ڪتاب جو نالو: خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا (ريڊيو - اسڪرپٽ)
مصنف: امر ساهڙ
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 15 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 637 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 162 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب خوبصورت شاعر، تخليقڪار ۽ ليکڪ امر ساهڙ جي ريڊيو اسڪرپٽ جو مجموعو آهي.
’خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا ‘ رڳو سنڌ جي ويجهڙ جي تاريخ تي دلي تبصرو ناهي پر انهن مهربان شخصيتن لاءِ لفظي مڃتا به ان ۾ سمويل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اُنهن ڏهاڙن جي ٿڌن ڪُوسن لمحن ۾ پاڻ پتوڙي، عالمَ ۽ عالمَ واسين لاءِ سرهي دعا جو سنديس ٿيا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • ڪارونجهر جي چنڊ ۾ چارا ڳوليندڙ امر ساهڙ
  • همعصري بُغض ۽ پروفيشنل جيلئسي کي پاسيرو رکي لکيل راءِ!
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا

    • خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا • Khyal Ka`ro Kharrka`en tha
    (ريڊيو اسڪرپٽ) (radio script)
    • امر ساهڙ Aamr Sahar•
    ڇاپو پهريـون: آگسٽ 2015ع FIRST EDITION 2015
    ڪمپوزنگ مُڪيش هميراڻي (ساگر ڪمپيوٽرس مٺي)
    ٽائيـٽل@: ڪنول گروپ With All Rights Reserved
    ڪنول © KANWAL
    پبليڪيـشن قنبر Publication Kamber


    ملهه: 200 روپيـا


    ڪـتـابـن مـلـڻ جـا هـنـڌ:

    - ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد. سنڌيڪا ڪتاب گهر، حيدرآباد
    - فڪشن هائوس، حيدرآباد، - ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد
    - ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو - رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو
    - مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو- وسيم ڪتاب گهر، شڪارپور
    - سنڌيڪا ڪتاب گهر، سکر- تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس
    - ٿر ڪتاب گھر، مٺي، الفتح نيوز ايجنسي، سکر –
    سراج بڪ اسٽور ، قنبر


    ارپنا

    ٿر جي کاهوڙي ڪردار ۽ مُحبِ وطن
    محترم سائين
    مقيم ڪُنڀار
    جي نانءُ

    جکرا! تُنهنجي جوءِ ۾ هاڻ نه ڪوئي هَٽ،
    هاري ڏُور هليو وئين، مُوکي ڀَريلَ مَٽ،
    ڍوليا! تو لئه ڍَٽ، ڪارا ويس ڪيو وتي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خيال ڪڙو کڙڪائن ٿا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت شاعر، تخليقڪار ۽ ليکڪ امر ساهڙ جي ريڊيو اسڪرپٽ جو مجموعو آهي.
    ’خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا ‘ رڳو سنڌ جي ويجهڙ جي تاريخ تي دلي تبصرو ناهي پر انهن مهربان شخصيتن لاءِ لفظي مڃتا به ان ۾ سمويل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اُنهن ڏهاڙن جي ٿڌن ڪُوسن لمحن ۾ پاڻ پتوڙي، عالمَ ۽ عالمَ واسين لاءِ سرهي دعا جو سنديس ٿيا آهن.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون امر ساهڙ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    امر ساهڙ ــ ٿر جي نيم گرم هوائن جي دوش تي گونجندڙ پنهنجي اڌ رولاڪ آواز کي آفاقي رنگرتي لڙيءَ ڪتابي صورت ’’خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا‘‘ ۾ پيش ڪري، پنهنجي اندر جي صدائن کي اُنهن سڀني پاڙهو ماڻهوئڙن تائين به پڄايو آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري، سندس ان سڏ ٻُڌڻ کان پرانهان هئا.
    امر ساهڙ کي سنڌ هڪ جديد ڪويسر طور ڀلي ڀت سڃاڻي پر ٿر کان ٻاهر هُن جي ٻئي سگھاري واقفيت هڪ ريڊيو اسڪرپٽ ڪمپيئر طور ’’خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا‘‘ جهڙو جادوئي نثر سان ڀريل مجموعو اڃان وڌيڪ نشانبر ڪندو.
    ’خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا‘‘ رڳو سنڌ جي ويجهڙ جي تاريخ تي دلي تبصرو ناهي پر انهن مهربان شخصيتن لاءِ لفظي مڃتا به ان ۾ سمويل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اُنهن ڏهاڙن جي ٿڌن ڪُوسن لمحن ۾ پاڻ پتوڙي، عالمَ ۽ عالمَ واسين لاءِ سرهي دعا جو سنديس ٿيا آهن.
    ’’خيال ڪڙو کڙڪائن ٿا‘‘ ۾ امر ساهڙ جي معصوم جذبن جي خوبصورت عڪاسي به آهي ته مختصر لفظن ۾ گھڻ رُخي ۽ گهرائي واري گفتگو جي ڏاهپ به ڌيان لُڀائيندڙ آهي. سندس پاٺڪ هئڻ واري طبعيت سندس لهجي ۾ ادبي سنجيدگي ته سموئي ڇڏي آهي پر ان سان گڏوگڏ ادبي حوالن ۽ چونڊ بيتن جي سٻنڌ سندس لکت ۾ انيڪ ستارا جنمي کيس تابنده ڪري ڇڏيو آهي.
    هي ڪتابُ انهن لاءِ خاص سوکڙي مثل آهي، جيڪي امر ساهڙ کي ريڊيو تي لائيو ٻڌڻ کان محروم رهيا آهن. ريڊيو اسڪرپٽ جي دنيا ۾ ادبي چاشني رکندڙ ڪتابن ۾ امر ساهڙ جو هيءُ سرهو ڳٽڪو هر لحاظ کان نمايان حيثيت رکندڙ آهي.

    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro4@yahoo.com


    ڪارونجهر جي چنڊ ۾ چارا ڳوليندڙ امر ساهڙ

    سنڌ جي نامياري نقاد ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي پنهنجي هڪ مضمون ”ادب جو سماجي ڪارج“ ۾ ريڊيائي ادب جي باري ۾ لکيو آهي ته ”ريڊيائي ادب ويهين صدي جي شروع ٿيڻ کان پوءِ آهستي آهستي پنهنجو هڪ نرالو مقام وٺندو رهيو آهي. ريڊيائي ادب جي تخليق ۾ هڪ وڏو سوال ريڊيو جي گهرجن ۽ رٿابندين کان سواءِ آواز جي موزونيت جو هوندو آهي. اهو سوال ته، ليکڪ جنهن جي لاءِ اهو ضروري نه آهي ته اهو پاڻ پنهنجي آواز ۾ پيش ڪري، سو ريڊيو جي ٽيڪنڪ ۽ تقاضا کان ڪيترو متاثر ٿئي ٿو؛ هڪ عملي سوال آهي . عام طور تي ريڊيائي ادب لکڻ سان اديب وڌيڪ فن ۽ هنر پرائي ٿو، هو هڪ طرف ادبي ضرورتن جو خيال رکي ٿو ته ٻئي طرف سماجي ضرورتن جو. هن طرح ريڊيو جي لاءِ لکڻ سان ذهن جي تربيت کان سواءِ فني تربيت به حاصل ٿئي ٿي. هونئن ريڊيائي ادب هڪ ئي وقت ادب جي گهڻو ڪري سڀني صنفن جو استعمال ڪري ٿو“.
    سنڌ ۾ ريڊيائي ادب جي ڇپجڻ جو رجحان ويجهي ماضي ۾ شروع ٿيو آهي، تيزي سان پنهنجون وکون وڌائي رهيو آهي، هي ريڊيو پاڪستان مٺي جي پروگرامن جي ڪمپئرنگ جي اسڪرپٽ جو ٽيون ڪتاب آهي، انهي کان اڳ ۾ نامياري شاعر پروفيسر سائينداد ساند جو ڪتاب ’’خيالن جا پکي‘‘ ۽ نوجوان شاعر ناشاد رحم علي جو ڪتاب ’’ڀٽن جي ڀڻ ڀڻ‘‘ ڇپجي چڪا آهن. خوش قسمتي سان ٽئي سنڌ جا سٻاجها شاعر آهن انهن اسڪرپٽ ۾ شاعراڻو نثر سرجيو آهي. ريڊيو تي ڳالهائڻ جي لاءِ هڪ ضابطا اخلاق هوندو آهي، جنهن ۾ رهي پروگرام ڪيو ويندو آهي سڀ کان پهرين شرط اهو آهي ته سڀن سان سهڻي انداز ۾ ڳالهايو.امر ساهڙ انهي سان ڀرپور نڀايو آهي، امر هر طرح ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ٻڌندڙن جي معلومات، تعليم ۽ تفريع ۾ اضافو ڪري، هن ڪٿي به تلخ لهجو استعمال نه ڪيو آهي، ٻولي ۾ ردم، رواني ۽ رومانوي رنگ ڀري با مقصد گفتگو ڪئي آهي، ڪا هڪ به ڳالهه بي مقصد نه ڪئي آهي. امر ساهڙ پنهنجي ٻڌندڙ جي آڱر پڪڙي پاڻ سان گڏ علم ادب جي وادين ۾ پنڌ ڪرايو آهي.امر ساهڙ ريڊيو جي پروگرامن ۾ ثابت ڪيو آهي ته ڪمپئرنگ گفتگو جي اثاثي کان وڌيڪ ذميواري جو نالو آهي. ٿاڌات ٿر جي ڪس واري علائقي يعني مهراڻي ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ آهي، جتي عزيز مهراڻوي ۽ امر ساهڙ کان نظير ساهڙ تائين ٽن پيڙهين شيخ اياز جي عشق ۽ انقلاب جي لاءِ پورهيو ڪيو آهي، شاعري جي نئين ۽ خماريل دنيا ۾ پئسن جي بدران شعر ٺاهيا آهن، شعلن جهڙن شعرن جي مچ تي پوه جي راتين کي جاڳڻ جي لاءِ سنڌ جي شعور کي سڏ ڏنو آهي. ڪشمور کان ڪارونجهر تائين وطن دوست سٿ سان گڏ ڏکي سکي هر حال ۾ پير ڀريا آهن. امر ساهڙ ٿاڌات جي ڀٽ تي محمد صديق ساهڙ جي گهر ۾ جنم ورتو، ٿر جي راڄ ڀاڳ کي سياست جي گُر سان سنڀالڻ واري ڪڙم سان تعلق رکڻ باوجود ايم اي سياست ۾ ڪرڻ جي بدران ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪري والدين جي رکيل نالي غلام قادر کي رڳو تعليمي رڪارڊ جو حصو بڻائي امر ساهڙ جي نئين نالي سان 1987ع ۾ شيخ اياز جي ڀنور ڀري آڪاش ۽ وڄون وسڻ آيون جي واٽ تي هڙڪ هلڻ شروع ڪيو ته ٿر ۾گهڻن کي چڙائي وڌو پر ڪجهه چئي نه سگهيا. ڇاڪاڻ ته انهي راهه تي سندس سوٽ عزيز مهراڻوي اڳ ۾ جنون جي حد تائين گامزن هو؛
    مان ڄائو ئي آهيان ٻرڻ جي لاءِ،
    ۽ ٻاٽ اونداهي ۾، روشني ڪرڻ جي لاءِ،
    منهنجي رک منهنجو انعام آهي.
    مٿان وري صدين جي سرجڻهار شيخ اياز پنهنجي وي سي شپ دؤران نامياري ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي ۽ شوڪت حسين شوري سان گڏ عزيز مهراڻوي کي به انهي سچائيءَ جي سلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڻ وٽ نوڪري ڏئي ٻاٽ اونداهيءَ سان وڙهندڙ ٿاڌات جي ٿريي کي نثري نظم جي نمائندي شاعر طور اڀرڻ جو موقعو فراهم ڪري ڇڏيو هو. عزيز مهراڻوي امر ساهڙ کي ساڳي گس تي پويان ايندو ڏسي چيو ته اچ امر اچ گهٻراءِ نه، شيخ اياز چيو آهي ته ”راتين جا رولاڪ، چارا ڳولن چنڊ ۾“ تون ٿر جي ڀٽن ۾ راتين جو رولاڪ بڻجي ڪارونجهر تان اڀرندڙ چنڊ ۾ چارا ڳوليندي تارا تارا گيت ۽ غزل چئو، پرهه ويلي ماڪ وسڻ جي موسيقي کي نظمن جو ردم بڻاءِ. انهن اکرن سان امر جي پٺي ڇا ٺپراڻي هڙڪ هلڻ وارو امر ساهڙ ادب جي ميدان ۾ جوڌي جوان جي روپ ۾ نکري نروار ٿيو. پوءِ عزيز مهراڻوي کي شيخ اياز جي لفظن ۾ ئي نياپا ڪري چيائين ته؛
    جهان ننڊ ڪري، آنءُ راتڙيون جاڳان
    پڇي ڏسين ته ڀلي چنڊ کان پڇي ڏس تون!
    امر ساهڙ جو هن کان اڳ ۾ شاعري جو مجموعو ”اکين ۾ الڪا“ ڇپيل آهي. هن نثر جي ڪتاب ۾ امر ساهڙ ٿر جي اونداهه راتين کي روشن ڏسڻ جي تمنا کي دل جي پهرين رومانس جيان بيان ڪيو آهي. آئون ڪتاب جي مسودي کي جيئن جيئن پڙهندو ويس مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هي لفظ ناهن!؟ هي سٽون ناهن!؟ هي ته ٿر ٻاٻيهن جي اُڃ ورهايل آهي يا ڏوئنرن جا ڏار جهڪايل آهن، مورن جا ٽهوڪا ميڙيل آهن يا روهيڙن جا گل روڙي آندل آهن. صحرا جي هن انوکي صورت تي مون کي لکڻ ۾ ايتري دير ڇو ٿي؟ پيارا پڙهندڙو معاف ڪجو آئون هڪ ته پنهنجي ڪجهه اوڻاين جي ڪري جلد لکي نه سگهيس ٻيو ته سنڌ جي سريلي راڳي صادق ففير جو وڇوڙو به وچ ۾ اچي ويو. صادق فقير وڇڙيو ڇا ؟ صفا جُهوري ويو.صادق جي تڏي تي آئون ۽ امر ساهڙ هڪ ٻي کي آٿت ڏئي صادق فقير جي آخري سفر ۾ شامل ٿيا هئاسين.
    ڪجهه پاڻ سنڀالي امر ساهڙ جي هن ڪتاب جي مسودي کي ٻيهر لکڻ جي لاءِ پڙهڻ شروع ڪيو پر جڏهن صادق فقير جي لاءِ امر ساهڙ جي هن ڪتاب ۾ لکيل لفظن تي پهتس ”اهو سوز وگداز ۽ اهو ئي حسنِ صحرا سدا ملوڪ راڳي صادق فقير جي صدين کان ڀاري صدا بڻجي ٿو ته ٿر جو هر منظر دلربا ۽ دلڪش بڻجي ٿو“. ته منهنجيون اکيون ڀرجي آيون سڏڪن ۾ ٻڏي ويس انهي ڪيفيت ۾ ڪتاب کي پڙهڻ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
    ڪجهه ڏينهن رکي وري هن ڪتاب ۾ امر ساهڙ جي سٽن ئي سهارو ڏنو. ڪتاب کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي ويس. مون کي محسوس ٿيو ته امر ٿڪي ٽٽي ماڻهوکي زندگي سان ڪيئن پيار سيکاريو آهي. پرين جون ڳالهيون ڪري ڪيئن جياري ٿو. هن پنهنجي اسڪرپٽ ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته نوجواني جي نبور عشق ۾ ٻڏل يا غم روزگار جو ستايل انسان ماياڪو وسڪي جي انهن سٽن جهڙي سوچ کي اپنائي جيون هتيا ڏانهن وک نه وڌائي ؛
    ”سمنڊ کي ننڊ اچي رهي آهي، عشق جي ڪشتي روزمره جي زندگيءَ سان ٽڪرائجي تختو تختو ٿي چڪي آهي، هاڻي ڪير ويهي حساب ڪري ته ڪنهن ڪيتري بيوفائي ڪئي؟ سمنڊ موٽي رهيو آهي. سمنڊ کي ننڊ اچي رهي آهي“.
    پرزندگي هزار مسئلا هوندي به ماڻهو حياتيءَ سان هيج ڪري. امر ٿورن ۽ سادن لفظن ۾ فڪر انگيز مواد آندو آهي، هر پروگرام جي اسڪرپٽ کي پهرين پنن تي لکي لڙڪن سان آلي وهاڻي هيٺان چار پهر رات جا رکي پوءِ ريڊيو تي گفتگو ۾ آندو آهي. فني ۽ فڪري تربيت جي لاءِ ريڊيو جي پروگرامن کي بهترين وسيلو بڻايو آهي، امر سٺو لکندڙ آهي ته سٺو پڙهندڙ پڻ آهي، سٺو ريڊيو جو پروگرام ڪندڙ آهي ته سٺو ٻڌندڙ پڻ آهي.امر ريڊيو پاڪستان مٺي تي محمد انور هڪڙي جي دؤر ۾ جنهن ڏينهن آڊيشن ڏيڻ آيو هو ان ڏينهن اسان ٻنپهرن جو هڪڙي اوتاري ۾ لولو گڏجي کاڌو هو. هن جي اندر ۾ ان وقت ڪيڏو ولولو هو، انهي جو ماپو هي ڪتاب آهي. هڪ انگريزي ڪهاوت آهي ته پراڻي دوست کان وڌيڪ ڪوئي آئينو نه آهي. آئون ريڊيو تي امر ساهڙ جي پروگرامن جو ساکي رهيو آهيان. امر ريڊيو جي لهرن وسيلي رات جو هن ڪتاب جي اسڪرپٽ جي احساسن کي وکيريندو هو ته ٻڌڻ جي لاءِ ٿر جي ريٽ تي مارو ماڻهن سان گڏ آڪاش جا نوَ لک تارا پڻ ترسي پوندا هئا. صبح جي پروگرام ۾ هن جو هر ٻول سڻئي ڦل جهڙو اجرو هوندو هو. هن ڪتاب کي پڙهندي اوهان پاڻ محسوس ڪندا ته امر ساهڙ قلم کي ٿر جي چتر نار جي سنهي سئي بڻائي ڪاغذ جي حلواڻ تي لفظن جي هرمچ ۽ کارڪ ڇڊي آهي.
    مون کي هن ڪتاب جو نثر پڙهندي شيخ اياز جو شاعراڻو نثر ياد آيو. اچو ته شيخ اياز جي نثر جي حسناڪي روح ۾ اتاري پوءِ امر ساهڙ جي ڳالهه کي اڳتي وڌايون ”هو ڏس چنڊ سرنهن جي وڻ تي پنهنجو دعوت نامو رکي وڃي رهيو آهي،.....باک تنهنجي چپن تي مرڪ وانگر اڀري آئي آهي، ... ۽ سج نوري جي کاري ۾ تماچي جي دل وانگر ڦٿڪي رهيو آهي ۽ ڄامشوري جا وڻ ڪينجهر جي هندوري وانگر لڏي رهيا آهن“.... امر هر سٽ شيخ اياز جي اسڪول آف ٿاٽ ۾ رهي لکي آهي.
    امر ساهڙ پنهنجي سامعين کي ڪتابن سان دوستيءَ جي لاءِ اڪسايو آهي نئين نسل جي رهنمائي ڪندي چوي ٿو ته لکڻ جي لاءِ پڙهڻ ضروري آهي گهڻي کان گهڻو پڙهڻ ۽ ٿورو لکڻ پر منفرد لکڻ ئي نرالو مقام ڏياري سگهي ٿو. امر ساهڙ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي انهي ڳالهه ته ”جيڪڏهن اسان جي نئين نسل کي ڪو ٻوٽو ٻارڻو آهي ته کين شاعريءَ جي جان ڇڏڻي پوندي“. تي گذارش ڪري ٿو ته ”ضروري ڪونهي ته هِتان هُتان پرايون سٽون چورائي پرايا خيال کڻي هر ماڻهو شاعر سڏرائي.....شاعري جو علم ۽ هنر هٿيڪو هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ناهي ته دنيا ۾ نالي توڙي ناڻي ڪمائڻ جا ڪيئي هنر آهن“. ماحول فنڪار کي متاثر ڪندو آهي يا فنڪار ماحول کي، پر تخليق پنهنجو ماحول پاڻ تيار ڪندي آهي، امر ساهڙ پنهنجي ٻڌندڙ/ پڙهندڙ ۾ فن ذريعي اندر جو اظهار ڪرڻ جي صلاحيت سان پنهنجو ماحول پاڻ جوڙيو آهي.
    وقت تيز رفتار گهوڙو آهي، گهڻا ڀلا کيس قابو ڪري نه سگهندا آهن. وقت پنهنجي روايتي چال سان ڪيڏيون چالاڪيون ڪندو آهي، هڪڙي دؤر ۾ يورپ ۾ طنزيه ليکڪ جوناٿن سئفٽ “گليور جو سفرنامو ” لکي ان دؤر جي عڪاسي ڪئي،اڄ به اسان جي هر ميڪاولي جو ڊان ڪئگروٽ ۽ هئليميٽ سان واسطو پئي ٿو امر جوناٿن سئفٽ ٿي هن دؤر تي طنزيه سفرنامو لکي ٿو. قرت العين حيدر جي ناول ”آخري شڀ ڪي همسفر“ کي پڙهي حيرانگي جو اظهار ڪندڙ امر ساهڙ هن ڪتاب ۾ ڏسي ٿو ته تاريخ جي نازڪ دؤر ۾ اعلي آدرشي ڳالهيون ڪندڙ ماڻهو پنهنجي عملي زندگي ۾ ڪئين ننڍڙا ٿيندا آهن. نانگ ۽ وڇون کان وڌ زهريلي سنڌ جي وچولي طبقي جي ماڻهو جي من ورتي ۾ ڦيرو ڇو نٿواچي!؟ شيخ اياز جي انهن سٽن جو ڪهڙو ادراڪ آهي ته ؛
    هن ديس سڄي کي سائي آ،
    هُو دور افق تي ليمي جئن،
    ڇا هيڊي هيڊي آئي آ،
    پر تو سان ڳالهه اجائي آ.

    انهن سٽن جو تاڃي پيٽو اُڻندي شيخ اياز ڪهڙي ڪيفيت ۾ گذريو هو. داغستان جي مشهور شاعر رسول حمزه توف لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن اوهان ماضيءَ جي سيني ۾ پستول جي گولي هڻندئو ته مستقبل اوهان کي توپ سان اڏاري ڇڏيندو“ انهي سوچ ويچار ۾ امر ساهڙ سمجهائي ٿو ته ماضي کان سکڻ ڪيترو ضروري آهي؟ جدت قدامت جي ڪهاڻين کي پرکڻ کان سواءِ اڻپوري آهي. ماضي جا موتي ميڙي پوءِ مستقبل ڏي وڌو. اڙل وڇيرن جهڙي جواني کي صبر جي ڪلي ۾ ٻڌي پنهنجي مٽي هاڻن ماڻهن تي سوچيو. پنهنجي وڏڙن جي سپنن جي ساڀيان ٿيو. کن پل جا ڇانورا ڏسي پنهنجي ڌرتي تي ڪتي جي ڪاڙهن کي نه وساريو .کير معصوم ٻارن جي لاءِ، کاڌو بکايل جي لاءِ پر تعليم سمورن لاءِ ضروري آهي.
    مارڪيزيا چيو آهي ته رڳو اسان جي خوابن سان يڪجهتي سان اسان جي اڪيلائپ جي احساس کي ختم نٿو ڪري سگهجي انهي جي لاءِ عملي ڪردار گهرجي، امر ساهڙ پڻ سماج جي ڪمزوز ۽ پوئتي پيل طبقن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ هن ڪتاب ۾عملي ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏي ٿو. امر لکي ٿو ته ماڻهو کي ماڻهو جي بيوسي نٿي ماري پر بي حسي ماري ٿي. امر جڳ مشهور ليکڪ برناڊشا جي ڳالهه آسان ٻولي ۾ بيان ڪري ٿو ته مٿو ٿڌو ۽ پير گرم ڪيئن رکيا ويندا آهن. امرسماج جي تربيت ڪندي لکيو آهي ته دنيا ۾ سڀ کان سولو ڪم ٻين تي تنقيد ڪرڻ آهي، اڇا ڪپڙا ۽ اڇو پٽڪو اسان کي وڻندو ئي ناهي.پر ڪنهن ڏانهن آڱر کڻندي اسان ڪڏهن اهو سوچيو ناهي ته ٽي آڱريون پاڻ ڏانهن ٿين ٿيون.
    تاريخ رڳو تلوارن جو تجلو ۽ بادشاهن جو شجرو ناهي پر تاريخ گيت سنگيت ۽ ثقافتي ورثي جو نالو آهي امر انهي ڳالهه کي پڌري ڪرڻ جي پوري ريت جستجو ڪئي آهي. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي ڪلام جي خوبصورت تشريح ڪئي آهي. پر هن کي انسان جي مادي ۽ روحاني ضرورتن ۾ هڪ پابند رابطو ڳولي وڏي شارح جي حيثيت ۾ عالم ٿيڻ جو ڪو به شوق نه آهي نج نبار ڳوٺاڻو ٿي چوي ٿو ته لطيف ”ڪينجهر قراريو، سمي سام بخشي“ يا ”ڪانڌ نه ڪنديس ٻيو ڪو کٿيروئي خوب“ جي سٽ هيئن چئي آهي. سچل سهراب فقير جي آواز ۾ ائين سرمستي پسائي ٿو. ڏيپلي جو سير ڪرائيندي عثمان ڏيپلائي، عثمان اديب مشتاق مٺواڻي کان پوءِ خطاطي جي شاهه ڪاريگر احمد کٽي سان ملائي ٿو، جنهن قران پاڪ جو شاندار قلمي نسخو لکيو آهي. ڳوٺ سيڏئي ۾ ٻالئي مينگهواڙ جي پوکيل صديون پراڻي ڪنڊي جي وڻ جنهن جي ڊيگهه 80 کان 90 فٽ ۽ ٿڙ جي ويڪر 03 کان 05 فٽ تائين آهي جو اکرن ۾ سهڻو عڪس ٺاهي اکين اڳيان بيهاري ٿو. بيگم نصرت ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو، مسڪين جهان خان کوسي، سيد صالح محمد شاه، سيد عباس علي شاه، مائي ڀاڳي، وفا ناٿن شاهي، علڻ فقير۽ ڪزبانوکان وٺي طارق عالم ابڙي، حسن درس، فوزيه سومرو، ڪوثر ٻرڙو، حسن نوشاد، نياز پتافي، رجب فقير ۽ امر رائسنگهه راجپوت تائين وطن جي سياسي سماجي ڪردارن ۽ تخليقارن جي جيون خاڪن جي مالها پروئي آهي. ڪرت ۽ ڪم تي مڃتا جا گل ڀيٽا ڌريا آهن. ”هي اها ئي لاڙ آهي“ جي عنوان سان ڳالهه شروع ڪري ٿو ته تڙ ڌڻي تماچي کان وٺي روپا ماڙي جي مجاور مائي سڀائي تائين سمورا لاڙي رنگ روپ دل جي ڌڙڪن جو حصو ٿي وڃن ٿا. بي اختياري ۾ چپن تي علي بابا جو گيت گونجڻ لڳي ٿو ته
    اسين ماڻهو لاڙ جا
    دريا جي هن پڇاڙ جا
    الا اتريو ٿو لڳي
    امر ساهڙ ڊسمبر ۾ وڇوڙي جا وڍ ڳڻي چوي ٿو ته ڊسمبر هڪ مهينو نه پر ڀٽائي جي سر سامونڊي جو احساس آهي اهڙي ريت اپريل ۾ بسنت جي باک بيان ڪرڻ جي لاءِ اپريل جو بڻ بنياد کوٽيندي چوي ٿو ته اپريل لاطيني ٻولي جو لفظ اپرلز مان جڙيو آهي، جنهن جي معني آهي ڦٽڻ يا ٽِڙڻ.
    امر ساهڙ هن ڪتاب ۾ سگريٽ نوشي خلاف عالمي ڏينهن، رشوت خلاف عالمي ڏينهن، ماحوليات جي عالمي ڏينهن، ٻارن جي جبري پورهئي خلاف عالمي ڏينهن، مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن، محبت جي عالمي ڏينهن ۽ استادن جي عالمي ڏينهن جي بنيادي مقصد ۽ مهانتا کي جامع انداز ۾ پڌرو ڪيو آهي. ٻولي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ آهي، ان کان سواءِ قوم جي نئين نسل جي نيپاج ناممڪن آهي، جديد کان جديد ترين انسان پنهنجي ڪشمڪش ان ۾ محسوس ڪري ٿو، اسان جي هن سنڌي ٻولي ۾ چڪوري جي چاهت آهي ته مورن جو کيڙو آهي.پر امر ساهڙ مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي شعور کي عام ڪندي تز انداز ۾ چوي ٿو ته ٻوليون تڏهين ئي ترقي ڪري سگهن ٿيون جڏهن انهن جا معاشي، ثقافتي، سياسي، سماجي، جاگرافي، تهذيبي ۽ تاريخي بنياد مضبوط هوندا. تيز رفتار ميڊيا جي دؤر ۾ ٻولي جي وڏي بگاڙ اڪثرميڊيا جي ميزبانن آندي آهي پر امر ساهڙ ٻولي جي وکر کي پئي پراڻو ٿيڻ نه ڏنو آهي. ٿري لهجي جا لفظ، محاورا، ترڪيبون اجاري اڇيون ڪيون آهن. مثال طور ”بڊو به آڌيٽجي چڪو آهي“ ”اهي وانڊيار ويٺل آهن“. يا ”هي ڪڪر ڪارونڀار جن کي اسان ماڻهو ڪڪريا، بادليا، پڇون. ڇمر، لهاڻون ڪنڍرون، ڪوئلون ۽ گهٽائون چئون ٿا.
    شُهرت ڇا آهي ميلان ڪنڊيرا پنهنجي ناول امرتا ۾ شهرت بابت چوي ٿو ته اوهان کي اهڙا گهڻا ماڻهو سڃاڻيندا هجن جن کي اوهين ته سڃاڻيندا نه هجو، پر اهي اوهان ۾ پنهنجي حصيداري ائين رکن ٿا جيئن اوهان بابت سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا، انهي خواهش جي پورائي لاءِ ائين عمل ڪن ٿا ڄڻ اصل اوهان جا مالڪ هجن. امر ساهڙ فقير من ۽ تن وارو ماڻهو شهرت جي شوق کان گهڻو پري رهندڙ اڄ به ٿاڌات جو ڳوٺاڻو آهي جيڪو شهر اچي وڏي واڪي چوي ٿو ته ڳوٺ امن ۽ آشتي جا گهوارا آهن..... ڪير آهي جو پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي ڍاڻي جي نيري ۽ ناسي يادگيري کي دل جي سرمئي سليٽ تان ڌوئي صاف ڪري.
    اسين ٿر جا ماڻهو ڏڪارن جي ڏينهن۾ اَڪ جهڙي ڪَڙي ڪَساري ٻوٽي مان ڦٽندڙ ڦلڙين مان به جيئڻ جو اتساهه وٺندا آهيون امر انهي روايت جي ريت جاري رکي آهي. پڇاڙڪن اکرن ڏانهن ايندي آئون امر جون لکيل سٽون ڏيڻ چاهيان ٿو. جيڪي هن ڪتاب جو حصو آهن؛
    ”پاڻ ماڻهو ان امن پسند ۽ مهذب قوم جا فرد آهيون جنهن جي عظيم شاعرن، صوفين سدائين عالمي امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي پاڻ ته ان عظيم مٽيءَ جا مارو ماڻهو آهيون جتي جي ڏاهن، ڏات ڌڻين هميشه انساني آدرشن جو پرچار ڪيو آهي. پاڻ ته سدائين پيار ۽ سلامتي جا پيغام پکيڙيا آهن ۽ اهي هنرمند هٿ جيڪي رڳو هرک تي هُرمچ جو ڀرت ڀرڻ ڄاڻن ٿا يا جيڪي سون سريکا هٿڙا نيهن جا نيرا لفافا ۽ عشق جا اڇا ڪبوتر اڏارڻ جا عادي آهن، جيڪي هٿ رڳو اُڻڻ ۽ ڳنڍڻ سکيا آهن سي ڇنڻ وارا ڪيئن ٿا ٿي سگهن“.


    ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
    19 اپريل 2015 - چيلهار


    همعصري بُغض ۽ پروفيشنل جيلئسي کي پاسيرو رکي لکيل راءِ!

    امر سان منهنجي پهرين ملاقات، ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي مرحوم محمد انور هڪڙي جي آفيس ۾ بس ايئن ئي ٿي هئي، جيئن ٻه پروفيشنل گهوڙيسوار ڪنهن ميل تي هڪٻئي سان رسمي هٿڙو ملائي وٺندا آھن! جنهن ۾ سينيئر ۽ جونيئر واري روايتي وڇوٽي پڻ حائل هئي. پر اڳتي هلي جڏهن ڪن ڪمپيئرن، ريڊيو تي پنهنجي اجاره داري ۽ ٽيلينٽڊ ڪمپيئرن کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ انتظاميه کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو، ته آئون ۽ امر ان پاسي بيٺل هئاسين، جنهن پاسي ٿر جو نوجوان ٽيلنٽ ۽ ٻُڌندڙن جون محبتون بيٺل هيون! اهليت جي آڏو اها ذھنيت لاڳيتو سازشون سٽيندي رهي، جنهن سنڌ پرستيءَ جي نعريبازي ته خوب ڪئي، پر عملي طور ادبي مقابلي بازيءَ بدران متعصب اٽڪل بازين جا ڄار وڇايا. ماڪن شاهه ۽ مير مُرڪ واڍي جي مٺي ريڊيو تي بطور ڪمپيئر، اهو چئي مخالفت ڪئي ته اهي غير ٿري آھن. (مُجيجين مان، مري مري مرحوم انور هڪڙو مئو آھي، گواهي مير ۽ ماڪن اڄ به ڏيئي سگهن ٿا) انهن سنڌيءَ جو وقت گهٽائي، ڍاٽڪي کي ترجيح ڏيڻ جا مطالبا ڪيا، ۽ سنڌ جي اندر ٻي ”سنڌ“ ٺاهي علائقائيت جي آبياري ڪئي، ۽ گهڻو پوءِ اين جي اوز ۾ ٿري عوام لاءِ آيل ڪروڙين روپيا غبن ڪري پرڏيهه ھليا ويا. جن جي وڇوڙي ۾ اڄڪلهه اسانجا ڏسڻا واسڻا اديب ڏُکارا نظم لکي رهيا آھن!
    پياري امر جو ريڊيائي اسڪرپٽس تي مشتمل هي مسودو ٽي ڪلاڪ اڳ پُھتو آھي، ۽ ھاڻي هاڻي سندس ايس ايم ايس مليو آھي، جنهن ۾ لکيل آھي ته ”جيترو جلد ٿي سگهي، تنهنجي خوبصورت نثر ۾ ٽن چئن صفحن جو رايو لکي موڪل، ڪتاب پريس ۾ آھي!“ .مون جوابي ميسيج ۾ لکيو آھي. ” امر ٻه ڪم اهڙا آھن، جيڪي مونکان تڪڙ ۽ پابنديءَ ۾ سليقي سان ناهن ٿيندا، هڪ لکڻ ٻيو!!“
    پر مفعول جي سٺائي فعل کي تيز ۽ سليقيدار بڻائي ڇڏيندي آھي، اهو احساس هاڻي ٿيو اٿم. ڇوته امر جي لکڻين ۾ ايتري ته چاشني، دلچسپي ۽ تحريري حُسن آھي، جو هر صفحو پڙھڻ پُڄاڻا دل ڪجهه لکڻ لاءِ انگل ڪري رهي آھي. هونئن ته ريڊيائي اسڪرپٽ سان اها ٽريجڊي هوندي آھي، جو اهي ٻُڌڻ وقت جيڪو ”سمعي حِظ“ ڇڏينديون آھن، اهو پاڻ پڙھندي گهڻو گهٽجي ويندو آھي. آواز جي لباس ۾، صوتياتي سُرهاڻ، تلفظ جي موسيقيت، اُچارن جي نغمگي ۽ عبارت گوئيءَ جي ترنم کي عمومن ڇپيل لکڻيءَ ۾ ڳولي نه سگهبو آھي. بي بي سي اردو تان وسعت الله خان جي ريڊيو ڪالمن کي اخبارن ۾ پڙھندي اصل ”محظوظاتي حسن“ محسوس ناهي ٿيندو! اهائي ته بهترين ريڊيائي اسڪرپٽ جي خوبي هوندي آھي. جيئن ڪنهن سهڻي شعر مان هڪ لفظ هيٺ مٿي ڪرڻ سان سڄو شعر بنا ڪنگي ڪيل وارن جهڙو ٿي پوندو آھي، حقيقي ريڊيائي عبارت جو حُسن به ڪجهه ايئن ئي هوندو آھي. منهنجي خيال ۾ بهترين ريڊيائي اسڪرپٽ، آزاد نظم ۽ دلآويز نثر جي وچ تي ئي بيٺل هجي ٿي!
    امر جي هنن لکڻين جو حُسن اهو آھي، جو اهي هڪ شاعر جون لکيل آھن، جن ۾ شاعرانه ميٺاڄ ۽ لکڻيءَ جو فنڪارانه رنگ ته آھي ئي آھي، پر شيرين لهجو، دلڪش ردهم، سونهن جي تصويرڪشي، عشق جي جذبن جي بي اختياري، تهذيبي شائستگي، فطرت جي منظرڪشي، مُهذب سادگي، رومانوي رمجهم ۽ جمالياتي آوارگيءَ سميت گهڻو ڪجهه موجود آھي! امر جي هنن لکڻين ۾ تخيل تي حقيقت جو رنگ حاوي آھي. قديم ۽ جديد سنڌ جي خوشبودار قدرن جي مهڪ، هڪ اهڙي ڪيفيت جي تجسيم ڪاري ڪري ٿي ،جنهن ۾ حسي تشبيهن، ٺھڪندڙ محاورن، بيساخته جذبن جي ترجمان تمثيلن سميت تهه داري، معنويت، شگفتگي ۽ زندگيءَ جي اجتماعي صورتحال جو دانشورانه اظھار، ڪاريهر جيان ليٽڻ لڳي ٿو! جنهن ۾ انساني احساسن ۽ الوٽن جي وجداني رقص جو عڪس موجود آھي.
    ادب ۾ ريڊيائي اسڪرپٽس کي عام طور جائز مقام کان محروم رکيو ويو آھي. ان کي اهم صنفي حيثيت بدران ٿُلهي ليکي رڳو نثري کراڙ جي تناظر ۾ ڏٺو ويو آھي. ان جا ڪيترائي سبب آھن، هڪ اهو ته ڪمپيئر گهڻو ڪري تخليقڪار/ ليکڪ گهٽ هوندا آھن. جنهن ڪري هِتان هُتان ڪوٽيشن ڪري، اُتاڇري ۽ غير سنجيده مواد تي مشتمل/ بنا لکت ڳالهائي، پروگرام جو پيٽ ڀري وٺندا آھن. اردو سنڌيءَ جا ڪيترائي ريڊيو پروگرام ڊسڪ جاڪي هجڻ ڪري هلڪي ڦلڪي گفتگو، ٻُڌندڙن جي نالن ۽ نغمن تي به ڪم هلي ويندو آھي. باقي اقوال زرين، منتخب شعرن ۽ چونڊ نثري ٽُڪرن جو حوالو وري به سندن اصل صنف رهندي آھي. تنهن ڪري تخليقي ريڊيو اسڪرپٽ، ڪارٻُوٿين رڍن جي هُجوم ۾ وڃايل اڪيلي رڍ جيان پنهنجي الڳ سُڃاڻپ ٺاهي نه سگهي آھي! جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪوثر ٻُرڙي کان امين ارباب تائين، نج ريڊيائي اسڪرپٽس تي مشتمل مواد ڇپايو ويو آھي، ماڪن شاھ رضوي ۽ بشير اُڍيجو سميت چند تخليڪقارن جون انتهائي جاندار اسڪرپٽ اڃان ڇپجي نه سگهيا آھن. پر مجموعي طور اسانجي اديبن وٽ ريڊيو اسڪرپٽ لاءِ ڪو موچارو تصور موجود ناهي! اسان وٽ هڪ سٺي ريڊيو پروگرام لاءِ نوي سيڪڙو محنت ڪمپيئر ۽ پنج سيڪڙو اسٽوڊيو انجنيئر جي هوندي آھي. پر پروڊيوسر جي فضول پوسٽ تي ويٺل همراهه ماهوار اسي هزار پگهار، جڏھن ته ڪمپيئر کي ڀاڙي وارا پئسا به ناهن ملندا آھن. ان زيادتي ۽ استحصال تي جيئن ڪنهن جي به نظر ناهي ٻُڏندي، ايئن اسان وٽ بهترين ڪمپيئرن جي ادبي عزت افزائي به نه ٿي سگهي آھي. اناؤنسر ۽ ڪمپيئر جو فرق آواز سان نه، پر شاهوڪار ۽ تخليقي اسڪرپٽ سان ٿيئي ٿو، پر اسان وٽ پرک ۽ تورتڪ آھي ڪٿي!؟ ڪيترائي نا اهل ڪمپيئر پرايا سرايا جملا پڙھي، ڪنهن اهل اميدوار جي جاءِ والاري ويٺا آھن! مونکي يقين آھي ته امر جو هي ڪتاب، اڪثر اهڙن ئي نا اهل هٿن ۾ به ڏٺو ويندو، جيڪي امر ساهڙ جو حوالو ڏيڻ بدران مائيڪ تي هنن محبوب اسڪرپٽس سان عجيب جُٺ ڪندا!
    امر جي لکڻين ۾، منظرڪشيءَ جي دلنشين سطح ملي ٿي! جيئن روبرو جي گفتگو ۾، جسماني چُرپر ۽ اشارا ڪڏھن ڪڏھن اکرن ۽ لفظن جي جاءِ والاري وٺندا آھن، ايئن امر جي ريڊيائي لکڻين ۾، جيڪا صوتي اظھار جي اثر انگيزي آھي، ان کي صرف صداڪاريءَ جي ڌُن تي رقص ڪرائي سگهجي ٿو! جيڪو ڪم قافين ۽ رنگين لفظيءَ (لفاظي اڃان ٻي شيءَ آھي، جنهن ۾ لفظن جو غير ضروري ۽ مُبهم استعمال هجي) سان وٺي سگهبو آھي، پر امر اهو ڪم ٻوليءَ جي سلوڻي مزاج ۽ لفظن جي تخليقي قوت جو اندازو ڪري، انهن جي بهتر استعمال ۽ ساده فھم اظھار سان ڪيو آھي! ان ڪري ئي هن جي جذبات نگاريءَ تي به حقيقت جو رنگ چٽو آھي. منظر نگاريءَ ۾ سندس دؤر جي معاشري ۽ ماحول جون جهلڪيون ترندي نظر اچن ٿيون. هن عبارت آرائيءَ جي ڪيترن ئي ذريعن مان لطف اندوزيءَ جو سامان گڏ ڪيو آھي. امر جي هنن لکڻين ۾، قديم سنڌي لفظن، محاورن ۽ علامتن جو نيون جيهتون ۽ احساساتي نزاڪتون نظر اچن ٿيون. متروڪ ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ ۽ محاورا نئين ابلاغ جو ذريعو بڻيا آھن! امر مونکي مختصر وقت ۽ چند صفحن جو پابند نه ڪري ها ته جيڪر هتي سندس لکڻين مان اقتباس عرض رکي، مٿي ڄاڻايل ڳُڻن ۽ خوبين سان موازنو ۽ ڀيٽ ڪريون ها. پر توهان رڳو ڪنهن هڪ صفحي تي نظر وجهندؤ، ته ”پَڇري پوڻ“ ”ونئون وڃڻ“ جهڙا ناياب محاورا ۽ سيڙھڪا، اجهور، ڀونگريون، بجر، وڄا ۽ سنمُک جهڙا معمر لفظ، ڪنهن شوقين جي ڍاٽي اُٺ جي ڳانيءَ ۾ پوئل مڻين جيان جابجا پنهنجو درشن ڪرائيندا!
    امر جي هنن لکڻين مان ساڻيهه، خصوصن ٿري ٻھراڙيءَ جو ماحول پنهنجو محبوب مُھانڊو پسائي ٿو! فطرت جا رنگ، رسم و رواج، ثقافتي لاڙا ۽ معيشت سميت ٿري زندگيءَ جا انيڪ پاسا هن ڪتاب جي صفحن تي، ساوڪ رُت ۾ جهوڪ تي آيل اوٺي وڳ جيان ليٽي پيا آھن. هنن لکڻين ۾ امر جيئن ته عوام سان سڌو مخاطب آھي، تنهن ڪري ڪٿي ڪٿي سماجي اصلاح وارو گهوڙو ادب کي پوئتي ڇڏڻ لاءِ سِراڙي جي ڪوشش ڪندئي نظر اچي ٿو! جيئن سگريٽ ڇڪڻ جي هاڃيڪار اثرن متعلق هن جي اصلاح آميز تحرير، پر ان ۾ طنز و مزاح جي آميزش ان کي ڪجهه ڪجهه آرٽسٽڪ بڻائي ڇڏيو آھي. ريڊيو تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ واري عرصي دؤران، آسپاس ٿيندڙ اھم واقعن، تاريخي ماڳن ۽ عالمي ڏينهن تي جتي امر جي وڻندڙ ويچارن جي بيساختگي موجود آھي. جتي ويل وقت جي صدائن، لوڪ روايتن سان مالامال قلمي ادائن، تاريخ کي اک ڀَڃندڙ نِگاهن، سماجي مداين ۽ ھڪ دؤر جي سچاين تائين گهڻو ڪجهه وکريل آھي، اتي ڪلاڪار احمد کٽيءَ کان ويندي والم ميگهواڙ تائين، امر جي پسنديده ڪردارن تي هن جي لفظي مصوري موجود آھي. امر جي عشق، فنڪارانه وِلوڙ ۽ ريڊيو پروگرامن جي گهُرج، هن کان لکرايو آھي ۽ واهه جو لکرايو آھي!
    ناشاد رحم علي موسيپوٽو
    اسلام ڪوٽ، ٿرپارڪر
    تنهنجا دنيا، سڀ رنگ سانول

    ريڊيو ته مون اُن وقت کان ٻُڌڻ شروع ڪيو هو، جڏهن اڃان مُنهنجي ٻاراڻي عُمر هُئي ۽ هاڻ جڏهن، پيريءَ ڏانهن پير کڻڻ شروع ڪيا اٿم، تڏهن به ريڊيو آئون ريگيولر ٻُڌان ٿو. اُن زماني ۾ جڏهن مائي ڀاڳي، نور بانو، ڪزبانو، قاسم اوٺو، چاڪر چانڊيو، جلال چانڊيو، جيجي زرينه بلوچ ۽ ٻين جي ريڊيو تي هاڪ هُوندي هُئي. مونکي اُنهن فنڪارن جي ڳايل ڪلامن توڻي لوڪ گيتن جا نه رُڳو ٻول وڻندا هُئا، پر سندن ڳايل ڌُنون ۽ اُنهن جي گلي جو گُداز ۽ آواز جو اُتار، چڙاهُه، مُرڪون ۽ مينڍون الائي ڇو؟ بي چين ڪري وجهنديون هُيون. لڳندو هو، ڄڻ اِنهن بي مِثال ڌُنن ۽ لازوال ٻولن ۾ مُنهنجي دل جو ڪو حصو آهي، جيڪو اُتي رهجي وِيو آهي. اِهو ئي ڪارڻ هو، جو جڏهن به ڪو نئون ڪلام آئون اُنهن گُلوڪارن جي سدا بهار سُريلن آوازن ۾ ٻُڌندو هُئس، ته ڦٽا ڦٽ اُهو ڪلام ۽ اُها ڌُن مونکي برزبان ياد ٿي ويندي هُئي. عجيب ڪيفيت هُئي! جيئن اُهي راڳي ڳائيندا هُئا، هُو بهُو آئون به اُنهي ساڳي انداز ۾ اُهي ڪلام سڄو ڏينهن پيو گُنگُنائيندو هُئس، گُنگنائيندو يا جُهونگاريندو ته آئون اُهي سهرا ۽ لاڏا به هُئس، جيڪي عورتون شادين ۾ ڳائينديون هُيون. بهرحال موسيقيءَ سان مُنهنجي اِنهي بي اِنتها لڳاءُ جو سبب مونکي اڄ تائين معلوم ٿي ناهي سگهيو، ۽ نه ئي موسيقيءَ سان مُنهنجي اِنهي محبت ۾ ڪا به ڪمي اڄ تائين اچي سگهي آهي. سچ اِهو آهي ته سُر ۽ سنگيت مُنهنجي روح ۾ رچي رِلمِل ٿِي چُڪا آهن. پر بدقسمتي اِها آهي جو، مونکي غم حيات جي گُهرجن ايتري مهلت ئي ڪا نه ڏني جو ڪنهن کان سُرن جا گُر سکي سگهان ها؛ اُن ڪري اِها محرومي به مُنهنجي حياتيءَ جو حصو ٿِي ويئي ۽ اِها تشنگي اڃا سُوڌو مُنهنجي مَن - صحرا جي ٿر – ٻاٻيهي کي تڙپائيندي رهي ٿي.
    لڳاتار ريڊيو ٻُڌڻ ڪري ئي ريڊيو جي رنگين دُنيا ۾ داخل ٿيس. ريڊيي جي دُنيا مون لئه هڪڙو پُراسرار جهان هُئي، اُهي ماڻهو اُتي ريڊيو جي بند دٻي ۾ ڪيئن ٿا ڳالهائين؟ اسان جهڙي عام مخلوق آهن، يا ڪنهن ٻي دُنيا جا عجوبا! جيڪي ڏيٺارو ته ڪو نه ٿا ڏِين، پر سندن آواز ريڊيو جي اُن دٻي جي معرفت اسان جي سماعتن کي ڪيئن ٿو ڇُهي؟ اِهو سڀڪجهه ڄاڻڻ جو اشتياق مون کي ريڊيو ڏانهن ڇڪي آيو. پر اُن زماني ۾ ريڊيو پاڪستان جا دروازا اسان جهڙي عام خلق لئه اوپرا هوندا هُئا. هڪ عام لسنر (ٻڌندڙ) جو اُن دؤر ۾ ريڊيو جي اندر جهاتي پائي ڪُجهه پَسڻ ڪنهن خواب مِثل هو. اُنهي دؤر۾ ريڊيو تي پهچڻ ۽ اُتان مائيڪ وسيلي ماڻهن سان مخاطب ٿيڻ به ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو. ڇو ته اُن وقت ريڊيو تي ڪم ڪندڙن ۽ لِسنرن جي درميان ريڊيائي پاليسيءَ جي ديوار بَرلن اڏيل هُئي. جنهن کي پار ڪرڻ مون جهڙي معمولي ماڻهوءَ لئه ناممڪِن نه سهي، مُشڪل ضرور هو. پر الله ڀلو ڪري پاڻ واري مرحوم محمد خان جوڻيجي جو، جنهن پنهنجي ايام ڪاريءَ دؤران جتي اوجهڙي ڪئمپ واري سانحي جي جانچ ڪرائي ککر ۾ کڙو هڻي پنهنجا ٽپڙ گول ڪرايا، اُتي مرحوم ڪي چار چڱا ڪم ٻيا به ڪيا. جن ۾ جتي ستاسي واري ڪاري قحط ۾ ٿرواسين جي دل کولي مدد ڪيائين، اُتي ريڊيو جي پروگرامن تان روايتي انداز جي دز لاهي دؤر نو جي تقاضائن جي قلعي ڪري، ريڊيو اسٽيشن جي بند کوليءَ جهڙن اِسٽوڊيوز مان ڪڍي ماڻهن جي گهرن، تڙن، هوٽلن، دُڪانن، اوطاقن، ٻنين ۽ جهرجهنگ تائين پهچايائين.
    اِهو 1987ع جو زمانو هو، جڏهن ريڊيو پاڪستان نئين طرزِ نشريات جو آغاز ڪيو هو، ۽ ريڊيو جا اُهي پاروٿا آواز ۽ سندن روائتي انداز، جيڪي ريڊيو جي ڪمرن ۾ قيد هُوندا هُئا. جن جو پنهنجن ٻُڌندڙن سان ڄڻ ته ڪو تعلق، ڪو رشتو، ڪو واسطو ئي ڪو نه هو. جن جي نه ڳالهين ۾ ڪوئي دم يا خم هُوندو هو، ۽ نه ئي ماڻهن کي اُنهن جي بي فيض ڳالهين مان ڪا هڙ حاصل ٿيندي هُئي. پر جڏهن اُنهن روايتي ميزبانن جي جڳهه اهلِ علم ۽ اهلِ قلم آرٽسٽن جي خوبصورت آوازن والاري تڏهن سچ پچ ته ريڊيو پاڪستان جي بي جان بلڊنگ ۾ حرڪت پيدا ٿي پئي هُئي، ۽ اُهي ماڻهن جي تعلق، توجهه ۽ ترجيح جو مرڪز بڻجي پيون هُيون. نيئن طرزِ نشريات ماڻهن کي ريڊيو جي ايترو ته ويجهو ڪيو، ايترو ته نزديڪ آندو جو ائين لڳندو هو، ڄڻ ريڊيو جا ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان جي بند اسٽوڊيو ۾ نه پر ڪنهن کُليل محفل ۾ ماڻهن جي وچ ۾ ويهي سندن سامهون احوال اوري رهيا آهن. اُهي دوريون، اُهي وڇوٽيون جيڪي ماڻهن کي ريڊيو کان ڪوهين ڏور پري رکيو آيون، سي سڀئي نيئن طرزِ نشريات کانپوءِ ميٽجي ويون. ماڻهن کي ايئن لڳو ڄڻ ريڊيو پاڪستان سندن ٻيوگهر آهي. ماڻهن ريڊيو جي پروگرامن سان، ڪمپيئرن سان ۽ پروڊيوسرن سان بي پناهه پيار ڪرڻ شروع ڪيو. هوڏانهن وري ريڊيو تي ڪم ڪندڙ اديبن، شاعرن ۽ صحافي ڪمپيئرن پنهنجي عِلمي، ادبي ۽ فني صلاحيتن سان ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ شروع ڪيو. موٽ ۾ ماڻهن کان مَڻين محبتون به ماڻڻ لڳا. هِي هڪ اهڙو ريڊيي جي اؤج جو دؤرجو، جنهن ۾ معلومات، موسيقي ۽ وندر ۽ وِروُنهن جا نوان جهان ريڊيو جي مائيڪروفون تان نڪري ٻڌندڙن جي ذهنن کي زرخيز ڪندا رهيا. ماڻهن سان سِڌو سَنئون مُخاطب ٿيڻ ۽ ماڻهن جي ئي ڳالهه ماڻهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ماڻهن سان ڪرڻ جو هُنر انِهن عِلمي، ادبي ڪمپيئرن خوب ڄاتو ٿي، سو اُنهن اِن نئين طرزِ نشريات جي تبديلي مان ڀرپور فائدو وٺي ريڊيو جي دنيا جا تيور ئي تبديل ڪري ڇڏيا.
    اهڙي دؤر۾ ڪنهن جي دل هُئي جيڪا ريڊيو اسٽيشن کي ڏسڻ ۽ اُتي ڳالهائڻ جي خواهش کان خالي هُئي؟ مُنهنجي دل ۾ به هڪ اهڙي خواهش جي خلش جاڳي هُئي. هڪڙي آرزو انگڙايون ڏيڻ لڳي ته ڪاش! آئون به ايئن ئي ريڊيو جي مائيڪ تان ڳالهايان. ايئن جيئن ماڪن شاهه رضوي، بخشڻ مهراڻوي، زيب سنڌي، امين ارباب ۽ ٻيا ريڊيو پروگرامن ۾ ڳالهائن ٿا. اِن شوق ۾ ريڊيو جي ماڻهن سان ناتا ۽ رشتا قائم ڪرڻ جو جُنون هوندو هو. اُٺ جي آنڊي جيڏا ڊگها خط اُنهن پروگرامن ۾ لکڻ ۽ پوءِ جڏهن اُهي خط من پسند ڪمپيئر پنهنجي مڌُر آواز ۾ ريڊيي تان پڙهندا هُئا ته ائين لڳندو هو ڄڻ ٿيليسيميا جي مريض کي رت جي بوتل مِلي ويئي هُجي. ننڍي لاڪون ريڊيو سان دلي لڳاءُ، موسيقي سان محبت ۽ مٿان وري شاعريءَ جي لگار لڳي پوءِ ڀلا پير پٽ تي پئي به ڪئين ها؟ نيٺ جُهڏي گدام جي مٺڙي ماڻهو سائين ماڪن شاهه رضوي (جنهن هاڻ پنهنجا اباڻا اَجها ۽ پُراڻا پَڊ ڇڏي وڃي حيدرآباد جا وڻ وسايا آهن) جي معرفت پاڻ فقيرن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي گيٽ تي ويٺل سيڪيورٽي وارن وٽ وڃي پنهنجي پهرين اِنٽري ڪرائي هُئي. اُهي ڏينهن اڄوڻا ڏينهن، ريڊيو سان جيڪو تعلق قائم ٿيو، اڃان تائين اُن تعلق جي تند ڇڄي ناهي سگهي. ريڊيو حيدرآباد تي مُحترم ڪوثر ٻُرڙي سان به اُن وقت ئي روح جو رشتو جڙيو، مٿو مٿي تي اسان جي ياري ڪيترن ئي لوڏن لمن ۽ زماني جي مصروفيتن ۽ مجبورين باوجود اڃان تائين قائم آهي. عزت و احترام جا رشتا رنج رُسامن ۽ ڪِن تلخين باوجود برقرار رهي سگهن ٿا. باقي لوڀ لالچ ۽ مطلب جا ناتا رشتا ئي ڪڏهن نه ڪڏهن ڇڄي پوندا آهن. سو ڪوثر ٻُرڙي ۽ امين ارباب جي پنهنجائپ جي ڪري ريڊيو حيدرآباد ڄڻ ته منهنجو ٻيو گهر بڻجي پيو هو. اُتي ئي مونکي هڪ شاعر طور سُڃاڻپ مِلي ۽ سنڌ جي محبوب ماڻهن سان به مُنهنجي ملاقات ريڊيو حيدرآباد جي مائڪروفون معرفت ئي ٿي. ريڊيو حيدرآباد تي ڪيترن ئي دوستن کان مونکي اڻ ڳڻيون محبتون مِليون، سندن عزت و احترام ۽ همت افزائي مون ۾ حوصلو پيدا ڪيو. پر بي رحم حالتن ڪِن جي ويجهو ڪيو ته ڪِن کان وري ڪوهين ڏور به ڪَيو. وقت، وقت جي ڳالهه آهي، ماڻهو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪُر ۾. سدائين سريکي ڪنهن سان به ڪو نه ٿي هلي.
    2004ع ۾ مُنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ”اکين ۾ اُلڪا“ شايع ٿيو ته آئون ريڊيو جي دُنيا تان ڌيان هٽائي لکِڻ واري پاسي لڙي پيس ۽ ايئن ڄڻ ريڊيو حيدرآباد سان مُنهنجو تعلق ٽُٽي نه ته به جهَڪو ۽ جهيڻو ضرور ٿي پيو هو. مٿان وري سال 2005ع ۾ ريڊيو مِٺيءَ جو آغاز ٿيو. جَنهن جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر مرحوم انور هَڪَڙو صاحب هو. اُن سان ملاقات ٿي، هڪڙي صاحب خلوص دل سان ريڊيو تي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني. انڌو گهُري ئي ٻه اکيون! سو پاڻ کي به ريڊيو تان ڳالهائڻ جو شوق هُجي جيڪو ڪپڙن ۾ ئي ڪو نه ٿي ماپيو. جنرل آڊيشن ٿيو ته اسان به وڃي حال سارو ڪن ڳڻايو. تنهن وقت خليل ڪاڪيپوٽو پروڊيوسر هو، تنهن ڪوثر ٻُرڙي جي فون تي مونکي ڪمپيئر طور پاس ته ڪري ڇڏيو. پر پوءِ پروگرام ٿورا ۽ همراهه گهڻا يعني ڀُونگي سوڙهي ڀائر گهڻا هُئڻ ڪري جيڪي جيءَ جيارا هُئا، يا جيڪي ريڊيو وارن جا چهيتا (اهو لفظ گهڻو پوءِ مون لاءِ به استعمال ٿيو ته امر نعيما ممتاز ڀٽي جو چهيتو آهي) هُئا، اُنهن کي پروگرام مليا ۽ اسان پارا کريا ٻاهريون ڪَڻ هُئاسين تن کي انائوسري عطا ڪئي ويئي. 19 سيپٽمبر تي مِٺي ريڊيو جي نشريات جو باقائدي آغاز ٿيو ۽ 22 سيپٽمبر تي مُنهنجي انائوسمينٽ ۾ پهرين بُڪنگ هُئي. بي دليءَ سان مون ڪُجهه مهينا انائوسمينٽ ڪئي، سا به انهي آس آڌار ته وري ورندا واءَ وري وسندا مينهن.. ڪڏهن نه ڪڏهن ڪمپيئرنگ جو موقعو ضرور ملندو. اِهو ريڊيو جو شروعاتي دؤر هو، پر جيستائين به 03 ڪلو واٽ جي آڌار مٺي ريڊيو جو آواز ماڻهن تائين پهتو. اُنهن سماعتن جي سرهايَن جو عجيب عالم هو. ڳوٺن ۽ شهرن جي گهرن، اوطاقن، دُڪانن، مانڊڻين، ٻنين، مطلب ته جتي، ڪٿي گهرن جي ڇتين تي، وڻڻ جي چوٽين تي وڏيون تارون ٽنگي به ماڻهن مٺي ريڊيو دل جي ڪنن سان ٻُڌو ٿي. سندن موٽ جو اندازو اُن وَقَت ايندڙ خطن جو هڪ وڏو تعداد هو. ايڏي وڏي تعداد ۾ خطن جو اچڻ ماڻهن جي مٺي ريڊيو سان محبت ۽ بي انتها دلچسپي کي ظاهر ڪري رهيو هو. مٿان وري ٿر ۽ اُن جي اوسي پاسي جا شاعر، اديب ۽ صحافي سڀئي ريڊيو تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ لاءِ بي تاب هُجن. سڀني نُنهن چوٽيءَ جا زور لڳائي پروگرام ورتا. سياسي، سماجي اثر رسُوخ استعمال ڪيا ويا. ڪي لٺ ۽ چَٺ ڏسي ڪم ڪڍي ويا، ڪي مون وانگي زماني جي داءُ پيچ کان اڻڄاڻ هُئڻ ڪري هٿ مهٽيندا ئي رهيا. ”لابيون“ ۽ لاٺڙيا سڀئي سرگرم هُئا، ڪن کي هُشي ڏيئي پُٺي ٺپري ريڊيو وارن بُک هڙتالون ڪرايون. اهڙي ماحول ۾ ريڊيو مٺي ڪنهن عِلمي، ادبي ۽ ثقافتي اداري بجاءِ هڪ اهڙو آکاڙو بڻجي ويو. جتي سِکڻ ۽ سيکارڻ وارو ته ڪو سوين ۾ هڪ هو پر ٻيڙو ٻوڙڻ وارن پَرمتڙين پروڊيوسرن ۽ خوشامندي کاٽِڙين جي ٻيگهي متل هُئي. اهو ئي سبب آهي جو ياري باشيءَ جي بنيادي آيو سو اگهيو واريءَ پاليسي ريڊيو مٺيءَ جي تري واري سِر به سرڪائي، اُن جا بُنياد ئي ڪمزور ڪري ڇڏيا. نتيجو ڇا نڪتو؟ اُڀ اکين پيو ڏسجي آڱر کڻي ڇا ڪبو....
    ٻاهران آيل آفيسرن جون پنهنجون مجبوريون هيون (اُنهن جي مجبورين مان هِتي وارن همرائن ناجائز فائدا به ورتا) ته هِتان جي ڦولهڙي ڀور مُنڇي ٽائيپ ماڻهن جون پنهنجون ترجيحون هُيون. سڀني پنهنجي، پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو پر ريڊيو مٺيءَ کي ڪنهن به معاف ڪو نه ڪيو. ڪِن ريڊيو مٺيءَ مان سُڪل پيٽ ساوا ڪيا، ڪِن ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو واري پاليسي اختيار ڪري ٻن اکين وچان ٽيون نڪ ڪڍي ورتو. ڪي فتني ۽ فساد جي جڙ هُئا آهن ته ڪي وري ڪوري گهڙي جهڙا مِٺا ۽ ٻاجهارا ماڻهو ريڊيو مٺيءَ کي نصيب ٿيا. جيڪي هر ڪنهن اڳيان هٿ جوڙ ڪري پنهنجي جوڳي جاءِ جوڙي ويا. اهڙن مُخلص ماڻهن ۽ ريڊيو جي خير خواهن کي ڀلي مٺي ريڊيو وارا وساري ڇڏين. پر ماڻهن جي دلين ۾ اُهي اوتارا اَڏي ويٺل آهن.
    انائوسري جي دؤران ئي هڪ دفعي خليل ڪاڪيپوٽي کي عرض ڪيم ته ”قبلا سائين! هي جيڪا اوهان مونکي انائوسري واري پڳ ٻڌرائي آهي، اِها پاڻ کان زور آهي، جيڪڏهن اوهان جي اداري ۾ مون مسڪين جي نصيب ۾ ڪمپيئرنگ جو تاج ڪونهي ته پوءِ پنهنجي امانت سنڀاليو پاڻ جي يارو ياري!...... ۽ پوءِ سائين جن جيڪا ورندي ڏني اُن منهنجا هڻي ٺپ ئي ٺاري وڌا ۽ پوءِ آئون پنهنجي دال ڳرندي نه ڏسي ٽُوال ڪُلهي تي رکي هليو آيس پنهنجي گهر. وقت وڏو بادشاهه آهي، اُهو نه سدائين هڪجهڙو رهي ٿو نه ئي سدائين ڪنهن هڪ سان رهي ٿو. جنهن ماڻهوءَ مُنهنجي خواهش جو احترام ڪرڻ بجاءِ ٺٺوليون ڪيون هُيون، اُهو ئي ساڳيو ماڻهو مونکي منتون ڪرڻ لڳو. ٿِيو هِيئن جو “جڏهن سائين خليل مٺي ريڊيو جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي آيو تڏهن ڪيئي ڀيرا مونکي فون ڪري يا روبرو گهرائي چوندو رهيو ته امر! مهرباني ڪري پروگرام ڪريو، اِها اسان جي به خواهش آهي ته ريڊيو مٺيءَ جي لسنرن جي ڊمانڊ پڻ”......! پر اُن وقت آئون ريڊيو مٺيءَ مان مڪمل طور مايوس ٿِي چُڪو هُئس، ڇاڪاڻ جو جتي علم ۽ آرٽ کان وڌيڪ خوشامندي کاٽِڙين جي عزت هُجي، اُتي پنهنجو قيمتي وقت ۽ تخليقي توانايون ضايع ڪرڻ بدران وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو ڪجي اُهو بهتر آهي. ريڊيو مون لئه نئون ڪو نه هو پر ريڊيو جو مائيڪ به نئون هو ته آن ايئر ڳالهائڻ جو تجربو صفا نئون هو. اُن ڪري انائوسري دؤران (جنهن ۾ مونکي ڪا دلچسپي به ڪا نه هُئي) غلطيون به ٿينديون هُيون، جن جو آئون اڄ به اعتراف ڪريان ٿو ته آئون ڄمندي ڄام قطعي ڪونه هُئس. ان ڪري مون سکيو ئي پنهنجي غلطين مان. مُنهنجي اِها ڪمزوري آهي جو آئون مائيڪ آڏو هُجان يا اسٽيج تي، ائين کُلي ڳالهائي ناهيان سگهندو. جيئن ڪاغذ تي قلم جي ڪُميت گهوڙي کي سِراڙا ڪرائيندو آهيان. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو مون ريڊيو تي پنجن، ستن سالن ۾ هڪ به پروگرام بِنا لِکي پڙهڻ جي ناهي ڪيو. مُنهنجو ذاتي تجربو آهي ته جيڪي دوست بِنا اسڪرپٽ لِکڻ جي ريڊيو پروگرام ڪن ٿا، اُهي هڪ ته ورجاءَ جو شڪار ٿين ٿا، ٻيو ته اُنهن جي ڳالهين ۾ ڪو به ربطه ناهي هوندو ۽ ٻولي توڻي گرامر جي غلطين جي گُنجائش به رهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ماڪن شاهه رضوي کان وٺي بخشڻ مهراڻوي، امين ارباب، بشير اڍيجي ۽ ناشاد رحم علي تائين جن جن به ڪمپيئرن کي ريڊيو ٻُڌندڙن وٽان ڀرپور پزيرائي ۽ مانُ مِليو آهي، اُنهن سدائين اسڪرپٽ لکي پوءِ ئي پروگرام ڪيا آهن ۽ ڏاڍو مقبول به ٿيا آهن. هڪڙي ادنيٰ انسان هُئڻ ناتي مُنهنجي خوبين جي خبر مونکي ڪونهي، پر خاميون کوڙ هُيون آهن ۽ اُنهن کي آئون خلوصِ دل سان اون ڪيان ٿو. پر سنگت وانگر پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهي “هٿ جي هڻڻ” ۽ پنهنجين اوڻاين تان کرڙ ۽ کاهيون اوڍائڻ جي مون ۾ عِلت ڪونهي.
    خليل ڪاڪيپوٽي جي مليل ورنديءَ کانپوءِ مون ريڊيو مٺي جي انائوسري کي الوداع ڪيو. پر دل ۾ اهو پڪو پهه ڪري نڪتو هئس ته هڪ نه هڪ ڏينهن هِن ساڳي ريڊيو اسٽيشن تي ڪمپيئر بڻجي پنهنجي ماڻهن سان ضرور مُخاطب ٿيندس. ريڊيو تي ڪم ڪرڻ مُنهنجو خواب هو، جيڪو پورو ٿيڻ تائين مونکي ڪڏهن به دلي سُڪون ۽ چين ڪونه مليو. پر موقعي جي تلاش هُئي، سو مالڪ مُهيا ڪري ڏنو وسيلو مُنهنجو پنهنجو محبوب دوست سائينداد ساند بڻيو. سائينداد ساند ۽ شوڪت هنڱورجي جي معرفت مرحوم انور هڪڙي ۽ نعيما ممتاز ڀٽي مون، ڀارو مل امراڻي ۽ نديم جماڻي جا ڪمپيئرنگ لاءِ آڊيشن ورتا، پاس ٿياسين، ته پروگرام ڏنائون. 08 مئي 2006ع تي مُنهنجو پهريون پروگرام پارس هو، جيڪو شام جو نشر ٿيندو هو. سخت محنت ۽ دلي لگن سان مون ريڊيو مٺي تي بِنهه ٿوري عرصي ۾ ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون، جيڪي اڃان تائين اڏيل آهن. پارس کانپوءِ سُرهي سانجهه، اسلام عليڪم مٺي، پنهوارن پچار سميت سمورا سنڌي پروگرام ڪيم، ڪيترائي سلسلا اُنهن ۾ لسنرن جي خواهش موجب ۽ پنهنجن پروڊيوسرن جي آئيڊياز پٽاندڙ هلايم. ٿر رنگ، پئي پُراڻو نه ٿي، لطيف رنگ، ماڻهو ميگهه ملهار، سڀ رنگ سانول ۽ شاهه لطيف جي سُرن تي مشتمل سلسلو لهرن لک لباس هلايم جيڪو بيحد مقبول ويو ۽ ريڊيو مٺيءَ جي پروگرامن ۾ ناشاد رحم علي ۽ مير مُرڪ واڍي جي پروگرامن کانپوءِ شايد ئي ڪنهن ٻي سلسلي کي ايتري پذيرائي ملي هُجي. جيڪا لهرن لک لباس ٿوري عرصي ۾ حاصل ڪئي هُئي. اِهو پهريون ڀيرو هو جو ٿر جو نئون نسل ريڊيو مٺيءَ جي معرفت پنهنجي ڌرتيءَ جي شهنشاهه شاعر لطيف جي فڪر ۽ فلسفي مان فيضياب ٿيڻ لڳو هو. اُهي ماڻهو جن ڪڏهن لطيف جي رسالي کي هٿ به ڪو نه لاٿو هو انهن ڀٽائي جي رسالي کي خريد ڪري پڙهڻ ۽ پُرجهڻ شروع ڪيو هو. اِها ريڊيو مٺيءَ جي وڏي ڪنٽريبيوشن هُئي. مختلف سلسلن ۾ مون نه رُڳو ٿر جي اُڀرندڙ نون شاعرن ۽ گُلوڪارن کي مُتعارف ڪرايو پر سموري سنڌ جي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي سندن ورسي يا جنم ڏينهن جي حوالي سان کين خراج به پيش ڪيو. ٿر جي سماجي، ثقافتي، تهذيبي، تاريخي ۽ امن امان جي معاملن تي مون نه رڳو ماڻهن ۾ سجاڳي پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون ڪوشش ڪري ماڻهن جي ڳالهه ماڻهن جي پنهنجي ٻولي، ماحول ۽ معروضي حالتن مطابق اُنهن تائين پهچائي يا اُنهن کي سمجهائي. مون هوا ۾ لٺيون ناهن هنيون پر جيڪي به زميني سچايون آهن اُهي بيان ڪيون آهن. پوءِ اُهي ڪڙيون به ٿي سگهن ٿيون ته مِٺيون به. مون ماڻهن جي مٿي ۾ پنهنجي ڳالهه ڪنهن مُترڪي وانگر ٺوڪڻ بدران اُنهن جي ذهني سطح، ذاتي دلچسپي وقت، موقعي ۽ ماحول جي مناسبت سان ڪئي آهي. ان ڪري ئي مُنهنجي هر ڳالهه پُر اثر ۽ دير پا ثابت ٿي آهي. اها مُنهنجي خوشفهمي واري خيام خيالي ناهي پر هڪ اهڙي زميني سچائي آهي جنهن کي اوهان ريڊيون مٺي جي لائق ٻُڌندڙن جي ذاتي ڪچهرين توڻي سوشل ميڊيا جي مخلتف مورچن ۽ راءِ عام جي معتبر ذريعن تي ڏسي يا پسي سگهو ٿا. مون جيڪا به ڳالهه ڪئي آهي يا جيڪو به موضوع بيان ڪيو آهي اُن ماڻهن جي سوچن کي ڪيترو جنجهوڙيو ۽ ان مان ڪا هڙ حاصل ڪيائون يا منهنجون ڳالهيون اُنهن جي مٿي تان گذري ويون. اها سَڌ اُنهن ماڻهن کي ئي هُوندي جن مونکي دل جي ڪنن سان هم تن ڳوش ٿي ٻُڌو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هاڻي منهنجي ڪيل گفتگو جا موضوع مانهن کان وسري ويا هُجن پر جن به ماڻهن تائين مُنهنجي ڳالهه ريڊيو اسٽيشن مٺي جي مائيڪ وسيلي پهتي اُنهن منهنجن ڳالهين ۾ ڪنهن نه ڪنهن اُونهي اسرار جي پيغام کي ضرور پروڙيو آهي. ڇاڪاڻ جو مون ولگر ڪمپيئرن وانگر “وِڦلڻ” بدران سماج جي وِٽڙيل سوچن کي صحتمند بحث ذريعي سميٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بامعنيٰ ۽ بامقصد پروگرام ڪئين ڪجن؟ ماڻهن تائين پنهنجي ڳالهه ڪئين سَهي نموني پهچائجي؟ ۽ ماڻهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو هُنر بهرحال مون پنهنجن مُحسن ۽ مهربان دوست براڊ ڪاسٽرن کان به سکيو ته وقت ۽ حالتن به مُنهنجي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي آهي.
    لسنرس جا به عجيب و غريب قِسم ۽ مِزاج آهن. ڪي رُڳو نالي ٻُڌڻ جا لٺ شؤقين، ته ڪي وري موسيقي ۽ معلومات جا موالي، ڪِن کي ڪمپيئرن جي ڳالهين سان ڪا دلچسپي ڪو نه هوندي ته ڪي وري لفظ، لفظ توري تڪي وکر وانگر ٺاهي ٺوڪي وٺندا. وڻيو ته واهه واهه به دل کولي ڪندا ۽ جي نه وڻيو ته به رک رکال ڪن ئي ڪو نه، بلڪِ پِڙَ تي روڪڙا ڳڻي ڏيندا. ڪي مکڻ مان وار ڪڍڻ جا آڙيڪاپ ته ڪِن کي وري ڪل ئي ڪا نه پوندي ته ڪمپيئر چئي ڇا پيو يا چوڻ ڇا ٿو چاهي؟ بهرحال مُختلف مِزاجن ۽ طبيعتن وارن ٻُڌندڙن کي هڪ ئي وقت راضي رکڻ ۽ گڏ کڻي هلڻ آهي ته ڏاڍو ڏکيو ڪم، پر پاڻ فقيرن اهڙا لڪ به لنگهيا، جتي گهڻا همراهه گوڏن تي هٿ ڏيئي ويهي رهيا. گهڻا لسنرس وري خيري جا کاريل به ڏٺاسين، جن کي ڪجهه ڪمپيئر ايزي لوڊ اُماڻڻ جي عيوض سڄو مهينو ساريندا رهندا آهن. هڪڙا وري هوٽلن تي همراهُن کي ڳاڙها ٻوڙ کارائي پوءِ تاحيات لسنرس جي لسٽ ۾ پنهنجا نالا درج ڪرائي ڇڏيندا آهن. اهڙا به معجزا ٻُڌاسين جو ڪي لسنر پر لوڪ پڌاري ويا پر سندن سڄڻن جي لسٽ مطابق ريگيولر ريڊيو ٻُڌندا رهن ٿا. گهڻن همراهُن جي ڪوٿِرين ۾ ڪمپوز ٿيل لسنرس جي نالن جون لسٽون ائين محفوظ هُنديون آهن، جيئن تپيدارن جا اڇا، ڪارا چٺا ڪوٽارن جي ڳاڙهين ڳوٿِرين ۾ گُجها رکيل هوندا آهن. ڪيترا ويچارا پنهنجي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ يا سُوم رس جي سُتي حاصل ڪرڻ لاءِ لسنرس جي نالي تي لِکن به پاڻ ته پڙهن به پاڻ. رُڳو ريڊيو پروگرامن ۾ اُنهن لسنرن جي نالي سان تحريرون پڙهن ٿا، جيڪي سندن شؤق جو سامان مُهيا ڪري ڏين ٿا. گهڻن وري ڪتابن ۽ رسالن جي آڙ ۾ ڪيترن ئي لسنرن جي کيسن ۾ کاٽ هنيا جيڪي اڃان تائين هوڪا ڏيندا وتن ته ”اديون! اوهان ڪو ڏٺو“....!! پر کين ڪير سمجهائي ته ”ٻچا! ڪاڪا ڪرها هُئا ۽ ويا هاڻ هٿ مهٽڻ مان ڇا ورندو!!“ ڪَرپشن ڪامورا به ڪن ٿا ته ڪلرڪ ۽ ڪمپيئر يا انائونسر ۽ انجنيئر به، ”بهتي گنگا“ مان سڀئي هٿ ڌوئن ٿا. لسنرن به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انهي وبا ۾ وڪوڙيل آهن. فرق رُڳو طور، طريقن جو آهي، روپ ۽ رنگ جو ڍونگ ۽ ڍنگ جو آهي، پر ڦِري گهِري ڪَترين سڀئي مسڪين ماڻهن جا کيسا ٿا.
    ريڊيو مٺيءَ تي ٻيو ته جيڪي ڪُجهه وَهي ۽ واپري پيو اهِو ڪنهن به اٽي جو پاءُ کائيندڙ کان ڳُجهو ڪونهي. پر جيڪي جُٺين يا پَرين سنڌي پروگرامن سان ٿينديون رهن ٿيون اُنهن تان اڳڙي کڻڻ بدران پاڻ رُڳو رومال ۾ ويڙهي ڳُجهارت ٿا ڏيون پوءِ جي چالهين پک تي ڳجهارت کي واءُ لڳي وڃي ته پاڻ تي ميار ڪونهي. ريڊيو مٺيءَ جي مون سميت ڪن فقيرن جي مٿي ۾ اجائي هوا ڀريل آهي ته ”اسين آهيون فنڪار (صحافي، شاعر ۽ اديب) سو ڪنهن ڪاموري، ڪنهن ڪلرڪ جي ڪُر نِش ڇو ڪريون“ ۽ هُو وري ويچارا هيرايل ”حاضر سائين“ همراهن جي سوس تي. سو اسان پارن مٿي ڦريل/کريل ماڻهن جي اِها مڳي انهن کان هضم نٿي ٿئي بلڪ سندن نڙيءَ ۾ ٿوهر جي ڪنڊي جيئن اٽڪي ٿي پوي. اُنڪري اسان جهڙن ”مغرورن“ مان جان ڇڏائڻ جا ڪيئي جتن ڪيائون پر جڏهن سندن ڪو به چارو نه چَليو تڏهن هڪڙي SD جا ڪن ڀَريائون ته ”سائين! ري آڊيشن ڪرايو ته اِن بهاني اِنهن مٿي جو سُور بڻيل ناپسنديده ڪمپيئرن کي ڪِڪِ آئوٽ ڪريون‘‘ پر اڳيان اسين به ست کنڊ کايو ويٺا هُئاسين سو اهڙا ته سندن سِيرڻ سوڙ هاڪيا سون جو مجبور کين چوڻو پيو ته “اسان ست به ڇڏيون ته پنج به ڇڏيون“. پير هيراڙي جي هير ٽنگ ڀڄي پوءِ به نه رهي، سو وري نئون ناٽڪ رچائي ريڊيو مٺي تي هلندڙ سنڌي پروگرام هئائي ٻه اُهي بند ڪرائي پوءِ ساهي پٽيائون پر هيڏانهن وري اسان فقير چري ڪيئن چئي ويران وير وڌ. سو ڪٿي ٿا مُنهن ۾ مُڱ وجهي ماٺ ڪري ويهون. ويهڻ اسان جو وڙ ئي ناهي. هڪ دفعو وري سندرا ٻڌي ڪاهي پياسين ڀٽائي جي هِن بيت وانگر. هلڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ منجهيان ايءُ مَرڪ.
    سوشل ميڊيا جي مورچي تان اهڙو ته کڻي رڻ ٻاريون سون جو هيٺئين همراهُن جون ته وايون بتال ٿي ويون پر مٿان ان وقت جي DG سولنگي صاحب کين ڇنڊ پٽيندي چيو ته ’’سنڌ جي شاعرن، اديبن مُنهنجا تنجڻ تپائي ڏِنا آهن، اوهان سنڌي پروگرام بند ڪري خواري جو اِهو ٺڪر به مون تي ڀَڳو آهي‘‘ سولنگي صاحب جي ڌٻ پٽڻ کانپوءِ ريڊيو تي ڏينهن جو 02 وڳي کان 04 وڳي تائين جيڪو وقفو هو، اُهو ختم ڪري اُن ٽائيم تي ٻيهر مقبول سنڌي پروگرام شروع ڪيا ويا. جيڪي اڃان تائين جاري آهن، ۽ جن جو کٽيو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ ڀٽ شاهه به کائي رهيا آهن. هِتي هڪڙي وضاحت ڪندو هلان ته اسان جي هِن سڄي اصولي جدوجهد جو مقصد پنهنجي ٻوليءَ جي پروگرامن جي بقا بحالي ۽ ريڊيو مٺيءَ جي وقار ۽ وجود لاءِ هو، نه ڪي ڪنهن شخص يا فرد جي ذات خلاف هو، ۽ نه ئي اسان جا ڪي ذاتي مُفاد هُئا ڇاڪاڻ جو اسان فقيرن وڃايو گهڻو ڪُجهه آهي پر حاصل ڪرڻ جي حَوسَ نه اڳي هُئي ۽ نه ئي هاڻ آهي. اسان جي خودداري اسان کي جُهڪي سلام ڪرڻ، ڪنهن جي قدم بوسي ڪرڻ ۽ جي حُضوري ڪرڻ کان هميشه روڪيو آهي. پوءِ ڀلي ته اسان کي ان فٽ سمجهي اگنور ڪيو وڃي، پاڻ کي اِن ڳالهه جي پرواهه ڪونهي. پر اسان اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ناهي ڪئي. ها البت اُهي ماڻهو، اُهي لسنرس، اُهي پاٺڪ، جيڪي مون جهڙي حقير، فقير بندي گُنگهار گندي جي آواز، انداز، شاعري ۽ خيالن سان بي پناهه پيار ڪن ٿا، اُهي ئي مُنهنجي ڪُل ميڙي چُونڊي آهن. اُهي جيڪي جيءُ ۾ جايون ڏين ٿا، اُنهن لئه اکين ۾ اوتارا آهن. اُنهن جا انگل آرا، اُنهن جون هُجتون، محبتون، رنجشون، مُنهنجي ميراث آهن، مُنهنجي سڀني گُستاخين ۽ غلطين کي درگذر ڪري به مونکي پنهنجي محبتن ۽ دُعائن ۾ سدائين سنڀاريندڙ اِهي مارو ماڻهو ئي مُنهنجي حياتيءَ جو سڀ کان وڏو سَرمايو آهن. مون جهڙي ناچيز انسان سان سندن بي لوث محبت جو ثبوت اُهي فون ۽ خط آهن، جيڪي اڃا تائين ريڊيو انتظاميه کي مُنهنجي واپس اچي پروگرام ڪرڻ لاءِ چوندا رهن ٿا. مون ريڊيو مٺيءَ تي جيڪي ڦاڙها ماريا آهن يا جيڪي اَڪ ڪارا ڪيا آهن، اُنهن بابت مون وٽ ٻي ڪا به دعوا ڪونهي پر آئون پنهنجي ڪيل پورهيي جوَ گواهه پنهنجن پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن کي ئي بڻايان ٿو.
    خير پروگرام بند ٿيا وري شروع ٿيا، ڪيئي سڪندر آيا ۽ ويا پر سيوهڻ اُتي ئي رهيو. پروگرامن سان گڏ پروڊيوسر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر به بدلبا رهيا. هڪڙي صاحب کانپوءِ علي نواز خاصخيلي، الاهي بخش ٻانڀڻ، ساجد دُراني، علي مُراد ٽانوري، خليل چنا، نور الله ٻگهيو، خليل ڪاڪيپوٽو ۽ موجوده سائين محمد علي ٻانڀڻ تائين اِهو سفر روان ۽ دوان آهي. ڪيئي پروڊيوسر آيا ۽ ويا، ڪي صوبيدار مزاج ڪي عاشق مِزاج ته ڪي صفا فقيرتن ۽ مَن، جن جا اندر به اُجرا ته منظر به اُجرا. جن وٽ ويهڻ سان ڏکندو ڏور ٿئي، جيڪي رُڳو ريڊيو جا عملدار ڪو نه هُئا پر اسان پارن اڀرن لئه ڪنهن اَجهي ۽ اولي جيئن هُئا، تکيءَ اُس ۾ ٿڌيءَ ڇانوَ جي احساس جهڙا هُئا. عزتون ۽ محبتون ونڊڻ، ورهائڻ جو وکر مؤلا سائين هِنن ماڻهن کي ئي ڏنو هو، اُنهن جي محبتن جو مُنڪر ٿيڻ به ڪنهن ڪُفر کان گهٽ ناهي، اهڙا ماڻهو جيڪي يارن جا ته يار هوندا ئي هُئا پر اغيارن سان ٻاڙو ٻولڻ ۽ ٻيا ئي رکڻ اِنهن ماڻهن لئه عيب هو. اُهي ماڻهو ريڊيو جي فني گهُرجن، توڻي ريڊيائي پاليسيءَ جي سمورين باريڪ بينين کان نه رُڳو اسان جهڙن اٻوجهن کي ڪنهن وڏي مائيٽ جيئن ڀَر ۾ ويهاري چانهه پياري پوءِ سمجهائيندا هُئا، پر ريڊيو پاڪستان ۽ عام پرائيويٽ ايف-ايم چينلن جي نشرياتي تقاضائن کان به آگاهه ڪندا هُئا. اهڙن ٻاجهارن ماڻهن جي محبتن کي پُٺي ڏيڻ پنهنجو وڙ ڪونهي. ريڊيو مٺيءَ تي جن ماڻهن سان مون جهڙي ادنيٰ انسان جون ٻٽيهه دليون هُيون، اُنهن ۾ علي اڪبر هنڱورجو، علي مُراد ٽانوري، الاهي بخش ٻانڀڻ، نعيما ممتاز ڀٽي، حاجي کوکر، توفيق ميمڻ، قاري مُحمد حُسين، صلاح دين عباسي، نثار منگي ۽ ٻيا اُهي مُنهنجا همسفر جن سان گڏجي مون ريڊيو مٺيءَ تي ڪم ڪيو جن سان هُجتن توڻي محبتن جو رشتو سدائين تازو ۽ توانو رهيو، ڪنهن، ڪنهن جا نالا کڻان مون لئه سڀئي مُحترم عزت و احترام جي لائق هُئا ۽ آهن، پوءِ اُهو ڪو ريڊيو جو پروڊيوسر هُجي يا انائوسر، ڪمپيئر هُجي يا ڪلرڪ، انجنيئر هجي، پٽيوالو هُجي يا ڪو چوڪيدار، سڀئي محبتي، مانائتا ۽ مُنهنجا پنهنجا آهن. بقول ڀٽائي جي، جيهاڪي تهيا مون مارو مڃيا.
    ’’خيال ڪَڙو کڙڪائن ٿا‘‘ مُنهنجن اُنهن تخليقي تحريرن تي مشتمل آهي، جيڪي مون ريڊيو مٺيءَ تي پنهنجن پروگرامن ۾ پڙهيون هُيون. پنج، ست سالن جي پروگرامن ۾ مواد ته تمام گهڻو پڙهيو اٿم. پر اُنهن ۾ مُنهنجون پنهنجون طبع زاد تخليقون جيڪي مون وٽ محفوظ هُيون. اُنهن مان چُونڊ مختصر تحريرون هِن ڪتاب ۾ شامل ڪيون اٿم، بقايا مواد مُنهنجي ايندڙ نثري ڪتاب ۾ شامل هوندو. بهرحال هِي جيڪي مُختصر لکڻيون اوهان جي اکين آڏو آهن، اُنهن ۾ مون پنهنجي دؤر جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن ۽ واقعن جي اُپٽار ڪئي آهي. مون هر اُن موضوع تي کُلي ڳالهايو آهي، جيڪو هِن ڌرتيءَ ۽ اُن جي ڌڻين سان درپيش آهي. مُنهنجي ڳالهين ۾ اگر ڪا تلخي آهي ته اِهو اُنهن سماجي حالتن ۽ رَوين جو اولڙو ۽ عڪس آهي، مون ته رُڳو آئينو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اُن آئيني ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي تصوير ڌُنڌلي نظر اچي ٿي ته اِن ۾ نه مُنهنجو ڪو قصور آهي ۽ نه ئي آئيني جو ڏوهه. مون پنهنجن ماڻهن، ماحول ۽ ڌرتيءَ جي حالتِ زار ڏسي/ٻُڌي اکيون پُوري ريڊيو تي رُڳو ويهي بي وقتيون ۽ بي سُريون راڳڻيون ناهن ڇيڙيون. ريڊيائي پاليسين تي عمل ڪندي به مون پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجن ماڻهن تائين پهچائي آهي جتي سوال ڪرڻ به محال هُجي اُتي آگهي ڏيڻ جو غذاب به ڀوڳيو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو ماڻهن کي منهنجين ڳالهين ۾ پنهنجي اندر جا اُڌما، مَن جا مامِرا ۽ مذڪور سندن نمائندگي ڪندي محسوس ٿيندا آهن. مون اُنهن ماڻهن کي اِهو بانور ڪرائڻ جو ڪوشش ڪئي آهي ته، ڪو به ماڻهو، ڪو به ادارو، جيڪو اوهان جي ٽيڪس تي تڳي ٿو اِهو اوهان جي حقن جي حفاظت ڪرڻ جو اهل ناهي، يا اوهان جو استحصال ڪري ٿو ته اوهان نه رُڳو اُنهن سان اکيون اکين ۾ وجهي ڳالهائي سگهو ٿا، پر ساڻن اختلاف به رکي سگهو ٿا. ڪو مڃي نه مڃي پر مون ريڊيو تي ڳالهائڻ واري موضوع جي روائتي ٽرينڊ کي چئينج ضرور ڪيو آهي. مون ماڻهن کي پنهنجي ڳالهه بي باڪي، جُرئت ۽ منطق سان پيش ڪرڻ جي صلاحيت کي اُجاگر ڪيو آهي، مون اڇوت موضوئن ۽ متروڪ لفظن کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون ماڻهن کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هنِن ادارن جا حقيقي وارث اوهان ئي آهيو، اِهي ادارا اوهان جي پورهي جي پگهر تي پلجن ٿا. پوءِ به جيڪڏهن اهي اوهان جي حقن جو احترام نٿا ڪن ته اُنهن خلاف قانوني جنگ اوهان جو بُنيادي جهموري حق آهي. مُنهنجن هِنن دعوائن جو سڀ کان سگهارو دليل مُنهنجا اُهي مانائتا لسنرس آهن. جيڪي نه رُڳو مون سان ۽ مُنهنجي ڪچي، ڦڪي ڪم سان بي پناهه پيار ڪن ٿا. پر سندن موبائيل فونن جون اُهي ميموريون به گواهه آهن، جن اندر منهنجن ريڊيو مٺيءَ تي ڪيل ڪيترن ئي پروگرامن جون رڪارڊنگز موجود آهن.
    آئون بيحد ٿورائتو آهيان پنهنجي پياي دوست، سنڌ جي سُريلي شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو مٺيءَ جي ڪمپيئر مُحترم ڀارو مل امراڻيءَ جو، جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان چند گهڙيون ڪڍي مُنهنجي هِن ڪتاب تي ٻه ٽي پنا لکڻ جي عِنايت ڪئي آهي، ڀارو مل امراڻي، جنهن سدائين مُنهنجين ڍِلاين کي ڍَڪيو آهي، پر ڪڏهن به ڪوسو ٿي ڪو ڏوراپو، ڪوڪڙو ويڻ ناهي ڏنو. بلڪه ڀارو مل جو وجود مُنهنجو لئه ڪنهن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ جهڙو رهيو آهي، جتي مون حياتيءَ جي ننگر جهڙي سفر ۾ ٿڪي، ٽُٽي ماندو ٿي ڪي پل قرار جا ماڻيا آهن، ڪا گهڙي سُڪون لئه ساهي پٽي آهي. سچ اِهو آهي ته ڀارو امراڻي ۽ سائين داد ساند جو ساٿ مون لئه ڪنهن سي، اين جي جي اسٽيشن جيئن آهي، جتان مون هميشه اُتساهه جو آڪسيجن ڀرائي زندگيءَ جي گاڏيءَ کي روان دوان رکيو آهي.
    ٿورا ته مون تي ٿر جي اُن سيبتي شاعر، نرالي نثر نويس ۽ ريڊيو مٺيءَ جي محبوب ڪمپيئر محترم ناشاد رحم علي جا پُڻ آهن جنهن وَڙ ڪري مُنهنجي هُجت کي مان ڏنو ۽ مُنهنجي هن ڪتاب جي ڪنجريءَ تي پنهنجي نرالي ۽ نفيس نثر جي حُسن سان هُرمچ ڀريو آهي. ناشاد رحم علي ريڊيو مٺيءَ جو اُهو ناميارو ڪمپيئر ۽ سگهارو آواز آهي، جنهن جي پروگرامن ۾ پيش ڪيل ٻوليءَ جي چاشني، موضوعن جي فراواني ۽ راوني جو جيڪو رنگ، حُسن ۽ رومانس هو، اُن جا مون سميت هزارين مٺي ريڊيو ٻُڌندڙ عُشاق آهن.
    هِن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڌيانِ دلچسپي، محبت ۽ محنت سان ڪري اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ سڀ کان وڏو هٿ ساگر ڪميونيڪيشن ۽ پبلڪشن مٺيءَ جي روح روان مُنهنجي محبوب دوست مُڪيش هميراڻي جو آهي، جنهن جي آڌيءَ تائين ڪيل اوجاڳن جا سمورا ٿڪَ هن ڪتاب ۾ شامل نه ٿين ها ته هوند هيڪتابُ اوهان جي هٿن کي ڇُهڻ کان محروم رهجي وڃي ها. آئون سندس مُحبتن ۽ محنتن جو تههِ دل سان مشڪور آهيان.
    آءٌ بيحد ٿورائتو آهيان پنهنجي مخلص دوست عبدالرئوف جمالي جو ، جنهن مون جهڙي مومن ماڻهوءَ کي نه رڳو منهنجي اوقات کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي، بلڪ ڪتابن جي سلسلي ۾ اتساهيو، مالي ۽ اخلاقي سهائتا ڪري سدائين نڀايو آهي. لک لائق سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر سائينداد ساند، نامياري ليکڪ ۽ ڪمپيئر نصير ڪنڀر، پياري ڪمپيئر، ليکڪ ۽ شاعر امين ارباب جا، جن پنهنجا انمول رايا ڏئي منهنجي هن ڪتاب جي هيڪاندي اهميت ۽ عزت وڌائي آهي. وڏا وڙ ڪنول پبليڪيشن جي روح روان محترم سعيد سومري جا، جنهن پنهنجي بي لوث محبتن جا رنگ اوتي هن ڪتاب جي حُسن و جمال ۾ ويتر نکار پيدا ڪري، اوهان مانوارن پڙهندڙن جي حنساڪ هٿن جي سونهن بنايو آهي.
    سندم هِن ڪتاب جي سَرزمين تي پکڙيل مُنهنجي پيار جي پورهيي کي قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ جو اوهان پڙهندڙن کي پورو، پورو حق حاصل آهي، اوهان جي بي رِيا راءِ جو آئون فراخ دليءَ سان احترام ڪندس، بلڪِ پاڻ لئه اعزاز سمجهندس.

    امر ساهڙ
    Cell: 0321-3661266


    1

     سامعين! چون ٿا ته عظيم تخليق جا سَر چشما گهڻو ڪري اُتان ئي ڦُٽي نڪرندا آهن، جتي دُک، درد، بُک ۽ افلاس جو اُگهاڙو راڪاس راڄ ڪندو آهي. اهِو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا جا بهترين فن پارا صحرائن، ريگستانن ۽ جابلو علائقن مان ئي جنم وٺندا رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو اُتي جيڪو درد آهي، سو نه رُڳو سرس ۽ شديد آهي پر اُنهي اذيت مان به لذت ۽ لطُف مِلي ٿو بلڪل ائين جيئن سُڪار کي پنهنجي سُونهن آهي ته ڏُڪار کي وري پنهنجي ڏِک هُوندي آهي. سُڪار ۽ ڏُڪار جي سنگم سان ساهه کڻندڙ سَر زمين ٿر جي ماحول، مِزاج ۽ موسمن جي پنهنجي ڪيفيت ۽ پنهنجو خُمار آهي. جتي ٿر پنهنجي تهذيبي ورثي توڻي تاريخي، جاگرافيائي ۽ ثقافتي لحاظ کان شاهوڪاريت رکي ٿو، اُتي سندس درد کي به هڪڙو مُنفرد حُسن آهي. هڪ اهڙو حُسن، جيڪو جڏهن پنهنجي هڙني ڪيفيتن سميت ڀٽائي جي بيتن ۾ سمائجي ٿو ته حُب الوطنيءَ جو عظيم ڪِردار مارئي تخليق ٿئي ٿو، سُر سارنگ سان سَنمُک ٿي ٿو ته سڄي سنسار مٿان سُڪار ڪري هر چيز کي حياتي بخشيو ڇڏي. عثمان ڏيپلائي جي آڱرين کي ڇُهي ٿو ته سانگهڙ جهڙي شاندار ناول جو جنم ٿي ٿو. رائيچند راٺوڙ جي اکين ۾ آرس ڀڃي ٿو ته تاريخِ ريگستان وجود ۾ اچي ٿي. مائي ڀاڳي اُنهي دُک، سُک جي سوز کي ڳل تي هٿ رکي ڳائي ٿِي ته چرمي بڻجي پئي ٿو. موهن ڀڳت جي بي چين روح مان ڦٽي ٿو ته ڀٽائي جون وايون بڻجي واڪا ڪرڻ لڳي ٿو. محمد بخش مجني جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو ته مسڪين جهان خان کوسي کي امرتا ملي ٿي. قادر جوڻيجي جي قلم جي مَس بڻجي ٿو ته ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي ناول، ڊراما ۽ شاندار ڪتاب سنڌي ادب جي اوٽي تي ڪنهن وڏ ڀاڳي وينگس وانگر وار کولي ويهي رهن ٿا. شفيع فقير جي ڦٽري گلي جي گُونج بڻجي ٿو ته بلاول گهوٽ کي گهاڻي مان اُٿاري ڇڏي ٿو. حليم باغيءَ جي هِردي ۾ هُري ٿو ته اڙي شهر جانان کي جنم ڏي ٿو. سائينداد ساند جي دل جو پلاند پڪڙي ٿو ته ڳوڙها ڳالهائڻ لڳن ٿا. يا دل جي تاريخ ڪمپوز ٿئي ٿي. بلاول اوٺي جي بانگ بڻجي ٿو ته ٿر امر ٿي وڃي ٿو. حاجي ساند جي هينئڙي سان هٿ چُراند ڪري ٿو ته ڪا سوچ ۾ ئي ساجن وٽ پهچي وڃي ٿي. ناشاد رحم علي جي نيڻن ۾ ٿڪ ڀڃي ٿو ته ڀٽون ڀُڻڪڻ لڳن ٿيون، پياري شيواڻي جي مَن پڌر تي پير پڌاري ٿو ته دل ڳوٺ وڃڻ لاءِ بي تاب ٿي پوندي آهي ۽ جڏهن خليل ڪنڀار جي خيالن ۽ خوابن جي کُليل وارن ۾ آڱريون ڦيري ٿو ته رڻ ڪنڌيءَ تي ڪنهن ريٻاڙڻ جي ڳوٺ جي ڳاٽ مٿان چنڊ بڻجي ٽڪ ٻڌي بيهي رهي ٿو. امر رائسنگهه راجپوت جي راتين جي ننڊ ڦِٽائي ٿو ته ديس جي ڳل تي ڳوڙها يا ٿر تي ٿڌو چنڊ اُڀري اچي ٿو. اهِو ئي ٿر جڏهن ڀارو مل امراڻي جي اکين ۾ پکين جيئن آکيرا اڏي ٿو ته مُرڪن مالهائون جهڙو شاندار شاعراڻو ڪتاب ڪويتا ڪئينواس تي ڪنهن الهڙ اُپسراءِ جيئن پسار ڪرڻ لڳي ٿو. نصير ڪنڀر سان نيهنَ ناتو جوڙي ٿو ته وارياسا وجود جي ڪٿائن جا سمورا ڪردار ٿر جي ٿوهرن مٿان باک ڦٽيءَ جا اُجرا احساس بڻجي پون ٿا. ها اهِو ئي دُک ۽ سُک جو سَمٻنڌ جڏهن ڪِن هُنرمند هٿن ۾ واهولو بڻجي پئي ٿو ته ڪنهن ڳاڙهي کٽ، هندوري، پينگهي، پيهيي ۽ پاکڙي يا هني کي حُسناڪيون بخشي ڇڏي ٿو. ڪنهن ڪُنڀار جي هٿ – تِرين تي ترسي پئي ٿو ته ڪورا مَٽ ۽ گهڙا ڪيئي دلا ۽ ڪُنا چڪ تي چاڙهي ٿو. ڪنهن کٽيءَ جي کُهرن هٿن ۾ هُرکُر ڪري ٿو ته گربي، کُنهنبي، گُل بدن، ڪاري ٻانڌڻي پڙي ۽ ٻپڙي اجرڪ تي انيڪ رنگ اوتي ٿو. ڪنهن ٿڪل تاريليءَ جي هٿن ۾ سنهي سُئي بڻجي پئي ٿو ته هِرک تي هُرمچ ۽ حُلواڻ تي کارڪ ڇڊي ڇڏي ٿو. اهو سوز و گداز ۽ اهو ئي حُسنِ صحرا جڏهن سنڌ سلوڪ راڳي صادق فقير جي صدين کان ڀاري صدا بڻجي گُونجي ٿو ته ٿر جو هر منظر دلرُبا ۽ دلڪش بڻجي پئي ٿو.
    دلڪش هر منظر ......................... صادق فقير

     سامعين! جيتوڻيڪ چيٽ، ويساک، ڄيٺ، آکاڙ ۽ سانوڻ به بنا وسڻ جي گُذري ويا، بڊو به آڌيٽجي چُڪو آهي ۽ مينهن جي مُند هٿن مان واريءَ جيان وڃي ٿي کِسڪندي، ڪنهن بيوفا محبوب جيئن مُند جي ايئن مُنهن مٽڻ تي ۽ ڪنهن ايندڙ ڪاري ڏُڪار جي اُلڪي اوهان جي اکين ۾ اُداسي ۽ من اندر کي مايوس ضرور ڪيو آهي، پر رَب جي رحمت ۽ رضا مان نا اُميد ٿيڻ نه گُهرجي. توڻي جو 90 سيڪڙو ٿر ۾ اڃا تائين مينهن جي هڪ ڦڙي به ناهي وُٺي، پر جتي، جتي به هلڪي ڦلڪي برسات پئي آهي ۽ جتي به گاهه ڦُٽا آهن ۽ جتي به مهيني سوا جو ڪٽاءُ آهي، اُتي ڏُڪاريل ڏيهه جا ڪيئي ماروئڙا مال سانگي آيل آهن. اوهان مان جنهن جي به جُوءِ ۾ اِهي وانڍيار ويٺل آهن، اُنهن جي اوهان کي پارت آهي، وقت وقت جا ڦيرا آهن، اڄ اُهي دربدر ۽ بي گهر آهن. خُدا نه ڪري پر ڪڏهن اهڙي ساڳي صورتحال سان اسان ۽ اوهان سڀئي دوچار ٿي سگهو ٿا، ماڻهو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، سدائين سَريکي ڪنهن سان به ڪانه ٿي هلي. ڏُڪار جو ڏُک ڇا ٿيندو آهي؟ اُن جي اذيت، پيڙا ۽ اُن جي ڀوڳنا کي فقط ڪنهن ڌنار جي دل سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن ڀاڳيي جي لُوڻ-پَروڻ ٿيل هينئڙي تي هٿ رکڻ سان ئي سهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، يا اُن ونيءَ جي ويران اکين ۽ اندر جي اڪيلائيءَ مان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جنهن جو ورُ ٻارهوئي مزدوريءَ سانگي يا مال ڪاهي ڪڏهن لاڙ ڏانهن لڏي ويندو آهي ته ڪڏهن وري ڪنٺي ۾ ڪکن تي وانڍيار ٿي ويهندو آهي. جيڪو نه پنهنجن سان غم ۾ گڏ، ۽ نه ئي سُک ۾ شريڪ، سدائين سانگ ۽ سفر ۾ حياتي جا حسين ڏينهن خفي ۾ کپائي خرچ ڪري جڏهن پوئتي مُڙي ڏسندو آهي ته سندس اوسيئڙي ۾ ويٺل ونيءَ جي سينڌ اچي ٿي چُڪي هُوندي آهي. سدائين کِنوڻ تي مال ڪاهي هلندڙن جي هِن درد کي، سندن ڏرا ڏنل اکين ۽ پيرن ۾ پيل لِڦُن کي نه ته ڪِن لفظن جي فوٽ پٽيءَ سان ڪڇي يا ماپي ٿو سگهجي ۽ نه ئي اُنهن جي اذيتن ۽ غذابن کي هن هڪ ڪلاڪ جي پروگرام ۾ بيان ڪري ٿو سگهجي. بس ڪري اهو ٿو سگهجي جو سندن سار لهي سگهجي ٿي، سندن سِرن تي هيءَ جيڪا ڏکن ۽ تڪليفن جي ڳري ڀَري آهي اُن جو بار هلڪو ڪري سگهجي ٿو ۽ سندن اهِا ڀري ڪجهه اڳ ڀري ڪرائي سگهجي ٿي.
    تون هيل ته بادل ....................... سرمد سنڌي

     سامعين! رتڙن چانورن ۽ سارين جي سُرهاڻ سان واسيل لاڙ تاريخي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان انتهائي شاندار خِطو آهي، هِيءَ اُها ئي لاڙ آهي جتي سَرد مُند ۾ سائيبرياکان ڪهي ايندڙ پرڏيهي پنڇيءَ پَر پساريندا آهن ۽ لاڙ جي ڍنڍُن تي ڪي ڏينهن قرار حاصل ڪندا آهن، ۽ هيءُ اُها ئي لاڙ آهي، جتي واهُوندا ورندا آهن تڏهن هر هينئون هندورو ٿي پوندو آهي، اُها لاڙ، جنهن جي ڪنهن سُورمي جي فراخ سيني جهڙيءَ سر زمين ۾ هزارين محبتن جا داستان مدفون آهن، هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي سنڌ جي سَپوتن، دودن ۽ جوڌن پنهنجا سر هِن سرزمين جي سلامتيءَ لئه پڙ ۾ پُراز ڪيا هُئا، اُها لاڙ جتي کيڙي سو کائي واري نعري جي خالق جي جهوڪ به آهي ته ڪينجهر جي ڪنڌيءَ ته گندري سان گڏ گُذارڻ واري تڙ ڌڻي تماچيءَ جا تڪيا به آهن، بُلڙيءَ جي بادشاهه جو بسيرو به آهي ته سمن سرڪار جي مزار به آهي، اُها لاڙ جتي خليفي نبي بخش قاسم جي ڪيڏاري جنم ورتو هو، اُتي سنڌ راڻيءَ جي مُحبت تان ميرباگي تخت ۽ تاج به گهوري ڇڏيا هُئا، هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي روپا ماڙيءَ جي مُجاوَر مائي سڀائي جي لازوال مُحبت جنم ورتو هو، هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي جڏهن سارين جي سُرهاڻ ڦهلبي آهي ۽ جڏهن کارن، کٻڙن ۾ مَڪ مَهڪندي آهي، تڏهن زندگي اکيون مهٽي اُٿي پَوندي آهي، هِيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي جڏهن وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪرندي هُئي، تڏهن مِلڻ مير مُحمد جو جوانين کي جَڙي ڇڏيندو هو. هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي سَڙيءَ جو سانوڻ چئي جڏهن گوڏو ڀڃي بيت چوندو هو تڏهن ڀريل پاڻيءَ جا گهڙا ۽ مٽ منٽ ۾ پي پُورا ڪري ڇڏيندو هو. لاڙ سنڌو سڀيتا جو هڪ اهڙو حُسناڪ ڀاڱو آهي، جتي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جا انيڪ سونا، روپا رنگ وِکريا پيا آهن، ۽ هيءَ اُها ئي لاڙ آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ ڪيٽي بندر، علي بندر ۽ شاهه بندر تي بيهي ولائتي وڻجارن لئه سندن ونيون جَر ڏيئا مُوهينڍيون هيون. ڄام ندي جي ناسي نيڻن ۽ دُولهه دريا خان جي ڪُشاديءَ دل جهڙي هيءَ ڌرتي لاڙ، جنهن ۾ ٺٽي ننگر جون ٺريل راتيون، جهمپير جون کجيون، کاري ڇاڻ جون ڇاڙهون ۽ شاهه بندر جون سُرمئي شامون ماڻهو ته ڇا پر پکي پکڻ کي به مُڙي ڏسڻ تي مجبور ڪريو وجهن. لوڪ موسيقي ۽ لوڪ گيتن سان مالامال هيءَ مردم خيز مٽيءَ نه رُڳو لاڏن ۽ سهرن جي سرزمين آهي، پر هتي ڪوين، قلمڪارن ۽ کوڙ سارن ڏات ڌڻين هِن ڏيهه جي سُونهن، سُندرتا ۽ سوُرهيائي کي احساسن جي آڱرين سان ائين اُڻيو آهي، جيئن ڪي ريٻارڻين رڍُن جي اُنَ مان کٿا اُڻينديون آهن. لاڙ جا انيڪ تعارف ۽ سندس سڃاڻپ جا سوين اُهڃاڻ ۽ علامتون آهن، پر سندس سڀ کان شاندار ۽ جاندار سُڃاڻپ لاڙ جي پڇاڙ ۾ رهندڙ اُهي مارُو ماڻهو آهن، جيڪي جيون جو تي ٻارڻ لئه سدائين ڳڀي جي ڳولا ۾ سمونڊن جا سينا چيريندا آهن، ڪڏهن سنڌو درياهه جي سُڪل پيٽ مان پَلي جي اُميد رکي سُڪي تي ٻيڙا هاڪاري هَلندا آهن، ته ڪڏهن وري ڇُڙواگ سامُونڊي لهرن سان جنگ جوٽي ڪُنڊيءَ ۾ ڪا ڪُرڙي ڦاسائي کڻي ايندا آهن. ذڪر لاڙ جو نڪري ۽ علي بابا جي ڳايل زرينه بلوچ جي هِن لوڪ گيت کي نه ٻُڌجي ته ڄڻ لوڻ بنا ڪو بي سوادو طعام سو حاضر آهي هي ڪلام.
    اُترڙو ٿو لڳي .............................. زرينه بلوچ

     سامعين! هيءَ زندگي جيڪا ڪچيءَ نِموريءَ کان ڪڙي به آهي ته مصريءَ جي تڙ جهڙي مِٺيءَ به آهي. هِي جيون جيڪو جَر تي ڦوٽي جيئن آهي، هِيءَ حيات بي ثبات، جيڪا تتر جي تيز اُڏار جيئن آهي، هيءَ ڊگهي ڄمار، هِي جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا، اِهو سڀڪُجهه ڇا هي؟ دنيا جو ڪو ڏاهو، ڪو مُفڪر ڀلي ته سوين تشريحون ڪري پر هُو انِهي فلسفي جي سُٽ کي سُلجهائي ناهي سگهيو. اِنهي اِسرار جي پَروُڙ فقط اُن خالقِ ڪائنات کي ئي آهي جنهن هِن جهان کي ڪُنَ فيڪَون چئي وجود ۾ آندو. اُن جيون کي ڪو ڪيئن ٿو گذاري، اُهو اُنهي ماڻهوءَ تي مَدار رکي ٿو جنهن کي جيون جُڙيو آهي. پر اڪثر ڪري ايئن ڏٺو ويو آهي ته ڪي ماڻهو حياتي گهاريندا آهن، ته ڪِن کي وري خود حياتي گهاريندي آهي، اِهو سڀڪجهه ماڻهوءَ جي پنهنجي سُوچ ۽ سَمجهه تي مُنحصر آهي ته هُو حياتيءَ کي ڪيئن ٿو ڏِسي ۽ ڪيئن ٿو ڪٽي. ڪي ته ڪٽڻ نه جهڙي حياتي به ڪٽيندا آهن ۽ چَوندا آهن ته اِها به عِنايت آهي، پرڪي ڀَري تُري جيون مان به بيزار هُوندا آهن، بهرحال! جيون مليو آهي ته جيئڻو به آهي پوءِ چاهي ته ڪو جيئڻ لاءِ جواز هُجي يا نه، پر زندگي موت کان سئو ڀيرا بهتر آهي. جيڪڏهن ڪنهن آرٽسٽ جي اک سان ڏسندوءَ ته هيءَ حياتي ڏاڍي دلڪش آهي، زندگي امانت آهي جيڪا رُڳو هڪ دفعو ئي حاصل ٿيندي آهي، اُن کي ائين اجايو ڪنهن خودڪشيءَ جو کاڄ ٿيڻ نه گهرجي، اسان کي پنهنجي پاڻ لئه نه سَهي، پر ٻين لئه سَهي جيئڻ گهرجي، ڪنهن بيواهه ڀيڻ جي خاطر، ڪنهن مڙهيءَ ماءُ جي لئه، ڪنهن پوڙهي پيءُ ڪارڻ ۽ اُنهن سڀني لاءِ جن کي اسان جي سهاري جي ضرورت آهي، جيئڻ گهُرجي ها بلڪل جيئڻ گهرجي.
    جيئڻو ٿو پوي ................................... سرمد سنڌي

     سامعين! امر رائسنگهه راجپوت ٿر جي نئين نِڪور تُور جو بنههَ نئون آواز آهي. ڪلا-کيتر ۾ اڃا ته سندس هِي شروعاتي وِکون آهن. پر چوندا آهن ته ”سَپوت پُٽ پينگهي ۾ ئي پڌرا“ يا اهِا به چوڻي آهي ته ”سَلو سوئي ڀلو جو انگوران ڀلو“ سو هِن نوجوان شاعر جا شاعراڻا اُٿياڳ ئي ايترا ته دلرُبا ۽ دلڪش آهن، جو سندس شاعريءَ ۾ حُسن، زندگي ۽ تازگيءَ پسي بنا ڪنهن وڌاءُ جي چئي سگهجي ٿو ته امر جيڪڏهن اِها شاعراڻي مشق ايئن ئي دل و جان سان جاري رکي ته هِي پنهنجي هم عصر شاعرن (ٿرپاسي جا) کي تمام گهڻو پوئتي ڇڏي وڃي سگهي ٿو.
    امر کي نثر توڻي نظم ۾ لکندي ڪو خاص عرصو ڪونهي ٿيو. حيرت آهي ته ايڏي ننڍڙي ڄمار (شاعراڻي توڻي عُمر جي حوالي سان) ۾ سندس هِي شروعاتي شاعراڻيون وِکون ايتريون ته ڀرپُور رڌمڪ آهن، جو اُهي ڪٿي به ٿيڙڪو نه ٿيون کائِن، بلڪِ فني يا فڪري لحاظ کان بنههَ بلوغت سان پنهنجو توازن توڻي تسلسل برقرار رکيو اچن ٿيون ۽ اِهي ڳالهيون اڄڪلهه جي شاعري ۾ ائين اڻلڀ بلڪِ ناياب ٿي ويون آهن، جيئن ٿر مان ٿوهر ۽ ڦوڳ! سو مڃڻ مُراد آهي ته هِن نفسانفسيءَ جي دؤر۾ جڏهن ڪو به لوڻو ڦيري نئين نسل کي پڙهڻ ته پري رهيو، نِهارڻ لئه به تيار ڪونهي. تڏهن به هِن دوست پنهنجي تخليقي پورهيي جي سگهه سان ٻين جو پاڻ ڏانهن ڌيان ضرور ڇڪايو آهي، ۽ اهِو سندس فن جي جمال جو ڪمال آهي، جو ماڻهو مُڙي نِهارڻ تي مجبور ٿِي پوي ٿو.
    امر جو تعلق قدرتي حيرتن جي جذيري ٿر سان آهي، ٿر جنهن جي سُڪار جي سُونهن هُجي يا ڏُڪار جو ڪوئي ڏيک ٻنهي حالتن ۾ ڪنهن ڪلاڪار جي ڪلا کي جِلا بخشي ٿو. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا امر لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونهي، بلڪِ آئون سمجهان ٿو ته اها سندس خوش نصيبي آهي جو امر سنڌ جي برک اديب ڏاهي ۽ بيباڪ صحافي عثمان ڏيپلائي جو پاڙيسري آهي، هڪ اهڙو ڪلاڪار جيڪو عثمان ڏيپلائي جو پاڙيسري هُجي، جنهن جي اکين اڳيان قدرت جي اوپن ايئرميوزم يعني ٿر جا سمورا رنگ، روپ، رُخ، سُونهن ۽ سادگي سڀئي هٿ جوڙي حاضر ٿين، بلڪ پاڻ پسائڻ لئه ٻئي ٻانهون ٻَڌي بيهن، اُن جي ڪلا کي نسرڻ، نگهلڻ، ڪڪورجڻ، رنگ رتول ٿيڻ ۽ خوشبو بڻجي شاعريءَ جي سَرزمين تي سَرينهن ڦولار جيئن وطن جي وجود کي واسڻ کان ڪو به راجپوتي رسمن جو اسٽيٽسڪو روڪي نٿو سگهي.

     سامعين! ڪُجهه ڏِهاڙن کان ٿر ۾ ڪي اهڙا واقعا ڪي اهڙا لقاو روُنما ٿي رهيا آهن، جيڪي هر باشعور شخص لئه پريشاني ۽ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهن. هڪ نه ٻي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ اِها خبر اچي ٿي ته ٿر جي فلاڻي ڳوٺ ۾ ڪنهن نوجُوان مائيٽن سان ناراض ٿي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو يا ڪنهن عورت گهرو اڻبڻت جي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪنهن پيرسن پنهنجي اولاد سان ناراضگيءَ جي ڪري وڻ ۾ رسو وجهي ڦاهو کاڌو يا تڙ ۾ ٽپو ڏيئي ڇڏيو. يقينن انهن حادثن ۽ انهن قصن پُٺيان ڪا نه ڪا ڪهاڻي ضرور هُوندي، ڪي ڪارڻ، اوس هوندا، جيڪي اهڙن واقعن کي جنم ڏين ٿا. سو پاڻ سڀني کي انهن سببن تي سوچڻ گُهرجي، اُنهن جو ڪو حل ڳولهڻ گهُرجي ۽ اُهو ماڻهو جيڪو اهڙو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿئي ٿو. اُن سان پنهنجن روَين کي دُرست ڪرڻ گُهرجي ساڻس جيڪو سُلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي يا روا رکيو پيو وڃي. اُن تي به نظرثاني ڪرڻ گُهرجي، اُهي ماڻهو جيڪي حساس آهن يا ذهني مريض آهن، اُنهن کي اسان جي همدرديءَ ۽ مُحبت جي ضرورت آهي، اسان جي پيار ۽ پنهنجائپ جي ضرورت آهي، جيڪا کين اڪيلائپ، ويڳاڻپ ۽ تنهائي جي خود ساخته خول مان ٻاهر ڪڍي ايندي ۽ اُهي هڪ نارمل انسان جيئن زندگي گُذارڻ لڳندا. پر هڪ عرض اسان اُنهن سڀني سڄڻن سان به ڪندا هلُون جيڪي اهڙا قدم کڻن ٿا. ڪنهن معمولي ڳالهه تان رُسي ڪاوڙجي پنهنجي خوبصورت زندگيءَ جو انت آڻڻ يعني بي موت مرڻ يا خودڪشيءَ ڪرڻ قطعي دُرست ڪونهي، هي عمل غير اسلامي، غير انساني، غيرحيواني آهي. ڇو جو ڪڏهن به ڪنهن جانور يا پکي پکڻ خودڪشي ناهي ڪئي. اسان ته وري به اشرف المخلوقات آهيون، سو اسان کي اُها حياتي جيڪا رب پاڪ جي امانت آهي ۽ جيڪا رُڳو هڪ ڀيرو ئي مِلي آهي اسان کي ايئن خودڪشين جو کاڄ هرگز نه بنائڻ گُهرجي. مڃون ٿا ته بُک، بيماري، بيروزگاري، مهانگائي، گهرو پريشانيون ۽ ٻيا انيڪ اهڙا مسئلا آهن، جن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري وڌِو آهي، پر مسئلن کي مُنهن ڏيڻ بدران حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهڻ بُزدلي ته ٿي سگهي ٿي پر مُڙسي ڪا نه چئبي. زندگيءَ ۾ ڪير آهي جيڪو مسئلن ۽ پريشانين کان آجو آهي. ڏُک ۽ سُک اِنسان جي حياتيءَ جو حصو آهن، پر جن ماڻهن ۾ جُرئت آهي، همت آهي ۽ حوصلو آهي، اُهي حياتيءَ جي هر مسئلي کي مُنهن ڏيئي سگهن ٿا، اُهي همت ۽ حوصلو هارڻ بجاءِ بُردباري، صبر ۽ سمجهه سان ڪنهن ڪاريگر وانگر هر حادثي جي ڪُن مان هر ڀيري آرام سان اُڪري ويندا آهن، هر بُحران مان بچي نڪرڻ جو فن اُنهن وٽ آهي، هٿ، هٿ تي ڌري ويهڻ يا سُتي ويٺي هر شيءَ حاصل ڪرڻ کي زندگي ڪيئن ٿو چئي سگهجي، زندگي ته نالو ئي خطرن سان کيڏڻ جو آهي، تڪليفن ۽ مُشڪلاتن سان مُقابلو ڪرڻ ۽ موت جي اکين سان اکيون مِلائي جيئڻ کي ئي جيون چئبو آهي.
    ۽ پاڻ ته هُونئن يه اُن ڌرتيءَ جا ڌڻي آهيون، جيڪي سَهپ، رواداري، قوتِ، برداشت ۽ اخلاقي جُرئت سان مَري به جيئرو رهي ڏيکاري سگهون ٿا، پاڻ ته سدائين دُنيا اڳيان ثابت ڪيو آهي ته اسان جيئن به جيءَ ڀلا ڪو جهان ۾، سدائين نشان تي، سدا امتحان ۾، سو اسان ماڻهو جيڪي درد جي شدت کي اينجواءِ ڪندڙ آهيون، اذيت مان لذت حاصل ڪرڻ جو هُنر ڄاڻون ٿا، ذلتن ۽ رسُواين کي پيٽارڻ جا گُر سکيل آهيون سي ڪئين ٿا حرام ٿي مَرون، حياتي آهي ته مامرا ۽ مسئلا به هوندا جهيڙو هميشه جيءَ سان هُوندو آهي. ڳالهه آهي، هر حال ۾ جيئڻ جي هي خوشي، هي دولت ۽ هي عيش و آرام سڀڪجهه عارضي شيون آهن، اصل ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ماڻهوءَ ۾ وِل پاور آهي ته هُو دنيا جو دولت مند ۽ امير ترين شخص آهي پوءِ ڀلي ته بظاهر هُو هٿين خالي ڇو نه هُجي پر جي وٽس بي بها ملڪيت هُئڻ جي باوجود منجهس ڪو وِل پاور ڪونهي ڪا اخلاقي جُرئت ڪونهي ته اُن جهڙو ڪنگلو دنيا ۾ ٻيو ڪو به ڪونهي. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي جذباتي ٿيئڻ بدران ٿڌي دماغ سان سوچي سمجهي پوءِ ئي ڪو قدم کڻڻ گهُرجي ۽ جيون ته اسان کي بلڪل ايئن ئي گهارڻ گُهرجي جيئن اُستاد بُخاري چيو ته:
    ڪَفن مٿي سان ٻَڌي وَڌن ٿا، اُهي اسان مان، اُهي اسان مان،
    ڪندا جيئڻ لئه جتن وتن ٿا، اُهي اسان مان، اُهي اسان مان،
    اڳيان مُصيبت، پُٺيان مُصيبت، کٻي، سُڄي، سر مٿان مُصيبت،
    وچان بُخاري، وڌي جيئن ٿا، اُهي اسان مان، اُهي اسان مان.

    اسان جيئن به جيءَ ڪو ڀلا جهان ۾............... شفيع فقير

     سامعين! اڄ پنجين جُون آهي ۽ يقينن اوهان جي عِلم ۾ هوندو ته اڄوڪي ڏينهن تي پُوري دنيا ۾ ماحوليات جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. دراصل دنيا کي ماحولياتي آلودگيءَ جيڪي هاڃيڪار اثر ڏيکاريا آهن اُن جي ڳڻتيءَ ۽ ڳاراڻي جهوري وِڌو آهي. هي جو پُوري دنيا پريشان ۽ بي چين آهي، اُن جو ڪارڻ اِهو آهي ته اسان ماڻهن هڪ ته فطري ماحوال سان، قدرتي شين سان جيڪا هٿ چُراند شروع ڪئي اُن پنهنجو ردِعمل ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي. حد کان وڌيڪ گرمي، برسات جو وقت سِر نه پوڻ، يا شديد پوڻ، سردي ۽ گرميءَ جي موسمن ۾ ردوبدل، طوفان، ڏُڪار ۽ موسمي اثر اِهي سڀئي ڪارڻ آهن ماحولياتي آلودگيءَ جو. وڻن جو وڍجڻ، ڪارخانن، مِلن، گاڏين مان نڪرندڙ دُونهون، گندو پاڻي، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ ٻيون کوڙ ساريون اهڙيون شيون آهن، جيڪي ماحولياتي آلودگيءَ ۾ اظافي جو سبب آهن، جهنگلي جيوت جي تباهي، واهن ۽ دريائن جي ڪنارن تي بيٺل وڻن جي واڍي، ٻيلن جو ڪٽجڻ ۽ سمنڊ جي پاڻي ۽ طوفان کي روڪيندڙ تمر جي ٻيلن جو خاتمو اسان جي تباهي جو سامان پيدا ڪن ٿا ۽ اُن سڄي صورتحال جا ذميوار اسان خود اِنسان آهيون. ظاهر آهي ته جڏهن قدرتي نظام سان هٿ چُراند ڪبي ته نتيجا ته ڀوڳڻا ئي پوندا نه!. بهرحال اچو ته پنهنجي ايندڙ نسل کي هڪ صحتمند ۽ محفوظ مستقل ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ۽ پُوري دنيا سان گڏجي پنهنجي ڌرتيءَ جي سُونهن ۽ حُسن ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ وڻ وڍڻ بجاءِ گهڻي کان گهڻا وڻ پوکيون، ڪوشش ڪري گوڙ، شور، گندگي ۽ دُونهن گهٽايون. قدرتي ماحول کي، جهنگلي جيوت کي فطري سُونهن کي نقصان پهچائڻ کان پرهيز ڪريون. جيڪڏهن اسان پنهنجي گهر، ڳوٺ، پاڙي، سيم ۽ شهر جي وڻن، جهنگلي جيوت ۽ ماحول کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته به لک کٽيوسين. اسان جيڪي اِنسان دوست ۽ ماحول دوست آهيون، اِهي هِن سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميوار آهيون ۽ پابند آهيون ته پوءِ اچو ته سڀئي سُڄاڻ دوست گڏجي هِن ڌرتيءَ جي حُسن، سُونهن ۽ حياتيءَ جي حفاظت ڪريون ۽ عالمي برداريءَ سان گڏ پنهنجي مُهذب قوم هئڻ جو ثبوت ڏيون.

     سامعين! هُونئن ته سڄو سنسار بَدامنيءَ جي باهه ۾ وڪوڙيل آهي ۽ پوري دنيا جا دهشتگرديءَ تنجڻ تپائي ڇڏيا آهن، بي چيني ۽ بي جپي ڪنهن وبا جيئن پکڙجي رهي آهي، ڪو اهڙو ڏينهن خالي ڪونهي جنهن ڏينهن تي ڪنهن اخبار، ڪنهن چينل ڪا خوشيءَ جي خبر سُڻائي هُجي، سدائين بئڊ نيوز سان ڀريل اخبارون پڙهي، ٽي وي ۽ ريڊيو تان خراب خبرون سُڻي، سُڻي هاڻ ماڻهن جا ڪن ئي پچي پيا آهن. پر هيءَ سنڌ جيڪا صُوفين، بُزرگن، اولياءِ الله ۽ شاعرن جي سَرزمين آهي. اُها به گهڻي عرصي کان بُک، بدحالي ۽ بدامنيءَ جي وَرُ چڙهيل آهي، ڌاڙا، خودڪشيون، ڪاروڪاري اغوا ۽ ٻيا انيڪ ڪوجها ڪم ۽ غم جن سنڌ جي سينڌ ميري ڪري ڇڏي آهي، جن سنڌ جي اجرڪ ڦُلڙين جهڙي اُجري بدن تي بَدنما داغ ڌري ڇڏيا آهن، مٿان وري رهي کهي ڪسر قدرتي آفتن پوري ڪري ڇڏي آهي پر سنڌ وطن جو خوبصورت خِطو ٿر، انهن سڀني عادتن، اَجراين ۽ اوڇاين کان سدائين پاڪ ۽ پُرامن رهيو آهي، خبر ناهي ڪنهن جي بدنظر لڳي جو هاڻي ڪُجهه سالن کان ٿر جهڙي پُرامن علائقي ۾ به چوريون، ڌاڙا ۽ قتلام ٿي رهيا آهن، خبر ناهي ڪهڙي سامريءَ جي سازش آهي جو اسان ماڻهو ٻنيءَ جي ٻاوڙيءَ تان، لوڙهي جي ٽاريءَ تان، گاڏيءَ جي واري تان، ڀيل ڀراڙ تان، پنهنجن جا مٿا مُڃ ڪري رهيا آهيون، خبر ناهي ڪنهن جي هُشيءَ تي اسان ذاتي مفادن خاطر يا معمولي مسئلن تان تيش ۾ اچي پنهنجن جا سر قلم ڪري رهيا آهيون، ڪُجهه ڏينهن اڳ مِٺيءَ ۾ ٿيل واقعي هر اهلِ دل انسان جي جيءَ کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي، پاڻ ۾ اختلاف هُئڻ جو حل اهِو ته ڪونهي جو ڪنهن جي اُميدن ڀري چمن جو ڏيئو ئي اُجهائي ڇڏجي، ٽڪي جي مفادن لئه ذاتي انا جي تسڪين خاطر سارين جي فصل جيئن اِنساني سر لُڻڻ ڪهڙي مذهب ۾ جائز آهي، ڪڏهن سوچيو اٿئو ته هوش بدران جڏهن اسان جوش ۾ هوندا آهيون ته اسان حيوان بڻجي اِنسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙي ويندا آهيون. جيڪڏهن اوهان جي سيني ۾ پٿر بجاءِ ڪا دڙڪندڙ دل موجود آهي ته اُن تي هٿ رکي ويهي ويچاريو اوهان جي هٿان اوهان جي ئي رت کي روڊ تي هارائڻ وارا لِڪل هٿ اوهان کي ٻُوهي ۾ ڏيئي پنهنجا ناپاڪ مفاد ته ماڻڻ نٿا گُهرن. خدارا! پَرائي بڇ تي پنهنجا ماڻهو ته نه مارايو، انسانيت کي ته نه لڄايو.
    ماڻهوءَ کي نه مار تون ................................. ممتاز لاشاري

     سامعين! ڏات قدرت طرفَان عنايت ٿيل هڪڙي خاص عطا آهي، هر انسان جي اندر ۾ هڪ ٻيو حساس قسم جو وجود موجود رهي ٿو، جيڪو پاڻ سڀني وانگر سوچي، لوچي، لُڇي ۽ ڀوڳي به ٿو، بلڪِ گهڻي کان گهڻا زندگيءَ جا مزاق ۽ عذاب سهي ٿو، پر ضروري ڪونهي ته هر ماڻهو لکِڻ يا ڳائڻ جي صورت ۾ اُن جو اظهار به ڪري سگهي. اظهار هر اِنسان ڪري ٿو، پر اُن جا انداز ۽ نمونا الڳ الڳ آهن. پنهنجي اندر جي پيڙا، خوشي يا غم جي سڀني ڪيفيتن کي پنن تي لفظن جي شڪل ۾ اوتڻ جو هُنر هر ڪنهن وٽ ناهي هوندو ۽ ليڪن يا رنگن جي روپ ۾ ڪنهن تصوير ۾ پنهنجي خيالن جي کارڪ ڇڊڻ به هر ڪنهن جي وسَ جي ڳالهه ناهي.
    سو ان ڪري لکڻ ۽ سکڻ ٻئي لازمي آهن، سُٺو ۽ شاندار لکِڻ لاءِ مطالعو ۽ مُشاهدو ضروري آهي. جتي مختلف موضوعن تي ڪتاب اوهان جي ذهن جا ڪپاٽ کوليندا، اُتي دنيا جهان جو سير و سفر، منظرن جا موهه، اوهان جي ڪَلا کي جِلا ۽ جوت بخشيندا. گهڻي کان گهڻو پڙهڻ ۽ ٿورو پر سُٺو لکڻ ئي اوهان کي مُنفرد ۽ ممتاز مقام ڏياري سگهي ٿو. گهٽ پڙهڻ ۽ گهڻو لکِڻ جي لُري يقين ڄاڻو اوهان کي خود فريبيءَ ۽ خوش فهميءَ جي دائري مان ٻاهر نڪرڻ ئي ڪونه ڏيندي. پهرين اِهو ڄاڻو ته ماڻهو لکي ڇاٿو؟ ۽ ڇو ٿو لکي؟ مُنهنجي خيال ۾ اسان جي نئين نسل مان گهڻن کي اها ڪَل ئي ڪانهي ته هُو ڇو ۽ ڇا ٿا لکن؟ لکي ته سڄي سنڌ ٿي هزارين ماڻهو لکن ٿا، موضوع به ساڳيا آهن، اسلوب به ساڳي آهي ته پوءِ اُها ساڳي ڳالهه جيڪا اوهان کان اڳ ۾ ڪنهن ٻي ڪئي آهي. سا اوهان وري، وري ورجايو ٿا، ته پوءِ ماڻهو اوهان کي ڇو پڙهن؟ اوهان جي لِکڻي ماڻهن کي پڙهڻ تي ڪيئن مجبور ڪري سگهي ٿي. اهو ئي فن آهي، اِهو ئي اُهو هنر آهي، جيڪو هٿ اچڻ کانپوءِ اوهان جي لَکِڻي ماڻهن کي مُڙي نِهارڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي. پر اهِو به نه وساريو ته پرائي گهڙيل واٽ تي هلڻ، ڪُٽيل ليڪن کي وري ڪُٽڻ، گٺل، پيٺل موضوعن تي مٿا ڪُٽ ڪرڻ، ٻي جي اثر کي ائين قبولڻ جو اوهان جي پنهنجي هستي اوهان جي پنهنجي ڏات اوهان جي تخليق مان ائين لاپتا ٿي وڃي جيئن ڍڳيءَ جا مٿيان ڏند! ۽ اوهان جي لکڻي ڪنهن ٻي جي فوٽو ڪاپي لڳي. ٻئي جا ڪپڙا اوهان جي اوگهڙ ته ڍڪي ٿا سگهن پر ضروري ڪونهي ته اُهي اوهان جي جسم تي سئو فيصد فِٽ به ٿي بيهن. اُن ڪري ٻي جا چارا چُونڊڻ بجاءِ اَڀري سڀري پنهنجي واٽ وٺو ۽ پنهنجا گس ۽ گهاڙو گهڙيو. ان وڻ ويڙهئي جهڙي وَبا کا بچڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته پڙهو سڀني کي جيڪو ليکڪ/ شاعر دل کي وڻي اُن جو ڀلي اثر قبول ڪيو پر اُن کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏيو جو اوهان جي شاعري يا لِکڻي اُن شاعر يا ليکڪ جو اولڙو لڳي. مڃون ٿا ته موضوع به ساڳيا آهن ته سنڌيءَ جا ڪُل 52 اکر به ساڳيا آهن. سو ساڳئي ٻولي ۽ ساڳي موضوعن سان اوهان جو اُوسَ واسطو پوندو پر اوهان پنهنجي الڳ سُڃاڻپ تڏهن ڪرائي سگهندؤ، جڏهن اوهان جي لِکڻ جو اسٽائيل الڳ هوندو. انداز ۽ اسلوب جداگانه ۽ نرالو هوندو ۽ اوهان جي ٻولي ڪا عربي، فارسي نه پر اُها هوندي جيڪا هڪ عام ماڻهو ڳالهائي يا سمجهي سگهي. اوهان جي نثر يا نظم جا موضوع اڻ ڇُهيل، اڇوتا ۽ انوکا هُئڻ گهرجن. پر اُهي ڪنهن آسماني مخلوق لاءِ نه پر پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي سُڳنڌ سان واسيل هُئڻ گُهرجن ۽ پنهنجي پورهيت عوام جي پگهر جي خوشبوءَ ۾ ڀنل هُئڻ گهُرجن. فني گُهرجن جي پورائي لاءِ اوهان کي ڪنهن ڪُنهه مشق ڪوي يا ڏات ڌڻيءَ کان ڏانءُ ۽ لکِڻ جا لاکڻا گُر هٿ ڪرڻا پوندا. ٻي صورت ۾ سنڌ ۾ هر ٻيو ٽيو ماڻهو ليکڪ يا شاعر سڏائي ٿو. ايڏي وڏي هجوم مان پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سو هيڏي هجوم مان نمايان نظر اچڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجي عِلم ۾ اضافو ڪريو، اُن کانپوءِ جيڪو ڪُجهه لِکو اُن ۾ فني پُختگي ۽ فڪري اُڏام سان جان پيدا ڪريو، جنهن کي پڙهي يا ٻُڌي ماڻهو کان بَي ساخته دانهن نڪري وڃي ته مار! ڇا ته نثر يا نظم لکيو اٿس!!.
    ڪُجهه ڏاهن شاعري کي سڀني فنونِ لطيف تي فوقيت ڏني آهي، اُنهن جي خيال ۾ شاعري جيئن ته الهام آهي اُنڪري شاعر قدرت کي ويجها ۽ عزيز ترين آهي. پر ڪُجهه ڏاهن وري شاعريءِ جي مخالفت به ڪئي آهي. تازو نامياري تاريخدان ڊاڪٽر مُبارڪ علي چيو آهي ته ”جيڪڏهن اسان جي نئين نسل کي ڪو ٻوٽو ٻارڻو آهي ته کين شاعريءَ جي جان ڇڏڻي پوندي“. سو گذارش رُڳي اها ڪرڻي آهي ته دنيا م ڌنڌا ٻيا به کوڙ آهن نالي توڻي ناڻي ڪمائڻ جا ڪيئي هُنر آهن، ضروري ڪونهي ته هتِان هُتان پرايون سِٽون چورائي پرايا خيال کڻي هر ماڻهو شاعر سڏرائي. شاعري عُمر ڀر جي رياضت ۽ علم کانپوءِ ئي ڪنهن شاعر جي قفس ۾ قيد ٿي سگهي ٿي، پر اُن لاءِ به شاعريءَ جو عِلم ۽ هُنر هٿيڪو هُئڻ گهُرجي. بقول احمد فراز جي؛

    سنا ہے اُس کو بھی ہے شعر و شاعری سے شغف،
    سو ہم بھی معجزے اپنے ہُنر کے دیکھتے ہیں۔


    2

     سامعين! ڪُجهه ڏهاڙا اڳ ۾ ٿر جي بي باڪ صحافي ۽ سنڌ جي برک اديب عُثمان ڏيپلائي جي شهر ڏيپلي ۾ وڃڻ ٿيو. ڏيپلائي ميمڻ جيڪي هِن وقت پُوري دنيا ۾ پنهنجي ڪاروبار، تعليم ۽ نوڪرين سانگي رهِائش پذير آهن، اُهي پنهنجي اباڻي شهر کي ائين ڇڏي ويا آهن، جيئن ڪو ٻارڙو واريءَ تي گهروندڙا جوڙي ڇڏي ڏيندو آهي ۽ پويان ميمڻن جي گهرن جون اُجڙيل عمارتون ڪنهن آثارِ قديما جا اُهڃاڻ لڳن ٿيون، پر ايئن به ناهي ته ڏيپلي ۾ هاڻ رُڳو سج لٿي کانپوءِ سُڃ ٿي واڪا ڪري. اُجڙيل عمارتون جتي ميمڻن جي شاندار ماضيءَ جون يادون تازيون ڪن ٿيون، اُتي اڃا به ڏيپلي ۾ حالتن جي هوا جي سَامَهون ڪي ڏيئا ٻارڻ وارا اِنسان موجود آهن، جيڪي هڙان وڙان ڏيئي به هِن شهر جي مالڪي ڪن ٿا. پوءِ اِهو ڊاڪٽر شفيع مُحمد ميمڻ هُجي يا سائين رمضان جوڻيجو، جيڪي هِن پنهنجي شهر جي وارثي ڪرڻ ۽ کيس وري وَسائڻ لاءِ هٿ پَير هڻي رهيا آهن. سندن ڪوششن جي عيوض هِن ننڍڙي شهر ۾ نه رُڳو حاميد ڏيپلائي پارڪ ڏسڻ وٽان آهي. پَر انتهائي عاليشان ريسٽ هائوس ۽ هاڻ 50 لک رُپين جي لاڳت سان جديد لائبريري جو منصوبو پڻ واکاڻ لائيق عمل آهي. اهِي سڀئي ڳالهيون پنهنجي جگهه تي پر جنهن ماڻهوءَ مونکي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو اهو هو خطاطيءَ جو شاهه ڪاريگر ڪلاڪار احمد کٽي، انتهائي ساڌو سٻاجهو هڪ اهڙو فقيرتن فنڪار، جنهن وٽ رهڻ لاءِ هڪ اڌڪچي ڪوٺي جنهن ۾ به سندس زندگي جي ڏارن جئين وقت وڏا ڏار وجهي ڇڏيا آهن، ڏهن، ٻارنهن ڀاتين جي هيڏي وڏي عيال کي پرائمري اُستاد جي پينشن مان پاريندڙ هِن عظيم آرٽسٽ وٽ زماني جي ٻي ته ڪا به سهوليت ڪانهي، پر سندس هٿ جي وِڄا ڏسي حيرت سان گڏ حسرت به ٿئي ٿي ته ڪاش! اهِي هُنرمند هٿ ڪنهن اهڙي مُلڪ جي مِٽيءَ ۾ جنم وٺن ها جتي انسان جي عاليٰ رُتبي ۽ فن جو وڏو قدر آهي. احمد کٽي پنهنجي هٿ سان قرآن شريف جو هڪ اهڙو شاندار قلمي نسخو لِکيو آهي، جيڪو سندس خطاطيءَ جي آرٽ جو نادر نمونو آهي. سندس هٿ سان لکيل هِن قرآن شريف جي نسخي ۾ هڪ سئو يارهن بسم لائن جا نمونا آهن ۽ هر بسم الله جي الڳ ڊزائين آهي ۽ هر صفحي تي جيڪا ڊرائينگ يا ڊزائن ٺاهي اٿس ۽ جيڪي لفظ لکيا اٿس عربي رسم الخط ۾ سنڌي ترجمي سميت اُنهن ۾ جيڪي رنگ استعمال ڪيا اٿس يا جيڪا مَس استعمال ڪئي اٿائين اُها هُن پاڻ ٺاهي آهي. جنهن جي وڏي خوبي اِها آهي ته اُها نه ته مٽجي يا اُس ۾ اُڏامي ٿي سگهي ۽ نه ئي خراب ٿي سگهي ٿي. سندس هِي شاهه ڪار فن پارو نه رُڳو قدر شناس اکين جو مُنتظر آهي پر اهِل دل انسانن جي معرفت اهل ايمان ماڻهن تائين پهچڻ جي ڪنهن ذريعي جي تقاضا به ڪري ٿو. مونکي اُميد آهي ته اڃا قدر شناس اکين جو ڪال ڪونهي اڃا به اهِل حيثيت ماڻهو موجود آهن، جيڪي هن ههڙي حَسين ڪم تي نه رُڳو هن فنڪار جي همت افزائي ڪندا پر هِن نيڪيءَ جي ڪم ۾ ضرور حصو وٺندا. جيڪڏهن اوهان مان ڪو اهل ايمان ۽ اهِل دل انسان احمد کٽي سان رابطو ڪرڻ چاهي ته سندس فون نمبر آهي. 03323893543.

     سامعين! عورت جي عظمت کان ڪو ذي هوش ماڻهو ئي انڪاري ٿي سگهي ٿو، ورنا هر باشعور فرد کي عوت جي سماجي حيثيت ۽ اهميت جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي. هِن سماج ۾، هِن معاشري ۾ عورت جي اوچي مقام ۽ مان مُرتبي جو ادراڪ اوس آهي. اهِا ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ واري سنڌي سماج ۾ عورت کي سندس جائز مقام جنهن جي هُوءَ واقعي حقدار آهي، کان به محروم رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو پاڻ ماڻهن عورت کي گهر جي چوديواري تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، اهِو ڄاڻندي به ته عورت ۽ مرد زندگيءَ جي گاڏيءَ جا ٻه اهڙا ڦيٿا آهن، جن مان جيڪڏهن ڪو هڪ به پنچر ٿي پيو ته پوءِ حياتيءَ جي گاڏيءَ کي هلائڻ ناممڪن نه ته به مُشڪل ضرور ٿي پوندو آهي. بهرحال عورت جو مانُ، مَرتبو مرد کان تمام گهڻو مٿانهون آهي، ڇو جو عورت جڏهن ماءُ جو روپ ڌاري ٿي ته جنت سندس پيرن هيٺيان ملي ٿي. جڏهن زال بڻجي ٿي ته لوئي جي لڄَ ٿي پوي ٿي. جڏهن ڀيڻ بڻجي ٿي ته ڀَرم ٿي پوي ٿي ۽ جڏهن ڌيءَ جو روپ ڌاري ٿي ته عزت جو اُهڃاڻ ٿي پَوندي آهي، عورت جا ڪيترائي روپ آهن ۽ هر روپ ۾ هُوءَ عظيم هُوندي آهي، ڇو ته هُوءَ ئي تخليقڪار آهي ۽ هُن جي بَدولت ئي هِن ڪائنات جو حُسن آهي ۽ جي اهِا عورت نه هُجي ها ته هي ڪائنات ئي ڪو نه هُجي ها، پر افسوس جو اُنهي عظيم عورت کي اسان ماڻهو ٻار ڄڻڻ جي مشين ۽ بورچياڻيءَ کان مٿي ڪا به اهميت ۽ عزت ڏيڻ لئه قطعي تيار ڪونه آهيون، نه رُڳو مٿس غير ضروري پابنديون مڙهي، ساڻس غير انساني سُلوڪ روا رکڻ، کيس تعليم جهڙي زيور کان محروم رکڻ، بَدي يا چٽيءَ ۾ سَنگ طور ڏيڻ ۽ ڏوڪڙن عيوض سندس مرضيءَ خلاف هيڻي ۽ ڪمزور سمجهي ڪنهن پوڙهي سان پرڻائڻ جهڙيون حرڪتون ڪيون ٿا، بلڪِ هِن ماڊرن دؤر۾ به سندس خواهش، جذبن ۽ احساسن جو ڪو به خيال يا قدر ڪرڻ پاڻ تي واجب نٿا سمجهون. سندس حقن کي پُٺي ڏيڻ ئي مڙسي ٿا سمجهون، جيڪا قطعي غير اخلاقي ۽ غير انساني حرڪت آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورت کي به هڪ اِنسان جي حيثيت سان اُن جا سمورا حق مِلڻ گهُرجن، سندس عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ۽ سندس خواهش جو خيال رکيو وڃي.
    ڀينر مُنهنجا هجُن حياتي ..................... امينا

     سامعين! اڄ پُوري دُنيا ۾ سگريٽ نوشيءَ خلاف عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. يعني سگريٽن جي نفعي ۽ نقصان کان سڄي دُنيا جي عوام کي آگهي ڏني پئي وڃي. اوهان جيڪڏهن سموڪر آهيو يعني سوليءَ سنڌي ۾ سگريٽ يا ٻيڙيون ڇڪيندڙ آهيو ته اوهان ڪنهن سگريٽ جي ڏٻي تي اِهو لکيل ضرور پڙهيو يا ڏٺو هوندو ته سگريٹ نوشي صحت کے لیئے مُضحر ہے۔ وزارتِ صحت حکومتِ پاکستان ۽ ان سان گڏ اڄڪلهه ڪئنسر جي متاثر ڪنهن سموڪر جي زبان تي لڳل زخم به ڏٺا هوندا. وزارتِ صحت جي وارننگ پڙهي ڊپ به ٿئي ٿو پر پوءِ حيرت به ٿئي ٿي ته جيڪڏهن سگريٽ صحت لئه هاڃيڪار آهن ته پوءِ اُنهن جي وڪري جي اجازت ئي ڇو ٿي ڏني وڃي؟ هڻي ڇڏيو بندش، نڪو هوندي بانس نڪو وڄندي بانسري! پر ڇا ڪجي جو پاڻ وٽ جنهن به شيءَ تي بندش ٿي لڳي اُها وري چور بازاريءَ ذريعي رات جي پيٽ ۾ پوري مُلڪ ۾ ايئن ڦهلجي ٿي وڃي جئين اڄڪلهه موبائيل فون ذريعي ڪوڙا افواهه ڦهلجن ٿا. بهرحال حڪومت به ڏسي ٿي ته رهندا ته عادتي ماڻهو هونئن به ڪونه تنهنڪري اجازت سان گڏ آگهي به ڏجي پوءِ هر ڪو مرضيءَ جو مالڪ آهي، وڻيس ته پنهنجي پگهر ۽ پورهيي جا پئسا ڏيئي پنهنجو اندر ساڙي اڱارا ڪري، وڻيس ته وزارتِ صحت جي وارننگ تي عمل ڪري وقت کان اڳ بي مؤت نه مري. پر پاڻ ماڻهو ڪٿي ٿا مُڙون! حڪومت طرفان ته اِهو قلم به لاڳو آهي ته ڪن کُليل عوامي جڳهن، بسن، اسڪولن، اسپتالن، ريلوي پليٽ فارمن ۽ ٻين اهڙن هنڌن تي سگريٽ ڇڪڻ منع آهي، جتي عام ماڻهن، عورتن، ٻارن ۽ مريضن جي گهڻي اچ وڃ ٿئي ٿي، پر سچ پچ ٻُڌايو اسان مان ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي مُلڪي قانون جو احترام ڪري اُن تي عمل ڪن ٿا؟ اسان قانون شڪني به خود ٿا ڪريون وري دانهون به پاڻ ٿا ڪريون. ٻيو ته ڇڏيو پنهنجي زندگيءَ جي نفعي نقصان بابت ڪو اسان کي ڪيترا به سبق سُڻائي، ڪيتريون به پٽيون پڙهائي پر پاڻ هڙئي ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻُڌي ٻي ڪن مان ڪڍي ٿا ڇڏيون.
    بهرحال نشو ڪو به هُجي اِهو اِنساني زندگيءَ مٿان منڌيئڙو ڦيرائيندو آهي ۽ عُمر جا قيمتي سال ڪُئن جيئن ڪُتريندو رهي ٿو. سو جيڪي به همراهه سگريٽ نوشي ڪن ٿا اُنهن کي سگريٽ ڇڪڻ سان جتي تمام گهڻا نقصان ٿين ٿا، اُتي ڪُجهه فائدا به ٿين ٿا. جهڙوڪ سگريٽ ڇڪيندڙ همراهه جي گهر ۾ هڪ ته چور اچي ڪونه سگهندو، سگريٽ ڇڪيندڙ کي ڪُتو ڪو نه ڏاڙهيندو ۽ سگريٽ ڇڪيندڙ ماڻهو پوڙهو ڪڏهن به ٿي ڪو نه سگهندو. حيران ۽ پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ناهي هِن ڪلام کانپوءِ اسان اوهان کي اهي سمورا فائدا ٻُڌائينداسين.

     سامعين! هِن گاني کان اڳ ۾ ڳالهه هَلي پي سگريٽ ڇَڪڻ جي نفعي ۽ نقصان بابت، سو نُقصان جي ته اوهان مان جيڪي نشو ڪندڙ آهن، اُنهن کي ڀليءَ ڀِت خبر هُوندي، باقي رهيا فائدا اُهي اسان ٿا ٻُڌايون اوهان کي.
    سگريٽ ڇڪيندڙ جي گهر ۾ چور اِن ڪري به نٿو اچي سگهي جو جيڪو همراهه سڄي ڄمار ٻيڙيون پئيندو اُن کي کنگهه ته اوَسِ ٿيندي نه! تنهنڪري اُهو سڄي رات پيو کنگهندو ۽ اُن جي کنگهه مان فائدو اِهو ٿيندو جو چور ڀائيندو ته هِن گهر جا ڌڻي سُجاڳ آهن ۽ اڃان جاڳن پيا سو ويچارو موٽي ويندو.
    اڇا سگريٽ پيئندڙ کي ڪو به ڪُتو ويجهو اِن ڪري ڪو نه ايندو جو، جنهن همراهه سڄي عُمر ڇڪيا هُوندا. سگريٽ تنهن جا ڦڦڙ هُوندا ڪمزور ۽ منجهس ڌر هُوندي ڪا نه جو چُري سگهي، سو اُٿندو ته به پيو ڌُٻندو، تنهنڪري وٽس هڪ وڏو بانٺو اوَس هُوندو جنهن جي ٽيڪ تي ئي هُو هلي سگهندو. ظاهر آهي ايڏي وڏي لٺ ڏسي ڪُتو به ويندو وَنئون. رهي ڳالهه سگريٽ پيئندڙ جي پوڙهي نه ٿيڻ جي، ته ڳالهه صفا پڌري پئي آهي. همراهه ڄائي ڄَم کان ڇڪيا هُوندا سگريٽ ۽ بجر ڀُونگريون، سو سندس اندر کاڄي چُڪو هُوندو، ڦڦڙ ڪم ڇڏي ڏيندا، ڪچڙيءَ وهيءَ ۾ ئي کيس ٽي-بي ٿي ويندي. ٽي-بيءَ جو ڊگهي پراسز وارو علاج سندس وس کان ويندو چڙهي ۽ گهڻو ڪري ٽي بي جي مريض وٽ گهر ۾ به هُوندو هَيو. سو اهڙي قسم جو همراهه وڌ ۾ وڌ چالهيارو سال عمر ماڻي الله کي پيارو ٿي ويندو. ظاهر آهي ته بچندو ئي ڪو نه بلڪ جَوانيءَ ۾ ئي مَري ويندو ته پوءِ پوڙهو وري ڪيئن ٿيندو؟ آهين نه، بي مثال فائدا سگريٽ ڇَڪڻ مان، نقصان اوهان به ڄاڻو ٿا، نفعا اسان بيان ڪيا آهن، هاڻ مرضيءَ جا مالڪ آهيو. جيڪڏهن چورن کان بچڻ چاهيو ٿا، ڪُتن کان بچڻ گهرو ٿا ۽ پوڙهي ٿيڻ کان بچڻ گهرو ٿا ته پوءِ ڀلي ڇڪيو سگريٽن کي، ٻيڙين کي، بجر کي پر پوءِ اسان کي هي ميار هرگز نه ڏجو.
    اسان سان ڪچهريون................................ حيدر علي

     سامعين! ڪُجهه ئي ڏهاڙا اڳ ۾ اوهان سڀني ٻُڌو هُوندو ته ڇاڇري ۾ گاڏين جي ٽائيم ٽيبل تان ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ انساني حياتي گولين جو کاڄ ٿي ويئي. ذاتي انا، ضد ۽ ڪروڌ جي ڪري پنهنجي حيواني صفت رکندڙ اندر کي تسڪين پهچائڻ خاطر ڪنهن معصوم انسان جي جان وٺڻ پوري انسانيت کي لڄائڻ جي برابر آهي. ٻرنديءَ تي تيل وري اُنهن وِڌ وجن ردِعمل طور مسڪين ماڻهن جي گهرن ۽ دُڪانن کي باهيون ڏنيون. هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ۽ ڇو ٿي رهيو آهي؟ هِي قتلام ۽ موٽ ۾ انتقام جي باهه اهو سڀ ڪُجهه اسان جو ته وڙ نه هُئڻ گُهرجي. اسان ڪنهن جي اُميدن ڀري چمن کي هٿن سان تيلي ڪيئن ٿا ڏيئي سگهون ۽ رد عمل جي آڙ ۾ خانه جنگيءَ جي باهه ڀڙڪائڻ اسان جي تهذيب قطعي ڪونهي، اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته هي جيڪي هر روز ٻنيءَ ٻاري تان، ڀيل ڀراڙ تان ۽ لوڙهي جي ٽاريءَ تان يا گاڏيءَ جي واري تان اسان جا هٿ هڪ ٻئي جي گريبان ۾ هُوندا آهن، اُنهي جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ ڳالهه صفا ساڌي ۽ سَولي اِها آهي ته هڪ ته اسان وٽ اُهو ٺڪر ڪونهي جنهن ۾ اسان پنهنجي جذبات جو جر جهلي سگهون، ۽ ٻيو اِهو ته جنهن سماج ۾ پاڻ رهون ٿا اُن سماج تِر جيترو به پاڻکي تبديل ناهي ڪيو. دنيا اک ڇنڀ ۾ الائي ڇا، ڇا ڪري ڏيکاري ٿي ۽ اسان ٻنيءَ جي هڪ ٻاوڙيءَ تان يا وري لاريءَ جي واري تان پنهنجن جا ئي مٿا مُڃ ڪندي دير ئي نٿا ڪريون. ماڻهن آسمان جو ڳُجهه ڳولي لڌو ۽ سمنڊن جو سينو چيري هيرا لعل هٿ ڪيا ۽ اسان جو اُهو ئي ساڳيو گن ڪُهاڙي ۾، يعني پنهنجن جي ئي ڏاڙهيءَ ۾ هٿ، ڳالهه ۾ ڀل ته ڪو دم نه هُجي، پر اسان جي انا، ضد ۽ اجائي آڪڙ اُنهي معمولي مسئلي کي به نوڙيءَ مان نانگ بڻائي ڇڏيندي، ۽ نتيجو نيٺ اِهو ئي نڪرندو جو اسان وڃي تُرم ياترا ڪنداسين پوءِ ڀل ته پويان جُهڳو ئي جهڻ ٿي وڃي. مطلب ته معمولي مسئلي تان ويڙهه واري اِن عمل ۾ اسان کي پنهنجي قيمتي وقت جان ۽ پئسي جي ذيان جي ٻي ڪا به هڙ حاصل ڪونهي ٿيندي پر پوءِ به ڏيک اهڙا ڏينداسين ڄڻ سڄي دنيا فتح ڪري آيا هُجون. انهن اجاين جهيڙن جهٽن جي ڪري گهر ۾ ڀل ته سڄي دانگي به نه بچي پر جڏهن ٻاهر ڪنهن ٻاڪڙا هوٽل تي ويهي ٻٽاڪ هڻندا آهيون تڏهن ائين لڳندو آهي، ڄڻ مڙس لک تي مٿو ڌوئي آيو هُجي. خدارا! اِهي سڀئي ڳالهيون پنهنجي پير تي پاڻ ئي ڪهاڙو هڻڻ جي برابر آهن، ۽ پنهنجي وڍيءَ جو ڪو به ويج يا طبيب ناهي هوندو، پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجيءَ تباهيءَ جو سامان گڏ ڪرڻ برابر آهن. اَهِي ڳالهيون ۽ هُو چوندا نه آهن ته تِر جي گٿي سَؤ چوٽون کائي. اسان پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، اسان هڪ ئي مِٽيءَ جا ماڻهون آهيون، ۽ هڪ ئي رنگ جو رت اسان جي رڳن ۾ گردش ڪري رهيو آهي، ٿر جي پُرامن ماحول کي ائين خُوني راند وسيلي خراب ڪرڻ کان بچائڻ اوهان ۽ اسان سڀني جو فرض آهي، اوهان ته اُن مِٽيءَ جو ماڻهو آهيو جتي مسڪين جهان خان کوسي جهڙي عظيم اِنسان انساني خدمت ۾ حياتي گهاري ڇڏي، سچل جنجهي، جَاني لنجي، عُثمان ڏيپلائي، مارئي، مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت، رائچند راٺوڙ ۽ روپلي ڪولهي جي ڌرتيءَ جا ڌڻي نئين ٿر جو نقشو ايئن اُجڙيل، ايئن پنهنجن جي ئي رت ۾ رنڱيل، ايئن ڌُنڌلو ۽ ميرانجهڙو ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ اوهان ته اُنهي ديس جا واسي آهيو جن لئه لطيف چيو هو ته هلو، هَلو ڪورئين، نازڪ جنين، نيهن، ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مُور نه سکيا. اوهين ته ڳنڍيندڙ آهيو، اوهان ته نيهن جا مينهن وسائيندڙ مارُو ماڻهو آهيو، اوهان جا اُهي هٿ جيڪي اُڻڻ، سِبڻ، اڏڻ ۽ لِکڻ جو هُنر ڄاڻن ٿا، اُنهن هٿن سان ڪنهن جي زندگيءَ جو ڏيئو ڪيئن ٿا اُجهائي سگهو؟ اوهان جي مُحب وطن ۽ مهمان نوازيءَ جا ته دنيا مثال ڏيندي آهي، اوهان جي وطن دوستيءَ جا درس دنيا جي درس گاهُن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. پوءِ هي اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي، هيئن اوهان جو مزاج جيڪو ڀٽائي جي هِن بيت جو عملي تفسير هو ته ”هو چَونئي تون مَ چئو واتان ورائي“ ڇو بي رُخو ۽ بي وڙو ٿي پيو آهي؟ اوهان ته ڪنهن پکيءَ کي به ٻاجهر جي سنگ تان اُڏائڻ لاءِ هُر چوندا آهيو پر هٿ ناهيو کڻندا، سو اچو ته پنهنجي عاليشان تهذيب جا امين بڻجي زماني سان گڏ پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، هِي جهيڙا جهٽا اسان جا ترا ڪڍي ڇڏيندا، اسان کي نه رُڳو هڪ ٻئي کي مُنهن ڏيکارڻ ۽ هٿ ڏيڻ جي لائق نه ڇڏيندا پر اسان کي ڪنگال به ڪري ڇڏيندا، ڳالهيون هر مسئلي جو حل آهن، تنهنڪري اُنهن وسيلي، پنهنجا مسئلا نبيريون، ۽ هيءَ زندگي جيڪا حسين آهي اُن ۾ محبتن جا رنگ ڀريو.
    ڏيئي وڃ اسان کي ............................ شفيق منگي

     سامعين! ٿر جي لوڪ شاعريءَ ۾ جيڪو بي پناهه حُسن آهي، جيڪا احساسن ۽ جذبن جي شدت آهي ۽ جيڪا فطري سُونهن جي سادگي سمايل آهي، مُنهنجي خيال ۾ بيان جي اهڙي بي ساختگي، لفظن جي اهڙي لُطافت ۽ فني ڪماليت جي جمالياتي جوهر جو مثال ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ شايد ئي ملي سگهي. هِي جيڪو لوڪ وِزڊَم سان ڀَرپُور لوڪ رنگ جو رچاءُ انهن گيتن ۾ اُڻيل آهي، اهو ثابت ٿو ڪري ته ٿر رُڳو رُڃ ۽ رائي جو نالو ڪونهي ڪو، بلڪِ هِتي رڻ جي رُڃ ۽ رائي ۾ به لوڪ شاعريءَ جا رابيل ٽڙِيل آهن، هِن مِٽيءَ جي لوڪ گيتن ۾ ڦوڳيءَ ۽ ڦُليءَ جو واس دل ۽ دماغ کي موتئي ۽ چنبيليءَ جي واسَ کان وڌيڪ مُعطر ڪري ڇڏي ٿو، هِن خطي جي گيتن جون ڌُر ڌڃاڻيون پئا ملڻ لئه راهُن ۾ مَروا رُوپينديون رهن ٿيون، اهڙو شاندار تخيل سڄيءَ سنڌ جي پُوريءَ لوڪ شاعريءَ ۾ اڻ لڀ آهي، هِتان جي لوڪ شاعري ۾ ماڳ، مَڪان ۽ منظر سڀئي زندگيءَ سان ڀَرپُور آهن ۽ هِتان جا هڙئي تاريخي ڪردار ٿري لوڪ گيتن ۾ ساهه کڻي رهيا آهن، هِي لهندڙ سِج جي لالاڻ، هِي وڇوڙن جون وايون، هِي ولهارَ وَسڻ جا ويس! هِي گڏجي گڏ ڪڍڻ ۽ کُوهن تان کِلي پاڻي ڀرڻ جا انداز، مورن جا ناچ، هِي اگربتيون ٻاري آکا پائڻ ۽ جَر ڏِيئا موهڻ جا منظر، هِي پرڏيهه پڌارڻ جون پچارون، هِي سارنگ جا سَجيلا ساٺ، سِٽاءُ، هِي آڙنگ جا اُهاءُ، هِي سانوڻ مَن ڀانوڻ جون مُندون، هِي آگم جا آثار ۽ ڪڪر ڪارُونڀار، سڀئي ڏورن، راسُوڙن، هَمرچن، ڪَجلين ۽ سِرامِڻ ٽيجن جي گيتن ۾ سمائجي هِن ڌرتيءَ جي فراخ سيني مان ائين ڦُٽي نڪرن ٿا جئين برسات کانپوءِ واريءَ مان کنڀيون ڦُٽي نڪرنديون آهن. مارَئي جي مُحبِ وطني، هاسي سوڍي جي سُورهيائي روپي جي ديس ڀڳتي، مهر راڻي جي مُحبت نامي ۽ سَڏونت سارنگا جي سچيءَ سِڪ سان سرشار ٿر جا لوڪ گيت انوکي اسٽائيل مُنفرد مواد ۽ موسيقيءَ سبب سڄي جڳ جهان کان جُدا، نيارا ۽ بنهه مُختلف آهن، جن ۾ ٿري تهذيب ۽ تمدن سان گڏ ٿري عورت جي مڙني اندورني ڪيفيت جي ڀَرپُور عڪاسي ٿيل آهي، پوءِ اِهو گيت سِرامڻ ٽيج جي حوالي سان چيل هُجي يا اباڻن کان اڙگي ۽ پنهنجن کان پري پَرڻيل ٿري عورت جي اوسيئڙي ۽ انتظار جي اظهار بابت هُجي. پر ٿري گيتن جو حُسن ٿر جي هڪ اهڙي لازوال ميراث آهي. جنهن ٿري زندگيءَ کي دلڪش ۽ دلرُبا بڻائي ڇڏيو آهي.
    بيرا مِنان ويڳو ........................................ شوڪت عمرڪوٽي

     سامعين! الائي ڇو؟ اسان جي حصي ۾ اها خبر هر هر اچي ٿي ته اسان اوهان کي ڪا خوشخبري ٻُڌائڻ بجاءِ ڪا ڏُک جي خبر ٻُڌايون، ۽ اُها به ڪنهن شاعر يا فنڪار جي وڇڙڻ بابت. بيشڪ موت بر حق آهي ۽ اُهو هر انسان تي اچي ٿو پر جي اِهو انسان ساڳئي وقت ڪو ڏات ڌڻي به هُجي ته دک ويتر وسيع ٿي وڃي ٿو، ۽ دل ڄڻ ته ٻه اڌ ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو فنڪار اسان جو سرمايو آهن، اُنهن جي گلي ۾ اسان جي هيءَ ڌرتي ڌڙڪي ٿي ۽ اُنهن جي گلي ۾ پُوري انسانيت پاڻ پسائي ٿي. الائي ڇو؟ سندن موت جي خبر اسان کي وڌيڪ اذيت ڏئي ٿي ۽ وڌيڪ ڏُک ٿئي ٿو. ڏک ته اِهو به ٿئي جو ڪو وقت ٿيو آهي ته اسان رڳو فنڪارن ۽ شاعرن جي وڇڙڻ جي خبر نشر ڪري رهيا آهيون، هر سال، هر مهيني، هر هفتي ۽ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڏات ڌڻي جي موت جي خبر ٻُڌائڻ لئه دل ته نٿي چوي پر ڇا ڪجي! هيءَ دارلفنا آهي اُن ۾ انسان جي حياتي آهي ئي اک پوري اُپٽڻ جيتري. اڄ آئون ڳوٺان پروگرام ڪرڻ لاءِ مٺي اچي رهيو هئس ته مُنهنجي ڪمپيئر دوست ولي موسيپوٽي اِها دک دائيڪ خبر ٻُڌائي ته سنڌ جو ناميارو راڳي قاسم اوٺو به وفات ڪري ويو آهي.

    افسوس! سنڌ جي ڪَلا ڌڻين جي مالها مان هڪڙو موتي وري به ڇڄي پيو، دل چيو وليءَ کي چوان تون مونکي ڪا خوشخبري ڇو نٿو ٻڌائين جنهن جي ٻُڌڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جا ڄڻ ته نيڻ به پٿرائجي چُڪا آهن، رُڳو درد ۽ دک جون ڪٿائون هيءَ ڌرتي آخر ڪيستائين سُڻڻ جو ساهُس ساري ٿي سگهي؟ هاڻ ته کيس ڪا خوشخبري به ٻُڌائڻ گهُرجي. بهرحال اسان سُرهي سانجهه جي سموري سٿ پاران قاسم اوٺي جي وفات تي پنهنجيءَ دل ۾ تڏو وڇائي تعزيت وصول ڪرڻ گهُرون ٿا ۽ کيس ٻنهي هٿن جا ٻُڪ ٺاهي دُعائون ارپڻ گهُرون ٿا ته خدا کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطا ڪري.
    آءُ مِٺا مُرڪي ملون.................... قاسم اوٺو

     سامعين! هاڻ ذڪر اُن رمتي جوڳيءَ جو، جيڪو ڪَننَ ۾ والا، ڳچيءَ ۾ مالها ۽ ڪُلهي ۾ ڪا گيڙو، رتي بگري وجهي سَڌائتن سامَين جي سَري ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ هڪ اهڙو منگتو بڻيو آهي، جنهن دُنوي داتائن جي دُوار تي صرف سُرن جي سَئين هَنئي آهي، سنڌي جوڳين ۾ هِي شايد پهريون رمتو جوڳي آهي، جنهن مُرليءَ جي مڌر لهرن تي ريجهڻ بدران راڳ جي کٽراڳ ۾ پاڻ وڃايو آهي، جوڳين سان گڏ هر جوڳ ۾ هُن رُڳو راڳ جون رمزون سِکڻ ڪارڻ ئي هِنگلاج تائين هزارين هِجرتون ڪيون آهن.
    1960ع کان 1970ع واري ڏهاڪي دؤران نبي سر ٿر واري ڳاڙهي ڀڙي ڀرسان راڻا واهه جي بلڪل ويجهو جوڳين جي هڪڙي ننڍڙي جڳ ۾ مورييءَ جوڳيءَ جي جُهوپڙيءَ ۾ اکيون کوليندڙ سوڍي جوڳيءَ ڄمڻ سان ئي پنهنجي چوڌاري مُرليءَ جي مَست لهرن تي ڪاريهر نانگن کي نچندي ڏٺو، ۽ جوڳي فقيرن کي جڳ اڳيان بيک مڱندي ڏٺو، پر هِن پنهنجي اندر واري فنڪار جي ڦِٽڪار تي ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگي حياتي گهارڻ بجاءِ محنت، مزدوري ذريعي جيئڻ لئه جتن ڪرڻ جو اٽل ارادو ڪيو. توڻي جو هن جي تمنا هُئي ته هُو به ٻئين وانگي ٻٽي اکر انگريزيءَ جا پڙهي، پر جوڳي رمتا ڀلا هُئڻ ڪري سندس اِها آرزو اڻپوري رهجي وئي، پوءِ به هُو ٻه ٽي درجا سنڌيءَ جا پڙهي ضرور پيو ۽ اُهي به هُو پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو. سُر ته هُن جي گهر جا ڀاتي هُئا پر راڳداري ڏي هن کي راغب سندس وڏي ڀاءُ جواهري جي وڄايل مُرليءَ جي مڌر لهرن ڪيو. هُو جڏهن به جواهري کي جوش ۾ اچي مُرلي وڄائيندي ڏسندو هو ۽ کيس هينئن جي ڪَنن سان ٻُڌندو هو تڏهن سندس سَرير ۾ سُرَ ڪِتڪايون ڪرڻ لڳندا هئس.
    ڪَن ڦاڙ ڪاپَڙي، ۽ گِرناري جوڳين جي ڪُڙم قبيلي سان واسطو رکندڙ سوڍو جوڳي سنڌ جو اُهو اڪيلو جوڳي فقير آهي، جنهن بگري بدران فنِ موسيقيءَ جي مالها ڪنڌ ۾ پاتي آهي، هڪڙو جوڳي فقير جيڪو جادوگر بڻجڻ بدران سنڌي راڳي بڻجي پيو آهي، جيڪو مُرليءَ جي ڦوڪ بجاءِ سا ري گا ما پا ڌا ني سا، تي پلٽا هڻي ٿو، ۽ جيڪو گيت غزل، وايون ڳائيٿو ته ڄڻ ڪا تند تپائي ٿو، هُو نه رُڳو ڳائي ٿو پر جو ڪُجهه به ڪمائي ٿو اِهو پنهنجي پُٽن تي خرچ ڪري کين پڙهائي به ٿو، مُنهنجي خيال ۾ هِي سنڌ جو واحد جوڳي آهي جنهن پنهنجي اولاد کي جوڳي فقيرن جي فن بدران هِن ماڊرن جهان جي جهلڪ پسائي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندسن پُٽ ڪمپيوٽر جهڙي تعليم پرائي رهيا آهن. حيدرآباد کان هُوسڙي ايندڙ بس جڏهن بِهار ڪالونيءَ ۾ پهچي ته اُتي لهي ٿورو اُتر هڪ نِگاهه ڌريندؤ ته سامَهُون پوٺي تي رُڳو جوڳي فقيرن جا جُهوپڙا نظر ايندا، اُنهن جي وچ ۾ هڪ پَڪين سَرن سان ٺهيل بنا وِرانڊي جي هڪڙي ڪوٺي سوڍي جوڳيءَ جي به آهي، جنهن ۾ سوڍو جوڳي ۽ سندس وني پنهنجي پريوار سميت رهائش پذير آهن. هن وقت ريڊيو حيدرآباد تي هڪ ڪمپوزر طور ڪم ڪندڙ اُستاد سوڍو جوڳي سنڌ جي سڀني راڳين سان نه رُڳو پيتي وڄائي چُڪو آهي پر تمام گهڻن فنڪارن توڻي فنڪارائن جي ڳايل گيتن جون ڌنون به اُستاد سوڍي جوڳيءَ جون ئي ترتيب ڏنل آهن. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي سنڌي خواتين گائيڪائون فنِ موسيقيءَ جي آسمان تي ڇانيل آهن، اُنهن مان ڪيتريون ئي اُستاد سوڍي جوڳيءَ جون شاگردياڻيون رهيون آهن، جن ۾ صنم مارئي، ثُريا سُومرو، صوبيا سومرو ۽ سائيما مهڪ قابِل ذڪر آهن ۽ اُن کان علاوه ڪيترائي مرد فنڪار پڻ کائونس سنڌي موسيقيءَ جا سُر ۽ گُر سِکي رهيا آهن. اُستاد سوڍي جون پنج ست آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ اچي چُڪيون آهن، جن ۾ جيئي لطيف کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي. انقريب سندس هڪ نئين آڊيو ڪيسٽ به اچڻ واري آهي، کيس مڃتا طور ڪافي ايوارڊ به مليا آهن، پاڻ نه رُڳو پنهنجي مُلڪ ۾ پر ڪيترن ئي پرڏيهي مُلڪن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چُڪو آهي، سوڍو جوڳي سائينداد ساند کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ سچل کان وٺي شاهه لطيف تائين هر اُن شاعر کي ڳائي ٿو جنهن جي شاعريءَ ۾ هِيءُ دلرُبا ديس ۽ اُن جا مارُو ماڻهو موجود آهن. اسان جي دعا آهي ته اُستاد سوڍو جوڳي ائين ئي فنَ موسيقيءَ جي خدمت ڪندو رهي ۽ سنڌي موسيقيءَ کي حسين گيت ارپيندو رهي.
    کيس چئجو ته نِهاري وڃي ................ سوڍو جوڳي

     سامعين! پيارو شيواڻي جنهن پهرين مارچ 1978ع تي ڳوٺ مالڻهور ويڻا تعلقي مِٺيءَ ۾ ٿر جي آدرشي اُستاد، تعليمي ماهر ۽ نامياري ليکڪ سائين پريم شِواڻي جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ذات ته سُوٽهڙ آهي پر پاڻ پنهنجي ڏاڏي شِوو جي نالي پُٺيان شِواڻي سَڏرائي ٿو. تعليمي لحاظ کان اسان جو هِي دوست ايم اي سنڌي ادب ۾ ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما ڪري چُڪو آهي. عجيب اتفاق آهي جو سندس شادي 19 مئي 1997ع تي جانهيري تعلقي عُمرڪوٽ مان ٿي ۽ ساڳي تاريخ يعني 19 مئي 1998 تي، کيس ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ نوڪري مِلي. پاڻ هِن وقت مارئي ريسٽ هائوس مِٺيءَ ۾ بطور مئنيجر پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. توڻي جو سندس مادري زبان ٿري آهي. پر سندس والد مُحترم پريم شِواڻي کيس نه رُڳو سنڌي ۽ انگريزي سيکاري پر کيس علم و ادب جي دنيا سان به آشنا ڪرايو. پيارو شِواڻي پنهنجي پيءُ پَريم شِواڻي ۽ ماءُ چونان ٻائي جي پيار ۽ مُحبت کي پنهنجي ڪُل ڪائنات سمجهي ٿو ۽ سندن خدمت کي ئي اعلي عبادت سمجهي ادا ڪري ٿو. توڻي جو هِن وقت هُو رهي ته پنهنجيءَ ونيءَ لڇميءُ، ڌيءَ تانيا، پُٽن پرويز، توفيق ۽ وقار سان گڏ مِٺي شهر ۾ ٿو. مگر سندس رولاڪ روُح جو پنڇي هر رات کيس هِتي ننڊ ۾ سُتل ڇڏي مالڻهور ويڻا جي مڙهن، تڙن، گھرن ۽ گلين ۾ رُلندو رهي ٿو. اِها سندس پنهنجي اباڻي ڳوٺ سان ڪائي اٽيجمينٽ آهي جنهن کائونس ”دل چويءَ ٿي ڳوٺ وڃان“ جهڙو شاندار نظم لِکرايو آهي. ۽ شايد سندس اندر ۾ ڪا ”ڪمي“ آهي جيڪا کيس اهڙا نظم لکڻ لئه اُتساهيس ٿي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هُن ڪو شاهه ڪاريگر سُوتراڙ بڻجي ڳاڙها هندو راگهڙڻ بجاءِ گيڙوءَ رتا غزل گهڙڻ شروع ڪيا آهن. 1992ع کان شاعريءَ جي جَنڊي تي غزلن ۽ نظمن جا رنگ رتول حَنا، پاکڙا ۽ پينگها گهڙي رهيو آهي، جنهن ۾ سندس خيالن جا خُوبصورت ٻار لُڏي رهيا آهن. مِٺيءَ شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ ويجهو رهندڙ سندس ساٿي صادق فقير آهي، جنهن کي هُو پنهنجي جيون جو حصو سمجهي ٿو. سندس جيون ۾ ته اشوڪ سوٽهڙ، ڍولي سوٽهڙ، نور احمد جنجهي، اسحاق سميجو ۽ سيد جواد شاهه مَرحوم جي دوستي به وڏي وَٿ رهي آهي.
    پيارو شِواڻي جنهن جي جيون مان مُحبت، محنت ۽ جاکوڙ ائين جهلڪا ڏيندي آهي جيئن ڪڪرن مان وِڄُ وَراڪا ڏيندي آهي. توڻي جو ڏات ته هِن جي سُوٽهڙڪي ذات کي ڏاج ۾ مِليل آهي، پر هي همراهه هر فن مولا هُئڻ ڪري هڪڙي ئي هُنر کي هٿيڪو ڪري يا هڪ هنڌ تي ٿانيڪو ٿِي ويهڻ وارن مان قطعي ڪونهي. اِهو ئي سبب آهي جو کيس جڏهن به ڏس ۽ جتي به ڏس ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ گُم هوندو ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪِرت ۾ رُڌل نظر ضرور ايندو. ڪنهن ڏاهي جي هيءَ چوڻي سندس بي جَپي فطرت سان سَئو فيصد ٺهڪي اچي ٿي ته ڪي ماڻهو سڄي ڄمار ۾ رڳو هڪ ڪم به مَس ڪري سگهندا آهن، ۽ ڪي وري هڪ ئي حياتي ۾ هزارين ڪم ڪري ويندا آهن. پياري شِواڻي نه رُڳو شاعريءَ جي سُندر ديويءَ سان لائون لڌيون آهن، بلڪِ هن پنهنجي گرجدار آواز، انداز ۽ ڀَرپور صلاحتن سان ادبي سنگت کان وٺي اسٽيجن تائين ۽ ريڊيو مِٺيءَ جي مُختلف پروگرامن ۾ پاڻ مَڃائي ڏيکاريو آهي. دِلي دوستن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ اسان جو هي دوست، جتي دل گُهرين لئه هٿ جو ڇُوٽ آهي اُتي مَٺ گهُرن سان به گهٽ ناهي ڪندو. پر سندس سڀ کان وڏي خوبي وٽِي هُئڻ آهي، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هُو پنهنجي اندر ۾ الائي ڪيتريون ۽ ڪهڙيون قيامتون برپا هُوندي به ٻين جي چپن تي مُرڪون سَجائيندو رهي ٿو ۽ اِهي ڳالهيون هِن جي اندر واري زندهه دل انسان کي جيئرو رکيو اچن ٿيون.
    پياري شِواڻي جو هيل تائين هڪ ئي شعري مجموعو ”دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان“ ڇپيو آهي، بهرحال جيڪڏهن اسان جي هِن شاعر دوست پنهنجو شاعراڻو سفر رَوان دوان رکيو ته کيس نه رُڳو زمينون پنهنجون هٿ ڪَرڻيون پونديون پر زمانا به پنهنجا هٿ ڪَرڻا پوندا ۽ اُنهن زمينن تي ڊوڙائڻ لئه خيالن جا گهوڙا به پنهنجا ڌارڻا پوندس ته اُنهن جا سِراڙا به پنهنجا اپنائڻا پوندس تڏهن ئي هن هيڏي ساري هُجوم مان پاڻ پَسائي سگهندو!!
    دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان .............. شفيع فقير


    3

     سامعين! اوهان جيڪڏهن نيئن ڪوٽ کان ڏيپلي وايا ويڙهيجهپ وارو رستو ڏيئي ويا هوندؤ ته اِن ئي رستي تي جڙهيار هوٽل کان ٻه ميل اڳيان ڳاٽ مٿي ڳوٺ موجود آهي نبي سر ساهڙ، اُتي ڳوٺ جي وچ ۾ هڪڙو گهر آهي. هڪ اهڙي هُنرمند ۽ سگهڙ شاعر جو، جنهن کي تمام گهٽ ماڻهو والم ميگهواڙ جي نالي سان سُڃاڻيندا هُجن، پر سندس ترجا سڀئي ماڻهو ڄاڻن ٿا ته والم نه رُڳو چَم جي جُتين تي چاندي جو ڀرت ڀريندو هو پر باوجود اڻپڙهيل هُئڻ جي هڪ اهڙو زبردست قسم جو ڪلاڪار هو جنهن کي قلبي سگهڙ شاعر ڪوٺجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، هُن پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي به هاڃا، حادثا، واقعا ۽ لقاءُ ٿيا اُنهن تي سنجيده توڻي مزاحيا اهڙا ته ڏور بيت ڏنا جو حيرت سان گڏ حسرت به ٿيندي هُئي ته ڪاش! هُن کي رڪارڊ ڪيو وڃي ها ته هُو سانوڻ فقير، گُلو مياڻي جون سُڪون ضرور لاهي ها. پر ائين ٿي نه سگهيو ۽ هو پنهنجي سموري ڏات ذات سان گڏ کڻي وڃي مِٽيءَ ۾ سُمهَي رهيو. توڻي جو سندس لائيق پُٽ سائين راڻو مل ميگهواڙ هڪڙو پڙهيو لِکيو علم ۽ ادب دوست هو پر الائي ڇو اُن به پنهنجي پيءُ جي فن کي محفوظ ڪونه ڪيو، سائين راڻي مل جي عِلمي، ادبي، هستي، سندس ڪتابن مان ڀريل ڪٻٺن اهِو سو ڪري ڏيکاريو جو هڪڙي حسين شاعر کي ڊِسڪور ڪيو، جنهن کي پاڻ سڀئي چمن آر ٿري جي نالي سان چڱي ريت ڄاڻون ٿا، ڇهين مئي 1987ع تي سائين راڻي مل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ چمن آر ٿري جنهن جو اصل نالو چمن لال آهي، پاڻ ايم اي انگريزي ادب ۾ ڪئي اٿائين، لِکڻ جي ابتدا 1999ع کان ڪيائين، سنڌ ورسٽيءَ جون سرمئي شامون ۽ ٿر جا ٿڌڙا صُبح جڏهن هِن جي هانوَ جي هندوري ۾ ڪنهن چاڳيلي ٻار جيئن لُڏڻ لڳا ته سندس من جي سَرزمين ۾ شاعري جا صِلا ڦٽڻ شروع ٿيا، حيدرآباد جي عِلمي، ادبي ماحول، شورن واري شهر جي حُسناڪين ۾ ٿري مِزاج رکندڙ هِي نوجوان جڏهن ڪتابن، ۽ ادبي محفلن ۾ پاڻ ڳولڻ لڳو ته سندس هڪڙي حسين شاعر سان مُلاقات ٿي، جنهن کي پاڻ سڀئي چمن آر ٿري چئون ٿا. چمن ٿوري وقت ۾ جو ڪُجهه لکيو آهي، بهتر لکيو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌ جي ڪافي معياري رسالن جهڙوڪ سوجهرو، امرتاءِ ۽ ٻين ۾ ڇپجندو به رهي ٿو، حيدرآباد ۾ هُوندي ئي کيس هڪ نج علمي ادبي مئگزين ڪجليو ڪڍڻ جو جُنون جي حد تائين شوق جاڳيو پاڻ اُن جا ڪافي پرچا به ڪڍيائين، پر پوءِ طبيعت جي ناسازيءَ سبب انِ سلسلي کي جاري رکي نه سگهيو، پر وري اچي ريڊيو مِٺيءَ جا وڻ وسايائين، جتي ڪُجهه سالن کان ڍاٽڪي توڻي سنڌي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ ذريعي ڪافي پذيرائي ماڻي اٿس. زندگيءَ ۾ وقت کان اڳ ۾ والد جي سهاري کسجڻ جي درد کيس جهوريو ته ضرور پر اُن اذيت کي به هِن پنهنجي فن ۾ اوتي ڇڏيو، فني توڻي فڪري لحاظ کان سندس شاعري پُختي محسوس ٿئي ٿي، لکِڻ لاءِ سکڻ جي ڪا به حد ڪانهي سو هي دوست به انِ عمل مان گذري رهيو آهي، پر سندس نظم ڌيان ڇڪائيندڙ آهن، خاص طور اُنهن ۾ جيڪا نغمگي يا موسيقيت آهي سا کيس اڳتي هلي سندس ئي ٽهيءَ ۾ پاڻ مڃرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، چمن آر ٿري کوڙ سارو نثر به لکيو آهي، موضوعن جي فراواني ۽ وهندڙ نديءَ جهڙي روانيءَ جي ڪري سندس نثر به سگهارو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي تاثير ۾ ترندي محسوس ڪرائڻ جي سگهه رکي ٿو پر دنگ اتي ڪونه ٿو ٿئي، هِي شروعاتي وِکون آهن. لکِڻ لاءِ وڏو جهان ۽ تمام گهڻا موضوع، اڻ ڇهيل ۽ اڇوتا اڃا به موجود آهن. چمن جي اکين اڳيان هِي هيڏو سارو ٿر اُن جا موضوع، منظر ۽ ڪردار کيس سڏي رهيا آهن ته اسان تي لکِ، اسان کي اون ڪر، جڏهن به هن دوست پنهنجو پاڻ کي ٿر جي ڪردارن ۾ وڃائي وري ڳولي لڌو تڏهن يقين ڄاڻو هُو هڪڙي نيئن رنگ ۽ ڍنگ سان نروار ٿيندو ۽ مونکي هِن دوست ۾ اهِا قوي اُميد آهي ته هُو سندس ڏاڏي والم کان ورثي ۾ مليل ڏات ۽ والد راڻي مل کان مليل محبتن جي مالڪي ڪري نه رُڳو اُنهن کي جڳ ۾ جيئدان بخشيندو پر پاڻ به لکِڻ جي لاکيڻي گُر سان پنهنجي مِٽيءَ ۽ مارُو ماڻهن جون مانُ مٿاهون ڪندو رهندو.

     سامعين! کِلڻ ۽ رُوئڻ ماڻهوءَ جي فطري جبلت ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا، پر پاڻمُرادو ڪو ائبنارمل اِنسان ئي کِلندو يا رُوئيندو آهي، ورنا ماڻهو کِلندو فقط تڏهن آهي جڏهن کيس ڪائي خوشخبري مِلندي آهي يا کيس ڪا خوشي نصيب ٿيندي آهي، ڪا اهڙي سَرهائي جيڪا ماڻهو کي مُرڪڻ تي مجبور ڪري ۽ وڏا، وڏا ٽِهڪ ڏيڻ تي مجبور ڪري. ماڻهو روئيندو تڏهن آهي جڏهن کيس ڪوئي اَهنجُ، ايذاءُ پهچائي، ڪو دُک ڪا تڪليف پنهنجي يا پرائي کان پهچي ته اِنسان جي اندر جي آڪاس تي آگم جا آثار ظاهر ٿيندا آهن ماڻهو جو من رَڄُ ٿي روئيندو تڏهن آهي جڏهن کيس ڪنهن ساهه کان ويجهي ماڻهو جو سوز، سُورمن جي موهه کي مُرجهائيندو آهي، اکيون آرا ۽ نيڻن ۾ جُهڙ ڪنهن جي جُدائي جي جهوري آڻيندو آهي يا ذاتي زندگي جو ڪو الميو ئي ماڻهو کي مايوس، اُداس ۽ پوءِ ڳوڙها ڳاڙڻ يا اوڇينگارون ڏيئي روئڻ تي مجبورڪندو آهي، پر ڪڏهن، ڪڏهن ماڻهو کي ڪا اوچتي خوشيءَ جي خبر به لُڙڪَن لاڙڻ تي مجبور ڪندي آهي، غمي يا خوشيءَ ٻنهي ڪيفيت ۾ اکين مان لُڙڪ لڙڻ فطري عمل آهي، پر جيئن چوندا آهن ته روئڻ ۽ کِلڻ ٻئي هِنئين کان هيٺ آهن، سو سواءِ ڪنهن ڏُک سُور جي، ڪنهن اذيت، ڪنهن ايذاءُ جي اجايو ڪير ٿو هنجون هاري، جيڪي ماڻهو هزارين غم هن جهانِ پناهه جا پنهنجي پُٺن تي پُٺارڪن جيئن کڻي به کِلندا رهن ٿا، غمن کي گُناهه جيئن لوڪان لِڪايو به لکا ڪونه ٿا ڏين، هر ڏُک، سُک کي جهولي پائي جهلين ٿا، پَر ڪنهن سان ڪا شڪايت نٿا ڪن، ڪنهن سان ڪا گِلا نٿا ڪن، پنهنجي زندگي جي هر اوڇي مذاق کي برداشت ڪرڻ جو ڪمال جو حوصلو ۽ همَت رکن ٿا، پنهنجي يا پرائي پر هر درد سان دل لڳيءَ جيئن نِڀائن ٿا، سُور پرائي ساٿ جا نڀائي به ڪڏهن ڪا ٻڙڪ ٻاهر نٿا ڪڍن، اهڙا ماڻهو، اکين ۾ آب آڻي عام کي ڏيکارڻ بجاءِ اندر ۾ اٺئي پهر پيا وِڄکندا ۽ وِنجهلندا آهن. سندن من جي آسمان تي سدائين سانوڻ مينهن پيا وسندا، سَندن جيءَ جا جهروڪا، نيڻن جي نيري اُڀ تي ڀُورا، ناسي بادل بڻجي ڀرجي ايندا ۽ ويندا آهن پر ڳوڙهن کي پيئڻ ۽ لُڙڪن تي ضبط جو هنر ڪو هنن درد وندن دلين کان ئي سکي. ظاهر ۾ سُڪل ٺوٺ نيڻن وارا ماڻهو اندر ۾ اوڇينگارون ڏيئي روئيندا آهن ۽ خلق اڳيان اُن ڪيفيت کي لِڪائڻ لئه کِلندي نظر ايندا آهن ۽ پاڻ پڄري ٻين جي مُکن تي مُرڪون آڻڻ وارا ئي عظيم اِنسان هوندا آهن.

    تُنهنجي کلڻ تان ................. ديبا سحر

     سامعين! ڪو زمانو هو جو، اسان جي سنڌي سماج خاص طور تي ٿر ۾ ٿيندڙ شادين ۾ تمام گهڻو رومانس هُوندو هو. شاديءَ جا ڏينهن چٽا ٿِيا، تاريخ ٻڌي يا مَنهين کوڙ ڏِني ته نه رُڳو اُنهي گهر، پاڙي، ڳوٺ، پر اوسي پاسي جي عزيزن ۽ قريبن ۾ به خُوشيءَ جي هڪڙي لهر ڇائنجي ويندي هُئي. ڏينهن چٽا ٿيڻ کانپوءِ سڄي ڳوٺ جون ڏسيون (عورتون) رات جو گهوٽ يا ڪنوار جي گهر گڏ ٿِي سڄو مهينو ڳيچ ڳائينديون هُيون. اُٺن تي لاڙ مان ايري چانور ڀري اچڻ لاءِ قطار ويندي هُئي ته به لاڏن ۽ سهرن جي جهَڪور پئي پوندي هُئي. ڇَنا کوڙائبا هُئا ته به گيت، ڪاٺيون جهورائبيون هُيون ته به سهرا، اٽالڙو ڀڃي اچبو هو ته به ڳيچ ڳارائبا هُئا. ڪوٺي جي رلي سِبرائبي هُئي يا ٻانڌڻي ٻٽ ٽؤنرائبي هُئي ته به ڳل تي هٿ رکي هر ڪا عورت ڳيت ڳائيندي هُئي. چَريون کوٽرائبيون هُيون ته به لاڏا، پخالن ۾ پاڻي ڀَرائبو هو، چَلهو ٺهرائِبو هو ته به سهرا، ونواهه، گهڙي، سرگس، پِڙو، ڄانڃيارو، تورڻ، موڙ، ميندي، نکيٽي، مطلب ته هر ريت ۽ رسم ۾ ايتري ته ڪشش ۽ قُرب سمايل هو جو هر ننڍو توڻي وڏو، مائي توڻي مِيون جهَليو جهَل ڪا نه ڏيندو هو. مهينن کا وٺي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي شوق جي تياري ڪبي هُئي، ڪپڙا سِبرائبا هُئا، نه ته به ڪنهن کان ڏوجها کڻي پهري به شاديءَ ۾ ٽاٽ ٿِي وڃي لهبو هو، عورتون پَرايا، پنهنجا ڳهه ڳٽا پائي وڃي ڀت ڀيڙيون ٿينديون هُيون، مرد ماڻهو بوسڪي جا پٽڪا ٻڌي وڃي ڇني جي ڪُنڊ جهليندا هُئا. ڇا ته چارم هو، دلچسپي هوندي هُئي، هر ڪو پنهنجي حصي جي ڪم کي نِهايت ئي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيندو هو. ورهين کانپوءِ وڇڙيلن کي مِلڻ جو موقعو نصيب ٿيندو هو. ڀوڳ، چرچا، مذاق، فوٽاڻا، جهيمڻ، روڙ پُون، هڪڙا هوندا هُئا ويهان وَتو، ٻيا هُوندا هُئا منجهه – مُهاليا ڪي سگريا شريڪ ٿيندا هُئا ته ڪي وري ڇڙا ڇانڊ، امير، غريب شاديءَ ۾ سڀئي هڪ ئي ڦيليءَ ۾ کچ کائيندا ۽ هڪ ئي ڇَل ۾ پاڻي پيئندا هُئا، حجام، مڱڻهار، موچي، ميگهواڙ، ڪُنڀار سڀئي اُن ڏهاڙي تي آسي وصول ڪرڻ ايندا هُئا. آهتپي وارن جا وارا نيارا به سال ۾ فقط شاديءَ ۾ ئي ٿيندا هُئا، ڪاڄ خيرن سان نبريو هر ڪو ڪوري ڏيئي چار کارڪون کڻي وِرو (ڀت) وڌائي پنهنجي، پنهنجي ماڳ موٽي ويندو هو. پر اڄڪلهه جي شادين مان اُهي سڀئي خوشيون ختم، سڀيئي لطف لاپتا، سڀئي سَرهايون گُم، سڀئي شوق ۽ شاديءَ جي حُسن جا هڙئي رنگ غائب آهن. ڏوڪڙن تي ڀت اڳي کان به ڀلو ملندو پر اُهي مُحبتون اُهي مزا موڪلائي ويا، نه سِڪ نه ڇِڪ نه اُڪنڊ نه اُڪير ڪنهن به شاديءَ ۾ شريڪ ٿِيو ڪنهن به ويهانءُ ۾ وڃو اوهان کي لڳندو ئي ڪو نه ته هِتي ڪا شادي آهي ڄڻ ڪي عاشورا آهن يا ڪنهن محرم جو ڏهو آهي جنهن تي نذر و نياز وَنڊيو ۽ ورهايو پيو وڃي. سو اچو ته پنهنجي شاندار ثقافتي روايتُن جا اُهي سمورا رنگ، اُهي سموريون مُحبتون ڀُنگ ڀَري به موٽائي اچون، آزاد ڪرائي اچون، جيڪي ”جديديت“ يا ”مُلايت“ جي آڙ ۾ اسان کان اغوا ڪيون ويون آهن.

     سائين مُنهنجا! موسمن وانگر ماڻهوءَ جي ڄمار به مُختلف مرحلن مان گذري ٿي، هڪڙي عُمر اِها آهي، جڏهن اِنسان هِن دُنيا ۾ اک کولي ٿو، اک کولڻ سان ئي پهرين زيادتي ساڻس اِها ٿئي ٿي جو کيس ماءُ جي ناڙي مان ڪٽي الڳ ڪيو وڃي ٿو، هُو اُن وقت به احتجاج ڪري ٿو، ٻي نا انصافي اُن وقت ٿئي ٿي، جڏهن کائونس زبردستي ماءُ جي ٿڃُ ڇڏرائي وڃي ٿي، هُو اُن وقت به شديد احتجاج ڪري ٿو، پر ڇا ڪجي جو، اُها فطري فِنامِنا آهي ۽ قدرت جي قانون اڳيان ڪا به ڪاريگري ڪو نه ٿي هلي ۽ جڏهن ٻارڙو ڪُجهه وڏڙو ٿئي ٿو ته کيس ماءُ جي هنج مان اُٿاري وقت وٽائونس، گڏيون، ٻاٽا ۽ بلور ڦُري سندس هٿن ۾ سليٽ، ڪتاب يا پانو ۽ ڏاٽو ڏيئي اسڪول، ڪارخاني يا ٻنيءَ ڏانهن اُماڻي ڇڏي ٿو. گُڏين جا گهر جوڙڻ، اِٽي ڏَڪر راند رمڻ، پنهنجن هڪجيڏن، هڪجيڏين سان انگل آرا ڪرڻ جي حسرت هر ٻار جي من ۾ ائين ئي اڌوري رهجي وڃي ٿي ۽ هُو وقت کان اڳ ۾ ئي جوان ٿي وڃي ٿو. ته کوڙ ساريون سماجي ذميواريون سندس وجود سان وڳي وانگر ويڙهجي وڃن ٿيون، ۽ هِن جي جيون جهول ۾ رُڳو ٻيهر ٻار ٿيڻ جي خُواهش ئي ريڙهيون پائيندي رهي ٿي. ٻالڪپڻ جون حدون اُڪري هُو جڏهن جواني جي جڙي گهوڙي تي رقيب ۾ پير پائي ٿو ته سندس هٿ تِرين جي لڪيرن ۽ اکين جي آکيرن مان پوپٽ پڪڙڻ، گُل پٽڻ، ڀينگاريون جهلڻ ۽ مَٽڪُو راند رمڻ جا سمورا سپنا ڀوترين جيئن ڀڙڪو ڏئي اُڏري وڃن ٿا ۽ ماڻهوءَ جي من. ننگر جي تصور ۾ ڪُجهه يادگيرين جا ڪچا رنگ ئي رهجي وڃن ٿا. جيڪي کيس هر سَمئي يادِ ماضي بڻجي مَن ۾ مُٺ وِجهي ائين نپوڙين ٿا، جيئن ڪو رنگريز ڪوري ڪپڙي کي رڱڻ کانپوءِ نپوڙيندو آهي. ماڻهو عُمر جي ڪهڙي به ڏاڪي تي هُجي، ٻاروتڻ جا اُهي ٻاجهارا ڏينهن ۽ اُنهن ڏينهن جون رنگين يادون پاڇي وانگر سندس پيڇو ناهن ڇڏينديون، امڙ وٽان اَنُ کڻي، اُهو ڪنهن هٽ تي ڏيئي اُتان ريوڙيون ۽ نقل وٺي کيسا ڀَري کائِڻ، ڪُريون ڀُڳائي ڪُرٽڻ يا ڪوڪڙ کائيندي ڪَڪِڙيون ڏاٺ ڏيڻ بنا ڳڙڪائڻ، ڄارين جي ٽارين يا نِمَن جي لامُن ۾ لوڏون ٻڌي لُڏڻ، ڀٽنُ جي چَوٽين تان گهڙن سان گڏ گِڙگڻ وارا دل لُڀائيندڙ لمحا، ڀلا ڪو بندو پنهنجي ذهن جي سليٽ تان مِٽائي يا ميساري سگهيو آهي؟ پر وقت وڏو بي رحم بادشاهه آهي، جيڪو هوريان، هوريان اِنسان کان اهِي حسين پل چورائي ويندو آهي. عُمر جي وڌڻ کانپوءِ ماڻهو پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي محسوس ڪندو آهي، آواز انداز، اُٿي ويٺي، جسماني نِکار سان گڏ ذهني بلوغت طرف تيزي سان روانگي، ماڻهوءَ جي سوچن جا محور ۽ مرڪز به تبديلي جي عمل مان گذرندا آهن، اندر ۾ اُٿل، پُٿل ۽ ڀڃ ڍاهه شروع ٿي ويندي آهي، ويٺي ويٺي اُداس ٿيڻ، بي چين ۽ بي قرار ٿيڻ، ڪنهن شيءَ جي ڪمي، ڪا کوٽ، ڪنهن جي اڻهوند جو احساس، ڪنهن سان مِلڻ جي خُواهش، ڪا عجيب آرزو، ڪا تمنا، ڪو پرايو به پنهنجو لڳڻ، ڪڏهن ڪنهن جي سار سان سڄو سرير سَرهو ٿيڻ ۽ دنيا جا سمورا رنگ ڪنهن هڪ هستيءَ جي حُسن، ڪنهن هڪ مُهانڊي جي مُرڪ ۾ مِڙي، سَموئجي سندر لڳڻ، هِيءَ عُمر جي اِها حد آهي، جتي الهڙَ جواني جنم وٺندي آهي، هڪ اهڙي اڙل وڇيري جهڙي عُمر، جنهن ۾ ماڻهو سڄي دُنيا کان بي نياز رُڳو ڪنهن هڪ فرد جي فِڪر، ڦوڙائي، فراق ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ سڄو ڏينهن سستي سگريٽ جيئن سڙندو آهي ته رات جو وهاڻي تي پنهنجي نيڻن جا نيرا خواب لُڙڪن جي روپ ۾ لوڙهي دل جو بار هلڪو ڪندو آهي. پر افسوس جو اِها مست جواني، جيڪا ماڻهوءَ جي مِزاج، موڊ ۽ طبعيت جا سڀئي تيور تبديل ڪري ڇڏيندي آهي، سا به گهڻو عرصو ساٿ نڀائي ناهي سگهندي، ۽ حياتي جي هِن حسين موڙ تي، هٿ ڇنڊي، واٽُون وَنڊي بيهندي آهي، تتر جي تيز اُڏار وانگر جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا مهمان هوندو آهي، ماڻهوءَ سان هِن موڙ تي عُمر ٺڳي ڪندي آهي ۽ ماڻهو اياز کان هِي سِٽون اُڌاريون کڻي اَحتجاج ڪندو آهي ته؛
    سُونَ جهڙي جواني اسان کان وٺي،
    وار چاندي ڪيئي، عُمرَ! ايڏي ٺڳي!


     سامعين! نه ڄاڻ ڇو ڪُجهه عرصي کان جيءَ جي جُهوناڳڙهه ۾ ڪو ٻارڻ هو، جيڪو ٻَريو پئي پر ٺريو موُر نٿي... ۽ شاهه سائين جي سُر سامُونڊي جا سڀئي سوز و گداز هڙني حواسن تي حاوي هُئا، سَرير جي سنڌي وڏي سُمنڊ ۾ سُر سامُونڊي پُوري شدت سان بي چين ۽ بي قرار هو، شايد ڪنهن وڻڄاري جي وڃڻ جي ويل هُئي، جيڪو سِڙهه سنڀالي ساڄا ڪري ڪنهن پَراهين پار اُسهڻ جي آخري تيارين ۾ مصروف هو.. هيڏانهن وري جيءَ سان هيءَ سٽ جهيڙيندي رهي ته؛ ڪري ڪندينءَ ڪوهه، واڪا ويندن پويان، وڃڻ وارا ته هليا ويندا آهن پر سندن سارَ جي اوڏاڻن اُٺن کي ڪير مُنهن ڏي. جن کي نه وقت بادشاهه نوَ نيئريا پنڌ رهن پيد هڻي ٿو سگهي ۽ نه ئي سندن سِڪ جي فيِل مست اُٺ کي ڪا سيلهي يا ڪو ئي تر لڳائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه آهي.
    ڪچيءَ نموريءَ کان به ڪڙي جُدائي جي اهڙي گهڙي، مظهر لغاريءَ جي هيءَ سٽ ”ٽِڙڻ جا ڏينهن هُئا اسين ڇڻيا آهيون“ بڻجي جيءَ کي جهٻي ڏي ٿي ته ماڻهوءَ جي وجود جو وينگي جهڙو وڻ سيڏيي واريءَ ڊگهيءَ ڪنڊيءَ جي ڪنهن ڏار جيئن ڦهڪو ڪري اَچيو پٽ پوي ٿو. هِيءُ ڪُمهلي ۽ ڪٺور گهڙيءَ جو گهاءُ، هِي فراق ۽ ڦوڙائي جو ڦٽ، جيڪو رُوح جي اڇڙي ٿر تي ٿوهر بڻجي ڦٽو آهي ته اندر جا سڀئي اُڀراڻا احساس زخمي ٿي پيا آهن. هيءَ ڪربناڪ ڪُرلاءُ جهڙي ڪُوڪ، هي غمِ حسينيءَ جهڙي پُرسوز صدا من جي مِٺيءَ مان موهن ڀڳت جي تنبوري جي تند تي تپي ٿي ”لوڪ سُتو ننڊون ڪري مُئي تي مچڙاٻرن“ ته ماڻهو کي شام غريبان جهڙيون گهٽائون گهيريو وجهن.... ڪنهن کان ايئن اچانڪ وڇڙي وڃڻ جو احساس، ڪا شيءَ هٿ مان ڪري پوڻ جهڙي ڪيفيت، حياتيءَ جي هڙ موڙي وڃائجي وڃڻ يا سڀ ڪُجهه کسجڻ جو خوف ماڻهوءَ جي من ۾ ڇپلي هڻي ويهي ٿو رهي. ڪنهن بي گُري بلا جيئن ويچار جي هرواٽ تي ٿارو هڻي ويهي ٿو رهي. ڀلا ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان ڪو ته رشتو يا ناتو ضرور آهي، جيڪو کيس بي چين ڪري ٿو، ۽ هينئڙو اوٺي وڳ جيئن بي جپو ٿي پوي ٿو ۽ اهڙيءَ اُگريءَ ويل بي چئي دل، جيڪا دنيا جا دستور مڃي ئي نٿي ۽ جنهن کي هِن جهانِ پناهه جا سڀئي سائنسي، معاشي، متظق ۽ سمورا سماجي فلسفا قطعي سمجهه ۾ ڪو نه ٿا اچن، سا ڀٽائي جي سُر سامونڊي جون هِي سِٽون سُڻي جهڄي ۽ جهُري پوي ٿي؛
    مَون اُڀي تڙ هيٺ، پرين پڳهه ڇوڙيا،
    ڪا مُونهين ۾ ڏيٺ، نه ته سڄڻ سٻاجها گهڻا.

    يا وري هيءَ سِٽ هِنئن ۾ هٿُ وجهي ويهي ٿي رهي ته؛ هُو ٿا پَلاڻين، هينئون مُنهنجو هِتي ٿو هڻيو ٿئي!!..... ته ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿيندو آهي، کيس ائين لڳندو آهي ڄڻ سندس مڇيءَ جهڙو مَنُ شاهه سائين جي هر سٽ ۾ ڪُنڍيءَ ۾ ڦاٿل ڪرڙيءَ وانگر ڦٿڪي ۽ تڙپي رهيو آهي.. ماڻهو جيڪو هُونئن ته ڪاري مٿي جو ڌڻي ڏاڍو آهي پر سندس اختيار ۾ آهي ئي ڇا؟ نه جيئڻ چاهي تئين جيئڻ وسَ ۾ ۽ نه ئي وري کيس مرضيءَ سان مرڻ جو حق حاصل بقول حسن درس جي، ”ڇڏي ڏيو ته ماڻهو مَزي سان مَرنَ“ مزي سان مرڻ رَڄُ ٿي روئڻ ۽ خوش ٿي کِلڻ جي حقن کان محروم ماڻهوءَ جون جن سان ٻٽيهه دليون هُجن ۽ جن کي ڏُور کان ايندي ڏسڻ لاءِ اکيون ڪنهن اکڙيي جيئن ڀٽن تي بيٺل هُجن، اُهي جيڪڏهن اوچتو سَجيلي ساٿ جي ٻک مان هٿ ڇنائي هليا وڃن ته پوءِ ماڻهو ويچارو مٽيءَ جي ڪچي گهڙي جهڙو زماني جي تار درياهه مان ترڻ کان اڳ ۾ ڀُريو ڀُور ٿيو پوي... اهڙي حالت ۾ خيال جي هر کٽ تي فقط درد جو جبر ئي ڀاڳوٺي ٺوڪي ويٺل اُن اڻ ڪوٺي ۽ ڪرياتي مز مان جهڙو ڀاسندو آهي، جيڪو اچڻ ۾ ته ڪنهن آمر جيئن اوير ناهي ڪندو پر وڃڻ بجاءِ اڻ ڄاڻايل مدي تائين اندر جي اوتاري ۾ آري تي ويهي رهندو آهي ۽ پويان رهجي وينديون آهن ڪنهن جي ساٿ جون سُرمئي ۽ سانوريون سارون، نيريون ۽ ناسي يادگيريون، جيڪي ماڻهوءَ جي من-آڱرين ۾ ائين مُقيد ٿي وينديون آهن، جيئن ڪنهن وڏ – ڀاڳي وينگس جي هٿ – آڱرين ۾ مُنڊيون، ڇلا ۽ ورڻا. باقي سڀڪجهه ڀيلاڙ ٿي ويندو آهي ۽ ڪو اهڙو ڪُلهو به ناهي بچندو، جنهن تي ڪنڌ لاڙي روئجي ۽ ڏک سموري ڌوئجي.
    دل چوي ٿي روئجي............... منظور سخيراڻي

     سامعين! جهُڏي گدام کان ڏهاڪو ڪلو ميٽر اولهه طرف هيمونءَ جي تاريخي تلاءُ ڀرسان هڪ ڳوٺ آهي ڌڻي بخش پتافيءَ جو، اُنهي ڳوٺ ۾ 50 سال اڳ يعني 1958ع ڌاري اسماعيل پتافيءَ جي گهر ۾ هڪ حسين ٻالڪ اکيون کوليون هُيون اُن سمئي ته ڪنهن کي به ڪل ڪا نه هُئي ته ڪو اِهو سُهڻو نينگر سُڀاڻي سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر به ٿيندو. پر رب پاڪ جي جوڙ پنهنجي آهي، هُو جنهن کي چاهي اُن کي شهرتن جي بُلندين تي پهچائي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي اُن کي ذلتن جي تري ۾ ڦٽو ڪري ڇڏي ۽ خُدا کي شايد اِهو ئي منظور هو جو هُن اُنهي ٻالڪ کي 11 سالن جي ڄمار ۾ ئي شاعراڻيءَ ڏات سان نوازيو، سنڌ جي رپ ڪهاڻيڪار قادر جُوڻيجي وٽ پرائمري پڙهندي هُن کي شاعريءَ جي لگار لڳي. هِن جي ائين اچانڪ اُداس ٿيڻ ۽ ويٺي، ويٺي خيالن جي واديءَ ۾ وڃائجي وڃڻ واري ڪيفيت کي قادر جوڻيجي ڪنهن آڙيڪاپ شڪاريءَ وانگي پَريند سان ئي پَروڙي ورتو هو، پر جيئن ته هُو پاڻ به هڪ ليکڪ هو، سو سندس مزاج ۾ شاعريءَ جا سڀئي عنصر موجود ڏسي کيس ڇوٽ ڇڏي ڏنائين ته همراهه ڀلي آزاد فضائن ۾ اُڏامي ۽ اهڙي طرح هُو نيار حُسين مان ڦري نياز پتافي بڻجي پيو، شايد اِهو 1970ع کان 1980 وارو زمانو هو، جڏهن جلال چانڊيي ڪيسٽ جي دنيا ۾ ڌوم مچائي ڇڏي هُئي، ۽ هُن کي شهرتن جا کنڀ به جلال جي ڳايل سندس ئي ڪلام اڄوڪي رات رهي پَئو کانپوءِ ئي لڳا هُئا ۽ پوءِ سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو راڳي هُجي جنهن جي چپن تي نياز جا ٻُول نه ٻُريا هُجن. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو به اُنهي ڪلام يعني اڄوڪي رات رهي پَئو جي عُنوان سان ئي آهي. تازو ڊسمبر ۾ سندس ٻيو شعري مجموعو ”چنڊ پرين ۽ پاڇولا“ اميشا اڪيڊمي نئين ڪوٽ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس مشهور ڳايل ڪلامن کان علاوه نئين نِڪور شاعري پڻ شامل آهي، جيڪڏهن جيب اوهان کي اجازت ڏئي ته ”چنڊ پرين ۽ پاڇولا“ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ڪتاب اٿئو!
    بهرحال! نياز باقائدي ته ڪنهن کان به شاعريءَ جي سِکيا ڪونه ورتي پر پوءِ به سنڌ جي ڪن ڪُنهه مشق شاعرن کان رهنمائي ضرور حاصل ڪيائين، پر اهم ڳالهه اِها آهي ته نياز پنهنجي اندروني رِڌِمَ آڌار ئي هِيءَ سموري شاعري سِرجي آهي ۽ اِن ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءَ ڪونهي ته نياز جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻيون تشبيهون، استعارا ۽ جيڪي به ترڪيبون استعمال ٿيل آهن، اُهي سڀئي هِن پنهنجيءَ مِٽيءَ ۽ اُن جي نج سنڌي ماحول مان کنيون آهن، ۽ وڏي ڳالهه ته اُهي ايتريون ته ساديون ۽ سٻاجهيون آهن جو عام ماڻهو به سندس تشبيهه جي تهه تائين پُهچيو وڃي. سندس شاعريءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اِها آهي ته اُها رِڌِمَ ۽ روانيءَ سان ڀَرپُور آهي، منجهس نغمگي ۽ تَرنم به ڪنهن تيز نديءَ جي تِک تنوار جيئن آهي، اهِو ان ڪري به آهي جو نه رُڳو نيار سُٺي شاعري ڪري سگهي ٿو، پر هُو سٺو ڳائي به سگهي ٿو، اهِا ئي ته نياز جي نرالي انفراديت آهي جو قدرت کيس خوبصورت آواز ۽ گُداز ڀَريو ڳلو پڻ ڏنو آهي، جيڪڏهن مُنهنجي ڳالهه تي اڃا به اعتبار نٿو اچي ته اوهان پاڻ ئي سندس آواز ۾ هِي ڪلام ٻُڌي ڏسو پر اُن کان پهرين، سندس هڪ اهڙو بيت، جيڪو ايتري ته ڪلاسِڪ حيثيت اختيار ڪري چُڪو آهي جو اڪثر ماڻهو سندس اُنهي بيت کي ڀٽائي جو بيت سمجهندا آهن.
    سور ٻُڌائون سندرا، ڏُک ڏنائون ڏيجَ،
    سي ڪيئن سُمهن سيجَ، سنگت جن جي سُورن سا
    ¬¬¬¬¬
    اڄ وري اکڙين ...............نياز پتافي

     سامعين! سنڌ ملوڪ گُلوڪار مُحترم وسند ٿريءَ تيرهين فيبروري 1980ع تي رڻ ڪنڌيءَ جي هڪ ڳوٺ ڌرم ويريءَ ۾ چاچي نانجي مل جي گهر ۾ جنم ورتو. مسڪين ۽ پورهيت گهراڻي مان هُئڻ جي باوجود هِن پنج درجا پرائمري جا پاس ڪرڻ کانپوءِ سيڪنڊري تعليم هاءِ اسڪول مِٺيءَ مان حاصل ڪئي، اِنٽر ۽ گريجويشن ڊگري ڪاليج مِٺيءَ مان حاصل ڪري هليو ويو حيدرآباد، جتان اياز لطيف پليجي جهڙي نامياري قانوندان کان وڪالت سکيائين ۽ هِن وقت پاڻ وڪالت جهڙي معزز پيشي سان مُنسلڪ ٿي، مِٺِيءَ ۾ ئي مسڪين جهان خان کوسي وانگر پنهنجي دُکي ديس جي خلق جي خدمت ڪري رهيو آهي، توڻي جو هِن جي پوري خاندان ۾ ڪو راڳي ڪونهي، پر قدرت کيس ٻين کوڙ سارين خوبين سان گڏ خوبصورت آواز به عطا ڪيو آهي ۽ ڪنهن ٿي ڄاتو ته هاءِ اسڪول مٺيءَ جي هاسٽل مان شوقيا ڳائڻ جي شروعات ڪندڙ ٻهراڙيءَ جي هِن ساڌڙي ۽ سٻاجهڙي ٻالڪ جي ڪَنٺ مان هن دلبر جهڙي ديس جو درد ائين فُٽي نڪرندو جيئن ڪنهن شاهي شاوَر مان پاڻيءَ جو ڦوهارو ڦُٽي نڪرندو آهي، ۽ هن نوجوان گلوڪار تاراچند ڀٽ شاهه واري کان سُر ۽ گُر سکڻ کان پوءِ نئينءَ سنڌ جو نئون ٻيجل بڻجي تند تپائي ڏيکارڻ جو ڏانءُ هٿ ڪري ورتو آهي، ۽ ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته هن نئين صديءَ جي نئين نڪور تُور جي هيءَ هڪ اهڙا صدا آهي، جيڪا جُڳن کي جاڳائي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هُو جڏهن به ڪنهن اسٽيج تي اچي پنهنجي گرجدار ۽ گنڀير آواز ۾ سنڌ جي ڪنهن انقلابي شاعر جو ڪو نظم پنهنجي مُنفرد ۽ مخصوص انداز سان ڳائيندو آهي تڏهن سموري سنڌ سِرُ تريءَ تي رکڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. هن جي انفراديت اِها آهي جو هُو ٻين ڳائڻن وانگر نه ته عام روائتي شاعري ڳائي ٿو، ۽ نه ئي هُو ڪو ڪمرشل فنڪار آهي، بلڪِ هي هڪ اهڙو آدرشي ۽ انقلابي گُلوڪار آهي، جنهن رُڳو پنهنجي ڌرتيءَ جي دُکن ۽ عوام جي اهنجن کي ئي ڳايو آهي، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هيل تائين سندس هڪ ئي ڪيسٽ اچي سگهي آهي، پوءِ به هِن پُراڻِي دؤر ۽ نئين عهد جي آميزش سان پنهنجي آواز توڻي انداز کي نيهن جي اُن نيهائين ۾ ناکِيو آهي، جتان هُو يقيناۡ رچي راس ٿي نڪرندو، ڇاڪاڻ ته ڏات جي مهاديوي مٿس ڏاڍي مهربان آهي ۽ مٿس سُرن – ورکا وڏ ڦُڙي جيئن وَسي رهي آهي، بهرحال پاڻ سڀني جي پرارٿنا آهي ته خالقِ ڪائنات اڃا به هِن جي ڪلا کي جِلا، جمال ۽ جُوالا بخشي ۽ سندس سُر – منڊل ميگها رُت بڻجي هِن دَردَوندي ديس مٿان سدائين ڪڪر ڇانوَ ڪندا رهن ۽ شال هِيءُ سڄڻ شيخ اياز جي سپني جهڙيءَ سنڌ جي تاريخ جي چيخ بڻجي نه رُڳو سَڏَ وَراڻي ڏي، پر ويڙهيچن سان ڪيل وَچن کي وفا جو پاڻي به ڏيئي ڏيکاري.
    هيلوڪو وري آءُ .................... وسند ٿري

     سامعينِ مُحترم! حَسن نوشاد، جنهن جو سڄو نالو آهي مُحمد حسن، تخلص نوشاد اٿس ۽ ذات مڱڻهار آهي. سندس ولد مُحترم جو نالو مصري فقير آهي ۽ سندس جنم ضلعي ٿرپارڪر جي مشهور ڳوٺ چارڻ هور ۾ 29 سيپٽمبر 1971ع ۾ ٿيو. جڏهن پاڪ ڀارت جنگ جاري هُئي. تڏهن هِن اسان جي شاعر دوست هِن دنيا ۾ اکيون کوليون. مئٽرڪ تائين تعليم هِن پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، انٽر سائنس عُمرڪوٽ مان ڪيائين. ايم-اي سنڌي ادب ۾ ڪرڻ کانپوءِ هِن دوست بي ايڊ اولڊ ڪئمپس ڄامشوري مان ڪئي، پيشي جي لحاظ کان پاڻ هن وقت هاءِ اسڪول چارڻ هور ۾ ئي ايڇ.ايس.ٽي آهن.
    ٿر ۾ اڪثر ڏُڪارن جي ڪري حَسن پنهنجي مائٽن سان گڏ گهڻو ڪري سنڌ جي بئراجي ڀاڱي يعني مُهراڻي جي ڳوٺ گُلزار خليل ۾ رهيو آهي. ٿر جا ڏُڪار ۽ سُڪار ۽ سنڌ وطن جا سَرسبز نظارا هِن جي نِگاهُن ۾ شاعريءَ جا کيپ ۽ خُمار اوتيندا رهيا. مٿان مڱڻهار جو ٻار سو، سُر ۽ گُر سندس شاعريءَ ۾ رِڌم پيدا ڪندا رهيا ۽ هي باقاعدي شاعريءَ جي ڪهڪشان ۾ 1994ع ڌاري جلوه افروز ٿيو. شروع شروع ۾ شاعريءَ جي اصلاح سائين عطا سرهنديءَ کا ورتائين، پر هاڻ اپڻي گهوٽي ٿو، ۽ بقول سندس ته حيدرآباد جي هوائن ۽ ڄامشوري جي نِگاهُن ۽ ادائن مُنهنجي شاعريءَ کي نئون موڙ ۽ نئون رنگ ڏنو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو مُنهنجي شاعريءَ ۾ اکين جو ذڪر تمام گهڻو مِلي ٿو. بهرحال اسان جو هي دلبر دوست ۽ سٻاجهو ۽ سيبتو شاعر جيستائين مون ٻُڌو ۽ ڏِٺو آهي ته انتهائي مُخلص، مُحبتي ۽ سدائين مُرڪن جو وکر ورهائيندي نظر ايندو آهي. حيدرآباد ريڊيو تي نصير مرزا هِن جو غزل نيڻ نشيلا تڙپائن ٿا، شفيع فقير جي آواز ۾ رڪارڊ ڪري کيس سڄي سنڌ ۾ مُتعارف ڪرايو. اُن کانپوءِ ڪافي فنڪارن کيس ڳايو آهي ۽ هو کوڙ رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو به رهي ٿو. پنهنجي ٽهيءَ ۾ ٿورو ئي سهي پر سُٺو ۽ سُهڻو لکندڙ اسان جو هي نوجوان شاعر جيڪڏهن شاعراڻي عشق جي مشق جاري رکيو ايندو ته هڪ ڏينهن سنڌي شاعريءَ جي اڱڻ ۽ اوٽي تي مَروي جي ٻُوٽي جيئن پنهنجي مُنفرد مَهڪ سان سڄي ماحول کي معطر ڪري ضرور ڏيکاريندو.
    نيڻ نشيلا................. شفيع فقير

     سامعين! ٻه مئي 1987ع تي مِٺي شهر جي مڱڻهار پاڙي ۾ الهه بچائي مڱڻهار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ رجب فقير سنڌي موسيقيءَ جي کيتر ۾ کِڙيل هڪ اهڙو نئون نڪور گُل آهي، جنهن جي فنڪاراڻي وجود جو واسُ هوريان، هوريان اسان سڀني اهِل دل ماڻهن جي من-ننگر کي واسي رهيو آهي. رجب فقير جنهن کي سُر ته سندس ڏاڏي مُراد فقير جهڙي مهان راڳيءَ کان ورثي ۾ مليا، پر هِن نئو خيزگُلوڪار گُر سنڌ جي سُريلي راڳيءَ اُستاد شفيع فقير کان سِکڻ شروع ڪيا آهن. مـڱڻهار جو ٻار، مُراد فقير جو پوٽو ۽ شفيع فقير جو شاگرد، اهي سڀئي شيون ۽ اِهي سمورا گُڻ جڏهن پاڻ ۾ مليا تڏهن هِن نئو آميز نينگر جي نئين نڪور آواز دلين جي درن تي دستڪ ڏني. بنهه مُختصر عرصي ۾ هن نوجوان گُلوڪار پنهنجي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ فوڪ رنگ سان ۽ الڳ، ٿلڳ انداز اپنائڻ سان گهڻن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ضرور ڇڪايو آهي. انٽر تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن وقت رجب فقير هڪ خانگي اسڪول ۾ بطور ميوزڪ ٽيچر، نيئن نسل کي ترنم ۾ ترانا ۽ رِڌم تي رقص ڪرڻ سيکاري رهيو آهي. رجب فقير ريڊيو پاڪستان مِٺيءَ تي نوجوانن جي پروگرام اُڏام ۾ پڻ ڪمپيئرنگ ڪري چُڪو آهي. بسنت بهار راڳ کي سڀ کان وڌيڪ پسند ڪندڙ رجب فقير ڀڳت ڪبير، شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ اُستاد بُخاري کان وٺي نئين ٽهي جي کوڙ سارن شاعرن کي ڳائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي. رجب فقير نه رُڳو معياري شاعري ڳائي ٿو، پر وڏي ڳالهه ته اُنهن ڪلامن جون ڌُنون به پاڻ ئي ڪمپورز ڪري ٿو. ريڊيو مٺيءَ کان وٺي راڄن، ڀاڳن ۽ پي.ٽي.وي تائين پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪندڙ رجب فقير کي گُلابي رنگ، اُستاد امانت علي ۽ حيدرآباد جون هوائون ڏاڍيون وڻنديون آهن. بهرحال اسان جي پنهنجي هِن نوجُوان دوست جيڪڏهن راڳ جو رياض جاري رکيو ۽ پنهنجو نرالو رنگ نِروار ڪيو ته نه رُڳو مُراد فقير کي مُرڪائيندو، بلڪِ سُر-سنسار ۾ به پاڻ موکي ۽ ملهائي ڏيکاريندو. توڻي جو اڃان هِن جي ابتدا آهي ۽ هي دوست سُرن جي سَرزمين تي نيون، نيون وکون کڻي رهيو آهي، پر مائٽاڻيءَ اَڍَ ۽ شفيع فقير جي شاگرديءَ هِن جي وِکُن ۾ جيڪو رِڌُم ۽ رواني پئدا ڪئي آهي ۽ هيءَ جنهن شانائتي سليقي سان سُرن سان همسفر ٿيو آهي اِهو ڏسي آئون سندس روشن فني مُستقبل جي اڳڪٿي ڪندي ڪا به هٻڪ محسوس ڪرڻ بجاءِ هيئن چوندي فخر محسوس ڪريان ٿو ته؛ ”اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي، متان ايئن سمجهين ته مُئا مور سارا“.
    تنها پيارا رهجي وياسين................ رجب فقير


    4

     سامعين! جيڪڏهن ادبي لابيون اکيون نه پُورين ۽ سندن نانيءَ ويڙها نظر انداز ڪرڻ واري روش اختيار نه ڪن ته پوءِ اِهو چَوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته اياز ۽ نارائڻ شيام کانپوءِ جديد سنڌي شاعريءَ جو شنشاهه شاعر جنهن کي غزل مارشل به چيو وڃي ٿو. سو وفا ناٿن شاهِي ئي آهي، جنهن جي گيڙُو ويس غزلن تان گهڻن کي گهوري سگهجي ٿو، بلڪ آئون ته اِهو به چَوندي نٿو ڪيٻايان ته موجوده سنڌي شاعريءَ ۾ ڪو به وفا جي جُتيءَ ۾ پير پائڻ جي اَهل آهي ئي ڪونه! ڇاڪاڻ جو سنڌ جي اَجرڪ ڦلڙين جهڙي عشق جيِءَ مُشڪ سندس شاعريءَ کي اُها امرتا بخشي آهي، جيڪا ڪنهن اعليٰ پايي جي ۽ عالمي معيار جي آفاقي شاعر جي شاعريءَ کي ئي نصيب ٿيندي آهي، پر افسوس! جو ڌرتيءَ جيڏو وڏو شاعر جنهن ڌرتيءَ جو هو اُن کي ڇڏي هِن سَر زمين جو ٿِي ويو، پنهنجي مادري زبان پنجابي ۾ خواب ڏِسڻ جي باوجود هُن سوچيو سرجيو سنڌيءَ ۾، پر پوءِ به نِڌڻڪن جيئن مُفلسيءَ، تنگدستيءَ ۽ بيماريءَ وِگهي حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺو. وفا جي وڇوڙي کانپوءِ انيڪ سندس ادبي وارث سڏائي سندس ڪَوِتائن کي ڪيش ڪرائڻ لئه هٿ پير هڻي رهيا آهن، پر جيئري سندس ڪنهن به سار ڪونه لڌي، اُهو وفا، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ هزارين جديد سنڌي غزل وِڌا ۽ جنهن جي شاعريءَ جي سنڌ قرضي ٿي چُڪي آهي، اُن کي هِن هيڏيءَ وِشال ڌرتيءَ تي پنهنجو ڪو ذاتي گهر به ڪونه هو، هُو وطن ۾ بي وطن هو، هُو ديس ۾ درَبدَر هو، پنهنجن ۾ پَرائي هُئڻ جي پيڙا، ڌارين هُئڻ جو درد ۽ اڪيلائپ جو احساس سان کڻي هليو ويو، ۽ هاڻ اسان جي اِها دعوا قطعي دُرست ڪونهي ته اسان وفا تي ڪي وڙڪيا هُئا يا وري مٿس ڪي هَٿين - ڇائون ڪيون هُيون.
    اسان جي اوڇيءَ روش ۽ بيحسيءَ جو شڪار ٿيل وفا ناٿن شاهي هِن ئي مهيني ۾ موت سان وڃي مُلاقاتي ٿيو. عجيب اتفاق آهي جو هُن وفات کان ڏهاڪو ڏينهن اڳ ۾ مونکي هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”امر! سياري جي سَرديءَ ۾ مونکي دم جي تڪليف تمام گهڻو تنگ ڪندي آهي، سڄو بدن جَڪڙجي ويندو آهي، لڳي ٿو ته مُنهنجو موت جڏهن ٿيو ته اهِو سياريءَ جي موسم ۾ ئي ٿيندو“ ۽ واقعي! ٿيو به ايئن ئي، هُو 30 ڊسمبر 2004 جي ڊگهيءَ رات ۾ هِڪ ڊگهي ننڊ سُمهي پيو. مُشتاق علي قريشي عُرف وفا ناٿن شاهيءَ جي زندگيءَ جو بابُ بند ٿي ويو ۽ هُو اسان سان پل، پل جا رابطا ڇني هِليو ويو ڇاڪاڻ جو اِهو هُن جي دل جو فيصلوهو.
    تو سان پل پل جو................صادق فقير

     سامعين! اڄ اسلامي سال 1434 هِجري جي مهيني جمادي الاول جي 25 تاريخ آهي، جڏهن ته وڪِرمي سنبت جي آخري مهيني ڦڳڻ جي پڻ ساڳي تاريخ آهي ۽ اپريل جي ستين تاريخ آهي، اپريل عيسوي سال جي چوٿين مهيني جو نالو آهي، اپريل لاطيني ٻوليءَ جو لفظ اپرلز مان جُڙيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڦٽڻ“، حقيقت به اِها آهي ته اپريل ۾ وَڻ، ٽِڻ ۽ ٻُوٽا ڦُٽندا آهن، ۽ نوان گؤنچ ڪڍندا آهن، جيئن پاڻ وٽ ٿر ۾ خاص طور تي ڄارين، ٻائورين، ڪنڊين ۽ نمُن ۾ ٻُور لڳندو آهي، جڏهن ته روهيڙن ۾ گُل ۽ ٻائورين ۾ ڦُلي به هِن ئي مُند ۾ لڳندي آهي، انبن ۾ ٻُور به ڦڳڻ جي مُند ۾ لڳندو آهي، هِن مُند کي چيٽي مُند به چيو ويندو آهي، ۽ جڏهن چيٽ پچندو آهي، تڏهن انيڪ اکين ۾ اُميدن جا آنڀو به نسرڻ لڳندا آهن. لاهيارين جي نيڻن ۾ ڪڻڪ جي سونن رُوپن رنگن وارن سنگن جهڙا سوين سپنا سرِجڻ لڳندا آهن. ڪڻڪ جيڪا نه رُڳو اِنساني بُک کي ختم ڪري ٿي پر اِها ڇڻيل اناجَ توڻي ڀيلاڙ جي صورت ۾ پکي پکڻ ۽ جيت جڻي جي بُک به اُجهائي ٿي ڪنهن صُوفيءَ جي ڪُشاديءَ دل جهڙي هِن ڌرتيءَ جي سيني تي جڏهن ڪڻڪ جا سُنهري سنگ هوا ۾ جهولندي نظر ايندا آهن، تڏهن نه رُڳو نيڻ ٺري پوندا، پر ڪيترن ئي اوجاڳيل اکين جا ٿڪ به لهي ويندا آهن، ۽ الائي ڪيتريون آسروَند اکڙيون ڪڻڪ جي سنگن سان گڏ هوا ۾ هندورا ٻڌي جُهومڻ لڳنديون آهن. ڪارين وٽان ڏاٽا ٺپرائي اُنهن ۾ ڳاڙها ڳن وجهي کنهبي چُنيءَ جا ڪانبا ٻڌي جڏهن لاهياريون لابارو ڪنديون آهن، ۽ سُپَ هٿ تِرين تي رکي اَنُ اُڌڻنديون آهن، تڏهن سچ پڇ صدين جي بُک لمحن ۾ لهي ويندي آهي. توڻي جو هِنِ مشيني دؤرماڻهن کان لاباري ڪرڻ، چوُنڊي ڪرڻ اَنُ ڳاهِڻ ۽ وائرڻ جي وندر به کسي ورتي آهي. پر چيٽ جي مُند جو چاهه اڃان به اؤج تي آهي، هِن رُت ۾ جيڪا خوشحاليءَ جي خوشبو آهي، اِها زندگيءَ ۾ خوبصورتيءَ جا ڪيئي رنگ ڀري ٿي ۽ ماڻهوءَ کي سُونهن جي ساڃاهه توڻي تميز به تڏهن ئي ٿي سگهندي آهي جڏهن اُن جي پيٽ ۾ ڪو گرهه پيل هوندو آهي. بقولِ اياز جي سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا، دؤ بنا ڍولا! ناهي ساڃاهه سُونهن جي، اِنسان ته ڇڏيو پر چوپايو مال خاص طور ڍَڳيون به هِن مُند ۾ جسين لاڙ مان ڦري نه اينديون تيسين بيهي ناهن سگهنديون، پوءِ ڀلا اهڙيءَ مُند ۾ ماڻهوءَ جي من ۾ ڪنهن سڄڻ جي سِڪ ڪيئن نه ڪِتڪويون ڪندي ۽ اهڙي سَمئي دل ڪنهن دلرُبا کي ياد نه ڪري اِهو ٿي نٿو سگهي.
    چيٽ آيو چڙهي....................احمد مغل

     سامعين! اسان ڪافي ڀيرا اڳ به هِنن ئي پروگرامن وسيلي اِها ڳالهه اوهان سڀني تائين پهچائيندا رهيا آهيون ته خُدا ٿو ڄاڻي ڪنهن جي بدنظر لڳي آهي جو ٿر جي پُر اَمن ماحول کي نسِلي ڇڪتاڻ جي وَرُ چاڙهيو ويو آهي، اِها هڪ سوچيل، سمجهيل سازش آهي پُر سُڪون ۽ پُر اَمن خطي جي خلاف هِتان جي مُحبت ڀري ماحول کي نسلي نفرتن جي آڙاهه ۾ اُڇلائڻ وارا ڪير به هُجن ۽ ڪنهن جي به هُشيءَ تي ايئن ٿر جي شاندار روايتن جي مٽي پليد ڪرڻ جو کين ڪو به حق ڪونه ٿو پهچي. ڪڏهن، سميجا-راهمان، ڪڏهن نهڙيا-راهمان، ڪڏهن لوهاڻه-مهيشوري، ڪڏهن ڪنهن ٻئي ذات جي آڙ ۾ هي نسلي متڀيد جو زهر ٿر جي سماجي رڳن ۾ اوتڻ وارا ٿر جا قطعي سڄڻ ٿي نٿا سگهن. ڀلا معصوم اِنساني جانين کي ذاتين ۽ نسلن جي مُفادن خاطر مارڻ يا تباهه ڪرڻ ڪيئن ٿي انسان دوستي ٿي سگهي. ڪُجهه سالن کان يڪو مُسلسل ٿر جي پُر اَمن ماحول کي بيچيني جي باهه ۾ ڌوڪيندڙ نه پنهنجي پاڻ سان سچا آهن ۽ نه ئي پنهنجي ذات ۽ نسل سان. اُهِي رُڳو ذاتي اَنا ۽ ضد جي ڪري ماڻهو مارائي مُفاد ماڻڻ گهرن ٿا، ۽ اهڙا واقعا يا لقاءُ جيڪي اِنسانيت کي لڄائيندڙ آهن اُهي نه رُڳو ٿر جي اڇي اُجري اجرڪ جهڙي تاريخ جي بدن تي بدنماع داغ آهن، پر ٿر جي تهذيب ۽ تمدن تي به ڪاري ٽڪي جيئان آهن. ڇو ته لطيف جي لازوال ڪردار مُحبِ وطن مارئي جي مُلڪ ملير جي نه اهِا ريت آهي ۽ نه ئي ڪا روايت، اسان ته ڀٽائي جي اُن بيت جا باندي آهيون جنهن ۾ هُن فرمايو ته هلو، هلو ڪاڪ تڙين، جتي نيهن اُڇل، نڪو جهل، نڪو پل، سڀڪا پسي پرينءَ کي. ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو اسان جو مَرڪ ڪونهي. ماڻهو ماري پلاند پاڙڻ اسان جي تهذيب ڪونهي، پنهنجن صفن مان اهڙين ڪارين رڍن کي لوڌي ڪڍو جيڪي اسان ۽ اوهان جي پوري نسل کي فبيلائي ٻُوهئي ۾ ڏيئي تباهه ڪرڻ ٿا چاهين ۽ برباد ڪرڻ چاهين ٿا.

     سامعين! اڪثر ڪري پاڻ وٽ ايئن ٿيندو آهي جو هر ماڻهوءَ کي اِها هَٻڇ پئدا ٿي پوندي آهي ته فلاڻي وٽ سُٺي نوڪري، وڏو بنگلو ۽ ڪار آهي، ته مون وٽ به اِهي شيون هُئڻ گُهرجن، پوءِ چاهي ته اُنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا به ناجائز طريقا اختيار ڪرڻا ڇو نه پون. پر ٻه ماڻهون ٻڌرائڻ، ٻه ماڻهو ڇڏرائڻ، آفيسرن ۽ وقت جي وڏن صاحبِ حيثيت شخصيتن سان سُٺا ۽ سَڻڀا تعلقات هُئڻ ئي وڏ ماڻهپي جي علامت سمجهي وڃي ٿي. انهي جاگيرداراڻي طبقاتي سماج جي مُدي خارج سوچ جي منفي اثرن پوري مُعاشري کي ڪنهن وَبا جيئن وڪوڙي ڇڏيو آهي، ايستائين جو اسان جو هڪڙو عام ماڻهو به اهڙي سوچ جو شڪار آهي ته هُو به ڪنهن طريقي اِنهي عياشي ۽ آسائش جو سمورو سامان هٿ ڪري وٺي، اوهان ڪنهن به ماڻهوءَ کان پُڇي ڏسو ته هُو پنهنجي اولاد کي ڇا بنائڻ ٿو چاهي؟ يعني دنيا جي ڪهڙي درجي تي ڏسڻ ٿو گهُري. سؤ مان 95 فيصد جيڪو فيڊ بيڪ مِلندو، اُهو اِهو ئي هوُندو ته مُنهنجو پُٽ وڏو ٿي وڏو ڪامورو ٿيندو، پر ڪڏهن به ڪنهن ائين نه ٻُڌايو هوندو ته مُنهنجو پُٽ وڏو ٿي سُٺو ماڻهو يا سُٺو اِنسان ٿيندو. ڪنهن شاگرد کان پُڇي ڏسو ته تون پڙهي ڇا ٿيندين؟ جواب اُهو ئي توريل تڪيل ته ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي مُلڪ ۽ خلق جي خدمت ڪندس ۽ پوءِ جيڪا مُلڪ ۽ خلق جي خدمت ٿيندي سا پاڻ سڀني کي ساري پيئي آهي. اصل ۾ آهي ڇا جو، جيڪي ماڻهو احساس ڪمتريءَ ۾ مُبتلا هُوندا آهن، اُهي ئي احساسِ برتريءَ جو شڪار ٿيندا آهن. ترقي ڪري وڏن عهدن تي پهچڻ ۽ خوشحال زندگي گذارڻ جو هر فرد کي حق آهي. پر اِهو ضروري ڪونهي ته اُنهن وڏين ڪُرسين تي ويٺل اعليٰ عملدارن جي اندر ۾ انسان به اعليٰ صفتن جو مالڪ هُجي. تجربو ٻُڌائي ٿو ته اڪثر ڪري عُهدا ته وڏا هُوندا آهن، پر اُنهن جي ڇٺيءَ هيٺيان ويٺل همراه بنهه ڄامڙا هوندا آهن، ۽ جن ۾ ماڻهپو ته وري ڳوليو به ناهي لڀندو. دراصل وڏ ماڻهپو سُٺي نوڪري، سُٺن ڪپڙن ۽ ٺٺ ٺانگر ۾ پنهان ناهي هوندو، اُهي ته اعليٰ اِنساني صفتون، انساني آدرشن ۽ قُدرن جو احترام ڪرڻ سان ئي ماڻهوءَ جي مَن ننگر ۾ ظهور پذير ٿينديون آهن. سو وڏو ماڻهو اُهو ناهي جيڪو وڏو صاحب آهي يا صاحبِ حيثيت آهي، پر وڏو ۽ عظيم ته اِهو آهي جيڪو انسان دوست فطرت دوست، وطن دوست ۽ عوام دوست آهي پوءِ چاهي اِهو ڪوئي ڪِرڙُ ڪانڊيرو هُجي يا ڪو ايرو غيرو نٿو خيرو ڇو نه هُجي.

     سامعين! اسان جا هي صُوفي شاعر جيڪي پنهنجي دؤرجا وڏا ڪلاسيڪل شاعر هُيا ۽ جن جو ڪلام صدين تائين پئي پُراڻو نه ٿئي جهڙو آهي. اُنهن عظيم ڪلاڪارن جي فڪر جي ڦرهي جيڪڏهن اسان ماڻهن هِنئين سان هنڊائي ته دُنيا جي ڪا به طاقت اسان کي اڌي پنڌ ۾ ماندو ڪري مارڻ جو سوچي به نٿي سگهي. ڇاڪاڻ جو اسان جي اِنهن ئي انقلابي شاعرن جي فِڪر ۽ فلسفي ۾ ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه“ يا ”سُتا اُٿي جاڳ“ جهڙا سُجاڳيءَ جا سڏ شامل آهن. جن جي سون سريکيءَ شاعريءَ ۾ ”ڪنڊا مون پيرين لک لڳن ته به جُتي جات نه پايان“ جهڙي جُرئت هُجي، جنهن ۾ هلندي ڪا هوتن ڏي جهڙي هڪل هُجي، اُها شاعري پير پساري ويهڻ کان روڪي ٿي، بلڪِ ڏِنگا ڏونگر ڏارڻ جو ڏس ڏي ٿي ۽ گس ڏيکاري ٿي، ۽ اُٿي رائو ريلڻ لئه اُڪساهي ٿي ۽ اُتساهي ٿي. جيڪا شاعري سنجهي مان ئي مُنهن ويڙهي مُئن جيئن سُمهڻ نٿي ڏي، جيڪا شاعري هلڻ ۽ هڪلڻ جا هوڪا ڏي ٿي، جيڪا شاعري مانجهيان ايءَ مَرڪُ جو دلرُبا درس ڏئي ٿي، ۽ ڏورينديون ڏِسن اڱڻ عجيبن جا جي پٽي پڙهائي ٿي، سندن اهڙيءَ سدا بهار شاعريءَ جي هر سڏ ۽ واڪي ۾ اُها سگهه ۽ شڪتي آهي، جيڪا مِليو ته مِلندياسين نه ته جتن تان جان گهورڻ لئه به ذهني طور تيار ڪريو ڇڏي، ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪٿان ڪو سُوريءَ مٿي سڏ ٿئي ٿو ته ماڻهوءَ کي ”مون سين هلي سا جا جيءَ مِٺو نه ڪري جهڙي هامَ هڻڻ جي حوصلي سان هٿياربند ڪريو وجهي. هيءَ اُها شاعري آهي جيڪا سُکن واري سَڌ متان ڪامون سان ڪري، يا وريتون آئين سڀ ورو آئون نه وَرندي ورريءَ، يا اڃا به جهاڳنديس هِن جبل جو تانگهو ترو جهڙي جذبي سان سَرِشار ڪريو ڇڏي. ها! هِيءَ اُها ئي شاعري آهي جيڪا آڏو ٽڪر ٽُر متان روهه رتيون ٿيئن جهڙي جان ۾ جُرئت پيدا ڪري ٿي. هيءَ اُها شاعري آهي جيڪا جيسين آهيون جيئرا تيسين ورچي ويهڻ نٿي ڏي ۽ سکر سيئي ڏينهن جي مون گهاريا بند ۾ جي پُختي عزم سان نيئرن سان نيهنَ اُجاريو اڇا ڪريو ڇڏي ۽ ماڻهو جيها ڪي تيها مون مارُو مڃيا جي عالَمي اصول تحت ويڙهيچن سان وچن پارڻ لئه ڀٽائي جي هِن بيت جو عملي تفسير بڻجيو پَوي. ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، کٿيرو وئي خوب، ميرو ئي محبوب، اسان مارُو من ۾.
    لوئي ۾ لائون ................... عبدالغفور سومرو

     سامعين! ڪُجهه ڏهاڙا اڳ ۾ يعني پنجين آڪٽومبر تي سِڄي دنيا ۾ اُستادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ اِن ڏينهن کي سلامِ ٽيچر طور ملهايو وڃي ٿو. ڪيترائي اهِل دِل ۽ اهِل علم انسان پنهنجي اُستادن کي اِن ڏهاڙي تي عزت و احترام سان ياد ڪندا آهن، کين تحفا ۽ سوکڙيون اُماڻي سلام پيش ڪندا آهن. پڙهيل لکيل سماج ۾ پنهنجي اُستادن جي ڪيتري اهميت ۽ عزت آهي. اُها دنيا جي سُڌريل مُلڪن ۾ رهندڙ يا اُتان ٿي ايندڙ ئي ڄاڻن ٿا، جن قومن ترقي ڪئي آهي ۽ جيڪي قومون سڄي دُنيا تي حاڪميت ڪن ٿيون اِنهن جي اِن ترقيءَ پُٺيان ٻين ڳالهين سان گڏ پنهنجي اُستادن جو احترام ڪرڻ، کين جائز حق ۽ مقام ڏيڻ ئي آهي. اِن لاءِ رُڳو هڪڙو مثال ڏيان ٿو ته اردوءَ جي ليکڪ اشفاق احمد لکيو آهي ته آئون رُوم اِٽلي ۾ رهندو هُئس، هڪ ڏينهن تڙ تڪڙ ۾ مُنهنجي گاڏي چالان ٿي، پنهنجي ذاتي مجبورين ۽ مصروفيتن سبب چالان ڏنڊ پياري نه سگهيس ته ڪورٽ سڳوريءَ ۾ گهرايو ويس. اُتي مونکي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو مون جج صاحب کي مُخاطب ٿي چيو ته سائين آئون هڪ پروفيسر آهيان، تمام گهڻو مصروف رهان ٿو اُن ڪري وقت ئي ڪونه ميلو جو چالان پياري سگهان. اڃان هُن جي ڳالهه جاري هُئي جو جج سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي فرمايو ”هڪڙي احترام لائق اُستاد کي ڪورٽ ۾ آندو ويو آهي؟ ايتري ۾ سڀئي ماڻهو ڪورٽ ۾ اُٿي بيٺا ۽ اُن اُستاد جي احترام ۾ سڀني نمي کيس سلام پيش ڪيو، نه رُڳو اِهو پر سندس چالان ڪيس به ختم ڪري کائونس معافي ورتي وئي، اشفاق لکي ٿو ته مون کي فوري طور اُن قوم جي ترقيءَ جو راز سمجهه ۾ اچي ويو.
    ڇا ٿا سمجهو پاڻ واري ڀٽاري سماج ۾ آهي ڪا اهڙي اهليت، اهڙو لاجواب مثال قائم ڪرڻ جي، ايئن به ڪونهي ته هتي صفا سُڃ ٿي ويئي آهي ۽ ڪو اهڙو اُستاد ئي ڪونهي بچيو جيڪو احترام لائق هُجي. ڳالهه اِها ڪونهي اڃا به ڪيئي آهن پر ڳالهه اهِا آهي ته اسان ماڻُهن مان چڱيون روايتون موڪلائي ويون آهن. خدا تعاليٰ اسان ۽ اوهان کي عِلم، ادب، شعور ۽ ساڃاهه ڏي جو پنهنجن ۽ پراون کي سُڃاڻي سگهون ۽ عزت ۽ احترام ڏيئي وٺي سگهون.

     سامعين! اسان مان گهڻن دوستن کي اڪثر ڪري اِها شڪايت آهي ته اسان جو ڪٿي به ڪو جائز ڪم رشوت ڏيڻ کان سواءِ نٿو ٿئي، حق نٿو ملي يا انصاف ڪونهي وغيره وغيره. مڃون ٿا ته هڪ سرمائيداراڻي سماج ۾ ڪي به نا انصافيون ٿي سگهن ٿيون، حق تلفيون ٿي سگهن ٿيون، ۽ زيادتيون ٿي سگهن ٿيون، پر ڪڏهن اِن ڳالهه تي ويهي ويچاريو اٿئو ته اسان پاڻ اِنهن ڳالهين ۾ ڪيترو انوال آهيون؟ يقينن توهان جو جواب اِهو ئي هُوندو ته اسان وٽ ڇاهي، سڀڪُجهه اُنهن وس آهي جن وٽ اختيار آهن، بلڪل اسان به اوهان سان سئو فيصد سهمت آهيون، پر جيڪڏهن اسان چاهيون ته اِهو سڀ ڪُجهه ختم ٿي سگهي ٿو، مثال طور اسان کير ۾ پاڻي ملائڻ بند ڪريون، ملاوٽ ختم ٿي ويندي، اسان رشوت ڏيڻ بند ڪريون، رشوت جو رواج ئي ختم ٿي ويندو. اسان سفارش ڪرائڻ بند ڪريون، سفارش بند ٿي ويندي، اسان ڪاپي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ بند ڪريون ته ڪاپي ڪلچر ختم ٿي ويندو. اسان ڊيوٽي چوري بند ڪريون، اهو مرض به ختم ٿي ويندو. اسان ٻي جي حقن جو احترام ڪريون، حق تلفيون ختم ٿي وينديون، اسان نشيدار شيون واپرائن بند ڪريون، اهو ڌنڌو ئي بند ٿي ويندو، اسان ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙيون شاهِديون ڏيڻ ۽ چُّغلخوري بند ڪريون سڀئي جهيڙا جهٽا ختم ٿي ويندا، اسان پاڻ کي ٻين کان بهتر سمجهڻ بجاءِ ٻين جهڙو سمجهون، اسان پنهنجي ذهن، ضمير ۽ دل و دماغ کي ائين وسيع ۽ ڪشادو ڪريون جيئن هيءَ ڪائنات آهي، صبر، شُڪر ۽ سهپ جو مادو ڌاريون ته هي سماج اوهان ۽ اسان جو آئيڊيل سماج ٿي سگهي ٿو، هن سماج کي انسان دوست بنائڻ لئه اسان ۽ اوهان جيڪي پڙهيا لکيا آهيون، جيڪي سُڄاڻ فرد آهيون اُنهن تي ئي سڀ کان وڌيڪ ذميواري عائد ٿئي ٿي، پر مسئلو اِهو آهي ته ايئن ڪري ڪير؟ ظاهر آهي ته ڪو به انقلاب، ڪابه تبديلي سواءِ قرباني ڏيڻ جي خيالي پلاءُ پچائڻ سان ڪڏهن به ڪونهي ايندي. جيڪڏهن هر ڳوٺ مان هڪ فرد به اِن قسم جو تيار ٿي پَوي ته ٿر ۾ لڳ ڀڳ چوويهه سئو ڳوٺ آهن ۽ جڏهن اڍائي هزار نوجوان سماج سُڌار جذبي سان سرشار ٿي ڪائي هلچل هلائيندا تڏهن سماج ته ڇا پر تاريخ جا رُخ به تبديل ڪري ڇڏيندا، شرط اهِو آهي ته دل ۾ ديس جو درد هجي انساني قدرن ۽ آدرشن جو احساس هُجي، پوءِ هِن خطي جا، مارو ماڻهو ڪڏهن به ڪو ڏکيو ڏينهن ڪونه ڏسندا.

    خوش هُجن............................ احمد مغل

     سامعين! اڄ چوڏهين فيبروري آهي ۽ يقينً اوهان مان اُهي ماڻهو، جيڪي اهِل دل آهن، اُنهن کي اهِا ڄاڻ اوس هوندي ته اڄوڪي ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ ويلنٽائين ڊي يعني مُحبت جي اظهار جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ڏينهن ڪهڙو به هُجي، اصل اهميت اِن ڳالهه جي آهي ته ماڻهو اُن کي ڪهڙي اک سان ڏسن ٿا ۽ ڪيتري اهميت ڏين ٿا، اڄوڪيءَ ڏينهن تي پوُري دُنيا جا پريمي پريم پتر لکِي، جن کي ٻين لفظن ۾ عشق ناما به چئي سگهجي ٿو، ڀرپُور مُحبت جو اظهار ڪندا آهن، تو ڻي جو هِي هڪڙو عام روائتي ڏڻ آهي پر اِن ڏڻ جي اهميت اُن ڪري به آهي جو اِهو مُحبت جي يادگار ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو ۽ جنهن ڏينهن يا روايت ۾ مُحبت جهڙي لافاني جذبي جو ذڪر هُجي اِهو جذبو، اِهو احساس ئي آفاقي جذبو هُوندو آهي. جنهن کي ڪا به حد، ڪا به سرحد لافاني حيثيت اختيار ڪرڻ کان روڪي ناهي سگهندي. بلڪِ هي هڪ اهڙو لازوال عالمي احساس بڻجي پوندو آهي، جنهن کي سڄي دنيا پنهنجو سمجهي ٿي، نفرتن جي هِن گهاٽي جهنگ ۾ جيڪڏهن ڪو احساس ڪو جذبو اوهان کي مُحبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ اُتساهي ته اِها ئي انسانيت جي اعليٰ معراج جي علامت ۽ اُهڃاڻ آهي، سو اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان اوهان ڪنهن کي ڪو گُل آڇي به مُحبت جو اظهار ڪري سگهو ٿا، ڪو خط لکي، ڪو فون ڪري، ڪو ميسيج موڪلي به پنهنجائپ جو احساس ڏياري سگهو ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اوهان جي اُماڻيل نينهن نياپي تي ۽ اوهان جي موڪليل هڪ مُحبت ڀَري ميسيج تي ٽُٽل رشتن جو ريشمي ڌاڳو ٻيهر ڳنڍجي وڃي، ڪو ڇنل ناتو وري جُڙي پئي ۽ اوهان جي پيار تي اڳئين کي اعتبار اچي وڃي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀروسو بحال ٿي وڃي. سو ڪوشش اهِا ڪريو ته جيئن پيار ڳنڍجي پر ڇنجي هرگز نه. ڇو جو اسان جي شاعرن به اسان کي اهِو ئي درس ڏنو آهي ته؛
    پيار ٽوڙي ڇڏيون، بي ضميري ڪريون،
    ڇو انا ايتري اڄ ضديري ڪريون،
    دل بڻي آ صدا، عشق ڪِشتو نواز!
    بادشاهي ڇڏي ٿا فقيري ڪريون.

     سامعين! ڪڏهن، ڪڏهن ڪِن ڳوٺن ۾ وڃڻ ٿيندو آهي، اُتان جو ماحول ۽ اُتان جي لوڪيشن ڏسي سچ پُڇو دل باغ بهار ٿيڻ لڳندي آهي، ڇاڪاڻ جو ڳوٺن جو جيڪو فطري حُسن آهي، اُتان جو جيڪو پُرامن ماحول آهي، اهِو هر فطرت شناس ماڻهوءَ کي موهي وجهندو آهي ۽ ماڻهو اهڙي ماحول مان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي، تازو اسان جي انائونسر دوست عطا مُحمد چاري جي ڳوٺ وڃڻ ٿيو، گهڻن ڏينهن کانپوءِ سندس ڳوٺ ڀاڏارو ڏٺم. ڳوٺ جي آسپاس وڻن جا ويڙها ڏسي دل کي تراوت ۽ فرحت جو احساس ٿيو. وڏا، ڊگها ۽ گهاٽا ڪُونڀٽ، ڊُوها، کٻڙ ۽ اُنهن جا ويڙها ڊگهيون ۽ پکڙيل ٻيرين، جهُونا ڪنڊن جا درخت ۽ ڪنهن ڪڙياهُون ويهٽ پڙي وانگر پکڙيل ٻائوريون ڏسي، دل اِنهي ڳوٺ جي ماڻهن کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي ڪونه سگهي. پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هِن ڳوٺ ڀاڏاري جو نيڪ مَرد مُحترم ابن چارو ڪنهن کي وڻن مان هڪڙي سائي ٽاري به وڍڻ ناهي ڏيندو. دل بي ڌڙڪ چئي ڏنو ته يو آر گريٽ. ابن سائين تو کي سلام آهي! اهڙن ماڻهن کي ئي هِن ڌرتيءَ تي رهڻ جو حق آهي، پر جڏهن وري ڪِن ٻين ڳوٺن جي سيمُن تي نظر پئجي ٿي ته دل سڙيو ڇار ٿيو پوي. ڪافي اهڙا ڳوٺ آهن، جتي جيڪو به ڇورو ڇَڪر، ڌراڙ وَڇار گهران ڪاوڙجي ڪُهاڙي کڻي نڪري ٿو ته اُها ڪاوڙ ڪنهن نه ڪنهن مسڪين وڻ مان وڍيو ڪڍي، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن، جيڪي روڏا ٿي ويا آهن. حڪومت جي هزارين بندشن باوجود وڻن جي نه رُڳو واڍي جاري آهي پر وڪرو به بنا ڪنهن بريڪ جي جاري و ساري آهي. اسان جيڪي اِنسان دوست ۽ ماحول دوست آهيون يا سڏرايون ٿا، اُنهن جي اِها ذميواري آهي ته ماحول دشمن مافيائن جي هِن ڪُڌي ڪم کي نه رُڳو آڏي ڪاٺي ڏيون. پر کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ به آڻي بيهاريون. ۽ اسان هي ڪلام ارپيون ٿا اُنهن سڀنيکي جن اڄوڪي ڏينهن ۾ ڪنهن وڻ جي هڪ ٽاري به ناهي وڍي.

    اسين ماڻهو ڳوٺن جا....................... ساگر سنڌي

     سامعين! سماجي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪري بگاڙ ۽ بَداَمني اُن ڪري پيدا ٿيندي آهي، جو ماڻهو ڪا خبر ڪٿان ٻُڌنڌا آهن ته فورن اُنهي اُفواهه تي ڌيان ڌري بنا ڪنهن جاچ جُوچ جي، اُنهي بي بُنياد اُفواهه پُٺيان ڊُڪڻ ۽ ڊوڙڻ لڳندا آهن ۽ اهڙي خبر جنهن کي پاڻ ماڻهو لڪڙ تار چئون ٿا، سو جيڪڏهن اُن خبر يا معاملي متعلق ڪا تحقيق ۽ تصديق ڪيئي وڃي ته هُوند گهڻا جهيڙا، جهڳڙا ۽ دنگا فساد پيدا ٿيڻ کان پهريان ئي ختم ٿي وڃن پر مسئلو ڇا آهي ته اسان ڪنهن به ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ئي ناهيون ڪندا ۽ اڳواٽ حتمي راءِ قائم ڪري ڇڏيندا آهيون ته فلاڻي ڳالهه يا شيءَ ائين ئي آهي، جيئن اسان ڏٺي آهي يا ٻُڌي آهي، نتيجي طور ٿئي ڇا ٿو جو اسان جي اُها ڳالهه يا راءِ غلط ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ڪنهن نه ڪنهن جهيڙي جي جَڙ اسان پاڻ ئي بنجون ٿا، اِهو اُن ڪري جو اسان شيئن کي عقلي ۽ سائنسي اصولن تحت پرکڻ کان قاصر آهيون.
    جَدلياتي ماديت جي اصول تحت ڪا به شئي يا ڪا به ڳالهه جيئن اسان ڏسون ٿا يا ٻُڌون ٿا، اِها ائين ئي دُرست هُجي، اِهو ضروري ڪونهي، مثال طور پاڻ هڪ ٽوهه کي پري کان بلڪل ڳاڙهي گدري جهڙو ڏسون ٿا، جيڪو ڏسڻ م ته واقعي ڏاڍو خوبصورت آهي، اِهو اُنهي ٽوهه جو خار جي پهلو يعني جوهر آهي، پر اُن جو اندر سندس ٻاهرين روپ کان بنهه ابتڙ آهي، يعني ٽوهه جي اندروني هِئت يا ڳُر سندس ٻاهرين ڏيک جي نفي ڪري ٿو ۽ اُهو کارو زهر آهي، اِن مان ثابت ٿيو ته شيون جيئن اسان کي ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿيون. اصل ۾ ايئن آهن ڪونه، تڏهن ئي ته دُنيا جا داناهه چون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ تحقيق ۽ کوجنا ڪرڻ جو سامان ۽ وقت مُيسر ڪونهي ته پوءِ اُن ماڻهوءَ لئه ٻيو آپشن اِهو آهي ته هُو مذڪوره مسئلي جي باري ۾ خاموشي اختيار ڪري، بجاءِ اُن جي، جو وَتي ناقص معلومات جي آڌار اجاين ڳالهين جا ڳوٺ اڏيندو، جنهن جو نتيجو نيٺ آخر ڪنهن ڪشيدگيءَ جي صورت ۾ ئي ظاهر ٿئي ٿو، اُن ڪري اڻ پُوري ڄاڻ ۽ اڻ تصديق ٿيل خبر بابت ڪا راءِ زني ڪرڻ کان بهتر آهي، چُپ چاپ رهَجي، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن خاموش رهڻ به ايترو ئي ضروري هُوندو آهي. جيترو ڳالهائڻ.

     سامعين! پاڻ ماڻهو هڪ اهڙي مُعاشري، هڪ اهڙي سماج ۾ رِهائش پذير آهيون جيڪو نه ته سَئو سيڪڙو زرعي معاشرو آهي ۽ نه ئي وري سَئو سيڪڙو سرمائيداراڻو سماج آهي. جيتوڻيڪ هيءَ هڪ جاگيرداراڻي سماج جي ڪُجهه قدر سُڌريل شڪل آهي پر منجهس اڃا به اونچ نيچ واري طبقاطي نظام جا مُدي خارج جراثيم موجود آهن، جيڪي سڌو سنئون عوامي استحصال ڪري رهيا آهن، اِنهن غلامانه نظامن جون پنهنجون ريتون، رسمون ۽ قدر ٿين ٿا، جيڪي گهڻو ڪري مُٺ جيتري پَڇ ڍاوَن ماڻهن جي بَڇ تي انساني احسانن، ۽ قدرن جي لتاڙ ڪندي دير ئي نٿا ڪن. اهڙي سماج ۾ عزتِ نفس ته ڪا معنيٰ ڪو نه ٿي رکي، دراصل جيستائين مڊل ڪلاس نٿو اُڀري يا اُهو موقعي پرستيءَ ۽ مُفاد پرستيءَ جي ڄار مان نٿو نڪري تيستائين پيڙجندڙ پورهيت عوام جي استحصالي قوئتن مان جان آجي ٿي ڪانه سگهندي. عام ماڻهوءَ ۾ عِلم جي اَڻهوند ۽ پنهنجن حقن کان لاتعلقي ۽ لاپرواهي ئي هِن طبقاتي سماج جي مَرضيل وجود کي آڪسيجن فراهم ڪري ٿي، سو جيستائين پيڙهيل پورهيت طبقو پنهنجي هُئڻ جي احساس کان آشنا نه ٿيندو، پنهنجي حقن جو کيس شعور حاصل نه ٿيندو تيستائين سندن حالتِ راز کي ڪو ٻيو اچي ڪو نه بدلائيندو. ذرا اِن ڳالهه تي غور ڪريو ته هِي بيروزگاري، بَدحالي، بُک، مهانگائي ۽ ڏُک ڏولاوا رُڳو مسڪين ماڻهن جو مُقدر ڇو آهي؟ اوهان ڪڏهن ڪنهن جاگيردار ڪنهن سيٺ، ڪنهن سردار، ڪنهن پير، ڪنهن مير، ڪنهن ڀوتار، ڪنهن رئيس ۽ ڪاموري جي رِهائش، آسائش ۽ زندگي کي جانچي ڏٺو آهي؟ جيڪي موٽر سائيڪل تي گُهمندا هُئا، اُهي ٽوڊِي ڪارن ۽ اي سي ڪوچن جا مالڪ آهن، جن وٽ هڪ ٻارو ٻني هُوندي هُئي، اُهي اسٽيٽس جا ڌڻي آهن، مسواڙ تي ڪمري ۾ رهندڙ آر، سي، سي بنگلن جا مالڪ رات جي پيٽ ۾ ڪيئن بڻيا آهن؟ ٿورڙو پنهنجي اوسي پاسي ماحول جو جائزو وٺو، ۽ پوءِ ويهي پاڻ ۾ تجزيو ڪريو، نتيجو جيڪڏهن مُنهنجي راءِ جي حق ۾ اچي ته مڃي ڇڏجو پوءِ ڏجو ڀلي کڻي مِرين جي کري ۾.

     سامعين! دُنيا ۾ سڀ کان سوَلو ڪم ٻين تي تنقيد ڪرڻ آهي ۽ سڀ کان ڏُکيو ڪم پنهنجي اصلاح ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ جو ڏٺو ايئن ويو آهي ته اسان پاڻ ڀلي پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪک جهوري ٻيڻو نه به ڪريون، پر اسان جون عُقابي اکيون ٻي جي ڪم ڪار تي ڪُرڙي اک رِکڻ جون آڙيڪاپ هُونديون آهن. اسان پنهنجو پاڻ ته ڀلي غلطين جا گُدام هُجون، يا ڪُجهه به نه ڪرڻ جو قسم کائِي هٿُ، هٿ تي ڌري ويهي رهون، يا ايئن کڻي چئجي ته پاڻ کان ته ڪُجهه نه پُڄي، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪو چڱو ڪم ڪري ڏيکاري ته اُن جي اُنهي ڪم مان ايئن عيب ڪڍنداسين، جيئن مکڻ مان وار ڪڍبا آهن. آئون پنهنجي ذاتي تجربي آڌار ٻُڌايان ٿو ته مون پاڻ کوڙ اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي پاڻ ته ڀلي ٽڪي جو به ڪم ڪري نه ڄاڻن يا ڪرڻ نه چاهين پر ٻين تي هميشه اُکڙيءَ ڪُهاڙي ايندا آهن، ۽ مون ذاتي طور اِهو به محسوس ڪيو آهي ته ڪُجهه ماڻهو ذاتي پسند، نا پسند جي بُنياد تي يا ذاتي اختلاف راءِ جي ڪري به ٻين جي عيب جو ئي ۽ گلاخوريءَ مان ورچندا ئي ڪونهي. اِها ئي اسان جي مَرضيل سماج جي اُها ناڪاره ۽ فرسوده سوچ آهي. جيڪا سماجي ۽ مُعاشي ترقيءَ آڏو رُڪاوٽ آهي، اختلاف راءِ جو هر ڪنهن کي جهموري حق آهي، ۽ اُن کان کين ڪو روڪي به نٿو سگهي، پر تنقيد براءِ اصلاح ئي تعميري سوچ کي جنم ڏيندي آهي، جيڪا ئي مُعاشري تي پنهنجا مُثبت اثر ڇڏيندي آهي، پر ذاتي وير، ڪيني ۽ بُغض واري تنقيد سماج ۾ بگاڙ ۽ بَداَمني ته پيدا ڪري سگهي ٿي پر ڪو لاڀ ڏيئي نٿي سگهي. هُونئن اِها ڳالهه به ڌنئوري ڏينهن جهڙي چٽي آهي ته جتي ڪم ٿيندو اُتي غلطيون به ٿينديون ۽ جتي ڪُجهه ٿيندو ئي ڪونه اُتي غلطين جي گُنجائش ڪونهي، سو مُنهنجي خيال ۾ ڪُجهه نه ڪرڻ کان بهتر آهي ڪُجهه نه ڪُجهه ٿيندو ئي رهڻ گُهرجي. پوءِ ڀلي پئي اُن تي تنقيد ٿئي، پر هڪ ڳالهه هِتي اهِا به غور لائق آهي ته اجائي تنقيد ڪرڻ ۽ ٻي تي آڱر اُڀي ڪرڻ کان اڳ ۾ ايترو ضرور سوچيو ته اوهان جي هٿ جون باقي آڱريون اوهان پاڻ ڏانهن اشارو ڪري رهيون آهن، سو اوهان پنهنجيءَ ڇاتيءَ ۾ پايو جهاتي اِسان اوهان کي ٻُڌايون ٿا هِي حَسين ڪلام.

    گُل کان به مِٺا ماڻهو............... ثمينه ڪنول

     سامعين! اڄ ٻارهين جُون آهي ۽ ٻارهين جُون تي سڄي دنيا ۾ ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرائڻ خلاق سُجاڳي جو سڏ ڏنو وڃي ٿو. ٻار جيڪي اسان جو مستقبل آهن، ٻار جيڪي اَسان جو روشن آئيندو آهن، اُنهن جي حقن جي پورائي ۽ پاسداريءَ سان ئي ڪنهن معاشري جي صحيح معنيٰ ۾ ترقي ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن مُکڙين جهڙن اِنهن معصوم ٻارڙن جي نازڪ و نفيس هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب بدران پانا ۽ هٿوڙا ڏينداسين، سندن ڪچڙن هٿن ۾ رانديڪن بدران ٻُهاريون، ڏاٽا، ڪُهاڙيون ۽ ڪوڏرين ڏئي کائون سندن عُمر ۽ سگهه کان وڌيڪ ڪم وٺنداسين، ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ ئي کين سخت پورهئي جي حوالي ڪنداسين ته اِهو اسان جي قوم جو سڀ کان وڏو الميو ئي چئي سگهجي ٿو. هِن وقت سنڌ ۾ ٻارڙن جي حوالي سان جيڪي انگ اکر آهن اُنهن مطابق هِتي سنڌ ۾ تقريبن 8 ڏهائي 62 ملين ٻارڙن مان اٽڪل 0 ڏهائي 30 ملين ٻار غربت ۽ ٻين ڪارڻن جي ڪري مُختلف سخت ڌنڌن جهڙوڪ قالين جي اُڻت، سِرن جي کُورين يا بٺن تي ڪم ڪرڻ، واڻ يا کجيءَ مان رسيون، تڏا وغيره ٺاهڻ، کاڻين جي کوٽائي، رستن تي پٿر ڪُٽڻ، شهرن ۾ بنگلن تي ٻُهاري، ڌوتي وڇري ڪرڻ، هوٽلن تي بيراگري ڪرڻ، بسن ۽ گاڏين تي ڪم ڪرڻ، دُڪانن، مانڊڻين، رِڪشائن، زرعي زمينن سميت ڪيترائي اِهڙا پورهيا اِنهن معصوم ٻارڙن کان ورتا وڃن ٿا، جيڪي نه رُڳو اِنهن ٻارڙن جي حقن جي خلاف ورزي آهن، پر قانوني طور تي به جُرم ۾ شُمار ٿين ٿا. حقيقت اِها آهي ته ٻاراڻي عُمر ۾ اُنهن کان سخت پورهيو ڪرائڻ ساڻن سخت ناانصافي آهي، جيڪا ٻين سان گڏ خود مائٽ به چند ڏوڪڙن عيوض ڪن ٿا، ٻارڙن کي پالي، پڙهائي عِلم ۽ هُنر سان هٿيار بند ڪرڻ جتي مائيٽن جو فرض آهي اُتي اسان جي سماج جي اُنهن سَرنديءَ وارن ماڻهن تي به اِها ذميواري عائِد ٿئي ٿي ته اُهي ٻارڙن جي بهتر تعليم ۽ تربيت جي بندوبست سان گڏ سندن مائٽن جي غُربت کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن، هُوند وارا جيڪي به ادارا، شخص ۽ سِول سوسائٽيءَ جا ماڻهو آهن، اُنهن تي اِها ذَميواري اڃا به وڌي وڃي ٿي ته اُهي نه رڳو ٻارڙن جي حقن بابت اويرنس پيدا ڪن، پر سندن مائٽن جي به مالي توڻي اخلاقي مدد ڪن ته جيئن اُهي پنهنجي معصوم ٻارڙن کي ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي پورهئي ڪرائڻ بجاءِ پڙهائڻ، سندن راند روُند سميت ذهني ۽ جسماني نشونما تي ڌيان ڏين، ڇو ته اِهي ابهم ٻارڙا اِن ڪچڙيءَ ڄمار ۾ پورهيو ڪندي نه پر پڙهندي، راند رُوند ڪندي، کِلندي ۽ ڪُڏندي، گهُمندي ئي سُٺا لڳن ٿا ۽ اِهو سندن حق به آهي.
    پيار منجهاران پينگهو لوڏي ........... سرمد سنڌي


    5

     سامعين! ڪُجهه ڏينهن اڳ ۾ پُوري دنيا ۾ ماحوليات جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هِن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اِهو هو ته جيئن دُنيا تائين اهِو پيغام پهچايو وڃي ته هيءَ جيڪا ماحولياتي آلودگيءَ آهي. اِها پوري دُنيا لاءِ پريشاني جو سبب، ڳڻتي ۽ ڳاراڻي جو ڪارڻ آهي. ڇاڪاڻ جو اسان اِنسانن خود قدرتي نظام سان، ۽ فطري ماحول سان هيءَ جيڪا هَٿ چُراند شروع ڪئي آهي، اُن جو نتيجو ته ڀوڳڻو ئي پوندو نه! ۽ هي جيڪي موسمي تبديليون، گرميون، سرديون، طوفان، زلزلا، ڏُڪار ۽ ٻيا ڏجها اِهي سڀئي فطري سُونهن کي ڇهيو رسائڻ جو نتيجو آهن، قدرتي نظام کي تباهه ڪرڻ جو ردِعمل آهن. هن وقت سڄي دنيا ۾ ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري چمڙي ۽ ساهه جي بيمارين ۾ اظافو ٿي رهيو آهي. گلوبل وارمنگ وڌي رهي آهي، گليشير ڳري رهيا آهن، دُنيا ۾ وڌندڙ گرمي ۽ گدلاڻ جو هڪڙو ڪارڻ ٻيلن ۽ ٻين وڻن جي واڍي پڻ آهي، جنهن فطرت جي اصل حُسن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. دُنيا ۾ ماحولياتي گدلاڻ جا ٽي مکيه قسم آهن، جن ۾ آبي گدلاڻ، هوائي گدلاڻ ۽ آواز جي گدلاڻ. پاڻيءَ جي گدلاڻ ۾ مختلف مِلن، ڪارخانن ۽ ٻين بيڪار مادن جو نيڪال آهي جيڪو پيئڻ جي پاڻيءَ سان مِلي اُن کي گدلو ڪري ٿو. تنهن کانسواءِ خارج ٿيندڙ تيل وغيره. هوائي گدلاڻ ۾ دز، مٽي، دُونهن ۽ ٻيون موتمار گئسون آهن، جيڪي هوا کي گدلو بنائن ٿيون، گاڏين جا هارُن، رِڪشائن، جنريٽرن، مشينن ۽ ٻيا کوڙ سارا شور، ۽ گوڙ آوازي گدلاڻ جو سبب بڻجن ٿا. اُن کانسواءِ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون به ماحولياتي گدلاڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهن، وڻن جي واڍيءَ سبب نه رُڳو صاف سُٿري هوا کان محروم آهيون پر اِهي وڻ برسات وسائڻ جو ڪارڻ ۽ طوفانن جي شدت کان روڪڻ جو به سبب هُئا، جيڪي اسان پاڻ پنهنجي هٿن سان وڍي ۽ ڪپي ختم ڪري رهيا آهيون. جهنگلي جيوت، پکي پکڻ، گُل، ٻوٽا ۽ جانور سڀئي گڏجي قدرتي ماحول کي حُسناڪ بنائين ٿا، اِنسان دوست بنائين ٿا، حيات بخش بنائن ٿا، پر افسوس سان چَوڻو ٿو پوي ته پاڻ ماڻهو ايترا ته بي حس بڻجي چُڪا آهيون، جو پنهنجي موت جي وارنٽن تي پاڻ ئي صحيح ڪري رهيا آهيون، سو ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته اسان ماحول دوست ۽ انسان دوست بڻجي پنهنجي اوسي پاسي ماحول جو تحفط ڪري پنهنجي ڌرتيءَ کي دوزخ بنائڻ بدران جنت جهڙي بڻائي سگهون ٿا.

     سامعين! ٽيوهين آڪٽومبر تي سنڌ جي هڪ اهڙي صُوفي راڳيءَ جي ورسي هُئي، جيڪو گيڙو ڪپڙا پائي مٿي تي پيلي رنگ جو پٽڪو ٻڌي ڳچيءَ ۾ مڻڪن واري ڪٺمال پائي هڪڙي مخصوص انداز سان ايئن ڳائيندو هو جو سموريءَ محفل تي سڪتو طاري ڪري ڇڏيندو هو. هُن پنهنجي ڄَمار جا اڻ ڳڻيا سال سُر ۽ سنگيت کي ارپيا، سُرن جي شيوا ڪئي، راڳ جي رياضت به عبادت جيئن ادا ڪئي، سندس آواز ۾ جيڪو سوزِ و گُداز هو، اُهو دردمند دلين جي چڪندڙ ۽ ڪُرندڙ ڦٽن تي ڄڻ ته پها رکندو هو. صوفياڻو ۽ عارفاڻو راڳ ئي هُن جي سُڃاڻپ هُيا. جن کيس شهرتن جي بُلندين تي پڄايو، صُوفي راڳيءَ سهُراب فقير پنهنجي لافاني فن ذريعي نه رُڳو ملڪي سطح تي مڃتا ماڻي، ڪيترائي اَنعام ۽ ايوارڊ به حاصل ڪيا. پر کيس موسيقيءَ جي مڃتا طور عالمي اعزازن سان به نوازيو ويو. ايڏي وڏي پايي جي راڳي هوندي به ايتري پذيرائي مِلڻ باوجود به هُن ۾ نه هَٺ هو نه ئي سندس ڪنڌ ۾ ڪامڳيءَ جي ڪلي کُتل هُئي، بلڪِ هُو ته سراپا سادگيءَ جي سُونهن جو مُجسمو لڳندو هو، جيڪو نِوڙت، نِهٺائي ۽ هر ڪنهن سان هٿ جوڙ ڪندي نظر ايندو هو، هُو جتي به ويو اُتي سنڌ جي صُوفياڻي مزاج جي نُماندگي ڪندو رهيو، موج ۽ مستيءَ سان ڀرپُور سندس الستي آواز جڏهن به ڪٿي ڪنهن درگاهه، ڪنهن محفل ۾ ڪنهن اڱڻ ۽ اوتاري تي گُونجندو هو ته هيءَ سڄي سنڌ پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي مَحوِ رقص بڻجي پوندي هُئي، طبلي نواز حمل فقير جي گهر ۾ 1934ع ۾ ٽالپر وڏا ضلعي خيرپُور ميرس ۾ جنم وٺندڙ سُهراب فقير نه رُڳو سنڌ جي درگاهن، صُوفي فقيرن جي اوتارن ۽ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو هو، پر هو هڪ سماج سُڌارڪ ۽ مگتو فقير هُئڻ ناتي راڄن، ڀاڳن جي روح جو راڻو به هو، هُو هِن سَمِي جسماني طرح اسان جي وچ ۾ ڪونهي، پر جيڪي ماڻهن جي من-اوتارن ۽ جيءَ جي جهوڪن ۾ ٿاڪ هڻي وهندا آهن، پنهنجي ادا ڪيل لازوال ڪردار جي ڪري خلق خدا جي خدمتن عيوض اِنساني دلين جا پلاٽ والاريندا آهن، اُهي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ به ديس جي دلين ۾ ڌڙڪنن جيان ۽ رڳُن ۾ رت جيئن گردش ڪندا رهندا آهن. هُو حياتيءَ جي راند ته هِارائي ويو پرپنهنجي گيڙو رنگ گيتن سان گڏ صُوفي شاعرن جي درگاهُن، ديس جي دلين، اڱڻن ۽ اوتارن ۾ رهندي دنيا تائين جيئندو ئي رهندو.
    جنهن دل پيتا عشق دا جام....... سهراب فقير

     سامعين! سنڌ ۾ اهڙا ڪيئي فنڪار يعني گُلوڪار يا گُلوڪارائون ٿي گُذريا آهن، جيڪي نه رُڳو پنهنجي وقت جا ناميارا راڳي هُئا پر ساڳي وقت اُهي سُٺا شاعر پڻ هُئا، جيئن حُسين بخش خادم، جيجي زرينه بلوچ، بيدل مسرُور، موٽڻ شاهه، سينگار علي سليم ۽ ماسٽر چندُر سميت کوڙ سارا اهڙا راڳي ٿي گُذريا آهن، يا حال حيات آهن. جيڪي ڳائڻ سان گڏ شاعري به ڪندا هُئا، اهڙن ئي لوڪ پسند گُلوڪارن مان هڪڙو مَست اَلست، صُوفي منش، ملنگ ۽ قلندري رنگ ۽ مِزاج رکندڙ سنڌ جو بلڪِ برصغير جو يگانو ۽ فقير فنڪار هو ماسٽر چندرُ، سنڌ وطن جو هِي سدا بهار راڳي نه رُڳو راڳ جي رُڳن تي هٿ رکي اُنهن سان ماڻهن جا مَن موهيندو هو، پر تمام گهٽ ماڻهن کي اِها خبر هُوندي ته اسان جو هِي اربيلو گُلوڪار شاعر به ڏاڍو خوبصورت هُوندو هو. عوامي رنگ ۾ رچي شاعري ڪرڻ ۽ وري اُها ڳائي سڄي سنڌ ۾ پاڻ مڃرائيندڙ ماسٽر چندرُ عجيب قسم جو هڪڙو حسين راڳي هو، ۽ چون ٿا ته هُن جي ڳائڻ ۽ وڄائڻ جا انداز ئي الڳ ۽ انوکا هُوندا هُئا، هُو ڇا ڪندو هو جو صُبح ۽ شام جو هارمُونيم ڪنڌ ۾ لڙڪائي ڳوٺ جي گلين ۾ جڏهن ڳائيندو هو تڏهن ماڻهن جا ميڙ گهٽين ۾ گڏ ٿي ويندا هُئا ۽ گهر جي ڇتين تي چڙهي به کيس ٻُڌندا هُئا ۽ دل کولي پڙتي ئي داد ڏيندا هُئا. سنڌ جي هِن سدا ملوڪ راڳيءَ بابت قادر جوڻيجي ڪٿي لِکيو آهي ته ماسٽر چندُر جو موت ٻه ڀيرا ٿيو هو. هڪ تڏهن جڏهن هُن کي پنهنجي اَباڻي ڳوٺ ٺاري شاهه جيڪو ضلعي نوشهري فيروز ۾ هو، اُن مان ورهاڱي وقت ڌِڪي ڌار ڪيو پي ويو تڏهن هُن جو روحاني موت ٿيو هو. ڇو جو چندُر چوندو هو ته آئون پنهنجو رُوح سنڌ ۾ ڇڏي آيو آهيان ۽ خالي جسم جو پڃرو کڻي انڊيا ۾ آهيان، ۽ ٻيو موت سندس تڏهن ٿيو جڏهن سندس بدن جي وطن مان پساهه جو پکي پرواز ڪري ويو هو. ماسٽر چندر منفرد اِن ڪري آهي جو هُو جيڪي ڪلام جوڙيندو هو اُنهن کي ڌنون ڏيئي پاڻ ئي ڳائيندو هو، ۽ سندس اُهي ڪلام ايڏا ته مقبول ٿيا جو اڄ تائين هند ۽ سنڌ جا ڪيئي فنڪار سندس ڪلام ڳائي پاڻ مڃرائي رهيا آهن ۽ سندس اها به خوبي هُئي جو تمام گهڻي عزت ۽ شهرت مِلڻ کانپوءِ به سندس شخصيت ۾ غذب جو ٺهراءُ ۽ نهٺائي موجود رهي، جيڪا مرڻ تائين سندس جيون ۾ مُنڊيءَ تي مينا جي جڙاءُ جيئن جرڪندي رهي.
    ڪنهن کي سُور ........... ماسٽر چندر

     سامعين! سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو هِي سدا بهار بيت شايد چيل ئي اهڙن عظيم هستين لاءِ آهي، جن جي وڃڻ کانپوءِ واقعي ويڙها ويران ٿي ويندا آهن، ۽ اوتارا اُجڙي ويندا آهن، ڀٽائي رپئي مان سورنهن آنا سچ چيو آهي ته؛
    اَڄُ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
    آديسي اُٿي ويا، مَڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي وَيا

    واقعي! اَڄُ اُهي اوطاقون ۽ آستانا اُجڙيل ۽ ويران آهن، جِتي آواز ننگر جو هڪ عظيم آرٽسٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻ، شنهشاهه سُگهڙ ۽ دلير داناهُه سائين صالح مُحمد شاهه عُرف ڏاڏو فتح خان موجود هوندو هو، جتي علم، ادب سگهڙائپ ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار ڏاڏو فتح خان پنهنجي وينجهار وجود جي سدا سائي وڻ مان ڪيئي نصيحت آميز نُقطا ۽ گهري معنيٰ رکندڙ گُفتا ايئن ڇاڻيندو هو، جيئن ڄيٺ جي مُند ۾ ڪنهن ڄار مان پڪل پيرون ڇڻندا آهن. هُو هڪ اهڙو اِدارو هو، جنهن جي هر ٻول مان، سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ ائين جهلڪا ڏيندي هُئي، جيئن گهنگهور گهٽائن مان وِڄُ واراڪا ڏيندي آهي، هُو جنهن جي سنڌوءَ جهڙي ڪُشادي سَرير ۾ هيءَ ڪنهن صُوفيءَ جي دل جهڙي سدا ملوڪ سنڌ ڌڙڪندي هُئي. هُو هِن دلرُبا ديس جو هڪ اهڙو ڪلاسيڪل ڪردار هو، جنهن جي هر عمل مان اٻوجهه عوام جو آواز اُڏارون ڪندو هو، هُو جيڪو سنڌ جي ڪِرڙ ڪانڊيري جي زبان هو، اُهو عظيم ڪلاڪار هن ئي مهيني جي آغاز ۾ ٻه سالون اڳ پاڻ سڀني کي وڇوڙي جو ڏُهاڳ ڏيئي هِن دارالفنا مان دارالبقا ڏي ڪُوچ ڪري ويو هو. اُهو ڏاهو ڏات ڌڻي پاڻ ته پنهنجي وچ ۾ اڄ موجود ڪونهي، پر سندس فن ۽ امر آواز، جنهن تي ڪڏهن به ڪا پَن ڇڻ جي رُت اچي ڪانه ٿي سگهي ۽ جنهن کي ڪڏهن به ڪو موت مات ڏيئي نٿو سگهي، بلڪِ سندس اِهو امر آواز سدائين ساڻ هُئڻ جو اُجرو احساس ارپيندو رهندو ۽ سندس سُرهي سار ياد ڏياريندو رهندو.

     سامعين! اَڄُ چوٿين سيپٽمبر آهي ۽ اڄوڪي تاريخ تي اڄ کان ست سال اڳ يعني چار سيپٽمبر 2002ع تي ٿر ۽ سنڌ جي هڪ اهڙي گُلوڪارا اسان ۽ اوهان کان وڇڙي هُئي، يعني هِن ئي بڊي جي بي ڀروسيءَ مُند ۾ هُن هِن ديس جي هوائن ۾هٿ لوڏي اسان ۽ اوهان سڀني کي الوداع ڪئي هُئي، هُو جيڪا نه رُڳو صداءِ صحرا ٿي اُڀري هُئي پر اُن سدا حيات گائيڪا جي گلي ۾ هن سموريءَ سنڌ جو سوز ۽ گُداز ڀريل هو، ۽ سندس ڪوئل جهڙي ڪنٺ ۾ ڄڻ ته سڄي ديس جو دُک، درد سمايل هو، فِن موسيقيءَ جا ماهر ڀل ته کيس سُر، گُر ۽ لئي کان اڻڄاڻ ڪوٺين پر هُوءَ عوام الناس جي دلين تي ايئن راڄ ڪندي هُئي يا رهي ٿي، جيئن اُمه ڪلثوم مصري ماڻهن جي هنئين تي حُڪمراني ڪندي رهي ٿي. گُنگهرو وارن واري ٻهراڙيءَ جي هڪ اَهڙي سادي سُوڌي نيگَري، جنهن جو اصل نالو حڪيمان هو، سا ويراواهه ويجهو پنهنجو اباڻي ڳوٺ کارسر مان، پنهنجي ماءَ ستان ۽ پيءُ ناٿي سان ڀيڙي لاڙ لڏي هُئي تڏهن کيس خبر ڪونه هُئي ته هڪ ڏينهن هُو فن جي دنيا ۾ فوزيه سومرو جي نالي سان ڄاتي، سُڃاتي ويندي. پر قدرت مٿس مهربان ٿي فوزيه سومرو اُستاد غلام حُسين ڪليريءَ کان نه رُڳو راڳ جي سکيا ورتي پر سندس ئي معرفت ريڊيو حيدرآباد تي پهتي، نصير مرزا جي نظر شناسيءَ جڏهن سندس ڪلام رڪارڊ ڪري سنڌ جي هوائن حوالي ڪيا تڏهن فوزيه سومرو پنهنجي پُرسوز آواز ۽ لوڪ ڌُنن سان موسيقيءَ جي ميدان ۾ وڻ وڄائي ڏيکاريا ۽ اُهي جن جي هِن ڇوڪريءَ جي آواز تي اک ئي ڪانه ٻُڏندي هُئي، تن نه رڳو پوئتي مُڙي نِهاريو پر هِن جي حسين آواز کي ڪنائڻ جو ڪوشش به ڪئي. بهرحال ڪُجهه به هُجي، فوزيه سُومرو خلقِ خدا ۽ عاشق مِزاج اِنسانن جي دلين جا اُهي ديبل بندر فتح ڪري ڏيکاريا جيڪي وقت جو ڪو به ولي عهد فتح ڪري نه سگهيو، هُن سُرن مالها ۾ شاعريءَ جا موتي ڪو نه پوُيا هُيا ڄڻ سنڌ جي سادن ۽ سٻاجهڙن ماڻهن جا من سِبي ڇڏيا هُئا، جيڪي اڄ به سندس سدا بهار آواز سُڻڻ کانپوءِ ايئن تڙپي پوندا آهن، جيئن مينهوڳي ۾ مور جو ٽهڪو ٻڌي ڪنهن پڃري ۾ قيد ڪائي ڊِيل لُڇڻ لڳندي آهي، توڻي جو هُوءَ هِن وقت اسان وٽ پاڻ ته موجود ڪونهي، پر سندس امر آواز اسان وٽ ۽ اسان سان گڏ آهي، سو اسان سندس ستين ورسيءَ تي اڄ کيس ساريون ٿا متان هُوءَ ميار نه ڏي.
    منهنجون ڳالهيون ساريندين............ فوزيه سومرو

     سامعين! اڄ چوٿين جُولاءِ آهي، ۽ اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي هڪ اهڙي ليجنڊري گُلوڪار جي ڏهين ورسي آهي، جنهن کي سموريءَ سنڌ جا ماڻهو علڻ فقير جي نالي سان چڱي طرح سُڃاڻن ٿا. علڻ فقير جنهن ضلعي دادوءَ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ آمري ۾ جنم ورتو ۽ ڄامشوري جي پٿريلي سَرزمين تي پنهنجي گهر جي آڳُر ۾ اڄ کان ڏهه سال اڳ وڃي آرامي ٿيو. علڻ فقير، جنهن پنهنجي الڳ ٿلڳ آواز ۽ انداز سان آغاز ڪيو، ريل گاڏين جي دٻن ۾ چڙهي ڳائڻ، نچڻ ذريعي ماڻهن جي مَن ۽ نظر کي پاڻ ڏانهن مُتوجهه ڪرڻ واري علڻ فقير پنهنجي انوکي آواز ۽ انداز سان، هڪ مُنفرد گائيڪ جي نه رُڳو حيثيت ماڻي، پر پنهنجي مڌر آواز ۽ اسٽائيل سان سڄي دُنيا جي ماڻهن جون دليون کٽيون. علڻ فقير نه رُڳو ڀٽائي جون وايون پنهنجي نئين نڪور رنگ ۽ ڍنگ سان ڳايون، پر عارفاڻي رنگ ۾ رَچي، گُم ٿي، غائب ٿي، مست اَلست علڻ فقير ڀوڳ، چرچن ذريعي مايوس مُکن تي مُرڪن جا گُلاب به ٽيڙيا ته سوين دلين جا درد، گهڙيءَ پل ئي سهي پر دُور ڪرڻ جو هُنر ڄاڻيندڙ هڪ اهڙو فنڪار هو، جيڪو تنبورو هٿ ۾ کڻي اَجرڪ جو پٽڪو ٻَڌي جنهن ۾ مورجي ڪلنگيءَ جهڙي ڇُڳي جو ڇَٽ يا تُرو، سورهن والن واري گهاٽي گهيريدار سُٿڻ پائي جڏهن نچي ڳائيندو هو تڏهن محفل ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ڪي پل وساري ويهندا هُئا ۽ ڪُجهه لمحن لاءِ آزاد فضائن ۾ اُڏامڻ لڳندا هُئا. سندس اهڙي دلربا انداز ۽ آواز کي هيءَ سنڌ صدين تائين وساري نه سگهندي. هُو سنڌ جو هڪ اهڙو گُلوڪار هو جيڪو جتي به ويو اُتي پنهنجي مخصوص اسٽائيل سبب سنڌ جي سُڃاڻپ پيدا ڪري آيو. شاهه لطيف کان اياز تائين جن به شاعرن کي علڻ فقير ڳايو اُنهن کي لاجواب بلڪِ لازوال ڪري ويو. هُن سنڌ ۾ پنهنجي ڇاپ ڇڏي آهي، هڪ اهڙي ڌار سُڃاڻپ جو اڄڪلهه کوڙ سارا گُلوڪار سندس نقل ڪرڻ، ۽ سندس انداز ۾ڳائڻ تي مجبور آهن. علڻ فقير جو پُٽ ۽ ڀاءُ به ساڳئي رنگ ۾ ڳائن پيا. پر علڻ جو الڳ مقام هو ۽ آهي. بهرحال هلڻو ته هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن ضرور آهي، حياتي جو انت اڻٽر ۽ اٽل آهي. بقا رُڳو ڪردار کي آهي، ۽ مُنهنجي خيال ۾ هڪ اهڙو فنڪار جنهن جي گلي ۾ ميران جي سُرندي جا سڀئي سُراچي ساهي پٽين يا ڀٽائي ۽ ڀڳت ڪبير جا بيت اچي اک ڀيڙي ڪن، اُهي فنڪار ڪڏنهن موت هٿان مات ٿي نٿا سگهن.
    عشق اسان وٽ آيو.......... علڻ فقير

     سامعين! اڄوڪي ڏينهن تي سموريءَ دنيا پنهنجي پيارن کي گُلن جا تحفا آڇي رهي آهي، ۽ اسا سنڌ واسي به دُنيا سان مُحبت جي اظهار ۾ پوئتي رهي نٿا سگهون، اسان صُوفين جي سَرزمين جا وارث آهيون سو پيار، مُحبت ۽ سُونهن سُندرتا جو ڪو به ڏِڻ اسان سيليبريٽ نه ڪريون اِهو ٿي نٿو سگهي. اسان گُلن جا تحفا به ڏيڻ ڄاڻون ٿا، اسان مُحبتن جا سمورا ڏِڻ ملهائن به ڄاڻون ٿا. اسان کي خبر آهي ته اڄ سڄيءَ دُنيا جا عاشق پنهنجي پيارن کي گُلن جا تحفا، مُحبت ناما ۽ عشق ناما آڇيندا، پر اسان سدائين اِن ڳالهه جا قائل رهيا آهيون ته اسان جي مُحبت ورهايل آهي ڌرتيءَ ۽ سَرتيءَ سان. سو اڄ اسان جتي پنهنجي ڪنهن پياري کي ڪو مُحبت ڀريو ميسيج اُماڻينداسين، کيس گُلن جو تحفو ڏينداسين، اُتي پنهنجي محبوب ڌرتيءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گُلن ۽ وڻن جا ٻوٽا پوکي هڪ نئين روايت کي جنم ڏيئي رهيا آهيون. اسان هن اڄوڪي ڏينهن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان مُحبت جي اظهار طور مالهائي رهيا آهيون، اسان جيڪي ماحول دوست ۽ مُحبِ وطن آهيون، اُهي سڀئي اڄوڪي ڏينهن تي اِهو وچن ورجايون ٿا ته اسان مان هر فرد اڄوڪي ڏينهن تي هڪ، هڪ ٻوٽو پنهنجي ڌرتيءَ جي سيني تي پوکي ساڻس بي لوث مُحبت جو ڀَرپُور اظهار ڪندو، نه رُڳو ٻُوٽا پوکينداسين بلڪِ اُنهن جي ائين سار سنڀال لهنداسين جيئن پنهنجي اولاد جي لهندا آهيون. پنهنجي، پنهنجي گهر جي آڳُر، اوطاق جي اڱڻ، اسڪول، اسپتال، مدرسي، مسجد ۽ مندر جي اڳيان، ڪنهن ٻنيءَ جي بند، ڪنڌيءَ تي، رستن جي ڪنارن تي، ندين ۽ واهن جي ڪپرن تي هڪ، هڪ ٻوٽو هرڪو پوکيندو ته سنڌ جي سُونهن ۾ واڌارو ايندو ۽ هِن خطي، هِن ڌرتيءَ جي فطري حُسن ۾ اڃان به اُها دلڪشي پيدا ٿي پوندي جيڪا سڄيءَ دُنيا جو ڌيان ڇڪائيندي. هِن ڌرتيءَ جي سيني تي گهاٽا ۽ ڊگها وڻ اُنهن تي ويٺل رنگبرنگي پکين جا وَلر، ٻنين ۾ گُلن جون ٻاريون ۽ اُنهن سان ڀرندڙ ڀؤنر، جهنگ ۾ مَور، سها، تتِر، هَرَڻ، تلور، ڇيڪ چرندڙ ڇيلڙا، کُوهن تي کيچليون ڪندڙ پاڻياريون، وَؤنڻ چُونڊيندڙ لاهياريون، پِيهَن تي جهارَ هلڪيندڙ جوانيون، سينڍ ۾ مارئي سُڻائيندڙ ڌنار ئي هِن ڌرتي جو جيون آهن، جواني آهن ۽ حياتي آهن، شال سنڌ جي سُونهن جا سمورا رنگ سدائين چٽا رهن ۽ سندس مُرڪون ڪڏهن به ميريون نه ٿين بقول اياز جي ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي، ڪڏهن موڙ تنهن جا نه مُرجهائجن.
    برکا رُت مهڪايا گُل.......... فياض ميرالي

     سامعين! اڄ ايڪٽيهين ڊسمبر آهي، يعني سال ٻه هزار يارهن جو آخري سج به اُلهي چُڪو. وقت جي وڻ مان پيلي پَن جيئن ڇڻي پيل هيلوڪي سال جي ڪُل ڄمار 365 ڏينهن آهي، پاڻ کي پڪ سان اِنهي ڳالهه جي ڪا ڳڻ ڳوت ڪونهي ته هيڏا سارا پل، ڏينهن، هفتا ۽ مهينا ائين اک ڇنڀ ۾ ڪيئن گُذريا هوندا، وقت کي بيدرديءَ سان ڀيلڻ ۽ اُن جي اجائي زيان جو پاڻ کي احساس فقط اُن وقت ئي ٿيندو آهي جڏهن پاڻي مٿي تان لنگهي ويندو آهي يا وَٽ وِهامي ويندي آهي پوءِ ئي هٿ هڻندا آهيون، دُنيا پنهنجي هر پل جو حساب ڪتاب رکندي آهي ۽ پاڻ جي سالن جي گُذري ويل عرصي تي به اک ناهي ٻُڏندي، زماني جي مرضي رُڪي يا روانو ٿي وڃي، پر پاڻ پنهنجي لاکيڻي لوڏ ڪو نه ڇڏينداسون پوءِ ڌنئور ڌائي ته ڌائي وڃي، اسان نه زماني کي بدلائڻ جي ڪا ڪوشش ڪنداسين ۽ نه ئي پنهنجي طرزِ حيات ۾ ڪا تِرَ جيتري تبديلي آڻينداسين، سڀڪُجهه سهڻ، برداشت ڪرڻ کانپوءِ به ڪِنجهڻ يا ڪُرڪُڻ پاڻ کان ڪونه پُڄندو. اسان پنهنجي اُٿي، ويٺي جو ئي احتساب ڪرڻ کان ڪيٻايون ٿا، سو سالن جي گُذري ويل گهڙين جو ڪير ويهي پوتاميل ڪري، ڪير ويهي اِها مٿاڪُٽ ڪري ته هِن عيسوي سال اسان کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو، ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪم اسان اُڪيلايا ۽ گهڻا غم اسان جي پُکي ۾ پيا. هُونئن به اسان ماڻهن جو حافظو ڏاڍو ڪمزور آهي، پاڻ سان ٿيل زندگيءَ جي هر مذاق کي اسان جلدي وساري ويهندا آهيون ۽ پاڻ سان ٿيل هر سِتم جو سُور سَهڻ جي سگهه ئي اسان جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، ڀلا ٻيو ڪجي به ڇا؟ جيڪڏهن سُورن کي سندرو نه ٻڌرائبو، جي ڏُکن ۽ ڏولاون کي پُٺيءَ نه چاڙهبو ته هيءَ ڪَٺن حياتي ڪيئن ڪٽي سگهبي، غم ۽ گوندر جيڪي اسان ماڻهن وٽ وٿاڻين آهن، اُنهن کي وساري نه ڇڏيون ته هُوند هِن بي مُهابي معاشري ۾ جيءَ ڪيئن سگهون ها. ها اِهو ئي اعليٰ ظرف آهي اسان ماڻهن جو، جيڪي پاڻ سان ٿيل وقت جي سڀني ويساهه گهاتين کي اُن ڪري سهون ٿا ته تاريخ اسان سان ضرور انصاف ڪندي، ڇاڪاڻ جو اسان اِنساني عظمتن جي تعظيم ۾ سدائين سِرَ جُهڪايا آهن، اسان اِنسان جي عزتِ نفس جو احترام ڪيو آهي، اسان ٻين جي حقن سان هٿ چُراند کي حرام سمجهيو آهي، اسان هر قسم جي اِنساني تشدد، پوءِ اهِو ذهني ٽارچر جي صورت ۾ هُجي يا جسماني تشدد جي شڪل ۾ هُجي، گهرن ۾ عورتن تي ٿئي يا ٿاڻن تي بي ڏوهي انسانن مٿان ٿئي، اسان انساني توهين ۽ تذليل وارن سمورن روين کي رد ڪيو آهي، ننديو آهي ۽ سدائين سچ ۽ سُونهن جي وڪالت ڪئي آهي ۽ جهالت جي خلاف جهد ڪئي آهي.

     سامعين! ڳالهه هلي پي سال ٻه هزار يارهن جي، ته هِن هيلوڪي سال به پاڻ ماڻهن سان ڪي چڱا پير ناهن ڀريا، نه رُڳو سال ٻه هزار يارهن اسان کان اديب، شاعر، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ وڇوڙيا آهن، پر هيلوڪي سال ته برساتي ٻوڏ جي صورت ۾ جيڪا جُٺ اسان ماڻهن سان ڪئي آهي. اُن اذيت ناڪ ڪهاڻي جي هر سٽ ساهه مُٺ ۾ سوگهو ڪري ڏيکاريو آهي، هيلوڪي سال جتي رهجي ويل منظر جي خالق ۽ سنڌ جي بي باڪ ليکڪ طارق عالم ابڙي جي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهايو اُتي، جديد سنڌي نظم جي شهزادي شاعر حسن درس جي جيون جو ڪچو گهڙو حيدرآباد جي روڊن تي حياتي جي هٿن مان ڪيرائي ڀڃي ڀور ڪري وِڌو هو، حسن درس جيڪو اڄ به سنڌ جي سيني ۾ ڪنهن گهوڙيسوار وانگر گهُمي رهيو آهي، سندس شاعريءَ جا سِراڙا ۽ ڪويتا جي ڪُميت جي ٽاپولي اڄ به اسان جي اندر ۾ هُن جي موجودگيءَ جو احساس ڏياري ٿي، پر 16 جون جڏهن به ايندي تڏهن سنڌي شاعريءَ جي چنڊ گِرهڻ جو درد ڀڳي هڏ جيئن ڏکندو رهندو، وساري ته اسان مادِر جهموريت مُحترم نصرت ڀُٽو کي به نٿا سگهو جيڪا هِن ئي سال اسان کان وڇڙي ويئي آهي، وسارڻ ته اِهو به وس ۾ ناهي جو هِن سال جڏهن اڻ مُندائتي مينهن سنڌ وطن جي ڏاکڻين اڌ جا نه رُڳو اجها اُجاڙيا، جُهڳاجَهڻ ڪيا، پر سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جون هڙئي آسُون، اُميدون ۽ اُمنگون سَم نالن جي پاڻيءَ سان گڏجي غوطا ڏيئي ٻوڙي ماريون ۽ تاريون ته رُڳو هٿين خالي ڪُجهه حياتيون جيڪي اڃا تائين واهن جي ڪنارن، دڙن ۽ ڀٽن مٿي بي گهر هُئڻ جو عذاب ڀوڳي رهيون آهن. پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي دربدر ٿيڻ، سڄي ڄمار جي چُونڊي ميڙي لهرن ۾ لوڙهڻ، ۽ پوءِ کُليل آسمان هيٺيان ويهي هِن اُتر جي چؤڙ سياري ۾ ڪنهن واهر جي آسري ۾ عُمر جا ڏينهن آڱرين تي ڳڻڻ جي ڳڻتي ۽ ڳاراڻو ڪو اهلِ دل اِنسان ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، پنهنجي ڀَري تُري گهر، ڳوٺ، اڱڻ ۽ اَجهي مان ايئن نڪرڻ جو بقول شيام جي الائي ڪهڙي گهڙيءَ شيام ان مان نڪتاسين، وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي. وساري ته هيلوڪي وسڪاري کي به ڪيئن ٿو سگهجي، جنهن وَٺي واڻي ڏُڪار جي ڪهاوت کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو، يا بقول ڀٽائي جي ”ڏکي توءِ ڏُڪار، توڻي وسن مينهڙا“ جهڙي صورتحال کي جنم ڏنو آهي، هيڏي برسات وَسڻ کانپوءِ به نه گاهه، نه فصل ٿيڻ به هيلوڪي سال جي عِنايت آهي، بهرحال سال ٻه هزار يارهن پنهنجي هڙ ۾ جو ڪُجهه هو اُهو ونڊي ورهائي ڪُجهه ئي ڪلاڪن پُڄاڻان ماضيءَ جي تاريخ جو حصو ٿي ويندو پر ڏِسڻو اِهو آهي ته سال ٻه هزار ٻارهن پنهنجي جهول ۾ اسان لئه ڇا ٿو آڻي.

     سامعين! جيڪڏهن اوهان جي ڪتابن سان ڪا دوستي آهي ته پوءِ اوهان يقينن دُنيا جا سڀ کان وڏا دولتمند شخص آهيو، ڇاڪاڻ جو ڪتاب اوهان جي دماغ جون بند دريون کولي ڇڏي ٿو، ۽ اوهان سڄي دُنيا جو ديدار گهر ويٺي اُن ڪتاب ذريعي ڪري سگهو ٿا، ۽ جڏهن اوهان جو ڪو به ساٿ يا سهارو نه هُوندو تڏهن به ڪتاب اوهان سان همسريءَ جي هام هڻي سگهي ٿو. ڪتاب اوهان ۽ اسان کي علم، عقل ۽ ڏاهپ جا ڪيئي نوان جهان ڏيکاري سگهي ٿو. ڪتاب اسان ۽ اوهان جي طرزِ حيات ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو، جيئڻ جا نوان گس ۽ گهاڙيٽا، نوان رنگ ۽ ڍنگ رُونما ڪري سگهي ٿو، پر شرط اِهو آهي ته ڪتابن سان اسان دوستي رکي اُنهن جو اندر جي اکين سان اڀياس ڪريون، پوءِ اسان پاڻ ئي پنهنجي پاڻ ۾ فرق محسوس ڪنداسين، ۽ ڪا نواڻ ڪو نِرٻاڻ اسان جي روائتي زندگيءَ جا تيور ئي تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ وڏي ڳالهه اِها ته ڪتاب اسان کان طلبيندو فقط هڪ ئي ڀيرو، هڪ موبائيل فون جي ڪارڊ جيتري قيمت ۽ موٽ ۾ سڄي حياتي اُهو ڪتاب نه رُڳو اسان جو ساٿ ڏيندو پر عِلم ۽ آگهي ذريعي اسان جي ذهن کي زرخيز به ڪندو ته اڪيلائي جي احساس کان به اسان کي آجپو ڏياريندو. بس اوهان رُڳو هر مهيني هڪڙو ڪتاب خريد ڪري پڙهو، پُرجهيو ۽ پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه اوهان جي اندر مان عِلم، ڏاهپ ۽ روشنيءَ جون رنگين دُنيائون ٿيون دريافت ٿين! بهرحال ڪتاب اوهان کي سڀ کان پهرين پنهنجو پاڻکي ۽ پوءِ پنهنجي رب کي سُڃاڻڻ جي ساڃاهه عطا ڪندو، اوهان کي پُر اعتماد بنائيندو، اوهان کي اِنساني آدرشن ۽ قدرن جو شعور ڏيندو. اوهان جي شخصيت جي تعمير ڪندو، اوهان جي ڪردار ۾ نِکار پيدا ڪندو، ڪتاب اوهان ۾ قوتِ برداشت، سهپ ۽ رواداريءَ جو مادو پيدا ڪندو. ڪتاب اوهان ۾ رحم دلي، اِنسان دوستيءَ ۽ وطن دوستيءَ جو جذبو بيدار ڪندو، ڪتاب اوهان کي هٿ، هٿ تي ڌري ويهڻ بجاءِ اُٿي رائو ريلڻ لئه اُتساهيندو، ڪتاب اوهان کي هَلڻ، هَڪلڻ مانجهيان ايءُ مَرڪ جو سبق سيکاريندو. ڪتاب اوهان ۾ همت، حوصلو ۽ جُرئت پيئدا ڪندو، اوهان ۾ نظرياتي پُختگي پيدا ڪندو، ڪتاب اوهان جي ارادي ۾ مضبوطي پيئدا ڪندو ۽ اوهان ڀٽائي جي هِن بيت تي عمل ڪرڻ لئه ازخُود آماده ٿي ويندا ته ”تتيءَ، ٿَڌيءَ ڪاهه، ڪانهِي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو“.
    جي هانوَ نه هارين ......... قمر سومرو

     سائين مُنهنجا! هڪڙي مُند، هڪڙي سيزن شادين جي به هلندڙ آهي، ڪا رات ڪو ڏينهن اهڙو خالي ڪونهي جنهن ۾ ڪو ڪاڄ، ڪو ڀت نه هجي، بلڪِ ڏينهن ۾ ڏهه، ڏهه ڀت، هر ڳوٺ، هر شهر جتي ڏس ديڳ دَم تي آهي، ڀت اڳي به ٿيندا هُئا، وِهانءُ وڌاڻا اڳي به هوندا هُئا پر ههِڙي ڀلا ڀلي ڪونه هُئي، اڳي ڀت پوءِ ٿيندو هو تاريخ اڳ چٽي ڪبي هُئي، هاڻ ڀت اڳ ۾ٿئي ٿو ۽ تاريخ چٽيءَ ٿئي ڪو نه ٿي... اڳي گهوٽ لاءِ ڪُنوار هٿ ڪبي هُئي، مڱڻي ٿيندي هُئي، پوتي وجهبي هُئي پوءِ ڏينهن چٽا ٿيندا هُئا ۽ هاڻ گهوٽ ۽ ڪَنُوار جي هُجڻ وارو لازمي شرط به ختم ڪيو ويو آهي بلڪِ اِها پابندي ڪونهي ته ڪوئي ڀت ڪرڻ وقت گهوٽ موجود هُجي، گهوٽ مسواڙ تي مارڪيٽ مان آڻي ٻه ٽي ڪلاڪ گُڏو ڪري ويهاري به ڪاڄ ڪري سگهجي ٿو، اڳي ڪنهن وٽان ڪا ڍڳيءَ يا ٻڪريءَ ڏوجهي ڪاهي کير پيئبو هو ۽ هاڻ ڪنهن مِٽ مائٽ، ڪنهن دوست کان ڪو ڇوڪرو ڏوجهو هٿ ڪري ڪارڊ ڇپرائي طُهر يا شاديءَ جو ڀت ڪري چار ڏوڪڙ ڪمائي وري امانت مالڪن کي موٽائي ڏيئي سگهجي ٿي. اهڙا به تجربا ۽ لقاءُ اکين ڏِٺا اٿئون. جو 60 سالن جو همراه جنهن جا 15، 20 ڪاڄ ٿي چُڪا آهن پر همراهه اڃا ستوجتو يعني ڪنوارو آهي ۽ ايئن به ٿئي ٿو جو ڪنهن ڇوڪري جي طُهر جو ڀت ڏهه پندرنهن دفعا ٿيو آهي ۽ ائين به ٿي رهيو آهي ته جنهن نه پاڻ شادي ڪئي نه اولاد نه اوقاد پوءِ به هر سال سندس ڪنهن نه ڪنهن فرضي پُٽ جو ڀت ضرور ٿئي ٿو، ڀلا ڀت ڪرڻ ۾ هَرج به ڪهڙو؟ ٻه ٽي گُل شامياني جا هٿ ڪري ٻه ٽي ڪناتون کوڙي ديڳ ڀت جي لاهي خلق جا کيسا ڪتري سگهجن ٿا، نڪو گهوٽ، نڪو ڪُنوار جو نڪاح جون ڪارکون وِرهائڻيون پون، ميندي موڙ ۽ ڏيج پوت ڪرڻا پون، نه ساٽ نه سُوڻ نه لاڳ ڏيڻا پون ٿا نه ڃاڃياري ۽ لپئي جي ديڳ لاهڻي پوي ٿي، الا الا خير صلاح! اِن ۾ اوهان ارها ڇو ٿيا آهيو؟ ميان! موڙ ميندي جي گهور کان ڇُٽا، ونواهه، موڙو، هار هڙئي شرط ختم رُڳو ڇني ۾ وڃي ڀت جو ڀور کائي جيڪا چار ڪوري خُدا جوڙي ڏيئي، مُڇن کي هٿ هڻي موٽي اچو. مُنهنجي خيال ۾ هاڻ اِها ڳالهه اوهان سڀني جي دماغ ۾ ويٺي هوندي ته اڳي ۽ اڄوڪي زماني جي ڀت ۾ ڪَهڙو فرق آهي، بس هِن جديد زماني ۾ اِها آساني پيدا ڪئي ويئي آهي ۽ هڪڙو لاجواب پئڪيج مِليو آهي پاڻ واري موجوده سماج کي ته اُهو جڏهن چاهي ڪو به ڪاڄ ڪري سگهي ٿو، بنا گهوٽ ۽ ڪُنوار جي هڪڙي ڇوڪري کي اٺ دفعا طُهرائي سگهي ٿو، نڪو پُڇا، نڪو ڳاڇا، بلڪِ ڪو به ٽيڪس لاڳو ڪونهي ڪيئن آهي نه ڪم خرچ بالانشين نسخو آزمائي ڏسو. اڃان به وقت پيو آهي.

     سائين! اسا وٽ ڪي ڪردار اهڙا به آهن جن سان اسان ۽ اوهان جو سڄو ڏينهن واسطو رهي ٿو. مثال طور لاري، بس يا ٽيڪسي وارو، هوٽل وارو ۽ حجام يعني نائي. هِي اُهي ڪردار آهن جن جو سماج جي تقريبن هر قسم جي فرد سان واسطو ۽ رابطو رهي ٿو. اُن ڪري گهڻن ماڻهن سان مِلڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڪري هِنن ڪردارن جا مِزاج ۽ موڊ به عجيب قسم جا هُوندا آهن. سياست کان وٺي سماجيات تائين، اقتصاديات کان وٺي ادب تائين، عشق کان وٺي برهه جي بيماريءَ تائين، سڀئي نُسخا سڀئي حڪمتون، سڀئي حل هِنن همرائن جي ڄڻ ته کيسي ۾ هميشه هڪيون تڪيون هُونديون آهن. اوهان ڳالهايو يا نه، ڪا ڳالهه پُڇو يا نه، هر ڳالهه جو آعاز به هُو پاڻ ڪندا ۽ انجام به پاڻ ئي ڪندا. اگر گَهران صبحءَ جو سُٺي موڊ سان آيا ته گراهڪ کي اُهي، اُهي سُت سُريون سُڻائيندا جو وڃي ٿيا ست خير، دُنياِ جهان جي هر موضوع تي ايئن ٻٽاڪ هڻندا جو وڏن وڏن ٽي وي، اينڪرن جا وات بند ٿي ويندا، ڳالهه کي ڪٿان به کڻن، ڪٿي ڦِٽي ڪن اِهو سندن صوابديدي اختيار آهي، اوهان اُن ۾ ڪا به مُداخلت ڪرڻ جا مَجاز ناهيو، اگر ڪنهن اڻواقف بحث ڪيو ته همراهه پاڻيءَ مان نڪري ويندا. نوَ کي نوڪوٽ وانگر ڀلي ته سندن هر ڳالهه ڇسي ۽ سطحي هُجي پر هو پنهنجي ڳالهه کي مُنڊيءَ تي ٽڪ وانگر مڃائڻ جا ماهر آهن، منطق يا دليل ڪهڙي بلا جو نالو آهي، اُن سان هِنن جو ڇا؟ ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي وانگر عجيب و غريب تاويلون ۽ تبصرا ڪندا، اوهان جا ڪن ۽ مٿي کي کائي کپائي ڇڏين ته به مَجال آهي جو ڪا اُڦ ڪري سگهو. بس اوهان جي عافيت اِن ۾ آهي ته خاموشيءَ سان وڃي ويهو اوهان کي چانهه به ملندي، دنيا جهان جا حوال به ملندا 20 روپين ۾ ڀلا ايترو ڪُجهه ٻيو اوهان کي ڪير ڏيندو، شل نه هِنن همرائن جو ڪنهن ڳالهه تان موڊ خراب ٿئي پوءِ ته رب ڏي پناهه. پوءِ ڇا ٿا چون اِهو ٻُڌڻ لاءِ هليا وڃو ڪنهن هوٽل، ڪنهن ٽيڪسي يا نائي جي دُڪان ۾ هڪڙي لحاظ کان اِهي سڀئي ڪردار هر فن مولا به آهن، سڄي ڄمار جا تجربا بنا ڪنهن فيءَ جي اوهان ۽ اسان سان شيئر ڪرڻ وقت حاتم طائي کي پُڙين تي پُڙ ماريندا. پنهنجو ڪمائن، پنهنجو کائِن ٿا، ڪنهن تي بار ٿيڻ، ڪنهن آڏو هٿ ٽنگڻ هِنن لئه گار آهي. سنگت ساٿ لئه سر جون سَٽون ڏيندا، جائز ناجائز مهل تي ڪنڌ ڪونه ڪڍائيندا. قئينچي، اسٽرينگ ۽ اسٽووَ سان گڏ پنهنجي زبان ۽ ذهن جو خرچ به دل کولي ڪندا، ڪنهن تي ڪاوڙ يا ته گِلا به گلا کولي ڪندا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته گهڻن جا راز به هِنن جي هيئن ۾ سانڍيل آهن، سوشل نه ڪنهن جي ڦِٽي جو هِنن همرائن سان ڦٽائي ٻُوهي ۾ پئي.


    6

     سائين مُنهنجا! ماڻهن جا مِزاج ۽ مُوڊ به عجيب و غريب هُوندا آهن، سندن من جون موسمون به مُندن وانگر مُختلف ٿين ٿيون. مثال طور هڪڙا ماڻهو ايندا ته پنهنجي مَرضيءَ سان آهن، پر ويندا وري ڪنهن ٻي جي مرضيءَ سان، هڪڙا ايندا ناهن بلڪِ گهُرايا ويندا آهن، ۽ جيڪي گهُرايا ويندا آهن، اُهي گهڻو ڪري اڻ ڄاڻايل مُدي تائين سمورا وڃڻ جا ارادا مُلتوي ڪري لڏو لاهي ويهي رهندا آهن، ڪي ماڻهو ٻي جي مرضيءَ سان ايندا آهن، ۽ پنهنجي مِرضيءَ سان هليا ويندا آهن، جيڪي اڻ دعوتيل هُوندا آهن، ڪِرياتا به اُهي ئي ٿيندا آهن،ڪي ڇڙا ايندا آهن ته ڪي وري ڪرڪيٽ جي ٽيم جيترا ٻار ساڻ ڪري سَگريا اچي سهڙندا آهن، ڪي ته سڏ سان گڏ ته ڪي وري ورهين پُڄاڻان ورندا. جن لئه ڀٽائي چواڻي ”جي قيام مِڙن ته ڪر اوڏا ڀانيان سُپرين“ ڪي اٺيهي پهر اک جو ڪٽر ته ڪي اُڀ ۾ ڪڪر جيئن اڻلڀ، جن سان جيءَ جڙيون هُجن، جيڪي اکين کي ٿڌاڻ جو احساس ارپين اُهي عيد جي چنڊ جيئن ڳوليا نه لڀن، هڪڙا جاڙا خان ڪُتو جهل چئي بن بُلائي مهمان ٿين، ٻيا وري مهرباني ٻي ته وئي پر مُنهن ڏيکارڻ کان به وين وانگر هُجن ٿا، هڪڙا ايندا ته سهي پر پل گهڙيءَ ۾ پاڻ پَسائي اکين کان اوجهل ٿي ويندا، ڪي آمد جو اعلان ڪري ايندا ۽ بنا ٻُڌائڻ جي ائين هليا ويندا جو ڪنهن کي ڪل ئي ڪانه پوندي ته هِتي به ڪي هُئا. صاحب مُنهنجا سُپرين، ڪي ڪوٺ ڏيڻ سان به ڪو نه ايندا ۽ ڪي وري اهڙا به آهن جيڪي لوڪان لِڪي به ڀيرو ناهن ڀڃندا، هڪڙا اُهي آهن، جن لئه بقول رنگريز جي ”شهرِ جفا ۾ آ دلدار جي ڳولا، دل کي جو وڻي تنهن جو مِلڻ وڏي ڳالهه آ“ ۽ ٻيا اهڙا به بچن شال بانورا آهن جيڪي اچي ته الائي ڪٿان ۽ ڪيئن ويندا پر پوءِ ويندا ترِين سان ڌڪِيا به ڪونه، ماڻهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جا نه ٽائيم ٽيبل مقرر آهن ۽ نه ئي ڪا حَد يا پابندي، اُنهن تي ڏانوڻ وجهي کين ڪنهن سان مِلڻ يا وڇڙڻ کان روڪي ٿي سگهي، دُنيا جا سڀئي دستُور اکين تي، هِي ڪُل آئيني قانون قبول پر ڇا ڪو اهڙو به قانون آهي؟ جيڪو ڪنهن کي جُدا ٿيڻ کان روڪي سگهي، ڪنهن جي وڇوڙي جي واٽ تي ڪا ديوارِ چين کڙي ڪرڻ سان ڪو پير پساري ويٺو آهي ڇا؟ نه ائين ٿي نٿو سگهي، ڇو ته جن کي جُدا ٿيڻو آهي اُهي هزارين حيلا بهانا ڪرڻ باوجود هر حال ۾ هٿن مان هٿ ڇنڊي ۽ واٽون ونڊي ويهندا ته پوءِ هڪڙو سَوال لوڻي تي هٿ ڏيئي گوڏا کوڙي ويهي ٿو رهي ته نيٺ ڇا ڪجي؟ ڪجي بس ايترو جو اُن ماڻهوءَ سان ڪي گهڙيون گوڏو گوڏي سان گڏي ويهي وِرُنهَن ڪجي، جيڪو پاڻ ئي چوي ٿو ته ”اڄ ته آهيان، وِر وُنهَن ڪر مون سان“.
    اڄ ته آهيان ......................... عاشق نظاماڻي

     سائين مُنهنجا! ڪيئن آهيو اوهين؟ يقينن چاڪ، چڱا ڀلا، جوڙ متارا ۽ آسُودا هُوندؤ، غمِ دؤران کان دُور ۽ غمِ جانان جي تصور ۾ گُم سُم هوندؤ، توڻي جو غمِ جانان جون گهڙيون ڏاڍيون پُرڪيف ۽ پُرلُطف آهن، پر فڪرِحيات جي ڦنڌن مان فُرصت ئي ڪٿي آهي، جو ماڻهو ٻي پاسي نيڻ کَڻي نهاري، ماڻهو جنهن کي هِن هيجاني ماحول ۾ مٿي کنهڻ جي مُهلت به مُيسر ڪونهي، اُن ماڻهوءَ کي حالتن جي حِسار مان پاڻ آجو ڪرائڻ نا ممڪن نه سهي، مُشڪل ضرور آهي، ۽ هُونئن به حياتِ جاويدان ۾ رُڳو غمِ مُحبت ئي اڪيلي سِرُ شريڪ سفر ناهي، هتي ته حسرتن جا هيڪاندا هُجوم آهن، جيڪي ايامن کان اِبنِ آدم جي ڪَڍ، ڪنهن ڪاوڙيل قافلي جي شڪل ۾ روان ۽ دوان آهن، اُنهن مڇريل ماڻهن جي جلوس جهڙين خواهشن جي خوف کان ماڻهو ڄڻ ته پنهنجي پاڻ ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن، برابر اِنسان ڪاري مٿي جو ڌڻي ڏاڍو آهي، جيڪو آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿيئن جهڙي حوصلي سان هٿيار بند آهي، پر وقت، واپاري پڙي ۾ بيٺل پُهروءَ وانگر پُٺيءَ تي هٿ هڻي اِهو چئي اڳتي وڌي وڃي ٿو ته ”مُنهنجي واري کان ڳالهه مٿي آهي“ ۽ ماڻهو پنهنجي آخري خواهش جي نيلاميءَ ۾ به ناڪامي نصيب ٿيڻ جو سُور نه سَهسائي سگهڻ جي ڪري ڪنهن ڪنڊيءَ جي ڳوُنڍ کي پُٺي ڏيئي ٻئي تِريون واريءَ تي کوڙي ڦان ٿي ويهي رهي ٿو، سو ڳالهه اِها آهي سڄڻوءِ! ته، اور بھی غم ہیں زمانے میں مُحبت کے سوا ، راحتیں اور بھی ہیں وصل کی راحت کی سوا، اِهي راحتون جن ماڻهوءَ کي رت ڪري ماريو آهي، اُنهن جي انگي حساب ۾ اگر ڪو کوڙو پاڻ ماڻهن جي جيون-رقمُ چڱيءَ طرح ونڊي ٿو ۽ جي ڪا پاڇي موچاريءَ مهل جي صورت ۾ بچي ٿي ته اسان اکيون پير ڪري هليا ٿا اچون. اوهان سان مِلڻ، ۽ اوهان سان هم ڪلام ٿيڻ، اوهان جن سان هڪڙو پنجن، ستن سالن تي ڦهليل آواز ننگر جو ريشمي سُٽ جهڙو رنگين ۽ نفيس و نازڪ رشتو جُڙيل آهي، جنهن کي حالتن جي ڪا به شوخ هوا ڇني نٿي سگهي، هِي جيڪو اوهان مانائتن مهربانن سان پيار ۽ پنهنجائپ جو تعلق آهي، اِهو ئي اسان جي ڪُل ميڙي چُونڊي آهي، ۽ اِهو ئي رشِتو، اهو ئي ناتو اسان کي ڇڪي هِتي آڻي هِن مائيڪرو فون تان اوهان سان هم ڪلام ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو، مَن جڏهن به اوهان سان مِلڻ لئه ماندو ٿئي ٿو، ۽ ساهه جڏهن به سيڏائي ٿو تڏهن اسان هليا ٿا اچون، سڀئي هنڌ وِهاڻا ۽ پٿراڻيون پوئتي ڇڏي بقول ڀٽائي جي؛
    ماءُ! وِهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پنهنجي،
    جيڪي ڏنئي ڏيجَ ۾، سو سڄو ئي سنڀار،
    وڃان ٿي وڻڪار، جو ڏِٺم پير پُنهونِ جو.


     سامعين! بٽر فلاءِ جنهن کي پاڻ سنڌيءَ ۾ پوپٽ چَوندا آهيون، انتهائي نازڪ و نفيس هڪ اهڙو مُلائم جيت، جنهن جي جسم کي رُڳو ڇُهبو ته به ڀُري ڇڻي ختم ٿي ويندو آهي. پر خبر اٿئو ته اِن پوپٽ جي عُمر ڪيتري آهي؟ فقط چوڏهن ڏينهن، صرف چوڏهن ڏينهَن جي حياتيءَ ۾ اِهو رنگين پَرن وارو پوپٽ سڄو ڏينهن ۽ رات رُلي ٿو هِتي ۽ هُتي ڀٽڪي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن شيءَ جي ڳولا ۽ تلاش ۾ اُڏندو رهي ٿو، هڪ گُل کان ٻي گُل تائين، هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ، هيڏانهن، هوڏانهن پوپٽ جي اِن ڀٽڪڻ ۽ بي جَپيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ فقط خوشبو حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ فنا ٿي وڃڻ. آهي نه سبق آموز ڳالهه، هڪ بنهه ننڍڙو ۽ نازڪ معمولي قسم جو جيت، جنهن کي زندگيءَ به چوڏهن ڏينهن جي مليل آهي، پوءِ به هُو هڪ جاءِ ٿانيڪو ٿي ويهي نٿو. خاموش رهڻ هُن جي فطرت ۾ شامل ڪونهي، قدرت هُن جي طبيعت ۽ مزاج ۾ اِها مڻيا رکي آهي جو هُو ڏينهن رات رُلندو رهي ٿو، ڀَٽڪندو رَهي ٿو، سو به فقط خوشبو چُوسڻ يا حاصل ڪرڻ لاءِ، هي اسان اِنسانن لاءِ هڪ مثال آهي ته ايتري ٿوري عُمر ۾ به هُن کي خُوشبوءِ جي ئي تلاش آهي، هُو اِن معمولي ڄمار کي به ڪنهن بدبُوءِ جي حوالي ڪرڻ بجاءِ خوشبوئن ۽ گُلن سان ڀري ٿو. ڪڏهن ويهي ويچار ته ڪري ڏسو، ڪڏهن ويهي اِن ڳالهه تي غور ته ڪري ڏسو! اسان اِنسان اِن پوپٽ جي ڀيٽ ۾ ڪيڏي وڏي ڄِمار ماڻيون ٿا، پر خوشبوءِ جيڪا علامت آهي، چڱائي ۽ سُٺائي جي اُن بدران بدڪارين، بُڇڙاين، حوس ۽ لالچ پويان سڄي حياتي گهاري ڇڏيون ٿا، اِهي ننڍڙا جيت ۽ اِهي ننڍڙا ۽ معصوم پکي اسان لاءِ هڪ مثال آهن، پر ڪاش! اسان پنهنجي هِن هيڏي ساريءَ حياتي مان فقط چوڏهن ڏينهن ئي ڪڍي، ڪنهن چڱائي جي خُوشبوءِ، ڪنهن ڀلائي ۽ بهتريءَ جي خوشبوءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪريون ته هُوند هيءَ دُنيا حسين ٿي پوي ۽ هِن دُنيا کي حَسين بنائڻ ۾ موسيقيءَ جو به وڏو هٿ آهي، پر شرط آهي ته اِها موسيقيءَ ۽ شاعري، ڌُن ۽ آواز جي لحاظ کان پرفيڪٽ هُجي، اهڙي موسيقي روح کي راحت، دل کي سُڪون ۽ من کي موهه ڏيندي آهي. اعتبار نه اچي ته ٻُڌي ڏسو هي ڪلام.

    ڪر ياد مِٺا ماڻهو.............. ثمينه ڪنول

     سامعين! ڪنهن ڏيک جي يادگيري، ڪنهن منظر جي سار، جڏهن مَن جي وائيلي سان وچڙندي آهي، دل جي پوتيءَ جو پلاند پڪڙيندي آهي، هِنئين جي چُنيءَ سان چنبڙي پَوندي آهي، تڏهن ڪي عجيب منظر منظِر عام تي اُڀري ايندا آهن. بلڪل ائين جيئن هِي اُداس منظر! ٿر جي ئي ڪنهن شهر جي هڪ گلي آهي، اُن ئي گليءَ ۾ هڪڙو گهر آهي، ۽ اُنهي گهر جي دروازي تي ڪا نئين پَرڻجي آيل عورت ڳوٺان واپس ڇڏڻ لاءِ ڀيڙي آيل پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽيءَ کان موڪلائي رهي آهي، ڀاءُ ڀيڻ جي مٿي تي هٿ رکي چوي ٿو؛ ڏيڪري! هَمين اسين هَلان ٿا، هَمين ايئي جي گهر تهاجو اَهي، دل وڏي ڪري مائِتران نا وساري ٻيس. هَمين اي ساسِرا ئي تهاجا مائيتر اَهين. اُن وقت اُنهي پرڻجي آيل نياڻيءَ جي ڪيفيت ڪهڙي هُئي، سا هڪڙي خبر کيس هُئي ٻي خُدا کي، پر پاڻ جيڪو منظر ڏِٺو سو هِن طرح هو، اُنهي عورت جو ڀاءُ ۽ ڀائيٽي روڊ ڏيئي روانا ٿيا، جيستائين مٿن نظر پيئي ٿي، تستائين اُها عورت اُتي ئي گهر جي در وٽ گليءَ ۾ بيٺي رهي ۽ پنهنجي ويندڙ ڀاءُ جي وِکن ۾ ويڙهجي اَباڻي گهر جي يادُن ۾ گُم ٿيندي ٿي ويئي. ڪُجهه اڳتي هلي هڪ چؤنڪ وٽ وڃي، جتان کان اِها گلي غائب ٿئي ٿي، اُن عورت جي ڀائيٽيءَ پوئتي مُڙي نِهاريو، ۽ پوءِ پنهنجي پيءُ سان هينئن مُخاطب ٿِي. ابا! ڀُوئا اڃا تائين ڀيٽي اَهي ۽ يڪو آپان نا جوئي پيئي. اِها ڳالهه ٻُڌي رهيو سندس ڀاءُ کان به ڪو نه ٿِيو، تنهن به پوئتي مُڙي ڏٺو ته واقعي! اُتي ئي آهن جتي اوهان ڇڏيون، ۽ پوءِ هُن هڪ ٿڌو ساهه ڀَري ڌيءَ کي وَرندي ڏني ته؛ ڏيڪري! تهاجي ڀُئا چري اهي، آڦي ئي پڇي جائيس، ۽ اُن وقت سائينداد ساند جي هِنن سِٽن جي معنيٰ مونکي سمجهه ۾ آئي هُئي ته؛
    هٿ اکين تان کڻان، هُو تنهن کان اڳي،
    موڙ اُڪري وڃي ته ڏاڍو سُٺو.

    ۽ جڏهن پوءِ هُو ٻئي موُڙ اُڪري اکين کان اوجهل ٿِي ويس، تڏهن اُها عورت لوڻي تان هٿ لاهي ڀنل اکيون پوتيءَ جي پلاند سان اُگهي پنهنجي گهر ۾ گهڙي ويئي، ۽ ايئن ئي هڪ اُداس منظر سڄي ماحول کي سوڳوار بڻائي نظرُن کان ته غائب ٿي وڃي ٿو پر دل جي ويران رڻ مان درد جو هڪ وڏو واچُوڙو اُٿي ٿو، جيڪو پنهنجي پويان ڇڏي ٿو وڃي. هِي سوال ته ڇا ڪوئي عورت جي اِن درد کي محسوس ڪري يا بيان ڪري سگهي ٿو؟ مُنهنجي خيال ۾ عورتاڻي عذاب جي ڪنهن به ڪيفيت کي عورت بڻجي عورت وانگر ڀوڳڻ کانسواءِ بيان ڪري نٿو سگهجي.

    آيل! مُنهنجو جو اچڻ اڙانگو ..... زرينه بلوچ

     سامعين! جَواني واقعي اڙل وڇيرن جيئن هُوندي آهي، جيڪا نينهن جي نيئرن کانسواءِ ٻيا هڙئي ٻنڌڻ ڇنائي سگهي ٿي. ڪيتريون به مٿس پابنديون ۽ بندشون وِڌيون وڃن پر اِهو دؤراهڙو آهي جڏهن هوش تي جوش حاوي ٿِي ويندو آهي، سو به تڏهن، جڏهن ماڻهوءَ کي اِن الهڙ وهيءَ ۾ عشق جي لگار لڳي ته پوءِ جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامَهُون هُوندو آهي. سو مون سان به ڪُجهه ايئن ٿِيو جو ڦوُهه جواني ۾ ڪٿي اکين جا لغڙ ڪاٽا ڪري ويٺس ڪم نه ڪار سڄو ڏينهن سُييريان جي سار پيءُ ته ڇٺيءَ ۾ ئي ڇورو ڪري وِيو هُئم، ٻه ڀينرون هُيون تن به پنهنجا گهر وڃي وسايا هُئا، باقي هِن هيڏي ساري جهان ۾ هڪڙي ماءُ هُيم، جنهن جون مون ۾ ٻٽيههَ دليون هُونديون هُيون، سو کيس عرض ڪريم ته امان! آئون تُنهنجي ڀاڻيجي جيڪا مُنهنجي ڀيڻن جي بَدي ۾ هُئي اُها ڪونه ٿو پَرڻجان بلڪِ مون هڪ هيرو هٿ ڪيو آهي، اهِو حاصل نه ڪيم ته پوءِ مومل مُئي ٻُڌندين مهندرا! سو ماءُ ويچاريءَ پُٽ جي خوشيءَ خاطر زهر جو ڍُڪ ڀَريو. هُونئن ڪا به ماءُ پنهنجي اولاد کي آڏي ناهي ڦِرندي. ڇو جو ماءُ کي پنهنجي پُٽ جي خوشيءَ ئي پياري هُوندي آهي. اولاد خوش ته ماءُ جون اکيون ٿڌيون. ويچاري مُنهنجي ماءُ محبوب جي مائٽن وٽ ويئي کين ڪيئي پُوتيون، پلاند وِجهي راضي ڪري مون لاءِ مُنهنجي محبوب جو سڱ وٺي آئي. هُن پنهنجن جو رنج سَٺو پر مُنهنجي مٿي تي موڙ ٻڌائين. مُنهنجي گهرواريءَ کي پنهنجي اڱڻ تي ڏسي امان ٻلهار پئي ويندي هُئي، پر هوڏانهن ”مَدي ڏيرن من ۾ آئون کِليو کُيڪاريان. واري ڪار هُئي سو ڌُريا ئي ڌاريان مِٽ مُئي جا نه ٿِيا. خير ڪُجهه ڏينهن خوش رنگ گذريا پر پوءِ جڏهن هُن جي هٿن تان حِنا سُڪڻ شروع ٿِي ته هُن به مُنهنجي ماءُ کان مُنهن مٽڻ شروع ڪيو ۽ سندس اندر ۾ اُها عورت جاڳي جيڪا مُڙس کي ذاتي ملڪيت سمجهي سمورا حق ۽ واسطا پاڻ وٽ محفوظ رکندي آهي. هن مُنهنجيءَ مُحبت ۾ ماءُ جي شراڪت کي به تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڪافي ڏينهن ڏندن تي ڏنم. پر نيٺ هُن هڪ ڏينهن هِيءُ آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو ته هِن گهر ۾ يا ته ماڻهين رهندي يا آئون...
    کيس کوڙ منٿون ڪيم پر هُوءُ مُڙي ڪا نه، ۽ پوءِ آئون هڪ پُلصراط تي اچي بيٺس هڪ طرف ماءُ جي مامتا هُئي، ٻي پاسيءَ حاصل جنين حال آئون نه جيئندي اُن ري“ سو نيٺ مون هارايو ۽ هُن کٽيو امان کي ڪنهن بهاني ڀيڻن وٽ ڇڏي آيس، ڪُجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻيو فرمان جاري ڪيائين ته هِي گهر وڪڻي شهر ۾ مُنهنجي مائٽن سان گڏ هلي رهون ٿا. سندس شاهي فرمان کي ٽارڻ مون مسڪين جي وس ۾ ڪو نه هو، سو اباڻو اجهو ڀُڳڙن مُٺ تي نيلام ڪري جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ ٿِيا ته اِها خبر جڏهن مُنهنجي ويچاري غريب الديار ماءُ وٽ پهتي ته هُوءِ اِهو صدمو برداشت ڪري ڪونه سگهي ۽ ادي وڏيءَ جي هنج ۾ اکيون پوريئين ته سندس ساهه جو پرديسي پکي پرواز ڪري ويو. مون جڏهن اِها خبر ٻُڌي تڏهن زمين مُنهنجي پيرن هيٺيان نڪري ويئي، پر چوَندا آهن ته پنهنجيءَ وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب. سو هاڻ ڪري به ڇا ٿي سگهيس سواءِ پڇتاءُ جا ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ هٿ مٽهڻ جي، ۽ هاڻ جڏهن به الهڏني جُوڻيجي جي آواز ۾ هِي ڪلام ٻُڌندو آهيان تڏهن اندر اڌ ٿي پوندو اٿم، جيءُ جُهري پوندو اٿم ۽ مُنهنجي ڪيفيت ڪنهن ڪُٺل پکيءَ جهڙي ٿي پَوندي آهي.

    مُنهنجي پرديسياڻي ماءُ ......... الهڏنو جوڻيجو

     سامعين! اڄ سنڌ جي هڪ اهڙي يگاني شاعر جي عُرس مُبارڪ جو ٻيو ڏينهن آهي، جنهن کي سنڌ سچل سرمست جي نالي سان سَڏي ۽ سُڃاڻي ٿي، درازن جو دوُلهه سچل سرمست ڪو رواجي درويش يا ولي هرگز ناهي، پر هُو سنڌ جي انقلابي شاعر شاهه لطيف وانگر هڪ اهڙو باغي شاعر هو، جنهن پنهنجي دؤرجي غلام سماج کان بغاوت جو جهنڊو بُلند ڪيو هو ۽ حَق جو نعرو هنيو هو، سندس ڪلام حق، سچ ۽ صُوفي ازم جو ڄڻ ته پيغام آهي، جنهن شاعر جي شاعريءَ ۾ مُحبت جي موج مستي ۽ معرفت جي موتين سان گڏ اناالحق ۽ هم اوست جا اُتم خيال اوتيل هُجن، اُنهي انقلابي شاعر کي پير ڪري پُوڄڻ ساڻس ناانصافي ناهي ته ٻيو ڇاهي! جنهن شاعر تصوف ۽ صُوفي ازم جي باريڪين کي پنهنجي لاجواب ۽ لازوال ڪلام ۾ قلمبند ڪيو آهي، اُنهي صُوفي شاعر کي سهي معنيٰ ۾ سمجهڻ، سندس فن ۽ فڪر جي ڦرهيءَ مان ڪاهڙ حاصل ڪرڻ بجاءِ کيس پُهتل پير سمجهي سندس درگاهه تي دلا ڀرڻ ۽ سندس مزار تي مُجاور بڻجي ويهڻ سندس ڏنل انقلابي تعليم جي نفي ناهي ته ٻيو ڇاهي! بدقسمتي اِها آهي جو اسان ڪنهن به شيءَ کي عقلي ۽ علمي بُنيادن تي پرکڻ ۽ پَروُڙڻ جا عادي آهيون ئي ڪو نه، ۽ نه ئي ڪنهن به ڳالهه يا چيز جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ڪو سائينٽيفڪ طريقو، ڪو سائنسي اصول، ڪو مڪينزم، ڪو منطق ٿا استعمال ڪريون يا اپنايون، بلڪِ سدائين انڌن عقيدن تي ڀاڙيون ٿا ۽ اعتماد ڪريون ٿا، نتيجي طور اسان جي عوامي، انقلابي ۽ صُوفي شاعرن جي سڄي ڪِي ڪمائي، اسان جي اڻڄاڻائي ۽ عقيدي پرستيءَ جي وَرُ چڙهيو وڃي، ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي انقلابي شاعرن جي شاعريءَ کي نه رُڳو علمي ۽ عقلي بُنيادن تي سهي نموني سان سمجهون، پر سندن ڏنل شاعراڻي سبق مان به ڪُجهه پرايون، ڪا هڙ حاصل ڪريون، هِتي توڻي هُتي، مطلب ته ٻنهي جهانن جي نجاد، ڇوٽڪاري، ڀلائي واسطي، اها ئي اِنهن شاعرن سان سچي مُحبت ۽ حقيقي عقيدت آهي، ۽ هاڻ اچو ته سُهراب فقير ۽ سندس ساٿين کي ٻُڌون جيڪي سنڌ جي هِن سچل جي سرمستيءَ کي ڪُجهه هن طرح بيان ڪري رهيا آهن.
    ”جنهن دل پيتا .......................... عاشق نظاماڻي“.

     سامعين! هڪڙي موسم، ٻي به صبحاڻي کان شروع آهي، يقينن اوهان حيران ٿيندا ته اِها وري ڪهڙي موسم آهي؟ پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي. اسان ٿا اوهان کي اِن موسم جي اثرن کان آگاهه ڪريون. جي ها اِها موسم آهي سالياني امتِحان جي. جنهن ۾ فوٽو اسٽيٽ مشين وارن کان وٺي ڪاپي ڪلچر مافيا تائين جيڪي به ڌنڌوڙي فرد ۽ ٽولا هن ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ هٿ ڪارا ڪندا آهن، اُنهن سڀني جا وارا نيارا هِن ئي سڻڀي سيزن ۾ ٿيندا آهن، رستي تي يا ڪنهن شهر جي چؤنڪ تي وڏا وڏا سائين بورڊ لڳل هوندا آهن، ڪٿي ڪي اشتهار به آويزان هوندا آهن، ڪنهن فِري ڪئمپ، يا ڪنهن ميلي ملاکڙي متعلق، اُنهن جي هيٺيان لکِيل هوندو آهي پاران، طرفان جنهن کي انگريزي وارا فرام چون ٿا، سو اُن پنهنجي پاران اڄڪلهه ايتري ته ترقي ڪئي آهي جو اُها هاڻ پنهنجي پاران مان ڦِري ٻي جي پاران جو روپ اختيار ڪري چُڪي آهي، جيئن مسواڙ تي شاديءَ جو ڀت ڪرڻ لئه ماڻهو ملي سگهي ٿو ائين ٻي جي پاران ونگار وهڻ لئه به ڏوجها ماڻهو ملي سگهِن ٿا ته پوءِ ڪا ڳڻتي يا ڳاراڻو ڇا جو؟ اوهان پاڻ يا اوهان جو لاڏلو لکي پڙهي نٿو سگهي ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي پئي. اهِو ڪم ته آساني سان ٿي سگهي ٿو اوهان ڪنهن جي مُٺ گرم ڪري پنهنجي پاران جيڪو ڪم نٿا ڪري سگهو، سو ٻي جي پاران همراهه کي ويهاري ڪرائي سگهو ٿا، ڳالهه رُڳو سمجهڻ جي آهي، نٿا سمجهي سگهو ته نوشتهِء ديوار تحرير پڙهي ڏسو. جتي حڪيم ايڇ ايم سومري کانسواءِ به گهڻو ڪُجهه لکيل هُوندو آهي پر پاڻ اُن جي پَرواهه ڪڏهن ڪئي آهي، لکيل ته هوٽلن ۾ به هوندو آهي ته هِتي سياسي گُفتگو ڪرڻ منع آهي، يا ڪن جڳهين تي لکيل هوندو آهي سگريٽ ڇڪڻ ۽ گوڙ ڪرڻ کان پرهيز ڪريو. هاڻ ڏيو مُنهن! ماڻهو گونگا ته ناهين جو گُفتگو نه ڪن، ڪِري اسين ڊاڪٽر جي جهلڻ تي به ڪونه ڪريون سو هوٽلن ۽ بسن ۾ ويهي ٻٽاڪ نه هڻون ته ٻيو ڇا ڪريون، ٻي ڳالهه ته هر لکيل ڳالهه تي عمل ڪرڻ جو رُڳو پاڻ ٺيڪو ٿوروئي کنيو آهي. لکيل ته هر لاريءَ ۾ به ائين هوندو آهي ته ”مسافر پنهنجي سامان جو پاڻ ذميوار آهي“ ذميوار ته اسان پنهنجي پاڻ بابت به ناهيون مٿان وري اِهو حُڪم به اسان تي، اسان کي لاري ۾ ڊرائيور جي لڳ سان سيٽ ملي ويئي ته بالم ٿي ويهي رهنداسون پوءِ جي ڪو شاهينگ کيسو ڪتري وڃي ته ڪُهاجي لاريءَ مان لهڻ مهل سامان سيٽ تي رهجي وڃي ته ڇا، اسان ته بقول شمشير جي هڪ دل هُئي سا به ڪِٿ وساري ايندا آهيون يا ڪنهن لاريءَ ۾ مُرڳو اکيون ئي وڃائي ايندا آهيون.
    مُرڪ پياري ۾ اکيون رهجي ويون.......... شفيع فقير

     سامعين! ٻوڏ مُتاثرين جو جيڪو درد آهي، اُن جو رُڳو تصور ئي اِنساني احساسن کي ڇرڪائي ڇڏي ٿو. اُهي جيڪي ڪئمپن ۾ جيئڻ خاطر جيڏيون وڏا وس ڪري رهيون آهن، اُنهن جي بيوسيءَ جي هڪڙي جهلڪ هنن چند سِٽن مان به پسي سگهجي ٿي. هڪڙي ڪئمپ آهي جتي ڪا اُداس عورت ويٺل آهي، سندس گوڏي ته ڪائي نياڻي سُتل آهي، جيڪا پنهنجي ماءُ سان هيئن مُخاطب ٿئي ٿي.
    امان! مُنهنجي اُها گڏي ڪٿي آهي، جيڪا ونواهه ۾ ويٺل هُئي؟
    ڌيءُ اُها درياهه سان پرَڻجي ويئي.
    پر امان! درياهه ۾ ته رُڳو پاڻي آهي، اُن وٽ گُڏو ڪٿي آهي؟
    ها پُٽ! پاڻيءَ کي تُنهنجي گُڏي وڻي ويئي.
    امان! گُڏي جو ڀرت ڀريَل گهگهو ڪيڏانهن ويو!
    امڙ! اُهو سنڌوءَ جون لهرون لوڙهي ويون.
    ۽ امان! مُنهنجي گُڏيءَ جي مڱڻيءَ جي مُنڊي؟
    ڌيءَ درياهه جون ڇوليون کنڀي کڻي ويون.
    پر امان! ڇوليون مُنڊيءَ کي ڇا ڪنديون؟
    شايد سنڌوءَ کي پارائينديون.
    امان! سنڌوءَ جا هٿ ڪٿي آهن؟
    نه امان! سنڌوءَ جا هٿ ڊگها آهن.
    امان! گُڏيءَ جي اُها سڳي ڪٿي، جيڪا تون رنگين داڳن مان ٺاهي ڏني هُئي؟
    ڌيءَ اُها به ويرُن حوالي ٿي ويئي.
    ۽ امان! هُو هار جيڪو مون مڻين مان جوڙيو هو؟
    آيل! اُهو به درياهه ڦري ويو.
    امان! درياهه ڌاڙيل آهي ڇا جو ڦُر ٿو ڪري؟
    نه ڌيءَ! درياهه بادشاهه آهي.
    امان! بادشاهه گُڏين جا گهر اُجاڙيندا آهن ڇا؟
    نه ڌي بادشاهه ماڻهو آهن، اُٺ ٿوروئي آهن.
    ته پوءِ درياهه اُٺ آهي ڇا امان؟
    نه جيجان! درياهه به اُٺ ڪونهي پر .................
    پر ڇا اَمان! ماٺ ڇو ٿي وئين؟ درياهه کان ڊڄين ٿي؟
    ها ڌيءَ! درياهه جي دهشت اڳيان اُٺ ڪهڙي شيءَ آهي.
    امان دهشت ڇا آهي؟
    پُٽ! ڏاڍ، ڏهڪاءُ، ظلم، زبردستي دهشتگرد ئي ڪندا آهن.
    ته پوءِ ڇا درياهه دهشتگرد آهي امان؟
    نه مُنهنجي ڌيءَ! درياهه دهشتگرد ڪونهي.
    ته پوءِ آخر امان درياهه ڇا آهي؟
    جيجي! درياهه اسان جي جياپي جو ضامن آهي پر هيل الائي ڇو ڪاوڙيو آهي.
    امان! اسان جي مِس ته تڏهن ڪاوڙبي هُئي جڏهن ڪو ٻار غلطي ڪندو هو.
    ها ڌيءَ غلطيءَ جي ئي سزا ملندي آهي.
    پر امان! گُڏي ڪهڙي غلطي ڪئي؟
    نه ڌيءَ! گُڏي ڪا به غلطي ڪونه ڪئي هُئي.
    ته پوءِ امان! درياهه مُنهنجي گُڏيءَ تي ڇو ڪاوڙيو؟
    نه پُٽ! درياهه تُنهنجي گُڏيءَ تي ٿورو ئي ڪاوڙيو آهي؟
    ته پوءِ ڪنهن تي ڪاوڙيو آهي امان؟
    اُنهن تي ڌيءَ جن درياهه جي وهڪرن ۽ واٽن اڳيان وڏا بند ٻڌي، اُن کي پنهنجي عاشق يعني سمنڊ سان ملڻ کان روڪيو آهي.
    پر امان! اِهو ڪم ته وڏن ماڻهن ڪيو آهي، گُڏيءَ ته ايئن نٿي ڪري سگهي نه؟
    ها ڌيءَ! گُڏي ويچاري بي جان هُئي، اُن کي ڪهڙي مجال.
    امان! ته پوءِ مُنهنجي گُڏي جو ڏاج درياهه ڇو کڻي ويو؟
    ها ڌيءَ! درياهه کي به شايد ڪا ڌيءَ پَرڻائِڻي هُئي.

     سائين مُنهنجا! ڪي ڪي ماڻهو ڳالهين جا ڳهير هُوندا آهن، ڳالهه کي ڳاٽي مان جهلي ائين گهُمائي، ڦيرائي ميدان تي سٽيندا جو ڳالهه ڪنهن سَت، سُري ڳُجهارت جئين ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويندي، ته ڪي وري ست راڄي گهُرائي گڏ ڪري پوءِ پنهنجي ڳالهه جي گابال ڳنڍ کوليندا، ڳالهه ۾ ڀلي کڻي ڪو وزن يا بحر نه هُجي پر همراهه اُن کي اورڻ لئه الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا اُهتمام ڪندا، جتي مرد مرد جي ذات ڪانڀ ڪڍي پٽڪي جي ور سان ٻوڪاني ٻڌي اچي ٿانَ ماري ويهندي، پوءِ سِج کُٽي يا ٻج کُٽي، اوڙي، پاڙي وارن جي اوٻاسيءَ جو ٺڪاءُ پيو پوندو، پر ڳالهه هوندي جيڪا ويندي پٽ ڪيئن وانگر کُلندي ته سوجهاڪو ٿي ويندو پر ڳالهه جو سنڌو نڪي سيڙهو. ڌراڙ وڇار ته وچان وچان اک جهلي اُٿي ويندا، پر جيڪي چار چڱا مُڙس ستين ڪوهين تا سيڙائي آيا هوندا اُهي ڏندن تي ڏيئي رات ڪٽيندا. ڳالهه ڪرڻ، ٻُڌائڻ ۽ کڻڻ جو به هر ڪنهن جو پنهنجو، پنهنجو انداز، ڏانءُ ۽ طريقو آهي، ڪي ڳالهه جو نڪو ڳوٺ اڏيندا، نڪي پيڙهه جوپٿر رکندا، رُڳو پاڳوٺي ٺوڪي پٽ تي ويهي ڳالهه مان ڳوڙهو ٺاهي ٺڪاءُ کڻي ميدان تي ڪرائيندا پوءِ کٽن ڀاڳ! ڪي وري اهڙا ڳالهير جو ڳالهه ڪرڻي هُونديَن مِٺيءَ جي پر جسين ماڻهن کي ڏيپلو، ڏاهلي، ننگر، ونگو، ڪلوئي، ڇاڇرو مطلب ته سَڄي ٿر جو سير ڪرائي گهُمائي ماندو ڪري نه ماريندا تيسين اصلي ڳالهه جي ڳنڍ نه کوليندا، چوندا ته اِها تمهيد ٿا ٻڌون. ڪي ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ جا شاهه ڪاريگر ته ڪي ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهي ڏيکاريندا، ڪي بڊي جي ڪڪرن جيئن گوڙ گهُمسان ته گهڻو ڪندا پر هونديون دٻي ۾ ٺِڪريون، ڪي ٻه ٺپي گُجهارت جيڏي ڳالهه لئه سڄي سال پيا سَبرندا ۽ ميدان تي ايندا ته چوندا دودو چنيسر هتا ڀائي، آپس ۾ وڙهي تباهه ٿي گيا، وات هتي اِتي اَڀان کڻي وڌائي، ڳالهه نه ڳالهه جو پايو پر همراهه کي جيڪا هُرکُر هوندي اُها ڇِنڊي پوءِ اُٿندو، ڪي ڳالهه ۾ ڳڀنيرتا ڀرڻ جا ڀڙ ته ڪي وري ڳالهه مان ڳڙ ڪڍي ڏيکارين. ڪن جي ڳالهين تي خلق کِل ۾ کيري ٿيو وڃي ته ڪِن جي ڳالهه هڪ ڪَن مان ٻُڌي ٻي ڪَن مان ڪڍيو ڇڏين. ڪِن وٽ ڳالهين جون ڳوٿريون بلڪِ ڳوُڻين ڀريل هونديون ته ڪي وري هوا ۾ لٺيون هڻندا ڦرن، يعني جيڪا ڳالهه ڪن اُن جي نه زمين نه آسمان سؤليءَ سنڌيءَ ۾ ته هرو ڀرون هٿ جي هڻندا آهن. ڪي واٽ ويندي راهه روڪي ٻانهن مان جهلي ڪنهن ٻاڪڙا هوٽل تي ويهاري چانهه پياري پنهنجي ڳالهه اوهان جي کيسي وجهي پوءِ جان ڇڏيندا. ڪي ڳالهه ۾ مرچ مصحالا ملائي پوءِ ڪندا ته ڪي وري ڳالهه ڪندا چٽي، جنهن ۾ کڙو نڪي مٽيءَ، هڪڙا مُنهن جا مورا جيڪي ڳالهه کي وات ۾ پيا ڦيريندا پر ٻاهر ٻڙڪ به ڪڍي نه سگهندا ۽ ٻيا وري ڪيئي ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ويڙهيو وتندا، اگر ڪٿي گوشي پرين گڏ جي وين ته سڀئي احوال اوريندي دير نه ڪندا، پر جي ڪنهن ڪنن تان وار وڌا ته پوءِ هيءَ شڪايت ڪندا ته ڳالهه نٿو ٻڌي.
    ڳالهه نٿو مُنهنجي ٻُڌين ........ فوزيه سومرو

     سامعين! اڄ نائين ڊسمبر آهي، ۽ نائين ڊسمبر رُشوت خلاف عالمي ڏينهُن آهي، اڄوڪي هِن عالمي ڏينهن جي حوالي سان، اسان اوهان کي ٻُڌائيندا هلون ته اُڄ پُوري دنيا ۾ رشوت ۽ بَد عُنواني خلاف ڀَرپُور نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي، ۽ اُنهي عمل ۾ اسان جو مُلڪ به سڄي دُنيا سان هم قدم ۽ هم آواز آهي.
    سامعين! دُنيا جو ڪو به مُهذب مُعاشرو رشوت جهڙي ناسُور کي چڱي شئي قطعي نٿو سمجهي، رشوت يا بدعُنوانيءَ جا هڪ نه پر هزارين قِسم آهن، پوءِ اِها قومي فرض ۾ ڪوتاهي هُجي يا پاڻ تي عائد ٿيل ڪِن ذميوارين ۾ بَدديانتي هُجي، امانت ۾ خيانت هُجي، ذخيره اندوزي هُجي، ناجائز مُنعافي خوري هُجي، تور ۽ ماپ ۾ کوٽ يا مِلاوٽ هُجي، اختيارن جو ناجائز استعمال هُجي، توڻي ذاتي اثر رسوخ ذريعي اثرانداز ٿيڻ جو عمل هُجي، ڪنهن اهل جي جاءِ تي نااهل جي سفارش هُجي، توڻي جائز ڪم لاءِ ناجائز طريقا استعمال ڪرڻ هُجي، مطلب ته رشوت ڪهڙي به صورت ۾ هُجي اُها ناجائز آهي، غلط آهي، گُناهه آهي ۽ قانوني توڻي اخلاقي جُرم آهي، جيڪو شخص رشوت ڏي يا وٺي ٿو اُهو اِنهي جُرم جو مُرتڪب بڻجي ٿو. مٿي ذڪر ڪيل ڏوهن مان اگر ڪو هڪ به ڏوهه ڪنهن فرد تي ثابت ٿئي ته اُهو سزا کائي سگهي ٿو. نه رُڳو هِتي هِن دُنيا ۾ پر رشوت ڏيندڙ توڻي وٺندڙ ٻئي جهنمي آهن. رشوت ۽ بَدعُنواني اسان جي پُوري سماج کي ڪنهن وچڙندڙ وَبا جيئن وڪوڙي ويئي آهي، هڪڙي ادنيٰ ڪلرڪ کان وٺي ڪنهن اعليٰ عملدار تائين شايد ئي ڪو اهڙو خُدا جو نيڪ بندو هُجي جيڪو انهي بُرائي کان بچيل هُجي، هِيءَ جيڪا رات جي پيٽ ۾ امير ترين ٿيڻ جي ڇتڪُتائي پيدا ٿي پئي آهي، اِها انسان جي ضمير کي ذلتن جي گٽر ۾ غوطا ڏيئي ماري ڇڏي ٿي ۽ اکين تي حَوسَ جون لِپريون چاڙهي ڇڏي ٿي، ماڻهوءَ مَنجهان ماڻهپو لڏي وڃي ٿو ۽ هُن ۾ پنهنجي پرائي جي ڪا به ساڃاهه ڪو نه ٿي رهي، پنهنجي مُلڪ توڻي ادارن جو احترام ختم ٿي وڃي ٿو ۽ هُو پنهنجي عيش و عشِرت خاطر خلقِ خُدا جي حقن تي ڌاڙا هڻي، اُنهن کي سندن جائز حقن کان محروم ڪري ڇڏي ٿو ۽ ايئن ڪرڻ سان اسان جا سمورا ادارا بَدعُنوانيءَ ۽ نااهليءَ جي وَرُ چڙهي وڃن ٿا، سموري سِرشتي جي ستياناس ٿي وڃي ٿي، نتيجي طور اسان جو پُورو مُعاشرو مَفلوج بڻجي وڃي ٿو. تنهنڪري سماجي شعور رکندڙ هر فرد تي اِهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هُو پنهنجي مُعاشري کي هِن موُذي مرض کان نجات ڏيارڻ لئه ڀَرپُور ڪردار ادا ڪري، ماڻهن ۾ هِن سماجي بُرائي خلاف سُجاڳي پيدا ڪري ، رشوت ۽ بَدعُوانيءَ کان پاڪ مُعاشريءَ جي قيام لاءِ حڪومت ۽ رشوت ٽوڙ کاتي سان مُڪمل سهڪار ڪري.


    7

     سامعين! هي اَمر آواز، هِي سُريلي صدا ۽ هِي لازوال ڪُوڪ ٿر جي اُن ڪوئل جي آهي، جنهن کي دُنيا مائي ڀاڳيءَ جي نالي سان ڄاڻي ۽ سُڃاڻي ٿي. اڄ سنڌ ملوڪ بلڪِ جڳ ملوڪ مائي ڀاڳيءَ جي ورسي آهي، جيتوڻيڪ ڪنهن ڪلاڪار، ڪنهن آرِٽسٽ جي ڄمڻ يا وفات ڪري وڃڻ واري تاريخ کي ڪنهن هڪ ڏينهن جي قفس ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته سڀئي تاريخون ۽ سڀئي ڏينهن اسان جي اِنهن عظيم فنڪارن جا آهن، جن پنهنجي عُمرِ عزيز جا سڀئي قيمتي پل ۽ حيات جاويدان جا هڙئي لمحا فن کي ارپي ڇڏيا. سو اسان جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ مائي ڀاڳيءَ به هڪ اهڙي گُلوڪاره هُئي، جنهن کي هر روز ساري سگهجي ٿو، هر پل کيس ياد ڪري سگهجي ٿو. هُوءَ جيڪا مُهراڻي جي مير راضي شاهه بادشاهه جي به مُريدياڻي هُئي ته لاڙ جي لاڏلي سمن سرڪار جي در تي به دلا ۽ مَٽيون ڀريندي هُئي، هُوءَ ڀٽائيءَ سميت سنڌ جي سڀني صُوفي بُزرگن ۽ اولياءِ الله جي خاص خليفياڻي هُئي، هُوءَ پاڻ هڪ ملنگياڻي ۽ فقيرياڻي هُئي، جنهن وٽ نه رُڳو ڳل تي هٿ رکي ڳايل لاجواب لوڪ گيتن جي ڏات هُئي، پر سندس سادگي جي سُونهن به اَهڙي هُئي جو هُن دل جي درويش ٿر ڄائي گُلوڪاره جي گلي ۾ سموري ٿر جا ثقافتي رنگ ۽ لوڪ موسيقيءَ جا سڀئي سُراچي ساهي پٽيندا هُئا، هُن کي خدا تعاليٰ طرفان جيڪا ڏات عِنايت ٿيل هُئي، اُنهي جو مثال هِن مصنوعي دؤر۾ مِلڻ محال آهي. هُن جيڪو ڪُجهه ڳايو، اُهو سڄي دنيا جي سامهون آهي، بلڪه سُر ۽ گُر جو سنسار هُن جي عظيم گائيڪا هُئڻ جي تصديق ڪرڻ لئه ڪَالهه به تيار هو ته اڄ به تيار آهي. اِها هُن جي فَن جي عظمت آهي، هُن کي سرحد جي ٻي پار ويٺل لتا جي به دل جي ڪنن سان ٻُڌي داد ڏي ٿي ته سندس ئي پاڙيسرياڻي مُنهنجي ماءُ مينهن ٻائي به ساڳي سڪ سان سُڻي ٿي ۽ سندس ڳايل هر ڪلام ٻُڌي روئڻ کان پاڻ روڪي نٿي سگهي. هن جي ڳايل هر گيت ۾ ايتري سگهه ۽ شڪتي آهي جو هُوءِ جُڳن تائين ماڻهن جي من اندر ۾ جيئري رهي سگهي ٿي. اهڙي عظيم گائيڪا ۽ لوڪ گيتن جي لڄپال مائي ڀاڳيءَ جي فن ۽ فقيراڻي طبيعت تي ڳالهائڻ، ۽ سندس ذاتي زندگيءَ جي مڙني رنگن، رُخن ۽ پهلوئن کي لفظن جي لڪيرن ذريعي ڪا تصويري شڪل ڏيڻ لاءِ ڪنهن عظيم آرٽسٽ جون آڱريون کپن، جيڪي پاڻ وٽ ڪونهي پاڻ وٽ اِهو آهي ته اڄ سندس ورسيءَ تي سندس ئي ڪلام هلائي کيس ساري ضرور سگهون ٿا.
    کڙي نيم ڪي نيچي ..............مائي ڀاڳي

     سامعينِ مُحترم! هُونئن ته وطنِ عزيز جا سڀئي ڳوٺ، شهر واهڻ، توڻي وسنديون اسان ۽ اوهان کي اِنتهائي عزيز آهن، ڇاڪاڻ جو صنعتي ترقيءَ جي ڪري مُلڪي خوشحاليءَ ۾ اسان جي شهرن جو به وڏو هٿ آهي، اِهي شهر اسان جي مُعاشي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي جديد زندگيءَ جا آئيني دار آهن، پر شهرن جي شور و غُل کان پري اسان جي ڳوٺن جو پُرامن ماحول، فطري سُونهن ۽ قدرتي حُسن ماڻهوءَ جي داخلي دنيا کي تسڪين پهچائي ٿو، اُتي جيڪو آنند آهي اُتي جيڪو سُڪون آهي، اُتي جيڪا پنهنجائپ آهي، اُتي جيڪو پيار آهي پاٻوهه آهي، اُهو شهرن جي مشيني ماحول ۾ موجود ڪونهي. اُتي جيڪا سادگيءَ جي سُونهن آهي، اُتي جيڪا زندگيءَ جي اصليت آهي، اُتي جيڪو رشتن جو ڀَرم ۽ تقدس آهي، اُتي جيڪو هڪ ٻي سان همدرديءَ جو جذبو آهي، خالص گيهه جهڙو نج خلوص آهي، سو سڀڪُجهه شهرن جي مصنوعي ماحول ۾ اڻلڀ آهي، اسان جا اُهي ڳوٺ جيڪي اَمن ۽ آشتيءَ جا گهوارا هُيا ۽ اڃا به آهن. جيڪي سچائي ۽ شرافت جو اُهڃاڻ هُيا ۽ آهن، جتي مُحبتن تي ڪو به جي، ٽي ٽيڪس مڙهيو نٿو وڃي، جتي پيار تي ڪو به وياج ورتو نٿو وڃي، جتي عشق ڪنهن به ادائيگي کان آجو آهي، جتي ميرن ڪپڙن وارن جي من ۾ ڪو به مير ڪونهي، جتي محنت ۽ مزودريءَ کي مِهيڻي بدران مَرڪ سمجهيو وڃي ٿو، جتي اڃان تائين وڏي اسر جو اُٿي عورتون کير ولوڙينديون آهن، ۽ جنڊ منڊي ٽويو ٽڪ تي پيهنديون آهن، جتي جٿن جي صورت ۾ سڀئي سهاڳڻين پيرون چُونڊڻ ۽ پاڻي ڀرڻ وينديون آهن، جتي ڪنهن به پاڻيهاريءَ تي ڪو پهرو ڪونهي، جتي هلو هلو ڪورئين جا سڏ سڄو ڏينهن نيهن جا ناتا ڳنڍيندا رهندا آهن. پر ڇنڻ جي ڪار ڪونهي، جتي صبحءَ جو سَيم تي لنگهايل چوپايو مال وڏيءَ وِرهانڊ جو بنا ڌراڙ جي پاڻهي وٿاڻ تي وري ايندو آهي. جتي مايون مُڙسن سان گڏجي ڏينهن رات ڪم ڪرڻ کي پنهنجو سُهاڳ سمجهنديون آهن ۽ واندڪائي جي وقت ۾ ويهي کڻ کڻڻ يعني ڀرت ڀرڻ ۽ رَليون سِبڻ توڻي ڀيڙيون ٿِي ڀور ڪرڻ ۽ اوٽي ڏپِڻ مهل ائين خوش ٿينديون آهن، جيئن ڪو ٻار خرچي مِلڻ تي خوش ٿيندو آهي. اِنهن ساڌڙن، سٻاجهڙن ۽ اڇيءَ دل وارن، امن پسند ڳوٺاڻن جون خوشيون، خواب ۽ خواهشون به بنهه ساديون آهن. اُهي جيڪي آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿ ڏِهاڙي سومرا، سي پنهنجي اَڀري، سَڀري اُڪاري پيئن ٿا. صَبر، شُڪر ۽ سَرهائي محسوس ڪن ٿا، پر ڪڏهن ڪا شِڪوا ڪونه ٿا ڪن، الله جي ڏني تي ارها ڪونه ٿا ٿين، بلڪِ هميشه رَب جي رَضا تي راضي رهن ٿا، سدائين کُليل گهرن جي ڪُشادي اڱڻ ۾ آزاد فضائن ۾ صرفي جو ساهه کڻندڙ اُهي ڳوٺاڻا جڏهن به ڪنهن ڪم سانگي، ڪنهن نوڪريءَ خاطر شهرن جي سوڙهي ۽ گهُٽ، ٻُوسٽ واري ماحول ۾ اچي ڦاسندا آهن تڏهن سندن ساهه پيو مُنجهندو ۽ ٻُوساٽبو آهي، ڇاڪاڻ جو اُهي آزاد فضائن وانگر فراخ دل آهن، سي ڀلا شهرن جي سوڙهيءَ دل وارن ماڻهن سان ڪٿي ٿا ڪٽي سگهن. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو سندن درويش دل سدائين ڳوٺ جي ڳهريل ڳلين ۾ کُليل هوائن ۾ اُڏامڻ لئه پئي اُڇلون کائيندي آهي. اوهان پاڻ پنهنجي هِنئين تي هٿ رکي ٻُڌايو ته ڪير آهي، جيڪو پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي ڍاڻيءَ جي نيريءَ ۽ ناسي يادگيريءَ کي دل جي سُرمئي سليٽ تان ڌوئي صاف ڪري، پنهنجي اَباڻي وانڍ جي وِرهانڊ کي وساري ويهندو، ڪير آهي جنهن جي دل ڳوٺ وڃڻ لئه پَياري شِواڻي جي هِن نظم وانگر بي تاب نه هُوندي.
    دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان ............. شفيع فقير

     سامعين! اڄ مِٺيءَ ۾ ٿر جي هڪ اهڙي عظيم اِنسان جي ورسي ملهائي پيئي وڃي، جنهن پنهنجي سڀ ڄمار انساني خدمت ۽ پنهنجي وطن جي بي سهارا، بي پهچ ماڻهن جي مالڪي ڪندي سندن وارثي ڪندي خرچ ڪري کپائي ڇڏي. هُو جيڪو ٿر جي پوئتي پيل يا ڌڪيل انسانذات لاءِ ڄڻ ته ڪو مسيحا بڻجي آيو هو، جنهن پَنهنجي سڻڀي ڪُرسيءَ کي قربان ڪري پنهنجي وطن دوستيءَ ۽ اِنسان دوستيءَ جو ثبوت ڏنو هو، سو کرڪڻا لاهي ڪڏهن به سُک سان ڪونه سُتو، هُو جنهن ڀٽائي جي هن بيت جي عملي تفسير پيش ڪئي ته مون سين هلي سا جا جيءَ مِٺو نه ڪري، هُن واقعي نڪو جيءَ مِٺو ڪيو ۽ نه ئي وري ويءُ مِٺو ڪيو، بلڪِ هُن ڀَريءَ کي لت هڻي، سڀئي آرام، آسائشون ۽ ريئساڻين روايتن جي برخلاف، بي واهُن جو ڀَرجهلو ٿي ڏيکاريو، هُن مسڪينن سان ٿيندڙ ڏاڍاين، ڏنگاين تي بغاوت جو جهنڊو بُلند ڪيو هُو،جيڪو پاڻ به مسڪين ماروئڙن جو يار هو تنهن پنهنجي نالي سان ڪنهن خان بهادر جو لقب لڳائڻ بجاءِ مسڪين جهان خان کوسو سڏرائڻ ۾ پنهنجو شان سمجهيو ۽ سَرهائي محسوس ڪئي، ٿر جي نڌڻڪي ۽ ويچاري عوام هُن جي مُريد هُئي. ميرپورخاص جا روڊ رستا، عدالتون، آفيسون ۽ ٻيا دفتر هُن جو ۽ هُن جي مسڪين ماڻهن جو مسڪن هوندو هو. ميرپورخاص جا رستا روڊ، فوٽ پاٿ ۽ ريلوي پٽڙيون اڄ به هُن جي پيادل پيرن جي ساک ڏين ٿيون، هُن ائين ئي عُمر ڳاري ڇڏي خلقِ خُدا جي خدمت ۾، سندن مدد ڪرڻ، سندن ڪمن ڪارن ۽ مصيبتن ۾، هڙان وڙان ڏيئي ڀَر وٺي بيهڻ جو اعليٰ گُڻ ٿر جي هِن عظيم انسان مسڪين جهان خان کوسي ۾ ئي هو، جنهن کي ساري نه رُڳو ننگر جا ڪولهي، پر سموريءَ ٿر جا مجبور ماڻهو ٿڌا ساهه کڻن ٿا ۽ چون ٿا ته صديون گذريون، روپلا پر تنهنجي ٿر ۾ رات رهي پيئي آهي.
    تُنهنجي وئي کانپوءِ .............. صادق فقير

     سائين مُنهنجا! جڏهن سارنگ جا ساٺ سَجايا ٿيندا آهن، جڏهن وڏ ڦُڙو وسندو آهي، جڏهن آڙنگ جا انگل ۽ آراپسي ڪڪر ڪارونڀار ٿي ٿر واريءَ مٿان ٿاڌل ڪندا آهن، تڏهن اسان مارُو ماڻهن جي مُرجهايل مُکن تي مُرڪون مَحوِ رقصان هُونديون آهن. ڇو جو اِهي ڪارا ڪڪر اسان ماڻهن جي آسُودگيءَ جي علامت ۽ اُهڃاڻ هُوندا آهن. ڪڪر جن جي جهُڙ جهاٽي ٿيڻ، ڇمر الوٽ ٿي برسڻ جي آسري اسان ماڻهو ڪٽڻ جو جهڙو وقت آڱرين تي ڳڻي ڪٽيون ٿا. اِها ئي اسان ٿرواسين جي اُها وطن دوستي جي دعوا آهي، جنهن لاکيڻي لطيف کي سُر مارئي لکڻ تي مجبور ڪيو هو. هي ڪارا ڪارونڀار ڪڪر، جن کي اسان ماڻهو ڪڪر يا بادليا، پڇُون، ڇَمر، لهاڻون، ڪَنڍرون، ڪوئلون ۽ گهٽائون چئون ٿا. سي اسان مارُو ماڻهن کي، اسان جي چوپايي مال کي ۽ جُڳن کان جيئري هِن جوُءِ کي جيئندان بخشيندا آهن. اهِو ئي ڪارڻ آهي جو هر ٿرواسيءَ کي، ڪارن ڪڪرن سان، سُرمئي لهاڻن سا، ڀورن بادلن ۽ گهنگهور گهٽائن سان بي اِنتها محبت هُوندي آهي. ٿر جي اُڀ تي آڙنگ ڏسي وُڄن وراڪا ۽ کِنوڻ جا کيل ڏسي ٿر جو مارُو ماڻهو چاهي دُنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ هَڪيو هُجي، اُتي اُداس، اڻ جپو ۽ بي چين ٿي پوندو آهي. سندس مَنُ ماندو ۽ مَلوُل ٿي پوندو آهي. سڀئي کاڌا ۽ کيڻ وسري ويندا آهن جيسين پنهنجي جوُءِ، پنهنجا اباڻا اجها ۽ اجهورِ اُهي سيمون ۽ سيڙها جتي ڪڪر ڇانو ٿي هوندي، جتي ڪي مينهن ڪڻيون پيون هونديون. اُهي ماڳ، اُهي مڪان جتي مينهن وُٺي کانپوءِ ملير ڄايون مرڪنديون آهن، جتي مٽَڪُو راند رمندي عمرِ عزيز جا انمول ڏينهن ايئن جهٽ پٽ جوان ۽ پوڙها ٿي ويندا آهن، جيئن گولاڙو ڄارين جي ٽارين تي ٽِنڊري ڳاڙهي گولَ جهلي جهونو ٿي ويندو آهي، جتي سُويي سَڙ ڦير ڪونڍير جي قُرب ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جا وجود ڦلهوربا آهن، جتي واريءَ جا گهر ٺاهي ۽ ڊاهي مينهن ماماڻا پڪڙي ٿري ٻارڙا خوش ٿيندا آهن، اُتي چوڙيلين جا چهرا ۽ ڌنارن جون دليون به ڌڙڪنديون آهن، ڪڪرن جي ڪرم نوازيءَ کانپوءِ جيڪا خوشي ٿري ماڻهن کي ٿيندي آهي، اُنهي سَرهائي جي سُندر احساس جي ڪٿ ڪرڻ يا ماپ تور ڪرڻ لاءِ اڃان تائين ته دُنيا ۾ ڪو به اوزار ايجاد ناهي ٿيو، اڃان تائين اهڙي ڪا به فُٽ پٽي يا ڦيٿ ايجاد نه ٿي آهي، جنهن سان ٿر واسين جي ڪيفيت کي ڪڇي سگهجي، سندن احساسن جي سهي عڪاسي ڪري سگهجي.
    ڏکڙيا ڏينهڙا ڏوري وڃبا ......... سرمد سنڌي

     سامعين! پنهنجي مِٽيءَ سان مُحبت ۽ وَطن سان وابستگيءَ جي سُتي اسان ماڻهن کي سنڌ جي لطيف پنهنجي لازوال شاعريءَ ذريعي ئي ڏني آهي،جو اسان ماڻهو اڄ تائين سندس شاعريءَ جي هنن شاندار سِٽن تي پُختو ايمان رکندا اچون ٿا، ايءَ نه ماروئن ريت جيئن سيڻ مٽائين سُون تي. يا ڇُلي ڇَڏ مَ ڇپرين، ڏلي ڇَڏ مَ ڏيههُ، پسَيو وڻ وطن جا وڙڪيو اچيو ويهُه، سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري. سو اسان سنڌ واسي دُنيا جي ڪهڙي به خطي ۾ هُجون، پنهنجي مِٽيءَ سان مُحبت، پنهنجي ديس سان دل لڳيءَ جو درس ڪو اسان کان ئي سکي. اسان سنڌي ماڻهن وٽ ٻيو ڪُجهه هُجي نه هُجي پر وطن دوستيءَ وافر مقدار ۾ ملندي، ماڻهو اسان کي ڀلي سڄي جهان کان جُدا سمجهن، سُست سمجهن، ڪاهل ۽ ڪم چور سمجهن پر ڪو مارئي جهڙي مُحبِ وطن، بختاور جهڙي بهادر، شهيد بينظير ڀٽو جهڙي ڪا عظيم عورت ته پيدا ڪري ڏيکاري. اسان پنهنجون سموريون ڪوتاهيون تسليم ڪندي به اِها دعوا ڪيون ٿا ته سنڌي ماڻهن جي مُحبِ وطن ڪردار تي آڱر اُهو کڻي جنهن هيمون وانگيءَ ڦاهيءَ جي ڦندي کي چُميو هُجي، جنهن هوشوءَ وانگر ”مرسون پر سنڌ نه ڏيسون“ جهڙو نعرو هڻي مٿي پڙ پُرزا ٿي ڏيکاريو هُجي، جنهن شهيد سُورهيه بادشاهه وانگر وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي جان نثار ڪئي هُجي، جنهن مخدوم بلاول ونگر گهاڻي ۾ هَڏ ته پيڙايا هجن پر ديس سان غداري نه ڪئي هُجي. جنهن سن جي سائين وانگر سڄي ڄمار بندي ٻيا قرار اسين لوچيون لوهه ۾ به وطن کي محبوب جئين مُقدس سمجهي سندس آجپي جي اوسيئڙي ۾ عُمر گهاري ڇڏي هُجي. مڃون ٿا ته انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ جي هِن تيز ترين دؤر۾ جديد دُنيا جي جُتيءَ ۾ اسان ماڻهن جو پير اچي ڪونه سگهندو، پر هيئن سِر تِريءَ تي رکي سنڌ وطن تان وارجي وڃڻ جو هُنر ٻي ڪنهن کي به حاصل ڪونهي ڪو. اسان وٽ اسان جي اِها ئي دولت آهي، اسان وٽ اِها ئي اسان جي ڪُل ڪائنات آهي، جيڪا اسان ماڻهن دل جي ٽجوڙين ۾ سانڍي رکي آهي.

     سامعين! اوهان پاران اُماڻيل عيد واڌايون اسان جي اکين تي، موٽ ۾ اسان جي سموري سٿ پاران به ساڳي احساس ۽ جذبا اوهان سڀني سڄڻن لاءِ شال اوهان جي حياتيءَ جو هر ڏينهن عيد جو ڏينهن هُجي، هِي عيدون، تهوار ۽ ٻيا سمورا خوشين ۽ سَرهاين سان سرشار ڏهاڙا اوهان جي بُنيادي حقن ۾ شمار ٿين ٿا.، جن کي پُرجوش جذبي سان ڀَرپُور نموني ملهائڻ جو اوهان کي هر لحاظ کان حق حاصل آهي. پر هڪ عرض، هڪ التجاءِ ۽ هڪ وينتي ته اِهي سڀئي سَرهايون ونڊڻ ويلي، اِهي سڀئي خوشيون خرچڻ وقت اُنهن ماڻهن جو خاص طور تي خيال رکجو جن جي پيرن ۾ ڪا پُراڻي جُتي به ڪانهي، جن جا جسم نيئن وڳي کان واقف ناهن، جن جي جُوءِ مان اڃا تائين سُڃاين جو سِج لٿو ئي ناهي، جن جي جهُريل جهُڳين ۾ سُکن جا سِج اچڻ کان ائين ٽهندا آهن، جيئن تتر ڀڳوئين کان ڀڄندا آهن، ۽ اڻهوند جن جي اڱڻ تي اٺهي پهر اُکڙيءَ-ڪهاڙي اچي ٿي. جن جا خوشين کان خالي اڱڻ اُميدن جي عيد جهڙي چنڊ کان ائين وانجهيل آهن، جيئن روهيڙي جا رتا گُل خوشبوءَ کان خالي هُوندا آهن. جن جي جوکي جيون مان جُگنو جهڙي جواني جا پل ڀوترين جيئن ڀڙڪو ڏيئي اُڏامي ويندا آهن، جن جا رُڳو درد ئي دائمي دوست آهن، جن کي سدائين خُواهشن جي کڻت ۾ روز روڪڙي عذاب جون پُٺارڪون ئي پلئه پونديون آهن. جن جي سُڪل چپن تي سدائين ڦڪيءَ مُرڪ جا گُل مُرجهايل هُوندا آهن، جن جا خواب کير ڌارا جهڙا اڇا، اُجرا روز رديءَ ۾ وڪبا آهن ۽ جن جون هڙئي حسرتون حياتي جي روڊ تان اغوا ٿي ويون آهن، اوهان کي اُنهن ماڻهن جي پارت آهي، جن کان جاني جڳر ۽ سڀئي سهارا کسجي ويا آهن، جن جي هٿن مان هڙئي حيلا، وسيلا هليا ويا آهن ۽ جن جي مٿان ڪي هٿين، ڇائون ڪندڙ هٿ هٽي پري ٿِي ويا آهن، اوهان کي اُنهن مارُو ماڻهن جي پارت آهي، جن لئه ڀٽائي آڳاٽو فرمائي ويو آهي ته؛
    جا عُمر! تو مُل عيدَ، سا اسان سوءِ ورتي سومرا!
    ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،
    سِڪڻ ڪيا شهيد، مارُو جي ملير جا.

    اُهي ڪهڙي عيد ڪندا .......... شمن ميرالي

     سامعين! هڪڙي ڪم جي ڳالهه، جيڪا اسان ۽ اوهان جي غم جو ڪارڻ بڻيل آهي، دل ۾ اِها ڳالهه کوڙ ڏِهاڙن کان کُٽڪي رهي هُئي چاهيم پئي ته ڪنهن ڏهِاڙي اوهان جي ڳالهه اوهان سان اوربي ضرور. سو ڳالهه اِها آهي ته اسان شهري هُجون يا ٻهراڙيءَ جا پر اسان زندگيءَ جي ٻين بي پرواهين، لاتعلقين ۽ غير زميداراڻين روشن سان گڏ هڪ اِها به لاپرواهي ڪريون ٿا جو پنهنجي ٻارڙن جي ڪا سهي سار سنڀال نٿا لهون، سندن ڪو خيال ڪونه ٿا ڪريون، اِهو نٿا ڏسون ته اُهي گهر کان ٻاهر رهڻ دؤران ڪهڙين سرگرمين ۾ مشغول آهن، ڪهڙي صُحبت ۾ رهن ٿا، سندن، اخلاق، ۽ تربيت طرف اسان جي جيڪا عدم دلچسپي آهي، اُها اِنهن معصوم ٻارڙن کي سماج دشمنن جي وَر چاڙهي، بي راهه رويءَ جو شڪار بڻائي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ جيڪو نتيجو نڪري ٿو اُهو اسان سڀني جي آڏو آهي، اسان جا ٻار بُري سنگت اختيار ڪن ٿا، نشو واپرائن ٿا، چُوريون چڪاريون ڪن ٿا ۽ نيٺ پوءِ ڪِن دهشتگردن جي هٿ چڙهي وڃن ٿا.
    مسئلو اِهو آهي ته اسان پنهنجي اولاد کي يا ته هيڪاندو پيار لاڏڪوڏ ڏيئي اُنهن کي بگاڙي ڇڏيون ٿا، ايستائين جو مُنهنجي ذاتي مُشاهدي ۾ اِها به ڳالهه آئي آهي ته اسان هٿ سان اُنهن کي تمام گهڻي خرچي ڏيئي خراب ڪندا آهيون بلڪِ مِٺيون پُڙيون جيڪي زهر آهن، اُهي هٿ سان وٺي اُنهن تي کين هيرائيندا آهيون ۽ پوءِ اُهي ٻارڙا اُنهن پُڙين جا ازخود عادي ٿي ويندا آهن. جيڪي اڳتي هلي اُنهن جي نڙِيءَ، وات ۽ گلي جي ڪينسر جو سبب به ٿي سگهن ٿيون ته سندن ساهه جي نلين ۾ڦاسي موت جو ڪارڻ به ٿي سگهن ٿيون. پر پاڻ ماڻهن کي ڪنهن ڳالهه جي پرواهه ڪونهي، پُڇبو ته ورندي ملندي ٻار آهن ڇا ڪريون؟ پنج ڏهه روز پُڙيون کاڌائون يا برف جارس گُلا جن تي ڳاڙهو سيڪرين هاريل هوندو آهي اُهي کاڌئون ته ڇا ٿي پوندو. ٿيندو اِهو جيڪو رب پاڪ کي منظور هوندو پر اوهان ۽ اسان جي اولاد لاءِ اِهي شيون ڪا نه ڪا مُصيبت ضرور کڻي اينديون. سو ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته نه رُڳو پنهنجي ٻارڙن جي اُٿي، ويٺي ۽ تربيت جو خاص خيال رکون بلڪِ سندن صحت توڻي صُحبت جو به اونو رکون ته جيئن اِنهن مستقبل جي معمارن جو آئيندو محفوظ ۽ سلامت رهي سگهي.

     سامعين! سڄڻ جي سِڪ ۽ تن ۾ تنؤس مُتعلق عشق جو امام چئي ٿو ته تن ۾ تنؤس پرينءَ جي پيئان نه ڍاپان، جي سمنڊ مُنهن ڪيان ته سُرڪيائي نه ٿئي، بيشڪ! ڀٽائي گهوٽ سَئو فيصد سچ چيو آهي، ڇو ته سچي سِڪ ۽ رُڳو محبت ئي هڪ اهڙي شيءَ آهي، جنهن مان ڪڏهن به ماڻهو ڪَڪُ يا بيزار ڪونه ٿو ٿئي، بلڪِ مُحبت مان ڄڻ ته ماڻهوءَ جو ڍَؤ ئي نٿو ٿئي، ورنا! ٻيءَ هر شيءَ مان ماڻهو ورچيو وڃي، ۽ بيزار ٿيو پئي، پر سڄڻ جي سِڪ ۽ مُحبت ڪڏهن به مٿس بار نٿي بڻجي، اِها الڳ ڳالهه آهي ته مُحبت به ڪنهن پُورالي ندي جيان آهي، جيڪا وقت به وقت پنهنجا وهڪرا بدلائيندي رهي ٿي، گس بَدلجي وڃن ٿا، پر وهڪرو رَوان ۽ دَوان رهي ٿو، مگر اِهو رُڪجي نٿو، ماڻهو مَٽجي سگهي ٿو، پر مُحبت موجود رهي ٿي، سِڪ ۽ چاهت سلامت رهي ٿي، محبت ڪنهن ماڻهوءَ جي مَرڻ يا مُنهن مَٽڻ سان ڪڏهن به فنا ڪونه ٿي ٿئي، مُحبت جي حاصلات ته پَري جي ڳالهه آهي، پر رُڳو مُحبت ڀريون يادگيريون به ماڻهوءَ ۾ جُڳن تائين جيئڻ جو حوصلو وڌائي ڇڏين ٿيون، ۽ ڪنهن جي سچي سِڪ ۽ مُحبت ڀَري سار ۾ به ايتري سگهه آهي جو ماڻهو اُنهي آڌار سڄي ڄمار گهاري سگهي ٿو.
    سر دا سائين ......... ديبا سحر

     سامعين! انسان جا جيڪي به حواس آهن، اُنهن ۾ اکيون سڀني عضون جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکن ٿيون، يا ايئن کڻي چئجي ته اکيون اِنساني اندر جو آئينو آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي من جا سمورا مامرا ۽ وارتائون بيان ڪن ٿيون، ۽ هِن سنسار جو سمورو نظارو توڻي لقاءُ ماڻهو اِنهن اکين ذريعي ئي پَسي سگهي ٿو، هِن ڪائنات جي سموري سُونهن ۽ بد صورتي کان اِنسان جي سرير کي اهي اکيون ئي آگاهه ڪن ٿيون، ۽ اِنساني ڄاڻ جو سڀ کان مُکيه ذريعو به اِهي اکيون ئي آهن، جن وسيلي ماڻهو بُري ۽ ڀلي جي تميز ڪري سگهي ٿو. انسان جي اندر ۾ جيڪي جذبا اُڀرن ٿا اُنهن جي اظهار جو ذريعو به اکيون ئي آهن، ماڻهو ڀل ته خاموش هُجي پر سندس اکيون سڀڪُجهه ٻڌائي ڏينديون آهن، ۽ وڏي ڳالهه ته سڀ کان اڳ ۾ پيار تي چُغلي به اِهي اکيون ئي هڻنديون آهن، اکيون ڏوراپا به ڏينديون آهي ته الزام به هڻنديون آهن، اقرار به ڪنديون آهي ته انڪار به ڪنديون آهن، اکيون ڪڏهن عذاب ڏينديون آهن ته ڪڏهن وري آٿت ۽ آسرا بڻجي پونديون آهن، اکيون جيڪي ڪنهن لئه ڪُل ڪائنات هُونديون آهن، اُنهن جا انيڪ قسم، عجيب رنگ، ڍنگ ۽ ادائون آهن، ڪي حَيادار ۽ لڄادار اکيون آهن ته ڪي دغاباز ۽ چالاڪ اکيون آهن، ڪي جياپي جو نياپو ڏيندڙ آهن، ته ڪي ديدُن ڀريون دوناليون ۽ قاتل اکيون آهن ۽ اکيون جيڪي خوني نظرون رکن ٿيون، جن جون ادائون قهري قاتل آهن ۽ جن جي گهُورڻ جا گهاوَ گهائي وجهن ٿا، اهڙين اکين جي خوني وارداتن کي ڀٽائي گهوٽ هنئين بيان ڪري ٿو؛
    اوقابيل! اکين ۾ توکي باري بانَ،
    اُڀو اڳرايون ڪرين ماڳ هڻيو مَستانَ،
    جانب! تون زيانَ، اکين سان ايڏا ڪرين.

    ڏاڍا تير هڻي ٿو ......... اقرار وحيد

     سامعينِ مُحترم! شاعرن جي سَرتاج ڀٽ ڌڻي بادشاهه جو سِرجيل هر سُر هُونئن ته حَسين ۽ لاجواب آهي، پر سندس سرجيل سُر مومل-راڻو، جيڪو رنج ۽ رُوسامي، فراق ۽ ڦوڙائي جو سدابهار سُر آهي، سو مومل جي ماڻي ۽ راڻي جي رُسامي جو هڪ اهڙو سوز وگُداز ڀريو داستان آهي، جيڪو ٻُڌڻ سان جيءَ جهوري ٿو ڇڏي ۽ سُتل چاڪ چوري ٿو ڇڏي، هِجر جو هڪ اهڙو سُر جنهن ۾ مُومل جي مجازي عشق جي ڪربناڪ ڪهاڻي سمايل آهي، هُوءَ راڻي جي راهه تڪيدي رهي ٿي، ڪاڪ ڪنڌيءَ جا ڪانگ اُڏائيندي رهي ٿي، ۽ سڄي رات ڏيئا ٻاري سندس اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ پير ڀَر بيٺي رهي ٿي، تان جو تارا غائب ٿي وڃن ٿا، نکٽن جي جوت جهَڪي ٿي وڃي ٿي، ڪَتيون ڪَرَ موڙي وڃن ٿيون، ويل ٽري وڃي ٿي، رات وِهامي وڃي ٿي، ۽ اکين جا ديپ وسامي وڃن ٿا، لَوڌي لڙي وڃن ٿا ۽ ڏيئن جيئن ٽمڪندڙ ستارا به اُجهامي وڃن ٿا، سُورج شاخون ڪڍي ٿو، پر رُسڻي راڻي جي ڪا ڪل ڪونهي ته ڪهڙي پار ڪرهو ڪاهي ويو، ڪهڙي جوُءَ ۾ وڃي ٿانيڪو ٿيو، يا ڍوليو ڪٿي وڃي قراريو.
    راڻي جي جُدائي ۾ مومل ڏينهن ۾ ڏهه، ڏهه ڀرا مَري ۽ جيءَ ٿي، راڻي ڌاران رُڳو رُڃ ٿي ڀانئي، سَراپا سُڃ ٿي ڀانئي، جيڪو چوڏس چٽاڻو ڀاسندو هُئس، اُهو لُڊاڻو به هاڻ کيس کائڻ ٿو اچي، ويهڻ وِيههُ ٿو لڳيس، ڪا ساعِت سُڪون ڪونهيس، ڪو پل قرار ڪونهيس، مُومل مينڌري کانسواءِ نِسوري ناپاڪ ٿِي پئي آهي. سڀئي هار سينگار، هنڌ وِهاڻا، پلنگ ۽ پٿراڻيون راڻي بنا کيس ڏنگڻ ٿا لڳنس، راڻي جي رهاڻ بنا ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ڪا رونق ڪونهي، ڪنهن محفل ۾ ڪو مزو ڪونهي، ڪنول ڪُومائجي چُڪا آهن، وڻ ٻري ويا آهن، ڄڻ سڄي ڪاڪ ڪڙهي ويئي آهي، ۽ مومل جي چپن تي مُرڪ بجاءِ هِيءَ ميار ڪُٺل ڪُونج جيئن ڦٿڪي ۽ تڙپي رهي آهي.
    راڻي رڻ ڪيو جيڏيون! جيءَ مُنهنجي سين،
    مَنُ مينڌري وڍيو، ڌُٻي ڌڙ پيو،
    بُجهان ٻَهر ويو، هَنئون، هنڌ نه هيڪڙي.

    راڻا او راڻا ! .......... مظهر/ذوالفقار علي

     سامعين! ڀٽائي جي سُر ڏهر جو هڪڙو بيت ۽ اُن جو پَس منظر ڪُجهه هيئن آهي ته؛
    ڪير ڪريندي ريسَ آيل، سنگهارن سين،
    جنين جي خميس، واريون واري ڇڏيون.

    ڀٽائي هِن بيت ۾ فرمائي ٿو ته اي امڙ! اي جيجان! ڪير آهي جيڪو مُنهنجي مارُو ماڻهن سان، مُنهنجي ڌنارن سان ريس ڪري سگهي، ڪنهن جي جاءِ آهي، ڪنهن ۾ ايتري ٿومُ ۽ سگهه آهي ۽ ڪنهن ۾ قدرت ايتري مَڻيا رکي آهي جيڪو مارُو ماڻهن جي اِنهن ريتن، رسمن ۽ ڪمن ڪارن سان پهچي سگهي. اُهي ڌنار، اُهي سانگي، اُهي ڀاگيا جن جي هڪڙي خميس جي شام ۽ جمعي جي رات به پُوريون ڪريو ڇڏي. هِتي خميس مان مُراد ڀٽائي جي اُها ڪمال درجي جي مُشاهدي واري نِگاهه ۽ نظر آهي، جيڪا هُن مارُو ماڻهن جي وچ ۾ وڃي ماڻي يا حاصل ڪئي هُئي، اُن زماني ۾ مالوندا مارُو پنهنجو کير ڀٽارو وڪڻندا ڪو نه هُئا، بلڪِ هڪ ته پاڻ کائيندا هُئا، ٻيو چُوئي ڪري اُن مان گهر جو خرچ پکو ڪڍندا هُئا، ۽ اوڙي پاڙي جي اڌيڻن ۾ مُفت ورهائيندا هُئا، جيڪو به سندن وٿاڻ تي يا اڱڻ تي کير يا اَڇَ لئه ايندو هو اُن کي هٿين خالي وارڻ وڏو گُناهه سمجهندا هُئا، سندن اُنهي خاصيت ۽ گُڻ، جنهن جي پَسمنظر ۾ لطيف سرڪار هِي بيت چيو آهي ته اُن دؤر۾ سڀئي مالوندا مارُو هر خميس جي شام ۽ جمعي جي رات کير جي خيرات ڪندا هُئا ٻاجهر جي ڏاريءَ ۾ کيرڻي رڌي هر هفتي خلق کي کارائيندا هُئا، سنگهارن جي اُن سَخاوت جي ساراهه ۽ سندن فراخ دليءَ کي ڀٽائي مٿين بيت ۾ بيان ڪري امر ڪري ڇڏيو آهي پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اِها خوبي ۽ خاصيت هاڻ پاڻ ماڻهن منجهان ائين ختم ٿي ويئي آهي جيئن ٿر مان ڦوڳ، سو جيڪڏهن وقت مِلي ته ويهي اِن تي ويچار ضرور ڪجو.

     سامعينِ مُحترم! صحراءِ ٿر کي قدرت ڪيترن ئي نعمتن سان نوازيو آهي، هڪ پاسي بئراجي ڀاڱن سان ٻکيل ڀٽون، ٻي طرف جَبلن سان جوڙ سندس فراخ سينو، وڏا ڏهر، رڻ ۽ رائيلا، هڪ طرف هٿ جي وِڄا يعني هُنر جي هاڪ، ٻي پاسي قدرتي عِنايت ٿيل قيمتي ڪوئلي جا ذخيرا، چائيناڪَلي ۽ گرينائٽ پٿر اُن کان علاوه، هرڻ جهڙو ناياب نسل ۽ مور جهڙو سدا مَلوڪ پکي پڻ هِن ئي خِطي جي خوبصورت جهنگلي جيوت آهن، ڳاٽن مٿي اڏيل ڳوٺ، رڻ ڪنڌيءَ تي راڄوڙا، وڏيون ڀِٽون ننڍيون وانڍين، اُونها کوهه ۽ ننڍيون ويريون هِن ئي سَرزمين جي سَونهن آهن ۽ هِن ئي جُوءِ جو جَلوه آهن، جتي وِک، وِک تي حيات هُجڻ جو احساس ڏياري ٿي، جتي زندگيءَ صَرفي جو ساهه کڻي ٿي پر پوءِ به ڀٽائي جي هِن بيت جو ڄڻ تفسير لڳي ٿي ته؛
    هَلو هَلو ڪاڪ تڙين، جتي نيهَن اُڇَل،
    نَڪا جهَل نَڪا پَل، سَڀڪا پَسي پرينءَ کي.

    ڀٽائي جي بيتن جهڙي هِيءَ ڀُون پَسڻ لئه ڪنهن تي به ڪا ئي پابندي ڪونهي، ڇاڪاڻ جو ”ڀَلي بُک ڀَرم جي شل نه وڃي شان“ هِتي جي رهاڪُن جي روايت آهي، اَمُن ۽ سلامتي هِن خطي جو عظيم اُهڃاڻ ۽ علامت آهي، اُنڪري ئي ته ماڻهو هتان مُحبتون ماڻين ٿا ۽ جڏهن به ڪي مينهنَ ڪَڻيون مُنهنجي مَڏوهر ڏيس تي پَون ٿيون ته اُهي هِن طرف ئي تاڻين ٿا. تازو ڪُجهه ڏينهن اڳ ٿر جي اُوچي ڏونگر جنهن کي سنڌي شاعريءَ ۾ عظمت جو اُهڃاڻ ڪري ڄاتو وڃي ٿو، اُنهي ڪارونجهر جبل تي جُهڙ جهاٽي ٿيو آهي، ڪارونجهر جي ڪنڌيءَ تي مينهن موٽ ڪئي آهي ته اُتان جي مارُو ماڻهن جي مُکن تي مُرڪون موٽي آيون آهن، ڇاڪاڻ جو ڪارونجهر جبل نه رُڳو وطن جي عظمت جو اُهڃاڻ آهي پر اِهو جبل اُتان جي عوام جي خوُشحالي جو ضامن پڻ آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو اُن جي ڪُک مان هر روز سَوا سير سُون پيدا ٿئي ٿو، يعني ايتري ڪمائي اُن جبل جي وڻن، ٽڻن، ميون توڻي ماکيءَ مان ماڻهو حاصل ڪن ٿا، ۽ هينئر ته اُتي وسڪارو ٿيو آهي، نه رُڳو ڪارونجهر جي سُونهن ۾ نِکار پيدا ٿي پَيو آهي پر اُتي جا منظر به ڏاڍا دلڪش ٿِي رهيا آهن، جن کي پَسڻ لئه ۽ مورن جا ٽهوڪا ٻُڌڻ لئه الاءِ ڪٿان، ڪٿان کان سَياح ڪَهي ايندا آهن. جن کي جبل جي اُچيءَ چوٽيءَ تي سير ڪندي شايد بادل راهي ڏسي ورتو آهي، اچو ته کائونس اُنهي منظر جا احوال وٺون.
    ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي ................ بادل راهي

     سامعين! هِن سَمي، هِن پل ۽ هِن وقت اوهان جيڪي مالوند مارُو ماڻهو آهيو اوهان جيڪي پورهيت آهيو ۽ اوهان جيڪي هاري آهيو، اُهي سڀئي هِن سانجههَ ويلا جي ٽاڻي سڄي ڏينهَن جي ڪم ڪار مان بيزار ٿي، جيب جڻاٿ پُٺيان ڌِڪا، ٿاٻا کائي، رُلي، دُڪانن، هوٽلن، روڊن، مِلن ۽ عمارتن تي مزدوري ڪري، پورهيو ڪري هاڻ جڏهن ٿڪجي، ٽُٽي، پنهنجي، پنهنجي آسڻ اجهي ۽ گهر پُهچي چُڪا آهيو ۽ رات جي سانت ۾ هِي جيڪي لمحا اوهان کي واندڪائي جا مِليا آهن، ڪي پل قرار لئه جُڙيا آهن ۽ ڪي گهڙيون سُڪون حاصل ڪرڻ لئه مُيسر ٿيون آهن ته اسان اوهان جي اِنهن ساعتن کي سَجايو ڪرڻ لئه ۽ اسان اوهان جي اِنهن پلن کي پُرلطف بنائڻ لئه ۽ اوهان جي وِندر ۽ وِروُنهَن لئه اهڙو وکر پاڻ سان گڏ آندو آهي، جيڪو اوهان جي ٿڪل ذهن ۽ اوهان جي ماندي مَن کي سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ کان فريش ڪري سگهي ٿو، اوهان جي دل ۽ دماغ تان تلخين، پريشانين، رنجشن ۽ غمن جا غُبار هٽائي اوهان جي مُکن تي مُرڪ سَجائي سگهي ٿو. اسان چاهيون ٿا ته اوهان زندگيءَ جي هَڻ، وَٺ مان جڏهن به بيزار ٿي، ڪڪ ٿي پئو تڏهن اسان ئي اوهان کي مايوسيءَ جي ميرانجهڙي مان اُداسيءَ جي اُلڪي مان ٻاهر ڪڍي، کن پل ئي سهي اوهان کي فُرصت جي اُجري احساس سان آشنا ڪريون، اوهان کي لذت ۽ خوشيءَ سان لُطف اندوز ڪريون، ۽ هڪ لمحي لاءِ ئي سهي، پر اوهان پنهنجا سمورا غم وساري ويهو ۽ جي اسان جي هِن معمولي ڪوشش سان اوهان جا سارا ٿڪ لهي وڃن ته ڄڻ اسان لک کٽيو ۽ اسان جي ڪمائي قبول پئي. اسان جو بُنيادي مقصد ئي اِهو آهي ته دُکي انسانن جي دلين تي ٿڌا ڇنڊا وجهون، جيئن سندن اُداس اکين ۾ جوت جَرڪي پوي ۽ سندن مايوس مُکن تي مُرڪ تري اچي. گهڙيءَ پل ئي سهي پر جي اوهان ذاتي پريشانين جي جنجهٽ مان نڪري حياتيءَ جي حُسناڪين ۽ زندگيءَ جي رنگينين ۾ پاڻ کي اُڏندي محسوس ڪريو بلڪِ پاڻ کي هوا کان به هلڪو محسوس ڪريو ته اِها ئي اسان جي سوڀ آهي. ڇاڪاڻ جو اسان ڄاڻون ٿا ته هيءَ سموري اِنسانيت جيڪا سڀڪُجهه هُوندي به پُرسڪون ناهي، جيڪا پُراُميد هُوندي به اُداس ۽ اُٻاڻڪي آهي، اُنهي دُکي اِنسانيت جي درَد وَندين دلين تي پيار ۽ مُحبت جا پها رکڻ ئي اسان جو اخلاقي ۽ اِنساني فرض آهي.


    8

     سامعين! صحراءِ ٿر جا انيڪ تعارف ۽ کوڙ ساريون سُڃاڻپون آهن، رُڳو ائين به ڪونهي ته ٿر ۾ خالي ٿوهر ۽ کارا کوهر ئي آهن، ۽ ائين به ڪونهي ته ڪو رُڳو ”وسي ته ٿر نه ته بَر ئي بَر آهي“، ڏُڪار جا پنهنجا ڏُکن ڀريا ڏيک آهن ته سُڪار کي وري پنهنجي سُونهن ۽ سُندرتا آهي. پر هِن خوبصورت خطي جون سوين ٻيون به سُڃاڻپون ۽ هزارين حوالا آهن، تاريخي، جاگرافي، سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان مُنفرد ٿر، بظاهر ته ڀُورين، ناسي ڀٽن جو مسڪن آهي، پر اِهو ديس پنهنجي طبعي بناوٽ، فطري حُسن ۽ شاندار ثقافتي پس منظر جي ڪري سڄي جڳ جهان کان جُدا ۽ نِرالو آهي، ٿر رُڳو خالي مهمان نوازي ۽ اَمن پسنديءَ جي ڪري ئي مقبول ڪونهي ڪو، پر هِن خطي ۾ سماجي رشتن ۽ ناتن جو جيڪو حسين ترين امتزاج مِلي ٿو، اِهو به سندس شُهرت جو اهم ڪارڻ آهي، لوڪ ادب، لوڪ ڏاهپ، لوڪ موسيقيءَ ۽ هٿ جي وِڄا کان وٺي حُب الوطنيءَ جي جذبي تائين، اِنسان دوستي جي عزم کان وٺي، مذهبي ڀائيچاري تائين، تاريخ جا ڪيئي اَمُلهه ڪردار ۽ عظيم انسان هِن ئي ديس جي مِٽيءَ مان پيدا ٿيا آهن، ٿر جي تاريخ هر لحاظ کان رنگين ۽ رِچَ آهي، جنهن جي هر رُخ ۽ پَهلوءَ تي ڳالهائڻ لاءِ ڪيئي ڪلاڪ گهُرجن، تنهنڪري پاڻ اڄ رُڳو ٿري ماڻهن جي محنت ۾ به مُحبت واري لافاني جذبي جي اُپٽار ڪنداسين ته هِتي هِن جوءِ ۾ رُڳو مينهن وسڻ کانپوءِ جيڪا مُند مهڪي ٿي اُن اڪيلي موسم جي منظرن ۾ ئي موهه ڪونهي ڪو، پر هتان جي هر ريت حسين آهي، هر ڪم ڪار ڪرڻ جو شانائتو سليقو آهي، هر ڪرت جو انداز الڳ ۽ اسلوب الڳ آهي، سندن هر ڌنڌو دلرُبا ۽ دلڪش ۽ دل نواز آهي، ۽ خاص طور تي سندن ڪم ڪار ڪرڻ واري طور طريقي جو هڪ مخصوص رُومانوي رنگ ۽ ڍنگ آهي، پوءِ اِهو وسڪاري جو ٻنيءَ مان آٻٿين جو گڏجي ليڏاڻ ڪڍڻ دوران همرچي ڳائڻ وارو منظر هُجي، يا ٿري عورتن جو رات جو ڀيڙيون ٿي ڀور ڪرڻ ۽ ڏينهن جو اوٽي ڏپڻ وارو ڏيک هُجي، ڪنهن ڪُنوار جي ڪوٺي جي رلي سِبڻ وارو سين هُجي يا گهوٽ جي ٻانڌڻيءَ ٻٽ ٽنئورڻ لئه ماين جو متل ميڙو هُجي، اُٺن تي ٻڙها غاشيا رکي ڪنهن ڃڄ يا ترگس ۾ شريڪ ٿيڻ جو شوق هُجي، يا ٻني لُڻڻ لئه لاهيارين جي ڇيڙ هُجي، ڪنهن ڪاڄ لئه لاڙ مان رتڙا چانور آڻڻ لئه اُٺن جي قطار هُجي، يا ڪنهن وهانءُ جي ونواهه، گهڙي تورڻ ۽ پڙي جي پر لُطف سَمئي جو دل پذير انداز هُجي، شاديءَ ۾ شوق مان ڇَلون هٿن ۾ کڻي چيلهه تي اجرڪ ٻڌي پاڻي پيارڻ لئه نوجوان ڇوڪرن جا هوڪرا، هڪلون ۽ ڪورس ۾ تڌو، مِٺو ڪرڻ وارو مُترنم منظر هُجي، مطلب ته مارُو ماڻهن جي مِزاج ۾ رُڳو مُحبت، پيار ۽ پنهنجائپ ئي سمايل آهي، تڏهن ئي ته اُهي گڏيل سماجي سهڪار سان سمورا ڪم ڪار وڏي چاهه، پاٻوهه، اُڪير ۽ اُتساهه سان سرانجام ڏين ٿا ۽ اڪلائن ٿا، بلڪل ائين ئي هڪ اهڙو مَن موهيندڙ منظر هِن مُند ۾ به نظر ايندو آهي، جڏهن ويساک جا جهولا ۽ لُڪون لڳنديون آهن، تڏهن ٿر جي ڄارين ۽ کٻڙن ۾ کُنهبا، رتڙا، سيڙهڪا، اڇڙا ۽ ڳاڙها پيرون پچندا آهن، پيرون ڇا پچندا آهن، ڄڻ ٿاريلين عورتن جي اکين ۾ اُميدن جا انگور ڦٽي پَوندا آهن ۽ هُو اُنهن پڪل پيلُوئن کي چُنڊڻ لئه وڏي اهتمام سان اسر جو اُٿي، گهران نڪري ٽولين جي صورت ۾ پَڇري پونديون آهن، ڪنهن نه ڪنهن سِيم ۾، ۽ پوءِ اُتي پنهنجي ئي اَجهور ۾ ڪنهن کٻڙ هيٺ عارضي اوتارو اڏي، ڄار جي ڪنهن ٽار ۾ لوڏ ٻڌي، اُن ۾ پاڻ سان گڏ آندل ٻار کي سُمهاري، پوءِ پاڻ ڇَلون ۽ لوٽيون ٻڌي چيلهه سان، چڙهنديون آهن، ڪنهن کٻڙ جي چوٽيءَ تي، سڄو ڏينهن سخت گرميءَ ۾ پيرُون چُونڊي پنهنجا، پنهنجا کارلا ۽ تس ڀَري شام لڙندي ئي ورنديون آهن، واهيرن ڏي ۽ اُنهن گهرن ڏي جتي ٻار توڻي گهر جا ٻيا ڀاتي سندن اوسيئڙي ۾ هُوندا آهن. پيرون جيڪي مارُو ماڻهو پاڻ به خُوب کائين ته پنهنجن مِٽن مائٽن کي به خاص سُوکڙي ڪري موڪلين، پيرُوئن کي ولوڙي اُنهن مان ڳُڙ جهڙو گهاٽو رَس به ڪڍن ته ويجهن شِهرن ۾ کڻي وڃي وِڪڻي ٻه چار ڏوڪڙ به ڪمائي اچن، ۽ اُنهن پيرُوئن کي سُڪائي ڪشمش جهري ڪوڪڙ ڪري رکن، جيڪا سڄي سال تائين مِٺي ۽ ذائقيدار رهندي آهي، بظاهر ته هيِ هڪ تڪليف دهه پورهيو آهي، پر منجهس جيڪا مُحبت جي مٺاس ۽ سِڪَ جي ڇڪ سمايل آهي ۽ جيڪو روح پَرور رومانس آهي، اُهو ٿري ماڻهن کي خاص طور ٿر جي عورتن کي شديد گرميءَ ۾ به گهرين هٿ هٿ تي ڌري ويهڻ هرگز نٿو ڏي، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو ٿر ڄائي مارئي عُمر جي قيد ۾ قابو هُوندي به چئي ويٺي هُئي ته؛
    وري ويساک مُند آئي، پٽن پيرون پَڪا هُوندا،
    مَنهين تي مُنهنجي ماروئن جا سِڱر سيڪيل سُڪا هوندا،
    عُمر منهنجي اباڻن جون ڀلي پَر ۾ پُڇائون ڪر،
    نه ڪي وڪيا، نه ڪي وڪبا، نه ڪي ڪنهن وٽ وِڪا هوندا.

    جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا ........ صنم مارئي

     سائين مُنهنجا! ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي بيوسي ته ڪا نه ٿي ماري پر اِنسان جي بي حِسي ضرور ماري وجهي ٿي، ۽ هُونئن به جيڪا شيءَ، جَيڪو ڪم اسان جي وس ۾ ناهي، اسان جي اختيار ۾ ڪونهي اُن جي ڪو اسان تي ميار ئَي ڪونه ڪندو، ڇو ته جيڪا شيءَ اسان جي پهچ کان پري آهي، اسان جي اثر رُسوخ ۾ ڪونهي، اُن لاءِ ته ماڻهو ايئن به چئي سگهي ٿو ته ”بيوس مَين بار ڇڏيا“ بَيوسي ڪو جُرم ڪونهي پر اها هڪڙي مجبوري آهي، جيڪا ڪڏهن به ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿي پرانسان ذات جي اُن بي حِسيءَ کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ ۽ ڪهڙي کاتي ۾ ڳڻائجي جَيڪا اسان پاڻ وس آهي. جنهن اسان جا ضمير ضربي ڇڏيا آهن، ماڻهوءَ جو جڏهن ضمير مُرده ٿِي ويندو آهي، تڏهن ئي بي حِسيءَ جو بُنياد پوندو آهي، ذاتي، اَنا، لالچ، خودغرضي ۽ لاغرضي ماڻهن جا من ميرا ڪري ڇڏيندي آهي، قَلب ڪِٽي ڪارا ڪري ڇڏيندي آهي، ذهن ۽ ضمير زنگي ڇڏيندي آهي، اهڙي حالت ۾ اسان جي اکين آڏو ڪنهن سان ظلم ۽ زيادتيءَ ٿئي، ڪنهن جي حَقن سان هٿ چُراند ٿئي پر پاڻ کي ڪائي ڪِسڪار ڪو نه هوندي، ڪنهن کي حق، سچ چوڻ، يا ڪنهن مظلوم جو ڀَرجهلو ٿِي بيهڻ بجاءِ اهڙا ڪُڇون جهڙي ڀت، بلڪِ ائين چوندي ڪا به هٻڪ محسوس ناهيون ڪندا ته اسان جو ڇا وڃي، يا مُرڳو مُجرماڻي ماٺ جي چادر اوڍي بي اونا ٿي سُمهي پوندا آهيون، ڪنهن جي جائز مدد ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا آهيون متان ڪو ناراض نه ٿي پوي اُنڪري ڪو مري ته ڇا، ڪو ٻري ته ڇا، ڪو ڳري ته ڇا يا ڪو نڌڻڪو ٿِي بي يارو مددگار سڄي رات سڙي ته ڇا، بقول ڀٽائي جي ”پاڙي ناهي پَروُڙَ ته ڪا رات رانجائي گُذري“. ڪو اڪيلي سر زندگيءَ جا عذاب ڀوڳي رهيو آهي ته اسان اُن کي اوڏا ڪو نه وينداسين، ڪنهن جي غم ۾ ڪا گهڙي گڏ گهارڻ، ڪنهن بيڪس ۽ لاچار ماڻهوءَ سان ٻه چار ٻول همدردي ۽ مُحبت جا ٻولڻ، ڪنهن جي ڏُک، سُک کي پنهنجو سمجهي اُن ۾ شريڪ ٿيڻ، ڪنهن حاجتمند، ڪنهن ضرورتمند جي ڪم اچڻ، ڪنهن فرد، ڪنهن فيملي جي غمن کي گهٽائڻ اسان کان ڪونه پُڄندو، هُونئن ڀتين تان ڀت اُڇلائڻ، ۽ پنهنجي حاتم طائي هُئڻ جا سڀئي ثبوت ڏيڻ لئه هر هنڌ ۽ هر وقت هڪيا تڪيا هوندا آهيون، اِها بي حَسيءَ جي انتها آهي، سچ پُڇو ته انسان ذات جي اهڙي بي حِسي هر حَساس دل ۾ دُک جا دُود دُکائي ٿي ۽ هر اَهل دل انسان پنهنجي بيوسيءَ ۽ پاڻ جهڙن ئي ماڻهن جي بي حِسيءَ تي انتهائي اذيت مان گُذري ٿو.

     جي سامعين! يقينن هِن مهل تائين اوهان سڀئي ننڊ مان سُجاڳ ٿي چُڪا هُوندا. سواءِ اُنهن شاگردن جي، جن کي موڪلون آهن ۽ اُهي مُلازم به شايد اڃان سُتل هُجن جن کي اڄ آچر جي موڪل آهي، پر اُهي ماڻهو جيڪي مزدور طبقي سان وسطو رکن ٿا، يا جيڪي آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿ ڏهاڙي سُومرا، سي ڀلا ڪٿي ٿا سمهي سگهن؟ اُهي ته آڌي ڏيئي اُٿيا هُوندا ۽ هِن وقت تائين پنهنجي، پنهنجي ڪِرت کي لڳي ويا هُوندا، خاص طور تي عورتون ته وڏي اسر جو اُٿي پنهنجي گهر جي ساڃڻ کي لڳي وڃن ٿيون ۽ هينئر به ڪي عورتون رَڌڻي ۾ رُڌل هُونديون، يا اڃا کير ولوڙي رهيون هُونديون، ڪِنين هاڻ جنڊُ مَنڊيو هُوندو ته ڪي وري اُڍاڻي چُڪيون هونديون، ڪي گهڙا کڻي پاڻي ڀرڻ لئه کوهه تي پهتيون هونديون، ته ڪي وري هاڻ ئي وٿاڻ مان مال ڏُهي مُوٽيون هُونديون، مطلب ته مَرد پنهنجي پتيءَ جو ڪم پُورو ڪرڻ ۾ رُڌل هُوندا ۽ عورتون وري پنهنجي حصي جي حاج پُوري ڪرڻ ۾ لڳل هُونديون.
    سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار ۽ ٿڪاوٽ کانپوءِ رات اِنسان کي ڪي پل قرار ۽ سُڪون سان سُمهڻ لئه مُهيا ڪئي ويئي آهي، ۽ ڏينهن جيڪو زندگيءَ جي رَوان دَوان هُئڻ جو داعي آهي، اُن جو آغاز ايئن ٿئي ٿو، جو هر جيوُ پنهنجي، پنهنجي اَجهي ۽ آشياني مان اُٿي لڳي وڃي ٿو خفي کي، پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لئه انساني حياتي جو رُوٽين وري بنهه الڳ آهي، اُهي سڀئي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن ٿا، جيئن عورتون گهرجي ساڃَڻ کان وٺي پاڻي ڀَرڻ، مال ميڙڻ، ٻنيءَ ٻاري ۾ مَردن جو هٿ وَنڊائڻ ۽ سُئي ڌاڳي جي ڪم تائين سمورا ڪم اُڪلائين ٿيون، شاگرد ڪتابن جون پُٺارڪون ڪُلهن تي کڻي پڙهڻ لاءِ اسڪول وڃن ٿا، مُلازم پيرين پيادا يا بَسن ۽ لارين تي لٽڪي پنهنجي، پنهنجي اداري يا آفيس ۾ پهچن ٿا، هاري هرڪاٺ کڻي وڃي کيت کيڙن ٿا، ليڏاڻ ڪڍن ٿا يا لابارو ڪن ٿا، مَزدور مِلن، ڪارخانن ۽ بٺن تي پُڄن ٿا ته اُنهن جي چمنين مان دُنهَن جون لاٽون نڪرڻ شروع ٿين ٿيون، ۽ چوپائي مال جي ڌنارن جي وري دُنيا ئي الڳ آهي، اُهي سج اُڀرڻ سان ئي وٿاڻ مان مال جا ولر ڪڍي، سانداري ڪُلهي تي رکي مال تنواري ٿيندا روانا آجي، اَجهور کي ۽ پوءِ اُتي مال جا مٽر، چڙا چنگ ۽ ڌنارن جون دلرُبايُون ڏسڻ وٽان هُونديون آهن، اهڙي ئي ڪنهن اُجري صبحءُ جي منظر ڪشيءَ هِن گيت ۾ به ٿيل آهي، اچو ته سرمد سنڌيءَ کان ٻُڌي ڏسون.
    ماروئن ڇوڙيا مالڙا .......... سرمد سنڌي

     سامعين! ٻهراڙي جي ماڻهن جي زندگي آهي ئي ائين جو اُهي وڏي اسر جو اُٿي وٿاڻ تي وڃي مال ميڙيندا، يا تڙ تي وڃي وارو واريندا ۽ عورتون وري کير ولوڙينديون يا جنڊ منڊينديون، وڌ ۾ وڌ اهي ئي ٻه ٽي ڪم آهن جيڪي ٻهراڙيءَ جي ماڻهو کي وڏي اسر جو اُٿي هر حال ۾ پورا ڪرڻا ٿا پون. پري شهري زندگي وري سُمهي رات جو دير سان ۽ اُٿي صبحءَ جو دير سان، شهرن ۾ سواءِ هوٽلن جي باقي دُڪان توڻي آفيسون سڀئي اٺين ڏهين کانپوءِ کُلن مگر ٻه اهڙا پورهيت اوهان کي شهر ۾ وڏي اسر جو اُٿي پنهنجي ڌنڌي ۾ مصروف نظر ايندا، سردي هُجي توڻي گرمي، برسات هُجي يا طوفان، اُنهن سڀني ڪيفيتن ۽ موسمن کان بي پرواهه بي نياز اُهي پورهيت پاڻ ڀل ته اٻَالا ۽ اُڀراڻا هُجن پر اسان ۽ اوهان لئه نه رُڳو سڄي جڳ جهان جون خبرون کڻي ايندا آهن، پر صُبح سويل اسان جي دل ۽ دماغ کي مختلف خوشبوئن سان مُعطر ڪري تازگيءَ ۽ فرحت بخشڻ لئه ڪيترن ئي قسمن جي گُلن جا هار پوُئي حاضر ٿيندا آهن. يعني هڪڙا اخباري هاڪر ۽ ٻيا گُل فروش. گُلن جا اُهي هار جيڪي اسان ماڻهو ٻه چار رُپين ۾ خريدڻ کانپوءِ دُڪانن تي يا گاڏي تي ڪٿي ٽنگي ڇڏيندا آهيون، اُنهن گُلن جي هارن ۾ اُنهن گُل فروشن جون اُهي اکيون به ٽُنبيل هُونديون آهن، جيڪي پاڻ گُل پائڻ جا خواب ڏسنديون آهن، اُنهن گُلن جي هارن ۾ اُنهن گُل فروشن جي ننڊ به ٽانڪيل هُوندي آهي، جيڪي سڄي رات جاڳي اُنهن گُلن کي ٽارين کان جُدا ڪري هار بڻائي اسان ۽ اوهان جي هٿن تائين پهچائيندا آهن. گُلن جي اُنهن هارن ۾ اُنهن گُل فروشن جي اُها آس ۽ اُميد به پُويل هُندي آهي ته صبحءَ سان اُهي گُل وڪڻي، اُنهن پئسن مان پنهنجي بُکئي پيٽ جو دوزخ ڀريندا. اُهي گُل جيڪي ٽارين ۾ ئي سُونهنَ ٿا، اُنهن کي اُهي مالهي، اُهي آرائين ۽ گُل فروش اسان ۽ اوهان جي عياشيءَ لاءِ آڻين ٿا، اسان اُنهن گُلن جا گجرا پنهنجي ٻانهُن ۾ ٻڌون ٿا، ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ وجهون ٿا، ڪنهنجي مٿان گُلن ورکا ڪريون ٿا، ڪنهن جي قبر تي وجهون ٿا ۽ ڪنهن جي آجيان لئه گُلن جا هار هٿن ۾ جهلي بيهون ٿا، بُلڪل ائين ئي جيئن شمن ميرالي چئي رهيو آهي.
    گُل کپائي نه مالهي .......... شمن ميرالي

     سائين مُنهنجا! اڄ اوڻويهين نومبر آهي ۽ اڄ سموري سنڌ ايڪتا يعني ٻڌيءَ جو ڏِهاڙو ملهائي رهي آهي، سنڌ جون سڀئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارا ۽ تنظيمون هِن اڄوڪي ڏينهن کي ثقافتي ڏينهن طور به ملهائي رهيون آهن، بيشڪ زندهه قومون پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ ثقافتي قدرن جي حفاظت ۽ ترقيءَ لئه سدائين سرگرم هونديون آهن. پنهنجي ڪلچر سان مُحبت جي اظهار جو هر ڪنهن کي حق آهي، اسان اوهان جي جذبن جو احترام ڪريون ٿا، بلڪِ اوهان جي هر خُوشي ۽ غم واري احساس جو نه رُڳو قدر ڪريون ٿا، پر هر سُٺي ۽ هاڪاري سوچ کي پروموٽيڊ به ڪيون ٿا. اسان کي به پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت سان اوترو ئي پيار آهي، جيترو ڪنهن مُحبِ وطن کي هُئڻ گهرجي. پر اسين ٿورڙو الڳ انداز سان سوچيون ٿا، ڇاڪاڻ جو اسان شيئن کي سائنسي انداز سان يعني جدلياتي ماديتِ موجب اُنهن جي ظاهري جوهر ۽ اندروني ڳرَ يا هيئتن موجب ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. تڏهن ئي چئون ٿا ته واقعي سنڌي ٽوپي اسان جو شان ۽ سُڃاڻپ آهي، پر اِهو ضروري ڪونهي ته سنڌي ٽوپي پائي ئي اسان پاڻ کي سچو سنڌي ثابت ڪريون ۽ اِهو به ضروري ناهي ته هر سنڌي ٽوپي پائيندڙ سنڌي ئي هُجي. ٽوپي ته ڪير به پائي سگهي ٿو، اِهو هڪ لباس جو قِسم آهي، جنهن کي وڻي سو وٺي پائي سگهي ٿو. ته پوءِ اِهو سنڌي ٽوپي پائڻ سان ئي سنڌي هُئڻ جو جيڪو معيار مُقرر ٿيل آهي سو اسان جي خيال ۾ اجايو آهي. ۽ اهم ڳالهه اِها آهي ته اِنهي سنڌي ٽوپي پاتل مٿي ۾ ضروري ڪونهي ته سنڌي دماغ به موجود هُجي، بنيادي ڳالهه آهي دل ۽ دماغ جي، اُنهن ۾ جيڪڏهن مُحبِ وطن سنڌي موجود آهي ته پوءِ اسان ۽ اوهان جي لباس کي دُنيا جي ڪابه طاقت نقصان رسائي نٿي سگهي، پر جيڪڏهن اسان جي مٿن ۾ سنڌي ٽوپي ته پاتل هوندي مگر اُنهن ۾ سنڌ موجود نه هوندي ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته پنهنجي ديس، ويس ۽ ڪلچر کي ڪير ٻيو بچائي نٿو سگهي.
    ٺيڪ آهي سال ۾ هڪ دفعو ئي سهي، هڪ ٿيڻ جو بهانو مِلي ٿو، پنهنجي ديس ۽ ويس جا رنگ اُجاگر ڪرڻ جو موقعو مُيسر ٿئي ٿو. اسان ارها ناهيون ته اوهان هِن هيجاني ڪيفيت مان ڪي پل قرار حاصل ڪرڻ لئه پاڻ ۾ مِلو ٿا، خوش ٿِي کِلو ٿا. غمن کي گهٽائڻ لئه اِها هڪ موچاري مهل به غَنيمت آهي. پر اِهو نه وساريو ته پنهنجي صدين جي شاندار ثقافتي ورثي ۽ صُوفياني مزاج واري سنڌ اسان جي عملن مان جهڙوڪر اڻلڀ ٿيندي وڃي. اسان جيڪي مُحبتن جا سفير هُئاسين ۽ اسان جيڪي امن جا امين هُئاسين، اُهي رُڳو هڪ ڀيرو پنهنجي پنهنجي ڪردار جو ويهي ڇيد ڪري ڏسون ته اسان پنهنجي قدرن ۽ روايتن جا ڀرم رکيا آهن يا ڌڄيون اُڏايون آهن. هِي جيڪا ايڪتا جي ڳالهه ٿاڪريون ته اُن جي قول ۽ فعل ۾ به فرق ڇو آهي؟ ڏينهن جو نالو ايڪتا پر اُهو به هڪ ڏينهن بجاءِ ٻه ڏينهن يعني پاڻ ۾ به اتفاق ڪونهي، رُڳو ذاتي انائن جي ڪري، اِها ڪهڙي ايڪتا آهي جيڪا اسان سڀئي هڪڙي ڏينهن گڏجي نٿا ڪري سگهون ۽ ثقافتي ڏينهن يا ٻڌيءَ جا ڏينهن به سڄي سال ۾ فقط هڪڙي ئي ڏينهن تي هُئِڻ گهُرجن، ڇا باقي 364 ڏينهن غير ثقافتي، نِفاق ۽ ڦٽاڙي جا ملهائڻ گهُرجن؟ سچَ پُڇو ته آهي به ايئن ئي اسان جيڪي چوندا آهيون ڪندا بلڪل اُن جي اُبتڙ آهيون، اسين جهڙا اندران آهيون ٻاهريان وري ڪُجهه ٻيا هوندا آهيون. نتيجو جيڪو نڪري ٿو اِهو سڀني جي سامهون آهي، اسان جي آواز ۾ اسان جي اتحاد ۾ ڪو وزن ڪونهي، ڪا سگهه ڪونهي، اُن ڪري ڪير به ورنائڻ لئه تيار ڪونهي.

     سامعين! پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ ڌرتيءَ سان مُحبت جو اظهار ڀلي ڪريو بلڪِ اُنهن جي بقا ۽ بحاليءَ لئه ڪنهن به قُرباني کان نه ڪيٻايو، پر پاڻ کي پنهنجي ڪردار کي بُلند ۽ بهتر بڻايو، پنهنجا رويا ۽ مزاج مُهذب بڻايو، پاڻ ۾ سَهپ ۽ قوتِ برداشت جو مادو پيدا ڪرڻ گهُرجي، پنهنجي ڪلچر سان پيار جائز آهي ته ٻين جي جذبن جو به قدر ڪرڻ گهُرجي، ٻين ٻولين، ٻين ثقافتي گروهن جي احساسن جو احترام ڪرڻ گهُرجي، خاص طور تي ٻولي ۽ ثقافت جي حوالي سان ته بنهه مُحتياط قسم جو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ بهتر ۽ مُهذب طريقو به اِهو آهي ته فرد هُجن يا قومون اُنهن کي اعتدال پسند هُئڻ گهرجي. هر ايڪي اتحاد ۽ ثقافت جي ڏينهن کي سيليبريٽ ڪرڻ گهُرجي پر اُنهي شوق جي شور ۾ انتهاپسند نه ٿيڻ گهُرجي، پنهنجي ثقافت سان پيار ٻين جي ٻولي ۽ ڪلچر سان نفرت جي صورت ۾ نه ڪرڻ گهُرجي، اِها انتهاپسندي آهي بلڪِ فاشزم آهي، سروٽي جو جواب سروٽي سان ڏيڻ واري روايت کي رد ڪري ڪا به ڳالهه منطق ۽ دليل سان مڃائڻ گهُرجي. روڊن تي اچي هِڪ ڏينهن لاءِ ٽوپيءَ ۽ اجرڪ جي نمائش ڪرڻ بجاءِ اسان پنهنجي حقيقي زندگيءَ ۾ پنهنجي ڪلچر يا ثقافت کي پروموٽيڊ ڪيون. اُن جي ترقي لئه عملي قدم کڻون. ورنا اسان جي اڻڄاڻائي ۽ اسان جي عدم دلچسپيءَ سبب، اسان جي تهذيب و تمدن، اسان جي تاريخ ۽ اسان جي ثقافت کي پهتل نقصان جا ڪي ٻيا نه پر اسان پاڻ ئي ذميوار آهيون ۽ جوابدار آهيون. بهرحال ڪا به قوم رُڳو ڪلچر جي ٿوڻين تي پنهنجي وجود جي ڇت برقرار رکي نٿي سگهي، عِلم، عقل، ساڃاهه، سرُت، همت، حوصلو، اخلاق، حَياءُ، لِحاظ، حُب، قرب، ڪهڪاءُ، ترس، طلب، ايمان، سچائي ۽ خلوص جي جذبن کان خالي ماڻهن جا ميڙ دُهل وڄي ۽ دوسو نچي وانگر تاڙيون وڄائي تماشبين بڻجي تماشا ڏسي شام جو ٽُوال ڇنڊي گهرن ڀيڙا ٿيندا ۽ پوءِ جڏهوڻا مينهن تڏهوڻا پاڻي. ڏينهن ڪهڙو به هُجي پر اُن جو ڪو مقصد، ڪو متن، ڪو منطق ته هُجي نه، هر سال هڪ ڏينهن ملهائي بنا نتيجي جي وري ٻارهن مهينا اُن جي ڪا پچار به نه ڪجي، ته هي هتامتر اسان ڪيو ڪنهن جي لاءِ ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ، اُن جو ڪو آئوٽ پُٽ، ڪو فائدو يا صاحب نے کھایا پیا کُچھ نہیں، گلاس توڑا دس رپیہ لے لو، وانگر رُڳو وقت جنهن ۾ اسان ماشاءِالله خود ڪفيل آهيون سو کپايوسين، خرچ ڪيوسين باقي الا الا خير صلاح.

     سامعين! ڏيپلي تعلقي جي مشهور ڳوٺ سيڏيي کان اوڀر طرف سڏ پنڌ يعني هڪ ڪلو ميٽر جي مُفاصلي تي موجود آهي، لڪوسَر نالي سان هِڪڙي ٻني، ۽ اُن ٻَنيءَ جي وچمان هڪ واٽ لنگهي ٿي جيڪا وَٽِ ۽ ڪَنٺي جي ڳوٺن، لکميار، عالمسَر، هوٿيئر، گهڙسيئر ۽ روهيڙي کان ٿيندي اِنهي ٻنيءَ مان مٽي سنڌ جي بئراجي ڀاڱن طرف وڃي ٿي، اُنهي تمام پُراڻي واٽ جي اُوترين پاسي ۾ ۽ ٻنيءَ جي بُلڪل وچ ۾ هڪ بنهه ڊگهي ڪنڊي بيٺل آهي.
    ٿرپارڪر ۾ شايد ئي ڪٿي، ڪنهن ٻئيءَ جاءِ تي ايڏي وڏي قد واري ڪنڊي موجود هُجي، اِن ڪنڊيءَ جي اُوچائي جي گواهي اُهي ماڻهو به ڏيندا، جيڪي وَٽِ ۽ ڪَنٺي جي ڳوٺن مان هر سال چيٽ جي مُند ۾ مال سانگي يا لائيءَ لاباري خاطر لڏا کڻي لاڙ طرف ايندي ويندي اُنهي ڪنڊيءَ جي ڀَر سان لنگهيا هُوندا.
    هڪڙي اندازي موجب هن وقت اُنهي ڪنڊيءَ جي ڊيگهه 80 کان 90 فوٽن جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ٿُڙ جي ويڪر 3 کان 5 فوٽن تائين ٿي سگهي ٿي، توڻي جو ٿر ۾ آيل شديد ترين زلزلي سندس ڪُجهه ڏار ڀڃي ڇڏيا آهن، پوءِ به اِها اوچي قد واري ڪَنڊي اڃا تائين پنهنجو وجود سلامت رکيو اچي. اِها ڪنڊي ڳوٺ سيڏيي جي هڪ هريجن هاري ٻاليئي جي ئي محنت ۽ مُحبت جو يادگار آهي. اِن ڪنڊي جي قدامت بابت ڪا به خبر ڪونهي، ڇاڪاڻ جو اِها ڪنڊي اسان واري نسل کان اڳ جي آهي. اسان جي اکين ته کيس ايئن ئي اُتاهين پَد تي پَسيو آهي.
    هيڏا سارا طوفان، زلزلا ۽ برساتون آيون پر اِن ڪنڊيءَ جي اُوچي وڻ کي ڪو خاص نقصان ڏئي ڪو نه سگهيا. ٿر جي ڪافي ڳوٺن ۾ اِها ڪنڊي تمام گهڻي مشهور آهي. بلڪِ سيڏيي جي ڳوٺ جي سُڃاڻپ بڻجي چُڪي آهي جو اِهو ڳوٺ سڏجي ئي ڊگهيءَ ڪنڊيءَ واري ڳوٺ جي نالي سان ٿو. بهرحال! اِهو آهي ته قدرتي ڪمال، پر اُن ۾ محنت ۽ مُحبت اُنهي هريجن هاريءَ جي به وساري نٿي سگهجي، جيڪو هِي جهان ته ڇڏي چُڪو آهي پر سندس هٿن سان پنهنجي اولاد وانگي نپايل اِها ڪنڊيءَ سدائين سندس ياد تازي ڪندي رهندي ۽ ڏسڻ واري جو ڏُور کان پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي رهندي.

     سامعين! ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان جي چوڻ تي عمل ڪري پنهنجي بُري عادت نٿو ڇڏي ته اُنهي جو اِهو مقصد ٿوروئي آهي ته تون پنهنجيءَ چڱيءَ عادت تان به هٿ کڻي وڃين. ڳالهه واقعي نه رُڳو سوچڻ جهڙي آهي، پر سمجهڻ ۽ اُنهي تي عمل ڪرڻ جهڙي پڻ آهي، سو ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي ڪا نيڪ صلاح ڏيو ٿا، ۽ ڪنهن کي ڪنهن بُري فعل کان روڪيو ٿا، پر جي اڳيون نٿو مُڙي ۽ اوهان جي ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ٿو ڇڏي ۽ اوهان جي ڳالهه کي ڪا اهميت نٿو ڏي ته پوءِ اوهان جو ردِ عمل ڇا هُوندو؟ يقينن جيڪڏهن اوهان حق تي هوندو، اوهان وٽ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لئه ڪو سگهارو دليل، ڪو مَنطق موجود هُوندو ته پوءِ ڀلي ڪو فوري طور اوهان کي ريسپانس نه به ڏي، پر اوهان جي وڃڻ کانپوءِ اُهو ماڻهو اڪيلائي ۾ ويهي اوهان جي ڳالهه تي ويچاريندو ضرور. پر هڪ ڳالهه ياد رکو ته اسان جيڪا صلاح ٻي کي ڏيون ٿا اول ته اُنهيءَ تي پاڻ عمل ڪريون، پوءِ ئي اسان جي ڳالهه وزنائتي ثابت ٿيندي، ورنا! قول ۽ فعل واري تضاد سبب اسان جي ڪيل ڳالهه، چيل ۽ لکيل ڳالهه بي اثر هُوندي. سو ٻي کي نصيحت ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان جو پنهنجو ڪردار مثالي هُئڻ گهرجي، اسان جا اِرادا اٽل هُئڻ گهرجن، ۽ اسان جو اُنهي ڳالهه تي پُختو ايمان هُئڻ گهرجي. هِتي آئون ڪنهن ساميءَ جو مثال ڏيندس ته هُو هر روز ڪنهن تلاءُ تي وهنجڻ ويندو هو اُتي اُن تلاءُ ۾ ڪو ڀٽون ٻُڏي رهيو هو ته ساميءَ اُن کي پنهنجي آڱر تي کڻي پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر هر ڀيري ڀٽون کيس ڏنگيو ٿي ۽ ڌڪ لڳڻ ڪري ڀٽون پاڻيءَ ۾ وري ڪِري پيو ٿي ايئن ساميءَ ڪيترا ئي ڀيرا ڪيو اوچتو ڪنهن شخص اهو سمورو لقاءُ ڏٺو تنهن کيس چيو ته اِهو ڇا ٿو ڪرين؟ هُو تو کي ڏنگي پيو پوءِ به تون کيس بچائين ٿو؟ تڏهن ساميءَ وراڻيو ته ڀٽونءَ جو ڪم آهي ئي ڏنگڻ ۽ اسان جو ڪم آهي بَچائڻ، هُو پنهنجي فطرت کان مجبور آهي ۽ اسين پنهنجيءَ فطرت کان مجبور آهيون. سو اسان کي به پنهنجي چڱائي واري فطرت تي ائين ئي اٽل هُئڻ گهُرجي. جيئن ساميءَ ڪيو هو.

     سامعين! اڄ سڄي دُنيا عالَمي سطح تي مادري ٻوليءَ جو ڏِهاڙو ملهائي رهي آهي، مادر فارسي ٻوليءَ جو لفظ، جنهن جي معنيٰ آهي ماءَ. مادري ٻولي يعني ماءُ جي ٻولي. اُها ٻولي جيڪا ٻار کي پينگهي ۾ ئي لوليءَ جي صُورت ۾ مِٺيءَ ماءُ وٽان مِلي ٿي، اُها ٻولي جنهن ۾ جيجل ماءُ پنهنجي اولاد کي ڳالهائڻ سيکاري ٿي، يا جنهن ٻُوليءَ ۾ اسان ۽ اوهان خواب ڏسون ٿا، اُها ئي اسان ۽ اوهان جي مادري ٻولي آهي. توڻي جو اسان گهر ۾ پنهنجي مادري ٻولي ئي ڳالهايون ٿا، پر مجموعي طور اسان سڀئي سنڌ واسي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي مادر ٻوليءَ تسليم ڪريون ٿا. سنڌي ٻولي جنهن جي جهوليءَ ۾ ڪنهن ڪنجريءَ تي ٽاڪيل ٽِڪُن وانگر سندس ڪيئي لاکيڻا لهجا جڳمڳائي رهيا آهن، جيڪي سڀئي گڏجي کيس نه رڳو شاندار بڻائن ٿا، پر شاهڪار به بڻائن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جا اُهي سدا بهار لهجا ئي سندس جڙون ۽ بُنياد آهن. پوءِ اُهو اُترادي لهجو هُجي يا لاڙي لهجو، ٿري لهجو هُجي يا ڪڇي لهجو، پارڪري لهجو هُجي يا مارواڙي لهجو، ڍاٽڪي لهجو هُجي يا ميمڻڪي ۽ خواجڪي لهجو. سڀئي سُندر لهجا منجهس نه رُڳو حُسن ۽ نِکار پيدا ڪن ٿا، پر ساڳي وقت هِن ٻاجهاريءَ ٻوليءَ جا سياسي، سماجي، تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ۽ مُعاشي بُنياد به مضبوط ڪن ٿا. ٻولي دراصل رابطي جو ذريعو آهي، جيڪا معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جو ذريعو پڻ آهي. ٻين جي خيالن کان واقف ٿيڻ ۽ ٻين کي پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪرڻ جو واحد وسيلو ٻولي ئي آهي، پر پنهنجي ڳالهه ٻين کي سهي نموني سان سمجهائڻ ۽ ٻين جي ڳالهه کي سهي نموني سان سمجهڻ لاءِ مادري ٻولي ئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو تعليمي نصاب ۾ به مادري ٻوليءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪا ٻولي ٻار امڙ جي جهوليءَ ۾ سکيو آهي، اُن جي ذريعي تعليم حاصل ڪرڻ اُن ٻار جو بُنيادي حق آهي، اِهو اُن ڪري جو ٻار پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي مادري ٻوليءَ وسيلي آسانيءَ سان اُجاگر ڪري سگهندو. ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي نه رُڳو مادري زبان جي ترقي ۽ سُڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيون پر منجهس نون لفظن، نون اصطلاحن، ۽ نئين معلومات جي نون جهانن جا نوان ڪهڪشان آباد ڪريون ۽ اڏيون ته جيئن اسان جي ٻولي دُنيا جي سُڌريل ٻولين سان ٻيلي ٿي بيهي ۽ دؤر جديد جي تقاضائن سان هم آهنگ ٿي پنهنجو وجود سلامت رکي سگهي. اِها ئي پنهنجي ٻوليءَ سان سچائي آهي جيڪا لطيف جي ٻوليءَ کي لازوال بڻائي سگهي ٿي.

     سامعين! ٻوليون تڏهين ئي ترقي ڪري سگهن ٿيون، جڏهن اُنهن جا معاشي، ثقافتي، سياسي، سماجي، جاگرافي، تهذيبي ۽ تاريخي بُنياد مضبوط هُوندا. جنهن ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ علم، ادب ۽ فن جو ذخيرو موجود هوندو. اُن ٻوليءَ جو دُنيا جي ڪا به طاقت وار وِنگو نٿي ڪري سگهي. نارائڻ شيام جي هنن سٽن ”الا! ائين مَ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هُئي، سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!“ جو مقصد اِهو هرگز ڪونهي ته اسان جي ٻوليءَ کي ڪو ٻين مان خطرو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي وجود کي جيڪڏهن ڪو خطرو آهي يا ٿي سگهي ٿو ته اِهو اسان پاڻ مان ئي آهي. ڇاڪاڻ جو اسان جيڪا ڪاروباري ٻولي ڳالهايون ٿا، ڪمرشل ليئنگويج جيڪا اسان استعمال ڪريون ٿا، دُڪانداري کان وٺي واپار وڙي تائين ڪم ڪار کان وٺي ڌنڌي ڌاڙي تائين اسان سنڌي ٻولي ڳالهائڻ کي عيب ٿا سمجهون. پَري ڇو ٿا وڃو رُڳو هوٽلن تي وڃي سنڌي بيري کي چانهه يا مانيءَ جو چئي ڏسوس ته ڇا ٿو چوي. دودو دهه پتي لائو، چڪن برياني لائو، صاحب سي ساٺ رپيا لو، بسن ۾ چڙهي ڏسو ڪلينڊر يا ڪنڊيڪٽر سنڌي هُوندي به چوندو چلو اُستاد چلو، آگي بريڪ مارو، ڀائي جلدي ڪرو اُتر جائو، ريڙهي تي ويٺل ڪنهن مسڪين مزدور کي ٻُڌو دس رُپيي ۾ دو ڪلو آلو اور پانچ رپيي ۾ پياز ڪلو. موبائيل فون تي نوجوان نسل جا ميسيج پڙهي سگهو ٿا، گهڻن کي رومن ۾ يا اُردو سنڌي الفابيٽ ۾ سنڌي لکڻ يا پڙهڻ اچي ٿي. سنڌي اخبارن جي حالت ڏسو ڪيتريون چُڪون آهن اُتي ڇپجندڙ ٻوليءَ ۾ ايف، ايم ريڊيو ۽ ٽي، وي چينلن تي ميزباني ڪندڙن جي ٻُولي ٻُڌو، مونث کي مُذڪر ۽ مُذڪر کي مونث جي ڌم لايو ويٺا آهن، واحد ۽ جمع جي ڪا تميز ڪانهي، گرامر جو ڪو خيال ڪونهي. ڪيترا گهر آهن اهڙا جن ۾ شاهه جو رسالو موجود آهي يا پڙهيون وڃي ٿو، ڪيترا اُستاد اهڙا بچيا آهن جن کي ٻوليءَ جي اُچارن ۽ تلفظ سُڌاريندي ڏٺو هُجي، اوهان اسڪول، توڻي ٻين ادارن ۾ جتي ڏسو ٻولي جو ٻيڙو ٻُڏو پيو آهي، اگرچ، مگرچ، هتاڪِ، تاڪِ زباني جمع خرچ سان ٻوليءَ جو ٻيڙو پار ڪڏهن به ڪونه ٿيندو. جيستائين اسان خود فريبي، خوش فهمي ۽ احساس برتريءَ جي مرض ۾ مُبتلا رهنداسين، تيستائين ڪو ٻيو اچي اسان جي ٻوليءَ کي تريون هڻندو اِن غلط فهميءَ مان هاڻ نڪرڻ گُهرجي. عرب ڪي چريا ته ڪونه هُئا جيڪي پنهنجن ٻارن کي نج ٻولي سکڻ لاءِ ڳوٺن ۾ ڇڏي ايندا هُئا، اسان خود ڳوٺن ۾ هُوندي به پنهنجي مادري ٻولي جنهن ۾ ماءُ لولي ڏني اُن ۾ ڳالهائڻ بجاءِ ڪنهن ٻئي اوپري ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ کي ئي وڏ ماڻهپي جي علامت ٿا سمجهون. اِها پنهنجي پاڻ سان ۽ پنهنجي وجود سان ويساهه گهاتي آهي.
    ٻولي مُنهنجي ٻانڀڻياڻي ..................... لياقت


    9

     سامعين! هڪ ڳالهه جيڪا ڪافي عرضي کان مُنهنجيءَ دل ۾ تمام گهڻو کُٽڪي رهي آهي، سوچيان ٿو ته اڄ اُها اوهان سان شيئر ڪيان، ڇاڪاڻ جو اِن ڳالهه جو تعلق اوهان سان به آهي ۽ اسان نٿا چاهيون ته اوهان جيڪي اسان جا پنهنجا آهيو، اُهي ائين ڪِن فراڊي قسم جي ماڻهن هٿان پنهنجي پگهر ۽ پورهي جي پُونجي لُٽائي ويهي رهو. ڳالهه هيءَ آهي ته هڪڙي ٺڳي اسان جي ڪافي ساڌڙن، سٻاجهڙن ماڻهن سان موبائيل فون ذريعي ٿي رهي آهي ۽ ڪيترائي ٻهراڙي جا اٻوجهه ماڻهو شهر جي سياڻن ماڻهن کان پاڻ ڦُرائي به ويٺا آهن. ٿئي ڇا ٿو جو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن دوست جي موبائيل فون تي ڪو اردو ڳالهائڻ وارو همراهه ڪال ڪري چوندو آهي، اوهان کي مُبارڪ هُجي جو اوهان جو پنج لکن جو انعام نڪتو آهي آئون فلاڻي ڪمپنيءَ جو نمائندو آهيان ۽ پوءِ اسان پارا اٻوجهه ماڻهو اهڙي خوشخبري ٻُڌي آپي مان ئي نڪري ويندا آهيون، بلڪِ ڪپڙن ۾ ئي ڪونه ماپندا آهيون، ظاهر آهي ته اهڙي حالت ۾ اسان جو فيڊ بيڪ اِهو ئي هُوندو ته پوءِ جلدي ڪريو انعام اسان کي موڪلي ڏيو ۽ اڳيون همراهه اسان جا تيور ڏسي ۽ ڪيفيت مان اندازو لڳائي ٺيڪ نِشاني تي آخري وار هيئن ڪندو ته اُن لاءِ اوهان کي ٻه ٽي هزارن جا ڪارڊ هِن نمبر تي موڪلڻا پوندا، باقي اوهان جو انعام اوهان جو اڪائونٽ نمبر ٻڌايو اُن ۾ موڪلينداسين، ۽ پوءِ خبر اٿئو ته ڇا ٿيندو؟ ٿيندو ائين جو اسان جهڙا اٻوجهه بنا ڪنهن غور ويچار جي ۽ بنا ڪنهن تصديق جي ٻه ٽي هزارن جا موبائيل ڪارڊ وٺي اُنهي فون ڪندڙ همراهه جي نمبر تي سينڊ ڪري ڇڏينداسين، ۽ پوءِ ڪبا انتظار ته ڪڏهن ٿا پنج لک مِلن ۽ ڪڏهن ٿا اسان جا وارا نيارا ٿين، هُو ته هو ٺڳ سو پنهنجي هٿ جي صفائي ڏسي سِم بدلائي ڇڏيندو، ۽ هيڏانهن پئسا ويا پاڻي ۾ ۽ اسان جا ٻئي هٿ مٿي تي، ڳالهه تڏهن کُلندي جڏهن رات گئي، بات گئي وانگر ٻه ٽي هزارن تان هٿ ڌوئي ويهنداسين. پر جي اِها ساڳي ڳالهه اسان اُن وقت سوچيون ۽ ڪنهن ٻي کان صلاح وٺون جڏهن اسان اِهو عمل ڪندا آهيون ته يقينن اهڙي فراڊ کان بچي وڃون ها، پر ڇا ڪجي جو اسان مان گهڻا ئي اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي نه رُڳو شڪي مزاج آهن، پر ساڳئي وقت بنهه تڪڙيا به آهن ۽ اُهي سوچيندا آهن ته ٻيو اسان کي روڪي پاڻ نه ڪٿي پَٽي ڪري وڃي، اُن ڪري ڳُجهه، ڳوهه ۾ ۽ عُجلت ۾ اهڙو عمل رات جي پيٽ ۾ ڪرڻ کانپوءِ پَڇتائيندا آهن. پر چوندا آهن ته پنهنجيءَ وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب، سو سب کچھ لُٹا کے ھوش میں آئے تو کیا؟ بهرحال اسان اوهان کي ٻُڌائڻ اِهو ٿا چاهيون ته جيڪڏهن اڄ کانپوءِ اوهان مان ڪنهن جي به موبائيل فون تي اهڙي قسم جي ڪا ڪال اچي ته اُن جي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار هرگز نه ڪجو، بلڪِ کيس سڌو سِنئون ٻُڌائي ڇڏجو ته تون فراڊي آهين، تنهنجو ڪنهن به ڪمپنيءَ سان ڪو به تعلق ڪونهي، اسان کي سڄي خبر آهي. هڪ ڳالهه ٻي به ياد رکو ته ڪنهن به موبائيل ڪمپنيءَ وٽ جيڪڏهن ڪا انعامي اسڪيم هُوندي ته اُها ڪنهن به نمائندي بجاءِ سڌو سنئون پنهنجي صارف سان رابطو ڪندي آهي، اخبارن ۾ اشتهار ڏيندي آهي ۽ وڏي ڳالهه ته اُها اُنهي انعام جي موٽ ۾ اوهان کان ڪنهن به قسم جي ڊمانڊ يا گُهرج هرگز ناهي ڪندي. تنهن ڪري اهڙن ٺڳ ماڻهن جي هٿان پاڻ ڦرائڻ کان پهرين اُنهي ڳالهه تي غور ڪيو يا گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڪنهن پڙهي لِکي عزيز يا دوست سان صلاح مشورو ضرور ڪريو. اسان کي اُميد آهي ته موبائيل فون ذريعي ٿيندڙ هِن فراڊ بابت اوهان ضرور سمجهي ويا هوندؤ. اسان جو ڪم آهي اوهان کي آگهي ڏيڻ ۽ عمل ڪرڻ نه ڪرڻ اوهان جي وس آهي، يعني واڪا ڪرڻ وَس مون، ٻُڌڻ ڪم ٻَروچ جو ۽ هاڻ اچو ته هي ڪلام ٻُڌون.
    ”راس آئي نه ............. شمن ميرالي“

     سامعينِ محترم! ماءُ جنهن کي خالقِ ڪائنات هِن دُنيا ۾ سڀ کان اول ۽ سڀ کان مٿانهون درجو عطا ڪيو آهي، مانُ ۽ مرَتبو بخشيو آهي، اُنهي ماءُ جي بي پناهه ۽ بي لوث محبت جي ڪٿ ڪرڻ، اُنهي ماءُ جي ممتا جي ماپ، تورڪرڻ لاءِ اڃا تائين ته دُنيا ۾ ڪوبه اوزار ايجاد ناهي ٿيو، هِن عظيم هستيءَ کي جيڪا عزت ۽ عظمت ڌڻيءَ تعاليٰ ڏني آهي، اُن جي مُقدس رِشتي جي تقدس کي ايترو ته بُلند، ايترو ته اُجرو ڪيو اٿس جو اُنهي عظيم رُتبي ۽ رشتي جي اَڇائي توڻي اُوچائي اِنساني عقل جي ڦٽ پٽيءَ سان ڪَڇڻ کان تمام گهڻو مٿانهين آهي. جنهن ماءُ جي پاڪيزه پيرن هيٺيان جنت جي بشارت ملِي ٿي، اُنهي امڙ جي قدمن ۾ هر اِنسان سِر بسجود ٿيڻ لئه بي تاب هُوندو آهي، اِنسان ته وري به اشرف المخلوقات آهي، پر پکي پکڻ، جيت جَڻو توڻي جانور کي به پنهنجيءَ ماءَ سان بي پناهه مُحبت هُوندي آهي، اُهي به پنهنجي ماءُ جي مُقدس رشتي جي سُرت ۽ ساڃاهه رکن ٿا، ماءُ هِن ڪائنات جي هر اِنسان توڻي حيوان لاءِ هڪ اهڙي خُدائي نعمت آهي جنهن جي نِجُ خلوص ۾ ڪا به کوٽ ناهي هُوندي، جنهن جي مُحبت ۾ ڪا به مصنوعيت ڪونهي، ۽ جنهن جي مُحبت ڪنهن به مطلب جي مُحتاج ڪونهي، ڪنهن به غرض جي غلام ڪونهي، اُها مِٺي ماءُ جنهن جي جنم ڏيڻ سان ئي هن ڪائنات جي هُجڻ جو جواز جُڙي ٿو، بلڪِ ائين کڻي چئجي ته هيءَ ڪائنات حسين آهي ئي تڏهن، جڏهن اُن ۾ ماءُ جهڙِي مهان هستي موجود آهي، هِن ڪائنات جي تخليقار ماءُ جي پيار ۾ ڪيتري پنهنجائپ آهي ۽ ڪيتري ڪشش آهي اِهو وڃي اُنهي شخص کان پُڇو جنهن کي سندس جيجل ماءُ ڇٺي رات ڇورو ڪري ويئي هُوندي ۽ اُن عورت کان پُڇو جنهن جي امڙ سندس اکين تي اکيو ٻڌڻ کان اڳم ئي الله کي پياري ٿي چُڪي هُوندي. هِن دُنيا ۾ هڪ ماءُ ئي ته اُها عظيم هستي آهي، جنهن وٽ ڏُکويل انسان پنهنجا ڏُک سور کڻي وڃي اوريندو آهي، خاص طور تي هر زال زائفان پنهنجي پيڙاءُ، پنهنجي ڀوڳنا ۽ درد جي هر دانهن پنهنجيءَ ماءُ کي ئي ڏيندي آهي، ڇاڪاڻ جو ماءُ ئي اُهال حال محرم ۽ همدرد آهي جتان ئي اولاد کي آٿت ۽ اُتساهه ملندو آهي، سڀئي سُورن واريون پنهنجيءَ، پنهنجي ماءُ سان ئي سوُر پچار ڪنديون آهن ۽ ڀٽائي گهوٽ جي شاعريءَ ۾ به ماءُ جو ڪردار ايترو ته عظيم ۽ اُتاهون آهي جو اُنهي جو مثال مِلڻ ڏاڍو مُشڪل آهي، شاهه سائين جي رسالي جا ڪيئي سُرَ ماءُ جي ذڪر سان مُنور ٿيل آهن، لطيف جي رسالي جي هر سُورمي پنهنجي مَن جا مامِرا کڻي سدائين پنهنجي ماءُ سان ئي مُخاطب ٿِي آهي؛
    ماءُ! وِهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پنهنجي،
    جيڪو ڏنئي ڏيج ۾، سو سڀوئي سنڀار،
    وڃان ٿي وڻڪار، ڏِٺم پيرُ پُنهونءَ جا.
    منهنجي جيجل ماءُ ................. شمن ميرالي

     سامعين! جڏهن ڪو اوهان کان رنجُ ٿي رُسي ڪوهين ڏور هليو ويندو آهي، تڏهن ئي اوهان کي اُن ماڻهوءَ جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي ۽ سندس کوٽ شدت سان ستائڻ لڳندي آهي، اوهان جو جيءَ، جُهونا ڳڙهه جُهرڻ لڳندو، اوهان بي چين ۽ بي قرار ٿي پوندا آهيو، هِن اُردو شعر جئين ته؛
    جیﱡ نہین لگتا، اس بھرے دُنیا میں،
    جانے کس چیز کی کمی ہے ابھی۔
    ۽ اِها ڪمي، اِها کوٽ اوهان کي مُڪمل ٿين ڪانه ڏيندي، اوهان پاڻ کي اڻپورو ۽ اڌورو محسوس ڪندا آهيو ۽ اوهان ڀَريءَ بزم ۾ به پاڻ کي اڪيلو ڀائيندا آهيو، اندر جي اُن تنهائي جو ڪارڻ رُوح جي اُن رُڃ جهڙي سُڃ جو سبب اُهو ماڻهو، اُهو وجود ۽ اُها هستيءَ آهي، جيڪا اوهان کان رُسي رنج ٿي، ڏُور هلي ويئي آهي ۽ هاڻ اُن پُڄاڻان هيءَ ڪُل ڪائنات اوهان کي ٻُسي لڳي رهي آهي. هر چيز بيڪار ۽ بي لُطف لڳي ٿي، ڪو مزو ڪونهي، ڪو موهه ڪونهي ۽ اوهان جو مَنُ ماندو ٿئي ٿو، اوهان پاڻ کي اگها ۽ بيمار محسوس ڪريو ٿا پر اوهان جي اِن درد جي دوا فقط دلبر جو ديدار آهي بقول ڀٽائي جي ته؛
    وَيـڄَ مَ ڏي ٻُـڪي الا! چـڱي مَ ٿـيان،
    پرين مان اچي، ڪَر لاهُو ٿين ڪڏهين.
    ڇاڪاڻ جو دوست جو ديکڻ ۽ مُحب جو مِلڻ ئي اوهان کي جيئڻ لئه اُتساهي ٿو، هڪڙي آس، هڪڙي اُميد اوهان کي ڄڻ ته آڪسيجن فراهم ڪري ٿي ۽ اهڙا ماڻهو جيڪي جياپي جو ڪارڻ آهن ۽ جن لئه دڳن ۾ ديدون وڇايل هُجن ٿيون بلڪِ اُهي ماڻهو جيڪي دل کي وڻن اُنهن جو مِلڻ واقعي وڏي ڳالهه آهي بقول رنگريز جي؛
    شهرِ جفا ۾ آ دلدار جي ڳولا، پيار جي ڳولا،
    دل کي جو وڻي، تنهن جو مِلڻ وڏي ڳالهه آ.

     سامعين! ماڻهوءَ جو مَن ڪڏهن، ڪڏهن بي چين ۽ بي جَپو ٿي پوندو آهي، اڻ ٿانيڪو هوندو آهي، اندر ۾ ڪا اُڻ تُڻ هُوندي آهي، ڪا اڻ ڪهي ڳالهڙي هُوندي آهي جيڪا ڳولا جي رڻ ۾ روليندي آهي، اندر ۾ سوچن جا گهروندڙا ڊهڻ ۽ ٺهڻ جو عمل جاري هوندو آهي، ماڻهو پنهنجي من جا مامرا رات جو سمهڻ وقت وهاڻي هيٺ رکي سُمهندو آهي ۽ صُبح سويل اُهي سڀئي ائين ڳڻي کڻندو آهي جيئن ڪو فقير سڄي ڏينهن جي ڪمائي کانپوءِ ڪنهن فوٽ پاٿ تي ڪشتي مان هاريل ريزگاري جا سِڪا ساري کڻندو آهي. ڇاڪاڻ جو ماڻهو چاهي ٿو ته سندس حصي جا ڏُک ڪنهن ٻي جي هٿ نه چڙهن. سندس پتيءَ جا رنج و الم ڪنهن ٻي وٽ رهجي نه وڃن ۽ اهي سندس غمن جي ائين پرگهور لهي به سگهن الائي نه جئين هُو پاڻ پنهنجي غريب غمن جي سار سنڀال لهندو آهي. ڪِن ماڻهن کي پنهنجا عذاب به اولاد جيئن عزيز ۽ سڪيلڌا هوندا آهن، ڪي ماڻهو وري خوشين جي هُجوم ۾ به خوش ناهن هوندا. جن جي دردن سان دوستيءَ هُوندي آهي. اُهي پاڻ ٻري به ٻين کي سُهائي ڏيندا آهن، اُهي غمن گوندرن کي سهڻ جو به ڪمال درجي جو ڏانءُ رکندا آهن، اُهي جُهرن ٿا، جهڄن ٿا، لُڇن ٿا، ڦٿڪن ٿا، تڙپن ٿا، پر ڪُڇن يا ڪُرڪن نٿا، ڪو ردعِمل نٿا ڏيکارين، ڪا ٻڙڪ ٻاهر نٿا ڪڍن، اُهي اذيتن مان لذت ۽ لطف ماڻين ٿا. اُهي سُورن کي سندرا ٻڌرائڻ جي هُنر سان هٿياربند هوندا آهن. پر هِن ٿور گُجي زماني ۾ سهڻ ته وڏي ڳالهه آهي، هِتي ٽڪي جي مُفادن لئه سالن جي واسطن جي واڙ ڀلاڙ ڪندي دير ئي ڪونه ڪندا، اڇي کير جهڙي اُجري مُحبت جي هِرک تي حرص ۽ حوس جا بَد نُماع داغ ڪندي دير ئي ڪونه ڪندا ۽ ياري دوستيءَ جي ليکي تان ليڪو ڦيرائيندي به ڪا دير لڳندي ڇا؟

     سامعين! جڏهن شعوري يا لاشعوري طور تي ڪو اوهان جي اعتماد، ڀَروسي ۽ اعتبار کي ڇيهو رسائي ٿو، ته دوستي توڻي ڪنهن به رشتي يا وسطي ۾ جيڪو ٻنڌڻ ٿئي ٿو، اُهو ويساهه ۽ وشواش ختم ٿي، ٽُٽي ۽ ڇڄي ڇيهون، ڇيهون ٿي پوي ٿو ۽ دل جي دُنيا اُجڙي ڀنڀور وانگي ڀڙو بڻجي برباد ٿي وڃي ٿي. بلڪِ دل ٽُٽي پوي ٿي، يقينن دل ڪو شيشي جو آئينو يا گلاس ڪونهي جيڪو هٿ مان ڪري ٽُٽي ٽُڪر ٿي پوي ۽ نه ئي دل ڪو مِٽيءَ جو ٿانو آهي جيڪو پٽ تي ڪِري پُرزا ٿي پوي يا جُهري وڃي. پر ڀَروسو ڀليجڻ کانپوءِ ويساهه کڄي وڃڻ کانپوءِ دل ۾ شڪ، وهم ۽ گُمان پيئدا ٿي پوندو آهي ۽ يقين ڄاڻو ته جنهن دل ۾ شڪ جا شڪاري باز اچي بسيرو ڪندا آهن اُنهي دل جي درخت تان ڀَروسي ۽ اعتماد جا اُجرا ڳيرا اُڏامي ويندا آهن ۽ جنهن جوءِ مان وشواس جا وڻ ئي وڍجي وڃن اُتي پيار جا پنڇي رهي رهندا ڪيترو. مُحبت احساسن کان خالي پڃري ۾ قيد نٿي ڪري سگهجي بي رُوح بدن جي وطن ۾ مُحبت ائين آهي جيئن روهيڙي جا رتا گُل خوشبوءَ کان خالي. جيڪڏهن چاهه مان ويساهه هليو وڃي، پيار مان اعتبار هليو وڃي، ته پويان پاڇي ٻُڙي بچي ٿي، جڏهن رابطن جا ريشمي ڌاڳا ڇڄي پَون، جڏهن اعتماد جا آئينا ڀڄي ڀُور ڀور ٿي پون، تڏهن فقط هڪڙي واٽ بچي ٿي، اُها اِها آهي ته اُها جڳهه، اُها جَوءِ، اُهو ماڳ، اُهو مڪان، اُها سِيم، اُهو اَجهور ڇڏي هليو وڃجي، بلڪِ اُن ماڻهوءَ جي دل جي دُنيا ما ئي نڪري هليو وڃجي، ڇو ته ڪنهن جي اک جو ڪٽر ٿيڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن وديسيءَ پکيءَ ونگر پري ڏُور اُڏري هليو وڃجي، هُن کان ڏور هليو وڃبو، هاڻ ضرور هليو وڃبو.

     سامعين! ڪڏهن، ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو ڪي ڪي ماڻهو ڪِن پيارن ماڻهن جو قدر ناهن ڪندا، پنهنجي جهوليءَ ۾ پيل پُر خلوص مُحبتن کي سنڀالي ناهن سگهندا، اُن پيار جي سار ناهن لهي سگهندا، جيڪو پيار سندن جياپي لئه نياپي وانگر هُوندو آهي، جيڪو پيار سندن جيون ۾ رنگ ڀريندو آهي، اُن مُحبت جي کين ڪا ساڃاهه ۽ ڪا سُڃاڻپ ناهي هُوندي يا ايئن کڻي چئجي ته به ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته پنهنجي دروازي تي دستڪ ڏيندڙ مُحبت کي ڪو مـڱتو سمجهي موٽائي ڇڏيندا آهن. اهڙي مُحبت جيڪا هِن قحط الرجال دؤر۾ ڪنهن پاگل جي خواب وانگر سندن جهوليءَ ۾ چنڊ بڻجي جهُولي اُن بي لوث مُحبت کي به بي رُخيءَ جي ڀُرٽن سان زخمي ڪري وجهندا آهن ۽ نتيجي طور اُهي ماڻهو بي پناهه پيار کان محروم ٿي ويندا آهن ۽ ڄڻ ته دُنيا جي سڀ کان امُلهه چيز وڃائي وِلها ٿي ويهندا آهن ۽ اِهو سڀڪجهه هوش بدران جوش ۾ اچي ڪيو ويندو آهي، ۽ يقين ڄاڻو ته جيڪي فيصلا جذباتي ۽ ڪاوڙ واريءَ ڪيفيت ۾ ڪيا ويندا آهن، اُهي نه رُڳو غلط ثابت ٿيندا آهن، پر ڏاڍا مهانگا به پوندا آهن. ڇو ته ڪاشيءَ هٿن مان هلي وڃڻ کانپوءِ ماڻهو رُڳو هٿ مهٽيندو ئي رهي ٿو ۽ پوءِ کيس پڇتاءُ ڏينڀو بڻجي ڏنگيندو رهي ٿو، پر پوءِ به اِهو نٿو سوچي ته سندس بيرُخي، لاپرواهي ۽ لاغرضي سندس سڀڪُجهه ئي اُجاڙڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي، پر ڇا ڪجي جو ماڻهو مُحبت جي مڳيءَ ۾ انڌ جي گهوڙي تي سُوار هوندو آهي، سو ڪٿي ٿو پوئتي مُڙي نِهاري، ائين ڇو ٿو ٿئي ڪا خبر ڪونهي پر ٿيندو رهي ٿو ۽ ٿيندو رهيو آهي اڄ نه پر آڳاٽي زماني کان يعني اِنساني ارتقا سان گڏ اِهو عمل به جاري و ساري آهي.

     سامعين! اکين جا به انيڪ رنگ ۽ روپ آهن، ڪي ڪجل بنا ڪاريون اکيون، ته ڪي سُرمي بنا سانوريون اکيون، ڪي انگوري اکيون ته ڪي ڪڪوريل ڪنگوءَ جهڙيون ڪِرمچي رنگ اکيون، ڪي صحرا جي سَرزمين جهڙيون سَڌائيتون ۽ آسائيتون اکيون، ته ڪي سَمندر جهڙيون گهريون اکيون، ڪي وولگا ڍنڍ جهڙيون وڏيون اکيون ته ڪي نيلي آسمان جهڙيون نيريون اکيون، ڪي بلوري اکيون ته ڪي چيرويون اکيون، ڪي ڪاڇي ڪٽورا اکيون، ڪي گول اکيون ته ڪي ٽِڪُنڊيون اکيون، ڪي ٿر جي ڀٽن جهڙيون ڀُوريون اکيون، ته ڪي روهِيڙي جي رتن گُلن جهڙيون رتيون اکيون، ڪي مُندائتي مينهن جهڙيون ميگهه ملهار اکيون، ڪي ڪڪر ڪارونڀار اکيون، ته ڪي آگم جا آثار اکيون، ڪي سدا سانوڻ اکيون ته ڪي ڪارو ڏُڪار اکيون، ڪي معصوم اکيون، ته ڪي محبوب اکيون، ڪي پاڻيءَ ۾ ترندڙ ڪنهن چنڊ جي اُجري عڪس جهڙيون اکيون ته ڪي وري لوڪ رقص جهڙيون اکيون. ڪي ڀٽائي جي بيتن جهڙيون اکيون ته ڪي اياز جي گيڙو ويس غزلن جهڙيون اکيون، ڪي ڪينجهر ۾ ترندڙ ڪنولن جهڙيون اکيون، ڪي نهٺا نيڻ ڀرينءَ جا ائين جيئن رڻ ۾ رات ٺري جهڙيون اکيون، ته ڪي وري اُس ۾ تپندڙ ڌرتيءَ جهڙيون اکيون، ڪي سچل جي گهڙوليءَ جهڙيون اکيون، ته ڪي پيار جي پروليءَ جهڙيون اکيون، اکين جا انيڪ قِسم آهن ۽ انيڪ انداز پڻ، پر جن اکين ۾ پيار پَلجي ٿو ۽ نيهن نپجي ٿو، اُنهن اکين جون ادائون ئي الڳ آهن ۽ سندن ڏِسڻ جا ڏانوءَ ئي پنهنجا آهن، جيڪي اکيون رُکيون ئي رڻ ڪن ٿيون، سي نه رُڳو عجب جهڙيون عادتون ڌارين ٿيون، پر سُور پرائي ساٿ جا به وڃيو وِهائن ٿيون. اهڙيون اکيون جن ۾ الائي ڪيترن جا ٻئي جهان ٻُڏن ۽ ترن ٿا، سي نه رُڳو قتلام ڪنديون آهن، پر جئيدان به بخشينديون آهن، اهڙيون اکيون جن جي ٽرمِنلاجي ئي پنهنجي هُجي، جيڪي ڪنهن به سائيٽيفڪ نظريي، ڪنهن به جدلياتي وصف ۽ ڪنهن به سائنسي اصول کي اورانگهي پرين پَسي اچن، جيڪي سرحدون جا سڀئي ليڪا لتاڙي دوست ديکڻ وڃڻ، جيڪي منظر جا ڊگها سفر کن پل ۾ طئي ڪنديون آهن، اهڙين اکين کي نه ته ڪنهن ويزا جي ضرورت هُوندي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن هٿرادو هار سينگار جي بقول ڀٽائي جي؛
    ڀنڀيون هَڏ مَ ڀير، کڻ سُبتيون سُپرين،
    تو جي چاهه چلايون، تِن وِڌو جيءَ سين ويرُ،
    ڪجل اکين ۾ ڦيرُ، تنهنجي رُکين ئي رڻ ڪيو

    ناسي اکڙين وارا .............برڪت ڀٽ

     سامعين! زندگيءَ ۾ اوهان جي آڏو ڀل ته ڪيڏي به وڏي مُصيبت ڇو نه اچي پر اوهان کي همت ۽ حوصلي جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گُهرجي. ڇو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن مُصيبت يا پريشانيءَ کان گهٻرائي اُن کي مُنهن ڏيڻ بدران همت هاري ويهندوءَ ته اُهو معاملو اوهان جي حَواسن تي حاوي ٿي ويندو، پر جيڪڏهن اوهان هِمت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندوءَ ته اِنهن مسئلن کي آسانيءَ سان مُنهن ڏيئي سگهو ٿا، اُصل ۾ اِها همت ۽ حوصلو ئي آهي جنهن ذريعي اِنسان پنهنجي رستي ۾ آڏو ايندڙ هر رُڪاوٽ کي حل ڪري سگهي ٿو. پر جي اسان هروڀرون مايوس ٿي همت هاري ويهنداسين ته اُن مان وَرندو ڪُجهه به ڪونه، اُن ڪري بهتر اِهو آهي ته هر مصيبت کي مُنهن ڏجي ۽ مقابلو ڪجي. اِنساني زندگيءَ ۾ ڏکن، سُکن جو اچڻ فطري عمل آهي ۽ اِهي مايوسيون ۽ پريشانيون هر ماڻهوءَ جي حياتي ۾ اچن ٿيون. پر مَزو اِن ڳالهه ۾ آهي ته ماڻهوءَ اهڙي ڪَٺن ۽ ڏُکيءَ صورحال کي مُڙس ٿي مُنهن ڏي، انتهائي تدبر ۽ ڏاهپ سان مُشڪلاتن جو مقابلو ڪري. وقتي طور آڏو آيل مُختلف قسم جي پريشانين سبب ماڻهو گهٻرائجي ضرور وڃي ٿو پر جي ماڻهو ۾ وِل پاور آهي منجهس اخلاقي جُرئت آهي ته هُو ڀٽائي جي هِن بيت کي بيان ڪري سگهي ٿو ته آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿئين. دُنيا ۾ جن به ماڻهن وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن، اُنهن جي جيون-ڪٿا جي ڪتاب جو هر ورق اسان لئه اهڙن مثالن سان ڀَريو پيو آهي. اُنهن ماڻهن جي همت، حوصلي ۽ جُرئت کي ڏسي، پڙهي ۽ ٻُڌي اسان به اُنهن جي تجربن مان ڪُجهه پرائي سگهون ٿا، ڪا هڙ حاصل ڪري سگهون ٿا، اُنهن آدرشيءَ اِنسانن جي ڪارنامن جي پيروي ڪري، اسان به پنهنجي راهه ۾ ايندڙ هر رُڪاوٽ ۽ هر مُشڪل کي عقل، فهم، تدبر هِمت ۽ حوصلي سان حل ڪري سگهون ٿا ۽ هر مُصيبت کي مات ڏيئي سگهون ٿا، پر شرط اِهو آهي ته اسان پير پَساري ويهڻ بجاءِ رائو ريليون ۽ هي جيڪو هٿن ۾ ڪشڪول آهي، اِهو اُڇلائي ڦِٽو ڪري منزل جي ڳولا ۽ جُستجو ۾جُنبي وڃون، بُلڪل ائين جيئن اُستاد سوڍي جوڳيءَ، باوجود جوڳي فقير هُئڻ جي، هٿن ۾ ڪشڪول کڻڻ بدران هِيءَ سَين هَنيي آهي ته؛
    ”ڇا جي لئه هٿ ۾ ڪشڪول ...... سوڍو جوڳي“.

     سامعين! ٿر جي مُهڙ واري شهر نئون ڪوٽ کان اتر-اولهه طرف سڏ پنڌ تي هڪ ڳوٺ آهي، سنڌ جي سادات گهراڻي جو ڳوٺ، روشن علي شاهه ۽ اُتي ئي پنهنجي قديم ماڙيءَ ۾ موجود آهي، سنڌ جو هڪ اهڙو سگهارو شاعر، جيڪو نه رُڳو سيداڻي شان و شوڪت مان ۽ مَريادا سان زندگي گُذاري ٿو پر راڄنيتي ۽ ڀلا رش هَستيءَ جي حيثيت سان انسانيت جو به وڏو علمبردار آهي. هُو جنهن جو حَسب نسب ميئن شاهه عنايت رضوي سان وڃي ملي ٿو. اُنهي سدا بهار شاعر جي گهڻ رُخي شخصيت جا ايترا ته انيڪ انوکا اَڇوتا ۽ رنگ برنگي پهلو آهن، جو هر هڪ تي هڪ الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو سندس صحتمندي ۽ ڊگهي ڄمار جو اصرار اهو آهي ته هُو سدائين خالص کاڌو کائي ٿو. پنج وقت پابندي سان نماز پڙهي ٿو ۽ اٻوجهه ٿري عوام، لاڙ توڻي تر جي مسڪين ماڻهن جي ڪم اچڻ کي عبادت سمجهي ادا ڪندو رهي ٿو.
    سائين عباس علي جنهن جي چوڌاري سرينهن ۽ سُورج مُکي جا سَر سبز کيٽ آهن جنهن جي اکين اڳيان ڪنهن صوفيءَ جي ڪُشاديءَ دل جهڙو هيڏو سارو ٿر ۽ اُنهي جا من موهيندڙ منظر آهن. اُنهي ٻهڳڻي شاعر جي شاعريءَ جي جَلون، جهرمر، جوت ۽ جَرڪَ جي ڪَٿ ڪو ڪويسر ئي ڪري سگهي ٿو باقي مون جهڙي مسڪين جي ڪهڙي مجال جو هڪ پُوري دؤر جي دلرُبا شاعر ۽ اعليٰ پايي جي اهِل دل ڪويءَ جي ڪويتائن جي ڪَڇَ – وهٽ ڪري سگهان، سنڌي شاعريءَ جي اُنهن ڪلاسيڪل صنفن کي، جيڪي جديد شاعريءَ مان اڻلڀ ٿي ويون آهن. اُنهن کي وري جيارڻ لاءِ سائين عباس علي شاهه جا ٿورا ٿر ۾ واري ٿوري تيهان ئي گهڻيرا، ٿورا ته سندس ادبي توڻي حقيقي اولاد اياز رضوي جا پڻ جهن رت ولوڙي ڀَتُ ڪيو تڏهن ئي ههڙو شاندار ڪتاب ”در نه مٽجي دوست جو“ سنڌي ادب جي موڪري ماٿي تي ڪنهن تلڪَ وانگر تجليون ڪري رهيون آهن.
    پيار جتي ملندو ............ شمن ميرالي

     سامَعين! ڪو زمانو هو جو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ماڻهن جي دلين سان گڏ ڌڙڪندو هو، ڇاڪاڻ جو هڪ طرف ڏاڏي فتح خان جي ڏاهپ هُوندي هُئي جيڪا ماُڻهن کي نه رُڳو مايوسين مان ٻاهر ڪڍڻ جو هُنر ڄاڻيندي هُئي، پر ساڳي وقت سندس سُگهڙائپ عوام الناس لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ پڻ هُئي، ٻي طرف وري سنڌ جا اُهي راڳي ۽ فنڪار هُئا، جيڪي عام فهم شاعري، لوڪ ڌُنن ۽ مصريءَ جي تڙن جهڙي مِٺي ۽ سُريلي آواز وسيلي سڄيءَ سنڌ جي دلين تي راڄ ڪندا هُئا. مُنهنجي خيال ۾ اهو 1970ع کان 1980ع وارو ڏهاڪو هو، جڏهن ريڊيو حيدرآباد تي جلال چانڊيي، قاسم اوٺي، چاڪر چانڊيي، ڦوٽي زرداري، مائي ڀاڳي، موسيٰ حُسين سَمي، مُحمد رحيم سومري، مُحمد ابراهيم، عبدالله پنوهر، زرينه بلوچ، زينت صديقي، رُوبينا قريشي، انور وسطڙي، ڪزبانو ۽ نُوربانو جي هاڪ هُوندي هُئي، اُنهن فنڪارن ڪلاسيڪل حيثيت اختيار اُن ڪري ڪئي آهي جو هُنن نه رُڳو راڳداريءَ ۾ رچي پوءِ رُوح سان ڳايو، پر اُن وقت جي موسيقارن جون لاجواب محنتون به ساڻن سنگ، سنگ رهيون، تڏهن ئي ته اُنهن گيتن امرتا ماڻي آهي ۽ اُهي انمول گيت اهڙا ته سدابهار سانگ آهن، جن تي ڪڏهن به ڪا پَن ڇَڻ رُت اچي نٿي سگهي. لاڙ جي لاڏلي شهر تلهار سان تعلق رکندڙ مائي نُور بانو به اهڙن ئي عظيم ڪلاڪارن مان هڪ هُئي، جنهن جيڪي ڪُجهه به ڳايو سو لاجواب ڳايو، هُن جي آواز ۾ جيڪا اُداسي هُئي، جيڪو درد سمايل هو اِهو ڪو ئي اهِل دل ماڻهوءَ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ اُنهن اهِل دِل ماڻهن لاءِ اسان السلاعليڪُم مٺيءَ ۾ هر هفتي هڪ يادگار گيت ڪنهن نه ڪنهن سدا بهار آواز ۾ ضرور پلي ڪنداسين، ۽ هِن وقت جيڪو ڪلام اسان اوهان کي ٻُڌرائڻ گهُرون ٿا. اُنهي ۾ ڏوهيڙا ڏنا آهن، اُستاد مُحمد جمن ۽ آواز آهي نُور بانوءَ جو.

    ”سنگهاريون ڇو نه ................ نور بانو“

     سامعين! تعليم اِنسان ذات جو مُقدس ۽ مُعتبر حق آهي، ڇو جو قومن جي بقا ۽ وقار جو دارومدار عِلم تي ئي آهي، هاريپي کان وٺي سائنس جا سمورا جهان ۽ جنتون عِلم وسيلي ئي اڏيا ويا آهن، علم سمجهه، ساڃاهه ۽ سوجهري جو اُهو معراج آهي، جتان ماڻهو نبين ۽ پيغمبرن جي رُتبي تي رسن ٿا، دُنيا جا سمورا ڀلا رش ۽ ڏاها ماڻهو علم وسيلي ئي سُڃاتا وڃن ٿا، پر اُنهي علم جي اسان وٽ ڪيتري اهميت آهي، اسان پنهنجي اولاد، اسان پنهنجي گُلن جهڙن ٻارڙن کي پڙهائڻ، اُنهن جي صحت ۽ تعليم جو ڪيترو خيال رکون ٿا، جيڪي اسان جو آئيندو آهن، جيڪي اسان جي مُستقبل جا معمار آهن، اُنهن سان اسان جو سُلوڪ ڪهڙو آهي ۽ دُنيا پنهنجي آئيندي جي اڏيندڙن لاءِ ڇا ڇا نه ٿي ڪري، اُن بابت هِتي آئون رُڳو هڪڙو مثال ڏيان ٿو، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سُتل ضمير کي سُجاڳ ڪري وجهي.
    سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمي ماهر ادي رشيده بلوچ آمريڪا مان ڪا ٽريننگ ڪري موٽي ته کائونس ڪنهن رسالي واري هڪ انٽرويو ۾ پُڇيو ته، هِتي ۽ هُتي جي تعليمي نظام ۾ ڪو خاص فرق محسوس ڪيو؟ اديءَ ٻڌايو ته هِتي ۽ هُتي جي تعليمي نظام ۾ وڏو فرق آهي، پر اُتي جنهن ڳالهه مونکي متاثر ڪيو سا اِها هُئي ته جيڪڏهن اُتي گهر ته ڇڏيو پر هاسٽل ۾ رهندڙ شاگرد به صُبحءَ جو ناشتي تي ٿر جي ڀورڙي تِتر جي فرمائش ڪري ته اُها هر حال ۾ پُوري ڪئي ويندي پوءِ چاهي اُن تي ڪيترو به خرچ ڇو نه اچي، ڇاڪاڻ جو اُهي ٻارن جي جسماني، رُوحاني، ذهني ۽ نفسياتي نشونُما جو خاص خيال رکن ٿا، اُن ڪري اُهي صُبح سويل ٻارن کي ناراض ڪرڻ بجاءِ خوش ڪري اسڪول موڪلين ٿا، ته جيئن اُهي پنهنجي پڙهائي ۾ خُوشيءَ سان دلچسپي وٺن ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين ۽ ڇا اسان جو سُلوڪ به پنهنجي ٻارڙن ۽ شاگردن سان اهڙو ئي آهي؟اُنهي سوال جو جواب هرڪو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي حاصل ڪري سگهي ٿو. هينئر ٻُڌون ٿا مشتاق ٽڳڙ کي جيڪو پنهنجي ماءُ سان هيئن مخاطب آهي.
    او امان ، او امان .................... مشتاق ٽڳڙ

     سامعين! انگريزي ٻوليءِ جي مشهور اديب برناڊشا کان ڪنهن صحافيءَ انٽرويو ڪندي پُڇيو ته؛ اوهان جي وڏيءَ عُمر جو راز ڪهڙو آهي؟ هُن وراڻيو ته آئون هميشه پنهنجو مٿو ٿڌو ۽ پير گرم رکندو آهيان. خير اِها ڳالهه اخبار ۾ اُنهي صحافيءَ شايع ڪئي، جنهن کي ڪو نسخو ناياب سمجهي ماڻهن پنهنجي عُمر وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو، اُنهن ڇا ڪيو جو مٿي تي برف رکي ۽ پنهنجا پير باهه تي سيڪڻ شروع ڪيا. نتيجي طور سڄي شهر جي ماڻهن ۾ نمونيا وڌڻ لڳي ته اُهي سخت احتجاجي جلوس جي صُورت ۾ برناڊشا جي در تي وڃي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. نيٺ برناڊشا پنهنجي گهر مان ٻاهر نڪري ماڻهن کي سمجهايو ته؛ مٿو ٿڌو رکڻ مان مُنهنجي مُراد اِها آهي ته آئون ڪاوڙ ڪڏهن به ناهيان ڪندو ۽ پير گرم رکڻ مان مُنهنجو مطلب اِهو آهي ته آئون هميشه پيادل پنڌ هلندو آهيان. اُن کانپوءِ ئي اِها ڳالهه وڃي ماڻهن جي مٿي ۾ ويٺي ته ڪاوڙ ۽ غصو نه ڪرڻ سان ئي ماڻهو جو دماغ ٿڌو رهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڪاوڙ نه رُڳو انسان کي اجائي تيش ۾ اچي غلط ڪم ۽ اڻ سُهائيندڙ عمل ڪرائي ٿي، بلڪِ خود ماڻهوءَ جي پنهنجي صحت لاءِ به انتهائي هاڃيڪار آهي، ڇو ته ڪاوڙ سان ذهن ۾ ڪشيدگي پيدا ٿئي ٿي، تناءُ وڌي ٿو، دماغ تي ۽ دل تي پريشر وڌي وڃڻ ڪري ماڻهو هاءِ بلڊپريشر ۽ دل جي مرض ۾ مُبتلا ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري سدائين ڪوشش اِها ڪجي ته سهپ ۽ درگُذر جو پاڻ ۾ مادو پئدا ڪجي. قوت برداشت ئي ماڻهو کي خوشگوار مزاج توڻي ماحول بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. سو صبر، ڌيرج ۽ ٿڌيءَ دل سان سوچي سمجهي پوءِ ئي ڪو قدم کڻو، ڪنهن جي اڻوڻندڙ ڳالهه يا واقعي تي جذباتي ٿيڻ يا ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ مُسڪرائي فراخ دليءَ سان مسئلن کي مُنهن ڏيو ۽ محبت ۽ پيار سان ئي اُنهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، اِهو ئي مُهذب دنيا جو دستور آهي، اِهو ئي انسانيت جو منشور آهي بقول ڀٽائي جي؛
    هُو چونئي تون مَ چؤ، واتان وارائي،
    اگ اڳرائي ڪري خطا سو ئي کائي،
    پانڌ ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينڪي.

     سامعين! گُذريل هفتي ڪنهن ادبي پروگرام ۾ شرڪت سانگي اَمراڻي جي گڍ وڃڻ ٿيو، ۽ جيڪڏهن عُمرڪوٽ وڃجي به سَهي پر جي روحل واءِ جي نگريءَ ۾ رهندڙ سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر حليم باغيءَ جي ڀُونءَ تان ڀيرو نه ڀڃجي ته ڄڻ سموريءَ سنڌ تان ڀيرو ڀڃي ڇڏيو، سو اسان جي ٽه مُورتيءَ يعني مون، ڀارومل اَمراڻي ۽ فراق هاليپوٽي، حاجي ساند جي سنگ ۾ روحل واءِ کي وڃي ڏٺو، ڄڻ سڄيءَ سنڌ جو ديدار نصيب ٿيو. حليم باغيءَ جنهن جا نظم ظلم ۽ ڏاڍ جي ستم ظريفيءَ سان سينا سُپر ڪري سڀ ڄَمار وڙهيا آهن، سچ پُڇو ته اُنهي سنڌ جي سادي سٻاجهي شاعر جي هڏن مُٺ هاٺي ۽ جهُريل جسم ڏسي، اسان جا جيءَ به جُهري پيا، توڻي جو هِن وقت حليم جي صحت ته سُڌرندڙ آهي، پر سندس ڏيل ڏکويل ڏسي، اسان کي پنهنجي بي قدريءَ تي افسوس ٿيو. اسان ماڻهو ۽ اسان جا ادارا پنهنجي ننڍي قد کي اُوچو ڏيکارڻ لئه ڇا، ڇا نٿا ڪيون، پر اسان پنهنجي شاعرن ۽ ڏات ڌڻين کي ائين بي يارو مددگار ڇڏي ڏنا آهن، لاڙڪاڻي جي شاعر سعيد ميمڻ جيئن حليم باغي به اسان ۽ اسان جي علمي، ادبي ادارن جي، بيرُخيءَ ۽ بي حسيءَ جو شڪار آهي، اسان ٻيو ته ڪُجهه نٿا ڏيئي سگهون پر دُعائن جا هٿ اُڀا ڪري کيس دُعائون ڏيئي سگهون ٿا ته خُدا وَند ڪريم سنڌ جي هِن سُريلي شاعر کي ڊگهي ڄمار عطا ڪري ته جيئن هُو سنڌ کي هِيءَ ميار ڪڏهن به نه ڏي ته ”جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پو مُنهنجي تو کان دوُري آ“.
    اڙي شهر جانان! ....................... شفيع فقير


    10

     سامعين! چوپايو مال سنڌ جي ڳوٺن ۾ رِهائش پذير ماڻهن جو زراعت وانگر ذريعي مُعاش آهي ۽ سندن پيٽ گُذر جو واحد وسليو پڻ آهي، خاص طور تي ٿر جي مارُو ماڻهن لاءِ اِها چوڻي عام آهي ته اُنهن جي جياپي جو دارومدار آهي ئي ٿڻ ۽ ڪَڻ تي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو اُهي مال ڀٽاري کي اولاد جئين عزيز رکندا آهن. ۽ سندن سار سنڀال به اولاد وانگر ئي ڪندا آهن، ڇاڪاڻ جو اُنهي مال مان مارُو ماڻهو نه رُڳو کير ڏهي ان کي ڄمائي جهَڻ ولوڙي مکڻ لاهي گيهه ٺاهي اُن مان چوئي ڪن ٿا، پر پنهنجي پاليل مال جي ڦرن کي سانڍي سنڀالي وڏا ڪري وِڪڻي اُن مان چار ڏوڪڙ ڪمائي گهر جي چُلهه به گرم ڪن ٿا ته گندي ۽ ڪپڙو به خريد ڪن ٿا انهن مارُو ماڻهن جي ڪُل ڪائنات اِهو چوپايو مال ئي ته آهي جنهن کي سُکيو رکڻ خاطر نه رُڳو سدائين سانگ ۽ سفر ڪن ٿا، پر اُنهن لاءِ ڏک، ڏاکڙا به ڏسن ٿا ته سوين تڪليفون به برداشت ڪن ٿا ۽ اُنهي ڌڻ جي سانگي سدائين لڏا کڻي ساوَڪ پُٺيان ۽ ڪک ڪاني پُٺيان رُلندا رهن ٿا، جتي به ڪنهن جُوءِ ۾ ڪا کِنوڻَ کِنوندي ڏسن ٿا يا ڪٿي ڪا مينهن ڪڻي پئي ٿي ته اُتي مال مَتاعُ ڪاهي پُڄي وڃن ٿا، مالوند مارُو رات ڏينهن پنهنجي جيب جڻات جي خدمت چاڪريءَ ۾ ئي مصروف هُوندا آهن، گرمي هُجي يا سردي پر اُنهن کاهوڙين کي تتيءَ ٿڌيءَ پنهنجي مال جي اون ۽ اُلڪو، ڳڻتي ۽ ڳاراڻو ئي هُجي ٿو. مرد توڻي مايون آڌي ڏيئي اُٿن ٿا. سَئو پُرهه کوهن مان ڇڪي پاڻي ڪڍي پنهنجن پَسوئن کي پيارين ٿا، پر پاڻي ۽ گاهه جي گهٽتائي سبب يا ڏُڪار ۾ پنهنجا اباڻا اَجها ڇڏي، پنهنجا وٿاڻ وِلها ڪري، سنڌ جي بئراجي ڀاڱن ۾ وڃي ڪنهن وسطيدار، زميدار جي زمين تي، ڪنهن جاگيردار جي جُوءِ ۾ ٿانيڪا ٿيندا آهن، مطلب ته جتي سندن مال خوشحال هُوندو اُتي ئي وڃي عارضي اَجها اڏيندا آهن. پر جڏهن سندن سَيم ۾ ڪا ڇنڊ ڦُڙي پوندي ته پوءِ رات جي پيٽ ۾ مال ڀٽاري کي تنواري ڪندا اڳ ۾ ۽ پاڻ پويان لٺ ڪُلهي تي رکي ٿيندا روانا پنهنجي ماڳ ۽ مَڪان ڏانهن.
    ٿر، ڪاڇو، ڪچو ۽ نارو سڀئي اهڙن ئي ڀاڳين ۽ مالونَد ماروئڙن جا مَسڪن آهن ۽ اهڙي ڪِرت ڪندڙ سڀئي جهانگئڙا مُرشد لطيف جي شاعريءَ جا نه رُڳو بُنيادي مُحرڪ آهن، پر سندس سدا ملوڪ شاعريءَ جا امر ڪردار به آهن، جن جي مال ڀٽاري سان بي پناهه مُحبت کان مُتاثر ٿِي، سنڌ جو سرتاج شاعر سُر سارنگ ۾ فرمائي ٿو ته؛
    بَر وُٺا ٿَر وُٺا، وَٺيون ترايون،
    پرههَ جو پٽن تي، ڪن وِلوڙا وايون،
    مکڻ ڀَرين هٿڙا، سنگهاريون سايون،
    ساري ڏُهن سامُهيون، ٻولِايون رايون،
    ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سُونهَن پنهنجي.

     سامعين! واديءَ مهراڻ جو خوبصورت خطو ٿر، قدرتي حيرتن جو جذيرو ٿر، نه رُڳو ڪائناتي حُسن جو مظهر آهي پر لوڪ داستانن، لوڪ ادب، لوڪ موسيقي، هٿ جي هُنر، آثارِ قديما جي اُهڃاڻن، شاندار ثقافتي ورثي، مهمانوازي ۽ قدرتي نعمتن جي ڪري، سڄي دُنيا ۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪري چُڪو آهي، اِهو ئي سبب آهي جو سنڌي شاعريءَ توڻي نثر جو تمام وڏو حصو ٿر جي حوالي سان سِرجيل ٿو ڏسجي، خاص ڪري سنڌي شاعريءَ مان جيڪڏهن ٿر کي ڪڍي ڇڏجي ته اِها بنا ذائقي، بي لذت ۽ اَڌُوري رهجي ويندي. ڀٽائي کان وٺي اياز تائين سنڌ جو ڪو به اهڙو شاعر ڪونهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ ٿر، ٿر جو ڪلرڦُل ڪلچر ۽ ٿر جا مارو ماڻهو موجود نه هُجن. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ٿر جي ڀٽُن، ٿر جي ڏهرن، ٿر جي وڻن، ٿر جي پکين ۽ ٿر جي ويسَ کي استعاري طور استعمال ڪرڻ لازمي بڻجي پيو آهي، ۽ ائين چوڻ ۾ ڪو وِڌاءُ ڪونهي ته ٿر جي حُسن جو ذڪر ئي سنڌي شاعريءَ جي سُونهن ۾ نِکار آڻي ٿو. اهڙو ئي هڪڙو حُسناڪ غزل اسان اوهان کي ٻُڌرائڻ گهُرون ٿا. جنهن ۾ راشد مورائي صاحب ٿر جي ويسَ يعني چُني، ٿر جي واريءَ ۽ ٿر جي اُنهن ڀٽن جو ذڪر ڪيو آهي جن تي چوڏهين رات جو چنڊ چانڊوڪيءَ جا ڇَڄَ ڀَري ڇنڊيندو آهي. پر اُنهي کان اڳ ۾ اياز جون هِي حسين سٽون اوهان جي با ذوق سماعتن جي نظر؛
    تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀَري ٿِي پئي،
    ٿري سُونهن چَمڪا ڪري ٿِي پئي،
    اُهو ڪانڌ ڪهڙو، اُنهيءَ کي ڏسون،
    سُهاڳڻ ته ٻَهه، ٻَهه ٻَري ٿِي پئي.

     سامعين! گُذريل هَفتي هِن ئي پروگرام ۾ اسان اوهان سان وَچن ڪيو هو ته هاڻ آچر تي پروگرام اسلام عليڪُم مٺيءَ ۾ اسان اوهان کي ڪو نه ڪو اهڙو يادگار گيت ضرور ٻُڌارائينداسين جنهن پنهنجي دؤر۾ تمام گهڻي پذيرائي حاصل ڪئي هُوندي، ۽ ڪلاسڪ حيثيت جو درجو اختيار ڪيو هُوندو، اهڙو ئي هڪڙو لاجواب لوڪ گيت آهي، جيڪو اڄ کان تقريبن 30 يا 35 سال پهرين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪيو ويو هو، ۽ جنهن پنهنجي وقت ۾ وڏي مڃتا ماڻي هُئي، خاص طور عورتن ۾ ته اِهو لوڪ گيت ڏاڍو مقبول ٿِيو هو، ڇاڪاڻ جو نه رُڳو اُنهي لوڪ گيت کي ڳائڻ واري خود هڪ زال زائفان آهي، پر اُنهي گيت جي ٻولن ۾ جيڪو دَرُد آهي ۽ ڪنهن ولر کان وڇڙيل ڪُونج جي ڪُرلاءُ جهڙي وڇوڙي جا ورلاپ سَمايل آهن، اُهي هر اُنهي عورت جي اندر جو آواز آهن، جيڪا پنهنجن پيارن کان پري آهي، پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيههَ کان ڏُور پرڻيل عورتون جڏهن ڪَزبانوءَ جي ڪوئل جهڙيءَ صدا ۾ پنهنجي ئي اندر جي آتم ڪٿا ٻڌُن ٿيون تڏهن سندن اکين جي آڪاس تي آڙنگ ۽ جهُڙ نيڻن ۾ لهيو اچي ٿو. لاڙ جي ڪَلراٺين پُوٺن تي جنم وٺندڙ مائي ڪَزبانوءَ جي آواز ۾ ڪيتري ڪشش ۽ قُرب آهي، اِهو اوهين اهِل دل ماڻهو ئي ٻُڌائي سِگهو ٿا، اسان جو ڪم آهي، اهڙا موسيقيءَ جا ناياب اِسَم ۽ لازوال گيت هٿ ڪري اوهان جي سُندر سَماعِتن تائين پهچائڻ، اوهان اِنهن شيئن کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا ۽ ڪهڙي موٽ ڏيو ٿا، اهِو اوهان جي خطن مان ئي معلوم ٿي سگهندو، في الحال اسان اوهان کي وٺي ٿا هَلون 30 يا 35 سال پوئتي موسيقيءَ جي دُنيا ۾ جتي ڪَزبانو پنهنجي مَڌُر آواز ۾ ڳائي رهي آهي هِي لافاني لوڪ گيت؛
    ”مُنهنجا جوڳي ڙي اباڻا ............... ڪزبانو“

     سامعين! ڪُجهه ڏينهن اڳ ۾ مون ڪنهن ٽي وي چينل تي سنڌ جي هڪڙي يگاني شاعر مُحمد خان مجيديءَ جو هڪڙو نظم لاڙ جي نوجوان راڳيءَ الهڏني خاصخيليءَ جي آواز ۾ ٻُڌو هو يقين ڄاڻو نظم پنهنجي فني توڻي فڪري اُڏام جي ڪري ۽ رِڌم توڻي روانيءَ جي ڪري، دل جي درياهه ۾ ايئن لٿو جو اڃا تائين مَن جو سمنڊ ماٺو ناهي ٿِيو. نظم ڇا هو بس لفظن جو هڪڙو سادو شاعراڻو خيال هو جنهن ۾ سنڌ جي سُونهن، سُندرتا ۽ سنڌ جي حُسن تي خوب لِکڻ جي هڪڙي خواهِش هُئي، هڪ اهڙي خواهِش جنهن ۾ سموري سنڌ ايئن جهومڻ لڳي ٿِي، جئن واهُوندي وَرڻ تي ڪينجهر جا ڪنول جهُولندا آهن. هڪ اهڙي خواهش جنهن ۾ ڪنهن سُندر سپني جهڙي سنڌ ساڀيان ماڻي ٿي. هڪ اهڙي خوبصورت خواهش جنهن ۾ سنڌ جي ڀُوري بدن تي کارڪ جي ڀرت جهڙيون خوشيون ڇڊيل آهن. هڪ اهڙي تمنا، هڪ اهڙي آرزو جيڪا هِن ڌرتيءَ کي جُڳن تائين جيئڻ جو حوصلو بخشي ٿِي، ۽ اُتساهه جا خواب اکين ۾ پوکڻ چاهي ٿِي، اِهو سڀڪجهه اُنهي عشق جو دين آهي جو ماڻهو لِکڻ گهُري ٿو، عشق جو اظهار ڪرڻ گهُري ٿو، لفظن ۾ ساهه وجهڻ گهُري ٿو، ۽ ماڻهو ڇا ٿو لِکڻ گهُري؟ اِهو هن نظم کي ٻُڌڻ کانپوءِ اوهان کي ازخود معلوم ٿِي ويندو، پر اُنهي کان اڳ ۾ موضوع سان ٺهڪندڙ چند سِٽون ياد اچن ٿيون، اُهي اوهان جي سُندر سماعتن جي نظر ڪندو هلان ٿو.
    سنڌ مُنهنجي امان، سُونهن تُنهنجيءَ مٿان ڇا لکي ڇا لکان؟
    هڪ قلم ۽ هڪڙو مان،ڪيئن پوري پوان ڇا لِکي ڇا لِکان.

    لِکان ڪُجهه ته لِکان مان ........... الهڏنو خاصخيلي

     سامعين! اڄ اسان جي هندو برادريءَ جو هڪ اهم ۽ وڏو مذهبي تهوار هوليءَ جو ڏڻ پُڻ آهي، روهيڙي جي رتن گُلن جي هِن رنگين رُت ۾ هيءَ ڳاڙهن رنگن وارو رتول ڏينهن هندو ڀائرن ۽ ڀينرن جي حياتيءَ جو حسين ترين ڏينهن آهي. هڪڙي پاسي چيٽي مُند جي مَهڪ ڪڻڪ جي سونن سنگن جي سُرهاڻ ۽ سَر سراهٽ سان واسيل وايومنڊل، ٻي طرف هوليءَ جا حُلواڻ جهڙا رنگ حياتيءَ کي ويتر حُسناڪ بڻائين ٿا. هي رنگ، هي روپ، هي مُرڪن توڻي ٽهڪن جا مِڙئي تهوار، اِنساني زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ اَمن، مُحبت ۽ پيار واريءَ هِن سَر زمين سنڌ جي شاندار ثقافت جي لازوال روايت پڻ آهن. ڏينهن ڪهڙو به هُجي، تهوار ڪهڙو به هُجي پر جي اُهو مُحبت ۽ پنهنجائپ جي اُجري احساس کي اُجاگر ڪري ٿو ته اُن کي نه رُڳو ڀَرپُور نموني سان، سيليبريٽ ڪرڻ گهُرجي پر پُوري ڌام ڌوم سان ۽ جوش و خروش سان اُن ۾ حصو وٺڻ ۽ ملهائڻ جو هر ڪنهن کي حق حاصل آهي، پنهنجا ثقافتي، سماجي ۽ مذهبي ڏڻ ملهائڻ جي هر ڪنهن کي آزادي آهي. هِن سَمئي جڏهن اوهان سڀئي هوليءَ جي هِن حسين ڏڻ تي پنهنجن، پنهنجن گهرن ۾، پنهنجي مِٽن مائٽن ۾ موجود آهيو، هَڪيا آهيو ۽ سڀئي هڪٻئي جي خوشين ۾ هم شريڪ آهيو تڏهن اسان هِن پروگرام جي سموري سٿ پاران نه رُڳو اوهان سڀني کي هوليءَ جون واڌايون ڏيون ٿا پر اِها پرارٿنا ٿا ڪريون ته شال اوهان جي حياتي جو هر ڏينهن هوليءَ جهڙو هجي.

     سامعين! هاڻ هِي ستاوينهن ڊسمبر جي منحوس شام جڏهن به ايندي ته پاڻ سان گڏ سنڌ جي ڪربلا جي ياد ضرور آڻيندي. ڇاڪاڻ جو ستاوينهن ڊسمبر ٻه هزار ست جي ”شامِ غريبان“ هڪ اهڙي قيامت برپا ڪئي هُئي، جيڪا سنڌ وطن کان ڄڻ ته سرڪشيءَ جا سمورا حساب، ڪتاب، وياج سميت وصول ڪري ويئي هُئي ۽ هاڻ ستاوينهن ڊسمبر هِن دُکي ديس لئه ڄڻ ته دُک جو استعارو بڻجي ويئي آهي، هڪ اهڙو درد جنهن هِن ديس جي سڀني اهل دل ماڻهن جا اندر چيري ٻه اڌ ڪري وِڌا هُئا، ۽ سندن ساهُن جي رفتاري کي روڪي ڇڏيو هو، هِن ڀوريءَ ڀونءَ جي بدن تي اُڀريل انهي اُونهي زخم کي اُبرڻ لئه هِن سنڌ کي شايد وري ڪا ٻي بينظير ڄڻڻي پَوي. بي نظير جنهن جي هِنئين ۾ هٿ وجهي نپوڙيندڙ هاڃي ۽ سنڌ جي سڄيءَ ڄمار کان ڳري صدمي هِن ڌرتيءَ جي چيلهه ڄڻ ته چٻي ڪري وِڌي هُئي، اِنهي عظيم سانحي ۽ الميي کانپوءِ ڪهڙي دل هُئي، جنهن جي اندر ۾ هِن سنڌ جي شهيد راڻيءَ جي قبر کوٽيل ڪونه هُئي، يا ڪير هو جنهن پنهنجي دل ۾ هِن تاريخي ڏُک جي تعزيت وصول ڪرڻ لئه ڪو تڏو نه وِڇايو هو، هِن دُکي ديس جي ڌيءَ نماڻيءَ جو اِهو سُور صدين تائين هِن وطن جي جسم ۾ ڪنهن ڪُرندڙ ڦٽ جئين چڳندو رهندو. اُها بي نظير جيڪا پنهنجي مِزاج ۾ ايتري ته پولائيٽ ۽ پُرڪشش هُئي، جيتري هيءَ سنڌ آهي. اُنهي سنڌ جهڙي بينظير کي ڀلا ڪو وساري سگهي ٿو پر جي ڪو وساري ويٺو آهي ته اُن کي ذِي شان ساحل جي معرفت اِجهو اسان ٿا ٻُڌايون ته؛
    وقت کے گُذرنے پر،
    وہ جو بھول جائینگے،
    بے نظیر کیسی تھی؟
    ہم اُنہیں بتائینگے،
    کہ بی نظیر دنیا میں،
    زندگی کے ماتھے پر،
    اِک لکیر جیسی تھی،
    روز و شب کے زندان میں،
    اِک اسیر جیسی تھی،
    شھر کے غریبوں کی،
    اِک امیر جیسی تھی،
    جبر کی نگاھوں میں،
    اِک تیر جیسی تھی،
    بی نظیر بھٹو بس!
    بی نظیر جیسی تھی۔

     سامعين! اڄ پهرين جُون آهي ۽ جيڪڏهن اوهان پنهنجي آسپاس رؤنما ٿيندڙ تبديلين، واقعن ۽ لقائن کان بخوبي واقف آهيو ته اوهان جي عِلم ۾ اِها ڳالهه اوس آئي هُوندي ته اڄوڪي ڏينهن کان وفاقي حڪومت پاڪستاني ٽائيم مُطابق گهڙين کي هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪري ڇڏيو آهي، يقينن هر تبديليءَ جي پويان ڪا نه ڪا مقصد جي ڳالهه ضرور ڪارفرما هوندي آهي. ڪانه ڪا ڀلائي، ڪا نه ڪا بهتري پنِهان هوندي آهي. پر ڇا ڪجي جو پاڻ ماڻهن تي ڪنهن به تبديليءَ جو اثر ايترو آساني سان ناهي ٿيندو. بلڪِ پاڻ ماڻهن کي تبديل ٿيڻ لئه اڃان زمانو گهُرجي. توڻي جو وقت جي تبديلي وڏي اهميت رکي ٿي، پر پاڻکي اُن جو احساس ئي ڪٿي آهي؟ زماني جي چئلجن کي قبولڻ ته پري جي ڳالهه پر پاڻ کي ته ڪنهن شيءَ جو پتو به تڏهن پوندو آهي، جڏهن پاڻي مٿي تان لنگهي ويندو آهي يا وٽ وِهامي وڃڻ کانپوءِ ئي هٿڙا هڻندا آهيون، سُڌريل دُنيا جا فرد پنهنجي هَر پل جو حساب ڪتاب رکندا آهن، ۽ پاڻ ماڻهن جي سالن جي اجائي گُذري ويل عرصي تي به اک ناهي ٻُڏندي، وقت جو ڦيٿو ڦِرندو رهي ٿو، زماني جا زاوِيا ۽ رنگ تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ اسان اُتي ئي آهيون، جتي اوهان ڇڏيون، نه زماني کي بدلائڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون ۽ نه ئي وري پنهنجن مِزاجن توڻي روين ۾ ڪا تِر جيتري به تبديلي ٿا چاهيون. ايئن ٿو لڳي ڄڻ پڙ ڪڍي بيهي رهيا آهيون، مجال جو ڪا وِک وٿِري کڻون. بلڪِ پاڻ کي حالتن جي حوالي ڪري ويٺا مقدر کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏينداسين. اسان ته اڃان مُدي خارج رسمن ۽ رواجن جا رَسائي ناهِن، ڇنايا ته پوءِ جڳ جي جُتيءَ ۾ پير پائڻ لاءِ ته پاڻ ماڻهن کي اڃان ڪيئي جُڳ گهرجن. ها ايئن ضرور آهي ته اسان هر شيءَ کي حسرت مان ڏسي نه رُڳو حيران پر پريشان به ٿيندا آهيون ته هيِ ڪهڙي ڪُن ۾ ڪرايو ويو آهي اسان کي؟ اسان جيڪي ڪا به تمنا، ڪا به آرزو ڪونهي وانگر حياتي گهارڻ جا هيراڪ ۽ عادي ٿي ويا آهيون. اُهي هِن هڻ پٽ واري هَتامتر ۽ هَچروڙ ۾ مُنجهي مٿي تي هٿ ڏيئي ويهي رهندا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان زماني سازي ۽ ڌنڌوڙي دُنيا کان ڪوهين ڏور ڀڄندڙ اُها عجيب و غريب مخلوق آهيون، جيڪا رُڳو دلنوازي جي ئي دستور کي مڃي ٿي ۽ اُنهي جي موٽ ۾ ملندڙ غمن کي به گُناهن جيئن لوڪ کان لِڪائي ڪٽڻ نه جهڙو وقت ڪٽيون ٿا ۽ چئون ٿا ته اِها به ڪا عِنايت آهي.

     سامعين! موجوده سرڪار بجليءَ جي بُحران تي قابو پائڻ لئه هڪ سُٺو قدم اِهو کنيو آهي، جو پاڪستاني گهڙين کي هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪري ڇڏيو آهي، چوڻ وارا چَئي سگهن ٿا ته هڪ ڪلاڪ گهڙيون اڳتي ڪرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو! فرق ته هڪ سيڪنڊ ۽ منٽ جو به گهڻو ڪُجهه تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. سو هِي ته وري به سڄو سارو ڪلاڪ آهي ۽ ڪلاڪ ۾ ماڻهو ڇا، ڇا نٿو ڪري سگهي. مثال طور هِن کان اڳ ۾ صُبح جا اٺ ٿيڻ تائين سِجُ ڪَپار تي چڙهي ايندو هو ۽ هوڏانهن رات جا اٺ ٿيڻ تائين مُنهن مير ٿي ويندي هُئي، ٿيندو ڇا هو جو صُبحءَ جي ڪلاڪ ڏيڍ واري سِجَ جي روشنيءَ مان اسان ڪو به فائدو وٺي ڪونه سگهندا هُئاسين ۽ هيڏانهن رات جا اٺ دير سان ٿيڻ ڪري اسان کي بجلي جو استعمال ڪرڻو پوندو هو. پر هاڻ جڏهن گهڙين کي هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪيو ويو آهي تڏهن رات جا اَٺ سج لهڻ مهل ٿيندا ۽ اِن طرح اسان هڪ ڪلاڪ ڏينهن جي روشنيءَ مان فائدو حاصل ڪري سگهنداسين، هوڏانهن اُنهاري جي صبح جا اَٺ جيڪي مٿي سِج اچڻ کانپوءِ ٿيندا هُئا، سي هاڻ جلدي ٿيندا ۽ اسان جا دُڪان، ڪارخانا، آفيسون ۽ ٻيا ادارا سويل کُلندا نتيجي طور نه رُڳو ايئرڪنڊيشنر ۽ پنکن جو اجايو استعمال گهٽبو بلڪِ سويل آفيسون ۽ دُڪان کُلڻ ڪري شام جو جلدي بند ٿينديون. نتيجي طور سڄي مُلڪ ۾ هڪ ڪلاڪ جي بجلي بچت ٿيندي، جيڪا هِن بجليءَ جي شديد بُحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وڏي وَٿ ثابت ٿي سگهي ٿي، پر شرط اِهو آهي ته اِن ڏس ۾ عوام کي نه رُڳو سرڪار سان سهڪار ڪرڻ گهُرجي، بلڪِ سرڪار جي کنيل تعميري قدمن تي پُوريءَ ايمانداريءَ سان عمل به ڪرڻ گهُرجي. ڪوشش ڪري گهرن، دُڪانن، آفيسن توڻي ڪارخانن ۾ جنريٽرن ۽ ايئر ڪنڊيشنرن جو گهٽ استعمال ڪرڻ گهُرجي، وڏي پاور وارن بلبن بجاءِ اينرجي سيورن جو استعمال ڪرڻ گُهرجي، وڌ کان وڌ سِج جي روشنيءَ مان فائدو حاصل ڪرڻ گهُرجي، اِن طرح اسان پاڻ نه رُڳو لوڊشيڊنگ جي آزار کان بچي سگهنداسين، بلڪِ مُلڪ جي ترقي لاءِ بجلي جي بچت به ڪري سگهنداسين.
    غريباڻو ڪَکائون گهر .................... رزاق جميل

     سامعين! ڪو زمانو هو جو وڏي اسر جو جيئن ئي ڪڪڙ دس ڏيندا هُئا ته سڀئي گهرن جون عورتون اُٿي جنڊ جوٽينديون هُيون، کير وِلوڙينديون هُيون، مال ميڙينديون هُيون يا کوهن تان پاڻي ڀرڻ وينديون هُيون. مرد اسر جو اُٿي عبادت ڪندا هُئا ۽ پوءِ پنهنجي، پنهنجي ڪم سانگي ڍڪيءَ رات هيٺ روانا ٿي ويندا هُئا، مال جي گهورپ پويان، ٻنيءَ ٻاري ڏانهن يا ڪنهن ٻي ڪم ڪار سان، اسر جو اُٿي سمورا ڪم اُڪلائڻ ڄڻ ته اُن وقت جي عورتن توڻي مردن جي عبادت هُئي جيڪا هُو وڏي شوق سان ادا ڪرڻ سپوٽائي ۽ سڀاڳ جي علامت سمجهندا هُئا، وقت، وقت جي ڳالهه آهي جو هاڻ نه اُهي اصيل ڪُڪُڙ رهيا آهن، جيڪي اسر جو اُٿي خَلقِ خُدا کي سُجاڳ ڪندا هُئا، بلڪِ اُنهن اصيل ڪُڪُڙن جي جاءِ هاڻ جهرلو ۽ ٽرڙن ڪُڪُڙن والاري آهي، جن کي نه لٿي جي خبر نه اُڀري جي، جيڏي مهل ڏس ڪُڪڙو ڪُو لڳي پيئي آهي. نه اُهي عورتون رهيون جيڪي محنت، مزدوري ۽ پورهئي کي پنهنجو مرڪ سمجهنديون هُيون، نه اهي مهَيڙا جنڊ رهيا جيڪي ٽويو ٽويو، اڌ ڪلاڪ اندر پيهي اُڍاڻي ڇڏيندا هُئا، نه وري اُهي کير ڀٽارا آهن جن کي ڄارائي وڏين ڪُنين ۾ وجهي اسر جو ولوڙيو ويندو هو، کير وڪجي ويا، جنڊ ڦِٽي ويا، مال به خير ڪا ڪي وڃي بچيا آهن، پاڻي ڀرڻ واريون اُهي پاڻياريون ئي لڏي ويون، عورتن کان ڀَرڻ ۽ سِبڻ ويو، مردن کان هر هلائڻ ۽ مزدوري ڪرڻ جي ستيا ڇڏائي ويئي. هاڻ پٽي، سٽي پوري ڪري سڀئي سُتا پيا آهن ڳُرن واريو سج ڪپار تي اچي تيستائين زوري ڪنهن جي مُنهن تا ڇڪي رلي لاهي ته واهه نه ته ٿيو خير. اڳي سڀئي عورتون ۽ مرد گڏجي رت ولوڙيندا هُئا تڏهن ئي ڀت رڌيندا هُئا ۽ هاڻ جهڙا مرد هڏ حرام تهڙيون عورتون، نڪو گهٽتائي گهوٽ ۾ آهي، نڪي ڪمي ڪُنوار ۾ مطلب ته ليکو سڀني پاسن لال لڳو پيو آهي.
     سامعين! مُحترم ڪوثر ٻُرڙو نه رُڳو هڪ بهترين براڊڪاسٽر آهي، پر ساڳئي وقت هُو هڪ خوبصورت ڪوي پڻ آهي، هُونئن ته سندس ذات جا ڪيئي حُسناڪ پهلو آهي ۽ هر روپ ۾ هُو ڀرپور هوندو آهي. پر جڏهن هو شاعراڻي سفر تي نِڱو هو ته نهايت ئي نفيس رچنائون سندس آجيان لئه اُڀ-کُڙين اوسيئڙي ۾ هُيون ۽ پوءِ سندس ڏات جي ڏارن تي لال ليارن جهڙيون ڪيئي ڪڪوريل ڪويتائون ٽڙي پکڙي پيون هُيون، جن کي جڏهن به هِن پنهنجي فن ۽ فڪر جا فيروزي ويس وڳاؤ پهرائي ڪاڳرن جي ڪئنواس تي اوتيو هو ته اُهي سڄي سنڌ ۾ سندس سُڃاڻپ بڻجي پيون هيون.
    ڏات وندن جي هِن ڏيهه ۾ هي هڪ اهڙو محبوب ماڻهو آهي جنهن جي جهڙي شاعريءَ ۾ سادگي جي ملوڪيت موجود آهي، اهڙو ئي هي پاڻ به سٻاجهو شخص آهي ۽ سندس شاعريءَ جو بنهه سادو لهجو ۽ عام فهم فڪر عوامي جذبن جي ڀَرپُور عڪاسي ڪرڻ جي اهليت به رکي ٿو. ڪوثر دلين جي ديس مان ڌڪاريل پيار توڻي سنڌ جي اُگهاڙي آڪاس هيٺيان خانه بندوش خلق جي هيجاني حياتيءَ جو اکين ڏٺو گواهه آهي. هِن پنهنجي زندهه ضمير ۽ قلم جي ڪُنواريءَ نوڪ تي ڪڏهن به ڪُر نِش جو ڪٽ چڙهڻ ناهي ڏِنو. ڪوثر ٻُرڙو توڻي جو پاپي پيٽ جي دوزخ جي دُونهيءَ دُکائڻ لئه سرڪاري مُلازم يعني پروڊيوسر آهي. پر وطن دوستي هِن جو وڙ رهي آهي، هُو جنهن پنهنجي اُجرين اکين ۾ سدائين سنڌ جي شاندار آئيندي جا سُندر سپنا سانڍي رکيا آهن. اُن جي اُجري اڇڙي ٿر جي واري جهڙي حسين شاعريءَ تي ڪو به هٿ ٺوڪيو اثر ڪونهي، سنڌ جي سُرمئي سينڌ جهڙا سانورا خيال ۽ پنهنجي ئي جُوءِ جا جيئرا جاڳندا ڪردار جن ۾ لفاظي جو لُڙ، نڪو موضوعن ۾ مصنوعي مِلاوٽ، نه ئي پر اين خيالن ۾ خُردبُرد ۽ نه ئي ڪنهن شاعراڻي صِنف جي هِئيت سان هٿ چُراند يا، هيرا ڦيري، پر زندگيءَ جا هڙ ئي رنگ ۽ رعنايون سندس جياپي جي نياپي جهڙي شاعري ۾ ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿيون. آئون سندس شاعريءَ تي ڪا به راءِ ٿاڦڻ نٿو چاهيان ڇاڪاڻ جو هِن جي باشعور پاٺڪن جا نقادي نيڻ ئي سندس شاعري تي راءِ زنيٰ ڪرڻ جا مجاز آهن ته ڪوثر هاڻوڪيءَ کُڙ کُٻيتن جهڙي ٽهي ۾ ڪو مانُ، ڪا مڃتا لهڻين يا کيس ڪنهن ٻي کيتر ۾ خيما کوڙڻ گهُرجن.
    تون منهنجو صنم آهين، مان تنهنجو ................................... برڪت ڀٽ

     سامعين! سنڌ جي سَرتاج شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي سدا بهار شاعريءَ جو هڪ سڄو سارو سُر ڪِينجهر ڍنڍ جي حوالي سان ڳايو آهي، جنهن جي هر سِٽ ۾ ڪِينجهر ڍنڍ جي ڪنڌين تي ٽِڙيل ڪنول جي گُلن، ڪِينجهر ڪنارن جي حَسين نظارن، ملاحُن جي مَڪڙين، مِياڻين جي مَڏن، مُهاڻين جي مذڪورن ۽ سَمي ڄام جي سُونهن، شناسيءَ جو ذڪر ائين جَرڪي رهيو آهي، جيئن ٻانڌڻيءَ ٻِٽَ تي سِلڪ جي سائي پَٽوري هِرک تي هُرمِچيءَ جو ڀريل ڀرت، ڳاڙهي حُلواڻ يا تَسر تي ڇَڊيل کارڪ ۽ کٽيءَ جي رڱيل کُنهبيءَ اجرڪ تي، سَنهيءَ سُئيءَ سان ڀريل ذاتيلي کيل جَرڪندي آهي. لفظ ڪِينجهر نهايت ئي با وقار، با معنيٰ ۽ رُومينٽڪ لفظ آهي، جيڪو نُوريءَ جهڙيءَ نِماڻيءَ عورت جي نياز و نِوڙت ۽ تخت ڌڻي تماچي جي تڪين واري رُومانوي داستان سان مُنسلڪ آهي، هِي لفظ ڪِينجهر ڍنڍ جي حوالي ۽ مُناسبت سان ئي مقبول يا مشهور ٿيو آهي. لاڙ واري علائقي ۾ ڪِينجهر لفظ جي معنيٰ عام طور گهڻائي يا فراواني ئي وَرتي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو ڪِينجهر ڍنڍ جي پاڻيءَ جو پالوٽ، پکيڙ ۽ اٿاهه گهرائي، اِنهي ڳالهه جي ثبوت لئه سگهارو دليل آهي. لڄادار لطيف جڏهن لاڙ جي هِن لاکيڻيءَ ڍنڍ جي اِها آتم ڪٿا خلقِ خُدا کان ٻُڌي تڏهن تماچيءَ جا تنبو ۽ تڪيا ۽ نُوريءَ جي نگريءَ کي پسڻ ۽ اُنهي عظيم عِشقيا داستان کي پنهنجي سدا ملوڪ شاعريءَ ۾ ايامن تائين امر ڪرڻ لاءِ شاهه عِنايت شهيد جهوڪ واري جي جُوءِ مان وڃي نِڪتو، پيرين پيادو پنڌ سوين ميل سفر ڪري اچي ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ڪي پل قراريو ۽ پوءِ مُرشد لطيف هِن مجازي مُحبت جي دلرُبا داستان کي، اُها معنيٰ بخشي جنهن کيس رهندي دنيا تائين جيئندان ڏيئي ڇڏيو.
    اُها ڪينجهر جيڪا اُتر لڳڻ سان هندوري جي شڪل اختيار ڪري ٿي، واهُوندي وَرڻ سان کٿوري ٿئي ٿي، اُها ڪينجهر اُنهي رومانوي قصي جي سَرزمين آهي، جنهن کي ڀٽائي گهوٽ سُر ڪاموڏ جي نالي سان ڪَڙهيائون وِيهٽ ڪاري مينا پڙو پهرائي اُلهي، ڪُلهي عاج جي ٻانهين، ڪاڳڙن سان ڪنجري ۽ ٻانڌڻي ٻِٽَ اوڍائي ڪاڇبي جي ڪنهن ڪامِڻيءَ جهڙي بڻائي ڇڏيو آهي.
    ڍنڍون ته ٻيون به کوڙ آهن، پر ڪينجهر ڍنڍ جي اُتامري اهميت فقط اُنهي عشقيه داستان جي ڪري ئي آهي، اُها ڪينجهر جنهن جي ڪنڌيءَ تي ڪڏهن ”ديارِدل داستانِ مُحبت ۽ پيغامِ لطف“ جو خالق ۽ عاشقِ سنڌ به ڪهي آيو هو، جنهن تماچيءَ جي تڙ تي بيهي چيو هو ته ”ڪنهن لاءِ تڪين ٿو ڪنڌيءَ تي، ٻي ٻيڙي مُور نه اچڻي آ، جي تون به اچين او وڻجارا! تو کي به اُڪاري وينداسين“ ۽ ساڳي ڪينجهر تي اُهو شيخ اياز به آيو هو جنهن چيو هو ته ”اي ڪينجهر! تُنهنجي ڪنڌيءَ تي، ڪو ئي ته تماچي اچڻو آ، ۽ نورا پائي نُوريءَ کي، ٿي لهرون، لهرون نچڻو آ“ ۽ ها! اُن ئي اڪڙن تي ڦهليل ڪنهن پيالي نما ڪينجهر ڍنڍ کي لاکيڻي لطيف نُوري ڄام تماچيءَ جي رُومانوي داستان ۾ ڳائي لازوال بڻائي ڇڏيو آهي.
    ڀٽائي هِن ڍنڍ جي حُسن، هِن ڍنڍَ جي ڪَنولن، ڪِنارن، ڪنڌين، بندرن، وڻن، تڙن، تڪين، مَلاحُن، مُهاڻن، مَڪڙين، ٻيڙين، مڇين، ونجهن، رَڇن، سڙهن، جَر ۽ مَڃر سميت هر چيز کي ڌنئوري ڏينهن جهڙو دُوام بخشي ڇڏيو آهي، نُوريءَ جي نهٺائي، سچائي ۽ سادگيءَ کي شاهه سائين سُر ڪاموڏ ۾ ائين اُجاري اڇو ڪيو آهي، جئين وُٺي کانپوءِ وڻ ۽ وليون ڌوپي اڇيون اُجريون ٿي پَونديون آهن، ڪينجهر جو موضوع نِهايت ئي وسيع ۽ ويڪرو آهي، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر ائين ئي اُٻيڙ آهي،جيئن ڪينجهر جو پاڻي، ڪينجهر جي ڪنولن توڻي ڪينجهر جي ڪِنارن جي نِرمل نظارن جي ڪٿ ڪرڻ يا اُنهن کي ڪنهن ٻيءَ شيءَ سان ڀيٽڻ جي ڀيڻي آهي ئي ڪانه! ڇاڪاڻ جو ڪينجهر خود هڪڙو ثقافتي ايڪو آهي، ۽ زندگيءَ جي شاهراه جو هڪڙو پُختو پيچرو پڻ آهي، ڪينجهر نه رُڳو مُهاڻن کي مڇيءَ بدلي ماني ڳڀو مُيسر ڪري ڏي ٿي، پر اُها الاءِ ڪٿان ڪَهي ايندڙ پرڏيهي پنڇين جي پناهه گاهه به آهي، توڻي جو هاڻ شيرا نيڻ شڪارين جا آڙين جي آجيءَ اُڏام کي ڌڪي سندن زندگيءَ جا پَرَ زخمي ڪري رهيا آهن، پر پوءِ به ڪينجهر جون اُهي ڪنڌيون، جتي سَريلن ۽ سُفيدن جا ڊگها وڻ آئي، وئي کي ٿڌا ڇانِورا آڇين ٿا، جتي جڳ سڄي مان مايوس موٽندڙ دُکي دليون ڪي پل قرار پائين ٿيون، ۽ نوُريءَ جي مَزار مٿي مُحبتن جا وَچن وَرجائين ٿيون، جتي ڪيئي بي چين رُوحَ ڀٽڪيل مُسافر وانگر رين بسيرا ڪن ٿا، جتي ڪيئي اُداس اکيون، جتي ڪيئي نِراس نِگاهون ڪنول جا نيرا گُل پسڻ خاطر پوپٽن وانگر پَري، پَري کان ڪهي اينديون آهن، اُها عظيم ڪينجهر ڍنڍ جتي کِکيءَ هاڻيون کِکيون مُهاڻيون سمي ڄام سُلطان وٽ اگهامي وڃن ٿيون، اُهي تڙ جتي تماچيءَ تنبو کوڙي تڪيا بڻايا، اُهي ماڳ جتي ڄارو ڄام ڪُلهي تي رکي مُهاڻيءَ سان گڏجي مڇيون ماريندو هو ۽ گندريءَ سان گڏ ڪي گهڙيون گهارڻ ايندو هو، اُنهي ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي نُوريءَ پنهنجي نِوِڙت واري صفت سبب سمي جو سُلطاني سُهاڳ ماڻيو، جنهنڪري لطيف سرڪار پنهنجي لافاني ڪلام ۾ ڪينجهر ڍنڍ کي هميشه، هميشه لاءِ حياتي بخشي ڇڏي،
    پکا، پَکارِيو، ڄامُ تماچي آيو،
    گُوندر لاهيو گَندَريون! آتڻ اُجاريو،
    ڪينجهر قراريو، سَمي سام بخشي.

    اي ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي ............ الهڏنو خاصخيلي

     سامعين! هِي جيڪي حياتيءَ جون سڀئي آسائشون ۽ عياشون اسان کي حاصل آهن، اُنهن جا خالق اُهي پورهيت هٿ آهن، جن لاءِ شاعرن وٽ ته ”سون ساريکا هٿڙا“ جهڙا لاجواب لفظ وڏي معنيٰ رکن ٿا، پر جيڪا زميني سچائي آهي، اُها اُن جي اُبتڙ نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ جو اسان جڏهن ٽين دُنيا جي پيڙهيل پورهيت طبقي جي حالتِ زار ڏسون ٿا، تڏهن سچ پُڇو ته هينئن تي هٿوڙا لڳن ٿا، اُنهن عظيم پورهيتن پنهنجي هٿ جي هُنر سان هِن جهان کي الائي ڪٿي کان ڪٿي پُڄائي ڇڏيو آهي، پر سندن نه سُورن ۾ ڪا ڪمي آئي آهي، ۽ نه ئي سندن معاشي حالت سُڌري آهي، اڄ به اُهي ئي هيڻا حال، اُهي ئي اڻ ڳڻيا عذاب، اذيتون ۽ درد. ٻن ويلن جي مانيءَ لئه مجبور، پريشان ۽ پشيمان، پيرين اُڀراڻا ۽ انگ اُگهاڙا، ڪيئي مسڪين مزدور ۽ پورهيت اوهان ۽ اسان جي آس پاس رهن ٿا، سڄو ڏينهن ۽ رات لوڙين ٿا، رت ولوڙين ٿا پوءِ به ڀت رڌي نٿا سگهن، سندن معصوم ٻارڙا اسڪول وڃڻ بدران کڏين، گيئرچن، دُڪانن، بٺين، هوٽلن ۽ وڏيرن جي واڙن تي ونگارون وهندي، وهندي پنهنجي گُل جهڙي ڪچڙي وهي ڪُومائي ڇڏين ٿا، پر پوءِ به سندن پورهيت مائٽن جي پاندي پُوري ڪانه ٿِي ٿئي، ۽ اُهي هيٺ ڇڪين ٿا ته مٿي ڪانه ٿي پُڄي، ٻئين لئه حياتيءَ جي هر آسائش پيئدا ڪندڙ پورهيت پاڻ زندگيءَ جي هر سهوليت کان محروم آهن، ائين ڇو آهي؟ جو جيڪي رات ڏينهن رت ٿين اُنهن جي گهرن ۾ لولي لُوڻ ڪونهي، ۽ جيڪي اي سي بنگلن ۾ آرامي آهن، ۽ ڪو ڪم ڪار به ڪونه ٿا ڪن، پوءِ به اُنهن وٽ عيش و عشرت جو سمورو سامان موجود آهي؟ اِهو سڄو ڪمال اُن طبقاطي نظام جو آهي، جيڪو ڪڏهن جاگيرداراڻي روپ ۾ ته ڪڏهن سرمائيداراڻي شڪل ۾ پورهيت طبقي جو استحصال ڪري رهيو آهي، ۽ اِها سڄي خرابي اِن طبقاطي نظام جي آهي، ڇو ته اِن نظام جي ذريعي سموري دولت ۽ سڀئي وسيلا اُنهن چند جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي مُٺ ۾ مُقيد ٿي وڃن ٿا، مٿان وري مُصيبت اِها آهي جو اسان جا سمورا سياسي نظام اهڙن پورهيت دشمن استحصالي نظامن کي نه رُڳو هٿي ڏيئي رهيا آهن پر اُنهن جا ٻانهن، ٻيلي ۽ ڀرَجهلا به ٿي بيٺل آهن ۽ کين هر سهوليت ڏيئي مچائي مواڙ ڪري رهيا آهن، نتيجي طور اِهي استحصالي طبقا پورهيت عوام جو ڄؤرن وانگي رت چوسي رهيا آهن، ذرا غور ڪريو، ذرو ويهي ويچاريو ته اُهي پورهيت، جن سڄي ڄمار محنت مزدوري ڪئي، پورهيو ڪيو، روڊن تي ڪڪرا ڪُٽيا، بٺن جي باهين ۾ جليا، مِلن ۽ ڪارخانن ۾ ڪڙهي ڪمايو، اُنهن جي انگ تي ڪو ڍنگ وارو ڪپڙو ڪونهي، اُنهن جي اولاد کي ڪڏهن ڪائي سڻڀي ماني نصيب ڪا نه ٿي ٿئي، پر اُنهن هَڏ حرام طبقن جا هر دؤر۾ وارا نيارا آهن، ۽ کائن ڪو پُڇڻ ۽ آکڻ وارو ڪونهي ته جيڪي ڪمائن ٿا اونهن وٽ ڪا شيءَ ڪونهي، ۽ اوهان جيڪي هٿ، هٿ تي ڌري ويٺا آهيو اُهي ايڏي بي شُمار دولت ڪٿان ٿا آڻيو؟ پر ڪير پُڇي ڇو ته اُهي هِن اسان جي سياسي نظام جو نه رُڳو حصو آهن پر ٿوڻيون ۽ ٿنڀا پڻ آهن، سو جيستائين پورهيت طبقو پاڻ پنهنجي تقدير تبديل ڪرڻ لئه اُٿي کڙو نه ٿيندو، تيستائين سندن هِن هِيڻيءَ حالت کي ڪو ئي ٻيو شايد ئي تبديل ڪري سگهي.

     سامعين! پاڻ ماڻهو اُن اَمن پَسند ۽ مُهذب قوم جا فرد آهيون، جنهن جي عظيم شاعرن ۽ صُوفين سدائين عالمي اَمُن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي، پاڻ ته اُن عظيم مِٽيءَ جا مارُو ماڻهو آهيون، جتي جي ڏاهن ڏات ڌڻين هميشه اِنساني آدرشن ۽ قدرن جو پرچار ڪيو آهي. پاڻ ته ڄام نندي جي اُن ننگريءَ جا رِهواسي آهيون، جيڪو صُبح شام پنهنجي گهوڙن جي پُٺيءَ تي هٿ ڦيري چوندو هو ته خدا نه ڪري جو ڪو اهڙو اڀاڳو ڏينهن اچي جو آئون اوهان جي پُٺيءَ تي سُوار ٿي ڪنهن بي گُناهه جو ناحَق خون وهايان، سو پاڻ پنهنجي اُنهن هٿن سان، جن هٿن ۾ رُڳو امُن ۽ مُحبت جا ساوا ۽ نيرا جهنڊا جهولندي سُونهَن ٿا، ڪيئن ٿا ڪنهن جي زندگيءَ جا ڏِيئا اُجهائي سگهون، پاڻ ماڻهن ته سدائين پيار ۽ سلامتيءَ جا پيغام پکيڙيا آهن، ۽ اُهي هُنرمند هٿ جيڪي رُڳو هرِک تي هُرمچ جو ڀرت ڀَرڻ ڄاڻن ٿا، يا جيڪي سون ساريکا هٿڙا رُڳو نيهن جا نيرا لفافا ۽ عشق جا اڇا ڪبوتر اُڏائڻ جا عادي آهن، جيڪي هٿ رُڳو اُڻڻ ۽ ڳنڍڻ سِکيا آهن، سي ڇنڻ وارا ڪيئن ٿا ٿي سگهن. پاڻ ته ڇنڻ مور ناهي سکيو بلڪِ پاڻ ته اُنهن ڳنڍيندڙن مان آهيون جن سدائين مِڙي ميٺ ٿي گام سڀ گڏ ڪيا آهن. اسان ته اَمُن ۽ مُحبتن جا امين ۽ سفير آهيون، سو ڀلا پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪنهن جي اُميدن ڀَري چمن کي ڪيئن ٿا تيلي ڏيئي سگهون، اسان ڪنهن جي حياتيءَ سان هٿ چُراند ڪيئن ٿا ڪري سگهون، ڪنهن جي مُک تان مُرڪ کسڻ، ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ، ڪنهن جي عزتِ نفس مجروح ڪرڻ اسان ماڻهن جو مَرڪ ناهي، اسان ته سدائين جياپي جو نياپو ڏيندڙ اِنسان دوست، مُحبِ وطن ۽ جهموريت جا سڀ کان وڏا حامي ۽ علمبردار آهيون.
    اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو................ منظور سخيراڻي

     سامعين! ڪافي ڏِهاڙا اڳ ۾ هڪ لِسنر دوست سان واٽ ويندي ڪٿي مُکا- ميلو ٿيو هو، اُن مهربان دوست وٽ مَيارن جون ڄڻ ته ڀريون ٻڌل هُيون. جيڪي هُن پنهنجي دل جي ٽُوال مان ڇوڙي ڪنهن ڪپڙي جي ٿان جيئن مون اڳيان کولي رکيون هُيون. هُونئن ته اسان جا هي لِسنر دوست جيڪي سدائين اسان جون مِڙئي مَدايون معاف ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪي سڀئي ڍِلايون ڍَڪي ڇڏيندا آهن، جيڪي اسان جي مَداين جي ڪَل هُوندي به ڪڏهن ڪوسا ناهن ٿيندا، سي جڏهن به ڪٿي ملندا آهن ته ڀَريل ڀاڪُرن جيترو پيار ڏيندا آهن ۽ ڪو ڏوراپو ڏيڻ بجاءِ هميشه چوندا آهن ته ”مِڙئي ميارون مون ڏي هوتن ڏي هڪ به نه!. پر اُنهي ڏينهن جنهن سٻاجهي سڄڻ ڏوراپو ڏنو، ۽ جيڪا ميار ڏِنئين، اُن سچ پُڇو ته جيءُ جهوري وِڌو، ڇاڪاڻ جو هُن جي ڏوراپي ۾ ڪا گِلا ڪانه هُئي، ڪا ڪاوڙ ڪانه هُئي، هُن جي ميار ۾ هڪڙي هُجت هُئي، هڪڙي معصوم خواهش هُئي، هڪڙي التجاءِ ۽ هڪڙي وينتي هُئي، هُن نڪين پنهنجو نالو نشر ڪرڻ جي ڪا شڪايت ڪئي، نه ڪنهن ڪلام جي فرمائش ڪئي ۽ نه ئي وري پروگرام ۾ پنهنجو مواد شامل ڪرڻ لاءِ ڪو زور ڀريو. هُنَ رُڳو اِهو چيو: ته ”امر! ڏُڪار جي ڏُکن تي ڇو نٿو ڳالهائين؟ ميگها رُت کي ريجهائڻ لاءِ ڪو پروگرام ڇو نٿو ڪرين؟ اسان جي اَهنجن ۽ عذابن کان اڻڄاڻ ڇو آهين؟!
    بنهه ساڌڙي ۽ سٻاجهڙي مِزاج واري اُن معصوم ٿرواسيءَ کي ڀلا ڪير سمجهائي ته؛ مينهُن ڪو محبوب ته ڪونهي جنهن کي روئي ريجهايون، ۽ نه ئي وري بادلن جي بَرسڻ جا هڙئي حق ۽ واسطا اسان وٽ محفوظ آهن، جو کين سڄو ڏينهن ۽ رات ٿرين جي ٿاڪ مٿان بيهاري بَرسايون. اِهي بادل ته بي سمجهه آهن، جيڪي آس، نراس ۾ ٿر جون اکيون ٿوهر بڻائي وڃي سَمُونڊن تي وَسن ٿا. اِنهن بي جان ۽ بي حس بادلن کي اوهان جي اُڃ جي ڀلا ڪهڙي ڪل؟ موسمن ۽ مُندَن کي اوهان جي ڏک، ڏُرت جي ڪهڙي ڄاڻ ته ڪا رات رنجائي به گذري ٿي ۽ اُڀ کي ڪهڙي خبر ته سندس اولي ۾ ڪنهن جو ميت سُتو پيو آهي.
    ها اسان اوهان جي ڏکن کان اوس آگاهه آهيون، اسان اوهان جي حالتِ زار کان ڪيئن ٿا اکيون ٻُوٽي سگهون؟ ڇاڪاڻ جو اسان به ته اوهان منجهان ئي آهيون، بلڪِ اسان به اُنهي ڏُڪار جا شڪار آهيون، جنهن ڪال اوهان جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. ها اسان ئي ڄاڻون ٿا ته دؤر ڪهڙو به هُجي پر اوهان جي قسمت بدلجڻ کان نابري واري پڙ ڪڍي بيهي رهي آهي..
    اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان کي مانيءَ جي بُک ڪا نه ٿي ماري، پر رَوين جو ڏُڪار اوهان کي ڏاري ٿو وجهي. پر اسان مان اڃان رت دانگيءَ تي ورڻ وارو احساس ويو ڪونهي، اُن ڪري اسان اوهان جي ڏُک، سُک کا ڪَن لاٽار ڪري يا مُنهن موڙي نٿا سگهون. اسان ڄاڻون ٿا ته حالتون اوهان جي حق ۾ ڪڏهن به ڪونه رهيون آهن. اوهان ڏُک، ڏُڪار ۽ بُک بدحاليءَ جي ڀيانڪ قيد ۾ ڪيئن ٿا ڪٽيو؟ اِهو سڀڪُجهه اسين ڄاڻون ٿا، اسين ڄاڻون ٿا ته، جڏهن اوهان جون آسائتيون اکيون اُڀ ۾ ڪا تِتِر کرڙي ناهن پَسي سگهنديون رات جو چنڊ کي ڪو پڙ ناهِن ڏسنديون، سج لٿي جو شفق ۾ سايون مُوگهون ناهن پسنديون. تڏهن ڪيئن نه اُٻاڻڪيون ٿي اُجهامي وينديون آهن، اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته اوهان جون اداس اکيون سڄو ڏينهن ڪاڙهي ۾ ڪڙهڻ کان پوءِ جڏهن شام جو اُتر پار کان ڪا ٻَڪراڙ کِنوڻ پسي ناهن سگهنديون تڏهن ڪيئن نه خود آگم بڻجي جُهڙنيڻئون نه لهي جهڙيون ٿي پونديون آهن. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان جي سُڪل آواڙي مان جڏهن واري اُڏامي اوهان جي اکين ۾ پوندي آهي ۽ اوهان جو اڃايل مال تڙ تان تسيارو موٽندو آهي تڏهن اوهان جو اندر اڌ ٿي پوندو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان جي ڪُلهي ۾ پيل سُڪل سانداري پاڻيءَ جي هڪ ڦُڙي لاءِ ڪيئن ڦٿڪي ٿي ۽ اسان اِهو به ڄاڻون ٿا ته اوهان جنهن اَڪَ جي پُڙي ۾ ڏاچي ڏُهندا هُئا. هيل اُنهن اَڪن ۾ پُڙو به ڪونهي، ۽ اُنهي ڏاچيءَ کي به وِهڪي وَرَهيه ٿيا، جنهن مان ڏُڌ ڏُهي اوهان پنهنجن ٻچڙن جي بُک اُجهائيندا هُئا، ۽ هاڻ جڏهن اوهان ڇِڪي مان خالي ڏاٻورو ڪڍي اُنهن اڳيان رکو ٿا تڏهن اُنهن جون سُوالي نِگاهون هزارين حَسرتن جا لُڙڪ لاڙين ٿيون ۽ جن کي جهَڻ ڏٺي به ڪيئي ڏينهن ٿيا، اُنهن جي ڪنهن به سُوال جو جواب نه ڏيئي سگهڻ جي ڏک ۾ اوهان ايئن ڏري پئو ٿا جيئن زلزلي ۾ زمين ڏري هُئي.
    اسان ڄاڻون ٿا هاڻ ڪنڊين ۾ سائي سَک ۽ پِتر به ڪو نه ٿي لڳي، جيڪا لاهي اوهان پنهنجي جئيار جي مُنهن ۾ ڏيئي سگهو، اسان اوهان جي اُنهي درد کان به آشنا آهيون، جڏهن آکاڙ آڌيٽجي وڃي ۽ مُند ڪنهن بي وفا محبوب جيئن مُنهن موڙي وڃي تڏهن اوهان جي ڪيفيت ڪهڙي هُوندي آهي. اسان کي معلوم آهي ته اوهان بيئراجي ڀاڱن ۾ پنهنجن ڍڳين لاءِ هڙ ۾ ڪُجهه نه هُئڻ ڪري گهرواريءَ جا ڳهه ڳٽا گِروي رکي جيڪا پَراڙ ورتي هُئي اُها پَراڙ به هاڻ پُوري ٿي چُڪي آهي ۽ اسان کي پتو آهي ته اوهان جا ڍور جنهن ڍوري ۾ چَرندا هُئا، اُهي کيٽ کيڙجي وڃڻ کانپوءِ اُتي اُڀي جي به آنٽ نه هئڻ ڪري اوهان ڪنهن ٻني تي لٺ جي ٽيڪ تي بيهي اکين ۾ رات ڪيئن ٿا ڪٽيو؟ اسان کي خبر آهي ته اوها پيٽ کان گُنجائي جنهن پُونهن کي پاليو ٿا، اُها پُونهَن جڏهن پڙيءَ ۾ پنج سئو رپيا به نٿي ڪري تڏهن ڄڻ ته اوهان جي سَرير جي سِلڪ ۾ ڪا ڀُرٽ جي سِري چُڀي پوي ٿي. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان هِن سال به خدا نه خواسته قحط ڪڙڪڻ جي ڪري پنهنجي جُواڻ ڌيءَ کي اُٿيارڻ واري خواب پوري نه ٿيڻ جي خوف سبب روز اڌ رات جو ڇرڪ ڀري اُٿي پئو ٿا. اسان کي عِلم آهي ته اوهان پنهنجي مڙهيءَ ماءُ جي پاءُ ناس، پوڙهي پيءَ لاءِ پَنَ جي ٻيڙين جي جُهوڙي، دادلي ڌيءَ لاءِ وال پوتيءَ جو، اُڀراڻي سڪيلڌي پُٽ لاءِ ربڙَ جي جُتي ۽ زال جي ڳوٺڻ لاءِ ڪپڙي جو اڌ وال نه آڻي سگهڻ جي عذاب کي ڪيئن ٿا ڀوڳيو....!! اسان اِهو به ڄاڻون ٿا ته اوهان پنهنجي اولاد کي ٻَري ۾ ٻَرندو ڏسي به سندن لاءِ ڪا ڪال پول دوا جي شيشي به آڻڻ جي سگهه نٿا رکو، تڏهن ايئن ٽُٽي ٽُڪر ٿي پئو ٿا، جيئن ڪو ٺِڪر جو ٺانءَ فرش تي ڪري ڀڄي ڀور ٿي پوندو آهي.
    اسان اوهان جي اُن اذيت کان به آگاهه آهيون، جيڪا اوهان اُن وقت ڀوڳيو ٿا جڏهن پورو ڪرايو نه هُئڻ ڪري اوهان کي رستي ۾ ڌڪي لاريءَ مان لاٿو وڃي ٿو، اسان اوهان جي اُن درد کان به ڀليءَ ڀت واقف آهيون، جڏهن اوهان پيٽ تي پٿر رکي به پنهنجي پُٽ کي پڙهايو ٿا، پر هُو نوڪري نه ملڻ ڪري وڃي روڊ تي ڪڪرا ڪُٽي ٿو، ۽ اِها پيڙا اوهان کي ايئن نِپوڙي ٿي جيئن ڪو کُٽي ڪوري ڪپڙي کي ڌوئڻ کانپوءِ نِپوڙيندو آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان ڪنهن بيت المال جي آفيس يا عُشر زڪوات جي دفتر اندر هڪ قسط حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي عُمر جي آخري قسط به ادا ڪري ڇڏيو ٿا. پر وَري سَري ڪُجهه ڪونه ٿو. اوهان ڪنهن نادرا جي آفيس ٻاهران سرديءَ توڻي گرميءَ ۾ بيهي سڄي ڄمار گهاري ڇڏيندا آهيو، پر ڪارڊ ٺهي ڪونه جُڙندو آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان ڪنهن يوٽيلٽي اسٽور اڳيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهي انتظار ته ڪندا آهيون، پر پوءِ به کنڊ جي ڪلي ۽ گيهه جي سير کان محروم رهجي وڃو ٿا. ها اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان جي سڄي آڪهه نه رُڳو ڪنهن سڻڀي ٽُڪر کان سدائين محروم رهي آهي، پر ڪنهن نئين وڳي کان به واقف ڪونهي. اسان کي خبر آهي ته خوشي ۽ خريد اوهان جي پهچ کان پري آهي. پر پوءِ به اوهان جيڪي دل جا درياهه آهيو، سي سدائين توڪل جي تُرهي تي ترو ٿا، اوهان اُميد جو دامن هٿان نٿا ڇڏيو، اُن ڪري اوهان جو وِڄُن جي ورڻ ۾ اڃا به پُختو ايمان آهي، اوهان کي ويساهه آهي ته هِي ڏک جا ڏينهن جيڪي جَر تي ڦوٽي جيئن آهن سي گذري ويندا ۽ هي غمن جون گهٽائون ماڪ جي ڏونگرن وانگي نيٺ ته ناس ٿي وينديون. اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان هر حال ۾ جيئڻ جي هُنر جا گُر ڄاڻو ٿا، اوهان جي اِنهي جُرئت، هِمت، حوصلي، عظمت، ايمان، صبر ۽ شڪر کي سُرخ سلام...!!

    ****


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1163702
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 370011
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ