھي پنھنجي پياري سنڌ،
    ھن جي ٻولي ٻاجھاري ۽ جيجل جيءَ نياري سنڌ،
    ظالم ڪئين ويا زور لڳائي، وانگين ور ڏئي واري سنڌ،
    ھر ھڪ پنھور ساڻ ھميشه، پت ھن پوري پاري سنڌ،
    ھن جي سڏ تي ماڻھو مرندا، لک ھزارين مانجھي مور.

    ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين، ڪيٽي بندر کان ڪشمور،
    موتين کاڻِ ھي ملڪ سڄو آ، مارُن جو ۽ مارُو مورَ!


    تُنبينِ تي تارِ پيچاري

    تُنبينِ تي تارِ پيچاري

    وچينءَ ويلي ولر واري، وٿاڻن ڏي وريا ھوندا،
    تُنبينِ تي تارِ پيچاري، تنواريندي تريا ھوندا!

    ڊھوڙن سان ڊُڪيو پھچن، اڳيان سڀني کان الوڙيون،
    ڏيئي ڦيرا ڦرن تي سي، مِڙي ڀريائون ماٽوڙيون،
    ٻُري ڏيئي ٻاچڪو ڪانگھارين کي لاس تي لوڙھيئون،
    وَٽيون ھٿ ۾ پسون پاسي، جي کيرن جا کريا ھوندا!

    ڪنھن ڀاڳياڻيءَ گجر گوشي، ڪنھن ڀاڳياڻيءَ ڪُنڍي ڪاري،
    ڀريون مٽرن جون ڀاڳياڻين، ڀٽارين لئه آنديون ڀاري،
    ڦريون ڦولھي ھڻن سي ڦڪ، ھُوندي گاھن جي گلزاري،
    پَٽِيندي مٽر پوڃاڙي، سندن ھٿ ٿيا ھريا ھوندا !

    سونھن سِر سرتين جي، سينھڙن تي ٻيلھڙا ٻھه ٻھه،
    ٺاھيون ٽوليون اچن ٽلنديون، ڪنديون ٽھڪن سندي ٽھه ٽھه،
    چٽن سان چولڙا چمڪن، چُرن جي چَپَ ته ٿئي چھه چھه،
    ڀنڀرڪي جي دلا ۽ مٽَ، ڀرم وارين ڀريا ھوندا!

    چڙھيا چيٽي لڙھا، پٽن تي ڪيون پالوٽون،
    صبوح ۽ شام ھارين جون، ھونديون جوڙن مٿي جوٽون،
    سارين ٻيجا به ساماڻا، ھونديون ھر ڦل اندر ڦوٽون،
    چُکين ۾ چاھ مان چؤڏس، چيھا چالُن چريا ھوندا!

    وٽاڙن جي ڪو وٺ وٺ ۾، ڪنھن ھوندو ھر مُٺيو ھٿ ۾،
    ڪو کاھوڙي کھي سان، ھوندو ڪانڊيرن جي سٿ سٿ ۾،
    ڪو ڪوڏر، ڪو ڪھاڙيءَ سان، ھوندو ڪڙيي جي ڪٿ ڪٿ ۾،
    ڪي ڪاڙھي ۾ ڪُھڙ ساڙي، نه ٽانڊن کان ٽريا ھوندا!

    وني ۽ ورُ ڇڏي ٻئي گھر، ٻنيءَ تي ٻانگ سان آيا،
    پورو ڏينھن پيٽ لئه پورھيو، لڪن ۾ لڱ تن تايا،
    ٻپھريءَ ٻوڙ ريءَ ماني، پُڄائي ويا پسون ڄايا،
    اُگھاڙا پير تن ٻارن جا، ڪاڙھي ۾ ٻريا ھوندا!

    مارو ھن مُند ۾ “منشي” گنجي ۽ گوڏ ۾ گھارين،
    ھڙيئي ڪِين ھڪ جھڙا، مون ھت ڪئي ڳالھه ڪِنِ ھارين،
    ڪُتيءَ جي ڪم ڪرڻ ڪارڻ، ھُو ٽل سان ٽيم کي ٽارين،
    سڀيئي سرکا متان سمجھين، سريا ڪي اَڻ سريا ھوندا!

    وچينءَ ويلي ولر واري، وٿاڻن ڏي وريا ھوندا،
    تُنبينِ تي تار پيڃاري، تنواريندي تَريا ھوندا !















    نياڻيون ٻئي مھراڻ جون

    نياڻيون ٻئي مھراڻ جون

    گوني، پيڃاري نياڻيون، ٻئي متي مھراڻ جون،
    لاڙ سان لانئون لڌائون لھريون ڏئي لاڻ(1) جون.

    ڄامشوري ۾ ڄميون ھي، ڀينرون ٻئي جاڙيون،
    ڳھه وجھي ڳوٺن تان لاٿئون، ڳڻتيون ڳل ڳاڙھيون،
    سانگين جي سرزمين کي، ڏيئي سايون ساڙھيون،
    واھ واھ وک تي وڻايئون، وانگين جون واڙيون،
    وانگين جي وات ۾ وايون، سندن واکاڻ جون!

    ڀاءُ تن جو ڀر ۾ جھلو، چينل چڱو وچ ۾ وھي،
    ھي ننڍو نينگر ٻنھين کان، رات ڏينھن رڙھندو رھي،
    ٿڃ امڙ جي، ٿر رسائڻ لئه سوين سختيون سھي،
    ٻئي پڪا پاسا سندس، ھو ٿو ڪٿان جو ڪٿ وھي،
    ڀُڳڙا ميمڻ واري ڀونءَ کي، ڏي ڀريون ٿو ڀاڻ جون!

    گس وٺي گوني، ٽنڊي ۽ ماتليءَ وچ مان مٽي،
    ڪجھه ڏندي کي ڏند ڏيکاري، پھرين پوٺن ڏي پٺي،
    نانگ وارا وَرَ وجھي، وھندي وڃي وارن وٽي،
    کن ڪمي ٿي ڪين، کاھڙ سندس کَٽيو کٽي،
    سُو بسُو سانگين رسائي، سوکڙيون سرھاڻ جون!

    پٽ پٽيھر پائي پيڃاري، پکن پنھنجن پُري،
    ڀيڻ کان ڀاڪر ڇڏائي، سھڻي سيريءَ کان سُري،
    گس وٺندي گجندي گنجي کان، ٻانھن ٻلالن ڏي ٻُري،
    دل دڙي جي ۾ داخل، چاھ ڏاڍي مان چُري،
    چؤطرف چھري سندس، چمڪن ڌڄون پانڊاڻ جون!

    دم دڙي ۾ ٻُڍو، جر جال ڪئين جاتي اندر،
    ڇوھ مان ڇوليون ھڻيو، ڇُلڪائي جر ڇاتي اندر،
    اُڃ اباڻن جي اُجھائڻ لئه اصل آتي اندر،
    جھنگ جھر جھالار جھم ڪيا، تنھن ته ھڪ جھاتي اندر،
    جابجا جرڪي اُٿيون ڪئين جلوتون تنھن جواڻ جون!

    ڇال ڇورين جا ڏسي، آيا ڪَھي ڪارا فرنگ،
    دل اندر دولاپ تن جي ۽ ضميرن زھر زنگ،
    ترت تاڙي تن طمع ڪيئڙو تڏي وارن کي تنگ،
    جلد ڪيو جاڳو جوانو جابرن سان آھي جنگ،
    مُنھن مترڪن ڏيئي ڪريو پوريون سڌون سانڌاڻ جون

    اڄ وڳھه رُوپا به آھي، رت گھريو راڻا وري،
    آھي ميران پُور متي، ۽ گھريا دُٻي داڻا وري،
    ڏيھه جا ڏاھر ۽ دودا، گھوٽ وجھه گھاڻا وري،
    نه ته سوين ٿي سال ويندئي سنڌَ سَنڌَ ساڻا وري،
    ٿيو ڇڙڪُ ڇورا ڇڏي، ڳالھيون سڀيئي ڇڪتان جون.

    وانگين کي روڪڻ کي ويا وروڪي، ھُلُ ڪري ھٿ جون ھڻي،
    ڌوڙ ڌارين کي ڪرڻ لئه، ڌگ اُٿُ ڌرتيءَ ڌڻي،
    پاڪ پنھنجي سرزمين تان، ڪر تون پاپين کي پڻي،
    ڪيسن ڪوٽن منجھه “منشي” ڪنھن جي ڪُڻڪي ڪامڻي،
    راک جون رکڙيون ٻَڌو، آيون رُتون رت ڇاڻ جون.



    لاڻ: پوتي وجھڻ مھل ڳڙ ورھائڻ




    ٿر جي ڏڪار تي

    ٿر جي ڏڪار تي

    نه وسڪارو وڄڙين، نه ٿڌڪار ٿر ۾،
    اُڃايل اکيون آس ونَديون اَبر ۾.

    لڳي لُڪ ڪيا سُڪ مرُن مال ماڻھو،
    ويڙھيچن تي ويلا، نه ڪو گاھ داڻو،
    نه پاڻي پُساڻو، نه ڪو تن کي ناڻو،
    وتي ھر ڪو وانگي ويڳاڻو ويڳاڻو،
    ڏڪاريل ڏکن ۾ ڏسي ڏيھه ڏاڏاڻو،
    کِجان پَسيو کاھڙ، ھي کاڻو ئي کاڻو،
    اُٿن ٿا ادا ڙي اوٻار اندر ۾،
    وسڪار وڄڙين نه ٿڌڪار ٿر ۾!

    نه ڀون ڀون بوڻيندن، نه ڀڻُڪو ڀَليرو،
    نه ڦوڳن ڦلھارون، نه ڪنھن ڦر جو ڦيرو،
    نه چيھا نه چالون، نه ڇيرن جو ڇيرو،
    ڀِٽون ڀانگ ڀلجي، ڪيو ڪنھن نه ڀيرو،
    اندر ھر ڪنھين جو اُڃيرو اُڃيرو،
    پلر ڪٿ نه پسجي، ڪو پاڻيءَ جو پيرو،
    ڏڪي ڏِيل ڏک کان ٿو ڏوٿين ڏُڪر ۾،
    نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪار ٿر ۾!

    نه ڪا بوند برسي، نه بر ۾ بھاري،
    وسي وانگين جي وطن ۾ پيئي واري،
    جياپي جو تن تي ٿيو جر نه جاري،
    تباه تَونس ۾ ٿيا، ھرڻ، ھر ۽ ھاري،
    ٿيا چَٽ چُرڻ کان چوپايا چوڌاري،
    نه ليکو لکڻ جو، زبون حال زاري،
    اچن رُڃ نِپٽ جا نظارا نظر ۾،
    نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪار ٿر ۾!

    پسي ڌُوڙ ڌرتيءَ، ڌُٻڻ ڌڻ ڌڻولي،
    نه ڇوراڙ ڇر تي، ٽھڪڻ سان ٽولي،
    نه گُرگالون گس تي، نه ڪنھن گول ڳولي،
    نه ڪٿ ڪئي ڪچھري ويئي وَھي وچولي،
    نه ھونگر ھمرچي جي ٻولي ڪنھن ٻولي،
    سُڪا مُنھن سندن، ڪنھن کُلي، کِلَ نه کولي،
    وٺي ريءَ ويچارا ويڙھيچا وَيَر ۾،
    نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾!

    کٽي ويون کوھيون، نه ڇيڪار ڇيلن،
    سڙن سيٽ پيا ۽ نه سينگار سرتين،
    اَسر ڏيو اُٿن پنڌ پاڻي آ ميلن،
    ڀري ھيڙ ھر ڪنھن وڏن ڪن وسيلن،
    سڄو گھر، سڄو ڏينھن گھڙي پاڻي گھارين،
    سُڪل سائون سُڪُ ٻُڙ مان سانجھاڻ سارين،
    جيئڻ ھي پسي، جل جاڳيا جگر ۾،
    نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾!

    ھي جيئرا جنازا، گُنگا ڪن نه گُڻ مُڻ،
    نه ڪنھن چپ چوري ڪئي چؤنرن ۾ چُڻ چُڻ،
    نه ساڏوھين تي ڪا سُڻجي ٿي سُڻ سڻ،
    نه ڪي ڀر ڀٽن جي ڪا ڀاڳين جي ڀُڻ ڀُڻ،
    نھارين کڻيو نيڻ کنوڻين لئه کُڻ کُڻ،
    کاٽونبا کُٽي ويا، اندر تن جي اُڻ تُڻ،
    مرن مور ماندا ڪارونجھر جي ڪر ۾،
    نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾!

    ٺھن چند ٺڳن لئه ڪروڙن جا ڪوٺا،
    لُڇن لال لک جت، اُتي مُنھن آڻڱوٺا،
    نه پرسايا پاپين پنوھارن جا پوٺا،
    ڏئي مُنھن مارُن ٺِڪر ٺلھا ٺوٺا،
    کنيا ڪنھن نه سانگين جي سورن جا سوٺا،
    لکين پيٽ ڀرين جا ٽڪر چند جُوٺا،
    ترقي پيئي تِرڪي، چورن جي چڪر ۾،
    نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾!

    ڇني حق ورتا ڏيئي راڻن جتي رت،
    ڪري راڄ پورھيت ۽ ھاري حڪومت،
    ھزارين تنين ميل پوٺا جي پربت،
    بنائي ڇڏيا باغ جنتَ ئي جنتَ،
    ملي ھت نه “منشي” ٿي مارُن کي محنت،
    پوري رت چوسيندڙ لغورن تي لعنت،
    جيئڻ جن جھنم ڪيو سانگين جي سر ۾،
    نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾،
    اُڃايل اکيون آس ونديون آبر ۾


    (1974 ۾ ٿر ۾ ڏڪار آيو جنھن تي سڀني اخبارن ۽ رسالن گھڻو ڪجھه لکيو ھو، ان کان متاثر ٿي، سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ھيءُ شعر لکيم. منشي)


    ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾

    ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾

    ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾، ڪير ٻُڌائي ٻَرندا ڪيسين،
    جوتِ مٿي ھن جيجل جا ھي، ڳاڙھا ڳوڙھا ڳڙندا ڪيسين.

    پورھتين جو پگھريل پگھريل ڏِيل ڏسي ٿو ڏِيل ڏري،
    ڪاسي وارو ماسي مان ھي پورھيت پوري ڪيئن ڪري،
    سارو مھينو سٺ روپيا ھو انگ ڍڪي يا پيٽ ڀري،
    ڳالھيون ڳڻيو ڳڀرن جون ھي ڳڻتين ۾ پيو روز ڳري،
    سنڌ امڙ جا سانگيئڙا ھي سور ڀلا چئو چرندا ڪيسين.

    ليڙ لَٽن ۾ لڱ لڪائي، لڄ ڀري ڪيئن لال پري،
    وار سُڪي جنھن وينڍا ٿي ويا، ناھي طاقت تيل تَري،
    وِھر منجھان ٿي اُلٿي واندي، گھري وڏيرو گاه ڀَري،
    ھي به ته ڪنھن جي ڄائي آھي، سوچي ظالم ته ڏس زَري،
    پاھُ بُکن پنھوار ڪيا، سي پاروٿن تي پرندا ڪيسين.

    جھانگيئڙن جو جھوپو خالي، آيو وِھرَڻ سڀ عيال،
    ڪارا گورا ٻار اگھاڙا، وينگس ويڙھيل ھڪڙي وال،
    گوڏن تائين گپ ۾ ڀريل، ٻار ٻُڍا سڀ ھيڻي حال،
    ڪاوڙ مان ڪمدار اچي پيو، ڪانڊر سان ڪندو قيل مقال،
    جھُور جھُڪيل ھي جھانگيئڙا، ھن جھُوپن ۾ پيا جُھرندا ڪيسين.

    ڇانب اتر ۾ ڇنڙي ھيٺيان، ڇورن جي ڏس ڇانگ الا،
    واءُ اتر جي ائين سي ويڙھيا، ويڙھيل ڄڻ ڪي نانگ الا،
    ڪاڙھن ڪاڙھيا سرديءَ ساڙيا، سانگين سُورن سانگ الا،
    حال ھنجن جو ھيڻو ھت ۽ ڪوڏ پيا ڪن ڪانگ الا،
    مام انھيءَ ۾ ماروئڙا ھي مارون کائي مَرندا ڪيسين.

    سارو ڏينھن تغاري سر تي، پيءُ پُٽ شام جو روپيا چار،
    پيٽ بُکيا ۽ انگ اُگھاڙا، گھر جا ڀاتي ٻارھن ٻار،
    تن مان ڪي معصوم مُدي ۾، ڪن کي بُک ڪيو بيمار،
    حال ڏسي تن حيرت ڀريو، آيل روئي ڏئي اوڇنگار،
    دوزخ جھڙي ان دنيا ۾، سانگي سادا سڙندا ڪيسين.

    ٻارھي تي ڏس ٻاٻاڻن جا ٻارھن سالن وارا ٻار،
    پيٽ گندي ۽ پنج روپيا، ھت آھي ماڻھوءَ جو ماھوار،
    ڪنھن جون عيدون ڪنھن جون شاديون، ھي ته ھميشه ڍورن پار،
    سٺ روپين ۾ سال سڄو ھن گروي پٽ تي گار جي وار،
    ڪوس اھڙي ۾ ”منشي“ آخر ڪَلھا ڪنھن جا ڪڙھندا ڪيسين.














    دنيا جو دستور

    دنيا جو دستور

    عجب ڏٺوسون اچي ادا ڙي، دنيا جو دستور ھتي،
    راھ رھڻ جي ڪائي ڪانھي، مسڪينن لئه مُور ھتي.

    سُڪل ماني سيمنٽ جھڙي صبوح منجھان ھن ڪئي قندوري،
    سر تي ڏَلھا شام صبح ھي، ڀيڻ کڻي ڪئين ڀوري،
    ٻچڙا جنھن جا انگ اُگھاڙا، پيٽ پِٽئي جي ناھي پوري،
    سونھن وڃائي سورن ساري، پوءِ به سر تي سوري سوري،
    لپ لسيءَ لئه ھي لاکيڻي، مفت مري مجبور ھتي،
    پيٽ بکئي جي لاءِ پلپل پيئي پڃاري پُور ھتي.

    ھفتي ۾ ھزار مٽيءَ جو، سورنھن روپيا ست ڄڻان،
    اڌ مُنو اٽو گھرجي، تيل ڪريان يا ميٽ ڪريان،
    ڳنڌ جي ڪارڻ ڳڙ به گھرجي، ڪيئن ڪريان چئو ڪيئن ڪريان،
    سيءَ سُڪائي سوڙھا ڪيا، تن ٻچڙن جي ٻاڪار پَريان،
    ڀيڻ ويچاري لڄ جي ماري، ھڏ چم ڏيئي ٿي چُور ھتي،
    اھيئي ڏلھا اھي ئي ڪوڏر، سھسين آھن سُور ھتي.

    سِرَ تي ڏَلھا سانجھي ٿي ويئي، جھِڄندي پھتي جھوپي جھل،
    ٻارن ڏسندي ئي ٻاڪاريو، اچي امان پيئي جيجل،
    سُڪل چھرا ساوا ٿياڪجھه جيجل آڻِ جلائي چُل،
    ساڳي ماني سيمنٽ جھڙي ڳُڙ سان ڳڙڪي ھر مھل،
    ڌرتي ھنڌ ۽ اوڇڻ اُڀ جو، ڪيڏا ڪيس ڪلور ھتي،
    مسڪينن جي ماس منجھان ٿا موجون ڪن مغرور ھتي.

    سومر گذريو آيو اڱارو، اربع ڏينھن ويو اَٽو کُٽي،
    فڪر لڳي ويو فاقي جو، پر پاڻ ٻَڌائين پيٽ پَٽِي،
    ڪُلھن ڪر ڳل سر تي سارو، بُک مچائي ونجھه وٽي،
    لوڻ ۽ پاڻي چلھه تي چاڙھي، پاءُ منجھان ڪيئين پٽي ڇٽي،
    آس اڙايو ڏينھن جمع تي، نِير وھائي نُور ھتي،
    پاڻ پچائي، لڄ لٽائي، جھُڳي ۾ جھُور ھتي.

    ڪير ڪمائي، ڪير ٿو کائي، ھتي ادا حالات ڏسو،
    ڪن لئه قائم ڏينھن سدائين، ڪن لئه ڪاري رات ڏسو،
    ڪن جا پيٽ پلائن ڀريل، ڪن جي واري وات ڏسو،
    سچ چوڻ لئه سِڪن سياسي، ليڊرشپ جي لات ڏسو،
    اکين ھوندي انڌا آھن، نابينا بي نُور ھتي،
    رشوت خور ريائي رھزن آفيسر منظور ھتي.

    اڌ ۾ اي سي چيف برابر، اڌ ۾ ايسڊيو ۽ انجنير،
    داروغي کي ڌار کپي ۽ ڌار گھري ٿو پيو سروير،
    ايسٽيمنٽ اڍائي لک جي، خرچ ٿيا ڪي ڏوڪڙ خير،
    گڏيا جواري ٺيڪداري، تري ڇَڪي جو آھي ڦير،
    آفيسن ۾ عام کلي آ رشوت اورا اور ھِتي،
    ڏيڊ روپئي ۾ ڏينھن سڄو ڏلھا کڻي مزدور ھتي.

    ظاھر ظلم زميندارن جا ھارين تي ھر بار ھزار،
    پاڻ پتوڙي لُنڊيون لتاڙي، اَنُ اُپائي ٿو جو اَنبار،
    دل تي ڌاڪو، فڪر ۽ فاقو ٻچڙا بُک ڪيا بيمار،
    سال سڄو جنھن سُور سَٺا، سو سير اَٽي لئه لاچار،
    مرض ماريل ماروئڙن جو، ڪريان ڇا مذڪور ھتي،
    سُورن جو سنسار ھتي ۽ سُورن پٺيان سُور ھتي.

    سيءَ سيارو پاڻي پارو، گوڏ گنجيءَ ۾ ڪري گُذارو،
    ڪاٺيون ٽيڪي، ھٿَڙا سيڪي، سال گذاري سارو سارو،
    ھَرُ ھلائي، ڪيڙ لڳائي، ٺاھي ٻنيءَ جو ٻارو ٻارو،
    وڏي وڏيري جو ته به تنھن تي، گار مٿي ڏس گار جو وارو،
    مزدور ادا مجبور ھتي ، ڪري عَيش وڏيرو ٽُور ھتي،
    ڪانگ کائي انگُور ھتي ۽ حور ماڻي لنگُور ھتي.

    منھنجن مارن مسڪينن جو، حيرت ڀريو حال ٻُڌو،
    لاڙئون لڏيو اُتر اچي پيو، پورھئي ڪارڻ ڳالھه ٻُڌو،
    پنج ٻَچا ۽ پوڙھو پيءُ ھي اکين ڏٺو احوال ٻُڌو،
    طفل ويچارا پنڌ جا ماريا، تن جي قيل مقال ٻُڌو،
    جتي ته پيئي اُتي وھائي، سردي گرمي سُور ھتي،
    سُورن سھندي سانگين کي ٿيا ، نَس نَس ۾ ناسُور ھتي.

    گھر گڏھ تي، ڪَلھا ڪُلھي تي، انگ به اوڇڻ ڌارا ڙي،
    پير اُگھاڙا، تتل ڪاڙھا، ڪلر ڪوسا ڪارا ڙي،
    ڇھن ورھين جا ڇوڪرڙا ٿو، ٻارھي بيھاري ٻارا ڙي،
    سوچي ڏس تون ايئرڪنڊيشنڊ ڪار ۽ بنگلي وارا ڙي،
    اھڙو “مشي” ماروئڙن تي مڙھيل آ منشور ھتي،
    گُڏ ڪڍي ۽ گاھ به وڪڻي، غمن ڪيو غرقور ھتي.



    ڀٽائي سان مخاطب

    ڀٽائي سان مخاطب

    ڀلاري ڀونءَ جي مٿان ته ڀاڳين ڀنڀٽ، پيا ڀڙڪن ڀَلا ڀٽائي،
    مرن پيا مارُو ڪُسن پيا ڪُونڌر قَھرَ پيا ڪڙڪن ڀلا ڀٽائي.

    چَپَن تي چَتيون، زبان تي مُھرون، ڪُڇون ته ڪاتيون، ڇنن ٿيون ڇاتيون،
    سھم ۽ صدما، اندر ۾ اُڌما، ڏکن ۾ ڏينھن ۽ روئڻ ۾ راتيون،
    لڪايان ڪھڙيون لطيف توکان، ٻُڌايان ڪھڙيون برھ جون باتيون،
    سون جون کانئي ڇڏيون ڙي سائين، کلون ته کولين ڀلا ڀٽائي.

    اُميدون آخر ويون ٿي آسون، اسان ئي ڦُرجون، اسان ئي ڦاسون،
    اسان جا ليڊر اسيمبلي لئه، ھزارين باسيو اچن ٿا باسُون،
    اندر ۽ ٻاھر ڪُڇن ته ڪافر، وٺيو وزارت ڏين اوٻاسيون،
    ھتي ته باغي ھتي ته ڏوھي، سچا ٿا سڏجن ڀَلا ڀٽائي.

    اڃا عمر جو جبر آ جاري، اڃان مارئي نه ماڳ موٽي،
    وڏا واعدا ھئا ورڻ جا، مگر عمر جي نيت آ کوٽي،
    ڪڙھي ڪڏھن کان اندر ته ڪوٽن، پيئي پنوھارن سندي ھي ٽوپي،
    ھزارين ھاڃان سٺا ته سر تي، سدائين سانگين ڀَلا ڀٽائي.

    سَسُئيءَ جي سر تي اُھيئي ساڙا، اُھيئي حَب ۽ اھيئي ھاڙا،
    اُھي لُڪون ۽ اُھيئي ڪاڙھا، اُھيئي ڌارين سندا ته ڌاڙا،
    پٽي ويا ڪئين پريٽ پاڙا، ڀنڀور وارا اَنگن اُگھاڙا،
    سوين سَسيئون ڇڏيون ته ساڙي، وندر جي واٽن ڀَلا ڀٽائي.

    اڃان نه موٽيو تماچي تڙ تي، ھتي ته نوري چڙھي پيئي سوري،
    ويا سي وينجھر، ڪڙھي پئي ڪينجھر، ملي ملاحن نه ٿي مزدوري،
    سُڪي ويئي ڍنڍ، سڙي ويا سنڍ، رليا رُھاڪي پٿونءَ نه پُوري،
    ھتي ته ھاڃان ڪيا ھنجن سان، ڪنگن ۽ ڪانگن ڀلا ڀٽائي.

    گھڻائي گھاتو ڇڏيا گھمائي، مَئو نه آھي مگر سو مانگر،
    سُڪي سڙن سنڍ، ڦٽيون مياڻيون، مچي مدارن اندر ويو محشر،
    پَڇاڙَ پُڇ جي ڏِسيو ڏڪن پيا ھتي جي ڏيکاءُ ڏين ڏھسير،
    اڃان ته ميدان ۾ مورڙا ڪي، نٿا پيا ڏِسجن ڀَلا ڀٽائي.

    اڃان به مون کي مدي آ من ۾، زھر پياري متارا ماري،
    ڏسي پيئي اَوت اچن پيا راوت، نه ٿي ھوءِ پنھنجي بٺي بھاري،
    ڏسي خزانا ڪري بھانا، ڪوٺيو سان قاتل ڪُھي ڪناري،
    ملھايو مانجھين، ھتي ھزارن، مري متارن ڀَلا ڀٽائي.

    سوين ته سُھڻيون ھتي سڪي تي، سڙن مَرن ڪي جھِڄن جھُرن ٿيون،
    سنڌو سُڪي ويئي، ميھر مري ويا، چَڙيون نه چالن سندن چُرن ٿيون،
    ڏھاڙي ڏم جو ڏسيو سي ڏھڪا، ھزارين آسون ھنئين ھُرن ٿيون،
    گھڙا کڻيو سي مٿي تي گھيڙن، اچيو اوسارين ڀَلا ڀٽائي.

    ٽُٽو نه طلسم، رُلن پيا راڻا، نوان ته ناٽڪ ڪري پيئي ناتر،
    سوين ته سوڍا ڪُٺا ڪنڌيءَ تي، نه ٿيو ڪو راجپوت اڃان ته رھبر،
    ڪُوپ ڪُسڻ جو وھي ورھين کان، ويا نه وَريا محل جا ماھر،
    ڪو ماڻي مومل فريب ٽوڙي، ڇڏائي ڇورن ڀَلا ڀٽائي.

    سنڌوءَ ته سانڍيا سدائين سيني، سوين ھزارين ڏياچ، ڏھر،
    دلير دودا، درياءَ خان ۽ ڪنڌار ڪوپا ننگر ۽ ڀُونگر،
    نئون نياپو ديس ۾، کڻي اوھين جي اچو ته ھيڪر،
    ڪڍون ڪُڙم مان ملي ته “منشي” ڌڪاري ڌارين ڀَلا ڀٽائي.




    سڙي سورن ۾ ٿي ساڻي

    سڙي سورن ۾ ٿي ساڻي

    ڌڻين کان ڌار ڌڳ ڌڳندي، رُني رَتُ رات ٿي راڻي،
    سدا ساري سنگھارن کي، سڙي سُورن ۾ ٿي ساڻي.

    مَٽي مِٽَ ويا منڌ جا، مُدت کان مامرن ماري،
    ڳلن تان ڳوڙھا ڳاڙھا، ڳاڙيندي ڳڻتين ڳاري،
    کائڻ کارا بنا کاھڙ، پريءَ ڇڏيو پيئڻ پاڻي.

    جا ھر موسم اندر مھڪي، سا اڄ ٽانڊن پيئي ٽھڪي،
    سڄو ڏينھن ساھَ ۾ سونڪو، سڙيو سُورن اندر سھڪي،
    ڪسر ڪُل کان ڪُماري، ڪڙھي ڏس ڪيئن نه ڪو ماڻي!

    ڏيو وَر سا وجھي واھون، جنھن جا پنھنجا رھيا پاھون،
    برھ ٻاريون اچي باھونءَ، کڻيو ٻانھون ڪري دانھون،
    جگر جيرا جليا جنھن جا، آھي کوريءَ مِثل کاڻي.

    جي “منشي” مئي جا مَٽ موٽن، رھي سا ڪيئن منجھه ڪوٽن،
    گھڻا ڀيرا اڳي آجي، ڪٿي گھيرن منجھان گھوٽن،
    اڃان پُڻ آسرو آھي، سگھا سانگي ٿيندا ساڻي.


    گونگي ٻوڙي

    گونگي ٻوڙي

    گدلي گدلي گونگي ٻوڙي، ڪنھن جي آھي نينگري،
    ڪنھن جي آھي نينگري،

    مُنھن مُرجھايل گھايل گھايل، نار ننڌڻڪي پيٽ بُکايل،
    ٿڪجي پيئي آ ڊوڙي ڊوڙي، ڪنھن جي آھي نينگري.

    ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ڪٽي ٿي، پنھنجو چڪن سان ماس پَٽي ٿي،
    ٻالاپڻ ۾ پسجي پوڙھي، ڪنھن جي آھي نينگري.

    ڇُڙيل ڇَتڙا، ھنجون ھاري،ڳاڙھا ڳاڙھا ڳوڙھا ڳاڙھي،
    ڀرجھل ناھي پيڇي ڌوڙي، ڪنھن جي آھي نينگري،

    مائٽ مُنڌ منھن مَٽي ويا، ويچاريءَ لئه وِرھ وٽي ويا،
    سُورن “منشي” ڪئي آ سوڙي، ڪنھن جي آھي نينگري.




    توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان

    توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان

    توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان، توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان،
    پنھنجا ٺاھيان، پنھنجا ڳايان، پنھنجو من پِرڀايان.

    سُورن ساريل سانگيئڙن جي، منھنجي گيتن ۾ گُونجار،
    مرضن ماريل ماروئڙن، تن ھارين نارين جي ھُونگار،
    تن سورن جون سنگھرون ٺاھي، پاڻ ڳچيءَ ۾ پايان
    توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان.

    لوڏ ٻٻر ۾ ٻڌي ٻانھياري، لاڏ منجھان ڏئي لوڏا،
    بُک ۾ ڌاوڪ ڌيءَ رڙي ٿي، ڇاتيون مادر ڇوڏا،
    مون کي روئي جنن روئاريو، تن جون ڳاھون ڳايان
    توکي ڪھڙا گيت ٻڌايان.

    ڪالھونڪر ڏس ڪورن آنڊن، ھاري ھو ھارياڻيءَ،
    پيٽ پُٺن لڳ پاھُ بُکن ۾، ڌرتيءَ جي ڌڃياڻي،
    پنھنجي وطن ۾ ويڳاڻا جي، تن سان ورھ ورھايان
    توکي ڪھڙا گيت ٻڌايان.

    “منشي” مور نه ٻئي ڪنھن ماريو، ماريو ماروئڙن جي ماٺ،
    ڏيھَه سڄي ۾ ڏوٿين کي ڏس، ڪيئن نه ڏاري ڏاڍ جي ڏاٺ،
    تن جي ڪارڻ جوڳي بنجي، ڳايان جڳ جڳايان
    توکي ڪھڙا گيت ٻڌايان.


    ڪاراين ۾ ڪَڙيون جڙيون

    ڪاراين ۾ ڪَڙيون جڙيون

    ٻنھي ٽنگن ٻيڙيون جڪڙيل، ڪاراين ۾ ڪڙيون جڙيون
    ڏوھي باغي ڪافر سڏجان، دانھون ڪُوڪون واڪا رڙيون.

    ٿرٿل ٿرٿل ڪورٽ ٿاڻان، پاڻ کي ڏوھي پاڻ ٿو ڄاڻان،
    شعر لکي مون انڌا ڪاڻا، ڪنھن جي ننڊ ڦِٽائي پاڻا،
    ڏات به منھنجي انڌي ڪاڻي ڪِريل ڪنھن اَگھه ڪِين وڪاڻي،
    ڪالھه وڪي نه ڪا اڄ سڀاڻي، ڄاڻي واڻي تند مون تاڻي،
    اھڙيون گُھڻيون گھٽجي وييون، خوني ھٿ جي نھن سان نِڙيون.

    ھر ھڪ دل ۾ دردن ديرو، ماروئڙن من مور نه ميرو،
    گھر گھر تي اڄ پھرو گھيرو، چپ چُرڻ سان ڄر ۽ ڄيرو،
    گولي، سوري، ڦاھي ڦيرو، وقت ڪري پيو نينھن نبيرو،
    سُورھ ڀائين سوڀ سويرو، مُور نه ڀانءِ مٿو مٿيرو،
    آزادي لئه اچ اڏيءَ تي، گھارڻ ڪارڻ ڪڙيون گھڙيون.

    ھر ھڪ ساسي ويٺو سھڪي، ڪينجھر جو پيو پاڻي ٽھڪي،
    ڌرتي ساري ڌڳ ڌڳي پيئي، ڪيڏي ڪوسي لُوھ لڳي پيئي،
    مارو تاءَ کان ويٺا تڙپن، ڀونءَ سڄي تي ڀنڀٽ ڀڙڪن،
    ڇڏ کڻي تون موھ مڏيءَ جو، اچ وڌائي مان اڏيءَ جو،
    “منشي” ڪيڏيون محبت ڀَريون، دردن ۾ ڏس دليون سڙيون.


    سورھن ايڪڙ چنڊ تي

    سورھن ايڪڙ چنڊ تي

    سنڌ وارن لئه ڪيو سرڪار ٽيڪڙ چنڊ تي،
    ھر ڪنھن ھاري لئه زمين آ، سورھن ايڪڙ چنڊ تي.

    پنھنجي کائي پنھنجي کيڙي، پنھنجي پوکي پنھنجي ميڙي،
    ناھي ڪو ناڪاستو يا باب سيڪڙ چنڊ تي.

    ڍؤ اٿيئي ڍل معاف ۽ ٻي ڪانه ڪا ڍورن تي ڍڪ،
    ناھي صوبيدارن جي سونٽن جي سڙ سڙ چنڊ تي.

    اُتِ نه ڪو انجنيئر ايسي ۽ نه پاڻي تي وزير،
    ناھي ٻي ميرن جي يا پيرن جي ڪا گڙ ٻڙ چنڊ تي.

    اُت نه ڪو اسلام خطري ۾، نه ڪو مرڪز جو موت،
    عام ھلندي اُتِ فقط سنڌيءَ ۾ لکپڙھ چنڊ تي.

    ڊوميسائيل اُتِ نه ڪوڙو ۽ نه ڪو ڪوڙو ڪليم،
    ڪو نواب اُت ناھي يا ٻيو ڪو به ڪاڪڙ چند تي.

    ھر مزو ”منشي“ اُتي آباديون آزاريون،
    ناھي رشوت ۾ ڪو ڏيئڻو پئسو ڏوڪڙ چنڊ تي.


    ڪڻڇي ڪُوڪارون

    ڪڻڇي ڪُوڪارون

    ٻُڌي ھنج ھليا ويا، ڪانگن جا ڪانگيرا،
    ڳِجھن کي ڏسي ويا، ڇڏي ڳوٺ ڳيرا.

    نه ڪوئل ڪيسو ڦُل جي ٽاريءَ تي ٽپڪي،
    نه انڊلٺ رنگن ساڻ جھرڪي ڪا جھپڪي،
    نه ڪونجن جا ڪيٽن تي وسندڙ واھيرا.

    آئي مُند موٽي نه تاڙي تنوارون،
    نه ٻولي ٻاٻيھي، نه ڪڻڇيءَ ڪُوڪارون،
    نه اڄ نيرڳين جا پَسان پاڻيءَ پيرا.

    نه ڄارين نمن ۾، چتونئڙن جي چُون چُون،
    نه قُمري ڪبوتر جي، ڪن تي پيئي ڪُون ڪُون،
    پَسِي پھه پارھيڙين اُکوڙيئون آکيرا.

    ولر مان ونجھين ڪيئن وڇوڙيا وڪوڙي،
    باقي ڏيھَه ڏوراھين ويٺا جاءِ جوڙي،
    ڏسي ماڳ “منشي” جلن جانِ جيرا.


    جانب سندي جُدائي

    جانب سندي جُدائي

    اڄ چؤطرف چمن ۾، آھي بھار آئي،
    جيءَ جيل ۾ جلائي، جانب سندي جُدائي.

    ٻيريون ۽ انب ٻُوڪيا، جھليون نمن نِموريون،
    ڏيئي ھير اڄ ھلورا، ھلچل ھيئين مچائي.

    چيٽن ۾ چُون چُون چُؤڏس، لس لوڪ ۾ لابارا،
    ڪنھن دل ھوندي يقينن، منھنجي وات به وائي.

    پنھنجي ئي باغ ۾ اڄ، باغي پيو سڏجان مان،
    تنھنجي عجب خدايا، واھ خوب ھي خدائي.

    “منشي” مُڪو نه مون ڏي، سڄڻن ڪوئي سنھيو،
    شايد آھي مون کان، ڪا قرب ۾ ڪچائي.




    وڏيرن جو وريو وارو

    وڏيرن جو وريو وارو

    وڏيرن جو وريو وارو ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو،
    وري مارُن مٿي مارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

    جمھوريت راڄ ٿيو جاري، چڱا چالان چوڌاري،
    ھزارين جيل ۾ ھاري، ظلم ساڳئي ۾ نر ناري،
    وري سُورن ۾ سنڌ ساري، نئين سر قيام ٿي ڪاري،
    وري مظلوم ويچارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

    وري رھبر بڻيا باطل، اھي ئي قوم جا قاتل،
    سدا غم ڪُڙم کان غافل، پوڄاري پيٽ جا پاليل،
    نئين نعري ۾ ٿي شامل، نئين ليبل اُھا بوتل،
    اُھا بُگري اُھو ڍارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

    وري گُنگا صنم ساڳيا، وٺي آيا جنم ساڳيا،
    اسم ساڳيا جسم ساڳيا، وري سنگين ستم ساڳيا،
    وري ڀاڳين ڀرم ساڳيا، وري ڪُوڙا قسم ساڳيا،
    وري قانون اھو ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

    وٺي وئي مارشل موڪل، ھنگامي آئي ھٿ ٺوڪيل،
    سنڌي ۽ سنڌ ٿاڻي ۾، ھميشه جيئن رھيا روڪيل،
    اھي ئي چور ٿيا اڄ چور دروازي ڪنان داخل،
    نه آھي ڪو چوڻ چارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

    ھتي جھڙي ٻڙڪ سچ ٻولي، لڳي ٿي ترت تنھن گولي،
    ٺڳن جي ٺاھي نئين ٽولي، خدا جي خلق تن رولي،
    ھلي ھر ھنڌ پيئي ھولي، لڳي گولي سندي لولي،
    کائي ميمبر پيو کڳمارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

    ويون انصاف جون واھون، پيا مسڪين ڪن دانھون،
    ڪيا جن قول ٿي ڪيڏا، ٻئي ھر ھر کڻي ٻانھون،
    وزارت جون وٺي ڪُرسيون، ڪري ويا پير سڀ پاھون،
    ٿيو پڌرو اڇو ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

    اُھي ڦُريون اُھي ڌاڙا، پوليس ڪئين پَٽيا پاڙا،
    سفارش جا اُھي ساڙا، اھي رشوت سَندا راڙا،
    وزيرن جا ڀري وارا، لُچن لالچ تي ڪيا لاڙا،
    وَھي واھڙ پيو اوڀارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

    لڳي ڪُرسي مِٺي مصري ، ويا سڀ واعدا وسري،
    ٻُڌايون حال چئو ڪنھن کي، سڀ ئي نانگا ٿيا نِسري،
    سڀيئي سلطان ھي ڪسري، سڏائن پاڻ کي پُسري،
    ڪيو تن عيش ڏي آرو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.

    جھنگن جا ساڳيا جھانگي، سڀيئي سُورن اندر سانگي،
    بُکن بيحال ڪيا “منشي” ، نه تن جو ڪو رويو وانگي،
    اڳوڻي کان ظلم آ ڳرو، مَلِي سون مُنھن تي دانگي،
    ڪيوسون پنھنجو مُنھن ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.









    مون پڪ سُڃاتا

    مون پڪ سُڃاتا



    مون پڪ سڃُاتا پنھنجا ھئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي، ويھي وانگيئڙن جي واڙي ۾.

    تن ڳاھي ڳاھي ڳاھُ ڪيا، ڪيئن ڳڀرو ڳاڙھا ڳوٺاڻا،
    تن گونج مچائي گولين جي، ٿيا وانگي وطن ۾ ويڳاڻا،
    تن ڀاڳ ڀليرن ڀاڳين جا، سڀ ڀينگ ڪيا آھن ڀون ڀاڻا،
    تن ساھُ سڪايو سانگين جو، ھر سانگي سِينو ساڙي ۾.

    جِت چالون چِنيون چاھَ منجھان ۽ چؤڏس ھئي چُونگار چڙن،
    جت ڇورن ڇيلا ڇاڇر ۾، ٿي ڇوڙي ڇڏيا ڇيڪ ڇنن،
    اڃ ماڳ پَسيو سي مارُن جا، ٿا من ۾ منھنجي مچ مچن،
    اڃ ڀوتن جا اُت ڀنڀٽ ڀائو، ناھي پنوھر ڪو پاڙي ۾.

    جِت چرچا چارئي پھر چمن ۾، چوڙيلين جا چاڳ ھئا،
    ۽ مال وندن مھياڳ متارا، ماروئڙن جا ماڳ ھئا،
    جت لاکين لوئين وارين لائق، لوئيارين جا لاڳ ھئا،
    اُت چٻرن جا چيخار ته چوڏس ھيبتناڪي ھاڙي ۾.

    سي ماروئڙن کي ماري ماري، مال مَڏيون سڀ ميڙي ويا،
    ۽ کيٽ کڙا سڀ کاھڙ جا، ھو کوٽا کوٽي کيڙي ويا،
    سي وقت کان اڳ ۾ وانگيئڙن کي، واچوڙي جيئن ويڙھي ويا،
    سي رھزن راتو رات اچي، ڪيئن راڄ وجھي ويا راڙي ۾.

    اڄ ڌارين کي ڏس ڌار ڪرڻ لئه، ڌرتي ڌوڻي ڌڱ اُٿيا،
    اڄ لال لکين لڄ پال کڻي، ڪي لوھن جھڙا لڱ اُٿيا،
    اڄ سورھيه ساري سنڌ منجھان، کڻي سانن جھڙا سڱ اُٿيا،
    سي مُرڪي مرندا ماريندا، ايندو مھندان جو به مُھاڙي ۾.

    اڄ غدارن کي غرق ڪبو، ۽ ڪريون ڇو غلامي غيرن جي،
    پر پھرين پٽڻي پاڙ اٿئون، ھن گھر جي چور وڏيرن جي،
    جن ڪُڙم سڄي سان ڪيس ڪري، آھي خاڪ بنائيو پيرن جي،
    اڄ پسجي “منشي” پُھچ پيئي، ھر پنھور پير اُگھاڙي ۾.





    بلوچن جون باھيون

    بلوچن جون باھيون


    بيٺا جنگ جوٽي، جبل جن جون جايون،
    ڀنڀٽ ڪن ٿيون ڀڙڪا، بلوچن جون باھيون.

    ٻڌي بيٺ بيٺا نه ڪن ننڊ نانگا،
    لڙن سي لَڪن ۾ ڇڏي ساھَ سانگا،
    اصل کان اھي مڙس ارڏا اڙانگا،
    سٿا تن سلامن ڪھي چئج ڪانگا،
    وطن لئه وڙھڻ جون جنين وات وايون،
    ڀنڀٽ ڪن ٿيون ڀڙڪا . . .

    بمن سان بلورن جيئن کيڏن کيڏاري،
    بندوقن ۽ توپن سان تن نِت تياري،
    وطن جي حقن لئه سندن جنگ جاري،
    بياھت (1) بياھت ٻولي ڪن ٻاجھاري،
    سڏي ساٿ سورھيه سوڀون ڪن سوايون،
    ڀنڀٽ ڪن ٿيون ڀڙڪا . . .


    ڏيئي ريت کي ريج رت جا ريڳاڙا،
    ٽڪر منجھه ٽاڙيا ٿا مارين مُھاڙا،
    مرين مارين(2)، پر نه ڏين پنھنجا پاڙا،
    جنين(3) مان جنين، ڪن ڳالھيون وات ڳاڙھا،
    بلوچن بُٺين سان سچا سڱ سگايون،
    ڀنڀٽ ڪن ٿيون ڀڙڪا . . .

    روان(4) مان روان، بس ٻڌن ٻي نه ٻولي،
    ھو پادا(5) ۽ خلبو(6) ڪڍن لب مان لولي،
    وٺن حق ھمت سان، جھلين ڪِين جھولي،
    ڌڻي پنھنجي ڌرتيءَ سندا ڌڻ ڌڻولي،
    دليون ظالمن جون، تن ڏونگر ۾ ڏڪايون،
    ڀنڀٽ ڪن ٿيون ڀڙڪا . . .

    گذارين، گدانن(7) ۾ ٿڌيون ۽ تَتيون،
    سواسون (8) پيرن ۾، ۽ چوغن ۾ چَتيون،
    وطن لئه وڙھڻ ۽ مرڻ لاءِ مَتيون،
    پُٽن کي پينگھن ۾، سُتيون ڏين سَتيون،
    گھوريان تن گھِگھيرين مٿان لک ٻايون،
    ڀنڀٽ ڪن ٿيون ڀڙڪا . . .

    ھي بي دير(9) اِرغ(10) ۽ پُڇن ڪونه پاڻي،
    گُذر ڪن ڏوري ڏٿ ڏونگر ۾ ڏھاڻي،
    ھي چلتن جا چِيتا، چَريا چاڪراڻي،
    محافظ وطن جا مَزن(11) دل ڪوھاڻي،
    ٻرن ديم(12) خيس(13) سخن ۾ سچايون،
    ڀنڀٽ ڪن ٿيون ڀڙڪا . . .

    چون بشبو بشبو(14) نه جھلجن ڪنھن جھل،
    ڏسي جنگ جزن(15) سي ڇڏي آرا انگل،
    گروڪ(16) ۽ گرند جيئن پُچن پِڙ تنھن پل،
    ھو نئلين(17) ۽ نئلين، ھاڪارين ھل ھل،
    ڇڏي “منشي” خاچگ(18) ھو ڪن سر صفايون،
    ڀنڀٽ ڪن ٿيون ڀڙڪا، بلوچن جون باھيون.

    1.اچو اچو
    2.مرندا
    3.نه ڏينداسين
    4.وڃان مان وڃان
    5. اُٿو
    6. ھڻو بروھي ٻولي
    7. ڏاس جون جُھڳيون
    8. ڦڙھن جون چمپلون
    9. ٻوڙ
    10. ماني
    11. وڏي دل وارا
    12. مُنھن
    13. ڳاڙھا
    14. اُٿو، بروھي
    15. ھان، بلوچي
    16. وڄ ۽ گوڙ وانگر
    17. نه ڇڏينداسون
    18. سُمھڻ



    مان غدار آھيان

    مان غدار آھيان


    مان غدار آھيان ، مان غدار آھيان
    چيم سچ، سوريءَ سزاوار آھيان

    مان پورھيت پنوھارن کي پچندي پسان ٿو،
    مان مارُن مٿي مچ مچندي ڏسان ٿو،
    بگھاڙن کان تن کي نه بچندي ڏسان ٿو،
    نشي ۾ نگھبان نچندي ڏسان ٿو،
    جلان ٿو پچان ٿو، تڏھن ڪجھه لکان ٿو،
    ڪري مان چڪو پاڻ اقرار آھيان،
    مان غدار آھيان، مان غدار آھيان.

    جڏھن انگ اُگھاڙا اباڻا ڏسان ٿو،
    وطن منجھه وانگي ويڳاڻا ڏسان ٿو،
    ڏُکن ۾ ڏريل ڏاڏاڻا ڏسان ٿو،
    سڄي سنڌ جا سَنڌ ساڻا ڏسان ٿو،
    مان لئون لئون لُڇان ٿو، تڏھن ڪجھه لکان ٿو،
    حقيقت ۾ ڦاسيءَ جو حقدار آھيان،
    مان غدار آھيان، مان غدار آھيان.

    مان مورن ۽ ملوڪن کي مرندي ڏسان ٿو،
    مان ڪنگن ۽ ڪانگن کي ڪُڏندي ڏسان ٿو،
    مان ڌارين کان ڌرتي کي ڌُڏندي ڏسان ٿو،
    مان ٻيڙي ڪا منجھه ٻارِ ٻُڏندي ڏسان ٿو،
    سڙان ٿو ڪڙھان ٿو، تڏھن ڪجھه لکان ٿو،
    مان پنھنجي ئي ڄڻ ڄاڻ جو ڄار آھيان،
    مان غدار آھيان، مان غدار آھيان.

    مان جيئري جوانيون، ڪئين جلندي ڏسان ٿو،
    مان رزاق جو روح رڙندي ڏسان ٿو،
    مان ڪُونڌر ڪلھا ڪنھن جا ڪڙھندي ڏسان ٿو،
    سڄي سنڌ سُورن ۾ سڙندي ڏسان ٿو،
    ٻران ٿو مران ٿو ، تڏھن ته ڪجھه لکان ٿو،
    گنگھار آھيان، گرفتار آھيان،
    مان غدار آھيان، مان غدار آھيان.

    ڪٽي ڪو شرابن شبابن ۾ راتيون،
    سڄي رات بک ۾، ڪنھن جھاتيون ٿي پاتيون،
    ڏسي ڪنھن امڙ جون سُڪل ٺوٺ ڇاتيون،
    ٻَران ٻارڙن جون ٻُڌي ٻوليون ٻاتيون،
    جھُران ٿو جھڄان ٿو، تڏھن ڪجھه لکان ٿو،
    مان پنھنجن پنوھارن جو پرچار آھيان،
    مان غدار آھيان، مان غدار آھيان.

    مان حاڪم جي ھت ھيري ڦيري ڏسان ٿو،
    وطن منجھه وانگين جا ويري ڏسان ٿو،
    مان اک سامراجين جي ميري ڏسان ٿو،
    مان بازن جي گھيري ۾ ڳيري ڏسان ٿو،
    مچن ۾ مچان ٿو، تڏھن ڪجھه لکان ٿو،
    مان “منشي” مرڻ لاءِ تيار آھيان،
    مان غدار آھيان، مان غدار آھيان.






    اي سنڌ امان، اي سنڌ امان

    اي سنڌ امان، اي سنڌ امان

    تو قدمن تان قربان وڃان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!
    تو پير پڻي تان گھور وڃان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

    تو ٻُڌ ڌرم جا ٻار ڏٺا، تو ڏاھر جا ڏھڪار ڏٺا،
    تو پنھنجن جا ھت پار ڏٺا، تو ڌارين جا ڌڌڪار ڏٺا،
    تو ڪوپا ڪلنگيدار ڏٺا، تو سورھيه ڪئين سالار ڏٺا،
    مان پيار مان تنھنجا پيار چُمان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

    تو عرب ڏٺا، ارغون ڏٺا، تو پنھنجا ٿيندي خون ڏٺا،
    تو وحشي مدد معلون ڏٺا، تو مانجھي ڪئين مدفون ڏٺا،
    تو غازي گوناگون ڏٺا، تو محبت جا مجنون ڏٺا،
    مان صدقي تنھنجي جيئڻ مٿان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

    تو بيگ ڏٺا ترخان ڏٺا، تو خون پياسا خان ڏٺا،
    تو گھوڙن جا گھمسان ڏٺا، تو ميري من مھمان ڏٺا،
    تو جوانن جا جولان ڏٺا، تو شھزادا ذيشان ڏٺا،
    تو سانڍيا سيني سُور نھان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

    تو دودا دنگ دلير ڏٺا، تو ننگر پارا شير ڏٺا،
    تو خلجي ٿيندي ڍير ڏٺا، تو پُوچا چنيسر پير ڏٺا،
    تو طلوع، تو انڌير ڏٺا، تو ظالم ٿيندي زير ڏٺا،
    تو روپ ڏٺا ڪيئن روان دوان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

    تو سمان ڪيئن سلطان ڏٺا، تو دولھهَ درياھ خان ڏٺا،
    تو حاڪم ڪئين حيران ڏٺا، تو وسندڙ ڪئين ويران ڏٺا،
    تو ارڏا ڪئين افغان ڏٺا، تو قدرت جا ڪئين شان ڏٺا،
    تو ڏٺا تماچي، سپڙ سمان، اي سنڌ امان ، اي سنڌ امان!

    تو مغلن جا معياد ڏٺا، تو بابر ڪئين برباد ڏٺا،
    تو اڪبر دين ايجاد ڏٺا، تو اورنگزيب آزاد ڏٺا،
    تو شاھجان ڪي شاد ڏٺا، تو ڪُسندي ظفر اولاد ڏٺا،
    تو سرمد سوريءَ ڏٺو عيان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

    تو ڪلھوڙا ۽ مير ڏٺا، تو مدد جھڙا نخچير ڏٺا،
    تو پنھنجا پرايا پير ڏٺا، تو فتح جھڙا فقير ڏٺا،
    تو وڏا وڏا ڪئين وير ڏٺا، تو دانا ڪئين دلگير ڏٺا،
    تو سُورن شاھد زمين زمان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

    تو فن فرعوني فرنگ ڏٺا، تو دل پليت سي دنگ ڏٺا،
    تو آڙيڪاپ اڙٻنگ ڏٺا، تو وانگين پوندي ونگ ڏٺا،
    تو ھنج ڏٺا، تو ڪنگ ڏٺا، تو دنيا جا ڪئين رنگ ڏٺا،
    ڇا تنھنجو زبان ھي ڪري بيان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

    تو پنھنجن کي مجبور ڪري، ۽ ڌارين ڌاريو نُور ڪري،
    تن وانگين سان وھلور ڪري ڇڏيو آھي جيئڻ ھِتِ سُور ڪري،
    تن گھاءَ ڏنا ڪئين گھُورَ ڪري، سڀ احسان ويا اک پُور ڪري،
    کڻيو ڪات ڪھاڙا وڍين زبان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

    ھي “منشي” آخر مرڻو آ، ۽ ويس مٽائي ورڻو آ،
    ھڪ پير نه پُٺتي ڀرڻو آ، سو چئبو جيڪي چوڻو آ،
    ھو سُور نه ھاڻي سَھڻو آ، جو بيٺو آ سو ڊَھڻو آ،
    تو مٽيءَ کي من مانُ ڏيان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!




    تون ۽ آئون

    تون ۽ آئون

    تون ڪالھه به ھئين ارغونن سان، ترخانن سان غدارن سان،
    مون ڪالھه به سوريءَ سينگاري ھئي ھوشوءَ ھيمونءَ پارن سان.

    تو حاصل ھئا القاب ڪيا، ڪيئن ڪالھه به ڀاڙيا ڀاڙي تي،
    تون ڪالھه به تن سان ڪَٺي ھُئين، جي ڌاريان آيا ڌاڙي تي،
    مون ڪالھه به ساٿ ڏنو ھو سوچي، سنڌوءَ جي ته سچارن سان.

    تون ڪالھه به ڳاڙھا لال اسان جا، ڪونڌر ڪيئي ڪُھايا ھا،
    تون ڪالھه به جيجل جا ته جگر، ڪئين ٽانڊن تي ٽَھڪايا ھا،
    مون ڪالھه به توسان جھيڙو جھيڙيو، نيزن سان تلوارن سان.

    تون روڳي روپ وٺي ھِت آئين، ڪالھه به قاضي قاضن جو،
    ۽ بابو نائون مل، چنيسر، ڄام فيروزته پارن جو،
    مون ڪالھه به روپا، دٻي، مياڻي، جھيڙيو گڏ جھوُنجھارن سان.

    ٿو اڄ به توکي چورن سان گڏ، چوڪيءَ تي چوبند ڏسان،
    ۽ جيجل جي جلادن سان ٿو، حاضر تو ھر ھنڌ ڏسان،
    ۽ اڄ به منھنجي جنگ آ جاري، غدارن تو پارن سان.

    تون اڄ به قومي غيرت کي، پيو عام ھتي نيلام ڪرين،
    ۽ جيجل جي جھوليءَ ۾ ٽانڊا، اڄ به پيو تون جام ڀرين،
    مون ڪالھه وڙھيو ھو گورن سان، ۽ اڄ وڙھان پيو ڪارن سان.

    اڄ به ڏوٿين ڏنڀ ڏيڻ ۾، تنھنجو رھزن ساڳيو رنگ،
    “منشي” وقت وصولي وٺندو، پوندا ويرين واجھن ونگ،
    مان اڄ به آزاديءَ لئه ٻيڙيون، پائي بيٺس يارن سان.


    ڦٽن تي ھڻ ڦري ڦٽڪا

    ڦٽن تي ھڻ ڦري ڦٽڪا

    ڪبار ڪارا نه ڪوٽن ۾، پنوھارن جا اڇا پٽڪا،
    ڦوھارا ڏي يا ڏي ڦاسي، ڦَٽن تي ھَڻ ڦِري ڦٽڪا.

    سندم ساڻيھه سندا سانگي، سھن جي سُور سوريءَ جا،
    مون ڳايا گيت تن ھارين، مزدورن جي مزوريءَ جا،
    ڪيا پڌرا وکا آھن، مون جابر تو جمھوريءَ جا،
    سزا سچ جي صبح سانجھي، پيو سھندس سر مٿي سَٽڪا.

    ٻه تي ڏينھڙا ڦٻي تو ڦُرِ، ڀلي ڌرتيءَ تي ھڻ ڌاڙا،
    ڀلي ڀيلاءِ ڀاڳين ۽ تون وانگيئڙن سَندا واڙا،
    مون سانگين کي سلايا سنڌ جا سڀ سُور ۽ ساڙا،
    اصل ۾ ان ڪري آئون، آھيان تنھنجي اڳيان اٽڪا.

    ڀلي ڪر قيد ۾ تون قيد، ڪوڙا ھڻ ڪشي ڪيڏا،
    نه جُھڪندا سي اڳيان جابر، جگر جن جا جبل جيڏا،
    نه سَھندا ھاڻ سانگيئڙا ڪنھن رھزن جون رڏيون ريڏا،
    ڪري ڀل جُھور جھوري وجھه ڏيئي جھٽڪن مٿي جھٽڪا.

    مُندون مينھن سَنديون “منشي” آيون مارُن مٿان موٽي،
    ابر ۾ وچ اُتر کان اڄ، کنوڻ کُڻ جي نه ٿئي کوٽي،
    سي ظالم ٿي زبون ويندا، اسان سان جنگ جن جوٽي،
    ڪٽي ڏينھن قيد جي پيئندس وڃي مارُن سان مَئي مٽڪا.


    دوکي جي ڌپ

    دوکي جي ڌپ

    نيئر ٽوڙي نڪري ويندي، ٿاريلي تو ٿاڻي مان،
    دوکي جي اڃ ڏپ اچي ٿي، تنھنجي داڻي داڻي مان.

    تون رھزن ڪيڏا رنگ ڪرين ۽ ڍارن، فالن ڍنگ ڪرين،
    تو تاتاري ٿي تنگ ڀرين، يا جابر بنجي جنگ ڪرين،
    پر وانگياڻيءَ کي نيٺ ته ويندا، گھوٽ ڪڍي تو گھاڻي مان.

    ڀاڳيا جاڳيا، ڀونءَ ڀلاريءَ جا اڄ ڀائو ڀاڳ وندا،
    تنھنجي قھري ڪوٽ ڪيرائڻ ڪارڻ گڏجي ڪاھ ڪندا،
    آس نه لاٿي آھي اڃان مون، سنڌ جي سوڍي راڻي مان.

    حق وٺنداسون ھاڪاري، مون ھارين کان ھُونگار ٻُڌي،
    جھيڙو جھيڙو جھانگين کان مون، جھر جھنگ ۾ جھوُنگار ٻُڌي،
    مون کي پاتا ڏينھن گھڻا تو نيئر منھنجي ناڻي مان.

    مون کي ماڙين مور نه ماريو، ماريو ماروئڙن جي مام،
    درد دُکن ٿا دل تي دائم، ديس وندن تي ڏسندي دام،
    لک لڏايا لوڙائن ڏس، ڀاڳيا پنھنجي ڀاڻي مان.

    وير وٺڻ جون وايون ٻُڌيون، وانگين جي وات منجھان،
    ڪُونڌر ڳولي ڳولي ڪڍندا، ڪُڙم جا قاتل ڪات منجھان،
    “منشي” ڄاڻ ته نڪتو نڪتو، کاھڙو سارو کاڻي مان.


    سھي سٽ ڪر سانگين جي

    سھي سٽ ڪر سانگين جي


    جي جاڳن ھي جيئڻ ڪارڻ، سھي سٽ ڪر سانگين جي،
    اُٿي جيڪر ٻڌن آرڻ، سھي سٽ ڪر سانگين جي.

    ھي پورھيت پاڻ خود پارس، اُٿن جيڪر ڇڏي آرس،
    وطن پنھنجي سندا وارث، ٻارين ٻلواڻ ٿي ٻارڻ،
    سھي سٽ ڪر سانگين جي
    نه ڪنھن جي سي جھلڻ جھلجھن، نه ڪنھن جي سي پلڻ پلجڻ،
    دليون دشمن سَنديون ڌڙڪن، زھر ٿي پئي گھڙي گھارڻ،
    سھي سٽ ڪر سانگين جي
    ھڻي ھوڪا اُٿڻ جي ھڙ، ٽماڙن ۾ ٿئي ٽڙ ٽڙ،
    پٽي پاڙئون جبر جي جڙ، سِکن واڳون وطن وارڻ،
    سھي سٽ ڪر سانگين جي
    پنڻ واري ڇڏي ھي پَرِ، ڇنڻ حق جي سِکن ھيڪر،
    ڏِسن ڏکيو نه ڏينھن جيڪر، اچي جي پنڌ تن پارڻ،
    سھي سٽ ڪر سانگين جي
    مِڙي مارُو جي ڪن ميلا، وھي دشمن جو رت ريلا،
    ٻرن ٻرڙاٽ سان ٻيلا، سِکن “منشي” مرڻ مارڻ،
    سھي سٽ ڪر سانگين جي


    ڪڙيءَ ۾ زندگي ڪڙھندي

    ڪڙيءَ ۾ زندگي ڪڙھندي

    ڪڙيءَ ۾ زندگي ڪڙھندي، ڪڻم ڏاڍي ڪڙي گذري،
    ٽنگيل ڀالن ۾ ڀانيم سان، گھڙي جيڪا گھڙي گُذري.

    چِٽي چِچري جيئن چاڪُن سان چُھرو چم چوپائي،
    حياتي تيئن سڄي سُورن جي ساڙي ۾ سڙي گذري.

    پُکي پيئي جا پينگھي کان، سُتي سُرن سا سِر پنھنجي،
    اڙي آھي اڃا تائين، جا گذري سا اڙي گذري.

    اِجھا ايندي ھوءَ آزادي، منھنجي خوابن ھي شھزادي،
    عمر جنھن ڪاڻ لوڙھيندي، مون لوھن سان لڙي گذري.

    سوين سانگين جي سيني ۾، مون سان گڏ گوندرن گاڏا،
    متان ڀانئين “منشي” جي، حياتي ايئن ڇَڙي گُذري.




    سج اچي ويو نيزي پاند

    سج اچي ويو نيزي پاند

    ور ڙي سوڍا مومل ڪانڌ، سج اچي ويو نيزي پاند

    نٽھڻ اُس ۾ جو به اُڏاڻو، تنھن جو سَنڌ سَنڌ ساڻُو ساڻُو،
    ڦَٿڪي ڦَٿڪي ڦاھي ڦاٿو، پر ڪٽائي پڃري ناتو،
    جيئن ڪارڻ ويٺو جوڙي، پڃري اڳيان پر پکيئڙي،
    اندر ساڳي آنڌ ۽ مانڌ، سج اچي ويو نيزي پاند.

    پيرن ڇلڙا، ڇلڙون ڏورون، ھينئڙي ھُرکُر اُڏرڻ ھورون،
    ويٺا وڻ وڻ واس وساري، ڦٽڪڻ تان ٿو مارِي ماري،
    ڪيئن گُذارين جيئرا جيئڙا، موت قبولين ڇو نه پکيئڙا،
    ڪانگ ۽ ڪوئل ڪھڙي راند، سج اچي ويو نيزي پاند.

    “منشي” ماري مرڻو آھي، واءُ سڻائو ورڻو آھي،
    پاپن جا سڀ پڃرا ٽُٽندا، مور، ڪبوتر، تتر ڇُٽندا،
    وڻ وڻ ھوندو ويس نرالو، ڪنھن جي ھٿ ۾ تير نه ڀالو،
    ھوندي ھر ڪنھن ھنڌ ھيڪاند، سج اچي ويو نيزي پاند.


    پورب وارا

    پورب وارا

    پاڻ پچائي پوُرب وارا، پت ته پنھنجي پاري ويا،
    ٻاڙي ٻاڙي مشعل مشعل، ٻارڻ ڏيئي ٻاري ويا.

    پَٽ ھڻي سي پَٽ مٿي ۽ آزادي جي سين سکيا،
    جڳ ۾ جيئندا جُڳ جُڳ جوڳي، جَڳ جي جوت جياري ويا.

    مُشڪ کٿوري ساڻ وري ڏئي واس وطن کي واسيو تن،
    ھر ھڪ انسان لاءِ ھزارين ھيرا موتي ھاري ويا.

    ھُو مانجھي ھا، ۽ وانجھي ھئا، سانجھي کان اڳ سِير مٿان،
    تيز تکي طوفان منجھان سي، تارُو ٻيڙيون تاري ويا.

    عزت وارو موت قبولي، ذلت جا زنجير ڀنڃي،
    حُب وٺي سي واءُ سڻائي واڳ وطن جي واري ويا.

    پوين ڪارڻ پاڻ پتوڙي، لال لھوءَ ۾ ليٿڙجي،
    حُب وطن ايمان نشاني، مرندي ويا پر ماري ويا.

    ڪنھن پينوءَ وانگر پَٽ کڻي، ھو در در بَکيا ڪين گھُرن،
    ھو سامي سر جو سانگو لاھي، سموريون رات سنواري ويا.

    اھڙا مانجھي مرڻا ناھن، ويس مٽائي ورڻا آھن،
    سون ڀري ڄڻ سامونڊي ڪي، کيپ کڻي ھن کاري ويا.

    سِسيون ساسي، وڻ ٽِڻ واسي، پُورب پاسي پرين ڪاڻ،
    جلندي پچندي، ٻرندي سڙندي، سھڻا سبق سيکاري ويا.

    آزاديءَ جي آس رکي ھو “منشي” مانجھي مرد مٿير،
    گھاٽي نينھن سان گھوٽ گھڙيون، گھمسان وڏي ۾ گھاري ويا.


    جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو

    جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو

    جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، ھر ڪو پنھنجي اگھه اَگھاڻو،
    جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو، سو ئي ماڻھو موتيءَ داڻو.

    ڪنھن جي ٿي ھِت ذات وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھِتِ ڏات وڪامي،
    ڪنھن جي ٿي ھِتِ مَتِ وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھِتِ رات وڪامي،
    ھيڏي وڪري جو نه وڪاڻو، تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو.

    ڪنھن جو ٿو ھت رَتُ وڪامي، ڪنھن جو ٿو ھِت سَتُ وڪامي،
    ڪنھن جي ٿي ھِتَ وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھَت پَتِ وڪامي،
    ڪيڏا ڪلنگيدار وڪاڻا، ڏسندي ڏسندي ڄاڻو سُڃاڻو.

    ڪنھن جو رنگ ۽ روپ وڪامي، ڪنھن جو ننگ ۽ نام وڪامي،
    ڪنھن جي چوريل چنگ وڪامي، ڪنھن جو تنگ ٿي انگ وڪامي،
    لاش لکين ھت روز وڪامن ، ناھي ڪوئي ٽائم ٽاڻو.

    صبح ۽ سانجھي پيئندي ڪانجھي، “منشي” مور نه وڪيا مانجھي،
    مصريءَ ماکيءَ کان به مٺا مون، اھڙا ڪي انسان ڏٺا مون،
    قول عزم تي قائم رھندي، گھوٽ قبولي ھليا گھاڻو!
    جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو!


    آھي پت پارڻ ڏکي

    آھي پت پارڻ ڏکي

    تو ڪنا جيجل جدا، گھوڙا گھڙي گھارڻ ڏکي،
    واعدا ويٺس ڪري، پر آھي پَتِ پارڻ ڏکي.

    ڦُوڪ سان ڦلھيار، جتُ اکين اُڏاميو ٿو پوي،
    ٻاٻرن جي ٻُرڪ تنھن ٻارڻ ڏيئي ٻارڻ ڏکي.

    وقت کان ويرين جي ور، چڙھي وانگين جي ويءَ،
    وات مان ويرين جي سا اڳ وقت کان وارڻ ڏکي.

    جنگ ھي جاري ئي رھندي، جان جيسين جان ۾،
    ڪنڌ، اڏيءَ ڪاتيءَ ڪنان، مون لئه سسي ٽارڻ ڏکي.

    لھرين لوڙھي ڇڏي، ٻيڙي پُراڻي سِير ۾،
    آھي “منشي” اڄ پري، سا تار مان تارڻ تکي.


    قلم

    قلم

    قلم جيڏا گرم ھئا، ڏِس وري اوڏا نرم ٿي ويا،
    قلم اگھه ۾ اگھامي ويا، قلم تي ڪئين ڪرم ٿي ويا.

    قلم کي قوم کان ڪاٽي، ڪيئون ڪارا پنا ڪيڏا،
    قلم جن قوم سان ڳنڍيا، قلم تن جا الم ٿي ويا.

    جڏھن تاريخ مُنھن کولي، پنھنجي ٻوليءَ ۾ ايئن ٻولي،
    ته ڪھڙا قاضي قاضن، دؤر ھن ۾ بي شرم ٿي ويا.

    قلمڪارن ڪپايا ھَٿَ، ڪي ڪِريا ڪُل قلم ڪُن ۾،
    يا راتو رات ڀاڳين جي، سڄي ڀون تي ڀرم ٿي ويا.

    قلم ڪي قوم جا قاتل ٿي، سينو سنڌ ويا ساڙي،
    قلم “منشي” ڪي سيني سنڌ سڙيل جا ملم ٿي ويا.




    مُنھن موڙي ھليا ويا

    مُنھن موڙي ھليا ويا

    ھليا ويا ڪيئي مُنھن موڙي ھليا ويا،
    سنڌوءَ سان ڏس سنگت ٽوڙي ھليا ويا.

    پنا پينون ڪٻاٽن ۾ ڪڙي ڪئين،
    وٽي لاڄو پڳھه ڇوڙي ھليا ويا.

    ٿي اُٿيا قوم جا قاتل قلم ڪي،
    جيجل جيءَ ۾ خنجر کوڙي ھليا ويا.

    ڪي ويا مڙھ تار مان تارُو ٿي تاري،
    ٻُجھي سمجھي ڪي مڙھ ٻُوڙي ھليا ويا.

    ڪي ڪارڻ قوم قاتل زھر پيئندي،
    ٽُٽل جيجل جگر جوڙي ھليا ويا.

    جنين کي سڪ سسئي واري سي “منشي”
    جبل جھاڳي وندر ووڙي ھليا ويا.


    ڪُونج ورني ڪامڻي

    ڪُونج ورني ڪامڻي

    او ڪامڻي او ڪامڻي! او ڪونج ورني ڪامڻي!
    ڇا کان ٿيئي مُنھن ٽامڻي، او ڪامڻي او ڪامڻي!

    مان گيت تنھنجا ڳائيان، تو روح کي ريجھائيان،
    چئو رَتُ ڏيان چئو ستُ ڏيان، ڪنھن ريت تو آٿت ڏيان،
    چئو ڪنڌ پنھنجو ڪوريان، ۽ گھور توتان گھوريان،
    اي پياري پرت واري، مان تو پيرن جي پڻي
    او ڪامڻي اوڪامڻي!

    تنھنجي نصل جو ھي فصل، آھي اصل موتي امل،
    ڪاريون ڀنيون ڏس ڏاڙھيون، رت ۾ ڪُھاڙيون ڳاڙھيون،
    ويرين سان ڏس وڙھندا اچن، تو راھَ ڏي رِڙھندا اچن،
    تون چور چپ او چاڳلي، ھيڪر خوشي مان کل کڻي
    او ڪامڻي او ڪامڻي!

    تنھنجي حُسن جي ھاڪ تي، آيا ڪَھي ڪئين ڪاڪ تي،
    ڳڀرو ڪئين اوچي ڳاٽ سان، ھر گھاٽ پنھنجي گھاٽ سان،
    راڻن سَندا ڏس روپ اڄ، وھندو ڪُسڻ جو ڪُوپ اڄ،
    سو ڪيئن بچائي بت وڃي، جنھن تو ڏٺِي اک جي اَڻي
    او ڪامڻي او ڪامڻي!

    سھڻي پياري سُرڪَ تو، ڪيو مست “منشي” مُرڪ تو،
    جنھن مُرڪ ۾ ساڃاھَ ھئي، ڪنھن ڀٽڪيل لئه راھَ ھئي،
    ھڪ پل نه شل پاسي ٿيان، جيسين حياتي دم جيئان،
    تو سا ڪئي الماس دل، جيڪا ھئي ڪائي جي ڪَڻي
    او ڪامڻي او ڪامڻي . . . .! !


    ٻُڏي ٻانھن پيئي

    ٻُڏي ٻانھن پيئي

    موٽو مل مھاڻا، ٻُڏي ٻانھن پيئي،
    ٻُڏي ٻانھن پيئي، کڻو سڙھ سياڻا، ٻُڏي ٻانھن پيئي.

    چولو ٻگ(1) چٽڻ سان، ڳتيل لڱ ڳھن سان،
    ھٿ به مھندي ھاڻا،
    ٻُڏي ٻانھن پيئي .

    ڳوري ڳل ٻئي ڳاڙھا، ڀڙون جنھن جا جاڙا،
    اکيون موتي داڻا،
    ٻُڏي ٻانھن پيئي.

    ڪُنڍا وار ڪارا، عجب نڪ نظارا،
    سيني گل ساماڻا،
    ٻُڏي ٻانھن پيئي.

    مِڙيا “منشي” ماري، آ وَھَ ۾ ويچاري،
    ٿيس سَنڌ ساڻا،
    ٻُڏي ٻانھن پيئي


    ____________
    ٻگ: اڇي رنگ جي چنيءَ کي چئبو آھي.


    نئين ڳالھه ناھي

    نئين ڳالھه ناھي

    چڙھڻ سج جو سوري، نئين ڳالھه ناھي،
    ٻنھين جي آ پوري، نئين ڳالھه ناھي.

    ڪٿي سچ انا الحق چئي جُڳ جيئي ٿو،
    ڪٿي سچ زھر جا پيالا پيئي ٿو،
    ڪٿي سچ سرنھن جيئن گھاڻي گھُمي ٿو،
    سٽاءَ اي سموري، نئين ڳالھه ناھي.

    جڏھن دار جي دل گرم رت گھُري ٿي،
    پنھنجي اُڃ اُجھائڻ لئه چالون چُري ٿي،
    سڏي ڪنھن کي باغي جيئڻ جو حق ڦُري ٿي،
    وڄائي دنبورِي، نئين ڳالھه ناھي.

    ڪري لومبا، ڪڏھن فيوچڪ تياري،
    ڪڏھن وانتروئي، ڪڏھن پبلو واري،
    ڪڏھن رت جگر ڏئي جميله بوھاري،
    ڪڏھن رت ھاري ڏئي صادق مزاري،
    سوريءَ اُڃ اڌوري، نئين ڳالھه ناھي.

    ڪڏھن دودو، ڏاھر پنھنجو رت پياري،
    ڪڏھن دار بختيار، ھيمون جياري،
    بلو ڪڏھن رزاق اھو روپ ڌاري،
    ڪُسڻ بي قصوري، نئين ڳالھه ناھي.

    لکڻ ناھي ليکو، لکين سر لھي ويا،
    ڏيئي سر سوريءَ تي سچا سچ چئي ويا،
    نه جُھڪيا نه وِڪيا، وڏي وھَ وھي ويا،
    اِھا جنگ جھموري، نئين ڳالھه ناھي.

    ويندي رات ظلمات جي مات کائي،
    ٿيندي دار جي دل دھلجي تباھي،
    ۽ رھندي ھميشه سندي سچ سوائي،
    ٿيڻ ائين ضروري، نئين ڳالھه ناھي.

    نه سوريءَ جي “منشي” اڃا اُڃ اُجھاڻي،
    نه مانجھي مُڙن، سڏ سوريءَ سُڃاڻي،
    ٻئي ھڪ ٻئي جي ويا ڄاڻ ڄاڻي،
    جيئن گل ڀنڀوري، نئين ڳالھه ناھي.



    پليت پير ڪر پري

    پليت پير ڪر پري

    جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ،
    پليت پير ڪر پري، ھيءَ ڌرتي منھنجو ننگ آ،
    جنگ جنگ جنگ آ

    جڏھن به جنگ طبل وڳا، ته ڌاريان ڀونءَ ڇڏي ڀڳا،
    ڪئين سوڍا سنڌوءَ پيٽ مان، ٿيا پار انھيءَ پيٽ مان،
    جڏھن به ھت ٿا گھِنڊ گُڙن، مرڻ کان مانجھي نا مُڙن،
    اچو اچو اچو اچو، ٿيو وقت ڏاڍو تنگ آ،
    جنگ جنگ جنگ آ.

    جڏھن به سنڌ سڏ ڪيو، ته پھچي پٽڪي وَرُ ويو،
    ۽ جوڙي سي جٿا جٿا، ٿي گھورئيون ڌَر مٿان مٿا،
    نه ھِچڪيا نه ھَٻڪيا، نه دم دلير دٻڪيا،
    اجائي تو اچي ھتي، اڙائي تن سان ٽنگ آ،
    جنگ جنگ جنگ آ.

    ڪِلي سندا ھي ڪوڏيا، جبل جيئن ڪنھن نه لوڏيا،
    ۽ جن جون مائون شينھڻيون، آ موٽ تن لئه مينھڻون،
    نه تو ھنن جي تاءُ جي، خبر آ ورتي گھاءُ جي،
    ھنن سندو ٻچو ٻچو، سو تير ڄڻ تُفنگ آ،
    جنگ جنگ جنگ آ.

    ھي ديس پنھنجي جا ڌڻي ٿا رُڪ روھي ڪن پڻي،
    جي ميري اک سان آيا، مٿان سي ڀونءِ ڀڄائيا،
    مرن ھي “منشي” ماڳ تي، ۽ پنھنجي ڀونءِ جي ڀاڳ تي،
    جيئڻ مرڻ جوو جُوءَ ۾، ھنن جو پنھنجو ڍنگ آ،
    جنگ جنگ جنگ آ.


    دودي ڏاھر جو اولاد

    دودي ڏاھر جو اولاد

    دودي ڏاھر جو اولاد، دودي ڏاھر جو اولاد،
    مان ئي آھيان، مان ئي آھيان، منھنجو عزم فولاد،
    دودي ڏاھر جو اولاد.

    سُکي ستابي سَوَ ڳُڻَ جنھن ۾، سا مون سنڌو ماءُ،
    ھوشو ھيمون دريا خان ۽ ڀونگر منھنجا ڀاءُ،
    جن جي رت سان جيجل جيئري آھي سدا آباد
    دودي ڏاھر جو اولاد.

    ڪين قبوليا ڪوٽ عمر جنھن، سان مون مارئي ڀيڻ،
    پٽ پٽولا پٽ ھڻي جنھن، لاٿا وانگين ويڻ،
    اسان ٻاڳھين ٻار، اسان ڪيا دشمن ڪئين برباد
    دودي ڏاھر جو اولاد.

    رني ڪوٽ جو رھواسي مان، موھن دڙي جو واسي،
    سج چنڊ تارا شاھد، منھنجي ڌرتي نه ڪنھن جي داسي،
    منھنجا سانگي جھانگي وانگي، مارو زندھ آباد
    دودي ڏاھر جو اولاد.


    منھنجي گونج گنجي ۾ گونجي، پليل ۾ پڙلاءُ،
    نيرن ڪوٽ ۽ ديبل بندر ۾ پڻ منھنجو ساءُ،
    گار غلامي آھي اسان لئه سدا آزاد
    دودي ڏاھر جو اولاد.

    دُٻي مياڻي ميراڻ پور ۾، “منشي” مان خود پاڻ،
    مان ته وڳھه جو والي، منھنجي روپا منجھه رھاڻ،
    ڪيٽي کان ڪشمور وڄي، مون نگري نگري ناد
    دودي ڏاھر جو اولاد.


    ڪي ڪي ماڻھو

    ڪي ڪي ماڻھو

    ڪي ڪي ماڻھو مارين موت، موت چون ٿا ماري آھي،
    موت کي مارڻ وارڻ ماڻھن، جڳ جي جوت جياري آھي.

    دنيا ساري ماڻھو ماڻھو، ڪو ڪو ماڻھو موتيءَ داڻو،
    ڪنھن ڪنھن سيني جوھر جرڪي، باقي سيني واري آھي.

    ھر ماڻھو جي مائٽ مٽي، مٽي جو پر مائٽ سو،
    رت ڏيئي جنھن ريجُ مٽيءَ کي، مٽيءَ سان پت پاري آھي.

    “منشي” ماڻھو روز مرن ٿا، پر سي ماڻھو مرڻا ناھن،
    سر ڏئي سوغات ۾ جن ھت، سنڌ جي سِينڌ سنواري آھي.








    ڊي. پي. آر

    ڊي. پي. آر

    ڊڄ نه ڊي پي آر کان ساٿي، ڏيڍ ڏکن جو ڏينھن اٿئي،
    ٿا ڏينھن تپن جنھن ڏيھَه مٿي، اُتي موتي وسندا مينھن اٿئي.

    ڪا ھوندي حياتي موت اٿيئي، ڪو موت حياتي ھوندو آ،
    ڪو جھيڙو قوم جي ڪاڻ ھجي، ڪو جھيڙو ذاتي ھوندو آ،
    ۽ قومي جھيڙي ڪنڌ سدائين، ھيٺان ڪاتيءَ ھوندو آ،
    تان اچ اوچي ڳاٽ اڏيءَ تي، جي ڪو ناتو نينھن اٿيئي.

    جنھن ڪِين سري سا گھيڙ گھڙي، ھي تار انھيءَ کي ترڻو آ،
    جنھن ميھر ڪارڻ جيئڻو آ، جنھن ميھر ڪارڻ مرڻو آ،
    سو ڌيان ڌُريائين ڪِين ڌري، ڪو پاڙي مرڻو پَرڻو آ،
    ۽ عشق نه پڇندو آھي ڪڏھن، تان ڪھڙي گس تي شينھن اٿيئي.

    جت سيٺ وڏيرا سڀيئي گڏجي، پورھيت پوتر رت پيئن،
    ۽ ننگ ڀريون نيرانيون ناريون، ڳڀي ڳڀي لئه ڳاھُ ٿين،
    جتي ھڪڙو حب لئه مورن جھڙا، مارو سُڏڪي ساھ ڏين،
    سو “منشي” پنھنجي قوم مٿان، اڄ آيا اھڙا ڏينھن اٿيئي.



    چؤواٽي تي

    چؤواٽي تي

    ھت ھر ھڪ ماڻھو بيٺل آھي، دنيا جي چؤواٽي تي،
    ڪو ماڻھو پاڻ ملھائي ٿو، ڪو چھٽل آھي چاٽي تي.

    ڪو قوم جي ڪارڻ قيد ڪٽي، ڪو قوم جي ويٺو پاڙ پٽي،
    ڪو قوم لئه پاڻ پتوڙي ٿو، ڪو قوم جي ٻيڙي ٻوڙي ٿو،
    ڪنھن قوم جو ڪيڏو بار ڳرو، آ چايو پنھنجي ڳاٽي تي.

    ڪو قوم جي ڪارڻ جنگ ڪري، ڪو قوم کي ويٺو تنگ ڪري،
    ڪو ڪُرسيءَ ڪارڻ قوم جي سيني، روز ھڻي بندوق ڀري،
    ڪو مُورک مورھين آھي رھيو، مست سدا مڌ ماٽي تي.

    ڪو ڪو ماڻھو قلب ۾ ڪيڏا، قوم لئه ويٺو ڪاڄ ڪري،
    وڄ وڄ وونڪا، گج گج گنجا، واڄٽ وڄيو واڄ ڪري،
    سڏ ڪري پيو سنڌ ڌڻين کي، سورھيه اُٿ اَچُ ساٽي تي.

    جو جو ماڻھو قاتل آ، سو ڄاتل قوم سُڃاتل آ،
    “منشي” مورھين معاف نه ٿيندو، جيڪو قوم سان باطل آ،
    پنھنجا پرايا قوم جا قاتل، چور رھيا چٻڙاٽي تي.


    جھنڊا کڻو

    جھنڊا کڻو

    جھنڊا کڻو، نعرا ھڻو، وڙھندا ھلو، رِڙھندا ھلو.

    ھي رات جو پويون پھر، جھاڳي چڙھيا آھيو جھڳر،
    ڪڍيا ھو سج ڪرڻا ڏسو، ۽ جھڙُ اندر جھرڻا ڏسو،
    ٿاڻن، حويلين ٿرٿلو، آھي زمين ۾ زلزلو،
    رھزن ۾ جيسين رت ڦُڙو، مارڻ مرڻ کان نا مُڙو،
    ساٿي سنڀاريندا ھلو ۽ ڏاڍ ڏاريندا ھلو، جھنڊا کڻو.

    سنسار جا سرواڻ ٻئي، پورھيت ۽ ھاري پاڻ ٻئي،
    ھڪ ٿي وڙھو ھاڻ ٻئي، ڄاڻو وڙھڻ جي ڄاڻ ٻئي،
    ھت سامراجين ساڻ ٻئي، ڪنھن جي ڪڍو ڇو ڪاڻ ٻئي،
    تقدير کي موڙي ڇڏيو، ڳاڙھا جھنڊا کوڙي ڇڏيو،
    اُڃيا پياريندا ھلو، جڏڙا جياريندا ھلو، جھنڊا کڻو.

    بندوق بم خود بن تون، ٿي توپ ٽئنڪ ۽ گن تون،
    تنھنجا اڳي فولاد ھڏ، تن ۾ ڀري بارود ڇڏ،
    ويريءَ تي اھڙو وار ٿئي، ڌڪ ساڻ ٽُڪڙا چار ٿئي،
    ماڙين اندر ٽڙڪاٽ ٿئي، ۽ ڀونءَ اندر ڀڙڪاٽ ٿئي،
    وک کي وڌائيندا ھلو، جڳ کي جتائيندا ھلو، جھنڊا کڻو.

    “منشي” مَرُون ۽ ماريُون، سڀ وير پنھنجا واريون،
    سر سامراجيت جو سٽي، گڏجي ڇڏيو پاڙئون پٽي،
    سِر تي اوھان سڀ ڪجھه سَٺو، ھاڻي اُٿي واڳون وٺو،
    ڪو نئون نظام ھت آڻيون، موجون نئين سر ماڻيون،
    شمعون جلائيندا ھلو، ڪونتل ڪُڏائيندا ھلو،
    جھنڊا کڻو، وڙھندا ھلو، وڙھندا ھلو.


    باغي آھيان

    باغي آھيان

    باغي آھيان، باغي آھيان، گيت بغاوت جا ٿو ڳايان،
    باغي آھيان باغي آھيان.

    مون بم ڀريا ڪئين بيتن ۾، تن گوريلن جي گيتن ۾،
    ھر گيت ھي منھنجو گولي آ، ۽ گولي منھنجي ٻولي آ،
    مون جنگ جبر سان جوٽي آ، ھر ڳالھه ٻي مون وٽ کوٽي آ،
    غدار وطن مان ناھيان ناھيان، باغي آھيان باغي آھيان.

    جن ڀيليا سانگين سيڙھا ويڙھا، تن سان منھنجا جنگ ۽ جھيڙا،
    خوب ھنيئي ڌرتيءَ تي ڌاڙا، مون کنيا اڄ ڪات ڪُھاڙا،
    مان ديس پنھنجي جو دوداڻي، مان لاکو آھيان ڦولاڻي،
    مان چورن سان ٿو چڪري چاھيان، باغي آھيان باغي آھيان.

    مان وڙھي وطن لئه ڄاڻان ٿو، مان دشمن سنڌ سُڃاڻان ٿو،
    مان ڪيئي وڏا ڊنگ ڍير ڪيا، مون ظالم ڪيئي زير ڪيا،
    مان واھي دڙي ۽ دنگ سَندو، ھر ٻوٽي گل ۽ سنگ سَندو،
    مان رھزن سان رت راند رچايان، باغي آھيان باغي آھيان.

    مان جھانگين جي جھُونگا ڪريان، مان ھارين جي ھُونگار ڪريان،
    مان پورھيتن جي پرچار ڪريان، مان مزدورن اُپٽار ڪريان،
    مان بيتن ۾ بارود ڀري، ٿو ڳايان وچولي لاڙ سِري،
    مان “منشي” ڳايان جڳ جاڳايان، باغي آھيان باغي آھيان


    لکان ڪجھه لھوءَ سان

    لکان ڪجھه لھوءَ سان

    پاريھر پيارا پکن جھل پکوڙي،
    لکان ڪجھه لھُو مان ٻه ٽي قلم ٻوڙي.

    لِڪي لوڪ کان تون، ويھي ھُت حبيبن،
    پارانڀا کولي پر، پڙھائيج پريَنِ،
    جگر جل، جن جي ڇڏيو نينھن نِھوڙي.

    مٿان مُندا آ مينھن جي متان پَرَ پُسائين،
    پکي پت پارج، متان گت گُسائين،
    بچي تون بازن کان، وڃج واٽ ووڙي.

    پکي پار پرين جا پوُرا ڏيان ٿو،
    مان “منشي” جنين جي سھاري جيان ٿو،
    حُسن جنھن اڳيان چنڊ، جھُڪي ٿيو جھڪو ڙي.



    موت کي ڏي تون مات

    موت کي ڏي تون مات

    ڪات ھڻي ڪٽ رات،
    روٺ زمين کي ريج ڏئي رت جو، موت کي ڏي تون مات.

    ڏکيا ڏک جا ڏينھن ڏھاڙا، ڇا کان ڳاڙين ڳوڙھا ڳاڙھا،
    سُک جي ڪارڻ سر تي سوڍل، سُور سمجھه سوغات،
    ڪات ھڻي ڪٽ رات.

    ڏوران ڏس ھو ڏيئڙا ڏيئڙا، اچن جلايو جند جوڳيئڙا،
    ڏيھه کي ڏينھن ڏيکارڻ ڪارڻ، ڏک سندن آھي ڏات،
    ڪات ھڻي ڪٽ رات.

    من ۾ جن جي مچ مچن ٿا، ٿي پتنگ سي آڳ اچن ٿا،
    آزاديءَ جي آھي انھن کي، وائي سدائين وات،
    ڪات ھڻي ڪٽ رات.

    ظلم جبر جو وڻ مروڙي، پاڙان پٽي ڇڏ تنھن کي اُکوڙي،
    ھر جابر سان جنگ آ ڪرڻي، جنھن ۾ ذات نه پات،
    ڪات ھڻي ڪٽ رات.

    جيل ته ھِت ھُت جيل سدائين، وانگين ويل تي ويل سدائين،
    “منشي” تي کي مات ڪرڻ لئه، اک نه ڏي جھپ جھات،
    ڪات ھڻي ڪٽ رات.



    ھتي ھزارين ھمير سوڍا

    ھتي ھزارين ھمير سوڍا

    پنھنجي ٻنيءَ ۾ پوک پيا پوکيون، ٻولائي ڏيئي ٻوليون ٻوليون،
    ڇٽ ڇَٽيون پيا سيھي ڇيرا، جنھن مان ڦُٽنديون گوليون گوليون.

    گولين مان بم گولا ٿيندا، قومي ڪاڄ ۾ ڪم سي ايندا،
    ريج ٻنيءَ کي رت ڏيون پيا، سوچي سمجھي ست ڏيون پيا،
    مڙي ڪيو اڄ مانجھين ميڙو، سڀا اسان جو ڏاڍ سان جھيڙو،
    بم بندوقون ھٿ ھٿ ھونديون ، ٽانڊن جھڙيون ٽوليون ٽوليون.

    ڀاڳيا ڀونءَ جا اُٿندا ڀڙڪي، دشمن تي پوندا ڪڙڪي،
    اھا ڪريون پيا اڄ آبادي، جنھن ۾ نسلن جي آزادي،
    جُنبي وياسون جوڙا جوٽي، خبر لھون پيا کري ۽ کوٽي،
    ھر ڪا جيجل لال پنھنجي کي، اھڙيون ڏئي لوليون لوليون.

    سنڌوءَ درياءَ ڳاڙھو پاڻي، جنھن مان وھنجي ايندي راڻي،
    اِجھي اُٿي پيا سٺ لک ھاري، ٻھڪي ٻنيءَ جي ٻاري ٻاري،
    ڪُھلي ڪوڏر کَھا ڪُھاڙيون، ھر ھڪ ھاري اکيون ڳاڙھيون،
    ڪِين جھليندا ڪنھن جي اڳيان ، ھاڻ ھي ھاري جھوليون جھوليون.

    بيھي رھياسون جوٽي جڙا، “منشي” پاڻ وطن جي وڙا،
    پنھنجا نيٺ ته پنھنجا ٿيندا، ڌرتيءَ ڌاريان ڪم نه ايندا،
    سنڌ جي ڌرتيءَ ڌُوڇ ڀلي آ، فصل نسل کان ڪجھه نه جھلي آ،
    ھتي ھزاري ھمير سوڍا، ھلي ھلائي ويا ھوليون ھوليون.


    سوريون جتي سينگاريون

    سوريون جتي سينگاريون

    پوندي اُتي پِڙ ۾ پَرک، سُوريون جتي سينگاريبون،
    پيا لٽڪندا ڪئين لاش لک، سُوريون جتي سينگاريبون.

    جن سڀ ڇڏيون مايا مَڏيون، ڪنڌ اُتِ جتي ڪات ۽ اَڏيون،
    بيھندا اُتي بس ڪي برک، سُوريون جتي سينگاريبون.

    آزادي جت انسانيت جي لئه گھُرڻ غداريت،
    چٽڪا اتي چکبا جا چک، سُوريون جتي سينگاريبون.

    جن جا جبل جيڏا عزم، سر تي سھن بارود بم،
    آزادي ڏسندي سائي اک، سُوريون جتي سينگاربيون.

    “منشي” مرڻ توڙي جيئڻ، آزاديءَ ڪارڻ جن ھئڻ،
    سڀئي بندوقن ٿيندا بَک، سُوريون جتي سينگاربيون.





    سي چارڻ نه چئجن

    سي چارڻ نه چئجن

    سي چارڻ نه چئجن جي چارڻ چپاتا،
    نه ويھي وڄائن، اڳيان ان داتا.

    جنين ساز سانڍي، رکيا روپ ڪارڻ،
    مري بُک نه ڇو تنھن، ميراثي جي ماتا.

    چڱا چِٽ ٿيا چَٽ، تندن زنگ زھري،
    ورھيه ٿيا وڄڻ ريَ، نه سي سُرَ سُراتا.

    کڻي ساز ساجھر، سپڙ در جي سھڙيا،
    ويھي جن وڄايا، سي وريا وڙاتا.

    سُتا جي سري ٻانھن ڏيئي سنجھيئي،
    انھن کي ڏنا رات آيل اوراتا.

    رکي سِرَ تريءَ تي، ھڻن سِرَ صدائون،
    انھن جائي “منشي” کُلن روز کاتا.



    ڀاڳياڻي

    ڀاڳياڻي

    او ڀاڳياڻي او ڀاڳياڻي! مينھن ڌاريون ڦر پيو ڌائي،
    توکي آرس ڪھڙي آھي.

    پَس، پسون پيا پاسارون ڪن، سيڙھون ڪڍ اُٿ ساھي،
    ڌاريين کي ڪر ڌار ڌڪا ڏيئي، پنھنجن کي پرچائي،
    توکي آرس ڪھڙي آھي.

    گُڏيءَ گُجر لئه گڏو جو آندئي، گاھ گڏھُ سو کائي،
    جھڻ ڦُڙيءَ لئه جھوتون ڏيندئي، پاڙو صبح پُڇائي،
    توکي آرس ڪھڙي آھي.

    اڻڀن آنڊن عيال ڇڏيئه، کٽو ٻين کارائي،
    وجھي رکيئي سانڀاڻُ صبح لئه، کير ٻلو سو کائي،
    توکي آرس ڪھڙي آھي.

    اوڳي تنھنجي اِجلس ڇڏيو، “منشي” من منجھائي،
    مُڙسالوءَ جي ماني مَک لئه، ڦٽي ته رک ڦڙڪائي،
    توکي آرس ڪھڙي آھي.


    خواب

    خواب


    مون ڳاڙھي رت ۾ وھندي سارو ديوانو درياھ ڏٺو،
    مون صدين کان پوءِ سانگين کي اڄ، سوکو کڻندي ساھ ڏٺو.

    جتي جھنگل جھر بر بحر ٿي ٿي جھوميا، جھانگين ۾ جھُونگار نئين،
    جتي ھر ھڪ ناري ناز نئون، ھئي ھارين ۾ ھونگار نئين،
    جتي سانگين سر ڏئي سنڌ وطن لئه، سَر ڪئي سرڪار نئين،
    اُتي پاپن کان ھئي پاڪ زمين، اُفڪارن نوان اُپٽار نئين،
    مون ھاڻن توڙي لوڙائن اُت، پاپين ٿيندي پاھُ ڏٺو.

    جِتَ ٻنيون ٻارا ٻھڪيا ٿي، ھئا روپ نوان ۽ رنگ نوان،
    جت چونئرن ۾ ھئي چُڻ ڀڻُ چھري، چؤواٽن تي چنگ نوان،
    جت سوني ڌرتي، سونا سونا سيني ساھيا سنگ نوان،
    جِت گھوڙن چڙھيو گھوٽ گھُميا ٿي، تاڻيو تازين تنگ نوان،
    اُتي ڌوڙ ۾ ڌڙ مون ڌاڙيلن جا، جا عضوو ھر اوڙاھ ڏٺو.

    مون ڪوڏي وانجھي ٻيلھاڙو اُت مانجھي ڪُڏندي مل ڏٺا،
    مون سانگين وانگين سيڙھا ويڙھا، سَھنجا ڀاڳين ڀل ڏٺا،
    مون وڏين چاڏين کان به وڏا اُتِ چالن ڪنڍين چل ڏٺا،
    مون ڳھه ڳھه ڳتيل ڳوٺاڻين جا، ڳاڙھا ڳاڙھا ڳل ڏٺا،
    مون ھر ويري پنھنجي وطن جو، ڳوٺاڻن ھٿ ڳاھ ڏٺا.

    اُت پنھنجي پنھنجي ڇوڙي نبيري، پنھنجا پنھنجا رسم رواج،
    پنھنجي ڏيتي پنھنجي نيتي، پنھنجي کيتي پنھنجا کاڄ،
    پنھنجو اَن ۽ پنھنجو ڌن ۽ پاڻ ڌڻي خود ڌرتيءَ ڌاڄ،
    پنھنجي پنھنجي ڪومل ھر ڪنھن، پنھنجو راڻو، پنھنجو راڄ،
    ڏک ھو ڪوھين ڏور اُتي، مون ڪونه بندو بيواھ ڏٺو.

    ڪنھن به وڏيري رئيس نه ڪو ڀوتار سندي ڪا جرئت ھئي،
    ڪنھن ميجر جرنل ڪرنل جي اُتِ، ڌپ نه ڪا ڪا ڌورت ھئي،
    ڪنھن لوسي چور چڪار سندي اُت حشمت ڪاٿي نه حرڪت ھئي،
    اُتي چَپ چَپ چشڪو چاش کان وڌ، مون چِتِ چِتِ چاھت چاھُ ڏٺو.

    اُت ڪير نه ڪنھن جو نيچ نموني، ناڻي ورتل نوڪر ھو،
    سڀ ٻار ٻُڍا ۽ جوان جتي، خوش ڇينڀيل ڪوبه نه ڇوڪر ھو،
    اُت رھواسين جو رت پياڪو لُفنگ نڪو ڪو لوفر ھو،
    اُتِ مست مڙوئي مال ۽ ماڻھو مؤج ۾ سارو موھر ھو،
    ۽ ڦر ڦريا ٿي ڦوٽاڙن تي، عام گسن مون گاھُ ڏٺو.

    اک کُلي تان اڳيان منھنجي، ساڳيا کٿا کوليون کيل،
    ديھن جيڏيون ديوارن ۽ جڪڙيل پاتم اندر جيل،
    ساڳيو صوبيدار سري کان، آيو ساجھر آھي سويل،
    “منشي” من ۾ مانڌ مچي ويئي، ڏسندي وانگين ساڳيا ويل،
    ڪانجھي وٺندي ڪل پيئي مون، ڪيڏو ٺھندي ٺاھ ڏٺو.


    خواب

    خواب

    مون رات ۾ گنجي ۾ گجندي، ڪيڏا سنڌوءَ جا سرواڻ ڏٺا،
    ٿي ٻھڪيا مُنھن ۽ ٻانھن ٻَر، مون ٻلواڻن ھٿ ٻان ڏٺا.

    جتي مانجھين ميڙو ميڙو ھو، جھونجھارن مُنھن جھيڙو ھو،
    ٿي راڻن سان راند ڪئي، تن وڙھندي ڪِين ويساند ڪئي،
    ھو پاکڙ پڙ ۾ پائي بيٺا، سينا پنھنجا ساھي بيٺا،
    لاڳاپا سڀ لاھي بيٺا، ڄاڻو پير ڄمائي بيٺا،
    لاکيڻان لڄدار لٿل مون، سورھيه پُٽ سرواڻ ڏٺا.

    ھُتِ ڀيڄ ڀني جو ڀڙڪا ھا ۽ ڪانن جا ڪيئن ڪڙڪا ھا،
    ھت گونج متل ھي گولين جي، ۽ ٽڪر ٽولين ٽولين جي،
    ڏيئي مُنھان منھن مھاڏا، ٿي ڄڻ سانَ وڙھيا ڪي پاڏا ٿي،
    ھن ڀر جا ڀاڳيا ڀونيا ھا، ۽ اڳيان چور اڀونيا ھا،
    مون جنگ اندر ڪئين جوڌا جاني، سورھيه پٽ سڄاڻ ڏٺا.

    ھي آزاديءَ جو جھيڙو ھو، ۽ ڀائر ڀائر ڀيڙو ھو،
    ھڪ غدارن جو ٽولو ھو، جنھن ننگ نسل ۾ رولو ھو،
    سو ڌاڙيلن سان ھو ڌُر بنيو، ۽ سنڌ لئه سُورن سُر بنيو،
    ھئا لعنت سان مُنھن لال سندن، ڇا ويھي ڪريان مان ڳالھه سندن،
    ان ڪُڙم جي قاتل ٽولي جا، مون پيلا منھن خود پاڻ ڏٺا.

    ھِتي ڌڌڪا ھا ڌُوپارن جا، ٿي ڪِريا ڪنڌ قنڌارن جا،
    ۽ کُنبھي ويس کڙھي ٿي، جا جيجل پاڻ پٽن کي پرتي،
    ھئي جنگ دڙي ۽ دنگ سندي، لڄ لوءِ نازڪ ننگ سندي،
    او آزادي او آزادي! او شھرن ڳوٺن شھزادي،
    ان نعري ھڻندي “منشي” ڪئين مون راڻا پُٽ رت ڇاڻ ڏٺا،
    مون رات گنجي ۾ گُجندي ڪيڏا سنڌوءَ جا سرواڻ ڏٺا.


    مان ھوندس نه ھوندس

    مان ھوندس نه ھوندس

    نه ھونديون حويليون، نه ھوندا ھي ٿاڻا،
    مان ھوندس نه ھوندس ، سو پاڻا نه ڄاڻا.

    جڏھن ڏينھن تپندا، مٿان مينھن وسندا،
    گسن گاھ ڦُٽندا ۽ چوپايا چرندا،
    نوان سازُ سُرندا، نوان چنگ چُرندا،
    مارو مال مچندا ۽ ٻيلا به ٻُرندا،
    نوان نينھن لڳندا، ڪئين رنگ رچندا،
    ڊوھيا ديس ڊھندا، ڏُڪر ڏيھه لھندا،
    نوان ڄام ڄمندا، نئين راھ رمندا،
    نئين ڪاڪ اڏبي، نوان ايندا راڻا،
    مان ھوندس نه ھوندس، سو پاڻ ڄاڻا.

    سڳر ساٿ سڏبا ۽ مظلوم گڏبا،
    نوان ڳاٽ اَڏبا، ڇوڙي ڇانگ ڇڏبا،
    نه ظالم ڪي رھندا، نه مظلوم مرندا،
    سياري نه ٺرندا، اونھاري نه ٻَرندا،
    نه محڪوم حاڪم، نه ظالم به بالم،
    نه ڪنھن گھر ۾ ماتم، سکيو سارو عالم،
    نه وانگي ويڳاڻا، نه گھوٽن تي گھاڻا،
    مان ھوندس نه ھوندس، سو پاڻ ڄاڻا.

    “منشي” مُنھن موچارا، وچن قول وارا،
    ھي ھاري ھاڪارا، سدائين سوڀارا،
    کيڙيندا ۽ کيندا، نه ڏيھڻين کي ڏيندا،
    نه ڪنھن ڊاءُ ڊڄندا، نه جھوريءَ ۾ جھڄندا،
    پنھنجو اَن پنھنجو ڌَن، پنھنجو ڪَک پنھنجو پَن،
    پنھنجو گاھ پنھنجي دَن، پنھنجو رَڇ پنھنجو ڀَن،
    ڪٿي ڪِين ڏسندس ، ڪُوڻي گل ڪوماڻا،
    مان ھوندس نه ھوندس ، سو پاڻ ڄاڻا


    مارُن مھانڊا ياد پيا

    مارُن مھانڊا ياد پيا

    مينھن جي موسم ڏسي، مارُن مھانڊا ياد پيا،
    سانورا گورا ٻرندڙ، مُنھن ٽانڊا ياد پيا.

    اڄ پنوھارن پڪ پکا، پوٺن مٿي ھوندا اَڏيا،
    سانگ جي سانگي سي سانگي، لاڙ کان ھوندا لَڏيا،
    ۽ مڇر مُئي کان مٿاھين لئه گھڻن ئي گھر ڇڏيا،
    ڀر، ڀٽن ويٺا ڀري ڀاڳيا، سي ڀانڊا ياد پيا.

    سرليون ھڪڙيون ٻلاريون، مال ۾ مارُن ٻَڌيون،
    وس چَرڻ جي لئه ولر واري ته وانگياڻيون وڌيون،
    ماٽيون ھونديون مٿن تي ۽ ڪُلھن سڻڀيون منڌيون،
    ڀونءِ اندر ڀُڻڪاٽ ڀوڻنديون ڀُڻاندا ياد پيا.

    ڪَي گُجرون گوشيون ڪُنڍيون، ڪاريون ڀَليون چالون ڀليون،
    ڳانڍيا، ڳانيون ڳچين ۾، ڪِن ڳچين ڇيرون ٽليون،
    پنھنجي مُنھن پھريو چرن، “منشي” نه ڪنھن جھليون پليون،
    جيڏين جوٽيان اسر سي، جنڊ ۽ جانڊا ياد پيا.


    اُميد

    اُميد

    اُھو ڏينھن ايندو، پري ناھي پيارا،
    اُھو ڏينھن ايندو.

    ٿيندا ڀور تنھنجي ڀرم جا ھي ڀانڊا،
    ڌرم دين دوکا، مڪاريت جا مانڊا،
    ٽِڪاڻا تنھنجا ٽول تو لاءِ ٽانڊا،
    توکي ڏيھه ڏاٽن سان ئي ڏنڀ ڏيندو،
    اُھو ڏينھن ايندو.

    نه محلن ۾ محفل مچائي تون سگھندين،
    نه مظلوم ناريون نچائي تون سگھندين،
    نه رنگين راتون رچائي تون سگھندين،
    جڏھن رت پورھيت جو ٽھڪار کيندو،
    اُھو ڏينھن ايندو.

    ڪنبي ڪوٽ ڪنگرا ڪِري پَٽ پوندا،
    نه توکي زمين آسمان ساٿ ڏيندا،
    تو جھڙا ڪئين چور چکيا تي چڙھندا،
    ھي تولئه سڄو ٿرٿلو ٿاڪ ٿيندو،
    اُھو ڏينھن ايندو.

    اُھي چنڊ چانڊي ۽ سوني جي سِڪا،
    ڪُٺا قوم جا جنھن سھاري تو ڪِڪا،
    چوين ٿو انھن لئه، ڌرم جا ھي ڌِڪا،
    اُھو تنھنجو ناڻو نھوڙي تو نيندو،
    اُھو ڏينھن ايندو.

    جُڳن جي سُتل ڄاڻُ جنتا ھيءَ جاڳي،
    ورھن کان ڏني وات ۾ جنھن تو واڳي،
    گھڻو وقت دوکا ڏيئي تو ڌاڳي،
    نه ھاڻي سندن رت بيڪار ٿيندو،
    اُھو ڏينھن ايندو.

    اجھي ڀونءِ ۾ “منشي” ڪي ڀڙڪاٽ ٿيندا،
    ۽ چورن لٽيرن جا ٻڙڪاٽ ٿيندا،
    حويلين ۽ ماڙين ۾ ٽِڙڪاٽ ٿيندا،
    نه ظالم ڪو مظلوم جو ماس کيندو،
    اُھو ڏينھن ايندو.


    ڪتيون ڪئين قيد ۾ گُذريون

    ڪتيون ڪئين قيد ۾ گُذريون

    ڪَتيون ڪئين قيد ۾ گُذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسون،
    سرنھن پيلا جھلندي گُل، تڏھن کيتن ۾ ملنداسون.

    اُتر جا واءُ جڏھن ورندا، اڇا سر، ڪانھه سنگ ڪڍندا،
    لھنديون ڪُونجون جَتي ڪُڻڪي انھن ڪِيٽن ۾ ملنداسون.

    ڇڏي درياءُ ويندو دھشت، بنائي ٻيٽ ٻيلاٽيون،
    چڙھي تڏھن ناءُ ننڍڙي تي، انھن ٻيٽن ۾ ملنداسون.

    جڏھن آزاديءَ جھنڊا، پيا جھر جھنگ جھوليندا،
    ڌڻي ڀونءِ ڀيٽ پيا چڙھندا، اُنھن ڀيٽن ۾ ملنداسون.

    پرين جي پيار پنھنجي تي، لڳا پھرن مٿان پَھرا،
    ته لنگھه لانگھا جھلي ”منشي“ پيا اک ٽيٽن ۾ ملنداسون.


    آزادي

    آزادي

    اڄ رت سان لکيل خط مليو، ھوءَ منھنجي اڱڻ تي اچڻي آ،
    سو سورھن اڄ سينگار ڪري، ٻڌي ڇير ھوءَ نازڪ نچڻي آ.

    ڏنا سوڍن سر ڪئين سُوٿيءَ ۾، ھن پاڻ قبولي قيمت سا،
    سا سوڍن سِر جي سانگي ساءِ، واءَ سڻائي ورثي آ.

    ھن ڪيئي ولاتون واسي ڇڏيون، ھر جاءِ حسن ھٻڪار سندس،
    ھو ڪيئي ڳاڙھن کنھبن ۾ ته ھميشه ڳاڙھي ڪنوار ٿي پرڻي آ.

    ھوءَ محلن ماڙين مات ڏئي، ڪري جھرمر جھانگين جھوپن ۾،
    ھوءَ رت جو دريا جھاڳي اچي ٿي، ڊاءُ نه ڪنھن جي ڊڄڻي آ.

    ھوءَ ڳاڙھي ڪوسي رت ۾ وھنجي، پاپن کان بُت پاڪ ڪري،
    ساز نئين، انداز نئين سان، راڄ منھنجي ۾ رھڻي آ.

    ھوءَ چوڏھينءَ جي چنڊ وانگي چلڪي، نالو سندس آ آزادي،
    اڱڻ اُجاريان ان لئه “منشي” ھُوءَ نچڻي ٽپڻي ھرڻي آ.


    انسان ازل کان آجو آ

    انسان ازل کان آجو آ

    اِجھا رات کٽي ۽ باک ڦٽي، انسان ازل کان آجو آ،
    ڪي غلام ڇٽا ڪي ويندا ڇٽي، انسان ازل کان آجو آ.

    ڪو ڪيڏو ڊوھي ڊوھ ڪري، زنجير وجھي ۽ جيل ڀري،
    ٿي ڪڙيون ڪڙيون ويندا ٽُٽي، انسان ازل کان آجو آ.

    حجاج ھلاڪو ھٽلر ھئا، ڪري ڪيس ڪُتي جي موت مُئا،
    آزادي گھُٽا ڏيندي نه گھُٽِي، انسان ازل کان آجو آ.

    ھي ٿورو غلاميءَ عرصو آ، آزادي آدم ورثو آ،
    سو پاڻ لُٽيو، جنھن حُريت لُٽي، انسان ازل کان آجو آ.

    ڪو زھر پيئي، ڪو ڦاھي چڙھي، ڪو تيل ڪڙھاين منجھه ڪڙھي،
    وڃ سمجھي “منشي” ڳالھه چٽي، انسان ازل کان آجو آ.




    منھنجي ڏات ڏوھاري

    منھنجي ڏات ڏوھاري

    منھنجي ڏات ڏوھاري پُٽڙا، منھنجي ڏات ڏوھاري،
    اَرھي اک جي آس ھئين، پر تنھنجي مٽي موچاري –
    پُٽڙا منھنجي ڏات ڏوھاري.

    تو جھڙا پُٽ ڪيئي مرن ٿا، روز ھزارين رڙندي رڙندي،
    سيءَ سياري سڙندي سڙندي، ڪاڙھن ۾ ڪي ڪڙَھندي ڪڙَھندي،
    ڪنھن جي اک مان ڪِين ڏسان ٿو، ڳوڙھو ھڪڙو ڪڏھن به ڳڙندي،
    ڪنھن جي ڪنھن جي لاءِ روئي، منھنجي دل دُکياري
    پُٽڙا منھنجي ڏات ڏوھاري.

    چڱو ٿيو جو سڙيل ڳريل، سماج ھن جو نه چکئي ساءُ،
    گھارين ھا نه ته گھُٽ ٻوسٽ ۾، سھندي گھاون پٺيان گھاءُ،
    ڏسڪي ويٺي ڏاڏي تنھنجي، جيڪا منھنجي جيجل ماءُ،
    پاھ بُکن ۾ پُٽ ۽ پوٽا، جنھن جا ھاري ناري –
    پُٽڙا منھنجي ڏات ڏوھاري.

    مُنھن ڏيکاري پوءِ ته مرين ھا، چئن ڀينرن ڀونگر ڀاءُ،
    خوني چنبا ويا ڇوڙي، ڪنھن کي پيئي ڪَل نه ڪا،
    مون کان منھنجي چنڊ کَسڻ ۾ ويري توکي ورجايو ڇا،
    دردن ماريل دلين ۾ تو ڪيڏي آگ اُڀاري
    پُٽڙا منھنجي ڏات ڏوھاري.

    لکين پٽڙا لانگھي لانگھي، روز مرن ٿا ھت تو وانگي،
    تڙپي تڙپي ھڪڙي حب لئه، ڪيئي اَبھم مانيءَ ڳڀ لئه،
    سھڪي سھڪي ساھ ڏين ٿا، جيئري “منشي” زھر پين ٿا،
    ساري حياتي سوچيندي مون گُوندر منجھه گذاري
    پُٽڙا منھنجي ڏات ڏوھاري.


    قَسم نامون

    قَسم نامون

    سنڌڙي سيني سيباڻو، ساز آزاديءَ سنَدو،
    مون ٻُڌو زنجير مان، آواز آزاديءَ سنَدو.

    مون کي تنھنجي پاڪ پوتر آھي پاڻيءَ جو قسم،
    مون کي بختاور بھادر، ھارياڻيءَ جو قسم،
    مون کي تنھنجي پاڪ پوتيءَ رت ھاڻيءَ جو قسم،
    ٽلٽي، کرڙي ۽ مون کي دُٻي، مياڻيءَ جو قسم،
    تنھنجي سڏ تي ڪَنڌ ڪُلھن کان ڪپي ڪوري ڏيان،
    جي جُسو ھي جان جيجل، گھُر ته گھوري ڏيان.

    مون کي ڪارونجھر ۽ ڪينجھر، ڪوھسارن جو قسم،
    مون کي تنھنجي نُور سان ڀريل نظارن جو قسم،
    مُند اونھاري، سياري ۽ بھارن جو قسم،
    تو مٿان چمڪن ٿا جي، تن چنڊ تارن جو قسم،
    تنھنجي کيران جي کران ۽ ويڙھ مان وچ تان وران،
    ڪوڙھ ۾ ڪوڙھيو ٿيان، ۽ منھن ڪاري سان مران.

    جي جھڄِن جھُوپن اندر، تن جھانگاڻين جو قسم،
    جي سماج ھن ساڙيون تن سانگياڻين جو قسم،
    جي ورھن کان وِرھ ۾، تن وانگياڻين جو قسم،
    جي ڀرم ڀونءَ جو سدا، تن ڀاڳياڻين جو قسم،
    ويرين سان ويڙھِ رھندي، ڏاڍ جيسين ڏيھه تي،
    ڇَڪ اوڏي ڇَم ناھي، ڇُل منھنجي ڇيھه تي.

    تنھنجي پورھيت جو ۽ مون کي تنھنجي ھاريءَ جو قسم،
    تِن ڪتيءَ ۽ چيٽ پوکيل ٻاريءَ ٻاريءَ جو قسم،
    تنھنجي سنڌو ننگ ڀريل، ناريءَ ناريءَ جو قسم،
    تنھنجي ٻولي ماءٌ جھولي، تنھنجي پياريءَ جو قسم،
    تنھنجي آزاديءَ لاءِ مُرڪندي سوريءَ چڙھان،
    ساھ سيني ۾ آ جيسين، تنھنجي لئه لڙان.

    مون کي مُرشد ڀرجھلي، ڀٽائيءَ جو قسم،
    تنھنجي بيتن جو قسم ۽ تنھنجي وائيءَ جو قسم،
    مارئيءَ مومل ۽ مون کي ٻاگھي ٻائيءَ جو قسم،
    ھر سِميءَ سوڍيءَ سياڻيءَ سنڌ، ڄائيءَ جو قسم،
    سر ڏيئي سنڌو سسيءَ مان ٽوڙڻي آھي سَنگھر،
    تيسين رھندي جنگ جاري، جيسين گھاتن تي گھنگھر.

    مون کي مارُن پيٽ بُکين، انگ اُگھاڙن جو قسم،
    ٻارڙن، جوڌن جوانن ۽ ڪُراڙن جو قسم،
    تنھنجي ڍورن ۽ ڍنڍن، مون کي پھاڙن جو قسم،
    تنھنجي ڇولين، ڇاڇرن، ٻيٽن ۽ ڇاڙن جو قسم،
    تنھنجي آزاديءَ لئه لڙندس پيو جو دم جيئان،
    قوم ڪاڻيارو ٿيان جي پير مان پٺتي ڏيان.

    مون کي تو ٻلواڻ ٻاٻاڻن جي ٻَنين جو قسم،
    وِرھ ۾ ورتل ورھن کان، تن مون ونين جو قسم،
    مون کي منڇر جو قسم، ڪينجھر جي ڪنين جو قسم،
    چوسرِن چوٽن مٿان، اوڍيل مون چُنين جو قسم،
    تنھنجي دامن ۾ امڙ ھر درد منھنجي جي دوا،
    ٻَن پوي جيجل جيئڻ، بس تنھنجي آزاديءَ سوا.

    مون کي دريا خان دولھه دودي، ڏاھر جو قسم،
    تنھنجي ٻيلن، تنھنجي پوٺن پائر جو قسم،
    توکي سينگاري سدا جو تنھن مون سائر جو قسم،
    تنھنجي عظمت لئه وڙھيا جي، تن جي واھر جو قسم،
    موت تن ماري نه “منشي” مُئا جي مادر مان لئه،
    مون مرڻ توڙي جيئڻ، آھي امڙ تو آن لئه.


    سِڪ جي آھي سرنھن ڦُلاري، چاھت جا ٿيا چيٽ چٽا

    سِڪ جي آھي سرنھن ڦُلاري، چاھت جا ٿيا چيٽ چٽا

    وينگس تڙ تي ميڙي سيڙي، ميٽ ملي ۽ وارن ويڙھي،
    انڊلٺ وارا رنگ نکيري، سرڪڻ ڦاسي سيني سيري،
    ڪيئن نه موکي سڏ متارا، ڳچيون ڏيندا ڳاڙھ ڳٽا،
    سِڪ جي آھي سَرنھن ڦلاري.

    وڻ وڻ مان اڄ واس اچي ٿو، جيڪو روح کي راس رچي ٿو،
    ھير اُتر کان پير ڀريو آ، ڪاڇي کان واھوندو وريو آ،
    اُڀ مان آھن ويس وسڻ جا، چئني ڏسين چٽا پٽا،
    سِڪ جي آھي سَرنھن ڦلاري.

    گُجر گلابي گجرا پاتا، واڪ آھس ورو واڙتا،
    سون ھزارن سڏ سُڃاتا، اندر جن جا آتا آتا،
    سيني سھبا تنھنجا سونل، ڀل ڀري ھڻ ٻاڻ ٻِٽا،
    سِڪ جي آھي سرنھن ڦلاري.

    رُسڻ رسامان رِيسون وييون، گڏجي جيسين جيسون ويون،
    ڌار ڌڻين کان نڪري مون کان ڪيڏيون ڪيھُون ڪيسون ويون،
    ڀيڄ ڀني آ ھر ڪنھن ڀاڪر، پاڻ رھون ڀلا ڇو ته ڇِٽا،
    سِڪ جي آھي سرنھن ڦلاري.

    ظاھر دڙميون رنگ اسان جا، سنگ اسان جا ننگ اسان جا،
    ٻيجل رات ٻَرائي ڇڏيا، چئني ڏسين چنگ اسان جا،
    رُتِ رَتائين آئي آھي، ڪھڙي سر جي سٽ سٽا،
    سِڪ جي آھي سرنھن ڦلاري.

    چؤڏس چوڏھن چنڊ کڙي پيا، رَت رَتا رابيل ٽِڙي پيا،
    کٽرن کيٽا ڇڏيا ھن ھنڌ، ماروئڙن جا مال مِڙي پيا،
    “منشي” پاڻ ۾ گڏ گُذاريون، ھن رُت پيارل ڪيم پِٽا،
    سِڪ جي آھي سَرنھن ڦلاري.


    بيت ۽ چؤسٽا

    ڪانڌ جنين جا قيد ۾

    ڪانڌ جنين جا قيد ۾
    بي ڏوھيا بند ٿيا، قيد جنين جا ڪانڌ،
    سيئي پوتين پانڌ، روئي ڇو نه رنڱينديون.

    ڪانڌ جنين جا قيد ۾، ڪارڻ قوم ڪڙھن،
    مُنھن تنين جا مٿيرا، ٻين کان ٻاين،
    رکيا جن سُور سھي، ڀرم ڀتارن،
    مُرڪن، مارڪن، سدائين سي ساٿ ۾.

    ڪانڌ جنين جا قيد ۾، بيٺا باسي ڏوھ،
    چون ڪنھن پر قوم سان ڪِين ڪنداسون ڊوھ،
    اَديون اھڙين آھرين، ڪير مَٽيندي موھ،
    لؤن لؤن اندر لوھ جيڏيون سي جڙي ويا.

    ڪانڌ جنين جا قيد ۾، مٽيا مھينا سال،
    اُٿن آڌيءَ تن جا، ڇرڪ ڀريو ڇال،
    اکيون تن آسائتيون، لُڙڪ وھائڻ لال،
    منھنجي ڇا مجال، جو روڪيان سندن راھَ کان.

    اڃان ويس ھانءَ جو، لڱان نه لاٿم،
    اَديون ڙي آيم، وڇوڙو ورھن سَندو.

    مينديءَ رتا ھٿڙا، اگر واسيل وار،
    ڀري ڇرڪ ڇڏي ويو، جھيڙي ڏي جھُونجھار،
    ڀينر مون ڀتارم جھلڻ ڪنھن نه جھليو.

    ھڪ نه پَليم سِڪَ، ٻي ڦٽيس ڦوڙائي،
    دل کي ڊوڙائي، ٿَڪيس تا نه ٿاڪ ٿيو.

    ڀلا تنين ڀاڳ، جيڪي ڪانڌن ڪڇ ۾،
    سَرتيون مون سھاڳ، ڪيو سڱ سنڌوءَ سان.

    سچو سڱ سنڌوءَ سان، جوڙي رکيئين جي،
    ڍُڪ ڍڪيءَ ۾ پي، ھتان مون کان ھليو.

    سچو سڱ سنڌوءَ سان، مون سان مٿڇرا،
    انھيءَ اپسرا، ھورو ھئن ھِينئڙي.

    سچو سڱ سنڌوءَ سان، جيءَ رکيئين جوڙي،
    مون کان منھن موڙي، پيچ ڪيائين پڌرا.

    سُڻي سڏ سنڌوءَ جو ھڻي، ھڻي ھليا ھام،
    کاھوڙين کي کام، اديون انقلاب جي.

    سُڻي سڏ سنڌوءَ جو، ترڪ ڪيائون طعام،
    اکر عام عوام، اُچاريندي اُٿيا.

    سُڻي سڏ سنڌوءَ جو، سَرتيون ڇڏي سيج،
    ڏيئي ڏک مون ڏيج، ھلڻ ھارا ھليا.

    منھنجي روئڻ نه روڪيا، ڪُڇ نه ڪڇيائون،
    پلڪ نه پڇيائون، ڏيئي ڏولائو ڏور ٿيا.

    ٿي کڙھ تي کُپ، روڪيم وَر وڃڻ کان،
    ساڳي چپن چُپ، ڌڪي مون کان ڌار ٿيو.

    ڀنيءَ نڪري ڀاڪران، ڀينر ويم ڀتار،
    سدا سُور سنڌوءَ جو، ڪاڙھو ھئن ڪَپار،
    واسي ويڙھيان وار، اَديون ڪنھن پران ريَ.

    ڀينر مون ڀتار ريَ، ھڙيئي ڀڳل ھڏ،
    ڏسي ڏک ڏوٿين جا، لاڏن لاٿي لڏ،
    سُڻي سنڌوءَ سڏ، تر نه ترسيا تڙ تي.

    ڪانڌ پيو سو پانڌ، جنھن عشق انقلاب سين،
    مون من ڏيئي مانڌ، سر تي ساٿ سين.

    ادي نه ڀائيم اِئين، ستاڙي ئي سنڀرندو،
    جيڏيون جھليم جيئن تيئن ٿي ويو تڪڙو.

    ڪھڙا قيدي ڪانڌ جا، سر تي سُور سَليان،
    پل نه پاسي رھي، پليو جيئن پَليان،
    ھاڻي ھيڪر جي اچي، پائي جھول جھليان،
    ويٺي ميٽ مَليان، پنھنجي قيدي ڪانڌ لئه.

    ڏيئي ڏوراپا، ڪھڙا مُنجان ڪانڌ کي،
    ھاڻي حقيقت جا ويو، ڇاتيءَ تي ڇاپا،
    ميم ويھي ماريا، ته محبت مٿو ناھي ڪو.

    ڪوٽ ڪِرن، قيدي ڇُٽن، جلي منھنجو جي،
    ساڙين سانوڻ ڏينھڙا، ٻيا سياري سي،
    ٻولي مونکي ٻي، اَديون مور نه آئڙي.

    اديون اَچُ اُھڃاڻ، تو سڻايان تن جا،
    سدا سي سُورن سان، ڪن راتو ڏينھن رھاڻ،
    ڄاڻي ٻي سڀ ڄاڻ، ڪُل ڇڏيائون قوم لئه.

    ڪڏھن مليل مُشڪ، ڪڏھن ڀُڻن ڀڀوت،
    ڪڏھن منجھه سڪوت، ڪڏھن شور سمونڊ جان.

    ڪڏھن ڪاڳر ڪڇ ۾، ڪڏھن بم بندوق،
    ڀينر مون ملوڪ، ڏونگر کان ڏاڍا گھڻو.

    اٺئي پھر اون، انھن آزاديءَ جي،
    ڪن ڪيائون ڪونه، اکر ٻيو ڪو اُن ري.

    سندن سخن سچ، ڪُوڙ نه اوڏا ڪڏھن،
    محبت سندا من ۾، ويا مچائي مچ.
    ڳڻن ڀريون ڳچ، ڳالھيون تِن مون تَن ۾.

    ڪُوڙا نه اوڏا ڪڏھن، نه ڪو سچ سَلين،
    پنھنجو پاڻ پلين، ٻيائي ٻوليءَ ڪنان.

    اَديون اھڙا آتڙا، رھي ڪن نه رھاڻ،
    ساٿي ھوندن ساڻ، ته مون لئه راتيون رُڪ جون.

    ھڪ ته تازيان تيز ۽ ٻي جا مُنھن مڻيان،
    لکين لائق تن جا، ڪھڙا ڳُڻ ڳايان،
    منھنجو ڌار ڌڻيان، جيڏل جيئڻ جي ٿئي.

    سا تنوارين تات، جنھن ۾ سرھو سڀڪو،
    ڏسيو ڏرن ڏُک ۾، اصل آدم ذات،
    لکين لات منات، ڀڃي تِن ڀورا ڪيا.

    ڪڏھن رھن رُڃَ ۾، ڪڏھن جھاڳن جر،
    ڪڏھن قيدن قيد ٿيا، ڪڏھن ڏيھه ڏونگر،
    ڪڏھن ڀينر ڀر، اچيو رھن راتڙيون.

    ادي سندن اگھه، ڪٿي ڪنھن نه ڪٿيو،
    سرتي سندن سگھه، پھاڙن پُرزا ڪري.

    بُکون باسيائون، سُکن ڪارڻ ساھيڙي،
    واڙو واسيائون، آزاديءَ خوشبوءَ سان.

    کلي کنيئون کريا ڪري ڏک سموري ڏيھه،
    ويھڻ ڪري ويھه، قيد قبولي ھليا.

    سارا سانگيئڙن، سُور کنيائون سِرَ تي،
    جھوري جھانگيئڙن، پيڙا ھئن پاڻ سين.

    کولين کٿن ھيريا، سُوريون سمجھن سيج،
    ڏک ڏکوين ڏيج، کنيئون سِرَ تي.

    ڪُلھن قومي جنگ جا، کنيئون ڪُل ڪتاب،
    ادي ھو اصل کان، ھلڻ سان حساب،
    جوڙي ڏين جواب، ھڪيو ھر ڪنھن ھٿ ۾.

    ڪاڙھو رُڳو قوم جو، ٻولي ٻي نه ٻُجھن،
    وڃن ڪُوڪون ڪندا، جيسين سڏ سُجھن،
    پانچاريا پھچيو وڃن، کيرا جت مُنجھن،
    سڏيو ساٿ کڏين، ڀينر پنھنجي ڀونءَ تي.

    جاڳن تان جلن، سُرن سمھڻ تن جو،
    ھميشه ان حال ۾ ڪارڻ قوم ڪڙھن،
    اھڙو اھڃاڻن، مھنديرا مٽي ويا.

    پُڇيم پائي پانڌ، ڪنھن لئه ڪَٽين قيد ٿو؟
    ڪنڌ ورائي ڪانڌ، ڪئي ڳالھه ڪُڙم جي.

    اھڙو ور وساريان، سو نه مُنھنجي وس،
    ڦوڙائي ڦٽيو ھنيئون، پوءِ به ڪونھي ڪس،
    جيڏل تِن کي جس، جي قيدي ٿيا قوم لئه.

    اھڙا ور وڙائتا، ڀينر ڀاڳين ڀُون،
    حق سدائين حاڪمين، چٽين اکرين چُون،
    ھيٺان ڪاتيءَ ھُون، ته به اکر ٻيو نه اُڪلي.

    انھن جون اَدي، ڳُڻن ڀريون ڳالھڙيون،
    آئون آھيان ان جي، ٻانھي ٻول ٻڌي،
    موران جن مدي، سانڍي ڪانه سرير ۾.

    بيٺا قومي جنگ ۾، جوٽڻيون جوٽي،
    پڪون پون پڙ ۾، کري ۽ کوٽي،
    ماناتو موٽي، شل ڪانڌ منھنجو ڪر کڻي.

    سوڀارا ٿي سُپرين، منھنجا موٽن شال،
    ڏک سموري ڏيھه جا، کڻي ڪھيا ڪالھه،
    ويٺي تن لئه فال، وجھان ۽ واجھائيان.

    پنھنجي قوم ڪروڙ جا، سر تي ساڻن سور،
    ڀينر ٻڌي ڀريون ڪري، ويا ڏوريندا ڏور،
    ھئن مُنھن مذڪور، ته آزادي اکيين ڏسون.

    ڀينر ڀنڻ تان ڪريون، جي گھوٽ ڏسون گھاٽي،
    ھو ته ويٺا قوم لئه، ڪڏھن ڪنڌ ڪاٽي،
    سندن ئي ساٽي، آزاديءَ جو آسرو.

    جيڏل جن جاٽِي، گھوڙا گھڙي تن سين،
    ٻڙي ٻِواٽي، ڪڏھن ٿئي سا ڪانه ڪا.

    سڏي سُورائتن کي، ساٿ ڪيائون ساڻ،
    ارادا انھن جا، جي ڄٽي ڄاڻ،
    پاڻ وڃائي، پاڻ ٿئين گھوري اھڙي گھوٽ جي.

    ھو واپاري ولات جا، سوداگر سُورن،
    پاڻ پڌاري ھليا، پائي مون پُورن،
    کامان ٿي کُورن، ساريون قيدي ڪانڌ کي.

    سودي سوديائون، سور سموري سنڌ جا،
    ٻڌي سي ڪُلھن ڪري، کِڙيا کنيائون،
    آھيون چيائون، واپاري ورھاست جا.

    سانگين ٿيئڙا سال، سھندي سُور سماج جا،
    ڏسي ڏک ڏري پيا، ھيڻن ھارين حال،
    ڀينر مُنھن مقال، ھُين ھميشه تن جي.

    وجھي وڏيرن ونگ، وانگيئڙا ونگي ڇڏيا،
    لُڪن تِن لوساٽيا، اڌ اُگھاڙا انگ،
    رھي اُتي راتڙيون، رچايئون رنگ،
    جيڏل جوٽيئون جنگ، پاران پنوھارن جي.

    ويري ڪن ڍيري، جتي ڏسن ڏيھه ۾،
    نه سي سھن ساڻيھه ۾، جن جي اک ميري،
    چُرن چورن پُٺِ ۾، پاڻ ٿيو پيري،
    اَديون اُڪيري، آئون انھن لئه آھيان.

    جتي ظلم زور، اتي اڏيئون نِجھرا،
    کڻي پير پيرائتا، چٽا ڪئون چور،
    گھورا ڪري گھور، تن ويل ڄاڻ ورائيا.

    ڀاڳيا ڀانئين ڀاڳ، ھاڻو ھڻن ھٿڙيون،
    ادي ھي اتي وڃبو، سانگي ڪن سجاڳ،
    تڏھن موٽن ماڳ، جڏھن جوءِ جاڳي پوي.

    اِنھن آکيرا اُڀ ۾، نظر تائين ناٿ،
    سر تي سارو ساٿ، گڏي آڻين گس تي.

    جڏھن گڏي گس، ڪندا پنھنجي قوم کي،
    تڏھن ھاڻوءَ ھڪڙي، ڏيھه نه پوندو ڏس،
    ٿيندي وطن وس، کِڙندا سج سُکن جا.

    ويا ٿي واقف واٽ جا، ھلي ھلي ھاڻ،
    ڀينر قومي جنگ جي، ڄاڻي ڇڏيئون ڄاڻ،
    اَديون اھڙن ساڻ، لڳيون سي لال ٿيون.

    ڄڻي وجھو ڄَر ۾، تنھن کان ڪيم ڄڻيو،
    پھرين ڳالھه ڳڻيو، ته ڄم بچي ڪيئن ڄر کان.

    چون عورت ذات، آھي کاڄ ڀتين جو،
    ڪيڏو وڏو ڪوڙ آ، ڏينھن کي چون رات،
    ھٿ ھٿن جھڙا، واتن جھڙا وات،
    کڻو ڪاتيون ڪات، اچو ڏيھه ڏيکاريون.

    نڪري اچو نجھران، ڀيڻون ڌڻي ڀون،
    ڪسابن کان ڪوس ۾، جيڪي ڄڻياسون،
    ھاڻي تونھين تون، تکي تند تنواريو.

    ڳائي وڄائي، اچو قومي جنگ ۾،
    سرتيون سر سھائيو، پاڻ پُرين لائي،
    ڌاريون ڦر ڌائي، چوريءَ تنھنجي چال پيو.










    ڪوھ ڪري تون ڪوھ، ڏمرئين ساري ڏيھه تي،
    وڃ وسامي ويھين رھين، ڇڏي منزل موھ،
    ڏر ۾ وانگي ڳوھ لڪيو لٻاڙون ھڻين.

    نه ڪو بم بندوق تو، نه نيزا نه ڀالا،
    ھنيا تو نه ھٿن سين، نه سٺئي سنوالا،
    البت اوڀالا، ڏيڻ مليئه ڏاج ۾.

    ڪيڏي دعوى عزم جي، ڪيڏو پٿر پور،
    ماڻھو ھن مخلوق ۾، مڙئي ناھن مور،
    زرھ ڪنان زور، ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ ھينئڙو.

    تو جي چيٽا چٽڙا، ماڙھو ماڙھو من،
    عمل عقل وچ ۾، اُگھاڙا آھن،
    ڏيئي پڙھن تن، توئي پرھڻ کسيا.

    عمل ري انسان آ، نپٽ اُگھاڙو،
    عقل جو چاڙھو، اُتي آھي ڪِين ڪي.

    نينڊي نسل ننڊ مان، پاڻ گسائين گس،
    ھڪڙا ڏيئي ڏس، وڃي ٻيو ٻي واٽ تي.

    سڀا تنھنجي سڏ تي، ايندو ڀلا ڪير،
    پُوچا ڏيئي پير، ٽوليءَ کان ٽُٽو وڃين.

    جڏھن تنھنجي ڏيھه تي، ڏکن ڀريا ڏينھن،
    تڏھن تنھنجو نينھن، ڏمريو پاران ڏاڍ جي.

    وجھي ٻج ٻنيءَ ۾، سلن ڏنئي سوڪ،
    جي نه مليئي موڪ، ته ھُرلو ھٿان ڇو ڇڏيئي.

    ھلٽ ھيڻو ئي سھي، ھو ته اريجان ريج،
    پر تو ھينئڙي ھيج، ڀيلائڻ تي ڀاڙيو.


    ڪڏھن منھنجا گيت، ڌرتيءَ تي ايئن گونجندا،
    سلا جھڙيءَ ريت، اُڀرن اُٺي مينھڙي.


    شھيد عبدالرزاق سومرو جي عقيدت ۾

    شھيد عبدالرزاق سومرو جي عقيدت ۾

    سنڌوءَ سينڌ سُڪلَ، رت گھُريو راڻن ڪنان،
    بھادر ڏيئي بُلَ، سِر سَھايو سومري.

    سنڌ صدا ھنئي سِرَ جي، چوري چاڙھي چنگ ۾،
    ثابت قدم سومري، آڇيا پنھنجي ننگ،
    مٿو ڏيئي ملنگ، ڏٽي ويو ڏياچ کي.

    سَٺا سنڌ لئه سومري، ڇاتيءَ منجھه ڇُڙا،
    ڪُونڌر تو ڪُرا، ڪائر ٿيو ڪونه ڪو.

    ڪُسي ڪوسو رَت، سورھيه ڏنو سنڌ کي،
    جلندڙ نگر جيجل ۾، سوڍا ڀريئي سَت،
    پوري پاريئي پت، ڪاٽي ڪنڌ ڪُڙم سان.

    تون گھُريو ھن گھوريو، سڏ سان ڏيئي سڏ،
    صدقي ڪيئن سنڌ تان، ھڪل سان ئي ھڏ،
    اھڙن پُٽن پَڏ، سدا ڀل تون سندڙي.

    تو گھُريو ھن گھوريو، وڏا ڏيئي واڪ،
    بھادر بيباڪ، سِرَ ڏيئي ٿيو سُرخرو.

    جنين سَٺا سِر تي، ڦاسيون ۽ ڦٽڪا،
    مُور نه تِن مورن ۽ مانجھين مٽ ڪا،
    پُسائي پٽڪا، مون جھا ڪئين موٽيا.

    ڪيڏو ڏونگر ڏوريو، ڏکيو ڏکوين،
    ڌرتيءَ جي ڌيان تي، ڪا جا ڪل پين،
    جلن ۽ جيئن ، ڏسيو وارو ويسرا.

    جيڪي رھيا جيل، سي سڀ منھنجا سنگتي،
    ھاءِ مونکي ھيل، ڪيئن نڀاڳ نھوڙيو.

    پورھيت پير پدم، جوٺو ٻيو سڀ جڳ ھي،
    سندن دم قدم، آھي ڪارن ڪُلَ جو.

    وڏا ھاري وڙ، ساري ھن سنسار تي،
    حاتم ۽ سپڙ، تنھنجي اڳيان تِر جيئن.

    سنگ سنگ ڏيئي ساھ، کري ۾ کوڙيون ڪرين،
    تو نه سريو گاھ اَن ارھندن ميڙيو.

    لوڪ سڄو ٿيو موڪ، تون ھاري پُڇين ھُرلا،
    رَتَ جي رُتِ نه روڪ، ته تون پڻ موجون ماڻيئين.

    ڏينھن ڏينھن سارو ڏيھه تون ڪيئن رھين رات ۾،
    ڪُٽي ڪارو ديھه، ڪڍين ڪوھ نه ڪُڙم مان.

    ڏوري لھه سو ڏينھن، جنھن ۾ رات نالو ناھي ڪو،
    ناتو تنھن سان نينھن، ڏيئي رت رچاءِ تون.

    کيرو کائي کريا، سمھڻ نه ڏيئندئي سک سان،
    کڻ کاھيون، ٻڌ ڪوڙڪيون ويھه نه وڳ وريا،
    ڇلا مَنگڻ ڇيڪ اڳ، ڀُونڊڻ پير ڀريا،
    سوئر سنگ چريا، تون سُتو ساھين ھڏڙا.

    اُٿي ڇَڙوڇاٽ، ٻَڌ کَڙھَ تي کُڏڻان،
    رکي ٽپ ٽارن جا، ويھه جھلي تون واٽ،
    تون خود آھين توبچي، ڪر ڪُلھي ٿِري ناٽ،
    گولي ٿئي گھوگھاٽ، جيئن پير چوري پٽ تان.

    ڪريو ڪو ڪونڊو، ڪُڙمي ڪُونڌر گڏجي،
    سوئر سنگ چري ويا، پوءِ چٽيندا چونڊو،
    ڀونڊي تي ڀُونڊو، سدا سَھندا سنڌ ۾.

    رک، پنھنجي رک، واڙي واڙي واڙسين،
    جي ڀنڀرڪي ڀيلي ويا، بُک جو ٿيندين بَک،
    پتا ۽ پن ڪک، سانڍ سدائين ساھَ سان.

    جاڳيو سارو جڳ، تون سُتين سري ٻانھن ڏئي،
    ھاڻو رات ھڻي ويا، واري ڪيئي وڳ،
    اُٿو ڦِرون اڳ، لوڙائن کي لنگھه تان.

    ڪنو آھي ڪڻم، جھيرن جھانگيئڙن جي،
    ڪارون بنگلا ڪُرٽي ويا، ھيڻن ھڏا چم،
    ھاري اُٿو ھڪ ٿي، ڪريو ھم نه تم،
    برسائي ڪي بم، وٺون واڳ وطن جي.

    لٺ تي ڏيئي لٺ، ڌارين ڌِڪي ڌار ڪر،
    ويھه نه ھڪ پل ويسرو، وٺ ڪري وٺ وٺ،
    تُرت ھڪالي تن جا، ھوڏ ڀڃي ڇڏ ھٺ،
    ڪھڙا ڪندين ڪٺ، جي وڏا وڳ وري ويا.

    جھوتون ڏين جھنگل، چورن رسا چيلھه تي،
    ٻڌئون مينھن وڇ ٻڪري، ٽِرڪائي سان ٽَل،
    پير لڪائي پُريا، ماري ويا منزل،
    ڪڙون ڪڙي ڪاھي پيئي، پويان ته ڀاڳين گھل،
    جي لڪائيون ڪنھن لل، ته ڀاڳين ڀُنگ ڀري ڏنو.

    چور به ڄڻا چار، پتي پنجاھُ سؤ ملي،
    پر جي پڌرا ٿي پيا، ڀاڳين ڪئي ڀرمار،
    ٿاڻا پُليسون ٿرٿلو، سڪمون صوبيدار،
    پنجھا سؤ مان نه پرچي، ھر ھڪ کان ھزار،
    وٺيندو سڀ وھنوار، ويھي وڏيرن وچ ۾.

    چور به اُھي زور، جي وڏيري وھاريا،
    اشاري تي اُن جي، ڪاھين ڍڳا ڍور،
    اُھي ڪتا بَڇ جا، وجھن جھانگين جھور،
    اھڙا ٻه ٽي چور، ھر وڏيري ھٿ ۾.

    کاٽڙيا، ڌاڙيل، رسمي رساگير ٻيا،
    بِشني، ٺڳ بدمعاشيون، اھي ننڊا کيل،
    وڏا ڪن سي ويل، جي صاحب ھن سنسار ۾،
    ھن جي پيٽ پلاھ تون رُکيءَ تي راضي رھين،
    سنگ سنگ ڏيئي ساھ عيش ڪرائين اُنَ کي.

    ڇَٽَ اھڙي ڇَٽ، جيئن سَلا مورن سڀرا،
    پورو پاڻيءَ ڀاڻ ڀريون، گھوٽ نه ڪجئين گھٽ،
    ويئي ڌرتيءَ وٽ، ته سِڪندين سدا سنگ لئه.

    تڙ تان ڇورا تڙ، ھي گورم ڪنھن جا گڏيا،
    لوٽن لڱ ليڙا ڪيا، ڌُٻي پيو ڌڙ،
    مون پنھنجا ڪِين پياريا، تون ڪرين ويرين تي وڙ،
    ھڪل ٻيا ھڙ، آئون پنھنجا پياري وٺان.

    چوري ويا چري، ساري سيڙھا سانگ جا،
    ويئي ڀونءِ ڀڙڀانگ ٿي، جا ھميشه ھَري،
    تڙي ڪڍون تر مان ، نه ته ٿيندي ڳالھه ڳري،
    پئو ماڳ مري، پر ڦر نه ڦِرڻ ڇڏيو.

    مِڙ ڏيئي ڪڍ مڙ، ڪا پونچاٽيل پاسي نه رھي،
    کائي، کل سائي ڪندي، پوءِ نه ڇڏيندي پِڙ،
    ٺَلھه تي ٿيندي ٺِڙ، ھي آھي ذات حرامڙي.

    وڏيري جو وير، قائم پنھنجي قوم سان،
    ڌارين جا ھن ڌرتيءَ تي پُختا ڪن جي پير،
    اھڙا ڀاڙين ڀير، ڌٺاسون ڪئين ڏيھه ۾.

    ڌرتيءَ جا ڌاڙيل، پريان ئي سي پڌرا،
    ور ور ڏيئي وانگين سان، تن وڏا ڪيا ويل،
    مانجھي ڪريو ميل، ته ڏاڍُ لاھيون ڏيھه تان.

    ڄاڙيم بڪ، لٻاڙ، آھي وڏيري ورثو،
    پنھنجي ھڻي، پنھنجي کڻي، پنھنجي وات ولاڙ،
    جي سانگين سيني ساڙ، سي ٻڌڻ کان ٻرو چڙھي.

    صبح، سانجھي، شام، پيٽ بکيا ڪن پورھيو،
    بگھڙ ميڙي ڪن بڀ ۾، ھڻن روز حرام،
    اھو جي اسلام، ته ٻيلي پنھنجي بس آ.

    پيتو رت پورھيت، درندن دوکو ڪري،
    آڙ وٺيو اسلام جي، پاڻ بچائڻ پَت،
    تن لُٽيرن لعنت، جن آھي ڏيھه ڏڪاريو.

    اوڏانھن اَڏين نِجھرا، جيڏانھن وسي وس،
    وڏيرا ھن وطن جا، ڪنھن پر سھن نه ڪس،
    وارث والي قوم جا، ھي پُرين کان پس،
    ناھي سگھي نس، ڪميڻن جي قوم لئه.

    ويھه، وڏيرا ويھه، تولئه ماڙي مالڪ موڪلي،
    ھارين مڪئين ھر، ۽ ٻيو بُک جو ديھه،
    تون اُڏا، عيش ڪر، تو ڏي ڪمائي ڏيھه،
    کاءُ تون کنڊون گيھه، اسين رُکيءَ تي راضي رھون.

    ڪارو ھي قانون، جيئي ڪيئن نه جڳ ۾،
    پيئي رَتُ پورھيت جو، خوراڪ آھس خون،
    ھڻن ان ھٿيار سان، ڌاڙا گونان گون،
    چوري ڪريو چُون، ملڪيت مالڪ موڪلي.

    کاتا مِڙ ئي کاتا، ڪھڙا کاتا کوليان،
    وزير کان سوار سڀ، پرکيم پنج واتا،
    سڀن جا اِن سودي ۾، نينھن ڀريا ناتا،
    سڀيئي ساکاتا، ڏٺا ڏيھَه اکين سان.

    ڦٻي تن کان ڦر، سدائين سماج جي،
    بيڪارن جي بُر، ھاري ڀرين ھٿ سان.

    آھي ڪينسر قوم ۾، وڏيرڪو وجود،
    ڪيا جنھن قوم جا، نسل ڪئين نابود،
    شاھد ۽ شھود، آھن ھارين حالتون.

    وڏو آھي وِيھُه، وڏيرڪي وجود ۾،
    ڏنگي ساري ڏيھه کي، تن سِڪايو ساڻيھه،
    منجھان گولپ گيھه، پيئو ٿو پوريون ڪري.

    ڏينڀُو ڏينڀُو ڏيھُه، چِڪين چارئي ڏِسيون،
    ڇت، ڇپر ڇڙيا وتن، ناھي ڇَٽن ڇيھهُ،
    ور ور ڀري وِيھهُ، ڪرڙيئون ساري قوم کي.

    اصل آھي ڪرڻو، انھيءَ جو علاج،
    ھر ڪا ٻي پوءِ ھاج، سولي آھي سنڌ ۾.

    اھي اُٺ پکي، نه اُڏار ۽ نه بار جا،
    انھن ڪارن گورن کان، گولپ گپ مکي،
    انھن ڪانه چکي، انبي آزاديءَ جي.

    سمجھي رڙا راڄ، تو ڪلوڙن ۾ قيد ڪيا،
    کڳمارا کاھڙ ۾، تو کاڌا ڪئين کاڄ،
    پکين پکڙجي وئي، وڏيرا تو واڄ،
    ڪنھن ڏينھن ڇني ڇاڄ، ھاري حويليون ھٿ ڪندا.

    ھتي لوڪ لنگھڻ، تون ڀت ڀتين تان اُڇلين،
    ڏيھي مرن ڏُڪار ۾، تن ڌاريان مڙھيا ڌڻ،
    وڏيرا وڻ وڻ، واڪو تنھنجي وقت جو.

    اُٿيا افلاطون، ھاڻ نه بچندئي بنگلا،
    ليکو ليکي سان ناھي، خون بدلو خون،
    گُڙيا گوناگون، ھارين جھنڊا ھٿ ۾.

    گولپ ڪندي گُذريون، توکي سن صديون،
    اڃا ميٽيون ڪِين ڪِي، تنھنجي باب بَديون،
    تنھنجي مُنھن مَديون، پاڪُ وڏيرو پاپ کان.

    سِڪن ۽ سَھڪن، کاٽائون کاھڙ سَندا،
    ڌارين ڌاڙيلن، ڏوٿين ڏيِلُ ڏنجھا ڪيو.

    ڏيئي ڏيئي ڏَڌا، مارين مارُو ماريا،
    وتن پنھنجي وطن ۾، ٻاٻاڻا ٻڌا،
    لاکيڻن لڌا، آزاديءَ جا اولڙا.

    ويرين واري ونگُ،وڌا ويڙھيچن کي،
    نه ڪا چُون پچار ٿي، نه ڪي چُريا چنگ،
    گھوٽي گھاٽي ڀَنگ، ڪنھن پياري قوم کي.

    ڏٺم ڏيھا ڏيھه، ڏوٿي ڏکن ڏُٻرا،
    ڌارين ڌرتيءَ تي ڪيو، وِھن ويچارن ويه،
    گُرگ پيئنِ، گيه، ڌڻي ڌوڙن ڀُلڪيا.

    جن نه پلجي جوءِ، سي به اسان تي آڪرا،
    ھِتي ھرڪو چوءِ، ھيرن کاڻيون ھُتِ مون.

    اھڙن سان اُھڃاڻَ، ڏسان جڏھن ڏيه ۾،
    اندر منھنجو ائين جلي، جيئن باھ پُراڻي ڀاڻَ،
    ڄرون ڏيئي ڄاڻَ، منھنجو تَن تپائيو.

    ڇِتا ڪُتا ڇيڪ، ڀُچر وتن ڀُونڪندا،
    جيئن وڏيرا قوم ۾، نالي سندا نيڪ،
    مُنھن سبيا ڏئي ماڙُھين، ڪُتن ڏنئون ڪيڪ،
    انھن ئي انيڪ، سوئر سانڍيا سنڌ ۾.

    مارُن مڱيا ڏينھن، پر ڳڙن ڳوٺ ڳڱاٽيا،
    ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ، آيا اباڻن تي.

    ٻڌڻي ڪونه ٻاولا، گنجو پيو گُڙي،
    جٿو جوانن جو، مرڻ کان نه ٿو مُڙي،
    ھي راکا رت ڦُڙي، پلئو وٺن پاءَ سان.

    ڪھوڳن ڪھاڙيئين، جھنگ جنين جو ننگ،
    پاڻ متارو پڌرو ڪرين، جوتي تن سان جنگ،
    انگ انگ اندر انگ، ھي سرِجنديئي سکيا.

    سنڌوءَ سدا سانڍيا، سوڍا پُٽ سڌير،
    اندر ٻاھر اُجرا، اڇا جھڙا کيِر،
    مِٺن سان ماکيان مٺا، ڪڙن لئه وھ وير،
    پاڻ ئي ڌرتيءَ ڌير، پاڻ ئي ڌرتيءَ جا ڌڻي.

    ڦورن ھٿ ۾ ڦانڊ، ڌرتي ڏسي ڌڪ چِڪيا،
    جيئن سُئي مڇي ڪانڊ، لڳي ڦٿڪي نه مري.

    جيئن ڄوي ڄم ۾ ڄم، تيئن ڪارا فرنگ سنڌ ۾،
    ٻنھين ساڳيو ڪم، راتو ڏينھان رت سين.

    جلان ڏسي جلان، ڌاڙيلا ڌرتيءَ مٿي،
    ھيڏي آھي ھلان، ته به کاھڙ سڄو کونگھرا.

    ڌرتيءَ مٿي ڌم، ڌارين ڌاڙيلن جي،
    اٺئي پھر اندر ۾، غلاميءَ جا غم،
    صدين کان سھم، سانگين سٺا سنڌ ۾.

    سنڌ سڄي آ جيل، جڪڙ جِٿ ڪِٿ جھانگين ،
    وانگين مٿي ويل، چارين چوڌاري ڪيا.

    ٻَرن ۽ ٻَڙڪن، مارُو ھر، ڪنھن مُند ۾،
    ڪوسيءَ منجھه ڪُپاڻيا، ٿڌيءَ منجھه ٿڙڪن،
    ويڙھيچا وڙڪن، سدا گُوندر گڏيا.

    نيڻن نظارا، ڏٺم ڏکوين جا،
    سدا گڏيل گوندريون، مارُو موچارا،
    پسي انگ انھن جا، اُٿن اوٻارا،
    وانگي ويچارا، ڌاريان اڄ ڌڻي ٿيا.

    مون کان ٿا پُڇو، ته ڪيئن ٿو ڪاٽين جيل ۾،
    جي سرئان سُور سرير ۾، ته ڪر ڪِين ڪُڇو،
    لئون لئون ھوند لُڇو، جي سمجھو سُورَ سنڌوءَ جا.

    مون کان مارن ماءُ، جھيرن آھي جھِنجھوڙيو،
    گھنگھر گھارين سھندي، گھاون مٿان گھاءُ،
    جيئن جنين لاءِ، جھنم جھڙو جڳ ۾.

    سنگھارن کي سيڪ، اَلا اچي مَ ڪڏھن،
    بيدي رھن بند ھي، ڇُٽي رھن ڇيڪ،
    ھو نسورا نيڪ، ويساھ وِسھي وڪوڙيا.

    جبل جيڏا جل، جيڏا مون جگر ۾،
    ڪريان وس وساڻ جا، ٻيڻا ٻرن ٻَل،
    گھوڙا ھيڏي گھل، سر تي سانگيئڙن جي.

    جيڏا، جيڏا وڍ، آھن مون اندر ۾،
    شال نه ڪنھن جي ڪڍ، ايڏا ھُونِ اڻ ميا.

    ٻارڻ ائين ٻَرڻ، اندر منھنجي آڪرا،
    جيئن باھ جھوني جھنگ کي، لڳي سر سڙن،
    ڀنڀٽ ڪيو ڀڙڪن، سيني سُرَ سنڌوءَ جا.

    پراين، پنھنجن ڏنا سُورَ سنڌوءَ کي،
    چَڪن ڏسي چاڳلي، منھنجا چاڪ چِڪن،
    ٺڳن ٺڳيو ٺل تي، سدا سانگيئڙن،
    وارو جي ورن، ته ھاڻو رھي نه ھڪڙو.

    مگر منھنجي من، ٻرن ٽانڊا ٻاٻرا،
    مون کي ڄاڻ ڄرون ڏنيون، سنڌوءَ جي سُورن،
    جيئن منجھه جيلن “منشي” وڏو مامرو.

    پوڄيو پنوھارن پوڄيان، جن سان جڙيو جيءَ،
    ڪوسيون لُڪون قوم تي، ٻيا پارا سيءَ،
    اچي ويرن ور ۾ ويئي وانگين ويءَ،
    تن کي لڄ نه ليھه، جي ڌُڙا ڌاڙيلن سين.

    ھٿين ھٿ ڪڙيون، منجھن سڻڀيون سنگھرون،
    آزاديءَ جي آسري، اٿم جان جڙيون،
    ڪندي رات رڙيون، جڏھن ايندو ڏينھن اُھاءِ سان.

    لڙھيون اڄ لڙيون، ارتي سنديون اکين مان،
    ڦري ڦٽ ڦاٽي پيا، پسي قوم ڪڙيون،
    ڏٺم تن تڙيون، ته به رھيون نه روئڻ کان.

    اَلا منھنجا انگ، ڌُٻڻ ڇو ڌرتيءَ مٿي،
    سُڻان سر وڃڻ جا، چوڌاري پيو چنگ،
    جوڌا وڏي جنگ، ڪڙڪي آئي ڪنڌ تي.

    کٿن کانئي کل، کولين کامان ڪيئن ڪُڇان،
    ٻاھر ٻاٻاڻن تي، ڪَڙا قيد ڪُفل،
    ڪُل کي ڪھڙي ڪَلَ، ٻنھين پارين ڇا ٻري.

    وھڻ مون لئه وِھ، سُمھڻ ھلڻ سُور ٻئي،
    جيئن سوراخون بھه، سِينو تيئن سڀ سَل ٿيو.

    نِير وھائي نيڻ، ڦلڻان ٿي ڦاٽي پيا،
    جيئن ڪر بتي ميڻ، پگھري پڇاڙي ڪري.

    جيجل مون جيءَ جل، ٻاڦون نڪري ٻڙڪيو،
    سُورن تنھنجي سنڌڙي، سيني ڪيا سل،
    جيئن پکي اڌ ڪٺُل، ڦاسي ڦٿڪي نه مري.

    سوين سنڌوءَ سُور، ڏنا مون کي ڏيج ۾،
    پارڻ پيا ضرور، ڪنھن پر ڪنڌ ڪڍائيان.

    مٽي سان مِٽي آھي جن ازل کان،
    ڪن سي ڪيئن ڪِٽي، ٻارن جيان ٻار ٿي.

    ڌرتيءَ سندي ڌُوڙ، سرس مون لئه سون کان،
    پرکي ڇا پروڙ، ، مٽيءَ سندي مان کي.

    سا مون ڌرتيءَ ڌڄ، مھڪ جنھن جي مُشڪ جي،
    مادر مٽيءَ اڄ، ڪيئن ولاتون واسي ڇڏيون.

    جيڪو جيجل ڏسيو، سو نه پروڙيم پنڌ،
    ڪھڙو کڻان ڪنڌ، مُرڪي مھندان ماءٌ جي.

    نه ڪانگي نه وانگي، نه وارُو ڪو وِلھيءَ جو،
    ڀُڻڪو سُڻان نه ڀونءَ ۾، سُتا سڀ سانگي،
    جاڳيا ھُلَ جگر ۾، جيءَ گھمي جانگي،
    ٻوليندڙ ٻانگي، ٻُوٿ ٻَڌي ٻوڙا ٿيا.

    ڪنن ڪپھه اکين کوپا، ٻوٿن ٻُوٿاڙا،
    جھڙا ڪر اٺ جوڳ جا، سدا ستاڙا،
    سيني ۾ ساڙا، پر ڪيٻائين ڪُڇڻ کان.

    سڪ منجھاران سڏ، ڪيم ڪونڌر قوم جا،
    اچو ويھي ورھائيون، گُوندر سنڌوءَ گڏ،
    ھڙيئي آھيون ھڏ، جي گڏجون ته ڪو گس ٿئي.

    جھانگيئڙن جھيرون، جھُرن جھڄن منجھه جھوپڙين،
    متان “منشي” سمجھين، تن جون تقصيرون،
    ڪاساين ھٿ ڪات ٿا وجھن تڪبيرون،
    جنين جون ڌيرون، تن ئي ڪُٺو قوم کي.

    ڇڪليون ڇڪي، ماڙھو لاھيو مُنھن تان،
    ساٿي ساٿي سڏ کي، ڪيسين سنڌ سڪي،
    جو اندر چھڪ چڪي، سو وڏي وات وتاڙيو.

    اندر آ ڪيڙا، پائي پيچ پريت جا،
    لاھي سڀ ليڙا، اُٿيا سي آجا ٿيا.

    بڪ بڪ، بڪ نه بڪ، ھتي راند آ رت جي،
    جي وڙھين تان ويھه تون، نه ته ڪر ٻين ڪڪ،
    نڪر وڍائج نڪ، ته سُڃاڻڻ سولو ٿئين.

    سُور سدائين سنڌ، سَٺا ڌارئين سڱ ۾،
    سُڪائي ساڻا ڪيا، سُورن جنھن جا سنڌ،
    ٻريو، ٻڙڪيو، ٻاڦون ڪڍي، ھيڻي ھر ڪنھن ھنڌ،
    ڪڏھن کڻندا ڪنڌ، ويرين مٿان واھرو.

    ڌارين کي ڌوئي، جنھن ڏنا سجائي سانگ،
    تن ڀيلي ڪيا ڀڙڀانگ، ڀُنگا ڀيڻيون ڀاڳيين.

    سنڌ ۽ فلسطين، اکر ٻئي ھيڪڙي،
    ھُت يھودي پڌرا، ھِت مُنھن ۾ مسلمان،
    دل ۾ ٻنھي دين، ھڪڙو آھي ھوُبھُو.

    ساڳي صورتحال، سنڌ ۽ فلسطين جي،
    ٽانڊي کڻندي بورچي، دنيا جي جنجال،
    وانگين تي وبال، ٻنھين پارين ٻريا.

    سوگھي سنڌ سَنگھر ۾، مارُن تي مارُون،
    ٻُڌئي ڪين ٻيڙين ۾، ٻر ٻر ٻاڪارون،
    ڪُٺل ڪُوڪارون، پيئي ڪري پُٽن کي.

    سوگھي سنڌ سنگھر ۾، ڏکيا مٿس ڏينھن،
    جالي جيجل جل۾، سُک اچي ٿو ڪيئن،
    اُتِ نڀاءِ نينھن، سوڍا، سر ڏئي سنڌ تان.

    رات به ٻُڌم رڙ، سنڌوءَ سوڍن سڏ ڪيا،
    ورو ڪري وڙَ، چِکيا چاڙھين چور پيا.

    سوگھي سنڌ سنگھر ۾، سوين ٿيئڙا سال،
    وڄي پيئي ويرين جي، ڌرتيءَ تي ڌمال،
    ڇورا ڏيئي ڪو ڇال، امڙ کي آجو ڪريو.

    سوگھي سنڌ سنگھر ۾، لکين لڱن لوھ،
    اُٿي پنھنجي امڙ تان، ڊاھيو ڊوھين ڊوھ،
    ڪنھن کي ڏيندا ڏوھ جي سڙي مُئي سَنگھرين.

    سوگھي سنڌ سنگھر ۾، ٻيڙين ۾ ٻڙڪي،
    ڦورن ڦڦڙ ڦٽيا، ڦٿڪي ۽ ڦڙڪي،
    سُورن ۾ سڙڪي، وارو ڪو ور ڪجا.

    ڪڍو سنڌ سنگھر مان، مان سورھيه ٿي سُڃان،
    رکي سر سانڌاڻ، مُترڪن کي مانُ ڏيو.

    ڪڍو سنڌ سنگھر مان، کڻي بم بندوق،
    ھر ھنڌ پوري ھاڪ، وونڪا اھنجي ويڙھ جي.

    ڪڍو سنڌ سنگھر مان، ترت ڀڃي تاڙا،
    وانگين جا واڙا، اُڀونين اکائيا.

    ڪڍو سنڌ سنگھر مان، ڇڏيو ننڊ نڀاڳ،
    ويرين ھٿان واڳ، وٺو پاڻ وطن جي.

    ڪڍو سنڌ سنگھر مان، ھڻي اڄ ھوڪا،
    ڌارين جا ڌوڪا، ڌرتيءَ تان ڌوئي ڇڏيو.

    ڪڍو سنڌ سنگھر مان، ڇورا کڻي ڇيڻيون،
    ڀُنگا ۽ ڀيڻيون، ڀرم ڀاڳيئڙن جو.

    لاھو ڪٽي، لوھ ڪڍو سنڌ سنگھر مان،
    ڪري وارو ويرين تي، ڇورا ڇَنڊيو ڇوھ،
    ڪنھن کي ڏيندا ڏوھ جي پير ڪَڙيون پئجي ويون.

    باغي کڻ بندوق، بم به ٻڌج بيٺ سان،
    ويرين اھڙو وارو ٿئي، جو ھر ھنڌ پوي ھاڪ،
    مانجھي سو ملوڪ، جو سنگھرون لاھي سنڌ تان.

    ھل حلالي پٽ، ميران پور معرڪو،
    آيا پُٽَ، اکٽ، سُڻي سڏ سنڌوءَ جا.

    چري اڄ چُري، ڏُک سڻايل ڏِيل جا،
    حلالي ھوڪا ھڻي، ساٿي ٿيا سُري،
    تن ڇڳيرن ڇُري، ڪنڌ قبولي پانھنجي.

    ڇوري جنھن ڇاتي، پيتي پنھنجي ماءُ جي،
    مٿي ڪنڌ ڪاتي، سوئي سھندو سنڌ لئه.

    ٿُڪي مادر ٿڃ، چُوپي چُسڪا چار جو،
    مُور نه تنھن کي مَڃ، جو کريو امڙ کير کان.

    نئين نسل جا نينگرا، ڄامشوري پُل،
    مُنھن ٽانڊاڻا ھوڪرا، ڳاڙھا جھڙا گُل،
    اصل سي بي مُل، آزادي لئه آتڙا.

    نڌر نڌڻڪا نينگرا، وات اچي ويا واگھه،
    گھوري جنھن گھاگھه، ڳيت ڏيئي ڳڙڪائبا.

    نئين ٽھي نڪتا، ڦليليءَ جي ڦاٽ،
    گھاڙيٽو ۽ گھاٽ، جھڙا پُٽ ھڪ پيءُ جا.

    نڌر نڌڻڪا نينگرا، ڪيسين نڌڻڪا،
    مروڙي مَڻڪا، ڀَڃي ڇُٽندا ڀُوت مان.

    نڌر نڌڻڪا نينگرا، مٿان جھولا جھڪ،
    پوري اٿم پڪ، جھاڳي چڙھندا جھريون.

    ڀونءَ ڀلاري ڀيٽ، چڙھيا جيڪي چاھ مان،
    تن جي رت رِجائيا، ڪئين ڪيٽيون ڪيٽ،
    تھان پوءِ ڪتيون چيٽ، آجا ٿيا انھن جا.

    نونڌيين چاڙھيا نينگرا، جنھن پنھنجا قوم ڪالھه،
    اچو پُڇون انھن کان، آزاديءَ احوال،
    لاٿي پِيڙ پُرين تان، جن ڏيئي لھو لال،
    اڻ ڳڻ ڳُڻن ڳالھه، آھي سدا تن جي.

    ڪوپا تئين منجھه ڪُوپ، جيئن پاڏا سانَ پِڙ ۾،
    سوني روپي رُوپ، منھن ڄڻ ٽانڊا ٻاٻرا.

    جن جا ويا جنگ، سي مَر مَرڪن مائرون،
    تن جا مُنھن منجھه مارڪي، کڙھن کُنھنبي رنگ،
    ڏيھه سڄي تان ڏنگ، جن ڏُور ڪرڻ لاءِ ڏوريو.

    اُٿي الله توھار، متو آ ميدان اڄ،
    مائن ڪيئي موڪليا، ڪوُپا پُٽ قنڌار،
    آھي آزاديءَ جو، جھيڙو ھي جھوُنجھار،
    سنڌڙي جا سينگار، ڌرتي پرتي آھِ تو.

    ڏيئي تنگ تڻي، وجھه، تون سَنج سنجاف تي،
    ھاڻُو تنھنجيي حد ۾، آيا ھوڏ ھڻي.

    ڌُر گڏيا اڄ ڌرتيءَ تي، ڌاريان ۽ ڌڻي،
    ٿجئين پير پڻي، متان ماءُ لڄائيين.

    پٽم تو پاليم، اصل انھيءَ آسري،
    اچين شال ڪُڙم کي، ڪِلي ويلي ڪم،
    جيسين پاڇو پت جو، جاني موٽين جم،
    مٿان سنڌ سھم، لاھج رت جي راند سان.

    وڙھ ۽ تون رِڙھ جيسين سگھه سَرير ۾،
    ساجھر کڻي سِڙھ ساندارو ڏي سِير مان.

    ڪارا فرنگ ڪڙڪيا، متي مياڻي،
    پٽڪي ور پھچي وڃو، ٿي رت گھري راڻي،
    لوڙائن جي لشڪر ۾، گھوٽ وجھو گھاڻي،
    متان سڀاڻي، ھونئان ڳٽ ڳچيءَ ۾.

    ڪَپ کڻي تون ڪَپَ، جَڙون جابر جڳ مان،
    رتو تنھنجو رت پي، ساماڻا جي سَپَ،
    ڌرتيءَ مٿان ڌَپَ، ڇڏ ڌوئي ڌاڙيلن جي.

    اڏيا اُڏوھي، کائي تو کوکا ڪيا،
    تون تِتر ٿي تنھن کي، ڇڏ ڌرتيءَ تان ڌوئي،
    ڪِٿِ نه ڇڏ ڪوئي، نسل نڀاڳيءَ جو.

    ھوندي ٻل نه ٻر، تڙڪو تيز اڄ تڙ تي،
    پُڇين ڪھڙا پاتڻي، ڇورا اُڀو ڇر.

    تُرھا تن ترڪ ڪئا، جن جي جوش جگر،
    پسي جر نه ڏر، ھٿڙيا ڪئين ھُن پار ويا.

    ھلو ھلو جھوڪ، مَتو پيو ميدان آ،
    نه ڪي رنڊ نه روڪ، جيڪو ھڻي سو کڻي.

    ڪُٺل ٿيو ڪَٺا، اُھکا ڏينھن اڳي اڃان،
    ھي تان ڪونه حساب ۾، جي آن سھم سَٺا،
    ٿيندو بت بٺا، جي ڇورا رھيا ڇيڳرا.

    جاڳي جڳ ۾ جيءُ، سُتن سَريون سَنگھرون،
    جُڳ جُڳ جيئڻ جنھن ۾، سو پيالو پيءُ،
    تن کي لڄ نه ليه، جن چينن اندر چين ڪيو.

    چينن اندر چين، ڪيئن تو اچي ڪوٽ ۾،
    ساھي ڪڍ سڱين مان، سِر ڏيڻ جي سين،
    رت گھُري ٿي رين، اڇي ڏينھن آزاد لئه.

    پري کان ڏس پڌري، پرھ کنئي باک،
    ڏئي ٿي ڏيھين کي، سون ورني ساک،
    اُٿي اکيين آک، سُتن سور پرائيا.

    امڙ مُڪيون اڄ، گاڏيون ڀري گوندرين،
    سَھي ڪَرٽ ڪنڌ تي، لوئي رکج لڄ،
    واجي وانگر وڄ، ماٺ گھڻا ئي ماريا.

    ماٺ گھڻا ماريا، متان ڪريين ماٺِ،
    ھاڻن ھيري ڏاٺ، وانگي ويرين وات ۾.

    ڪُڇندڙ قابو ڪاٺ، پر ڪُڇڻ نه ڇڏجئن ڪڏھن،
    ڳھر ڳالھائو ڳاھيا، اڳي آھي اڻاٺ،
    سِڪ مان سنوڻ ساٺ، سانگين لئه ساڱاھ تون.

    ڪوُنڌر ڪُڇ نه ڪُڇ، پس قوم ڪنڌ تي ڪاتيون،
    پورھئي پيٽ پلا ڪيا، پير ڀري تن پُڇ،
    لوھ لوساٽيا لِڱڙا، ساري لويئڙ لُڇ،
    ويريءَ وَٽي مُڇ، ڪوس وڌو آ قوم ۾.

    ڀوڳ نه ڀانئيو ڀاڳيا، ڌرتيءَ ڌاڄ ڌڻي،
    آنکي ننڊ نِھوڙيو، آھي ڳھر گھڻي،
    پر جي، پير پِڻي، سُڀا ٿيندا سنڌ ۾.

    پر پيا ڪن پَر ۾، پنھنجا پڪا پير،
    رکيو اچن راکن سان، من سدائين مير،
    ساڳيان سسئيءَ ڏيرَ، دوکو ڪندا دام ۾.

    جي وڍين تان وڍ، ھينئر جھنگ جھَڪو اٿئي،
    کڻ ڪُھاڙي ڪچيءَ ئي، ڪپي پاڙون ڪڍ،
    ڏيئي ھنئين ڏڍ، ويٺين تان ورسئين.

    جان تو سَريا سُور، سيني سھم سانگيين،
    تان تان سَھڻيون سوڍڙا، زنجيرون ضرور،
    جيسين نکري نُور، سج نئون ڪو سنڌ تي.

    سدا ڪج سچي، ڪوڙو مرض آ ڪوڙھ جو،
    چئي سچ سوريءَ تي، نانگا چڙھ نچي،
    پڪي پار پريتڙي، ڪجئين ڪِينَ ڪچي،
    راھو رنگ رچي، ھل ته ھِتِ ھڪ ٿئين.

    ھي تان ڏُکن ڏک، سيج نه آھي سُکَ جي،
    ساٿي پھرين سنڌ لئه، سِرُ ڏيڻ تون سِکُ،
    پوءِ وڌائي وک، وونڪا واھر ويڙھ ڏي.

    آزاديءَ جي آس تون، رکين تان ڏي رت،
    سوڍا سِر تريءُ تي، وڙڪائيندو وت،
    پوري پارج پت، وارث دودي ديس جا.

    سنڌوءَ ڪاڻ سنڌي، سڌون سوڍا ڇڏ تون،
    ڏس نه حوس ڏس ۾، اصل جيئن انڌي،
    کاھڙ جي کنڌي، سر ڏيئي نڀاءِ تون.

    سوکڙي ڏي سِرُ، سوڍا پُٽ سنڌوءَ کي،
    سانڍي سَڌون ساھ ۾، ھاريا ائين نه ھِرُ،
    منان سڀ مِکرُ، مار ته منزل ماڻيين.

    ساٿي سَڌن سنڌ، آجي ٿئي نه آزار کان،
    جيسين پنھنجي جند، گھوري نٿا گھوريو.

    واڳونءَ ھٿ واڳون، ڍولڻ ڪيمَ ڍريون ڇڏيو،
    ماري تون مارين کان، موٽائج ماڳون،
    ڀوڳڻ نه ڀاڳئون، ھيءَ آھي صفائي ھٿ جي.

    ادا انقلاب، آھي نه ماکي اَڪَ جي
    ڳاڙھو رت آ ڳاڙڻو، جھڙو گُل گلاب،
    جي اکين ھارين آب، سي پڻ سکيا سڌڙيا.

    روئڻ ريت ڪريت، کِلڻ کرين ڪم،
    جڳ ۾ تن جي جيت، جن جوٽي جنگ جبر سان.

    وڃي پيو وڌنڌو، گھيرو تنھنجي گھر تي،
    سلو سوڍا سُور جو، سُتي تو سُرندو،
    وپاتو ورندو، ٽڪر ھڻي ٽوڙ تون.

    ھڻ مصلحت کي موچڙو، اٽل عزم ڌار،
    سائي تند تنوار، جنھن جا جڳ جاڳي پوي.

    نينھن ڀري ھي نينڍ، سچا ساٿي سنڌ جا،
    ڳائي مارئي سِينڍ ڪنھن نه جڳ جاڳائيو.

    قربن ڀري ڪوٺ، مانجھي منھنجي ملڪ جا،
    جيڏا اچو جاڳائيون، منجھان ڳھرن ڳوٺ،
    راڻا ڌرتي روٺ، ريج گھري ٿي رت جو.

    ڪھڙيون قوم غلام جون، شانَ ڀريون شاديون،
    جيسين ھاڻُن ھٿ ۾، وانگين جون واديون،
    ادا آزاديون، ملن ميڙاڪن سان.

    وڄاءِ واول، ڪڍ نه دُھل ڪَنڌ مان،
    مياڻيءَ آھي ملاکڙو، مِڙيا ڪيئي مَل،
    جاڳاءِ ڏيھه ڏونڪا ھڻي، جي لنگھا تو ۾ لل،
    در در جھول ۾ جھل، ھتي لک آ لک جي.

    گڙاءِ گرنار، ڪشي وڄاءِ ڪينرو،
    راڙو رنگ محل ۾، ٻُڌجي جيئين ٻيھار،
    جھونگارائين جھوُنجھار، جيئن جھونا ڳڙھ جھڪور جي.

    ڦِڪا پَسي ڦل، ڪئين ڇڏي ويا ڪينرا،
    وٺي پِن پاسي ٿيا، پيٽ ڀريائون پل،
    جيءَ جنين جي جل، ڪنڌ تنين جا ڪينرا.

    جھاڳي جھونو جھنگ، تڙي ڪڍي ڏيو توپچئين،
    باقي بلا نه رھي، ڪو ننڍو وڏو ننگ،
    ٿِج نه تاڙو تنگ، جاسين جُو جُو جُوءَ ۾.

    تنھن شڪاريءَ شاباس، جنھن مھمانيءَ ماريا،
    ڪجا ڪُنڊ ڪُڙڇ مان، نسل نِھاري ناس،
    وڃائي وماس، ڳولي مار ته ڳالھه ٿئي.

    جيئن گھُرين جڳ ۾، گدڙ ٿي مَ گُذار،
    موٿون لوڙھون منڍڙا، کائي ٿي مَ خوار،
    ڪر ڪر تازي ماس لئه، شينھن ساڻ شڪار،
    لڳي جو ھڪورا، ته تانگھه نه رھي تونئڻ جي.

    کڻ ھاٿيءَ تي ھٿڙا، ماڪوڙيون مَ مار،
    جوکو جنھن مان جان جو، ساري سڀ ڄمار،
    آفت سان اُجگار، مار ته مانائتو ٿئين.

    ڇَنو نه ڇِنو، ڪايا پاڻ ڪِري پيا،
    لاٽڻ سان ليٽي ويئي، جنھن تو ڏڍُ ڏنو،
    ٻُندڻ ٻُر کڻي ويئي، ٿوڻين ڀيءَ ڀنو،
    ڪيسي ايءُ ڪنو، وکندو واتورين تي.

    ڇِنو ڇڪي ڇن، جو اُڏيار اُبتو اَڏيو،
    وڏو اڌ ويو واءَ کڻي، جنھن کي رسيا جن،
    ڪِري ڪندو ڪِن، مٿان مُند آ مِينھن جي.

    رکي من ۾ مير، اڏيارن اُبتو اَڏيو،
    پاڻ پڌاري ھليا، ويھي منجھه ڪا وير،
    پوين ھڪڙو پير، سري نه ڇانوَ ڇپر جي.

    تاڙِي اڄ تاڙي، آجي موسم مينھن جي،
    ٽاري ٽاري ٽپ ڏيو، ڪوڪي منجھه ڪاڙھي،
    رت تن رئاڙي، جل جنين جي جيءَ ۾.

    سِکي ڪين سُکي، راند ڪڏھن رت جي،
    ڳاڙھو جھنڊو سا کڻي، جنھن جو ڏِيل جي ڏکي،
    چڱن ھٿ چُکي، جي ملي ته ماَنُ لھي.

    قبولين ڪڙيون، جي غلاميءَ جون جان تي،
    اھڙيون بي وڙيون، ڪٿ نه منھنجي ڪُڙم ۾.

    اسين ڇُلون ڇيڪ، واڙ نه منھنجي وطن ۾،
    سِڱر جن جي واڇ، ڌُوتين جي ڌُتار تي.

    ھر ھڪ ڌرتيءَ ڌيءَ، مارئي منھنجي مُلڪ جي
    سھم سَھندي سِرَ تي، جاٽُون مٿي جيءَ،
    ٿاريلياڻي ٿي، اواٽان نه اوجھري.

    ڀيڻن مُڪا ڀاءَ، سُڻي سڏ سنڌوءَ جا،
    ٻاڳھين جي وياءَ، مُڙن ڪِين مرڻ کان.

    ٻَڌو رکڙيون راک، ڀينر پنھنجي ڀائرين،
    سدا سنڌوءَ ساک، آھي سوڍن سِرَ سان.

    اَديون ھي الان، لاشڪ اُٿيا لاڙ کان،
    ڀينر نه ٿي ڀُلان، ته نئين ٽھي ٻارڻ ٻاريا.

    سنڌ سسئي جيئن سُور، سَٺا ڌارئين سڱ ۾،
    باھيون ڏيئي ڀنڀور کي، ڏير ويا ٿي ڏُور،
    پُنھل ڪارڻ پُور، پيئي پچائي پٻ ۾.

    جڏھن اُٺ اوٿڙ، تڏھن سوارن صحيح ڪيو،
    نسل نڀاڳو پڌرو، جي کائي ڪين کٻڙ،
    تڙي مٿان تڙ، جتن ڪڍيو جُوءَ مان.

    چؤڏس ملڪ چري، چانگو جڏھن چور ٿيو،
    آيو ھڪ ڏينھن اوچتو، واپس وڳ وري،
    کريل ٻج کري، وڃي لڳو لوڙائن سان.

    لڳي لوڙائن سان، ڌوڪ ھيئين ڌڙا،
    چيو سوارن سچ ھو، ھي پَٽيندو پاڙا،
    وانگين جا واڙا، ھن ڏاگھي ڏسي ڏول ڪيا.

    ڪڍي منجھان ڪم، ھاڻُن ھڪالي ڇڏيو،
    کٻڙ پوءِ کائڻ لڳو، غرق رھندي غم،
    جتن ڏسي جان تي، ظاھر ڪئين زخم،
    پٽيون ٻڌائون پِنيون، ٻيا ميي کي مرھم،
    چانگي ھڏا چم، جتن وري جياريا.

    ساڻا ھڏا سَگھا ڏسي، ٿا سُوار سينگارين،
    ونيو ٿا ولات مان، چندن ول چارين،
    ميي مصريون موڪ ٿا، پل پل پيارين،
    واڳون جي وارين، ته ھلڻ سان ھاڃا ڪري.


    توڏي، سندي تيک جون، دانھون ديسا ديس،
    جتن ڪئين جتن ڪري، وڏا ڪرايائيس ويس،
    جھُلون، جھُومڪ، جھالرون ٻيا کڙن کٿا کيس،
    ميي وڌي ميس، مِڙيو ڏيھه ڏسڻ لئه.

    پوڙھي سُوار پِڙ تي، ٻيھر چوريا چپ،
    اچي ٿي ھن اُٺ مان، مونکي ڌاڙيلن جي ڌپ،
    ھي دوکو ڪندو ڌڻين سان، ھن کي سمجھو سَپ،
    متان لاھيو ڊپ، ھي پاليل آھي پر جو.

    ٻُڌي اڻ ٻُڌي، ماڻھن مڃي ڪانه ڪا،
    ڏين ڏسيو ڏاگھي کي، وڏا واڪ ڪري،
    چڙھي پھتو چوٽ تي، گونئري گر ٻَڌي،
    ڪرھي دل ڪُڌي، ڏسي پوڙھو ياد پيو.

    ھاڻي ھر ڪو چوءِ، پوڙھو وڏو پارکو،
    ڌاريل ڌاڙيلن جو، سو ڪيئن ھتي ھوءِ،
    وانگين واڪو ووءِ، ته گونئرو گس ڇڏي ويو.

    ڪيڏا ڪارا ڏينھن، قاتل آندئي قوم تي،
    نانگا تنھنجا نينھن، ھو پاپي پنھنجي پيٽ سان.

    تو ته چيو چند، ڏيندس ساري ڏينھن کي،
    مانڊي مَنڊي مَنڊ، توتارا پڻ تمام ڪيا.

    مانڊي مَنڊي منڊ، تو قاتل ڪيڏو ڪيس ڪيو،
    زھر ملائي کنڊ، کاھڙ کي کارائي ٿو.

    تو ته چيو ھو پاڪ، پاپي ڪندس پڪ مان،
    ٻاٻاڻن جا ٻاڪ، ڦورن ٻيڻان ڦاڙيا.

    تو ته چيو ھو رنگ، ڏيندس نئون ڏوھ کي،
    واقع تنھنجا رنگ، سانگين لئه ڪيئن سُور ٿيا.

    تو ته چيو ھو چنگ، سُرندا وڄندا سچ جا،
    دوکي جو ٿيو دنگ، ڪوڙ رسيو وڃي ڪورٽين!

    تو ته چيو ھو حق، ھر ڪنھن پوندو ھنج ۾،
    اکر لئه انصاف جي، چئني ڏسين چڪ،
    ناھي پِتو تو نڪ، جو جيئرو آھين جڳ ۾.

    تو ته چيو ھو رک، روحان ڪندس راڄ جي،
    ليکا ڏيئي لک، ماتم وڌئي ملڪ ۾.

    تو ته چيو جو جوءِ، جرڪائيندس جوت سان،
    لڄائيه سا لوءِ، جو کاھڙ سڀ کامي ھليو.


    کاھوڙي

    کاھوڙي
    جي تو ڀائر ڀانئيا، سي ڌارين جا ڌوڙي،
    وِھ انھن جي وات ۾، نانگ نه ڀانءِ نوڙي،
    ان کپر کاڌا ڪيترا، گرو، گاروڙي،
    ڪو کپي کاھوڙي، جو چيلا گُرو چٽ ڪري.

    سانگ سڄوئي نانگ، کپر گھوڙيال ڪئين،
    پَرَ بچايو پنھنجا، ڇورا ڏيئي ڇلانگ،
    ڏيھي کڻي ڏانگ، ماري ڪڍو ملڪ مان.

    کڻون، کپر، گھوڙيال، ڪارا پدم ڪيترا،
    بي پِيرا، بي وڙا، بي گُرا بدچال،
    ڇورا ڏيئي ڇال، ماري ڪڍو ملڪ مان.

    جھانگين ھڻي جھٽ، سَپن سوين ماريا،
    بي گُرا، بي پِيرا، اُھي نانگ نپٽ،
    جي کير پيارين کٽ، ته به ڏنگڻ سندن ڏات ۾.

    ڌاري مانجھي مور، نھو ڪڍو نانگن سَندو،
    پيرين ننگا پنڌ ڪن، جھانگين لھي جھون،
    سَندو زھر زور، سُتن سوايو ٿئي.








    ڇنبي ڪير ڇپر، ڇوري اُڀي ڇر تي،
    آھس ڪنھن ايندڙ جو، اوسيئڙو اندر،
    ور ولھيءَ جا ور، ڇڏ نه ڇوري ڇيڳري.

    ور ريءَ ھيڏا ويس، ڪوھ ڪياءِ ڪامڻي،
    ھو ڪو تنھنجي حُسن جو، آھي ديسان ديس،
    مري ويندئي ميس، جي پنھنجن کان پري رھيين.

    اُرھ ائين نه ڪڍ، پائي ڪشيل ڪپڙا،
    وجھين ٿي واٽھڙن کي، وک وک تي وڍ،
    ڏاڏي پوٽن ڏڍ، ايندءِ ڪم ڏينھن ڪيترا.

    اڌ اُگھاڙا انگ، وڙڪين ويرين وچ ۾،
    نانگي تنھنجو ننگ، ڪوھ ڄاڻا ڏينھن ڪيترا.

    چھرو چوڏھين چنڊ، جوڀن ٻيو جمال،
    چري تنھنجا چال، چُڻڪي ھر ڪنھن چت ۾.


    ٻرن ٽانڊا ٻاٻرا، من منھنجي مچ،
    آھي اُجھائڻ جي، پرين تون پُھچ،
    سڄڻ سڃڻ سچ، سيھي مان سون ڪري.

    ٻرن ٽانڊا ٻاٻرا، کامان منجھه کوري،
    چئي تو چاڳلا، پوان نه پوري،
    گھڻا تو گھوري، آگ منجھان آجا ڪيا.

    دردن منھنجي دل ۾، دمايو ديرو،
    سڙي، بچي سِڪَ ۾، کامي ٿيو کيرو،
    نٿو نبيرو، ڪڻ برابر ڪو ڪري.

    ٻري ٻاڦ نڪري، رھي اندر روح،
    سنجھي ۽ صبوح، سيني ساڙو سڪ جو.

    آھيان واڳونءَ ريءَ تو، روئي روئي رت،
    ساجن، تنھنجي سُور ۾، سنڌ ڇڏي ويا ست،
    جيءُ جُدائي جھوريو، موڙھي ويئي مت،
    عجيبا ارواح کي، اچي ڏيو آٿٿ،
    پرين پاريو پت، ته اَگھائيان آجو ٿيان.

    ديھن جيئن ديواريون، اُڀيون انمبر لڳ،
    جدائيءَ جي جل ۾، جگر ڌوڏا ڌڳ،
    پاسي ڏيئي پڳ، جي لنگھيا سي لھسيا.

    ڏِيل ڏئي ٿي ڏنڀ، بند ۾ مُند بھار جي،
    جيئن ڪو کُھيل کنڀ، پکي ڦٿڪي پڃري.

    موٽي مُند ملڻ جي، ٻيرين جھليا پير،
    سوگھا سڄڻ سنگھرين، ھٿ ڪاريون پير،
    توريءَ ڄاڻي ڪير، حال منھنجي ھينئڙي.

    پڪل پيرُون ڌوڻ سان، جيئن ڇُڱن مان ڇڻن،
    آھي اکڙين، ساڳي رت روئڻ جي.

    نِڪون نيڻن ائين ڀَريون، جيئن سانوڻ پاڻي موڪ،
    نه ڪا رنڊ نه روڪ، جيئن گھارو بچاءَ بند کي.

    پاڻي وھي پورو ٿيو، ھاڻي روئڻ رت،
    اکڙيون عادت، مُور مٽائن ڪِين ڪي.


    پوريندي نه پوريون، ڇنڀڻ ڇڏيائون،
    ڪا چس چکيائون، جيئن ٻئي ڏسڻ ڏمريون.

    ھيئن اکين پاڻ ۾، ٻاروتان ٻنڌڻ،
    ڪارڻ تن ڇنڻ، مون ھڪ به ھلي ڪانه ڪا.

    جيئن ڪو ڇپر ٻير ۾، ڦاسي ڦٿڪي نانگ،
    ھينئڙي ساڳيو سانگ، آھي آزاديءَ لئه.

    ڪوڙڪي ڪمانبين، جيئن ڦاسي جيئي جانار،
    پريم ساڳيو پار، ھاڃو منھنجي ھينئڙي.

    جسم منھنجو جيل ۾، ھينون تو سان ھڪ،
    پلجي ڪيِن پلڻ سان، ڪا جا پيتيئن پڪ،
    نِت سوائي سِڪَ، رُڪ نه روڪي سگھيو.

    جيئن جيئن سڄڻ ساريان، تيئن تيئن تپي تپ،
    اندر اُڌمان عشق جا، پر گناھ چورڻ چپ،
    سيني ڀالا سامھان، ڪاتيون ۽ ٻيا ڪپ،
    سڄڻ سانڍيل سَپ، ڏنگين ساري ڏِيل کي.

    ٻاتاڙيو ٻنڌڻ ۾، رھي رڪ نه روڪ،
    وساري ويھي رھيو، ھيڏو ڀريو لوڪ،
    سڪي ٿيو سوڪ، پر ٻي ڇِڪ ڇمي ڪيِن ڪي.

    ساجن منھنجي ساھ ۾، سارو ڏينھن سُرين،
    پلپل پليندي پرين، جتان ڪِين چُرن،
    ھئين اِئين ھُرن، جيئن ڇولين ساٿِ سمونڊ سين.



    ساجن منھنجي ساھ کان، پري ناھين پل،
    اندر وراڪيل ائين تون، جيئن وڻ ويڙھي وَلِ،
    جيل جدائي جل، جُسي ۾ جاڳائيا.

    جيڪا چُشڪي چاش جي، چکائي چپن،
    ماکين مٺي مٺاس ۾، ۽ مڙني مٺاين،
    مرڻ تائين من، مُور نه وسري ميٺ سو.

    ڇُري جئن ڇانھين کي، ڇيرا ڏيو ڇاٽي،
    تئين دل ساري تو پرين، ڦارون ٿيو ڦاٽي،
    قيدن ۾ ڪاٽي، ڏاڍا ڏکيا ڏينھڙا.

    ھينئڙو رات حبيب ڏي، ويو چوڪيءَ مان چوري،
    ماڙھُو مٺي ننڊ ۾، ھن ھيئين ھوري،
    لڳيس ڪا لوري، جو سوگھو رھي نه سَنگھرين.

    بدن بندن بند، قلب ڪوٽئان ڪاٺ ٿيو،
    جتي سھڙن سُپرين، ھِيئون انھيءَ ھنڌ،
    ماکيان مِٺو منڌ، ڪو پيتئين جو پھريو وڃي.

    پرين پياري پِڪَ ڪا، جو گھاري ھِتِ نه گھڙي،
    جسو جنجيرن ۾، سارو ويو سڙي،
    روئي روح رڙي، ھليو ھوتن ڏي وڃي.

    قلب ڪوٽئان ڪاٽ، رھي نه مون وٽ راتڙي،
    ڦٿڙائيو ڦندن مان، ڦڙڪيو کائي ڦاٽ،
    ڪا چکي آھس چاٽ، مُحبن سندي مڌ مان.

    ھٿين ھٿ ڪڙيون ھڻان، پيرين پيئند وجھان،
    مور کان تن منجھان، ڇرڪيو ڇنايو وڃي.

    راکا رکيم تي، ته روڪين راھ رڙھڻ کان،
    سُور پسنديئي سي، ڪڍيئون ھع ھيئين منجھان.

    جيئن ڪُونجن ڪڻُڪ روھ ڏي، تيئن ھيئن ۾ ھورو،
    مون تي ون پرينءَ جو، ٿورو نه ٿورو،
    ناحق نِسورو، جدا رھڻ جِندڙي.

    کائين کوري وانگيان، کولين منجھان کٿا،
    سُري سَھسين سَرير ۾، ٿيا سُور سَٿا،
    جيڪر لوھ لٿا، ته ساجن ساعت نه رھان.

    جاڏيون ڀتيون جيل جون، چؤڌاري چوڪيون،
    راھون جن روڪيون، وڇڙيل جي وصال جون.

    جاڏيون ڀتيون جيل جون، کامان کولين منجھه،
    مارين ڦٽ فراق جا، ڏيئي ڏيئي ڏنجھه،
    واءُ سڻائي ونجھه، مُحب ميڙائي موڙيو.

    لالڻ لاھي در، ۽ پليسون پَھرا،
    جيل منھنجي جيءَ کي، گھاءُ ڏنا گھَرا،
    لھرن تي لھرا، اُڌمن آڌيءُ تُنھنجا.

    جاڏيون ڀتيون جيل جون، پيني ساڻ پٿر،
    گورا اڏي ڪارن کي، ويا ڏئي ڦلنگي ڦر،
    آزاديءَ کي آڏيون، ديواريون دلبر،
    جاني ھي ھيڪر، جھُرن ته جھوليءَ ۾ ھجان.

    پاڻھي ڪِرنديون ڪِين ڪي، ٽُٽنديون ٽوڙڻ ساڻ،
    تيشي تيشي ٿو ڏسان، آھي ھٿ ھٿ ھاڻ،
    مَڪر جو مانڊاڻ، ڄاڻ ته ڊھي ڍير ٿيو.


    ڊٺو ڪي ڊٺو، چؤڌاري چؤٻول،
    صدين سڙيل سماج آ، ڪيڏو قوم سَٺو،
    ڪُل ٿي زور ڪٺو، جي لاھيو ته لت ئي نه جھلي.


    انڪساري

    انڪساري

    جاني وڃ مَ جنگ، ڏيئي ورھ ورھن جا،
    آس نه لاٿي مون اڃان، چوري چاھت چنگ،
    تون ئي نانگيءَ ننگ، تون اَجھو تون اولڙو.

    مِٺا منٿ مڃ، رھي پئو اڄ راتڙي،
    ڏيئي ڦٽ فراق جا، وونڪا ويڙھ مَ وڃ،
    ڀورا کڻي ڀڃ، عھد آرڻ جو ڪيئي.

    نه ڪي کُھنبي کُنڀ ويو، نه چولي لٿا چِٽَ،
    ڏيئي سُورن سِٽ، ڪانڌم ڪُسڻ ڪوپ ڏي.

    سمنڊ جيڏي سڪ مان، ڍول نه پيتم ڍُڪ،
    رھي پيار پرھ جا، ٻڳھڻ ٻه ٽي ٻُڪ،
    اڳيان راند آرُڪ، جتان موٽن مس ٿئي.

    وجھي ڳل ڳراٽ، سِڪ نه لاٿي سُورما،
    ڄري ڏيئي ڄراٽ، مون کان وڃ مَ سپرين.

    مينديءَ رتا ھٿڙا، ڇاتيءَ تي ڦيريان،
    چرخو چاھت چِت جو، ڀيڄ ڀنيءَ ڀيريان،
    ساجن تو سيريان، پوئين رات پاڻ ڏي.

    گھوٽ تنھنجي اوٽ ۾، گھاريان ڪا گھڙي،
    جدائي جي جل کان، ڏييئي وڃ نه نڙي،
    توريءَ رات رڙي، مون کان ڪٽنبي ڪانه ڪا.

    توريءَ سياري راتڙيون، ٻيلي پون ڀن،
    سيڪارا سرير مان، آڌيءَ جو اُڀرن،
    جيئن سڪا ڪُھڙ سڙن، اندر ائين اُلان ٿئي.

    لاھي سَنج سجاف تان، پائي پير پلنگ،
    سڻي وائي وڃڻ جي، منھنجا انگجيو وڃن انگ،
    پوتيءَ وجھان پيرن ۾، تون واڳون ڇڏ اينگ،
    ڇوڙي گھوڙي تنگ، رھي پئو اڄ راتڙي.

    مٿان تنھنجي مورڇل، ھڻيو روز ھڻان،
    ڀيڄ ڀني تو ڀاڪر ۾، مُرڪي مُنھن کڻان،
    سندا قرب ڪڻان، پلئه پائي پيار جا.


    جواب

    جواب

    ڪانئر سڏجان ڪُڙم ۾، تنھن کان مر ته مران،
    ڏسي ڀنڀٽ ڀونءَ تي، وچان ڪيئن وران،
    تنھن کيران شل نه کران، جنھن ڏني جوت جيئڻ جي.

    ڪُونجون ھر مُند ميٽ تي، لميو ڏين لائون،
    ماري ڏسي تن مٿان، وھان ڪيئن آئون،
    پاڙھيرين پاھون، ڪرڻو آھي ڪيٽ کان.

    اڄ نه منھنجي اڳيان، ساڙ نه مون سَرير،
    مادر ڏيندي ميھڻان، کاريئي منھنجو کير،
    ضميرن زنجير، ڪنھن کان پاتا ڪِين ٿئا.


    سُر مارئي

    سُر مارئي

    عمر آرھڙ ڏينھڙا، جڏھن روز تپن،
    وانگي وڻن ڇانَو ۾، لُڪن کان لڪن،
    مٿان مينھن وسن، ته گُوندر وڃن گُذريو.

    عمر آيا ڪيترا، تو جيئان جابر جوءِ،
    ڏينھن ڏيکاري ڏاڍ جو، ھليا ويا ھوءَ،
    سانگي ساڳيا سيم ۾، بُرن ناه بُوءِ،
    سانگين اھا سوءِ، جيئن ڪنڌ جھُڪائين ڪِين کي.

    مون کي سگھندو ڪيِن، روڪي تنھنجو رُڪ،
    سانگي تنھنجون سَنگھرون، ڀڃي ڪندا ڀُڪ،
    ٻئي ھٿ گڏي ٻُڪ، کنييم لاکيڻي لڄ لئه.

    رِھجي اچي شال، ساکي منھنجي سرتئين،
    سَتي جو سوال، پرور شل پورو ڪري.

    سُتي سُيم سومرا، بوڻينڊن ڀُڻڪاٽ،
    پھريا جي پُھن سين، ڳڀرو کڻي ڳاٽ،
    ڇانگان ڇڄي ٿي ڪريان، ڪوٽن ۾ ڪُوڪاٽ،
    ويٺي ڏسان واٽ، وانگين جي ورڻ جي.

    اڃان انگ انگ مان اچي، مون کي ڇيلن ڇٽ،
    ڌارايم ٿي ڌونئرڙا، وجھي ٻانھن وٽ.

    کڻي آئين کوھ تان، ھڻي جھانگياڻي جھٽ،
    انڌا، اک اُپٽ، ڪيو ڪيڏو ڪِيس تو.

    متان سمجھين سومرا، تو ڪا ڦٻندي ڦُر،
    چوڙيلين جي چُر ، چن ڪئي سي جوکي پيا.

    ڪھوُ ڳن ڪھاڙيين، مٿن پتل پَٽَ،
    وجھيو چپ وات ۾، سڌيون ڪن سُوسَٽ،
    ڍاتي ڌڻي ڍٽ، وسارين ڪِين ڪي.

    آيا ڪي آيا، ڪاھي تنھنجي ڪوٽ تي،
    عمر تنھنجو انڌ ڏسي، تن تنين تايا،
    ننگن جھنگن سر ڏين، ڄارين جا ڄايا،
    مايا، تو ڇايا، جھل نه وجھندي جھانگيئن.

    مون سَتيءَ جي سَت جي، پنھوارن کي پڪ،
    ويھي تنھنجي ڪوٽ ۾، ڪيئن ونڌايان نڪ،
    مُور مڃيندس ڪين ڪي، جي چيري ڏئي چھڪ،
    ٿاريلياڻي ٿڪ، لوءِ لاھيندي سومرا.

    ڏينھن پھر ھي ڏک جو، مون تي مھينو ماس،
    ڪُونڌر ڪيري ڪوٽ سڀ، نيئر ڪندا ناس،
    آجي ڪندا آجڙي، اھڙي اٿم آس،
    وڃي وٺنديس واس، وانگين ساڻ وطن ۾.

    ساھ مٿي ويساھ سدا ڪھڙو سومرا،
    مُور نه مرندي مارئي، مرندو ھڏ ۽ ماھ،
    سچ ته ويندو ساھ پر لڄ بچندي لک جي.

    مُئي پڄاڻا سومرا، ھي جا مٽيءَ مُٺِ،
    ڌري ڌوراڻن ۾، متان ڪرين جُٺِ،
    مٿي بُٺين سونھندي، منھنجي سومرا.

    ميان آئون ملير جي، آھيان مٽيءَ مُٺِ،
    جنھن ۾ سُڳنڌ ستُ جو، آھي اڳ ۽ پُٺِ،
    جٺيرين سان جُٺِ، عمر سونھي اھڙي.

    سَتيون جڏھن ستُ جون، ڳاھون ويھي ڳائين،
    جھر جھنگ پائن جھُمريون، جھومن جھُومائين،
    نچيو نچائين، وڻ ٽڻ، وليون، ويڙھ جا.

    ڏيڍيون ڏوراڇيون لڳن، جھنگ اسان جو ننگ،
    وجھه نه ميان مڙيين، وانگياڻي کي ونگ،
    وس پڄاڻا، ويڙھ ۾، رچيو وڃن رنگ،
    ڏاڍا لڳن ڏنگ، مارُن بنا ماڙيين.

    ست سواءِ سومرا، جيئڻ وڏي جاڙ،
    ڌوتين ڌوراڻن ۾، تو جا ڌاري ڌاڙ،
    تن تي تنھنجي ڀاڙ، آھي اجائي سومرا.

    سَت سنگھارين، سومرا ڏٺو ساري ڏيھه،
    لڄ بنا لوئڙ ۾، کايو مرن وِيھه،
    سندو ڇورين ڇيھه، آھي سدا سَتَ سِين.

    جنھن ڏِس سَت نه سومرا، ڏِس نه مون کي ڏَس،
    اچي نه ونگيءَ واٽ تان، چوڙيلين کي چَسَ،
    اھڙا گُٿا گس، پنھنجين کي پڙھاءِ تون.

    کيت آئون ڀيت تي، کيت منھنجي ڀيت،
    سڏجان تو سُريت، تنھن کان وھِ کائي مران.

    کٻڙن ھيٺيام کيت سان، ڪيو سانگين سڱ،
    مرندي تان مڱ، آھيان مارُو مير جي.

    نِمن ھيٺان نينگريون، ھمرچي ھاڪار،
    ڳايو سُڻاڻن ڳوٺ کي، ستين سماچار،
    تنين جي تنوار، ڪَن تي پِيم ڪوٽ ۾.

    ميريون مارُن ڪاڻ، عمر تنھنجيون اکيون،
    اُن ۾ لڳندا اوچتا، ٻاٻاڻن جا ٻاڻ،
    گھوٽي ڪڍندا گھاڻ، جي اُٿيا، اوھيرا ڪري.

    وانگين کان ورندي، ڪالھه ملير ڪوٽ ۾،
    مُُر نه توکي مارئي، سَت سواءِ سرندي،
    مٽي نج ملير جي، کيران نه کرندي،
    مارئي، ته مرندي پت لڄ بچندي لوءِ جي.

    ڌنارن جون ڌيئڙيون، ڌوراڻي نه ڌوئن،
    سَتيون سھاڳن سان، ساڻيھه منجھه سونھن،
    مارئي ماروئڙن، متان مُنھن ميرو ڪرين.

    پليتيءَ سان پائر ۾، جي ڪو پاتئه پير،
    کارا کٻڙ ڏيھه جا، کلندا ٻيا کير،
    مٿي وجھي مير، موٽڻ کان مھندئي مرين.

    ميري ٿي ملير ڏي، جيڪر کڻان مُنھن،
    تنھن کان نڙيءَ ننھن، پنھنجو ڏيئي پاڻ مران.

    مِيري منھن ملير ۾، جيئن ناھي ميان،
    حشر حويلين جا ڏسي، ھڄيو وڃن ھينئان،
    پلر، پدمڻين سان، پاڻي پاڪ پيئان،
    اٿم ڪن ڪيئان، ته ڪچو ڪن مَ جيڏيون.

    آئون پنھنجا انگ، آڇيان ڪيئن عمر کي،
    مون ۾ آھي پرين جي، نارين سندو ننگ،
    جھانگي رھن جھنگ، آئون کلي چڙھان ڪيئن کٽ تي.

    کلي چڙھان کٽ تي، تنھن کان زھر پيئان،
    جيسين، تائين جيئان، آئون اباڻن آسري.

    سَنڌ سَنڌ سوگھيون سَنگھريون ڪاراين ڪڙيون،
    اُٺي ڪارڻ اکڙيون، ابر منجھه اڙيون،
    راتو ڏينھن رڙيون، منجھيون ماروئڙن لئه.

    وٺي مينھن مور، جئن کُنڀيون اُڀرن کاھڙ ۾،
    ائين اباڻا اُٿيا، ڇڏي ننڊ اَگھون،
    چُونڊي مارو چٽ ڪندا، چئنين ڏسين چون،
    ڀڃي ڪندا ڀور، قھري ڪوٽن ڪُنگرا.

    نه ٻُوھ نه ٻانھاريون، نه تن ڪانبا ڪنڌ،
    وسي واري وطن ۾، پيئي ھر ڪنھن ھنڌ،
    ڌونئرن، کاٽونبن جا، سِڪن ساريو سَنڌ،
    ٽئي سيم سڳنڌ، جي وسي پوي وڏڦُرو.

    ڏاڍا ڏوٿي ڏک ۾، جن جا جھُڳا جھَڻ،
    ھيڏو آگم اُڀَ ۾، ڪِٿ نه وٺي ڪَڻ،
    ڀٽون سڀ ڀڙڀانگ ٿيون، ويا سُڪي وڻ،
    کنوڻ اکيون کڻ، مارُو موتن مُنھن ۾.

    مرن مارو مال، سُڃ وسي پيئي سيم ۾،
    ڪيڏو قحط قوم تي، ھر ھڪ جيءَ جنجال،
    وٺي بنا وڏڦُڙي، ھيڻان تن جا حال،
    رڳو موت مقال، آھي مارُن مُنھن ۾.

    آھي مارُن مُنھن ۾، وٺي جي وائي،
    روُن، رڻن ۾ روجھڙيون، ٿي ھرڻ سان ھائي،
    ڏسجي نٿي ڏيھه ۾، سا ڏوھي سائي،
    وٺي واڌائي، ڪڏھن ملندم قيد ۾.

    پُپون، پيرُون، پُسيون، جتي پوڄ پَچن،
    اُتي اڄ وڻن جا، پيلا سُڪل پن،
    اندر تن جا اُڃ ۾، کوري جيئن کامن،
    والي مينھن وسن، ته ملي ويس وڻن کي.

    بنجن باغ بُٺيون، وٺي پٺيان ويڙھ ۾،
    پسيو ويس ولين جا، پرچيو، وڃن رُٺيون،
    مُرڪيون، من مٺيون، جن وڇوڙا ورھن جا.

    آيا اُٺي ڏينھن، سانگين ثمر سيريا،
    وڄن ڄاڻ وسائيا، ميڙائي جا مينھن،
    آئون ويھا ڪيئن، ابر لاھي آسرو.

    عمر اُڀ ۾ اڄ، ڏٺم ويس وسڻ جا،
    وسي، ولھارن تي، ڌوئي لاھيندو ڌڄ،
    لھندا ڏُڪر ڏيھه تان، ٿيندا سڀ سھڄ،
    سندي لوئيءَ لڄ، کڻي شل کاھڙ وڃان.

    آڙنگ، ڏسيو اُڀ ۾، نڪرن نيساسا،
    جيڪر وسي وس ڪري، ٿين ڪڻي مان ڪاسا،
    ولاتن تي پيو وسي، ھت پنوھر پسايا،
    چڱا چؤماسا، والي وار وطن تي.

    پھرين رڱي روس کي، پوءِ چين ڏنائون چسُ،
    وسي ويٽنام تي، وڄن ڪيا وس،
    چِليءَ مٿان چمڪيون، لاٿئون ڪوريا تان ڪسُ،
    اٿم آس اوس، ته وسنديون مون به وطن تي.

    ڀورين ڀٽن اوڍيا، وٺي ساوا ويس،
    ڏونئرا پچي ڏيھه ۾، پيا ديسان ديس،
    ڪري لال لبيس، چوڙيلين جي چونڊيا.

    گُرڙ، گولاڙا، گُگريون، ھينئڙي نت ھُرن،
    ساڏوھيون، ساھيايون، سدا ساھ سُرن،
    چولن چٽ چوڙيليون، منھنجي چت چُرن،
    پوئين پھر پُرن، ولر ڪيو واريءَ مٿي.

    ڪُلھا ٻار ڪڇن تي، ڀڻُن پاس ڀِٽن،
    پَھُن سان پنوھاريون، پَھريو پن چرن،
    سَتر آھي سندن، جھنگ ننگ جھانگيئڙن جو.

    جھل نه وجھندو جھانگين، جھوٽو جھولو جھڪَ،
    ويندا ڏينھن ڏُکن جا، پوري اٿم پڪ،
    حقدارن کي حق، سِگھا ملندا سومرا.

    گج رسول رنگ، جن تي ٽانڪيل ٽئونر،
    لاھين ٽلو ٽوليون ڪريو، مٿان کيرن کؤنر،
    ڀيرا ڏيو ڀئونر، وٺن واسي انھن مان.

    واءُ پپر پن لوڏيا، سِرجي نڪتا سُرَ،
    ڪر، ڪائي چوڙيون ڪامڻي، چوريو ڪري چُر،
    انگ انگ منجھان، اُر، لحظي ۾ لھيو وڃي.

    ڀتارن سان ڀاڪرين، ڀني ڀيڄ ڀڻُڪ،
    جھونگارن ۽ جھُمريون، جھوپن منجھه جھڻڪ،
    ڪُونجن جيئن ڪُڻڪ، سدا تن جي سومرا.

    ساجھرا ساٺيڪن تي، ڪيا ساھيڙين سڏ،
    ست جنين جو سومرا، مال آھي مڏ،
    مون سان گُوندر گڏ، آئون بي ڏوھياڻي بند ۾.


    سُر سسئي

    سُر سسئي

    سُر سُڃاڻي سُرَ، واٽُون وِھ وندر ۾،
    ڪُوڪ ڪَنائي، سسئي، پنھون پڙاڏي پُر،
    ڌوٻياڻي ڪيئن ڌر، رَسڻ کان رھجي ويون.

    واٽون واٽون واريون، جن ۾ ور وڪڙ،
    اَسونھين الڙ، لَڪن لک لڳي مُيون.

    واٽون وٽن واريون، واٽن وڏا وٽ،
    ڪُيٻلياڻيون ڪئين ٿيون، ڪانڌن اوري ڪٽ،
    سوين ڏيئي سٽ، وچ وسامي ويليون.

    جان وڃي تا وڃ، ڏُک نه سُھڻاءِ ڏيھه کي،
    ڀوري ڀرم ڀنڀور ۾، ڀُڻڪي تون مَ ڀڃ،
    “منشي” چوڻ مڃُ، سونھن ٿيندئي سِڪ تو.

    وڃڻ، ويھڻ پاڻ ۾، ٺھيا نه ٺھندا،
    لپ جھپ، لپ جھپ، جيئڙا، لالڻ ڪيئن لھندا،
    بھندڙ پيا بھندا، ويندڙ ويندا ئي رھيا.

    اُٿي لوڪ لتوڙ، جي اٿئي سِڪ سڄڻ جي،
    ھڪ دل ڪر تون ھينئڙو، ٻن ٻيائي ٻوڙ،
    توڙ رسڻ لئه ڊوڙ، ويٺين وَر وڃائبا.

    پرڻو پنھون ڪوھ ڪيئي، جي سھڻ نه سُورن سگھه،
    سُڃي صرافان سون جو، اچيو پُڇين اگھه،
    جئن ٻاڙو ٻولي ٻگھه، ھڻي، ھاب ھنجن سين.

    ڀيترياڙي ڀنڀور ۾، ڀوري، تي ڀڻين،
    اوڳڻا جن ڪڍي، گڏيو ساڻ ڳڻين،
    پنھون، پارس، پدمڻي، ڪڻهءِ پيو ڪڻين،
    سڏڙا تنھنجي ساٿ جا، سسئي جي سڻين،
    چَتون ٿي چُڻين، ته ڪر پٿر پٻ جا.

    سڀ انگ سوگھا سنگھرين، ڪيچي جنھن ڪڙي،
    سا تيئن ساڙ سڙي، جيئن اتر کاڻو اڪ تان.

    سسئُي، سِسي، سانڍين، پنھون پُڇائين،
    سي انھن مان آھين، ته ڇڏ نه ڀر ڀنڀور جي.


    موکي

    موکي

    توکي ڪالھه ڪلال، ڪڍيو ھڪالي ھٽ مان،
    اچيو روز اُڌار لئه، ڪرين سو سوال،
    شرم اچيئي شال، جو اھڙي عادت مَٽيين.

    پنھنجي ناڻي پيءُ، ته نشا چڙھن نينھن جا،
    اوباري ۾ اکيون، سکڻي جيءَ نه جيءُ،
    لڄ نه توکي ليءَ، ڇِڙٻون جھلين ڇيڳڙا.

    وٺ نه ولاتي، ديسي دارون، دنگ ڀريا،
    ڍُڪ ڍُڪ جنھن جو ڍول اٿيئي، تو ڪلَ نه پِي پاتي،
    اوتيندي آتي، ديسيءَ ڪارڻ دل ٿئي.

    مٽ کان مُنھن ۾ مَٽ، پيءَ تي پاڻياٽو ٿئين،
    ڳھيلا ڪڍ ڳچيءَ مان، ڳرو لاھي ڳٽ،
    جھٽ ھڻي تون جھٽ، ترا ڪڍ تِڪون ڏيئي.

    موکيس تنھنجي موکي، جو ڍُڪ پياريئي ڍَڪ ۾،
    گھوڙا گھڙي اھڙي، آڻڻ آ اوکي،
    اھا انوکي، ساريو جيئان جڳ ۾.

    موکي کولي مٽ تو، پرھ پياريو پاءُ،
    پُرين جا پڙلاءُ، سريا تنھن مون سرڪ مان.

    موکي ڀري مٽَ مان، پياري جي پيالي،
    ھوند ته حلالي، گھر ريءَ گھورين جندڙا.

    پاڻ ٻاجھائي ٻُڪ، موکي ڀري مٽ مان،
    ڍڪيءَ پياري ڍُڪ، مون کي موکيءَ موکيو.

    موکي تنھنجي مڌ ۾، جا ھئي جوت جيئڻ،
    تنھن مان پِڪ پيئڻ، مون تن توانو ڪيو.

    موکيءَ ھٿ مينديءَ رتا، جنھن ۾ ڪائي گلاس،
    ويتر مون وڌي ويئي، تِڪون ڏيندي تاس،
    پيئندي پيئندي پياس، موکي ، انوکي ٿئي.

    مُرڪي موکيءَ جا ڏني، پرھ پيالي،
    ڏني سُرڪ سرير کي، تنھن سونھن به سنوالي،
    ڄڻ ڪنھن اٻالي، پرھڻ پاتا پٽ جا.

    ماڳ متارن ڇڏيا، آين بٺَين بُوءِ،
    ھڙيئي ڇڏي ھوءِ، مرندا پاس مٽن جا.

    ماڳ متارن ڇڏيا، آين بوءِ بٺي،
    پساھ تائين پُٺي، ڇڏڻ متارن ميھڻو.

    ڍُڪ پياري ڍڪيءَ ۾، موکي ڇڏ موکي،
    طمع جي توکي، ته سِسي سئو ڀيرا ڏيان.

    وجھي وِھ وٽيءَ ۾، مون کي ڏي موکي،
    سکر ٿئي سوکي، سرڪي اِيَ سڪرات ۾.

    ڪڙي ڏي ڪمال، مِٺو، مَٺو ڀانئيان،
    جلال ۽ جمال، ٻئي ڪڙي ۾ ڪڙيا.

    ڀنڀرڪي کان ڀيڙ، موکي اڄ مٽن تي،
    نه تون سرڪي سيڙ، سھپ نه منھنجي ساھ ۾.

    ڏسي وِھ کان ڏڪڻي، وٺي جن ويئي،
    سَڌون ڪن سيئي، اچيو ڪيئن شراب جون.

    وِھ وٺندي ھٿ ۾، ڏڪي جن جو ڏِيل،
    سانڍي دل دليل، مورک پُڇن مڌ ڇو.

    پيئي ۽ جيئي، سو نه موکي منڌ،
    پھرين ڪاٽڻ ڪنڌ، پوءِ سُرڪ سَري سندي.

    خطرا، خوف، خيال، پيئڻ جنھن پورا ڪيا،
    پاڻ ڀلائي ڀال، موکي موکيئي مڌ سان.


    سُر گھاتو

    سُر گھاتو

    مانجھي ملاح موڙا، گھاتو ويا گھِڙي،
    ڀيڙا کڻي ڀَن ويا، مانگر تي مِڙي،
    ويري ساڻ وڙھي، پڇاڙيندا پَٽ تي.

    اھڙا مانگر ماريا، ھزارين ھنن،
    اڃان سيرائون سنڌ ۾، پيو جام ڄڻين،
    پيا مياڻيون مرڪائين، اڃان مانجھي مورڙا.

    کائي کڳ ورھن کان، ٿيو مڇ مواڙ،
    گھاتن آڻي گھيري ۾، ڪُٽيو اٿس ڪياڙ،
    آھس پُڇ پڇاڙ، ججھو جيئڻ جي ٿئي.

    گھڻا ڏينھن ھو گھيڙ تي، گھاتن لاءِ گنگھر،
    مڙي ڪيو آ مورڙن، سوگھو منجھه سنگھر،
    ھاڻي ڏينھن پھر، ججھو جيئڻ جي ٿئي.

    مڇ مري، مياڻ ٺري، گھاتو گھورين گھور،
    لھي ماريءَ مڇ جو، ھينئڙن مٿان ھور،
    مانجھي ملاح مور، ٻاڙون لاھن ٻوڙ جون.

    ڏاھيون، موراکيون، ڏنڀريون، جن ڏٺي ڏينھن ٿين،
    ڪُنيون ٽنگيل ڪاين ۾، نه ٿيو چُلھه چڙھن،
    ڪوليرا ۽ ڪُڙھيون پيا سڪي رڇ سُڪن،
    جتي ڀرجيو ڀن اچن، اُتِ ناھي ڇٽ ڇلر جي.

    ڪاتين چڙھيا ڪسُ، بنا وڍ وَرھ ٿيا،
    رُوئن وَھون رت ڦُڙا، پسيو رَڇ ۽ رَس،
    وير واھيري بيٺيون، جھلي گھاتن گس،
    ڪِن جا موٽيا مَس، ڪَن ويا ماريءَ مُنھن ۾!

    ڪيڏو ڪُن ڪَلاچ تي، ويريءَ جو واسو،
    ھر ڪو گھاتو گھِڙڻ کان، پيو ڏئي پاسو،
    جتي مڻ مداريين، اتي ملي نه ماسو،
    ساھ ساھ ۾ ساسو، آھي ماريءَ مڇ جو.

    ويچارا وڇيات، روئن رت ڦُڙا،
    گُذر جن جو ويو اچي، آھي ويري وات،
    ٽنگڙ ٽنگيل تن جا، سُڪا ساري رات،
    ماري اچي مات، ته وِرڇ وڇياتن ملي.

    موٽو موٽو مورڙا، مانجھي مھاڻا،
    گھٽ، گھٽ جھلي گھاتُئا، ڪريو سيسر سَنڌ ساڻا،
    رائُون ڪري رُڪ جيئن، ڦيريو رَڇ راڻا،
    گھڻا ڏينھن گھاڻا، ان قھريءَ وڌا ڪُن تي.

    پاپيءَ گھڻا پيٽ ۾، ڳڀرو ڳڙڪايا،
    گھاتو گھوڙيندڙ ڪئين، گھوٽ تنھن گھايا،
    مورھين ناھي مڏي تي، ڇلر جي ڇايا،
    ڄٻيرين ڄايا، ڄاڙين ڄرڪي ٽوڙيون.

    مَداريون مڏيءَ تي، ڏسيو ملاحن مڏ،
    روئن ويٺيون رت ڦُڙا، گُوندر جن سان گڏ،
    ماٽيھر نه ڪو مھراڻ ۾، نه سانڀوباڻن سڏ،
    ھيڻن چم ۽ ھڏ، آھن ويريءَ وات ۾.

    ڪيڏي ماري مڇ جو، ڀَر تي آھي ڀئو،
    ڀڃو سڀ ڀيڙا ٿي، سَندو ماريءَ مُئو،
    سُڪي ڍوڍي ڍئو، ڪڏھن ٿيندو ڪِين ڪي.

    ويچاريون واٽُن تي، وھون وجھن واجھه،
    گھاتو گھِڙيا تن تي، ٻاجھارا ڪج ٻاجھه،
    بچائج بلا کان، جيڪي ويا جھاجھه،
    شل سي ساجھر ساجھه، موٽن مياڻن تي.

    وڙھندي جي ويريءَ سان، ويا ماريءَ وات،
    ڪونڌر ھليا قوم لئه، ڪنڌ قبولي ڪات،
    وھون تن واڪا ڪري، رُنيون ساري رات،
    ماري ٿيندو مات، جي گھاتو گھڻا ٿي گھِڙو.

    ڪنڌيءَ مٿي ڪامڻيون، ڄٻيرين ڄايون،
    وير واھيري ورندا، انھن لئه آيون،
    جن جا پنھنجا پھريا، گھايل سي گھايون،
    ويٺيون ڪن وايون، موٽن شل سي ماڳ تي.


    رات ڀلي تون روڪ، سيون وجھي سَنگھرون،
    ڏينھن وڄائي ڏوڪ، اچي پيو اڻ پَليو.

    تپي، تپي ڏينھن، آخر تپندين ڪيترو،
    گرميون سرديون سي سھن، جن ڌرتيءَ ناتو نينھن،
    نيٺ ته وسندا مينھن، ڌرتي ويندي ڌوپجي.

    ڌرتي ڌوئڻ ريءَ نه ٿئي، پاپن ڪنا پاڪ،
    رت گھُري ٿي رات جا، سا مُور ڌوئي ماڪ،
    آھي ڪوپ ڪُسڻ جو، ڪسابن کان ڪاڪ،
    ڀڃي تاڪيون تاڪ، ڪو راڻو اچي راڄ ۾.

    ڪالھه ڪينجھر ڪَپَ تي، ڳوليم کڻي ڳاٽ،
    رڳو ڪنگ ڪنڌي تي، پاڻي لس لڙاٽ،
    ٻي اونداھي ٻاٽ، ھنج نه ڏٺم ھيڪڙو.


    چؤسِٽا

    چؤسِٽا

    ٿا ٻُڌون آدم ۽ عزائيل، ٻئي سياست ھئا لڙيا
    پنھنجي مؤقف تي رھيا، اَڙيا سي اڻ پڙھيا،
    سا حقيقت حاڪمن کي، ھئي ڏاڍي ڏکي لڳي،
    تنھن طمعدار کي تاڙي، ترت ٻئي تڙ تان تڙيا.

    دلاسو چنڊ جو ڏيئي، اسان کان ويا ڦُري تارا،
    اسان کي انب ڏيکاري، ڏنائون ٽوھ زھر کارا،
    اسان ھر وقت توپن جي، رھيا آھيون نشاني ۾،
    ڪڏھن ڪنھن بھاني ۾، ڪڏھن ڪھڙي بھاني ۾.

    ڪُلف جي سيني ۾، آڌي رات جو خنجر لڳو،
    يا ته ڪو قيدي ڇُٽو ۽ يا ته ڪو قيدي وڌيو،
    پر، ڏسي معلوم ٿيو، ٻن وردين جي وچ ۾،
    آھي ڊي پي آر ۾، ھي ڪو سنڌي ھاري ٻَڌو.

    ڪڏھن ڪو غدار، ڪڏھن ڪو غدار،
    ھتي ورندا ڦرندا، رچن رنگ ھزار،
    اچن سَنڌ جا سڀئي، گَڏا گڏ کڻي،
    وطن ۾ وڏي کان وڏواي واپار.


    وايون

    راڻا ڏيئي رات، ٿورو لاھيو ٿڃ جو،

    راڻا ڏيئي رات، ٿورو لاھيو ٿڃ جو،
    جيجل جنازي جيان، سُرڻ ڪونھي سَتَ،
    ٿورو لاھين ٿڃ جو.

    ڇورا نئين ڇاٽ جا، پنھنجي پاريو پَتَ،
    ٿورو لاھين ٿڃ جو.

    آھي ڳجھه ڳچيءَ جڳ، امڙ امانت،
    ٿورو لاھين ٿڃ جو.

    سُڻي امڙ سڏ اچو، سوڍا پُٽ سُتت،
    ٿورو لاھيو ٿڃ جو.

    ڪندي ڪانئر پُٽ تي، مادر ملامت،
    ٿورو لاھيو ٿڃ جو.

    ڳاڙھن جھنڊن ڇانوَ ۾، امڙ ڏيو آٿٿ،
    ٿورو لاھيو ٿڃ جو.

    واڍا، لوھر، ڪاسبي، ھاري ڪريو ھمت،
    ٿورو لاھيو ٿڃ جو.

    گھوري مادر مٿان مٿا، “منشي” مڃيو مَتَ،
    ٿورو لاھيو ٿڃ جو.


    دم نه دم ۾ دم،

    دم نه دم ۾ دم،
    ادي آئون ڦٽيل ڦوڙائي ڦٿڪان پيئي.

    پاڻ نه ويس تن سان پيھي،
    آھيان شرم ۾ شِم،
    ادي آئون ڦٽيل ڦوڙائي ڦٿڪان پيئي.

    غور غلاميءَ تي جو ڪيئڙم،
    غرق ڪري ويا غم،
    ادي آئون ڦٽيل ڦوڙائي ڦٿڪان پيئي.

    قومي سڏ تِن ڪن تي آيو،
    ڪُل ڇڏيائون ڪم،
    ادي آئون ڦٽيل ڦوڙائي ڦٿڪان پيئي.

    ڪجھه نه ڪيو مون قوم ڪارڻ،
    ماري “منشي” مرم،
    ادي آئون ڦٽيل ڦوڙائي ڦٿڪان پيئي.


    کائي سُمھان ڪيئن کير اَلا،

    کائي سُمھان ڪيئن کير اَلا،
    ڪانڌ ڪڏھوڪو قيدي منھنجو.

    جھوريءَ جھوريو، جيڏل جندڙو،
    جھيرن تي پيا جھير اَلا،
    ڪانڌ ڪڏھوڪو قيدي منھنجو.

    اَکا اُڇلايان باسُون باسيان،
    پوڄيو، پوڄيان پِير اَلا،
    ڪانڌ ڪڏھوڪو قيدي منھنجو.

    سيج ڏسيو ٿي، سڙان پچان پڄران،
    چت پون ٿا چِير اَلا،
    ڪانڌ ڪڏھوڪو قيدي منھنجو.

    ساريو “منشي” سھڻو ساجن،
    نيڻين وھايان نِير اَلا،
    ڪانڌ ڪڏھوڪو قيدي منھنجو.


    مون ته مَلِي رکيو ميٽ،

    مون ته مَلِي رکيو ميٽ،
    آھي اوھان جي لاءِ عطر ۾.

    لڱ لڱ لُون لُون لھس لڳائي،
    لالڻ تنھنجي ليٽ.

    ڦوڙائي جا ڦٽ جگر ۾،
    مون ته مَلِي رکيو ميٽ.

    ڄانڀا پڪا ۽ سرنھن ساماڻي،
    چھڪيا چؤڏس چيٽ.

    آئون فراقن ماري فڪر ۾،
    مون ته مَلِي رکيو ميٽ.

    رات ته ڪُونجن رت رئاريو،
    ڪڻڪي لٿيون ڪيٽ.

    اُٿيا اُمالڪ اُڌمان اندر ۾،
    مون ته مَلِي رکيو ميٽ.

    آئي بھار ۽ موٽي ويئي،
    کرا کڄي ويا کيٽ.

    تون ته اڃا آھين سُھڻا سفر ۾،
    مون ته مَلِي رکيو ميٽ.



    تنھنجي جدائي جي اڄ جاني،
    جھوريو آھي جھيپٽ.

    گھاءُ وجھن ٿا گھايل گھر ۾،
    مون ته مَلِي رکيو ميٽ.

    سِپون سمنڊ ۾ ڦڙڪي ڦُڙين مان،
    پارس پاتئون پيٽ.

    ٻڙڪان ٻران مان ٻاڙي بحر ۾،
    مون ته مَلِي رکيو ميٽ.

    توريءَ “منشي” ڪيئن لاھيان ڪارا،
    اچي لال لپيٽ.

    سانوڻ آيو سج ڇمر ۾،
    مون ته مَلِي رکيو ميٽ.



    ڀري چندن چوٽي، واٽن تولئه وار وڇايم.

    ڀري چندن چوٽي، واٽن تولئه وار وڇايم.

    تو ته پيارڻ پاڻ ڏاڍن سان، جنگ وڃي جوٽي،
    واٽن تولئه وار وڇايم.

    تنھنجي جدائيءَ جي آھيان، جاني گھاوَن گھاگھوٽي،
    واٽن تولئه وار وڇايم.

    پوئين رات ٿي کاڻي کانئي، کٽ ھيءَ کاڻوٽي،
    واٽن تولئه وار وڇايم.

    روئي رات اڄ اکين کاڌي، پريم پالوٽي،
    واٽن تولئه وار وڇايم.

    ڪيرائي ڪوٽ اڄ ڪوٽ قھر جا، ”منشي“ اچ موٽي،
    واٽن تولئه وار وڇايم.



    ساري سنڌ جا سُور اَلا، سَر تي سودي ساڻ کنيائون.

    ساري سنڌ جا سُور اَلا، سَر تي سودي ساڻ کنيائون.

    وانگيئڙن جا وِرھ وِھائي، چِت ڪيائون چُور اَلا،
    سرتي سودي ساڻ کنيائون.

    پاڻ بچائي جڳ جاڳائي، ڏاڍا ويئڙا ڏُور اَلا،
    سرتي سودي ساڻ کنيائون

    آزاديءَ جي عشق انھن کي، گھائي وڌڙر گھُور اَلا،
    سرتي سودي ساڻ کنيائون

    جھوپن جھانگي جھڄندي ڏسندي، پاڻ جھُري ٿيا جھُور اَلا،
    سرتي سودي ساڻ کنيائون

    وڏي وياج سان وٺي سي ورندا، “منشي” پنھنجو مُور اَلا،
    سرتي سودي ساڻ کنيائون




    چُريا چُکيا چنگ الا، اچي اُھا ھِتِ، چڙھڻ جا چاھي.

    چُريا چُکيا چنگ الا، اچي اُھا ھِتِ، چڙھڻ جا چاھي.

    سنڌوءَ ڀيٽا ڏينديون سي، جن امراگني انگ،
    اچي اھا ھت، چڙھڻ جا چاھي.

    سيئي سَتيون ٿينديون سنڌ لئه، ناتا جن جا ننگ،
    اچي اھا ھت، چڙھڻ جا چاھي.

    سيجن سُتيون سڀ ته سُڀا ھت، ڪارا رڙندا ڪنگ،
    اچي اھا ھت، چڙھڻ جا چاھي.

    پاڻ پتوڙي پرين ڪارڻ، نوان رچايو رنگ،
    اچي اھا ھت، چڙھڻ جا چاھي.

    “منشي” مچ ۾ سيئي مچن جن، آزاديءَ اُمنگ،
    اچي اھا ھت، چڙھڻ جا چاھي.



    ڪُوپ ڪُسڻ جو ڪاڪ اَلا، ڪڍيا ڪات ڪنوارين.

    ڪُوپ ڪُسڻ جو ڪاڪ اَلا، ڪڍيا ڪات ڪنوارين.

    ويندي وڍيا وير وڏا ٿي، وڍ وڍ واڪو واڪ،
    ڪڍيا ڪات ڪنوارين.

    پڙ ۾ پرکا پرکيءَ ڪارڻ، بيٺيون ٿي بيباڪ اَلا،
    ڪڍيا ڪات ڪنوارين.

    بجليون تجليون بدن کڙن تن، ھر ھنڌ آھي ھاڪ،
    ڪڍيا ڪات ڪنوارين.

    آڏ اڏيءَ کي ناھي، تاڪي نه ڪوئي تاڪ،
    ڪڍيا ڪات ڪنوارين.

    گول پڪل جيئن ڳاڙھيون گجرون، مٿان مينڍن ماڪ،
    ڪڍيا ڪات ڪنوارين.

    ڪنڌڙا ڪپيو سي ڪن قندريون، ڏيل وڍيو ڪن ڏاڪ،
    ڪڍيا ڪات ڪنوارين.

    دولاڻين تن ديس وندين جي، ڌرتي اُڀ ۾ ڌاڪ،
    ڪڍيا ڪات ڪنوارين.

    راڻا راجا ڪيئي “منشي” ، پسندي پيرين خاڪ،
    ڪڍيا ڪات ڪنوارين.


    وڃ نه وسامي ويھه اَلا، پنڌ پراھون آھي پانڌيئڙا.

    وڃ نه وسامي ويھه اَلا، پنڌ پراھون آھي پانڌيئڙا.

    ڇيتون ڇُلڻا نه پس ھل، ٿيندو ڇير جو ڇيه اَلا،
    پنڌ پراھون آھي پانڌيئڙا.

    تون جنھن راھ جو راھي آھين، تنھن کان ڏڪي ٿو ڏيھه اَلا،
    پنڌ پراھون آھي پانڌيئڙا.

    “منشي” منزل ماڻڻ ڪارڻ، وِھڻ ڪري ڇڏ ويھه الا،
    پنڌ پراھون آھي پانڌيئڙا.








    ڇوڙي ڇتا نه تون ڇيڙ اَلا، چُرا چار ئي ڏسيون چڪيندا.

    ڇوڙي ڇتا نه تون ڇيڙ اَلا، چُرا چار ئي ڏسيون چڪيندا.

    بُکيا بشھير ڦڻون ڦڙڪاءِ، ويڙھڻ سان ڪن ويڙھ اَلا،
    چُريا چارئي ڏسيون چڪيندا.

    نه ڇڏ نانگا نانگ نيرانا، نيندا ڏنگي جڳ نيڙ اَلا،
    چُريا چارئي ڏسيون چڪيندا.

    تِر نه ڪري ترياق تفاوت، نه ڪا جھاڙ نه جھيڙ اَلا،
    چُريا چارئي ڏسيون چڪيندا.

    پل سي پنھنجا پاليل تو در، “منشي” آندي ميڙ اَلا،
    چُريا چارئي ڏسيون چڪيندا.






    تن ۾ تاڻو تان اَلا،

    تن ۾ تاڻو تان اَلا،
    تانگھه تنين جي تڙپي تڙپي.

    ڀوڏيسر جي ڀٽ تي، ڀاڳياڻين جي ڀاڻ اَلا،
    تانگھه تنين جي تڙپي تڙپي.

    ساري ٿر ٿاريليون، متو من مانڌاڻ اَلا،
    تانگھه تنين جي تڙپي تڙپي.

    ٻاين اوڍيون ٻانڌڻيون، وٺي ٿي جا وراڻ الا،
    تانگھه تنين جي تڙپي تڙپي.

    ڇنو، ڇڇ، ڇا ڇوليون، لٿي ڪندين ڪاڻ اَلا،
    تانگھه تنين جي تڙپي تڙپي.

    چئونرن ۾ جن چوڙيلين جي، راتو ڏينھن رھاڻ اَلا،
    تانگھه تنين جي تڙپي تڙپي.


    جن کان جدا پيا جيل ۾ جاني، ڏاڍا ڏانوڻ ڏاڻ اَلا،
    تانگھه تنين جي تڙپي تڙپي.

    ”منشي“ من مچ اِئين مچ ٿا، جيئن باھ پراڻي ڀاڻ اَلا،
    تانگھه تنين جي تڙپي تڙپي.


    چت نه چنگ سان چير الا،

    چت نه چنگ سان چير الا،
    گھُرين سِر گھوري ڏيان.

    مون کان متان کسيين، زمين ۽ ٻيو ضمير اَلا،
    گھُرين سو گھوري ڏيان.

    جھير نه وجھه جھُونگار سان، نه ڪي ساڙ سَرير اَلا،
    گھُرين سو گھوري ڏيان.

    منھنجي ڏات ڏياچ جي، ساڳي خاڪ خمير اَلا،
    گھُرين سو گھوري ڏيان.

    ”منشي“ من مڱڻا ھنيئي، چوري ڪينر ڪير اَلا،
    گھُرين سو گھوري ڏيان.





    ساھ تي ڇا ويساھ ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.

    ساھ تي ڇا ويساھ ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.

    ڪنھن ڏِس کان ھي لوھ لڳي ھئي، ڪيڏو ڪوسو واءُ،
    ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.

    ڌرتي ڪيڏي ڌونس مچائي، اُڀ مان نڪتي آھ،
    ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.

    ھونئه ته ھتي نت ويٺو وڪامي، ماڻھو پئسي پاءُ،
    ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.

    جن دلين جي آس ھُئين تون، گھائي ويا تن گھاءُ،
    ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.

    پيڃاري پوڪاريو ۽ گُڙي گوني، دانھه ڪئي درياھ،
    ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.

    تنھنجي جدائي سنڌوءَ ماءُ تي، تاتارين جي ڪاھ،
    ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.

    ”منشي“ گُوندر منجھه گڏي تون، رِڙھئين رباني راھ،
    ڪانه ھئي تو مُند مرڻ جي.


    ھوءَ جي ھئڙم ھاڻ، جن سان روح رھاڻ،

    ھوءَ جي ھئڙم ھاڻ، جن سان روح رھاڻ،
    ڪنھن ڏِس ڏَسُ ڏيو ڏوريان.

    وجھان واجھه وصال لئه، پاڻ پڇاڙيو پاڻ،
    ڪنھن ڏِس ڏَسُ ڏيو ڏوريان.

    پُوڄڻ جھڙا مون پرين، الله اوري آڻ،
    ڪنھن ڏِس ڏَسُ ڏيو ڏوريان.

    ويا سي جاني جوءِ مان، جيئان ڪنھن جي ڪاڻ،
    ڪنھن ڏِس ڏَسُ ڏيو ڏوريان.

    سيني سَٽڪا سُورائين جيئن، سھي ڌڪ سانڌاڻ،
    ڪنھن ڏِس ڏَسُ ڏيو ڏوريان.

    ڪوئل ٽپ ٽپ تاريين، ڪُوڪي ڪنھن جي ڪاڻ،
    ڪنھن ڏِس ڏَسُ ڏيو ڏوريان.

    ”منشي“ موت ماريا، ڪھڙا جُنگ جواڻ،
    ڪنھن ڏِس ڏَسُ ڏيو ڏوريان.


    ڏاڍو ڏينھن تَتو،

    ڏاڍو ڏينھن تَتو،
    واجب ساھي وچ ۾ ناھي.

    ڌرتتيءَ ۾ ڌاڪو ڌڱ جو،
    مانجھي آھي متو،
    وجب ساھِي وچ ۾ ناھي.

    گھائن گھايل، گھوٽ وڙھي پيو،
    وھي رت رتو،
    واجب ساھِي وچ ۾ ناھي

    ڌرتيءَ تي اڄ ڌاڙيلن جو،
    پورو پيو آ پتو،
    واجب ساھِي وچ ۾ ناھي.



    ھاري وٺندئي حساب، وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    ھاري وٺندئي حساب، وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    رات کي پنھنجو رت ڏيئي اڄ، آڻين پيا آفتاب،
    وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    جيڪو کيڙي سوئي کائي، قاضين ٺاھيا ڪتاب،
    وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    سکر، خانبھادر سارا، لعنت جا القاب،
    وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    بيمانيءَ جو برقعو پائي، ورتئي ٻِلا ۽ باب،
    وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    ھر ڪو ھاج ھٿن جي کائي، ناھي ڪوبه نواب،
    وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    ھڪ ٿي پنھنجي حَق وٺڻ لئه، جَنتا جاڳي جناب،
    وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    دين ڌرم کي سڏين دوکو، رون رون وڄن باب،
    وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    ڪوڏر، ڏاٽا، گھا، ڪھاڙيون، ھڻندي ڪن نه حجاب،
    وقت اچي ويو آھي وڏيرا.

    ھٿ ھٿ ”منشي“ ڳاڙھا جھنڊا، جھڙا گُل گلاب،
    وقت اچي ويو آھي وڏيرا.


    ڏاڍو آھي ڏاوڙ، رول ڪُتا ڪي راڄ ۾ آيا.

    ڏاڍو آھي ڏاوڙ، رول ڪُتا ڪي راڄ ۾ آيا.

    ٻير جا ڍينگر کوڙ کڙھ تي، قابو ڪج ڪُماڙ،
    رول ڪُتا ڪي راڄ ۾ آيا.

    اڄ نه انھن جا عام ٿا ٻُڌجن، آڌي رات اُوناڙ،
    رول ڪُتا ڪي راڄ ۾ آيا.

    اُتر ڀيلي، وريا وچولي، لکين لٿا منجھه لاڙ،
    رول ڪُتا ڪي راڄ ۾ آيا.

    ڏيھاين کي ڏند ڏيکاري، لوسي ھڻن لٻاڙ،
    رول ڪُتا ڪي راڄ ۾ آيا.

    انھن ڪُتن جو ڪم اصل کان، آھي چير ۽ ڦاڙ،
    رول ڪُتا ڪي راڄ ۾ آيا.

    ”منشي“ ماري ڪڍو ڪُڙم مان، ڪُٽي تن ڪياڙ،
    رول ڪُتا ڪي راڄ ۾ آيا.


    جيئڻ جيڏا جل، اَلا، سُور سڀن جو ساڳيو.

    جيئڻ جيڏا جل، اَلا، سُور سڀن جو ساڳيو.

    ڌرتيءَ تي ڌارين سندي، گھوڙا ھيڏي گھل، اَلا،
    سُور سڀن جو ساڳيو.

    جي جيارين جڳ کي، ڍول تنين ئي ڍل، الا،
    سُور سڀن جو ساڳيو.

    پاروٿي اوبار کان، پنھنجو پاڻ کي پل، اَلا،
    سُور سڀن جو ساڳيو.

    ڪُونڌر قومي ڪاڄ جي، ڪنھن ڪنھن پيئي ڪَل، اَلا،
    سُور سڀن جو ساڳيو.

    سمجھن سُن سلوڪ کي ڪي ”منشي“ مانجھي مل، اَلا،
    سُور سڀن جو ساڳيو.



    سنڌو سوڍن سام، صدين کان، سنڌو سوڍن سام.

    سنڌو سوڍن سام، صدين کان، سنڌو سوڍن سام.

    باک جنھين ڄڻ چانديءَ چمڪو، سون سراسر شام،
    صدين کان، سنڌو سوڍن سام.

    مھر ڀريو مھراڻ جنھين ۾، ھيرا جواھر جام،
    صدين کان، سنڌو سوڍن سام.

    وونڪا وارث وک وک تي جنھن، وِير وڏا وريام،
    صدين کان، سنڌو سوڍن سام.

    جھانگي وانگي سانگي ھرڪا، “منشي” ڄاڻن مام،
    صدين کان، سنڌو سوڍن سام.






    وانجھي ونجھه وراءُ، سنڌوءَ ٻيڙي سِير تي.

    وانجھي ونجھه وراءُ، سنڌوءَ ٻيڙي سِير تي.

    ناکئا ڇڏي ننڊ کي، ناتاريون ته نماءَ،
    سنڌوءَ ٻيڙي سِير تي.

    ڪيڏا ڪڙڪا ڪُن ۾، لھرين مان ته لنگھاءِ،
    سنڌوءَ ٻيڙي سِير تي.

    وانجھي سانجھي ويل ورڻ جي، پيرين پار پُڄاءِ،
    سنڌوءَ ٻيڙي سِير تي.

    نِنگھه ڇڪي پيئي ناکئا، سمجھي سِڙھ سنڀاءِ،
    سنڌوءَ ٻيڙي سِير تي.

    “منشي” موڙي مڪڙي، تانگھي ۾ ترساءِ،
    سنڌوءَ ٻيڙي سِير تي.



    تکي تانِ ڪري، سر گھري پيو سنڌ لئه

    تکي تانِ ڪري، سر گھري پيو سنڌ لئه

    ڪيڏو سوز ڪماچ ۾، ڀاڳيو ڀونءِ ڀري،
    سِرُ گھُري پيو سنڌ لئه.

    جيئن جيئن تپي ڏينھڙو، تيئن واڄو واڄ ڪري،
    سِرُ گھُري پيو سنڌ لئه.

    واول سيئي وڄائيندا، ٻُنڀان جن ٻري،
    سِرُ گھُري پيو سنڌ لئه.

    ”منشي“ خالي منگتو، وچان ڪيئن وري،
    سِرُ گھُري پيو سنڌ لئه.






    ڪڙين منجھه ڪڙَي، سوگھِي ڪيائون سنڌ سِنگھر ۾.

    ڪڙين منجھه ڪڙَي، سوگھِي ڪيائون سنڌ سِنگھر ۾.

    سوگھيون سنگھريون، سَنڌ سَنڌ ساڻو، سُورن منجھه سَڙي،
    سوگھي ڪيائون سنڌ سَنگھر ۾.

    ڪڍو ڪُڙم مان ڪُوندر ڪٺي ٿي، تاڪن کي ته تڙي،
    سوگھي ڪيائون سنڌ سَنگھر ۾.

    سوئي سچو پٽ سوڍو سنڌ جو، جيڪو لال لڙي،
    سوگھي ڪيائون سنڌ سَنگھر ۾.

    جن جاڳايا جيجل جل تن، جھونجھر وجھه جھري،
    سوگھي ڪيائون سنڌ سَنگھر ۾.

    “منشي” مار موت جي مُنھن ۾، راتو ڏينھن رڙي،
    سوگھي ڪيائون سنڌ سَنگھر ۾.



    جھيڙي جي جھُونجھار، وو يار، پرکا آھي پِڙ ۾.

    جھيڙي جي جھُونجھار، وو يار، پرکا آھي پِڙ ۾.

    سيئي ڏيندا سِر سنڌوءَ کي، جن جو نينھن نبار،
    وو يار، پرکا آھي پِڙ ۾.

    جنگ جپ جوٽڻ، پاھُون موٽڻ، مردن لاءِ ميار،
    وو يار، پرکا آھي پِڙ ۾.

    ڌرتيءَ تان اڄ ڌاڙيلن کي، ڌِڪي ڪريو ڌار،
    وو يار، پرکا آھي پِڙ ۾.

    ”منشي“ ڪانئر ڪيئن نه ڪنبن ٿا، ڏسي ڏيھين ڏھڪار،
    وو يار، پرکا آھي پِڙ ۾.






    چورڻ ڪارڻ چپ، ساري قوم جا سبيا.

    چورڻ ڪارڻ چپ، ساري قوم جا سبيا.

    وتن گوندر گڏيا، مکي گولپ گپ،
    ساري قوم جا سبيا.

    ويڙھيچن وڪوڙيو، ڪھڙي ڊاءِ ۽ ڊپ،
    ساري قوم جا سبيا.

    ڏسيو ڏک ڏوٿين جا، لڳن ڪاتيون ڪپ،
    ساري قوم جا سبيا.

    ڪري قاتل قوم جا، ويا حق ھڙپ،
    ساري قوم جا سبيا.

    ڪيڏي ساري قوم کي، سونگھي ڄڻ ويو سَپ،
    ساري قوم جا سبيا.

    مُور نه ملندو ماڙھوئا، وري اھڙو ڊپ،
    ساري قوم جا سبيا.

    آيو نه ”منشي“ اکيين، سوچي جھوٽو جھپ،
    ساري قوم جا سبيا.


    سچ ته آھي سچ، سِر ڪر پنھنجو سچ تان صدقي.

    سچ ته آھي سچ، سِر ڪر پنھنجو سچ تان صدقي.

    سچ زھر سُقراط کي پياريو، مُور نه جنھن سقراط کي ماريو.
    ڪيڏو سچ ۾ مچ،
    سِرڪر پنھنجو سچ تان صدقي.

    سچ چئي منصور نه مرڻو، ويس وٺي سرمد جو ورڻو،
    بنجي بلاول اچ،
    سِرڪو پنھنجو سچ تان صدقي.

    سچ جي ساعت لک لھي ٿي، پل ڊھي ٿي صديون ٺھي ٿي،
    راز انھيءَ ۾ رچ،
    سِر ڪو پنھنجو سچ تان صدقي.

    “منشي” مام پروڙي سچ جو، ڇڏ ڪنارو ڪُوڙ ۽ ڪچ جو،
    سچ ته بيٺو نچ،
    سِر ڪو پنھنجو سچ تان صدقي.



    پنھنجي ريت پريت، پنھنجو مذھب ماڻھوءَ محبت.

    پنھنجي ريت پريت، پنھنجو مذھب ماڻھوءَ محبت.

    پنھنجي من کي پِرڀايون ٿا، پنھنجا ڳائي گيت،
    پنھنجو مذھب ماڻھوءَ محبت.

    جڳ جي جک کان جان ڇڏائي، جُڳ جُڳ ماڻيو جيت،
    پنھنجو مذھب ماڻھوءَ محبت.

    وير وروڌ ۽ جھيڙا جھڳڙا، ڪريون نه اھڙي ڪُريت،
    پنھنجو مذھب ماڻھوءَ محبت.

    ڪاٽي ڪنڌ ڪلال جي اڳيان، ماڻيون من جو ميت،
    پنھنجو مذھب ماڻھوءَ محبت.

    ملڪ سڄي کان “منشي” نرالو، پنھنجو ساز سنگيت،
    پنھنجو مذھب ماڻھوءَ محبت.



    سھڻي کائي پيئي سور، ورو وانجھيو،

    سھڻي کائي پيئي سور، ورو وانجھيو،
    سانوڻ سِير درياھ جي.

    ڪُن ٻوڙين ٿا ڪامڻي،
    ھٿ نه ايندي پوءِ حوُر، ورو وانجھيو،
    سانون سِير درياھ جي.

    واڳن آھي وچ ڪامڻي،
    وھ ۾ وڃي پييئي وھلور، ورو وانجھيو،
    سانوڻ سِير درياھ جي.

    چؤڏس چاري چُھٽيا چريءَ کي،
    چلڻ ڪنا آھي چور، ورو وانجھيو،
    سانوڻ سِير درياھ جي.

    اچو اُلوڙي، مڪڙيون موڙي،
    ماندي مري پيئي مجبور، ورو وانجھيو،
    سانوڻ سِير درياھ جي.

    ”منشي“ مانگر مِڙيا مُئيءَ تي،
    جھولن جھوري ڪئي جھُور، ورو وانجھيو،
    سانوڻ سِير درياھ جي.



    ڳھڻن جھڙيون ڳالھڙيون، نرالڙيون،

    ڳھڻن جھڙيون ڳالھڙيون، نرالڙيون،
    ويھه ته ٻڌايان ويڙھيچن جون.

    پورھيت ڌيئڙيون پاھ بُکن ۾،
    اڻڀا وار اٻالڙيون، نرالڙيون،
    ويھه ته ٻڌايان ويڙھيچن جون.

    مجبوريءَ کان ماءُ پيئي وڪڻي،
    پيار سان ڌيئڙيون جي پالڙيون، نرالڙيون،
    ويھه ته ٻڌايان ويڙھيچن جون.

    گدليون گدليون، لٽڙا ليڙون،
    پئسي پائي سُوالڙيون ، نرالڙيون،
    ويھه ته ٻڌايان ويڙھيچن جون.

    ”منشي“ مارُن ڏکڙا ڏسندي،
    اکڙيون رھيون آلڙيون نرالڙيون،
    ويھه ته ٻڌايان ويڙھيچن جون.





    ڪيڏي رات انڌاري آ،

    ڪيڏي رات انڌاري آ،
    ڪيڏي رات انڌاري آ.

    بڙڇي بم بندوق سان بيٺو،
    تڙ تڙ تي تاتاري آ،
    ڪيڏي رات انڌاري آ.

    سپ ويو سُونگھي ساٿ سڄو ڄڻ،
    ڀونءِ تي ڀؤ ڀاري آ،
    ڪيڏي رات انڌاري آ.

    تو لئه مون لئه ڌَرتتي ھي،
    ڌرتي ساري انڌاري آ،
    ڪيڏي رات انڌاري آ.

    سَنڌ سَنڌ، سنڌ جو ڪيئن نه سڙي پيو،
    ٻارڻ ڏيئي ڪنھن ٻاري آ،
    ڪيڏي رات انڌاري آ.

    ”منشي“ ھتڙي، موت جي مُنھن ۾،
    ھر ھڪ ھاري ناري آ،
    ڪيڏي رات انڌاري آ.


    ڇوري وڄاءِ نه تون ڇير، ڇَمڪي تي ڇورا ڇرڪن.

    ڇوري وڄاءِ نه تون ڇير، ڇَمڪي تي ڇورا ڇرڪن.

    پَٽَ کان ڪُونئرا ھٿ نه تون پَٽ تي، پليل پنھنجا پير،
    درد ونديون ٿيون دليون ڌڙڪن.

    وائي شاھ جي ورجائين ٿي، آڌيءَ کان به اَوير،
    ڪنھن جي چِت ٿا چاڪُو چھڪن.

    سوز منجھان سنگيت کي ڇيڙي، ڍنگ ڪرين ٿي ڍير،
    سوز ڀريا سيِنا سَھڪن.

    چئني طرفن چرچو تنھنجو، آھي ڏؤنڪو ڀير،
    ھر من تنھنجون مُرڪون مھڪن.

    ڳاڙھي ساڙھي پائي پِڙ ۾، ڦُلڪاري نه ڦير،
    ڪنھن جا ڦڦڙ ٿا ڦِڙڪيو ڦڙڪن.

    ڪو به حلالي نه رکندو توسان، “منشي” من ۾ مير،
    گھر گھر تنھنجا گُنگھرو گُونجن.


    گھايس تنھنجي گھاءُ، آيل ماءُ،

    گھايس تنھنجي گھاءُ، آيل ماءُ،
    ڦٽ ڦِري اڄ ڦاڪون ٿي پيا.

    جنجيرن ۾ جيءَ جڪيڙي،
    تنھنجي کي ڏين تاءُ، آيل ماءُ،
    ڦٽ ڦِري اڄ ڦاڪون ٿي پيا.

    جوڙا جُواري منھنجا پنھنجا،
    داءُ رکيائون ماءُ، آيل ماءُ،
    ڦٽ ڦِري اڄ ڦاڪون ٿي پيا.

    ساڳيو ڀاڳيو، ڀونءَ پنھنجيءَ جو،
    ڀاءُ ڪُھي پيو ڀاءُ، آيل ماءُ،
    ڦٽ ڦِري اڄ ڦاڪون ٿي پيا.

    تڙ تڙ آ تاتاري بيٺو،
    رت جي راند رچاءَ، آيل ماءُ،
    ڦٽ ڦِري اڄ ڦاڪون ٿي پيا.

    راڄ راڄ ۾ راڻا ”منشي“،
    پوءِ به ھي پڇتاءُ، آيل ماءُ،
    ڦٽ ڦِري اڄ ڦاڪون ٿي پيا.















    ويا گنجي گھندا، او ماءُ،

    ويا گنجي گھندا، او ماءُ،
    ڪيسريا ڪپڙا ڪري.

    سي وڻ خوشبوءَ واسبا، رات جتي رھندا، او ماءُ،
    ڪيسريا ڪپڙا ڪري.

    آزادي جي آسري، ڪوھن ۾ ڪُھندا ، او ماءُ،
    ڪيسريا ڪپڙا ڪري.

    ڏوري ڏوري ڏونگرين، لالڻ سي لھندا، او ماءُ،
    ڪيسريا ڪپڙا ڪري.

    آجا ٿي انھن ھٿان، واھڙ پيا وھندا، او ماءُ،
    ڪيسريا ڪپڙا ڪري.

    ويندڙ ويندا ئي رھيا، بجر پيا بھندا، او ماءُ،
    ڪيسريا ڪپڙا ڪري.


    آئون پاڻ لڄائيو، ”منشي“ تن مھندا، او ماءُ،
    ڪيسريا ڪپڙا ڪري.


    رڻ رائو ۽ روھ،

    رڻ رائو ۽ روھ،
    ڏير ڏيئي ويا ڏيج ۾.

    لُڪن لڱ لُساٽيا، ڇپر ڇنڊيا ڇوھ،
    ڏير ڏيئي ويا ڏيج ۾.

    ڪڏھن ته رسندين ڪيچ کي، ڪوھ پُڇان مان ڪوھ،
    ڏير ڏيئي ويا ڏيج ۾.

    سچي مٽي سنڌ جي، لڱ لڱ جنھن جا لوھ،
    ڏير ڏيئي ويا ڏيج ۾.

    سبق سُڀا سڀ سکنديون، ڏسي منھنجو ڏوھ،
    ڏير ڏيئي ويا ڏيج ۾.

    ”منشي“ منڌ محبوب جي، ماريو آھي موھ،
    ڏير ڏيئي ويا ڏيج ۾.







    ڌُڻيا مون ڌڻي،ڌُڻي نه ڌُڻي.

    ڌُڻيا مون ڌڻي،ڌُڻي نه ڌُڻي.

    پارس ھِيرا مون پرين، مان ته ڪائي ڪَڻي،
    آئون ته عجيبن جي آھيان پير پڻي،

    پِڪ پريان کان مون پِني، پائي پنج ڪڻي،
    مون کي سنج سُپرين، واھ جا يار وڻي.

    چڙھيو وڻ واٽُون ڏسان، پريان پير پڻي.
    پيا سُور سَرير ۾، ڇِپُن جيئن ڇڻي.

    ڏاھپ چاڙھي ڏاگھه تي، نانگي ٿيس رڻي.

    اکيان آکي نه ٿئي، اھا اک آڻي.
    گھوڙا گھر ويٺي وئي، گھائي گھور گھڻي.

    جاني منھنجي جسم تان، ڦيري ويم ڦڻي.
    کِلي ”منشي“ سا کنئي، جيڪا باب بڻي.






    آھيان ھتي ڏينھن ٻه ٽي، قيد ڪٽي،

    آھيان ھتي ڏينھن ٻه ٽي، قيد ڪٽي،
    آئون جا ويندس ويڙھيچن ڏي.

    کڻي آئين کوھ تان،
    جھانگياڻي جھٽي، قيد ڪٽي،
    آئون جا ويندس ويڙھيچن ڏي.

    ساڻيھه ۾ سرتين سان،
    کائيندس سڱر سٽي، قيد ڪٽي،
    آئون جا ويندس ويڙھيچن ڏي.

    سا ڏوھين تان سومرا،
    پيرُون آڻيون پٽي، قيد ڪٽي،
    آئون جا ويندس ويڙھيچن ڏي.

    امر لکيو “ابراھيم” چئي،
    ڪِين ھٽي، قيد ڪٽي،
    آئون جا ويندس ويڙھيچن ڏي.


    وڃي ويڙھ ونڊي،

    وڃي ويڙھ ونڊي،
    کاڄ کائيندس کيت سان.

    ڀُوري ڪاري مَڪ ملير جي،
    ڇڄن منجھه ڇنڊي،
    کاڄ کائيندس کيت سان.

    جُسو، جنجيرن ۾ جڙيو،
    مانڊيءَ منڊ منڊي،
    کاڄ کائيندس کيت سان.

    ساريا سڱر ساڻيھه جا،
    اندر مون اُڪنڊي،
    کاڄ کائيندس کيت سان.

    “منشي” مارُن سان لڳو،
    لاڪر نينھن ننڍي،
    کاڄ کائيندس کيت سان.


    پيتم پِڪ پيھي،

    پيتم پِڪ پيھي،
    کٻڙن ھيٺان کيت سان.

    سڱ منھنجو سومرا، ڪيو ويڙھيچن ويھي،
    کٻڙن ھيٺان کيت سان.

    مون جي گھاريا ڏينھڙا، تنھن تو ڪل ڪيھي،
    کٻڙن ھيٺان کيت سان.

    لوئي ڪيئن لڄائيان، ڏنم جا ڏيھي،
    کٻڙن ھيٺان کيت سان.

    “منشي” مون تان جنِدڙي، رُپي جيئن ريھي،
    کٻڙن ھيٺان کيت سان.





    ڪوھ ٿيون ڏيو مون کي ڏوھ،

    ڪوھ ٿيون ڏيو مون کي ڏوھ،
    سوگھي آڳي سَنگھرين.

    اچان اُڏامي ھوند مان، پر لڱ لڱ آھن لوھ،
    سوگھي آڳي سَنگھرين.

    پاڻي ڀريندي جيڏيون، مون سان ٿيئڙو ڊوھ،
    سوگھي آڳي سَنگھرين.

    ساريان ائين ساڻيه کي، جيئن ڪُونجون سارين روھ،
    سوگھي آڳي سَنگھرين.

    “منشي” ناھي ملير ري، مورھين ٻيو ڪو موھ،
    سوگھي آڳي سَنگھرين.





    ھِرکي ھندرون تي جھولا جھُوليان،

    ھِرکي ھندرون تي جھولا جھُوليان،
    تنھن کان وِھ کائي مران.

    ساک وڃائي ست جي، پير پلنگ پايان،
    تنھن کان وِھ کائي مران.

    کُنبھا اوڍي کٽ چڙھي، لوئي لڄايان،
    تنھن کان وِھ کائي مران.

    مارُو مور ملير جا، طعنن ۾ تايان،
    تنھن کان وِھ کائي مران.

    پائي در تو دُھريون، لالون لٽڪايان،
    تنھن کان وِھ کائي مران.

    ست رڇين تي سومرا، ھينئڙو ھِرکايان،
    تنھن کان وِھ کائي مران.


    تنھنجا جھُومڪ جھالرون، ڇيرون ڇمڪايان،
    تنھن کان وِھ کائي مران.

    “منشي” ماروئڙن جا، اوچا ڳاٽ نمايان،
    تنھن کان وِھ کائي مران.


    لسيءَ ۾ لپڙي،

    لسيءَ ۾ لپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.

    ماکيان مِٺي ميٺ سان، چپن مون چپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.

    اچي اُبَ نه آئيڙي ، ڏوراڻن ڌپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.

    نيڻ نالو ننڊ جو، جھانگين ري جھَپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.

    مينا ڇلا مون لئه منڊيون، سون سارا سَپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.

    نه ٻيو لوئي لڄ ري، ماروئڙين مپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.


    سيج تنھنجي ميان سومرا، مون لئه ڪاتيون ڪَپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.

    پِپون، پيرُون، پُسيون، پڪا، وٺي ڏنو وَپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.

    سرتين سڏ سپني سُيمُ، کاھڙ تو کَپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.

    ”منشي“ سانگياڻيءَ ساک جو، ڊاءُ وڏو ڊَپڙي،
    کاھڙ ۾ مون کيت پياري.


    ڏاڍو ڏينھن تتو،

    ڏاڍو ڏينھن تتو،
    لنڱ لوساٽيا لُڪ لڪن ۾.

    سَنڌ سَنڌ سِيرون ٿي پيا،
    جن مان وھي رت رَتو،
    لنڱ لوساٽيا لُڪ لڪن ۾.

    ڇپر ڇُپايو، پرکڻ ڪارڻ،
    مون کان پار پَتو،
    لنڱ لوساٽيا لُڪ لڪن ۾.

    مون کي ماريو آگ انھيءَ جي،
    من ۾ مچ مَتو،
    لنڱ لوساٽيا لُڪ لڪن ۾.

    ”منشي“ ميارون مون ڏي مڙيئي،
    سچ صاف سَتو،
    لنڱ لوساٽيا لُڪ لڪن ۾.


    ھو ته مٽي ويا ھاڙو ڙي،

    ھو ته مٽي ويا ھاڙو ڙي،
    تنھنجي ڪوڪ ڪُمھلي آھي.

    لاڏو ليڙا، رڻ جا ٻيڙا،
    ڌوڪ ھڻي ويا ڌاڙو ڙي،
    تنھنجي ڪوڪ ڪُمھلي آھي.

    پير ڊگھيري، پاڻ پرايئه،
    سُمھڻ منجھاران ، ساڙو ڙي،
    تنھنجي ڪوڪ ڪُمھلي آھي.

    ٻانڀڻ، ٻُوٽيون، ٻُوٽيون ٿي وڃ،
    ٻول نه ڪڍجين ٻاڙو ڙي،
    تنھنجي ڪوڪ ڪُمھلي آھي.

    ميا مٽي ويا ”منشي“ ماڳين،
    تون پئي پُڇائين پاڙو ڙي،
    تنھنجي ڪوڪ ڪُمھلي آھي.


    موکي مٽڪا کول،

    موکي مٽڪا کول،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.

    پُري پَري کان پيئڻ آيا،
    راڻا ايئن نه رول،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.

    سُرڪيءَ ڪارڻ سر به ڏيندا،
    تون به جھلي ڏس جھول،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.

    مرڻ جيئڻ لئه، جيئڻ مرڻ لئه،
    ٻاروتن کان ٻول،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.

    تنھنجي ڪڪُوھ آھِ ڪلالڻ،
    وونڪن پيئي وڙول ،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.

    تنھنجي ھٿان وِھ پيئڻ جو،
    آيا ڪري سڀ قول،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.

    ڪِين ڍُڪن مان ڍاپن ڍُرڪن ،
    ڍاٽي ڍٽ جا ڍول،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.

    تازو ڇڏي ڪو پيار پراڻو،
    ڳھر ڀريو ڪو ڳول،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.

    سُرڪي، سُرڪي سُور آ سِر جو،
    ڏي تُون ڀري ڪي ڏول،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.

    ”منشي“ متارا مِڙيا مرڻ لئه،
    ڀيلي ڀئو اچي ويئي،
    مڌ پيئڻ جي مُند اچي ويئي.


    ڪھڙي آندئي ڪُل،

    ڪھڙي آندئي ڪُل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.

    ھڪ ته جُدايون جيل ٻيا،
    جيءَ ۾ جاڳيا جَل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.

    کاءُ کنياتي تو لئه رکيا مون،
    ڦولھي مِٺڙا ڦل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.

    وَرھ وڇوڙو ڀانئيان،
    پرين ڌارن پل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.

    ساري صحبت سڄڻين،
    سينو ٿيئڙو سل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.

    آڌيءَ اُڌمان عجيب جا،
    جھليا نه ڏين جھل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.

    ڳچيءَ ھيري ڳانيون،
    ڳرھيان تنھنجي ڳل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.

    ويھي نِم جي ڏار تي،
    ساجن سنھيا سل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.

    کنيم کنياتا تنھنجا،
    اڻ کُٽ آر انگل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.

    ”منشي“ ڪَن ۾ ٻول تون،
    ڪُلھي ويھي ڪانگل،
    ڪوھ ٻڌايئن ڪانگڙا.


    نِت نِت آھي نئين ، اَلا،

    نِت نِت آھي نئين ، اَلا،
    پنھنجي پيارل پريت پُراڻي.

    چارئي پھر ھي چت چکيا تي،
    تنھن کي ڇو تون تئَين، اَلا،
    پنھنجي پيارل پريت پُراڻي.

    ويو وجودان وِسري وسارڻ،
    ڪُوڪٽ ڪيم ڪئين اَلا،
    پنھنجي پيارل پريت پُراڻي.

    جڳ جنھن واٽ ڪُواٽ ٿو سمجھي،
    سائي واٽ سنئين اَلا،
    پنھنجي پيارل پريت پُراڻي.

    امر اگني اندر اوسيئڙي،
    تنھن ڇو ڌنوَڻ ڌئين، اَلا،
    پنھنجي پيارل پريت پُراڻي.

    ”منشي“ متان ڪو ويڻ ورائي،
    چوري چپ چَئين، اَلا،
    پنھنجي پيارل پريت پُراڻي.



    تاڙا ڪر نه تنوار،

    تاڙا ڪر نه تنوار،
    جيل اندر مون جيئڙو جلي ٿو.

    مينھن جي موسم ياد ڏياري،
    وجه نه ڦڦڙن ڦار، اَلا،
    جيل اندر مون جيئڙو جلي ٿو.

    وڇن وڇارن ٻڌيا ھندا،
    سرلا اڄ سنڀار، اَلا،
    جيل اندر مون جيئڙو جلي ٿو.

    ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀاڪرين ھوندا،
    ڀاڳياڻون ۽ ڀتار، اَلا،
    جيل اندر مون جيئڙو جلي ٿو.

    گھاٽي نم جي ڇانوَ ۾ ھوندي،
    ڪنھن دل ڪئي اوسار، اَلا،
    جيل اندر مون جيئڙو جلي ٿو.

    ”منشي“ من ۾ مانڌ وجھه ٿي،
    تنھنجي پکي پُڪار، اَلا،
    جيل اندر مون جيئڙو جلي ٿو.



    ڏيڍ کن جو ڏينھن، اَلا،

    ڏيڍ کن جو ڏينھن، اَلا،
    گُوندر ويندا گُذري.

    آگم آگم پُٺيان وسن ٿا،
    ميڙائي جا مينھن، اَلا،
    گُوندر ويندا گُذري.

    پاڙون پُختيون پاتاران مون،
    ناھي ڇِڄڻ جو نينھن، اَلا،
    گُوندر ويندا گُذري.

    تو مون وچ ۾ عشق اويڙو،
    آھي ڪيھر شينھن، اَلا،
    گُوندر ويندا گُذري.

    ”منشي“ محبت سون سمان جا،
    ڪسُ لڳي تنھن ڪيئن اَلا،
    گُوندر ويندا گُذري.





    مرڪايو نه مياڻ ، اَلا،

    مرڪايو نه مياڻ ، اَلا،
    مَڇ کي ماريو مورڙا.

    موٽي ٿيندي موج مڏيءَ تي،
    لھندا ملاحن ماڻ، اَلا،
    مَڇ کي ماريو مورڙا.

    ھُڙا، بَتيلا، ھلو ھاڪاري،
    ڪُن تي ڪَڇئين جي ڪاڻ ، اَلا،
    مَڇ کي ماريو مورڙا.

    ڀيري ڀَن ۾ وجھو واڳونءَ کي،
    گھاتوئڙا گھَڻ ڄاڻ، اَلا،
    مَڇ کي ماريو مورڙا.

    جيسين جيئڙو مَڇ ، مھاڻا،
    موت تيسين مھراڻ، اَلا،
    مَڇ کي ماريو مورڙا.

    ”منشي“ ماريو مِڙي اڄ مڇ کي،
    ڪڍو نه ڪنھن جي ڪاڻ، اَلا،
    مَڇ کي ماريو مورڙا.



    ڏاڍا لڳن ٿا ڏنگ اَلا،

    ڏاڍا لڳن ٿا ڏنگ اَلا،
    جيڏل جل پيا جاڳي جگر ۾.

    چارئي پَھر مون، چِت چِکيا تي،
    آگ وجھي ويا انگ، اَلا،
    جيڏل جل پيا جاڳي جگر ۾.

    ساريو سِڪارن ٿي سَرتي تن جا،
    رُوپ نرالا رنگ، اَلا،
    جيڏل جل پيا جاڳي جگر ۾.

    “منشي” من ۾ مچ ائين جيئن،
    ٽانڊن آڀون سنگ، اَلا،
    جيڏل جل پيا جاڳي جگر ۾.







    کاھوڙي ٿي کڻ ، وک واڪج،

    کاھوڙي ٿي کڻ ، وک واڪج،
    جم ٿئين تُون کاڄ کڻن جو.

    واسينگن جو واٽ وِندر ۾،
    واڪو آھي وڻ وڻ، وک واڪج،
    جم ٿئين تُون کاڄ کڻن جو.

    اوٽ ۽ اولي، اجگر، اررون،
    اينديون اڳيان اڻ ڳڻ، وِک واڪج،
    جم ٿئين تُون کاڄ کڻن جو.

    ”منشي“ ھٿ مان مُور نه ڇڏجئين،
    مليل مادر کان مڻ، وک ڳاڪج،
    جم ٿئين تُون کاڄ کڻن جو.



    ڪافي

    ڪافي

    ڌرتيءَ جون ڌڄاڻيون، وي،
    ٻُسيون ٻُسيون، ٻُٽيون ٻُٽيون.

    چُوتا جن جا چِيڙون چِيڙون،
    لٽڙا لڱن تي لِيڙون لِيڙون،
    مُورت موتيءَ، داڻيون، وي،
    ٻُسيون ٻُسيون، ٻُٽيون ٻُٽيون.

    نڪ نه ڦُلڙيون ڳچيءَ نه ھَلسيون،
    ٻوکيون ٻانھون ڪََسليون ڪَسليون،
    سُرن ۾ ساماڻيون، وي،
    ٻُسيون ٻُسيون، ٻُٽيون ٻُٽيون.

    ڪُوڙن چُوڙن ڪاڻ ڪَرايون،
    سالن کان تِن سِڪنديون آيون،
    راڄ منھنجي جون راڻيون، وي ،
    ٻُسيون ٻُسيون، ٻُٽيون ٻُٽيون.

    ”منشي“ مورت مُھڻيون مُھڻيون،
    سج ستارن کان وڌ سُھڻيون،
    ھنرمند ھارياڻيون، وي،
    ٻُسيون ٻُسيون، ٻُٽيون ٻُٽيون.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 696
    ڪتابن جو مشاهدو: 953553
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 322703
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ